ڪتاب جو نالو: رحمت عالم ﷺ
مصنف: علامه سيد سليمان ندوي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 08 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 2731 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 405 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • رحمت عالم ﷺ
  • مضمونن جي فهرست

  • عرب جو ملڪ
  • حجاز
  • خدا جا قاصد
  • پيغمبرن جو سلسلو
  • حضرت ابراهيم عليه السلام جو نسل
  • ڪعبو
  • اسماعيل جو گهراڻو
  • قريش
  • بني هاشم
  • حضرت عبدالمطلب
  • عبدالمطلب جو اولاد
  • عبدالله
  • ولادت
  • سنڀال
  • بيبي آمنه وٽ
  • بيبي آمنه جي وفات
  • عبدالمطلب جي سنڀال هيٺ
  • عبدالمطلب جي وفات
  • ابو طالب جي سنڀال ۾
  • فجار جي لڙائي ۾ شرڪت
  • مظلومن جي پٺڀرائي جو ٺاه
  • ڪعبي جي اڏاوت
  • سوداگري جو ڪم
  • واپاري سفر
  • حضرت خديجه رضه جي ڀائيواري
  • بيبي خديجه رضه سان نڪاح
  • شرڪ ۽ برائي جي ڳالهين کان بچڻ
  • پاڻ سڳورنﷺ جو رسول ٿيڻ
  • اسلام
  • پهرين مسلمان ٿيندڙ
  • پهريون عام اعلان
  • عام تبليغ
  • حضرت حمزه رضه جو مسلمان ٿيڻ
  • حضرت عمر رضه جو مسلمان ٿيڻ:
  • ابوذرغفاري رضه جو مسلمان ٿيڻ
  • غريب مسلمانن جو ستائجڻ
  • حبش ڏانهن هجرت
  • ابوطالب جي لڪ(شعب)۾ نظربندي:
  • ابوطالب ۽ خديجه رضه جي وفات (10 هه نبوي)
  • پاڻ سڳورن تي مصيبتون:
  • طائف جو سفر:
  • قبيلن ۾ دورو:
  • اوس ۽ خزرج ۾ اسلام:
  • عقبه جي بيعت:
  • هجرت

  • مدينه ۽ انصار:
  • مدينه:
  • پهرين مسجد:
  • پهريون جمعة المبارڪ:
  • مدينه ۾ داخل ٿيڻ:
  • انصار:
  • مسجد نبوي ۾ حجرن جو ٺهڻ:
  • صفه وارا:
  • نماز جي پورائي ۽ قبلو:
  • ڀائپي
  • يهود جو انجام اقرار
  • مڪه وارن جون سازشون ۽ شرارتون:
  • مسلمانن جا ٽي دشمن:
  • منافقن سان ورتاءُ:
  • مڪه جي ڪافرن جي رنڊ روڪ:
  • بدر جي لڙائي:
  • دشمنن سان سلوڪ:
  • بدر جو پلاند:
  • احد جي لڙائي –شوال 3 هجري:
  • يهودي خطري کي پاڙان اکيڙڻ:
  • بني قينقاع سان لڙائي (شوال 2 هجري)
  • مسلمان مبلغن جو بيدرديءَ سان قتل:
  • ابن ابي الحقيق جو ڪٽنب:
  • بني نضير جي جلاوطني ربيع الاول 4 هه:
  • خندق يا احزاب جي لڙائي ذي قعده 5 هجري:
  • بني قريظه جو خاتمو:
  • حديبه جو صلح ــــ ذيقعده ــــ6 هجري:
  • دنيا جي بادشاهن کي اسلام جي دعوت ــ6 هجري:
  • يهود جو آخري قلعو خيبر ــ پڇاڙي 6 هجري يا شروع 7 هجري:
  • مدت جي آس ــ عمره ذيقعده 7 هجري :
  • هڪ نئون دشمن ــ موته جي لڙائي جمادي الاول 8 هجري :
  • ڪعبه جي ڇت تي اسلام جو جهنڊو ـ

  • مڪه جي فتح رمضان 8 هجري :
  • هوازن ۽ ثقيف جي جنگ ــ شوال 8 هجري :
  • غنيمت جي مال جي ورهاست ۽ حضور ﷺ جن جي تقرير:
  • رومي خطرو

  • تبوڪ جي لڙائي :
  • اسلام جي عهد جو پهريون باقاعدي حج ۽ لاتعلقي جو اعلان:
  • عرب جي صوبن ۾ اسلام جو عام اعلان :
  • دين جي تڪميل ۽ اسلامي نظام جي پيڙهه رکڻ:
  • اسانجي پيغمبر ﷺ جو آخري حج ــ حجته الوداع 10 هه :
  • وفات ربيع الاول 11 هجري ـــ مئي 622ع :
  • گهرواريون :
  • اولاد :
  • اخلاق ۽ عادتون :

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو پنجٽيهون (35) ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com


    رحمت عالم ﷺ

    اسلام جو گلدستو جنهن جنهن ڌاڳي سان ٻڌل آهي اهو رحمت عالم ﷺ جو وجود مبارڪ آهي.تنهنڪري ضرورت آهي ته ان وجود مبارڪ جي سوانح حيات جو هڪ هڪ اکر هر مسلمان جي ڪن تائين پهچي ته جيئن اهو نالو مضبوط کان مضبوط تر ٿيندو وڃي.ان جي مناسب صورت هيءَ آهي ته هر ننڍي وڏي تائين حضور ﷺ جي نالي ،ڪم ۽ پيغام کي رسايو وڃي.گهڻي مدت کان دوستن جو زور هو ته ننڍن ٻارن ۽ ٿورو لکيل پڙهيل ماڻهن جي لاءِ سيرت جو هڪ اهڙو ننڍو ڪتاب لکان جنهن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ سڀني لاءِءَ سولو هجي ۽ وري ان ۾ ڪا مکيه ڳالهه رهجي به نه وڃي.
    دوستن جي انهيءَ فرمائش کي پورو ڪندي هي مختصر سيرت لکڻ جي عزت حاصل ٿي آهي.هن ۾ عبارت جي سادگي طرز ادا جي سهولت۽ واقعي جي سلجهاءِ جو خاص خيال رکيو ويو آهي ته جيئن ننڍي عمر جا ٻار ۽معمولي ڄاڻ وارا ماڻهو به هن مان فائدو وٺي سگهن۽ اسڪولن ۽ مدرسن جي ڪورس تي رکي سگهجي.
    هن ڪتاب جو مسودو ڪن اسلامي رياستن جي ذمه دار تعليمي آفيسرن جي نظر مان لنگهي چڪو آهي ۽ صوبه بهار جي اسلامي مڪتبن جي لاءِ هن کي چونڊيو ويو آهي اميد آهي هي ٻين اسلامي مدرسن ۽ مڪتبن ۾ به رائج ٿئي ته جيئن مذهبي تعليم جي هڪ وڏي کوٽ پوري ٿي سگهي.
    شبلي منزل سيد سليمان ندوي
    اعظم ڳڙهه 20 رجب 1359هه


    مضمونن جي فهرست

    عرب جو ملڪ

    اسان جي ملڪ جي اولهندي پاسي سمنڊ آهي.انهيءَ سمنڊ جي هڪ ڪناري تي هندستان*۽ ٻئي ڪناري تي عرب جو ملڪ آهي.انهيءَ عرب ملڪ جو وڏو ڀاڱو واري ۽ جبل آهي وچ وارو ڀاڱو نه صفا ويران ۽ غير آباد آهي رڳو ان جي ڪنارن تي ڪجهه ساوڪ ۽ سرهائي آهي۽ انهن(ڪنارن)تي ئي هن ملڪ جا باشندا رهن ٿا.
    هن جي هڪ پاسي هندي سمنڊ ،ٻئي پاسي ايراني نار ،ٽئين پاسي ڳاڙهو سمنڊ ۽ چوٿين پاسي خشڪي ۾ هي عراق ۽ شام جي ملڪن سان ڳنڍيل آهي تنهن ڪري عرب جي ملڪ کي ٻيٽ جهڙو يا ٻيٽ به چون ٿا .جيڪو ڀاڱو ڳاڙهي سمنڊ جي ڪپر ئي ڪپر سان ڊيگهه ۾ شام جي سرحد کان شروع ٿي يمن جي صوبي* تي ختم ٿئي ٿو سو حجاز ٿو سڏجي يمن جو صوبو ڳاڙهي سمنڊ جي ڪپ ئي ڪپ سان حجاز کان وٺي عدن جي نار تائين پکڙيل آهي ۽ هي عرب جو سڀ کان وڌيڪ ساوڪ ڀريو سکيو ۽ آباد صوبو آهي.هن جي ويجهو عدن واري نار جي ڪپ تي حضر موت آهي ۽ عمان جي سمنڊ جي عربي ڪپ تي عُمان ۽ ايارني نار جي ڪپ تي بحرين ۽ ان سان گڏيل يمامه آهي ۽ وچ ملڪ کان وٺي عراق تائين وارو علائقو نجد سڏجي ٿو.


    حجاز

    مٿي پڙهي چڪا آهيو ته ڳاڙهي سمنڊ جي ڪپ ئي ڪپ سان
    شام جي سرحد کان يمن تائين جيڪو حصو آهي ان کي حجاز
    چون ٿا.حجاز ۾ ٽي مشهور شهر هئا ۽ اڃان تائين به آهن.هڪ
    *اڌ صدي اڳ جنهن وقت هي ڪتاب لکيوويو هو ان وقت موجوده برصغير جي ملڪ سڀ هڪ ئي ملڪ هندستان سڏبو هو
    .*يمن جو ملڪ ان وقت عربستان جي هڪ صوبي جي حيثيت رکندو هو
    مڪه،ٻيو طائف ۽ ٽيون يثرب.اسان جي پيغمبر ﷺ جوتعلق انهن
    ٽنهي شهرن سان هو.


    خدا جا قاصد

    اوهان روز ڏسو ٿا ته هڪ ماڻهو مطلب جي ڪا ڳالهه جنهن کي پيعام چون ٿا پري ڪنهن ٻئي ڏانهن موڪلي ٿو ته هو پنهنجي ڳالهه پنهنجي ڪنهن ڀروسي جوڳي ماڻهو کي ٻڌائي ٿو ڇڏي۽ اهو ماڻهو اها ڳالهه کڻي ٻئي شخص کي ٻڌائي ايندو آهي.انهيءَ ڀروسي جوڳي ماڻهو کي اسين قاصد ۽ پيغام کڻي ويندڙ ۽ فارسي ۾ پيغامبر ياپيغمبر ۽ عربي ۾ رسول چئون ٿا.
    اهڙي ريت الله تعاليٰ جڏهن گهريو ته پنهنجن ٻانهن کي پنهنجي مطلب جي ڳالهه ۽ پيغام پهچائي ته هن پنهنجي مهرباني سان پنهنجي ڪنهن لاڏلي ۽ پياري ٻانهي کي انهي ڪم لاءِ چونڊيو ۽ ان جو نالو خدا جو قاصد خدا جو پيغام پهچائيندڙ ۽ پيغمبر رکيو.عرب جا ماڻهو انهيءَ کي نبي ﷺ ۽ رسولﷺ سڏين ٿا.خدا جي ڳالهين کي ٻانهن تائين پهچائين ٿا ۽ انهنکي ٻڌائين ٿا ته اوهان جو خدا اوهانکان ڇا ٿو گهري هو ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو اوهان کي حڪم ڏئي ٿو ۽ ڪهڙين ڳالهين کي هو ناپسند ڪري ٿو.جيڪي ٻانهان ان جو چوڻ مڃن ٿا انهن کان الله خوش ٿئي ٿو ۽ جيڪي نٿا مڃن انهن کان هو ناراض ٿئي ٿو.


    پيغمبرن جو سلسلو

    اسان جي خدا جڏهن هيءَ دنيا ٺاهي ۽ ان ۾ ماڻهن کي رهائڻ گهريو ته سڀ کان پهرين جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي قدرت سان پيدا ڪيائين ان جو نالو آدم عليه السلام رکيائين انهيءَ آدم سان ئي هي سمورا ماڻهو پيدا ٿيندا پيا اچن.انهيءَ حضرت آدم عليه السلام جي وقت کان وٺي الله پنهنجن بانهن کي سٺيون ڳالهيون سيکارڻ ۽ خراب ڳالهين کان روڪڻ لاءِ پنهنجن قاصدن ۽ پيغمبرن جو سلسلو به دنيا ۾ جاري ڪيو.


    حضرت ابراهيم عليه السلام جو نسل

    آدم عليه السلام جي اولاد مان مشهور پيغمبر حضرت نوح عه ٿيو نوح جي اولاد مان حضرت ابراهيم سڀ کان وڏو پيغمبر ٿيوهي عراق جي ملڪ ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي وڏو ٿي جوان ٿيو ان وقت عراق جا ماڻهو چنڊ،سج ۽ تارن جي پوڄا ڪندا هئا.حضرت ابراهيم عه جڏهن اهو نمونو ڏٺو ته دل ۾ ويچار ڪيائين ته هي تارا خدا ٿي سگهن ٿا پر جيئن ئي رات پوري ٿي صبح جو پرهه ڦٽڻ لڳي ،تارا مرجهائڻ لڳا ۽ جڏهن اج اڀريو ته اهي نگاهن کان گم ٿي ويا اهو ڏسي هو پڪاري اٿيو ته اهڙين فن اٿيندڙ شين سان ته آئون دل ڪونه لڳائيندس وري رات آئي ۽ چنڊ تي نظر پيئي ته خيال ڪيائين ته شايد انهي جي روشني ۾ خدائي جو جلوو هجي پر جڏهن اهو به لهي ويو ته چئي ويٺو ته منهنجي پالڻهار جيڪڏهن مون کي واٽ نه ڏسي ته مون کي سچائي جو رستو ڪڏهن به هٿ ڪونه ايندو هاڻي خيال ٿيس ته چڱو ڀلا سج جي روشني ته سڀ کان وڌيڪ آهي ڇا اهو اسان جو ديوتا نٿو ٿي سگهي؟پر شام جي اوندهه جڏهن ان وڏي روشني کي به اجهائي ڇڏيو تڏهن سندس دل مان آواز آيو تهمنهنجي پالڻهار جو نور نه اهو نور آهي جنهن کي اوندهه آهي ئي ڪونه،آئون ان کي خدا سمجهان ٿو جنهن آسمان ۽ زمين ۽ انهن جي هنن جلون کي پيدا ڪيو پوءِ ماڻهن کي سڏي چيائين ته آئون اوهان جي مشرڪاڻي دين کي ڇڏيان ٿو ۽ سڀني پاسن کان منهن موڙي انهيءَ هڪ سچي خدا جي اڳيان ڪنڌ جهڪايان ٿو.خدا کيس پيغمبر بڻايو ۽ آسمان ۽ زمين جي حقيقتن جا دفتر سندس آڏو کولي ڇڏيا ۽ دنيا ۾ اسلام جو پيغام ٻڌائڻ لاءِ کيس چونڊيو.هي عراق جي بادشاهه نمرود ۽ سندس دربارين کي اهو پيغام ٻڌايو هنن جي ڪنن لاءِ اهو صفا نئون آواز هو .هنن حضرت ابراهيم عه کي ڊيڄاريو ،ڌمڪايو پر هو پنهنجي ڳالهه تي اٽل رهيو ۽ هڪ ڏينهن وجهه وٺي هنن جي بتخاني ۾ وڃي سندن پٿر جي مورتين کي ڀڃي ڀوري ڇڏيائين.اهو ڏسي بادشاهه
    هن لاءِ هي سزا ٻڌائي ته کيس باهه جي مچ ۾ وڌو وڃي.هي امتحان جو موقعو هو پر هن جي ثابت قدمي جو ساڳيو حال هو.هيڏانهن هن جو باهه ۾ پوڻ ۽ هوڏانهن باهه وسامي سندس جان جي سلامتي جو سامان بنجي ويئي.هاڻي حضرت ابراهيم عه هتان کان شام ۽ مصر جي ملڪن جو رخ ڪيو ۽ اتان جي بادشاهن کي توحيد جو وعظ ٻڌايو ۽ جڏهن ڪٿي به اهو آواز نه ٻڌو ويو هو ته عرب جي صوبي حجاز ۾ هليو آيو.
    الله ،حضرت ابراهيم عه کي ٻه پٽ ڏنا وڏي پٽ جو نالو اسماعيل عه ۽ ننڍي جو نالو اسحاق عه رکيائين .اسحاق عه شام ملڪ ۾ ۽ اسماعيل عه کي حجاز ۾ آباد ڪيائين.


    ڪعبو

    حجاز جو ملڪ انهن ڏينهن آباد ڪونه هو پر شام ۽ يمن جا ملڪ گهڻو آباد هئا شام کان يمن ڏانهن ۽ يمن کان شام ڏانهن جيڪي واپاري ۽ سوداگر ايندا ويندا هئا اهي حجاز واري واٽ سان ئي ايندا ويندا هئا تنهنڪري حجاز ۾ ايندڙ ويندڙ سوداگرن جون بُهيرون لڳل هونديون هيون .حضرت ابراهيم عه کي الله جو حڪم ٿيو ته انهي حجاز جي زمين ۾ هڪ هنڌ تي منهنجي عبادت ڪرڻ ۽ نماز پڙهڻ لاءِ هڪ گهر ٺاهه.حضرت اسماعيل عه ۽ حضرت ابراهيم عه گڏجي خدا جو اهو گهر ٺاهي راس ڪيو ان گهر جو نالو ڪعبه ۽ بيت الله يعني خدا جو گهر رکيو ويو.


    اسماعيل جو گهراڻو

    خدا پنهنجي انهي گهر کي وڏائي بخشي ۽ حضرت ابراهيم عه کي حڪم ڪيو ته هن گهر جي خدمت لاءِ پنهنجي پٽ اسماعيل عه کي هن هنڌ تي رهاءِ حضرت ابراهيم عه ائين ئي ڪيو حضرت اسماعيل عه جو اولاد به اتي رهڻ لڳو ۽ ان هنڌ جو نالو مڪه رکيو.
    حضرت اسماعيل عه جو گهراڻو ان شهر ۾ جنهن جو نالو مڪه بڻجي ويو ،رهندو آيو ۽ خدا جو پيغام ٻانهن کي ٻڌائيندو ۽ ڪعبي ۾ خدا جي ئي عبادت ڪندو رهيو سوين سال لنگهڻ کانپوءِ اهي ماڻهو ٻين قومن کي ڏسي اڪيلي خدا کي ڇڏي مٽيءَ ۽ پٿر جون عجيب عجيب شڪليون ٺاهڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اهي ئي اسان جا خدا آهن.مٽي ۽ پٿر جي جن عجيب عجيب شڪلين کي هو خدا سمجهي پوڄيندا هئا انهن کي بت سڏيندا هئا بتن کي خدا سمجهڻ۽ انهن کي پوڄڻ الله تعاليٰ وٽ سڀ کان وڌيڪ خراب ڪم آهي ۽ جيڪي ماڻهو خدا کي ڇڏي بتن کي پوڄين ٿا انهن کي ڪافر چوندا آهن.


    قريش

    ايترن ڏينهن ۾ اسماعيل جي گهراڻي جا ماڻهو گهڻن ئي ڪٽنبن ۽ قبيلن ۾ ورهائجي ويا هئا انهن ۾ هڪ مشهور قبيلي جو نالو قريش به هو.هي خاص مڪي ۾ آباد ۽ ڪعبي جو متولي(انتظام ڪندڙ)هو.پري پري کان ڪعبي جي حج لاءِ جيڪي ماڻهو ايندا هئا جن کي حاجي چون ٿا انهن کي ترسائڻ کاڌو کارائڻ ،پاڻي پيارڻ ۽ ڪعبي شريف جي ٻين ڪمن جي سنڀال هن ئي قبيلي جي هٿن ۾ هئي تنهنڪري هي قبيلو سڄي عرب ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.هن قبيلي جا اڪثر ماڻهو واپار ۽ سوداگري جو ڌنڌو ڪندا هئا.


    بني هاشم

    قريش جي قبيلي ۾ به ڪيترائي وڏا ڪٽنب هئا جن مان هڪ بني هاشم هو.هي هاشم جو اولاد هئا هاشم هن خاندان جو وڏو ناليرو شخص هو.حاجين کي وڏي دل ڪري کاڌو کارائيندو هو ۽ پيئڻ لاءِ چمڙي جي حوضن ۾ پاڻي ڀرائي ڇڏيندو هو هو هڪ نموني جو مڪي جو امير هو قريش جيڪي گهڻو ڪري وڻج واپار مان روزي ڪمائيندا هئا انهن لاءِ هن اهو ڪيو ته حبش جي بادشاهه نجاشي ،مصر ۽ شام جي بادشاهه قيصر کان فرمان لکرايو ته سندن ملڪن ۾ قريش جا سوداگر بنا رنڊ روڪ جي اچي وڃي سگهن پوءِ عرب جي مختلف قبيلن سوداگرن جي قافلي کي ڪونه ڦريندا ۽ قريش جا سوداگر ان جي بدران اهو ڪندا ته هر قبيلي جي ضرورت جون شيون کڻي پاڻ مرادو انهن وٽ ايندا.


    حضرت عبدالمطلب

    هاشم پنهنجي شادي يثرب جي شهر ۾ نو نجار ڪٽنب مان ڪئي هئي ان مان هڪ ڇوڪرو ڄائو جنهن جو نالو ته شيبه هو پر مشهور عبدالمطلب جي نالي سان ٿيو.
    عبدالمطلب به وڏو ٿي چڱو ناميارو ٿيو.ڪعبي جو انتظام به سندس حوالي ٿيو ڪعبي ۾ حضرت ابراهيم عه جي زماني جو هڪ کوهه هو جنهن جو نالو”زم زم“هو.هي کوهه ڪيترن ڏينهن کان بيڪار رهڻ ڪري هيٺ لٽجي ويو هو عبدالمطلب ان کي صفا ڪري ٻيهر درست ڪرايو


    عبدالمطلب جو اولاد

    عبدالمطلب وڏو ڀاڳ وارو هو.ڄمار به وڏي ٿيس ۽ ڏهه جوان پٽ هئس جن مان پنج ڪنهن نهن ڪنهن حيثيت سان گهڻو مشهور ٿياابو لهب ،ابو طالب،عبدالله،حمزه ۽ عباس


    عبدالله

    انهن پٽن مان پنهنجي پيءُ جو سڀ کان لاڏلو ۽ پيارو پٽ عبدالله هو.هي سترهن سالن جي ڄمار جو ٿيو ته بني زهره نالي قريش جي هڪ ٻئي معزز ڪٽنب جي ڇوڪري سان سندس شادي ٿي.ان بيبي جو نالو آمنه هو.عبدالله شادي کان پوءِ تمام ٿورو وقت جيئرو رهيو ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ وفات ڪيائين پر بيبي آمنه
    کي هن مان اميدواري ٿي ويئي هئي.


    ولادت

    عبدالله جي مرڻ کان پوءِ بيبي آمنه کي هڪ ٻار پيدا ٿيو جنهن جو نالو ﷴ (ﷺ)رکيو ويو.هيءُ ئي اهو ٻار آهي جيڪو اسان جو رسول ۽ پيغمبرﷺآهي.جنهن جي پياد ٿيڻ جي حضرت ابراهيم عه خدا کان دعا گهري هئي ۽ حضرت عيسيٰ عه کانئس پوءِ جنهن جي اچڻ جي خوشخبري سڀني کي ٻڌائي هئي ۽ جيڪو دنيا جي سڀني قومن جو رسول بڻجڻ وارو هو.
    پيدائش 12 تاريخ تي ربيع الاول جي مهيني ۾ سومر جي ڏينهن حضرت عيسيٰ عه کان پنج سو ايڪهتر سال پوءِ ٿي سڀني گهر وارن کي هن ٻار جي ڄمڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي.


    سنڀال

    سڀ کان پهرين اسان جي رسولﷺ کي سندن ماءُ بيبي آمنه ٿڃ پياري ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ سندن چاچي ابو لهب جي هڪ ٻانهي ثوبيه کين کير پياريو.
    ان زماني ۾ قاعدو هي هو ته عرب جي شريف گهراڻن جا ٻار ٻهراڙين ۾ پلبا هئا ٻهراڙين کان زاولون اينديون هيون ۽ شريفن جا ٻار پالڻ ۽ کير پيارڻ لاءِ پاڻ سان گڏ هڪ جنهن جو نالو حليمه هو ۽ جيڪا هوازن قبيلي جي سعد ڪٽنب مان هئي.اها مڪي آئي ۽ پاڻ سڳورن کي پالڻ لاءِ پنهنجي قبيلي ۾ کڻي ويئي ڇهن سالن جي ڄمار تائين پاڻ سڳورا حضرت حليمه وٽ هوازن جي قبيلي ۾ پلبا رهيا.


    بيبي آمنه وٽ

    پاڻ سڳورا ڇهن سالن جا ٿيا ته کين سندن ماءُ بيبي آمنه پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو مٿي پڙهي آيا آهيون ته پاڻ سڳورن جي پڙ ڏاڏي يثرب جي رهاڪو ۽ نجار جي ڪٽنب مان هئي بيبي آمنه پاڻ سڳورن کي ساڻ وٺي ڪنهن سبب سان مدينه آئي ۽ نجار جي ڪٽنب ۾ هڪ مهينو رهي.


    بيبي آمنه جي وفات

    هڪ مهيني کان پوءِ بيبي آمنه جڏهن هتان واپس موٽي ته ڪجهه منزلون هلي بيمار ٿي پيئي ۽ ”ابواء“ جي مقام تي پهچي وقف ڪيائين ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو.ڪهڙو نه ڏک ڀريو موقعو هو سفر جي حالت هئي گڏ نه ڪو يار نه مددگار نه مونس نه غمگسارهڪ ماءُ اها به هن دنيا مان موڪلائي ويئي بيبي آمنه سان گڏ سندس وفادر ٻانهي ام ايمن هئي اها حضور جن کي گڏ وٺي مڪي آئي.


    عبدالمطلب جي سنڀال هيٺ

    مڪي اچي پاڻ سڳورن کي سندن ڏاڏي عبدالمطلب جي حوالي ڪيائين ڏاڏي پنهنجي يتيم پوٽي کي ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ ڏاڍي محبت ۽ پيار سان سندن پالنا شروع ڪئي گهڻي پيار سببان هو سدائين کين پاڻ سان گڏ رکندو هو ۽ سندن هر نموني خيال رکندو هو.


    عبدالمطلب جي وفات

    عبدالمطلب هاڻي پوڙهو ٿي ويو هو ٻياسي سالن جي ڄمار هئس کيس رکي رکي پنهنجي يتيم پوٽي جو خيال ايندو هو نيٺ کين پنهنجي سڀني کان لائق پٽ ابو طالب جي جواني ڪري وفات ڪيائين ۽ مڪي جي قبرستان ۾ جنهن جو نالو حجون آهي دفن ڪيو ويو.


    ابو طالب جي سنڀال ۾

    چاچي پنهنجي ڀائيٽي کي ڏاڍي لوڏ ۽ ڪوڏ سان پاليو پنهنجي ٻارن کان وڌيڪ هن جي آرام جو خيال ڪندو هو ۽ سندس ناز رکندو هو.ابوطالب سوداگر هو هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته هو واپار جو سامان کڻي سام جي ملڪ ڏانهن وڃي رهيو هو حضرتﷺ جن به گڏ هلڻ جي خواهش ڏيکاري چاچو هڪ ئي ڀائيٽي جي خواهش رد ڪري نه سگهيو ۽ گڏ وٺي هليو پوءِ ڪنهن سبب جي ڪري واٽ تان موٽائي اماڻيائين جڏهن سندن عمر ٻارهن سالن جي ٿي ته عرب ٻارن جي رواج مطابق ٻڪريون چارڻ لڳا.
    عرب ۾ ان وقت لکڻ پڙهڻ جو رواج ڪونه هو تنهنڪري کين به لکڻ پڙهڻ جي تعليم ڪانه ڏني ويئي البت پنهنجي چاچي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو تجربو سکندا هئ اآهستي آهستي پاڻ ﷺ جواني جي عمر کي رسيا.


    فجار جي لڙائي ۾ شرڪت

    عرب جا ماڻهو ڏاڍا ويڙهو هئا ٿوري ٿوري ڳالهه تي پاڻ ۾ وڙهندا ۽ جهيڙو ڪندا رهندا هئا جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن پاسي جو ماڻهو مارجي پيو ته جيسيتائين ان جو پلاند نه ڪندا هئا سک سان نه ويهندا هئا هڪ ڀيري”بڪر“ ۽ ”نغلب“ نالي عرب جي ٻن قبيلن ۾هڪ گهوڙا ڊوڙ جي موقعي تي لرائي ٿي ته اها لڙائي پورن چاليهن سالن تائين هلندي رهي.
    اهڙي قسم جي هڪ لڙائي جو نالو فجار آهي اها لڙائي قريش ۽ قيس قبيلي جي وچ ۾ ٿي هئي قريش جي سڀني ڪٽنبن پنهنجي هن قومي جنگ ۾ شرڪت ڪئي هئيهر ڪنهن ڪٽنب جو دستور ڌار ڌار هو هاشم جو ڪٽنب جو جھنڊو عبدالمطلب جي هڪ پٽ زبير جي هٿ ۾ هو انهي قطار ۾ اسان جاپيغمبر جن هئا پاڻ گهڻو رحمدل هئا.لڙائي جهيڙي کي پسند ڪونه فرمائيندا هئا تنهنڪري پاڻ ڪنهن تي به هٿ ڪونه کنيائون.


    مظلومن جي پٺڀرائي جو ٺاه

    انهن لڙائين جي ڪري ملڪ ۾ ڏاڍي بيچيني هئي ڪنهن کي به سک سان نه ويهڻ نصيب ٿيندو هو۽ نه ڪنهن کي پنهنجي ۽ پنهنجن عزيزن جي جان جو خير نظر ايندو هو.انهن لڙائين ۾ ماڻهو گهڻا مارجي ويندا هئا تنهنڪري ڪٽنبن ۾ پيءُ کان سواءِ يتيم ٻار گهڻا هئا انهن کان ڪو پڇڻ وارو ڪونه هو ظالم ماڻهو انهن کي ستائيندا هئا ۽ زبردستي انهن جو مال کائي ويندا هئا ڪٽنب ۾ جيڪو هيڻو هوندو هو ان کي ڪٿي به جاءِ نٿي ملي غريبن تي هر طرح جو ظلم ٿيندو هو اها حالت ڏسي پاڻ سڳورن جي دل کي ڏک رسندو هو ۽ سوچيندا هئا ته هن زور ظلم کي ڪيئن روڪين جيئن سڀ ماڻهو خوش ۽ امن وامان سان رهن.
    عرب جي ڪجهه نيڪ طبيعت ماڻهن کي اڳ ۾ به اهو خيال آيو هو ته ان لاءِ ڪجهه قبيلا گڏجي پاڻ ۾ اهو عهد ڪن ته اهي سڀ گڏجي مظلومن جي مدد ڪندا.هن رٿ جا جيڪي پهريان بنياد رکندڙ هئا انهن جي نالن۾ اتفاق سان فضل جو لفظ هو جنهن جي معنيٰ به مهرباني ئي آهي تنهنڪري انهن جي پاڻ ۾ هن عهد جو نالو فضل وارن جو قول ۽ قرار رکيو ويو ۽ ان کي عربي ۾ ”حلف الفضول“سڏين ٿا.
    جڏهن فجار جي لڙائي ٿي ويئي ته پاڻ سڳورن جي چاچي زبير بن عبدالمطلب رٿ ڏني ته ان قول ۽ قرار کي جيڪو اڳ ۾ڪيو ويو هو ۽ جنهن کي ماڻهن وساري ڇڏيو هو ٻيهر زنده ڪيو وڃي ان لاءِ هاشم ،زهره ،هيتمجا ڪٽنب مڪي جي هڪ نيڪ مزاج امير ماڻهو جنهن جو نالو عبدالله بن جدعان هو،ان جي گهر ۾ گڏ ٿيا ۽ سڀني عهد ڪيو ته اسان مان هر شخص مظلوم جي پٺڀرائي ڪندو۽ هاڻي مڪي ۾ ڪوبه ظالم رهي نه سگهندو.انهيءَ ٺاهه ۾ اسان جا رسولﷺجن به شريڪ هئا ۽ پوءِ فرمائيندا هئا ته آئون اڄ به انهيءَ ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.


    ڪعبي جي اڏاوت

    مڪه جو شهر اهڙي هنڌ وسيل آهي جنهن جي چئني پاسن کان جابلو ٽڪريون آهن انهن جي وچ ۾ ڪعبو ٺهيل آهي جڏهن زور سان مينهن پوندو آهي ته ٽڪرين تان پاڻي وهي شهر جي گهٽين ۾ ڀرجيو وڃي ۽ گهرن ۾ گهڙيو اچي*ڪعبي جون ڀتيون هيٺاهيون هيون ۽ ان تي ڇت به ڪانه هئي تنهنڪري گهڻا ڀيرا هيئن ٿيو جو پاڻي اٿل سان ڪعبي جي عمارت کي نقصان ٿي پهتو.اهو ڏسي مڪه وارن جي راءِٿي ته ڪعبي جي عمارت ٻيهر اوچي ۽ پختي ڪري ٺاهي وڃي .اتفاق سان مڪه جو بندرگاهه جنهن جو نالو جده هو اتي سوداگرن جوهڪ جهاز جا تختا مُلهه وٺي ورتائون.
    هاڻي قريش جي سڀني ڪٽنبن گڏجي ڪعبو ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ڪعبي جي پراڻي ڀت ۾ هڪ ڪارو جهڙو پٿر لڳل هو ۽ اڃان به لڳل آهي ان کي اڃان تائين ڪارو پٿر سڏينداآهن ان جو نالو عربي ۾ ”حجر اسود“آهي.هي پٿر عرب جي ماڻهن۾ ڏاڍو متبرڪ(برڪت وارو)سمجهيو ويندوهو ڇو ته حضرت ابراهيم عه جڏهن پهريون ڀيرو ڪعبو ٺاهيو پئي ته انهيءَ پٿر تي بيهي ڀت اوچي ٿي ڪيائين ۽ نيٺ يادگار لاءِ ان پٿر کي به ڀت جي هڪ ڪنڊ ۾ لڳائي ڇڏيو هئائين.
    هن ڀيري جڏهن قريش ڀت کي اوستائين اوچو ڪري ورتو جتي اهو پٿر لڳل هو ته هرڪٽنب اهو ئي گهريو ٿي ته انهيءَ مقدس پٿر کي اڪيلا اسين ئي ان جاءِ تي رکون نوبت ايسيتائين پهتي جو تلوارون نڪري آيون.جڏهن هي جهيڙو ڪنهن به نموني طئي ٿيو ته قريش جي هڪ سڀ کان پوڙهي شخص رايو ڏنو ته سڀاڻي صبح جو سويل جيڪو ماڻهو سڀني کان اڳ۾ ڪعبي ۾ اچي اهو ئي پنهنجي رٿ سان هن جهيڙي جو فيصلو ڪري ڇڏي۽ان جو جيڪو
    (*)موجوده وقت ۾ سعودي عربيه حڪومت طرفان ڪرايل ترقيات کانپوءِ صورتحال ساڳي نه آهي پاڻي جي نيڪال جو سٺو بندوبست آهي(مترجم)
    فيصلو هجي ان کي سڀ ماڻهو دل سان مڃين.سڀني انهيءَ رٿ کي پسند ڪيو هاڻي الله جي ڪرڻي ڏسو ته صبح جو سويل جيڪو سڀني کان اڳ ۾ پهتو اهي اسان جا رسولﷺ جن هئا.پاڻ سڳورن کي ڏسي سڀ خوش ٿيا.پاڻ سڳورن هينئن ڪيائون جو هڪ چادر گهرائي ان ۾ پٿر رکيائون ۽ هر قبيلي جي سردار کي چيائون ته هو انهيءَ چادر کي هڪ ڪنڊ کان جهلي مٿي کڻي جڏهن پٿر چادر سميت پنهنجي جاءِ تي پهتو ته پاڻ سڳورنپنهنجي هٿن مبارڪن سان اهو کڻي ان جاءِ تي رکي ڇڏيائون ۽ اهڙي ريت عرب جي هيءَ هڪ وڏي لڙائي اسان جي رسولﷺ جي تدبير سان ختم ٿي ويئي.


