ڪتاب جو نالو: ڪچهريءَ جا مور
مصنف: تحقيق، تحرير، سنوار ۽ مقدمو: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
ڇپائيندڙ: ثقافت کاتو حڪومت سنڌ
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 4840 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 556 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو لکيل آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي. اسان ٿورائتا آهيون مانواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڇپائيندڙ پاران
  • مقدمو
  • سنڌي لوڪ ادب سيمينار ۽ سگهڙن جي ڪچهري
  • سگهڙن جا ڪتاب (تعارف ۽ تبصرو)
  • 1. موتي مور ملوڪ جا (استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو ڪتاب)
  • 2. موتين مُٺ ملوڪ جي (استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو ڪتاب)
  • 3. مهيسر جي مام (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)
  • 4. مهيسر جي موج (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)
  • 5. مهيسر جي مُرڪَ (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)
  • 6. حال حيات ضلعي خيرپور جا سُگهڙ (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)
  • 7. لاتيون سُڻ لقمان جون (محمد لقمان کوکر جو ڪتاب)
  • 8. لعل ڪڻا لقمان جا (محمد لقمان کوکر جو ڪتاب)
  • 9. لوچون ڏس لقمان جون (محمد لقمان کوکر جو ڪتاب)
  • 10. سگهڙ ڪچهري (ڪلام فقير هدايت علي رڏ)
  • 11. سچ ۽ سونهن، وريام ورونهن (وريام فقير شيخ جو ڪتاب)
  • 12. ديس وسي ديدار اسان جو (ديدار علي سيال جو ڪتاب)
  • 13. وڳڻ جا ويچار (لوڪ ادب شاعري) حاجي علي نواز وڳڻ جو ڪتاب
  • 14. گفتا گُل محمد جا (گل محمد غازيءَ جو ڪتاب)
  • 15. رهاڻ رحمت الله جي (رحمت الله عباسيءَ جو ڪتاب)
  • 16. حرف هيرن جهڙا (حسين بخش رڏ جو ڪتاب)
  • 17. سلسليوار سگهڙ سماچار (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب)
  • 18. سنڌ سڄاڻ سُگهڙ ڊائريڪٽري (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب)
  • 19. رنگ رحمت الله جا (لوڪ ادب جي انسائيڪلو پيڊيا) عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب
  • 20. مولود ۽ مداحون (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب)
  • 21. رمزون رحمت الله جون (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب)
  • 22. رحمت جا خزانا (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب)
  • 23. گُنيءَ جو گُنُ (دُلي فقير ڀٽيءَ جو ڪتاب)
  • 24. سگهڙن جي ڊائريڪٽري (عبدالله ورياهه جو ڪتاب)
  • 25. مهراڻ (لوڪ ادب نمبر) عبدالله ورياهه جو ڪتاب
  • 26. محبت جي منزل (فقير علي گوهر قريشيءَ جو ڪتاب)
  • 27. محبت جا موتي (فقير علي گوهر قريشيءَ جو ڪتاب)
  • 28. مٽيءَ جي خوشبوءِ (لوڪ ادب شاعري) محمد ايوب جوڻيجي جو ڪتاب
  • 29. صدين جي سوغات (نظير احمد ميمڻ جو ڪتاب)
  • 30. پنهنجي شاعري پنهنجو رنگ (محبوب علي ڏيپر جو ڪتاب)
  • تعارف کان رهجي ويل ڪجهه ڪتابن جا نالا
  • سُگهڙن جون تنظيمون

  • تعارف
  • سنڌ سگهڙ سنگت/ سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم
  • سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم
  • سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
  • سگهڙ لوڪ وينجهار ڪچهري (سلوڪ) سنڌ
  • سنڌ سگهڙ اتحاد
  • سگهڙن جو تعارف ۽ سندن چونڊ ڪلام

  • 1) حضرت جلال کٽي
  • 2) ٻيڙو فقير ڪنڀار
  • 3) استاد محمد ملوڪ عباسي
  • 4) محمد سومر ڳاهو
  • 5) فقير عبدالرحمٰن مهيسر
  • 6) فقير هدايت علي رڏ
  • 7) سگهڙ فقير ديدار علي سيال
  • 8) استاد محمد امين سنياسي
  • 9) گل بيگ رند
  • 10) گل محمد غازي
  • 11) سگهڙ محمد لقمان کوکر
  • 12) سگهڙ فقير حاجي علي نواز وڳڻ
  • 13) حاجي رحيم بخش قريشي
  • 14) سگهڙ محمد مٺل جهتيال
  • 15) رحمت الله عباسي
  • 16) ڏاڏو ڏتل ابڙو
  • 17) عاجز رحمت الله لاشاري
  • 18) محمد ايوب جوڻيجو
  • 19) حسين بخش رڏ
  • 20) نظير احمد ميمڻ
  • 21) رحيم بخش ڏهوٽ
  • 22) محمد اسماعيل پهوڙ
  • 23) احمد علي چانڊيو
  • 24) الهڏنو لانڊر
  • 25) محمد سومر سومرو
  • 26) ممتاز علي عباسي
  • 27) غلام قنبر عرف ڪبير
  • 28) فقير امداد علي ٻٻر
  • 29) غلام رسول “غلام” مڱريو
  • 30) امام ڏنو مهراڻي
  • 31) گدا حسين سهتو
  • 32) بهار علي “بهار” ٻرڙو
  • 33) گل حسن گل ملڪ
  • 34) خليل الرحمٰن مهيسر
  • 35) استاد پنهل “فقير عارف” لغاري
  • 36) ممتاز امين سنياسي
  • 37) حافظ غلام شبير وسطڙو
  • 38) محمد ايوب واهوچو
  • 39) روشن علي ڪوري
  • 40) دُلو فقير ڀٽي
  • 41) شاهنواز چنو
  • 42) محمد صالح عباسي
  • 43) سگهڙ رمضان فقير مڱڻهار
  • 44) جان محمد جاني بروهي
  • 45) حاڪم علي ميمڻ
  • 46) غلام شبير عباسي
  • 47) محمد جمن ڀٽي
  • 48) طالب ڀنڀرو
  • 49) الله بخش سامت
  • 50) غلام اڪبر گاڏهي
  • 51) عبدالستار مير بحر
  • 52) سيد مختيار علي شاهه
  • 53) عبدالقادر اوڳاهي
  • 54) صابر حسين عباسي
  • 55) شفيق الرحمٰن ڪوري

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ٻاهتر (72) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو لکيل آهي، جڏهن ته حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڇپايو ويو آهي.

    اسان ٿورائتا آهيون مانواري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com


    ڇپائيندڙ پاران

    لوڪ ادب ثقافت جو اهم جُز آهي. لوڪ ڏاهپ، ثقافت، ٻوليءَ جا ٺيٺ لفظ، روايتون، ريتون ۽ رسمون وغيره ان ذريعي نه رڳو سفر ڪن ٿيون ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿين ٿيون بلڪه محفوظ به ٿي وڃن ٿيون. اسان جا سُگهڙ ان سلسلي ۾ مُک ڪردار ادا ڪن ٿا. هُو مڪتبي تعليم نه هوندي به وڏا ڏاها ۽ ڄاڻو آهن. اهو ئي سبب آهي جو کين ڪچهريءَ جو مور سڏيو وڃي ٿو. اسان جي هن ڪتاب جو نالو “ڪچهريءَ جا مور” به ان مناسبت سان ئي رکيو ويو آهي.
    لوڪ ادب کي سهيڙڻ، وڌائڻ ويجهائڻ ۽ سگهڙن جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءِ ثقافت کاتي گذريل سال کان هڪ رٿا جوڙي آهي، جنهن تحت اسان ڪجهه ٻيا ڪتاب به شايع ڪرايا آهن، خاص طور تي سگهڙن جي سردار استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو ڪتاب “موتي مور ملوڪ جا” جو ٻيو ڇاپو. ان ڪتاب جي مهورت 17 مئي 2013ع تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڪرايل لوڪ ادب سيمينار ۽ سگهڙن جي ڪچهريءَ جي موقعي تي ڪئي هئي سين، جنهن ۾ سنڌ جا نالي وارا اديب، محقق ۽ سگهڙ شريڪ ٿيا هئا. ان سيمينار ۾ اسان اعلان ڪيو هو ته هتي جيڪي سُگهڙ آيا آهن، انهن جو ڪلام شايع ڪرايو ويندو. ان ڪلام سهيڙڻ ۽ ايڊٽ ڪرڻ جو ڪم اسان نوجوان محقق ۽ لوڪ ادب جي ڄاڻوءَ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب حوالي ڪيو.
    ڊاڪٽر صاحب نه رڳو ان ڪچهريءَ ۾ موجود سگهڙن کان ڪلام ورتو پر سنڌ جي ٻين چونڊ سگهڙن جو به ڪلام هٿ ڪري، سندن تعارف به ڏنو آهي. هُو ڪن سان روبرو مليو ته ڪن سان فون وسيلي رابطو ڪري مواد گڏ ڪيائين. ڪتاب کي جامع بڻائڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب رُڳو سگهڙن جي تعارف ۽ چونڊ ڪلام تائين محدود نه رهيو پر تمام گهڻو تفصيلي مقدمو، سگهڙن جي ڇپيل ڪتابن جو تعارف ۽ سگهڙن جي تنظيمن بابت تفصيل به لکيو آهي.
    هُن مقدمي ۾ ڪچهريءَ جي اهميت ۽ قانونن کان سواءِ لوڪ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن جي وصف پڻ لکي آهي، جنهن سان خاص ڪري شاگردن ۽ نون سُگهڙن کي تمام گهڻي معلومات ملندي، ادب جي امتحانن ۽ مقابلي وارن امتحانن ۾ پڻ اهڙي قسم جي ڄاڻ ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي. سگهڙن جي ڇپيل ڪتابن ۽ تنظيمن واري معلومات به هڪ اهم دستاويز آهي. مطلب ته ڪنهن حد تائين هيءُ ڪتاب “سنڌي لوڪ ادب بابت انسائيڪلوپيڊيا” جو درجو رکي ٿو. مان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ٿورائتو آهيان، جو هُن ايترو ڪم اڪيلي سِر تمام مختصر عرصي ۾ ڪري ڏنو.
    اميد آهي ته اسان جو هيءُ پورهيو لوڪ ادب سان چاهه رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندو.


    منظور احمد ڪناسرو
    ڊائريڪٽر جنرل
    ثقافت کاتو حڪومت سنڌ


    مقدمو

    ڪچهري ۽ اوطاق سنڌي ثقافت جا اڻٽٽ حصا آهن. هزارين سالن کان اهي جز اسان سان گڏ هلندا پيا اچن، اوطاق ڪچهريءَ جي جاءِ/ مهمان خانو آهي، ٻهراڙين ۾ وڏيون وڏيون اوطاقون ۽ لانڍيون ٿين. هر ماڻهو/ڪٽنب اوطاق لازمي ٺهرائيندو آهي. وڏيرا ۽ چڱا مڙس ته شاندار اوطاقون اڏرائن ۽ مهمان نوازي به ڪن. تنهن کان سواءِ سگهڙن، فنڪارن، هنرمندن، ملهن ۽ ڪمي ڪاسبين جي سرپرستي به ڪن. اهڙن همراهن کي اوطاقي مڙس سڏيو وڃي ٿو. شهرن ۾ ڊرائنگ رومن کان اوطاق جو ڪم ورتو وڃي ٿو. پر اهو چس ۽ چاهه، پيار، پاٻوهه ۽ مهمان نوازي ڊرائنگ رومن ۾ ڪٿي! ڪچهريءَ جي لفظي معنى ”جلسو، درٻار، رهاڻ لاءِ گڏجاڻي، رهاڻ، وندر، ڪورٽ- عدالت“ آهي. (هڪ جلدي لغت) شهرن ۾ جلسا جلوس ته ايترا ٿين ٿا، جو عوام بيزار ٿي چڪو آهي. لائوڊن تي رڙين جي باوجود ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي. هوٽلن ۾ گڏجاڻيون ٿين، وندر ورونهن جي جاءِ ريڊيي، ٽي ويءَ ۽ ڪمپيوٽر ڀري ڇڏي آهي. اهي سموريون شيون گهڻي ڀاڱي هڪ پاسائيون (One sided) آهن. رڳو ٻُڌي۽ ڏسي سگهون ٿا باقي ٻُڌائي نه ٿا سگهون. اهو ئي سبب آهي ته شهرن ۾ اندر جي اوٻر ڪڍڻ لاءِ رستا ڏاڍا سوڙها آهن، جنهن ڪري بيحسي ۽ اوپرائپ وڌندي وڃي ٿي. گهر گهر جي سامهون هوندي به هڪٻئي کي نه ٿو سڃاڻجي .
    ٻهراڙين ۾ به اوطاقن جي ويران ٿيڻ جا واقعا وڌندا پيا وڃن، ڪچهريون گل ٿينديون پيون وڃن، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. پر ان سان جيڪو وڏي ۾ وڏو نقصان پيو آهي، اهو آهي انتها پسنديءَ ۾ واڌ، ڇاڪاڻ ته ڪچهرين ۾ وندر ورونهن سان گڏ سهپ، برداشت، مذهبي هم آهنگي ۽ ڳجهارت ڏيڻ وارو چوندو اچيو ٿي، ٻيا چوندا ڀلي اچي، ڀلي ڀلي اچي، ڀلي ڪري اچي... ڳجهارت جي پاون ۾ جنهن شئي، ذات، وغيره جو نالو لڪل هوندو ته ڀڃڻ وارو دنيا جي شين جهڙوڪ: وڻن ٽڻن، ذاتين، نالن وغيره جا درياهه وهائي ڇڏيندو. جيستائين نه ڀڄندي ته چوندو: بچي، اڃا بچي، مري ته مار کائي... ڳجهارت جي چاليهين پتي/حصو جيڪڏهن ٻڌايو ويو ته چوندا: وئي، ڀڄي پئي، وهوا ڪرينس... پوءِ ڏيڻ واري کي چوندا: ته ادا سڄي ڪر! هيءَ هڪ ذهني ڪسوٽي آهي. جديد دور ۾ جيڪڏهن ان کي Analytical انداز چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. مختلف امتحانن ۾ اهو رجحان وڌندو پيو وڃي.
    ڪچهرين ۾ حمد، ثنا، سينگار وغيره جا بيت جيڪڏهن هڪڙو سگهڙ پڙهندو ته ٻيا ٻڌندا ۽ واهه واهه ڪندا. پر جڏهن ڳجهارت ڏجي ٿي ته ڏيڻ کان پوءِ هر ڪنهن کي ڳولهڻ جي اجازت هوندي آهي. هڪ نه ڀڃي ته ٻيو پر واري واري سان. مطلب ته هڪ قسم جي سڀني جي ڀائيواري هوندي آهي. ڳجهارت جو فن ڪو سولو فن به ناهي، جيڪو سگهڙ ڳجهارت ٺاهي ڏيندو آهي ته اهو وري ڪوشش ڪندو آهي ته تمام گهڻي ڏکي ڳجهارت ڏئي. نتيجي ۾ ڪي سگهڙ ڳجهارت کان پري ٿيندا پيا وڃن.
    پنجاهه سٺ واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ادب ميڙڻ جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ گُهميو ۽ ڪچهرين جو مور بڻيو ته اُن کي اهو محسوس ٿيو ته ڏکيائيءَ جي ڪري ڳجهارت جو فن گهٽبو پيو وڃي . پوءِ هُن سُگهڙن سان گڏجي ڪچهريءَ ۾ ڳجهارت جا اصول ٺاهيا. سگهڙن اهي اصول قبول ڪيا ۽ پنهنجين ڪچهرين ۾ رائج ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڳجهارت وڌڻ ويجهڻ لڳي، ڊاڪٽر صاحب اهي اصول/ قانون پنهنجي ڪتاب ”ڳجهارتون“ ۾ ڏنا آهن، جيڪي هتي جيئن جو تيئن پيش ڪجن ٿا.

    ڳجهارت جي ڪچهريءَ جا قانون
    ڳجهارت جي رهاڻ کي ڀريءَ ڪچهريءَ لاءِ سينگارجي: ٻن- چئن سگهڙن جو وچ ۾ يا ڪنڊ پاسي ويهي هڪٻئي کي ڳجهارتون ڏيڻ وٺڻ سندن پنهنجي واسطي ٺيڪ آهي، پر ڪچهريءَ جي لحاظ کان اها ڄڻ گونگي رهاڻ آهي. ڀَريءَ ڪچهريءَ ۾ ضروري آهي ته ڳجهارت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ سگهڙ، هڪ طرفان سڄي ڪچهري ڳجهارت جي ڏيڻيءَ کي سمجهي؛ وٺندڙ ڳجهارت کي آهستي پر وڏي سڏ ڳولي، جيئن سڄي ڪچهري سندس ڌڪ سڻي؛ جي ڳجهارت ڀڄي ته ڏيندڙ يڪدم وڏي سڏ ’واه واه‘ ڪري ۽ اڳتي وڌي ڳوليندڙ کي هٿ ڏئي، ڏارو ڏئي يا ڀاڪر پائي جيئن سڄي ڪچهري ڏسي. مطلب ته ڳجهارت جي رهاڻ کي ڀريءَ ڪچهريءَ لاءِ سينگارجي، جو ڪنڊ پاسي واري رهاڻ گونگي ٻوڙي آهي.
    ڳجهارت جي ڪچهري ٻُڌندڙن جو چاهه وڌائجي: ڳجهارت ڏيندڙ توڙي وٺندڙ ائين سمجهن ۽ محسوس ڪن ته ’اسان ٻڌندڙن جي آڏو پنهنجو فن پيش ڪري رهيا آهيون.‘ جي رڳو بيهي پاڻ ۾ نُڪا ڏنائون ته اِها عام رهاڻ نه، پر سندن پنهنجي ڇڪتاڻ چئجي، جنهن سببان ڪچهري ٻاڙي ٿي پوندي. ٻڌندڙن ۾ ڪچهريءَ لاءِ چاهه تڏهن وڌندو جڏهن هڪ ڳجهارت پئي ڀڄندي ته ٻي پئي ڏبي ۽ ٺڪ ٺڪ لڳي ايندي. اهو خيال ئي موران غلط آهي ته اهڙي ڳجهارت ڏجي جو ڪو ڀڃي نه سگهي: اهڙي رٿ سببان ڪچهري کُلڻ جي بدران ٻُٽجي ويندي.
    ڳجهارت جي ڪچهريءَ کي زيب وٺائڻ ۽ ان جي معيار قائم رکڻ لاءِ هڪ امين مقرر ڪجي: ڳجهارت جي ڪچهري شروع ڪرڻ کان اڳ، حصو وٺندڙ سگهڙ پاڻ کي ٻن ٽولن ۾ وراهين، جيئن واري سان هڪٻئي کي ڳجهارتون ڏين ۽ ڳولين. پنهنجي وچ ۾ هڪ اهڙي سگهڙ کي ’امين‘ ڪري بيهارين جو ڳجهارت جي ڪچهريءَ کان بلڪل پوريءَ طرح واقف هجي. سڀ کان اول ٻنهي طرفن جي سگهڙن جي واقفيت ڪرائي؛ ٻنهي طرفان واري سان ڳجهارتون ڏياري؛ ڏنل ڳجهارت کي وهڃائي ورجائي ۽ ڪچهريءَ کي مچائي زيب وٺائي؛ باوجود چڱيءَ ڳول جي ڳجهارت نه ڀڄي ۽ بيهي وڃي ته کولائي سال ڪرائي؛ ڏيڻيءَ ۽ ڀڃڻيءَ ۾ ڪو اختلاف ٿئي ته فيصلو امين تي ڇڏين ۽ جو به فيصلو ٿئي سو فوراً قبول ڪري ڪچهريءَ کي مچائي بيٺا هجن. ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ ڪِر ڪِر ڪرڻ سگهڙ پائيءَ جي شان ۽ ڪچهريءَ جي اصول جي خلاف آهي.
    واري سان هر هڪ سگهڙ ڳجهارت ڳولي: هڪ طرفان ڳجهارت ملي ته ٻئي طرفان واري سان هر هڪ سگهڙ ڳجهارت ڳولي، جيئن هر هڪ ڳوليندڙ جا ڌڪ سڄي ڪچهري سڻي، سمجهي واه واه ڪري ۽ هر هڪ سگهڙ جي لياقت جو انصاف ٿئي. جڏهن ڪا ڳجهارت ڳوليندڙن مان هر هڪ جا ڌڪ جهلي وڃي، تڏهن جي امين مناسب سمجهي ته سڀني کي گڏجي ڳولڻ جي صلاح ڏئي؛ پر امين جي صلاح کان سواءِ، جي ڳوليندڙ اُٻهرا ٿي ساڳئي وقت ڳجهارت کي ڳوليندا ته هڪ ته سندن گوڙ سببان ٻڌندڙن کي ڪچهري سمجهه ۾ نه ايندي ۽ ٻيو ته خود ڳولن مان هر هڪ جي لياقت پڌري نه ٿيندي.
    ڏيندڙ ڳجهارت کي سهڻو ڪري ڏئي، ۽ ’سر‘ جو نالو نروار ڪري ڏئي: ڳجهارت ’پرائو ڳجهه‘ آهي ۽ ڳولڻ ڏکيو آهي سگهڙ جعفر ڏيرو چوندو هو ته ’ڳجهارت چري مبارڪي آهي‘، يعني ته مبارڪ ملڻ سان سرهائي ٿيندي آهي، پر ڳجهارت ملڻ سان حالي ته ڳوليندڙ سگهڙ مونجهاري ۾ اچي ويندو. انهيءَ ڪري ڏيندڙ لاءِ لازمي آهي ته ڳجهارت کي سهڻو ڪري ڏئي. ڳجهارت جي ڪچهريءَ ۾ پهرين وڏي جوابداري سڀني کان وڌيڪ ڳجهارت ڏيندڙ تي آهي . انهيءَ جوابداريءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ هن کي هيٺيون ڳالهيون خيال ۾ رکڻ گهرجن:
    ڏيندڙ کي ڳجهارت جي ڏيڻي توڙي ڀڃڻي ٻئي حرفَ بحرفَ چٽيءَ طرح ياد هجن. ڪچهريءَ ۾ ڳجهارت ڏيڻ کان اڳ هو ’ڏيڻي‘ توڙي ’ڀڃڻي‘ کي پنهنجي وجود ۾ ويچاري وهڃائي خاطري ڪري. ائين نه ٿئي جو ڳوليندڙ جڏهن ڳجهارت کي ڳولي ڳولي مٿو هڻي ڪڪ ٿي ڏيندڙ کي چون ’ادا سڄي ڪر‘ تڏهن چوي ته ’ڀڃڻي مون کي به نٿي اچي‘ يا ’ڀڃڻي مون کان وسري وئي آهي‘.
    ’ڏيڻي‘ بالڪل ’ڀڃڻيءَ‘ مطابق هجي: يعني ’ڏيڻيءَ‘ ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ سٽاء هوبهو ’ڀڃڻيءَ‘ واريءَ بيهڪ۽ سٽاء موجب هجن، اهڙيءَ طرح جو پائو پائي سان ملي، حرف حرف سان ملي ۽ لفظ لفط سان ملي. ڳجهارت ڏيڻ کان اڳ ۾ ڏيندڙ کي گهرجي ته ڳجهارت جي ’ڀڃڻي‘ کي خيال ۾ رکي ’ڏيڻيءَ‘ کي ويچاري ڏسي ته برابر بيهڪ ۾ پوري آهي. ڪا گهٽ وڌائي هجي ته سگهڙ ’ڏيڻيءَ‘ کي سوڌي سنواري پوءِ ڳجهارت کي ڪچهريءَ ۾ پيش ڪري.
    ’ڏيڻيءَ‘ ۾ ڳجهارت جو سُر ظاهر نه هجي ته ’سر‘ جو نالو رکي ڏجي. عام خيال آهي ته سُر کڻي ڏبو ته ڳجهارت يڪدم ڀڄي پوندي، پر ائين نه آهي: ڳجهارت جو فن ايڏو ته ڳوڙهو آهي جو سُر ڏيڻ ساڻ ته خير، پر ڳالهه جي ٽاڻن ڏيڻ سان به ڳجهارت وڏي داناء ڳولي کان لڪي سگهي ٿي. پر جي سُر رکڻ سان ڳجهارت ڀڄي ته ڀل ڀڄي: هڪ ڀڄندي ٻي ڏبي ۽ ڪچهري پاڻ مچندي. پهاڪو مشهور آهي ته ”رسو ڀڄي وَرَ تي، ڳجهارت ڀڄي سُر تي“ ’سر‘ جي ڄاڻ کان سواءِ ڳجهارت ائين آهي جيئن ’جَر ۾ گَڏون‘ پوءِ جڏهن لڀي. هڪ سگهڙ چيو ته: بنا سُر جي ڳجهارت ڏيڻ ۽ ڳولڻ، ڄڻ مرونءَ ڪتي واري ويڙهه ڪرڻي آهي: ’هڪ ٿَم ۾ ٺنڀي هنيو ويٺو هوندو، ٻيا پيا چوڌاري باهيندا‘.
    ’سُر‘ يا ’سُرائتي ڳجهارت‘ جي معنى کي سمجهڻ ضروري آهي. سگهڙن کان سواءِ ٻيا جيڪي هن فن کان واقف نه آهن، تن کي ’پرولي‘ ۽ ’ڳجهارت‘ ۾ جو فرق آهي سو صحيح طور معلوم نه آهي، انهيءَ ڪري عام طرح سان ٻين پرولين جي ڀيٽ ۾ خاص طور ڳجهارت کي ئي ”سُرائتي ڳجهارت“ ڪري سڏين. پر سگهڙ جڏهن چوندا ته ’ادا، ڳجهارت سرائتي ڏي، بي سُري نه ڏي‘، ته ان جو مکيه مطلب اهو آهي ته: ’ادا ڳجهارت سهڻي ۽ سوڌي ڏي: اهڙي نه ڏي جنهن جي ڏيڻي يا ڀڃڻيءَ ۾ ڪا خامي هجي‘. ڪچهريءَ جي لحاظ سان ’سر‘ جي هڪ خاص معنى آهي ۽ ڳجهارتون مجموعي طور سان هيٺين ’سرن‘ ۾ ورڇيل آهن:
    (الف) مٿين سرن واريون يا حقاني: جن ۾ نبين، اصحابن، امامن ولين، فقيرن ۽ درويشن بابت، يا نصيحت ۽ هدايت طور چيل ڳجهارتون ڳڻجن ٿيون.
    (ب) خاص رهاڻ جا سر: (1) سر سسئي، (2) سر مارئي، (3) سر سهڻي، (4) سر مومل- راڻو، (5) سر ليلان - چنيسر، (6)سر راءِ ڏياچ (7) سر مورڙو، (8) سر نوري، (9) سر موکي متارا، (10) سر ڦل وڌوئو-ڀوري، (11) سر بوبنا جراڙ، (12) سر همون دولهه دريا خان، (13)سر ليلى- مجنون .
    (ج) سر ’ٻاهر‘: يعني ته اهي ڳجهارتون جي (الف) ۽ (ب) هيٺ ڄاڻايل سرن کان ٻاهر هجن: يعني ته جيڪي ’حقاني‘ يا سنڌ جي مشهور قصن وارين ڳجهارتن کان ٻاهر آهن.
    (د) سر بادشاهي: سڪندر بادشاهه، دودي چنيسر، ٻين حاڪمن ۽ بادشاهن وغيره بابت جملي تاريخي ڳجهارتون.
    (هه) سر مجازي: عشق ۽ محبت جي پيغامن، ڏکن ڏوراپن ۽ ٻي پهه پچار واريون ڳجهارتون.
    مٿي (ب) هيٺ ڄاڻايل ’تيرهن سر‘ ڳجهارتن جي ڪچهريءَ جا خاص سُر آهن. ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ اڪثر اهي ڳجهارتون ڏبيون جي انهن سرن مان آهن، جڏهن به ڪا ڳجهارت ڏبي ته ’سر رکي ڏبو‘: يعني ته چٽو ڪري چئبو ته سر سسئي، سر مارئي يا سر سهڻي وغيره مان آهي. ڀريءَ ڪچهريءَ کان ٻاهر واريءَ رهاڻ ۾ ڀل ٻين سرن مان به ڳجهارتون ڏجن، پر هر هڪ ڳجهارت بابت چِٽو ڪري چئبو ته ’مٿين سرن‘ ۾ آهي يا ’حقاني‘ آهي؛ يا چئبو ’سر ٻاهر‘، ’سر بادشاهي’، ’سر مجاز ۽ محبت‘ يا ’سر سنگت‘. مطلب ته هر حالت ۾ سر رکي ڏبو.
    جيڪڏهن ڳجهارت ڪافي ڌڪ جهلي وڃي ته ڏيندڙ کي گهرجي ته ڳولي کي ’ٽاڻو ڏئي‘، ۽ ڳجهارت جيئن چئي ٿي تيئن لهجي سان چئي ٻڌائي، يعني ته ڀڃڻيءَ واري خيال مطابق ’ڏيڻيءَ‘ کي ادا ڪري: ’ٽاڻو ڏيڻ‘ معنى اهڃاڻ ڏيڻ ته ڪير ٿو چوي يا ڪهڙي موقعي جي ڳجهارت آهي. مثلاً ڳجهارت آهي ته:
    ٻولي اٿئي ليلان، ڀل پئي ٻولي ڪر، پنهنجو ٿيندءِ ڪونه.
    ’ڏيڻيءَ‘ مان ئي ظاهر آهي ته هيءَ ڳجهارت ’ليلان چنيسر‘ جي سر مان آهي. ڏيڻي به سوڌي ۽ سهڻي آهي، پر ڪاريگر اهڙا ڪک رکيا اٿس جو تڪڙو ڪانه ڀڄندي. ظاهر آهي ته ڪو ماڻهو ليلان کي ٿو چوي، پر اِهو معلوم ناهي ته ڪير ٿو چويس: ڪونئرو ٿي چويس، سرتيون سهيليون ٿيون چونس، يا خود چنيسر ٿو چويس؟ جيڪڏهن ڳجهارت ڪافي ڌڪ جهلي وڃي ته پوءِ ڳولي کي همٿائڻ لاءِ ٽاڻو ڏبو ته: ’ادا چنيسر ٿو ليلان کي چوي:
    جواب اٿئي ليلان! هاڻي ويٺي سوال ڪر، نفعو ٿيندءِ ڪونه ڪو.
    (ٻولي= جواب، ٻولي= سوال، پنهنجو= نفعو)
    هيٺين ڳجهارت اسان پاڻ جوڙي ۽ ڪچهرين ۾ ڏني، پر گهڻو ڪري بيهي وئي ۽ ڀڳي ڪانه:
    راڻي مال جي، ڏسي وکر ڪاٺيءَ تي
    هيءَ ڳجهارت اهڙي نموني سان سِٽيل آهي جو ڳوليندڙ اڪثر ائين سوچيندو ته هيءَ ڳجهارت انهيءَ موقعي جي آهي، جڏهن راڻي مومل کي کٽ تي ٻئي ڪنهن سان سُتل ڏٺو. ڪو ڳولو انهيءَ لحاظ سان ڳولي ۽ ڳجهارت ڪافي ڌڪ جهلي بيهي وڃي ته پوءِ ٽاڻو ڏبو ته: ’ادا! هيءَ ڳجهارت کٽ واريءَ جاءِ تي نه آهي؛ مومل کان راڻو رسي ويو، جنهن تي مومل گهڻيون ڪي منٿون ڪيون جي نه مڃيائين. هيءَ ڳجهارت ان کان پوءِ جي آهي.‘ انهيءَ ٽاڻي ڏيڻ سان ڳولو وڌيڪ سَولا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻندو. هيءَ ڳجهارت ان موقعي جي آهي جڏهن مومل ويس بدلائي راڻي وٽ آئي ۽ ويهي پاڻ ۾ چوپڻ راند ڪيائين. ڍارو هڻندي، مومل جي ٻانهن تان ڪپڙو کڄي ويو ۽ راڻي لَسڻ ڏسي سڃاتو ته هيءَ مومل آهي (مال جي=سڃاتي؛ وکر = لسڻ (ٿوم)؛ ڪاٺي= ٻانهين (ٻانهن)- يعني:
    ’راڻي سڃاتي، ڏسي لسڻ ٻانهن تي.‘
    ’ٽاڻو ڏيڻ‘ ڄڻ ڳولي کي همٿائڻو آهي، ڪچهريءَ جي قاعدي موجب اهو همٿائڻ ضروري آهي. بنيادي اصول اهو آهي ته ’ڏيندڙ ڳجهارت کي سهڻو ڪري ڏي ۽ ضرورت پوي ته ڳولي کي ٽاڻو ڏيئي همٿائي. ڏيڻ ۾ سهڻي ڳجهارت اها آهي جا نظاري چڙهي نشان ٿي بيهي، جيئن ڳولو حرص مان ڌڪ هڻيس. اڳ سگهڙ ’هڪ ٺپي‘ (هڪ ’پائي‘واري) ڳجهارت کي قبول ڪين ڪندا هئا ۽ هن وقت پڻ ڪچهريءَ ۾ ’هڪ ٺپي‘ ڳجهارت جو رواج گهٽ آهي. اسان ڪن سگهڙن کي ائين چوندي ٻڌو ته: ’ٻه-ٺپي يا ٻه-پائي ڳجهارت ليلان ۽ مارئيءَ جي اصل ئي نپٽي آهي‘، يعني ڳولڻ ۾ ڏکي آهي. ائين برابر آهي، پر سڄو مدار ڳجهارت جي رخ ۽ بيهڪ تي آهي: ٻُٽيل ڳجهارت ٽن پاون واري به ڳولڻ ۾ ڏکي آهي، پر جي هڪ پائي واري ڳجهارت سهڻي ۽ سوڌي هجي ته پوءِ ان جي ڏيڻ يا ڳولڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي. مثلاً هيٺين ڳجهارت ’هڪ پائي‘ واري آهي پر بلڪل سهڻي آهي ۽ ڪچهريءَ ۾ ڏجي ته عيب ڪونهي:
    ڏيڻي: اديون! مون سان اها هلي، جيڪا واڻڪي ڪري.
    (سسئي)
    ڀڃڻي: اديون! مون سان اها هلي، جيڪا چوٽي ڪري.
    ان جي برعڪس ’ٻُٽيل ڳجهارت‘ ڏيڻ مناسب ناهي، پوءِ ڀل کڻي ان ۾ ٻن کان وڌيڪ پاوا ئي هجن. ٻُٽيل ڳجهارت‘ اها آهي جنهن جو رخ ۽ رايو ظاهر نه هجي- مثلاً، ”ڪک، پکي، ڪاٺي ڙي.“ هن ڳجهارت جو سر کڻي رکي به ڏجي ته ’سسئي‘ جي سر مان آهي، مگر ان بعد ۾ اهو معلوم نٿو ٿئي ته ڳجهارت جو رخ يا رايو ڪهڙو آهي. اهڙيون ڳجهارتون سگهڙ سندن خاص ڪچهرين ۾ ڏيئي ڀل پنهنجو ذهن ڀيٽين، پر ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ ڏيڻ مناسب نه آهن . هن ڳجهارت جي مراد هيءَ آهي: [ڪک= قلم (ڪانهن جو)؛ پکي=وهيو؛ ڪاٺي (لٺ) = لوڙهه] ”قلم وهيو لوڙ ڙي“.
    ڳولو اول ڳجهارت جي رايي کي سمجهي ۽ پوءِ ملوڪت سان ڳولي: ڳجهارت جي ڳول فني لحاظ سان ذهانت ۽ هنرمنديءَ جو بهترين مظاهرو آهي. ڳولڻ واري جي ملوڪت اها آهي جو اجايو جهنگ نه جهڙي پر گس وٺي هلي؛ رڳو رخ تي کڙن، ڀترن ۽ ڇاڙين جا وارا نه لائي، پر ڪا شيءِ ڏسي نشان چُٽي؛ ڪانبو ٻڌي ڪکَ ڪهڄر نه ميڙي پر جا چي گل چونڊي. مطلب ته ڳجهارت جو رايو ۽ لَهُه ڏسي، پاون جي لحاظ سان سهڻا ۽ سنڌائتا ڌڪ هڻي جيئن هر ڪو ’واه واه‘ ڪري.
    اڳ وارين ڪچهرين ۾ ڳجهارت جو سر ظاهر ڪر ي نه ڏيندا هئا، انهيءَ ڪري ڳولي کي اهو ته معلوم نٿي ٿيو ته نشان ڪٿي آهي، پر کيس اها به خبر ڪانه ٿي پيئي ته نشان ڪهڙي قبلي تي آهي: انهيءَ ڪري هو وٺي چوڌاري ڳوڙها وسائيندو هو ته من ڪو وڃي ڪٿي لڳي. ڀلا نه هئي نشان جي خبر ، ته نه هو رخ معلوم؛ پوءِ جي ڪو ڳوڙهو اتفاق سان وڃي ٿي نشان جي ڀر پاسي سان ڪرِيو ۽ نشان کي پورو واءُ ته نه پر جي ’چاليهين پتي واء‘ لڳو ته به چوندا هئا ته ’ڳجهارت ڀڳي‘، ظاهر آهي ته ڳجهارت جي اهڙي ڳول ۾ ڳولي جي پنهنجي سمجهه ۽ عقل کي گهٽ دخل رهي ٿو؛ البته جي وٽس کڙا، ڀتر، ڳوڙها گهڻا هجن ته ڀل پيو وسائي ته من ڪو اتفاق سان وڃي نشان کي لڳي؛ يا کڻي چئجي ته جيڪڏهن وٽس ٻوليءَ جي نالن ۽ لفظن جو وڏو لشڪر موجود آهي ته ڀل کڻي هر قبلي تي فوجون چاڙهي، جن مان ڪي نه ڪي فرد وڃي نشان جي مٿان پوندا.
    ڳجهارتن جي نئين رس رهاڻ ۾ اول ’سر‘ ظاهر ڪري ٿو ڏجي انهيءَ لاءِ ته ڳولي کي گهٽ ۾ گهٽ ايتري خبر پوي ته نشان ڪهڙي ڏِس تي آهي؛ ان بعد ٽاڻو ٿو ڏجي ته انهيءَ ڏس تي نشان ڪيتري مفاصلي تي ڪيتريءَ حد اندر آهي. انهن اهڃاڻن سان ڳولي کي ڏس ۽ گَس جو پتو پوي ٿو: پر پوءِ سڄو مدار سندس سمجهه ۽ دانائيءَ تي آهي ته هو پوري تڪ تور ڪري نشان چٽي. پر اها ڳڻ به ڪا سولي نه آهي: ڳجهارت کي ملوڪت سان ڳولڻ ۾ وڏي سمجهه ۽ سياڻپ کپي، جنهن لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن:
    ڳولو پهريائين پاڻ ۾ ڳجهارت ڳولڻ جي لياقت پيدا ڪري: اسان جي خيال ۾ انهيءَ لياقت پيدا ڪرڻ جا ٽي درجا آهن: پهريون ته مشهور سُرن مان، هر هڪ سُر مان کيس گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڳجهارتن جي ڏيڻي ۽ ڀڃڻي ياد هجي، جيئن ڳجهارت جي مختلف بيهڪن، پاون ۽ ڀڃڻين سان کيس پوري واقفيت پيدا ٿئي، ٻيو ته هو مشهور قصن ۽ داستانن (سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عمر مارئي وغيره وغيره) جي ڳالهين جي سلسلي کان پاڻ کي پوريءَ طرح واقف ڪري، ڇو ته ڳجهارتون ڳالهين جي ٽاڻن ۽ اُهڃاڻن تي ٻڌل آهن؛ ڳجهارت ڳولڻ لاءِ ضروري آهي ته ڳالهين جا موقعا ۽ ٽاڻا ياد هجن، جيئن ڳولو سمجهي سگهي ته ڳجهارت ڪهڙي موقعي جي آهي، ڪير ٿو چوي، ڇا ٿو چوي، ڇو ٿو چوي ۽ ڪيئن ٿو چوي؟ ٽيون ته ’پاون‘ جي مناسبت سان سهڻن ڌڪن هڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ڳولي کي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن، ۽ مختلف قسمن جي شين ۽ جنسن جي نالن سان ڪنهن حد تائين واقفيت هجي. اهڙي واقفيت هر شخص جي پنهنجي ڄاڻ ۽ تجربي جو نتيجو ٿي سگهي ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ سگهڙن لاءِ خالص سنڌي ٻولي، سنڌ جي رهڻي ڪهڻي ۽ پوکن، وڻن، پکين وغيره شين جو قدرتي ماحول اهڙيءَ ڄاڻ واقفيت لاءِ موجود آهي؛ البته لکيل پڙهيل طبقي لاءِ لکيت ۾ اهڙو مواد موجود نه هو، پر هاڻي هن ڪتاب (ڳُجهارتون) جي ’پهرئين ڀاڱي‘ ۾ اهڙي واقفيت لاءِ چڱو خاصو مواد موجود آهي.
    ڳولو اڳ ٻڌل ڳجهارت کي ڌڪ نه هڻي : ٻُڌل ڳجهارت کي ڌڪ هڻڻ ڄڻ مئل شيءِ کي مارڻو آهي. محض سرخرو ٿيڻ خاطر ٻُڌل ڳجهارت کي ڌڪ هڻڻ سگهڙ پائيءَ جي شان ۽ ڪچهريءَ جي قانون جي خلاف آهي. ٻُڌل ڳجهارت ملي ته ڳولو چوي ته: ’ادا ٻڌل آهي، يا مون وٽ اڳي آهي‘ البته ڪي ڳجهارتون ’ڏيڻيءَ‘ ۾ هڪجهڙيون ٿين ٿيون، انهيءَ ڪري ڏيندڙ سگهڙ جي مناسب سمجهي ته بيشڪ ڳولي کان ثابتيءَ جي طلب ڪري. اهڙيءَ طلب تي پوءِ ڳولو ڀل ٻُڌل ڳجهارت سڄي ڪري ٻڌائي.
    ڳجهارت تڏهن ڀڄي جڏهن ڳولو ڪنهن به ’پائي‘ وارو صحيح ۽ ثابت نالو کڻي: جڏهن سُر رکي ٿو ڏجي ته پوءِ ’چاليهين پتي واء‘ تي ڳجهارت ڪانه ڀڄندي. ضروري آهي ته ڳولو ڪنهن به پائي وارو صحيح ۽ ثابت نالو کڻي. ڪن سڄاڻ سگهڙن اهو اصول اڳ به تسليم ڪيو هو جو چيائون ته ”ڳجهارت پنهنجي پائي ڇُٽندي“ يعني ڳجهارت ڀڄندي تڏهن جڏهن ’پائي‘ وارو لفظ پڌرو ٿيندو مثلاً پائي وارو لفظ ’ڍڳو‘ آهي ته ’ڏاند‘ چوڻ سان ڳجهارت ڪانه ڀڄندي ۽ جي پائي وارو لفظ ’دلو‘ آهي ته ’گهڙي‘ چوڻ سان ڳجهارت ڪانه ڀڄندي. چوندا آهن ته، ”هر ’پائي‘ پنهنجي مزوري پوري لهڻي“. البته جيڪڏهن ڳولو هڪ پائو ڳوليندي، ڪنهن ٻئي پائي وارو پورو لفظ چئي ويو ته به ڳجهارت ڀڄي پوندي. مثلاً ڪنهن ڳجهارت ۾ ڳهه ۽ ذات ٻه جدا پاوا آهن، ۽ ڳهه جي ڀڃڻي ’دستي‘ آهي؛ پوءِ جي ڳولو ذاتيون ڳوليندي ’دستي‘ چئي ويو ته به ڳجهارت ڀڄندي. اصول اهو آهي ته ڳولو پائي جي مراد وارو صحيح ۽ پورو لفظ ڪنهن ڪنهن صورت ۾ پڌرو ڪري چئي.
    ڳول جي ملوڪت انهيءَ ۾ آهي ته ڳولو ڳجهارت جو خيال ۽ رايو سمجهي، پوءِ پاون جي مناسبت سان پورا ڌڪ هڻي: ڳجهارت ڳولڻ آسان نه آهي: پرائو ڳجهه ڳولڻو آهي، جو ڪنهن به طرح ڳولجي ته جڳائي، پر سهڻائي انهيءَ ۾ آهي ته ڪنهن ڍنگ سان ڳولجي، سهڻائي ۽ دانائيءَ جي لحاظ سان ڳول جا ٽي درجا آهن:
    سڀ کان سولي پر ڄڻ ٻاراڻي درجي واري ڳول اها آهي جو فقط ’پاون‘ کي ڳولجي يعني ته پائو ’ڳهه‘ جو هجي ته وٺي ڳهن جا نالا وٺجن، يا ’ذات‘ جو هجي ته وٺي ذاتيون بيان ڪجن. اهڙيءَ ڳول ۾ خيال ۽ فڪر جي ضرورت ناهي: ڳهن يا ذاتين جا گهڻا نالا ياد هوندا ته ’پاون‘ جي ڀڄڻ جو وڌيڪ امڪان ٿيندو. انهيءَ ڪري ڪن سگهڙن ڳهن، ذاتين، ڪاٺين، پکين، وکرن وغيره جنسن جي نالن کي بيتن ۾ منظوم ڪيو ته جيئن مختلف شين جي نالن جون کنڌيون سولائيءَ سان ياد ٿي سگهن. جن کي بيت ياد هوندا سي ڳجهارت ڀڃڻ وقت وٺي ڳهن، ذاتين، پکين وغيره جنسن جي نالن جي کنڌي کڻندا ۽ بيت پڙهندا. جن ڳولن اهي کنڌيون ٺاهيون ۽ ياد ڪيون تن جي ذوق شوق ۽ يادگيريءَ کي آفرين ڏيئي سگهجي ٿي؛ پر ڳجهارت ڳولڻ جو اهو طريقو هيٺين درجي وارو شروعاتي طريقو آهي، جو نون سيکڙاٽن کي ئي جڳائي ٿو. بنا سوچ سمجهه جي وٺي پاون جا نالا کڻڻ، ڳجهارت سان انصاف ڪرڻ ناهي، مگر اُن تي زبردستيءَ سان فوج چاڙهڻي آهي؛ پوءِ جي اتفاق سان ڪو تير لڳو ته گهائجي پوندي نه ته گهڻو ڪري بچي پوندي.
    وچين درجي جي ڳول اها آهي جو ڳوليندڙ، ڳجهارت جي ’ڏيڻي‘ يا ’بيهڪ‘ کي خيال ۾ رکي پوءِ پاون کي انهيءَ لحاظ سان ڳولي.
    بالڪل مٿئين ۽ اعلى درجي واري سهڻي ڳول اها آهي، جو ڳولو ’ڏيڻيءَ‘ کان نظر اڳتي وڌائي ، مقصد ۽ مراد جي لحاظ سان ڳجهارت جو خيال يا رايو سمجهي ته ڪهڙي موقعي تي چيل آهي، ڪير ٿو چوي ۽ ڪيئن ٿو چوي! جيڪڏهن ڳولي دانائيءَ سان ڳجهارت جو رايو هٿ ڪيو ته انهيءَ رايي کي موزون لفظن ۾ بيان ڪرڻ سان ڳجهارت کلي پوندي. سدا ملوڪ ڳولو اُهو چئبو جو ڳجهارت جي مقصد کي وهڃائيندي ڳالهه ۾ ڳجهارت کي ڀڃي ڇڏي، پر جي ڳالهه ۾ ڳجهارت نه ڀڄي ته قابليت اِها آهي جو ڳولو، ڳالهه جي لحاظ سان ’پاون‘ کي سهڻا ۽ سَنڌائتا ڌڪ هڻي. سهڻا سنڌائتا ڌڪ اُهي آهن جن ۾ پاون (مثلاً ’ڳهه‘ يا ’ذات‘) جون ڀڃڻيون به اچي وڃن ۽ اهي ڀڃڻيون ڳجهارت جي رايي سان پڻ ڀچي بيهن. ڪچهرين ۾ اسان جيڪي سگهڙ ڏٺا آهن تن ۾ رمضان ٽالپر کي اها رمز ياد آهي جو بعضي ٽهپائي ڳجهارت جي ٽنهي پاون کي سهڻا ۽ سَنڌائتا ڌڪ هڻي ڄاڻ ڏيندو ويندو.
    ڳجهارت ڀڄي ته، ڏيندڙ ڳجهارت کي سڄو يا سال ڪري. ڳجهارت جو ڪوبه هڪ پائو ڀڳو ته ڳجهارت ڀڳي. ان بعد ڳجهارت جي پوري ڀڃڻي يا وراڻ پڌري ڪرڻ ضروري آهي. انهيءَ لاءِ ته سڄي سر بستي ڳجهارت ڪچهريءَ جي ڪنين پوي ۽ ڳولي کي پڻ اطمينان ٿئي ته ان کان اڳ سندس ڪنهن ٻئي ڌڪ سان ته ڳجهارت ڪانه ڀڳي! انهيءَ لاءِ ڳولي کي گهرجي ته ڏيندڙ کان طلب ڪري ته: ’ادا ڳجهارت سڄي ڪر‘ پڻ چوندا ته: ’ڳجهارت سال ڪر‘ يا ڳجهارت کول.“ (ڪتاب: ڳجهارتون)
    اوطاق ۽ڪچهريءَ جي قانون کان پوءِ هن ڪتاب ۾ جيڪو مواد شامل ڪيو ويو آهي، ان لاءِ عرض ڪجي ٿو ته هيءُ مواد گهڻي ڀاڱي اهو مواد آهي جيڪو پهريون دفعو شايع ٿئي پيو،. حال حيات سگهڙن کان سڌو سنئون مواد ورتو ويو آهي، انهن مان ڪن تمام ٿورڙو مواد موڪليو، جنهن ڪر ي انهيءَ کي جڳهه گهٽ ملي. سندن تعارف کانئن پڇي لکيا ويا، ڪن پاڻ لکيا، ڪي ٻين ڪتابن تان به کنيا ويا، جن جو حوالو ڏنو ويو آهي. سگهڙ ته تمام گهڻا آهن پر هتي چونڊ سگهڙن جو تعارف شامل ڪري سگهيا آهيون، جيڪي رهجي ويا آهن. انهن کي ايندڙ ڪنهن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويندو. ڪوشش ڪبي ته لوڪ ادب رٿا ٻيهر شروع ڪري ٽيم جي صورت ۾ ڪم ڪيو وڃي. مواد جي ترتيب سُگهڙائپ جي فن ۾ مهارت ۽ ذخيري جي حساب سان رکي وئي آهي. مليل شاعريءَ ۾ سينگار جا بيت وڌيڪ موڪليا ويا آهن،جنهن جو سبب هڪ اهو آهي ته اسان جا سگهڙ ان صنف کي پسند ڪن ٿا يا وري ان صنف تي سولائيءَ سان لکي سگهن ٿا. وڏي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته شاعريءَ جون سڀئي جنسون شامل ٿين. جتي چونڊ جو موقعو مليو، اتي ان ڳالهه جو گهڻو خيال رکيو ويو.
    جيڪي جنسون ڪتاب ۾ شامل آهن، انهن جو تعارف ڏيڻ ان ڪري ضروري سمجهيو ويو ته جيئن هن فن کي سکڻ ۾ سهولت ٿئي. هڪڙو سوال هر ڪنهن جي ذهن ۾ ايندو آهي ته سگهڙ ۽ شاعر ۾ ڪهڙو فرق آهي. حقيقت ۾ ٻئي هڪ ئي تخليقار جا نالا آهن، ٻئي شاعر آهن پر منجهن معمولي فرق آهي. ان فرق بابت سگهڙ عبدالرحمان مهيسر جي وضاحت ڏجي ٿي، ”سگهڙ جي بيتن سان وزن ۽ بحر جو تعلق نه آهي، بحر ۽ وزن عروضي شاعريءَ سان لاڳو آهي. تڏهن ته وڏا پارکو چوندا آهن ته سگهڙ جگري شاعر آهن“ (رهاڻ رحمت الله جي- ص: VI)
    ان کان سواءِ فڪري فرق به آهي. سگهڙن جو فن پڙهڻ سان گهٽ ٻڌڻ سان وڌيڪ مزو ڏئي ٿو. ٻين لفظن ۾ سگهڙن وٽ (Presentation) ڪمال جي آهي. هُنن جو ورجاءُ به ٻڌڻ سان ڏاڍو وڻي ٿو. جڏهن ته عام شاعرن وٽ وري خيال ۽ فڪر جي گهرائي وڌيڪ آهي.
    هن ڪتاب ۾ سگهڙائپ جي فن کي وڌائڻ ۽ سگهڙن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ جوڙيل تنظيمن جو تعارف به ڏنو ويو آهي ته جيئن اها تاريخ به سانڍجي وڃي. توڙي جو انهن تنظيمن بابت مڪمل ڄاڻ نه ملي سگهي آهي، تنهن هوندي به محققن لاءِ اها ڄاڻ هڪ گس جو ڪم ضرور ڏيندي ۽ اسان جا نوجوان محقق ان طرف ڌيان ڏيندا.
    جيتوڻيڪ اهي تنظيمون ڪي باقاعدي منظم تنظيمون ناهن، وسيلن جي اڻاٺ ۽ قيادت جي اڀرائپ جو شڪار آهن، کين سرڪاري سرپرستي به ناهي. تنهن هوندي به انهن پاڻ ملهايو آهي، وِتَ ۽ وَس آهر خدمت ڪئي آهي. بهرحال وڌيڪ جاکوڙ، محنت ۽ سرپرستيءَ جي سخت ضرورت آهي.
    سگهڙن جا ڌار ڌار ڪتاب ستر واري ڏهاڪي کان پوءِ وڌيڪ ڇپبا اچن پيا. سئو کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي هنن پنهنجيءَ مدد پاڻ هيٺ شايع ڪرايا آهن، لڳ ڀڳ پنجاهه سالن دوران ڪتابن جو اهو انگ تمام گهٽ آهي. انهن مان به سمورا نه ملي سگهيا آهن. ڪتابن جي تعارف ڏيڻ جو مقصد به هڪ تاريخ سانڍڻ آهي. جن ڪتابن جو تعارف شامل نه ٿي سگهيو آهي، انهن جي ڳولها جاري رکي ويندي. اميد ته اوهان پڙهندڙ به رهنمائي ڪندا.
    هيٺ هن ڪتاب ۾ شامل صنفن جون وصفون مثالن سميت ڏجن ٿيون. اهي وصفون مون پنهنجن ڪتابن 1. سنڌوءَ جا گيت، 2. سنڌي لوڪ ادب: مضمون ۽ مقالا تان کڻي انهن ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار ڪري واڌارا پڻ ڪيا آهن.
    لوڪ شاعريءَ جون صنفون
    ائين لکڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي لوڪ ادب سواءِ لوڪ ڪهاڻيءَ جي باقي سمورو نظم ۾ آهي، ائين لڳي ٿو ته سنڌي ٻولي هڪ ردم، موسيقيءَ ۽ شاعريءَ واري ٻولي هئي ۽ آهي، جو جيڪا به لوڪ ادب جي صنف پڙهجي يا ٻڌجي ٿي، سا نظم جي صورت ۾ ملي ٿي، ويندي ڪيترن ئي پهاڪن ۽ چوڻين تائين به.
    هونءَ به هن خطي (ننڍي کنڊ) ۾شاعر وڌيڪ مقبول ۽ مؤثر آهي. جڏهن ته يورپ ۾ وري نثر، نثر ۾ ناول وڌيڪ سگهارو آهي. اسان انهن سببن تي بحث نه ٿا ڪريون.
    سنڌ ۾ شروع کان ئي شاعريءَ جو اثر ۽ ماڻهن جو لڳاءُ ۽ جهڪاءُ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اسان وٽ شاعر/ سگهڙ تمام گهڻي انگ ۾ موجود آهن ۽ انهن کي تمام سٺي موٽ به ملي ٿي.
    لوڪ شاعريءَ، خاص ڪري سگهڙائپ جي فن واريءَ شاعريءَ جي صنفن جو مختصر تعارف مثالن سان هيٺ ڏجي ٿو.

    حمد:
    حمد ۾ الله سائينءَ جي واکاڻ ۽ وڏائي بيان ڪئي ويندي آهي. سگهڙ ڪچهريءَ جي ابتدا ئي مٺي نالي سان ڪندا آهن، حمديه ڪلام کان سواءِ به اڪثر ڪچهريءَ جي ابتدا ٻاجهاري نالي، مٺي محمد ﷺ جي ساراهه ۽ منقبتن سان ڪندا آهن. حمد ۾ بيت به ٿين ته وري وائي ۽ ڪافي وغيره به ٿئي. مطلب ته حمد ۽ ثنا جي لاءِ فن جي لحاظ کان ڪنهن صنف جو قيد ناهي. ڪنهن به صنف ۾ اهو موضوع شامل ڪري سگهجي ٿو.
    مثال لاءِ حمد جا ڪجهه شعر ڏجن ٿا.
    حمد ثنا/ سنڌي
    موجود حق هر جاءِ تي مالڪ ملڪ منان ڏس
    خلق جو خالق خدا رازق رب رحمان ڏس
    احد صمد لم يولد، الله عاليشان ڏس
    اول آخر ظاهر باطن لامثل سبحان ڏس
    بي مثل، بي چون بالا شهه شاهان سلطان ڏس
    قدرت انهيءَ قادر سندي ڪيڏي ته بي بيان ڏس
    باد خاڪ و آب آتش اول اصل سامان ڏس
    ٿنڀ ٿوڻي کان سواءِ پنهنجي مٿان آسمان ڏس
    جاڳ جاني جاءِ ڪهڙي پيرن تري ميدان ڏس
    مهر سان مالڪ حقي جوڙيو ڪيئن جهان ڏس
    بهشت دوزخ قلم ڪرسي انصاف حق ميزان ڏس
    ملڪ حور و َ انس جن ديو و پرستان ڏس
    سمنڊ جبل ريت رڻ برڀٽون بيابان ڪوهستان ڏس
    وستيون واهڻ ڳوٺ جهوپا شهر محلا شان ڏس
    هاري پورهيت وانڍ ڏيندڙ اعلى مغز انسان ڏس
    عالم حقاني علم جا علماءَ عمل قرآن ڏس
    ڪي گداگر پيٽ جا حيرت اندر حيران ڏس
    ڪوٽ قلعا پڊ پراڻا واحد ڪيا ويران ڏس
    ڪالهه جيڪي سيج سُتا اڄ اهي دربان ڏس
    خاڪ ۾ ٿي خاڪ ويا ذات حق ذيشان ڏس
    هدايت علي هر چيز کي بي بقا بستان ڏس
    حق تعالى هر هميشه پنهنجو ڌري ڌيان ڏس.
    (فقير هدايت علي رڏ)

    مولود شريف /نعت
    دنيا وارا پاڻ سڳورن ﷺ جي ساراهه ۽ واکاڻ واريءَ شاعريءَ کي نعت يا ثنا چون پر سنڌ وارن ان اظهار لاءِ نرالو نالو ”مولود“ ايجاد ڪيو. مولود راڳ جو هڪ اهڙو سُر آهي، جيڪو بنا سازن جي ڳايو وڃي ٿو. آهي ته اهو نبي ڪريم ﷺ جن جي واکاڻ پر نعت کان مختلف آهي. نعت ۽ مولود ڳائڻ ۾ به وڏو فرق آهي. مولود ايڏيءَ سِڪ ۽ سوز مان ڳايو وڃي ٿو جو سڄي جسم جي سگهه استعمال ڪئي وڃي ٿي. مولود رڳو پڙهيل ڳڙهيل نه پر اڻپڙهيل ماڻهو به ڳائين ۽ ٺاهين. جڏهن ته نعت گهڻي ڀاڱي پڙهيا لکيا ئي لکندا آهن. مطلب ته سنڌ ۾ مولود کي عوامي مڃتا مليل آهي. نعت به هتي لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي پر مولود گهڻا ڳايا وڃن ٿا ۽ رڳو سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ ٿين ٿا. جڏهن ته نعت سنڌ جي هر ٻوليءَ ۾ ملي ٿي.
    مولود جي معنى آهي نئون ڄاول ٻار. سنڌين پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ڄم کي واکاڻ جو مرڪز بڻائي سندس شان ۾ چيل صفت ۽ ساراهه کي ”مولود“ سڏيو. مولود ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي هن دنيا ۾ اچڻ ۽ ان سان ٿيل روشنيءَ کي موضوع بڻايو ويندو آهي.
    مولود جي شروعات سترهين صدي عيسويءَ ۾ مغلن جي زماني ۾ ميين شاهه عنات رضويءَ ڪئي. شاهه عنات جي پيءُ جو نالو سيد نصرالدين رضوي هو، جيڪو مڪي مان اچي پهريان روهڙيءَ شريف ۽ پوءِ نصرپور ۾ آباد ٿيو. شاهه عنايت رضوي 1035هه مطابق 1644ع ڌاري ڄائو. هُو سُهروردي طريقي جو بزرگ هو، هن جي وفات ڪلهوڙن جي دور ۾ 1125هه مطابق 1713ع ۾ ٿي. الهه بخش نظاماڻي پنهنجي ڪتاب ”لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته ”شاهه عنايت پهريون ڀيرو پنهنجي ڪلام ۾ مولود لفظ ڪم آندو ۽ پنهنجيءَ هڪ وائيءَ کي مولود سڏيو.
    ان کان پوءِ سنڌ ۾ مولودن جو سلسلو شروع ٿي ويو. مخدوم عبدالرئوف ڀٽي پهريون سنڌي شاعر هو، جنهن باقاعدي سموري شاعري مولودن ۾ ڪئي. مخدوم عبدرئوف جو تخلص ”عاصي“ هو. سندس پيءُ جو نالو محمد عمر ڀٽي هو. هُو پراڻن هالن ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي صاحبيءَ ۾ ڄائو. سندس وفات 1752ع ۾ عربستان ۾ ٿي. کيس مديني شريف ۾ دفنايو ويو.
    مولود شريف ۾ هروڀرو حضورﷺ جي هن جهان ۾ اچڻ جو ئي ذڪر نه بلڪه ان سان لاڳاپيل هر ڳالهه کي آندو وڃي ٿو. ان جي ڳائڻ جو پنهنجو انداز آهي. ڪافيءَ سان ملندڙ جلندڙ آهي. هيءُ سنڌ جو لوڪ انداز آهي. وائيءَ ۽ ڪافيءَ وانگر تاڃي پيٽو اٿس. ٿلهه ۽ بند. بند ٽي چار يا ان کان وڌيڪ به ٿيندا اٿس . مولودن ۾ وائيءَ وانگر وراڻي به ٿئي. ڪي بنا وراڻيءَ جي به ٿين. قرئت ۽ ذڪر جو اثر به ڳائڻ ۾ ملي ٿو.
    سنڌ جي اترئين حصي ۽ ڏاکڻئين حصي لاڙ جي مولودن ڳائڻ ۾ چڱو ڀلو فرق آهي. اتر سنڌ ۾ ڳائجندڙ مولودن ۾ سُريلائپ وڌيڪ هوندي آهي ۽ لفظ چٽي نموني ادا ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته لاڙ ۾ ڳائجندڙ مولودن جو انداز ذڪر وارو آهي. جنهن ۾ لفظن جي چٽائي گهٽ ۽ لانڍ وڌيڪ ٿئي ٿي. مولود اڪيلي سِر به ڳايا وڃن ته ٽوليءَ جي صورت ۾ به ڳايا وڃن ٿا. مسجدن ۾ روزانو يا جمعي جي ڏينهن کان سواءِ خاص مذهبي ڏڻن تي به ڳايا وڃن ٿا. تنهن کان سواءِ ڪٿي ڪٿي خوشيءَ جي موقعن جهڙوڪ: شاديءَ وغيرهه ۽ غميءَ جي موقعي موتيءَ فوتيءَ تي به ڳايا ويندا آهن. ان جي ڳائڻ جا مختلف انداز آهن. جن ۾ سُريلي ۽ لسي آواز ۾ مولود پڙهڻ جن کي لاڙ ۾ ”لاتيون“ چون. اڪيلي سِر توڙي ٻه ٽي ڄڻا گڏجي ڳائن. زِيل سان مولود پڙهڻ واري انداز ۾ هر هر ”الا، يعنى الله“ ڏاڍي زور سان ذڪر واري نموني آلا پيندا آهن. اهڙن مولودين کي ”زيلڙيا“ چيو وڃي.
    لاڙ ۾ ٽولين جي صورت ۾ پڙهجندڙ مولود واري انداز کي ”ٻارين وارو“ انداز سڏين. ٻاريءَ ۾ هڪ اڳواڻ ۽ ٻيا ساٿي يا جميلي هوندا آهن جيڪي گهٽ ۾ گهٽ چار يا وڌ ۾ وڌ پنج يا ڇهه هوندا آهن. محفلن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻاريون به مولود پڙهنديون آهن. مولود کان اڳ مدح سڳوري به پڙهي ويندي آهي. مولود ڏيڍو به ٿئي ته چوتُڪو به. ڏيڍي ۾ ٽي ٺپ ۽ چوتڪي ۾ چار ٺپ ٿيندا آهن. مولودن سان گڏ مداح کان سواءِ منا جاتون ۽ معجزا به پڙهيا ويندا آهن. انهن سڀني جي پڙهڻ جو انداز مولود وارو ئي آهي. غلام محمد بُگائي مخدوم عبدالله، جمن چارڻ، شرف شاهه، ملان صاحبڏنو شڪارپوري، حسين بخش ديدڙ، پير مهدي شاهه، ڇتو فقير سانگي. پير محمد راشد وغيرهه مولود جا وڏا شاعر ٿي گذريا آهن. هن دور جي مولودي شاعرن ۾ غلام رسول جتوئي، غلام نبي مهيسر، ثناءُ الله عباسي، علي بخش نجار، حاجي امداد الله ڦلپوٽو ۽ الحاج رحيم بخش قمر وغيرهه شامل آهن. جن مان ڪي حال حيات آهن ته ڪي الله سائين کي پيارا ٿي چڪا آهن. سچل سرمست به مولود چيا آهن. سندس هڪ مولود هيٺ ڏجي ٿو:
    مرسل ملندو مون، آهي آس اکين کي
    مولو مهر ڪري، مون کي مان ملن
    ـــــ
    اُڪنڊ عربيءَ ڄام جي آهي محبت منهنجي مَن
    نيشاني ته نبيءَ جي آهي، سُنت سُپرين.
    ـــــ
    سچيڏني کي سيد ڪيو، آجو کان عيبن
    ويندا سي ايمان سان، جيڪي ڪلمون پاڪ پڙهن.
    نموني خاطر هڪ ٻيو مولود به هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو سچل سرمست جي نگريءَ جي هڪ شاعر جو آهي. اهو شاعر اسان جي ڳوٺ گل محمّد ڄامڙي ۾ استاد هيو.
    وڻي محمد مير مون کي،
    تيئن ڪين وڻي کنڊ کير مون کي.
    (1)
    آهي شوق سدا انهيءَ نام سندو،
    مون کي مير محمد ڄام سندو،
    جيڪو ضامن قبر قيام سندو،
    شب و روز اندر اُڪير مون کي.
    (2)
    هُجان شال مديني جو ئي دم جيان، زم زم سندو پاڻي شال پيان
    آڏو مير محمد (ﷺ) جي ته مران، آهي هتي زوريءَ جهليو تقدير مون کي
    (3)
    حُب حسنينؓ سَندي مون کي آهه اندر،
    جن جو نانو نبيؐ عليؓ شاهه پدر،
    خاتونِ جنت سندا ٻئي لخت جگر،
    وڻن وارث مِٺا پنجئي وِير مون کي.
    (4)
    ڀلا شاهه شفيع جا اصحاب ڪُلي، خاصا چار خليفا دوست دلي،
    ابا بڪر ؓ، عمر ؓ، عثمانؓ، علي ؓ،
    مٺا نور نبيءَ جا وزير مون کي.
    (5)
    آ ”نجار“ نبيءَؐ جي درجو ”گدا“
    هُجان پيش پرينءَ جي شال سدا،
    آهي پاڪ ڪلمو منهنجو وِردُ ادا،
    ٻي ڪا نه سُجهي تدبير مون کي.
    گدائي علي بخش ”نجار“ سومرو
    هِن وقت افسوس جي ڳالهه آهي ته مولود شريف ڪافي ڪلام وارين ٺيٺَ ڌُنن يا پنهنجين ڌنن تي ٺاهڻ بدران هندستاني گانن جي ڪَٽُن تي ٺاهيا وڃن ٿا، مسجدن ۾ به پڙهيا وڃن ٿا، جنهن سان نه رڳو مولود شريف جو تقدس متاثر ٿئي ٿو بلڪه ان لوڪ موسيقيءَ کي به نقصان پهچي ٿو.

    مددي ڪتاب:
    سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ، الهه بخش نظاماڻي.
    نعتيھ شاعري- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو- آگسٽ 1980ع.
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ گل محمد ڄامڙي جي رٽائرڊ هيڊ ماستر ۽ منهنجي استاد محڪم الدين ڄامڙي پاران مليل گدائي علي بخش”نجار“ جو پنهنجن هٿ اکرن سان لکيل ڪتاب جنهن ۾ سندس مولود آهن.

    مناقبو ۽ منقبت
    مولودن کان سواءِ سنڌيءَ ۾ مناقبا به چيا وڃن ٿا. مناقبو رڳو سنڌيءَ ۾ ئي ٿئي. مناقبو لفظ مناقبته مان نڪتل آهي. جنهنجي معنى نيڪي، لڇڻ درجو يا منزل آهي. ان نظم ۾ نبيُن ولين ۽ اصحابن سڳورن جي ڪنهن گُڻ يا واقعي کي بيان ڪيو وڃي ٿو. امامن جي شان ۾ به منقبتون چيون وڃن ٿيون. جن کي مناقبو نه بلڪه منقبت ئي چيو وڃي ٿو. منقبت ۾ به مناقبي وارا ئي موضوع هوندا آهن. منقبت سنڌيءَ کان سواءِ اُردوءَ وغيره ۾ به آهي. مناقبو ۽ لوڪ ادب جي صنف سينگار هڪ الڳ صنف آهي. ان ۾ به ڪنهن شئي جي واکاڻ ڪئي وڃي ٿي.
    سينگار جي بيتن ۾ ڳُجهه رکيل هوندو آهي.، سُگهڙ هڪٻئي کي ڏيندا وٺندا آهن. انهن ۾ ڪيترا ئي موضوع سمايل ٿين پر گهڻي ڀاڱي واکاڻ، هدايت ۽ نيڪيءَ وارا هوندا آهن. اهي ڏبا وٺبا ته آهن پر ڳائبا ناهن. جڏهن ته مناقبا ڳايا وڃن ٿا. سنڌ ۾ مناقبا ڪلهوڙن جي دور کان شروع ٿيا، مخدوم غلام محمد بُگائي، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي مناقبي جا بنيادي شاعر آهن. هتي نموني خاطر هڪ منقبت ڏجي ٿي؛
    منقبت (پيران پير جي شان ۾)
    محبوب سبحانيءَ جو ٻڌ شان وڏو آ
    ڪهڙو لکي ڪاغذ قلم بيان وڏو آ
    دنيا جي ولين جي مٿان جنهن جو آ قدم سو غوث الاعظم
    هڙني ولين کان هن جو مان وڏو آ
    آيا جي اڱڻ فعلي هتي چور ۽ زاني، ٿي وين مهرباني
    چورن مٿان مور بڻائي مهربان وڏو آ
    ماڻهن جا مردا قلب ڪيا جيلانيءَ جيرا، هڪ نه لک ڀيرا
    جنهن نه مڃيو تنهنجو ٿيو نقصان وڏو آ
    نالو آ دستگير جو جنهن آندو، ننگر ۾ گوهر انهي گهر ۾
    جلدي اچي مرشد ٿيندو مهمان وڏو آ
    چئي ’لاشاري عاجز‘ جو بڻيو يار جو دشمن دربار جو دشمن
    ’انسان‘ انهيءَ جو مونکي ارمان وڏو آ
    عاجز رحمت الله لاشاري
    مناجات
    مناجات عربي لفظ ”ناجا“ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنى آهي ڪَنَ ۾ ڳالهه ڪرڻ، خدا پاڪ کي حاضر ناظر ڄاڻي سندس حضور ۾ دعا گهرڻ کي مناجات چون ٿا. مطلب ته هيءُ دعا وارو شعر آهي. مداح، معجزا ۽ سماع به هِن صنف جا ئي قسم آهن. جن جو هتي الڳ ذڪر ڪبو. ڇاڪاڻ ته انهن صنفن جي الڳ حيثيت به آهي . مناجات لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جو باني سنڌ جو حاڪم ميان سرفراز ڪلهوڙو پٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو آهي. جڏهن ميان سرفراز پنهنجي حڪومت هٿان وڃائي ته هُن کي قيد ڪيو ويو. جيل ۾ سندس اکيون ڪڍيون ويون. ان کان پوءِ هن شاعريءَ کي پنهنجو ساٿي بڻايو. فارسي شاعري به ڪيائين.سنڌيءَ ۾ سندس هڪ مناجات سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي، جيڪا سندس واحد سنڌي ڪلام آهي. ان بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”اها مناجات علم بديع جي لحاظ کان صنعت ترصيح تي بيٺل آهي. بحر هزج ۾ چيل آهي ۽ وزن اٿس؛ مفاعيل مفاعيل فعولن. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد غلام علي مداح آهي. جنهن کان سيد ثابت علي شاهه مرثيي گو به اصلاح وٺندو هو.“
    بسم الله، لڳ الله، محمد شاهه ڪر پناهه پرين تون
    منجهه درگاهه، ڪيم آهه، مٿي راهه رسين مون
    آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سُڻج سڏ تون
    پسي پاڻ، ڪرم ساڻ، ڏکيا ڏاڻ ڏئين تون
    ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سُڻج تون
    سرفراز کي، اُداس آهي آس، اوهان ڏئون
    رهه راس، بند خلاص، خوشي خاص، ڏئين مون
    ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سُڻج تون
    ان مناجات کي مداح به چيو وڃي ٿو، پر جيئن مٿي ذڪر ٿيل آهي ته مداح به مناجات جو هڪ قسم آهي. تنهنڪري ان کي مداح توڙي مناجات چئي سگهجي ٿو.
    مداح/مدح
    مدح يا مداح جي معنى آهي ساراهه يا واکاڻ. ان ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي صفت سان گڏ اصحابن سڳورن ۽ اوليائن کي به واکاڻيو وڃي ٿو. مولود ۽ مناجات وانگر مدح به مسجد ۾ پڙهي وڃي ٿي. سنڌ ۾ شادين مرادين عيد براد ۽ غمين ۾ به مولود، مدح، مناجات، مراقبو وغيرهه پڙهيا ويندا آهن. مداحن جي پڙهڻ يا ڳائڻ جو انداز به ساڳيو مولودن وارو ٿئي. هتي نموني طور صدر الدين چارڻ جي مداح ڏجي ٿي.
    صلوات سَرور ڄام تي، رب فرض ڪئي فُرقان ۾
    صلوات عليھ وسلمُو، قادر چيو قرآن ۾
    ”يُعطيڪَ رَبُڪ فَترضى“ ٿيو شرف جنهنجي شان ۾
    ما سوا محبوب جي، ٻيو جڙيو ڪونه جهان ۾
    حُب جنهن حضرت جي ٿي اصلي رڪن ايمان ۾
    سو وسيلو مان وٺي، ٻُنڀ جيئن رڙان بيابان ۾
    ڪيئن ڇڏيندو ڪارڻي، وارث وصي ويران ۾؟
    ريءَ دير ڪر درگاهه مان مقصد سگهو محتاج جو
    ”رکُ يا رسول الله! تون ٻانهي مٿي هٿ ٻاجهه جو“
    معجزو
    معجزو به مذهبي لوڪ شاعريءَ جي هڪ صنف آهي، جنهن ۾ نبين جي معجزن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته بزرگن جون ڪرامتون به بيان ڪيون وڃن ٿيون. معجزي جي معنى آهي اهڙي ڳالهه يا واقعو جنهن کي عقيدت ۾ انسان مڃڻ لاءِ عاجز ٿي وڃي. ڪرامت به ائين ئي آهي. ڀلي عقل يا سائنس ان ڳالهه کي مڃي يا نه مڃي پر عقيدت ۾ ان کي لازمي مڃڻو آهي. سنڌ جا سُگهڙ ۽ مولودي وغيره معجزي ۾ حضرت محمد ﷺ جي معجزن جو ذڪر ۽ واکاڻ ڪندا آهن. هتي نموني خاطر مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو هڪ معجزو ڏجي ٿو. جنهن جو مفهوم ڪجهه هن ريت آهي ته ”هجرت وقت پاڻ سڳورا ﷺ اُم معبد جي خيمي وٽان لنگهيا، خيمي ۾ هڪ ڏُٻري ٻڪري ٻڌي بيٺي هُئي، جنهن جا ٿڻ سُڪي ويا هُئا، پاڻ ڪريمن ﷺ ان جي ٿڻن کي هٿ لاتا ته ٿڻن ۾ کير اچي ويو. ايترو کير ڏنائين جو سڀني ڍئو ڪري پيتو ۽ اُم معبد کي ڏئي ويا.“
    تڏهن رسول ڌڻيءَ جي، ٿڻ ٻڪريءَ جا هٿن سين مليا
    دُعا گهريائون ڌڻيءَ ڪنا، چئي بسم الله
    تان ڀرجي ٿَڻَ ٻڪريءَ جا، آيا کير منجهان
    ڏُهي ڀريائون تنهن کان، گهڻو وڏيرو ٿانءُ
    وٺي ڏنائون کير سو، مڙني ماڻهن کان
    جيڪي هُئا تنهن ماڳ ۾، حاضر هيڪاندا
    کڻيو ڏنائون سڀني کي، ڀري پيالا
    پرُ پياريائون اُم معبد کي، پهريائين تنها
    تنهن پُڄاڻا پياري ڍايائُون، پڻ ماڻهو سڀ ٻئا
    تان پڻ پيتائون کير ڪي، سڀني پُڄاڻا
    ماڻهو سڀئي تَنهِن منجهان، پيئندي پُر ٿيا
    پڻ موٽي ڏُڌائون پهونءَ کي، ڦِري ٻيهارا
    ڏُهي ڀريائون ٿانءُ وڏو، وري تَنهِن منجها
    سو ڏيئي ”اُم معبد“ کي، ماڳهين ڇڏي هليا
    معجزن تي ٻڌل شاعري گهڻي ڀاڱي سُگهڙ ۽ مذهبي ڄاڻو ڪندا آهن، جيڪو سلسلو اڃا جاري آهي. معجزي واري تاڃي پيٽي تي لوڪ ادب جي صنف ڏور بيت ٿين. ان ۾ فرق رڳو اهو آهي ته پنجتني ڏور بيتن ۾ پنجن تنن يعني حضرت محمدﷺ، حضرت علي ؓ، حضرت فاطمھ ؓ، حضرت امام حَسن ؓ ۽ حضرت امام حُسين ؓ سان لاڳاپيل ڪنهن ڳالهه يا واقعي کي بيتن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته معجزي ۾ رڳو معجزي کي ئي بيان ڪيو وڃي ٿو. پوءِ اُهو معجزو پنجن تنن جو هُجي يا ڪنهن ٻئي بُزرگ جو. نبي سڳورا معجزا ۽ ٻيا بزرگ ڪرامتون ڏيکاريندا آهن پر لوڪ ادب جي هن صنف ۾ ٻنهي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. معجزي کي مولود واري انداز ۾ ڳايو ويندو آهي. هتي فرق واضح ڪرڻ لاءِ ڳوٺ چينگاڻي لڳ باجارا سيوهڻ جي لوڪ شاعر گل بيگ خان نوٿاڻي رِند جو هڪ پنجتني ڏور بيت ڏجي ٿو.
    سُهڻيون سڀيئي هُيون، پرسُهڻي منجهن هِڪَ
    قابو سا ڪامڻ بڻي، سهڻ جي سِڪَ
    رهبر تنهن تي راضي ٿيو، واليءَ ڪيس ورڪ
    اُمت کي آريءَ ڄام جي، ملندي مُبارڪ
    راضي ٿيو”رند“، چئي، پورهيت کي آهي پَڪَ
    ڀڃڻي: هڪ دفعي امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جن کي راند ڪندي ڪندي وڻ هيٺان آرام اچي ويو، ايستائين جو سج لڙڻ سان امامن تي ڇانو ختم ٿيڻ واري هئي. الله تعاليٰ ٽارين کي حڪم ڪيو ته ٻيون سڀ ٽاريون ڀلي ڇانوَ ختم ڪن پر منهنجي حڪم سان اها ٽاري اُتي پنهنجي ڇانوَ بيهاري ڇڏي، جتي امام سُتا پيا آهن.
    اهڙيءَ طرح شاعر هن ڏور ۾ ڳالهه ڪري ٿو ته ٽاريون سهڻيون ته سڀئي هيون پر هڪ ٽاري ڏاڍي سهڻي هئي، جو بخت واري بني ۽ الله جي حڪم سان پنهنجي ڇانوَ حسنين جن تي ننڊ مان اُٿڻ تائين قائم رکي. رب سائينءَ جي انهيءَ راضي ٿيڻ تي سڀني ٽارين ان کي مبارڪ ڏني. آخري سٽ ۾ شاعر پنهنجي ذات وِڌي آهي ته هن پورهيت ٽاريءَ کي پڪ هئي ته مون تي الله راضي ٿيندو.
    (تحقيقي جرنل ڪلاچي (مارچ 1999ع) ۾ ڊاڪٽر عابد مظهر جي مضمون ”لوڪ ادب جو شاعر گل بيگ خان رند“ تان ورتل، ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي)

    سماع
    سماعُ نج مذهبي صنف ته ناهي پر ان ۾ صوفياڻي طريقي سان مذهب جي پرچار پڻ ڪئي ويندي آهي. ان قسم جو راڳ يا ذڪر صوفي بزرگن جي مزارن، مقبرن ۽ درگاهن تي ڪيو وڃي ٿو. هونءَ اسلام ۾ راڳ جي اجازت ناهي پر سنڌ جا صوفي بزرگ راڳ وسيلي انسانن ۾ ميٺ محبت ڀائيچاري ۽ اسلامي اُصولن جي پرچار ڪندا آهن. ان صوفي ڪلام جي رچندڙ فقيراڻي محفل کي سماع چيو وڃي ٿو. قوالي به ان ئي قسم جو راڳ آهي پر سنڌ ۾ ان جو رواج تمام گهٽ آهي. درگاهن تي صوفياڻا ڪلام ڳايا وڃن ٿا. ان راڳ ڳائڻ لاءِ سازن ۾ گهڻي ڀاڱي يڪتارو ۽ چپڙي وڄايا وڃن ٿا. هونءَ سنڌي لوڪ راڳ جو به اهو ئي انداز آهي، جنهن کي ڪافي ڪلام چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن ٽولي جي صورت ۾ ڳائن ته ان کي سُنگ وارو انداز سڏن.
    سنڌ ۾ سماع جي ابتدا سومرن جي دور کان ٿي. ان ۾ صوفي بزرگن جون ڪافيون. ڏوهيڙا ۽ وايون ڳايون وڃن ٿيون. جن ۾ مذهبي پرچار کان سواءِ انساني جذبن ۽ احساسن جي اُپٽار، اخلاقي تربيت، حقيقي عشق وغيرهه جهڙا موضوع سمايل هوندا آهن.
    سنڌ ۾ سماع جون محفلون تمام گهڻيون آڳاٽيون آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تڙڏاڏي شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري لاءِ روايتون ملن ٿيون ته هو هميشھ سماع جي محفلن ۾ ويندو هو. شاديءَ ڀيريءَ به مٽيارين منجهان هڪ محفل مان سندس ڀاءُ جلال شاهه وٺڻ آيو ۽ چيانئس! ته هل ته تنهنجي شادي ٿا ڪرايون. مطلب ته هو هڪ ته درويش صفت انسان هو، ٻيو راڳ رنگ سان تمام گهڻي دلچسپي هُئس. شاهه ڪريم پاڻ به ڳائيندو هو سندس آواز ڏاڍو سُريلو هو.
    سماعُ لفظ سنڌيءَ ۾ عربيءَ منجهان آيو، جنهنجي معنيٰ آهي ٻُڌڻ. هن وقت سماع جي معنى راڳ رهاڻ ورتي وڃي ٿي. پر اُهو راڳ جيڪو صوفي بزرگن جي درگاهن تي ڳايو وڃي ٿو.
    ان راڳ ٻُڌڻ سان ماڻهوءَ تي وجد طاري ٿي وڃي ٿو. ٻُڌندڙ جهومڻ ۽ نچڻ لڳن ٿا. مختلف محفلن ۾ اهڙا ڪيترا ئي منظر ڏسڻ ۾ ايندا.
    سماع بابت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، مير معصوم بکريءَ جي حوالي سان روايت لکي ٿو ته ”ڳچ جيترا آدمي هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، انهن مان ڪي پنهنجي زبان ۾ سُر سان بيت پڙهندا آهن ۽ ٻيا انهيءَ سُر جي موافق سماع ڪندا آهن. پوءِ ڪن کي حال پوندو آهي. جن کي حال پوندو آهي سي گهوڙي وانگر پِڙ ڪڍندا آهن ۽ مست ٿي پوندا آهن. ويٺلن مان هر هڪ انهن کي چيلهه کان قابو جهلي بيهندو آهي. پوءِ اُهي نچندا آهن ۽ وات سان بلند آواز ڪندا آهن. ٻن ٽن سون سماعين جو آواز هڪڙي هنڌان اچڻ عجيب پڙاڏو وجهي ڏيندو آهي ۽ ميل يا وڌيڪ مفاصلي تي ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي.“
    اها روايت ثابت ڪري ٿي ته ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ سماع ان ريت هوندو هو. پر هن وقت ان ۾ تمام گهڻي تبديلي اچي چُڪي آهي. چيلهه مان جهلڻ جي روايت هاڻي ڪنهن درگاهه تي ملڻ مشڪل آهي. ها باقي ناچُو چيلهه سان ڪپڙو ٻڌي پڻ نچندا آهن. ناچن جي ڳائڻ ۽ نچڻ وارو انداز ڀڳتي آهي. هُو ڇير به ٻڌندا آهن. صوفي بزرگن جي درگاهن تي جيڪو راڳ ٿئي ٿو سو سماع وانگر ٽولين جي صورت ۾ به ٿيندو آهي ته اڪيلي سر به ڳائڻا ڳائيندا آهن. صوفين جي درگاهن تي گڏجي ڳائڻ واري انداز کي ”سُنگ سڏجي ٿو. سُنگ سماع جي ئي نئين صورت آهي. ان ۾ يڪتارو ۽ چپڙيون وغيره وڄايون وينديون آهن. سنگ جي معنى آهي گڏجي. ردم ۽ آواز جو گڏ هجڻ گڏ ڳائڻ يعني هڪ ئي وقت ساڳا ٻول چوڻ. راڳداريءَ ۾ ان کي ائين به چئي سگهجي ٿو ته پنج ڇهه همراهه جيڪڏهن گڏجي نچن يا ڳائن ته سندن پيرن يا ڳائڻ جا الڳ الڳ نه بلڪه گڏ ئي آواز ٻُڌڻ ۾ اچن. سنگ ۾ درگاهن تي پنج ست ڏهه ٻارهن يا وڌيڪ سئو کن به گڏجي ڳائيندا آهن. سماع ۽ سُنگ حقيقت ۾ ذڪر جي انداز کان متاثر ٿيل آهن. مسجدن ۾ گڏجي هڪ ئي آواز ۾ ذڪر ڪيو ويندو آهي. صوفين ان ذڪر کي پنهنجو رنگ ڏنو ۽ مذهب کان ڪجهه پاسيرو ٿي عوامي رنگ اختيار ڪيو، جنهن سان مذهبي پرچار کي ۾ به هٿي ملي. اڳتي هلي سُنگ راڳ جي صورت اختيار ڪئي. درگاهن تان عام اسٽيجن تائين سنگ کي آڻڻ ۾ ممتاز مرزا صاحب جو به هٿ هو. هُن ان سلسلي ۾ پهرين ڪوشش ايڪيهين اپريل 1970ع ۾ شاهه سائينءَ جي 218 هين عرس جي موقعي تي ڪئي. جنهن ۾ هن شاهه صاحب جو ڪلام فقير عبدالغفور جي سرواڻيءَ ۾ مختلف ڳائڻن کان سُنگ جي انداز ۾ ڳائرايو، جيڪو تمام گهڻو ساراهيو ويو. هُنن شاهه جو ڪلام ”مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو، ڪيچي ڪيچ وڃن“ ڳايو. فقير عبدالغفور سان گڏ حسين بخش خادم، چاڪر چانڊيو ۽ فقير يار محمد ڳائڻ وارا هئا. ان کان پوءِ سرڪاري محفلن، ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي سُنگ جي انداز ۽ ان انداز ۾ ڳائڻ وارن کي وارو مليو ۽ اهو انداز ايترو مقبول ٿي ويو جو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به سنگ ۾ ڳائيندڙن کي سرڪار پاران موڪليو ويو. يڪتارو ۽ چپڙيون هٿن ۾ گيڙو ڪپڙا پاتل پٽڪا ۽ ٽوپيون پاتل فقير جڏهن نچندا ۽ ڳائيندا آهن ته من موهي وجهندا آهن. اڄ ڪلهه ڪيترا ئي ڳائڻا سُنگ جي انداز ۾ ڳائن ٿا ، جن ۾ جمال الدين فقير ۽ ساٿي، شير شاهه ۽ ساٿي ۽ مختلف درگاهن جا فقير شامل آهن.

    مددي ڪتاب:
    شاهه ڪريم بُلڙيءَ واري جو ڪلام- عمر بن محمد دائود پوٽو، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪميٽي ڀٽ شاهه- ٻيو ايڊيشن-1977ع
    وساريان نه وسرن- ممتاز مرزا، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ڀٽ شاهه حيدرآباد- 1988ع
    Rhythms of the Lower Indus, Edited & Compiled by: Zohra Yousuf, Culture & Tourism Department, Govt. of Sindh- 1988
    نعتيھ شاعري- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي- سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو- آگسٽ 1980ع
    سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ - ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو- ٽيون ايڊيشن 1990ع

    سَمَهِن
    سَمَهِن به سنڌ جي عوام ۾ مقبول صنف آهي. سَمَهِن سماع جي ئي بگڙيل صورت آهي. تنهن هوندي به ان جو هڪ الڳ انداز آهي. اهو سلسلو ملتاني بزرگن لاءِ آهي. سنڌ جي اُترئين پاسي تمام گهڻو مقبول آهي. هيءَ صنف ملتاني بزرگن جا مُريد ڳائيندا آهن. سنڌ مان هر سال ڪي پنڌ ته ڪي ريل گاڏيءَ ذريعي ته ڪي ٻيءَ سواريءَ وسيلي هزارين ماڻهو ملتان پنهنجي مُرشدن جي زيارت لاءِ ويندا آهن. اُهي محفلون مچائيندا ۽ سَمَهِن هڻندا ويندا آهن. حُب ۾ جيڪي فقير پنڌ مُلتان ويندا آهن، تن جي لاءِ نه رڳو هيءُ هڪ ذڪر هوندو آهي بلڪه ان سان سفر کي سڦل به بڻايو ويندو آهي.
    ان ۾ فقير گڏجي ٽوليءَ جي صورت ۾ بيهي مختلف بيت ڳائيندا آهن. ان ۾ هڪ فقير بيت ڏيندو ته ٻيا وراڻي ڏيندا آهن. وراڻيءَ جو طريقو اهو آهي ته ڪو فقير بيت چئي پورو مس ڪندو ته ٻيا ڏاڍي جوش ۽ جذبي مان گڏجي چوندا ته ها... ها... يا وري چوندا، لااِلھٰ الا الله. ان کان پوءِ ڪو ٻيو فقير بيت چوندو. وراڻي حقيقت ۾ هڪ ذڪر آهي. جيڪو کين سُڪون ڏئي ٿو. سمهن ۾ گهڻي ڀاڱي بيت ئي چيا وڃن ٿا. انهن ۾ شاهه ۽ سچل جا به بيت پڙهبا آهن. ٻيا فقير پاڻ به تخليق ڪندا آهن . جن ۾ گهڻي ڀاڱي ملتاني بزرگن ۽ نبي ڪريم ﷺ وغيره جو شان بيان ڪيل هوندو آهي ۽ کين مدد جي اپيل ڪيل هوندي آهي. ملتاني فقير سنڌ جي مختلف شهرن مان ٽولين جي صورت ۾ نڪري مختلف منزلون ڪندا ۽ واٽ تي ايندڙ مختلف بزرگن جون زيارتون ڪندا وڃي پار پهچندا آهن. کين پنڌ ويندي ڪيترا ئي ڏينهن لڳيو وڃن. پر هو عقيدت ۾ سڀ ڏک ڏاکڙا سهي ويندا آهن. جڏهن اُتان موٽ ڪندا آهن ته پوءِ سنڌ ۾ انهن جون مختلف ماڻهون دعوتون جهليندا آهن. فقير به هڪٻئي کي دعوتون ڏيندا آهن. جن ۾ سمهن لازمي هنئي ويندي آهي. سمهن لاءِ هو ڳائڻ جو لفظ نه بلڪه چوندا آهن ته سمهن هنئي ويندي يا هنئي وئي. ان جو مقصد ته هُو ان کي راڳ نه ٿا سمجهن، اُهو سندن ذڪر جو قسم آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته ستين هجري (13 هين عيسوي) ۾ حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا جي دور کان وٺي سنڌ ۾ سمهه جو سلسلو نمايان طور تي رائج ٿيو ۽ ايندڙ ٽن سئو سالن ۾ سنڌي سمهه سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ٿيو. 16 صدي عيسويءَ جي شروع ۾ سنڌ جي ذاڪرن هڪ طرف ملتان کان مٿي ويندي لاهور تائين سمهه جي محفلن کي رچايو ته ٻئي طرف هنن بُرهان پور (هندستان) ۾ پڻ سمهه جي رنگ کي سجايو . ان وقت جي ويجهن حوالن مان ظاهر آهي ته سنڌي ذاڪر سمهه ۾ بيت ۽ وايون (ڪافيون) ڳائيندا هئا. (ص-292) اصل عربي لفظ سماع آهي. جنهن جو مقامي سنڌي اُچار سمهه آهي. (ص- 293)
    ستين هجريءَ کان سماع جو سلسلو سنڌ ۾ رائج ٿيو، جنهن ڪري علمي نالي سماع بدران عوامي نالو سمهه جي صورت ۾ پڻ مشهور ٿي ويو، چوندا آهن فلاڻي وقت سمهن لڳندي يا ٿيندي. فقير سمهه لڳائڻ کان اڳ ۾ حضرت غوث بهاءُ الحق، سخي پير غوث بهاءُ الحق مدد ڪر اچي! غوث بهاءُ الحق جو نعرو لڳائي سمهن ڪندا آهن ۽ سمهن جي پُڄاڻيءَ تي ذڪر الاهي ڪري نعرو هڻي سمهن پوري ڪري پوءِ دعا سڄي عالم لاءِ خير آفيت ۽ سوالن جا سوال پورا ڪرڻ لاءِ الله تهارون پڻ ڪندا آهن. سمهن ۾ ناچ پڻ هوندو آهي. جيڪو حلقي/وراڻيءَ جي آواز سان گڏ هڪ پير زمين کان مٿي کڻندا آهن ته ٻيو پير انهيءَ لئي کي بيهارڻ لاءِ رکندا آهن. محفل حسين ۽ پُرڪشش نظر اچڻ لڳندي آهي. ننڍا توڙي وڏا، پَڪا توڙي پوڙها ناچ ۾ پڻ حصو وٺندا رهندا آهن. جنهن سمهن ۾ آخر ۾ راڻو ڳايو ويندو آهي، اُها سمهه وري عجيب خوشبوءِ بخشي ڇڏيندي آهي. مريدن جي عقيدي مطابق چون ٿا ڪي اهل الله بزرگ مرشد ڪريم سمهن ۾ حاضر اچي ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري به سمهن ڪئي ويندي آهي . اُتي اُتر طرف کان خالي جاءِ رکي ويندي آهي. اهو انهيءَ ايمان تحت ته اها جاءِ مرشد ڪريم اچي ڀريندا ۽ باقي سمهن جڏهن به ڪئي ويندي آهي ته اُٿي بيهي گول دائري ۾ وچ خالي هوندو آهي ۽ مٿي اُگهاڙو ڪو ئي نه هوندو آهي.“

    سمهن جا ڪجهه بيت هتي ڏجن ٿا.
    (1)
    اُٺاڻي: مديني جا مير، سُڻج منهنجا سَڏَ
    هيءَ ڪميڻي ڪيچ ۾، تون گولي نيئي گڏ هاڻي ڇني نا تون ڇڏ، ڪاهيون وڃ قطار سين
    لاهڻي: سوال سُڻي سردار احمد آيو گهرجين
    اُٺاڻي: پاڙي منجهه پرينءَ جي، مَنُ مري ماندي
    ته ايندم عربي، ٿيندم ڪيچ ڌڻي ڪانڌي
    هيڪو هيڪاندي، اُتي پاڙي پرينءَ ٿيان
    لاهڻي: وٺي هوت حبيب، جانب جنت نيندو
    (خليفي محمد ايوب ۽ غلام محمد فقير جي پڙهيل سمهن)
    (2)
    اُٺاڻي: مرشد منهنجو ملتان ۾، نڌر ويو ڇڏي
    حلقو/لاهڻي: هي الله هي...
    اُٺاڻي: مولا ڪندو مُريد حُسين سان، جيڪو تار منجهان تاريو
    لاهڻي/حلقو: هي... الله هي...
    اُٺاڻي: سگهو سار لهجانءِ، او غوث هن گنهگار جي
    لاهڻي/حلقو: هُو... الله هُو....
    اُٺاڻي: ”رَبن“کي به الله، سَرور صحت ڏيندو
    لاهڻي/حلقو: هُو... الله هو...
    اُٺاڻي: مون جي سڏ ڪيا، منهنجا سڏ سُڻيائين
    چڙهيو غوث بهاءُ الدين، اچي واهر ڪيائين
    اچي مدد ڪيائين، موچارن مريدن سان
    حلقو/لاهڻي: هُو الله هُو...
    اُٺاڻي: مولا ربن کي مُرڪاءِ، ملڪ ملير مٿي
    صبح ئي صبح جو ڪيم پنهنجي سائينءَ کي سوال
    نڌر آهيان نڪڻيان، هيڻو منهنجو حال
    ڪر ڀليرا ڀالُ ، راجا روضن جا ڌڻي
    لاهڻي/ حلقو: اڄ اڄوڪي آهه، روضن منجهه رسندو
    اُٺاڻي: مُرشد منهنجو ملتان ۾، ٿي ”مُريد حسين“ منٺارُ
    غم ته لاهيندو گولن جا، ”محمود شاهه“ مڻيادار
    ڏوريئون مون به ڏٺو، روضو مرشد غوث جو
    لاهڻي/حلقو: مُرشد منهنجو ڪامل آ، چاڙهيءَ مئون جنهن چاڙهيو
    لاهڻي/حلقو: هي الله هي...
    اُٺاڻي: ثمر جنين نه ساڻ، هوت حمايتي تن جو
    ڪري ڇانءَ ڇپر ۾، پنهل ايندم پاڻ
    ٿيندي روح رهاڻ، لحظي منجهه لطيف چئي
    لاهڻي/حلقو: الاهه هُو...
    اُٺاڻي: ويجهو ٿي ورناءِ، دانهون درد وندن جون
    لاهڻي/حلقو: الله هُو....
    اُٺاڻي: سوال ٻُڌو سردار، مرسل مڪي جا
    لاهڻي/حلقو: الله هُو...
    اُٺاڻي: پکي ۽ فقير، ثمر نه کڻن ساڻ
    هن کي زور پرن جو، هن کي الهه جي اُڪير
    مارو ميلج پير، مون آسروندي آهيان
    لاهڻي/حلقو: بخش علي باغن ۾، کليون کير پيندو
    اُٺاڻي: مون جي سڏ ڪيا، اچ قريشي پير ڪاهي
    درد هِن دکايل جا، وڃ لالڻ تون لاهي
    اڃا به آسرو آهي، تو داتا تنهنجي در ۾
    لاهڻي/حلقو: ڪل جماعت جا مولا مطلب جوڙ
    اُٺاڻي: سائو روضو شاهه جو، جت ڪبوتر ڪُڻڪن
    تکو وڃ طبيب چئي، هُت ويهون وڳ وَهَنِ
    ڪوڙين ڪنگ رهن، روضي شاهه رُڪن جي
    اُٺاڻي: روضو شاهه رڪن جو ٿي بُلند وڏو باري
    سڀئي پارين سيباڻو، مون کي اُتر جو آري
    توڙي آن ڏوهاري، ته به پير نه ڇڏيندم پنهنجا
    لاهڻي/حلقو: سيد جي ساڃاءِ، اُمت پار ٽپيندو
    اُٺاڻي: روضو شاهه رڪن جو، ڪنهن گهاڙوءَ يار گهڙيو
    روپي سان راس ٿيو، وڃي جو هر ساڻ جَڙيو
    ڪلمي ساڻ چڙهيو، مهابي محمد ﷺ ڄام جي
    لاهڻي/حلقو: برڪت محمد ﷺ جي، هيڪر شال وسندو
    ذڪر: الله صمد...
    لا الھ الاالله...
    الله تو هَار...
    دُعا...
    مٿين سَمهن ضلعي خيرپور جي شهر راڻي پور لڳ ڳوٺ محمد يعقوب ڄامڙي جي بخش علي ڄامڙي جي گهر ۾ خليفي محمد ايوب، غلام محمد فقير ۽ ساٿين هنئي. ان ۾ گهڻي ڀاڱي پنهنجي مرشد جي واکاڻ ۽ مدد لاءِ سڏ ٿيل آهن. التجائون ۽ آهون آهن. درد ڀريون دانهون آهن. ملتان جي بزرگن غوث بهاءُ الدين، مريد حسين، شاهه رڪن عالم ۽ محمود شاهه جو ذڪر آهي. سندن روضي جي تعريف آهي. اهي بزرگ قريشي آهن. تنهنڪر ي”قريشي“ لفظ به ڪم آندو ويو آهي. ان ۾ شاهه جا بيت به پڙهيا ويندا آهن ته حضرت امام حسين رضھ ۽ دستگير پير عبدالقادر جيلانيءَ لاءِ به عقيدت جا بيت چيا وڃن ٿا. ان ۾ گهڻي ڀاڱي الله هو... هي ... الله هي... جو ورد شامل هوندو آهي. ڪٿي ته هڪ بند کان پوءِ ورد پڙهن يا وراڻي ڏين يا لاهڻي ڏين. ڪٿي وري هڪ همراهه سڄو بيت چئي پورو ڪري ته پوءِ لاهڻي يا وراڻي ڏين يا ذڪر ڪن. ذڪر گهڻي ڀاڱي وراڻي ڏيڻ ۽ ڀراءَ لاءِ به ڪندا آهن. سَمهن فقير جڏهن شروع ڪندا آهن ته لڳاتاراڌ مُنو ڪلاڪ هڻندا رهندا آهن. وچ ۾ ساهي ناهن پٽيندا. هڪ فقير جيڪڏهن بيت ڏئي کُٽي پئي ته ٻيو شروع ٿيندو آهي. ان ۾ رڳا بيت ئي پڙهجن ۽ اهي به گهڻي ڀاڱي دعا وارا ٿين. مٿينءَ سمهن ۾ به ڪيتريون ئي دعائون گهريل آهن. جنهن گهر ۾ سَمهن هنئي ويندي آهي ته ان لاءِ، ڳوٺ ۽ سڄيءَ اُمت لاءِ دعا گهري ويندي آهي. ان سمهن ۾ ربنواز عرف ربن فقير جي صحتيابيءَ ۽ سندس پُٽ بخش علي ڄامڙي جي خوشحاليءَ لاءِ دعا ڪئي وئي آهي. اها شاعري ڪنهن ٻئي جي آهي. هتي دُعا خاطر ربن ۽ بخش عليءَ جو نالو آندو ويو آهي. سمهن جي شروعات الله هو ۽ ڪنهن دعا واريءَ سٽ يا بيت سان ڪئي ويندي آهي ۽ پُڄاڻي به باقاعدي ذڪر کان پوءِ هٿ ٻَڌي دُعا گهري ڪئي ويندي آهي.

