ڪتاب جو نالو: وايون وڻجارن جون
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، سنڌ
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 07 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 455 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 204 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
چين ويندي هانگ ڪانگ ۾ گهڻو اچڻ ۽ رهڻ ڪري اتي جون ڳالهيون به گهڻيون ٿي پيون ۽ هن ڪتاب ۾ رڳو هانگ ڪانگ ۽ ان جي اوسي پاسي جي سمنڊ ۽ ٻيٽن جون ڳالهيون آهن، جيڪي 1970 کان 1973 جون سمجهڻ کپن. هي منهنجا سامونڊي سفر جا قصا تن ڏينهن ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپبا هئا، جيڪي پوءِ سهڻي پبليڪشن جي مالڪ ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف گڏ ڪري 1974 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا.
الطاف شيخ
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • پهريون ڀاڱو

  • سفر نامو – جيل نامو
  • ڪاڇو پبليڪيشن جي ڇاپي لاءِ ڪجهه سِٽون
  • جهاز بابت ڪجھه ڄاڻ
  • ننگر ۽ ناڙيون پڳهه کڻي پنڌ پيا
  • تون واقعي هيڊ ماسترياڻي ٿي لڳين مغرب هميشه مشرق کي بکَ، بيروزگاري ۽ بُڇڙائي ڏني آهي.
  • سنڌي ثقافت ۽ سڀيتا جو پرچارُ هڪ ملاقات ۽ انٽرويو
  • اسپيشلي ميڊ ــ او، ڙي! هپي اِدر آئو!
  • تريل نانگ لذيذ ٿين ٿا توهان ڪڏهن ڪُتو کاڌو آهي؟
  • سکر جا سياڻا سونارا به پرکي نه سگھن هانگ ڪانگ جون رات واريون بازاريون
  • ڇلو جو گھرگھلو ڪري پيو کوهه ۾! ڪيڏانهن ويو سر چارلس نيپئر ڪٿي آهي مائونٽ بئٽن........
  • نئون اٺُ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي
  • ڪجھه هانگ ڪانگ جي تاريخ جاگرافي بابت
  • ڪجھه يادون ــ ڪجھه ڏنگ ”آئون نيو سنڌي آهيان“ مون کي کلڻ کپي يا روئڻ؟
  • بليڪ پيئر جو گوڙ ۽ ماٺ ــ دٽي ڇڪي لاجڪ لاجڪ ...
  • جان جا چور، مال جا چور ۽ ايمان جا چور!
  • دادوءَ کان ميهڙ ويندڙ کٽارو بس ۽ سک ڳوٺ کان ٻاهر جهڙي موڳي رِڍَ!
  • ڌرتيءَ جا گھوٽ، اڻموٽ ٿيندا آهن سنڌ بهشت برين ٿيڻ وارو آهي.
  • خاڪ مان سون بنائڻ وارا سنڌي
  • اڃا آهيان مان جوان ربُ رُسي مت کسي
  • مصري عرب سان شام ــ ڪولون جي مسجد
  • هانگ ڪانگ ٽاور پيڪ ۽ رقابت جو جذبو
  • توهان جي شهر جي نالي جي معنى ڇا آهي؟ اٺ، نه، نَوَ بلائون چئو. سرڪار!
  • پوءِ اها ڇوڪري آسمان تي هلي وئي.....
  • هانگ ڪانگ ۽ چينين بابت ڪجهه مزيدار ڳالهيون!
  • حصو پهريون

  • اڄ جو هانگ ڪانگ
  • حصو ٻيو

  • هانگ ڪانگ، ڪلڪتي ۽ ڪراچي جون ٽرامون
  • حصو ٽيون

  • هانگ ڪانگ مهانگو ترين ملڪ
  • حصو چوٿون

  • هانگ ڪانگ بلند عمارتن جو ملڪ
  • حصو پنجون

  • هانگ ڪانگ جون مسجدون
  • حصو ڇهون

  • ڪولون جو ناٿن ۽ سالسبري روڊ
  • حصو ستون

  • هانگ ڪانگ جوگندو ۽ سٺو علائقو – وان چائي
  • حصو اٺون

  • هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو
  • حصو نائون

  • ماڻهو آهن يا جن
  • حصو ڏهون

  • سنڌي هندو واپاري
  • حصو يارهون

  • ڪي سيتل – هڪ عجيب سيٺ
  • حصو ٻارهون:

  • هانگ ڪانگ جو امير ترين ماڻهو – هَري ليلا

  • سنڌ سلامت پاران

    ”وايون وڻجارن جون“ الطاف شيخ جي شروعاتي سفرنامن مان آهي۔ هي ڪتاب سندس 1972 کان 1973 تائين هانگ ڪانگ جي چوڌاري ڪيل سفرن تي مشتمل آهي جيڪي من مئرين انجنيئر جي حيثيت ۾ ڪيا۔ ڪتاب جو ٽائيٽل ڀٽائي سرڪر جي هيٺين بيتن مان ورتل آهي:

    نه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون!​
    سَرتيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پِڻُ چِڪِيَمِ چاڪَ؛​
    مارِينِمِ فِراقَ، پاڙيچيُون پِريُنِ جا.​


    تَڙين تَنوارِينِ، ماءِ! سامُونڊِي آئِيا؛​
    مونکي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جون.​

    محترم عبداللطيف انصاري جي ڪاوشن سان سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران هن ڪتاب کي اي بوڪ جي صورت ۾ انٽر نيٽ تي آندو ويو آهي۔


    پهريون ڀاڱو

    سفر نامو – جيل نامو

    الطاف جي هن سفرنامي جو جيل سان فقط ايترو تعلق آهي جو هن سفرنامي جو پيش لفظ مان پيو لکان، ۽ مان هن وقت جيل ۾ آهيان. الطاف جي سفرنامن ۾ هانگ ڪانگ ۽ ٻين ملڪن جو احوال آهي، ۽ مان جيل جو احوال ٿو ٻڌايان. البت اِها ڳالهه مڃان ٿو ته الطاف جي سفرنامن ۾ مختلف ملڪن جو رنگين ماحول چٽيل هوندو، ڪارائتي معلومات هوندي ۽ دلچسپي هوندي آهي، پر منهنجي پيش لفظ ۾ اونداهي کوليءَ جو ذڪر آهي.
    عجيب اتفاق آهي ته الطاف جي سفرنامن جو پهريون مجموعو ”منهنجو ساگر، منهنجو ساحل“ به مون ڇپايو هو، ۽ پيش لفظ به مون لکيو هو. ۽ هن دفعي به، هي مجموعو مون ڇپيو آهي ۽ پيش لفظ به مان لکي رهيو آهيان. فرق فقط اهو آهي ته پهريون پيش لفظ الطاف جي خواهش ۽ زور ڀرڻ تي لکيو هوم، ۽ هي پيش لفظ، الطاف جي خواهش بنا، پنهنجي خواهش تي لکيو اٿم. پهريون پيش لفظ آزاد فضا ۾ ۽ ٻيو جيل جي کوليءَ جي ٻوساٽيل ماحول ۾.
    7 - اپريل 1974ع تي صبح جو مان پنهنجي دوست فيروز وٽ وڃڻ لاءِ گهران نڪتس ته سادي لباس ۾ پوليس جو هڪ اي. ايس. آءِ ۽ پوليس وارو آيو، سندن شڪلن مان سڃاڻي ورتم ته پوليس جا ماڻهو آهن. آفيس کولي ويهاريم. هنن ٻڌايو ته ٿاڻي تي سڏ ٿيو آهي، ۽ انهيءَ سان گڏ ٻه ٻيا A.S.I. ۽ ٽي پوليس وارا به وردين ۾ اچي ويا. سمجهي ورتم ته گرفتار ڪرڻ آيا آهن. سٽي ٿاڻي تي آيس ته F.I.R. ڏيکاريائون. مون تي ٻه ڪيس هئا. جن ۾ هڪ D.P.R. جو هو. انهيءَ تي ضمانت نه ورتائون، باقي ٻئي تي غلام نبي مغل جي ضمانت ورتائون. ٿوري دير ۾ ڪجهه دوست ٿاڻي تي پهتا جن ۾ هڪڙو منهنجو ويجهو دوست ارشاد قاضي به هو. ڪجهه دير کانپوءِ مغل وڪيل وٽ ويو ۽ مونکي لاڪپ ۾ بند ڪيائون. ارشاد گڏ هو، ٿوري دير بيٺو ۽ پوءِ منهنجي لاءِ هنڌ ۽ ضروري سامان کڻڻ لاءِ ويو.
    لاڪپ جي اِها کولي ننڍي ۽ انتهائي گندي هئي. ڌپ کان مٿو ٿي ڦاٽو. جڏهن ارشاد هليو ويو ته مون کوليءَ جو جائزو ورتو. هڪ تڏي تي بلائينڪيٽ وڇائي هڪ پنجاهه پنجونجاهه سالن جو پوڙهو ويٺو هو. مان سندس ڀرسان ئي ويهي رهيس. هڪ ٻئي کان خبرون پڇيونسين. هو ٺيڪيدار هو، ۽ ذاتي دشمني ڪري (بقول سندس) هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاٿو هو. سندس ڪيس صادق آباد (پنجاب) ۾ داخل ٿيو هو. رات جو وڃڻو هوس. ڳالهين ۾ جڏهن خبر پيس ته مان رسالي جو ايڊيٽر آهيان ته ٻڌايائين: ”رات اوهانجو هڪڙو اديب، جنهن ٻڌايو هو ته هو وڪيل آهي، هتي ڪجهه ڪلاڪ هو.“ مان سمجهي ويس ته اُهو رسول بخش پليجو هنجي، جنهن جي ضمانت ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿي ويئي هئي. ڇاڪاڻ ته هتي D.P.R. جو ڪيس نه هو.
    ٿوري دير کان پوءِ ارشاد هنڌ، بيگ ۽ ماني کڻي آيو. هنڌ ۽ ماني مونکي ڏنائون، پر بيگ لاءِ جيل وارن چيو ته رکي وڃ، پيٽ ۾ تڪليف ۽ نرالي جاءِ ڪري ماني کائڻ تي دل نه ٿيم، سا موٽائي ڇڏيم. ارشاد کي چيم ته هو ٻئي دوست وڪيل عبدالحليم بروهيءَ کي ڏسي، ۽ منهنجي هڪ ٻئي ويجهي دوست فيروز کي ٻڌاءِ.
    مان هنڌ وڇائي، ميري ۽ گندي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيس. کوليءَ جي ڀت جديد آرٽ جي، آرٽ گئلري ٿي لڳي. ڪٿي شعر، ڪٿي تصويرون ۽ ڪٿي ائڊريسون لکيل هيون. اوچتو ٽن نالن منهنجو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو. اهي نالا هئا: يوسف جکراڻي، اسرار احمد سرڪي ۽ شاهنواز شاهه. هر هنڌ نالي جي هيٺان 05/11/1973 جي تاريخ به لکيل هئي. اهي ٽئي نالا ٻن ٽن هنڌن تي ڳاڙهي رنگ سان لکيل هئا. پوءِ خبر پئي ته اهي، هن ئي کوليءَ ۾ هئا، اڄ کان چار ڏينهن اڳ سينٽرل جيل ويا آهن. اهي ٽئي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ٻن شاگردن جي قتل ۾ جهليل هئا.
    شام ٿي ته پهرين فيروز ۽ ارشاد انهيءَ کانپوءِ غلام نبي مغل، ڪجهه مائٽ ۽ دوست آيا. ارشاد سامان کڻي آيو هو. ڪجهه دير بيهي وري منهنجي ئي ڪم سان ويو. ٻيا به سڀ آهستي آهستي موٽي ويا، فيروز ڪافي دير ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ پوءِ هوبه ويو ارشاد رات جي ماني کڻي آيو، پر مون ماني موٽائي فقط بسڪيٽن جو دٻو ۽ مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ گلوب وٺي رکيو. ارشاد در وٽ ئي پٽ تي ويهي رهيو ۽ مان ٻئي پاسي هنڌ سيري ان تي ويٺس. وچ ۾ لوهي شيخون هيون. آزادي ۽ قيد جي وچ جي ديوار. ڪافي دير هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. ارشاد مونکي گهڙي گهڙي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ۽ مون مرڪي ٿي ڏنو، نه ڄاڻ پاڻمرادو يا زوري. پوءِ رات جو دير دير سان، منهنجي مجبور ڪرڻ تي ارشاد صبح جواچڻ جو چئي اٿيو.
    مون وارو کولي پارٽنر صادق آباد لاءِ روانو ٿي ويو هو. هاڻ هن کوليءَ ۾ مان هوس ۽ تنهائي هئي. عام حالتن ۾، اهڙي گندي ڪمري ۾، مان شايد پير رکڻ به پسند نه ڪيان، پر هاڻ اتي رهڻو ۽ سمهڻو هو. منهنجو ڏوهه؟ مون ڇو سچ لکيو، مون ڇو سچ ڇپيو.
    کوليءَ جي گهُٽ ۽ ٻوسٽ ۽ اندر جي بيچينيءَ ۾ ننڊ ڪٿي ٿي آئي. اُٿي ويهي رهيس. پڙهڻ لاءِ ڪتاب هئا، پر ڪمري ۾ اوندهه سبب پڙهي به نٿي سگهيس، نيٺ سوچيم: پڙهي نٿو سگهان، اوندهه ۾ لکي ته سگهان ٿو، پر ياد آيم الطاف جو ڪتاب ڪڏهن کان تيار پيو آهي، سوچيو هوم ته ڪنهن وڏي اديب کان پيش لفظ لکرائيندس. آغا سليم سان ڳالهه به ڪيم، پر سندس اسلام آباد وڃڻ ڪري، ڳالهه اڌ ۾ رهي. سوچيم، هن اوندهه کان فائدو وٺان، ڪجهه الطاف تي، ڪجهه پاڻ تي لکي، اهو بار لاهيان.
    الطاف کان اڳ، سنڌيءَ ۾ تمام گهٽ سفرناما لکيا ويا آهن، قاضي عابد ۽ ڪريمڏني راڄپر يورپ ۽ آمريڪا جا سفرناما لکيا هئا ۽ اُهي ڪتابي شڪل ۾ ڇپيا به هئا، پر انهن سفرنامن کي اها شهرت حاصل نه ٿي سگهي، جيڪا الطاف جي سفرنامن کي حاصل ٿي آهي. الطاف بحيثيت هڪ ڪهاڻيڪار جي ناڪام ڪهاڻيڪار آهي، پر سفرنامن جي ڪري سندس مقام سنڌي ادب ۾ تمام مٿي آهي، جيترا پڙهندڙ ۽ چاهيندڙ الطاف جا آهن، سنڌيءَ ۾ گهٽ اديبن جا ايترا پرستار هوندا. مان جڏهن به الطاف کي اها ڳالهه چوندو آهيان ته الطاف مذاق سمجهندو آهي ۽ چوندو آهي: ”ڇو ٿو هروڀرو منهنجو دماغ خراب ڪرين.“
    مان هڪ رسالي جو ايڊيٽر آهيان، مون وٽ سوين هزارين خط ايندا آهن. ڪيترا پڙهندڙ ملڻ به ايندا آهن. اڪثر الطاف جي باري ۾ پڇندا آهن، شڪل جو ڪيئن آهي. عمر گهڻي اٿس. قد ڪيترو اٿس، مغرور ته ڪونهي، ڀلا خط لکون ته جواب ڏيندو. ۽ مونکي هر ڳالهه جو کيس جواب ڏيڻو پوندو آهي. پوءِ وري چوندا: ڀلا الطاف جي ڪا تصوير هجي ته ڏيو. چوندو آهيان: آهي ته سهي، پر اها پنهنجي لاءِ رکي اٿم. وري چوندا: چڱو فقط ڏيکاريو. الطاف جي تصوير ڏسي، ائين خوش ٿيندا، ڄڻ روبرو مليا هجن ۽ ڪجهه ته وري سندس هٿ اکر ڏسڻ جي خواهش ڪندا.
    ڪنهن اديب جي ڪاميابي انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
    الطاف جي سفرنامن ۾ ڪي وڏيون خوبيون آهن. پهرين ڳالهه ته هو سفرنامن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن، ملڪن جي مشهور بندرگاهن جو سير ٿو ڪرائي، سير سان گڏوگڏ، اتي جي تهذيب، ثقافت ۽ انهن مسئلن کان واقف ڪرائي ٿو. سندس سفرنامن ۾ ڪارائتي معلومات هوندي آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ ننڍيون ننڍيون دلچسپ ۽ اڻ وسرندڙ جيئريون جاڳنديون ڪهاڻيون، دلچسپ واقعا ۽ وڏي ڳالهه ته مناسب هنڌن تي هنڌائتا لطيفا ٻڌائي، پڙهندڙ کي تفريح جو پورو موقعو ميسر ڪري ڏئي ٿو. الطاف هڪ جادوگر آهي، پڙهندڙ سندس لکڻيءَ جي منڊ ۾ منڊجيو پوي ۽ جادو تڏهن ٿو ٽٽي، جڏهن لکڻي پوري ٿي ٿئي.
    الطاف جي هنن سفرنامن جي وڏي خوبي اها آهي ته انهن ۾ الطاف نصيحتون نه ڪيون آهن، نه ته هن کان اڳ جڏهن به سفرناما لکيا اٿس، انهيءَ ۾ هو اديب کان وڌ مبلغ نظر آيو آهي. منهنجو ساڻس انهيءَ ڳالهه تي سدائين اختلاف رهيو آهي ته: سفرناما هڪ معلومات هوندي آهي، مختلف ملڪن جو دلچسپ احوال هوندو آهي. پڙهندڙ مختلف ملڪن جا حالات ۽ واقعات پڙهڻ چاهين ٿا. تون ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي نصيحتون نه ڪندو ڪر. اهڙيءَ طرح تسلسل ٽٽيو پوي ۽ پڙهندڙ ڪَڪ ٿيو پري، پر الطاف تي منهنجي ڳالهين جو اثر گهٽ پوي ٿو، هن دفعي مان سمجهان ٿو گنجائش نه هئي نصيحتن ڪرڻ جي، نه ته ضرور ڪري ها.

    طارق اشرف


    ڪاڇو پبليڪيشن جي ڇاپي لاءِ ڪجهه سِٽون

    ”وايون وڻجارن جون“ منهنجو سفرنامو شروع وارن سفرنامن مان آهي ۽ پهريون سفرنامو آهي، جنهن ۾ هڪ ئي ملڪ جو احوال آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز چين تمام گهڻو ويندو هو ۽ چين جي ڪنهن بندرگاهه ۾ وڃڻ کان اڳ پهرين هانگ ڪانگ ايندا هئاسين جو ان خطي ۾ هانگ ڪانگ عدن ۽ ڪولمبو وانگر ڊيوٽي فري بندرگاهه هو، جتان اڳتي جي سفر لاءِ جهاز لاءِ تيل پاڻي ۽ جهازين لاءِ راشن ورتو ويو ٿي. چين کان علاوه جپان ۽ ڪوريا وڃبو هو ته به ايندي ويندي هانگ ڪانگ ۾ لنگر ڪيرائبو هو. هانگ ڪانگ ۾ اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي ريجنل آفيس پڻ هئي، جنهن سري لنڪا کان ڪوريا تائين ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي بندرگاهن ۾ اسانجي جهازن جو انتظام سنڀاليو ٿي. سو هانگ ڪانگ ۾ گهڻو اچڻ ۽ رهڻ ڪري اتي جون ڳالهيون به گهڻيون ٿي پيون ۽ هن ڪتاب ۾ رڳو هانگ ڪانگ ۽ ان جي اوسي پاسي جي سمنڊ ۽ ٻيٽن جون ڳالهيون آهن، جيڪي 1970 کان 1973 جون سمجهڻ کپن. هي منهنجا سامونڊي سفر جا قصا تن ڏينهن ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپبا هئا، جيڪي پوءِ سهڻي پبليڪشن جي مالڪ ۽ سهڻي رسالي جي ايڊيٽر طارق اشرف گڏ ڪري 1974 ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا.
    ”وايون وڻجارن جون“ ڪتاب جي هن پهرين ڇاپي ۾ 216 صفحا هئا ۽ ڪچي ڪاپيءَ جي قيمت پنج رپيا ۽ پڪيءَ جي ڏهه رپيا رکي وئي هئي. هن ڪتاب جا پيش لفظ طارق اشرف پاڻ لکيا. ان بعد هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سال 1979 ۾ نيو فيلڊ پبليڪشن پاران فيروز ميمڻ صاحب ڇپيو جنهن جي سادي ڪاپي جي قيمت ڏهه رپيا ۽ اوچيءَ جي پنڌرهن رپيا رکي وئي. هي ڪتاب شايد پڙهندڙن کي وڌيڪ پسند آيو جو منهنجي نون سفرنامن سان گڏ فيروز صاحب هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو هڪ سال بعد 1980 ۾ ڇپرايو.
    انهي دوران هر هنڌ ڪمپيوٽر عام ٿي ويو ۽ اسان وٽ سنڌ ۾ به سنڌي ڪتاب ڌاتو جا اکر جوڙي، پور ٺاهي، مَس مان ٻوڙي پني تي پريس ڪري ڇپڻ بدران ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ٿيڻ لڳا. نوي جي ڏهائيءَ جي آخري سالن ۾ فيروز صاحب ٻڌايو ته هو منهنجا ڪجهه پراڻا سفرناما ڪمپيوٽر ذريعي ڇاپڻ چاهي ٿو، جنهن ۾ تصويرون به اينديون. اهڙي طرح هن ڪتاب ”وايون وڻجارن جون“ جي چوٿين ايڊيشن سال 1997 ۾ ڇاپي وئي. جنهن جي قيمت هن جي اداري نيو فيلڊس پبليڪيشن سٺ رپيا رکي. ان دوران دنيا ۾ انٽرنيٽ عام ٿي چڪي هئي ۽ منهنجي اها خواهش هئي ته منهنجا سفرناما انٽرنيٽ تي عام ٿي وڃن جيئن هر هڪ گهر ويٺي بنا خرچ جي پڙهي سگهي. ان ڏس ۾ مونکي ڪافي ڪاميابي ٿي ۽ آئون آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي ائسوسيئيشن SANA (خاص ڪري سَني پنهور)، سنڌي ادبي سنگت سکر سٽي برانچ جي پروفيسر عبداللطيف انصاري، وائس آف سنڌ جي عباس ڪوريجو، زاهد ميراڻي، انجنيئر عبدالوهاب سهتو، حبيب سنائي، مظهر علي ابڙو ۽ ٻين دوستن جو ٿورائتو آهيان جن پنهنجي خرچ تي مختلف ويب سائيٽون ٺاهي، انهن تي منهنجا ڪتاب ڏنا آهن.
    ڪمپيوٽر جو دور شروع ٿيڻ سان مون اهوئي سمجهيو ٿي ته ماڻهو اخبار يا ڪتاب پڙهڻ ڇڏيندا. پر ائين نه ٿيو آهي. انبن جون سڪون انبڙيون نٿيون لاهين وارو حساب آهي. اڄ به اخبار يا ڪتاب پڙهڻ جو جيڪو مزو آهي اهو انٽرنيٽ تي پڙهڻ ۾ نٿو اچي ۽ اڄ گذريل زماني کان به وڌيڪ ڪتاب ۽ اخبارون ڇپجي رهيا آهن. منهنجا سفرناما به نه فقط نوان پر پراڻا به وري وري اچي رهيا آهن. ڪاڇو پبليڪيشن جي مالڪ محمد علي ماجد ٻه مهينا اڳ منهنجو هڪ پراڻو سفرنامو ”بندر بازاريون“ ڇپيو جيڪو نه فقط ڇپائي جي خيال کان پر ان ۾ ڏنل تصويرن جي ڪوالٽي ۽ ڇاپي کان بهترين چئي سگهجي ٿو ۽ هاڻ هو منهنجو هي سفرنامو ”وايون وڻجارن جون“ پڻ ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿو. مون کي پڪ آهي ته هي نوجوان جيڪو بيحد محنت سان، دل لڳائي ۽ اڄ جي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي، جنهن سهڻي انداز ۽ سستي اگهه تي مارڪيٽ ۾ ڪتاب آڻي رهيو آهي اها نه فقط اسان لکندڙن لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي پر سندس اداري ”ڪاڇو پبليڪيشن“ جي به نيڪنامي آهي.

    خلوص مان
    الطاف شيخ
    E-mails: altafshaikh2004@yahoo.co.uk
    altafshaikh2005@gmail.com

    Altaf Shaikh
    2/2, 8th Gizri Lane, Phase-4,
    Defence Society,
    Karachi-75500.


    جهاز بابت ڪجھه ڄاڻ

    هن ڪتاب ۾ ڪجھه اهڙا نالا ۽ Terms استعمال ٿيا آهن جن جو واسطو جهازي دنيا سان آهي. عام ماڻهوءَ لاءِ انهن جي سمجھاڻِي هتي ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو.
    ڊيڪ (Deck) : جهاز جو مٿيون حصو. جهاز جي ڏاڪڻ چڙهي هن حصي تي پهچجي ٿو. هي جهاز جي اڳئين ڪنڊ کان آخري ڪنڊ تائين هڪڙو ئي حصو (پَٽُ) آهي. جهاز کي واٽر ٽائيٽ رکڻ لاءِ لوهي پليٽن جي هيٺين حصي کي باٽم، ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي پليٽن کي Shell پليٽنگ ۽ مٿئين حصي کي ڊيڪ سڏجي ٿو. ڊيڪ جي هيٺان سامان رکڻ جا گودام، انجڻ روم، خلاصين جا ڪمرا ٿين. ڊيڪ جي مٿان ٻه چار ماڙ جون ڇتيون ٿين ٿيون جن تي آفيسرن جا ڪمرا ۽ برج (جهاز جو ڪنٽرول روم) ٿئي. ڊيڪ جي مٿان وارا ڪمرا وڌيڪ هوادار ۽ سهڻا ٿين، جن جون دريون کولي ٻاهر جو نظارو به ڪري سگھجي ٿو. مسافرن جا فرسٽ ڪلاس ۽ ڊيلڪس ڪلاس ڪمرا به مٿي ٿين. ڪجهه ملڪن جي ’مسافر جهازن‘ تي گھٽ ڀاڙي وارا مسافر کڻڻ لاءِ ڊيڪ جي هيٺ سامان جي گدام۾ هنڌ بسترا لڳايا ويندا آهن. ان ۾ رهندڙ مسافرن کي ڊيڪ ڪلاس پئسينجر سڏجي ٿو. اسان جي حاجين جي پراڻن جهازن: سفينه حجاج، سفينه عرب، شمس وغيره تي پڻ ڊيڪ ڪلاس هو جنهن کي اسان جي سنڌ جا حاجي ’ديڳ‘ سڏيندا هئا. اونهاري جي ڏينهن ۾ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي سخت گرمي مان لنگھڻ وقت ڊيڪ ڪلاس جا مسافر پاڻ کي ديڳ ۾ ئي محسوس ڪندا هئا.
    رڊر (Rudder) : جهاز جي پويان لڳل سکان کي رڊر سڏجي ٿو. جهاز کي ساڄي يا کاٻي موڙڻ لاءِ سکان کي موڙڻو پوي ٿو. ننڍين ٻيڙين جو سکان اسٽيرنگ ويل سان رسين ذريعي ٻڌل هوندو آهي. وڏن جهازن جو سکان (رڊر) تمام Complicated ٿئي ۽ هئڊرالڪ، اليڪٽريڪ يا نيوميٽڪ ذريعي Steering Wheel سان لاڳو ٿئي. ڪن جهازن تي اهي سڀ سسٽم گڏ ٿين ۽ اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر سسٽم به گڏ ٿئي، جنهن ذريعي جهاز کي آٽو تي رکي سگھجي ٿو. يعني بندرگاهه کان نڪرڻ بعد جيڏانهن جهاز کي وٺي هلڻو آهي اها Data ان ۾ وجھي ڇڏجي ۽ ماڻهوءَ جي مدد بنا اسٽيرنگ ويل سکان کي ڪنٽرول ڪري ٿو، جيئن هوائي جهاز جو پائلٽ جهاز کي Auto تي رکي پوءِ هلندو رهندو آهي.
    رڊار (Radar) : ٽي وي نما، گول اسڪرين وارو اوزار ٿئي جنهن تي ليڪن ۽ دٻن جي صورت ۾ سامهون ايندڙ جهاز، ٻيٽ، زمين ۽ سمنڊ هيٺ ٽڪريون ۽ تباهه ٿيل جهاز نظر اچن ٿا. اتراهن ملڪن ۾ هر وقت مينهن، برفباري ۽ اوندهه ڪري سامهون فرلانگ تائين به نظر نه پوندي آهي. پر رڊار جي شيشي تي چاليهه ميلن تائين بيٺل ۽ چرندڙ شيون ڏسي سگھجن ٿيون. سامهون ايندڙ جهازن جي رفتار ۽ رخ جي به خبر پئجي سگھي ٿي جنهن مان حساب ڪري اهو معلوم ڪري وٺبو آهي ته آيا سامهون ايندڙ جهاز پاسي کان لنگھي ويندا يا اسان کي پاسو ڪرڻو پوندو. ۽ اگر ڪرڻو پوندو ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي هنڌ ته جيئن حادثو نه ٿئي.
    پورٽ هول : جهاز جي ڪمري (ڪئبن) جي دريءَ کي Port Hole سڏجي ٿو. هي دريون هميشه واٽر ٽائيٽ ۽ ايئر ٽائيٽ هئڻ کپن جيئن خراب موسم ۾ يا اتر قطب جي ويجھو وارن ملڪن ۾ سمنڊ جو پاڻي يا ٿڌي هوا اندر نه اچي.
    گئنگ وي: جهاز جي اها ڏاڪڻ جنهن ذريعي ڪناري تان چڙهي جهاز تي پهچجي ٿو Gang-Way سڏجي ٿي. لنگر کڻڻ مهل هيءَ ڏاڪڻ ڪرين ذريعي مٿي جهاز تي کنئي ويندي آهي ۽ پاسيري ڪري رکبي آهي. هن ڏاڪڻ هيٺان ڦيٿا ٿين جنهن ذريعي سمنڊ جي چاڙهه ۽ لاهه وقت پاڻهي صحيح ٿي بيهي.
    ائلي وي : جهاز جي گھٽين کي ائلي وي سڏجي ٿو.
    بٽلر : بورچين جي مٿان وڏي بورچيءَ کي بٽلر سڏجي ٿو. روز جو کاڌو تيار ڪرائڻ ۽ ڊائننگ ٽيبل تائين پهچائڻ بٽلر جو ڪم آهي.
    پرسر: سئلون ڊپارٽمينٽ جي انچارج کي پرسر سڏجي ٿو. جهاز جا بورچي، بئرا، صفائي وارا Purser (پرسر) جي هٿ هيٺ ڪم ڪن. ڪجھه جهاز جا پرسر ريڊيو آفيسر کي پگھارون ڏيڻ ۽ ٻي ڏيتي ليتيءَ جي ڪمن ۾ پڻ مدد ڪن جن لاءِ هنن کي جهاز جي مالڪن طرفان ڪجھه وڌيڪ پگھارُ ملي.
    سُکاني : انگريزيءَ ۾ ان کي Quarter-Master سڏجي ٿو.سُکاني اهو خلاصي آهي جيڪو ڪئپٽن يا ٻئي ڊيوٽيءَ تي موجود نيويگيٽر سان گڏ چار ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪري. کلئي سمنڊ ۾ هن جو ڪم سامهون ايندڙ جهازن تي نظر رکڻ ۽ ان بابت ڊيوٽي آفيسر کي ٻڌائڻو آهي، جيئن هو اڳواٽ پنهنجي جهاز لاءِ ڪو سلامتيءَ وارو رستو اختيار ڪري سگھي. بندرگاهه ۾ گھڙڻ يا نڪرڻ وقت سکانيءَ جي ڊيوٽي Steering-Wheel وٽ هوندي آهي ۽ ڊيوٽي آفيسر (ڪئپٽن، چيف آفيسر) يا پائلٽ جي حڪم موجب جهاز کي اوتريون ڊگريون ساڄي يا کاٻي موڙڻو هوندو آهي.
    پائلٽ: هوائي جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن کي ته پائلٽ چئبو آهي پر پاڻيءَ جي جهاز هلائيندڙ ان ڪئپٽن کي به پائلٽ چئبو آهي جيڪو بندرگاهه جو واقف (سونهون) هجي. ڪنهن به ملڪ جي بندرگاهه ۾ گھڙڻ کان اڳ جهاز کي ان بندرگاهه کان ڏهه پندرهن ميل ٻاهرکلئي سمنڊ ۾ بيهاريو ويندو آهي. بندرگاهه ۾ اندر وٺي هلڻ لاءِ بندرگاهه طرفان مقرر ڪئپٽن لانچ ۾ چڙهي ايندو آهي ۽ پوءِ جهاز کي اندر وٺي هلندو آهي. ان ڪئپٽن کي بندرگاهه جو پائلٽ ٿو سڏجي. هن کي بندرگاهه جي چپي چپي جي خبر هوندي آهي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه کي به اهڙا اٺ ڏهه پائلٽ آهن جيڪي پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن جي جهازن کي اندر وٺي ايندا آهن يا رواني ٿيڻ وقت بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ تائين اماڻي ايندا آهن. بندرگاهه ۾ جهاز هلائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي جيڪو هر بندرگاهه جا مڪاني پائلٽ سرانجام ڏين. ان ڪم جي في بندرگاهه وارا جهازران ڪمپنيءَ کان وٺن جنهن کي Pilotage-Fee سڏجي ٿو.
    ڪي ڪي بندرگاهه ــ خاص ڪري يورپ جا يا جپان ڪوريا جا ايترو ويجھو ٿين جو اهو ئي هڪڙو پائلٽ هڪ بندرگاهه مان جهاز کي ڪڍي ٻئي بندرگاهه اندر پهچائي ايندو آهي. اتر يورپ جي ملڪن وارو سمنڊ ’North-Sea‘ خاص ڪري سياري ۾ اهڙو ته خراب ۽ اونداهو هوندو آهي جو جهازران ڪمپنين جا مالڪ جيترا ڏينهن جهاز اتر انگلنڊ، پولنڊ، ڊئنمارڪ، جرمني جهڙن ملڪن ۾ هوندو آهي ته يڪو هڪ پائلٽ رکندا آهن جيڪو ’نارٿ سي‘ پائلٽ سڏجي ٿو. جهاز جي ڪئپٽن کي جهاز جي مالڪن طرفان Instructions هوندا آهن ته سياري ۾ نارٿ سي ۾ جيڪڏهن جهاز هلائي سگھو ٿا ته توهان جي مرضي پر جي ٿورو به شڪ يا ڊپُ ڊاءُ محسوس ڪريو ته مهرباني ڪري ’نارٿ سي پائلٽ‘ Hire ڪريو. نارٿ سي پائلٽ جي في جيتوڻيڪ لکن ۾ ٿئي ٿي پر جهاز جي سلامتي ڪارڻ مالڪ اهو ڦاهو ڦڪيندا آهن. يورپ ڏي هلندڙ جهازن ۾ ان قسم جي پائلٽن جي رهائش لاءِ هڪ وڌيڪ ڪئبن پڻ هوندي آهي جنهن کي ’پائلٽ ــ ڪئبن‘ سڏجي ٿو.
    خلاصي : جهاز هلائيندڙ مٿيون عملو آفيسر سڏجي ٿو ۽ هيٺيون اسٽاف خلاصي (Crew) سڏجي ٿو. خلاصين ۾ ڪي انجڻ روم جا خلاصي سڏبا آهن ته ٻيا ڊيڪ ۽ گئلي (بورچيخاني) جا. ڊيڪ وارن خلاصين جو ڪم جهاز جي لوهي پليٽن کي سمنڊ جي پاڻيءَ ڪري زنگ لڳڻ کان بچائڻ لاءِ صاف رکڻ، رنگ لڳائڻ ۽ رسا ڇڪڻ ۽ سکانيءَ جي ڊيوٽي ڪرڻ آهي. انجڻ روم جا خلاصي تيل وارا ۽ آڳ وارا سڏبا آهن. گئلي وي جي ڊيوٽي ۾ اسٽيورڊ (بئرا)، بورچي، ڀنڊاري (ڀاڄي ڇلڻ وارا) ۽ ٽوپس (ڀنگي) اچي وڃن ٿا.
    ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، سيڪنڊ آفيسر، چيف آفيسر وغيره وغيره : جهاز هلائيندڙ عملي جا ٻه اهم حصا آهن. هڪ نيويگيٽر (جن کي ڊيڪ آفيسر به سڏجي ٿو) ۽ ٻيو انجنيئر. ڊيڪ آفيسر (Navigators) جو ڪم سمنڊ تي رستو ڳولهڻ ۽ جهاز کي ان رخ ۾ وٺي هلڻ آهي. مندن موسمن، سمنڊ ۽ هوائن جي ڄاڻ رکڻ ۽ ان جي نقصان کان جهاز کي بچائڻ، بندرگاهه ۾ ڪارگو (سامان) رکڻ ۽ لاهڻ آهي. انجنيئرن جو ڪم جهاز جي انجڻين کي هلائڻ ۽ انهن جي نگهباني ڪرڻ آهي. جهاز هڪ شهر مثل آهي، جنهن ۾ نه فقط جهاز هلائڻ جي انجڻ آهي، پر اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ، پاڻيءَ ۽ تيل جا ڪيترائي پمپ هلائڻ، بئالر، جنريٽر ۽ ٻيون مشينون پڻ آهن. ڊيڪ آفيسرن جو سڀ ۾ وڏو باس ڪئپٽن آهي. ڊيڪ ڪئڊٽ سڀ ۾ جونئر ڊيڪ آفيسر آهي. اهڙي طرح انجنيئرن ۾ سڀ کان ننڍو انجنيئرنگ ڪئڊٽ يا جونئر انجنيئر سڏجي ٿو. ان بعد ففٿ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ۽ آخر ۾ سڀ کان مٿانهون چيف انجنيئر آهي.
    دنيا جي هر ملڪ جي هر جهاز تي انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جون ڊيوٽيون مقرر آهن. مثال طور ٿرڊ انجنيئر جي ڊيوٽي رات جو ۽ ڏينهن جو ٻارهين کان چئين تائين جهاز هلائڻو آهي ۽ بندرگاهه ۾ سندس ڪم جنريٽرن جي سار سنڀال آهي. ٿرڊ انجنيئر سان گڏ واري ڊيوٽي ڊيڪ آفيسرن مان سيڪنڊ آفيسر ڪندو آهي. هڪ ئي وقت جاڳي ڊيوٽي ڪرڻ ڪري هر جهاز جي ٿرڊ انجنيئر ۽ سيڪنڊ آفيسر جي سٺي دوستي رهي ٿي. اهڙي طرح ٻين انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جي ڊيوٽي مقرر آهي.
    ريڊيو آفيسر : انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن کان علاوه هر جهاز تي هڪ ريڊيو آفيسر پڻ هوندو آهي. ريڊيو آفيسر جو ڪم ريڊيو ذريعي جهاز ۽ بندرگاهه وارن ڏي نياپا موڪلڻ ۽ وٺڻ آهي. جهاز تي ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ خلاصين جي پگھارن جو حساب ڪتاب ۽ مختلف ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ Visa ۽ ٻيون ڪاغذي ڪاروايون پوريون ڪرڻ پڻ ريڊيو آفيسر جو ڪم آهي.
    اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ فرج انجنيئر: مٿين انجنيئرن (جيڪي مئرين انجنيئر آهن) کان علاوه جهاز تي ٻه کن اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ هڪ فرج انجنيئرپڻ ٿئي. جن جو خاص ڪري اليڪٽرسٽي ۽ ريفريجريشن جو ڪم هوندو آهي. اهي انجنيئر سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئرن جي هٿ ۾ ڪم ڪن ٿا.
    نيويگيشن: سمنڊ تي رستو ڳولڻ جي هنر کي Navigation سڏجي ٿو. سمنڊ تي خشڪيءَ جي رستن وانگر رستا نه آهن. سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ لڳندڙ هوائن ۽ لهرن کان فائدو وٺي يا بچاءُ ڪري جهاز هلائڻ نيويگيٽرن (ڊيڪ آفيسرن) جو ڪم آهي. نه فقط جهاز هلائڻ پر ڏينهن ۾ ٽي چار دفعا سج، چنڊ ۽ تارن جي مدد سان جانچڻو پوندو آهي ته جهاز واقعي صحيح رستي ۽ رخ ۾ هلي پيو يا نه. البت هاڻ ڪجھه اهڙا اوزار نڪتا آهن جن ذريعي وقت بوقت اها خبر پوندي رهي ٿي ته جهاز ڌرتيءَ جي گولي تي ڪهڙي هنڌ آهي. ان اوزار کي Satellite Navigator سڏجي ٿو. هونءَ Seaman ۽ Sailor نيوي جنگي جهاز تي هيٺين عملي جون Ranks پڻ آهن.
    سيڪيورٽي انجنيئر: بندرگاهه ۾ موڪل ڪرڻ وقت هڪ سينيئر انجنيئر ضرور جهاز تي ڇڏبو آهي، جيئن هو باهه لڳڻ جهڙي ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگھي. ان انجنيئر يا ڊيڪ آفيسر کي سيڪيورٽي انجنيئر يا سيڪيورٽي آفيسر سڏجي ٿو. سيڪيورٽي انجنيئر سان گڏ هڪ يا ٻه جونئر انجنيئر يا ففٿ انجنيئر به هوندو آهي، جنهن کي انجڻ روم ۾ رهڻو پوندو آهي.
    انجڻ روم : جهاز جي انجڻ روم سمجھو ته پنج ڇهه مار پلاز يا بلڊنگ آهي، جنهن جي هر فلور تي ڪيتريون ئي مشينون آهن، جهاز جو پنکو Propeller هلائڻ واري مشين Main Engine سڏجي ٿي. جيڪا ٽي چار ماڙ ٿئي، جنهن جو هڪ هڪ سلينڊر ايترو ته وڏو ٿئي جنهن ۾ ٽي ماڻهو آرام سان بيهي سگھن ۽ اٺ نَوَ فوٽ ڊگھو ٿئي. Main انجڻ کان علاوه ٻيون اهم مشينون هي آهن. جنريٽر، پمپ، پيوريفائر، بئالر، ايئرڪمپريسر، ايووپريٽر، ڪولر، هيٽر Sewage پلانٽ وغيره
    پروپيلر : جهاز جي پٺئين پاسي ٻاهر لڳل پنکي کي Propeller سڏجي ٿو. جهاز کي ڦيٿا نه ٿين. پنکي هلڻ سان جهاز اڳيان پويان وڌي ٿو. جهاز جي پنکي هلائڻ واري انجڻ کي مين انجڻ سڏجي ٿو.
    سيلنگ بوٽ: جيڪا ٻيڙي سڙهه (Sail) تي هلي ان کي Sailing Boat سڏجي ٿو. انجڻ جي ايجاد ٿيڻ کان اڳ پاڻيءَ جا جهاز سڙهن تي هلندا هئا ۽ Sailing Ships سڏبا هئا، جيڪي ٻيڙيون ڪاٺ جي چپن سان هلن ٿيون اهي Rowing Boats سڏجن ٿيون.
    ڊراءِ ڊاڪنگ : لڳاتار سمنڊ ۾ بيهڻ ڪري جهاز جي تري تي سپون ۽ ٻيون سامونڊي شيون (Sea Growth) چهٽيو وڃن جيڪي جهاز جي لس هلڻ ۾ رخنو وجھن ٿيون ۽ رفتار ڏينهون ڏينهن گھٽجڻ لڳي ٿي. جهاز جي تري جي صفائي ۽ چڪاس لاءِ جهاز کي خشڪ گوديءَ ۾ اچي بيهاربو آهي جنهن کي ڊراءِ ڊاڪ (Dry-Dock) سڏجي ٿو. ڊراءِ ڊاڪ ۾ ڪيل صفائي، رنگ روغن ۽ مرمت کي Dry-Docking سڏجي ٿو. هر ڪارگو جهاز لاءِ ضروري آهي ته ٻن سالن ۾ هڪ دفعو ڊراءِ ڊاڪنگ ڪرائي ۽ مسافر جهاز لاءِ سال ۾ هڪ دفعو ضروري آهي.
    جيٽي : بندرگاهه جو ڌڪو جنهن سان جهاز لڳي بيهي ٿو، جيٽي سڏجي ٿي. ڪن جهازن کي بندرگاهن ۾ جيٽي نه ملندي آهي ته پوءِ جيٽيءَ سان لڳل جهاز جي ڀرسان ٿي بيهندا آهن. اهڙي صورت ۾ چئبو آهي ته اسان جو جهاز فلاڻي جيٽيءَ تي بيٺل فلاڻي جهاز جي Alongside آهي. هانگ ڪانگ، سنگاپور جهڙن مشغول بندرگاهن ۾ جهازن کي عام طرح ’الانگ سائيڊ‘ به بيهاريو وڃي ٿو. اهڙي صورت ۾ جهاز جو ڪارگو ڪناري بدران سمنڊ واري پاسي بيٺل بارجز ۾لاهڻو پوندو آهي. بارج (Barges) تانگهي ۽ بنا انجڻ واري ٻيڙي ٿئي جنهن کي ’ٽگ بوٽ‘ يا عام لانچ ڇڪي.
    ڊيرڪون : جهاز تي سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ بندرگاهه تي ڪرينون (Cranes) ٿين. ڪن بندرگاهن ۾ اهي نه ٿين ۽ جهاز تي لڳل ڪرينن ذريعي سامان لاٿو ويندو آهي. جهاز جي Cranes کي ڊيرڪ Derrick سڏجي ٿو.
    ڪئبن : جهاز تي رهائشي ڪمرا ڪئبنون (Cabins) سڏجن ٿيون.
    ڊيوٽي ميس : جهاز کي هڪ وڏي ميس ٿئي جنهن کي Dinning Saloon سڏجي ٿو جنهن ۾ سڀ آفيسر، گھڻو ڪري يونيفارم ۾ ماني کائين. سئلون کان علاوه هڪ ننڍڙي ڊيوٽي ميس ٿئي جنهن ۾ ڊيوٽي وارا انجنيئر ۽ ڊيڪ آفيسر ماني کائين. ڊيوٽي ميس خبرن ۽ ڪچهري کان مشهور ٿئي جتي هرڪو فري اسٽائيل ۾ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندو آهي. بئرن ۽ وڏن آفيسرن جي اچ وڃ نه هجڻ ڪري ناقابل اشاعت لطيفه، شعر و شاعري ۽ پنهنجا پراوا Scandal آزادانه نموني بيان ڪيا ويندا آهن.
    برج روم : جهاز جي ڪنٽرول روم کي برج سڏجي ٿو. برج جو هڪ حصو چارٽ روم هوندو آهي. جنهن ۾ هلڪي روشنيءَ جو بندوبست ٿيل هوندو آهي، جيئن مختلف سمنڊن جا چارٽ ڏسي ۽ ماپي سگھجن. باقي حصي ۾ اونداهه ڪئي ويندي آهي جيئن رات جو سامهون ايندر جهاز ڏسي سگھجن. برج جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي واري حصي کي Wing سڏجي ٿو.
    بل ورڪ : جهاز جي چؤڌاري ڏنل ٻنوڙي کي Bulwark سڏجي ٿو.
    بنڪر : جهاز جون مشينون هلائڻ لاءِ جيڪو تيل وٺجي ٿو ان کي Bunker سڏجي ٿو. بنڪر وٺڻ وارو سڄو ڏينهن يا رات انجنيئرن لاءِ ڊوڙ ڊوڙان جو هوندو آهي. جهاز لاءِ هڪ قسم جو تيل نه پر ڪيترن ئي قسمن جو تيل ٽنن جي حساب سان وٺجي ٿو. جنهن کي مختلف ۽ مقرر ٿيل ٽانڪين ۾ جمع ڪيو وڃي ٿو. هڪ ويهه هزار کن ٽن جهاز لاءِ اٽڪل هي تيل وٺبا آهن. جيڪي مهينو کن هلن.
    هيوي فيول H.F.O ــ ٻارهن سؤ کن ٽن
    مئرين ڊيزل آئل ــ چار سؤ ٽن
    ڪرئنڪيس آئل ــ چار هزار گئلن
    سلينڊر آئل ــ ٻه هزار گئلن
    ٽربائين آئل ــ هڪ هزار گئلن وغيره وغيره.

    ائنڪر : جهاز جي اڳئين منهن وٽ لنگر (Anchor) ٿئي ٿو جيڪو سمنڊ ۾ جهاز کي بيهارڻ مهل هيٺ زمين تي ڪيرايو ويندو آهي. ائنڪر زمين جي تري ۾ وڃي ڦاسندو آهي ۽ جهاز کي اڳيان وڌڻ نه ڏيندو آهي. وري جڏهن جهاز کي هلڻو هوندو آهي ته ونڊلس مشين ذريعي لنگر کي ٻاهر ڇڪي ڪڍبو آهي. بندرگاهه ۾ جيٽيءَ ڀرسان جاءِ ملڻ تي لنگر ڪيرائڻ بدران جهاز کي جيٽيءَ تي کتل ڪلي سان ٻڌو وڃي ٿو. لنگر (Anchor) لاءِ مشهور ڳجھارت آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جي جڏهن ضرورت پوندي آهي ته اڇلائي ويندي آهي ۽ جڏهن ضرورت نه هوندي آهي ته پٽ تان کڻي رکي ويندي آهي.
    ائنڪريج : جهاز سڄو سفر پورو ڪري جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ پهچي ٿو ته هن کي اجازت نه آهي ته بندرگاهه ۾ يڪدم گھڙي پوي. بندرگاهه ۾ اچڻ کان اڳ کلئي سمنڊ ۾ لنگر Anchor ڪيرائڻو پوي ٿو. پوءِ بندرگاهه اٿارٽيءَ طرفان ان ملڪ جي ڪسٽم ۽ اميگريشن جو عملو کلئي سمنڊ ۾ جهاز تي پهچي جهاز جي عملي ۽ مسافرن وغيره جي ڪاغذن جي چڪاس ڪري ٿو. ان بعد بندرگاهه طرفان پائلٽ اچي ٿو جيڪو جهاز کي آهستي آهستي ڪري اندر بندرگاهه ۾ مقرر ڪيل جيٽيءَ تي اچيو بيهاري.
    هر بندرگاهه جي ٻاهران، کلئي سمنڊ جو اهو حصو جتي جهاز کي ائنڪر ڪيرائي اندر اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، ان کي Anchorage (ائنڪريج) سڏجي ٿو. ائنڪريج تي بيهڻ وارو وقت جهازيءَ لاءِ آرام ۽ انتظار جو هوندو آهي. آرام جو ان ڪري جو ائنڪريج تي نه جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي نه ڪا مشينري کولي ان جي مرمت (Overhauling) ڪرڻي پوي ٿي. سو مسافري جو ٿڪ ڀڃڻ ۽ آرام لاءِ ائنڪريج سٺو آهي. ساڳي وقت انتظار به ڪرڻو پوي ٿو ته خبر نه آهي جهاز کي ڪڏهن اندر گھرائن جيئن ڪناري تي پير رکي سگھجن ۽ گھمي ڦري سگھجي. اڄڪلهه ڪيترائي بندرگاهه ماڊرن ٿي ويا آهن ۽ ڏينهن اڌ جي انتظار بعد اندر گھرايو وڃي ٿو. هڪ اهڙو به سفر ياد اٿم جنهن ۾ ڪراچي کان ڪيوبا سفر ۾مهينو لڳو. ان بعد ڪيوبا جي ائنڪريج تي مهيني کان به مٿي انتظار ڪرڻو پيو. ان بعد مهيني کن لاءِ جهاز بندرگاهه ۾ گھڙيو ته ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت اسان کي ڪناري تي پير رکڻ جي هڪ ڏينهن جي به اجازت نه ڏني.
    ائنڪريج کي ڪڏهن ڪڏهن فقط ائنڪر به چيو وڃي ٿو. چي اسان جو جهاز چار ڏينهن ائنڪر تي بيٺو ان بعد اندر سڏايو ويو.
    ڊوميسٽڪ فرج : جهاز تي ٻه ٽي ڪمرا، گوشت، مڇيءَ ۽ ڀاڄيءَ ميوي کي ٿڌو رکڻ لاءِ هوندا آهن. انهن ڪمرن کي جنهن مشين ذريعي ريفريجريٽر وانگر ٿڌو رکيو ويندو آهي ان کي ’ڊوميسٽڪ فرج‘ سڏجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻن ٽن مهينن جي سفر جو راشن اٽڪل چاليهه کن رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون هونديون آهن. ان خيال کان ڊوميسٽڪ فرج مشين تمام اهم سمجھي وڃي ٿي، جنهن جي خراب ٿيڻ تي سڄو گوشت خرراب ٿي سگھي ٿو ــ جنهن کي پوءِ سمنڊ ۾ ئي اڇلڻو پوي ٿو ۽ نئين گوشت لاءِ ويجھي بندرگاهه جو رُخ رکڻو پوي ٿو.


    ننگر ۽ ناڙيون پڳهه کڻي پنڌ پيا

    اسانجو جهاز صبح جو ڇهين وڳي ڌاري هانگ ڪانگ پهتو. ان وقت منهنجي ڊيوٽي نه هئي. آءٌ رات جو ٻارهين کان چئين تائين جهاز هلائي اچي سمهي رهيو هوس. صبح جو نائين وڳي اک کلي ۽ مانيءَ لاءِ ڊائيننگ هال ڏي وڃڻ کان اڳ دستور موجب عرشي جي مٿئين حصي (Boat Deck) تي اچي بيٺس ۽ نئين ملڪ جو ”نڪ چپ“ ڏسڻ لڳس. سڄي دنيا گهمڻ کان پوءِ هن مشهور جڳهه تي پهريون دفعو آيو هوس. هانگ ڪانگ، جنهن بابت عرصي کان ٻڌندو آيو هوس. فلمن ۾ ڏٺو هوم ۽ ان بابت قصا، ڪهاڻيون ۽ سفرناما پڙهيا هئم. هانگ ڪانگ جي حسينه! هانگ ڪانگ هاٽ هاربر (Hong Kong Hot Harbor )، هانگ ڪانگ هيرن جواهرن جو ٻيٽ! هانگ ڪانگ جيڪو دنيا جي هر برائيءَ کان مشهور آهي. هانگ ڪانگ واپارين، سمگلرن ۽ سي ـ آءِ ـ ڊي جو اڏو. اڄ ان هانگ ڪانگ ٻيٽ جون ڊگهيون عمارتون منهنجي سامهون ڪر کنيو بيٺيون هيون ۽ اسان جو جهاز ڪنهن با ادب پوڄاريءَ جيان پري کان مندر اڳيان سمنڊ جي ڇولين ڪري نئڙي ۽ نمي رهيو هو. اسان جي جهاز سان گڏ ٻين به ڪئين ملڪن جا جهاز سامان ۽ مسافر لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ آسپاس سمنڊ ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا.
    هانگ ڪانگ جي بندرگاهه ۾ ڌڪا (Jetties) گهٽ هئڻ ڪري جهاز (Buoy) سان ٻڌا ويندا آهن، جيڪي لوهه جي پليٽن جا ٺهيل، اندران پورا، گول، چورس ۽ ٻين شڪلين جا ٿين ۽ سمنڊ جي مٿان هڪ ئي هنڌ ترندا رهندا آهن. کين هيڏانهن هوڏانهن سمنڊ ۾ لڙهي وڃڻ کان بچائڻ لاءِ ٿلهي زنجير ٻڌي سندس ٻيو ڇيڙو سمنڊ جي تري ۾ کوڙيو وڃي ٿو، هر جهاز جي اڳيان ٻه لنگر(ننگر) ٿين، جن مان هڪ لنگر سندس زنجير (Anchor-Chain) کان ڌار ڪري، اها زنجير (پڳهه) بئاءِ جي ڪُنڍي ۾ سوگهي ڪئي ويندي آهي يا ته سنئون سڌو لنگر هيٺ تري تائين ڪيرائي ڇڏبو آهي، جو زمين ۾ کُپي پوندو آهي ۽ جهاز کي لڙهڻ نه ڏيندو آهي. پوءِ اسرڻ وقت ڪئپسٽن مشين ذريعي (اڳئين زماني ۾ ننڍا ٻيڙا هئا، ته هٿ سان ئي) لنگر ۽ پڳهه ڇڪي وٺبي آهي. ان ئي نظاري بابت شاهه صاحب پڻ سر سامونڊي ۾ ذڪر ڪيو آهي ته:
    ”ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ ٿيا.“
    اسان جو جهاز به هڪ بئاءُ (سمنڊ ۾ کڻي ڪِلو سمجهجي) سان پڳهه ذريعي ٻڌل هو.
    هانگ ڪانگ جا دراصل ٻه حصا آهن (هڪ هانگ ٻيو ڪانگ نه) پر هڪ ڪولون، جيڪو چين جي سرزمين جي پڇڙيءَ جو حصو آهي ۽ ٻيو ننڍو ٻيٽ، جنهن کي وڪٽوريا سڏجي ٿو ۽ عام طرح ان کي هانگ ڪانگ سڏيو وڃي ٿو. ٻنهي جي وچ ۾ ٻه فرلانگ کن سمنڊ جو وهڪرو آهي ۽ ٻنهي حصن کي عام آمدرفت ذريعي ڳنڍڻ لاءِ تازو هن سال 1972ع ۾ سرنگ ٺاهي وئي آهي، جا سمنڊ هيٺان لنگهي ٿي. ان کانسواءِ ٻيڙين ۽ لانچن جو سلسلو ڏينهن رات ماڻهن ۽ موٽر ڪارن کي هانگ ڪانگ کان ڪولون ۽ ڪولون کان هانگ ڪانگ نيندو رهي ٿو.
    اسان جي جهاز تان سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان وڏيون ويڪريون ٻيڙيون (جهمٽيون) اچي بيٺيون. هانگ ڪانگ جي آدمشماري به ايتري گهڻي آهي، جو ماڻهو گهر ٻار سميت ٻيڙين تي رهن. انهن ٻيڙين (Barges) ۾ هر هڪ جي پٺيان، ان وقت عورتون نيرن تيار ڪري رهيون هيون. ڪا ڪپڙا ڌوئي رسيءَ تي سُڪائي رهي هئي. ڪا هٿ منهن ڌوئي وار ٺاهي رهي هئي. سندن مڙس ماڻهو جهاز جي ڪرينن (Derricks) ذريعي جهاز مان لهندڙ سامان پنهنجين ٻيڙين ۾ سٿي رهيا هئا.
    اهي ٻيڙيون (Barges) ايڏيون وڏيون سمجهڻ گهرجن جو جيڪر ٻئي سامان بدران انهن ۾ موٽرون رکڻيون هجن ته ”ٽويوٽا“ يا ”واڪس وئگن“ جهڙيون ايڪيهه ڪارون (ست ست هڪ هڪ قطار جي حساب سان ٽن قطارن ۾) بيهي سگهن ۽ اونهي ايتري ٿئي، جو هڪ ٻئي مٿان چار قطارون موٽرن جون بيهي سگهن. يعني هڪ هڪ بارج ۾ اٽڪل چوراسي کن موٽرون اچي سگهن. سو ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهندا ته ايڏي وڏي ٻيڙيءَ ۾ ٻه چار ڪمرا، بورچيخانو ۽ ورانڊو وغيره آساني سان نڪري سگهي ٿو.
    هڪ ايڏي وڏي بارج جيڪا پنهنجي انجڻ جي زور تي هلي رهي هئي، سا ان وقت جهاز جي ڀرسان اچي بيٺي، ايڏي وڏي بارج کي فقط ٻه ڇوڪريون هلائي رهيون هيون. هڪ جهاز يا وڏي ٻيڙي بيهارڻ (Along side آڻڻ) موٽر يا لاريءَ جي (parallel Parking) کان گهڻو ڏکيو ڪم آهي. مون غور سان جانچي ڏٺو ته سڄي بارج ۾ انهن ٻن ڇوڪرين کانسواءِ ٻي ڪا پهر سندن مدد ڪرڻ واري نه هئي. هڪ ڳاڙهي بشرٽ ۽ ساڳي رنگ جي پتلون ۾ سورهن سالن کن جي مس ٿيندي ۽ ٻي اوڻيهن ويهن سالن جي، آسماني رنگ جي بشرٽ ۽ چڍيءَ ۾ هئي. ان عمر جي ڇوڪرين لاءِ اهو ڪم هڪ ڪرتب کان گهٽ نه هو. سامهون هيٺ عرشي (Deck) تي فورٿ انجنيئر باقر رضا تيل جي ٽانڪين جي ماپ (Sounding) وٺي رهيو هو ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر سلطان، ونچ جا فيوز پئي ڏٺا. کين مون مٿي سڏ ڪيو ته تماشو اچي ڏسو. باقر چوڻ لڳو: اسان ڇا ڏسون، ڏسن سدورا ڊيڪ آفيسر، جيڪي پائلٽ هوندي به جهاز کي ”الانگ ـ سائيڊ“ آڻڻ ۾ ڪلاڪ ٿا وٺن. درٻيلي جو سيڪنڊ آفيسر احمد حسين مخدوم ان وقت لنگهي رهيو هو. تنهن کي پڻ اک ڀڃي ٽوڪڻ جي نموني سان اشارو ڪيم. مخدوم، هتي هانگ ڪانگ اڳ به اچي چڪو هو، تنهن نتيجي تائين پهچڻ بنا وراڻيو، ”منو، هنن چيني مهه لقائن جي ڳالهه ڇڏي ڏي. انهن جا اڃا به وڏا وڏا ڪرتب ۽ کيل ڏسندين. جتي سڄي دنيا جو ذهن ۽ پورهيو دنگ ٿئي ٿو اتان هنن جو شروع ٿئي ٿو.“
    ٻيڙيءَ جو پاسو جهاز سان اچي ٽڪرائي، ان کان اڳ چڍيءَ واري ڇوڪريءَ چئمپل لاهي اگهاڙن پيرن سان ڊوڙي سندن ٻيڙيءَ جي ان پاسي قطار ۾ رکيل ست اٺ ڦاٽل ٽائر (ڦيٿا)، هيٺ لڙڪائي ڇڏيا، جيئن اهي جهاز ۽ ٻيڙيءَ جي وچ ۾ اسپرنگن جو ڪم ڏين ۽ ٻيڙيءَ جو ڪاٺ جهرڻ کان بچي وڃي. ڳاڙهي پتلون واري ننڍي ڇوڪريءَ انجڻ جي ليور کي (Stop) تي آڻي، يڪدم پٺيان دٻائي، انجڻ کي ابتو (Reverse) ڦيرايو. ٻيڙيءَ جي اڳتي وڌڻ جي طاقت (Momentum) انجڻ جي پٺتي هلڻ سان نابود ٿيڻ لڳي ۽ ٻيڙيءَ هڪ هنڌ بيهي رهي. پر پاڻيءَ جي تکي وهڪري هئڻ ڪري ٻيڙي فقط کن پل لاءِ اتي ترسي، پاڻيءَ سان گڏ پٺتي ڇڪجڻ لڳي. ڇوڪريون سمجهي ويون ته ڇا ڪرڻ کپي، ٻيڙيءَ جي انجڻ بند رکي، هنن ڦڙتائي سان هڪ سنهي نوڙي (Line) مٿي جهاز تي اڇلائي، جهاز جي ڊيڪ تي بيٺل ڪنهن خلاصيءَ ان نوڙيءَ جو پوڇڙي جهليو، تيسين ٻي ڇوڪريءَ انهي سنهي رسيءَ جي هيٺين پوڇڙ ۾ ٻيڙيءَ جو ٿلهو رسو ڇڪي ٻڌو، تيسين ٻيڙي جهاز کان چڱو پري پهچي وئي هئي، پر سندس سنگ رسي ذريعي جهاز سان ڳنڍجي ويو هو. پهرين ڇوڪريءَ (چڍيءَ واريءَ) ان رسي کي کڻي ڪئپسٽن تي چاڙهيو، ڪئپسٽن (Capstan) ائٽ ۾ ڦرندڙ نڙانڊيءَ جهڙو يا سبڻ جي مشين ۾ چڙهندڙ بابين (Bobbin) جهڙو ٿئي. ڇوڪريءَ ٻئي هٿ سان ان جي مشين اسٽارٽ ڪئي. ڪئپسٽن گول ڦرڻ سان رسو ان تي ويڙهجڻ لڳو ۽ ٻيڙي جهاز جي ويجهو ايندي وئي، تان جو جڏهن بلڪل جهاز جي ڀرسان اچي لڳي ته هنن کڻي ڪئپسٽن (داٻڙ) بند ڪيو. پتلون واري ڇوڪري جهاز تان لڙڪيل چرڻي (Pilot Ladder) ذريعي مٿي چڙهي جهاز تي آئي ۽ ڊيڪ تي بيٺل اسانجي هانگ ڪانگ آفيس جي چيني ايجنٽ کان هوءَ پڇڻ لڳي ته جهاز جي گدامن (Hatches) ۾ رکيل ڪهڙو ڪهڙو سامان هوءَ پنهنجي ٻيڙي (Barge) ۾ رکرائي. ٻيڙيءَ رستي سامان ڍوئڻ بابت پڇڻ لڳي.


    تون واقعي هيڊ ماسترياڻي ٿي لڳين مغرب هميشه مشرق کي بکَ، بيروزگاري ۽ بُڇڙائي ڏني آهي.

    هونءَ هانگ ڪانگ دنيا جي انهن شهرن مان آهي جن لاءِ جيترا به گھڻا ڏينهن گھُمڻ جا هُجن ته به ٿورا آهن. اسان کي هانگ ڪانگ ۾ پروگرام مطابق تمام ٿورا ڏينهن ترسڻو هو، پر سامان جي لهڻ ۽ چڙهڻ ڪري، ۽ ساڳي وقت اسان جي ڪمپني (نئشنل شپنگ ڪارپوريشن) جا ٻيا به ٽي کن جهاز اتي موجود هئڻ ڪري، اسان جو جهاز مهينو کن ترسي پيو.
    اڳ ۾ جو پروگرام ٿورن ڏينهن جو هو، سو ان مطابق جلدي جلدي خريداري ۽ گھُمڻ جون خاص خاص جڳهيون ڏسي ڇڏيونسين. هانگ ڪانگ ۾ گھڻو ڪري جتي ڪٿي منهنجو گھُمڻ، شڪارپور جي سيڪنڊ انجنيئر سعيد اختر زيديءَ سان ٿيندو هو. زيديءَ سان گڏُ هي منهنجو پهريون سفر هو، پر اتفاق سان اسان جا ڪيترائي دوست ۽ مائٽ هڪٻئي جا واقف نڪتا. سو جلدي هڪٻئي سان سُڃاڻپ ٿي وئي. اختر زيدي کي سنڌي به سٺي آئي ٿي ان ڪري سنڌي توڙي اڙدو جا چرچا ڀوڳ (Enjoy) ڪياسين ٿي.
    خريداري ڪري يا گھُمي ڦري ڪٿي ڪنهن هوٽل يا پارڪ ۾ اچي وهندا هئاسين ته شڪارپور جي زين پٺاڻ، آغا سليم، آپا شيرين فاروقي، ارشاد ميمڻ ۽ ٻين اديبن، دوستن ۽ واقفڪارن جو ذڪر ڪڍندا هئاسين، جن کي اسان ٻنهي سُڃاتو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ادب جو ذڪر نڪرندو هو ته هُو پنهنجي سابق استاد، سنڌ جي ادبي شخصيت بشير مورياڻيءَ جون خبرون ٻُڌائيندو هو ۽ پوءِ هڪٻئي کان معلوم ڪندا هُئاسين:
    ”اڄُڪلهه زين ڪٿي آهي؟ بشير مورياڻي ڪٿي آهي؟ ڇا پيو ڪري؟“ ”ـــ شايد جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر آهي، سهڻي رسالي ۾ گذريل سال مون سندس تعارف پڙهيو هو.“ ”عالم شيخ ڪٿي آهي؟ مسعود فاروقي ڇا پيو ڪري؟“ وغيره وغيره.
    اسان ٻنهي جي گڏُ گھُمڻ ۾ ان ڪري به مزو ايندو هو، جو اسان ٻنهي ۾ ڪجھه ساڳيون ڳالهيون هيون. هڪ خريداريءَ کان نفرت ۽ ٻيو آئيس ڪريم کائڻ جو شوق. خريداريءَ جي سلسلي ۾ اسان هانگ ڪانگ مان انهيءَ شان شوڪت سان وڃڻ پئي چاهيو، جنهن سان مقدونيه جو سڪندر اعظم هن جهان مان روانو ٿيو يعني هٿين خالي. بهرحال ان هوندي به ٻين کي ڏسي اسان به هڪ اڌ ٽپڙ کڻي وٺندا هئاسين. يا ان لاءِ ٻئي ڄڻا فورٿ انجنيئر باقر رضا کي پئسا ڏيندا هُئاسين جو، دنيا جهان جون بازارون گھُمي، بلڪ نوسي، پنهنجي لاءِ ۽ اسان لاءِ بهترين شيءِ، گھٽ قيمت تي ڳنهي ايندو هو. هن کي مهاڻي وانگر خبر رهي ٿي (يا الهام يا انتر گيان ٿئي ٿو) ته خريداريءَ جو ڄارُ دڪانن جي سمنڊ ۾ ڪٿي اڇلائجي، جيئن هتي جا مانگر مڇَ واپاري چڱيءَ طرح سوگھا ٿي سگھن ۽ ننڍڙين مڇين وانگر خريدارن جو معمولي ”غير ملڪي ناڻو“ ڳڙڪائي نه وڃن. باقي اسان کي اها سا خبر هئي ته هانگ ڪانگ ۽ ڪولون، يا سنگاپور يا پينانگ ۾ ڪٿي ڪٿي آئيس ڪريم ملي ٿي، ڪٿي آئيس ڪريم ڪونَ (Cones) يا ”ملڪ شيڪ“ سٺو ملي ٿو ۽ آئيس ڪريم جو شوق ايتري ئي جنون تائين هئوسين، جيترو امرجليل جي هڪ ڪردار ”چرٻٽ“ کي ”ڪلفي“ سان.
    هڪ ڏينهن (هانگ ڪانگ جي شُروع وارن ڏينهن ۾) ڪا جڳهه گھُمڻ لاءِ پهريون نه سوچي (۽ جي هڪ ڏينهن اڳ اسان ڪنهن جڳهه گھُمڻ جو پروگرام ٺاهيو به هو ، تڏهن به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وانگر، ڇپيل پروگرام بدران) اسان ائين هڪ ٻٽِي (Double-Decker) ٽرام ۾ چڙهي پياسين ۽ ارادو ڪيوسين ته سڄي شهر جو چڪر ان ۾ هڻنداسين.
    هانگ ڪانگ ۾ ٽرام جي هڪ ٽڪيٽ مقرر آهي، چاهي توهان هڪ پوڇڙ کان ٻئي پوڇڙ تائين ڪٿي به لهو ۽ ڪيڏانهن به وڃو. هر بس ۽ ٽرام جا رستا مقرر آهن. جيئن اسان وٽ آهن ۽ انهن تي اچي وڃي. اسان ڏاڍو آرام سان ويٺاسين. عينڪ لاهي، اگھي، اکين تي چاڙهي، نڪ کي موڙو ڏيئي، هانگ ڪانگ شهر جو ٽرام مان نظارو ڪرڻ لاءِ اڃان دريءَ ڏي نهاريم مَسَ ته ٽرام فرلانگ کن هلي بيهي رهي. ڪنڊڪٽر هارن وڄائڻ لڳو. اڳيان ڏٺم ته ڪير به ڪونه هو جنهن لاءِ هارن وڄائڻو پوي. زيديءَ منهنجي ڪلهي کي لوڏي چيو ته ماڻهو ته لهن پيا. ڪنڊيڪٽر کان پُڇيم ڇا ڳالهه آهي. ڏاڍي مزي سان وراڻيائين:
    ”سائين! ٽرام جو آخري اسٽاپ اچي ويو. هاڻ وري ٻيو ڊرائيور ۽ ٽڪيٽ چيڪر ٽرام کي واپس وٺي هلندو.“ ڏاڍو شڪي ٿياسين. ان کي اڙدو ۾ چئبو آهي، ’غريبيءَ ۾ اٽو پٽڙو‘. زيديءَ چيو ته ٿورو عقل کان ڪم وٺون ها ته ٻه کن گلاس ملڪ شيڪ جا ٿي پون ها. در وٽ لڳل مشين ۾ پئسا وجھي وري ٻي ٽڪيٽ، ڪڍيسين. هن دفعي مٿي وڃي ويٺاسين. پنجن منٽن ۾ ٽرام ڀرجي وئي ۽ پويان پير کڻي هلڻ لڳي. خوشقسمتيءَ جي ڳالهه هئي جو ان وقت ٽرام ۾ اسان جي اوسي پاسي ۾ ٻه ٽي يورپين نظر آيا ۽ اسان کي آسرو ٿيو ته ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا خبر چار پُڇڻ لاءِ ڪا پهر آهي. هونءَ بس ۽ ٽرامن ۾ اڪثر هتي جا اصلي رهاڪو نظر ايندا، جي يورپين جي مقابلي ۾ غريب هئڻ ڪري اهڙي سواري اختيار ڪن ٿا. هتي انگريزن جي حڪومت هئڻ ڪري انگريزن جو ته وڏو ٺاٺ ۽ اميراڻو دٻدٻو آهي ۽ ٽئڪس فري بندرگاهه هئڻ ڪري، هر گري گنجي لاءِ پنهنجي ڪار رکڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي ۽ هتي جا چيني رهاڪو ڌارين جي ان ٺٺ ٺانگر کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسن ٿا. نوجوانن ۾ ته ڪافي Frustration آهي ۽ ڌارين کي نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هنن جي چوڻ مطابق ڌارين سندن زمين، دولت، تهذيب ۽ ثقافت تي ڌاڙا هڻي ملڪ کي کوکلو بنايو آهي.
    زيديءَ انهن يورپين کان سندن قوميت پُڇي. ٻه گورا جيڪي پٺيان ويٺا هئا، ڳچيءَ ۾ ڪئميرائون هئن ۽ سياح ٿي لڳا، سي جرمن هئا ۽ جتي جتي ٽرام ترسي ٿي ته فوٽو ٿي ڪڍيائون. ڪٿي ڪا پوڙهي عورت پُٺيءَ سان ٻار کي ٻڌي، سامان جي ڀري کنيو پئي ويئي، يا ڪنهن چينيءَ ڇاتيءَ سان پٽو ٻڌي رڪشا پئي گھلي يا ڪنهن ڪنڊ پاسي پراڻي قسم جي هوٽل اڳيان ٻارن پٽ تي ويهي چاپ اسٽڪ (تيلين) سان پٽاٽا ۽ بههَ ويٺي کاڌا ۽ ڪو ٻيو اهڙو غربت جو نظارو، جو مغرب جي اميرن لاءِ نئون هو ته سندن ڪئميرائون مٿي فوٽو ڪڍڻ لاءِ کڄي ويون ٿي.
    اسان جي ڀرواري سميت جنهن تي هڪ ٿلهي يورپين عورت، جنهنجي عمر پنجيتاليهه جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ منهن ۾ دهشت ۽ رعب هوس، سا انگريز هُئي. پاڻ ٻڌايائين ته سندس مڙس آرميءَ ۾ هڪ ڪرنل آهي ۽ پاڻ هانگ ڪانگ جي هڪ انگريزي اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي آهي. زيديءَ اهو ٻڌي آهستي چيو، ”ها تون واقعي هيڊ ماسترياڻي لڳين ٿي.“
    تنهن تي پاڻ مُرڪي پڇيائين: ”ڇو؟“ ۽ زيدي ڏاڍي مزي سان ڳالهه گول ڪري ويو.
    اسان جي سامهون ڊگھي بينچ هُئي، جنهن تي ويهندڙن جو منهن اسان طرف هو. ان تي هڪ ڪُراڙي چيني عورت ڪارن ڪپڙن ۾ ، ٻه چيني مرد، جن کي به سادا ۽ ڍلا ڪپڙا پهريل هُئا ــ ويٺل هُئا. اسان جي بلڪل سامهون ٻه ننڍڙيون پرائمري اسڪول جون ڇوڪريون عمر اٺَ يا نوَ سال کن مس، هڪ هٿ ۾ ڪتابن جي ڀَري ۽ ٻئي ۾ شايد رسيس ۾ کائڻ لاءِ ڪا شيءِ هُئي، ويٺيون هيون. هو شام جي شفٽ ۾ اسڪول وڃي رهيون هيون.
    زيديءَ ڀر واري سيٽ تي ويٺل هيڊ ماسترياڻي مسز گرئفرڊ، (جيڪا ٻن ڄڻن جي جاءِ والاريو ويٺي هُئي، ان هوندي به سندس ٿلهين ٽنگن جو ماس ۽ جسم جو ٻيو حصو ٻاهر لڙڪي رهيو هو بلڪ ائين جيئن حيدرآباد ۾ فقير جي پِڙَ ۾ ڪيترا ڪچا دڪان، ڀاڄين، مڇين، چمپلين، اٽي، کار ۽ ”هر مال ملي گا باره آني“ واري سامان جا گاڏا غير قانوني طور فٽ پاٿ کان به اڳيان پڪي رستي تي اچي ويندا آهن) کان پڇيو:
    ”توهان کي هانگ ڪانگ ۾ آئي ڪيترو وقت ٿيو آهي؟“
    ”نَو سالن کان مٿي ٿي ويا آهن.“ گوشت جي جبل چُرپُر ڪندي ٻڌايو. ”انگلنڊ کان وڌيڪ توهان کي هتي مزو ايندو هوندو، جو هتي هر شيءِ سستي آهي ۽ هانگ ڪانگ خوبصورت آهي.“ زيديءَ چيس.
    ”ها، پر تڏهن به اسان جي انگلنڊ جي ڇا ڳالهه ڪجي.“ هن وراڻيو.
    ۽ مونکي مانچيسٽر، لورپول، لنڊن، نيوڪيسٽل، ڊنڪاشائر ۽ انگلنڊ جي ٻين شهرن جون بدبودار گھٽيون، گھم، گھُٽ ۽ گندگي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي. پر چوندا آهن ته عورت کڻي پوٽن ڏهٽن واري ٿي وڃي، پر تڏهن به کيس اهي ڪانگ سهڻا لڳندا آهن، جيڪي مائيٽياڻي گھر کان اڏامي اچن. ان وانگر انگريز به چاهي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪيترو به سکيو هجي ۽ اهو عيش نصيب هجيس، جيڪو کيس پنهنجي ملڪ ۾ ستن پيڙهين گذرڻ بعد به نصيب ٿيڻ جي اميد نه هُجي، ته به پنهنجي ملڪ جي تعريف ۾ ٻيڻو ٽيڻو پيو ٿيندو.
    ”ڀلا اڄڪلهه هتي هانگ ڪانگ ۾ انگريزن جو ڪهڙو حال آهي،“ زيديءَ ٻيو سوال پڇيس، ”هتي جا چيني چاهين ٿا ته توهان رهيا پيا هجو يا هو هاڻ ڌارئين جي حڪومت برداشت نٿا ڪن؟“
    ”نه نه. چيني ته هرگز اهو نه چاهيندا ته اسان هليا وڃون. هو ته اسان مان ڏاڍا خوش آهن. اسان ئي ته هن ملڪ کي هن اوج تي آندو آهي. کين تهذيب سيکاري آهي.“ مسز گرئفرڊ هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيندي، اکيون ڦاڙي، اسان کي مرعوب ڪرڻ چاهيو. مون هانگ ڪانگ جو اوج پنهنجي پاسي واري دريءَ منجھان، ٽڪرين تي خوبصورت بنگلن ۽ عمارتن جي روپ ۾ ڏٺو، جنهن ۾ هتي جا چيني باشندا نه پر انگريز سڪون ۽ رنگينين سان پُر زندگي بسر ڪري رهيا آهن ۽ تهذيب جو سوچيندي هانگ ڪانگ جا سوين اگھاڙا ناچ گھر، مساج گھر، شراب خانا، ڪلب، جوا جا اڏا ۽ چڪلا جنجي ٻاهران رنگين ٻرندڙ وسامندڙ روشنين ۾ سندن خوبصورت رومانوي انگريزي نالا لکيل آهن، ڦرڻ لڳا. منهنجي ڪنن ۾ فرينچ ليکڪ خاتون ڪوليٽ منڊوتين جا جملا ٻُرڻ لڳا، جيڪي هن، مشرق جا ملڪ گھُمي شنگھائي ءَ جي هوٽل ”ساسون“ جي کڏ تي بيهي چؤطرف نهاري چيا هئا: ”مغرب هميشه مشرق کي بک، بيروزگاري ۽ بُڇڙايون ڏنيون آهن.“
    ڇا ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته مغرب جي سامراجين جنهن جنهن ملڪ ۾ قدم رکيو، ان تي قبضو ڪيو ۽ ان جو رتُ چوسيو. مشرق جا ملڪ پوءِ چاهي آفريڪا جو ڪينيا، نائيجيريا، موزمبيق، اٿوپيا يا ملاگاسي هجي يا ايشيا جو هندستان، ملايا، انڊونيشيا، چين يا برما هُجي، مغربين لاءِ مشرق جا مڙيئي ملڪ مينهون هيون، جن کي هنن فقط ڏڌو، پر گاهه ڏيڻ کان سڪايو ۽ بکيو رکيو. مشرق جي مڃيل حقيقتن تي چٿرون ڪيون.
    مون کي جپان ۾ لڳل ميلي ”Expo-70“ ۾ اسان جي ملڪ جي لڳل اسٽال اڳيان اسان جي ڳوٺائي عبدالرزاق ميمڻ جو هڪ آمريڪن فئمليءَ سان ٿيل زباني جھڳڙو ياد آيو. اسان جي اڳيان قطار ۾ بيٺل آمريڪن عورت کي سندس مڙس اهو چئي اسٽال ڏسڻ کان ٽوڪيو ته: ”هنن وٽ آهي ئي ڏيکارڻ لاءِ ڇا.“ ”۽ توهان آمريڪن وٽ وري ڇا آهي ڏيکارڻ لاءِ؟“. عبدالرزاق اڳتي وڌي چيس، ”ڇا اسان جي تهذيب ۽ ثقافت توهان کان به وئي؟ اسان جي تهذيب ته پنج هزار سالن کان به پُراڻي آهي! موهن جو دڙو، هڙپا، ٽئڪسيلا، ڀنڀور، ڪوٽ ڏيجي، آمري انهن جا جيئندا جاڳندا ثبوت آهن. فقط توهان ظاهري ۽ اندر جي اکين تان تعصب جو پردو لاهيو ته توهان کي پنهنجي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ ئي هزارين شاگرد موهن جي دڙي تي کوجنائون ۽ اڀياس ڪندا نظر ايندا.“
    ”ملائيشيا جي هڪ هوٽل ۾ هڪ يورپين سان ويٺو هوس، سامهون واري ٽيبل تي ملئي زال مُڙس ۽ سندن ٻه ٻار چاپ اسٽڪس (تيلين) سان کاڌو کائي رهيا هُئا. يورپي دوست وڏي فخر سان انهن ڏي اشارو ڪندي مون کي ٻُڌايو ، ”هنن اسان جي ڪانٽي ڇُريءَ تان اهو تيلين سان کائڻ جو رواج نقل ڪيو آهي.“
    ”منهنجا ڀاءُ“. مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، ”هي تيلين (Chop-Sticks) سان کائڻ جو رواج ته عيسوي سن کان به گھڻو پُراڻو آهي ۽ اڌ کان وڌيڪ مشرق ۾ برما، انڊونيشيا ۽ فلپين جي هزارين ٻيٽن کان وٺي ويندي چين، ڪوريا، جپان، منگوليا تائين ماڻهو انهن تيلين سان کائيندا اچن. ڪانٽو ۽ ڇُري ته هنن تان پاڻ توهان نقل ڪيو آهي.“
    مون جيئن ئي اهي ڳالهيون سوچيون، منهنجو ساهه ٿي گھُٽيو. پنهنجو ڌيان ڳالهين تان هٽائي سامهون ويٺل چيني ڇوڪرين ڏي ڏسڻ لڳس. خوبصورت چيني گُڏين جهڙيون ننڍڙيون چيني ڇوڪريون پاڻ ۾ چينيءَ ۾ ڳالهيون ڪري رهيون هيون. هڪ سنهي هُئي ۽ ٻي ٿوري ٿلهي، پر سندس منهن سڄو فوٽ بال وانگر گول هو ۽ ان تي سنهي فريم جي عينڪ چڙهيل هئي. ٿلهي صبر واري ۽ ٻيءَ کان وڌيڪ سياڻي ٿي لڳي. سنهي ڇوڪري چست ۽ چالاڪ ٿي لڳي. سندن اشارن مان سمجھيم ته هو کين گھر لاءِ مليل حسابن جا جواب، ڏسڻ ٿيون چاهين. آخر پهرين عينڪ واري ڇوڪريءَ پنهنجو ڪتاب کولي ٻيءَ کي جواب ڏيکاريا. آلجبرا جو ڪتاب هو. ننڍڙا ننڍڙا سوال هُئا. مثال طور : پنج ايڪس واڌو ٽي وائي، ضربيان پنج ايڪس، انهن جا جواب به سامهون ڪتاب تي ئي لکڻا هُئا. سنهي ڇوڪري جواب ڏسندي رهي. پر پنهنجا جواب اڃا نه ڏيکاريائين. تنهن تي عينڪ واريءَ زبردستي سنهي ڇوڪريءَ جو ڪتاب کسي کولي ڏٺو. مون به ليئو پائي ڏٺو. هڪ به حساب ٿيل نه هو! ان ويساهه گھاتيءَ تي عينڪ واري ڇوڪريءَ کي چڙ لڳي، پر جيئن ته مونکي ان چالاڪيءَ تي کل اچي وئي پاڻ به کلي ڏنائين. اهڙيءَ طرح معاملو رفع دفع ٿي ويو. ان دوران ڏٺم ته سنهي ڇوڪريءَ جلدي جلدي ساڳيا جواب پنهنجي ڪتاب تي به هڻي ڇڏيا. زيديءَ کي چيم، ”ڇوڪري آهي يا بلا.“ مون سندس نالو پڇيو، پر چيني مون کي ڪانه ٿي آئي ۽ کين انگريزي سمجھه ۾ ڪانه پئي آئي. چين، سنگاپور، ملايا ۽ هانگ ڪانگ ۾ رهي چيني سکڻ جي معاملي ۾ شاهه لطيف جي شعر: ”اکر پڙهه هڪڙو ، ورق سڀُ وسار“ تي پورو عمل ڪيو اٿئون. چيني زبان جي فقط هڪ لفظ ”چي چي“ معنى ”مهرباني“ کان سواءِ ٻيو ڪُجهه به نٿو اچي.
    ان وقت مسز گرئفرد هيڊ ماسترياڻي ۽ زيدي به کين ڏسي کلي رهيا هئا. ڇوڪرين کي جڏهن منهنجي ۽ زيديءَ جي انگريزي سمجھه ۾ نه آئي ۽ رڳو کلنديون رهيون ته مسز گرئفرڊ وچ ۾ ٽپي، حاڪماڻي انداز ۾ کانئن گول منهن ٺاهي پڇيو، ”واٽ از يوئر نيم؟“
    اسان سمجھيو هوءَ هتي نوَ سال کن رهي آهي سو هتي جي زبان کان ضرور واقف هوندي. ٻنهي ڇوڪرين سندس اوچتي سوال تي هن ڏي عجيب نظرن سان گھُوري ڏٺو، وري اسان ڏي نهاريو ۽ پوءِ هڪٻئي ڏي نهاري مُرڪي، ٽيڏي اک سان مسز گرئفرڊ ڏي ڏٺو. مسز گرئفرڊ ڏاڍو شڪي ٿي ۽ پوءِ هي ٻئي ڇوڪريون اچي کل ۾ پيون ته بس ئي نه ڪن. خبر ناهي ڇو مون کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هو انگريز خاتون کي چئي رهيون هُجن ته : تنهنجو ڇا وڃي اسان مشرقين ۾.
    ”ڇا توهان هتي نَو سال رهڻ بعد به هتي جي زبان نه سکي آهي. چيني ته تمام جھوني ۽ وسيع زبان آهي؟“ زيدي اهو سوال ڪري کيس وڌيڪ شڪي ڪيو. ان سوال جي ڪڙاڻ هوءَ شايد نڙگھُٽ ۾ محسوس ڪرڻ لڳي، جو مون ڏٺو ته هوءَ جواب ڏيڻ بدران فقط ڳيتون ڏيندي رهي. بس هلندي ۽ بيهندي رهي، جوبلي اسٽريٽ، وڪٽوريا اسٽريٽ، پاٽنجر اسٽريٽ، پيڊر اسٽريٽ ۽ ٻيا رستا پار ڪندي رهي. مسافر چڙهندا ۽ لهندا رهيا. يورپين سياح دريءَ وٽ ڪئميرائون جھلي هانگ ڪانگ جي حُسن ۽ بچل غربت جي آثارن جا فوٽو ڪڍندا رهيا. گول منهن واريءَ ڇوڪريءَ ڪيڪ ڪڍي اڌ پاڻ کاڌو، اڌ سنهي ڇوڪريءَ کي ڏنو. ان کان پوءِ سنهي ڇوڪريءَ انگورن جو لفافو کولي هن کي به کائڻ لاءِ آڇيو. پر هن هڪ وات ۾ وجھي ٻيو نه کنيو. پر سنهي ڇوڪري مزي سان کائيندي رهي ۽ اسان کي به کائڻ جو اشارو ڪيو. پهرين ته آئون چي چي (مهرباني) چوندو رهيس پر پوءِ زور ڪرڻ تي ٻه انگور وات ۾ وڌم ته خبر پيئي ته اهي اهڙا کٽا جو هر گدڙ (پڙهيل توڙي اڻپڙهيل) بنا پُڄڻ يا کائڻ جي آکي سگھندو ته : ”ٿُو کٽا“ آهن جي اها ٻي درجي سنڌيءَ جي ڪتاب جي ڪهاڻي واقعي سچ آهي ته، (ان تي ۽ ٻين ٻي درجي جي آکاڻين تي پڪ اٿم ته هيسيتائين ظفر حسن ۽ عبدالحليم بروهيءَ جهڙا جوان ڪافي ريسرچ مڪمل ڪري چُڪا هوندا).
    بس ٿورو اڳتي هلي هڪ خاص اسٽاپ تي ترسي، سامهون وڏن اکرن ۾ لکيل هو، ”Star-Ferry to Kowloon“ ان فيري (موٽر بوٽ) ذريعي هانگ ڪانگ جو ننڍڙو ٻيٽ هانگ ڪانگ جي ٻئي حصي ”ڪولون“ سان ڳنڍيل آهي. اسان ٻئي ڪولون وڃڻ جو خيال ڪري، بس مان تکا تکا لٿاسين، چيني ڇوڪرين پنهنجا ننڍڙا هٿ لوڏيا.


