ڪتاب جو نالو: روشني ئي روشني
مصنف: جوهر بروهي
ڇپائيندڙ: براهوي پبليڪيشن فريدآباد، ميهڙ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 06 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1682 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 308 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “روشني ئي روشني” مانواري شاعر، نعت گو ۽ ثنا خوان محترم جوهر بروهي جي حمد ۽ نعتن تي مشتمل آهي..
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ايثال
  • جيڪي منجهه جهان
  • سوچون ساراهه ڀريون
  • رُوءِ راڻي جي ناهه ڪائي
  • ساراهه سچو ڌڻي

  • تون لحظي ۾ هڪ جهوٽي کي،طوفان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!
  • ٽوڙ زماني جا سڀ سانگا هڪڙي خدا جي در ڏي هل!
  • تنهنجي قدرت قرب ڪمال اڳيان حيران هزارين مان نه رڳو!
  • قادر پنهنجي قدرت سان ڪلجڳ جا نظارا جوڙي ٿو،
  • ڪون و مڪان ۾ بس الله بي مثل آ،
  • آ رحمان رازق سميعُ بصير،
  • غير جي در مٿان سر جهڪائڻ شان تنهنجو مسلمان ناهي!
  • مٺي سڀ کان توحيد جي لات آ، خدا وحدہٗ لا شریک لہٗ
  • ڪلمو پڙهي اي مسلمان تون شرڪ ڏي مائل نه ٿي!
  • خدا جو ڇڏي در، پني جيڪو در در اهو دربدر ٿيو نه هيڏي نه هوڏي
  • ڏيهن جو ڏاتار تون ئي سائين آهين!
  • بيوسن جو واهرو مقصود تون!
  • هن امت کي توحيد سان گڏ، مدني به مليو، قرآن مليو.
  • الله احد آهي، بي نياز صمد آهي
  • تخليق ٿي پڪاري، الله وحده آ،
  • الله احد معبود به تون،
  • عزيز قادر ڪريم آهي،
  • رب تعاليٰ جڳ کي جيوت ٿو ڏئي،
  • خدا پاڪ هر هر ڪبيون لک چڱايون،
  • مرڪ موحد ماڳ ملڻ لئه آهي ملي دلداري،
  • خدا آهه والي واحد ڪون و مڪان جو،
  • غير جي در ٿو ڌڪا کائين کٽل ويساهه جا،
  • جڳ ۾ جو دم جيئو، جيئو الا الله جي وائي سان،
  • مان گنهگار تون ستار آهين،
  • نڌڻڪن ضعيفن جو الله حامي،
  • اي صبح جا به سائين، اي شام جا به سائين،
  • حمد
  • رب سائين!
  • لا الٰہ الا الله
  • مڃ! محمد ﷺ ڪارڻي

  • نٽهڻ ويلي ڇانوَ ڇپر ٿي آيو آ،
  • مدني اچڻ سان ئي ايمان مليو آهي،
  • محمد مصطفيٰ آيو، بتن جا ڪنڌ ڪٽجي ويا،
  • چانڊوڪي جا سڀئي نظارا صدقي صدقي مدني تان،
  • مختصر مدت ۾ جڳ کي روشني بخشي ڏني،
  • ڌرتي آ شرف پاتو، عالي مقام آيو،
  • عنايت جو ڇپر آهي محمد مصطفيٰ عربي،
  • نبي مڪرم، مٺو معظم، رسول اڪرم حبيب سائين،
  • ٿي آهه نبوت پاڪ ختم محبوب مدني واري تي،
  • هي ملت آ،هر ملت لئه ڪا سونهن به آ سينگار به آ،
  • رنگ اهڙا رتا رات اهڙي رڱي،
  • محمد جي نزاڪت به بهارن کان هلي پڇجي،
  • چانڊوڪي جا کوڙ حوالا گهور ٿيا،
  • هڪ ڏينهن روضئه اطهر تي ڪي درود پڙهيا، ڪي سلام پڙهيا،
  • جنهن تي آهي ختم نبوت سوئي سونهن جو سائين،
  • مدني، عربي، مير منور،
  • ٿي ختم نبوت مدني تي، هي عقيدو آ، اقرار به آ،
  • مٺي مصطفيٰ تي صلواتون سلام،
  • مان مصطفيٰ جي در جو ادنيٰ غلام آهيان،
  • اقرء بسم وٺ قرآن،
  • تنهنجي صدقي ٿي بهاري جا بجا،
  • وهوا ٿي وهوا ڪجي سدا،
  • منهنجي حبيب جهڙو دلدار ٻيو نه ٿيندو،
  • آيو محمد مصطفيٰ جيڪو شفيع المذنبين، سو رحمة للعالمين،
  • مُک مُرڪيا

  • سک سونهن سويرا لاتا،
  • هو مرڪي صبح ٿو روشن ٿئي،
  • چنڊ، چانڊوڪي
  • رحمة للعالمين
  • بطحا ۾ نور
  • نور مالها
  • هئا هيڪاندا حبيب سين

  • عقيدو
  • صديق جو آهي نانءُ مٺو، مان گهور ٿيان، جڳ گهور ٿئي،
  • ڀلارو آ انسان صديق اڪبر،
  • جي سونهن سٿ ۾ عمر عمر آ،
  • وڏي سان وارو عدل جو حوالو،
  • مٺي مدني جو همدم آ،
  • وڏي شان رتبي جو انسان آ،
  • اسان جو دلربا آهي،
  • خلفاءِ راشدين
  • اصحاب سڀ سونهارا،
  • صديقي، فاروقي آهيون عثماني ۽ حيدري،
  • جنهن نالي مٺي تان گهور ٿيا، انسان هزارين ڇا چئجي،
  • پاڻ فرمايو مصطفيٰ جاني،
  • ڏئي سر ڏنو سُر نئين زندگي جو،
  • عشره مبشره
  • بدر جا شهيد
  • الله اڪبر! الله اڪبر!
  • ٻيو فهم

  • وسيلو جهانن جو قرآن آ،
  • زماني ۾ جيئڻ گهرو ٿا اگر،
  • مهينن جو سردار رمضان آ،
  • مومن! مهينو آيو رمضان جو ڀلارو،
  • مهينن ۾ رمضان سڀ کان ڀلو آ،
  • حرم
  • وساريان نه وسرن حرم جا نظارا،
  • مدني! تنهنجي بستي وهوا!
  • الله گهرائي ها هڪ وار مديني ڏي،
  • اسلامي حڪومت گهرجي
  • فاني آهي فاني آهي جيون سارو فاني آ،
  • سنوار پنهنجي ڄمار ساري نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،
  • هي دين مٺو اسلام مٺو،
  • ڏينهن جوڙيو آ رات جوڙي آ،

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ جا سڄڻو سلام

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر ستهٺ (67) اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب “روشني ئي روشني” مانواري شاعر، نعت گو ۽ ثنا خوان محترم جوهر بروهي جي حمد ۽ نعتن تي مشتمل آهي..

    هي ڪتاب براهوي پبليڪيشن فريدآباد، ميهڙ پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ايثال

    الله تعاليٰ ساراهه جو ثواب
    منهنجي مهربان دوست
    عبدالخالق عيسيٰ زئي براهوئي مرحوم
    کي
    مرهي! آمين!!


    جيڪي منجهه جهان

    جوڙي جوڙ جهان جي، پاڻ ڪيائين پروار
    حامي،هادي، هاشمي سردارين سردار،
    سونهي صحابن سٿ ۾، منجهه مسجد مڻيادار،
    چار ئي چڱا چوڌار، هئا هيڪاندا حبيب سين.
    (شاهه)
    سڀ ساراهون رب ڪريم لاءِ جنهن ڪائنات ۾ انسان ذات تخليق ڪئي. ۽ انسان ذات کي سر، تنوار ۽ سونهن جا ڪيئي روپ ارپي ڏنا. ”اقراء“ جي لفظ سان انسانيت کي اڻ کٽ شعور عنايت ڪيو. باک ڦٽيءَ کان سانجهه تائين ۽ سانجهه ٽاڻي کان باک تائين زندگي جو سمورو حسن ان جي امر ۾ آهي. نور ۽ سونهن ۾ ورتل ذهن جڏهن سوچڻ لڳا يا ڪائنات جي جوڙجڪ ماپڻ لڳا، تڏهن لفظ سرجيا. جنهن کي شاعري چيو ويو. شاعري شاعر جي ذاتي ۽ فطري ظرف مطابق وجود ۾ اچي ٿي. انساني احساسن جي وجود کان وٺي اڄ سوڌو شاعري پنهنجي پوري قافيي رديف ۽ جذبن سان تازي آهي.
    شاعري جو بنيادي موضوع هي آهي ته حسن جي تعريف ڪجي. ته پوءِ جنهن رب ڪريم هي حسن پکيڙيو آهي. تخليق ۾ جيڪا سندرتا اوتي آهي. ان خالق جي تعريف ڪائنات مان لاڀ پرائيندڙ دلين ۽ ذهنن جو پهريون فرض آهي. شاعري جي ان نڀايل موضوع کي ”حمد“ جو عنوان ڏنو ويو. جڳ ۾ اهو پل ڪونهي جنهن ۾ حمد جي جهونگار نه هجي. جي لفظ نه هجن ته به تنوارون ئي حمد الاپين ٿيون. علم جي لافاني ڪتاب جو آغاز به ”الحمد لله“ سان آهي ان ڪري آواز جڏهن به لفظ جو روپ وٺي ته اهو حمد ئي هجي؟
    نبي ڪريم ﷺ جن جو وجود مسعود بيان جي حرفن ۽ لفظن کان ڪافي بلند بالا آهي.
    لا يمڪن الثناء ڪما ڪان حقہ
    سندس پاڪ نالي سان ئي ڪلجڳ نهال آهي. خاص طور سنڌ واسين عقيدت ادب جي اوٽ وٺي ”محمدؐ “ نالي وٺڻ بدران ” نالي مٺو“ چئي چپن تي محبتن جي مٺاڻ جو رس اوتي ڇڏيو.
    دنيا جي سموري ادب حضور سائين ﷺ جي ذڪر ۽ ثنا کي ”نعت“ نالو ڏنو. پر اتساهه ڀرئي سنڌي ادب نعت ۾ اضافو ڪري ”مولود شريف“ به رچيو.
    رسالتماب ﷺ جي ذات بابرڪات سان گڏ رسالت جي مدت ۽ حد مقرر ڪانهي. نبوت جي سلسلي جا آخري نبي بڻجي جڳ واسيو. صديون گذريون آهن اڃا ڪيئي صديون گذرنديون پر نبي ڪريم ﷺ جن جي نبوت محشر ميلي تائين ايئن قائم ۽ تازي رهندي جيئن پهرين ڏينهن حرا جي غار ۾ کين ”اقراء“ جي لفظ سان عنايت ٿي.
    درٻار نبوي ۾ نعت گو شاعرن جي قطار ڪافي ڊگهي آهي. ان قطار جي آخر ۾ هڪ ”جوهر بروهي“ نالي ڳڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    تذڪري جي عنوان هيٺ اصحاب ڪرام جو ذڪر به اچي ٿو. جن صديقيت، فاروقيت، نورانيت ۽ مرتضائيت جا تاج پائي، جيئري جنتون ماڻيون. رضي الله عنهم.
    1992ع ۾ منهنجن مهربانن ڊاڪٽر عبدالستار خان براهوئي، مير علي شير ناز براهوئي ۽ ذوق براهوئي جي ڪوشش سان براهوئي زبان ۾ منهنجي نعتيه شاعري جو مجموعو ” روشنائي“ ڇپايو. الحمد لله مقبوليت به حاصل ٿي. خاص طور ”روشنائي“ جي نعت کي الحاج امداد الله ڦلپوٽي ڪافي ڳائي، مونکي خوب حوصلو بخشڻ سان گڏ براهوئي ٻولي ۾ نعت ڳائڻ جو هڪ جديد انداز متعارف ڪرايو. ان ڪري مان سندس دعاگو آهيان.
    1996ع ۾ ڪڏهن هڪ ملاقات وقت منهنجا محترم حضرت سائين عبدالڪريم صاحب قريشي جن ٻير شريف ۾ منهنجي حوصله افزائي ڪندي فرمايو، ” تنهنجا مضمون ۽ شاعري اسان کي پسند آهن، وقت ڪڍي به پڙهندا آهيون.“ ان وقت صبح جي ٿڌڙي هير گهلندي به خوشي مان پگهرجي ويو هيس. مڃتا جي هي قيمتي ايوارڊ لکڻ لاءِ وڏو حوصلو بخشيو.
    دوستن شفيقن جي اهڙين مهربانين وقت، پنهنجي علائقي جي نوجوان شاعر محسن رضا چانڊيو صلاح ڏني ته حمد ۽ نعت جي حوالي سان تنهنجو سنڌي ڪتاب اچڻ گهرجي! هن قربائتي مشوري جي پؤواري ڪندي پنهنجي شاعري منجهان هڪ چونڊ ترتيب ڏنم.
    ساڳي وقت ڪتاب ” روشني ئي روشني“ جي اشاعت لاءِ محترم ڊاڪٽر عبدالستار خان بروهي، مسعود علي صاحب ۽ جناب الطاف سومرو جي سهڪار جو ٿورائتو ۽ دعاگو آهيان.
    سنڌي جي مشهور شاعر جناب علي دوست عاجز، هن ڪتاب جي ڪم ۾ ڪافي هٿ ونڊايو ۽ نوجوان ليکڪ اديب آزاد انور ڪانڌڙو وکوک تي ساٿ ڏنو. مان ٿورائتو رهندس.
    ”مون سان مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا“
    جوهر بروهي
    فريد آباد
    16جنوري 2011ع


    سوچون ساراهه ڀريون

    ڪائنات ۾ سنڌ پنهنجي بيهڪ ۽ قرب ڪري امرتا ماڻيل ملڪ آهي. جيڪو عالمن، شاعرن ۽ ڏات ڌڻين جو ڏيهه آهي. شاعري جي ان سلسلي ۾ سائين جوهر بروهي جي شاعري به آهي، جنهن سنڌي ۾ هر صنف تي لکي پاڻ موکيو آهي. ان وقت پنهنجي شاعري ذريعي براهوئي ادب ۾ نوان رخ متعارف ڪيا.
    ذاتي طور سائين جوهر بروهي سنجيده طبيعت رکنڊر فقيراڻي انداز جو هڪ عالم آهي. هڪ دفعي پاڻ چيائين ته شاعري لاءِ فقيري ضروري آهي. جيڪو فطري شاعر هوندو سندس طبيعت ۾ فقيري انداز هوندو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي فقيري سلسلي جو سرواڻ هيو. اسان جي وقت ۾ شاهاڻي زندگي گذاريندڙ مخدوم طالب الموليٰ به مڪمل فقير هيو. سائين جوهر بروهي چيو فقيري جو اهڙو انداز مونکي ملاقات دوران شيخ اياز ۾ به نظر آيو ۽ استاد بخاري ته ان سلسلي جو هڪ مڃيل پانڌيئڙو هيو.
    علم ساڃاهه سان واهپو رکندڙ سائين جوهر بروهي فريدآباد ۾ علمي جلوو روشن ڪيو آهي. هو شاعري ۾ منهنجو استاد آهي. مون تي ڪافي شفيق به آهي. هن رڳو منهنجي شاعري جي اصلاح ڪانه ڪئي آهي. بلڪ زندگي جي اٿڻي ويهڻي به وڏي پيار پاٻوهه سان سمجهائي آهي. پنهنجن دوستن کي سندن تلقين اها هوند آهي ته وڌ ۾ وڌ مطالعو ڪريو. جيڪڏهن ڪو ڪتاب هٿ نه اچي ته روزانو ڇپجندڙ اخبار جو مطالعو ئي ضرور ڪندا رهن.
    سندس ڪلام جو هي مجموعو ”ساراهه“ جي عنوان سان اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن پنهنجي ڪافي شاعري منجهان حمد نعت ۽ شان صحابه متعلق ڪجهه ڪلام ترتيب ڏنو آهي. سندس لفظ لفظ ۽ سٽ سٽ ۾ عقيدت ۽ ادب جو انداز سندس قادر الڪلامي سان گڏ الاهي حڪمن مطابق عقيدي جو اظهار به آهي.
    ڪاڇي جي ڪنڊ ۾ رهي هن سنڌ سان گڏ بلوچستان ۾ پاڻ مڃايو آهي. سندس سنڌي مذهبي شاعري عام طور ڳائي وڃي ٿي. ان ڳائڻ ۾ به هڪ لطف آهي. پر جي بنا ڳائڻ جي به سائين جوهر بروهي جو ڪلام پڙهيو وڃي ته به سرور حاصل ٿيندو.
    مان دعاگو آهيان ته سندس ڏات ۽ ذات اسان لاءِ رڻ نٽهڻ ويلي ڇانورو هجي.


    گرڪڻ، ميهڙ، محسن رضا چانڊيو
    4 اڪٽوبر 2000ع


    رُوءِ راڻي جي ناهه ڪائي

    حمد ۽ نعت جي هن ڪتاب جو شاعر محترم جوهر بروهي صاحب سنڌي ادب جي حوالي سان ڄاتل سڃاتل شخص آهي. هن جڏهن ننڍڙي ڪتاب پر وڏي موضوع تي ٻه اکر لکڻ لاءِ حڪم ڪيو. تڏهن مون سوچيو هي ڪم ننڍي ماڻهوءَ کان وڏو ڪارنامو ڪرائڻ جي برابر آهي. توڙي جو مون سمجهيو ته انصاف نه ڪري سگھندس، پرسوچيم جيئن لَکن نعت لکندڙن جي آواز ۾ جوهر صاحب جو آواز به هڪ ٿي ويو آهي، تيئن جي منهنجو ڀُڻڪو به ان ۾ شامل ٿي وڃي ته مونکي ٻي ڪهڙي عزت گهرجي! جوهر صاحب منهنجو محسن ۽ مهربان دوست به آهي. آءٌ وٽائنس سکيو آهيان. سو ٻنهي پاسي بهرحال ادب جو مقام آهي ۽ مونکي بس عقيدت جا گل ئي پيش ڪرڻا آهن!.
    جوهر بروهي صاحب سنڌيءَ جو ته ناميارو شاعر آهي ئي، پر هُو بروهيءَ جو تمام وڏو شاعر آهي. هن جا بروهي نثر ۽ نظم جا درجن کن ڪتاب اچي چڪا آهن. هي اڃان ننڍو ئي هو، جو سائين قاري عبدالڪريم رحلت فرمائي کيس الله ۽ امڙ جي حوالي ڪري ويو. سائين قاري صاحب پاڻ به مذهبي عالم ۽ مُدرس هو، تنهنڪري عبدالقيوم (جوهر بروهي) به پڙهڻ کان وٺي پڙهائڻ تائي واري عُمر ديني درسگاهن ۾ ٿي پئي گذاري آهي.
    هن ننڍي هوندي جڏهن ڏک ڏٺا ۽ چوٽون کاڌيون تڏهن هن ڪڏهن امڙ جي جهوليءَ ۾ اچي ساهه پٽيو ۽ ڪڏهن قرآن پاڪ ۽ نبي ڪريم ﷺ ڏانهن رجوع ڪيو. جڏهن اتان کيس آٿت مليو، تڏهن هن کي ان ذات سان وڌيڪ پيار ۽ عقيدت به ٿي. شاعر آهي، ان ڪري ”نالي مٺيﷺ“ سان ان عقيدت ۽ پيار جو اظهار به شاعريءَ ۾ ڪيو اٿائين. بروهي ۾ نعتيه شاعري جو ڪتاب ”روشنائي“ ۽ سيرت تي ”رحمت للعالمين“ اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪا اٿس.
    شاعرن کي خبر آهي ته ، ٻيو شعر ته جيئن تيئن لکي وڃبو آهي پر جڏهن نعت جو مقام ايندو آهي. تڏهن ڪيتري ڏکيائي محسوس ٿيندي آهي. منهنجو ذاتي تجربو آهي ته نعت لکڻ لاءِ نه ڏات عمر اهم آهي نه فن، فقط ۽ فقط عشق رسولﷺ اهم ۽ اتم آهي. جن کي نبي سائين سان محبت آهي، انهن اهڙيون ته بي مثال نعتون لکيون آهن، جن جهڙو مثال سندن ٻئي ڪلام ۾ نه ڏئي سگهبو!
    هن مجموعي ۾ حمد باري تعاليٰ، نعت رسول مقبول ﷺ۽ صحابه ڪرام جي شان ۾ نذرانه عقيدت پيش ڪيل آهي.
    حمد، ساراهه آهي، حمد باري تعاليٰ، الله پاڪ جي ساراهه. ان جي تخليق جي ساراهه، ان جي جلال، جمال ڪمال جي ساراهه. ان جي رحمت ۽ ربوبيت جي ساراهه، ان جي بي پرواهين جي ساراهه، ان جي وحدانيت جي واکاڻ، ان کان دعا گهرڻ، مدد گهرڻ پنهنجي زبان ۾، ٻوليءَ ۾، ادب ۾ حمد آهي. قرآن پاڪ جي شروعات حمد سان آهي. الحمد لله رب العالمين سڀ ساراهه ٻنهي جهانن جي مالڪ لاءِ آهي. بيشڪ هو لہ الملڪ ولہ الحمد آهي.
    الله قوت ۽ اقتدار جو مالڪ آهي. حمد (Appreciation) تحسين آهي.تاثر جمال آهي، ڪنهن شيءِ کي ڏسي، توهان جي زبان مان بي اختيار واهه واهه! نڪري وڃي ته، اهو ان شيءِ جو حمد آهي.