    مددي ڪتاب:
    دَرسِ غوثيا (حضرت غوث بهاءُ الحق ابو محمد ذڪريا ملتانيءَ جي مختصر سوانح ۽ سندن جماعت سهرورديھ عاليھ غوثيھ جو طريقو ۽ تبليغ)- سهيڙيندڙ: درس عبدالڪريم پَلي- نفيس پرنٽنگ پريس- حيدرآباد- ڊسمبر 1996ع
    سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز- ڀٽ شاهه حيدرآباد- ڇاپو پهريون 1978ع
    ملتان جي فقيرن ۽ سمهن پڙهندڙن خليفي محمد ايوب، غلام محمد فقير، غلام جعفر ڄامڙي ۽ ٻين سان 2003-05-09 تي ڳالهه ٻولهه ۽ وٽانئن هٿ ڪيل سَمهن جا ٻول.
    پرولي
    سنڌي ماڻهن جي ڏاهپ جي اهڃاڻ پرولي هڪ تمام آڳاٽي صنف آهي. پرولي لفظ پروئڻ مان نڪتل لڳي ٿي، جنهن جي معنى آهي موتين جي لڙهي. موتين يا چيڙهن جي پوچ جو ڪم تمام گهڻو قديم ۽ شاندار آهي. اهو ئي سبب آهي ته لفظن جي پروئڻ کي پرولي سڏيو وڃي ٿو. پروليءَ بابت محترم الهه بخش نظاماڻيءَ جي راءِ آهي ته ”پرولي هڪ ڳجهارتي هنر ۽ فن آهي. پرولي سنڌي لوڪ ادب جي هڪ پراڻي شاخ آهي. پروليءَ کي هنديءَ ۾ ”پهيلي“ چون. اهو لفظ سنسڪرت ۾ ”پرهيدي“ آهي، جنهن جي معنى آهي گهڻيءَ سوچ ويچار کان پوءِ ڪنهن شئي جو پتو لڳائڻ يا پرو لهڻ.“ (سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ- ص- 24)
    پروليون سنڌيءَ کان سواءِ دنيا جي ٻين ٻولين ۾ پڻ ملن ٿيون. انهن جو اصل ماڳ ڪهڙو آهي تنهنجي پروڙ پوڻ مشڪل آهي.
    سنڌ ۾ فارسي ٻوليءَ به ڪافي عرصو راڄ ڪيو آهي ۽ فارسي گهوڙي چاڙهسي رهي آهي. فارسيءَ وارا پروليءَ کي چيستان چوندا آهن. فارسيءَ جا چيستان هتي آيا ۽ سنڌ جي سُگهڙن انهن کي پروليءَ جهڙو پاتو، تنهنڪري پروليءَ کي پارسي يا پاريسي به سڏڻ لڳا. پروليءَ کي لاڙ ۽ ٿر ۾ ”هيماري“ به سڏن پر سڄيءَ سنڌ ۾ پرولي وڌيڪ مشهور آهي.
    پروليءَ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. جن جو هتي ذڪر ڪجي ٿو. ساديون يا رواجي پروليون: اهي ننڍن جملن يا موزون فقرن تي ٻڌل ٿين ٿيون، جن جي ڀڃڻي گهڻي ڀاڱي گهر جي ماحول مان ملي ويندي آهي. اهي گهڻو ڪري ٻارڙا هڪٻئي کي ڏيندا ۽ ڀڃندا آهن يا وري وڏڙيون انهن وسيلي ٻارڙن کي وندرائينديون ۽ سندن ذهانت وڌائينديون آهن. مثال:
    1: گهر گهر ۾ لڌڙو ليٽي
    ڀڃڻي: ڦريو يا ٻهارو
    2: اڌ ڪاٺ جو اڌ لوهه جو
    ڀڃڻي: ڏاٽو
    بيتي يا بيت واري پرولي: اها سادي منظوم پرولي ٿئي ٿي. جنهن ۾ موزون فقرا ٿين ٿا.
    مثال:
    هيترو هيترو پٺاڻ جنهن کي سَئو سُين جو ساڻ
    ڀڃڻي: ڄاهو
    ڳوڙهي پرولي: ان ۾ ڪجهه ڳوڙهائپ رکيل هوندي آهي جنهن کي ڀڃڻ لاءِ ذهن تي سرس زرو ڏيڻو پئي ٿو. انهن کي معنوي لڙهين واريون پروليون به چيو وڃي ٿو.
    مثال: اٺ وهنجي نڪتا، گهڙا ڪين ٻُڏن
    پرديسي پکيئڙا اُڃ مرن
    ڀڃڻي: ماڪ
    ٻول پرولي: اِها اُها پرولي آهي، جنهن جي ڀڃڻيءَ لاءِ چيو وڃي ۽ جڏهن ڀڄي تڏهن پروليءَ جي چيل لفظ سان قافئي ۾ ٺهڪي اچي.
    مثال: ڪُرڙين کي پاڻي پياري ڏيو
    ڀڃڻي: لڪڙ هلي، لڪڙ چلي
    لڪڙ ۾ مانارو، پي چڙهيو تارو
    تاري ڪئي سير، پي چڙهيا مير
    ميرن ڪيون گرڙيون پي چڙهيون ڪُرڙيون
    دُستاڳ: اها پرولي جنهن ۾ پهريان ڀڃڻيءَ واريءَ شئي جو اهڃاڻ ۽ اشارو آيل هجي پر اڳتي هلي اُن تان ڦري وڃجي، هن پروليءَ ۾ جيتريون سٽون هونديون آهن اوترا اهڃاڻ ۽ اشارا هوندا آهن. ڪاڇي ۽ ڪوهستان پاسي اهي عام آهن.
    مثال: نَڪ سبائي ٿو ڪنوار وانگر، ڪنوار به ناهي
    جبل جهاڳي ٿو شوق سـان، جـوڳي به نـاهـي
    ٻڌايو ته ڇا آهي؟
    ڀڃڻي: اُٺ
    ان قسم جون پروليون استاد ۽ مائٽ ٻارڙن کي ڪنهن سبق سيکارڻ لاءِ به ڪتب آڻيندا آهن. پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جو اهو بهترين طريقو آهي.
    هيماريون: جيئن شروع ۾ لکيو آهي ته ٿر ۾ پروليءَ کي هيماري سڏيو وڃي ٿو. ان ۾ ڍاٽڪي ۽ مارواڙي ٻولي ڪم آندي وڃي ٿي. هيماريءَ جي معنى هيم= سون (سسنڪرت) +آري=واري يا سوني سوکڙي.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته ”ٿر ۾ هيماريون اڪثر ڪري زالون وهانءَ جي موقعي تي ڏينديون آهن. ڳيچن بعد هيمارين سان منڊل مچائينديون آهن ۽ ڏيڻ ۽ ڀڃڻ وقت چرچا ڀوڳ به ڪنديون آهن.“ (لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو- ص- 21)
    هيماريون ۽ ڳُوڙها جن کي ڏکيون پروليون به سڏجي ٿر ۾ عام آهن.
    مثال: هڪ سئو آنٻا آنٻلي، ٻه سئو ٻيا جهاڙ
    ڪور بنا پانڙو، سُر تا ڪرو ويچار
    (هڪ سئو انب ۽ انبڙيون ٻه سئو ٻيا وڻ ٽاريءَ بنا پن ڏاها ڪريو ويچار)
    ڀڃڻي: سائو بصر

    ڏٺ پرولي ۽ معما/مام پرولي
    ڏٺ پروليءَ جو مقصد آهي ڪا شئي ڏسي يا ٻُڌي ٺهه پهه يا ٿڏي تي پرولي ٺاهي ڏيڻ. هن ۾ سگهڙن جي ذهانت کي ڪجهه سرس داد ڏيڻو پئي ٿو. اهڙيءَ ريت معمو/معما به ڏٺ پروليءَ جو نمونو آهي. ان حوالي سان سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر لکي ٿو ته ”ڏٺ پروليءَ جو بنياد ڪنهن ڏٺل شئي تي ٻڌل هوندو آهي. اهڙيءَ طرح معما جو مطلب خيال ۽ ويچار تي ٻڌل هوندو آهي. ڏٺ پرولي ٿورن لفظن ۾ سگهڙ ٺاهي ڏيندو ۽ انهيءَ جو جواب به سگهڙ سڌن سولن لفظن ۾ بيان ڪندو.
    معما ۾ وڏي فن جي ضرورت آهي. سگهڙ پنهنجي خيال کي معما جي رنگ ۾ ظاهر ڪندو ته ٻيو سگهڙ به انهيءَ کي بيت ۾معما جو جواب ڏيندو ، جنهن جي مراد لڪل هوندي پر معما جو ڏيندڙ ۽ معما کي سڄي ڪري ٻڌائيندڙ ٻئي سمجهندا آهن، انهيءَ ڪري معما ڏٺ پروليءَ کان وڌيڪ ڏکي آهي، جنهن ۾ گهڻي خيال ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. (ڪتاب: مهيسر جي مام- ص: 116)
    ڏٺ پرولي
    ٻن ٽن ڪوهن تائين آهي، ڊڊيءَ جي ڊُڪَ
    گاهه گٺي جي ڪونهي، ڀٽاريءَ کي بُکَ
    تتيءَ ٿڌيءَ جي ڪونه ڪري، ڀل لڳي پئي لُکَ
    لَڪُڙَ کان نه لرزي، اَڙيءَ تي وڌائي وِکَ
    سَوَن کي ڏنا سُک، آهن گهوڙيءَ گدا حسين چئي.
    ڀڃڻي : پيڊل سائيڪل
    (گدا حسين سهتو)
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب لکي ٿو ته: ”معما يا مام پرولي ڏٺ جو هڪ اعليٰ ۽ انوکو قسم آهي، جنهن ۾ ڳوڙهائي زياده آهي. جيتوڻيڪ ٻئي پروليون (ڏٺ ۽ معما) ڪنهن وَٿُ، واقعي يا حقيقت تي ٻڌل هونديون آهن پر ڏٺ جي سٽا سادي ۽ خيال به سادا. معما، بيتي يا نظم جي صورت ۾ هوندي آهي، ليڪن سندس ڀڃڻي ڪڏهن بيتي يا نظم ۾ ته ڪڏهن هڪ لفظ تي ٻڌل هوندي آهي. عربي ۽ پارسي معمائون، سنڌي مام يا معما کان ٻيءَ طرح آهن. منجهس لفظن جي حرفن جي ترتيب اهڙي نموني بيان ٿيندي آهي، جو ظاهر ۾ هڪ معنيٰ ته باطن ۾ وري ٻي معنيٰ هوندي آهي. اهو قسم سنڌي معمائن کان گهڻو مٿي، اوکو ۽ ڳوڙهو آهي.“
    سُگهڙ روشن علي شاهه جي ”بيماريءَ“ تي ٻڌل معما:
    مُنڌ سُڄي ٿي ملڪ ۾، ڏاڍي زور زبر
    تنهن ڪامڻ کي هن ڪيترا، هزارين ته هُنر
    ملڪن ۾ مشهور آ، خو نياڻيءَ جي ته خبر
    ري هٿيار روشن چوي، لڙيو پوي لشڪر
    اِها اَٿَوَ خان خبر، قادر جي قدرت جي
    (لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو- صفحو: 28 ۽ 29)

    اَڏي
    اڏي به ساديءَ پروليءَ جو هڪ قسم آهي،جنهن کي ٻارڙا ڏيندا وٺندا آهن. اڏيءَ جي هڪ معنى ٺهيل يا اڏيل آهي. جڏهن ته ٻي معنى اٿس اَڏَ يعني پاڻيءَ جي وهڪري لاءِ تمام ننڍڙي شاخ يا ڪَسي. ٻارڙا اها اَڏَ، اڏي سولائيءَ سان پار ڪري ويندا آهن ۽ پروليءَ ۾ اڏي پڻ آسان صنف آهي. تنهنڪري ٻارڙن جي پرولين کي اڏيون چيو وڃي ٿو. اڏيءَ جا ٻه قسم آهن. 1: هڪ سٽ واري اڏي، 2: ٻن سٽن واري اڏي. ان وسيلي ڄڻ ته ٻارڙن کي تربيت ۽ تعليم ڏني ويندي آهي. کين عام شين وغيره جي ڄاڻ راند جي هن طريقي وسيلي ڏني وڃي ٿي.
    مثال: (1): گهر گهر اندر ڳاڙهي ڪنوار
    ڀڃڻي: باهه
    (2): گولُ گُندي پاڻي پاڻي
    جو نه ڀڃي، تنهن جي ناني ڪاڻي
    ڀڃڻي: کوهه

    ڳجهارت
    ان کي به پروليءَ جو هڪ ڳوڙهو نمونو سڏيو وڃي ٿو پر ان جي الڳ حيثيت پڻ آهي. ڳجهارت لفظ ٺيٺ سنڌي آهي، جيڪو ڳُجهه مان ڦُٽل آهي. ان جي معنى آهي ڪنهن ڳالهه جو ڳجهه ڳولهڻ يا راز پروڙڻ. ميلن ملاکڙن، ڪچهرين، شادين مرادين ۽ خوشيءَ جي موقعن تي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڳجهارت هڪ وڏي وندر بڻيل هوندي آهي. ”ٿر ۾ ڳجهارت کي ڳجهيرت به چوندا آهن.“ (معمور يوسفاڻي، مضمون: لوڪ ادب ماهوار وينجهار ڪراچي- ص- 44)
    ڊاڪٽر سنديلو صاحب ڳجهارت لاءِ لکي ٿو ته ”انسان جي فطرت ۾ هر وقت جذبا، احساس امنگون ۽ اُڌما سمايل رهن ٿا، جي موقعي مهل پٽاندر پلٽجي پون ٿا. تنهنڪري يقينن ڳجهارتون به اندر جي اڇل ۽ اور، ريجهه ۽ رهاڻ، ڏک ۽ ڏوراپي، وندر ۽ ورونهن، ميار ۽ مهڻي، پيار ۽ پريت راز ۽ نياز، دل ۽ دلبريءَ ۽ آواز ۽ اشاري جي ترجماني ڪن ٿيون. تنهن کان سواءِ جا ڳالهه ڪنهن کي لڪ چوريءَ چوڻي هجي سا لفظي ڍَڪ پردي ۾ چئي سگهجي ٿي. (لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو- ص- 37)
    ڳجهارتون هڪ ڳجهي نياپي ڏيڻ ۽ رومال ۾ ويڙهي ڳالهه پهچائڻ جو بهترين طريقو آهن. ٻين لفظن ۾ Code words آهن. جيڪي سمجهو ڪي سمجهن. تمام آڳاٽي زماني کان سنڌ ۾ اهو طريقو رائج آهي. عاشق محبوب ڏانهن ۽ دوست دوستن يا دُشمنن ڏانهن نياپا موڪليندا رهن ٿا. ڳجهارت ۾ لڪ نياپو گهڻي ڀاڱي لفظن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. اهي لفظ ۽ جملا اڪثر ڪري ترنم وارا ٿين ٿا. تنهن کان سواءِ ڪا شئي يا سوکڙي وَٿُ موڪلي ڳُجهه پروڙرايو ويندو آهي. جيئن اڄ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڏانهن رومال وغيرهه سُوکڙي موڪلي ته سمجهيو ويندو آهي ته پيار ۽ مُحبت جو سنيهو آهي.
    ڳجهارت جو فن به تمام گهڻو آڳاٽو آهي، سنڌ ۾ سومرن جي دور کان ملي ٿو. خاص ڪري نيم تاريخي داستانن عمر مارئيءَ، دودي چنيسر، سسئي پنهونءَ وغيره جي ڪهاڻين کي موضوع بڻائي ڳجهارتون ڏنيون وينديون هيون. ان کان پهريان به يقينن اهو فن موجود هوندو، پر جيئن ته ثابتي نه ٿي ملي، تنهنڪري ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.
    ڳجهارتن جا به مختلف قسم آهن. جيئن؛
    1: سُريليون يا سُرائتيون ڳجهارتون، جن ۾ مختلف داستان جهڙوڪ: مومل راڻو، عمر مارئي، ليلا مجنون، هير رانجهو، سُهڻي ميهار وغيره موضوع هوندا آهن.
    2: بي سُريون يا بنا سر واريون ڳجهارتون، جن ۾ ڪنهن به سُر جو قيد نه هوندو آهي. انهن ۾ سُگهڙ ڪنهن به موضوع يا خيال کي سامهون رکي ڳجهارت ڏئي سگهي ٿو.
    اهي ڳجهارتون بيتن ۽ ڏوهيڙن وغيره جي صورت ۾ هڪ سٽيون، ٻه سٽيون، ٽه سٽيون يا وڌيڪ سٽيون وڏي ڏوهيڙي جي شڪل ۾ پڻ ڏنيون وينديون آهن.
    ڳجهارت ڏيڻ ۽ ڀڃڻ جو طريقو به ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڏيڻ وارو ڪچهريءَ ۾ ڪنهن سُگهڙ يا سڀني کي چوندو اچي ٿي، اڳلا چوندا، ڀلي ڪري اچي! جي جي ڪري اچي وغيره. ڳجهارت اچڻ کان پوءِ ڀڃڻ وارو همراهه، جيڪڏهن سمجهندو ته ان ۾ ڪو وڻ جو قسم يا وڻ لڪل آهي ۽ ان جي نالي کڻڻ سان ڀڄي پوندي ته سڄيءَ دنيا جي وڻن جا نالا ايڏا ته تڪڙا کڻندو جو ٻُڌي حيراني وٺي ويندي ته همراهه کي اهي ياد ڪيئن ٿيا آهن! اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ماڻهن جي نالن يا جانورن جي نالن ۾ ڀڄندي ته اهي به ساڳيءَ ريت ورتا ويندا. ڳجهارت جو اُصول آهي ته ان جي جواب جو جيڪڏهن چاليهون حصو يا پتي ٻُڌائي وئي ته ڀڄي پوندي، پوءِ ڪچهريءَ ۾ هُوڪرا پئجي ويندا ته سائين وئي، سائين ڀڄي پئي وغيره. پوءِ سڄي ڪري يعنى ان جي مڪمل ڀڃڻي ۽ مطلب ٻُڌائيندو. جيستائين ڏنل ڳجهارت نه ڀڄندي تيستائين چوندا، بچي اڃا بچي، اڳتي هل وغيره. (هن کان اڳ ۾ ڳجهارت جي ڪچهريءَ جا قانون تفصيل سان لکيا ويا آهن.)

    رسالو ڳجهارت
    سنڌ جا سگهڙ توڙي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ سنڌي ماڻهون شاهه سائينءَ سان تمام گهڻي عقيدت رکن ٿا. سگهڙن جي اها ڪچهري ٻُٽي هوندي آهي، جنهن ۾ هو شاهه لطيف جو بيت نه پڙهن يا ذڪر نه ڪن. اهو ئي سبب آهي ته هُنن ڳجهارت جو هڪ الڳ قسم شاهه سائينءَ جي رسالي لاءِ مخصوص ڪيو آهي، جنهن ۾ شاهه سائينءَ، سندس بيت يا ڪردار بابت ڳجهارت ڏيندا آهن. ان سان شاهه لطيف جي پيغام پکيڙڻ ۽ سندس بيت ياد ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملي ٿي. هر سُگهڙ شاهه سائينءَ جا بيت ان ڪري به ياد ڪندو آهي ته متان ڪچهريءَ ۾ رسالي ڳجهارت کي ڀڃڻو پئي ۽ نه ڀڃڻ جي صورت ۾ لڄي ٿيڻو پئي. ان کان سواءِ هو شاهه سائينءَ جي مختلف سُرن مان به ڳجهارتون ڏيندا آهن، جن کي سُرائتيون ڳجهارتون چئجي ٿو. پر انهن سرائتين ڳجهارتن ۾ شاهه جي سُرن ۽ ڪردارن کان سواءِ اهڙن سُرن جون به ڳجهارتون ڏين، جيڪي شاهه جي رسالي ۾ ناهن. مثال: هير رانجهو. شيرين فرهاد، ليلا مجنون وغيره مطلب ته رسالو ڳجهارت گهڻي ڀاڱي رسالي تائين محدود آهي. هيٺ نموني خاطر عاجز رحمت الله لاشاريءَ جي هڪ رسالو ڳجهارت ڏجي ٿي.
    ڏيڻي: ليکو مهانگو جر جو، ٻولي شهادت
    ٻولي عبادت، نالو نالو پرينءَ جو
    ڀڃڻي: لفظن جي معنى: ليکو= مُلهه، جر جو= قطرو، ٻولي = سِڪڻ، ٻولي= اسان، نالو= نظر، نالو= ناز
    سڄي: مُلهه مهانگو قطرو، سڪڻ شهادت
    اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو
    (سر ڪلياڻ)
    گُرچيلو/ ڳاڻوءَ جا بيت
    هندي ٻوليءَ ۾ گُرو ۽ چيلي واري شاعري گهڻي ملي ٿي، ان اثر هيٺ سنڌي سگهڙ به ان موضوع تي ڪلام چون ٿا. گرو ۽ چيلو ٻه ڪردار آهن. گرو استاد ۽ چيلو شاگرد آهي، سوالن جوابن وسيلي هن صنف ۾ نصيحت ۽ هدايت واري شاعري ڪئي وڃي ٿي. سنڌيءَ ۾ ان کي ڳاڻوءَ جا بيت به چيو وڃي ٿو.
    هي ٻئي ڪردار پاڻ ۾ ڳالهائن ٿا. هڪ ٻئي کي سمجهن ۽ سمجهائن ٿا. سگهڙ روايتي گُر چيلن ۾ انهن ڪردارن جا نالا به ڏيندا آهن. هيءُ ڳجهارت جو ئي نمونو آهي، جنهن ۾ هڪ سُگهڙ گُرو يا چيلو ٿي ٻئي/ ٻين کي ڳجهارت ڏيندو. مثال لاءِ سُگهڙ لقمان کوکر جو سنڌي گرچيلو ڏجي ٿو، جنهن ۾ ڳاڻوءَ (گرو) کان سوال پڇيو ويو آهي؛
    زال مڙس سان ٺهي نه ٿي
    ملان جي مانيءَ سان پوي نه ٿي
    گهوڙو نه کائي گاهه.
    ڳڻ ڳاڻو ڪهڙي ڳالهه؟
    ڀڃڻي: پسند ناهي
    وضاحت:
    مڙس پوڙهو ۽ زال جوان آهي، اهو مڙس زال کي پسند ناهي، تڏهن پاڻ ۾ نه ٿا ٺهن.
    ماني اَڻڀي ۽ رُکي آهي، ملان کي اها ماني پسند ناهي، تڏهن نه ٿو کائي.
    گهوڙو گاهه نه ٿو کائي، ڇاڪاڻ ته گهوڙي جي پسند جو گاهه ناهي.
    هتي سگهڙ گروءَ کي ڳاڻو چيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ڳڻ، سوچ ويچار ڪندڙ، فقير هدايت علي رڏ جو گرچيلو هن ريت آهي:
    سوال: انگريز اُس نه هلي، اکين ڪٽر پيو
    اونهون کوهه کڄي، هي ٻُڌايو ته ڳالهه ڀڄي
    جواب: سائين چشمو ناهي.
    ڳجهارت حقيقت ۾ آهي ئي سوال جواب يا ڪسوٽي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته؛ ”ڪچهريءَ ۾ ٻئي وکر سان گڏ ”گروچيلي“ جون پروليون به پيش ڪندا آهن، جن ۾ عجيب لطف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٽن سوالن جو جواب هڪ ئي ڌڪ سان ملندو آهي. اڳتي لکي ٿو ته ”جيتوڻيڪ اهي پروليون ‘سنڌي’ آهن پر جيڪڏهن سندن پيرو کڻبو ته اصليت جون پاڙون امير خسرو (601-750هه) جي ”دو سُخنه هندي“ پرولين ۾ نظر اچن ٿيون. سنڌي پرولين ۾ مَٽَ سَٽَ ۽ ڪاٽ ڪوٽ ڪيل آهي پر تڏهن به ڪيترين پرولين مان اصليت جي خوشبوءِ اچي رهي آهي.
    مثال:
    روٽي جلي ڪيون؟
    گهوڙا اڙا ڪيون؟
    پان سڙاڪيون؟
    جواب: ڦيرا نه ٿا
    انهيءَ پروليءَ کان متاثر ٿي سنڌي سگهڙن پنهنجي ٻَڌَ، هن ريت ٻَڌي؛
    گرو: روٽي سڙي، گهوڙي اَڙي
    وِديا وسري، چئُه چيلا ڇا بات؟
    چيلو جواب: گُرو جي! ڦيري نه آهي
    ماني به ڦيري (اُٿلائي) نه ويئي، جنهن ڪري سڙي وئي. گهوڙي به ڦيري يا گهمائي نه ويئي، جنهن ڪري گَهُه ڪيائين. وِديا (علم) به ڦيري (دَور) نه ويئي، تڏهن وسري ويئي“
    (ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ص 31)

    ڏورؒ:
    ڏور لفظ ڏورڻ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنى آهي جاکوڙ، جستجو ڪرڻ يا ڳولڻ، گذارڻ وغيره. جيئن عام چوڻي به آهي ته ”ڏوريون ويٺا، يا ڏوريون ويٺو ڏور“، ڏور به بيت جو هڪ قسم آهي. جنهن کي چيو ئي ڏور بيت وڃي ٿو. ڏور جي معنى ڌاڳو يا ڏوري به آهي. هي بيت يا ڏوهيڙا نبي ڪريمﷺ يا ٻين نبين جي معجزن ۽ اسلامي قصن تي ٻڌل ٿين ٿا. هنن ۾ هڪ تمثيل ٿئي ٿي يعني هي هڪ لڙهيءَ مثل ٿين ٿا. هڪ رايو اهو به آهي ته تمثيل جي انداز ۾ پيش ٿيڻ ڪري به انهن کي ڏور بيت يعني هڪ ڌاڳي ۾ پويل يا پرويل بيت چئجي ٿو.
    انهن بيتن ۾ اسلامي قصا ڪي سڌو سنئون ڪونه بيان ڪيا ويندا آهن، انهن کي اهڃاڻي يا لڪ واري انداز ۾ ڳايو ويندو آهي ۽ پوءِ ڪچهريءَ ۾ ويٺل ان کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته اِها ڳالهه يا قصو فلاڻي نبيءَ يا حضرت محمد ﷺ جي فلاڻي معجزي يا واقعي تي ٻڌل آهي. الهه بخش نظاماڻيءَ جي راءِ مطابق ”ڏور جي شروعات ارڙين صديءَ ڌاري ٿي،جڏهن درويشن، ولين ۽ اسلامي عالمن جو شعور وڌيل آهي.“
    (سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ- ص- 40)
    سُگهڙن ڏور کي ٽن حصن ۾ ورهايو آهي:
    1: پنج تن: يعنى حضرت محمدؐ، حضرت علي ؓ، حضرت بي بي فاطمه الزهرا ؓ، حضرت امام حسن ؓ ۽ حضرت امام حسين ؓ.
    2: سوا لک: حضور ڪريم ﷺ کان سواءِ ٻين پيغمبرن بابت.
    3: ٻاهر: پنجن تنن ۽ سوا لک نبين کان سواءِ الله پاڪ جي قدرت ۽ طاقت ۽ اصحابن ۽ ولين جي ڪرامتن جو ذڪر هُجي يعني قدرت ۽ وليت.
    هتي پنجن تنن مان هڪ ڏور بيت ڏجي ٿو:
    اچي ظاهر ٿيو، پوش منجهون پَٽجي
    ڪاري رات ڪهان گئي، ماهه کِڙيا مٽجي
    تن واٽ وڃجي، جن جا هيڏا جوهر ”جلال“ چئي.
    شاعر: جلال کٽي
    تمثيل: زيب= نور- پوش= حضرت محمدﷺ جو وات مبارڪ، ماهه= ڏند مبارڪ
    مُراد: هڪ دفعي رات جو ڪپڙن سبندي حضرت بي بي عائشه رضه جي سئي هٿ مان هيٺ زمين تي ڪري پئي. پاڻ گهڻو ئي ڳولهيائون پر لهي نه سگهيون. ڏيئو به هوا لڳڻ سبب گُل ٿي ويو هو. جڏهن پاڻ سڳورا صه آيا تڏهن حال ٻُڌي ٿورو مُرڪيا ته سندن ڏند مبارڪ ظاهر ٿي پيو جنهنجي چمڪ تي سُئي ڏسڻ ۾ آئي.
    هُنر:
    هُنر جي معنى آهي فن يا ڪاريگري، ڏٺو وڃي ته سڀئي لطيف فن جهڙوڪ: شاعري، موسيقي، چتر ڪاري وغيره انساني هنر جا شاهڪار آهن. تخليقڪار پنهنجيءَ ڏات، ڏانءَ ۽ هُنر وسيلي عام شين کي اهڙو ته خاص بڻائي ڇڏيندا آهن جو اهي نه رڳو ماڻهن جي دلين کي موهي، ڄاڻ وڌائي ۽ سڪون پهچائيندا آهن پر ڪڏهن به مرندا ناهن. صديون گذري چڪيون آهن پر سنڌ جو اساسي شعر، ادب ۽ راڳ وغيره اڃا تائين زنده آهي.
    زندگيءَ جي عام وهنوار ۾ به هُنر ۽ ڪاريگريءَ جو اهم ڪردار آهي. ڪنهن به ضرورت جي شئي مثال: کٽ، ڪُرسي، ميز وغيره ٺاهڻ لاءِ به هُنر جي ضرورت پئي ٿي پر اهي ٺاهڻ لاءِ ڪنهن عام شئي، جيئن ڪاٺ وغيره کي گهڙڻو پئي ٿو. پوءِ ئي وڃي ڪا سُهڻي شئي جُڙي ٿي. ساڳيءَ ريت جڳ مشهرو ڏاهي علامه آءِ آءِ قاضيءَ چواڻي ”لغت جي لحاظ سان لفظ ادب جي معنى ريڙهيون ڏيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ يا پنهنجي سنڌي اصطلاح موجب ڄڻ اڻگهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻي سِڌو ڪرڻ. انهيءَ لحاظ سان ئي اسان جي معاشري ۾ اُستاد مقرر ٿيندا هئا، جن کي اديب سڏيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته تعليم سان گڏ ٻار جي تاديب به سندن ذمي هُئي.“
    جيئن ته هنر به لوڪ ادب جي شاخ آهي. تنهنڪري ان وسيلي ٻوليءَ جي عام لفظن کي خاص ڪاريگريءَ سان ڳنڍي اهڙي ته سُهڻي جنس جوڙي وڃي ٿي جو ٻُڌندڙ ۽ پڙهندڙ کان واهه واهه نڪري وڃي ٿي. سنڌي لوڪ ادب ۾ هُنر جي بيتن جو طريقو اِهو هوندو آهي ته لفظ جي اصل معنى بدران ٻي معنى ڪڍي ويندي آهي. ان ۾ لفظن جي ڀڃڻ ۽ گڏڻ وسيلي به ڪا انوکي معنى ڪڍي وڃي ٿي.
    ”هُنر به ڳجهارت جو هڪ قسم آهي. هن ۾ قسمين ۽ عجيب رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڏوهيڙا چيل هوندا آهن. جن جي ظاهري معنى ته آسان پئي لڳندي آهي پر سُگهڙ جنهن وقت ويهي انهن جي اونهي معنى تفصيلوار بيان ڪندا آهن ان وقت ڳجهيءَ ڳوڙهيءَ معنى جي راز جو پتو پوي ٿو ۽ ٻڌندڙن کي تعجب لڳيو وڃي.“
    (الهه بخش نظاماڻي- سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ- ص- 32)
    هُنر جا پڻ مختلف قسم آهن، جيئن 1: سُرائتا هنر يعنى لوڪ داستانن جي مختلف سُرن تي ٻڌل. 2: چيروان(چيريل) هنر: ان ۾ هنر واري بيت يا ڏوهيڙي جي هر بند جو پويون لفظ ساڳيو هوندو آهي. مثال لاءِ هيٺ هنر ڏجن ٿا.
    هيءُ هنر ’مارئي‘ جي بيان ۾ چيل آهي ۽ هن بيت جي آخري لفظ جي معنى ٿيندي، جيڪا تجنيسي ڀاڃ جي ڪوشش سان مراد سمجهائي وئي آهي ۽ هر هڪ آخري لفظ جي معنى جدا جدا بيهندي، يعني هڪ اکر وارو هنر.
    مارونئڙا ملڪ ۾ پائن عمر ٻانهوٽي،
    کڻي آئين کوهه تان عمر ٻانهوٽي،
    ڪڏنهن ڏٺا هيم ڪينڪي ائين عمر ٻانهوٽي
    سونهن توکي سومرا ڪا عمر ٻانهوٽي
    تو عمر ٻانهوٽي، اصل نه پايان عبدالرحمٰن چوي
    ٻانهوٽي= ٻانهن ۾ سُٽ جي ٺاهيل سهڻي پٽي ٻڌڻ.
    ٻانهوٽي= ٻانهن+وٺي= ٻانهن وٺي
    ٻانهوٽي= ٻيا+اوٺي= ٻيا اوٺي
    ٻانهوٽي= ٻي+هاٺي= ٻي هاٺي (جوڙ جيس)
    ٻانهوٽي= ٻانهين+وٺي= ٻانهين وٺي
    وڏي وار تي ٻانهن ۾ ٻنهوٽي مارو ٻڌن.
    اي عمر بادشاهه تون کوهه تان کڻي پڪڙي منهنجي ٻانهن وٺي آئين.
    اي عمر بادشاهه تو جهڙا مون ڪڏهن ٻيا اوٺي نه ڏٺا جيڪي پرائي زال کڻي وڃن.
    اي سومرا تو کي ڪا جوڙ جيس زال جڳائي مون تنهنجي لائق نه آهيان.
    اي عمر بادشاهه توکان سون يا چاندي جي ٻانهين وٺي ڪو نه پائيندس.
    (سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر)
    ٿوڪ:
    ٿوڪ لفظ جي معنى آهي شئي يا وٿ. سنڌيءَ ۾ اهو لفظ هاڻي عام استعمال ۾ ته ناهي پر لوڪ ادب کان سواءِ اساسي شاعريءَ ۾ ڪتب آيو آهي. سورهينءَ صديءَ عيسويءَ ۾ شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ واري (ڄم: 20 هين شعبان 944هه مطابق 20 جنوري 1538ع- وفات: ستين ذوالقعد 1032هه) پنهنجي ڪلام ۾ لفظ ٿوڪ ڪم آندو آهي.
    هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ
    کُڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ
    ٿُلهي ليکي جيئن سڀ صنفون هنر آهن تئين لوڪ ادب جون سموريون وٿون ۽ صنفون ٿوڪ آهن پر ٿوڪ يا شئي جي پنهنجي پنهنجي بيهڪ، جوڙجڪ، ڏيک ويک ۽ خاصيت ٿئي ٿي. لوڪ ادب ۾ ٿوڪ اهڙيءَ منظوم صنف کي چئجي ٿو، جنهن ۾ ڪن به چئن ٻين شين لاءِ سڌيءَ يا اڻسڌيءَ طرح سُٺائي بيان ٿيل هُجي. ان جي آخر ۾ وراڻيءَ طور ”ٽڪا مڙئي روڪ چڱا“ وغيره استعمال ڪيو ويندو آهي. مثال:
    اول ۾ الله ڀلو، پير کان ويساهه ڀلو
    اهي چارئي ٿوڪ چڱا، ٽڪا مڙئي روڪ چڱا
    ڏهس/ويهس/ٽيهس/ چاليهس
    ڏهس لوڪ ادب ۾ اهڙي بيت يا ڏوهيڙي کي چئجي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن به هڪ شئي جا ڏهه نالا ڏنا وڃن. ان وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾ لفطن جي ذخيري ۽ سُگهڙن جي ڄاڻ جي پروڙ پئجي سگهي ٿي. گهڻو ڪري اڻپڙهيل سُگهڙن جي ڄاڻ جي پروڙ پئجي سگهي ٿي. گهڻو ڪري اڻپڙهيل سگهڙ، جيڪڏهن کين ڪنهن هڪ شئي جا سنڌيءَ ۾ ڏهه نالا نه ملندا ته ٻين ٻولين جهڙوڪ: عربيءَ، فارسيءَ، هنديءَ، بلوچيءَ، پنجابيءَ ۽ سنسڪرت وغيره مان هٿ ڪري پورت ڪري وٺندا آهن يا وري ساڳيءَ جنس/شئي جا مختلف قسم بيان ڪندا آهن. الهه بخش نظاماڻيءَ جي راءِ ۾ ”ڏهس جا بيت سينگار وانگي اصل هندي دوهن بيتن جو تتبع آهن. سنڌي شاعرن هندي دوهن کان متاثر ٿي پنهنجي فضا ۽ ماحول موجب اهي بيت ۽ ڏوهيڙا چيا ۽ ڳايا آهن.“ (سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ- ص- 45)
    ڏهس ۾ محبوب جي ساراهه مختلف جانورن ۽ پکين جي نالن کان سواءِ سائينءَ جي قدرت، نبي ڪريم ﷺ ۽ ٻين نبين امامن، ولين ۽ بزرگن جو شان به بيان ڪيو ويندو آهي. ڏهس کي ڏهس سينگار به سڏن. ان لحاظ سان اهو سينگار جو هڪ قسم آهي.
    اها صنف آهي ته تمام گهڻي آڳاٽي پر ان کي ارڙهينءَ صديءَ ۾ تمام گهڻي هٿي ملي، جنهن جو سبب اهو آهي ته ان وقت سنڌ جي تعليمي نصاب ۾ سنڌيءَ سان گڏ مختلف ٻولين جهڙوڪ: عربيءَ ۽ فارسيءَ جا لفظ به پڙهايا ويندا هئا. ٻارن کي درسگاهن ۾ دُوايو (ٻه وايو= ٻن معنائن وارو) ۽ سِوايو (ٽوايو= ٽن معنائن وارو) پڙهائيندا هئا. اهڙيءَ ريت ٻار سنڌيءَ کان سواءِ وڏا ٿي ڀرپاسي ۾ ڳالهائجندڙ ٻوليون به ڄاڻي وٺندا هئا.
    هونءَ به اسلام جي ڪري عربيءَ ۽ حُڪمرانن جي ڪري فارسيءَ سنڌ تي راڄ ڪيو آهي، تنهنڪري عام ماڻهو به انهن ٻولين جا لفظ سولائيءَ سان ڪتب آڻيندو هو/ آهي. هن وقت به سنڌي ٻار سنڌيءَ سان گڏ عربي، اردو ۽ انگريزي ٻولي پڙهي ٿو ۽ انهن ٻولين جو اثر قبولي ٿو. اهو اثر سڄي زندگي برقرار رهي ٿو.
    ڊاڪٽر سنديلي صاحب سُگهڙ جلال ڀُٽي جي حوالي سان لکيو آهي ته ”ڏهس اهڙي بيت کي چئبو، جنهن ۾ اهو شرط اولين آهي ته آيل لفظ محبوب جي خوبين يا وصفن جي نمايان ترجماني ڪن.“ (لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو- ص- 180)
    اسان جا سگهڙ هاڻي ڏهس کان اڳتي نڪري ويهس، ٽيهس ۽ چاليهس تائين وڃي پهتا آهن، جنهن تي کين جَسُ هُجي. هن ڪتاب ۾ اهڙا مثال پيش ڪيا ويا آهن هيٺ ڏهس ۽ ٻٽو ڏهس نموني خاطر پيش ڪجي ٿو.
    ڏهس
    گلا لڪ گوهر غازيءَ جا، وار ويتر ونگ وجهن
    فِٽَ فياض فضليت ور جا، ڏسي مار مرن
    ڪاڪُل ڪيس ڪاريهر کي،. تفنگ تير هڻن
    ڀڙڀنڊا ڀاڳ ڀرئي جا، ڏسي ڀيرا ڀَوَنگ ڏين
    زلف زياده ذهب کان، رباني رنگ ٺهن
    اڳ اڳرا اپسرا گيسو، شهر تلنگ وڻن
    جي مار سياه کلي ميم مراقبي ، ڏسي پٽ پون
    جن کي لڳا امنگ عجيبن، ڪندا بيان ”بحرالدين“ چئي.
    بحرالدين شنباڻي

    ٻٽو ڏهس
    پٻ، پڳ، پائون، پايا، پد، پاڪ پرين جا پير
    ريٽا، رتول، رتڙا، ارتا، احمر، ڀنڀا ڀلي ڀير
    فاز ، فيٽ ، چرن، چمان لهن من جا مير
    ڪڪا، ڪڪور، کهنبا، جيئن ڳاڙها ٻيرين ٻير
    نين نازڪ-نتاڪ- ناز ڀري جا سهڻا جن جا سير
    سي”گل ملڪ“ مور مٿير، جن جي اُڪير عرش کي
    گل حسن ”گل“ ملڪ

    سينگار:
    سينگار لوڪ ادب ۾ اهڙي بيت کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ محبوب جي سورهن سينگارن، ڳهن ڳٺن ۽ سونهن وغيره جي واکاڻ ٿيل هُجي. هونءَ به سونهن ۽ سينگار شاعر توڙي سُگهڙ جي فطري ڪمزوري رهيا آهن. دنيا جو شايد ئي ڪو شاعر هُجي، جنهن محبوب جو ذڪر ته ڪيو هُجي پر سندس سينگار جو ذڪر نه ڪيو هُجي.
    سينگار ٺيٺ عشقيا صنف آهي، پوءِ اهو محبوب مجازي هُجي يا حقيقي. نبي ڪريم ﷺ کي پنهنجو محبوب سمجهي سينگار ۾ ساراهيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ ان جو بنياد هندي دوها چيا وڃن ٿا. انهن دوهن کي سنڌ جي شاعرن ۽ سُگهڙن پنهنجو رنگ ڏئي سينگار بڻائي ڇڏيو. اُردوءَ ۽ هنديءَ ۾ سينگار کي سِنگهار چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنى ٺاهه ٺوهه ۽ سجاوٽ آهي.
    سينگار جي بيتن ۾ تشبيهن ۽ استعارن جي اُڻت اهڙي ته من موهيندڙ هوندي آهي جو ٻُڌندڙ ۽ پڙهندڙ سرور ۾ اچي ويندو آهي ۽ اُن مان محبوب جي سونهن جو تجلو نظر ايندو آهي. سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ جيڪي محبوب جي سونهن جي باري ۾ بيت چيل آهن، انهن کي جيڪڏهن سينگار بيت سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. اهو سلسلو اڄ جي جديد شاعرن تائين هلندو اچي پيو ۽ هلندو رهندو. ان سلسلي ۾ مثال لاءِ هڪ ڪلاسيڪي ۽ هڪ جديد شعر ڏجي ٿو.
    چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرينءَ سين
    تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نِت سوجهرا
    (شاهه لطيف)
    صاف کير جيئن، جوڀن تنهنجو
    نرم مکڻ جيئن، تن من تنهنجو
    کير مکڻ سڀ سهڻي آ
    چنڊ ته آهي ڇاڇ ڇڙي وو!
    (نارائڻ شيام)
    مٿيان بيت سڌا سنوان سينگار جا بيت ته نه ٿا چئي سگهجن پر انهن ۾ محبوب جي سونهن ۽ سينگار جو ذڪر آهي. هاڻي هيٺ اهڙو بيت ڏجي ٿو، جيڪو سُگهڙ”بردي“ جو آهي ۽ ان کي سينگار بيت سڏجي ٿو.
    سون ورني سُهڻي، اڌر عجب گل رنگ
    ڪيسرِ لنڪي ڪامڻي، ڪومل نين ڪُرنگ
    ناس ڪڪيلو، ڪوئل بيني، ڀرون ڀئونر ڀَوَنگ
    تَليهر وڌِ تَرنگ، ٿي بيهوش ڪِري ”بردو“ چئي
    (اَڌَر= چپ- ناس= نڪ- ڪڪيلو= چَتون/طوطو-بيني=آواز-ڀَوَنگ=نانگ)
    اها سون جي رنگ جهڙي آهي ۽ چپ گلاب جي گل جهڙا، نڪ طوطي جيان، آواز ڪوئل جهڙو ۽ ڀرون نانگ جهڙا اٿس.
    عورت جي سورهن سينگارن جي جيڪا ڳالهه ڪئي ويندي آهي، سگهڙن پاران انهن کي چئن حصن ۾ ورهائي ڀيٽيو ويو آهي. (1) چار چلنت (هلندڙ جانور)، (2) چار اُڏنت (اُڏرندڙ پکي)، (3) چار ڦول (گل)، (4) چار ڦل (ميوا). انهن شين جي خوبين کي عورت جي سينگار سان ڀيٽيو ويو آهي.
    چار هلندڙ: (1) مرگهه نيني (هرڻ اکي)، (2) ڪيهر لڪي (شينهن جهڙي چيلهه)، (3) اَسپ (گهوڙي جهڙو ناز نخرو)، (4) رد/ هاٿي (هاٿيءَ جهڙو هلڻ)
    چار اُڏندڙ: (1) ڪڪيلو (طوطو) =نڪ طوطي جهڙو، (2) ڪوئل= ڳالهائڻ ڪوئل جهڙو مٺو، (3) مور=ڳچي مور جيان ڊگهي ۽ سنهي، (4) ڀونر (ڀونئر پکي ته ناهي پر اڏامندڙ ڪارو جيتا مڙو آهي) = ڀرون ڪارا ائين هجن جيئن چمپي گل تي ڀونر.
    چار ميوا: (1) ڪيلو= هٿ ڪيلي جي ڦريءَ جهڙا نرم، (2) انار (ڏاڙهون) ڏند ڏاڙهونءَ جي داڻن جهڙا سهڻا، (3)سوپاري= کُڙي سوپاريءَ جيان ننڍڙي ۽ گول هجي، (4) ناريل= ڪامڻيءَ جا پستان سندس چوليءَ اندران ناريل وانگر لڳن.
    چار ڦول (گل): (1) گلاب= چپ ۽ ڳل گلاب جهڙا، (2) سوسن= وار سوسن جي گل جهڙا ڪارا، (3) ڪيسر= بدن ڪيسر (گل زعفران) وانگر سدا بهار ۽ خوشبوءِ وارو، (4) ڪنول= مُنهن ڪنول جي گل جهڙو خوبصورت.
    ضروري ناهي ته هر ڪو سُگهڙ رڳو اهي ئي چار چلنت، چار اُڏنت، چار ڦول ۽ چار ڦل پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ڪم آڻي. پنهنجيءَ پسند مطابق تشبيهون تبديل ڪري سگهي ٿو. مٿي رڳو سمجهائڻ لاءِ نالا ڏنا ويا آهن.
    ڊاڪٽر عبدالرڪريم سنديلي جي ڪتاب ”لوڪ ادب جي تحقيقي جائزي مان مٿيون وضاحتون ڏنيون ويون آهن. هو رام گلام رام جي ڪتاب ’رام گلام شبد ڪوش‘، جيڪو لڪشمي وينڪٽيشور ڇاپي خاني ڪلياڻ، سنبت 1967ع ۾ ڇپرايو، جي حوالي سان عورت جا هيٺيان سورهن مجازي يا مصنوعي سينگار بيان ڪري ٿو؛
    (1)بدن صاف ڪرڻ، (2) وهنجڻ، (3) صاف پوشاڪ پهرڻ، (4) ڪجل لڳائڻ، (5) لاک جي رنگ سان پير ڳاڙها ڪرڻ، (6) وار سنوارڻ، (7) سينڌ ڀرڻ، (8) نرڙ تي تلڪ ڪڍڻ، (9) ميندي لڳائڻ، (10) کاڏيءَ تي تل ڪڍڻ، (11) بدن کي خوشبوءِ لڳائڻ، (12) زيور پائڻ، (13) گلن جو هار وارن جي چوٽيءَ ۾ ويڙهڻ، (14) پان کائڻ، (15) ڏندن کي مِسي هڻڻ، (16) لبن کي لال ڪرڻ، (صفحو-143)
    اهي سڀئي سينگار هاڻي جديد طريقن سان ڪيا وڃن ٿا. پراڻا وکر به نئين انداز سان بازارن مان ملن ٿا. هر خطي ۾ طور طريقا به ڪجهه مختلف آهن، جيئن هندو ڌرم ۾ تلڪ ٿئي، جڏهن ته سنڌ ۾ شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ عورتون پنهنجي طريقي سان پاڻ کي سينگارن، جنهن جي شاعر عڪاسي پڻ ڪن ٿا.

    سَتَ سُريون:
    سَتَ سُرا به بيت جو هڪ قسم آهن، جنهن ۾ سَتَ سُر سَمايل هوندا آهن پر هرون ڀرون اهو لازمي به نه هوندو آهي ته پورا سَتَ سُر هُجن ٽي يا چار به ٿي سگهن ٿا. ان ڪري انهن مان ڪن بيتن کي دوراها به چئي سگهبو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪن دوراهن ۾ ٻن کان وڌيڪ سر به ٿين ٿا. سَتن سُرن ۾ به ظاهري طرح هڪ ته ڳجهي نموني ٻي معنى ٿيندي آهي، جيڪا سُگهڙ ئي سمجهائي سگهندا آهن. سنڌ ۾ هڪ پهاڪو به آهي ته ”ماٺ ڪر ته ٻُڌايانءِ نه سَتَ سُريون!، هتي سَتَ سُرين ٻڌائڻ جو مطلب گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا ڪَچو چٺو ظاهر ڪرڻ آهي. سَتَ سُرا بيت لوڪ ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ ڳجهارت ۽ هُنر ۾ هڪ سُر يا مختلف سُرن تي ٻڌل به ٿيندا آهن.
    ست سريءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار سُر يا موضوع ۽ ستن کان وڌيڪ اَٺَ نوَن يا ڏهه سر يا موضوع به ٿي سگهن ٿا. ائين ناهي ته نون سُرن وارن بيتن کي نوسرو سڏجي. انهن بيتن ۾ جيڪي سُر عام طور ڪتب اچن ٿا انهن ۾ سسئي پنهون، مومل راڻو، عمر مارئي، سهڻي ميهار، ليلان چنيسر، سورٺ راءِ ڏياچ، هير رانجهو وغيره شامل آهن. ڳجهارتون به سَت سُريون ٿينديون آهن. ڪتاب مان مثال ڏسي سگهجن ٿا.
    ٻول/پنجڪا:
    هي ڏاهن ۽ سُگهڙن جي تجربي ۽ مُشاهدي جا چٽا مثال هوندا آهن، جيڪي زندگيءَ گهارڻ ۾ ڪارائتا ثابت ٿين ٿا. انهن سادن ٻولن ۾ تشبيهون ۽ استعارا وڻندڙ، ٻولي عام فهم ۽ وڏو فڪر سمايل هوندو آهي. انهن کي ٻهڳڻن جا ٻول پڻ چيو وڃي ٿو. ٻهراڙيءَ جا سياڻا ماڻهو پنهنجين ڪچهرين ۾ اهي گفتا يا ٻول ڪندا رهندا آهن، جن مان گهڻو ئي سبق پرايو ويندو آهي معنى ته اخلاقيات پکيڙڻ جو اهي هڪ بهترين ذريعو آهن. لوڪ ادب جي صنف ٻول به نظمي صورت ۾ آهي. اهي بيت ٻن بندن کان وٺي ويهن بلڪه ٽيهن بندن تائين به ٻوليا ويندا آهن. ٿوڪ ۽ پنجڪا (پنجن ٻولن وارا) به ٻولن جا قسم آهن.
    ان ۾ عام طور تي پنج ٻول شامل ڪيا ويندا آهن. پر سَتَ سُريءَ وانگر هن ۾ به اها گنجائش هوندي آهي ته پنجن کان گهٽ يا وڌ ٻول به جيڪڏهن ڪم آڻجن ته به ان کي پنجڪا ئي چون. ڊاڪٽر عبدالرڪريم سنديلو لکي ٿو ته ”پنجڪا“ پنج+ اِڪا= وار، پنجن (جي جوڙ) وارا. اها صنف جنهن ۾ پنجن ماڻهن يا پنجن شين جي لڇڻن، ڪلڇڻن، خوبين ۽ خاصيت جي ڀليءَ ڀَتِ اُپٽار ڪيل هُجي. ٿي سگهي ٿو ته پهريائين هڪ سُگهڙ، ٻئي کان اهڙي قسم جا سوال ڪري، جواب طلب ڪيا هجن ۽ پوءِ سُگهڙن عقل ويڙهائي سوال توڙي جواب پاڻ ئي ٺاهيا هجن.“ (لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو،ص -55)
    پنجئي نه ٿيا 1: ڏچر (ٿور کائڪ) گهوڙي، 2: سُچر (گهڻ کائڪ) زال، 3: ڇڊي ڪڻڪ 4: گهاٽا تر، 5: اُڌارو وهانءُ
    پوري چوڻي هن ريت آهن:
    پنجئي نه ٿيا
    ڏُچر گهوڙي، سُچر زال
    ڇڊي ڪڻڪ، گهاٽا تر
    اُڌارو وهانءُ، پنجئي نه ٿيا
    (لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ص:55)
    سالڪن جا سخن/سچا سخن/نصيحت ڀريا ٻول/گفتا
    حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سگهڙ پائيءَ جو لڳ ڀڳ سمورو فن نصيحت ۽ هدايت وارو آهي. هي همراهه پاڻ سالڪ ۽ سچا آهن، اهو ئي سبب آهي ته سندن سُخن/ٻول سچا ۽ هدايت وارا آهن. زماني جي تجربن ۽ مشاهدن کي سامهون رکي ۽ ٻين سياڻن جي ڳالهين ۽ سبقن جي آڌار تي هڪٻئي خاص ڪري نوجوانن کي نصيحت ڪندا رهن ٿا. ڪنهن صنف ۾ سڌو ته وري ڪنهن ۾ اڻسڌو پنهنجي پرچار ڪندا رهن ٿا. هُو بُرن جي صحبت کان پاسو ڪرڻ، نشي ۽ چوريءَ چڪاريءَ، ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ کان پري ڀڄڻ جي صلاح ڏين ٿا، نصيحت واري ڪلام کي نصيحت نامو به سڏن. اهڙيءَ ريت محبت واري ڪلام کي محبت نامو، سنڌ جي سورن ۽ ساراهه واري ڪلام کي سنڌ نامو چون. مطلب ته جنهن موضوع تي ڪلام چون، گهڻي ڀاڱي ان کي اُهو ئي موضوع ڏين. ان ڳالهه جي ثابتي ڪچهرين کان سواءِ سندن ڪتابن ۾ به ملندي. هتي نموني خاطر نصيحت وارو هڪ بيت ڏجي ٿو؛
    تعصب جنهن جي تن ۾، مُنهن تنهين کان موڙ
    پيءُ ڏاڏو پاڻ پَڏائي، پيو اُبتي ڏيندو اوڙ
    پکڙا تنهن کان پرڀرا، جاني وڃي جوڙ
    نه خيما پنهنجا کوڙ، اهڙي آدميءَ وٽ عبدالرحمٰن چئي.
    (عبدالرحمٰن مهيسر)

    چوڻي/ پهاڪو
    پهاڪا يا چوڻيون (Proverbs and Sayings) ڪنهن به ٻوليءَ جي قدامت، تاريخ، تهذيب ۽ تجربن جون جيئريون جاڳنديون ثابتيون هونديون آهن. پهاڪي پُٺيان ڪانه ڪا ڳالهه، مُشاهدو يا تجربو هوندو آهي، جيڪو جنم ته ڪنهن هڪ جاءِ تي وٺندو آهي پر پکڙجي سڄي خطي ۾ ويندو آهي. پهاڪا دنيا جي سڀني سُڌريل ٻولين ۾ آهن ۽ اهي به ٻولين جيترا قديم آهن. پهاڪي کي جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه، واقعي يا ڪهاڻيءَ جو پسمنظر ظاهر ڪندڙ موضوع سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. هونءَ به ان جي لفظي معنى اهڙو پهو يا رستو آهي، جيڪو اصل ڳالهه يا ڳجهه ڏانهن وٺي وڃي ۽ ڪا سنئين واٽ سُنهائي، پهاڪي لفظ جو ڇيد پها= پهو يا رستو يا واٽ+ ڪو= پڇاڙي آهي.
    پهاڪا ۽ چوڻيون قومن جي رهڻي ڪهڻي، رسم رواج، تاريخ ۽ ثقافت وغيره جا ترجمان هوندا آهن. سنڌيءَ ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون ڪلاسيڪي شاعرن جهڙوڪ: شاهه لطيف ۽ سچل سرمست وغيره جي ڪلام جي سٽن تي پڻ ٻڌل آهن. مثال:
    1: سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري
    : سچ ٿا مڙد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي
    3: ڏاند ته ڪاهي ويو جمعو پر اسان ائين به نه چئون
    مٿيان پهريان ٻه پهاڪا شاهه ۽ سچل رحه جي بيتن منجهان آهن، جڏهن ته ٽيون پهاڪو هڪ واقعي جي پيداوار آهي،جيڪو هن ريت آهي ته هڪ ڳوٺ مان ڪنهن همراهه جو ڏاند چوري ٿي ويو. سو همراهه ٻئي ڳوٺ ۾ واهر سميت پيرا کڻي اچي پهتو.
    ان ڳوٺ جي هڪ همراهه چور کي ڏٺو هو ۽ سُڃاڻي ورتو هئائين. اتفاق سان پيراڍين ان کان ئي اچي پُڇيو ته ٻُڌاءِ ته تو اسان جو ڏاند ته نه ڏٺو؟ اُن جي جواب ۾ هُن سِڌو سنئون چوڻ بدران دل ۾ اهو سوچيو ته جيڪڏهن چور جو نالو کڻندس ته مسئلو ٿي ويندو. تنهنڪري ڪو وچ وارو رستو وٺجي ۽ چيائين: ڏاند ته ڪاهي ويو جمعو پر اسان ائين به نه چئون مطلب ته هو پاڻ کي به بچائي ويو ته واهرن کي به چور جو پتو ڏئي ويو.
    سگهڙن پهاڪي کي الڳ صنف طور به ڪم آندو آهي. مثال لاءِ حسين بخش رڏ جو پهاڪي جو هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو؛
    بک نه پڇي ڳُنڌڻ، ننڊ نه پڇي هنڌ
    عشق نه پڇي ذات، پيار نه پڇي پنڌ
    باهه نه پڇي ڪاٺ، واءُ نه پڇي رند
    گنجو نه پڇي ڦڻي، ڀَتُ نه پڇي ڏند
    موت نه پڇي مهل، ڪات نه پڇي ڪنڌ
    بيت ۾ اهڙا بند، ڪنهن حريف چيا حسين بخش چئي
    اصطلاح:
    اصطلاح جنهن کي انگريزيءَ ۾ Idiam چيو وڃي ٿو. ان جي سولي معنى صلح ڪرڻ، ڪنهن لفظ جي ٻي معنى مقرر ڪرڻ. مثال طور: هٿ پير هڻڻ= ڪوشش ڪرڻ يا جاکوڙڻ. هٿ ۽ پير جي چورڻ کي محنت ڪرڻ ۽ جاکوڙڻ جي معنى ڏني وئي آهي. ٻيو مثال: ٺڪر ڀڃڻ= ڪوڙو الزام لڳائڻ. ٺڪر ڀڃڻ جي ظاهري يا اصلي معنى ته ٺڪر کي ٽُڪر ٽُڪر ڪرڻ آهي پر ان جي رواجي معنى الزام مڙهڻ آهي. اصطلاح سنڌي ٻوليءَ ۾ هزارن جي تعداد ۾ ملندا. اهي اسان جي ٻوليءَ جي شاهوڪار هُجڻ جي علامت آهن. انهن کي به لوڪ ادب جو حصو سمجهيو وڃي ٿو.
    پهاڪي يا اصطلاح ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته پهاڪي پُٺيان ڪا ڪهاڻي يا واقعو هوندو آهي ۽ اهو هڪ جملي يا شعر جي ٻن ٽن بندن جيڏو به ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته اصطلاح ۾ ٻه يا ٽي لفظ هڪ ننڍڙي فقري ۾ ڳوڙهي معنى رکن ٿا. ان کان سواءِ ڪجهه اصطلاحن کي به پهاڪن وانگر پسمنظر آهي، پر عام طور تي ائين ناهن.

    واقعاتي بيت:
    لوڪ ادب ۾ هيءَ صنف واقعاتي شاعريءَ تي ٻڌل آهي. ڪنهن واقعي کي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. ڏٺو وڃي ته هر شعر جي پسمنظر ۾ ڪا نه ڪا وارتا يا واقعو لڪل هوندو آهي پر لوڪ ادب جي هن صنف کان تاريخ جو ڪم وٺي ڪيترن ئي واقعن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. لوڪ ادب سهيڙڻ واريءَ رٿا ۾ واقعاتي بيتن تي ٻڌل هڪ ڪتاب ڇپايو ويو آهي. اسان جي شاعرن ۽ ليکڪن ڪيترن ئي واقعن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي، ان حوالي سان تازو مثال محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري واقعي تي ڪيل شاعري به آهي.
    هتي مثال خاطر شاعر مل محمود جي ڊگهي واقعاتي بيت مان ڪجهه سٽون ڏجن ٿيون، جيڪو بچو بادشاهه، پيرو وزير ۽ سندن ساٿين جي انگريزن سان لڙاين جي موضوع تي آهي.
    ڏيهه ڏڪائي ڏيا سان، ڪيائون زير زبر
    اک نه هُين انگريز تي، ٻيو ڪنهن نه مٿي ڪلٽر
    ماري سَوَ سپاهين جا، ٿي لوڙهيائون لشڪر
    ڏسي هيبت حُرن جي،ٿي گهڻن ڇڏيا گهر
    پوءِ اُٿي ويا افسر، انهن جي ٿاڻن پئي ٿُڪون جهليون
    مناظرا:
    اڄ ڪلهه جي ٽي وي ٽاڪرن وانگر سُگهڙ پنهنجيءَ شاعريءَ وسيلي ڪن به ٻن شين، ڪردارن ۽ عملن جو پاڻ ۾ مقابلو ڪرائيندا آهن. خوبيون ۽ خاميون بيان ڪري ڪنهن هڪ کي مات ڏياريندا آهن. هو ٽي وي ميزبان وانگر ڪو امين به مقرر ڪندا آهن، جيڪو ٻنهي جو فيصلو ڪندو آهي. هن قسم جي شعر ۾ مزاحيه عنصر وڌيڪ هوندو آهي. مناظرا لوڪ ادب ۾ شروع کان ئي هلندا اچن پيا. ڊاڪتر بلوچ مناظرن جو جيڪو ڪتاب سهيڙيو آهي، ان ۾ هيٺيان موضوع ڏنل آهن: ٽوپي ۽ پڳ، زال ۽ مڙس، سس ۽ نُنهن، ٻيڙي ۽ حُقو، هاري ۽ گدڙ، ڏيڏري ۽ اُٺ، سگهڙ ۽ موتي، سسئي ۽ مارئي وغيره وغيره. (مثال لاءِ هن ڪتاب ۾ ڏنل مناظرا پڙهو)

    ڳاهه:
    ڳاهه بيت جو هڪ قسم آهي، پنهنجيءَ ڪچهريءَ ۾ سگهڙ بيت ته ڏيندا آهن پر ڳاهن سان ڳالهين جو مزو ئي ٻيو آهي. ڪا ڳالهه کڻندا يا ڪو قصو يا داستان ٻڌائيندا ته ان ۾ چس پيدا ڪرڻ لاءِ موضوع سان ٺهڪندڙ بيت به لازمي ڏيندا/ جهونگاريندا آهن. جيئن دودي چنيسر، سسئي پنهونءَ وغيره جي ڳالهه کڻندا ته ان ۾ بيت به چوندا يا ڳائيندا.

    نڙ بيت:
    نڙ هڪ ٻوٽو آهي جيڪو سَرَ يا جوئر جي ٻوٽي وانگر هڪ ڊگهو ڪانو رکندو آهي. سَرَ جو ڪانو اندران ڀريل ٿيندو آهي جڏهن ته نڙ جو ڪانو هڪ pipe وانگر اندران پورو ٿيندو آهي. ڪاني کي صاف ڪري بينسريءَ يا بين وانگر ڦوڪ وارو ساز ٺاهيو ويندو آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌنار ۽ سگهڙ وغيره اهو ساز وڄائي دل وندرائيندا آهن، نڙ تي بيت پڻ آلاپيندا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نڙ جي وڄت بابت لکي ٿو ته، ”انهن آلاپن ۽ وڄت جو اهڙو ئي تعلق هوندو آهي، جهڙو سانوڻ جي گوڙ ۽ مينهن جو. نڙ جي وڄت ڄڻ هلڪي هلڪي گوڙ آهي، جا پنهنجي مسلسل ڌڌڪارن سان بيتن ڏيڻ واري کي اُڀاري، دل ڳاري سندس زبان مان بيتن جي آلاپ جا اهي ته وڏڦڙا وسائي ٿي، جو ٻڌندڙن جون دليون ڀڄيو پون يا کڻي ائين چئجي ته انهن جو تعلق واءَ، باهه وارو آهي، نڙ جا مٺا ٻول وڄڻي جي هلڪي هلڪي واءَ وانگر بيت ڏيندڙ جي درد جي دونهين کي پيا دُکائيندا آهن، تان جو بيتن جا ڀنڀٽ ڀڙڪي ٻاهر نڪرندا“ (سنڌي لوڪ ادب: مضمون ۽ مقالا، ص: 190-189)
    نڙ جا بيت سڪ سوز واري موضوع تي چيا وڃن ٿا ۽ اهي ڊگها ٿيندا آهن. ڪلاسيڪي شاعرن به ڊگها بيت چيا آهن پر انهن کي نڙ بيتن جو نالو نه ڏنو ويو آهي، ان حوالي سان ڪبير شاهه ۽ سانوڻ فقير کي نڙ بيت جو شاعر سڏيو وڃي ٿو. سانوڻ فقير خاصخيلي ضلعي بدين جي هڪ ڳوٺ پنيءَ جو رهاڪو هو. هن نڙ بيت کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجا شاگرد به پيدا ڪيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب نڙ بيت (سانوڻ ۽ ان جا ساٿاري) ۾ نڙ بيت، نڙ جي نمائندن شاعرن ۽ وڄتن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
    هن وقت هيءُ فن تيزيءَ سان ختم ٿيندو پيو وڃي، پنج ڇهه سال اڳ مون ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نڙ بيت رڪارڊ ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو، وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ عبدالرحمٰن ڄامڙي معرفت هڪ نڙ بيتائي محمد ياسين جوکيو مليو، جنهن جو تعلق نواب شاهه سان هو. ان نڙ بيت الغوزي/ بينن تي ٻُڌايا، مون پڇيو مانس نڙ ڪاڏي ويا؟ چيائين سائين نڙ جو رواج ختم ٿي ويو آهي. هاڻي اسان بينن تي بيت چوندا آهيون.“
    روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد (18-09-2012ع) ۾ ڪي ڪي بروهيءَ پنهنجي سروي مضمون ۾ ڄاڻايو آهي ته ”سڄيءَ سنڌ اندر هن وقت صرف ٻه ڄڻا بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ سگهڙ ساجن چانگ ۽ نواب شاهه ضلعي جو سگهڙ علي گل ڀٽي بچيا آهن، جيڪي سرڪاري تقريبن توڙي ميلن ملاکڙن ۾ پنهنجي نڙ بيت جو منفرد فن پيش ڪن ٿا.“
    نڙ بيت
    موڪل ڏي ته ملير، وڃان ادا ڄام عمر
    تولاءِ طرح طرح جا، طعام سٺا سڀ سڄر
    مون لاءِ ملڪ ملير جا، سٺا ساڳ سنڱر
    تولاءِ تول وهاڻا، مون لاءِ لاڻا ۽ لُلر
    تولاءِ محل منارا، مون لاءِ ڪکاوان گهر
    توکي بادشاهي بي پرواهي، مون کي پنهوارن جي پچر
    تو وٽ قيمان ڪواب ڪوفتا، اسان وٽ فقيراڻا فڪر
    تو وٽ گوشت مڇون پَلا، اسا وٽ پُسيون رٻ پسر
    تنهنجا مٺا طعام مون لاءِ، زري به آهن زهر
    ڇڏ ته وڃين ڇيلا چاريان، ويڙهيچن جا ته ولر
    موڪل ڏي ”محب علي“ چوي، ڪر نماڻيءَ تي ته نظر
    توتي راضي ٿيندو رهبر، ڇڏ ته ملان وڃين مارن سان
    حاجي محب علي ڏيٿو

    ڪانگل جا بيت
    پکين ۾ ڪانءَ يا ڪانگ کي سنڌي ثقافت ۾ خاص اهميت حاصل آهي، ٻهراڙيءَ ۾ ڪانءُ خاص ڪري ٻارڙن کي تنگ ڪري لولو کسي وڃي ٿو . مهمان ۽ محبوب جي اچڻ جو اڳواٽ اطلاع ڏئي ٿو. ٻيون به سندس خوبيون ۽ خاميون آهن، شاعر گهڻي ڀاڱي ڪانگ کي محبوب ڏانهن نياپو کڻي ويندڙ ۽ وٽانئس حال احوال آڻيندڙ پکي سمجهن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته ڪلاسيڪي، لوڪ ادب ۽ جديد ادب ۾ ڪانءَ جو ذڪر ضرور ملي ٿو. لوڪ گيتن ۾ به ان کي ڳايو وڃي ٿو. لوڪ گيت جو قسم ڪانگڙو يا ڪانگلڙو ان لاءِ مخصوص آهي، ساڳيءَ ريت سگهڙائپ جي فن ۾ ڪانگل جا بيت مشهور آهن، مجازي محبت جي بيتن ۾ ڪانگل جو ذڪر وڌيڪ ڪيو وڃي ٿو، گهڻن ئي سگهڙن ان موضوع تي بيت چيا آهن، جيڪي سندن ڪتابن ۾ به آندل آهن. هتي سگهڙ خير محمد ناريجي جو ڪانگل تي هڪ بيت ڏجي ٿو؛
    ڪانگل وڃي قريب وٽ، روئي ڪج ريهان
    دل تولاءِ دلبر هتي، ڪري پئي ڪِيهان
    هيڻو حال هلڻ کان، ٿيو بيوس ٿي بيهان
    تانگهه تنهنجي تن ۾، آهي راتيان ۽ ڏينهان
    جانب پيو جيئان، تنهنجو نالو وٺي ناريجو چئي

    هنفتا، ڏينهن، راتيون، مهينا ۽ سال:
    لوڪ ادب جي سڃاڻپ گهڻي ڀاڱي فني گهاڙيٽي/ جوڙجڪ بدران موضوع وار آهي. اهو ئي سبب آهي ته هفتي، ڏينهن، راتين، مهينن ۽ سالن وارين صنفن تي به موضوع سبب اهي نالا رکيا ويا آهن. سگهڙن انهن موضوعن سان ڏاڍو نڀايو آهي. اهڙي قسم جي شاعريءَ ۾ هنن محبوب جي جدائي، سار، سڪ ۽ سوز کي ڳايو آهي. ان کي نه رڳو بيان ڪيو آهي بلڪه ماپيو ۽ توريو آهي، ڏينهن، هفتن، مهينن ۽ سالن ۾ ڳڻيو آهي. هن صنف ۾ ڳڻپ، حساب ڪتاب جو عمل دخل وڌيڪ آهي. دانهون ۽ ڪوڪُون ڪيون ويون آهن ۽ عازيون ۽ نيازيون بلڪه توبهه زاري ڪئي وئي آهي. لوڪ ادب کان سواءِ جديد شاعريءَ ۾ به ان موضوع تي طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. (مثال لاءِ ڪتاب مان شعر ڏسو.)

    ٽيهه اکري:
    سه حرفي يا ٽيهه اکريءَ تي خاص ڪري پڙهيل لکيل سگهڙن شاعري ڪئي آهي. ان ۾ عربي ٻوليءَ جي الف ب کي آڏو رکي شعر چيو ويو آهي. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي اکرن تي پڻ شاعري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ اکر ٽيهن کان وڌيڪ پنجاهه ٻاونجاهه تائين آهن، تنهن هوندي به صنف جو نالو ٽيهه اکري ئي آهي. هن قسم جي شعر ۾ تجنيس حرفي وڌيڪ ڪتب آندل آهي. شعر جي ابتدا ۾ ئي ساڳي اکر/اُچار سان شروع ٿيندڙ لفظ کي اوليت ڏني وئي آهي. جديد شاعريءَ ۾ ٻارڙن لاءِ ڪيل ڪجهه شاعريءَ ۾ الف ب کي بنياد بڻايو ويو آهي. نه ته گهڻي ڀاڱي سُگهڙ ان صنف کي زنده رکيو پيا اچن. ٽيهه اکريءَ ۾ موضوع جو ڪو قيد ناهي. (مثال لاءِ ڪتاب مان شعر ڏسو.)
    لوڪ گيت، ڳيچ، سهرا، لاڏا ۽ انهن جا مختلف قسم جهڙوڪ: مورو، ڇلڙو هو جمالو، ٻيلڻ همر چو وغيره لوڪ ادب ۾ شامل آهن، جن جي وصف، تاريخي پسمنظر ۽ موضوع هڪٻئي کان ٿورو مختلف آهي. انهن صنفن جي تفصيل لاءِ منهنجو ڪتاب”سنڌوءَ جا گيت“ پڙهو.
    هتي ڪوشش ڪري لوڪ ادب جون اٽڪل سڀ مُک صنفون (نظمي) ڏنيون ويون آهن، تنهن هوندي به ٿي سگهي ٿو ته ڪا صنف رهجي وئي هُجي يا ڪنهن سبب ڪري رهائي وئي هُجي، انهن سمورين جي مطالعي مان اهو پتو پئي ٿو ته سنڌي لوڪ ادب جون اٽڪل سڀئي صنفون (سواءِ لوڪ ڪهاڻي وغيره جي) ذهني ڪسوٽيءَ، پرک، چٽا ڀيٽيءَ ۽ هدايت تي ٻڌل آهن. انهن ۾ ڪا نه ڪا لڪ رکيل آهي، جنهن جي کولڻ لاءِ ڪچهريءَ جا ڪوڏيا تمام گهڻو ووڙن ٿا. ٻهراڙين ۾ موجود هن علم جا شوقين رڳو لوڪ ادب جي مختلف صنفن کي تخليق ڪرڻ وارا ئي ناهن پر انهن کي باقاعدي سمجهڻ ۽ ڀڃڻ وارا ماهر به آهن. سڄيءَ ڪچهريءَ جا مور ان جو چَس وٺن ٿا ۽ هو پنهنجيءَ ٻوليءَ جو ذخيرو وڌائن ٿا. کين جس هُجي. اها به خبر پئي ٿي ته اسان جون تقريبن سڀ صنفون شعر يا موسيقيءَ (ردم) تي ٻڌل آهن. جنهن ڪري انهن جو ميٺاج، ٻوليءَ کي ئي مٺو ڪري ڇڏي ٿو.
    آخر ۾ انهن مهربانن جا ٿورا، جن جي مدد سان هيءُ ڪتاب تيار ٿي سگهيو. ثقافت کاتي جي سيڪريٽري محترم سعيد احمد اعواڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل محترم منظور احمد قناصري جو ٿورائتو آهيان، جن مون کان هيءَ خدمت ڪرائي.
    مواد جي سلسلي ۾ مختلف سگهڙن مون سان ڀالا ڀلايا، جن جا به قرب، انهن ۾ هيٺيان دوست شامل آهن:
    محترم حاجي علي نواز وڳڻ
    محترم ممتاز علي عباسي
    محترم عاجز رحمت الله لاشاري
    محترم حسين بخش رڏ
    محترم جان محمد جاني بروهي
    محترم خليل الرحمٰن مهيسر
    محترم محمد لقمان کوکر
    مان سڀني دوستن جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن مواد هٿ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    چيئرمين
    سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي
    ڪراچي، سنڌ


    سنڌي لوڪ ادب سيمينار ۽ سگهڙن جي ڪچهري

    سنڌ جي ثقافت کاتي پاران 17 هين مئي 2013ع تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ سنڌي لوڪ ادب سيمينار ۽ سگهڙن جي ڪچهري ٿي. سيمينار جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان سنڌ جي ثقافت کاتي جو سيڪريٽري سعيد احمد اعواڻ هو. سيمينار جي ڪمپيئرنگ نصير مرزا ڪئي، جڏهن ته ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منظور احمد قناصري آجياڻو ڏنو. ان موقعي تي سنڌ جي ثقافت کاتي پاران استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي ڪتاب ”موتي مور ملوڪ جا“ ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ڪتاب ”سنڌي لوڪ ادب، مضمون ۽ مقالا“ جي مهورت ڪئي وئي.
    سيمينار ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، عاجز رحمت الله لاشاريءَ، جنت جروار، محمد ياسين مانڊڻ ۽ هيمون ڪالاڻيءَ مختلف موضوعن تي مقالا پڙهيا.
    سنڌ جي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري سعيد احمد اعواڻ سگهڙن جي ڪچهريءَ ۾ پڙهيل ڪلام کي ڇپرائڻ جو به اعلان ڪيو.
    سيمينار کان پوءِ سگهڙن جي ڪچهري شروع ٿي، جنهن جو خاص مهمان ڊي جي ڪلچر منظور احمد قناصرو هو. جڏهن ته ميزبان ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو هو. ڪچهريءَ ۾ نالي واري ڳائڻي مظهر حسين شاهه جو ڪلام ڳائي داد حاصل ڪيو. ان ڪچهريءَ ۾ سڄيءَ سنڌ جا سگهڙ شريڪ ٿيا، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

    مقالا پڙهندڙ
    محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا
    محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق
    محترم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    محترمه جنت جروار
    محترم محمد ياسين مانڊڻ
    محترم عاجز رحمت الله لاشاري
    محترم هيمون ڪالاڻي

    سگهڙ
    محترم ممتاز عباسي لاڙڪاڻو
    محترم ڏاڏو ڏتل ابڙو لاڙڪاڻو
    محترم روشن علي ڪوري لاڙڪاڻو
    محترم گُل محمد غازي بُليدي ڪراچي
    محترم قاضي بدر الدين لاڙڪاڻو
    محترم رحمت الله عباسي نوشهروفيروز
    محترم محمد سومر سومرو شڪارپور
    محترم غلام شبير عباسي لاڙڪاڻو
    محترم صابر حسين عباسي لاڙڪاڻو
    محترم محمد ايوب جوڻيجو ڄامشورو
    محترم محمد صالح عباسي لاڙڪاڻو
    محترم محمد لقمان کوکر نصير آباد
    محترم غلام اصغر لاکو قاضي احمد
    محترم غلام اڪبر گاڏهي باڊهه
    محترم علي گل گاڏهي شهداد ڪوٽ
    محترم گل محمد چنجڻي نصير آباد
    محترم عبداللطيف کوکر نصير آباد
    محترم جعفر لاکو قاضي احمد
    محترم عاجز رحمت الله لاشاري ڄامشورو
    محترم محمد جمن ڀٽي ڄامشورو
    محترم غلام قنبر عرف ڪبير لولائي ڄامشورو
    محترم ممتاز امين سنياسي مٽياري
    محترم امداد علي ٻٻر دادو
    محترم عبدالستار مير بحر شڪارپور
    محترم الهه بخش سامت جيڪب آباد
    محترم عبدالقادر اوڳاهي ڪشمور
    محترم مختيار علي شاهه قمبر شهداد ڪوٽ
    محترم شاهنواز چنو رتو ديرو
    محترم الهڏنو لانڊر سانگهڙ
    محترم خليل الرحمان مهيسر خيرپور
    محترم حسين بخش رڏ نارو
    محترم گدا حسين سهتو راڻيپور
    محترم حافظ غلام شبير وسطڙو پير جو ڳوٺ
    محترم امام ڏنو مهراڻي ڪوٽڏيجي
    محترم دُلو فقير ڀٽي گمبٽ
    محترم حاڪم علي ڪوري شڪارپور
    محترم محمدعرس بليدي قمبر شهداد ڪوٽ
    محترم حاجي علي نواز وڳڻ ڪراچي
    محترم جان محمد بروهي ڪراچي
    محترم محمد اسماعيل پهوڙ ڪراچي
    محترم منٺار عمراڻي
    محترم احمد علي چانڊيو ڪراچي
    محترم قاضي راهمون مٺي
    محترم طالب ڀنڀرو شڪارپور


    سگهڙن جا ڪتاب (تعارف ۽ تبصرو)

    سنڌ جي سُگهڙن صدين کان پئي واهڙ وهايا آهن. سندن ڏات سيني بسيني سفر ڪندي آئي آهي. ان سفر ۾ سندن ڪيتريون ئي تخليقون مري به ويون. جيڪي جيئريون رهيون ته انهن جي ڪيترن تخليقارن جا نالا گم ٿي ويا، يا وري انهن مالڪيءَ جي دعوا کي ايتري اهميت نه ڏني جو اڄ لوڪ ادب جو گهڻو ذخيرو ڪنهن هڪ شاعر/سُگهڙ جي نه پر سڄي سنڌي عوام جي ملڪيت آهي. جيئن جيئن زمانو ترقي ڪندو ويو ته تخليقڪارن ۾ مالڪيءَ جو احساس وڌندو ويو. ڪچهرين ۾ سگهڙ پنهنجي تخليق سان گڏ پاڻ کان اڳ وارن هڪ جيڏن ۽ پنهنجن استادن جا شعر، ڳجهارتون ۽ ڏٺون نالي سان وڏي واڪي پيش ڪندا رهيا. ڪيترن سڄاڻن انهن کي قلمي صورت به ڏني.
    سنڌي لوڪ ادب کي ڪتابي صورت ڏيڻ جو سلسلو انگريزن جي زماني کان شروع ٿيو. مختلف سڄاڻن ان سلسلي ۾ وِک وڌائي. ان سلسلي ۾ تفصيل هيٺ ڏجي ٿو؛
    مولود شريف مذهبي صنف هجڻ سان گڏ لوڪ ادب ۾ به شامل ڪيو وڃي ٿو. مُقيم جو ”مجموعه مولود“، جنهن جو ٽيون ڇاپو بمبئيءَ مان 1882ع ۾ ڇپيو. اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي حمزه علي ابڙي جو 1886ع ۾ لکيل هڪ قلمي نسخو، سيد علي حيدر شاهه ويٺل رشيد وڳڻ، لاڙڪاڻي معرفت مليو. ان نسخي بابت سنديلو صاحب لکي ٿو ته ”ان نسخي ۾ تر جي شاعرن ۽ سگهڙن جي ڪلام سان گڏ سنڌ جي ٻين مشهور شاعرن ۽ سگهڙن جو ڪلام لوڪ ادب جي هر صنف تي مواد شامل آهي. نسخو 1886ع ۾ لکيو ويو. (لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو ص: 310)
    ان کان پوءِ ڇپجندڙ ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا؛
    1. سنڌي پهاڪا، ڪوڙو مل چندن مل کلڻاڻي، 1889ع
    2. ڏهه سُرو، نور محمد، منشي پوڪرداس شڪارپور، 1892ع
    3. نَوَ سُرو، امام بخش، پوڪرداس، شڪارپور ، 1892ع
    4. ڏهه قصا، محمد، ڇاپيندڙ، منشي پوڪرداس شڪارپور، 1892ع
    5. پنج معجزه گڏ، ڇپائيندڙ، شولداس ٿانور داس تاجرڪتب، شڪاپور (سنڌ) 1892ع
    6. ست سُرو، غلام نبي، ڇپائيندڙ محمد يوسف ميمڻ تاجر ڪتب ڪراچي، 1894ع
    7. دل جي وندر،مختلف سگهڙ، هريسنگ سکر، 1900ع.
    8. سنڌي ڳجهارتون، ڪوڙومل چندن مل، قيصريه پريس حيدرآباد، 1901ع
    9. لولي نامه، رمضان واڍو، هريسنگ ڪتب فروش سکر، ٻيو ڇاچو، 1910ع
    10. مداحون ٻه گڏ، ميان سرفراز ۽ جمن چارڻ، هريسنگ تاجر ڪتب سکر، ٽيون ڇاپو، 1911ع
    11. ٽوپي ۽ پڳ، خير شاهه، پوڪرداس شڪارپور، ٻيو ڇاپو، 1912ع
    12. عجائب ڳجهارتون (II-I)الهڏنو، شولداس پوڪرداس، شڪارپور، 1914ع
    13. سُڳنڌ، عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي، ڇپائيندڙ، شفقت حسين شاهه موسوي، 1950ع
    14. ٻيلاين جا ٻول، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، زيب ادبي مرڪز، 1951ع
    15. وينجهار، عبدالڪريم سنديلو، ڇپائيندڙ: عبدالڪريم سنديلو لاڙڪاڻو ، 1951ع
    16. سنڌ جو سينگار، عبدالڪريم سنديلو، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1956ع
    17. سرهاڻ، عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي، ڇپائيندڙ، شفقت حسين شاهه موسوي، 1958ع
    18. ڏهس نامون، عبدالڪريم سنديلو، اسلم منزل لاڙڪاڻو، 1969ع
    19. لاڙين جون لاتيون، عنايت الله زنگيجو، 1970ع
    20. ڪُليات حسين ديدڙ، عبدالڪريم سنديلو، سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع
    21. بهترين ڳجهارتون، اي ايم بزمي، آر ايڇ احمد برادرس حيدرآباد، 1969ع
    22. ڪليات شاهه محمد ديدڙ، عبدالڪريم سنديلو، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع

    انهن ڪتابن کان سواءِ به ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب هوندا. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“، الهه بخش نظاماڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جا ڪتاب ”سنڌوءَ جا گيت“ ۽ ”سنڌي لوڪ ادب: مضمون ۽ مقالا“، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا لوڪ ادب رٿا وارا تحقيقي ڪتاب آهن، جن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سوين سگهڙن جون تخليقون ڏنيون ويون آهن. الهبچائي يار محمد سمين جي ڪتابن I- سير ڪوهستان، II- لاڙ جو سير، ۾ به لوڪ ادب سمايل آهي. هتي اسان انهن ڪتابن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي، جيڪي خالص هڪ يا ٻن چئن سگهڙن جي تخليق تي ٻڌل آهن.
    جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ لوڪ ادب جي ذخيري کي گڏ ڪري ڇاپڻ جي رٿا جوڙي ته وينجهارن ۽ سگهڙن جي سينن کان سواءِ کيس قلمي صورت ۾ به مواد مليو. اهو سمورو مواد اڳتي هلي ڪيترن ئي ڪتابن جي صورت ۾ نه رڳو سامهون آيو پر صدين تائين سانڍجي به ويو.
    ان جاڳرتا کان پوءِ سگهڙن جي مان مرتبي ۾ واڌاري سان گڏ چاهه به وڌيو، ريڊيي پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن ۽ هاڻي مختلف ريڊيي، ٽي وي چينلن، اخبارن، رسالن، سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ٻين ادارن لوڪ ادب ۽ سگهڙن کي مڃتا ڏني آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سگهڙن پنهنجيءَ ڏات کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو سلسلو تيز ڪيو. گهڻي ڀاڱي سندن ڪتاب پنهنجيءَ مدد پاڻ هيٺ شايع ٿيا آهن، هن وقت تائين سگهڙن جا نجا سئو کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.
    سگهڙن جا شايع ڪرايل سمورا ڪتاب ته هٿ نه اچي سگهيا آهن پر جيڪي ڪتاب مليا آهن، انهن جو مختصر تعارف ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيئن انهن تي وڌيڪ ڪم ڪندڙن يا پرستارن کي ڄاڻ سان گڏ ڳولهڻ ۾ سولائي ٿئي. ڪتابن جي ترتيب شاعر ن سگهڙن جي سينيارٽيءَ کي سامهون رکي ڏني وئي آهي، جيڪڏهن ڪنهن سگهڙ جا هڪ کان وڌيڪ ڪتاب آهن ته اهي لاڳيتو يعني هڪٻئي پٺيان رکيا ويا آهن. ڪتاب مان چونڊ شعر پڻ ڏنا ويا آهن.

    مددي ڪتاب
    لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو.
    سنڌي پهاڪا ۽ محاورا هڪ اڀياس، مرليڌر جيٽلي، روشني پبليڪيشن 2004ع


    1. موتي مور ملوڪ جا (استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو ڪتاب)

    ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌ جي ثقافت کاتي مئي 2013ع ۾ ڇپرايو، جنهن جو مرتب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو آهي. هن دور جي سُگهڙن جي سردار اُستاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو جولاءِ 1981ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”موتي مور ملوڪ جا“ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل محترم منظور احمد قناصري مون کي هڪ نظر ڏسڻ لاءِ ڏنو، جنهن مان ڪيترائي موتي پسڻ جو موقعو مليو. ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌ سگهڙ سنگت باڊهه، شڪارپور ماڊرن پرنٽنگ پريس مان ڇپرايو.
    محمد ملوڪ عباسي ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ٻئي لوڪ ادب جا وڏا نالا آهن. ٻنهي لوڪ ادب کي نه رڳو سهيڙڻ، تخليق ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پر سگهڙن کي منظم ڪرڻ لاءِ به جاکوڙيو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي الله سائين حياتي ڏئي، پنهنجي جاکوڙ جاري رکيون پيو اچي.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، شيخ محمد اسماعيل، محمد ملوڪ عباسيءَ ۽ ٻين لوڪ ادب لاءِ مثالي ڪم ڪيو آهي.
    سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي ڪلام جو وڏو ذخيرو آهي. سندس پنج ڪتاب شايع ٿيل آهن.
    (1)موتي مور ملوڪ جا، (2) موتين مُٺ ملوڪ جي، (3) ماڻڪ موتي ملوڪ جا، (4) مُنهن مٿانهان جن جا، (5) گلشن ڏور.
    انهن ڪتابن جي ڇپائيءَ ۾ حاجي منور علي عباسيءَ سندس سهائتا ڪئي.
    انهن ڪتابن کانسواءِ سندس هڪ ڪتاب ”موتين مالها ملوڪ جي“ ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهي. تنهن کان سواءِ سندس ٽڙيل پکڙيل ڪلام به ٻن ٽن ڪتابن جيترو ٿيندو.
    هُن سگهڙائپ کي باقاعدي تحريڪ جي صورت ۾ رائج ڪيو. سگهڙن کي گڏ ڪيائين، کين تربيت ڏنائين. هُن پنهنجن ٽنهي پٽن فقير ممتاز علي، شبير ۽ محمد علي عباسيءَ کي به هن ميدان ۾ لاٿو، سندس پوٽا به سُگهڙائپ جي فن ۾ پاڻ مڃائن پيا، جن ۾ احمد علي ولد ممتاز علي ۽ صابر حسين ولد ممتاز علي نرالا آهن.
    انهن جي ڪلام کي به شايع ڪرائڻ جي ضرورت آهي. محمد ملوڪ عباسيءَ جا پونير سندس ڇڏيل ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
    استاد جي هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ محمد ملوڪ عباسيءَ جي زندگيءَ جو احوال، ڪلام جون خوبيون وغيره تفصيل سان بيان ڪيون آهن. ڪتاب جي پهرئين ڇاپي جي پوئين ٽائيٽل تي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو تعارف ڏنو ويو هو، جيڪو محترم نقش ناياب منگيءَ جو لکيل هو. اهو تعارف ٻٽيهه سال پراڻو هو، تنهن ڪر ي ڊاڪٽر صاحب جو تازو تعارف ”نئين ڇاپي بابت ٻه اکر“ ۾ ڏنو ويو آهي.
    سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ پنهنجي هن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي جن صنفن/ موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، تن ۾ مذهبي ڪلام، ناصحاڻو ڪلام، طنز ۽ مزاح، عشقيه ڪلام، ڪانگل جا بيت، ست سريون، گوريءَ جو سينگار، سنڌ سگهڙ جي منظوم تاريخ ۽ گڏيل بيت شامل آهن.
    سنڌ سگهڙ تاريخ ۾ سنڌ جي مختلف سگهڙن جا نالا، سگهڙن کي همٿائيندڙن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وغيره، ريڊيي ٽي ويءَ جي پروڊيوسرن جا رويا نالن سميت شامل ڪيا ويا آهن.
    ڪتاب جي ٽائيٽل تي محمد ملوڪ عباسيءَ جي رنگين تصوير ۽ اندر عباسي صاحب جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سان نڪتل يادگار تصوير به ڏني وئي آهي. ڪتاب ۾ ڇپائيندڙ محترم سعيد احمد اعواڻ، سيڪريٽري ثقافت، سنڌ حڪومت جا ويچار به شامل آهن، جن ۾ هُن لوڪ ادب جي اهميت، ثقافت کاتي جي لوڪ ادب رٿا ۽ ڪتاب جي نئين ڇاپي جو تعارف ڏنو آهي. هُن ڪتاب جي مرتب ۽ ايڊيٽر جا ٿورا مڃيندي ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منظور قناصري کي شاباس پڻ ڏني آهي. ڪتاب جي پهرئين ايڊيشن جي مهورت بابت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته:
    ”هن ڪتاب جو مهورت مون 1981ع ۾ شڪارپور ۾ ڪرايو. شڪارپور جي دوستن جهڙوڪ: ڊاڪٽر بدر الدين اڄڻ، غلام رسول ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ ۽ خليل مورياڻيءَ جي تعاون سان انهيءَ موقعي تي اتر سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو وڏي پئماني واري ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ به سڏايم، جيڪا جُماڻي هال ۾ ٿي هئي. هن ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، اتر سنڌ جا ناميارا قلم ڌڻي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سُگهڙ شامل ٿيا هئا. مون انهيءَ ڪانفرنس جي صدارت به ڪئي ۽ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض به انجام ڏنا“.
    ٻئي ڇاپي جي مهورت 17- مئي 2013ع سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي پاران سڏايل لوڪ ادب سيمينار جي موقعي تي ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جو سيڪريٽري سعيد احمد اعواڻ هو، ٻين مهمانن ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ ٻيا شامل هئا.
    ڪتاب مان نموني طور ثنا جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا:
    مالڪ مختيار، قرب ڪلتار، ڪيو ستار، جلد جبار،
    مڪو منٺار سبحان الله
    راضي رهبر، ٿيو پرور، خوشيون گهر گهر، جشن جهنگ جهر،
    گل و گلزار سبحان الله.
    ٻُڌو حضرات ٻارهين جي رات، سومر پرڀات، پکن ڪئي لات،
    پهتو پڳدار سبحان الله.
    ڀلي ڪيو ڀال، سهڻو ٿيو سال، آيو لڄ پال، امڙ جو لعل،
    سچو سردار سبحان الله.
    وڏو ول ول، ربيع الاول، پرندا پل پل، چون هل هل،
    ٿيو هٻڪار سبحان الله.
    ملڪ مستان ، ٿيا حيران، حوران غلمان، چوان ڇا شان،
    ٿيو سنسار سبحان الله.
    نبيءَ جي ذات، وڏي درجات، حورن وائي وات، سڀئي صلوات،
    پڙهن صد بار سبحان الله.
    هيڻن همراهه، مڪائين ماهه، محمد شاهه، ڏيهن پئي ڏاهه،
    ته عرب ۾ ٻارَ سبحان الله.
    الاهي شان، امڙ جو مان، کنيو جنهن خان، سڀن سلطان،
    دائيءَ دلدار سبحان الله.
    تکيرو تاب، مک مهتاب، لب گلاب، ڏسي جناب،
    ترت ٿي تيار سبحان الله.


    2. موتين مُٺ ملوڪ جي (استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو ڪتاب)

    استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو هيءُ ڪتاب عباسي ڪلهوڙا تنظيم لاڙڪاڻي پاران 1991ع ۾ ڇپرايو ويو، جيڪو ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي ڇپائيءَ جو گهڻو خرچ سنڌ عباسي ڪلهوڙا تنظيم جي سرواڻ، نالي واري سياستدان ۽ چونڊيل نمائندي سردار حاجي منور علي عباسيءَ ڀريو. 400 کان وڌيڪ صفحن تي پکڙيل هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. هو لکي ٿو ته؛ ” فقير محمد ملوڪ نه فقط سڄاڻ سگهڙ آهي پر وڏو سگهڙ شاعر به آهي. شاعرانه شعور سان گڏ وٽس لفطن جي کاڻ ۽ زوردار بيان آهي؛ سندس ٻولي پياري ۽ ٻول پڪا آهن.سندس گفتا گُن وارا ۽ قول سچا آهن.“
    بلوچ صاحب جو استاد محمد ملوڪ ڏانهن لکيل هڪ خط اسڪين ڪري ڏنو ويو آهي. ڪتاب ۾ لوڪ شاعريءَ جا تقريبن سڀئي رنگ شامل آهن. حمد ۽ ثنا سان شروعات ڪئي وئي آهي. ڪتاب ۾ ڏهه باب ڏنل آهن. خاص ڪري ڏهون باب وڌيڪ توجهه طلب آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ، نالا ۽ وکر موتين وانگر جڙي سانڍيا ويا آهن. مثال ذات نامي ۾ سموريون ذاتيون، ماڳ نامي ۾ ڪيترائي ماڳ، پکي نامي ۾ پکي، جانور نامي ۾ جانور، ڪاٺ نامي ۾ ڪاٺ ۽ ان مان ٺهندڙ شيون- ملهه نامي ۾ ناميارا ملهه ۽ سندن انگ بيان ڪيا ويا آهن.
    استاد محمد ملوڪ جو هيءُ ڪتاب، سندس پهرئين ڪتاب کان وڌيڪ شعور ۽ پختگيءَ وارو آهي، فن توڙي ٻوليءَ ۽ جاڳرتا جي لحاظ کان هيءُ ڪتاب وڌيڪ لاڀائتو آهي، ڪتاب ۾ مختلف شخصيتن، سگهڙن ۽ سگهڙائپ جي فن کي هٿي وٺرائيندڙن جون تصويرون به ڏنيون ويون آهن، ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ ڪتاب جي سهيڙيندڙ جي حيثيت ۾ استاد محمد ملوڪ جي فن، شخصيت ۽ شاعريءَ تي تفصيلي روشني وڌي آهي.
    هتي ڪتاب مان ذات نامو پيش ڪجي ٿو:
    ساراهه سونهن سائين جي جنهن ڏيهه جوڙيا ڏاتر،
    احمد محمد مدني مرسل ٿيو اسان اڙين جي آڌر،
    آدم جي اولاد جا ٻڌو ذاتين جا ته ذڪر.
    اوٺا، انڙ، اڄڻ، ابڙا، انصاري، ابڻ، پنهور،
    اباچي، اتيرا، اڳڙا، اعواڻ، ايراني، الکاڻي، اجگر،
    اُڍا، ايري، اڱڻ، اگهم، اوٺوال، اسلامي ، ايسر،
    اوڏ، اهير، انوس، اوٺار، انڊڙ، اوڳا ۽ احمر.

    بڙدي، بروهي، برهمڻ، بوجا، بيراڳي، بوزدر،
    ڀٽ، بکياري، بهليم، بدوي، بلادي، بونگر،
    باريچا،بلوچا، بگٽي، بابر، بجا، بازيگر،
    برڙا، بالاڻي، بُلا، ڀنگر، بڪيجا، ڏر،
    بڪڪ، بنگوار، بارٿي، بوبڪ، بارجاڻي، بالر،
    تاتاري، تنيا، تماچي، تيوڻا، توڏاڻي، طاهر،
    توت، تجلا، ترڪ، توچڙ، طالباڻي، تڳر.

    ٻانڀڻ، ٻاوا، ٻگهيا، ٻالا، ٻيلائي، ٻٽ ٻگهر،
    ٻٽڙا، ٻوڪ، ٻليجائي، ٻٽا، ٻروچ، ٻپڙ ۽ ٻاٻر،
    ٻُڌ، ٻل، ٻاورچا، ٻانهاڻي، ٻاجهارا، ٻٻر،
    ٻرڙا، ٻاڪر ٻيرڙا ٻانها، ٻوليون ڪن، ٻيلر،
    ٻاليشاهي، ٻگهڙا، ٻپرلا، ٻاپڙا، ٻداني، ٻوٻر.

    ٿلها، ٿهيم، ٿڌا، ٿوڏا، ٿونڀائي، ٿوهر،
    ٿيٻا، ٿورا ٿڪيا ٿريچا، ٿنڀاڻي، ٿاهر،
    ڀٽا، ڀيڄا، ڀاڳيا، ڀيلار، ڀر ڳڙي، ڀيلر،
    ڀوا، ڀرٽ، ڀنگي، ڀيل، ڀٽ، ڀيلائي، ڀونر،
    ڀولائي، ڀان ڀرٽيا ، ڀولا ڀوڪاڻي، ڀالر،
    ڀهما، ڀٽي، ڀاڳت، ڀاڻوجا، ڀابر ڀلا ٿي ڀوڏر.

    ٽڙي، ٽڳا، ٽڳڙ، ٽانوري، ٽالپور،
    ٽلڻ، ٽنڊا، ٽاٽيا، ٽوڙ، ٽوٽاڻي، ٽاٽر،
    ٽانور، ٽل،ٽنگيا، ٽولائي، ٽولاڻي، ٽنگر.
    سک، سينڊل، سپريا، سيال، سمالاڻي، سولجر،
    سيد، سما، سوهو، سخيراڻي، سومرا، سونڊر،
    ساماڻا، سونارا، سچارا، سٿلريا، سنجوڳي، سنڊر،
    سيار، سيڙا، سوريا،سينا، سرڪي، سرور،
    ساقي، سانڍاڻا، ساڪڙائي، ساڳي، ۽ ساڳر،
    ساريا،سانگهرو، سامٽيا، سهاڳ، سر گاڻي ، سوڊر ،
    سيرا، سکياڻي، سالاڻي، سوريا، سنجراڻي، ساڪر
    سهتا، سُرهيا، سرتاڻي، سانگي، سوناڻي، صابر،
    سولنگي ، سروري سروهي، سميجا، سيٺر،
    سيهڙ،سانڀل، سلاڻا، سهول، سناڻي سيلر.

    جَت جيها جلباڻي، جڃڙ، جاڳيراڻي، جوهر،
    جوڳي، جوڻيجا، جويا،جوڌا، جنگي، ۽ جيسر،
    جهرڪ، جکراڻي، جمالي، جوکيا، جڳڙ، جو ڳيسر،
    جروار، جنجهڻ، جانوري، جلي، جنداڻي، جابر،
    جوڳ، ججهه،جهلڻ، جتوئي، جاڊڻ،جکرا، جادوگر،
    جنجها، جهتيال، جيسا،جوڻا،جعفراڻي، جهٻر،
    جهانگارا، جماڻي، جسڪاڻي، جکڙ جمارائي جافر،
    هليا، هڪڙا، حاجاڻا، هوٿي، هيسباڻي ، هونگر،
    هوت، هڱورا، حجم، همالي، هولاڻي، هولڊر،
    مرهاءَ، هاليجا، هاليپوٽا، حٻشي ۽ هوبر،
    هيلاني، هل، هليجا، هتار، هاشمي، هلي آيا حر
    ڍوڍا، ڊڳڙبيها، ڊما، ڊانگا، ڍانڍ ڊٻائي، ڊوهر،
    ٺوٺا، ٺوڳي، ٺل، ٺاڪر، ٺٻاٺي، ٺانگر.

    خواجا، خاجا، کنڀ، کاشا، خولي ۽ خاتر،
    خاصخيلي، کوٽا، کاهوڙي، کروس، کيراڻي، خاخر،
    خشڪ، کتري، خرول، خٽڪ، کچي، کنوبر،
    خخول ، کهرا، کرڙا، خريا، کهڙا، خوڙ، خچر.

    کُهاوڙ، کٽي،کٽوريا، کيڻا، کبڙاڻي، کوکر،
    کٽڙيا، خيمٽا، کرل، کهارا، کوسا، کيڏڪر،
    کونڀڙا، خارولي، کٽڙا، کماڻ، ککراڻي، ٻيا کر.

    دايا، ڌاريجا، دوراڻي، ڌوٻي،دل، داٻر،
    دکر، ڌامراهه، ڌاريچا، ڌڄراچ، دلکاڻي، دلبر،
    دائود پوٽا ، دائي داڻا، دودا، ڌاٻچا، دکر،
    ڌوڪي، ڌڪڙ ڌوڙيا، ديدڙ، دمڙي، داس دمر ،
    درازي، داسا، درس، داگوڙا، دلال، ۽ ٻيادر،
    رگها رونجها، رواهي، رهواڙي، راسڪائي، روڳر،
    رياڻ، رند، رباني، راگهٽ، رمڌاڻي رهبر.

    شورا، ڇناڻي، شيرازي، ڇٽا، شاهاڻي، ٻيا شر،
    شاهه، ڇڀ، ڇيڙا، شيدي، شانگاڻي چڇر،
    ڇڄڙا، شنڀاڻي، شابڙاڻي، شريفاڻي، ڇوڇر،
    ششول، ڇورا، شوڏا ، شاشي، ڇٻر ۽ ڇاڇڙ.

    ڏوٻل، ڏوڏر، ڏوپر، ڏکيا،کوڙ، ڏهر،
    ڏيرا، ڏم، ڏاها، ڏنگڙا، ڏوڏاڻي، ڏير،
    ڏاڏي پوٽا، ڏهراج، ڏيٿا، ڏوٿي، ڏهيسر،
    ڏنگراج، ڏنور، ڏيپلا، ڏنگا، ڏيساور،
    ڏاهري،ڏڏ، ڏيها، ڏاوش، ڏاهاڻي، ڏونگر.

    عقيلي، علوي، عباسي، ال آجباڻي، احمر
    اوڳا، آريجا آسياڻي، عرب، عمالي، ادگر،
    اڃان به عارفاڻي ”عباسي“ چوي عمراڻي عامر.

    گنجا گائنچا، کورکا، گيدڙي، گورا ٻيا گوڏر،
    گهلو، گولا، گلڻ،گهانگهرا، غرغاڻي، غابر،
    پالاري، پنجابي، پتوجا، پناهگير، پنهور،
    پاتڻي، پلال، پڳڙ، پهوڙ، پتافي، پالر

    نائچ، نارا،نون، نٿا، ناڙيوال، نڌر،
    ناريجا، ننگراج، نائي، نوڊا، ننگراڻي، ناهر،
    نوناري، ننگ،نودارا، نول، نوهاڻي، ننگر،
    نانگا، نظاماڻي، نصوري، نند،نلکوٽي، نر،
    نوح، ناسي، نامي،ناکوٽا، نطمي، نانگر.

    واڍا، ورک ، ويراڳي، ويڪل، واهوچا، وينجهر،
    وڌا، وهريا، ونک، واڻيا، واپاري، ويسر،
    وڪا، وڳڻ، وسايا، وسطڙا، ونگياٻيا ونڊير،
    واگها، ونگا، ولائتي، وڏا، وڪيل ڪن پيا واهر.
    اراقي، آرائين، آهيڙي، آهڙا، آريٺا، عيسر،
    آڳڙا، آبڙا، آمرا، آهيٿي، آگاڻي، آڏر،
    آسر، آڊر، آڌوتي، آچراڻي آکر ريسر،
    لولا، لورا، لولائي، لنگها، لنگواڻي، لوڊر،
    لالا، لڪياري، لورلائي، لوڊا، لنجواڻي، لهر،
    لانگهه لليا، لاکير، لاڙڪ، لڌاڻي، لوهر،
    لول، لڪّ، لاسي، لنگڙا، لاکيا ۽ للر،
    لوڙائي، لڪٽيا، لاٻاڻا ، لولجا ۽ لهر،
    زرداري، زنگي، زنوار، ذرا، زير کاڻي، زرگر،
    زگري، زهري، زنگيچا، زکير، ظاهر.

    راما، رونجها راهوجا رانجهاڻي،
    راجپوت، روڏا، راجها، راضا، رٿڀڙ، روندر
    رڏ، روها، رڪ، راڌڻ، رئيساڻي، ريڍر
    راٺوڙ، رنگ، رحماني ، رانگڙ، راز ڪاڻي، روڏر،

    مغل، مغيري، ميڙا، منگلا، مهاڻا، مونگر،
    مينگهواڙ، موچي، مارا، ملان، مماڻي، مهر،
    مڱڻا، ميراثي، مول، ماڇي،ميراڻي مير بحر،
    مري، مڱڻيجا، موريا مکڻ، مولائي، مهاجر،
    منڌرا، ملڪ، متارا، منگهڻ، مارفاڻي، مسافر،
    مرنگهه، مهتم، مهي، مڪول، ماڪا، ماهي، ٻيا مامر،
    مڳي، مڱڻ، مسڻ، ماڱڙا، مهتاڻي، ميهر،
    مرهٽا مهتا ميمڻ ملاح ملگاڻي موندر،
    منامجا، مرک ”ملوڪ“ چئي ٻيا مر کاڻي مهر،
    مانجهر، مينگل، محمد حسني، متو، مرکنڊ مزاور،
    منگي، ميڻا، مدواڻي، مارون، موساڻي، ميلر،
    مشتاق، منگتا، مجيداڻا، ماباري، مڪراڻي، مندر،

    گوپانگ، گاڏهي، گهوچائي، گورڇاڻي، گُهر،
    گهبرا، گودوا، گوگلا، غوسائي، گبر،
    گهوٽيا، گهمڻ، گاروڙي، گڊا، گرماڻي ۽ گر ،
    گگ، گهٽا، گٺيا، گوري، گروڙي، گوندر.

    ڦل، ڦرڙا، ڦهيم، ڦٽلاڻي، فيروزا، ڦوڳ، ڦڏر،
    ڦل پوٽا، فاروقي، ڦيريدار، ڦلڪارا، ڦوڏر،

    ڪلهوڙا، ڪانڌڙا، ڪارڙا، ڪل ڪرٽيا، ڪياگر،
    ڪولاچي، قاضي، ڪهيري، ڪتريا، ڪرساڻي، ڪيهر،
    قريشي، ڪونگا، ڪاسائي، ڪلوئي، قمبراڻي، ڪسر،
    ڪليري، ڪاٺاڙي، ڪڪ، ڪلواڙي، ڪوڏا، ڪاريگر،
    ڪاتيار ، ڪليار، ڪلو، ڪوڏراڻي، ڪونباڻي، ڪيڏر،
    ڪاڏي، ڪوري، ڪاڪي پوٽا، ٻيا ڪورڪاڻي، ڪيمياگر،
    ڪولي، ڪاراڻي، ڪلوٽيا، ڪيريا، ڪونريجا، ڪٽبر،
    ڪالا، قادري، قاسماڻي، قاسمي، ڪنڀر،
    قوش، ڪڇي، ڪٽا، ڪيچي، ڪلوڙ ڪاٺيارا ڪيهر،
    ڪانگڙي، ڪپري، ڪونڊري، ڪرٽيا ٻيا ڪوهر،

    پليجا، پيچو ها، پٺاڻ، پاهي،پڻپار، پلر،
    پل، پڳيا، پگهريا، پلي، پلئي پوٽا،پر،
    پاتليا، پليا، پٽيل پهار پٽ، پالوٽي پوپر،
    پرڀيا، پسيا، پاٽولي، پانڌي ٻيا پڌر.

    ڳل، ڳهيو، ڳولهيا، سي ڳاهيچا، ڳڙير،
    ڳچل، ڳپل، ڳورڙا ۽ ڳودا، ڳم، ڳنور،
    ڳاها، ڳڻ، ڳورا، ڳهلا، ڳنواس،ڳاهيجا، ڳڻڀر،

    چانڊيا، چن، چنڊول، چنا، چاڪراڻي، چاڪر ،
    چچڙ، چڀڙ ، چوهڙ، چاچڙ، چولاڻي،چاڪر،
    چڪ، چانڊڪا، چاڪي، چڃڙ، چانڊاڻي، چولر،
    چاها، چچا، چهڙا، چتروال، چنجڻي، کوڙ چندر،
    چلڻ، چارڻ، چنگ، چاچول، چانگاڻي، چوڌر،
    چاڪراڻي، چهواڻ، چورنگ، چيها، چڃاڻي، چتر.

    ڄام، ڄامڙا، ڄيٽا، ڄاموٽ، ڄاڃياڻي، ڄونر،
    ڄاڃي، ڄاڄوها، ڄم، ڄڪا، ڄينخيا يار، ڄنگهر،

    ڊومڪي، ڍيڍ، ڊڍڙا، ڍنڍر، ڊوبناڻي ڊانگر،
    ڊوڪا، ڊولا، ڊوسا، ڊوها، ڊينباڻي ڊانهر.