    سنڌي ثقافت ۽ سڀيتا جو پرچارُ هڪ ملاقات ۽ انٽرويو

    پهرين دفعي جڏهن هانگ ڪانگ آيو هوس ته آخري ڏينهن صبح جو اٿڻ سان، جيئن ئي ايف ايم ريڊيو اسٽيشن کوليم، ته هڪ هنڌان سنڌي گانو ٻُڌڻ ۾ آيو :
    ”او وڃُ نه پري مون کان هٿڙو ڇڏائي“
    ڪٿي خواب ته نه لهي رهيو آهيان. سنڌي گانو محمد يوسف جي آواز ۾، سو به هانگ ڪانگ جي ڪنهن ريڊيو اسٽيشن تان! منهنجي جاءِ تي ڪوبه هُجي ها ۽ ٻُڌي ها ته في الحال وائڙو ٿي وڃي ها. ڏاڍو خوش ٿيس. پنهنجي زبان جو راڳ سو به وطن کان هزارها ڪوهه ڏُور هانگ ڪانگ ۾ ! اسان سنڌي ته ڪراچي ريڊيو تان ئي ڪڏهن سنڌي راڳ ٻُڌندا آهيون ته ان تي ئي خوش ٿيندا آهيون. ڇو جو اسان جي خواهشن ۽ سڌن جو ايترو ته قتل عام ٿئي ٿو، جو ڪا معمولي خواهش جي تڪميل تي پهچي ٿي ته خوشيءَ ۾ نٿا ماپون.
    پڪ ڪرڻ لاءِ ته واقعي هانگ ڪانگ ۾ آهيان، دريءَ جو پردو ريڙهي هانگ ڪانگ جي اڀين عمارتن ۽ ساوڪ سان جھنجھيل ٽڪرين کي ڏٺم. اتفاق سان انهيءَ ڏينهن شام جو هانگ ڪانگ کان، ”ڪولون فيري“ ۾ ويندي به هتي جا ٽي ڄڻا سنڌي رهاڪو گڏيا. تن ٻُڌايو ته هانگ ڪانگ ۾ هفتي ۾ هڪ ڏينهن ريڊيو ۽ ٽي ـ ويءَ تي سنڌي پروگرام ايندو آهي. اهو ٻڌي مون کي تعجب لڳو (ڪراچي ٽي ـ ويءَ وارن کي ته هي پڙهي مون کان به وڌيڪ تعجب ٿيو هوندو. ٿي سگھي ٿو ٿورو ٿورو شرم به محسوس ڪري رهيا هُجن. جيتوڻيڪ هنن پنهنجي پَر ۾ سنڌي پروگرام لاءِ هفتي ۾ پنجويهه منٽن جيترو قيمتي وقت رکي، سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي.)
    مٿين همراهن کان پُڇا تي معلوم ٿيو ته هتان هڪ لوڪل ريڊيو اسٽيشن ۽ ٽي ـ ويءَ تان سنڌي پروگرام ”مسٽر ڪي ـ سيتل“ نالي ڪو همراهه نشر ڪري ٿو. مون کي ان شخص سان ملڻ جي خواهش ٿي. سجُ لهي چُڪو هو، سندس آفيس بند ٿي وئي هُئي ۽ گھر جي ائڊريس جي خبر پئجي نه سگھي. ٻي ڏينهن صبح جو پرهه ڦُٽيءَ کان اڳ سڙهه سنڀاهيا ۽ لنگر کڻي اڀرندڙ سج جي ملڪ جپان روانا ٿي ويا سين. افسوس ٿيم ته جي اڳواٽ خبر پوي ها ته مسٽر سيتل سان ضرور ملي حال احوال وٺانس ها.
    پر جپان ۾ پندرهن ويهن کن ڏينهن رهڻ بعد اسان جو پروگرام وري هانگ ڪانگ جو ٺهيو ۽ اچي هانگ ڪانگ نڪتاسين.
    هانگ ڪانگ پهچڻ سان آئون ونڌام (Windham) اسٽريٽ ۾ اسٽائيلو ڪارپوريشن ۾ پهتس، جنهن جو پاڻ مئنيجر پڻُ آهي. ساڻس ملي هانگ ڪانگ جي خبر چار ورتم. پاڻ ڳالهين جو ڳهير، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو (باوجود مصروف زندگي گُذارڻ جي) ۽ علم جو ڀنڊار معلوم ٿيو ٿي.
    پاڻ ٻُڌايائين ته سنڌ کان پوءِ سڀ کان گھڻا سنڌي هانگ ڪانگ ۽ جڪارتا ۾ رهن ٿا. هانگ ڪانگ جي ريڊيو تان هفتي ۾ هڪ دفعو سنڌي پروگرام پيش ٿئي ٿو ۽ هتان جا سڀ سنڌي واپاري ۽ امير آهن. (انهن سنڌين ۾ مشهور سنڌي اديب ۽ دانشور علي احمد راشدي پڻ هو، جو پڻ هانگ ڪانگ ۾ ڪافي عرصو رهي چُڪو آهي.) سيتل ٻُڌايو ته دنيا ۾ ”سنڌي واپاري“ مشهور آهي ۽ مارڪيٽ جي ٽيڪنيڪ کان چڱي طرح واقف آهي. هڪ ئي وقت ساڳي شيءِ ساڳئي قيمت تي ڏهه مختلف ڪمپنيون ٺاهين ٿيون. پر مارڪيٽ ۾ ڪيئن ۽ ڪنهن جي گھڻي کپت ٿيندي، ان کي مارڪيٽ ٽيڪنيڪ سڏجي ٿو. جنهن ۾ سنڌي پنهنجو مَٽُ پاڻ آهي. اڄُڪلهه دنيا ۾ اها چوڻي عام آهي: ”سنڌي معنى سيلز مين ۽ سيلز مين معنى سنڌي“. (Sindhi means Sales man and Sales man means Sindhi) پاڻ هڪ ڏاڍي مزيدار ڳالهه ٻُڌايائين ته، سنڌين جو حصو واپاري دنيا جي ترقيءَ ۾ ٻين علمن سان گڏ ڊرافٽ (Draft)جو پڻ آهي. شڪارپوري پهريان سنڌي هُئا. جن اڄُ کان ٻه سؤ سال اڳ ڏيتي ليتي ۾ ڊرافٽ جو طريقو ايجاد ڪيو. جنهن کي سنڌيءَ ۾ ”هنڊي“ سڏبو آهي ۽ عبارت ڪجھه هن ريت لکي ويندي آهي ته، پيارا ڀاءُ! هيءَ چٺي پڙهي ڀاءُ فلاڻي کي هڪدم پنج هزار روپيا فقط اکرين پنج هزار روپيا فقط، ڏيندا. ۽ اهو ساڳيو ڊرافٽ سسٽم ان کان پوءِ انگريزيءَ ۾ آيو آهي ته:
    On demand of Mr. So and So please pay the sum of rupees…
    وغيره وغيره
    پاڻ هانگ ڪانگ مان ٽن سالن کان هڪ انگريزي رسالو سٺ صفحن کن جو آرٽ پني تي ڪڍي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪجھه حصو دنيا ۾ رهندڙ سنڌين جي خبرن جو پڻُ آهي. تازو هندستان ۾ جڏهن سنڌي لپي بدلائي هندي ڪرڻ جي مهم ٿي هُئي، ته هن جي رسالي ساڳئي عربي اسٽائيل رسم الخط قائم رکڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ۽ پاڻ ايڊيٽوريل پڻ لکيائين ته سنڌي لکڻي رومن يا هندي ڪرڻ بدران، ساڳئي اصلي رهڻ گھُرجي. پاڻ ڪجھه سنڌي ڪتاب مون کي ڏنائين، جي هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي اديبن جا لکيل آهن. هڪ ته ”درد وند دوست“ نالي پنج سؤ صفحن کان به مٿي جو آهي.
    مسٽر سيتل ٻُڌايو ته هو پاڪستان اڪثر ايندو رهي ٿو، ڇو ته هن کي برٽش پاسپورٽ آهي ۽ هن جي شهريت (Citizenship) اصل کان هانگ ڪانگ جي آهي. هن جا وڏا سنڌ ۾ ڄاوا نپنا ۽ پاڻ ورهاڱي کان به اڳ هانگ ڪانگ ۾ اچي آباد ٿيو.
    پاڻ چيائين، ”ڪيڏو نه سُٺو ٿئي، جيڪڏهن سنڌ جا ڪُجهه ڳائڻا ۽ فنڪار هڪ ايسوسيئيشن ٺاهي، ٻين ملڪن جا دورا ڪن ۽ مختلف وڏن شهرن ۾ پنهنجي ثقافت ۽ هنر جا جوهر ڏيکارين.“
    ”هتي اڪثر هندستان کان سنڌي ڳائڻا ۽ فنڪار دوري تي ايندا آهن. مهيني ٻن بعد بمبئي ۽ بئنڪاڪ کان سنڌين جي ٽولي هتي جي وڏي هوٽل ”هانگ ڪانگ حايات“ ۾ فنڪشن ڪرڻ واري آهي، جنهن پروگرام جو مون بندوبست ڪيو آهي. تون جي انهن ڏينهن ۾ هُجين ته توکي به اچڻ لاءِ اڳواٽ دعوت ڏيان ٿو. ڊنر جو به پروگرام رکيو اٿم ۽ هتي جي سنڌين لاءِ ٽيهه ڊالر (سٺ روپيا کن) ٽڪيٽ رکي اٿم.“ (اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ منهنجو وري هانگ ڪانگ اچڻ ٿيو هو. ان فنڪشن جو ذڪر ڪٿي اڳتي هلي ڪندس.)
    مون سندس مهرباني مڃي ۽ محسوس ڪيو ته ضيا محي الدين جهڙن بدران سنڌي خود ٻاهر اچي سنڌي ثقافت جو صحيح مظاهرو ڪن. تازو پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن طرفان ڪراچي ٽي ـ وي جي فنڪار ۽ فلمي اداڪار ضيا محي الدين جي سرپرستي ۾ هڪ فنڪارن جي ٽولي پاڪستان جي مختلف صوبن جي ثقافت ۽ راڳ روپ کي دنيا سان متعارف ڪرائڻ لاءِ دنيا جي دوري تي نڪتي هُئي. ان فنڪشن جو هڪ پروگرام نموني خاطر ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ پڻ پيش ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌي هوجمالي ۽ سنڌي ثقافت ۽ سڀيتا کي ايڏو غلط رنگ ڏئي پيش ڪيو ويو هو، جو سنڌ ۾ وڏا گوڙ مچي ويا هئا ۽ ان قسم جي غلط حرڪت ۽ سنڌي ڪلچر سان هٿ چُراند کي بند ڪرڻ لاءِ سڀني اخبارن ۾ آيو هو. ڪراچيءَ جي هلال پاڪستان اخبار ان سلسلي ۾ انگريزيءَ ۾ به اداريو ڏنو هو. امر جليل ۽ نور عباسي جهڙن مشهور ڪالم نويسن ته ان سلسلي ۾ ڪالم به لکيا هُئا.
    مان پنهنجو ڌيان ان تان هٽائي ٻي ڳالهه شُروع ڪئي. ”توهان کي پاڪستان جي سنڌي ڳائڻن ۾ ڪير ٿو گھڻو وڻي؟“
    ”ابراهيم، جُمن، خديجه، زليخا، روبينه، زرينا ۽ ٻين ڪيترن جو آواز سٺو آهي، ۽ انهن راڳ جون ڪيتريون ئي صنفون پيش ڪيون آهن، ڀاڳيءَ جي آواز ۾ جيڪا خاص لئه آهي، سا وري ٻين ۾ مشڪل ملندي. نور بانو ۽ زينب کي پنهنجو Style آهي.“
    ”رونا ليلى کي ڇا توهان نه ٻُڌو آهي؟“
    ”ٻُڌو ته سڀني کي اٿم. تازو هينئر پنهور جا رڪارڊ نڪتا ته اهي به دوست هٿان گھُرائي ٻڌم، پر رونا ليلى جا اچار تمام غلط آهن. هر ڪو سنڌي سمجھي وڃي ٿو ته هيءَ ڌارئين آهي. گُذريل مهيني ڏاڍي مزيدار ڳالهه ٿي. رام پنجواڻي مون وٽ گھُمڻ آيو تنهن کي رونا ليلى جو رڪارڊ ٻُڌائي چيومانس ته تبصرو ڪر. رڪارڊ ٻُڌي چيائين ته ڳائڻي تمام سٺي، پر سنڌياڻي نٿي لڳي جو اُچار صحيح نه اٿس.“
    ”مون کي ڏاڍو شوق آهي ته اسان جا اديب ۽ فنڪار ٽوليون ٺاهي دنيا جو دورو ڪن ۽ مختلف جڳهين جا مختلف مشاهدا ماڻين ۽ ماڻهن سان ملن. تازو سنگاپور ۾ ڪوريا جي فنڪارن جا ناچ ۽ رومانيه جي ڳائڻن جا فنڪشن ڏسي مون چيو ته ڪاش ائين اسان جا سنڌي فنڪار به نڪري پون.“
    تازو پاڪستان جي شپنگ منسٽر غلام مصطفى جتوئي صاحب جڏهن هانگ ڪانگ جي دوري تي آيو هو ته سيتل ۽ ٻين هتي جي سنڌين اسان جي وزير کي لنچ ڏني هُئي. پاڻ جتوئي صاحب جي خيالن کان تمام گھڻو متاثر ٿي ڏٺو. هر هر سندس ذهانت ۽ قابليت جي تعريف ڪندو رهيو. پاڻ ٻڌايائين ته : هو اهو ڏسي خوش ٿيو اهي ته اسان جي ملڪ جون واڳون ذوالفقار علي ڀٽي جهڙي باشعور ليڊر جي هٿ ۾ آيون آهن، جنهن جو والد پڻ قابل سياستدان هو ۽ سندس والد جو گھاٽو دوست هو.
    سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ فلمن جو ذڪر ڪندي پاڻ ٻڌايائين ته: ”افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو هتي هانگ ڪانگ ۾ هندستان جا سنڌي رسالا ته جام اچن پيا ۽ غير ملڪي ناڻو هڪ طرف ڪمائي رهيا آهن ۽ هندستان جا سنڌي اديب شاعر دنيا سان واقف ٻئي طرف ٿي رهيا آهن، پر پاڪستان ان ڏس ۾ ڪو قدم نه کنيو آهي. سنڌي زبان ئي هڪ اهڙي آهي جا انگريزي کان پوءِ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پاڪستان ۾ ڇپيل سنڌي ڪتاب، رسالا ۽ فلمون ڪنهن به قيمت تي هندستان جي سنڌي ادب کان گھٽ نه آهن.“
    ان کان پوءِ پاڻ مهراڻ، نئين زندگي ۽ سهڻي رسالي جي تعريف ڪندو رهيو جي ڪُجهه سال اڳ تائين هو پاڪستان کان گھرائي پڙهندو هو. هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ ٻيا به ڪيترا سنڌي مليا جن خاص ڪري ”مهراڻ“ ٽماهي رسالي جي ڏاڍي تعريف ڪئي ٿي ۽ ان کي پڙهڻ لاءِ آتا هُئا. ٿي سگي ٿو ته اسان جو سنڌي ادبي بورد ان کان اڻ واقف هُجي ته سندن اهو رسالو دنيا ۾ مشهور آهي. کين کپي ته هو نه فقط سنڌ ۾، پر دنيا جي وڏن ملڪن ۾ پنهنجي رسالي جا ايجنت مقرر ڪن. ان نموني سان نه فقط غير ملڪي ناڻو ڪمائي سگھندا، پر ساڳيو ڪتاب گھڻي تعداد ۾ ڇپجڻ ڪري لوڪل خريدارن لاءِ سستو به ٿي پوندو.
    ساڳي طرح سنڌي فلمون پڻ آهن. هن پاسي ڏور اوڀر جي هر ملڪ ۾ يا دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ڏورانهن ٻيٽن تي سنڌي رهن ٿا. هتي هانگ ڪانگ ۾ ئي اها حالت آهي جو انگريزي ۽ چيني فلمن جي ٽڪيٽ کان سنڌي فلمن جي ٽڪيٽ ٻيڻي رکي ٿي وڃي. ان هوندي به هائوس فُل ٿو رهي. اڄُڪلهه هانگ ڪانگ ۾ سنڌي فلم ”لاڏلي“ (هندستان جي ٺهيل) هلي رهي آهي. ڪا خاص فلم ناهي ان کان اسان جون سنڌي فلمون ”شهرو فيروز“، ”سورٺ“، ”بادل“ وغيره ڪيترا دفعا بهتر آهن، پر ان هوندي به هتي سنڌي ڏسڻ وارن جو تعداد ايترو ته گھڻو آهي جو ڪهڙي به کڻي فلم هُجي، پيهه لڳي پئي آهي. ساڳيو حال سنگاپور ۽ ملايا ۾ ڏٺم. سيتل ٻُڌايو ته، ”سورٺ“ فلم ته انگلنڊ ۽ يورپ ۾ به پسند ڪئي وئي آهي.


    اسپيشلي ميڊ ــ او، ڙي! هپي اِدر آئو!

    هانگ ڪانگ دنيا جي انهن شهرن مان بلڪ کڻي ائين چئجي ته ملڪن مان آهي جتي سواريءَ جو ڪو به مسئلو ناهي. چاهي توهان کي پنهنجي ڪار هُجي يا نه، توهان کي ڪٿي به ۽ ڪنهن به وقت سواريءَ جي تڪليف نه ٿيندي. مني بسون (جنهن ۾ نَوَ کن ماڻهو ويهي سگھن ٿا ۽ اها لائيٽ بس سڏجي ٿي)، ٽئڪسيون، اليڪٽرڪ ٽرامون، رڪشائون، (جيڪي موٽر سائيڪلن بدران ماڻهو ڇڪين) چوويهه ئي ڪلاڪ ملنديون ۽ ڀاڙو به ڪو خاص ڪونهي. وري هانگ ڪانگ ٻيٽ کان ڪولون وڃڻ لاءِ يا ٻين ڀروارن ننڍن ٻيٽن جهڙوڪ: مڪائو، لينٽاؤ، لاما، ميرس بي وغيره (جيڪي پڻُ هانگ ڪانگ ملڪ ۾ اچي وڃن ٿا)، وڃڻ لاءِ فيريون (انجڻ تي هلندڙ وڏيون ٻيڙيون جيڪي مسافرن ۽ موٽر لارين کي هڪ ڀر کان ٻي ڀر پُهچائين)۽ لانچون (جيڪي والا والا سڏجن) آهن. ان کان علاوه تازو هن سال 1972ع ۾ هانگ ڪانگ کي ڪولون سان سرنگ ذريعي ڳنڍڻ ڪري، بس يا ڪار ذريعي پڻ هانگ ڪانگ ۽ ڪولون طرف جڏهن وڻي اچي وڃي سگھجي ٿو. هيءَ سرنگ سمنڊ جي هيٺان کوٽي وئي آهي.
    ڪولون وڃڻ لاءِ هانگ ڪانگ ٻيٽ جي مختلف هنڌن تان فيريون وڃن ٿيون. مثال طور: اسٽار فيري، جارڊن روڊ فيري، نارٿ پوائنٽ فيري وغيره، جيڪي ڪولون پاسي مختلف هنڌن تي پهچائين. سڀ کان مشهور ۽ بارونق اسٽار فيري اسٽيشن آهي جا ڪناٿ روڊ تي آهي ۽ ڪولون پاسي ريلوي اسٽيشن وٽ وڃيو ڇڏي.
    پهرين دفعي اسان کي ڪولون وڃڻ لاءِ فيريءَ جي خبر نه هُئي. ٻن ٽن چينين کان پڇيوسين پر هنن سنئون منهن نه ڏنو. هتي هانگ ڪانگ ۾ اڄڪلهه چينين ۾ قوميت جو اهڙو اچي جذبو جاڳيو آهي، جو جپانين ۽ عربن وانگر هو چاهين ٿا ته ڌاريون به سندن زبان ڳالهائي. ڪيترا اهڙا به ملندا جيڪي انگريزي اچڻ جي باوجود ڳالهائڻ کان نفرت ڪندا ۽ بهترين انگريزي لهجي ۾ ”I don’t talk English“ چئي منهن ڦيري ويندا. سو ان ڏينهن به اسان وائڙن وانگر ڪ نهن پاڻ جهڙي ڪاري هم شڪل کي ڳولهي رهيا هئاسين ته ان کان رستو پڇون. هلٽن هوٽل مان چانهه پي نڪتاسين ته هڪ همراهه ڪوٽ ٻانهن تي، ٻي ۾ ٿيلهو، اچي لنگھيو. اسان کائنس ڪولون وڃڻ جو رستو پڇيو. پاڻ به ڪولون وڃي رهيو هو، سو اسان کي اسٽار فيري اسٽيشن تي وٺي آيو ۽ ڪولون تائين ويهه پنجويهه منٽ جيڪي اسان سان گڏ هو خبرون ڪندو هليو. پاڻ ڪيمبلپور پنجاب جي پاسي جو ٻُڌايائين. پنجابي لهجي ۾ اڙدو ڳالهائي رهيو هو. ڪنهن بئنڪ جو چؤڪيدار هو ۽ رات جي ڊيوٽي ڪيائين ٿي. پگھار هانگ ڪانگ جا نَوَ سؤ ڊالر (يعني ارڙهن سؤ روپيا) کن ملنس. کيس جو خبر پئي ته اسان پاڪستان کان آيا آهيون ته اسان کان ور ور ڏئي ملڪ جون خبرون پڇڻ لڳو ۽ جيڪي پاڻ پڙهيو هئائين ان تي تبصرو ڪري رهيو هو. ذري ذري وطن جي واڌاري لاءِ دُعائون گھُري رهيو هو ۽ ساڻيهه لاءِ سڪ سندس هر ڳالهه مان محسوس ٿي ٿي. تڏهن چيومانس ته ملڪ ڇڏي پوءِ هيڏانهن ڇو اچي دربدر ٿيو آهين. جڏهن تنهنجا ٻار ٻچا به اوڏانهن آهن، جن کي به تون هيڏو ساري رهيو آهين. ڏاڍي ڏُک مان چوڻ لڳو:
    ”سائين! پنهنجا ڪَکَ ڪنهن کي ڪَڙا آهن. ٻچن ٻارن خاطر دربدر آهيان. پيٽ خاطر، روزگار ۽ ڪمائي لاءِ هتي اچي نڪتو آهيان. هڪ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته اڄُ کان چار سال اڳ جڏهن آئون ڀاڙا ڀري هتي آيو هوس ته پهرين شُروع جا ڏينهن فٽ پاٿ تي به ستو هوس، بُکون به ڪاٽيون هيم، پر مولا پوءِ مهر ڪئي اڀري سَڀري نوڪري ملي وئي. پاڪستان ۾ ته اڄُڪلهه پڙهيلن ڳڙهيلن کي به ڪا چڱي نوڪري نٿي ملي. منهنجي لاءِ ارڙهن سؤ روپيا تمام گنج آهن.ڪفايت ڪري چار پنج سؤ روپيا خرچيان ٻيا سڀُ بچائي گھر موڪليان. ٻه پُٽ ٽي نياڻيون اٿم. سڀ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهن پيون.“ هو پنهنجو داستان اسان کي ٻُڌائيندو هليو، ۽ اسان غور سان ٻُڌندا رهياسين، ”ماڻهو ٿا سمجھن ته ٻاهر نوڪري نه ڪجي، پر پورهئي ۾ ڪهڙو عيب آهي. ملڪ لاءِ ته پاڻ سٺي ڳالهه آهي. جو اسان پئسو ڪمائي پنهنجي ملڪ ٿا موڪليون. هتي اٽڪل اسان پنج هزار کن پنجاب پاسي جا آهيون. هر هڪ گھٽ ۾ گھٽ هزار روپيا موڪلي ٿو ته به مهيني ۾ فقط هانگ ڪانگ مان پاڪستان ۾ پنج لک روپيا پهچن ٿا. اهڙيءَ طرح ٻين ملڪن مان. ان کان علاوه هر پاڪستاني جي هڪ هڪ ٻه ٻه دوست ڌارئين ملڪ ۾ ٺاهي ته به ان ڌارئين ملڪ ۾ انيڪ ماڻهن کي پاڪستان لاءِ پيار ۽ عزت ٿي سگھي ٿي.“ آءٌ ان شخص جون ڳالهيون غور سان ٻُڌندو رهيس جو ظاهري طرح ته فقط چؤڪيدار هو پر سمجھه ۽ ساڃهه ۾ سڄاڻُ ڏٺو ٿي. هر هر هانگ ڪانگ ۾ مقيم پاڪستاني ٽريڊ ڪمشنر مسٽر سجاد حسين جي تعريف ڪندو رهيو، جنهن پاڪستانين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري، سندن جذبو ڪافي بلند ڪيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي، اسان جڏهن به هانگ ڪانگ هوندا آهيون ته هتي جي اخبارن ۾ هن صاحب جا پاڪستان ۽ ان جي مسئلن ۽ حقيقتن بابت خط ۽ مضمون ڇپبا رهندا آهن، جيئن هتي جي ماڻهن کي صحيح حقيقت جي خبر پئجي سگھي.
    ڪولون اسٽيشن وٽ پهچي ڪيمبل پور جي نوجوان اسان کان موڪلايو ۽ اسان کڙين تي زور رکيو. زيديءَ کي پهرين ڪنهن درزيءَ وٽ سوٽ ٺهرائڻ لاءِ وڃڻو هو. هانگ ڪانگ ۾ سنڌي ۽ چيني درزي مشهور آهن. ڪيترن ڪپڙي جي دڪاندار سنڌين پنهنجي دڪان تي درزي به وهاري ڇڏيا آهن، جي گھڻو ڪري چيني آهن. اتي جو اتي ماپ ڏئي ڪپڙو پسند ڪري سگھجي ٿو. هانگ ڪانگ درزين کان مشهور آهي. هانگ ڪانگ جا ريڊي ميڊ ڪپڙا آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ ۾ تمام گھڻو هلن ٿا. ڇو جو هانگ ڪانگ ۾ ڪپڙو ۽ مزوري ٻئي سستا آهن. (پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن تي ٺپو آمريڪا يا انگلنڊ جو لڳايو وڃي ٿو يا Made in بدران Made for U.S.A يا Made as U.S.A لکيو وڃي ٿو. جيئن جهڙو تهڙو متين جو موڙهيل گراهڪ ته محسوس به نه ڪري ته اصليت ڇا آهي.)
    اسان جو دوست سعيد اختر زيدي به هڪ سنڌي درزي جي دڪان تي چڙهي ويو بلڪ هن جي وَر چڙهي ويو. ڪپڙو به سندس ئي دڪان تان پسند ڪيائين. ڪپڙي جي دڪان جي پٺيان ڏهه ٻارهن چيني مرد ۽ عورتون مشينون رکي سبي رهيا هُئا، ڄڻ ڪو اسڪول هُجي. شام جو Trail ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ساڳئي وقت ڪوٽ پتلون تيار مليس! ــ اها هانگ ڪانگ جي درزين جي خاص ڳالهه آهي. ان ڪري اهي سياح يا مسافر جيڪي ٻه ڏينهن به ڪي مس هانگ ڪانگ ۾ رهن، سي به واپسيءَ تي هڪ عدد سوٽ بئگ ۾، هڪ عدد کن ٻانهن تي لڙڪائي وڃن. سستي ڪپڙي کان سواءِ سلائي پڻُ سٺي آهي.چيني ڪاريگريءَ ۾ هوشيار، سنڌي واپار ۾ هوشيار، توهان کي ڀلي سوٽ ٺهرائڻ جو ارادو نه هجي، پر دڪان تي چڙهي ته ڏسو، اهڙا مطمئن ٿي ويندائو جو ماپ ڏئي پوءِ هيٺ لهندائو. اسان به ٻئي ڏينهن هٿيار کڻي آڏو رکيا ۽ ڪوٽ ٺهرائي گھر پهتاسين. گھر پهچي ڪوٽ جي اندر کڻي ڏسان ته اندرين کيسي مٿان رنگين ريشمي ڌاڳي جي ڀرت سان لکيو پيو آهي:
    “Specially made for Mr. Altaf Shaikh”
    سو سائين ان ڏينهن فيريءَ ذريعي ڪولون پهچي زيديءَ پڇيو، ”درزيءَ کان پوءِ ڪيڏانهن هلون.“
    ”پوءِ شهر جو واءُ سواءُ لهجي، نڪ نقشو جاچجي (يا بقول هالا جي انگريزي اسڪول جي ماسترن جي ته: اڄُڪلهه جي شاگردن کي هوم ورڪ کان ٻرو باقي سڄو ڏينهن شوق سٽي سروي ڪرڻ جو).“
    ”ٽئڪسي ۾ يا بس ۾؟“ زيديءَ وري ٻيو سوال ڪيو.
    ”ڇو ٽنگون فيريءَ ۾ رهجي ويون يا هوٽل هلٽن ۾؟“
    منجھند جو ٻارهن ٿيڻ وارا هُئا. خط استوا پٽيءَ جو ساڙيندڙ سجُ اڀ جي چوٽ وڃي کنيو هو. گرمي کان بچڻ لاءِ ڀر ۾ اوشن ٽرمينل Ocean Terminal جي خوبصورت ٿڌن Air Conditioned دڪانن ۾ دنيا جون خوبصورت شيون ڏسندا رهيا سين. ان بعد وليج گارڊن ۾ ميڻ مان ٺهيل ماڻهن جو عجائب گھر ڏٺوسين (جنهن قسم جو عجائب گھر لنڊن ۾ به آهي جنهن جو ذڪر ”سمونڊ جي سيوين“ ڪتاب ۾ تفصيل سان ڪري چُڪو آهيان). اتان نڪتاسين ته هڪ اچي ٿيو. پيٽ ۾ خانه جنگي Civil-War لڳي رهي هُئي، سو اسان سڀ کان ويجھي هوٽل، جيڪا چيني طرز جي هُئي، تنهن ۾ گھڙي پياسين. پاسي وارا ٽيبل سڀُ Reserved ٿيل هئا. بئري اسان کي وچين ٽيبلن مان هڪ تي وهڻ جي آڇ ڪئي، پر زيديءَ چيو ته يار وهبو ته پاسي واري ڪنهن ٽيبل تي ۽ دريءَ ڀرسان، جيئن ماني کائيندي سامهون ٻيٽ جو نظارو به ڪري سگھجي. پر بئري دريءَ پاسي وهڻ کان منع ڪئي ۽ اسان وچ تي وهڻ لاءِ راضي نه ٿياسين ۽ ٻاهر نڪري آياسين. اسان سمجھيو ته بئرو اسان کي سڏُ ڪندو ۽ گراهڪ ائين وڃڻ نه ڏيندو. پر هيترن بئرن مان ڪنهن هڪ به نه کنگھيو. زيديءَ کي چيم، ”بئرا شايد سمجھي ويا ته اسان ”مئڪ ائنڊ مئڪ“ ڪمپنيءَ جا مئنيجر يا ”لين ڪرافڊ“ هيرن جي دڪان جا مالڪ نه آهيون.“
    ”ٺيڪ آهي پئسا کيسي ۾ گھٽ اٿئون.“ زيديءَ کلي چيو، ”پر بئري کي ڪهڙي خبر ته اسان جي کيسي ۾ ڪيترا پئسا آهن جو اسان کي لفٽ ڪانه ڏنائين.“
    سنگاپور ۾ ڏکڻ هندستانين ۽ پاڪستانين جو ننڍيون ننڍيون هوٽلون جام آهن، جن ۾ کاڌو گيهه ۾ رڌل ٿئي ۽ پوري پُني اگھه تي ملي. اهي سڀُ انڊين هوٽلون سڏجن. زيديءَ کي صلاح ڏنم ته ڪنهن اهڙي هوٽل ۾ ويهي ماني کائون، جو پاڻ هتي نوان آهيون. چيني هوٽل ۾ الائي ڪهڙي قسم جو کاڌو هُجي. واءِ.ايم.سي.اي (Y.M.C.A) اڳيان هڪ سک فئملي پئي آئي. ”ايڪسڪيوزمي“ چئي ڪنهن اهڙي انڊين هوٽل جو ڏس پتو پڇيومان. سردارجيءَ وڏي شان سان پنجابيءَ ۾ ٻُڌايو: ”هي رستو سڌو وٺي وڃُ. پوءِ کاٻي پاسي کان نائن روڊ تي نڪ سامهون وڃجان، پوءِ کاٻي پاسي پيڪنگ روڊ پهچجانءِ ۽ پوءِ ساڄي پاسي هُئنڪو روڊ تي لهي پئجانءِ، ان ۾ پهرين گھٽي ڇڏي، ٻي گھٽيءَ ۾ ساڄي پاسي مُڙجانءِ پوءِ کاٻي....“
    کاٻي ساڄي، ساڄي کاٻي، مون کي چڪر اچڻ لڳا. ”ٿئنڪ يو سردارجي ٿئنڪ يو.“ چئي جان ڇڏائيسين. زيديءَ کان پُڇيم، ”سردارجي وارو رستو سمجھه ۾ آئي؟“
    ”مون ان وقت رستي تان لنگهندڙ ڪارون پئي ڳڻيون.“
    اتي ٽي نوجوان ڇوڪرا جهومندا ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪندا پئي آيا. ٽئي هم رنگ هُئا سمجهي وياسين ته هندستاني يا پاڪستاني هوندا. هڪ ته پڪو بيٽل ٿي لڳو. وار گھنڊيدار ڪياڙيءَ کان به گھڻو هيٺ پئي لميس ـــ قميص جو ڪالر فوٽ کن ڊگھو.
    زيديءَ دانهن ڪري سڏ ڪيس، ”او ڙي هپي! اڌر آئو.“ سندس ائين سڏ ڪرڻ تي مون سوچيو پڪ جھيڙو ٿيو. پر ٽئي مُرڪندا اچي بيٺا ۽ ڪم پُڇڻ لڳا. زيديءَ کي آهستي چيم، ”پهرين جا سُڃاڻُو اٿئي ڇا.“
    ”هتي ڪا هوٽل آهي ويجھي، جنهن ۾ ماني کائون؟“ زيديءَ پُڇين.
    ”کانا ٻانا؟“ هپيءَ انگريزي ٽون ۾ پڪ ڪئي. سندس ”ٻانا“چوڻ تي سمجھي ويس ته جوان سنڌي آهي. سو سنڌي ۾ چيومانس، ”ها کاڌو کائڻو اٿئون.“
    ”دراصل آئون ڪئناڊا کان ڪالهه ئي هتي آيو آهيان. مون کي فقط هڪ ئي هوٽل معلوم آهي موڊي روڊ تي، مون لائيٽ ريسٽورنٽ.“
    زيدي سندس ڊگھن وارن ۽ ڪالر کي ڏسي آهستي چيو، ”ها واقعي تون ڪالهه ئي ڪئناڊا کان آيو هوندين.“
    اسان ٽئڪسي ڪري هوٽل ڀيڙا ٿياسين. هوٽل ٻي ماڙ تي هُئي. ننڍڙي پر صاف سٿري. سمجھي وياسين ته هي هوٽل سنگاپور نموني جي انڊين هوٽل ناهي، پر نيويارڪ جي ٽائيمس اسڪائر نموني جي آهي، جتي ٻوڙ جي پليٽ جا ٻه ٽي ڊالر (ٽيٽيهه روپيا کن). ٿيو به ائين. ٻه چڪن برياني ۽ گانگٽن جون پليٽون، آچار ۽ سوپ گھرايوسين. مٿان وري زيديءَ ڌونئرو ماني ۽ چانهه آڻڻ لاءِ به چيس. آهستي چيومانس ته، ”استاد بل لاهه ڪڍي ڇڏيندو. اڄُ آخري ڏينهن هانگ ڪانگ ۾ نه آهي. اڃا ته ان غير ملڪي ناڻي ۾ ڪجھه ٻيا به ڏينهن هانگ ڪانگ ۾ گُذارڻا آهن.“
    ”پرواهه ناهي، سڀان کان ماني کڻي جهاز تي ئي کائينداسين.“ زيديءَ چيو ۽ اهو سوچي ته هاڻ ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪهڙو، کائڻ ۾ جنبي وياسين. آخر ۾ بل آيو. مني آرڊر واري زبان ۾ ”فقط پنجهٺ ڊالر“ (يعني هڪ سؤ ٽيٽِيهه روپيا کن.) اڄ ڪلهه هانگ ڪانگ جو ڊالر اسان جي ٻن روپين برابر آهي. ٽي چار سال اڳ اسان جي روپئي برابر هو. چُپ چاپ ڪڍي ڏناسون. هيٺ لهي زيديءَ کي چيم ته، ”پرواهه نه ڪر، گھر پهچڻ سان ان هوٽل تي هڪ عدد مضمون هلي لکندس ته پاڻ جهڙو ڪوبه ڪنگلو Tourist ان هوٽل ڏي رُخ نه رکي.“


    تريل نانگ لذيذ ٿين ٿا توهان ڪڏهن ڪُتو کاڌو آهي؟

    هي مضمون، هن وقت جڏهن لکي رهيو آهيان، مون کي هانگ ڪانگ ۾ آئي چار پنج دفعا ٿي چُڪا آهن. هن کان اڳ واري مضمون ۾ مهانگي هوٽل ۾ ماني کائڻ وارو احوال تڏهن جو آهي جڏهن پهريون دفعو هانگ ڪانگ اچڻ ٿيو هو. ان کان پوءِ معلوم ٿي ويو ته هانگ ڪانگ ۾ رهندر هزارين هندستاني ۽ پاڪستاني (جن ۾ اسي سيڪڙو کن سنڌي ٿيندا) ڪٿي ٿا ماني کائين. هتي ڪيترائي فلئٽ (گھر) آهن جيڪي هوٽلن (Mess) طور استعمال ٿين ٿا. خاص ڪري ”چنگ ڪنگ مئنشن“ Chung King Arcade ۾ ته اهڙيون ڪيتريون ئي ميسون آهن. اها وڏي عمارت ڪولون جي سڀ کان ويڪري ۽ ڊگھي رستي Nathan Road تي امپريل ۽ ائمبسيڊر هوٽلن جي ڀرسان آهي. سڄي عمارت پنجن ڇهن بلاڪن ۾ ورهايل آهي. جاءِ جي هيٺئين طبقي Ground-Floor ۽ پهرين ماڙ تي دڪان آهن ۽ انهن مٿان باقي تيرهن ماڙين تي هزارين فلئٽ آهن. هر هڪ فلئٽ ۾ ٽي چار ڪمرا آهن. هر بلاڪ (اي ـ بي ـ سي ـ ڊي ـ وغيره) لاءِ الڳ الڳ ننڍڙيون لفٽون آهن. ان سڄي بلڊنگ ۾ توهان کي سڀ کان گھڻا پاڪستاني ۽ هندستاني ملندا. ڪن ته انهن فلئٽن کي مسوار تي وٺي انهن کي ميس (ننڍڙي هوٽل) ٺاهيو آهي ۽ اوسي پاسي وارا ويسيءَ تي يا پئسا ڏئي ماني کائيندا آهن. اهي ميسون مسلمانن، هندن، سکن، بنگالين، ڏکڻ هندستانين، پنجابين جون آهن ۽ هرڪو پنهنجي ذائقي، مذهبي عقيدي مطابق، پنهنجي ڏانءَ جي ميس ۾ ماني کائي ٿو. اسان جي جهاز جا ماڻهو اڪثر پاڪستاني ميس ۾ ماني کائين، پر ڪي گھڻو مسالو کائڻ وارا ”مدراسي ميس“ ۾ کائين. مون واري تي، ٽن چئن ميسن ۾ کائي ڏٺو آهي. مجموعي طرح سڀني جا اگھه ۽ سواد هڪ جهڙا آهن. اوڻهين ويهين جو فرق ٿئي کڻي. نه فقط سواد ۽ اگھه پر ماحول به ساڳيو. هڪ دفعو هانگ ڪانگ جو ٻاهريون ماحول ڇڏي، ڪنهن به ميس جو در کولي اندر گھڙندا ته توهانکي ائين لڳندو ڄڻ ڪراچيءَ جي ميٺارام هاسٽل يا جناح ڪورٽس جي ميس ۾ ويٺا آهيو يا ته ايل ــ ايم ــ سي هاسٽل جي ڪنهن ميس ۾. انهن ننڍڙن هوٽلن کان علاوه ”مون لائيٽ ريسٽورنٽ“ جهڙيون پُر تڪلف ۽ خوبصورت انڊين ۽ پاڪستاني هوٽلون به هانگ ڪانگ ۽ ڪولون پاسي ڪافي آهن. مثال طور: ”هماليه ريسٽورنٽ“، ”گي لارڊ هوٽل“، ”مغل ريسٽورنٽ“ وغيره.
    هانگ ڪانگ اهو ملڪ آهي، جنهن ۾ پاڪستاني ۽ هندستانين کان علاوه منهنجي ته خيال ۾ ٻين به انيڪ ملڪن، مذهبن ۽ قومن جي کاڌن جون پڻ الڳ الڳ هوٽلون آهن. ڪجھه ملاين، انڊونيشين، ڪورين ۽ جپاني هوٽلون به آهن. باقي يورپي ۽ چيني هوٽلون ته ڪيتريون ئي نظر اينديون. ننڍيون وڏيون، صاف سٿريون ۽ گدليون پڻ. اسٽار فيري ۽ جارڊن فيري اسٽيشنن ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي، (خاص ڪري ڪولون پاسي )گاڏن وارا گولن (گئس بتين) جي سوجھري ۾، عجيب قسمن جا رڌل سامونڊي جيت جڙا، مڇيون، بلائون وڪڻندا نظر ايندا. جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ جي خيبر هوٽل ڀرسان يا سائيٽ پاسي ڪارخانن اڳيان گاڏن وارا ڪڪڙيون ۽ بيضا ۽ سندن سوپ پيا وڪڻندا آهن يا برنس روڊ وٽ يا ڇوڪرين جي ڪاليجن اڳيان دهلوي حليم، دهي بڙا ۽ چاٽ قسم جون شيون ديڳڙن ۾ پيل، گاڏي تي رکي وڪڻندا آهن يا دادو ۽ ٺٽي پاسي رڌل اوجھري ۽ بهه وڪامندي نظر ايندا آهن. فيري اسٽيشن جي ڀرسان انهن گاڏن اڳيان ميرن ڪپڙن ۾ ٻارن ۽ ڪجھه خوش پوشاڪ نوجوان جوڙن جو ميڙ لڳل هوندو آهي. وڪڻڻ وارو رٻڙ جا دستانا هٿن تي چاڙهي مرچن مصالحن واري ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وڏا وڏا Octopus (اَٺن کهڙين ٽنگن وارا سامونڊي ساهوارا) ڪڍي انهن کي وڏي تکي ڪئنچي سان ڳترا ڳترا ڪري ٿالهين ۾ وجھي گراهڪن کي ڏيندا آهن. ڀرسان بيهڻ سان اهڙي ته تکي ڌپ نڪ جي ناڪيلين ۾ چُڀي ويندي جو اتي بيٺو به نه ٿيندو. پر هتي جا چيني مزي سان آڪٽوپس جهڙين مڇين کي تيلين سان ڳڙڪائي چشڪا پيا ڏيندا آهن. ان کان علاوه ٻين ديڳڙن ۾ رڌل سپون، ڏيڏر، ڪيڪڙا ۽ ٻيون شيون نظر اينديون (بقول اسان جي هڪ جهازيءَ جي چيني ماڻهو مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جو هر ساهوارو کائين ٿا) سپون ته جپان ۾ جپانين کي به کائيندي ڏٺم. تکي ڪپ سان سپ جا پُڙ کولڻ سان منجهانئس هڪ ڪوريئڙي جهڙو ۽ جيڏو ڪينئون نڪري ٿو ان کي تيلين (Chop-Sticks) سان جھلي وات اندر داخل ڪن (بنا ڪنهن پاسپورٽ ۽ ويزا جي).
    اهو ته ڪجھه به ڪونهي، ڪولون ۾ ڪيتريون اهڙيون هوٽلون آهن جن ۾ نانگ ٻاهر ئي شيشي جي ڪٻٽن ۾ جيئرا جاڳندا رکيا آهن. (هتي چيني هوٽلن ۾ مڇيون ۽ گانگٽ به جيئرا پاڻيءَ جي نادين ۾ رکيا هوندا آهن)گراهڪ هوٽل ۾ گھڙڻ کان اڳ بئري کي پنهنجي پسند جي مڇي، گانگٽ يا نانگ بلا ڏي اشارو ڪري ڏيکاريندس جيڪو پوءِ رڌي يا تري کيس پيش ڪيو ويندو آهي. نانگن واري شيشي جي ڪٻٽ وٽ ڪاسائي ٿلها ٽائر جا دستانا ٺونٺين تائين چاڙهيو ويٺو هوندو آهي. گراهڪ جيڪو نانگ پسند ڪندو آهي ان کي منهن کان سوگھو جھلي ڪٻٽ کان ٻاهر ڪڍي، ڪٻٽ ڍڪي ڇڏيندو آهي. نانگ جي حالت اها هوندي آهي جو تيسر ٻار وانگر ڇڙهيون پيو هڻندو آهي پر ڪاسائي نه ڇڏيندو اٿس. هڪ ڏاٽي جهڙو مڙيل ڪپُ (منهن وٽان گول مُڙيل) ٻئي هٿ ۾ کڻي ان نانگ جي منهن وٽ ڦاسائي زور سان ڪپ کي هيٺ پُڇ تائين رهڙيندو آهي ته نانگ جي سڄي کَلَ بدن تان لهي ويندي آهي. ان بعد ڦٿڪندڙ نانگ کي اڏيءَ تي رکي، هڪ ٿلهي ڪات سان ڪمال ڪاريگري سان پُڇ کان وٺي منهن تائين ننڍڙا ننڍڙا هڪ جيڏا ڳترا ڪندو آهي ۽ پوءِ رڪيبيءَ ۾ وجھي ڀرسان ويٺل بورچيءَ کي ڏيندو آهي، جو پچائڻ ۾ جنبي ويندو آهي.
    هن پاسي جي ماڻهن لاءِ شايد نانگ بلائون، ڏيڏر، ڪڇون، ڪيڪڙا ۽ آڪٽوپس وغيره ايترو ئي سوادي ۽ لذيذ آهن، جيترو اسان لاءِ تتر، گانگٽ، مڪڙ ۽ پَلا. ڪن شهرن جا پڙهندڙ شايد مڪڙ تي تعجب کائين جو هنن ڪڏهن نه کاڌا هجن. پر ڳوٺن جا اهي رهاڪو جن مڪڙ کاڌا آهن تن کي خبر هوندي ته مڪڙ جو ڀڀُ (منڍيءَ ۽ پول جي وچ وارو حصو) تري کائڻ ۾ تمام سوادي ٿئي. منهنجي ڏيپلي ۽ عمر ڪوٽ جا دوست ته ٻُڌائيندا آهن ته جڏهن ٿرپارڪر ۾ ماڪڙ ٿيندي آهي ته ان پاسي جا ماڻهو ڳوڻين جو ڳوڻيون مڪڙن جون ڀري رکن. (جيئن مڇيءَ کي لوڻ ۾ سُڪائي رکبو آهي) ۽ پوءِ آهستي آهستي کائيندا رهن. مڪڙ به مڇيءَ وانگر بنا ذبح ڪرڻ جي حلال ٿئي ۽ چيو وڃي ٿو ته وائي سور (Rheumatism) لاءِ يڪ ٽڪ علاج آهي.
    مٿين شين کان علاوه، هتي جا چيني، ڪُتا پڻ کائين. پڙهندڙ شايد هي سڀُڪُجهه پڙهي منهن ٺاهين ۽ مونکي بي لحاظ سڏين جو سندن منهن جو ذائقو خراب ٿي رهيو هوندو. ان لاءِ پهرين هڪ لطيفو عرض ڪري پوءِ بيان جاري رکندس.
    ڪنهن هلندڙ بس ۾ هڪ همراهه، سامهون ويٺل هڪ عورت کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيو. ڏاڍو گوڙ مچي ويو ۽ معاملو پوليس مان ٿيندو ڪورٽ تائين پهتو. جج نوجوان کان ٿڦڙ هڻڻ جو سبب پُڇيو.
    جوان وراڻيو، ”سائين بس هلي ته پهرين اسٽاپ تي هيءَ عورت چڙهي. وهڻ سان هن پنهنجو پرس کوليو. ان مان ننڍو پرس ڪڍي ان مان نوٽ ڪڍي، ننڍو پرس بند ڪيو ۽ وڏي پرس ۾ وجھي وڏي پرس کي بند ڪيو. وري وڏو پرس ڪڍيو. ان مان ننڍو پرس ڪڍيو. ننڍو پرس کولي ان ۾ پائلي واپس وجھي بند ڪيو ۽ وڏو پرس کولي ان ۾ ننڍو پرس وڌو ۽ وڏي پرس کي بند ڪيو. وري وڏو پرس کولي ان مان ننڍو پرس ......“
    جج ڪاوڙ مان دانهن ڪري چيس ته، ”بڪواس بند ڪر ۽ مٿو نه کاءُ.“
    ”سائين،“ ملزم نهايت عاجزيءَ سان وراڻيو، ”توهان کي ته رڳو ڳالهه جو ڪجھه حصو ٻڌايو اٿم ته ڪاوڙجي پيا آهيو ذرا سوچيو ان کي ڇا ٿڦڙ هڻڻ جو به حق ناهي، جنهن سڄي واٽ اهو نظارو اکين سان ڏٺو.“
    سو پيارا پڙهندڙؤ، جيڪڏهن توهان جي پڙهڻ سان طبيعت خراب ٿئي ٿي ته ذرا ان غريب بابت سوچيو، جنهن اهي نظارا اکين سان ڏٺا. سو ذرا صبر کان ڪم وٺو، رڳو برمودا جي ناچ گھرن ۽ جپان جي گيشا گرلز جي قصن ٻُڌڻ لاءِ آتا نه ٿيو.
    سو سائين، جڏهن منهنجي دوست مون کي ٻُڌايو ته هتي جا ماڻهو ڪتا ۽ ٻليون به کائين ٿا ته مونکي يقين نه آيو ۽ چرچو سمجھيم، تنهن تي هن هانگ ڪانگ جي ”A.O.A“ طرفان ڇپيل ”A to Z Sheet“ اخبار ڪڍي ڏني، جنهن تي هتي جون خاص خاص شيون سمجھايل آهن. پهرين صفحي تي هڪ هنڌ ”چائو“ لفظ لکيل آهي ۽ ان جي سامهون انگريزيءَ ۾ سمجھايل آهي. ذرا اکر به اکر ملاحظه فرمايو.
    Chow means food and a chow dog as a puppy is the only one eaten, usually in winter to build up the body warmth. Cats are also eaten in the winter time, but only old cats never kittens.
    مون کي اهو پڙهي تعجب ٿيو پر تڏهن به پڪ نه ٿيم. ان وقت اسان گاڏيءَ ۾ ڪولون کان پريءَ ڀر وارا ڳوٺ ڏسڻ پئي وياسين. هڪ ڳوٺ فان لنگ ۾ هڪ انگريزي اسڪول جو چيني ماستر دوست ٿي ويو.ڳوٺ گھُمائيندي وقت مون کائنس هڪ هنڌ پُڇيو، ”مسٽر وانگ لي، ڇا توهان ڪُتا به کائيندا آهيو؟“
    ”نه نه،“ هن ٻُڌايو. ”اسان وڏا ڪُتا ٿورئي کائيندا آهيون، ننڍڙا پلونگڙا کائيندا آهيون ۽ منهنجو مامون ته عاليشان بورچي آهي، ڪتن رڌڻ جو. توهان ڪڏهن کاڌا آهن؟“ هن اسان کان پُڇيو.
    زيديءَ مون ڏي نهاريو ۽ مون کي جواب ۾ ڪجھه چوڻو ئي پيو: ”نه وانگ لي مون ته ڪتا نه کاڌا آهن، پر آئون جڏهن ننڍو هوس اسان جي ڳوٺ جي ڪڪن جي گھٽي جي ٻن ٽن ڪتن مون کي کاڌو هو. هاڻ کين مان بُل نه ڏيندو آهيان، سو فقط پري کان بيهي يا ويهي ڀؤنڪندا آهن ۽ توکي ته مسٽر ”وانگ لي“ خبر هوندي ۽ ٻئي انگريزي جي ڪتاب ۾ به پڙهيو هوندءِ ته جيڪي ڪتا ڀؤنڪندا آهن سي......“
    زيديءَ مون کي پاسي کان ٺونٺ هڻي آهستي چيو، ”هاڻ مولا عليءَ جي واسطي پنهنجو رينگٽ بند ڪر.“ مون يڪدم پنهنجو رينگٽ کڻي بند ڪيو.
    هن باب ۾ جڏهن کاڌي پيتي جون شيون نڪتيون آهن ته ان سلسلي ۾ آخر ۾ هڪ لطيفو به سهي.
    چرچو مشهور آهي ته ڪو آمريڪن سياح (اهڙين ڳالهين ۾ ذليل ويچارا آمريڪي سياح ئي ٿيندا آهن) چين ۾ (خبر ناهي ته مائوزي تنگ جي چين ۾ يا چيانگ ڪائي شيڪ جي چين ۾ يا ٻي ڪنهن چين ولايت ۾) هڪ هوٽل ۾ ڪجھه کائڻ لاءِ گھرايائين. بئري تريل گوشت اچي رکيس. کيس ڏاڍو وڻيو ۽ ٻي به پليٽ گھُرائي چٽُ ڪيائين. آخر ۾ پڪ ڪرڻ لاءِ اٿيو ته اهڙو سوادي گوشت ڪڪڙ جو آهي يا ڪنهن ٻي شيءِ جو. پئسا ڏئي، ڪنن تي هٿ رکي، ”ڪڪڙون ڪون“ (ٻانگ) ڏئي بئري کان پُڇڻ لڳو ته، ”هي گوشت ان جو ئي آهي ؟“
    بئري ادب سان ”نه“ جو اشارو ڪيس، ۽ پوءِ وات سان ”ڀئون ــ ڀئون“ ڪري ٻُڌايائينس ته اهو گوشت ان جو هو، پيارا.
    چين جي هوٽل ۾ هڪ آمريڪن جوڙو پنهنجو پوڊل (ننڍو فرينچ ڪتو) سان گڏ داخل ٿيو. پنهنجي لاءِ مانيءَ جو آرڊر ڪري ڪتو بئري حوالي ڪري ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ چيائونس: ”Dog also eat“ يعني هنن جو مطلب هو ته ڪُتو به ڪجھه کائيندو. سو ان کي وڃي کارايو. پاڻ چڱي طرح ڪيترن ئي قسمن جا ٻوڙ پلاءُ کائي بل ادا ڪري جڏهن پنهنجي پياري ڪتي کي آڻڻ لاءِ بئري چيو ته بئري تعجب مان چيس: ”What dog? “ ۽ پوءِ چيس: ”You also eat dog“ (ڪهڙو ڪُتو؟ توهان ڪتو پڻ کائي ڇڏيو.) يعني بئري ڪتي کي کارائڻ بدران ڪتي کي وڍي ڪٽي، رڌي معزز مهمانن کي کارائي ڇڏيو.


    سکر جا سياڻا سونارا به پرکي نه سگھن هانگ ڪانگ جون رات واريون بازاريون

    هانگ ڪانگ هونءَ کڻي ٻين ڪهڙين به شين کان مشهور هُجي، پر ٻه خاص شيون هتي ايندڙن جي دماغ تي طاري رهن ٿيون. هڪ ته روشني. هانگ ڪانگ ۾ هر جڳهه تي روشني ۽ روشني نظر ايندي. رات جي وقت به ڏينهن جو ڏيک هوندو. هر رستو، هر گھٽي، هر دڪان ”نيان سائين“ (Neon Sign) ۽ بلبن سان جھنجھيو پيو. ايترا گھڻا دڪان ۽ بتيون نيويارڪ جي ٽائيمس اسڪائر، لنڊن جي پڪاڊلي، ٽوڪيو جي گنزا (Ginza) ۽ هئمبرگ جي سينٽ پولي کان سواءِ مون کي ڪٿي به نظر نه آيون. پر ٽائيمز اسڪائر، گنزا يا پڪاڊلي ته ڪراچي جي صدر يا حيدرآباد جي تلڪ چاڙهيءَ وانگر، شهر جو هڪ ننڍو حصو آهي، پر هتي ته سڄو هانگ ڪانگ دڪانن ۽ بتين سان ڀريل نظر اچي ٿو.
    هانگ ڪانگ جي ٻي مشهور شيءِ آهي ”نقل“. هانگ ڪانگ، جتي شيءِ سستي ملي ٿي ۽ جتي اسان جهڙا لوڀي خريدار روز ڀڳا بيٺا آهن، اتي چيني نقلي شين ٺاهڻ وار ٺڳ پڻ چپي چپي تي ملندا. اها ڪهڙي شيءِ آهي، جنهن جو نقل هتي نٿو ملي؟!
    پارڪر پين توهان وٺي گھر پهتا ۽ خط ۾ سستائيءَ جا گُڻ پنهنجي دوست کي لکندا رهو، خط پوسٽ ڪري وري کڻي ٻي ڏينهن ڏسو ته ان تان اها چمڪ ۽ رنگ روپ سڀُ غائب!.
    اهڙيون ڪيتريون ئي واچون جن جو توهان نالو نشان به نه ٻڌو هوندو ۽ ايتريون سستيون ملنديون جو توهان چوندا ته ايترن پئسن جي ته خالي دٻلي ملڻ گھرجي. هڪ ڏينهن ٻڌي هليا ته ٻئي ڏينهن چاٻي به هٿ ۾ ته ڪانٽا به هٿ ۾ ۽ محسوس ڪندا ته واقعي توهان کي دٻلي ئي ملي آهي ـــ ناس وجھڻ لاءِ يا ريل جي پٽي تي رکڻ لاءِ.
    بهرحال ان قسم جا قصا اسان به هانگ ڪانگ ۾ اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ ٻُڌا، ڏٺا ۽ سَٺا. هڪ دفعي زيدي ۽ آءٌ هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ دڪان ۾ گھڙي وياسين. وٺڻو ته ڪجھه به نه هئوسين، پر وقت پاس ڪرڻ لاءِ Videos ۽ انهن جون قيمتون ڏسندا رهياسين. ويتر جو دڪاندار سنڌي ۽ اسان جي عمر جو هو سو چرچا ڀوڳ ڪندا رهياسين. ان کان اڳ هڪ هندستاني زال مُڙس پنجاهه ورهين جي عمر جا، پاڪيٽ سائيز ٽرانسسٽرن جي قيمت تي بحث ڪري رهيا هئا. هنن کان معلوم ٿيو ته هو لکنؤ جا آهن ۽ انڊيا جي سفارتخاني سان تعلق رکن ٿا ۽ جپان، سنگاپور ۽ هتان گھمي هاڻ ملڪ پيا وڃن. سو ٻارن لاءِ ٽرانسسٽر خريد ڪري رهيا آهن، ڇو جو انڊيا ۾ ولايتي شيون نه ٿيون ملن يا تمام مهانگيون آهن. دڪاندار ان ٽرانسسٽر جي قيمت گھٽائي گھٽائي ٽيهه هانگ ڪانگ ڊالر (هتي جو ڊالر پاڪستان جي ٻن روپين جي برابر آهي.) تائين آندي، پر هي همراهه پنجويهن تائين ضد ڪندا رهيا ۽ چار وٺڻ لاءِ تيار هُئا. زيديءَ کي چيم جي پنجويهن ڊالرن ۾ ڏي ته پاڻ به وٺونس. پوءِ زيديءَ ٽٽل ڦٽل شڪارپوري سنڌي ۾ دڪاندار سان بحث ڪندو رهيو ۽ آخر جڏهن دڪاندار گراهڪن جي ڳالهه مڃي ته اسان به هڪ هڪ ٽرانسسٽر آڱر ۾ لڙڪائيندا ٻاهر نڪتاسين. اڃان چار دڪان به ڪونه لتاڙياسين ته هڪ ٻئي دڪان جي در وٽ بيٺل دڪاندار رامجي جي ٽن ٺڳن وانگر ڦري آيو ۽ ان جي قيمت پڇڻ لڳو.
    ”پنجويهه ڊالر“ اسان وراڻيس.
    ٽرانسسٽر ڏسي چوڻ لڳو، ”يار هي ته نقل آهي، مون کان وٺو. مون وٽ اصلي مال آهي. ان کان به سستو ڏيندس.“
    ”ڇو ڀلا تون اصلي شيءِ به ايتري سستي ٿو ڏين؟“
    ”ان ڪري جو آءٌ ٻَڌو واپاري آهيان. مون وٽ هر شيءِ سستي آهي.“ هو اسان کي ڇڪي اندر وٺي آيو ۽ سندس دڪان جون شيون ڏيکارڻ لڳو، ”يار ڏسو ته سهي ڏسڻ جا ته پئسا نه آهن.“ هڪ ريڊيو ڪڍي ڏيکاريائين، هو بهو نقلي ريڊئي جهڙو. ساڳيو رنگ، ساڳيو قد بتُ ۽ ساڳيو نالو. پٺيون حصو ٻنهي جو کولي ڏٺوسين ته منجھس پرزا به سڳيا پيل. ”پوءِ ڀلا اصلي ۽ نقلي ڪيئن ۽ ڪنهن کي سڏجي!“ اسان وائڙا ٿي سوچڻ لڳاسين.
    ”هي ڏسو منهنجو اصلي آهي.“ هن هڪ ڪنڊ طرف اشارو ڪيو جتي ننڍن اکرن ۾ لکيل هو ”Made In Japan“ ۽ اسان واري ٽرانسسٽر تي غور سان ڏٺوسين ته ”in“ بدران ”as“ لکيل هو، يعني: ”Made As Japan“.
    ”خير توهان ورتو سو ٺهيو، باقي وڄندو پندرهن ڏينهن به ڪونه. هڪ هي به وٺي وڃو.“
    ”نه اسان کي ٻيو نه کپي،“ زيديءَ انڪار ڪندي چيس.
    ”پندرهن ڏينهن وڄڻ بعد بند ٿي ويو ته سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏينداسين.“ مون چيومانس.
    ”چڱو ڀلا هي مصنوعي سون جا ڪنگڻ، منڊيون ۽ ايئرنگ ڏسو.“
    اسان انهن کي ڏسي، ٺاهڻ واري سوناري جي دماغ کي داد ڏيڻ لڳاسين. کڻي لوهه جا ئي هجن، پر انهن تي ڇا ته محنت ٿيل هئي ۽ چمڪ، سونهن ۽ رنگ اهڙو جو سکر جا سونارا به پهرين نظر ۾ پرکي نه سگهن ته اصل آهي يا نقل. (يا ٿي سگھي ٿو ته هو پرکي سگھن ۽ اسان جهڙا بيوقوف نه هُجن ــ ان صورت ۾ معافي، پنهنجا لفظ واپس.)
    اسان ڪنگڻن، منڊين ۽ ايئرنگن کي ڏسي هڪٻئي ڏانهن تعريفي نگاهن سان ڏسڻ لڳاسين. دڪاندار به سڪون جو ساهه کنيو ته اجھي ته ڏاند ڏُڌا. اسان کي پنهنجن ارادن تي وڌيڪ قائم رکڻ لاءِ، دڪاندار ٻيو ڊوز ڏنو:
    ”قيمت جو ته سوچيو ئي نه. جوڙيءَ جا ڏهه هانگ ڪانگ ڊالر ۽ منڊي ايئرنگ جا پنج پنج. يار وٺي وڃو. گھر واريءَ يا ڀيڻ ڀاڄائيءَ لاءِ، جي اهي به نه اٿَوَ ته ڪنهن ساهيڙي سکيءِ لاءِ.“
    مون ۽ زيديءَ وري هڪ ٻئي ڏي نهاريو. زيديءَ چيو، ”برادر، وٺُ نه ته هي وري ٻي ڪا شيءِ اٽڪائيندو.“
    اسان ٻئي ڪنگڻ وٺي ٻاهر نڪتاسين. جهاز تي پهچائڻ واري ٻيڙيءِ جي هلڻ ۾ اڃان وقت هو. گرمي به سخت هُئي، پر اسان وري ٻئي ايئر ڪنڊيشنڊ دڪان ۾ ٿڌي هوا کائڻ لاءِ نه گھڙياسين.
    جهاز تي پهچڻ سان زيديءَ ريڊيو وڄايو. آواز ڪن تي پيم ته پنهنجي ڪئبن مان ئي دانهن ڪري اطلاع ڏنومانس ته ادا باقي چوڏهن ڏينهن. ۽ پوءِ اهڙي طرح اسان جي ٽرانسسٽرن کي وڄندي باقي چوڏهن ڏينهن به گذري ويا پر بند نه ٿيا ۽ نه اڃان تائين ٿيا آهن. اڄ جڏهن هي مضمون عوامي چين جي شهر شنگھائيءَ مان لکي رهيو آهيان ته ان ٽرانسسٽر کي پورا پنج مهينا کن ٿي ويا آهن، پر هن وقت به چيني زبان ۾ مائوءَ جون چوڻيون چٽيون پيون اچن. هانگ ڪانگ ۽ جپان ۾ به سڄو ڏينهن انگريزي گانن جي ڌُم هوندي هُئي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ صبح شام تامل، مليئي ۽ ٻين زبانن ۾ ايندڙ پروگرام چٽا ٻُڌڻ ۾ ايندا هُئا. ها باقي ملير، ميمڻ ڳوٺ، موسى لين يا بغدادي ۾ جي ڪنهن کي سنڌي راڳ ٻڌڻ ۾ نه آيو ته ان ۾ هن ٽرانسسٽر جو نه پر ريڊيو پاڪستان ڪراچي جو ڏوهه سمجھڻ گھرجي. بهرحال هانگ ڪانگ ۾ اصلي نقليءِ جو ذمو خريدارن تي .
    قميصن جي شوقينن لاءِ هڪ صلاح. هانگ ڪانگ مان ڪڏهن به قميص پائي ڏسڻ بنا نه وٺجو ڇو ته هن پاسي جيڪي به قميصون وڪامن ٿيون. سي هتي جي چيني، ملئي، جپاني، فلپينو ماڻهن جي ماپ جون آهن. جن جون ڳچيون ته ٿلهيون آهن ۽ توهان کي ڪالر ضرور صحيح ماپ جو ملندو، پر سندن ٻانهون ۽ بدن بندرو هجڻ ڪري توهان کي هرگز فٽ نه ايندي. پوءِ اسان وانگر وطن واپس اچي بنهه بندرا مائٽ ڳوليندا رهندؤ. جن کي اهي قميصون ڏئي جان آجي ڪري سگھو.
    هانگ ڪانگ کي ”خريدارن جي جنت“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو، جو هتي ٽئڪس نه هُئڻ ڪري شيون چڱيون سستيون آهن. خاص ڪري واچون، ڪئميرائون، ڪئميرائن سان تعلق رکندڙ ٻيا ٽپڙ، ٽائيپ رائيٽر، بائناڪيولر، رڪارڊ، فوٽا، ٽرانسسٽر ريڊيا، ٽيپ رڪارڊر وغيره وغيره. پر انهن شين خريد ڪرن کان اڳ خبرداري ۽ خيال کان ڪم وٺڻ ضروري آهي. هڪ ته ٺاهڻ واري جو گئرنٽي ڪارڊ وٺڻ ضروري آهي. (ان شيءِ تي لڳل نمبر ۽ ڪارڊ تي لڳل نمبر ساڳيو ٿئي، جو پڻ جانچڻ گهرجي) اهڙين قسمن جي قيمتي شين لاءِ بهتر ته اهو آهي ته ڪنهن وڏي ۽ مشهور دڪان تان خريداري ڪجي جو پنهنجو نالو رکڻ خاطر دوکو نه ڪندو. هانگ ڪانگ ۾ سوئيٽر، ڪوٽ، گائون، چمپل، (جن سڀني تي موتين جو ڪم ٿيل آهي) چڱا سستا ۽ سٺا آهن. ان کان سواءِ سبڻ ڀرڻ لاءِ ڌاڳا، ستارا، موتي، پانڪون، ٻيڙا وغيره پڻُ. سلائي به هتي جي عمدي ۽ سستي آهي، جنهن لاءِ اڳ به لکي چُڪو آهيان.
    چيني دنيا جا مشهور هنرمند سونارا ليکيا وڃن ٿا ۽ سون پڻ هتي سستو آهي. سو هتان جا ڳهه ڳٺا ڏسي اڪثر عورتن جون اکيون ۽ پرس کُلي ويندا آهن. سون کانسواءِ هيرا جواهر، قيمتي پٿر، موتي پڻ سستا آهن. پر انهن لاءِ به ضروري آهي ته ڪنهن وڏي اعتماد جوڳي دڪاندار وٽان خريداري ڪجي. نه ته ڪيترا دڪاندار اهڙا بشني آهن جو رنگين پٿر توهان کي ڏيکاريندا پر اهو نه ٻُڌائيندا ته اهي اصلي نه پر Synthetic آهن.
    ان کان سواءِ جي وقت هجي ۽ هلڪي ڦلڪي شيءِ ۽ تحفا وٺڻا هُجن ته هانگ ڪانگ ۽ ڪولون پاسي جون ”رات واريون بازاريون“ پڻ آزمائجن. اهي سج لهڻ کان پوءِ فٽ پاٿ تي لڳي وينديون آهن. جيئن هانگ ڪانگ پاسي جارڊن فيري اسٽيشن جي ڀر ۾، يا ”وان چائي“ ۾ ۽ ڪولون پاسي ”شنگھائي اسٽريٽ“ ۽ ٻين انيڪ هنڌن تي. هونءَ ڪولون پاسي ته آچر ڏينهن به دڪان کليا رهن ۽ ٻين ڏينهن تي به رات جو ٻارهين تائين ننڍا وڏا دڪان کليا پيا هوندا آهن، جيئن رات جي وقت ايندڙ جهازن جا مسافر پڻ خريداريءَ کان محروم نه رهجي وڃن. ايڏي وڏي خريدارن جي ريل پيل دنيا ۾ شايد ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيندي هُجي.


    ڇلو جو گھرگھلو ڪري پيو کوهه ۾! ڪيڏانهن ويو سر چارلس نيپئر ڪٿي آهي مائونٽ بئٽن........

    ”اميري توڙي غريبي، خوشي توڙي غمي ۾، بيماري توڙي تندرستي ۾، موت تائين پنهنجو ساٿُ قائم رهندو.....“
    شادي وقت ان قسم جا ٻول ۽ وچن وعدا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏهاڙي هزارين جوڙا ڪن ٿا. آمريڪا ۾ جهونن ڪليسائن کان وٺي فلوريڊا جي چاليهه فوٽ سمنڊ اندر گلف اسٽريم تائين. جپان ۾ هڪ طرف صديون پراڻن پاڪ شنتو درگاهن ۾ پُرتڪلف لباس ۾، ته ٻئي طرف ٽوڪيو جي نائيٽ ڪلبن ۾ بنا ڪپڙن لٽن جي گھوٽ ڪنوار وعدا ڪن ٿا. ڪوريا ۾ ڪنوارين ۽ گھوٽن جي يڪي ميڙ جي شادي ۾ پڻ ساڳي قسم جا وعدا ٿيندا رهن ٿا، جن کي ٻُڌڻ وارا ۽ ڏسڻ وارا هزارن جي هجوم ۾ ٿين، ته ٻئي پاسي ڏور ڏيساور رهندڙ ٽيليفون ذريعي شادي وقت ڪن ٿا.
    بهرحال ان سڄي فرق جي باوجود هر هنڌ هڪ ڳالهه جا ساڳي آهي سا آهي، گھوٽ ۽ ڪنوار (ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ) جو هُجڻ. يعني ٻئي ڌريون جيئريون هونديون آهن.
    پر هتي هانگ ڪانگ ۾ هڪ عجيب ڳالهه ڏٺم ته ”موت“ جي ڪائي اهميت ناهي. موت نوجوان جوڙي کي هڪٻئي کان هرگز الڳ نٿو ڪر ي سگھي ۽ مئلن جي شادي پڻ ٿي سگھي ٿي.
    ڪيترن پڙهندڙن ٻين ڳالهين سان گڏ اهو به لکيو آهي ته آءٌ پنهنجن سفرنامن ۾ دنيا ۾ ٿيندڙ شادين مُرادين ۽ موتي فوتي جي رسمن رواجن بابت پڻُ لکان. سو ان خيال کان گذريل ٻن ٽن سفرن کان هن پاسي (مشرق بعيد) جي ملڪن ۾ جتي به وجھه لڳو آهي ته شادي ۽ موت جون رسمون (دعوت بنا ۽ دعوت تي) ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
    ٽوڪيو (جپان) جي نائيٽ ڪلبن ۾ ڪي شاديون ٿين جن ۾ گھوٽ ڪنوار معزز مهمانن اڳيا بلڪل اگھاڙا ٿي اسٽيج تي وهن ۽ شاديءَ جي ماني مهمانن سان گڏ کائين. هن زماني ۾ اها شايد ڪيترن لاءِ تعجب خيز ڳالهه نه هُجي ڇو ته دنيا ۾ هر روز وڌندر اوگھڙ ۽ ڪپڙي اوڍڻ کان نفرت (هيٺيون ڪپڙو مٿي سُسندو اچي ۽ مني اسڪرٽ کان به گهٽجي ويو آهي ۽ مٿيون چولو هيٺ ڍُرڪندو وڃي)، اگھاڙيون ڪالونيون (Nude Colonies) جنهن ۾ سڀ اگھاڙا ٿي رهن. آمريڪا ۽ يورپ جي شهرن ۾ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ، ڇوڪرين طرفان Burn the Bra (انگيون ساڙڻ) ۽ Help Abolish Virginity جي حق ۾ نڪرندڙ جلسا جلوس وڏن شهرن جي هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ ٽاپ ليس وڳن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ٻاهر رستن تي هاٽ پينٽن ۾ ڦرندڙ ڇوڪرين ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تجسس ۽ تعجب ختم ڪري ڇڏيو آهي. بلڪ اها اوگھڙ جيڪا اڄُ کان ڪجھه سال اڳ جھنگلي هُجڻ جو ثبوت سمجھيو ويو ٿي، تنهن کي اڄُڪلهه ماڊرن هُجڻ جو اصول مڃيو چيو وڃي. آفريڪا ۾ ٿو وڃجي ته اهي شيدي جي اڄُ کان سؤ سوا سال اڳ جھنگلن ۾ اگھاڙا ڦرندا هُئا ۽ انهن جي ان حالت تي دنيا کين جھنگلي ۽ اڻسُڌريل سڏيندي هُئي، سي ته اڄُ ڏسو سڀ کان وڌيڪ سُڌري ويا آهن ۽ وڏن ۽ ويڪرن جُبن، پهراڻن ۽ ٽوپين ۾ پيا هلن ۽ وري ائٽلانٽڪ لتاڙي اڄُ جي سُڌريل ملڪ آمريڪا يا يورپ ۾ اچو ته اڄُ جو نام نهاد ماڊرن ماڻهو جايون جڳهيون ڇڏي، انگ اگھاڙو وتي جانور وانگر جھنگن يا هٿ جي ٺهيل لانڍين ۽ ڪوٽن ۾ رهندو.
    هانگ ڪانگ ۾ هڪ ڏينهن اسان جي ريفريجريشن انجنيئر محمود وٽ سندس دعوت تي ڪجھه برٽش ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جهاز تي آيا. جنهن وقت اچي رهيا هُئا اسان جهاز جي عرشي (Deck)تي چار پنج ڄڻا ڪٻڊي کيڏي رهيا هئاسين. سڀني انگريزن جا پير اگھاڙا، وار وکريل، ڏاڙهي وڌيل هئي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي بلوچي ۽ سنڌي ڀرت جا ڪڙتا ۽ بيل باٽم پتلونون (جينز) هيون. ڪنهن ٻار کي سنجھوري يا شهدادپور جي مارڪيٽ ۾ پيرين اگھاڙو ڏٺو وڃي ته تعجب نه لڳندو، پر ارڙهن اوڻيهن سالن جا انگريز ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هانگ ڪانگ جهڙي شهر ۾ پيرين اگھاڙا نظر اچن ته ضرور تعجب ٿيندو. جيتوڻيڪ مون کي پوءِ خبر پئي ته اڄُڪلهه اهو به فيشن آهي. خير ٻيا ته راند ۾ لڳا رهيا ۽ سندن ڌيان تي ڳالهه ئي نه آئي، آءٌ اڳهين کاتل هوس ۽ جيسين ڪو رانديگر جيئاري، تيسين چيلهه تي هٿ رکي ايندڙ مهمانن ۽ محمود کي غور سان ڏسڻ لڳس جا جيتوڻيڪ اخلاقي طرح غلط ڳالهه هُئي پر غلطي ٿي وئي، ۽ محسوس تڏهن ڪيم جڏهن محمود ڀرسان لنگھندي چئي ويم ته: ”بس يار بس وات ڇو ڦاٽي ويو اٿئي؟“
    کيس پوءِ ٻئي ڏينهن چيم ته: ”وات ان تي ڦاٽو هوم جو هيءَ انگريز قوم اها آهي جا ڪو زمانو هو، پري هسٽورڪ (Prehistoric) يا پٿر جو زمانو نه پر اهو سؤ سال کن اڳ جو، جڏهن اسان هنن جا غلام هئاسين، جڏهن هيءَ ساڳي قوم پوشاڪ ۽ رسم رواج جو ايڏو خيال رکندي هُئي جو جيڪب آباد جي سخت گرميءَ ۾ به سوٽ مٿان ٿلها خاڪي ٽوپلا پائي هلندي هُئي. ڪو انگريز بهادر شڪار تي نڪرندو هو ته جھنگل ۾ به ان جي کاڌي پيتي لاءِ ڊائيننگ ٽيبل ۽ ڪرسيون ته ڇا پر ڇُري ڪانٽي جو به بندوبست ڪيو ويندو هو. ٽاءِ ۽ جوراب جُوتن کان سواءِ ته سرڪار بهادر قدم به نه کڻندو هو ۽ هاڻي جي هيءِ انگريز قوم ڏسو! اڙي ڪيڏانهن ويو سر چارلس نيپيئر، ڪٿي آهي مائونٽ بيٽن، ڪيڏانهن غائب ٿي ويو لارڊ لنٿلگو ۽ ڪلائيو، اڙي ڪٿي آهي......“
    پوءِ محمود ڊوڙي اچي منهنجي وات تي هٿُ رکيو ۽ چيو، ”اهي سڀُ آڱوٺي تي چڙهي ويا. ڪم جي ڳالهه اها ته هوءَ جيڪا گُلابي پتلون واري هُئي، جيڪا برا (انگيءَ) بغير هُئي ۽ سي ـ ٿرو (See Through) چولو پيل هيس، ان اڄُ وري اچڻ جو وعدو ڪيو آهي ۽ اجھا ته آئي. هينئر انگريزن جي شان ۾ گستاخي بند ڪري ڪنهن سنڌي اخبار لاءِ وڃي ڪو مضمون لکُ.“
    ۽ مون پوءِ انگريزن جي پچر ڇڏي ۽ سنڌين کي مٿي ۾ سُور وجھڻ لاءِ هلال پاڪستان اخبار لاءِ هڪ عدد مضمون اچي لکيو هو. خير سائين، اچو شادين جي ذڪر تي (ڪجھه وقت لاءِ پٽي تان لهي ويو هوس ــ ان لاءِ معافي.)
    هانگ ڪانگ جيڪو هرطرف دنيا جي ترقيءَ سان گڏ وڌي رهيو آهي اتي جي پاسي وارن ننڍن ٻيٽن مڪائو، ليائو وغيره ۾ اهڙا به پراڻي رسم رواج ۽ مذهبن ۾ اعتقاد رکڻ وارا ماڻهو رهن ٿا، جن بابت اڄُڪلهه جي زماني ۾ سوچڻ به تعجب خيز آهي. هتي زنده انسان مري ويل سان شادي ڪري سگھي ٿو ۽ مري ويل ڇوڪرو، مري ويل ڇوڪريءَ سان شادي پڻُ ڪري سگھي ٿو. اهڙين شادين کي Ghost-Weddings (غيباتي شاديون) سڏيو وڃي ٿو. ماءُ خواب ۾ پنهنجي فوت ٿيل پٽُ کي شاديءَ جي خواهش ڪندي ڏسندي ۽ هوءَ يڪدم ان لاءِ ڪنهن زنده يا مري ويل ڇوڪريءَ جو سڱُ ڳولهڻ ۾ لڳي ويندي. باقاعده ڄاڃين کي کاڌي پيتي ۽ شاديءَ تي اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي ۽ ڪاڄُ ٿيندو آهي.
    هڪ اهڙي شادي (بنا دعوت جي) لاءِ هتي جي Castlepeak ۾ حاضري ڀريم. هڪ فوت ٿيل نوجوان ”يم ــ واءِ ــ چُو (Yim-Wai-Cho)“ کي سندسن پيرسن ماءُ خواب ۾ ڏٺو ته سرڳواسي سرڳ بدران نرڳ ۾ آهي ۽ کيس چئي رهيو آهي ته هو اتي ڪيترو نه اڪيلو آهي ۽ ماءُ کي فقط ايترو ٻُڌايائين ته ڪماري چان (Miss Chan) سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي. وڌيڪ ڪجھه معلوم ڪرڻ کان اڳُ غريب ماءُ جي اک کُلي پيئي.
    ماءُ ڏاڍي پريشان ٿي ۽ پنهنجي هڪ ساهيڙيءَ تي اهو ڪم رکيو ته چان نالي ڪا ڇوڪري منهنجي پٽ لاءِ ڳول. سڱُ ڳولهيندڙ مائيءَ هڻي وڃي هنڌُ ڪيو ۽ آخر ڳولي لڌائين. ”چان نگسم“ نالي هڪ ڇوڪري انهن ساڳين ڏينهن ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي هُئي، جن ڏينهن ۾ سندس سڪيلڌو ”يم ــ واءِ ــ چُو“ مُئو هو. پوءِ ته ٻنهي جي هڏن کي گڏ دفنايو ويو. (هتي جا چيني ماڻهو مئلن جا هڏا رکي ڇڏين ۽ پوءِ ڪجھه سالن بعد حساب ڪتاب ڪري ڪنهن پاڪ جاءِ ۽ تاريخ تي دفن ڪن. ساڙين ڪونه.) گڏُ دفنائڻ بعد، شادي جو ڪاڄُ مٿين جڳهه تي رکيو ويو ۽ سڀ رسمون ڌام ڌوم سان، گھوٽ ڪنوار جي غير موجودگيءَ ۾ رچايون ويون. (۽ پوءِ پڪ پُٽ پنهنجي اڪيلائيءَ جو سُور پنهنجي ماءُ سان سلڻ ڇڏي ڏنو هوندو.)
    سو اهي ڳالهيون هانگ ڪانگ ۾ اڃا موجود آهن. خاص ڪري انهن ماڻهن منجھه جيڪي ڪناري تي ۽ ٻيڙين ۾ آباد آهن. ’اَبر جان‘ جهڙيون ڪيتريون ئي جڳهيون آهن، جتي هزارين پراڻين ٻيڙين (Junks) ۾ ماڻهو ٻارين ٻچين رهيا پيا آهن. دڪان، هوٽلون، عبادت گھر، جوا جا اڏا، سڀُ ٻيڙين تي. هڪ اهڙي شادي ڏٺم جيڪا پُراڻي ٻيڙيءَ ۾ رهندڙ ڌيءَ جي ٿي. ان ٻيڙيءَ کي ڳاڙهن لالٽينن ۽ جھنڊين سان سينگاريو ويو هو. شام جو ستين وڳي کان مهمانن کي ماني کارائي وئي ۽ ٽي ڪلاڪ مانيءَ جو کٽراڳُ هلندو رهيو. ڪنوار پنهنجين ساهڙين سان گڏ ڌار ڪئبن ۾ ماني کاڌي. ان کان پوءِ کيس ٻاهر آندو ويو ــ پيرين اگھاڙو، ڪم ڪار وارن پُراڻن ڪپڙن ۾. آئون اڳي ئي سمجھي ويس ته هي چڪر اهو ئي آهي جيڪو سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڇوڪرن سان شادين طهرن تي ٿيندو آهي ـ يعني حجام اچي ڪپڙا پهرائيندو آهي ۽ پهرين جا پاتل ڪپڙا هن جا ٿيندا آهن. ٿيو به ائين. هڪ ٻڍڙي سياڻيءَ ڪنوار کي سينگاريو ۽ سلڪ جا خوبصورت ڪپڙا پاتائينس. پوءِ کيس نصيحتون ڪندي رهي ته مڙس سان ڪهڙي نموني ورتاءٌ ڪرڻ کپئي (پهرين رات ئي هو جي ٻلي ماري ته مرعوب نه ٿجانءِ)وغيره. ساٽين جي پِڙ جي گھوڙي وانگر جڏهن هوءَ هر لحاظ کان سينگارجي وئي ته پوءِ کيس نقاب ٻڌو ويو. ان بعد کيس ديوتائن جي پوڄا ڪرائي وئي. پوڄا مهل نقاب هٽايو ويو هوس، پر ٻه ننڍڙا ڇوڪرا سندس منهن اڳيان ڳاڙهو ڪپڙو جھلي بيٺا رهيا. پنهنجي ڪئميرا کي چمڙي جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪري ڀر ۾ بيٺل هڪ چينيءَ کي چيم ته، ”فوٽو کان ته هاڻ ڪم مٿي چڙهي ويو.“ کلي چيائين:
    ”اهڙي ڳالهه ناهي. اجھو ته گھوٽ آيو پوءِ پڙدو لهي ويندو ۽ فوٽو ڪڍجانءِ.“
    رات جو ٻين وڳي سندس سينگاريل بسترو کڄي نئين گهر (يعني ڀر ۾ بيٺل گھوٽ جي ٻيڙِيءَ ۾ ويو) ۽ کيس ڳاڙهو گائون پارائي گھوٽ جي انتظار ۾ ويهاريو ويو. ان وقت پنهنجو اباڻو گھر (ٻيڙي) ڇڏڻ جي غم ۾ (رسم مطابق) زور ڪري رُئڻ لڳي، (جيتوڻيڪ دل ۾ لڏُون پئي ڀُريس). ٽين وڳي گھوٽ صاحب آيو. جنهن سان ڪنوار پنهنجي نئين گھر ڏي راهي ٿي، سندس هڪ ساهيڙي پڻ هن کي ڇڏڻ لاءِ گڏ هلي.
    هن پاسي جي ملڪن ۾ سنڌي پڻ ڪافي رهن ٿا. مختلف ماحولن ۽ ملڪن ۾ رهڻ باوجود به ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ رسمون مون کي ساڳيون نظر اچن ٿيون. اهي ئي ڳيچ ۽ لاڏا، اهي ئي رسمون ۽ رواج، هڪ ٻه شاديون ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ۾ سنڌين جون ڏٺم. هڪ هنڌ عورتن جو ڪاڄُ به ڏسڻ لاءِ ميزبان کي چيم ۽ ڪافي دير هن پاسي جي سنڌي عورتن کي ڳائيندو ٻُڌم ۽ هڪ ٻه لاڏو پڻُ ٻُڌي پني تي اتاريم. ٿي سگھي ٿو ته اسان وٽ سنڌ ۾ به اهي ڳايا ويندا هُجن ۽ ڪيترن ٻُڌا به هجن. نه ٻُڌل پڙهندڙن کي پسند اچن يا نه پر پڪ اٿم ته پڙهي محظوظ ضرور ٿيندا. زالون ٿالهه ۽ ڍولڪ تي ڳائي رهيون هُيون.

    ”ماريو اچئي ٿو.“
    ”جيءُ.“
    ”ڪنگر ڪڇ ۾، رلي ڪُلهي تي.“
    ”جونءَ مٿي ۾، لٺ هٿ ۾.“
    ”ماريو کٿر کٿر ڪندو آيو.“
    ”نماڻيءَ جو ڙي ڇلڙو آڻي ڏي.“
    ٻه جوان ڇوڪريون لاڏي ۾ هڪ ٻئي کي جواب ڏئي رهيون هيون.
    ”ڇلو جو گھرگھلو، ڪر پيو کوهه ۾“
    ”اوڀينرڙي کوهه جي مالهه ۾“
    ”جو نيسر مان ٿي لڌو“
    ”نماڻيءَ جو ڙي ڇلڙو آڻي ڏي.“

    ان بعد هڪ ڇوڪري هيٺيون لاڏو ڳائڻ لڳي ۽ ٻي بيهي جھمر هڻڻ لڳي.....

    ”لڳي سا تنبوري جي تار،
    خاصي سا تنبوري جي تار
    سڪ سڄڻ رک پاڻ وٽ
    سڪ ڍولڻ رکُ پاڻ وٽ
    پنهل پهريون خط لکيو مانءِ
    ته پي مُئو اٿئي گھر آءُ
    پيءُ مُئو ته ڀلي مُئو
    پيءُ مُئو ته ڀلي مُئو
    تون لڏُون خوب ورهاءِ.

    لڳي سا تنبوري جي تار،
    پنهل ٻيو خط لکيو مانءِ
    ته ماءُ مُئي اٿئي گھر آءُ
    ماءُ مُئي ته ڀلي مُئي
    ماءُ مُئي ته ڀلي مُئي
    تُون چندن ڪاٺُ ٻاراءِ.

    لڳي سا تنبوري جي تار
    پنهل ٽيون خط لکيو مانءِ
    ته ڀيڻ پرڻي اٿئي گهر آءُ
    ڀيڻ پرڻي ته ڀلي پرڻي
    ڀيڻ پرڻي ته ڀلي پرڻي
    تون ڏاجا ڏيوڻ خوب ڏيار.

    لڳي سا تنبوري جي تار
    پنهل چوٿون خط لکيو مانءِ
    ته پٽ ڄائو اٿئي گھر آءُ
    پُٽ ڄائو ته ڀلي ڄائو
    پُٽ ڄائو ته ڀلي ڄائو
    تُون ڇَٽيون خوب ملهاءِ.

    لڳي سان تنبوري جي تار
    پنهل پنجون خط لکيو مانءِ
    ته زال مُئي اٿئي گهر آءُ!“

    ان بعد جھمر هڻندڙ ڇوڪريءَ پهرين ڇوڪريءَ جي لاڏي جو جواب ڏيڻ شروع ڪيو:

    ”چٺي پڙهي ڇاتيءَ ڪيم ڌڪاءُ
    ڪلڪ رهيم ڪن ۾ جتيءَ گاڏيءَ جاءِ
    آيس گھر، ڏٺم ماءُ، پيم ساهه،
    مون سان زال چٿر ڪئي....
    آيس گھر ڏٺم ڀيڻ، ٺريم نيڻ
    مون سان زال چٿر ڪئي....
    آيس گھر ڏٺم پُٽ،
    ٿيس خوش
    مون سان زال چٿر ڪئي....

    آيس گھر ڏٺم زال، لٿم خيال
    مون سان زال چٿر ڪئي....
    سڪ ڍولڻ رکُ پاڻ وٽ
    سڪ سڄڻ رکُ پاڻ وٽ
    لڳي سا تنبوري جي تار
    خاصي سا تنبوري جي تار.“ وغيره وغيره.
    ان کان علاوه سنڌ جي مشهور ڳائڻي چندُر جا پڻُ رڪارڊ ۽ راڳ دنيا ۾ رهندڙ سنڌين وٽ چڱا مقبول آهن. خاص ڪري هي رڪارڊ ه ڪيترين شادين ۾ ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو:

    ”ڳايو لاڏا ــ پُنيون مُرادون،
    پنيون مُرادون ـــ شل ٿين شاديون
    وسن اوطاقون ....
    1. منهنجي لاڏل جي رمز نرالي،
    رمز سان گڏ اٿس سمجھه نرالي
    نرالي جنهن جي آ چال متوالي ــ
    نت ننڍي لاڪون.....

    2. منهنجي لاڏل جو جوڙُ نه جڳ ۾،
    دهل وڄن ٿا درَ تي دَڳ تي،
    سڏڻ آئي اٿس سالي متوالي ـــ
    پهري پوشاڪون.....

    3. لاڏل کي ڪوسو واءُ نه لڳندو،
    وڏي حياتي جيءُ جيءُ جيئندو
    واهر ٿيندس والي جنهن جو سوالي ـــ
    شل وسن واديون.....