    سوداگري جو ڪم

    قريش جي شريفن جو سڀ کان عزت ڀريو ڌنڌو سوداگري ۽ واپار هو.جڏهن اسان جا رسولﷺجن ڪاروبار سنڀالڻ جيڏا ٿيا ته اهو ئي ڌنڌو اختيار ڪيائون.پاڻ سڳورن جي نيڪي ،سچائي ۽ سٺي ورتاءَ جي هاڪ هئي.تنهنڪري هن ڌنڌي ۾ سندن ڪاميابي جي واٽ ڏاڍو سگهو نڪري پيئي.هر معاملي ۾ سچو واعدو ڪرڻ فرمائيندا هئا پاڻ سڳورن جي واپار جو هڪ ساٿي عبدالله بيان ٿو ڪري ته هڪ ڀيرو مون ساڻن ڏي وٺ جو هڪ سودو ڪيو ڳالهه ڪجهه طئي ٿي ويئي هئي ڪجهه اڌوري رهجي ويئي هئي.مون واعدو ڪيو ته وري اچي ڳالهه پوري ٿو ڪريان اهو چئي هليو ويس ٽن ڏينهن کانپوءِ مونکي پنهنجو واعدو ياد پيو ڊوڙي آيس ته ڏٺم ته پاڻ سڳورا انهيءَ جاءِ تي ويٺا منهنجي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن۽ جڏهن آيس ته منهنجي ان حرڪت جي ڪري سندن پيشاني تي گهنج به ڪونه پيو.نرميءَ سان رڳو ايترو فرمايائون ته تون مون کي ڏاڍي تڪليف ڏني ٽن ڏينهن کان هتي ويٺو تنهنجو انتظار پيو ڪريان.
    واپار جي ڪاروباري ۾ پاڻ ﷺ پنهنجو معاملو سدائين صاف رکندا هئا سائب نالي پاڻ سڳورن جو هڪ ساٿي چوي ٿو ته منهنجا
    ماءُ پيءُ مٿن قربان پاڻ سڳورا واپار ۾ منهنجا ڀائيوار هئا پر سدائين معاملو صاف رکيائون نه ڪڏهن جھڳڙو ڪندا هئا ۽ نه گهاٽي واڌي ڪندا هئا پاڻ سڳورن جي ڪاروبار جي هڪ ٻئي ساٿي جو نالو ابوبڪر هو. هو به مڪه ۾ ئي قريش جو هڪ سوداگر هو.هو ڪڏهن ڪڏهن سفر ۾ پاڻ سڳورن جو ساٿي رهندو هو.
    قريش جا ماڻهو اسان جي نبي ﷺ جي سٺي ورتاءَ ،ديانتداري ۽ ايمانداري تي ايترو ڀروسو ڪندا هئا جو بنا هٻڪ جي پنهنجو سمورو سرمايو سندن حوالي ڪري ڇڏيندا هئا گهڻا ماڻهو پنهنجون رقمون پاڻ سڳورن وٽ امانت رکندا هئا ۽ کين امين يعني امانت وارو سڏيندا هئا.


    واپاري سفر

    قريش جا سوداگر گهڻو ڪري شام ۽ يمن جي ملڪن ۾ سفر ڪري واپار جو مال وڪڻندا هئا پاڻ سڳورن به واپار جو سامان کڻي انهن ئي ملڪن جو سفر ڪيو.


    حضرت خديجه رضه جي ڀائيواري

    عرب ۾ واپار جو هڪ قاعدو هيءُ هو ته امير ماڻهو جن وٽ دولت هوندي هئي اهي رقمون ڏيندا هئا ۽ ٻيا محنتي ماڻهو جن کي واپار جو ڏانءُ هوندو هو،اهي رقمون کڻي واپار ۾ لڳائيندا هئا ۽ ان مان جيڪو فائدو ٿيندو هو اهو ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ورهائي کڻنديون هيون.حضور ﷺ جن به انهيءَ طريقي تي واپار جو ڪم شروع ڪيو هو.قريش ۾ خديجه نالي هڪ دولتمند خاتون هئي سندس اڳيون گهر وارو گذاري ويو هو ۽ هاڻي هوءَ بيوه هئي.هوءَ پنهنجو سامان ٻين کي ڏيئي هيڏانهن هوڏانهن اماڻيندي هئي هن اسان جي نبيﷺ جي ايمانداري ۽ سچائي جي ساراهه ٻڌي ته کين گهرائي چيائين ته توهان منهنجو سامان کڻي واپار ڪريو آئون جيترو نفعو ٻين کي ڏيان ٿي ان کان وڌيڪ اوهان کي ڏينديس پاڻ سڳورا راضي ٿي ويا ۽ هن
    جو سامان کڻي سام جي ملڪ ڏانهن ويا.بيبي خديجه رضه پنهنجي غلام ميسره کي پاڻ سڳورن سان گڏ اماڻيو ان واپار ۾ چڱو نفعو ٿيو واپس آيا ته بيبي خديجه سندن ڪم مان ڏاڍو خوش ٿي.


    بيبي خديجه رضه سان نڪاح

    ان سفر کان واپس موٽئي ٽي مهينا گذريا هئا ته بيبي خديجه رضه پاڻ سڳورن ڏانهن نڪاح جو پيغام اماڻيو.ان وقت پاڻ سڳورن جي عمر پنجويهه سال ۽ بيبي خديجه رضه جي چاليهه سال هئي.پوءِ به پاڻ اهو پيعام قبول ڪري ورتائون ۽ ٿورن ڏينهن کانپوءِنهايت سادگي ۽ بي تڪلفي سان اها تقريب ٿي گذري.پاڻ سڳورن جا چاچا ابوطالب ۽ حمزه ۽ ڪٽنب جا ٻيا وڏا ڪنوار جي گهر ويا ابوطالب نڪاح جو خطبو پڙهيو ۽ پنج سو درهم مهر مقرر ٿيو.
    هاني خاوند ۽ گهرواري ٻئي کل خوشيءَ سان رهڻ لڳا واپار جو ڪم انهيءَ نموني هلندو رهيو ۽ پاڻ سڳورا عرب جي مختلف شهرن ۾ ايندا ويندا رهيا ۽ سندن نيڪي ،سچائي ۽ سٺن گڻن جي هر ڪنهن پاسي هاڪ هئي.


    شرڪ ۽ برائي جي ڳالهين کان بچڻ

    حضرت محمدﷺ دنيا ۾ ان لاءِ پيدا ڪيا ويا هئا ته هو الله جي ٻانهن کي الله جو پيغام ٻڌائين انهن کي برائي ۽ بندي جي ڳالهين کان بچائين سٺيون ۽ نيڪ ڳالهيون ٻڌائين ته جنهن جي پيدا ڪرڻ سان الله جي اها مرضي هجي ظاهر آهي الله تعاليٰ ان کي ڪيتريون نه سٺيون ڳالهيون ڏنيون هونديون ۽ هن جون خصلتون ڪيتريون نه سٺيون ٺاهيون هونديون حضور جن ننڍپڻ ۾ ٻارن وانگر ڪوڙ سچ ۽ راند روند کان پاڪ رهيا۽ جوان ٿي به جواني جي هر ڪنهن برائي ۽ بديءَکان پاڪ رهيا.جڏهن ڪا معمولي ڳالهه به اهڙي ٿيندي هئي جيڪا نبي رسول ۽ الله جي قاصد جي شان وتان نه هجي.ته پاڻ سڳورن کي الله ان کان صاف بچائي
    وٺندو هو.ننڍپڻ جو قصو آهي ته ڪعبي جي ديوار جي مرمت ٿي رهي هئي ٻار پنهنجون گوڏيون لاهي ڪلهن تي رکي پٿر ڍوئي رهيا هئا پاڻ به پنهنجي چاچي جي چوڻ تي ائين ڪرڻ گهريائون پر غيرت سببان بيهوش ٿي ڪري پيا.جواني جي شروعات ۾ هڪ هنڌ دوستن جي بي تڪلف مجلس هئي جنهن ۾ ماڻهو اجاين قصن ڪهاڻين ۾ وقت گذاريندا هئا پاڻ به انهن سان گڏ اوڏانهن وڃڻ گهريائون پر کين واٽ تي ئي اهڙي ننڊ اچي ويئي جو صبح جو وڃي اک کلي.
    قريش جا سڀ ماڻهو پنهنجي ڏاڏي ابراهيم جو دين وساري ويٺا هئا ۽ خدا کي ڇڏي مٽي۽ پٿر جون شڪليون ٺاهي انهن مورتين کي پوڄيندا هئا ڪي ماڻهو سج ۽ ٻين تارن جي پوڄا ڪندا هئاپر حضور ﷺ جن جڏهن کان هوش سنڀاليو انهن ڳالهين کان لاڳيتو بچندا رهيا.


    پاڻ سڳورنﷺ جو رسول ٿيڻ

    هاڻي حضور ﷺ چاليهه سالن جي ڄمار کي پهچي ويا هئا هي اهو وقت ٿئي ٿو جڏهن ماڻهوءَ جي سمجهه ۽ ڄاڻ پوري ۽ عقل پختو ٿيووڃي.جواني جي شروعات واريون خواهشون مريون وڃن دنيا جو چڱو مٺو تجربو ٿيو وڃي.اها ئي عمر ان لاءِ مناسب آهي ته الله تعاليٰ ان کي پنهنجو رسول ۽ قاصد بڻائي ۽ جاهلن کي سيکارڻ ۽ نادانن کي ٻڌائڻ لاءِ ان کي انهن جو استاد مقرر ڪري.
    الله پنهنجنرسولن کي فرشتن جي وسيلي پنهنجين ڳالهين کان واقف ڪري ٿو ۽ پنهنجو ڪلام کين ٻڌائي ٿو اهي رسول فرشتي کان خدا جو ڪلام ٻڌي خدا جي ٻانهن کي اهو ئي ٻڌائين ٿا جيڪي الله جا نيڪ ٻانها رسول جي واتان خدا جو ڪلام ٻڌي خداجي ڳالهه مڃين ۽ ان حڪمتي هلن ٿا اهي مسلمان سڏجن ٿا.الله انهن کان خوش ٿئي ٿو پيار ڪري ٿو ۽ جيسيتائين هو جيئن ٿا الله انهن کي هر طرح جو انعام ڏئي ٿو ۽ انهن تي پنهنجي برڪت نازل ڪري ٿو ۽ قيامت کان پوءِ جڏهن سڀ ماڻهو وري جيئرا ٿي اٿندا ته نيڪ ماڻهنکي الله اتي هر طرح جي خوشي نصيب ڪندو انهن کي بادشاهن کان وڌيڪ اتي هر طرح جو آرام ۽ سک ملندو کين بادشاهن کان به وڌيڪ آرام ۽ سک جتي ملندو ان جو نالو بهشت آهي ۽ ان کي جنت به چون ٿا.۽ جيڪي ماڻهو ان رسول جي ڳالهه نٿا مڃين ۽ خدا جو ڪلام نٿا ٻڌن ۽ ان جي حڪمن تي نٿا هلن انهن کي هن دنيا ۾ به دل جو سک ۽ روح جو آرام نٿو ملي ۽ مرڻ کانپوءِ خدا جي خوشنودي کان وانجهيل رهن ٿا ۽ قيامت کان پوءِ اهي اهڙا ڏک سور ۽ سزا ڀوڳيندا جهڙي تڪليف ڪڏهن آئي نه هوندن ۽ اهو هنڌ جتي انهنکي اها سزا ملندي دوزخ آهي جنهن کي جهنم به چون ٿا.
    جنهن الله پنهنجنٻانهن لاءِ زمين۽ آسمان ٺاهيوطرحين طرحين اناج،ميوا ۽ ڦل پيدا ڪيا پهرڻ لاءِ رنگ برنگي ڪپڙا ٺاهيا زمين ۾ قسمين قسمين ساوڪون ۽ گل اُپايا جنهن انسان جي چند ڏينهن جي آرام جي لاءِ هي سڀ ڪجهه ٺاهيو ڇا انهن جي سدائين جي آرام جو بِلو نه ڪيو هوندو؟جهڙي ريت هن دنيا جا قاعدا قانون ٺاهڻ ۽ سيکارڻ لاءِ استاد ،طبيب ۽ ڊاڪٽر ٺاهيا اتي ساڳيءَ ريت هن دنيا جا قانون قاعدا ٻڌائڻ لاءِ رسول ۽ پيغمبر ٺاهيائين ۽ جهڙي ريت هن دنيا جي استادن ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ اسين نه مڃون ته اسان کي دنيا ۾ پنهنجي ناداني ۽ جهالت جي ڪري وڏيون تڪليفون اچن ٿيون ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اسين پنهنجي ناداني ۽ جهالت جي ڪري رسولن ۽ پيغمبرن جو چوڻ نه مڃيون ته هُن دنيا ۾ اسين وڏي تڪليف ۾پونداسين.
    الله جي سڀني احسانن ۾ سڀ کان وڏو احسان هيءُآهي ته هن اسان کي پنهنجيون ڳالهيون سمجهائڻ ۽ نيڪيءَ جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ پنهنجا رسول اماڻيا.
    آدم عليه السلام جي وقت کان وٺي حضرت محمدﷺ تائين هر زماني ۾ ۽ هر قوم ۾ خدا جا اهي رسول ايندا رهيا سڀني کان پڇاڙيءَ
    ۾ سڀني رسولن جي رسول حضرت محمدﷺ کي اماڻيو ويوکانئن پوءِ وري ٻيو ڪو رسول اچڻو ڪونهي ڇو ته خدا جي ڳالهه پوري ٿي چڪي آهي ۽ خدا جو پيغام هر هنڌ پهچي چڪو آهي.
    اسان جي رسول ﷺکي چاليهه سالن جي ڄمار ۾ جڏهن الله رسول بنائڻ گهريو ان کان اڳ کين اڪيلو رهڻ گهڻو پسند هو ڪيترن ئي ڏينهن جو کاڌو گڏ کڻنداهئا ۽ مڪه جي ڀر ۾ هڪ جبل جي غار ۾ جنهن جو نالو حرا هو هليا ويندا هئا ۽ الله جي ڳالهين تي ويچار ڪندا هئا دنيا جي گمراهي ۽ عرب ماڻهن جي خراب هالت ڏسي پاڻ سڳورن جي دل ڏکندي هئي پاڻ سڳورا ان غار ۾ ڏينهن رات خدا جي عبادت ۽ سوچ ۾ رڌل رهندا هئا هڪ ڏينهن هيئن ٿيو جو الله جي حڪم سان الله جو اهو فرشتو جيڪو الله جي ڪلام ۽ پيغام کڻي رسولن وٽ ايندو آهي ۽ جنهن جو نالو حضرت جبرائيل عليه السلام آهي.ڏسڻ ۾ آيو هن فرشتي خدا جو سڀ کان پهريون پيغام جنهن کي وحي چون ٿا محمد ﷺ کي ٻڌايو خدا جي اماڻيل پهرئين وحي هيءَ هئي.
    سوره
    هي اسان جي رسول ﷺ تي پهرين وحي آئيان وحي جي اچڻ سان رسولﷺ تي پنهنجي امت جي تعليم جو ڳرو بار وڌو ويو.نادانن کي ٻڌائڻ ،اڻڄاڻن کي سيکارڻ،اوندهه ۾ هلڻ وارن کي سوجهرو ڏيکارڻ ۽ بتني پوڄارين کي خدا پاڪ جي نالي کان واقف ڪرڻ جو ڪم پاڻ سڳورن تي رکيو ويو سندن دل خوف کان ڏڪي وئي اهڙي حالت ۾ پاڻ سڳورن گهر موٽي آيا ۽ پنهنجي گهرواري حضرت خديجه رضه کي سڄو واقعو ٻڌايائون حضرت خديجه رضه کين تسلي ڏني ۽ چيو ته اوهان غريبن تي رحم ڪريو ٿا بيڪسن جي مدد ڪريو ٿا ۽ جيڪي قرضن جي باوجود هيٺيان دٻيل آهن انهن جو بار هلڪو ڪريو ٿا الله تعاليٰ اهڙي شخص کي ائين ڪونه ڇڏي ڏيندو پوءِ کين پنهنجي سوٽ ورقه بن نوفل وٽ وٺي ويئي ورقه عيسائي مذهب ۾ داخل هو ۽ عبراني ٻولي ڄاڻيندو هو ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام جو ڪتاب تورات ۽حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ڪتاب انجيل پڙهيل هو.هن حضرت رسول خدا ﷺ کان سموري ماجرا ٻڌي ته چيائين ته هي اهوئي خدا جو فرشتو آهي جيڪو موسيٰ عليه السلام تي لٿو هو پوءِ چيائين ته ”اي ڪاش! آئون ان وقت توانو ۽ تندرست هجان جڏهن تنهنجي قوم توکي تنهنجي گهر مان ڪڍندي پاڻ پڇيائون ڇا ائين ٿيندو؟ورقه چيو ته جيڪو پيغام اوهان کڻي آيا آهيو اهو کڻي اوهان کان او ۾ جيڪو به آيو ان سان سندس قوم اهو ئي سلوڪ ڪيو اتفاق سان ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ورقه گذاري ويو.
    اڃان پاڻ سڳورن پنهنجو ڪم شروع ئي ڪيو ته الله جو حڪم آيو
    (1)يَا أَيُّهَا الْمُدَّثِّرُ 1 - 1. اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.
    (2) قُمْ فَأَنذِرْ 2 - . کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.
    (3) وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ 3 - ۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.
    (4) وَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ 4 - ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.
    (5) وَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ 5 - ۽ پليتي کان پري رھ.
    هن وحي جي اچڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن تي فرض ٿي ويو ته خدا تي ڀروسو ڪري اٿي کڙا ٿين ۽ ماڻهن کي خدا جون ڳالهيون ٻڌائين رب جي وڏائي بيان ڪن ۽ ناپاڪي ۽ گندگي جي ڳالهين کان بچن ۽ بچائين.


    اسلام

    جيڪا تعليم کڻي اسان جا حضور جن اماڻيا ويا ان جو نالو”اسلام“ هو.اسلام جي معنيٰ هي آهي ته پاڻ کي خدا جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ان جي حڪم آڏو پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.انهيءَ اسلام کي جيڪو مڃي وٺندو هو ان کي مسلم چوندا هئا يعني خدا جي حڪم کي مڃڻ وارو ۽ ان جي مطابق هلڻ اورو ۽ هاڻي اسين ان کي پنهنجي ٻولي ۾ مسلمان چئون ٿا.
    اسلام جو سڀ کان پهريون حڪم هي هو ته الله هڪ آهي هن جي خدائي ۾ هن جو ڪوبه ساٿي ۽ برابر ڪونهي زمين کان آسمان تائين انهيءَ هڪ جي سلطنت آهي.سج هن جي حڪم سان اڀري ٿو ۽ لهي ٿو.آسمان هن جي حڪم جي تابع ۽ زمين هن جي اشاري جي پابند آهي ،گل،وڻ ،اناج سڀ هن جا اپايل آهن.دريا جبل ،ٻيلا سڀ هن ٺاهيا آهن نه هن جو ڪو اولاد آهي ،نه گهرواري آهي نڪي ماءُ پيءُ آهي نڪي هن جو ڪو برابر ۽ مقابل آهي.سڀ ڏک سور ۽ رنج غم اهو ئي ڏئي ٿو ۽ اهو ئي پري ڪري ٿو سڀ خير ،خوشي ۽ نعمت اهو ئي ڏئي ٿو ۽ اهو ئي کسي سگهي ٿو.
    اسلام جي انهيءَ عقيدي جو نالو توحيد آهي ۽ اهو ئي اسلام جي ڪلمي جو پهريون حصو آهي.لاالٰه الاالله يعني الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ڪونهي ۽ نه هن کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو حڪم هلي ٿو.
    الله زمين ۽ آسمان جي ڪمن کي وقت تي قاعدي ان پورو ڪرڻ لاءِ گهڻيون ئي اهريون مخلوقات ٺاهيون آهن جيڪي اسان کي نظر نٿيون اچن.اهي فرشتا آهن جيڪي رات ڏينهن الله جي حڪمن کي پورو ڪرڻ ۾ لڳا رهن ٿا انهن ۾ پاڻ ڪنهن به قسم جي ڪا طاقت ڪانهي جيڪي ڪجهه آهي اهو الله جي فرمائڻ سان آهي.هي اسلام جو عقيدي جو ٻيو حصو آهي.
    ٽيون هيءُ آهي ته الله جا حڪم جا جيترا به رسول آيا اهن اهي سڀ سچا ۽ خدا جا اماڻيل آهن ۽ سڀني جي تعليم هڪ ئي هئي سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ دنيا جا آخري رسول اسان جا پيغمبر محمد رسول الله ﷺآيا آهن.
    چوٿون هيءُ آهي ته رسولن جي معرفت الله جا جيڪي ڪتاب تورات ،انجيل،زبور ۽ قرآن مجيد وغيره آيا اهن اهي سڀ سچا آهن.
    پنجون هيءُ آهي ته مرڻ کانپوءِ اسين وري جيئرا ٿي اٿنداسين ۽ خدا جي اڳيان حاضر ڪيا وينداسين ۽ هو اسان کي اسان جن ڪمن جو بدلو ڏيندو.
    اهي ئي پنج ڳالهيون اسلام جو اصلي عقيدو آهي.جن تي هر ڪو مسلمان يقين رکي ٿو انهن ئي ڳالهين کي مختصر ڪري ٻن فقرن ۾ ادا ڪيو وڃي ۽ جن جي زبان سان چوڻ ۽ دل سان يقين ڪرڻ کي ”ايمان“ چون ٿا.
    لاالٰه الاالله محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم (بر حق کانسواءِ ڪوبه الٰه ڪونهي محمدﷺ خدا جا اماڻيل رسول آهن)
    حضرت محمدﷺ کي انهن ئي ڳالهين پکيڙڻ ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ جو حڪم ٿيو.


    پهرين مسلمان ٿيندڙ

    عرب جا ماڻهو حد درجي جا جاهل ،نادان،۽ خدا جي دين کان بي خبر ٿي ويا هئا ۽ شرڪ و ڪفر ۾ اهڙا فاٿل هئا جو ان جي برائي هو ٻڌي به نٿي سگهيا سچائي جو هي آواز سڀ کان پهرين جنهن جي ڪنن تي پهتو اها حضور جن جي گهرواري بيبي خديجه رضه آهي.رسول صلعم جن جڏهن سندس اڳيان خدا جي تعليم پيش ڪئي ته هوءَ ٻڌڻ سان مسلمان ٿي ويئي.پاڻ سڳورن جي مرد ساٿين ۾ ابوبڪر نالي قريش جو جيڪو مشهور سوداگر هو اسان جي رسول ﷺ جن جڏهن ان کي خدا جو پيغام ٻڌايو ته هو به بنا هٻڪ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو ۽ ان وقت کان وٺي لڳاتار پاڻ سڳورن جي هر ڪم ۾ ساڻن گڏوگڏ رهڻ لڳا.پاڻ سڳورن جي پياري چاچي ابو طالب جي ننڍي ڄمار واري پٽ جو نالو علي هو هي اسان جي رسولﷺ جي جھولي ۾ نپيو هو ۽ پاڻ سڳورن سان گڏوگڏ رهندو هو.هو ننڍپڻ کان ئي مسلمان رهيو.پاڻ سڳورن جو هڪ لاڏلو خادم جنهن جو نالو زيد بن حارث هو ان به اسلام جو ڪلمو پڙهيو ۽ مسلمان ٿي ويو.
    ان کانپوءِ پاڻ سڳورن ۽ حضرت ابوبڪر رضه گڏجي ماٺ ميٺ ۾ قريش جي اهڙن ماڻهن کي جيڪي طبيعت جا نيڪ ۽ سمجهه جا چڱا هئا اسلام جون ڳالهيون سمجهائڻ شروع ڪيون.وڏن وڏن ناليرن ماڻهن مان پنج ماڻهو حضرت ابوبڪررضه جي سمجهائڻ سان مسلمان ٿيا جن جا نالا هي آهن حضرت عثمان رضهبن عفان،حضرت زبير رضه ،حضرت عبدالرحمان رضه بن عوف ،حضرت سعد رضه بن وقاص ۽ حضرت طلحه رضه پوءِ هي چوٻول آهستي آهستي ٻين ماڻهن جي ڪن تائين به رسيو ۽ مڪه ۾ مسلمان جو ڳاڻيٽو ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو انهن ۾ ڪجهه غلام(ٻانها)به هئا جن جا نالا هي آهن حضرت عمار رضه بن ياسر،حضرت خباب رضه بن ارت ،۽ حصرت صهيب رضه رومي قريش جي ڪجهه نيڪ طبيعت نوجوانن به پهرين ايمان آندو.جهڙوڪ ارصم رضه،سعيد بن يزيد،عبدالله بن مسعود ،عثمان بن مظعون ۽ عبيده رضي الله عنهم.
    هاڻي آهستي آهستي اهواثر مڪه کان ٻاهر به پکڙڻ لڳو ۽ قريش جي سردارن کي به هن نئين تعليم جي سُڌ پُڌ پوڻ لڳي هڪ ته جهالت ٻيو ابن ڏاڏن جي مذهب سان الفت ٻئ شيون اهڙيون هيون جو قريش جي سردارن کي هن نئين مذهب تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي جيڪي ماڻهو مسلمان ٿي ويا هئا انهن کي هر نموني سان ستائڻ شروع ڪيائون .مسلمان جبل جي لڪن ۽ عارن ۾ وڃي لڪي لڪي نماز پڙهندا هئا ۽ الله جو نالو وٺندا هئا هڪ ڀيرو خود رسول الله ﷺ جن پنهنجي سوٽ حضرت علي رضه کي گڏ وٺي ڪنهن لڪ ۾ نماز پڙهي رهيا هئا ته سندن چاچو ابو طالب اچي نڪتو.هن کي هن نئين شيءِ عجيب لڳي ڀائيٽي کان پڇيائين ته هيءَڪهڙو دين آهي؟پاڻ فرمايائون هي اسان جي ڏاڏي ابراهيم عه جو دين آهي ابو طالب چيو اوهان شوق سان انهيءَ دين تي قائم رهو،منهنجي هوندي اوهان کي ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي.
    ٽن سالن تائين پاڻ سڳورا ائين لڪي لڪي ۽ آهستي آهستي بتن جي خلاف وعظ ڪندا رهيا۽ ماڻهن کي صحيح دين جو سبق پڙهائيندا رهيا.جيڪي نيڪ ۽سمجهدار هوندا هئا اهي قبول ڪري وٺندا هئا ۽ جيڪي ناسمجهه ۽ هٺيلا هوندا هئا اهي نه مڃيندا هئا اٽلودشمن ٿي پوندا هئا.
    ان زماني ۾ ڪعبي جي ڀر ۾ هڪ گهٽي هئي جنهن ۾ هڪ وڏي سچار ۽ جان نٿار مسلمان ارقم جو گهر هو،هي گهر اسلام جو پهريون مدرسو هو.پاڻ سڳورا گهڻو ڪري هتي ويهندا هئا ۽ مسلمانن سان ملندا ۽ انهن کي خدا جي ياد ۽ نصيحت جون سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ انهن جي ايمان کي پختو ڪندا هئا جيڪي ماڻهو هن دينجو شوق رکندا هئا اهي اتي اچي خدا جي رسول سان ملندا ۽ مسلمان ٿيندا هئا.


    پهريون عام اعلان

    ٽن سالن کانپوءِ خدا پاڻ سڳورن کي حڪم ڏنو ته هاڻي ظاهر ظهور خدا جو نالو بلند ڪريو۽ بي ڊپا ٿي بت پرستي جي مخالفت ڪريو ۽ منهنجي ٻانهن کي نيڪي ۽ نصيحت جون ڳالهيون ٻڌايو.اتفاق جي ڳالهه ڏسو ته ان وقت جنهن سڀني کان وڌيڪ پاڻ سڳورن جو ساٿ ڏنو ۽سندن حمايت جو وچن ڪيو اهو به پاڻ سڳورن جو ساٿ ڏنو۽ سندن حمايت جو وچن ڪيو اهو به پاڻ سڳورن جو چاچو هو جنهن جو نالو ابو طالب هو مٿي پڙهي آيا آهيو ته هو پاڻ سڳورن کي ڪيترو ڀائيندو هو اهڙي ريت جنهن سڀني کان وڌيڪ سندن مخالفت ڪئي ۽ دشمنيءَ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي اهو به پاڻ سڳورن جو ئي هڪ چاچو هو جنهن جو نالو ابو لهب هو.ابو لهب کانسواءِ سندن دين جو سڀ کان وڏو دشمن ابوجهل ٿيو جيڪو قريش جو هڪ سردار ۽ وڏو دولتمند هو.قريش جي سردارن جو هي چوڻ هو ته جيڪڏهن خداکي ڪنهن کي پنهنجو قاصد ۽ ايلچي بڻائي موڪلڻو ئي هو ته مڪه يا طائف جي ڪنهن دولتمند رئيس کي بنائي اماني ها.انهن جي سمجهه ۾ اها ڳالهه نٿي آئي ته خدا جي دربار ۾ دولت ۽ رياست جي نه پر نيڪي ۽ چڱائي جو قدر آهي.هن ازل کان ئي طئي ڪري ڇڏيو هو ته قريش جي گهراڻي ۾ عبدالله جي يتيم پٽ محمد (ﷺ)کي پنهنجو آخري رسول بنائي اماڻيندو تنهن ڪري هن اماڻيو ۽ اهو هاڻي ظاهر ٿيو.
    اسان جي رسول ﷺ کي جڏهن دين جي ظاهر ظهور اعلان جو حڪم ٿيو ته پاڻ سڳورن مڪه جي هڪ ٽڪريءَ تي جنهن جو نالو صفا هو بيهي قريش کي سڏ ڪيو عرب جي رواج مطابق اهو آواز ٻڌي قبيلي جي سڀني ماڻهن جو گڏ ٿي وڃڻ ضروري هو.تنهنڪري مڪه جا وڏا سردار انهيءَٽڪري جي هيٺيان اچي گڏ ٿياپاڻ انهن کان پڇيائون ته جيڪڏهن آئون اوهان کي اهو چوان ته هن جبل جي پويان اوهان جي دشمنن جو هڪ لشڪر اچي رهيو آهي ته ڇااوهان کي ان جو يقين ٿيندو.سڀني چيو ها بيشڪ ڇو ته اسان توکي سدائين سچ ڳالهائيندو ڏٺو آهي.پاڻ فرمايائون ته پوءِ آئون اهو ته چوان ته جيڪڏهن اوهان خدا جو پيغام کي نه مڃيو ته اوهان جي قوم تي هڪ تمام وڏي آفت ايندي.اهو ٻڌي ابو لهب چيو ته ڇا تو اهوئي ٻڌائڻ لاءِ اسان کي هتي سڏيو هو.اهو چئي اٿيو ۽ هليو ويو قريش جا سردار به خفا ٿي هليا ويا.