    سوئي راهه رد ڪري، سوئي راهنماءُ،
    وتعز من تشاءُ، وتذل من تشاءُ.

    جيڪي منجهه جهان ، سو تاريءَ تڳي تنهنجي،
    لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪانه،
    عدل ڇٽان نه آن نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.

    جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،
    ريءَ ٿنڀيين، ري ٿوڻيين، تون ڇپر، تون ڇانءُ،
    ڪڄاڙو ڪهانءُ! توکي معلوم سڀڪا.

    صاحب! تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سون،
    پن ٻوڙين پاتال ۾ ، پاهڻ تارين تون،
    جيڪر اچي مون، ته ميريائي مانُ لهان.

    اهو ته لال لطيف هو، جوهر صاحب وٽ حمد باري تعاليٰ لاءِ هي نماڻا لفظ آهن:
    تون لحظي ۾ هڪ هڪ جهوٽي کي طوفان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين
    الله مٺا، هڪ قطري کي انسان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين
    جي يونس پيٽ مڇيءَ ۾ رهي، جي يوسف بازر منجهه کپي،
    جي ڪربل منجهه امام ڪهي،حيران ڪرين ته ڪري ٿو سگهين
    ڪا دير نه آ ڪنهن نوڪر کي زر، دان ڏئي سلطان ڪرين،
    سلطان جي سلطانيءَ کي ڦُري دربان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين
    هو هر شيءِ جو مالڪ آهي. جهوٽي مان طوفان ڪرڻ، قطري مان درياهه بنائڻ، هڪ داڻي مان سنگ پيدا ڪرڻ، مٽيءَ مان خوشبو، رنگ، ذائقا پيدا ڪرڻ، هڪ لفظ ”ڪُن“ چئي، جهي ڪائنات پيدا ڪرڻ، سندس قدرت جو ئي ڪمال آهي. سندس بي نيازيءَ آڏو نبي ۽ ولي به ڏڪندا ويا. سندس حقيقت کي سمجهڻ ايڏو سولو ڪونهي.
    مان گنهگار، تون ستار آهين،
    منهنجا رب ڏيهه جو ڏاتار آهين!
    ڪائنات، جنهن ۾ سونهن وکري پئي آهي، ان جي جوڙ ۽ بيهڪ، مندن جو تبديل ٿيڻ، هي ڪهڪشائون، چنڊ تارا، انهن جو نظام ڏسي، گهڙي لاءِ غور ڪبو ته جائي به سندس تخليق جي ڪمال تي حيران ئي رهجي وڃبو. ڇو ته جيڏو آهي تخليق جو ڪمال، ايڏو آهي جوڙجڪ ۾ جمال!
    فلڪن ۾ چٽيل سج چنڊ، ڪتيون، صدين کان ٻرن تارن جون بتيون،
    تسبيح ٿا ڳائن صدق منجهان نيشان هزارين مان نه رڳو.
    غزل جي فارم ۾ هي حمد مولانا عبدالغفور مفتون همايوني جي مشهور غزل ” تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا“ جي تتبع تي رچيل آهي.
    جوهر صاحب جي ٻولي سولي، شاعريءَ جو انداز سليس ۽ عام لهجي وارو آهي. عربي فارسي تي عبور هوندي به ٺيٺ سنڌي لفظ ڪتب ٿو آڻي. هتي رڳو اهي ڪلمان عربيءَ جا کنيا اٿائين، جيڪي يا ته آيتون آهن يا اسماءِ گرام.تخليقي جذبي اظهار لاءِ جنهن به صنف جو روپ ورتو آهي سو بلڪل فطري ٿو لڳي:
    مٺي سڀ کان توحيد جي لات آ،
    خدا وحده لا شريڪ لہ،
    سدا شرڪ کان پاڪ سا ذات آ.
    ورفعنا لڪ ذڪرڪ ( ۽ تنهنجي ساراهه تولاءِ مٿي ڪئي سون) جنهن جي ساراهه ۽ اخلاق جو ساکي قرآن مجيد آهي. جنهن جو نالو الله پاڪ جي زات سان گڏجي اچي ٿو. اذان هجي يا ايمان، سندس نالي پاڪ کانسواءِ نامڪمل آهي. جنهن جي تعريف، مالڪ سڀ کان مٿي ڪئي آهي، ان جي تعريف ڪيئن نه ٿيندي ۽ ڇو نه ٿئي!
    دنيا جي هر ادب ۾ نبي سائين جي زندگيءَ تي نثر توڙي نظم لکيو ويو آهي. سندن برڪت ڀري زندگيءَ جا واقعا بيان ڪرڻ کي ”سيرت“ چئبو آهي. ۽ شاعريءَ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن سان دلي جذبن ۽ محبت جي اظهار کي ”نعت“ چئبو آهي.
    نعت ”سهڻي وصف“ آهي. مطلب ڪنهن جون سهڻيون وصفون ۽ خاصيتون بيان ڪرڻ، ابن رشيق، وصف جي تعريف هيئن ڪئي آهي، ” اک، ڪن بڻجي وڃي“ يعني اهڙي تعريف ڪجي جو ٻڌندڙ محسوس ڪري ته مان مشاهدو ڪري رهيو آهيان.
    سنڌي ۾ ان صنف کي مولود سڏين، مولود هڪ مخصوص انداز ۾ ڏاڍي فضيلت ۽ احترام سان ڳايا ويندا آهن. هاڻي نعت جو اصطلاح فقط نبي ڪريم ﷺ لاءِ لکيل شعر لاءِ استعمال ٿئي ٿو. نبي سائين لاءِ لکيل مدح کي پهريون ڀيرو نعت جو نالو حضرت علي ڪرم الله وجه جن ڏنو. نعت جو بنياد” مدح محبت“ آهي. يعني پاڻ ڪريم جن جي مدح بيان ڪرڻ سان گڏ، ان جي ڪمال، جمال، احسان. يعني تعريف تڏهن ڪئي ويندي آهي جڏهن ڪو شخص ڪامل هجي، حسين هجي، سخي ۽ محسن هجي.
    پاڻ ڪريم جي عرب قوم مان هيا. مسلمان به اڳ ۾ انهن مان ٿيا. انڪري عرب قوم ئي پهرين قوم آهي، جنهن پاڻ ڪريم ﷺ جن تي پهريان شعر چيا يا نعت جو بنياد وڌو. چون ٿا پهرين نعت خواجه ابو طالب چئي:
    و ابيض يستسقي الغمام بوجهہ
    ثمال اليتاميٰ عصمة للا راملہ
    ( سهڻي چهري جو مالڪ، جنهن جي چهري جي صدقي جهُڙ وَسن ٿا، يتيمن جو وارث، رنن زالن جو سهارو آهي.)
    پر جوهر بروهي صاحب جن جي چوڻ موجب پهرين نعت نبي سائين جن جي امڙ آمنه جن جي چيل آهي. جڏهن پاڻ ڪريمن جن کي سنڀال لاءِ بيبي حليمه جي حوالي ڪري رهي هئي:
    اعيذه بالله ذوالجلال
    من شرما مر علي الجبال
    حتيٰ آراه حامل الحلال،
    و يفعل العرف الي الموال،
    وغيرهم من حشوتہ الرجال
    ( پنهنجي ٻچي لاءِ الله ذوالجلال کان پناهه ٿي گهران، انهيءَ شر بابت جيڪو جبلن ۽ بيابانن ۾ آهي، مان ان کي اٺ تي سوار ڏسان ۽ ڏسان ته غلامن ۽ ٿڪل مسافرن سان چڱائي ڪري رهيو آهي)
    سنڌي ۾ پهرين نعت مخدوم پير محمد لکوي (1590ع) ۾ لکي:
    اي صبا!واءُ صبوح جا، خاطي خير هٿان،
    تون ريٻارو رحمان جو ۽ قاصد قريبان
    تون پانڌي پيارن جو اولي اکڙيان،
    تون ساٿي سڪاين جو ماهر مشتاقان،
    آڻي عجيبن جون خبرون خشحالان.
    نبي سائين جي ذات حسن آهي ۽ آئيني مثل آهي، حسن کي ڏسڻ لاءِ اک جو حسن ضروري آهي. آئينو به اکين وارن لاءِ آهي. ۽ جيڪو ان ڏانهن نهاريندوپنهنجا عڪس پَسندو. اڄ قرآن پاڪ کان وٺي، ڀٽائي جي رسالي تائين، سندس ويجهن ساٿين کان وٺي وڏن دشمنن تائين، مڙني جي جيڪا راءِ آهي، تنهن دنيا آڏو ثابت ڪيو آهي ته پاڻ ڪريم جن دنيا جا عظيم ترين شخص آهن ۽ وڏي مرتبي وارا آهن.
    سندن ذات سان اڄ تائين بي انتها پيار ڪيو ٿو وڃي، جنهن جا محبتي مثال هيٺ ڏجن ٿا.
    حضرت حمزه﷦:
    و احمد مصطفيٰ فبنا مطاعا
    فلا تفشوه بالقول العنيف
    ( انسان سڀني ۾ احمد مصطفيٰ ﷺ لائق آهي، ته ان جي تابعداري ڪريون. ان ڪري هن جي اڳيان ڪو به بي ادبي جو جملو نه چوي. گستاخيءَ جي ڳالهه نه ڪري)
    درٻار نبوي جو شاعر حضرت حسان بن ثابت:
    واحسن منڪ لم ترقط عيني،
    و اجمل منڪ لم تلد النساءُ،
    خلقت مبر امن ڪل عيب،
    ڪَانڪه قد خلقت ڪما تشاءُ.
    (حسين توکان مٿي منهنجي اکين ناهي ڏٺو ڪڏهين، ۽ سهڻو توکان وڌ ڪنهن ماءُ اڄ تائين ڄڻيو ناهي، ته تنهنجي پاڪ پيدائش رهي هر عيب کان پالهي جيئن چاهيئي ڪيو پيدا خدا، ائين ٻيو بڻيو ناهي.)
    امام ابو حنيفه:
    الصبح بدا من طلعتہ،
    واليل دجيٰ من وفرتہ
    ( صبح چمڪيو ان جي چهري مان، رات ڪاري ٿي سندس زلفن جي ڪري.)
    شيخ سعدي:
    بلغ العليٰ بکمالہ، کشف الدجيٰ بجمالہ،
    حسنت جميع خصالہ، صلو عليہ و آلہ
    (پهتو مٿانهينءَ کي پنهنجي ڪمال سان، ميٽيائين اونداهيءَ کي پنهنجي جمال سان، سهڻيون سندس سڀ خصلتون، صلوات ان تي ۽ ان جي آل تي)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
    ناز منجهان نڪري، جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،
    ڀونءِ بسم الله چئي، راهه چمي ٿي رند،
    اڀيون گهڻي ادب سين، حورون حيرت هنڌ،
    سائين جو سوڳنڌ، ساجن سڀنئان سهڻو.
    *
    ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
    پاند جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ،
    سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري انهن سين.
    استاد بخاري:
    هڪ شخص گهرو پيار کان هڪ وار نه واندو،
    سنسار جي سينگار لئه آزار سهي پيو،
    هڪ شخص ڪڏهن نرڙ مٿان گهنڊ نه آندو،
    انصاف جي آواز تي تلوار کڻي پيو،
    هڪ شخص يتيم آهي يتيم آهي اهڙو،
    دنيا جي يتيمن جو نگهبان لڳي ٿو،
    هڪ شخص عظيم آهي، عظيم آهي اهڙو،
    منان کان پوءِ، سڀ کان مها مان لڳي ٿو.
    ۽ جوهر صاحب پيار ۽ عقيدت جا گل هن ريت پيش ڪري ٿو:
    باکن ۾ لاٽ آهي، پرزا ٿي ٻاٽ آهي،
    رحمت جي ڇاٽ آهي، سچي هي واٽ آهي
    ڪلمو پڙهيو ته مان ڀي ٿيو نيڪنام آهيان!
    ظاهر آ وٽس ٻي نيڪي يا سودو ڪونهي، سواءِ ايمان ۽ ڪلمي جي، بس، جو ڪتيو اٿائين، ان ۾ محبت شامل آهي. ۽ کيس جا عزت نصيب ٿي آهي، ان کي به ڪلمي جي ڪرامت سمجهي ٿو.
    جوهر صاحب حمد توڙي نعت ۾ آيتن جي تضمين ڏاڍي سهڻي انداز سان ڪئي آهي. هن جتي جيڪي آيتون چونڊيون آهن انهن کي ئي بنيادي وزن يا ٿلهه بنائي، ان جو خوبصورتيءَ سان نباهه ڪيو آهي.
    اقرا باسم ربڪ، احمد، حڪيم، حاذق
    (مفعول فاعلاتن، مفعول فاعلاتن)
    قرآن آهي برحق، سرور سچو،۽ صادق
    هو منهنجي سر جو سائين، مان ان جي سام آهيان!

    مدني ، عربي، مير، منور
    انا اعطينٰڪ الڪوثر
    (فعلن فعلن فعلن فعلن)
    گيت جي فارم ۾ هيٺيون نعت پڙهي، شاعر جي نعت حوالي سان گهڻي مشق ۽ پيشڪش جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
    محبوب دلربا آ، صل عليٰ محمد
    (مفعول فاعلاتن، مفعول فاعلاتن)
    يٰس، والضحيٰ آ، محبوب ڪبريا آ،
    هو درد جي شفا آ،يعني ته مصطفيٰ آ،
    قرآن ۾ ثنا آ، صل عليٰ محمد.
    هن مجموعي ۾ شامل نعت، گيت جي مختلف گهاڙيٽن، غزل، نظم۽ آزاد نظم ۾ ڏنل آهن. شاعريءَ جي سڀني صنفن تي سندس طبع آزمائي ٿيل آهي. بروهي توڙي سنڌيءَ ۾ سندس حمد ۽ نعت ريڊيو، ٽي وي ۽ ڪئسٽن ۾ ڳائجن پيا. ان ۾ ڪو ڪوبه شڪ نه آهي ته جوهر بروهيءَ نعت ذريعي ختم نبوت جو مڪمل اظهار ۽ اقرار ڪري شاعر ختم نبوت جو اعزاز ماڻي چُڪو آهي.
    جلون جي اداسي گهٽجي وئي، ترها به تري هن پار پيا،
    محبوب جي آمد آمد آ، ڌرتيءَ تي وسي انوارپيا.
    بي چين نظم کي آٿت آ، اڄ جاڏي ڪاڏي رحمت آ،
    چانڊوڪيءَ نئين سر مرڪي ٿي، گلشن جا وڌي سينگار پيا.

    حرا کان نسخئه قرآن آندو مير امت ڏي،
    قريشي قوم جا ڪافر ڪٽاسردار مٽجي ويا

    ساڃهه ، سرت، شعور مليو آ
    دنياکي دستور مليو آ،
    باطل کي هڪ سور مليو آ
    ختم نبوت زندهه دم دم،
    صل الله عليہ وسلم
    عربي تي اگر ختم نبوت نه ٿئي هان،
    قرآن ۽ اسلام جي عزت نه ٿئي هان.
    شر، شور شرارت ۽ جهالت به وڌي هان،
    احڪام جي پابند هي امت نه ٿئي هان.
    اڄ اسين اخلاقي قدرن جي پائماليءَ تي هٿ هڻي رهيا آهيون. سوچن جي ڇڙواڳي ۽ مادي فلاسافيءَ جي اصولن کي نه سمجهڻ ڪري. پنهنجي حقيقي رهنما کان پري ٿي ويا آهيون. ان ڪري اسان پنهنجا روحاني قدر وڃائي چڪا آهيون. هڪ عظيم ترين ۽ حسين شخص تي گيت ڇونه لکجي! ڇا اهو چوڻ ڪافي آهي ته، هي موضوع پراڻو ٿي چڪو آهي؟ ڇا محبت پراڻي ٿيندي آهي؟ جيڪڏهن خيالي محبوبن تي ڪتاب لکي سگهن ٿا، ته هي اهڙي سچائي، جنهن جي حڪمت کي سائنس ثابت ڪندي پئي وڃي. ان کان منهن ڇو موڙجي!
    اچو ته جنهن پيار ۽ انسانيت جو سبق ڏنو. حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪئي. انساني برابريءَ جو اعلان ڪيو، ان ذات اقدس سان کليءَ طرح پيار جو اظهار ڪريون ۽ هي حقيقت دل سان مڃون. جنهن کي لاکيڻي لطيف، ختم نبوت توڙي ساراهه جو حولاي سان انتهائي سهڻي نموني پيش ڪيو آهي:
    جکرو جس کرو، ٻيائي مڙيئي مل،
    سمي جي سهاڳ جي، ڪنهن نه پوي ڪل،
    مٽي ان مرسل، اصل هئي ايتري!

    5 ڊشمبر 2000ع علي دوست عاجز
    فريد آباد ، ميهڙ
    دادو ، سنڌ.


    ساراهه سچو ڌڻي

    تون لحظي ۾ هڪ جهوٽي کي،طوفان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!

    تون لحظي ۾ هڪ جهوٽي کي،طوفان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!
    الله مٺا! هڪ قطري مان، انسان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!

    هي اوکا پنڌ پهاڙن جا، هي باري منزل موت ڀري،
    جي ساٿ ڏئي هن مشڪل کي آسان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!

    جت رئيس وڏيرا جام هيا، سردار قريشي سڏجن پيا،
    ات هڪڙي يتيم تي نازل جي قرآن ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!

    جي يونس پيٽ مڇي ۾ رهي، جي يوسف بازر منجهه کپي!
    جي ڪربل منجهه امام ڪهي، حيران ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!

    تون ڪاتيءَ هيٺيان ڪنڌ ڪڍين، تون باهه کي باغ بڻائين ٿو،
    آباد دليون هڪ لمحي ۾ سنسان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!

    ڪا دير نه آ ڪنهن نوڪر کي زردان ڏئي سلطان ڪرين،
    سلطان جي سلطاني کي ڦري، دربان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!

    تون وهندڙ واهه ڦٽائي سگهين، تون مينهن وسائي قرب ڪرين،
    پنهنجي تي اچي جي باغن کي، ويران ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!

    زربخت سفر جي آساني ڪجهه ناهي، ”بروهي جوهر“ کي،
    پر پوءِ به گهرائي پاڪ حرم، احسان ڪرين ته ڪري ٿو سگهين!


    ٽوڙ زماني جا سڀ سانگا هڪڙي خدا جي در ڏي هل!

    ٽوڙ زماني جا سڀ سانگا هڪڙي خدا جي در ڏي هل!
    مرض هجي توڙي قرض هجي تون رب عُليٰ جي در ڏي هل!
    آدم سان ڀلايون ان جون،
    تعريفون سڀ ڳايون ان جون.
    نوح جو ٻيڙو پار ڪيو، تنهن مهر سخا جي در ڏي هل،
    باهه خليل لئه ٻاري ويئي،
    باغ مثال سا ٺاري ويئي.
    تسبيحون ۽ حمد الاهي، شان وفا جي در ڏي هل!
    مرض منجهان ايوب ڇٽو،
    ۽ وڇڙيل پٽ يعقوب ڏٺو.
    سچائي جا ساز سنواري پاڻ دعا جي در ڏي هل!
    زڪريا پڻ جهور هيو،
    پر ان کي پٽ جو تور مليو.
    اڻ ٿيڻي هت ٿي ويندي، اڄ حڪم عطا جي در ڏي هل!
    موسيٰ دشمن جي گهر پليو!
    نيل ندي مان رستو مليو.
    تون به ڪليم جي راهه وٺي بس رمز رضا جي در ڏي هل!
    ان بن ڪو معبود نه ٻيو،
    مطلوب نه ٻيو مسجود نه ٻيو
    ها ته ”بروهي جوهر“ مالڪ ارض سما جي در ڏي هل!
    ƒ


    تنهنجي قدرت قرب ڪمال اڳيان حيران هزارين مان نه رڳو!

    تنهنجي قدرت قرب ڪمال اڳيان حيران هزارين مان نه رڳو!
    هر شام سحر سو حمد پڙهن انسان هزارين مان نه رڳو!