    4. چندر چاهه مان جھُمريون پايو
    هڪ هٿ چيلهه تي هڪ لهرايو
    هڪ ڀريل هڪ خالي وڄي تالي ــ
    گھوريو سون چانديون.....“


    نئون اٺُ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي

    عجيب اتفاق رهيو آهي جو هيستائين جيترا دفعا به هانگ ڪانگ آيا آهيون، ته هر دفعي جهاز جو چيف انجنيئر بدلبو رهيو آهي. پهرين دفعي جڏهن هانگ ڪانگ آيا هُئاسين ته اسان جو چيف انجنيئر پنجاهه پنجونجاهه سالن جي ڀر جو مسٽر فخرالدين ايم ـ رضوي هو. (”ايم“ اکر ”منصور“ لاءِ هو) سندس نالو ته ڪو ٻيو هو، پر هتي پڙهندڙ في الحال اهو سمجھن، جو کين نالي سان ڪوبه سروڪار نه هُئڻ کپي ۽ نالا ته ڪهڙا به ٿي سگھن ٿا. هڪ اسان جي دوست جو نالو شير علي آهي. پر هو سج لٿي کان پوءِ ٻليءَ جي پاڇي کان به پيو ڏڪندو آهي. اسان جي پُراڻي جهاز تي هڪ اليڪٽريڪل انجنيئر هوندو هو. نالو ”نورالدين“ هوس، پر عينڪ جو ساڄو ڪائو مائينس ست جو ۽ کاٻو ڪمپائونڊ گلاس هو (جنهن جو نمبر کيس به ياد نه هو). يا اسان جي نوڪر جو مثال وٺو، نالو قائم الدين اٿس، پر اڄُ ڏينهن تائين عيد نماز به نه پڙهي اٿس. اسان جي ڪراچي آفيس جي Receptionist جو نالو ”مس شيرين ناز“آهي، پر سندس ائبسٽرئڪٽ قسم جو ڳالهائڻ اهڙو ته بي سُرو آهي، جو هالن جي جنا کدڙي جو آواز به سُريلو آهي. يا اسان جي هڪ ڪراچي جي دوست جي پاڙيسري فنڪاره، جيڪا پهرين چڪلي ۽ شادين مُرادين ۾ ڳائيندي ۽ نچندي هئي (۽ هاڻ ون يونٽ کان وٺي فقط ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان ڳائيندي آهي ۽ ڪراچي ٽي وي تي دانشورن سان ڳالهه ٻولهه جي پروگرام ۾ به ايندي آهي)، جو نالو ته ز يب النساءِ آهي ــ يعني ”عورتن جي سونهن“، پر منهنجي خيال ۾ ته ڪي ــ پي ــ ٽي جا مزدور به سونهن ۾ کائنس موچارا ٿيندا. سو سڄڻو نالن ۽ ذات پات جي چڪرن ۾ نه پئجو.
    ڳالهه اسان جي چيف انجنيئر جي پئي هلي، جيڪو بس، مڙيئي، انگريزن جي وڃڻ ڪري،هندستان مان لڏي پاڪستان اچڻ ڪري، دير سان شادي ڪرڻ ڪري، سندس ڪو پير مرشد نه هجڻ ڪري، رات جو دير سان سمهڻ ۽ صبح جو سوير نه اٿڻ ڪري ــ ۽ ٻين ڪيترن ان قسم جي معقول ۽ غير معقول سببن ڪري (جن لاءِ ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن)، جلدي چيف انجنيئر ٿي ويو. پنهنجي عمر جو ڳچُ وقت ملڪي ۽ غير ملڪي ٻاڦ تي هلندڙ جهازن تي چيف انجنيئر رهيو، ان بعد ڊيزل جهازن جو چيف انجنيئر ٿيو ۽ هي اسان جو ماڊرن، ايئرڪنڊيشنڊ ۽ تيز رفتار جهاز سندس ٻيو يا ٽيون ڊيزل جهاز هو. پاڻ جهازران ڪمپني مان تنگ هو ۽ ڪمپني منجائنس. (پوئين ڳالهه جي اسان کي تڏهن خبر پوندي هُئي جڏهن هو گھڻي پيئڻ ڪري آئوٽ ٿي ويندو هو.) عمر کان وڌيڪ پوڙهو لڳندو هو، پر کيس اها غلط فهمي ويٺل هُئي ته پاڻ پوڙهي اُٺَ وانگر ٻه ڪنواٽ لهي. (جو گذريل سال کيس هن ئي بندرگاهه هانگ ڪانگ ۾، سندس هڪ پراڻي چيني ساهيڙيءَ همبستريءَ وقت ٻُڌايو هو ته : تون اهڙو ئي جوان آهين جهڙو ٽيهه سال اڳ). سندس ان چيني کاکڙ ساهيڙِي ــ جيڪا کانئس به پوڙهي لڳي ٿي، جي جڏهن ڳالهه ڪندو هو ۽ کيس جڏهن ماءِ گرل (My Girl)يا ماءِ فيئر ليڊي چئي مخاطب ٿيندو هو ته شرم اسان کي پيو ايندو هو. بهرحال هن عمر ۾ اسان جي چيف انجنيئر کي ڪي گھڻا شوق نه هُئا، پر سِک وانگر فقط ٻه شوق هئا: هڪ شراب پيئڻ (يا پيٽ اندر اوتڻ وڌيڪ موزون لفط ٿيندو) ۽ ٻيو عورت. (ياد رهي ته هڪ سِک لاءِ نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن فقط ڪڇو پائي ٻير جي وڻ تي چڙهي، پڪل ٻير چونڊي کائي رهيو هو ته سندس ڪنهن دوست پُڇيس:
    ”سردار جي، ڇا پيو ڪرين؟“
    ”بس يار هاڻ ته فقط ٻه شوق وڃي بچيا آهن،“ سک ٿڌو ساهه کڻي ٻُڌايس، ”هڪ ڪپڙا پائڻ ٻيو فروٽ کائڻ.“).
    سو اسان جي چيف انجنيئر جا به ٻه شوق وڃي بچيا هئا، جي جوانيءَ جي ڏينهن کان برقرار هئا. سندس ڪئبن چڱو خاصو بار ـ روم (Bar Room) هو. ڪنهن به شراب مان ٽرندو نه هو. جپان جو ساڪي (Saki)، روس جو ووڊڪا (Vodka)، چين جو جڳ مشهور شراب موتائي (Moutaiy-Chiew) کان وٺي ڪوٽڙيءَ جي ڪنتريءَ تائين چکيل، پيتل ۽ اوتيل هوس. بيئر، برانڊي، وسڪي، شئمپين، وينو جهڙيون ٻاراڻيون شيون ته ليکي ۾ به ڪونه آڻيندو هو. جو آيو سو اگھيو وارو اصول هوس. ساڳيو معاملو عورتن جي سلسلي ۾ هوس. سندس بار بار اهو چوڻ جي ته سندس جواني اڃا ديواني آهي، ظاهر ته اهو ٿي لڳو ته سندس جواني جي ڏيئي جو تيل کپڻ تي آهي ۽ اجھو ٿي سندس لاٽ ٻُجھي. پاڻ جواني جي ڏينهن جون ڳالهيون چشڪا ڏيئي ڪندو هو، جڏهن هو پاڻي جي هڪ جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر هو، جنهن جهاز جا هانگ ڪانگ ۾ ڏهه پنڌ هوندا هئا ۽ هانگ ڪانگ ڄڻ ته ان جهاز لاءِ هوم پورٽ (Home Port) هو. اوسي پاسي جي هڪ ٻن ملڪن ۾ ڦري وري هانگ ڪانگ اچي ديرو ڄمائيندو هو. ”۽ ان زماني جي هانگ ڪانگ جي ڇا ڳالهه ڪجي.“ هانگ ڪانگ ايندي وقت اسان کي روز ڊنر کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻي ٻڌائيندو هو. پر سندس ڳالهيون ٻڌڻ وارا سڀُ بي سُرا هئا. ڪنهن کي ڪپڙن خريد ڪرڻ جو شوق، ڪنهن کي پُراڻيون عمارتون ۽ جڳهيون ڏسڻ جو مرض، ڪنهن کي جهاز جي ڪمري ۾ ئي وقت گُذاري پئسا بچائڻ جو شوق ته ڪنهن کي پنهنجي ايندڙ انجنيئري جي امتحان جي پڙهائي جو فڪر.
    هانگ ڪانگ ۾ باقي ٻه ڏينهن هئا ته جهاز جي ٻن جونيئر انجنيئرن، ففٿ انجنيئرن، فورٿ ۽ ٻن اليڪٽريڪل انجنيئرن کي مين انجن جي Indicator Card وٺڻ ۽ جنريٽر جا ڪاربن (Bushes) بدلائڻ بابت ٻُڌائيندي چيو هُئائين:
    ”جهاز پرينءَ هانگ ڪانگ پهچي رهيو آهي. آءٌ توهان کي اهو ته هرگز نه چوندُس ته ڪو توهان ڪنهن ڌارئين عورت سان نه سمهو. اها هڪ اهڙي شيءِ آهي، جيڪا هر ماڻهوءَ کي خود ئي سوچڻ گھرجي ــ ۽ جيترو جلد اوترو بهتر.
    آءٌ توهان کي فقط اها ڳالهه سوچڻ لاءِ مجبور ڪندس ته عورتون ٻن قسمن جون توهان سان ٽڪرائبيون: هڪ اُهي، جيڪي پنهنجو اگھه سنئون سڌو، بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي ڏينديون، ۽ ٻيون اهي جيڪي خاموشي اختيار ڪري توهان کي ڪٿڻ ۽ ڪڇڻ لاءِ مجبور ڪنديون. جيڪڏهن پهرين قسم جي آهي ته توهان کي يڪدم ڄاڻ پئجي ويندي ته توهان ڪٿي بيٺا آهيو ۽ پاڻي ڪيترو اونهو آهي. لنگر ڪيرائجي يا نه. پر ٻيو قسم اهو آهي جنهن کان توهان کي خبردار رهڻ گھرجي. هوءَ اهوئي سوچيندي رهندي ته گراهڪ ڪٿي ٿو ڪُسي ۽ هوءَ هميشه توهان مان وڏي اميد رکندي ۽ توهان پڪائي ڪندا رهندا. بهرحال دنيا ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه ذلالت ناهي، ته جهاز جو هڪ جوابدار آفيسر، توهان جهڙو، خسيس ڳالهه لاءِ هڪ ڪِني رن سان اگھه تي بحث ڪندو رهي.“
    ”سائين، هانگ ڪانگ ۾ ’ٽاور پيڪ‘ (Tower Peak) ضرور ڏسنداسين.“ هڪ جونيئر انجنيئر وچ ۾ ڳالهايو.
    ”هون!“ چيف انجنيئر خفي ٿي وراڻيو، ڄڻ ڪواب کائيندي ڪنهن کي هڏو ڦاسي پوي. ”ٽاور پيڪ به ڏسڻ جي جاءِ آهي. آءٌ ته جڏهن ڇٽيهون دفعو هانگ ڪانگ آيو هوس، شادي ڪري پنهنجي زال سان گڏُ، تڏهن اها ڏٺم. ان کان اڳ رڳو هانگ ڪانگ جا ڪلب، چڪلا، بار ۽ هوٽل جي خبر هيم.“
    جهاز جڏهن هانگ ڪانگ پهتو ته هڪ ڏينهن شام جي چانهه تي، ڪنهن همراهه هانگ ڪانگ جي معاشي ترقي ۽ محنت جو ذڪر ڪڍيو. ڪنهن چيف انجنيئر کان به کڻي راءِ ورتي، ۽ پوءِ ته ٻئي ڪنهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه مليو.
    ”ها واقعي هانگ ڪانگ ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. هاڻ ته ڪا ڇوڪري کنگھي به ڪانه ٿي! نه ته اڄُ کان فقط پنج سال اڳ تائين، اها حالت هُئي، جو جهاز اڃان پري ائنڪريج (کُلئي سمنڊ) تي بيٺو هوندو هو ته ڇوڪرين جا ٽولا ٻيڙين رستي جهاز تي پهچي ويندا هُئا. هڪ هنگامو متل هوندو هو. حالت اها هوندي هُئي جو اسان ڪمرن کي اندران ڪلف چاڙهي وهندا هئاسين. ڌڪا ڏئي ڪڍبو هون ته به ڇوڪريون نه نڪرنديون هيون. چونديون هيون ته: هاڻ آيون آهيون ته ٻيو نه ته فقط ماني کائڻ ڏيو ۽ رات ٽڪڻ لاءِ ڇڏيو. هاڻ ته سائين سڀني جو نڪُ مٿي آهي. نوڪريون، ڌنڌا، پورهيا ايترا ته ڏسندي ئي ڏسندي وڌي ويا آهن، جو هتي جي سڀني ماڻهن کي ته سٺن پگھارن واريون نوڪريون ۽ ڌنڌا آهن، پر ڌارين ملڪن جا به ڪمائڻ لاءِ هتي ٿا اچن. ڏسندي ئي ڏسندي هانگ ڪانگ جو سڪو چوٽ چڙهي ويو آهي. آمريڪا جي ڊالر ۽ انگلنڊ جي پائونڊ کي به ڪو هتي نٿو کنگھي. هاڻ ته ڪا ڇوڪري بار ۾ پيئڻ لاءِ ڪمپني ٿي ڏئي ته ان جا به پنجويهه هانگ ڪانگ ڊالر ٿي وٺي.“
    هڪ رات ٻارهين وڳي ڌاري، چيف انجنيئر جي ڪئبن جي بتي ٻرندي ڏسي انجڻ جي مرمت لاءِ ٺاهيل لسٽ وڃي ڏني مانس. جيئن صبح ساڻ هانگ ڪانگ واري آفيس ڏي موڪلي سگھي. پاڻ اڪيلو پي رهيو هو. سڄي جهاز تي سندس پيالي ڀائي ـ ريڊيو آفيسر هيٽر تي بيدا تري رهيو هو. ڪچي وودڪا جو گلاس ڀري منهنجي اڳيان رکيائين. آءٌ کلڻ لڳس ته چيائين:
    ”ڪمال آهي الطاف! تون ڪهڙو سنڌي آهين؟ منهنجو هڪ سنڌي دوست بدين پاسي جو زميندار آهي. خاص شراب پيئڻ لاءِ فصل لهڻ تي ڪراچي اچي رهندو آهي.“
    ”خير مون کان نه هلندي. بدين يا ٺٽي جو زميندار ڀلي عيش ڪري. هونءَ سنڌين جي ڌين ڌرم ۾ اهو لکيل ڪونهي ته هو ضرور پيئن.“ مون وراڻيو.
    ”يار تڪلف نه ڪجُ. آءٌ تنهنجو آفيسر آهيان ته ڊيوٽيءَ وقت. ان بعد دوست آهيون.“ چيف انجنيئر چيو.
    ”تڪلف جي ڳالهه ناهي، سائين. زور ٿا ڪريو ته ڪمپني خاطر ڪو بيئر يا ليمنڊ هجيوَ ته اهو کڻي ڏيو، باقي هيءَ نجُ ڪچي وودڪا منهنجا آنڊا ساڙي ڇڏيندي.“
    ”اڙي يار، بيئر يا ليمنڊ کي ڪير ڪافر ٿو شراب سڏي، ڀلا ويهه ته خبرون چارون ڪريون.“
    ”پڇو جيڪي وڻناوَ.“ مون چيو،
    ”چيف انجنيئريءَ جو امتحان ڪڏهن ٿو ڏين؟“
    ”بس سائين، سي ـ ٽائيم (Sea Time) پورو ٿي ويو آهي. پڙهائيءَ ۾ مشغول آهيان. سوچيان پيو ته هن سال ڪراچي يا لنڊن وڃي ته امتحان لاءِ لهي پوان. پاڻ توهان ڪجھه ٽيوشن ڏيو.“
    ”اڙي يار، هيءَ منهنجي عمر آهي پڙهائڻ جي“، هو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو: ”حساب ته لڳاءِ ان کي ڪيترا سال ٿيا، جڏهن مون چيف انجنيئريءَ جو امتحان ڏنو هو! 1949ع جو زمانو هو اُهو. بلي بلي! تازو چين ۾ انقلاب آيو هو. مائوزي تنگ اهڙي ته باهه ٻاري ڏني، جو سٽڪن جي ڊپ کان شنگھائي، پيڪنگ ۽ ڪئنٽن جون سڀُ رنڊيون کنڊيون چين ڇڏي، اوسي پاسي جي ملڪن هانگ ڪانگ، فلپين ۽ تائيوان ۾ اچي انبار ٿيون هيون. هاڻ چينين جا ٻه قسم آهن. هڪڙا شريف ۽ ايماندار جيڪي مائوزي تنگ وٽ ئي رهيا پيا آهن ۽ ٻيا هي لاهه، جيڪي هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ تائيوان پاسي اچي نڪتا آهن.....“
    ريڊيو آفيسر تريل بيدا اچي اڳيان رکيا. فراءِ بيدا هڪ پليٽ ۾ ۽ آمليٽ ٻيءَ ۾. ساڳيا بيدا هُئا، پر فرق پچائڻ جو هو. ڊبل روٽيءَ جي ٻن پترن جي وچ ۾ آمليٽ بيدو رکي، سئنڊوچ ٺاهيو هئائين.
    اهڙيون ٻيون انيڪ ڳالهيون اسان جي چيف انجنيئر جون، جي ڪڏهن ڪڏهن ياد اينديون رهنديون آهن ۽ هن کي هميشه اها شڪايت هوندي هُئي ته سندس سڄو انجنيئري اسٽاف حد کان وڌيڪ شريف آهي. جيتوڻيڪ ان وقت جي ڪئپٽن کي ان کان مختلف شڪايت هُئي، سندس ڊيڪ آفيسرن بابت ـ خاص ڪري ڪئڊٽن لاءِ:
    ”..... اڄُڪلهه جا ڪئڊٽ ته ڏسو. رڳو فئشن ۽ نخري تي زور اٿن. جمعو جمعو اٺ ڏينهن به نه ٿيا اٿن ته رُڳو Navigation جو پيا سوچين، باقي Seamanship کان ٻرو ٿو وٺين. اسان ڪئڊٽ هوندا هئاسين ته صبح کان شام تائين ڊيڪ تي چپنگ ۽ پينٽنگ ۾ گُذاريندا هُئاسين. موڪل جو ته سوچيندا ئي نه هُئاسين. جيڪڏهن چيف آفيسر يا ڪئپٽن ڪنهن پورٽ ۾ خوش ٿي خرچي ڏيندو هو، ته گڏ ڪندا هئاسين ۽ وطن ورڻ تي ڀائرن ڀينرن لاءِ شيون وٺي ويندا هُئاسين. پر اڄُڪلهه جا ڪئڊٽ الامان! کين ڪنهن پورٽ ۾ سندس گھٽ پگھار جو سوچي چاليهه پنجاهه روپيا کن خرچي جا کڻي ڏي، ته يڪدم ٻئي ڏينهن ڊيوٽيءَ کان موڪل وٺي رات ٻاهر وڃي گُذاريندا.“
    ان کان پوءِ واري دفعي جڏهن هانگ ڪانگ آياسين ته نئون چيف انجنيئر ٽيهن سالن جو نوجوان، گھٽ تجربي جي هوندي به بيحد هوشيار سيد اڪبر غازي هو. طبيعت ۽ عادتن ۾ پهرين کان بلڪل نرالو. هر وقت جهاز جي انجن ۽ پنهنجي زال جو فڪر رهندو هوس. ڊسيپلين ۽ يونيفارم جو پابند. پهرين ڏينهن ئي سڄي اسٽاف کي جهاز، ڪمپني ۽ سندس اصول ۽ قائدا قانون واضح ڪيائين ته ڪنهن به انجنيئر آفيسر کي ڪنهن به ڌارئين بندرگاهه ۾، ڪنهن به ڇوڪريءَ سان شادي يا شادي بابت ڪو وعدو وَچن ڪرڻو ناهي انجڻ روم وارو چئمپل ڊائننگ سئلون ۽ سموڪ روم ۾ پائي هلڻو نه آهي، ريفريجريشن انجنيئر کي خط استوا وارن ملڪن يا سمنڊن تان لنگھڻ وقت بنا پُڇڻ ۽ ٻُڌڻ جي ايئرڪنڊيشن هلائڻو آهي، ٿرڊ انجنيئر کي هر ڇنڇر ڏينهن جهاز جي Life-Boat جي انجڻ ٽيسٽ ڪرڻي آهي، چاهي جهاز ٻڏڻ جو خوف هُجي يا نه. بيمار انجنيئر کي ڪنهن ملڪ جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وقت ڪنهن به نرس جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي ۽ نه چاڪ ٿي اچڻ وقت ڪنهن نرس کي دعوت ڏئي جهاز جي ڪئبن ۾ آڻڻو آهي. باهه وسائڻ لاءِ Fire-Extinguishers ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ هميشه تيار رکڻا آهن ..... وغيره وغيره.
    پهرين هفتي ئي مونکان جونئر انجنيئرن بابت پڇيائين ته:
    ”هو فرصت جي وقت سمنڊ تي ڇا ڪندا آهن.“
    ”سائين ڪي ’آداب عرض‘ پڙهندا آهن. ڪي اخبار جهان جو مستقل ڪالم ’تين عورتين تين ڪهانيان‘ پڙهندا آهن. ڪي ٽيبل ٽينس کيڏن ۽ ڪي سگريٽ جي پاڪيٽن تي Flash کيڏن.“
    ”هاڻ توهان اهي ڌنڌا ڇڏي ٻي Voyage کان انجنيئري جي ڪتابن جو دور ڪندا ڪريو ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ نت نيون ٿيندڙ ايجادن سان واهپو رکو.“
    نماز روزي جو ايترو ئي پابند، جيترو جهاز جو سيڪنڊ آفيسر روزانو صبح جو اٿي Sextant تي سائيٽ وٺڻ جو. رات جو ٽين وڳي اٿي تهجد پڙهندو هو. انجڻ روم جي هڪ هڪ مشين سان گھرو تعلق ۽ فڪر رهيس ٿي.
    ”الطاف جنريٽر جو ڇا ٿيو؟“
    ”خدا جي فضل سان هاڻي ٺيڪ آهي Locating Bearing بدلائڻ سان Lubricating جو مسئلو حل ٿي ويو آهي. سندس ٽربو چارجر به صحيح ڪم ڪري پيو.“
    ”او ويري گُڊ. ويري گُڊ! آءٌ اڄُ تمام گھڻو خوش آهيان. توکي هينئر ئي ٻه رڪعتون نفل شڪراني جون ادا ڪرڻ کپن. پروردگار جون مهربانيون آهن، جيڪو برن ۽ بحرن ۾ بندي کي پيو هلائي نه ته ڪمزور انسان کي ڇا طاقت آهي. تون اهو نٿو محسوس ڪرين ته ٻي صورت ۾ پاڻ کي سڄو ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ هندي وڏو سمنڊ هڪ ئي جنريٽر تي لتاڙڻو پوي ها ۽ اهو ڪيڏو نه جوکائتو ڪم هو!“
    هانگ ڪانگ پهچڻ کان اڳ پُڇيائين، ”الطاف هانگ ڪانگ ۾ هڪ تمام وڏي ۽ خوبصورت مسجد اٿئي.“
    ”هڪ ته ڪولون پاسي ناٿن روڊ تي، پارڪ جي وچ ۾ نظر اچي ٿي.“ مون ٻُڌايومانس.
    ”ها، ’ميرامار‘ هوٽل کان ٿورو اڳتي. ڪڏهن مون سان تون جمعي جي رات اتي هلجانءِ. وڏا عالم ۽ علماءَ اچي ٿا گڏ ٿين، جن جون ڳالهيون ٻڌڻ سان انسان جي اندر ۾ هڪ نئون اجالو اچيو وڃي.“
    ڪراچي جڏهن جهاز پهتو ته سندس زال بيمار ٿي پئي ۽ آخري ڏينهن تائين اسپتال ۾ هئي. نتيجي طور پاڻ اسان سان گڏ Sail ڪري نه سگھيو. چيف انجنيئر وري نئون آيو آهي ۽ جونيئر انجنيئر ڪنهن مفڪر يا سائنسدان وانگر ان کي جاچي رهيا آهن ته: نئون اٺُ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي.


    ڪجھه هانگ ڪانگ جي تاريخ جاگرافي بابت

    راڪاس جي پير جو ننهن
    اڳ جو چين سنڌي وڏيري مثل هو

    DO NOT AWAKE YELLOW LION
    هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) ۽ سندس ٻيو حصو ڪولون ائين سمجهڻ گھرجي، جيئن سنگاپور ٻيٽ ۽ ملائيشيا جي پوڇڙ جو حصو ’جوهر‘. يا جيئن اسان وٽ منوڙو ٻيٽ ۽ پاڪستان جو آخري پوڇڙ ڪياماڙي آهي. ڪولون به ڪياماڙي وانگر آهي، جو عوامي چين جهڙي راڪاس جي پير جو ننهن سمجھڻ گھرجي. ڪولون جي ريلوي اسٽيشن کان ڪئنٽن (عوامي چين) جي ريلوي اسٽيشن فقط نوي ميل آهي ۽ روزانو ڪولون ۽ ڪئنٽن جي وچ ۾ مسافر ۽ مال گاڏيون هلن ٿيون. هانگ ڪانگ ۾ ڪيترا چيني اهڙا آهن، جن جا مائٽ مٽ اڃا تائين عوامي چين ۾ رهن ٿا. هانگ ڪانگ جي لووو اسٽيشن بعد لوڪماچو (Lokmachau) اسٽيشن پوليس ۽ اميگريشن جي چونڪي آهي. جتي ايندر ويندڙن جي سخت چڪاس ڪئي وڃي ٿي. پهرين ايتري سختي نه ٿيندي هُئي، پر ڏينهون ڏينهن جڏهن عوامي چين مان گھڻا چيني ڀڄي هانگ ڪانگ پاسي (ٻين لفظن ۾ آزاد دنيا ۾) اچڻ لڳا ۽ هانگ ڪانگ جي آدمشُماري حد کان وڌي وئي ته ٻنهي ڌرين (عوامي چين ۽ هانگ ڪانگ جي انگريز سرڪار) خشڪي ۽ سامونڊي بارڊرن تي پهرو بيهاري ڇڏيو. شروع شروع ۾ هانگ ڪانگ ڪالوني جي آدمشُماري فقط پنج هزار هُئي.
    1898ع ۾ اڍائي لک ٿي وئي. 1921ع ۾ ڇهن لکن کان به چڙهي وئي ۽ 1941ع ۾ پندرهن لکن تائين وڃي پهتي. ٻي جنگ عظيم ۾، سن 1941ع ۾ جپانين هانگ ڪانگ تي قبضو ڪيو ۽ 1945ع ۾ آڻ مڃڻ وقت هانگ ڪانگ وري انگريزن جي قبضي ۾ آيو. جنگ ڪري واپار وڙو، هنر ڌنڌا سڀ بيهي ويا هُئا. انگريزن اوسي پاسي ۾ رهندڙ هنرمند چينين کي گھُرائي هانگ ڪانگ ۾ رهايو ۽ ٿورن ئي سالن اندر هانگ ڪانگ وري ترقي ڪرڻ لڳو. 1949ع ۾ عوامي چين ۾ انقلاب آيو ۽ شنگھائي تي ڪميونسٽن جو قبضو ٿيو. شنگھائي جيڪو دنيا جو تن ڏينهن ۾ مشهور ترين شهر هو، مائوزي تنگ جي انقلاب تي، ان جون سڀُ بئنڪون، واپاري ڪمپنيون ۽ دور دراز ملڪن ڏي ويندڙ جهازن جون آفيسون سڀ هانگ ڪانگ اچي ويون. هانگ ڪانگ ۾ اڄُڪلهه اڻ ڳڻت شپنگ آفيسون آهن. چيو وڃي ٿو ته ٽن سوَن کان به مٿي ٿينديون. ٽئڪس فري ملڪ هئڻ ڪري ۽ واپار جي سهوليتن ۽ ڪمائي جي وڌندڙ ذريعن ڪري، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ماڻهو هتي اچڻ لڳا. 1947ع ۾ هندستان پاڪستان ٿيو. سنڌ جا هندو جيڪي واپار ۾ پنهنجو مٽُ پاڻ هُئا، تن جو وڏو حصو هتي هانگ ڪانگ ۾ اچي رهيو، جتي پهرين کان ڪجھه هندو سنڌي واپار جي سهوليتن ۽ سولاين ڪري لڏي آيا هئا. بهرحال 1950ع کان پوءِ به ڏينهون ڏينهن هتي جي آدمشماري وڌندي ئي رهي ٿي ۽ زمين وڃي ٿي کُٽندي. حالت اها آهي جو سمنڊ جو ڪيڏو حصو ڀنجھو ۽ پٿرن سان ڀري سڪي (زمين) ٺاهي ويئي آهي. هانگ ڪانگ جو ڪناٿ روڊ، وان چائي، ڪئينس روڊ وغيره سڀ اڄُ کان ٽيهه سال اڳ سمنڊ هو. پَٽَ جي اگھه جي اها حالت آهي جو هزار روپيا فٽ به سٺي هنڌ تي ڏکيو ٿو ملي.
    هانگ ڪانگ ۽ عوامي چين جي وچ ۾ ”شام چُن“ (Shamchun) نالي ندي، سرحد ٺاهي ٿي ۽ ”شاتائوڪاڪ“ (Shataukok)نالي ڳوٺڙو بلڪل سرحد تي آهي، جنهن جو اڌ هانگ ڪانگ جو حصو آهي ته اڌ عوامي چين جو.
    ڪنهن زماني ۾ ته هانگ ڪانگ آدمشُماري توڙي ترقيءَ جي لحاظ کان هڪ غير آباد ٻيٽ هو، جنهن تي ڪجھه مهاڻا رهندا هُئا ۽ مڇيون ڦاسائي پيٽ قوت ڪندا هُئا. ان کان علاوه بحري قزاقن (Pirates) جو پڻُ اڏو هو، جي واپاري ٻيڙن کي سمنڊ تي ڦُري اچي هانگ ڪانگ ۾ پناهه وٺندا هُئا.
    پورچوگيز پهريان يورپين هئا جن آفريڪا جو ڪيپ آف گُڊ هوپ لتاڙي هيڏانهن مشرق طرف اچڻ شُروع ڪيو. هندستان، سلون، ملايا، انڊونيشيا طرف وڌي اڳتي چين طرف پڻ پهتا. ان کان پوءِ انهن پُٺيان انگريزن گس ڏٺو. پوءِ ته سائين بس روز، ”سلاماليڪم جاڙا خان، اسان اچي ويا آهيون ــ پنهنجي ڪُتي کي ته جھلجان.“ وارو لقاءُ هو. پهرين واپار جي بهاني سان سندن جهاز اچڻ شُروع ٿيا ۽ چين جي شهر ڪئنٽن (Canton) ۾ پير پُختو ڪيو، پر ڪئنٽن انگريزن کي ڀانءِ ڪونه پيو جو انهن ڏينهن جي چين حڪومت جا ساڻن شرط شروط ۽ نمونا اهڙا ته ڏنگا ڦڏا رهيا جو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي چوڻ تي برٽش حڪومت ڪنهن ٻي الڳ ٿلڳ مناسب جڳهه، واپاري چونڪي لاءِ ڳولڻ لڳي. (هيءَ اهائي انگلنڊ جي ايسٽ انڊيا ڪمپني هُئي جيڪا راڻي ايلزبيٿ پهرينءَ 1600ع ۾ هندستان موڪلي هُئي ۽ 1608ع ۾ سندس پهريون جهاز ڪئپٽن وليم هائڪنس جي ڪمانڊ هيٺ سورت پهتو هو.) بهرحال انگريزن هانگ ڪانگ جي ٻيٽ تي 1842ع ڌاري قبضو ڪيو جيڪو انهن ڏينهن ۾ (يعني فقط سوا سؤ سال کن اڳ) هڪ ويران جڳهه هئي، جنهن لاءِ انگلنڊ ۾ ته خوب گلا ڪئي وئي ته ههڙي جڳهه ڪيئن واپاري مارڪيٽ ٿي سگھندي. (هي ان سن جي لڳ ڀڳ جي ڳالهه آهي جڏهن لارڊ ايلنبرو سنڌ ۾ سرچارلس نيپيئر جي سالاري هيٺ لشڪر موڪليو. جنهن مياڻيءِ ۽ دُٻي جي لڙائيءَ ۾ ميرن کي شڪست ڏئي 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي).
    هانگ ڪانگ ٻيٽ جي ايراضي اوڻٽيهه چورس ميل ٿيندي.هانگ ڪانگ چيني لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ”خوشبودار بندرگاهه“ (هانگ معنى خوشبوءِ ۽ ڪانگ معنى بندرگاهه) اهو ان تي نالو ان ڪري پيو، جو انهن ڏينهن ۾ اوسي پاسي جي سمنڊ ۾ مڇيون ماريندڙ مهاڻا هتان پيئڻ جو پاڻي کڻڻ ايندا هُئا، جو هتي ابردين جي ڀرسان هڪ مٺي پاڻيءَ جو چشمو هو (جيڪو اڃا تائين موجود آهي) ۽ ان پاڻيءَ کي خوشبودار سمجھيو ويندو هو. (جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ عام پاڻيءَ کي ”مٺو پاڻي“ سڏيو وڃي ٿو. ۽ عام طرح ائين ٻُڌڻ ۾ ايندو ته، ”ابا فلاڻي کوهه جو پاڻي مٺو آهي“ ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ان کوهه مان روح افزا يا ٺٽي جي شربت جا ٻُڪ ڀرجيو ٿا نڪرن. ان جي ڀيٽ ۾ واٽر ڪورس يا شاخ جو ميرو پاڻي، يا اها زمين جنهن جي تهه ۾ لوڻياٺ (Salts) گھڻا آهن اتي جي کوهه جو پاڻي اڻ وڻندڙ ذائقي جو ٿئي ٿو، جنهن کي ٻاڙو پاڻي سڏجي ٿو). اهڙي طرح اسان جهڙا انسان جن کي بقول شاهه لطيف جي:

    ”کيڙائن کارو، سنجھيئي ساريو،
    آيل! امارو، آهين پرئين پار جو.“

    ۽ جن جو ڏينهن رات واهپو سمنڊ جي کاري ۽ ککي بوءِ واري پاڻيءِ سان رهي ٿو، تن لاءِ هي پيئڻ جو پاڻي جيڪو ٻين لاءِ کڻي عام هُجي، وڏي حيثيت رکي ٿو ۽ خوشبودار ۽ مٺو لڳي ٿو. اڄُ جي ماڊرن زماني ۾ جڏهن هرهڪ جهاز ننڍڙو شهر آهي ۽ سندن تيز رفتاريءَ دنيا جي بندرگاهن کي ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ هر جهاز تي پاڻي ٺاهڻ جي مشين (Evaporator)آهي ۽ جيتوڻيڪ ڪربلا جو قضيو ۽ عليءَ جي اولاد جي شهادت جون سختيون، اڄُ جي سامونڊي ۽ وڻجاري کي وسري ويون آهن، ته به ايترو آهي جو هو پيئڻ جي عام پاڻيءَ کي فقط پاڻي نه پر عزت سان سٺو پاڻي (Fresh Water) سڏي ٿو ــ ۽ اڪثر هر جهاز تي نَون آيلن کي نصيحت ڪئي ويندي آهي ته: جهاز تي تازو پاڻي ضايع نه ڪريو. ڪيترن بندرگاهن ۾ (مثال طور دُبئي، دوحا، قطر، بيروت ۽ ٻيا اهڙا جن ۾ درياءَ يا کوهه ناهن ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءِ مان مشينن ذريعي مٺو پاڻي ٺاهيو وڃي ٿو يا بارش جو پاڻي گڏُ ڪيو وڃي ٿو)، جهازن لاءِ پاڻي وٺبو آهي ته تمام گھڻي قيمت ڏيڻي پوندي آهي ۽ تمام خيال سان پاڻي خرچُ ڪرڻو پوندو آهي. هارِ ويرِ لاءِ ته سمنڊ جو پاڻي استعمال ڪبو آهي. ساڳي طرح اوسي پاسي ۾ پاڻي نه هُجڻ ڪري هانگ ڪانگ جي انهيءَ چشمي جو وڏو قدر ڪيو ويو ٿي، آفيمي جنگ (Opium War)جي چڪرن ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي فتح ۽ انهن چڪرن ۾ انگريزن کي 1942ع ۾ هانگ ڪانگ ٻيٽ ملي ويو. (فرينچن ۽ انگريزن زوريءَ چينين کي آفيم کائڻ تي هيرايو، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويا ۽ سڄو چين، نشئي ۽ آفيمي بڻجي ويو هو ۽ ڌارين کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي لُٽيو، اڏايو ۽ عيش ڪيو. عوامي چين جا شهر شنگھائي، ڪئنٽن، پيڪنگ وغيره جي هينئر هڪ مسجد يا ڪليسا وانگر پاڪ ۽ خشڪ لڳن ٿا، سي ڪنهن زماني ۾ دنيا جا مشهور عياشيءَ جا اڏا هُئا ۽ هيءَ چيني قوم جنهن کان هاڻ سڄي دنيا ڏڪي ٿي موالي ۽ چرسين جي روپ ۾ فٽ پاٿن تي نشي ۾ ڌُت هُئي ۽ ماني ٽُڪر لاءِ پئي واجھائيندي هُئي. ڇاڪاڻ جو ڌارين کي سندن ڏکندڙ نس جي خبر پئجي وئي هُئي). هانگ ڪانگ، ڪولون ۽ ڪمبوڊيا توڙي جي سنگاپور جي اڌ کن آدمشُماري چيني ماڻهن جي آهي ته ملائيشيا جي به. پوءِ سڀني چينين جو نسل ۽ شڪل صورت کڻي ساڳي آهي، پر مذهب، ملڪ، زبان ۽ قوميت جُدا آهي. پاڪستان ۾ جيڪي اڄُڪلهه چيني طب ۽ پوشيده بيمارين جون اسپتالون کُلي پيون آهن، سي ڪي عوامي چين جا چيني نه آهن ۽ نه ڪراچي جي چيني هوٽلن جا مالڪ. اهي سڀ چيني نه فقط مختلف ملڪن ۽ قوميتن جا آهن پر سندن مذهبي، سياسي ۽ سماجي نظريا پڻ الڳ الڳ آهن. تائيوان جا چيني ”عوامي چين“ سان نفرت ڪن ۽ عوامي چين جا رهاڪو تائيوان سان. هانگ ڪانگ جا ڪي چيني عوامي چين جي حُڪومت ۽ سياسي نظرئي کي ساراهين ته ڪي سخت ڌڪارين. سنگاپور جا چيني پنهنجو پاڻ کي سنگاپور سان منسوب ڪن ۽ سنگاپوري سڏائيندي فخر محسوس ڪن ته ملائيشيا جا چيني ملائيشيا سان. جيئن عربن جو کڻي مثال وٺجي ته عرب معنى اهو نه ته ڪو عربستان (Saudi-Arabia) جو رهاڪو هُجي. ڪويت جا رهاڪو به عرب سڏائين، ته مصر جا به عرب. اهڙي نموني سان قطر، شام، عراق، لبنان وغيره جا پڻ. جيتوڻيڪ لبنان جا رهاڪو مسلمان ۽ ڪرسچن ٻئي آهن، (پنجاهه سيڪڙو کن آدمشُماري عيسائي آهي ته پنجاهه سيڪڙو مسلمان) پر ته به ٻئي ڌُريون پاڻ کي عرب سڏائين ۽ ساڳي زبان عربي ڳالهائين. (ايتريقدر جو فلسطين (P.L.F) جو اڳواڻ ڊاڪٽر هباش ڪرسچن آهي، پر هو پاڻ کي عرب سڏائي ۽ اسرائيل جي خلاف آهي) اهڙيءَ طرح چيني آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته مڙني چينين جو، جيڪي ملائيشيا، سنگاپور، تائيوان، ويٽنام، ڪوريا، هانگ ڪانگ کان ويندي پاڪستان، تنزانيه، سومالي لئنڊ يورپ يا آمريڪا ۾ رهن ٿا، اصل ملڪ ڪنهن زماني ۾ عوامي چين (Mainland China)هو. پوءِ ڪن ”هئن حُڪومت“ (Han-Dynasty) جي ڏينهن ۾ چين ڇڏيو، ته ڪن ”ڀئان“ يا ”منگ“ خاندان جي ڏينهن ۾ دور دراز ملڪن ۾ واپار وڙي ۽ ٻين سهوليتن جي ڪري هميشه لاءِ وطن ڇڏي لڏي ويا ته ڪي مائوزي تنگ جي انقلاب کي نه پسند ڪرڻ ڪري ڀڄي نڪتا. سو هتي جڏهن آءٌ چيني لفظ استعمال ڪريان ٿو ته منهنجو مطلب هانگ ڪانگ جي رهاڪو چينين سان آهي.
    اڄُڪلهه عوامي چين جي چينين ۽ دنيا جي ٻين چينين ۾ وڏو فرق اهو آهي ته عوامي چين جا باشندا اخلاقي طرح سڀني کان اتاهان ۽ اعلى آهن. انهن جو ۽ ان ملڪ جو تفصيل الڳ عوامي چين جي شهرن (شنگھائي، سئم ڪانگ، ڪئنٽن ۽ پيڪنگ وغيره) مان ئي لکندُس.
    بهرحال مجموعي طور سنگاپور، ملائيشيا ۽ هاڻ هتي (هانگ ڪانگ) جي چينين ۾ هڪ ڳالهه ڏٺي اٿم ته هو بيحد محنتي اڻورچ ۽ ذهين آهن. خبر ناهي ڪنهن چيو ته: چيني چرسي ۽ سست آهن. جي ها. اهو صحيح هو ، پر اها ماضيءَ جي ڳالهه هُئي جڏهن واقعي چيني دنيا جي سست ۽ ڪاهل قوم هئي ۽ هنن کي ڪافي سزا جنگ جي روپ ۾ ۽ بُک بيروگاري جي شڪل ۾ ڀوڳڻي پئي. پر هاڻ چيني اهڙا ته بيدار ٿيا آهن، جو ٻچو ٻچو ترقيءَ جي منزل ڏي پڪي عزم ۽ ولولي سان هر مشڪل کي منهن ڏيئي وڌندو نظر پيو اچي.

    جي جھنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو،
    هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو،
    او منزل مقصود، هي وعدو آهي،
    آيو جي اڀُ ته به ڦاڙي اچبو.

    هاڻ ته چيني اهڙا پيدا ٿيا آهن جو مونکي سڄي دنيا ۾ چينين جهڙي محنتي قوم ڪٿي به نظر نٿي اچي! هو صبح شام، ٻارين ٻچين پورهئي ۾ رڌل رهن ٿا ۽ اهوئي سبب آهي جو چيني سڀ کان اڳتي وڌندا وڃن. مثال طور ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ملئي مسلمان، هندو ۽ چيني رهن ٿا ــ ساڳين حالتن ۽ سهوليتن هيٺ. پر ان هوندي به چيني هر ڪم ــ پورهئي، واپار، هنر ۽ نوڪريءَ ۾ ٻين کان اڳتي وڌيل آهن. ساڳيو عالم هانگ ڪانگ جو آهي. اڄُ ڪلهه ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر چيني نوجوانن ۾ به اهڙي سُڄاڳي ۽ قوميت جو جذبو پيدا ٿي ويو آهي جو مون کي ائين پيو لڳي ته اهو وقت تمام ويجھو اچي پهتو آهي، جڏهن يوگنڊا (آفريڪا) جي عيدي امين وانگر هتي جا چيني به ڌارين کي ٽپڙ ٻَڌائيندا.
    ڪافي عرصي کان هانگ ڪانگ انگريزن جي حڪومت هيٺ آهي. هتي راڻي ايلزبيٿ جي تصوير جا سڪا، نوٽ ۽ پوسٽ جون ٽڪليون هلن ٿيون ۽ اڃا تائين سڌي يا اڻسڌي طرح انگريزن جي قبضي ۾ آهي. اها انگريز سرڪار جنهن لاءِ ڪنهن زماني ۾ چيو ويندو هو ته ان حڪومت جو سجُ ڪڏهن به غُروب نه ٿيندو، پر پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي مشرق ۾ انگريزن جو سجُ گنگا، راوي، سنڌو ندي ۽ ميڪانگ نديءَ ۾ ڪڏهن ڪو ٻُڏي ويو. هاڻي هزارين لکين سپاهي پئسفڪ سمنڊ جي هن جابلو ٻيٽ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن سندن حڪومت جو سجُ جيڪو اڄُڪلهه فقط هانگ ڪانگ جي ٽڪرين مان اڀري ٿو، ڪٿي پرل نديءَ ۾ ٻُڏي نه وڃي.


    ڪجھه يادون ــ ڪجھه ڏنگ ”آئون نيو سنڌي آهيان“ مون کي کلڻ کپي يا روئڻ؟

    انسان جي هر روز جي زندگيءَ ۾ انيڪ واقعا درپيش اچن ٿا. صبح کان شام تائين انيڪ جذبا ۽ Moods بدلجن ٿيون. هو بيشمار نظارا پسي ۽ ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ پوءِ وقت گذرڻ تي سڀُ پراڻيون ڳالهيون، جذبا، احساس، نظارا، Moods، ماضيءَ جي کنڊرن ۾ دفن ٿيو وڃن. پر انهن ۾ ڪو هڪ اڌ اهڙو به جذبو، واقعو، ڳالهه، نظارو يا احساس ٿئي ٿو جو انسان جي دل ۽ دماغ تي ڪافي اثر ڇڏي ٿو ۽ وقت جون ٻَرانگھون هن کي لتاڙڻ سان به ڌڌڙ ۾ دفن نٿيون ڪري سگهن.
    The day have vanished, tone and tint,
    And yet perhaps the hoarding sense,
    Gives out at times (He knows not whence)
    Little flash, a mystic hint.
    هڪ ڏينهن اڪيلو، فيريءَ ۾ ڪولون پئي ويس. منجھند جا ٻه کن ٿيا هوندا. سڄي فيري چيني مردن، عورتن ۽ ٻارن سان ڀري پئي هُئي، جو Rush-Hour هو. آءٌ پنهنجي ئي خيالن ۾ ويٺو هوس ته اوچتو منهنجي نظر بلڪل اڳيان ويٺل ڇوڪريءَ تي پئي. ڇوڪريون ته چؤڌاري ڪيتريون ئي ويٺل هيون، پر هانگ ڪانگ ۾ پهريون دفعو هو جو مون ڪنهن ڇوڪريءَ کي پوتيءَ (گنديءَ) ۾ اوڍيل ڏٺو. ڏاڍو تعجب لڳو ۽ تجسس پڻ. هلندڙ فيريءَ ۾ ئي ٿورو نمي پاسيرو ٿي سندس منهن ڏٺم ته پنهنجي پاسي جي هُئي ــ يعني انڊوپاڪ جي، پر رنگ صاف کير جهڙو، خوبصورت چهرو، سورهن سترهن سالن کن جي ٿيندي. هوءَ سفيد چولي ۽ سفيد شلوار ۾ ملبوس هُئي. آءٌ ڏاڍو متاثر ٿيس ته هيءَ پدمڻي ۽ نوريءَ جي روپ ۾ خوبصورت هيلن آف ٽراءِ يا موناليزا ڪير آهي. سندس هنج ۾ ڪجھه نوٽبڪ ۽ ڪتاب هئا ــ شايد هانگ ڪانگ (ٻيٽ پاسي) کان اسڪول مان موٽي ڪولون پنهنجي گھر ڏي پئي وڃي يا ته گھر هانگ ڪانگ پاسي هُجيس ۽ شام واري شفٽ ۾ اسڪول لاءِ ڪولون ڏي پئي وڃي. سنڌي ته ٿي نه ٿي سگھي جو هتي هانگ ڪانگ ۾ سڀُ سنڌي عورتون ساڙهي ٻڌن ۽ ڇوڪريون بيل باٽمڊ پجاما يا پتلونون پائين. سک عورتون ۽ ڇوڪريون شلوار قميصون ضرور پائين، پر پوتي هميشه ڳچيءَ ۾ مفلر يا هار وانگر رکن. ڪير ٿي سگھي ٿي آخر؟ ڀر ۾ جي ويٺل هجي ها ته پڇڻ ۾ ڪو آر نه ٿئي ها. پر اڳيان ويٺل پٺيري ماڻهوءَ کان ڪجهه پڇڻ مناسب نٿي لڳو. بهرحال ان راءِ تي پهتس ته پڪ ڪا کوجا يا بوهري ڇوڪري آهي ۽ تازو ويجھڙائيءَ ۾ هتي ڪا گھُمڻ آئي آهي. ڪجھه ڏينهن ٻيا به رهندي ته هتي جي ماحول مطابق لباس پائڻ شُروع ڪندي. جيئن چوڻ مشهور آهي ته:
    ”While in Rome, do as Romans do“
    فيري ڪولون وٽ اچي پهتي ۽ سڀ پنهنجين بينچن تان اٿي فيريءَ جي در وٽ، درُ کلڻ ۽ فيريءَ جو دڪي (Jetty) سان لڳڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. هوءَ ان وقت منهنجي بلڪل سامهون بيٺي هُئي. سڀ خاموش بيٺا هُئا. ان وقت، يعني چينين جي ميڙ ۾ ڌارئين زبان ڳالهائڻ معنى کين خار ڏيارڻ. سو ماٺ ۾ ئي رهڻ سٺو سمجھيم ــ ۽ ڪجھه اهو به سوچي ته جي هن محترمه جواب نه ڏنو ته هيڪاندو ڀرئي راڄ ۾ خواري ٿيندي ــ ۽ ان جو وڌيڪ ڊپُ هو، ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڇوڪرين وانگر جيڪي ڌارين سان ته ڏاڍي چاهه ۽ نيازمنديءَ سان ڳالهائينديون آهن، پر سندن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ جي ڪلاس ميٽ ڇوڪرن سان ڳالهائيندي اڪثر ڪيٻائينديون ۽ نفرت ڪنديون آهن. اهڙي طرح اسان جون پاڪستاني ڇوڪريون ٻاهرن ملڪن ۾ ڌارين سان ته تمام آزاد نموني ڳالهائينديون ۽ ملنديون رهنديون آهن. (خاص ڪري يورپ ۽ آمريڪا پاسي ته) پر پنهنجي هم رنگ يا هم وطني جي ويجهو ايندي ايڏي نفرت ڪنديون آهن، جيئن برهمڻ ڀڄي اڇوت کان. (پر اهو به آهي ته ڪن حالتن ۾ سندن اهو قدم صحيح ۽ حفاظت وارو ثابت ٿئي ٿو.)
    بهرحال منهنجي دل ۾ هورا کورا ٿي ته هن ڇوڪريءَ کان ضرور پُڇان ته هوءِ ڪير آهي. درُ کُلڻ تي ٻاهر جهڙو هڪٻئي جي ويجھو ويجھو نڪري سئلسبري روڊ (Salisbury Road) تي بس اسٽاپ ڏي وڌياسين ته سندس چهري جو رُخ پاڻ ڏي ڏسي انگريزيءَ ۾ پڇيومانس: ”توهان هتي هانگ ۾ ڇا ويجھڙائيءَ ۾ آيا آهيو؟“
    ”نه اسان کي هتي هانگ ڪانگ ۾ آئي به پنج سال ٿي ويا آهن. ۽ توهان؟“ هن موٽائي مون کان پڇيو، ۽ بس اسٽينڊ جي هڪ ويڪري ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي بس جو انتظار ڪرڻ لڳي.
    ”آءٌ هڪ پاڪستاني جهاز تي انجنيئر آهيان ۽ حيدرآباد ضلعي جي هڪ ڳوٺڙي جو رهاڪو آهيان.“ مون ساڻس اڙدوءَ ۾ ڳالهايو، جو ڏٺم ته هوءَ صاف انگريزي ڳالهائي نه سگھڻ ڪري پنهنجي ڳالهه چڱيءَ طرح سمجھائي نه پئي سگھي.
    ”منهنجا مائٽ به ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. اسان به ڪجھه وقت ڪراچيءَ ۾ هئاسين، پوءِ ڊيڊيءَ کي هتي واپار جو سٺو وجھُه لڳي ويو ۽ هاڻ پنجن سالن کان اسان هتي رهون ٿا.“ پاڻ صاف ۽ صحيح اڙدوءَ ۾ جواب ڏنائين.
    ”دراصل توکي پوتيءَ ۾ ڏسي تعجب ٿيو ته توکان پڇان ته ڪير آهين. منهنجي خيال ۾ توهان اسماعيلي آهيو؟“
    کلي ورائڻ لڳي: ”نه نه. اسان ته سنڌي آهيون.“
    ”سنڌي آهيو؟“ مون کي تعجب لڳو، ”ته پوءِ توهان کي سنڌي به ڳالهائڻ ايندي هوندي؟“
    ”نه، سنڌي ته ڪانه ٿي اچي.“
    ”تون ئي ته چوين ٿي ته سنڌي آهيان ۽ وري ڳالهائڻ به ڪونه ٿو اچيئي ــ اهو چڪر ڪيئن؟“ آءٌ وائڙو ٿي کانئس پڇڻ لڳس.
    ”او، منهنجو مطلب آهي. منهنجو مطلب آهي........“ هن مرڪندي پر ڪجھه شرم ۽ ندامت محسوس ڪندي چيو، ”آءٌ نيو سنڌي (New Sindhi) آهيان.“
    ”اهو به سٺو جو تون پاڻ کي ”نيو سنڌي“ ته سمجھين ٿي ۽ سو به هانگ ڪانگ ۾ رهي. چئبو ته زبان اڙدو اٿئي پر دل سنڌي اٿئي.“ آءٌ کلڻ لڳس (الائي اهڙن موقعن تي انسان کي کلڻ کپي يا روئڻ؟) هن به يڪدم کلي وراڻيو، ”ٿوري ٿوري زبان به سنڌي ٿيندي وڃي. اسان وري لڏي واپس ڪراچي پيا وڃون.“ هڪ پوڙهو رڪشا وارو چيني، ڦاٽل گنجيءَ ۽ ميري پتلون ۾ رڪشا جون گھوڙيون ڪڇ ۾ ڦاسائي اسان جي ڀرسان اچي بيٺو. هن سمجھيو بس ۾ اڃان دير آهي، سو اسان سندس رڪشا ۾ ئي چڙهي کيس پنجاهه سينٽن جو پورهيو ڪمارايون. مون کيس هٿ سان انڪار جو اشارو ڪيو ۽ سندن کن پل اڳ جو ٺهيل اميدن جو مينار سندس ڪٻي چيلهه وانگر چٻو ٿي، ڪري، ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. ۽ پنهنجي غربت ڏي ڏسي، پوءِ اسان جي صاف ڪپڙن، ڀريل جسم ۽ ٻهڪندڙ چهرن ڏانهن اهڙي نفرت سان ڏسڻ لڳو، جيئن ڪو اعلى تعليم حاصل ڪيل لائق بيروزگار نوجوان، پنهنجي وطن ۾ ڪنهن ڌارئين گھٽ تعليم حاصل ڪيل ۽ نڪمي کي وڏي عهدي تي ڏسي. معمونه (سندس سڄو نالو فرخنده معمونه ڪتاب تي لکيل هو)، ان پوڙهي رڪشا ڇڪيندڙ چينيءَ جي نفرت ڀري نگاهن ڏي نهاري، پوءِ مون ڏي ٿورو وڌيڪ ويجھو اچي راز واري انداز ۾ چيو؛ ”هنن چينين کي به انگريزن صحيح سُڃاتو هو. هاڻ هي به بنگالين وانگر ڌارين کي هانگ ڪانگ مان ڪڍڻ جي فڪر ۾ آهن. اسان هانگ ڪانگ ان ڪري پيا ڇڏيون. ڊيڊي چوي ٿو ته هڪ ڏينهن اوچتو هي اسان کي ڀڄائين ۽ سڀُ ڪجھه هتي رهجي وڃي ان کان بهتر آهي ته اڳواٽ سڀُ ڪجھه وڪڻي سنڌ هلي مقيم (Settled) ٿجي. امان چوي ٿي ته سنڌ هلڻ کان اڳ اسان سڀ ڀائر ڀينريون ڪجھه سنڌي سکي وٺون.“ هوءَ اهو چئي منهنجي منهن ۾ تڪڻ لڳي. پر آءٌ خاموش ئي رهيس. (اهڙن موقعن تي خبر ناهي ته انسان کي کلڻ کپي يا روئڻ؟). هن پنهنجي ڪتابن جي ڀريءَ کي اٿلائيندي پٿلائيندي هڪ ننڍڙي چوپڙِي ”سنڌي اردو بول چال“ ڪڍي مون کي ڏيکاري. اها هنن ڪراچي مان پوسٽ ذريعي گھرائي هُئي. ان ڪتابڙي جي ڀرسان رکيل ڪتاب جو نالو اسلامي تاريخ (Islamic History) هو. کانئس سندس ٻيا اسڪولي Subjects پڇيم. پاڻ ٻُڌايائين ته هوءَ ڪولون ۾ رهي ٿي پر اسڪول لاءِ روز هانگ ڪانگ وڃي، جو اتي هڪ اسڪول ۾ مذهبي تعليم پڻ ڏني وڃي ٿي. ”مون کي ٻه ننڍڙيون ڀينريون آهن ۽ هڪ وڏو ڀاءُ، جو دڪان تي صبح جو وهي. توهان کي هانگ ڪانگ ڪيئن ٿو لڳي؟“
    هڪڙي بس منهنجي منزل جي اچي وئي هُئي. هوءَ مون سان ائين ڳالهائي رهي هُئي ۽ گھر اچڻ جي دعوت ڏئي رهي هُئي، ڄڻ هوءَ مون کان ننڍي نه، پر مون جيڏي يا مون کان به وڏي عمر جي هجي، ”منهنجي هڪ سنڌي ڇوڪري پين فرينڊ (قلمي دوست) سکر ۾ آهي. هن سال ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي اٿس.“
    ”هوءَ سنڌين بابت ڇا لکندي اٿئي ته سنڌ ۾ مريض گھڻا ۽ قبرستان گھٽ آهن، سو ڊاڪٽرياڻي ٿي رهي آهيان.“ مون کانئس کلندي پڇيو.
    ”نه هوءَ لکندي آهي ته سنڌ جي تهذيب تمام گھڻي پُراڻي آهي، هتي ڪيتريون ئي قومون آيون ــ ايراني، يوناني، توراني، پٺاڻ، پنجابي، ترڪ، عيسائي، عرب، پارسي، کوجا، بوري ۽ سڀُ رچي بسي ويون. سنڌ هڪ مها ساگر مثل آهي. جنهن ۾ هر شيءِ جذب ٿيو وڃي.“
    ”تنهنجي قلمي دوست ڊاڪٽرياڻيءَ کي اها خبر هئڻ کپي ته سنڌ هڪ مهاساگر وانگر نڌڻڪي ناهي، جنهن ۾ هر ڪني سٺي شيءِ اڇلڻ تي، هو ڳهي وڃي، پر سنڌ هڪ تندرست انسان جي جسم مثل آهي، جنهن ۾ هر سٺي شيءِ ته ٽڪي سگھي ٿي، پر زهريلي شيءِ کي اهو جسم ٻاهر ٿُوڪاري ڇڏي ٿو. پوءِ چاهي اها زهريلي شيءِ پنهنجي ٻاهران ڪهڙا به چانديءَ جا ورق ويڙهي اچي. توکي تنهنجي سکر جي سهيليءَ Miss guide ڪيو آهي.“
    اسان کي ڳالهائيندي چڱو وقت گُذري ويو هو. ايتري ۾ ”هنگ هم“ لاءِ ٻي بس به اچي و ئي ۽ آءُ کانئس اجازت وٺڻ لڳس. هن مسڪرائيندي هٿ لوڏيو ۽ آءٌ کيس پنهنجي هانگ ڪانگ جي ائڊريس جو ڪارڊ ڏئي اچي بس ۾ ويٺس. سخت گرمي ۽ اڃَ ۾ ساهه منجھي رهيو هو. پوءِ جڏهن بس سالسبري روڊ تان ٿور هلي ڪولون جي سڀ کان ڊگھي ۽ ويڪري رستي ”ناٿن روڊ“ تي ڊوڙڻ لڳي ۽ سامونڊي هوا جي گھميل هير لڳي ته آءٌ شاهه عبداللطيف آف ڀٽ جي مصنف ”اي ــ ٽي ــ سورلي“ جو سنڌين لاءِ لکيل ان ڪتاب تي انتساب وارو شعر جھونگارڻ لڳس:

    “DEDICATED TO THE PEOPLE OF SINDH.”

    Oh! Friendly folk, with whom I’ve lived
    And felt the beat of violent sun
    And heard sharp argument and seen
    How Indus waters errant run,
    No chronicle of kind and wars,
    Your lovely hamlet bard unfolds
    The wonder of his melodies
    Enthralled a rustic people holds
    Oh! Friendly folk……………


    بليڪ پيئر جو گوڙ ۽ ماٺ ــ دٽي ڇڪي لاجڪ لاجڪ ...

    هانگ ڪانگ ۾ اسان جو جهاز دڪي سان لڳي بيهڻ بدران هر دفعي هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ ۾ لنگر ڪيرائي بيهي ٿو يا ڪنهن Buoy سان ٻَڌو وڃي ٿو. پوءِ آفيس طرفان هڪ لانچ جهاز جي عملي کي، بندرگاهه کان جهاز تائين پهچائيندي رهي ٿي. لانچ کي ان پنڌ لاءِ ويهه پنجويهه منٽ کن لڳن ٿا. ڏينهن جو نائين وڳي کان، شام جي اٺين وڳي تائين هي لانچون ڦيرا ڪن. ڪلاڪ ڪلاڪ بعد لانچ بليڪ پيئر(Black-Pier) تان جهاز لاءِ ڇُٽي ۽ جهاز تان واپس بليڪ پيئر تائين ماڻهو آڻي. (بليڪ پيئر، اسٽار فيري اسٽيشن جي بلڪل لڳ ڀڳ، ڪناٿ روڊ تي آهي، جنهن جي ٻئي پاسي جنرل پوسٽ آفيس، منڊران هوٽل ۽ ٿورو پري هانگ ڪانگ هلٽن هوٽل آهي) شام جو اٺين وڳي کان پوءِ هيءَ لانچ ٻن ٻن ڪلاڪن بعد ڀيرا ڪري ۽ رات جو ٻارهين کان صبح جو نائين تائين ٽن ٽن ڪلاڪ بعد.
    بليڪ پيئر وٽ ڪجھه اهڙو نظارو رهي ٿو ۽ نمونو رهي ٿو جهڙو ڪياماڙيءَ جي ڪپ وٽ، جتان ٻيڙيون ۽ لانچون منهوڙي، هاڪس بي، سئنڊس پٽ، بابا ڀٽ آئلنڊ ۽ جهازن جي ائنڪريج ڏي وينديون آهن. ڪجھه ان طرح بليڪ پيئر آهي، جتان ٻيڙيون جهازن جي ائنڪريج تي بيٺل مختلف جهازن، گرين آئلنڊ، چنگ بي، پڪنڪ بي، لنتو ٻيٽ ۽ مختلف هنڌن تي وڃن ٿيون. فرق فقط اهو آهي ته ”ڪياماڙي“ کان ”بليڪ پيئر“ ماڊرن، ڪشادي ۽ صاف سٿري آهي. چؤڌاري ويهڻ لاءِ پٿر جون بينچون ۽ ڪنڊ تي هڪ جنرل اسٽور پڻ آهي، جنهن ۾ سگريٽ، چاڪليٽ، کٽمٺڙن، بسڪيٽن سان گڏ ٿڌي بيئر ۽ ڪوڪا ڪولا جا دٻا، ٽائيم ۽ پلي بواءِ رسالي کان کاڄا، ڦُلا، ٽيبل ٽينس جا بال، آئيسڪريم، بيٽري سيلن تائين ڪيتريون ئي شيون ملن.
    هانگ ڪانگ ۾ هر وقت ۽ هڪ ئي وقت گھٽ ۾ گھٽ ٽيهه چاليهه کن جهاز بنا دڪي (Jetty) جي سمنڊ ۾ بيٺل ٿين. (بندرگاهه جي ڪپ تي خالي جڳهه نه هئڻ ڪري يا پئسو بچائڻ لاءِ جهاز کي جيٽيءَ سان لڳائي بيهارڻ بدران جهاز جا مالڪ جهاز کي سمنڊ ۾ بيهارڻ کي ترجيح ڏين ٿا جو دڪي سان جهاز کي لڳائي بيهڻ جي روزانا مسواڙ هزارين روپيا ٿئي ٿي) ۽ بنا دڪي جي سمنڊ ۾ ائنڪريج يا (Buoy) تي بيٺل جهاز پنهنجي لاءِ لانچ جو بندوبست ڪري ڇڏيندا آهن، جا سستي پوي ٿي ۽ في ڦيري جا پنجويهه روپيا کن بل ٿئي ــ بلڪ يڪي هفتي ٻن لاءِ لانچ کي مسواڙ تي رکڻ سان ان کان به گھٽ خرچ اچي ٿو. اهڙي طرح سمنڊ ۾ بيٺل جهازن جو عملو انهن لانچن ذريعي هانگ ڪانگ شهر ۾ اچڻ لاءِ هن بليڪ پيئر تي اچي لهندو آهي يا جهاز تي واپس وڃڻ لاءِ پنهنجي ٻيڙيءَ جو انتظار پڻ هتي اچي ڪندو آهي. ان ڪري بليڪ پيئر جيٽيءَ تي ڀانت ڀانت جا، مختلف ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو نظر ايندا. ڪٿي ڪينيا (آفريڪا) جي شيدين جو ٽولو سگريٽ پي رهيو هوندو ته ڪنهن ڪنڊ ۾ آمريڪن نشي ۾ چُور منگھو پير جي مست واڳن وانگر نظر ايندا. ڪنهن بينچ تي بيلجم ۽ جرمنيءَ جا خلاصي بيئر جا دٻا به خالي ڪري رهيا هوندا ته پنهنجن ڊيڪ آفيسرن ۽ انجنيئرن کي گاريون به ڏئي رهيا هوندا، جيسين ڪو ڊيڪ آفيسر ۽ انجنيئر اچي مٿان ڪڙڪي. ڪٿي ناروي ۽ سئيڊن جا سيلر سندن جهازن تي ڪم ڪندر ڇوڪرين (Stewardesses) کي تنگ پيا ڪندا، ته ٻئي پاسي ايشيا جي غريب ملڪن ۽ پاڪستان بنگلاديش، هندستان ۽ سلون جا خلاصي لانچ اچڻ جو انتظار جو وقت گذارڻ لاءِ پنهنجي ڪيل خريداري هڪ ٻئي کي پيا ڏيکاريندا. ڪو پنهنجي زال لاءِ ورتل سلڪ جي ساڙهي کولي پيو ڏيکاريندو ۽ بحث پيو ڪندو: ”ايترو ڪپڙو ورتو اٿم جو بلائوز به ان مان ٿي ويندو.“ ڪو پنهنجي پُٽ لاءِ ورتل بيٽري تي هلندڙ بندوق مان ٺڪاءَ ڪڍي پيو ڏيکاريندو، ته ڪو بينچ جي ڪنڊ تي ويهي ورتل رانديڪي کي چاٻي ڏيئي پاڻمُرادو چيڪ پيو ڪندو ته واقعي چاٻي ڏيڻ سان باندر تاڙيون وڄائي ٿو يا نه. ڪو پنهنجي ٽيپ رڪارڊر ۾ ڪئسٽ وجھي وڄائيندو ۽ ڀر ۾ بيٺل ٻيو بنگالي ٽوڪيندس: ”ڌر شالا اڙدو شونين؟!“ ۽ اڳلو يڪدم Eject جو بٽڻ دٻائي پهريون ڪئسٽ ڪڍي ٻيو بنگاليءَ جو وجھندو ۽ اوسي پاسي پاڪستاني خلاصين کي بيٺل ڏسي، انهن کي ساڙڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊر جو آواز مٿي ڪندو ۽ بليڪ پيئر جي ٻي ڪنڊ تائين بنگالي گاني جو آواز پيو ٻُرندو: ”دُٽي ڇَڪي لاجڪ لاجڪ، سهاڳ ڪاجل پوري ڇي. نين نين، بڪل بڪل ......“ پر ڀر ۾ بيٺل اسان جا مڪراني، ڪڇي ۽ سنڌي ڪيڏا نه لاتعلق، الڳ ٿلڳ ۽ غير جانبدار آهن. ”سچُ پچُ ته ڄٽُ ٿيڻ به،“ بقول ماڻڪ جي، ”هڪ نعمت ڀري نجات آهي. ڏاهپ جي ڏنگن کان ته ماڻهو ڇُٽل رهي ٿو.“ اسان جي سنڌي، ڪڇي ۽ مڪراني خلاصين جي صحت تي ڪهڙو اثر پوي؟ مشرقي بنگال ”ايسٽ پاڪستان“ هو ته ڇا ۽ هاڻ گذريل ٻن سالن کان اهو ”بنگلاديش“ ٿي ويو آهي ته ڇا ٿيو.
    جهاز تان ايندي وقت ٻيڙيءَ جي اچڻ ۾ اڃا پنج ڏهه منٽ پيا هوندا ته سڀ تيار ٿي گئنگ وي (جهاز جي ڏاڪڻ) وٽ آنڌ مانڌ ۾ چڪر پيا هڻندا. يونيفارم لهڻ تي سڃاڻپ نه رهندي آهي ته ڪهڙو بٽلر، ڪهڙو بورچي، ڪهڙو ڪئپٽن، ڪهڙو ڪئارٽر ماسٽر آهي، ڪو پلي بواءِ پيو لڳندو ته ڪو ڪائو بواءِ (Cow Boy)، ڪو ٽاءِ ڪوٽ ۾ ته ڪو بٽڻ واري قميص ۽ ايليفنٽ باٽمڊ پتلون ۾ سرڪس جو مسخرو پيو لڳندو.
    سيارو هوندو ته رنگ برنگي ڪئين نموني جا سوئيٽر، ڪوٽ، جرسيون، ڪارڊيگن، چيسٽر، جئڪيٽون نظر اينديون ۽ اونهاري ۾ وري ڪيترن قصيمن جون قميصون، رنگن کان علاوه هر هڪ کي پنهنجي پسند جو عطر، ڪريم، لوشن سينٽ، ويزلين، هيئر آئل ۽ ڊيوڊورنٽ لڳل هوندو ۽ جهاز جي گئنگ وي وٽ ان مهل هڪ ئي وقت ماحول شنيل، ايوان، ڀرٽ، توباڪ، ارامس، يارڊلي، مئڪس فئڪٽر، انٽيميٽ ۽ ايم ــ جي فائيو، جي مليل جُليل هُڳاءَ ۾ رنڱيل هوندو. هر هڪ کي شهر وڃڻ جي جلدي هوندي، ڪنهنجي ڊيٽ (ساهيڙِي) بليڪ پيئر تي سندس انتظار ۾ ٻه اڌ ٿي ٿئي ته ڪنهن جي پندرهن منٽ دير ڪري شايد ياشيڪا ڪئميرائن جي فئڪٽري ئي بند نه ٿي وڃي ۽ هو متان ڪئميرا خريد ڪرڻ کان محروم رهجي وڃي. ڪنهن کي مغرب جي نماز ڪولون يا هانگ ڪانگ جي مسجد ۾ باجماعت سان پڙهڻي آهي، سا ٿي قضا ٿئي، ته ڪنهن جي ايڪسريٽيد (فقط بالغن لاءِ) انگريزي فلم مس ٿي ٿئي. ان آنڌ مانڌ جو نمونو هر جهاز جي عرشي تي ڪجھه اهڙو هوندو آهي جهڙو يونيورسٽي، انجنيئرنگ ، ايل ايم سي ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي شاگردن ۾ شهر ويندڙ بس لاءِ هوندو آهي ۽ مزي جي ڳالهه ته جهڙي طرح اهي حيدرآباد ايندا آهن ته چوندا آهن، يا هڪ ٻئي کان پُڇندا آهن ته، ”شهر“ هلبو، يا هلو ته ”شهر“ مان ٿي اچون، اهڙيءَ طرح جهاز جو عملو به هڪ ٻئي کي ائين چوندو آهي. پوءِ چاهي جهاز ڪناري کان پنجن منٽن جي فاصلي تي بيٺو هُجي، يا ڪناري تي لهي پوءِ ڀلي جھنگ گھُمي اچن يا سمنڊ جي ڪناري تي وهنجي اچن، ته به چوندا ته ”شهر“ مان ٿي آياسين. اهو اصطلاح نه فقط اسان وٽ استعمال ٿئي ٿو، پر آمريڪا جي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڻ عام طرح شاگرد استعمال ڪن. پر اتي ”شهر“ بدران Down-Town چون.
    بليڪ پيئر جي مٿان کُڏ تي، کلئي آسمان هيٺان، ٿوري ٿوري فاصلي تي ٻن قطارن ۾ پٿرن جون ڊگھيون بينچون پيل آهن، جن جا منهن آمهون سامهون هجڻ بدران مختلف پاسي آهن، جيئن ان تي وهندڙ جي پٺ هڪٻئي ڏي ٿئي. هتان هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جو ڪنارو چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ رات جو پري پري ڪيترن شين جي مشهوريءَ جون ٻرندڙ نيان رنگين بتيون چٽيون نظر اچن. مرسڊيز بينز، ڪئنن، ٽويوٽا، آسائي پينٽڪس، سٽيزن، نئشنل، ڪالٽيڪس، راڊو وغيره جون بتيون سڄي رات چمڪنديون رهن ٿيون.
    بليڪ پيئر تي هيٺ گوڙ گھمسان، اچ وڃُ ۽ آند مانڌ جي زندگي هوندي آهي ته مٿي خاموشي، سانت، رومانٽڪ ماحول ۾ پيار جي دنيا پنهان هوندي آهي. هيٺيان ڏاڪڻ چڙهي مٿي اچڻ تي ڄڻ ڪراچي جي گوڙ گھمسان مان ميرپور بٺوري جي ماٺ ۾ پهچي ويائو. هانگ ڪانگ ۾ ان جهڙيون رومانٽڪ ۽ سُڪون واريون الڳ ٿلڳ جڳهيون تمام گھڻيون آهن، جتي نوجوان جوڙا پيار ونڊيندي ۽ مستقبل جا منصوبا ٺاهيندي، فرار وادي (Escapism) جي دنيا ۾ مگن نظر ايندا.
    ڏينهن جو ته اس ۽ تپش هوندي آهي ۽ هرڪو آفيسن، ڪاليجن ۽ ڌنڌي ۾ رڌل هوندو آهي. ٿوري شام ٿيندي ته ٿڌڪار ۽ جھونجھڙڪو ڇانئبو ويندو ۽ نوجوان جوڙا هٿ هٿ ۾ ڏيئي يا ٻانهن جا نانگ هڪ ٻئي جي چيلهه ۾ ورائيندي مٿي چڙهندا ۽ ٻين جوڙن کان ڇڊا ڇڊا ٿي انهن بينچن تي ويهي پنهنجي دنيا ۾ مگن ۽ مست ٿي ويندا آهن. ڀلي ٻيو ڪو جوڙو ويجهو به ويٺو هجي ۽ ڇا به پيو ڪري، ته به ڀر واري جوڙي کي ڪا پرواهه يا سروڪار نه رهندو آهي. هر هڪ جي اڳيان مانيءَ جو ڀريل دسترخوان هجي ته هو ٻئي جي کائڻ جي طريقي يا ڳڀي ۾ ڇو سڪڻي نظر وجھي.
    ڪنهن ڪنهن بينچ تي شام ٽاڻي، ڪا محترمه يا آدم جو Representative اڪيلو به ويٺل ڏسڻ ۾ ايندو، جو پيار جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ لاءِ پنهنجي ڀيچيءَ جو منتظر هوندو ۽ اخبار يا ڪنهن ڪتاب جا ورق ورائيندو رهندو. جيئن ٻيا سمجھن ته هو پڙهڻ ۾ مشغول آهي. جيئن ئي ڏاڪڻ تي ڪنهن جي پيرن جو آواز ٿيندو ته انتظار ۾ ڇڙا ويٺل سڀُ، اخبارن تان نظرون کڻي سامهون نهاريندا ته اجھو سندس سنگتي يا سهيلي ته نه اچي وئي.

    ويٺي ڏسان راهه، ته اجھي آيا سُپرين.

    پوءِ جنهن چيني ڇوڪريءَ جو بواءِ فرينڊ (محبوب) هوندو، ان جا خوشيءَ ۾ پيلا ڏند ٻاهر نڪري ايندا، چوچيون اکيون وڌيڪ چوچيون ٿي وينديون ۽ ٻير جي ککر وانگر هڪ ٻئي سان چهٽي ويندا آهن ۽ انهن لاءِ ته واقعي ڳاڙهن ٻيرن جي رُت اچي ويندي آهي. باقي ٻيا ڏاڪڻ جي طرف کان پنهنجيون نماڻيون ۽ منتظر اکيون ڦيرائي وري پنهنجي اخبار ڏي اهڙي بيزاري ۽ ٿڪاوٽ سان ڪندا، ڄڻُ هو اکين جا تارا نه پر ڪو ڳرو پلنگ يا ميز سوري رهيا هجن.
    شام ۾ اونداهي ايندي ويندي آهي. ٽيمون مڪمل ٿينديون وينديون آهن، جن جو جوڙيوال ساٿي نه ايندو آهي اهو غمگين شڪل ٺاهي اٿندو آهي. ٻُڏندڙ سج وانگر سندس منهن جي جوت جَهڪي هوندي آهي. هڪ ميل ڊوڙ ۾ هارائيندڙ رانديگر وانگر ڍرڪيل ۽ ليڙين ٽنگن سان هو ننڍا ننڍا قدم کڻي، ٻين جوڙن ڏي حسرت ڀري نگاهن سان ڏسي واپس هليو ويندو آهي.


    جان جا چور، مال جا چور ۽ ايمان جا چور!