    عام تبليغ

    پر اسان جي رسول ﷺانهن سرادرن جي خفا ٿيڻ جي پرواهه ڪانه ڪئي ۽ بت پرستي جون برائيون ظاهر ظهور بيان ڪندا رهيا۽ خدا جي هيڪرائي عبادت ۽ سٺن اخلاقن ۽قيامت جو وعظ فرمائيندا رهيا.جن جون دليون سٺيون هيون اهي سندن ڳالهه قبول ڪندا ويا پر جيڪي دل جا نيڪ نه هئا اهي شرارت تي لهي آيا ۽ پاڻ سڳورن کي طرحين طرحين نموني سان ستائڻ لڳا.رستي ۾ ڪنڊا رکي ڇڏيندا هئا پاڻ نماز پڙهڻ بيهندا هئا ته تنگ ڪندا هئاڪعبي جو طواف ڪرڻ ويندا هئا ته ٽوڪون ڪندا هئا ماڻهن ۾ پاڻ سڳورن کي شاعر جادوگر،چريو وعيره مشهور ڪندا هئا۽ جيڪو نئون ماڻهو ايندو هو ان کي اڳواٽ وڃي چئي ايندا هئاته اسان وٽ هڪ شخص بي دين ٿي ويو آهي ان وٽ نه وڃجو.
    پاڻ سڳورا انهن جون اهي سڀ سختيون سهندا هئا ۽ پنهنجو ڪم ڪندا رهندا هئا.قريش جڏهن ڏٺو ته هي ڪنهن به نموني نٿو رهي ته هڪڏينهن گڏ ٿي پاڻ سڳورن جي چاچي ابو طالب وٽ ويا ۽ چيائون ته تنهنجو ڀائيٽو اسانجن بتن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو اسانجن ابن ڏاڏن کي گمراهه ٻڌائي ٿو ۽ اسان کي نادان سڏي ٿو،هاڻي يا ته تونوچ مان هٽي يا تون به ميدان ۾ لهي اچ ته اسان ٻنهي(ڌرين)مان هڪ جو فيصلو ٿي وڃي.ابوطالب ڏٺو ته هاڻي وقت نازڪ آهي.حضرتﷺ جن کي گهرائي چيائين ته مون پوڙهي تي ايترو بار نه وجهو جو کڻي نه سگهان.ظاهري طرح حضورﷺ جن کي جيڪڏهن ڪنهن جي مدد جو آسرو هو ته اهوئي چاچو هو.ان جي اها ڳالهه ٻڌي سندن اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا پوءِ فرمايائون ته ”چاچا! خدا جو قسم جيڪڏهن هي ماڻهو منهنجي هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي هٿ تي چنڊ آني رکن،تڏهن به پنهنجي ڪم تان هٿ ڪونه کڻندس.“پاڻ سڳورن جو اهو عزم ۽ ارادو ڏسي ۽ سندن اها اثر ڀريل ڳالهه ٻڌي ابوطالب تي ڏاڍو اثر ٿيو کين چيائين”ڀائيتا وڃ پنهنجو ڪم ڪندو هل هي تنهنجو ڪجهه به بگاڙي ڪونه سگهندا.“
    چاچي جي اها ڳالهه ٻڌي دلکي ڏاڍو ڏڍ آين ۽ پنهنجو ڪم وڌيڪ تيزي سان ڪرڻ شروع ڪيائون اڪثر قبيلن جا ٿورا ٿورا ماڻهو مسلامن ٿيڻ لڳا قريش سردارن ڏٺو ته ڌمڪي سان ڪم نه ٿيو هاڻي ٿورو ريهي ريبي ڪم هلايون سڀني صلاح ڪري عُتبه نالي قريش جي هڪ سرادر کي سمجهائي ٺاهي پاڻ سڳورن وٽ اماڻيو هن پاڻ سڳرن وٽ اچي هيءُ چي”اي محمدﷺقوم ۾ ڏار وجهڻ سان جيڪڏهن تون مڪه جي سرداري گهرين ٿو ته اها حاضر آهي،جيڪڏهن ڪنهن وڏي گهراڻي مانشادي ڪرڻ گهرين ٿو ته اها به ٿي سگهي ٿي ،جيڪڏهن دولت کپيئي ته اسين ان لاءِ به تيار آهيون پر تون هن ڪم تان هٿ کڻ.“
    عتبه جو خيال هو ته اسان جيڪا اٽڪل ويڙهائي آهي ان جي ڪاميابيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي.محمد ﷺانهن ڳالهين مان ڪنهن هڪ جي لالچ ۾ اچي ضرور اسان سان صلح ڪندو پر پاڻ سڳورن جي زبان مان هن اهوجواب جنهن جي هن کي ذري جيتري به اميد ڪانه هئي،پاڻ سڳورن قرآن پاڪ جون ڪجهه آيتون هن کي ٻڌايون انهن آيتن جي ٻڌڻ سان هن جي دل دهلجي وئي واپس آيو ته قريش ڏٺو ته هن جي منهن جو رنگ اڏامي ويو آهي.عتبه چيو،”محمدﷺ جيڪو ڪلام پڙهي ٿو اهو نه شاعري آهي ۽ نڪي جادوگري آهي .منهنجو رايو هي آهي ته اوهين کيس سندس هال تي ڇڏي ڏيو.جيڪڏهن هو ڪامياب ٿي عرب تي غالب اچي ويو ته اها اسان جي ئي عزت آهي.نه ته عرب جا ماڻهو پاڻ ئي کين پورو ڪري ڇڏينداپر قريش هن جي ڳالهه نه مڃي پنهنجي هوڏ تي ائين ئي ڄميا رهيا.
    هاڻي پاڻ سڳورن جو هي ڪم هو ته هڪ هڪ ماڻهو وٽ ويا ٿي ۽ ان کي سمجهايائون ٿي ڪنهن مڃي ورتو ٿي ڪو ماٺ ڪري ٿي ويو ڪنهن جھڻڪي ٿي ڇڏيو اهڙي حالت ۾ جن ماڻهن مان ايمان آندو ۽ مسلمان ٿيا انهن جي وڏي واکاڻ آهي ۽ انهن مان ڪن ڪن جي مسلمان ٿيڻ جو قصو ڏاڍو دلچسپ آهي.


    حضرت حمزه رضه جو مسلمان ٿيڻ

    حضرت حمزه رضه پاڻ سڳورن جو چاچو هوعمر ۾ به ٿورو ئي وڏو هو هڪ سڱ سان پاڻ سڳورن جي مامي جو پٽ ۽ ٿڃ شريڪ ڀاءُ به هو تنهنڪري پاڻ سڳورن سان گهڻي محبت ڪندو هو ڏاڍو پهلوان شخص هو گهڻو وقت گهمڻ ۽ شڪار تي خرچ ڪندو هو.ابوجهل جو حال ته اوهان کي خبر آهي ته هو پاڻ سڳورن کي ڪهڙن ڪهڙن نمونن سان ستائيندو هو.هڪ ڏينهن جو واقعو آهي ته ابو جهل پنهنجي روزانه عادت مطابق پاڻ سڳورن کي گهٽ وڌ ڳالهايو هڪ ٻانهي بيٺي اهي ڳالهيون ٻڌيون شام جو جڏهن حمزه شڪار کان واپس آيو پئي ته ان ٻانهي جيڪي ڏٺو ۽ ٻڌو هو اهو کيس ٻڌايائين حمزه اهو ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ انهيءَحالت ۾ ڪعبي جي اڱڻ ۾ آيو جتي قريش جا وڏا وڏا ماڻهو پنهنجيو ڪچهريون لڳايو ويٺا هئا ۽ ابو جهل وٽ پهچي ڪمانان جي مٿي تي هڻي ڪڍيائين ۽ چيائين ته ”ٻڌ آئون مسلمانٿي ويو آهيان جيڪي وڻيئي سو مون سان ڪري وٺ“ اهو چئي گهر هليو آيو .هاڻي اهو ڏينهن اچي ويو جو اسلام جي جرڳي ۾ قريش جو هڪ وڏو پهلوان شريڪ ٿي ويو


    حضرت عمر رضه جو مسلمان ٿيڻ:

    خطاب جو پٽ عمر قريش جي هڪ خاندان جو نوجوان هو،مزاج ۾ سختي هئس جيڪا ڳالهه ڪندو هو سختيءَ سان ڪندو هو.هي به ان وقت اسلام جو دشمن هو.مسلمانن کي تنگ ڪندو هو ۽ ستائيندو رهندو هو.خدا جي ڪرڻي هيئن ٿي ٿي ته هڪ ڏينهن هو ڪنهن بت خاني ۾ ستو پيو هو ته بت خاني جي اندر لاالٰه الا الله جو آواز ٻڌائين گهٻرائجي اٿي ويٺو ۽ هاڻي هو ان آواز جي سچائي تي ڪڏهن ڪڏهن ويچار ڪرڻ لڳو.حضور اڪرم ﷺرات جوجڏهن قرآن پڙهندا هئا ته هي ٻين کان لڪي بيهي ٻڌڻ لڳو.هڪ رات پاڻ سڳورا نماز ۾ قرآن جي هڪ سوره پڙهي رهيا هئا عمر هڪ هڪ آيت ٻڌي رهيو هو ۽ ان جو اثر مٿس ٿي رهيو هو تنهن هوندي به جيئن ته هو مزاج جوسخت ۽ طبيعت جو پڪو هو تنهنڪري ان اثر کي ختم ڪندو رهيو.
    ان کان اڳ ۾ عمر جي ڀيڻ فاطمه رضه ۽ ڀيڻيويو سعد بن زيد مسلمان ٿي چڪا هئا.عمر کي خبرپيئي ته ٻنهي کي رسين سان ٻڌي ڇڏيائين.مشهور هي اهي ته هڪڀيري عمر جي دل۾ خيال ايو ته محمد ﷺ جو سر لاهي ڇڏجي ته روز جو جھيڙو ختم ٿي وڃي.اهو ارادو ڪري اهو تلوار کڻي گهران نڪتو.رستي ۾ هڪ مسلمان سان سندس ملاقات ٿي ان پڇيو ته عمر! ڪيڏانهن جو ارادو آهي.هن چيو ته وڃان ٿو ته اڄ محمدﷺ جو ڪم پورو ڪري ڇڏيان ان چيس ته پهرين پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي جي ته خبر وٺ.انهيءَ طعني تي هو تپي ويو ۽ موٽي پنهنجي ڀيڻ جي گهر جو گس ورتائين اتي پهتو ته قرآن پڙهڻ جو آواز ٻڌائين،ڪاوڙ ۾ بي قابو ٿي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي کي دل کولي ماريائين پر ڏٺائين ته انهن کي توحيد جو نشو ساڳي طرح هو.هن جي دل تي ان وڏو اثر ٿيو چيائين ته چڱو جيڪا سورة اوهان پڙهي رهيا هئا اها مونکي به ڏيکاريو.هنن اهو پنو کڻي آڻي هٿ تي رکيس عمر جيئن جيئن ان کي پڙهندو ٿي ويو هن جي دل ڏڪندي پئي ويئي نيٺ رڙ ڪيائين لاالٰه الاالله محمد رسول الله ﷺ.
    هي اهوزمانو هو جڏهن پاڻ سڳورا ارقم رضه جي گهر ۾ هئا، حضرت عمر رضه سڌو اتي پهتو درجا طاق بند هئا سڏ ڪيائين جيڪي مسلمان اتي هئا حضرت عمر رضه کي تلوار کنيل ڏسي ڊنا،حضرت حمزه رضه ”اچڻ ڏيوس،جيڪڏهن هو خلوص سان آيو آهي ته ٺيڪ نه ته سندس تلوار سان سندس سر لاهي ڇڏبو.“دروازو کليو ۽ حضرت عمر رضه اندر پير وڌو ته رسول خدا صلعم پاڻ اڳتي وڌيا ۽ سندس پلؤ جهلي فرمايائون ڇو عمر!ڪهڙي ارادي سان آيو آهين؟عرض ڪيائين ته ايمان آڻڻ لاءِ.اهو ٻڌي مسلمانن ايڏو زور سان الله اڪبر! جو نعرو هنيو جو مڪه جون ٽڪريون گونججي ويون.
    ڪافرن کي جڏهن حضرت عمر رضه جي مسلمان ٿيڻ جي خبر پيئي ته انهن سڀني پاسن کان حضرت عمر رضه جي گهر جو گهيرو ڪيو پر عاص بن وائل جي سمجهائڻ تي هوموٽي هلياويا.حضرت عمر رضه مسلمان ٿيا ته مسلمانن جي همت وڌي ويئي ان وقت تائين مسلمان ڪافرن جي ڊپ کان ڪعبي ۾ وڃي نماز ڪونه پڙهندا هئا حضرت عمر رضه مسلمان ٿيا ته سڀني مسلمانن کي گڏ وٺي نڪتا ۽ وڙهي ڪعبي جي اڱڻ ۾ وڃي نماز پڙهيائون.


    ابوذرغفاري رضه جو مسلمان ٿيڻ

    رسول صلعم جن جي مسلمان ساٿين کي”صحابه“ چوندا آهن.اسلام جيئن جيئن پکڙندو ٿي پئي ويو صهابين جو تعداد به ڏينهون ڏينهن وڌندو پئي ويو.ايتريقدر جو اهي مڪه کان باهر به پهچي ويا.مڪه کان ٿورو پري غفار جو قبيلو رهندو هو ان ۾ ابوذر ۽ انيس ٻه ڀائر هئا.ابوذر رضه کي جڏهن خبر پيئي ته مڪه ۾ هڪ رسول ﷺ پيدا ٿيو اهي.جنهن جي دعويٰ هياهي ته هنوٽ آسمان کان خدا جو پيغام اچي ٿو ته هن پنهنجي ڀاءُ انيس کي اماڻيو ته وڃي ان رسول جا هال معلوم ڪري ۽ ان جون ڳالهيون ٻڌي.انيس مڪي آيو ۽ واپس وڃي پنهنجي ڀاءُ کي چيائين ته هو اخلاق جون سٺيون سٺيون ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائي ٿو ۽ جيڪو ڪلام پيش ڪري ٿو اهو شعر ڪونهي.اهو ٻڌي ابوذر رضه جو شوق وڌيو ۽ هو پاڻ سوار ٿي مڪي آيو ۽ ڪعبي ۾ گهڙيو ته خدا جي ان رسول جي خبر وٺي ڪنهن کان پڇڻ ڏکيو هو رات ٿي ويئي ۽ هو ليٽي پيو.حضرت علي رضه اتان لانگهائو ٿيا ته انهن سمجهيو ته هي ڪو پرديسي آهي.حضرت علي رضه هن ڏانهن ڏٺو هو پويان ٿي هليو واٽ ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهايائون ڪونه سڄي رات هو سندن گهر رهيو .صبح ٿيو ته وري ڪعبي ۾ هليو آيو ۽ سڄو ڏينهن ائين پيو رهيو رات ٿي ته وري به اتي ئي ليٽي پيو.حضرت علي رضه هاڻي وري اتان لنگهيا ته ڏاٺائون ته ساڳيو پرديسي آهي،کيس اٿاري پنهنجي گهر وڍي آيا ۽ ڪابه ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي.رات گذاري ابوذر رضه وري ڪعبي ۾ پهتو.اهڙي ريت ڏينهن لنگهيو رات آئي ته اتي ئي سمهڻ گهريائين ته وري حضرت علي رضه جو لنگهڻ ٿيو ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هليا.رستي ۾ پڇيائون ته تون ڪٿان آيو آهين؟ هن کي جيڪا ڳالهه هئياها ڪري ٻڌائي.فرمايائون ها هي سچ آهي ۽ هو خدا جا رسول آهن.چڱو صبح جو مون سان گڏ هلجان.صبح ٿيو ته هو کوس وٺي خدا جي رسول ﷺ ڏانهن هليا.جڏهن اتي پهتا ۽ پاڻ سڳورن جون ڳالهيون ٻڌائين ته دل جي ڳالهه زبان تي اچي ويئي ڪلمون پڙهي مسلمان ٿي ويو.حضور جن فرمايو هن وقت پنهنجي گهر هليو وڃ هن چيو ته نه خدا جو قسم !آئون هي ڪلمون انهن ڪافرن جي اڳيان رڙيون ڪري پڙهندس.اهو چئي ڪعبي ۾ آيو ۽ ڏاڍي زور سان رڙ ڪري چيائين اشهد ان لاالٰه الا الله وان محمدالرسول الله ﷺ(ترجمو:آئون شاهدي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي ۽ هي ته محمد ﷺالله جا رسول آهن)ڪافرن هي آواز ٻڌو ته هر طرف کان مٿن ٽٽي پيا ۽ سڀني گڏجي کيس ڏاڍو ماريو پاڻ سڳورن جو چاچو عباس رضه ڊوڙي آيا ۽ کيس بچايائون ۽ قريش کي چيائون ته ”اوهان کي خبر ناهي ته هي غفار قبيلي جو ماڻهو آهي ۽ اوهان جي واپار جو رستو اتان ئي لنگهندو آهي.“تڏهن قريش ڏاڍي مشڪل سان کيس ڇڏيو ٻئي ڏينهن جو وري ڪعبي ۾ آيو ۽ ساڳئي نموني زور سان رڙ ڪري اسلام جو ڪلمو پڙهيائين.ڪافر وري ڊوڙي آيا ۽ کيس مارڻ لڳا ۽ وري به عباس رضه کيس اچي ڇڏايو.اهو هو صحابه جي اسلام جو نشو جيڪو لاهڻ سان به نٿي لٿو.


    غريب مسلمانن جو ستائجڻ

    قريش جڏهن ڏٺو ته مسلمانن جوتعداد ڏينهون ڏينهن وڌنڌو پيو وڃي ۽ هي اُٿل نه ٿي جھلجي ته هن ڏاڍ ۽ ظلم ڪرڻ جو پڪو فيصلو ڪري ورتو.جنهن به غريب مسلمانن تي جنهن به ڪافر جووس هليو ٿي اهو ان کي طرحين طرحين سان مٽائڻ لڳو.منجهند جو عرب جي وارياسي ۽ ٽڪرائين زمين بيحد گرم ٿي ويندي آهي.ان وقت اهي بي يارومددگار مسلمانن کي جهلي ان تکي اُس ۾ انهيءَ گرم زمين تي ليٽائيندا هئا ڇاتي تي ڳرا پٿر رکي ڇڏيندا هئا بدن تي گرم واري پکيڙيندا هئا لوهه کي باهه ۾ تپائي ان سان داغيندا هئا.هي اهي سزائون هيون جيڪي بلاول رضه ۽ صهيب رضه ٻن مسلمانن بانهن کي ڏنيون وينديون هيون.
    ان مان به دل نه ٺرندي هين ته حضرت بلال رضه جي ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڇوڪرن جي حوالي ڪندا هئا پر هن جو هيءُ حال هو جو انهيءَ هالت ۾ به زبان تي اَحد اَحد هوندو هو يعني ”اهو خدا هڪ آهي اهو خدا هڪ آهي.“
    صهيب رضه بهٻانهو هو جيڪيو مسلمان ٿي ويو هو کيس جھلي ايترو ت ماريندا هئا جو سندس هوش وحواس هليا ويندا هئا.
    خباب بن ارت رضه به پراڻن مسلمانن مان هو ان کي طرحين طرحين تڪليفون ڏنيون ويون ايتري قدر جو هڪ ڏينهن ٻرندڙ اڱرن تي کيس پٺيرو ليٽايو ويو ۽ ان وقت تائين ڪونه ڇڏيو ويو جيسيتائين اڱر اجهامي نه ويا.
    ياسر رضه ۽ سندس پٽ عمار ۽ زال سميه هي ٽيئي مڪه جي غريبن مان هئا ۽ اسلام آڻڻ وارن ۾ گهڻو آڳاٽا آهن.ياسر ته ڪافرن جي هٿان تڪليفون سهندي سهندي ئي گذاري ويو سميه کي ابوجهل اهڙي بڙڇي هنئي جو هوءَ الله کي پياري ٿي ويئي.عمار کي تتلزمين تي ليتائي ايترو ماريندا هئا جو هو بيهوش ٿي ويندو هو.زنيره رضه هڪ مسلامن بانهي هئي ابو جهل ان کيايترو ماريو جو ان جون اکيون وينديون رهيون ۽ ٻين غريب مسلمانن ۽ نون مسلمان ٿيندڙ بانهن ۽ ٻانهين کي به اهڙيون ئي سزائون ڏنيون وينديون هيون.حضرت ابوبڪر رضه جن، حضرت بلال رضه ، عامر رضه ،زنبير رضه ،نهديه رضه ، ۽ ام عبيس رضه وغيره مسلمان بانهن ۽ بانهين کي سندن ظالم ۽ بي رحم مالڪن کان خريدڪري آزاد ڪري ڇڏيو.
    هي ته غريب مسلمانن جي روداد هئي جي عزت ۽ دولت وارا هئا اهي پنهنجن وڏن مائٽن جي چنبن ۾ هئا.حضرت عثمان رضه جڏهن مسلمان ٿيو ته سندس چاچي کيس رسي سان ٻڌي ماريو.سعد بن زيد رضه ۽ سندس زال فاطمه جيڪا حضرت عمر رضه جي ڀيڻ هئي انهن کي حضرت عمر رضه رسن سان ٻڌي ڇڏيندو هو .حضرت زبير رضه مسلمان ٿيو ته سندس چاچو کيس تڏي ۾ويرهي هنجي نڪ۾ دونهون ڏيندو هو عبيدالله بن مسعود مسلمان ٿيو ته ڪعبي ۾ وڃي سوره رحمان پڙهڻ شروع ڪيائين ڪافر سڀني پاسن کان هن تي چڙهي ويا ۽ ڏاڍو ماريائون.
    مسلمان انهيبيوسي ۾ ڇا ڪن ها.اچي حضرت رسول اللهﷺ جن سان ڪافرن جون شڪايتون ڪندا هئا ۽ عرض ڪندا هئا ته يا رسول الله! دعا ڪريو ته مسلمانن کي امن ملي.پاڻ سڳورا انهن کي تسلي دلاسو ڏيندا هئا ۽ اڳين پيغمبرن جو حال ٻڌائيندا هئا ۽ انهن حق جي واٽ ۾ جيڪي تڪليفون ڏٺيون اهي بيان ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته حق جو سج گهڻي دير تائين ڪڪرن ۾ لڪي نه ٿوسگهي هڪ زمانو ايندو جڏهنخدا اوهان کي سرسي ڏيندو.اوهان کان اڳي ڪنهن پيغمبر کي ڪرٽ سان چيريو ويو ڪنهن جو گوشت لوهه جي ڦڻيءَ سان ڇليو ويو پرانهن هق کي ڪونه ڇڏيو.


    حبش ڏانهن هجرت

    هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن هليو وڃڻ کي هجرت چوندا آهن مٿي پڙهي آيا آهيو ته عرب جو ملڪ سمنڊ جي ڪپ سان آهي ۽ حجاز جنهنسمند جي ڪپ سان آهي ان جو نالو ڳاڙهو سمنڊ آهي.ڳاڙهي سمنڊ جي ٻئي ڪپ تي آفريقا ۾ حبش جو ملڪ آهي.اتان جو عيسائي بادشاهه ڏاڍو نيڪ هو..مسلمانن جون تڪليفون جڏهن گهڻو وڌي ويون ته نبوت جي پنجين سال حضرت رسول خدا ﷺ جي اجازت سان يارهن مرد ۽ چار عورتون ٻيڙيءَ ۾ ويهي حبش ڏانهن هليا ويا.
    حبش جي بادشاهه کي نجاشي چوندا آهن انهن مسلمانن کي پاڻ وٽ ڏاڍي امن و امان ۾ رهايو قريش کي جڏهن ان جي خبر پيئي ته انهن نجاشي وٽ پنهنجا سفير اماڻيا ته هي اسان جا ڏوهاري آهن انهن کي اسان جي حوالي ڪريو.بادشاهه مسلمانن کي گهرائي حال پڇيو،حضرت علي رضه جي ڀاءُ حضرت جعفرطيار رضه مسلمانن جي پاران هيءَ تقرير ڪئي:
    ”اي بادشاهه! اسين جاهل هئاسين بت پوڄيندا هئاسين مردار کائيندا هئاسين ڀاءُڀاءُ تي ظلم ڪندو هو ڏاڍو هيڻن کي کائي ويندو هو ايتري ۾ اسان ۾ هڪ شخص پيدا ٿيو جنهن جي بزرگي ،سچائي ۽ ايمانداري کان اسين واقف هئاسين هن اسان کي سچي دين جي دعوت ڏني ۽ ٻڌايو ته اسين بتن کي پوڄڻ ڇڏي ڏيون،سچ ڳالهايون ،ظلم تان هٿ کڻون ،يتيمن جو مال نه کائون ،پاڙيسرين کي آرام رسايون ،پاڪدامن زالن تي بدنامي جو ٽِڪو نه هڻون ،نماز پڙهون ،روزا رکون ،خيرات ڏيون.اسان انهيءَ شخص کي خدا جو پيغمبر مڃيو ۽ هن جي ڳالهين تي عمل ڪيو.انهيءَ ڏوهه جي ڪري اسان جي قوم اسانجي جان جي دشمن بنجي پيئي ۽اسانکي مجبور ٿي ڪري ته اسين هن کي ڇڏي اڳي واري گمراهي ۾رهون.“
    نجاشي چيو اوهان جي پيغمبر تي جيڪو ڪلاملٿو آهي اهو ڪٿان کان پڙهو حضرت جعفر رضه سوره مريمجون ڪجهه آيتون پڙهيون نجاشيتي انهن جو ايترو اثر ٿيو جو هن جي اکين مان لڙڪ وهي پياپوءِ چيائين ”خدا جو قسم هي ڪلام۽ انجيل ٻئي هڪئي چراغ جو عڪس آهن“.اهو چئي قريش جي سفيرن کي چيائين ته اوهين موٽي وڃو آئون هنن مظلومن کي واپس ڪونه ڪندس.
    مسلمانن جڏهن نجاشي جي اها مهرباني ڏٺي تهان کانپوءِ ٻيا به گهڻا مسلمان لڪي لڪي حبش ڏانهن هليا ويا،ايتريقدر جو انهن جو تعدا گهٽ وڌ ٽياسي ٿي ويو.


    ابوطالب جي لڪ(شعب)۾ نظربندي:

    قريش ڏٺو ته هيءَ اٽڪل بهڪمائتي ڪانه ٿي تنهنڪري قريش جي سڀني ڪٽنبن گڏجي نبوت جي ستين سال هي ٺاهه ڪيو ته ڪوبه ماڻهو پيغمبر خدا جي ڪٽنب سان جنهن جو نالو بنوهاشم هو ڪوبه لاڳاپو نه رکندو نه انهن مان ڪوشادي وهانءُ ڪندو نڪي انهن کي ڪا شيءِ وڪڻندو ۽ نه وٺندو ۽ نه وري انهن کي کاڌي پيتي جو ڪو سامان ڏيندو يا هي ته اهي محمد ﷺکي اسان جي حوالي ڪري ڇڏين اهو ٺاهه لکي ڪعبي جي دروازي تي ٽنگيو ويو.ابوطالب ڪٽنب جي ماڻهنکي وٺي هڪ ”لڪ“۾ هليو ويو جيڪو شعب ابي طالب سڏجي ٿو.هتي ٻين مسلمانن به اچي پناهه ورتي ۽ ڏاڍين تڪليفن سان هتي رهڻ لڳا.وڻن جا پن کائي وقت گذارڻ لڳا سڪل چمڙو ملين ٿي ته اهو ڀُڃي ئي کاڌائون .ننڍڙا به بک کان ڪِيهون ڪندا هئا.حضور ﷺ جن جي کائڻ لاءِ بلال رضه ڪڏهن ڪڏهن ڪٿان ڪجهه ڪڇ ۾ لڪائي کڻيايندو هو.ڪافر مسلمانن جي اها هالت ڏسي خوش ٿيندا هئا ٽي سال اهڙي نموني لنگهي ويا.نيٺ انهن ظالمن مان ڪن کي رحم آيو ۽ هننانهي ظلم واري ٺاهه کي ٽوڙي ڇڏيو.


    ابوطالب ۽ خديجه رضه جي وفات (10 هه نبوي)

    هاڻي هو ”لڪ“ مان نڪري پنهنجن گهرن ڏانهن آيا ٿورا ئي ڏينهن لنگهيا هئا ته پاڻ سڳورن جي پياري چاچي ابو طالب وفات ڪئي اڃان هن ڏک کي ڪي ٿورا ڏينهن ٿيا هئا ته حضور ﷺ جن جي ڏکن جي ساٿي گهرواريص بيبي خديجه رضه به گذاري ويئي.هي وقت پاڻ سڳورن لاءِ ڏکيو گذريو.پاڻ سڳورن جا اُهي ئي ٻه پيار ڪندڙ ۽ ڏکن جا ساٿي هئا ۽ٻئي هڪ ئي سال هڪ ٻئي جي پويان گذاري ويا.


    پاڻ سڳورن تي مصيبتون:

    قريش جي ظالمن کي هن وقت تائين ابوطالب جي دڙڪي داب ۽حضرت خديجه رضه جي لحاظ جي ڪري خود رسول الله ﷺ تي هٿ کڻڻ جي همت ڪانه ٿي هئي.انهن ٻنهي جي گذاري وڃڻ تي ميدان خالي ٿي ويو.هاڻي هو خود حضور ﷺ جن سان بي ادبي سان پيش اچڻ لڳا.هڪ ڀيرو پاڻ سڳورا گس وٺيو پئي ويا ته ڪنهن ظالم مٿي مبارڪ تي مٽي اڇلائي وڌي پاڻ اهڙا ئي گهر آيا.سندن ﷺ جي صاحبزادي پاڻي کڻي آئي هوءَ مٿي کي ڌوئيندي پئي وئي ۽ پيءُ سڳوري جي اها هالت ڏسي روئندي به رهي.پاڻ سڳورمﷺ فرمايائون پيءُ جي جان نه روء خدا تنهنجي پيءُ کي ائين ڪونه ڇڏيندو.
    هڪ ڀيرو پاڻ ﷺ ڪعبي جي اڱڻ ۾ نماز پئي پڙهيائون قريش جا سردار ڪچهري لڳايو ويٺا هئا کين نماز پڙهندو ڏسي چوڻ لڳا ته ڪو اٺ جي اوجهري کڻي اچي هن جي ڪنڌ تي رکي ڇڏي.ائين هڪ شرير اهو ڪم ڪيو ان جي ڪري پاڻ سڳورن جي پٺن تي ڏاڍو بار ٿي پيو.ڪنهن حضورﷺ جن جي صاحبزادي حضرت فاطمه رضه کي وڃي اها خبر ٻڌائي هوءَ آئي ۽ ڪنهن نموني ان گندگي کي هٽائي پري ڪيائين.
    هڪ ڀيرو هڪ شرير پاڻ سڳورن جي ڳچيءَ ۾ چادر جو وڪڙ ڏيئي گلو گهٽڻ گهريو حضرت ابوبڪر رضه ڊوڙي اچي پاڻ سڳورن کي بچايو ۽ ان(شريرماڻهو)کي چيو ته ڇا هڪ شخص جي حياتي رڳو ايتري ڳالهه تي وٺڻ ٿا گهرو جو هو چوي ٿو ته منهنجو پروردگار الله آهي.


    طائف جو سفر:

    مڪي کان چاليهه ميلن جي پنڌ تي طائف جو سرسبز ۽ سکيو شهر هو.پاڻ سڳورن مڪي جي ماڻهن جي حالت ڏسي اهو طئي ڪيو ته طائف وڃن۽ اتان جي رئيسن کي اسلام جو پيغام ٻڌائين.پاڻ ﷺ زيد بن حارث کي گڏ وٺي طائف ويا ۽ اتان جي رئيسن کي دين حق جي دعوت ڏنائون پر افسوس جو انهن مان ڪنهن به هڪبهان کي قبول نه ڪيو ۽ رڳو ايتري تي بس نه ڪيائون پربازار جي شريرن کي اُڀاري ڇڏيائون ته اهي رستي جي ٻنهي پاسن کان ٿي بيٺا ۽ جڏهن پاڻ سڳورا اتان لنگهڻ لڳا ته سندن پيرن تي پٿر هنيائون جنهن سان سندن پير رتو ڇاڻ ٿي پيا.پاڻﷺ تڪليف جي ڪري ڪٿي ويٺا ٿي ته هنن ٻانهن کان جھلي اٿاري ٿي ڇڏيو .شريرن وري وري پٿر ٿي هنيا ۽ گاريون ٿي ڏنيون ۽ پاڻ سڳورا ٿڪجي وري ويهي ٿي رهيا .نيٺ پاڻ سڳورنﷺ هڪ باغ ۾ پناهه ورتي اهو ڪهڙو نه بي وسي جو وقت هو.ان وقت خدا جو هڪ فرشتو کين ڏسڻ ۾ آيو جنهن پاڻ سڳورن کي خدا جو پيغام ٻڌايو ته يا رسول الله جيڪڏهن توهان چئو ته طائف وارن تي هنن جبلن کي کڻي اڇلايو وڃي ته جيئن اهي چٿجي وڃن.پاڻ سڳورن امت تي مهربان ٿيندي عرض ڪيو ته ”خدايا ائين نه ڪريو ٿي سگهي ٿو ته هنن جي نسل مان ڪو توکي مڃڻ وارو پيدا ٿئي.“


    قبيلن ۾ دورو:

    طائف جي ناڪام سفر پاڻ سڳورن جي مضبوط ارادي تي ڪو اثر ڪونه ڪيو.هاڻي پاڻ قصد ڪيائون ته هڪ هڪ قبيلي ۾ وڃي خدا جو پيغام ٻڌائين.ان لاءِ مڪه ۾ حج جوقدرتي موقعو موجود هو.ان زماني ۾ عرب جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو ايندا ۽ ڪيترا ڏينهن ترسندا هئا.مڪه جي اوسي پاسي ۾ ميلا به لڳندا هئا ۽ اتي به ماڻهن جا ميڙ ٿيندا هئا حضور ﷺ جن انهن ميڙن ۾ هڪ هڪ قبيلي ۾ ويڃي وعظ ڪرڻ ۽ قرآن جون آيتون ٻڌائڻ شروع ڪيون.ان جواهو اثر ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ اسلام جي نئين تحريڪ جو آواز پکڙجي ويو.


    اوس ۽ خزرج ۾ اسلام:

    انهن قبيلن ۾ يثرب شهر جا رهندڙ ٻه مشهور قبيلا به هئا جن جا نالا اوس ۽ خزرج آهن. هي گهڻي وقت کان شهر ۾ رهندا ۽ ٻني ٻارو ڪندا هئا هنن جي اوسي پاسي ۾ يهودي آباد هئا جيڪي سوداگر ۽ مهاجڻ هئا ماڻهن کي وياج ۽ فصل جي پيدائش تي قرض ڏيندا هئا ۽ ڏاڍي سختي سان وصول ڪندا هئا هي قبيلا پاڻ ۾ به وڙهندا هئا ۽ هن تي اهي دولت مند يهودي ڄڻ حۡومت ڪندا هئا.غرض ته اهي ٻئي قبيلا ڪجهه ته پاڻ وڙهي وڙهي ۽ ڪجھ يهودين جي چنبي ۾ ڦاسي ڏاڍو تباهه ٿي ويا هئا.
    يهودين جي آسماني ڪتابن ۾ هڪ پيغمبر جي اچڻ جي خبر هئي ۽ يهودين جي محفلن ۾ گهڻو ڪري ان جي پيداٿيڻ جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئي.اهي ڳالهيون اوس ۽ خزرج جي ڪنن تائين به پيون پهچنديون هيون.نبوت جي ڏهين سال رجب جي مهيني ۾ هننٻنهي قبيلن جا ڪجھ ماڻهو مڪه آيا.پاڻ سڳورا عقبه جي هنڌ تي انهن کي گڏيا ۽ خدا جو ڪلام انهن کي ٻڌايائون انهنماڻهن هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي چيو ته هي اهو پيغمبر ٿو معلوم ٿئي ڪتي ائين نه ٿئي جويهودي اسان کان گوءِ کڻي وڃن اهو چئي سڀني گڏجي اسلام قبول ڪيو اهي ڇهه ماڻهو هئا.
    ٻئي سال يثرب کان ٻارنهن ماڻهو اچي مسلمان ٿيا انهن خواهش ڏيکاري ته اسان سان ڪو اهڙو ماڻهو گڏ امانيو وڃي جيڪو اسان کياسلام جون ڳالهيون سيکاري ۽ اسان جي شهر ۾ هلي وعظ ڪري پاڻ سڳورن ان ڪم لاءِ مصعب بن عمير کي چونڊيائون.هي عبدمناف جو پوٽو ۽ پراڻن مسلامنن مان هو.هو انهن ماڻهن سان گڏجي يثرب آيو۽ هتي اچي ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي.اسلام جو وعظ شروع ڪيائين ان وعظ جي اثر کان ماڻهو مسلمان ٿيڻ لڳا ۽ هڪ سال جي اندر هن شهر جا اڪثر ڪٽنب مسلمان ٿي ويا.