    فلڪن ۾ چٽيل سج چنڊ ڪتيون، صدين کان ٻرن تارن جون بتيون،
    تسبيح ٿا ڳائن صدق منجهان نيشان هزارين مان نه رڳو!

    ڪو صفي به آ ڪو خليل به آ، ڪو ذبيح، ڪليم جميل به آ،
    پر مدني مير مهابي مڃن احسان هزارين مان نه رڳو!

    بوبڪر، عمر، عثمان، علي، تسبيح پڙهن ٿا پير ولي،
    هر ڀيري اچي در تي ٿا جهڪن سلطان هزارين مان نه رڳو!

    تون دردن منجهه دوا به ڏئين، تون مرضن منجهه شفا به ڏئين،
    تنهنجي قدرت حيرت منجهه وڌا لقمان هزارين مان نه رڳو!

    تون رحيم، ڪريم ۽ رازق آن، تون علم بصير ۽ خالق آن،
    تنهنجي مهر ڪري آباد ڇڏيا ويران هزارين مان نه رڳو!

    تنهنجو ڪافي ڪشادو هي در آ، جت سوالي ”بروهي جوهر“ آ،
    هن در تان وٺن ٿا فيض ڪرم عرفان هزارين مان نه رڳو!
    ƒ


    قادر پنهنجي قدرت سان ڪلجڳ جا نظارا جوڙي ٿو،

    قادر پنهنجي قدرت سان ڪلجڳ جا نظارا جوڙي ٿو،
    ڪنهن کي بر ۾ ٻوڙي ٿو ڪٿ سير سهارا جوڙي ٿو.

    غرق اجهو فرعون ٿيو، ۽ ڌرتي ۾ قارون ويو،
    موسيٰ سائين جي لشڪر لئه نيل ۾ چارا جوڙي ٿو.

    ڪيڏو رتو سينگار به آ، هي تخليقي شهڪار به آ،
    مٽيءَ مان انسان به سهڻي صورت وارا جوڙي ٿو.

    ڌرتيءَ تي هر ساوڪ آ يا آبادي ۽ راهڪ آ،
    اُڀ ۾ ڏس جو بادل سهڻا ڀورا ڪارا جوڙي ٿو.

    چنڊ گواهي ڏيندو آ ۽ سج به هيئن ٻوليندو آ،
    ”ليس کمثلہ شيءُ“ جڳ ۾ جيس هزار جوڙي ٿو.

    دريائن ۾ ڪيئي ذاتيون، جهنگ ۾ مست الست حياتيون،
    ڪوبه نه ڪنهن کان اڳرو آ، هر ڪنهن جا چارا جوڙي ٿو.

    هيڻن سان همراهه رهي ٿو، رازن کان آگاهه رهي ٿو،
    ڏاڍ کي پل ۾ ڀور ڪري ٿو، عدل اشارا جوڙي ٿو.

    پنهنجي ڪهڙي ضرورت آهي، پوءِ بي روز پيو ٿو ٺاهي،
    مهر مثالي آهه ”بروهي جوهر“ پارا جوڙي ٿو.


    ڪون و مڪان ۾ بس الله بي مثل آ،

    ڪون و مڪان ۾ بس الله بي مثل آ،
    ڪر ڳالهه دل جي کولي، مڃندو هو هر سوال آ.

    راحم رحيم سائين، قادر ڪريم سائين،
    حاڪم حڪيم سائين، باقي آ لازوال آ.

    تنها آ ذات ان جي، ازلي صفات ان جي،
    ڏس لم يلد جي ٻولي، نه ڪو اهل ۽ عيال آ.

    الله ذات اڪبر، ناهي سندس ڪو همسر،
    نقصان فائدو بس بخشيندو ذوالجلال آ.

    ”ليس کمثلہ“ آ ۽ شان وحده آ،
    دلين جا راز ڄاڻي، ڄاڻيندو هر حوال آ.

    قرآن ڪلام ان جو، آ فيض عام ان جو،
    سندس صفت وڏي آ ”جوهر“ کي ڇا مجال آ.


    آ رحمان رازق سميعُ بصير،

    آ رحمان رازق سميعُ بصير،
    خدا آ، ”عليٰ ڪل شيءِ قدير“.

    سو ماجد ۽ قيوم، قادر، غني،
    بلا شڪ ”بما تعلمون خبير“.

    آ رازق، منان مالڪ ۽ حي،
    سو فتاح، تواب، ظاهر، ڪبير.

    گداگر کي ٿو بادشاهي ئي،
    ڪري بادشاهن کي پينو فقير.

    ڀڄي ڪير سگهندو سندس امر کان،
    بهرحال آهي ”اليہ المصير“.

    اٻوجهن ۽ هيڻن جو آ آسرو،
    اهو ”نعم موليٰ ونعم النصير“.

    اسان تي سندس خاص احسان آ،
    مُڪائين محمد بشير ۽ نذير.

    بچائيندو ”جوهر بروهي“ کي هو،
    انهي ڏينهن کان ” شره مُستطير“.
    ƒ


    غير جي در مٿان سر جهڪائڻ شان تنهنجو مسلمان ناهي!

    غير جي در مٿان سر جهڪائڻ شان تنهنجو مسلمان ناهي!
    مهربان جڳ تي الله آهي، ٻيو ڪو رزاق رحمان ناهي!

    شان ان ڪبريا جو سدائين وحده لاشريڪ لہ آ،
    ” قل هو الله“ کي سوچجان تون ڇو ته توحيد آسان ناهي!

    ناهه الله سان ڪو صفاتي، شان پنهنجي ۾ آهي اڪيلو،
    سو ٿو ماري جياري هميشه ٻئي جي قبضي ۾ ڪا جان ناهي!

    اڄ وري ڀور ٿيا بت سڀيئي، جڏ خليلِ خدا آيو آهي،
    آهي نمرود جا باهه ٻاري، باهه ان ۾ چراغان ناهي.

    جڏ ڪليمِ خدا لٺ کنئي هئي، تڏهن ٿيا غرق فرعون ڪيئي،
    شان موسيٰ جو آهي نرالو، جو نبين جو گهٽ شان ناهي.

    پاڪ ٿيو مير مدني جي صدقي شرڪ بدعت کان سارو زمانو،
    جيڪو سچو مسلمان آهي، پوءِ بدعت جو امڪان ناهي.

    گهوري سر ٿي ڏنو دين جي لئه، جن سبق مصطفيٰ کان پرايو،
    حيف ان شخص کي آهه جيڪو، مصطفيٰ جو ثنا خوان ناهي.

    جيڪو وحدت کان اڻ ڄاڻ آهي، ڇيڙ ان کي نه ”جوهر بروهي“
    جيڪو ختم نبوت جو منڪر، سو ته موذي آ انسان ناهي


    مٺي سڀ کان توحيد جي لات آ، خدا وحدہٗ لا شریک لہٗ

    مٺي سڀ کان توحيد جي لات آ، خدا وحدہٗ لا شریک لہٗ
    سدا شرڪ کان پاڪ سا ذات آ،خدا وحدہٗ لا شریک لہٗ
    جو پٿر مان پاڻي ٿو پيدا ڪري،
    سندس حڪم سان تار ترهو تري.
    سندس حڪم آڏو عقل مات آ، خدا وحدہٗ لا شریک لہٗ
    جو خلقي ۽ روزي به بخشي پيو،
    عجب صورتون روز ترشي پيو.
    سندس امر ۾ ڏينهن ۽ رات آ،خدا وحدہٗ لا شریک لہٗ
    پٽن تي وسائي ڪڻيون ڪو ڪڪر،
    ته ان کي به هوندو خدا جو امر.
    سندس مِلڪ پاڻي ۽ برسات آ،خدا وحدہٗ لا شریک لہٗ
    جي پُٽ بخشي ڌيئون ڏئي پاڻ ٿو،
    ڪروڙن کي ڏيندو رهي ڏاڻ ٿو.
    نه همسر سندس لات منات آ،خدا وحدہٗ لا شریک لہٗ
    اميدون رکي ٿو هي ”جوهر“ سدا،
    رهي ٿي سدائين خدا جي عطا.
    جي ڏوهي کي بخشي ته ڇا بات آ،خدا وحدہٗ لا شریک لہٗ
    ƒ


    ڪلمو پڙهي اي مسلمان تون شرڪ ڏي مائل نه ٿي!

    ڪلمو پڙهي اي مسلمان تون شرڪ ڏي مائل نه ٿي!
    پاٻوهه مان قرآن پڙهه، شيطان جو گهايل نه ٿي!
    دل پاڪ رک هر خيال کان،
    گهر ٻار کان زر مال کان.
    الله جو رک آسرو، الله کان غافل نه ٿي!
    هر مرض ۾ ڏيندڙ شفا،
    رازق به مالڪ خدا.
    غيرن جي در ڇو ٿو جهڪين، دوزخ ۾ تون داخل نه ٿي.
    هي آسمان ۽ هي زمين،
    وحدت جا شاهد باليقين.
    تڪيا ٿو ڀيٽين اي چريا، تون ڪوڙ جي قائل نه ٿي.
    پکين جي جا جهونگار آ!
    حق وحده ستار آ!
    ”اياڪ نعبد“ سوچجان، ايڏو سڄڻ جاهل نه ٿي.
    توحيد جون لاتيون لنوي،
    ”جوهر بروهي“ ٿو چوي.
    جذبا هڙئي پختا هجن تون شرڪ سان شامل نه ٿي.
    ƒ


    خدا جو ڇڏي در، پني جيڪو در در اهو دربدر ٿيو نه هيڏي نه هوڏي

    خدا جو ڇڏي در، پني جيڪو در در اهو دربدر ٿيو نه هيڏي نه هوڏي
    جو کائي ۽ پيئي مڃي ڪونه ٿورو، ته سو بي قدر ٿيو نه هيڏي نه هوڏي

    ڪنڊي، ڪرڙ کي ٿو جهڪي چاهه منجهان وڃي پير جي در تي باسون ٿو باسي،
    ڪري بت پرستي قبر کي چمي ٿو ۽ پوڄي پٿر ٿيو نه هيڏي نه هوڏي

    نه ڪلمي ڪلام، خدا کي ٿو ڄاڻي رڳو پيٽ لئه دين ۾ ٿو دخل ڏئي،
    نه سنت کي سمجهي نه بدعت کي سمجهي اصل بي خبر ٿيو نه هيڏي نه هوڏي

    ولين جي در تي تماشو ڪري ٿو نياڻيون وٺي ٿو نچائي نڀاڳو،
    تقدس ولايت جو پرزا ڪري ٿو ته سو ڪم نظر ٿيو نه هيڏي نه هوڏي

    ڪڏهن هيڪڙائي ٻيائي بڻي آ؟ ڪٿي ” قل هو الله“ مٽجي سگهيو آ،
    جو توحيد سمجهي مخالف رهي ٿو ڪنو شوم شر ٿيو نه هيڏي نه هوڏي

    خدا پاڪ بخشي ٿو روزي سڀن ئي، هو ڀانئي ٿو غيرن جي آهي ڪمائي،
    اها ذهنيت سوچ بلڪل غلط آ، اهو معتبر ٿيو نه هيڏي نه هوڏي

    جو مرڪز آ سجدن جو باري تعاليٰ، انهي در تي جهڪجي اي ”جوهر بروهي“،
    انهيءَ در تان ملندو وڏو ڏاڻ ڏاها، ڇڏيو جنهن هي در ٿيو نه هيڏي نه هوڏي
    ƒ


    ڏيهن جو ڏاتار تون ئي سائين آهين!

    ڏيهن جو ڏاتار تون ئي سائين آهين!
    جڳ جو پالڻهار تون ئي سائين آهين!

    اڀ ڌرتي تو جوڙي آهي،
    خلقت جوڙي جوڙي آهي.
    بيشڪ خلقڻهار تون ئي سائين آهين!

    چنڊ اڀارين سج اڀارين،
    ويراني ۾ ٻج اڀراين.
    رازق رب ستار، تون ئي سائين آهين!

    موت حياتي تنهنجي وس ۾،
    ڍال ۽ ڪاتي تنهنجي وس ۾.
    فتح ڏئين يا هار تون ئي سائين آهين!

    ڌرتي سائي اڀ ۾ تارا،
    رنگ نرالا انڊلٺ وارا.
    ارپين ڪل سينگار تون ئي سائين آهين!

    پٿر اندر جيون پلجي،
    باهه ڀڀڙ ۾ گلشن پلجي.
    وهوا ڪاروبار تون ئي سائين آهين!

    اڻ کٽ آهي مهر جو ساگر،
    ٻاجهه گهري ٿو ”بروهي جوهر“.
    هيڻن جو آڌار تون ئي سائين آهين!


    بيوسن جو واهرو مقصود تون!

    بيوسن جو واهرو مقصود تون!
    ۽ بلا شڪ آهين حق موجود تون!

    سر نوايان غير آڏو شرڪ آ،
    ڇو ته ڪلجڳ ۾ فقط معبود تون!

    ”تخرج الحي من الميت“ سدا،
    فضل پنهنجي سان ڪرين ٿو جود تون!.

    شام توڙي صبح توڙي ڏينهن رات،
    هر گهڙي ۽ هر طرح مسجود تون!

    ڪک، پٿر، ڀتر ۾ حڪمت آ رچيل،
    ڪونه ٿو خلقين ڪڏهن بي سود تون!

    نوح، آدم، مصطفيٰ ، موسيٰ ، خليل،
    ٿو بڻائين سهڻو يوسف، هود تون!

    ڏوهي آ ”جوهر بروهي“ ڏوهي آ،
    هر خطا ان جي کي ڪر نابود تون!
    ƒ


    هن امت کي توحيد سان گڏ، مدني به مليو، قرآن مليو.

    هن امت کي توحيد سان گڏ، مدني به مليو، قرآن مليو.
    الله سان ڪوبه شريڪ نه آ، هي عقيدو ۽ ايمان مليو.

    ليس ڪمثلہ شيءٌ خدا، ازلي ابدي، آهه سدا،
    رازق، قادر، حاڪم، مولا ٻاجهه ڀريو رحمان مليو.

    سونهي ان کي هر سجدو، ذڪر، قيام، رڪوع قعدو،
    هي ولي ۽ نبي به اتي ٿا جهڪن، جي جهڪيا الاهي شان مليو.

    صبح سويرا آڻي ٿو، هو رات انڌيرا آڻي ٿو،
    ان امر ڪيو ٿو موت ملي، يا جيون کي جيئندان مليو.

    خالق ارض سما جو آ، ۽ خالق حب نوا جو آ،
    سج، چنڊ، ستارا جرڪن ٿا، انسان کي هي سامان مليو.

    هڪ رب ئي پوڄا لائق آ، جو مشرڪ آ نالائق آ،
    مشرڪ ته پليت نجس چئبو، هر مشرڪ کي ارمان مليو.

    هي ”بروهي جوهر“ ڏوهي آ، ٻيو ڪوبه نه واهي اوهي آ،
    هر آسمٺي الله ۾ آ، مومن کي اهو فرمان مليو.
    ƒ


    الله احد آهي، بي نياز صمد آهي

    الله احد آهي، بي نياز صمد آهي
    در بند ٿيو ناهي!

    رازق به اهو آهي، ٺاهي به پيو ڊاهي،
    ڊاهي به پيو ٺاهي،
    در بند ٿيو ناهي!

    سنڀار سچو مولا! ڏک سور سڀيئي لاهي،
    جڳ ان جي اڳيان ڇاهي،
    در بند ٿيو ناهي!

    قادر به ڌڻي آهي، ڪو سينو ڀلا ساهي،
    هر ڏاڍ کي ٿو ڳاهي،
    در بند ٿيو ناهي!

    تک تار مان تاري ٿو، سڙهه ساز ٿو سنڀاهي،
    ٿئي ائين جيئن چاهي،
    در بند ٿيو ناهي!

    اڄ نيٺ ”بروهيءَ“ کي، هيئن آهه چيو ڏاهي،
    غافل ته نه ٿي گاهي،
    در بند ٿيو ناهي!
    ƒ


    تخليق ٿي پڪاري، الله وحده آ،

    تخليق ٿي پڪاري، الله وحده آ،
    جڳ جنهن ڇڏيو سنواري، الله وحده آ.

    سچ، چنڊ ۽ سترا، درياهه مينهن سارا
    اوٿر ڪڪر به ڪارا، پل ڏينهن رات وارا،
    باکون پيون اجاري، الله وحده آ.

    آ سونهن هر نگر ۾، بستي شهر شهر ۾،
    وڻ ٽڻ ڀتر ڀتر ۾، دل روح ۽ نظر ۾،
    هر ڪو پيو اچاري، الله وحده آ.

    قادر قديم سائين! حاڪم حڪيم سائين!
    ڪافي ڪريم سائين! جڳ لئه رحيم سائين!
    ساري فضا تنواري، الله وحده آ.

    باهيون ٻريل ٿو ٺاري، ٻيڙا ٻڏل ٿو تاري،
    جيئرا پيو ٿو ماري، جيڪو جڏا جياري،
    هر سير مان اُڪاري، الله وحده آ.

    ڏوهي”بروهي جوهر“ غلطيون ڪري ٿو هر هر،
    رب کان بنا نه واهر، هيڻن جي لاءِ آڌر،
    هر ڪو سندس سهاري، الله وحده آ.
    ƒ


    الله احد معبود به تون،

    الله احد معبود به تون،
    لافاني سدا موجود به تون.

    هو اقصيٰ ڪعبہ اطهر ڇا،
    هي مسجد، مصلو منبر ڇا،
    هر طرح فقط مسجود به تون.

    توريت ڏنو ۽ زبور ڏنو،
    قرآن حڪيم جو نور ڏنو،
    تون ڪريم به آهين ودود به تون.

    انڪار ڪري نمرود ٿيو،
    اقرار ڪري دائود ٿيو،
    ٿو جوڙين عاد ثمود به تون

    هر گهر جو ڀاتي تو وس آ،
    ۽ موت حياتي تو وس آ،
    سينگارين بگاڙين وجود به تون.

    سچ چنڊ ستارا اڀرن ٿا،
    يا پوک ۾ سنگ ڪي نسرن ٿا،
    منحوس ڪرين مسعود تون..

    اوندهه کي نرالو شان ڏنو،
    ۽ ”جوهر“ کي ايمان ڏنو،
    ٿو قبولين دعا ۽ درود تون.
    ƒ


    عزيز قادر ڪريم آهي،

    عزيز قادر ڪريم آهي،
    خدا تعاليٰ رحيم آهي.

    هو بحر بر منجهه ساٿي سڀ جو،
    ۽ شهر گهر منجهه ساٿي سڀ جو،
    قدير، قائم قديم آهي.

    فلڪ ۽ ڌرتي، هوا يا پاڻي،
    هو ساهه ساهن سان آهي ساڻي،
    بصير، عالم ، عليم آهي.

    ڦري، ڏئي يا جياري، ماري،
    سڙهن بنا هو سمونڊ تاري،
    شفا ڏئي ٿو حڪيم آهي.

    هي چنڊ، سورج، ستارا ان جا،
    بهار، ساوڻ، سيارا ان جا،
    مجيد، خالق، عظيم آهي.

    ولي به ان جو ۽ ڏوهي ان جو،
    هي بندو ”جوهر بروهي“ ان جو،
    ودود رب ۽ حليم آهي.

    ƒ


    رب تعاليٰ جڳ کي جيوت ٿو ڏئي،

    رب تعاليٰ جڳ کي جيوت ٿو ڏئي،
    هر ضرورت جي به پورت ٿو ڏئي.

    رات کانپوءِ ڏينهن آڻي ٿو اهو،
    سوڪ آڻي مينهن آڻي ٿو اهو،
    ساهه بخشي قوت قوت ٿو ڏئي.

    هو ڏئي عزت ۽ ذلت من يشاءُ،
    گلشنن کي گل ڏئي، گل کي هڳاءُ،
    زندگي کي سونهن صورت ٿو ڏئي.

    چنڊ سج جو ۽ ستارن جو ڌڻي،
    بي سهارن لئه سهارن جو ڌڻي،
    درد ويلي فرق فرحت ٿو ڏئي.

    مرض ويلي ٿي شفا ايوب کي،
    هن ڏنو موٽائي پٽ يعقوب کي،
    غم ڏئي يا دل راحت ٿو ڏئي.

    گهر سفر ۾ ساٿي آ سبحان آ،
    حال هيڻن لئه سدا رحمان آ،
    سچ جي ”جوهر“ کي جرئت ٿو ڏئي.


    خدا پاڪ هر هر ڪبيون لک چڱايون،

    خدا پاڪ هر هر ڪبيون لک چڱايون،
    هجن يار ٿورا به ٿورا ته ڳايون.

    هي سج، چنڊ تارا، ٻنيون پاڻي، ٻارا،
    اکيون چپ، اشارا، مکڻ ، ماکي ڌارا،
    وٺي ان جو نالو ٿا باهيون اجهايون.