    اسان جي جهاز کي هانگ ڪانگ جي بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائيندي هفتو کن ٿي ويو هو. اسان جي جهاز کي جيتوڻيڪ جيٽي نه ملي هئي پر بندرگاهه کان ڪو گهڻو پري به نه رکيو ويو هو. اسان جي مڪاني آفيس طرفان پئسينجر لانچ جو بندوبست ٿيل هو. جيڪا هر ڪلاڪ بعد جهاز تي آئي ٿي ۽ شهر گهمڻ وارن کي ڪناري تي يا ڪناري کان جهاز تي پهچايو ٿي. ڪولمبو، ڪوالالمپور ۽ سنگاپور مان جنهن سامان کي جهاز کي ڀري پهتا هئاسين اهو بارجز ذريعي لاٿو پئي ويو. بارج بنا اانجڻ جي هڪ وڏي مستطيل ٻيڙي ٿئي ٿي جنهن ۾ گهڻي کان گهڻو سامان اچيو وڃي. جهاز جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ بارج لڳي بيهي ٿي پوءِ هتي جا چيني مزور جهاز جي ڪرينن ذريعي جهاز مان سامان جون ڳوڻيون، کوکا ۽ ڪريٽ لاهي بارجن ۾ رکن ٿا. بارج ڀرجڻ تي ڪوٽگ يا لانچ ان کي ڇڪي ڪناري ٿي پهچائي ٿي. هي بارجون هتي جي چيني مهاڻن جون آهن جن جا ڪٽنب انهن بارجن تي ئي رهن ۽ ان تي ئي رڌين پچائين ۽ کائن پيئڻ.
    ڪم جي رفتار مان لڳو پئي ته سامان لهڻ ۽ ان بعد جپان ۽ ڪوريا لاءِ سامان چڙهڻ ۾ اڃان به گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا کن لڳندا ۽ جيترو گهڻو وقت جهاز هڪ هنڌ بيهي ٿو اوترو اسان جهازين لاءِ مزو جو جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ۽ سمنڊ جي ڏاکڙن کان اسان کي فرحت ملي ٿي. اهڙن موقعن تي وقت گذارڻ لاءِ گهمڻ ڦرڻ اسان جو خاص مشغلو هوندو آهي.
    هانگ ڪانگ دراصل ٻن حصن جو نالو آهي. هڪ هانگ ڪانگ ٻيٽ جيڪو وڪٽوريا به سڏجي ٿو ۽ ٻيو ڪولون جيڪو ڌرتيءَ جو اهو حصو آهي جيڪو چين جي سرزمين Mainland سان مليل آهي. وڪٽوريا جي سمجهو ته منهوڙو ٻيٽ آهي ته ڪولون ڪياماڙي ٿيو، ۽ اسان جو جهاز ٻين ڪيترن ڌارين ملڪن جي آيل جهازن سان گڏ سمجهو ته منهوڙي ٻيٽ کان ٻه چار ميل پري کلئي سمنڊ ۾ بيٺو آهي جتان ٻيڙي ذريعي منهوڙو يعني هانگ ڪانگ جي ٻيٽ تي اچون ٿا. هانگ ڪانگ ٻيٽ کان ڪولون وڃڻ لاءِ وڏيون وڏيون فيريون هلن ٿيون جيڪي ماڻهن سان گڏ انهن جون ڪارون، لاريون ۽ موٽر سائيڪلون به سمنڊ جو حصو اڪاري ڪولون پاسي پهچائين ٿيون.
    شروع جا ڪجهه ڏينهن اسان جهاز تان ٻيڙيءَ ذريعي هانگ ڪانگ ٻيٽ تي پهچي ان ٻيٽ (وڪٽوريا) جا ئي چڪر هڻندا رهياسين جيڪو جيتوڻيڪ گهڻو ڳتيل آهي پر ايراضيءَ ۾ سنگاپور کان به ننڍو آهي. هانگ ڪانگ ٻيٽ جون گهٽين گهمڻ بعد اسان اسٽار فيريءَ ذريعي سمنڊ ٽپي ڪولون پاسي اچڻ لڳاسين. ڪولون پاسي جتي فيري اچي لاٿو ٿي اتي ڪولون جي ريلوي اسٽيشن به آهي جيڪا سمجهو ته ڪراچي جي سٽي اسٽيشن به آهي يعني ملڪ جي شروعاتي اسٽيشن آهي جتان ريل شروع ٿئي ٿي ته ڪراچي جون ريلون اسٽيشنون صدر، ڊرگ ڪالوني، ملير، لانڍي اڪري لاهور، پنڊي، پشاور کان وڃيو ٿي نڪري. تيئن ڪولون کان ريل شروع ٿئي ٿي ته ٻه ٽي اسٽيشنون هن ڌرتيءَ جي حصي، جيڪو هانگ ڪانگ ملڪ جي حد دخلي ۾ اچي ٿو، لتاڙي چين جو بارڊر ٽپي اڳيان ڪئنٽن، شنگهائي ۽ بيجنگ تائين هلي وڃي ٿي.
    هڪ ڏينهن شام جو، پنهنجي جهاز جي دوست انجنيئر، سعيد اختر زيدي سان گڏ ڪناري تي آيس. سعيد اختر چيو ته اڄ هن ٻيٽ هانگ ڪانگ يا درياه جي هن پار ڪولون ۾ چڪر هڻڻ بدران هلو ته ريل گاڏيءَ ۾ ٻهراڙي واري علائقي ۾ هليا هلون. جتي اسان کي جهاز واري لانچ اچي ڇڏيو اها ”بليڪ پيئر“ سڏجي ٿي. جيڪا سمجهو ته هڪ مرڪزي بس اسٽاپ وانگر آهي جتي مختلف جهازن ۽ اوسي پاسي جي ٻيٽن تان مسافر کڻي ٻيڙيون ۽ لانچون اچي لاهين ٿيون ۽ وري هتان ئي انهن کي واپسي تي کڻن ٿيون. چوڌاري ڪيترائي ننڍڙا دڪان ۽ ريسٽورنٽون آهن جن جي ٻاهران لڳل لائوڊ اسپيڪرن تان هر وقت اعلان ٿيندو رهي ٿو ته، فلاڻي نمبر جي لانچ فلاڻي جهاز يا ٻيٽ کان مسافر کڻي پهچڻ واري آهي يا اوڏانهن رواني ٿيڻ واري آهي مسافر حضرات فلاڻي نمبر ڏاڪڻ تي اچي قطار ۾ بيهن جيئن ان ٻيڙي ۾ سوار ٿي سگهن.
    اسان بليڪ پيئر جيٽي تي لهي، پنهنجي ٻيڙي جي آفيس واري ڪلارڪ کان ٽائيم ٽيبل جي پڪ ڪئي، تنهن ٻڌايو ته هنن جي ٻيڙيءَ جي، اسان جي جهاز لاءِ، صبح جو نائين کان رات جو ٻارهين تائين ڪلاڪ ڪلاڪ بعد سروس آهي، ان بعد ٽن ٽن ڪلاڪن بعد. ظاهر آهي آڌي رات کان صبح جو نائين تائين ورلي ڪو ماڻهو اچي وڃي ٿو. جهاز تي نيرن اٺين بجي شروع ٿئي ٿي. ان بعد ئي هرڪو نڪرڻ شروع ڪري ٿو. اسان جنهن وقت ٻيڙيءَ مان لٿاسين ته منجهند جا اڍائي ٿي رهيا هئا ۽ اسان ارادو ڪيو ته رات جو يارهين يا ٻارهين وڳي واري ٻيڙيءَ ۾ موٽنداسين.
    هانگ ڪانگ ۾ جتان ڪولون لاءِ فيريءَ جو اڏو آهي اهو هن بليڪ پيئر جي ڀر ۾ ئي آهي. اها اسٽار جيٽي سڏجي ٿي جتان پراڻي زماني جون (گهٽ ۾ گهٽ ٻي جنگ عظيم جي ڏينهن جون) اسٽار فيري ڪمپنيءَ جون فيريون ماڻهن ۽ موٽرڪارن کي هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ ۾ ڍوئين ٿيون. گذريل دفعي هانگ ڪانگ ايندي وقت خراب سمنڊ ۽ طوفاني موسم اسان جهاز هلائيندڙن کي ايڏو ته دل شڪستو ڪيو جو مون ۽ منهنجي دوست ٿرڊ انجنيئر زيديءَ سمنڊ جي ڌڪن کائڻ کان بچڻ خاطر هن فيري ڪمپنيءَ ۾نوڪري لاءِ درخواست ڏني هئي جيڪا جيتوڻيڪ يڪدم قبول ڪئي وئي پر اسان جهٽ Realize ڪري ورتو ته ڊگهين سامونڊي مسافرين جا ڏاکڙا ضرور آهن پر ان ۾ ڀانت ڀانت جا ملڪ ۽ بندرگاهه به ته گهمڻ جو موقعو ملي ٿو. هيءَ فيريءَ جي نوڪري جنهن ۾ طوفانن، خراب سمنڊ Sea Sickness جو پهلو کڻي ناهي جو هن ۾ فيريءَ کي فقط هانگ ڪانگ کان ڪولون ۽ ڪولون کان هانگ ڪانگ روزانو پنجاهه کن دفعا سنڌودرياهه جي پيٽ جيڏي سمنڊ مان ٽپائڻو آهي.پراهو هڪ بوريت واري نوڪري ٿيندي ۽ ساڳين ٻن Points جي وچ ۾ اچ وڃ ڪري ڪري اسان جي حالت اوڄو ڪرڻ واري ان ڪوريءَ وانگر ٿي ويندي جيڪو سڄو ڏينهن اڻندو رهي ٿو ۽ تاڃيءَ جي وچان لنگهندڙ نڙانڊيءَ کي ٽينس راند جي ريفريءَ وانگر ڪڏهن ساڄي پاسي ڏسي ٿو ته ڪڏهن کاٻي پاسي. سو اسان به سڄو ڏينهن هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي جيٽي جي بلڊنگ ڏسي ڏسي چريا ٿي پونداسين.
    اسان پنهنجي بليڪ پيئر جي عمارت مان نڪري رستا ٽپندا اچي اسٽار فيري جي جيٽي تي پهتاسين. ڪولون وڃڻ لاءِ فيري تيار بيٺي هئي. رستي تان دريءَ تان ٽڪيٽون وٺي اچي فيريءَ ۾ سوار ٿياسين. ڪولون پاسي جتي ٻيڙيءَ مان لهجي ٿو اتي انگريزن جي حيدرآباد جهڙي ۽ جيڏي ”ڪولون ريلوي اسٽيشن“ آهي. ٽڪيٽ واري دريءَ تي ويٺل چيني همراهه انگريزيءَ ۾ پڇيو ته ڪيڏانهن ويندائو؟
    ”ڪيڏانهن ويندائو! ”تمام ڏکيو سوال پڇيو اٿس، مون زيديءَ کي چيو.
    ”اسان آخري ريلوي اسٽيشن تائين وڃڻ ٿا چاهيون.“ زيديءَ همت ڪري جواب ڏنس.
    ”آخري اسٽيشن ته چين ملڪ جي ڪئنٽن (Guangzhou) آهي.“ ٽڪيٽ واري اسان ٻنهي کي گهوري چيو، ”پاسپورٽ تي ويزا لڳل آهي؟“
    ”اسان وٽ پاسپورٽ ئي ڪونهي.“ مون وراڻيومانس.
    ”پوءِ هتي ڪيئن پهتا آهيو. ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪرڻ مهل ڪهڙن ڪاغذن تي entry جو ٺپو لڳو؟“ هن پڇيو.
    ”اسان جهاز هلائي آيا آهيون ۽ ملڪ ۾ داخلا جو ٺپو جهاز جي ڪاغذن تي لڳو آهي.“ زيديءَ ٻڌايس.
    ”چڱو ڀلا اسان کي توهان جي هن ملڪ جي آخري ريلوي اسٽيشن جي ٽڪيٽ ڏي. اسان بارڊر وٽان موٽي اينداسين،“ مون ٽڪيٽ وڪڻڻ واري ڪلارڪ کي چيو ۽ زيديءَ کي اڙدوءَ ۾ چيم ”ڇڏينس کڻي. گهڻو بحث نه ڪرينس متان ”پاڪ چين دوستي“ جي جذبي هيٺ پاڻکي ڪئنٽن وڃڻ جي موڪل نه ڏئي ڇڏي. ايترا پئسا گيدي ۾ آهن ڪٿي؟“
    ”واه جي ڳالهه ڪئي منهنجا سائين.“ زيديءَ ٽهڪ ڏيندي سنڌيءَ ۾ وراڻيو. اسانجي جهازي انجنيئر دوست سيد سعيد اختر زيدي جو ننڍپڻ شڪارپور ۾ گذريو جتي هن پنهنجي پڦاٽ روشن ضمير سان گڏ پرائمري تعليم سنڌيءَ ۾ حاصل ڪئي.
    هانگ ڪانگ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ان هنڌ تي آهي جتي پرل ندي اچي ٿي ڇوڙ ڪري. هانگ ڪانگ ملڪ ۾ هانگ ڪانگ جي وڏي ٻيٽ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ (جن جو تعداد 260 چيو وڃي ٿو) اچي وڃن ٿا. ان کان علاوه چين جي سرزمين (mainland) جو ٽڪرو جيڪو ڪولون کان وٺي چين جي شين زين (Shenzhen) تائين آهي، اهو پڻ هانگ ڪانگ جي ملڪ ۾ اچي وڃي ٿو.
    اسان جي ٽرين جنگشاهي، ڪوٽڙي، ٽنڊو آدم ۽ شهدادپور جهڙين ٻن ٽن ريلوي اسٽيشنن بعد آخر بارڊر وٽ پڊعيڊن جهڙي ريلوي اسٽيشن تي اچي پهتي جتان چين جو بارڊر شروع ٿي ٿيو ۽ سڀني کي ٽرين مان لهڻو پيو. هيٺ پليٽ فارم تي ڪاٺ جي ٽيبلن تي ڪجهه فائيل ۽ ٺپا رکي انگريز حڪومت هانگ ڪانگ جا ۽ چين جي حڪومت جا ڪسٽم ۽ اميگريشن وارا پاسپورٽ ڏسڻ لاءِ ويٺا هئا. جن کي چين وڃڻو هو اهي پنهنجا پاسپورٽ ۽ سامان جي چڪاس لاءِ اوڏانهن ويا، باقي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. چوڌاري نج ٻهراڙي ۽ ٻنيون ٻارا هئا. زيديءَ کي چيم ته هو جادو جو جيڪو مٽڪو ٿيندو آهي، جنهن ۾ چور نظر ايندو آهي، ان ۾ جي ڪا حقيقت آهي ۽ اسانجو ڪو مائٽ يا دوست پاڪستان مان هن وقت اسان کي ڏسي ته هو ضرور چوندو ته ڪيڏا ته ڪوڙا آهن، هتان چئي ويا آهن ته هانگ ڪانگ ٿا وڃون پر هي ويٺا ته شاهه پنجو سلطان ڳوٺ ۾ آهن.
    ”مون کي پاڻ تعجب ٿو لڳي،“ سعيد اختر زيديءَ چيو، ”ڇا هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي رونق، رستا، عمارتون، ماڻهو، ڇورين جا ميڙ ۽ ماڊرن پوشاڪون ۽ ڇا هي ماٺ مٺوڙو ۽ ٻهراڙي وارو منظر! فرق ڇا؟ فقط هڪ ڪلاڪ جو – سو به ريل هر اسٽيشن تي ڪافي دير بيهندي آئي نه ته ڪار ذريعي ته اڌ ڪلاڪ به نه لڳي.“
    اسان اسٽيشن کان نڪري ٻاهر جا چڪر هنيا ۽ تمام هوملي محسوس ڪيو ڄڻ پنهنجي وطن جي ٻهراڙيءَ ۾ پهچي ويا هجون. اسان کي اتي جو هڪ پرائمري اسڪول جو ماستر ملي ويو، جيڪو ٻڌائيندو رهيو ته هانگ ڪانگ جي ترقيءَ مان فائدو وٺڻ لاءِ چين پنهنجي هن ”شين زين“ علائقي کي ترقي ڏياري رهيو آهي، جيئن هتان چين جي ڪارخانن جو سامان ۽ ڀاڄيون ميوا هانگ ڪانگ ذريعي دنيا جي ملڪن ۾ وڪري لاءِ وڃن. هن ٻڌايو ته هو پنهنجن انهن سوٽن ماساتن کان وڌيڪ خوش نصيب آهي، جيڪي بارڊر جي هن پار چين جي فوتيان علائقي ۾ رهن ٿا، جتي مائوزي تنگ جي حڪومت آهي ۽ هرڪو سخت پورهئي ۽ غربت ۾ رهي ٿو.
    ”پر توهان به ڪيستائين انگريزن جي حڪومت ۾ رهي سگهندائو؟“ زيديءَ هن کان پڇيو، ”آخر ته چين، مدو پورو ٿيڻ تي، هانگ ڪانگ انگريزن کان واپس وٺندو.“
    ”ٿي نٿو سگهي،“ ماستر صاحب ٻڌايو، ”هانگ ڪانگ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ڪري چين به ناڻو ڪمائي رهيو آهي.“ ڪجهه دير هيڏانهن هوڏانهن واڪ ڪرڻ بعد هڪ ننڍڙي ريسٽورنٽ ۾ چانهه پي اسان لائيٽ بس ذريعي ڪولون آياسين. لائيٽ بسون ننڍڙيون بسون ٿين جيڪي هانگ ڪانگ ۽ ڪولون ۾ عام هلن ٿيون. منجهن ڏهه کن ماڻهو ويهي سگهن. سندن ٽڪيٽ وڏي بس کان ڪجهه وڌيڪ ٿئي پر آرامده ۽ تيز رفتار ٿين ٿيون. اسان کي اڌ ڪلاڪ اندر ٻهراڙيءَ مان ڪڍي، ڪولون جي ڳتيل شهر مان گهمائي ناٿن روڊ تي چنڪنگ مئنشن اڳيان اچي لاٿائين.
    چنڪنگ مئنشن (Chungking Mansions) هتي جي بيحد مشهور عمارت آهي. هيءَ عمارت سترهن ماڙ اتاهين آهي ۽ پنجن بلاڪن (اي، بي، سي، ڊي ۽ اِي) ۾ ورهايل آهي. هي عمارت جيتوڻيڪ رهائش جي لاءِ آهي. پر ڪيترن ماڻهن پنهنجن فلئٽن ۽ ڪمرن کي ائين دڪان ۽ ريسٽورنٽون ٺاهي ڇڏيو آهي، جيئن ڪراچيءَ جي ميٽرو پول هوٽل جا ڪيترائي ڪمرا اڄ ڪلهه رهائش بدران آفيس، دڪان يا شوروم طور استعمال ٿين ٿي. هانگ ڪانگ ۽ ڪولون ۾ هونءَ جيتوڻيڪ رهائش تمام مهانگي آهي، پر هتي سستي آهي. ڪيترا تامل هندستانين ۽ سنڌي هندن پنهنجن فلئٽن کي ميسون بنايون آهن، جن ۾ انڊين کاڌو ٺاهيو وڃي ٿو ۽ اوسي پاسي جي دڪانن جا مالڪ يا اسان جهڙا جهازي ۽ ٽوئرسٽ ماني اچيو کائين. ڪيترن چينين، انڊين ۽ اسانجي پاڪستانين هي فلئٽ مسواڙ تي وٺي پوءِ پٽ تي بسترا وڇائي ڇڏيا آهن جتي هانگ ڪانگ ۾ آيل مسافر وڏي هوٽل ۾ رهڻ بدران رات جا چار پهر هتي ڪجهه ڊالر ڏئي گذارين. ڪيترن ته انهن فلئٽن کي دڪان ڪري ڇڏيو آهي، جتي ڪنهن هڪ قسم جي ورائٽي جو سامان، مثال طور ميڪ اپ جو يا اليڪٽرانڪ جو، يا پرسن ۽ واچن جو کولي ڇڏيو آهي، جتي هو ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ ۽ کهوڙي گارڊن وانگر هول سيل ۾ سامان وڪڻن. مختلف ايئرلائينز جون ايئر هوسٽسون، جهازن جا sailors ۽ ٻيا خريدار هنن جا مقرر آهن، جيڪي انهن دڪانن تي پهچيو وڃن. مثال طور هن بلڊنگ جي پنجين فلور تي هڪ سنڌي هندوءَ جو ميڪ اپ جو دڪان آهي، ان تي ايئر انڊيا ۽ اسان جي PIA جون ايئر هوسٽسون ۽ دبئي پاسي جا کيپيا پهچي ويندا آهن ۽ نيل پالشن، روجن ۽ لپ اسٽڪن سان ٿيلها ڀري پنهنجي ملڪ کڻي وڃن ٿا جتي هو طارق روڊ جهڙن دڪانن تي مال سپلاءِ ڪري ٻي مال جو آرڊر وٺي اچن ٿا.
    چنڪنگ مئنشن ۾ سکن ۽ پٺاڻن جا به ڪيترائي دڪان آهن خاص ڪري ڪپڙي، ساڙهين، سون، غيرملڪي ناڻي جي مٽا سٽا جا. اهڙي طرح عربن، آفريڪن، بنگالين جا دڪان، ميسون ۽ ريسٽورنٽون آهن. هن عمارت جي هر ماڙ تي هڪ عجيب ماحول ۽ فضا رهي ٿي. دنيا جي ڀانت ڀانت ملڪن جا عجيب وغريب پوشاڪ ۾ مسافر نظر ايندا. مختلف هوٽلون انهن ۾ تيار ٿيل مختلف کاڌا نظر ايندا ۽ انهن جي خوشبوءِ به عجيب هوندي. هن بلڊنگ ۾ هر وقت هڪ ميلو ۽ رونق متل هوندي آهي. اهو ٿي نٿو سگهي ته توهان ڪولون اچو ته ان جي اهم روڊ – ناٿن روڊ تي نه اچو. ۽ ناٿن روڊ تي پهچي اهو ٿي نٿو سگهي ته توهان هن چنڪنگ مئنشن ۾ نه اچو. اسان کي به هتي جا اڳ جا آيل، پهرين چنڪنگ مئنشن وٺي آيا. اسان هر وقت اهوئي سوچيندا آهيون ته پنهنجي خرچ تي باءِ ايئر جيڪڏهن هانگ ڪانگ گهمڻ آياسين ته هتي چنڪنگ مئنشن ۾ اچي رهنداسين ۽ ماني ٽڪي به هتي کائينداسين جتي بلڊنگ کان ٻاهر نڪر ته چوڌاري وڏا شاپنگ سينٽر ۽ مارڪيٽون آهن ۽ ڪنهن بس يا ٽئڪسي جي به ضرورت ناهي.
    چنڪنگ مئنشن ۾ جيئن ئي اندر ٿو گهڙجي ته اي، بي، ۽ سي بلاڪ کاٻي پاسي آهن ۽ ڊي ۽ اِي ساڄي پاسي آهن. هر بلاڪ لاءِ ٻه لفٽون آهن، جن مان هڪڙي اڪي انگن وارن فلورن لاءِ مسافر کڻي ٿي ۽ ٻي ٻڌي انگن وارين ماڙين لاءِ، جهڙوڪ ٻيو، چوٿون، ڇهون، اٺون.... فلور. ان کان علاوه ڏاڪڻيون به آهن. چون ٿا ته چنڪنگ مئنشن جي پنجن بلاڪن ۾ اٽڪل ٻه هزار ڪمرا آهن ۽ هانگ ڪانگ ۾ سڀ کان گهڻا گيسٽ هائوس هن بلڊنگ ۾ آهن ۽ جيئن ته هتي رهائش سستي آهي ان ڪري گهٽ خرچ تي گهمڻ وارا اسان جا ايشيائي توڙي يورپي هن بلڊنگ ۾ ڦرندا رهن ٿا ۽ مختلف گيسٽ هائوس جي نالي مان ئي خبر پئجي سگهي ٿي، ان جو ڪهڙي ملڪ، قوم يا مذهب سان واسطو آهي. چنڪنگ مئنشن ۾ ٺهيل گيسٽ هائوسن ۽ هاسٽلن جا نالا ڪجهه هن ريت آهن:
    • نيو ايشيا گيسٽ هائوس
    • هماليا گيسٽ هائوس
    • ٽوڪيو گيسٽ هائوس
    • نيو دهلي گيسٽ هائوس
    • تاج محل ڪلب
    • اشوڪ نيپالي ڪلب
    • نيويارڪ گيسٽ هائوس
    • وڪاس پاڪستاني ميس
    • پاڪستاني انڊين حلال فوڊ
    • ڪولمبيا گيسٽ هائوس، وغيره وغيره
    اسان بي بلاڪ جي چوٿين فلور تي هڪ حلال کاڌي جي ريسٽورنٽ تي مڪس ڀاڄي، فراءِ گانگٽ ۽ چانور وٺي کاڌاسين. مانيءَ سان گڏ ٿورو پتائي گجرن جو آچار ۽ ٻه پاپڙ پڻ مليا.
    ماني کائي اسان هيٺ ناٿن روڊ تي واڪ ڪرڻ شروع ڪيو. ناٿن روڊ (Nathan Road) ڪولون جو اهم روڊ آهي، جيڪو ڏکڻ کان اتر وهي ٿو. هي روڊ دڪانن، ريسٽورنٽن، ڪلبن، پي آءِ اي ۽ ٻين ايئر لائين جي آفيسن ۽ ٽورسٽن سان ائين ڀريل آهي جيئن ڪراچي جي صدر علائقي جي زيب النساء اسٽريٽ ۽ ايلفي آهي. ۽ هن روڊ کي ڪنهن زماني ۾ Golden Mile به سڏيو ويو ٿي، پر هاڻ اهو نالو مشهور ناهي. ناٿن روڊ Salisbury روڊ کان شروع ٿي بائونڊري اسٽريٽ تائين دنگ ٿئي ٿو. هن روڊ (ناٿن روڊ) جو پهريون حصو 1861 ۾ ٺهي راس ٿيو هو. هتي جي هڪ پوڙهي چيني رٽائرڊ پوليس آفيسر ٻڌايو ته ڪولون جو هي پهريون رستو آهي، جيڪو Qing گهراڻي جي حڪومت طرفان هانگ ڪانگ برطانيا وارن کي 1860 ۾ ملڻ بعد ٺهرايو ويو هو.
    هڪ هنڌ پڙهيو هوم ته ناٿن روڊ جو پهرين رابن سن روڊ نالو هو جيڪو هانگ ڪانگ جي پنجين گورنر سر هرڪيوليس رابن سن نالي رکيو ويو هو. پر جيئن ته ان نالي (رابنسن روڊ) وارو روڊ هانگ ڪانگ ٻيٽ تي به آهي ۽ مونجهارو پئدا ٿي ٿيو، ان ڪري ڪولون واري هن رابن سن روڊ جو نالو هانگ ڪانگ جي تيرهين گورنر سر مئٿيو ناٿن نالي رکيو ويو، جيڪو 1904 کان 1907 تائين گورنر ٿي رهيو.
    ڪولون جي هن مشهور ناٿن روڊ جو هڪ حصو Gascoigne روڊ کان Argyle اسٽريٽ تائين جو پهرين ڪورونيشن روڊ نالو رکيو ويو، جيڪو انگلينڊ جي شهنشاهه جارج پنجين جي 1911 ۾ Coronation (تاج پوشيءَ) جي موقعي تي رکيو ويو هو پر پوءِ 1926 کان روڊ جو اهو حصو به ناٿن روڊ سڏجڻ لڳو. هانگ ڪانگ ۽ ڪولون پاسي رستن ۽ گهٽين جا نالا انگريز حاڪمن ۽ سرڪاري ڪامورن جا آهن جيئن ته پرنس ايڊورڊ روڊ، شهزادي مارگريٽ روڊ، ڪناٽ روڊ، ڪاڪرين روڊ، هينيسي روڊ وغيره. اهڙن نالن وارا روڊ سنگاپور، انڊيا ۽ اسان وٽ به آهن جو ڪيترائي انگريز آفيسر انڊيا کان سنگاپور، يا ڪوالالمپور کان هانگ ڪانگ بدلي ٿيندا رهيا ٿي جيئن اسان جا ڊپٽي ڪمشنر يا پوليس سپرنٽنڊنٽ سانگهڙ کان سکر، يا خيرپور ميرس کان نواب شاهه بدلي ٿيندا رهن ٿا. سنگاپور ۾ ڪيترائي اهڙا روڊ آهن جن جي نالن جو واسطو اسان جي ننڍي کنڊ، عربستان ۽ ايران وغيره جي شهرن ۽ ماڻهن سان پڻ آهي جو سنگاپور ۾ اسان جي پاسي جي ماڻهن جو وڏو تعداد رهيو ٿي ۽ اڄ به رهي ٿو پر هانگ ڪانگ پاسي اسانجي پاسي جا ماڻهو تمام گهٽ رهيا ٿي ۽ جيڪي آيا- پٺاڻ ۽ پنجابي سي انگريز فوج ۾ هانگ ڪانگ ۾ آيا ۽ سنڌي هندو ۽ گجراتي واپار وڙي خاطر به انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ۾ آيا. سو سڄي هانگ ڪانگ ۾ ڪو اهڙو روڊ يا گهٽي نظر نٿي اچي جنهن جو نالو ڪنهن انگريز يا چينيءَ کان علاوه ڪنهن ٻئي جو هجي خاص ڪري ننڍي کنڊ جي ماڻهو جو. البت هڪ روڊ ضرور آهي جيڪو مودي روڊ (Mody Road) آهي. مودي روڊ ناٿن روڊ کان شروع ٿي ”سائنس ميوزيم روڊ“ تي اچي ختم ٿئي ٿو. هتي جي هڪ انڊين پروفيسر ٻڌايو ته اهو روڊ هڪ پارسي امير ماڻهو ”هورمز جي نائورو جي مودي“ نالي آهي جنهن ڪولون جي ”شم شاٽسئي“ علائقي جي سڌاري لاءِ ڪافي پئسو خرچ ڪيو. مودي روڊ تي ڪيتريون ئي مشهور هوٽلون آهن جهڙوڪ ڪولون شانگريلا هوٽل، انٽر ڪانٽيننٽل، گرانڊ اسٽانفورڊ هوٽل، رايل گارڊن هوٽل، وغيره... هن ئي روڊ جي ڀر پاسن وارن رستن ۽ گهٽين ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي دنيا جون مشهور ۽ فائيو اسٽار هوٽلون آهن جيڪي ايندي ويندي نظر اچن ٿيون، جهڙوڪ: هاليڊي اِن، امپيريل، انٽرڪانٽيننٽل هانگ ڪانگ، مارڪو پولو، ميرامار، پيننشولا، رامادا، رينائينسز رايل پئسفڪ، شيرٽن وغيره.
    مٿي ذڪر ڪيل پيننشولا هوٽل هتي جي چڱي پراڻي هوٽل آهي، جيڪا 1926 ۾ ٺهي. هيءَ اها تاريخي هوٽل آهي جنهن جي ڪمري نمبر 336 ۾ لالٽين جي روشنيءَ ۾ انگريزن 25 ڊسمبر 1941 تي جپانين جي سوڀ تي هانگ ڪانگ هنن کي لکي ڏنو هو. هانگ ڪانگ تي جپانين جو قبضو ڊسمبر 1941 کان وٺي آگسٽ 1945 تائين رهيو. ان دوران هيءَ هوٽل جپانين جي سرڪاري آفيسن طور ڪم آئي ۽ اهو عرصو ان هوٽل جو نالو جپانين طرفان توئا (TOA) هوٽل يعني ”اوڀر ايشيا هوٽل“ رهيو.
    منهنجو جهاز جو انجنيئر دوست، سعيد اختر زيدي ۽ آئون وقت گذارڻ لاءِ ڪولون جي ناٿن روڊ تي واڪ ڪرڻ لڳاسين. اسان جو جهاز کلئي سمنڊ ۾ لنگر انداز هو جنهن تي پهچڻ لاءِ اسان کي هتان ڪولون مان اسٽار فيري ذريعي هانگ ڪانگ ٻيٽ پهچڻو هو جتان ڀري واري عمارت ”بليڪ پيئر“ تان لانچ ذريعي جهاز تي پهچڻو هو. بليڪ پيئر تان هر ڪلاڪ کان پوءِ هڪ لانچ اسان جي جهاز تي وڃي رهي هئي. آخري لانچ ٻارهين بجي (آڌي رات) جو وڃڻي هئي ان بعد صبح جو نائين تائين ٽن ٽن ڪلاڪن جي gap بعد وڃڻي هئي. سعيد اختر زيديءَ چيو ته ڏينهن رات جهاز جي شڪل ڏسي ڏسي دل ڪچي ٿي پئي آهي. ان ڪري جهاز تي جلدي هلڻ بدران ٻارهين بجي واري آخري بوٽ ۾ هلنداسين. هتان ڪولون کان اهڙي وقت تي نڪرنداسين جيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ جي بليڪ پيئر جيٽيءَ تي آخري بوٽ وڃڻ کان ڏهه پنڌرهن منٽ پهرين پهچي سگهون.
    ناٿن روڊ تي ٿورو اڳيان وڌياسين ته هڪ آئيس ڪريم واري دڪان اڳيان اسان جي جهاز جا ٻه پٺاڻ خلاصي نظر آيا. اسان کي سلام ڪيائون. تڪلف طور اسان کانئن پڇيو ته ڪيڏانهن پيا وڃو ”سائين هاڻ جهاز تي پيا وڃون. يارهين واري بوٽ جهلڻي اٿئون. بس هتان رڳو مسجد جي امام سان ملندا ٿا وڃون، هو اسان جي ڳوٺ جو آهي.“ هنن ٻڌايو ۽ پوءِ اسان کان پڇيو ”توهان به هلندائو؟“
    زيديءَ چيو ته هلو ته هلون. ٿي سگهي ٿو پاڪستان جو ڪو ٻيو جهاز به هانگ ڪانگ آيو هجي، جنهن جي خبر پڻ مسجد مان اتي جي آيل خلاصيءَ کان پئجي ويندي.
    ان بعد اسان انهن پٺاڻ خلاصين سان گڏ مسجد ۾ آياسين جتي سندن ڳوٺ چارسده جو هڪ مولوي، گذريل ٻن سالن کان پيش امام آهي. هنن ٻڌايو ته امام صاحب جي فئملي ڳوٺ ۾ رهي ٿي، جنهن لاءِ هو هنن هٿان گهر جو خرچ ۽ ٻيو سامان موڪليندو رهي ٿو. هنن ٻڌايو ته هن مسجد لاءِ هميشه پاڪستان کان – خاص ڪري صوبي سرحد يا پنجاب کان امام گهرايو وڃي ٿو.
    عشا نماز پڙهي، ڪلاڪ ڏيڍ ٿي ويو هو پر جمعي جي رات هجڻ ڪري ڪجهه هانگ ڪانگ جا مڪاني مسلمان ۽ ڪجهه پاڪستان کان آيل تبليغي جماعت جا ماڻهو موجود هئا. هتي جي مسلمانن، جن ۾ ڪجهه هتي جا رهاڪو پٺاڻ هئا ۽ ڪجهه چيني (Hui) هئا جن جو تعلق وچ ۽ اولهه چين جي علائقن سان آهي، جن جا وڏا گهڻو گهڻو اڳ مسلمان ٿيا جڏهن چين تي ٽئنگ (Tang) گهراڻي جي حڪومت هئي ۽ عرب مسلمان واپاري سلڪ روڊ ذريعي چين ۾ ايندا ويندا رهيا ٿي.
    مسجد م ويٺل هڪ هتي جي پنجابي دڪاندار ٻڌايو ته هن جو والد جيڪو انگريز حڪومت ۾ سپاهي هو، ٻي وڏي لڙائيءَ کان به اڳ هتي آيو. انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ جي انگريز فوج ۾ ننڍي کنڊ جا سپاهي هئا جن ۾ گهڻائي مسلمانن جي هئي. انهن جي خدمتن ڪري انگريز سرڪار هنن لاءِ هتي ڪولون ۾ ناٿن روڊ ۽ هائفانگ روڊ جي ڪنڊ تي جتي ڪولون پارڪ ختم ٿو ٿئي 1895 ۾ هيءَ مسجد ٺهرائي ڏني. انهن ڏينهن ۾ هي اڄ واري ڪولون پارڪ هانگ ڪانگ جو ملٽري بيس هو ۽ هيءَ ڪئنٽونمينٽ ايريا هئي جتي فقط انگريز حڪومت جي فوج جا سپاهي رهيا ٿي. ۽ هنن کي White Field بئرڪ به سڏيو ويو ٿي. بهرحال ڪولون پاسي جي هيءَ پهرين مسجد آهي. ائين ته هانگ ڪانگ ٻيٽ تي شيلي اسٽريٽ واري مسجد ته اڃان به گهڻي پراڻي آهي ۽ 1850 واري ڏهي ۾ ٺهي هئي جڏهن اسلام سان هتي جا ماڻهو متعارف ٿيا هئا.
    مسجد مان نڪرڻ بعد واپسي تي اسان هتي جي شنگهائي اسٽريٽ ۾ آياسين جتي نائيٽ بازار لڳي ٿي. هن پاسي جون رات جو بازاريون، جن کي ملائيشيا ۾ پاسار مالم به سڏجي ٿو، تمام مشهور آهن. ملائيشيا، ٿائلينڊ، سنگاپور ۽ هيڏانهن هانگ ڪانگ پاسي شام کان ئي ڪجهه رستن تي ٽرئفڪ بند ڪري اسٽال لڳايا وڃن ٿا جتي هر قسم جي کاڌي پيتي جي شين کان وٺي ڪپڙي گندي، اليڪٽرڪ جو ۽ ٻيو سامان سستي اگهه تي وڪرو ڪيو وڃي ٿو.
    ڪولون جي هيءَ مشهور شنگهائي اسٽريٽ مسجد ۽ ڪولون پارڪ واري ناٿن روڊ جي parallel آهي. اها ڏکڻ ۾ آسٽن روڊ کان شروع ٿي اتر ۾ لائي چي ڪاڪ (Lai Chi Kok) روڊ تي وڃيو دنگ ڪري. شنگهائي اسٽريٽ جي هڪ پاسي ته ناٿن روڊ آهي ۽ ٻئي پاسي ٽيمپل اسٽريٽ ۽ Reclamation گهٽي parallel وهن ٿيون. چين جي شهر شنگهائي وانگر ٻين به شهرن جي نالي سان هتي ڪولون ۽ هانگ ڪانگ ۾ گهٽيون ۽ رستا آهن، جهڙوڪ: ڪئنٽن روڊ، پيڪنگ روڊ (جيڪو ڪئنٽن روڊ ۽ ناٿن روڊ جي وچ ۾ وهي ٿو)، وغيره.
    شنگهائي اسٽريٽ ۾ ناريل جو رس پيتوسين. مون ڪجهه key chains ۽ ڪوريا جي سيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ ڪنٽوپ ٽائيپ گرم ٽوپي ورتي جنهن جي اندران fur هئي ۽ پاسي کان هيٺ ڇڪڻ سان ڪن به ڍڪجي ويا ٿي.
    منهنجي جهازي ساٿي دوست چيو ”هاڻ گهڻو ئي ٿيو جلدي موٽڻ جي ڪجي جيئن رات جو ٻارهين بجي واري آخري بوٽ هانگ ڪانگ جي بليڪ پيئر تان پڪڙي سگهجي. اسان تکا تکا اسٽار فيري جيٽي تي پهتاسين. اسان جي سامهون هڪ فيري نڪري چڪي هئي ۽ هاڻ ان جي جاءِ تي آيل فيري ڀرجي رهي هئي. جلدي جلدي ٽڪيٽ وٺي اسين ته چڙهي پياسين پر جيسين هڪ هڪ ٿي ٻيا به چڙهن. رات جو وقت هو سو رش گهٽ هئي. ڏينهن جو ته هڪ ٻئي پويان ائين ڀربيون آهن جو منٽن جا فيصلا هوندا آهن. پر هاڻ چوڌاري هر قسم جي ٽرئفڪ slow ۾ هئي. فيريءَ وارا به نقصان کان بچڻ لاءِ تيسين نه هلائيندا جيسين سڄي نه ڀرجي.
    اسان هن فيري جي هيٺين ڊيڪ تي هڪ اهڙي بينچ تي اچي ويٺاسين جتان سامهون دريءَ مان انجن روم جو ڪجهه حصو نظر اچي رهيو ۽ اسان ان ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئرز، تيل وارن، آڳ وارن ۽ ٻين خلاصين جي چرپر ڏسندا رهياسين. هانگ ڪانگ جي هي اسٽار فيري ڪمپني جنهن کي اڄ ڪلهه ڏهاڪو کن فيريون آهن، هڪ تمام پراڻي ڪمپني آهي، جنهن جون فيريون هتي جي عوام کي هڪ هنڌ کان ٻئي تائين، خاص ڪري هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ وارو سمنڊ ڪراس ڪرائين ٿيون. مزي جي ڳالهه اها ته هيءَ ڪمپني انڊيا جي هڪ پارسي دوراب جي نوروجيءَ سن 1888 ۾ ”ڪولون فيري ڪمپني“ جي نالي سان شروع ڪئي. ڏهه کن سالن بعد دوراب جيءَ پنهنجي هن ڪمپنيءَ جو نالو بدلائي ”اسٽار فيري“ رکيو. چون ٿا ته هو انگريز شاعر الفرڊ لارڊ ٽينيسن جي هڪ مشهور شعر Crossing the Bar مان متاثر ٿي پنهنجي ڪمپني جو نالو Star Ferry رکيو. هن شعر جي شروعاتي سٽ هن ريت آهي.
    Sunset & Evening star, and one clear call for me!
    سٺ واري ڏهي ۾، ڪاليج وارن ڏينهن ۾ The World of Suzie Wong نالي رچرڊ مئسن جو ناول وڏي شوق سان پڙهندا هئاسين. ان تي فلم به ٺهي هئي، جنهن ۾ هالي ووڊ جي مشهور ائڪٽريس نئنسي ڪوان (Nancy Kwan) رنڊي سوزي وانگ جو پارٽ ادا ڪيو آهي. هن فلم جي شروعات ۾ فلم جو هيرو رابرٽ لومئڪس (اداڪار وليم هولڊن) آمريڪي مسافر جهاز مان ڪولون ۾ لهي ٿو ۽ پوءِ اسٽار فيريءَ ذريعي هانگ ڪانگ ٻيٽ ڏي روانو ٿئي ٿو.
    هانگ ڪانگ جي هن اسٽار فيري ڪمپنيءَ وٽ ڏهاڪوکن فيريون آهن، جنهن مان هر هڪ جو نالو Star سان آهي جيئن ته مارننگ اسٽار، ڊي اسٽار، نائيٽ اسٽار، ٽونڪلنگ اسٽار، Celestial اسٽار، سلور اسٽار، ناردرن اسٽار، ميريڊين اسٽار، سولر اسٽار، شائيننگ اسٽار... وغيره. هي سڀ فيريون هتي جي شپ يارڊ ”هانگ ڪانگ ائنڊ وهئمپوئا شپ يارد“ ۾ ٺهيل آهن جتي اسين پڻ پنهنجي ڪمپنيءَ جي جهازن جي ڊراءِ ڊاڪنگ ۽ رپيئر ڪرائيندا آهيون. هي فيريون مختلف capacities جون آهن جن ۾ ڇهه سئو کان اٺ سئو کن ماڻهو ويهي سگهن ٿا.
    مٿي ذڪر ڪيل، هانگ ڪانگ جي هن فيري ڪمپني جي شروعاتي مالڪ دوراب جي بابت هتي ٻه چار اکر ٻيا به لکڻ بي محل نه ٿيندو ته سندس پورو نالو ”دوراب جي نائوروجي مٺائيوالا“ هو. هن لاءِ مشهور آهي ته هن بزنيس جي شروعات بمبئي کان چين آفيم وڪڻڻ سان ڪئي. پوءِ انڊيا کان هانگ ڪانگ بورچيءَ جي حيثيت ۾ آيو ۽ پوءِ هتي اچي جائزو لڳائين ته ڪولون کان هانگ ڪانگ ٻيٽ تي ماڻهو ۽ کاڌي پيتي جون شيون موڪلڻ لاءِ ڪنهن آبي ٽرانسپورٽ جي سخت ضرورت آهي. پوءِ هن پهرين هڪ پراڻي لانچ قرض تي وٺي هلائي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي امير ٿي ويو ۽ هڪ مان ٻه ۽ ٻن مان ٽي، ويو ٻيڙيون وڌائيندو.
    دوراب جي مٺائي واري (هيءَ سندس ذات آهي ۽ انڊيا جي گجرات رياست جي هندو، مسلمان، پارسي توڙي عيسائين جون ان قسم جون ذاتيون ٿين: بوتل والا، ڪشتي والا، ڪاغذ والا، سوپاري والا، بندوق والا... وغيره) هنن فيرين مان ايڏو ته ڪمايو جو پوءِ هن هانگ ڪانگ ۾ هوٽلون کولڻ شروع ڪيون جنهن مان پهرين هوٽل ”ڪنگ ايڊورڊ هوٽل“ هئي. ان بعد هن پاٽنجر روڊ تي ٻي هوٽل ٺهرائي ۽ ٻه هوٽلون ڪولون پاسي ٺهرايون.
    مس مس اسان جي فيري مسافرن سان ڀري – بهرحال فل ته نه ٿي. پر اڌ کن ڀري، يعني ٽي سئو کن مسافر ٿيا ته فيريءَ وارن وڌيڪ انتظار ڪرڻ ڇڏي لنگر کنيو. فيريءَ جي دير ڪري اسان کي اڌ خوف ته ان وقت ئي ٿيو ته دير ڪري وڏي غلطي ڪئي اٿئون. اسان کي اڳواٽ موٽڻ کتو ٿي. بهرحال ٻي پار (هانگ ڪانگ ٻيٽ واري پاسي) پهچي، ڊوڙندا بليڪ پيئر تي پهتاسين ته اسان جا اڌ گابرا خوف ۽ انديشا سچ ثابت ٿيا جڏهن خبر پيئي ته رات جو ٻارهين وڳي واريم جهاز تي ويندڙ بوٽ کي ڇٽي ڪي پنج منٽ مس ٿيا.
    ”او اها سامهون، ٽگ ۽ بارج جي کاٻي پاسي جيڪا لانچ وڃي پئي اها ٻيڙي توهان جي جهاز جي مسافرن لاءِ پڪاريندي رهي.“ هڪ انڊين خلاصيءَ ٻڌايو جنهن جي جهاز واري بوٽ ساڍي ٻارهين اچڻي هئي. اسان ٻئي جهازي دوست – يعني ٿرڊ انجنيئر سعيد اختر زيدي ۽ آئون ڪا دير ٿڌا شوڪارا ڀريندا رهياسين. هاڻ ڇا ٿو ڪري سگهجي. مٿو ڀت سان هڻڻ مان به ڪجهه نه ورندو.
    ”اجايو هيڏانهن هوڏانهن ڪولون جي گهٽين ۾ رلندا رهياسين،“ زيديءَ هاڻ عقل جي ڳالهه ڪئي، ”ڪلاڪ کن اڳ ۾ ئي موٽي اچون ها.“
    ”نڀاڳي فيريءَ به هلڻ ۾ دير ڪئي،“ مون رنن وارا ڏوراپا ڏيڻ شروع ڪيا، ”وقت تي هلي ها ته بوٽ miss نه ٿئي ها، بلڪ ڏهه منٽ اڳ پهچي وڃون ها.“
    هاڻ اسان جي جهاز تي ٻي بوٽ ٽن ڪلاڪن بعد وڃڻي هئي. ”سر ئي هليو ويو.“ زيديءَ چيو.
    ”۽ صبح ساڻ جهاز جي شفٽنگ به آهي،“ مون زيديءَ کي ياد ڏياريو، ”پوري اٺين بجي پائلٽ جهاز تي پهچي ويندو ته ٻئي buoy تي هلڻ لاءِ لنگر کڻو.“
    ”معنيٰ پاڻ گهٽ ۾ گهٽ ڇهين بجي اٿي بئالر اسٽارٽ ڪريون، انجن جي وارمنگ اپ ڪيون، آئل ۽ ڪولنگ پمپ هلايون....“ زيديءَ ياد ڏياريو.
    بهرحال اهي سڀ ڳڻتيون ڳڻي ڏاڍو بور ٿياسين. سڄو ڏينهن رلڻ ڪري ٿڪل به ڏاڍا هئاسين. دراصل اڄ اسان کي نڪرڻ ئي نه کتو ٿي، پر هر جهازيءَ وانگر اسانجي دماغ ۾ به اها ماليا خوليا هئي ته بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز کان ڀڄي ڪناري جي ڪنهن پارڪ جي بينچ تي اڃيو بکيو ويهڻ بهتر آهي. بهرحال هن وقت اسان ٻئي ان تي يڪراءِ هئاسين ته صبح جو جهاز هلائڻ لاءِ اسان جو تازو توانو هجڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ جيتري قدر ٿي سگهي، اسان کي آرام ڪرڻ کپي.
    هانگ ڪانگ جي اردگرد واري علائقي ۾ جتي سمنڊ هيٺان ٽڪريون ۽ سمنڊ مٿان جهازي آمدرفت تمام گهڻي آهي اتي ”آٽو“ تي جهاز هلائڻ بدران بيٺي پير "Manual" تي هلائڻو پوي ٿو. ان ڪري هاڻ اسان کي فرحت وٺڻ کپي جيئن بقول زيديءَ جي انرجي gain ڪري سگهون. نيٺ اهو فيصلو ڪيوسين ته ڪنهن هوٽل ۾ هلي رات گذارڻ بدران هتي ”بليڪ پيئر“ جيٽي جي کڏ تي ٽي ڪلاڪ گذاري ”واري“ واريءَ ٻيڙيءَ جو انتظار ڪجي.
    هيءَ بليڪ پيئر جيٽي جي عمارت سمجهو ته فٽ بال جي گرائونڊ جيڏي ٿيندي جنهن جي ٻن پاسن کان ڪناري کان اچڻ جو رستو آهي ۽ ٻن طرفن کان سمنڊ آهي. انهن ٻن طرفن تي ڇهه ست ڏاڪڻيون ٺهيل آهن جن وٽ ٻڌل ٻيڙين ۾ مختلف مسافر ڏاڪڻين تان لهي پنهنجن جهازن ڏي روانا ٿين ٿا. ڪجهه ٻيڙيون هانگ ڪانگ جي مختلف ٻيٽن ڏي به اچن وڃن ٿيون جو هانگ ڪانگ جي خاص ٻيٽ کان علاوه هانگ ڪانگ حڪومت جي قبضي هيٺ ٻيا به اڍائي سئو کن ننڍا وڏا اوس پاس جا ٻيٽ آهن. انهن مان ڪجهه تي ته ماڻهو به رهن ٿا ۽ پوک به ٿئي ٿي. ڪي ته ايڪڙ کن به مس ٿيندا. بليڪ پيئر جي هيٺين گرائونڊ تي ڪيتريون ئي ٻيڙين جي ڪمپنين جون آفيسون، ننڍا ننڍا دڪان، ڪئبن نما ريسٽورنٽون آهن. مٿي کڏ تي سج لهڻ کان پوءِ ٻيڙين جا مسافر توڙي شهري – خاص ڪري نوجوان ڇوڪرا ڇوڪريون پنهنجن ساٿين جي اچڻ جي انتظار يا سامونڊي نظاري ڪرڻ لاءِ سيمنٽ جي بينچن تي اچي ويهندا آهن. پوءِ پنهنجي پارٽنر جي اچڻ تي، يا نئين ساٿي ٺهڻ تي، ان سان گڏ ڪنهن ريسٽورنٽ، هوٽل يا پارڪ ڏي روانا ٿي ويندا آهن. سج لهڻ کان بليڪ پيئر جي کڏ تي جيڪا نوجوانن جي گپاگيهه شروع ٿيندي آهي، فضا ۾ جيڪا خوشبوئن جي ورکا هوندي آهي، هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي عمارتن تي لڳل نيان سائن مان ڇڻي ايندڙ اڌ گابري روشني ۾ رنگين ڪپڙن ۽ ٻهڪندڙ چهرن جي رونق نظر ايندي آهي اها رات جو يارهين کان پوءِ آهستي آهستي ڪومائجي ويندي آهي. سيمنٽ جون بئنچون خالي ٿي وينديون آهن.
    هانگ ڪانگ جي هن بوٽ پيئر (جيٽيءَ) جو نالو ڪاري رنگ ڪري بلئڪ Black نه رکيو ويو آهي پر انگلينڊ طرفان هانگ ڪانگ لاءِ مقرر ڪيل ٻارهين گورنر سرهينري آرٿر بليڪ (Arthur Blake) نالي آهي جيڪو 1898 ۾ هانگ ڪانگ جو گورنر ٿيو ۽ ان پوسٽ تي 1903 تائين رهيو. ان بعد سر آرٿر بليڪ 1907 تائين سلون جو گورنر ٿيڻ بعد رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. سندس وفات 78 ورهين جي ڄمار ۾ 1918 ۾ ٿي. پاڻ ڪئناڊا جي نيوفائونڊ لئنڊ صوبي جو به گورنر ٿي رهيو هو ۽ ڪئناڊا جو Blaketown شهر سندس نالي آهي. سندس باٽني سبجيڪٽ سان دلچسپي واکاڻ جوڳي آهي. ايتريقدر جو نئون ايجاد ڪيل ٻوٽو جنهن جو گل هانگ ڪانگ جي جهنڊي تي آهي هن گورنر سر آرٿر بليڪ جي نالي سان Bauhinia Blakeana سڏجي ٿو.
    پنهنجي جهازي انجنيئر دوست سعيد اختر کي چيم ته ”هل ته مٿي هلون“. منهنجي نيت هئي ته ٿڪُ ڀڃڻ لاءِ مٿي بينچ تي ڊگهو ٿي سمهي رهجي ٽي ڪلاڪ وڏو ٽائيم هو. هيٺ بيٺي بيٺي يا ويٺي ويٺي ٿڪجي پئبو. مٿي رکيل بينچن تي ننڊ نه آئي ته به چيلهه ته سڌي ٿي ويندي. ڏاڪڻ وٽ هڪ ريسٽورنٽ مان اڌ اڌ ڊالر ڏئي ٻه ڪوپ چانهه جا ورتاسين. هن دڪان بند ٿي ڪيو سو اسان کي ڪوپن سميت مٿي وڃڻ نه ڏنو. پوءِ ڪنڊينسڊ کير جي ٻن خالي ٽين جي دٻن جا مٿيان ڍڪ چيري ان ۾ چانهه وجهي ڏنائين. اسين چانهه کڻي مٿي پهتاسين. ڪافي ماڻهو وڃي چڪا هئا. هڪ ٻه جوڙا ڪنهن ڪنڊ واري بينچ تي اڃان ويٺل هئا – هڪٻئي کي ڀاڪر پائي چپ چپن سان ملائي، زمان ۽ مڪان کان شايد ڏور ڪنهن نرالي دنيا ۾.
    زيديءَ چيو، ”لڳي ته سخت عجيب ٿو ته پاڻ ٻئي نَر پيا هلون. هتي ته سڀ جوڙا جوڙا ويٺا آهن ۽ هتي فقط عاشقن کي اچڻ جي اجازت آهي.“
    ”لالا پوءِ ڇا ٿي پيو. پاڻ کي به جتي موقعو مليو آهي اتي عشق ڪيو اٿئون....“
    ”۽ هاڻ ٻين جو ڪم ڦٽائڻ لاءِ پهتا آهيون. ائين نه؟“ زيدي اڌ ۾ منهنجو جملو ڪپيندي چيو.
    ”ته پوءِ ڀلا ڪٿان وڃي ٻه عدد چيني ڇوڪريون مسواڙ تي وٺي اچ. بازار اڃان بند ڪانه ٿي آهي.“
    زيديءَ جواب ڏيڻ بدران مونکي گهوري ڏٺو ۽ شايد ڪجهه چوڻ تي هو پر ان کان اڳ مون چيومانس:
    ”ها، ها. ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي. زمانو ترقي ڪري ويو آهي، اڄڪلهه! غالب جي زماني ۾ ئي بازار ۾ دليون، جگر، بڪيون، آنڊا ملندا هئا تڏهن ته هن هڪ شعر چيو آهي ته:
    ”لي آئين گي بازار سي جاڪي دل و جان اور.“
    اسان ٻئي هڪ بينچ تي پنهنجا سفري ٿيلها رکي ويٺاسين. پر زيدي اڃان خاموش هو. کيس چيم ته جيڪي ٿيو سو ٿيو منهن مٿو پٽڻ مان ڪجهه نه ورندو. لانچ اچڻ ۾ اڃان به ٽي ڪلاڪ آهن. هيڏانهن هوڏانهن خوار ٿيڻ بدران بهتر آهي ته هتي ئي وقت گذارجي. آخر هڪ ٻن بينچن تي ڇڙها مرد به ته ويٺا آهن. اسان جي موجودگي ڪري ڪو ڇوڪرو ڇوڪري ڊسٽرب ٿا ٿين ته پنهنجي گهر هليا وڃن. اسين غريب ۽ پرديسي مسافر هن ڌارئين ڏيهه ۾ آڌي رات جو ڪيڏانهن وڃون؟“
    ”آخر نيٺ ڇا ڪجي؟“ زيدي ائين ڳالهايو ڄڻ کوهه ۾ ڪري پيو هجي.
    ”هاڻ هينئن ٿا ڪريون جو تون پنهنجي شولڊر بئگ مٿي هيٺان رکي هن بينچ تي پٺي سڌي ڪر ۽ آئون ڀر واري بينچ تي وڃيو ٿو ڪران.“ مون پنهنجي جهازي دوست سعيد اختر زيديءَ کي صلاح ڏني.
    ”نه يار مونکي ته هن پٿر جي بينچ تي هرگز ننڊ نه ايندي،“ زيديءَ وراڻيو، ”آءٌ جاڳندو رهان ٿو.“
    ”ته لالا ٻيو ڇا کپي. تنهنجي جاڳڻ ڪري ٽي بجي واري Next Boat مس ڪري نه سگهنداسين.“
    ”ڇا مطلب....؟“
    ”مطلب اهوئي ته تون ٻيڙيءَ جو انتظار ڪر ۽ آئون بقول شاعر
    تيري زانو پر سر رکهه کي ابهي سوتا هون،
    انقلاب آئي تو مجهه ڪو جگانا ساقي...“
    ”يار متان ننڊ ڪئي اٿئي. اڪيلو آءٌ بور ٿيندس.“ زيدي جيڪو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي سو ٻيڙي اچڻ تائين خبرون چارون ڪرڻ جي موڊ ۾ هو. پر آئون پنهنجا جوتا زيديءَ جي بينچ هيٺان لاهي ڀر واري بينچ تي ڊگهو ٿي سمهي رهيس. زيديءَ مونکي سمهندو ڏسي هڪ دفعو وري دل شڪستو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ڇا ٽي ڪلاڪ ان پٿر جي بينچ تي سمهي سگهندين؟“
    ”زيدي! پنهنجي ملڪ ۾ خبر ناهي ڪيترا اهڙا آهن جيڪي سڄي زندگي فٽ پاٿ تي گذاريو ڇڏين. هيءَ پٿر جي بينچ وري به لاڙڪاڻا ايڪسپريس ۽ بدين پئسينجر جي سيٽن کان وڌيڪ آرامده آهي جن جا ٻاهر نڪتل اسپرنگ ويٺلن کي چڀندا رهن ٿا.
    زيديءَ کي هاڻ پڪ ٿي وئي ته ڇا به ٿي پوي پر مونکي سمهڻو ضرور آهي سو پاڻ ڪجهه دير ڪنهن جي ڦِٽي ڪيل اخبار کڻي چنجهي روشنيءَ ۾ پڙهندو رهيو ان بعد ڳائڻ ۾ لڳي ويو. هڪ گاني جو ٿلهه ٿي کنيائين ته مصرع ڪنهن ٻئي جي ۽ ختم وچان ئي ڪنهن ٽئين گاني تي ڪيائين ٿي. مونکي انهي دوران ننڊ اچي وئي.
    ڪو ڪلاڪ ڏيڍ به مس ستو هوندس ته ڪنهن جي ڳالهائڻ تي اک کلي. بلڪه زيديءَ ئي منهنجي پير کي ڇڪي مونکي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪو پوڙهو چيني ساڻس ڳالهائي رهيو هو. پهرين مون سمجهيو هتي جو چوڪيدار آهي ۽ اسان کي هتي سمهڻ کان منع ڪري رهيو آهي. ٽپ ڏيئي اٿي ويٺس. چوڌاري نظر ڊوڙائيم ڪوبه جوڙو نظر نه آيو. البت ڪنهن ڪنهن بينچ تي مرد ضرور هئا.
    ”برادر! هيءَ فلم چڱي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي.“ زيدي شڪايت واري لهجي ۾ چيو.
    مونکي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. زيدي ڪجهه ٻڌائڻ کان اڳ پنهنجي روايتي کل کلندو رهيو. مون پهرين چيني طرف گهور مان ڏٺو ته هو گهٻرائجي ويو پر پوءِ اسانکي کلندو ڏسي، پاڻ رنن وانگر مرڪڻ ۽ ماڻا ڪرڻ لڳو. پنجاهه جي لڳ ڀڳ عمر جو ٿيندو. ڪپڙا پوشاڪ ڪجهه زالن واري، شڪل شبيهه ۾ امير ٿي لڳو. زيديءَ واري بينچ تان اٿي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو.
    ”ڇاهي، جاڙا خان؟“ انهن ڏينهن ۾ رکايل وڏين مُڇن کي وٽ ڏيندي مون سنڌيءَ ۾ ئي پڇيومانس، ”توکي به اسان وانگر گهر ڪونهي ڇا يا ڪا ٻيڙي ڇٽي وئي اٿئي؟“
    زيدي کلندو رهيو. چيني همراهه اشارو ڪرڻ لڳو ته کيس ڪجهه به سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي. اسان به چرچن جي موڊ ۾ هئاسين ۽ اها پڪ هئي ته وڌ ۾ وڌ جي جهيڙو ٿيو ته اسان مان هڪ ئي هن ليڙي ۽ نٻل جسم چيني همراهه لاءِ ڪافي ٿيندو. سو انگريزيءَ ۾ پڇيومانس: ”گرل فرينڊ ڪانه اٿئي ڇا، جو هتي ڇڙو اچي نڪتو آهين.“
    ”نه، توهان به ته ائين آهيو.“ هن چيني لهجي واري انگريزيءَ ۾ وراڻيو.
    ”اسان جي ته ڳالهه ئي ڇڏ، پرديسي ڏورانهين ڏيهه جا آهيون. تون به ڪنهن ٻي ولايت جو آهين ڇا؟“
    ”نه هتي جو.“ هن چيو. مون وقت ڏٺو. سوا ٻه ٿي رهيا هئا. ڏيهه ۾ ائين دربدر ڪنهن کي مون ڪونه ڏٺو، هي آهي ڪهڙي فلم آخر...؟
    ”گهر ٻار نه اٿئي ڇا؟“ وقت گذارڻ ۽ ان سان گڏ پنهنجو تعجب ۽ تجسس ختم ڪرڻ لاءِ ته هي آخر آهي ڪير اسان کانئس سوال پڇندا وياسين. ۽ هو ڪاوڙجڻ بدران، عجيب نگاهن سان اسان ڏي نهاري، وڌيڪ ويجهو سري چوڻ لڳو، ”گهر آهي.“
    ”اولاد ڇا اٿئي؟“
    ”ٽي ڌيئرون ۽ ٻه پٽ.“
    ”ته اهي سڀ گهر ويٺا آهن ۽ تون اڪيلو هتي آڌي رات جو ڇا پيو ڪرين؟“
    ”هوا کائڻ آيو آهيان.“ هن چوڌاري نهاري چيو. پوءِ اسان کي مٿي کان پيرن تائين گهورڻ لڳو. اسان کان کل نڪري وئي ته سڄو ڪولون ڇڏي، هن پاسي اچي نڪتو آهي هوا کائڻ – اها هوا ڪهڙي آهي.
    ”پوڙها، گهر وڃي سکيو ٿي.“ زيديءَ چيس ۽ هو وري زالن وارا نخرا ڪري اسان سان لڳي ويٺو. ”توهان مان ڪو مونسان هلندو؟“ هن اسان کان پڇيو. ان دوران آئون به چڪر سمجهي چڪو هوس ۽ زيديءَ به اک ڀڃي سنڌيءَ ۾ چيو ته همراهه ڪنهن ڏٽي مُٽي جي تاڙ ۾ آهي.
    ”اڙي تون Gay ته نه آهين؟“ اسان پڇيس.
    جواب ڏيڻ بدران هو وري رنن وانگر نخرا ڪرڻ لڳو.
    زيديءَ کيس اٿڻ جو اشارو ڪندي چيو: ”اٿ هتان. اڳيان ڪو ٻيو ماتليءَ جو شيدي تاڙ. اسان ته ٻيڙيءَ جي چڪر ۾ هتي ويٺل آهيون.“ ۽ پوءِ مون ڏي منهن ڪري چيو: ”ڏٺئه برادر، هتي ويهڻ ئي غلط هو.“
    چيني چپ چاپ اسان وٽان اٿي، اڳتي ٻي بينچ ڏي هليو ويو جتي گنجي ۽ خاڪي پتلون ۾ ڪو فلپينو يا انڊونيشي ويٺو هو. هو ان سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو ۽ کيسي مان پئسا ڪڍي ان گنجيءَ واري همراهه کي ڏيڻ لڳو. زيديءَ چيو ”برادر هيءَ جاءِ به ٽوڪيو (جپان) جي اوياما سان چومي (Ayomaz Chome) واري سنئڪ بار وانگر اٿئي.“
    گذريل سفر ۾، ٽوڪيو (جپان) ۾ هڪ رات اسان جهاز جا ڪجهه دوست سيءَ کان بچڻ لاءِ مٿين هوٽل ۾ ڪافي پيئڻ لاءِ گهڙياسين. ڇوڪرين جهڙا ڇوڪرا بئرا زنانن ڪپڙن ۾ دريا خان مان دريا خاتون ٿيل، هر آيل گراهڪ جي ٽيبل تي ويهي زالن وارا نخرا ڪرڻ لڳا – جيئن پنهنجي ملڪ ۾ کدڙا زنانا ڪپڙا اوڍي، ڳائيندي ۽ خيرات وٺندي نظر ايندا آهن. سندن چال ۾ عورتن کان وڌيڪ نخرو هوندو آهي. ان هوٽل ۾ ميوزڪ هلي رهي هئي. ڊگهن وارن وارا فلپينو، ڪورين ۽ ڪجهه آمريڪن خلاصي جپاني ڇوڪرين سان نچي رهيا هئا. سڀ کان وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ مٿئين قسم جي مخلوق هئي جيڪي بئرا ٿي serve ڪري رهي هئي – هو پاڻ کي ڇوڪريون سڏائيندي فخر محسوس ڪري رهيا هئا. يا کڻي چئجي ته ڪري رهيون هيون. اهي آيل مهمانن جي خدمت ڪري رهيون هيون. جپانيءَ ۾ ”نيسان“ خدمتگار ڇوڪريءَ کي چئبو آهي. پر اسان کي تازو معلوم ٿيو هو ته جپان ۾ اهڙين هوٽلن ۾ کدڙا (Blue Boys) به پاڻ کي نيسان سڏائين ٿا جي نه فقط عورتن جهڙا ڪپڙا پائين پر عورتن جهڙو جسم اختيار ڪرڻ لاءِ پنهنجي جنس جي آپريشن به ڪرائي ڇڏين. اها آپريشن اڄڪلهه پئرس (فرانس) ۾ عام طرح هزارکن آمريڪي ڊالرن ۾ ٿئي ٿي. اسان ائين ئي رونشو ڏسڻ ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ گلاس رکندڙ ڇوڪريءَ ”سايوري“ کي ”هيلو نيسان؟“ چيو.
    ”بان زوئر (Bonjour)“ هن جواب ۾ مرڪي فرينچ زبان ۾ کيڪاريو. شايد اسان کي هن فرينچ سمجهيو يا پاڻ فرينچ هئي.
    ”ڇا تون فرينچ آهين؟“ اسان کانئس پڇيو.
    ”هائو، توهان صحيح آهيو. اسان سڀني (ٻين پاڻ جهڙين جپاني ڇوڪرين ڏي اشارو ڪري) پئرس ۾ ٻيو جنم ورتو آهي. هونءَ اصل ۾ جپاني آهيون.“ هن اسان کي سمجهايو ۽ وڃڻ واري هئي ته ڀر واري ٽيبل تي ويٺل هڪ جپاني همراهه کيس جپاني زبان ۾ ڪجهه چيو ۽ هن (سايوريءَ) اسان جي ئي ٽيبل تان خالي ڪوپ کڻي ان همراهه کي هنيو ۽ گوڙ مچي ويو. اسان سوچڻ لڳاسين ته هن کدڙي جو دماغ ته نه خراب ٿيو آهي.
    ”دماغ ڇو نه سايوريءَ جو خراب ٿيندو. هن جپاني مرد سايوريءَ کي ”مرد“ سڏيو. اها هنن کدڙن جي بي عزتي آهي.“ اسان جي ٻئي پاسي واري ٽيبل تي ويٺل آمريڪن عورت (اصلي ۽ نج) اسان کي ٻڌايو.
    اها هڪ نرالي دنيا آهي، جتي خونريزي ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن ڪو مرد، مرد کي مرد سڏي، منهنجا ڀائرو!
    سامهون هانگ ڪانگ جي ٽاور ۾ گهڙيال ٻن جا ٺڪاءَ هنيا. زيديءَ چيو ”ٽي ٿيڻ ۾ اڃان ڪلاڪ آهي. هلو ته سامهون هانگ ڪانگ هلٽن هوٽل تائين واڪ ڪري موٽي اچون. چڱو وقت گذري ويندو.“
    اسان ٻئي ڄڻا هيٺ لٿاسين. سامهون خاڪي پتلون ۽ گنجيءَ وارو همراهه قميص پائي هڪ وڏي ڪار جي پوئين سيٽ تي چينيءَ سان گڏ وڃي ويٺو. ٽرئفڪ سنگل کلڻ تي ڊرائيور ڪار کي ڪناٽ روڊ تان موڙي کاٻي پاسي پيڊر اسٽريٽ ڏي وٺي ويو. ان وقت ٻه ٻلا وڙهندا اسان جي پيرن ۾ اچي وچڙيا ۽ اسان کان ڇرڪ نڪري ويو. ”لخ جي لعنت هجانوَ“ زيديءَ پنهنجي پينٽ جو پانچو سڌو ڪري ان ٻلي کي بجو ڏنو جيڪو هن جي پيرن ۾ اچي لڳو. رستي تي رکيل ڪچري جي دٻي مان ڪوڪ جو هڪ خالي دٻو ڪڍي مون ٻئي ٻلي کي ٺڪاءُ ڪرايو. ”هالا وانگر هتي هانگ ڪانگ ۾ به ڪتن ٻلن جي مصيبت!“ مون زيديءَ کي چيو.
    اسان سٽي هال وٽان ڦرندا، ڪناٽ روڊ ٽپي، منڊارن هوٽل جي اڳيان پبلڪ پارڪ جي وچ مان لنگهندا ”هانگ ڪانگ هلٽن“ هوٽل ڏي لڙياسين، ته رستي تي ڍڍونيا جي ٻوڙهن پٺيان ڪو ويٺل چيني، ٽپ ڏيئي اڳيان اچي بيهي رهيو. ”يو انڊين؟ انڊين؟“
    پول لئمپ جي فقط ڊم لائيٽ هئي. اسان دل ئي دل ۾ سوچيو ته هي اوچتو ئي اوچتو ويٽڪانگ جو گوريلو هتي ڪٿان آيو. ”ها چئونس يا نه چئونس؟“ زيديءَ سرٻاٽ ۾ مونکان پڇيو. چوڌاري نظر ڦيرايم ڪو ماڻهو ڇيڻو نه هو. ماٺ جو راڄ هو.
    ”جنهن سان جان بخشي ٿئي اهو چوينس،“ مون وراڻيومانس، ”خبرناهي ڪير ڪڃر آهي.“
    ايتري ۾ سامهون هوٽل مان نڪرندڙ ٻن ٽن همراهن جي آوازن تي اسان به شينهن مڙس ٿياسين ۽ سامهون بيٺل بندري قد جي هن چيني همراهه به پنهنجي strategy يڪدم تبديل ڪري هئڊي رنگ جا ڏند ڪڍي مرڪن جي وارکا ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ التجا وارين نظرن سان ڏسي ڪنهن شيءِ جي پيش ڪش ڪرڻ لڳو: ”چَو... ڪِري؟“ پهرين ته اسان سمجهيو ته هو شايد چيني زبان ۾ پيو ڳالهائي سو دڙڪو ڏئي چيوسينس:
    ”واٽ چَو – ڪِري؟ اسان کي چيني نٿي اچي.“
    ”سر! چَو – ڪِري! گرل! بيوٽيفل چائنيز گرل. انڊين گرل... فلپينو گرل...“
    زيديءَ چيو ته هن حراميءَ لڳي ٿو ته پهرين پاڻ کي هانگ ڪانگ جي ڪنهن امير هندو دڪاندار جا ٻار سمجهي ڦر ٿي ڪرڻ چاهي پر پوءِ sailors سمجهي رڪارڊ جو پاسو بدلايو آهي، جو هن کي خبر آهي ته جهازي ڇوڪرين جي ڪڍ هوندا آهن...
    اتان ٿورو اڳيان هلياسين ته هلٽن هوٽل جي بلڪل ڪنڊ وٽ وري ٻيو هڪ گوريلو نڪتو جنهن به ساڳي وکر جو سودو ٿي ڪيو. اسان هن جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري هوٽل ۾ گهڙي پياسين. سامهون ئي ڪيفي ڪارنر هئي جتي اچي ويٺاسين. جتي ٻاهر نوائي رات، خاموشي ۽ سناٽو هو، اتي هن ڪيفي هال ۾ ساڳي جان هئي جيڪا شام جي وقت هوندي آهي. ذري گهٽ سمورا ٽيبل ڀريل هئا. ماڻهن جي هل چل، گوڙ شور، ڪن ڦاڙيندڙ ميوزڪ، دونهون، خوشبوئون... هڪ ڪنڊ ۾ ٿوري دير ويهي، ملڪ شيڪ جا ٻه وڏا گلاس پي ٻاهر نڪتاسين ۽ بليڪ پيئر ڏي رخ رکيوسين. رستي تي ساڳيا ويٽ ڪانگ گوريلا وري نه مليا. ڪناٽ روڊ تي پهتاسين ته پوڻا ٽي ٿيا هئا. رستو ٽپي ٻئي پاسي پهتاسين ته وري هڪ چيني مليو.
    ”سر! يو وانٽ ٽئڪسي؟“
    ”نه بابا. ٽئڪسي جي ڪهڙي ضرورت آهي. اها سامهون ته منزل (بليڪ پيئر) آهي.“ اسان وراڻيس.
    ”آءِ ميِن ٽئڪسي گرل (I mean taxi-girl).“ هو اسان کي سمجهائڻ لڳو ۽ بليڪ پيئر تائين ڪڍ لڳو آيو. جيئن اسيمبلي جي ميمبر جي چونڊ لاءِ اميدوار جي ڪنواسنگ ڪبي آهي. يا ڪو ميڊيڪل نمائندو ڪنهن دوا جو نمونو ڊاڪٽر کي ڏيکاري، ان جا گڻ ٻڌائيندو آهي، تيئن هي همراهه پنهنجي مال جي واکاڻ تيسين ڪندو آيو، جيسين اسان جيٽيءَ تان ٽپ ڏئي اچي پنهنجي ٻيڙيءَ منجهه ويٺاسين. ٻيڙيءَ ۾ جهاز جو چپي (واڍو) اڳهين ڦلهڙو ٻوٿ ٺاهيو ويٺو هو.
    ”اڙي نڀاڳا، توکي ڇا ٿيو آهي ۽ هنن افعالن ۾؟“ اسان کيس ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڏسي حيرت مان پڇيو.
    ”سائين وان چائي مان اڪيلو پئي لنگهيس ته ڪي غنڊا مونکان سڀ پئسا به ڦري ويا ۽ مار به ڏني اٿن.“
    سو منهنجا پڙهندڙو، هانگ ڪانگ ۾ آڌي رات کان پوءِ اڪيلا نڪرندي گريز ڪجو، نه ته هن روشنين جي شهر ۾ توهانکي ڪيترائي چور ملندا – جان جا چور، مال جا چور، ايمان جا چور....


    دادوءَ کان ميهڙ ويندڙ کٽارو بس ۽ سک ڳوٺ کان ٻاهر جهڙي موڳي رِڍَ!

    هتي هانگ ڪانگ ۾ جيئن ته ٻارهو ئي سياحن جا انبوهه اچن ٿا سو انهن جي رهائش لاءِ هوٽلن جو تعداد به تمام گھڻو آهي ۽ گھڻو ڪري سڀُ وڏيون ۽ اعلى درجي جون آهن، جن جي روزانا رهائش جي مسواڙ پنجاهه روپين کان ٻه سؤ روپين تائين آهي. (هانگ ڪانگ حايات هوٽل جي سنگل ڪمري جي مسواڙ 221 روپيا آهي ۽ ڊبل جي ٻه سؤ پنجهتر روپيا. پيننشولا، ميرامار جي به ذري گھٽ ساڳي آهي. ان بعد ٻئي نمبر تي ميرلين ، هئنڪو روڊ تي ايمپريس ۽ پارڪ، چاٿام روڊ تي، گرانڊ، ڪارنارون روڊ تي هانگ ڪانگ، ڪئنٽن روڊ تي ۽ پئلس، ڪئمران روڊ تي اچي ٿيون وڃن. جن جي سنگل ڪمري جي مسواڙ ڏيڍ سؤ روپيا کن۽ ڊبل ٻه سؤ روپيا آهي. ان بعد فارچونا فيوجي، انٽرنيشنل ۽ رايل هوٽلون ڪجھه سستيون آهن.) بهرحال هانگ ڪانگ جون سڀُ هوٽلون شهر جي سٺن هنڌن تي آهن ۽ مسافرن جي آرام جو خيال چڱيءَ طرح رکيو وڃي ٿو. هر ڪمرو ايئرڪنڊيشنڊ ۽ ٽيليفون، ٽي ـ وي، ريفريجريٽر، غاليچي ۽ بهترين لاڳو باٿ روم سان ڳنڍيل آهي.
    هوٽلن جي ڪمرن ۾ مينو کان وڌيڪ پُرڪشش هوٽل جي بئرن، چوڪيدارن ۽ ڪم ڪار ڪندڙ ڇوڪرين جي وردي آهي. هن پاسي جي ملڪن ڏي چوڪيدار معنى سِکُ ۽ سِکُ معنى چوڪيدار سمجھڻ کپي. ساڳي طرح هتي هانگ ڪانگ ۾ پڻ آهي. مڙيئي زيورات جي دڪانن ۽ بئنڪن اڳيان ڪيمبل پور (پنجاب) جا چوڪيدار ۽ درٻان نظر ايندا باقي هر وڏي هوٽل اڳيان هڪ عدد يا ٻه کن سِک سردارجي ٽپ ٽاپ ڊريس ۾، بت (Statue) وانگر بيٺا هوندا. جهڙوئي اوهان هوٽل طرف وڌندا (جي توهان گوري کل جا يعني يورپين يا آمريڪي آهيو) ته هو يڪدم پنهنجا پيلا ڏند ڪڍي، مڇون ٽيڙي، جھڪي، توهان جو آڌرڀاءُ ڪندو ۽ درُ کوليندو، پوءِ توهان چڱو خاصو اندر گھڙِي ويندا تڏهن به باادب بيٺو هوندو پوءِ آهستي ڪري اهو شيشي جي در جو تاڪ بند ڪندو. پر جي توهان ڪارا ايشيائي، سندس ملڪ (انڊيا) يا پاڪستان، سلون، برما وغيره جا آهيو ته پوءِ هن کي اها ساڳي ادا دهرائيندي ڄڻ ته ٽيهڙ تپُ وٺي ويندو. در جو تاڪ ائين بي دليو کوليندو، ڄڻُ اهو هلڪي شيشي جو در اسپرنگن تي نه هُجي، پر دادوءَ کان ميهڙ ويندڙ کٽارو بس هُجي، جنهن کي ڏينهن تتي جو ٽيون دفعو ڌڪو ڏيڻ لاءِ ڊرائيور چيو هُجي.
    سنگاپور ۽ ملايا ۾ پڻ ڪيترن بئنڪن ۽ آفيسن اڳيان سک چوڪيدار بندوق کنيو بيٺل نظر اچن ٿا، پر اهي سڀُ گھڻو ڪري وڏي عمر جا ۽ سادي وردي (گھڻو ڪري خاڪي يا مليشي رنگ جي) ۾ ملبوس آهن. ڏاڙهي به ڄاريءَ ۾ ٻڌل هئڻ بدران، پوک ۾ ڇڙواڳ ڇڏيل ڪنهن سنڌ جي پير يا سيد جي ٻڪرين وانگر هئي ڪو وار ڪيڏانهن ته ڪو وار ڪيڏانهن.
    هتي هانگ ڪانگ ۾ پهرين ڏينهن ۾، ”پيڪ ٽرمينل“ کان ”بليڪ پيئر“ طرف پئي آياسين ته سامهون هانگ ڪانگ هلٽن هوٽل جي در وٽ هڪ وڏي امپالا ڪار نئين ماڊل جي اچي بيٺي. چيني ڊرائيور خاڪي ورديءَ ۾، ڪار ۾ ئي ويٺو رهيو ۽ پنهنجي صاحب جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ سامهون هوٽل جي ڏاڪڻن تان هڪ خوش پوشاڪ سردارجي (سِکُ) ريشمي واڱڻائي پٽڪي، سوٽ ۽ ڪوٽ ۾ ملوبوس (شايد ڪوٽ جو رنگ ڳاڙهو هو)، ان مٿان ويڪرو ڪارو پٽو چيلهه تي ٻڌل، هٿ ۾ اڇا دستانا، نوان چلڪندڙ بوٽ (جهڙا فلم يا ٽي ـ ويءَ تي ڪنهن بوٽ پالش جي اشتهار ۾ ڏسبا آهن)، لٿو ۽ ان بيٺل ڪار جي در ۾ اچي هٿُ وڌائين. مون سان گڏُ سکر جو عالم شيخ (تربيلا جهاز جو سيڪنڊ آفيسر)، درٻيلي جو احمد حسين مخدوم ۽ شڪارپور جو مسعود فاروقي هئا. مون يڪدم کين چيو ته يار هي ته پڪ ڪنهن رياست جو راجا ٿو لڳي (چوڪيدار جو خيال ته ان وقت بلڪل ئي دماغ ۾ نه آيو ۽ نه پهرين ڪو اهڙو خوش پوشاڪ سِکُ چوڪيدار ڏٺو هوم) عالم شيخ چيو، ”يار واقعي، لڳي ته ڪو نواب يا رئيس ٿو نه ته اهڙي ڪار ته ڪنهن خواب ۾ به نه ڏٺي هوندي. پر ڪپڙن جو رنگ ته بلڪل ئي مئچ ڪونه ٿو ڪريس.“
    احمد حسين مخدوم چيو، ”نه يار، ڪو آرميءَ جو جنرل هوندو. هتي جي فوج گورکا آهي سو ٿي سگھي ٿو انگريزن ان جا آفيسر به هندستاني رکيا هُجن.“
    پر ڪار ۾ وهي ڇو نه ٿو... در کوليو اڃا بيٺو آهي..... پنهنجي ڪنهن دوست جو انتظار ته نه ڪري رهيو آهي. ايتري ۾ هڪ يورپين ــ شايد انگريز، هوٽل مان نڪتو ۽ سڌو ڪار جي کُليل در مان اندر گھڙي، ٽيڪ ڏئي ويٺو. ان جي پٺيان سندس زال پڻ ڪار ۾ ويٺي. سک در بند ڪيو، جھڪي کين سلام ڪيو، انگريز کيسي مان ڪو سڪو ڪڍي سک جي هٿ تي بخشش طور رکيو، سک هڪ دفعو وري پنهنجي چيلهه کي ڪُٻو ڪيو. انگريز جي زال ڪار جو شيشو مٿي چاڙهيو. ڪار ٻي ٽرئفڪ کي چيريندي هلي وئي ۽ اسان کلندا رهياسين. ٿورو اڳتي وڌياسين ته هڪ پٺاڻ شلوار ۽ ڪُڙتي ۾ اسٽار فيري اسٽيشن جي ڪنڊ وٽان، ايندو نظر آيو. هڪ هٿ سان پنهنجي ساڄي مڇ کي وٽيندي وڏي رعب سان پئي آيو ته ٻئي هٿ ۾ جھليل سگريٽ جا ڊگھا ڊگھا ڪش پئي هنيائين. مخدوم مون کي ٽوڪڻ لاءِ، ان ڏي اشارو ڪندي پڇيو: ”الطاف! ڀلا اهو همراهه ٻڌاءِ ته ڪهڙي رياست جو نواب يا راجا آهي؟“
    ”ڇڏ يار هاڻ پچر.“ مون ڦڪو ٿيندي کيس چيو.
    ”نه يار، تڏهن به ڪجھه ٻُڌاءِ“، مخدوم چيو، ”هڻ کڻي ڪو ڌُڪو، الله جي ڏني مان“
    آءٌ خاموش رهيس ته وري مخدوم چيو، ”يار، ڪٿي سنڌ جو ڪو وڏيرو، ابن وڏيرو ته نه آهي؟ آڪڙ ته سنڌي وڏيري جهڙِي اٿس.“
    ”آڪڙ کڻي سنڌي وڏيري جهڙي هُجيس،“ عالم چيو، ”پر سنڌي وڏيرو ٿي نه ٿو سگھي، ڇو ته سنڌي وڏيري جي آڪڙ محدود هوندي آهي ــ پنهنجي ڳوٺ جي غريب ۽ ڏتڙيل ماڻهن تائين. سنڌ جو وڏيرو پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر، وڏي شهر ۾ جهڙي موڳي رِڍَ!.“


    ڌرتيءَ جا گھوٽ، اڻموٽ ٿيندا آهن سنڌ بهشت برين ٿيڻ وارو آهي.

    ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته توهان ڪو ماڻهو ڪنهن خاص هنڌ تي ڏٺو هُجي ۽ پوءِ گھڻن ڏينهن بعد ان کي ٻي جڳهه تي ڏسو ته في الحال پهرين نظر ۾ سڃاڻي نه سگھندا. مثال طور هڪ دفعي ڪراچي جي بامبينو سئنيما ۾ انٽرويل ۾ هڪ ماڻهوءَ تي نظر پئي ۽ ڏٺل وائٺل لڳو. گھڻو ئي دماغ تي زور ڏنم پر ياد نه ڪري سگھيس. سندس اڇا اجرا ڪپڙا سوٽ، ڪوٽ، ٽاءِ ڏسي جلديءَ ۾ اهو محسوس ڪيم ته شايد ڪنهن زماني ۾ ڪنهن اسڪول، ڪاليج يا شپ يارڊ ۾ تعليم دوران استاد يا انسٽرڪٽر رهيو هُجي ۽ استادن لاءِ عزت قائم رکندي، هڪ ٻئي جي ڀرسان گذرڻ وقت کيس جھُڪي سلام ڪيم ۽ پوءِ باقي اڌ فلم ۾ هر هر اهو خيال ايندو رهيو ته ان شخص کي ڪٿي ڏٺو اٿم. اوچتو ياد اچي ويو ۽ کل نڪري وئي. اهو شخص ته چٽگانگ جي انجم هوٽل جو بئرو هو، جنهن هوٽل ۾ اسان جو سڀ کان گھڻو وڃڻ ٿيندو هو.
    اهڙو هڪ ٻيو واقعو مونسان هانگ ڪانگ ۾ ٿيو. شروع جا ڪجھه سال جڏهن آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ڏي جهاز کي وٺي ويندا هئاسين ته سوئيز ڪئنال بند ٿي وڃڻ ڪري ايندي ويندي ڪينيا ملڪ جي بندرگاهه ”ممباسا“ ۾ ضرور ترسندا هئاسين. ممباسا جا سڀُ وڏا دڪان ۽ نوڪريون اتي جي اصلوڪي باشندن شيدين جي قبضي ۾ نه پر ڌارين جي هٿ هيٺ آهن، جيتوڻيڪ ملڪ آزاد ٿئي به ڏهاڪو کن سال ٿي چُڪا آهن. هڪ دڪاندار هو الهه آباد (انڊيا) جو. سندس دڪان ممباسا جي وڏن دڪانن مان هڪ هو. ڪاٺ مان هٿ جا ٺهيل رانديڪا، شيدين کان سستي ملهه تي وٺي مهانگا وڪڻندو هو ۽ ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ: يورپ ۽ آمريڪا، جتي هٿ جي هنر جو وڌيڪ قدر آهي، اوڏانهن ڳرين قيمتن تي برآمد ڪندو هو. سندس نالو هو نورالواهاب فاروقي.
    سندس دڪان تي جڏهن پهريون دفعو اسان چڙهياسين ته انهن ڏينهن ۾ تازو ايوب خان لٿو هو ۽ يحى خان پاڪستان جو صدر ٿيو هو. دنيا جي هر اخبار ۽ ريڊيو ۾ هڪ مارشل لا لهڻ ۽ ٻئي جي مڙهجڻ جون خبرون اچي رهيون هيون. پاڻ يعني (وهاب الهه آباديءَ) ڳالهين ڪندي چيو: ”هون، اهڙا حاڪم چئبا، جي ملڪ کي ائين ڀيلين. گذريل هفتي جي ٽائيم مخزن ۾ صدر ايوب بابت هو ته هڪ غريب ترين ملڪ جو امير ترين صدر هو. سندس ٽيهه ڪروڙ روپيا فقط سئزرلئنڊ جي بئنڪن ۾ آهن. يعني ايترن پئسن مان اٺ کن فئڪٽريون ته خوشيءَ سان ٺهي وڃن ۽ اهو پئسو جي ملڪ لاءِ ڪتب اچي ته الائي ڇا مان ڇا ٿي پوي. اِندرا آهي، کڻي ڪيئن به هُجي پر هندستاني حاڪم جو ڪردار بيداغ آهي. اسپاٽ ليس. جسٽ اسپاٽ ليس.“
    وري اسان جي ويجھو اچي وچڻ لڳو، ”دل ۾ نه ڪجو. حقيقت ۾ آءٌ اصلي پاڪستاني آهيان. توهان ته ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ آيا هوندا، آئون ڄائو ئي پاڪستان جي شهر گجرات ۾ هوس. منهنجو پيءُ تن ڏينهن ۾ اتي نوڪريءَ ۾ هو.“
    ”پوءِ ڀلا اڄُڪلهه ڪهڙي ملڪ جي قوميت اٿوَ؟“
    ”پاسپورٽ ته مون وٽ برٽش نئشنلٽيءَ جو آهي. هونءَ ٻار هندستان ۾ ئي پڙهن ٿا، پر واپار جو اتي چاڙهو ڪونهي. ڪجھه مائٽ تازو پاڪستان به لڏي آيا آهن.“
    ”ڇو ڀلا توهان پاڪستان نه آيا، جڏهن توهان جا ڀائر قربانيون ڏئي پاڪستان لڏي آيا.“ اسان پڇيس.
    ”هون! پاڪستان به ڪو ملڪ آهي. سڀُ چور چور اچي گڏ ٿيا آهن. اسان ڪي کُٽل ٿورو ئي هُئاسين. مال ملڪيتون ڇڏي پاڪستان ڇو اچون.“
    ”پاڪستان ۾ ته چور آهن پر ٿي سگھي ٿو ته تو جهڙا چڱا مُڙس اچي نڪرن ها ته حالتون سڌري وڃن ها.“ اسان کيس ٽوڪيو، جا ڳالهه هو سمجھي ويو ۽ معافيءَ جي نوع ۾ ڳڙاٽڙي پائي چوڻ لڳو: ”اڙي منهنجا دوستو! توهان ته ناراض پيا ٿيو. مان ته ائين ئي پيو وڦلان. ڀلا اسان جهڙا واپاري ماڻهو اجايو بحث ڪندا ته پوءِ ڪيئن ڪمائي سگهندا. يار مون کي معاف ڪجو جي مون توهان جي دل ڏکوئي هُجي.“
    ٻئي دفعي جڏهن ساڻس ملاقات ٿي ته پاڪستان سندن حملي کان بچيل هو. (خوشقسمتيءَ سان يا مصلحتن) ۽ ڪينيا سندس عتاب هيٺ هو.
    ”يار هي ڏسو هتي جا شيدي ۽ سندس ملڪ. هنن کي اسان ئي سڌاريو، تهذيب سيکاري ۽ ملڪ ٺاهي ڏنوسين ۽ هاڻ اسان تي ئي ڏنڊا ٿا کڻن. جومو ڪينياتا (ڪينا جي صدر) حڪم ڪڍيو آهي ته هر ڌاريون واپاري پنهنجي دڪان يا هوٽل تي اڌ عملو شيدي نوڪرن جو به رکي.“
    ٽئين دفعي ممباسا آياسين ته سندس دڪان جي ٻن نوڪرن مان هڪ سندس ئي ملڪ جو هو ۽ هڪ شيدي ويهن ٻاويهن سالن جي عمر جو ڦاٽل ميرا ڪپڙا، پير اگھاڙا، اٻوجھه شڪل جو ٻُهاري ڏئي رهيو هو. ان بعد اسان لاءِ چانهه وٺڻ ويو، پوءِ مالڪ جي نئين ماڊل جي مرسڊيز ڪار پاڻيءَ سان ڌوئڻ لڳو. مون وهاب کي چيو ته، ”ان شيديءَ نوڪر کي ٻئي سان گڏ دڪان ۾ شيون وڪڻڻ لاءِ ڇو نه ٿو ڇڏين؟“
    ”نه، نه، بابا ڇڏيانس ته ماڳهين ڪم سکي وڃي ۽ سڀاڻ اسان کي به انگريزن وانگر ڏنڊا هڻي ڪڍي ڇڏين. اهي شيدي ائين ئي ڀلا آهن. تجارت يا نوڪري انهن جي وس جي ڳالهه ناهي.“
    ”هونءَ آهي ته ملڪ سندن ئي. سخت ڏک ٿو ٿئي جڏهن هتي جي اصلوڪي رهاڪن کي سندن ئي ڌرتيءَ تي انگ اگھاڙو ۽ پيٽ بکيو ڏسجي ٿو ۽ اسان ڌاريان ”آئي ٽانڊي ڪاڻ، ٿي ويٺي بورچياڻي“ وارو حساب لڳايو ويٺا آهيون. ائين نه ٿئي جو ظلم جي حد وڌڻ ڪري هو باغي ٿي پون.“ مون وهاب سان ڳالهه ڪئي، پر هن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ اهائي ورندي ڏنائين ته، ”هنن شيدين جي جھنگلي دماغ ۾ اها ڳالهه ڪٿي ٿي ويهي. في الحال ڪپڙي لٽي ۽ اٽي جي چڪر ۾ ئي هو اهڙا ڦاٿل آهن جو ٻي ڪا ڳالهه سوچي نٿا سگھن.“
    وهاب شايد ان امر کان اڻ واقف ٿي ڏٺو ته ڌرتيءَ جا گھوٽ اڻموٽ ٿيندا آهن، جن جي زندگيءَ ۾ اٽو، لٽو، اجھو، عورت، مال دولت ٻئي درجي جي ثانوي حيثيت رکندي آهي. جيڪي ڌرتيءَ ماءُ جا لال هوندا آهن، تن لاءِ حالتون، تاريخ جي ڪنهن به وڪڙ يا وراڪي ۾ سوليون نه هونديون آهن، پر ان هوندي به هو پرواهه نه ڪندا آهن. اهو جي قدرت جو قانون نه هجي ها ته انگريز ڪڏهن به اسان جي جان نه ڇڏين ها، الجيريا ۽ چين ڪڏهن به آزاد نه ٿئي ها.
    کانئس اهو پڇڻ ته اجايو هو ، جو ڄاڻ اٿم ته آفريڪا ۾ رهندڙ نوي سيڪڙو واپاري، اسان جي ملڪ جي واپارين ۽ ملڪ دشمن عناصرن وانگر، ڪمايل پئسو ان ڌرتيءَ تي رکڻ بدران يورپ ۽ آمريڪا جي بئنڪن ۾ ئي رکن ٿا. حڪومت طرفان پابندي هوندي به لڪ چوري آفريڪي ناڻو وڪڻي، ڊالر ۽ پائونڊ ٺاهين، جنهن ڪري ملڪ جي ناڻي ۽ معيشت کي ڪافي ڌڪ رسي ٿو. جايون خريد ڪونه ڪن ۽ مسواڙ تي رهن، جيئن حالتون خراب ٿي وڃڻ تي ميڙيل پونجي سولائيءَ سان هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ کڻي وڃي سگھن. اهڙا ماڻهو ملڪ، مذهب ۽ ٻين جذبن کان خالي هوندا آهن. شايد ”موقعي پرست“ (Opportunist) لفظ انهن لاءِ صحيح آهي.
    ڪجھه سال لڳاتار دنيا جي ان پاسي وڃڻ بعد سال ڏيڍ امتحان خاطر ڪناري تي رهيس. ان بعد جو وري سامونڊي زندگي ۾ گھڙيس ته مون کي اهڙا جهاز ڏنا ويا جن جو وڃڻ ئي دنيا جي ٻئي پاسي (مشرق) ٿيو ٿي ۽ هر ٽئين چوٿين مهيني ۾ ملائيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور، هانگ ڪانگ، جپان ۽ چين جو چڪر هڻي واپس ڪراچي ايندا هئاسين.
    پنجون يا ڇهون چڪر هوندو، جڏهن اسان هانگ ڪانگ آيل هئاسين. فيبروري جو مهينو شروع ٿي چُڪو هو ۽ هانگ ڪانگ ۾ اهو ڏينهن آخري ڏينهن هو، جو شام ڌاري جپان لاءِ لنگر کڻي رهيا هئاسين.
    صبح جو شهر ويس ۽ باقي رهيل آفيس ۽ ذاتي ڪمن کي لڳي ويس. منجھند ڌاري ”پي ـ آئي ـ اي“ جي اسٽيشن اڪائونٽنٽ عبدالجليل خان کان موڪلائڻ لاءِ ڪولون فون ڪيم ته هن ٻُڌايو ته ”پي ـ آئي ـ اي“ جا ڪجھه ڪئلينڊر ۽ پوسٽر منهنجن دوستن لاءِ ڪڍي رکيا اٿس سي کڻي وڃان. وقت تمام ٿورو وڃي بچيو هو، پر پي ـ آئي ـ اي جي آفيس ڪولون اسٽار فيري اسٽيشن جي بلڪل ويجهو، پنجن منٽن جي پنڌ تي آهي. سو فيري رستي ڪولون پهتس ۽ تکو تکو آفيس، پيننشولا هوٽل ڏي وڃڻ لڳس. سئلسبري روڊ وٺيو پئي ويس ته واٽ تي ”واءِ ـ ايم ـ سي ـ اي“ وٽ، سامهون ايندڙن ۾ هڪ شڪل ڄاتل سُڃاتل لڳم. ڪجهه ائين لڳو ته ڪٿي ڏٺل آهي. هن به مون ڏي نهاريو. ڪجهه شڪُ ٿيس پر هڪ ٻئي ڀرسان لنگھڻ وقت نه هن کيڪاريو نه مون. جڏهن هڪ ٻئي کان ٽپي وياسين ته مون کي خيال آيو ته ڪٿي وهاب ته نه آهي. سو پڪ لاءِ مُڙي ڏٺم ته هو به هلندي هلندي ڪنڌ ورائي ڏسي رهيو هو . شڪل ته وهاب جهڙي هئس پر هو ته ممباسا جو سيٺ آهي ۽ هي اڻ استري ٿيل ڪپڙن ۽ کنڊريل وارن ۾ هتي ڪولون ۾ ڪٿان آيو. ٻي گھڙِيءَ الائي ڪهڙو اسان ٻنهي کي خيال اچي ويو جو هٿ لوڏي هڪٻئي کي کيڪاريوسين ۽ هڪٻئي ڏي موٽي پڇيومانس ته، ”توهان نورالوهاب فاروقي ته نه آهيو؟“
    ”۽ توهان سنڌ جا رهاڪو، مسٽر......“
    ”جي ها، الطاف آهيان.“ مون کيس ياد ڏياريو.
    ”هيلو الطاف ڇا حال آهي؟“
    ”ٺيڪ آهي. توهان ٻُڌايو. هتي ۽ هنن افعالن ۾ ڪيئن؟ ڀاڀي ڪيئن آهي، ٻار ڪٿي؟“
    ”بس يار ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پُڇين.“ هن جي لهجي ۾ ڏکُ ۽ مايوسي هُئي. مون کي يڪدم ڇهين حس سجاڳ ڪيو ته پڪ يوگنڊا جي ”عيدي امين“ جي ٿيلهي، اوسي پاسي وارن ملڪن کي به لوڏيو آهي.
    ”الطاف ڪهڙيون ٿو خبرون پُڇين. آفريڪا م باهه پئي ٻري. ڌارين کي ته اصل سهن نه ٿا. شيدي هاڻ اها جاهل ۽ ڪمزور قوم نه رهي آهي.“
    ”ڇو ڪينيا ۾ به يوگنڊا وارو قوميت جو جذبو پيدا ٿيو آهي ڇا؟“ مون پڇيومانس ۽ هن ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي.
    ”توهان هتي ڀلا ڪيئن پيا ڏسجو. دڪان تي ڪير وهاري آيا آهيو؟“
    ”دڪان وڪڻي ڇڏيم، ٻه مهينا کن اڳُ. اڳتي هلي ڪو شيدي مفت ۾ کسي وڃي، ان کان بهتر آهي چار ڏوڪڙ ٺاهي ورتم. ٻار انڊيا ۾ ئي آهن ۽ آءٌ هتي هانگ ڪانگ ۾ دڪان کولڻ جو سوچي رهيو آهيان، پر هانگ ڪانگ جي حڪومت اجازت نٿي ڏئي. اهو ئي سبب ٿا ڏين ته هتي اڳيئي ڌاريان گھڻا آهن ۽ اسان جا لوڪل ماڻهو ڪيڏانهن ويندا. اڄُ پندرهون ڏينهن آهي، انهن چڪرن ۾، پر ڪو کڙتيل نڪرڻ جي اميد ڪانه ٿي ڏسجي. دُبئي ۽ سلون ۾ ڪوشش ڪيم پر اتي به گھمڻ لاءِ ته چون ٿا ته ڀلي ڪو اچي، پر هميشه جي رهڻ لاءِ شايد ڪنهن به ملڪ ۾ هڪ انچ به فالتو زمين ڪانه ٿي ڏسجي.“ مون کي سندس حال تي تمام گھڻو افسوس ٿيو. جيتوڻيڪ مون کي ارمان پڻ ٿيو. ماني ۽ چانهه پاڻيءَ جي صلاح ڪئي مانس پر هو به جلديءَ ۾ هو. موڪلائڻ وقت پڇيومانس ته، ”جي هتي هانگ ڪانگ ۾ رهڻ جي اجازت نه ملي ته پوءِ؟“
    ”پوءِ ڪراچي ته آهي ئي. نارٿ ناظم آباد ۾ هڪ مائٽ جي معرفت هڪ مارڪيٽ جو پلاٽ وٺي ڇڏيو اٿم ته جيئن پس پيش ٻئي ڪنهن هنڌ سٺو موقعو نه ملي ته ڪراچي اچي ڄمائيندس. هڪ ٻه رهائشي پلاٽ به ورتا اٿم، جنهن مان هڪ رهڻ لاءِ ۽ ٻيا مسواڙ تي ڏيڻ جو سوچيو اٿم. ٻيا به ڪيترائي آفريڪا کان لڏي ڪراچيءَ پيا وڃن ۽ انهن کان معلوم پيو ٿئي ته هو اتي وڌيڪ خوش آهن. چڱو ڀلا پوءِ موڪلايون ٿا.“ هن هٿُ وڌائي موڪلايو ۽ آءٌ باقي رهيل پنڌُ ڪري عبدالجليل خان وٽ PIA آفيس ۾ آيس ۽ جلدي جلدي سامان ڏيڻ لاءِ چيومانس. جيسين هو ڪڍي، تيسين سامهون ٽيبل تي پيل هڪ پاڪستاني پُراڻي اخبار کڻي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳس. ٽئين صفحي جي هڪ ڪنڊ تي ماروئڙا اسٽوڊينٽس فيڊريشن يا شايد ”جيئي سنڌ“ جي اڳواڻ جو مطالبو پڙهيم، ”ٿرين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي.“ منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڪجھه گُھٽَ ۽ گرمي محسوس ڪيم. جليل خان کان موڪلائي پي ـ آئي ـ اي آفيس مان ٻاهر نڪري هيٺ لٿس. هيٺ ڪنڊ تي ”پي ـ آئي ـ اي“ جي رسيپشن ۽ شو روم ۾ ويٺل اسٽاف کي هٿ سان کيڪاري ناٿن روڊ تي لهي هلڻ لڳس. گرمي ۽ مونجھه! اساٽ ۽ اڃَ! فيبروري مهيني هوندي به گرمي. شايد هوا ۾ گھم هئي. نٽهڻ اس ۾ خشڪي لڳي رهي هئي. وري ساڳيا پير کڻي اسٽار فيري اسٽيشن تي آيس جتان هانگ ڪانگ لاءِ فيريءَ ۾ چڙهيس. سوچيم: پنڌ ته ڪو خاص ناهي، پر ٽڪيٽ وٺڻ، فيريءَ جي در کُلڻ جو انتظار ڪرڻ، وري بند ٿيڻ. پوءِ خلاصي آرام سان رسا کولين تڏهن مس مس هلي. ايتري ئي گھل آهي جيتري راشن ڪارڊ تي ڳوٺ ۾ کنڊ وٺڻ تي،. پر آءٌ ايتري ڪمزوري ۽ نستائي ڇو محسوس ڪري رهيو آهيان. ملول ۽ اداس ڇو آهيان. دل تي بار ۽ دماغ تي ڪوهيڙو ڇو ڇانئجي ويو اٿم. ايندي وقت ته خوش هوس. ان دوران ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ٿي ته ڪانه. ڇا وهاب جو ڪراچي ۾ جاين تي قبضو ڪرڻ مون کي ڏکيو لڳو آهي. مونکي ٻئي ڪنهن جي وسڻ ۽ ويجھڻ تي خار نه لڳڻ کپي. سنڌي ته ”مهمان نواز“ قوم آهي ۽ هن هميشه ڌارين جي آڌرڀاءُ ڪئي آهي. پر اهڙي مهمان نوازيءَ کان ٻُڏي مرڻ چڱو. اهي سڀُ آئوٽ ڊيٽيڊ (مدي خارج) ڳالهيون آهن ۽ سڙيل دوائن وانگر انهن جو استعمال تباهي آهي. انهيءَ مهمان نوازيءَ ته اسان کي سؤ سالن لاءِ غلام بڻايو. نه نه مون کي Pessimist نه ٿيڻ کپي. مون کي آشاوادي ۽ فراخ دل ٿيڻ کپي. ماڻهو اڳهين چون پيا ته سنڌي تعصبي آهن. پر اسان جي تعصبي آهيون ته ان حساب سان عرب، جپاني، چيني، جرمن، انگريز ۽ ٻيون قومون به سخت تعصبي چئبيون، جيڪي ڌارين کي پنهنجي ڌرتيءَ تي پير به رکڻ نه ٿيون ڏين، پر اسان جو ملڪ ”پاڪ ـ آستان آهي جتي هر مسلمان کي اچڻ جي اجازت آهي،“ ڪراچيءَ جي ڀتين تي لکيل پڙهيو هوم. ته پوءِ فلسطين جي ڏتڙيل ۽ ڏکڻ فلپين ۽ ٿائلنڊ جي به مسلمانن کي آندو وڃي. پر لبنان، مصر، عراق، شام، سعودي عرب ۽ ٻيا ڀر وارا عرب ملڪ فلسطيني مسلمانن کي ڇو نٿا پاڻ وٽ رکن. لبنان جيڪي ٿورا فلسطيني پاڻ وٽ رکيا آهن، انهن کي به الڳ ڪئمپن ۾ رکيو ويو آهي ۽ ان شرط تي ته فلسطين جي آزاد ٿيڻ تي کين واپس وڃڻو پوندو. هندستان ۾ فقط ڪجھه بنگالي، ڪجھه عرصي لاءِ اچي رهيا ته سڄي دنيا ۾ هن واويلا مچائي ڇڏي هئي ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي نوڪرين جي حفاظت خاطر ڪنهن هڪ به ڌارئين کي گھٽ پئسن تي به نوڪري نٿي ڪرڻ ڏني. ”ٽئڪسي“ مون لنگھندڙ ٽئڪسي کي سڏُ ڪيو. ناٿن روڊ تي چرڙاٽ، بريڪن جو آواز ۽ ٽئڪسي بيهي رهي. چيني ڊرائيور منزل پُڇي. ”سڌو هانگ ڪانگ هل ـ ٽنل مان لنگھي.“ مون چيومانس.
    هيءَ گھُٽ، هي ڪاڙهو ۽ گرمي. خط استوا جي ويجھڙائيءَ وارن ملڪن ۾ اهائي ته مصيبت آهي، پر ڪجھه دير اڳ ته مون کي ايتري مونجھه نه هئي. ڇا واقعي وهاب واري ڳالهه ٻڌي يا ٿرين واري خبر پڙهي ڏک ٿيو اٿم. مون کي گھڻو حساس ٿيڻ نه کپي. مون کي گھڻو سوچڻ نه کپي. ٿرين بابت ٿرپارڪر مان چونڊيل ميمبرن کي سوچڻ کپي. مون کي پنهنجي جهاز جي انجڻين بابت سوچڻ کپي. ايندي وقت فورٿ انجنيئر چيو هو ته سائين توهان فڪر نه ڪجو هر شيءِ تيار هوندي. پر پڪ جونئر انجنيئرن انجيڪٽر به پرائيم نه ڪيا هوندا، ٽرننگ گيئر (Turning Gear) به ٻاهر ڪونه ڪڍي هوندائون ۽ پوءِ جڏهن هلڻ جو وقت ٿيندو ته انجڻ کي جنريٽرن کان Discouple ڪرڻ جي ياد ايندين، هيٺ مٿي، مٿي هيٺ، ڪوئن وانگر ڀڄ ڊُڪ لڳائي ڏيندا، هڪ عذاب آهي هن نوڪريءَ ۾. ذهني به ته جسماني به! بهرحال ڏٺو ويندو مون کي هن وقت پاڻ کي خوش رکڻ کپي. ڪار جو شيشو هيٺ ڪري ڇڏيم. چيني ڊرائيور غلط ۽ ڊگھن رستن تان ڦيرائي وٺيو پئي ويو. ڪڇيس ڪونه. ڀل پنهنجو ڀتُ گھاٽو ڪري. هانگ ڪانگ اڄُ ڇڏيان پيو ۽ رهيل ٻه چار ڊالر هونءَ به کيس ئي ٽپ ڏيندس. آخري دفعو ڪولون جا رستا، عمارتون ۽ ماڻهو ڏسي ڇڏيان. مسافرن سان ڀريل رستا، خريدارن سان ڀريل دڪان، اگھاڙين سئنيمائن اڳيان ميڙ، عورتن جا شهوتي پوسٽر، ڪوڪاڪولا، پپيسي ڪولا ۽ بيئر جي بوتلن جي کلڻ جا آواز، ڪلبن ۽ پبس (Pubs) اڳيان بيٺل چوڪيدارن جو راهگيرن کي اندر اچڻ لاءِ مدعو ڪرڻ لاءِ سڏ ۽ دانهون. خوبصورت ڪپڙن ۽ سينگار ۾ ٿڦيل هي وئشائون، ٽرئفڪ جو گوڙ شور، ڪولاهل، هيءَ مشيني زندگي، دونهون، آواز، هُل هلاچو، پالوشن، پرورشن، پورنو گرافي ۽ پراسٽيچيوشن! هي اوچيون عمارتون ۽ نيان سائين. هي سمنڊ جو ڪنارو، هي اشتهار، هي چمڪندڙ ڪارون ۽ لاريون، پروگريس ۽ پراسپرٽي جي نشاني. روشني ۽ روشني، زندگي ۽ زندگي. ڏيک ۽ ويک ـ کڻي ظاهري ئي سهي. هي اونداهو (Tunnel). هي سمنڊ جي هيٺ ڊگھي اونداهي سرنگهه! خاموشي، خوف، هراس ٿر جي بي گھر ڏتڙيل جي چهري جهڙو، ٿر جي قبرستان جهڙي ڀوائتي سانت. ٿر ۾ گرمي به گرمي هوندي، ويتر هن سال مينهن نه وٺو آهي، سو واري تپي ٽانڊا ٿي هوندي. پاڻيءَ جي کوٽ، خوشيءَ جي کوٽ، نوڪرين جي کوٽ، بيماري، بک، بيروزگاري، انگ اگھاڙا ٻار، ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهو، اميدن ۽ مطالبن تي زنده رهندڙ اسان جي اٻوجھه قوم، مطالبا ۽ مطالبا ــ مطالبن تائين محدود اميدون، آشائون ۽ آسرا. تاريخ جو هڪ هڪ ورق ذهن جي پردن تي اٿلڻ لڳو. ڪيڏا ڪلور ۽ ڪوس هن ڌرتيءَ تي ، ڪيڏا هاڃا، ڪيڏيون ڦرون لٽون، ڪيڏا گھوڙا ۽ گھلون، ڪيتريون ئي جنگيون، ڪيڏيون غلاميون ۽ زنجيرون. آرين کان ارغونن تائين، ترخانن کان ڪلهوڙن تائين، انگريزن کان ايوب ۽ يحيى تائين. هن ڌرتيءَ سان ڪيڏا رڻ ۽ روهه ٿيا! ڪيترا روڄ ۽ رتو ڇاڻ، ڪيڏا قبرستان، قبرن مٿان قبرون! تنهن مٿان قبرون. هرڪو چوي ٿو ته هاڻ ڀٽي جو عوامي دور اچي ويو آهي. هاڻ سنڌ وري سکي بڻجي ويندي. سنڌ بهشت برين ٿيڻ واري آهي. هڪ دفعو وري اميد ٿي آهي. ائين ٿو لڳي ته ڌرتيءَ تي جابجا جنت برپا ٿيڻ واري آهي، پر سو ڇا؟ ڇا مون کي يقين آهي ته تيستائين منهنجي نستي ۽ نٻل سرير ۾ ايتري شڪتي ۽ سگھه رهندي جو مان ڊڪي وڃي ان جنت جي مرحبا ڪندس؟ ڇا منهنجي جسم ۾ ايتري جان هوندي جو وڌي وڃي ان بهشت کي ڀاڪر پائي سگھندس، منهنجا مولا! جڳن ۽ آسمانن جا رب!