    عقبه جي بيعت:

    اڳئين سال جڏهن حج جو وقت آيو ته يٿرب مان ٻاهتر ماڻهو حضور ﷺ جن سان ملڻ آيا ۽ لڪي پاڻ سڳورن جي هٿ تي بيعت ڪيائون ان وقت پاڻ سڳورن سان گڏ سندن چاچو حضرت عباس رضه به هو جيڪو جيتوڻيڪ اڃان مسلمان ڪونه ٿيو هو پر پاڻ سڳورن سان محبت هئي هن انهن ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو ته ”محمدﷺ پنهنجي ڪٽنب ۾ وڏي عزت ۽ احترام واراآهن دشمنن جي مقابلي ۾ اسين سدائين سندن ساٿ ڏيندا رهياسون هاني اوهان وٽ اچڻ گهرن ٿا جيڪڏهن اوهين مرڻ گهڙيءَ تائين ساڻن ساٿ ڏيئي سگهوته بهتر نه ته هينئر ئي جواب ڏيئي ڇڏيو .“ يثرب جي هڪ سردار براء چيو ته ”اسين ماڻهو تلوارن جي ڇانو هيٺ پليا آهيون“هن اڃا ايترو ئي چيو هو ته هڪ ٻئي سردار ابوالهيشم چيو ”يا رسول الله ! اسان جا ۽ يهودين جا لاڳاپا اهن بيعت کانپوءِ اهي لاڳاپا ٽٽي ويندا ائين نه ٿئي ته جڏهن اسلام کي قوت ۽ اقتدار حاصل ٿي وڃي ته توهان اسان کي ڇڏي هليا وڃو .“پاڻ سڳورن مُرڪي فرمايو”اوهان جو رت منهنجو رت آهي اوهين منهنجا آهيو ۽ آئون اوهان جو آهيان،“
    انکانپوءِ پاڻ سڳورنﷺ انهن مان ٻارنهن نقيب چونڊيائون جن جا نالا خود انهن ماڻهن ئي چوڻڊي ٻڌايا هئا انهن ٻارنهن مان نَوَ خزرج ۽ ٽي اوس مان هئا.


    هجرت

    مدينه ۽ انصار:

    يثرب ۾ مسلمانن کي امن جي جاءِ ملي ويئي هئي تنهنڪري حضور صلعم جن مڪه جي مسلمانن کي موڪل ڏني ته هو پنهنجو ديس ڇڏي يثرب شهر ڏانهن هليا وڃن.هاڻي مسلمانن آهستي آهستي يثرب ڏانهن هجرت ڪرڻ شروع ڪئي پڇاڙيءَ ۾ خود حضور صلعم جن به مڪه ڇڏي هجرت ڪرڻ گهري.قريش جي ماڻهن کي به ان جي خبر پئجي چڪي هئي هن پاڻ ۾ گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته رات جو هر قبيلي جو هڪ هڪ ماڻهو گڏ ٿئي ۽ سڀ گڏجي هڪ ٿي محمد ﷺ کي ستي قتل ڪري ڇڏين.خدا پاڻ سڳورن کي هنن جي انهي صلاح جي خبر ڏيئي ڇڏي.
    مڪه وارن کي حضور ﷺ جن جي مذهب سان جيتوڻيڪ سخت مخالفت ڪئي پر پوءِ به سڀني کي پاڻ سڳعورن جي ديانت ۽ امانت تي وڏو ڀروسو هو تنهنڪري گهڻن ئي ماڻهن جون امانتون وٽن رکيل هيون .پاڻ سڳورن اهي امانتون حضرت علي رضه جي حوالي ڪيون ۽ فرمايو ته اڄ رات تون منهنجي هنڌ تي آرام ڪج ۽ صبح جو ماڻهن کي سندن امانتون ڏيئي تون به هليو اچج.انهيءَحڪم مطابق حضرت علي رضه رات جو حضور صلعم جي هنڌ تي آرام ڪيو.قريش جا ماڻهو صبح تائين گهر کي گهيرو ڪريو ويٺا هئا صبح جو سويراهو ڏسي حيران ٿي ويا ته محمدﷺ جي هنڌ تي محمدﷺ جي بدران علي ابن طالب آهي.
    حضور صلعم جن ۽ حضرت ابوبڪر رضه ۾ هجرت جي صلاح اڳ ۾ ئي ٿي چڪي هئي ٻئي پنهنجي گهرن مان نڪري مڪه جي ڀر ۾ ئي ثور جبل جي هڪ غار ۾ لڪي ويا صبح جو ڪافرن پاڻ سڳورن جا پير کڻڻ شروع ڪيا ۽ ڳوليندي ڳوليندي ان غار جي منهن تائين اچي پهتا.حضرت ابوبڪر رضه گهٻرائجي چيو يا رسول الله! دشمن ايترو ويجهو اچي ويا آهن جو جيڪڏهن هو پنهنجن پيرن ڏانهن نهارين ته اسان کي ڏسي وٺندا پر حضورصلعم جن جي اطمينان جو اهوئي حال هو فرمايائون، ”گهٻراءِ نه خدا اسان سان گڏ آهي.“
    حضور اڪرم ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر رضه ٽن ڏينهن تائين ان غار ۾ ترسيا.حضرت ابوبڪر جو پٽ عبدالله رات جو اچي مڪه وارن جي حالتن ۽ صلاحن جي خبر ٻڌائيندو هو.ٿوري رات گذرئي حضرت ابوبڪر رضه جوٻانهو ماٺ ميٺ ۾ هتي ٻڪريون وٺي ايندو هو.پاڻ سڳورا ۽ ابوبڪر رضه انهن جو کير پي وٺندا هئا.
    چوٿين ڏينهن پاڻ سڳورا ۽ حضرت ابوبڪر رضه غار مان نڪتا هڪ رات ۽ ڏينهن لڳاتار ائين هلندا رهيا ٻئي ڏينهن منجهند وجو هڪ جابلو چوٽي جي هيٺيان ڇانو ۾ ساهي پٽيائون هڪ ٻڪرار ٻڪريون پئي چاريون ابوبڪر رضه ان کان کير ورتو ۽ پاڻ سڳورن وٽ آيو.پاڻ صلعم جن کير پيتو ۽ پوءِ اڳتي وڌيا.قريش پڙهو گھمايو هو ته جيڪو محمد(صلعم)يا ابوبڪر رضه کي جھلي وڍي ايندو ان کي هڪ سو اُٺ انعام ۾ ڏنا ويندا.سُراقه بن حيشم جيڪو مڪه جو هڪ ٺاهوڪو سپاهي هو تنهن اهو پڙهو ٻڌو ته لالچ ۾ هٿيار پهري گهوڙي تي چڙهي نڪتو ۽ ٺيڪ ان مهل ان جابلو چوٽي وٽ پهتو جيڏي مهل پاڻ سڳورا اتان روانا ٿي رهيا هئا.هن پاڻ سڳورن کي ڏسي ورتو ۽ مرضي ٿيس ته گهوڙو ڊوڙائي ويجهو پهچي پر گهوڙي ٿاٻو کاڌو ۽ هو ڪري پيو.بٿيءَ مان تير ڪڍي عرب جي رواج مطابق فال وڌائين جواب”نه“ ۾ آيو پر هن نه مڃيو ٻيهر گهوڙو ڊوڙايائينهاڻي گهوڙي جا پير گوڏن تائين زمين۾ گهڙي ويا تڏهن هو ڊنو ۽ سمجهيائين ته هي ڳالهه ڪا ٻي آهي حضور صلعم جن کي عرض ڪيائين اي خدا جا رسول امن بخشيو وڃي حضور صلعم جن سندس درخواست قبول فرمائي ورتي.


    مدينه:

    مدينه عربي ۾ شهر کي چوندا آهن.حضور ﷺ جن جي يثرب۾ تشريف آڻڻ کان پوءِ يثرب جو نالو ”مدينة النبي“ نبي جو مدينو يعني شهرمشهور ٿيو۽ ان وقت کان وٺي ان جو نالو مدينه ٿي ويو.
    مدينه جي ماڻهن کي حضور صلعم جي اچڻ جي خبر پئجي چڪي هئي ۽ سڀ اوسيئڙي واري حالت ۾ هئا ٻار به خوشي ۽ جوش ۾ گهٽين پاڙن ۾ چوندا وتندا هئا ته ”اسانجا پيغمبر اچي رهيا آهن“ ننڍيون ننڍيون ڇوڪريون ڇتين تي چڙهي پاڻ سڳورن جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ ڳيچ ڳائينديون هيون نوجوان هٿيار پهري شهر کان ٻاهر نڪري ويندا هئا ۽ پهرن جا پهر پاڻ سڳورن جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪندا هئا هڪ ڏينهن هو اوسيئڙو ڪري واپس وريا ٿي پئي ته هڪ يهودي هڪ ننڍڙو قافلو ايندي ڏسي رڙ ڪئي اي ماڻهو! اوهين پيا جنهن جو اوسيئڙو ڪندا هئا اهو اچي ويو.اهو آواز ٻڌندي ئي شهر تڪبير جي نعري سان گونججي ويو ۽ مسلمان هٿيار پهري ٻاهر نڪري آيا اها ربيع الاول جي اٺين تاريخ ۽ نبوت جو تيرهون سال هو.


    پهرين مسجد:

    مدينه کان ٽي ميل باهر ٿوري اوچائي تي اڳ ۾ هڪ ننڍي آبادي هئي.جنهن کي عاليه ۽ قبا چون ٿا هتي مسلمانن جا ڪيترائي معزز ڪٽنب رهندا هئا.ڪلثوم بن هدم انهن جو سردار هو.حضور صلعم جن ان جا مهمان ٿيا۽ چوڏهن ڏينهن سندس مهمان رهيا.حضرت علي رضه به پهچي چڪو هو ۽ اهو به اتي ترسيل هو.هرتي رهڻ واري وقت ۾ حضور ضه جن پاڻ پنهنجن هٿن سان هڪ ننڍڙي مسجد جي پيڙهه رکي جنهن جو نالو مسجد قبا آهي.


    پهريون جمعة المبارڪ:

    چوڏهن ڏينهن کانپوءِپاڻ سڳورن شهر مدينه جو رخ ڪيواهو جمع جو ڏينهن هو.واٽ تي بني سالم جي پاڙي ۾ نماز جو وقت ٿي ويو اها حضور اڪرمﷺ جن جي امامت ۾ جمع جي پهرين نماز هئي نماز کان اڳ خطبو پڙهيائون هي خطبو اهڙو هو جو جنهن به ٻڌو اهو ان جي اثر ۾ ٻڏي ويو.


    مدينه ۾ داخل ٿيڻ:

    نماز کانپوءِ حضور ﷺ جن اڳتي وڌيا پاڻ سڳورن جا ناناڻڪا عزيزبنو نجار هٿيار پهري سند پير چمڻ لاءِ آيا.قباکان شهر مدينه تائين هر قبيلي جا معزز گس جي ٻنهي پاسن بيٺا هئا.پاڻ سڳورا جنهن قبيلي جي اڳيان ٿي لنگهيا ته انهن عرض ٿي ڪيو ته ايخدا جا رسول هي گهر،هي مال ، هي جان حاضر آهي. پاڻ شڪريو ادا ٿي ڪيائون خيرجي دعا ٿي فرمايائون.شهر جي ويجهو آيا ته مسلمانن جي جوش جو جو هيءُ حال هو جو عورتون ڇتين تي چڙهي آيون ۽ ڳائڻ لڳيون .
    طلع البدر علينا من ثنيات الوداع
    وجب الشکر علينا ما دعا للهِ داع
    چوڏهين جو چنڊ اسان جي اڳيان نڪتو آهي وداع جي لڪ مان
    اسان تي خدا جو شڪر واجب آهي جيسيتائين دعا گهرڻ وارا دعا گهرن
    جتي هاڻي مسجد نبوي آهي اتي ايوب انصاري جو گهر هو اتي ابو ايوب انصاري جيڪو نجار جي ڪٽنب مان هو پاڻ سڳورا ڏاچي تي چڙهيل هئا هر ڪنهن ماڻهو جي مرضي هئي تهکيس پاڻ سڳورن کي مهمان بنائڻ جي عزت ملي تنهنڪري ان ڏاچي کي پنهنجي گهر جي اڳيان روڪڻ تي گهريو.پاڻ فرمايائون ته ان کي ڇڏي ڏيو جتي خدا جو حڪم هوندو اتي هيءَ وڃي ترسندي.جڏهن اها حضرت ابو ايوب جي گهر وٽ پهتي ته ويهي رهي.حضرت ابو ايوب جي خوشي جيڪهڙي ڳالهه ڪجي هانءُ ٺري پيس.حضور صه جن کي پاڻ وٽ مهمان ڪري لاتائين ۽ هرطرح جي آرام ۽ سُک جو سامان رسايائين حضور صه جن ستن مهينن تائين سندس ئي گهر ۾ رهيا.
    انصار:


    انصار:

    هي عربي لفظ آهي ،ناصر جو جمع آهي هن جي معني مددگار آهي.مدينه جي مسلمانن اسلام جي ۽ مڪه جي پريشان حال مسلمانن جي جنهن نموني خدمت ڪئي ۽ آڌرڀاءُ ڪيو ان جو لحاظ ڪري الله تعاليٰ مدينه وارن مسلمانن جو نالو انصار يعني مددگار رکيو ۽ ان وقت کان هو انصار چورائڻ لڳا ۽ جيڪي پنهنجا گهر ڇڏي مديني هليا آيا هئا انهن کي مهاجر(گهر ڇڏيندڙ) جو خطاب مليو.
    انصار انهن مهاجرن کي پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ رهايو انهن کي پنهنجي ملڪيت مان پتيڏني ۽ پنهنجي ڌنڌي ۾ ڀائيوار ڪيو.هاڻي تيرهن سالن کان پوءِ هي پهريون موقعو هو جو مسلمانن سک جو ساهه کنيو.


    مسجد نبوي ۾ حجرن جو ٺهڻ:

    مدينه ۾ مسلمانن کي سڀ کان پهرين خدا جو گهر يعني مسجد ٺاهڻي هئي پاڻ سڳورن جي رهڻ واري هنڌ جي ڀر ۾ ئي نجار قبيلي جي ٻن يتيم ٻارن جي هڪ اجائي پيل زمين هئي.پاڻ صه اها مسجد لاءِ پسند ڪيائون ٻنهي يتيمن پنهنجي طرفان اها زمين بنا ملهه جي نذر ڪرڻ گهُري پر پاڻ سڳورن اهو پسند نه ڪيو.هڪ انصاري ملهه ڏنو زمين سنئين ڪري مسجد ٺهڻ شروع ٿي هن مسجد کي ٺاهڻ وارا رازا ۽ مزدور ڪير هئا؟خود پاڻ سڳورا خود پاڻ سڳورا ۽ سندن جانثار سڀني گڏجي هڪ ڪچي ڀت کڻي مٿان جي ٿڙ ۽ پنن جي ڇت ٺاهي.اها ئي پهرين مسجد نبوي هئي.مسجد جي ويجهو ئي پنهنجي لاءِ اهڙي نموني جا ڪجھ حُجرا ٺهريائون جن ۾ پاڻ سڳورا ۽ سندن گهر جا ماڻهو(اهل بيت)رهڻ لڳا.پاڻ سڳورن جي صاحبزادي حضرت فاطمه رضه ۽ پاڻ سڳورن جون گهرواريون حضرت عائشه رضه ۽ حضرت سوده رضه مڪه مان اچي هتي رهيون.


    صفه وارا:

    صفه عربيءَ ۾ ”مَنَههَ“ کي چوندا آهن.مسجد نبوي صه جي اڱڻ ۾ هڪ منهه ٺاهيو ويو هو.هي انهن مسلمانن جو ٺڪاڻوهو.جن جو ٻيو ڪٿي به ٺڪاڻو ڪونه هو هو ڏينهن جو جھنگ مان ڪاٺيون ڪري اچي وڪڻندا هئا ۽ رات جو هڪ استاد کان لکڻ پڙهڻ ۽ دين جون ڳالهيون سکندا هئا.اهي حضور پاڪ صه جن وٽ گهڻو وقت رهندا هئا ۽ پاڻ سڳورن جا ارشاد ٻڌي ياد رکندا هئاڪٿي ڪنهنداعي يا مبلغ يعني اسلام پکيڙڻ ۽ سيکارڻ واري جي ضرورت ٿيندي هئي ته انهن مان اماڻيو ويندو هو.


    نماز جي پورائي ۽ قبلو:

    مڪه ۾ جيئن ته امن وامان ڪونه هو نه ظاهر ظهور نماز پڙهڻ جي موڪل هئي تنهنڪري فرض نماز ٻه رڪعتون ئي هئي مديني اچي جڏهن مسلمانن سک جو ساهه کنيو ۽ مذهب ۾ آزادي ملي ته اڳينءَ وچينءَ ۽ سومهڻيءَ جون چار چار رڪعتون پوريون ڪيون ويون سج لٿي واري جون ٽيرهيون ۽ صبح جو ٻه ڇو ته صبح جيمهل ڊگهي قرات يعني رڪعتن جي پاران گهڻو قرآن پڙهڻ جو حڪم هو.
    جماعت سان گڏ نماز پڙهڻ لاءِ ضرورت ان جي هئي مسلمانن کي مقرر ٿيل وقت تي سڏڻ لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪئي وڃي.هندن ۾ ان لاءِ سنک،عيسائين ۾ گهڙيال ۽ يهودين ۾ قرناءِ جو رواج هو.اسلام ۾ راند روند جي انهن بيمعني آوازن جي بدران انسان جي فطري آواز کي پسند ڪيو ويو.ته ڪو اٿي بيهي الله اڪبر،الله اڪبر،اشهد ان لاالٰه الاالله ۽ اشهد ان محمد رسول الله (الله سڀني کان وڏو آهي آئون ساهدي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ٻيو ڪو به پوڄا جي لائق ڪونهي ۽ محمد ﷺ خدا جو رسول آهي)زور سان چوي ۽ سڀ مسلمان اهو آواز ٻڌي سڌو مسجد ڏانهن هليا اچن.
    جمع جي نماز به مڪه ۾ ڪانه ٿي سگهي مدينه اچي اهو فرض پورو ڪرڻ جو موقعو مليو تنهنڪري سڀ کان پهرين حضرت مصعب بن عمير رضه جنهن کي حضور صه جن اڳ ۾ ئي امام بڻائي مدينه اماڻيو ويو هو.مدينه اچي جمع جي نماز پڙهي پوءِ جڏهن حضور ضه جن آيا ۽ قبا ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي مدينه ۾ وڃڻ لڳا ته اهو جمع جو ڏينهن هو.پاڻ سڳورن ان ۾ خطبو ڏنو ۽ مسلمانن کي جمع جي نماز پڙهائي.
    نماز ۾ سڀني کي ڪنهن هڪ پاسي منهن ڪري بيهڻ کپي.ان پاسي يا طرف کي قبلو چوندا آهن يهود بيت المقدس ڏانهن منهن ڪندا هئا.اها حضرت دائود ۽ سليمان عه جي ٺهرايل مسجد هئي۽ عرب وارن جو قبلو ڪعبه هو جيڪا حضرت ابراهيم عه جي مسجد هئي.حضور پاڪ ﷺ جيسيتائين مڪه ۾ رهيا ڪعبي جي اهڙي پاسي کان بيهندا هئا جو بيت المقدس به سامهون اچي ويندو هو مدينه آيا ته صورت بدلجي ويئي مديني جي هڪ پاسي ڪعبه هو ته ٻئي پاسي بيت المقدس تنهنڪري انهن ٻنهي مان هڪ ئي قبله ٺاهي پيو سگهجي.پهرين ته پاڻ يهودين وانگر حضرت دائود عه جي مسجد بيتالمقدس ڏانهن ئي منهن ڪري نماز پڙهندا رهيا پر ڇهن مهينن کانپوءِ خدا جو حڪم آيو ته حضرت ابراهيم جي مسجد يعني ڪعبه ڏانهن منهن ڪريو ڇو ته اهو ئي خدا جو سڀ کان پهريون گهر آهي.ان وقت کان وٺي ڪعبه مسلمانن جو قبله مقرر ٿيو.


    ڀائپي

    مسلمان هونءَ به هر ڪٽنب مان هڪ هڪ ٻه ٻه ٽي مسلمان ٿيا هئا ۽ وري انهن کي پنهنجو گهر ٻار ۽ مال ملڪيت سڀ ڪجھ ڇڏي ٻئي ديس نڪرڻو پيو. مدينه آيا ته اهي مسلمان بلڪل پريشان ۽ تباه حال هئا حضورﷺ جن هيئن ڪيو جو هڪ هڪ بي گهر مسلمان کي هڪ هڪ انصاري جو ڀاءُ بنائي ڇڏيو پوءِاهي اهڙا ڀاءُ بڻيا جيڪي رت جي رشتن کان به وڌيڪ ٿيا.هر ڪنهن پنهنجي ڀاءُ کي پنهنجي گهر يا زمين ۾ جاءِ ڏني پنهنجي مال ملڪيت مان پتي ڏني پنهنجون زمينون ورهائي ڏنيون پنهنجي ڌنڌي ۽ واپار ۾ ڀائيوار ڪيو.


    يهود جو انجام اقرار

    حضور انور ﷺ جي مدينه اچڻ کان اڳ مدينه جا ٻئي قبيلا اوس ۽ خزرج وڙهي وڙهي ٿڪي پيا هئا۽ مرضي ٿي هئين ته عبدالله بن ابي بن سلول کي پنهنجو بادشاهه ٺاهين مدينه ۾ هڪ ٻيو گروهه يهودين جو آباد هو.هي حجاز جا سوداگر ۽ مهاجڻ هئا ۽ هتان کان وٺي شام جي سرحد تائين هنن جون واپاري ڪوٺيون ۽ ڳوٺ هئا ۽ پنهنجي پئسن جي زور تي مدينه جا حاڪم بنيا ويٺا هئا پنهنجي مصلحت جي لحاظ کان ڪڏهن اوس جو ساٿ ڏيندا هئا ته ڪڏهن خزرج جو.
    حضور سائين ﷺجن جڏهن مدينه آيا ته شروع شروع ۾ هنن شايد اهو سمجهي پاڻ سڳورن جي مخالفت ڪانه ڪئي ته هڪ اهڙو مذهب کڻي آيا آهن جيڪو اسان جي مذهب کي گهڻو ويجهو آهي.پاڻ سڳورن شهر جي بي اطميناني ۽ بد امني واري حالت ڏسي اهو مناسب ڄاتو ته مسلمانن ۽ يهودين جي وچ ۾ هڪ اهڙو ٺاهه ٿي وڃي جي ٻئي ڌريون هن شهر ۾ آزاديءَ سان رهي سگهن هر ڪنهن جو مذگبي حق محفوظ هجي ۽ شهر جا سڀيئي رهاڪو مسلمان هجن توڙي يهودي ٻاهران حملو ڪندڙن جي مقابلي ۾ هڪ هجن.تنهنڪري پاڻ سڳورن يهودين سان ڳالهه ٻولهه ڪري ان قسم جي هڪ ٺاهه تي انهن کي راضي ڪري ورتو ۽ هنن ان جو پڪو انجام ڪيوپر ٿورن ئي ڏينهن ۾ هنن کي ڏسڻ ۾ آيو ته اسلام جي طاقت ڏينهن و ڏينهن وڌندي پيئي وڃي ۽ سندن پهريون زور ٽٽندو وڃي اهو ڏسي هو دل ۾ سڙڻ لڳا.
    عبدالله بن ابي جو خيال هو ته جيڪڏهن محمدﷺ مدينه نه اچن ها ته مدينه جي بادشاهي کيس ملي ها تنهنڪري جيتوڻيڪ هو ۽ سندس ساٿي منهن تي مسلمانن خلاف ڪجهه ڪونه چوندا هئا پر دل ۾ اهي به مسلمانن جا مخالف ۽ يهودين سان گڏ هئا انهن کي ئي منافق چون ٿا.


    مڪه وارن جون سازشون ۽ شرارتون:

    جيڪي مسلمان مڪه ڇڏي مدينه هليا آيا هئا مڪه وارن انهن جي گهرن ۽ ملڪيتن تي قبضو ڪري ورتو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هي ڪيائون ته خانه ڪعبه ۾ اچڻ ۽ حج ڪرڻ به انهن لاءِ بند ڪري ڇڏيائون ڪو ويندو هو ته لڪي ۽ سر تريءَ تي رکي ويندو هو۽ جيڪي مسلمان يا ننڍا ٻار ۽ عورتون مدينه نه اچي سگهيا هئا انهن تي پهرو ويهاري ڇڏيائون ته جيئن وڃي نه سگهن.
    رڳو ايتري تي ئي بس ڪانه ڪيائون پر اهو ڏسي ته هنن جا ڏوهاري يعني مسلمان سندن پهچ کان ٻاهر مدينه ۾ زور وٺي رهيا آهن هنن يهودين ۽ مدينه جي منافقن سان دعا سلام شروع ڪري ڏني ۽ انهن کي چوائي موڪليائون ته اوهان اسان جي ڀڳل ڏوهارين کي پنهنجن گهرن ۾ پناهه ڏني آهي.سٺو ائين ٿيندو تهانهن کي ڪڍي ڇڏيو نه ته اسين اچي اوهان جي شهر تي حملو ڪنداسين.


    مسلمانن جا ٽي دشمن:

    مڪه ۾ مسلمانن جو هڪ ئي دشمن هو يعني مڪي جا ڪافر مدينه ۾ اچي هنن جا ٽي دشمن ٿي ويا.مڪه جا ڪافر،مدينه جا منافق۽ حجاز جا يهود مڪه جا ڪافر تلوار جا ڌڻي هئا تنهنڪري هنن تلوار سان فيصلو ڪرڻ گهريو ٿي.مدينه جا منافق پنهنجين اٽڪلن ۽ سازشن سان نقصان رسائيندا هئا سڄي حجاز ۾ پنهنجي دولت ۽ ملڪيت جي زور تي گوڙ مچايو ويٺا هئا.عرب جي سموري دولت هنن جي قبضي ۾ هئي،عرب مزورن جي پوک ۽ ٻنيءَ جي پيداوار جامالڪ بڻيا ويٺا هئا .ملڪ جو سمورو واپار ۽ ڌنڌو هنن جي هٿن ۾ هو ۽ هو پنهنجن وياج تي وياج ۽ ٻين مهاڄڻي هٿ نالن سان عرب جا بي تاج بادشاهه ۽ ملڪ جي ڀلائي واري هرڪنهن ڪوشش جا مخالف هئا.
    اسلام کي اننهن ٽنهي طاقتن جو هڪ ئي وقت مقابلو ڪرڻو پيو ۽ انهن مان هر ڪنهن کي هٽائڻ لاءِ ڌار ڌار سوچ ڪرڻي پئي.


    منافقن سان ورتاءُ:

    منافق جيئن ته مسلمان هجڻ جي دعويٰ ڪندا هئا تنهنڪري هنن جي پڌري مخالفت ڪانه ڪئي ويئي ۽ نه وري سزا ڏيئي هنن کي وڌيڪ دشمن بنايو ويو پر پاڻ سڳورن سدائين هنن سان نيڪيءَ جو ورتاءُ ڪيو،هننجي ڏوهن تي ڍڪ ڪندا هئا ۽ پڇا ڳاڇا ڪونه ڪندا هئا مقصد هي هو ته مسلمانن جي نيڪ ورتاءَ ۽ شريفاڻي سلوڪ کان هو نيٺ متاٿر ٿي پڪا مسلمان ٿي ويندا.هڪ اڌ ڀيرو ڪنهن صهابي پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ عرض به ڪيو ته يارسول الله مونکي موڪل ملي ته ڪن منافقن جا سر لاهي ڇڏيان فرمايائون ته ”ڇا تون ماڻهن کي اهو جو موقعو ڏيڻ ٿو گهرين ته محدﷺ پنهنجن ماڻهن کي پاڻ مارايو ڇڏي“فرمايائون ته جنهن لالٰه الا الله ۽ محمد رسول اللهﷺ پڙهي ڇڏيو ان جي ڳڻپ مسلمانن ۾آهي ان جي اندر جو معاملو خدا جي حوالي آهي.
    منافقن جو سردار عبدالله بن ابي جڏهن مئو ته پاڻ سڳورن هن جي نيڪ دل مسلمان پٽ جي درخواست تي پنهنجي قميص مبارڪ ان کي پارائي رڳو ايتو نه پر ڪن مسلمانن جي عرض معروض جي ابتڙ ان جي جنازي جينماز به پڙهيائون.
    انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڀيروپاڻ سڳورابنوحارث جي پاڙي مان گڏهه تي سوار ٿي لنگهي رهيا هئا واٽ تي هڪهنڌ ڪجهه مسلمان ڪجهه يهود ۽ ڪجهه منافق ويڍا هئا جن۾ انهنجو سرادر عبدالله بن ابي به هو گڏهه جي هلڻ جي ڪري ڪجهه مٽي اُڏاڻي ته عبدالله حقارت سان چيو ته مٽي نه اڏاءِ پاڻ سڳورن ڪوبه خيال ڪونه ڪيو ۽ ميڙ کي سلام ڪيائون ۽ انکي الله جاڪجهه حڪم ٻڌايائون .ان تي عبدالله وري چيو ”اي صاحب! مون کي اهو نٿو وڻي جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه سچ به هجي ته به اسان جي مجلس ۾ اچي اسانکي ستائيندو نه ڪر.جيڪو تو وٽ اچي ان کي ٻڌائيندو ڪر“.مسلمانن کي هن جي انهيءَ ورتاءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي پر پاڻ سڳورن هنن کي سمجهائي آٿت ڏيئي ٿڌو ڪيو ۽اڳتي وڌي ويا.
    پر پوءِ به جيئن ته هو جا ڀيدي هئا تنهنڪري مسلمانن کي هنن کان چوڪسي رهڻ جو تاڪيد ڪيو ويو هنن کان راز جي ڳالهه لڪائي ويندي هئي ۽ مسلمانن کي هنن تي ڀروسو ڪرڻ کان پري رهڻ ۽ دوستي کان جهليو ويو.هي گروهه اسلام جي غلبي کان پوءِ پاڻيهي فنا ٿي ويو.


    مڪه جي ڪافرن جي رنڊ روڪ:

    مڪه جا ڪافر تلوار جا ڌڻي هئا تنهنڪري انهن جي رنڊ روڪ لاءِ ڊڪ ڊوڙ جي ضرورت پيئي مڪه وارن هيڻن مسلمانن کي مدينه اچڻ کان جهلي هنن کي ڄڻ ته پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو هو ٻاهران مسلمانن کي مڪي اچڻ نٿي ڏنائون ان حد تائين جو ڪعبي جو طواف ۽ حج جيڪو سڄي عرب لاءِ گڏيل هو.مسلمانن لاءِ اهو به بند هو.پاڻ سڳورن مڪه وارن کي اهو ورتاءُ بدلائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ لاءِ هيئن ڪيو جو انهن جي واپارين کي جيڪي شام ويندا هئا ٻه ٻه چار چار ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏهه ٻارنهن مسلمان اماڻي ڊيڄارڻ لڳا ته جيئن هو پنهنجي واپار خاطر مسلمانن سان صلح ڪري وٺن ۽ مسلمانن تان پنهنجون پابنديون کڻي ڇڏين پر انهن ائين ڪونه ڪيو ۽ لڳاتار پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا ۽ مسلمان بهانهن جي واپار جو رستو روڪڻ تي اٽل رهيا.مدينه ،شام ۽ حجاز جي وچ ۾ اچي ٿو،تنهنڪري مڪه وارا پنهنجو رستو ڦيرائي به نٿي سگهيا.
    ان سان گڏوگڏ پاڻﷺ هي ڪيائون جو مدينه جي ڀرپاسي ۾ جيڪي عرب قبيلا اهڙا هئا جن جي بگڙي وڃڻ يا مڪه وارن جو ساٿ ڏيڻ سان مدينه جو امن وامان خراب ٿي وڃي ها انهن سان صلح جو ٺاهه ڪرڻ لڳا.اهڙي ريت پهرين جُهينه جي قبيلي سان پوءِ بنو ضمره سان صلح ۽ دوستي جا ٺاهه ٿيا.
    مڪي جا ڪافر اهو ڏسي هيڪاري سڙڻ لڳا ۽ سمجهيائون ته ان سان محمدﷺ جوزور اڃان به وڌندو جنهن جو ٽوڙ ضروري آهي.تنهنڪري مڪي جي هڪ رئيس ڪُرز بن جابر فهري مدينه جي چراگاهه تي هلان ڪئي ۽ پاڻ سڳورن جا اُٺ ڦري مديني هليو ويو مسلمان پويان پيا پر هو بچي نڪري ويو.
    هن واقعي جي ٽئين مهيني پاڻ سڳورا ٻه سو مهاجرن کي وٺي بني مُدلج جي قبيلي ۾ پهتا ۽ ان سان به دوستي جو ٺاهه ڪيائون.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هيئن ٿيو ته رجب 2 هجري ۾ پاڻ سڳورن ٻارنهن ماڻهن کي نخله جي واسي ۾ اماڻيو ۽ هنن کي هڪ بند خط ڏيئي فرمايائون ته هن کي ٻن ڏينهن کانپوءِ کولجو.ٻن ڏينهن کانپوءِ جڏهن خط کوليو ويو ته ان ۾ لکيل هو ته ”نخله ۾ ترسي قريش جي ارادن جي خبر وٺو ۽ اطلاع ڏيو“.اتفاق سان مڪه جي ڪجهه ماڻهو جيڪي شام کان واپار جو سامان کڻي پئي ايا سامهون لنگهيا مسلمانن جي هن دستي رسول الله ﷺ جي اجازت کانسواء انهن تي حملو ڪري ڏنو.انهن مان هڪ شخص عمر بن حضرمي مارجي ويو ٻه جهلجي پيا ۽ قافلي جو سامان ڦري ورتو ويو.حضور اڪرمﷺ جن کي جڏهن ان جي خبر پيئي ته ناراضگي ڏيکاريائون ۽ فرمايائون ته مون اوهان کي اهو ته ڪونه چيو هو اوهان ته لڙائي جي باهه لڳائي ڇڏي ۽ ان سان گڏ عرب جي قاعدي موجب هن دستي جيڪو سامان ڦريو هو اهو به ان کي موٽائي ڏنائون مڪه جو جيڪو ماڻهو مارجي ويو هو اهو قريش جي هڪ وڏي سرادر جو حليف(جنهن سان هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ جو قسم کاڌل هجي) ۽ جيڪي به ماڻهو جهليا ويا هئا اهي به قريش جي هڪ ٻئي سردار جا پوٽا هئا.هن واقعي مڪه وارن ۾ بدلي وٺڻ جو نئين جوش پيدا ڪري ڇڏيو.