    ٿيو صبح روشن، سُهائي جو درشن،
    زمانو آ گلشن، مڃيو ڪل ملوڪن،.
    ٿو ڳائي زمانو به وحدت جون وايون.

    اجها رات ڪاري، جا روحن تي ڀاري،
    مگر رب سنواري، ستارن سان ساري،
    انهيءَ بي مثل ذات سان نينهن لايون.

    هي درياهه، ساگر ڪتابن جا ڪاڳر،
    نڌڻڪن جي آڌر، ٿئي پاڻ واهر،
    نشانيون سندس هيڪڙائي جون آيون.

    هو ماري، جياري، سمهاري اٿاري،
    کنڊون کير پياري، ۽ اوندهه اجاري،
    سو ”نور السموات والارض“ ڀانيون.

    مٺو رب تعاليٰ، سندس شان بالا،
    سوين ان جا نالا، ڪرم جا حوالا،
    اي ”جوهر“ اخدا کي ٿيون سونهن وڏايون.
    ƒ


    مرڪ موحد ماڳ ملڻ لئه آهي ملي دلداري،

    مرڪ موحد ماڳ ملڻ لئه آهي ملي دلداري،
    رب سان ناتا جوڙ نرالا نينهن لڌي نرواري.

    رب سان ڪوبه شريڪ نه آهي خالص آ توحيد اها،
    ڪلمي تي ويساهه مڪمل مومن جي لئه عيد اها،
    سمجهه سچو قرآن سمورو وحدت جي چوياري.

    کوڙ هتي نادان نه ڄاڻن الله جو فرمان اجهو،
    شرڪ خدا سان ، ظلم وڏو آ فرمايو قرآن اجهو،
    ان جي برابر همسر ڪونهي شان سندس آ باري.

    هڪ لک چوويهه هزارن درس ڏنو الله احد،
    تسبيحون به اُن جي نالي لم يولد بي نياز صمد،
    آيت ڪرسي پاڻ پڙهي ڏس ٿيندي باغ بهاري.

    ڄام مديني واري جي تبليغ جو مطلب آهه اهو،
    ماريندڙ يا جياريندڙ يا خالق ۽ رب آهه اهو،
    ظاهر باطن صاف رکو جو حڪم اٿو سرڪاري.

    هڪ ڏينهن ڇڏبي ياري باشي وڃبو ڏيهه پرائي،
    شال “بروهي جوهر“ تنهنجي مولا واهه ورائي،
    نفسي نفسي جا ٿي هوندي تنهائي چوڌاري.
    ƒ


    خدا آهه والي واحد ڪون و مڪان جو،

    خدا آهه والي واحد ڪون و مڪان جو،
    وڏي مهر وارو رب زمين آسمان جو.

    اميرن کي سو ٿو گداگر بڻائي،
    جي چاهي سڃي تونگر بڻائي،
    حڪيم آهه حاڪم آ، گهڙين ۽ زمان جو.

    عبادت رڳو ان جي آهي ضروري،
    اي ڀائو ڇڏي ڏي جهالت سموري
    سبق بندگي جو پڙهه ڏسيل آ قرآن جو.

    اڏا ڪفر جا شرڪ جا ٽوڙيا پيا،
    مٺي رب سان رابطا جوڙيا پيا،
    هجي ڀروسو رب جو نه زرهه و ڪمان جو.

    اي ”جوهر بروهي“ اسان جون صدائون،
    اگهي نيٺ وينديون اسر جون دعائون،
    ڪرم آهه جڳ تي وڏو ذوالمنان جو.
    ƒ


    غير جي در ٿو ڌڪا کائين کٽل ويساهه جا،

    غير جي در ٿو ڌڪا کائين کٽل ويساهه جا،
    تو وساري ڇو ڇڏيا، ٿورا مٺي الله جا.

    جنهن ڏنو ختم نبوت تاج مدني کي ڀلو،
    جو ٿيو هو نوح لئه طوفان اندر ڀرجهلو،
    ۽ خليل الله لاءِ شعلا مٽيا آڙاهه جا.

    کوهه ۾ ساٿي ٿيو يوسف مٺي محبوب کي،
    مدتن کان پوءِ مليو يوسف وري يعقوب کي،
    ۽ ڏنائين پاڻ آدم کي به رتبا واهه جا.

    جنهن نپايو پاڪ موسيٰ کي رکي فرعون گهر،
    جنهن ڏنا مريم کي ميوا اڻ مندا مسجد اندر،
    ۽ بنا پيءُ جي ڪيا عيسيٰ تي ٿورا ساهه جا.

    سوئي آ مشڪل ڪشا، حاجت روا، رازق رحيم،
    پنهنجي منشا منجهه آ، مختيار ۽ قادر ڪريم،
    ۽ سندس شاهد ورق سچي ڪلام الله جا.

    تنهنجي در محتاج هر عالم، ولي، مولاءِ روم،
    يا خدا پارت هجي پينار آ ”عبدالقيوم“،
    تو ۾ آهن آسرا مجبور جا، بي واهه جا.
    ƒ


    جڳ ۾ جو دم جيئو، جيئو الا الله جي وائي سان،

    جڳ ۾ جو دم جيئو، جيئو الا الله جي وائي سان،
    وحدت وارا نغما ڳايو ساٿي سرت سچائي سان.

    رکندو آهي مشرڪ ڪافر، ڪوڙ ڪفر سان چاهت اڪثر،
    تون ته خدا جو پوڄاري آن، عربي تنهنجو آهي دلبر،
    ڪلمي وارو ماڻهو ڪندو نفرت ڪوڙي ڪمائي سان.

    تو جو چيو الله احد آ، والي واحد پاڻ صمد آ،
    پختو تنهنجو عقيدو آهي سوئي ازلي تا به ابد آ،
    باطل وهم ڦٽِ ڪر ۽ لونءُ لاءِ نه ڪنهن هرجائي سان.

    رازق ۽ ستار اهو آ، جانب ۽ جبار اهو آ،
    جيت، پکي ۽ ماڻهو ڇا پر ڏيهن جو ڏاتار اهو آ،
    اوکو وقت اڪاريندو آ، پنهنجي ٻاجهه سڻائي سان.

    خالق حب نويٰ جو آهي، خالق ارض سما جو آهي،
    رک ايمان ”بروهي جوهر“ ٻڌندڙ آهه دعا جو آهي
    هن در تي لک گذريا آهن شاهنشاهه گدائي سان.
    ƒ


    مان گنهگار تون ستار آهين،

    مان گنهگار تون ستار آهين،
    منهنجا رب ڏيهه جو ڏاتار آهين.
    هي فلڪ چنڊ ۽ تارا،
    مست درياهه جي ڌارا،
    يا ته ڌرتي جا نظارا.
    ڪن ٿا تسليم ته پالڻهار آهين.
    ساهه ٽوڙين ته به وهوا،
    ملڪ ٻوڙين ته به وهوا،
    جيءَ جوڙين ته به وهوا،
    ساري مخلوق جو تون دلدار آهين
    تون نظارن جو به سائين،
    ساهه وارن جو به سائين،
    ۽ قرارن جو به سائين،
    آهي اقرار ته تون جيءَ جيار آهين.
    تون ته تقدير جو مالڪ،
    سوچ تدبير جو مالڪ،
    ساهه ۽ سير جو مالڪ،
    ها ته ”جوهر“ جو به تون ئي نگهدار آهين.


    نڌڻڪن ضعيفن جو الله حامي،

    نڌڻڪن ضعيفن جو الله حامي،
    ندوري نصيبن جو الله حامي.

    هجي رات ڪاري، سفر ۾ انڌاري،
    مخالف ٿئي ٿي جي دنيا به ساري،
    جَڏن بي وسيلن جو الله حامي.

    ٿئي لوڪ دشمن، جلي سارو گلشن،
    ڪرم سان ڪري رب سائين ٿو روشن،
    نماڻن، شريفن جو الله حامي.

    هو ايوب سائين يا يعقوب سائين،
    ۽ هجرت ڪئي پاڻ محبوب سائين،
    نبين حبيبن جو الله حامي.

    اي ”جوهر بروهي“ ٻي ڪا واهه ڪانهي،
    جي الله آهي ته پرواهه ڪانهي،
    مون پارن غريبن جو الله حامي.
    ƒ


    اي صبح جا به سائين، اي شام جا به سائين،

    اي صبح جا به سائين، اي شام جا به سائين،
    ڪمزور بيوسن جا ٻيڙا ٻني تي لائين.

    توکان سواءِ ٻيو ڪو الله ڪونه آهي،
    معبود ڪنهن ٻئي تي ويساهه ڪونه آهي،
    نالو وٺان مان تنهنجو سڪرات موت تائين.

    ڌرتي جبل ۽ پاڻي، برسات يا هوائون،
    اڏندڙ پکي پکڻ سڀ يا جيت ۽ بلائون،
    پوکون ڀليون ۽ گهاٽيون تون ٿو پيو اپائين

    پٽ يا نياڻيون بخشين آهين رضا جو راڻو،
    تو ئي ڪيو مقرر هر ڪنهن جو رزق داڻو،
    حڪمت سان ڪارخانو جڳ جو پيو هلائين.

    سڀ وس ۾ تنهنجي آهي، هي چنڊ ۽ ستارا،
    هي سرءُ يا بهاريون اونهارا يا سيارا
    موجود تون ئي آهين، موجود تون سدائين.

    ”جوهر بروهي“ تو در هر دم سوالي آهي،
    پينار ٿو پني پيو ۽ جهول خالي آهي،
    مرندي گهڙيءَ اي مولا! ڪلمو مونکي پڙهائين.
    ƒ


    حمد

    ناهيان حمد ثنا جي لائق مان، تون پنهنجي نظر ڪر ڪرم ڀري،
    ملي آٿت هر احساس کي اڄ ٿئي تسلي جهنگ جهر ڪرم ڀري.

    ڪک پن جو خدا، جوڀن جو خدا، ماندن جو خدا، ملڪن جو خدا،
    هن هن جو خدا، تن من جو خدا، گلشن جو خدا، فلڪن جو خدا،
    تون آهين احد! تون آهين صمد! ڪر ٻاجهه اي قادر ڪرم ڀري.

    تنهنجو نالو دوا، تنهنجي وس ۾ شفا، ٿو قبولين دعا، الله مٺا!
    بر بحر، فضا، سڀ امر ۾ آ، تون رب عليٰ، سبحان سدا،
    تون رحيم، ڪريم ۽ فضل ڀريو، تنهنجي مهر به هر هر ڪرم ڀري.

    جڳ جبار جيئي، مخلوق مري، يا کائي پيئي، تنهنجو حڪم ٿئي،
    سج چنڊ هجي، تسبيح پڙهي، توکي سجدا ڪري، ساراهه چئي،
    پڙهيو ڪلمو شهادت شوق منجهان، ٿي آ ذات اجاگر ڪرم ڀري.

    درياهه هجي، يا باهه هجي، ڪا ڪاهه هجي، آڙاهه هجي،
    هر آهه هجي، ويساهه هجي، همراهه رڳو الله هجي،
    ان ذات ۾ ڇو نه اميد رکان، اي ”بروهي جوهر“ ڪرم ڀري.
    ƒ


    رب سائين!

    جنسار جوڙ جوڙين تون بي مثال آهين،
    تون مهربان آهين، تون ذوالجلال آهين.
    تون ساگرن کي موڙين،
    اوچا جبل به ٽوڙين،
    پٿر مان ڏاچي جوڙين،
    طوفان آڻين، ٻوڙين
    هر دل مڃي رهي آ ڪندو ڪمال آهين،
    تون مهربان آهين تون ذوالجلال آهين.
    تنهنجي ئي هٿ ۾ برڪت،
    ڌيءَ پٽ ڪرين عنايت،
    ڪنهن کي نه آهه جرئت،
    تنهنجي ڪري شڪايت.
    جيڏو آ نالو تنهنجو ايڏو وشال آهين
    تون مهربان آهين تون ذوالجلال آهين.
    بخشين ته ڪو پڇا ڇا،
    پڪڙين ته ڪو ڪڇي ڇا،
    آڏو اچي، اچي ڇا،
    ليلائي ۽ لڇي ڇا،
    ڄاڻين تو راز دل جا، ڄاڻيندو حال آهين،
    تون مهربان آهين تون ذوالجلال آهين
    مينهڙا وسائين مولا!
    هر شي اپائين مولا!
    روزي رسائين مولا!
    ساهن جا سائين مولا!
    ڏاتار ڏيهه جو تون مڃندو سوال آهين،
    .تون مهربان آهين، تون ذوالجلال آهين.

    مخلوق تنهنجي آڌر،
    اڀ، ڌرتي، جبل، ساگر،
    ڳائي ” بروهي جوهر“،
    تنهنجو ئي حمد هر هر،
    ڏينهن رات ۽ مهينا ٺاهيندو آهين،
    تون مهربان آهين تون ذوالجلال آهين.
    ƒ


    لا الٰہ الا الله

    دم دم تون الله پڪار،
    لا الٰہ الا الله
    ويلو وقت ۽ وار نه وار،
    لا الٰہ الا الله.
    هر ڪنهن شيءِ تي قادر آهي،
    هت هت حاضر ناظر آهي
    اول توڙي آخر آهي،
    مالڪ رازق ناصر آهي،
    ڪل سنسار جو آ ستار،
    لا الٰہ الا الله.

    مارڻ جيارڻ ان جي وس ۾،
    سونهن سنوارڻ ان جي وس ۾،
    تکمان تارڻ ان جي وس ۾،
    مشڪل ٽارڻ ان جي وس ۾،
    سوئي جڳ جو پالڻهار،
    لا الٰہ الا الله.

    باهه کي باغ بڻائڻ وارو،
    اوڀڙ ان اپائڻ وارو،
    ڏاڍ ڏمر کي گهائڻ وارو،
    رازق رزق وڌائڻ وارو،
    سج ۽ چنڊ جو پڻ اظهار،
    لا الٰہ الا الله.
    خلقيندڙ سهدار پکي جو،
    آڻيندڙ هر درد خوشي جو،
    ڄاڻو هر هڪ دور صدي جو،
    رب تعاليٰ نبي ولي جو،
    وک وک تي ٿيا قرب قرار،
    لا الٰہ الا الله

    ڪوٺي قرب ڪري ٿو سائين،
    پيٽ ۽ پل ڀري ٿو سائين،
    ورلائڻ ۾ وري ٿو سائين،
    دم دم ڌيان ڌري ٿو سائين،
    ان جي وس مخلوق مهار،
    لا الٰہ الا الله.

    صبح به ان جو شام به ان جي،
    جڳ تيبخشش عام به ان جي،
    فضل عطا آ جام به ان جي،
    آهيون پاڻ ته سام به ان جي،
    ساعت ساعت سو سنڀار،
    لا الٰہ الا الله

    اونداهي کي نور ڏئي ٿو،
    سک ۽ سرت، سرور ڏئي ٿو،
    همت، هيج، حضور ڏئي ٿو،
    سولايءَ کي به ضرور ڏئي ٿو،
    ڪک، پن ان جو تابعدار،
    لا الٰہ الا الله.
    آهه جلال اڪرام جو سائين،
    نذر، نياز، سلام جو سائين،
    بي شڪ خاص عوام جو سائين،
    آقا توڙي غلام جو سائين،
    ان جي حڪم ۾ ميگهه ملهار،
    لا الٰہ الا الله

    برڪت وارو ان جو نالو،
    پنهنجي ذات ۾ پاڻ نرالو،
    دان سخا جو آهه حوالو،
    ”جوهر“ گهوريان گيت جمالو،
    جڳ منگتو ۽ هو ڏاتار،
    لا الٰہ الا الله.


    مڃ! محمد ﷺ ڪارڻي

    نٽهڻ ويلي ڇانوَ ڇپر ٿي آيو آ،

    نٽهڻ ويلي ڇانوَ ڇپر ٿي آيو آ،
    ساوڻ مند ۾ وس پهر ٿي آيو آ.

    چيٽ جي چنڊ کي چانڊوڪيون جنهن ارپيون هن،
    بر ۾ بهاري لاءِ ڪڪر ٿي آيو آ.

    پهرين نظر سان تاسارن جي تاس لٿي،
    جڳ واسين لئه مهر اثر ٿي آيو آ.

    جيءَ جڙي پيا، وستي وستي رنگ رتا،
    علم ته ڇا پر پاڻ اکر ٿي آيو آ.

    صبح ٽڙيا ۽ نور جون باکون اڀري پيون،
    سونهن نگر ۾ڻ ساهه ثمر ٿي آيو آ.

    ساکي جنهن جي شان جو آهه ڪلام خدا،
    ازلي ناه، پوءِ به امر ٿي آيو آ.

    ”جوهر“ منهنجي جيءَ جياپي لاءِ اجهو،
    مدني سائين وٽ وکر ٿي آيو آ.
    ƒ


    مدني اچڻ سان ئي ايمان مليو آهي،

    مدني اچڻ سان ئي ايمان مليو آهي،
    توحيد ملي آهي، قرآن مليو آهي.

    ڪعبي ۾ رکيا ويا هيا، بت لات ۽ عزيٰ جا،
    بت ڀور ٿيا، ڪعبو شادان مليو آهي.

    ڀٽڪين ٿو اجايو تون، در در تي ادا سائين،
    هڪ در تي جهڪڻ جو ئي فرمان مليو آهي.

    رک صاف عقيدو تون توحيد رسالت جو،
    هن طرح شفاعت جو سامان مليو آهي.

    سر صدقي ڪيا آهن جن دين جي الفت ۾،
    قرآن پڙهي ڏس تون ڇا شان مليو آهي.

    آ ناز زماني کي مدني جي مهابي جو،
    ابوبڪر، عمر، حيدر عثمان مليو آهي.

    ڪر خوف ته اي ”جوهر“ حق ڳالهه ٻڌائڻ کان،
    رزاق خدا باري رحمان مليو آهي.


    محمد مصطفيٰ آيو، بتن جا ڪنڌ ڪٽجي ويا،

    محمد مصطفيٰ آيو، بتن جا ڪنڌ ڪٽجي ويا،
    ڪفر ۽ شرڪ، بدعت جا وڏا درياهه لٽجي ويا.

    مڪي ۾ مصطفيٰ ڄائو، بتن ۾ زلزلو آيو،.
    ڊٿا ڪسريٰ جا ڪنگرا، ڪوٽ جا بنياد پٽجي ويا.

    جڏهن محبوبن عربي پير پاتا پاڻ ڌرتي تي،
    هوا جا رخ بدلجي ويا، فضا جا رنگ مٽجي ويا.

    حرا کان نسخئه قرآن آندو مير امت ڏي،
    قريشي قوم جا ڪافر ڪٽا سردار سٽجي ويا.

    ابوبڪر ۽ عمر، عثمان، حيدر کي بشارت ڏي،
    چئن يارن جا دشمن اڳ ڦٽيا، هاڻي به ڦٽجي ويا.

    محمد رحمة للعالمين جڏ جوش ۾ آيو،
    احد ۽ بدر ۾ بي شڪ وڏا خناس ڪٽجي ويا.

    اسان ”جوهر بروهي“ بس غلام مصطفيٰ آهيون،
    اسان جي دشمنن جي جان جلندي، ساهه گهٽجي ويا.
    ƒ


    چانڊوڪي جا سڀئي نظارا صدقي صدقي مدني تان،

    چانڊوڪي جا سڀئي نظارا صدقي صدقي مدني تان،
    سچ۽ چنڊ يا اڀ جا تارا صدقي صدقي مدني تان.

    ”اقراء“ واري آيت آئي، ساري جڳ ۾ ٿي سرهائي،
    چيٽ، ڪتيون ۽ سرءُ سيارا صدقي صدقي مدني تان.

    جذبا جرڪي جاڳيا وهوا، اڀرا پڻ ٿيا ڀاڳيا وهوا،
    هوش، جنون جا ڪيئي اشارا صدقي صدقي مدني تان.

    روشن ٿي پيا آس جا ڏيئا، نيٺ ٻريا احساس جا ڏيئا،
    شهر ۽ ڳوٺ، ٻنيون يا ٻارا صدقي صدقي مدني تان.

    محنت ڪش مزدور يا هاري، ٻار ٻڍا ۽ مرد يا ناري،
    ماڻهو شاهنشاهي وارا صدقي صدقي مدني تان.

    عالم يا استاد خطابي، مرشد، ڪامل ۽ اصحابي،
    پنهنجي وقت جا جيءَ جيارا، صدقي صدقي مدني تان.

    جڳ جي جوڙ، وجود ٿو سونهي، دم دم پاڪ درود ٿو سونهي،
    سنڌو، جمنا، نيل ڪنارا، صدقي صدقي مدني تان.

    جيڏو مٺو آ نالو ان جو، شان به آهه نرالو ان جو،
    کوڙ ” بروهي جوهر“ پارا، صدقي صدقي مدني تان.
    ƒ


    مختصر مدت ۾ جڳ کي روشني بخشي ڏني،

    مختصر مدت ۾ جڳ کي روشني بخشي ڏني،
    ۽ مثل روحن کي ابدي زندگي بخشي ڏني.