    خاڪ مان سون بنائڻ وارا سنڌي

    شروع ۾ هانگ ڪانگ ۾ مسٽر سيتل سان ملاقات جو ذڪر ڪري چُڪو آهيان. مسٽر سيتل جو انٽرويو وٺڻ وقت هن ٻڌايو هو ته هانگ ڪانگ ۾ سنڌين کي رهندي سؤ سالن کان به مٿي ٿي ويا آهن، سو ان موقعي تي انهن ڏينهن ۾ مختلف قسمن جا ڪاڄ ۽ جلسا پئي ٿيا. پاڻ ٻُڌايائين ته، هو پڻ عنقريب وڏي پئماني تي هڪ سنڌي فنڪشن ڪرائڻ وارو آهي، جنهن ۾ سنڌي جا مشهور ڳائڻا حصو وٺندا. مون کي اهو ڏسڻ جو شوق هو ۽ دل گھڻو ئي چاهيو ته جيڪر ان جي ڏسڻ جو موقعو ملي وڃي ته ان بابت سنڌ جي ڪنهن اخبار لاءِ رپورٽنگ پڻ ڪندس، جيئن اسان جي وطن جا ماڻهو اهو معلوم ڪري سگھن ته ولائت ۾ ڪهڙي نموني سان ڳائڻ وڄائڻ جا ڪاڄ ملهايا وڃن ٿا. پر ڪجھه ڏينهن ۾ اسانجو هانگ ڪانگ جو ڪم ختم ٿي ويو ۽ جهاز کي جپان وٺي وڃڻو پيو. جپان ۾ مهنو ڏيڍ رهڻ کان پوءِ وري اوچتو هفتي ڏيڍ لاءِ هانگ ڪانگ اچڻ ٿيو.
    ڏور اوڀر جي ڪجھه ملڪن جهڙوڪ: هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ فلپين ۾ ايندي مون کي اها خوشي ضرور ٿيندي آهي جو انهن ملڪن ۾ ريڊيو ٻڌڻ جو موقعو ملندو آهي. جپان، چين ڪوريا وغيره ۾ ته رڳو ان ملڪ جي زبان ۾ گانا ۽ خبرون اينديون آهن پر مٿئين ملڪن جي ريڊيو اسٽيشن تان مستقل انگريزيءَ ۾ گانا ايندا رهن ٿا ۽ پرديس ۾ پنهنجي ملڪ جي زبان نه سهي ته گھٽ ۾ گھٽ سمجھه ۾ ايندڙ ڌارئين زبان ئي غنيمت سمجھي وڃي ٿي. سو انهن ملڪن ۾ پهچڻ سان ننڍڙو پاڪيٽ سائيز ريڊيو دريءَ تي ٽنگي ڇڏيندو آهيان ته پيو وڄي ۽ ساڳئي وقت آءٌ لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول هوندو آهيان. ٽي وي ۾ اهو نقصان آهي جو ڏسڻ وقت، ڪو ٻيو ڪم، لکڻ پڙهڻ جهڙو نٿو ڪري سگھجي.
    بهرحال، جپان کان جڏهن واپس ٿياسين ته هانگ ڪانگ ريڊيو جي ڪمرشل سروس تان پهرئين ڏينهن ئي هر هر انگريزيءَ ۾ اهو اعلان ٻڌم ته ايندڙ هفتي هانگ ڪانگ جي هڪ هوٽل ۾ راڳ رنگ جو سنڌي پروگرام ٿي رهيو آهي. ان لاءِ ٽڪيٽن جا اگھه ۽ ان جي ملڻ جا هنڌ پڻ ٻڌايا پئي ويا. مزي جي ڳالهه جو ان اشتهار جي آخر ۾ ڪجھه ڳائڻن جي سنڌي راڳن جا ٽڪرا پڻ ٻُڌايا پئي ويا.
    وطن کان ڏُور ڌارئين ملڪ جي ريڊيو اسٽيشن جي انگريزي پروگرام جي وچ وچ ۾ سنڌي راڳن جا ٽڪر ٻڌي عجيب ڪشش ۽ سُرور ٿي آيو. دل ۾ خيال آيو ته هي پڪ اهو پروگرام هوندو، جنهن بابت سيتل ذڪر ڪيو هو. سو جيئن ئي ٻئي ڏينهن مون کي فرصت ملي ته کيس فون ڪري پروگرام جي پڪ ڪيم. منهنجي هانگ ڪانگ ۾ هُجڻ جو ٻڌي کيس خوشي ٿي. مون کيس ان پروگرام ڏسڻ لاءِ ٻُڌايو ۽ ٽڪيٽ لاءِ ڳالهه ڪئي مانس. (جا اٽڪل سٺ هانگ ڪانگ ڊالرن جي هُئي. يعني هڪ سؤ ويهه روپيا کن. ان ۾ ڊنر پڻ شامل هُئي.)پاڻ چيائين ته آءٌ اتي پروگرام ۾ وقت تي پهچي وڃان ۽ ٽڪيٽ به خريد ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سنڌ کان آيل هڪ مهمان ليکڪ جي حيثيت ۾ منهنجي موجودگي هنن لاءِ باعث عزت رهندي.
    فنڪشن رات جو نائين وڳي هوٽل حايات ۾ ٿيڻ وارو هو، جا ڪولون پاسي، هتي جي فئشنبل هوٽل مان هڪ آهي. حيدرآباد کان حسين شاهه بخاري، مير رفيق ٽالپر، تاجپور ۽ نصرپور کان نواب سيف الدين، سومار ڏيرو ۽ ٻيا سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد پڻ، انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ گھُمڻ آيا هُئا. سو انهن سان به ملاقات ان ئي ڏينهن هُئي. بهرحال هوٽل حايات تائين پهچندي پهچندي مون کي ساڍا نَو ٿي ويا. مون کي ياد آهي ته هوٽل جي در وٽ بيهي مون سوچيو ته مون کي مقرر وقت کان دير ٿي وئي آهي، آيا وڃان يا نه وڃان. فنڪشن کڻي سنڌي جو آهي، پر سنڌ ته آهي ڪونه جو وقت مقرر هوندو نائين جو، شُروع پيو ٿيندو ڏهين کان پوءِ. آخر اندر گھڙڻ جو ارادو ڪيم، پڇا تي معلوم ٿيو ته مٿئين فلور تي اهو فنڪشن هلي رهيو آهي. هوٽل حايات جي خاموش ماحول ۾ ترڪندڙ لسي پٽ تي آهستي آهستي قدم رکندي هال وٽ پهتس. آهستي ليئو پائڻ لاءِ دروازو کوليم ته اندر آواز، کيڪارون، ٽهڪ، گوڙ گھمسان جو عالم هو. سگريٽن جي مختلف برانڊن جو دونهون ۽ ڪيتريون ئي اعلى قسمن جون خوشبوئون ملي هڪ ئي وقت مختلف ڪاسميٽڪس ڪمپنين جي اشتهارن جو ڪم ڏئي رهيون هيون. هال ۾ سڀئي هڪ ٻئي سان ملي خبرون چارون ڏئي رهيا هُئا، سڀني مردن کي سوٽ (ايوننگ ڊريس) پاتل هُئا، سواءِ هڪ ٻن جي، جي سفيد شيرواني ۾ هئا. عورتون رنگين ۽ قيمتي ڀڙڪندڙ ساڙهين ۾ هيون. ڪي ڳهن سان جھنجهيل هيون ته ڪي فقط منڊيءَ ۾ به خوبصورت لڳي رهيون هيون. نوجوان ڇوڪريون ساڙهين ۾ نه هُيون. انهن مان ڪي بيل باٽمڊ پجامن ۾، ڪي غرارن ۾ ۽ ڪي مغربي لباس پتلون ۾، سمارٽ لڳي رهيون هيون. ڪن ڪن ڇوڪرين جو ميڪ اپ ڏسڻ و ٽان هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ڪنهن آرٽسٽ پنهنجي لافاني فن جو مظاهرو ڪيو هجي. هڪ ٻه ڇوڪريون پنهنجي قدرتي حسن ۽ ميڪ اپ جي مدد ڪري ايڏيون ته سندر لڳي رهيون هيون، ڄڻ اپسرائون سڌو اجنتا جي غارن مان نڪري آيون هجن. ٻار مختلف ڳُوڙهن ٿڌن رنگن ۽ مختلف نمونن جي وڳن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيا هُئا.
    منهنجي دل جو اهو خواب يا وهم ته ولايت ۾ خبر ناهي ڪهڙي نموني سان سنڌي فنڪشن ٿيندو ۽ ڪافي ڊسيپلينڊ هوندو. هي نظارو ڏسي، آئون پنهنجو پاڻ کي گھائل مائل ۽ پنهنجي وطن ۾ محسوس ڪرڻ لڳس. ويتر جو اڳتي هلي جڏهن سنڌي فلمن اباڻا، راءِ ڏياچ، اڃان ته ائٽ مان ننڍڙي آهيان، نقلي شان، جي ميوزڪ ڊائريڪٽر بلو سيراڻي ۽ مشهور ريڊيو سنگر جوتي موٽواڻيءَ ناز ڀريل ادا ۾ ”منهنجن ڳوڙهن تي نه مسڪراءِ ــ منهنجا نيڻن جا ٺار“ ڳائڻ شُروع ڪيو ۽ ويٺلن مان نوجوان ڇوڪرن (ويندي ڪجهه پوڙهن) سنڌي نموني ۾ ”واهه، واهه، واهه“ ڪئي، ته مون کي ڪراچيءَ جي سنڌي ادبي سنگت ۽ ڊو ميڊيڪل ڪاليج جا سنڌي جشن ۽ دادوءَ جي ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ڪاڄَ ياد اچي ويا. هڪ ٻن خوش مزاج، ۽ کلمُک همراهن ته ڀر ۾ ويٺل پنهنجين زالن کان پاسيرو ٿيندي، سيٽي به وڄائي. بهرحال ماحول ۾ ڏاڍو لطف ۽ رونق هئي ۽ فضا ۾ عجيب سنڌين جي سُڳنڌ هُئي.
    پهچڻ سان مون پهرين سيتل کي ڳوليو جو ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه سڃاڻو نه هو، هو آيل مهمانن ۽ پروگرام جي بندوبست پٺيان مشغول هو. مون کي ڏسڻ سان قربائتي ڀليڪار ڪري اسٽيج اڳيان بيٺل ڪلاڪارن جي ميڙ ۾ وٺي آيو ۽ سڀني سان تعارف ڪرايائين: هي گوپال گربخشاڻي آهي، هيءَ سندس پتني، هيءُ مشهور ڳائڻي چندر جو ناٺي رام نانواڻي، هي بلو سيراڻي وغيره. ان کان اڳ وچ تي هڪ ٻن ٽولن اڳيان لنگھندي انهن سان به ملايائين: هي به پنهنجا سنڌي ڀائر آهن، جي جڪارتا (انڊونيشيا) کان آيل آهن. هي ملائيشيا کان آيل آهن ۽ هي سنڌي سنگاپور ۾ رهن ٿا. اڄُڪلهه هتي گھُمڻ آيا آهن.
    ٿوري دير ٻي، کيڪار کڙي ۽ حال احوال وٺڻ کان پوءِ ڊنر جو اعلان ٿيو. ان وقت ڏهه به ٿي ويا هُئا. مون کي ساڍي يارهين وڳي واپس به وڃڻو هو، جو منهنجو جهاز هانگ ڪانگ (وڪٽوريا) پاسي بيٺو هو ۽ آخري لانچ جهاز ڏي پوري ٻارهين وڳي وڃڻي هُئي. ان ڪري مون کي اهو ئي افسوس پئي ٿيو ته سڄو پروگرام ڏسي نه سگھندس. سو جيترو جلد جيڪر شُروع ٿي وڃي ته بهتر. ڊنر ته آءٌ کائي آيو هوس پر گربخشاڻي صاحب مون کي زوري فنڪارن واري گول ٽيبل تي پنهنجي ڀر ۾ وهاريو. هو تازو بئنڪاڪ (ٿائلنڊ) کان آيل هو ۽ اتفاق سان آءٌ هانگ ڪانگ کان پوءِ اوڏانهن پهريون دفعو وڃي رهيو هوس. سو ڪافي دير ٿائلنڊ جون خبرون پڇندو رهيوسانس. پاڻ پڇيائين ته مون سندس ڪٽنب جو نالو گربخشاڻي ته ضرور ٻڌو هوندو، ان جو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي تعليمي ادارن سان ڪافي واسطو رهيو آهي. مون کيس ٻڌايو ته جيتوڻيڪ اسان جيئن ئي هوش سنڀاليو ته توهان لڏي وڃي چُڪا هُئائو، ان کان پوءِ پڙهائي ۽ نوڪري جي سلسلي ۾ به منهنجو گھڻو وقت حيدرآباد کان ٻاهر ئي رهيو آهي، پر البت ايترو معلوم اٿم ته ”شاهه جو رسالو“ ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب پڻ ترتيب ڏنو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1923ع ڌاري شايع ٿيو هو.
    ”اهو منهنجي پيءُ جو سؤٽ هوتچند مولچند گُربخشاڻي آهي، جيڪو ڪراچي ڪاليج جو پرنسپال پڻ هوندو هو.“
    حيدرآباد جي ڪنهن زماني جي مشهور جج چنديرام سامتاڻي جي ڀيڻ (سندس گھرواري)، جنهن اسٽيج تي هڪ بهترين One act play پيش ڪيو، سا هر هر سنڌ يونيورسٽي (پُراڻي عمارت) ۽ ٻين درسگاهن بابت وڏي سڪ مان پُڇندي رهي، تنهن پوءِ ٻُڌايو ته گوپال (سندس مُڙس) جو پيءُ نرمل داس ڌرم داس گربخشاڻي، پهرين نئشنل ڪاليج جيڪو ڦليلي وٽ آهي، ان جو پرنسپال هو. ان کان پوءِ ڪورٽ وٽ نو ودياله اسڪول جو پرنسپال هو. سندس گھر به ان اسڪول منجھه هو. پاڻ مون کان ان اسڪول جون به خبرون پڇڻ لڳي، پر افسوس جو مون کي انهن بابت معلومات نه هُئي ۽ نه غلام علي نانا، شيخ عبدالمجيد ۽ شهواڻي صاحب جن جي، جن بابت هو بار بار پُڇي رهيا هئا ته ڪٿي آهن آيا زنده آهن يا لاڏاڻو ڪري ويا. پاڻ ٻُڌايائين ته مرحوم حيدر بخش جتوئي سندس سهري نرمل داس گربخشاڻي جو Favourite شاگرد هو.
    مسٽر گوپال ٻڌايو ته: هيرآباد ۾ سندس والده جي نالي ۾ ڪملا اسڪول هو ۽ هاڻ کار بمبئي ۾ پڻ پنهنجن پئسن سان هنن زمين وٺي ماتا جي ياد ۾ ڪملا اسڪول کوليو آهي، جنهن ۾ پندرهن سؤ کن شاگرد آهن. جنهن جي پرنسپال سندس سالي مس سيتا سامتاڻي آهي، جا ”سرسوتي“ سنڌي اخبار جي ايڊيٽر پڻ آهي.
    پاڻ بار بار اهو به پڇي رهيا هُئا، ته آيا سنڌ جي نئين ٽَهيءَ کي پنهنجي زبان ۽ ادب سان لڳاءُ آهي يا نه. باقي هندستان ۾ جيڪو سنڌين جو نئون نسل آهي، ان بابت کيس ڏک هو ته هنن ۾ انگريزيءَ جو واهپو وڌي ويو آهي. ان ڪري هو ۽ ٻيا ڪيترا ان ڪوشش ۾ آهن ته سنڌي ٻولي هن موجوده عربي لپي مان ڦيرائي ديوناگري لپي ۾ هلائي وڃي، جو اهو ئي هندستان ۾ ٻولي بچائڻ جو واحد طريقو آهي.
    پر ان ساڳئي راءِ تي سيٺ سيتل ۽ ٻين ڪيترن جي ڳالهين مان مون اندازو لڳايو ته گھڻن کي ان سان اختلاف آهي ۽ هو ان جي حق ۾ نه آهن. تازو بمبئي ۾ ڪوٺايل ”سنڌي جاتي جي ميلي“ ۾ پڻ ڪيترا ان حق ۾ هئا ته سنڌي ٻوليءَ کي اصلي صورت ۾ ئي ڇڏيو وڃي. ايتريقدر جو سؤ ورهين تي پهچندڙ سنت ليلا شاهه پڻ اها تلقين ڪئي: ”ٻولي پنهنجي نه ڇڏيو. ٻوليءَ جي اظهار لاءِ جيڪا ودوانن لپي جوڙي آهي، انکي نه ڇڏيو.“’سنڌي ٻولي امر رهي، سنڌي لپي زنده باد،‘ جا نعرا لڳايا ويا هُئا.
    بهرحال سنڌي ٻولي کي ديوناگري لپي ۾ ڦيرائڻ جو ويچار ائين پيو لڳي، جيئن ڪجھه وقت اڳ سنڌ ۾ پڻ ان تي ڪافي بحث پئي هليو ته آيا عربي لپي ڦيرائي رومن ڇو نه ڪئي وڃي.
    تازو سنڌ جي ڪن اخبارن ۾ اها خبر شايع ٿي هُئي ته سنڌي مشهور پُراڻو ڳائڻو(ٺارو شاهه جو رهاڪو) ماستر چندر، (جيڪو اڄُڪلهه هندستان ۾ رهي ٿو) وفات ڪري ويو آهي. منهنجي ڀر ۾ ٻئي پاسي چندر جو ناٺي رام ويٺو هو، تنهن کان ان خبر جي تصديق ڪيم ته هن سان گڏُ ٻيا به کلڻ لڳا ۽ آءٌ وائڙو ٿي ويس، پر پوءِ هنن ٻڌايو ته، ”اهو افواهه هندستان ۾ به ايترو عام ٿي ويو هو، تو وانگر جيڪو ٿي مليو، تنهن ٿي پڇيو. پر حقيقت اها آهي جو هو اڃان زنده آهي ۽ نوبنو آهي.“
    ڊنر کان پوءِ ڳائڻ وڄائڻ، سوانگن ۽ ننڍڙن ڊرامن جو دؤر شُروع ٿيو ۽ معلوم ٿيو ته هيءَ راڳ جي محفل صبح پنجين تائين پئي هلندي، مون کي جيئن ته جلد وڃڻو هو سو جيئن ئي گھڙيال جا ڪانٽا ساڍن يارهن تي پهتا ته اٿي کڙو ٿيس. دل نٿي چاهيو وڃڻ تي، پر مجبوري منهنجي پرين ۾ زنجيرَ وجھي ڇڪي آني ٻاهر ائشلي روڊ (Ashley Road) تي بيهاريو. چپ چاپ ٽئڪسي کي هٿ جي اشاري سان بيهاري درُ کولي ويٺس ته ان وقت، حايات هوٽل جي مٿئين فلور تان ڪورس جي انداز ۾ راڳ جو هلڪو ۽ ڇڻيل آواز هيٺ ٻڌڻ ۾ آيو:

    ”آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي،
    خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي...“

    چيني ڊرائيور، موٽر گيئر ۾ وڌي ۽ هئپانگ روڊ ۽ ناٿن روڊ وٽان ڦري اچي جارڊن روڊ فيري اسٽيشن تي ڇڏيو.


    اڃا آهيان مان جوان ربُ رُسي مت کسي

    گذريل هڪ مضمون ۾ ذڪر ڪري چُڪو آهيان ته هانگ ڪانگ جون هوٽلون آرامده ۽ سٺيون آهن. آرامده سان منهنجو مطلب اهو آهي ته انهن ۾ ٻين ملڪن جي هوٽلن جيان اجايو گوڙ شور ناهي. ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا جي ٻن هوٽلن ۾ رهڻ ٿيو، انهن ۾ رهندي ائين ٿي لڳو ڄڻ ماڻهو پنهنجي گھر ۾ ٽڪيو پيو هجي. سڄو ڏينهن گوڙ شور، هل هنگامو، ڪا ٻڌڻ واري پهر نه. جي ٻُڌڻ واري ڪا پهر موجود ته سمجھڻ واري نه ۽ جي ڪنهن سمجھيو ٿي ته جواب ڪونه ٿي مليو. نلڪن ۾ هميشه پاڻي غائب. ڇت وارو بلب صحيح هوندو ته ٽيبل لئمپ وارو فيوز ٿيل.
    پر ڪولون جي ميرامار هوٽل جي ٻي ڳالهه هُئي. ان ۾ ڪجھه ڏينهن ترسڻ ٿيو. سندس خاموشي ۽ سڪون ڏسي ڳوٺ جي نوائي رات ياد ايندي هُئي. بس فرق فقط اهو هو ته رکي رکي ڪنهن ڇتي ڪُتي جي ڀؤنڪار بدران، هيٺ رستي تي لنگھندڙ اوچتي بريڪ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. سو به تڏهن جڏهن دريءَ کليل رکبي هُئي. نه ته ڪمرو ايئرڪنڊيشنڊ هئڻ ڪري دري گھڻو تڻو بند رهندي هُئي. لفٽ (ايليويٽر) گرلز ۽ روم بئرا اهڙا سلڇڻا ۽ فرمانبردار، جو ڪڏهن ڪڏهن نه سڏبو هون تڏهن به پاڻهي در کولي اڳ ٻڌي پڇندا، ”سر، توهان سڏيو ڇا؟“
    اهڙي پُرسُڪون ماحول ۾ شاعر ۽ سائنسدان کي سوچڻ ۽ سمجھڻ جو سٺو موقعو ميسر ٿي سگھي ٿو، پر اسان مستري ماڻهن جو اهو حال هو جو رڳو ننڊن تي زور هوندو هو. جهاز جي انجڻن جي گوڙ گھمسان جي زندگيءَ مان جو اهڙو پرسڪون ۽ خاموشيءَ وارو هفتو ملي ويو سو ننڊن ۾ ئي بسر ٿي ويو ــ اسان به ڇا ياد ڪنداسين ته ”وڻڻ پوکڻ جو هفتو“، وغيره وغيره ــ (۽ ’وغيره وغيره‘ جي هڙ ۾ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا هفتا اچيو ٿا وڃن، تن جي مون کي پاڻ سُڌ ناهي،) في الحال، ته اڄُ تائين ڪونه ملهائي سگھياسين، پر ننڊن جو هفتو ته ملهايوسين.
    ان هوٽل ۾ رهڻ دوران، هڪ ڏينهن ڪنهن دوست کي اچڻو هو. سوچيم ته ڪمري تائين پهچندي متان هن کي دقت ٿئي سو هيٺ لائونج (بيٺڪ) ۾ اچي ويٺس جتي ايندڙ ويندڙ مسافر ۽ ملاقاتي انتظار ڪندا آهن. ڪنڊ واري ڪوچ تي ٽيڪ ڏئي ويٺس ۽ اوسي پاسي ۾ ويٺلن کي ڏسندو رهيس. هڪ ڪنڊ ۾ جپاني صحافي بئگ اڳيان رکي ڪو ناول پڙهي رهيو هو. هن کي هوائي اڏي تي پهچائڻ واري بس جو انتظار هو. هو هڪ ڏينهن اڳ به مانيءَ تي مليو هو. هن ٻڌايو هو ته هو اوساڪا مان نڪرندڙ هڪ ڏهاڙي جپاني اخبار ”شمبون“ جو نمائندو آهي ۽ هانگ ڪانگ ۾ انهن ڏينهن ۾ هلندڙ چينين جا فساد ۽ ڪن اهم ماڻهن جا انٽرويو وٺڻ لاءِ آيل آهي. ان کان سواءِ باقي ٻين ڪوچن تي ڏهه ٻارهن پوڙهين جو وڳر ويٺو هو (يا اڃان به ”وڳر“ بدران لفظ ”ڌڻُ“ استعمال ڪرڻ مناسب رهندو) عمر ۾ شايد ئي ڪا سٺ سالن کان هيٺ هُجي. (پُڇي پڪ ڪرڻ ته بيڪار هو جو ڪابه چاليهن کان مٿي نه ٻڌائي ها، ڇو جو عورت چاليهن سالن جي عمر تي پهچي پوءِ ساڳيو سال گھٽ ۾ گھٽ ويهارو سالن تائين ڳڻيندي آهي ۽ هونءَ به عورت کي پنهنجي صحيح عمر نه ٻُڌائڻ کپي. ڇو جو اها عورت جيڪا پنهنجي عمر به ٻين کي ٻڌائي سگھي ٿي، سا ڪوبه راز دل ۾ سانڍي نه سگھندي.) چخ چخ، انگريزيءَ ۾ بڪ بڪ ڪري رهيون هيون. ان کان اڳ مان فقط انجڻن جي گوڙ کان مرعوب هوس ۽ سوچي به نٿي سگھيس ته ايتريون ٿوريون ساهه واريون شيون ايڏو گوڙ پيدا ڪري سگھن ٿيون. ائين ٿي لڳو، ڄڻ هڪ ئي وقت سڀُ ڳالهائي رهيون هجن ۽ اهو ڳولڻ ته انهن ۾ ٻُڌي ڪير رهي آهي، ايترو ڏکيو ڪم هو جيترو بنا ڄاڻ سڃاڻ جي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ. دل ۾ چيم ته ڀائو تو به هن هوٽل ۾ ڪافي آرام فرمايو هاڻ هيءُ به لقاءُ ڏسي ڇَڏ.
    اهي سڀُ گوري چمڙيءَ واريون پوڙهيون ڪنهن دور دراز ولائت کان ”هاليڊيز“ يعني موڪلون ملهائڻ ۽ گھمڻ خاطر هانگ ڪانگ آيل هيون يا گھمي هاڻ روانيون ٿي رهيون هيون. امير ملڪن جون ان عمر ۽ قسم جون عورتون هانگ ڪانگ، سنگاپور، ٿائلنڊ، هوائي، تهتي، ڪنري ٻيٽ، ٽرينڊاڊ ۽ ٻين آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ گھمڻ خاطر نظر اينديون ۽ خاص ڪري شام جي وقت پارڪن يا سمنڊ جي ڪناري تي پنهنجي گذريل ماضِيءَ ۽ لٽيل شباب کي ياد ڪنديون آهن. سندن چال ۽ ڳالهه ۾ اهڙو نخرو هوندو آهي جو ڄڻُ ننڍيون نيٽيون هجن. انهن جو هجوم هوٽل ميرامار جي لونج ۾ منهنجي چؤڌاري ويٺو هو. سڀني پوڙهين جا وارَ اڇا اڇا جهڙا چاندي. ڪنهنجي ڪا چڳ اڌ ڀورسري يا سليٽي پڻ هُئي. اڌ کان وڌيڪ کي اکين تي عينڪون چڙهيل هيون. صحيح عمر جي لحاظ کان سڪل کارڪون ٿي لڳيون. پر ميڪ اپ جا تهه چڙهيل هجڻ ڪري ”مومل نه ته مومل جي ماءُ ته آهيان“ وارو ڪم هو. ڪپڙا ڀڙڪيدار ۽ ڳوڙهن رنگن جا. انهن جي سلائي ڪٽنگ جو نمونو وت ۽ ڪوشش آهر نوجوان ڇوڪرين جي ڪپڙن جهڙو.
    ان وقت جي آءٌ اٿي بيهي کين رڳو ايترو چوان ها: ”او پوڙهيون، توهان ڪٿان نازل ٿيون آهيو؟“ ته سڀُ گڏجي مون تي خوني حملو ضرور ڪن ها، پر مولا حقئون به رکي ناحقئون به رکي، مون ارادو بدلائي فقط آهستگيءَ سان ڀر ۾ ويٺل هڪ ڪُراڙي (جنهن سان نه ڪو ڳالهائي رهيو هو ۽ نه جنهنجي ڪو ڳالهه ٻُڌي رهيو هو) کان پڇيم: ”مئم، توهان انگلنڊ يا آمريڪا کان ته نه آيا آهيو؟“ منهنجو سوال پُڇڻ ۽ ليسوڙيءَ جي جنڙيءَ وانگر منهنجي جان نه ڇڏڻ. ڄڻُ هن جي ماٺ جو روزو کليو. مون ڏٺو ته منهنجي سوال تي هن جو چهرو اهڙو خوشيءَ مان ٽمٽار ٿي ويو، جيئن چاليهي جي روزي ۾ ٻانگي جو آواز ڪن تي پوڻ تي ٿيندو آهي. ”هوءَ اڳهين ويٺي هُئي رُٺي، ويتر جو آيس پيڪان نياپو“ وانگر مون سان ڳالهائڻ (بلڪ ڪنهن سان به ڳالهائڻ) لاءِ ڪا تيار ويٺي هُئي ۽ بنا هم يا تم ڪرڻ جي شُروع ٿي وئي ۽ هي بندو گندو، ”الف“ کان ”ي“ تائين سندس داستان، ڪنن مان ڪپهه ڪڍي ٻُڌندو رهيو. وچ وچ ۾ ڪجھه چرچا به ٻُڌائيندي رهي ــ جن ۾ ڪا خاص ڳالهه مون کي ته ڪانه ٿي لڳي (ٿي سگھي ٿو ته منهنجي سمجھه کان مٿي هجن)، پر وڏي غور سان ڪن ڏئي ٻڌم ته جيئن چرچو ختم ٿئي ته صحيح مهل تي پنهنجا ڏند، ڏاٺون (عقل ڏاٺون پڻ) ٽيڙي، کلي کيس اهو احساس ڏياريان ته سندس ڳالهيون مزيدار ۽ دلچسپ آهن.
    معلوم ٿيو اهي مايون انگلنڊ يا آمريڪا جون نه پر آسٽريليا جون آهن ۽ هفتو کن رهي هاڻ واپس وطن ڪوچ ڪري رهيون آهن. ڪلاڪ ڏيڍ اندر سندن لاءِ هوائي ڪمپني طرفان بس ايندي جا کين هوائي اڏي تائين ڍوئيندي. ان بعد ميلبورن (آسٽريليا) تائين ايئر فرانس جو جمبو جيٽ کڻي ويندن. بدقسمتي چئجي يا خوش قسمتي (پڪ نه اٿم) ته هي لَڏو منهنجي اچڻ کان هڪ ٻه ڏينهن اڳ هن هوٽل ۾ وارد ٿيو هو. بدقسمتي سان سندن ڪمرا منهنجي آسپاس وارا هُئا، پر چڱو جو خوشقسمتيءَ سان واقفيت اڳ نه ٿي، نه ته هنن ڪراڙين جون جوان ڳالهيون مون کي هڪ هفتي اندر پوڙهو ته ڇا، ڌڪي قبر ڀيڙو ڪن ها.
    اسان جي طرفن جي ملڪن ۾ جڏهن عورت ان عمر جي ٿيندي آهي ته ڪنڊ پاسو وسائي رب جي بندگي ڪرڻ، ٻارن جي ڦاٽل ڪپڙن ۾ چتيون هڻڻ، يا ٻارن کي اجايو پاڻي هارڻ ۽ صبح جو دير تائين سمهڻ کان منع ڪرڻ، يا قبر جي زندگي ۽ جنت جهنم جي سزا ۽ جزا جون ڳالهيون ويهي ٻُڌائيندي آهي پر گورن ملڪن جون مڙسن کان رُٺل(گھڻو ڪري)، اولاد کان ڌڪاريل، هي پوڙهيون گھر ٻار ڇڏي، ڪمزور جسم کي ٽلڪائينديون، ٿاٻا ۽ ڌڪا کائينديون هانگ ڪانگ، سينگاپور، بيروت، جپان ۽ ٻين اهڙن ملڪن (جن جي سياڻي حڪومت سياحن جي اچڻ لاءِ، پنهنجي ملڪ جي تعريف ۾ اشتهاربازي ۽ پروپئگئنڊا پٺيان ڪافي خرچ ڪيو آهي) جي گھٽين، بازارين، ڪلبن، هوٽلن جي آڳندن ۽ سامونڊي ڪنارن تي ڦرنديون آهن ۽ سندن وطن ۾ رهندڙ باقي پاڙي وارين پوڙهين ڏي فوٽو ڪارڊ لکنديون آهن: ”ڪاش تون به هتي هُجين ها. مان هانگ ڪانگ ۾ تمام سٺو وقت پئي گُذاريان“ سٺو وقت پاڻ ته نه، البت ان ملڪ جون هوٽلون ۽ هوائي ڪمپنيون اهڙين پوڙهين جي بچيل پونجي هضم ڪري گذارينديون آهن، ان کي چئبو آهي، شايد ته : ربُ رُسي، مت کسي، هڻي ڪونه هٿيار.
    بهرحال سائين، منهنجي ڀرسان ويٺل ”محترمه“ ــ جنهن لاءِ پهرين ته سمجھه ۾ نه آيو ته ڪهڙي لقب سان مخاطب ٿيانس. پر پوءِ هر وقت مئڊم جو شارٽ فارم ”مئم“ ئي چوندو رهيوسانس. ان ڪري اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن اوپري يا ڌارئين عورت سان ڳالهائيندي دقت نه ٿي ٿئي، جو اسان وٽ فقط ٻن قسمن جون عورتون آهن. جي عمر جي وڏي ته ”امان“ يا ”ماسي“ ۽ ننڍي ته ”ادي“ يا ”ڀيڻ“. سو هيءَ اسان جي ڀر ۾ ويڄل پوڙهي ــ جا جوانيءَ ۾ (بلڪ ڦوهه جوانيءَ ۾، جو جوان ته هينئر به هن پاڻکي سمجھيو ٿي، پر قدردانن جي کوٽ هئڻ ڪري ’حال منهنجو هينئن ٿيو‘ وارو قصو هو) حسن ۽ سونهن سوڀيا ۾ غضب يا کڻي چئجي قيامت هئي (بقول سندس). ۽ اڃان به پنهنجو پاڻ کي ”ڏندين ڏاند پر کُرين گابي“ سمجھي رهي هُئي ــ ڪاسميٽڪ ڪمپنين جي مهربانين سان ٽي شاديون ڪري چُڪي هُئي، پر بقول سندس، مڙس کيس ڪو راس نه آيو. هوءَ اڃا تائين اهڙي مڙس جي ڳولا ۾ هُئي، جنهن تي هوءَ ڪالونيءَ وانگر حڪومت ڪري سگھي. هوءَ مون کي ”شاديءَ“ ۽ ”مڙس“ جي عنوان تي ائين کُلي ڳالهيون ٻُڌائي رهي هُئي، جيئن ڪو ائناٽامي جو پروفيسر امتحان کان ٻه چار ڏينهن اڳُ پنهنجي شاگردن کي جلدي جلدي سڄي جسم جي عضون بابت ٻڌائي. پاڻ چيائين: ”عورت هڪ کليل ڪتاب آهي، پر پاڪيٽ سائيز، جنهن کي بستر ۾ پڙهڻ کپي“ ۽ هوءَ پڙهڻ جا مختلف طريقا ۽ ٻيون ڳالهيون ان سان وابسته ٻُڌائيندي رهي. کيس ٻُڌائڻ ۾ ايترو به شرم نه پئي آيو جيترو مون کي ٻُڌندي.
    هن جي مختلف عنوانن جي ڳالهين مان اهو اندازو لڳايم (بلڪ پوءِ پاڻ به کُليءَ طرح دل جو حال اوريائين) ته هوءَ هن راڄ ۾ ۽ هن عمر ۾ اڃان ڪنهن راڻي جي تلاش ۾ آهي. ڏاڍو تعجب کاڌم ته عورت آهي يا ڪرڙي، مڙس کي جيت سمجھي هڪ ٻئي پٺيان ڳڙڪائيندي وڃي. دل ۾ خيال آيو ته چوانس: ”هاڻ گھڻو ئي ٿيو، هاڻ ٻئي جنم جو انتظار ڪر.“ ۽ اڪيلي هُجي ها ته پڪ چوانس ها ته : ”او مائي! هي تنهنجي شادي جا ڏانهن آهن يا مرڻ جا ــ بلڪ ٻڏي مرڻ جا!“ پر مار جي ڊپ کان شايد، يا اجايو ککر ۾ کڙو هڻڻ کان، ۽ اهو به سوچي ته متان هن کي ڏک ٿئي ته آسٽريليا ۾ ته هن جا قدردان نه آهن، پر ايشيا جي بکايل ملڪن جا ماڻهو به چٽ آهن، ۽ ڪجھه کيس سندس حال ۽ ٻٽاڪ تي خوش رکڻ خاطر ته پنهنجي وطن خوش ٿي وري، چپ چاپ شيدي نوڪرن وانگر ٻڌندو رهيس. پاڻ هڪ ٻه اهڙو سوال پڇيومانس ٿي، جنهن مان هن جي زخميل ”انا“ ۽ ”آهيان اڃان مان جوان“ جي احساس کي تقويت ملي ٿي. مثال طور: دل تي پٿر رکي پڇيومانس: ”لڳي ٿو ته توهان ڄاڻ ته چوٿين شادي ڪئي. ڪيترائي اميدوار هوندا، جن مان ڪنهن کي ڳولڻ ۾ توهان کي دقت پئي ٿيندي هوندي.“ ته ٿڌو ساهه کڻي، سگريٽ جو ڊگھو ڪش هڻي ورائڻ لڳي، ”الائي، اڃا ته ٻه چار سال آرام ڪرڻ جي موڊ ۾ آهيان.“ ۽ وري هڪ ٻيو ان ڪينٽ سگريٽ جو ڊگھو ڪش هڻي چوڻ لڳي، ”دراصل دنيا ۾ مرد تمام گھٽ آهن ۽ عورتون تمام گھڻيون. جيئن موٽرون تمام گھڻيون ٿي پيون آهن ۽ پارڪنگ جي جڳهه گھٽ. ڪو مڙس هٿ ڪرڻ به اڄُڪلهه ائين آهي، جيئن وچ شهر ۾ پارڪنگ لاءِ جڳهه ڳولڻ. ۽ جيئن جڳهه حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪنهن نه ڪنهن ڪار جي پٺيان ترسي ان جي نڪرڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، تيئن مڙس حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪنهن نه ڪنهن جي ڪڍ لڳڻو پوي ٿو ــ جيسين هنجي پهرين زال مري يا طلاق وٺي ته پوءِ ان جي جڳهه ماڻي سگھجي.“ پاڻ ٻين پوڙهين سان به تعارف ڪرايائين. ان گروپ ۾ اڌ کن ته هن جهڙيون ئي هيون، جن جي ٻي يا ٽين شادي بعد طلاق ٿيل هُئي. ٻيون مڙسن کان رُٺل هيون. ڪي مڙسن سان وڙهي اڪيلي سر گھمڻ نڪتيون هيون ته ڪي ٻارن ٻچن کان الڳ ٿلڳ هيون. بلڪ ٻار ٻچا هنن کان الڳ ٿيل هئا ــ جيئن اڪثر مغربي ماحول ۾ عام آهي.
    پاڻ پنهنجي انيڪ عشقن (حد تڪميل تي نه پهتل) جون ڳالهيون به ٻڌائيندي رهي (جن مان ڪيتريون مون کي ائين لڳيون ڄڻ ته هن کان اڳ به ڪنهن فلم يا ڪتاب ۾ پڙهيون هجنم) ته نقلي ڏندن جي جُت سان چيغم به چٻاڙيندي رهي. ايتري ۾ سندس بس اچي نازل ٿي ۽ ٽريولر ايجنسيءَ جو ماڻهو پڻ ــ جيڪو هنن کي ڍورن وانگر ٻاهر مين گيٽ ڏي هڪلڻ لڳو. اٿڻ مهل پرس مان پنهنجو هڪ فوٽو ڪڍي ڏنائين، جو سندس تڏهن جو هو، جڏهن هوءَ ويهن سالن جي ڪاليج گرل هُئي ۽ اڃا آسٽريليا لڏي ڪانه آئي هُئي ۽ انگلنڊ جي ڪنهن ڏاکڻي ڪائونٽِيءَ (ضلعي) ۾ رهندي هئي. (خبر ناهي ته ان فوٽوءَ جون ڪاپيون ٺهرائڻ ۽ هڪ مون کي ڏيڻ ۾ ڇا رکيو هو.) ”مهرباني“ چئي فوٽو قبول ڪيومانس ــ ۽ هڪ دفعو وري کيس ۽ ان فوٽو ۾ سندس خوبصورت تصوير کي ڏٺم. ڇا ته غضب جي فگر لڳي رهي هُئي ان فوٽوءَ منجھه! ٽيهارو سال اڳ جي گوگو گرل ۽ مستاني مورت کي عشقن ۽ چيغمن هڻي پٻو ۽ گوشت جو لڙڪيل ڍير بڻائي ڇڏيو هو ــ جو منهنجي اڳيان رڙهي ٻاهر بس ڏي وڌي رهيو هو.


    مصري عرب سان شام ــ ڪولون جي مسجد

    منهنجي دوست کي اچڻو هو سو نه آيو ۽ آءٌ به هڪ فرمانبردار عاشق ۽ وانگر، ڪجھه دير ٻي به انتظار ڪرڻ لڳس. دراصل ٻئي ڪنهن هنڌ وڃڻو به نه هوم، سو اتي ئي ان هوٽل جي لائونج جي ڪوچ تي اهليو پيو هوس. ڪي آيا ڪي ويا پئي. هڪ ٽولي ڇوڪرين جي آئي هڪ ئي يونيفارم ۾. چوڙيدار پجاما، ڀرت جا رنگين پهراڻ ۽ ڳچيءَ ۾ پوتيون. بئري ٻڌايو ته انڊين ايئر لائنز جون ايئرهوسٽس آهن. ڪجھه چيني، ڪورين، ملئي ماڻهو پڻ ويٺا هئا ۽ ٿوري دير کان پوءِ ويندا رهيا. ڪجھه ٻيون پوڙهيون کاکڙ کوکڙ آمريڪن عورتون پڻ اچي ويٺيون. جي تازو آمريڪا کان هانگ ڪانگ گھمڻ آيون هيون ۽ هوٽل ۾ جيسين انهن لاءِ ڪمرا ٺهن ۽ لک پڙهه ٿئي، تيسين ويٺيون رهيون. اڪيلو ئي اڪيلو ۽ خاموش ويهي ويهي جيتوڻيڪ ڪڪ ٿي رهيو هوس، پر انهن پوڙهين سان ڳالهه چوري مغز کپائڻو ڪونه هو ــ اهو سون ئي گھوريو جو ڪن ڇني. هڪ پوڙهي جنهن کي ڪو فلمن جو شوق ٿي ڏٺو. (يا بهانو ڪري منهنجو مغز ٿي کاڌائين) ويجھو سري مون کان انگريزيءَ ۾ پڇيو ته، ”هانگ ڪانگ ۾ ڪا رچرڊ برٽن جي فلم هلي رهي آهي.“ ڪلهن کي جھٽڪو ڏئي اشاري سان گڏ جپانيءَ ۾ چيومانس، ”ايگو گا وَڪاري ماسين.“ (انگريزي نٿي اچيم.) ۽ هوءَ ٿڌو ساهه کڻي منهنجي پچر ڇڏي سامهون ويٺل هڪ سنگاپور جي واپاريءَ جو مٿو کائڻ سان گڏ، رچرڊ برٽن ۽ مارلن برانڊو جو جلاب وٺندي رهي. پر اڳلي جي منهن مان سخت بيزاري پئي بَکي. ان عنوان ۾ هن جي تر برابر به دلچسپي ڪانه ٿي ڏٺي. هن جي دل شايد آمريڪن ڊالر جي ڊيوئليوئشن، فلوٽنگ ۽ سنڪنگ (Devaluation, Floating, sinking ) جي چڪرن ۾ ئي ٻُڏي اپري رهي هئي. انهن ڏينهن ۾ آمريڪن ڊالر جو ٻيو دفعو Devaluation ٿي هئي ۽ هو تنگ ٿي مارلن برانڊو ۽ رچرڊ برٽن جي پوڙهي عاشقياڻيءَ کي ڇڙٻ ڏي،ان کان اڳ آءٌ اتان اٿي پري ٻئي پاسي منهن ٿيل ڪوچ تي وڃي ويٺس. جنهن جي آس پاس ۾ ٻه جپاني ڪٽنب ٻارن سميت ويٺا هئا ۽ منهنجي بلڪل سامهون هڪ همراهه اخبار ڏسي رهيو هو. اخبار هن رکي ته مون هن ڏي ۽ هن مون ڏي ڏٺو ۽ پوءِ ڪجھه دير لڳاتار ڏسندا رهياسين. هن منهنجي چهري مان پڙهيو ۽ مون هن جي مان. اسان ٻئي جيتوڻيڪ الڳ ملڪن ۽ قومن جا هئاسين، پر پوءِ به پنهنجائپ لڳي رهي هُئي. آءٌ سندس چهري ۽ شبيهه مان سمجھي ويس ته آهي ته ڪو عرب، ۽ عرب به مصر يا شام جو. مون کانئس پڇيو ته: ”توهان عرب ته نه آهيو؟“
    هن پهرين هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. منهنجي ان اوچتي ۽ اوپري سوال تي سندس چهري تي ڪجھه خوف ۽ شڪ ظاهر ٿيو ته آيا منهنجي ”عرب“ مان سٺي مراد آهي يا نفرت آميز. ان جو سبب ۽ هن جي اها بيچيني آءٌ سمجهي ٿي سگھيس ۽ اها جائز هُئي جو تازو ٻه ڏينهن اڳ ميونخ جرمني ۾ اولمپڪ راندين دوران فلسطيني گوريلن جي بليڪ ـ سيپٽمبر تحريڪ ۽ اسرائيل جي رانديگرن جو واقعو رونما ٿيو هو، جنهن کي مغربي پريس خوب اڇاليو ۽ Exploit ڪيو هو ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهن کي خبر پئجي وئي هُئي. هانگ ڪانگ ۾ به ان ڏينهن کان هر روز ان قسم جي سرخي صبح ۽ شام جي اخبارن ۾ آئي ٿي ۽ ماڻهن جي دل ۾ عربن لاءِ نفرت پيدا ڪئي وئي ٿي. اهڙي ماحول ۽ وقت ۾ ڪنهن اوپري کي ٻڌائڻ ته مان عرب آهيان، معنى هن جي هر رمارڪ ـ ويندي گار گند ٻڌڻ لاءِ تيار رهڻ.
    مون محسوس ڪيو ته منهنجي سامهون ويٺل همراهه جي دل پينگھه وانگر ”ها ۽ نه“ جي وچ ۾ لُڏي، نيٺ حقيقت ۽ سچ طرف بيهي رهي.
    ”ها، مان عرب آهيان، ڀاءُ.“ هن صاف ۽ صحيح انگريزيءَ ۾ جواب ڏنو ۽ پنهنجو ڪوٽ ۽ ٽائي درست ڪري، رومال سان پيشاني تان پگھر اگھيو.
    ”منهنجي خيال ۾ مصري ته نه آهيو؟“
    منهنجي ان ڌُڪي تي ڏاڍو خوش ٿيو. مون به پنهنجو تعارف ڪرايومانس ته اٿي بيهي ايڏو ته حُب مان ڀاڪر پاتائين ۽ کيڪاريائين جو منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.
    هو آسٽريليا کان اچي رهيو هو، جتي مصر جي سفارتخاني ۾ ٽي سال اتاشي ٿي رهيو هو ۽ هاڻ مُدو پورو ٿيڻ تي پنهنجي وطن وڃي رهيو هو. کيس هانگ ڪانگ ۾ اڏام بدلائي ٻي ڪمپني جي جهاز ۾ ٻئي ڏينهن قاهره روانو ٿيڻو هو. سندس گھر قاهره ۾ زملق گھٽِيءَ ۾ آهي ۽ سندس نالو ”توفيق محمود“هو. عمر ۾ مون کان ڏهه ٻارهن سال وڏو ٿي لڳو. کليل پيشاني ۽ چهري جي نموني مان بيحد ذهين ۽ سمجُهو ٿي ڏٺو.
    هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايوسين ۽ هڪ ٻئي جي ملڪ گھمڻ ۽ مهمان ٿي رهڻ لاءِ هڪ ٻئي کي دعوتون ڏنيونسين. ان بعد ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهائيندا رهياسين. هو به مون وانگر واندو هو، گھمڻ جو کيس شوق صفا ڪونه ٿي ڏٺو ۽ ويٺو رهيو. هانگ ڪانگ ۽ مغربي ملڪن مان آيل اخبارن ۾ ڏنل هڪ طرفيون ۽ جانبدار خبرن، مراسلن ۽ ادارين بابت هو پڻ افسوس ڪندو رهيو ته دنيا جو ــ خاص ڪري پريس جو ضمير اڄُڪلهه ڪٿي آهي، جو هو عربن ۽ مظلوم فلسطينين تي ايتري اجائي ٿڪ لعنت ڪري رهيا آهن. جڏهن ساڳيو ڪم پاڻ وڏي پئماني تي يهودي، فلسطينين سان ڪن ته اها ساڳي پريس ان کي ظلم يا ڪوس نٿي سڏيو، ويتر ان کي آزادي ۽ حق جي جنگ ٿي ڪوٺيو، جڏهن يهودي، غريب فلسطينين کي بي گھر ڪيو تڏهن ڪنهن کي قياس ڪونه ٿي آيو.
    ڳالهائيندي ڳالهائيندي توفيق جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ دل ڀرجي آيس ۽ ڏک مان چيائين، ”ڇا اهو 1967ع وارو نظارو دنيا وساري ويٺي آهي جڏهن اسرائيل غريب فلسطينين کي لوڌي ڪڍيو. ڇا دکدائڪ نظارو هو. ٽيهه هزار انساني جانيون پنهنجي ئي گھر مان بي گھر ٿي رهيون هيون ــ مرد، ننڍڙا ٻار مائرن جي چولن ۾ چهٽيل، پوڙها، عورتون جن ڪي ڪَڇَن ۾ تازا ڄاول ٻار، خوف کان ڏڪندا، رئندا، ڊڄندا تتل واريءَ تان قافلن جي روپ ۾ اڻڄاڻ ڀيانڪ مستقبل ڏي وڌي رهيا هئا ۽ اهي ظالم اسرائيلي سپاهي بندوقن جي سنگينن سان کين ڌڪي رهيا هُئا، لوڌي رهيا هُئا.“
    ”مڃون ٿا ته جيڪي ڪجھه ميونخ ۾ ٿيو يا هوائي جهاز هاءِ جئڪ ڪرڻ يا لنڊن ۾ يهودين جي دڪانن ۾ بم ڇڏڻ، جنگ جي اصولن جي خلاف ۽ غير مهذب ڳالهه آهي، پر بقول فلسطينين جي، (جن کي پورا هٿيار نه آهن) اسرائيل ــ جنهن کي آمريڪا جهڙي طاقتور ۽ امير ملڪ جي هٿي آهي، ان جو جنگ جي ميدان ۾ مقابلو ڪيئن ٿو ڪري سگھجي. هن لاءِ ته اهو ئي طريقو آهي ته گوريلا جنگ وڙهجي. ان ۾ خاص شيءِ اها ڏسڻي پوندي آهي ته ٽارگيٽ کڻي ننڍو هُجي، پر ڪاميابي سؤ سيڪڙو هڙ پوي. ڪٿي هيسائڻ کان ڪم وٺڻ، ڪٿي دشمن کي منجھائڻ ۽ خوف ۾ رکڻ، ڪٿي هن کي ان قسم جا ننڍا نقصان پ هچائڻ، جنهن جي هن کي اميد نه هُجي ـ گھڻو اثر رکي ٿو. سو هنن لاءِ ويٽنام جهڙي گوريلا جنگ جوٽڻ ئي درست آهي. دنيا هنن مظلومن کي هميشه ستائيندي رهي ۽ وساريندي رهي. گھٽ ۾ گھٽ هاڻ دنيا اهو ته محسوس ڪيو آهي ته فلسطيني به ڪي انسان هن ڌرتيءَ تي آهن ــ جن سان ظلم ٿيل آهي.“
    منهنجي من کي منجھائيندڙ هڪ ڳالهه پڇيمانس، ”ڀلا، ڀاءُ هوائي جهاز يا دڪان ختم ڪرڻ تي معصوم ۽ بيگناهه جانيون به ته تباهه ٿين ٿيون، ان لاءِ Justification هئڻ کپي؟“
    ”هر هڪ جي من ۾ ساڳيو سوال ڪر موڙي منجھائي ٿو. ڊاڪٽر هباش ۽ ليلى خالد کان جڏهن ان بابت لائيف ۽ ٽائيم رسالن جي نمائندن پڇيو ته هنن وراڻيو؛ ”فلسطين گوريلن جون سڀُ تحريڪون ان کان گُريز ڪن ٿيون ته ڪوبه معصوم شڪار بڻجي، پر سوال آهي ته ڇا ڪو اهڙو سرجن آهي جو بنا رتُ واهڻ جي ڪا آپريشن ڪري سگھي.“ بهرحال هن عرب گوريلن جي عمل کي خراب ٿا سمجھن ڪي سٺو ۽ سچ اهو آهي ته ان خرابي ۽ سٺائي جي وچ ۾ ايترو گھٽ ويڇو ۽ ڪمزور سرحد آهي، جو ڪچي ڌاڳي وانگر ڪٿي به ٽٽي سگهي ٿي، اجھو هيئن.“
    توفيق کي چانهه پاڻي جي صلاح ڪري سامهون هوٽل ميرا مار جي بار ۾ وٺي آيس. کانئس کائڻ پيئڻ جي پسند پڇيم. هي شايد پهريون عرب مون سان مليو هو، جنهن شراب ۽ عورت کان پاسو ٿي ڪيو. هو ڪيتري دير مون سان ڳالهيون ڪندو رهيو ۽ سمجھائيندو رهيو ته، مذهب اسلام هڪ سائينٽيفڪ ۽ هر دور ۽ وقت جي تقاضا آهي ۽ سٺائي سيکاري ٿو. پاڻ، آسٽريليا ۾ مقيم پاڪستاني ايمبسي وارن جي ڏاڍي تعريف ڪيائين، جن انڊونيشيا جي ايمبسي وارن سان گڏجي ميلبورن (آسٽريليا) ۾ هڪ خوبصورت مسجد تعمير ڪرائي آهي.
    سانجهيءَ جو وقت اچي ٿيو هو. ميرا مار هوٽل جي سامهون ناٿن روڊ جي ٻئي پاسي هڪ تمام وڏي ۽ خوبصورت مسجد آهي. ڪافي پي اسان اٿياسين ۽ ناٿن روڊ تي واڪ ڪندا ان مسجد ۾ مغرب جي نماز لاءِ گھڙي پياسين. مسجد ۾ نمازين کان وڌيڪ سياح هئا. ان کان اڳ به هڪ دفعو ان مسجد ۾ جمعي نماز پڙهڻ جو موقعو مليو هو. جمعي نماز ڪري چڱو خاصو تعداد نمازين جو هو. سؤ سوا کن ٿيندا. چار وڏيون صفون ٿيون هيون، جن ۾ مدراسي ۽ ڏکڻ هندستان جا ٻيا مسلمان ڪافي هئا. ان کان علاوه پاڪستاني (خاص ڪري پٺاڻ)، ملئي ۽ ڪجهه چيني مسلمان پڻ هئا، پر ان ڏينهن مغرب نماز تي تمام ٿورا ماڻهو (مدراسي ۽ چيني) هئا، جي هڪ بزرگ شخص کان ديني ڳالهيون ٻُڌي رهيا هُئا. مسجد جو امام هزاره (پاڪستان) جو پنجونجاهه سالن جو پوڙهو هو. ان کان اڳ به هزاره جو ئي امام هو، جو هڪ سال اڳ وفات ڪري ويو.
    وضوءَ لاءِ ان مسجد ۾ خوبصورت حوض ٺهيل آهي. اندر بهترين غاليچا وڇايل آهن ۽ ٻاهر سنهي سَرُ جا تڏا. هيءَ مسجد جپانين ٻي وڏي جنگ ۾ مسلمان سپاهين لاءِ ٺهرائي هُئي، جي ان وقت ميدان تي نماز پڙهندا هُئا. اها مسجد پهرين قلعي طور استعمال ٿيندي هُئي.


    هانگ ڪانگ ٽاور پيڪ ۽ رقابت جو جذبو

    هانگ ڪانگ ۾ توهان ڪنهن کان به هتي گھمڻ جون جايون معلوم ڪندا ته هو پهرين توهان کي ٽاور پيڪ ڏسڻ لاءِ چوندو ۽ ان بعد ٻيون جڳهيون. هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) تي ڪيتريون ئي اتاهيون ٽڪريون آهن، جن تي انگريزن جا عمدا ۽ عاليشان گھر آهن (باقي هيٺ ڪُت خلق ــ يعني هتي جا اصل باشندا چيني، جن جي هيءَ ڌرتي آهي. پر جيئن ته اهو بيٺڪي ۽ ڌارين حڪومتن جو رواج هلندو اچي ته هنن هميشه ڌرتيءَ جي ڌڻين کي نيچ سمجھيو آهي. پوءِ چاهي موزمبيق، ائنگولا، گني ۾ پورچوگيز هجن، يا ڪانگو، گئبن، ٽوگو وغيره ۾ فرينچ. ساڳيو عالم هتي هانگ ڪانگ ۾ پڻ آهي.)
    رات جي وقت پري کان جڏهن اسان جو جهاز هانگ ڪانگ ڏي ايندو آهي ته هانگ ڪانگ جي ٽڪرين تي بتين جي جھرمر ۽ روشني ائين لڳندي آهي، ڄڻ زمين آسمان تائين وڃي لڳي هجي. ڪنهن چينيءَ خوب چيو ته هانگ ڪانگ ۾ امير ۽ غريب کي سڃاڻڻ تمام سولو آهي. جيترو مٿي جبل تي سندس گھر اوترو امير. هر جبل تي بس ۽ ٽئڪسين وڃڻ لاءِ رستو جبل جي چؤڌاري ائين وڪوڙيل آهي، جيئن گول اسپرنگ، جنهن جو تري وارو ڇلو وڏو هجي ۽ مٿيون ڇلو ننڍو ٿيندو وڃي.
    هڪ اهڙي پهاڙي، جنهن جي چوٽيءَ تي برطانوي راڄ جي حڪومت جون آفيسون ۽ گورنر جو بنگلو به آهي، ان جي چوٽيءَ تائين پهچڻ لاءِ هڪ ڪيبل ڪار (جنهن ۾ سٺ کن ماڻهو ويهي سگھن)، جبل جي چؤڌاري ڦري مٿي پهچڻ بدران تري کان سڌو چوٽيءَ تائين پنجيتاليهه ڊگرين کن جي ڪنڊ ٺاهي اچي وڃي ٿي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ اجها ته اونڌي ٿي. اهو رستو ـ جبل جي تري کان چوٽيءَ تائين، اها ٽرام ڏهن منٽن ۾ پورو ڪري ٿي ۽ بس يا ٽئڪسيءَ ذريعي جبل تان ڦري چڙهڻ يا لهڻ ۾ منو ڪلاڪ کن لڳيو وڃي. ان ٽرام جي اسٽيشن هوٽل هلٽن وٽ آهي ۽ صبح کان شام تائين مسافر ڍوئيندي آهي. سٺ ستر کن مسافرن جا جٿا ٿي مٿي ايندا ويندا آهن.
    ٽرام جي اڳيان ڪيبل (هڪ قسم جي مضبوط لوهي رسي) هوندي آهي جا مٿي موٽر تي ويڙهبي ويندي آهي. ٽرام مٿي ريلوي (لوهي پٽن) تي ڇڪي ويندي آهي ۽ اهڙي ءَ طرح هيٺ پڻ ايندي آهي.
    پهرين دفعي ٽاور پيڪ ڏسڻ، آءٌ زيديءَ سان گڏ ويو هوس.
    آچر جو ڏينهن هو، سو ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ سياحن جي ڊگھي قطار هئي. اسان به بيٺا رهياسين. آخر ٻئي يا ٽئين چڪر ۾ وارو آيو ۽ ڏيڍ روپئي کن جي ٽڪيٽ وٺي مٿي چڙهياسين. ملڪ ملڪ جا مرد، عورتون ۽ ٻار نموني نموني جي وڳن ۽ پوشاڪن ۾ هئا. اڌ کن ته چيني هُئا، جي ڀرواري ملڪن سنگاپور، تائيوان، ملايا، ٿائلنڊ، ويٽنام پاسي جا ٿي ڏٺا. ڪجھه هانگ ڪانگ جا به منجھن هئا، شايد. آچر جي ڏينهن هجڻ ڪري هرڪو موڪل ۽ خوشيءَ جي موڊ ۾ هو. اسان به ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ، وارو اچڻ تائين اڳيان ۽ پويان ڊگھي قطار ۾ بيٺلن جي پوشاڪن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا رهياسين. (گلا کان سواءِ اسان ايشين (Asian) کي هونءَ به اچي ڇا ٿو ۽ گلا ڪرڻ تمام سولي ۽ سستي وندر آهي. نه دماغ تي زور ٿو ڏيڻو پوي نه محنت. ۽ هونءَ به اسان جو دماغ اهڙي سولي ڪم لاءِ ٺهيل آهي. جي ڪجھه اسان جي دماغن ۾ ٺڪر هجي ها ته هي نت نيون ايجادون : ريڊيو، ٽي ـ وي وائرليس کان راڪيٽ، ڪمپيوٽر ۽ جمبو جيٽ يورپين ۽ آمريڪن بدران، ايشين ايجاد ڪن ها.) سو وقت پاس ڪرڻ لاءِ سولي ۽ سستي مشغولي ـ يعني گلا ۾ لڳي وياسين. زيديءَ کي چيم ته: ”هي چيني ڇوڪريون ته ڏس. اڄُ کان ويهه پنجويهه سال اڳ تائين مرد ۽ عورتون ڪالرن بنا ٻنهي پاسي ڪاڄ ٺهيل ويڪريون قميصون ۽ ساڳي رنگ جي پجامن جهڙيون ڍليون ۽ لنڊيون پتلونون پائينديون هيون ۽ هاڻ هتي يورپي ۽ آمريڪي سياحن کي ڏسي چيني به بَلي ٿي پيا آهن. خاص ڪري ڇوريون ته ڏس! ڇا بيل باٽم، ڇا ايليفنٽ باٽمڊ پتلونون، ڇا سلئڪس ڇا جينس. ۽ ڇا هي اسڪرٽ ـ سي به مني. مار! چوندا آهن ته ’ڀاڳن ڄائي آهي ڀيڻ، گڏهيون ٿيون گج پائين.‘.“
    زيدي ڳالهه کي ٽيڪو ڏيندي چيو، ”اهي سڀاڳيون چينياڻيون هتي هانگ ڪانگ ۾ ٿي پيون آهن، سو نت نيون پوشاڪون پهري ائين نخرا پيون ڪن. ٿورو اس جو ترورو به برداشت نه پيو ٿئين، پر جي فقط سو ميل کن هن پاسي مائوءَ جي چين ۾ ڄمن ها ته بلو چتين لڳل ڍلا ڪپڙا پائي، ڏينهن تتي جو پڪي رستي تي ڪو سرن جو گاڏو پيون گھلين ها، يا ته ڪنهن ڪارخاني ۾ لوهي هٿوڙو کڻي گرم پليٽ کي سڌو پيون ڪن ها.“
    ”۽ هوءَ وري چيني ڇوڪري ڏس، چڍي ڪيتري ننڍي ۽ سوڙهي پاتي اٿس. ذري گھٽ اوگھڙ پئي نظر اچيس.“
    ”اڙي اها چڍي نه پر ’هاٽ پينٽ‘ اٿس.“
    ”مار! چئبو ته هاٽ پينٽ هتي به پهچي وئي ۽ نه فقط ڊريس پر بي حيائي به مغرب جهڙي اچي وئي آهي. ڪجھه دير اڳ هوءِ هنن ٻن يورپين سياحن سان کيچل ڪري رهي هئي ۽ هاڻ هنن چينين سان پئي چرچا ڪري.“
    ”مون کي ته مڪسڊ بلڊ (Mixed-Blood) پئي لڳي، جو سندس رنگ چينين وانگر پيلو يا هيڊو ناهي ۽ صاروفا به چينين سان ڪونه ٿا ملنس. باقي قد بتُ ۾ انهن جهڙي آهي.“
    اسان اچي ٽڪيٽ آفيس جي دريءَ وٽ پهتاهئاسين سو، ٿوري دير گلائن کي بريڪ هڻي، ٽڪيٽ خريد ڪري اندر جبل ۾ چُر جهڙي ٺهيل ڪمري ۾ اچي بيٺاسين، جتي ٽرام اچڻ واري هُئي. هاٽ پينٽ واري ڇوڪري، جنهن جي پٺيان کليل چولي مان ڏٺو پئي ته برا ليس يعني باڊيءَ بنا آهي (اهو به اڄُڪلهه جو فئشن آهي ۽ آمريڪا طرف ته ڪافي سالن کان احتجاج خاطر عورتون باڊيون پائڻ ڇڏي ڏنيون آهن ۽ ان جي ٻين کي خبر ڪيئن پوي، ان لاءِ يا ته سنهي ڪپڙي جا چولا پاتا وڃن ٿا يا هن ڇوڪريءَ جيان چولي جي پٺ گھڻو هيٺ تائين ڪتريل ڇڏي وڃي ٿي)، سا به اسان جي جٿي ۾ هئي ۽ هاڻ وري هڪ ٻئي سياح سان ڳالهائي رهي هئي. (۽ اسان دل ۾ سڙي پڄري رهيا هئاسين ۽ تشويش ۾ پڻ هئاسين ته هيءَ لاوارث چيني ڇوڪري ڪير آهي، جنهن جي انگ انگ ۾ نرتڪي واري چستي آهي ۽ مست هرڻيءَ وانگ ڇال هڻي رهي آهي) خير سائين، اسان جو به وارو آيو، جيتوڻيڪ ڪجھه دير سان، جڏهن مٿي چوٽيءَ تي پهچي، هيڏانهن هوڏانهن ڦري، ساڄي پاسي پارڪ جي ڪنڊ وٽ هڪ قدرتي نظاري مان محظوظ ٿي رهيا هئاسين ۽ پنهنجن ئي پورن ۾ پيا هئاسين ته هيءَ اوچتو سامهون اچي بيٺي ۽ اسان جلدي ۾ اهو به نه سوچي سگھياسين ته ڪهڙن لفظن سان ڳالهائڻ شُروع ڪجي.
    ”هيلو.“ هن شُروعات ڪئي ۽ اسان جي اڃان به ويجھو ٿي بيٺي. ايترو ويجھو جو اسان چپن تان ڊٺل پالش به چڱي طرح ڏسي پي سگھياسين. سندسن ڇاتيءَ جي کاٻي پاسي ننڍڙو ٻلو لڳل هو، جنهن تي نشاني ته ”امن“ جي هُئي، پر لکت خبر ناهي ڪهڙي زبان ۾ هئي. اسان به دل ٻڌي، ڪجھه نه ڪجھه ڳالهائڻ خاطر، (جيئن هوءَ ان شڪ مان جلد نڪري وڃي ته اسان ٻئي گونگا ٻوڙا آهيون)، هڪ عجيب غلامانه انداز ۾ ”هيلو“ چئي ٻنوڙي تان هيٺ لهي بيٺاسين، ”اسان توکي پهرين به ڏٺو آهي“
    ”منيلا (فلپين) ۾ ڏٺو هوندو.“ هن يڪدم کلي چيو.
    ”نه.“
    ”ڪولون ۾ چنڪنگ مئنشن ۾ ڏٺو هوندوَ. اڄُڪلهه آءٌ اتي رهان ٿي ۽ شام جو چانهه پيننشولا هوٽل (Peninsula Hotel) ۾ پيئندي آهيان.“
    ”نه، نه،“ اسان تيسين پنهنجي نروسنيس تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ چپن تي هڪ زبردستيءَ جي مرڪ آڻي چيو، ”ٿوري دير اڳ هيٺ هن پهاڙيءَ جي قدمن ۾ ٽڪيٽ وٺندي ڏٺو هئوسين.“
    ”اوهه!“ هن هٿ ملائي ٽهڪ ڏيندي چيو، ”چئبو ته پاڻ شُروع کان گڏ آهيون.“
    هوءَ ان تي وري زور زور سان کلڻ لڳي (۽ اسان دل ئي دل ۾ خوش ٿياسين ته اسان ڪي وڏا چرچائي آهيون يا شايد ان وقت، اندر جي اهڙي ڪيفيت ٿي رهي هئي، ڄڻ ممتاز دمساز وارا ست سوال پورا ڪري اچي بيٺا هجون ۽ شهزادي صاحبه، مس (نالو وسري ويم) گلن جو هار پائي چوڻ واري هجي ته نه فقط مان، پر هي تخت ۽ تاج به تنهنجو آهي.)
    ”ماڻهو ته مزيدار ٿا ڏسجو، پڪ انڊين آهيو.“ هن چيو.
    ”نه پاڪستاني آهيون.“
    ”ته پوءِ ته پاڻ وڌيڪ سٺو. توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي.“
    ۽ آءٌ دل ئي دل ۾ زيديءَ تي خارون کائڻ لڳس ته هيءَ مصيبت پاڻ سان ڇو آندم. اڪيلو اچان ها، اڄُ جيڪر. ۽ زيدي پڻ ان وقت مون کي اهڙين نظرن سان ڏسڻ لڳو جيئن اتر قطب ۾ سياري جي موسم ۾، بکايل بگھڙن کي جڏهن ڪو شڪار هٿ نه ايندو آهي ته هڪٻئي جي سامهون بيهي انتظار ڪندا آهن ته جيئن ڪنهن کي اک لڳي ته ٻيا ان کي چيري ڦاڙي کائي پيٽ ڀرين.
    اسان ٻنهي کي خاموش ڏسي هن ڇوڪريءَ منهنجي هٿ مان ڪئميرا وٺي اسان جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو ۽ اسان خوفناڪ سوچن جي صحرا مان نڪري ”ها مهرباني ٿيندي“ چئي، زيدي ۽ آءٌ پوز ٺاهي ڪٽهڙي کي ٽيڪ ڏئي بيٺاسين. پري کان ڪولون جو شهر ۽ چؤڌاري پکڙيل سمنڊ ۾ پري پري تائين ڪيترائي ننڍا ٻيٽ ٻيٽارا، جهاز ۽ ٻيڙيون صاف نظر اچي رهيون هيون. پاڻ اسان کان ڪئميرا وٺي اسان جو فوٽو ڪڍيائين ۽ پوءِ اسان سندس ڪڍيو.
    ”تون چيني ٿي ڪري سٺي ۽ صاف انگريزي ٿي ڳالهائين.“ اسان وري ڪجھه ڳالهائڻ خاطر ڳالهايو.
    ”مان چيني نه پر فلپينو آهيان، منيلا کان هتي آئي آهيان.“
    هن ٻڌايو.
    ”منيلا کان آئي آهين! اڪيلي؟“
    ”مون سان گڏ ٻيون به چار ڇوڪريون گڏ آيل آهن،“ هن اسان ٻنهي جا هٿ پنهنجن هٿن سان دٻائيندي چيو، ”پورهئي خاطر“
    اسان ٻئي هاڻ سمجھي وياسين ته چڪر ڇا آهي ۽ چوندا آهن ته: سخي کان شوم ڀلو جو ترت ڏئي جواب، جو کائنس وڌيڪ غريب اسان هئاسين. سو سُهڻن اکرن ۾ اسان چيس: ”..... محترمه اسان شايد تنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهيون. تون شايد اسان کي ڪو وڏو ماڻهو پئي سمجھين. پر دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته .....“
    هن اسان جو جملو اڌ ۾ ڪپيندي، هڪ دفعو وري اسان جي هٿن کي جھلي وڏي همدردانه انداز ۾ چيو: ”دوست، دل ۾ نه ڪريو. مان سمجھان ٿي ته توهان به مون وانگر ايشيا جي هڪ غريب ملڪ جا آهيو، اهڙن ملڪن جو ظاهري طرح امير به جوکو ۽ قرضي آهي. مان مجبوريءَ ڪارڻ ڪمائڻ لاءِ هتي آيل آهيان، جو ٻيو ڪو چاڙهو نه آهي ۽ هينئر توهان وٽ به مجبوري خاطر اچي بيٺي آهيان جو منهنجو اصلي گراهڪ ته پٺيان بيٺو آهي. هن کي فيصلي ڪرڻ ۾ دير پئي لڳي ۽ توهان وٽ فقط هن کي ساڙ ۽ ريس ڏيارڻ لاءِ آئي آهيان، جيئن هن ۾ رقابت جو جذبو پيدا ٿئي.“
    اسان سندس پٺيان ڏٺو. پري هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏئي هڪ نوجوان يورپين (شايد فرينچ ٿي لڳو يا انگريز)، حسرت ڀريل نگاهن سان هن کي واجھائي رهيو هو ته ڪنهن به طرح هوءَ پٺيان نهاري ته سڏ ڪريس. هن جي سڏ ڪرڻ کان اڳ، هوءِ اسان کي ”باءِ باءِ“ چئي هن ڏي هلي وئي. سجُ لهي چُڪو هو پر ميرانجھڙو سوجھرو اڃان هو. ان ٻاڦيل روشنيءَ ۾ پري کان اسان سندس ٻهڪندڙ ۽ مُرڪندڙ چهرو ڏسندا رهياسين. ٻئي ڄڻا هڪ بڻجي ڀاڪر ۾ ٽاور پيڪ ريسٽورنٽ جي در وٽان ڦرندا، بس اسٽاپ وٽ، ٽئڪسيءَ ۾ وڃي ويٺا ۽ اسان ڪانڌين وانگر صورت ٺاهي، پنهنجين وحشاني خواهشن ۽ تمنائن جي جنازي کي ڪلهو ڏئي، آهستي آهستي چُرڻ لڳاسين. ڊرائيور جڏهن ٽئڪسيءَ جي انجڻ اسٽارٽ ڪري گاڏي گيئر ۾ وڌي ته ان فلپينو ڇوڪريءَ مُڙي اسان ڏي پٺيان نهاري ، هڪ دفعو وري هٿ لوڏيو ۽ اسان ٽئڪسيءَ طرف سڪڻن ٻارن جيان ڏسندا رهياسين، جيسين اها جبل جي ور تان لڙهڪندي هيٺ غائب ٿي وئي.
    زيديءَ کي چيم، ”ڪي نظارا ڪيڏو نه عجيب گھرو اثر ڇڏين ٿا.“
    ”ڇڏ يار. تون اديب ماڻهو آهين. اديب سڀُ حساس ٿين ٿا. هر ڳالهه توتي گھرو اثر ٿي ڇڏي. پيارا، اهڙا نظارا ته روز فلمن ۾ به پيا ڏسجن.“
    ”تون منهنجو مطلب نه سمجھيو ڀاءُ.“ مون سندس ڪلهي تي ڌيرج سان هٿ رکندي چيو.
    ”مطلب ٻطلب کي ڇڏ. في الحال مطلب جي اها ڳالهه آهي ته اڃُ کان ساهه ٿو گھُٽجي.“
    اسان ٻئي ريسٽورنٽ طرف وڌڻ لڳاسين. رستي تي ٻه چار چيني، دوربينون ۽ فوٽن جا سيٽ (جي اگھاڙين عورتن جا ٿي لڳا) خريد ڪرڻ لاءِ چهٽڻ لڳا. انهن کان جان ڇڏائيسين ته چاڪليٽ ۽ پلاسٽڪ جا گل وڪڻڻ وارو هڪ ٻه مليو. آخر لفٽ ۾ چڙهي مٿي هوٽل جي لونج ۾، دريءَ اڳيان اچي ويٺاسين ۽ هانگ ڪانگ جي سڄي ٻيٽ، سمنڊ ۽ ڪولون جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. بئري ٿڌو اچي رکيو، جو ڍڪُ ڍُڪ ڪري پيئڻ لڳاسين. ڪجھه ڪجھه بُک به لڳي هُئي. گوڏن جي وچ ۾ ٻٽونءَ کي لڪائي ان جو ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ان ريسٽورنٽ جي اگھن جو جائزو ورتم. پوءِ زيديءَ کي چيم ته ڪجھه کائون. هن جھيڻي انداز ۾ ها ڪئي ۽ سڀ کان گھٽ قيمت واريون سئنڊوچون گھُرايونسين ۽ هڪ هڪ کي ننڍا چڪ هڻي آهستي آهستي کائڻ لڳاسين. زيديءَ خطري کان آگاهه ڪندي چيو ته عياشي ڪئي اٿئون، سو واپس ٽئڪسيءَ ۾ هلڻ بدران بس ۾ هلڻو پوندو. مون معصوميت سان وات سان ڪڇڻ بدران هاڪار ۾ ڪنڌ ائين ڌوڻيو، جيئن سنڌي ڇوڪريون نڪاح وقت ڌوڻينديون آهن ۽ پوءِ دريءَ مان ڏٺم. هيٺ، گھڻو هيٺ، جبل جي پيرن وٽ ڪيترون ئي ٽئڪسيون ڊوڙي رهيون جي رانديڪن جيان پئي لڳيون.


    توهان جي شهر جي نالي جي معنى ڇا آهي؟ اٺ، نه، نَوَ بلائون چئو. سرڪار!

    پنهنجي ملڪ ۾ رهي پنهنجي آسپاس جا شهر ته پري، پر پنهنجي شهر يا ڳوٺ جي نالي جي معنى به تمام گھٽ ماڻهن کي ايندي هوندي. خبر ناهي ائين ڇو آهي. ڪيترا مٽيارين جا پڙهيل لکيل ماڻهو ملندا، جن کي اها خبر نه هوندي ته مٽياري تي اهو نالو ڪيئن پيو. ان جي معنى ڇا آهي يا اصل صحيح نالو ڇا هو. ساڳي طرح حيدرآباد آهي، ڪراچي آهي، ڄامشورو آهي، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور آهي. پر ٻاهر اچي هر وقت اها هورا کورا رهي ٿي ته سنگاپور تي اهو نالو ڪيئن پيو يا ان جي معنى ڇا آهي. اهڙي نموني هانگ ڪانگ، ٿائلنڊ وغيره جن ڏينهن۾ جپاني زبان (نِهاگو) سکڻ شُروع ڪئي هيم ته هڪ ڏينهن هڪ لفظ پڙهيم: ”شيما“ معنى ”ٻيٽ“. ڌيان ۾ يڪدم ”هيروشيما“ اچي ويو ۽ ”هيرو“ جي معنى جي ڪڍ لڳي ويس. نيٺ معلوم ٿيو ته ”هيرو“ لفظ ”هيروئي“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنى آهي ”ويڪرو“ ويڪرو ٻيٽ. ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ان ڏينهن جيڪو جپاني دوست يا واقفڪار ٿي مليو ان کان هيروشيما جي معنى پڇيم ٿي ۽ تعجب لڳو ته ڪيترن کي معلوم نه هو يا هنن ڪڏهن ان جي معنى بابت ڌيان نه ڏنو هو.
    اهڙي نموني، پرديس ۾ هر شهر جي معنى ڳولڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي. ڪوبي (جپان) ۾ هڪ اسٽيشن آهي: ”سنو ميان“ ۽ منهنجا پاڪستاني دوست کلندا آهن ته يار هي نالو مڙئي ديسي لڳي ٿو ۽ اسان اهو پيا سوچيندا هئاسين ته ان جي معنى ڇا ٿي سگھي ٿي. جپان ۾ جن فئملين سان اٿڻ ويهڻ هو، انهن کان ته پڇي پڇي کين ڇتو ڪيو هئوسين. سڀ چوندا هئا ”سنو“ ته ”سئن“ مان نڪتو آهي معنى ”ٽي“ باقي ”ميان“ جي خبر ناهي. ايتريقدر جو انهن مان ڪي چوندا هئا ــ ۽ هو بلڪل صحيح هئا ته ”اهو ضروري نه آهي ته هر نالي جي معنى هُجي“ ۽ اسان کين چرچي خاطر ٻُڌايو ته اڙدو ۽ هندي زبانن ۾. سنو ميان جي معنى آهي: ”ٻُڌ منهنجا مُڙس!“
    سنو ميان تمام بارونق علائقو آهي. ڪوبي بندرگاهه جي ويجھو، خوبصورت پارڪن ۽ دڪانن کان مشهور آهي. ان بعد جپان ۾ جڏهن به ”سنو ميان“ جو ذڪر ايندو آهي ته جپاني واقفڪار چوندا آهن ته هلو ته Listen, my Husband (ٻڌ، منهنجا مڙس!) اسٽيشن ڏي هلون. هڪ دفعي ڊڪشنريءَ ۾ اوچتو ”ميان“ لفظ تي نظر پئجي وئي جو واقعي پراڻو هئڻ ڪري ايترو واهپي ۾ ڪونه ٿو اچي ۽ ان جي معنى جي خبر پيئي ته ”درگاهه“ آهي. (۽ درگاهه لاءِ اڄُڪلهه عام مروج جپاني لفظ: اوتيرا، شيرو ڪيوڪائي وغيره آهن) ۽ ”سنو ميان“ معنى ٽي درگاهون. هڪدم مون کي ياد آيو ته سنو ميان علائقي جي آسپاس ٽي پراڻا، ڊٺل عبادت گاهه آهن. خوشيءَ ۾ يڪدم پنهنجي جپاني دوستن کي ٻُڌايم ــ ڄڻ ڪا وڏي کيپ کٽي هجيم.
    هانگ ڪانگ جا چيني ماڻهو جپانين يا ٻين قومن کان وڌيڪ رُکا ۽ بي لحاظ آهن. خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي اسان جهڙن ڪارن باشندن جي ملڪن جي رهواسين سان ته هنن جو سلوڪ سٺو ناهي. هو پنهنجو پاڻ کي اتاهون سمجھن ٿا. (بقول اسان جي هڪ پراڻي چيف انجنيئر جي، جڏهن کان هانگ ڪانگ جي رهاڪن دولت ڏٺي آهي مٿي تي چڙهي ويا آهن.) ۽ ساڳي وقت اسان جو پڻ هنن سان گهڻو واهپو نٿو رهي. هانگ ڪانگ ۾ ڪيترائي پاڪستان، هندستان ۽ سيلون جا سنڌي، پنجابي، پٺاڻ مسلمان، هندو ۽ سک رهن ٿا. گس پنڌ تي ڪو رستو يا بس بابت پڇڻو هوندو ته به پاڻ جهڙي ڏتڙيل قوم جي ڪنهن ايشيائيءَ کان پڇڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. ان کان سواءِ چيني زبان ڪجھه اهڙي ڏکي آهي، (جنهن کي عبدالجبار جوڻيجي جهڙائي منهن ڏئي سگھن. باقي اسان جي جاءِ ناهي) جو ڪڏهن سکڻ جو شوق نه ٿيو آهي. ساڳي وقت هانگ ڪانگ ۾ چيني زبان نه اچڻ ڪو مسئلو به نه آهي، جو اسان جي ملڪن جيان هانگ ڪانگ ۾ پڻ انگريزي عام ڳالهائي وڃي ٿي. ان هوندي به لفظ ”هانگ ڪانگ“، ”ڪولون“ وغيره جي معنى پوئين دفعي معلوم ڪري ورتم.
    هڪ دفعي هڪ ٻار کي ڏٺم ته پننجي پيءُ کي، دڪان ۾ ٽنگيل پني جي بلا طرف اشارو ڪري ”لون“ ”لون“ چئي رهيو هو. اهو ٻڌڻ سان ڌيان ۾ آيو ته ٿي سگھي ٿو ان لون (Loon) جو واسطو (Kowloon) سان به هجي، جنهن شهر سان اسان جو گھڻي وقت کان جهازرانيءَ جي سلسلي ۾ لاڳاپو رهندو اچي. آخر پُڇا تي معلوم ٿيو ته ڪولون جي معنى آهي ”نَو بلائون“ چيني ۽ جپاني زبان ۾ ”نَون“ جي انگ کي ”ڪو“ چون.
    بلا (اجگر) چيني تهذيب سان تمام گھڻو واسطو رکي ٿي ۽ پراڻين ڏند ڪٿائن موجب هڪ خيالي قسم جي ”پرن واري نانگ“ کي ديوتا سمجھي پوڄيو ويندو هو. اهڙي خيالي پرن وارين بلائن جون مورتيون اڄُ به ڪيترن هنڌن تي هانگ ڪانگ، ملائيشيا، تائيوان، سنگاپور ۾ نظر اچن ٿيون، جي ڪاغذن، مٽي گاهه يا پٿر جون ٺهيل آهن. ايتريقدر جو ڪراچيءَ ۾ چيني هوٽلن ۾ پڻُ ان قسم جا نانگ يا انهن جون تصويرون ٽنگيل ڏسڻ ۾ اينديون. پراڻين چيني ڏند ڪٿائن (Mythology) موجب ان قسم جي بلا (جنهن کي انگريزي ۾ ”ڊرئگن“ (Dragon) سڏجي ٿو)، بادشاهه جي علامت ليکي ويندي هئي ۽ شهنشاهه يا حاڪم کي پڻ ادب وچان بلا (لون) جو خطاب ڏنو ويندو هو.
    قصو مشهور آهي ته اڄُ کان اٺ سؤ سال کن اڳ (سنگ گھراڻي جي آخري ڏينهن ۾) ان گھراڻي جي شهزادي تاءِ پنگ، قبلائي خان ۽ منگول لشڪر کان جان بچائي اچي هن پاسي پرل نديءَ جي ڇوڙ وٽ پناهه ورتي هئي. ڪولون جي چؤڌاري انهن ڏينهن ۾ اٺ جبل هئا. هڪ ڏينهن انهن جبلن ڏي اشارو ڪندي شهزادي پنهنجي خدمتگار کي چيو:
    ”هتي مون کي اٺ بلائون نظر پيون اچن.“
    خدمتگار يڪدم عزت ڏيندي چيو:
    ”سائين! اٺ نه پر نَو بلائون چئو. هڪ توهان به ته آهيو.“
    مٿئين آکاڻي صحيح آهي يا غلط پر هن علائقي جو نالو ڪولون (نَو بلائون) پئجي ويو. هينئر انهن اٺن جبلن مان جيڪي ڪولون جي چؤڌاري هئا، ڪيترا ترپٽ ڪري انهن جي مٽي سان سمنڊ جي ڪيتري حصي کي ڀري زمين سان سڌو ڪيو ويو آهي ۽ هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جا ڪيترا خوبصورت حصا جي اڄُ نظر اچن ٿا سي ڪنهن زماني ۾ کاري پاڻيءَ جو سمنڊ هئا.