    بدر جي لڙائي:

    بدلي وٺڻ لاءِ هڪ وڏي لڙائي ضروري هئي ۽ لڙائي لاءِ سرمايو به ضروري هو.مڪه وارن پنهنجو سمورو سرمايو ڏيئي هڪ قافلو شام اماڻيو. اڳئين واقعي کان ٻه اڍائي مهينا پوءِ رمضان 2 هجري ۾ اهو قافلو واپس اچي رهيو هو تهمڪه وارن کي خبرپهتي ته مسلمان ان تي هلان ڪرڻ وارا آهن.اها خبر ٻڌندي ئي قريش جا وڏا وڏا سردار هڪ هزار سپاهين کي ساڻ ڪري مڪه کان نڪتا.هوڏانهن حضور ﷺ جن کي ان جو اطلاع مليو ته پاڻ سڳورا به ڪجهه مسلمانن سان گڏ مدينه کان رونا ٿيا.قافلو بچي مڪي پهچي چڪو هو پر مڪه وارن چيو ته اسين بدر پهچي خوشي ملهائينداسين ۽ نچڻ ڳائڻ ۽ شراب ڪباب جون محفلون ڪنداسين بدر هڪ ڳوٺ جو نالو هو .جتي هر سال هونءَبه ميلو لڳندو هو.
    مديني کان هڪ ميل ٻاهر نڪري پاڻ پڙاءُ(لشڪر جو ترسڻ،ڪيمپ)ڪيائون .مدينه ۾ منافقن ۽ يهودين جو ڊپ هو تنهنڪري ابولبابه﷦ صحابي کي مديني جو حاڪم بڻائي مديني واپس موڪليائون ۽ ٻن خابروئن کي اڳتي روانو ڪيائون ه قريش جي خبر وٺن.جڏهن بدر کي ويجهو پهتا ته خابروئن خبر ڏني ته قريش وادي جي ٻئي دنگ تائين اچي ويا آهن اهو ٻڌي پاڻ سڳورا اتيئي ترسي پيا.
    سڄي رات پئي لشڪر آمهون سامهون پيا هئا.مسلمانن به هٿيار لاهي آرام ڪيو،پر خدا جو رسولﷺ سڄي رات بيٺو نماز ۽ دعا ۾ رڌل رهيو.صبح ٿيڻ وارو هو ته مسلمانن کي نماز جو سڏ ڏنائون ۽ نماز کانپوءِ جهاد تي وعظ فرمايائون:
    هي مسلمانن جو پهريون لشڪر هو ۽ ڪافرن سان هنن جي هي پهرين لڙائي هئي.
    هڪ نيڪدل قريشي گهريو ته لڙائي ٽري وڃي ۽ ابن حضرمي جو خون بها ان جي وارثن کي ڏيئي ڇڏجي،عتبه قريش جو هڪ ٻيو سرادر ۽ حضرمي جو حليف ان لاءِ تيار هو پر ابو جهل ان رٿ کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو.
    صبح ٿيو ته ٻئي فوجون ميدان ۾ اچي بيٺيون.هڪ پاسي هڪ هزار جو وڏو ميڙ هو جيڪو لوهه ۾ ٻڏو پيو هو ۽ ٻئي پاسي ٽي سو تيرنهن مسلمان هئا.جن وٽ پورا هٿيار به ڪونه هئاپر حق جو زور انهن جي بانهن ۾ هو ۽ دين جو جوش انهن جي سينن ۾ اُڀري رهيو هو.الله جا رسولﷺ لرائي جي ميدان کان ٿورو پرڀرو هڪ ڇپر جي ڇانءَ ۾ بارگاهه الاهي ۾ ڪنڌ نمائي فتح جي دعا گهري رهيا هئا۽ عرض ڪري رهيا هئا ته”خداوندا! جيڪڏهن اڄ هي تنهنجا آڱرين ڳڻڻ جيترا پوڄيندڙ ختم ٿي ويا ته پوءِ زمين تي تنهنجي عبادت ڪانه ٿيندي.“
    لڙائي هن ريت شروع ٿي ته پهرين ابن حضرمي جو ڀاءُ عامر جنهن کي پنهنجي ڀاءُ جي رت جي دعويٰ هئي اڳتي وڌيو.هڪ غلام مسلامن هن جي مقابلي لاءِ نڪتو ۽ هو مارجي ويو.ان کانپوءِ عتبه جيڪو قريش جي لشڪر جو سردار هو،وڏي شان سان آيو،ان سان گڏ وليد ۽ شيبه به اڳتي وڌيا،هيڏانهن مسلمانن طرفان به مدينه جا ٽي انصاري مقابلي لاءِ آيا.عتبه هنن کان نالو ۽ نسب پڇيو۽ جڏهن خبر پيس ته مدينه وارا آهن ته زور سان چيائين”محمدﷺ!اهي ماڻهو اسان جي برابري جا ڪونهن.حضورﷺ جن جي چوڻ تي اهي انصاري موٽي آيا ۽ هاڻي حضرت حمزه﷦،حضرت علي﷦۽ حضرت عبيده﷦ ميدان ۾ آيا.
    عتبه حضرت حمزه﷦ سان ۽ وليد حضرت علي﷦ سان سامهون ٿيا ۽ مارجي ويا پر شيبه حضرت عبيده﷦ کي زخمي ڪري وڌو.اهو ڏسي حضرت علي﷦ اڳتي وڌيو ۽ شيبه جو ڪم پورو ڪري ڇڏيائين.حضرت زبير﷦ سعيد بن العاص جو مقابلو ڪيو ۽ اهڙي ڇڪي بڙڇي هنيائينس جو هن ٺڪاءُ اچي پٽ تي ڪيو.
    هاڻي عام شروع ٿي ويو.مدينه ۾ ابو جهل جي شرارت ۽ مسلمانن سان دشمني جو چوٻول عام هو،انصار جا ٻه نوجوان هن جي تاڙ ۾ نڪتا ۽ ماڻهن کان پڇندا باز وانگر هن تي اهڙو لامارو ڏنائون جو اک ڇنڀ ۾ هو زمين تي رت ۾ ٻڏو پيو هو.هڪ ٻئي مسلمان وڌي وڃي هن جو سر وڍي ورتو.
    عتبه ۽ ابوجهل جي مرڻ سان قريش هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ مسلماننن انهن کي جهلڻ شروع ڪيو.قريش جا ستر ماڻهو جيڪي مڪه جا وڏا وڏا رئيس هئا،مارجي ويا ۽ ايترائي ماڻهو گرفتار ٿي پيا،۽ مسلمانن مان رڳو چوڏهن بهادرن کي شهادت ملي.
    خدا جي عجيب قدرت آهي ته ٽي سو تيرنهن ماڻهن جن وٽ هٿيار به پورا ڪونه هئا هڪ هزار فوج کي شڪست ڏيئي ڇڏي.هي حق ۽ باطل ،سوجهري ۽ اوندهه جي جنگ هئي حق جي فتح ٿي ۽ باطل شڪست کاڌي،اوندهه ختم ٿي ۽ سوجهرو ڇانئجي ويو.


    دشمنن سان سلوڪ:

    بدر جي قيدين سان مسلمانن ڏاڍو سهڻو سلوڪ ڪيو مسلمان انهن کي کاڌو کارائيندا هئا ۽ پاڻ کجور کائي وٺندا هئا،جن وٽ ڪپڙا ڪونه هئا انهن کي ڪپرا ڏنائون.قيدين ۾ هڪ ماڻهو سهيل بن عمر جهلجي آيو هو.هو ڏاڍو زوردار مقرر هو.عام ميڙن۾ مسلمانن جي خلاف تقريرون ڪندو هو۽ ماڻهن کي اُڀاريندو هو.ڪن صحابين چيو ته يارسول اللهﷺ هن جا ڏند ڪڍائي ڇڏيوته جيئن سٺي نموني ڳالهائي نه سگهي پاڻ سڳورن انهيءَ راءِ کي ناپسند فرمايائون”جيڪڏهن آئون هن جي بدن جو ڪو عضوو کاريندس ته جيتوڻيڪ نبي آهيان پر خدا ان جي بدران منهنجي بدن جو ڪو عضوو به کاريندو.“ڪجهه جوش وارن صهابين جي مرضي هئي ته انهن قيدين کي قتل ڪري ڇڏجي.پر پاڻ سڳورن هن جي ڳالهه ڪانه مڃي،۽ فيصلو ڪيائون ته انهن مان جيڪي امير آهن اهي فديه ڏيئي ڇٽي وڃن۽ جيڪي غريب هجن پر لکڻ پڙهڻ ايندو هجين اهي ڏهن مسلمان ٻارن کي لکڻ پڙهڻ سيکارين ۽ جيڪو اهو به ڪونه ڄاڻندو هو ان کي خدا جي واٽ ۾ آزاد ڪري ڇڏيو ويو.
    بدر جي فتح مسلمانن جي قسمت بدلائي ڇڏي.هاڻي هورڳو هڪ مذهب ۽ هڪ نظام الاهي جا داعي ڪونه هئا پر اُڀرندڙ سياسي قوت هئا،جن جومقصد نه رڳو عرب جي سوين ننڍين ننڍين بي نظام رياستن جي جاءِ تي هڪ مضبوط ۽ باقاعده حڪومت قائم ڪرڻ ،بلڪ قيصر وڪسريٰ جي ظالم حڪومتن کي ختم ڪري دنيا ۾ عدل و انصاف ۽ مساوات ۽ برابري واري سلطنت قائم ڪرڻ هو.
    قريش جو وڏو زور ٽٽي ويو هو،مڪه جا گهڻا رئيس مارجي ويا،انهن جي جاءِ انهن سڀني جو رئيس ابوسفيان بڻيو.هن فتح منافقن جون دليون به ڏڪائي ڇڏيون ۽ انهن کي خبر پئجي وئي ته هاڻي ساهمي جو ڪهڙو پُڙ ڳرو پيو ٿئي.هوڏانهن يهودي به هوشيار ٿي ويا ۽ انهن کي اهو ڊپ ٿيڻ لڳو ته جيڪڏهن جلد هن نئين طاقت کي چٿيو ويو ته پوءِ سندن ڪٿي به ٺڪاڻو ڪونه هوندو.


    بدر جو پلاند:

    بدر جي لڙائي ته هڪ حضرمي جي خون جي ڪري شروع ڪئي ويئي هئي.هاڻي قريش کي پنهنجن ستر مقتولن جي خون جي پلاند جي مٿي ۾ ڦيري هئي.بدر ۾ جيڪي مارجي ويا هئا،انهن جو ماتم پئي ٿيو،مرثيا پڙهيا پئي ويا،سازشون پئي ٿيون ته مسلمانن کان ان جو پلاند ڪيئن وٺجي؟ابو سفيانجيڪو هاڻي مڪه جو رئيس هو،تنهن قسم کنيو هو ته جيسيتائين مسلمانن کان پلاند نه وٺندس تيسيتائين دنيا جو لطف ڪونه وٺندس.بدر جي ٽن مهينن کانپوءِ هن پنهنجو قسم هيئن پورو ڪيو جو ٻه سو اُٺ سوار وٺي مدينه جي ڀرپاسي ويو ۽ يهود سردارن سان ڳالهه ٻولهه ڪيائين.يهودين هن کي مديني تي حملي جا راز ٻڌايا.صبح جو واپس موٽندي هڪ مسلمان کيقتل ڪيائين ۽ مسلمانن جي ڪجهه گهرن ۽ گاهه جي ڍڳ کي باهه ڏيئي ڇڏيائين.مسلمانن کي خبر پيئي ته اهي پڄي ايا پر هو نڪري چڪو هو،هن واقعي کي غزوهه سويق چون ٿا.
    ڇو ته ابوسفيان جي همراهن جو کاڌو هن سفر ۾ سويق يعني سَتُو(سويق يا سَتُو ڀُڳل ڪڻڪ کي چئبو آهي) جيڪو تڪڙ ۾ هو هاريندا ويا هئا.حضور پاڪﷺ جن کي هن پاسي کان اطمينان ٿيو ته کين هڪ خانگي فرض پورو ڪرڻ جو خيال آيو اها حضرت فاطمه رضه عنها جي نڪاح جي تقريب هئي۽ اها به رسمن جي سلسلي جو هڪ وڏو سڌارو هو.
    حضرت فاطمه رضه عنها جو نڪاح-سن ذي الحج 3 هجري
    حضور پاڪﷺ جي اولاد ۾ سڀني کان لاڏلي ۽ نياڻين ۾ سڀني کان ننڍي هئي.پاڻ سڳورن کي پنهنجي سموري اولاد مان ساڻس گهڻي محبت هئي ۽ هوءَ به پنهنجي والد بزرگوار تي فدا هوندي هئي.پاڻ سڳورن کي ٿوري به تڪليف رسندي هئي ته هوءَ بيقرار ٿي ويندي هئي.نيڪي ۽ پاڪائي ۾ بي مثال هئي.شادي جا پيغام اچڻ لڳا.پر حضورﷺ جن جي دل ۾ ڪا ٻي ڳالهه هئي.خيال اهو هون ته هن لاءِ اهڙو ئي برابري وارو ڇوڪرو به ملي.اهو حضرت علي﷦ هو،جيڪو حضور پاڪﷺ جن جي هٿ هيٺ ئي نپيو هو.حضرت علي﷦ پنهنجي درخواست پيش ڪئي،ته ڄڻ اها پيش ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي منظور ٿي چڪي هئي.حضرت ببي فاطمه رضه کان پڇيائون ته هوءَ ماٺ ٿي ويئي،اهو ڄڻ راضپي جو اظهار هو،پوءِ حضرت علي﷦ کان پڇيائون ته تو وٽ مهر ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟چيائين ڪجهه ڪونهي...فرمايائون ان زرهه جو ڇا ٿيو جيڪا بدر ۾ هٿ آئي هئي.عرض ڪيائين ته اُها ته موجود آهي،فرمايائون اها گهڻي آهي.
    هن ڪتاب جي پڙهندڙن جو خيال هوندو ته اها زرهه ڏاڍي قيمتي شئي هوندي،پر هنن کي اهو ٻڌي عجب لڳندو ته ها رڳو سوا رپئي جي هئي.زرهه کان سواءِ بدر جي هن هيرو جي جيڪا ملڪيت هئي،اها هيءَ هئي.هڪ رڍ جي کل ۽ هڪ پراڻي يمني چادر.اهائي ملڪيت هئي جيڪا گهوٽ ڪنوار جي رهڻ لاءِ پيش ڪيو،جيڪو پاڻ قبول فرمايائون،
    ”مقدس پيءُ پنهنجي لاڏلي ڌيءَ کي جيڪو ڏاج ڏنو،اهو واڻ جي هڪ کٽ،چمڙي جو هڪ وهاڻوجنهن ۾ کاٻر(کجيءَ جا پن)ڀريل هئا.هڪ پاڻي ڀرڻ جو ڏول هڪ مشڪ ٻه چڪيون ۽ ٻه مٽي جا گهڙا هئا.
    گهوٽ ڪنوار جڏهن نئين گهر ۾ وڃي رهيا ته حضورﷺ جن ڏسڻ لاءِ ويا،پهرين در تي بيهي موڪل گهريائون،پوءِ اندر ويا.هڪ ٿانءَ ۾ پاڻي گهريائون،ٻئي هٿ ان وڌائون ۽ هٿ ڪڍي اهو پاڻي هنن تي ڇڻڪاريائون۽ نياڻيءَ کي چيائون ڌيءَ! مون تنهنجو نڪاح ڪٽنب جي سڀ کان بهتر شخص سان ڪيو آهي.
    الله اڪبر! ڪيڏي نه سادگي ۽ بي تڪلفي واري تقريب هئي.مسلمانن جي خوشي جي رسمن لاءِ ان کان سٺو پيو ڪو نمونو ٿي سگهي ٿو؟هي ڄڻ حضورﷺ جن مسلمانن جي اڳيان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي زندگيءَ جو مثال پيش ڪيو هو.
    روزو:
    نماز کانپوءِ هن سال روزي جي ٻي عبادت فرض ٿي ۽ ان لاءِ رمضان جو مهينو چونڊيو ويو ڇو ته هي اهو مقدس مهينو هو”جنهن جي هڪ رات ۾ خدا جو پيغام هن خاص ٻانهي(محمدﷺ) تي حرا جي غار ۾ لٿو هو.انهي يادگار طور هي مهينوعزت ۽ حرمت جو مهينو مقرر ٿيوجهڙي ريت هن برگزيده نبيﷺ انهن ڏينهن ۾ حرا ۾ ڏينهن گذاريا هئا يعني ڏينهن جو کائڻ پيئڻ کان پرهيز ۽ رات جو جي عبادت.هر شريعت پنهنجي لاءِ ڏڻ جو ڪو ڏينهن پنهنجي خوشي ۽ مسرت لاءِ مقرر ڪيو آهي.اسلام ان لاءِ رمضان جي روزن کانپوءِ شوال جي پهرينءَ کي عيد جو ڏينهن مقرر ڪيو.هن ۾ عيد نماز جون ٻه رڪعتون نماز سنت ڪئي وئي ته جيئن سڀ خدا جي آڏو بيهي قرآن جي نعمت ۽ اسلام جي دولت ملڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪن ۽ ان لاءِ ته هن خوشي جي ڏينهن ڪوبه ڀاءُ بکيو نه رهي.هي انتظام ڪيو ويو ته هر پهچ واري تي فطر جو صدقو واجب ڪيوويو.هي پهريون ڀيرو هو جو حضور پاڪﷺ جن مسلمانن کي گڏ وٺي هڪ ميدان ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي.نماز کانپوءِ خطبو ڏنائون جنهن ۾ فطر جي صدقي جون خوبيون بيان فرمايائون.
    هي عيد جي نماز مسلمانن جي معاشرتي هڪ جهڙائي ۽ مذهبي خوشي جو ڏيک آهي.


    احد جي لڙائي –شوال 3 هجري:

    مڪه ۾ بدر جي پلاند واري باهه اندر ئي اندر پئي دکي.ابو سفيان ان جوش مان فائدو ورتو.قريش جو واپاري سرمايو لڙائيءَ جي خرچن لاءِ منظور ٿيو.عربن ۾ جوش ۽ ڪاوڙ ڏيارڻ جو سڀني کان ڪمائتو هٿيار شاعري هئي.قريش جي ٻن شاعرن اهو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيو.هنن مان هڪ اهو ئي هو جيڪو بدر ۾ قيد ٿي چڪو هو.پر رحمت عالمﷺجي حلم ۽ ڪرم سان ڇٽي ويو هو.هنن ٻنهي قريش جي قبيلن ۾ وڃي پنهنجي بيان جي گرميءَ سان باهه ٻاري ڏني.
    قريش جي عورتن به سپاهين جون دليون وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو،وڏن وڏن گهراڻن جون زالون جن جي سردار ابوسفيان جي زال”هند“هئي.پنهنجي ڳيچن سان سپاهين جي رڳن ۾ شجاعت ۽ مردانگي جو رت ٽهڪائڻ لاءِ سفر تي سنڀريون.هند جو پيءُ عتبه ۽ جُبير بن مطعم جو چاچوٻئي بدر جي ميدان ۾ حضرت حمزه﷦ جي هٿان مارجي ويا هئا.هند جبير جو حبشي بانهي جي آزادي جو ملهه حضرت حمزه﷦ جو سر مقرر ڪيو.
    مڪه ۾ تياريون ٿي رهيون هيون پر مدينه ۾ اڃان ان جي خبر ڪانه هئي.حضور پاڪﷺ جن جو چاچو حضرت عباس﷦ جيڪو اسلام آڻي چڪو هو،تنهن هڪ تکو قاصد اُماڻي مديني ۾ اها خبر پهچائي.ايتري ۾ خبرون پهتيون ته قريش جي فوج هلان ڪري مدينه جي ويجهو پهچي ويئي آهي.پاڻ سڳورن ڪجهه مسلمانن کي پهري جي ڪم ۽ دشمنن جي جانچ تي مقرر ڪيو.صبح ٿيو ته صلاح مصلحت ڪيائون.گهڻن اهو رايو ڏيکاريو ته عورتن کي ٻاهرئين قلعي ۾ اماڻجي ۽ مرد آبادي ۾ ترسي ڀتين جي آڙ وٺي دشمنن کي منهن ڏين.منافقن جي سردار عبدالله بن ابي بن سلول به اهو رايو ڏنو پر نوجوان مسلمان جيڪي جوش ۾ ٻڏل هئا ان تي زور ڀريو ته شهر مان نڪري ميدان تي مقابلو ڪجي.انهيءَ ٺهراءَ کانپوءِ حضورﷺ جن گهر هليا ويا ۽ زرهه پهري ٻاهر آيا ۽ ٻين مسلمانن به تياري شروع ڪري ڇڏي.
    قريش مدينه جي ڀر ۾ پهچي احد جبل وٽ اچي لٿا ۽ ٻه ڏينهن هتي ٽڪيا پيا هئا.ٽيون ڏينهن جمع جو هو.حضور ﷺجن جمع جي نماز پڙهي هڪ هزار مسلمانن سان گڏ ٻاهر نڪتا.انهن ۾ عبدالله بن ابي بن سلول جا به ٽي سئو ماڻهو هئا پر هو اهوچئي پنهنجا ماڻهو گڏ وٺي واپس هليو ويو ته محمدﷺ منهنجو رايو نه مڃيو.هاڻي رڳو ست سئو مسلمان وڃي رهيا جن مان رڳو سئو ماڻهن وٽ زرهون هيون.
    سهن لڙائي ۾شريڪ ٿيڻ جي موڪل ملڻ لاءِ ڪن ننڍي ڄمار جي نوجوان مسلمانن عجيب و غريب جوش ڏيکاريو.رافع بن خُديج کي جڏهن اهو چيو ويو ته تون ڄمار ۾ ننڍو آهين ته هو پٻن تي اڀو ٿي بيهي رهيو.سچ آهي ته قوم جي زندگي واري باهه نوجوانن جي عمل جوش ٻارڻ سان ئي ٻرندي آهي.
    مسلمانن احد جبل ۾ هڪ لڪ هو،جتان ڊپ هو ته متان دشمن پٺيان اچي حملو نه ڪري تنهنڪري پنجاهه تير اندازن جو هڪ دستو ان جي سنڀال لاءِ بيهاريو ويو۽ هنن کي سمجهائي ڇڏيائون ته”لڙائي ۾ اسين کٽي به رهيا هجون ته به هو پنهنجي جاءِ تان نه چُرن“
    لڙائي جي شروعات هن ريت ٿي ته قريش جون عورتون دڦ تي فخريه شعر ۽ بدر جي قتل ٿيلن جو درد ڀريو مرثيو پڙهنديون اڳتي وڌيون پوءِ قريش جي لشڪر جي علمبردار طلحه صف مان نڪري سڏيو.علي مرتضيٰ﷦ ان جو جواب ڏنو ۽ اڳتي وڌي تلوار هنئي ۽ طلحه جو لاش زمين تي وڃي ڪريو.ان کانپوءِ هن جي پٽ جرئت ڪئي ۽ نيٺ حضرت حمزه﷦ جي تلوار هن کي به پورو ڪري ڇڏيو.هاڻي عام جنگ شروع ٿي ويئي.حضرت حمزه ﷦.حضرت علي﷦ ابودجانه﷦انصاري فوجن جي ميڙ ۾ گهڙٽي ويا ۽ دشمنن جون صفن جون صفون اونڌيون ڪري ڇڏيائون.
    حضرت حمزه﷦ ٻنهي هٿن ۾ تلوارون کڻي لاشن مٿان لاش ڪيرائيندو پئي ويو.جبير جو حبشي غلام وحشي جنهن سان هند اهو واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن حمزه﷦ کي قتل ڪندو ته کيس آزاد ڪيو ويندو،حضرت حمزه﷦ جيئن ئي هن جي نشاني ۾ آيو ،هن حبشين جي خاص انداز ۾ جنهن ۾ هنن کي وڏي مهارت هوندي آهي،هڪ ننڍو نيزو اڇلائي هنيو.جيڪو ”دن“۾ لڳ ۽ پار ٿي ويو.حضرت حمزه﷦ ڦري هن تي حملو ڪرڻ گهريو پر لوڏو کائي ڪري پيو ۽ روح پرواز ڪري ويو.
    حق ۽ باطل جي ڪهڙي نه عجيب لڙائي هئي.پيءُ پنهنجي پٽ ۽ پٽ پنهنجي پيءُ جي سامهون تلوار هلائي رهيو هو.حنظله هڪ صحابي هو جيڪو مسلمان ٿي چڪو هو،هن پنهنجي پيءُ جي مقابلي ۾ وڃڻ جي اجازت گهري پر رحمت عالمﷺان جي اجازت نه ڏني.
    مسلمان بهادر ايمان جي جوش ۾ ٻڏل هئا، هو ڪافرن کي سڀني پاسن کان سوڙهو گهٽيندا اڳتي پئي وڌيا، نيٺ هنن جي زوردار حملن جي ڪري دشمن جا پير نڪري ويا. هاڻي مسلمانن دشمنن جي بدران انهن جو مال اسباب لٽڻ شروع ڪري ڏنو. اهو ڏسي لڪ جي پهري تي بيهاريل تيراندازن پنهنجي چونڪي ڇڏي ڏني. تيرانداز دستي جي سردار عبدالله بن جبير ﷦ گهڻو ئي هنن کي جھليو پراهو ڏسي ته لڙائي پوري ٿي ويئي آهي، هو به ڦُرلُٽ ۾ شامل ٿي ويا. خالد جيڪو پوءِ اسلام جو وڏو سپهه سالار ثابت ٿيو، ان وقت مڪه جي فوج ۾ هو، ان جي جنگي نگاهه کان دشمنن جي اها ڪمزوري لڪي ڪانه سگهي، هو سوارن جو هڪ دستو وٺي لڪ وٽان ٿي اڳتي وڏيو. عبدالله بن جبير ﷦ ۽ سندس ٿورن ساٿين پير کوڙي منهن ڏنو ۽ سڀ جا سڀ شهيد ٿي ويا. خالد هاڻي اڳتي وڌي مسلمانن تي پٺيان حملو ڪيو. مسلمان ڦرلٽ ۾ رڌل هئا، پوئتي وري ڏٺائون ته تلوارون پئي وسيون. بدحواسي جي اها حالت ٿي جو مسلمان پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي تي چڙهي ويا. مصعب ﷦ بن عمير جيڪو مسلمانن جو علمبردار ۽ شڪل ۾ حضور ﷺ جن سان ملندڙ جلندڙ جو، اهو هڪ ڪافر جي هٿان شهيد ٿي ويو، تنهن تي ڪافرن وٺي هل ڪيو ته ﷴ شهيد ٿي ويا. انهي آواز سان مسلمانن جو رهيو کهيو هوش به اڏامي ويو، انهن جون صفون ٽٽي ويون. ڪافرن جو سڄو زور اوڏانهن هو، جتي حضور سائن جن هئا. صفن جي ٽٽڻ سان پاڻ سڳورن تائين پهچڻ لاءِ دشمنن جو رستو بلڪلصفا هو، رڳو يارنهن جان نثار پتنگن وانگر نبوت جي شمع جي چوڌاري هئا، انهن ۾ علي﷦ ، ابوبڪر صديق﷦،سعد﷦بن وقاص، زبير ﷦۽ طلحه﷦ جا نالا مهاجرن مان ۽ ابودجانه جو نالو انصارين مان معلوم آهن، باقي ٻين صهابين کي پاڻ سڳورن جي ڪابه خبر ڪانه هئي. اوچتوپاڻ سڳورن کي هڪ صحابي پري کان سڃاتو ۽ رڙ ڪيائين، مسلمانو! رسول اللهﷺ هتي آهن. اهو ٻڌي سڀني پاسن کان جان نثار وري پيا ۽ پاڻ سڳورن ﷺ کي دائره ۾ وٺي ورتائون. ڪافرن سڀني پاسن کان هٽي انهي پاسي تي زور لڳايو، ٽولي جو ٽولو ميڙ ڪري وڌيو ٿي، پر ذوالفقار جي کنوڻ سان اهو ڪڪر ڦاٽي ٿي پيو. هڪ دفعو ميڙ ٿيو ته فرمايائون ڪير مون تي جان ڏيندو؟ يڪدم ست انصاري هڪ ٻئي جي پويان وڌيا ۽ هڪ هڪ ڄڻي وڙهي ساهه ڏنو. ابودجانه انصاري جهڪي ڍال بنجي ويو، جيڪي تير آيا ٿي هن جي پٺن ۾ ٿي لڳا. طلحه﷦ تلوارن پنهنجن هٿن تي جهليون، حضرت سعد ﷦ پاڻ سڳورن طرفان تير پئي هلايا، ابو طلحه ﷦ ڍال سان پاڻ سڳورن جي منهن مبارڪ کي اوٽ ڪريو بيٺو هو. پاڻ ڪنڌ مٿي کڻي لڙائي جو منظر ڏسڻ گهرندا هئا ته هو عرض ڪندو هو ته پاڻ ﷺ ڪنڌ مٿڀرو نه کڻن ڪو تير نه لڳي وڃي، منهنجو سينو حاضر آهي. انهي حال ۾ قريش جو هڪ ڪٺور جيڪو وڏوپهلوان سڏبو هو،جان نثارن جو دائرو توڙي اڳتي وڌيو ۽ منهن مبارڪ تي تلوار هنيائين جنهن جي ڌڪ کان ٽوپجون ٻه ڪڙيون منهن مبارڪ ۾ گهڙي ويون، ام عماره رضه صحابيه هن کي تلوار هنئي جيڪا هن جي زره ۾ ڏيڍي وڃي لڳي. ڪنهن ڪافر پري کان ڪو پٿر اڇلايو جيڪو حضور پاڪ ﷺ جن جي منهن مبارڪ تي اچي لڳو جنهن سان اڳيان ٻه ڏند شهيد ٿي ويا. انهي حالت ۾ پاڻ سڳورن جي زبان مبارڪ مان هي اثر وارو جملو نڪتو جيڪو جيسين دنيا قائم آهي تيسين ياد رهندو” يا خدا! منهنجي قوم جا ڏوهه معاف ڪر هو نادان آهن.“
    ان کان پوءِ ڪجھ ثابت قدم صحابين سان گڏ پاڻ سڳورن ﷺ جبل جي چوٽي تي چڙهي ويا. ابو سفيان ڏسي ورتو، فوج وٺي جبل تي چڙهيو پر حضرت عمر ﷦ ۽ ٿورن ساٿين پٿر وسايا جنهن ڪري هو اڳتي وڌي نه سگهيو پر سامهون واري ٻيءَ چوٽي تي چڙهي هن هبل بت جو نعرو هنيو. حضرت عمر ﷦ هن جي مقابلي ۾ الله اڪبر جو نعرو هنيو.
    پاڻ سڳورن ﷺ جي وفات جي خبر مدينه تائين پکڙي ويئي. حضرت فاطمه رضه زهره خدا ڄاڻي ڪهڙي ريت بيتابيءَ واري حالت ۾ والد صه جي قدمن تائين اچي وهتي. منهن مبارڪ مان رت پئي وهيو. حضرت علي رضه ڍال ۾ پاڻي ڀري آيو، حضرت فاطمه رضه ڌڪ ڌوتا ٿي، پر رت بند نٿي ٿيو. نيٺ تڏيءَ جو هڪ ٽڪر ساڙي ڌڪن تي رکيائون جنهن سان رت بند ٿي ويو.
    هن لڙائيءَ ۾ ستر مسلمان مارجي ويا. شهيدن ۾ سڀني کان وڏي هستي حضرت حمزه رضه جي هئي. حضور جن تي ان جو ڏاڍو اثر هو پر ڇا مجال جو صبر جو دامن هٿان ڇٽي وڃي.ايترو فرمايائون ته ؟آهه! حمزه تي ڪو روئڻ وارو به ڪونهي.“ انصار ٻڌو ته پنهنجن عورتن کي هدايت ڪيائون ته پهرين حمزه جو ماتم ڪريو. حضوپر پاڪ جن اهو ڏسي فرمايو ”اوهان جي همدردي جو شڪريو ادا ٿو ڪريان، پر مُردن تي روئڻ جائز ڪونهي.“
    قريش جي عورتن خاص ڪري ابوسفيان جي زال هند مسلمان لاشن جي بي ادبي ڪري دل جي باهه ڪڍي، انهن جا نڪ، ڪن ڪپي ورتائون ۽ انهن جو هار ٺاهي ڳچي ۾ وڏائون. هند حضرت حمزه رضه جو پيٽ چيريو ۽ جگر ڪڍي چٻاڙيو پر ڳيهي نه سگهي. پوءِ هڪ مٿاهين هنڌ تي چڙهي ڪجهه شعر ڳايائون ته اڄ بدر جو پلاند ٿي ويو.
    هن لڙائي ۾ يهودين جي ڊپ کان مسلمانن پنهنجن زالن، ٻارن ۽ هيڻن ڀائين کي قلعي ۾ رهايو هو، پر جيڪي عورتون بهادر هيون اهي جنگ جي ميدان ۾ موجود هيون. مٿي پڙهي چڪا آهيو ته حضرت فاطمه رضه زهره ، والد جي ملم پتي ڪري رهي هئي ۽ حضرت عائشه رضه ، حضرت ام سليط رضه ۽ حضرت ام سليمه رضه پنهنجن ڪلهن تي مشڪون ڀري ڀري آنديون پئي ۽ زخمين کي پياريائون پئي.
    حضور پاڪ ﷺ جن جي پڦي ۽ حضرت حمزه رضه جي ڀيڻ حضرت صفيه شڪست جي ڳالهه ٻڌي مدينه مان نڪتي حضور ﷺ جن سندس صاحبزادي زبير کي سڏي چيو ته هوءَ حضرت حمزه رضه جو لاش، جيڪو ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو هو جيئن نه ڏسي. حضرت زبير رضه اچي اهو ٻڌايو ته هن چيو آئون پنهنجي ڀاءُ جي سموري ماجزرا ٻڌي چڪي آهيان، پر خدا جي راهه ۾ اها ڪا وڏي قرباني ڪانهي. حضور پاڪ ﷺ جن موڪل ڏني ته لاش تي ويئي. رت جو جوش هو ۽ پياري ڀاءُ جا ٽڪرا پکڙيا پيا هئاپر انا لله وانا اليه راجعون کان سواءِ زبان مان ٻيو ڪجهه به ڪونه نڪتو.
    هڪ انصاري عورت جو پيءُ ڀاءُ ۽ مڙس ٽيئي هن لڙائي ۾ مارجي ويا هئا. هوءَ حال معلوم ڪرڻ لاءِ بيتابيءَ سان نڪتي. واري واري سان هنن ٽنهي سخت حادثن جي صدا سندس ڪنن تي پوي ٿي، پر هوءَ هر ڀيري اهو ئي پڇي ٿي ته اسان جو رسول ﷺ ڪيئن آهي. جواب مليو خيريت سان آهن. هن جي خاطري ڪونه ٿي ڀر ۾ اچي منهن مبارڪ ڏٺائين ته رڙ ڪري چيائين پاڻ سڳورا ﷺ خيريت سان آهن ته پوءِ سڀ مصيبتون ڪجهه ڪونهي.
    شهيدن جي ڪفن لاءِ به تنگدست مسلمانن وٽ ڪجهه ڪونه هو. مدينه جي پهرئين امام ۽ مصعب بن عمير جو جنازو تيار هوهن جي ڪفن جو ڪپڙو ايترو ننڍو هو جو ان جو مٿو ڍڪيائون ته پير ٻاهر ٿي نڪتا۽ پير ڍڪيائون ٿي ته مٿو نٿي ڍڪيو. نيٺ مٿي کي ڍڪي پيرن تي گاهه وڌو ويو. هي اهڙو نظارو هو جو ان کانپوءِ ڪوبه مسلمان جڏهن انهيءَ واقعي کي ياد ڪندو هو ته روئي پوندو هو. شهيدن کي وهنجارڻ کان سواءِ ائين رت سان رڱيل قبرن ۾ لاٿو ويو ۽ بيڪسي۽ مظلومي جا هي مجسمازمين جي حوالي ڪيا ويا.
    مسلمانن کي هنلڙائي ۾ جيتوڻيڪ جانين جو وڏو نقصان سهڻو پيو هو. پر هنن جي نظر ۾ سندس شڪست اڻپوري هئي، ڊپ هو ته ابوسفيان کي جيڪڏهن ان جو خيال آيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٻيهر حملو ڪري، تنهنڪري حضور پاڪ جن انهي حالت ۾ هن جي پويان پوڻ جو فيصلو ڪرڻ ضروري سمجهيو. ان ۾ اها به مصلحت هئي ته ڀرپاسي وارا قبيلا اهو نه سمجهن ته مسلمانن جو زور ٽٽي ويو، هاڻي جنهن کي وڻي اهو مٿن حملو ڪري سگهي ٿو. گهڻا ئي مسلمان جيتوڻيڪ زخمن سان چور هئا. پر جنهن وقت پاڻ سڳورن خدا جو اهو حڪم ٻڌايو ته ستر مسلمانن انهيءَ ڪم لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو جن ۾ حضرت ابوبڪر رضه ۽ زبير رضه به هئا.
    ابوسفيان کي ٿورو پري نڪري وڃڻ کانپوءِ خيال آيو ته سندس ڪم اڌورو رهجي ويو، پر خزاعه قبيلي جو رئيس معبد جيڪو ڳجههه ڳوهه ۾ مسلمانن سان گڏ هو ۽ شڪست جي خبر ٻڌي آيو هو موٽي وڃي ابو سفيان کي چيو ته آئون ڏسندو پيو اچان ته محمد ﷺ اهڙي ساز و سامان سان تنهنجي پٺيان پيو اچي جو سندس مقابلو ناممڪن آهي. اهو ٻڌي ابو سفيان مڪي هليو ويو ۽ حضور پاڪ صه جن حمراء پهچي مديني موٽي هليا آيا.