    سونهن جي ساگر ڪپر ٿي فيض به ٿيو فيضياب،
    پنهنجي گدلن کي، امرتا جي گهڙي بخشي ڏني.

    پيار جا پيرا چمي، ڀاڳن ڀريو ٿيو جبرئيل،
    پيار پياسن کي محبت جي ڳلي بخشي ڏني.

    مرڪ جون باکون ڦٽايون نفرتن جي ڏيهه ۾،
    هوڏ ۾ ڦاٿل دلين کي ڀائپي بخشي ڏني.

    والضحيٰ، ياسين، طٰہٰ ۽ امام الانبياء،
    هر صدي کي سوکڙي قرآن بخشي ڏني.

    ان جي صدقي رنگ گهرا جڳ جي جيون کي مليا،
    دل جي صحرا کي سڄڻ سنڌوندي بخشي ڏني.

    پاڻ ڇا؟ پر سونهن جي اقرار جو نالو مٺو،
    جنهن بروهڻ جي ٻچي کي شاعري بخشي ڏني.

    پنهنجي ليکي سج، ڌرتي، چنڊ، ”جوهر“ گهور ٿيا،
    محب کي الله اهڙي دلبري بخشي ڏني.
    ƒ


    ڌرتي آ شرف پاتو، عالي مقام آيو،

    ڌرتي آ شرف پاتو، عالي مقام آيو،
    تارن ٿي نعت ڳائي، خير الانام آيو.

    انسانيت کي حاصل آهي وقار ايڏو،
    جبرئيل پاڻ پڙهندو سو سو سلام آيو.

    بت ڀور ٿيا، شرافت پاتي نئين حياتي،
    قربان ڏيهه سارو هڪ نيڪنام آيو.

    ”اقراء“ جي روشنائي هن پاڻ ساڻ آندي،
    جيئن پاڻ آهي سهڻو، سهڻو ڪلام آيو.

    ڏهڪاري ڏاڍ وارو پرزا ٿيو سرشتو،
    لک لک مبارڪون جو هي فيض عام آيو.

    ”جوهر بروهي“ گهوريو محبوب مصطفيٰ تان،
    جو ڪائنات جي لئه بڻجي امام آيو.
    ƒ


    عنايت جو ڇپر آهي محمد مصطفيٰ عربي،

    عنايت جو ڇپر آهي محمد مصطفيٰ عربي،
    ۽ قربن جو ڪڪر آهي محمد مصطفيٰ عربي.

    انهي جي صدقي رحمت جي ٿئي پالوٽ ڌرتي تي،
    شفاعت جو اکر آهي محمد مصطفيٰ عربي.

    اٻوجهن کي رهي ٿو آسرو ان پاڪ هستي تي،
    سهارو ۽ ثمر آهي محمد مصطفيٰ عربي.

    اويلي مهل ۾ يا ڪنهن به اوکي پنڌ تي، ساٿي!
    ڊڄان ڏاڍو، مگر آهي محمد مصطفيٰ عربي.

    اسان پارن نڌڻڪن، بيوسيلن جي زبانن تي،
    پڪي پختي پچر آهي، محمد مصطفيٰ عربي.

    سهائو سج جو شرمائبو ۽ چنڊ ڇيتيون ٿيو،
    اها نوري نظر آهي، محمد مصطفيٰ عربي.

    غمن ۽ گوندرن ۾ جڪڙيل ”جوهر بروهي“ آ،
    اجهو شافع حشر آهي، محمد مصطفيٰ عربي.
    ƒ


    نبي مڪرم، مٺو معظم، رسول اڪرم حبيب سائين،

    نبي مڪرم، مٺو معظم، رسول اڪرم حبيب سائين،
    هي ماهه انور، سخا جو سرور ٿيو اسان کي نصيب سائين.

    جتي نه پهتا خليل، موسيٰ ۽ شيث، آدم ۽ نوح، عيسيٰ،
    اتي خدا جي عنايتن سان ڪيو سفر هي عجيب سائين.

    حشر جي ميدان منجهه هوندي، زبان ”نفسي“ نبي، ولي جي،
    اتي ڪِنن، ڪوجهڙن جي هوندو قريب تر کان قريب سائين.

    هي ٽيهه سيپارا شان وارا هي ڪيميا ۽ شفا به آهي،
    جو دردمندن جي لاءِ بي شڪ هي نسخو آندو طبيب سائين.

    هٿن ۾”الحمد“ وارو جهنڊو شفاعتن جو نشان بڻجي،
    مقام محمود وٽ وڃي ۽ خطاب ڪندو خطيب سائين.

    ثمر نه ساٿي، عمل نه آهي سُجهي ٿي آڏو حشر جي سختي،
    آ جهول خالي ۽ آهه بلڪل ”بروهي جوهر“ غريب سائين.
    ƒ


    ٿي آهه نبوت پاڪ ختم محبوب مدني واري تي،

    ٿي آهه نبوت پاڪ ختم محبوب مدني واري تي،
    آ تاج رکيو الله اتم محبوب مديني واري تي.

    جو پاڻ کي هاڻ سڏائي نبي سو ڪافر ۽ دجال به آ،
    گستاخ ڪيو آ ڪيڏو ستم محبوب مديني واري تي.

    الله تعاليٰ نازل ڪيو، اقراء کان وٺي قرآن سڄو،
    يٰس ۽ طٰہ ، نون قلم محبوب مديني واري تي.

    انسان پڙهن ۽ جن پڙهن، جبرئيل ملائڪ عام پڙهن،
    صلوات سڳوري دم دم دم محبوب مديني واري تي.

    آڱر جي اشاري چنڊ ٽٽو۽ ڪفر جو سارو منڊ ٽٽو،
    الله ڪيو آ خاص ڪرم محبوب مديني واري تي.

    سا ذات اتم جنهن دم ۾ ڪيو معراج فلڪ ۽ عرض مٿي،
    ويساهه رکي ٿو عرب عجم، محبوب مديني واري تي.

    هڪ ڇاهي؟ ”بروهي جوهر“ هي! هر روز اگر قربان ٿئي،
    قربان هزار، ڪروڙ، پدم محبوب مديني واري تي.
    ƒ


    هي ملت آ،هر ملت لئه ڪا سونهن به آ سينگار به آ،

    هي ملت آ،هر ملت لئه ڪا سونهن به آ سينگار به آ،
    قرآن ڪلام الله به آ، دارون ۽ دوا، جهونگار به آ.

    جو آهه مديني جو سائين، صلوات پڙهون ان سهڻي تي،
    محبوب محمد پاڪ نبي، محبوب به آ، دلداار به آ.

    هي در به نرالو در آهي، هن در تي جهڪن ٿا شاهه گدا،
    صديق سان گڏ فاروق به آ، عثمان سان گڏ ڪرار به آ.

    ٿيو چنڊ اساري سان ٽڪر، جو ڏيهه ڏٺو ۽ جڳ وارو،
    اعجاز مسيحا ڇا چئجي! مخفي به رهيو، نروار به آ.

    سا راهه چمان، سو پار پسان! جا جُوءِ سڄڻ جي سڏجي ٿي،
    سمجهو ته مدينو، دنيا ۾ هڪ جنت آ، گلزار به آ.

    قرآن پڙهو! صلوات پڙهو! الله کي هر دم ياد ڪيو،
    الله جي وحدت ساڻ رچيل، ايمان به آ، اقرار به آ.

    رهه! شال ”بروهي جوهر“ تون! محٻوب جي عشق محبت ۾،
    هي ريت پريت، رواج ڀلو، دستور به آ، وهنوار به آ.
    ƒ


    رنگ اهڙا رتا رات اهڙي رڱي،

    رنگ اهڙا رتا رات اهڙي رڱي،
    ڄڻ ته دنيا فقط پيار جي لئه آ بڻي.

    قرب اهڙا ٿيا، گيت اهڙا ٽڙِيا،
    ڄڻ ته قدرت جي وارن کي آئي ڦڻي.

    موج اهڙي متي، روح اهڙو ٺريو،
    ڄن ته آئي صبا ڪي نياپا کڻي.

    سهڻا اهڙا هجن! سونهن اهڙي هجي،
    جن تي صلوات پڙهندو هجي خود ڌڻي.

    مست ڌرتي ٿئي ڇو نه اي دوستو!
    اڄ مديني ۾ گل موتيا پيا ڇڻي.

    مصطفيٰ جهڙو محبوب ڪنهن کي ملي،
    جنهن جي ”جوهر“ تي آهي نوازش گهڻي.
    ƒ


    محمد جي نزاڪت به بهارن کان هلي پڇجي،

    محمد جي نزاڪت به بهارن کان هلي پڇجي،
    جمال مصطفيٰ سچ چنڊ تارن کان هلي پڇجي،

    خبر توکي پوي ڪهڙي ته شان مصطفيٰ ڇاهي،
    نگاههِ احمدي اڄ چئن يارن کان هلي پڇجي،

    وفا جي ڏات مدني کي ملي دنيا ۽ محشر ۾،
    ”الم“ ياسين جي اشارن کان هلي پڇجي،

    محمد مهر پنهنجي ساڻ موهيا ڪيترا ماڻهو،
    يتيمن ، بيوسن ۽ بي سهارن کان هلي پڇجي،

    ٿيو معراج مدني جو الاهي جوت جلون سان،
    انهن لمحن جي لذت عشق وارن کان هلي پڇجي،

    نبوت جي امانتدار جي عظمت کي پرکڻ لاءِ،
    بدر ۽ احد، خندق جي نظارن کان هلي پڇجي،

    ثناءِ مصطفيٰ ڪهڙي ڪندين ”جوهر بروهي“ تون،
    محمد جي صفت بس عرش وارن کان هلي پڇجي،
    ƒ


    چانڊوڪي جا کوڙ حوالا گهور ٿيا،

    چانڊوڪي جا کوڙ حوالا گهور ٿيا،
    ارڏا، ڏاها، اوچا نالا گهور ٿيا.

    واهه! پرين جي پِڪ مبارڪ آب حيات،
    ڪوثر، زم زم پاڪ پيالا گهور ٿيا.

    پيشاني ۾، سونهن سهائو، باک ڦٽي،
    اوندهه مهل جا نور اجالا گهور ٿيا.

    ڪاري ڪڪر کي رنگ مليو آ، زلفن مان،
    وسڪارا، آگم ۽ جهڙالا گهور ٿيا.

    پاڪ پگهر ۾ هٻڪارون ئي هٻڪارون،
    بوءِ کٿوري، عطر، مصالا گهور ٿيا.

    صورت سهڻي سيرت، دليون موهي ڇڏيون،
    بدر، احد ۾ مڙس نرالا گهور ٿيا.

    ها ته ”بروهي جوهر“ ڇا ڇا نعت لکي،
    جنهن نالي تي گيت جمالا گهور ٿيا.
    ƒ


    هڪ ڏينهن روضئه اطهر تي ڪي درود پڙهيا، ڪي سلام پڙهيا،

    هڪ ڏينهن روضئه اطهر تي ڪي درود پڙهيا، ڪي سلام پڙهيا،
    هڪ پاسي ملائڪ بيٺا هئا، ٻئي پاسي درود عوام پڙهيا.

    ٿي ختم نبوت مدني تي،
    آ تاج رسالت مدني تي.
    ”الصبح بَدامِن طلعتہ“ مون گيت، غزل ۽ ڪلام پڙهيا.

    آ رحمت وارو وجود سندس،
    ماکي کان مٺو آ درود سندس.
    ۽ مون به رسالت، چاهت جا آغاز پڙهيا، انجام پڙهيا.

    پل پل ۾ پئي خوشبو ٿي وسي،
    ۽ رحمت لک راهون ٿي پسي.
    قرآن مثل انجيل ڪٿي؟ هن لوڪ صحيفا جام پڙهيا.

    تخليق سنواري ويئي آ،
    اونداهه اجاري ويئي آ.
    يٰس، مزمل ۽ طٰہ، دل لفظ صبح و شام پڙهيا.

    هن درس ڏنو آ حڪمت جو،
    هو شارع آهه شريعت جو.
    قرآن، حديث جي سنگم تي، فرمان پڙهيا، احڪام پڙهيا.

    اڄ ياد جا ڏيئا ٻاريا هن،
    ڪي جوهر جذبا ٺاريا هن
    هن حب، عقيدت جي بدران، جي ملندا، سي انعام پڙهيا.
    ƒ


    جنهن تي آهي ختم نبوت سوئي سونهن جو سائين،

    جنهن تي آهي ختم نبوت سوئي سونهن جو سائين،
    لوڪ لبن تي جاري هوندو ڪلمو قيامت تائين،
    مدني مصطفيٰ

    جاٿي ڪاٿي رنگ رچي ويا روحن راحت پاتي،
    ”انا اعطينٰڪ الڪوثر“ دلبر سان دل لائين.
    مدني مصطفيٰ

    آدم، ابراهيم ۽ يحيٰ، موسيٰ، عيسيٰ سڀئي،
    فرمائن پيا ”ياتي بعدي اسمہ احمد“ سائين.
    مدني مصطفيٰ

    آهه ”الم نشرح لڪ صدرڪ“ شان وفا جو سارو،
    ”صلي الله عليہ وسلم“ ڳائي لوڪ سدائين.
    مدني مصطفيٰ

    ”انا فتحنا لڪ فتحا“ سان فاتح جڳ ۾ آيو،
    شافع محشر ساٿ جي ڏيندو خوف ڀلا ڇو ڀائين؟
    مدني مصطفيٰ

    شهر فريد آباد ۾ ”جوهر“ حمد ۽ نعت لکي ٿو،
    مومن! مجلس مجلس، پل پل نالو هي ورجائين.
    مدني مصطفيٰ
    ƒ


    مدني، عربي، مير منور،

    مدني، عربي، مير منور،
    ”انا اعطينٰڪ الڪوثر“.

    ”ورفعانا لڪ ذڪرڪ“ سائين،
    گهور ٻڍا ۽ ٻالڪ ، سائين،
    ڇا هي ڪسرا ڇا هي قيصر؟
    انا اعطينٰڪ الڪوثر
    ”انا فتحنا لڪ“ جي وائي،
    تنهنجي شريعت حق جي وائي،
    حامد، احمد، شافع محشر،
    انا اعطينٰڪ الڪوثر.
    جڳ جي لئه تو رحمت آندي،
    فيض ، فضيلت، فرحت آندي،
    روز ڇلي تو مهر جو ساگر،
    انا اعطينٰڪ الڪوثر
    آهي ختم نبوت تولئه،
    گهور صحابه جو سٿ تولئه،
    احد، حنين، بدر ۽ خيبر،
    انا اعطينٰڪ الڪوثر.
    ڪوثر ويلي پياس نه هوندي،
    ڪائي نگاهه نراس نه هوندي،
    در جو فقير”بروهي جوهر“،
    انا اعطينٰڪ الڪوثر
    ƒ


    ٿي ختم نبوت مدني تي، هي عقيدو آ، اقرار به آ،

    ٿي ختم نبوت مدني تي، هي عقيدو آ، اقرار به آ،
    هڪ رات اٿي معراج هليو، ٿيو شان سندس نروار به آ.

    تعريف رچيل قرآن اندر، آ ورد سندس ايمان اندر،
    ٿيو فتح مبين بيان اندر، هو جڳ ۾ اتم آ شان اندر،
    هو مسيح، ڪليم، حليم به آ ۽ امام به آ، سردار به آ.

    ڇا قرب ڀريو انداز مليو ۽ حسن سان گڏ اعجاز مليو،
    هن جڳ کي الاهي ناز مليو، مظلوم کي اڄ آواز مليو،
    هو يتيم، يتيم نواز به آ، هو آٿت آ، آڌار به آ.

    هو صاحب فيض فضيلت جو سرواڻ سموري شريعت جو،
    هو رهبر راهه طريقت جو، هو ڄاڻو رمز حقيقت جو،
    آ نالو ”محمد“ واهه مٺو، جو جوڙ جڙيو جنسار به آ.

    ابوبڪر، عمر ٿيا يار سندس، عثمان ، علي حبدار سندس،
    مٺو پاڻ هيو، مٺا پار سندس، لکيا ”جوهر“ اشعار سندس،
    جڳ لاءِ وفا جو وجود به آ، محبوب به آ، دلدار به آ.
    ƒ


    مٺي مصطفيٰ تي صلواتون سلام،

    مٺي مصطفيٰ تي صلواتون سلام،
    پڙهن ڪائناتون پيون صبح شام.

    محمد رسول خدا آخري،
    سندس نالي ڳايون پيا شاعري،
    امام رسل آهه خير الانام.

    ستارا صحابي، قمر مصطفيٰ،
    ته کوليندو جنت جو در مصطفيٰ،
    ۽ امت کي رحمت ملي عام جام.

    سڄڻ والضحيٰ، طہ ، ياسين آ،
    ته ان جهڙو سڄو سندس دين آ،
    خدا پاڻ فرمايو، عالي مقام.

    اها رات اسريٰ ۽ معراج جي،
    لڌي سار سيد سڄي راڄ جي،
    مڪمل ٿيو آ وفا جو نظام.

    اي ”جوهر بروهي“ هي ايمان آ،
    ته مدني تان سر ساهه قربان آ،
    سو سهڻن کان سهڻو۽ ڄامن جو ڄام.
    ƒ


    مان مصطفيٰ جي در جو ادنيٰ غلام آهيان،

    مان مصطفيٰ جي در جو ادنيٰ غلام آهيان،
    هر صبح، شام ويلي پڙهندو سلام آهيان.

    گل گل سرور پاتو، چانڊوڪي نور پاتو،
    مدني ظهور پاتو، هر دل حضور پاتو،
    جڳ جرڪي جوت لاتي، مان شادڪام آهيان.

    توحيد واري وائي، اوندهه ۾ روشنائي،
    قربان ٿي خدائي، رحمت رُڃن تي آئي،
    رنگين رُت سان مان پڻ ٿيو همڪلام آهيان.

    ”اقراء باسم ربڪ“ احمد، حڪيم ، حاذق
    قرآن آهه برحق، سرور سچو ۽ صادق،
    هو منهنجي سر جو سائين مان انجي سام آهيان.

    باکن ۾ لاٽ آهي، پرزا ٿي ٻاٽ آهي،
    رحمت جي ڇاٽ آهي، سچي هي واٽ آهي،
    ڪلمو پڙهيم ته مان به ٿيو نيڪنام آهيان.

    ترتيب سونهن واري، وک وک تي ٿي بهاري،
    مدني اچي اجاري، ٿي ختم رات ڪاري،
    ان جي ڪري اي ”جوهر“ خوش عام جام آهيان.
    ƒ


    اقرء بسم وٺ قرآن،

    اقرء بسم وٺ قرآن،
    ختم نبوت تنهنجو شان.

    اقصيٰ منجهه امامت تنهنجي،
    ڀاڳن واري امت تنهنجي،
    وهوا رحمت ڪئي سبحان.

    گل ۾ ڪهڙي نزاڪت آ،
    تنهنجو وجود ته رحمت آ،
    تو وٽ حڪمت جو فرقان.

    تو وٽ آ دستور ازل جو،
    ڪلمي۽ ايمان جي گل جو،
    شاهه به تنهنجي در دربان.

    اُمي آهين! عالم آهين،
    رب جي عطا جو قاسم آهين،
    پاڻ رحيم ته رب رحمان.

    هڪڙو ننڍڙو نوڪر تنهنجو،
    آهه ”بروهي جوهر“ تنهنجو،
    ان جو توتي آ ايمان.
    ƒ


    تنهنجي صدقي ٿي بهاري جا بجا،

    تنهنجي صدقي ٿي بهاري جا بجا،
    مصطفيٰ صل عليٰ صل عليٰ.

    ذڪر تنهنجو آسمانن کان مٿي،
    شان تنهنجو ٿيو گمانن کان مٿي،
    رب طرفان شان ڪوثر ٿيو عطا.

    رات هڪ معراج پورو تو ڪيو،
    ۽ رسالت تاج پورو تو ڪيو،
    سڀ فرشتا ٿا چون صد مرحبا.
    ڪفر پرزا ٿيو، ملي فتح مبين،
    شاهه دنيا! شاهه عقبيٰ شاهه دين،
    ڪاف، ها، يا ، عين، صاد ۽ والضحيٰ.

    چنڊ ٽڪرا هڪ اشاري سان ٿيو،
    زلزلو پڻ قصر ڪسريٰ ۾ پيو،
    ذات تنهنجي آ نرالي مصطفيٰ.

    اڄ گنهگارن جي گهر پڻ عيد ٿي،
    تنهنجي صدقي عام هت توحيد ٿي
    آهي ”جوهر“ تو پناري دلربا.
    ƒ


    وهوا ٿي وهوا ڪجي سدا،

    وهوا ٿي وهوا ڪجي سدا،
    پيدا ٿيو محبوب خدا،
    نانءَ سان روشن ٿي،
    آيو جڳ ۾ ماهه لقا.