    3. مهيسر جي مام (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)

    سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر به هن دؤر جي سڄاڻ ۽ سرواڻ سگهڙن مان هڪ هو. هُن ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين سگهڙن سان گڏجي هِن فن جي وڏي خدمت ڪئي. سندس ڪلام ۽ سهيڙ تي ٻڌل مختلف ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن جو تعارف هن ڪتاب ۾ شامل آهي. مهيسر صاحب جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن جو نالو ”مهيسر جي مام“ رکيو اٿائين. هن ڪتاب ۾ سندس زندگيءَ جو احوال ۽ ابتدائي ڪلام ڏنو ويو آهي. 215 صفحن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب حفيظ برادرز ڳوٺ رفيق مهيسر ضلعي خيرپور ميرس پاران ظفر چشتي، ڪرم پبليڪيشن سرور مارڪيٽ اردو بازار لاهور وارن 1997ع ۾ ڇا پيو ويو. هن ڪتاب ۾ سندس 1965ع کان 1995ع وارن ٽيهن سالن جو چونڊ مواد شامل آهي.
    ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. بلوچ صاحب لکي ٿو ته؛ ” هر سگهڙ جي ڪلام ۾ ڪانه ڪا خوبي آهي پر ٻوليءَ ۽ بيان جي سُهڻائي، جنهن سان ڪلام شاعريءَ واريءَ منزل تي پهچي ٿو، سا سگهڙ عبدالرحمن مهيسر جي ڪلام ۾ آهي.“
    بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو ته؛
    ”مهيسر جي مام سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر جي شاعريءَ ۽ سگهڙ پائيءَ جو هڪ مثالي مجموعو آهي، جنهن کي ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته سنڌ جي سگهڙ پائيءَ جو معيار نهايت ئي بلند ٿيو آهي.“
    ڪو وقت هوجو ڳوٺن ۾ ماڻهو ”ڏورن ڳجهارتن وارا“ يا ”بيتائي“ سڏبا هئا پر ”سگهڙن“ جي نالي مشهور نه ٿيا هئا. ميلن جي موقعي تي پَٽ تي پوتيون وڇائي ڏورن، ڳجهارتن يا نڙن بيتن جون رهاڻيون ڪندا هئا پر ڪنهن سهڻيءَ سٽاءَ واريءَ ”سگهڙن جي ڪچهري“ جو اڃا نالو ئي ڪونه هو. جيئن ته راقم سنڌي لوڪ ادب سهيڙڻ جي ذميداري قبول ڪئي هئي، انهيءَ ڪري ضروري سمجهيو ويو ته اهي سگهڙ جن سنڌي لوڪ ادب جو ذخيرو پنهنجن سينن ۾ سانڍيو آهي تن سان نه رڳو ملجي پر انهن جو مانُ شانُ وڌائجي ۽ پڙهيلن جي دنيا ۾ انهن جو مُنهن مٿانهون ڪجي. 1955ع کان وٺي انهيءَ مقصد خاطر سڄيءَ سنڌ ۾سُگهڙن کي ڳولي ڏسڻ ۽ باقاعدگيءَ سان ”سگهڙن جون ڪچهريون“ قائم ڪرڻ منهنجو هڪ محبوب مشغلو بڻجي ويو.“ (ص:07)
    ڪتاب جو مقدمو امان الله مهيسر لکيو آهي، جنهن ۾ هن عبدالرحمٰن جي زندگيءَ جو احوال ۽ لوڪ شاعريءَ تي تفصيل سان لکيو آهي.
    ان کانسواءِ ضلعي خيرپور جي تعليمي ماهر سيد ضياءَ الدين شاهه به سگهڙ عبدالرحمٰن بابت ٻه اکر لکيا آهن.
    ڪتاب ۾حمد ۽ ساراهه، نصيحت، ڪچهري، سڪ سوز، مهل موقعي جابيت ۽ ڪافيون وغيره شامل آهن، هُن پنهنجي مرشد سائين راشد روضي ڌڻيءَ جي ساراهه کان سواءِ سائين غوث علي شاهه ۽ ٻين کي به واکاڻيو آهي. هيٺ ڪتاب مان چونڊ ڏجي ٿي؛
    مرشد جي ساراهه
    (1)
    منهنجو مرشد محمد راشد سائين رهبر روضي وارو،
    روءِ زمين تي روشن، آهي چوڏس جيان چوڌارو،
    مشهور ساري ملڪ ۾، هر هنڌ آهِه هاڪارو،
    قادري سلسلو قائم، ڪيَئين سنسار ۾ سارو،
    وٺائي واٽ وِلهين کي، چڱو سُهڻي ڏسيو چارو،
    اچي عبدالرحمٰن چئي، ڏسو سيد پير سوڀارو،
    ته مڙيئي منَ مونجهارو، هڪ لحظي منجهه لهي وڃي.

    (2)
    لحظي منجهه لاهي ٿو، مونجهه پارس منهنجو پيرُ،
    توڪل تڪيو رب تي، سچو سندس سيرُ،
    ڏسڻ سان ٿو ڏک وڃي، ٿئي ساهه سڌيرُ،
    لکين مريد لعلڻ جا، تن جي واهر ڪري ويرُ،
    مِٺڙو مُحب منيرُ، اچي ڪامل ڏسو ڪِنگريءَ ۾.
    (3)
    ڪامل ڏسو ڪنگريءَ ۾ آهي پير پاڳارو،
    مريدي جنهن جي مُلڪن ۾، آ هند سنڌ نعرو،
    دلبر جي درگاهه تي آهي نوري نظارو،
    جامعه راشديه جڳ ۾ عالم اظهارو،
    ديني درسگاهه هلي ٿو سالن کان سارو.
    هر هنڌ جاءِ تي اٿس نالو نروارو
    مفتي مولوي حافظ هزارين ڇا ڪري شاعري شمارو،
    سي پاس ٿي پار پهتا، ويا ياد پڙهي يارو،
    دعائون تن کي دانَهُه ڏئي پيو، مرشد موچارو،
    ڪونه ڏسندين ڪٿهين اهڙو ڪامل قرارو،
    هتي هُتي هر جاءِ تي، آهي سيد سَهارو،
    مُنهنجو پارس پاڳارو، مُلڪن ۾ مشهور آ.
    (4)
    مُلڪن ۾ مشهور ڏسو، سائين شاهه مردان شاهه ثاني،
    فائق ڌڻي فيض جو لعلڻ لاثاني،
    مُلڪَ مهيسر چوي ڏيهه سندس ڏاني،
    هميشھ هتي هلي پئي، خوب لنگر خاني،
    اَهڙو، جلوبدارُ جاني، سيّد سهڻو سنڌ ۾.
    (5)
    سيد سهڻو سنڌ ۾ مشهور آهي مُلڪن،
    هيرا موتي هزارين تنهن جي چُغي تي چلڪن،
    ڪلنگي تاج ڪامل پائي، ته عاشق عيدون ڪن،
    ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ پاڳارا، لات پيا لنون،
    پنهنجي پير مرشد سان ايڏي محبت مريدن،
    محڪم شريعت مُحمدي تي پورا رهي ته رهن،
    ساز ۽ سُرودَ جي ويجهو نا وڃن،
    عبادت ڪن الله جي، پيا پنجئي وقت پڙهن،
    خوف خدائي مَنَ ۾ رات ڏينهن رکن
    تهجد جي تياريءَ لاءِ، آڌيءَ وري اُٿن،
    لاالھ الالله هردم هنئين سان هنڍائن،
    ذڪر ڪن ذوق سان هاديءَ جي حڪمن،
    انهيءَ جو عبدالرحمٰن چئي، آهي فڪر فقيرن
    مرشد پاڻ مِڙن، اڪاريندو احسان سين،
    (6)
    اُڪاريندو احسان سين، ڪندو هيڻن حمايت،
    پار پهچائيندو پڳ ڌڻي، آهي ڪامل ڪرامت
    مريدن تي مهيسر چئي، ٿيندي ايڏي عنايت،
    پٺي لائي پاڻ هلندو، جانب جماعت،
    ميڙي محمد مير جي، سڀئي سلامت،
    مالڪ ڏني مدنيءَ کي، آ بيحد بشارت،
    سو شافع شفاعت ڪندو، ڏينهن قيام جي.
    (7)
    ڪندو ڏينهن قيام جي، اڙين جو آڌارُ
    ميرُ محمد مصطفى هوندو مالڪ جو مختيارُ،
    ڪوئي رهندو ڪو نڪو ، اُتي گدلو گنهگارُ،
    پرين وٺي پاڻ هلندو، جتي جنت جو جنسارُ،
    ڪلمون جن قرار، سي ڏُک ڏسندا ڪينڪي.


    معما
    معما ڏٺ پروليءَ جو هڪ سٺو نمونو آهي ڏٺ پروليءَ جو بنياد ڪنهن ڏٺل شيءِ تي ٻڌل هوندو آهي اهڙيءَ طرح معما جو مطلب خيال ۽ ويچار تي ٻڌل هوندو آهي ڏٺ پرولي ٿورن لفظن ۾ سگهڙ ٺاهي ڏيندو ۽ انهيءَ جو جواب به سگهڙ سڌن سولن لفظن ۾ بيان ڪندو.
    معما ۾ وڏي فن جي ضرورت آهي. سگهڙ پنهنجي خيال کي معما جي رنگ ۾ ظاهر ڪندو ته ٻيو سگهڙ به انهيءَ کي بيت ۾ معما جو جواب ڏيندو، جنهن جي مراد لڪل هوندي پر معما جو ڏيندڙ ۽ معما کي سڄي ڪري ٻڌائيندڙ ٻئي سمجهندا آهن، انهيءَ ڪري معما، ڏٺ پروليءَ کان وڌيڪ ڏکي آهي، جنهن ۾ گهڻي خيال ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. عبدالرحمٰن هيءُ بيت حفيظ الرحمٰن کي ڏنو جو بيت هيٺ ڏجي ٿو؛
    آهي معصومن مرڪ، جيڪي ٻنڌڻن منجهه ٻارَ
    شاهي بازار شهر ۾ تون وڃين ٿو وينجهارَ
    ياد ڪري يارَ، اُهو آڻجانءِ عبدالرحمٰن چئي.
    يعني ته سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر پنهنجي فرزند سگهڙ حفيظ الرحمٰن مهيسر کي معما بيت ۾. ”مکڻ“ وٺي اچڻ لاءِ هيءُ بيت ڏنو. حفيظ الرحمٰن شهر جي بازار ۾ مکڻ جي پڇا ڪئي پر مکڻ سويرو وڪامي ويو هو ۽ مکڻ مان جيڪو گيهه ٿئي ٿو اهو خاص هڪ دڪان تي گهڻو رکيل هو، واپس موٽي پنهنجي والد کي معما جو جواب هيٺينءَ معما جي بيت ۾ جوڙي ڏنائين ته:
    باب وڃي بازار ۾ تنهن جو پڇايم پيرو
    سو هليو ويو حفيظ چئي، سائين صبح سويرو
    ڪاڄ ۾ جيڪو ڪم اچي، ڪري مانُ مٿيرو
    هيو تنهن جو دڪان تي ديرو، اُهو چئو ته آڻي ڏيان


    4. مهيسر جي موج (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)

    حفيظ برادرز پاران 1999ع ۾ شايع ڪرايل هيءُ ڪتاب سگهڙ عبدالرحمٰن جو ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو 155 صفحن تي ٻڌل آهي. حفيظ برادرز، سگهڙ عبدالرحمٰن جا فرزند آهن، جن ان نالي سان فقير صاحب جا ڪتاب پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايا آهن. ڪتاب ”مهيسر جي موج“ جو نالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رکيو، جنهن ۾ مهيسر صاحب جي ٻن سالن دوران تخليق ڪيل شاعري شامل ڪئي وئي آهي. ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ارپيو ويو آهي. مُنڍ واري مبارڪ (مهاڳ) ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي، مقدمو استاد امان الله مهيسر ۽ ٻه اکر پروفيسر شيخ محمد فاضل لکيا آهن.
    ڪتاب ۾ حمد ۽ ثنا ۽ ٻين بيتن کان سواءِ وڏو حصو مهل موقعي (واقعاتي) بيتن جو آهي؛ جهن سان ڪيترن ئي واقعن جي شاعريءَ ۾ تاريخ لکي وئي آهي، تنهن ڪري اسان هن کي هڪ تاريخي ڪتاب به سڏي سگهون ٿا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان حوالي سان لکي ٿو ته؛
    ”عبدالرحمٰن مهيسر سهڻي سيرت ۽ صورت وارو سگهڙ آهي ۽ ان سان گڏ هو وڏو سُرتيو ۽ سُرائتو سگهڙ آهي. هو صحيح معنى ۾ ”شاعر سگهڙ“ آهي ۽ هن عوامي رنگ واري سهڻي شاعري ڪئي آهي.“
    جن جن واقعن تي سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر بيت چيا آهن سي ان وقت جي ماحول جو چٽو آئينو آهن. انهن ۾ محض ڳالهه يا بيان ناهي پر حقيقت پڻ سمايل آهي. اعلى عوامي شاعريءَ جي اها خصوصيت آهي جو جيڪو بيان ڪجي سو سچو هجي. اڳيان پارکو چئي ويا آهن ته: ”شاعر اهو جو سچ چوي.“
    سو سگهڙ عبدالرحمٰن به پنهنجن بيتن ۾ گهڻيون سچيون ڳالهيون ڪيون آهن، سائين غوث علي شاهه کي ڏوراپو ڏنائين ته:
    ”ڪم ڪرين پيو ڪيترن جا، مون اٻوجهه سان انڪار!“
    بس هن هڪ سٽ سان سگهڙ عبدالرحمٰن جا سڀ ڪم ٿي ويا. ڪمشنر نثار احمد صديقيءَ کي به چئي ڏنائين ته؛
    ”مارين ٿيون مهيسر چوي تنهنجيون ليٽ واريون لُوهان“
    ٻڌڻ سان صديقي صاحب وڏا ٽهڪ ڏنا.
    مير شاهنواز خان شاهلياڻي (جمالي) هڪ هر دلعزيز انسان هو ۽ سندس وفات تي اسان کي وڏو صدمو پهتو. سگهڙ عبدالرحمٰن پنهنجي بيت ۾ حقيقت بيان ڪئي ته:
    ”محبت وارو مينهن، وسائي ويو وَڏ ڦُڙو“
    هڪڙي دفعي ڪتاب لاهور ۾ ويهي پاڻ ڇپايائين تڏهن البت دانهن ڪيائين ته:
    ”هِت ڏکيون ڏٺم اچي ڳالهيون، ٻيو لاهورين جو لَمُ“
    ڪمشنر خالد محمود سومري کي به چئي ڏنائين ته:
    ”پئسي نٿو پنڌ ڇُٽي، ٿا غم وڌن گوندر“
    سومري صاحب بيت ٻڌي کلي ڏنو.
    هن ڪتاب ۾ واقعاتي بيتن کانسواءِ ڳجهارتون، نصيحت، سڪ سوز وارا بيت به ڏنا ويا آهن. ڳجهارتون به موضوع وار ڏنيون ويون آهن، جهڙوڪ: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شهيد عبدالرحمٰن کهڙائي وغيره. ڪتاب مان چونڊ ڳجهارتون هيٺ ڏجن ٿيون.

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
    (1)
    ڏيڻي: ڀونءِ جي ٻولي شاهه پوءِ ڀونءِ جي ماڻي،
    ڀونءِ جي= هيٺانهين. ٻولي= هلي. ڀونءِ جي= مٿانهين.
    ڀڃڻي: هيٺانهين هلي شاهه پوءِ مٿانهين ماڻي.
    (2)
    ڏيڻي: نالي تي شاهه نالو ڪيو.
    نالو= ڪِراڙ (ڍنڍ) نالو= قرار
    ڀڃڻي: ڪراڙِ تي شاهه قرار ڪيو.
    (3)
    ڏيڻي: شاهه جو پنهنجو نرنان ذات هو.
    پنهنجو = نانو، نرنان = عرس فقير، ذات= ڏيرو
    ڀڃڻي: شاهه جو نانو عرس فقير ڏيرو هو.

    سچل سرمست رحه
    (1)
    ڏيڻي: مُلڪ ۾ فقير نالو ٻولي نالو آ.
    مُلڪ= سنڌ، فقير= صوفي، نالو = سچل، ٻولي= ثاني. نالو= منصور.
    ڀڃڻي: سنڌ ۾ صوفي سچل ثاني منصور آ.
    (2)
    ڏيڻي: ليکو علم جو نرنان جو نالو هو.
    ليکو= پهرين. علم جو= استاد. نرنان= سچل سرمست. نالو = حافظ عبدالله.
    ڀڃڻي: پهريون استاد سچل سرمست جو حافظ عبدالله هو.
    (3)
    ڏيڻي: نرنان نالي کي پنهنجو نالو مڃيو آهي.
    نرنان= سچل سرمست، نالو= عطار. نالو= سالار
    ڀڃڻي: سچل سرمست عطار کي پنهنجو سالار مڃيو آهي.

    مخدوم شهيد عبدالرحمٰن کهڙائي
    ڏيڻي: علم جو نرنانءَ کي شهر ۾ ذات پکي ڪرايو.
    علم جو = مخدوم. نرنان= عبدالرحمٰن. شهر= کهڙا. ذات= ڪلهوڙا. پکي= شهيد.
    ڀڃڻي: مخدوم عبدالرحمٰن کي کهڙن ۾ ڪلهوڙن شهيد ڪرايو.

    امام بخاري رحه
    ڏيڻي: نرنان ذات علم جون حاڪيماڻي رَڇُ ڪيون.
    نرنان= امام. ذات = بخاري. علم جون= حديثون. حاڪيماڻي= صحيح. رڇ= گڏون.
    ڀڃڻي: امام بخاريءَ حديثون صحيح گڏ ڪيون.

    سرائتيون ڳجهارتون
    مارئي
    (1)
    ڏيڻي: ڪاٺ جن تي ويهي وکر ڏيندي هيس مارن کي.
    ڪاٺ جا= چرکا (چرخا) وکر= ڪتيلو.
    ڀڃڻي: چرخن تي ويهي ڪتي لوئي ڏيندي هيس مارن کي.
    (2)
    ڏيڻي: لوهه جو باهه جو ذات نه.
    لوهه جو= ڪير+. باهه جو= ساڙُ. ذات= سامٽيا.
    ڀڃڻي: اڪير ساڙيهه(ساڻيهه) وطن جي سا مٽيان نه.

    راءِ ڏياچ
    ڏيڻي: نالا ته گهڻا ٻڌا ذات مال جو تُنهنجي
    نالو= دمساز. ذات= ڪاتيار. مال جي= لڳي.
    ڀڃڻي: دم ساز گهڻا ڪا تار لڳي تُنهنجي.


    5. مهيسر جي مُرڪَ (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)

    سُگهڙ عبدالرحمٰن ٻن ٻن سالن جي وٿيءَ سان ئي ڪتاب ڇپرايا. سندس هيءُ ٽيون ڪتاب 2001ع ۾ آيو، جيڪو به حفيظ برادرز ڳوٺ رفيق مهيسر، تعلقي ڪنگري ضلعي خيرپور ميرس پاران ڇپيو. هِن جو مهاڳ به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو. ڪتاب ”آزاديءَ جي علمبردار، حُر تحريڪ جي عظيم سرواڻ سورهيه پير سيد صبغت الله شاهه (ثاني) شهيد پير پاڳاري کي منسوب ڪيو ويو.“
    ڪتاب کي هيٺين (9) بابن ۾ ورهايو ويو آهي.
    1. حمد و ثنا ساراهه، 2. نصيحت ۽ دانائي، 3. سڪ ۽ سوز محبت جو مذڪور، 4. ياري، 5.خوش طبعيءَ وارو خيال، 6. مهل موقعي جا بيت، 7. ڪچهري، 8. غزل بيت ۽ ڪافيون، 9. ضميمو.
    هتي ڪتاب مان چونڊ ڏجي ٿي؛
    سڪ ۽ سوز ۾محبت جو مذڪور
    (1)
    ساري سڄڻ يار کي، منهنجي اکين آندو آبُ،
    عجيب لاءِ عبدالرحمٰن چوي، رڳون ٿيون ربابُ،
    عشق جي آڙاهه جو، تکيرو آ تابُ،
    جيرا جگر بڪيون، ٿو نهوڙي نوابُ،
    سارو بدن سڙي صفا، ڪُلئي ٿيو ڪبابُ،
    برهه وارو بابُ، پرينءَ پاڻ پڙهائيو،
    (2)
    ساري سڄڻ يار کي، ٿا نيڻ وهن نارا،
    روڪجن ڪين روئڻ کان ڪيم حيلا هزارا،
    اوٿر ڪري اُٿلي پيون، سانوڻ سيارا،
    سُکُ سمهڻ تن ويو، ڪُلئي قرارا،
    آهن برهه جا بارا، اوکا عبدالرحمٰن چوي،
    (3)
    ساري سڄڻ يار کي، روئي ڪيم رنگَ،
    پلپل پڪارون پرينءَ کي، ڪن عضوا ڪلئي انگَ،
    صَبا وڃي سيگهه ۾، ڏي نياپا نسنگَ،
    ته تُنهنجي وِرهه وڌا ونگَ، آهن اندر ۾عبدالرحمٰن چوي.

    واقعاتي بيت
    اريگيشن اسڪارپ خيرپور وارا
    ٽيوب ويل C-41 ٻن سالن کان وٺي خراب ٿي پيو ۽ ٽرانسفارمر سڙي ويو، تنهن کان پوءِ اُن وقت S.D.O ٻيو سامان به ٽيوب ويل مان ڪڍرائي کڻي ويو. جڏهن ربيع 2000ع ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي ته ٽيوب ويل سب ڊويزن جي آفيسر نصير پنجابيءِ سان ملڻ ٿيو، جنهن چيو ته انجنيئر صاحب سان خيرپور ۾ وڃي ملو، اُهو مسئلو حل ڪندو تنهن کان پوءِ مسٽر منظور حسين پنهيار انجنيئر سان آفيس ۾ وڃي مليس. انهيءَ زوردار نوٽ S.D.O گمبٽ ڏي لکي ڏنو ۽ ساڻس فون تي به ڳالهايائين ته هفتي اندر ٽيوب ويل هلائي ڏيو. پوءِ روزانو انجنيئر صاحب سان آفيس ۾ ملڻ لاءِ خيرپور وڃڻ پيو ٿئي ۽ اُتان وري گمبٽ S.D.O آفيس ۾ روزانو حاضريون. آخر مهيني کان پوءِ S.D.O گمبٽ جي آفيس ۾اُتي بيت ٺاهي انجنيئر صاحب کي فون تي خيرپور ٻڌايم ته چيائين فقير رحم رحم پوءِ S.D.O سان ڳالهايائين جنهن چيو ته ٽرانسفارمر به اوهان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺهرايو آهي، هاڻي ڊي فٽنگ جو خرچ به اوهان کاتيدار ڀريو ۽ واپڊا وارن کان ٺهرائي ڏيو ته هلائي ڏيون. آخر مجبوراً اسان اُهو ڪم ڪيو، تڏهن ٽيوب ويل هلائي ڏنائون.
    بيت
    مولى سمجهاءِ مالڪ تون، اصل اسڪارپ وارن کي،
    رُلائي ماڻهن جو رت ڪڍن ٿا، هَر جي ڪن هزارن کي،
    آسرا اڄ صبحاڻي جا، ملن پيا مون پارن کي،
    ٽپڙ وڪڻن ٽيوب ويلن جا، ڪهڙيون يار ميارون يارن کي،
    چانهه جو چُڪو پيارين پيا، پرت وارن پيارن کي،
    ڏوڪڙ سواءِ ڏهاڙي هلائين، اک جي ته اشارن کي،
    احساس ڏاڍو عوام جو، وڏو آهي ويچارن کي،
    اوورسيئر، ايس ڊي او، انجنيئر ڇاڪن چورن چوڪيدارن کي،
    اُهي به انهن جا ئي آهن، ڇا مٺڙا ڪندا ميارن کي،
    ادريس راجپوت آنيسٽ چوان، يا سيڪريٽري سارن کي،
    منظور صاحب ملڻو جهلڻو، ٻي پارت ڪرايان پنهيارن کي،
    آبپاشي نظام ابتو ٿي ويو، ڀؤ ناهي ڪو ڀلارن کي،
    پهرين تاريخ پگهار جو پئسو، ملي ملازمن ماهوارن کي،
    ڊپ ڊيوٽيءَ جو ڪونهي ڪنهن کي، ٿين سفارشون سونهارن کي،
    سو ظلم جو پئسو ظاهر ڏين ٿا، ٻچن پنهنجن ٻارن کي،
    حلال روزي هر ڪو ڪمائي، اهڙو آ آرڊر عملدارن کي،
    سي حڪم هلندا هيڻن تي، ڇا ڪندا شاهوڪارن کي،
    پر ڪرسي بچائين پيا ڪامورا ، نه بُرو چَون بيلدارن کي،
    مُلڪ سان مُنهن ڪير ڏيندو، ڏسو اوندهه انڌوڪارن کي،
    الله سمجهائي عبدالرحمٰن چوي، رشوتي رياڪارن کي،
    سمجهي سگهيس ڪونڪو، تن جي ڄار وڌل ڄارن کي،
    صلاح منهنجي سُهڻي آهي مٺڙن مٺڙن مارن کي،
    ته دانهن جو نيٺ داد ٿيندو، پرور ٻڌندو پڪارن کي،
    باقي خاص هِن کاتي وارن کي، مُنهن نه پئجو ملڪ ۾.


    6. حال حيات ضلعي خيرپور جا سُگهڙ (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)

    سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ترتيب ڏنل هيءُ ڪتاب 2003ع ۾ سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم ضلعي خيرپور ميرس شايع ڪرايو، جنهن ۾ هن ضلعي جي(56) حال حيات سگهڙن جو احوال ڏنو ويو آهي، هن وقت انهن مان ڪي ته الله سائينءَ کي پيارا ٿي چُڪا آهن،جيئن سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر ۽ سگهڙ محمد سومر ڳاهو.
    هن ڪتاب بابت عبدالرحمٰن مهيسر صاحب لکي ٿو ته:
    ”طبيعت جي ناچاقائي هوندي به اها ذميواري راقم جي حوالي ڪئي وئي، اُنهيءَ عظيم مقصدکي نظر ۾ رکندي سگهڙن وٽان مواد هٿ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سگهڙن دوستن جي در در وڃي مواد هٿ ڪيو ويو، ڪي سگهڙ مون سان رابطي ۾ رهيا، پوءِ تازو 2002ع جي آخر ۾ سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم وجود ۾ آئي، الله پاڪ جي آسري تي ڪم شروع ڪيوسين. ضلعي خيرپور جي سڀني سگهڙن اٽل ارادي سان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪتاب جي ڇپائيءَ جو بار ڪلهن تي کنيو ۽ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو، ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ وقت بيتن جي هڪجهڙائي يا گهڻي مواد جي ڪري ڪجهه ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، جيئن ڇپائيءَ جو بار هلڪو ٿئي. اُن ڪري سگهڙ ساٿين کان معذرت ڪريون ٿا، هيءَ اسان جي ننڍڙي ڪوشش بنيادي دستاويز جي حيثيت ضرور رکندي، جيئن مستقبل جا لکندڙ اديب تاريخدان انهيءَ مواد کي وڌيڪ سهڻو بڻائي لکي سگهن، تاريخ 3 مئي 2003ع تي ڪاري موري حيدرآباد ۾ آل سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم جي مرڪزي باڊي سگهڙن جي سرپرست اعلى ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صدارت هيٺ چونڊي وئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سڄي سنڌ کان ڪهي آيل سگهڙن کي تمام گهڻو همٿايو ۽ آل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ راقم پنهنجي تقرير ۾ سگهڙن کي گذارش ڪئي ته نيڪ نيت ۽ اٽل ارادي سان پاڻ ۾ سُخن ڪريون ته هر ضلعي جا سگهڙ پنهنجي پنهنجي ضلعي جي سگهڙن جو ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرائين، جيئن سگهڙن جو چيل فن وڌيڪ اُجاگر ٿئي. اڄ جو نسل ڪلهه کان ناواقف آهي، ته سڀاڻي وارو نسل اڄوڪن سگهڙن کان ناواقف هوندو. سنڌ جي سڀني آيل سگهڙن خوشيءَ سان اهڙي عملي ڪم جي تائيد ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته انهيءَ ڪتابي ڪم کي توڙ تائين پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏينداسون. انشاءَ الله تعالى اُهو ڏينهن پري ڪونهي جو ضلعي وار سگهڙن جا ڪتاب منظر عام تي اچي ويندا، مون پنهنجي حال آهر حال حيات ضلعي خيرپور جي سگهڙن جو فن مختصر طور هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي ته جيئن سڀني سگهڙ ساٿين کي شامل ڪريان، اُن کان سواءِ ڪي سگهڙن جا نالا مون کان رهجي به ويا هوندا، پر جيڪڏهن ڪجهه سگهڙ شامل نه ٿي سگهيا هجن ته ڪنهن حوالي سان اُنهن پنهنجو سهڪاري هٿ نه ڊگهيريو هوندو، يا وري اُهي نالا رهجي ويا هوندا، جيڪي صرف نالي ۾ سگهڙ هوندا.“
    ڪتاب ۾ يعقوب علي زرداري صاحب جا لکيل ٻه اکر به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪو ان وقت پاڪستان ريلويز سکر جو ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ هو.
    ڪتاب ۾ مختصر تعارف سان گڏ سگهڙ جو چونڊ ڪلام پڻ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي مختيار ملڪ سگهڙ عبدالرحمٰن جو تعارف لکيو آهي.


    7. لاتيون سُڻ لقمان جون (محمد لقمان کوکر جو ڪتاب)

    هن ڪتاب ۾ سگهڙ محمد لقمان کوکر جي زندگيءَ جو احوال ۽ ڪلام ڏنو ويو آهي، جيڪو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ترتيب ڏنو آهي. اهو ڪتاب سنڌ سگهڙ ڀلائي تنظيم ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي پاران جنوري 1995ع ۾ شايع ڪرايو ويو. محمد لقمان کوکر استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو پيارو شاگرد آهي. کوکر صاحب پنهنجو هيءُ ڪتاب پنهنجي استاد کي ارپيو آهي. ڪتاب ۾ سگهڙ بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، ڊاڪٽر اياز قادريءَ، سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ ڊاڪٽر بدر اُڄڻ جا ويچار پڻ ڏنل آهن. ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب سگهڙ جي تعارف سميت تفصيلي مقدمو به لکيو آهي. ان سان گڏ لقمان کوکر”سگهڙ جي ڪهاڻي، سندس ئي زباني“ ۾ سگهڙن جي قدر داني، ادارن جي روين، ڪتاب جي ڇپائيءَ واري سفر ۽ پنهنجن ڏکن سکن جو دل کولي بيان ڪيو آهي.
    ڪتاب کي يارهن بابن ۾ ورهايو ويوآهي. باب پهريون: حمد منهنجي هاديءَ جا ، ٻيو: ثنا منهنجي سيد جي، ٽيون: اعلى علي ۽ ابن علي، چوٿون: حق غوث بهاءُ الحق، پنجون: ڀٽ ڌڻي ڀلارو لطيف، ڇهون: سنڌڙيءَ جو شهباز قلندر، ستون: نصيحت نامو، اٺون: سنڌ نامو، نائون: محبت نامو، ڏهون: سگهڙ نامو ۽ يارهون: سُر سُريلا سُر. آخر ۾ اختصار جي عنوان سان قلم جي موضوع تي 09 بيت ڏنل آهن. مٿين بابن ۾ موضوع جي مناسبت سان لوڪ ادب جي لڳ ڀڳ هر شعري صنف سمائي وئي آهي، مثال طور: هنر، ڏور، ڏٺ، ڳجهارت، ست سُري، مختلف سرن جهڙوڪ: سارنگ، مارئيءَ، سسئيءَ، سهڻيءَ، ۽ نوري ڄام تماچيءَ تي بيت وغيره اچي وڃن ٿا. 400 کان وڌيڪ صفحن واري هن ڪتاب ۾ سرائڪي ٻوليءَ ۾ به ڪجهه بيت ڏنل آهن. هتي هڪ منقبت ”ببر نر علي آن“ ڏني وڃي ٿي.
    تون شيرُ خدا ببر نر علي آن،
    حلاليءَ ۽ حراميءَ کي ڪندو ظاهر علي آن.
    تون سخين ۾ سخي آن پهريون نمبر،
    تنهنجو نه ٿيو اڄ تائين ڪوئي همسر،
    در تان نه موٽيو خالي ڪوئي گدا گر،
    گدا مان ڪيئي بڻيا تاجدار تونگر،
    توکي نه مڃي جيڪو سو موذي آ منڪر،
    تون رئندن جي ڪندو رهبر واهر علي آن.
    تو بي نورن کي نور ڏئي نروار ڪيو،
    تو مانيءَ جي عيوض مهار ڏئي قمبر لئه قرار ڪيو.
    جو پِٽيل کي پتو نه پيو اهڙو آروپار ڪيو،
    تارازيءَ ۾ تري تور ٿيو اهڙو ڌڙ ڌار ڪيو،
    جو منڪر آ محمد جو، تنهن کي ڪندو دربدر علي آن.
    تنهنجي آڏو سخاوت به جُهڪي سلام ڪيو،
    تنهنجي آڏو هر طاقت به جهڪي سلام ڪيو،
    تنهنجي آڏو ڪرامت به جهڪي سلام ڪيو،
    تنهنجي آڏو امامت به جهڪي سلام ڪيو،
    تنهنجي آڏو شهادت به جهڪي سلام ڪيو،
    تون والي ڪوثر، سيد صابر علي آن.
    تنهنجي ڪعبي ۾ ولادت آ راز الاهي،
    تنهنجي مسجد ۾ شهادت آ راز الاهي،
    تنهنجي ڪشف ڪرامت آ راز الاهي،
    تنهنجي اعلى عبادت آ راز الاهي،
    علم جو شهر محمد، ته تون در علي آن.
    تون محمد جي زبان ۽ شان آن حيدر،
    تون محمد جو جسم ۽ جان آن حيدر،
    تون محمد جي عزت ۽ مان آن حيدر،
    تون فيض رحمت ناطق قرآن آن حيدر،
    تون ”لقمان“ جو دين ايمان آن حيدر،
    تون اسلام جو اتم اعلى ممبر علي آن.


    8. لعل ڪڻا لقمان جا (محمد لقمان کوکر جو ڪتاب)

    سگهڙ محمد لقمان کوکر جوهيءُ ٻيو ڪتاب بلاول برادران ڳوٺ مصطفى آباد ضلعي لاڙڪاڻي پاران. 2002ع ۾ شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ 192 صفحا آهن. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. جڏهن ته سيد صالح محمد شاهه، تاج جوئي، احمد خان سهاڳ، انور ساگر ڪانڌڙي ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا ويچار به شامل آهن،
    تاج جويو صاحب لکي ٿو ته؛ ”سگهڙ پائيءَ جي فن ۾ بيت کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ لقمان کوکر جا بيت پختا ۽ تجنيس حرفيءَ جي هنر سان سينگاريل آهن. سندس سنڌي شاعري ته ڀلوڙ آهي پر سندس سرائيڪي بيت ۽ ڪافيون، رواني ۽ ٻوليءَ جي حُسن جي حوالي سان وڌيڪ متاثر ڪن ٿيون.“
    هن ڪتاب ۾ لقمان کوکر ڌرتيءَ جا درد شاعريءَ ۾ اوتيا آهن، لوڪ شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ هِن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي سورن کي سمايو آهي، ڪجهه چونڊ شعر اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪجن ٿا ته جيئن اوهان به انهن جو چَسُ وٺي سگهو.

    سنڌڙيءَ جا سور
    (1)
    ڪهڙا سور لکان سنڌ جا، سنڌ ڏني دانهن،
    رت پي رهزن ويا، جيئن چاڙهي پيئن چانهن،
    ٻيلي منهنجي ٻانهن، ڇڏايو لٽيرن کان لقمان چئي.

    (2)
    ڪهڙا سور لکان سنڌ جا، آ سنڌ سان وڏو ويل،
    ٿا ڏوهي گهمن ڏيهه ۾، آ جهانگيئڙن لئه جيل،
    نٿو هڻي نيل، ڪو لٽيرن کي لقمان چئي.
    (3)
    ڪهڙا سور لکان سنڌ جا، آ سنڌ ۾ لڄالٽ،
    غيرت وئي غرق ٿي، آ رڳو گولين گُوگهٽ،
    ڪڍي نٿو ڪُٽ، ڪو لٽيرن کي لقمان چئي.
    (4)
    ساڳيا سنڌي ساڳي سنڌ، دل نه تنين ساڳي،
    ساڳيا ڀاڳيا ساڳي ڀونءِ، پر نه ساڳيا پاڳي،
    پاڻ پيڙن پاڻ کي، نه سندن ڪائي سجاڳي،
    جنين ننڊ نڀاڳي، سي لوڙين پيا لقمان چئي.
    (5)
    سوڙهو ڪرين ساڙيلا، دَلا تون درياهه،
    موڳا هن مهراڻ ۾، سانگيئڙن جو ساهه،
    لوڏي ڪڍندئي لاهه، لاکيئڙا لقمان چئي.
    (6)
    موڳا هن مهراڻ کي، ٿو دَلا وجهين در،
    ماري وجهندئي ماروئڙا، هاري کڻي هر،
    ڪري ڪنڌيءَ قبر، لَٽيندئي لقمان چئي.
    (7)
    موڳا هن مهراڻ تي، ٿو ٺاهين ڪالا ڊيم،
    سانگيئڙن جو سنڌوءَ سان، پڪو اٿئي پريم،
    گندي تنهنجي گيم، لڙهي ويندي لقمان چئي.

    دهشتگردي مرده باد
    دهشتگردي، مرده باد،
    وحشتگردي، مرده باد.
    روزانو ڏس، ڪير ڪسن ٿا،
    نفرت گردي، مرده باد.
    اغوا گوليون، بم بندوقون،
    ڪلفت گردي، مرده باد.
    ڏيهه جا ڏوهي، رِها رپين تي،
    رشوت گردي، مرده آباد.
    قسم تي ڪوڙي، ڏين گواهي،
    ڪپتگردي، مرده باد.
    مظلومن جا، حق هضم ٿيا،
    خيانت گردي، مرده باد.
    ڪوٽن قيدي، هاري ناري،
    دولت گردي، مرده باد.
    لڄالٽ جو، روز ڌنڌو آ،
    نحوست گردي، مرده آباد.
    روز ملاوت، چور بازاري،
    بچت گردي، مرده باد.
    لقمان ملن ٿا، لاش ٻورين مان،
    ظلمت گردي، مرده باد.
    ڏهين آگسٽ- 1994ع تي ڪاڇي جي ٻوڏ جي ستايلن لاءِ وقت جي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي سُگهڙ فقير محمد لقمان کوکر ”جيڪي ڏٺو مون“ ۾ اپيل ڪندي چيو ته؛

    جيڪي ڏٺو مون
    وزير اعظم آءُ، ڏسي وڃ،
    گاج نئين جا گهاءَ، ڏسي وڃ.
    بند ٽُٽي پيا، جاٿئون ڪاٿئون،
    پاڻيءَ جا پڙلاءَ، ڏسي وڃ.
    بند مرامت، ڪنهن نه ڪيا ها،
    هڙني جو ته حياءُ، ڏسي وڃ.
    انجنيئر ايسي، سروئير ايسڊيا،
    ڇا پيا ڪن هت ڇاءُ، ڏسي وڃ.
    رات انڌيري، جاڏهون ڪاڏهون،
    ڇولين جو ڇڇڪاءُ، ڏسي وڃ.
    جنهنجا ٻچا ويا، جنهنجيءَ هنج مان،
    سا روئي ويٺي، ماءُ ڏسي وڃ.
    کائڻ پيئڻ لئه، ڪجهه نه بچو آ،
    بک تي ڀينر ڀاءُ، ڏسي وڃ.
    ڳوٺن جا هت، ڳوٺ لُڙهي ويا،
    ڪنهن نه آيو ڪهڪاءُ ڏسي وڃ.
    شهداد ڪوٽ، قمبر وارهه دادو،
    لاشن جا ته لڪاءَ، ڏسي وڃ.
    جوهي منڇر، انڇر ٿي وئي،
    ٿا لاش ترن تلاءُ، ڏسي وڃ.
    امداد ڏني تو، ٻوڏ ٻُڏن لئه،
    دَلن جا هِت داءَ، ڏسي وڃ.
    راشن پاڻي، پاڻ ويا کائي،
    ٺلها تن ٺڪاءَ، ڏسي وڃ.
    اٽو داليون، گيهه ۽ چانور،
    ڪونه مليو آ پاءُ، ڏسي وڃ.
    غريب بندن تي، بُک مرن ٿا،
    پاڻ کائن پُلاءَ، ڏسي وڃ.
    هي افسر شاهي، تنهنجا ڪامورا،
    ٿا ڪونه لهن سماءُ ڏسي وڃ.
    ميمبر ڪارڪن، وزير سڳورا،
    پيٽ ڀرن ٿا هاءُ، ڏسي وڃ.
    بلاول صدقي، بکين ڏکين سان،
    وڏن جو ورتاءُ، ڏسي وڃ.
    ڪئمپن ۾ هت، ٻوڏ ٻڏن سان،
    آفيسرن جو اَٽڪاءُ، ڏسي وڃ.
    لاش لُڙهي، ”لقمان“ لکين ويا،
    پوءِ به چون ٿا، بچاءُ ڏسي وڃ.


    9. لوچون ڏس لقمان جون (محمد لقمان کوکر جو ڪتاب)

    سُگهڙ محمد لقمان کوکر هن دؤر جو هڪ مڃيل سگهڙ آهي، بلڪه جيڪڏهن ائين لکجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته هِن دؤر جي ناليوارن سگهڙن منجهان هڪ آهي. ريڊيي، ٽي ويءَ تي ٻُڌڻ ڏسڻ سان گڏ مون ساڻس ڪچهريون به ڪيون آهن ته وري سندس ڪتاب 1. لاتيون سُڻ لقمان جون، 2.لعل ڪڻا لقمان جا به پڙهيا آهن. سندس هيءُ ڪتاب به نظر مان ڪڍيو اٿم. سندس ٽنهن ڪتابن ۾ لوڪ ادب جون مڙيئي صنفون سمايل آهن. سگهڙائپ جي فن جي روايت ۽ قانون مطابق هر هڪ ڪتاب جي ابتدا حمد ۽ نعت کان ڪئي وئي آهي. هيءُ همراهه عملي زندگيءَ ۾ به هر ڪم جي شروعات الله ٻاجهاري جي نالي سان ڪندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته سدائين سندس ٻيڙا پار هوندا آهن.
    سندس هن ڪتاب ۾ ڪجهه نوان موضوع به شامل ٿيل آهن. جيئن ٻوڏ، سنڌو درياهه جي 2010ع واريءَ ٻوڏ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪا تباهي مچائي، ان جو مثال نه ٿو ملي، فقير لقمان چئي ٿو ته:
    لکين لڙهيا انسان، ڪير ڀريندو؟
    هيڏو هيءُ نقصان، ڪير ڀريندو؟
    ٽوڙهي بند کي بم هنيائون
    سنڌ ڪيائون سنسان، ڪير ڀريندو؟
    گڊوءَ سکر تي زور وڏو آ
    الله ڏيندس امانَ، ڪير ڀريندو؟
    جيڪب آباد، جعفرآباد ٻوڙي هليو
    پاڻي بلوچستان، ڪير ڀريندو؟
    ”ڪير ڀريندو؟“ جي موضوع تي سندس اهو شعر (19) بندن تي ٻڌل آهي، جنهن کي اسان واقعاتي بيتن/شاعريءَ ۾ شمار ڪري سگهون ٿا، ٻوڏ واري واقعي جو لقمان اکين ڏٺو شاهد ٿي واقعا بيان ڪندو وڃي ٿو. ان ريت سگهڙ پنهنجيءَ سنڌ جي تاريخ محفوظ ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت طوفاني برسات، بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ ۽ موبائيل فون کي به موضوع بڻايو اٿائين، تعليم جي تباهيءَ تي رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿو؛
    تعليم ٿي مَرندي وڃي
    هيءَ قوم ٿي ڪِرندي وڃي
    اي سنڌ جا سياستگرو
    اي مانوارا منسٽرو
    اعلى علم جا ماهرو
    اي محققو دانشورو
    پر سوچو ڪجهه تعليم تي
    عين، لام ۽ ميم تي
    دل منهنجي جُهرندي وڃي
    تعليم ٿي مرندي وڃي
    قوم ٿي ڪِرندي وڃي
    هن ڪتاب ۾ سُگهڙ محمد لقمان جي شعور جو جوڀن نظر اچي ٿو، منجهس قوم جي ترقيءَ جو وڏو اونو نظر اچي ٿو. سندس شاعري پڙهي استاد بخاريءَ جون سڪون لهن ٿيون. يقيناً مٿس استاد بخاريءَ جو اثر هوندو. اهو ئي سبب آهي ته سگهڙ محمد لقمان جي شعور ۽ Diction ۾ اُستاد بخاريءَ جي شخصيت ۽ ڪلام جو هڳاءُ اچي ٿو. هِن همراهه پنهنجي ڪتاب ۾ غزل جي صنف تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. غزل جو اصل موضوع عورت سان ڳالهيون ڪرڻ،سندس سونهن بيان ڪرڻ، زلفن جا پيچ ۽ سينگار جون ڳالهيون ڪرڻ وغيره آهي پر هِن همراهه غزل ۾ به ڌرتيءَ جون دانهون ۽ آهون ڀريون آهن.
    رهيل هڪ اَن ٻوري هئي، سا به برسات لوڙهي وئي،
    تَرڻ لاءِ ڀينڊي توري هئي، سا به برسات لوڙهي وئي.
    ساڳيءَ ريت ڪافيءَ ۾ به هن مختلف موضوع آندا آهن. معاشرتي غزل به لکيا اٿائين؛ مثال:
    غريب جي چلهه ٻري نه ٿي،
    امير جي چلهه ٺري نه ٿي،
    هو امداد زڪوات ويٺو کائي،
    هن لاءِ حڪومت ڪري نه ٿي،
    مان ”لقمان“ لکڻ تي مجبور آهيان،
    سچ سوا منهنجي سَري نه ٿي.
    محمد لقمان اڄ جي سياستدان کي به آئينو ڏيکاريو آهي. ان کانسواءِ لاڙڪاڻي ۽ قمبر ضلعن جي تاريخ جاگرافي به بيان ڪئي اٿائين، لاڙڪاڻا ميڏا لعل ۽ ”قمبر عنبر آ“ ۾ ٻنهن ضلعن جو مڪمل تعارف ڪرايو اٿائين، اتان جا بزرگ،شاعر، اديب، ذاتيون، ڳوٺ، شهر، شخصيتون، کاڌا پيتا وغيره ڏاڍي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيا اٿائين.
    ڏهس ڏکي صنف ته آهي پر وڏي پائي جا سُگهڙ ان تي طبع آزمائي کي لازمي سمجهندا آهن ڇاڪاڻ ته سگهڙ جي ڏات جي پرک جو هڪ ماپو ڏهس به آهي. محمد لقمان کوکر ڏهس کان به اڳتي نڪري ٽيهس چاليهس تي پهتو آهي. ڪتاب مان سرائڪي ٽيهس پڙهي سندس ڪاريگريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو .
    ڪتاب ۾ هنر، ڏور بيت، رسالو ڳجهارت، قلندر سائين، سچل سرمست ۽ تقي شاهه باڊاهيءَ بابت شعر، سينگار، ڪي ٽي اين، ايڪتا جو ڏينهن، پهاڪا، مورو، جمالو، همرچو، لولي ۽ نصيحت جا بيت ڏنل آهن.
    محمد لقمان جي هن ڪتاب پڙهڻ سان ماڻهون سوچڻ ۽ لوچڻ تي مجبور ٿي پئي ٿو. مون کي پڪ آهي ته هيءَ سوچ ۽ لوچ ضرور ڪو ٻوٽو ٻاريندي.
    بجليءَ جو بُحران
    واهه جو بِجلي، تنهنجو ٻَرڻ آ،
    انهيءَ ٻرڻ کان، سُٺو مرڻ آ.
    (1)
    چوويهه ئي ڪلاڪ، چَٽ هِن تنهنجا،
    وڏا هي اندر ۾ ڦٽَ هِن تنهنجا،
    منٽ ۾ تنهنجو اچڻ وڃڻ آ.
    (2)
    مانيءَ مَهل ڀي، تنهنجي آ تعدي،
    ماني ته جهڙي کاڌي نه کاڌي،
    نصيب اوندهه ۾ بسيون چَٽِڻ آ.
    (3)
    ڏهن ڪلاڪن ۾ بلب ڀي نه ٻارين،
    مَريضن کي ٿي، گهر ۾ مارين،
    گرميءَ ۾ ڏاڍو ڏکيو ٿيو جيئڻ آ.
    (4)
    لوڊشيڊنگ آ، تنهنجي جاري،
    ٽائيم نه ٽيبل، توبهه زاري،
    ماڻي تاڻي، تنهنجو هلڻ آ.
    (5)
    درزي ويٺا دُعائون گُهرائن،
    ڪيئن ڪاريگر مِشن هَلائن،
    جَن جي روزي، ڪپڙا سِبَڻ آ.

    (6)
    نڪي ڇڙهايون، نڪي پيسايون،
    اٽي بِنا ڪيئن ماني پچايون،
    بک تو ماريو ڪهڙو بچڻ آ.
    (7)
    منٽ ٻه ٽي ٿا مَس هَلايون،
    بِل ڇَڏن ٿا دِل دهلايون،
    بيهوش ٿي پو ڪِرِي پَوڻ آ.
    (8)
    ’لقمان‘ لٽيو آ، بجليءَ هاڻي،
    اڃان ته اڳتي الله ڄاڻي،
    پاڻ ساڻ ٿيڻو ڪِهڙو پَسڻ آ.

    تعليم جي تباهي
    اي سنڌ جا سياستگرو
    تعليم ٿي مَرندي وَڃي،
    هيءَ قومَ ٿي ڪِرندي وَڃي.
    (1)
    تعليم ٿي مَرندي وڃي
    هيءَ قوم ٿي ڪِرندي وڃي
    اي سنڌ جا سياستگرو
    اي مانوارا منسٽرو
    اعلى علم جا ماهرو
    اي محققو دانشورو
    پر سوچو ڪجهه تعليم تي
    عين، لام ۽ ميم تي
    دل منهنجي جهرندي وڃي تعليم ٿي مرندي وڃي
    قوم ٿي ڪِرندي وڃي
    (2)
    هي درسگاهون دوستو،
    ٿيون چرسگاهون دوستو،
    بي ترسگاهون دوستو،
    ڄڻ مرض گاهون دوستو،
    اسڪول واڙا مال جا،
    اسڪول چارا مال جا،
    غيرت صفا ٻُڏندي وڃي،
    تعليم ٿي مَرَندي وڃي.
    (3)
    اُستاد ٿو اسڪول ۾،
    طاقت ڏيکاري رُول ۾،
    رڳو پانُ آهي ڊُول ۾،
    سگريٽ سُلفي معمُول ۾،
    سينکاريندو ڇا؟ ٻار کي،
    مُستقبل جي معمار کي،
    تربيت ٿي ترندي وڃي،
    تعليم ٿي مَرَندي وڃي.
    (4)
    هر ڪو نقل تي شير آ،
    ڊگرين جو سَڀ کي ڍير آ،
    نه ڪڇڻ وارو ڪير آ،
    انڌير هت انڌير آ،
    پئسين ملن پيون مارڪون ،
    سفارشون ۽ پارتون،
    رشوت وَڏي وَڌندي وڃي،
    تعليم ٿي مَرندي وڃي.
    (5)
    اسڪول کان بنا ٻارڙا،
    اُس تي پڙهن ويچارڙا،
    ڪي ڀورڙا ڪي ڪارڙا،
    کائي صُبح جو کارڙا،
    پيادل هلن اسڪول ڏي،
    سڀ پيا سڙن اسڪول ڏي،
    ڌرتي مٿان تپندي وڃي،
    تعليم ٿي مَرندي وڃي.
    (6)
    سي فَنڊَ سَڀ روڙي ويا،
    اَفسر مٿان لوڙهي ويا،
    ٻيڙو سَڄو ٻوڙي ويا،
    رڪارڊ ئي ٽوڙي ويا،
    نه ڏنائون رپيو اسڪول ۾،
    ڪرسي نه هِڪ شيڊول ۾،
    بُک ٿي صفا چرندي وڃي،
    تعليم ٿي مَرندي وڃي.
    (7)
    پنهنجو جي زنده نام ڪيو،
    تعليم تي ڪجهه ڪام ڪيو،
    تعليم نه نيلام ڪيو،
    تعليم کي پَر عام ڪيو،
    مسڪين ڀي پڙهندو رهي،
    مسڪين ڀي چڙهندو رهي،
    دل ٿي ايئن چوندي وڃي،
    تعليم ٿي مَرندي وڃي.

    (8)
    ’لقمان‘ پڙهي هي لعل ٿين،
    پو قوم جي ڪا ڍال ٿين،
    هن سِنڌ جا رکوال ٿين،
    محبت سان مالا مال ٿين،
    شيطان نه ته شملو ڪندو،
    هيڻو ڏِسي حملو ڪندو،
    اڄ باهه ٿي ٻرندي وڃي،
    تعليم ٿي مَرندي وڃي،
    تعليم ٿي مَرندي وڃي.


    10. سگهڙ ڪچهري (ڪلام فقير هدايت علي رڏ)

    فقير صاحب جو هيءُ ڪتاب نيشنل بُڪ فائونڊيشن، اسلام آباد 2012ع ۾ ڇپرايو، جيڪو سندس فرزند سگهڙ حسين بخش رڏ سهيڙيو آهي. 285 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي نظرثاني ممتاز بخاريءَ ڪئي آهي. ڪتاب نالي واري سياستدان ۽ هن وقت قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي نانءِ ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو ديباچو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عقيدت جا ٻه لفظ محمد ابراهيم جوئي، مهاڳ عبدالله ورياهه، سنڌ جي لوڪ ادب ۾ سگهڙ روايت ممتاز بخاريءَ ۽ فقير هدايت عليءَ جي زندگيءَ جو احوال حسين بخش رڏ لکيوآهي. ڪتاب ۾ سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪي ڪلام به شامل ڪيو ويو آهي، حمد ۽ ثنا، سينگار، مناجات، معجزا، ٽيهه اکريون، پهاڪا، هنر بيت، ڳجهارتون وغيره شامل ڪيون ويون آهن. ڪتاب مان چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو؛
    سينگار
    چار چلنت
    سپ نه سرها ٿين هي اليهر عنبر واسيا
    جي ڇمان ڪجل ڪانيون ته مرگهان من موهين
    سرو قد سپرين ڪيهر سونهن سرين
    گل بدن جي گام ڪنجل ڪر نه ڀرين
    سهڻي سونهن سندين، پکي پڃرن ۾ وڌا
    چار اڏنت
    ڪلنگ ڪنٺ ڪٿين ناس ته ڪڪيهل
    پريان پيشاني پنرو ۽ ڇاتي مور مثل
    سرخي رنگ رتا پٻ سي پاريهل
    محبن ماڪ مهل گيتن سان گل چونڊيا
    چار ڦول (گل)
    گل لالا جيئن لب گلابي ڪليان
    ڌاوا دست لڪيران وانگ عباسي تليان
    چمن چُڻ هڻ ول ڦل چاوڻ ڄليان

    چار ڦل (ميوا)
    رخ سيب سڄڻان دانت اناري هون
    ڇاتي گج پناهه اندر زيب گهڻو زيتون
    مُنگ ڦليان محبوبن چيچان چڱيون چون
    اڳ ڏٺو مون نه ههڙو رنگ هدايت علي چوي

    چوڻيءَ ۾ سورهن سينگار جا وصب
    ناٿ ڪَڪَهيل سهه گلو ڪوئل ٻولان پٻ پاريهل پار
    ترنگ تيلير مرگهه نينان ڪيهر ڪمري هلتان ڪنجل ڍار
    خيرا ابرو جو ڦل گلان لب لال ناخن ڄڻ عباسي قطار
    ڏند ڏاڙهون سيب ٺوڊي ليمن جوڙو انجير اڊي اظهار
    اهڙي ئي آچار ٿا سورهن ڳڻجن سينگار
    اهي ڏت ڪيا ڏاتار حسينن ساڻ هدايت علي چئي.

    ڏور بيت ۾ بلوچڪي لفظ
    ڪلئو ڏنائين ڪامل کي ڄڻ گم ٿيل هيس گوخ
    ڀٽڪي پيو ڀلي سان جيئن ڳالهايائين گند گنوخ
    اڪن جهڙي آبادي ڪندو هيو رات توڙي رئوخ
    پرينءَ پوکيس پوک، هيرن جهڙي هدايت علي چئي
    بيت جي مراد: هرڻيءَ جوماري حضور پاڪ ﷺ کان هرڻيءَ بابت پڇا ڪري پيو پر پاڻ ڪريم ﷺ جن چيس ته هرڻيءَ جو آءٌ ضامن آهيان هرڻي ايندي، هرڻي آئي ماري معجزو ڏسي مسلمان ٿيو.
    لفظن جي معنى ڪلئو=ووڙ، گوک= ڳئون، گنوک= چريو، رئوخ= ڏينهن.
    سائين نازڪ ويا آهن نار تي اها ڪيائين ڪهاڻي
    ڳڻن ڀريو ڳالهه کي ويو صفا سڃاڻي
    انهيءَ جاءِ جانب ويو جت منزل هيائون ماڻي
    گل کنيا گوهر اگهي رهبر جي راڻي
    ٿي صحن سرهاڻي، هوت مهابي هدايت علي چئي
    بيت جي مراد: حضرت جابر انصاريءَ جي دعوت تي جڏهن حضور پاڪ ﷺ آيو ته پٽ جابر جا مري ويا هئا ڳالهه گهڻي آهي پر مختصر طرح نبي پاڪ ﷺ نينگرن جي گهر ڪئي ته مون سان گڏ طعام کائن. جابر چيو ته راند تي ويا آهن. نبي پاڪ ﷺ رب جي حڪم سان دعا گهري ته جابر انصاريءَ جا پٽ زندهه ٿيا.


    11. سچ ۽ سونهن، وريام ورونهن (وريام فقير شيخ جو ڪتاب)

    وريام فقير شيخ به سنڌ جي مشهور سگهڙن منجهان آهي. سندس اصل نالو وريام علي والهيار شيخ آهي، پاڻ ضلعي جيڪب آباد جي ڳوٺ خان محمد ڏاهاڻيءَ سان لاڳاپو رکي ٿو. سندس ڪتاب ”سچ ۽ سونهن، وريام ورونهن“ 1996ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ حمد ۽ ثنا جي شاعريءَ سان گڏ ٽيهه اکريون، ڏور بيت، ست سريون، مناظرا، واقعاتي شعر، سينگار بيت ۽ ٻيو ڪلام موجود آهي.
    وريام شيخ بابت مختيار احمد ملاح لکي ٿو ته”وريام شيخ جي ڪلام ۾ رب سائينءَ جي ثنا، محمدﷺ جي تعريف، ملڪي سياسي، سماجي حالتون، عوامي امنگون بهترين نموني پيش ٿيل آهن، خدا تعالى جي ساراهه هيئن ڪئي اٿائين:
    ساراهيان سچو ڌڻي، جيڪو ڏيهن جو ڏاتار،
    جنهن جوڙي جهان جي، ڪُن چئي ڪلتار،
    پهريون پيدا پرور ڪيو،نور نبيءَ جو نروار،
    عشق احمد ڄام جي ۾، جوڙيائين هيءُ جنسار،
    (ڪتاب: ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ڪاٺياواڙ بڪ اسٽورز، ڪراچي، 2006ع)


    12. ديس وسي ديدار اسان جو (ديدار علي سيال جو ڪتاب)

    هيءُ ڪتاب سگهڙ فقير ديدار علي سيال جي لوڪ شاعريءَ تي ٻڌل آهي، جيڪو آڪاش عاجز لاشاريءَ ترتيب ڏنو. ان کي حُسين پبلشرز شاهه پنجو سلطان تعلقي ميهڙ ضلعي دادوءَ سال 2002ع ۾ ڇپرايو. ڪتاب جي پهرئين صفحي يعني Inner title واري تفصيل بدران اُها دعا ڏني وئي آهي، جنهن مان ڪتاب جو نالو ” ديس وسي ديدار اسان جو“ کنيو ويو آهي. دعا جو آخري بند آهي؛
    ٿئي ملڪ هي ميگهه ملهار اسان جو
    ديس وسي ديدار اسان جو
    ڪتاب جا حق ۽ واسطا سگهڙ وٽ سوگها ٿيل آهن. ان کان پوءِ ڪتاب سُگهڙ ۽ پوليس عملدار مير نوتڪ خان بلوچ کي ارپيو ويو آهي، مير نوتڪ لاءِ شاهه سائينءَ جو هيٺيون بيت به لکيو ويو آهي؛
    الله ٻه نه مرن، هڪ سورهيه ٻيو ڏاتار
    هيءُ ڪُڏي وڃي ڪٽڪ وڙهي، هو اڙين جو آڌار
    توڙي مٿن بارُ، ته به ٻانهون ڏين ٻين کي.
    192 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جو مُهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته؛ ”سگهڙ فقير ديدار علي سيال هن ڪتاب ۾ پنهنجو پورهيو پيش ڪيو آهي، جيڪو اميد ته هر هڪ پڙهندڙ کي موهي مات ڪندو. جڏهن ته سُگهڙ فقير محمد ملوڪ عباسيءَ جي شاگردن سان منهنجو پراڻي دور کان تعلق رهيو آهي، انهن ۾ هن سُگهڙ پنهنجيءَ جوانيءَ ۾ جيڪي سگهڙائپ کي سجائڻ جا جتن ڪيا آهن شايد ڪنهن ٻئي نه ڪيا هُجن. سُگهڙ فقير ديدار عليءَ کي ڏسي پهريان ته مون اوپرائپ محسوس ڪئي پرهن جي ثقافتي ٻول کي ٻُڌي محسوس ڪيم ته لعل لِڏِ ۾ ناهي لڪندو، جيئن سندس ئي شعر آهي ته؛
    تارن جي ڪشف ڪيڏي هُجي روشني مگر
    انهن ۾ هو هِلال لڪي نه ٿو سگهي
    ڪوٽ جي وَٽِ ۾ جي سج کي واڙجي
    اهو لِڏِ جي اندر لعل لِڪي نه ٿو سگهي.
    (ص: 07)
    فقير ديدار سيال جي شخصيت ۽ فن جي باري ۾ مير نوتڪ خان بلوچ، احمد خان سُهاڳ، سيد صالح محمد شاهه، فدا حسين بلوچ، حاجي رحيم بخش قريشي، غلام علي سيال، ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير، غلام رسول قريشي، سگهڙ ممتاز علي سيال ۽ آڪاش عاجز لاشاريءَ جا ويچار به شامل آهن.
    فقير صاحب کي سگهڙائپ سان جنون جي حد تائين لڳاءُ هو. ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ وٽس پئسا نه هئا. يارن، دوستن ۽ مٽن مائٽن کان مدد گهريائين پر ڪٿان به ڪو آسرو نه ڏسي پنهنجا پلاٽ وڪڻي نيٺ ڪتاب ڇپرايائين. ڪتاب ڇهن بابن تي ٻڌل آهي؛ 1. حمد و ثنا، صفات ۽ مناقبت اولياء، 2. منهنجي سائين جا سينگار، 3. محبت جا موتي، 4. سر سهڻي، 5. معاشري جو منظر، 6. ڪافيون ۽ عشقيه ڪلام.
    سندس ان ڪتاب مان چونڊ حاضر آهي؛
    ڪراچيءَ جو سير (سرائڪي)
    ٿلهه: آ ته ڪراچي سير ڪراوئين گُل برق باغيچا گهماوئين
    ٽردي ڦردي يار منهوڙا تي هلون
    ڪلفٽن دي لڳ عبدالله شاهه هي، آوڻ وڃڻ دي اسان ڏي راهي
    پير فقير به اُتهين پئي آون، سڀ ڪنهن دي پيا عرض اگهاوي
    سُور به اُتهين سڀئي سليسُون، پڙ اُهين تي جهوليان جهليسون
    ٽردي ڦردي يار منهوڙا تي هلون
    قائداعظم دي مزار به ڏيکين، صدر والي تون بازار به ڏيکين
    سفاري پارڪ وچ ساهي چائيسُون، گلڙيان دي گلزار به ڏيکين
    دير نه ڪا دلدار ڪريسون، اپڻي الڳ بس ڪار ڪريسون
    ٽر دي ڦردي يار منهوڙا تي هلون
    پڪل ڪباب ۽ گوشت به کاسون، چڪن برياني روسٽ به کاسون
    دعوت هئي ”ديدار علي“ دي، ماکيان مکڻ ٻهه دوست به کاسون
    رات دا روح رهاڻ ڪريسون، سينا سڄڻ سُرهاڻ ڪريسون
    ٽر دي ڦردي يار منهوڙا تي هلون

    ڪافي
    ٿلهه: کلي نيڻ کڻندين ته شعلا شم ٿي پوندا
    بتيون لائٽ بجليون بلب ڊم ٿي پوندا

    محبوبن ۾ مٺڙا تون مُبين آهين
    سهڻن سڀن ۾ تون حسين آهين
    تنهنجي مرڪ سامهون گولا گُم ٿي پوندا

    ڪيئي مست ٿي پيا چريا چور توتي
    لکيا شعر مون به مٺا مور توتي
    ڪيان وڻ قلم ته به ڪلئي ڪم ٿي پوندا

    تنهنجي سونهن سڀني مٿاهون سالار آ
    اسان لاءِ ته ڪافي اوهان جو ”ديدار“ آ
    نظارا پسي سڀ تارا تم ٿي پوندا
    _________________________________________________________
    ريل گاڏي خوشحال خان خٽڪ
    ڏني حڪومت آ رَيل، جنهن ۾ وڏو آهي ويل
    جائي پائي جهڙو جَيل، جنهن جو پورو ناهي تيل
    تنهن سار نه سڀال، اها خٽڪ ٿئي خوشحال

    جنهن ۾ بلب بي شمار، نٿا ٻرن هُو ٻيهار
    وڏو پکن جو آزار، هُتي ٻاڪارين پيا ٻار
    پوڙها پاهه ٿيا پلال، اِها خٽڪ ٿئي خوشحال

    هَر هَر ٿئي بند، چڪي پيو سَنڌ سَنڌ
    نڪو نبيري پئي پنڌ، اسان گاڏيءَ اندر بند
    ڄڻ انب آهيون پال، اها خٽڪ ٿئي خوشحال

    ماڻهون ماندا پيا مرن، ٿورو ٿڪو جي سُرن
    هڪ ٻئي تَي پيا ڪِرن، وڏا دڌڪا دَرَنَ
    ڄَڻ ڌُم هُئي ڌمال، اها خٽڪ ٿئي خوشحال

    اتي ڪُڇي ڀلا ڪير، سارو سنڌڙيءَ سان وَير
    رکي ويٺو آهي غير، ڏسو ڪيڏو آ انڌير
    ڪنهن جي ڳري نٿي دال، اها خٽڪ ٿئي خوشحال

    ٻيو ته سپاهن جي سَوڙ، وڏو گاڏيءَ اندر گوڙ
    انهن ادن کي به لوڙ، رڳو پئسن پويان ڊوڙ
    ٻاريون وتن ٻائيتال، اها خٽڪ ٿئي خوشحال

    وري پهتو وڏو رئيس، اڇي ورديءَ جو لبيس
    جٿان موقعو پيو مليس، پئسا وٺي چوي يَيس
    تنهن سان ڪٺي ٻه دلال، اِها خٽڪ ٿئي خوشحال

    رڳو وسل جو هُس وارو، وڏو هلي پيو هاڪارو
    اچي پهتي آ پيٽاري، مٿان ڏينهن وارو تارو
    ڪيو ظاهر ذوالجلال، اها خٽڪ ٿئي خوشحال

    ڪنهن جي ڪِري ڏسو ڏاڏي، ڪنهن کوڙي وڃي کاڏي
    اهي سفر ۾ ها ساڏي، جهڙي گڏهَه تهڙي گاڏي
    هُيو ظاهر يار زوال، اها خٽڪ ٿئي خوشحال

    وڏي ٻَيڪَ مٿان ٻَيڪَ، پيو چانهه وٺو ڪيڪ
    وَري دوا ڪري پَيڪ، چڙهيا گاڏي اندر نيڪ
    ڦُري ماڻهو ڪيئون ملال، اها خٽڪ ٿئي خوشحال

    لکي ڪهڙو ڪردار، ڀلا ”سيال“، هي ”ديدار“
    والي واهر ڪائي وار، لهُه سنڌڙيءَ جي سار
    توکي واسطو لڄ پال، اها خٽڪ ٿئي خوشحال


    13. وڳڻ جا ويچار (لوڪ ادب شاعري) حاجي علي نواز وڳڻ جو ڪتاب

    سگهڙ فقير حاجي علي نواز وڳڻ جو هيءُ ڪتاب سگهڙ شاعر محمد ايوب واهوچي ترتيب ڏنو، جيڪو 2006ع ۾ حاجي صاحب جي فرزند ارجمند فقير احمد ”مدني“ وڳڻ پاران شايع ڪرايو ويو. 380 صفحن کان مٿي هن ڪتاب جو مختصر مُهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. بلوچ صاحب لکي ٿو ته، ”سُگهڙ“ حاجي علي نواز وڳڻ پنهنجيءَ سگهڙ پائيءَ جو خزانو هن ڪتاب ”وڳڻ جا ويچار“ ۾ محفوظ ڪيو آهي. ٻين جنسن سان گڏ خاص طرح ”سينگار شاعري“ ۾ چيل بيت معنى وارا ۽ معياري آهن. سرائيڪي ٻوليءَ ۾ چيل سندس سينگار به ٻوليءَ جي لحاظ سان معياري آهن.“ (ص- 11)
    ان کانسواءِ سيد صالح محمد شاهه، آغا نور محمد پٺاڻ، حاجي نصر الله وڳڻ، جان محمد ”جاني“ بروهي ۽ محمد ايوب واهوچي جا ويچار به شامل آهن. سائين صالح محمد شاهه پنهنجيءَ لکڻيءَ ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته ”پي ٽي ويءَ تي سندس ڪچهريءَ ۾ ايندڙ سگهڙن مان ويهارو کن سگهڙن جا ڪتاب سندس سامهون اچي چُڪا آهن.“ ڪتاب جي شروع ۾ حاجي علي نواز جي مرشد مخدوم جيئل شاهه جيلاني، سردار محمد مٺل خان وڳڻ ۽ ٻين جون رنگين تصويرون به ڏنل آهن. سگهڙ جي تعارف سان گڏ وڳڻ قبيلي بابت پڻ ڄاڻ ڏني وئي آهي. لوڪ شاعريءَ جا سمورا وکر ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. جهڙوڪ: حمد ۽ ثنا جا بيت، مولود، ڏهس، منقبت، ڳجهارت، ڏور بيت، هنر، پهاڪا، فارسي بيت، آجيان جا بيت، اوطاق جا بيت، ڪانگل جا بيت، مناظرو، سنڌ نامو، ڪافيون، وائيون، اردو نعت ۽ سرائڪي بيت، عشقيه داستان بيت ۽ قضيي ڪربلا بابت بيت وغيره.
    هتي منقبت غوثيه ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مان ۾ لکيل شعر ڏجي ٿو؛
    منقبت غوثيه
    ٿلهه: پير پيران غوث اعظم بادشاهي بينظير،
    ڪر مدد آ مهربان در ماندگان يا دستگير.
    (1)
    راز آ توتي رباني، ڪُل ولئين جا ولي،
    سچ سراپا ذات تنهنجي، آن تو اولادي علي،
    اي خدا جا دادلا، تون تار ٻيڙو پار سير.
    (2)
    باني بغداد وارا، عرض سڻ عاجز سندو،
    حال آ هيڻو ٿيو، بڻيو نفس آ منهنجو مندو،
    سور ٿو ڏاڍا سهان، ڪا ڪر عنايت اي امير.
    (3)
    خير آ خيرالورا جيلاني تنهنجو جاءِ بجاءِ،
    فيضڙو ڪو ڏيو فقيرن هاڪ تنهنجي آ هاءِ هاءِ،
    مهر ڪر ماهي لقا تون، ٿو وهانيان نيڻ نير.
    (4)
    ڏي ”وڳڻ“ کي ونڊ والي ڀرجهلا جهوليون ڀري،
    روز ٿو سارئي هي سائل آنهون ڀري دانهون ڪري،
    ”علي نواز“ جو ٿي عرض سائين، ڪر فضل ڦيرو فقير.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مان ۾
    لکي لکان ڪيترا اديبن عنوان
    سنڌي ماڻهو سهڻا سنڌي جوڌا جوان
    پارک ٻوليءَ پنهنجيءَ جا هن سرس ڪيا سبحان
    سخي سالک سيبتا هن اسان وٽ انسان
    باني ڊاڪٽر بلوچ جا مان ڇاڇا لکان مان
    عاقل هو علم کي خوب ڄاڻن ٿا خان
    سهيڙي اکر سماج کي هن دودي ڏنا دان
    نبي بخش جا نروار هن اسان تي احسان
    صاحب آهن سرخرو جيئندا منجهه جهان
    بخرو هلندو بلوچ جو صدين تائين سامان
    تعظيم ڪيو تنهن تونگر جي آ عزت اعلى آن
    ڀٽائي گهوٽ لطيف جا ٿئين شعر پروڙيا شان
    ڪونڌر ڇڏي آ ڪانه، ڪا وڳڻ سِٽ ويچار لئه
    ڪتاب ۾ صورتخطيءَ جون ڪٿي ڪٿي ڪي غلطيون رهجي ويون آهن، جن کي درست ڪرڻ جي ضرورت هئي. مثال : کالي (خالي)، هاجي (حاجي)، قل (ڪل) وغيره.


    14. گفتا گُل محمد جا (گل محمد غازيءَ جو ڪتاب)

    گل محمد غازيءَ لُهُر جو (160) صفحن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب دادرس پبلشرز ڪراچيءَ 2011ع ۾ ڇپرايو آهي، جنهن جي نگراني آغا نور محمد پٺاڻ ڪئي آهي. انجينيئر شنڪر لال، غلام شبير مغيري ايڊووڪيٽ، علي حسن مغيري ايڊووڪيٽ ۽ بيدل مسرور پنهنجا ويچار لکيا آهن. بيدل صاحب لکي ٿو ته: ”هونءَ ته گل محمد غازيءَ جي سموري ڪلام ۾ ترنم ۽ وزن، رواني ۽ خيال کي پيش ڪرڻ جو پڪو ۽ پختو اسلوب آهي پر ان کان وڌيڪ سندس سرائيڪي زبان لاءِ نه صرف محبت آهي پرسرائيڪيءَ ۾ ڪلام لکندي سندن درد جون ڌنڌڙيون لڳي وينديون آهن.“ (ص- 19)
    گل محمد غازيءَ جي ڪلام جو هيءُ ٽيون ڪتاب آهي، جنهن ۾ حمد ۽ ثنا جي شعرن کان پوءِ ڏهس، سينگار، هُنر، ست سري، ڏور، ڏٺ، گرو چيلي ۽ ٻين موضوعن تي بيت آهن. سندس ان ڪتاب مان نموني لاءِ ڪجهه ڏور بيت ڏجن ٿا:
    ڏور
    مان سڀ سمجهان ٿو محب مٺا مير
    تون موسى ناهين پانهه سهڻا پير
    پرين تنهنجي پريءَ جي آ اڳين کي اڪير
    هوت سان اها هير گڏ هئي ”گل محمد“ جي
    مراد: معراج تي حضور ڪريمﷺ سان جُتي گڏ هئي. الله سائينءَ چيس ته محبوب جتي نه لاهه تون موسى ناهين تون مصطفى آهين.
    ڏي ها نه وٺي ها جي پرين نه هجي ها پاڻ
    اها ته اصل کان ڄاڻوءَ کي هئي ڄاڻ
    شاباس آ انهيءَ جي ڇاتيءَ کي جنهن سَهي ڪئي سڃاڻ
    پوءِ محبت سندا اماڻ، مليس گهوٽ وٽان ”گل محمد“ چئي.
    مراد: محسن ڪونئرو جهلي بيٺو هو نبي سائين آيو ته ديدار به ڪيائين ۽ ڪوئنرو به ڏنائينس.
    دل ۾ آهي دلبر صاف سچائي
    ٻن ٽن جي ٻهڳڻ آهي گوهر گهٽتائي
    پوءِ پوري ڪبي پرين ڪامل اها ڪمائي
    باقي هي اجائي گوڙ ڪن ٿا ”گل محمد“ چئي
    مراد: اصحابي دعا کان اڳي جماعت کان اٿي ويندو هو ۽ ٻير ميڙي ڪافر کي ڏيندو هو...
    دشمن سان دوستي ائين نه جڙي انگ
    جي واري ڇڏي ها واٽ تي دُرُس نه ڏسي ها دنگ
    پاڻ سهايائين پنهنجي مٿان انهيءَ مهل اڙٻنگ
    سرهو ٿيو سنگ، گهوٽ اڳيان ”گل محمد“ چئي.
    مراد: پاڻي پٿر کي ٻوڙي ها پر پٿر نبي سائينءَ وٽ تري آيو ۽ ان ڪلمو پڙهيو...
    مالڪ مڙني تي بيحد رکيو بار
    ڪي قربدار قانون مطابق ڪن ٿا اها ڪار
    پانهه پري سان عمدو ڪيو آچار
    جيئن وارث ڪيو وهنوار گفتار ٻڌايو ”گل محمد“ چئي.
    مراد: جيئن امام حسين رضه ڪربلا ۾ سجدو ڏيئي نماز قائم ڪئي ائين ڪير ڪري.
    پرين جي پارس تي گوهر ڏنا گل
    ڪم اهو ڪامل ڪيو ماڳ ان مهل
    لهي ويا لحظي ۾ ڀولا اهي ڀل
    اهي شهاڻا شغل، اتي گهڻن ڏٺا ”گل محمد“ چئي.
    مراد: ڪعبي ۾ علي سائين کي نبي سائينءَ پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ بت ڀڃي ڇڏيائين.
    ڏٺ پرولي
    عجب ڏٺم اکين سان هڪ سهڻي سواري
    نه ڍُڪ وٺي ڊيزل جو نه پيٽرول گهري پياري
    اسٽاپ اٿس الاهي ريل ناهي لاري
    اچڻ وڃڻ جاري، اٿس گهڙيءَ گهڙيءَ ”گل محمد“ چئي.
    ڀڃڻي: اها لفٽ آهي جنهن تي ماڻهو چڙهي هيٺ مٿي ايندا آهن.
    ڏٺ پرولي
    هڪ گهر ۾ گڏ ڏٺم ٻِٽُ ڄڻيون ٻيئي
    هڪ اچي هڪدم قيد ڪري ڪيئي
    ٻي اچي آزاد ڪري ثابت سڀيئي
    ساهيڙيون سيئي، گڏ رهن ٿيون ”گل محمد“ چئي.
    ڀڃڻي: ٽريفڪ جون ڳاڙهيون ۽ سايون بتيون.
    سرائتي ڳجهارت: ڪر نالي ۾ ڪاسب ڪو.
    ڀڃڻي: نالو ڀنڀو ڪا سب ڪو جنڊ آهڙو.
    سسئيءَ کان جڏهن ڏير پنهل کڻي ويا تڏهن سرتيون چونس پيون ته ڪر ڀنڀور ۾ آهوڙو ته پير ڪاڏي ويا.
    ڳجهارت: ادا عمر منهنجا مارو حاڪماڻا ٿي. عُضبي جي نه ڪر تن سان.
    ڀڃڻي: حاڪماڻا سپاهي عضبي جي چاٽ،
    مارئي عمر کي چوي ٿي: ادا عمر منهنجا مارو سپاهي ٿي. يعني غريب اچاٽ نه ڪر تن سان.


    15. رهاڻ رحمت الله جي (رحمت الله عباسيءَ جو ڪتاب)

    سگهڙ رحمت الله عباسيءَ جي شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب احمد خان سهاڳ ۽ سگهڙ حسين بخش رڏ ترتيب ڏنو آهي، جيڪو 2006ع ۾ رابيل پرنٽنگ پريس موري شايع ڪيو. ضلعي نوشهري فيروز سان تعلق رکندڙ سگهڙ رحمت الله جي ڪتاب ڇپرائڻ ۾ محترم سڪندر علي خان خشڪ وڏي مدد ڪئي، جيڪو ان وقت ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڊي- او روينيو هو. ڪتاب جو مُهاڳ احمد خان سهاڳ ڏاڍي تفصيل سان لکيو آهي، جنهن ۾ هُن لوڪ ادب جي شعري صنفن جو تعارف پڻ ڏنو آهي. حسين بخش رڏ ”دل جو در ياهه ماڻهو“ جي عنوان سان سُگهڙ جي ڪم ۽ سلوڪ کي واکاڻيو آهي. هو لکي ٿو ته ”اميد آهي ته هيءُ ڪتاب رهاڻ رحمت الله جي پڙهندڙن کي وڌيڪ ڄاڻ ڏيندو. اسان جي سنڌ جي سگهڙن ڪتابي ڪم ۾ گهڻو اضافو آندو آهي. ڪم از ڪم هن کان اڳ سگهڙن جا پنجويهه ڇويهه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.“...
    سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر، سڪندر خشڪ، ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ، صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙي، سيد حسين شاهه صوفاڻي، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، گل مورو ۽ غلام رضا مهر به ڪتاب ۽ سگهڙ بابت ويچار ونڊيا آهن. ڪتاب ۾ يادگار تصويرون پڻ ڏنل آهن. ڪتاب جا ٻه سئو کان وڌيڪ صفحا آهن. ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي صورتخطيءَ جون چڪون به ملن ٿيون.
    لوڪ ادب جي مذهبي صنفن سان گڏ مناظرا، ٽيهه اکريون، سينگار، ڪافيون، ڳجهارتون، گرو چيلو وغيره ڏنو اٿائين. هو ڏهس کان اڳتي ويهيس ۽ ٽيهس تائين به پهتو آهي: مثال لاءِ هتي سندس سينگار جي بيتن مان ڏهس، ويهس، ٽيهس ۽ چاليهس ڏجي ٿو:

    چاليهس (نالا وارن جا)
    زلف ڪارا ڪاڪل قهري ڇا هوءِ مينڍا منگ،
    ڪچ ڪٽونب ريڍان قطط گهنڊيدار گيسو گنگ،
    ڪيچ ترنگ تلوار ڪي ڪرال ڪيس وجهن ونگ،
    ڇتا ڄنڊڙا ريکن ويشان ڍول نرالا ڍنگ،
    چونڊا ٻونگر ڪڪر ڪتت اگ بال ڀنڀا انگ،
    جميعته المڪت هيئنر بج ٻيهر هڻڻ ٻنگ،
    چرنن جي چاهه تي پوءِ چري پيا چنگ،
    ونگڙا ويڙهيل گهنڊڙا گهائن سر تي سونا سنگ،
    سياهي نه پڄي سنسار جي ڏين ڏيکاري ڏنگ،
    رحمت الله چئي رنگ، ٻيا اصل نه ڏٺم عباسي چئي.

    ويهس بيت (ويهه نالا اکين جا)
    اکين الري عاشقن جي ڪيا سيني تي سٽڪا،
    آئيز استر نئيتر ڊيلا نه گهورن ڪئي گهٽڪا،
    نين ديدون نيڻ تارا ڪيالوچن درگ لٽڪا،
    اڳيان اگ چتر چڪس ڪئي چشم دل چٽڪا،
    خوندر گيهه بهر ڇم جي مور نه ڪوئي مٽڪا،
    ڪجليون ڪيف ڪڪوريون ٿيون ڪهي ڪن ڪٽڪا،
    ڪڙڪيا ڪان ڪارين جا پئي جهري دل جهٽڪا،
    خنجر ڀالا خن کوڙي ڪن الاهي سر اٽڪا،
    عين ناکن ناز نهوڙي ڪيا ڀو ڀورين ڀٽڪا،
    بانوري باداميون بلوريون ڪن هينئن ۾ هٽڪا،
    شرميليون شوق شڪار لاءِ ٿيون زوريءَ ڪن زٽڪا،
    چاهه سک چين ڦٽايو پيا ڏيل منهنجي ڏُٽڪا،
    پوش مٿان پاڪائيءَ جو ڪئي خن خجن کٽڪا،
    ڪجل ريءَ ڪهي ويون ملي واهه مون کي وٽڪا،
    ڏاهن چيو ڏهس ۾ مون ڄاڻ ڪهڙي ڄٽڪا،
    اهڙيءَ ريت رحمت الله چئي، ڪيا ٻن اکين ٻٽڪا،
    ناز ڪري نٽڪا، ويون اهڙي انگ عباسي چئي.

    ڏهس بيت وارن تي
    سٽي مانگ سر کنڊ سان جڏهن پاڪ حسن پر ڪيا،
    پدم پيهي ويا پٽ ۾ پئي ڪو هن تي ڪرڪيا،
    ونگ و سيهر وينگس تي ڄڻ واسينگن ورڪيا،
    اليهر تليهر عبرت ۾ پئي سيهر سرڪيا،
    پربت فيل فراق ۾ ٿي فاقعن تي ڦڙڪيا،
    هينڊل مئنڊل حيرت ۾ پئي ڏونگر ۾ ڏرڪيا،
    هاٿي هنجهه حيران ٿيا پئي برن ۾ ڀرڪيا،
    عاشق ال عباسي چئي ترندي سي ترڪيا،
    تاب حسن تجلي کان پئي ڄر انهيءَ ڄرڪيا،
    زيب زهد جو ضد ڪيو ڪئين مين پئي مرڪيا،
    جهور پئي جرڪيا، اهڙي رنگ رحمت الله چئي.

    ويهس (شينهن جو سينگار)
    ڏسي قمر چيلهه قريب جي ٿيو چيٽو شينهن چريو،
    ليس پنچان لڪي ويا اچي ڪيهر پنڌ ڪريو،
    سنگهن ڪار ڌو سڪ ۾ وڃي مزار ات مريو،
    هريک ڪينٽل حجاب کان ٿي ٻيلائي ات ٻريو،
    پينچک ڪنيرا پوئتي ٿيا پئي ٽائيگر پاڻ ٽريو،
    مرگب ببر ماٺ ۾ هو ڏسي ڏيل ڏريو،
    ڪنٽيرا بن راجا قدمن ۾ پيا اچن واٽ وريو،
    ڪٽ قيصر قال ۾ پئي خود ئي خيال کريو،
    راجا سنگها بن رحمت الله چئي پئي پنڊريڪ پنڌ پريو،
    اهڙي بيهڪ بدن جي نه ڪنهن جي ڀيٽ ڀريو،
    سينگار سهڻو سڄڻ جو، پئي ٺهه پهه هانءُ ٺريو،
    سنسار سڀ سريو، ٿيو عاشق ايئن عباسي چئي.

    ٽيهس (ناگن جو )
    زلف سياهه سر سڄڻ جي ڇا ڪاريهر کڻي ڪر،
    سپ سسيهر سرڪي ويا وڃين بشيهر وسايو بر،
    ڀونگ ڀور ڀڄي ويا تليهر ڇڏيو تر،
    سنبڪ مار سوبان ڇا نه ڀڄنگ ڪيو ڀر،
    جو جڪ گيڙوءَ جاءِ مٽائي وئيس ڇڏيو هو ور،
    وسيهر ورڻ ڇڏيو ويو دوش مٽائي در،
    ارڙ واسينگ عباسي چئي ويو جوءِ مٽي جر،
    رپ روءِ مٽي ڇڏي ويو گهٽ مٽائي گهر،
    راجلا حيث رحمت الله چئي ارقم پئي ار،
    مون نالا نانگن جا ڪيا ٽيهس انگ اکر،
    سنسار سڄوئي سر، مٽ نه ٿيو محبوب جو.

    ڏهس (سج جا نالا)
    سج سلامي سڄڻ جو هئي رڀن مٽي رُوءِ،
    شمس سن شڪي ٿيو وئي بان بهاري بُوءِ،
    ڪنبيو سوهو ڪڪرن ۾ ويو جلوو ڇڏي جُوءِ،
    آفتاب رهيو عبرت ۾، مٽي ماڳ مٿي تان موءِ،
    خاور شارڪ کٽي ويو وئي خرشيد هلي کوءِ،
    رات ٿي رحمت الله چئي ٿي هنڌين ماڳين هوءِ،
    صدقي سرور ڄام جي، هيس اولي سندي اوءِ،
    نه ته ساعت ۾ سڙي وڃي ها سورج مٿي سوءِ،
    ڪسر تنهنجي ڪوءِ، اصل نه ٿي عباسي چئي.

    سينگار بيت
    پائي پوشاڪون پدمڻي جڏهن هس ڪڙولا هار،
    هٿين منڊيون ڪنين والا ويڙهه ڪنهين وار،
    ناز نسبيون بينسر بولو جي نٿ پائي نار،
    ٽِڪا ايرنگ نورا ٻانهين جهومڪ سندي جهار،
    ڦل دهري ڪوڪا ڦلي جي ڇير ڪري ڇمڪار،
    لڙهي لڪڙي سنگهر مرڪون چوٽي ڦل چوڌار،
    پٽا سريون پائي پوشاڪون ٿي ملڪان ڪري مار،
    عجب موهي عباسي چئي ٻڍا توڙي ٻار،
    کڻي هٿ هزار ٿي روز ڪريان رحمت الله چئي.


    16. حرف هيرن جهڙا (حسين بخش رڏ جو ڪتاب)

    لوڪ ادب شاعريءَ جو هيءُ ڪتاب سگهڙ حسين بخش رڏ جي تخليقن تي ٻڌل آهي، جيڪو هُن پاڻ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي، 2003ع ۾شايع ٿيل هيءُ ڪتاب حسين بخش پنهنجي والد فقير هدايت عليءَ کي ارپيو آهي. پنجن بابن تي ٻڌل 244 صفحن واري هن ڪتاب ۾ ڏور، ڳجهارت، هنر، ٽيهه اکريون، بيت، ڪافيون، ڪلام ۽ ٻيا شعر شامل آهن.
    ڪتاب ۾ مختلف اديبن، شاعرن ۽ گهڻ گهرن جا ويچار به شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، صالح محمد شاهه، سمون خان ڀنڀرو، سيد خورشيد احمد شاهه، ڪوثر ٻرڙو، صوفي شاهنواز مهراڻي، اوم پرڪاش، ڊاڪٽر ليلا رام ۽ مير اختر حسين ٽالپر شامل آهن. عام طور سگهڙن پنهنجن ڪتابن جي نالي ۾ پنهنجو نالو به ڳنڍيو آهي، جيئن: موتي مور ملوڪ جا، مهيسر جي مام وغيره پر حسين بخش ان ريت کان هٽي پنهنجي ڪتاب جو نالو رکيو. ان حوالي سان هو لکي ٿو ته؛ ”منهنجي سگهڙائپ يا شاعري سچ پچ ته اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، افسوس ته بابي سائينءَ کان پوريءَ طرح سکي يا پرائي نه سگهيس.
    بس اميد جي جهولي کڻي سدائين الله پاڪ ۽ پنجتن پاڪ جي در تي سوالي هوندو آهيان ته شال اهي هيڻا لفظ قبول پَون. حرف، لفظ، جملا، سِٽون، بيت لکي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ آڻي هڪ دِل پياري دوست وٽ آيس، کيس چيم ته ڪتاب جو نالو ڇا رکان؟ ڪتاب جي نالي لاءِ سندو نالو ڏيڻ واجب نه پيو سمجهان گهڻيءَ صلاح کان پوءِ انهيءَ دوست نالو رکيو ”حرف هيرن جهڙا“ مون کڻي قبول ڪيو، هونئن به ٻين سگهڙن جيئان نالي رکڻ وارو نمونو مون کي پسند ڪونهي، ڇو ته آءٌ اڃان انهيءَ لائق ناهيان جو کڻي چوان ها ته حرف هيرا حسين بخش جا وغيره. باقي صفت ساراه يا لوڪ ادب جي صنفن ۾ چيل بيت يا شعر ۾ حرف آهن اهي سنڌ ڌرتيءَ جي مادري ٻوليءَ سنڌيءَ جا اکر لفظ برابر هيرن جهڙا آهن. ان ڪري انهيءَ نالي تي راضي ٿي پيس.“
    (سگهڙ حسين رڏ جي ڪتاب حرف هيرن جهڙا تان ورتل)
    حسين بخش رڏ ٻين سُگهڙن کان ان حوالي سان به مختلف آهي ته هُن پنهنجن شعرن ۾ ڪتب آندل ڏکين لفظن جي معنى به ڏني آهي، جنهن ڪري سندس شاعري سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿئي ٿي، هتي سندس ڪتاب مان چونڊ ڏجي ٿي؛

    ڏهس بيت اکين تي ڏهه نالا
    چشم ڇم اک آنکهه عينن عين
    دودُڪ درگ خن نيڻ نماڻا نين

    ڏهس بيت وارن تي
    سَن محبوبن کوليا وار خوشبودار،
    زلف زور مٺڙا مور بال بُوءِ بهار،
    معطر موءِ کولي خوشبوءِ ساجن جا سينگار،
    ڪاڪل ڪارا حُسن وارا وينجهر جا سي وار،
    گيسوء گوهر گهَرا مِلي گُلن کي گلزار،
    ڪنيش ڪارا حسين وارا جي کڻي نيڻ نِهار.
    هي ڏهه نالا ڏهس ۾ وارن جا وينجهار،
    ڪر نه شڪ ڪر تن پڪ ڏس روهڙي بازار،
    انهيءَ حَسين جا حبدار، آهن هزارين حسين بخش چئي.
    لفظن جي معنى : سن =وار ، زلف =وار ، موءِ =وار ، ڪاڪل = وار، گيسوء =وار، ڪنيش=وار، بال = وار
    صفت ساراهه بيت
    (مثالي سينگار بيت ۾ گلن جا نالا آهن)
    ڏسي بهاريون باغن ۾ تون بيوس نه ٿيءُ بُلبُل،
    چري نه ٿيءُ چمن ۾ پسي گهَرا گلابي گُل،
    ڦيريون ڏي نه فراق جون رابيل ڪاڻ نه رُل،
    خوشبودار گلن کي ڪيئن خُوءِ ملي ٻُڌ قصو مون کان ڪُل،
    جڏهن جنسُون جڙيون جهان جون آدم کان به اَوَل،
    قادر ڪم ڪيا پاڻ نوري نور منجهان نِرمل،
    پاڪ پسينو پرين کي ٿيو شبَيهه سان شامل،
    پاڪيزگي پگهر مان پيدا ٿيا عطر عنبر اڻ مُلهه،
    قلزم جي قطرن مان آهي جوڙ ميل جائڦُل،
    عباسي سدائين عشق ۾ موتئي خيري جهڙا موهيل،
    اناري ارگن عنابن جي عجيب کان ونڊ آهي ورتل،
    گازبان گينڊو گل بنوشه شاهترو شامل،
    خبازي خطمي پيار سان پياري اِهو قرب ٿيو ڪانول،
    چندن ڪاٺي چري رهي مشتاقن جيئن مِثل،
    سورج گل سڪ ۾ رهيو آهي محبت ۾ مَرُٽيل،
    ليمن ڏاڙهُن ليسوڙن کي سَواد ڏنو سهڻل،
    ليارن کي به لذت ملي عجب ميٺاج اَمُل،
    زيتون، توت، انب، انار، صوف، ڪيلا ڪُل،
    ناريل، انجير، نارنگيون ٿيا نوريءَ لاءِ نازل،
    ميوات ڪل مِٺي ٿي ٿيا جنت ميوا جَل،
    عطر مُشڪ ڪافور عنبر هي خوشبودار کُليل،
    سرهاڻيون سڀ سُونهن ٿيون مهابي مُرسل،
    هاڻي حيف چوان تنهنجي حال کي تون ڀوري ذات ڀُليل،
    تُنهنجا سدائين حملا سهڻن گلن تي تون بلبل بي عادل،
    گُل ٽُڪين گُلستان ۾ ڪرين دَستا گل داغِيَل،
    جي ڏسين منهنجو محبوب ماهي تون ولهي ويڳاڻل،
    ته بيهاري ڇَڏئي برن ۾ جنهنجو بُستان آهي بَرَسيل،
    هلي وڃ هوت حبيب ڏي، جنهن جي هنڌين ماڳ هڪل،
    ڪر غلامي گوهر جي تون عجيب اڳيان عاقل،
    تون تجلا ڏس تجمل هلي حُسن جا حسين بخش چئي.
    لفظن جي معنى: بلبل = ڀوري، چَمن= باغيچو، پسينو = پگهر ، شبيهه = تصوير، مهانڊو، قلزم = شفا ڏيندڙ پاڻي آب، قطرو، حيف = ميار، گلستان =گلن جو باغيچو، ولهي = بيوَس، بُستان = باغ يا باغيچو، برسيل = آباد ٿيل، عاقل = عقل وارو، تجمل = چمڪندڙ

    سينگار صفاتي
    سُرتيه سالڪ سگهڙ يار عجب طرح جو سڻ سينگار،
    پڙهي صلواتون سَوَ هزار ٻُڌ تون گويا هيءَ گفتار.
    حق حقيقت آهي حقاني، فهمي فِقِر و عاليشاني،
    صورت سهڻي جوڙ رباني، درود پڙهڻ جي آهي درڪار.
    چمڪي چوڏس پاڪ پيشاني گهرا گلالڪ گل ايراني،
    فُوز فاضل نوري نشاني، ثناگر صدقي ٿئي صدبار.
    رنگ گلابي لب لاثاني، دَٿان دلبر جا دُر خشاني،
    بروان بادل تير ڪماني، چشمان چوڏس وڌ چمڪار.
    سَن سهڻا حُسن باني مُوءِ مُشڪا ساڻ روحاني،
    رنگ سُنهري طائوساني مُشڪن مَست ڪيا ڪيئي مَار.
    گيسوءِ گوهر جَهنور جاني، تُندَن تجلي ٿئي رواني،
    مينگهه مثل ڪنگور ڪاني ليل منجهارا ٿيو نِهار.
    مک مهتاب عجب عُنواني باطن نوري ظاهر انساني،
    صورت ڪئي دل ديواني حسين بخش هردم آ حبدار،
    پڙهي صلواتون سَوَ هزار ٻڌ تون گويا هيءَ گفتار.
    لفظن جي معنى: سُرتيه = سُرت وارو، فِقرو= جملو، چوڏس = چوڏهين چنڊ جي رات ، گلالڪ = گوش يا ڪَن، فوز = نڪ مبارڪ، درخشاني = هڪ هيري جو قسم، ليل نهار = رات ڏينهن، بروان = ڀرون، چشمان= اکيون، سَن = وار، موءِ مشڪا = وار ڪارا، گيسوءِ = وار، مينگهه = کنوڻ ڪاري رات ۾، مک مهتاب = مُنهن مبارڪ چنڊ مثل


    17. سلسليوار سگهڙ سماچار (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب)

    سلسليوار سگهڙ سماچار، نوجوان سگهڙ عاجز رحمت الله لاشاري ڄامشوري مان ڪڍندو آهي، ڪڏهن اها اخباري شڪل ۾ هوندي آهي ته ڪڏهن وري رسالي(Magazine) جي شڪل ۾ هوندي آهي. ان جو بنيادي مقصد لوڪ ادب جي واڌ ويجهه ۽ سگهڙن جي ترجماني ڪرڻ آهي. ان جو پهريون شمارو 19 هين نومبر 2005ع تي آيو، جنهن جو نگران اعلى آغا نور محمد پٺاڻ، چيف ايڊيٽر آڪاش ”عاجز“ لاشاري (عاجز رحمت الله لاشاري) ۽ معاون ايڊيٽر ممتاز امين سنياسي هو. مونوگرام جي هيٺان لکيو ويو ته هيءُ پرچو سلات (سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم) پاران بتول پرنٽنگ پريس گاڏي کاتي حيدرآباد مان ڇپائي هيڊ آفيس ڄامشوري مان پڌرو ڪيو ويو. ان جي ايڊيٽوريل جو موضوع هو . ”سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي اپيل...!!“
    سماچار ۾ سگهڙن جا تعارف، تجزيا، سندن ڪلام، مسئلا، ڪچهرين، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن جون رپورٽون ۽ تصويرون وغيره ڏنيون وڃن ٿيون. اڳتي هلي جڏهن هن سماچار رسالي جي صورت ورتي ته ان جي ٽيم ۾ به واڌارو ٿيو ته پاليسيءَ ۾ به ڪجهه تبديلي آندي وئي، سگهڙن جي تنظيم سلات جي ميمبرن بدران ان جو دائرو سنڌ جي سمورن سگهڙن تائين وڌايو ويو. سلات مخفف ته برقرار رهيو پر تنظيم جو نالو مٽايو ويو.
    سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) مان ڦري نالو ٿي ويو: سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تحريڪ (سلات)، جنهن جو سرپرست اعلى در محمد ڪمال صاحب بڻيو، ڪڙي نمبر 3 شماري 2 جو باني چيف عاجز رحمت الله لاشاري، نگران حاجي رحيم بخش قريشي، ايڊيٽر (اعزازي) ايڇ- ايم چانڊيو. معاون ايڊيٽر ممتاز امين سنياسي، ايڊيٽوريل بورڊ ۾ عبداللطيف سولنگي، عرفان علي برفت، رحمان ڏنو مهيسر، نديم عمراڻي، فقير منٺار علي ٻگهيو، صلاحڪاري سٿ ۾ خليل الرحمٰن مهيسر، روشن علي جويو ۽ محمد ايوب جوڻيجو شامل آهن.
    ڪڙي نمبر 5 جلد ٻئي آڪٽوبر/ نومبر 2007ع ۾ سرپرست در محمد ڪمال، ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ممتاز امين سنياسي، باني ۽ ايڊيٽر عاجز رحمت الله لاشاري چيف ايگزيڪٽو ايڊيٽر مير جهانگير لاشاري، انچارج ايڊيٽر رحمان ڏنو مهيسر ۽ معاون ايڊيٽر عبداللطيف سولنگي ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته صلاحڪارن ۾ سليم ڀٽو لطيفي، محمد صالح ميمڻ، خليل الرحمان مهيسر، فقير محمد ابراهيم سومرو ۽ لعل ڏنو شر لکيا ويا آهن.
    ٽيم جي سڀني ميمبرن جو ڪونه ڪو ڪم/حصو ضرور آهي پر بنيادي ڪم عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو آهي،جيڪو هو جاري رکيون پيو اچي.


    18. سنڌ سڄاڻ سُگهڙ ڊائريڪٽري (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب)

    پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس سنڌ جو سرواڻ (ڊائريڪٽر) آغا نور محمد پٺاڻ صاحب ڪيترن ئي سالن کان سُگهڙن لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. هُو سگهڙڻ جي انفرادي ۽ سگهڙ تنظيمن جي اجتماعي سرپرستي ڪندو پيو اچي. سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري به سندس نگرانيءَ ۾ تيار ٿي، جنهن جي مشاورت ۽ ترتيب محمد مٺل جهتيال، ممتاز سنياسي ۽ عاجز رحمت الله لاشاريءَ جي آهي. ڪتاب 2005ع ۾ سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم، آغا علي اڪبر پٺاڻ (چيف ايگزيڪٽو ڪمبائينڊ ٽريول ڪنسلٽنٽس پرائيويٽ لميٽيڊ اسلام آباد) جي سهڪار سان ڇاپيو ويوآهي. ڪتاب جو مهاڳ سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي تڏهوڪي مرڪزي صدر محمد مٺل جهتيال ۽ پنهنجي پاران نوٽ سلات جي جنرل سيڪريٽري عاجز رحمت الله لکيو آهي. فقير محمد امين سنياسيءَ جا ويچار ڏنا ويا آهن.
    192 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ هر سگهڙ جو مختصر تعارف، ڪلام جو نمونو ۽ ڏس پتو ڏنو ويو آهي. گهڻي ڀاڱي تعارف هڪ هڪ صفحي تي ٻڌل آهي.


    19. رنگ رحمت الله جا (لوڪ ادب جي انسائيڪلو پيڊيا) عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ هر جنس جي تفصيلي وصف، تاريخ ۽ جاگرافي وغيره ڏنل آهي. اهي ڪتاب گهڻي ڀاڱي ڌار ڌار هڪ ئي صنف تي لکيل آهن. سگهڙن جي ڪلام جا جيڪي ڪتاب ڇپيا آهن، انهن ۾ مختلف صنفن جي شاعري ته موجود هوندي آهي پر انهن صنفن جو تعارف شامل ناهي هوندو. اهو رواج عام شاعرن جي ڪتابن ۾ به هوندو آهي. اُهي غزل، گيت، وائي وغيره جي وصف ڏيڻ مناسب نه سمجهندا آهن، جنهن ڪري پڙهندڙ صنف بابت ڄاڻ حاصل ڪري نه سگهندو آهي. خاص طور تي نئون نسل. عاجز رحمت الله لاشاريءَ کي ان ڳالهه جو شديد احساس ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هُن لوڪ ادب جي هيءَ انسائيڪلو پيڊيا جوڙي. هُن لوڪ ادب (شاعري) جي مڙني صنفن تي طبع آزمائي ڪري، انهن جي وصف به هن ڪتاب ۾ ڏني آهي. هُن اُهي وصفون ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر سنديلي جي ڪتابن تان کنيون آهن، ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي. هو لکي ٿو ته: ”گهڻو عرصو اڳ مون سگهڙن کي تجويز ڏني هئي ته هڪ اهڙو ڪتاب پيش ڪيو وڃي، جنهن ۾ لوڪ ادب جون سڀئي صنفون شامل هجن ۽ ان قسم جو ڪارائتو ڪم هن سگهڙ عاجز رحمت الله لاشاريءَ ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن جو سهرو سندس ئي سر تي سونهين ٿو. هونءَ هنن نوجوانن جي جوانيءَ سان سنڌي لوڪ ادب جوان ٿيندو.“ (ص: 11)
    ڪتاب جو مقدمو پروفيسر سيد قلندر شاهه لڪياريءَ لکيو آهي. انعام شيخ، در محمد ڪمال، سليم ڀُٽي لطيفيءَ، سيد صالح محمد شاهه ۽ سگهڙ ديدار علي سيال جا ڪتاب ۽ ليکڪ بابت رايا شامل ڪيا ويا آهن.
    176 صفحن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، سنڌ سگهڙلوڪ ادب تنظيم (سلات) جي سهڪار سان 2008ع ۾ شايع ڪرايو آهي. اٺاويهن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ حمد، مولود ۽ مداحون، ٽيهه اکري، هفتو، ٻارهن مهينا، معجزا، سينگار شاعري، ڏهس نامون، مناقبا، ڏور بيت، پهاڪا، هنر، پنجڪا بيت، ڳجهارتون، گرو ۽ چيلو، پرولي، رسالو ڳجهارت، مام پرولي (معما)، جهيڙا يا مناظرا، ست سري، سهرا ڳيچ، لوڪ گيت ، مورو، هاري، ٻاراڻو ادب، قافيون/وائيون، قومي گيت وغيره شامل آهن.
    هتي ڪتاب مان سينگار جا ڪجهه چونڊ بيت ڏجن ٿا:
    سينگار بيت (چپ چپ سان نه ملي)
    اُڳ اليهر کان وڌ سهڻا، سارنگ نيڻ سڄڻ جا آهن،
    رُوءِ ته وهوا راڻل جو آ، سج سوين تنهن آڏو ڇاهن،
    دُر دڇن جي تجلين آڏو، قوس قزح ۽ ڪو رخ ڇاهن،
    گوهر جا ته گلال ڏسي، هت حورون سڄڻ جا سهرا ڳائن،
    ”عاجز“ جهڙا لک ”لاشاري“ سائينءَ جا سگدر ٿا سڏائن.

    عورت جا وصف
    گوريءَ جو سينگار (سرائيڪي)
    حُسن عجائب رنگ نرالا، گوري دا سينگار عجب.
    چمڪار عجب، رفتار عجب، هر گفتي دي گفتار عجب.
    اڳان اليهر وانگي لايا ڏيهه اندر ڏهڪار عجب.
    مُک تي واهه پئي ماگهه ٺهي، ڄڻ تيز تليهر تار عجب.
    جلوه جوت جبين دا وهوا، لايا جنهن جنسار عجب.
    سينک صنم دي واهه جو وڻدي، جوڙي جوڙ جبار عجب.
    نين ڏونهين بيچين ڪرن، هي ڇَمان دي ڇمڪار عجب.
    مجگان دي نل مار ڇڙيندي، نينهن واليان نون نار عجب.
    الف دي نال ڪڪيهل ڪردا، ريسان هي هروار عجب.
    لب لال گلاب ذهب آکان، هي شهد ڪنون وڌ لار عجب.
    دلدار دي در وڄن چمڪن، ڄڻ دهن دي چوڪيدار عجب.
    رخسار هي حسب پڻ بيٺي ڪرماه نون شرمسار عجب.
    زَنَخُ دا ساهه ملن ٿا پئي مستان دي وچ مار عجب.
    هي خمير هڪي صنوبر سل ڪري آهونل تڪرار عجب.
    ڏيکڻ تي، دست دورنگي، ڪردي مرد شڪار عجب.
    دوزان ڪرن حيران انهان وچ، الهه رکيا اسرار عجب.
    سَٽ ڇڙيندي ڪٿ ڪرنگ نون، حُليه حشمتدار عجب.
    ڪونئر انگشتان ٻارنهن ئي ٻهڪن منڊيان بي اختيار عجب.
    هر انگ دي سهڻي رنگ ڏٺم هن ظاهر زينتدار عجب.
    ”عاجز رحمت الله“ ڪري ڪيا شعر اندر شومار عجب.
    هن گوري دي سينگار ڪيهي هي ماهه لقامنٺار عجب.
    رهي نام نشان نه گوري دا، جي محب ڪري مسڪار عجب.