    يهودي خطري کي پاڙان اکيڙڻ:

    مديني ۾ اسلام لاءِ هي تيون خطرو هو ۽ اهو سڀني کان وڌيڪ هو ڇو ته يهودي دولت ۾، واپار ۾ ۽ جنگي ڄاڻ عربن کان گهڻووڌيڪ هئا.هنن جو سلسلو حجاز کان وٺي شام جي حدن تائين پکريل هو، هنن جي واپار ۽ ڌنڌي جي ڪري سڄي عرب تي هنن جو اثر هو ۽ هو عرب ۾ مذهبي روايتن ۽ علم و فضل جي لحاظ کان مٿاهان سمجهيا ويندا هئا. مدينه ۽ ان جي ڀروارن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هنن کي پنهنجي دولت، وجاهت ۽ واپار جي ڪري وڏو اقتدار مليل هو ۽ سڀ هنن جي سرمايه دارانه نظام جي بار هيٺان دٻيل هئا . اوس ۽ خزرج جا هاري ۽ مزور جيڪو مال پيدا ڪندا هئا اهو سڀ هنن جي قلعن ۽ ڪوٺين جي نذر ٿي ويندو هو . عربن جي ملڪيت يهودين جي هٿن ۾ رهندي هئي، تنهنڪري هنن کي پنهنجي محنت جو ڦل ڪونه ملندو هو . يهودين جو هڪ قبيلو جيڪو بني قينقاع سڏبو هو اهو سون، چاندي ۽ سونارن جو ڪم ڪندو هو ۽ مدينه جي ڀر ۾ ئي رهندو هو . هنن جو ٻيو قبيلو بني نضير هو ۽ ٽيون قبيلو بني قريضه سڏبو هو . هنن سڀني پاسن ڏي وٺ جو ڌنڌو پکيڙي ڇڏيو هو . سموري آبادي هنن جي بار هيٺ هئي ۽ جيئن ته اڪيلا هوئي دولت جا ملاڪ هئا تنهنڪري ڏاڍي بي قياسي سان وياج جا وڏاوڏا اگهه مقرر ڪندا هئا ۽ قرض جي پورائي ۾ ماڻهن جا ٻار ٻچا ايتري قدر جو زالون به گروي رکائيندا هئا .
    جڏهن اسلام جو مرڪز مڪه مان ڦري مدينه ٿيو ته يهودي جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو هو پهرين ڏاڍا خوش ٿيا ڇو ته اسلام جيڪي ڪجهه چيو ٿي اهو سڀ هنن جي ڪتابن ۾ هو، ان هنن آسماني ڪتابن جي پٺڀرائي ۽ هنن جي پيغمبرن جي تصديق ڪئي ٿي ۽ ان مان هنن کي اها اميد هئي ته عربن جي هي نئين تحريڪ سندن اقتدار کي اڃان به وڌائيندي ۽ ان لاءِ هو اسلام سان اتحاد ۽ ٺاهه لاءِ اڳتي وڌيا۽ دشمنن جي حملي جي صورت ۾ مدينه جي بچاءُ جو انجام اقرار ڪيائون ۽ سمجهيائون ته عربن جي هي نئين طاقت يهودين ۾ جذب ٿي ويندي.
    پر هنن کي هڪ سال جي اندر ئي اها خبر پوڻ لڳي ته هي نئين تحريڪ هڪ مستقل طاقت آهي، جنهن کي جيڪڏهن خاتمو ڪري ڇڏيندي. هاڻي هيئن ٿيو ته بجاءِ ان جي جو هو اسلام ڏانهن ان لاءِ وڌن ته اهو سندن ئي اصلي دين کڻي آيو آهي، پر هو مخالفت ڪرڻ لڳا ، ان تي اجاين اعتراضن جي ڀرمار ڪرڻ لڳا. منهن تي هڪ ۽ پرپٺٻي ڳالههب چوندا هئا ۽ پورو زور لڳائيندا هئا ته اسلام ڏانهن ماڻهن جي عقيدت گهٽجي وڃي، پر ان ۾ هنن کي ڪاميابي ڪانه ٿي. اٽلو خوديهودين کان جيڪي ماڻهو ٿوري به حق ۽ انصاف جا طالبو هئا اهي ظاهر ظهور مسلمان ٿي ويا ۽ ڪن ته مسلمان ٿي پنهنجي دولت به اسلام جي واٽ ۾ وقف ڪري ڇڏي.
    اها صورتحال هئي جو قريش ۽ مسلمانن ۾ لڙائي جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. هاڻي هنن قريشن سان ۽ قريش هنن سان سازباز شروعڪئي. هڪ ئي سال کانپوءِ بدرجو واقعو ٿيو ۽مسلمانن جي فتح ٿي. اها يهودين لاءِ خطري جي گهنٽي هئي. هنن ڪن کڙا ڪيا ۽ سامان سڙو گڏ ڪرڻ لڳا. مسلمانن اهو ڏٺو ته هنن کي سمجهايائون ۽ کين سندن انجام اقرار ياد ڏياريائون ۽ نه مڃڻ جي حالت ۾ ڌمڪي ڏنائون ته جيڪو قريش جو حال ٿيو آهي اهڙو ئي اوهان جو به ٿيندو. يهودين چيو ته اسان کي قريش متان سمجهو، هو لڙائي جهيڙي واراماڻهو ڪونه هئا اسان وٽجنگ جو سڀ سامان ۽ هٿيار آهن ۽ اسان جا وڏا وڏا قلعا آهن انهن قلعن کي فتح ڪرڻ سولو ڪونهي.
    يهودين کي خبر هئي ته محمد ﷺ جي سڄي طاقت جو راز مدينه جي ٻن قبيلن اوس ۽ خزرج جو اسلام جي جهنڊي هيٺ اچي هڪ ٿيڻ هو. هنن هيئن ڪيو جو انهن جي ڪچهرين ۾ ويهي انهن ٻنهي جي پاڻ ۾ لڙاين جون ڳالهيون پچارڻ لڳا، جيڪي هو اسلام کان اڳ هڪ ٻئي جي خلاف وڙهندا هئا ته جيئن ٻنهي جي عداوت جا پيڙهياتا جذبات اڀرن ۽ سندن اسلام جي اتحاد وارو رشتو ٽٽي پوي. هڪ ڀيرو اناٽڪل سان ايترو ٿيو جو ٻئي قبيلا وري مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. رسول الله ﷺ جن کي خبر پيئي ته اچي ٻنهي کي سمجهيائون ۽ اهڙي ريت اهو جهيڙو ٽري ويو.
    مدينه ۾ منافقن جو جيڪو گروهه هو اهو يهودين سان مليل هو. منافقن جو سردار عبدالله بن ابي يهودين جي قبيلي بني نضير ۽ بني قينقاع جوحليف هو.
    يهودين ۾ سڀني کان همت وارو ۽ پهلوان قبيلو بني قينقاع هو . احد ۾ مسلمانن جي شڪست ان کي اها همت ڏياري ته هو اسلام جي طاقت جي خلاف ڪنڌ کڻي. تنهنڪري يهود ۽ مسلمانن ۾ صلح جو جيڪو انجام اقرار ٿيو هو ان کي ڀڃي هن اڳواٽ شرارت جي اڳرائي ڪئي.


    بني قينقاع سان لڙائي (شوال 2 هجري)

    شوال 2 هه ۾ هڪ اتفاقي واقعي چڻنگ کي وڌيڪ دکايو هڪ مسلمان عورت بني قينقاع جي پاڙي ۾ ڪنهن ڪم سان انهن جي دڪانن ٿي ويئي. هنن ان سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري بي حرمتي ڪئي. اهو ڏسي هڪ مسلمان پاڻيءَ مان نڪري ويو ۽ ان يهودي کي ماري ڪيرائي وڌائين. يهودين ان مسلمان کي ماري وڌو. انهي واقعي هڪ وڏي جهيڙي جي شڪل اختيار ڪري ورتي. مسلمانن پهرين هنن کي گهڻو ئي سمجهايو پر هنن کي پنهنجي هٿيارن ۽ قلعن تي ايڏو ناز هو جو هو صلح لاءِ تيار نه ٿيا. هاڻي مسلمانن هننن کي پٺي واري ڇُرو ڄاڻي سڀ کان پهرين هنن کي منهن ڏيڻ ضروري سمجهيو.
    لڙائي جو اعلان ٿيو ته بني قينقاع پنهنجو قلعو بند ڪري مقابلو ڪيو. مسلمانن هنن جي قلعي کي گهيرو ڪيو ۽ پندرهن ڏينهن تائين گهيرو ڪري ويٺا رهيا. مسلمانن جي اها مڙسي ڏسي قلعي وارا گهٻرائجي ويا ۽ نيٺ ان تي راضي ٿيا ته رسول الله ﷺ جن جيڪو فيصيلو ڪندا اهو اسان کي قبول آهي. عبدالله بن ابي جيڪو هنن جو حليف هو تنهن اچي حضور اڪرم ﷺ کي عرض ڪيو ته هنن لاءِ ايتري سزا ئي گهڻي آهي ته هو هتان ڪڍي ڇڏيا وڃن. پاڻ سڳورن منظور ڪرڻ فرمايو ۽ بني قينقاع به ان تي راضي ٿي ويا ۽ پنهنجي سموري زمين ملڪيت ڇڏي شام جي ملڪ ۾ هليا ويا.


    مسلمان مبلغن جو بيدرديءَ سان قتل:

    حضور اڪرم ﷺ جن هڪ دين کڻي آيا هئا. ان لاءِ لڙائي جهيڙي ۽ خون خرابي جي ڪا ضرورت ڪانه هئي. پر هيسيتائين جيڪي حلات پڙهي آيا آهيون. ان مان سمجهي ويا هوندا ته جاهل ۽ نادان عربن ڪنهن به طرح مسلمانن کي سک سانت سان رهڻ ئي نٿي ڏنو. اڳ ۾ ته اڪيلو قريش سان لڙائي هئي. هاڻي آهستي آهستي اها باهه ٻئي پاسي به پکڙندي پئي ويئي ۽ نجد تائين وڃي پهتي. انهن خطرن ۾ وڪوڙجي به جيڪي ڪجهه ٿي سگهيو ٿي مسلمان هن دين جي تبليغ ۽ اشاعت ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي يمن جي ڪنارن ۽ بحرين جي علائقن تائين هي تعليم هوريان هوريان قبول ڪئي پئي ويئي. صفر 4 هه ۾ ڪلاب قبيلي جي رئيس خواهش ڏيکاري ته ڪجهه مسلمان والين ( والي جو جمع ، تبليغ دين ڪرڻ وارن صحابين جو خطاب يا عهدو) کي گڏي ڏيوم ته منهنجي قوم ۾ وڃي اسلام پکيڙين ۽ ماڻهن کي مسلمان ڪن. پاڻ سڳورن فرمايو ته مونکي نجد جي پاسي کان ڊپ آهي. هن چيو ” انهن جو آئون ضامن آهيان“ ان تي اعتبار ڪري پاڻ ستر انصاري مبلغ ۽ معلم ساڻس گڏي ڏنائون. بني سليم جي علائق ۾ معونه نالي هڪ کوهه وٽ پهچي هنن هٿين خالي دستي جنهن جو مقصد امن ۽ سلامتي جي اشاعت کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪونه هو.ڊاٻو ڪيو ان پاسي جي رئيس عامر بن طفيل اچي هڪ کانسواءِ باقي سڀني کي گهيرو ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اهو هڪ عمرو بن اميه هو جنهن مدينه اچي پنهنجن ساٿين جي مظلومي جو قصو سڀني کي ٻڌايو.
    انهن ڏينهن ۾ غضل ۽ قاره جا ڪجهه ماڻهو پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ آيا ته اسانجي قبيلي اسلام قبول ڪري ورتو آهي. اوهان ٿورا مسلمان اسان گڏ ڏيو ته اسان وٽ هلي اسان کي اسلام جو ڳالهيون سيکارين. پاڻ سڳورن ڏهه ماڻهو گڏ ماڻيا. جڏهن اهو هٿين خالي قافلو رجيعجي هنڌ تي پهتو ته انهن ظالمن بد عهدي ڪئي. بني لحيان جي ٻه سو تير هلائيندڙن هنن کي گهيرو ڪري ورتو. هي ٿورا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مسلمان هڪ ننڍي ٽڪري تي چڙهي ويا ۽ ٻن کانسواءِ سڀئي خدا جي راهه ۾ مارجي ويا. جيڪي ٻه بچي ويا اهي خبيب ۽ زيد هئا جن کي انهن جهلي مڪي وڃي قريش وٽ وڪڻي ڇڏيو خبيب احد جي لڙائي ۾ حارث بن عامر کي ماريو هوتنهنڪري حارث جي ڇوڪرن هن کي خريد ڪري ورتو۽ پنهنجي پيءُ جي پلاند ۾ هن کي سوري تي چاڙهي ماري ڇڏيائون سوري تي چڙهڻ کان اڳ هن پنهنجن قاتلن کان موڪل گهري ته هو ٻه رڪعتون نماز پڙهي وٺي انهن ان جي موڪل ڏني ته هن ٻه رڪعتون ادا ڪيون ۽ ان وقت کان وٺي اها مسلمانن شهيدن جي رسم پئجي ويئي. سوري چڙهڻ وقت به شعر سندس زبان تي هو :
    ”جڏهن آئون اسلام جي واٽ ۾ ماريو پيو وڃان ته مونکي ان جي ڪا پرواهه ڪانهي ته آئون ڪهڙي پاسي (نموني) ماريو ويندس.“
    زيد کي هڪ ٻئي قريشي ان لاءِ خريد ڪيو هو ته مڪه جي تماشائين جي اڳيان هن جي قتل جو رنگين تماشو ڏيکاريندو جڏهن قاتل تلوار کڻي اڳتي وڌيو ته ابو سفيان پڇيس سچ ٻڌائج جيڪڏهن هن وقت تنهنجي بدران محمدﷺ قتل ڪيا وڃن ها ته ڇا تون خوش ڪونه ٿئين ها؟ چيائين خدا جو قسم رسول الله جي پيرن جي ترين کي ڪنڊن کان بچائڻ ۾ منهنجي جان ڪم اچي وڃي ها ته منهنجي لاءِ سعادت هجي ها. ان جملي سان گڏ هڪ تلوار واري ۽ هن جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي ويو الله اڪبر هنن خدا جي بندن تي حق جو نشو ڪيڏو نه چڙهيل هو.


    ابن ابي الحقيق جو ڪٽنب:

    يهودين ۾ ابن ابي الحقيق جو ڪٽنب سڀ کان وڌيڪ دولتمند هو. وڏن وڏن يهودي عالمن کي هن گهر کان پگهارون ملنديون هيون. اسلام جي دشمني ۾ هن ڪٽنب جا ڪي ممتاز ماڻهو سڀني کان اڳرا هئا. ڪعب بن اشرفهن ڪٽنب جو ڏوهٽو هو. هن جو پيءُعرب ۽ ماندان جي يهودڻ هئي. تنهنڪري عربن ۽ يهودين ٻنهي ۾ هنجو اثر هو. هن جي وياج واري ڌنڌي جي اها حالت هئي جو هو عربن جا ٻار ٻچا ۽ زالون به قرض ۾ گروي رکندو هو. بدر جو واقعو پيش آيو ته هن کي ڏاڍو ڏک پهتو. شاعر به هو. هن انهيءَ واقعي تي اثر ڀرياشعر لکيا ۽ پا۾ مڪه وڃي قريش جي سردارن سان مليو ۽ انهن کي بدر جي پلاند لاءِ اڀاريائين. مدينه موٽي آيو ته شريف انصاري عورتن جا نالا وٺي وٺي پنهنجن شعرن ۾ انهن سان عشق ظاهر ڪيائين ٿي. جنهنڪري انصار ۾ ڪاوڙ پکڙي ۽ نيٺ هڪ انصاري محمد بن سلمه وڃي هن کي ماري وڌو. اهو ربيع الاول 3هه جو واقعو آهي. يهود جا ٻيا ممتاز افراد جيڪي اسلام جا دشمن هئا ابو رافع سلام بن ابي الهقيق ڪنانه، ابن لاربيع ۽حيي بن اخطب هئا جيڪي بني نضير سان هئا.


    بني نضير جي جلاوطني ربيع الاول 4 هه:

    بنو نضير يهودين جو ٻيو طاقتور قبيلو هو. هاڻي هن قريش سان سازباز شروع ڪئي ۽ انهن کي مدينه جي ڪمزور حصن جا اطلاع ڏيڻ لڳا.ان جي ڪري ۽ مسلمانن سان ٺاهه جي مطابق ته جيڪڏهن ڪنهن مسدلمان يا بني نضير جي ڪنهن ماڻهو جي هٿان ڪو مارجي وڇي ته ٻئي تي به ان جي خون بها ڀري ڏيڻ ضروري هو.بني عامر جا به ماڻهو هڪ جنگي غلطي جي ڪري هڪ مسلمان جي هٿان اتفاق سان مارجي ويو. جيتوڻيڪ انهن وٽ رسول الله ﷺ جن جو امان نامو موجود هو انهن مقتولن جي خون بها مسلمانن تي واجب ٿي. مسلمانن بني نضير کي به ان ۾ شريڪ ٿيڻ جي خواهش ڪئي ۽ ان لاءِ رسول الله ﷺ سندن پاڙي ۾ آيا. ظاهري طرح ته انهن گهڻي چستي ڏيکاري ۽ شڙڪت تي راضپو ڏيکاريو پر لڪ ۾ هنن گهريو ٿي ته رسول الله ﷺ تي جيڪي هڪ ڀت جي هيٺيان بيٺا هئا مٿان هڪ وڏو پٿر ڪيرائي ماري ڇڏين.رسول الله ﷺ جن کي ان جي خبر پئجي ويئي ۽ اڪيلا اٿي سڌو مديني هليا آيا.
    بنو نضير وارن چوائي موڪليو ته اوهان ٽيهه ماڻهن کي وٺي اچو، اسين پنهنجا عالم وٺي اينداسين، جيڪڏهن هو اوهان جي ڳالهه مڃي وٺندا ته اسان کي ڪو عذر ڪونه ٿيندو. پاڻ۾ سڳورن جواب ڏنو ته جيسيتائين اوهين هڪ عهد نامون لکي ته ڏيو. اسان کي اوهان تي اعتبار ڪونهي، پرهو ان تي راضي نه ٿيا. يهود جو ٽيون قبيلو جيڪو بنو قريظه سڏبو هو، پاڻ سڳورن انهن کي به ٻيهر عهدنامي جو چيو ۽ ان قبول ڪيو. هاڻي بني نضير وپارن به چوائي موڪليو ته اسان کي اهو منظور آهي ته اوهان ٽي ماڻهو وٺي سان وٽ اچو. پاڻ سڳورنﷺ قبول ڪيائون، پر واٽ تي کين خبر پئجي ويئي ته يهودي تلوارن ٻڌي تيار بيٺا آهن ته جڏهن پاڻ سڳورا پهچن ته کين قتل ڪري ڇڏين. پاڻ ﷺ وري موٽي هليا آيا.
    بني نضير وڏن وڏن قلعن جا مالڪ هئا. جن تي هنن کي گهمنڊ هيو۽ مدينه جا منافق به هنن کي هُشي ڏيئيرهيا هئا. ۽ چوائي موڪليندا هئا ته اوهين جهڪجو نه، بني قريظه اوهان جو ساٿ ڏيندا ۽ اسين به ٻن هزارن جي جٿي سان تيار آهيون.
    مسلمانن کي اهي حالات معلوم ٿيا ته اهي به اڳواٽ تياريون ڪري اڳتي وڌيا ۽ بني نضير جي قلعي کي گهيرو ڪري ورتائون ۽ پندرهن ڏينهن تائين گهيرو ڪريو ويٺا رهيا. نيٺ هن شرط تي راضي ٿيا ته جيترو به مال ملڪيتاٺن تي کڻي سگهن کڻي وڃن۽ مدينه کان باهر هليا وڃن، تنهنڪري سڀئي گهر ڇڏي ۽ پنهنجو مال ملڪيت کڻي لڏي هليا ويا ۽ هنن مان سندن معزز رئيس ابو رافع سالم بن ابي الحقيق ڪنانه بن الربيع ۽ حيي بن اخطب خيبر هليا ويا.


    خندق يا احزاب جي لڙائي ذي قعده 5 هجري:

    بنو نضير مديني مان نڪرڻ کي ته ڪري ويا پر خيبر پهچي هنن پنهنجين سازشن جو ڄار سڄي عرب ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏيو. هننجي رئيس مڪه وڃي قريش کي اڀاريو، قبيلي غطفان کي خيبر جي اڌ پيدائش جي لالچ ڏيئي پاڻ سان گڏيو. بني اسد هنن جا حليف هئا، اهي به اٿيا. غرض ته سڀ گڏجي 24 هزارن جي وڏي فوج مديني ڏانهن رواني ٿي.
    حضور اڪرمﷺ جن کي جڏهن اهو حال معلوم ٿيو ته مسلمانن سان مشورو ڪيائون. مسلمانن کي احد جي جنگ جو تجربو ٿي ويو هو. حضرت سلمان فارسي رضي الله عنه جيئن ته ايران جو هو تنهنڪري ايران جي جنگي طريقن کان ڪجهه واقف هيو. هن رايو ڏنو ته شهر جا ٽي پاسا ته گهرن ۽ باغات سان وڪوريل آهن رڳو هڪ پاسو کليل آهي، اتان خندق (کڏ يا کاهي) کوٽي ڇڏجي، ته جيئن دشمن ان پاسي کان شهر ۾ داخل نه ٿي سگهن. اهو رايو سڀني قبول ڪيو. حضور پاڪ ﷺ جن ٽي هزار مسلمانن کي گڏوٺي ٻاهر نڪتا ۽ خندق کوٽڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏيائون. ٽن هزارن مبارڪ هٿن ويهن ڏينهن ۾ هي ڪم پورو ڪيو ۽ اهڙي ريت پورو ڪيو جو خود خدا جا رسول ﷺ به هن ۾ هڪ عام مزور وانگر ڪم ڪري هيا هئا، ڪئين ڪئين ڏينهن فاقي ۾ لنگهيا ٿي ويا. ان تي به اسلام جي شيدائين جو جوش ٿڌو ڪونه ٿيو. هٿن سان مٽي کوٽيائون ٿي ۽ پٺن تي کڻي ٿي اڇلايائون ۽ آواز سان آواز ملائي هي ترانو ڳايائون ٿي:
    ” اسين آهيون جن محمد ﷺ جي هٿ تي بيعت ڪئي آهي ته جيسيتائين سسيءَ ۾ ساهه آهي اسين خدا جي واٽ ۾ وڙهندا رهنداسون.“
    دشمن هاڻي ويجهو اچي ويو هو. هن جي ويجهو اچڻ جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي بزدلن ۽ منافقن جا هوش پئي اڏاڻا ڪوڙا بهانا ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن پئي موٽيا. يهود جو هن جو رويو سٺو ڪونه هو تنهنڪري به سئو ماڻهن جو دستو هنن جي چوڪسي لاءِ ڌار ڪيو ويو هو.
    بنو قريظه اڃان تائين پڌرا ٿي سامهون ڪونه آيا هئا. بني نضير جو يهودي سردار حيي ابن اخطب جيڪو هاڻي خيبر کانپوءِ بنو قريظه جي سردار کي جيڪو مسلمانن سان ٺاهه ٽوڙڻ تي ان ڪري راضي ڪونه پئي ٿيو ته هي ٻاهر جا ماڻهو هليا ويندا. پوءِ مسلمانن کي اڪيلو اسان منهن ڏيڻو پوندو. اهو چئي پاڻ سان ملائي ورتائين ته آئون هن وقت محمد ﷺ جي خلاف سڄي عرب کي اٿاري آيو آهيان هن جي طاقت کي ختم ڪرڻ جو موقعو وري هن کان سٺو هٿ ڪونه ايندو. انهي دليل کان لاچار ٿي هو به دشنن سان ملي ويو ۽ حيي هن کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن قريش ۽ غطفان توکي بي يار و مددگار ڇڏي هليا ويندا ته اسين اوهان جو ساٿ ڏينداسين.
    ڪافر ويهن ڏينهن تائين مدينه جي چوڌاري گهيرو ڪريو ويٺا هئا ۽ شهر تي حملي ڪرڻ جي ڪا واٽ نٿي سُجهيس. هڪ هنڌ کاهي جي ويڪر گهٽ هئي، هڪ ڏينهن هنن وڏي تياري ڪري ان پاسي کان حملو ڪرڻ گهريو. عمرو بن وُد جيڪو قريش جو سڀني کان وڏو پهلوان هو هو گهوڙو ڪڏائي ٻئي پاسي اچي ويو. هيڏانهن ذوالفقار وارو هٿ وڌيو ۽ هڪ ئي وار ۾ تلوار ڪلهن تائين لهي ويئي. حضرت علي رضي الله عنه الله اڪبر جو نعرو هنيو۽ فتح جو اعلان ٿي ويو.
    حملي جو هي ڏينهن ڏاڍو سخت لنگهيو. دشمن سڀني پاسن کان تير ۽ پٿر پئي وسايا، مسلمان عورتون جنهن قلعي ۾ محفوظ هيون اهو بنو قريظه وارن وٽ هو. بنو قريظه اهو ڏسي ته مسلمان ته هوڏانهن فاٿل آهن، هيڏانهن هن خالي قلعي تي قبضو ڪري وٺجي. هڪ يهودي قلعي جي ڦاٽڪ وٽ پهچيويو هو ته حضرت زبير رضي الله عنه جي ماءُ ۽ حضور جن پڦي صفيه رضي الله عنها اڳتي وڌي هن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو ۽ هن جو سر وڍي ميدان ۾ اڇلايو. اهو ڏسي بنو قريظه وارن سمجهيو ته قلعي ۾ به ڪجهه فوج آهي تنهنڪري اوڏانهن جي همت ڪانه ڪيائون.
    گهيرو جيترو ڊگهو ٿيندو پئي ويو دشمن جي گڏيل محاذ ۾ رنڊڪون پونديون پئي ويون. غطفان جو قبيلو مديني جي ڪجهه پيدائش ساليانه وٺي موٽڻ تي راضي هو. هنجو هڪ رئيس جيڪو ڳجهه ڳوهه ۾ مسلمان ٿي چڪو هو پر هن جي مسلمان هجڻ جي اڃان سڀني کي خبر ڪانه هئي، قريش ۽ يهود وٽ وڃي ڌار ڌار اهڙيو ڳالهيون ڪيون جنهن سان ٻنهي ۾ ڦيٽڙو پئجي ويو. خدا جي ڪرڻي ٿي جو انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ رات جو اهڙو تکو مٽي جو طوفان آيو جو دشمنن جي خيمن جون طنايون (رسا) اکڙجي ويون، کاڌي جا ديڳڙا چلهين تي اونڌا ٿي پئي ويا سيءَ ۾ هوا جي ان تکي لوهه به ڪافرن جون دليون ڏڪائي وڌيون.
    انهن سڀني ڳالهين گڏجي اتحادي فوجن (احزاب) جا پير ڪڍي ڇڏيا. بني قريظه هنن جو ساٿ ڇڏي پنهنجي قلعن ۾ هليا ويا غطفان به روانا ٿي ويا. اهو ڏسي قريش به لاچار گهيرو ڇڏي هليا ويا. ۽ مدينه جو افق ويهه ٻاويهه ڏينهن تائين مٽيءَ سان ڀريل رهي صفا ٿي ويو.


    بني قريظه جو خاتمو:

    بني قريظه هڪ اهڙي نازڪ موقعي تيمسلمانن سان بد عهدي ڪئي، اها معاف ڪرڻ جهڙي نه هئي. حيي بن اخطب جيڪو عربن ي هن گڏيل فتني جو باني هو، بني قريظه وارن ساان گڏ انهن جي امان هيٺ هو، تنهنڪري حضورپاڪ ﷺ جن گڏيل فوج جي ڦيٽاڙي سان گڏ ئي بنو قريظه جو رخ ڪيو. هنن جا قلعا بڀند ٿي ويا. مسلمان هڪ مهيني تائين هنن جو گهيرو ڪيو ويٺا هئا. نيٺ هنن اها درخواست ڪئي ته هنن جو معاملو سندن حليف قبيلي اوس جي مسلمان سردار سعد بن معاذ جي حوالي ڪيو وڃي، هو جيڪو فيصلو ڪندو اهو اسان کي خوشي سان قبول آهي. سعد بن معاذ خندق جي لڙائي ۾ تير جو زخم کائي پويان پساهه کڻي رهيو هو، پوءِ به هو آيو. هن جي قبيلي وارن ماڻهن جي مرضي هئي ته هنن جا خطا معاف ڪري ڇڏجي. پر سعد اهو نه مڃيو ۽ هي فيصلو ڪيائين ته هنن ۾ جيڪي وڙهڻ جهڙِا آهن اهي قتل ڪيا وڃن ۽ عورتون ۽ ٻار قيد ٿين ۽ مال ملڪيت مسلمانن ۾ ورهايو وڃي. ان فيصلي تي عمل ٿيو ۽ يهود جي هن ٽئين قبيلي جو به خاتمو ٿيو ۽ ان جي سرمايه دارن جون زمينون ۽ ملڪيتون غريب ڪم ڪندڙ مسلمانن ۾ ورهايون ويون.!!!
    اسلام قانون جي شڪل ۾ :
    اسلام جنهن ڏينهن کان دين بنجي آيو، ان ڏينهن کان اهو سلطنت به هو. دين ۽ دنيا جي ڌار ڌار سڃاڻپ هن جي تعليم ناهي.دنيا ئي زندگي ۾ خدا ۽ ان جي مخلوقات جي جيڪي فرض اسان تي آهن، اهي چڱي طرح پورا ڪرڻ ئي دين آهي.تنهنڪري حڪومت ۽ سلطنت اسان جي دين ۾ ڪا ڌار شيءِ ڪونهي.مدينه منوره جيڪو اسلام جي مرڪز هو، ان جي سياي قوت جو مرڪز به بنبو پئي ويو. اسلام جيسيتائين پکڙندو هو، اوستائين ان جي حڪومت جي اراضي به وڌيامن و امان جو دور قائم ٿي ويو ٿي. چوريون بند ٿي ويون ٿي، ڌاڙا ختم ٿي ويا ٿي، بدڪاريون مٽجي ٿي ويون ۽ عربن جي نظام زندگي جي جاءِ تي اسلام جي ٺاهيل زندگي شروع ٿي ويئي ٿي.امام ، موذن، محصل ۽ قاضي مقرر ٿيڻ لڳنبدا هئا. ۽ اسلامي قانون جي حڪومت سڀني تي هڪ جهڙي جاري ٿي ويندي هئي.
    اسلام شروع شروع ۾ رڳو عقيدي جي درستي تي زور ڏنو، جڏهن اهو مقصد ٿورو ٿورو چُريو ته خدا جي عبادت ۽ اطاعت جو سبق پڙهايو ويو. جڏهن طبيعتن ايڏانهن به لاڙو رکيو ته اسلام جو قانون لهڻ لڳو.
    هن کان اڳ تائين ته اهو حالو هو جو پيءُ مسلمان ته پٽ ڪافر، ماءُ اسلام آندو آهي ته ڌيءَ ڪافرياڻي آهي، مڙس مسلمان ٿي ويو پر زال اڃان تائين ڪفر واري حالت ۾ آهي. بدر کانپوءِ مسلمانن ۾ اطمينان واري خانگي زندگي پيدا ٿيڻ لڳي ۽ لڙائين جي ڪري مارجي وڃڻ جو تعداد به وڌيو هوندو. تنهنڪري 3 هجري ۾ وراثت جو قانون لٿو. ڇوڪريون جيڪي عربن ۾ ترڪو ( مري ويل جي ملڪيت جو حصو) وٺڻ جون حقدار ڪونه هيون. اسلام انهن کي به سندن جائز حق ڏنو. هن وقت تائين مشرڪ زالن سان مسلمان نڪاح ڪري وٺندا هئا، هاڻي اهو وقت آيو جو خانگي زندگي کي سازگار بنائڻ لاءِ انهن سان نڪاح ناجائز ٺهرايو ويو.
    4 ههجري ۾ بدڪاري جي خاتمي لاءِ ڏوهاري کي پٿرن سان ماري ڇڏڻ جو حڪم جيڪو تورات ۾ هو، جاري ڪيو ويو. ڪي چون ٿا ته شراب پيئڻ پيارڻ به ان سال بند ٿيو. عرب ۾ گود ورتل پٽن جو رواج عام هو، جن کي متيني چون ٿا ۽ جن سان حقيقي پٽن وارو وهنوار رکيو ويندو هو ۽ انهن جون زالون حقيقينُهرون سمجهيون وينديون هيون. 5 ههجري ۾ اسلام ان وهمي نسب جو خاتمو آندو. جاهليتر جي زماني ۾ عورتون هار سينگار ڪري ميلن ملاکڙن ۾ ۽ مردن جي زماني ۾ بنا روۡ ٽوڪ اينديون وينديون هيون. جنهن سان معاشري جي بدنامي هئي. اسلام 5 هجري ۾ انهن ڳالهين ۾ مناسب سڌارا آندا گهر کان نڪرو ته هڪ وڏي چادر ويڙهيو، ڇاتيءَ کي پلئه سان ڍڪيو، گهنگهرو ۽ وڄندڙ زيور پائي ڌماڪي سان نه هلو. مردن سان چلولائي سان نه ڳالهيو. ڪنوارن لاءِ بدڪاري جي سزا سئو ڪوڙا مقرر ٿي. ڪن قسمن جي طلاقن ۾ سڌارو ڪيو ويو..
    اسلام لاءِ ٻه رنڊڪون:
    اڄ کان ٿورا سال اڳ ، اسلام جي راهه ۾ مشڪلن جا پهاڙ آڏا هئا پر هاڻي حضور پاڪ ﷺ جن جي اعجاز ، اخلاق ۽ تدبير سان ۽ مسلمانن جي خلوص، قرباني ۽ ڪوششن سان اهي هڪ هڪ ٿي هٽي ويا ۽ هاڻي اسلام جي ترقي جي راهه ۾ ٻه ٽي رنڊڪون رهجي ويون. هڪ مڪه جا مشرڪ ۽ ٻيو خيبر جا يهود. مڪه جي مشرڪن کان حضور ﷺ جن رڳو اهو گهريو ٿي ته هو اسلام جي تحريڪ کي امن و امان سان اڳتي وڌڻ ڏين. ۽ جيڪي ماڻهو خوشيءَ سان ان حلقي ۾ اچڻ گهرن، انهن کي اهو موقعو ڏنو وڃي. مڪه ۾ غريب ۽ هيڻن مسلمان ٻارن ، عورتن ۽ بيوس مسلمانن کي جيڪو نظر بند رکيو ويو آهي. انهن کي مدينه اچڻ ڏنو وڃي ۽ مسلمانن کي مڪه اچڻ وڃڻ ۽ ڪعبي جي طواف ۽ حج جي آزادي ملي.
    خيبر جي يهودين کان رڳو ايترو ٿي گهريو ويو ته جيڪڏهن اسلام جي دين ۾ نٿا اچڻ گهرن ته هو ان جي سياسي طاقت آڏو ڪنڌ جهڪائين ته جيئن ملڪ ۾ هڪ قسم جو نظام قائم ڪري سگهجي.