    جاتي مدني پير ڀريندو عرش ۽ فرش تي خير ئي چئبو،
    تو نه سڃاتو عربي سائين هي ته نظر جو ڦيرئي چئبو.
    جنهن جي صفت آ صل عليٰ.

    نينهن لڳا، محمد سان پوءِ مشڪل گوندر وقت نه ٿيندي،
    مرڪي مرڪي ملندو مدني ڳڻتي محشر وقت نه ٿيندي.
    هت هت ان جي واهه وفا.

    پنهنجن سان سڀ پيار ڪندا، غيرن سان ڪو پيار ڪري،
    بنڊ سڪل کي سڪ ۾ سائو يثرب جي سرڪار ڪري،
    چنڊ اشاري ساڻ جدا.

    موسيٰ جو معراج ٿيو هو، وادي سينا طور مٿي،
    عرش خدا کان، مدني جي معراج جو مذڪور مٿي،
    عرش به ان جا پير چميا.

    روز سلام صلواتون پڙهجن، مير محمد دلبر تي،
    ان جا لک لک ٿورا آهن، يار ”بروهي جوهر“ تي،
    ان جي نالي منجهه شفا.
    ƒ


    منهنجي حبيب جهڙو دلدار ٻيو نه ٿيندو،

    منهنجي حبيب جهڙو دلدار ٻيو نه ٿيندو،
    مخلوق منجهه اهڙو منٺار ٻيو نه ٿيندو.

    يس والضحيٰ ۽ ياايهاالمزمل
    ان جي صفت ثنا ۾ قرآن آ مڪمل،
    هي سان وارو پڳدار ٻيو نه ٿيندو.

    صاحب فضيلتن جو اجمل عجيب عربي،
    آٿت اسانجي دل جو بيشڪ حبيب عربي،
    ڪوجهن سان قرب ڪندڙ سردار ٻيو نه ٿيندو.

    رخ پاڪ جي زيارت گل مهڪيا چمن ۾،
    ڪلمو پڙهيو ويو آ، هر ملڪ هر وطن ۾،
    عالم سندو اجهو ۽ آڌار ٻيو نه ٿيندو.

    ٿي ختم آ نبوت محبوب مصطفيٰ تي،
    صدقي ”بروهي جوهر“ دنيا آ دلربا تي،
    ان وانگيان اسان جو غمخوار ٻيو نه ٿيندو.
    ƒ


    آيو محمد مصطفيٰ جيڪو شفيع المذنبين، سو رحمة للعالمين،

    آيو محمد مصطفيٰ جيڪو شفيع المذنبين، سو رحمة للعالمين،
    سهڻي سندس درٻار ۾ ايندو هيو روح الامين،سو رحمة للعالمين،

    خير البشر، شمس الضحيٰ،خير الوريٰ، شاهه عرب، سو هاشمي، امي لقب
    ڪوثر جو ساقي دلربا، طاهر صفت، عالي نسب، يعني نبي لا ڪذب
    جنهن جي ڪري جوڙيا ويا ست آسمان روءِ زمين، سو رحمة للعالمين،

    تعريف ان جي رب ڪئي توريت ۾ قرآن ۾، گلزار، گل چوگان ۾،
    مهڪي اٿيو سو گل اجهو اڄ وادي فاران ۾، ٻڌجي پيو آذان ۾
    منهنجو محمد واهه واهه! شاهه رسل، سلطان دين، سو رحمة للعالمين،

    اعجاز سرور جو عجب، ثابت ٿيو شق القمر، رحمت ڀريو قربن ڪڪر،
    نالو مٺو وٺجي، ٺري دل لوڪ جي شام و سحر، وهوا محبت جي نظر،
    آهي امام الانبياء، منزل سندس افضل ترين، سو رحمة للعالمين،

    تعريف ان جي ڇا ڪري ” جوهر بروهي“ جو قلم، ان تي نبوت آ ختم،
    لولاڪ واري مصطفيٰ جا امتي خير الامم، ڪاٿي عرب ڪاٿي عجم،
    محمود، احمد، مجتبيٰ، طٰہٰ، امام المرسلين، سو رحمة للعالمين،
    ƒ


    مُک مُرڪيا

    سک سونهن سويرا لاتا،

    سک سونهن سويرا لاتا،
    ۽ رحمت ڦيرا پاتا.
    جو آيو مير مديني.
    ٿيا قرب قرار الاهي،
    آيو هيڻن جي لئه واهي،
    سوين نيڻ نهار لئه آتا، جو آيو مير مديني.
    ڀلا ڀونءِ جا بخت ڀلارا،
    مک مرڪيا کوڙ ستارا،
    ڪيئي گيت فضائن ڳاتا، جو آيو مير مديني.

    پئي ويرانن ۾ بهاري،
    وئي بخشيجي امت ساري،
    کليا مهر ڪرم جا کاتا، جو آيو مير مديني.

    ٿيون وک وک تي هٻڪارون، اُٺيون جڳ تي ماکي لارون،
    ۽ سڌريا ٻول به ٻاتا، جو آيو مير مديني.

    ملي ختم نبوت وائي،
    رب آس اگهن جي اگهائي،
    ٽٽا ڪفر جا ڪوٽ ۽ حاطا، جو آيو مير مديني.

    ٿيا کوڙ نظارا نوري،
    ۽ وحدت وائي پوري،
    ٽٽا عزيٰ لات مناتا، جو آيو مير مديني.

    ملي ”جوهر“ جڳ کي بشارت،
    قرآن جي هر هڪ آيت،
    الله اسان جو داتا، جو آيو مير مديني.


    هو مرڪي صبح ٿو روشن ٿئي،

    هو مرڪي صبح ٿو روشن ٿئي،
    ۽ ڳالهائي جڳ گلشن ٿئي.

    آس خليل جي فخر آدم،
    صليٰ الله عليہ وسلم.
    هن جو نالو مصري ماکي،
    سونهن ، سڳنڌ ۽ سچ جو ساکي،
    سائين ڪوثر پاڪ جو ساقي.
    ڪفر ۽ ڪوڙ به درهم برهم.
    صليٰ الله عليہ وسلم.

    ساڃهه، سُرت، شعور مليو آ،
    دنيا کي دستور مليو آ،
    باطل کي ڏک سور مليو آ.
    ختم نبوت زنده دم دم،
    صليٰ الله عليہ وسلم.
    ساعت ۾ معراج ٿيو آ،
    رحمت ڀريو ڪاڄ ٿيو آ
    ختم نبوت تاج ٿيو آ.
    پير پڻيءَ تا گهوريو عالم،
    صليٰ الله عليہ وسلم.

    روحن کي اتساهه ڏنو ويو،
    قربن کي ويساهه ڏنو ويو،
    پاڪ ڪلام الله ڏنو ويو.
    لات، منات ۾ برپا ماتم،
    صليٰ الله عليہ وسلم.

    شاهد ۽ مشهود به مدني،
    حامد ۽ محمود به مدني،
    اسعد ۽ مسعود به مدني.
    بي شڪ بر حق هادي اعظم،
    صليٰ الله عليہ وسلم.

    جاني آهي جڳ جو دلبر،
    صدقي ذات ”بروهي“ هر هر،
    آهي قطار ۾ پڻ هي ”جوهر“.
    وهوا رسول ڪريم ۽ اڪرم،
    صليٰ الله عليہ وسلم.
    ƒ


    چنڊ، چانڊوڪي

    محمد مصطفيٰ مدني هتي سردار ٿي آيو،
    سوا لک انبيائن جو سڄڻ سالار ٿي آيو،
    يتيمن جو اجهو بيواهه جو غمخوار ٿي آيو،
    الاهي شان سان، سائين اڙين آڌار ٿي آيو.
    وسائي چنڊ ڄانڊوڪي جتي مدني قدم پاتو،
    سندس آئي الاهي مانُ ڪاغذ ۽ قلم پاتو.

    مليو ڪمزور ماڻهن کي سنيهو ڏات قوت جو،
    مليو انسان کي ڪافي سليقو سونهن عزت جو،
    وري ڌرتي تي ورجايو ويو آ درس فطرت جو،
    جتي هو راڄ نفرت جو، اتي دستور الفت جو.
    هيا وحشي، محمد جي ڪري انسان سڏجن ٿا،
    ازل جا بيوفا، بي شڪ وفا جو شان سڏجن ٿا.

    نه عورت جي هئي عزت، نه سنگت ۾ وفاداري،
    هيو انسانيت جي روح تي ڪو زخم ڪاپاري،
    هيو هر شهر غنڊن، ظالمن جي لاءِ پاٿاري،
    ڪميڻن کي ملن پيا هر قدم تي کوڙ ساٿاري.
    انهي ويلي ڇپر ڇٽ ۽ ڀلائي ڀال ٿي آيو،
    ته رحمت جو ڪڪر بس” آمنه جو لال“ ٿي آيو.
    نوازش ٿي نماڻن تي نڌڻڪن لئه ڇپر بڻيو،
    بيابانن ۾ رونق ٿي ڪو رحمت جو ڪڪر بڻيو،
    اجهو برڪت ڀريوجڳ منجهه هر شام و سحر بڻيو،
    ۽ هيڻن لاءِ هي ” نالو مٺو“ سڃ ۾ ثمر بڻيو.
    قدم چمندي وري ڌرتي سوين مولود ٿي ڳايا،
    محمد جي ثنا جا گيت هر مسعود ٿي ڳايا.

    علم فتح مبين ان جو ۽ ”طٰہٰ“ آ لقب ان جو،
    شرافت جي شهنشاهي ۾ اعليٰ تر نسب ان جو،
    بلاشڪ سنڌ ان جي آ،عجم ان جو،عرب ان جو،
    خدا جو سنهن خدا ڪندو رهيو آهي ادب ان جو.
    خليل الله جي آهي دعائن جو اثر مدني،
    چمي جبريل سا مٽي، جتان ڪندو گذر مدني.

    اهو سرواڻ اول جو، اهو سردار آخر جو،
    مليو اعزاز ان کي رب پاران حوض ڪوثر جو،
    هليو سو شان سان معراج تي محبوب داور جو،
    محمد مير ۾ آ، آسرو بدڪار ”جوهر“ جو.
    گنهگارو! رکو اميد اهڙي شان اطهر ۾،
    حشر ويلي ڪنن،ڪوجهن کي رکندو پنهنجي ڀاڪر ۾.
    ƒ


    رحمة للعالمين

    ڇَٽُ جهلايو زماني تي دلبر نبي،
    سو ”معظم“، ”مزمل“، ” منور“ نبي.

    جنهن جي تڪريم ” بلغ العليٰ“ ٿي وئي،
    رات هڪڙي ۾ بس انتها ٿي وئي،
    ”ميتريا“ جي ڪري هت شفا ٿي وئي،
    يعني آسان توبهه ادا ٿي وئي،
    ڇو ته ماڻي ويو شان ڪوثر نبي،
    سو معظم، مزمل، منور نبي.

    ”عربي“، ” اُمي“، ” مبشر“، ڀلارو نبي،
    سو آ ”ياسين“، جي سان وارو نبي،
    ”طٰہٰ“ ” حٰم“، ” طاهر“ سونهارو نبي،
    رحمتن ساڻ آندو سڌارو نبي،
    سو معظم، مزمل، منور نبي.

    سو ته ”قدوسين“ جو به سرواڻ آ،
    جهنڊو الحمد جو، اُن جو اهڃاڻ آ،
    ” فارقليط“ سچائي جو مهراڻ آ،
    امتون ڇا؟ نبين جو اڳواڻ آ،
    صدقي صدقي نبين جو سرور نبي،
    سو معظم، مزمل، منور نبي.
    چنڊ آهي عرب جڪي بيابان جو،
    شان آهي اجهو ” آل عمران“ جو،
    نڪتو سينا کان محمود فاران جو،
    شان بالا ٿيو عام انسان جو،
    آهي ” ولسوف يعطيڪ“ ”صفدر“ جو،
    سو معظم، مزمل، منور نبي.

    آهي شمس الضحيٰ، هاشمي مصطفيٰ،
    مجتبيٰ، مرتضيٰ، يعني بدر الدجيٰ،
    سو اما الرسل ، خاتم الانبياء،
    ۽ حجازي، مڪي، مير، خير الوريٰ،
    لاٿا دنيا تان ڏک، درد، گوندر، نبي،
    سو معظم، مزمل، منور نبي.

    خاتم، عادل، ۽ قريب، مجيب،
    حاڪم، ڪامل، صادق ۽ طبيب،
    دلربا، دل گهريو، هاشمي ۽ حبيب،
    شان ” نصر من الله فتح قريب“،
    سو آ سالار، دولهه، دلاور نبي،
    سو معظم، مزمل، منور نبي.

    آ مقدر سندس شان فتح مبين،
    پوري خطي ۾ سڏجي ٿو ” صادق امين“،
    آهي فرشي مگر عرش جو آ مڪين،
    سو شفاعت ڪندڙ” رحمة للعالمين“،
    ره رليل، رهگذر جو به رهبر نبي،
    سو معظم، مزمل، منور نبي.
    شان ”حمطايا“ اعليٰ ۽ عالي نسب،
    سو ته ” اليوم اڪملت“ جو آ سبب،
    اهڙي تخليق تي سونهن کاڌو عجب،
    مصطفيٰ لاءِ ملحوظ رکجي ادب،
    دردمندن جي لئه آهه واهر نبي،
    سو معظم، مزمل، منور نبي.

    ”شان قدسي“ نرالو سندس شان آ،
    يعني ” اوحيٰ اليہ“ جو اعلان آ،
    ڏات اقرء سندو ان جو قرآن آ،
    ان جي صدقي مسلمان، مسلمان آ،
    گونجندو ٿو رهي اسم اڪبر نبي،
    سو معظم، مزمل، منور نبي.

    رنگ اهڙا رتا رات رنگين ٿي،
    مصطفيٰ آيو جڳ لاءِ تسڪين ٿي،
    هاڻي ڪائي نڌڻڪي نه غمگين ٿي،
    آه! ”جوهر بروهي“ جي آمين ٿي،
    واهواه! واهرو ۽ ولهين پر نبي،
    سو معظم، مزمل، منور نبي.
    ƒ




    ميتريا، فارقليط، حمطايا :
    توريت، انجيل ۽ زبور ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جا نالا آهن


    بطحا ۾ نور

    الله سان ملائي الفت رسول جي،
    انسانيت به آهه اطاعت رسول جي.
    جهوليءَ ۾ چنڊ جُهليو،
    شاخن ۾ گل ٽڙن ٿا،
    حبشي بلال، بوذر،
    قرآن اڄ پڙهن ٿا.
    هيڏي جهان ۾ بس،
    احمد شفيع آهي،
    بيشڪ هي ڏيهه سارو،
    ان جو مطيع آهي.
    جڳ ۾ به ڳائجي ٿي همت رسول جي،
    انسانيت به آهه اطاعت رسول جي.
    پوءِ بدن تان گهوريان،
    عنبر عطر به هر هر،
    درگاهه مصطفيٰ کان،
    وڌ ڪونه آهه ٻيو در.

    نعت حبيب ڳايان!
    ايڏي مجال ڪاٿي!
    لائق حبيب عربي!
    مون وٽ خيال ڪاٿي!
    شعر و غزل کان اعليٰ سيرت رسول جي،
    انسانيت به آهه اطاعت رسول جي.
    موسيٰ صدا ڪئي هئي،
    سينا تي ” رب ارني“،
    آيو جواب، موسيٰ،
    هي اک ڏسي نه سگهندي.

    ليڪن حبيب عربي،
    سوار براق بڻجي،
    ”خوش آمديد“ جنهن جي،
    عرش عظيم تي ٿي.

    لوح و قلم کان زياده عزت رسول جي،
    انسانيت به آهه اطاعت رسول جي.
    نور سحر کان زياده،
    حسن جمال ان جو،
    قرآن ۾ چٽيل آ،
    شرف و ڪمال ان جو.

    سو مصطفيٰ محمد،
    لڄپال دوجهان آ،
    بدڪار ڪوجهڙن تي،
    هر حال مهربان آ.

    ڪيڏي عجيب آهي رحمت رسول جي،
    انسانيت به آهه اطاعت رسول جي.

    تارن ۾ نور ان جو،
    گل ۾ آ بوءِ ان جي،
    پرنور رحمتن کان،
    ڀرپور جُوءِ ان جي،

    معراج رات عرش به،
    ان جا قدم چميا ٿي،
    جبريل ساٿ ڏي ها،
    پر پَرَ سندس سڙيا ٿي.

    آ عقل کان زياده حيثيت رسول جي،
    انسانيت به آهه اطاعت رسول جي.

    چوطرف ڪفر پنهنجا،
    ڪارا ڪڪر پکيڙيا،
    ڪعبي ۾ لات، عزيٰ،
    صدين کان بت سهيڙيا.

    بطحا ۾ نور بڻجي،
    جڏهين رسول آيو،
    چانڊاڻ چوطرف ٿي،
    رسمن به سر جهڪايو.

    هر ڪنهن مڃي ڇڏي آ، حشمت رسول جي،
    انسانيت به آهه اطاعت رسول جي.

    ڇا هٿ مسيح وارو،
    ڇا لٺ ڪليم واري،
    ڇا نوح جو سفينو،
    يونس جي رات ڪاري.

    هر مهل ۾ سهائو،
    محبوب ڪبريا جو،
    يارو! اڃان به ان کان،
    وڌ شان مصطفيٰ جو.

    غيرن تي مهرباني عادت رسول جي،
    انسانيت به آهه اطاعت رسول جي.

    بادِ صبا ۾ آهي،
    نالو به مصطفيٰ جو،
    گل کان وڌيڪ نازڪ،
    انداز دلربا جو.

    پنهنجا ته خير پر هت،
    دشمن به رڱجي ويا،
    درٻار ۾ جو پهتا،
    پيالا وفا جا پي ويا.

    هر ڪنهن جي لاءِ شفقت رسول جي،
    انسانيت به آهه اطاعت رسول جي.

    ڪيڏا ڪنا ۽ ڪوجها،
    يا عيبدار آهيون،
    امت جي فهرست ۾،
    ان وٽ شمار آهيون.

    بادِ صبا تون چئجان،
    سنڌ ۾ غلام تنهنجو،
    ”جوهر بروهي“ پڙهندو،
    آهي سلام تنهنجو.

    مرندي گهڙي هجي شل چاهت رسول جي،
    انسانيت به آهه اطاعت رسول جي.


    نور مالها

    اداس لمحن ۾ بڻجي آٿت!
    ڪمهلي ويلي ۾ نور بڻجي.
    هو آيو سنسار منجهه آخر!
    سڪار، ساڃهه، سرور بڻجي.
    ۽ قول هن جا وفا حوالا،
    وجود هن جو هو
    نور مالها
    هو مرڪي،
    باکون ٽڙي پون پيون!
    اچي ته ڪعبا جهڪي پون پيا!
    هلي، ڳنير ڳت سکي وٺن پيا.
    ڪڇي ته الفاظ وحي بڻجن،
    هو اُمي،
    عرفان هن جو اڻ کُٽ.
    ۽ شان هن جي سان؛
    ڪونه ٿيو مٽ!
    حرا مان نڪتو،
    قرآن آندو
    قرآن ان جو بيان آندو.
    نبوتن وارا سلسلا سڀ،
    ختم ٿيا،
    ان جي نالي، ”جوهر“!
    هو رحمتن جو پيام آيو،
    نبي به خير الانام آيو.
    ƒ


    هئا هيڪاندا حبيب سين

    عقيدو

    خدا آ نگهبان الحمد لله،
    رحيم آهه رحمان الحمد لله.

    ڏنگي ڏاچ آڏو جهڪان، ناهه ممڪن،
    قبر تي وڃي ڪجهه گهران، ناهه ممڪن،
    مڪمل آ ايمان الحمد لله.

    اسان جو پرين پيشوا مصطفيٰ آ،
    سندس مٺڙو نالو دوا، شفا آ،
    رسالت جو هي شان الحمد لله.

    محمد مٺي تي ختم ٿي نبوت،
    خدا جي اذن سان ڪندو هو شفاعت،
    آ جنت جو امڪان الحمد لله.

    محمد مٺي جي شريعت آ ڪافي،
    اسان لاءِ قرآن سنت آ ڪافي،
    سچو آهه عنوان الحمد لله.

    وڏي فيض وارا ۽ دلبر صحابي،
    ابوبڪر، فاروق، حيدر صحابي،
    مڃان مان ٿو عثمان الحمد لله.