    (عورت جا سجاوٽي سينگار)
    جڏ سهڻي سڀ سينگار ڪري، تان مستن کي ماري.
    واڪا ٿين وهوا جا جي پاڻ صنم سينگاري.
    بئينسر بولو، نٿ، واليون، ۽ جهومڪ جهولاري.
    ڪڙيون، ڪٺمالا، ٻانهونٽا پائي ني بول نهاري.
    دُهري، ٽِڪ چوٽي ڦل ۽ سڳيون سنواري،
    پايل پائي پير ۾، ته دڳ ويندا بيهاري.
    مُنڊيون، ڇلا، بازو بند، ڪن چمڪ چوڌاري.
    پئي جنهن جي ناز انداز تي، نه ڪنهن کي کيڪاري.
    اڃان به اٿس ڪيئي زيوَر، ڪهڙا ڪيان شماري.
    پر جي پسي منهنجي پرينءَ کي، هيءَ گوري هڪ واري.
    ته هار سينگار هڙئي ڇڏي، وڃي وساري.
    انهيءَ مَهل ”عاجز“ چئي، پئي پنهل پناري.


    20. مولود ۽ مداحون (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب)

    لوڪ ادب جي ذخيري ۾ مولود ۽ مداحون به وڏي تعداد ۾شامل ڪيون ويون آهن. مذهبي شاعريءَ واريون صنفون لوڪ ادب جي وصف تي پوريون اچن ٿيون يا نه اهو هڪ الڳ بحث آهي. سُگهڙ عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو هيءُ به سُٺو ڪتاب آهي. جيڪو 2009ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب تي ڇپائيندڙ اداري جو نالو ناهي لکيل ڪتاب ۾ حمد، مولود ۽ مداحون ڏنل آهن. مداحن ۾ شاهه سائين، حاجي غلام نبي مهيسر ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شان ۾ به شعر چيل آهن،
    ڪلام گهڻي ڀاڱي طرزن تي ڏنوويو آهي ته جيئن ڳائڻ ۾ سولو ٿئي، ڪجهه شعرن لاءِ فوٽ نوٽ ۾ تخليق جي تاريخ ۽ لاڳاپيل ڳالهه به لکي وئي آهي.
    طرز تي شعر لکڻ ڪو ڏوهه ته ناهي پر عام گانن جي ڌنن تي خاص ڪري مولود ۽ مداحون نه لکجن ته بهتر. ڇاڪاڻ ته عام گاني جو ٻڌندڙ جي ذهن ۾ هڪ الڳ تاثر هوندو آهي، جڏهن ته حمد، مولود ۽ مداح جي ٻي حيثيت آهي. هن ڪتاب مان مولودن ۽ مداحن جي نامياري شاعر حاجي غلام نبي مهيسر ۽ شهيد راڻيءَ جي ياد ۾ ٺاهيل شاعري ڏجي ٿي؛

    سنڌ جي حيات شاعر ۽ مداحي حاجي غلام نبي مهيسر جي ياد ۾
    طرز: رک محبت محبوبن سان
    محبوب ڪريمَ جو پيارو، ثنا خوان هُو ميهڙ وارو،
    مهيسر، سنڌ جي مداحِيُن جو سرواڻ هو.
    جنهن حمد هزارين ڳايا ۽ شعر لکين پڻ ٺاهيا،
    پڙهي نعت ڪيائين گذارو- مهيسر.
    ٿر ڪاڇو، لاڙ گهميائين، وڃي چائٺ پاڪ چميائين،
    آيو ڏسي نبي سونهارو- مهيسر.
    جنهن ميهڙ پنهنجي تڪ کي، ليمي، جانڻ، عبدالحق کي،
    مشهور ڪيو آ يارو- مهيسر
    ڪو موضوع ڪونه ڇڏيو جنهن، پُٽَ نالي مٺي کي اڏيو جنهن،
    ٿيو بخت انهيءَ جو ڀلارو- مهيسر.
    ٽي درجا پڙهيل سو به اڳ ۾، هئو عشق سندس رَڳ رَڳ ۾،
    رکيو نينهن جنهن هونيارو- مهيسر.
    هيو ڏات ڌڻين ۾ ڏهيسر، چيو هر ڪنهن واهه- مهيسر،
    هو غلام نبيءَ جو ستارو- مهيسر.
    جنهن پهچي پيرين پيادل، وڃي ڏٺو مديني جو مُرسل،
    ٿيو ثناگرن ۾ سوڀارو- مهيسر.
    ڪيئي دعوائون ڪن ٿا پر، وري ٿيڻو ناهي مهيسر،
    سوين شاعر ڪيو شمارو- مهيسر.
    جنهن جي ڏيهه ۾ زندهه ڏات آ، سڏ مُئل نه اڄ به حيات آ،
    هوندو مزار ۾ به متارو- مهيسر.
    چوي ”لاشاري عاجز“ هاڻي، جنهن کي سنڌ سڄي ٿي سڃاڻي،
    هيو لفظن جو هو ادارو- مهيسر.

    سنڌ جي راڻي شهيد بينظير ڀٽو جي ياد ۾
    سنڌ ڄائي، ڏئي جدائي، وئي ڀلاري بينظير،
    ڀيڻ ڀائن کان جدا ٿي، وئي پياري بينظير،
    قهر ڪُوفين جان ڪري هتڙي گُهرايائون به پاڻ،
    ڌاريا ٿيا پنهنجا نه هي، ظلم ڪرايائون به پاڻ،
    سي يزيدي سُک نه ڏسندا عُمر ساري بينظير،
    سر ڏنو سوليءَ تي مُرڪي جنهن جي بابي ذوالفقار ،
    جام حُسيني پي شهيد ٿيو شاهنواز آ شاهڪار،
    ڪئي ٻنهي سان پاڻ آ پرور ستاري بينظير،
    ڏس ڀلا ڪونڌر ڪراچيءَ ۾ ڪٺو ڪيئن مرتضى،
    هَنئين سپاهين سامهون گولي خود ڏٺو هين مرتضى،
    سنڌ سان ٿيا هيڏا هاڃا، زاري زاري بينظير،
    ٿيو هو دشمن ورديءَ وارو منهنجي سهڻيءَ سنڌ جو،
    ڪانءُ ڪارو خوار ٿيو هئو پوئلڳ ديوبند جو،
    پادرن جي تو ڏني هئي جنهن کي خواري بينظير،
    پيءُ ۽ گڏ ڀائرن سان جيئري آهُوءَ جهان ۾،
    آ شهيدن جو هجڻ زنده لکيل قرآن ۾،
    مرتبو تن کي عطا ڪيو آهي باري بينظير،
    ڪربلا کان پوءِ آ تنهنجي شهادت شاندار،
    هُوءَ وفا هُئي دين جي تنهنجو وطن سان هو پيار،
    اڄ به آهن تنهنجي خاطر لڙڪ جاري بينظير،
    ناهيان درٻاري ڪو شاعر، پوءِ خوشامد ڇو ڪيان،
    پر لکڻ تن سُورهن تي فرض آ لکجي عيان،
    درد ڏئي دل کي گهڻا وئي آ ”لاشاري“، بينظير،
    آهي ”عاجز“ کي اهو افسوس دل اندر تمام،
    ٿا ڏسڻ سنڌي گهرن اڄ تنهنجي دشمن جو انجام،
    ڪيس تنهنجي جي نٿي ڇو پوئواري بينظير.


    21. رمزون رحمت الله جون (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب)

    عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو هيءُ ڪتاب 2013ع ۾ آل پاڪستان لاشاري بلوچ ويلفيئر تنظيم، سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم،آواز گروپ لاڙڪاڻي ۽ سنڌ رائيٽر پبليڪيشن باڊهه جي گڏيل سهڪار سان ڇپيو، جنهن جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيوآهي، سگهڙ پائيءَ جي مختلف صنفن تي آڌاريل هن ڪتاب ۾ ليکڪ ۽ ڪتاب بابت مختلف عالمن جهڙوڪ: بيدار مورائي، مولانا محمد ادريس ڏاهري، محمد صفر لاشاري، سيد صالح محمد شاهه، فقير محمد مٺل جهتيال، غلام حسين باجاري ۽ ٻين جا ويچار شامل ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو ته:
    ”هن ڪتاب ۾ هن سگهڙ حمد، نعت، سينگار سان گڏ پاڻ سڳورن جي چئني صحابن متعلق الڳ الڳ اظهار ڪري لوڪ ادب شاعريءَ جي ڪتاب کي چار چنڊ لڳايا آهن. ان کان اڳ معراج نامي ۾ ٽيهه اکريءَ دوران سڄو سفر بيان ڪري سنڌ جي اڳوڻن سگهڙن ۽ شاعرن جي روايت ۽ طبع کي نئين سر قائم ڪيو آهي. هيءُ سگهڙ پنهنجي مرشد جي شان ۾ شعر لکڻ ۾ عام سگهڙ شاعرن کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. هيءُ سگهڙ سنڌ جي عظيم ۽ روحاني اڳواڻ محمد طاهر عباسي عرف سڄڻ سائين مدظله العالي جي عقيدت مندن ۾ سٺو ۽ سهڻو شاعر ثابت ٿيو آهي. منقبت ۾ به شان لکندي هن سگهڙ طريقت کي مدنظر رکي ترتيب وار شعر لکيا آهن. عشق جي داستانن ۾ عام سگهڙ شاعرن ست سريءَ کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. پر هن سگهڙ ان تجنيس کان اڃان به زياده ۽ حقيقي عاشقن جو ذڪر لکي نواڻ پيش ڪئي آهي. ڏور بيت ۾ ابتدا کان وٺي سوا لک ۽ پنجتن پاڪ تي عام سگهڙن بيت لکيا پر هن سگهڙ منقبت ۽ سر سهڻيءَ ۾ ڏور لکي ادب جي تجنيس ۾ اضافو آندو آهي. هن سگهڙ جون نظرون معاشري ۾ کڄڻ تي ڪڙو سچ لکي سچائيءَ جو سچو ثبوت پيش ڪيو آهي. آخر ۾ ڏنل ڪافيون ۽ ڪلام به سهڻي سٽاءَ ۾ سموهيل آهن.
    اڃان نوجوان آهي اميد ته اڳتي هلي سگهڙ پائيءَ توڙي شاعريءَ ۾ وڏي گن وارو ثابت ٿيندو ۽ اڳتي هلي ايندڙ نسل کي اهڙا کوڙ ڪتاب ارپيندو“.
    ڪتاب ۾ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ ۽ ٻين سگهڙن جون تصويرون به ڏنل آهن. ڪتاب جي تيرهين باب ”ڳالهيون ڳڻن وارن جون“ مان امڙ سانئڻ جي شان ۾ لکيل شعر ڏجن ٿا:

    امڙ جا احسان
    ٿلهه: امڙ جا احسان گهڻا هن، ٻُڌ ته توکي ٻڌايان
    لکين ماڻهو دنيا ۾، ليڪن ماءُ جي مٽ نه ڀانيان
    (1)
    ڏکيو تولئه ڏيهه ۾ جاليئين، پيٽ ۾ ڏهه مهينا پاليئين
    سورن ۾ به ته توکي سنڀاليئين ٻچا ٻانهي آهيان
    (2)
    سيجن تي پئي توکي سمهاري، روئين ته کڻي کير پياري
    راتڙيون جاڳي سج اڀاري، توتي نه سهي تايان
    (3)
    توکي بخار بدن ۾ ٿي پئي، امڙ جو آرام ڦٽي پئي
    تون ناخوش ته جيجل جي لئه، سورن گهڙيان سوايان
    (4)
    لٽا تنهنجا خراب به ڌوئي، پائخانو پيشاب به ڌوئي
    چوي ته صدقو ٻچا توکي، پيار ڏئي پرچايان
    (5)
    ڏک ڏٺائين هُئين تون ننڍڙو،آخر پيرين ڪيئي پنڌڙو
    ٻاتڙا ٻول ٻڌي پئي چوي، آءٌ ته گهوري آهيان
    (6)
    توسان جي ڪو ٻار وڙهي پيو، جيجل جو تڏ هنيانءُ ڏري پيو
    مهڙ به توڏي تڏ به تو ڏان، ورنديون ڏيئي ورجايان
    (7)
    لڳين ٿو جڏ صحيح ڳالهائڻ، موڪلي ٿي تعليم پڙهائڻ
    قاري حافظ عالم ٿين شل، توکي پڳ ٻڌايان
    (8)
    ڪنهن ته رکي آس اها ير، منهنجو پٽ ٿيندو آفيسر
    لکين اهڙيون اميدون رکي، دل کي ڏيئي دلجايان
    (9)
    پاس ڪرائي توکي پڙهايو، پو ته ڪري ٿي وهانوَ جو سايو
    گل ٻچي کي گهوٽ بڻائي، پنهنجن مان پرڻايان
    (10)
    وٺي وني جڏ ايندو آن گهر، پوءِ تنهنجي اولاد جو فڪر
    يا رب ٻچو اولادي ڪر، اهي ڪري التجايان
    (11)
    مڃڻو رب رسول بيشڪ، تن کان پوءِ ته ماءُ جو آ حق
    مٺڙي ماءُ جي پيرن هيٺان، جنت جون ٿي جايان
    (12)
    اڄ به سکيا ڏسان ٿو آئون، جن کي جيجل ڪيون دعائون
    دين دنيا ۾ کٽي ويا سي، ٿين سڀ سڻايان
    (13)
    مون کي به ماءُ دعا ڪئي ظاهر، ٿيس شاهه مديني جو شاعر
    نه ته هزار ڪلام مجازي، ٺاهي پيو مان ڳايان
    (14)
    دعا جي صدقي هتڙي هاڻي، ”لاشاريءَ“ کي لوڪ سڃاڻي
    رحمت جا هي کوڙ خزانا، لکي پيو ڇپرايان


    22. رحمت جا خزانا (عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو ڪتاب)

    عاجز رحمت الله لاشاري هڪ سُٺي سگهڙ ۽ محقق هجڻ سان گڏ ديني عالم به آهي. اهو ئي سبب آهي ته لوڪ شاعريءَ جي مذهبي صنفن سان سندس وڌيڪ دلچسپي آهي. هُن مذهبي ڪلام تي ٻڌل ننڍڙا ڪتابڙا ”رحمت جا خزانا“ نالي شايع ڪرايا آهن. ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ”رحمت جا خزانا“ جا ست ڀاڱا شايع ٿي چڪا آهن.
    ڪجهه ڀاڱن جي نظر ثاني نالي واري عالم، اسلام جي مبلغ ۽ قرآن پاڪ جي مفسر علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري طاهر نقشبنديءَ ڪئي اٿس. ان کانسواءِ علم عروض تي مهارت رکندڙ استاد بهادر فقير رند ستين ڀاڱي ۾ سندس رهنمائي ڪئي، جنهن کي اهو حصو ارپيو اٿائين.
    سندس ان ڪتاب ۾ حمد، نعتون، قصيدا، منقبتون، مداحون ۽ ٻيون لوڪ مذهبي صنفون شامل آهن؛ هيءُ مذهبي پرچار ۽ هدايت وارو ڪلام آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ جي دلچسپي به وڌيڪ آهي. ڪتاب جي چوٿين ڀاڱي مان مڙس ۽ زال جي جهيڙي تي ٺهيل شعر نموني خاطر ڏجي ٿو؛
    مڙس ۽ زال جو جهيڙو
    طرز: مهرباني ٻي ته وئي پر منهن ڏيکارڻ کان به وئين

    ٿلهه: غور ڏئي ڪن سان ٻڌو، هيءُ ٿو ڪيان احوال جو
    مون ٻڌو جهيڙو عجب، هڪ نيڪ مڙس ۽ زال جو
    (1)
    ويندي ويندي مان ٻڌي آواز پوءِ بيهي رهيس
    مڙس پنهنجي زال کي ڪجهه گهر اندر ٿي چئي رهيس
    ٿو بيان اڳ ۾ ڪيان مان مرد نيڪ نهال جو
    (2)
    مڙس مائيءَ کي چيو، پهرين ته پردو ڪر ضرور
    ٻيو نمازڻ ٿيءُ نه ٻڌ گانا نه ڪر ايڏو غرور
    ٽيون ته گاريون ڏئي نه گهر ۾، وقت آڻ وبال جو
    (3)
    چوٿون چوريءَ تون گهڻو ميڪ اپ وٺڻ ڀي بند ڪر
    ۽ پنجون ڪپڙا سنها پائڻ نه پاڻ پسند ڪر
    ورنه ڏسڻو ڏينهن پوندو تو ۽ مون کي وصال جو
    (4)
    نيٺ عورت اڻ پڙهيل ڳالهايو اوچتو ڏيئي بُل
    وٺي جو گاريون ڏنئين ڄڻ هيس پي ايڇ ڊي ٿيل
    مرد ويچارو منجهي پيو، پو ڪڇي مجال جو
    (5)
    مان حُسن ڇالئھ لڪايان تون وڃي ڏاڙهي لڪاء
    مان پلي هان پالڪين ۾، هي اکر ٻين کي پڙهاءِ
    مون کي هن ماڻهو لقب ڏيندا ته موتي لعل جو
    (6)
    تو ٽَڪر ڏئي ڏئي ڪيو آهي تڏوڪاروڪنو
    مان ته ڇا منهنجي ابي ڏاڏي نه ڪڏ سجدو ڏنو
    گانا ڳائڻ ۽ وڄائڻ ڪم آ منهنجي آل جو
    (7)
    استاد منهنجي امڙ جهڙيون هاڻ ٻيون ڪاٿي هجن
    جنهن چيو هڪ گار عيوض ڏهه ڳڻي ٻئي کي ڏجن
    باقي ميڪ اپ مان سدائين وٺندي آهيان سال جو
    (8)
    تون لٽا پائين نه پائين، توکي ڇو هي سُور آ
    مون کي لوڪ لباس اهڙي ۾ ته چوندو حور آ
    هاڻي ٻيهر تون نه چئجان چلت اهڙيءَ چال جو
    (9)
    اي ادا ٿي جوان اڳ ۾ تون کڻي اَکڙي نهار
    پاڻ هٿ سان جي وٺي ڏيندين تون ٽي وي، وي سي آر
    لازمي لوڙيندين تون پوڪيل پنهنجي ڪال جو
    (10)
    آ سڄو غلطان تنهنجو ڏوهه قسمت جو نه آ
    تو خدا وارن ڏي ڪڏهين پنڌ ڪيڙو ڪونه آ
    ڪونه ڪيو دارون دوا تو پنهنجي هيڻي حال جو
    (11)
    نيڪ بخت ۽ ادب واريون پيون ڄمن مائر ڀلي
    ”لوڪ“ ۾ ”لاشاري عاجز“ جن ڄڻيا ڪامل ولي
    سي کٽي ويون تن مٿان سايو سخي لڄپال جو
    مذهبي ڪلام ۾ ڪجهه سختيءَ ۽ انتها پسنديءَ واريون ڳالهيون به آهن، نصيحت ۽ هدايت جو ڪو وچ وارو دڳ ورتو وڃي ته بهتر.


    23. گُنيءَ جو گُنُ (دُلي فقير ڀٽيءَ جو ڪتاب)

    هن ڪتاب جو تخليقڪار سُگهڙ دُلو فقير ڀٽي آهي، جڏهن ته مرتب سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر آهي. ڪتاب 2005ع ۾ سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپور ڇپرايو. عام طور ڪتابن جي ڇپائيءَ جو سال يا وڌ ۾ وڌ مهينو لکيو ويندو آهي پر هن ڪتاب جي ٽائيٽل تي هجري ۽ عيسوي سال، مهينو ۽ تاريخ هن ريت لکي وئي آهي. 11- جمادي الاول 1426هه- 24-06-2005ع. 137 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ لڳ ڀڳ سمورين صنفن تي طبع آزمائي شامل ڪئي وئي آهي، جهڙوڪ: سينگار، ڳجهارتون، هدايت وارا بيت، حمد، ثنا، منقبت ۽ ستن سُرن وارا بيت وغيره. ڪتاب سگهڙ پنهنجي والد محترم نياز فقير ڀٽيءَ کي منسوب ڪيو آهي جيڪو پڻ هڪ سُٺو سگهڙ هو.
    ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. جنهن ۾ بلوچ صاحب هن گهراڻي جي هڪ ٻيءَ لوڪ ڏاهپ جو به ذڪر ڪيوآهي، هو لکي ٿو ته؛
    ”سندس پيءُ نياز فقير ڀٽي (مرحوم) به سگهڙ هو، فيبروري 1976ع ۾ سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر جي اوطاق تي ڳوٺ رفيق مهيسر ضلعي خيرپور ۾ سگهڙن جي ڪچهريءَ ۾ اچي شريڪ ٿيو. هو ڏور ڳجهارت کان واقف هو ۽ صبح جو مون کي نانگن جا منڊر ٻڌايائين؛ ان سان گڏ جهاڙ جهاڙيندڙن جي پرهيز به ٻڌايائين.
    اڄ تائين سندس خاندان ۾ اهو سلسلو هلندو اچي ٿو. هينئر دُلي فقير کي به اُهي جهاڙون اچن ٿيون، جيڪي پنهنجي والد کان ياد ڪيون هئائين ۽ جهاڙن جي اجازت پنهنجي پيءُ کان ورتي هئائين. نانگ جي منڊر کان سواءِ ڦُرڙي، ملي ڇلي، ڪڇوراڙي، آڱرو يڙهي ۽ ٿڌڙن جي بيماريءَ تي به جهاڙون رکي ٿو. هيءُ به هڪ روايتي رنگ آهي، جيڪو سيني بسيني هلندو اچي ٿو.“ (مُهاڳ ص: 01)

    نانگ جي ڪَکِڻَ جي جهاڙ
    هيءَ لوڪ ڏاهپ آهي،جيڪا صدين جو تجربو رکي ٿي. هر ڪنهن جا پنهنجا عقيدا آهن. لوڪ ڏاهپ يا روايتن ۾ عقيدن کي وڏي اهميت حاصل آهي جڏهن ته سائنس انهن شين کي نه ٿي مڃي. پر جيئن ته جهاڙ ، ڦيڻو اسان جي لوڪ روايت ۾ موجود آهن، تنهن ڪري هتي ان قسم جو مواد پيش ڪجي ٿو.
    روايتن مطابق ”نانگ ڪنهن کي به ڪکي ويندو يا ڏنگ هڻي ويندو ته اُنهيءَ مريض تي جهاڙ جهاڙيندڙ هيءَ جهاڙ 3 ڏينهن وڻ جي سائي ٽاريءَ سان جهاڙيندو. جهاڙ جهاڙڻ وارو پرهيز به مڪمل ڪندو رهندو نه ته جهاڙ اثر نه ڪندي.“
    (1)
    جاڳي جوهر جنهن جو ساڻي ٻاجهون اور نه ڪوئي،
    سائين تنهنجي سَؤ سڻائي پهلي ٽپي ٻاڻ ڇرڙ ستر سَوَ جان ڇُڙي،
    گائين ڪا کير گگلي ڪا کير، همارا چڙهي تمهارا لڙي،
    لڙي گُرو ڪي سنگت تيلي ڪي لڳت سرِئون منڊر،
    عيسر مهان دي ڪر واچا چلي الله جل جلالھ محمد مير،
    رسول ڪري ڪم سڀ سولڙي ٿيسن،
    (2)
    حُدا هي خدا دا، خدا دي رسول پاڪ دا،
    چئين ياران دا، پنجتن، بيبي سائڻ فاطمه دا،
    گوگي چهواڻ دا، دستگير بادشاهه پيردا، لفظ هي اُستاد دا،
    (3)
    اول نام الله پاڪ دا، ڏوجها نام مٺي رسول دا،
    ٽيجها نام چئين ياران دا، لال بيگ يار بيگ پٺاڻ،
    ميڪل خير ڪُل نانگان دي مٿون،
    خُدا هي، حضرت پيرڪا، لفظ هي استاد ڪا،
    (4)
    ڌنڌن منڊڙي گوگا منڊڪاڻو سلطان،
    چڙهيا گوگائي چهواڻ، واچڪ راڻي پيڪين چلي،
    مان دَر ڏيان نيلا ڪالا ڏاند، پلاڻا تيرا بارا بار،
    اُٺايان ٻَڌان سُڳي، پير گوگي دي، جنهن مويا،
    ڏاند جِوايا جهڙي، جهڙي ڪُل بلادا زهر نه چڙهي،
    چڙهي ته بربت لاسي، وڄن گوگي سنديان،
    ڀيريان جهومر،سنديان جهيريان،
    پُر عيسر مهان دي ڪر واچا ڇلي،
    سوئو منڊر عيسر مهان دي ڪر واچا ڇلي،
    الله محمّد رسول ڪري، اَيسي بلاڪا وات ڇُٽي
    ايسي بلا ڪا وات ڇُٽي، الله محمد رسول ڪري ڪم سولڙي،
    (5)
    اوڏ منگاڻو نوان نوان گوگا راڻي، سسئي سيتا راڻي
    ايئن جهڙي، نيري جهڙي کير جهڙي ڪلها ماري،
    ڀونءِ ڏري، ٻاونجاه ٽيويهه جوڳڻ فرمنڊر،
    عيسر مهان دي، ڪر واچا چلي، الله پاڪ،
    رسول ڪريم ڪري ايسي بلا ڪا وات ڇُٽي.
    (6)
    بس ڪالي بس ڪملي بس بشيهر نانگ،
    اوچي آئي ڏنگڙي، چڙهي ڏيان ٻانگ،
    سيد تيڏي چيلڙي، آهن ڪالي نانگ،
    ڄائي ڪالڪان بس تليهر آئي منڊري تيڏي اڻ ٿاڻ،
    جر جٿان هماري لگت، تَيئن تيلي ڪي سنگت،
    سرِ ويو منڊر عيسر مهان دي ڪر واچا چلي،
    الله پاڪ مير محمد ڪري ايسي بلا دا وات ڇُٽي.
    (7)
    ندي سندي ڀرتي، کڙا گَرڙ ڪوڪاري،
    گرڙ کاڌا نه مري، ڪِسي جهاڙ جهاڙي،
    محمد پاڪ ڪي جهاڙ جهاڙي، جهڙي جهڙي ول نه چڙهي،
    اُڦٽ مري سَپڙيا وچئين ساهه، نه ڪر وڻاه،
    حُدا هي دستگير بادشاهه پيرڪا، لفظ هي استاد ڪا،
    (8)
    اڙي ڌُن گوگا گاروڙي ڌُن ڪانين سلطان،
    جاڳي جوهر جنهن ساڻي ٻاجهون اور نه ڪوئي،
    اول نام الله دا، ڏوجها نام رسول پاڪ دا، ٽيجها نام چئين ياران دان،
    خُدا هي خدا دا خدا دي رسول دي بيبي سائڻ فاطمه دا،
    والس راڻي پيڪين چلي، پاڪر پالي ڌيئا،
    الله جل جلالھ سترڪوٽ،نبي دي اوٽ،
    ڪهان بجلي وسي چوٽ چڙهي وسي،
    ڌُن گوگا منڊرڙي گوگا منڊر ڪاڻو سلطان،
    چڙهيا چوٽ گوگائي سسي سيڌا راڻي،
    ڪي ڪالي ڪي ڪملي ڪي لٽڪ جهڙي شهمور،
    چڙهي مير محمد ڪري هسواري، چؤڪُنڊين چؤڌاري.
    (9)
    ڪهان بجي وسي چوٽ وسي مير محمد وسي اُٿون وهه نسي،
    ڪهان بجلي وسي لؤنڻي وسي، نرڙين وسي
    مير محمد وسي اٿون وهه نسي،
    ڪهان بجلي وسي نڪين، ڏندين وچ
    وسي مير محمد وسي اٿون وه نسي،
    ڪهان بجلي وسي، ڪُلهئين ڳاٽ هڏئين
    وسي مير محمد وسي اُٿون وهه نسي،
    ڪهان بجلي وسي ڏورين ٺوٺئين
    وسي مير محمد وسي اُٿون وهه نسي،
    ڪهان بجلي وسي ڪارائين هٿين آنڱرئين،
    وسي مير محمد وسي اُٿون وهه نسي،
    ڪهان بجلي وسي، سينئين هيانءُ زيرين بُڪين ڦڦڙين گُڙدين
    وسي مير محمد وسي اُٿون وهه نسي،
    ڪهان بجلي وسي، پيٽين، چيلهين، ڍاڪين، ٻنڌڙين،
    وسي مير محمد وسي اُٿون وهه نسي،
    ڪهان بجلي وسي، ڄنگهين ڏيڏرين پِنين،
    وسي مير محمد وسي اُٿون وهه نسي،
    ڪهان بجلي وسي پيرن مُرين پيرن کُڙين،
    مير محمد وسي اُٿون وهه نسي،
    ڪهان بجلي وسي، مير محمد اَسي ڪم ٿين سڀ سولڙي،
    لااِلٰھَ اِلا اللهُ محمد رسولُ اللهِ صلي الله عليھ وسلم.

    ڦٽ ڦرڙي مَلي ڇَلي ڪاڪ ڪڇو راڙي جي جهاڙ
    (1)
    اِنڌ ننڍ ڳوڙهو ڳنڍ ملو ماڙ ڇني ڪُل جي
    پاڙ، ملو ڇلو ڪاڪ ڪڇو راڙي سُرڻو،
    ڳوڙهو دُنبي راڻي، آڱر ويڙهو، بادام گلاڻي،
    ڪر تون درد ڪون لوڻ پاڻي،
    سائين بادشاهه پير، محبوب سبحاني،
    (2)
    مَلو ڇلو ۽ ٻيو مَلي جو سورُ
    اُڀريو سج چنڊر، حضور نبي ڪريم جو نورُ،
    سومر ڏينهن ڄائو، حضرت محمد مٺو سائين،
    اڱاري ڏينهن ڄائو، حضرت علي سائين،
    ڀَڄُ دَردَ آيو محمد ڪريم، ڄڻيو امڙ آمنه،
    نبي ڪريم جو نور، ويو ستن ورهين جو سورُ،
    تون نڀاڳو دَردُ نَورُ، آيو اسان ولهين واهرو،
    (3)
    الله جل جلالھ، ستر ڪوٽ نبي دي اوٽ،
    سمان فل ڌرتي نانگ ويڙهو سيڙهو،
    حُدو حضرت دستگير بادشاهه پير جو،لفظ استاد جو،
    الـٰهم صلي على سيّدنا محمدِ وَ آلھ واصحابھ،
    واهلبيتھ وبارڪ وسلم اجمعين برحمتک يا ارحم الراحمين.

    جهاڙ رکندڙن لاءِ پرهيز
    اَڇيءَ ڪڪڙ جو آنو نه کائبو،
    مئل ماڻهوءَ جي ڪانڌپي واري ماني نه کائيندو،
    شيخ ۽ موچيءَ جي ماني ۽ پاڻي نه واپرائيندو،
    انهن ڳالهين جو اُستاد وڏو تاڪيد ڪيو آهي نه ته جهاڙ اثر نه ڪندي ۽ نانگ وارو زهر نه لهندو. سڀ ڪم رب تعالى جي هٿ ۾ آهي پر حُدو حضرت بادشاهه پير جو لفظ استاد جو ياد رکڻ گهرجي ته انشاءَ الله تعالى سڀ درد دور ٿي ويندا ۽ سڀ ڪم سولڙا ٿيندا.
    نانگ جي زهر لاءِ ڪنهن وڻ مان سائي ٽاري پَٽي اُنهيءَ سان جهاڙو رکندو. هٿ واري نل (نلڪي) مان پاڻي وات وجهي نه پئندو.
    آڱر ويڙهي، مَلي ڇَلي، ڪاڪ ڪڇوراڙي تي پنهنجي آڱر سان مٿانئس جهاڙ رکبي ته الله پاڪ رسول ڪريم ڪم سولڙا ڪريسي. حُدو حضرت بادشاهه پير جو لفظ استاد جو.
    نوٽ: هي سڀ روايتون ۽ اعتقاد آهن، جن تي اکيون ٻوٽي اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي. هر طبقي جو ان حوالي سان پنهنجو پنهنجو رايو آهي.


    24. سگهڙن جي ڊائريڪٽري (عبدالله ورياهه جو ڪتاب)

    اسان هتي جن ڪتابن جا تعارف پيش ڪيا آهن، اُهي سگهڙن جي ڪلام تي ٻڌل آهن. باقي سُگهڙائپ جي مختلف صنفن وغيره بابت خاص ڪري لوڪ ادب رٿا وارن ڪتابن کي شامل نه ڪيو اٿئون، ڇاڪاڻ ته اسان جو خاص مقصد سُگهڙن جي همٿ افزائي ڪرڻ ۽ سندن ڪيل ڪم کي اجاگر ڪرڻ آهي. هونءَ به لوڪ ادب رٿا وارن ڪتابن تي تبصرا ۽ تعارف عام جام ڇپبا رهن ٿا ۽ انهن بابت معلومات سولائيءَ سان ملي سگهي ٿي. جيئن ته ڪتاب سگهڙن جي ڊائريڪٽري سڌو سنئون سُگهڙن جي تعارف ۽ سندن چونڊ سوغات تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري ان جو تعارف ڏيڻ ضروري سمجهيو ويو، عبدالله ورياهه صاحب جي ان ڪتاب تي تبصرو منهنجي استاد ۽ محسن سيد محسن علي شاهه بخاري صاحب ڏاڍي تفصيل سان ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ سُگهڙ ڪانفرنس، ٽنڊي آدم جو به احوال آهي، سائين محسن علي شاهه مون کي گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج راڻي پور ۾ انٽرميڊيئٽ جي دوران نه رڳو پڙهايو پر ادب ۾ اچڻ جا سبق به ڏنا. سائين ان وقت ڪاليج جو پرنسيپال هو. سنڌي ادبي سنگت شاخ راڻي پور کولڻ لاءِ مڪمل سهڪار ۽ سرپرستي ڪيائين. سائين منهنجو Ideal استاد هو. هن خيرپور ۾”خير جا ڏينهن“ نالي ڪتاب لکيو.
    سگهڙن جي ڊائريڪٽريءَ تي سندس لکيل تبصرو جيئن جو تيئن ڏجي ٿو، جيڪو مهراڻ لوڪ ادب نمبر ۾ ڇپيو.
    ”سنڌي هڪ وسيع ۽ شاهوڪار زبان آهي، جنهن ۾ لفظن جي هڪ اڻ کٽ کاڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو ان ۾ تصوف جهڙي ڏکئي ۽ اونهي مضمون کان وٺي سائنس جهڙي جديد علم جي ڪنهن به موضوع لاءِ لفظن جي ڪڏهن ڪا ڪمي محسوس ڪانه ٿي آهي.
    سنڌي ٻولي جيڏي لفطن ۾ شاهوڪار آهي، اوڏو ئي ان جو لوڪ ادب وسيع ۽ ڪشادو آهي، جنهن جي دائري ۾، لوڪ داستان، لوڪ گيت، مولود، مناجات، ڳجهارت، هنر، ڏور، سينگار بيت وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌي ادب جي ان سرمائي کي جنهن صدين کان پئي سنڀاليو آهي، سو آهي اسان جو سگهڙ، جيڪو هن عظيم ورثي کي هر دؤر ۾ ساهه سان سانڍيو اچي ۽ انکي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پيو پهچائي، جو سلسلو جُڳن کان جاري آهي.
    سنڌي ادبي بورڊ جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ وجود ۾ آيو ۽ اڄ ڏينهن سوڌو پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ پيو پاڻ پتوڙي، تنهن سنڌي لوڪ ادب جي اهميت ۽ افاديت محسوس ڪندي انکي سهيڙڻ ۽ ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو ڪم پنهنجي ڏيهه جي ڏاهي ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سپرد ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جهڙي سڄاڻ شخص ان اسڪيم کي پائي تڪميل تي پهچائڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي وطن جي هر واهڻ ۽ وستيءَ وڃي، اتان جي سگهڙن سان راتيون جاڳي ڪچهريون ڪيون ۽ انهن جي سيني اندر سانڍيل سرمايو سهيڙي، ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ اسان وٽ پورن چاليهن جلدن ۾ موجود آهي.
    لوڪ ادب جي اسڪيم کي مڪمل ڪرڻ ۾ بورڊ جي چيئرمين مخدوم محمد زمان طالب المولى صاحب جي دلچسپي ۽ مدد کي ڪڏهن به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جنهن جو اظهار خود ڊاڪٽر صاحب پڻ ڪيو آهي. ضلعي سانگهڙ جي هڪ سپوت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سڄي سنڌ گهمي ڳولي وڃي سگهڙن کي هٿ ڪيو ته ان ئي علائقي جي هڪ نوجوان محقق ۽ اديب جناب عبدالله ورياهه وري انهن کي مانُ ڏيڻ جي مقصد سان سڄيءَ سنڌ مان سڏائي آڻي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. اهو سال 1984ع هو، جو ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر جناب محمد شريف بلوچ جي سهڪار سان ورياهه صاحب ”سانگهڙ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽيءَ“ جي پليٽ فارم تان سانگهڙ شهر ۾ سنڌ ليول تي سگهڙن جي ڪچهري ڪوٺائي، جنهن ۾ سنڌ جا سمورا ناميارا سگهڙ اچي شريڪ ٿيا. ان موقعي تي سگهڙن جي ادبي پورهئي کي مڃتا ڏيندي، انهن کي اڳتي آڻڻ ۽ کين دنيا آڏو روشناس ڪرڻ لاءِ وڏا اعلان ڪيا ويا پر پوءِ ستت ئي محمد شريف صاحب جي بدلي ٿي وڃڻ سبب اهي اعلان اتي ئي رهجي ويا ۽ سانگهڙ هسٽاريڪل سوسائٽي به ورياهه هائوس ٽنڊي آدم ۾ ڪچهرين ڪرائڻ تائين محدود رهجي ويئي. تنهن بعد گذريل سال 1991ع ۾ڊاڪٽر امداد علي سيهڙ جهڙو سڄاڻ ۽ علم دوست شخص جو سانگهڙ ضلعي تي ڊپٽي ڪمشنر مقرر ٿي آيو، ته هيڏانهن سوسائٽي به وري سرگرم ٿي وئي ۽ سيهڙ صاحب جي سهڪار ۽ صلاح سان 27، 28 ۽ 29 نومبر 1991ع تي ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ ٽنڊي آدم شهر ۾ ڪئي ويئي. ڪيل فيصلي مطابق ان موقعي تي سنڌ جي سگهڙن متعلق پهريون ڀيرو تعارفي ڪتاب ”سگهڙن جي ڊائريڪٽري“ (حصو پهريون) شايع ڪري ادبي دنيا ۾ آندو ويو، جنهن جي ڪمي ڪافي سالن کان شدت سان محسوس ڪئي پئي وئي.
    ڪتاب ”سگهڙن جي ڊائريڪٽري“ (حصو پهريون) سنڌ جي نوجوان محقق ۽ شاعر جناب عبدالله خان ورياهه جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ تمام سهڻي نموني ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل سادو پر ڏاڍو پيارو ۽ وڻندڙ آهي ۽ ان ۾ پنو پڻ تمام سٺيءَ ڪوالٽيءَ وارو استعمال ڪيل آهي. ڪتاب ڪل 158 صفحن تي ٻڌل آهي. جنهن ۾ ڏهن ضلعن (جيڪب آباد، حيدرآباد، خيرپور، دادو، سانگهڙ، سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻي، نواب شاهه ۽ نوشهري) جي لڳ ڀڳ ٻن سَو سگهڙن جو ضلعي وار احوال ڏنل آهي. هر سگهڙ جي مختصر تعارف ۽ پاسپورٽ سائيز فوٽو سان گڏوگڏ ان جي سگهڙ پائيءَ جو هڪ اسم پڻ نموني طور ڏنو ويو آهي، جنهن سبب نه صرف سگهڙ پر ان جي فن متعلق پڻ چڱي موچاري معلومات ملي وڃي ٿي. هن ڪتاب لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ۾ شاهنواز بابر سومري ۽ ٻين ڪارڪنن جي محنت پڻ شامل آهي.
    ڪتاب تي سراسري نظر وجهڻ سان اهو پيو معلوم ٿئي ته هن ۾ وڌ ۾ وڌ سگهڙن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر پوءِ ڏنل انهن ڏهن ضلعن مان ئي ڪافي سگهڙ رهجي ويا آهن، جن جا نالا نه اچي سگهيا آهن. انهيءَ کان علاوه ڪتاب ۾ ڪن سگهڙن جا فوٽو ئي مٽجي ويا آهن. اهڙيءَ ريت ڇپائيءَ ۾ به ڪجهه مواد هيٺ مٿي ٿي ويو آهي، جنهن مان محسوس اهو پيو ٿئي ته اهو سڀ ڪجهه تڪڙ ۾ ڪم اڪلائڻ ڪري ئي ٿيو آهي، ڇو جو ڪتاب کي ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“، جي موقعي تي هر حال ۾ آڻڻو ئي هو. اهو ئي سبب آهي جو اڃا به گهڻن سگهڙن بابت وقت اندر مواد نه ملڻ سبب انهن سڀني کي ”ٻئي حصي“ لاءِ ڇڏيو آهي. هاڻي اميد ٿي ڪجي ته ڪتاب جو جيڪو نئون ايڊيشن نڪرندو ان ۾ ڇپائيءَ جون سڀ اوڻايون دور ڪيون وينديون ۽ ان ۾ وڌيڪ سگهڙ پڻ شامل ڪيا ويندا. بهرحال سگهڙن جي ڊائريڪٽري (حصو پهريون) پنهنجيءَ نوعيت جو هيءُ هڪ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ پنهنجي ”ڏيهه جي ڏات ڌڻين“ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي رکوالن (سنڌ جي سگهڙن) متعلق سٺي معلومات مهيا ڪئي ويئي آهي، تنهنڪري هر علم دوست شخص کي اهو ڪتاب پڙهڻ ۽ سانڍڻ گهرجي. (هيءَ ڊائريڪٽري، سنڌي ادبي بورڊ پاران 1991ع ۾شايع ٿي.)
    پروفيسر سيد محسن علي شاهه بخاري


    25. مهراڻ (لوڪ ادب نمبر) عبدالله ورياهه جو ڪتاب

    سنڌي ادبي بورڊ پاران ٽه ماهي مهراڻ رسالو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، ان ۾ شاعريءَ کانسواءِ تحقيقي مقالا ۽ مضمون وغيره شامل هوندا آهن. ادب جي هر صنف کي شامل ڪيو ويندو آهي. سنڌي لوڪ ادب بابت مضمون، مقالا ۽ لوڪ شاعري ته شروع کان ئي هن رسالي ۾ شامل ٿيندي رهي آهي. مختلف موضوعن ۽ شخصيتن تي خاص نمبر به ڪڍيا ويندا آهن. مهراڻ جو لوڪ ادب نمبر به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. هيءُ لوڪ ادب نمبر آڪٽوبر- ڊسمبر 1991ع واري شماري لاءِ تيار ڪيو ويو پر وقت سر شايع ٿي نه سگهيو. جڏهن شايع ٿيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري سيد امداد حسينيءَ ”ڪجهه گذارشون“ جي عنوان سان لکيو ته؛ ”هينئر 1992ع جو به اڌ گذري چڪو آهي. پرچو ايترو ليٽ ڇو ٿيو؟ ته ڪنهن به تفصيل ۾ وڃڻ کان سواءِ، ان ڏس ۾ اسين رڳو افسوس جو اظهار ئي ڪري سگهون ٿا!“ گذارشن ۾ ڪجهه غلطين جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي.
    مهراڻ جي هن خاص نمبر جو ايڊيٽر ميرزا ڪاظم رضا بيگ ۽ سرپرست اعلى مخدوم محمد زمان طالب المولى آهي. جڏهن ته جلد 41 ۽ نمبر 4 آهي، هن خاص نمبر جي مواد هٿ ڪرڻ ۾ محترم عبدالله ورياهه جي وڏي مدد شامل آهي، جنهن جا ايڊيٽر ٿورا پڻ مڃيا آهن. هن خاص پرچي جا چار ڀاڱا آهن. 1. شاعري، 2. مقالا،3. لوڪ ڪهاڻيون، 4. تبصرا.
    شاعريءَ ۾ ڪافيون، ٿر جا لوڪ گيت تعارف سميت (ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي)، آچر ماڇي (مرحوم) جو هنر پنج تني، چير، فقير هدايت علي رڏ جا صفاتي بيت، نبي بخش ڏيٿي جو مناظرو، انب واڍي، محمد سومر چني، محمد مٺل جهتيال، محمد شريف ڏاهري، برادي ٻگهئي، محمد سومر ڀنگر، امام ڏني مهراڻي، قائم الدين سهتي، محمد ملوڪ عباسيءَ ۽ ٻين سگهڙن/شاعرن جو ڪلام ڏنو ويو آهي، مقالن، لوڪ ڪهاڻين ۽ تبصرن جو تفصيل هيٺينءَ ريت ڏنل آهي؛
    ________________________________________________________
    مقالا

    ڪافي ۽ ان جو فن (مخدوم محمد زمان طالب المولى )
    سنڌي زبان جا قديم شاعر (پير حسام الدين شاهه راشدي)
    سنڌي لوڪ ادب سنڌي عوام جي سماجيات ۽ نفسيات جو مطالعو (ڊاڪٽر غلام علي الانا)
    ڳجهارت: لوڪ ادب جو فن طالب المولى جو سنڌي لوڪ ادب ۾ حصو (ڊاڪٽر پرسو گدواڻي )
    اڻ لڀ سنڌي بيتن جو ذخيرو (ڊاڪٽر نواز علي شوق)
    جنگنامون يا کرڙيءَ جي جنگ جو احوال (مرزا عباس علي بيگ)
    سنڌي لوڪ ڪهاڻيءَ جو سماجياتي اڀياس (ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو)
    لطيف: لوڪ ترجمان (پروفيسر ڊاڪٽر گل حسن لغاري)
    لوڪ ادب ۽ حمل فقير (ڊاڪٽر محمد لائق زرداري)
    سنڌي لوڪ ادب جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق (هدايت پريم)
    __________________________________________________________
    لوڪ ڪهاڻيون

    ڍول مارو (شاهنواز عارف المولى جيلاني)
    مومل راڻو (ڊاڪٽر اياز حسن قادري)
    سسئي ۽ پنهون (سنڌيڪار: خانم خديجه دائود پوٽو)
    سنڌ-راڻي (ممتاز مرزا )
    ___________________________________________________________
    تبصرا

    ڪليات امين (ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي)
    فوڪ ٽيلس فرام سنڌ (ڊاڪٽر قاضي خادم)
    سگهڙن جي ڊائريڪٽري (سيد محسن علي شاهه بخاري)
    لاڙ جومطالعو ( ڊاڪٽر گل حسن لغاري )
    ____________________________________________________________
    سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب جي سلسلي ۾ هيءَ هڪ سُٺي ڪوشش آهي، بلڪه سڀني کان وڌيڪ سنڌي لوڪ ادب تي ڪم ڪيو ئي سنڌي ادبي بورڊ آهي. لوڪ ادب جي سهيڙڻ واريءَ مثالي رٿا جو شان ئي نرالو آهي. لوڪ ادب نمبر مان سگهڙ نبي بخش ڏيٿي جو مناظرو نموني خاطر ڏجي ٿو؛

    مسجد ۾ لڳل سِرَ ۽ سگهڙ نبن ڏيٿي جو مناظرو
    ڏيٿو: سارهايان سچو ڌڻي، ساراهه ڪريان سرور
    سک ڏسي سِرَ جا، ڳالهايا مانس ادب ساڻ اکر
    مانُ تنهنجو مٿي، ڪٿان پئي ڪسر
    ماڳ تنهنجو مسجد ۾، دين سندي در
    اچو ٻانها الله جا، رکن سجدي ۾ سر
    پنج ئي وقت پاڻهي، تو وٽ وريو ڪن ور
    تون سرتين جي سُنگ ۾، ويٺي آهين وچ وڳر
    هڪ جاءِ تنهنجي جنت ۾، ٻيو مٿان ڀلن جا اٿئي ڀر
    پئي رحمت وسئي رب جي، مالڪ جي اٿئي مهر
    جتان کٽيئي سا خبر، ڏس مون کي ڏيٿو چوي.

    سِرَ: ڏَسڻ جي ڏاڍي ڪئي اٿئي، ڳالهه ڳري
    هوند نبن نماز پڙهي، وڃين پنهنجي ڪار ڪرين
    مڙي وڃ ماٺ ڪري، چور ڪين چَري
    نه ته ٻُڌي مذڪور، منهنجي مصيبت جو پوندئي ڏيل ڏري
    هن وقت وڃ وري، واپس اچج وچينءَ جو،

    ڏيٿو: واپس چيو هُيئه وچينءَ جو، آئون آهيان آيو
    ڪر ڪهاڻي قريب جي، اٿئي ڪٿان ڪمايو
    ڀلا عبادت ڪيئه اهڙي يا اٿئي روئي رب ريجهايو
    منهنجي روح سندو رايو، پورو ڪر ته پوءِ وڃان.

    سِرَ: پورو ڪريان ته پوءِ وڃين ته ٿي کوليان ڪجهه خبر
    هڪڙو ڪوڏر کڻي آيو ڪلهي تي تکي تيز تبر
    دشمن جيان ڌڪ هنيائين زابر زورآور
    ماءُ منهنجي مسڪين، جا سدائين رهي صبر
    ماس ڪپي منهنجو وري ڇڏيائين پاڻيءَ ڇَرَ
    ويهي وري اچي ورتائين وڏا کڻي وَرَ
    سٽي ڪٽي سختيءَ سان ويو پوئتي انهيءَ پهر
    جيڪي ڪيائين مونسان قهر، سي سڻائبا توکي صبح جو

    ڏيٿو: سڻائڻ جو چيو هيئه صبح جو آئون پهتو آهيان پرڀات
    اون انهيءَ ۾ نه آهيان سُتو ساري رات
    ڪر حقيقت حال جي، ويهي پنهنجي وات
    جتان ڏاتر ڏنئي ڏات، اُها آکاڻي ٻڌاءِ اڳتي

    سِرَ: آکاڻي ٻڌايانءِ اڳتي ته موٽي آيو مون وٽ ڦري ويل فجر
    کڻي مون کي کڏ مان ڪڍي ڪيائين ڪَپرَ
    سامان اُهو سولو ڪري وري هٿ ڳنڍيائين هيڪر
    ڇني مون کي ڇوهه مان هنيائين ڪارب ڪاريگر
    مٿان مون کي مار ڏئي رکيائين ڀيڻي اُنهيءَ ڀَرَ
    جڏهن پُڙ اُهو پري ٿيو ته نشان ٿيو نمبر
    مٽي نالو منهنجو ويو سڀ ڪو سڏي سِرَ
    هيس پئي منجهه پڌر، رات اُتي رڻ ۾

    ڏيٿو: ڏينهن جو ڏس اچي ڪهڙو ڪيائين آچار
    ڪو رحم پيس روح ۾ يا ڪاوڙي ٿيو قهار
    ويتر وڌ ڪو باري ڏنائين بار
    جي اوکو ڪيائين آر، ته مثال ٻڌاءِ مصيبت جو

    سِرَ: سِري آيو شام جو ڪيائين پلٽي پاسي ڀر
    ٻيون مٿان چاڙهيائين منهنجي ۽ پنهنجي ڪيائين پَرِ
    گهوڙيون هڻي گڏ ڪيائين سڀئي سراسر
    وڃين لڳو هو پنهنجي گام گذر، هٿ ڏئي ويو هن جي

    ڏيٿو: هٿ ڏئي ويو هن جي ڪئي انهيءَ ڪهڙي انصافي
    ڪو سلوڪ ڪيائين سٺو يا انهيءَ به مورهون نه ڪئي معافي
    جي ڀلا ڪيائين انهيءَ ڪافي، ته ڏس کڻي ڏيٿو چوي

    سِرَ: سُڪڻ کان پوءِ سنبري آيا، ڏٺائون وري ويچاري
    کڻي وڌائون کوري ۾ اُتاهائون اُٿاري
    وڍي آيا وڻ، مزور سي ماري،آڳ ڏنائون انهن کي، ٻنڀان سا ٻاري
    هو ڀي جليا پنهنجي جوش ۾، وڌائين اسان آزاري
    سختي منهنجي ساهه کي، ڇڏيائين ڏاڍي ڏيکاري
    پر ادا مون سان اهڙي ڪيائين، وڌائين رت رئاري
    سورنهن پهر هيس سختيءَ ۾، هيس سائينءَ سهاري
    اُتي هيم ياد ٻولي يونس واري، ٻي ڇڏيم وائي وساري
    پوءِ رنگ رچي ريٽو ٿيو، وڌو سوليءَ سينگاري
    رب کڻي رحم ڪيو، ڇڏيائين تار منجهان تاري
    لاهي لٽ منهنجي لڱن تان، آندائون ٻاهر ٻَهاري
    صحيح سنڀاري، آڻي ڇڏيائون اُس تي

    ڏيٿو: ٻُڌي تڪليف تنهنجي، مون کي ويچار ٿيو آ وڏو
    ڀلا اُتي هئينءَ آرامي يا ڦري ڪيائون ڦڏو
    سٽايائون ڪٿي سڃ ۾، لاهي اوهان جو لڏو
    جيڪو اڳي ڪيائون اَڏو، سوَ پڪو ٻُڌاءِ پنهنجو

    سِرَ: پڪو ٻڌايانءِ پنهنجو ته وري آيو، وڪري جو وارو
    هڪڙو هلي آيو حُب مان، سخي سوڀارو
    تنهن مذڪور ڪيو مسجد جو، ڏسيائين اهڙو آچارو
    مون به عرض ڪيو الله کي، ٻڌي نوري نظارو
    نبن منهنجي نصيبن ۾ پيو ڍري اُهو ئي ڍارو
    خريد ڪيائين خوشيءَ مان، ڏئي مُلهه موچارو
    چاڙهي وڌائون چوڏول ۾،آيا چلي اهو چارو
    ڪري مٿي پر مارو، ڌڪا ڏئي ويا ڌوڙ ۾

    ڏيٿو: ڌڪا ڏئي ويا ڌوڙ ۾، ڪري ويا پنهنجي پڄاڻي
    جنهن مٽيءَ مان مٿي ڪيُئه ڪر تَنهنجي ڪهاڻي
    جنهن هت رسائي راڻي، اُهو مرد ٻڌاءِ تون مون کي
    سِرَ: ڏٺم ڏيٿا هڪڙو آيو اڪابر
    وقت انهيءَ وهنجاري مستريءَ ڪڍائي مَرُ
    پاڻيءَ ويتر پاڪ ڪيو اُجرو ٿيو اندر
    هڪڙيون اُڇلايائون اونداهه ۾ تني ورتو تر
    ڪيائون قطارون قرب مان، ڏئي سيمنٽ ساڻ ثمر
    هڪ ٻئي مٿان هنيائين، لاکيڻن جو لشڪر
    ته مڙني ۾ مٿي کڻي، ڪريم ڪيو منهنجو ڪر
    ڏکن پٺيان سک، ڏي ٿو ڏاتر
    هڪ لحظي ۾ لهي ويو، جيڪو ڏٺو هوم ڏڪر
    هتي اچي هرڪو ادب سان، توڙي هجي تونگر
    هيءَ جاءِ جهڪڻ جي، توڻي سڏائي سڪندر
    هاڻ قرآن منهنجي ڪڇ ۾، ڏنائين گُهرائي سندو گهر
    مون پڙهيو آهي لااِلٰھ الالله محمد رسو الله ڪونهي هاڻ ڪفر
    هتي هنڌ حضور ۾، ڪندو موچارو محشر
    اٿم دين کٽيو دلبر، نبن! پئي ننڊون ڪريان


    26. محبت جي منزل (فقير علي گوهر قريشيءَ جو ڪتاب)

    علي گوهر قريشيءَ جي شاعريءَ جو هيءُ ٻيو مجموعو آهي، جيڪو عاجز رحمت الله لاشاري طاهريءَ ترتيب ڏنو آهي ۽ سلات پبليڪيشن ڄامشوري 2013ع ۾ شايع ڪرايو آهي. هن ۾ حمد، نعت، مولود، قصيدي، منقبت، ڪافيءَ، وائيءَ ۽ مختلف موضوعن جا بيت ڏنا ويا آهن. مذهبي، ڪلاسيڪي ۽ لوڪ ادب وارين صنفن تي ٻڌل ڪتاب ۾ به ڪجهه اسم مختلف طرزن/ڪٽن تي لکيا ويا آهن. ڪتاب مان هڪ قصيدو ۽ منقبت ڏجي ٿي؛
    قصيدو
    آيو ماه محرم وري آهي موٽي،
    آيا ڪونه اِمام ٿي قسمت آ کوٽي.
    ٻارهن مهينا دل پئي اوڪاسي،
    ويا سال گذري وڃان ڪهڙي پاسي؟
    نه پرين پاڻ آيا نڪي آيو اوٺي.
    حبيبن جي حُب آ ڪئي دل ديواني،
    ڳڻي راتيون ڏينهڙا ٿي آ دل بيگاني،
    چڪيا چاڪ اندر جا ڏئي ڪير اوٽي.
    ”قريشي“ سڄڻن کي سدا ساهه ساري،
    وڇوڙي پرينءَ جي ڇڏيو آهي ماري،
    هيمشه عجيبن لاءِ ماندي دل آ بيٺي.

    منقبت
    بسم الله ڪيان بسم الله ڪيان مرشد منهنجو آيو آ،
    ڀورل سائين باقراڻن وارو مولا مٺڙو ملايو آ.
    لک لک ٿورا مرشد جا هر هر ويٺا ڳايون،
    اوري پري وارا فقير، طالب اُن جا آهيون،
    قرب ڪري سائين پير ڀري، پرينءَ پاڻ پسايو آ.
    مخدوم مٺا آهن مهربان اچي ويا،
    سهڻيءَ صورت وارا، جوان اچي ويا،
    محبت جا هت هاڻي، ميلا مچي ويا،
    سڀني چيو الحمدلله، عالم فاضل آيو آ.
    مبارڪ سڀني فقيرن کي، هن محفل ۾ جيڪي آيا،
    مرشد اڳيان بيهي ”قريشيءَ“ شوق مان شعر بنايا،
    لک بار چوان شڪرانا، سائين نالي مٺو اڄ آيو آ.


    27. محبت جا موتي (فقير علي گوهر قريشيءَ جو ڪتاب)

    لوڪ ادب ۾ نعتيه شاعريءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي. لڳ ڀڳ هر صنف ۾ مالڪ جي واکاڻ ۽ سهڻي رسول جي ساراهه ڪئي وڃي ٿي. ان کانسواءِ مخصوص صنفن حمد، نعت ۽ مولود وغيره ۾ ته سُگهڙ محبت ۽ عقيدت جا گل ڇٽيندا آهن، ڪتاب محبت جا موتي به ان سلسلي جي ڪڙي آهي. شاعري فقير علي گوهر قريشيءَ جي ۽ ترتيب ۽ تصديق جو ڪم عاجز رحمت الله لاشاريءَ ڪيو آهي، ڪتاب بزم ثنا خوان سنڌ پاران 2010ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، مولود شريف، منقبت، ڪافي، نصيحت جا بيت وغيره ڏنل آهن.علي گوهر قريشيءَ جي تعارف ۾ عاجز لاشاري لکي ٿو ته؛ ”20 مارچ 1943ع ۾ هاڻوڪي ضلعي قمبر- شهداد ڪوٽ جي تعلقي وارهه جي ننڍڙي ڳوٺ جوڻاڻي شريف ۾ مرحوم الهه ورائي قريشيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ عاشق رسول شاعر محترم علي گوهر قريشيءَ جو ننڍپڻ کان وٺي شعر و شاعريءَ سان شوق رهيو آهي“.
    ڪتاب مان چونڊ مولود هتي پيش ڪجي ٿو:
    آيو مڪي ۾ پاڪ محمدﷺ سونهن ڀريو سردار آ،
    ڪِنن ڪوجهن سان پيار پنهل جو سهڻو اکڙين ٺار آ،
    ساري لوڪ مٿان آ، سيّد جي ته ستاري،
    ڏاڍي پنهل کي آ پنهنجي اُمت پياري،
    ڪين ڇڏيندو ڪنهن کي غم مٽيندڙ غمخوار آ.
    زمين ۽ عرش اعظم تي آ سائينءَ جي به رسائي،
    خدا آهي محمدﷺ جو محمدﷺ جي آ خدائي،
    ساريءَ دنيا جو دلبر شافي شفا دار آ.
    عرض ”علي گوهر“ جا مالڪ شال اگهائيندو،
    روضو پاڪ رسول اللهﷺ جو پرور پاڻ پسائيندو،
    اٿم اُميدون ٿينديون عيدون، سڪ مون کي صدبار آ.


    28. مٽيءَ جي خوشبوءِ (لوڪ ادب شاعري) محمد ايوب جوڻيجي جو ڪتاب

    محمد ايوب جوڻيجي جو 148 صفحن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) 2010ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن کي نديم عمراڻيءَ، عاجز رحمت الله لاشاريءَ ۽ محمد جمن ڀٽيءَ سهيڙيو آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ، عاجز رحمت الله لاشاريءَ، محمد جمن ڀٽيءَ، نديم عمراڻيءَ، عبدالواحد سومري ۽ روشن جويي جا تاثر شامل آهن.
    ڪتاب جو وڏو حصو عام شاعريءَ جي صنفن غزل، وائي، نظم، گيت، ٻن ۽ چوسٽن وغيره تي ٻڌل آهي. باقي حصي ۾ ٽيهه اکري، هفتي جا ڏينهن، ڳجهارتون، ڏور بيت، گرو چيلو، ڏٺ پرولي ۽ نصيحت جا گفتا شامل آهن. هتي گرو چيلو ۽ ڏٺ پرولي ڏجي ٿي:
    گرو ۽ چيلو
    سوال: گهوڙو داڻو کائي نٿو، ٻار کير پيئي نٿو، شينهن نٿو ڪري شڪار؟
    جواب: بک ناهي.
    سوال: مهمان طعام کائي نٿو، ڪتو چور تي ڀونڪي نٿو، مڙس زال پالي نٿو؟
    جواب: نيمڪ ناهي.
    سوال: اٺ اوڳر ورائي نٿو، ڀولو بُل ڏئي نٿو، هاٿي ننڊ ڪري نٿو؟
    جواب: ڍئو ناهي.
    سوال: معشوق پڇا ڪري نٿو پرديسي اچي نٿو، پٽ پيءُ سان ملي نٿو؟
    جواب: سڪ ناهي.
    سوال: باهه ٻري نٿي، بندوق باز ماري نٿي، عاشق معشوق ڪاوڙيل هن؟
    جواب: لڳي ناهي.
    سوال: اوڏ مٽي کڻي نٿو، رِلي کٽ تي ٺهي نٿي، ٻار روئڻ کان بس نه ڪري؟
    جواب: گُڏي ناهي.
    سوال: چور چوري ڪري نٿو، کدڙو سهرو ڳائي نٿو، گاڏي بار کڻي نٿي؟
    جواب: تاڙي ناهي.
    سوال: واهي وهي نٿي، زال وڳو پائي نٿي، مهمان کير پيئي نٿو؟
    جواب: ڦٽل آهي.
    ڏٺ پرولي-1
    وچان پيو واٽ سان ٿيو کيسي ۾ کڙڪاٽ،
    کوکو ڪڍي کيسي مان رکيم ڪن تي چماٽ،
    هن ته ڪئي ماٺ، هي ڀائو بس ئي نه ڪري.
    ڏٺ جي معنى: هيءَ ڏٺ موبائيل فون تي ٺهيل آهي، موبائيل اڪثر ڪري کوکي ۾ پيل هوندي آهي، کوکي مان ڪڍي ڪن تي رکي ڳالهائبو آهي، موبائيل جي گهنٽي وڄي بس ٿي ويندي آهي، پر ڳالهائڻ وارو پيو ڳالهائيندو آهي.
    مان ته مئي هان تنهنجي لاءِ تون نه مرجانءِ منهنجي لاءِ،
    هي خاص بيٺا ٿئي تاڙيون سِر تنهنجي لاءِ.
    ڏٺ جي معنى: هيءَ ڏٺ ننڍي مڇيءَ کي ڪُنڊيءَ ۾ وجهي پاڻيءَ ۾ لاهي وڏيءَ مڇي کي ڦاسائڻ تي ٺهيل آهي. اڪثر ملاح ائين وڏي مڇي ماريندا آهن.
    نور جنهن جو نني، وات هن جو سار،
    سالڪ سمجهن سچ چيائين،
    باقي جاهل ليکي گار.
    ڏٺ جي معنى: هيءَ ڏٺ مور پکي ۽ مادي ڊيل تي ٺهيل آهي، مور پکي پنهنجا ڳوڙها ڊيل جي وات ۾ وجهندو آهي، جنهن جي ڪري انهن جو نسل پيدا ٿيندو آهي.


    29. صدين جي سوغات (نظير احمد ميمڻ جو ڪتاب)

    سگهڙ نظير احمد ميمڻ جو 80 صفحن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب علمي ادبي اشاعت گهر (سلات) قاضي نور محمد ميموريل اڪيڊمي مٽياريءَ 2011ع ۾شايع ڪرايو، جنهن ۾ مصنف جو تعارف ۽ مصنف پنهنجي پاران لوڪ ادب جي مختلف صنفن جو مختصر تعارف ڏنو آهي، ڪتاب ۾ آجيان جا بيت، احوال ڌرتي ۽ درويش، سينگار، نصيحت، پهاڪو ، ڏٺ پرولي، ڏهس، ڀلن جا پار ڀلا ۽ سنڌي قومي شاعري پيش ڪئي وئي آهي. ڪتاب مان اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جي موضوع تي ڪيل شاعري نموني خاطر ڏجي ٿي؛
    اچو ته ٽوپي اجرڪ پايون
    سنڌ امڙ جو شان وڌايون
    ٽوپيءَ سان آ پيار اسان جو
    پائي سو آ يار اسان جو
    بنا ٽوپيءَ جي غدار اسان جو
    هٿ ۾هٿڙو جهمريون پايون
    اچو ته ٽوپي اجرڪ پايون
    سنڌ امڙ جو شان وڌايون
    تهذيب سنڌ سان جنهن وير وڌو آ
    من رکي ڪو مير وڌو آ
    ڪاريهر تي ڄڻ پير وڌو آ
    دشمن سنڌ جا سڀ لڄايون
    اچو ته ٽوپي اجرڪ پايون
    سنڌ امڙ جو شان وڌايون
    ڪوڏر، ڪهاڙي شان اسان جو
    اتر لاڙي مانُ اسان جو
    ڪمون ڪياماڙي جان اسان جو
    تاريخ پراڻيءَ کي ورجايون
    اچو ته ٽوپي اجرڪ پايون
    سنڌ امڙ جو شان وڌايون
    اُٿيو آ سنڌ جو هاري ناري
    پورهيت مزدور، سيٺ واپاري
    پريت سنڌ سان جن آ پاري
    ٻُڍا، جوان، نينگر مايون
    اچو ته ٽوپي اجرڪ پايون
    سنڌ امڙ جو شان وڌايون
    نظير ڏس هاڻ قوم اُٿي آ
    ڌڌڪن سان ڪا ڌوم اٿي آ
    ڌرتيءَ جي ڪا ڀوم اٿي آ
    نفرت، ڪينو سڀ ڀُلايون
    اچو ته ٽوپي اجرڪ پايون
    سنڌ امڙ جو شان وڌايون


    30. پنهنجي شاعري پنهنجو رنگ (محبوب علي ڏيپر جو ڪتاب)

    سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڌرتي دوست پبليڪيشن حيدرآباد جي سهڪار سان سگهڙ محبوب علي ”محبوب“ ڏيپر جو هيءُ ڪتاب 2013ع ۾ شايع ڪرايو ويو آهي. ڪتاب جي ترتيب عاجز رحمت الله لاشاريءَ ڏني آهي، جنهن ڪتاب جو مهاڳ پڻ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڏيپر صاحب جي مزاحمتي ۽ لوڪ شاعريءَ جا مکيه رنگ شامل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ لڳ ڀڳ هر شعر/ اسم جي منڍ ۾ موضوع ڏنو ويو آهي، جيئن؛ موهيڙي تي بيت، بيت مومل راڻو، ”جيل فريادي، جوابدار گهر“ توکي اڃا ننڊ وڏيرا، گڏهه ساڳيو، آٿر مٽ، تنهنجو پٽڪو ڪن تي ڪاڪا، معصوم نياڻيءَ جي ياد، شهيد راڻي وغيره وغيره.
    سندس ڪلام ۾ نصيحت ۽ واقعاتي عنصر نمايان آهي. ڪي ڪي ته صفا واقعاتي بيت لڳن ٿا، همراهه قوم کي جاڳائڻ جا ڏاڍا جتن ڪيا آهن، ڪانئر لاءِ چوي ٿو ته:
    منهنجو نالو سامهون ايندو هوندئي
    ضمير بُجا ڏيندو هوندئي
    هي ڪري هِين رهيو ڪانئر، هاڻي ڏاڍو هِين ٺهيو ڪانئر
    توکي ڪنهن آچيو ڪانئر، پاڻئون توکي نه پيو ڪانئر
    دل تي سوال ڪو اڀرندو هوندئي
    ضمير بُجا ڏيندو هوندئي
    محبوب علي ڏيپر صاحب جو تعلق ميهڙ سان آهي. سندس شاعريءَ ۽ شخصيت تي علي دوست عاجز، لياقت بن محبوب ڏيپر، ديدار شاد گوپانگ، غلام حسين خاصخيلي، ذوالفقار هيسباڻي ۽ عبدالستار ميراڻيءَ جا ويچار ڏنل آهن. سندس ڪتاب مان هيٺ ڪجهه وڌيڪ شعر ڏجن ٿا:

    موهيڙي تي بيت
    موهيڙا نه مون سان کنيون تو پِٽيا چڱو پير
    آءٌ به ڪڏهن ڪين گهرندس کوٽا تنهنجو خير
    سڃاڻان ٿو سَوَن ۾ مان ڀاڙي تنهنجو ڀير
    دل ۾ رکي غير، پيو موهيڙا وڙهين ”محبوب“ سان
    موڳا منهنجي منهن تان هيڪر وڃين ها هٽي
    ڏئي ايڏا آزار ڇو ڪئي فقير جي دل ڦٽي
    حڪيمن وٽ هيڏي، تو چهڙا ڀرائي چٽي
    تو پڳ اها کٽي، جو ڏنئي ڏک ”ڏيپر“، کي

    ورندي موهيڙي جي
    ڏک نه ڏيانءِ هان ”ڏيپر“ تو پاڻ سان ڪئي آ پاڻ
    هر هر زور ڏئي ضعيف کي، پيو ڪرين رتو ڇاڻ
    منهنجي هن مذڪور جي توکي ڏني ڪنهن نه ڄاڻ
    تڏهن تون ڀي ڪاڻ، نه پيو ڪڍين ننڍڙي جي

    هيءُ منهنجو جواب
    هر هر هٿ هڻي چيو مانءِ ته هاڻي هتان وڃ
    منهنجي اها منٿ هيڪر موهيڙا تون مڃ
    وري اچجانءِ ڪين ڪي ڀيرو هتان ڀڃ
    وڃي وَساءِ رُڃ، مور نه ڏسان ”محبوب“ چئي
    ________________________________________________
    جيئي جيئي اوڏڻ مائي
    بيشڪ تنهن جي ور سان سچائي
    جيئي جيئي اوڏڻ مائي
    ور سان هٿ ونڊائڻ واري، ٿڌي ڪوسي ڪاهڻ واري
    تنهن سان نينهن نڀائڻ واري، سرجو سانگو لاهڻ واري
    ور سان گڏ جنهن وک وڌائي
    جيئي جيئي اوڏڻ مائي
    تنهنجو مٽيءَ سان پيار آ اوڏڻ، محنت جو وهنوار آ اوڏڻ
    گاري گپ کان پار آ اوڏڻ، سنڌ جي ٿي سينگار آ اوڏڻ
    ليڙون لٽا ۽ ڇتن ۾ ڇائي
    جيئي جيئي اوڏڻ مائي
    ذرو نه زيان ڪري ٿي اوڏڻ، ولائت کان پئي وري ٿي اوڏڻ
    گڏهه مٽيءَ جا ڀري ٿي اوڏڻ، پل نه وڃي پري ٿي اوڏڻ
    جنهن وک نه پوئتي هٽائي
    جيئي جيئي اوڏڻ مائي
    ريشم بخمل پائي اوڏڻ، لنڱين مٽي پئي لائي اوڏڻ
    اڳتي وک وڌائي اوڏڻ، واهه جو ور سان نڀائي اوڏڻ
    سڀ کان وڌ آ تنهن جي ڪمائي
    جيئي جيئي اوڏڻ مائي
    گهر ٻين جا سنواري اوڏڻ، محنت سان پئي گهاري اوڏڻ
    ويهي وقت نه کاري اوڏڻ، ٽائيم نه ڪوئي ٽاري اوڏڻ
    جنهن کي پکن جي سڪ سوائي
    جيئي جيئي اوڏڻ مائي
    ٻين جا بنگلا ٺاهي اوڏڻ، ليڙون لٽا پائي اوڏڻ
    پنهنجا حال وڃائي اوڏڻ، سادو سودو کائي اوڏڻ
    اجايو نٿي ڪا وڃائي پائي
    جيئي جيئي اوڏڻ مائي
    خوب خوديءَ کي ماري اوڏڻ، سدا صبر ۾ گهاري اوڏڻ
    سهڻا گهر ٿي سنواري اوڏڻ، ورجي دل پئي ٺاري اوڏڻ
    واهه جو تنهن جي آهي وفائي
    جيئي جيئي اوڏڻ مائي
    همت نٿي ڪا هاري اوڏڻ، گپ چڪ ۾ ٿي گهاري اوڏڻ
    ٻي وائي نه ”ڏيپر“ واري اوڏڻ، دل ور جي ائين پئي ٺاري اوڏڻ
    ڌيءَ ”محبوب“ نه اهڙي ڪاٿي ڄائي
    جيئي جيئي اوڏڻ مائي


    تعارف کان رهجي ويل ڪجهه ڪتابن جا نالا

    سگهڙن پنهنجا جيڪي ڪتاب ڇپرايا آهن، اُهي گهڻي ڀاڱي هُنن پنهنجيءَ مدد پاڻ هيٺ ڇپرايا ۽ ورهايا آهن، اهو ئي سبب آهي ته عام لئبريرين/ڪتاب گهرن تي اهي مشڪل سان ملن ٿا تنهنڪري ذاتي لئبريرين مان ڪتابن هٿ ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪيم. ان ڪوشش جي نتيجي ۾ جيڪي ڪتاب مليا، انهن جو تعارف ڏنو اٿم. ان سان گڏڳولهابه جاري اٿم. جن ڪتابن جا حوالا ۽ ذڪر مليو، انهن جي لسٽ هتي پيش ڪجي ٿي ته جيئن اهي به رڪارڊ تي اچي وڃن.
    ڪچهري (اخبار) ايڊيٽر: ٻيڙو فقير ڪنڀار
    محترم در محمد ڪمال سولنگيءَ مطابق 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ڪاري موريءَ حيدرآباد جو سگهڙ محترم ٻيڙو فقير ڪنڀار شايع ڪندو هو.
    ماڻڪ موتي ملوڪ جا: استاد محمد ملوڪ عباسي
    مُنهن مٿانهان جن جا: استاد محمد ملوڪ عباسي
    گلشن ڏور: استاد محمد ملوڪ عباسي
    مٺل ماڳ وسن: محمد مٺل جهتيال
    فيصلا انصاف جا: ديدار علي سيال
    قائم جو ڪلام: قائم الدين سهتو
    لفظ لعل ڏني جا: لعل ڏنو شر
    ڪنهن کي ڏجي دانهن:فقير ديدار علي سيال
    ڪل جڳ رهندا ڪاپڙي: فقير ديدا علي سيال
    ٻاجهارا ٻول: سگهڙ قاسم ڪلوڙ
    جنهن جو عشق الله سان: سگهڙ قاسم ڪلوڙ
    قاسم جا قول:سگهڙ قاسم ڪلوڙ
    سونهن وطن جي: سگهڙ قاسم ڪلوڙ
    سنسار جا سينگار:سگهڙ قاسم ڪلوڙ
    ڏاهپ ڀريا ڏس:سگهڙ قاسم ڪلوڙ
    سولي ڪر ستار: سگهڙ قاسم ڪلوڙ
    وريام فقير جو رسالو: وريام فقير شيخ
    سنگ سچ ۽ سونهن جو:وريام فقير شيخ
    قائم جو ڪلام: قائم الدين سهتو
    عشق جي اصلي ڳالهه نه ڪر: گل محمد غازي
    ڏکن جا ڏوهيڙا: گل محمد غازي
    ڏات جا ڏيئا: ڪريم بخش وسطڙو
    سوچون شاهه مراد جون: شاهه مراد شر
    پنجل جو پيغام: سگهڙ محمد پنجل شيخ
    لالڻ جي لوچ:سگهڙ لال ڏنو ”لالڻ“ شر
    سهڻا سخن سومر جا: محمد سومر چنو
    مٺا ٻول محبوب جا: محبوب علي ڏيپر
    گفتا گدا حسين جا: گدا حسين سهتو
    سُگهڙ سالڪ:استاد محمد صادق ٿهيم جوگُن
    ڪنڊ ياري جا قربدار: حاجن سولنگي ۽ آچر سولنگي
    چڪر مال جو: (ڇپائيءَ هيٺ) محمد جمن ڀٽي
    گوهر غلام محمد جا: سگهڙ غلام محمد ميمڻ
    ربن جو راز: سگهڙ ربن ڪنڀر
    اُچارن جو بُڪ : گل حسن گل ملڪ
    توکي منهنجو سلام سائين: ڏاڏو ڏتل ابڙو
    اکيون اوسيئڙا: سگهڙ بدر ڪيهر
    بهار جي بوند: (ڇپائيءَ هيٺ) بهار علي بهار ٻرڙو
    چمڪيو چوڏس چنڊ جيئن: سگهڙ زاهد مهيسر
    مٺل ماڳ وسن: محمد مٺل جهتيال
    آهون احمد حسين جون:ترتيب: عاجز رحمت الله لاشاري
    سونهاري جي سونهن: ترتيب: حسين بخش رڏ
    ريگستاني رهاڻيون: ترتيب: حسين بخش رڏ
    سر جيس تان سُور: محمد خان مڱڻهار
    سومر جي سوچ: ترتيب: عبدالرحمٰن مهيسر
    مهيسر جي مستي: فقير عبدالرحمٰن مهيسر
    ڊاڪٽر بلوچ سان قرب ڀريون ڪچهريون: فقير عبدالرحمٰن مهيسر
    ڏات جا ڏيئا: فقير عبدالرحمٰن مهيسر
    فقير ميانداد طارق جون روايتون: ترتيب: فقير عبدالرحمٰن مهيسر
    مُرڪن جون مکڙيون: بحرالدين شنباڻي
    ماڻڪ موتي مير جا: مير فقير چنو
    سومر جي موچ:محمد سومر
    _______________________________________________________________________
    تعارف کان رهجي ويل ڪتابن جي لسٽ ٺاهڻ ۾ عاجز رحمت الله لاشاريءَ ۽ خليل الرحمٰن مهيسر تمام گهڻي مدد ڪئي.
    اڃان به ڪي ڪتاب رهجي ويا هوندا، اميد ته ان سلسلي ۾ دوست مدد ڪندا ته جيئن ايندڙ ڪنهن ڪتاب ۾ انهن جو به تعارف ڏئي سگهجي.


    سُگهڙن جون تنظيمون

    تعارف

    سُگهڙن جي ڪچهري حقيقت ۾ هڪ منظم گروپ هوندو آهي. ان ۾ عام تنظيمن ۽ پارٽين وانگر عهدا ته نه هوندا آهن پر هڪ قسم جي تنظيم سازي ضرور هوندي آهي، جنهن ۾ هر هڪ جون ذميواريون ورهايل هونديون آهن. انهن مان ڪو وڏڙو يا ڪچهريءَ جو مور هوندو آهي ته ڪو وري سنگت جي سنڀال لهڻ وارو، ڪو امين ته ڪو خدمتگار مطلب ته ذميواريون ورهايل هونديون آهن. ڪچهريءَ جا مختلف اصول به ٿين. سهپ، وڏڙن جو ادب،ننڍن سان پيار ۽ رواداري وغيره هن تنظيم جا خاص نڪتا آهن. اهي ڪچهريون ته صدين کان جاري آهن، جيڪي گهڻي ڀاڱي اوطاقن تائين محدود آهن. اڳتي هلي زماني جي گهرج مطابق سگهڙن کي باقاعدي تنظيم ٺاهڻ جي ضرورت پيش آئي.
    تنظيم سازيءَ لاءِ سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي، سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر ۽ ٻين سگهڙن سان گڏ لوڪ ادب جي محسن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ۽ ٻين پنهنجون توانائيون ڪتب آنديون. نتيجي ۾ 1972ع ۾ سنڌ سگهڙ سنگت ۽ ان کان پوءِ ڪجهه ٻيون تنظيمون وجود ۾ آيون، جن جو مختصر تعارف هتي ڏجي ٿو.


    سنڌ سگهڙ سنگت/ سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم

    ان تنظيم جو بنياد استاد محمد ملوڪ عباسيءَ پنهنجي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ 1972ع ۾ رکيو. سن تي ڪجهه اختلاف به آهن. ان حوالي سان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ٿو ته: ”هڪ دفعي 1975ع ۾ مون سان (سگهڙ) ملڻ آيا ۽ مون منجهن تنظيمي روح ڦوڪڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي. سنڌ سگهڙ سنگت ٺاهي وئي، سگهڙ فقير محمد ملوڪ عباسيءَ کي ان جو صدر بڻايو ويو. سندس شاگرد سگهڙ محمد لقمان کوکر پڻ انهيءَ تنظيم جي باني عهديدارن مان هڪ هئو.“ (ڪتاب ”لاتيون سڻ لقمان جون“ ص- 15)
    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ڪوششن سان ٺهيل هن تنظيم جو سرپرست ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو. هِن تنظيم جا مول متا سگهڙن جي ڀلائي ۽ سگهڙائپ جي فن جي واڌاري بابت آهن. تنظيم رجسٽر به آهي. رجسٽريشن واري رڪارڊ ۾ سندن مول متا ڪهڙا آهن. انهن کي هٿ ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪيم، تنظيم جي عهديدارن کي به عرض ڪيم پر ناڪام ويس. محترم ممتاز عباسيءَ ٻڌايو ته سائين رڪارڊ گم ٿي ويو آهي.
    هن تنظيم سگهڙن جي ڀلائيءَ لاءِ مختلف خدمتون ڪيون آهن، جن ۾ ريڊيي، ٽي ويءَ تي سگهڙن کي وڌيڪ وقت ڏيارڻ، سرڪاري تقريبن خاص ڪري شاهه لطيف، سچل سرمست، قلندر لعل شهباز جي ميلن جي موقعن تي سگهڙ ڪانفرنس، ڪچهرين ڪرائڻ، سگهڙن کي ثقافت کاتي کان وظيفن وٺي ڏيڻ، سگهڙن جي ڪتابن شايع ڪرائڻ وغيره ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. اڳتي هلي تنظيم جو نالو تبديل ڪري سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم رکيو ويو. تنظيم پاران استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو ڪتاب ’موتي مور ملوڪ جا‘ 1981ع ۾، محمد لقمان کوکر جو ڪتاب ”لاتيون سُڻ لقمان جون“ 1995ع ۾۽ ٻيا ڪتاب ڇپرايا ويا.
    هِن وقت ان تنظيم جو صدر فقير ممتاز علي عباسي، سينيئر نائب صدر عبدالعزيز چانڊيو، نائب صدر ڏتل ابڙو، جنرل سيڪريٽري محمد صالح عباسي، جوائنٽ سيڪريٽري علي حيدر عباسي، خزانچي محمد حسن ماڇي ۽ رابطي سيڪريٽري احمد علي عباسي آهي.
    هن تنظيم جو شروع کان سر پرست سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آهي. بلوچ صاحب سان هي سگهڙ ايتري محبت ڪن ٿا، جو سندس لاڏاڻي کان پوءِ به هو سرپرست بلوچ صاحب کي ئي سمجهن ٿا. اهوئي سبب آهي ته بلوچ صاحب جو سرپرست جي حيثيت سان نالو موجود آهي.
    اها تنظيم اڄ به سرگرم آهي، ان جون سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ شاخون آهن، وت ۽ وس آهر لوڪ ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن. ان تنظيم جو وڏو ميڙاڪو سالياني سُگهڙ ڪانفرنس آهي، جيڪا هر سال ستين صفر تي استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي ڳوٺ ۾ ٿيندي آهي، جنهن ۾ سنڌ توڙي بلوچستان جا سُگهڙا اچي گڏبا آهن. هڪٻئي کي ڏٺون ڏوريون ۽ ڳجهارتون ڏيندا ۽ ڀڃندا آهن. هر ڪو پنهنجي سوکڙي پيش ڪندو آهي.
    ان ميڙاڪي ۾ نه رڳو سنڌي ثقافت، علم ۽ ادب سان لاڳاپيل ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن وزير، مشير ۽ گورنر به شرڪت ڪندا آهن.
    حقيقت ۾ اهو ٻوٽو محمد ملوڪ عباسيءَ جو ٻاريل آهي، جنهن کي وڏيءَ ذميواريءَ ۽ محبت سان هي همراهه دُکائيندا پيا اچن.


    سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم

    هن تنظيم جو بنياد نالي واري سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر 1997ع ۾رکيو. ابتدا ۾ ان جو دائرو ضلعو خيرپور رهيو، جنهن کي سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ وٽ رجسٽر ڪرايو ويو. ان جا مول متا رڳو سگهڙن تائين محدود نه هئا بلڪه سگهڙن توڙي عام ڳوٺاڻن جي ڀلائيءَ جي مقصد سان تنظيم جوڙي وئي.
    ٰصحت ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ جدوجهد ڪرڻ
    بيمار، لاچار ۽ ڪنگلن ماڻهن جي مدد ڪرڻ
    ڳوٺ سُڌار پروگرام جوڙڻ ۽ ان لاءِ جاکوڙڻ
    سگهڙن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ
    سگهڙن جي ڪتابن شايع ڪرائڻ لاءِ اشاعت گهر/ Publication قائم ڪرڻ.

    انهن مقصدن کي سامهون رکي، هيءَ تنظيم ڪم ڪندي رهي. پنهنجو اشاعتي سلسلو به شروع ڪيائين، هن وقت تائين ڳچ ڪتاب شايع ڪرائي چڪي آهي، جن ۾ هيٺيان ڪتاب به شامل آهن.
    1. مُرڪن جون مکڙيون، بحرالدين شنباڻي
    2. ماڻڪ موتي مير جا، مير فقير چنو
    3. گفتا گدا حسين جا ، گدا حسين سهتو
    4. رهاڻ هيرن کاڻ- 1 (ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون سگهڙن سان ڪچهريون، ترتيب عبدالرحمٰن مهيسر)
    5. فقير ميانداد لغاريءَ جون روايتون، مرتب: عبدالرحمٰن مهيسر
    6. سچ جي سونهن، وريام جي ورونهن، وريام فقير شيخ
    7. ڏات جا ڏيئا، ڪريم بخش وسطڙو
    8. سهڻا سخن سومر جا، محمد سومر چنو
    9. حال حيات ضلعي خيرپور جا سگهڙ، عبدالرحمٰن مهيسر
    10. گُنيءَ جو گُن (سگهڙ دُلو فقير ڀٽي) مرتب عبدالرحمٰن مهيسر
    اڳتي هلي هن تنظيم پنهنجي ڪم جو دائرو سڄيءَ سنڌ تائين وڌايو، تنظيم جو دائرو 2002ع ۾ وڌايو ويو، جنهن بابت عبدالرحمٰن مهيسر پنهنجي ڪتاب ”حال حيات- ضلعي خيرپور جا سگهڙ“ ۾ لکي ٿو ته؛ تازو 2002ع جي آخر ۾ سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم وجود ۾ آئي، الله پاڪ جي آسري تي ڪم شروع ڪيوسين.“
    ان موقعي تي سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر کي مرڪزي صدر چونڊيو ويو ۽ آل سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم جي حيثيت ماڻيائين.
    تنظيم جو شروع کان ئي سرپرست ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رهيو. سنڌ جا سمورا سگهڙ بلوچ صاحب سان تمام گهڻو پيار ڪندا آهن، ان جو هڪڙو ثبوت اهو به آهي ته بلوچ صاحب جي لاڏاڻي کان پوءِ به هن تنظيم جو ڪو ٻيو سرپرست مقرر نه ڪيو ويو آهي، اڄ به بلوچ صاحب سندن روحاني سرپرست آهي. هيءَ تنظيم ڪتابن شايع ڪرائڻ سان گڏ ٻيون سرگرميون به جاري رکيون پئي اچي، جن ۾ سگهڙن جون ڪچهريون ڪرائڻ، سگهڙن کي ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تائين پڄائڻ وغيره جهڙيون خدمتون تنظيم پاران جاري آهن، پوءِ اهي ڪڏهن تيز ته ڪڏهن سست رفتاريءَ سان. عبدالرحمٰن مهيسر صاحب ان حوالي سان لکي ٿو ته؛
    ”سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم سنڌ 2002ع ۾ نئين سر وجود ۾ آئي ۽ سڄيءَ سنڌ جا سگهڙ ڪاري موريءَ حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا ۽ مرڪزي صدر جو بار منهنجن ڪلهن تي رکيو ويو؛ آءٌ انهيءَ سگهڙ ڪانفرنس ۾ سڀني دوستن کي عرض ڪيو ته هر هڪ ضلعي بابت حال حيات سگهڙن جو ڪتاب ڇپرايو وڃي ته جيئن فن ضايع ٿيڻ کان بچي وڃي“ (ڪتاب گُنيءَ جو گُن) سندس لاڏاڻي کان پوءِ فقير صاحب جو پُٽ خليل الرحمٰن تنظيم جي سرواڻي ڪندو پيو اچي.

    هن وقت هِن تنظيم جا مرڪزي عهديدار هيٺيان آهن:
    1. صدر: خليل الرحمٰن مهيسر
    2. سينيئر نائب صدر: محمد عظيم ڪلهوڙو
    3. نائب صدر: تاج محمد هاليپوٽو
    4. جنرل سيڪريٽري: روشن الدين ٿهيم
    5. جوائنٽ سڪريٽري: حسين بخش رڏ
    6. خزانچي: گدا حسين سهتو
    7. پريس سيڪريٽري: قلندر بخش چهواڻ
    ______________________________________________________________________
    حوالا:
    محترم خليل الرحمٰن مهيسر سان مختلف وقتن تي ڳالهه ٻولهه
    گُنيءَ جوگن (سگهڙ دُلو فقير ڀٽي) سهيڙ ۽ ترتيب: سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر، سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم، تعلقو گمبٽ، ضلعو خيرپور ميرس، 2005ع


    سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)

    استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي جوڙيل پهرين تنظيم سنڌ سگهڙ سنگت سگهڙن کي نه رڳو گڏ ڪيو پر انهن ۾ جاڳرتا به وڌائي. تنظيمي شعور به وڌايو. تنظيمي شعور سان جتي تمام وڏو فائدو پيو اُتي ڪجهه سُگهڙن ۾ مختلف مامرن تي اختلاف به پيدا ٿيا. اختلاف صحيح هئا يا غلط اسان ان ۾ نه ٿا وڃون پر اختلافن مان سگهڙن جون ڪجهه ٻيون تنظيمون ڦٽي نڪتيون. انفرادي توڙي گڏيل صلاح مصلحت ۽ ڪجهه ٻين ڪارڻن سبب تنظيمن جا نالا به مٽبا رهيا ته وري ڌار تنظيمون به جُڙيون. ڌار ڌار تنظيمن جتي سگهڙن ۾ ورهاست پيدا ڪئي اُتي صحتمند مقابلي جو به لاڙو پيدا ٿيو. تنظيمن هڪ ٻئي کان گوءِ کٽڻ لاءِ پنهنجون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. بنيادي مقصد سمورين تنظيمن جو ساڳيو لوڪ ادب جي واڌ ۽ سُگهڙن جي ڀلائي آهي، تنهن ڪري سُگهڙن جو آواز ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ وڌيڪ سگهارو آهي. ان ۾ جيڪڏهن اتحاد ۽ سهپ کي اڃا مضبوط ڪيو وڃي ته سگهڙن سان گڏ سنڌ به ترقي ڪندي.
    سنڌ سُڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) به اهڙين حالتن جي پيداوار آهي. ان تنظيم جو بنياد محترم رحيم بخش قريشي، محمّد مٺل جهتيال، عاجز رحمت الله لاشاريءَ ۽ ٻين رکيو. تنظيم جو پهريون صدر محمد مٺل جهتيال ۽ جنرل سيڪريٽري عاجز رحمت الله لاشاري مقرر ڪيو ويو. تنظيم جي بنياد بابت آڪاش عاجز لاشاري لکي ٿو ته:
    ”ان جو باقاعدي آغاز افتتاحي تقريب سان ڪيو ويو، جيڪا اٺين مئي 2004ع تي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم سنڌ الاجي ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر، دانشور، ادب دوست ۽ اهل سنڌ جي خيرخواهه سائين مظهر الحق صديقيءَ جي صدارت ۽ تنظيم جي سرپرست اعلى آغا نور محمد پٺاڻ (ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر اڪيڊمي ادبيات پاڪستان سنڌ) جي اڳواڻيءَ ۾ آل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ ٿي،جنهن جو صدر محمد مٺل جهتيال کي چونڊي سنڌ جي سگهڙن پاران پڳ ٻڌرائي وئي. ان موقعي تي سنڌالاجيءَ جي ڊائريڪٽر ۽ نامور اديب سائين شوڪت حسين شوري سميت سنڌ جي هر ضلعي جي سگهڙ بااعتماد بڻجي شرڪت ڪئي.
    هن تنظيم کي سگهڙن تائين پهچائڻ لاءِ روز بروز اڃان به وڌيڪ ڪوششون جاري آهن ۽ هن تنظيم کي سنڌ، بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن جتي سنڌي ۽ سرائڪي ڳالهائي وڃي ٿي، انهن سمورن علائقن ۾ وڃي هر سگهڙ تائين سڀئي ميمبر ۽ عهديدار پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن تنظيم ۾ سگهڙن کان سواءِ سگهڙائپ جو شعور رکندڙ نئين ٽهيءَ جا شاعر ۽ ادب سان لاڳو هر فرد ميمبر ٿيندو ته ان کي ميمبر جي ناتي تمام وڏي حيثيت حاصل هوندي. جيڪي وقتن فوقتن تنظيم کي مالي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ باشعور رهندا. هن تنظيم پنهنجي مدد پاڻ تحت لوڪ ادب جو گهر گهر پيغام پهچايو ڪيترن ئي ضلعن ۽ تعلقن ۾ باڊيون جوڙيون.
    هڪ سال جي ٿوري عرصي ۾ 10 سنڌ سگهڙ ڪانفرنسون ۽ 300 جي لڳ ڀڳ ماهوار، پندرنهن وار، هفتي وار ڪچهريون ڪوٺايون. هن پليٽ فارم تي ٿوري عرصي ۾ ايڏي مڃتا ماڻائڻ ۾ تڏي جي تونگر ۽ سگهڙن جي مڻيا کي مان ڏيندڙ، مخلص، محبتي، باصلاحيت ۽ اديب، اڳواڻ محترم جناب آغا نور محمد پٺاڻ صاحب جي دلي لڳاءَ ۽ ادبي خدمت جو جذبو اجاگر هيو، جنهن هن غريب لڏڙي تي شفقت جو هٿ رکي مان مٿانهون ڪيو آهي. سلات جي سگهڙن تي مالڪ طرفان رحمت جا مينهن برسيا آهن جو هيءُ ننڍڙو قافلو سال جي ٿوري عرصي ۾ وڏين تنظيمن جو مقابلو ڪرڻ لڳو. سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) کي سرڪاري سطح تي رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ ضلع نوشهري فيروز جي سگهڙ ساٿين محمد مٺل پٺاڻ ۽ حاجي قربان علي ملڪ جون ذاتي ڪوششون آهن جن هن تنظيم کي ويليفيئر طور 30 جون 2005ع تي رجسٽر ڪرايو.“
    ان تنظيم جو آئين ۽ منشور 23 هين مارچ 2006ع تي جنرل باڊي اجلاس ۾ باقاعدي منظور ڪيو ويو. ان مان بنيادي مقصد ۽ عهديدارن جي جوڙجڪ ڏجي ٿي.

    سلات جا بنيادي مقصد
    سنڌ جي سڀني سگهڙن جي ادبي، جاني ۽ مالي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ.
    سنڌي ”لوڪ ادب“ جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ .
    سنڌ جي سڀني سگهڙن کي ريڊيي، ٽي وي ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي متعارف ڪرائڻ.
    بيمار سگهڙن جي علاج ۽ مالي امداد لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کان تعاون حاصل ڪرڻ.
    سنڌي”لوڪ ادب“ کي وڌيڪ روشناس ڪرائڻ لاءِ سگهڙن جا ٻاهرين ملڪن ڏانهن وفد موڪلڻ لاءِ سرڪار ۽ لاڳاپيل ادارن کي سفارش ڪرڻ.
    سموريءَ سنڌ ۾ ”سگهڙ ڪانفرنسون“ ۽ ”اوطاقون“ ڪچهريون قائم ڪرڻ.
    غريب سگهڙن جا گڏيل ڪتاب ڇپرائڻ.
    نوجوان سگهڙن ۽ شاعرن کي ”لوڪ ادب“ جي اهم صنفن جي باقاعدي سکيا ڏيڻ.
    سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو تحفظ ڪرڻ.
    سنڌ اندر ٿيندڙ غير اخلاقي غير قانوني ۽ غير فطري عملن خلاف سگهڙائپ ذريعي عوام ۾ سجاڳيءَ جو شعور پيدا ڪرڻ.
    گذاري ويل ادبي شخصيتن جي ياد ۾ پروگرام ڪرائڻ.

    هيءَ تنظيم غير سرڪاري غير سياسي هوندي ۽ هن جو ڪنهن به فرقي سان واسطو نه هوندو، تنظيم جي صرف ادبي سڃاڻپ هوندي.
    تنظيم جا ميمبر يا عهديدار تنظيم پاران قائم ڪيل ڪنهن به اداري جا پگهاردار ملازم نه هوندا.
    سلات جي مرڪزي باڊيءَ جا هن وقت عهديدار
    1. سرپرست: در محمد ڪمال
    2. مرڪزي صدر:عاجز رحمت الله لاشاري
    3. سينيئر نائب صدر:بهار علي بهار ٻرڙو
    4. نائب صدر: حاجي نواز علي پتافي
    5. سيڪريٽري جنرل: گل حسن گل ملڪ
    6. ڊپٽي سيڪريٽري: عبداللطيف سولنگي
    7. جوائنٽ سيڪريٽري: ارشاد علي عرضائي
    8. خزانچي: حاجي محمد جمن ڀٽي
    9. ثقافتي سيڪريٽري: جلب خان بگٽي
    10. پريس سيڪريٽري: شاهنواز چنو
    11. آفيس سيڪريٽري: الهڏنو بروهي
    12. آڊيٽر: پٺاڻ خان مهر
    سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم اڳتي هلي سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تحريڪ بڻجي وئي يا وري ساڳين دوستن ان جو نالو تبديل ڪيو. ان حوالي سان عاجز رحمت الله لاشاري ٻڌايو؛ ”اسان جي تنظيم جو بنياد 23 مارچ 2004ع تي پيو. پنج سال آغا نور محمد پٺاڻ سرپرست رهيو ۽ هاڻي در محمد ڪمال سرپرست آهي. تنظيم جو نالو انڪري تبديل ڪيو ويو جو ڪجهه دوستن ان کي غلط استعمال ڪيو. هن وقت ان جو نالو سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم (سلات) آهي.“
    سنڌ سگهڙ سڄاڻ لوڪ ادب تنظيم/ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تحريڪ/ سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم مختلف ڪتاب پڻ شايع ڪرايا آهن، جن ۾ سگهڙ سماچار جي مختلف شمارن کان سواءِ هيٺيان به اچي وڃن ٿا؛
    سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري
    مٽيءَ جي خوشبوءِ
    محبت جي منزل
    پنهنجي شاعري پنهنجو رنگ

    هيءَ تنظيم ٻين تنظيمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سرگرم نظر اچي ٿي، ڪچهريون ڪرائڻ، ڪتاب ڇپرائڻ، ڪانفرنسون ڪرائڻ، اخبارن ۾ بيان ڇپرائڻ ۽ حقن لاءِ جاکوڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سال 2005ع جي هڪ رپورٽ ۾ هنن ڪانفرنسن ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته؛ ٿوري عرصي ۾ سنڌ سطح جون ڏهه ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون ۽ ان سان گڏ ”300 جي لڳ ڀڳ ماهوار، پندرهن وار ۽ هفتيوار سگهڙ ڪچهريون قائم ڪرڻ کانسواءِ 500 کان وڌيڪ مڃتا سرٽيفڪيٽ اديبن، شاعرن سگهڙن ۽ سماجي خدمتن عيوض سوشل ورڪرن کي ڏياري سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو مقام ماڻيو آهي. ان سلسلي ۾ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي پهرئين سگهڙ ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي سنڌ الاجي هال ۾ 8- مئي 2004ع تي ٿي، ٻي سگهڙ ڪانفرنس لياقت ميموريل لئبريري هال ڪراچيءَ ۾ ٿي. ٽين ڪانفرنس 21 آگسٽ 2004ع تي سنڌ جي سورمي مائي سهڻيءَ جي مزار جي صحن تي شهدادپور ۾ ٿي، چوٿين ڪانفرنس 30 آڪٽوبر 2004ع تي شهر مٺياڻي ضلع نوشهري فيروز ۾ ٿي، پنجين ڪانفرنس 19 ڊسمبر 2004ع تي اڏيري لال اسٽيشن ۾ ٿي، ڇهين ڪانفرنس 27 ڊسمبر 2004 تي واپڊا ڪالوني ڄامشوري ۾ ٿي. ستين ڪانفرنس 29 جنوري 2005ع تي سن لڳ ڳوٺ ٻٺو ۾ ٿي، اٺين ڪانفرنس 13 مارچ 2005ع تي ڳوٺ شاهنواز خان خشڪ تعلقي ڪنڊياري ۾ ٿي. نائين ڪانفرنس 19 مارچ 2005ع تي ڄامشوري پريس ڪلب ۾ ٿي، ڏهين سنڌ سگهڙ ڪانفرنس قاضي احمد جي ڀر ۾ ڳوٺ گل بيگ خان لنڊ ۾ ملهائي وئي. انهن سمورين ڪانفرنسن ۾ ”سڄاڻ سگهڙ“ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ استاد محمد ملوڪ عباسي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ۽ عزت فقير يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 500 کان مٿي اديبن، سگهڙن، شاعرن ۽ مختلف مڪتب فڪر ۾ مڃتا ماڻيندڙن کي اعزازي طور ڏنا ويا.
    هن تنظيم تازو 05 آڪٽوبر 2013ع تي جڳ مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ياد ۾ سنڌالاجي ڄامشوري ۾ سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلو ڪرايو.
    هيءَ تنظيم جديد ٽيڪنالاجي ”موبائيل ڪانفرنس“ جو استعمال پڻ ڪري رهي آهي. موبائيل فونن جي پيڪيجن جو فائدو وٺندي هي همراهه هڪٻئي کي پنهنجو فن ٻڌائيندا رهن ٿا. جنهن کي هُنن نالو ڏنو آهي ’ڪانفرنس ڪال‘. سندن اهو عمل تمام گهڻو واکاڻ جوڳو آهي.
    ________________________________________________________________________
    حوالو:
    سگهڙ سماچار جا مختلف پرچا (نومبر 2005ع- آڪٽوبر/ نومبر 2007ع، محترم مٺل جهتيال ۽ محترم عاجز لاشاريءَ سان ڳالهه ٻولهه.


    سگهڙ لوڪ وينجهار ڪچهري (سلوڪ) سنڌ

    ان تنظيم جو پراڻو نالو سگهڙ لوڪ ادب مجلس پاڪستان هو، جنهن جو بنياد ٽي سال کن اڳ سگهڙ علي نواز وڳڻ مواڇ ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رکيو. رجسٽريشن وقت کين پاڪستان نالي سان ڏکيائي ٿي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان سطح جي تنظيم جي رجسٽريشن هتي سنڌ ۾ نه ٿيندي آهي. ان لاءِ کين اسلام آباد جا چڪر ڪاٽڻا پون ها. پوءِ 2011ع ۾ ان جو نالو تبديل ڪيو ويو. ان تنظيم ٺهرائڻ ۾ پاڪستان اڪيڊمي ادبيات سنڌ جي ڊائريڪٽر آغا نور محمد پٺاڻ کين ڏاڍو همٿايو ۽ اڃا تائين هو هن تنظيم جو سرپرست آهي. هن تنظيم جي رجسٽريشن اڃا نه ٿي سگهي آهي پر پنهنجو ڪم جاري رکيو پئي اچي. ڪراچيءَ جي ڳوٺن ۾ ڪچهريون ڪرائڻ ۽ سگهڙن جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙڻ جو عمل جاري رکيون پئي اچي.
    باني صدر حاجي علي نواز وڳڻ آهي جڏهن ته ٻين عهديدارن ۾ هيٺيان اديب ۽ سگهڙ شامل آهن.
    1. نائب صدر: احمد نواز آصف راڄپر
    2. جنرل سيڪريٽري: جان محمد جاني بروهي
    3. جوائنٽ سيڪريٽري: محمد ايوب واهوچو
    4. خزانچي: فقير احمد مدني
    5. پريس سيڪريٽري: غلام ڪريم ڪوثر لغاري
    6. آفيس سيڪريٽري: عابد حسين وڳڻ
    ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ ۾ اقبال شاهين، غلام شبير جمالي، ارشاد تنيو، محمد ابراهيم کوکر، شاهد عرف فاروق شيخ ۽ ڪاڇيلو محمد سومار شامل آهن. تنظيم جا مول متا هيٺ ڏجن ٿا.
    سگهڙن، شاعرن، اديبن، ۽ ليکڪن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ.
    هِڪ صلاح ٿِي ملڻ، گڏيل طور لوڪ ادب جي خدمت ڪرڻ.
    ادبي ۽ علمي مواد کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ.

    اهڙا پروگرام ڪرڻ جن سان حمد باري تعالى، عظمت رسول صوفين جو شان ۽ اُنهن جو ڏنل درس عام ماڻهن تائين پهچي.
    جيڪي سُگهڙ، شاعر، اديب، ليکڪ ۽ فُنون لطيفه سان لاڳاپيل شخصيتون غربت سبب مجبوريءَ جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيون آهن اُنهن جي مالي سهائتا ۽ مستقبل ۾ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ کين حڪومت کان مالي مدد ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ.
    ته جيئن زندگي عزت ۽ اِحترام سان گُذاري سگهن ۽ ادب جي خدمت ڪندا رهن. معاشري ۾ کين اُن مقام تائين پُهچائڻ جيڪو سندن بنيادي حق آهي.