    حديبه جو صلح ــــ ذيقعده ــــ6 هجري:

    مسلمانن جي وڏي خواهش هئي ته هو مڪه وڃيخانه ڪعبه جي طواف ۽ زيارت سان پنهنجون اکيون ٺارين، جنهن جي ديدار کان هو سالن جا سال محروم ڪري ڇڏيا ويا هئا. انم ارادي سان پاڻ سڳورن ﷺ چوڏنهن سو مسلمانن کي گڏ وٺي مڪي ڏانهن روانا ٿيا. لڙائي جي نيت قطعي ڪانه هئي. منع ڪيل هئي ته تلوارن کان سواءِ ٻيو ڪوبه هٿيار پاڻ سان نه کنيو وڃي۽ تلوارون به مياڻ ۾ هجن. قرباني جا اٺ گڏ هئا ۽ عرب جي ٻچي ٻچي کي خبر هئي ته جيڪو سفر اهڙي پاڪ مقصد لاءِ ڪيو وڃي ان ۾ وڙهڻ ته پري رهيو، تلوار کڻڻ به جائز ڪونهي.
    جڏهن پاڻ سڳوار مڪه جي ويجهو پهتا ته هڪ خابرو کي حال احوال وٺڻ جي لاءِ مڪي اماڻيائون، ان خبر آندي ته قريش هڪ وڏو ميڙ وٺي مسلمانن کي روڪڻ جي ارادي سان وڌندا پيا اچن. پاڻ صلعم رستو ڇڏي حديبه جي هنڌ تي وڃي لٿا ۽ هڪ سفير قريش وٽ پيغام ڏيئي اماڻيائون ته اسين رڳو عمره ( هڪ ننڍو حج) ادا ڪرڻ آيا آهيون،وڙهڻ جو ارادو ڪونه اٿئون ۽ چڱو ائين آهي ته قريش ٿوري مدت لاءِ اسان سان صلح جو معاهده ڪن ۽ مونکي عرب جي هٿن ۾ ڇڏي ڏين.
    سفير قريش جي سردارن جي آڏو وڃي اها تقرير ڪئي. عروه بن مسعود ثقفي هڪ نيڪ دل سردار قريشن کي چيو ته ڇا اوهان کي مون ۾ ڪا بدگماني ته ڪانهي. هنن چيو ته نه.تڏهن هن چيو ته مونکي موڪل ڏيو ته محمد ﷺ سان ملي هن معاملي کي طئي ڪريان. ماڻهن راضپو ڏيکاريو ته هو حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ قريش جو پيغام ٻڌايائين. عروه هئي پهچي مسلمانن جي روحاني انقلاب جو جيڪو نظارو ڏٺو ۽ رسول الله ﷺ سان انهن جي حيرت انگيز عقيدت جو جيڪو منظر ڏٺائين ته ان سندس دل تي ڏاٺواثر ڪيو. قريش کي وڃي چيائين ته مون قيصر وڪسريٰ ۽ نجاشي جون درٻارون ڏٺيون آهن. عقيدت ۽ محبت جي هيءَ تصوير مونکي ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. محمد ﷺ ڳالهائي ٿو ته سڀني پاسن سناٽو ڇانئجيو وڃي. ڪوبه ادب کان اک کڻي هن ڏانهن نٿو نهاري. وضو ڪندي جيڪي ڦڙا ڪرن ٿا، عقيدتمند اهي کڻي هٿن ۽ منهن تي مکين ٿا..
    ان تي به ڳالهه اڌوري رهي. پاڻ سڳورن وري هڪ سفير موڪليو، قريش ان تي حملو ڪيو پر هو بچي ويو. هاڻي قريش وڙهڻ لاءِ هڪ دستو اڳتي اماڻيو . مسلمانن ان کي جهلي ورتوپر حضور پاڪ جن ڇڏي ڏنو ۽ معافي ڏيئي ڇڏي ۽ حضرت عثمان ﷦ کيسفير بنائي مڪه اماڻيو. هو پنهنجي هڪ عزيز جي حمايت ۾ مڪه ويو ۽ حضور ﷺجن جو پيغام ٻڌايائين.قريش هن کي قيد ڪري ورتو۽ مسلمانن تائين اها خبر پهتي ته حضرت عثمان ﷦ کي شهيد ڪري ڇڏيو ويو. مسلمانن ۾ ڏاڍو جوش پيدا ٿيو. پاڻ سڳورن فرمايو ته عثمان ﷦ جي خون جو پلاند وٺڻ فرض آهي. اهو چئي ٻٻر جي هڪ وڻ هيٺان ويهي رهيا ۽ صهابين کان جان نثاري جي بيعت ورتائون. ان جو نالو ”بيعت رضوان“ آهي يعني خدا جي خوشنودي جي بيعت ڇو ته ان جي باري ۾ خدا قرآن ۾ پنهنجي خوشنودي ظاهر فرمائي.
    پوءِ خبر پيئي ته حضرت عثمان ﷦ جي شهادت واري خبر صحيح ڪانه هئي. پر مسلمانن جي ان جوش وخروش ۽ سچائي جو اثر اهو ٿيو جو قريش همت هاري ويٺا. هننن به پنهنجو هڪ سفير حضور اڪرم ﷺ جن وٽ موڪليو ۽ پهريون شرط هي پيش ڪيائون ته مسلمان هن سال واپس هليا وڃن ايندڙ سال اچن ۽ ٽي ڏينهن رهي موٽي وڃن. ٿوري ڦيرڦار کانپوءِ ڏهن سالن لاءِ لڙائي بند ٿي ۽ هي شرط منظور ٿيا ته:
    (1) مسلمان هن سال واپس وڃن ۽ ايندڙ سال ٽن ڏينهن لاءِ اچن. (2)تلوار کان سواءِ ٻيوڪوبه هٿيار گڏ نه هجين. ۽ تلوارون به مياڻ ۾ هجن. (3) ويندي وقت مڪه ۾ جيڪيمسلمان رهجي وڃن انهن کي پاڻ سان گڏ نه وٺي وڃن. (4) قريش مان ڪوبه مسلمان ٿي مدينه هليو وڃي ته واپس ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪوبه مسلمان مدينه ڇڏي مڪه هليو اچي ته اهو واپس نه ڪيو وڃي عرب قبيلن مان جيڪو جنهن ڌر سان وڻيس معاهدي ۾ شريڪ ٿئي.
    هن معاهدي کان پوءِ مسلمان مدينه واپس هليا آيا.
    اسلام جي فتح:
    معاهدي جا اهي شرط جيتوڻيڪ ظاهري طرح ڏکيا هئا ۽ انهي ڪري ڪن جوشيلن مسلمانن کي انهن جي مڃڻ ۾ هچڪچاهٽ ٿي رهي هئي. پر جڏهن خود خدا جي رسول ﷺ ان کي مڃي ورتو هو ته پوءِڪنهن کي انڪار جي جرئت ٿي سگهي ٿي؟ ٿورن ڏينهن کانپوءِ خبر پئجي ويئي ته اهي شرط اسلام جي حق ۾ حد کان وڌيڪ فائديمند هئا.
    هن وقت تائين مسلمان جنهن اصول جي خاطر قريش سان معاملو ڪري رهيا هئا اهو هي هو ته اسلام کي پنهنجي اشاعت جي آزادي جو حق ملي ۽ قريش ان واٽ جو ڪنڊو نه بنجن. قريش کي اهو مڃڻ ۾ هيستائين انڪار هو. حديبه جي ٽاهه اهو اصول مڃرائي ورتو ۽ اسلام کي پنهنجي اشاعت جي آزادي جو حق مليو ويو۽ اها ئي ان جي فتح هئي. خود خدا قرآن ۾ آيت لاٿي:
    انا فتحنا لڪ فتحا مبينا
    ترجمو: اسان توکي پڌري فتح عنايت ڪئي.


    دنيا جي بادشاهن کي اسلام جي دعوت ــ6 هجري:

    اسلام کي پنهنجي زندگي جي اڻويهين سال هي موقعو مليو ته هو دنيا کي اطمينان سان پنهنجو پيغام ٻڌائي سگهي.ان زماني ۾ ماڻهو پنهنجن پنهجن رئيسن ۽ بادشاهن جي تابع هونداهئا. جيڪي اهي ڪندا هئا اهو سڀ ڪندا هئا. تنهنڪري پاڻ سڳورن ﷺهڪ ڏينهن مسلمانن کي مسجد ۾ گڏ ڪري فرمايو، ماڻهو خدا مونکي سڄي دنيا جي رحمت بنائي اماڻيو آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان رحمت کي دنيا وارن ۾ ورهايو، اُٿو ، ۽ حق جو پيغام سڄي دنيا کي ٻڌايو.
    ان کانپوءِ پاڻ پنهنجن ساٿين مان ڪجهه هوشيار مسلمان چونڊيائون ۽ انهن کي اسلام جي دعوت وارا خط ڏيئي ڀرپاسي جي رئيسن ۽ بادشاهن وٽ اماڻيائون. عرب جي رئيسن کي ڇڏي عرب سان ڀرپاسي واريون بادشاهتون هي هيون: حبش، ايران ، روم ۽ مصر
    حبش جي بادشاهه اسلام قبول ڪيو، ايران جي بادشاهه ان خط کي ڪاوڙ ۾ ڦاڙي ڦٽو ڪيو، پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو الله ائين ئي هن جي ملڪ کي ٽڪراٽڪرا ڪندو. اها پيشنگوئي اکر به اکر پوري ٿي. مصر جي بادشاهه جيتوڻيڪ اسلام قبول نه ڪيو پر حضور ﷺ جن جي خط جو جواب شائستگي سان ڏنائين. روم جو قيصر ان وقت سڄي مشرقي عيسائي دنيا جو تاجدار هو. هن خط ملڻ تي حڪم ڏنو ته حجاز جا سوداگر جيڪڏهن ڪٿي لڀن ته انهن کي گهرايو. ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي ته ان ڪم لاءِ اهو ماڻهو هٿ آيو ته جيڪو ان وقت اسلام جو سڀ کان وڏو دشمن هو يعني ابو سفيان پنهنجن ٿورن ساٿين سميت قيصر جي درٻار ۾ حاضر ڪيو ويو. قيصر هنن کي چيو ته آئون اوهان کان ڪجهه پڇڻ گهران ٿو، اوهان مان هڪ ماڻهو جواب ڏئي ۽ ٻيا ٻڌن جيڪڏهن هي ڪجهه غلط چوي ته اوهين ٻڌائجو. اهو چئي هن پڇيو ۽ ابو سفيان جواب ڏنا.
    قيصر: هي جيڪو پيغمبر هجڻ جي دعويٰ ٿو ڪري ان جو ڪٽنب ڪيئن آهي؟
    ابو سفيان: شريف.
    قيصر: هن جي ڪٽنب مان ڪنهن ٻئي ڪڏهن پيغمبر هجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي؟
    ابو سفيان: نه
    قيصر: جن هن جي مذهب کيقبول ڪيو آهي. اهي هيڻا ماڻهو آهن يا وڏا وڏارئيس آهن؟
    ابو سفيان: هيڻا
    قيصر: هن کي مڃڻ وارا وڌن پيا يا گهٽجن پيا؟
    ابو سفيان: وڌندا وڃن.
    قيصر: ڪڏهن اوهان کي هن جي ڪوڙ ڳالهائڻ جو به ڪو تجربو آهي؟
    ابو سفيان: نه
    قيصر: ڇا هو ڪڏهن انجام اقرار ڪري ڦريو آهي؟
    ابو سفيان: اڃا تائين ته ائين ڪونه ڪيو اٿس، هاڻي جيڪو ٺاهه هن سان ٿيو آهي، ڏسون ته هو اهو پورو ڪري ٿو يا نه!
    قيصر: ڇا اوهين ڪڏهن هن سان وڙهيا به آهيو؟
    ابو سفيان: ها
    قيصر: لڙائي جو نتيجو ڇا نڪتو؟
    ابو سفيان: ڪڏهن اسان کٽيو ڪڏهن هن.
    قيصر: هو ڇا ٿو چوي؟
    ابو سفيان: هي چوي ٿو ته هڪ خدا کي مڃو ۽ ان کي پوڄيو، ان کان دعائون گهرو، نماز پڙهو، پاڪباز بنجو، سچ ڳالهايو، مٽي مائٽي جو حق ادا ڪريو.
    قيصر: ابو سفيان جا اهي سڀ جواب ٻڌي چئي ڏنو ته جيڪڏهن تو سچ ئي چيو آهي ته هڪ ڏينهن اهو ايندو جو هو منهنجي پيرن جي هيٺان واري مٽي تي به قبضو ڪري وٺندو. جيڪڏهن ٿي سگهي ها ته آئون وڃان ها ۽ هن جا پير ڌوئاريان ها.
    هڪ دشمن کان ايتري سچي شاهدي جو مثال ڪنهن ٻئي هنڌ ملي سگهندو.
    عرب جي ڪيترن ئي رئيسن اسلام قبول ڪيو. بحرين ۾ اسلام جو پيغام هن کان اڳ پهچي ويو ۽ عبدالقيس جو قبيلو هتي مسلمان ٿي چڪو هو. حبش وڃڻ وارن مسلمانن جي ذريعي هن ملڪ ۾ به هي مذهب پکڙي رهيو هو. بلڪيمن جي ڪنارن تائين ان جو آواز پهچي ويو هو. اوس جو قبيلو گهڻڳ اڳ مسلمان ٿي ويو هو. اشعر جو قبيلو به اسلام جو نالو وٺڻ لڳو هو. عمرو بن عنبسمه، جيڪو سيلم جي قبيلي جو هو، جيتوڻيڪمڪه جي وقت ۾ ئي مسلمان ٿي ويو هو، هاڻي جڏهن انهن کي ماڻهن جي واتان مدينه ۾ اسلام جي ترقي جي خبر پيئي ته مدينه اچي پنهنجي اسلام جو اعلان ڪيائون. هنن جي مسلمان ٿيڻ جو قصو ڏاڍو وڻندڙ آهي. هنن کي ڪنهن نموني خبر پيئي ته مڪه ۾ ڪو پيغمبر پيدا ٿيو آهي، هو ان جا مشتاق بنجي مڪه پهتا. هتي ان وقت ڪافرن جو ڏاڍو زور هو. پر هو ڪنهن نموني لڪي پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ پهچي ويا ۽ پڇيائون ته اوهان ڪير آهيو؟ فرمايائون، آئون پيغمبر آهيان، چيائون پيغمبر ڪنهن کي ٿا چون؟ ارشاد ٿيو ته مونکي خدا پيغام ڏيئي اماڻيو آهي. پڇيائون ته ڪهڙو پيغام ڏيئي اماڻيو آهي؟ فرمايائون،” هي پيغام ته قرابت جو حق ادا ڪيو وڃي. بت ڀڳا وڃن،هڪ خدا کي مڃيو وڃي ۽ ڪنه کي به خدا جو شريڪ نه سمجهيو وڃي. عمرو پڇيو هن وقت تائين اوهان جا مڃيندڙ ڪيترا ٿياآهن. فرمايائون هڪ آزاد (ابوبڪر﷦) ۽ هڪ غلام (بلال﷦) عمرو چيو، آئون اوهان جي مذهب ۾ اچڻ گهران ٿو.. فرمايائون هن وقت ته ائين نٿوٿي سگهي، تون ڏسين پيو ته ماڻهن جو ڪهڙو حال آهي هينئر پنهنجي گهر موٽي وڃ، جڏهن منهنجي ڪاميابي جو احوال ٻڌين ته اچج. هن مرد خدا کي هاڻي جڏهن ڪاميابي جو احوال معلوم ٿيو ته ڊوڙي آيو.
    غفار جو اڌ قبيلو، حضرت ابو ذر غفاري جي تبليغ سان اڳيئي مسلمان ٿي ويو هو ۽ اڌ هن وقت مسلمان ٿيو جڏهن پاڻ ﷺ مدينه آيا، جُهنيه جي قبيلي يڪو گڏ هڪ هزار جي ميڙ سان اسلام قبول ڪيو. اهڙي طرح اسلم، مزلينه ۽ اشجع جي قبيلن هن سچائي جي آواز تي لبيڪ چيو.
    حديبه جو ٺاهه اسلام جي فتح جو نغارو هو. مقصد ته اهو هو ته لڙائي جهيڙو ٽري، دشمني ۽ عداوت وارو جذبو ٿڌو ٿئي ۽ مخلافت جو رنگ اڏامي وڃي. ۽ ماڻهن کي اسلام جو روحاني انقلاب ڏسڻ ۽اسلام جي تعليم سمجهڻ جوموقعو ملي. حديبه جي ٺاهه اهو موقعو ڏنو. ڪافرن کي مسلمانن سان ميل ملاپ رکڻ ۽ هنن جي ڳالهين ٻڌڻ، ۽ انهن تي ويچار ڪرڻ جو موقعو مليو. نتيجو اهو نڪتو ته ٻن سالن جي اندر ۾ مسلمانن جو تعداد ٻيڻوٿي ويو. خود مڪه جي هر گهر ۾ اسلام پهچي ويو هو.
    قريش جا ٻه وڏا جرنيل خالد ۽ عمرو بن العاص هئا. ڏسي آيا آهيو ته احد جي ميدان ۾ رڳو خالد جي جنگي مهارت مسلمانن جي کتيل لڙائي هارائي ڇڏي. حديبه جو ٺاهه ٿي ويو ته هو مڪه مان نڪري مدينه ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي عمرو بن العاص گڏيس. پڇيائين ڪٿي جو ارادو آهي؟ چيائين مسلمان ٿيڻ پيو وڃان. عمرو چيو منهنجو به اهوئي ارادو آهي. ٻئي گڏجي مدينه پهتا ۽ اسلام جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا.اڳتي هلي هنن مان هڪ اهو ٿيو جنهن (خالد) شام جي ملڪ قيصر کان کسي ورتو ۽ ٻئي (عمرو) مصر جي سلطنت رومين کان وٺي اسلام جي پيرن ۾ اچي وڌي.
    هڪ روايت ۾ آهي ته عمرو بن العاص جي دل تي اسلام جو اثر هيئن ٿيو ته جن ڏينهن اسلام جو قاصد اسلام جو پيغام کڻي حبش جي بادساهه نجاشي جي درٻار ۾ پهتو ته عمرو اتي هو.اتي هن ڏٺو ته حبش جو بادشاهه هن سلطنت هوندي به ان جو ڪلمو پڙهڻ لڳو ته هن تي وڏو اثر ٿيو. نيٺ ان اثر کي لڪائي نه سگهيو. ۽ مڪه واپس اچي مسلمان ٿي ويو.
    قيصر جي درٻار ۾ ابو سفيان اسلام جي سچائيجو جيڪو نظارو ڏٺو. اهو به بي اثر ڪونه رهيو پر وري به اڃان وقت جو انتظار هو.


    يهود جو آخري قلعو خيبر ــ پڇاڙي 6 هجري يا شروع 7 هجري:

    هاڻي يهود جي آبادي حجاز جي سڀني ڪنڊن کان سوڙهي تي حجاز جي آخري ڪناري تي ملڪ شام جي ويجهو خيبر ۾ گڏ ٿي ويئي هئي.هتي هنن جون وڏيون وڏيون ڪوٺيون ۽ قلعا هئا ۽ هاني يهود هتي اسلام جي مقابلي ۾ آخري سهارو وٺڻ لاءِ زور لڳائي رهيا هئا. هنن جو هڪ سردار ابو رافع سلام بن ابي الحقيق جيڪو حجاز جو واپاري سڏبو هو، 6 هجري ۾ غطفان وغيره قبيلن کي وٺي مدينه تي هلان ڪرڻ جو ارادو ڪري رهيو هو ته هڪ انصاري جي هٿان پنهنجي قلعي ۾ ستل مارجي ويو.
    سلام جي جاءِ هاڻي اسير بن رزام ورتي. هن به انهن ئي قبيلن جو دورو ڪري هڪ وڏي فوج تيار ڪئي. مدينه ۾ خبر پهتي ته پاڻ سڳورن تحقيق جي لاءِ ماڻهو اماڻيا، انهن اچي تصديق ڪئي. پاڻ صلعم صلح لاءِ ڪجهه ماڻهو موڪليائون ۽ اسير کي مدينه گهرايائون ته صلح پڪو ٿي وڃي. هو ٽيهه ماڻهو ڪري ساڻ هليو،واٽ تي هن جي دل ۾ لائي ڪهڙي ڳالهه آئي جو مسلمان دستي جي آفيسر جي هٿ مان تلوار کسڻ گهريائين، ان تي ٻنهي پاسن تلوارون اڀيون ٿي ويون ۽ اسير ان ۾ پورو ٿي ويو.
    هاڻي خيبر وارن غطفان وارن کي باغن جي اڌ پيدائش ڏيڻ جي لالچ ڏيئي پاڻ سان گڏي ورتو. غطفان جي هڪ قبيلي بنو فزاره اها همت ڪئي جو محرم 7 هجري ۾ مدينه جي چراگاهه تي حملو ڪيائين ۽ هڪ مسلمان کي قتل ڪيائين. هاڻي مسلمانن جي صبر جو پيالو ڀرجي ويو. خيبر تي حملي جو اعلان ٿيو . سورنهن سئو مجاهد پاڻ سڳورن سان گڏ مدينه مان روانا ٿيا. فوج سان گڏ ڪجهه مسلمان عورتون به آيون هيون ته جيئن اڃايلن کي پاڻي پياري سگهن. زخمين جي ملم پٽي ڪري سگهن. لڙائي جي ميدان مان تير کڻي آڻي ڏين. هي پهريونڀيرو هو جو اسلام جي فوج جو جهنڊو جهولايو. ٽي علم (جهنڊا) تيار ٿيا. هڪ حباب ﷦ بن منذر کي ٻيو سعد﷦ بن عباده کي ۽ ٽيون علم جنهن جو ڦڙڪو (ڪپڙو) حضرت عائشه﷦ جي چُني مان ٺاهيو ويو هو. شير اسلام حضرت علي المرتضيٰ جي حوالي ٿيو.واٽ تي هن مقدس فوج جو ترانو هي هو:
    ” خداوند! جيڪڏهن تون نه هجين ها ته اسان کي هي هدايت نه ملي ها. اسان جون جانيون قربان. اسان کي معاف ڪري ڇڏ ۽ اسان تي تسلي لاهه ۽ اسان جا پير پختا ڪر. ظالمن اسان ڏانهن هٿ وڌايو آهي ۽ فتنو اڀو ڪرڻ گهرن ٿا ته اسين هنن کان هيسجڻ وارا نه آهيون، اسين تنهنجي مهرباني کان بي نياز نٿا ٿي سگهون.“
    ايمان جو هي جوش سان ڀريل دريا، ائين ڇوليون هڻندو پئي ويو جو رات جو اونداهي ۾ خيبر جي قلعي سان وڃي لڳو. موقعو هو ته رات جي اوندهه ۾ هنن تي حملو ڪري ڏجي ها پر پاڻ سڳورن ائين نه ڪيو ۽ حڪم ڏنائون ته صبح جو انتظار ڪيو وڃي. صبح ٿيو ۽ يهودين معمول مطابق قلعن جا ڦاٽڪ کوليا ته سامهون فوج پيل ڏٺائونم. رڙ نڪري وين ته محمد ﷺ جي فوج! پاڻ ﷺ اڃا تائين وڙهڻ نٿي گهريائون، تنهنڪري هاڻي به حمنلي جو حڪم ڪونه ڏنائون پر يهودين صلح جي بدران لڙائي جو ارادو ڪيو. اهو ڏسي پاڻ سڳورن مسلمانن کي اڳ ۾ نصيحتون ڪيائون پوءِ جهاد جو حڪم ٻڌايائون.
    مسلمانن پهرين ناعم نالي قلعي تي هلان ڪئي، محمود بن مسلمه هڪ بهادر مسلمان هن دستي جو آفيسر هو، هو تمام سٺي نموني وڙهيو پر گرمي جا ڏينهن هئا ٿوري ساهي کڻڻ لاءِ قلعي جي ڀت جي ڇانءَ ۾ ويهي رهيو. يهودي سردار ڪنانه لڪي لڪي ڀت تي چڙهي ويو ۽ اتان جنڊ جو پڙ هن جي مٿان اڇلايائين جنهن جي ڌڪ سان هو مري ويو پر هن قلعي جا دروازا کولي ورتا. قموص جي قلعي تي مرحب نالي هڪ مشهور يهودي پهلوان مقرر هو. هن جي مقابلي لاءِ ڪيترن ئي تائين وڏا وڏا صحابي ﷦ فوجون وٺي ويا، پر فتح جو فخر ڪنهن ٻئي جي قسمت ۾ هو. جڏهن مهم ڊگهي ٿي ويئي ته هڪ ڏينهن شام جو پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته ” سڀاڻي آئون جهنڊو ان شخص کي ڏيندس جنهن جي هتان خدا فتح ڏيندو ۽ جيڪو خدا ۽ خدا جي رسول کي ڀانئي ٿو ۽ خدا ۽ خدا جو رسول هن کي ڀانئين ٿا.“ هي رات اميد ۽ انتظار جي رات هئي وڏن وڏن صحابين سڄي رات ان اوسيئڙي ۾ گذاري ته ڏسون ته فخر جي هي دولت ڪنهن کي ٿي هٿ اچي.
    صبح ٿيو ته اوچتو ڪنن تي هي آواز پهتو ” علي ڪٿي آهي؟“ هن جون اکيون اٿل هيون، هن کي گهرايو ويو. پاڻ سڳورن هن جي اکين تي پنهنجي وات جي پِڪ لڳائي ۽ دعا فرمائي ۽ خيبر جو فتح جو جهنڊو عنايت ٿيو. عرض ڪيائين ته ڇا يهود کي وڙهي مسلمان بنيايان . فرمايائون ” هنن جي اڳيان نرمي سان اسلام پيش ڪر، جيڪڏهن هڪ ماڻهو به تنهنجي هدايت سان مسلمان ٿي وڇي ٿو ته اهو ڳاڙهن اٺن جي دولت کان سٺو آهي.“ مرحب قلعي مان پنهنجي پهلواني جو هي ترانو ڳائيندو ٻاهر نڪتو ن:
    ” خيبر کي خبر آهي ته آئون مرحب آهيان. لوهه ۾ ٻُڏل تجربيڪار ۽ پهلوان آهيان.“
    مرحب جي جواب ۾ شيرخدا هي رجز پڙهيو :
    ” آئون اهو آهيان جومنهنجي ماءُ منهنجو نالو شينهن رکيو هو، جهنگل جي شينهن وانگر ڊيڄاريندڙ ۽ ڀوائتو آهيان.“
    شير خدا ايڏي زور سان تلوار هنئي جو مٿي کي وڍيندي ڏندن تائين لهي آئي. مرحب مارجي ويو ۽ قلعي جو ڦاٽڪ مسلمانن جي هٿن ۾ هو.
    لڙائي ۾ پنڌرهن مسلمان ڪم آيا. يهودين ٺاهه ڪيو ۽ ٺاهه جو هي شرط وڌائون. زمين اسان جي قبضي ۾ ڇڏي وڃي. پيدائش جو اڌ ڀاڱو اسين مسلمانن کي ڏينداسين. يهودين جي اها درخواست منظور ٿي. هي ڄڻ زمينداري جو پهريون سبق هو جيڪو يهودين مسلمانن کي سيکاريو ۽ حضور پاڪ ﷺ جن هنن تي ترس آڻي ان کي قبول ڪري ورتو. خيبر جي اڌ زمينن جي ملڪيت مجاهدن ۾ ورهائي ويئي ۽ اڌ بيت المال جي ملڪيت ۾ آئي. انهيءَ مان حضور اڪرم ﷺ جي لاءِ به پنجون حصو (خمس) مقرر ٿيو. جنهن جي اپت پاڻ سڳورن جي خانگي ضرورتن ۽ اسلام جي ٻين ڪمن ڪارين ۾ ڪم ايندي هئي.
    سال ۾ جڏهن بٽائي جو وقت ايندو هو ته حضور ﷺ جن عبدالله بن رواحه صهابي کي خيبر امڻيندا هئا هو وڃي سموري پيدائش جي ڍڳ کي ٻين هڪ جيترن حصن ۾ ورهائيندو هو ۽ يهود کي چوندو هو ته انهن مان جيڪو وڻيو اوهين کڻو. يهود جي اکين لاءِ هن عدل ۽ انصاف جو نظارو بلڪل نئون هو. هو چئي ڏيندا هئا ته ” زمين ۽ آسمان هن ئي عدل سان قائم آهن.“
    فتح کانپوءِ پاڻ سڳورا ٿورا ڏينهن خيبر ۾ رهيا. جيتوڻيڪ يهود کي سڀ رعايتون ڏنيون ويون هيون ۽ هنن کي هر طرح جو امن و امان بخشيو ويو هو پر پوءِ به هنن جي فطري بدنيتي هنن جو ساٿ نه ڇڏيو. هڪيهودي عورت پاڻ سڳورن ۽ سندن ڪجهه صگھابين جي دعوت ڪئي ۽ کاڌي ۾ زهر ملائي ڇڏيو. پاڻ سڳورن گرهه وات ۾ وجهي کائڻ کان هٿ جهلي ورتو ۽ فرمايو ته کاڌي ۾ زهر ملايو ويو آهي. پر هڪ صهابي ان کي چڱي طرح کاڌو. پاڻ ﷺ ان يهودڻ کي سڏائي پڇيائون ته هن ڏوهه قبول ڪيو. تنهن تي به پاڻ سڳورن هن کي ڇڏي ڏنو پر جڏهن ان صهابي انهي زهر جي ڪري وفات ڪئي ته هوءَ ان جي قصاص ۾ ماري ويئي.
    خيبر وٽ ئي هڪ ڍورو هو جنهن کي ”وادي القريٰ“ چوندا هئا. ان ۾ ”تيماء“ ۽ ”فدڪ“ وغيره يهودين جا ڪجهه ڳوٺ هئا، مسلمان اوڏانهن به وڌيا. اتان جي يهود خيبر وارن شرطن تي صلح ڪري ورتو.
    هن واقعي تي يهود جي لڙائي جو خاتمو ٿي ويو.