    پوءِ اها ڇوڪري آسمان تي هلي وئي.....

    هانگ ڪانگ جهڙي (بلڪ ڪن ڳالهين ۾ ان کان به وڌيڪ خوبصورت ۽ مشهور) جڳهه ”مڪائو“ آهي، پر هانگ ڪانگ ۾ اچڻ کان اڳ مڪائو بابت تمام گهٽ ماڻهن ٻڌو هوندو. ڇاڪاڻ جو مڪائو ٻاهر جي دنيا سان نه هوائي جهاز رستي ڳنڍيل آهي ۽ نه خشڪيءَ رستي. هتي پهچڻ لاءِ هڪ ئي رستو آهي – پاڻيءَ رستي – سو به بندرگاهه جون سهوليتون مهيا نه هئڻ ڪري ٻاهرين ملڪن کان وڏا جهاز هتي اچي نٿا سگهن. مڪائو پهچڻ لاءِ توهان کي پهرين هانگ ڪانگ يا ڪولون اچڻو پوندو. جتان پوءِ فيري بوٽ يا هائڊرو فائل بوٽ ۾ وڃڻو پوندو. هائڊرو فائل بوٽ (Hydrofoil Boat) هڪ وڏي تيز رفتار ٻيڙي ٿئي ٿي، جنهن جو هلڻ وقت ڪافي حصو پاڻيءَ جي سطح کان مٿڀرو رهي ٿو.
    هانگ ڪانگ توهان هڪ ڏينهن لاءِ به ايندائو ته توهان کي اها خبر پئجي ويندي ته مڪائو به ڪا جاءِ آهي، جنهن کي هانگ ڪانگ ۾ رهي ڏسڻ ضروري آهي. هر هوٽل ۾ مڪائو ٻيٽ جا اشتهار ۽ اتي پهچڻ بابت سهوليتن جي معلومات درج ٿيل نظر ايندي. جيڪڏهن توهان وٽ وقت به آهي ۽ پئسو به ته پوءِ هانگ ڪانگ اچي مڪائو نه ڏسڻ ائين آهي جيئن حيدرآباد اچي ڄامشورو نه ڏسڻ، يا قلندر جي ميلي تي سيوهڻ اچي، ڳانا نه خريد ڪرڻ. يعني هانگ ڪانگ پهچڻ جي خرچ ۽ وقت جي مقابلي ۾ مڪائو پهچڻ جو خرچ ڪجهه به نه آهي ۽ هانگ ڪانگ کان مڪائو ڪو پري ناهي جو گهڻو وقت ضايع ٿئي.
    هانگ ڪانگ کان مڪائو فقط چاليهه ميل پري آهي. ٻنهي جا اصلي باشندا چيني آهن. جيئن هانگ ڪانگ تي انگريزن قبضو ڪيو، اهڙي طرح مڪائو ٻيٽ تي سورهين صدي ۾ پورچوگالين قبضو ڪيو. ”مڪائو“ پورچوگال جو هڪ حصو ۽ سمنڊ پار ولائت ۾ هڪ صوبو سمجهيو وڃي ٿو. مڪائو جي هر رهاڪوءَ جي قوميت پورچوگالي آهي جيئن انڊيا جي رياست گوا جي ماڻهن جي رهي آهي.
    پندرهين صديءَ کان پورچوگال جا سامونڊي ڌاڙيل ۽ واپاري، دنيا جي سمنڊن تي پکڙي ويا هئا ۽ هنن جي جتي مرضي ٿي ٿي، اتي پنهنجو قبضو ڄمائي ويٺا ٿي. هيءَ تڏهن جا ڳالهه آهي، جڏهن چين ۾ منگ گهراڻي (1662-1368) جي سلطنت هئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ (عيسوي سن 1555ع ڌاري) پورچوگالين ٺٽي کي پڻ ڦريو ۽ ساڙيو هو. (ان جو ذڪر تاريخ طاهري ۾ ٺٽي جي مير طاهر محمد نيسانيءَ پڻ ڪيو آهي). ان کان اڳ 1510 ۾ پورچوگالين ”گوا“ کي فتح ڪري پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو.
    مڪائو ۾ پورچوگالي سن 1550ع ۾ هڪ سست رفتار ٻيڙيءَ ۾ ملايا جي ان وقت گادي واري شهر ملاڪا کان آيا هئا. ان بعد ٻين اچڻ شروع ڪيو ۽ ”ناني رڌڻ واري، ڏوهٽا کائڻ وارا“ جي حساب سان مڪائو کي پنهنجي ملڪ (پورچوگال) جو حصو سڏائي جپان، چين ۽ هندستان سان هتان واپار هلائڻ لڳا. پورچوگالي ئي پهريان يورپي هئا، جن سامونڊي طاقت مان ناجائز فائدو ورتو. سنڌ ۽ هند ۾ به هيءَ قوم پهرين ڌارئين يورپي قوم هئي، جيڪا داخل ٿي. سنڌ ۾ انگريزن جي آمد کان به سٺ سال اڳ هي نازل ٿيا هئا ۽ هنن جو مڪاني واپار وڙي تي وڏو اثر هو.
    هانگ ڪانگ کان مڪائو پهچائڻ ۾ فيري ٽي ڪلاڪ ۽ هائڊرو فائل ٻيڙي سوا ڪلاڪ وٺي ٿي، جنهن جي ٽڪيٽ 28 هانگ ڪانگ ڊالر آهن. موڪل وارن ڏينهن تي ان جي ٽڪيٽ 40 ڊالر هوندي آهي. مڪائو پهچڻ سان ائين هرگز نٿو لڳي ته ڪو هي نج چيني شهر آهي. مڪائو توهانکي پهرين نظر ۾ يورپ جو هڪ خوبصورت Resort (گهمڻ جو هنڌ) لڳندو. سفيد پوچيءَ ڏنل سيمنٽ جون ڀتيون، قداور عمارتون، لوهي شيخن جون بالڪنيون، جتي ڪٿي پٿر ۽ ڌاتوءَ جا يادگار Statues، ماڻهن جي عام گڏجاڻين ۽ ميڙاڪن لاءِ ڪشادا چونڪ، وڻڪار سان ٽٻ ويڪرا رستا آهن. شهر جي اندرين حصي ۾ گهڙڻ سان چيني ماحول جي پڻ سڳنڌ اچي ٿي ۽ هي شهر پراڻي پورچوگال ۽ نئين چين جي تهذيبن، رسم رواجن ۽ فئشن جي کچڻي لڳي ٿو.
    هڪ عام مشرقي شهر وانگر مڪائو ۾ روهڙيءَ جهڙيون سوڙهيون گهٽيون به آهن ته ڪراچيءَ جهڙا ويڪرا رستا به. ٿالهه تي کٽمٺڙا ۽ بسڪيٽ رکي وڪڻڻ وارا ٻار به آهن ته رڪشا ڇڪڻ وارا چيني مزور به. عصمت فروش عورتون به آهن ته پنڻ وارا معذور، لاچار ۽ بيوس پڻ. وڏا وڏا بنگلا آهن ته ننڍيون جهوپڙيون به.
    مڪائو ٻيٽ، پرل نديءَ جي ڇوڙ وٽ چين جي سرزمين کان، چيني اصطلاح موجب، ”ٿڪ اڇلائڻ جيتري پنڌ“ تي آهي. ”بئرير گيٽ“ وٽ بيهي سامهون مائوزي تنگ جا ريڊگارڊ (سرخ سپاهي) ڏسي سگهو ٿا. مڪائو ۽ چيني علائقي چينگ شان (جتي ڊاڪٽر سن يات سين ڄائو هو، جنهن 1911ع ۾ چين جي چنگ شهنشاهيت جو خاتمو آندو) جي وچ ۾ فقط هڪ سنهي نهر ”ڊڪ چئنل“ وهي ٿي، جنهن تي پڻ چيني سپاهين جو پهرو آهي. بئائز (Bouys) جي هڪ قطار ٺهيل آهي جنهن جي هڪ پاسي چيني سمنڊ جي پاڻيءَ جي حد سمجهي وڃي ٿي ۽ ٻئي پاسي مڪائو (پورچوگال) جي. هونءَ يورپ ۾ پورچوگال ۽ اسپين ئي اهڙا ملڪ آهي جيڪي چين ۾ مائوزي تنگ جي حڪومت کي تسليم نٿا ڪن ۽ چين پورچوگال جي بيٺڪي راڄ جي سخت خلاف آهي. چين جي چاهي ته مڪائو چند منٽن ۾ پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگهي ٿو. پر هانگ ڪانگ ۽ مڪائو کي ائين رکڻ سان، بقول هڪ سياستدان جي، چين کي فائدو آهي ۽ چين جي ڪارخانن ۾ ٺهندڙ اڌ کان وڌيڪ سامان هنن شهرن مان ٻاهر جي دنيا ڏي نيڪال (Export) ٿئي ٿو.
    1966ع ۾ چين جي ڪلچرل انقلاب دوران پورچوگالي سپاهين گولي هلائي هئي جنهن جي نتيجي ۾ چيني گن بوٽون (Gun Boats) اچي مڪائو جي منهن وٽ بيٺيون ۽ پورچوگالين کي خبر پئجي وئي ته هو پاڻ گهڻي ويهين سئو آهن. ڏسڻ وارن ته اهو سمجهيو ته چين جهڙو راڪاس اجهو ٿو مڪائو جهڙي جيتامڙي تي پير رکي چيڀاٽي ماريس پر مڪائو کي ائين ئي رهڻو هو، جنهن ۾ چين پنهنجي به چڱڀلائي سمجهي ٿو.
    مڪائو لفظ ”آ – ما – ڪائو“ مان نڪتو آهي. ڪائو جي معني اپسمنڊ آهي. هتي جي ڏند ڪٿائن موجب وڻجارن ۽ مهاڻن جي ديويءَ جو نالو آ – ما (A – Ma) آهي. يعني آماديوي جو اپسمنڊ. هتي آ – ما ديويءَ جو مندر پڻ آهي. آما ديوي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هزارين سال اڳ هڪ ڇوڪريءَ هڪ تختي تي ويهي سڄي دنيا جي سمنڊن جو سير ڪيو هو. ان کان پوءِ اهو تختو مڪائو جي هڪ جبل وٽ ڦاسي پيو، اتي هيءَ ڇوڪري تختي تان لهي ان جبل جي چوٽيءَ تي آئي، جتان آسمان ڏي هلي ويئي. ان وقت ان جبل تي ڪجهه مهاڻا اهو لقاءُ ڏسي رهيا هئا، تن اهو ڪرشمو ٻين کي پڻ ٻڌايو ۽ ان ديويءَ جي مورتي (Statue) ۽ مندر ٺاهي ان جي عبادت شروع ڪئي ۽ اڄ تائين هلندي اچي.
    انسان پيدائشي طور پوڄاري آهي. هن کي پوڄڻ لاءِ مڙيئي ڪانه ڪا شيءِ کپي. ڏاڏي پڙڏاڏي جي کوپڙي، يا ڪاري واسينگ نانگ جي ڦڻ. باهه، پاڻي يا قدرت يزدان، پر هتي جا ماڻهو مڙيئي سنڌين وانگر ڪجهه وڌيڪ ئي پيري فقيري ۽ پوڄا پاٺ ڏي مائل آهن. جيئن سنڌ جي هاءِ وي (رستن تي ڏسبو ته اوچتو ئي اوچتو رڻ پٽ ۾ ڪنهن ڦڏي ڪاٺيءَ ۾ بيرک طور ڪپڙو کُپي ويندو. پوءِ آهستي آهستي هڪ عدد فقير ڀڳل سرن ۽ مٽيءَ جي ڍير جي ڪچي قبر ٺاهي ويهندو. ڏسندي ئي ڏسندي اها قبر پڪي، اڇي چن جي ٿي ويندي آهي. مريد ۽ ميلا لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ اٻوجهه ۽ پرمتڙيا ماڻهو پنهنجو پئسو ۽ وقت نذر نيازن پٺيان وڃائيندا رهندا آهن. ان کان علاوه ڪي جاهل جهنڊن، قبرن، وڻن ۽ مختلف شين کان، اگهائي سگهائي کان وٺي اولاد عيال لاءِ دعائون گهري شرڪ جهڙو ڪم ڪن ٿا، تيئن هتي چينين ۾ به اهڙا سوڻ ۽ وسوسا انيڪ آهن.
    جوا جي اڏن ڪري ڪي ماڻهو مڪائو کي لاس ويگاس سڏين ٿا ته ڪي پورچوگالي ڪلچر ۽ ايشيائي ماڻهن جي ڪري مڪائو کي ”لسبن واڌو بمبئي واڌو گوا“ به سڏين ٿا. مڪائو ۾ وڻ وڻڪار ۽ باغن جي ڪري مڪائو کي ايشيا جي ميامي به سڏيو وڃي ٿو. ڪو زمانو هو جو هتي جي اسي سيڪڙو آدمشماري ڪنهن نه ڪنهن نشي جهڙي موذي مرض ۾ ورتل هئي. ڪجهه سال اڳ تائين اهو عالم هو جو چپي چپي تي اوتارا، شراب خانا، مساج گهر، اگهاڙا وهنجڻ خانا ۽ عياشي جا اڏا هئا ۽ اهي سڀ اڄ به موجود آهن جيتوڻيڪ ظاهر ظهور نه آهن.
    نئون آيل، مڪائو جي عورتن جي مهانڊي ۾ فرق محسوس ڪندو جيڪي ڀر پاسي وارن ٻين ملڪن کان ڪافي مختلف آهن. پورچوگالي وڻجارا ۽ لٽيرا جڏهن پنهنجو وطن ڇڏي هيڏانهن ملاڪا يا مڪائو پاسي آيا ته هو ڇڙها آيا. هنن انگريزن وانگر پنهنجي ملڪ جون زالون نه آنديون. هنن کي جتي جتي وجهه لڳو ٿي اتي ان ملڪ جي عورت سان شادي ڪئي ٿي. اهڙي طرح هنن، رستي تي ويندي آفريڪي عورتن کان وٺي، انڊين، ملئي، فلپينو عورتن سان شادي ڪري هنن کي قانوني زال بڻائي پنهنجي ملڪ پورچوگال يا هيڏانهن مڪائو وٺي آيا ٿي. اهڙي طرح رت جي ملاوٽ ڪري جيڪو نئون نسل پئدا ٿيو آهي اهو نه پورچوگالي آهي ۽ نه چيني. هي نسل پنهنجو پاڻ کي مڪائو جو نسل سڏائي ٿو.
    پورچوگالي حڪومت مڪائو کان علاوه ڀروارن ٻين ٻن ننڍن ٻيٽن تائيپا (Taipa) ۽ ڪولاني (colane) تي پڻ آهي. تائيپا، ڪولاني ۽ مڪائو – ٽئي ٻيٽ پکيڙ ۾ ڪل ڇهه چورس ميل مس ٿيندا. يعني ٽنهي ٻيٽن جي زمين ملائي هڪ مستطيل ٺاهبو ته ان جي ڊيگهه ٽي ميل ۽ ويڪر ٻه ميل ٿيندي يعني حيدرآباد جي هيرآباد يا فقير جي پڙ کان به گهٽ پکيڙ ٿيندي. تائيپا ٻيٽ جا ماڻهو دارون ٺاهڻ (آتش بازي) جي ڪم ۾ دنيا ۾ مشهور آهن ۽ جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ ڪنهن زماني ۾ گهر گهر عورتون جنڊ تي اَن پيهنديون هيون، تيئن تئيپا جي گهر گهر ۾ دارون پيٺو وڃي ٿو ۽ اهو سڄي دنيا ۾ وڪامي ٿو.
    مڪائو ۾ هڪ تمام پراڻو ٻڌن جو مندر ۽ هڪ پٿر جو ڪتبو کتل آهي، جنهن تي اهو معاهدو لکيل آهي جيڪو 1844 ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ٿيو هو. مڪائو ۾ چين جي انقلاب جو اڳواڻ ڊاڪٽر سن يات سين جي پڻ هڪ خوبصورت مورتي (Statue) آهي جڏهن ڊاڪٽرسن يات سين کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي هئي ته هو مڪائو ۾ هليو آيو هو.
    مڪائو جنهن شيءِ کان گهڻو مشهور آهي، سا آهي جوئا (gambling). يورپ جي مونٽي ڪارلو ۽ آمريڪا جي لاس ويگاس شهر وانگر هتي مڪائو ۾ به بيشمار جوئا گهر آهن، جتي سڄي دنيا جا دولتمند جواري، جوا کيڏڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هڪ هڪ رات ۾ لکين ڊالرن جي هار جيت ٿئي ٿي. جوئا به هتي انيڪ طريقن سان ٿئي ٿي. شرطون، سٽا، پتي راند کان وٺي مشين رستي، جنهن ۾ سڪو وجهي دٻائيندو رهجي يا ته هضم يا ته ڊالرن جا انبار ٻاهر. تترن ۽ ڪڪڙن جي ويڙهه ته توهان ٻڌي هوندي، پر هتي تِڏين کي به ويڙهائي هزارين ڊالرن جون شرطون لڳايون وڃن ٿيون.
    مڪائو ۾ سون جو غيرقانوني واپار پڻ عام هلي ٿو. پورچوگال سون جي بين الاقوامي ٽولي جو ميمبر نه هجڻ ڪري، مڪائو ۾ سڄي دنيا کان سستو سون ملي ٿو. مڪائو ۾ لکين ڊالرن جو خبر ناهي ڪٿان ڪٿان سون اچي ٿو ۽ ڪيترن ئي ملڪن ڏي سمگل ٿي وڃي ٿو. هتي جو هر ماڻهو سمگلر ئي لڳي ٿو.


    هانگ ڪانگ ۽ چينين بابت ڪجهه مزيدار ڳالهيون!

    • اسان وٽ يا يورپ ۽ آمريڪا ۾ جتي ڪٿي، ڪنهن به عمارت جون ماڙيون (منزلون) پهرين ماڙ کان ڳڻيون وڃن ٿيون. يعني پٽ واري گهر يا فلور کي گرائونڊ فلور سڏيون، ان بعد پهرين، ٻي ۽ ٽي ماڙ ڳڻڻ شروع ڪريون. پر هتي هانگ ڪانگ ۾ توڙي چين، جپان، ڪوريا ۽ ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ جتي چيني تهذيب ۽ ڪلچر جو اثر آهي اتي گرائونڊ فلور کان ماڙيون ڳڻيون وڃن ٿيون. هن پاسي گرائونڊ فلور ٻڌڻ ۾ نه ايندو. هتي گرائونڊ فلور کي فرسٽ فلور سڏين ان بعد سيڪنڊ ۽ ٿرڊ فلور شروع ٿين. يعني جنهن عمارت کي پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ٻماڙ سڏيون ٿا اها هتي ٽماڙ سڏجي ٿي. مون ڪيترائي مغربي ملڪن توڙي پاڪستان، هندستان پاسي جا ڌاريا هانگ ڪانگ ۾ ان چڪر ۾ منجهندي ڏٺا آهن. هن پاسي نئين آيل کي اها ڳالهه ياد رکڻ کپي ته جيڪڏهن ڪو چيني گهر يا آفيس جي ائڊريس ٽماڙ (3rd Floor) ٻڌائي ته ان کي ٻماڙ (2nd floor) تي ڳولڻ کپي.

    • مسلمانن جو سال چنڊ جي حساب سان اٽڪل 15 ڏينهن جي فرق سان ڦرندو رهي ٿو. ان ڪري محرم يا عيد ڪڏهن سياري ۾ ٿئي ٿي ته ڪڏهن اونهاري ۾ به اچيو وڃي. عيسائين جو سال سج مطابق ڳڻيو وڃي ٿو، ان ڪري ڪرسمس ڊي هر سال ساڳي سياري جي موسم ۾ اچي ٿو. چينين جي جنتري (ڪئلينڊر) جو حساب ڪتاب سج ۽ چنڊ (Solar & Lunar) ٻنهي جي آڌار تي هلي ٿو. هنن جو نئون سال ايڪهين جنوري ۽ ارڙهين فيبروري جي وچ ۾ ڪنهن ڏينهن تي شروع ٿي سگهي ٿو. جيئن گذريل سال 15 فيبروريءَ تي نئون سال شروع ٿيو هو.
    چينين جي نئين سال واري ڏينهن تي سڄي دنيا جا چيني خوشيون ملهائين ٿا. هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ جتي چينين جي وڏي آدم شماري رهي ٿي، اتي هڪ يا ٻه ڏينهن موڪلون ٿين ٿيون. جيئن اسان وٽ عيد جي موقعي تي مائٽ مٽ ۽ دوست يار هڪ ٻئي سان ملن ٿا تيئن چيني هڪ ٻئي جي گهرن ۾ مبارڪون ڏيڻ وڃن ۽ رات جي ماني پنهنجي ڪٽنب يا سنگت سان گڏ کائين. هونءَ چيني ماڻهو ايڏو محنتي ۽ پورهيت آهي جو هو ڪم کان ڪڏهن به موڪل نٿو ڪري چاهي سيءَ هجي يا ڪاڙهو، مينهن هجي يا برفباري. هو فقط پنهنجي (چينين جي) نئين سال جي شروعات جي موقعي تي ٻه ڏينهن موڪل ڪري ٿو.

    • چينين جي ڪئلينڊر سان واسطو رکندڙ ڳالهه، هتي جي ماڻهن جي عمر آهي. چيني ٻار ڄمڻ وقت هڪ سال جو سمجهيو وڃي ٿو – چاهي هو ماءُ جي پيٽ ۾ ست مهينا رهي يا ڏهه مهينا. پوءِ نئين سال شروع ٿيڻ واري ڏينهن تي هو ٻن سالن جو ليکيو وڃي ٿو. اهڙي طرح هر نئين سال شروع ٿيڻ تي هن جي عمر ۾ هڪ سال جو واڌارو ايندو آهي. ٻار جي ڄمڻ بعد نئين سال جو پهريون ڏينهن چاهي يارهن مهينن کان پوءِ اچي يا هڪ هفتي کان پوءِ هن جي عمر ۾ هڪ سال جو اضافو ٿيووڃي. اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته اهو ٻار جيڪو چينين جو نئون سال شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ڄمي ٿو اهو ٻه ڏينهن گذرڻ تي ٻن سالن جو ليکيو وڃي ٿو. عمر جو اهڙي طرح حساب ڪرڻ جو طريقو هتي جي ڇوڪرن کي سٺو لڳندو هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي پر هتي جون ڇوڪريون ان رواج کي ڌڪارين ٿيون جو هو ڏني نه ورتي، دنيا جي ڇوڪرين جي مقابلي ۾ ٻه سال اڳ پوڙهيون ٿيو وڃن.
    ساڳي وقت هانگ ڪانگ، مڪائو يا هن پاسي چينين جي ڪنهن ملڪ ۾، آيل ٽوئرسٽ کي پنهنجن ٻارن جا ڪپڙا، هتي جي دڪانن تان وٺڻ مهل خبردار ٿيڻ کپي. ڇو جو اها قميص يا پتلون جيڪا توهان پنجن سالن جي ٻار لاءِ وٺندائو اها توهانجي ٻن سالن جي ٻار کي مس ايندي ڇو جو هتي هڪ ته عمر جو حساب غلط لڳايو وڃي ٿو ۽ ٻيو ته هتي يا توڙي جپان ۽ ڪوريا جا ٻار اسان پاسي جي ملڪن جي ٻارن کان قدبت ۾ هلڪا ٿين ٿا.

    • هانگ ڪانگ جي مشهور مڪاني ايئرلائين (هوائي جهاز ڪمپني) جو نالو ڪئٿي (Cathy) آهي. دراصل پراڻي زماني ۾ چين کي ان نالي سان سڏيو ويو ٿي. چين جو اهو نالو دنيا جي مشهور سياح ۽ ليکڪ مارڪوپولو (1254-1324) مشهور ڪيو. اهو نالو ”خطائي“ لفظ مان نڪتل آهي، جيڪو ايران جا ماڻهو، ڏهين عيسوي صديءَ ۾ چين جي تاتاري حڪومت لاءِ استعمال ڪندا هئا.

    • اڄڪلهه ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر شهر جي ڀتين تي ”چيني دواخانن“، ”انڊونيشي حڪيمن“، ”دهلي جنسي شفاخانن“ ۽ ”نامنظور نامنظور“ سان گڏ ”ٽائيگر بام“ جا اشتهار نظر اچن ٿا. اهو الائي ڪهڙي ٽائيگر بام جو اشتهار آهي، پر هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ تمام گهڻي عرصي کان ٽائيگر بام نالي مرهم ملي ٿو ۽ ڪنهن زماني ۾ اهو ساڳيو پاڪستان ۾ پڻ وڪري لاءِ ايندو هو. هي بام مشرق جي ملڪن ۾ تمام مقبول ۽ مشهور آهي. مٿي جي سور، ٿڌ، زڪام ۽ ٻين بيمارين لاءِ مفيد ۽ يڪ ٽڪ علاج چيو وڃي ٿو. (هن قسم جا جملا پڙهي مونکي ڪو دوا فروش يا ان جو ڪميشن ايجنٽ نه سمجهو) اهو مشهور مرهم هانگ ڪانگ جي ”آ – بون – ها“ (Aw-Boon-Ha) نالي هڪ شخص ايجاد ڪيو هو، جيڪو 1954 ۾ ٻاهتر ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. هي اهوئي شخص آهي، جنهن هتي جي مشهور ”اسٽئنڊرڊ“ اخبار شروع ڪئي هئي ۽ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جا مشهور چڙيا گهر (Zoo) ٺهرايا، جيڪي اڄ ڪلهه ”ٽائيگر بام گارڊن“ جي نالي سان سڏجن ٿا.

    • جيئن اسان وٽ ان قسم جا راڳ ۽ دعائون عام آهن ته: شل ست جوانيون ماڻين، ست ونيون ماڻين، يا ست پٽن جو پيءُ ٿين، وغيره، تيئن هتي جي چينين ۾ پڻ قديم زماني کان اولادي عيالي بنجڻ جا راڳ ۽ دعائون هلنديون اچن. پر اڄ ڪلهه هن پاسي به خانداني منصوبه بندي (Family Planning) ايترو ته زور وٺي وئي آهي جو تائيوان جي ليجسليٽر ”هُنگ يين چيئو“، چينين جي هڪ قديم راڳ ”شل سئو پٽن ۽ هزار پوٽن وارو ٿين“ جيڪو چيني، شاديءَ رات ڳائيندا آهن، کي ڦيرائي هن ريت ڪرائي ڇڏيو آهي ته ”شل ٽن پٽن ۽ نون پوٽن“ وارو ٿين. فئملي پلاننگ جي سلسلي ۾ هندستان ۾ به ڪجهه نعرا مشهور ٿي رهيا آهن، جهڙوڪ:
    ”هم دو – هماري دو“
    يا
    “ايڪ ڪي بعد ابهي نهين
    دو ڪي بعد ڪبهي نهين“
    ۽ اسان وٽ به گهڻي عرصي کان هڪ نعرو هلي پيو ته ”بچي دو هي اڇي.“
    فئملي پلاننگ کاتي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ همراهه کان جڏهن سبب پڇيو ويو ته هن کي ڏهه ٻار ڇو آهن؟ ته هن ٺهه پهه وراڻيو:
    ”ايترن ۾ ئي ته ٻه ٻار سٺا نڪرندا.“

    • هتي جا ماڻهو (چيني)، نانگ بلائون عام کائين – خاص ڪري سياري ۽ سرءُ جي موسم ۾. ٿڌ کان بچڻ خاطر ٽن چئن قسمن جي نانگن کي گڏ رڌي کاڌو وڃي ٿو. چينين جي چوڻ مطابق، نانگ تمام لذيذ ٿئي ٿو ۽ منجهس طاقت ۽ گرمائش پڻ آهي. وائي سور، چيلهه جي سور، چُڪ، ڇڪي ۽ ٻين ڪيترن بيمارين جي علاج لاءِ نانگ جو پتو (Gall Bladder) سڄو يا ڀوري، شراب جي ننڍي گلاس ۾ وجهي هڪ ئي ڳيت ۾ پيئن.
    ڪولون ۽ هانگ ڪانگ جي ڪيترين هوٽلن ۾ شيشي جي ڪٻٽن ۾ جيئرا نانگ گراهڪن لاءِ رکيا هوندا آهن ۽ گراهڪ جي پسند مطابق اهو نانگ تري يا رڌي کيس پيش ڪيو ويندو آهي. ان بابت تفصيل سان احوال پنهنجي هن ڪتاب ”وايون وڻجارن جون“ ۾ لکي چڪو آهيان.

    • چيني قوم لاءِ ڌاريان اها ڳالهه محسوس ڪن ٿا ته هنن جو مهانڊو هڪ ٻئي سان ڏاڍو ملي ٿو. سندن چهرو جذبات کان بلڪل خالي لڳندو. توهان کي خبر نه پوندي ته اڳلو خوش آهي يا ڪاوڙ ۾. ڏک ۾ آهي يا پريشاني جي حالت ۾. بقول حيدرآباد جي حسين شاهه بخاريءَ جي جيڪو ڪولون ۾ مونسان ملڻ آيو هو، ”چينين جي شڪل هڪ ٻئي سان ايتري ملندڙ آهي جو هفتو ڏيڍ هتي رهڻ بعد به ڪيترا چهرا ساڳيا ساڳيا پيا لڳن ۽ اسان ايترو منجهيل آهيون جو ڪو چيني ڌڪ هڻي ميڙ ۾ گهڙي وڃي ته ڳولي نه سگهون ته اهو ڪهڙو هو ۽ وري ساڳيو ڦري اچي همدردي ڪري ته به هنجي ڳالهه تي يقين اچي وڃي ته اهو ڌڪ هڻڻ وارو ٻيو هو ۽ هي همدردي ڪرڻ وارو ٻيو چيني آهي.“

    • 1911 کان اڳ تائين، هتي جي رسم مطابق چيني عورتن جا ننڍا پير سونهن جي نشاني سمجهيا ويا ٿي. پيرن کي ننڍو ڪرڻ لاءِ مائرون پنهنجن ڌيئرن جا پير ٻڌي ڇڏينديون هيون، جيئن اهي وڏا نه ٿين. چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ هڪ شهنشاهه جي دلپسند سريت جي پيرن ۾ ڪو عذر ٿي پيو ۽ ان جا خدمتگار ۽ وزير وزراءِ خوشامد خاطر ۽ بادشاهه کي اهو ڏيکارڻ خاطر ته اهي پير وڌيڪ سهڻا لڳن ٿا، پنهنجين ڌيئرن جا پير پڻ ننڍا ڪرڻ لڳا. بهرحال ان مصيبت کان غريب عوام بچيل هو. ڇاڪاڻ جو پير ٻڌي ننڍو ڪرڻ دوران ان ڇوڪريءَ کي هلائڻ لاءِ ٻن نوڪراڻين جي ضرورت پئي ٿي ۽ غريب ماڻهو نوڪرياڻيون رکي نه سگهندا هئا. چنگ گهراڻي جي خاتمي بعد ان رسم تي بندش وڌي وئي ۽ اڄ ڪلهه جي چيني عورتن ۽ ڇوڪرين جا پير دنيا جي ٻين ماڻهن جهڙا ۽ جسم مطابق آهن. البت ڪٿي ڪٿي، ڪنهن گهٽيءَ يا گهر اڳيان ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڪراڙي پراڻي زماني جي، ننڍڙن پيرن واري نظر اچي وڃي ٿي، جنهن جا پير اڇي رنگ جي سوٽي جورابن ۾ ويڙهيل هوندا آهن ۽ هوءَ گڏيءَ جي بوٽن جهڙو بوٽ پائي شرمائيندي رهندي آهي.

    • 1971 تائين هانگ ڪانگ ۾ قانوني طرح سريت (Concubine) رکڻ عام هو ۽ ان وهاريل زال جي اولاد کي پڻ قانوني سڏيو ويو ٿي. پر اڄ ڪلهه اهو رواج سرڪاري طرح بند ٿيل آهي. پر ڪنهن دولتمند چواڻي: ”هانگ ڪانگ ۾ هر ڳالهه پئسي جو کيل آهي. پئسي جي زور تي سڀ ڪجهه جائز آهي ۽ ان قسم جا سماجي قانون فقط ڪاغذن تائين محدود آهن.“

    • هانگ ڪانگ ۾ دنيا جا مشهور ۽ مهانگا شراب خانا (Bars)، هوٽلون ۽ سستا مساج گهر (Massage House) ۽ غسل خانا (جنهن ۾ ڇوڪريون اگهاڙيون ٿي مالش ڪن ٿيون ۽ وهنجارين ٿيون)، چپي چپي تي نظر ايندا. ان کان علاوه دولتمند مغربي مردن ۽ عورتن کي چڪلن ۽ هومو سيڪشوئل (عورتن توڙي مردن) جي اڏن تي پهچائڻ لاءِ ٽئڪسي ڊرائيور ۽ دلال گهٽي گهٽيءَ ۾ واجهائيندي نظر ايندا. ڪيترين هوٽلن ۾ ويندڙ جي لباس تي پابندي لڳندي وڃي ته ڪاري سوٽ ۽ ٽاءِ ۾ ئي اچي سگهي ٿو، پر خدمتگار ڇوڪرين جي لباس ۾ ڍر ڏني وئي آهي ۽ بڪني کان ٽاپ ليس (فقط ڪڇي) تائين معاملو اچي پهتو آهي.

    • جيئن اسان جي پاسي جي ملڪن جا پورهيت ۽ مزور دبئي، قطر، بحرين، ڪويت، ايران، عربستان ۽ لبيا پورهئي ۽ محنت مزدوريءَ لاءِ وڃن ٿا. تيئن هتي روزانا اهڙيون خبرون اخبارن ۾ اينديون آهن ته فلپين، ڏکڻ ڪوريا، ڪمبوڊيا ۽ ٿائلينڊ جون ڇوڪريون غيرقانوني طرح هانگ ڪانگ ۾ سياح جي حيثيت ۾ رهي بدپيشي (Prostitution) مان پئسو ڪمائي رهيون آهن.

    • هتي اڪيلي آيل سياحن ۽ مسافرن لاءِ عارضي طور خوبصورت ساٿي پيش ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪمپنيون آهن، جن جا اشتهار هر روز هتي جي اخبارن ۽ رسالن ۾ اچن ٿا ته، ”توهان جي هانگ ڪانگ ۾ ڇڙها آهيو ته اڪيلائي محسوس نه ڪريو ۽ پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ فقط ٽيهه ڊالر ڪلاڪ جي حساب سان ڪابه خوبصورت ڇوڪري (Escort) چونڊيو.“ ڪي فخريه فوٽن سان اشتهار ڏيندا آهن ته، ”اسان جون خدمتون حاصل ڪريو. دنيا جي مشهور ملڪن ۽ زبانون ڳالهائيندڙ ڇوڪريون توهان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ هر وقت حاضر آهن. راضپو ۽ پسند (Satisfaction) جو ذمو اسان تي. هانگ ڪانگ ۾ رهڻ دوران گهمڻ ڦرڻ، ڊانس ۽ دعوتن ۾ گڏ هلڻ ۽ خريداري ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ 25 ڊالر في ڪلاڪ جي حساب سان بهترين ساٿي!“
    يعني اهو ته ٿيو مقرر اگهه، وڌيڪ پاءُ اٽو کائڻ وارو هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته جيترو ڳڙ وڌيڪ وجهبو، اوترو ڀت مٺو ٿيندو.


    حصو پهريون

    اڄ جو هانگ ڪانگ

    منهنجو پهريون دفعو هانگ ڪانگ وڃڻ 1971 ڌاري ٿيو. منهنجي عمر 26 سال کن هئي. يعني اها چاليهه سال اڳ جي ڳالهه آهي. هانگ ڪانگ ڪافي مٿي اتر ۾ هجڻ ڪري اتي ڪراچي، ڪولمبو يا ڪوالا لمپور واري گرمي نه هئي. ٻاهر منجهند جو گهمڻ ۾ به مزو آيو ٿي ته جهاز جي انجن روم ۾ به فرحت هئي. انهن ڏينهن ۾ ماضي جي ”ڊيوٽي فري“ بندرگاهه ۽ شاپنگ ڪرڻ وارن جي جنت عدن ۽ ڪولمبو، سوشلزم جي چڪر ۾ تباهه ٿي ويا هئا. ڪراچيءَ ۾ کاڌي پيتي جون شيون سستيون هيون، پر ولائتي شيون ٽرانسٽر ريڊيا، واچون، ڪوٽن ۽ پينٽن جو ڪچو ڪپڙو، سبيل ٺهيل قميصون ۽ ڪئميرائون وغيره مهانگيون هيون. انهن ڏينهن ۾ ڊيوٽي – فري بندرگاهن ۾ اهڙين ئي شين جي خريداري ڪبي هئي جيڪي آمريڪا، انگلينڊ ۽ جپان جون ٺهيل هوندي به انهن ملڪن ۾ به مهانگيون هيون. بس يورپ پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪناري (canary) ٻيٽن مان هڪ ٻيٽ لاس پاماس هو جيڪو ڊيوٽي فري هجڻ ڪري ان ۾ سستائي هئي ۽ ويندي ڪوڪا ڪولا، سيون اپ، ڪئڊبري چاڪليٽ، شيونگ بليڊ، عطر ۽ شئمپو وغيره به اتان وٺبا هئا يا وري هيڏانهن ڏور اوڀر پاسي سنگاپور هو. سنگاپور ۾ اڃان اڄ واريون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون نه ٺهيون هيون. هر گهٽيءَ ۾ هيٺ دڪان هئا ۽ مٿي انهن جي مالڪن جا گهر، جيڪي ”شاپ هائوس“ سڏجن ٿا. اهي دڪان ولائتي شين سان ڀريا پيا هوندا هئا. ويندي ملائيشيا، ٿائلينڊ، انڊيا ۽ عرب ملڪن جا ٽوئرسٽ، هوائي جهاز ۽ پاڻي جا جهاز هلائڻ وارا سنگاپور مان شاپنگ ڪندا هئا. پر انهن ٻنهي بندرگاهن کان وڌيڪ سستو ۽ گهڻي سامان وارو بندرگاهه هانگ ڪانگ هو. اسانجي ڪمپنيءَ جا جهاز نه فقط چين پر جپان ۽ ڪوريا جي بندرگاهن ڏي به ويندا هئا جنهن روٽ تي، اسانکي ڪم نه هوندي به ڏينهن ٻه هانگ ڪانگ ترسڻو پوندو هو جو اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي ريجنل آفيس هانگ ڪانگ ۾ هئي. اسان گهران آندل پئسا ۽ پگهار جا پئسا هتي هانگ ڪانگ ۾ ئي خرچ ڪندا هئاسين.
    هانگ ڪانگ ۾ ٽئڪسي ۽ هوٽلن ۾ کاڌو پيتو به سستو هو جو سندس ڀرسان چين جو ملڪ آهي جتان ڀاڄي ڀتيءَ کان ميوو سستي اگهه تي سپلاءِ ٿيو ٿي. غربت به ڏاڍي هئي. بيروزگاري هئي. ڪجهه انهن ڳالهين ڪري به هانگ ڪانگ ۾ Crime Rate (بدامني) گهڻي هئي. ڪيترائي چورين چڪارين ۽ ڦرين جا ڪيس ٿيا ٿي. خاص ڪري رات جي وقت. ڌيان ۾ رهي ته هي مٿيون سٽون هڪ پاڪستاني لکي رهيو آهي. ان مان اندازو لڳايو ته ان وقت جي ان هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور کان اسان جو ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد پرامن ۽ پُرسڪون هو. اسان وٽ ولائتي شيون کڻي مهانگيون هيون پر لا ۽ آرڊر جي پوزيشن، تعليم جو معيار، انڊسٽري ۽ ٽيڪنالاجي توڙي ائگريڪلچر ۾ اسان گهڻو گهڻو اڳيان هئاسين. تڏهن ته هنن ملڪن ويندي جپان ۽ يورپ وارن اسان جي ملڪ جو سامان گهرايو ٿي. اسان جي ملڪ مان چانورن ۽ دالين جا جهاز ڀرجي وڪري لاءِ ولايت ويا ٿي. سوٽي ڌاڳي ۽ ڪپڙن جي تاڪين سان فل جهاز جپان ۽ ڪوريا پهتا ٿي، چمڙي جي جئڪيٽن ۽ گانگٽن جي پئڪ دٻن سان جهاز سڄي فارايسٽ (ڏور اوڀر) جي ملڪن ۽ آمريڪا ڏي ويا ٿي. راندين جو سامان ۽ ڪپهه ته سڄي دنيا ۾ وئي ٿي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻيا ملڪ ويا اڳيان وڌندا، اسان پٺتي ٿيندا رهياسين. ايتري قدر جو اسان جي ناڻي جي ساک به ڪرندي رهي. 1968 ۾ هڪ جونئر انجينئر جي حيثيت ۾ منهنجو پگهار 400 رپيا هو پر ڊالر به چئين رپئي ڪو مس هو. جپاني يين ته چئن رپين ۾ (يعني هڪ ڊالر ۾) پنج سو ملندا هئا. هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ته ڇا پر جپان ۾ به اسين جونئر ٿي ڪري ٽئڪسين ۾ گهمندا هئاسين پر پوءِ اسانجي ملڪ جو سڪو ويو ڪمزور ٿيندو. چيف انجنيئر ٿيڻ تي پگهار ڏهوڻو ٿي ويو پر ٽئڪسيءَ ۾ چڙهڻ جي همت نه ٿيندي هئي جو جپان جو يين ۽ جرمنيءَ جو مارڪ ته ڇا سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جو سڪو به ايڏو سگهارو ٿي ويو جو هاڻ اسان پاڻ کي غريب سمجهڻ لڳاسين ۽ محسوس ڪرڻ لڳاسين ته ملڪ سياسي ۽ معاشي طرح سگهارو آهي ته ٿوري پگهار وارو به خوش حال گذاري ٿو. ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن اسان جي ملڪ جون به حالتون بهتر ٿي وڃن. چوطرف امن امان جو واءُ وري وڃي. في الحال ته حالت اها آهي جو ڪڻڪ ۽ کنڊ به ڌارين ملڪن کان گهرائڻي پوي ٿي. ڌاريو ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ اچڻ کان به ڪيٻائي ٿو ته خبر ناهي ڪٿي بم ڦاٽي پوي يا ڪِن هنگامن ڪري سندس موٽڻ واري اڏام ڪئنسل ٿي وڃي.
    هانگ ڪانگ ۾ آزادي هجڻ ڪري، مائوزي تنگ جي موچڙن جي ڊپ کان نه رڳو چين جا ٺڳ ۽ رنڊيون هانگ ڪانگ ۾ اچي جمع ٿيون هيون پر دنيا جي ڏوهارين ۽ ٺڳيون ۽ فراڊ ڪندڙن هانگ ڪانگ جو رخ رکيو. پر اهو آهي ته انگريزن – جن جي هانگ ڪانگ تي حڪومت هئي، ويا قاعدو قانون سخت ڪندا ۽ آزاديءَ سان گڏ امن امان ۽ انصاف جون حالتون اهڙيون بهتر ڪيائون جو سڀ چور ۽ ٺڳ سڌا ٿيڻ لڳا. ڌارين ملڪن جا امير ۽ ڪارخانيدار پنهنجو پئسو هانگ ڪانگ جي بئنڪن ۾ رکڻ لڳا، ڪارخانا کولڻ لڳا، ايتريقدر جو هانگ ڪانگ جهازرانيءَ جو مرڪز ٿي پيو. هوڏانهن اسانجي ملڪ ۾ بئنڪون ۽ جهاز قومي ملڪيت ۾ داخل ڪرڻ تي اسانجي ملڪ جا جهازن جا مالڪ هانگ ڪانگ ۾ اچي جهازراني شروع ڪرڻ لڳا. ويندي گوڪل جهڙو ماڻهو به جيڪو وزير تجارت هو پنهنجن جهازن جي آفيس هانگ ڪانگ ۾ کولي.
    هانگ ڪانگ ۾ پوءِ هڪ خوف جو دور به آيو جڏهن اهو ٻڌو ويو ته ڄاڻ ته چين هانگ ڪانگ تي قبضو ڪيو. ظاهر آهي هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون وارو پاسو، آهي ئي ڪيترو ذرڙو! انگلينڊ جا جنگي جهاز برطانيا کان هلي اچن تڏهن به هو هانگ ڪانگ جو ڇا بچاءُ ڪري سگهندا. هونءَ به هيءَ ڌرتي هئي به ته چين جي، جيڪا انگريزن ڏنڊي جي زور تي پنهجي قبضي ۾ ڪئي. ڪيترائي امير ماڻهو ڊڄڻ لڳا ته جيڪڏهن هانگ ڪانگ چين وٽ موٽي ويو ته پوءِ هانگ ڪانگ ۾ به چين وارو ڪميونسٽ نظام هلندو جنهن ۾ هر هڪ جي ملڪيت سرڪار جي ٿي ويندي. ان ڊپ کان ڪيترا هانگ ڪانگ ڇڏي انگلينڊ ۽ آسٽريليا هليا ويا جو هنن وٽ برطانيا جو پاسپورٽ هو ۽ برطانيا جو پاسپورٽ رکندڙن جو ملڪ برطانيا ٿيو. هو برطانيا جي قوميت جي ناطي آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۽ ڪئناڊا به رهي سگهيا ٿي. جيتوڻيڪ هنن جي دل هانگ ڪانگ ڇڏڻ تي نٿي چاهيو، جو هنن کي اتي مشرقي ماحول ۽ ڪلچر مهيا ٿيل هو. هوڏانهن ڪئناڊا توڙي آسٽريليا پاسي مقابلو سخت هڪ طرف هو ته هيڪاندي ٿڌي موسم ٻي طرف هئي.
    ڪيترن جو ته خيال هو ته چين هانگ ڪانگ کي واپس هرگز نه وٺندو. اڳواٽ ته انگريزن کان نه ڦريندو پر سو سالن جو قانوني مدو پورو ٿيڻ تي به، چين اهوئي چاهيندو ته اهو ڀلي انگريزن حوالي هجي جو انگريزن هانگ ڪانگ کي هي اوج رسايو آهي.
    انهن ڏينهن ۾ چين سان ڪيترائي ملڪ رٺل هئا. ويندي آمريڪا به تائيوان کان سامان خريد ڪندو هو پر چين تي پابنديون مڙهي ڇڏيون هئائين. چين جي ڪارخانن ۾ جيڪو مال ٺهيو ٿي ان جو وڪرو ٿيڻ ضروري هو، جيئن چين کي موٽ ۾ غيرملڪي ناڻو ملي سگهي. اهو سامان هانگ ڪانگ ذريعي نڪتو ٿي. هانگ ڪانگ جي واپارين چين کان مال خريد ڪري پنهنجي نالي تي دنيا کي وڪيو ٿي. سو هيڏي وڏي چين لاءِ هانگ ڪانگ هڪ مال ايڪسپورٽ ڪرڻ جو گيٽ وي هو. هانگ ڪانگ جي هڪ هندو سنڌي واپاريءَ جنهن هانگ ڪانگ ۾ ترسي پوڻ جو پڪو پهه ڪيو هو، تنهن کان جڏهن هانگ ڪانگ نه ڇڏڻ جي جوکم جو پڇيم ته هن ٻڌايو ته ”سائين پهرين ڳالهه ته چين هانگ ڪانگ تي قبضي ڪرڻ جون رڳو ڪوڙيون ڀڀڪيون پيو ڏئي، ڇو جو چين کي زمين جي ته کوٽ ناهي. هيڏي وڏي چين ۾ هانگ ڪانگ جي گڏجڻ سان ڪهڙو فائدو ٿيندن. سڄو واپار وڙو بند ٿي ويندن. هانگ ڪانگ جي ڪري ته چين جي ايڪانامي پئي هلي.“
    ”پر جي هڪ سو سالن جو 1997 ۾ مدو پورو ٿيڻ تي برطانيا پاڻ ئي هانگ ڪانگ مان هٿ ڪڍي ٿي ڇڏي ته پوءِ ته چيني حڪومت توهانکي سائي يا بلو رنگ جو چيني پورهيتن وارو وڳو پارائي چوندي ته هلي جسماني محنت مزوري ڪريو رڳو نوٽ نه ويهي ڳڻيو“ مون هن بزنيس مئن کي چيو جنهن جا وڏا انڊيا جي ورهاڱي کان به اڌ صدي اڳ بلخ بخارا ۽ سيام ملايا ۾ بزنيس ڪندا رهيا هئا. ٻي وڏي لڙائي دوران ۽ پوءِ پڻ جپان جي هڪيدو ۽ اوڪيناوا جهڙن ٻيٽن تي ڪامياب بزنيس برقرار رکندا آيا هئا. هن ٽهڪ ڏيندي چيو:
    ”ڀلي هانگ ڪانگ چين کڻي وڃي. سڄي چين ۾ ڀلي سندن قانون رائج هجي پر ڏسجو ويٺا ته هانگ ڪانگ کي ان ئي طرز تي هلائيندا جنهن تي هي انگريز هلائي رهيا آهن. ڇو جو چينين جو ان ۾ ئي فائدو آهي.“
    هن هندو سنڌي بزنيس مئن اها ڳالهه مونسان 1980 ۾ ڪئي هئي. 17 سالن بعد 1997 ۾ برطانيا هانگ ڪانگ چينين کي واپس ڪري ڇڏيو. اڄ ان کي به 13 سال ٿي ويا آهن پر هانگ ڪانگ ايئن ئي هلي رهيو آهي جيئن هن دڪاندار سيٺ 30 سال اڳ تجزيو ڪيو هو.


    حصو ٻيو

    هانگ ڪانگ، ڪلڪتي ۽ ڪراچي جون ٽرامون

    هانگ ڪانگ جو ٻيٽ چين جي بلڪل ڏکڻ واري سامونڊي ڪناري وٽ آهي جتي پرل ندي ڊيلٽا ٺاهي ”ڏکڻ چيني سمنڊ“ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. چين جو شهر ڪئنٽن به هن نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي ان ڪري هن نديءَ کي ڪئنٽن ندي به سڏجي ٿو. بهرحال Pearl River يا Canton River سمجهو ته انگريزي نالا آهن جيڪي اسڪول جي ائٽلس يا اسان جي نيويگشن نقشن تي لکيل آهن باقي چين جي چيني عوام هن نديءَ کي زُر جيانگ سڏي ٿي. هي ائين آهي جيئن انگريز اسانجي نديءَ کي Indus River سڏين ٿا پر اسان ان کي سنڌو درياءَ به سڏيون ٿا. پرل ندي چين جي ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي.
    چين جي سڀ کان ڊگهي ندي Yangtze River آهي جنهن کي چيني ماڻهو چانگ جيانگ سڏين ٿا. هاڻ توهان اهو سمجهي ويا هوندائو ته ”جيانگ“ ندي يا درياهه کي سڏجي ٿو. هيءَ ندي مصر جي نيل ندي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اميزان نديءَ بعد دنيا جي ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي، جنهن جي ڊيگهه 6300 ڪلو ميٽر يعني 3900 کن ميل آهي. هيءَ ندي اولهه کان اوڀر طرف وهي ٿي ۽ چين کي ٻن حصن، اتر چين ۽ ڏکڻ چين ۾ ورهائي ٿي.
    چين جي ٻيو نمبر ڊگهي ندي Yellow River آهي جنهن کي چيني ماڻهو ”هئانگ هِي“ سڏين ٿا. هيءَ دنيا جي ڇهون نمبر ڊگهي ندي آهي جنهن جي ڊيگهه 5460 ڪلو ميٽر يعني 3390 کن ميل آهي. ييلو ندي يعني هئانگ هِي ماٿري چيني تهذيب جي گود سڏجي ٿي. ايامن کان هن نديءَ ۾ ايندڙ ٻوڏ ماڻهن ۽ مال لاءِ تباهيءَ جو ڪارڻ بڻي آهي، ان ڪري هن نديءَ کي ”غمِ چين“ به سڏين ٿا. سنڌو نديءَ وانگر چين جي هيءَ ندي چيني شاعريءَ ۾ اڪثر ”گپ جو وهڪرو“ طور ڪتب اچي ٿي. شايد ان گپ ۽ چڪڻ ڪري هن جو نالو هئڊو (Yellow) پيو هجي، هن نديءَ جو ٻارهوئي اهو حال آهي. ڪڏهن به صاف يا شفاف نظر نٿي اچي. شايد ان ڪري ڪنهن ناممڪن شيء لاءِ چيني زبان ۾ محاورو آهي ته ”جڏهن هئانگ هِي ۾ صاف پاڻي وهندو....“ جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته when Pigs fly (جڏهن سوئر اڏامندا) يا کڻي اسانجي زبان ۾ چئجي ته جڏهن سج اولهه کان اڀرندو.
    بهرحال هانگ ڪانگ پرل نديءَ جي ڇوڙ وٽ آهي – يعني زمين تي رهندڙ ماڻهن جي حساب سان نديءَ جو ڊيلٽا (پوڇڙ) نديءَ جو ڇوڙ ٿيو پر اسان جهاز يا ٻيڙي هلائڻ وارن لاءِ اهو نديءَ جو منهن ٿيو جتان اسان اج جهاز نديءَ جي اندر گهڙن ٿا. دنيا جا ڪيترائي بندرگاهه آهن جيڪي نديءَ ۾ آهن. يعني اسان کي سمنڊ جهاڳڻ بعد ڪجهه فاصلو نديءَ ۾ به هلڻو پوي ٿو. جيئن آمريڪا جي بندرگاهه نيو اورلينس ۾ پهچڻ لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ گلف آف ميڪسيڪو جو سمنڊ لتاڙڻ بعد مسي سپي نديءَ جو ڊيلٽا ڳولهڻو پوي ٿو جتان پوءِ سئو کن ميل اندر گهڙڻ بعد نيو اورلينس جو بندرگاهه اچي ٿو. سمجهو ته جهاز رستي ڪوٽڙيءَ پهچڻو آهي. يعني پورٽ قاسم وٽ پهچي پوءِ جهاز کي سنڌو نديءَ اندر وٺي وڃڻو پوندو جيڪو ڪم هاڻ ناممڪن آهي جو سنڌو نديءَ ۾ ايترو پاڻي ناهي جو اڄ جا وڏا جهاز اندر هلي سگهن پر ڪوٽڙي بئراج يا سکر واري پل ٺهڻ کان اڳ انگريزن جا ٻيڙا ملتان تائين پهچي ويندا هئا. پرل ندي جنهن لاءِ مٿي لکي آيو آهيان ته چين جو ٽيون نمبر ڊگهي ندي آهي 2200 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي. ياد رهي ته اسان جي سنڌو ندي جيڪا مانسروور ڍنڍ (تبت) کان شروع ٿي لداخ ۽ گلگت بلتستان کان ٿيندي عربي سمنڊ ۾ اچي ٿي ڇوڙ ڪري 3180 ڪلو ميٽر (1980 ميل) ڊگهي آهي.
    هيءَ اوڻهين صدي جي شروعاتي سالن جي ڳالهه آهي جڏهن ننڍي کنڊ تي انگريزن جي حڪومت هئي. هنن هندستان جي ڪيترين ئي رياستن ۾ زميندارن کي زوريءَ آفيم (Opium) جي پوک ڪرائي اهو آفيم چين جي ماڻهن کي وڏي اگهه تي وڪڻي ناڻو هڪ طرف ڪمايو ٿي ته چين جي عوام کي چرسي ٻئي طرف بڻايو ٿي. چين تي انهن ڏينهن ۾ قنگ (Qing) گهراڻي جي حڪومت هئي جن جي حاڪمن انگريزن کي ڏاڍو سمجهايو ويندي انگلينڊ درخواستون موڪليون ته اسان سان هي ظلم ڇو پيو ڪيو وڃي پر انگريز ان ڪم کان نه مڙيا. چين جي آفيم جي خريداريءَ کان انڪار ڪرڻ تي ۽ انگريزن جي جهازن کي آفيم کڻي سندن بندرگاهن ۾ گهڙڻ کان جڏهن منع ڪئي ته انگريزن ان وقت جي ماڊرن هٿيارن يعني بندوقن ۽ بمن بارودن ذريعي چين تي حملو ڪيو. اها سال 1839 جي ڳالهه آهي ۽ ان جنگ کي آفيمي لڙائي (Opium War) سڏجي ٿو. چين انگريزن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ 1841 ۾ انگريزن هانگ ڪانگ ٻيٽ تي زوريءَ قبضو ڪري ان کي پنهنجي ملڪ برطانيا جو حصو بنايو ۽ ان جي عيوض چينين سان صلح نامون ڪيو جيڪو صلحنامون تاريخ ۾ Treaty of Nanking سڏجي ٿو. ان بعد انگريزن هانگ ڪانگ ٻيٽ تي 1942 ۾ پنهنجو شهر ٻَڌو جنهن جو نالو ڪُئينس (Queens) ٽائون رکيو پر پوءِ اهو شهر وڪٽوريا سڏجڻ لڳو. بهرحال اهو شهر انگلينڊ جي راڻي جيڪا ”مهاراڻي وڪٽوريا“ هئي، جي نالي منسوب ڪيو ويو. ستر واري ڏهي ۾ به هانگ ڪانگ ٻيٽ جو هي شهر توڙي سڄو ٻيٽ، وڪٽوريا سڏبو هو جو اسان جڏهن فيريءَ ۾ سمنڊ جو حصو ٽپي ٻئي پاسي چين ڏي ”ڪولون“ شهر ويندا هئاسين ته اتان موٽڻ مهل اهوئي چوندا هئاسين ته ”وڪٽوريا“ ٿا هلون – يعني هانگ ڪانگ ٻيٽ تي ٿا هلون. ان وقت هن ٻيٽ جو اهوئي وڪٽوريا وارو پاسو ڊائون ٽائون يعني صدر جو علائقو لڳو ٿي. بهرحال هاڻ ته هانگ ڪانگ جو سڄو ٻيٽ ڪراچي جو صدر ڇا بولٽن مارڪيٽ، زم زما اسٽريٽ ۽ گزري شاپنگ علائقو ٿي پيو آهي ۽ هاڻ هانگ ڪانگ ۾ وڪٽوريا جي نالي سان جي سڏجي ٿو ته فقط وڪٽوريا پارڪ، وڪٽوريا پِيڪ (جبل جي چوٽي)، وڪٽوريا هاربر آهن. ان کان علاوه هانگ ڪانگ جي ڪجهه رستن ۽ گهٽين جا نالا به وڪٽوريا سان منسوب آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته هانگ ڪانگ ٻيٽ جي هن علائقي ”وڪٽوريا سٽي“ ۾ پهريون دفعو ٽرام 1890 ۾ هلائي وئي، ان لاءِ سمنڊ جي ڪناري ويجهو چار ميل پڪو رستو اولهه کان اوڀر ڏي ٺاهيو ويو. بس سروس ٽيهن سالن بعد 1920 ۾ شروع ڪئي وئي. جيتوڻيڪ انگريزن هانگ ڪانگ ۾ ٽرام سروس بمبئي (ممبئي)، ڪلڪتي، پٽنا ۽ ڪراچيءَ کان پوءِ شروع ڪئي جتي هاڻ ٽرام سروس ختم ڪئي وئي آهي پر هانگ ڪانگ ۾ اڄ تائين هلندي اچي. اعليٰ قسم جي بسين، ٽئڪسين سان گڏ هانگ ڪانگ ۾ خوبصورت قسم جون ڊبل ڊيڪر ٽرامون پڻ هلنديون رهن ٿيون. دنيا ۾ جن ٽن شهرن ۾ اڄ به ڊبل ڊيڪر ٽرامون پابنديءَ سان هلن ٿيون، هانگ ڪانگ انهن مان هڪ آهي. باقي ٻن شهرن مان هڪ انگلينڊ جو شهر بلئڪ پول آهي ۽ ٻيو مصر جو اليگزينڊريا آهي.
    هانگ ڪانگ ۾ ٽرام فقط هانگ ڪانگ ٻيٽ (وڪٽوريا سٽي) پاسي شائو ڪيئي وان (Shaukei Wan) واري علائقي کان ڪينيڊي ٽائون تائين هلي ٿي، جنهن جي هڪ برانچ هئپي وئلي واري علائقي کي به ڦيرو ڪري ٿي. هنن ٽرامن رستي هانگ ڪانگ ٻيٽ جا اٽڪل اڍائي لک ماڻهو سفر ڪن ٿا. اهو آهي ته هانگ ڪانگ ۾ ٽرامون شروع کان اليڪٽرسٽي تي هلايون ويون. ڪراچيءَ ۾ ٽرامن جو هلڻ 1885 کان شروع ٿيو هو. 1881 ۾ ڪراچي جي ميونسپل سيڪريٽري ۽ انجنيئر مسٽر جيمس اسٽريچن ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلائڻ جي آئيڊيا پيش ڪئي ۽ ٽرام جي پٽن (Rails) وڇائڻ جو ڪم شروع ٿيو، جنهن پراجيڪٽ جو انچارج سنڌ، پنجاب ۽ دهلي ريلويز جو چيف انجنيئر، جان برنٽن مقرر ڪيو ويو هو. 20 اپريل 1885 تي ڪراچي جي پهرين مين لائين ٽرام جو افتتاح وڏي ڌوم ڌام سان ٿيو جيڪا سينٽ ائنڊريو چرچ (جيڪو عبدالله هارون روڊ ۽ شاهراهه لياقت جي ڪراسنگ وٽ آهي) کان ڪياماڙي تائين هلڻ لڳي. ٻي گڊس ٽرام مئڪلوڊ روڊ ۽ نيٽي جيٽي جي وچ ۾ شروع ڪئي وئي. هي ٽرامون سال کن ٻاڦ جي انجن تي هلائڻ بعد انهن کي گهوڙن ذريعي ڇڪيو ويو ٿي. سال 1900 ۾ لارينس روڊ (نشتر روڊ) تي به ٽرام شروع ڪئي وئي. 1909 ڌاري گهوڙن رستي هلندڙ ٽرامون پيٽرول انجن ذريعي شروع ڪيون ويون. هي ٽرامون 18 ميل في ڪلاڪ جي حساب سان هلي سگهيون ٿي ۽ هر ٽرام ۾ 46 پئسينجر ويهي سگهيا ٿي. هي ٽرامون فريئر اسٽريٽ (دائود پوٽا روڊ)، سولجر بازار، مئنسفيلڊ اسٽريٽ (سيدنا برهان الدين روڊ) ۽ چاڪيواڙي ۾ به هلنديون هيون. 1939 ۾ هنن ٽرامن جي انجن پيٽرول مان ڊيزل انجن ۾ بدلائي وئي.
    پاڪستان ٿيڻ بعد هي ٽرامون جن جي اصل مالڪ ايسٽ انڊيا ٽرام ويز ڪمپني هئي تنهن کان محمدي ٽرام ويز ڪمپنيءَ (MTC) خريد ڪيون جنهن جو مالڪ شيخ محمد علي هو. هيءَ ڪمپني آخرڪار 1975 ۾ بند ڪئي وئي. 1956 ۾ جڏهن آئون يارهن سالن جو هوس ته مون به ”ٽرام ڊپو“ (سعيد منزل) کان ”بولٽن مارڪيٽ“ تائين هن ٽرام ۾ پنهنجي پڦاٽ ولي محمد شيخ سان سفر ڪيو جيڪو انهن ڏينهن ۾ NED ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو. ويهه منٽن کن جو هي سفر اڄ به منهنجي ذهن ۾ تازو آهي. اڄ جي مقابلي ۾ بندر روڊ خالي خالي هو. ٽرام ۾ هارن بدران گهنڊ لڳل هو. گهنڊ جو آواز ٻڌي اسان ڊوڙ پائي اچي چڙهيا هئاسين. ڪاٺ جي بينچن تي ويهي روڊ جي ٻنهي پاسي دڪانن ۽ عمارتن کي جنهن حيرت سان ڏسندو رهيس اها گهڙي اڄ به نٿي وسري. دل چيو ته اها ٽرام هلندي ئي رهي، هلندي ئي رهي! اڄ به ڪنهن ملڪ جي ٽرام ۾ چڙهان ٿو ته ڪراچي جي ٽرام ياد اچي ٿي.
    ٻه اکر ڪلڪتي ۽ بمبئي جي ٽرام تي به لکندو هلان. 1960 ۾ جڏهن اسين مئٽرڪ جا شاگرد هئاسين ته ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڪجهه شاگردن کي، جيڪي Sea Scouts هئا، چٽگانگ ۾ هلندڙ اسڪائوٽ جمبوري لاءِ ڪراچي کان ريل گاڏي رستي موڪليو ويو. واٽ تي اسان لاهور، امرتسر، دهلي ۾ هڪ هڪ ڏينهن ترسڻ بعد ڪلڪتي ۾ ٻه ڏينهن ترسيا هئاسين. جتان پوءِ ڍاڪا ۽ پوءِ چن ٽگانگ وياسين. ڪلڪتي ۾ لاڙڪاڻي جي ڪلاس ميٽ علي رضا ميمڻ ۽ هالا جي نجم انصاري سان گڏ ٽرامن ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ گهمندا رهياسين. ٽئڪسي ۽ بس کان سستي سواري ٽرام ئي هئي. اڄ به ڪلڪتي جي ڪيترن ٽرام اسٽاپن جا نالا ياد اٿم جن تان هر هر لنگهڻ ٿيو هو: سيالدا، آرمينن گهاٽ، هائوڙا اسٽيشن، مولا علي جنڪشن، رجب بازار وغيره. ان وقت يعني اڄ کان پورو اڌ صدي اڳ جو هڪ اسانجو فوٽو به منهنجي سامهون آهي جيڪو ڪلڪتي جي ٽرام اڳيان آهي ۽ ڪلڪتي مان ورتل هڪ پڪچر ڪارڊ (View Card) به آهي جنهن ۾ هتي جي ٽرام جو 1880 جو فوٽو آهي. جڏهن ڪلڪتي جي رستن تي ٽرام کي گهوڙو ڇڪيندو هو ۽ اها ميٽر گيج جي ٽرام هئي. ان بعد سگهو ئي 1882 ۾ ڪلڪتي جي ڪجهه روڊن تي ٻاڦ جي انجن (Steam Engine) ذريعي ٽرامون شروع ڪيون ويون. هڪ هنڌ ڪلڪتا ٽرام ويز ڪمپني جي تاريخ پڙهي رهيو هوس ته هن وٽ 1899 ۾، يعني ويهين صدي شروع ٿيڻ کان اڳ 166 ٽرام ڪارون، 1000 گهوڙا ۽ 7 اسٽيم انجنيون هيون ۽ ٽرام وارن رستن جي ڊيگهه 19 ميل کن هئي. اهڙي طرح ممبئي ۾ 1873 ڌاري ٽرام شروع ٿي هئي، جيڪا پاريل ۽ ڪولابا جي وچ ۾ هلي ٿي، جنهن کي هڪ گهوڙي بدران ڪڏهن ڇهه ته ڪڏهن اٺ گهوڙن ڇڪيو ٿي. پر 21 سالن بعد ممبئي ۾ جڏهن لوڪل ٽرين شروع ٿي ته ٽرامن جي اها حيثيت ختم ٿي وئي. هونءَ به ويهين صديءَ ۾ جيئن ئي 1920 کان پوءِ بس سروس شروع ٿي ۽ ڪارن ۽ ٽئڪسين جو تعداد وڌڻ لڳو ته ٽرامن لاءِ ڪيترن شهرن جا رستا سوڙها ٿي پيا ۽ پوءِ ٽرامون فقط انهن شهرن ۾ هلڻ لڳيون جن ۾ ڪراچيءَ جي بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) جهڙا ويڪرا رستا هئا. بهرحال آهستي آهستي ننڍي کنڊ جي شهرن ۾ ٽرامون هلڻ بند ٿينديون ويون. 1933 ۾ ڪانپور ۾ بند ٿيون، ان بعد 1955 ۾ چنائي (مدراس) ۾، 1962 ۾ دهليءَ ۾، 1964 ۾ ممبئي ۾ ۽ ان بعد ڪراچيءَ ۾ ٽرامن هلڻ جو چئپٽر بند ٿي ويو. ننڍي کنڊ ۾ فقط ڪلڪتو هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن ۾ هانگ ڪانگ وانگر اڄ به ٽرامون هلن ٿيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪلڪتي ۾ هاڻ فقط چند رستن تي ٽرامون هلن ٿيون ۽ انهن تي به بسين ۽ ڪارن جي گهڻائيءَ ڪري ٽرئفڪ جئم رهڻ جو مسئلو رهي ٿو، پر هانگ ڪانگ ٻيٽ تي سنگاپور وانگر پرائيويٽ ڪارن رکڻ تي سختي آهي ۽ انهن ٻيٽن تي ورلي ڪو امير ماڻهو ڪار رکي سگهي ٿو نه ته هر ڪو بس يا ٽرام ۾ سفر ڪري ٿو. اهو ان ڪري به ضروري آهي جو ٻي صورت ۾ هنن امير ٻيٽن جو هر هڪ رهواسي جي ڪار وٺي ته هنن ننڍن ٻيٽن تي ماڻهن جي هلڻ جي به جاءِ نه بچي.


    حصو ٽيون

    هانگ ڪانگ مهانگو ترين ملڪ

    اڳئين حصي ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن انگريزن پنهنجو اثر رسوخ ”ڏکڻ چيني سمنڊ“ ۾ وڌائڻ ۽ چينين کي زوريءَ آفيم خريد ڪرڻ لاءِ اهاني بهاني 1839 ۾ هنن سان جنگ جوٽي ۽ صلحنامو ڪرڻ لاءِ انگريزن هانگ ڪانگ وارو ٻيٽ پنهنجي نالي لکرايو. اها پهرين آفيم واري لڙائي (First Opium War) سڏجي ٿي. ان بعد 1860 ۾ انگريزن چين سان ٻي لڙائي جوٽي چين کي شڪست ڏني. ان جي صلحنامي ۾ جيڪو تاريخ ۾ ”پيڪنگ ڪنوينشن“ جي نالي سان مشهور آهي انگريزن چينين کان هانگ ڪانگ ٻيٽ جي ارد گرد ڪجهه ٻيا علائقا جهڙوڪ اسٽون ڪٽر آئلئنڊ (ٻيٽ) ۽ چين جي سرزمين جو ڪجهه ٽڪرو جيڪو ”ڪولون پيننشولا“ سڏجي ٿو حاصل ڪري، بلڪه قبضو ڪري، پنهنجي ملڪ برطانيا جو حصو قرار ڏنو. جيڪي هانگ ڪانگ پاسي نه آيا آهن، انهن جي سمجهه لاءِ اهو لکندس ته هانگ ڪانگ ڄڻ ته منهوڙو ٻيٽ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پکيڙ جي حساب سان منهوڙو تمام ننڍڙو ٻيٽ آهي پر هانگ ڪانگ سمجهو ته حيدرآباد ضلعي جيڏو بلڪه دادو ضلعي جيڏو ۽ دادو جهڙو جابلو آهي. اسٽون ڪٽر ٻيٽ سمجهو ته بابا ڀٽ يا شمس پير ٻيٽ ٿيو جيڪو منهوڙي جي ڀرسان آهي. ڪولون پيننشولا سمجهو ته ڪياماڙي وارو حصو نيٽي جيٽي (ٽاور) تائين ٿيو جيڪو پاڪستان جي سرزمين (Mainland) جو حصو آهي. تيئن ڪولون چين جي سرزمين سان مليو پيو آهي. 1898 ۾ هڪ ٻي ڪنوينشن هيٺ انگريزن لنتائو ٻيٽ ۽ ٻيا اوس پاس جا ننڍا ننڍا ٻيٽ ۽ ڪولون سان لڳو لڳ اترهائون زمينون چينين کان نوانوي سالن جي پٽي (Lease) تي حاصل ڪيون يعني هونءَ جو فقط ڪياماڙي وارو حصو ٽاور تائين انگريزن جي حوالي هو سو هاڻ سمجهو ته ملير لانڍيءَ تائين هنن جو ٿي ويو. ۽ اهي سڀ شيون ”هانگ ڪانگ“ سڏجڻ لڳيون. يعني هانگ ڪانگ هڪ آزاد ملڪ جو نالو به هو ته هڪ ٻيٽ جو به هانگ ڪانگ ملڪ ۾ هانگ ڪانگ ٻيٽ، لنتائو ٻيٽ، ڪولون پيننشولا ۽ ٻيا 234 کن ننڍا ننڍا ٻيٽ اچي وڃن ٿا. ”لنتائو ٻيٽ“ هانگ ڪانگ ٻيٽ کان به وڏو آهي. سندس پکيڙ 146 چورس ڪلوميٽر آهي، يعني هانگ ڪانگ ٻيٽ لنتائو ٻيٽ جي اڌ جيڏو ٿيو. انگريزن جي قبضي کان اڳ جيئن سنگاپور ۽ پينانگ ويران ٻيٽ هئا، جتي مڇيون ڦاسائڻ وارا مهاڻا ۽ سامونڊي ڌاڙيل (قزاق) رهيا ٿي، اهو ئي حال هن لنتائو ٻيٽ جو هو. هن ٻيٽ لنتائو ۽ هڪ ٻئي ڀرواري ٻيٽ ”چيونگ چائو“ تي يورپي جهازن وارا دراصل سورهين صدي جي شروعات کان ايندا رهيا پئي. 1510 ۾ ته پورچوگالين لنتائو ٻيٽ تي پنهنجون بينڪون به ٺاهيون، پر پوءِ پورچوگالي جيئن ٻين ملڪن ۾ ڪندا رهيا، يعني هڪ هنڌ ٽڪي رهڻ ۽ قبضو برقرار رکڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ بدران هتان به 1517 ۾ هليا ويا. پوءِ، گهڻو پوءِ، انگريزن هن ٻيٽ کي ٽريڊنگ پوسٽ ٺاهيو. هنن جا جهاز انڊيا ۽ انگلينڊ کان سامان کڻي هتي ايندا هئا ۽ پوءِ لِڪ چوريءَ قزاقن ۽ آفيمي چينين جي معرفت چين اندر ان سامان جو، خاص ڪري آفيم جو، وڪرو ڪندا هئا. هي اهي ڏينهن هئا جن کان انگريزن کي جاگرافيائي بيهڪ کان ڀروارو ٻيٽ هانگ ڪانگ پسند آيو هو ۽ هنن دماغ ۾ اها ڳالهه رکي ته اڳتي هلي چين سان ڦڏو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ته هن ٻيٽ (هانگ ڪانگ) تي سڀ کان پهرين قبضو ڪبو. سو نيٺ 1839 ۾ ان پهرين آفيمي لڙائي بعد ٿي ويو.
    بهرحال جتي انگريزن آفيم وڪڻڻ جهڙا غلط ڪم ڪيا ٿي اتي هانگ ڪانگ سندن حوالي ٿيڻ بعد هنن هتي به انگلينڊ جهڙو تعليمي نظام ۽ ٻيا ادارا قائم ڪيا. هانگ ڪانگ ۾ اچي رهندڙ کي هر وڌڻ ويجهڻ جا موقعا ملڻ لڳا. سنگاپور وانگر هي ٻيٽ به ڏسندي ئي ڏسندي ترقي ڪرڻ لڳو. امير چيني ۽ انگريز هتي اچي ڪارخانا کولڻ لڳا. غريب توڙي اميرن جا، انگريزي تعليم حاصل ڪري نه فقط هانگ ڪانگ ۾ پر انگلينڊ ۾ به نوڪريون حاصل ڪرڻ لڳا.
    ٻي وڏي جنگ ۾، سال 1941 جي ڊسمبر مهيني ۾، جپان جي فوج هانگ ڪانگ تي حملو ڪيو. انگريزن ۽ ڪئناڊين سرينڊر ڪيو. جپانين جي قبضي دوران عام شهرين بيحد ڏکيا ڏينهن ڏٺا. مهانگائي هڪ طرف وڌي وئي ته کاڌي خوراڪ جي کوٽ ٻئي پاسي ٿي پيئي. بک بيماري ۽ جپانين جي ظلمن ڪري هانگ ڪانگ جي اڌ آدمشماري (1941 کان وٺي 1945 تائين، جڏهن جپانين آڻ مڃي) موت جو ٻک ٿي وئي. انگريزن جڏهن پنهنجي حڪومت وري سنڀالي ته هانگ ڪانگ ۾ هر فيلڊ ۾ ماڻهن جي کوٽ محسوس ٿي پر پوءِ اها کوٽ 1949 ۾ جيئن ئي چين ۾ ڪميونسٽ حڪومت انقلاب آندو ته اتان ڀڄي ايندڙ چينين جي قافلن پوري ڪئي. چين جي پيڪنگ، شنگهائي ۽ گئانگ زهائو علائقن جون بئنڪون ۽ ڪورپوريشنون پنهنجا ٽپڙ کڻي اچي هانگ ڪانگ ۾ Settle ٿيون. هانگ ڪانگ ۾ ڪپڙي (textile) ۽ ٻين شين جا ڪارخانا کلڻ لڳا ۽ هانگ ڪانگ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪرڻ لڳو. 1970 تائين جيتوڻيڪ اهو اهڙو سکيو ستابو نه ٿيو هو جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته ان کان اسانجو ملڪ وڌيڪ ترقي يافته هو پر پوءِ سال تي سال گذرڻ تي هانگ ڪانگ ويو يورپ جهڙو ٿيندو جتي تعليمي ادارا، بئنڪون، جهازران ڪمپنيون، ٽرانسپورٽ، ڪميونيڪيشن هڪ طرف ته امن امان، انصاف، امپورٽ ايڪسپورٽ، سفر جون سهولتون، رهائشي پروجيڪٽ ۽ هوٽلون ٻئي طرف کلنديون ويون. توهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته سال 2000 ۾ هتي لنتائو ٻيٽ تي فائيبر آپٽڪ لنڪ ارائونڊ دي ورلڊ ۽ ايشيا پئسفڪ ڪيبل نيٽ ورڪ جو بنياد رکيو ويو جيڪو انٽرنيٽ ذريعي سڄي دنيا کي ڳنڍي ٿو.
    1984 ۾ انگلينڊ ۽ چين جي حڪومتن ويهي فيصلو ڪيو ته 1997 ۾ جڏهن ليز جا 99 سال پورا ٿيندا ته پوءِ ڇا ڪيو وڃي. آخر ٻنهي جي وچ ۾ Sino-British Joint Declaration ٿي جنهن جي هيٺ اهو فيصلو ڪيو ويو ته برطانيا هانگ ڪانگ جو قبضو چين کي واپس ڪندو، پر هانگ ڪانگ جو انتظامي نظام هلائڻ لاءِ خاص طريقو استعمال ڪيو ويندو جنهن هيٺ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سالن لاءِ هانگ ڪانگ ۾ انگريزن وارو ساڳيو قاعدو قانون رهندو. پهرين جولاءِ 1997 جي آڌي رات جو وڏي ڌام ڌوم سان هانگ ڪانگ کي چينين حوالي ڪرڻ جو Handing Over جشن ملهايو ويو.
    انهي سال ايشين معاشي Crisis ۽ Avian انفلوئنزا ڪري هانگ ڪانگ کي زبردست معاشي ڌڪ لڳو. ان مان آهستي آهستي هانگ ڪانگ ساهه پٽيو ته 2003 ۾ سارس (SARS) وبا جي ڪري هانگ ڪانگ جي حالت خراب ٿي پيئي. هانگ ڪانگ جي وڏي ڪمائي جيڪا ٽوئرزم مان ٿي ٿي سا ڊانوان ڊول ٿي وئي. مجبوريءَ جي حالت ۾ به ماڻهن هانگ ڪانگ ايندي گهٻرايو ٿي. هوٽلون خالي، ماڻهو روزگار خاطر دربدر پريشان ٿيڻ لڳا. لڳو ٿي هانگ ڪانگ پنهنجن پيرن تي وري بيهي نه سگهندو. پر پوءِ دنيا ڏٺو ته هانگ ڪانگ recover ڪرڻ لڳو. اڄ هانگ ڪانگ هڪ دفعو وري ايڪانامڪس ۽ ڪامرس جو دنيا ۾ مرڪز ٿي ويو آهي.
    انگريزن ۽ چينين جي معاهدي مطابق هانگ ڪانگ اڄ ”هڪ ملڪ، ٻه سسٽم“ جي طريقي تي هلي ٿو ۽ کيس چين طرفان سواءِ ڊفينس ۽ فارين افيئرس جي آزاد رکيو ويو آهي. ان معاهدي مطابق گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سالن تائين هانگ ڪانگ جي شهرين (پاسپورٽ رکندڙن) کي سندن حقن ۽ آزاد زندگي گذرڻ جي گئرنٽي ڏني وئي آهي.
    اڄ هانگ ڪانگ فائنانس جي ڳالهين ۾ دنيا جي سر فهرست ملڪن مان هڪ آهي ۽ ايشيا جي چئن شينهن (Tigers) مان هڪ مڃيو وڃي ٿو. (باقي ٽي آهن جپان، ڪوريا ۽ سنگاپور. منجهن هاڻ پنجون ملائيشيا شامل ٿي رهيو آهي). هانگ ڪانگ اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي ڇهون نمبر وڏي اسٽاڪ مارڪيٽ آهي. هانگ ڪانگ جيتوڻيڪ چين جو حصو آهي پر ان کي پنهنجو سڪو هانگ ڪانگ ڊالر نالي آهي ۽ چين ۾ يئان هلي ٿو. ”هانگ ڪانگ ڊالر“ دنيا جي ڏهن مضبوط ملڪن جي سِڪن مان هڪ آهي.
    هانگ ڪانگ، جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته سٺ واري ڏهي ۾ هڪ غريب ملڪ ٿي لڳو، ويندي ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ به اهو حال هوس. لئبر سستو هو، ٽئڪسي، هوٽلون، کاڌي پيتي جون شيون اسان ڌارين لاءِ بيحد سستيون هيون. اسانجي ناڻي اڳيان هانگ ڪانگ جو ڊالر سستو هو. ان ڪري اسان کي هانگ ڪانگ مان هر شيءَ خريد ڪرڻ ۾ گهٽ خرچ ڪرڻو پيو ٿي. ويندي سوٽ، قميصون ۽ ڪمپليٽ سوٽ اسان هڪ ڏينهن جي ارجنٽ آرڊر تي، هانگ ڪانگ مان سبرايا ٿي. ان وقت مڪاني ماڻهن لاءِ سندن غربت ڪري هر شيءَ مهانگي هئي. اڄ هانگ ڪانگ ايڏي ته ترقي ڪري ويو آهي ۽ هر هانگ ڪانگ جو رهواسي ايڏو ته امير ٿي ويو آَهي ۽ هن جو پگهار ۽ ڪمائي ۾ ايڏو ته گهڻو حصو ٿي پيو آهي جو هن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف نٿي ٿئي پر هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ اسان ڌارين (Expatriates) لاءِ هر شيءَ مهانگي ٿي پئي آهي. بين الاقوامي ڪيل سروي مطابق هانگ ڪانگ ڌارين ماڻهن لاءِ دنيا ۾ پنجين نمبرن تي مهانگو شهر (يا کڻي چئجي ته ملڪ) آهي. ٻيا چار آهن: ٽوڪيو، اوساڪا، ماسڪو ۽ سئٽزرلئنڊ جو شهر جنيوا. ۽ جيڪڏهن ڌنڌي ڌاڙي جي سهوليت کان ڏٺو وڃي ته هانگ ڪانگ دنيا ۾ ٽئي نمبر تي آهي. يعني هانگ ڪانگ ۾ ڪوبه ڌاريو ماڻهو پئسو لڳائڻ چاهي يا بزنيس ڪرڻ چاهي ته هن کي ڪٿي به ڪا رنڊڪ محسوس نٿي ٿئي. يعني هانگ ڪانگ جو ڪو مڪاني ماڻهو يا ڌاريو هانگ ڪانگ جي قاعدي قانون موجب ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ته هن کي ڪٿي به ڪنهن سرڪاري آفيس يا خانگي اداري ۾ ڪو پريشان نٿو ڪري جيڪا ڳالهه اسان جهڙن ملڪن ۾ نه آهي ان ڪري ڪو ڌاريو پئسو نٿو لڳائي ۽ اسان ان مان پيدا ٿيندڙ سهوليت کان محروم رهجيو وڃون. هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ويندي ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ترقيءَ جو راز ئي اهو آهي ته هنن بزنيس مين کي امن امان، ۽ هر سهوليت مهيا ڪئي آهي ۽ سرڪاري آفيسن ۾ هنن مانوارو ۽ محترم سمجهيو وڃي ٿو.