    هي علماء حق جو سچو قافلو آ،
    اي ”جوهر بروهي“ مليو حوصلو آ،
    پڙهيم پاڪ قرآن الحمد لله.
    ƒ


    صديق جو آهي نانءُ مٺو، مان گهور ٿيان، جڳ گهور ٿئي،

    صديق جو آهي نانءُ مٺو، مان گهور ٿيان، جڳ گهور ٿئي،
    صحرا ۾ وفائن چنڊ ڏٺو، مان گهور ٿيان، جڳ گهور ٿئي،

    اثنين جوثاني غار اندر، صديق بڻيو اقرار اندر،
    ڪي ڏنگ هڻي، هڪ نانگ مُٺو، مان گهور ٿيان، جڳ گهور ٿئي،

    الله اسان گڏ آهي، ڪو حُزن نه آ، ڪو غم ناهي،
    هجرت ۾ محمد ساڻ ڪَٺو، مان گهور ٿيان، جڳ گهور ٿئي،

    هر دور ۾ سچو غازي هو، الله به ان تي راضي هو،
    گفتار عجب، ڪردار سٺو، مان گهور ٿيان، جڳ گهور ٿئي،

    هن امت منجهه امام ٿيو ۽ قائم نيڪ نظام ٿيو،
    هن شان جو پڙهه تون پاڪ چٺو،مان گهور ٿيان، جڳ گهور ٿئي،

    هي امت بي شڪ شان ڏسي، ابوبڪر رسي، مدني ٿو رسي
    مدني جي رٺو، الله رٺو، مان گهور ٿيان، جڳ گهور ٿئي،

    تو ورتو نالو دلبر جو، ٺريو روح ”بروهي جوهر“ جو،
    ڪو قرب ڀريو اڄ مينهن اُٺو، مان گهور ٿيان، جڳ گهور ٿئي،
    ƒ


    ڀلارو آ انسان صديق اڪبر،

    ڀلارو آ انسان صديق اڪبر،
    محمد تي قربان صديق اڪبر.

    سچائي جو ساٿي سفر ۽ حضر ۾،
    هيو ساهه صدقي وفا جي اثر ۾،
    پڙهيو خوب قرآن صديق اڪبر.

    سندس نيڪيون ٿيون ستارن کان زيادهه،
    هيو عشق پڻ عشق وارن کان زيادهه،
    محبت جو نيشان صديق اڪبر.

    نبي پاڪ جنت جي بخشي بشارت،
    انهي سان ٿي آباد ديني عمارت،
    وفائن جو سلطان صديق اڪبر.

    هيو پاڻ صهرو نبي پاڪ جن جو،
    وڏي فيض وارو اڇو اجرو من جو،
    ته ماڻيو آ رضوان صديق اڪبر.

    هو رهبر ۽ سرواڻ اسلامي سٿ جو،
    وڏي ڄاڻ وارو ڪشادو به هٿ جو،
    آ پهريون مسلمان صديق اڪبر.

    سندس شان ثابت ڪلام ، خدا ۾،
    لکيو شعر ”جوهر بروهي“ ثنا ۾،
    اسان لاءِ درمان صديق اڪبر.
    ƒ


    جي سونهن سٿ ۾ عمر عمر آ،

    جي سونهن سٿ ۾ عمر عمر آ،
    ابوبڪر به ابوبڪر آ.

    ٻئي نبي جا خليفا ارشد،
    ٻنهن جي تعريف آهه بي حد،
    اسان جي ايمان لاءِ سرحد،
    انهن جو گستاخ آهه مرتد.

    نبي جو هر هڪڙو همسفر آ
    ابوبڪر به ابوبڪر آ.
    سڏيا ويا هو شهيد غازي،
    هو حاجي، اصحابي ۽ نمازي،
    ۽ گهوري سر جن کٽي آ بازي،
    انهن تي الله آهه راضي.
    ٻنهن تي سچائي جو اثر آ،
    ابوبڪر به ابوبڪر آ.
    چمن جا تازا گلاب آهن،
    عقيدتن جا ڪتاب آهن،
    ڪمال ۾ لاجواب آهن،
    ڪمائي ويٺا ثواب آهن.
    نبي جي روضي ۾ ٿي قبر آ،
    ابوبڪر به ابوبڪر آ.
    پڙهيو وڃي ٿو سلام جن جو،
    ۽ ساٿ خير الانام جن جو،
    عرب، عجم ۾ عوام جن جو
    ٿيو آ قائم نظام جن جو.
    ۽ نالو روشن نگر نگر آ،
    ابوبڪر به ابوبڪر آ.
    لکيا ويا ڪي ڪروڙ ڪاڳر،
    ثنا نه ٿي آ اڃان برابر،
    ابوبڪر ۽ عمر اجاگر،
    لکي به ڇا ڇا ”بروهي جوهر“.
    ته گهور خندق ، احد ، بدر آ،
    ابوبڪر به ابوبڪر آ.
    ƒ


    وڏي سان وارو عدل جو حوالو،

    وڏي سان وارو عدل جو حوالو،
    آ فاروق اعظم سڀن ۾ نرالو.

    گهريو مصطفيٰ جنهن کي پنهنجي دعا سان،
    عمر دل لڳائي رکي مصطفيٰ سان،
    ٿيو ٻاٽ اوندهه ۾ روشن اجالو.

    ڪچهري ۾ آيو هو ايمان وارو،
    فضائن ۾ الله اڪبر جو نعرو،
    لڳو ڪفر وارن جي سيني ۾ ڀالو.

    ڪلامِ خدا جي آ تمهيد وهوا،
    عمر جي ڪئي رب تائيد وهوا،
    مسلمان کوليو هو ڪعبي جو تالو.

    نبي جو مريد آهه هي سارو عالم،
    مرادِ نبي آهه فاروق اعظم،
    ته حضرت عمر آ اکين ٺار نالو.

    آ ”جوهر بروهي“ اها شادڪامي،
    صحابن جي دم دم ڏجي پئي غلامي،
    احد، بدر اندر ڪٽيو جن ڪشالو.


    مٺي مدني جو همدم آ،

    مٺي مدني جو همدم آ،
    عمر فاروق اعظم آ.

    سندس ايمان آڻڻ سان،
    محمد کي سڃاڻڻ سان،
    ڪفر ۾ برپا ماتم آ.

    عمر حق جو به ساٿي آ،
    سندس قرآن ساکي آ،
    اڃاري مهل آگم آ.

    جتي فاروق هوندو آ،
    اتان شيطان ڀڄندو آ،
    سچو انسان هر دم آ.

    سدائين فڪر ۾ اوچو،
    خدا جي ذڪر ۾ اوچو،
    دلي دردن جو مرهم آ.

    قبولي دين جي دعوت،
    ملي اظهار جي قوت،
    ٽٽو هر ساز سرگم آ.

    ثنا ۾ ڄڻ اڌورا ٿيا،
    غزل ”جوهر بروهي“ جا،
    معزز آ مڪرم آ.
    ƒ


    وڏي شان رتبي جو انسان آ،

    وڏي شان رتبي جو انسان آ،
    سو عثمان، عثمان، عثمان آ.

    صحابن جي سٿ ۾ هيو قطب تارو،
    بلا شڪ هيو پاڻ ”نورين“ وارو،
    وفادار سچو مسلمان آ.

    عبادت ۾ پختو ۽ ڪامل حيا ۾،
    جڳن منجهه مشهور جود و سخا ۾،
    فرشتن کان زياده سندس شان آ.

    انڌيرن جي آڏو ڪا روشن بتي هئي،
    نبي پاڪ ان لاءِ بيعت وتي هئي،
    مڃيوسين، امام شهيدان آ.

    شرافت ڀرئي جي طبيعت نرالي،
    سندس در تان سوالي وريو ڪونه خالي،
    خدا ان جو حامي نگهبان آ.

    سندس مرڪ تان گهور آ باک ويلو،
    ۽ محشر ۾ هوندو محمد سان ميلو،
    خدا پاڪ ان تي مهربان آ.

    صحابن جي سيرت دل آ موهي،
    ثنا خوان آهيان اي ”جوهر بروهي“،
    اهو منهنجو مقصد ۽ ايمان آ.
    ƒ


    اسان جو دلربا آهي،

    اسان جو دلربا آهي،
    علي المرتضيٰ آهي.

    بلا شڪ حق جو نعرو،
    سندس ٿيو سوٽ ۽ صهرو،
    محمد مصطفيٰ آهي.

    هيو قرآن جو ڄاڻو،
    وفا جي شان جو ڄاڻو،
    ته عزت جابجا آهي.
    احد ۾ ۽ بدر ۾ هو،
    محمد جي اثر ۾ هو،
    ٿيو راضي خدا آهي.

    شهادت تاج پاتو هُن،
    رضا کي خوب ڄاتو هُن،
    خدا لئه سر فِدا آهي.
    سچائي جو هو طالب هو،
    ۽ اسد الله غالب هو،
    ڪيو هن حق ادا آهي.

    ٿو سونهي چنڊ تارن سان،
    محبت چئن يارن سان،
    اي ”جوهر“ ڪيميا آهي.
    ƒ


    خلفاءِ راشدين

    دلدار دلبر صديق اڪبر،
    صديق اڪبر، صديق اڪبر.

    ماڻهو نرالو، حق جو حوالو،
    شفقت جو ساگر صديق اڪبر.

    هو سر تريءَ تي، گهوريو نبي تي،
    سامان ۽ گهر، صديق اڪبر

    شهر، حضر ۾ ، توڙي سفر ۾،
    حاضر هو اڪثر، صديق اڪبر.

    محنت ڪمائي، پاتي ڀلائي،
    امت جو رهبر صديق اڪبر.

    مدني سان نسبت، هن سان عقيدت،
    سانڍي ٿو ”جوهر“، صديق اڪبر.
    (2)
    مدني جو همدم، فاروق اعظم،
    فاروق اعظم، فاروق اعظم.

    ماڻهو دلاور، ڪافي بهادر،
    هو حال محرم فاروق اعظم.

    حق جو حامي، جڳ ڪئي سلامي،
    ساوڻ جو آگم، فاروق اعظم.

    مدني سان ناتو، فاروق پاتو،
    شاهد آ عالم، فاروق اعظم.

    قرآن آيو، جئن هن جو رايو،
    ماڻهو مڪرم، فاروق اعظم.

    ڳائي ٿو هر هر، تعريف ” جوهر“،
    وسري نه هڪ دم، فاروق اعظم.

    (3)

    هر وقت ڳائين، عثمان سائين،
    عثمان سائين، عثمان سائين،

    ساٿي ڀلارو، رضوان وارو،
    هر دور تائين عثمان سائين.

    مدني جو نياڻو، ماڻهو نماڻو،
    سِر گهر ڏنائين، عثمان سائين.
    اسلام آڻي، توحيد ماڻي،
    ڏک سک ڏٺائين، عثمان سائين.

    صاحب سخا جو، مهرو وفا جو،
    گهٽ ڪين ڀائين، عثمان سائين.

    انسان ڪامل، اسلام سان دل،
    ”جوهر“ سدائين، عثمان سائين

    (3)
    عالم ولي آ، حضرت علي آ،
    حضرت علي آ، حضرت علي آ.

    مدني جو نياڻو، موتي جو داڻو،
    سيرت ڀلي آ، حضرت علي آ.

    اصحابي اعليٰ، ٿيو شان بالا،
    عظمت ملي آ، حضرت علي آ.

    گهر هڪ جا ڀاتي، اصحاب ساٿي،
    الفت دلي آ، حضرت علي آ.

    حق سچ وارو، ماڻهو پيارو،
    مرڪي ڪَلي آ، حضرت علي آ.

    سچائي جو در، مون به اي ”جوهر“،
    ورتي ڳلي آ، حضرت علي آ.
    ƒ






    مان غلام حبيب جي يارن جو،
    آهيان دوست دلي دلدارن جو.

    سڄي امت لئه جيڪو دلبر آ،
    ابوبڪر وفا جو پيڪر آ،
    ٿيو پاڻ پهاڙ قرارن جو.

    جا ڳالهه سڄڻ فاروق چئي،
    قرآن سندس تائيد ڪئي،
    اهو ماهر آيت پارن جو.

    هئي ملڪ عرب ۾ ڀيڄ ڀني،
    ٿيو مهر جو در عثمان غني،
    محبوب مٺو دل وارن جو.

    جيڪو سڏجي جڳ ۾ شير خدا،
    سو سائين علي آ، شان وفا،
    سو باني علمي ادارن جو.

    ٻيا جيڪي صحابه مدني جا،
    هر هڪ تي راضي آهه خدا،
    هي عقيدو ”جوهر“ پارن جو.
    ƒ


    اصحاب سڀ سونهارا،

    اصحاب سڀ سونهارا،
    اسلام جا ستارا.

    صديق سونهن ساگر،
    امت ۾ مڙس دلبر،
    ٿيو شان منجهه اڪبر،
    هي عشق جا نظارا.

    فاروق حق جو حامي،
    حق جي ٿي شادڪامي،
    مَلڪن ڏني سلامي،
    وهوا چاهه چارا.

    عثمان هٿ سخا جو،
    هو تاجوَر حيا جو،
    نياڻو سو مصطفيٰ جو،
    ڪوثر جي پاڪ ڌارا.

    حيدر وفا جو پيڪر،
    حاضر احد ۽ خيبر،
    صدقي ٿين ٿا هر هر،
    ”جوهر بروهي“ پارا.


    صديقي، فاروقي آهيون عثماني ۽ حيدري،

    صديقي، فاروقي آهيون عثماني ۽ حيدري،
    ”رضي الله تعاليٰ عنهم“ اصحابن جي دليري.

    ”صلي الله عليہ وسلم“ ختم نبوت سائينءَ تي،
    بي شڪ منهنجي مير ڪئي آ، پوري جڳ جي رهبري.

    هجرت واري رات ڀلاري، ساٿ ڏنو جنهن عربي سان،
    ”صديقيت“ در جو پاتو، خوب نبيءَ سان خاطري،

    پاڻ گهريو هو، مدني سئين! آڌي ويل دعائن ۾،
    فاروقيت واري صاحب، سائين عمر جي سروري.

    ذي النورين جي خلعت پاتي، صاحب بيعت رضوان جو،
    واهه! سخي عثمان ڀلارو، صدقي ان لئه ساهه سري.

    حيدر اسد الله علي آ، تنهنجو منهنجو سائين،
    علم عمل ۾ ڪافي نرالو، ماڻي ويٺو برتري.

    عشره مبشره، بدري، حنيني، صُفہ وارا ماڻهو،
    ساري ڄمار ”بروهي جوهر“ جوڙي پيو ٿو شاعري.
    ƒ


    جنهن نالي مٺي تان گهور ٿيا، انسان هزارين ڇا چئجي،

    جنهن نالي مٺي تان گهور ٿيا، انسان هزارين ڇا چئجي،
    محبوب جي آمد وقت لٿا ارمان هزارين ڇا چئجي،

    ابوبڪر مٺو صديق هيو، سو عتيق، شفيق، رفيق هيو،
    جيڪو جوڙ هيو سو ٺيڪ هيو شڪران هزارين ڇا چئجي،

    فاروق عمر جو نيڪ اثر، محبوب گهُر، منظور نظر،
    اسلام جي زينت ساهه ثمر، اعلان هزارين ڇا چئجي،

    عثمان غني سلطان سخي، داماد نبي سک ساهه سلي،
    ان ڪيئي جهڪايا شاهه جلي سلطان هزارين ڇا چئجي،

    سو فاتح خيبر، شير ببر، سو حيدر، صفدر جان جگر،
    سو اسد خدا ۽ رشڪ قمر احسان هزارين ڇا چئجي،

    اصحاب مديني واري جا، هر وقت غلام پياري جا،
    هر وقت نبي جي اشاري جا قربان هزارين ڇا چئجي،

    احسان” بروهي جوهر“ تي ايمان محمد دلبر تي،
    ٿيا شاهه گداگر ان در تي دربان هزارين ڇا چئجي،
    ƒ


    پاڻ فرمايو مصطفيٰ جاني،

    پاڻ فرمايو مصطفيٰ جاني،
    الحسن والحسين ريحاني.

    سونهن ۾ بي مثال شهزادا،
    دادلا، دلربا ۽ دلدادا،
    جرئتن منجهه شخص لاثاني.

    گهوريو جن مال، ساهه پنهنجو سر،
    پنهنجي نانا جي دين جي خاطر،
    آ شهادت جي راهه رباني.

    بڻيا سيد امام جنت جا،
    جيڪي پابند دين سنت جا،
    يعني قرآني فقہ جا باني.

    عشق سيد حسن لئه دل ڌاري،
    دل ته سائين حسين ٿي ساري،
    هي ٻئي مصطفيٰ جي نيشاني.

    مدح ”جوهر بروهي“ ٿو ڳائي،
    نينهن لائي ٿو، فيض ٿو پائي،
    گهر جي هر وقت فضل رحماني.
    ƒ


    ڏئي سر ڏنو سُر نئين زندگي جو،

    ڏئي سر ڏنو سُر نئين زندگي جو،
    شهيدن جو سردار ڏهٽو نبي جو.

    هيو صبر ڀريو شجاعت جو سائين،
    ڀري جام پيتو شهادت جو سائين،
    ڏنو ڏس انهي دين جي روشني جو.

    فضيلت ۾ شبير عرفان وارو،
    حسين آهه الله وٽ شان وارو،
    سندس نالو دارو به آ دل ڏکي جو.

    ڪلام خدا ساڻ چاهت انهي جي،
    ٿي دنيا انهي جي ۽ جنت انهي جي،
    ڏنو درس رب پاڪ جي بندگي جو.

    شباب اهل جنت جو سردار آهي،
    محمد مٺي جو وفادار آهي،
    صحابن سان رشتو هيو دوستي جو.

    اي ”جوهر بروهي“ حسين آ اسان جو،
    محبت ڀريو نورعين آ اسان جو،
    سندس نالو عنوان ٿيو شاعري جو.
    ƒ


    عشره مبشره

    ڏهن کي بشارت ڏني مصطفيٰ آ،
    ته جيئري ئي جنت خدا ڪئي عطا آ.

    سوانهن منجهه ” صديق اڪبر“ جو نالو،
    ۽ ”فاروق اعظم“ جو حاصل حوالو،
    ٽيون شخص ”عثمان“ صاحب سخا آ.

    صحابه جو سينگار ”حضرت علي“ آ،
    ” ابن عوف“ انسان عاشق نبي آ،
    انهن منجهان هر هڪ سنواري وفا آ.

    مٺو ” بوعبيده“ ڏهن منجهه هڪڙو،
    وري ” سعد سائين“ عبادت ۾ تڪڙو،
    ”زبير ابن عوام“ پڻ پارسا آ.

    وفادار”طلحه“ ۽ حضرت سعيد آ،
    محمد جو هر هڪ صحابي رشيد آ،
    هو راضي ته راضي انهن کان خدا آ.

    نبوت جي اُڀ تي صحابي ستارا،
    خدا جا به پيارا، نبي جا به پيارا،
    ڪلام خدا جي اها مدعا آ.

    اي ”جوهر بروهي“ محمد جا ساٿي،
    مٺا مور، ماڻهو، مَکڻ يا ته ماکي،
    انهن سان عقيدت سندم برملا آ.
    ƒ


    بدر جا شهيد

    مان سچو عقيدو ٻڌائي ڇڏيان،
    بدر جي شهيدن تان صدقي ٿيان.

    هيو چوڏنهن ۾ ” قريشي عمير“،
    يا ”صفوان“.،”مهجع“ ۽ عاقل دلير،
    ”عمير بن حمام“تان گهور ٿيان.

    ”يزيد ابن حارث“ سان گڏ ” حارثہ“،
    ” سعد“ ۽ ”مبشر“ هيا پارسا،
    شهادت جي عظمت لکي ڇا لکان.
    ” معوذ“ سان گڏ ”عوف“ ارڏو جوان،
    ۽ ”رافع“ هيو عزم ۾ پهلوان،
    صحابن جو ثاني نه ڪنهن کي مڃان.

    ”عبيده“ نبي پاڪ جو سوٽ هو،
    اتي ”ذوشمالين“ ٿيو گهوٽ هو،
    آ سنت شهادت جي جاري اڃان.

    محمد جا اصحابي عزت ڀريا،
    سڙيا، پر ابوجهل پارا سڙيا،
    اي ”جوهر“ صحابن سان دل لايان.
    ƒ


    الله اڪبر! الله اڪبر!

    الله اڪبر! الله اڪبر!
    مدني جا دلبر، الله اڪبر!.

    صديق اڪبر، فاروق اعظم،
    عثمان سائين، حيدر به همدم،
    صدقي آ ڪوثر، الله اڪبر.

    سلمان، خالد، مهجع ۽ بوذر،
    حضرت معاويہ ، شبير، شبر،
    دل جا منور الله اڪبر.
    حمزه، حذيفه، عباس، اسلم،
    عڪره، اسامہ، ۽ اياس ، اشيم،
    ثابت ۽ جعفر الله اڪبر.

    جابر ۽ جندب، جوهر، جبير آ،
    زاهر، زياد آ زيد ۽ زبير آ،
    دحيہ آ دلبر الله اڪبر.