    سنڌ سگهڙ اتحاد

    شاهه سائينءَ جو ميلو، قلندر لعل شهباز جو ميلو ۽ سچل سائينءَ جو ميلو خاص ڪري سگهڙن لاءِ به وڏا اجتماع ثابت ٿين ٿا. سڄيءَ سنڌ توڙي ٻاهر جا سگهڙ اچي گڏبا آهن. ثقافت کاتي پاران انهن ميلن جي موقعن تي سگهڙ ڪانفرنسون ٿينديون آهن ۽ خاص ڪري ميلن جي موقعي تي سگهڙن جون تنظيمون سرگرم ٿي وينديون آهن . گهڻي ڀاڱي دعوتن نه ملڻ جي مسئلي تي ڳالهه اخباري بيانن کان اڳتي نڪري وڃي احتجاجن تائين پهچندي آهي. اڪثر سڄاڻ سگهڙن، سگهڙن توڙي سندن تنظيمن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جي پئي ڪوشش ورتي آهي. اهڙي ئي هڪ ڪوشش 2007/2006ع ۾ سلات جي باني سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي ۽ ٻين جي ڪوشش رنگ لاتو ۽ حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس جي موقعي تي، سندس درگاهه جي اڱڻ تي سنڌ سگهڙ اتحاد قائم ٿيو. ان اتحاد سان سمورن سڄاڻن، اديبن، ليکڪن، سُگهڙن ۽ صحافين ڏاڍي سرهائي محسوس ڪئي. هر پاسي کان آجيان ٿي اخبارن نمايان خبرون ڏنيون. سلسليوار سُگهڙ سماچار (فيبروري 2007ع) ان خبر کي سُپر ليڊ بڻايو.خبر کي جيئن جو تيئن هتي پيش ڪجي ٿو؛
    ”سگهڙ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي سمورن سگهڙن هڪ ٻئي سان ذاتي اختلافات ختم ڪندي ”صوبائي سگهڙ اتحاد“ قائم ڪري ورتو آهي. ان يڪجهتيءَ جي ڪوشش ڪندڙ سنڌ جي ڀلوڙ جهوني سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي ۽ ساٿين جي جدوجهد ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ان سلسلي ۾ سلات جي باني سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشيءَ ڪيتري ئي عرصي کان سگهڙ اتحاد جو بنياد وجهڻ لاءِ سموريءَ سنڌ جي سگهڙن سان مختلف علائقن ۾ وڃي ملاقاتون ڪيون ۽ گڏجي لوڪ ادب جي واڌاري لاءِ گڏيل پليٽ فارم جوڙڻ لاءِ رابطا مهم هلائي، جنهن کان پوءِ حضرت لال شهباز قلندر جي ميلي ۾ ڪنڊ ڪڙڇ کان گڏ ٿيل سمورن سگهڙن هڪ ٻئي سان وفائيءَ جو وچن ڪيو. قلندر جي نگريءَ ۾ ڪٺي ٿيل سگهڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هر هڪ تنظيم پنهنجي طرفان ذاتي ڪوششون جاري رکندڙ ڪنهن به تنظيم جو سگهڙ ڪنهن ٻي تنظيم سان واسطو رکندي سگهڙ يا ان جي تنظيم تي ذاتي حملو نه ڪندو ۽ لوڪ ادب جي واڌاري لاءِ سمورا سگهڙ هٿ هٿ ۾ ڏئي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏجي هلندا. ان موقعي تي سگهڙن جي قائم ڪيل اتحاد جا هر هڪ ضلعي تي الڳ الڳ آرگنائيزر مقرر ڪيا ويا، جن ۾ سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي باني سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشيءَ کي ضلعي ڄامشوري جو آرگنائيزر، سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي جماعت جي مرڪزي صدر سگهڙ عبدالرحمان مهيسر کي ضلعي خيرپور، سنڌ سگهڙ سنگت جي مرڪزي صدر حاجي ممتاز علي عباسيءَ کي ضلع لاڙڪاڻي جو آرگنائيزر، سگهڙ محمد لقمان کوکر کي ضلع قمبر شهدادڪوٽ، سگهڙ وريام فقير شيخ کي ضلع شڪارپور، سگهڙ محمد عظيم ڪلهوڙي کي ضلع جيڪب آباد، سگهڙ علي حسن منگيءَ کي ضلعي گهوٽڪي، سگهڙ روشن الدين ٿهيم کي ضلع سانگهڙ، سگهڙ تاج محمد هاليپوٽي کي ضلع ميرپورخاص، سگهڙ فقير امداد علي ٻٻر کي ضلع دادو، سگهڙ ممتاز امين سنياسي کي ضلع مٽياري، سگهڙ حسين بخش رڏ کي ضلع سکر، سگهڙ محمد پنهل ٻرڙي کي ضلع ڪشمور، سگهڙ محمد خان جوڻيجي کي ضلع بدين، سگهڙ عبدالقادر قادري کي ضلع ٺٽي، سگهڙ گلبهار ڀنڀري کي ضلع حيدرآباد، سگهڙ منٺار علي ٻگهيي کي ضلع نوابشاهه، ڪراچي شهر جي ٽن ضلعن لاءِ سگهڙ رحيم بخش ڏهوٽ، سگهڙ محمد اسماعيل پهوڙ، سگهڙ احمد علي چانڊيي ۽ ضلع نوشهري فيروز لاءِ سگهڙ رحمت الله عباسيءَ کي آرگنائيزر چونڊيو ويو. جڏهن ته سنڌ جي سمورن سگهڙن جي ان جوڙيل صوبائي اتحاد جو عاجز رحمت الله لاشاري کي صوبائي رابطا سيڪريٽري چونڊيو ويو. سگهڙن جي ان نئين جوڙيل اتحاد جي سنڌ جي باشعور عوام ۽ سڄاڻ حلقن آجيان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته سگهڙن جي نئين گڏيل پليٽ فارم کي باقاعدي ميدان ۾ آڻي لوڪ ادب جي واڌاري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي دفاع لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.“
    سنڌي ماڻهن جا اتحاد ٺهندا ۽ ڊهندا رهندا آهن ۽ گهڻو عرصو نه جٽيندا آهن،ساڳيو حال سنڌ سگهڙ اتحاد جو به آهي. ٿورين ٿورين ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين تي هي همراهه پاڻ ۾ اٽڪي پوندا آهن جيڪا چڱي ڳالهه ناهي.
    مئي 2013ع تي ثقافت کاتي پاران حيدرآباد ۾ ڪرايل لوڪ ادب سيمينار جي موقعي تي سگهڙ ڪچهريءَ دوران به اهڙا منظر ڏسڻ ۾ آيا.
    منهنجي سنڌ جي سمورن سگهڙن ۽ سندن تنظيمن جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي اپيل آهي ته سمورا اختلاف وساري پاڻ ۾ ٻڌي ۽ اتحاد قائم ڪن، ڇاڪاڻ ته ان کانسواءِ اسان جي قوم وٽ ڪو به چارو ناهي.


    سگهڙن جو تعارف ۽ سندن چونڊ ڪلام

    1) حضرت جلال کٽي

    حضرت جلال کٽيءَ بابت خان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جو مضمون جيئن جو تيئن ڏجي ٿو.
    ”حضرت جلال پهريون استاد شاعر هو، جنهن پنهنجي انوکي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان سنڌي سينگار شاعريءَ کي اوج تي پهچايو ۽ سنڌي شاعريءَ جي دائري ۾ ان کي هڪ مستقل فن جي حيثيت ڏني. افسوس جو هن باڪمال شاعر ۽ درويش جي سوانح توڙي ڪلام تي وقت جي هڪ وڏي عرصي پنهنجو لٽ وجهي ڇڏيو آهي.
    جلال جي جاءِ سڪونت بابت لس ٻيلي ۽ ساڪري (ٺٽي ضلعي) جي اڪثر موجوده سگهڙن جي متفقه راءِ آهي ته جلال دادو ضلعي جو رهاڪو هو، منجهانئن اڪثر جي راءِ آهي ته هو دادو تعلقي جي ڳوٺ ”موندر“ جو ويٺل هو ۽ ڪن جو خيال هو ته جوهي تعلقي ۾ ”ڊگهه بالا“ جو رهاڪو هو. هيٺين دليلن جي بناء تي هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته جلال غالباً دادو ضلعي جي ڳوٺ موندر جو رهاڪو هو.
    پهريون ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سپھ سالار شاهه بهاري جهنجهڻ ۽ قلات جي امير عبدالله خان بروهيءَ جي جنگ بابت جلال ۽ جمن چارڻ هڪ ٻئي کي آمهون سامهون بيت چيا آهن. ميان نور محمد جي گاديءَ جو شهر خدا آباد هو، جيڪو دادو تعلقي ۾ واقع آهي. جمن چارڻ جا مٽ ۽ مائٽ عزيز به دادو ۽ سيوهڻ تعلقن ۾ رهندڙ هئا ۽ خود شاهه بهارو به لاڙڪاڻي جو ويٺل هو، جتي سندس مقبرو موجود آهي، انهيءَ ڪري جلال جي سڪونت به دادو ضلعي ۾ زياده قرين قياس نظر اچي ٿي. ٻيو ته جلال جو هڪ بيت حضرت مخدوم بلاول رحه جي مدح ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ چيو اٿس ته:
    ”بلاولي بحرين مان جن پيتا جودي جام“
    جيئن ته حضرت مخدوم بلاول رحه جي درگاهه شهر دادو کان 6 ڇهه ميل کن اتر طرف قديم شهر ”باغبان“ ۾آهي، ڳوٺ ”موندر“ کي به ايتروئي ويجهي آهي، انهيءَ ڪري جلال جي حضرت مخدوم بلاول سان هيءَ عقيدت پڻ موندر ۾ سندس جاءِ سڪونت هجڻ جي تائيد ڪري ٿي. ٽيون ته، دادو تعلقي ۾ هيءَ روايت عام آهي ته جلال، ”پير تُرهي“جي مقام ۾ دفن ٿيل آهي، جو دادو شهر کان 7 ميل کن اتر ۽ ڳوٺ موندر کان اٽڪل ميل ڏيڍ اتر- اولهه، موجوده دادو ڪئنال جي لڳو لڳ الهندي طرف واقع آهي. ”پير تُرهي“ جي سجاده نشين قريشي پيرن ٻين عام ماڻهن ۽ خاص طرح اتي جي هڪ عمر رسيده شخص فاضل فقير شيخ توڙي ڀرواري”ملڪن“ جي ڳوٺ جي ٻڍڙي سگهڙ سليمان فقير ملڪ (1955ع ڌاري سندن عمر 80 ورهيه کن) متفقه طور خبر ڪئي ته ”اسان وڏن کان ٻڌندا ٿا اچون ته جلال موندر جو ويٺل هو ۽ سندس قبر پير تُرهي تي آهي، جيڪا اسان ننڍي هوندي صحيح سلامت بيٺل ڏٺي هئي ۽ ماڻهو اچي ختمو پڙهندا هئا. البت درويش پير تُرهي جي نالي سببان خود جلال جي شهرت ڪانه ٿي. هن وقت سندس قبر واريءَ جاءِ تي فقط پٿر جو نشان باقي آهي.“ ا.هه. اسان سر زمين تي روبرو وڃي ڏٺو ته اهو نشان پير ترهي جي مقبري جي آڏو وڏي صحن ۾ ڏکڻ-اوڀر طرف بيٺل وڻن جي هيٺ هڪ جهوني ٻير جي وڻ جي پاڙ ۾ آهي. جيتوڻيڪ سواءِ هڪ پٿر جي نشان جي ٻيو ڪوبه ڪتبو موجود ڪونهي، ته به هيءَ مقامي روايت ڪافي وزندار آهي.
    جلال جي حياتيءَ واري عرصي جي باري ۾ نسبتاً پڪا اهڃاڻ موجود آهن. جلال ۽ جمن چارڻ جيڪي بيت هڪ ٻئي کي سوال جواب ۾ چيا آهن. تن جو تعلق انهيءَ جنگ سان آهي، جيڪا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر ۽ مير عبدالله خان قلات جي واليءَ جي وچ ۾ لڳي، جنهن ۾ مير عبدالله خان شهيد ٿي ويو. ميان نور محمد طرفان شاهه بهارو جهنجهڻ سپھ سالار هو، جنهنجي تعريف ڪندي جلال پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو ته:
    ”بازي بهارو، شاهه کٽي ويو شير کون.
    اها جنگ سنه 1145هه(1731ع) ۾ لڳي ۽ ان بابت چيل بيتن مان ظاهر آهي ته جلال ان وقت بالڪل پخته مشق شاعر هو، جمن چارڻ به پنهنجي وقت جو چوٽيءَ جو شاعر هو، جنهن جلال جي بيتن جو جواب ڏنو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته جمن ۽ جلال هڪ ٻئي جا ساٿياري ۽ همعصر هئا. درويش جمن چارڻ سنه 1151هه (1739ع) ۾ وفات ڪئي، يعني ته شاهه عبداللطيف کان چوڏهن سال کن اڳ گذاريائين. انهيءَ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو ته جمن توڙي جلال ٻئي شاهه صاحب جا هم عصر هئا. جلال به غالباً 1150-1160هه واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪئي.
    جلال جي زندگيءَ جي حالات جو پورو پتو پئجي نه سگهيو آهي . سندس باري ۾ روايتون مشهور آهن ته هو پنهنجو موروثي ڌنڌو ڪندو هو ۽ ڪپڙا ڌوئيندو هو. پنهنجن بيتن ۾ ”کٽي“ توڙي ”رنگريز“ جو تخلص آندو اٿس: يعني ته دڪان تي ڪپڙن رڱڻ جو ڪم به ڪندو هو، جو ڪن بيتن ۾ خاص طرح ”دُڪان“ جو نالو وري وري آندو اٿس ته:
    ”دؤڙي ونءُ دُڪان تي هٿ ٻڌي ڪر حال.“
    ”دل اُجار دڪان تي، ديک وڃي داناءَ“
    ”ميرجت“ قبيلي جا ماڻهو آسپاس رهندڙ هئا، جن سان جلال جي تمام گهڻي پريت هئي. پنهنجي هڪ بيت ۾ انهن نيڪ، سادن ۽ مارو ماڻهن کي ساراهيو اٿس ته:
    جَتَ بلوچان بابڙا آهن، حملي هٿوڪا
    ڪنڌيين رهن ڪانهلا، هي بَر جا بَتوڪا
    بوريا بافن جن جو، رکڻ داڻا دلوڪا
    کٽون ڏائن کنج جون، پائن پتوڪا
    ڏاچيون چارن ڏيهه جون، ڪن تڙن تي توڪا
    گهگهيرين گهر ڄائيا، سي جسماني جوڪا
    آهن آريءَ ڄام جا، اديون آتوڪا
    پنهونءَ کي پرتل ٿيا، هي گگا گڪوڪا
    جي اهڙا آلوڪا، تن جُتيم جيءُ جلال چئي.
    جتن سان جلال جي والهانه محبت هئي پر ڪن ائين هُلايو ته جلال جتڻين مائين مان ڪنهن تي عاشق آهي ۽ انهيءَ ڪري هميشه الهندي منهن ڪري بيهي ڪپڙا ڌوئيندو هو. هڪ ڀيري جڏهن جلال بيٺي ڪپڙا پئي سٽيا ته ڪو سگهڙ دوست وٽس آيو ۽ کيس ڪلهي تي هٿ هڻي چيائين ته ”جلال! جت ڪٿي!“ جلال سندس اشارو سمجهي ويو سو جواب ۾ هيٺيون بيت چيائين، جنهن ۾ پاڻ مرادو جتڻين ماين جي تعريف ڪيائين:
    پيهي ڏس پکن ۾، اٿئي سون چڙيون
    آريٽيون اڱڻ تي، ڪڍن انگ اڙيون
    رئي رتيون رنگريز چئي، تن پوتيون نينهن نڙيون
    پاڻي ڀرن پتوه جان،اچن گام گڙيون
    گهگهيريون گهمڻ ۾، آهن ڳم ڳڙيون
    مُهر اٿن منهن تي، پر مهر مامڙيون
    هو ٿئي ڪيچ ڪيڙيون، هو ٿئي جت جلال چئي.
    ائين چئي ان سگهڙ کي ٻانهن مان جهلي الهندي طرف اشارو ڪيائين ته سندس نظر ۾ نبي ڪريمﷺجي روضي جي صورت اڀري آئي. هڪ روايت موجب جلال کي نبي ڪريمﷺ خواب ۾ آيو ۽ انهيءَ حيرت ۾ حيران رهيو جو اک کلي پيس. انهيءَ حالت جو اظهار هن طرح ڪيائين ته:
    ويهي جان ويچار ڪيم، تان ”کٽي“ ڳالهه کري
    ماڻڪ منهنجي من پيو، جنهن سواءِ ڪانه سري
    حضرت نبي ڪريمﷺجي سڪ مٿس غلبو ڪيو، جو نبيءَ جي ثنا ۽ تعريف ۾ بيت چيائين ۽ آخري عمر تائين انهيءَ محبت ۾ مدهوش رهيو. جلال کٽيءَ جو هيٺ چونڊ ڪلام ڏجي ٿو:
    سينگار جا بيت
    جب گوري گهنا ڪري، اٺ ڏوڻا اغماز،
    ڏهه ڏون ڏهاڙي ڪري، ڪامڻ ويس قواز،
    ان جي چرنن تي چريا ٿيا، پس وتن پرواز،
    آهو ۾ مشاهدي، ڪن طائوس تواض،
    ترنگ تاب تپاڪي، ڪن نيويون نانگ نياز،
    سرو صنوبر سر زمين، ڪم ڪينچن مان ڪماز،
    جن اهڙي دور دراز، تن جياپو جيءَ جلال چئي.

    تمهر روپ ترنگ، هِن ڪنول ڪيس قريب جا،
    سهه ڳچي سروي، ڪونتر نيف نسنگ،
    ٻونگر سِر ٻُراءِ جي، مزگان ڪيش خدنگ،
    لڪ ليئي ڏهر ڪيور، ڀرون ڀونر ڀونگ،
    تنهن سُسَا پا سارنگ، جلوي ساڻ جلال چئي.

    موتيان وڌ منهنجا پرين، ڇا هي جنهور جو جنسار،
    املهه ماڻڪ ان تان، هيرو نبيءَ هار،
    ڇاجي جوڙ جمرود جي، ته ڪا عجيبن آ چار،
    ڇاجي سج چنڊ ڪتيون، ته ڪي دلبر جي ديدار،
    ڇاجي ونڪ وڄن جي، ته ڪا ساجن جي سينگار،
    پرين اهڙا پار، سڀن ئان وڌ جلال چئي.

    برسيون برسن ورسيون ورسن، مٿي مالها موتيئڙن،
    دور چمڪيون دامنيون، پسي ڏت ڏندن،
    پپيهل پئي پي پي ڪري، مانَ مهر مون تي ڪن،
    اڀريون ماهه ابر مان، پسي ڀير ڀرن،
    قمر ڪتيون، تارا تجلا، شمس شعاع نه ڪن،
    پسي بام بدن، ڪرني، ڪنول پيا ڪسن،
    پسي جوڙ جلال چئي، گنير گس نه ڪن،
    بجليون منجهه بحرن، سڪيون سڪن پاڻ ۾.

    منهن مهتاب محبوب، نرگس نيڻ سندن،
    چشمن جا چالا ايئن، جيئن کنوڻيون ٿيون کنون،
    چوڏهن طبق چانڊاڻ ٿئي، جي محب کڻي مُرڪن،
    سڀ ٿا توهه تڳن، تنهنجي جلوي سان جلال چئي.

    دانهه ديوانا ٿيا، ڏسي ساجن جو سينگار،
    مُک هَسي محبوب جو، جيئن کڙي کٽڻهار،
    سينو موڪرو سڄڻين، گلبدن گلزار،
    ڀنڀا ڀرون ڀونر جيان، اکيون ميگهه ملهار،
    جي جوڙ انهيءَ جنسار، تن جياريو جيءُ جلال چئي.

    ڪافي
    ٿلهه: ويڙم سانگ سينگار
    جيڪس ويڙهيچن آءٌ وساري،
    1- قضا آندس ڪوٽ ۾، لکئي جي لغار
    2 - اچي عمر ڪوٽ ۾ ٿيس ڌراڙن کان ڌار
    3- اٿم اهڙو آسرو، پرچن مان پنهوار
    4 - جاني ميڙيم جلال چئي،
    جنهن لئي سڪان سڀ ڄمار.


    2) ٻيڙو فقير ڪنڀار

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق ”سنڌ جي برک سگهڙ ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جي سچي عاشق ٻيڙي فقير، محمد عثمان ڪنڀار جي گهر، ڳوٺ لقمان ڪوريجي تعلقي هالا ۾ 1918ع ۾ جنم ورتو. غريب هئڻ ڪري گهڻو علم پڙهي نه سگهيو. پنهنجي ڪوشش سان عالمن ۽ بزرگن کان فيض حاصل ڪيائين. ٻيڙي فقير کي لوڪ ادب جي سڀني صنفن بابت چڱي ڄاڻ حاصل هئي. ڳجهارت جو بادشاهه ۽ ڳالهين جو ڳهير هو، سنڌ جو ڪو به شهر، اهم هنڌ يا ماڳ هُجي، ٻيڙي فقير ضرور گهميو هوندو ۽ سموري تر جي علمي ادبي شخصيتن جي کيس خبرچار هوندي هئي. انتهائي مُحبتي ماڻهو هو.
    سال 1960ع کان لوڪ ڪچهرين جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان گڏ سڄيءَ سنڌ جي ڪچهرين ۾ حصو ورتائين. مرحوم محمد اسماعيل خان نون سان به سندس رفاقت ٿي. هو هڪ لائق صحافي به هو، هفتيوار ”ڪچهري“ اخبار شايع ڪندو رهيو. هن اخبار جو اصل مقصد لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ اُن کي محفوظ ڪرڻ هو. سڄيءَ سنڌ جي سگهڙن جي جماعت جو صدر چونڊيو ويو. ان کانسواءِ پنهنجي برادريءَ جي تنظيم جو پڻ صدر هو. 30 آڪٽوبر 1964ع تي حيدرآباد شهر جي ڪاري موريءَ مان يونين ڪائونسل جي اليڪشن ۾ حصو ورتائين. ٻيڙي فقير دل جي دوري پوڻ سبب 2 جنوري 1977ع تي وفات ڪئي. وفات وقت سندس عمر 60 ورهيه هئي. حيدرآباد جي ڪاريءَ موريءَ جي ڀر ۾، ڦليليءَ جي ڪپ تي سندس مزار آهي.“
    سگهڙ ٻيڙي فقير ڪنڀار حيدرآباد ۾ ڪاري موريءَ لڳ 1976ع ڌاران ان وقت موجب ڄام صادق علي بلديات جو وزير هو، جنهن پڻ سگهڙ ڪچهري هال ٺهرايو هو، جيڪو ٻيڙي فقير کان پوءِ پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. لوڪ ادب جي ورثي کسجڻ تي افسوس ظاهر ڪيو ويو. سگهڙن جو مطالبو آهي ته ڪچهري هال سندن حوالي ڪيو وڃي.
    ٻيڙي فقير جي شان ۾ حسين بخش رڏ جي منقبت ڏجي ٿي، جيڪا هن سندس ورسيءَ جي مناسبت سان ٿيل تقريب ۾ 21-05-1995ع تي چئي هئي.
    اڄ به تُنهنجي ياد آئي زندهه ضمير اي ٻيڙا فقير،
    تنهنجي ورسيءَ کي ڏسي توکي ساريم منجهه سرير اي ٻيڙا فقير.
    ڪي ڪچهريون قرب جون ڀُلجن نٿيون وسرن نٿيون،
    تنهنجي ٻاجهاري گفتگو دل ٺاريندڙ دل پذير ٻيڙا فقير.
    تو غربت غريبت سان قائم قرب جون ڪچهريون ڪيون،
    تون هر حال ۾ هردم فقير دل جا امير اي ٻيڙا فقير.
    تنهنجي گُلدستي اولاد مان گل به هڪڙو گل آهِه،
    شال گل سڀئي سَرها هجن تن جو محافظ قدير ٻيڙا فقير.
    تنهنجي ڪچهري هال تي قبضو ڏسي دل ٿي ڏکي،
    ارمان هتڙي داد ڪونهي جو کڻي ٿيون دادگير اي ٻيڙا فقير.
    حسين بخش هيئن ٿو چوي، سگهڙ سڀئي سنبري اُٿو،
    بي همت ڪين بَنِجو اڳ ۾ حاضر هيءُ حقير اي ٻيڙا فقير.


    3) استاد محمد ملوڪ عباسي

    استاد محمد ملوڪ عباسي
    ضلعي لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جي اها وڏي خاصيت آهي ته اها وڏا وڏا ليڊر پيدا ڪندي آهي. سياست ۾ هن ڌرتيءَ جيڪي اڳواڻ پيدا ڪيا، انهن سڄيءَ دنيا ۾ پاڻ مڃايو ۽ خاص ڪري اسلامي دنيا جا به هو اعلى اڳواڻ ليکجڻ لڳا، جن کي اسان شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالن سان سڏيون ٿا. اهڙيءَ ريت سنڌ جي هر علائقي جي پنهنجي پنهنجي خوبي آهي.
    لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي هن دؤر جي سگهڙن جي سرواڻ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کي پيدا ڪيو، جنهن پنهنجيءَ قيادت ۾ سڄيءَ سنڌ جي سُگهڙن کي گڏ ڪري کين جاڳايو. سندس سرپرستي لوڪ ادب تحريڪ جي رهبر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪئي.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ پاران لوڪ ادب رٿا سُگهڙن ۾ به هڪ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيو. هو جيڪي ڪچهريون ڪندا هئا، جڏهن انهن کي مڃتا ۽ سر پرستي ملي ته انهن ۾ سگهڙائپ جي فن ۽ سگهڙن جي سرهائي تيزيءَ سان وڌڻ لڳي. سوين سگهڙ پنهنجي ترکان نڪري سڄيءَ سنڌ تائين سڃاپجڻ لڳا. ريڊيو پاڪستان ۽ پوءِ پاڪستان ٽيليويزن کين وڏي اهميت ڏيڻ لڳي. ان تحريڪ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي فن ۽ صلاحيتن کي وڌيڪ نکيري نروار ڪيو.
    عباسي صاحب محمد صالح عباسيءَ جي گهر ۾ 13 هين ڊسمبر 1944ع تي ڄائو. هو استاد محمد اسماعيل ٽانوريءَ وٽ چار درجا سنڌي پڙهيو. مختلف ڪچهرين ۾ ننڍپڻ کان ئي شريڪ ٿيندو رهندو هو. انهن ڪچهرين ۾ سگهڙ محمد مريد ’زهراڻي‘ حاجي الهه بخش مڱڻ، رسول بخش ابڙي ۽ ٻين سگهڙن جا گفتا ٻڌي پاڻ به سگهڙ بڻجي ويو. مٿي ذڪر ڪيل سگهڙ سندس رهنمائي به ڪندا هئا.
    هوريان هوريان هو پاڻ به استاد سُگهڙ بڻجي ويو. سندس اوطاق تي ڪيترائي سگهڙ اچي پنهنجو فن به پيش ڪندا هئا ته کانئس شاگرديءَ جو سڳو به ٻڌرائيندا هئا. اهڙيءَ ريت سندس شاگردن جو حلقو ضلعي لاڙڪاڻي کان اڳتي نڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۽ پنجاب تائين وڌي ويو. سندس شاگردن به وڏو نالو ڪڍيو آهي، جن ۾ محمد لقمان کوکر، رحمت الله عباسي، ممتاز علي عباسي، عاجز رحمت الله لاشاري وغيره شامل آهن.
    هُن 1972ع ڌاري سگهڙن جي تنظيم ”سنڌ سگهڙ سنگت“ ٺاهي، جنهن جو باني صدر پاڻ هو . تنظيم جي بنياد واري سوال تي ڪجهه اختلاف به آهن. ڪي محقق ان جي بنياد جو سال 1975ع ڄاڻائن ٿا، بهرحال سگهڙن جي اها پهرئين تنظيم آهي، ان تنظيم سان اختلاف رکي ڪجهه سگهڙن وري ٻيون تنظيمون جوڙيون.
    استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کي ٽي پٽ فقير ممتاز علي، غلام شبير ۽ محمد علي ڄاوا، جن کي به هُن سگهڙائپ جي سُتي ڏني. سندس پوٽا احمد علي، صابر حسين ۽ ٻيا به لوڪ ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن. مطلب ته سڄو گهراڻو ڄڻ سگهڙائپ لاءِ وقف ٿي چڪو آهي. استاد محمد ملوڪ جي قائم ڪيل سنڌ سگهڙ سنگت کي به سندس پونير سڄيءَ سنڌ جي سگهڙن سان گڏجي هلائن پيا.
    استاد محمد ملوڪ سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ٻين سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن پاران ٿيندڙ ڪچهرين، سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليوزن جي ثقافتي پروگرامن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندو هو. سگهڙن کي متحد ڪرڻ ۽ کين جائز حق ڏيارڻ لاءِ به پاڻ پتوڙيندو رهندو هو.
    هُن جيڪو لکيو، اهو نشر ٿيڻ کان سواءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو ۽ الڳ ڪتابي صورت ۾ به آيو. خالص سگهڙائپ (شاعري) جي فن تي ٻڌل سندس سڀ کان پهريون ڪتاب ”موتي مور ملوڪ جا“ 1981ع ۾ ڇپيو. ان کان اڳ لوڪ ادب تي جيڪي ڪتاب شايع ٿيا، اهي سوين سگهڙن جي فن تي ٻڌل گهڻي ڀاڱي لوڪ ادب رٿا وارا آهن.
    سندس ٻين ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا:
    موتين مُٺ ملوڪ جي
    ماڻڪ موتي ملوڪ جا
    مُنهن مٿانهان جن جا
    گلشن ڏور
    پنجن ڇپيل ڪتابن کانسواءِ سندس ڪتاب ”موتين مالها ملوڪ جي“ ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهي. جڏهن ته ٻن ٽن ڪتابن جيترو مواد ٽڙيل پکڙيل اٿس. سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي 02- جون 1998ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
    هتي سندس چونڊ ڪلام مان لسيءَ ۽ ٻوڙ جو مناظرو ڏجي ٿو:

    مناظرو لسيءَ ۽ ٻوڙ جو
    ثنا سونهين ٿي سائينءَ جي، آهي لوڪن جو لڄ پال،
    ڪريم رحيم قديم، عظيم آهي جانب رب جلال،
    نازل ڪيائين نور منجهان، نبي نيڪ نهال،
    احمد محمد مدني مرسل، ڪري ڀلو مڪائين ڀال،
    پر منهنجي هن مذڪور جو، هڪ عمدو ٻڌو احوال،
    ته گهپي ڪري گهر ۾، اچي ٻوڙ وڌو ٻائيتال،
    ڏمرجي اٿيو ڏڌ تي ڦونڊجي في الحال،
    ته منهنجو مانُ مٿانهون مون لاءِ سڀ ڪو ڪري سوال،
    توکي لسي سڏن لوڪ ۾ مائي منهنجو ٻُڌ مثال،
    تون هلين ڪونه هوٽل تي، اُتي مونتي قرب ڪمال،
    کٽي مونسان کيٽو ڇڏ، ڪونهي ڪني تنهنجو ڪال،
    مون ۾ مرچ مصالحا ۽ ٻيو ته مڇي پوي مال،
    ڳاڙهو رجهي ڳُڻ ڪيان، مون لُڇي ٿيان ٿو لعل،
    هاڻي تنهنجو مونسان تال، مور نه ٺهندو ”ملوڪ“ چئي.
    لسيءَ جو جواب
    مور نه ويندو ”ملوڪ“ چئي، اهو ڦندو تو مان ڦير،
    اڻانگو هلين ٿو عورت سان، تون ڪنا آهين ڪير؟
    مونکي مارو کائن ملڪ جا، آهي تو ۾ گندا غير،
    هر ڪو مون لاءِ حيران آ، تو ڇو ويري وڌو وير،
    ڀاڳيا مونکي ڀلو سمجهن، تنهنجو ڀلو ناهي پير،
    اجايو اشراف سان، هي مئا وڌو ٿي وير،
    اسان تنهنجي عزت ڪئي، تڏهن سهڻو ٿيو ئي سير،
    وٺ معافي مون مهيءَ کان، ته کلي ڪيانءِ خير،
    آڪڙ ڇڏ ادب ڪر، کڻ پريت وارو پير،
    ڍڳ ٿي هل ڍير، نه ته بڇڙو ڪندي سانءِ بازار ۾.

    ٻوڙ جي ورندي
    تون ڇا بڇڙو ڪندينءَ بازار۾، ڏي ڇڏي ڦونڊ ڦَسي،
    مون کي امير کائن آسودا، توکي مزرو کائن مسي،
    منهنجي ڳالهه ”ملوڪ“ چوي، ڪنهن ڏاهي نٿي ڏسي،
    ته هر ڪو مون لاءِ حيران آ، ڀري آ ٻوڙ بسي،
    مون کي خان کائن خوشيءَ سان، تون ڪِني آهين ڪسي،
    تنهنجي لاءِ لسي، مونسان مور نه ٺهندينءَ ”ملوڪ“ چئي.

    لسيءَ جو جواب
    ماٺ ڪر مهانڊو نه ٿيءُ، مونتي وڏا نه ڪر وار،
    بنياد منهنجو ڀلو ٿي، منهنجو ننگ رکيو ننگدار،
    منهنجي کير ابي جي خبر ٿي، اٿس عاشق لک هزار،
    ڇڏي ٻوڙ ٻٽاڪون تون، ڌيان انڌا ڪو ڌار،
    خوراڪ جن جي کير آ، ڏس ٻنڌڻ وارا ٻار،
    صبح سانجهيءَ سڪيلڌا، منهنجي صاحب لهن سار،
    گرمين ۾ گهڻو ڪري ٿين، منهنجا اوطاقن ۾ اگار،
    تون آنڊا ساڙين اشرافن جا، آئون ٺريون ڪرايان ٺار،
    مون ڏاهي هلان ٿي ڏيهه ۾، مون تي پيرن جا بي پيار،
    شوخي ڇڏ شرم ڪر، ڇڏ جهيڙي جي جهونگار،
    يا فيصلو ڪراءِ فضيلت سان، ڪي چڱا وٺي چار،
    نه ته منهنجي هٿان مار، توکي ملندي مفت ”ملوڪ“ چئي.

    ٻوڙ جو جواب
    مار نه ملندي مونکي، اها تون ڇتي نه ڏي ڇاند،
    مون ۾ مزا آهن مڻين، مائي چس وڏي ٿي چاند،
    گوگڻو گوشت گوبي مون ۾، ٻيا بصر پون باند،
    مون ۾ ڪُرڙا مون ۾ ڪُنهٽ، مون لاءِ ڪڪڙ اچن ڪاند،
    مون ۾ پالڪ مون ۾ پاڻي، مون لاءِ ڏهه ڏهه ڪُسن ڏاند،
    مون ۾ ڌاڻا داليون دالچيني، ٻيا پلا پليون پاند،
    انڊا آمليٽ چڪن برياني، روسٽ رچن راند،
    مرغي مغز ميها مون ۾، بِهه بنا برياني برباند،
    قورما ڪيما ڪمالپٽ، ٻيا ڦوٽا ڦڪيون ڦاند،
    مٽر ٽماٽر پون پٽاٽا، ٻيون سرهيون جيريون ساند،
    لونگ ٿُو مان لئه ڪن منهنجي، تنهنجو بد بنياد،
    وڃ هتان وڙ واند، نه ته ڏٺو ڪندو مانءِ ڏيهه ۾.

    لسيءَ جو جواب
    تون ڏٺو ڪندين ڇا ڏيهه ۾، تنهنجو ڀلو ناهي بڻ،
    ٺاهي توکي ٺيڪ ڪندو آهي، منهنجو پُٽ مکڻ،
    سواءِ سڻڀ سريلا، پوَئي ثاب ڪونه سڙڻ،
    ڀر پنهنجي ۾ ڀاڳوندا ڏيني، رئيس به ڪونه رکڻ،
    مزور به توکان موڇو ڪن، اچئي چريو به ڪونه چکڻ،
    ڏهاڙي توتي ڏت اسان جو، نه ته ٿيئي بنهه ڪونه بچڻ،
    پر جي منهنجي پُٽ مکڻ جو، هت اوچتو ٿيو اچڻ،
    ته پوءِ توکي ڪجهه ڪُڇڻ،مور نه ڏيندو ”ملوڪ“ چئي.

    ٻوڙ جو جواب
    ڪڇڻ نه ڏيندو ڪيئن؟ منهنجا ڏيهن ۾ ٿي ڏس،
    ايندو ڏسي اسانکي، وڃ گولي ڇڏي تون گس،
    ناهي پرواهه پُٽهين جي، ٿي لسي وڃ تون لس،
    امير فقير عاشق مون تي، ٻي چڱن رکي چس،
    مون مهانڊو آهيان ملڪ جو، توکي مارو کائن مس،
    تنهنجي پوري نه پوندي پالڪ سان، توڙي وڏا ڪرين وس،
    هاڻي رلي توسان رس، مون مور نه ڪيان ”ملوڪ“ چئي.

    مکڻ جو وچ تي اچڻ
    ٻُڌي ٻٽاڪون ٻوڙ جون، پو ته ڏهيءَ ڏنا ڏاڪ،
    جهٽ مڪيائين جهاري کي، پو دير نه ٿي دم ناڪ،
    سو منٽين وٺي آيو مکڻ کي، جنهن جي هر هنڌ آهي هاڪ،
    تنهن بيهي چيس بڇڙو نه ٿيءُ، اهي ادا ناهن اخلاق،
    پريشان ڪري اسان جي پوڙهيءَ جا، تو چوري وڌا هن چاڪ،
    ڪري لئه لسيءَ سان، تون هڻ نه ٻوڙ ٻٽاڪ،
    سواءِ سڻڀ سريلا توکي، گاريون ڏين گراهڪ،
    چپ ڪر چوانءِ ٿو هاڻي، وڏا نه ڏي تون واڪ،
    ٻيلي مون مکڻ سان مذاق، تنهنجي مور نه ٺهندي ”ملوڪ“ چئي.

    ٻوڙ جو مکڻ کي جواب
    مکڻ تون ماٺ ڪر، پنهنجي پوڙهيءَ ڏئون نه پئه،
    جي ميان طرف ٿيو آهين ماءُ جي، ته مونکي ڀلا ڪونهي ڀئه،
    هيءَ هيڪاندي ڊالڊا هٽن واري، مونکي ڍولي ڏيندي ڍءُ،
    اکر ٻُڌ ادب ڪر، اهو توکي نه اچي ير تئه،
    ٻيلي رولي ڪندو سانءِ رءُ، جي وچ ۾ پوندين ويسلا.

    ڊالڊا جو وچ ۾ پوڻ
    جهونگار ٻُڌي جهيڙي جي، پو ته ڊالڊا به ڀري ڊوڙ،
    ڀڄندي آئي باهه مان، ته اهي ڇڏ ٻٽاڪون ٻوڙ،
    منهنجي ڀاءُ مکڻ سان، اهي گندا نه ڪر گوڙ،
    گيهه ڊالڊا گڏجي اسان، ٻَڌا مکڻ کي هن موڙ،
    صلح ڪري سڀ سڻڀ اسان، جڳ ۾ ڪئي آ جوڙ،
    تون تڏهن ٿيندين توڙ، جڏهن وٺندين معافي مهيءَ کان.

    ٻوڙ جي آڻ مڃڻ
    وٺان ٿو معافي مڙني کان، تو سُٺو سمجهايو،
    مون ته ڪئي هئي ماسيءَ سان آڪڙ اجايو،
    ڏاڏي ڏهي ڏک نه ڪجانءِ، تو لسيءَ رنگ لايو،
    ڏهي تنهنجي ڏيهه ۾، آهي سفر سجايو،
    فيصلي اسانجي تي فقير آهي”عباسي“ به آيو،
    تنهن به حق حقيقيءَ جو، آهي ٻول ٻڌايو،
    ته عزازيل کي هئي آڪڙ، جنهن کي تڪبر تڙايو،
    هڪ وڏائي سونهين ٿي واحد کي، جنهن رازق جو رايو،
    ٻيو شرف ته منهنجي شاهه جو، آهي واليءَ وڌايو،
    ڪلمو پاڻ ڪريم تي، اسان کي پرور پڙهايو،
    مالڪ ملايو، اسان کي عربي ڄام ”عباسي“ چئي.
    _____________________________________________________________________
    مددي ڪتاب:
    موتي مور ملوڪ جا- مرتب: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ٻئي ڇاپي جو ايڊيٽر: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ثقافت کاتو، سنڌ حڪومت، 2013ع
    استاد محمد ملوڪ جي پٽ ممتاز عليءَ سان ڳالهه ٻولهه.
    سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو- مختيار احمد ملاح ڪاٺياواڙ اسٽورز، 2006ع

    o


    4) محمد سومر ڳاهو

    محمد سومر ولد زوار محمد لائق ذات ڳاهو ويٺل ڳوٺ غوث بخش ڳاهو، تعلقي ڪوٽ ڏجي ضلعي خيرپور ۾ سن 1935ع ۾ ڄائو. سندس استاد بخشو خان شر هو. ڪوٽ ڏجي تعلقي ۽ ميرواهه ۾ ڪچهرين جي اڳواڻي ڪيائين ۽ ڪيترا سگهڙ سندس شاگرد ٿيا. ريديو پاڪستان حيدرآباد، ريڊيو خيرپور، پي ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي ڪيئي پروگرام ڪيائين، سنڌ ۾ جتي به سگهڙ ڪانفرنسون ٿيون انهن ۾ گهڻي ڀاڱي شريڪ ٿيو. هو سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم ۾ مختلف عهدن تي به رهيو. سگهڙائپ جي هر فن تي پاڻ ملهايائين. مختلف تنظيمن طرفان کيس ايوارڊ به مليا، سندس چيل ڪلام گهڻو اڻ ڇپيل موجود آهي.
    سگهڙ هڪٻئي سان شعرن ۾ به ڳالهائيندا آهن. سندن اهو سلسلو ڪچهرين کان سواءِ نينهن وارن نياپن ۽ سڪ وارن سلامن رستي به جاري رهندو آهي. محمد سومر ڳاهو ۽ عبدالرحمٰن مهيسر هڪٻئي جا يار هئا. سو سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر ”معما“ ٺاهي، سگهڙ محمد سومر ڳاهي ڏانهن موڪلي ته هيءَ ڳالهه ڳڻي مون کي ٻڌاءِ، انهيءَ جو جواب ڏي.
    ڳالهه ڳولي ڏي ڳاها مونکي، سمجهي تون سومار
    سگهڙ سٺو آهين سٿ ۾، ڏي خاصي خبر چار
    وڻ اسان جي وطن ۾، آهن هيڪاندا ته هزار
    پر جنس هڪڙي جڳ ۾، آهي عالم آشڪار
    ميوو تن جو مڻن ۾، ٿو اُپائي ته انبار
    آدم سان انهيءَ جي چون، نسبت ٿا نروار
    تَنهنجا پورا ڳڻي پار، لهي ڏي آکاڻي عبدالرحمٰن چئي
    سگهڙ محمد سومر ڳاهي کيس چوائي موڪليو ته هيءُ اسان سگهڙن جو پراڻو فن آهي، جيڪو لس ٻيلي جي سگهڙن کان رائج ٿيو. اوهان مون کان کجيءَ جي ڳالهه پڇي آهي، جنهن جي انسان وانگر ڳالهه ملي ٿي. کجيءَ کي نر نه پوندو ته ڦَر ڪانه ڏيندي ۽ کجيءَ جون ڇڙهيون جتان وڍبيون ته اڳتي ڪونه وڌنديون. انسان جو جيڪو عضوو جتي ڪپجي ويندو ته اڳتي وري ڪونه ٿيندو، کجيءَ جا جڏهن گوشا لڪائجن ٿا ته انهيءَ وقت ۾ ڄڻ ڪنهن عورت جا جهومڪ يا ايرنگ کجيءَ ۾ نظر ايندا آهن جيئن ننڍڙي ٻار کي ڄمڻ سان تنجڻ ٻڌبا آهن تيئن کجيءَ جي جهت (چڪي) کي پوکڻ سان چوڌاري کيس ڇڙهيون ڏئي ڇهه مهينا ٻڌي ڇڏبو آهي. وغيره وغيره.
    ساراهيان سچو ڌڻي جنهن جوڙي جوڙ جارَ
    قادر جي قدرت جا ناهن انت شمارَ
    وڻ ٽڻ ٻوٽا وطن ۾ آهن خلقيا خلقڻهارَ
    توجا مام مهيسر موڪلي پرولي منجهان پيارَ
    سا ته کجي آهي خلق ۾ نوري سا نروارَ
    ميوو تنهن جو مزي سان ٻڍا کائن ٻارَ
    عبدالرحمٰن ڪر اعتبارَ، نه ته ڪاٻي سوچ ڪريان سومر چئي

    صفاتي بيت
    (1)
    ٿيو زمانو روشن محب آئي مُرسل،
    پاڪائيءَ جي پوشاڪ هيس چوٽيءَ تائين چمڪيل،
    سڀئي سينگار سهڻي کي هيا، ٺاهوڪا ته ٺهيل،
    سي قادر پنهنجيءَ قدرت سان ڪيس نور منجهان نازل،
    حوُرون پريون هار وجهيو پيون سهرا چون سهڻل،
    ملائڪ به مشتاق ٿيو، پيا ٽلن اِها ٽل،
    ته حُسن جي هادي ڄاڻي، ڪا نه پوي ٿي ڪل،
    قمر به قُربان ٿيو، تيزي ڇڏي تجمل،
    سونهن ڏسڻ لاءِ سورج کي، هئا جيءَ اندر ۾ جل،
    سو ڏسڻ کان ڏور ٿيو، ڇڏيس ڪري بند بادل،
    غريبن کي گود ويهاري، پرين ڀري ڏئي پل،
    نوري سڀ نشانيون هيس، جان تي ته جڙيل،
    پڙهو صلواة سيد تي، ته فائق ڏيندو ڦل،
    ڇا لکندا پار پڙهيل، سونهن سندا سومر چوي.
    (2)
    مُرسل آيو شهر مڪي ۾، قُرب ڪيا قادر،
    سڪل دوش دائي جي، وهايا جانب اڳيان جر،
    ملائڪ منهنجي محبوب ڏي، پيا هليو اچن هر هر،
    حُورون پريون پينگهو لوڏن، دايون بڻجي در،
    ڪيئي حُسن وارا پيا قيد ٿين، جي ڪامل کڻي ڪر،
    گفتو آهي گوهر جي آيتن جا ته اکر،
    سُڪا بنڊ به ساوا ٿين، پيا ڦُٽيو جهلن ڦر،
    ٻٺ کنيو منهنجي ٻهڳڻ کي، ڏين پيا جهنگ جا جانور،
    محمد ويو معراج مٿي، پيا گفتا ڪن گوهر،
    سَتين عرش سهڻي جي، ڪيا جُتيءَ به جوهر،
    ٻيو دز اُنهيءَ دانهِه جي، ڪيا عرشن جا اوجر،
    سهڻا هن سنسار ۾، آهن پيدا ڪيا پرور،
    پر ڪونه لڳن منهنجي لالڻ سان توڻي سڏائن سڪندر،
    جيڪي موهيل هِن منور، ڀلي سينگار ٻُڌن سومر چوي.
    (3)
    ڪيَئين مُلڪ حوالي محبوب جي، ٿيو عاشق رب عرني،
    ڪُلاهه پاڪ ڪامل جو آهي، زينت دار زرني،
    جي زلف ذري دار ظاهر ٿئي، ته نه کڻن ڪاريهر ڪَرُني،
    بجلي ناهي برابر، تاب نه جهلي ترني،
    هلڻ پسيو حبيب جو، پئي حيران ٿئي هرني،
    مور به مشتاق ٿيا، ڪر نه کڻي ڪرني،
    جانب جنهن جوءِ هلي، ٿڌڪار ٿين ٿرني،
    سڙيل بُنڊ سالن جا، پيا ڦُٽيو جهلن ڦرني،
    بُت ڀڄي بسم ٿيا، پنهنجي ڇڏي پرني،
    آهو آيا اوج ۾، بهاري آ برني،
    ويا ڏڪار ڏيهه مان، ساوا ٿيا سرني،
    رکي حُب حبيب جي، وٺ دلبر جو درني،
    اِنهيءَ محبت ۾ مر ني، ته ٿين سرهايون سومر چوي.
    (4)
    پريون نه لڳن پيزار مُبارڪ حُورون ٿيون حيران،
    سوا لک سلامي ٿيا ها، پسڻ لاءِ پريشان،
    راحت آئي رجنيءَ کي، ٿيو مولى وٽ مهمان،
    گفتو آهي گوهر جو، قائم سو قرآن،
    لالائي نه لڳي لبن سين، ڪنگوئي ٿي قُربان،
    ذهب نه لڳي زلفن سين، پتنگ ٿيا پريشان،
    نوحَ کُلي منهنجي نوريءَ جي، ته اُنگهه پوي ارمان،
    دڇن منهنجي دلبر جا، نه لڳي موتي نه مرجان
    قدم پائي وک وڌائي، مور ٿين مستان،
    اچي مرگهن مُنهن جهڪايا، بر ڇڏي بيابان،
    سانجهي صُبح آهن سهڻي جا، اُمت تي احسان،
    محشر منجهه مصطفى آهي، ضعيفن جو ته ضمان،
    ثنا ٻڌي سهڻي جي، پيو راضي ٿئي رحمان،
    جنهن آندو ايمان، سو سور نه پسندو سومر چوي.
    .
    ڏور بيت
    پري پسي پانهه جي، پنهنجي ڇڏيائين پيٺ،
    گوهر سندي گلن تي رکيائين محبت سندي ميٺ،
    موتي ڏئي مير کڻي، سهڻي ڪيس سيٺ،
    بيت لڀندو نيٺ،پر ڳالهين سان ڳاهو چوي.
    تمثيل: پري= حضورﷺ جي صورت، گوهر=حضورﷺ گل= هٿ. موتي = ڪلمو توحيد. سيٺ= مسلمان.
    مراد: ابوجهل سراقه کي حضرت محمد ڪريم ﷺ جي پڪڙڻ لاءِ موڪليو. سراقه گهوڙو ڊوڙائي سامهون اچڻ جو ارادو ڪيو ته گهوڙو پيٽ تائين زمين ۾ پيهي ويو، سراقه سمجهي ويو ته حضور نبي ڪريم ﷺ جن کي عرض ڪيائين يا محمدﷺ مون کي ڇڏاءِ ۽ مون توبهه ڪئي. حضور جن زمين کي حڪم فرمايو ته ڇڏي ڏئينس. سراقه پاڻ ڇڏائي حضور جن جا هٿ مبارڪ چمي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو.
    (2)
    لکين طالب آهن لوڪ ۾ نر سندا نروارُ،
    جوڳين کان پوءِ جانب جو پيا پورو ڪن پڳدارُ،
    سو سهڻي ڪيو ساعت ۾، عجيب سو اظهارُ،
    وؤڙي ڪو وينجهارُ، اِها ڳالهه ٻڌائي ڳاهو چوي.
    مراد: قرآن پاڪ جا عاشق تلاوت ڪرڻ وارا ڏينهن يا هفتن ۾ ختم پورو ڪندا آهن. پر حضرت عليؑ سائين گهوڙي جي رقيب ۾ قدم وجهي ٻي رقيب تائين قدم رکيو ته قرآن پاڪ جو ختم پورو ڪري ڇڏيائين.
    بنا نقطي بيت
    هردم دائم دولهه دادلو دلدار،
    مالڪ مُلڪ ماهه محمد مهدار،
    واهر واهرو واهه سالڪ سو سالار،
    درد دُور دل وارا سارا ڪر سرڪار،
    راهه رس واحد وس سوال سڻ سردار،
    سڻ صدا محڪم مدعا سرور لهه ڪا سار،
    ڪر ڪرم ڪامل واحد هڪ وار،
    دادلا داد ڪر دُرسَ آ درڪار،
    محڪم ماه مهر ڪر مور اور ملهار،
    ملوڪ محرم مل آ، آسائو آر،
    امام سو مدام ڪر سلام آ اعلى عملدار،
    علم حلم آ صلم عطُر اور عطار،
    ”سومر“ ادا ڪر صدا، آ مولى مددگار،
    دُل دُل هسوار، سارو مُلڪ سُڪار ڪر.
    (ڪتاب: حال حيات ضلعي خيرپور جا سگهڙ تان ورتل)

    نصيحت
    قربدارن جي ڪچهريءَ ۾، پيو اٺئي پهر آءُ
    تن کي ڪڏهن هوندو ڪينڪي، وڏائي سندو واءُ
    پيار ڏيئي پنهنجو ڪندا، توکي ڀاڪر پائي ڀاءُ
    اهڙن سالڪن جي صحبت مان، پيو سهڻو ايندو ساءُ
    نوڙت توکي نياءُ، سي سيکاريندا ”سومر“ چوي


    5) فقير عبدالرحمٰن مهيسر

    سنڌ جي رياست خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ ۽ ڪيترن ئي سگهڙن جو استاد سنڌ جو مشهور سگهڙ عبدالرحمان مهيسر پهرين نومبر 1945ع تي ڄائو ۽ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس سلسلي طور پير سائين پاڳاري جي درگاهه سان خانداني روحاني رشتو هئو. ننڍپڻ کان وٺي سگهڙائپ ۽ شاعريءَ سان ڳانڍاپو هيس. سندس سگهڙائپ ۾ شروعاتي طور استاد حاجي خان مهيسر هو ۽ لوڪ ادب جي باقي سموري فن جي سکيا سنڌ جي مشهور ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ورتائين. ڪتابي دنيا ۾ پاڻ مختلف ڪتاب لکيائين ۽ ترتيب پڻ ڏنائين جن ۾ 1. ”مهيسر جي مام“ 2. ”مهيسر جي موج“ 3. ”مهيسر جي مرڪ“ 4. ”مهيسر جي مستي“ 5. ”ڊاڪٽر بلوچ سان قرب ڀريون ڪچهريون“ 6. ”فقير ميانداد طارق جون روايتون“ 7.”سومر جي سوچ“ 8.”ضلع خيرپور جا حال حيات سگهڙ“ 9.”گنيءَ جوگُن“ 10. ”ڏات جا ڏيئا، ۽ ”تاريخ ڊرٻ مهر شاهه جيلاني“ شامل آهن. جڏهن ته ڪجهه ٻيا ڪتاب ۽ مسودا اڻ ڇپيل موجود آهن. هن ريڊيو پروگرامن جي شروعات 1964ع کان ۽ پي ٽي وي پروگرامن جي شروعات 1975ع کان ڪئي. جڏهن ته آخري وقت ۾ ڪافي عرصي کان پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچي سينٽر تي سگهڙن جي پروگرام ”سنگهار“ جو ميزبان هو جڏهن ته ادبي ميدان ۾ پاڻ ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيائين جن ۾ ڪجهه ايوارڊن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا، جن بابت ڄاڻ رحمان ڏني مهيسر ڏني آهي.
    1. سچل سرمست ايوارڊ 1994ع
    2. شهباز ايوارڊ 2005ع
    3. پاڪستان ٽيلي ويزن ايوارڊ 2001ع
    4. سچل ايوارڊ 2001ع
    5. قلندر ايوارڊ 1997ع
    6. روح رهاڻ ايوارڊ 2004ع
    7. محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2006ع
    8. لال شهباز قلندر ايوارڊ 2002ع
    9. مهراڻ ادبي سنگت ايوارڊ 2001ع
    10. لوڪ ادب ايوارڊ 2002ع
    11. سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ 2003ع
    12. جلال کٽي ايوارڊ 2005ع
    13. سچل سرمست ايوارڊ 1997ع
    14. جشن خيرپور ايوارڊ 1995ع
    15. سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ايوارڊ 2005ع
    16. سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم ايوارڊ 1997ع
    17. خانصاحب عبدالحميد جتوئي ايوارڊ 2006ع
    18. لطيف گولڊ ميڊل ايوارڊ 1490هه
    19. سلور ميڊل ايوارڊ 1991ع
    20. بهترين پڳ تي ايوارڊ 2005ع
    21. حمل فقير لغاري ايوارڊ 1990ع
    22. سنڌ سورهيه بادشاهه ايوارڊ 2004ع
    23. شاهه عبداللطيف ايوارڊ 1998ع
    24. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ايوارڊ 1980ع
    25. مهيسر فلاحي تنظيم ايوارڊ 1973ع
    26. تقريري مقابلي ۾ پوزيشن ايوارڊ 1961ع
    فقير عبدالرحمٰن جو وڌيڪ تعارف امان الله مهيسر فقير جي ڪتاب ”مهيسر جي مام“ ۾ ڏنو آهي، جيڪو سندس جيئري ئي 1997ع ۾ ڇپيو هو. امان الله مهيسر جو لکيل تعارف هيٺ ڏجي ٿو؛
    ”عبدالرحمٰن ولد حافظ محمد صالح ولد حافظ محمد عاقل ولد حافظ عبدالرحمان ولد حافظ خاوند ڏنو ولد حافظ شاهه محمد مهيسر، هن جو جنم پهرين نومبر 1945ع آهي. ابتدائي ديني تعليم پنهنجي والد بزرگوار حافظ محمد صالح کان حاصل ڪيائين. قرآن شريف ناظران ۽ پنج سيپارا حفظ ڪيائين، انگريزي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. عبدالرحمان جو چاچو مرحوم حافظ عبدالرحمان، سيد مولوي غلام مرتضيٰ شاهه درگاهه گمبٽ شريف جو سجاده نشين درويش صفت ۽ سندس ڀاءُ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جن جو قرآن پاڪ جو استاد هيو. انهيءَ کان سواءِ حافظ مهيسر، رياست خيرپور ۾ پيرن ۽ ميرن جو استاد رهيو.
    حافظ محمد صالح مهيسر راقم سان خود پاڻ ڪچهري ڪندي ٻڌايو هو ته منهنجو وڏو ڀاءُ حافظ عبدالرحمٰن جوانيءَ ۾ 28 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو هو ۽ پوءِ ربّ ڪريم مونکي فرزند عطا ڪيو، جنهن جو نالو مان عبدالرحمٰن رکيو، پر اُهو به 12 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. تنهن کان پوءِ ڪيترا سال پُٽ جي اولاد ڪانه ٿي مائٽن جي صلاح سان مان ٻي شادي ڪئي ته من نرينا اولاد ٿئي. پهريائين انهيءَ ٻي شاديءَ مان ربّ ڪريم فرزند عطا ڪيو، جنهن جو وري به نالو مان عبدالرحمٰن رکيو، جنهن تي مٽن مائٽن مونکي چيو ته اِهو نالو ڳورو آهي اڳ ۾ به اوهان جو ڀاءُ ۽ پٽ جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويا آهن سو نالو ڪو ٻيو رکو. انهن کي مان جواب ڏنو ته وري به نالو مان ساڳيو عبدالرحمٰن رکندس پوءِ ڇو نه هيءُ به ربّ ڪريم کي پيارو ٿي وڃي. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته سگهڙ عبدالرحمٰن جو والد صاحب پڪي پختي خيال جو ماڻهو هو ۽ سگهڙ عبدالرحمٰن پنهنجي والد کي اڪيلو پٽ آهي.

    اولاد: سگهڙ عبدالرحمٰن کي ست پٽ ٽي نياڻيون آهن.
    1.حفيظ الرحمٰن، 2.حبيب الرحمٰن، 3. عجيب الرحمٰن، 4. خليل الرحمٰن، 5. لطيف الرحمٰن، 6. عتيق الرحمٰن، 7،. ڪليم الرحمان مهيسر. هن پنهنجن پٽن کي پنهنجي حال آهر تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو.

    روحاني رشتو:
    حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ کان وٺي مهيسر ذات جو
    درگاهه پيران پاڳاري سان روحاني رشتو رهيو آهي ۽ سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر گذريل سائين شاهه مردان شاهه ثاني پير پاڳاري جي هٿ تي دست بيعت ڪئي ۽ روحاني فيض حاصل ڪيائين.

    ذريعه معاش:
    سگهڙ عبدالرحمٰن جو والد حافظ محمد صالح مهيسر ديني خدمت سان گڏوگڏ وڏو ڀاڳيو ۽ مالوند هو. کيس سدائين 20-25 مينهون سُوائون هونديون هيون. مال جي بيمارين جو پڻ ڏاڍو ڏاهو هو. راقم الحروف جڏهن 1955ع کان ٽي سال اسڪول رفيق مهيسر ۾ انگريزي استاد هيو، اُن وقت سگهڙ عبدالرحمٰن پهريون درجو انگريزي پڙهندو هو. ڇاڪاڻ ته هو مالوند هيا ۽ هن جي گهر جي لَسي تمام سٺي هوندي هئي. آءٌ هن کي چئي ڇڏيو هو ته هو منهنجي لاءِ لوٽو لسيءَ جو روزانو آڻي. هن جي گهر جي لسي اهڙي ته لذيذ مزيدار هوندي هئي جو مان پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي لسي نه پيتي آهي. سگهڙ عبدالرحمٰن پنهنجي طالب علميءَ جي دور کان وٺي ڏاڍو ذهين، سلڇڻو، فرمانبردار ۽ حليم طبع جو هو.

    ريڊيو ۽ ٽي ويءَ سان وابستگي:
    سگهڙ عبدالرحمٰن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 1964ع ۾ نوجوانيءَ کان وٺي وابسته رهيو. ڪيترا پروگرام ڪراچي ريڊيو پاڪستان تي به ڪيائين. 1983ع کان خيرپور ريڊيو سان منسلڪ رهيو. سن 1975ع کان وٺي ٽي وي ڪراچيءَ تي سنڌي پروگرامن جهڙوڪ مهراڻ رنگ، سنڌ سينگار، اوطاق، ڪچهري، رس رهاڻ ۾ پاڻ ملهائي ۽ لوڪ ادب جي وڏي خدمت ڪيائين.

    ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ:
    1. طالب علميءَ جي زماني ۾ جڏهن هو ٻيو درجو انگريزي پڙهندو هيو، تڏهن سنه 1956ع ۾ ڳوٺ سڌار ميلو گورنمينٽ طرفان ضلع خيرپور جو ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ملهايو ويو هو، جنهن ۾ عبدالرحمٰن تقريري مقابلي ۾ ضلعي ليول تي اول پوزيشن حاصل ڪري، نصرپوري کيس ۽ ٽرافي بطور انعام حاصل ڪئي.
    2.سن 1985ع ۾ شاهه لطيف ڪانفرنس سکر ۾ فڪر و نظر طرفان لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    3. سچل سرمست ايوارڊ 1994ع ۾بهترين سگهڙ جي حيثيت ۾ حاصل ڪيائين.
    4. حمل فقير لغاريءَ جي ميلي تي سگهڙ ڪانفرنس ۾ ٽرافي 1991ع ۾ حاصل ڪيائين.
    5. سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ٽنڊو آدم، سن 1992ع ۾ سِلور ميڊل کيس ڏنو ويو.
    6. سن 1981ع ۾ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۽ سن 1996ع ۾ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڪنڊياري ۾ کيس بهترين سگهڙ جي حيثيت ۾ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
    7. جشن خيرپور 1996ع ۾ بهترين سگهڙپائي جي ڪارڪردگي تي کيس شيلڊ ڏني وئي.

    سگهڙائپ ۾ سندس استاد:
    سگهڙائپ ۾ سندس ابتدائي استاد حاجي فقير مهيسر ويٺل رفيق مهيسر جو هيو. شروعات ۾ ڏور جي بيتن جي ڪچهرين ۾ پنهنجي فن جو اظهار ڪندو رهيو. ڏور جي بيتن کان بعد هن سينگار جي صنف ۽ ٻين صنفن ڏانهن قدم وڌايو، پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ “بابائي سنڌي“ جي صحبت ۽ رفاقت، رهبريءَ ۽ رهنمائيءَ هن کي رڱي ڇڏيو. ڊاڪٽر صاحب جن جي علمي خزاني مان جيڪي هن کي بي بها موتي ۽ گوهر ناياب مليا، تن هن کي غواص بنائي ڇڏيو. هن علم جي بحر بيڪران ويرن ۽ لهرن، موجن ۽ مستين جي پرواهه نه ڪندي استاد ڪامل جي رهبري ۽ رهنمائيءَ ۾ غوطه زن ٿي جيڪي لعل هٿ ڪيا، سي علم جي ڳولائن ۽ پارکن لاءِ تحفه بي حساب آهن.


    6) فقير هدايت علي رڏ

    فقير صاحب جي فن ۽ شخصيت بابت سندس پُٽ حسين بخش رڏ لکي ٿو ته؛”ڳوٺ سونهاري تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ سندس جنم هڪ غريب نالي سلطان رڏ جي گهر ۾ اٺاويهين شوال خميس جي رات سنه 21-12-1922 عيسوي ۾ ٿيو. 22-12-1922ع جمع جي ڏينهن حضرت مخدوم جهانيان جو سجاده نشين سيد غلام مرتضى شاهه وٽن آيو، جنهن نالو جواڻ رکيس. سنه 1928ع اسڪول ڦاڙهياري ۽ پوءِ اسڪول مٺڙيءَ تعلقي ڪوٽڏجي ۾ به جواڻ لکندو هيو.آخرڪار پرائمري اسڪول نور بوزدار ۾ داخلا ورتائين اتي استاد عبدالله بوزدار ۽ استاد عبدالعزيز هيسباڻيءَ سندس نالو هدايت علي رکيو. پنج درجا پاس ڪري اسڪول مان نڪري مال چاريائين. استاد عبدالله وٽ سندس چاچي نظام الدين جي ماتحت حڪمت جو به ڪم ڪندو رهيو، نوجوانيءَ جي شروعات ۾ ڪڏهن ڳائڻ وڄائڻ ڪڏهن مولوين ته ڪڏهن ذاڪرن، حڪيمن، سگهڙن ۽ شاعرن سان ملاقاتون، ڪچهريون ڪندو رهيو. انهيءَ وقت ۾پارسي ۽ قرآن مجيد به پڙهي راس ڪيائين. خاص ڳالهه ته ناري جا ماڻهو روزگار سانگي ميرواهه ڪوٽڏيجي ايندا هيا. فقير صاحب جو پيءُ ۽ ڀائر نور بوزدار به رهندا هيا. سندس پيءُ جڏهن وصال ڪري ويو ته وري ميرواهه ڇڏي پنهنجي ديس ناري ريگستان ۾ موٽي آيو. پنهنجي مامي پنهل رڏ وٽ اچي رهيو، جنهن سندس شادي به ڪرائي. سن 1960ع ۾ طب سان پيار ڪيائين حڪمت جو ڪم سکيو ۽ ڳوٺاڻن جي اولاد کي قرآن پاڪ پاڙهيندو رهيو. دارالعلوم عاليه طب جديد عالمگير مشرقي جي سند حاصل ڪري سنه 1977ع ۾ ڊان ميڊيڪل ڪاليج لاهور مان بايو ڪيمڪ مان حڪمت جي سند حاصل ڪيائين. هڪ ڳالهه ته جڏهن مير واهه رهندو هيو ته اتي پي ڊبليو ڊي ۾ به نوڪري ڪيائين. انجنيئري کاتي ۾ گيج ريڊر هيو. انهيءَ دوران به حڪمت ۽ سگهڙائپ شاعريءَ ڏانهن لاڙو هيس. شاعريءَ جي اوج ۾جڏهن آيو ڪچهريءَ جي حوالي سان سنڌ جي محقق دانشور اديب ڊاڪٽر جناب نبي بخش خان بلوچ سان ملاقات ٿيس. سندس اها مهرباني ٿي، جنهن هن مسڪين سگهڙ لاءِ وفاقي حڪومت کان وظيفو مقرر ڪرايو. هن غريب سگهڙ پنهنجي غربت هوندي به علم و ادب جي جيڪا جاکوڙ ڪئي سا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قابل تعريف آهي.

    فقير هدايت عليءَ جا استاد:
    استاد نظام پٺاڻ الف بي کان پهرين درجي تائين
    استاد دوست محمد مهر پهريون درجو ٻيو درجو
    استاد عبدالله بوزدار ٽيون، چوٿون ۽ پنجون درجو
    استاد لال بخش بوزدار کان قرآن پاڪ جا ۽ ڪريما پارسيءَ جا ڪجهه سبق
    استاد فتح علي شرکان ڪريما پارسي مڪمل
    استاد علي بقا صوفيءَ کان طب حڪمت جا نسخا ۽ دعا فرمايائين.
    استاد ضمير حسين ڪوٽڏجي وارو، جنهن شاعري ڪلام قصيدا سيکاريس.
    استاد هوت فقير موچي روهڙيءَ واري ڏور بيت، ڳجهارت سگهڙائپ جو سبق ڏنس.
    استاد شهمير ميراثي ڪافي ڪلام ڳائڻ سيکاريس. فقير صاحب تمام سهڻي انداز ۾ ڳائيندو به هيو.

    پيري مريديءَ جو سلسلو:
    حضرت مخدوم جهانيان اچ شريف واري درگاهه جو ابن ڏاڏن کان وٺي مريد هيو. جڏهن فقير صاحب ڄائو هيو ته سيد غلام مرتضي شاهه جهانيان پير، پنهنجن لبن جو لعاب پنهنجي آڱر مبارڪ سان هن سنڌ جي نامياري سگهڙ کي دعا ڪري وات ۾ وڌو ۽ فرمايائين ته ”اي جواڻ ٿيسي.“
    اهو اهڙو فيض ثابت ٿيو جو گفتگو ، رهاڻ مٺڙي ٻاجهاري ٻولي هر ڪنهن لاءِ هر دلعزيز هئي.حضرت فتح الدين فياض نقوي عطا حسين سيد سندس مرشد هيو جنهن ذڪر ڏنو فقير صاحب جو جهانيان پير هادي هيو. انهيءَ مرشد جي راز سان صوفي عبدالستار جهوڪ شريف واري سان سندس ملڻ ٿيو.
    صوفي سائينءَ جي به روحاني هدايت ٿيس. الله پاڪ جي ذڪر حاصل ڪرڻ لاءِ صوفين درويشن سان به ٻانهپ جي واٽ هئي. صوفي صدر الدين ۽ صوفي ولي محمد سجاده نشين تجل شريف واري سان سندس رهاڻ هميشه لاڳاپيل هوندي هئي.

    وڏن سگهڙن سان فقير جون ڪچهريون:
    قادر بخش راڄپر ، حاجي فقير مهيسر، علي شير جاگيراڻي ، شاهنواز ڪٽوهر، ٻيڙو فقير ڪنڀار، بخشو شر، بولو شر، يامين حجام، لالڻ لغاري، ونهيو ڀنڀرو، دوستن فقير ڪاسائي، بهادر مڱڻهار،محمد بخش ٽالپر ، مراد فقير لاشاري، ميوو ڦلپوٽو، ميوو کورکاڻي، الهڏنو کورکاڻي بودن ڀنڀرو، لڇمڻ ڀنڀرو ۽ ڪيترائي سگهڙ ڏٺائين. سگهڙ نور محمد شنباڻي ۽ ميوو کورکاڻي سندس پيارا دوست سگهڙ هئا.
    ان کان سواءِ محمد سومر ڳاهو، محمد سومر چنو، گدا حسين سهتو، غلام محمد ٻرڙو، غلام محمد منگي، عبدالرحمان مهيسر، جان محمد ڪٽوهر، مٺل ٻرڙو، غلام حيدر ڀنڀرو، فيض محمد جسڪاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي سگهڙ سندس دوست هئا. ڪريم بخش وسطڙو، گل محمد ڪنڀار حيدرآباد وارو، غلام حيدر نظاماڻي اهي سندس دلبند دوست هئا. مطلب ته ڪيترا نالا لکجن سنڌ جي سگهڙن سان هن فقير جي ايڏي ته محبت هئي جو هر هڪ کي استاد جي لقب سان سڏيندو هو.

    فقير صاحب جا شاگرد:
    هيءَ حقيقت آهي ته سڄيءَ سنڌ ۾ پر خاص ناري ريگستان جا ماڻهو هاري، ڪڙمي، مزدور، استاد، شاگرد، مولوي، سگهڙ مطلب ته گهڻي ڀاڱي کيس عام ماڻهو استاد سڏيندا هئا ٻيو ته ٺهيو پر کيس هندو ماڻهو ۽ ڌاريا ماڻهو به کيس استاد چوندا هئا.
    فقير صاحب جيڪي شاگرد پڙهايا ان دور ۾ جڏهن عام اسڪول ڪونه هوندا هيا، ڳوٺاڻيءَ طرح تعليم ڏيندو هيو ۽ قرآن پاڪ پڙهائيندو هيو. جن تعليم وٽس پرائي انهن ۾ جڳڻ ڀنڀرو، تمن ڀنڀرو، رب رکيو، مرحوم خميسو انصاري، محمد مراد رڏ، محڪم الدين آرادين، قادر بخش کورکاڻي، بهرام خان، ڏتل ڀنڀرو ۽ ان کان علاوه ڪيترين ئي نياڻين کي به قرآن پاڪ پڙهايائين.

    سگهڙائپ ۾ سندس شاگرد:
    غلام حيدر ڀنڀرو، فيض محمد جسڪاڻي، حشمت علي شنباڻي، علي جان شنباڻي، شرف الدين شنباڻي، محمد اعظم، ولي داد، محرم ڀنڀرو، در محمد سوڀارو، علي مراد شنباڻي، مير محمد چنو، حسين بخش رڏ، سڄڻ ملاح، ڪانڊيرو ڌاريجو، محمد عثمان ڪيريو، منڻ آرادين، شاهنواز حيدربخش ڳاهو ۽ ڪافي سگهڙ سندس شاگرد هئا ۽ عام طور سڄيءَ سنڌ جا سگهڙ کيس ادب مان استاد سڏيندا هئا.

    فقير هدايت عليءَ جو اولاد:
    فقير صاحب کي (3) ٽي پٽ؛ سگهڙ حسين بخش، منور الدين ۽ نزاڪت علي ۽ 9 نياڻيون آهن.

    فقير هدايت عليءَ جون ڪجهه دلچسپ ڳالهيون:
    فقير صاحب زماني جي ڪم ڪار لاءِ پهريان الله پاڪ جو ذڪر ڪري تسبيح تي هڪ ڦار وجهندو هيو پوءِ مناسب وقت ڏسي ڪاڏي اسهندو هو. هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته غريبت جو وقت هيو ان داڻو گهٽ هوندو هيو، سو انهيءَ ۾ ڳڻتي ٿيس. تسبيح تي ذڪر ڪري پنهنجي وڏي پٽ کي چيائين ته ”ابا حسين بخش اڄ آپ چونڊڪي هلسون.“ گهر کان ٻاهر نڪري پٽ کي چيائين ته ”ڳالهه عام نه ڪرين چونڊڪي پنڌ هلسون دڳ تي ابا پئسي مِلسن.“ سو پنڌ ڪندا وياسين. چونڊڪي جي اوريان امير بخش نالي ڀنڀرو اٺ تي مليو، جنهن 100 رپيا فقير کي ڏنا چيائينس ته فقير تيل جي ضرورت اٿم پوءِ اتان وري واپس اچي اَن ورتائين.
    ٻي ڳالهه ته عثمان نالي چاڪراڻي آهي جنهن چيس ته ”فقير ٽڪر وچ گاهه ڪونهي مال مردا پئي دعا ڪرو ته مينهن وسي گاهه ٿيون اٺ ڏاچيان ڏٻليان ٿي ڳئينِ“ فقير تسبيح ذڪر پڙهندي چيائين ته هي بيت وڃي دعا طرح پڙهه:
    آ صاحب پير سچڙا، مينهن وسا گاهه ڄمي ڪچڙا
    اٺ ڏاچيان وچ پئي ڏچڙا، عرض پيا ڪريندئي عثمان سليمان دا ٻچڙا
    پوءِ اهي لفظ بيت جا عثمان چاڪراڻي صبح شام پڙهيا اچي مينهن وٺا گاهه ٿيا سڪر سڻايون ٿيون.
    فقير صاحب آخري وقت کان ڪجهه اڳ ڪراچي ٽي وي تي پنهنجي پٽ سان گڏجي پروگرام تي ويو. ڪراچيءَ مان حيدرآباد اچڻ لاءِ بس ۾ چڙهيا فقير کي پوڙهو ماڻهو ڏسي، هڪ شاهينگ کيسي مان پئسن ڪڍڻ جي ڪوشس ڪئي ته اوچتو ڪلينر جي نظر پئجي ويس سو اچي چور کي ڌڪ هنيائين.
    چور دانهون ڪرڻ لڳو فقير ڪلينر کي عرض ڪيو ته ابا ماريوس نه پئسا مون وٽ پنهنجا آهن. مون کيس پهريائين سڃاتو هيو هي ته بلاٽري وئي پر اڃان هڪ اسان تي مصيبت آهي ان لاءِ به پاڻ نگهبان ٿيندو.
    اها ڳالهه انتظار ۾ رهي ڳوٺ پهتو. هڪ خواب ڏٺائين ان جي پاڻ پنهنجي پٽ سان ڳالهه ڪيائين ته ابا حسين بخش خواب ڏٺو اٿم ته پنهنجي گهر مان هڪ لاش نڪتو آهي مٿس ڳاڙها ڪپڙا پيل آهن ابا تسبيح پڙهيم سجدو ڪيم رب پاڪ کي ٻاڏايم.
    ڦار وڌم چاليهه ڏينهن جي انتظار کان پوءِ تعبير ٿيندو. ڳالهه ڪندي رنو سو چاليهه ڏينهن پورا ٿيا. 3- سيپٽمبر 1992ع بروز اربع جي شام خميس جي رات سندس پوٽو، حسين بخش جو هڪ دلبند نوجوان پٽ رجب علي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اهو ئي سبب هيو ته فقير صاحب کي انهيءَ خواب جو تعبير ۽ دلي صدمو آيو ۽ سندس مرض ۾ واڌارو آيو.
    آخرڪار مرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجن پٽن اهل عيال،عزيزن کي کولي ٻڌايائين ته فنا جو جهان آهي اسان جو سفر پورو ٿي چڪو آهي. هاڻي موڪلاڻيون آهن. پنهنجي پٽ حسين بخش کي وصيت ڪيائين جيڪا شعر ۾ هئي ان ۾ سڄڻن ڏانهن سلام به هيا. 11-12-1992ع ڇنڇر جي رات پٽن کي چيائين ته اڄ رات ويهي گڏ گذاريو. سڄي رات مرض جي تڪليف جي باوجود نماز ذڪر قرآن پاڪ جي زيارت ڪچهري رهاڻ ڪندو رهيو. علاج ڪرائڻ لاءِ سندس پٽ حسين بخش جي راءِ تي هائو ڪيائين. آخرڪار راڻيپور ڊاڪٽر غلام اڪبر سوڍڙي وٽ علاج لاءِ آيو. ڊاڪٽر پڻ سندس پيارو دوست هيو. چيائين ته علاج لاءِ ڪو نه آيو آهيان موڪلائڻ ڪچهري ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آخري وقت سندس ڀائٽيو نالي محمد حسن رڏ جنهن فقير لاءِ رت جو عطيو به ڏنو ان جو رت اسعتمال نه ڪرڻ ڏنائين. علاج سان گڏ تسبيح، ذڪر ڪلمو پڙهندي ۽ پٽ کي هدايتون ڪندو رهيو. آخري وقت سندس هڪ دل پيارو دوست قادن محمداڻي به گڏ هيو، ان سان آخري دوستي ملهايائين. آخري دم پنهنجي پٽ حسين بخش جي جهوليءَ ۾ ڏنائين.
    وصال جي مهل هئي 45-11 منٽ آچر جي رات 12-12-1992ع هن فنا جي جهان کي ڇڏي هميشه لاءِ پنهنجي اولاد، عزيزن، دوستن کي حجر و جدائيءَ جا ڏينهڙا ڏئي پاڻ دارالبقا ڏانهن روانو ٿي ويو.
    (ڪتاب: ”سگهڙ ڪچهريءَ“ تان ورتل)
    فقير صاحب جي ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    نبي پاڪ جو صلوات واريءَ مڇيءَ وارو معجزو
    ٿلهه: ٻڌايان پيو ڪهڙو شاهي شان جوڙي،
    خدا جو ملائڪ خدمت ۾ ڊوڙي
    1- ڪن ڏئي قرب سان ٻڌو حال هاڻي،
    وجهي ڄار آندي مڇلي مهاڻي
    گذر لئي گراڪ ڏنس ڏوڪڙ ڇوڙي

    2- مانجن پيا مانجهيلا مصالحا بڻيا،
    ڪيائون هنر حيلا ڇلر ڪين ڇڻيا
    هنيائون ڪپ ڪاتيون ڇڏيائين منهن موڙي
    3- هلي وڃي هوت سان ڪيائين ڪهاڻي،
    مڇي مالڪن وٽ حاضر ٿي هاڻي
    پڇيو سبب صاحب ويچاري کان ووڙي
    4- مڇي مثل ماڻهو ادب سان الايو،
    سائين واديءَ جي وچ سان ٻيڙو پئي آيو
    لڳو واءُ ڏاڍو ويرون ويس وڪوڙي
    5- ٻڌو مون ٻيڙيءَ مان عجب هڪ حال هي،
    الهم صلي على محمد وآلھ
    پوءِ لحظي ۾ لاتائين ڪناري کي ڪوڙي
    6- پوءِ ويهي ويم وجود ۾ ذڪر اهو ذاتي،
    دم سان درود آ جيترو دم حياتي
    تڏهن ڪات قهري نٿو مون نهوڙي
    7- تڏهن مير مدنيءَ چيو ان جوان کي پاڻيءَ ۾ پڄاڻي
    آ پڪو ڪر ايمان کي
    ڪُرڙو کڻي ڪنڌ تي آيو لهرن ۾ لوڙهي
    8- هدايت علي هاڻي اميد آ الله ۾،
    صلاتي نه سڙندا دوزخ جي باهه ۾
    مچائن ملائڪ تکا تاب توڙي



    مناجات سرائڪي
    سائين مين بي سملا آ نه سگهسان تون آ سگهدين
    تيڏي ميڪون ضرورت آوين دير نه لاوين
    سر ساهه بي عملا بچا ناسگهسان تون بچا سگهدين
    وڃ ديس بيگاني بچاوين دير نه لاوين
    (1)
    مين هو سان هڪ ڏينهن لادم، ميڪون وڃڻا ضرور ٽنڊي آدم
    مين ڪنون پڇسن تيڏي خادم، جملي دا جواب جملا
    الانه سگهسان تون الا سگهدين اپنيان نال الاوين، دير نه لاوين.
    (2)
    آنديان ياد سفر ديان باتين، پڇي وسر وينديان ڪل مصلاتين
    اوکيان ڀيانڪ ڪٺن ديان راتين، ساعت سال برابر ڪلها
    نڀا نه سگهسان تون نڀا سگهدين، ول ڪي آڻ نڀاوين، دير نه لاوين
    (3)
    هدايت علي اي عرض پڪارا، نام خدا من محبوب پيارا
    ديس بندي دا نارا سونهارا، مين برڪت بدلا وسار نه سگهسان
    تون وسا سگهندين مِهر محبت وساوين، دير نه لاوين.


    7) سگهڙ فقير ديدار علي سيال

    فقير ديدار علي سيال چوٽيءَ جي سُگهڙن ۾ ڳڻيو ويندو هو. هُن جي سگهڙائپ جا سڄيءَ سنڌ ۾ چوٻول هئا. ريڊيي، ٽي ويءَ، اسٽيج ۽ اخبارن وسيلي هو فن جو مظاهرو ڪندو رهندو هو. سندس ڪجهه ڪتاب به شايع ٿي چڪا آهن، جن مان هڪ ڪتاب ”ديس وسي ديدار اسان جو“ جو تعارف هن ڪتاب ۾ پڻ ڏنو ويو آهي. جڏهن مان هيءُ ڪتاب لکي رهيو هُيس ته فقير ديدار سيال جي ڪتابن ۽ سندس زندگيءَ جي احوال جي ڳولها پڻ ڪيم، نيٺ سندس ڪتاب حاجي علي نواز وڳڻ صاحب وٽان مليو، جنهن ۾ اڳي آڪاش ۽ هاڻي عاجز رحمت الله لاشاريءَ فقير صاحب جو تعارف ڏنو آهي پر اُن ڪتاب ۾ ئي فقير صاحب پنهنجي باري ۾ به لکيو آهي، جيڪو هتي جيئن جو تيئن پيش ڪجي ٿو.
    ”جيئن ته هر ڪو ماڻهو هن ميدان ۾ اڳتي نڪرڻ لاءِ ڊوڙ ڀريندو آهي اهڙيءَ طرح آءٌ به هن ادب جي ميدان ۾ سندرو ساهي لهي پيس. پر هن عشق جي ميدان ۾ اچڻ جو ڪو نه ڪو بهانو ضرور ٿيندو آهي تنهن ۾ لڪ لڪاءَ ڪهڙو ڪجي هيءُ اشارو ڪافي آهي، ”مون کي عشق مجاز راه ڏيکاري حق جي“ جڏهن مجاز موهيو ته اندر ۾ ”مچ مچي ويو اها باهه ٻاهر ڪيئن نڪري پوءِ ريڊيي سان دل وندرائڻ شروع ڪيم. ڪڏهن روئندي ۽ ڪڏهن کلندي پئي راتيون ۽ ڏينهن گذريا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنجين وڳي سائين صالح محمد شاهه جو (فتح خان) جي آواز ۾ (جمهور جو آواز) پروگرام نشر ٿيندو هيو، ساڳي ئي پروگرام ۾ هن سٻاجهڙيءَ سنڌ جا سريلا سگهڙ به ٻڌڻ ۾ ايندا هيا. سگهڙن جون سهڻيون سٽون ۽ صالح محمد شاهه جو من موهيندڙ آواز مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ويو.
    ڪجهه ڏينهن گذرڻ تائين اچي سگهڙن جي مٺي ٻولي ۽ عشق جي الستي آواز ننڊ ڦٽائي. ڪجهه ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ مون وٽ هڪ مهمان آيو، ساڻس تعارف ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي ته هيءُ سنڌ جو سريلو سگهڙ امام بخش هتار آهي. اسان جي عام چوڻيءَ ۾ هي پهاڪو هلندڙ آهي ته؛ ”ڪارو ٻڌ ڪمري سان ته رنگ نه مٽي پر عادت ضرور مٽي“ ۽ منهنجي سگهڙپائيءَ جي صنف ڳجهارت ڳولڻ جي قابليت به مون هن ئي سٻاجهڙي سگهڙ استاد امام بخش هتار وٽان حاصل ڪئي. انهيءَ کان بعد ۾ مون کي سنڌ جي سداحيات مهان سگهڙ ۽ سگهڙن جي باني استاد فقير محمد ملوڪ عباسيءَ جن جو شفقت ڀريو هٿ نصيب ٿيو، جنهن عظيم شخصيت باقي رهيل صنفن جي مڪمل رهنمائي ڪئي. استاد محمد ملوڪ عباسي راتين جون راتيون پاڻ کي اوجاڳا ڏيئي ننڊون ڦٽائي اسان کي جڳ ۾ جرڪايو.
    استاد عباسيءَ مون مسڪين کي ريڊيو ۽ ٽيليويزن جا بيشمار پروگرام ڪرايا. مون پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي ڏٺو ته مان ڇا آهيان ۽ استاد سائينءَ جي مهربانين، ڏانءَ ۽ ڏاهپ کي ڏسي مون کي منهنجون سٽون سامهون ٿيون اچن.
    مون کان محب خفا، ڏسي نه ٿيا ڏوهه
    وڙ وڙائتن وڏا، ڪين ڇنڊيائون ڇوهه
    سڄڻ سارو سچ آ، مون ۾ ڊاڙون ڊوهه
    جڏ پارس لڳو لوهه، تڏ سونو ٿي پيس ”سيال چئي“
    استاد عباسيءَ جي ڏنل هدايت مطابق مون پنهنجون تخليقون تيار ڪري سٺي نموني سان سهيڙيندو ۽ سنڀاليندو آيس جيڪا ڏنل هدايت اڄ به مون لاءِ مشعل راهه آهي ۽ ان ئي هدايت کي نظر ۾ رکي مون هيءُ پنهنجو ڪتاب ڇپرائڻ جو ارادو ڪري هڙ ٻڌي ڪڇ ۾ کنيو ۽ ڄامشوري جي پياري سگهڙ رحيم بخش قريشي ۽ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي لاڏلي شاگرد عاجز رحمت الله لاشاريءَ سان ملي مواد پريس تائين پهچايوسين ڪتاب جي ڇپائيءَ جي رقم ته تمام گهڻي هئي، جيڪا مون پورهيت ۽ مزدور جي برداشت کان ٻاهر هئي پر پوءِ به اميدن ۽ آسرن جي سهاري دل نه هاريم، ڪمپوزنگ واري کي ڪتاب ڏئي واپس گهر آيس ۽ دل ئي دل ۾ ارادو ڪري نڪري پيس ته پهرين ته ذات جي چڱن مڙسن ۽ سَرنديءَ وارن کي آزمائجي.
    عام پهاڪو آهي ته ذات ڪانوَن کي به پياري هوندي آهي پر مون کي منهنجيءَ ذات ۾ سرنديءَ وارن اهو به احساس نه ڏياريو. ان کان علاوه گهڻن ڏينهن کان ٻڌندو پئي آيس ته ڏکئي وقت ۾ دوست کي به آزمائجي ۽ مان به پنهنجي پرين پيارن دوستن سرڪاري عملدارن توڙي غير سرڪاري عملدارن سرنديءَ وارن وٽ ويس جتان محبتي موٽ ته ڇا لالچ وارين نگاهن سان ڏسي بي رخيءَ وارا اشارا محسوس ٿيا ۽ مجبور ٿي پنهنجي گهر خالي هٿين واپس موٽي آيس. سنڌ جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته:
    سر ۾ پکي هڪڙو، مٿس ماري لک،
    جي رب جي اٿس رَکَ، ته سر ۾ گهمي سرهو.
    اهڙيءَ طرح پوءِ به مون کي الله پاڪ نااميد نه ڪيو ۽ آخر پنهنجي معصوم ٻچڙن جو گهر ڦٽائي رهائش وارا پلاٽ وڪرو ڪري پنهنجي ڪتاب جي ڇپائيءَ جو غريبي حال آهر پورائو ڪيم.
    باقي ٽن ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد پڻ موجود آهي حياتيءَ ساٿ ڏنو ته انشاءَ الله اهي به اوهان سڄڻن جي پيش نظر ڪندس باقي هي غريباڻو تحفو ”ديس وسي ديدار اسان جو“ اميد ته اوهان کي سٺي ڄاڻ مهيا ڪندو ان جو قدردانو قدر ضرور ڪجو.“
    آڪاش لاشاري سگهڙ فقير ديدار عليءَ جو احوال هن ريت ڏنو آهي؛ ”سگهڙ فقير ديدار علي سيال جنهن جي پيدائش ته سال 1962ع ۾ ٿي پر مهيني جي ڪابه پڪ نه ٿي ملي سندس والد جي زباني ته ديدار سخت سرديءَ ۾ پيدا ٿيو هيو پوءِ ان ۾ ڊسمبر يا جنوري مهينو ئي گهڻي ڀاڱي شامل آهي. اسان جي پياري پيغمبرﷺ غربت کي گهڻي ڀاڱي پسند فرمايو آهي ۽ سندس عاشقن به غريب گهراڻي ۾ گهڻو جنم ورتو آهي. اهڙيءَ طرح ديدار سيال به پنهنجي ڪکائين گهر ۾ پنهنجي دلبر پيءُ محمد حسين سيال جي صحن تي اک پٽي ۽ هيءُ فرزند سندس والد کي ٽئين نمبر تي الله تعالى عطا فرمايو. کانئس اڳ ٻه ڀائر روشن علي۽ عبدالمجيد سندس والد جو صحن سجائي چڪا هئا ۽ کين هڪ ڀيڻ به مولا پاڪ ڏني هئي. سندس ڀائرن ۾ ديدار آخري ڀاءُ هيو. عام چوڻي آهي ته دير آيو پر درست آيو. ان لحاظ سان ديدار ٻين ڀائرن کان ته ننڍو هيو پر اهو سگهڙ جي حيثيت ۾ مهان شخصيت بڻجي ويو.
    هن سگهڙ جو ننڍپڻ مال چارڻ ۾ گذريو ۽ جڏهن کيس پنهنجي ڳوٺ دائود ديري لڳ شاهه پنجو سلطان تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ پرائمري اسڪول اندر کيس تعليم لاءِ ڇڏيو ويو ته هن پنهنجي استاد پانڌي خان سيال وٽ صرف ٻه درجا ئي مس حاصل ڪيا ته هنن جو قبيلائي تڪرار ٿيو ۽ ديدار پنهنجي والد سان ڪراچيءَ هليو ويو. جهيڙا هميشھ ٻنيءَ ۽ ونيءَ تان ٿيندا آهن، هنن جو ٽڪر به پهرين ته ٻنيءَ تان ٿيو پر جڏهن ديدار ساماڻو ۽ هن جي شاديءَ جي رٿ رٿي وئي ته ديدار جي طئه ٿيل سڱ تي سندس سؤٽن پنهنجي راءِ ظاهر ڪئي ته ديدار ان غيرت جي ڳالهه سبب ميدان ۾ نڪري نروار ٿيو. سندس اهو ڦوهه جوانيءَ وارو دؤر هيو.
    ونيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻئي ڌريون مورچابند ٿيڻ لڳيون ۽ ديدار جا سئوٽ مخالفت ۾ اچي ڀاڳيلا بڻيا. ياد رهي ته ان عرصي ۾ ديدار سيال وٽ 1974ع دؤران سندس هڪ سگهڙ امام بخش هتار وٽن مهمان ٿيو جنهن کان هن ڳجهارت ڳولڻ جي سکيا ورتي ۽ ديدار ان کان بعد 1978ع ۾ سنڌ جي عظيم مهان سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسيءَ کان سگهڙپائيءَ جي باقي مڪمل صنفن جي سکيا حاصل ڪئي. جهيڙن جهڳڙن دؤران سگهڙپائي ساڻ هيس.
    جڏهن سندس سئوٽ مٺو سيال ۽ يوسف سيال ڌاڙيل بڻيا ته انهن جي ڪردار کي ڏسي هن انهن جي ظلم خلاف جنگ جوٽي سنڌ جي هر ڌاڙيل خلاف جهاد ڪيو. اهو ئي جوانيءَ جو پهريون پهلو هيو جو جڏهن گهر ڇڏي ڪراچيءَ لڏپلاڻ ڪيائون ته صرف ٻچڙا ثابت وٺي نڪتو باقي مال ملڪيت ڌن دولت سڀ ڌاڙيلن تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏي.
    ديدار سيال جي پهلواني ۽ جوانمرديءَ جو اڄ به سندس علائقي ۾ هُل آهي ته هن جڏهن مظلومن جي طرفداري ۽ ظالمن خلاف جهاد ڪيو ته حڪومت سندس بهادريءَ تي فوج ۽ پوليس جا 24 اهلڪار کين مدد لاءِ ڏنا ۽ 23 ڄڻا پنهنجي ذات وارا هن سان هر وقت هٿيارن پنهوارن سان گڏ هوندا هيا. انهن جو خرچ انتظاميا پاران چئن ٿاڻن کي ڀرڻو پوندو هيو، جنهن ۾ محبت ديري جتوئي جو ايس ايڇ او مظفر مهر ۽ نئين ڳوٺ جو S.H.O قربان، ڪنڊياري جو S.H.O نواب خان بوزدار ۽ بکري جا S.H.O شامل هئا.
    جڏهن سندس والد هن دنيا مان انتقال ڪيو ته اڪيلي سر هئڻ ڪري انتظاميه کي هٿيار ۽ جوان واپس ڪري ڪراچي واري گهر ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي به مسڪين يتيمن ۽ بيواهن جي واهر ڪرڻ عيوض بدلي ۾ ڪيترا مهينا جيل ڪاٽيائين. هڪ دفعي ڪراچيءَ کان سندس ڳوٺ ۾ سگهڙن جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيو جيڪا سندس ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ سگهڙ فدا حسين ميراثيءَ جي اوطاق ۾ ٿي، اتي پراڻا سگهڙ محمد خان ساهڙ، ممتاز سيال، سائين داد ۽ ٻيا سوين ماڻهن جي پبلڪ ۾ موجود ڪچهري ٻڌي رهيا هئا ته کيس بدنام ڌاڙيلن پاران اغوا ڪرڻ جو واقعو پيش آيو جنهن تي سموري ڳوٺ ۾ قهرام مچي ويو ۽ ڪيترن ئي عورتن ڀلو ڪلام کڻي ان جي ڌاڙيلن کان جند ڇڏائي. ديدار جو دردن جو داستان عجيب آهي، جنهن کي لکڻ جي مون ادني انسان کي ڪهڙي طاقت آهي.
    سگهڙ فقير ديدار سيال جنهن پنهنجي شادي سوين هٿيارن جي پهري ۾ ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻن پٽن منير علي ۽ منٺار علي سميت هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. سگهڙ فقير ديدار علي جو هڪ طبعي اصول اهو به هو ته هي ساهه واري ڪابه شئي نه کائيندو هو. جهڙوڪ: گوشت، مڇي وغيره شامل آهي فقير ديدار سيال جنهن کي پيءُ کان ته نه پر ماءُ جي والد طرفان سگهڙائپ جو ڏاج مليو. سندس نانو فقير محمد جو گهنور خان سگهڙائپ رکندو هيو ۽ ان ورثي جي ادبي ملڪيت مان هن کي به حصو مليو. 1981ع ڌاران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ۽ 1985ع کان وٺي پاڪستان ٽيليويزن تي ادبي پروگرام شروع ڪيائين.“
    هيٺ سندس چونڊ ڪلام ڏجي ٿو؛

    چوڏهو سينگار- چوڏهن نالا هاٿيءَ جا
    ڏسي هلڻ حبيب جو هُت هنڊوا پيا هرڪن
    ڪارڌو به قابو ٿيا ۽ فيل پيا ڦَرڪن
    ڪٽ لڪائن ڪيئن ٽل پيا ۽ گونٽا نه گرڪن
    ڪيهر ڪنڌ نوائي بيٺا سَنکرَ نه سُرڪن
    ڪيٽا ڀونگ ڀُنا ٿيا نڪي چينچل پيا چُرڪن
    وسَو وارڻ ويسلا هو تڙن تي ترڪن

    مينڊل به محبوب واري ڍار ڏسيو ڍُرڪن
    پسي هُو ٽور لڄي ٿيا، مور نه ادگر پيا اُرڪن
    مڪنا مست مُطيع ٿيا، هُو واٽن تان ورڪن
    دلبر سامهون ”ديدار“ چئي ڇَڪي ٿي ڇرڪن
    پوءِ پيا پَرڪن، ڏسي هاٿي هلڻ حبيب جو
    ڏسي هلڻ حبيب جو ٿيا گنير گرفتار
    چينچل چرڻ ڇڏي ڏنو هرڻ کاڌي هار
    عين سڄڻ جا نيڻ نماڻا کنيون ڪن کجڪار
    سُونهن سدا ”سيال“ چئي منهنجي سڄڻ کي سينگار
    تنهن دلبر جو ”ديدار“، مون کي پرور پَسائج پاڻ تون
    اي چنڊ چوڏهينءَ رات جا تنهنجو ڇاهي تاب
    سڄڻ منهنجو ”سيال“ چئي جي لاهي لال نقاب
    پوءِ نه ٿي بات بچڻ جي، ٿئي سارو مُلڪ ڪباب
    حُسن منهنجي حبيب جو ناهي حد حساب
    مور مرجان موتيا نه پُڄن گُل گلاب
    رڳون تن رباب، جن ڏٺو منهن محبوب جو


    ڪافي
    ٿلهه: رومال تي ڇاپي طوطو تنهن کي تاڙي هڻي تو اُڏايو
    واهيري اچي ڪيئن وري وري
    (1)
    پکي ٻڌل هوندو پيار سان آهي، تو ته ڪيو هي ڪلور آ
    زور اڳيان چئي زاري، اُڏاڻو ڏاڍو ويو هو ڏور آ
    مس ماڳ تي پهتو هوندو هو هاڻي مٺوئڙو مري مري

    (2)
    بي قدرو ٿيو انهيءَ باغ جو مالڪ، ٻيا به پکيئڙا چون پيا
    بي رحم اُڏايو اجايو انهيءَ کي، ظالم سڀئي سڏن پيا
    اهو ظلم جو باني آهي سڀ ٻول ۾ چون پيا ٻري ٻري

    (3)
    آيو اُڃارو الاءِ ڪٿان، آساس وٺڻ جي خاطر
    ڏس ته پوي پيو ڏور کان، آيو پياس مٽڻ جي خاطر
    ”ديدار“ هو درد ڏيکاري جي دل ۾ هُجيس ها دري دري

    ڪافي
    ٿلهه: وقت پنهنجو سيڙائي ڪال ڪرائي بُڪ مون
    ڪال ڪرائي بُڪ مون ڪلهه تو ڏي ڪيم ٽيليفون
    گهنٽي وڄندي رهي پئي، ڏس فون کئين تو ڇونه
    (1)
    شروعات ڪيم جڏ يارهن ٿيا ها
    وري پورا اچي مٿئون ٻارهن ٿيا ها
    ٿي پورو يار ڪلاڪ ويو، وڌي ويتر تيئن فراق ويو،
    وڌي ويتر تيئن فراق ويو اها اندر ۾ آهي اونَ
    (2)
    شايد توکان وسري وياسين
    تنهنجي دل تان اُسري وياسين
    توسان منهنجي پرت پُراڻي يا ته ڀلا تو ڄاڻي واڻي
    يا ته ڀلا تو ڄاڻي واڻي، ورندي ڏني هي ڪونَ
    (3)
    ”سيال“ سدائين، تنهنجو خادم
    ديدار دُعاڳو تنهنجو دم دم
    ايڏو خفا ٿئين محب تون مونکان
    ڪهڙو گهران پيو يار مان توکان زر زيور يا سون


    8) استاد محمد امين سنياسي

    استاد فقير محمد امين سنياسيءَ جي احوال بابت عاجز رحمت الله لاشاريءَ جو مضمون جيئن جو تيئن ڏجي ٿو. ”هن ڀاڳن واريءَ ڀونءِ سونهاري سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، ولين، درويشن، فقيهن، محققن، دانشورن ۽ اديبن سميت ڪيترين ئي عظيم هستين جنم ورتو. انهن بي مثال ماڻهن منجهان سنڌ جو سدا حيات سيلاني سگهڙ استاد فقير محمد امين سنياسي پڻ هڪ هئو. هن مهان سگهڙ جي پيدائش سنڌ جي عظيم مولوي شاعر حاجي غلام نبي مهيسر جي پيدائش سان گڏ سال 1938ع ۾ ٿي. سندس پيدائش جو هنڌ اڳوڻي ضلع لاڙڪاڻي ۽ موجوده قمبر شهداد ڪوٽ جي تعلقي وارهه جي ڀرسان ڳوٺ گل سانگهرو آهي. سندس تعلق ديندار گهراڻي سان هئو ۽ والد فقير جمعو خان هڪ نيڪ نمازي ۽ پنهنجي راڄ ڀاڳ جو چڱو مڙس پڻ هئو. استاد محمد امين جو والد فقير جمعو خان ۽ ڏاڏو مرزا بيگ به پنهنجي وقت جا مشهور سگهڙ شاعر ٿي گذريا آهن ۽ سندن روحاني راڳ يڪتاري تي ڳائڻ پڻ انهن جي وندر ۽ ورونهه جو حصو هو. فقير طور سندن صوفي ازم سان گهڻو لڳاءُ هيو. فقير محمد امين سنياسيءَ جي والده قرآن شريف جي حافظياڻي هئي ۽ ان کي الله تعالى اڪبري حج جي سعادت نصيب فرمائي جيڪو هُن ڪشالا ڪاٽي پيادل پنڌ ڪري ادا ڪيو هو.
    ياد رهي ته هن گهراڻي جو فقيري ۽ درويشي صفت سان گهرو تعلق هيو. فقير محمد امين سنياسي ڪيترن ئي خوبين جو مالڪ هيو. هو ڏهن سالن جي عمر ۾ استاد حافظ الهڏني ڊومڪي ۽ حافط محمد ملوڪ ڀٽي جي علمي لياقتن هيٺ قرآن شريف جو حافظ بڻيو ۽ سندس ڳوٺ گل سانگهرو جي جامع مسجد جو ڪيترو ئي عرصو پيش امام پڻ رهيو. هن سان گڏ فقير سائينءَ کي چوپائي مال، جنهن ۾ ڏاندن، ٻڪرين جو شوق هيو. سدائين سٺا ڏاند ۽ ڪاموريون ٻڪريون پاليائين. پاڻ ست درجا (فائنل) پاس ڪيائين.
    مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته فقير سائينءَ جو والد ۽ ڏاڏو سائين وقت جا سريلا سگهڙ ٿي گذريا آهن، جنهن سبب ان زماني کان ئي سندن اوطاقن ۾ سگهڙ ڪچهرين جا ميڙ متل هوندا هئا ۽ انهن ڪچهرين کان ئي متاثر ٿي ڪري فقير محمد امين سنياسيءَ پڻ سگهڙ پائيءَ ۾ پير رکيو. جڏهن ته لوڪ ادب جي نج صنفن جي باقاعدي سکيا وٺڻ لاءِ استاد محمد عرس جويي ۽ غلام سرور ڀٽيءَ کان معلومات ورتي. هن سگهڙائپ جي فن طور ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادبي پروگرامن ۾ حصو ورتو. پاڻ طب جي علم جو جراح، سنياسي ۽ مشهور حڪيم به هيو. علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان طب جي علم جي ڊگري حاصل ڪيائين.
    فقير سائين لطيف سرڪار جي سر ۾ سمايل کاهوڙين جيان جوڳين وارا گيڙو ويس وڳا پائي جهر جهنگ ۽ جبل پهاڙ / برٿر جهاڳي حقيقي عشق جي منزل کي ماڻڻ لاءِ پيادل پنڌ ڪري نه رڳو هن سنڌ ۽ پاڪستان اندر پر ايران، تهران ۽ بغداد شريف جو سفر پڻ ڪيو. جنهن سفر دوران صوفي ازم جي پوئلڳ ساٿين مان جيئرام جوڳي، مصري جوڳي، کٻڙ جوڳي ۽ گرو نانڪ جوڳي پڻ ساڻس گڏ هئا. واپسيءَ ۾ فقير سائين ڪوئٽا ۾ به ڪجهه وقت رهيو.
    ان سفر کان واپس اچي ضلع دادو جي راڌڻ اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ ٻڍل لاکير ۾ پنهنجي جگري دوست حاجي محمد عرس سولنگيءَ وٽ ڪافي عرصو رهيو، جتي روحاني رمزن جا ورد وظيفا، چلا ۽ ڏها ڪڍيائين. دنيا جي تعلق کان وقتي منهن موڙي سلوڪ جا سبق ويهي پڪا ڪيائين. ان عرصي ۾ سنڌ جي مشهور بزرگ حضرت سعيد موسوي عرف درگاهه سعيدي موساڻيءَ تي به ولايت جا ورق پڙهڻ ويندو هيو. اهي سڀئي منزلون ۽ سفر طئه ڪرڻ کانپوءِ ٻچن جو پيٽ گذرڻ ڪرڻ لاءِ معاشي مرحلن کي منهن ڏيڻ خاطر سال 1987ع ڌاري لاڙ جي پاسي جهرڪ شهر جي ڀر ۾ ڳوٺ حاجي ساکاڻيءَ ۾ يوناني علاج لاءِ دواخانو کوليائين ۽ مختلف مرضن جو علاج ڪرڻ جي شروعات ڪيائين. اتي رهڻ دوران فقير سائينءَ جيڪو محبت جو ٻج ڇٽيو، ان جو اثر اڃا تائين دائم قائم آهي. ٿوري وقت کانپوءِ فقير سائينءَ پنهنجو دواخانو جيڪا يوناني اسپتال هئي اتان تبديل ڪري هاڻوڪي ضلع مٽياريءَ کان اتر طرف هالا کان مٿي پراڻيءَ سعيد آباد ۾ آيو، جتي سنگت جي اسرار تي نيو سعيد آباد شهر ۾ آستانو اڏيائين جتي منهنجي ساڻن سال 2004ع ۾ملاقات ٿي ۽ مون پهرين ڪچهري ڪئي. پاڻ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، محبوب سگهڙ، سدائين مهڪندڙ، هر دلعزيز، حسن اخلاق جي دولت سان مالا مال، وڏڙن سان پيار ۽ ننڍن تي شفقت ڪرڻ وارو، لوڪ ادب جو رکوالو، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عڪاس، لفظن جو ڀنڊار ۽ شانائتو انسان هئو. سندس سُگهڙائپ جو فن پيش ڪرڻ جو نرالو انداز هو.
    فقير سائينءَ جي آخري عمر مهمان نوازي ۽ قرب ڀرين ڪچهرين ۾ گذري. پاڻ پنهنجي حڪمت ۽ سُهگڙائپ جو فن پنهنجي فرزند ممتاز علي کي پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ئي سيکاريائين. هن راقم الحروف (عاجز لاشاري) پنهنجي پياري دوست حاجي رحيم بخس قريشي ۽ غلام حسين باجاري جڏهن سلات جو پهريون ڀيرو بنياد رکيو هئو، تڏهن حاجي رحيم بخش قريشي ۽ غلام حسين باجاري ساڻس ڳوٺ هلي ويا هئا ته سنڌ جي سگهڙن جي صدارت جو عهدو کيس ڏين پر پاڻ طبيعت جي ناچاڪيءَ جي ڪري معذرت ڪيائين، جنهن بعد هڪ عجيب اتفاق ٿيو جنهن سبب سگهڙ محمد مٺل جهتيال صدر طور منتخب ڪيو ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ جڏهن اڪثر سگهڙن محمد مٺل جهتيال خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪئي ته فقير محمد امين سنياسيءَ جو فرزند ممتاز سندس ئي موجودگيءَ ۾ 23 مارچ سال 2006ع ۾ سلات جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو، جيڪا خوشي سندس زندگيءَ جي آخري خوشي هئي. فقير سائين ساڳي ئي سال 13 ذوالحج 1426هه ڇنڇر ڏهاڙي ڏينهن جو يارهين وڳي دل جي دوري پوڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. انالله وانااليھ راجعون.
    هن وقت سندس فن ۽ فڪر کي وڏو فرزند ممتاز امين سنياسي سنڀالي رهيو آهي. سگهڙ سماچار سان ويچار ونڊيندي ممتاز امين چيو ته منهنجي بابا سائينءَ نه رڳو هڪ والد واري پرورش ڪئي پر هو منهنجي پيءُ سان گڏ بهترين دوست به هيو. هن چيو ته بابا مون لاءِ پارس هيو، جنهن مون کي سون کان وڌيڪ اڻ ملهه لوڪ ادب جو خزانو ڏنو، دنيا ۾ اٿڻ ويهڻ سيکاريو، لاهور مان طب جي علم جي ڊگري ڏياري. هن ٻڌايو ته اڄ مان جو ڪجهه به آهيان ان جي دعائن جي ڪري آهيان. سندس فرزند ممتاز امين ٻڌايو ته مون کي بابي سائينءَ آخري ڪچهريءَ دوران وصيت ڪئي ته پٽ جيسين پاڻ ۾ سگهه سمجهين تيسين لوڪ ادب ۽ ٻوليءَ سميت سنڌ ڌرتيءَ جو فرض قرض سمجهي نڀائجانءِ. ڪڏهن به ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت کان نه ڪيٻائجانءِ، تنهنجا ساٿي تمام ڀلا ۽ محنت ڪش آهن. الله ڪندو اوهان کي منزل آسانيءَ سان ملندي. مگر هڪ ڳالهه ياد رکجانءِ ته توهان جي اڳيان ڪجهه ماڻهو رڪاوٽون وجهندا پر انهن جي خلاف ڪڏهن به ڪو لفظ نه ڳالهائجو، هو پنهنجي ساڙ ۾ پاڻ ئي سڙي ختم ٿي ويندا. توهان سچائي ۽ مخلصيءَ جو دامن ڪڏهن به نه ڇڏجو. الله اوهان سان گڏ آهي. سندس فرزند ممتاز عليءَ ٻڌايو ته بابي سائينءَ جي شاعريءَ جو ذخيرو 5 هزار بيتن کان به وڌيڪ اڻ ڇپيل مواد جي صورت ۾ موجود آهي.
    (”سگهڙ سماچار“ تان ورتل)

    جن کي عشق الله ۽ عجب جو آهي
    سي سج لٿي کان صبح تائين، لنئون ويهن لائي
    ننڊ ڦٽائي نيڻن جي، ويٺا مونا ملائي
    تصور رکيئون تن ۾، هنئين سان هنڍائي
    صورت صاف سڄڻ، تن کي پرور پسائي
    انهن کي عشق عليل ڪيو، صفا نانگو نچائي
    ويٺا لنئون پرينءَ سان لائي، اهڙي انگ ”امين“ چئي


    9) گل بيگ رند

    گل بيگ خان رند بابت ڊاڪٽر عابد مظهر جو ليک ڏجي ٿو؛
    گل بيگ خان نوٿاڻي سيوهڻ تعلقي جي مشهور ڳوٺ”باجارا“ جي ڀرسان هڪ ننڍي ڳوٺ چينگاڻيءَ ۾ اڄ (2013ع) کان 74 سال کن اڳ ڄائو، اتي ئي نپنو، جوان ٿيو .
    باجارا ڳوٺ سيوهڻ تعلقي جي اولهه طرف آهي. اڪثر ماڻهو هن ڳوٺ ۽ هڪ ٻئي ڳوٺ جو نالو ملائي هڪ ئي ڳوٺ ”باجارا جهانگارا“ ڪري چوندا آهن، جو نالو بنهه غلط آهي. هي ٻئي ڳوٺ الڳ الڳ آهن. سيوهڻ کان اولهه طرف ڏهن ميلن جي مفاصلي تي ”باجارا“ ڳوٺ آهي ۽ باجارا کان ٻن ميلن تي اولهه طرف وري ”جهانگارا“ ڳوٺ آهي.
    ڳوٺ باجارا کان ٻه ميل پري ڏکڻ طرف آهي. سئو کن ماڻهن تي ٻڌل هيءُ ڳوٺ ٻروچ قبيلي جو آهي. هن ڳوٺ ۾ ”نوٿاڻي“ رند بلوچن جي برادري سان واسطو رکندڙ ماڻهن کان سواءِ ٻيو هت ڪوبه ڪونه رهي ٿو. ٻارن جي تعليم لاءِ هت ڪوبه اسڪول ڪونهي.
    هن ڳوٺ جي ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو هارپو ۽ مزدوري آهي، هتان جون زمينون باراني آهن، ان ڪري مينهن نه پوڻ ڪري هنن جو گهڻو گذر سفر ڪاٺيون ڪري جهانگارا، باجارا ڳوٺن ۾ وڃي وڪرو ڪرڻ تي آهي. هن ڳوٺ جي معاشي حالت”آڻيون چاڙهيون ڏٿ ڏيهاڙي سومرا“ واري آهي.