    حصو چوٿون

    هانگ ڪانگ بلند عمارتن جو ملڪ

    ڪيترائي ماڻهو چوندا آهن ڏسو چين ڪيڏو ته وڏو ملڪ آهي پر ان ۾ فقط هڪ زبان ”چيني“ ڳالهائي وڃي ٿي. ائين هرگز ناهي. چين جي هر صوبي ۽ هر علائقي جي پنهنجي زبان آهي. ملائيشيا جتي منهنجو وڏو عرصو رهڻ ٿيو اتي جي آدمشماري اٽڪل 45 سيڪڙو چيني آهي ۽ اهي چيني پاڪستان جي ڀرواري چيني علائقي ڪاشگير يا وچ چين جا نه آهن. اهي سمورا چين جي فقط ڏکڻ واري حصي جا آهن جيڪو لائوس ۽ ويٽنام ملڪن سان ملي ٿو. اهي اوڀر ڏکڻ چين جا چيني به جڏهن هڪ ٻئي سان گڏ ويهندا هئا ته اسان وانگر هڪ ٻئي سان انگريزي يا ملئي ۾ ڳالهائيندا هئا جو ڪنهن جي زبان ڪئنٽونيز هئي ته ڪنهن جي منڊارين. ڪنهن هڪا زبان ۾ ڳالهايو ٿي ته ڪنهن ٽيوچو ۾.
    پر اهو آهي ته سڄي چين جي لکڻي جيڪا اسان جي ٻولين وانگر فونيٽڪ نه پر شڪلين واري آهي، ساڳي آهي. يعني ڪئنٽونيز ۾ ڇپيل اخبار منڊارن زبان ڳالهائڻ وارو به پڙهي سگهي ٿو. اهو ائين سمجهڻ کپي ته سج جي شڪل ٺاهڻ تي هرڪو سمجهي ويندو ته اهو سج آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزي ڳالهائڻ وارو ان کي ”سَن“ چوندو، سنڌيءَ وارو ”سڄ يا سج“، اڙدو وارو ”سورج“ عربي وارو ”شمس“ ۽ فارسي وارو ”آفتاب“ وغيره. سو چيني زبان ۾ هر شيءِ جي شڪل آهي ۽ اسان ته الف ب جا 26 يا وڌ ۾ وڌ 52 اکر ياد ڪريون ٿا پر هي چيني ۽ جپاني، اهي شڪليون (جن کي جپاني زبان ۾ ڪانجي يا کانجي سڏجي ٿو) پنجن کان ڏهن هزارن تائين ياد ڪن ٿا. سو چين ۾ هڪ نه پر ڪيتريون ئي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ مختلف زبانون ڳالهائڻ وارا هڪ ٻئي جي لکت ته سمجهي سگهن ٿا پر ڳالهه ٻولهه نه. ان جو الٽ مثال اسان جي ننڍي کنڊ ۾ اڙدو ۽ هندي زبان جو آهي. اڙدو ۽ هندي ڳالهائڻ وارو هڪ ٻئي جي ڳالهه ته سمجهي سگهندو پر لکڻي نه.
    هانگ ڪانگ ۾ 95 سيڪڙو چيني رهن ٿا جن جي وڏن جو واسطو ڏکڻ چين جي صوبي گئان ڊانگ (Guangdong) سان آهي جتي جا ماڻهو ڪئنٽونيز، هڪا (Hakka) ۽ چِيو چاپ زبانون ڳالهائين ٿا پر هانگ ڪانگ جي سرڪاري زبان ڪئنٽونيز ڪئي وئي آهي، جيئن سنگاپور جي منڊارين آهي. هانگ ڪانگ ۾ ٻي سرڪاري زبان انگريزي آهي. يعني ڪو ٻار گهر ۾ ڀلي ٽيوچو، هڪا يا ڪا ٻي چيني زبان ڳالهائيندو هجي پر سرڪاري آفيسن ۾ يا تعليمي ادارن ۾ ڪئنٽونيز ۽ انگريزي زبانون هلن ٿيون. هانگ ڪانگ ۾ چينين کان علاوه باقي 5 سيڪڙو ۾ پنجابي، پٺاڻ (جيڪي انگريزن جي فوج ۾ هئا)، سنڌي هندو (جيڪي واپار سانگي هانگ ڪانگ ۾ اچي Sattle ٿيا هئا) نيپالي، جپاني، ڪورين، آسٽريلين ۽ ڪئناڊين به آهن. ڪجهه ويٽنامي (جيڪي رفيوجي ٿي هتي آيا) پڻ آهن. ڪو زمانو هو هانگ ڪانگ جا چيني مختلف امير ملڪن ۾ پورهئي ۽ محنت مزدوري لاءِ ويندا هئا پر اڄ هو ايڏو امير ٿي ويا آهن جو هنن کي گهر جي ڪم ڪارين لاءِ، ٻارن جي سار سنڀال لاءِ ۽ سندن ڪارخانن ۾ پورهيو ڪرڻ لاءِ غريب ملڪن جي ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ هانگ ڪانگ جهڙي هڪ ننڍڙي ملڪ، جنهن جي سڀني ٻيٽن ۽ ڪولون واري پيننشولا کي ملائڻ سان جملي پکيڙ فقط چار سو چورس ميل ٿئي ٿي ۽ جنهن جو به اڌ کان وڏو حاصل جابلو ۽ جهنگل آهي، يعني حيدرآباد يا دادو ضلعي جيڏي ملڪ ۾ هن وقت (سال 2010 ۾) ٽي لک فقط فلپين ۽ انڊونيشيا جون عورتون گهرن جو ڪم ڪن ٿيون. اهي انگ اکر سرڪاري طرح آهن پر هڪ اندازي موجب ان کان به گهڻو تعداد ڌارين ماڻهن جو هانگ ڪانگ ۾ نوڪري ۽ محنت مزوري ڪري ٿو.
    هانگ ڪانگ ۾ گهڻائي چينين جي آهي جن جو چين واري ٻڌ ڌرم سان واسطو آهي. جنهن کي ”ماهايانا“ سڏجي ٿو. ان کان علاوه چينين جو ڪنفوشيئنزم ۽ تائوزم سان به واسطو آهي. هانگ ڪانگ ۾ عيسائي به رهن ٿا جن ۾ ڪئٿولڪ به آهن ته پروٽيسٽنٽ به. يهودي سک، مسلمان، هندو ۽ ڪجهه پارسي پڻ رهن ٿا. چين ۾ مذهب جي کڻي ايڏي آزادي نه هجي پر هانگ ڪانگ ۾هر هڪ کي آزادي آهي ته هو امن امان جي حد اندر رهي جيڪو وڻيس ان مذهب جي پيروي ڪري. جتي ڪٿي توهان کي ٻڌن جا پگوڊا، مندر، گرجاگهر، ٽڪاڻا ۽ گردوارا، پارسي ٽيمپل ۽ مسجدون پڻ نظر اينديون. عيسائين ۽ چينين جي نئين سال کان وٺي عيدون، ڏياريون ۽ ڪرسمس ڊي ملهايا وڃن ٿا ۽ هرهڪ پنهنجن ۽ ٻين جي خوشيءَ جي ڏينهن کي Enjoy ڪري ٿو. ملائيشيا جي ماڻهن وانگر هانگ ڪانگ جي ماڻهن کي به ڌارين ملڪن جي ماڻهن ۽ مختلف مذهبن، زبانن ۽ اعتقاد رکندڙن لاءِ سهپ جو مادو آهي.
    هانگ ڪانگ ۾ تعليمي نظام ڪن حالتن ۾ انگلينڊ کان به بهتر آهي. هانگ ڪانگ تي قبضو ڪرڻ بعد پينانگ ۽ سنگاپور وانگر، انگريزن هتي به تعليم جي همت افزائي ڪئي. جيئن 1843 ۾ سنڌ حاصل ڪرڻ بعد انگريزن 25 سالن اندر ڪراچيءَ ۾ سينٽ جوزف اسڪول جهڙا تعليمي ادارا کولي ڇڏيا. اسان کڻي اهڙن مشنري اسڪولن يا ماما پارسي جهڙن پارسي اسڪولن توڙي انگريزي طرز جي گرامر اسڪولن جي ڪيڏي به مخالفت ڪريون پر اڄ به اهڙن اسڪولن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ لٺ لڳي پئي آهي. هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ چينين توڙي پارسين ۽ سنڌي هندن توڙي پنجابي ۽ پٺاڻن انگريزن جي تعليم عام ڪرڻ ۾ حصو ورتو ۽ اڄ هانگ ڪانگ ۾ انهن چينين جو اولاد به اعليٰ تعليم يافته ۽ اعليٰ عهدن تي فائز آهي جن ريلوي اسٽيشن تي ڪُولي ٿي ڪم ٿي ڪيو، زمينن تي هارپو ۽ ڪارخانن ۾ بار ڍوئڻ جو ڪم ٿي ڪيو.
    هانگ ڪانگ جهڙي هڪ ننڍڙي ملڪ ۾ 9 ته سرڪاري يونيورسٽيون آهن ان کان علاوه ڪيترائي اعليٰ درجي جا پرائيويٽ درسگاهه آهن جتان بيچلر، ماسٽرز ۽ ڊاڪٽوريٽ جون ڊگريون حاصل ڪيون وڃن ٿيون. يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ سڀ ۾ جهوني يونيورسٽي آهي جيڪا گذريل سال 2009 ۾ دنيا جي 24 نمبر تي بهترين يونيورسٽي قرار ڏني وئي. ان کان علاوه هانگ ڪانگ يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽيڪنالاجي، ۽ ٻي چائنيز يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ به ٽاپ جون يونيورسٽيون ليکيون وڃن ٿيون ۽ ايشيا جي يونيورسٽين ۾ ته اهي ٻئي ۽ چوٿين نمبر تي مڃيون وڃن ٿيون.
    تعليمي دنيا سان گڏ فلمي دنيا ۾ به هانگ ڪانگ جو نالو مٿاهون سمجهيو وڃي ٿو. هانگ ڪانگ ۾ هڪ روڊ آهي جنهن جو نالو ”ايوينيو آف اسٽارس“ آهي، ان تي هانگ ڪانگ سئنيما جي ياد ۾ هڪ تمام وڏي مورتي (Statue) ٺهيل آهي. جيتوڻيڪ چين ملڪ ۽ تائيوان هانگ ڪانگ کان وڏا ملڪ آهن پر هانگ ڪانگ ۾ سياسي ۽ معاشي آزادي هجڻ ڪري هتي ايوارڊ حاصل ڪندڙ چيني فلمون ٺاهيون وڃن ٿيون. ڪيترن ڏهن تائين هانگ ڪانگ جي فلم انڊسٽري دنيا ۾ ٽئي نمبر تي رهي – يعني هالي ووڊ ۽ انڊيا جي بالي ووڊ بعد. فلمن جي ايڪسپورٽ ۾ ته هانگ ڪانگ ٻئي نمبر تي رهندو اچي. دنيا جي هر زبان جي فلمن جي وڪري توڙي خريداريءَ ۾ هانگ ڪانگ اڳيان اڳيان رهيو آهي.
    هانگ ڪانگ ۾ پهرين فيچر فلم "Zhuangzi Tests His Wife" هئي، جيڪا 1913 ۾ ٺهي. ڪيترن ئي ملڪن ۽ زبانن جون فلمون هانگ ڪانگ ۾ ٺهن ٿيون ۽ اڪثر گس پنڌ تي، هانگ ڪانگ کان ڪولون ويندي اسٽار فيريءَ ۾ يا ڪنهن خوبصورت علائقي ۾ ڪونه ڪو فلمي يونٽ ملي وڃي ٿو. هڪ اهڙي ايراني يونٽ سان ملاقات ٿي، جيڪي هانگ ڪانگ جي بئڪ گرائونڊ ۾ ڪا فارسي فلم ٺاهي رهيا هئا. هندي ۽ اڙدو جون به ڪيتريون فلمون هانگ ڪانگ ۾ ٺهيون آهن يا انهن ۾ هانگ ڪانگ جي نلڪن، چيني گڏين يا گهٽين جو ذڪر ٿيل آهي. ڪيترن ئي گانن ۾ هانگ ڪانگ جو به نالو اچي ٿو. هانگ ڪانگ ۾ ٺهيل مارڌار واريون فلمون دنيا ۾ مشهور آهن. ڪيترائي مارڪٽ جا ايڪسپرٽ ائڪٽر جيڪي اڄ هالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪن ٿا هانگ ڪانگ جي فلم انڊسٽريءَ مان پهتا جن مان ڪجهه جون فلمون اسانجي ننڍي کنڊ ۽ ملائيشيا ۾ به پسند ڪيون وڃن ٿيون. جهڙوڪ بروس لي، جئڪي چان، چائو ين فاٽ ۽ يوئن ووپنگ. ڪجهه اهڙيون فلمون جيڪي اسان آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڏسي سمجهون ٿا ته شايد هالي ووڊ جون آهن دراصل هانگ ڪانگ جون آهن، جهڙوڪ: چنڪنگ ايڪسپريس،
    • Infernal Affairs
    • Shaolin Soccer
    • Rumble in the Bronx
    • In the Mood of Love…
    پهريون دفعو جڏهن هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ويو هوس ته انهن جي مقابلي ۾ اسان وٽ ڪراچي ۾ اتاهيون عمارتون هيون. حبيب بئنڪ، نئشنل بئنڪ ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي PNSC بلڊنگ ٺهي رهي هئي جن جو اسان اتي جي ماڻهن سان ڳالهيون ڪندي نه ڍاپندا هئاسين. پوءِ منهنجي خيال ۾ اهو سال 1973 هو يا چوهتر، جو هانگ ڪانگ ۾ ويون هڪ ٻئي پويان اتاهيون بلڊنگون ٺهنديون. نه رڳو نيون پر پراڻين کي به ڊاهي انهن جي جاءِ تي نيون ٺهڻ لڳيون جن ۾ ڪي ته عمارتسازيءَ جو ڪارنامو چئي سگهجن ٿيون. اهڙيون سهڻيون، اهڙيون شيشن وانگر چلڪندڙ عمارتون ته اسان ائنٽورپ، راٽرڊم ۽ هئمبرگ ۾ به نه ڏٺيون ۽ ايترو تکو تکو ٺهڻ لڳيون جو ٽن چئن مهينن بعد وري جڏهن موٽي هانگ ڪانگ ايندا هئاسين ته هانگ ڪانگ جو sky line ئي بدليل نظر ايندو هو. اڄ سرڪاري انگ اکرن مطابق هانگ ڪانگ ۾ 7650 اتاهيون عمارتون آهن جن لاءِ انگريزيءَ جو لفظ Skyscrapers استعمال ٿئي ٿو. ٿوري زمين تي گهڻي تعداد ۾ اتاهين عمارتن ۾ اڄ ڪلهه هانگ ڪانگ دنيا ۾ اول نمبر تي آهي. ان جو سبب اهو به آهي جو هانگ ڪانگ ۾ وڌڻ لاءِ پَٽ ناهي. سمنڊ جي ڪناري يا بندرگاهه کان فقط سوا ڪلو ميٽر (منوميل) اڳيان هل ته اتاهيون ٽڪريون (Steephills) شروع ٿيو وڃن. سو هانگ ڪانگ جي آدم شماري وڌڻ تي انهن جي رهائش جو حل اتاهيون (Vertical) عمارتون ئي آهن. آهي ته سنگاپور به ننڍو ٻيٽ پر اتي جو پٽ لسو آهي. سنگاپور ۾ جيڪا هڪ اڌ پهاڙي (بڪت تيماه وغيره) هئي ان کي ڊاهي ان جي مٽيءَ سان سمنڊ ڀري، زمين ٺاهي وئي. 1971 ۾ سنگاپور ويندا هئاسين ته اتي جو ڪناٽ روڊ بلڪل سمنڊ جي ڪناري سان هو. هاڻ ان روڊ اڳيان جيڪو پٽ آهي سو سمنڊ ڀري حاصل ڪيو ويو آهي. هانگ ڪانگ ۾ به ڪجهه ڌرتي ائين حاصل ڪئي وئي آهي پر وڌيڪ ڪرڻ سان ماحوليات تي اثر پوي ٿو ۽ اڳيان ڪولون ۽ پرل نديءَ جو ڊيلٽا مسئلو پيدا ڪري ٿو.
    بهرحال اڄ دنيا جي 100 اتاهين عمارتن مان 36 هانگ ڪانگ ۾ آهن. ”انٽرنيشنل ڪامرس سينٽر“ ICC بلڊنگ هانگ ڪانگ جي اتاهين عمارت آهي جنهن جي اوچائي 484 ميٽر (1590 فٽ) آهي. اها عمارت دنيا ۾ ٽئي نمبر تي اتاهين بلڊنگ آهي بلڪ هاڻ دبئي جي ڊگهي عمارت ٺهڻ تي اها چوٿين نمبر تي ٿي آهي. ان عمارت کان علاوه هانگ ڪانگ جون ڪجهه اوچيون عمارتون هن ريت آهن HSBC هيڊ ڪوارٽر بلڊنگ، ٽڪنڊي اهرام جهڙي ”سينٽرل پلازا“ جي عمارت، رنگين نيان سائن سان جهڳ مڳ ڪندڙ The Centre نالي بلڊنگ، I.M.Pie بئنڪ آف چائنا ٽاور... وغيره.
    هانگ ڪانگ ۾ جتي ماڊرن ۽ نيون عمارتون آهن اتي پراڻين ۽ تاريخي عمارتن کي به ان ئي حالت ۾ رکيو ويو آهي، جهڙوڪ سِم شا سوئي (Tsim Sha Tsui) ڪلاڪ ٽاور، سينٽرل پوليس اسٽيشن، ڪولون اولڊ سٽي.... وغيره.
    ڪولون پاسي هانگ ڪانگ جو هوائي اڏو (ڪائي تاڪ ايئرپورٽ) هجڻ ڪري، اتي اوچين عمارتن تي بندش لڳل هئي پر 1998 ۾ هي هوائي اڏو بند ڪري نئون ۽ وڏو هوائي اڏو لنتائو ٻيٽ تي ٺاهيو ويو آهي. ان بعد ڪولون ۾ به اوچيون عمارتون نظر اچڻ لڳيون آهن. هانگ ڪانگ جو نئون هوائي اڏو دنيا جي بهترين هوائي اڏن مان هڪ مڃيو وڃي ٿو. بين الاقوامي مسافرن ۽ ڪارگو جي چرپر کان پڻ هي هوائي اڏو مشغول ترين سمجهيو وڃي ٿو. 85 کان مٿي هوائي ڪمپنين جا هوائي جهاز هتان operate ٿين ٿا. ڪئٿي پئسفڪ، ڊرئگن ايئر، ايئر هانگ ڪانگ، هانگ ڪانگ ايڪسپريس هوائي ڪمپنين جو هي ايئر پورٽ ڄڻ گهر آهي.


    حصو پنجون

    هانگ ڪانگ جون مسجدون

    اسان جو جهاز هانگ ڪانگ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو جيٽيءَ سان لڳو ٿي نه ته گهڻو ڪري هانگ ڪانگ ٻيٽ کان پنج اٺ ميل پري کلئي سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي بيٺو ٿي. جهاز تي آندل ڪارگو، کڻڻ لاءِ بارجز جهاز جي پاسي کان اچي بيٺيون ٿي. بارجز مستطيل قسم جون فلئٽ تر واريون ڊگهيون ٻيڙيون ٿين جن کي موٽر بوٽ ڇڪي. ڪن ڪن بارجز ۾ پنهنجي ننڍڙي انجن به ٿئي. هر بارج تي ڪم ڪندڙ چيني فئملي جو گهر به ٿئي ۽ زالين مڙسين جهاز تان سامان لاهڻ يا چاڙهڻ جو ڪم ڪن. ڪناري تي وڃڻ لاءِ هر ڪلاڪ بعد پئسينجر لانچ اچي کنيو ٿي. هن قسم جون پئسينجر لانچون مختلف جهازن تان مسافر کڻي هانگ ڪانگ ٻيٽ واري پاسي بليڪ پيئر نالي هڪ جيٽيءَ تي اچي لاٿو ٿي جتان پوءِ بس، ٽئڪسي يا ٽرام رستي هانگ ڪانگ ٻيٽ جي مختلف جاين تي گهمڻ ڦرڻ يا شاپنگ لاءِ هليا وياسين ٿي. ڪڏهن ته پنڌ ئي پنڌ بندرگاهه جي ڀروارين بازارين ۾ چڪر هڻدا رهياسين ٿي. ڪنهن ڪنهن ڏينهن وري ڪولون پاسي هليا وياسين ٿي.
    هانگ ڪانگ کان ڪولون وڃڻ لاءِ اسٽار فيري جيٽي تي اچڻو پيو ٿو جتان ٿوري ٿوري دير بعد اسٽار فيري ڪمپنيءَ جون فيريون هر ٿوري دير بعد مسافرن ۽ انهن جي ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن وغيره کي سمنڊ جو ٽڪرو ٽپائي هانگ ڪانگ کان ڪولون ۽ ڪولون کان هانگ ڪانگ پڄائينديون رهن ٿيون.
    ڪولون واري پاسي جتي اسٽار فيري لاهي ٿي اتي ئي ڪولون ريلوي اسٽيشن آهي جتان ريل ۾ چڙهي هانگ ڪانگ جي آخري دنگ ۽ چين جي بارڊر تائين ويندا هئاسين. انهن کان علاوه اتان ئي يعني فيري اسٽيشن جي ٻاهران سالسبري روڊ تان بسون ڪولون جي مختلف علائقن ڏي وڃن ٿيون. سالسبري روڊ تي فرلانگ ڏيڍ بعد کاٻي پاسي ڪراچي جي بندر روڊ جهڙو ويڪرو، ڊگهو ۽ اهم رستو ناٿن روڊ آهي. انهي روڊ جي شروعات وٽ، تن ڏينهن ۾ - يعني ستر واري ڏهي ۾، PIA جي آفيس هئي جتي اسان جو پاڪستانين سان ملڻ ٿيندو هو. ٿورو اڳيان هن ناٿن روڊ تي ئي هتي جي مشهور عمارت چنڪنگ مئنشن آهي جيڪا سترهن ماڙ آهي ۽ اي، بي، سي، ڊي ۽ اِي بلاڪن ۾ ورهايل آهي. هن ۾ هيٺين فلور تي ته دڪان آهن پر مٿي به ڪيترن فلئٽن ۾ هول سيل جون مارڪيٽون آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هنن فلئٽن ۾ پاڪستاني، هندستاني، بنگالي، سلوني، نيپالي، ايراني ۽ ٻيا ايشيائي رهيا ٿي ۽ مانيءَ کائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ميسون هيون جيڪي ريسٽورنٽن طور ڪم آيون ٿي ۽ نه فقط چنڪنگ مئنسن جا رهاڪو پر اسان ڌاريا به انهن ميسن ۾ پئسا ڏئي ماني کائي سگهياسين ٿي. انهن ميسن جي خاص ڳالهه اها هئي ته هڪ ته ماني سستي هئي ۽ ٻي ڳالهه ته هر قسم جي ماني ملي ٿي. پنجابي، مدراسي، گجراتي ۽ سنڌي اسٽائيل وغيره جي.
    چنڪنگ مئنسن ڪا اوچن فلئٽن واري بلڊنگ نه هئي پر بندر روڊ جهڙي روڊ تي هجڻ ڪري هتان هر شيءِ سڏ پنڌ تي هئي. ڪيترائي بيروزگار، نوان واپاري ۽ گهمڻ جا شوقين ايشيائي، سستي رهائش ڪري هن ۾ رهيا ٿي جتي صلاح مشوري لاءِ هنن کي ڪيترائي پنهنجا هم وطن ۽ هم زبان ملي ويا ٿي. هيءَ بلڊنگ 1961 ۾ ٺهي راس ٿي هئي جنهن ۾ پهرين گهڻائي چيني ماڻهن جي هئي. هاڻ گهڻي ڀاڱي ايشين رهن ٿا. هڪ اندازي مطابق سڄي چنڪنگ مئنشن ۾ 4000 ماڻهو رهن ٿا. هاڻ ته هيءَ عمارت اڃان به اهم ٿي وئي آهي جو هتان ئي ايئرپورٽ ڏي بسون وڃن ٿيون – خاص ڪري A21 بس ۽ هن اسٽاپ جو نمبر 14 آهي. هونءَ هي علائقو جنهن ۾ هيءَ چنڪنگ مئنشن آهي ڪراچيءَ جو سمجهو ته صدر وارو علائقو آهي ۽ ”سم شا سوئي“ جي نالي سان سڏجي ٿو. هتي جي ميٽرو ريل (MTR) جو اسٽاپ به هتي ئي آهي.
    چنڪنگ مئنشن جي گپاگيهه ۽ گوڙ گهمسان کان ٿورو اڳيان، هن ناٿن روڊ تي ئي، ڪولون پارڪ آهي جنهن ۾ سُک ۽ سانت جون گهڙيون گذاري سگهجن ٿيون. اهائي ڳالهه هانگ ڪانگ جي حڪومت جي تعريف جوڳي آهي جو جتي هن ملڪ ۾ هيڏو عوام رهي ٿو اتي چپي چپي تي پارڪ ۽ باغيچا آهن، جي سالن کان قائم دائم آهن. مجال آهي جو انهن تي ڪو لئنڊ مافيا جو ڀوتار قبضو ڪري، مجال آهي جو ڪو دڪاندار انڪروچمينٽ ڪري. ڪيترين سوڙهين گهٽين ۾ به فل رفتار سان گاڏي هلائي سگهجي ٿي جو ڪنهن به گهر يا دڪان اڳيان ڪا دڪي به ٺهيل ناهي جو ڊرائيونگ ۾ مسئلو ٿئي. اسان وٽ ته گٽر باغيچي تي به ماڻهن قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڳوٺن جي، خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن جي مارڪيٽ ۽ گهٽين جي ايڏي انڪروچمينٽ ٿي چڪي آهي جو ڪيترين گهٽين مان جنازي جي کٽ به نٿي لنگهائي سگهجي.
    ڪولون جي ناٿن روڊ تي ڪولون پارڪ جي ڀرسان ئي مسجد ڪولون آهي. جيڪا سمجهو ته چنڪنگ مئنشن (ناٿن روڊ جي) پلاٽ نمبر 36 کان 44 تائين آهي ۽ هيءَ مسجد پلاٽ نمبر 105 تي آهي. باقي وچ وارن پلاٽن تي دڪان، هوٽلون، شاپنگ مال ۽ ريسٽورنٽون آهن. سمجهو ته ڪراچيءَ جي ايم اي جناح روڊ تي KMC بلڊنگ ۽ سٽي ڪورٽ وٽ چنڪنگ مئنشن آهي ته بولٽن مارڪيٽ وٽ ميمڻ مسجد سمجهو ته ”ڪولون جامع مسجد“ آهي. هانگ ڪانگ (ملڪ) جي چئن اهم مسجدن مان هيءَ هڪ آهي. هيءَ مسجد جنهن جو احوال آئون ستر جي ڏهائي وارن سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان ان وقت اتي هئي جتي هينئر ”سم شا سوئي“ جي پوليس اسٽيشن آهي. اها مسجد انگريز سرڪار جي همٿ افزائي ۽ مدد سان 1896 ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمان پنجابين ۽ پٺاڻن لاءِ ٺهرائي وئي هئي، جيڪي فوج ۾ سپاهي هئا ۽ هانگ ڪانگ ۾ posted هئا. برٽس آرميءَ جا اهي فوجي وِٽ فيلڊ (White field) نالي بيرڪن ۾ رهيا ٿي جيڪي ان هنڌ تي هيون جتي اڄ ڪولون پارڪ آهي. 1970 ۾ جڏهن هتي جي MTR ميٽرو ريل جو زمين دوز ڪم هلي رهيو هو ته هن مسجد ۾ ڏار پئجي ويا. ميٽرو ريل وارن ان لاءِ معاوضو ڀري ڏنو ۽ مسلمانن وڌيڪ چندا گڏ ڪري اڄ واري سائيٽ يعني 105 ناٿن روڊ تي 1984 ۾ ساڳي نالي سان هيءَ مسجد ٺاهي جنهن ۾ روزانو جماعت سان نماز ٿئي ٿي ۽ هڪ ئي وقت 3000 ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. هن مسجد جي ڊيزائن آءِ. ايم.قادري نالي هڪ آرڪيٽيڪٽ انجنيئر ٺاهي. هن مسجد جا چار 11 ميٽر ڊگها منارا ڪراچيءَ جي ميمڻ مسجد وانگر هن ڪمرشل علائقي ۾ مشرق جو ڏيک ڏين ٿا.
    هن مسجد ۾ نماز لاءِ ٽي وڏا هال آهن. هڪ ڪميونٽي هال آهي جتي مسلمان غمي خوشيءَ جي ڏينهن تي گڏجاڻيون ڪري سگهن. مسلمان ڪميونٽيءَ جي سُک لاءِ هڪ ڪلينڪ ۽ هڪ لائبريري پڻ آهي. مسجد جي مٿين حصي تي عورتن جي نماز پڙهڻ لاءِ هڪ ننڍو هال آهي جنهن مٿان 5 ميٽر قطر جو 9 ميٽر اتاهون گنبذ ٺهيل آهي.
    مٿي لکي چڪو آهيان ته هانگ ڪانگ ۾ يعني (هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون واري پاسي) چار مسجدون تمام مشهور آهن. جن مان هڪ ”جامع ڪولون“ جيڪا ڪولون واري پاسي ناٿن روڊ تي آهي ان جو احوال هينئر هينئر لکيو اٿم. ٻي مسجد ”شيلي اسٽريٽ مسجد“ آهي جنهن جي تاريخي عمارت هانگ ڪانگ جي ”گريڊ ون بلڊنگ“ ۾ شامل آهي يعني ان کي اصلي حالت ۾ رکڻ ۽ بچاءَ لاءِ سرڪار به ڪوشش ڪري ٿي. هيءَ مسجد هانگ ڪانگ ٻيٽ تي شيلي اسٽريٽ تي پلاٽ نمبر 30 تي آهي ۽ اهو علائقو شِيُونگ وان سڏجي ٿو. هانگ ڪانگ ۾ سڀ کان پراڻي مسجد هانگ ڪانگ ٻيٽ تي هيءَ شيلي اسٽريٽ واري مسجد آهي جيڪا 1840 ۾ ٺهي ۽ ان کي وڌيڪ ڪشادو 1915 ۾ ڪيو ويو. هن ۾ هڪ ئي وقت 400 کن ماڻهن جي نماز پڙهڻ جي گنجائش آهي.
    ٽي مسجد هانگ ڪانگ ٻيٽ جي مشهور علائقي وان چائي (Wan Chai) ۾ اوئي ڪوان (Oi Kawan) روڊ تي آهي اها مسجد عمار ۽ عثمان رمض صادق جي نالي سان سڏجي ٿي. هيءَ مسجد 1981 ۾ ٺهي ۽ منجهس هڪ ئي وقت 700 ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا. اوئي ڪوان روڊ هڪ سرڪيولر قسم جو روڊ آهي. جيتوڻيڪ هي روڊ ڪو اهڙو ويڪرو ۽ ڊگهو ناهي پر هن تي عوام جي سهوليت جون ڪجهه شيون آهن، جهڙوڪ:
    • ڪُئين ايلزبيٿ اسٽئڊيم
    • تانگ چي نگانگ اسپيشلسٽ اسپتال
    • تانگ شِيو ڪِن اسپتال
    • وان چائي اسڪول ... وغيره
    مسجد عمار ائنڊ عثمان رمضُ صادق اسلامڪ سينٽر 8 ماڙين تي آهي جن مان ٻن تي مسجد آهي باقي فلورن تي ڪميونٽي هال، لائبريري، ميڊيڪل ڪلينڪ، ڪلاس روم ۽ آفيسون آهن. هانگ ڪانگ جي ”اسلامڪ يونين“ هن مسجد کي هلائي ٿي.
    هانگ ڪانگ ٻيٽ تي مسلمانن جا ٻه قبرستان آهن هڪ هئپي وئلي علائقي ۾ ٻيو ڪيپ ڪولنسن (Cape Collinson) وٽ. هن ٻئي قبرستان سان گڏ مسجد به آهي. هانگ ڪانگ ۾ مسجدن ۽ مسلمانن جي قبرستانن جي ديک ڀال جو ڪم ”اسلام ڪميونٽي فنڊ“ وارا هلائين ٿا جنهن ٽرسٽ جون ميمبر ائسوسيئيشن هن ريت آهن:
    • اسلامڪ يونين آف هانگ ڪانگ
    • پاڪستان ائسوسيئيشن
    • انڊين مسلم ائسوسيئيشن،
    • دائودي بوهرا ائسوسيئيشن
    هانگ ڪانگ ۾ اڄ ڪلهه سرڪاري انگن اکرن موجب هڪ لک جي لڳ ڀڳ مسلمان رهن ٿا جن ۾ اڪثريت هتي جي مڪان چيني ماڻهن جي آهي جيڪي ”هُئي“ (Hui) سڏجن ٿا. ٻيا پاڪستان، هندستان، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا آهن جيڪي ٻي جنگ عظيم کان به اڳ جا رهاڪو آهن. ڏهه هزار کن مڪس چيني آهن يعني انهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن جو اولاد جن هتي اچي چيني عورتن سان شادي ڪئي ۽ انهن جو اولاد اسلام سان وابسته آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته مٿي ٻڌايل چئن وڏين مسجدن کان علاوه ڪجهه ننڍيون مسجدون ۽ مدرسا پڻ آهن جن جي نظرداري هانگ ڪانگ ۾ موجود ڪجهه پرائيوٽ ادارا ۽ آرگنائيزيشنون ڪن ٿيون جهڙوڪ:
    • دعوهِ اسلامي، هانگ ڪانگ
    • ختمِ تحريڪ موومينٽ
    • پاڪستان اسلامڪ ويلفيئر يونين آف هانگ ڪانگ
    • اداره منهاج القرآن، هانگ ڪانگ ... وغيره
    ۽ انهن مدرسن ۽ اسلامي مرڪزن جا نالا آهن:
    • مدرسته المدينه
    • Yuen Long مدرسه
    • مدرسه ڪنز الايمان
    • مدرسه فيضانِ مدينه
    • Kwai Chung مدرسه


    حصو ڇهون

    ڪولون جو ناٿن ۽ سالسبري روڊ

    پاڻ گذريل حصي ۾ ڪولون جي اهم روڊ ناٿن روڊ جو احوال ڪيو جيڪو ڪولون جي ڏاکڻي علائقي ”سم شا سوئي“ کان شروع ٿئي ٿو ته وڃيو ٻيو ڇيڙو کڻي. هي سڄو روڊ دڪانن، ريسٽورنٽن، پارڪن، وڏين ۽ ننڍين هوٽلن سان قطاريو پيو آهي. ڪولون پاسي جو هي پهريون روڊ آهي جيڪو 1861 ۾، جيئن ئي انگريزن چين کان ڪولون پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ته ٺهرايو هو. هن ئي روڊ تي ڪولون پارڪ ۽ ”جامع ڪولون“ مسجد پڻ آهي. هانگ ڪانگ ۾ رهائش دوران هن روڊ (ناٿن روڊ) تي هر ٽوئرسٽ هڪ دفعو ته ضرور اچي ٿو. اسان بحري جهاز هلائڻ وارن جو ته هن روڊ سان وڌيڪ ئي تعلق آهي جو ڪڏهن ڪڏهن هڪ جهاز تان بدلي ٿي ٻئي جهاز تي چڙهڻ لاءِ باءِ ايئر هانگ ڪانگ اچبو آهي ته اسان کي مئرينرس ڪلب ۾ رهائيو ويندو آهي. ڪولون جو ناٿن روڊ، جي ڪراچيءَ جو بندر روڊ سمجهيو وڃي ته مئرينرس ڪلب ائين آهي جيئن اردو بازار. ناٿن روڊ تي جتي ”دي ڪولون“ ۽ ”دي پيننشولا“ هوٽلون آهن اتان جيڪو رستو اندر وڃي ٿو ان جو نالو مڊل روڊ آهي. ان مڊل روڊ تي ٺهيل شيرٽن هوٽل کان پوءِ مئرينرس ڪلب آهي. هن قسم جا مئرينرس يا سيمينس ڪلب دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ آهن جتي جهازين کي رهائش ۽ کاڌي پيتي جي گهٽ اگهه تي سهوليت ڏني وڃي ٿي. ڪراچيءَ ۾ به ان قسم جو سيمينس ڪلب PNSC بلڊنگ ڀرسان هوندو هو پر اڄ ڪلهه اهو آخري پساهن ۾ آهي. هانگ ڪانگ جو هي مئرينرس ڪلب ڪولون پاسي ناٿن روڊ مان نڪرندڙ مڊل روڊ تي آهي جتي ميٽرو ريل جي ”سم شي سئي“ ريلوي اسٽيشن به آهي. جهازن تي نوڪري ڪرڻ وارن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته هانگ ڪانگ ۾ هن مٿئين ڪلب کان علاوه هڪ ٻيو به سي مينس ڪلب آهي جيڪو ڪوائي چُنگ جي ڪنٽينر پورٽ وٽ آهي.
    بهرحال ناٿن روڊ ڪولون پاسي جو هڪ اهم ۽ ڊگهو رستو آهي جيڪو هانگ ڪانگ جي گورنر ڪرنل سرمئٿيو ناٿن نالي آهي. ناٿن روڊ نه فقط هتي هانگ ڪانگ يعني ڪولون ۾ آهي پر آسٽريليا ۽ آفريڪا جي به ڪجهه شهرن ۾ آهي. ان نالي وارو روڊ ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ ٽرنيڊاڊ ۾ به آهي پر اهو هن گورنر مئٿيو ناٿن جي ڀاءُ سر نٿانيئل ناٿن نالي آهي جيڪو ٽرنيڊاد ۽ ڀر واري ٻيٽ ٽباگو جو جج ٿي رهيو.
    هي هانگ ڪانگ وارو انگريز گورنر سر مئٿيو ناٿن هڪ سولجر به هو ته سول سرونٽ به. پاڻ هانگ ڪانگ کان علاوه آفريڪا جي ملڪن سيراليون ۽ گولڊ ڪوسٽ جو به گورنر ٿي رهيو. ناتال (ڏکڻ آفريڪا) ۽ ڪئينس لئنڊ (آسٽريليا) جو به گورنر ٿي رهيو. ان کان علاوه آئرلينڊ جو 1914 کان 1916 تائين سيڪريٽري به ٿي رهيو. پاڻ 1862 ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ آخر ۾ سندس وفات 1939 ۾ انگلينڊ ۾ ئي ٿي. بنيادي تعليم بعد برٽس آرمي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ انگلينڊ جي مشهور فوجي ڪاليج رايل ملٽري ڪاليج، سئنڊرسٽ مان تعليم حاصل ڪيائين. هي اهو ملٽري ڪاليج آهي جتي پاڪستان ٿيڻ بعد به اسان جا فوجي آفيسر ايوب خان کان جنرل ضيا الحق تائين ٽريننگ لاءِ ويندا رهيا. جنرل اسڪندر مرزا سئنڊرسٽ ڪاليج جو پهريون مسلمان گرئجوئيٽ آهي جيڪو گڏيل انڊيا جي ڏينهن ۾ ويو هو.
    سرمئٿيو ناٿن فوج ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي پوسٽ تائين رهيو. هو هانگ جو گورنر سال 1903 کان 1907 تائين رهيو. پنهنجي گورنر واري عهدي ۾ مئٿيو ناٿن هانگ ڪانگ جي گهٽين، رستن ۽ رهائشي علائقن جي اهڙي سٺي پلاننگ ڪئي جو اڄ ڏينهن تائين ان کي تعريف جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سمجهو ته هو اڄ جو ڪراچي وارو ڪمال مصطفيٰ هو. ڪولون ريلوي اسٽيشن کي چين جي شهر ڪئنٽن سان ملائڻ جو ڪم به هن گورنر جي ڏينهن ۾ ٿيو. 1909 ۾ هي واپس انگلينڊ موٽي ويو جتي ٻه سال جنرل پوسٽ آفيس جو سيڪريٽري ٿيڻ بعد بورڊ آف انلئنڊ روينيو جو چيئرمين ٿي رهيو. سر مئٿيو ناٿن سڄي عمر غير شادي شده رهيو. سندس ڪجهه عورتن سان عشق جون ڳالهيون ضرور مشهور آهن پر شادي نه ڪيائين. پاڻ هانگ ڪانگ جو يارهون گورنر هو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ڪولون جي هن روڊ يعني ناٿن روڊ جو پهريون نالو رابنسن روڊ هو. سر هرڪيوليس رابنسن هانگ ڪانگ جو پنجون گورنر ٿي رهيو آهي. پر پوءِ جيئن ته ان نالي سان هانگ ڪانگ ٻيٽ تي به رابنسن روڊ هو، مونجهارو پيدا ٿي پيو ٿي. ان ڪري 1909 ۾ گورنر مئٿيو ناٿن جي رٽائرڊ ٿيڻ کان ٻن سالن بعد هن روڊ جو پراڻو نالو بدلائي ناٿن روڊ رکيو ويو.
    جيئن ڪولون پاسي ناٿن روڊ پهريون رستو چيو وڃي ٿو تيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ (يعني وڪٽوريا سٽي) پاسي ڪئينس روڊ پهريون رستو آهي جيڪو چين کان هي ٻيٽ حاصل ڪرڻ بعد انگريزن 1841 ۽ 1843 جي وچ ۾ ٺهرايو. 1843 اهو سال آهي جنهن ۾ هيڏانهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي. يعني هانگ ڪانگ ۽ سنڌ هڪ ئي وقت انگريزن حوالي ٿيا پرهنن سنڌ کي ايڏي ترقي نه وٺرائي جهڙي هانگ ڪانگ کي. انگريزن جو گورنر ممبئي ۾ رهيو ٿي ۽ سنڌ جو صوبو بمبئي پريزيڊنسي جو هڪ ائين ڏورانهون ضلعو هو جيئن اسلام آباد ۾ ويٺل حاڪمن لاءِ عمر ڪوٽ، مٺي ۽ ڇاڇرو آهي. بهرحال ڪراچيءَ جو ڪئينس روڊ (مولوي تميز خان روڊ) به انهن شروعاتي رستن مان آهي جيڪو انگريزن پهرين ٺهرايو. هانگ ڪانگ جو ڪئينس روڊ ”شيڪ ٽانگ سوئي“ کان وان چائي تائين وڃي ٿو. 1843 ۾ جڏهن هي روڊ ٺهيو هو ته بلڪل سمنڊ جي ڪناري ڪناري هو. 1970 تائين، جڏهن اسان جو پهريون دفعو هانگ ڪانگ وڃڻ ٿيو، تڏهن به هي روڊ، سمنڊ سان لڳو لڳ هو. ان بعد ايترو ته سمنڊ کي ڀريو ويو آهي جو هاڻ ڪئينس روڊ سمنڊ کان پري ٿي پيو آهي. پر روڊ جا ڪي ڪي حصا اڄ به سمنڊ وٽان لنگهن ٿا.
    ڪولون جي اهم روڊن مان سالزبري (Salisbury) روڊ پڻ هڪ اهم روڊ آهي جيڪو اسٽار فيري اسٽيشن کان شروع ٿئي ٿو. يعني هانگ ڪانگ ٻيٽ تان توهان اسٽار فيريءَ ذريعي ڪولون ايندائو ته اسٽيشن کان ٻاهر نڪرڻ تي هي روڊ شروع ٿئي ٿو جيئن ڪراچيءَ ۾ شاهين ڪامپليڪس وٽان آءِ. آءِ. چندريگر (مئڪلوڊ) روڊ شروع ٿئي ٿو ۽ جيئن ان روڊ تي ٿورو اڳيان هلڻ تي کاٻي پاسي ريلوي جي سٽي اسٽيشن آهي ۽ جيڪا سمجهو ته پاڪستان جي ڏاکڻي ڇيڙي جي پهرين (يا آخري به چئي سگهو ٿا) ريلوي اسٽيشن آهي تيئن هتي ڪولون ۾ سئلزبري روڊ تي هتي جي پهرين ريلوي اسٽيشن ڪولون آهي جتان ريل شروع ٿئي ٿي ۽ ڪولون پاسي جي ٻن ٽن اسٽيشن تي بيهي چين جو بارڊر ڪراس ڪري چين جي ڏاکڻي وڏي شهر ڪئنٽن تائين هليو وڃي ٿي. جتان پوءِ ٻين ريل گاڏين ذريعي توهان چين جي ٻين شهرن شنگهائي، پيڪنگ، دئرين وغيره ڏي وڃي سگهو ٿا.
    هن روڊ جو نالو سئلزبري روڊ برطانيا جي وزيراعظم رابرٽ سيشل آف سئلزبري تان رکيو ويو. هي وزيراعظم رابرٽ سيشل 1830 ۾ ڄائو ۽ 1903 ۾ وفات ڪيائين. هي پهريون انگريز وزيراعظم هو جيڪو برطانيا جو لڳاتار ٽي دفعا پرائيم منسٽر ٿيو ۽ 13 سالن کان مٿي جو مدو ان ڪرسيءَ تي ويٺو. هي اهو وزيراعظم آهي جنهن جي دور ۾ هندستان جو پارسي بزنيس مئن، پروفيسر ۽ سياستدان دادا ڀائي نوروجي جڏهن برطانيا جي اسيمبلي ۾ پارليامينٽ جو ميمبر ٿيڻ لاءِ اليڪشن وڙهيو ته هن انگريز وزيراعظم انگريزن جي ملڪ ۾ هڪ ڪاري ماڻهوءَ جي ميمبر ٿيڻ تي سخت مخالفت ڪئي هئي ۽ پنهنجي تقرير ۾ چيو هئائين ته ”برطانيا جي عوام ڪڏهن به ملڪ جي پارليامينٽ ۾ هڪ ڪاري ماڻهوءَ کي قبول نه ڪندي.“ سندس اهي رمارڪ سندس ئي خلاف ويا جوانگريز عوام کي اصول موجب“ اهو خراب لڳو ۽ هنن کي ويتر دادا ڀائي نوروجي سان همدردي ٿي پئي ۽ کيس ڳري اڪثريت سان ووٽ مليا ۽ اليڪشن کٽي ويو. دادا ڀائي نوروجي اسان جي قائداعظم محمد علي جناح جي به من پسند شخصيت هئي. جناح صاحب کيس پنهنجو استاد ۽ mentor مڃيو ٿي. دادا ڀائي نوروجي نالي هڪ روڊ ممبئي جي CST (ڇتراپتي شيواجي ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن جي اڳيان آهي جتي سندس ڌاتوءَ جي وڏي مورتي (Statue) به لڳل آهي. پاڪستان جي شهر ڪراچيءَ ۾ به ”دادا ڀائي نوروجي“ روڊ آهي جيڪو جناح جي مزار وٽ آهي.
    پرائيم منسٽر سيشل نالي سنگاپور ۾ به هڪ روڊ آهي جيڪو سيشل اسٽريٽ نالي مئڪس ويل روڊ کان ڪراس اسٽريٽ تائين آهي ۽ سنگاپور جي مشهور رستي رابنسن روڊ جي بلڪل Parallel وهي ٿو.
    ڪولون جي سالزبري روڊ تان ڪيترائي اهم روڊ نڪرن ٿا جيئن ته ناٿن روڊ، ڪئنٽن روڊ، ڪولون پارڪ ڊرائيو ۽ چاٿام روڊ. ڪولون جون ڪيتريون اهم شيون هن روڊ تي يا هن جي آس پاس آهن جيئن ته اسٽار هائوس، هانگ ڪانگ اسپيس ميوزيم، هانگ ڪانگ ڪلچر سينٽر، پيننشولا هوٽل، سم شا سوئي ڪلاڪ ٽاور. اهي سڀ شيون هڪ ٽوئرسٽ لاءِ ڏسڻ وٽان آهن ۽ شايد انهي ڪري ۽ فيري اسٽيشن ۽ ڪولون ريلوي اسٽيشن ڪري هن روڊ تي ڌارين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن جي پيهه پيهان رهي ٿي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ڪولون ريلوي اسٽيشن وڌيڪ وڏي ڪرڻ لاءِ جاءِ جي کوٽ ڪري، سالزبري روڊ تان شفٽ ڪري ”هنگ هوم“ جي علائقي ۾ ٺاهي وئي آهي ۽ 1990 کان سندس نئون نالو ”هنگ هوم“ رکيو ويو آهي. اسٽار فيري اسٽيشن واري پراڻي ڪولون ريلوي اسٽيشن ۽ ان سان لاڳو ڪلاڪ ٽاور (گهنٽا گهر) 1910 ۾ ٺهيو هو. هاڻ اسٽيشن ته اتي نه رهي آهي پر تاريخي ڪلاڪ ٽاور پنهنجي اصلي جاءِ تي موجود آهي، جنهن کي ٽوئرسٽ ڏسن ٿا ۽ ڪولون جي فوٽن ۾ ان ٽاور جو فوٽو ضرور نظر اچي ٿو.


    حصو ستون

    هانگ ڪانگ جوگندو ۽ سٺو علائقو – وان چائي

    اسان جي هم عمر يا ڪنهن وڏي کان هانگ ڪانگ جو پڇندائو ته هو چشڪا ڏئي ”وان چائي“ جوذڪر ڪندو. هن لاءِ هانگ ڪانگ وان چائي ئي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وان چائي تڏهن به هانگ ڪانگ جو اهم ۽ مشهور علائقو هو ۽ اڄ به اهڙو ئي اهم آهي. فرق فقط اهو آهي ته تڏهن وان چائي جي مشهوري هن جي بدناميءَ ڪري هئي. دنيا جا رنگين، نرالا ۽ واحيات قسم جا عياشي جا اڏا، مساج پارلر، نائيٽ ڪلب، ناچ گهر ۽ ٽاپ ليس ريسٽورنٽون جن ۾ چيني ڇوڪرين چوليءَ کان به آجو ٿي ايندڙ گراهڪن کي serve ڪيو ٿي ۽ مشهور زمانا ”باٽمس اپ ڪيبري ڪلب“ سڀ هن علائقي وان چائيءَ ۾ هئا. خاص ڪري لاڪهرٽ ۽ لوئارڊ روڊ ائين هئا جيئن ڪنهن زماني ۾ لاهور جي هيرا منڊي يا ڪراچيءَ جو نيپيئر روڊ وغيره. ائين ته هانگ ڪانگ جا ٻيا علائقا يائومتيئي (You Matei) ۽ مونگ ڪاڪ (Mong Kok) به گهٽ نه هئا پر وان چائيءَ جي بڇڙاين ۾ هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هئي جتي “one woman one flat” ۽ “Rent a Girl” جهڙا پوسٽر گهٽين ۾ لڙڪيل نظر آيا ٿي، جتي ڪلبن جي ٻاهران ملڪ ۽ قوميت جي حساب سان ڇوڪرين جو مقرر اگهه لکيل هوندو هو ۽ وان چائي مان لنگهندڙ ٽوئرسٽ اهوئي سوچيندو هو ته سڄو هانگ ڪانگ ريڊ لائيٽ ايريا هجي. ڀانت ڀانت جي ملڪن جا جهازي Sailors ۽ سولجر، ٽوئرسٽ ۽ آلي موالي، دلال ۽ ڀڙوا سڀ هتي ڳجهن وانگر لامارا پيا ڏيندا هئا. شام کان ئي هتي جي وايومنڊل ۾ ڪچي ۽ ولايتي شراب، چرس ۽ سگريٽ جي ڌپ هوندي هئي. ڀر واري ملڪ چين مان جيئن اناج، فروٽ ۽ ڀاڄيون ڀُتيون هانگ ڪانگ جي مارڪيٽن کي سپلاءِ ٿينديون هيون تيئن وان چائي جي هنن مساج گهرن، مئه خانن ۽ چڪلن لاءِ چين کان ڌڻن جا ڌڻ ڇوڪرين جا ايندا هئا. ويٽنام جي جنگ بعد ته هانگ ڪانگ جي وان چائيءَ جا وارا نيارا ٿي ويا. ويٽنام ۾ جنگ وڙهندڙ آمريڪي سپاهين (GIS) کي عياشيءَ لاءِ هتي آندو ويو ٿي. وان چائيءَ ۾ جسمن جي وڪري سان ايندڙ ڊالرن جون ٿيلهيون ڏسي، ٿائلينڊ جو به خانوخراب ٿيو، نه ته اڳ ۾ ٿائلينڊ اهڙو نه هو جهڙو اڄ ڏسو ٿا.
    دنيا جو مشهور ڪتاب ۽ هالي ووڊ جي فلم ”دي ورلڊ آف سوزي وانگ“ به ته وان چائيءَ جي پسمنظر ۾ ٺهي. وان چائيءَ جي ساک اڃان تائين ايڏي ته خراب آهي جو اڄ جڏهن اهي ڪم نه پيا هلن، ته به ڪنهن شريف گهرجي ڇوڪري، هن علائقي جي مٿين رستن لاڪ هرٽ (Lockhart) ۽ لوئارڊ (Louard) روڊن تان لنگهڻ کان ڪيٻائي ٿي. جيئن ڪراچيءَ ۾ نيپيئر روڊ تان ڳائڻ وڄائڻ ۽ رک رکاءَ ۾ هلندڙ چڪلن جو شغل ختم ٿيڻ بعد به ڪيترن سالن تائين ڏينهن ڏٺي جو مرد حضرات به اتان لنگهندي شڪي ٿيندا هئا. بهرحال وان چائيءَ جون گهٽيون 1997 کان پوءِ ويران ٿيڻ لڳيون آهن ۽ جيڪي ڪجهه باقي هلي رهيو آهي ان لاءِ چين جي چيني ڇوڪرين کان وڌيڪ ٿائلينڊ، انڊونيشيا ۽ فلپين کان اچن ٿيون، منگوليا، روس، لئٽويا ۽ پورٽوريڪو کان اچن ٿيون.
    وان چائي هانگ ڪانگ جي 18 ضلعن مان هڪ آهي، جيڪو هانگ ڪانگ ٻيٽ جي اتراهين حصي ۾ آهي. يعني ڪولون جي بلڪل سامهون آهي ۽ مين لئنڊ ۽ هانگ ڪانگ ٻيٽ جي وچ ۾، هن هنڌ تي ٿوري ۾ ٿورو فاصلو آهي. ان ڪري ان هنڌ وٽ، جنهن ڇيڙي تي ڪولون آهي. 1972 ۾ سمنڊ جي هيٺان ٽنل ٺاهي هانگ ڪانگ ٻيٽ کي چين جي سرزمين سان ملايو ويو. هي ڪم ائين سمجهو ڄڻ منهوڙي ٻيٽ کي سرنگهه (tunnel) ذريعي ڪياماڙيءَ سان ملايو وڃي جنهن سان منهوڙو ٻيٽ سڄي پاڪستان سان بلڪ ايران، انڊيا، ترڪي ۽ يورپ سان ڳنڊجي سگهي ٿو. سو ڪولون جي جاگرافيائي حيثيت ڪياماڙي واري آهي. هي ٽنل جنهن کي هانگ ڪانگ ۾ ”ڪراس هاربر ٽنل“ سڏين ٿا، ٺهڻ بعد اها سهوليت ٿي آهي جو جنهن وقت جنهن جي دل چوي ٿي هو پنهنجي ڪار يا ٽئڪسي ذريعي هانگ ڪانگ ٻيٽ کان ڪولون هليو وڃي ٿو نه ته ان کان اڳ هڪ صدي تائين هي سمنڊ جو ٽڪرو ٽپي ڪولون وڃڻ لاءِ هتي جا ماڻهو فقط اسٽار فيريءَ ۾ چڙهندا رهيا. اها فيري سروس اڄ به قائم آهي ڇو جو ان ۾ چڙهي سمنڊ پار ڪرڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته سال 1972 ۾ جڏهن هي ٽنل ٺهيو هو، دنيا جي وڏي پئسينجر جهاز ڪئين ايلزبيٿ کي هانگ ڪانگ جي بندرگاهه ۾ اوچتو باهه لڳي هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز به اتي موجود هو جنهن جو تفصيلي احوال ڏور اوڀر جي ڪنهن سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان.
    ڪُئين (راڻي) ايلزبيٿ جهاز جڏهن پراڻو ٿيو ته هانگ ڪانگ جي هڪڙي چيني سيٺ تنگ (C.T.Tung) ان کي خريد ڪيو. هن جو ارادو هو ته ان جهاز کي جنهن ۾ انيڪ ڪمرا، ريسٽورنٽون ۽ سئمنگ پول وغيره هو، Seawise نالي ترندڙ يونيورسٽي (Floating University) ٺاهيو وڃي پر جهاز کي بيٺي بيٺي، هڪ ڏينهن ڪراچي جي بولٽن مارڪيٽ وانگر اهڙي ته اچي باهه لڳي، جو هن جو الهه تَلهه سڙي ويو ۽ جهاز اونڌو ٿي ويو.
    بهرحال اڄ وان چائي هانگ ڪانگ جي ماڊرن ۽ امير علائقن مان هڪ آهي. هانگ ڪانگ جي تعليم يافته ماڻهن ۾ هي ضلعو ٻي نمبر تي آهي ۽ انڪم جي لحاظ کان وان چائي سڀ ۾ امير آهي. گذريل سال جي آدم شماري مطابق وان چائي ضلعي ۾ ٻه لک کن ماڻهو رهن ٿا ۽ اهڙا ڇهه لک ماڻهو روزانو وان چائيءَ ۾ نوڪري، پورهئي ۽ خريد وفروخت لاءِ اچن ٿا. ائين ته ڪراچيءَ جي پنجن ضلعن مان هر هڪ جي آدمشماري ويهه لکن کان به مٿي آهي پر اهو به ڏسڻ کپي ته ايراضيءَ ۾ هر هڪ ضلعو ڪيڏو وڏو آهي. هانگ ڪانگ هڪ ٻيٽ آهي جتي محدود زمين آهي. ان ڪري گهڻي کان گهڻيون اڀيون (Vertical) عمارتون آهن. هانگ ڪانگ ۾ توهان کي ورلي ڪو بنگلو ٽائيپ گهر نظر ايندو نه ته ڊگهين بلڊنگن ڪري هر روڊ ڪراچيءَ جو آءِ آءِ چندريگر روڊ (ميڪلوڊ روڊ) لڳي ٿو. هتي جون ڪي ڪي عمارتون ڏسڻ وٽان آهن، جهڙوڪ: ”هانگ ڪانگ ڪنوينشن ائنڊ ايگزيبيشن سينٽر“، سينٽرل پلازا، ٽائيمس اسڪائر... وغيره. ساڳي وقت وان چائيءَ ۾ ڪجهه پراڻيون تاريخي جايون پڻ آهن جهڙوڪ وان چائي واري پوسٽ آفيس، هنگ سنگ چيني مندر ۽ پاڪ تائي مندر جنهن جي اڳيان ڌاتوءَ جي هڪ تمام وڏي مورتي ٺهيل آهي. هانگ ڪانگ ٻيٽ جي سڀ کان وڏي مسجد به وان چائيءَ ۾ آهي. هينيسي روڊ، فليمنگ اسٽريٽ، Jaffe روڊ، لوئارڊ اسٽريٽ، لاڪ هارٽ روڊ، فين وِڪ اسٽريٽ، گلوڪسٽر روڊ ۽ هاربر روڊ وغيره سڀ وان چائي ۾ اچي وڃن ٿا. اڄ جي هانگ ڪانگ گهمندڙ (tourist) کي اهو پڙهي حيرت ٿيندي ته 1970 تائين هي وان چائي Gloucester روڊ تائين هئي جنهن بعد سمنڊ هو. بعد ۾ سمنڊ جو وڏو حصو مٽيءَ سان ڀري زمين reclaim ڪئي وئي ۽ هاڻ ان سمنڊ واري جاءِ تي هاربر روڊ، سنگ هنگ روڊ، پرفارمنگ آرٽس اڪيڊمي، هاربر وِيو هائوس، هانگ ڪانگ انٽرنيشنل نمائش سينٽر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عمارتون ۽ روڊ گهٽيون آهن.
    اڄ وان چائيءَ ۾ جيتوڻيڪ اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ وارو گند ناهي پر تڏهن به چڱا خاصا گرلس بار، مئه خانا ۽ ٻيا عياشيءَ جا اڏا آهن ۽ هتان لنگهندڙ پُراميد خوشحال يورپي ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ کي ڏسي، اڄ به نه رڳو مرد ڀڙوا پر ان ڪم لاءِ مقرر ڪيل چيني ٽائوٽ ڇوڪريون به وات سان هلڪي سيٽي وڄائي هن جو ڌيان ڇڪائين ٿيون ۽ ڌتارڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. باقي آفريڪي يا ايشيائي ٽوئرسٽ ائين ئي ڌوڙ پيا پائين کين ڪوبه پڇي ڪونه ٿو ڀلي هنن جا کيسا پئسن سان پُر هجن. ڪن ڪلبن ۽ ريسٽورنٽ جا نالا به عجيب ۽ نوٽ ڪرڻ جهڙا آهن جن ۾ هڪ دفعو ڪو پهچي وڃي ته پوءِ ان کي خوب لُٽيو وڃي ٿو. گراهڪ جي اچڻ سان بار ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري هن کي هٿ لاهڻ شروع ڪري ٿي ۽ بيئر جو گلاس پيئڻ جو اظهار ڪري ٿي. هنن بارن ۾ هونءَ ئي بيئر جو گلاس 10 ڊالر آهي پر ڇوڪريءَ کي پيارڻ واري گلاس لاءِ گراهڪ کي ان جي ڏهوڻ قيمت يعني 100 ڊالر ڏيڻي پوي ٿي. ههڙن ڪلبن ۾، ڪلبن جا مالڪ اڌ اگهاڙين Serve ڪندڙ ڇوڪرين ذريعي گراهڪن کي ڪيئن بيوقوف بنائين ٿا، ان بابت اسان جي جهازران ڪمپني جي مڪاني مئنيجر جي ڌيءَ جون ٻڌايل ڳالهيون ڪنهن ٻئي سفرنامي ۾ ڪنداسين جنهن ان سبجيڪٽ ۾ هانگ ڪانگ يونيورسٽي مان Ph.D. ڪئي آهي. ان لاءِ هن کي ڪيترين ڇوڪرين (بار گرلس)، گراهڪن، مساج پارلر ۽ مئخانن جي مالڪن جا انٽرويو وٺي، انهن جي آڌار تي پنهنجي ٿيسز لکڻي پيئي. بهرحال اهڙن ڪلبن جا (جن کي گرلي بارس به سڏجي ٿو) نالا هن ريت آهن: ڪراس روڊس، پُسي ڪئٽ، ريڊ لِپس، فور سسٽرس، سوزي وانگ، پانڊا، گنزا، ڪاڪوسائي، سيزرس نائيٽ ڪلب، بُل ائنڊ بيئر بار، مئڊ ڊاگس، ڪَٽي سڙڪ، ڪئنگرو پب، ڪئپٽن بار، اوزز، چِن چِن وغيره. اهڙن ۾ هڪ وان چائيءَ جو سخت بدنام گرلي بار “Bottoms up Club” پڻ آهي. هي بار جيميس بانڊ جي 1974 واري فلم The Man with the Golden Gun ۾ فلمائڻ ڪري نه فقط هانگ ڪانگ ۾ پر دنيا ۾ مشهور ٿيو. مونکي ياد آهي ته ان جي لڳ ڀڳ وارن سالن ۾ يعني جڏهن مٿين فلم رليز ٿي، اسان جو جهاز هانگ ڪانگ کان هيوسٽن ۽ نيو اورلينس (آمريڪا) ويندو هو يا لورپول ۽ هئمبرگ ويندو هو ته جهاز تي ڪم ڪندڙ مڪاني ورڪر ۽ ڪلارڪ اسان کان هانگ ڪانگ جي ”باٽمس اپ ڪلب“ جو پڇندا هئا جيئن رنگيلا جي فلم، جنهن ۾ هن هانگ ڪانگ جي نلڪن جي ڳالهه ڪئي، رليز ٿيڻ بعد، ڪراچيءَ ۾ اسان کان هر ڪو ان بابت پڇندو هو.
    هي ڪلب ”باٽمس اپ“ پهرين 14 هئنڪو روڊ تي 1971 ۾ ٺهيو جتي مهمانن جي خدمت لاءِ اگهاڙيون ڇوڪريون رکيون ويون هيون. جيئن ڪراچي ۾ بامبينو سئنيما جي نالي جي مشهور نيان سائن ۾ ڇوڪري دُڏيون (Hips) لوڏي نچي رهي آهي تيئن هن ڪلب جي نيان سائن ۾ جيڪا بامبينو سئنيما واري نيان سائن کان ڏهوڻي وڏي ٿيندي، هيٺين حصي (Buttocks) اوگهڙ واري ڇوڪري ڏيکاريل هئي. 1994 ۾ هن گرلي بار بابت ڪورٽ پنهنجو فيصلو ڏنو ته ڪلب ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين کي گهٽ ۾ گهٽ چوليون (برئزيئر) ۽ نيگليجيز (Negliges) پائڻ کپن ۽ ڪلب جي ٻاهران اگهاڙي ڇوڪريءَ جو لڳل New Sign وارو پوسٽر لاٿو وڃي.
    2004 ۾ هئنڪو روڊ وارو هي ڪلب بند ڪيو ويو. مالڪن اهو ئي سبب ٻڌايو ته ان علائقي ۾ مسواڙ جو اگهه تمام گهڻو ٿي ويو آهي. ڪجهه مهينن بعد اهو ساڳيو ڪلب وان چائي ۾ لاڪ هارٽ روڊ تي ڊئوڊ هائوس بلڊنگ جي پهرين فلور تي کوليو ويو. جتي تاحال موجود آهي پر هانگ ڪانگ کان تازو آيل هڪ پاڪستاني دوست، جيڪو وان چائي علائقي جي هڪ بئنڪ جو مئنيجر آهي، تنهن ٻڌايو ته مهينو ڏيڍ کن اڳ هي ڪلب هميشه لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
    فلم ٺهڻ وقت هي ڪلب ڪولون واري پاسي هئنڪو روڊ تي هو. ان بابت هڪ مشهور بلوپر (Blooper) آهي ته راجر مور جيڪو هن فلم ”دي مئن وٿ دي گولڊن گن“ ۾ جيمس بانڊ ٿيو آهي ان کي پوليس جي ڊريس ۾ هڪ برٽش ايجنٽ قابو ٿو ڪري ۽ پوءِ کيس چوي ٿو ته توکي فيري ذريعي هاڻ ڪولون پوليس اسٽيشن تي وٺي هلندس. جيتوڻيڪ حقيقت ۾ هو بيٺائي ڪولون پاسي آهن.
    هي ساڳيو ڪلب “The Bottoms Up” هڪ ٻي انگريزي فلم ”چنڪنگ ايڪسپريس“ ۾ به ڏيکاريو ويو آهي جنهن جا اداڪار تاڪيشي ڪانيشيرو ۽ برجٽ لِم پنهنجي هوٽل جي ڪمري تي وڃڻ کان اڳ هن ڪلب ۾ پيئڻ لاءِ اچن ٿا.
    فلمن جي جڏهن ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به لکندو هلان ته هڪ ٻي جيمس بانڊ جي فلم Die Another Day ۾ اسٽار فيري ڏيکاري وئي آهي جنهن مان بي ڊپو هيرو پيئرس (Pierce Brosnam) وڪٽوريا هاربر وٽ سمنڊ ۾ ٽپ ڏئي ٿو ۽ اتان غائب ٿي هانگ ڪانگ جي رايل ياچ ڪلب مان وڃيو نڪري. The Departed انگريزي فلم جي خطرناڪ بندوق بازي هانگ ڪانگ جي پاٽنجر اسٽريٽ ۾ ٿيل آهي. جئڪي چان جي ڪاميڊي فلم “Rush Hour2” جون ڪيتريون ئي سينون وان چائي جي لاڪ هارٽ روڊ تي فلمايل آهن جتي قطار ۾ ڪيترائي مئخانا ۽ گرلي ڪلب آهن.


    حصو اٺون

    هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو

    ڪنهن چيو ته آمريڪا جي رهاڪن کي آمريڪن سڏيون ٿا، پاڪستان جي رهاڪن کي پاڪستاني ته اهڙي طرح هانگ ڪانگ جا رهاڪو ڇا سڏبا؟ هانگ ڪانگن يا هانگ ڪانگي؟ مون کي به هانگ ڪانگ پهچي خبر پيئي ته اُهي هانگ ڪانگرس Hongkongers ٿا سڏجن. هانگ ڪانگ جو هر رهواسي هانگ ڪانگر آهي، جنهن وٽ هانگ ڪانگ جو شناختي ڪارڊ آهي. گهڻي ڀاڱي ته چيني آهن جن جا وڏا چين جي ڀرواري صوبي گئانگ ڊانگ ۽ ينگزي (Yangtze) نديءَ جي ڊيلٽا وارن پٽن کان لڏي انگريزن جي دور حڪومت ۾ هتي اچي رهيا. چينين کان علاوه ٻيا به ڪيترن ئي ملڪن، قومن، زبانن ۽ مذهبن جا ماڻهو هانگ ڪانگ ۾ رهن ٿا ۽ هانگ ڪانگ جي سٽيزنشپ اٿن. انهن ۾ سڀ کان گهڻا انگريز (برٽشر) آهن جن جي هتي حڪومت هئي، بلڪ ڏيڍ سو سالن تائين پاڻ ئي اڇي ۽ ڪاري جا ملڪ هئا. انهن بعد فلپينو جو وڏو تعداد آهي. فلپين جا ٻيٽ هانگ ڪانگ کي ويجهو هجڻ ڪري ۽ فلپين ۾ بيروزگاري ۽ شروع کان ٻاهر نڪرڻ جو ڪلچر هجڻ ڪري، هو هانگ ڪانگ جي سکئي ستابي هجڻ مان فائدو وٺڻ لاءِ اچي رهي پيا. ٽئي نمبر تي گهڻائي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي آهي. ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن ۾ وري سڀ کان گهڻا سنڌي هندو آ‎هن. ستر واري ڏهي جي شروعات کان وٺي جڏهن به هانگ ڪانگ ۾ مونکي ڪو انڊين فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته ان ۾ اڌ کان وڌيڪ سنڌي نظر آيا آهن. يا ڪو اهڙو جشن يا ڏينهن ملهايو ويو آهي جنهن ۾ پاڪستان، هندستان، سري لنڪا ۽ بنگلاديش جي ماڻهن حصو ورتو آهي ته بنگالين، پٺاڻن، پنجابين، گورکن، سکن ۽ سري لنڪن کان وڌيڪ سنڌي هندو نظر آيا آهن. ڏکڻ اوڀر ايشيا جا ملڪ سري لنڪا، ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره ڏکڻ هندستانين تاملن، مدراسين، ملبارين ۽ مرهٺن سان ڀريا پيا آهن پر اهي قومون ۽ زبانون ڳالهائڻ وارا هانگ ڪانگ ۾ ويتر گهٽ آهن. انڊونيشيا (خاص ڪري جاوا ۽ باليءَ ۾)، ملائيشيا، ۽ اسپين ۾ کڻي گهڻا سنڌي هجن پر اهي سڀ وڏا ملڪ هجڻ ڪري سنڌين جو تعداد ايڏو وڏو محسوس نٿو ٿئي جيڏو هانگ ڪانگ ۾. ڇو جو هانگ ڪانگ تمام ننڍڙو ٻيٽ آهي جنهن جي بزنيس تي سنڌ جو هندو ڇانيل آهي. بمبئي ۾ کڻي گهڻا سنڌي هجن پر مون جهڙي هڪ ٽوئرسٽ کي سنڌ بعد هانگ ڪانگ سنڌين جو وطن لڳي ٿو.
    هانگ ڪانگ جي هڪ اهم سنڌي شخصيت ڪي سيتل آهي. مونکان ڏهه پنڌرهن سال وڏو ٿيندو. پاڻ سٺ واري ڏهي کان ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ هڪ انگريزي رسالو Indian جي نالي سان ڪڍي ٿو. هن ويجهڙائي ۾ هڪ ڊائريڪٽري Directory South East Asia جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هن هانگ ڪانگ جي انهن 384 ڪمپنين جا تفصيل ڏنا آهن جن جي مالڪن جو واسطو ننڍي کنڊ سان آهي. هنن ڪمپنين مان 270 ڪمپنيون سنڌي هندن جون آهن. باقي 114 ڪمپنين ۾ به اڌ کن اهڙيون آهن جن ۾ سنڌي واپاري شامل آهي. ان کان علاوه 2000 سنڌين جو ننڍي پئماني تي بزنيس آهي. هنن کي دڪان آهن يا Vendor آهن يا اسٽيٽ ايجنسيءَ جو ڪم ڪن ٿا. سيتل جي اندازي مطابق هانگ ڪانگ ۾ 10000 کن سنڌي ڪٽنب رهن ٿا... يعني چاليهه هزار کن ماڻهو رهن ٿا.
    اڄ کان چاليهه سال کن اڳ جڏهن پهريون دفعو هانگ ڪانگ وڃڻ ٿيو ته ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر هتي هانگ ڪانگ جي به وڏين هوٽلن، دڪانن ۽ بئنڪن اڳيان سک چوڪيدار ۽ گارڊ نظر آيا. هانگ ڪانگ ۾ سنڌين جيترا کڻي سک نه آهن، سرڪاري انگن اکرن مطابق 8000 کن ٿيندا پر هانگ ڪانگ ۾ هو سنڌين کان به اڳ آيا. وان چائيءَ ۾ ڪئينس روڊ ۽ اسٽب روڊ جي جنڪشن وٽ سکن جو هڪ گوردوارو (ٺڪاڻو) آهي جيڪو 1901 ۾ ٺاهيو ويو هو. انگريز حڪومت تن ڏينهن ۾ سکن کي سندن عبادت گهر لاءِ زمين الاٽ ڪئي هئي ۽ برٽس آرمي جي سک سپاهين هن مندر ٺاهڻ لاءِ مالي مدد ڪئي هئي. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جڏهن جپان هانگ ڪانگ تي حملو ڪيو ته ان حملي دوران جپانين ٻه دفعا هن مندر تي بم ڪيرائي بلڊنگ کي ڪافي نقصان رسايو هو. لڙائيءَ بعد سکن ۽ سنڌي هندن هن مندر جي مرمت لاءِ پئسو مهيا ڪيو. هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي هندو ڪڏهن هئپي وئلي واري هندن جي مندر ۾ وڃن ٿا ته ڪڏهن ڪولون واري پاسي ڪارناوون روڊ ۽ مودي روڊ وارن مندر ۾ وڃن ٿا. پر هانگ ڪانگ ٻيٽ تي رهندڙ سنڌي مٿئين سکن جي مندر ”خالصا ديوان سک مندر“ ۾ ئي گهڻو وڃن ٿا. ملاڪا (ملائيشيا) ۾ رهندو هوس ته اتي به ڏسندو هوس ته اتي رهندڙ پارواڻي، ميرچنداڻي لاکياڻي ۽ ٻيون سنڌي فئمليون سکن جي مندر ۾ وينديون هيون.
    هانگ ڪانگ جا سک وڏي احترام سان ٻڌائين ٿا ته جڏهن جپانين سکن جي هن مندر تي بم هنيا ته ان وقت گردواري جو گرنٿي (ٻائو) ڀائي نند سنگهه ”شري گرو گرنٿ صاحب“ (سکن جو پاڪ ڪتاب) پڙهي رهيو هو. گرنٿي ته پهرين ڌماڪي ۾ ئي شديد زخمي ٿي مري ويو پر گرو گرنٿ صاحب جو هڪ ورق به خراب نه ٿيو. جپاني حملن دوران ڪيترائي سک ۽ غيرسک هن مندر ۾ اچي پناهه وٺندا هئا. ڪيترا زخمي به ٿي پيا.
    ڏٺو وڃي ته سکن جي هانگ ڪانگ ۾ اچڻ جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي جيتري هانگ ڪانگ جي، جڏهن اهو1841 ۾ انگريزن حوالي ٿيو هو ۽ ان وقت اهو هڪڙو مهاڻن جو ننڍڙو ڳوٺڙو Fishing Village هو. انگريزن هانگ ڪانگ تي قبضو ڪرڻ بعد يڪدم پنجاب مان سک سپاهي گهرائي 1844 ۾ هانگ ڪانگ پوليس فورس ٺاهيو. هانگ ڪانگ ٺاهڻ ۾ سکن جو وڏو حصو آهي. اڄ جيڪي سک هانگ ڪانگ ۾ نظر اچن ٿا اهي انهن اوائلي سکن جي چوٿين پنجين جنريشن آهن. ڪيترائي سک چينين جي پاڙن ۾ رهڻ ڪري يا چيني عورتن سان شادي ڪرڻ ڪري هو انگريزي ۽ پنجابيءَ سان گڏ چيني زبان به ڳالهائين ٿا. ان کان علاوه شروع وارا سک ته پوليس، فوج، سڪيورٽي ۽ چوڪيداري ۾ ڀرتي ٿي آيا ٿي پر پوءِ هنن مان ڪيترن جو اولاد لکي پڙهي مختلف فيلڊس ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. اڄ توهان کي سک هانگ ڪانگ گورنمينٽ جي سول سروس ۾ اعليٰ عهدن تي فائز هجڻ کان علاوه ڊاڪٽر، سرجن، پروفيسر، انجنيئر ۽ سائنسدان به نظر ايندا.
    برطانيا جي فوج جي گورکا سپاهين جا فقط فوٽو مون ننڍي هوندي ئي ڏٺا هئا پر کين جيئرو جاڳندي صورت ۾ پهريون دفعو هانگ ڪانگ ۾ ڏٺو. هانگ ڪانگ ۾ نيپالين جو چڱو تعداد آهي جيڪو انهن گورکا سپاهين جو اولاد آهي جن کي انگريز هانگ ڪانگ جي فوج ۽ پوليس کاتي لاءِ وٺي آيا هئا.
    گورکا نيپال ۾ رهندڙ مختلف قومن مان هڪ آهي. نيپال جي 75 ضلعن مان هڪ گورکا ضلعو به آهي. تاريخ ۾ گورکا سندن بهادري، طاقت ۽ وفاداري ڪري مشهور آهن. هنن جون اهي خاصيتون ڏسي انگريزن هنن کي انڊيا، هانگ ڪانگ، سنگاپور ويندي انگلينڊ ۾ فوج، پوليس ۽ سڪيورٽي جي نوڪرين لاءِ رکيو. هو مالڪ يا پنهنجي آفيسر جي حفاطت ۽ حڪم تي پنهنجي جان فدا ڪندي به گهٻرائين نٿا. بقول انڊين آرمي جي سابق چيف آف اسٽاف فيلڊ مارشل سئم مانيڪشا جي:
    "If a man says he is not afraid of dying, he is either lying or he is a Gurkha."
    گورکن جي هن نالي لاءِ چون ٿا ته اٺين صديءَ جي هڪ جنگجو ساڌو گرو گورکناٿ تان پيو. بقول ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي (چيئرمن سنڌي ڊپارٽمينٽ ممبئي يونيورسٽي) جي، گورکا پراڪرت زبان مان ڪڍيو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڳئون جي رکوالي ڪندڙ. گو+رکا يعني گاو (ڳئون)+رکشا (سنڀال).
    هونءَ اها حقيقت آهي ته انگريزن دنيا جا هيڏا ملڪ فتح ڪيا، آسٽريليا نيوزيلينڊ کان ڪئناڊا تائين، ڪينيا کان نائيجيريا تائين، هانگ ڪانگ کان ملائيشيا تائين، ننڍي کنڊ کان علاوه اوس پاس جا ملڪ برما، سري لنڪا، وغيره پڻ پر جيئن افغانستان تي قبضو ڪري نه سگهيا تيئن نيپال تي به نه ڪري سگهيا. برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي فوج جڏهن نيپال تي حملو ڪيو ته هن جنگ ۾، جنهن کي تاريخ ۾ گورکا جنگ (The Gurkha War) به سڏجي ٿو ۽ 1814 کان 1816 تائين هلي نيپال جي گورکا سپاهين انگريزن کي چڻا چٻائي ڇڏيا. پر اهو آهي ته انگريز هن قوم ”گورکا“ مان بيحد متاثر ٿيا ۽ پوءِ حالتون نارمل ٿيڻ بعد هنن هندستان ۾ توڙي ٻين ملڪن ۾، جتي جتي انگريزن جو قبضو رهيو، هنن پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ گورکا ماڻهن کي ترجيح ڏني ۽ پوليس ۽ فوج ۾ ڀرتي ڪيو. ڪي ته تمام وڏين پوسٽن تي به پهتا. اهڙن ئي گورکن سپاهين مان جنرل نريندرا بهادر سنگهه هو جيڪو جڏهن ڪئپٽن هو ته انڊيا جي آخري وائسراءِ لارڊ مائونٽ بئٽن جو اي ڊي سي (Aide-de-camp) ٿي رهيو.
    گورکن جو لڙائي يا ويڙهه دوران هڻندڙ نعرو مشهور آهي ”جئه مهاڪلي – آيو گورکلي.“ جنهن جي معنيٰ آهي جئي مهاڪلي (جنگ جي ديوي)، اچي ويا آهن گورکا.
    پروفيسر سر رالف ٽرنر جنهن گورکا رائفلس ريجيمينٽ سان گڏ پهرين وڏي لڙائي (W.W.1) وڙهي، اهو گورکن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته:
    "Uncomplaining you endure hunger and thirst and wounds. Bravest of the brave, most generous of generous, never had country more faithful friends than you….".
    گورکا جنگ (1814-1816) ۾ انگريزن جيئن ئي ڏٺو ته گورکا بيحد دلير ۽ ويڙهاڪ قوم آهي جنهن سان هو مقابلو نٿا ڪري سگهن ته هنن نيپال تي قبضو ڪرڻ جي پچر ڇڏي، گورکن سان دوستيءَ جو هٿ وڌايو ۽ هندستان ۾ هلندڙ جنگين لاءِ هنن گورکن کي پنهنجي فوج ۾ داخل ڪري کين ٺيڪي تي وڙهڻ جا ڪم ڏنا. اهڙي طرح گورکن انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ٺيڪن تي انگريزن خاطر پنداري لڙائي 1817 واري، ڀرتپور واري جنگ (1826) ۽ پهرين ۽ ٻي ائنگلو سک لڙائيون (جيڪي 1846 ۽ 1848 ۾ لڳيون) وڙهيون. انڊيا ۾ 1857 واري بلوي/جنگِ آزاديءَ ۾ به جڏهن سڄو هندستان (هندو توڙي مسلمان) انگريزن جي خلاف ٿي بيٺا، هنن گورکن انگريزن جو پاسو کنيو ۽ انگريزن ڪارڻ وڙهيا. 1857 کان پهرين وڏي لڙائي تائين گورکا ريجيمينٽ انگريزن سان گڏ گڏ برما، افغانستان، سرحد (پاڪستان وارو علائقو)، مالٽا (ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ)، روسو ترڪش لڙائي (1877-78)، قبرص، ملايا (اڄ وارو اولهه ملائيشيا)، چين (1900) ۽ تبت (1905) ۾ وڙهندا رهيا. پهرين وڏي لڙائي (1914-18) ۾ اٽڪل ٻه لک گورکا انگريزن خاطر وڙهيا. جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار مارجي ويا ۽ کين اٽڪل 200 دليريءَ جا ايوارڊ (Gallantry Awards) مليا.
    ٻي وڏي لڙائي (1939-45) ۾ گورکن جون ڏهه ريجيمينٽون وڙهيون جن ۾ گورکن جو جملي تعداد اڍائي لک هو. هنن جپانين سان نه فقط هانگ ڪانگ ۾ پر برما، ملايا ۽ سنگاپور جي جهنگلن ۾ مقابلو ڪيو ۽ سندن 32000 گورکا مارجي ويا هئا. هي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ جيڪي گورکا نظر اچن ٿا، خاص ڪري ڪوالالمپور جي پيتالنگ اسٽريٽ جي فوٽ پاٿ تي، خاص ڪري قطار ٺاهي ڪوڙا ڳهه ۽ پٿر وڪڻندي گورکا عورتون نظر اچن ٿيون، اهي انهن گورکن جو اولاد آهن جيڪي ٻي وڏي لڙائيءَ بعد اتي ئي رهي پيا. ڪوالالمپور ۾ هي عورتون شيون وڪڻندي ڪراچيءَ جي امپريس مارڪيٽ جو ڏيک ڏينديون آهن جتي هندو گجراتي عورتون فٽ پاٿ تي پنهنجن ٿڃ تي ٻارن کي ڪڇ ۾ ويهاري سڪل ميوو وڪڻنديون آهن.
    هانگ ڪانگ ۾ جيڪي چيني رهن ٿا انهن ۾ 90 سيڪڙو ٻڌ آهن باقي ۾ عيسائي به آهن ته مسلمان به. مسلمان چيني ”هُئي“ سڏجن ٿا. چيني مسلمانن کان علاوه 25000 کن پاڪستان جا به مسلمان رهن ٿا جن مان گهڻن جا وڏا هندستان جي ورهاڱي کان به گهڻو اڳ فيصل آباد کان هتي آيا ۽ انگريزن جي پوليس ۽ فوج ۾ نوڪري ڪئي ٿي. انهن مان ڪجهه پنجاب مان شادي ڪري آيا ٻين هتي جي مڪاني چيني ۽ ٻين ملڪن جي رهاڪو عورتن سان شادي ڪئي. ان ڪري هانگ ڪانگ ۾ ڪيترا پنجابي ڳالهائيندڙ مسلمان توهان کي چيني مهانڊن وارا لڳندا. هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ مسلمانن، خاص ڪري پاڪستاني مسلمانن سان ملڻ لاءِ ڪولون پاسي ناٿن روڊ واري ”جامع ڪولون“ مسجد آهي يا وري هانگ ڪانگ واري پاسي وان چائي واري مسجد آهي. ٻئي مسجدون هڪ صديءَ کان وڌيڪ پراڻيون آهن.
    هانگ ڪانگ ۾ جين ڌرم وارن جو به مندر آهي جيڪو ”شري هانگ ڪانگ جين سنگهه مندر“ سڏجي ٿو. سرڪاري انگ اکرن موجب، هانگ ڪانگ ۾ 500 کن جين فئمليون رهن ٿيون. جين ڌرم جي ماڻهن لاءِ چون ٿا ته ٻين قومن بعد، هو هندستان کان لڏي هانگ ڪانگ ۾ اچي رهيا. هوگجراتي ۽ راجستاني زبانون ڳالهائين ٿا ۽ هانگ ڪانگ ۾ سندن اهم ڌنڌو هيرن جي ڪَٽائي ۽ وڪرو ڪرڻ آهي.
    ننڍي کنڊ جي ٻي قوم جيڪا هانگ ڪانگ ۾ نظر اچي ٿي اهي گجرات انڊيا کان لڏي آيل پارسي آهن. پارسي باهه جا پوڄاري آهن جن جو زوروسٽرين (Zoroastrian) ڌرم سان واسطو آهي. هو ڪافي صديون اڳ ايران جي شهر پارس (ان ڪري هي پارسي سڏجن ٿا) کان لڏي انڊيا جي صوبي گجرات ۾ اچي Settle ٿيا. ان ڪري هو پنهنجي پارسي زبان کان علاوه گجراتي به ڳالهائڻ لڳا. اتان پوءِ ڪيترا پارسي ڪراچي، ممبئي ۽ ٻين ملڪن ڏي وڃي رهيا. انڊين ڪميونٽي ۾ پارسي سڀ کان پهريان آهن جيڪي پاڻ پنهنجي مرضي سان لڏي اچي هانگ ڪانگ ۾ رهيا. ائين ته سک هنن کان به اڳ هتي اچي ويا پر هو پنهنجي مرضي سان نه پر هنن کي انگريزن، جن جو راڄ انهن ڏينهن ۾ انڊيا تي به هو، پنجاب مان ”برٽش آرمي“ ۽ ”برٽش پوليس“ لاءِ چونڊ ڪري هانگ ڪانگ موڪليو.
    پارسين جو هانگ ڪانگ ۾ جيتوڻيڪ ڪو وڏو تعداد ناهي. گذريل سال 2009 جي سرڪاري ڳڻپ موجب سندن تعداد ڪو 300 ڄڻا به نه آهي پر هنن جو هانگ ڪانگ ۾ هڪ خاص مقام آهي جو هي شروع کان واپاري، سوداگر ۽ جهازن جا مالڪ رهندا اچن. هانگ ڪانگ جي هنن پارسي واپارين انگريزن جي خواهش موجب ويندي آفيم جو به ڪاروبار ڪيو ۽ نه رڳو انگريزن کي پئسو ڪمائي ڏنو پر پاڻ به خوب ڪمايو ۽ معاشي طرح پارسين جي هانگ ڪانگ ۾ پوزيشن، تمام مضبوط آهي. هو هانگ ڪانگ ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا ۽ هانگ ڪانگ ۽ اتي جي عوام جي خوشحاليءَ ۾ پارسين جي وڏي Contribution آهي. ۽ ”هرمزجي نائوروجي مودي“ جهڙي پارسيءَ کي ته برطانيا جي حڪومت Sir جو به خطاب ڏنو ۽ هانگ ڪانگ ۾ هن پارسي بزنيس مئن جي نالي تي مودي روڊ، مودي لين (گهٽي) ۽ مودي گارڊن به آهي. هانگ ڪانگ ٻيٽ کان اسٽار فيريءَ ذريعي جڏهن ڪولون اچجي ٿو ته فيري اسٽيشن کان ٻاهر نڪرڻ تي سئلزبري روڊ آهي. ان تي ٿورو اڳيان هلڻ تي کاٻي پاسي ناٿن روڊ اچي ٿو جنهن جو پاڻ شروع ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون. سئلزبري روڊ تي اڃان اڳيان وڌيڪ هلڻ تي ناٿن روڊ وانگر کاٻي پاسي چاٿام (Chatham) روڊ اچي ٿو جيڪو 1888 ۾ ٺهيو ۽ هانگ ڪانگ جي تنهن زماني جي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر وليم چاٿام نالي آهي ۽ هن روڊ تي هانگ ڪانگ پوليٽيڪنڪ يونيورسٽي، هانگ ڪانگ ميوزيم آف هسٽري، هانگ ڪانگ سائنس ميوزيم ۽ گن ڪلب هِل بئرڪس آهن. هانگ ڪانگ سائنس ميوزيم دراصل چاٿام روڊ مان نڪرندڙ هڪ سوڙهي رستي تي آهي جنهن جو نالو ئي سائنس ميوزيم روڊ آهي. هاڻ هن سائنس ميوزيم روڊ تي توهان هلندائو ته ٿورو اڳيان جيڪو روڊ کاٻي طرف وڃي ٿو ان جو نالو مودي روڊ آهي جيڪو مٿي وڃي چاٿام روڊ ۾ لڳي ٿو.
    سر هرمزجي نائوروجي مودي 1838 ۾ بامبي (ممبئي) ۾ ڄائو ۽ 1911 ۾ پنهنجي هانگ ڪانگ واري گهر ”بخشي لاج“ (Buxey lodge) ۾ وفات ڪيائين ۽ هانگ ڪانگ جي هئپي وئلي واري پارسي قبرستان ۾ کيس دفن ڪيو ويو. هي گهر ”بخشي لاج“ هن سندس مامي ”جهانگير جي بخشي“ جي نالي منسوب ڪيو هو جنهن هرمزجي کي هانگ ڪانگ گهرايو هو. هن گهر تي 1911 جو سن لکيل آهي جنهن ۾ هن گهر جي مرمت ۽ رنگ روغن ٿيو ۽ بهتر بنايو ويو هو. هي محلات جهڙو گهر، هن علائقي جو پهريون گهر چيو وڃي ٿو جيڪو گورنمينٽ جي 1894 واري ڪتابچي ۾ درج ٿيل. هي تاريخي گهر ”بخشي لاج“ 1946 ۾ موديءَ جي زال مانيڪ ٻائيءَ هانگ ڪانگ حڪومت کي donate ڪيو.
    سر هرمزجي نائوروجي مودي ممبئيءَ ۾ ڄائو ۽ اتي ئي سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن پرنٽنگ پريس کولي اخبار ڇپڻ جو ڪم شروع ڪيو. هانگ ڪانگ، 1860 ۾ آيو جتي هن جو مامو جهانگيرجي بخشي رهيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ۾ تمام گهڻا پارسي رهيا ٿي جن ۾ دورابجي نائوروجي مٺائي والا (جنهن هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ ۾ اسٽار فيري هلائڻ جو بزنيس شروع ڪيو) ۽ جهانگير هورموجي رتن جي (جنهن هانگ ڪانگ ۾ پنهنجي نالي سان ”رتن جي سئنيٽوريم“ خيراتي اسپتال ٺهرائي) پڻ مشهور پارسي هئا.
    هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ بخشيءَ پهرين پنهنجي پٽن کي بمبئي مان لڏي هانگ ڪانگ ۾ اچي بزنيس سنڀالڻ لاءِ چيو پر جڏهن هو راضي نه ٿيا ته بخشيءَ پنهنجي ڀاڻيجي هرمزجي کي گهرايو ته هن جي ڪمپني ”بخشي ائنڊ ڪمپني“ کي اچي هلائي جنهن هانگ ڪانگ ۾ نيلام جو ڪم ڪيو ٿي. هرمزجي موديءَ هانگ ڪانگ اچي اهو 1860 وارو ڏهو نيلام مان خوب پئسو ڪمايو ان بعد هن هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ ڪلڪتي جي هڪ عيسائي بزنيس مئن پال چاٽر سان گڏجي Chater & Mody نالي هڪ ڪمپني کولي ۽ هنن جنهن ڌنڌي ۾ هٿ ٿي وڌو ان ۾ ڪمايو ٿي. هنن اسٽاڪ ايڪسچينج کان وٺي ويٽنام ۾ ڪوئلي جي کاڻين جا ٺيڪا کنيا. وڏو ڌن دولت ڪمايائون پر ان جو وڏو حصو هن ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي تي به لڳائيندا رهيا. هانگ ڪانگ جو ان وقت جو گورنر سر فريڊرڪ لگارڊ جيڪو هرمزجي موديءَ جو دوست هو تنهن چاهيو ٿي ته هانگ ڪانگ ۾ تعليم جي واڌاري لاء ڪاِ يونيورسٽي کولي وڃي. موديءَ يڪدم يونيورسٽي ٺهرائڻ شروع ڪئي جنهن جو وڏو خرچ ڏيڍ لک ڊالر موديءَ ڏنا. ان وقت يعني 1880 واري زماني ۾ جڏهن اسان وٽ هڪ رپئي ۾ 16 آنا هئا ۽ هڪ آني ۾ چار پئسا هئا ۽ هر پئسي ۾ 3 پايون هيون ۽ سون جو تولو ٻي يا ٽي رپئي مليو ٿي، ڏيڍ لک ڊالر وڏي ملڪيت هئي جنهن مان هيءَ اڄ واري يونيورسٽي آف هانگ ڪانگ جي عمارت ٺهي ۽ فرنيچر ورتو ويو باقي ان کي هلائڻ لاءِ به وڏو حصو مودي ڏيندو رهيو باقي ٻين پارسين، سنڌي هندن ۽ چيني سيٺين کان ورتو ويو. اسان جا ڪيترائي پاڪستاني شاگرد مختلف ڪورسن لاءِ ۽ پروفيسر ليڪچر ڏيڻ لاءِ، هانگ يونيورسٽيءَ ۾ ايندا رهن ٿا. ٻه سال اڳ هن يونيورسٽيءَ اقبال ڊي ملهايو هو ته ڪيترائي پاڪستان ۽ ايران کان به آيا هئا. توهان جو به ڪڏهن هن يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ ٿئي ته يونيورسٽيءَ جي مين بلڊنگ ۾ هن سخي مرد پارسي ”سرهرمزجي نائوروجي مودي“ صاحب جي قدِ آدم مورتي (Bust) ڏسي سگهو ٿا، جنهن جي هيٺان انگريزيءَ ۾ لکيل آهي:
    A distinguished Parsi business man, renowned philanthropist, and benefactor of Hong Kong for over fifty years.
    ۽ اهي ئي سٽون سندس شخصيت جي عڪاسي ڪن ٿيون. هتي پڙهندرن جي دلچسپيءَ لاءِ اهو لکندو هلان ته جيئن دبئي ۽ عرب ملڪن ۾ تيل ۽ پئسو اچڻ تي اسان جي ملڪن جا ماڻهو جڏهن شروع ۾ اوڏانهن ويا ته اڪيلا مرد ويا ۽ اڄ تائين ڪيترا اڪيلا وڃن ٿا. اهوئي حال هانگ ڪانگ ٻيٽ جو هو جتي اسانجي پاسي جا پنجابي، پٺاڻ توڙي سنڌي ۽ گجراتي فقط مرد ماڻهو ويا. پارسي جيتوڻيڪ اوائلي ڏينهن کان هانگ ڪانگ پهتا ۽ جيتوڻيڪ امير به هئا، هنن پنهنجا گهر به خريد ڪري سگهيا ٿي پر ٽيهه چاليهه سال هنن پنهنجيون زالون ۽ ٻار ٻچا پنهنجي وڏن جي وطن گجرات، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ئي رکيا. سرهرمزجي مودي جي زال مانيڪ ٻائي پهرين پارسي عورت هئي جيڪا 1870 ۾ هانگ ڪانگ آئي هئي. ٻار (ٻئي پٽ) هانگ ڪانگ ۾ سال 1872 ۽ 1875 ۾ ڄاوا، جن جو رڪارڊ هانگ ڪانگ جي برٿ رڪارڊ آفيس ۾ موجود آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته هانگ ڪانگ جي هئپي وئلي علائقي ۾ پارسين جو قبرستان آهي جتي سر مودي به دفن ٿيل آهي. هونءَ ته پارسي لاش کي دفن ڪرڻ يا ساڙڻ بدران، پکين کي کارائي ڇڏيندا آهن پر هانگ ڪانگ ۾ ڪانگن ۽ سرڻين جي کوٽ ڪري پارسي، لاشن کي دفن ڪن ٿا. هئپي وئلي علائقي ۾ پارسين جي هن قبرستان ۾ ماربل جو هڪ ڦوهارو لڳل آهي. اهو سر موديءَ جي زال مانيڪ ٻائي جڏهن 1886 ۾ انڊيا گهمڻ وئي هئي ته قبرستان لاءِ وٺي آئي هئي.
    بهرحال هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ پارسين جون ڪيتريون ئي دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالهيون آهن. هنن جو ان ۾ پڻ وڏو حصو آهي ته هنن هانگ ڪانگ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ کي اڄ واري اوج تي پهچايو. هانگ ڪانگ توڙي ڪولون پاسي لنگهندي، هر روز هي پارسي مخير حضرات ياد اچن ٿا جن جي نالي هانگ ڪانگ جا ڪجهه روڊ، گهٽيون، پارڪ، اسڪول، هانگ ڪانگ يونيورسٽي ۽ ٻيون شيون آهن. اسٽار فيري ۾ چڙهندي هر پئسينجر ان پارسي سيٺ کي ياد ڪري ٿو جنهن هيءَ سروس شروع ڪرائي ۽ اڄ سئو سالن بعد به ان مان هر هڪ فائدو وٺي ٿو.
    ”دورابجي نائوروجي مٺائي والا“ جڏهن هانگ ڪانگ آيو هو ته هو هڪ بورچي هو. پوءِ ننڍا وڏا بزنيس ڪري وڏو سيٺ ٿي ويو ۽ پوءِ هن کي ڌيان ۾ آيو ته هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون (چين جي سرزمين پاسي) اچڻ وڃڻ لاءِ فيري هلائي وڃي جنهن جي شروعات هن 1888 کان ڪئي. سندس اها ڪمپني ”اسٽار فيري“ اڄ به قائم آهي. هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ ۾ ٽنل ٺهڻ جي باوجود اڄ به ڪيترائي ماڻهو، خاص ڪري ٽوئرسٽ دورابجي جي اسٽار فيرين ۾ سمنڊ اڪري هانگ ڪانگ يا ڪولون وڃن ٿا.
    هانگ ڪانگ ٻيٽ جي بارونق ۽ ماڊرن علائقي وان چائيءَ مان لنگهڻ وقت ”رتن جي اسپتال“ تي نظر ٿي پوي ته پارسي سيٺ ”جهانگير هورموجي رتن جي“ ٿو ياد اچي جنهن پنهنجي ڌيءَ ”تيهمي رتن جي ڊيسائي“ جي ياد ۾ هيءَ اسپتال ”رتن جي سينيٽوريم“ جي نالي سان 1948 ۾ ٺهرائي.
    ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ هانگ ڪانگ تي جپانين جي قبضي دوران هتي سلهه جي وبا اهڙي پکڙي جو ڪيترائي ماڻهو مري ويا. ”جهانگير هورموجي رتن جي“ جي ڌيءَ تيهمي به ان ۾ وفات ڪري وئي. بعد ۾ جڏهن حالتون صحيح ٿيون ۽ سلهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو ته هن اسپتال کي 600 بسترن جي جنرل اسپتال ٺاهيو ويو.
    منهنجي خيال ۾ ڪوئيٽا ۾ جيڪا مَري بيئر جي فئڪٽري 1910 ۾ کلي هئي ان جو مالڪ پارسي سيٺ هو. هتي هانگ ڪانگ ۾ به انهن ئي ڏينهن ۾ يعني 1913 ۾ رتن جي شراب جو ڪارخانو (brewery) کوليو جيڪو پوءِ هن هڪ يهودي سيٺ سئن مگيوئل کي وڪڻي ڏنو جيڪو پنهنجي نالي "San Migual" سان بيئر ٺاهي ٿو ۽ دنيا ۾ مشهور آهي. رتن جيءَ سلهه ۽ سيني جي بيمارين خلاف هڪ ائسوسيئيشن "Hong Kong Tuberculosis, Chest & Heart Diseases" ٺاهي جيڪا اڃان تائين فعال آهي.
    رتن جي 1880 ۾ هانگ ڪانگ ۾ ڄائو ۽ هتي ئي 1960 ۾ وفات ڪيائين.
    رتن جي جو پٽ ڌُن جهانگير جيڪو 1903 ۾ هانگ ڪانگ ۾ ڄائو ۽ پيءَ جي خيرن جا ڪم اڳتي هلائيندو رهيو، هانگ ڪانگ جي ليجسليٽو ڪائونسل جو 1960 کان 1968 تائين ميمبر رهيو. پاڻ هانگ ڪانگ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي به ڪيائين. 1974 ۾ وفات ڪيائين.