    رافع، ربيعہ ۽ سعد ، سالم،
    يا سهل سفيان، صالح ۽ عاصم،
    عباد عامر الله اڪبر.

    عرباض، عروه، عمران سائين،
    عمار، عوف ۽ عتبان سائين،
    مالڪ به انور الله اڪبر.

    نعمان، نافع، ناجيہ ۽ نوفل،
    وائل، وهب ۽ ورقہ به شامل،
    يحيٰ دلاور الله اڪبر.

    حق جو موذن حضرت بلال آ،
    اصحابي هر هڪ صاحب ڪمال آ،
    گهوريو هي جوهر، الله اڪبر.
    ƒ


    ٻيو فهم

    وسيلو جهانن جو قرآن آ،

    وسيلو جهانن جو قرآن آ،
    ڪلام خدا جو وڏو شان آ.

    اجهو فيض، برڪت، بشارت، ڪرم آ،
    مٽيو منهن ته ثابت انهي تي جرم آ،
    هي چيلنج آ ” هاتو برهانڪم“ آ،
    صدين کان ٻڌو لوڪ اعلان آ.

    سندس لفظ لائق بڻائن ٿا غازي،
    ٿيا گهور افريقي، هندي، حجازي،
    پڙهي جن پروريو، کٽي، آهه بازي،
    ۽ قرآن صدقي سندس مان آ.
    مقرر ۽ عالم، ولي ٿيا الاهي،
    ڪي صديق، فاروق جهڙا سپاهي،
    انهي ذڪر جو آهه الله واهي،
    سندس هر اکر منجهه عرفان آ.

    تصوف، شريعت جو مرڪز اهو آ،
    ۽ حڪمت، حقيقت جو مرڪز اهو آ،
    وفا ۽ طريقت جو مرڪز اهو آ،
    هو ”الفاتحه“ ”طٰہٰ“ ”رحمان“ آ.
    نوازي ٿو هو نينهن پهرين نظر ۾،
    ۽ دل ڪاري، ٿي صاف ان جي اثر ۾،
    سڄو جڳ پڙهي پيو ٿو هر هڪ پهر ۾،
    ۽ هر حرف جڳ لاءِ احسان آ.

    جُڙيون جوڙ قرآن سان ڪائناتون،
    سندس فيض مان ماڻهو پائي ٿو ڏاتيون،
    ته راتيون به ڄڻ شب قدر واريون راتيون،
    هي شهڪار اڻ مٽ نمايان آ.

    جهليو جڳ مٿان رحمتن وارو سايو،
    اکر ابتدا منجهه ”اقراء“ جو آيو،
    اي ”جوهر بروهي“ پڙهي ۽ پرايو،
    محمد مٺي جو هي فرمان آ.


    زماني ۾ جيئڻ گهرو ٿا اگر،

    زماني ۾ جيئڻ گهرو ٿا اگر،
    ته پوءِ نينهن قرآن سان لائجي.
    گهرو ٿا نه ٿئي ڪا صدا بي اثر،
    ته پوءِ نينهن قرآن سان لائجي.
    اهي لفظ مٺڙا اچاري سگهو،
    اسر ويل لولي تنواري سگهو،
    ته جيون سمورو سنواري سگهو،
    ۽ ماڻن وڏيون برڪتون شهر گهر.
    ته پوءِ نينهن قرآن سان لائجي.
    گذارڻ سکو هي مٺي زندگي،
    ملي زندگي جي هتي هر خوشي،
    گواهي ڏئي ٿي هي پندرهين صدي،
    ملي دين دنيا جو نفعو ثمر،
    ته پوءِ نينهن قرآن سان لائجي.
    مٺا حرف سارا الف ، لام، ميم،
    ملي ان جي عيوض ۾ جنت نعيم،
    ٿين ناس خناس شِطان رجيم،
    فرشتا سفر م ٿين همسفر،
    ته پوءِ نينهن قرآن سان لائجي.
    اي ”جوهر بروهي“ سدا پڙهه قرآن،
    ته جاڳو ۽ جاڳايو پورو جهان،
    اَمَر ٿي پوي پنهنجو هر داستان،
    کلي مهرباني ڪرم وارو در،
    ته پوءِ نينهن قرآن سان لائجي.
    ƒ


    مهينن جو سردار رمضان آ،

    مهينن جو سردار رمضان آ،
    جو نازل ٿيو ان ۾ قرآن آ.

    وسن رحمتون هر گهڙي جڳ مٿان،
    کڻي آيو رحمت جو سامان آ.

    فرشته صفت بڻجي ٿو آدمي،
    مليو ماڻهپي کي وڏو شان آ.

    رهي عام انسان پرهيزگار،
    قرارن ڀريو هر ڪو انسان آ.

    چيو مصطفيٰ مير نالي مٺي،
    ٿيو قيد ۾ بند شيطان آ.

    بڻيو جڳ سڄو جنتون، جنتون،
    دلين ۾ وڌيو دين ايمان آ.

    ڪيئي گل کٿوريون کڻي آيو آ،
    هو موتيو، چنبيلي ۽ ريحان آ.

    ٿيو ڪفر ڪافي پريشان آ،
    مسلمان جي گهر جو مهمان آ.

    گهرو! جو گهرو! سو ملي ٿو وڃي،
    فلڪ تي عنايت جو اعلان آ.

    هي ”جوهر بروهي“ گنهگار آ،
    ڇڏيو بخشي! ڪافي پشيمان آ.
    ƒ


    مومن! مهينو آيو رمضان جو ڀلارو،

    مومن! مهينو آيو رمضان جو ڀلارو،
    لمحن ۾ ٿيندو هاڻي هر غم کان ڇوٽڪارو.

    هر هڪ گهڙي آ رحمت، هر شام آهه نعمت،
    چو طرف آهه برڪت، قرآن جي تلاوت،
    اڀري پيو نئين سر ڀاڳن ڀريو ستارو.

    اقرء جي لات آهي، رحمت جي بات آهي،
    جو ڏينهن رات آهي، اعليٰ صفات آهي،
    آيو آ نور برحق، گهٽجي ويو انڌارو.

    هر وقت آهه بخشش، الله جي نوازش،
    جا مهل هوندي آتش، ڪندو اهو سفارش،
    روزو عمل ڀلارو ڀرپور نور وارو.

    تسبيح ذڪر جاري، روحن جي لئه بهاري،
    ٿي ختم بيقراري، جاڳيا جي رات ساري،
    دنيا ۾ پاڻ پسجي جنت سندو نظارو.

    مولا جي مهرباني، رحمت ڀري نشاني،
    آ زندگي به فاني، ڪوڪو عمل اي جاني،
    ناهي ”بروهي جوهر“ ڪنهن ساهه کي سهارو.
    ƒ


    مهينن ۾ رمضان سڀ کان ڀلو آ،

    مهينن ۾ رمضان سڀ کان ڀلو آ،
    قرارن کي ڪافي مليو حوصلو آ.

    سدا روح راحت، ڇپر ڇانو فرحت،
    خدا ڪئي عنايت، آ گهر گهر تلاوت،
    جڙيو رحمتن جو وڏو سلسلو آ.

    هي رحمت ڀريو آ ۽ ٻيڙو تريو آ،
    غضب ڄڻ ٽريو آ سڄو جڳ ٺريو آ،
    ۽ شيطان ۾ اڄ پيو زلزلو آ.

    ڪئي مهر باري، ٿي وک وک بهاري،
    جو روزي سنواري، اجها دل اڃاري،
    ڪلام خدا ٿيو وڏو ڀرجهلو آ.

    اسر ويلو آيو، ٿيو نور سايو،
    پڙهو ۽ پڙهايو، مناجات ڳايو،
    جو مومن جي دل ۾ وڌيو ولولو آ.

    رڱيون رنگ راتيون، سڄو ڏينهن لاتيون،
    ٺريا روح، ڇاتيون، دليون کوڙ آتيون،
    اي ”جوهر بروهي“ ٿيو اڄ بلو آ.
    ƒ


    حرم

    مان گهور ٿيان، سر صدقي ڪيان تنهنجي بيهڪ ، تنهنجي نظارن تي،
    اي پاڪ حرم! رحمت ٿي وَسي تنهنجي اوچي اوچي منارن تي.

    هي شهر امن جو شهر ڀلو اقرء جو هتي آغاز ٿيو،
    صدين کان وٺي خوشبو ٿي وسي پئي ثور، حرا جي غارن تي.

    هت ڄائو نبي جو ڄام بڻيو ۽ چنڊ جبل جي سام بڻيو،
    مزدلفو! مِنيٰ عرفات عجب! ڪن مهر پيا سڪ وارن سان.

    ٿيو ”بلد امين“ خليلي دعا، هت بيت عتيق، شفيق به آ،
    تنعيم جي مسجد شاهد آ، آ عائشه اتم هزارن ۾.

    صديق جو گهر، فاروق جو گهر، عثمان، علي جو پاڪ شهر،
    احساس اجاگر اهڙا ٿيا، ٿيا شوق سوين شهڪارن تان.

    ڪعبي جو غسل اڄ مون به ڏٺو، ڄڻ کير چکيم ماکي کان مٺو،
    ذوالحج جي پهرين ڏينهن ڏٺي، دل گهور گهڙي ۽ وارن تي.

    امداد به سائين رفيق به اچ اي مرسل دين، شفيق به اچ،
    آ دين هتي دنيا به هتي، ٿيا قرب الاهي قرارن تي.

    مان آهيان”جوهر بروهي“ پر ، رب مهر ڪري هي پسايو در،
    مان گهوريان ميهڙ ملڪ سڄو، هن شهر جي در ديوارن تي.
    ƒ
    (2 ذي الحجه 1416هه مطابق 1996ع جي ڏينهن نماز ظهر کان ٿورو اڳ حرم ۾ لکيو ويو)


    وساريان نه وسرن حرم جا نظارا،

    وساريان نه وسرن حرم جا نظارا،
    جتي هر گهڙي رحمتن جا نظارا.

    تلاوت ۽ تسبيح، طواف جاري،
    رئن پيا رضا لاءِ ڪي رات ساري،
    ذڪر منجهه مشغول الله وارا.

    فهد، باب عمره ۽ باب السلام آ،
    رڪوع سجدو هر ويل جلسو قيام آ،
    سڙي خاڪ ٿي پيا ابوجهل پارا.

    اڳيان ڪعبة الله دل جو سڪون آ،
    نظر سان وڌيو حاجين جو جنون آ،
    لٿو سج، ٿيا چوڏهين چنڊ چارا.

    ڪيو سعي، طواف، عمرو ادا ٿيو،
    حرم جي مسافر تي راضي خدا ٿيو،
    پين پاڪ زم زم ازل جا اُڃارا.

    امان عائشه واري مسجد مبارڪ،
    گهرائيندو ٻيو ڀيرو الله تبارڪ،
    ڪجن پنڌ عرفات، مزدلفي وارا.

    جي ڏسڻو آ، ڏسجي به مڪو مدينو،
    اي ”جوهر بروهي“ ٺرن نيڻ، سينو،
    ورن بخت سانگي وري پنهنجا وارا.
    ƒ


    مدني! تنهنجي بستي وهوا!

    مدني! تنهنجي بستي وهوا!
    دم دم، حق پرستي وهوا!

    ويلي! ويلي! نور جي ورکا،
    تنهنجي هستي عشق جي پرکا،
    دعوت آهه الستي وهوا!.

    تنهنجي شهر جي ساک کنئي وئي،
    چهرو چمڪيو، باک کنئي وئي،
    گل گلاب جي دستي وهوا!

    چنڊ کي چيريو تنهنجي اشاري،
    شان ٻڌايو هر سيپاري،
    مهر به ٿي وئي سَستي وهوا!.

    جيڪو تنهنجي شان جو منڪر،
    ڪافر، ڪافر آهي ڪافر،
    منڪر ماڻي پستي وهوا!.

    صدقي بروهي ذات به تولئه،
    ”جوهر“ گهوري ڏات به تولئه،
    رحمت واسيل هستي وهوا!.
    ƒ


    الله گهرائي ها هڪ وار مديني ڏي،

    الله گهرائي ها هڪ وار مديني ڏي،
    تخليق جو سرجي ٿو سينگار مديني ڏي.

    اکين به رنو رت آ، ۽ روح نست آهي،
    جٿ سونهن سنورجي ٿي ات گهور جڳت آهي،
    هر قرب جو پلجي ٿو وهنوار مديني ڏي.

    هر آس سوالي آ، ۽ جهول به خالي آ،
    محبوب محمد جي شفقت به نرالي آ،
    ۽ مهر ڪرم جا ٿيا آثار مديني ڏي.

    سک ساهه پساهن جو، هو ڏيهه آ ڏاهن جو،
    ماري ٿو پيو مونکي احساس گناهن جو،
    دائم ٿا وسن دم دم انوار مديني ڏي.

    خوشبو آ فضائن ۾ اقرار هوائن ۾،
    سچائي ڪري پيدا، تاثير دعائن ۾،
    اُتساهه اڀارن ٿا ويچار مديني ڏي.

    الله ٿيو واهي، لک لوڪ به آ راهي،
    تن منجهه به هڪ ”جوهر“ جنهن آس اها چاهي،
    آ تات طلب دل جي تِک تار مديني ڏي.
    ƒ


    اسلامي حڪومت گهرجي

    اسلامي حڪومت گهرجي،
    آئين شريعت گهرجي.

    تسبيح پڪاريان مان،
    هر روح به ٺاريان مان،
    اونداهي اجاريان مان،
    تلوار سنواريان مان،
    ۽ ڏڍ کي ڏاريان مان،
    الله کي ساريان مان،
    قرآن ۽ سنت گهرجي،
    اسلامي حڪومت گهرجي.
    تعمير وفا جي ٿئي،
    اڄ مهل دُعا جي ٿئي،
    ڪا ويل سخا جي ٿئي،
    ترتيب عطا جي ٿئي،
    تسڪين رضا جي ٿئي،
    ڪا مهر خدا جي ٿئي،
    ايمان امانت گهرجي،
    اسلامي حڪومت گهرجي.

    صديق صداقت وارو،
    فاروق عدالت وارو،
    عثمان سخاوت وارو،
    حيدر به امامت وارو،
    آ معاويه عظمت وارو،
    خالد به شجاعت وارو،
    ڪل شان سلامت گهرجي،
    اسلامي حڪومت گهرجي!.

    هٿ گهرجي لوڪ نمازي،
    اسلام ۽ حق جو غازي،
    انصاف عدل جو قاضي،
    تحرير سموري تازي،
    دستور ڪو آڻ حجازي،
    ٿي ختم نبوت گهرجي،
    اسلامي حڪومت گهرجي.

    ٿئي پرزا چور شڪاري،
    آباد ٿئي هر هاري،
    ٿئي مفت علاج به جاري،
    اگهه ٺيڪ ٿين بازاري،
    رهي باقي نه ڌرتي اڃاري،
    ٿئي بند جوا، بدڪاري،
    هت عام عدالت گهرجي،
    اسلامي حڪومت گهرجي.

    اي ”جوهر بروهي“ جاني،
    هت فضل کپي رحماني،
    هر صوبو ڪري سلطاني،
    سرداري ٽٽي ۽ خاني،
    هجي سستي ڀاڄي ماني،
    ٿئي جيون جي آساني،
    هر وک تي شرافت گهرجي،
    اسلامي حڪومت گهرجي.
    ƒ


    فاني آهي فاني آهي جيون سارو فاني آ،

    فاني آهي فاني آهي جيون سارو فاني آ،
    سهڻي اڀ تي اڀريل سهڻو چنڊ ستارو فاني آ.

    ڏاهپ، دولت، مايا ملڪيت رهجي ويندي دنيا ۾،
    خالي هٿ سان هلڻو پوندو ساهه اڌارو فاني آ.

    ڏات ۽ ذات نه رهڻي آهي، ڪائي بات نه رهڻي آ،
    سال سمورا لمحا بڻبا پل جو سهارو فاني آ.

    ڀائر ڀاتي، سنگت ساٿي، ساٿ سمورو ٽوڙيندا،
    لحد لٽي سڀ موٽي ايندا، رشتو پيارو فاني آ.

    هڪڙي ڏهاڙي الفي پهري هلڻو پوندو هر ڪنهن کي،
    لطف محبت محفل سان گڏ قرب ڪنارو فاني آ.

    دنيا جا ڇڏ گندا ڌنڌا ريجهه رکي ڇڏ مولا سان،
    يار ”بروهي جوهر“! سمجهي ڇڏ ته گذارو فاني آ.
    ƒ
    جوءِ فاني جهان فاني آ،
    هي زمين آسمان فاني آ.

    چنڊ چانڊاڻ سج ۽ تارا،
    يعني هر هڪ نشان فاني آ.

    ساهه سڏڪن جو پنڌ جاري آ،
    قافلو ڪاروان فاني آ.

    معتبر ماڻهو جيڪي سڏجن ٿا،
    مير، سردار، خان فاني آ.

    روز مٽجن ٿيون موسمون جڳ ۾،
    سرءُ ساوڻ، خزان فاني آ.

    ڀوڳڻو آهه پاپ پيريءَ جو،
    مرڪ ڀريو جوان فاني آ.

    حال هيڻن جو رب حافظ آ،
    ڏاڍو جوهر گمان فاني آ.

    جو اڏامي ٿو اڄ فضائن ۾،
    مڙس ماڻهو مهان فاني آ.

    سچ آ ” ڪل من عليها فان“،
    يعني هر داستان فاني آ.

    ڪونه هوندو جهان ۾ ”جوهر“،
    شعر ان جو بيان فاني آ.
    ƒ


    سنوار پنهنجي ڄمار ساري نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،

    سنوار پنهنجي ڄمار ساري نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،
    حياتي ساري تو ڪئن گذاري نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،

    آ خلقيو توکي خدا تعاليٰ ڏنيون زماني جون نعمتون ڪل،
    ته هاڻي ڪر ڪا شڪر گذاري نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،

    دلين کي آهي سڪون ملندو درود تسبيح ذڪر حق سان،
    نماز آ نفس لاءِ ڀاري، نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،

    تون آهين اڄ ڪر عمل جو سعيو هتان لڏيندين ۽ جڳ ڇڏيندين
    اڳيان قبر به آهه ڪاري، نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،

    حشر ويلي سڪل زبانون چون پيون ٻولي نفسي نفسي،
    اول پڇا آ نماز واري،نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،

    ڪچهريون قربن ڀريون ڇڏڻ اڄ مجال بڻجي ويون اسان لئه،
    ته ايندي آڏو ڪا بيقراري،نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،

    تون ڊش ۽ ٽي وي جي شوق خاطر وساري ويٺين خدا تعاليٰ،
    هي زندگي تنهنجي آ اڌاري، نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،

    ڇڏي هي غفلت ”بروهي جوهر“ تون آ مسجد ڏي پنج ڀيرا،
    آ رب سائين جي مهر جاري، نماز پڙهه ۽ نماز پيو پڙهه،
    ƒ


    هي دين مٺو اسلام مٺو،

    هي دين مٺو اسلام مٺو،
    الله رسول جو نام مٺو.

    هن منجهه نمونو جياپي جو،
    ڏس نور وزن ۽ ماپي جو،
    ٻانهن کي مليو انعام مٺو.

    ساڃاهه ڏئي انسان کي،
    ٿو ميٽي ڪوڙ فسانن کي،
    نازل به ٿيو آ ڪلام مٺو.

    سيکاري سليقو حياتيءَ جو،
    حق ڄاڻائي گهر ڀاتيءَ جو،
    جنت جو ٿيو انجام مٺو.

    رک ”وتواصو بالحق“ نظر،
    ۽ ”وتواصوا بالصبر“ خبر،
    پيءُ صبر سڪون جو جام مٺو.

    اي ”جوهر“ شال قبول ٿئي،
    جو حامي حشر ۾ رسول ٿئي،
    ملي جنت ۾ آرام مٺو.
    ƒ


    ڏينهن جوڙيو آ رات جوڙي آ،

    ڏينهن جوڙيو آ رات جوڙي آ،
    واهه جي ڪائنات جوڙي آ.

    هي ستارا ۽ سج چنڊ ڏسو،
    باک ويلي جي بات جوڙي آ.

    موج درياهه جي ۽ مينهن وسيا،
    اڀري لهرين به لات جوڙي آ.

    ماءُ جي ٿڃ کان پوءِ کير مٺو،
    مصري ماکي نبات جوڙي آ.

    پوري مخلوق منجهه اشرف آ،
    سهڻي انسان ذات جوڙي آ.

    ڏاڍ ۽ ظلم وقت ساٿ ڏئي،
    بيوسن لئه نجات جوڙي آ.

    آهه الله ڪل شيءَ قدير،
    سونهن ڀريل حيات جوڙي آ.

    مهرباني ”بروهي جوهر“ لئه،
    شاعري واري ڏات جوڙي آ.
    ƒ


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 668
    ڪتابن جو مشاهدو: 862712
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 293118
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