    لوڪ شاعريءَ جو شوق:
    لوڪ شاعريءَ جو شوق کيس پندرهن سالن جي عمر ۾ ٿيو، پنهنجي والد سان گڏ هو ڳوٺ يا ٻاهر جي ڪچهرين ۾ پيو ويندو هو. اهڙين لوڪ ڪچهرين جي ٻڌڻ مان هن اتساهه پرايو ۽ ائين هيءُ مختلف شاعرن جا ٻڌل بيت، ڏور، ڳجهارتون، هنر وغيره ياد ڪرڻ لڳو، ائين هن کي ٻن هزارن کان مٿي لوڪ ادب جون مختلف صنفون ياد ٿي ويون.
    پاڻ ڏور بيتن، ڳجهارتن ۽ هنر جي صنف تي شاعري ڪئي اٿس. سندس ذاتي ٺهيل ڏورن جا ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا.

    پنجتني ڏور
    سهڻيون سڀيئي هيون، پر سهڻي منجهن هڪ،
    قابو سا ڪامڻ بڻي سهڻ جي سڪ،
    رهبر تنهن تي راضي ٿيو، والي ڪيس ورڪ،
    امت کي آريءَ ڄام جي، ملندي مبارڪ،
    راضي ٿيو”رند“، چئي، پورهيت کي آهي پڪ.
    ڀڃڻي: هڪ دفعي امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام جن کي راند ڪندي ڪندي وڻ هيٺان آرام اچي ويو، ايستائين جو سج لڙڻ سان امامن تي ڇانو ختم ٿيڻ واري هئي. الله تعاليٰ ٽارين کي حڪم ڪيو ته ٻيون سڀ ٽاريون ڀلي ڇانوَ ختم ڪن پر منهنجي حڪم سان اها ٽاري اُتي پنهنجي ڇانوَ بيهاري ڇڏي، جتي امام سُتا پيا آهن.
    اهڙيءَ طرح شاعر هن ڏور ۾ ڳالهه ڪر ي ٿو ته ٽاريون سهڻيون ته سڀئي هيون پر هڪ ٽاري ڏاڍي سهڻي هئي، جو بخت واري بني ۽ الله جي حڪم سان پنهنجي ڇانوَ حسنين جن تي ننڊ مان اُٿڻ تائين قائم رکي. رب سائينءَ جي انهيءَ راضي ٿيڻ تي سڀني ٽارين ان کي مبارڪ ڏني. آخري سٽ ۾ شاعر پنهنجي ذات وِڌي آهي ته هن پورهيت ٽاريءَ کي پڪ هئي ته مون تي الله راضي ٿيندو.
    ڏور (سوا لک منجهان)
    پوک ڀيلائي پنهنجي ڪڙميءَ ڪيو اقرار،
    ڪڙميءَ جي پوک جي پئي پورب منجهه پچار،
    ٻني اها ئي ٻار، جنهن ٻيهر ان ٻيڻو ڪيو .
    ڀڃڻي: حضرت ايوب عليه السلام جن جڏهن سخت بيمار ٿيا، کين ايترا زخم ٿيا جو انهن ۾ ڪيڙا پئجي ويا هئا، انهيءَ موذي مرض ڪري سندس گهرواريون ۽ ٻار ٻچا ڪڪ ٿي کيس اڪيلو ڇڏي ويا. ايستائين جو شهر مان کيس ڪڍيو ويو. سندس هڪ گهرواريءَ کيس نه ڇڏيو. هن سان آخر تائين گڏ هئي. آخر ڪار سندس صبر ڏسي، ڌڻيءَ پاڪ کيس نئين صحت ڏني، پاڻ وري هڪ خوبصورت صحتمند نوجوان ٿي ويو.
    شاعر فرمائي ٿو ته حضرت ايوب جي صحت جڏهن ڪري پئي، ته به پاڻ شڪر صبر ۾ گذاريائين، سڄيءَ دنيا ساڻس نفرت ڪئي پر پاڻ ڪڏهن به صبر شڪر نه ڇڏيائين، آخر ڪار ڌڻيءَ پاڪ سندس صبر شڪر ڏسي نئين صحت ڏني ۽ اڳي کان به وڌيڪ خوبصورت، سهڻو ۽ تندرست نوجوان ٿي پيو. شاعر آخري سٽ ۾ چيو آهي ته ”ٻني اها ئي ٻار، جنهن ٻيهر ان ٻيڻو ڪيو.“

    ڳجهارتون
    (1)
    گهوڙي جو شهر ۾، نرنانءَ کڻي نالو ڪيو
    ڀڃڻي: گهوڙي جو= ميدان، شهر= ڪربلا، نرنانءُ= حسين عليه السلام، نالو= منظور
    ميدان ڪربلا ۾ حضرت امام حسينؑ شهادت قبول ڪئي.
    (2)
    اي نرنانءُ نالي کي ٻه نالا ڪر مان عضوي پنهل ڏسان
    ڀڃڻي: نرنانءَ= مولا، نالي= ڏونگر، عضوو= تري
    اي مولا ڏونگر کي درياهه ڪر، مان تري پنهل ڏسان.
    ڳجهارت بابت:
    ڳجهارت حقيقت ۾ پروليءَ جو هڪ ڳوڙهو قسم آهي. معنوي لحاظ کان اهي ٻئي هڪ نظر اچن ٿيون پر سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. پرولي عام طور ٻارن لاءِ هوندي آهي ۽ ڳجهارت سگهڙن ۽ وينجهارن لاءِ هوندي آهي. ڳجهارت جي معنى ڳجهو ارٿ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي لڪل مطلب.
    هنر
    (1)
    مرلي هئس ماروئڙن جي، ڌوڪڙي اباڻن،
    سارنگيون ساريم سومرا، پڪو ازون، پنهوارن،
    توتاريون تن مان نه ملان، ”رند“ چوي.
    ڀڃڻي:
    مان رلي هئس مارن جي، هڪڙي ڌيءَ اباڻن
    ساهه ساري ميان سومرا، پڪ پنهوارن،
    اهي ٽاريون وڃي مان ڏيان، شل ملان مارن سان.
    مرلي= مان رلي، ڌوڪڙي= ڌيءَ هڪڙي، سارنگيون: ساهه ساري= پڪوازن= پڪ= توتاريون= ٽارين.
    (2)
    عاجزن کي ٿا منجهائين عمر هنڌ واڻا،
    ڪڙا لڳن قلوب ۾ عمر هنڌ واڻا،
    موڪل ڏي ته ملير وڃان، عمر هنڌ واڻا.
    ڀڃڻي:
    عاجز کي ٿا منجهائين عمر هندو واڻيا،
    ڪڙا لڳن قلوب ۾ تنهنجا هنڌ وهاڻا،
    موڪل ڏي ته ملير وڃان عمر هوند وڻان.
    هنڌواڻا= هندو واڻيا هنڌواڻا= هنڌ وهاڻا، هنڌواڻا= هوند وڻان
    نثري ڀڃڻي: غريبن مسڪينن کي هندو واڻيا دٻائين پيا. تنهنجا هنڌ وهاڻا منهنجي جسم کي راحت ڏيڻ بدران ڪان ڪڙا ٿا لڳن. اي عمر مونکي موڪل ڏي ته مان پنهنجي ملڪ وڃان، من مان پنهنجي ماروئڙن کي وڻان.
    (3)
    واڱڻ آئين واڙيءَ ۾، پنهنجا هئا هنڌاڻا حال،
    ڪدو ڏٺو هيئه ڪڇ ۾، پٽي ڪڍين هان ترار،
    مرلي تي ميار ري، ڀڙ رکين هان ڪانه ڪا.
    واڱڻ= اڱڻ= هنڌاڻا= هندو ، ڪدو= ڪير به، مرلي = ميار، ڀڙ= ڀاڙيو
    ڀڃڻي:
    اڱڻ آئين جڏهن، صفا هندو نڪتين،
    ڪير به ستل هو، ماري وجهين هان،
    مونتي رکين ڇو ميار، ڀاڙيو ٿي پئين تون.
    هنر: ڳجهارت جو هڪ قسم آهن، هن ۾ قسمين قسمين عجيب طرح جا ڏوهيڙا چيل هوندا آهن، جن جي ظاهري معنى آسان پئي لڳندي، مگر سگهڙ جنهن وقت انهن جي ويهي معنى تفصيلوار ڪڍندا آهن، ان وقت ڳجهيءَ معنى جو پتو پوندو آهي.
    هنر ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا. مثال: سرائتا هنر ، چيروان هنر، بي سرا هنر، عام رواجي هنر.
    (1)
    چئن ۾ ناهي
    ڀڃڻي: پاڻيءَ ۾ پليتي ناهي، زبان ۾ هڏو ناهي، آسمان ۾ قبر ناهي. قرآن ۾ ڪوڙ ناهي.
    (2)
    ڳهچار مُٺيون
    ڀڃڻي: ليليٰ هار مُٺي، سورٺ مڱڻهار مُٺي، سهڻي ميهار مُٺي، ۽ سسئي مهار مٺي.
    مٿيان سڀئي لوڪ ادب جا شعر هن ٻهراڙيءَ جي شاعر گل بيگ خان جا آهن.
    ائين هن جهڙا ڪيئي لوڪ ادب جا شاعر سڄيءَ سنڌ جي واهڻن، ڳوٺن، ٿرن ۽ برن ۾ پنهنجي پنهنجي تر ۾ لوڪ ادب جا ذخيرا سانڍيو گذاري رهيا آهن، ان ڪري اسان ادب جي شاگردن، محققن، ۽ علم ادب جي شوقينن کي گهرجي ته هو واهڻ واهڻ وڃي اهڙي لوڪ ادب جي سون جهڙن ذرن کي ڳولي ڦولي، انهن کان حال احوال وٺي پنهنجي بي بها لکڻين ۾ انهن کي سموئي ڇڏيون، جيئن هو هميشه لاءِ ادبي تاريخن ۾ يادگار ٿي وڃن.
    (ڪلاچي تحقيقي جرنل (مارچ 1999ع) تان ورتل)


    10) گل محمد غازي

    سگهڙ فقير گل محمد لُهر بُليدي، شاعريءَ ۾ تخلص غازي استعمال ڪري ٿو. اڪثر سُگهڙ الڳ تخلص گهٽ ڪم آڻيندا آهن. ڪنهن شعر ۾ پورو نالو ته ڪنهن ۾ پنهنجي ذات ڪتب آڻين ٿا، جنهن سان سندن ڪلام جي سڃاڻپ سولي ٿي پئي ٿي. عام شاعر پنهنجو تخلص ڪم آڻن ٿا، جيڪڏهن سندن شعر ڀرسان نالو لکيل نه هوندو آهي ته شعر جي مالڪ سڃاڻڻ/ڳولهڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي آهي. اهڙيءَ صورت حال کان چور شاعر فائدو وٺي ويندا آهن ۽ دعوا ڪندا آهن ته اهو تخلص سندن آهي. تحقيق کان پوءِ هو پڌرا ٿي پوندا آهن. سو گل محمد غازيءَ سان به اهڙا واقعا ٿيندا رهندا آهن ۽ ڪيترائي همراهه وقتي طور غازي بڻجي ويندا آهن.
    سگهڙائپ جي فن ۾ سچ ۾ هُو غازي آهي. هُن کي سگهڙائپ جي وکرن تي سرسي حاصل آهي. هُن هر صنف سان نڀايو آهي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
    عقل جي اصلي ڳالهه نه ڪر
    ڏکن جا ڏوهيڙا
    گفتا گل محمد جا
    گل محمد غازي هن وقت صيفل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، هو پنهنجي پاروتڻ بابت لکي ٿو ته:
    منهنجي پيدائش 14 فيبروري 1941ع ۾ ٿي. منهنجو اباڻو ڳوٺ لڳ ماڙي تعلقو لکي ضلعو شڪارپور آهي. ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي شفيق ۽ مهربان پيءُ گهنور خان لُهُر بلوچ جي بهتر تربيت ۽ پرورش سبب مون تي مهرباني ٿيندي رهي ۽ آءٌ عقلمند ماڻهن جي صحبت ۾ رهندي فيض حاصل ڪندو رهيس. ايتري تائين جو تمام جلد منهنجي والد صاحب مون کي پنهنجي ڀاءُ استاد برڪت عليءَ جي حوالي ڪيو، جيڪو لطيف سرڪار جو طالب آهي. ان مون کي ابتدائي تعليم ۾ قرآن شريف ناظران پڙهايو ۽ لطيف سائينءَ جي مزار پرانوار تي حاضريءَ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو ۽ شاهه جي رسالي سان روشناس ڪرايو. سگهڙائپ جي فن جو پهريون سبق به مون کي اتان مليو. ان سان گڏوگڏ روحاني فيض به اتان ئي رسيو ۽ سگهڙ ڪچهريءَ ۾ شامل ٿي ڏور ۽ گفتا بيان ڪندو رهيس. اهو ذوق اڃان تائين به جاري آهي ۽ استادن جي دعا ۽ لطيف سائينءَ جي مخفي روحاني تربيت مون کي عزت بخشي. مون کي الله سائينءَ چار پٽ ۽ چار نياڻيون عطا ڪيون ۽ مون پنهنجي وڏي پٽ جو نالو شاهه ڏنو رکيو ۽ ٻيا محمد حيات، سلطان احمد ۽ جلال آهن. منهنجي موجوده رهائش صيفل ڳوٺ اسڪيم نمبر 33 گڏاپ ٽائون ڪراچيءَ ۾ آهي. (گفتا گل محمد جا ص- 6)
    غازيءَ جي ڪتاب مان ڏور ۽ هنر جا بيت ڏجن ٿا:

    راڳن جي نالن تي هنر
    ٻڌي ڀيروي ته مانجهه پِيلو اهڙي پهاڙي توڙي چيائين سرگم
    ٿيندئي مينڍ مروڙي ڏٺو سر ڏي نه. راڻو نه آيس ڪن ڏي ڀوپالي
    تِلنگ ويو سهڻيءَ مان گُرُ وٺي ديس درٻاري
    لوڙائو آيو صبحڙي ٿئي ملهاري
    وڌئون سنڌڙي جو سُرُ سڏجي ٿو. جوڳ ۾ گهڻو ”گل محمد“ چئي.

    ڀڃڻي
    ٻڌئين ڀائر وَيئي ته مانجهي پوءِ هليو اوڙي پاڙي توڙي چيس سِرُ گم ٿيندئي
    منڍئون مورڙي ڏٺو سِرَ ڏي نه رهڻ نه آيس ڪُنَ ڏي ڀئو پلي ته لنگهي ويو
    سوئا هڻي مانگر وٺي دسي در ٻاري لوڙهي آيو.
    سوڀ اهڙي ٿي ملي هار وڌئونس سنڌڙي جو سورهه
    سڏجي ٿو جڳ ۾ گهڻو ”گل محمد“ چئي.
    هنر شهرن تي
    لعل نه لکي ته ڪوريجا ڪندي، سعيد آباد تلهار ورتائين وارهه،
    ويس هوٿين مان پوءِ روهڙي پئي، گهوٽڪي نه مليس ”گل محمد“ چئي.

    ڀڃڻي: سر ليلان ڪونئرو
    ليلا نه لکي ته ڪونئرو جاءِ ڪندي سودي باد ته هلي هار ورتائين
    ورُ ويس هٿن مان پوءِ ته رڙي پئي، گهوٽ ڪين مليس ”گل محمد“ چئي.

    هنر دو راهو
    غيرت ۾ اچي مور وڙهي آيو سو ملاح جيئن
    ڪات ٻيڙي سو هڻي ڏٺائين گهر ڪري ورتائين
    مڇ ماري پيءَ رت پيتائين پوءِ نر ملڪن ۾ مشهور گهڻو ”گل محمد“ چئي.

    ڀڃڻي سر تماچي
    گهر تماچي مور رڙهي آيو سو ملاحن جي ڪات ٻيڙي ۾ سهڻي ڏٺائين
    گهرُ ڪري ورتائين مڇيون ماري پئي راحت ورتائين
    پوءِ نوري ملڪن ۾ مشهور گهڻي ٿي ”گل محمد“ چئي.

    هنر دو راهو سر راڻو
    راڻا رُسُ نه تنهنجي سورن سٽيو
    کڻي ڪاڪ ڪنڌي وٺ تنهنجو
    ٿي سڀ مومل جو، گهر ”گل محمد“ چئي.

    ڀڃڻي سر سورٺ راءِ ڏياچ:
    روئڻا رُس نه، کڻ ڪات ڪنڌ هي وٺ
    تنهنجي سُرن سٽيو تنهنجي ٿي سوڀ
    مول مليئي جو، گُهريُهءِ ”گل محمد“ چئي.

    هنر ذاتين تي
    چاچڙ نه مهرن سان دل آ- واڻيون ڏوم نوهاڻي
    رڪن لوهرن مان سولنگي ويندس
    سروهي وڃي ته گوري ”گل محمد“ چئي

    ڀڃڻي سر سهڻي ميهار
    چاچي چڙ نه ميهر سان دل آءُ وڻي نه ڏم مون هاڻي
    روڪ نه لهرن مان سو لنگهي ويندس
    سِر هيءُ وڃي ته گهوري ”گل محمد“ چئي.

    هنر هڪ ڪڙيو سر عمر مارئي
    ڪين کپي مون کي عمر تنهنجو پيار،
    منهنجو ملڪ ملير ۾پاڙيچن سان پيار،
    کڻي شيشو شربت جو پوئتي عمر پيار ،
    زبردستي کان زهر عمر آڻي پيار،
    ڏسان شال اکين سان عمر اباڻو پيار،
    هاڻي پت عمر پيرا ته ٿيندئي،
    نيڪي گهر گهر ”گل محمد“ چئي.

    ڀڃڻي:
    عمر تنهنجو پيار مون کي نه کپي منهنجو مارن سان آهي پيار
    اهو شربت پوئتي هار انهن کان پوءِ مون کي زهر پيار
    وڃي ڏسان مان اباڻو هاڻي عمر پنهنجي پت پار
    ته ٿيندئي نيڪي گهر گهر ”گل محمد، چئي.

    هنر ميون تي
    ميون جو ٻڌي کارڪان کائي چڪو ڪيائين،
    ناريل مان اڌ ٿيو موسبي مليس،
    هو به ڏاڙهون ڏيندو هو من ڪو انار ملي ڏٺائين هنداڻو ڪيلو آ،
    ڪشمش ڪري انگور وٺي ويو پوءِ ڏونگهي ڇوهاري،
    آلو بخارا ڏيئي ڇڏيس پتيءَ سالم ٻير ڄمون فروٽ کائي،
    سنڌڙي ڪري زردالو آيو. چيائين تو به مڪئي توت،
    نبي سوچيو آ مونسان ليمان ٿي گهرايائين ”گل محمد“ چئي.

    ڀڃڻي نر مان مادي ٿيو
    هيءُ هنر انهيءَ ڪافر تي آهي جنهن معراج کان انڪار ڪيو
    معراج جو ٻڌي کار کائي چُڪ ڪيائين نر مان مادي ٿيو
    مڙس به مليس هو به ڏهاڙي ڏسندو هو من ڪا لال ڪنوار ملي.
    ڏٺائين هيءُ داڻو اڪيلو آ ڪڇ ۾ ڪري گهر وٺي ويو
    ڏنگي شوهر عيلي بخار ڏئي ڇڏيس پئي سال ۾ ٻار ڄميس
    ڦري رَهٽون کائي سڌ اهڙي ڪري ظاهر دلئون آيو
    چيائين توبهه مون ڪئي تون ته نبي سچو آهين
    مسلمان ٿي گهر آيو ”گل محمد“ چئي.

    هنر هڪ ڪڙيو سر
    سسئي نڪتي سڃ تي پنهل لاءِ پاڻي،
    لتاڙي پئي لتن سان پنهل لاءِ پاڻي،
    ڏکي ڪري ها ڏيرن سان پنهل لاءِ پاڻي،
    ور وارث مئي جا پنهل لاءِ پاڻي
    آڻي ڏي هٿن سان پنهل لاءِ پاڻي،
    پنهل لاءِ پاڻي گهٽين منجهه ”گل محمد“ چئي.

    ڀڃڻي: پاڻ نڪتي هئي پئي لتاڙي پاهڻي
    معنى ڏکي ڪري ڏيرن سان پاڻي
    معنى وڙهڻ پنهل ور پاڻهي
    آڻي ڏي هٿن سان الا پاڻي،
    پنهل لاءِ پت پنهنجي پاريئي
    گهٽن منجهه ”گل محمد، چئي.

    هنر ست سريو
    ڪري سسئي ته ٻانڀڻ جاڳي نه،
    ليلا ڪوئرو نه ڪر نوري ويندي مهاڻن ۾،
    سورٺ نه سهڻي ڪنهن ڀر سجائي ٿي،
    خالي ڪاڪ نه ڪري ڇڏ مومل مر نه،
    وڃي هوند مارئي ويندي گهر ”گل محمد“ چئي.

    ڀڃڻي سر مارئيءَ ۾
    ڪر سو سهي ڀاءُ ڀيڻ جڳائي نه مان ڪيئن تو سان شادي ڪريان،
    لي لائي قهر نه ڪر نور ئي ويندئي ماڻهو مهڻا ڏيندئي،
    روئندي هوندي سر رهٽون نه ڏي سوڙهي قبر سُجهئي ٿي،
    خالي ڪَڪِ نه ڪر مان مِلان وڃي مارن سان ماءُ روئيندي هوندي گهر ”گل محمد“ چئي.
    (مارئي چوي پئي ته مهنجي ماءُ گهر ۾ روئندي هوندي)

    هنر ست سريو
    سسئي پنهون ڏٺو هُيهءِ، مانگر مورڙي ماريو آ،
    ڪونئرو ليلان نه ائين چنيسر تنهنجو آ،
    نوري سمون نه ڪر عمر نه مارئي ساڙي ويندس،
    نه مون سهڻي ميهار ڏجانءِ تون سورٺ،
    راجا مومل راڻو گهر ”گل محمد“ چئي.

    ڀڃڻي: سر مومل راڻو مومل جو راڻي سان ڳالهائڻ
    سهي ڏٺو هُيهءِ ته مان گهر مورئون ڙي ماري هان
    ڪر غور لي نه لاءِ نه ائين چئو نه سهي هي سر تنهنجو آ
    نه رسامو ڪر اومار نه مري سڙي ويندس، نه ميس ته ميار ڏجانءِ
    تون سو رٺو ئي رهجانءِ مون مل راڻا گهر اچي ”گل محمد“چئي.


    سر ليلا مجنون
    محبت ملهه مهانگو آهي ڪنهن ڪنهن وٽ قدر
    مجنون مست ملنگ ٿيو ليلا جي خاطر
    ويس ولڙيون وڪوڙي ڪڇيو نه ڪونڌر
    ليلان ٻولي وات ۾ جيئرو هو جيتر
    محبت ملهه مهانگو آ ڪنهن ڪنهن وٽ قدر

    سسئي پنهون
    سسئي پنهل خاطر ڏوري پئي ڏونگر
    اوکا پنڌ پهاڙ جا ساڻ نه کنيائين ثمر
    روئندي وڃي راهه ۾ بيحد جهاڳيو بر
    وندر جي وڻڪار ۾ ووڙي بيٺي ور
    محبت ملهه مانگو آ ڪنهن ڪنهن وٽ قدر

    سهڻي ميهار
    سهڻيءَ کي سڪ ساهڙ جي سا گهري نه پئي گهر
    اٿي آڌيءَ رات جو هلي پئي هيڪر
    هنيون ٻانهن هلي وڃي منجهان ڪُن ڪپر
    ڪچي پڪي جي ڪل نه هيس لڙهي منجهه لهر
    محبت ملهه مهانگو آ ڪنهن ڪنهن وٽ قدر

    عمر مارئي
    مارئي قابو ڪوٽ ۾ آڻي ڪئي عمر
    سڄڻ ساري سانگياڻي نهاري پئي نينگر
    روئي رڙي ريهون ڪري جام وهائي جر


    11) سگهڙ محمد لقمان کوکر

    اسان جي عام شاعرن ۾ اهو رواج نه هئڻ برابر آهي ته هو پنهنجي نالي جي منڍ ۾ شاعر لکن، مثال طور: شاعر شيخ اياز، شاعر ادل سومرو،شاعر اياز گل وغيره، سگهڙن ۾ وري اهو رواج عام آهي. هو نالي جي اڳيان لکن سگهڙ، جيئن سُگهڙ محمد لقمان کوکر. شاعر ۽ سگهڙ ٻئي لفظ مانائتا آهن، پر سُگهڙ کي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ وڌيڪ مان ملي ٿو، جنهن ڪري هو سُگهڙ سڏارئڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.
    محمد لقمان ٻاويهين آڪٽوبر 1949ع تي ڳوٺ مصطفى آباد وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محرم علي کوکر جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل بهاول پور رياست جا هئا، جيڪي روزگار خاطر پهريان ڀاڳ ناڙي بلوچستان، پوءِ ڳوٺ گنداخ، جيڪب آباد، تنهن بعد ڳوٺ لقمان سيال قمبر ۽ آخر ۾ ڳوٺ مصطفى آباد ۾ رهيا. هن جو گهراڻو مذهبي هو سندس ڏاڏي خدا بخش کوکر مدرسو نور مصطفى قائم ڪيو، جتي لقمان تعليم پرائي ۽ پنهنجي ڏاڏي جو ان ڪم ۾ هٿ به ونڊايو.
    محمد لقمان جو نانو فقير عطا محمد کوکر به سگهڙ ٿي گذريو آهي. هن ڏاڏي ۽ ناني جي صحبت ۾ رهي کانئن گهڻو ڪجهه پرايو، پندرهن سورهن سالن جي عمر کان لقمان کوکر سگهڙائپ جي فن جي شروعات ڪئي، جنهن لاءِ 1965ع ڌاري هو استاد محمد ملوڪ وٽ ويو ۽ کيس پنهنجو استاد بڻايائين.
    1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد قائم ٿيو. ان کان اڳ ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن هوندي هئي، جنهن تي سنڌي ٻوليءَ کي تمام گهٽ حيثيت ۽ وقت ملندو هو. حيدرآباد ۾ ريڊيي اسٽيشن ٺهڻ سان سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽ ادب کي گهڻي اهميت ملڻ لڳي. ان اسٽيشن تي ڳوٺاڻيءَ ڪچهريءَ جو پروگرام به شروع ٿيو، جنهن ۾ سگهڙن کي گهرائڻ جو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. اها ڪچهري ڏاڏي فتح خان جي ڪچهريءَ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ڏاڏي جو ڪردار سائين صالح محمد شاهه ادا ڪندو هو. اڄ هو پاڻ ته الله سائينءَ کي پيارو ٿي چڪو آهي پر سندس ڪچهري قائم آهي. ان پروگرام ۾ محمد لقمان کوکر 1969ع ۾شامل ٿيو، پاڪستان ٽيليويزن ۽ ٻين چينلن تي به هو ڪيترائي ڀيرا فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
    1980ع ڌاري هو بيمار ٿي پيو، بڪين ۾ کيس پٿري ٿي پئي، جنهن سبب ڳڻتي وڌي ويس. سندس استاد محمد ملوڪ ۽ ٻين ان ڏکيءَ گهڙيءَ ۾ کيس اڪيلو نه ڇڏيو. بيماريءَ جي حالت ۾ به هيءُ همراهه لکندو رهيو. پنهنجي ڪلام کي شايع ڪرائڻ سندس آخري خواهش بڻجي وئي. هو ان سلسلي ۾ ڏاڍو ڊڪيو ڊوڙيو ۽ محنت ڪيائين، نيٺ سندس مدد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪئي، جنهن هن جو ڪتاب ”لاتيون سُڻ لقمان جون“ 1995ع ڌاران ترتيب ڏئي سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم پاران ڇپرايو. ان ڪتاب کان سواءِ هڪ ٻيو ڪتاب ”لعل ڪڻا لقمان جا“ به ڇپجي چڪو اٿس ۽ ٽيون ڇپائيءَ هيٺ آهي.
    الله جي مهربانيءَ سان سندس ڏک ڏُور ٿي ويا ۽ زندگيءَ سان ساٿ نڀائيندو پيو اچي. کيس چار پُٽ بلاول خان، رانجهن خان، خدا بخش ۽ فدا حسين آهن، جن کي به سگهڙائپ جي لنئون لڳل آهي. هيءُ همراهه ملتان جي حضرت غوث بهاءُ الحق جو مريد آهي.
    پاڻ استاد محمد ملوڪ سان گڏجي سنڌ سگهڙ سنگت ۾ به سرگرم رهيو آهي. هيءُ سنگت جي باني عهديدارن منجهان آهي. ڊاڪٽر پٺاڻ استاد محمد ملوڪ سان سندس ويجهڙائپ ۽ سگهڙائپ ۾ پير پائڻ بابت لکي ٿو ته: ”هڪ دفعي خيرپور ناٿن شاهه جي ميلي تي محمد لقمان سگهڙن جي ڪچهري ڏٺي ۽ ٻُڌي، انهيءَ ڪچهريءَ ۾ سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جي ڏات ۽ ڏانءَ محمد لقمان کوکر کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ڪچهريءَ تان جڏهن گهر موٽيو ته اندر جي اُڌمن کيس سُک ۽ سُڪون سان ويهڻ ڪو نه ڏنو، هڪ اڌ ڏور جا بيت ٺاهي پنهنجي ماسڙ قادر بخش کوکر ۽ مامن کي ڏيکاريائين کيس پنهنجن عزيزن دل کولي داد ڏنو.
    ستت ئي پوءِ محمد لقمان پنهنجي ماسڙ قادر بخش سان گڏجي اچي باڊهه ۾ فقير سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ سان ملاقات ڪئي ۽ انهيءَ ملاقات رنگ لاتو، استاد ۽ شاگرد هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ پرکيو ۽ هميشه لاءِ باهمي خلوص جي رشتن ۾ جڪڙجي ويا، (لاتيون سُڻ لقمان جون،ص- 14)
    هن سنڌيءَ سان گڏ سرائڪيءَ ۾ به ڪلام چيو آهي.
    هتي سندس چونڊ ڪلام پيش ڪجي ٿو:

    سنڌ۾ سک ۽ امن لاءِ دعا
    (1)
    سائين ساريءَ سنڌ مان ڏڪارِي ڪڍ ڏاتار،
    جيڪي آهن دشمن ديس جا مولى سڀئي مار،
    اهي لوٺيا نه ڏسان ”لقمان“ چئي بيهودا بيڪار،
    والي تن کي وار، جيڪي سڄڻ ناهن سنڌ جا.
    (2)
    سائين ساريءَ سنڌ کي آڻج منجهه امن،
    منهنجا ڏوٿي ڏيهه ۾ ڀلي گور گهمن،
    لاکيڻا ”لقمان“ چئي، وٺندا واس وطن،
    راتيان ڪري رهاڻيون سکي سيج سمهن،
    نه ڏاتر ڏک ڏسن، سانگي منهنجا سنڌ ۾.
    (3)
    سائين سنڌو درياهه ۾ ڪر پاڻيءَ جي پالوٽ،
    ختم ڪرينس ”کوکر“ چئي، خالق ساري کوٽ،
    سانگي ساريءَ سنڌ جا، رويون ڪن رپورٽ،
    مالڪ ڪر ڪا موٽ، ته سُڪر ٿئي سنڌ ۾.
    (4)
    سائين ساريءَ سنڌ کي سرهو ڪر سر حال،
    مارو منهنجا ماڳن تي خوش رهن خوشحال،
    لاکيڻن جي ”لقمان“ چئي لڄ بچائي لڄپال،
    مولى مالا مال، منهنجا سانگي ڪر هن سنڌ ۾.
    (5)
    سائين ساريءَ سنڌ کي، الله ڪر امير،
    پورو ٿئي پرور، منهنجي تصور جو تعبير،
    روئندو نه ڏسان راڄ ۾، نيڻين وهائيندي نير،
    تون ڪل شيءِ قدير، لُطف ڪر ”لقمان“ چئي.
    (6)
    سائين ساريءَ سنڌ ۾ مولى محبت آڻ،
    رُٺا پرچن رات ۾، پنهنجو وڃي پاڻ،
    پائي ڀاڪر پيار سان، رلجي ڪن رهاڻ،
    مولى ڪڍ مانڌاڻ، لطف سان ”لقمان“ چئي.

    سچا سُخن
    سوال: اٺئي انڌا اٺئي انڌا؟
    1. جو نياڻي بالغ گهر ويهاري،
    2. جو ڌاريو آڻي گهر سمهاري،
    3. جو لڄ اگهاڙي پاڻ سينگاري،
    4. جو پاپي پراوا ننگ نهاري،
    5. جو هوندي سوندي ويلا ٽاري،
    6. جو بچت خاطر ڀاتي ماري،
    7. جو پاڙو اوڙو اٿي آزاري،
    8. جو لالچ ۾ ”لقمان“، دين وساري،
    جواب: اهي اٺئي انڌا اٺئي انڌا.

    سوال: چارئي چنڊا چارئي چنڊا؟
    1. جو دولت هوندي در در پني،
    2. جو شڪر ڪري نه رب جي ڏني،
    3. نانءُ ڌڻيءَ جو مور نه ڳنهي،
    4. جو لالچ ۾ ”لقمان“ رشتا ڇني.
    جواب: اهي چارئي چنڊا چارئي چنڊا.

    سوال: پنجئي پِٽيل پنجئي پِٽيل؟
    1. ابي امڙ جو ادب نه ڪري،
    2. جوا نشي کان جنهن جي نه سري،
    3. حلال روزي جنهن کي نه ڦَري،
    4. جو عزت واري موت نه مَري،
    5. چار چَون جو ”لقمان“ نه وَري،
    جواب: اهي پنجئي پِٽيل پنجئي پِٽيل.
    ڳاڻوءَ جا بيت
    (1)
    لاري ڇو هلي نٿي،
    عورت سور سلي نٿي،
    ڏور نه جهلي سَٽَ.
    سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
    جواب: ور ناهي.
    لاري نٿي هلي جو انهيءَ کي ڊرائيور ناهي.
    عورت سور نٿي سلي انهيءَ کي به ور (مڙس) ناهي.
    ڏور سٽ نٿي جهلي انهيءَ کي به ور (وٽ) ناهي ڪچي آهي.
    (2)
    يار واپس اچي نٿو،
    دڪاندار پئسو وٺي نٿو،
    عورت نه پائي ڳهه،
    سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
    جواب: سچو ناهي.
    يار واعدو ڪري ويو آ وري واعدي تي واپس نه آيوآ، يار واعدي جو سچو ناهي تڏهن واعدي تي واپس نٿو اچي.
    دڪاندار پئسو انهيءَ ڪري نٿو وٺي جو پئسو ڪوڙو آهي، خراب آهي ۽ سچو ناهي. تنهن ڪري پئسو نٿو وٺي.
    عورت ڳهه انهيءَ ڪري نٿي پائي جو ڳهه ڪوڙو آهي کوٽو آهي، تنهن ڪري عورت ڪوڙو پائڻ نٿي چاهي.

    (3)
    ملاح مڇي ماري نٿو،
    ميلو مزو ڏيکاري نٿو،
    بازار نه ڪري سونهن.
    سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
    جواب: رَڇ ناهي.
    مير بحر مڇي نٿو ماري ته ان وٽ مڇي مارڻ لاءِ رڇ يا ڄار ناهي تنهن ڪري مڇي نٿو ماري.
    ميلو مزو نٿو ڏئي ته ان ۾ گهڻا ماڻهو ۽ رڇ (رش) ناهي. ٿورا ماڻهو آهن تنهن ڪري ميلو مزو نٿو ڏيکاري.
    بازار سونهن نٿي ڏيکاري انهيءَ ۾ به ماڻهو گهڻا ڪونهن گهٽيون خالي پيون آهن ڪابه خريداري نٿي ڪئي وڃي تڏهن بازار سونهن نه ٿي ڏيکاري.

    (4)
    هاري هر ڪاهي نٿو،
    کٽي داغ لاهي نٿو،
    مَٽُ نه لاهي اڃ.
    سوال: ڳڻ تون ڳاڻو ڪهڙي ڳالهه؟
    جواب: پاڻي ناهي.
    هاري هر نٿو ڪاهي پاڻي اچڻ جي اميد ئي ناهي، زمينون ويران ٿيل آهن، پاڻي اچڻ جو ڪوبه آسرو ڪونهي تڏهن هاري هر نٿو ڪاهي.
    کٽي ڪپڙن جا داغ چُٽا نٿو لاهي جو پاڻي ناهي، لٽا ميرا پيا آهن انهيءَ ڪري ڌوئي نٿو.
    مٽ سڪو پيو آهي انهيءَ ۾ به پاڻي ڪونهي جو کڻي پئجي ته اڃ لهي. ائين خالي مٽ ڏسڻ سان اڃ نٿي لهي.
    (5)
    نوڪر بيهي نٿو،
    مهمان ويهي نٿو،
    ووٽر نه ڏئي ووٽ.
    سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
    جواب: قدر ناهي.
    نوڪر انهيءَ ڪري پگهار تي بيهي نٿو جو ان جو معاوضو ان کي پورو نٿو ملي ۽ مالڪ وٽ عزت ۽ قدر نه اٿس تنهن ڪري نوڪريءَ ۾ نٿو بيهي.
    مهمان ميزبان وٽ ويهي نٿو جو مهمان جو ميزبان وٽ قدر ناهي، تنهن ڪري وڃڻ وايون پيو ڪري ۽ ويهي نٿو.
    ووٽر انهيءَ ڪري ووٽ نٿو ڏئي جو هڪ ته اسيمبلي پورو ٽائيم نه ٿي هلي ٻيو ووٽ ڏني کان پوءِ ووٽر جي اميدوار وٽ عزت ۽ قدر ناهي، تنهن ڪري ووٽ نٿو ڏئي.

    (6)
    هاري فصل لڻي نٿو،
    گراهڪ گهڙو کڻي نٿو،
    شاگرد وڃي نه اسڪول.
    سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
    جواب: پڪو ناهي.
    هاري فصل لڻي نٿو جو فصل اڃان ڪچو آهي پچي تيار نه ٿيو آهي تنهن ڪري فصل لڻي نٿو يا لابارو وجهي نٿو.
    گراهڪ انهيءَ ڪري گهڙو يا دلو نٿو کڻي جو گهڙو ڪچو رهجي ويو آهي پڪل ناهي.
    شاگرد اسڪول نٿو وڃي جو سبق ڪچو اٿس ۽ دماغ جو ڪچو آهي سبق پڪو نه اٿس تنهن ڪري اسڪول نٿو وڃي.

    (7)
    مريض دوا نه کائي،
    ڳائڻو راڳ نه ڳائي،
    گهوٽ نه لائي ميندي.
    سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
    جواب: ٽائيم ناهي.
    مريض دوا نٿو کائي اڃان دوا کائڻ جو ٽائيم نه ٿيو اٿس، تنهنڪري دوا نٿو کائي.
    ڳائڻو راڳ نه ٿو ڪري جو راڳڻيءَ جو ٽائيم نه ٿيو آهي، تنهن ڪري نٿو ڳائي.
    گهوٽ ميندي نه ٿو هڻي جو سونئڻ ساٺ جو ٽائيم نه ٿيو آهي تنهن ڪري ميندي نٿو لائي.



    (8)
    باهه ڇو ٻري نٿي،
    مينهن ڦر ڪري نٿي،
    يار ٽپي نه در.
    سوال: ڳڻ تون ڳاڻون ڪهڙي ڳالهه؟
    جواب: لڳي ناهي.
    باهه ٻري نٿي جو اڃان لڳي (دُکي) ٻري ناهي.
    مينهن ڦر نٿي ڄڻي اڃان لڳي يا سائي ٿي ناهي.
    يار ان ڪري در نه ٿو ٽپي جو هن جي صحيح معنى ۾ دل لڳي ناهي.

    ڳجهارتون
    (سر مومل راڻو)
    (1)
    ڏيڻي: لوهه جي نالو ڏسي تڏهن ٻولي نالو هيس.
    ڀڃڻي: لوهه جي = جوڙي، نالو= سيتل، ٻولي= واپس، نالو= آيو.
    سڄي: جوڙي ستل ڏسي، تڏهن واپس آيو هيس.
    (2)
    ڏيڻي: ڪپڙي جي ڏٺي هيئي ته ڪپڙي جو ڪرين ها.
    پوءِ تون نالو هئين نالا.
    ڀڃڻي: ڪپڙي جي= ٻُٽ، ڪپڙي جو= ٽڪر، نالو= سورهه، نالو= راڻو.
    سڄي: ٻٽ ڏٺي هيئي ته ٽُڪر ڪرين ها پوءِ تون سورهه هئين راڻا.

    مددي ڪتاب:
    لاتيون سڻ لقمان جون، مرتب: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم، 1995ع.
    محمد لقمان کوکر سان ڪچهري.


    12) سگهڙ فقير حاجي علي نواز وڳڻ

    حاجي صاحب سان منهنجي ڏيٺ ويٺ سندس ڇپيل ڪتاب ”وڳڻ جا ويچار“ وسيلي ٿي. 2006ع ۾ جڏهن اهو ڪتاب ڇپيو ته آغا نور محمد پٺاڻ صاحب ان جي مهورت جو بلو ڪيو. مهورت کان اڳي مون ڏانهن اهو ڪتاب موڪليائين ۽ چيائين ته ان ڪتاب تي تقريب ۾ ڳالهائڻو آهي. مون ڪتاب تي تفصيل سان لکي ڳالهايو. جنهن ۾ سُگهڙائپ جون سڀئي جنسون پنهنجي جوڀن ۾ جرڪندي نظر آيون. مون کيس ڏاڍو داد ڏنو، ان سان گڏ ڪجهه صلاحون به ڏنيم.
    ان کان پوءِ حاجي صاحب سان قرب جو رشتو وڌنڌو ويو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. ساڻس سگهڙائپ ۽ سگهڙن جي مسئلن تي ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون، هن سگهڙن جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ تنظيم به ٺاهي آهي،جنهن جو الڳ احوال ڏنو ويو آهي.
    هيءُ همراهه سعودي عرب ۾ به رهيو آهي، تنهن ڪري عربي ٻوليءَ کان به واقف آهي. سنڌي، سرائڪي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي اٿائين. هو پنهنجيءَ شاعريءَ بابت لکي ٿو ته: ”مٺا سائين جيئن ته مون شاعريءَ جي شروعات 73-1972ع ۾ڪئي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب هارين جا هفتا پيو ملهائي، جنهن تي مون لکيو جنهن جو عنوان آهي.
    ”اڄ ملهايو عيد کان وڌ، هاريو هفتو هيل،
    عوام جو اوهان سرچشم سهڻو ساراهيو ادا ڀلي“
    ان کانپوءِ 75-1974ع ۾ مون قمبر جيل ۾ به ڪجهه التجائون لکيون، پوءِ ٿورو ماحول تي لکندو رهيس، جيڪو فقير جانڻ چن کي ڏيکاريندو هئس جو سٺو داد ڏيندو هو، ان کانپوءِ 1977ع ۾ سعوديءَ ويس، اتي به ڪجهه عرب سردار جي شان ۾ لکيم جو ان مان ڪجهه به سنڀالي نه سگهيم. پوءِ جڏهن 1989ع ۾ پاڪستان آيس ته ڏکن ۽ محبوب جي جدائيءَ دل ۽ دماغ کي صبر ڪرڻ نه ڏنو ۽ روئڻ مون لاءِ راحت بڻيو، جو ڏک ۽ جدائيءَ جا سهرا لکي ۽ ڳائيندو رهيس پر بغير ڪنهن رهبر جي. پوءِ جڏهن منهنجي قسمت منهنجا پير ڪراچيءَ ۾ کوڙيا، اتي مون کي هم خيال ماڻهو مليا جهڙوڪ سگهڙ ديدار سيال، سگهڙ قمر لاڙڪ، جن سان مون پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اڪثر ملاقاتيون ٿينديون رهيون.
    جيئن ته ديدار سيال مون کي قابل سگهڙ نظر آيو اُن جي صحبت ۾ مون سگهڙائپ جا گُر هٿ ڪيا، جنهن تي داد ملندو هيو ۽ پوءِ ديدار سيال هتان ڪراچيءَ مان، لڏي پنهنجي اباڻي ڳوٺ واپس ويو. ۽ مون وٽ سگهڙن جي آمد رفت جاري رهي، جهڙوڪ: محمد ملوڪ عباسي، محمد لقمان کوکر، محمد مٺل جهتيال ۽ محمد ايوب واهوچي جهڙا ڪيترائي ڀلوڙ سگهڙا ايندا رهيا. جيئن ته استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي مون سان گهڻي پريت رهي جن سان گڏجي آءٌ P.T.V. تي پروگرام ڪندو رهيس ۽ اُتي مون کي ڪراچيءَ جو رهائشي سگهڙ محمد اسماعيل پهوڙ مليو، جنهن سان گهڻيون ڪچهريون ٿينديون رهيون ۽ ڪچهرين ۾ هر جاءِ تي سڀ دوست داد ڏيندا رهيا. آءٌ هنن دوستن سگهڙن جي شاعريءَ تي گهڻو ڌيان ڏيندو هئس. (وڳڻ جا ويچار-ص: 5-7)
    سگهڙ حاجي علي نواز وڳڻ جي پيدائش 1943ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ رئيس ڪريم ڏني وڳڻ، وارهه ۾ ٿي. سندس پيءُ جو نالو حاجي خان وڳڻ آهي. سندس والد صاحب حاجي خان ڪلهوڙي جي لارين بسن جو ڊرائيور هو، جيڪو اَن جي ڇڙائيءَ واريءَ مشين جو مستري به هو ۽ هارپو به ڪندو هو. سندس پُٽ به ان پيشي سان لاڳاپيل هئا. حاجي علي نواز ڀلو ڀاڳيو به آهي، مال ڍڳي جو شوق به اٿس. اوطاقي مڙس آهي. ڪن ڀُتن ڪمن ڪري ٻه دفعا جيل به ويو. جاين ٺاهڻ جو مستري به آهي. الله سائينءَ کيس سعوديءَ گهرايو، جتي وڏي مستريءَ جي حيثيت ۾ جاين اڏڻ جي ٺيڪيداري مليس. هُن ان مان فائدو وٺي ڪيترن ٻين همراهن کي به سعوديءَ ۾ روزگار ڏياريو. هو 13 سال سعوديءَ ۾ رهيو.
    حاجي نصرالله وڳڻ لکي ٿو ته: ”حاجي علي نواز مديني ۾ محمد جيئل شاهه جيلاني مرشد ورتو هو، جنهن حضور ﷺ جي روضي ۾ دعا گهري هئي ته: هن حاجي علي نواز کي هتي رهائجو، سو جڏهن حاجي علي نواز جا ٻار جوان ٿيا ته واپس اچڻ لاءِ ڪو رستو نه پيو مليس پوءِ جڏهن 3 مهينا روز لک صلوات پڙهيائون ۽ پاڪ ڪلام پينگهي ۾ لوڏيائون جو رستو مليو ۽ هتي اچي ويا پر اتان جا ڪمايل پيسا اتي ئي خرچ ڪري خالي هٿين آيا ۽ اچي جيڪب آباد ۾ مزدوري ڪرڻ لڳا جنهن جي خبر سندس مرشد پاڪ سيد محمد جيئل شاهه کي پئي ته پنهنجي گاڏي موڪلي حاجي علي نواز کي پاڻ وٽ گهرائي (2) ڏينهن رهائي پوءِ چار مينهون ٽينڪر تي چاڙهي حاجي علي نواز کي چيائين ته مزدوري نه ڪر هنن جو کير وڪڻي گذر ڪر. انهن مينهن حاجي علي نواز جا سڀ غم لاهي ڇڏيا جو نياڻين پٽن جون شاديون وغيره ڪرائي پوءِ مرشد جي اجازت سان ڪراچيءَ وڃي رهائش ڪيائين.
    حاجي علي نواز شاعري 74 /1973ع کان ڪندو هيو پر پوءِ جيئن مديني مان واپس آيو ته الله ۽ رسول جي شان ۾ لکندو ۽ ٻڌائيندو رهيو ۽ چيائين ته هيءَ شاعري مرشد پاڪ جي خاص مهرباني آهي هاڻي به سندس وٽ مرشد پاڪ جا گهڻا ڀيرا آهن ۽ هن وقت هڪ وڏو سگهڙ آهي“
    حاجي صاحب هن وقت ڪراچيءَ جي مواڇ ڳوٺ ۾ رهي ٿو، جتي سُگهڙن جي سنگت رچايون ويٺو آهي. هُن کي سگهڙائپ جي فن جي خدمتن عيوض قلندر لعل شهباز ايوارڊ 2011ع ۽ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس سنڌ پاران سرٽيفڪيٽ 2006ع به مليو آهي. سندس ڪجهه بيت ۽ ٽيهه اکري نموني خاطر ڏجي ٿي.

    آجيان جو بيت
    ڀلي آئين ڀَلا پرين، وڏا وَڙ ڪَري،
    اوهان ريءَ عجيب پئي، ڏکي يار سَري،
    ساهُه سدا هو سارَ ۾، پئي مونجهي دل مَري،
    واٽ تڪيندي وَرِهَه ٿيا، ڪو وانگي ڪين وَري،
    اڄ ته ڪيا احسان اَٿو، اڱڻ پير ڀَري،
    مانُ اوهان کي مون ڏيان، ڪَٺي ڪُڙمب ڪَري،
    ٿي ڏاڍي دل ٺَري، وڳڻ جي وارِث ڏسي.

    تڏي جا تونگر
    خان اوطاقي کوڙ، ڪي خصلتي کيڪار
    ڀَلا خان ڀلوڙ هِن نَوَ لکي نِروار
    ايندي کي عزت ڏين، تن جا ننڍڙا ٻار
    کير مکڻ سان ماکيون به، وانجن ڪن وينجهار
    مايون به تن مُهانڊن جُون، ڌڻ کان ناهن ڌار
    رِليون، وهاڻا، چادريون، ٿيون سَرس سِبَن سينگار
    موڪلينديون مهمان ڏي نه مِلي جيئن مَيار
    ميرن وٽان محبت جا، ٿا ملن خُلق خرار
    جي ميڙ آئي تن مان ۾، ته بخشيندا هِن يار
    تن پرين لکين پار، وڳڻ واکاڻي ڪيترا

    ڳجهارت
    ڏيڻي: نالا مالَ جا پکي، ٻولي، ڪاٺ جي، مالَ جن
    نالا= وارث، مال جا= وَڳ، پکي= وهيا، ٻولي= آءُ، ڪاٺ جي= ڪِلي، مال جن = بَرَن (ڇيلن)
    ڀڃڻي: وارِث وڳ وَيا آءٌ اڪيلي بَرن ،

    ٽيهه اکري
    (الف)
    اَحمد آيو آهي، اسان ڏانهن عظيم
    ثنا جنهن سَرور جي، آهي مُلڪن مَنجهه مُقيم
    مُڪو آ محبوب کي رب، ڪري پاڻ ڪَريم
    مِٺو آهي ميم، مالڪ کي محبوب جو
    (ب)
    بادشاهي بخشش جي، آ ملي مُرسل مِير
    عالم کي آ آسرو، مَٿي مُحبَ مُنير
    جو ساٿي آهي سفر ۾، سو ساڻي ٿيندو سِير
    قادر رب قدير، مُڪو آ وارث ويجهڙو
    (ت)
    ترس ڪيو آهي، راحم رب جبار
    مير مُڪائين ڪارڻي، اڙين جو آڌار
    سڀ ڏنائين سيّد کي، ڪندا قُرب ڪنڌار
    ٿيندا ٻيڙا پار، ڪرم ساڻ ڪريم جي
    (ث)
    ثناء ثابت آ سرور جي، ڏسو مَنجهه جهان
    خالق خلقي خوبرو هِن ڏنا مُحب مَهان
    واهه کلي آوڳڻ چئي، ڪيو ڪين گُمان
    آهن وڏا احسان، آندا عَرب اُمت لئه
    (ج)
    جُملي آ جلوو نبيءَ نادَر نور جو
    عرش ڀي سايو پِيو گُهري، سهڻي پاڪ حضور جو
    حورون ملڪ آ سلسلو هن ذات جي ظهور جو
    تونگر هن طهور جو، آ مٽ نه ڪو مولا ڪيو
    (ح)
    حبيبن ڳالهه ڪيان مان، ڇا خدا جي پيار جي
    صفت آ صاحب ڪئي تنهن، نور جي انوار جي
    قُرآن ۾ تعريف آهي، تنهن مِٺي مَنٺار جي
    جنت ڀي آهي يار جي، مالڪ سندي مُحبن بِلي
    (خ)
    خُدائي آ خزانو مير مُرسل کي مليو
    سونهن سوڀيا جو مليو، صاحب کي آهي سلسلو
    سهڻي سيد جي صاحبيءَ سان، پار پوندو قافلو
    بلڪل اسان جو ڀرجهلو، محبوب آهي مصطفىﷺ
    (د)
    داتا جو آ دلبر، سونهن ۾ سڀ کان مٿي
    حُسن تنهن حاڪم سوا، سهڻو نه ڪو به ڏسندو ڪٿي
    مُرڪ محبوبن پيو ماڻهو، شام جون ماڙيون ڏسي
    مخلوق پئي مالڪ پسي، معراج ۾ ويجهو ڪري.
    (ذ)
    ذِڪر آهي زور جو، قادر آهي ڪيو
    محمدﷺ کي مخلوق ۾ آ سهڻو رب ڪيو
    سوئي ڄاڻي سڄڻ کي، جنهن سان گڏ رهيو
    جو عرشن منجهه ٺهيو، اهو علم آهي الله کي
    (ر)
    رحمت آهي رب جي، اسان تي اظهار
    مِٺو مِير محمد ﷺ، آهي اڙين جو آڌار
    ايندو ڏينهن قيام، هُو شافي شفادار
    ٿيندو قلب قرار، سيّد آئي سوڙهه ۾
    (ز)
    زور ضامن ضعيفن جو، پنهنجي اُمت ڏي ايندو
    ڏسي حال حبيب، واپس نه ويندو
    قطاري ڪمزورن کي، ساڻ وٺي ويندو
    هوندو سائين هوندو، جانب گڏ جنت ۾
    (س)
    سزا جو خوف اصل، ڪيو انسان
    سچا سّيد سان ٿيو، ساڻ صِدق ايمان
    شيطانن جي شر جا، مَٽيو سڀ عنوان
    ڪس لڳندوَ ڪانه، سلهاڙيو پاڻ سيّد سان
    (ش)
    شرارت ڇڏي شيطان جي، تون جلد نبيءَ ڏي وَرُ
    ٻيا سڀ دَر سُڃا ٿي، وٺ دولت وارو دَرُ
    جي کوٽي ٿئيس خان سان، ويندئي ڀائو ڀلي ڀَرُ
    چريو ٿي نه چَرُ، گندا گاهه گناهه جا.
    (ص)
    صدوري صادق ٿي وٺ، سون سُڃاڻي سَچ
    قرض ڏيڻ جي قهر کان، ڪو اڳيان هَلي بچ
    سودو ٿئي اڄ سستڙو، ڳاڻو تولئه ڳچ
    نفعو پائي نچ، وارث وٽان وڳڻ چئي
    (ض)
    ضعيفن جو ضامن، اچي ٿيندو عربي اُتي
    جتي نه واهي واهرو، جو ڪري ماڙ مَٿي
    عاجزن ڏانهن اچڻ جي، ڇڏي آ ڪامل ڳالهه ڪَٿي
    هِتي توڙي هُتي، آهي احمد ﷺ آسرو
    (ط)
    طاقتون سڀ اُتي پريشان هونديون پاڻ
    ساٿي سنگتي سوڙهه ۾، ڪندو ڪونه سُڃاڻ
    اڻ سڏئي ايندو عربي اُتي، آ واحد ڪئي واکاڻ
    تون دِل تنهن ڏي تاڻ، آ جنت جنهن جانب جي
    (ظ)
    ظاهر ذات ظهور آ... نبيءَ ﷺ جي نشان
    الله جنهن لاءِ آ چيو، آڻيو مَٿس ايمان
    اهڙي ڏات عجب جي، آ خالق ڏِني خان
    مڙيئي مُسلمان، ٿيا آهيون مڃيندي محبوب جي
    (ع)
    عزت اسان جي آهي ڪئي رب گهڻي
    مڙني مخلوقن کان مٿي ٿا ويهون هام هڻي
    ڏنو آهي الله ڪري، پنهنجو دوست ڌڻي
    جتي وانگي نه ڪو وڻي، اُتي ايندو عربي اُمت ڏي
    (غ)
    غافل هوندا گُم، جن ڪئي ڀلائيءَ کان ڀُل
    نبيءَ ڏانهن نِروار ٿي، جڏهن آيا نبي ڪُل
    مڙيئي اچي محمدﷺ کي، گهور پائيندا گُل
    ڏِسبا شان شُغل، محشر ۾ محبوب جا
    (ف)
    فِڪر ناهي ڪوبه آهي راز خدائي زور
    جي راضي ڪرين رب کي، ته گهر ٻچا سِر گهور
    نبيﷺ جو نروار ٿِي تورَ دُرود نه تَور
    سڀ ڪجهه سيّد ڏي سور، عربي ڇڏائيندءِ آزار کان
    (ق)
    قريب ٿي قريب ٿيا، ڪندئي قِياس قريب
    ڪر قرب قريب سان، ته ڪرئي رب قريب
    بنا ڪرم ڪريم جي، نه ڪو ڪندئي ڪرم قريب
    کٽئي شال نصيب، جو سُرين يار سيّد ڏي
    (ڪ)
    ڪمائي تنهنجي ٻي ڪا به ڪم جي ناهي
    هلي آ حبيب جو ڪس قلب لاهي
    سڄڻ مليو هي سون ٿي، وڃ ڪوڙ ڏي نه ڪاهي
    اچ پوک هيءَ ڏِس راهي، جا سنگ ڪڍي ٿي سڦرا.
    (ل)
    لُڏندين ڪينڪي، جي سڄڻ سُڃاڻي
    مالڪ جو محبوب، ٿيندئي ساٿي سُڀاڻي
    قادر رب قبر ۾، ٿو هر هڪ کي آڻي
    اڻ پڙهه اَڻ ڄاڻي تي رڳو هوندو رحم رسول ﷺ جو
    (م)
    مذاق ٿو هِتڙي ڪري گهڻي شيطان
    سُتت ڇڏ سُڃئي کي، ميڙي ويندئي مان
    سنجهي آءُ سڄڻ ڏي، ته خان سڏني خانُ
    هتي ڇا احسان، ڏسجان قُرب قبر ۾
    (ن)
    نخرا ڇڏي نَود جا اچ هلي هوت حبيب
    طلب رڳو تونگر جي، ڏس پوءِ محب مجيب
    تات تنهنجي آ طاهر کي، رو نه رات رقيب
    کُليا ٿي نصيب، شل وٺين چوڻ وڳڻ جو
    (و)
    وسارج ڪينڪي، جو ڪم چوانءِ ٿو هيءُ
    شيرين شڪر ٿي شاهه وٽ، رڳو پس پرين پو پيءُ
    ڇڏ موڳائي محل ٿي، آ جانب وٽ جي جيءُ
    سوڙهي نه ٿيندئي سيءُ، جي رهبر ماڻين روح سان
    (هه)
    هيٺائين هل يار، ڪر نفس نوائي
    جو مال ميڙيو ٿي مڪر سان، سو سار صبح سائي
    ساهه نه لهندين سڄڻين، ڇڏ ڪوڙن ڪمائي
    هي طعام نه ڇڏ ڀائي، جو مولا مُڪو آ محبوب سان
    (ل)
    لذتون لهندين لوڪ ۾، ٿيندئي قبر به روشن يار
    مالڪ جي محبوب جا، تون پُڇ نه ڪنهن کان پار
    سنڀالون هِن سيّد کي، گهڻيون تنهنجون بارو بار
    جي هِت هٿ نه ڪيئي هٿيار، ته قبر ڪندئي ڪينرو
    (ء)
    ايئن نه ڪجان اَصُلي، جيئن مسڪيني مار ملي
    وٺي ساٿ سيّد جو، ٿي بحري باز بِلي
    ووڙي لهو وَريام کي، ڳلين ڳوٺ ڳلي
    اُنهيءَ چست چِلي، اڳيان اڙبين ڪَينڪي
    (ي)
    يقيناً يار تون هيءَ ڏسندين ڳالهه ڳڻي
    پرچائي وجهندين پرين کي، جو اڳيان بار کڻي
    محبوب کي مهر ٿي ڏني رب مَڻي
    جيڪو جو به کڻي، وڳڻ سو ملي ٿو محبوب سان

    مددي ڪتاب:
    وڳڻ جا ويچار، حاجي علي نواز وڳڻ، 2006ع
    حاجي علي نواز سان مختلف وقتن تي ڪچهريون.


    13) حاجي رحيم بخش قريشي

    حاجي رحيم بخش ولد عبدالله قريشيءَ جي پيدائش پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال پوءِ سنه 1948ع دوران سندس اباڻي ڳوٺ سيوهڻ کان اڀرندي پاسي سنڌو درياهه جي ڀر ۾ آباد ڪيٽي قادر بخش شاهه ضلع نواب شاهه ۾ ٿي. سندس والد مسڪيني حال ۾ به کيس ڳوٺ پير خدا ڏني شاهه پرائمري اسڪول ۾ پرائمريءَ تائين پڙهايو ۽ ڪافي عرصي کان پوءِ 1975ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري ۾ سرڪاري ملازمت ملڻ سبب اتان هجرت ڪري هميشه لاءِ اتي ئي رهائش اختيار ڪئي. پاڻ سنه 1966ع کان وٺي ادب ۾ پير پاتائين.
    استاد محمد خان قريشي ۽ سنڌ جي سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسيءَ جي صحبت کيس پهرينءَ صف جو سينيئر سگهڙ بڻايو. استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو ساڻس پيچيدو پيار هئو ۽ هو هر هفتي توڙي مهيني وٽس 10 کان 20 سگهڙن سميت مهمان هوندو هئو. سندس وڃڻ کان پوءِ ان ساڳي ئي مشن کي برقرار رکي پايئه تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ هن سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جو بنياد وڌو ۽ ذاتي خرچ تي پاڻ 8 مئي 2004ع تي سنڌالاجيءَ ۾ سگهڙ ڪانفرنس، ڪوٺائي مرڪزي صدر کي پڳ ٻڌرائي.
    هو”رمزون رحمت الله جون“ ايوارڊ، استاد محمد ملوڪ عباسي ميڊل، لوڪ ادب ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ماڻي چڪو آهي. پي.ٽي.وي ۽ ريڊيو تي کوڙ سارا پروگرام ڪيا اٿائين، سگهڙائپ جي سڀني صنفن جو ماهر آهي. (ڪتاب سگهڙ ڊائريڪٽريءَ تان ورتل)


    سينگار
    ڏس قيس قريب جا، ويا ڪنبي ڪاريهر،
    تلنگ تليهر تاب ڇڏي ويا، ڪين کنيائون ڪر،
    ڀونگ ڀڄنگ ڀرڪي بيٺا، آڏو ڏئي اوڍر،
    اڳ اليهر سپ سيهر، پيا ڪن پچر،
    ته واسينگن کان وارن جا، وڌ واهه واهه آهن ور،
    اهڙا انگ عجيب کي، ڏنا ڏاهي کي ڏاتر،
    آڪلن منجهه ڪثر، منهنجو راڻو ”رحيم بخش“ چوي.


    14) سگهڙ محمد مٺل جهتيال

    سنڌ ۾ صدين کان وٺي سگهڙ ايندا رهن ٿا ۽ ايندا رهندا. انهن سگهڙن ۾ سنڌ جو قوي مهان سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي رحه هڪ اهڙو سگهڙ ٿي گذريو، جنهن جي مقابلي جو سگهڙ هن هلندڙ دؤر ۾ پيدا ٿيڻ مشڪل آهي. ڇو ته پهرين ان کي ملوڪ ٿيڻو پوي ۽ پوءِ فقير بڻجي وري سگهڙائپ جي ميدان ۾ هزارين شعر لکي ۽ وري ايڏي وڏي مڃتا ماڻڻ کان پوءِ سوين سگهڙ شاگرد ڪرڻ ناممڪن آهي. ان ئي مهان سگهڙ جي مهان شاگردن ۾ سگهڙ محمد مٺل جهتيال پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. کيس قدرت جي طرفان ڏات ۽ ڏانوَ جو اڻ کٽ خزانو عطا ٿيل آهي، سندس پڙهڻ جو انداز پڻ من موهيندڙ ۽ دل کي ڇهندڙ آهي.
    پاڻ صحافت جي ميدان ۾ پڪار اخبار کان وٺي پاڻ مڃايو اٿائين ۽ ڪيترن ئي وڏن پروگرامن ۾ ڪمپيئر طور ماڻهن جون دليون کٽي چڪو آهي. قد ڪاٺ جو پورو پنو آهي پر سوچ سمنڊ جي گهرائيءَ کان وڌيڪ گهري اٿس ۽ جذبا احد پهاڙ کان وڌيڪ اوچا اٿس. ايڏي منزل ماڻيندڙ هن سڄاڻ سگهڙ محمد مٺل جهتيال جي پيدائش 7 جنوري سال 1959ع ۾ پنهنجي بابي علي نواز خان جهتيال جي ڪکائين صحن تي ٿي. پاڻ پرائمريءَ کان ئي وڌيڪ ذهين ۽ هوشيار رهيو. اڳتي هلي مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين.
    پاڻ 22 سالن جي عمر ۾ سنڌ جي سداحيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسيءَ جي صحبت حاصل ڪيائين ۽ فيض سان فيضياب ٿي سگهڙائپ جي ميدان ۾ آيو ۽ پنهنجي استاد سان بربحر شهر توڙي ٻهراڙيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڪچهريون ڪيائين. سندس سگهڙائپ جي سفر ۾ سنڌ، سرحد (خيبرپختونخوا)، پنجاب ۽ بلوچستان سميت ڀلي پار يعني مڪي پاڪ مديني شريف ۾ حقيقي محبوب جي حاضريءَ دوران به گڏ رهيو. جيتري صحبت ۽ فيض هن شاگرد کي عطا ٿيو، شايد ئي ڪنهن خوش قسمت کي عطا ٿيو هجي.
    پاڻ سگهڙ پائيءَ جي ميدان ۾ڪيترائي وڏا ايوارڊ جن ۾ شهباز ايوارڊ، جلال کٽي ايوارڊ ، سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، سگا ايوارڊ، استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ، سميت ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيا اٿائين. سندس پهريون ڪتاب (مٺل ماڳ وسن) 375 صفحن تي مشتمل سال 2000ع ۾ ڇپيو ان کان سواءِ سندس شاعري ۽ لوڪ ادب تي مشتمل ڪتاب (مٺا ٻول مٺل جا) ۽ انقلاب سان ڀريل قومي ڪتاب (ڪنڌ ڏنائون قوم تي) پڻ زير اشاعت آهي.
    جڏهن 23 مارچ 2004ع تي دلبر دوست حاجي رحيم بخش قريشي ۽ مون راقم الحروف (عاجز لاشاري) هن تنظيم سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جو بنياد وڌو ته ان وقت هن ئي سگهڙ يعني محمد مٺل جهتيال کي باصلاحيت سگهڙ ڏسي صدارتي عهدي لاءِ منتخب ڪيو ويو ۽ هن وقت تائين سندس محنت ۽ محبت واري موٽ آهي جو ٿوري عرصي ۾ (سلات) پنهنجي مڃتا ذريعي سنڌ جي سياسي، سماجي ڌرين، اديبن، دانشورن ۽ باشعور عوام کي ثبوت پيش ڪيو آهي ته سڄاڻ سگهڙ جيڪي استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کان پوءِ ماضيءَ ڏانهن ڌڪجي رهيا هئا سي وري ڪيترائي ورهه مستقبل طرف اڳتي وکون وڌائي نڪري آيا آهن ۽ پنهنجي سنڌي لوڪ ادب کي عالمي سطح تائين مڃرائڻ لاءِ رات ڏينهن رڌل نظر اچي رهيا آهن.
    الله پاڪ ۾ اميندون آهن ته سگهڙن جي سچائي ۽ سگهڙن سميت هتان جي عوام جي هڙان ۽ وڙان واري دلي مدد جاري رهي ته دنيا جي هر ملڪ ۾ لوڪ ادب جو چرچو هوندو ۽ ٻين جو ادب، سنڌ جي سگهڙن اڳيان جهڪيل رهندو. آمين. (عاجز رحمت الله لاشاري)
    سينگار
    ڪارا قيس ڪلهن تي، ڀؤنرن لاتي ڀاڄ
    ڇنڀڻ شمشيرن، دهشت ۾ ڌڄراڄ
    ماڻهو ماس ”مٺل“ چوي، ٿي کنوڻ تنين کاڄ
    لاکيڻن جي لاڄ، جيئاري جي ”جهتيال“ چوي

    پهاڪي جو بيت
    عقل وارو عقل سان، جوڙي ڏيندو جواب،
    بي عقل پيو بڪ ڪندو، ڪري هوڏ حساب،
    سالڪ سمجهدار سان ٿي ساعت پل ثواب،
    ”مٺل“ ڄٽ ملوڪ نه ٿئي، توڙي ٻَڌي ڪنڌ ڪتاب،
    سمجهڻ وارا سمجهن پيا، هڪ جملي ساڻ جناب،
    باقي رڍن اڳيان رباب، ڪي وڄائيندي ورهه ٿيا.
    (سلات جي سگهڙ ڊائريڪٽريءَ تان ورتل)


    15) رحمت الله عباسي

    ڪانڌڙا ڪالوني موري ۾ رهندڙ ۽ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو شاگرد نالي وارو سگهڙ رحمت الله عباسي ولد ڳهڻو خان عباسي 1950ع ڌاري ڄائو. هُن سگهڙائپ جي شروعات ويهن سالن جي ڄمار ۾ 1970ع ڌاري ڪئي. سندس فن بابت سائين حاڪم علي شاهه بخاري لکي ٿو ته: ”ظاهري طور تي مڙس قد ڪاٺ جو هلڪو آهي پر سندس ڪلام ۾ تمام گهڻو وزن آهي. سندس بيت پڙهڻ جو انداز چٽو، سنجيدو، ڏاڍو وڻندڙ ۽ دلڪش آهي. ڳجهارت ڳولهڻ جو به بهترين ڪاريگر آهي.مون کي سندس هيءَ خوبي ڏاڍي وڻندي آهي ته محفل ۾ ايترو پڙهندو آهي، جيترو وقت هوندو آهي. ٻين سگهڙن وانگر مائيڪ کي چنبڙي نه پوندو آهي.“ (رهاڻ رحمت الله جي)
    ساهتي پرڳڻي سان واسطو رکندڙ هن سگهڙ ۾ به ڪيتريون ئي خوبيون آهن. مهمان نوازي، خوش خلقي۽ يار ويسي وغيره سندس خوبين ۾ شامل آهن. سندس ڪلام ۾ به ساهتي پرڳڻي جي نج سنڌي ٻولي، پهاڪا ۽ چوڻيون وغيره سيبتائيءَ سان ڪم آندل آهن. هُن لوڪ شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جهڙوڪ: گفتا، نصيحت جا بيت، معجزا، مناظرا، بنا نقطي بيت، ٽيهه اکريون، ڏهس وغيره.
    عام طور تي سگهڙن ڏهس لکيا آهن پر هن همراهه ويهس ٽيهس ۽ چاليهس به چيا آهن.
    سندس هڪ ڪتاب ”رهاڻ رحمت الله جي“ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جو تعارف هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي، اهو ڪتاب احمد خان سهاڳ سهيڙيو آهي، خدمتن جي موٽ ۾ کيس مختلف ايوارڊ به ملي چڪا آهن،
    جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    حضرت جلال کٽي ايوارڊ
    قلندر لعل شهباز ايوارڊ
    حضرت سچل سرمست ايوارڊ
    ڪلهوڙا عباسي تنظيم پاران ايوارڊ
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ خيرپور تان پروگرام ڪندو رهندو آهي. پي ٽي ويءَ تي 1984ع کان فن جو مظاهرو ڪندو رهندو آهي. سندس ڪلام مان چونڊ هيٺ ڏجي ٿي.

    ٽيهه راتيون بيتن ۾

    پهرئين رات
    پهرئين رات پتو نه پيو ڪل مون ڪائي،
    اوچتو اڌ رات جو هڪ واهه ٻڌم وائي،
    ڪنهن بين برهه جي، ڪا ويهي وڄائي،
    تنهن دونهين درد فراق جي دل ۾ دکائي،
    سڌي منهنجي سيني ۾، سا تک ڪري تائي،
    گهورن دل گهائي، لڳي اکين اڃ عباسي چئي.

    ٻي رات
    ٻي رات ٻوٽيان اکيون پوريان ته پٽجن ،
    ڦٽي ننڊ نيڻن جي، پيون ورهه ۾ وٽجن،
    روڪيان کڻي رئڻ کان، ته گَهٽيون نه گهٽجن،
    جيئن مندائتو مينهن پوي، تيئن لهر ۾ لٽجن،
    معلوم نه ٿي مونکي سگهيو، ٿيون سور ڪهڙي سٽجن،
    اهڙي اُڃ اکين کي جو مورهون نه مٽجن،
    سي هاڻي ڪيئن هٽجن، جن رئڻ سکيو رحمت الله چئي.


    ٽين رات
    ٽين رات ٽمي پيون، هي اکڙيون اڃايل،
    کيريون رڳو خمار ۾، ڪن بس نه بکايل،
    اکيون اٻاڻڪيون عشق ۾، سدائين سڪايل،
    سمجهيم ڪنهن جي سور جي، ڪا اٿن چوٽ آيل،
    ماٺ نه ڪن مَٺيون، هي ڏاڍيون ڏکايل،
    بدن باهه ڀڙڪي پئي، ڪا اٿن دونهين دکايل،
    گهورن جون گهايل، رئن روز رحمت الله چئي.

    چوٿين رات
    چوٿين رات چٽو ڏٺم هڪ خوشيءَ وارو خواب،
    جهڙي سهائي سج جي، منهن اهڙو مهتاب،
    چوڌاري چانڊاڻ ٿي، ٻيو ڪونهي جوڙ جناب،
    مڻ کٿوري مشڪ جي، ڀلي هجن گنج گلاب،
    اچي وڳو اندر ۾، منهنجي رڳن منجهه رباب،
    چڙهيو نشو نيهن جو، پيتم شوق شراب،
    هٽيو سڀ حجاب، ڪئي اکين عيد عباسي چئي.

    پنجين رات
    پنجين رات ٻڄريون، هيج منجهان هيڪر،
    واجهائن پيون ورهه ۾، هي نماڻيون نڌر،
    ٿئي ديدار دلبر جو، ڪو ٻيو دفعو ٻيهر،
    ٿئي عيد عباسي چئي، جاني پسي جيڪر،
    جيڪي پرينءَ پٽيون، ڪري نيڪ نظر،
    اچي تير عشق جو، ڪا پين سڪ سنگهر،
    دم دم لاهيو در، سي رئندي ئي رهجي ويون.

    ڇهين رات
    ڇهين رات ڇرڪ ڀري اُٿيم آڌيءَ رات،
    ساڳي ٻولي سڄڻن جي، لاشڪ ٻڌم لات،
    نهاريم پئي نڪريو، هت پرهه تائين پرڀات،
    پسڻ لاءِ پرينءَ جي، صبر نه ڪن سات،
    ويڳاڻين وس ڪيو، اڄ ملڻ لاءِ ملاقات،
    اهڙيءَ طرح عباسي چئي، مونکي اچن پيا اوقات،
    قرار گهڙي ڪا ته، مون سمهي سک نه ماڻيو.

    ستين رات
    ستين رات سنجهي مان، مونکي پلٽي پيم پور،
    حب وارن کي هميشه، هڪ سڪڻ ٻيا سور،
    اندر باهه عشق جي، رڳو کامن پيا کور،
    لڳي اجهامي ڪانه ڪا، ماريو تنهن مذڪور،
    سک نه ستيون ڪڏهن، گهايو جن کي گهور،
    اصل نه ڪيم عباسي چئي، ٻاهر ڪا ٻاڦور،
    وڃن پيون وهلور، اکيون انهيءَ پار ڏي.

    اٺين رات
    اٺين رات عجيب جي، ويٺي ڏٺيم واٽ،
    اڌمان منهنجي اندر مان، اٿن پيا اوٻاٽ،
    ويچاريون سي وسي پيون، ڳوڙهن ڀري ڳاٽ،
    جيئن سانوڻ مينهن سڌو پوي، ڇپر مٿان ڇاٽ،
    پرينءَ سندي پيار جي، آچکي جنين چاٽ،
    اٿن يار عجيب جي، گهڻي اڃ اوساٽ،
    اچن اندر مان اڌ ماٽ، رئڻ سکيون رحمت الله چئي.


    نائين رات
    نائين رات نڌر کي، اچي غم ڪيو گهيرو،
    ڦري تون فضل جو، ڪر فقير ڏي ڦيرو،
    پيس پناري تو پرينءَ جي، توڙي مدو آئون ميرو،
    تنهنجا ڳڻ ويٺو ڳايان، ڪر ڀورل تون ڀيرو،
    جرڪي هن جهان ۾، جاني ٿيان جيرو،
    اجار اچي عباسي چئي، دلبر تون ديرو،
    وڃي هي ويرو، روئڻ جو رحمت الله چئي.

    ڏهين رات
    ڏنيم ڏهين رات جو، پئي چونڪي چوڌاري،
    هيڪر هانوٺري پوي، لهي من تان مونجهاري،
    منٽ وڏو آ ماهه کان، نه گهڙي سهان گهاري،
    ساعت سال ڀانيان، پئي اچي انڌاري،
    سٽ اهڙي سڪ جي، ڪنهن سور ته سيکاري،
    اچي يار عباسي چئي، ته ڪري بدن بهاري،
    ويو ڏئي ڏيکاري، ڦٽي دل فراق ۾.

    يارهين رات
    يارهين رات يار جو، مليو پرينءَ جو پيغام،
    آواز ٻڌم عشق جو، ته نه ڪر غم غلام،
    سڻي پوءِ سڄڻ جا، سرهو ٿيس سلام،
    اها خبر خير جي، مونکي ڏني عشق انعام،
    اڄ سڀاڻي اچڻا اٿئي، واري واڳ وريام،
    راحت ٿي رحمت الله چئي، آيم پوءِ آرام،
    منهنجا ڪچ ڪمام، وڃي اگهيا در عباسي چئي.

    ٻارهين رات
    ٻهاريم ٻارهين رات جو، مون اڱڻ ۽ ايوان،
    اٿم پريم اچڻا، ڪي مان ڀريا مهمان،
    سينگاريم گهر گهوٽ لاءِ، هي چوڌاري چوغان،
    بخت کليو بدڪار جو، لٿم غير گهان،
    ڪنهن کي وڻيس ڪونه ڪو، پوءِ جر ڪيس منجهه جهان،
    گهر ٻچا گهور ڪيا، ٿيان قدمن تان قربان،
    ڪٿي محب مڪان، ڪٿي اڱڻ منهنجو عباسي چئي.

    تيرهين رات
    تڪيم تيرهينءَ رات جو، رانجهن سندي راهه،
    سواءِ تنهنجي سپرين، منهنجي وَسنءَ ڪانهي واهه،
    هٿن خالي حبيب مان، ڪو سکيو کڻان ساهه،
    بار منهنجي بدن تان، لڳ خدا جي لاهه،
    اچ يار عباسي چئي، ته ڏيهن پوي ڏاهه،
    اهڙي روز رحمت الله چئي، اگهي منهنجي آهه،
    ٿئي تنهنجي نيڪ نگاهه، ته جرڪان هوند جهان ۾،

    چوڏهين رات
    چوڏهين رات چريءَ ڪيون، دل درد ونديءَ دانهون،
    ڦٽيل دل فراق جي، پئي رَند ڏسي راهون،
    سڏڪا ڀريو سڏڙا ڪري، ايلاز ۽ آهون،
    پرين منهنجو پور جي، اٿم ويون سڀ واهون،
    مُڙي ڪونه ماڳهين، ڪري قريب ڏي ڪاهون،
    پائي پاند ڳچيءَ ۾، پوءِ ٻڌم کڻي ٻانهون،
    ته لکين مون ۾ لاهون، تون عنايت ڪر اچڻ جي.


    پندرهين رات
    پندرهين رات پڪ ٿي ته ايندم اڄ عجيب،
    آهون منهنجي اندر جون، پيون ڪن قريب،
    ڍڪي اوگهڙ ڍول منهنجي، هٿن ساڻ حبيب،
    نوازش ٿي نالائق تي، نوان ٿيم نصيب،
    اهڙا قرب اڻ ڄاڻ تي، ڪيا محب مجيب،
    نه ته ماڻهو مهڻا محب جا، پيا ڏين راڄ رقيب،
    نظر ڪر نجيب، ته ٿئي عيد عباسي چئي.

    سورهين رات
    سورهين رات سر جيو هڪ وجود ۾ وڻ،
    پتا تنهن ۾ پيار جا ڄڻ مٺائي مڻ،
    وڌم پٽي وات ۾ ته ڦٽو سُک سمهڻ،
    مٺاڻ تنهنجي محبت ۾، ڄڻ ماکي ۽ مکڻ،
    اهو پودو جنهن پوکيو، ته اٿس لاکيڻو لڇڻ،
    اٿس پاڙون پاتار ۾، ٿو اجاري اڱڻ،
    اهڙي رمز رکڻ، اٿس اٽڪل وڏي عباسي چئي.

    سترهين رات
    سترهين رات سنجهي مان، آيو پيار پکي،
    ويٺو اچي وجود ۾، اهڙي رمز رکي،
    وري منهنجي ويجهڙو، آيو لال لکي،
    ڦڪي مونکي فرق جي، اچي محب مکي،
    غم ويا گم ٿي، پوءِ ٻيهر دل ٻکي،
    وئي بيماري بدن مان، جا دونهين پئي دکي،
    مون اهڙي چاٽ چکي، جو ٿي عيد عباسي چئي.

    ارڙهين رات
    ارڙهين رات انعام، هيءُ پرينءَ کان ته پُنون،
    دلبر يار دلاسو، اچي ڏکيءَ کي ڏنون،
    ساري مون سڄڻ کي، هو راتو ڏينهن رنون،
    پنهل مون کي پيار ڏئي، ڇپر ڪونه ڇنون،
    مونجهاري جو من تي اچي ٻڌئي پاڻ ٻَنون،
    ورهن کان ويران هئي، ڪئي فڪر دل فنون،
    مون کي محب منون، ٿو ڪنهن دم وسري ڪينڪي.

    اوڻيهين رات
    اوڻيهين رات اچي ويو، پرينءَ پروانو،
    ويا ڏينهن ڏکن جا، ويو کُلي خزانو،
    ڳالهه وڏي آ ڳڻ جي، ڪا بيحد بيانو،
    اچي روح روان ٿيو، ڪيم شاهي شڪرانو،
    ٻاتا اکر ٻٽڙي، آيم ذڪر زبانو،
    ماڻهن ڏنيون مبارڪون، هيءُ مرڪيو مستانو،
    هي نئون نذرانو، منهنجو اگهيو در عجيب جي.

    ويهين رات
    ويهي ويهينءَ رات جو، مونکان هڙئي پڇائون حال،
    سڻايم سڀ سڄڻ کي، جو ڪيل منهنجو قال،
    اوڻايون مون ۾ اصل کان، آهي ڪونه افعال،
    ميٽي محبوب ڇڏيون، محبت ڏئي ڪمال،
    گوهر تو گدليون، کڻي لکين ڪيون لال،
    تون لوڪن لڄپال، مون ۾ عيب عباسي چئي.

    ايڪهين رات
    اچي ايڪهينءَ رات جو، ڍڪيم کڻي ڍول،
    لهي ويا لهري ۾ ڏک مڙوئي ڏول،
    مهڻا ماڻهو محب جا، رحمت الله ڏين رول،
    جهولي پايو جهليان، جهڻڪون سڀئي جهول،
    اگهيا در عجيب جي، ٻاتا منهنجا ٻول،
    مُرڪيو مُنهن مسڪين جو، هنئين لٿا هول،
    گهر ٻچا گهول، ڪيان آڪهه سڄي عباسي چئي.

    ٻاويهين رات
    ٻِٽ ٻاويهينءَ رات جو، پيون وڄن چت چڙيون،
    جن کي عشق اٿاريو، سي سمهن ڪيئن سڙيون،
    ساعت صبر نه اچي، پيون ڏين گهاءَ گهڙيون،
    اٿئي ويٺي عباسي چئي، رڳو تن تڙيون،
    جن کي نير نينهن جو، سي سمهن ڪيئن سڙيون،
    لنڊيون جي لوڪ ۾، سي ازل کان ئي اڙيون،
    جي چاڙهيءَ عشق چڙهيون، تن کي لڳو رنگ رحمت الله چئي.

    ٽيوهين رات
    ٽڪاءُ ٽيويهينءَ رات جو اصل ڪونه اچي،
    اڀي پير اچي ويو، بيٺو نينهن نچي،
    اوڏاهين هل عباسي چئي، جتي رنگ رچي،
    سڄڻ پسي سرهو ٿيان، من ڏسي محب مچي،
    اٺئي پهر اداس ۾، پيو اهڙيءَ پر پچي،
    اونهو بحر عشق جو، ڪو اتان بخت بچي،
    ڪونهي ڪم ڪچي، پڪو پتڻ پار ٿيو.

    چوويهين رات
    چٽڪو چوويهينءَ رات جو، آيو پئي اکين،
    چوڌاري چرپر ٿي، ات پچار ڪئي پکين،
    آيو يار عباسي چئي، ڪئي لات لکن،
    سُرڪي اها سڪ جي، ڪي چاهه وارا چکن،
    ڦڪي فرق فراق جي، پيا محب مکن،
    ڪي سٽون پڙهي سرفراز ٿيا، ڪي لائق پيا لِکن،
    ڪو جهي منهنجي ڪکن، کڻي رنگ لاتو رحمت الله چئي.

    پنجويهين رات
    پنجويهينءَ رات پرينءَ جا، گهٽ نهاريم گهير،
    چمان کڻي چشمن سان، پهرين اهي پير،
    هنيون نه هڪ جاءِ تي، هئي جنهن کي هير،
    الائي ڇو عباسي چئي، ڪيائين اچڻ مهل اوير،
    ڪيا ڪونه قرب مان، اڄ ساجن مون ڏي سير،
    يا مون ۾ ڏٺائون مير، يا روح پليائون رحمت الله چئي.

    ڇويهين رات
    ڇوٽ ڇويهينءَ رات جو، ٿيا سرها سانگ سفر،
    گوهر گدليون کڻي نوازيون نڌر،
    ڪچايون منهنجون ڪيتريون، کڻي دور ڪيون دلبر،
    سڏيو سڄڻ سڪ مان، لهي غم ويا گوندر،
    ڳڻپ کان ڳُڻ مٿي ٿيا، مون تي قرب ڪسر،
    اڻ ڄاڻ عباسيءَ کي، کڻي راهه ڏَسي رهبر،
    شروع ڪيم شعر، سي اگهيا در عجيب جي.

    ستاويهين رات
    ساري ستاويهينءَ رات جو، قلم ڪم ڪيم،
    سڄيون راتيون سڀئي، چٽيون سڀ چيم،
    اڻ ڄاڻ اياڻو آهيان، جهڙي پرک پيم،
    سي ڪل لکيم ڪاغذ تي، جهڙو حال هيم،
    جي اکر اڳيان آيا، سي وڻي سڀ ويم،
    بار مون بدڪار جا، کوٽا خان کنيم،
    ٿورا لک ٿيم، مون تي يار محبوب جا.

    اٺاويهين رات
    اٿي اٺاويهينءَ رات جو، شروع ڪيم شڪران،
    ڪوجهي هن ڪمزور تي، ٿيا اڻ ڳڻيا احسان،
    مون تي ته منهنجا پرين، محب ٿيا مهربان،
    ڪاري منهنجي قلب کي، ڪيائين برسائي بستان،
    راضي ٿيو رحمت الله چئي، رب ڌڻي رحمان،
    ڪٽي ڪل ڪاراڻ کي، اڇو ڪيائين ايوان،
    سگهڙ ٿيس سلطان، ٿو عالم سڃاڻي عباسي چئي.

    اوڻٽيهين رات
    اوڻٽيهين رات عباسي چئي، ڪيم سو سلام،
    ڀلي آئين ڀر جهلا تون، مون ڏي عشق امام،
    شامل گهڻا شروع کان، مون ۾ ڪچ ڪمام،
    پلٽ مون تي پيار جي، تو ڪئي گنج گدام،
    لطف لائق لک ٿيا، ڪيئي تيڏيءَ مهل تمام،
    پرين تو پڙ کنئين، تو ڪاري ڏينهن قيام،
    تو نوازي ناڪام، لاتو رنگ رحمت الله چئي.

    ٽيهين رات
    ٽليم ٽيهه راتيون، منهنجي رنگ لڳو روح،
    سڙيل دل سالن جي، تنهن ڦٽيءَ جهليا ڦوهه،
    ڪيترا کنيل ڪچاين جا، ڪي کوٽيل منهنجا کوهه،
    دلبر تنهنجي درٻار ۾، مون جاچي وڌي جوهه،
    تون وَسِنءَ واهه ولهن جي، مون لڪي پاتي لوهه،
    تون راضي ٿي رحمت الله چئي، سنجهي يار صبوح،
    تنهنجي ورد ورونهن، مون کي الله ڏياري عباسي چئي.

    مددي ڪتاب:
    رهاڻ رحمت الله جي، مرتب: احمد خان سُهاڳ
    رحمت الله عباسيءَ پاران موڪليل تعارف


    16) ڏاڏو ڏتل ابڙو

    ڏاڏي ڏتل ابڙي جو اصل نالو الهڏتو آهي، پاڻ هڪ سينيئر سگهڙ آهي. هو محمد صديق ابڙي جي گهر ۾ 1955-01-01ع تي ڄائو. سگهڙائپ جي سُتي استاد محمد ملوڪ عباسيءَ پياريس. هو مختلف ٽي وي چينلن، ريڊيي، ننڍين توڙي وڏين ڪچهرين/ڪانفرنسن ۾ پنهنجو ڪلام پڙهي چڪو آهي. هن لڳ ڀڳ سمورين صنفن ۾ ڪلام چيو آهي. سندس ڪلام ”توکي آ منهنجو سلام سائين“ ۾ ڇپيو آهي.
    پاڻ محمد ملوڪ عباسيءَ جي جوڙيل تنظيم سنڌ سگهڙ سنگت ۾ به هڪ سرگرم عهديدار جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو اچي پيو.
    سندس هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو؛
    اوطاقي ابڙو چئي، سدا خوش هُجن
    مانُ ڏئي مهمان کي، ٿا محبت ساڻ ملن
    حال حبيبان پيش پريان، ٿا قربدار ڪن
    ڏاڏا ڏتل ڏسن، اُنهن آ اَڻ کُٽ گنج الله جو


    17) عاجز رحمت الله لاشاري

    عاجز رحمت الله گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. هڪ ئي وقت هو مذهبي عالم، نعت خوان، مولودي قاري، عالم، صحافي، سگهڙن جو اڳواڻ، مختلف ڪتابن جو ليکڪ، ٽي وي ڪمپيئر ۽ سلجهيل سگهڙ آهي. سندس ڄمار ته ننڍڙي آهي پر هُن ڪم وڏا ڪيا آهن. خاص ڪري سگهڙائپ جي شعبي ۾ تمام ٿورڙي عرصي ۾ هُن گهڻا ۽ معياري ڪم ڪيا آهن.
    هو ٻي جنوري 1982ع (22، ذوالحج) تي فقير شاهنواز لاشاريءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندس سڄو نالو مير رحمت الله آهي. هن ست درجا ۽ مدرسي جي تعليم پرائي. 1990ع کان سگهڙائپ جي فن ۾ پير پاتائين سگهڙائپ ۾ سندس استاد محمد ملوڪ عباسي آهي.
    هن کي اسڪول ۾ جيڪي استاد مليا انهن ۾ ڪامريڊ غلام قادر ساريو،محمد امين منگي ۽ زبير جکرو اچي وڃن ٿا. هيءُ هڪ روشن خيال مولوي آهي، جنهن جو هڪ سبب سندس استادن جي تربيت به آهي. هونءَ به سنڌي مولانا گهڻي ڀاڱي روشن خيال آهن. هو فرقي پرستيءَ جي خلاف ۽ صوفين واري پيغام تي هلندڙ آهن. ڪجهه سالن کان مٿن ٻاهريان اثر ضرور پيا آهن پر انهن انتها پسنديءَ وارن اثرن کان عاجز ڪوهين ڏور آهي. سندس ديني استاد مولوي محمد صالح لاکو ۽ حافظ محمد بخش چنو آهي.
    پاڻ ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز جي بزرگن الله بخش عرف سهڻا سائين ۽ خواجه محمد طاهر عرف محبوب سڄڻ سائينءَ جو مريد به آهي. هيءُ همراهه سگهڙن جي سُکن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو، پنهنجن سينيئر سگهڙن سان گڏ مختلف تنظيمن ۾ رهڻ کان پوءِ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي باني ممبرن ۾ به شامل ٿيو. هينئر ان جو مرڪزي اڳواڻ آهي. ان تنظيم جي پليٽ فارم تان هو سگهڙن لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو. سندس ديني خدمتون به جاري آهن.
    هُن صحافت جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو آهي. مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهي ٿو. خاص ڪري روزاني الک ۾ سندس لکيل ڪيترائي ڪالم، مضمون، وغيره ڏاڍا مقبول ٿيا. سگهڙن لاءِ هن هڪ رسالو ”سگهڙ سماچار“ جاري ڪيو، جنهن ۾ سگهڙن جون سرگرميون ۽ سندن لکڻيون ڇاپيون وڃن ٿيون. ماهوار ”لاشار“ جو ايڊيٽر به آهي.
    هن مولودن ڳائڻ جي شروعات ننڍي هوندي کان ئي ڪئي، مولودن جا ڪيترائي آڊيو البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا اٿس. مختلف چينل به سندس مولود هلائيندا رهن ٿا.
    عاجز رحمت الله شروع ۾”آڪاش“ تخلص به ڪم آندو. سندس مختلف ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي مذهبي ۽ سگهڙائپ واري فن تي لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، سندس ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    رحمت جا خزانا (ست ڀاڱا)
    1. رمزون رحمت الله جون (لوڪ ادب شاعري)
    2. رنگ رحمت الله جا (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا)
    3. مولود ۽ مداحون
    4. ديس وسي ديدار اسان جو (ترتيب)
    5. فيصلا انصاف جا (ترتيب)
    6. آهون احمد حسن جون (ترتيب)
    7. سنڌ سڄاڻ سگهڙ ڊائريڪٽري (ترتيب)

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب عاجز لاءِ لکي ٿو ته: ”سنڌ جو سگهڙ بنيادي طور مذهبي شاعر رهيو آهي. پر هن سگهڙ ۾ اعلى گڻن واريون سڀئي خوبيون سمايل آهن. مذهب سان گڏ ادب، صحافت، خطابت، امامت، تدريس جي ڄاڻ سميت نظم ۽ نثر به سٺي نموني سرجيندڙ آهي. هي سڀئي مڻيا جا موتي ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ملندا آهن.“ (رنگ رحمت الله جا، ص- 129 )
    هن نوجوان کي سندس ڪيل ڪم تي 25 کن ايوارڊ، شيلڊون، ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ وغيره ملي چڪا آهن. جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا؛
    دولهه دريا خان ايوارڊ 1998ع
    استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2000ع
    حضرت جلال ايوارڊ 2002ع
    قلندر لعل شهباز ايوارڊ 2003ع
    رمزون رحمت الله جون ايوارڊ 2003ع
    آواز ۽ انداز ايوارڊ 2003ع
    لاشار ايوارڊ 2005ع
    ميلاد نبيﷺ ايوارڊ 2005ع
    عشق رسولﷺ ايوارڊ 2005ع
    دعا آهي ته سندس ڪم جي رفتار ۽ معيار جاري رهي ته جيئن خاص ڪري لوڪ ادب جي وڌ ۾ وڌ خدمت ٿي سگهي.
    سندس لوڪ شاعريءَ مان چونڊ هتي اوهان لاءِ پيش ڪجي ٿي.

    آيو عربي ڄام (مولود)
    ٿي ويا جشن ولادت جام،
    آيو آيو عربي ڄام.
    هن ربيع الاول ۾، هر مسجد محفل ۾،
    ٿي جذبا ويا جاري، هر مؤمن جي دل ۾،
    لڳا نعرا رسالت عام، آيو آيو عربي ڄام.
    هيئن پنهنجي ڪلام اندر، فرمايو آ پرور،
    محبوب اسان کي ڏئي، احسان ڪيو ظاهر،
    آهيون سڀئي سڄڻ جي سام، آيو آيو عربي ڄام.
    آقا جي آمد سان، ٿي هر جا هٻڪاري،
    وئي نور سان روشن ٿي، هيءَ دنيا آ ساري،
    ويو فڪر مليو آرام، آيو آيو عربي ڄام.
    رڳو دائي حليمان يا، امان آمنه لئه ڇو چوان،
    ڪائنات ۾ ڪرم ٿيا، ساري عالم لئه ٿو چوان،
    آهي هڙني لئه انعام، آيو آيو عربي ڄام.
    سائينءَ جي صدقي ۾، ”لاشاري“ لوڪ اندر،
    ٿيو سگهڙ ثناگر ۽ هن شاهه جو آ شاعر،
    پيو ٺاهي غزل ڪلام،آيو آيو عربي ڄام.

    هفتو (مدح)
    آهين دوجهان جو تون عربي امام،
    اوهان تي ڪروڙين دورد و سلام.
    آهي ڏينهن ڇنڇر ڏکن جو ڏٺو،
    ڏسان شال تنهنجو مدينو مٺو،
    اوهان ڏي اچڻ جي طلب آ تمام.
    آيو ڏينهن آچر رهيو انتظار،
    ڏيکاري تنهنجو ڏيهه پروردگار،
    گذاريان اتي هر گهڙي صبح و شام.
    وري سڪ ستايو آ سومر جي ڏينهن،
    اکين لڙڪ لاڙي وسايو آ مينهن،
    ٻنهي مان اي ٻهڳڻ وهيو جر آ جام.
    اڱاري به اُڻ تُڻ اندر ۾ رهي،
    آهي حال هيڻو اچان ڪيئن ڪهي،
    عطا ڪر اچڻ لئه، ڪو گنج و گدام.
    اچي ڏينهن اربع جي قاصد چيو،
    وڃان ٿو مديني سنيهو ڪو ڏيو،
    مٺي مصطفى سان ڪيان ڇا ڪلام
    کڻي قلم ڪاغذ هي خميس تي،
    چيو مانس احوال عربيءَ کي ڏي،
    ويهان سائي روضي جي ڀر ۾ ٿي سام.
    رڳو ”رحمت الله“ نه جمعي جو وار،
    مگر منهنجي گذري اتي سڀ ڄمار،
    ٿئي جنت البقيع منهنجو مُقام.

    ٻارنهن مهينا (مدح)
    الائي ڪڏهن ٿا مونتي قرب ٿين،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
    جو ساريءَ دنيا کان، شهر آ سٺو،
    ڏسان شال ڏوري، مدينو مٺو،
    پيا روز ديوانا ديدار ڪن،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
    ڏٺو ماهه ”محرم“، لڳي سڪ سبيل،
    ڪري منهن مديني، ڪئي مون اپيل،
    اکيون سائي روضي کي سامهون ڏسن،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
    ”صفر“ ۾ صدق سان، گهريم هيءَ دعا،
    ڏٺا جيڪي خوابن ۾ منظر هئا،
    منهنجا پير پهچي سي گهٽيون گهمن،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
    آيو ”رحمت الله“ ”ربيع الاول“،
    لڳو ورهه وانگي مونکي هڪڙو پل،
    مديني جا طالب جدا ڪيئن جين،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
    ائين ئي ڏکن ۾ ڏٺو ”ربيع الثاني“،
    هتي مون ٿي سمجهي زهر زندگاني،
    مونکي ڪين خوراڪ کاڌا وڻن،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
    ”جمادي الاول“ ۾ پيا جوش جاڳي،
    نه جذبو جهڪو ٿيو رهي طلب ساڳي،
    هي تڙپي لڇي پيو منهنجو ساڳيو من،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
    آيو ماهه ”جمادي الثاني“ جڏهين،
    نئين سر ڪئي مون تکي تار تڏهين،
    تون راڻا ٿيءُ راضي ته غمڙا لهن،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
    وري مون ”رجب“ ۾ ڪيو روڄ راڙو،
    ٻُڌي منهنجون دانهون آيو اوڙو پاڙو،
    ادا ڇا ٿيو ٿئي؟ مونکا پيا پڇن،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
    شهنشاهه ڏيو شرف ”شعبان“ ۾،
    مدينو ڏسان ماهه ”رمضان“ ۾،
    ”شوال“، ”ذوالقعد“، اوڏانهن اچن،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.
    گذاريان مڪي ۾ به مان ڪا گهڙي،
    اچان پوءِ ”ذوالحج“ ۾ حجڙو پڙهي،
    سمورن گناهن جون معافيون ملن،
    اڃا لڙڪ اکين منجهان پيا وهن.

    مناقبو
    (حضور علي مشڪل ڪشا ﷦ جي شان ۾)
    اڄ هڻبا نعرا حيدر جا،
    نعري هڻڻ سان بيشڪ ٿيندا،
    بلند اسان جا هي درجا.
    جنهن جي ٻچن ميدان ملهايو،
    سرڙا ڏئي اسلام بچايو،
    ڪفرڪنبائي حشمت سان جنهن،
    ٽوڙيا قلعا هئا خيبر جا.
    آهي ٻنهي حسنين جو بابو،
    جنهن جي بڻي آ ولادت ڪعبو،
    ڇو نه گداگر ٿينداسين پوءِ،
    دل سان اسان سڀ هن در جا.
    آهي سائين ڪريم جو نياڻو،
    مالڪ ڪيو آ راڄن راڻو،
    ڳڻ ڳائي پيا ڳائينداسين،
    هت خاتون جي شوهر جا.
    جن جا اهڙا والد هوندا،
    دين تان سي گهر ڇو نه گهوريندا،
    شان ڏسي جن صدقا ڪيا هن،
    ٻچڙن اڪبر اصغر جا.
    محشر ڏينهن ڪندا غمخواري،
    اميد آ ”عاجز لاشاري“،
    بخشي ڇڏيندا بخشش صدقي،
    ڪوجها عمل مون ڪمتر جا.

    پنجڪا
    (سڀئي چار، ٻيڙا پار)
    الله ۽ محمدﷺ جي ڪڍ، اکرن جو اُچار،
    تنهن کان پوءِ ملائڪ به تون، سڀئي وڏا سار،
    ٻيا وڏا ڪتاب واحد جا هن، گهڻا ڌيان هيءُ ڌار،
    ۽ تون پهر رات جا به، ڳڻي ڪر شمار.
    سڀئي چار، ٻيڙا پار.

    پنجئي پياسي رات جا
    چور چوي سج لهي اوندهه اَنڌوڪار ٿئي،
    چمڙو چوي ڳالهه ٺهي، مور نه چمڪار ٿئي،
    عاشق چوي رات رهي، يار جو ديدار ٿئي،
    عابد ٻانهون الله جو، ڪڏهن نه بيزار ٿئي،
    پئي دعا گهري نه ڏينهن ٿئي، مون سان گڏ ميهار ٿئي،
    سهڻيءَ سميت ”عاجز“ آهن پنجئي پياسي رات جا.