    حصو نائون

    ماڻهو آهن يا جن

    هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ ۽ هانگ ڪانگ جي بزنيس تي ڇانيل هزارين سنڌي هندو سوداگرن مان، جنهن جي احوال نه لکڻ ناانصافي ٿيندي. ان ڪري هنن لکڻين ۾ نموني خاطر هڪ يا ٻن جو احوال لکندس جيئن اڄ جي نوجوان کي هن بزنيس ڪميونٽي جي محنت، ائڊوينچر، دليري ۽ دنيا ۾ ڇانيل هجڻ جي آئيڊيا ٿي سگهي. ان کان علاوه پڙهندڙن جي معلومات لاءِ سنڌي هندن بابت ڪجهه جنرل ڳالهيون به لکندس جيڪي 45 سال مختلف ملڪن ۽ ڏورانهن ٻيٽن تي هنن جي ويجهو گذارڻ ۽ جهازن هلائڻ جي نوڪريءَ ڪري آئون نوٽ ڪري سگهيو آهيان، سمجهي سگهيو آهيان يا معلوم ڪري سگهيو آهيان.
    دراصل اسان وٽ اهو ڪلچر عام آهي ته اسان رڳو پنهنجو پاڻ پڏايون ٿا ۽ ٻين مان عيب ڪڍون ٿا. ٻين کي گهٽ سمجهون ٿا. ٻين ۾ سٺايون ڳولهي ان کي appreciate ڪرڻ ۽ ان موجب پاڻ کي ٺاهي بهتر بنائڻ تي عمل نٿا ڪريون. اهو ڪلچر ٻين ملڪن ۽ قومن ۾ به آهي پر اسان وٽ هيڪاندو گهڻو آهي. مثال طور اسان وٽ محمد علي جناح جي تعريف ڪندا – ٺيڪ آهي صحيح آهي، پر ان سان گڏ نهرو ۽ گانڌيءَ کي هيڪاندو حقير ۽ هيٺاهون ڏيکاريندا. اسان کي به ننڍي هوندي اها ئي سُتي پياريل هئي. پوءِ جڏهن جهازن جي نوڪري ڪري ولايت جي ملڪن ۽ دنيا جي مختلف ماڻهن سان ملاقات ٿي ته پنهنجي دماغ ۾ وهاريل ۽ قائم ڪيل راءِ کي رد ٿيندو ڏسي embarrassment ۽ شاڪ محسوس ٿيو. يورپ جي ئي ڪنهن ملڪ ۾ اتي پڙهندڙ بيروت جي هڪ مسلمان سان جڏهن ان راءِ جو اظهار ڪيم ته مونکي پهرين ائين گهوري ڏٺو ڄڻ آئون ڪنهن گدو اسپتال جهڙي پاڳل خاني مان آيو هجان. پوءِ هن مونکان پڇيو ته مون نهرو ۽ گانڌيءَ بابت يا انهن جون لکڻيون پڙهيون آهن؟ منهنجي انڪار ڪرڻ تي هن چيو ”بهتر آهي پهرين چڱي طرح معلومات رکجي پوءِ ڪنهن لاءِ راءِ ٺاهجي.“
    هي هڪ مسلمان ۽ هڪ اعليٰ يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪري رهيو هو نه ته ان جي جاءِ تي ڪو انڊين يا انگريز يا يورپي هجي ها ته اهوئي سوچيان ها ته هو اسان مسلمانن جي خلاف آهي ان ڪري ٿو چوي. بهرحال وقت سان گڏ جڏهن ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ٿيو ۽ ساڳي وقت مطالعو وڌيو ته خبر پيئي ته ڪيترن ئي ملڪن جي يونيورسٽين ۾ نهرو ۽ گانڌيءَ کي پڙهيو وڃي ٿو، انهن جا حوالا ڏنا وڃن ٿا ۽ هو ڪي اهڙا چريا نه هئا جهڙو اسان وٽ سمجهيا وڃن ٿا.
    يا هڪ ٻيو مثال، ننڍا هئاسين، يا جيسين پنهنجي ملڪ تائين محدود هئاسين ته اهوئي ٻڌوسين ته انگريز يا يورپي بيڪار ماڻهو آهن. مغرب جا ماڻهو ڪافر آهن. ڳوٺ جي مسجد ۾ پتلون پائي نماز پڙهبي هئي ته ملان ۽ ٻيا نمازي چوندا هئا ته هيءَ ڪافرن واري ڊريس پائي نماز ڇو ٿا پڙهو. اها قبول نه ٿيندي. بعد ۾ جڏهن انگلينڊ يا يورپ جي ملڪن ۾ انهن جي ماڻهن سان گڏ رهڻو پيو ته خبر پيئي ته هنن کي پنهنجي پاڙيوارن ۽ بيمارن جو ڪيڏو خيال ٿو ٿئي. انسان ذات کي ته ڇا پر جانور ۽ پکين کي به تڪليف نٿا ڏين! مغرب ۾ امن امان ۽ انصاف جي بهتر حالت ڏسي ڪڏهن اهو سوچڻ تي مجبور ٿبو هو ته مسلمان اسانجي ملڪ ۾ ضرور آهن پر اسلام ته هتي آهي جو هي انهن ئي ڳالهين تي عمل ڪن ٿا جيڪي اسلام چيون آهن. ۽ پتلون رڳو انگريزن نه پر مصري، موراڪو وارا، ترڪي وارا به پائين ٿا ۽ نماز به پتلون پائي پڙهن ٿا. فرانس جتي هڪ هزار کان وڌيڪ مسجدون آهن يا انگلينڊ، سئيڊن، ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن جي مسجدن ۾ ته سڀ پتلون پائي اچن ٿا. سوال اهو آهي ته انهن ملڪن ۾ جتي ٿڌ زيرو کان به هيٺ هلي ٿي وڃي اتي ڪهڙو پهلوان پاجامي يا شلوار ۾ گهر کان ٻاهر نڪري سگهندو؟
    ٻيو اسان وٽ اهو به ڪلچر آهي ته هر قوم کي ڪانه ڪا ليبل هڻي ٿيو ذليل ڪرڻو. هر قسم جو گندو چرچو يا بيوقوفي جي ڳالهه پٺاڻ يا سک تي هڻنداسين، هر بنگاليءَ کي بکيو سڏينداسين. سنڌين کي ڄٽ سڏينداسين. وري اسان وٽ سنڌ ۾ هندو سنڌيءَ کي ڊڄڻو سڏينداسين. اهڙي قسم جا هٿ ٺوڪيا ليبل يا ڳالهيون ٻڌي اسان جي مائيند (دماغ) ان مطابق set ٿيو وڃي ۽ پوءِ اهڙي ئي تناظر ۾ منهنجو جهاز منهنجي نوڪريءَ جي شايد پهرين سال ڪيپ وردي ٻيٽ جي واحد جيٽي سان اچي لڳو.
    اسان ڪراچيءَ کان نڪتا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند هو، اسان سڄي آفريڪا کي ڦيرو ڪري، ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي انگلينڊ ۽ يورپ جي ٻن ٽن بندرگاهن ۾ آياسين، جتان اسان کي ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ ٽرنيڊاڊ ڏي وڃڻو هو. جهاز جو تيل پاڻي جيرالٽر مان وٺڻو هو پر اسان جي بيڪار پولش ڪئپٽن جي غلط پلاننگ ڪري اسان کي وقت اندر نه ملي سگهيو. هيءَ سٺ واري ڏهي جي آخري سالن جي ڳالهه آهي جڏهن اسان جي ملڪ قومي جهازران ڪمپني شروع ڪري جهاز ته خريد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا پر جهاز هلائڻ وارو عملو نه هو. هر جهاز جو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ڌارئين ملڪ جو هو. اسان جي ملڪ جي مئرين اڪيڊمي جنهن مان جهاز هلائڻ جا انجنيئر ۽ نيويگيٽر تعليم حاصل ڪري نڪرن ٿا ان کي شروع ٿئي به 6 سال ٿي ويا هئا ۽ اڃان پهرين بئچ جهازن تي وڃي چڪي هئي ۽ اسان جي ٻي بئچ هاڻ جهازن تي چڙهي هئي. انهن مٿاهن عهدن تي پهچڻ لاءِ اسان کي اڃان چار پنج سال کتا ٿي. سو اسان جي ملڪ جا جهاز هلائڻ لاءِ، مٿاهن عهدن وارا سڀ گورا هئا ۽ اها به هاڻ خبر پيئي ته هر اڇي چمڙي وارو سرجن، ڊاڪٽر، انجنيئر يا جهاز جو ڪئپٽن ضروري ناهي ته ڪم ۾ ماهر ۽ سٺو انتظام هلائڻ وارو هجي. ۽ هي اسان وارو ڪئپٽن جنهن جو صبح بيئر جي دٻي سان شروع ٿيو ٿي ۽ رات وسڪي جي بوتل تي ختم ٿي ٿي، پنهنجي جان کان ئي بيزار ٿي لڳو. سندس ڳالهين مان لڳندو هو ته هي جهاز سان گڏ اسانکي به ٻوڙيندو.
    ميڊيٽرينين سمنڊ مان ٻاهر نڪتاسين ته ائٽلانٽڪ سمنڊ بکايل شينهن وانگر گجگوڙون ڪندو نظر آيو. ههڙي خراب سمنڊ ۽ وڏي مسافري ۾ جتي ڪنهن سمنڊ کي آرپار ڪراس ڪرڻو هجي ۽ دنيا جي کنڊن کان پري ٿي وڃجي جهاز جي ٻارڻ يا چڪنائي وارو تيل (فيول آئل ۽ ليوب آئل) ختم ٿيڻ تي سامهون موت ئي نظر اچي ٿو. پر ڪئپٽن جهاز کي اڳتي اولهه طرف ئي وٺي هلڻ لاءِ چيو ۽ اسان آفريڪا ۽ يورپ کنڊ کان پري ٿيندا وياسين يعني ڪجهه ٿي به پوي ته ڪنارو اسان جي پهچ ۾ نه رهيو. ڪيپٽن چيو ته فڪر نه ڪريو. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ هڪ هنڌ ڪيپ وردي ٻيٽ اچي ٿو. ”آئون ڏهه سال اڳ هڪ يوناني جهاز تي ڪئڊٽ هوس ته منهنجو ڪئپٽن اهو جهاز اتي وٺي ويو هو، شاپنگ جي خيال کان به سٺو آهي. چوڌاري توهانکي ڇوڪريون ئي ڇوڪريون نظر اينديون.“ هن آخري جملي تي زور ڏيندي چيو.
    ٻئي ڏينهن ڪئپٽن پاڻ به پريشان ٿي ويو. سخت منجهيل نظر آيو. سڀني چيو هاڻ ته پويان پير به نٿا ڪري سگهجن جو جهاز ۾ تيل ڏينهن اڌ جو مس آهي ۽ سامهون سڀ کان ويجهو بندرگاهه USA جو نيويارڪ آهي جنهن تائين پهچڻ ۾ ست ڏينهن ٿي کتا. سمنڊ هيڪاندو خراب (Choppy) ٿيندو ويو. ڪئپٽن چيو ته ”پاڻ آهيون ته ڪيپ وردي ٻيٽ جي ويجهو جو ان علائقي ۾ ٻارهوئي سمنڊ خراب ٿو رهي ۽ طوفان به ڏاڍا ٿا لڳن.“ ٻيٽُ ته سري لنڪا ۽ هانگ ڪانگ جو به ڏسي چڪا هئاسين پر اهي ته سرزمين کان ڪلاڪن جي فاصلي تي آهن. لکديپ ۽ مالديپ ٻيٽن وٽان به لنگهي چڪا هئاسين جيڪي ننڍا هوندي به سانتيڪي سمنڊ ۾ آهن ۽ چوڌاري سڪون ئي سڪون آهي. ننڍيون ٻيڙيون به ڄڻ روڊ تي لس پيون هلن ۽ هتي ته اسانجو آفت جيڏو لوهي جهاز به سٽ نٿي جهلي سگهي. ڇوڏي وانگر لهرن تي پئي هيٺ مٿي ٿيو. ڪئپٽن چيو ته نقشو پراڻو اٿم ۽ جهاز جو رڊار صحيح ڪم نه پيو ڪري نه ته هيستائين پهچي وڃون ها. بهرحال جهاز اچي ڪيپ وردي ٻيٽ جي بندرگاهه تي لڳو ته جان ۾ جان آئي. اهوئي سوچيندا رهياسين ته هتان نه گهڻو بحري جهازن جو لنگهه آهي ۽ نه هوائي سروس، ڀٽ شاهه جهڙي ڳوٺڙي جهڙي ٻيٽ تي ماڻهن جو گذرسفر خبرناهي ڪيئن ٿيندو هوندو. بهرحال ڊيوٽي فري بندرگاهه هجڻ ڪري جهاز لاءِ تيل سستو مليو. پڪ ڪمپني وارا به خوش ٿيا هوندا جو هن چرٻٽ ڪئپٽن سندن پئسو بچايو. باقي جن حالتن ۾ جهاز کي وٺي آيو ان جي جي ڪمپنيءَ کي خبر پوي ته جهاز ٻڏندي ٻڏندي بچيو آهي ته کيس لکت ۾ آرڊر موڪلين ها ته آئندي مهانگو تيل ضرور خريد ڪر پر اهڙي بندرگاهه کان پاسو ڪر. اسان به شهر جو نڪ نقشو ڏسي خوش ٿياسين جو هر شيءِ سستي هئي. صحيح معنيٰ ۾ ڊيوٽي فري پورٽ هو. پورچوگالين جي قبضي ۾ بندرگاهه هو جن جا ڪجهه گورا مهانڊا به نظر اچي رهيا هئا. مڪاني ماڻهن جو ٿڌو چاڪليٽي رنگ هو يعني نه اڇا هئا ۽ نه اسان وانگر مشڪي ۽ نه آفريڪن وانگر دونهين جهڙا ڪارا هئا. مٿي جا وار مڪرانين جهڙا گهنڊيدار هين. اسان کان پهرين شهر گهمي ۽ شاپنگ ڪري آيل همراهن ٻڌايو ته ان بازار ۾ ٻه دڪان انڊين جا به آهن جن وٽ واچون، ڪپڙو ۽ ٽرانٽسر ريڊيا وغيره آهن. انهن ڏينهن ۾ ٽاپ جون اهي ئي شين هيون جيڪي ٽوئرسٽ خريد ڪندا هئا ۽ ٻيو ياشيڪا جون ڪئميرائون هيون.
    جنهن پهرين انڊين جي دڪان تي چڙهيس ان جو جوان سيٺ دڪان ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪرين سان پورچوگالي زبان ۾ ڳالهائي رهيو هو. اسان سان اڙدو ۾ ڳالهائين. خريداري ڪري نڪرڻ وارو هوس ته مون کڻي پڇيومانس ته ”ڪير آهين.“ منهنجو مطلب هو ته تون دڪان جو مالڪ آهين يا ڪنهن پورچوگالي گوري مالڪ جي دڪان تي پگهار تي ڪم ڪرين ٿو. منهنجي سوال تي هن ٺهه پهه جواب ڏنو ته ”سنڌي آهيان.“
    مون کي اهو ٻڌي ڏاڍي حيرت ٿي. پڪ ڪرڻ لاءِ سنڌي ۾ پڇيومانس ”سنڌي اچئي ٿي؟“
    ”ها ڳالهائڻ اچي ٿي.“ هن وراڻيو.
    ”توهانجو اصل ڳوٺ ڪهڙو آهي؟“ مون پڇيو.
    ”شايد شڪارپور هو. مونکي ايتري خبرناهي. آئون هتي ئي ڄائس“. هن چيو ۽ مون حساب لڳايو ته هو جيتوڻيڪ وڏو لڳي رهيو هو پر عمر 22 سال مس هوندس. جو انڊيا جي ورهاڱي وقت 1947 ۾ هن جو پيءُ هتي آيو هوندو ان بعد هي ڄائو هوندو ته ايترن ئي سالن جو هوندو ”توهانجو پيءُ 1947 ۾ سنڌ ڇڏي هوندي“ مون چيو.
    ”نه منهنجو پيءُ بارسلونا (اسپين) ۾ ڄائو هو،“ هن چيو، ”منهنجي ڏاڏي 1935 ۾ سنڌ ڇڏي لسبن (پورچوگال) آيو هو ۽ پوءِ اسپين ۾ بزنيس سيٽ اپ ڪيائين، پر پوءِ سگهوئي هيڏانهن هن ٻيٽ تي هليو آيو جو هن وٽ پورچوگال جو پاسپورٽ هو.“
    آئون حيرت مان ٻڌندو رهيس ۽ سوچڻ لڳس اهو ٻيٽ جنهن تي اڃان به هوائي سروس ناهي اتي هن جو پيءُ گهٽ ۾ گهٽ 25 يا 30 سال اڳ آيو هوندو ته ڪنهن هوائي جهاز ۾ ته نه آيو هوندو ۽ جي بحري جهاز ۾ آيو هوندو ته اهو هن اسانجي جهاز جهڙو ماڊرن ته نه هوندو ۽ اهڙي طرح هن جو ڏاڏو ممبئي کان اسپين يا پورچوگال آيو هوندو ته اهي ئي هندي وڏو سمنڊ، ڪيپ آف گڊ هوپ ۽ ائٽلانٽڪ جهڙا ڀوائتا سمنڊ جهاڳي هتي پهتوهوندو. ۽ اهڙا سمنڊ ان وقت جي ٻيڙن ۾ اڪرڻ واري کي اسان ڊڄڻو ڪيئن ٿا چئي سگهون؟ ۽ پوءِ ويسٽ انڊيز ۽ واپسي تي برمودا ٻيٽ (جيڪي يورپ کان به ڏورانهين ڏيهه ۾ ٿيا) انهن جي مڪاني بازارين ۾ هندو سنڌين جي ٻي يا ٽي جنريشن کي بزنيس ڪندو ڏسي مون کي بيحد حيرت ٿي هئي. مونکي تعجب ٿو لڳي ته شڪارپور جا هي سنڌي هندو سوداگر ماڻهو هئا يا جِنَ – جيڪي ان وقت ڪوه قاف جهڙن ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن کان وڃي نڪتا هئا جڏهن ته انهن تائين ڪيترين قومن جي ماڻهن جي اڃان سوچ به نه پهتي هئي.


    حصو ڏهون

    سنڌي هندو واپاري

    هن حصي ۾ سنڌي هندن بابت ڪجهه ڳالهيون لکندس جيڪي مون محسوس ڪيون آهن يا مختلف ماڻهن کان ٻڌيون اٿم يا ڪتابن ۾ پڙهيون اٿم، جيئن اڄ جي نوجوان کي ڄاڻ ٿئي ته هي ماڻهو بزنيس ۾ ڪيڏو ماهر ۽ دلير هئا. سنڌ، هند، افغانستان، وچ ايشيا، ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ حڪومتون کڻي ميرن ٽالپرن، افغانين ترخانن، عربن ملئي ماڻهن جون هيون پر هنن جو سنڌي بزنيس مئن بنا گذارو ٿي نٿي سگهيو. اڄ به چين جو واپاري بقول راج سيتل (ڪي سيتل جي پٽ) جي، نائيجيريا يا آفريڪا جي ملڪ سان واپار نه ڪندو. کيس ڪولون جي پليٽ تي ليٽر آف ڪريڊٽ هجي ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي. پر ان هوندي به اوڏانهن ويندي گهٻرائيندو. هو ان ۾ ئي خيريت سمجهي ٿو ته اهڙن ملڪن سان بزنيس هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌي سوداگر معرفت ڪيو وڃي. ڇو جو سنڌي هندوءَ جي بزنيس بابت ڄاڻ ۽ هر ملڪ ۾ سڃاڻپ وڏي آهي.
    بقول لوڪرام ڏوڏيجا جي، هندن ۾ هڪڙا هئا ڀائيبند ۽ ٻيا عامل. عامل اڪثر سرڪاري نوڪرين ۾ هوندا هئا ۽ ڀائيبند وڻج واپار ڪندا هئا. حيدرآباد جي ڀائيبندن تي سڀني کي ناز هو ڇو جو جيئن شڪارپوري سنڌي بخارا، ترڪستان، ايران ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن ڏي زميني رستن ذريعي پهچي ناڻي سان خرجينون ڀري ايندا هئا تيئن حيدرآبادي ڀائيبند سمنڊ جهاڳي سيام (ٿائلينڊ)، ملايا (اڄ وارو اولهه ملائيشيا)، بورنيو (اڄ وارو اوڀر ملائيشيا، برونائي وغيره)، جاوا، سماترا، ڪامبوڊيا وغيره مان همياڻيون آڻي، سنڌ کي مالا مال ڪندا هئا.
    سودي خاطر سنبهي، جيڪي ويا جاوا،
    ڪري وڻج واپار، سي سگهو ٿيا ساوا،
    اڻ مَيو ڌن اتان، سو جو ڪمائين،
    پاڻ ته کائين، پر تن جا پويان پڻ کائين.

    شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ ته فقط جاوا، عدن ۽ لنڪا (سري لنڪا/سلون) لاءِ چيو آهي پر دنيا جو اهڙو ڪو ملڪ نه هوندو جتي سنڌورڪين جو ڪاروبار نه هجي. ڀائيبند (سنڌورڪي) پڙهيل، فيشنبل، سخي، هٿ ڇوٽ ۽ سڀ ڳالهه ۾ افلاطون رهيا آهن.
    چوندا آهن ته زال ته شرم، مرد ته ڪرم، واپاري ته نرم، آفيسر ته گرم ۽ دلال ته بيشرم! ان موجب نمرتا ڀائيبند جي بنيادي خاصيت رهي آهي جو ان ۾ خرچ نه ٿيندو آهي پر مطلب وڏا حاصل ٿيندا آهن. هو اجائي ترشي پئدا نه ڪندو. ڀائيبند ۾ ڪجهه تضادي ڳالهيون (Paradox) به آهن. هو هڪ ئي وقت ڪنجوس به آهي ته فراخ دل به، ڪومل به آهي ته ڪٺور به، مطلبي به آهي ته پروپڪاري به، وهنوار ۾ سڌو به آهي ته ڏنگو به، بزدل به آهي ته بهادر به!
    شڪارپور جو هي ليکڪ سوداگر سيٺ لوڪرام جيڪو هندستان جي ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد جي انڊس گلاس فئڪٽري جو مالڪ هو ۽ هاڻ سندس پٽ پوٽا ممبئي، پوني، سنگاپور، اسپين ۽ آمريڪا ۾ ڪاغذ جو ڪاروبار ڪن ٿا، پنهنجي ڪميونٽي، يعني شڪار پوري ڀائيبندي لاءِ ٻڌايو ته سچو ڀائيبند (بزنيس مئن) ڪڏهن به ڪنهن سان ارهو ۽ ارڏو نه هلندو. ”اسان شڪارپوري جي ڀائيبندن تي ماڻهو چٿرون ڪندا آهن ته سکڻي ستڪار ڪن ٿا يعني مهمانن جي ڪوڙي ميزباني ڪن ٿا. جڏهن مهمان وڃڻ لڳندو ته چوندس: ”ڀلا جي چانهه يا شربت نه ته پاڻيءَ گلاس ئي پي وڃ!“ ۽ پوءِ هڪل ڪري رڙ ڪندا ڄڻ لمليٽ ٿا پيارين! ”اري ڇوڪڙا! وڏو گلاس صاف ڪري، سيٺ لاءِ ٿڌو پاڻي ته ڀري اچ!“ مطلب ته سچو شڪارپوري ڀائيبند، انگريزيءَ جي ان پهاڪي تي عمل ڪندو ته: "I love you well, but touch not my pocket" ان موجب جي خاطري هوندس ته اڳلو ضروري ڪم سبب نه ترسندو ته بي فڪر ٿي درياهه دلي ڏيکاريندو.
    جيئن سنڌ جو سمورو واپار ۽ دولت ڀائيبندن جي هٿ هئي، تيئن سرڪاري انتظام عاملن وهيڻو هو. انگريزي تعليم جو وڏو فائدو حيدرآباد ۽ ٻين شهر جي عاملن ورتو. سرڪاري تعليم اهڙي نموني جي هئي جنهن مان شاگرد انگريزن جا وفادار ۽ جان نثار نوڪر بڻجي، سندن حڪومت جو انتظام هلائي سگهن. عاملن سندن اها آس پوري ڪئي ۽ انگريزن کين هيڊ منشي، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مختيارڪار به بڻايو. ان وقت ڏيهي ماڻهن لاءِ اهي وڏي ۾ وڏا عهدا هئا. پوءِ انگريزن عاملن کي ولايت به موڪليو جتي هو وڏا امتحان پاس ڪري ڪليڪٽر، سيشن جج، وڏا ڊاڪٽر ۽ چيف انجينئر به ٿيڻ لڳا.
    ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڍلون اوڳاڙن، ليکي چوکي ۽ خزاني جي سنڀال ۽ ٻيا اهڙا ڪم، عاملن جي هٿ وس هوندا هئا. پير علي محمد راشدي مطابق (اهي ڏينهن اهي شينهن جلد ٽيون، صفحو 173) هن پنهنجي سموري نوڪريءَ ۾ انتظامي امور ۾ عاملن جهڙا هوشيار، چست ۽ اعليٰ صلاحيتون رکندڙ اهلڪار نه ڏٺا.
    لاس پاماس ٻيٽ تي ڪيترائي شڪارپوري سنڌي دڪاندار هئا. نمونيا ڪري مونکي اتي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ جهاز هليو ويو هو. جهاز جي ماڻهن (Seamens) جي ان اسپتال ۾ انڊيا جي ڪنهن جهاز جو گجراتي آفيسر به هو. هڪ ڏينهن هن مونکان پڇيو ته سنڌ جا هي سوداگر ايڏو ڪامياب واپاري ڇو آهن؟ ان جي جواب جو ڪجهه حصو ”منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“ ڪتاب ۾ شڪارپور جي ڏوڏيجا به لکيو آهي، چي:
    ”سچو شڪارپوري هٿ وٺي ڪنهن سان جهيڙو نه ڪندو. اڳلو جي جهَڪو نه ٿيندو ته پاڻ کسڪي ويندو. چوندو ”ٺڙڪجي، ٺڪاءُ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي!“ درحقيقت ڏسجي ته حڪومت برابر مسلمانن جي هئي پر ان کان اهم مالي طاقت ۽ حڪومت جي انتظام ۾ عمل دخل هندن جو وڌيڪ هو. ٻنهي جو هڪ ٻئي تي دارومدار هو. اهو ته سوچيو ته پٺاڻ، ترڪ، ايراني ۽ بلوچ جهڙن درند ۽ خونخوار قومن ۾ اڪيلي سر اوچي ڳاٽ رهڻ ۽ کين ڏُهي اچڻ، وڏي جرئت ۽ عقلمند شيردل انسانن جو ڪم آهي.
    سر پوسٽنس شڪارپور جي واپارين لاءِ لکيو آهي ته:
    These Shikarpuris in the pursuit of their calling, leave Sindh for many years quiting their families to locate themselves amongst the most savage and intolerant tribes, yet so essentially necessary are they to the wild Turkman, rude Afghans or blood thirsty Baluchis.
    هڪ ٻئي انگريز رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب "Scinde: The Unhappy Valley" ۾ لکي ٿو:
    The Shikarpuri Hindu devoted his energies to banking transactions and scended in operations over the greater part of Asia, from China to Turkey, from Astracan to Hyderabad Deccan, there was scarcely a town without a Shikarpuri or the agent of a Shikarpuri in it…
    مطلب ته شڪارپورين جو بئنڪنگ بزنيس سڄيءَ ايشيا ۾ پکڙيل هو، چين کان ترڪيءَ تائين، استنبول کان حيدرآباد دکڻ تائين اهو ڪو شهر ڪونهي جتي ڪو شڪارپوري يا ان جو ڪو گماشتو نه هجي.
    جن ڏينهن ۾ رستي جي سلامتي نه هئي انهن ڏينهن ۾ وڏا وڏا سوداگر ۽ سردار شڪارپوري بينڪرس کان هنڊيون (Drafts) وٺي ويندا هئا ته ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ کين بنا ڪنهن هير حجت جي ناڻو ملندو هو. بادشاهه جو سڪو ته رڳو سندس ملڪ ۾ هلندو هو پر شڪارپورين جو هنڊيون ديس پرديس هلنديون هيون.
    ڪلارڊو مارڪووٽس ”سنڌي واپاريءَ“ بابت پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته هندو واپاري نائين صديءَ ڌاري خليج جي ايراني سراف بندرگاهه تي موجود هئا. هو عمان، سوڪوٽرا ۽ عدن جي سامونڊي بندرگاهن ڏي تيزيءَ سان گردش ڪندا رهندا هئا. چوڏهين صديءَ ۾ سنڌي هندو واپاري ڏکڻ چيني سمنڊ ڏانهن باقاعدگيءَ سان هاڪاريندا رهندا هئا. هندستان جي سڀ کان آڳاٽي تجارتي وسندي شايد مسقط ۾ آهي ۽ دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي واپاري ٺٽي جا ڀاٽيا هئا.
    ڪلارڊو ماڪووٽس (Claude Markovits) لکي ٿو ته سنڌ جي هندو سماج جي هڪ خاصيت هيءَ هئي، ته اتي ذات پات جون ٻيون سختيون ۽ مت ڀيد نه هوندو هو. انهيءَ جو سبب هي هو ته سنڌي هندو سماج ۾ لوهاڻي قبيلي جو تسلط هوندو هو ۽ هي سمجهيو ويندو هو، ته پوري هندو سماج جو ناتو ان هڪ قبيلي سان آهي. هندن جون ٻيون ذاتيون، جن کي ڀاٽيا ۽ کتري چئبو آهي، سي لوهاڻن جي گهڻو ويجهو هيون ۽ اهي پاڻ ۾ شادي وهانءُ ڪندا هئا. رڳو برهمڻن جو اڪيلو طبقو لوهاڻا ذات کان ڌار هوندو هو جن جون ٻه ذاتيون هيون: سرسوت ۽ پشڪرڻ. پر برهمڻن جو انگ ايڏو گهٽ هو، جو سندن نمائندگي پوري ريت نه ٿيندي هئي، تنهن ڪري لوهاڻن جي مقابلي ۾ اهي هندو سماج ۾ اوچو مقام نه ماڻي سگهيا. هاڻي، هي چئي سگهجي ٿو، ته سنڌ ۾ برهمڻ برتر ذات جي ڀيٽ ۾ رڳو مذهبي پوڄا پاٺ ڪندڙ هئا.
    لوهاڻا ذات منجهه درجه بندي هئي پر اهو ويڇو ڏاڍو گهٽ هو. اوچي درجي جا ماڻهو پاڻ کي عامل ۽ هيٺيئن درجي جا ڀائيبند سڏائيندا هئا. فرق اهو هو ته عامل ڀائيبندن ۾ شادي ڪندا هئا پر کين پنهنجيون ڇوڪريون نه ڏيندا هئا. اهڙي ريت سماج جا اهي ٻه طبقا هڪ ٻئي سان ڳنڍيل پڻ هئا. عاملن ۾ وري خدا آبادي عامل (هي ڪلهوڙن جي آڳاٽي راڄڌاني سان واسطو رکندڙ هئا) جيڪي سماج جي سڀ کان اوچي پرت مان سمجهيا ويا ٿي، ۽ غير خدا آبادي عامل، جن جو درجو سندن مقابلي ۾ گهٽ هو، سي پاڻ ۾ شادي ونواهه کان پاسو ڪندا هئا. آدمشماري جي لحاظ کان عاملن کان ڀائيبندن جو تعداد وڌيڪ هو. سماج ۾ ڀائيبند جو رتبو ڪنهن ذات پات سان نه، بلڪه سندن ڌنڌن ۽ دولت سان متعين ٿيندو هو. اناج ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي رسائيءَ جو واپار ڪرڻ وارو ”ڪوٺيءَ“ جو مالڪ سڏبو هو. هن جو رتبو ٻين واپارين کان جهڙوڪ ڳوٺ جي دڪاندار جيڪو ”هٽ واڻيو“ سڏبو هو، مٿاهون هو. شڪارپور جي سونارن ۽ حيدرآباد جي سنڌورڪي واپارين جون ڌريون به سماج ۾ احترام سان ڏٺيون ويون ٿي.
    جڏهن سر چارلس نيپيئر 1843ع ۾ ٽالپر حڪمرانن کي مياڻيءَ جي جنگ ۾ شڪست ڏني ۽ سنڌ کي برطانوي راڄ سان ڳنڍي ڇڏيو، تڏهن ڪلهوڙن طرفان ٻڌايل شهر حيدرآباد ۾، سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ٽالپرن جي مکيه آڪهه جي سٺ سالن تائين درٻار رهي هئي. هن شهر جي تنهن دور ۾ ويهه هزار آدمشماري هئي. شهر جي اڪثر عام آبادي هندن تي مشتمل هئي. حيدرآباد، سنڌ جي گاديءَ جو سياسي هنڌ هئڻ ڪري صوبي جي انتظامي ڪاروهنوار هلائيندڙ عاملن جي وڏي گهڻائي هتي رهي ٿي، ان کان علاوه ڀائيڀند به رهيا ٿي. سر چارلس نيپيئر سنڌ جي راڄڌاني جو هنڌ حيدرآباد مان ڦيرائي ڪراچي ان ڪري ڪيو جو ڪراچيءَ جي آب هوا بهتر هئي ۽ حيدرآباد جي ڀيٽ ۾ بمبئي (ممبئي) کي ويجهو هو. اهڙي ريت، سنڌ تي منفي اثر پيا ۽ هو پنهنجي واپار لاءِ نوان گس ڳولهڻ تي مجبور ٿيا. انهي دوران 1847 ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو ڪوٺڻ کان پوءِ حيدرآباد جي واپارين بمبئي سان واپار لاڳاپا وڌايا. ٿورو گهڻو واپار ته اڳهين هو هاڻ گهڻي پئماني ٿيڻ لڳو. 1860 ڌاري حيدرآباد جي ڪجهه واپارين محرڪ طور ڪوشش ڪندي هندستان کان ٻاهر شيون وڪڻڻ واري ڪم کي ڦهلايو. هنن جو پهريون ماڳ مصر ڏيهه هو. 1860 ۽ 1914ع جي وچ ڌاري، حيدرآباد جي سنڌ ورڪي واپارين هوريان هوريان دنيا جي وڏي حصي تائين پنهنجي واپاري وهنوار کي ڦهلايو. هنن پهرين سنڌ جي ٺهيل شين جي وڪري کي عالمي واپار جو درجو ڏنو، پر ڏور اوڀر وارن ملڪن، چين ۽ جپان مان شيون خريد ڪري آفريڪا ۽ عرب ملڪن ڏي موڪلڻ شروع ڪيون. ٻاڦ واري انجڻ ٺهڻ ۽ سئيز ڪئنال کلڻ ڪري هنن جو سفر سهوليت وارو ٿي ويو. بهرحال دنيا جي مختلف ملڪن خاص ڪري جبرالٽر، مالٽا، ممباسا، ملائيشيا، سنگاپور، لاگوس، لاس پاماس، هئمبرگ، بيروت، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ڏورانهن شهرن، بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي حيدرآباد ۽ شڪارپور جي هنن سنڌي هندو سنڌورڪين جي ڪمپنين کولڻ جا سن، اتي جي آڳاٽين بلڊنگ تي اڪريل پڙهي حيرت ٿيندي آهي ته هي اڄ کان هڪ يا ڏيڍ صدي اڳ هتي آيا ۽ ڌارين ملڪن ۾ جتي ڌاريون زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون، هنن اچي پئسو لڳايو ۽ واپار ڄمايو. سنڌي واپارين جي سوين ڪمپنين مان ڪجهه نالا انهن جي کلڻ جي سال سان گڏ ڏئي رهيو آهيان. هي اهي فرم آهن جن جون ڪيترن ئي ملڪن ۾ برانچون آهن. جهڙوڪ:
    پوهومل برادرز 1858
    جي. ٽي. چئنراء 1860
    ڏيئلداس ائنڊ ڪمپني 1870
    چوئٿرام ائنڊ ڪمپني 1880
    جهمٽمل گرڀمل 1883


    حصو يارهون

    ڪي سيتل – هڪ عجيب سيٺ

    پهريون دفعو آئون جنهن بحري جهاز ۾ هانگ ڪانگ اچي رهيو هوس ان جو هانگ ڪانگ ۾ فقط هڪ ڏينهن ترسڻ جو پروگرام هو. هانگ ڪانگ ٽئڪس فري پورٽ هجڻ ڪري اسانکي پئسفڪ سمنڊ ڪراس ڪري لاس اينجلس پهچڻ لاءِ جهاز لاءِ ٽن هفتن کن جوِ ٻارڻ جو تيل ۽ جهاز جي عملي لاءِ راشن پاڻي وٺڻو هو. ڪراچيءَ مان نڪتي مهينو کن ٿيو هو. رستي تي ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۾ هفتو ڏيڍ ترسي آمريڪا لاءِ ست اٺ هزار ٽن مڇي کنئي هئيسين. اسان جو جهاز نه رڳو ڪارگو جهاز هو پر ريفريجيٽيڊ ڪارگو جهاز هو جنهن تي اسان جنرل ڪارگو کان علاوه مڇي، گانگٽ ۽ ڪٺل ٻڪرا کڻي سگهياسين ٿي جو جهاز جي هئچن (سامان رکڻ جي گدامن) جو ٽيمپريچر ڪاٽو ٽيهه رکي سگهياسين ٿي. ياد رهي ته هي ٿڌ جو پد گهرن واري ڊيپ فريزر کان به وڌيڪ ٿڌو آهي جيڪو ڪاٽو ڏهه تائين مس ٿئي ٿو.
    هانگ ڪانگ وڃڻ جو ٻڌي خوشي ٿي. اسان کي پنهنجي لاءِ به خريداري ڪرڻي هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ سنگاپور، ڪولمبو، عدن سڀني کان هانگ ڪانگ پورٽ ۾ سستائي هئي. هر هڪ کي مهيني جو پگهار به مليو هو. جيتوڻيڪ آئون جونيئر پوسٽ تي هوس، پگهار گهٽ هو ته به انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ۾ بيحد سستائي هئي ۽ اسان جي رپئي ۾ طاقت هئي. جيئن ئي جهاز هانگ ڪانگ جي بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرايو ۽ اسان کي (موڪل) Shore Leave ملي ته مون به ٻين وانگر اچي شاپنگ ڪئي. قميصون، جئڪيٽ، واچون، ٽرانسٽر ريڊيو، ڪتاب... پئسا کٽن ئي نه. اڃان ڪمپيوٽر ته ڇا VCR به ايجاد نه ٿيو هو جو انهن مان هڪڙي ئي شي وٺي پئسو خرچ ڪجي. جهاز تي مفت جي ماني هجڻ جي باوجود هانگ ڪانگ جي هوٽل ۾ کاڌم... مڙيئي مهيني جي مليل پگهار مان ڪي چند ڊالر بچائي جهاز تي پهتس جو جهاز شام ڌاري لنگر کڻي رهيو هو. جهاز تي پهچڻ سان خريداريءَ جو سامان ڪنڊ ۾ ڦٽو ڪري آئون ڊگهو ٿي سمهي رهيس جو ڏينهن جو موڪل ڪرڻ ڪري رات جو جهاز هلائڻ لاءِ مون کي به جاڳڻو هو.
    شام جو ستين بجي اک کلي ۽ دريءَ مان ٻاهر ڏٺم ته اهوئي بندرگاهه وارو ماحول هو. ننگر ۽ ناڙيون انهن ئي حالتن ۾ هيون... جهاز جي رواني ٿيڻ واري نه خاموشي هئي ۽ نه وايومنڊل ۾ ڊپريشن جو عالم جيڪو اڪثر بندرگاهه ڇڏڻ وقت هوندو آهي. جهاز جي ڊائننگ سئلون ۾ ڊنر لاءِ آيس ته خبر پيئي ته جهاز جي Sailing ڪئنسل ٿي وئي آهي.
    ”تنهنجي معنيٰ صبح ساجهر هلڻو آهي، توهانجي واچ (ڊيوٽي) ۾.“ مون پنهنجي اميڊيٽ باس سيڪنڊ انجنيئر کي چيو.
    ”ڳالهه اها آهي ته انڌو گهري هڪ اک،“ سيڪنڊ انجنيئر خوش ٿيندي مونکي ٻڌايو، ”هتي ٻئي پيون ملن. توهان هميشه چوندا آهيو ته هانگ جو هڪ ڏينهن به سڄي سفر جو ٿڪ ڀڃيو ڇڏي. هاڻ يڪو هفتو هانگ ڪانگ ۾ رهي آرام سان شاپنگ ڪريو ۽ گهمو ڦرو.“
    مون کي خاموش ڏسي هن مونکي ان جو سبب ٻڌايو ته ڪارگو جي ٽرانشپمينٽ ٿي رهي آهي يعني اسان وارو ڪارگو ٻيو ڪو جهاز کڻي ويندو جنهن جي لاهڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هفتو کن لڳندو. اسان جي جهاز لاءِ هيڊ آفيس کان حڪم آيو آهي ته سڌا جپان هليا وڃو جو جهاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ لاءِ وارو ملي رهيو آهي.
    دراصل جهاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ، يعني جهاز کي خشڪ گودي ۾ بيهاري ان جي ٻاهرين صفائي ۽ مرمت due هئي پر گهڻي رش ڪري اسان کي وارو ملڻ جي پڪ نه پئي ٿي. هاڻ جيئن ئي جپان طرفان پڪ ٿي ته اسان کي پهريون پروگرام ڪئنسل ڪرڻو پيو. هانگ ڪانگ جهڙي بندرگاهه ۾ رهڻ جي خوشي ڪهڙي جهازيءَ (Seafarer) کي نه ٿيندي جتي ٻارهوئي ميلو ملاکڙو لڳو پيو آهي. پر اهڙن ميلن ۾ خالي کيسا کڻي گهمڻ واري لاءِ ڪهڙي خوشي ڪهڙو مزو. جيڪي ڪجهه هو اهو اڌ ڏينهن ۾ خرچ ڪري آيس ۽ هاڻ وڌيڪ ڇهه ست ڏينهن گذارڻ لاءِ ايترو پئسو مس هو جو فقط بس جو ڀاڙو ٿي سگهي. ۽ ههڙي بندرگاهه ۾ ڪو ٻاهر نڪرڻ بدران جهاز جي لوهي ڪمري ۾ پاڻ کي قيد رکي، ڪيڏي ٽرئجدي چئبي. مون پنهنجي ذهن کي ان ڳالهه لاءِ تيار رکيو ٿي پر پوءِ سوچيم ته جهاز تي نه رهبو. پيرين پنڌ به هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جا چڪر هڻبا پر جهاز کان پري رهبو. هونءَ به اسان جونئرن لاءِ ان ۾ ئي عافيت آهي ته بندرگاهه ۾ ڊيوٽي ختم ٿيڻ بعد ڪناري تي هليو وڃجي. نه ته ڪم جي گهڻائيءَ ڪري هر هڪ سينئر انجنيئر اچي چوندو يار Shore Leave (ڪناري تي) نٿو وڃين ته فلائي مشينري جي اوورهالنگ ته ڪري وٺ، فلاڻو پمپ ته ٺاهي وٺ، بئالر کي ته چيڪ ڪري وٺ... وغيره. ان کان هانگ ڪانگ جهڙي خوبصورت بندرگاهه ۾ ڪنهن پارڪ جي بينچ تي وڃي ليٽي پوڻ بهتر آهي.
    بهرحال هو ڇا چوندا آهن ته اهڙين ڏکين حالتن ۾ به لڪيل رحمت Blessing in Disguise به پئدا ٿئي ٿي. هونءَ جو بندرگاهه ۾ اسين جهازن وارا رڳو دڪانن ۽ شاپنگ سينٽرن ۾ پئسو ۽ وقت وڃائڻ ئي سڀ ڪجهه سمجهون ٿا سو هاڻ آئون نيرن ڪري، ٻه کن سئنڊوچون پئڪ ڪرائي جهاز ڇڏڻ لڳس. پيئڻ لاءِ جپان وانگر هانگ ڪانگ جي هر نلڪي جو پاڻي هائيجنڪ سمجهيو وڃي ٿو. بسين ۾ سفر ڪرڻ جيترا پئسا بچيل هئا پر جتي پڄي سگهيس ٿي اتي اسان جي ڪلاس ميٽ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جي چواڻي پنهنجي بس نمبر يارهن استعمال ڪيم ٿي – يعني پنهنجي ٻن ٽنگن کان ڪم ورتم ٿي. ڪئپٽن مخدوم به ان جهاز تي مونسان گڏ هو ۽ مون وانگر هڪ جونيئر پوسٽ (ٿرڊ آفيسر) تي هو. ٻن ڏينهن بعد ان جا ۽ پوءِ ٻين ٻن ٽن جونئرن جا پئسا ختم ٿيا ته اهي به مون واري گروپ ۾ شامل ٿي ويا.
    مون کي هن غربت ۾ اهو فائدو رسيو جو پهريون دفعو هن بندرگاهه جا قدرتي نظارا پسڻ لڳس، رستا ۽ گهٽيون گهمڻ لڳس، لائبرريون ۽ ميوزيم جاچڻ لڳس ۽ جتي موقعو لڳو ٿي ته مڪاني ماڻهن ۽ ڌارين ٽوئرسٽن سان خبر چار ڪرڻ لڳس. ڪيترائي سنڌي به مليا ۽ انهن کان پڙهڻ لاءِ سنڌي رسالا ۽ ڪتاب حاصل ٿيا ۽ انهن جي ٻڌائڻ تي ته هانگ ڪانگ ۾ ڪي سيتل نالي هڪ سنڌي بزنيس مئن آهي جيڪو “Indian” نالي رسالو ڪڍي ٿو جنهن ۾ هو هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ سنڌين بابت خبرون ڏئي ٿو. ونڌام اسٽريٽ جنهن تي سيتل (سڄو نالو سيتل داس ڪيول رام موٽواڻي) رهيو ٿي بندرگاهه کان پري نه هئي. پهرين ڏينهن ئي شام ڌاري هن سان ملڻ هليو ويس. اهو ته مون به سمجهيو ٿي ته هو هڪ هانگ ڪانگ جو سيٺ ۽ مشغول ماڻهو ۽ آئون هڪ ٽوئرسٽ ڇوڪرو جنهن جا اڃان هاڻ سنڌي اخبار ۾ ڪالم ڇپڻ شروع ٿيا هئا ۽ ٽي کن ڪتاب مس ڇپيا هئا، ان جي ڪهڙي حيثيت. پر سيتل سان ملي مونکي خوشي ۽ حيرت ٿي ته هي هڪ عجيب سيٺ آهي جنهن جو سڄي دنيا ۾ هيڏو وڏو ڪاروبار ڦهليل هجڻ جي باوجود هن کي ادب ۽ ثقافت سان شوق آهي ۽ پنهنجي رسالي جو ايڊيٽر هجڻ کان علاوه هو اڄ ڏينهن تائين ايڪانامڪس ۽ فائننس تي مضمون لکي ٿو جيڪي واپاري قسم جي ماڻهن لاءِ وڏي گائيڊ سمجهيا وڃن ٿا. هن جي ڇپايل انٽرنيشنل بزنيس ڊائريڪٽرين کي دنيا ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ان کان علاوه هن کي سنڌي فنڪارن اديبن ۽ شاعرن کي هانگ ڪانگ ۾ گهرائي محفل مچائڻ جو شوق آهي. هن کي جڏهن خبر پيئي ته آئون حيدرآباد سنڌ کان آيو آهيان ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق اٿم ته هو به ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي پنهنجي رسالي جي ڪاپين کان علاوه ٻيا به ڪجهه رسالا ڏنا ۽ مونکي سچي دل سان ماني جي دعوت ڏني. منهنجو مطلب آهي ته بقول لوڪرام ڏوڏيجا جي شڪارپوري ڀائيبند واري دعوت نه ڪئي ته ماني به تيار آهي پر آخري بس به ڇٽڻ واري آهي... بهرحال مانيءَ لاءِ منهنجي هٿ ۾ جهليل لفافي ۾ ٻه سئنڊوچون مون لاءِ ڪافي هيون. جهاز تي بوريت ختم ڪرڻ لاءِ هن جا ڏنل ڪتاب ۽ رسالا مون لاءِ اهم ڳالهه هئي.
    ”پيننشولا هوٽل ۾ سڀاڻي سنڌي ڳائڻن جي محفل ٿي رهي آهي،“ سيتل چيو، ”تون پنجين بجي هتي اچين ته توکي به وٺي هلان.“
    سيتل سان نه فقط اها محفل پر پوءِ به جڏهن هانگ ڪانگ آيس ٿي ته سنڌين ۽ ٻين ايشيائي ماڻهن جي جلسن ۽ محفلن ۾ وڃڻ ٿيو. هانگ ڪانگ جي ڪيترين ئي ڳالهين کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو. سيتل سان اڄ به عليڪ سليڪ جاري آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهوئي سوچيندو آهيان ته چڱو جو چاليهه سال اڳ هانگ ڪانگ ۾ خالي کيسن سان هوس، جهاز جو وڏو آفيسر هجڻ بدران جونئر هوس ۽ جنهن جي طفيل منهنجي سيتل جهڙي مهربان سان ملاقات ٿي وئي. گذريل چاليهه سالن ۾ منهنجو خبر ناهي ڪيترن ملڪن ۾ وڃڻ يا رهڻ ٿيو آهي پر هانگ ڪانگ جو ڪي سيتل اها شخصيت آهي جنهن جي دنيا ۾ رهندڙ نه رڳو سنڌي پر گجراتي ۽ مرهٺا واپاري به تعريف ڪن ٿا. هو هر هڪ جو ڀلو چاهڻ وارو آهي هر هڪ جي مدد ڪرڻ وارو آهي. هيڏو وڏو ۽ امير ماڻهو هجڻ جي باوجود هو نئڙت ۽ نهٺائي جو مجسمو لڳي ٿو. دنيا جي ڪيترن ملڪن جا هيڊ هن جا ذاتي دوست آهن. راڻي ايلزبيٿ طرفان کيس ”جسٽس آف پيس“ جو خطاب عطا ٿيل آهي. هانگ ڪانگ جي بزنيس ۽ ايڪانامي کي وڌائڻ ۽ ٻين خدمتن ڪري کيس BBS (برونز باهونيا اسٽار) ايوارڊ مليل آهي، انڊيا طرفان ڀارت وانشي سماج ڀوشن پراسڪا ايوارڊ مليل اهي، پاڻ انڊين چئمبر آف ڪامرس، هانگ ڪانگ جو مستقل صدر آهي، سڄي هانگ ڪانگ ۽ چين ۾ رهندڙ سنڌين جو سرپرست آهي ۽ ان کان علاوه سندس ٻيا به ڪيترائي عهدا آهن ۽ هن کي ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ مليل آهن. اڄ سندس پٽن ۽ پوٽن جو سڄي دنيا ۾ بزنيس ڦهليل آهي ته به هو هڪ عام ماڻهوءٌ وانگر نظر اچي ٿو. هن کي هر وقت انسانيت جو خيال رهي ٿو. ٻين جي غمن ۽ خوشين کي پنهنجو سمجهي ٿو... اهو ئي سبب آهي جو ڪي سيتل نه فقط هانگ ڪانگ جي سنڌين ۽ ايشين جي پر چينين جي دلين تي به راڄ ڪري ٿو.
    سيتل جو واسطو حيدرآباد جي ڀائيبندن سان آهي. سندس پيءُ ڪيول رام هوتچند موٽواڻي سنڌورڪي هو هن پاڪستان ٿيڻ کان اڳ برما ۾ دڪان هلايو ٿي. سندس ڏاڏي هوتچند ڇاٽومل جو حيدرآباد جي شاهي بازار ۾ واچن جي مرمت جودڪان هو. سيتل ٻڌايو ته سندس پڙڏاڏو ڇاٽومل موتومل موٽواڻي هالا پراڻا جو هو. جتان سندس ڏاڏو حيدرآباد لڏي آيو.
    ”حيدرآباد لڏي اچڻ کان اڳ هو سال ٻه ڪوٽڙي ۾ پڻ رهيو. منهنجو جنم 10 آڪٽوبر 1932 تي حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي ”ويسٽ ڪچا“ ۾ ٿيو.“ سيتل ٻڌايو، ”جتان پوءِ اسان کاٽوبندن جي گهٽيءَ ۾اچي رهياسين جيڪا هاڻ ريشم گلي ٿي سڏجي.“
    سيتل ٻڌايو ته 1940 ۾ جڏهن هو 8 سالن جو هو ته والدين سان گڏ ڪراچيءَ لڏي آيا. ”ڪراچي لڏي اچڻ وقت اسان حيدرآباد ۾ پراڻي ماڇي هٽ ۾ رهياسين ٿي جيڪو اوڌو سانچي واري جي دڪان ڀرسان هو. ڪراچيءَ ۾ جمشيد ڪوارٽر جي پويان، سولجر بازار جي ”ڪرم جي اسٽريٽ“ ۾ رهندا هئاسين.“
    هندستان جي ورهاڱي ٿيڻ وقت، يعني 1947 ۾ سيتل پنهنجي فئملي سان گڏ S.S.EKMA نالي هڪ 2000 ٽن جي جهاز ذريعي بمبئي پهتو.
    ”ڪراچي ڇڏڻ وقت منهنجي عمر 15 سال هئي ۽ آئون ڪراچي جي W.B هاءِ اسڪول ۾ پڙهيس پئي. بمبئي پهچي اتي مون تعليم مڪمل ڪئي.“
    ”پوءِ هانگ ڪانگ ڪڏهن اچڻ ٿيو؟“ مون پڇيو.
    ”منهنجو وڏو ڀاءُ ڀگوانداس 1948 کان هانگ ڪانگ ۾ رهيو ٿي. هن مونکي هيڏانهن اچڻ لاءِ چيو ۽ 1952 ۾ بحري جهاز ذريعي هانگ ڪانگ هليو آيس. ان وقت منهنجي عمر پورا 20 سال هئي.“
    سيتل ٻڌايو ته هن هانگ ڪانگ ۾ پهرين درزيءَ جو دڪان کوليو. ”جپان ۽ آمريڪا کان بهترين ڪپڙو ايندو هو ۽ اسانجا گهڻو ڪري آمريڪن فوجي گراهڪ هوندا هئا.“ پوءِ آهستي آهستي هن امپورٽ ايڪسپورٽ، ٽريڊنگ، زمينن جي خريد و فروخت ۽ ٻيا بزنيس شروع ڪيا. اڄ هو دنيا جي مشهور ڪمپني ”اسٽائيل ايشيا گروپ“ جو مالڪ ۽ چيئرمئن آهي. کيس ٽي پٽ: راج (48 سالن جو)، وِجو (46) ۽ اجي (40) سالن جو آهي.


    حصو ٻارهون:

    هانگ ڪانگ جو امير ترين ماڻهو – هَري ليلا

    هانگ ڪانگ بابت لکي چڪو آهيان ته اتي زمين جي کوٽ هجڻ ڪري ان جو اگهه دنيا جي مهانگي ترين شهرن مئن هٽن (نيويارڪ)، گترا ۽ شنجوڪو (ٽوڪيو) وغيره جي زمينن سان مقابلو ڪري ٿو. هانگ ڪانگ ۾ جتي ڪنهن کي هڪ ڪمري جو فلئٽ آهي ته اهو به امير ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو، اتي هري ليلا نالي حيدرآباد سنڌ جو هڪ 88 سالن جو اهڙو بزنيس مئن به رهي ٿو جنهن کي هانگ ڪانگ جي مهانگي ترين علائقي ناٿن روڊ تي، (۽ روڊ جي به ان مهانگي ۽ ماڊرن حصي تي جنهن کي انگريزن جي ڏينهن کان ”گولڊن مائيل“ سڏيو وڃي ٿو) هڪ لک چورس فٽن جي ايراضيءَ تي ستر ڪمرن جو گهر آهي جنهن ۾ ڪارون بيهارڻ لاءِ ستر گئراجون آهن، هڪ سئمنگ پول آهي، 75 ماڻهن جي ويهڻ لاءِ سئنيما هال آهي. منجهس فئملي جا سڀ ڀاتي هڪ ڇت هيٺ رهن ٿا. هري ليلا ٻڌايو ته هن جي ماءُ پنهنجن پٽن کي چيو ته جڏهن توهان مسڪيني جي حالت ۾ به هڪ ڇت هيٺ رهيا پيا هئائو ته هينئر خوشحاليءَ ۾ ڇو نه؟ هري ليلا کي پنج ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آهن جن جو اولاد ۽ انهن جو اولاد ملائي ڪل 110 ڀاتي ٿين ٿا. پر گهر ۾ هڪ ئي وقت توهان کي اڌ کان به گهٽ ماڻهو نظر ايندا جو هو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ بزنيس هجڻ ڪري يا تعليم، گهمڻ ۽ ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ خاطر ملڪ کان ٻاهر ئي رهن ٿا. سندن هن محل نما گهر Harilela Mansion ۾ هفتي ۾ ٻه دفعا شاهاڻي قسم جي ڊنر ٿئي ٿي جنهن ۾ مختلف ملڪن جا سياستدان، عورتون، فلم ۽ ٽي وي آرٽسٽ، ليکڪ، جرنلسٽ اهم رانديگر، ڊپلوميٽ ۽ دوست گهرايا وڃن ٿا. 1980 ۾ جڏهن آئون چيف انجنيئر جي حيثيت سان جپان مان نئون جهاز ٺهرائي هانگ ڪانگ وٺي آيوهوس ته اسانجي هانگ ڪانگ هيڊ آفيس جي CEO ڪئپٽن رفعت ظهير هانگ ڪانگ جي اهم ماڻهن کي اسان جي جهاز تي ڊنر لاءِ گهرايو هو جنهن ۾ هري ليلا پنهنجي 9 سالن جي پٽ آرون (Aron) کي به وٺي آيو هو. ان ئي هفتي سندن گهر جي هفتيوار اهم ڊنر ۾ مونکي به سڏايو ويو هو. هونءَ ته اسانجي ملڪ جي حساب سان به، پر هانگ ڪانگ جي حساب سان ته هي گهر هيڪاندو وڏو چئي سگهجي ٿو جنهن جي اندازو ۽ حيرت جو اظهار اهي ئي ڪري سگهن ٿا جن کي هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، مئن هٽن، سنگاپور، اوساڪا جهڙن شهرن ۾ رهڻ جو موقعو مليو هوندو جتي زمين جي سخت کوٽ آهي ۽ ماڻهو Vertical بلڊنگس ۾ ڪو فلئٽ حاصل ڪرڻ کي به وڏي غنيمت سمجهن ٿا.
    هري ليلا جي هن گهر ۾ رهندڙ ڀاتين جي سهوليت لاءِ هڪ ٽيلرشاپ آهي جتي وڏي پگهار تي ويٺل درزيءَ جو فقط اهو ڪم آهي ته هو ٻارن ۽ وڏن جا ضرورت موجب ڪپڙا آلٽر ڪري ۽ ساڙهين کي بارڊر وغيره هڻي سيٽ ڪري، اهڙي طرح هڪ عورت باربر آهي جنهن جو ڪم هيئرڪٽ ڪرڻ ۽ دعوتن ۾ وڃڻ لاءِ وار سيٽ ڪرڻ آهي. ان کان علاوه ست ڊرائيور هر وقت ڊيوٽي تي رهن ٿا جيئن رات جو وقت ڪنهن کي ايئرپورٽ وغيره تي وڃڻو پوي يا ٻاهران اچڻو پوي ته گاڏي تيار هجي. گهر ۾ هڪ مندر پڻ آهي جنهن ۾ گهر جا ڀاتي گڏجي عبادت ڪن ٿا. ان کان علاوه هن گهر ۾ رهواسين جي سهوليت لاءِ ڌوٻي ۽ لانڍري شاپ آهي، Fur Storage، بار، جمنازيم ۽ مساج پارلر آهي جنهن ۾ هر وقت مالش ڪرڻ واري ڇوڪري رهي ٿي. چينين، جپانين ۽ ملئي ماڻهن جو اهوئي اعتقاد آهي ته جسماني توڙي ذهني ٿَڪَ جي خاتمي لاءِ جسم جي مساج ضروري آهي. هري ليلا جو هي گهر ڪولون جي فيري اسٽيشن کي بلڪل ويجهو آهي. شروع جي مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪولون جي اسٽار فيري اسٽيشن مان نڪرڻ سان سالسبري روڊ شروع ٿئي ٿو جنهن جي ساڄي پاسي پراڻي ڪولون ريلوي اسٽيشن وارو يادگار ڪلاڪ ٽاور (گهنٽا گهر) آهي ۽ کاٻي پاسي پهرين YMCA بلڊنگ اچي ٿي، ان بعد هتي جي آڳاٽي هوٽل پيننشولا جي عمارت آهي (جنهن ۾ ٻي جنگ عظيم دوران جپانين پنهنجيون سرڪاري آفيسون ٺاهيون هيون ۽ انگريزن هار مڃڻ جو معاهدو ڪيو هو). Peninsula هوٽل بعد کاٻي پاسي ويندڙ رستو ناٿن روڊ آهي جيڪو هانگ ڪانگ جي اوائلي روڊن مان آهي ۽ اڄ کان اٽڪل ڏيڍ صدي اڳ انگريز ٺهرايو. هن روڊ تي هانگ ڪانگ جون مهانگيون ۽ آڳاٽيون عمارتون ۽ هوٽلون آهن. ان ڪري ناٿن روڊ جو شروع وارو ميل ڏيڍ Golden Mile سڏجي ٿو. ناٿن روڊ تي مڙڻ تي ساڄي پاسي شيرٽن هانگ ڪانگ هوٽل آهي ۽ ان بعد ساڄي پاسي ”مڊل روڊ“ وڃي ٿو ۽ پوءِ امپيريل هوٽل ۽ چنڪنگ مئنشن گڏ گڏ آهن. تنهن بعد ان سان ئي لڳو لڳ هاليڊي ان گولڊ مائيل هوٽل آهي ۽ پوءِ مودي روڊ ٽپڻ تي ميراندارمئنشن آهي. اتي ئي هن علائقي ”سم ساسئي“ جي انڊر گرائونڊ ريلوي اسٽيشن آهي. ميراندار مئنشن جي سامهون، يعني ناٿن روڊ جي کاٻي پاسي هري ليلا جو هي گهر ”هري ليلا مئنشن“ آهي جيڪا پٺيان وهندڙ لاڪ روڊ سان وڃيو ٿي ملي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته هن مهانگي روڊ ناٿن روڊ تي مٿي ذڪر ڪيل هوٽلن شيرٽن، امپيريل ۽ هاليڊي اِن هوٽل جو مالڪ پڻ هري ليلا آهي. سندس مختلف قسمن جي بزنيس ۾ هوٽل بزنيس پڻ آهي ۽ کيس هانگ ڪانگ کان علاوه سنگاپور، بئنڪاڪ، لنڊن، پينانگ ۽ مانٽريل ۾ پڻ هن قسم جون ڪيتريون ئي فائيو اسٽار لگزري هوٽلون آهن. ويجهڙائيءَ ۾ هن سڊني (آسٽريليا)، نيويارڪ ۽ پئرس ۾ پڻ هوٽلون کوليون آهن.
    هانگ ڪانگ امير ماڻهن جو ملڪ آهي، يعني هاڻ ٿي پيو آهي، نه ته اڄ کان چاليهه سال اڳ جڏهن منهنجو هانگ ڪانگ پهريون دفعو وڃڻ ٿيو هو ته اهو ڪو اهڙو امير نه هو پر پاڻ ان کي غريب ملڪ سڏي سگهياسون ٿي ۽ ان وقت اسان جا ڏهاڪو کن سال سينيئر جهازران هانگ ڪانگ کي پاڪستان جي مقابلي ۾ غريب سڏيندا هئا جو هانگ ڪانگ ۾ نه گهڻا تعليمي ادارا هئا، نه ڪارخانا ۽ فئڪٽريون، نه وري کاڌي خوراڪ جي گهڻائي ۽ سستائي. اڄ هانگ ڪانگ يورپ جي سڌريل ۽ امير ملڪن مان هڪ لڳي ٿو. جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهن ٿا جن جو تعلق مختلف مذهبن، قومن، زبانن، عقيدن ۽ نظرين سان آهي. پر هو سڀ هن ملڪ، جنهن ۾ هو رهن ٿا، ان جي ڀلائيءَ جو سوچين ٿا. محنت ڪري پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي به سکي رکيو اٿن ته ملڪ کي به خوشحال بڻايو اٿن. هري ليلا هانگ ڪانگ جي امير ترين ماڻهن مان هڪ آهي. هو ملينئر (Millioner) لکاپتي يا ڪروڙ پتي نه آهي. Millioners جي کاتي ۾ ته ڪي سيتل ۽ ان جهڙا هڪ هزار کن ٻيا سنڌي هندو واپاري اچن ٿا جيڪي هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ يا ان کان گهڻو گهڻو اڳ هن سرزمين هانگ ڪانگ تي اچي رهيا. هري ليلا ته بلينئر يعني ارب پتي آهي. پر هن جي زندگي جي ڪهاڻي ٻين امير واپارين وانگر ناهي جن جي ابن ڏاڏن جو پيڙهين کان بزنيس Set ٿيل هو ۽ هُنن کي ننڍي هوندي کان سوني چمچي ۾ کائڻ جو موقعو مليو. هري ليلا کي ٻين سنڌي يا چيني امير ماڻهن کان ان ڪري الڳ رکي سگهجي ٿو جو هن جو ننڍپڻ مسڪيني ۽ مشڪل زندگي ۾ گذريو. هو زيرو کان هن ليول تي پهتو آهي، جنهن مثال کي صحيح معنيٰ ۾ From Rags to Riches سڏي سگهجي ٿو.
    هڪ ٻي ڳالهه ته هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ هزارين سنڌي بزنيس مين جو جن ذاتين سان تعلق آهي، مثال طور ميرچنداڻي، موٽواڻي، ڀاوناڻي، پارواڻي، ڇٻلاڻي، کيئلداساڻي، مورجاڻي، ڏاسواڻي وغيره، انهن جا ذات ڀائي هتي هانگ ڪانگ ۾ يا ٻين ملڪن ۾ به ملندا پر هن هندو سنڌي ”هري ليلا“ جي ذات جا ماڻهو فقط ۽ فقط هتي هانگ ڪانگ ۾ ۽ هن هڪ ئي فئملي ۾ ملندا، جنهن جو وڏو يعني هري ليلا جو پيءُ نارومل ٿي گذريو آهي. اها دلچسپ ڳالهه پڻ توهان هيٺ پڙهي سگهو ٿا.
    هري ليلا (سڄو نالو: ڊاڪٽر هريڪشن نارومل هري ليلا) جو پيءُ سيٺ نارومل سن 1890 جي لڳ ڀڳ حيدرآباد سنڌ ۾ ليلارام ۽ هري ٻائي جي گهر ۾ ڄائو. ليلا رام وارا ڀائيبند يعني سنڌورڪي هئا جن جو واسطو واپار سان هو. انهن ڏينهن تائين سنڌ جا هندو واپاري دنيا جي ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن ڏي پنهنجو بزنيس سيٽ ڪري چڪا هئا. نارومل به پنڌرهن سورهن سالن جو ٿيو ته کيس سنڌ ڇڏي ٻاهر وڃي روزگار جي ڳولا ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. نارومل مختلف ٻيڙن ذريعي سلون، ملايا، سنگاپور کان ٿيندو ڪئنٽن (چين) آيو جتي ٻه ٽي سال روزگار پٺيان ڌڪا کائي سنگاپور ڀاڳ آزمائڻ لاءِ پهتو جتي هن ڪڏهن ڪنهن چيني يا هندو سيٺ جي دڪان تي سيلزمئن ٿي ڪم ڪيو ٿي ته ڪڏهن خومچو کڻي گهٽين ۽ آفيسن اڳيان شيون وڪڻيون ٿي.
    هتي اهو لکندو هلان ته نارومل جي اباڻي ذات ميرچنداڻي هئي. پر پوءِ اهو سال 1920 هو جو نارومل جي ماتا هري ٻائيءَ وفات ڪئي. نارومل انهي پيرين سنگاپور کان نڪتو ۽ جڏهن حيدرآباد پهتو ته هن کي اهو معلوم ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو ته سندس فئملي جي ماڻهن نارومل جو انتظار ڪرڻ بنا هن جي ماءُ جو ڪريا ڪرم ڪري ڇڏيو آهي. ان وقت نارومل اهو محسوس ڪيو ته سواءِ ماءُ پيءُ جي هن جو پنهنجي خاندان جو ڪوبه ماڻهو همدرد نه آهي. هن ان ڏينهن کان پنهنجي پراڻي ذات ”ميرچنداڻي“ ڇڏي پاڻ کي نارومل هري ليلا سڏائڻ لڳو. هن هيءَ نئين ذات“ هري ليلا پنهنجي ماءُ ”هري ٻائي“ ۽ پيءُ ”ليلارام“ جا اڳيان حصا کڻي جوڙي. اهڙي طرح هڪ نئين ذات ۽ سڃاڻپ ”هري ليلا“ جو پهريون ماڻهو پاڻ ٿيو ۽ ٻي جنريشن ۾ سندس پُٽَ: هري ڪشن (جيڪو فقط هري سڏائي ٿو ۽ ٻئي نمبر تي آهي)، چوٿين ۽ ڇهين نمبر جا نالا وسري ويا اٿم، پنهنجو نمبر گئري آهي، سڏائين ٿا.
    انگريزن وارا نالا رکڻ هانگ ڪانگ جي چينين ۾ به عام آهي. ڪيترن جا ته ڄمڻ وقت نالا، سندن والدين چيني زبان جا رکندا پر وڏا ٿي هو پاڻ کي رچرڊ، البرٽ، مائيڪل جهڙن انگريزي نالن سان سڏرائين.
    نارومل ليلا رام ميرچنداڻي (هاڻ نارومل ليلارام هري ليلا) سال ڏيڍ حيدرآباد ۾ رهڻ بعد 1922 ۾ پنهنجي زال ديوي ٻائي ۽ ٻن پٽن: جارج ۽ تازو ڄاول هري کي حيدرآباد ڇڏي وري پرديس روانو ٿيو. هن پهرين ڪئنٽن (چين) جي شهر ۾ جهونين شين جي سامان جو دڪان کوليو جنهن ۾ هن چين جي پراڻي زماني جون شيون جيد پٿر جون مورتيون ۽ ٻيون antiques قسم جون شيون رکيون، جن کي خريد ڪرڻ لاءِ مغرب جا گورا آتا رهيا ٿي. بزنيس سٺو هلڻ لڳو. اٺ سال گذارڻ بعد هن پنهنجي زال ديوي ٻائي ۽ پٽن جارج، هري ۽ پيٽر کي پاڻ وٽ ڪئنٽن سڏايو. 1930 ۾ هو جڏهن ڪئنٽن پهتا ته سڄي دنيا ۾ جنگي حالتن ڪري واپار ۾ سخت ٻاڙائي اچي وئي. نارومل جو ڌنڌو به ان لپيٽ ۾ اچي ويو. هڪ پرديس، ٻيو ٻار گڏ ۽ ٽيون بزنيس صفا ٺپ ٿي ويو. ماڻهن وٽ جيڪا اوڌر هئي اها هو واپس ڪري نه پيا سگهن. ڊاڪٽر هري هريليلا ٻڌايو ته ”بابي ڪنهن تي به ڪيس ڪرڻ نٿي چاهيو. هن چيو ته اهي سڀ منهنجا سٺا دوست آهن. هو به مجبور آهن ڪٿان پئسو آڻين جو منهنجو قرض لاهين.“
    نارومل جي اٺ سالن جي هلندڙ پراڻي بزنيس جو ڏيوالو نڪري ويو. هو صفا ڦڪڙ ٿي ويو. بي سرو ساماني جي حالت ۾ هو ٻار وٺي (هاڻ هن کي چار پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿي ويا هئا) پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ هانگ ڪانگ آيو ۽ نئين سنئينءَ زندگي شروع ڪئي. هن جي هانگ ڪانگ ۾ هڪ برانچ آفيس هئي جتي سندس مال جي سنڀال سندس ڀاءَ ڪئي ٿي. نارومل جي هانگ ڪانگ اچڻ جو ٻڌي سندس ڀاءُ سڀ ڪجهه وڪڻي گم ٿي ويو.
    ”انهن ڏينهن ۾ اسانجي حالت بيحد ترس جوڳي هئي،“ ڊاڪٽر هريءَ ٻڌايو، ”بابا کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو ڇا ڪري. ڪا نوڪري يا ڪو ڌنڌو ڌاڙو به نه پيو ملي جيڪو ڪري پيٽ جي پوڄا ڪري سگهجي. ان وقت منهنجي عمر ڏهه سال هئي پر بابا وٽ ايترو پئسو نه هو جو اسڪول جي في ڏئي سگهي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ اها فقط 3 هانگ ڪانگ ڊالر هئي.“
    نارومل کي ڪجهه فئڪٽرين مان اوڌر تي ڪجهه سامان ملي ويو جيڪو هو روزانو شهر جي گهٽين ۾ هوڪا ڏيئي وڪڻڻ لڳو. خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي انگريز ۽ يورپي رهيا ٿي. هي سامان روزمره جو سامان صابڻ، بليڊ، رومال، گنجيون، چڍيون وغيره هو. ٽن سالن اندر نارومل ايترو بچائي ورتو جو روزانو گهٽي گهٽيءَ ۾ هوڪا ڏيئي شيون وڪڻن بدران هن 1937 ۾ پرنس ايڊورڊ روڊ تي هڪ ننڍڙو دڪان کوليو. گرمي ۽ سرديءَ ۾ روزانو رلڻ بدران نارومل کي هڪ هنڌ دڪان کولڻ سان آرام ته ملي ويو پر افسوس جو نارومل جو هي نئون ڌنڌو هلي نه سگهيو. هو هار مڃڻ بدران هڪ دفعو وري هاڪر بڻجي شيون وڪڻڻ لڳو ۽ هڪ سال اندر هن وٽ ايترو پئسو ٿي ويو جو ڪولون پاسي 733 ناٿن روڊ تي هن هڪ دفعو وري دڪان کوليو.
    ”هن دڪان کولڻ کان پوءِ اسان جو ڌنڌو سٺو هلڻ لڳو،“ ڊاڪٽر هري هريليلا ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪندي ٻڌايو، ”انهي دوران مون پاڻ ۽ منهنجن ٻن ڀائرن، هڪ ننڍي هڪ وڏي، هانگ ڪانگ ۾ موجود انڊين ڪمپنين ۾ وڃي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.“
    انهن ڏينهن ۾ هريءَ جي عمر 15 سال کن هئي ۽ سندس پنجون ڀاءُ گئري ۽ ڀيڻ راڻي هانگ ڪانگ ۾ ڄائي. ڊاڪٽر هريءَ ٻڌايو ته ٽي چار سال سندن ڌنڌو ڏاڍو سٺو هليو ۽ ائين ٿي لڳو ته هاڻ ڪو ڏکيو ڏينهن نه ايندو. پر انسان کي ڪهڙي خبر ته سڀاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي. خوشحال ۽ پرسڪون دنيا ۾ جپانين ٻي جنگ عظيم جي چڻنگ ٻاري ڇڏي جيڪا وئي مچ بڻبي ۽ ڪئين بي ڏوهه ۽ غريب ماڻهن جا جهڳا ساڙي ڇڏيا.
    1941 ۾ ٻي عالمي لڙائي شروع ٿي ۽ نارومل سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو. جپاني هر شيءِ تي قبضو ڪري ويهي رهيا. ”اسان کي، ٻين انڊين وانگر، هانگ ڪانگ ٻيٽ تان تڙي ڪولون پاسي، ”شِم ساشُو“ علائقي ۾ رڍن ٻڪرين وانگر واڙيو ويو،“ هريءَ ٻڌايو، ”پوءِ مهيني ڏيڍ بعد جڏهن جپانين ڏٺو ته هاڻ سندن سڄي هانگ ڪانگ تي چڱيءَ طرح ڪنٽرول ٿي ويو آهي ته پوءِ اسان Civilians کي هيڏانهن هوڏانهن چُرپر جي اجازت ڏني وئي. اسان جي فئملي جي هڪ سڃاڻي اسان تي مهرباني ڪري هانگ ڪانگ جي هئنڪو روڊ تي هڪ دڪان مسواڙ تي ڏنو، جنهن ۾ اسان شيون رکي وڪڻڻ لڳاسين ۽ ايتري ڪمائي ٿيڻ لڳي جنهن مان گهرجي ڀاتين جو گذر سفر ٿي سگهي.“
    ڊاڪٽر هريءَ ٻڌايو ته هانگ ڪانگ تي جيڪي چار سال کن جپانين جو قبضو رهيو اهو ڏاڍو ڏکيو وقت رهيو. اسان کي ٿوري گهڻي چرپر ۽ ڌنڌي جي موڪل ضرور هئي پر هر وقت سندن خوف جو ڀوت سوار رهيو ٿي. هر شيءِ جو ڏڪار هو، انصاف نالي جي ڪا شيءِ نه هئي. انگريز ۽ چيني ته هر وقت هنن جي عتاب هيٺ رهيا ٿي. جپانين کي جتي وجهه لڳو ٿي ڦرلٽ ڪئي ٿي ۽ هر هڪ کي شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ٿي. هڪ عام ماڻهو نه ڏينهن جو آزادي سان گهمي سگهيو ٿي ۽ نه رات جو سڪون سان سمهي سگهيو ٿي.
    هڪ اهڙي ئي رات جو جپان جي سيڪريٽ سروس وارن آڌي رات جو، شڪ جي بنياد تي ڊاڪٽر هري جي پيءُ نارومل کي گهر مان گهِلي ويا ۽ هن کي ماري ماري مرڻينگ بڻائي ڇڏيو. حياتي هئي جو هو بچي سو ويو پر زندگي جا باقي ڏينهن بستر تي رهيو. سال 1948 ۾ مئي جي مهيني ۾ هو پنهنجي پتني ديوي ٻائي ۽ 8 ٻارن کي هميشه لاءِ هن جهان ۾ ڇڏي جدا ٿي ويو.
    ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي بم ڪرڻ بعد جپانين هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ آڻ مڃي 1945 ۾ هانگ ڪانگ ۽ سندس ڀائرن هڪ دفعو وري شين جو ٿالهه کڻي هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ هاڪر ٿي پنهنجي روزي رزق ڪمائڻ لڳائڻ.
    ”انهن ڏينهن ۾ انگريزن وٽ به پئسو نه هو،“ هريءَ ٻڌايو، ”مون ۽ ڪجهه ٻين دڪاندارن انگريز فوجين کي چين مان کاڌو خوراڪ گهرائي سپلاءِ جو ڪم شروع ڪيو جنهن جي عيوض ۾ هو اسان کي جپانين طرفان هڙپ ڪيل مال جا گودام کولي چوندا هئا ته جيڪي کپناوَ اهو کڻو. اسين ڀائر سامان جي سپلاءِ موجب هڪ يا ٻه ڪريٽ اسڪاچ ۽ سگريٽن جا کنيا ٿي. بابو هميشه چوندو هو ته فقط پنهنجو حق گهرو گهڻي جي لالچ نه ڪريو.“
    هري ليلا ڀائرن جي اها ڳالهه انگريز به نوٽ ڪئي جو جڏهن حالتون بهتر ٿيون ته هنن هري ليلا ڀائرن کي کاڌي خوراڪ ۽ ٽيلرنگ جي ڪمن جا وڏا وڏا ٺيڪا ڏنا جن ۾ هنن خوب ڪمايو ۽ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ وڏي ترقي ڪرڻ لڳا. ايتريقدر جو هانگ ڪانگ ۾ موجود برٽش آرمي ۽ پوليس جي يونيفارمن ٺاهڻ ۽ لانڍري جو ڪم هنن کي سونپيو ويو. جهجهي ڪاروبار ڪري هئنڪو روڊ وارو هي دڪان هنن لاءِ ننڍو ٿي پيو ۽ هاڻ ڪولون هوٽل ۾ وڏو دڪان کوليو. ان بعد هانگ ڪانگ ۾ اڃان به وڌيڪ برٽش ۽ ڪامن ويلٿ جا فوجي ٽروپ اچي ويا ۽ هري ليلا وارن کي انگلينڊ مان گهڻي کان گهڻو ڪپڙو امپورٽ ڪرڻو پيو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن هانگ ڪانگ يا اوسي پاسي ۾ ٽيڪسٽائيل فئڪٽريون نه هيون. چين کان ڪپهه يا ڌاڳو انگلينڊ ويو ٿي جتي جي ڪارخانن ۾ ڪپڙو ٺهي هانگ ڪانگ آيو ٿي. ڪپڙن سبڻ جا وڏا آرڊر ملڻ ڪري هري ليلا وارن هاڻ هڪ ٻيو وڏو اسٽور کوليو ۽ هو هانگ ڪانگ ۾ برطانيا جي ڪپڙي جا وڏا خريدار ۽ امپورٽر مڃيا وڃڻ لڳا. هي برطانيا مان ايترو ته ڪپڙو گهرائڻ لڳا جو انگلينڊ جي شهزادي مارگريٽ ۽ لارڊ سنوڊن جڏهن هانگ ڪانگ گهمڻ لاءِ پهريون دفعو شاهي ٽوئر تي آيا ته هنن هري ليلا واري جي دڪان تي به پير گهمايا.
    ڪجهه عرصي کان پوءِ آمريڪن سپاهي جن جي ڏور اوڀر جي ملڪن ۽ سمنڊ تي ڊيوٽي لڳائي وئي هئي، انهن کي يونيفارمن جي ضرورت پئي. آمريڪا وارن برطانيا جي صلاح ۽ ذاتي آڊٽ بعد ڪپڙن جو ٺيڪو هري ليلا وارن کي ڏنو. ”1948 کان وٺي ويٽنام جي جنگ ختم ٿيڻ تائين اسان وٽ جپان جي ٻيٽن کان سائگان تائين 35 وڏا اسٽور هئا،“ هري ليلا هڪ دفعي ماضيءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندي چيو هو، ”اسان جو بزنيس نه فقط هانگ ڪانگ ۾ پر سڄي ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ پکڙجي ويو. هڪ ڏينهن اندر اسان وٽ 600 سوٽ ٺهيا ٿي ۽ اسان 900 درزين کي پگهار ۽ ڪميشن تي رکيو هو.“
    1960 واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن هري ڏٺو ته هاڻ آمريڪن جو تعداد هن خِطي ۾ گهٽبو وڃي ته هريءَ پنهنجن ڀائرن کي خبردار ڪيو ته هاڻ هي درزڪو ڪم گهٽائي ڪنهن ٻئي ڌنڌي ۾ پير ڄمائجن.
    ”جيتوڻيڪ منهنجي ڀائرن منهنجي ان صلاح جي مخالفت ڪئي پر آئون زمين جي خريداري ۽ وڪري جي ڌنڌي ۾ اڳتي وڌندو رهيس،“ ڊاڪٽر هريءَ ٻڌايو، ”ان ۾ جيتوڻيڪ فائدو گهٽ هو پر جلد ئي منهنجا ڀائر به سمجهي ويا ته اڳتي هلي زمين، پلاٽ، گهر ۽ هوٽلن جي خريداري فائدو رسائيندي.“
    هري ليلا وارن پهرين هوٽل 1960-61 ۾ ناٿن روڊ تي امپيريل هوٽل خريد ڪئي. ان بعد هنن مودي روڊ تي وڏو پلاٽ وٺي ”هاليڊي اِن گولڊن مائيل“ هوٽل ٺهرائڻ شروع ڪئي. هي ڪم 1969 ۾ جاري ٿيو ان ئي سال هانگ ڪانگ ۾ هنگاما ٿيا ۽ پراپرٽيءَ جو اگهه ڪري پيو. ٽوئرزم گهٽجي وئي ۽ هانگ ڪانگ جون هوٽلون خالي ٿي ويون. هري ليلا وارن وٽ هوٽل ٺهرائڻ لاءِ وڌيڪ پئسي جي آمد بند ٿي وئي. مجبوريءَ ۾ هنن امپيريل هوٽل وڪڻي هاليڊي ان هوٽل جي ڪنسٽرڪشن جاري ڪرائي جيڪا 1975 ۾ ٺهي راس ٿي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اسان هانگ ڪانگ ۾ ٽن چئن سالن کان اچڻ شروع ڪري ڏنو هو. هاليڊي اِن هوٽل جو افتتاح 12 نومبر 1975ع تي رکيو ويو پر افسوس جو هي خوشيءَ جو فنڪشن خاموشيءَ ۾ گذاريو ويو ڇو جو ان ڏينهن هري ليلا جي والده ديوي ٻائي ديهانت ڪري وئي. هن فنڪشن ۾ هري ليلا فئملي مان فقط ڊاڪٽر هري جي اڪيلي پٽ آرون کي موڪليو ويو هو، جيڪو ان وقت چئن سالن جو هو.
    بهرحال هاليڊي ان هوٽل هري ليلا وارن لاءِ وڏي ڀاڳ واري ٿابت ٿي. هنن ان مان ايڏو ڪمايو جو نه فقط هو وڪرو ٿيل امپيريل هوٽل واپس خريد ڪري سگهيا پر هنن ٻيو به ڪيتريون ئي هوٽلون خريد ڪيون.
    ڊاڪٽر هري نارومل هري ليلا نه فقط بزنيس ۾ نالو پئدا ڪيو آهي پر خير خيرات ۾ به هو سڀ کان اڳ آهي. هن جو چوڻ آهي ته جنهن ڌرتيءَ هن کي رهڻ ڏنو ان ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي سک لاءِ ڪجهه ڪرڻ سندس فرض آهي. هانگ ڪانگ جي ايڪانامي ٺاهڻ ۽ ٻين خدمتن جي ڪري انگلينڊ جي راني ايلزبيٿ کيس OBE (آرڊر آف دي برٽش ايمپائر) ايوارڊ عطا ڪيو. کيس هانگ ڪانگ حڪومت وٽان GBS (گولڊ بائوهنيا اسٽار) ايوارڊ پڻ مليل آهي جيڪو هانگ ڪانگ جي اعليٰ سول ايوارڊن مان هڪ آهي. ان کان علاوه هن کي انڊيا حڪومت طرفان پڻ ”پراواسي ڀارتيا سمان“ ايوارڊ ملي چڪو آهي جيڪو انڊيا جو هڪ وڏو ايوارڊ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ منهنجو هانگ ڪانگ ۾ ”هانگ ڪانگ بئپٽسٽ يونيورسٽي، ۾ وڃڻ ٿيو، جتي مونکي اهو ڏسي حيرت ۽ خوشي ٿي ته اتي ڊاڪٽر هري هريليلا ۽ سندس زال پدما نالي ٻه ليڪچر هال آهن جيڪي سيمينارن، پبلڪ ليڪچرس ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن لاءِ استعمال ٿين ٿا. پدما هال ۾ ويهڻ لاءِ 250 سيٽون آهن ۽ هري هريليلا هال ۾ 150 سيٽون آهن. هنن هالن جي ٺهرائڻ جو 5 ملين ڊالر خرچ هري ليلا طرفان ڏنل فنڊ مان پورو ڪيو ويو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر هري يا ان جا ڀائر سخت غربت ڪري ڪنهن به اسڪول مان پڙهي نه سگهيا. جيڪي ڪجهه هو پڙهيا هو بعد ۾ پرائيويٽ استاد جي معرفت، جيئن ڪاروبار هلائڻ لاءِ لکي پڙهي سگهن. ڊاڪٽر هري کي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري به هانرري آهي جيڪا آمريڪا جي هڪ يونيورسٽيءَ طرفان ملي آهي. بهرحال هاڻ سڀني ڀائرن جو اولاد هانگ ڪانگ، انگلينڊ ۽ آمريڪا جي اعليٰ يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪري پوءِ اباڻي ڌنڌي ۾ داخل ٿي رهيو آهي. 2006 ۾ ڊاڪٽر هري ءَ جو وڏو ڀاءُ جارج نارومل هري ليلا گذاري ويو. سندس وڏو پٽ ڊئوڊ هري ليلا هن خاندان جو پهريون ماڻهو آهي جنهن اسڪول جي تعليم مڪمل ڪئي ۽ يونيورسٽي ۾ ويو. ڊاڪٽر هري کي هڪ ئي پٽ ڊاڪٽر آرون آهي. ڊاڪٽر آرون بنيادي تعليم هانگ ڪانگ جي يونيورسٽين مان ڪرڻ بعد انگلينڊ جي ”يونيورسٽي آف هل“ مان پوليٽيڪل فلاسافي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. ارون هن وقت 38 سالن جو ٿيندو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 346557
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142990
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