    رسالو ڳجهارت -1
    ڏيڻي: ليکو مهانگو جر جو، ٻولي شهادت،
    ٻولي عبادت، نالو نالو پرينءَ جو.
    لفظن جي معنيٰ: ليکو= ملهه، جر جو= قطرو، ٻولي= سڪڻ، ٻولي=
    اسان، نالو= نظر، نالو=ناز
    سڄي:
    ڏيڻي: مُلهه مهانگو قطرو، سِڪڻ شهادت،
    اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.
    (سر ڪلياڻ)
    رسالو ڳجهارت -2
    ڏيڻي: نالو چائين فقير جي ڪرين، نالن اي نه نالو،
    ٻولي ٻولي مرد جي وجهه اڇلي آڳ ۾.
    لفظن جي معنيٰ: نالو = صوفي، فقير جي = سَڌ، نالن = صوفين، نالو= صلاح، ٻولي = ڪاٽي، ٻولي= رک، مرد جي = ٽوپي (ڪُلاه)
    سڄي:
    صوفي چائين سڌ ڪرين، صوفين اي نه صلاح،
    ڪاٽي رک ڪلاهه، وجهه اڇلي آڳ ۾.
    (ڪل)
    رسالو ڳجهارت -3
    ڏيڻي: ذات تنهنجي ذات، مٽ نه سمجهان نالي سين،
    تون ٻولي ۾ رات، نالو ٻولي سوجهرو.
    لفظن جي معنيٰ: ذات= چنڊ، نالو= پرين، ٻولي= اڇو، نالو= سڄڻ، ٻولي= نِت
    سڄي:
    چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرين سين،
    تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو.

    مام پرولي ”معما“
    ويندي، ويندي واٽ سان، ڏٺو شهر اندر مون شورُ،
    هڪ نر بيٺو هو نانگ کنيون، هئو شان ڀريو شهزور،
    هي ڦڻ کي بيٺو ڦوڪا ڏئي، وڃي ولائت ۾پيو شور،
    هاڻي ويهي ڪر ڪو غورُ!!، ته ”عاجز“ الائي ڇا ڏٺو؟
    ڀڃڻي: ٽيليفون

    مام پرولي -1
    نه عرش تي نه فرش تي، هئو جڙيل هڪ جهانُ،
    اُن مٿانهين محلات ۾، سوين هئا انسان،
    سِيلَ ٿيل هئو سمورو، هيءُ ڏسي ٿيس حيرانُ،
    ”عاجز“ جي ان ڳالهه تي، هاڻي دل سان ڌريو ڌيان،
    پوءِ کولي ٻڌايو خان، ته ڇا منجهان مون ڇا ڏٺو؟
    ڀڃڻي: هوائي جهاز

    مام پرولي- 2
    اوهين ڏسو، اسين ڏسئون، پر نه ڏسي الله،
    چوي ”عاجز رحمت الله“ ته ڳولي ڏيو ان ڳوٺ کي،
    ڀڃڻي: خواب، الله پاڪ نٿو ڏسي

    مام پرولي- 3
    اوهين ڪريو، اسين ڪريون، پر نه ڪري الله،
    چوي ”عاجز رحمت الله“، ته ڳولي ڏيو ان ڳوٺ کي.
    ڀڃڻي: ننڊ- ننڊکان الله پاڪ آهي.


    18) محمد ايوب جوڻيجو

    محمد ايوب ولد محمد پڃل جوڻيجي لوڪ ادب جي شاعراڻين صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ سان گڏ عروضي ۽ ڪلاسيڪي صنفن جهڙوڪ: غزل، گيت، وائي ۽ نظم وغيره تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته هو پاڻ کي شاعر ۽ سگهڙ لکندو آهي. سندس گڏيل ڪلام تي ٻڌل ڪتاب ”مٽيءَ جي خوشبوءِ“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس وڌيڪ تعارف لاءِ روشن جويو لکي ٿو ته:
    ”اسان جي عزيز دوست محمد ايوب ولد محمد پڃل جوڻيجي جو جنم 18جنوري 1965ع تي خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ضلعي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ بچو واهڻ ۾ ٿيو. ابن ڏاڏن کان پورهيت طبقي سان واسطو رهيو اٿن. پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺڙي شهمير واهڻ مان پرايائين، جڏهن ته مئٽرڪ 1981ع ۾ ٻورڙي هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽر موجوده استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان 1984ع ۾، جڏهن ته ايم ايس سي (فزڪس) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1993ع ۾ ورتائين.
    1998ع ۾ ٻورڙيءَ ۾ تبليغي جماعت جو وفد آيو ته سندس زندگيءَ جا نقش نگار ئي تبديل ٿي ويا. اُهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن هن تنظيم سان وابستگي جاري اٿس. ڊاڪٽر اسرار احمد جي تنظيم اسلامي ۾ به ڪم ڪري چڪو آهي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب سان لڳاءُ اسان جي دوست کي امڙ جي ٿڃ مان ئي مليو هو. پاڻ سال 2000ع ۾شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. سنڌ سگهڙ لوڪ تنظيم ۽ بزم روح رهاڻ ۾ پنهنجين سمورين توانائين سان بهرو وٺندو رهي ٿو ۽ هن وقت سنڌي ادبي سنگت سان به ٻانهن ٻيلي آهي.
    اسان جو دوست محمد ايوب جوڻيجو سعيد پور ٿيٻا ڊگري ڪاليج، استاد بخاري ڊگري ڪاليج ۽ ڊگري ڪاليج ٺٽي ۾ ڪانٽريڪٽ بنياد تي سالن جا سال ليڪچرار رهيو، پر ڪنهن به ڀوتار جو مٿي تي هٿ نه هجڻ سبب مستقل نه ٿي سگهيو. تعليم کاتي مان نيڪاليءَ کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ هڪ سال لاءِ پروف ريڊري به ڪيائين. موجوده وقت ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ پروف ريڊر طور ڪم ڪري رهيو آهي. پاڻ سنڌ جي سياسي ۽ ثقافتي آزاديءَ جو قائل ۽ نقيب آهي. (روشن جويو، ڄامشورو)
    هتي محمد ايوب جي شاعريءَ مان چونڊ پيش ڪجي ٿي:

    هفتي جا ڏينهن
    سومر ڏينهن ساهه کي لڳي ڏاڍي تانگهه،
    اچڻ تنهنجي آسري اُڏايم ٿي ڪانگ.
    اڱاري ڏينهن عجيب تون آئين ڪونه اڱڻ،
    سڄو ڏينهن سڪ ۾ گذريو تو سڄڻ.
    اربع ڏينهن اچڻ جو واعدو ڪيو تو،
    نڪي پاڻ آئين نڪي نياپو مُجو تو.
    خميس ڏينهن خوب تنهنجو ڪيو انتظار،
    ڪيئي ڪال ته رستي ۾ آهيان يار.
    جمعي ڏينهن جانب اوطاق آيو هلي،
    دل ڏاڍي خوش ٿي ان سان ملي.
    ڇنڇر ڏينهن قرب مان، مون ڪڪڙ ڪٺو،
    گڏ سڄڻ سان سارو ڳوٺ گهمي ڏٺو.
    آچر ڏينهن ”ايوب“ مون کان ڪئي موڪلاڻي،
    جدا ٿيندي جانب کان وهي پيو اکين مان پاڻي.


    19) حسين بخش رڏ

    حسين بخش رڏ ناري ضلعي خيرپور ۾ پنهنجي والد صاحب فقير هدايت علي رڏ جي دونهين دکائيندو پيو اچي. سڄي تر جي سگهڙن کي گڏ ڪيون ويٺو آهي. هن همراهه سگهڙائپ جي فن وڌائڻ لاءِ ڏاڍو جاکوڙيو آهي. ان حوالي سان چونڊڪي ۾ ميوزيم به جوڙيو اٿن، جنهن جي ڏسڻ جي ڏاڍي اُڪير آهي. هُن مختلف ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جن ۾ 1. حرف هيرن جهڙا، 2. سونهاري جي سُونهن، 3. سگهڙ ڪچهري، فقير هدايت عليءَ جو ڪلام وغيره شامل آهن.
    هن انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي آهي،پاڻ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام سهڻي ڌرتيءَ جي ڪمپيئرنگ به ڪندو رهندو آهي، تر ۾ ٿيندڙ ڪچهرين جو مور به هوندو آهي. هُو پهرين فيبروري 1960ع تي ناري ريگستان ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. هو پهنجي باري ۾ لکي ٿو ته:
    ”آءٌ جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هيس تڏهن بابو سائين مون کي ڏور بيت، سينگار بيت، ڳجهارتون لکي ڏيندو هيو ۽ آءٌ اُهي بيت ياد ڪندو هيس، اسان جي سونهاري ڳوٺ ۾ درگاهه بچل شاهه بخاريءَ تي روزانو منجهند جو ڪم ڪار کان واندا ٿي ڳوٺاڻا سگهڙ اچي گڏ ٿيندا هئا. ڏور ڳجهارتون ڏيندا ۽ ٻڌندا هئا يا وري ميوو خان کورکاڻي جيڪو پڻ سگهڙ هيو. اوطاق تي ڪڏهن ڪڏهن گڏ ٿي بابا سائينءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪچهريون ڪندا هُئا، مرحوم نور محمد شنباڻي سنڌ جي سگهڙن ۾ شمار ٿيندو هو اُهو ۽ طُريل خان شنباڻي بالاچ خان شنباڻي، رئيس شهباز ڏنو کورکاڻي، سگهڙ غلام حيدر ڀنڀرو، محرم خان ڀنڀرو ۽ مراد خان ڀنڀرو ڪچهرين جا مچ مچائيندا هئا.
    مون کي لوڪ ادب جي ڪچهرين جي محبت ننڍپڻ کان ئي هئي ڇو ته پنهنجو استاد ۽ هميشھ مون لاءِ دُعا ڇپر ڇانوَ بابو سائين فقير، هدايت علي هيو، جنهن پڙهائڻ سان گڏ ڪچهرين جو واقف ڪيو، بابو سائين مالي حالت ۾ هڪ مسڪين ماڻهو هو. غربت جي ڪري گهڻو انگريزي پڙهائي نه سگهيو باقي هميشه هدايت ڪندو هيو ۽ وس آهر گهرو تعليم ۽ سُٺن استادن جي خدمت ۾ اچڻ جو حڪم ڪندو هيو ۽ اهي سڀئي ڪم، روزگار، هارپو، ڪم، پڙهڻ، لوڪ ادب، سان واسطو ۽ زماني جا ڪم، برادري واسطا، اهي ڄڻ ته خود سيکاريا هئائين.“

    ڪچهرين مان جيڪو اعزاز حاصل ٿيو ان بابت ڪي ڳالهيون
    مون کي ياد آهي ته جڏهن آءٌ ٽيون درجو پڙهندو هيس ته امتحان وقت صاحب امتحان وٺي پيو ته اسان جو استاد مرحوم علي نواز کورکاڻي جنهن صاحب کي چيو ته هيءُ ڇوڪرو سگهڙ آهي. سينگار جا بيت به کيس ياد آهن. صاحب چيو ته ڀلا بيت ٻڌاءِ. مون بابي مرحوم جو هڪ سينگار بيت ٻڌايو، سپروائيزر صاحب چيو ته اهو بيت سليٽ تي لکي ڏيکار! مون اهو اڌ بيت سليٽ تي لکيو ڇو ته سليٽ ننڍي هئي ۽ بيت وڏو هو. صاحب اکر ڏسي استاد کي چوڻ لڳو ته ڇوڪرو هيءُ پاس آهي. هن ڇوڪري کي چوٿون درجو ڏنو ويو. بس ڏاڍو خوش ٿيس ۽ اچي سينگار بيتن تي زور ڏنم، ٻيو ته جڏهن اسڪول ۾ گسائيندو هيس ته استاد سزا لاءِ اُٿاري بيهاريندو هيو. آءٌ وري خوف کان ڪجهه چپن ۾ هوريان ڳالهائيندو هيس. استاد پڇندو هو ته ڇورا چپن ۾ ڇاٿو چوين؟ آءٌ چوندو هيس ته استاد بيت ٿو ياد ڪيان اهو ٻڌي استاد سزا ڪونه ڏيندو هو ۽ مار کان بچي ويندو هيس.
    ڪڏهن ڪڏهن اڻ وڻندڙ ڪمن جي ڪري بابو ڪاوڙبو هيو ته پين پنو کڻي هاسيڪار بابي جي سامهون لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هيس يا بيت چوندو هيس ته جهٽ پٽ بابو راضي ٿي پوندو هو. اهڙيءَ طرح من ويو وڌندو.
    هر ڪاهيندي به ياد اٿم ته ڪيئي بيت ٺاهيندو هيس يا وري ڪو دل پيارو دوست ملندو هيو ته به بيت چوندو هيس. اهڙيءَ طرح بيتن جي چوڻ ۽ لکڻ جو ننڍپڻ کان ئي شوق هيو. 1975ع ڌاران ”ٽالپور وڏا تعلقي ڪوٽ ڏجيءَ“ ۾ هڪ وڏي ڪچهري ٿي ان ۾ لاڙ جا سگهڙ به آيل هيا. مون هڪ ڏور بيت ڏنو جيڪو سگهڙ ٻيڙي فقير پسند ڪيو ۽ سينگار بيت جي ڪچهريءَ بابت به داد ڏنائين. مون کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي گهرائڻ جو به اعزاز ٻيڙي فقير ڪنڀار ڏنو. الله پاڪ جي مهربانيءَ سان ريڊيو پاڪستان تي اڄ تائين حاضري ڀريندو آهيان. حيدرآباد ۾ پهچڻ کان پوءِ سيد صالح محمد شاهه ”فتح خان“ پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچيءَ تي مون کي متعارف ڪرايو ۽ اڄ تائين اها مهرباني جاري آهي.

    مالي حالتون:
    پرائمري تعليم پوري ڪري گهرو ڪم ۽ هارپي جو ڪم بابي ساڻ گڏجي ڪيم. آگسٽ 1975ع ۾ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نارا ڪئنال تي سرڪاري چئنل مشينن تي نوڪري ڪيم پهريان آئل مين ۽ ٽن سالن کان پوءِ آپريٽر مقرر ٿيس. آگسٽ 1981ع ۾ آپريٽريءَ جي نوڪريءَ تان استعفى ڏئي وري ڳوٺ ۾ اچي حڪمت جو ڪم ڪيم جيڪو به پڻ بابي سائينءَ سان گڏ ڪيم. ڇو ته بابو طب يوناني ڪم جو به وڏو ڄاڻو هو، حڪمت جو ڪم ننڍپڻ کان ئي بابي سائينءَ سان گڏ ڪندا هئاسين. حڪمت جي ڪم مان ايڏي آمدني ڪانه ٿيندي هئي جنهن تي اهل وَ عيال يا گهڻا ڀاتي ۽ انهن جو پورو روزگار ٿي سگهي، ان ڪري 1983ع ۾ ”هاءِ اسڪول عنايت حسين شاهه نارا گيٽ“ تي چوڪيداريءَ جي نوڪري ملي.
    نوڪري، روزگار سان گڏ استادن وٽ باقاعدي پڙهندو به هيس. نتيجو اهو نڪتو ته 1985ع ۾استادن جي مهربانيءَ سان هاءِ اسڪول ٺري ميرواهه سينٽر تي آرٽ ۾ فارم ڀرائي امتحان ڏنو ۽ الله پاڪ جي مهربانيءَ ساڻ پاس ٿيس ۽ 1987ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيس، جيڪو هن مهل تائين فرض انجام ڏيندو رهان ٿو.

    اولاد:
    قادر ڪريم جي قرب ساڻ ست پٽ ۽ هڪ نياڻي اٿم. 1992ع سال منهنجو هجري سال آهي ڇو ته انهيءَ سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ سندم نوجوان پٽ رجب علي وصال ڪري ويو ۽ ڊسمبر مهيني جي 12 تاريخ بابي مرحوم جي جدائي نصيب ٿي. الله پاڪ کين جنت نصيب ڪري آمين.

    لوڪ ادب سان واسطو:
    مٿي ڄاڻايل احوال موجب ننڍپڻ کان ئي لوڪ ادب سان واسطو رهيو آهي. انهن سڀني حالتن ۾ گذرندي ڪچهرين جي حوالي ساڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ وڃي مشاهدا ڪري ڪچهرين ۾ شامل ٿيندو رهان ٿو ، پوءِ اهي ڪچهريون سرڪاري هجن يا غير سرڪاري. لکڻ لاءِ به جيڪو هيءُ مواد ڪتاب ”حرف هيرن جهڙا“ اهو به ننڍپڻ کان ئي لکيل قلمي مواد آهي. ان کان علاوه بابي سائينءَ جو ڪلام اهو به ڄڻ ڪلهن تي وڏو بار هو، جيڪو ڪتاب ”سونهاري جي سونهن“ نالي ساڻ ڇپجي چڪو آهي. ان کان علاوه ناري ريگستان جا سگهڙ ۽ ناري ريگستان جي جاگرافي ڪجهه دوستن ساڻ گڏجي ڪتاب ”ريگستاني رهاڻيون“ به شايع ٿي چڪو آهي.
    حقيقت ۾ سنڌ جي وڏن سگهڙن ساڻ جيڪو منهنجو ملڻ ٿيو يا جيڪي انهن ساڻ ڪچهريون ٿيون اِهو سڀ ڪجهه بابي سائينءَ جي دُعا جو اثر هو. جڏهن به ٻاهر ڪنهن ڪچهريءَ تي ويندو هيس ته بابو مون کي هڪ رُپيو يا ٻه رُپيا هٿ ۾ ڏيندو هو. آءٌ کيس چوندو هيس ته بابا مون وٽ ڀاڙو خرچ گهڻو آهي ته چوندو هو، پٽ هي دُعا جا اٿئي ۽ اميد ته ڪنهن به ڪچهريءَ ۾ تنهنجو هٿ نه مُنجهندو، خير، اهي ته پيار جون ڳالهيون هيون جيڪي اڃان به ياد ٿو ڪيان. اصل ۾ هيءَ هڪ ڳالهه ٿو لکان جيڪا اسان جَن سگهڙن سڳورن کي ڪانه وڻندي پر ڪا اهڙي خراب ڳالهه ڪانهي.
    بابو مرحوم هدايت ڪندو هو ته ڪڏهن به ڪوشش ڪري پنهنجي پاڻ کي استاد نه چَوَرائجي، استاد اهو آهي، جنهن کي عام ماڻهو ازخود پيار مان استاد تسليم ڪري. اهو ئي سبب هو جو سکندڙ شاگردن کي چوندو هو ته بابا سڀ پاڻ اڃان لوڪ ادب کي سِکون ٿا، هونئن ته ڪافي کيس شاگرد هئا.

    سنڌ جي وڏن سگهڙن ساڻ ڪچهريون:
    مون قادر بخش راڄپر ساڻ هڪ ڪچهري ننڍپڻ ۾ ڳوٺ سيد گمبل شاهه تعلقي ناري ۾ ڪئي. ان کان علاوه بخشيو شر، قاضي الهواريو، ٻيڙو فقير ڪنڀار، حاجي مهيسر، محمد ملوڪ عباسي، ڪريم بخس وسطڙو، محمد موسى مهيسر، علي شير فقير جاگيراڻي، شاهنواز ڪٽوهر، مهوال فقير ڪٽوهر، محمد مٺل ٻرڙو، حبيب الله لاشاري ۽ ٻيا کوڙ سارا سگهڙ جيڪي گهڻائي ۾ هيءُ جهان ڇڏي ويا آهن تن سان روح رهاڻيون ٿيون.

    ادبي ڪمن ۽ ڪچهرين ۾ مون سان ساٿ ڏيندڙ دوست:
    هڪ وڏو ماڻهو ٿي ڪري هميشھ صلاح ۾ سَلهاڙيل، مير اختر حسين ٽالپور ٻيو هميشھ ڪچهرين ۾ حاضر ٿيڻ وارو فقير گل محمد ڪنڀار حيدرآباد وارو، مَلڪُ شفيق احمد نارا ڪئنال آر، ڊي نمبر 202 وارو، رئيس علي شير شنباڻي، شير خان مهراڻي، رئيس محمد جمن خان لغاري، سگهڙ غلام حيدر ڀنڀرو، راوت خان خاصخيلي، رهاڻ فقير مهر، استاد لطف علي رڏ، استاد بشير احمد رڏ، استاد هوت علي رڏ، استاد اوم پرڪاش، ڊاڪٽر ليلا رام چونڊڪو، استاد غلام شبير خاصخيلي اسان جي ناري ريگستان ۾ جيڪي به ڪچهريون ٿين ٿيون انهن ۾ ڪچهريءَ جو قربدار ماڻهو، فقير قائم خان ڀنڀرو جيڪو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.“
    سندس چونڊ ڪلام هتي ڏجي ٿو؛

    ڀٽائيءَ جي حضور ۾
    ڀلاري ڀٽائيءَ تي سوين ٿين سلامي
    عقيدي مان ايندي ڏين ٿا غلامي
    مفڪر مُبصر ۽ شاعر عوامي
    رسالي جي بيتن مان ٿين ٿا ڪلامي
    وڏي پيار ۽ اُلفت مان هتڙي اچن ٿا
    شهنشاهه جي ننگريءَ جي چائٺ چُمن ٿا
    لَڌو مانُ مِٽيءَ اوجاڳن جي عيوض
    ڀلاري ڀٽائيءَ جي ڀاڳن جي عيوض
    مليو فيض فَڪر کي ماڳن جي عيوض
    ٻٽيهه سُر سُونهَن ٿا راڳن جي عيوض
    سڀئي بيت سيد جا آيتون ئي آهن
    پريان جي پار ڏي نيو من ٿا لائِن
    مارئي مُومل سُهڻي ۽ سورٺ جون صدائون
    نوري ڄام تماچي ۽ ڪينجهر جون هوائون
    سسئيءَ جي سچائي اُلفت جون اَدائون
    ۽ سامونڊين جا سفر ۽ جوڳين جون جفائون
    پر وڏو سُر ڪيڏارو چيو ڀٽائيءَ ڀلاري
    ڇڏيائين عشق وارن کي جلدي روئاري
    لکيا مختلف نموني راقمن رسالا
    پنهنجي ڄاڻ آهر ڏنا ويا حوالا
    هر سال هتڙي پڙهجن ٿا مقالا
    سگهڙ شاعر ۽ اديب اچن ٿا اعلى
    مگر رسالي جي بيتن کي ڀٽائي ٿو پاڻ ڄاڻي
    باقي حسين بخش هر ڪوئي مطلب ٿو ماڻي

    پهاڪا
    اندر آکيرو اُلوءَ جو، ٻاهر طوطي جي تنوار
    اندر ديرو دغا جو، ٻاهر وفا جو واپار
    اندر قاتل ڪَڙائي، ٻاهر مِٺي ماکيءَ لار
    اندر شِر شيطاني، ٻاهر آيتون اظهار
    اندر ڪَڻاههُ ڪُلفت جو، ٻاهر الفت جي آڌار
    اندر کرو کوٽ جو ٻاهر نفعو ڪري نروار
    حسين بخش هن حال تي، وڏو ڪيم ويچار
    ته توڙي پڙهجن حج هزار، ته بِه درجا آهن دِليُن تي
    بک نه پڇي ڳُنڌڻ، ننڊ نه پڇي هنڌ
    عشق نه پڇي ذات، پيار نه پڇي پنڌ
    باهه نه پڇي ڪاٺ، واءُ نه پڇي رند
    گنجو نه پڇي ڦڻي، ڀَتُ نه پڇي ڏند
    موت نه پڇي مهل، ڪات نه پڇي ڪنڌ
    بيت ۾ اهڙا بند، ڪنهن حريف چيا حسين بخش چئي
    آدم کان اڄ تائين گُذر ٿي ويا ڪيئي زمانا
    ٿيا ڌرتيءَ تي ڌاڄا ۽ کُٽي ويا ڪيئي خزانا
    ڏسو هابيل ۽ ڪابيل جو ڪيئن جهڳڙو لڳو
    ننڍي کي وڏو ڪُهي ڀاءُ پيو سڳو
    الائي زر زمين جي لالچ، الائي حسد هو رُڳو
    الائي دنيا دولت، الائي ته ڪو پَٽ جو وڳو
    پر ادي مان عدو ٿيو، جنهن ڀاءُ جو ڳاٽو ڀڳو
    ڄڻ شيطان جي حرڪت ۾ ڦاٿو کڳو
    مگر آدم جي الفت جنهن حاصل ڪئي
    ڪئي کڻي نازل، الله ان تي رحمت
    هڪ ڪڻي مان ڪثر ٿيا ۽ ڪثر مان ڪڻا
    اچي آدم جي اولاد جا ٿيا رِشتا گهڻا
    ۽ ڏاڏيءَ هوا جا ڄڻيا ڄڻ ٻه ڄڻا
    هڪ کي تسبي مالها ٻئي کي جڻيا
    ٻنهي ٿي چاهيو وڌيڪ آءٌ ٿو وڻان
    ڀلا هندو ۽ مسلم جا کڻي نالا کڻان
    هڪ باهه جي آڙاهه ۾ جليو جنهن جو تن
    ۽ ٻيو ڌرتيءَ ۾ ٿيو ڪفن سان دفن
    آريا ۽ اڻ آريا ڀي انسان ئي هئا
    هيو ڌرتيءَ تي پاڻي، هُو ڄڻ حيوان ئي هئا
    ڪي مونث ڪي مذڪر، ڪي ڇوڪر ۽ جوان ئي هئا
    مگر ڪي سياڻا سٻاجها، ڪي نادان ئي هئا
    پر ملڪ الموت جي چنبي، ماري مات ڪيا
    خاڪ ۾ ٿي خاڪ ويا، بيوس کڻي حالتن ڪيا
    چون ٿا ته پهريان هو پاهڻ جو زمانو
    پٿر مان هر چيز هر شئي ٺاهڻ جو زمانو
    پوک کيتي زمين ۾ هو هر ڪاهڻ جو زمانو
    محل ماڙيون جاءِ جايون ٺاهڻ جو زمانو
    حاڪم ۽ محڪوم کائڻ ۽ کارائڻ جو زمانو
    ڏسو موهن جو دڙو آثار آهن قديمي
    سا ته سنڌ جي ثقافت ۽ پار آهن قديمي
    اصل ۾ عرب ۽ سنڌ ۾ يا ڪي ٻيون جاتيون هُيون
    ماڻهن جون ماڻهن سان رڳو لڙايون هيون
    ڪٿي قتل غارت ڪٿ ڦاسيون ۽ ڦاهيون هيون
    ڪٿي ته قومون ڏاهپ ساڻ ڏاهيون هيون
    ڪٿي ته جنگيون ۽ ننگيون ۽ رت جون باهيون هيون
    ڪٿي راڻا ۽ راڻيون ڪٿي ٻانهيون ۽ دايون هيون
    ۽ روءِ زمين جا شهنشاهه به لاڏاڻو ڪري ويا
    سڪندر ۽ سليمان جهڙا به حسين بخش هالاڻو ڪري ويا

    هاري ديس جو
    هاري هردم هر هلائن ٻنيءَ ۾ ٿا ٻڄ گڏائن،
    پاڻيءَ سان ٿا پوک پچائن، فصل پچن جلد لڻائن،
    محنت هاريءَ ڪارڻ مانُ، قوم تي ڪيو قرب ڪِسان
    راضي تنهن تي رب رحمٰن
    ملڪ ۽ قوم جي زينت هاري، راتيان ڏيهان محنت جاري
    ڪڙمي ڪاهِن پوک پياري، ڪڻڪ ڪمند ۽ جوئر ساري
    وونئڻ ڪپهه جي وارو واري، ڪپڙا ٺهن سوٽي ٿان
    قوم تي ڪيو قرب ڪسان، راضي تنهن تي رب رحمٰن
    ڪمند پيڙي ڳڙ بنائن کنڊ مٺايون کوڙ پيا کائن،
    مجيريءَ سان ونڊي ورهائن، پنهنجو قومي فرض نڀائن
    ديس سندي کي ڀلو ڀائن، گرمي سرديءَ ۾ حيران
    قوم تي ڪيو قرب ڪسان، راضي تنهن تي رب رحمٰن
    هاري حسين بخش حريف، فصل ڪاهن ربيع خريف
    سادا ماڻهون شان شريف، وقت غريبي حال ظريف
    تن جي رکندو لڄ لطيف، پوک ۾ زيادهه پاڪستان
    قوم تي ڪيو قرب ڪِسان، راضي تنهن تي رب رحمٰن

    جوئر جي پوک - جهار جي مند
    پڪي جوئر پيها پيا، پکين لاتو شور،
    هور ڙي ٻِلا هور
    مٽي پَٽيو ڳوڙها ٺاهي، کانڀاڻيءَ تي زور،
    هور ڙي ٻلا هور
    ڪٻر ڪانگو ڳيرا ڳيريون، جهرڪن جي ته جهڪور،
    هور ڙي ٻلا هور.
    وَهِنيو ويٺو سنگ اکوڙي، چَتون بڻيو چور،
    هور ڙي ٻلا هو،
    اڇي جوئر، اڇا داڻا، آڀُن جي ته اَتور،
    هور ڙي ٻلا هور
    لابارن ۾ لايُون موکن کاريون ڀري مور،
    هور ڙي ٻلا هور
    هاري حسين بخش هزارين، ڪن سانوڻيءَ جا دور
    هور ڙي ٻلا هور.
    لفظن جي معنى: ڪسان= هاري، سوٽي ٿان =ڪپڙي جو ويڙهيل ڍڳ، ربيع= سرءُ سانوڻي، هور ڙي هور = ڪڙمي هڪل ڪرڻ مهل هڪلون ڪندو چوندو آهي.

    بهار جي مند
    هن حياتيءَ ۾ ڏسن ٿا اُنهارا سوين سيارا
    پر بهار ۾بهاريون، نوان رنگ ناز نظارا.
    وڻن ۾ واڌايون، وَڌن ٿا ڦُٽن ٿا ڦَرن ٿا
    لُڏن ٿيون لاڏ مان لامون، لُڏِي ڏين لُوهه لامارا
    چڱو ٿيو چيٽ چؤکو ٿيو، ڦوڳن جهلي ڦوڳي آ
    ڪَڪوريا ڪِرڙ ڪوماڻل، سڙيل ساوا ٿيا سارا.
    باغن ۾ بهاريون ٿيون، گلابي گل ٿيا گهرا
    چتون چيها بلي بلبل، ڪري ڪوئل ڪُوڪارا
    جَهڪوريو، جُهڙ مٿي اُڀ ۾، ڪَڪوريا ڪڪر ڪارا،
    وڻيو سانوڻ سنگهارن کي، لٿا مَنَ مونجهه مُونجهارا.
    چَوَن ٿا اِئين عالم ته مَڪي ۾ آيو محمدﷺ هو
    ته بهار جي موسم هئي، خوش ٿيا حسين بخش پارا.


    20) نظير احمد ميمڻ

    نظير احمد ميمڻ بابت قاضي مقصود احمد لکي ٿو ته؛ ”نظير احمد ولد ستار ڏني ميمڻ جو بنيادي تعلق مٽياري تعلقي جي ديهه ابڙيجاڻيءَ ۾ قائم ڳوٺ گل وسيءَ سان آهي، جتي پاڻ 1964ع ۾ ڄائو هو. پرائمريءَ جا پنج درجا ويجهي ڳوٺ ماڪن شاهه جي وسيءَ ۾ پڙهيائين ۽ پوءِ هارپي جي ڪم ۾ مائٽن جو هٿ ونڊائڻ لڳو. 80 واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيل بدامنيءَ ڪري 1983ع ۾ سڄي ڳوٺ لڏپلاڻ ڪري ٻيا ٿاڪ وسائڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙيءَ طرح ڳوٺ جي اڪثر آبادي مٽياريءَ جي پوليس اسٽيشن ويجهو ميمڻ ڪالوني ٻڌي اچي ويٺي. ڳوٺ ۾ سندس خاندان گهڻي قدر زراعت پيشه هو، پر شهر ۾ اچڻ بعد واپار وڙي ۾ به لڳي ويو. خود نظير احمد ۽ سندس ڪي ڀائر ٺيڪيداريءَ جي ڪم سان لاڳاپجي ويا. نظير احمد ميمڻ جو والد ستار ڏنو ولد گل محمد ميمڻ پاڻ به سگهڙ هو. هڪ لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته لوڪ ادب سان سندس دلچسپي موروثي آهي، پر هن باقاعدي لوڪ ادب تي طبع آزمائي 1993ع ۾ شروع ڪئي، جڏهن سندس واسطو يار محمد ٻگهئي سان ٿيو، جيڪو سنڌ جو مشهور سگهڙ آهي ۽ جنهن جي صحبت کيس لوڪ ادب جي صنفن تي باقاعدي طبع آزمائي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
    نظير احمد ميمڻ ميڊيا جي مختلف ذريعن، جهڙوڪ: ريڊيي، ٽي ويءَ تي پنهنجو فن پيش ڪري چڪو آهي ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ به سندس شاعري ڇپجندي رهندي آهي. پاڻ لوڪ ادب جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهڻو متحرڪ رهيو آهي. سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات قائم ڪندڙ بنيادي ماڻهن منجهان هڪ آهي. پهرين پاڻ هن تنظيم جو ضلع مٽياريءَ جو صدر هو ۽ هن وقت مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي.
    نظير احمد ميمڻ ذاتي طور تي هڪ پر خلوص سٻاجهڙو ۽ يارويس انسان آهي. جڏهن ڪجهه سال اڳ اسان سنڌي ادبي سنگت مٽياري شاخ جون باقاعدي گڏجاڻيون ڪندا هئاسين ته هو پنهنجن ساٿين مشتاق مڱرئي، محمد ابراهيم ميمڻ، ميهار لغاري، خير محمد لغاري، محمد صادق سولنگي، پير بخش چانڊئي، محمد سومار ڪنڀار، محمد اسماعيل کوسي، محمد عارب کوسي، نواز منگواڻي، سائين رکيي ماڇي، محمد حسن ٻٻر وغيره سان گڏ انهن گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندو هو ۽ انهن ۾ به پنهنجي منفرد انداز سان نروار نظر ايندو هو.
    فن جي حوالي سان کيس ڪافي ايوارڊ ۽ شيلڊون پڻ ملي چڪيون آهن. جهڙوڪ: دولهه دريا خان ايوارڊ، سگهڙ محمد امين سنياسي ايوارڊ، مٽياري مددگار فورم ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ. هن لوڪ ادب جي صفن مان خاص طور تي سينگار شاعري، ڳجهارت، نصيحت، پهاڪن وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس هڪ ڪتاب ”صدين جي سوغات“ ڇپجي چڪو آهي. هن ڏور بيتن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڌار مرتب ڪيو آهي، جيڪو پڻ جلد ئي ميدان ۾ آندو ويندو. (ڪتاب: صدين جي سوغات)

    احوال درويش ۽ ڌرتيءَ جو
    درويش:
    درويش پڇيو ڌرتيءَ کان مائي ڪر بات بيان،
    ڏٺا تو ڪي ڏيهه ۾ ساڃاهه وند سلطان،
    ڪٿي گل ڦل گلزار ۾ ڪٿي ويڙها ويران،
    ڪي ڪمزور پيدا ڪنڌيءَ ۾، ڪي جوڌا پٽ جوان،
    ڪي عاشق هئا عليل، ڪي ماڳ مٿي مستان،
    ڪن اوريو الله سين، ڪن ڌريو ئي نه ڌيان،
    ڪن جي هڪل نه هلي حجري تائين، ڪي هستيءَ ۾ حيران،
    ڪي رهزن وڏي روپ ۾، ڪي مومن مسلمان،
    ڪي مرد رهيا ماٺ ۾، ڪي شور وڏي شيطان،
    ڪي جن ديو ۽ پريون ڪي اوج وڏي انسان،
    ڪي ڪنگال رهيا ڪاڪ تي، ڪي ڌن پرور ديوان،
    ڪي ظالم ٿيا زمين تي، ڪي مسڪينن وڏا مهربان،
    هو شاهي جن جو شان، سي ڏٺا تو ڪي ڏيهه ۾؟

    ڌرتي:
    ڏٺا مون هئا ڏيهه ۾، سي ٻُڌ ٻاجهارا ٻول،
    ڪن مليو نه ماسو ملڪ ۾، ڪن تري نه سگهي تول،
    ڪي وساري رهيا، ڪن جهجها ڀريا جهول،
    ڪي منجهيل رهيا ماڳ تي، ڪي آدمي انمول،
    ڪن پروڙيو نه پرور کي، ڪي اڳڀرا اتول،
    ڪي حيران هستيءَ ۾، ڪي رليا رڳو رول،
    ڪي آڪڙ اجائيءَ ۾، ڪي ڍاري هليا ڍول،
    جي خان کوليا اٿئي خول، سي درويش ٻڌل دل سان.

    درويش:
    ٻڌاءِ درويش کي دل سان، جي رندن هئا روليا،
    سي ڪيئن گڏيا ڪاپڙي، جي ٽاڻ هئا ٽوليا،
    يا پاڻهي گڏيا پاڻ ۾، يا ڳولهه ڪنهن ڳولهيا،
    جي ٻڌل هئا ٻاڙ سان، سي خان ڪنهن کوليا،
    يا آهه اماڻي آسمان ڏي، ٻه اکر هئنئون ٻوليا،
    جي مالڪ هئا ميليا، سي ثابت ٻُڌاءِ سير سان.

    ڌرتي:
    ثابت ٻُڌ سير سان، پڪ رکي پوري،
    ٻُڌائڻ ٻول توکي آ منهنجي مجبوري،
    قادر بنايا قل سان، ڪي حاذق حضوري،
    آدم بوتو بنيو ته لڳي خامي کي خوري،
    بي ايمان ويو بهشت ۾، چپ رکي چوري ،
    چي: وڻ کائڻ اوهان لاءِ آ بيحد ضروري،
    ويا ويجهو وڻ جي، ٿيا ڪامل قصوري،
    کائڻ سان کٽا ٿيا در انهيءَ دوري،
    تڏهن پرور ڪين پوري، جڏهن ٻول پڙهيائون ٻاجهه جا.

    درويش:
    ٻول پڙهي ٻاجهه جا، سي غازي ڪيئن گڏيا،
    ويٺا هئا ويران ۾ يا ڪي آکيرا هُئائون اڏيا،
    جي ڀائر لڙيا ڀيڻ تان، سي تونگر هئا تڏيا،
    قابيل ماريو هابيل کي، جي سائينءَ آهن سڏيا،
    پوءِ جڏهن لالڻ هئا لڏيا، تنهن کان پوءِ جي سُڌ سڻاءِ،

    ڌرتي:
    جڏهن لالڻ ويا لڏي، تڏهن ڪيڏا ڪيس ٿيا،
    ويا ويري ور چڙهي، انڌا ڪيئن ابليس ٿيا،
    انڌاريءَ جو اوج ۽ ڪيئن رنگيلا ۽ رئيس ٿيا،
    مولا موڪليا نبي، شيث، ۽ ادريس ٿيا،
    پوءِ ته ملڪ ۽ ديش ٿيا، دور انهيءَ ڌرتيءَ تي.

    درويش:
    ادريس کان پوءِ ڪهڙو نبي هو آيو،
    قادر جي ڪرم سان ڪڏهن پير هو پايو،
    ماڻهو هئا ماٺ ۾، يا تر هُيئون تپايو،
    امانت ڏيندا هئا آرام سان، يا کٽل ويا کايو،
    سجدو ڪندا هئا سائينءَ کي، يا ويٺا بت بنايو،
    اگهاڙا هلندا هئا اوٽ ۾، يا پوش هُيئون پايو،
    پوءِ جو نبي هو آيو، تنهنجو نالو ٻڌاءِ نظير چئي.

    ڌرتي:
    نالو ٻُڌ نظير نبيءَ جو، نوح ٿيو نروار،
    جو واريو واءُ فضل جو، وري رب ستار،
    پوءِ به مٽيا ڪونه ملڪ مان، چغل، چور، چڪار،
    غرق رهيا گناهن ۾، ٻيو بديون بيشمار،
    ڪامل نوح ڪنڌيءَ تي طرحين ڪيا تڪرار،
    پر فرق نه پين ڦڪيءَ جو، بدليا نه بيڪار،
    حڪم آيو حاڪم جو، عاقل تي اظهار،
    ٻيڙي بناءِ ٻاجهه سان، پورو رکي پيار،
    پوءِ ته دلبر دير نه ڪئي، ترت ئي تيار،
    ٺاهي ٻيڙي ٻاجهه سان، ڪيائين آگي جو انتظار،
    آئي اوت عنبر مان، ٻيا نيئي وهيا نار،
    بچي نه ڪا بستي، نه ٻاري ئي ڪا ٻار،
    بچيا اهي باقي، جي سهڻا هئا سوار،
    باقي ٻين کي ٻوڙي خاوند ڪيو خوار،
    هر جوڙو جنس جو، دلبر کنيو هو ڌار،
    جڏهن جودي جبل تان نرمل ڪئي نهار،
    پوءِ ته لالڻ هنئي لٺ ته ڌڪجي ٿيو ڌار،
    جو واحد واپس هو سيريو هي سنسار،
    خان خبر اها ڪئي، قادر قرآن ۾ اظهار،
    ٻاجهاري هو ٻيهار، واحد وسايو ويران کي.

    درويش:
    واحد وسايو ويران کي، پوءِ وريو ڪهڙو واءُ،
    ڪم اهي ساڳيا، يا آيو ڪو سڀاءُ،
    آيو ڪو عقل وارو، دلبر ڪو داناءُ،
    نوڙي پڙهيئون نمازون، يا وري ڪيئون وڏاءُ،
    ادب اخلاق هو ڪو چڱو منجهن چاهه،
    اجها ڪهڙا انهن جا، جو پاڻهي ٺاهيائون پناهه،
    سگهي ڳالهه سڻاءِ، پوري سا پروڙ سان.

    ڌرتي:
    وقت آيو اهڙو جو پرور ڄاتو پاڻ،
    عاد انهيءَ دور جو، ثمود ٿيو ساڻ،
    طاقتور تن ۾ جوڌا ڪئي جوان،
    مضبوط قوم تن جي، جا پرور ٻڌائي پاڻ،
    جايون بنايئون جبلن ۾، ٽلي پنهنجي ٽاڻ،
    هود آيو هلي جو مولا ڪئي ڪا ماڻ،
    ڀر نه ڇڏيئون بتن جي، نه آئي مڃيئون آڻ،
    چيئون عذاب ڪندو ڇا الله جو ڀلي تون اماڻ،
    جبل چرندا جاءِ تان، ٻڌي ڪنداسون ٻاڻ،
    پوءِ ته هوا آئي اهڙي جو سوسٽ کڻي ساڻ،
    هستي نه رهي هڪڙي جو ڄٽن نه هئي ڄاڻ،
    کڙي نه رهي کاڻ، نشان ان جي نظير چئي.

    درويش:
    تنهن کان پوءِ دنيا ۾ ڪهڙا ٿيا رنگ،
    عدل انصاف هو يا ساڳيا چوريئون چنگ،
    هئي ڪا بلبل بستان ۾ يا رڙيا رڳو ڪنگ،
    ماڻهو رهيا ماٺ ۾ يا ڏوري هيئون ڏنگ،
    خوش رهيا خاڪ تي يا تن ڍڪڻ لاءِ تنگ،
    ڪي بهاريون باغ ٿيا، ڪي سونا ڄاوا سنگ،
    غافل رهيا گناهن ۾ يا آدمي اڙٻنگ،
    امن هو انهن ۾ يا رڳو جو ٽيئون جنگ،
    هئا رهبر روءِ ۾، ڪي آدمي اڙٻنگ،
    ڪا محبت اوتيئون ملڪ ۾ يا ڀورن پيتي ڀنگ،
    جيڪي نرمل آندا ننگ، سي مائي ٻڌاءِ ميمڻ کي.

    ڌرتي:
    ميمڻ ٻڌ من سان، پوءِ جا حال احوال،
    پوءِ ڪجهه عرصو امن ۾، گذريا ڪئي سال،
    ٿيو واڌارو ويڙهه ۾، ڪي اولاد عيال،
    اُٺي موڪلي آگي ته ڪريو پوري تنهن جي پال،
    کير پياريندي هئي خلق کي، لاکيڻي هئي لال،
    ڦرو ڦرندو هو هن سان ٽلي پنهنجي ٽال،
    ماري تنهنکي وڌائون، نه کوٽن ڪيو خيال،
    ڏسي حرڪت هنن جي صالح ڪيو سوال،
    ڪر تباهه تن کي جو آهن بڇڙا ٿيا بتال،
    شڪل ڦري ٿين باندر ڀولي جي مثال،
    خاوند ڇڏين کاري، بڇڙا ٿيا بيحال،
    جي سونگ ڏسي ٿو سرڪس ۾، آهي ان جو عيال،
    ميمڻ ڇڏ مستي، ڪي اڇا ڪر اعمال،
    جو اهڙا ٿيا هئا حال، ڌرتيءَ تي ان دور ۾.

    درويش:
    ڌرتي ان دور کان پوءِ ماڻهو ڪهڙي ماڳ ۾،
    ننڊ ڇڏيئون نڀاڳي، ڪي جوڌا رهيا جاڳ ۾،
    سچا رهيا سائينءَ سان يا ويريءَ ورتا واڳ ۾،
    موٽيا مالڪ ڏي يا ابليس جي آڳ ۾،
    خيال ڪيئون خشڪيءَ تي يا جهڙي پيا جهاڳ ۾،
    اعمال هئا اڇا يا ساڳيو ڀونڊو ڀاڳ ۾،
    عاقل اڪابر يا ساڳي رڍ رهي راڳ ۾،
    جي لاهوتي هئا لاڳ ۾، تن جي خبر ٻڌاءِ کولي.

    ڌرتي:
    خبر ٻڌ خاص ته به موڳن مت آئي،
    جهيڙا جنگيون ساڳيا، پاڻ ويتر وڏائي،
    ڪي بت پرست بنيا، ڪي تڙيل توائي،
    ڪامل آيو ڪنڌيءَ تي، خليل الله خدائي،
    چي برائي ڪڍو بدن مان،ڪريو ڀليل ڀلائي،
    ڀڃي بت انهن جا پوءِ سهڻل کنئي ساهي،
    مال گڏي ملڪن يا انڌن آگ لڳائي،
    باهه مان بهاريون ٿيون، چمن چمائي،
    ته به مڙيا ڪونه ميمڻ چئي آڪڙا اجائي،
    نظر گهمائي نمرود، جلدي فوج گهرائي،
    محب لاءِ مالڪ وٽان ڪا خاص مدد آئي،
    مڇر موڪليا مولي، جن ڪئي صفن صفائي،
    جن کي خودي وئي کائي، تباهه ٿيا تر انهيءَ ۾.

    درويش:
    تباهه ٿيا تر ۾، پوءِ ڪهڙا هليا اوج،
    پئي ڪر ڪافرن ۾ يا ڪا مسلمان جي موج،
    عدل انصاف هو يا فرنگين جي فوج،
    رڙ يا ڪنگ ڪنڌيءَ تي يا ڪڏي گهمي ڪوج،
    جا باريءَ وسائي بوند، سا خبر ٻڌاءِ کولي.

    ڌرتي:
    خبر خان ابراهيم جي ڌري ٻڌ ڌيان سان،
    ماني مور نه کائيندو هو، سواءِ مهمان سان،
    ٽي ڏينهن گذري ويا، ويٺو وير ارمان سان،
    پوءِ ته مولا ملائڪ موڪليا، جو جلدي مليا جوان سان،
    ڪيئي طعام تري آيو، شاهي وڏي شان سان،
    ڪئي بات بيان ملائڪن، صاحبي سلطان سان،
    موڪليا آهيون مولا جرئت وڏي جولان سان،
    تباهه ڪنداسين قوم لوط جيءَ کي، حڪم مالڪ مهربان سان،
    پوءِ روءِ نه رهي زمين تي، نام ڪنهن نشان سان،
    لالڻ بچايو لوط کي،. پنهنجي ئي امان سان،
    جي گڏيا هئا شيطان سان، سي پرور ڪيا پورا.

    درويش:
    ابراهيم عه جي ڪا سڄي ڳالهه سڻاءِ،
    مولا جي مهر سان رهيو ڪهڙي جاءِ،
    اولاد الله ڏنس ڪهڙو، ٻوڙي تون ٻڌاءِ،
    جو واحد ان وچ ۾ واريو ڪهڙو واءُ،
    ڪي پٽ ڏنا هئس پرور، اهڙا ئي داناءُ،
    هڪل هلي هين ڪو پري تائين پڙلاءُ،
    عبادت ڪيئون الله جي جانن ڪهڙي جاءِ،
    ٻڌ ميمڻ هن مسڪين کي، ڪا ڳهڻي ڳالهه سڻاءِ.

    ڌرتي:
    دعا گهريائين مالڪ کان ٻئي هٿ کڻي،
    جو آهيان پهتو پيريءَ ۾ ويا وار ڇڻي،
    وارث ڏي واحد تون، جو آ مون گهرج گهڻي،
    عطا ٿيو اسماعيل، جنهن ۾ هئي ڪا بات بڻي،
    جنهن کي ڄاتو پاڻ ڌڻي، سا خبر ٻڌائينس کولي.

    درويش:
    اسماعيل پيدا ٿيو ته وري ڪهڙي وير،
    هو سهڻو سلڇڻو يا ڪو مانجهي مير،
    خبر ٻڌاءِ کولي جا صاحبزادي جو سير،
    جا خبر ٻڌائي خان جي قادر پاڻ قدير،
    ڄمندي ڄام هو يا مرد مهمير،
    سا خبر ٻڌاءِ کولي جا پڇي ٿو نظير،
    جيڪي صبر ڪيا ڪئين سير، سي مائي ٻڌاءِ ميمڻ کي.

    ڌرتي:
    ڄمڻ کان پوءِ ابراهيم کي آگي ڪيو اشارو،
    ٻنهي ماءُ پٽ کي ڇڏي اچ جتي ڪلر آ ڪارو،
    پوءِ ته وير ويرم نه ڪئي، ڪيو توڏي کي تيارو،
    آڻي اتي ڇڏيئين، جتي ٻني نه هو ٻارو،
    نه ڳوٺ نه شهر، بس هڪڙو هو چارو،
    پياس لڳي پرينءَ کي ته بيبي ڏٺو نظارو،
    ڊوڙون پاتيون هُيئين ڳل ڏئي ڳارو،
    کڙيون هنيون خان ته نيئي وهيو نارو،
    پوءِ ته ٻنو ٻڌي ٻاجهه سان بيبيءَ هو بيهاريو،
    نه ڪڙو آ نه ڪسارو، نه بلڪل هو کارو،
    جو زم زم ٻڌو ٿئي ذهن سان، سوئي آ سارو،
    پاڻي ڏئي پاڻ، ٻڌايئون شهر موچارو،
    جو مڪو سڏجي ملڪ ۾، ڄاڻي جڳ سارو،
    پوءِ ته وري ابراهيم تي، آگي ڍاريو ڪو ڍارو،
    ڪر قرباني ڪامل جي، جو آ جان کان پيارو،
    چٽ پٽ کي ته ڪندس قربان توکي جو آگي جو آرو،
    پٽ چيو پيءُ کي ته پوءِ ڇا جو مونجهارو،
    دير نه ڪر داناءَ، ويرڪر وارو،
    پوءِ ته پيءُ ڪهڻ لاءِ، پٽ ڪسڻ لاءِ تيارو،
    شيطان ڪيترا شڪ ڏيکاريا، پر چليس نه چارو،
    قادر پنهنجيءَ قدرت سان، ڪيو سهڻو سوڀارو،
    جو منڪر هو مارو، سو سڙي ويو سور ۾.

    درويش:
    سڙي ويو سور ۾، پوءِ ڪهڙا گهڙيئين گهٽ،
    ماڻهو ڦاسائي مڪر ۾، ڪهڙا وڌئين ڪٽ،
    ڪهڙا ماڻهو ماڳ تي، ڪهڙا پڙيون پٽ،
    آئي سمجهه سڀن ۾، يا ويريءَ وڌا وٽ،
    ڪي آيون آباديون انهن ۾ يا رڳو لوڙ ۽ لٽ،
    هيون چاڏيون چاهه جون، يا موڙهن ڀڳا مٽ،
    بازاريون براين سان، يا هڙن ڀريا هٽ،
    جي خان ويٺا هئا کٽ، سي مائي ٻڌاءِ ميمڻ کي.

    ڌرتي:
    ميمڻ ٻڌ من سان، ابراهيم مان ٿيو اسحاق،
    اسرائيل قوم ان مان هلي، جنهن جي وڏي هاڪ،
    يعقوب پٽ اسحاق جو، مرد بلڪل بيباڪ،
    ٻارنهن پٽ ٻهڳڻ کي ڏنا پرور ڌڻيءَ پاڪ،
    ڄائو يوسف يار کي، ته ٻهڪي پئي اوطاق،
    خار لڳو خانن کي، جهوري وڌن جهاڪ،
    خان کي اڇلي کوهه ۾، ڪري دانهون آيا دمناڪ،
    بگهڙ کائي ويس بابا، ڏس جنهن جي آ پوشاڪ،
    قسم کڻي ڪيڏا ڏنئون، سهڻل کي ساک،
    ڪو قافلو آيو ڪنعان ڏي، جن ڍاري هئي ڍاڪ،
    ڀلو آيو بازار ۾ ته لڳا وير تي ڪي واڪ،
    سودو ٿيو صاحب جو، چري پيا هئا چاڪ،
    مرد آيو محل ۾، ڄڻ پئي ڪڪڙ تي ماڪ،
    زليخا ڦاسايو هو ڦند ۾، تاڙيو بندي تاڪ،
    پوءِ هلي هئي هاڪ، مرد ان جي مصر ۾.

    درويش:
    مرد ان جو مصر ۾ هو وريو ڪو وارو،
    ڏينهن گذريا ڏکن ۾ يا ڍريو ڪو ڍارو،
    پاسو وتو ڪنهن پنهل جو يا ملڪ ٿيو مارو،
    قصو ٻڌاءِ سارو، مرد جو ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    قصو ٻڌ ڪامل جو ، ويڙهو ئي ٿيو ويري،
    عورت چيو عزيز کي، مون ۾ اک وڌئين ميري،
    عزت وئي هئي هٿن مان، جا گولي هئي گهيري،
    ڀڄي نڪتيس بند مان، خفا ٿيس کيري،
    عزيز پڇيو عاقل کان، آهي ڪا شاهدي تيري،
    جانب نهاريو جهوليءَ ڏي، منهنجو پنهل آ پيري،
    ٻن مهينن جي ٻار جا چهنب هئي چوري،
    ٻول ٻُڌي ٻالڪ جا، جي گهور هئي گهيري،
    تنهن تائين ڦٽي هيس ڦيري، پوءِ جانب موڪليئون جيل ۾.

    درويش:
    جانب ويو جيل ۾، رهيو ڪيترا ڏينهن،
    باري انهيءَ بند مان، ڪامل نڪتو ڪيئن،
    اجهو بنائي آگي، ڪهڙو مولا وسايو مينهن،
    خفا ٿيو هو خان يا نرمل لڳايو نينهن،
    اهو ٻڌاءِ تيئن، جيئن جانب نڪتو جيل مان.

    ڌرتي:
    جانيءَ جو جيل مان، باريءَ بنايو بهانو،
    ڪنهن قيديءَ ڌٺو ڪو خواب ۾ خاصو خزانو،
    ٻين قيدين تنهن کي تڙي ڏنو طعنو،
    يار يوسف تنهن کان پڇيو ڳل ڏئي ڳانو،
    ڀائو آهين بند ۾، ڇو بلڪل بيگانو،
    چي: ڏٺم خواب هن کوليءَ ۾، جنهن ڪيو ديوانو،
    يوسف چيو يار کي، ماڳهين نه ٿيءُ مستانو،
    تون ڇٽي جيل مان، پياريندين پيمانو،
    سو ڇٽي ويندين جيل مان، تازو توانو،
    وساري ڇڏيئين وير کي، خاصو ڏسي خانو،
    وريو واءُ واحد جنهن آ جوڙيو هيءُ جهانو،
    پوءِ ته مولا بنايس مصر جو، هو اهو بلڪل بيانو،
    اهو تحمل ۽ ترانو، جو قادر ٻڌايو قرآن ۾.

    درويش:
    يوسف کان پوءِ زمين تي ڪهڙا دور هليا،
    ڪنگ رڙيا ڪنڌيءَ تي يا ڪي مانجهي مور هليا،
    ڪي داناءَ آيا ڌرتيءَ تي يا ساڳيا شور هليا،
    ڪي عاقل ٿيا، انهن ۾ يا رڳو چغل خور هليا،
    ڪي موڳا بنيا ملڪ ۾ ڪي ڏاهن جا ڏور هليا،
    جي ڌرتيءَ تي دور هليا، سي مائي ٻڌاءِ ميمڻ کي.

    ڌرتي:
    پوءِ ڪجهه وقت ڪنڌيءَ تي، نبي آيو ڪونه،
    ڪپتين جي قوم مان، بادشاهه بنيو فرعون،
    خدا سڏايائين خلق ۾، ڏٺئين چاندي ۽ سون،
    ظالم جي ظلم کان، چوري ڪنهن چُون نه،
    دٻدٻو تنهن دَلي جو، ڀري هئي ڪا ڀو نه،
    نه ڪمي هئي مال ۾، نه اندر ۾ ڪا اون،
    نه بيماري بدن ۾، نه سُري ڪڏهن جونءِ نه،
    نجومي آيا نياپي تي، گهڙيا سڀئي گهونَ،
    ايندو قوم اسرائيل مان، ترت ويندئن تون،
    پوءِ ته ڪافر مڙيو ڪونه، ڪُهائين قوم اسرائيل جي.

    درويش:
    مائي ان مڪار جي ساري ڳالهه سڻاءِ،
    ڪهڙا ڪرٽ قوم ۾ ويريءَ هئا وِڌاءِ،
    ٻار بچيو ڪو ٻيڙي يا سٽي ڪڍيئين ساهه،
    ادب هئس اکين ۾، ڪو حراميءَ حياءُ،
    ڪِريس ڪوٽ ڪنڌ تي، آيس ڪو ايذاءُ،
    ٿيو ڪرم قوم تي، وريو ڪهڙو واءُ،
    جو دلبر هو داناءُ، تنهنجو نالو ٻڌاءِ نظير چئي.

    ڌرتي:
    ڪافر انهيءَ ڪنڌيءَ تي، مسڪين ڇڏيا ماري،
    ڪلڙا تنهن قوم جا، ڪُهايئين جي ڪاري،
    نه حمل بچيو هاڙي ۾، جو اکر اچاري،
    پر سيڪ نه ايندو ان سر کي،جو آگو اتاري،
    ڄائو موسى ماءُ کي، ڏس پرور ٿو پاري،
    آيا جاسوس جاءِ ۾، ڳولا ڪيئون ڳاري،
    آئي مت ماءُ کي، ڇڏيو پيتيءَ ۾ تاري،
    نرمل نيل مان، جنهن کي طالب آيو تاري،
    مٽي ان محل وٽان، جت نار ڏٺو نهاري،
    ڪيائين سڏ ساهيڙين کي، اها ثابت ڪڍو ساري،
    پوءِ وير اتي وهاري، ڪيئون شادمانا شور سان.

    درويش:
    پوءِ ان ٻالڪ تي وري ڪهڙي وٺ،
    جانب ويٺو جهولن، هو ٺاهوڪو ٺٺ،
    اڪيلو رهيو انهن ۾ يا پرور ڀري پٺ،
    ڦيرو ڏئي فرعون سان، ڪئي جانب ڪهڙي جٺ،
    جا مير ڀري هئي مٺ، سا مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ مهل انهيءَ شيطان لڳو شڪ،
    بلڪل انهيءَ بيبيءَ سان بري ڪئي بڪ،
    جو وجهي هٿ وارن ۾ ڇڪي ڏني ڇڪ،
    ٻالڪ اهو ئي آ، مون جا پوري آهي پڪ،
    بيبيءَ چيو بيهودي کي تو سهڻا آ سڪ،
    موسى کي مارڻ لاءِ وڌائي هُيئين وک،
    منڪر ٿيو ماٺو، آسيا جي تاب ڏسي تک،
    پوءِ پياري پرينءَ کي پڪ، نپايئين ناز مان.

    درويش:
    نپايو هئن ناز مان سا سڌ ڏي ساري،
    ڪيائن پيار پنهل سان يا کوٽو ٿيو خاري،
    دوس ڏنئن دل سان يا اندر ۾ آري،
    بيوس اڳيان بي بيءَ جي چليس نه چاري،
    بنهه ان بدمعاش کان ڪيئن بچايو باري،
    جا گهوٽ پئي گهاري، سو گس ٻڌاءِ گلاڻي چئي.

    ڌرتي:
    گلاڻي ٻڌ ڪنهن گهٽيءَ ۾، ڪو ڪامل ڪپتي هو ماريو،
    خون تنهن کوٽي جو، هو هٽن تي هاريو،
    جانب انهيءَ جوءِ کي، وير نه وساريو،
    آڻي ڪنهن اوٽ هيٺ واحد وهاريو،
    مهل ان ميمڻ چئي هو بک بيزاريو،
    اکيون کڻي آسمان ڏي هو نرمل نهاريو،
    ڏٺو ولر وير جو، دخترن هو ڌاريو،
    اڃارو ڏسي انهن کي، هو پاڻي پياريو ،
    پوءِ ته ڪو وقت ڪمي ٿي، چاهه مان چاريو،
    ڪيو قول شعيب پرين سو هئائين پاريو،
    ڏنئن نياڻي نرمل کي جو اکر اچاريو،
    وٺي بي بي بر ۾ اچي وير وهاريو،
    ٿي سنڀال صاحبزادي کي چئي باهه ڪا ٻاريو،
    نه اجهو نه اوٽ رڻ پٽ هو سارو،
    آيو آواز عنبر مان بيبيءَ وساريو،
    آئون مالڪ آن تنهنجو جنهن جڳ آجياريو،
    اتئين واڳ واريو، ميمڻ چئي مصر ڏي.

    درويش:
    مائي پوءِ مصر ۾ ڪيائين ڪهڙو ڪم،
    ڏٺئين عذاب اکين سان يا باري رکيو ڀرم،
    ٻڌي نصيحت نرمل جي ڪو شيطان آيو شرم،
    شيطان ان کي ڇا ڪندو، جنهن تي قادر ڪر ي ڪرم،
    جي اکر چيئي اتم، سي مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    حڪم ٻڌي حاڪم جو ڪامل دير ڪئي ڪانه،
    آيو در دلي جي شاهي وڏي شان،
    آ نبي بنايو نظير چئي آڻ تون ايمان،
    آڻ ايمان ان تي جنهن بنايو آسمان،
    ٻڌل ٻول ٻهڳڻ جا جلي ويس جان،
    حڪم ڪيائين حويليءَ ۾ گهرايو هامان،
    محل بناءِ مولا ڌري ٻڌ ڌيان،
    مولا ڏسان موسى جو آ مٿي آسمان،
    ڪيئين ڪٺ ڪست مان طبوع طولان،
    پيو ڪڍ ڪامل جي شور ڪري شيطان ،
    حبيب هليو هارون وٺي خيال رکي خان،
    آيو نديءَ نيل تي صاحب کڻي سامان،
    نه ٻيڙي هئي ٻيٽ تي، نه رستي جو ڪو نام نشان،
    لالڻ ڇڏيولٺ کي، ته جر رهي نه جان،
    جهاڳي نڪتا جهاڳ مان، محب آيو ميدان،
    پوءِ ته رازق روزي موڪلي جا ڪمي هئي ڪانه،
    من صلوا موڪليو جو ڌري ٻڌ ڌيان،
    حاڪم حڪم ڪيو، بچائي نه رکو بنهه داتا جو هي دان،
    ته به مڙيا ڪونه ميمڻ چئي ڪري ذخيري جو زيان،
    پوءِ باريءَ بند ڪيو جو هڙئي ٿيا حيران،
    تهان پوءِ جوان، ٿي کيتي شروع خلق ۾.

    درويش:
    کيتي شروع ۾ خلق ڪيئون ڪهڙا ڪم،
    رهيو امن انهن ۾ يا بولاٽيون ۽ بم،
    خوشيون آيون خشڪيءَ تي ڪي گوندر ۽ غم ،
    عقل جو ڪو اوج هو يا وري ٿين وهم،
    انڌاريءَ جو اوج هليو يا شاهي ٻري شم،
    جيڪي ڌرتيءَ تي دم، سي مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ پوءِ ملڪ ۾، مليو ڪو ميٺاس،
    دائود ان دور ۾ رهبر ڪيو راس،
    زبور ڏنئين زاهد کي اهڙو ئي اڀياس،
    ٻڌڻ ٻول ٻهڻ جا پي پکن لڳي پياس،
    آواز اهڙو الله ڪيو لهيو اندر جي وئي آس،
    خاوند خاص رکي هئي چڱي منجهس چاس،
    خوشبوءِ ان خان جي هلئي ورهن تائين واس،
    لهي غم ويا گوهر جا هئي اندر ۾ اداس،
    جي الله پڄائي آس، نظير تنهن نبيءَ جي.

    درويش:
    نبي ان جو نظير چئي، هو نرالو ڪو ناز،
    خوبي تنهن خان ۾ يا رکيل منجهس راز،
    سهي ٻڌاءِ سهڻل کي، جو محبت جو هيس مجاز،
    جا طاقت ملي تهمور کي، تنهن عاقل جو انداز،
    جي صاحب بخشيا ساز، سي مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ تنهن محب جو، مولا ڪيو مان،
    نالو تنهن نبيءَ جو، سورهيه سليمان،
    حڪم هلندو هيس هوا تي، ٻيا جن ۽ انسان،
    ديو به دلبر اڳيان، عاجزي مڃي آن،
    ڪيئين عرض الله کي، کڻي هٿ آسمان،
    مخلوق کارايان مولا تنهنجي، ڪري جو مهمان،
    ديڳين جا دور هلايا صاحبِ سلطان،
    لاکون ديڳيون لولاڪ لئه، جلدي رکايون جوان،
    مڇيءَ هڪڙي منٿ ڪئي، محبت مهربان،
    بک اٿم بيزاريو، جو ڪجهه کاڌو اٿم ڪانه،
    اجازت ڏني عجيب جنهن کي شاهي وڏي شان،
    کائي ڀلي خوش ٿيءُ، جي ٿئي دل گهريا دان،
    هڙ ئي خوراڪ کائي وئي، جي ڀريل هئا دالان،
    چئي اڃا ڪي اٿئي، ڪر انڌيءَ تي احسان،
    پيو نه اٿم پيٽ ۾، نرمل ڪوئي نان،
    اڄ بک ماريو ٿئي بادشاهه، اٿم اهو ارمان،
    مولا کارائيندو آ ماڳ تي، ڍءُ برابر ڍان،
    پوءِ ته صاحب ڪريو سجدي ۾، جي مان هيس نادان،
    رزق ڏيڻ جي رازق، تو وٽ ڪمي آ ڪانه،
    مان بندو ٿي بيهندس داتا ٿي دربان،
    اها بات اهو بيان، قادر ٻڌايو قرآن ۾.

    درويش:
    تهان پوءِ نبيءَ جي، هلي هئي هاڪ،
    وسي هئي ان ويڙهي، محبت جي ڪا ماڪ،
    پيدا ڪيا پيارا ڪي پرور ڌڻيءَ پاڪ،
    هئي محبت ملڪ ۾ ٿوري گهڻي ٿاڪ،
    نه ڪي نڀاڳ هو نظير چئي، چوريا جنهن چاڪ،
    جنهن وير ورتي واڳ، سا مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ ان دور کان پوءِ آيو جو ايوب،
    قصو تنهن ڪامل جو خاوند ڪيو خوب،
    عدل انصاف صبر شڪر جو مثال مليو نه ڪوبه،
    اولهه گهم يا اوڀر، اتر يا جنوب،
    بادشاهه مان بيمار بنيو، محب جو محبوب،
    دور ڀلو دلبر جو، گذري ٿيو غروب،
    پوءِ مالڪ موٽائي ڏنس سڀ سروب،
    جو محب جو منسوب، سو قادر ٻڌايو قرآن ۾.

    درويش:
    تهان پوءِ ڌرتيءَ تي ڪهڙو دور هليو،
    ريت تنهن راهه جو ڪهڙو دڳ جهليو،
    آيو عقل انهن ۾ ساڳيو سور سليو،
    هو دور دهشت يا هُئئون پاڻ پليو،
    جو چاهه ۾ چليو، سو مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ پوءِ ملڪ ۾ يونس نبي ٿيو نروار،
    جا قوم صدوم جي نه ڪيو ڪو اعتبار،
    ڀلو انهن ڀولن کان ڀڄي ٿيو بيزار،
    نڪري آيو نظير جي درياءَ جي ڪنار،
    ٻيڙي ڏٺئين ٻاڙ تي، سهڻو ٿيو سوار،
    وزن ويو وڌي، ناڪي ڪئي نهار،
    آيو ڪُڻو ڪامل تي، ٿي دلبر تي ڌڪار،
    اڇليئون عجيب کي پاڻيءَ جي پاتار،
    مڇ ويٺو ماڪ تي ڪو ڪيو انتظار،
    ويو ڳهي وير کي، کاڻو وجهي کار،
    ڏسي پيٽ ۾ پاڻ کي، جا صاحب ڪئي سار،
    دعا پڙهيئين دل سان، عجيب منجهه انڌار،
    مڇ اڳاڙي مير کي ڌڪي ڪيو ڌار،
    تهان پوءِ ٻيهار، محب آيو ملڪ ۾.

    درويش:
    تنهان پوءِ ڌرتيءَ تي هليو ڪهڙو دور،
    آڻي ايمان الله تي، غارن ڪيو غور،
    نظر نه هو نظير چئي، نڀاڳو ڪو نور،
    جي هو ڪو ان هاڙي ۾، سانڊو يا ڪو سور،
    تڪي ڪري تور، ٻڌاءِ ٻول سڀ سچا.

    ڌرتي:
    ٻڌ ٻول سچا، جي ٻڌايان تن جا پار،
    دقيانوس تنهن دور ۾ هو بلڪل بيڪار،
    غلام بنائي غريبن کي، ڏيندو هو آزار،
    هڪ ڪتو منجهن، ٻيا چڱا هئا چار،
    سي ظالم جي ظلم کان نڪري ٿيا نروار،
    جهاتي پائي جبل ۾، غازي گهڙيا غار،
    ستا سي سوڙهي ۾ جا سامن نه ٿي سار،
    اٿي جو اوچتي نرملن ڪئي نهار،
    پڇيئون پاڻ ۾ هوند ٿيا پهر ٻه چار،
    پوءِ ته هڪڙو بار وٺڻ ويو بازار،
    سامان وٺي صاحب دلبر ڏنا جي دينار،
    دينار ڏسي دهلي پيو دڪاندار،
    چئي ڪوڙا هن ڪنهن وقت جا، ڪانهي ڪا درڪار،
    وٺي آيا وير کي، جو سڀن جو سردار،
    پڇيو تن پياري کان، تون ڪٿا آئين يار،
    چئي ڪالهه نڪتاسون ڪوٽ مان، باري کڻي بار،
    پوءِ ته تاريخدان آيا تر جا، جن وهي ڪيا ويچار،
    چيئون سڪا آهن سالن جا، صديون گذريون چار،
    هيءُ ڪوڙ ڳالهائي پيو مٺي ڪڍو مار،
    جي سچو آهين سي ساٿي سڀ ڏيکار،
    پوءِ ته گهلي آندو ان تي هو جتي آدمن انتظار،
    اندر گهڙيو اڳيان سڀ جي ته داتا ڪئي ديوار،
    رستو نه مليو جي حيلا ڪيئون هزار،
    جو صاحب رهيا سهي ۾ ڇڏي سڀ ڪار،
    ميمڻ اهي سڀ آچار، قادر ٻڌايا قرآن ۾.

    درويش:
    مائي پوءِ ملڪ ۾ آيو ڪو نبي،
    چڱيون ڳالهيون چاهه، ڪو منجهس راز ربي،
    ڪهاڻي تنهن قاصد جي، ڪهڙي جي ڪبي،
    ساري ڳالهه سڀي، من سان ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ ٻڌائيانءِ من سان، خاصي جي خبر،
    قادر بنايو ڪرم سان، بادشاهه سڪندر،
    ڪرنين لقب تنهنجو، ظاهر ڪن ذڪر،
    بادشاهي روءِ زمين ملي، جنهن مذڪر،
    چڱو هليو چين ڏي، ٿيو غازيءَ جو گذر،
    ڏٺئين تنهن ڏيهه ۾ ڏاڍو هو ڏڪر،
    کاڻن کٽائي ڇڏيو، کپائي سو تر،
    وير ڪيو ويچار، چڱو ڏئي چڪر،
    ياجوج ماجوج هن منهن وڏا منڪر،
    ڀت بنائي ڀلي پاڻ وهائي پگهر،
    قائم هوندي قيامت تائين نظير ڪر نظر،
    ميمڻ سان مگر، ٽٽندي ڪنهن ٽيم تي.

    درويش:
    ڌرتيءَ تي ان دور کان، پوءِ رهيا ڪهڙا راز،
    آئي مت ماڻهن ۾، جي مڙيا يا ڪي مجاز،
    ڪهڙي اوج ڪنڌيءَ تي، يا ڀڙڪيا هئا باز،
    پئي ڪوڪ ڪن تي، آيو انڌن ڪو آواز،
    جيڪي سري وڄيا ساز، سي مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ پوءِ ملڪ ۾، آيو جو ذڪريا،
    پٽ تنهن پيغمبر کي، ياد بخشيو يحى،
    ٻئي پٽ پيءُ ٻرو جي پلهه جي پيا،
    هڪڙو چاڙهي آري تي، ٻئي قتل هيئون ڪيا،
    جي نرمل هئا نيا، سي قادر ٻڌايا قرآن ۾.

    درويش:
    تهان پوءِ ڌرتيءَ تي رهيو ڪهڙو روح،
    آئي ڪهڙي عنبر مان، خاوند کان خوشبوءِ،
    نڪري وئي نظير چئي، بدڪاريءَ جي بوءِ،
    جا صاحب بخشي سوءِ، سا مائي ٻڌاءِ ميمڻ کي.

    ڌرتي:
    ميمڻ ان ملڪ ۾ آئي جا عورت،
    نڪري آئي ناکي ۾ تڙ ڪري ترت،
    ڏسي سامهون نر ڪو، آئي نماڻي نفرت،
    چي: پري ٿيءُ پاڪ کان، جو جن آهين يا ڀوت،
    چوڻ بيبيءَ سان سر ڪيو ڪين سوت،
    چئي: ڊڄ نه تون ڊاءِ کان، مان آهيان ملوڪ،
    آگي جي آرڊر سان ٿيندو توکي پيٽ،
    ڪيئن ٿيندو ڪامل، مون نه ڪئي ڪا صحبت،
    بس ائين ئي ٿيندو الله جي حڪمت،
    ٿيو پيٽ پڌرو، هلي نحوست،
    چوڌاري ٿي وئي ڪا ويچاريءَ تي وٺ،
    نڪري آئي نظير چئي، ڇڏي رشتا رت،
    پٽ ڄائو پياريءَ کي، آئي اندر کي آٿت،
    جنهن جي پرور رکي پت، تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو.

    درويش:
    پٽ ڄائو پياريءَ کي، وري ڪهڙي وير،
    ٻڌاءِ تون ٻاجهه سان، صبر ان جا سير،
    سٺا ڪي صبر سان، مانجهي انهيءَ مير،
    سا مائيءَ ٻڌاءِ ميمڻ کي، جا اندر ۾ اڪير،
    کنڊون گڏي کير، محب پيتا ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    قصو تنهن ڪامل جو، پرور ٻڌايو پاڻ،
    حاڪم آيو هلي امڙ وٺي ساڻ،
    ڏسي تن کي ڏيهه وارن، مچائي مچاڻ،
    چيئون پيءُ تنهنجو ڪهڙو، تون کوٽي نڪتي کاڻ،
    اشارو ڪيو امڙ، پڇو اوهان ان کان پاڻ،
    ٻوليو اهو ٻالڪ جو ڄٽن نه هئي ڄاڻ،
    پيغمبر آيس پرور کان، اها سهي مون آ سڃاڻ،
    انجيل مليو الله کان، اوهان ڀولا نه ٿيو ڀاڻ،
    پوءِ ته جلي ويا جان ۾، واڻيئون ڪافي واڻ ،
    خالق کڻي ويو خان کي، اهي اهو ئي اهڃاڻ،
    جنهن سان سائين هجي ساڻ، تئه نه لڳي تن کي.

    درويش:
    تهان پوءِ ڌرتيءَ تي مچيا ڪهڙا مچ،
    هلي ڪسوٽي ڪوڙ جي، يا ثابت رهيا سچ،
    هو ملڪ ماٺ ۾ يا کوٽن لائي خچ،
    آيو امن انهن ۾ يا ڀورن وڌي بچ،
    جنهن رهبر جي ٿي رچ، سا مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ پوءِ ملڪ ۾ وري ڌري آيا ڪئين دليل،
    قادر جي ڪعبي کي ڦري آيو فيل،
    اٺيون پڪڙي عبدالمطلب جون، انڌو ٿيو عليل،
    ڪهي آيو ڪافر وٽ البيلو اصيل،
    ڪافر پڇيو ڪامل کان، ڪيئن آئين تون عقيل،
    مال ڪاهي آئين منهنجو،جن ڪئي ڪانهي ڀيل،
    ڪافر ڪن کڙا ڪري سمجهيو منٿ ڪندو ميل،
    چئي اهو ڪم آ قادر جو، آجهانن جليل،
    اٺ موٽاءِ منهنجا، آهي نه ڪنهن جي عيل،
    باقي قريب نه وڃ ڪعبي جي، ڀورا نه ٿيءُ ڀليل،
    ته به مڙيو ڪونه، منڪر دڙي ٿيو ڊول،
    ابابيلن ان کان صفا ڪئي سبيل،
    تاڻي تن جو تيل، نڪتو هو نظير چئي.

    درويش:
    مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي پوءِ جا حال احوال،
    محب آيو ملڪ ۾، ڪهڙا ڀلا ٿيا هئا ڀال،
    اچي عجيب اڱڻ تي، خان ڀريا خال،
    اچڻ سان ان جي ويا مٽجي وبال،
    جيڪي جر وهيا هئا جال، سا مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ پوءِ ملڪ ۾ آيو آخر زمان،
    ٿيو هن ملڪ تي مالڪ مهربان،
    ٿي ولادت وير جي، جرڪي پيو جهان،
    آيون دايون ديس جون، گوڙ ڪري گهمسان،
    ڀلا گڏهه جن هئا پاليل پهلوان،
    هڪڙي دائي حليمان پهچي سگهي ڪانه،
    ٿڪل سواريءَ تي جڏهن آئي هئي دربان،
    چئي: ٻالڪ رهيو آمنه جو غريب ڪر گذران،
    پوءِ ته خان کڻي خچر تي، نه ٿي پوڙهي پشيمان،
    خچر ڏسي خان کي جلدي ٿيو جوان،
    ههڙي سواري حليمان ڪڏهن هلي ڪانه،
    پهرين پهتي سڀ کان ڇڏي ماڳ مڪان،
    سڪا دوش تنهن ۾ ان کلي پيا خزان،
    اهو مولا ڪيو مان، نظير نانءُ نرمل جو.

    درويش:
    پوءِ دائيءَ وٽ دلبر جي ٿي سنڀال،
    گذارو تنهن غريب وٽ، نه مڏيون هئا مال،
    رهبر رهيو تنهن وٽ، ڪامل ڪيترا سال،
    دائي وٽ دلبر لاءِ ڪهڙي ڀلايو ڀال،
    جيڪي محب مليا مال، سي مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ ٻڌ من سان، پوءِ جا وير واري،
    ڪجهه مهينا گذريا، ٿي امڙ الله کي پياري،
    پوءِ ڏاڏي انهيءَ ڏيهه ۾، پرت پچاري،
    نپايئينس ناز مان ڳل ڏئي ڳاري،
    ٻه سال ٻهڳڻ سان گڏ گذاري،
    ڇڏيو ڏيهه ڏاڏي، ڏئي بيشڪ ويو باري،
    نپائڻ لاءِ نظير چئي، نه نر رهيو نه ناري،
    پوءِ چاچي ابوطالب وک هئي واري،
    گوهر تنهن گهوٽ هئي، چاهه مان چاري،
    جانب پهتو جوانيءَ کي، جنهن جي محبت موچاري،
    مالڪ لاءِ محب هئي، ميس سڀئي ماري،
    ادب ۽ اخلاق جي سڀن پرت پچاري،
    هاڪ سڄي هاڙي ۾، جام هئي جاري،
    جا گهوٽ گهڙي گهاري، سا سُڌ ٻُڌج سيگهه ۾.

    درويش:
    جوانيءَ ۾ جانب هئي ڪا هاڪ هلي،
    جاني گهميو جوءِ ۾، ڪهڙي راهه رلي،
    سا سُڌ ٻُڌاءِ ساري جا جانب جهاڳ جهلي،
    جا منزل ملي، سا نار ٻڌاءِ نظير چئي.

    ڌرتي:
    نظير جڏهن نالو نبيءَ جو ٿيو نروار،
    امين سڏيندا هئا احمد کي، پيهي ڪيئون پيار،
    خديجه جو ان خلق ۾ هو وڻج واپار،
    امير بنائي عربيءَ کي ڪيئين سڀن جو سردار،
    وڳ وٺي وير، هليو محب مٺو منٺار،
    ويڙهه ڪڙيءَ واٽ تي، عجب ٿيو اسرار،
    ڏاچيون انهيءَ ڏيهه جون، بلڪل هيون بيمار،
    ابتيون آيون عربيءَ ڏي، جي ڌڪيون نه ڪنهن ڌنار،
    هٿڙو گهمائي حبيب پرينءَ ڪيو پيار،
    انهيءَ ويل اٺن کي، لٿو اندر جو آزار،
    طاقت ڏسي تونگر جي، ويا غم غبار،
    اهڙا ئي آچار، ٿيا مهل انهيءَ ميمڻ چئي.

    درويش:
    ان کانپوءِ عجيب جا هليا ڪهڙا حال،
    واپار مان وير کي، مليا ڪهڙا مال،
    خديجه تنهن خان جي ڪهڙي ڪئي سنڀال،
    اهي سڀئي سال، مائي ٻڌاءِ ميمڻ چئي.

    ڌرتي:
    ميمڻ پوءِ محبوب جي هلي وئي هاڪ،
    بيبيءَ جا ڀلي لاءِ چُري پيا هئا چاڪ،
    موهي وڌو هيس ميمڻ چئي، عاقل جي اخلاق،
    چيئينس چاهه منجهان وڏي ساري واڪ،
    پوءِ ته شادي ٿي شان سان، پنهل پهري جا پوشاڪ،


    21) رحيم بخش ڏهوٽ

    رحيم بخش به هڪ مڃيل سُگهڙ آهي. ساڻس منهنجون ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن. هُن جو والد صاحب ڌڻي بخش ڏهوٽ به ناميارن سگهڙن منجهان آهي. هو ڳجهارت ۽ ڏور بيت جو ماهر سگهڙ آهي. رحيم بخش کي سگهڙائپ جي ڏات ورثي ۾ ملي. رحيم بخش وٽ سنڌي ٻوليءَ جو ذخيرو ته آهي ئي پر بيت پڙهڻ جو انداز به ڏاڍو نرالو اٿس.
    پاڻ 29-02-1969ع تي ڳوٺ گهوگهاري تعلقي قمبر علي خان ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو. هُن ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ شاعري شروع ڪئي. هُن اڄ تائين جيترو لکيو آهي، ان بابت سندس چوڻ آهي ته ”اٽڪل ڇهه ست ڪتاب ٿي ويندا انهن مان هڪ ڪتاب چونڊي ڇپرائڻ لاءِ تيار ڪيو آهي، جيڪو سُتت ئي ڇپجي ويندو.“
    هو سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي به فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. سندس پهريون پروگرام پاڪستان ٽيليويزن تي 1984ع ۾ ٿيو. ان کان پوءِ 1985ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پنهنجو فن پيش ڪيائين.
    هن فن جي تربيت پنهنجي والد صاحب کانسواءِ نالي واري سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کان پڻ ورتي. سندس پيءُ ڌڻي بخش ڏهوٽ پنهنجيءَ اوطاق تي ڪچهريون ڪرائيندو آهي، جتي سنڌ جا ڀلوڙ سگهڙ اچي گڏ ٿيندا آهن. انهن ڪچهرين به رحيم بخش جي وڏي تربيت ڪئي. پنهنجيءَ محنت ۽ والد صاحب جي دعائن سان وڏو نالو ڪڍيو اٿائين کيس مڃتا ۾ مختلف ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو ؛
    1. تنظيم فڪر و نظر سنڌ پاران پاڪستان جي صدر هٿان شيلڊ 1986ع
    2. پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ايوارڊ
    3. قلندر لعل شهباز ايوارڊ
    4. ٻيڙو فقير ڪنڀار ايوارڊ
    5. استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ
    6. سهڻي ميهار ايوارڊ

    رحيم بخش ڏهوٽ جي ڏات مان چونڊ هيٺ ڏجي ٿي؛

    ٻاونجاهه سنڌي زيورن جا نالا
    وينڊا وزندار، سدا ڪن سهاڳڻيون
    نٿ، دهري، نصبيون، جهومڪ جلويدار
    بئنسر، چوڙو، بوليون، روپيون رائيدار
    ڪنگڻ، ڪڙيون، ڇلڙا ڪڙيون ڪڙڪي دار
    واليون، پنڙا ڪيوٽيون، ٻانهين ٻهڪيدار
    ڪٺ ماليون، ڪيوٽيون، چوڏس چندن هار
    مرڪيون، لونگ، مڱريون، نوراها نروار
    هئي جتي هيڪا ندي، پازيبن پچار
    سُرَن من سوگهو ڪيو، چاڙهي کيپ خمار
    ور ڏيئي واڳيا مٿان، گيسو گهنڊيدار
    لڪ چوري مون سان ڪيا، ڪي ايرينگن اظهار
    حُورن کي هٿن ۾ هيون، منڊيون مزيدار
    ڪري گهمن پيون ڪامڻيون، کينون خوشبو دار
    واسيو وجود کي، مرو اي مهڪار
    کير منڊن کيڪار، ڪئي اسان کي ڪاڄ ۾

    ڏهس جو بيت ڏهه نالا سج جا
    صورت پاڪ سڄڻ جي، ڪيو ديو مٿان داءُ
    مرڪڻ ساڻ محبوب جي، سن سڪي ويو ساءُ
    سورج سائين سردار کان، ڪري بادل منجهه بچاءُ
    شمس گهڻو ششدر ٿيو، تجلو نه آڻي تاءُ
    خُديءَ ساڻ خُرشيد تون، اڀري مٿي نه آءُ
    لڪوارن عجيب کان، ڏهوٽ ڪري ڏهڪاءُ
    سامهون سج سختيءَ سان، روش ڪري رانڀاءُ
    مٿان پاڪ محبوب جي، نه واڪا ڪري واءُ
    تون به اهڙي در مٿي آءُ، ته لڳئي رنگ رحيم بخش چئي

    سينگار جو بيت (تجنيس حرفي)
    هرجا هاڪ حسن جي، ٿي هير هلي هولي
    مرڪڻ ساڻ محبوب جي، ڪئي چيهارين چولي
    دري ادن دل پاڪ ڪئي، مون جڏي جي جهولي
    پر اڃان ديد اتان مري، خاص پيرين خولي
    آهو عين عجيب جي، رمزن دل رولي
    رنگا رنگي باغ برنگي، بلبل ٿي وئي ڀولي
    چتون مينا چاند چڪوري، ٻاٻيهن ٻولي
    ڏوڏر ڏاڙهون ڏهوٽ چوي، گوهر مان گهولي
    وس وسيهر ويچارا ٿي، ناگڻ وئي نولي
    پربت پاٻيهو پيار ۾، ٿي گنير ويا گولي
    ڍرڪي ويئي ڍولي، اها رات به رحيم بخش چئي

    نصيحت
    ادا ڪر نه آڪڙ ڪلهي تي ڪفن آ
    متان يار سمجهين، ته هيءُ منهنجو وطن آ

    (1)
    ڀلا ڏي خبر تو قبر ڇو وساري
    رهي ڪونه سگهندين سهڻا عمر ساري
    بيٺو آهي بگڙيو مٿان پنهنجي ماري
    اهو باب برسيل ڪو چٽڪو چمن آ
    متان يار سمجهين، ته هيءُ منهنجو وطن آ

    (2)
    ڏاهو ٿيءُ خدارا، ڏنگايون ڇڏي ڏي
    ڀلو اٿئي ڀلارا، برايون ڇڏي ڏي
    آهي چوٽ چاڙهي، چرايون ڇڏي ڏي
    هاڻي تنگ تومان، زمين و زمن آ

    (3)
    ڪيئي راڄ راڻا راڻيون ڇڏي ويا
    شاهيون بادشاهيون اباڻيون ڇڏي ويا
    ڪهاڻيون نيون، ڪي پراڻيون ڇڏي ويا
    سخي شاهه سڪندر به ڌرتيءَ دفن آ

    (4)
    ڏنئي پاڻ پنهنجن کي دولت تي ڌوڪا
    ليمي کي لڏايئي، ڪانڊيري کي ڪوڪا
    متيري کي ماريئي، ٺاپر کي ٺوڪا
    هاڻي بيزار تومان خميسو خدن آ

    (5)
    ڀلو ڀاءُ ڀانئين، ڇڏ خون ڌاڙا
    سڄي رات سانگي پِٽن توکي پاڙا
    آڏو قيد ڪهري ڏکن جا ڏهاڙا
    سنگتي نه ساٿي نه ساڻ بابو بگن آ

    (6)
    ڏهوٽ ڏور منزل، وکر ڪر وگاڻو
    رحيم بخش روئي، راضي ڪر ڪوراڻو
    طفيلي محمد جي، نه ٿيندو پڇاڻو
    آڏو پاڪ عربيءَ جو، سهڻو صحن آ
    متان يار سمجهين، ته منهنجو وطن آ
    ادا ڪر نه آڪڙ، ڪلهي تي ڪفن آ


    22) محمد اسماعيل پهوڙ

    محمد اسماعيل پهوڙ نالي وارو سگهڙ آهي، ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو. اصل ٺل ضلعي جيڪب آباد جو ويٺل آهي پر هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

    ڏهس جو بيت اکين تي
    سهڻيون اکيون سڄڻين ڪڪوريل ڪاريون
    ڇم ڇاتيءَ تي آنکھیں اُلاريون
    آئيز اِسترغين ٻارڻ ويا ٻاريون
    چاهه چشمن چُور ڪيا پُرڪش پياريُون
    نين وجهي ناڪيليون وڃن ڪونڌر قطاريون
    عَين عُقابي اسماعيل چئي وتن ڌاڙي خاطر ڌاريون
    لحظي منجهه لُٽيون وڃن خَن عمر کاريون
    نيڻ نهاريون ويا پاڳل بڻايون پهوڙ چئي

    ڏِٺ پِرولي- 1
    مشهور آهي ملڪن ۾ اٿس موج وڏي مستي
    چسڪي تنهن جي چُور ڪيا واندي ناهي وستي
    مانُ لهي مڙني وٽ توڙي حاتنگ رکن هَستي
    هونءَ ته آهي صفا سستي، پر عزت وڏي اسماعيل چئي
    ڀڃڻي: چانهه

    ڏِٺ پِرولي- 2
    ڏسڻ واري ڏاهي رکيس ماپي ٻئي پاسا
    مُنڌن جا موڳن سان ڪيئين پيوند ٻئي پاسا
    جو هلائيندو حق تي تنهن جا پُر ڪري پاسا
    تنهن جا ٻئي پاسا، هُوندا پارس پهوڙ چئي
    ڀڃڻي: تارازي
    تارازيءَ جي سئي ڏسيندي آهي جا وِچ تي رکيل آهي. پيوند سان هُن جا پُڙ هوندا آهن جيڪو صحيح تور ڪندو هتي به نيڪي ۽ آخرت ۾ به نيڪي.

    ڏٺ پرولي- 3
    ڀيڻ سڳي ڀائرن ۾ آهي ڪامڻ وڌ ڪثر
    نهاري نڪو نار ڏي، ڪنڌ کڻي ڪو ڪر
    مڙيئي مِڙيا وَڃن، موڳن ڏي ساڻ کنيو ثمر
    وڃي مهمان ٿين مردن جا دانا وٺيو دَر
    ٻيا ڀي ري ڪانڍيا رُلندا وتن، جن کي پيٽ جي ته پچر
    اوهين ويٺا هو وينجهر. پرولي ڳوليو پهوڙ چئي
    ڀڃڻي: ريل گاڏي
    ريل جي مشين گاڏن کان سگهي آ. پر سڀ ڪو گاڏن ڏانهن ڀڳو ويندو آ. ريڪانڍيا معنى بغير ٽڪيٽ جي پنندا به وتن ۽ سفر به ڪندا وتن.


    23) احمد علي چانڊيو

    احمد علي چانڊيي سان منهنجي پهرين ملاقات آغا نور محمد پٺاڻ صاحب معرفت ٿي هئي. 2001/2000ع جي ڳالهه آهي ، جڏهن مان ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ادبي پروگرام رسالو ڪندو هئس. رسالي ۾ عام طور سگهڙن کي نه گهرائيندا هئاسين. آغا صاحب جي تجويز ۽ منهنجيءَ خواهش تي انتظاميا مون کي اجازت ڏني ته ڀلي هڪ ٻه سگهڙ به ڪنهن ڪنهن پروگرام ۾ گهرائيندو ڪر. سو آغا صاحب جي معرفت مون احمد علي چانڊيي کي گهرايو. احمد عليءَ جو اهو ريڊيي تي پهريون پروگرام هو، جڏهن ته هو 1997ع کان پاڪستان ٽيليويزن تي پروگرام ڪندو رهندو هو. اُتي کيس پروڊيوسر سميع بلوچ ڪچهري پروگرام ۾ متعارف ڪرايو هو، جنهن جو ميزبان سيد صالح محمد شاهه هو.
    احمد علي 1995ع کان ڪراچيءَ ۾ پورهيو ڪري پيٽ پالي پيو. سندس اصل ڳوٺ علي مراد چانڊيو تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو آهي، جتي هُو ڳجهارت جي ڳولهو سگهڙ دودي خان چانڊيي جي گهر ۾ 1-1-1968ع تي ڄائو. کيس پڙهڻ جو جوڳو ماحول نه مليو، مڙئي هنيانءَ جي سڄائيءَ تي سنڌي پڙهي لکي ڄاڻي ٿو. ننڍپڻ کان ئي شاهه جي بيتن سان ڏاڍي دلچسپي هوندي هئس. گهرجي ماحول کيس سگهڙائپ جي ميدان ۾آندو. ويهن سالن جي ڄمار کان فن جي شروعات ڪيائين. فن جي سکيا استاد غلام اڪبر گاڏهي ۽ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کان ورتائين. آجيان جا بيت، سينگار، ڏور ڳجهارت ۽ پهاڪن تي طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو.
    سندس پسند جي صنف سينگار آهي. سنڌ جي سمورن شهرن ۾ فن جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. سندس ڪلام رسالي ڪلچرل هيرٽيج ۾ به ڇپجي چڪو آهي. هڪ ڪتاب جيترو مواد تخليق ڪري چڪو آهي، جنهن کي شايع ڪرائڻ جي ضرورت آهي. پاڻ حاجن شاهه حضوري ماڙيءَ واري جو مريد آهي. کيس فن جي مڃتا ۾ مختلف ايوارڊ به ملي چڪا آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو؛
    ايراني سفار تخاني پاران ايوارڊ
    1. استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ 2005ع
    2. شهيد دودو سلطان سومرو ايوارڊ 2013ع
    3. عباسي ڪلهوڙا تنظيم پاران ايوارڊ
    سگهڙائپ جي فن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ احمد عليءَ پنهنجا شاگرد به پيدا ڪيا آهن، جن ۾ الاهي بخش ناريجو، جمشيد علي زهراڻي، علي نواز لنجواڻي، انور علي ڪاڪيپوٽو، علي حُر چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن .
    احمد عليءَ جو هيٺ آجيان جو اهڙو بيت ڏجي ٿو، جنهن ۾ هُن نون ٻولين ۾ ڀليڪار چئي آهي، انهن ٻولين ۾ سنڌي، هندي، انگريزي، پشتو، بلوچي، پنجابي، براهوي، هندڪو ۽ عربي شامل آهن.

    آجيان جو بيت
    ڀلي آئين ڀلا پرين، محب مٺا منٺار
    سواگتم نمسِت، ٿي آئين نروار
    پخير راغلي، پارائين گلن جا هار
    ست بسم الله، سونهن ٿا تو سينگار
    جي آيان نون، جانب هوئي تن اندر ۾ تار
    ويلڪم وارث، تولڌي سڪايل جي سار
    وش آ تڪي، ويهه ته، پرين ڪيون پيار
    بخيرٽ ڀلو ٿيو، سڄڻ آهن سرڪار
    خيري آئي خير ڪيو، رازق رب ستار
    اَهلً سَهلً احمد چئي، ٿيا قرب ڪرار
    جاني آئين يار، چڱايون ٿيون چانڊيو چئي.

    آجيان جو بيت
    آيا اڱڻ عجيب، سڄڻ ڪري ستاري،
    عجيب آئي احمد چئي، ٿي بيحد بهاري،
    خوشيون مون کي کوڙ ٿيون، هر طرف گل گلزاري،
    آهي رات ڪاري، ٿي چانڊاڻ وئي آ چانڊيو چئي.


    24) الهڏنو لانڊر

    الهڏنو هڪ سينيئر سگهڙ آهي. 1972ع کان خدمت ڪندو پيو اچي. سنڌ جي ثقافت کاتي توڙي ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري تقريبن ۾ ڪلام پڙهي داد وصول ڪري چڪو آهي. هن جي والد صاحب جو نالو احسان لانڊر آهي، جنهن جي گهر ۾ پهرين جنوري 1942ع تي اک کوليائين. سندس والد به سگهڙ هو. پاڻ سگهڙائپ جي سکيا کانئس ورتائين.
    سندس ڳوٺ محمد يوسف جي مياڻ لڳ سانگهڙ آهي. پنهنجي هيٺئين شعر ۾ سگهڙن کي نصيحت ڪري ٿو:

    سالڪن جا سُخن
    سگهڙ سڏائين پاڻ پڏائين، سِکُ اصل ۾ هيءَ عادت
    لوچي لهج لوڪ ۾، شاهي شرافت
    اٿڻ ويهڻ ادب جو، ٻي سهڻي صداقت
    مڙ يئي معلوم ڪر حاصل حقيقت
    ادب ۽ اخلاق سان ڪر وائي پيو وحدت
    توبهه سندي تسبيح سان ماڻج معرفت
    پوءِ انهيءَ ڪنهن نيت، ملندءِ اجر”الهڏنو“ چئي


    25) محمد سومر سومرو

    شڪارپور سان تعلق رکندڙ محمد سومر سومرو ولد جواڻ سومرو 1949-4-9ع تي ڄائو. چاليهن سالن کان هن فن سان نڀائيندو پيو اچي. سگهڙائپ ۾ سندس استاد فقير محمد ملوڪ عباسي آهي.
    ڪيل پروگرامن ۾ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي وي. سنڌ ثقافت کاتي جي ترتيب ڏنل قلندر شهباز ميلي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي، سچل سائينءَ جي ميلي سميت سوين پروگرام شامل آهن
    سندس ڪلام ادبي رسالن اخبارن وغيره ۾شايع ٿيو آهي. هن استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ سميت مختلف ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ماڻيا آهن. هيٺ سندس اهڙو شعر ڏجي ٿو جنهن جي پڙهڻ سان چپ چپ سان نه ملندو:

    ڪڪر ڪيس ڪلهن تي، سرس گهڻا سارنگ
    اُڳَ اليهر کان اڳرا تليهر تيز تارنگ
    نيٺ ناٿ نهوڙيا آهو ادگر جاچن جهنگ
    گهرا گهاوَ غزالن ٿيا ڪُڇيا ڪين ڪرنگهه
    ظاهر زري زينت آئي. رجني ڇڏيا رنگ
    چاند چند وري چلڪو ڇڏيو چاسينگر چهنگ
    ڪٽ ڪيٽيل ڪيريا ڪارڌو الڊ هر کان وڌ انگ
    تنهن ننگيءَ تي هن ننگ، ساري جڳ جا سومر چئي

    سينگار
    پائي پوشاڪون پدمڻي، مٿي سر سالور
    تڙ ڦل تيز تلاء تي، پورب ڪري پور
    چنڊ ئي وار وڏا اندر ٻهڪن ٻوٽا ٻور
    مرڪڻ ساڻ محبوب جي گلن لاتي گهور
    عينان، نينان آهو مارن ڪجل ريءَ ڪلور
    ڪهنگ ڪاز ڪونجڙي جوڀن جهوريا جهور
    گنئير، گت گنوايا ٿيا چنچل چور
    ”سومر“ پائي سورَ ساهي مرگهه مري ويا


    26) ممتاز علي عباسي

    عباسي صاحب پنهنجي باري ۾ لکي ٿو ته: ”منهنجو والد صاحب فقير محمد ملوڪ عباسي جيڪو سوين سگهڙن جو استاد هيو، ان جو هڪڙو پروگرام نوان جتوئين ۾ رکيل هيو. مان سندس شاگرد فقير محمد حسين شر وٽ ترسيل هيس، اتي سندس شاگرد رحمت الله عباسي وٺڻ آيو پوءِ اتان محمد حسين ۽ رحمت الله عباسي گڏجي آياسين.“
    ”نوان جتوئين ۾ حاجن جانوريءَ وٽ پهتاسين ان جي والد صاحب سگهڙ گور جانوريءَ جي ورسي هئي ان پروگرام ۾ منهنجو والد صاحب اچڻو هيو، جيڪو نه اچي سگهيو. ان پروگرام جي صدارت مونکي ڏنائون ۽ پوءِ محمد حسين شر ۽ رحمت الله عباسيءَ چيو ته تون ڪجهه نه ڪجهه ٻڌاءِ، ان ڏينهن مون کي وڏو صدمو رسيو ته آئون آئينده جنهن به اسٽيج تي ايندس ته سگهڙ هوندس، پوءِ پنهنجي والد صاحب استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کان سکيا ورتم. اهو 79 وارو دور هيو. ان کان پوءِ بابا پاڻ سان مونکي پروگرامن ۾ ساڻ وٺي ويندو هيو. پوءِ چاهي اهي پروگرام سرڪاري يا غير سرڪاري هجن. 1998ع ۾ والد صاحب بيمار ٿي پيو. سال جي پهرئين مهيني ۾ سندس طبيت خراب ٿي پئي. ڇهه مهينا اسپتالن جا چڪر ڪاٽڻا پيا. آخري ڇهو (2-6) رات جو يارنهن وڄي 55 منٽن تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. ان جي وفات کانپوءِ مونکي ڏاڍن ڏکين مرحلن مان گذرڻو پيو. سندس ڪجهه شاگردن وڏيون تڪليفون ڏنيون جن جي نالن کان ماڻهو ڪجهه با خبر آهن، منهنجي والد صاحب جي دعا هميشھ مون سان گڏ آهي.“ ان جي دعا سان مونکي ڪافي ايوارڊ مليا آهن.
    1. ايران جي سفارت خاني پاران ڪراچيءَ ۾ ايوارڊ مليو.
    2. سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي طرفان حضور سائينءَ جي شان جو ايوارڊ مليو. ٻئي ايوارڊ حضور سائينءَ جي شان ۾ مليا،
    3. جلال کٽي ايوارڊ مليو.
    4. قلندر شهباز شيلڊ ملي.
    5. ان کانپوءِ ڪلهوڙا تنظيم جو ايوارڊ مليو.
    6. پوءِ تنوير عباسي ايوارڊ مليو.
    7. ان کانپوءِ قلندر شهباز ايوارڊ مليو.
    8. 2011ع ۾ پاڪستان ليول تي P.TV ايوارڊ مليو.
    9. 2008 ۾ دعوا اڪيڊمي اسلام آباد وارن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو.
    10. 2009ع ۾ ڪلهوڙا تنظيم پاران تاج پوشي ڪرائي وئي.
    11. 2013ع ۾ سگهڙ فقير عبدالرحمٰن ايوارڊ ڏنو ويو.
    ان کان سواءِ سرٽيفڪيٽن جو ڪو به اندازو ناهي.
    سگهڙ پائيءَ جي صنفن جي ڄاڻ رکان ٿو. سگهڙائپ جو مواد ٻن ڪتابن جيترو ٿيندو، وسيلا نه هجڻ ڪري ڪتاب نه ڇپرائي سگهيو آهيان.“ لوڪ ادب جي حوالي سان چند سٽون:
    لوڪ ادب لاءِ دل آتي رهندي
    ڇهه فٽ منهنجي ڇاتي رهندي
    تيسين ممتاز لوچبو سوچبو
    جيسين عباسي حياتي رهندي

    سمجهاڻيءَ جا بيت
    گذر غريبي گُن ڀلو تون هل چڱي چاري
    ڳالهاءِ اهڙو ڳڻن ڀريو سڀ ڪو پيو ساري
    محبت سواءِ ممتاز چوي ٻي هستي ڇڏ ماري
    عاقل عربيءَ گهوٽ جي تون لڳي پئه لاري
    اندر ٻارڻ عشق جو، تون ٻهڳڻ ڇڏ ٻاري
    روئي ريجهاءِ راڻي کي، هَئي هنجون هاري
    پوءِ پرين توکي پياري، ويندا جام جنت جو
    سمجهه رک سياڻو ٿيءُ تون ادب پاسي آءُ
    سهڻا ٽوهه پٽن تي، ڀُلين متان ڀاءُ
    دغا باز دوکي سان، ڪندو در آئي کي داءُ
    هو پيءُ لڄائيندو پنهنجو، ٻي مٺي لڄائيندو ماءُ
    ڪوڙي کي ڪهڪاءُ، اصل نه ايندو عباسي چئي
    ادب سواءِ آدميءَ کي، چڙهيل آهن چوٽا
    ڪونهي ڪمي ڪوڙن کي ناڻو ڇا نوٽا
    اصل کان عباسي چئي، آهن سچ مٿان سوٽا
    کائي ويا کوٽا، ملڪ سڄو ممتاز چئي

    سينگار (سرائيڪي)
    قسم خدا دي سڄڻ اسان ڏي محبوب کاندا مهماني نت نشاني
    والي مئڏي ويڙهي آندا ڪهڙي ڪران قرباني مين مستاني
    لک لک صدقي ٿيوان جو عجب ڪيئي احساني در جاني
    شان مئڏا ”ممتاز“ هايا جڏا ان پسيم پاڪ پيشاني گوهر فيشاني
    راز ايجها رحمان ڪيتا وهوا صورت پاڪ سبحاني قسم رباني
    نام سڄڻ دا وندر وظيفا ول ول ذڪر رباني حمد حقاني
    ڪيهي وصف ڪران سو وار لکان سائين دلبر دان دشاني برحق باني
    وار وسيهر ڪندم ڪالي ابرو صنف ايراني ڪان ڪماني
    اکيان آهو ڀروان ڀالا! لبڙا لاک لاشاني مست جواني
    مٽ انهن ري نه ملدي ڪوئي حسن ماه ڪيغاني جگ وچ جاني


    27) غلام قنبر عرف ڪبير

    استاد محمد مٺل مهر جو شاگرد غلام قمبر عرف ڪبير ولد غلام حسين ذات بليدي 1949-01-01ع تي ڳوٺ ڏاتا خان تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سگهڙائپ جو فن 1975ع ۾ شروع ڪيائين ۽ انهيءَ فن ۾ سندس استاد محمد مٺل مهرا ٿس.
    ماڻهو سچا، ڪي ڪي ٻچا، عام ناهن اڄ
    باقي ٺيڪيدار ٺڳيءَ جا، ٿارت پي ڪن رڄ
    اهڙن ڪوڙن کي ڪبير چئي، وجهجي ڇائيءَ ڇڄ
    ڀائو تن ڀڄ، جن کي ويهه زبانون وات ۾


    28) فقير امداد علي ٻٻر

    خيرپور ناٿن شاهه جو فقير صاحب غلام حيدر جي گهر ۾ ٻي فيبروري 1955ع تي ڄائو. 1975ع کان فن جي ابتدا ڪيائين. سگهڙائپ ۾ سندس استاد حاجي خدا بخش مشوري آهي. هن جي فن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
    ڄام توکي ڄاڻ پوندي، هينئر توڙي هاڙهي
    نفس ڪيرائي ناهر ٿو، وريامن کي به واڙي
    نڪي ٿو باهڻ کان بس ڪري، ٿو ڏيهاڙي ڏاڙهي
    ڦرجي ڪيئي فقير ويا، آهن دَلي جي ڌاڙي
    چڱايون ٿو چٽ ڪري، براين جي ڀاڙي
    ڀُلائي ڇڏيا دل ڪيئي، رهزن هِن راڙي
    سرامنديس ۽ تونگر ٿو تاڙي
    امداد جهڙن اٻوجهن کي، جانب ٿو جهاڙي
    قبر حشر ۾ حامي ٿجان، ڏاها اِن ڏيهاڙي
    اِها جهلڪ جهولي جي، ٻي سختي ٿي ساڙي
    ڪيل قول ڪريم سان، نه پاڻ سگهيا سين پاڙي
    هاڻي چڱا وڃجان چاڙهي، ٻاجهه سان ٻٻر چوي.

    سينگار (سرائيڪي)
    ڀر پير پرين آءُ اڱڻ سا ڏي، لهه سار مٺا مين تيڪون هان
    وڏي ناز والا ناز نين سڄڻ نا مار مٺامين تيڪون هان
    (1)
    نازڪ نين چراون چين اصل عين لوڪون لڙپين
    لڙيدي لئين جاني جو ٿئين مئين هان مطمئين سڻدي سئين
    سڄڻ سڏ ڏين من مستين دن يارين مصلي مين
    اسان نا يار گڏ گذار ڪرو نا ڌار سڻ سرڪار
    مٺا مين تيڪون هان
    (2)
    ابروان عار مثل تلوار واران تي وار ڪرن هر وار
    اهڙي ڪا ڪار جانب جهڻڪار لعلڻ للڪار وڌاوي پيار
    تيڏي تنوار لڳاوي لار چٽي چمڪار صعفي سٽڪار
    نهين ويچار منيو هار ٿيوي اقرار سهڻا سردار
    مٺا مين تيڪون هان
    (3)
    نين نڀور گهتن چاگهور ڪرن ڪلور ڀلاون ڀور
    ڏيهان ڏور وتن وهلور پوون پور ڏيون جو سور
    چڪنا چور ظاهر ظهور مئينا مغرور ٿيندي ضرور
    ڪافي قرار اسان هر بار چاوڻ لاءِ تيار ميڏا مهدار
    مٺا مين تيڪون هان
    (4)
    عين اڻٽل پرين پل پل ڪنهن به محل ڏيون اڇل
    ڪنباون ڪل پلڪان پيل قهري ڪجل ريح ڏتل
    بيشڪ بلڪل بدن بخمل صنم سهڻل هلاون هل
    هن حرف هزار لعلڻ لاچار نڪتي نروار اکر ڏون چار
    مٺا مين تيڪون هان
    (5)
    جو هو وي حڪم ٿيوي هڪ دم جاني جسم چوٽي چم
    نهين اتم سڀ صنم تيڏا قسم قبول ڪتم
    جو ستم سو سٺم ملي مرهم ته مٽي غم
    بـــلاشـــڪ بـــار لـــٿي غـــبــار اهي آزار مـــيـڏا منٺار
    مٺا مين تيڪون هان
    (6)
    ”ٻٻر“ ٻولي چپ چولي تڪي تولي ڀڳي ڀولي
    کٽي کولي ڏاڍي هولي، ٽرن ٽولي رليي رولي
    ”امداد “ اوتي جهڪان جهولي ڏکئي سولي ڏينهن ٿولي
    ڳئي گذار سر بازار تيڏا ديدار هو وي بار بار
    مٺا مين تيڪون هان


    29) غلام رسول “غلام” مڱريو

    غلام رسول جو تخلص ”غلام“ پيءُ جو نالو ميان فيض محمد مڱريو ۽ ڳوٺ ڪانپور تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو آهي. هُن ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ 1954ع ۾ جنم ورتو. پنجن درجن تائين تعليم پرايائين، غربت سبب اڳتي نه پڙهي سگهيو. سگهڙ پائيءَ جو شوق ته کيس ننڍ پڻ کان هيو پر باقاعدي 1969ع کان شروعات پنهنجي پيءُ ۽ ناني شيخ محمد کان متاثر ٿي ڪيائين.
    ڳوٺ بگيءَ ۾ وڏيري محمد بچل ابڙي سگهڙن جي ڪچهري ڪرائي، جنهن ۾ هن بيت پڙهيا جتي ٻيا به سگهڙ موجود هيا، جن ۾ سنڌ جو ڀلوڙ سگهڙ فقير محمد ملوڪ عباسي به موجود هيو، سو ان کان متاثر ٿي شاگرديءَ جو سڳو ٻڌرايائين، اٽڪل هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿائين. ريڊيي، ٽي ويءَ تي فن پيش ڪري چڪو آهي. سندس ڳچ مواد ڪتابي صورت ۾ اچڻ لاءِ آتو آهي.

    سينگار جا بيت
    هڪ عجب رنگ عجيب جو، ٻيو آهوءَ کان وڌ عين
    نرگس ناز ڇڏي ڏنو، ڏسي نازڪ جا هي نين
    وارو واسينگن کان وڌ، وهواه، سُرِڪن پيا سين
    ڏني تجلي تيز تکي آ، واحد بي وِڄُ کين
    تنهن به تاب ڇڏي ڏنو هو، اوڏي مهل اُتين
    کولي جڏهن لبڙا لالي، محب پيو مرڪين
    ته ڇڏي چنڊ چاندني، وئي رنگ مٽي رين
    اٿي منهنجو محب مٿين، ٻيا ڪل آهن گهٽ غلام چئي
    جهڙو سڄڻ سهڻو سائين، اُهڙا هيس انگ
    وار واسينگن وڌ وهه واهه، وجهن پيا ونگ
    ڀرون برسيل باغ برابر، ڏور هڻن پيا ڏنگ
    اکين جي ته اشاري سان، پئي ماريائين مير ملنگ
    جي مُرڪي پيو محبوب مٺو، ته رات مٽي پئي رنگ
    ڇڏي شور، ٿيا گهور، پو ته اِلاهي اڙٻنگ
    ٿيا عاشق لک پتنگ، منهنجي گوهر مٿان غلام چئي

    نصيحت جو بيت
    ائين سينو صاف ڪر، جيئن ڇنڊي اَنَ کي ڇَڄُ
    وڏائيءَ کان وڏو، ڀاءُ پري تون ڀڄ
    ڇڏ گوڙ غلام چئي، نه واڪا ڪري وَڄُ
    آهين هتڙي اڄ، سڀاڻي نه هوندين سپرين


    30) امام ڏنو مهراڻي

    ڪچهريون سنڌ جي سگهڙن لاءِ وندر ورونهن ۽ دانائيءَ جي درس کان سواءِ نرسريءَ جو ڪم به ڏين ٿيون، جتان ڪيترائي ٻج ڦٽي وڻ بڻجن ٿا. امام ڏنو مهراڻي به انهن ڪچهرين جي پيداوار آهي. سندس ڳوٺ علي آباد باٺيري لڳ ڪنب ضلعي خيرپور ۾ هُن جو پيءُ گل محمد ۽ سندس سنگتي چنڊ خان، مراد خان، زنوار ماڪوڙو ۽ ٻيا جڏهن ڪچهريون ڪندا هئا ته امام ڏنو ٻڌندو هو، ائين هن کي به شوق جاڳيو، باقاعدي تربيت استاد محمد سومر ڳاهي جي هفتيوار ڪچهرين مان ورتائين. استاد محمد سومر ڳاهو سندس استاد آهي.
    هو سگهڙائپ جي سموري فن تي مهارت رکي ٿو. پاڻ 1955ع ۾ ڄائو. پيٽ گذر لاءِ درزڪو ڪم ڪندو آهي. ريڊيي، ٽي ويءَ ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ به حصو وٺندو رهي ٿو.

    التجا بارگاهه الاهيءَ ۾
    اي منهنجا خدا ڪر معاف خطا، آهين بيشڪ بخشڻهار به تون
    پنهنجي ساڻ ڪرم رک منهنجو ڀرم، اي ڍوليا ڍڪڻ هار به تون
    بدڪار آهيان بيڪار آهيان، ستر ڪر ستار به تون
    هٿ خالي کڻي چوان توکي ڌڻي، منهنجي پرورٻڌ پڪار به تون
    هيڻي حال مٿان ڪر ڀال مٿان، پنهنجو ڪرم ڪجان ڪلتار به تون
    ڪر مهر ڌڻي آ گهرج گهڻي، هي جڏڙو جيءُ جياربه تون
    ٿو آهون ڪريان ۽ دانهون ڀريان، ڪر پوري مدد ڪار به تون
    تنهنجي در تي هلي مون جهولي جهلي، ڏي گنج پنهنجي مان غفار به تون
    ڪر فضل فضا پنهنجو فيض عطا، اي ڏيهن جا ڏاتار به تون
    آهي راهه اَڻائي ڪر سهڻا سڻائي، ٿي سوال مددگار به تون
    اي منهنجا مولا ڪر سانگ سولا، ڪل عالم جا آڌار به تون
    ننگ پال ڌڻي لڄ پال ڌڻي، مخلوق سندا مهندار به تون
    اي سهڻا ربّ ڏي علم ۽ ادب، آهين جوڙيندڙ جنسار به تون
    پاڪستان جو اعلى شان ڪجان اي ملڪن جا مختيار به تون
    سنڌ شاد رهي آباد رهي، سڄي سنڌڙيءَ کي سينگار به تون
    مينهن وسن ٿڌڪار ٿين، ڪر گاهن جي گلزار به تون
    مارو مال جيئن، خوشحال ٿين، ڪر ساڻيهه منجهه سڪار به تون
    ڏک ڏهنج ٿين سک سهنج ٿين، لاهه سور سارا سرڪار به تون
    هيءُ امام ڏنو آ ڇورو ڇنو، محبوب جو ڏيهه ڏيکار به تون
    حر مين چمان رين چمان، او مولا مٺا منٺار به تون
    هيءَ منهنجي دعا منظور ڪجان، صدقي سخي سردار به تون
    ڏي قلب منهنجي کي قرار به تون، هر رات به تون هر وار به تون

    نصيحت جا بيت
    انسان پنهنجي علم ۾ ٿو اها ڳالهه ڳڻي
    سائين سگهه ڏني آ قادر منجهه ڪڻي
    ڇٽي ٻج ٻنيءَ ۾ ٿو مٿان هر هڻي
    قادر جي قدرت سان ٿي ڌرتي ماءُ ڄڻي
    سلو اهو سائو ٿئي، بِلي ساڻ بڻي
    وڌي جڏهن وڏو ٿئي، وه وا پيو وڻي
    پچي جڏهن پوک پئي، لحظي منجهه لڻي
    ڪڻي مان ڪيچ ٿين، پيو کرار کڻي
    مانجهي مرد مڻي، پيو اپائي ان امام ڏنو چئي
    الله ڪيو اعلى آ، عقل مند انسان
    اشرف المخلوقات جو، مالڪ ڏنس مان
    عقل علم عطا ڪيس، مالڪ مهربان
    نفعي ۽ نقصان ڏي ٿو، ڌري پنهنجو ڌيان
    ڪل نفس ذائقة الموت جو ڪيو فائق آ فرمان
    ڪر عبات الله جي، راضي ڪر رحمان
    محشر جي ميدان، پيو مرڪندين مهراڻي چئي.
    جيڪو ڪرڻو اٿئي هت ڪر، اٿئي پرور جو پيغام
    ويل وقت وري نه ايندو، پڙهي ڏس قادر جو ڪلام
    محنت ڪر تون مرد ٿي، اٿي صبح شام
    ويهڻ ڇڏ وساري، ڪر نيڻن ننڊ حرام
    تندي تڪبر تما ٿيئي خلل آهن خام
    حسد هوڏ هستي تڙي ڇڏ تمام
    گلا غيبت گار اصول ناهي اسلام
    نڀاگي انهيءَ نفس کي، ڏي لاهوتي ته لغام
    آيا ٽيهه نه ٽار پڙهه نماز جنهن جو نام
    آخر هلڻو پوندءِ اتي، جتي مڙني جو مقام
    آڏو عربي امام، اجهو اٿئي امام ڏنو چوي.
    جيڪو ڪرڻو اٿئي هت ڪر، متان وڃي ويل ٽري
    جيڪا، گهڙي جهان ۾، ضايع ڪر نه ذري
    هيءُ جهان فاني آ وڃبو نيٺ مري
    اتئون امام ڏنو چوي ايندين ڪونه وري
    اُٿي اور الف سان، چاهت ساڻ چري
    پنجئي وقت نماز جا پڙهه ضايع ڪر نه ذري
    پريت رک پنجن سان کولي دل دري
    ويندين تار تري، محبت سان مهراڻي چوي.


    31) گدا حسين سهتو

    سگهڙ گدا حسين سهتو ولد يار محمد فقير سهتو ويٺل ڳوٺ ملڪو واهڻ لڳ راڻيپور تعلقو ڪوٽ ڏيجي ضلعو خيرپور. هو 1955ع ۾ ڄائو. تعليم قرآن پاڪ ناظره ۽ پنج درجا سنڌي پنهنجي ڳوٺ پرائمري اسڪول ملڪي واهڻ مان حاصل ڪيائين. سگهڙ محمد سومر ڳاهي جي صحبت ۾ سگهڙائپ ۾ شوق وڌيس.
    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خيرپور ۽ P.TV ڪراچيءَ جي سنڌي پروگرامن ۾ پاڻ ملهايو اٿس. سندس مزاحيه ڪلام گهڻو چيل آهي. سگهڙائپ جي بيتن ۾ وڏي ڄاڻ پيدا ڪئي اٿائين. سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم ضلع خيرپور ۾ سينيئر نائب صدر آهي. کيس مختلف ايوارد به ملي چڪا آهن. بزم گلڻ ڳوٺ گل محمد ڄامڙي پاران به ايوارڊ ماڻيو اٿائين. سندس هڪ ڪتابڙو”گفتا گدا حسين جا“ به ڇپجي چڪو آهي، جيڪو سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم ڇپرايو آهي.

    نصيحت جا بيت
    انڌي اڳيان روئڻ آهي اکين جو زيانُ
    ڀلي جر وهاءِ جال، ٿيندئي نيڻن کي نقصان
    هن جو ڀنجر نه ڀُري، تون پنهنجي اجائي ڳاري ڇڏ جان
    اڄڪلهه اهڙا انسان، گهڻا گدا حسين چئي
    سون کڻي وڃ، لڙي لوهار وٽ، ملهه ڪندس آنو
    هُن کي ڪهڙو قدر سون جو، جيڪو ڪَٿي رُڪُ روزانو
    نينهن لائي ناتو نه نباهي، اهو به انهيءَ جو نانو
    يا ڇڏي قربدارن جي ڪچهري، ٻاهر ٻُڌي وڃي گانو
    تنهن کان بنائي بهانو، کڻي سنگت ڇن سهتو چوي
    ڪمينيءَ ڪم ذات کان، مڙي ڪر ٽارو
    ويهي وچ ڪچهريءَ ۾، وڄائيندو وات وڌارو
    يا گهت وڌ ڪندو گلا، هوندس خواريءَ جو کارو
    يا چالاڪيءَ سان چوري ڪري ڏيکاريندو ٿاڻو پوليس وارو
    بچائي پير پاڳارو، اهڙي جي صحبت کان سهتو چوي

    هنر (مارئي)
    ڪونه ڪن ڪڏهن اُتي اباڻا ڪوڏي
    سڱ نه ڪن سنگهار، ڪنهن سان هي ڪوڏي
    مارو ملڪ ملير ۾، کائين ڪين ڪوڏي
    ياد ڪندين يقين آ، عمر تون ڪوڏي
    عمر مان ڪوڏي، آهيان سانگين لاءِ سهتو چوي
    ڪوڏي: راند ڪوڏي ڪوڏي
    ڪوڏي: مٽي مائٽي ڪنهن سان ڪُڏي ڪونه ڪن
    ڪوڏي : هڪ پائي نه پيسو
    ڪوڏي : ڪو ڏيهن
    ڪوڏي : قربان، ملير وڃڻ لاءِ راضي


    32) بهار علي “بهار” ٻرڙو

    بهار عليءَ بابت گل حسن ملڪ جو لکيل تعارف ڏجي ٿو؛ ڀلاري ڀونءِ ۽ ڀت ڌڻيءَ جي سونهاريءَ سنڌ هر دور ۾ مهان محققن،شاعرن، دانشورن، بزرگن، ڏاهن، صوفي راڳين ۽ سالڪ سگهڙن کي جنم ڏنو آهي. اهڙن انمول اڪابرن مان اتر سنڌ جو نالي وارو سيبتو سگهڙ ۽ صوفي راڳي استاد بهار علي ”بهار“ ٻرڙو پڻ هڪ آهي. جنهن ڪچهريءَ ۾ سدائين موڪ مسڪراهٽون هجن ۽ ماڻهو يڪسو ٿي ڪنهن ڏاهي سگهڙ کان ڏاهپ ڀريا ٻول ٻڌندي اڌ رات تائين ڪانڀ ڪڍي ويٺا هجن ته سمجهو ته ان ڪچهريءَ جو مور استاد بهار علي ”بهار“ ٻرڙو ئي ٿي سگهي ٿو. استاد بهار علي ”بهار“ ٻرڙو ضلعي جيڪب آباد جي لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ جمن شاهه ۾ پهرين جنوري 1950ع تي ڄائو.
    استاد بهارعلي تعليم پنج درجا سنڌي پڙهيو، وڌيڪ تعليمي سهولت نه هئڻ ڪري نه پڙهي سگهيو. پر الله تعاليٰ جو پاڪ ڪلام ناظره پڙهي پُر ٿيو. ڪجهه سالن کان پوءِ استاد بهار عليءَ جو والد محترم مرحوم وزير احمد ٻرڙو ميرپور ٻرڙي جي لڳ مرزا واهه جي ڪڙ تي هڪ اڪيلو گهر جوڙي ويٺو، جتي اڄ استاد بهار علي ٻرڙي جي نالي سان هڪ ڳوٺ وجود ۾ آيل آهي.
    فرقي واريت کان وئون ويندڙ سدائين صوفين جي گيڙو ويس ۾ استاد بهار علي ٻرڙو ضلعي شڪارپور جي مشهور درگاهه حضرت سائين ٻڍل فقير جي اڳوڻي گادي نشين شمس الدين عرف سائين شمن فقير جو هٿ ورتو طالب بڻيو.
    استاد بهار علي ”بهار“ ٻرڙو ننڍپڻ کان وٺي سنڌ جي مهان سگهڙ استاد محمد سيفل ڀٽي کان سگهڙ پائيءَ جا سڀ ئي گڻ ۽ گر سکيو.
    استاد محمد سيفل ڀٽي لوڪ ادب جي دنيا ۾ هڪ وڏو نانءُ رهيو آهي، جنهن جي وفات تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ خط سنڌ جي سڄاڻ سگهڙ گل حسن گل ملڪ ڏانهن لکندي چيو هو ته محمد سيفل ڀٽيءَ جي وفات سگهڙائپ جي دنيا لاءِ هڪ وڏو حادثو آهي. اُن ڏاهي سگهڙ پنهنجي ڏاهپ سان استاد بهار جي روپ ۾ هڪ اهڙو برک سگهڙ تيار ڪيو، جنهن جا ڪيترائي شاگرد نه صرف سنڌ پر واديءَ بولان بلوچستان ۾به لوڪ ادب جون لاتيون ٻڌائيندي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن. سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) جو استاد بهار مرڪزي سينيئر نائب صدر آهي. استاد بهار علي ”بهار“ ٻرڙو سنڌ جو پهريون سگهڙ آهي، جنهن جي سگهڙائپ جو تحقيقي جائزو سال 1990ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگرد شمن ٻرڙي ايم. اي. فائينل شعبي سنڌي لاءِ مونو گراف لکي فرسٽ ڪلاس حاصل ڪيو.
    استاد بهار سنڌ جو هڪ وڏو باڪمال سگهڙ آهي، جنهن جو هن وقت تائين ڪو تر ۾ برميچي نه سگهيو آهي.
    هو ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو رهيو آهي. هن جي ڏاهپ جو ذڪر سدا حيات محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ به ڪيو آهي ۽ ان کان علاوه محترم عبدالله ورياهه 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل سگهڙن جي ڊائريڪٽري (حصو پهريون) ۾ پهرين سگهڙ طور پيش ڪيو آهي.
    استاد بهار جو ڪتاب ”بهار جي بوند“ لوڪ ادب جي سڀني صنفن تي ٻڌل آهي.
    ”بهار جي بوند“ قلمي صورت ۾ ترتيب ڏنل آهي، جيڪو مالي مونجهارن سبب هن وقت تائين نه ڇپجي سگهيو آهي.
    استاد بهار علي ”بهار“ ٻرڙي کي مختلف ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ جيڪي مختلف موقعن تي مڃتا طور ڏنا ويا انهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو؛
    1. مڃتا ايوارڊ 2003ع ۾ اڳوڻي ناظم ضلعي جيڪب آباد مير شبير علي بجاراڻيءَ هٿان سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جي موقعي تي .
    ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 8- جنوري 1995ع، سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جيڪب آباد جي موقعي تي، پاران: ادبي سب ڪميٽي جيڪب آباد
    23rd March Pakistan Day (1995)(Commendation Certificate) by Deputy Commissioner Jacobabad
    2. ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، 8 نومبر 2011ع، هنڌ: در محمد ڪمال سولنگيءَ جي اوطاق ٺٺ سولنگي ضلعو نوشهرو فيروز، پاران: سلات
    3. ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، 20 ڊسمبر 2011ع تي، هنڌ: بابو خان (عبدالقادر ٻرڙي) جي اوطاق، ميرپور ٻرڙو تعلقو ٺل ضلعي جيڪب آباد، پاران : سلات
    4. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، 5 آڪٽوبر 2013ع تي هنڌ: سنڌالاجي ڄامشورو
    5. ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، 8- سيپٽمبر، 2012ع تي، هنڌ: ٽيچرس ڪلب سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، پاران: سلات
    6. ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، 23 مارچ 2013ع تي، (استاد سگهڙ محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ)
    7. سلات پاران سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جي موقعي تي . هنڌ: ميان جو ڳوٺ تعلقو خانپور ضلعو شڪارپور سنڌ.

    سندس ڪجهه سوکڙيون هيٺ ڏجن ٿيون؛

    پهاڪو
    رخ ڏسي راز کول، جيڪي سُڌ اِها سمجهن
    جي لڪل هُجي ته لڙي ڏي،ڪنهن جاچي جُنهوارن
    ڇو ته انهن موتين سندي ملهه جي، ناهي سُڌ سڀن
    وڄائيندي ورهيه ٿيا، رباب اڳيان رڍن
    ڪڏهن سرچن نه سُر تي، رڳو ٻي ڪيون ٻيڪن
    اهو ڪنهن سالڪ اڳيان، سُري وڃي ڏي تاءُ تندن
    ته سا کان وٺي سا تائين، توکي ساري سُڌ ڏين
    اها آهي خبر انهن،ٻئي جي ناهين بات بهار چئي.
    سينگار
    (1)
    سَرُ وَ قد ساجن سهڻو، زلف وليل سياحي
    خد خال خمر کنجن، خوني هردم دست حنائي
    ليث لڪي ڳل لال گلابي، يفعلويب ارنائي
    سِهه ڳچي آهو عاجز، مک ڇاهي چاند چٽائي
    بات بهار چئي شگر شيرين، وٽس شاهه ڦرن شيدائي
    نه ڪا باريءَ بڻائي، اهڙي ٻي صورت ٻرڙو چئي
    (2)
    ارن، بدر، عطافر، عجيبي ٿيا حُسن منجهان هُشيار ٽئي
    اوڳ آڏو ڇا ابر اليهر، صدقي سُنبل سؤوار ٽئي
    زهر تن، زنگي، گارڊن گوهر جي ٿيا ريڊ منجهان رخسار ٽئي
    الماس، ڪتي، ڪڻ اناري، نه دشن مٽ دلدار ٽئي
    هنجهه لڪن ڪنبن ڪٻڪان، گج، گنير گرفتار ٽئي
    پٽ وساوڙ چيها پاريور، پٻ چمن پيزار ٽئي
    غلمان، قصوران، سلطان هزارين، ٻهڳڻ تان ٻلهار ٽئي
    عرشي، فرشي، ڪرسيءَ وارا، سڪن ڪارڻ ديدار ٽئي
    ٿر، بر، تر وستيون ويران، جيڪي ٿيون گام کنئين گلزار ٽئي
    عاقل، اڪابر سالڪ سوين، بلڪل هجن بيدار ٽئي
    پر ڇا لکي ڇا لکندا منهنجي سڄڻ جا سينگار ٽئي
    اِنس، اَنس، اُنس، بردا بهار ٽئي، منهنجي ٻهڳڻ جا ٻرڙو چئي

    ذاتين ۾ هنر- سُرُ مارئي
    کونهارا تنهنجا ماڇي نه جيڪي نه سومرن
    شيراڻي ڏين ٿو جعفري ته ڏس ڪهڙي نه ڪئي مَلڪن
    سميجا اٿئي نوحاڻي ڏج پنهورن
    سجهراح ڏکيا اٿئي، من ميمڻن
    ڳوليندا تڙتن، بيرومي بهار چئي

    لفظن جو چير
    کونهارا= کوهه+ هار، ماڇي= مون +آڇ ئي
    سومرن= سي+مرن
    شيراڻي= شر+ آڻي
    جعفري= جوءِ +ڦري
    مَلڪن= مُلڪن
    سميجا= سي+ منهنجا
    نوحاڻي= ني+ هاڻي
    پنهورن= پنهوارن
    سجهراح= سُجههءِ+ راهه
    ميمڻ= مون ميڙن (منٿن)
    تڙتن= تڙ+ تن
    بيرومي بهار چئي= برن ۾ بهار چئي
    سمجهاڻي:
    کوهِه کوءِ هار تنهنجا مون آڇ ئي نه، جي ڪن سي مرن
    شر آڻي ڏين ٿو، جوءِ ڦري ته ڏس ڪهڙي نيڪي اٿئي مُلڪن
    سي منهنجا اٿئي. ني هاڻي ڏج پنهوارن
    سجههءِ راهه ڏکي ٿئي، من مون ميڙن
    ڳوليا هوندا تڙ تن، برن ۾ بهار چئي


    33) گل حسن گل ملڪ

    عاجز رحمت الله لاشاري گل حسن لاءِ لکي ٿو ته؛ سگهڙ گل حسن گل ملڪ ولد الهوڌايو ملڪ ويٺل مبارڪپور تعلقو ٺل ضلعي جيڪب آباد، جنم 01-09-1967ع، تعليم بي ايس سي، بي-ايڊ، ۽ ايم-اي سنڌي فرسٽ ڪلاس. ناظره قرآن شريف پڙهيل. پيشو انگريزي استاد، هن وقت 16، اسڪيل ۾ ايڇ –ايس-ٽي طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور ۾ هڪ باڪمال محنتي ۽ جفاڪش قابل استاد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. گل حسن ”گل“ ملڪ سگهڙائپ جي دنيا ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. 1983ع کان وٺي هن وقت تائين پي-ٽي-وي ۽ ڪيترن ئي چئنلن تي پروگرام ڪندو رهيو آهي. هن 1980ع ۾ قابل استاد محمد سيفل ڀٽيءَ کان سگهڙائپ جو ڳانو ٻڌرايو ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ پير پاتو. ستت ئي استاد جي وفات کان پوءِ هن پاڻ کي اڌورو سمجهندي سگهڙائپ جا وڌيڪ گُر سکڻ لاءِ استاد محمد سيفل ڀٽيءَ جي پهرين ۽ مڃيل شاگرد سگهڙ بهار علي بهار ٻرڙي کان سگهڙائپ جو ڳانو ٻڌرايو. گل ملڪ پڙهيل ڪڙهيل هئڻ ڪري ٿوري عرصي ۾ سگهڙائپ جون سڀئي منزلون طئي ڪري استاد سگهڙن ۾ ليکجڻ لڳو. هن جا ڪيترائي شاگرد سنڌ ۽ بلوچستان ۾ڏات جا ڏيئاٻاري قوم کي روشن ڪري رهيا آهن. هو سدائين لوڪ ادب جي دنيا ۾ سرگرم نظر ايندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو رات جو مٺڙي ننڊ ڦٽائي موبائيل تي ڪانفرنس ڪال ذريعي سنڌ بلوچستان جي سگهڙن کي پاڻ ۾ ملائي ڏور-ڳجهارت ڏهس ۽ ٻين کوڙ سارين لوڪ ادب جي لاتين مان لطف اندوز ٿيندو آهي ۽ پنهنجن شاگرد کي به ان موبائيل سروس ذريعي سگهڙائپ جي سکيا ڏيندو آهي.
    گل حسن ”گل“ ملڪ جا لوڪ ادب جي مهان ليکڪ مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان به خط و ڪتابت ذريعي رابطا رهندا هئا . هن وقت به ڊاڪٽر صاحب جا هن ڏانهن لکيل خط وٽس موجود آهن. جيڪي هن تازو 05-آڪٽوبر 2013ع تي سلات پاران سنڌالاجي ڄامشوري ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ياد ۾ سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي سندس پٽ حوالي ڪيا.
    گل حسن ”گل“ ملڪ هڪ ڪتاب (Book of Pronunciation) اُچارن جي ڪتاب جو به مصنف آهي جنهن کي پسند ڪندي ڊاڪٽر صاحب ساراهه جوڳو هن ڏانهن خط لکيو.
    گل حسن ”گل“ ملڪ واديءَ مهراڻ جي ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندو رهيو آهي.
    هن جو تعارف ۽ شاعري جن ڪتابن ۾ ڇپي آهي، تن جا نالا هن ريت آهن:
    1. سوچن جي سرهاڻ (سنڌ جي ناميارن شاعرن جو چونڊ ڪلام) مرتب: غلام مصطفى ”مشتاق“ ميمڻ (مهراڻ اڪيڊمي)
    2. سگهڙن جي ڊائريڪٽري، حصو پهريون 1991ع مرتب: عبدالله ورياهه، سنڌي ادبي بورڊ
    3. سنڌي شاعري فن کان فڪر تائين (عبدالوحيد جتوئي 1998ع)
    4. سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ (ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري) ڇپايل مهراڻ اڪيڊمي 1999ع.

    اڄ ڪلهه سنڌ بلوچستان جي نمائنده تنظيم سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) جو هو مرڪزي سيڪريٽري جنرل آهي.
    گل حسن ”گل“ ملڪ کي ايوارڊ ۽ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ جيڪي مختلف موقعن تي مڃتا طور ڏنا ويا تن جو تفصيل هن ريت آهي.
    1. مڃتا ايوارڊ 2003ع ۾ اڳوڻي ناظم ضلع جيڪب آباد مير شبير علي بجاراڻيءَ هٿاران سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جي موقعي تي.
    2. ايوارڊ سرٽيفڪيٽ- 8 جنوري 1995ع، سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جيڪب آباد جي موقعي تي پاران: ادبي سب ڪميٽي جيڪب آباد
    3. 23rd March Pakistan Day (1995) Commendation Certificate, By: Alammuddin Bullo-Deputy Commissioner Jacobabad
    4. ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 8- نومبر 2011ع، هنڌ: در محمد ڪمال سولنگيءَ جي اوطاق ٺٺ سولنگي ضلعو نوشهرو فيروز، پاران: سلات.
    5. ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 20 ڊسمبر 2011ع، هنڌ: عبدالقادر عرف بابو خان ٻرڙي جي اوطاق ميرپور ٻرڙو تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد، پاران: سلات.
    6. ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 8- سيپٽمبر 2012ع، هنڌ: ٽيچرس ڪلب سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، پاران: سلات، سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي.
    7. ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 23 مارچ 2013ع، استاد سگهڙ محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، سلات پاران: (سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جي موقعي تي) هنڌ: ميان جو ڳوٺ تعلقو خان پور ضلعو شڪاپو ر سنڌ .
    8. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 05 آڪٽوبر 2013ع، هنڌ: سنڌ الاجي ڄام شورو. سلات پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي.

    سندس ڪلام مان چونڊ هيٺ ڏجي ٿي؛

    پهاڪا
    (1)
    جا ڪُنيءَ سا پاٽ ۾، پوندي ڏسندءُ پاڻ
    سالڪ سپورنج سيبتا، مون تن مان جي اڻڄاڻ
    بس حال پريان نال، ڪهڙي تاڻيان تاڻ
    اوهين سگهڙ سڀ سڄاڻ، مون ۾ گڻ نه ڪوئي گل حسن چئي.
    (2)
    ڏڌل کير ٿڻن ۾، وري نه واپس وري
    ڪو گولي ڇوڙي گن مان، سگهي پوئتي ڪين ڪري
    تيئن سورهيه پنهنجي سخن تان، ڦريو ڪين ڦري
    پيو هرڪو ٺريون ٺري، اُن گڻن واري تان گل حسن چئي.
    (3)
    ذات تي ڏات ناهين، جنهن تي ربّ ٿئي راضي
    اڻ پڙهيل اٻوجهن پٺيان ڏٺاسين، ڪورٽ جا قاضي
    غيرن جا پٽ غلمان هوندا، ٻڌي ڇڏ ڳالهه تازي
    يزيد ظالم پٽ حُسيني، جنهن بلڪل کٽي بازي
    چڱن پٺيان چُٽا، چُٽن پٺيان چڱا، ٿيا گل حسن چئي غازي
    پيو پيش مڃي آزي، ته بڻيو حُرُ حُسينؑ جو
    (4)
    جت ساڙي سيڪ سلا، مُرجهائي مسڪين
    اوڏانهن ٻج ٻَڌي، هاري هرگز نين
    چڱن خوب چيئه، ٿو چوين هينئن حسين
    ته ڪيئه جٺ جوئر سان، ٿي ڪلر تو مان ڪين
    اَجائي ميار اڄ ڏئين، ورتئه ٻني ٻي نه
    جي ڏاهو ٿي ڏسين ها، زهر منجهه زمين
    ته ڇڏي ڀونءِ ڀلي، هوند نه کيڙين هي نه
    ڪڏهن چوين ها ڪينڪي، پوکيم جيڪا ٿي نه
    ‘گل ملڪ’ ڇو غمگين، اڄ لاڙين لڙڪ اکين مان

    ضلعي جيڪب جي سگهڙن جي نالن تي ٻڌل
    ناصحاڻو هنر
    جو عبدالرحمان کي ياد ڪندو ته پوءِ محمد نواز ايندو
    جمن جو مقابلو آ الله بخش ڪندو
    غلام محمد کي ڏور ناهين سائين سيفل ڏيندو
    پوءِ حاڪم ڪوري الهداد چوندو
    جتي گل حسن وارا هوندا، اُتي ٿي بهار علي سائين ملندو
    ڪچهريءَ ۾ ڪوجهو نه هوندو، آهيو لعل محمد ڪري ملڪ چئي
    سمجهاڻي:
    جو عبد (ٻانهو) رحمان کي ياد ڪندو ته پوءِ محمدﷺ نوازيندو.
    جو من (دل) جو مَ قابل آ ته پوءِ الله جل جلالھ بخش ڪندو.
    غلام، محمدﷺ کي يعني محمدﷺ جي غلام کي ڏر ناهين سائين سو ڦل ڏيندو.
    پوءِ حُڪم ڪري الله جل جلالھ داد چوندو
    جتي گُلَ حُسن وارا هوندا، اُتي ٿي بهار (خوش) علي رضه سائين ملندو.
    ڪو چهري ۾ ڪوجهو نه هوندو، آهيون لڪل محمدﷺ جي ڪري ملڪ چئي.

    سينگار ۾ سون جو ڏهس
    سون برابر سڄڻ جي، ڪڏهن ڪين ڪُندن
    سوسن، سُهرو، چلڪي چمڪي بهتر پريت بدن
    فيم، ٿنگھُه، سونهن سلالي، ختم ڪيو خيسن
    طلا، عطافر، رنگ ڦٽايو محب اچي ويو من
    وري نه ڪو ئي وتافر ويجهو هتي مست مگن
    ٻڌ ‘گل ملڪ’ ڪري ڪن، آهي حُسن وڌ حبيب جو.

    سون جا ڏهه نالا: سون- سُهرو- سوسن- طلا- عطافر-ڪندن- فيم- وتافر – ٿنگهُه- خيسن.

    سينگار ۾ نڪ مبارڪ ۽ طوطي جو ٻٽو ڏهس
    ڪيل، ڪڪيلو، ڪونتر، تيمر ٻولي پيو اڄ ٻاتو
    ٻامس، پامس، پزم، پسي تنهن پيچ پرينءَ سان پاتو
    ڦونز، نوز، نڪ، ناڪ، ڏسي ٿيو البيغا آتو
    انف، باس، نيف، پرينءَ جي، مٺو چَتونءَ کي چاٿو
    پئرٽ-پپيهر، طوطي، عشق لعلڻ سان لاتو
    ڪئي ‘گل ملڪ’ ثنا ڇا مان، تو آهي حسن وڌ حبيب جو
    طوطي جا ڏهه نالا : ڪيل- ڪڪيلو-ڪونتر-پپيهر –پئرٽ-البيغا-طوطو-چَتون-تيمر-مٺو.

    نڪ مبارڪ جا ڏهه نالا: نڪ-نيف- نوز-ناڪ- انف- ٻامُس -پامَس- پُزم- باس- ڦونز.

    ڏٺ پرولي
    هاٿيلي جهرڪي هر ڪنهن کي اڄ ڪلهه آهي عام
    بيساهي بند سان ڪري پئي پاڻ ڪلام
    ڪڏهن ڪهاڻيون ڪاوڙ ڀريون، ڪڏهن پهچائي سڄڻن جو سلام
    ڏٺ پرولي ڏاها ڏوري، نار سُڻايو نام
    ملي ٿي جتي ڪٿي جام، آهي گڏ گهڻن سان گل حسن چئي
    ڀڃڻي: موبائل

    سينگار ۾ سج جو ويهس
    ارن، عارق، آڏت، آهي تيز تکيرو تابُ
    حُسن پسي هاديءَ جو ويو ديُ سُسي ديتاب
    سج، سوهو، سورج، ايندو ڇا اڳيان آفتاب
    خورشيد، خاورِ خاموش، ناهين جانب جو ته جواب
    روش، رڀن، رَوِ، ڇڏي ڏي، شارق شمس شباب
    جي پرين پيارو پري ڪري، نرمل سائين نقاب
    ته وڙن ويزا وجون ٿئي، ڪامل اڳيان ڪباب
    پر ويو بچائي بانرکي، ڏئي ڪڪر واهه وهاب
    ‘گل ملڪ’ سڄي سنسار ۾ آ، لعلڻ لاجواب
    بس ناهي حد حساب، آهي حُسن وڌ حبيب جو.

    سج جا ويهه نالا: سج-سورج- سوهو- روش- رڀن- رَوِ-ارن- عارق- آفتاب- آڏت
    شمس- شارق- ورن- ويزا -وجون- خورشيد- خاور- دِيُ-ديتاب- بانر.
    ٽڳُڻو (گرچيلو)
    (1)
    هاري ٻار کڻائي نٿو
    جوئر ڪانوُ کائي نٿو
    پٽڪو ائين جُڳائي نٿو
    گُڻ اهو گل حسن کي سگهڙ ڪوئي سڻائي نٿو
    ڀڃڻي: تُري ناهين
    (2)
    استاد لکڻ ڏانهن نه وري
    ڪڙمي ڪم نه ڪري
    ڀوتار پاڻي پاڻ ڀري
    گڻ اهو گل حسن چئي ڪهڙي مامري
    ڀڃڻي : چاڪُ ناهين
    (3)
    لاٽو نئڙو ٿو ڦري نه جائي
    سيرب نٿو ٺاهي نائي
    ڀرٿ ڀري ڪيئن پورهيت مائي
    گل حسن چئي ڳالهه سڻائي
    وه واه! ڏيندس جنهن به ٻُڌائي
    ڀڃڻي: پَٽُ ناهين

    سينگار ۾ چنڊ جو ٽيهس
    قمر، بدر، طوبا، جوڙ نه اڳيان جاني
    درڳ، ڌڄراج، مڌاش، نشاقر، نوڪ، نوراني
    اند، هلال، هسند، سَسُ، نه سڄڻ ثاني
    چن، چندرما، چاند، بڻيو ستارن باني
    پورن، پونم، پهلو، جڏهن سونهن ڏٺي سلطاني
    نوخ نمايو سهڻي صورت، جلوي جوت جواني
    مڌاش، مڪرند، اُماس، عجيب قدمين سن چند ورو فاني
    پونو، پانو، پنرو، چڱڙو لعلڻ پر لاثاني
    مون، ماهه، مهتاب، تنهن کان سرس سڄڻ سبحاني
    چنڊ چٽائي، مرڪ مٽائي، راز هتي هو رباني
    حسين ويا ‘گل ملڪ’ هٽي، ٿي حورن کي حيراني
    خان هُجي ڪو خاني، ته به حُسن وڌ حبيب جو

    چنڊ جا ٽيهه نالا: چنڊ-چاند-چندورو-چن-چندرما-پانو-پونو-پنرو-پورن-پونم-پهلو-نوخ-نشاقر-نوڪ-مون(Moon)-ماهه-مهتاب-مڪرند-مڌاش-اُماس-اِند-هلال-هسند -درڳ-ڌڄراڄ-طوبا-سن-سس-قمر-بدر

    ڳجهارت (سر مارئي)
    ڏيڻي: اد اڙي عمر هڪ واڻڪي نرنام کي
    ٻي ٻڌي آءٌ ڪانه ٻه پائي
    واڻڪي= چوٽي، نرنام = الله تعالى
    ڀڃڻي: ادا ڙي عمر هڪ چوٽي الله تعالى کي ٻي ٻُڌي آءٌ ڪانه؟


    34) خليل الرحمٰن مهيسر

    استاد خليل الرحمٰن ولد سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر ويٺل ڳوٺ رفيق مهيسر تعلقي ڪنگري،ضلعي خيرپور ۾ 1973-2-8ع تي ڄائو. ناظره قرآن پاڪ جي تعليم پنهنجي والد کان ورتائين. پوءِ مئٽرڪ 1988ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پير جي ڳوٺ، انٽر 1991ع، بي. اي 1994ع، ايم اي 1998ع ۽ بي. ايڊ 1996ع، گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج سکر مان حاصل ڪيائين. 1990ع کان وٺي تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هينئر گورنمينٽ هاءِ اسڪول رفيق مهيسر ۾ بحيثيت استاد، J.S.T تعليمي خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.
    ٽيلي ويزن ڪراچي تي سنڌي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شهباز، سچل سرمست جي عرس وارين تقريبن جي موقعن تي سنڌ سگهڙ ڪانفرنسن ۾ سگهڙ پائيءَ جو فن پيش ڪري پاڻ ملهايو اٿس. خانداني طرح سگهڙ گهراڻي سان وابسته هجڻ ڪري گهڻو پرائيندو رهي ٿو. سگهڙائپ جي فن جو سندس والد عبدالرحمان مهيسر استاد آهي، جنهن جي تربيت هيٺ سگهڙ بڻيو. بيتن پڙهڻ وقت ٻڌندڙن کي ڏاڍو متاثر ڪري ٿو. سگهڙ پائي جا سهڻا بيت چيا اٿس.
    (ڪتاب: حال حيات ضلعي خيرپور جا سگهڙ)
    خليل الرحمٰن سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي سچل يادگار ڪاميٽيءَ سان گڏجي سگهڙن جي ڪچهري سنڀاليندو آهي. ان کانسواءِ سگهڙن جي تنظيم ”سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم“ جو مرڪزي صدر پڻ آهي.
    ڳجهارت ”مارئي“
    ڏيڻي: ذات ڇڏينديس سومرا نرنانءُ مارن جي
    ذات= ناپر+ نا+پر، نرنانءُ= مٺا+ مٺن
    ڀڃڻي: ناپر (پرنه) ڇڏينديس سومرا مِٺن مارن جي

    ڳجهارت” سُر راءِ ڏياچ“
    ڏيڻي: مال جو شهر ۾ پيو جڏهن نالي ڪاٺ جونيو
    مال= راڙو+ شهر= جهوناڳڙهه+ نالو= ٻيجلُ +ڪاٺ جو= مٿو
    ڀڃڻي: راڙو جهوناڳڙهه ۾ پيو جڏهن ٻيجل مٿو نيو

    ڳجهارت ”مومل راڻو“
    ڏيڻي: نار نالي ڏي آءُ تن نار نالي ڪريان مينڌرا
    نار نالي= حليمان+هلي+مان، نار نالي= عيد
    ڀڃڻي: هلي مان ڏي آءُ ته عيد ڪريان مينڌرا

    بيت (1)
    ڀلي آئين ڀلا پرين، محبت مٺا مهميرَ
    اڄ گوندر غم لهي ويا، ٿيا ساههَ سڌيرَ
    اهڙيون عنايتون امير، پيو خاص ڪجانءِ ”خليل چوي“

    بيت (2)
    پرينءَ مون کي پري کان، کِلي ڪئي کيڪارَ
    ڄڻ وسي پيو وڏ ڦڙو، ڪَڪَر ڪارونڀارَ
    تن منهنجو تيئن ٿيو، جيئن ٿئي واريءَ مٿي وسڪارَ
    لٿا مَن جا مونجهار، خوشيون ٿيون ”خليل چوي“

    سُر سسئي (1)
    ڪُوهيارو ڪيچ ڌڻي، ڪيئن ويهان وساري
    ڀينرُ باههِ برهه جي، وَيو ٻاروچل ٻاري
    جدائي جانب جي، ڳڻتي ٿي ڳاري
    سرتيون سڪ سيني ۾، ڪيئن گهڙي سگهان گهاري
    ٿو ساههُ سدا ساري، خان کي ته ”خليل چوي“

    بيت (2)
    ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي، منهنجو خانن جوڀي خان
    ڏيرن مون سان ڏاڍ ڪري، ڏنو سورن جو سامانُ
    کٽياڻيءَ جو خليل چوي، محُب رکندو مانُ
    آءٌ آريءَ جهڙو انسان، ٿي ڪونه ڏسان ڪو ڏيهه ۾
    مارئي
    موڪل ڏي ملير وڃان، سُڻ حال حقيقت
    کڻي آئين کوهَه تان، زور ڪري زُريت
    هت ڪانهي همير تو وٽ، پنهوارن پهچتَ
    تون راڄ ڌڻي راڄن جو، ڪر هيڻن حمايت
    ته شافي شفاعت، ڪندئي محشر ۾ ”مهيسر چئي“
    محشر ۾ مهيسر چئي، صاحبُ ٿيندو ساڻي
    کڻي آئين کاهڙ مان، ناحق نماڻي
    عمر تون انصاف ڪر، ڇو تڏاتي تاڻي
    خير ڪر خليل چئي، ته وڃي لُلر ڏسان لاڻي
    ڏُٿُ چونڊي ڏيهه مان، پيان پلر جو پاڻي
    پکا اُتي پهنوارن جا، هيءَ ڏسي ڏوٿياڻي
    منهنجي ساهه سيباڻي، آهي مٽي ملڪ ملير جي

    سُر سورٺ
    اول آس الله ۾ رکي، نڪتو من ۾ مڱڻهار
    سوگڙي هليو گرنار ڏي، وڏو وهَمُ رکي ويچارُ
    چئي سِرُ ڏيار سلطان جو، آهين ڏيهن جو ڏاتارُ
    پُر ڪر هي پينارُ، مڱڻو ”مهيسر چئي“


    35) استاد پنهل “فقير عارف” لغاري

    استاد پنهل فقير جو تعلق ميرپور خاص سان آهي. هيءُ به استاد سگهڙ آهي، جنهن ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا آهن. هتي سندس سرائڪي ڪلام ڏجي ٿو؛
    واهه واهه سير ڪراچي رنگ دا
    وهه واهه سير ڪراچي رنگ دا، جِتان ٻاڻ لڳي انگ انگ دا
    جِت هر جِنس حُسن هالاري، جِيوِين کُليا دوڪان پاساري
    وڌي ڪاڻ مُسافر ماري، بنا سامان سراسر جنگ دا
    وهه واهه سير ڪراچي رنگ دا

    ٿوريان ٽورِ ٽلن ٻڌ ساڙهيان، لک ڳوريان ڳڀرو ڳاڙهيان
    ڊگ روڊ گهمن ڪياماڙيان، هر جا لاڏ للنگ دا
    وهه واهه سير ڪراچي رنگ دا

    ڇتي ڇوڙ مارن ڇاتي ڇيري، دل درد دماوَن ديري
    گِن گهاڙو ڪريندن گهيري، جيوين ظالم تير تُفنگ دا
    وهه واهه سير ڪراچي رنگ دا

    واهه باغ ڪِلفٽن رستي، جيت سؤز والي سر بستي
    پائي گُل گهمن گُلدستي، چائي خيال انيڪ اُمنگ دا
    وهه واهه سير ڪراچي رنگ دا

    سِڪ سوز سِٽي سامانا، جِت هر قوم دا آنا جانا
    لاهور توڙي مُلتانا، مَڪُران اِتئون لنگهندا
    وهه واهه سير ڪراچي رنگ دا

    ڏاڍي سونهن صدر دِي لاثاني، جِت آوَن جاوَن جان دَي جاني
    يا وِچ راهه ڪن مِهماني يا ڏيون پيار پلنگ دا
    وهه واهه سير ڪراچي رنگ دا

    ڪيا عارف لکون افساني، هر خيال ڪُون قدرت جاني
    مَئي پان هَوَون پئماني اِها ساهه سُراهي مَنگدا
    وهه واهه سير ڪراچي رنگ دا


    36) ممتاز امين سنياسي

    نامياري سگهڙ محمد امين سنياسي ابڙي جو پٽ ممتاز 1969ع ۾ ڄائو. 1988ع کان شاعري ڪندو پيو اچي. هن وقت نيو سعيد آباد ضلعي مٽياريءَ ۾ رهي ٿو. سگهڙن جي تنظيم سلات ۾ به ڏاڍو سرگرم رهي چڪو آهي. سندس اِها ڪِرت اڄ به جاري آهي.
    عشق جي موضوع تي سندس هڪ ڊگهو بيت هيٺ ڏجي ٿو.
    عشق برابر ناهي عقل
    اؤکي چاڙهي عشق جي ڪجهه اڳتي هل،
    اڳتي هل، اڳتي هل.
    عشق ڪري وِيو بلاول بانگو
    ڪين ڪيائين سر جو سانگو
    نيهن نهوڙي ڪيو نانگو
    ڇُري هٿ ۾ وير نه وانگو
    آذان ڪري ڪيئن ڪم اڙانگو
    ڪيو پنهنجي ڄڀَ سان خان خلل،
    هيان نانگ صديق سچي کي ڏنگ
    ڪينَ ڪيائين پوئتي ٽنگ
    تيز لڳس پئي تير تفنگ
    ٻهڳڻ خاطر ٻيڻان ٻنگ
    زهر بلاجو زوريءَ زنگ
    جانب خاطر ڪيائين جهل،
    اُحد جي جنگ ۾ ڍال کُسي وئي
    ڍال جي عيوض ڍال اچي وئي
    سعيد معاذ جي جان اچي ئي
    جنگ زبر جي زور مچي وئي
    سهڻي نبيءَ جي جان بچي وئي
    ٿيو ڏند شهيد پياري پنهل،
    رک عشق سليمان فارس وارو
    توريت ۾ ڏٺو جنهن نام پيارو
    سهڻو محمد سائين سوڀارو
    پڙهندي پڙهندي رکيائين آرو
    جنهن کي ڪيو ٿي شيهن شڪارو
    اُتي آيس حيدر ڏئي ته هڪل،
    ڏس ڪيئن ڪمائيو عشق خليل
    جنهن کي چيو ٿي رَبَ جليل
    پُٽ کي ڪئي هُئي پيءُ اپيل
    هائو هڪدم ڪئي اسماعيل
    جهٽ پَٽ ٿي ويا دور دليل
    مانجهي نه مڙيا تنهن مهل،
    عشق ايوب نبيءَ جان ڪر تون
    اِئين جانِ ڏُکن سان ڀر تون
    مال اولاد صدقي ڪر تون
    صد مان سختيون سر تي سهه تون
    نه ڪنهن کان ماني پاڻي گُهر تون
    ڏئي جان جوکي ۾ رَهُه جهنگل،
    ڪٿي ويڄ ۽ ڪٿي قاضي
    بلڪل ڪئي ٿي بُرن بازي
    راه اُنهيءَ ۾ ٿي پيا راضي
    ڪيئن بڻيان ڏس قيدي نمازي
    هوڏهون هَڪلَ آئي تازي
    زنده ڪيائون مرور مُئل،
    ڪٿي نڀائيو نينهن سجاد
    ڪيئن پڙهائيس نينهن نماز
    ڪٿي قابو ڪٿي آ راز
    ڪٿئون آيو ڪيئن آواز
    نرمل ڪري نرتئون ناز
    نينهن نڀايائين پڙهي نفل،
    نيزن تي به نينهن نڀائن
    سِرِ پنهنجي تي شينهن نپائن
    لئون عشق سان پنهنجي لائن
    نه پوئتي ڪڏهن به پير هٽائن
    اکيون عشق سان سامهون اڙائن
    عشق ڪري ويا مُحبَ مِٺل،
    محبت جو ميدان ڏسن پيا
    راڻا سياڻا گهوٽ ڪُسن پيا
    ننڍڙا وڏڙا جوان لڇن پيا
    عشق اکين سان اُتي ڏسن پيا
    هاعشق سان راضي ڪين رُسن پيا
    عشق جي ٻئي کي ناهي ڪَلَ
    ڪي راڄَ ڇڏي ويا پنهنجا راڻا
    جن سان محبت ڪيا ٿي ماڻا
    ڪن کي پيڙي ويا هن گهاڻا
    جن کي ڏنا ها ماءُ اولاڻا
    ٿاڪ ڇڏي ويا پنهنجا ٿاڻا
    عشق نه تن تي ڪئي ڪهل،
    عشق جو آهي روپُ نه رنگ
    عشق جو آهي اُلٽو اَنگ
    عشق وجهي ٿو واري ونگ
    عشق بڻائي مَستُ ملنگ
    عشق نچائي ڪري نسنگ
    عشق وڄائي تيز طبَلَ،
    عشق بَرَن ۾ ڪري بهاريون
    عشق جون آهن تيزُ تراريون
    عشق کڻائي سر تي خواريون
    عشق وسائي تتلَ واريون
    عشق نچائي نازڪ ناريون
    عشق ڏياري بيحد بُلَ،
    عشق ترازن جي آ وچ ۾
    عشق بازارن جي آ وچ ۾
    عشق نظارن جي آ وچ ۾
    عشق هزارن جي آ وچ ۾
    عشق ڪفارن جي آ وچ ۾
    جتي ڪُسن پيا جوان جَبَلَ،
    عشق روئاري راڻيون روليون
    عشق وارن جون ٻُڌجن ٻوليون
    عشق ڪيون ڪيئي خالي جهوليون
    عشق جون آهن هر جاءِ هوليون
    عشق جون پڙهجن پيون پروليون
    عشق جا آهن هر هنڌ هُلَ،
    عشق جي خواري سِرتي کڻ
    عشق جا طعنا مهڻا سُڻ
    توکي ملندا تون نه هڻ
    عشق ته ڏيندئي ڪونه سمهڻ
    عشق ته ڏيندئي ڪونه گهمڻ
    اٿئي عشق جا باري بار اَٽَلَ،
    عشق جو آدم آهي گهر
    عشق ديرو دل اندر
    عشق ٿو کائي جان جگر
    عشق چڙهائي سوليءَ سِرُ
    عشق رلائي جهنگ ۽ جهر
    عشق نه ڪنهن تي ڪري ڪهل،
    عشق سنياسي سؤلو ناهي،
    عشق ۾ رنج ۽ رولو آهي،
    عشق اڻانگو اؤلو آهي،
    عشق نه ڪنهنجو گولو آهي،
    عشق نه ماسو تولو آهي،
    عشق گنوايا جوان جَبَل.


    37) حافظ غلام شبير وسطڙو

    حافظ غلام شبير ڀلوڙ سگهڙ ۽ خوش طبع مرحوم ڪريم بخش وسطڙي جو پٽ آهي. اُنهيءَ حوالي سان جيڪڏهن چئجي ته حافظ غلام شبير خانداني سگهڙ آهي ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو. سگهڙ پائيءَ جو استاد سندس والد مرحوم ڪريم بخش آهي. حافظ غلام شبير ڪيترن ئي سگهڙن جو صحبتي آهي، پر سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر ۽ وريام فقير شيخ سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائي رهي آهي.
    پنهنجي ذهانت سان اديب فاضل جو امتحان ڏئي گورنمينٽ هاءِ اسڪول پير بادل شاهه ۾ عربي ٽيچر جي پوسٽ تي تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سگهڙ پائيءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. (حال حيات ضلعي خيرپور جا سگهڙ)
    سندس بيتن جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

    سُر ”مومل راڻو“
    راڻا تنهنجي رسڻ جو مون کي ڏاڍو آهي ڏکُ
    بدي ڏنئي بيڪار سمجهي، آهي جيءَ اندر ۾ جُکُ
    رهي سارو رخُ، ويهي وٺين ها وسطڙو چوي
    (2)
    راڻا تون رسي وئين، مومل ڪونهي ڪو ڏوهه
    سوڍا تون ته سون آهين، مان لالڻ آهيان لوهه
    ڪنهن ڊوهيءَ ڪيو ڊوهُه، منهنجو گناهه ناهي غلام شبير چوي

    اکين تي بيت
    اکڙين جي اٽڪڻ جي، ٻڌو خاص خبر
    چُر پُر ڪري چريو ڪن، نهاري ڪن نظر
    اڙجي وڃن اوچتو، پيا چريا ڏين چڪر
    حافظ اچن هَر هَر، دلبر جي ديدار لئه

    اکڙيون منهنجي عجيب جون وڏا ڪن ٿيون وارَ
    سيني اندر سٽڪا ٿين، بنا هٿ هٿيارَ
    ڇا جون بڙڇون ڇا جا ڀالا، نه ڪائي تن ڪٽارَ
    اکين جا آزار، هوندا هزارن کي حافظ چوي

    تون سڄڻ تون سهڻو، تون جاني لاجواب
    ڏاڻ سان ڏک ڏور ٿين، سمجهان سرس ثوابُ
    اکيون تنهنجون اشارن سان، پڙهائين برهه وارو بابُ
    حبيب لاهه حجابُ، ته غم وڃن غلام شبير چوي

    ڪانگل جو بيت
    ڪانگل چئج قريب کي، هٿ ٻڌي هيڪار
    ڏاڍا ڏينهن لنگهي ويا، سڄڻ لهه ڪا سارَ
    رهي روح نه ٿو سگهي، دلبر توکان ڌار
    منهن مڙئي مونڏي، محب تو نه ميار
    پرين اچي پيار، ڪر غريب غلام شبير سان


    38) محمد ايوب واهوچو

    محمد ايوب واهوچو هڪ سلجهيل سُگهڙ آهي، لوڪ شاعريءَ جي روايتي موضوعن کان هٽي ڪري به شاعري ڪندو آهي، ان کانسواءِ حاجي علي نواز ڳڻ سان گڏ سگهڙن جي تنظيم “سگهڙ لوڪ وينجهار ڪچهري (سلوڪ) سنڌ“ ۾ سرگرم آهي. هو ان تنظيم جو هن وقت جوائنٽ سيڪريٽري آهي. ڪتاب “وڳڻ جا ويچار“ ۾ ڪتاب ۽ ڪتاب جي ليکڪ حاجي علي نواز وڳڻ بابت به ويچار لکيا اٿائين. محمد ايوب اصل ڳوٺ سُوالي خان واهوچي تعلقي نصيرآباد ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جو آهي پر روزگار سانگي هن وقت مواڇ ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.
    هو غلام علي واهوچي جي گهر ۾ 20-10-1970ع تي ڄائو. هُن جي تعليم بي.اي آهي . سگهڙائپ جي فن جي شروعات 1990ع کان ڪيائين. سندس استاد محمد لقمان کوکر ۽ استاد محمد ملوڪ عباسي آهن.
    هن وقت تائين جن صنفن تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي، اُهي آهن؛ حمد، نعت، سينگار، ڏهس،ڏور، ڳجهارت، ڳاڻوءَ جا بيت، آجيان ۽ گفتي جا بيت، معاشرو، لوڪ گيت، وائي، ڪافي، قطعا، غزل وغيره.
    هيٺ سندس ڪلام مان چونڊ ڏجي ٿي؛

    ڳاڻُوءَ جا بيت (گُرچيلو)
    (1)
    سُگهڙ سڌجي نٿو،
    ڪُڪُڙ ٻڌجي نٿو،
    سِڌِي نه بيهي ڀِت- ڳڻ ڳاڻو ڪهڙي ڳالهه؟
    جواب: ڏور ناهي.
    (2)
    مارو مَنَهن اڏي نٿو،
    موالي سُلفيءَ سڏي نٿو،
    شاگرد نه وڃي اسڪول- ڳڻ ڳاڻو ڪهڙي ڳالهه؟
    جواب: سَر ناهي.
    (3)
    هالو هام هڻي نٿو،
    سوڍو ساهه کڻي نٿو،
    هارِي نه ڇٽي ٻِج-ڳڻ ڳاڻو ڪِهڙي ڳالهه؟
    جواب: تَر ناهي.
    هالو هام ان ڪري نٿو هڻي جو اُن جو تر ناهي پر= پرائي ڏيهه ڪهڙي هام،
    سوڍو ساهه ان ڪري نٿو کڻي جو اُتي جو تر ٻَڌل ناهي.
    هاري اِن ڪري ٻِج نٿو ڇٽي جو اُن جي زمين تر يعني ڀڳل يعني پاڻي ناهي سڪيءَ تي ڇا ٻج ڇٽي.
    هتي ايوب جو اهڙو ڪلام به ڏجي ٿو، جنهن ۾ هن ٻهراڙيءَ جي عورت جي عڪاسي ڪئي آهي. سلڇڻيءَ ۽ ڪلڇڻي ءَ عورت جا معيار مرد وٽ ڪهڙا آهن، انهن کان هن آگاهه ڪيو آهي. ان کان سواءِ هيٺين شعرن مان اهو به واضح ٿئي ٿو ته اسان جي سماج ۾ عورت کي ڪهڙيءَ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سنڌي سماج وٽ عورت جون خوبيون ۽ خاميون ڪهڙيون آهن.

    ڪُلڇڻيون زالون
    اُٿڻ ساڻ الله جو نه واتئون نانءُ وَٺن
    نَڪِي موڳيون مُنهن ڌوئن نه ئي ڏندڻ ڏين
    چڙهي ويهن چُلِهه تي، تئي ڏي تَڪِن
    لهي ماني، لامارو ڏئي، سِرڻ جان سَٽِن
    کائڻ کريون ڪَمَ ٻَريُون، خرار کُٽائِن
    نَڪِي اُلڪو عِزت جو، نه غيرت گُڻ رَکن
    مُڙسَ سَڏِن موٽَ ۾، ”ڇا هي“ ”ڇا هي“ ڪَن
    اولاد ڏي ڪو اَصُلي، ڌيان ڪِين ڌَرِن
    گدلا ٻار َ ٻچا ۽ گندو گهر سَندُن
    نڀاڳين کي ننهنڪر آ، نه چَوَڻ ڪنهن جو ڪَن
    چڱائيءَ چئي نِرِڙَ ۾، گُهنڊي، گُهنجَ وِجَهن
    سمجهائڻ تي سِگهيون وَرِي وِڙهڻ لاءِ وَڌن
    ٿوري گهڻيءَ ڳالهه تي، جهيڙو جو جوٽِن
    چريون چُپ نه ڪَن، رُڳو هَل هلان هُو ندَن
    اَدَب، عزت ڏَسِڻ تي، چنڊيون هِي چڙن
    سونڊ ڪَڍِي سَڄو ڏينهن، سُڳيون سي وَتن
    منهن ڪري به ماڻهن سان، هي واتريون وِڙهن
    گارين گروڙون گهرَ ڇا، پاڙي ڳوٺ ٻُجَهن
    اِهڙين عورتن کان ايُوبُ چئي، مايُون، مرد ڊِڄَن
    وڃي ڪوئي نه ويجهو تن جي، کَهِي سڀ لنگهن
    هادِي ڏئين هِدايت، باقي ڳونري ڳالهه ٻين
    سَڏ اچي جي شاديءَ جو، ته سِگهو هِي سَنبرَن
    پاٽيون پائي سُرمي جون، مَسيون، مُساڳ مَلِن
    پراوا ڪپڙا پائي ڀي، وِهانو تي وَڃَن
    جِنس گهٽ اگهه ڪرڙو، سهڻو پاڻ سَمجَهن
    وڃي وِهانوَ پرائي، وڏيون تاڙيون وڄائِن
    جُهمريون پائي نَچَن ۽ وَڏا هَٿَ کڻن
    ٽوڪون ٿِيئن ٽرڙين تي، ته مُورئون ڪِي مُڙَن
    ماءُ، ماسِي، نانِي اِهي پنهنجون پُڻائِن
    بي بُڻيون، بدچاليون، بُڻ لوٺيون لڄائِن
    ڊاڙ، ٻٽاڪُون ڊِيڪڻيُون، هر جاءِ وڃي هَڻن
    پاڻ پڏائِن پنهنجو، ٻي جي ڪِين ٻُڌن
    ننڍو، وڏو سَڏ ڪري، نه ڪنهن ڏي ڏين ڪَنِ
    نه عَقُل ٽوپي ٽڳي جو، نه رَڌ پچاءُ ڄاڻن
    ڪم ڪار ڪَن نه گهرَ جو، رُليون رُڳو رُلَن
    سودي صرف لاءِ به پاڻ، هليون هَٽَ وَڃَن
    دُوناڙ ڪَڍِي دَڳن تي، گهٽيون سَيرَ گُهمَن
    هُڏيون ڏئي هَر ڪنهين، گُٿو ڳالهائِن
    ڪيڏو به کاراءِ ڪُهٽُين کي، ڪنهن جو ڪِين مَڃن
    چڱن چَوڻي چِٽيءَ طرح، سمجهائي سالکن
    ”رهي راهُوجن بهي باهُوجن، ڪُتِي ڪؤريجن“
    کائي سائينئين ڀؤنڪي ڪسائينئين، پيڪا پڏائِن
    لِکان ڪِهڙا ليکي ۾، ڪارناما ڪُڌيُن
    اِهڙن افعالن، به عارِض آهِن اڻڳڻيون،

    سُلڇڻيون زالُون
    اول نانءُ الله جو، اِهي وَٺِي اُٿَن
    پوءِ پاڻيءَ لَپَ ٿيون، مايُون مُنهن وِجهن
    بِسمِ الله ڪري بعد ۾، مالڙو مٽائِن
    ڪُٽو ڪَڍِي ڪِلَن تان، ڇيڻا مُٺيا ڪَن
    گاهه ملي ڪُونَرَ ۾، مينهون ڀي ڏُهَن
    کِيرَ گڏي چاڏيءَ ۾، ويهي وِلوڙِن
    ٻُهاري کڻي ٻاجَهه ڀريون، گهرَ کي گهمائِن
    صاف ڪري صَحَن پو، سانجَڻ سونجِڻ ڪَن
    ماني کارائي مَردَن کي، ڪَمَ تي پوءِ ڪَڍَن
    ٻارَ ٻچا تيار ڪري، مَڪتب موڪلِن
    ٿانَوَ ٿِپا گڏ ڪري، مُرڪي سي مانجِن
    دِلا، مَٽَ ڌوئي ڪري، پاڻي پوءِ ڀَرِن
    ڇنڊي ڦُوڪَي گَهرَ کي، سڀ شئي سنڀارِن
    لٽا، ڪپڙا لَڄَ ونديون، دِل سان پيون ڌوئِن
    استري ڪري اُنهن کي، راڻيون پوءِ رَکن
    پوتي ڀري پَلالَ جي، ڪُتِر ڪانو ڪَن
    وِٿِي مِلين ته ويهي، وري ٽوپو ٽڳو ڏين
    ٽوپ، ٽوپيون، گَجَ، هُر مِچ ڀرت سَڀ ڀَرِن
    ٽاڪيل رِلهيون ٽُڪَ تي، وِهاڻا ڳچ وَٽَن
    سَوَڙِيُن سان تن سيبتين جُون، صَندوقُون ٻُسڪَن
    مِزمانن کي مانَ ۾، وِڇائي ويهارِن
    ماني ڪري منٽ ۾، خُوشيئون کارائِن
    رُڌل پنهنجي ريجَهه ۾، وانديون ڪِين ويهَن
    سَڄو ڏينهن سَٻاجهڙيون، سوگهيون منجهه ڪَمَن
    پوڀي پنهنجي گَهرَ ۾ مُرڪنديون وَتَن
    اُداسي نه اُنهن چهري، ٿڪيو سي نه ٿَڪَن
    روزا به رَکن نمازون به، پابنديءَ سان پڙهن
    صَدوريون ، سٻوجهيون، سُٺيون سي سڏجَن
    صُورَت سُهڻيون، سيرت ۾ حَسِين تن حُسن
    سُلڇڻين کي سَڏُ ڪجي، ته ”جِيءُ“ وراڻي ڏين
    چئيجين ڪو ڪم ڪار ته، ننهنڪر ئي نٿن
    هيٺ هميشه حياءَ سان، ڪَري ڪَنڌ هَلَن
    ٿورو ملي به ٿڌيون رَهَن، ڪڏهن نه ڪُرڪَن
    ماٺيڻون سي ماٺ سان صَبُرَ ۾ رَهَن
    اَؤکيءَ ۾ اَيُوبُ چئي، مُورئون ڪِين مُنجهن
    سدا سچي رَبَ کي، ٻانهيون ٻاڏائِن
    ابي اَمڙ عِزت ڏئي، مانُ رَکَن مُڙسَن
    سوڍيون رَهن سَتُرَ ۾، گهران نه نِڪرَن
    آواز به اُنهن ڪَنڌيءَ، لوڙهي، ٻاهر ڪين ٻُجَهن
    ادب ۽ اخلاق ۾ ٿيون مٿاهيون مَڃجَن
    اوڙي پاڙي عزت نِگهه، ڏاهِيون جي ڏسجن
    ڳالهيون هَر هِڪ ڳوٺ ڳليءَ، تنجُون ڳائِجَن
    ليکو لِکڻ ناهه ڪو، لکي ڇا لکجَن
    اَڃا به گُڻ اِلاهي، اُچا مَنجهه اُنهن
    عَقُلَ ڀريون عورتون، اِهڙيون ڪَئي آهِن
    جي کڻي جاچجن، ته ملنديون سَڄيءَ سِنڌ ۾.


    39) روشن علي ڪوري

    روشن پيرل ڪوريءَ جي گهر ۾ 1962ع ۾ ڳوٺ بابل جروار ڏوڪريءَ ۾ اک کولي. هو پرائمري پاس آهي. مزدوري ڪري پيٽ پالي ٿو. سگهڙائپ ۾ سندس استاد محمدملوڪ عباسي آهي، 35 سالن کان سندس سگهڙائپ جاري آهي. هو سڄيءَ سنڌ ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. مختلف تنظيمن پاران سرٽيفڪيٽ ۽ گولڊ ميڊل، شيلڊون ۽ ايوارڊ مليل اٿس. ٽي.وي ۽ ريڊيي جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو. سندس چواڻي هزارن جي انگ ۾ شعر لکيل اٿس، جن ۾ نعت، ڪافيون، غزل،آزاد نظم، سينگار، ڳجهارت، ڏٺ پرولي، ڏور بيت، هُنر، گرچيلو، اخلاقي بيت، پهاڪا عشقيه شعر، ڏهس ۽ ٽيهه اکري وغيره اچي وڃي ٿي.

    نصيحت جو بيت
    سڄڻ نِوُ سَرَ جيئن، اُڀو ٿيءُ نه بَڙُ
    ڏسي محل ماڙيون، ڀُونگي تون نه سَڙُ
    وڃي بي وڙن سان، ورائي ڪج وَڙُ
    بي ڳڻن جي ڳالهه ۾، تيل نڪي کَڙُ
    ڪوڙو عادي ڪوڙ جو، جيئن ٻليءَ ڳَڙ
    سڄيءَ وهي سڀ ڪو، کٻيءَ نه جُٽي جَڙ
    راضي رهه روشن چئي، ٿورو ڏسي نه رَڙُ
    پائيندڙ کان پاسو ڪري، اوکيءَ ڪين اَڙُ
    اُهو پڇائج تَڙُ، جتي ملاح ٿو مِهر ڪري

    سينگار جو بيت
    سهڻي سانول صبح سويرو، سونهن پسائي ساجن
    سَرو سورج سامهون، سڄڻي سَرِڪن سهڻا سَنَ
    پَٻَ پاليهر پيش، ٻاٻيها پوپَٽَ پڄرن پَنَ
    مرنگها مينڊل مور، مٺوئڙا موهيا ماهي من
    ڪاٿي ڪرنا ڪاٿي ڪوئل، ڪاڏي ڪري ڪن
    جانب جلوي جاني، جنگ جوڙي جوڀن
    چاند چندورو چور، چَچُورون چاهت چريا چن
    تڳي ترني تابيو تجمل، تيز تڙ پائي تن
    رات رهي ”روشن“، راڻي رنگ رچائيا.


    40) دُلو فقير ڀٽي

    دُلو فقير هڪ سٺو سگهڙ آهي. دُلو فقير ولد نياز حسين ڀٽي ڳوٺ فقير نياز حسين ڀٽي تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپور سان تعلق رکي ٿو، هو پرائمريءَ جا پنج درجا پاس آهي، محنت مزدوري ۽ پوکي راهي ڪري پنهنجو پيٽ پاليندو آهي. سگهڙائپ ۾ سندس اُستاد سندس والد نياز فقير ۽ فقير عبدالرحمٰن مهيسر آهن. پهاڪو ۽ ڏور بيت سندس پسند جون صنفون آهن، سندس هڪ ڪتاب ”گنيءَ جا گُن“ ڇپجي چڪو آهي، جيڪو سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر ترتيب ڏنو اٿس. سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم سان به سلهاڙيل آهي.
    سندس ڪتاب ”گُنيءَ جا گُن“ ۾ فقير عبدالرحمٰن مهيسر سندس تعارف تفصيل سان ڏنو آهي، جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو؛
    ”دُلو فقير ولد مرحوم نياز فقير ڀٽي ويٺل ڳوٺ نياز فقير ڀٽي تعلقي گمبٽ ۾ 1970 ڌاري جنم ورتو. ابتدائي ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ هادي بخش فقير وٽ قرآن پاڪ ناظران پڙهيو. سنڌي پرائمري پنج درجا مڊل اسڪول سوني ڀٽيءَ ۾ پڙهيو، وڌيڪ غربت جي ڪري پڙهي ڪونه سگهيو ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪرڻ شروع ڪيائين.
    سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم ضلع خيرپور طرفان بهترين سگهڙ جو سچل سرمست ايوارڊ 2004ع ۾ حاصل ڪيائين.
    دُلي فقير ڀٽيءَ جو روحاني رشتو پير سيد نالي چڱي شاهه جيلاني (گمبٽ) وارن جي خاندان سان ابي ڏاڏي کان وٺي وابسته رهيو آهي.
    سگهڙ دُلي فقير کي پنهنجي ٻني ٻارا آهن ۽ پاڻ محنت ڪري هارپو به ڪندو رهي ٿو. اُن سان گڏ پنج ست مينهون جوڙو ڏاندن جو ڪجهه ڳائو ٻاڪرو مال به رکيو اچي. ڀائرن جي پاڻ ۾ محبت آهي رب ڪريم کين اِها محبت دائم قائم رهائي.
    دُلي فقير ڀٽيءَ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ هر سگهڙ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي داد حاصل ڪندو رهي ٿو. وڏن سگهڙن، سياڻن، سالڪن سان سندس ڪچهريون رهيون آهن. اميد ته اڃان به سندس نالو روشن ٿيندو ۽ پنهنجيءَ اوطاق تي هر سال تمام وڏي سگهڙن جي ڪچهري ڪرائيندو رهي ٿو.
    پهريائين پنهنجي والد مرحوم کان ڏور ڳجهارت جي ڪچهري هٿ ڪيائين پوءِ سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر جي صحبت ۾ ذوق وڌايو اٿس ۽ سگهڙ پائيءَ جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس ۽ وڌيڪ فن تي لکندو رهي ٿو. سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر جي صحبت ۾ وڌيڪ لوڪ ادب جو پانڌيئڙو بڻيو آهي.
    سگهڙ دُلي فقير ڀٽيءَ پنهنجي صلاحيتن کي ڪم آڻيندي لوڪ ادب جي شاعري طبع آزمائي ڪري پاڻ مڃرايو آهي. خصوصاً ڏور، سينگار، ڏٺ پرولي، ڳجهارت،مهل موقعي جا بيت، هدايت ۽ نصيحت جا بيت، وغيره چيا آهن.“
    هو سنڌ ۾ ٿيندڙ ننڍين توڙي وڏين ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو رهندو آهي. ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هيٺ سندس پرولي ۽ آجيان جو بيت ڏجي ٿو:

    پرولي
    ڏيڻي: هر هنڌ هر جاءِ تي، ٻُڌائي خبر چارَ
    ٺاهڻ واري ٺاهي ڇڏيو، ٻُڌ سارا سماچار
    ڪن پيا ڪروڙين تنهن سان، پنهنجا پراوا پيار
    دُلا هن دنيا ۾، ڪري ٿو باتيون بيشمار
    ڪي عاقل عقلدار، ڏاها ڳولين هن ڏٺ کي

    ڀڃڻي: ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان رب ستارَ
    ريڊيي کي راڄ ٿا سندس ڪرائين سينگار
    جهنگ جهر ۾، کنيو وتن ڌڻن جا ڌنارَ
    سَيلَ تنهنجو ساهه آهن، ڪري پيو جبلن ۾ جهونگار
    بجليءَ تي به ٻوليون ٻُڌ، پري پري جي پچار
    اهي پورا ڏنم پار يا اڃا دل سان دؤڙايان

    بيت
    (1)
    ڀلي آئين ڀلا پرين ڪامل قرب ڪري
    ويهي ڪا ورونهن ڪر پلڪ ٿي نه پري
    سدائين شل سهڻا، پيو اهڙو واءُ وري
    ٿي ساعت ڪونه سَري، تو دلبر سواءِ دُلو چئي
    (2)
    آڪڙ ڇڏ اجائي، وائي سڀ وسار
    ته قادر توتي ڪري، صاحب جي سرڪار
    دوئي ڪڍي دُلو چئي، من پنهنجي کي مار
    ڌاڳا اهڙا ڌار، جو پهرين پتڻ پار ٿئين


    41) شاهنواز چنو

    شاهنواز ولد علي نواز چنو 1961ع ۾ پيدا ٿيو، سگهڙائپ جي شروعات 1978ع ۾ ڪيائين. سگهڙائپ ۾ سندس استاد محمد مٺل مهر آهي. پاڻ هن وقت جکرا پاڙي رتي ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو. هن مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هيٺ انهن مان چونڊ پهاڪو ڏجي ٿيو:

    پهاڪو
    ٽوهه هنداڻو ول پوکج هڪ زمين
    مڻين وجهينس مصريون کوڙ ڀري خُرجين
    ڦري جڏهن ڦر ڪن، آڻج مٿان امين
    تنهن جو ميوو مٺو، ڪنهن ڪڏهن چيو ڪين
    ڇو ته وڃي ڀت بنياد تي، توڙي هجن حورن کان به حسين
    ”چنا“ گهمجن چين، ته به ٽوهه هنداڻو هڪ نه ٿئي


    42) محمد صالح عباسي

    محمد صالح عباسي ولد غلام سرور عباسي 1977-7-20ع تي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. سگهڙائپ ۾ سندس استاد فقير محمد ملوڪ عباسي هو. سگهڙائپ ۾ 23 سالن کان مٿي عرصو گذاريو اٿائين، ريڊيي پاڪستان، پي ٽي وي، سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي وي ۽ سنڌ ثقافت کاتي جي ترتيب ڏنل مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺي چڪو آهي.
    سنڌي ادبي ميگزينن، اخبارن ۾ توڙي ادبي ڊائريڪٽرين ۾ سندس ڪلام ڇپجي چڪو آهي. هن مختلف ايوارڊ به ماڻيا آهن، جن ۾ 1. شاهه لطيف ايوارڊ، 2. استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ سميت لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ شامل آهن. پاڻ هن وقت سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم جو مرڪزي جنرل سڪريٽري آهي.

    سينگار
    وهوا حسن حبيب جو، ساري جڳ سرهاڻ
    مرڪڻ ساڻ محبوب جي، ٿي چوڌاري چانڊاڻ
    ماڻهن جنن ملائڪن ۾، هلي وڻ ٽڻ ۾ واکاڻ
    چاسينگر جيئان چمڪو ٿيو ڄڻ ٽري هلي ٽانڊاڻ
    تن کي ڪهڙي ڪاڻ، جن کي سڄڻ مليو ”صالح“ چئي


    43) سگهڙ رمضان فقير مڱڻهار

    ميرپور خاص سان تعلق رکندڙ سگهڙ رمضان فقير مڱڻهار ڀلوڙ سگهڙن منجهان آهي. هِن ڪيترائي شاگرد به پيدا ڪيا آهن، جن مان جان محمد جاني بروهي به هڪ آهي.

    سينگار (سرائيڪي)
    نين سياه ساجن دي، سٽ سينگ ڪَرن سنگسار اُتي
    زُلف ڪريندن زور زخم، جيوين مار ڏنگي مڻدار اُتي
    خورشيد خِجل بيتاب بدر، ٿئي رُوح پسي رخسار اُتي
    ويک لبان نُون لال بدخشان، ٿِيوَن لڄِي لاچار اُتي
    دند جواهر مَرجان موتِي، احمر ڪيا اظهار اُتي
    سُخن سُڻي شِيرين زُبان، ڪِيتا ترڪ طوطي تڪرار اُتي
    ويک قدم رفتار پرين دي، گنير ٿئي گرفتار اُتي
    سيماب جِسم ميڏي جانب دا، جيوين جهلڪ موتي جنسار اُتي
    حُور پريان ڀي حيران ٿِيون، ول ويک سڄڻ سينگار اُتي
    مين ڪهڙي ڪر ان صفت ثنا، سندي يار سهڻي سردار اُتي
    فلڪ مَلڪ ڪُل مُطيع ٿئي، اِهو ويک ايڏا اسرار اُتي
    لاهه لوک لکي نَهِين لام ڪنُون، لامِيم نه ويڇا وار اُتي
    تُون الف الله ڪر ڄاڻي، جِتان دائم هئي ديدار اُتي
    سچِي سوز والي سُرڪ ڏيندا، سِر پيش ڌرين صد بار اُتي
    مين جام ڪيتي محبوب ڪنون، چا پٽ کڙين پئنار اُتي
    رمضان ويکيَنِ رب روح اندر، ميڏا هوت هنئين دا هار اُتي


    44) جان محمد جاني بروهي

    جان محمد بروهيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ڏهه سال کن اڳ بزم طالب المولى جي اڳواڻ ۽ نالي واري شاعر اقبال شاهين صاحب ڪرائي هئي. شاهين صاحب مون وٽ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ادبي پروگرام رسالي ۾ هر هفتي ايندو هو. ان کانسواءِ تنظيم سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽيءَ ۾ به اسان سان گڏ آهي. سُرهاڻ سوسائٽيءَ پاران خوشبوءِ نالي خبر نامون ڇپبو آهي، جنهن ۾ شاهين صاحب چيو ته هن نوجوان سگهڙ جو ان ۾ تعارف ڏيو، مون جان محمد جو تعارف ان ۾ ڇپيو. جڏهن به مواڇ ڳوٺ وڃڻ ٿيندو هو ته جان محمد، ڪاڇيلي محمد سومار ۽ ٻين سان ڪچهريون ٿينديون هيون، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. هيءُ همراهه ڄائو ته ضلعي ميرپور خاص جي ڳوٺ موسى خان بروهيءَ تعلقي حسين بخش مريءَ ۾ پر رهي مواڇ ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ ٿو.
    ڏاڍو جاکوڙي جوان آهي، سنڌيءَ کانسواءِ اردو، بلوچي، براهوي، پشتو ۽ سرائڪي نه رڳو ڄاڻي ٿو پر ان ۾ شاعري به ڪري ٿو. نظم کان سواءِ نثر ۾ به لکي ٿو. سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مضمون به لکيا اٿائين. لوڪ شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندو آهي، حيرت جي ڳالهه اِها آهي ته هيءُ رڳو اَٺ درجا پڙهيل آهي. پرائمريءَ کان شاعري ڪندو پيو اچي. اکر ڏاڍا سهڻا اٿس. انگريزيءَ ۾ به لکي ۽ اسٽيج تي پڙهي ڄاڻي ٿو.
    هيءُ همراهه هڪ سماجي ڪارڪن پڻ آهي، کيس گهڻو ڪري ”جاني“ سڏيندا آهن. اصل نالو جان محمد ولد محمد مراد بزنجو بروهي اٿس. هو مختلف سماجي تنظيمن ۾ اهم عهديدار جي حيثيت سان ڪم ڪندو آهي.
    United Human Rights Council Karachi West جو نائب صدر، بروهي سوشل ويلفيئر تنظيم (رجسٽرڊ) مواڇ ڳوٺ جو باني جنرل سيڪريٽري ۽ سگهڙ لوڪ وينجهار ڪچهري (سلوڪ) سنڌ جو جنرل سيڪريٽري آهي.
    سگهڙائپ جي فن ۽ سگهڙن جي خدمت کان سواءِ غريبن کي راشن ڏيارڻ، علاج ۽ دوائن ۾ مدد ڪرڻ، ڪفن دفن، صلح صفائي ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ ڏاڍو سرگرم آهي.
    صحافت سان به دل اٿس. هفتيوار اردو اخبار ٽو ڊي ايوننگ اسپيشل ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. صحافت ۽ سماجي تنظيمن ۾ سندس جذبو ساراهڻ جوڳو آهي. سندس قلم ۽ عمل غريب ماڻهن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت جُنبش ۾ رهي ٿو. بيگناهن کي پوليس کان ڇڏرائڻ، غريبن جي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ ٻين خدمتن لاءِ سرگرم رهي ٿو.
    سگهڙائپ جي فن ۾ به سندس وڏو نالو آهي، هر صنف تي جهجهي تعداد ۾ لکيو اٿائين. سندس ڪلام تي ٻڌل ڪتاب تيارين ۾ آهي. هتي سندس چونڊ ڪلام ڏجي ٿو؛

    نصيحت
    ڪجي ڪم اُهو ئي وڏي شوق سان، غريبن جي جنهن ۾ ڀلائي هُجي
    صداقت سان هر ڳالهه اِهڙي ڪجي، جَنهن ۾ صِدق ۽ سچائي هُجي
    وساري فرق سڀ نسل ذات پات، خُدا لئه ادا ٿين حقوق العباد
    هُجي دل ۾ خدمت جو جذبو سدا، رڳي سوچ ۾ بس سُٺائي هجي
    سکيا علم ۽ هُنر جي هت وڌي، ته ڪو حال ٻين جو سُڌري پوي
    پکڙجي ڪا تعليم جِي روشني، اٻوجهن جِي پڻ رهنمائي هُجي
    هُجن جي وِڙهيل تِن جي اصلاح ٿئي، اُنهن ۾ وڌي ڀائپي ٺاهه ٿئي
    سُڌاري جي هموار جيئن راهه ٿئي، اسان ۾ اِها سيبتائي هُجي
    ٿجي آسرو بي سهارن سندو، يتيمن معزورن بيمارن سندو
    ڪبي اِئين حاصل خُدا جِي رضا، سڄي جنهن سان راضي خُدائي هُجي
    عَدل جي گهري ڪوئِي اڻ ڄاڻ ٿو، ڏجي ساٿ مسڪين مظلوم جو
    سِگهي تنهن کي انصاف ڏيارڻ لئه، اسان ۾ حقي حق ادائي هُجي
    حقيقت ۾، خدمت ئي اسلام آ، اهو جان محمد جو پيغام آ
    بروهي بُرائي نه ڪنهن سان ڪجي، چڱائي هُجي بس چڱائي هُجي

    سينگار
    جِن نازڪ خد نگين سي سَسُوءِ کان سُهڻا سپرين
    نِهوڙيو نوکنڊ کي نينن سان ٿا نين
    ڪَچ قريبن اِئين چوان، جِيئن سنها مار سُرين
    ابرو سندن آڪرا، سدا کان به سنگين
    اُلف انگن ڇا اِهڙو، مُک ڪسر کان مِين
    لالون لب لڄايون تِن، پِٿُون وڌ پَسين
    دڇن دُر دٻايا سي سرسِي بيهڪ سِين
    ٻولڻ وقت بروهي چئي، ٿي ڪوئل ڪُڇي ڪين
    سَرُ و صنوبر سڄڻين، ٿا بردا دَر بيهين
    ڪافين لڪا ڪار پسي چهبُڪ جهڙي چين
    جان وکاري وِکون کڻي ٿا ڪبڪُون ڪوهه ڪنبين
    آهي سڀ پرينئين سر سِين، صنم مُون سنسار ۾.

    سينگار (سرائيڪي)
    دلبر دي ديدار ڪنُون هڪ ساعت سهسين سالي
    سُهڻا صاف سَرُ و قد سالم قامت يار ڪمالي
    وال سِياهه مڻدار وَ سيهر ڪالي نانگ نِرالي
    ابرو سيف سنگينون سهڻي ڀونئر ڀِزوُن هِن ڀالي
    ٻانَ جنگي هٿيار ڏوهين چا مارن ديد دو نالي
    رُوپ رنگيني رخسار عجائب آکان ڪِيا احوالي
    بوسه جِند بي جان ڪِيتا، جيڪو لب ڪسر ڪنون لالي
    دِهِن صفا دُر هِيرَي مرجان موتي نَهِين مجالي
    مُرڪڻ نال مريندا ماهِي رُخ چا ڏي رومالي
    غب غب دي وِچ غرق ڪريندئي، اُهو چاهه ذنخ دي چالي
    ناز نوان ڪوئِي نينهن لڳو سي جوڀن ويک جمالي
    زير سهري سينگار ڪريندا بدري ماهه مِثالي
    سيني سُهڻل سرسا سُونهن، خاص اُتئون دل خيالي
    صدقي سُهڻل يار سڄڻ تُون، پِرت ڪِيتا پئمالي
    قمر جِتان قُربان ٿِيون، حَسِين اُٿان ڪِيا حالي
    ڪر بِروهي ڀال ڀلايان والن وَرق وِصالي
    قدم اُٺا چا قربئون آوَن گهول گهتان گهر ٻالي
    مُلڪ مڏيان ڪل مالي، صدقي سهڻل يار صنم تَئُون.


    45) حاڪم علي ميمڻ

    سگهڙ حاڪم علي ميمڻ ڳوٺ لائق ڪوري رحيم آباد تعلقي خانپور ضلعي شڪاپور ۾ 1967ع ڌاري ڄائو. سگهڙائپ جي شروعات ننڍي هوندي کان ئي پنهنجيءَ اوطاق مان ڪيائين. هن جا وڏا ڪچهري ڪندا هئا، هيءُ ٻڌندو هو.
    فن ۾ استاد محمد عظيم ڪلهوڙي کي استاد ڪيائين. جيڪو لوڪ ادب ۾ وڏو نالو آهي. هن ريڊيي، ٽي ويءَ جا ڪيترائي پروگرام ڪيا آهن. ان سان گڏ قلندر ايوارڊ 2011ع ۾ ماڻيائين. ڀٽ شاهه، سچل سرمست ۽ جيڪب آباد هارس اينڊ ڪيٽل شو وغيره ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ حصو وٺي چڪو آهي.

    محبت تي بيت
    (1)
    هيءُ ملڪ هلي ٿو محبت سان، ٻَڌل آ قرب سان ڪائنات
    الفت جي عاشقن کي، وائي آهي وات
    ملڻ جهلڻ ڀائري ڀاڪر، طلب هلي ٿي تاب
    حُب هميشھ حاضر حبيبان، تازي تحقيقات
    جاڳڻ وارا جاڳن ٿا، اُٿي آڌيءَ رات
    سِڪ جو سڳو سُڪ ٻڌل، آ محبت ۾ مرجات
    ڏسڻ ۾ ڏسجي، صحبت سا صفات
    نينهن سندي نعت، ٿا حبدار ڳائن حاڪم چئي
    (2)
    اڃان محبت ايتري آ ملڪ ۾، جنهنجي تورجي نٿي تور
    ماپ ورڇ کان مٿي آ، الفت سندي اور
    قربانيءَ وارا قرب سان ڏين ٿا، سر گهمائي گهور
    محبت جا مچ متل آهن، درست ڏسان ٿو دؤر
    ڪي سڪ سانڍن ٿا سيني ۾، مانجهي مرد مور
    زبري زورئون آهي زور، حب هوتن جي حاڪم چئي


    46) غلام شبير عباسي

    استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي پٽ غلام شبير کي سگهڙائپ جي سُتي گهر مان ئي پياري وئي، جتي هو 1973-8-27ع تي ڄائو. سگهڙائپ جي گهاٽن وڻن جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ غلام شبير کي ريڊيي، ٽي ويءَ ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ وڃڻ ۾ ڪابه ڏکيائي پيش نه آئي. هُن جي فن جي آبياري ٿيندي رهي. هُن کي مڃتا ۾ ڪيترائي ايوارڊ به ملي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي.
    جلال کٽي رحه ايوارڊ، شاعر شيرل باڊاهي ايوارڊ، قلندر شهباز ميلا ڪاميٽي جو بهترين سگهڙ سرٽيفڪيٽ، استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ، ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ ۽ ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ شامل آهن.

    ڏهس سينگار (اُٺ جا ڏهه نالا)
    پسي حُسن حبيب جو، اٺڙن جهليا اڳ
    ڪيمل ڪنڌ جهڪايو، ٿو جمل جلي جڳ
    توڏي تانگهه پرين جي، ڊوڙي ورتا دڳ
    نيش، گورا گسن تي ڪي ڍاٽي بڻيا ڍڳ
    مهري، ميا مڳ، پيا ڀرن ڇرڪ شبير چئي

    بيت
    هلي آءُ حبيب تون، ته وري مون وارو
    ڀلو ويس بدن تي، ڪيم ڪالهاڪون ڪارو
    تنهنجي شوق شبير چئي، مونتي ڪيو مارو
    وري پئي وارو، جي اچين هت ”عباسي“ چئي


    47) محمد جمن ڀٽي

    ڀٽي صاحب ڄامشوري سان لاڳاپو رکي ٿو. پاڻ 1965ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو شاهي خان آهي، هن ڳچ شاعري ڪئي آهي.
    سندس ڪتاب جو نالو ”چڪر مال جو آ“ آهي. هن نديم عمراڻيءَ ۽ عاجز رحمت الله لاشاريءَ سان گڏجي محمد ايوب جوڻيجي جو ڪتاب پڻ ترتيب ڏنو آهي.

    حمد و ثنا
    اي منهنجا خدا مونکي شفا ڏي سچي سردار جي صدقي
    ڪر معاف مونکي، سڀ کي مٺي منٺار جي صدقي
    جنهن سان به ڪيو تو، آ گهڻو پيار جي صدقي
    هن ڪربلا جي قافلي قطار جي صدقي
    ساراهه تنهن سائينءَ هڪ عمر ڪندي ڇا
    وڻ قلم سمنڊ مس ڪجن پوءِ به مٿي آ
    مختيار آهين مالڪ تون بخشي به سگهين ٿو
    ٻانهن جي خطا ڍڪ ڏئي ڍڪي به سگهين ٿو
    ڀلا ڪير پڇي توکان، تون پڇي به سگهين ٿو
    محبوب جي صدقي ۾، ڇڏي سائين سگهين ٿو
    ڪهڙا به هجئون ڪوجها ته به ٻانها آهيون تنهنجا
    مخلوق مڙيئي تنهنجي، پيا عرض ڪيئون پنهنجا
    ساهن جي رڳن کان به آهين، سائين تون ويجهو
    سڏ ڪهڙا ڪجن ناهين پري، رحم سان ريجهو
    بندي جو ڪهڙو حال، سوا تنهنجي آ ڪنهنجو
    ٿو قبر ۽ حشر ڏينهن، کپي ڪرم ڪو تنهنجو
    الله تون عادل عدالت نه گُهرون ٿا
    بس ڪرم کپي سائين، توکان رحم گهرون ٿا
    ڪل صدقي ولين جي ذڪر جو قسم ٿئي
    سهڻي شاهه ڀٽائيءَ جي فڪر جو قسم ٿئي
    ۽ مُهر نبوت جي منور جو قسم ٿئي
    يٰس، طٰھٰ قرآن جي دفتر جو قسم ٿئي
    گنهگار وجهي يار دوزخ ۾ ڪندين ڇا؟
    رحمان ۽ رحمت جي اها آ نه تقاضا
    الله! فجر، ظهر ۽ عصر جو قسم ٿئي
    معصوم ڳلي خون خدا اصغر جو قسم ٿئي
    حُسين جي حال سجدي سر جو قسم ٿئي
    قاسم جي ڪُسڻ گهوٽ حيدر جو قسم ٿئي
    ”جمن“ جي خطا خامي خدا خالق تون ڇڏي ڏي
    ڪر معاف سڀئي ذاتيون ۽ گهٽي به گڏي ڏي


    48) طالب ڀنڀرو

    هيءُ همراهه سگهڙ سان گڏ ڪهاڻيڪار ۽ نعت خوان پڻ آهي. سندس تعلق شڪارپور سان آهي. سنڌ ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪچهرين ۾ پنهنجو ڪلام پيش ڪندو رهي ٿو، هتي سندس چونڊ ڪلام ڏجي ٿو:
    ڪي بنگلن حويلن ۾ کلندي ڏٺاسون
    ڪي ئي مال دولت کي چُمندي ڏِٺاسون
    جن غريبن يتيمن بيواهن کي ماريو
    اُهي مغرور ماڻهون اڄ روئندي ڏٺاسون
    عاليشان گاڏين ۾، ڪيائون عيش عشرت
    اُهي روڊ رَستن تي رُلندي ڏِٺاسون
    برسات سيلاب هنيان اهڙا هاڃان
    بُکيا پيٽ مارون اَڄ گهُمندي ڏِٺاسون
    اُڃاريون اکيون، پيٽ اُگهاڙا نينگر
    اَجهو ناهي اُس تي اڄُ سمهندي ڏِٺاسون
    وڏيرن ڪامورن، ڀَريا پيٽ پنهنجا
    باٺا بيگناهن کي هڻندي ڏٺاسون
    ظالم بادشاهن جا، ڪوٽ ڪئي
    عوامي انقلابن ۾ ڊهندي ڏٺاسون
    ڪٿي باغ بلبل، ڪٿي آ ڪوڪ ڪوئل
    جهرڪي ڪانگ ڳيرا به وڙهندي ڏٺاسون
    شهرن ۾ گهر پنهنجا قبضي ۾ غيرن
    نڌڻڪا اباڻا اڄ ڪُسندي ڏٺاسون
    ٻولي اباڻي نه وسري وطن مان
    سنڌوءَ ماءُ جيجل لاءِ سڪندي ڏٺاسون
    آهن انڌير ننگريءَ جا ظالم حُڪمران
    ڪي ئي منصور سولين تي چڙهندي ڏٺاسون
    لطيف قلندر سچل شاهه عنايت
    مارن دعائون اتي گهرندي ڏٺاسون
    ڀنڀري سنڌ امڙ لاءِ لکيو آهي لکِندو
    ڪري سجدو جيجل کي جُهڪندي ڏٺاسون


    49) الله بخش سامت

    الله بخش ولد فقير محمد ذات سامت 1961ع ۾ ڳوٺ ٿرڙي لڳ مير پور ٻرڙي تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. پرائمري پنج درجا ميرپور ٻرڙي مان پاس ڪيائين. سگهڙائپ جو فن 1981ع کان شروع ڪيائين، جنهن جي سکيا استاد بهار علي بهار ٻرڙي کان ورتائين.

    سر سامونڊي
    اڀيون سارين وڻجاريون ورن لئه
    سامونڊي ساري، تڙپي ڳوڙها ڳچ ڳارين
    سج اڀرندي سور کڻي، مٿي تڙ تنوارين
    ورن ريءَ ولهيون ٿي، موٽي گهر گهارين
    شل والي وارين، سامونڊي ”سامت“ چئي


    50) غلام اڪبر گاڏهي

    ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر باڊهه سان واسطو رکندڙ غلام اڪبر گاڏهي سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ شرڪت ڪندو رهي ٿو. هو الهڏني جي گهر ۾ 1964-1-1ع تي ڄائو. ٽيهن سالن کان هن فن ۾ آهي. سندس استاد محمد ملوڪ عباسي آهي. هن مختلف ٽي وي چينلن کان سواءِ ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري پروگرامن ۾ حصو پڻ ورتو آهي. هن مختلف صنفن تي پنهنجو ڪلام چيو آهي. هتي سندس هڪ ڏهس ۽ نصيحت جو بيت ڏجي ٿو:

    ڏهس (وارن جا ڏهه نالا)
    ڪارا ڪيس ڪلهن تي، پيا وٽ ڏين وسيهر
    ونگ وشيهل وري پيا، کنيا ڪاريهرن ڪر
    ڀونگ ڀينڊا بدن تي، ڄڻ سُرڪي پيا سسيهر
    ترنگ، تليهر تجلو ڏيئي، ٿا اڍلي پون اليهر
    اهڙي رنگ اڪبر، پئي ڪُٺا گهوٽ گاڏهي چوي

    نصيحت جو بيت
    دوستي رک دانائن سان، جي ادا ڏسين اشراف
    مندي نه آڻن من ۾، هُو سينو رکن صاف
    انهن پاس اڪبر چوي، ڪر تون ڪشالا قاف
    اورج احوال انهن سان، جيئن ٻيا نه ٻڌن ٻاڦ
    نه ته لٻاڙين جي لاڦ، ڪندي گم گاڏهي چئي


    51) عبدالستار مير بحر

    عبدالستار پٽ غلام رسول مير بحر، فن جي شروعات 1990ع ۾ ڪئي. تعليم، بي.اي اٿس، ضلعي شڪارپور ۾ رهي ٿو.

    پاڻيءَ بابت
    پرور رکيا پاڻيءَ ۾، اونهان ڪي اسرار
    پيئڻ ساڻ پاڻيءَ جي، لهجي اڃ اڃار
    ڌوئي ڌوڙ دز کي، اڇو ڪري اچار
    پاڻيءَ جي پهچڻ سان، ٿئي ساڻيهه ۾ سُڪار
    پاڻي ملي پوک کي، ٿين اَنَ انبار
    مال پي موجان ماڻي، حيوان لک هزار
    ٻيا به ڪي ڪرشما اٿس، پويا پالڻهار
    جي هڻبو ڌڪ هن ۾، ته ڌڪ ساڻ ڌار
    وري به ملي پاڻي پاڻ ۾، ٿيندو هڪ هيڪار
    سِک سبق پاڻيءَ کان، گُڻ گنهگار
    ڪٿي ڪٿي اوڀارو، گهڻو لنهنواريءَ ڏي لار
    اٿس منهن اولهه ڏي، جاڏي پنجتن هن پڳدار
    باهه اجها ئي ڀڙڪيل توڙي، بنهه هجي بيڪار
    اهڙيون سَوَ ڳالهيون ستار، پاڻ رکيون آهن پاڻيءَ ۾


    52) سيد مختيار علي شاهه

    سيد مختيار علي شاهه ولد سيد شمن شاهه 1968ع ۾ ڳوٺ سونهاري ڀٽي، تعلقي سجاول جوڻيجي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. پنج درجا پرائمري تعليم اسڪول سونهاري ڀٽيءَ مان پاس ڪيائين. 1992ع کان سگهڙائپ جي شروعات ڪيائين ۽ انهيءَ فن جي سکيا استاد سگهڙ منظور علي اسراڻ کان ورتائين.

    نصيحت
    آهين قيمت سندو قطرو، ڇڏ واحد کي نه وساري
    اول آخر آهين سهڻي رب جي سهاري
    صاف ڪري سينو ڇڏ، ٻيائيءَ کي ٻُهاري
    اِهو سبق سائينءَ ڏنو آ، پرين پيغمبر پياري
    موت اٿئي مٿان، ويندين غفلت منجهه گذاري
    پيار ڪر پنجتن سان، ته تار مان ڇڏيندءِ تاري
    لڳ تن سڄڻن جي سهاري، ته ڪندءِ ماڙ ”مختيار شاهه“ چئي


    53) عبدالقادر اوڳاهي

    عبدالقادر ولد سُکيو خان اوڳاهي 4 مارچ 1970ع تي مسجد محلي غوثپور تعلقي ڪنڌ ڪوٽ ضلعي ڪشمور ۾ ڄائو. سن 1990ع کان ادب ۾ پير پاتائين. پاڻ سٺو سگهڙ، شاعر ۽ استاد آهي. پاڻ سگهڙائپ جو فن فقير بهار علي ٻرڙي کان پرايائين.
    شاهه لطيف ادبي سنگت غوثپور جو سن 1998ع لاءِ جنرل سيڪريٽري هيو. سندس ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. پاڻ ڪراچي ٽي ويءَ تي ڪيترائي پروگرام به ڪري چڪو آهي. سندس سينگار جا ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا:

    سينگار
    سر و قد ساجن سهڻو دندان داڻ انار
    پر بيحد بجلي تن ۾ جيئن ڪري وسڪار
    زلف دائري ديم تي سونهن ايئن سردار
    جيئن سورج سرنگ مان ڪڍي ڪا ڪنار
    سڀ کان سونهن زور زنخ جي ريڊ مائل رخسار
    افضل ابرو صيف سنگنئون ڄاڙيون جلويدار
    عين اتم ادگر کان ريءَ ڪيفيون ڪجل ڌار
    اعلى پسيو عنمبر کان هر هنڌ ٿئي هٻڪار
    حسين ٻيا به هزار، پر منهنجو عجيب وڌ عبدالقادر چئي


    آجيان جو بيت
    جي جانب ٽلي ٽور، ته گنير گام نه کڻي
    ڪرن قدمين اچي محبوب اڳيان مور
    هنج مٿس حيران ٿي ڪن گهڙيءَ تنهن سرگهور
    اچن ائين ”اوڳاهي“ چئي، جيئن چنڊ ڪڍ چڪور
    تل نه ڪو تور، آهي جانب جو جهان ۾


    54) صابر حسين عباسي

    نوجوان صابر حسين ولد ممتاز علي عباسيءَ کي سگهڙائپ ميراث ۾ ملي آهي. استاد محمد ملوڪ عباسي ڏاڏو اٿس، جڏهن ته والد ممتاز عباسي استاد اٿس. پاڻ پهرين جنوري 1986ع تي ڄائو. هن هيٺين پروگرامن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو آهي:
    ڪي ٽي اين، مهراڻ ٽي وي، سنڌ ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، قلندر شهباز جو ميلو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ميلو وغيره.

    بيت
    پيارا مونکي پون ٿا پل پل تنهنجا پور
    ڇو ڀلا ڇاجي ڪري دلبر رهين ٿو دور
    مٺا تنهنجي محبت ۾ آهيان مان مجبور
    هميشھ ڪيترا ڏنا تو صابر کي سور
    ايڏا ڪر نه ڪلور، ڪرڪو احسان عباسيءَ تي


    55) شفيق الرحمٰن ڪوري

    هيءُ نوجوان روشن علي ڪوريءَ جي گهر ۾ 1995ع ۾ ڄائو. انٽر پاس آهي، ميمڻ پاڙي ڏوڪريءَ ۾ رهي ٿو. سگهڙائپ جي فن سان وڏو چاهه اٿس، جيڪڏهن محنت ڪيائين ته ضرور منزل ماڻيندو.

    بيت
    (1)
    اُڀري لٿو سج، چنڊ ڪئي چانڊاڻ
    مون پرين ڪاڻ، رات گذاري ڏينهن ڪيو
    (2)
    سورج جهڙو سومرا، نه تِکُ ڏيکار تاءُ
    آءٌ سڏيان ڀاءُ، توکي وِيلو وَرُ ٿيان
    (3)
    سورج جهڙو سومرا، نه تاءُ ڏيکار تِک
    مور نه موڙيندي، ڏُکي تنهنجي ڏِک
    منهنجو مونکي ليکو لِک، خالق ڪيو کيت سان
    (4)
    جهلي مون جهولي، تنهنجو نرالو سڻي نانءُ
    هيو ڪوڙو ڪانءُ، ڪرسيءَ مٿان ڪوري چئي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259698
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386687
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