    مدت جي آس ــ عمره ذيقعده 7 هجري :

    عمره هڪ قسم جو ننڍو حج آهي جنهن ۾ احرام سان ڪعبي جي چوڌاري ڦيرا ڏيئي ۽ ”صفا“ ۽ ” مروه“ جي ٽڪرين جي وچ ۾ تکو هلي ڪجهه داعائون پڙهيون وڃن ٿيون. ياد رهي ته گذريل سال حديبه ۾ فيصلو ٿيو هو ته ايندڙ سال مسلمان مڪه اچي عمره ڀل ادا ڪن. ان شرط موجب حضور پاڪ ﷺ عمره جي اعلان ڪيو ۽ مسلمانن جو هڪ وڏ حصو جوش سان روانو ٿيو. شرط هو ته مسلمان هٿيار لاهي مڪه ۾ گهڙندا. جيتوڻيڪ هي شرط پورو ڪرڻ خطري کان خالي ڪونه هو پر مسلمانن خانه ڪعبه جي زيارت جي شوق ۽ ٺاهه جي احترام ۾ اهو شرط پورو ڪيو. مڪه کان اٺ ميل پري ئي سمورا هٿيار لاهي رکيا ويا ۽ ٻه سو سوارن جو هڪ دستو انهن جي حفاظت تي مقرر ٿيو. باقي مسلمانن مڪه ۾ گهڙي جوش و خروش سان جهولندي جهمندي عمري جا ارڪان پورا ڪيا.
    ٽن ڏينهن کانپوءِ شرط موجب پاڻ سڳورا مڪه مان نڪتا.
    مڪه مان نڪرندي مهل هڪ عجيب اثر وارو نظارو ڏسڻ ۾ آيو. حضرت حمزه جي يتيم نياني حضور ﷺ کي چاچا چاچا سڏيندي آئي. حضرت علي﷦ هن کي ڇو ته سندس ڀائيٽي هئي. هنج ۾ کنيو. حضرت علي﷦ جي ڀاءُ حضرت جعفر ۽ حضرت زيد بن حارث پنهنجيون پنهنجيون دعاوائون ڪون. حضرت جعفر ﷦ چيو ٿي ته هيءَ منهنجي چاچي جي ڌيءَ آهي. زيد چيو ٿي ته حمزه﷦ منهنجو مذهبي ڀاءُ هو. ڇاهي ناز ۽ محبت جي لڙائي ان لاءِ ڪانه هئي جن کي اسلام کان اڳ جيئرو زمين ۾ پوري ڇڏيو ويندو هو. اسلام خيالن ۾ ڪهڙو نه انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو هو.


    هڪ نئون دشمن ــ موته جي لڙائي جمادي الاول 8 هجري :

    هن وقت تائين اسلام کي ملڪ عرب جي اندر وارن يهود ۽ مشرڪن جي قبيلن کي منهن ڏيڻو هو، هاڻي اڳيان عيسائي رومين جي طاقت واري سلطنت جي ديوار آڏي هئي. عيسائي رومين جي هٿ هيٺ هڪ عرب ڪٽنب بصريٰ تي حڪومت ڪندو هو. هن ڪٽنب جي رئيس ان مسلمان مبلغ کي جيڪو وٽس اسلام جي دعوت جو خط کڻي ويو هو. قتل ڪري ڇڏيو هو. حضور پاڪ ﷺ ان شهيد جو پلاند وٺڻ لاءِ ٽي هزار فوج مدينه مان روانه ڪئي. حضرت جعفر ﷦، حضرت عبدالله بن رواح ﷦ ۽ زيد بن حارث ان ۾ خاص طور تي اماڻيا ويا هئا. فوج جي سرداري زيد بن حارث کي ڏني وئي. ان سان گڏ فرمائي ڇڏيائون ته هي شهيد ٿئي ته جعفر﷦ ۽ هوبه شهيد ٿي وڇي ته عبدالله بن رواحه﷦ فوج جو افسر ٿئي.
    حوارن جي بادشاهه کي خبر پئجي ويئي هئي. هن اٽڪل هل لک فوج تيار ڪئي. خود قيصر روم بي شمار فوجن سان اچي ” موآب“ تي خيما کوڙيا. پاڻ سڳورن صحابه کي تاڪيد ڪيو هو ته لڙائي کان اڳ ۾ دشمن کي ٺاهه جو موقعو ڏجو ۽ اسلام جو پيغام پهچائجو. اسلام جي فوج جڏهن ويجهو پهتي ته ڏٺائون ته ٽي هزار مسلمانن کي لکن جي لشڪر سان منهن ڏيڻو آهي. پر مسلمان ته خدا جي واٽ ۾ پنهنجا سر تريءَ تي رکي پئي هليا. هو شهادت جي شوق ۾ ڊنا ڪونه. عبدالله بن رواحه چيو ته اسين تعداد جي ٿورائي گهڻائي ۽ طاقت جي ڀروسي تي ڪونه وڙهندا آهيون. اسين ته مذهب جي طاقت سان وڙهون ٿا. ان تي ٽن هزارن جي ننڍي گروهه هڪ لک فوج تي حملو ڪري ڏنو.
    حضرت زيد﷦ بڙڇيون کائي شهيد ٿيو هن جي جاءِ تي حضرت جعفر﷦ اڳتي وڌي اسلام جو جهنڊو پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ اهڙي ريت بهادري سان وڙهيو جو هڪ هٿ وڍجي ويو ته ٻئي هٿ ۾ جهنڊو جهليائين۽ ٻيو هٿ به وڍجي ويو ته ڇاتي سان لڳائي ڇڏيائين. نيٺ تلوارن ۽ بڙڇين جا نوي زخم کائڻ کانپوءِ ڪريو ۽ شهادت ماڻيائين. ان کانپوءِ عبدالله ﷦ بن رواحه جهنڊو هٿ ۾ کنيو ۽ هوبه شهيد ٿيو. هاڻي حضرت خالد ﷦ پاڻ اڳتي وڌيو ۽ مسلمانن جي ڪمان پنهنجي هٿ ۾ ورتائين ۽ اهڙي بهادري سان وڙهيو جو دشمن کي جيتوڻيڪ جهڪائي نه سگهيو پر مسلمانن کي هنن جي حملي جي وجهه کان ڪڍي آيو.


    ڪعبه جي ڇت تي اسلام جو جهنڊو ـ

    مڪه جي فتح رمضان 8 هجري :

    دين حنيف جوسڀ کان پهريون فرض هي هو ته هو حضرت ابراهيم عليه السلام جي ٺاهيل دنيا جي سڀ کان پهرين عبادتگاهه ڪعبه کي جيڪو اسلام جوقبلو ۽ دين جو مرڪز هو. بتن جي گندگي کان پاڪ ڪري. هيستائين جيڪي ڪجهه ٿيو ظاهري طرح اهو هن فرض کان ڌار هو پر حقيقت هي آهي ته جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو. ۽ جنهن جي ڪري هي رت جون نديون وهنديون رهيون. اهو سڀ ان جو منڍ هو، ڇو ته مڪه تي قبضي ڪرڻ ۽ ڪافرن جي اگهاڙين تلوارن کي ڀڃڻ کانسواءِ انهن بتن کي ڀڃي حرم جي اڱڻ کان ٻاهر نٿي پئي اڇلائي سگهيو.. هاڻي جڏهن ڪوڙن معبودن جي حفاظت لاءِ جن به تلوارن جي خبر هئي. اهي ڀڃي چڪيون ته هاڻي وقت اچي ويو هو ته ڪعبه کي انهن گندگين کان پاڪ ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي.
    حديبه جي ٺاهه جي ڪري مسلمانن پاڻ مرادو هاڻي مڪه تي حملو نٿي ڪري سگهيا پر خدا جي قدرت ڏسو ته ان جو موقعو خود مڪه وارن پيدا ڪري ڏنو. حديبه واري ٺاهه موجب ڪجهه قبيلن مڪه وارن جو ساٿ ڏنو ۽ ڪجهه مسلمانن سان گڏ هئا. انهن مان خزاعه جو قبيلو مسلمانن سان گڏ ۽ ان جا دشمن بنو بڪر وارا قريش سان مليل هئا. ٺاهه موجب قريش جي ساٿين مان ڪنهن جو مسلمانن جي ڪنهن ساٿي قبيلي تي حملي ڪرڻ ، ٺاهه کي لوڙڻ هو.
    خزاعه ۽ بنوبڪر جي وچ ۾ زماني کان لڙائيون هلنديون پئي آيون. جيسيتائين اسلام سان مقابلو هو سڀ گڏيل هئا، هاڻي جڏهن حديبه جي ڍاهه مطمئن ڪري ڇڏيو ته بنوبڪر سمجهيو ته هاڻي دشمن پلاند ڪرڻ جو وقت اچي ويو. اوچتو هنن خزاعه تي حملو ڪري وڌو. قريش جي گهڻن ئي پهلوانن راتين جو شڪليون بدلائي لڪائي خزاعه تي تلوارون هلايون. خزاعه وارن حرم ۾ پناهه ورتي پر اتي به هنن کي پناهه ڪونه ملي سگهي. شرط موجب مسلمانن تي هنن جي مدد ڪرڻ فرض هو. خزاعه جي چاليهه اٺ سوارن فرياد کڻي مدينه جو گس ورتو. حضور اپڪ ﷺ جن حالات ٻڌا ته پاڻ سڳورن کي ڏاڍو رنج ٿيو. پاڻ سڳورنﷺ قريش وٽ قاصد اماڻيائون ۽ ٽي شرط رکيائون ته انهن مان ڪوبه منظور ڪريو :
    1. خزاعه جي قتل ٿيلن جي خون بها ڏيو.
    2. بنوبڪر جي پٺڀرائي ڇڏي ڏيو.
    3. اعلان ڪيو وڃي ته حديبه جو ٺاهه ٽٽي ويو.
    قريش جي سردارن قريش جي پاران ٽئين ڳالهه قبول ڪئي. يعني اهو ته حديبه جو ٺاهه هاڻي ڪونه رهيو آهي. پر قاصد جي هليو وڃڻ کان پوءِ قريش ڏاڍو پڇتايو ۽ هنن ابو سفيان کي پنهنجو سفير بنائيمدينه موڪليو ته حديبه جي ٺاهه کي ٻيهر نئون ڪري. ابوسفيان مدينه اچي پهرين نبوت جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو اتان ڪو جواب ڪونه مليو ته حضرت ابوبڪر ﷦ کي اچي چيائين انهن انڪار ڪيو. هو حضرت عمر﷦ وٽ آيو هن چيس ته اهو مون کان ڪونه ٿي سگهندو. وري هو حضرت علي﷦ وٽ ويو. هن فرمايو ته رسول الله ﷺ جيڪو طئي ڪري چڪا آهن ان بابت کين ڪا ٻي صلاح نٿي ڏيئي سگهجي. چڱو ائين آهي ته تون مسجد ۾ وڃي اعلان ڪري ڇڏ ته آئون حديبه جي ٺاهه کي ٻيهر بحال ڪريان ٿو. هن ائين ئي ڪيو .
    ابو سفيان مڪه وڃي ماڻهن کي هي واقعو ٻڌايو. سڀني چيو ” هي نڪي ٺاهه آهي جو اسين اطمينان سان ويهون ۽ نه وري هي جنگ آهي جو لڙائي جي تياري ڪريون.“
    حضور ﷺ جن مڪه جون تياريونب شروع ڪري ڇڏيون. ۽ احتياط ڪيائون ته مڪه وارن کي خبر نه پوي. 10 رمضان المبارڪ جو ڏهه هزار فوجون مڪه ڏانهن وڌيون. مڪه کان هڪ منزل اوريان لهي رات جو ڊاٻو ڪيائون. قريش کي خبر ڪانه هئي. ابوسفيان ۽ ٻه قريش سردار حال معلوم ڪرڻ لاءِ نڪتا. ٿورو پري هليا ته ڏٺائون ته ٻاهر هڪ فوج پيئي آهي. حضور پاڪ ﷺ جن جي چاچي حضرت عباس ﷦ کي جيڪو اڳ ۾ ئي واٽ ۾ وڃي حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ پهتو هو. مڪه وارن جي حال تي رحم آيو ۽ اهو سوچي ته جيڪڏهن فوج جي مڪه ۾ گهڙڻ کان پهرين مڪه وارا پاڻ اچي امان گهرين ته هنن جي مٿان مصيبت ٽري ويندي.
    حضور پاڪ ﷺ جن جي خيمي مان نڪتم ۽ پاڻ سڳورن جي سواري تي ويهي مڪه جي واٽ ورتائين. اڃان ٿورو ئي پرڀرو ويو هو ته ابو سفيان وغيره گڏجي ويا. انهن کي ٻڌايائين ته اسلام جو لشڪر مڪه وٽ اچي پهتو آهي. هاڻي قريش جو خير ڪونهي. ابو سفيان صلاح پڇي. فرمايائين اوهين مون سان گڏ هليا اچو. هو گڏجي هليا. حضرت عباس ﷦ هنن کي رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ وٺي هليو.واٽ تي حضرت عمر﷦ ڏسي چيو : ” ڪفر جو سردار هاڻي اسان جي قبضي ۾ آهي.“ ۽ اهو چئي اُلر ڪيائين. پر حضرت عباس ﷦ هنن کي وڍي تڪڙو حضور ﷺ جن جي خيمي ۾ گهڙي ويو. ۽ عرض ڪيائين ته يا رسول الله ﷺ مون ابوسفيان کي پناهه ڏني آهي. هي ڪهڙو ابوسفيان هو؟ اهو ئي جنهن اسلام جي خلاف بدر کان وٺي هن وقت تائين سڀ جنگيون جوٽيون هيون. عرب جي قبيلن کي اڀاري اڀاري هر ڀيري مدينه تي چاڙهي آيو هو. جنهن محمد رسول الله ﷺ جي قتل جون سازسون ڪيون هيون. هاڻي هو مسلمانن جي چنبي ۾ هو ۽ پنهنجي هر ڏوهه جي سزا جو حقدار هو، پر اسلام جو رحمت مجسم رسول انهن سڀني ڳالهين کي درگذر ڪري هن کي اسلام جي بشارت ٻڌائي ٿو ۽ ايترو ئي نه پر هن لاءِ هي فخر جي خلعت عطا ڪري ٿو ته عام اعلان ڪيو وڃي ته ”اڄ جيڪو ابوسفيان جي گهر ۾ پناهه وٺندو ان کان ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانهي.“ هي رحمت وڌيڪ عام ٿئي ٿي ارشاد ٿئي ٿو ته جيڪو پنهنجو گهر بند ڪندو ان کي به امان آهي.
    حضرت عباس﷦ کي حڪم ٿيو ته ابو سفيان کي جبل جي چوٽي تي وٺي وڃي ٿورو اسلامي لشڪر جو سيلاب ڏيکار. دير کانپوءِ اسلام جون فوجون جوش ۾ ٻڏل اڳتي وڌيون. سڀني کان اڳ ۾ غفار قبيلي جو جهنڊو ڏسڻ آيو. پوءِ جُهنيه، نديم ۽ سليم جا قبيلا هٿيارن سان جهنجهيل تڪبير جا نعرا هڻندا لنگهيا. ابوسفيان هر ڀيري مرعوب ٿي ويو ٿي. سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ انصار جو قبيلو اهڙي ساز و سامان سان آيو جو جبل گونججي ويو. سعد بن عباده ﷦ جي هٿ ۾ انصار جو جهنڊو هو. ابوسفيان حيرت مان پڇيو هي ڪهڙو لشڪر آهي؟ حضرت عباس﷦ نالو ٻڌايو. پڇاڙي ۾ خود رسالت جو آفتاب عالمتاب نظر آيو جنهن جي چئني پاسن کان جانثارن جو دائرو هو. حضرت زبير ﷦ علم بردار هو.
    هي سڄو لشڪر جڏهن مڪه جي ويجهو پهتو ته امن جو پڙهو آيو ۽ حرم جو گهر جيڪو ٽي سو سٺ بتن جو ٺڪاڻو هو، ان گندگي کان صاف ٿيو ۽ ابراهيم عليه السلام جي خداجو گهر هاڻي وري خدا جو گهر بنيو ۽ توحيد جي ٻانگ مسجد جي مناري تان بلند ٿي. مڪه جا وڏا وڏا سردار جيڪي حضور ﷺ جن جا دشمن ، مسلمانن جا قاتل ۽ اسلام جي واٽ جا ڪنڊا هئا، اڄ حرم جي اڱڻ ۾ هئا. حضور ﷺ جن هڪ نظر کڻي ڏٺو ۽ پڇيو ته ؟ اي مڪه جا سردارو! اڄ آئون اوهان سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندس.“ سڀني چيو،” توهان جوانن جا شريف ڀاءُ ۽ پوڙهن جا شريف ڀائيٽا آهيو“. ارشاد ٿيو، ” وڃو اڄ اوهان تي ڪا ملامت ڪانهي اوهين سڀ آزاد آهيو.“
    هي آواز ڪهڙو نه توقع جي خلاف هو، پراهو دل جي گهرائين مان نڪتو هو ۽ دل جي گهرائين ۾ لهي ويو. هند، ابوسفيان جي زال، جنهن احد جي ميدان ۾ حضرت حمزه ﷦ جي لاش جا ٽڪرا ڪيا هئا، نقاب پائي اڳيان اچي ٿي ۽ حضور ﷺ جن جي عام معافي واري پيغام کان خوش ٿي رڙ ڪري چوي ٿي ته:
    ” يا رسول الله ! اڄ کان اڳي مونکي اوهان جي خيمي کان وڌيڪ ڪنهن به خيمي کان نفرت ڪانه هئي، پر اڄ کان اوهان جي خيمي کان وڌيڪ ڪوبه خيمو مون کي پيارو نٿو سجهي.“
    اڄ ڪفر جون سڀ قوتون ٽٽي ويون، دشمنن جا سمورا منصوبا ناڪام ٿي ويا، ۽ اڄ اسلام جي فتح جو جهنڊو مڪه جي ڪوٽن تي اوچو ٿي ويو. حضور پاڪ ﷺ جن هن موقعي تي تاثير ۾ ٻڏل هي تقرير فرمائي :
    ” هڪ کانسواءِ ٻيو ڪو خداڪونهي. هن جي خدائي ۾ ڪوبه ٻيو شريڪ ناهي. هن پنهنجو واعدو سچو ڪيو. هن پنهنجي ٻانهي جي مدد ڪئي ۽ نيٺ هن ڪفر جي سمورن ٽولن کي اڪيلو ٽوڙي ڇڏيو.“
    ها! اڄ ڪفرجا سمورا فخر ۽ غرور رت جا سڀ پراڻا پلاند ۽ جاهليت جا سمورا بدلا ۽ سموريون دعوائون منهنجي پيرن هيٺان آهن. رڳو ٻه عهدا باقي رهندا، خانه ڪعبه جي توليت ۽ حاجين کي پاڻي پيارڻ جي خدمت.
    اي قريش جا ماڻهو! خدا هاڻي جاهليت جي غرور ۽ پيءُ ڏاڏن تي فخر کي ميسراي ڇڏيو. هاڻي آدم عليه السلام جو سمورو نسل برابر آهي. اوهين سڀ هڪ آدم جو اولاد آهيو ۽ آدم عليه السلام مٿي مان ٺهيو هو. خدا فرمائي ٿو :
    ماڻهو! مون اوهان سڀني کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي. ۽ مون اوهان کي قبيلن ۽ ڪٽنبن ۾ ان لاءِ ٺاهيو ته جيئن اوهين پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. اوهان مان خدا وٽ سڀني کان شريف اهو آهيجيڪو سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار آهي.
    اڄ کان الله شراب جي وڪري ۽ وٺڻ ۽ وياج جي ڌنڌي کي حرام ڪري ڇڏيو.
    ان وقت ڪعبه ۽ حرم جي حدن ۾ هُبل، لات، منات وغيره جا وڏا وڏا بت بيٺل هئا. اڄ انهن جي ڪوڙي خدائي جي مدت پوري ٿي ويئي. مسلمانن جي هڪ هٿ جي اشاري سان هاڻي اهي پٿرن جو ڍڳ هئا ۽ هر هنڌ توحيد جو نعرو بلند هو.


    هوازن ۽ ثقيف جي جنگ ــ شوال 8 هجري :

    مڪه جيڪو حجاز جو تخت گاهه ۽ عرب جو عبادت گاهه هو، جڏهن ان جي ڇت تي اسلام جو جهنڊو جهوليو ته سڄي عرب ان کي اسلام جي دين جي سچائي جو نشان مڃيو. هر ڪنهن پاسي کان ماڻهو ڪفر جو ڳٽ ڳچي مان ڪڍي اسلام جي پناهه ۾ آيا پئي. پر مڪه جي ڀر ۾ هوازن ۽ ثقيف ٻه اهڙا طاقت وارا قبيلا آباد هئا. جن ڪنهن ٻئي قبيلي جي هٿ هيٺرهڻ کي شرم ٿي ڄاتو. هوازن جي قبيلي جي سردارن ٻين کي به اڀاريو ۽ حنين ميدان ۾ اسلام جا مخالف هڪ گڏيل فوج وٺي آيا. مسلمانن جي ٻارنهن هزار فوج جنهن ۾ وڏ حصو قريش جي نون مسلمانن جو هو ڏاڍي ساز و سامان سان هنن جي مقابلي لاءِ نڪتي. هوازن جي ماڻهن جو تير هلائڻ ۾ جواب ئي ڪجونه هو، هنن جي پهرين ئي سٽ سان مسلمانن پير هٽي ويا.
    جيتوڻيڪ مسلمانن تي هاڻي تيرن جو مينهن پئي وسيو ۽ هنن جي ٻارنهن هزار فوج ڌڪ سان اڏامي وئي پر پاڪائي جو مجسمو ﷺپنهنجي جاءِ تي بيٺو هو. پاڻ سڳورن ساڄي پاسي ڏٺائون ۽ سڏيائون اي انصار جا گروهه! آواز سان گڏ صدا آئي. اسين حاضر آهيون. وري پاڻ کاٻي پاسي سڏيو، هينئر به اهوئي آواز آيو. پاڻ ﷺ سواريءَ تان لهي پيا جلال جي لهجي ۾ فرميائون ” آئون آهيان خدا جو اهو ٻانهو ۽ ان جو پيغمبر آئون بنا شڪ (بيشڪ) پيغمبر آهيان ۽ عبدالمطلب جو فرزند آهيان.“ حضرت عباس﷦ مسلمانن کي سڏ ڪيو اي انصار جا گروهه! ۽ اي اهي ماڻهو جن اسلام تي سر ڏيڻ جي بيعت ڪئي آهي اڳتي وڌو. انهن اثر ۾ ڀريل آوازن جي ڪنن تائين رسڻ اسلام جا جانباز اٿلي پيا۽ اهڙي جوش سان وڌيا جو زرهون لاهي اڇلائي ڇڏيائون ۽ گهوڙن تان ٽپي لهي پيا. هاڻي ميدان جو رنگ ئي ڦري ويو. ڪافرن جي فوج ”ڪائي“
    (ڪائي : بيٺل پاڻي تي ڄميل سائي تهه کي چئبو آهي.
    سينور: پاڻي ۾ ڪا زوردار شيءِ ڪرڻ سان اهو ٽٽي ذرا ذرا ٿي ويندو آهي. هي اردو ادب جي چوڻي آهي مترجم :ع.ب)
    وانگر ذرا ذرا ٿي ويئي ۽ هنن جي لشڪر ۾ ڊڪ ڊوڙ مچي ويئي.
    ڪافرن جو ڪجهه حصو ڀڄي اچي طائف ۾ گڏ ٿيو. طائف ۾ ثقيف جو قبيلو پاڻ کي قريش جي برابر سمجهندو هو. هنن جو قلعو به ڏاڍو مضبوط هو ۽ قلعي ۾ لڙائي جو سمورو سامان به هو.
    هنن قلعي بند ٿي لڙائي شروع ڪئي. مسلمانن قلعي تي هڪ ٻئي پٺيان حملا ڪيا پر فتح ڪونه ٿيو. مسلمانن لاءِ قلعي کي هينئن ڇڏي هٽڻ دل نه پئي چاهيو. هنن رسول الله ﷺ کان هڪ ڏينهن جي مهلت گهري. موڪل ملي ته ٻئي ڏينهن ڏاڍي زور سان حملو ڪيائون پر ڪاميابي اڃان پري هئي.صحابين ﷦ عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ! هنن (دشمنن) بد دعا ڪريو. لب مبارڪ چُريا ته هي لفظ نڪتا” خداوندا ثقيف کي هدايت نصيب ڪر ۽ هنن کي اسلام جي آستاني تي آڻ.“ الله اڪبر! دعا جو هي تير ڪيڏو نه بي خطا هو. ٻه سال به ڪونه لنگهيا هئا جو ثقيف جي ماڻهن پاڻ مدينه ۾ حاضر ٿي اسلام جو ڪلمو پڙهيو .


    غنيمت جي مال جي ورهاست ۽ حضور ﷺ جن جي تقرير:

    طائف جو گهيرو ڇڏي پاڻ سڳورن ﷺ جعرانه جي هنڌ تي ڊاٻو ڪيو. غنيمت جي مال جون اڻ ڳڻيون شيون گڏ هيون. ڇهه هزار قيدي، چوويهه هزار اٺ ، چاليهه هزار ٻڪريون ۽ چار هزار اوقيه چاندي. شفقت ڏسو ته قيدين کي وٺي پاڻ ﷺ هتي انتظار ڪندا رهيا ته انهن جا مائٽ اچن ۽ کين ڇڏائي وڃن. پر ڪيترا ڏينهن لنگهيا ۽ ڪير آيو ڪونه. تڏهين غنيمت جي مال جا پنج ڀاڱا ڪيا ويا. چار ڀاڱا سپاهين ۾ ورهائجي ويا ۽ پنجون ڀاڱو غريبن، مسڪينن ۽ اسلام جي ٻين ضروري ڪمن جي لاءِ رسو ل الله ﷺ جن جي هٿ وس رهيو.
    پاڻ سڳورن ﷺ مڪه ۽ ڀرپاسن جي گهڻن ئي نون مسلمان ٿيل رئيسن کي جن اڃا هاڻي اسلام آندو هو، هنن جي دلجوئي ۽ اطمينان خاطر غنيمت جي مال مان گهڻو ئي سامان عنايت فرمايو. انصار جيڪي انهي نڪتي کان واقف ڪونه هئا، انهن کي هي غلط فهمي ٿي ته حضورﷺ جن قريش کي انعام ڏنو آهي ۽ اسان کي محروم رکيو اٿن. جيتوڻيڪ لڙائي جو اصل زور اسان سنڀاليو ۽ اڃا تائين اسانجين تلوارن مان قريش جي رت جا ڦڙا پيا ٽمن. ڪن نوجوان انصار چئي به ڏنو ته ڏکيائي جي مهل اسين ٿا ياد پئون ۽ انعام ٻين کي ٿو ملي.
    حضور پاڪ ﷺ جن اهو چوٻول ٻڌو ته انصار کي هڪ خيمي ۾ ڌار سڏائي پڇيائون ته ڇا اوهان ائين چيو آهي. عرض ڪيائون، يا رسول الله! اسان جي وڏن مان ڪنهن ڪونه چيو آهي. البته ڪن نوجوانن جا واتان اهي جملا نڪتا هئا. اهو پڇڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن هنن جي اڳيان اها تقرير ڪرڻ فرمائي جنهن جو هر جملو اثر ۾ ٻڏل هو. فرمايائون :
    ”ڇا اهو سچ ڪونهي ته اوهين پهرين گمراهه هئا، ته خدا منهنجي وسيلي اوهان کي هدايت ڏني، اوهين ٽڙيل پکڙيل هئا ته خدا منهنجي وسيلي اوهان کي اتفاق ۽ ٻڌي جي نعمت بخشي اوهين مفلس (ڪنگال) هئا ته خدا منهنجي وسيلي اوهان کي دولتمند بڻايو.“ پاڻ سڳورا اهو چوندا ويا ۽ هر جملي تي انصار چوندا پئي ويا ته خدا ۽ ان جي رسول جو احسان سڀني کان وڌيڪ آهي. پاڻ صلعم فرمايائون، نه اوهين هي جواب ڏيئي سگهو ٿا ته اي محمد (ﷺ) توکي جڏهن ماڻهن ڪوڙو بنايو (انڪار ڪيو) تڏهن اسان تنهنجي ڳالهه مڃي توکي جڏهن ماڻهن ڇڏي ڏنو ته اسان تنهنجو ساٿ ڏنو، تون مفلس آيو هئين ته اسان تنهنجي هر ڪا مدد ڪئي.
    اهو چئي پاڻ سڳورن فرمايو،” اوهين اهو جواب ڏيندا وڃو ۽ آئون چوندو وڃان ته اوهين سڇ ٿا چئو، پر اي انصاريو! ڇا اوهان کي اهو نٿو وڻي ته ٻيا ماڻهو اٺ ٻڪريون وٺي وڃن ۽ اوهان محمد ﷺ کي وٺي گهر اچو.“
    اهو ٻڌي انصار کان بي اختيار رڙيون نڪري ويون ته ” اسان کي رڳو محمد ﷺ گهرجي ٿو.“ گهڻن جو هي حال ٿيو ته روئندي روئندي ڏاڙهيون پسي وين. ان کانپوءِ پاڻ سڳورن ﷺ انصار کي سمجهايو ته مڪه جا ماڻهو جيئن ته نوان نوان اسلام ۾ آيا تنهنڪري انهن کي جيڪي ڪجهه مليو اهو حق جي طور تي نه هو. پر اسلام جي نعمت کان انهن کي واقف ڪرڻ مقصود هو .
    ان وچ ۾ قيدين کي ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. انهن ۾ اوس قبيلي جا به ڪي ماڻهو هئا جن ۾ دائيحليمه به هئي. جنهن جي ننڍپڻ ۾ پاڻ سڳورن ٿڃ پيتي هئي. پاڻ ﷺ فرمايائون، عبدالمطلب جي ڪٽنب جو جيڪي به ڀاڱو آهي اهو اوهان جو آهي پر قيدين جي عام آزادي جي صورت ۾ هي آهي ته نماز کانپوءِ جڏهن ميڙ ٿئي ته سڀني جي اڳيان پنهنجي درخواست پيش ڪريو. اڳينءَ جي نماز کانپوءِ هنن سڀني مسلمانن جي اڳيان پنهنجي درخواست پيش ڪئي ته حضور پاڪ ﷺ جن فرمايو ته مونکي رڳو پنهنجي ڪٽنب تي اختيار آهي پر آئون عام مسلمانن کي اوهان جي سفارش ڪريان ٿو. اهو ٻڌڻ سان سڀني مسلمانن چئي ڏنو اسانجو ڀاڱو به حاضر آهي. اهڙي ريت ڇهه هزارقيدي يڪدم آزاد ٿي ويا.


    رومي خطرو

    تبوڪ جي لڙائي :

    ان زماني ۾ شام ۽ مصر جا ملڪ عيسائي رومين جي هٿ هيٺ هئا جن جو تخت گاهه قسطنطنيه هو. شام جون حدون حجاز سان گڏيل هيون. اسلام ۾ نئين قوت جو حال ٻڌي رومين ۾ بي آرامي پکڙيل هئي. حجاز ۽ شام جي سرهد تي تبوڪ نالي هڪ هنڌ هو.ان جي اوسي پاسي ڪجهه عرب سردار جيڪي عيسائي ٿي ويا هئا.رومين جي هٿ هيٺ حڪومت ڪري رهيا هئا. انهن عرب سردارن مان ” غساني“ ڪٽنب جا عرب سڀني کان طاقت وارا هئا ۽ اهي ئي رومين جي پاران ان ڪم تي مقرر ٿيا. ٿوري ٿوري وقت ۾ مدينه ۾ اهي خبرونب پکريون پئي ته غساني مدينه تي هلان ڪرڻ جا ويچار ڪري رهيا آهن شام جي نبطي سوداگرن اچي ٻڌايو ته رومين شام ۾ ڏاڍي وڏي فوج گڏ ڪري ورتي آهي. جيڪا هر قسم جي سامان سان تيار آهي.
    حضور پاڪ ﷺ جن اهي خبرون ٻڌي مسلمان غزين کي به تياري جو حڪم ڏنو. اتفاق سان اهو سخت گرمين جو زمانو هو. ملڪ ۾ ڏڪار جا آثار هئا. منافق جيڪي دل سان مسلمان نه ٿيا هئا. انهن لاءِ هي وڏي آزمائش جو وقت هو. هنن لڙائي کان لهرايو پئي ۽ ٻين کي به ڳجهه ڳوهه ۾ جهليائون پئي.
    پرجوش وارن مسلمانن لاءِ هي سندن ايمان تازي ڪرڻ جو نئون موقعو هٿ آيو ته هاڻي عرب جي ڪجهه قبيلن سان منهن ڏيڻو ڪونهي. پر دنيا جي هڪ وڏي سلطنت سان مقابلو آهي. دولتمند صحابين ﷦ وڏيون وڏيون رقمون پيش ڪيون. ڇو ته سفر پري جو هو ۽ سواري جو انتظام گهٽ هو.تنهنڪري ڪن معذور مسلمانن روئي روئي عرض ٿي ڪيو ته حضور ﷺ جن سفر جو سامان ڏيارين ته ساڻن گڏ هجڻ وارو ڀاڳ نصيب ٿئي. اهو ڏسي حضرت عثمان ﷦ فوج لاءِ ٽي سو اٺ پيش ڪيا ۽ حضور پاڪ ﷺ جن کيس دعا ڪئي.
    حضور پاڪ ﷺ جن جڏهن مديني کان ٻاهر ويندا هئا ته ڪنهن نه ڪنهن کي شهر جو حاڪم بنائي ويندا هئا. ازواج مطهرات هن ڀيري گڏ ڪونه ٿي ويون. هن ڀيري اهو عهدو حضرت علي بن ابي طالب ﷦ جي حوالي ٿيو. هن عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ! اوهان مونکي ٻارن ۽ عورتن ۾ ڇڏي پيا وڃو. ارشاد ٿيو ڇا توکي اهو نٿو وڻي ته توکي مون سان اهائي نسبت هجي جيڪا هارون کي موسيٰ سان هئي. پاڻ سڳورن جو هي ارشاد حضرت علي﷦ لاءِ اهو فخر آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.
    خير پاڻ سڳورا ٽيهه هزار فوج سان گڏ مدينه مان نڪتا جنهن ۾ ڏهه هزار سوار هئا. تبوڪ پهچي معلوم ٿيو ته رومين جي حملي واري خبر صحيح ڪانه هئي. پر ايترو درست هو ته اسلام جي نئين قوت جي مقابلي لا3 غسائي رئيس ڊڪ ڊوڙ ڪئي پئي. حضور پاڪ ﷺ جن تبوڪ ۾ ويهه ڏينهن ترسيا. ان ترسڻ جو اثر اهو ٿيو ته ٽيهه هزار مسلمانن جي هيءَ پاڪيزه جماعت جيڪا ظاهر ۾ سپاهي ۽ حقيقت ۾ عشق الاهي هئي، اوسي پاسي جي شهرن تي پنهنجو اثر وجهڻ کان ڪانه رهي.
    اسلام ۾ اڳين پيغمبرن جي امتن سان هي رعايت رکيل آهي ته اهي جيڪڏهن ٿورو محصول ڏيئي مسلمانن جي رعيت بنجي وڃن ته مسلمانن انهن جي هر قسم جي حفاظت جي ذمه داري کڻن. ان محصول جو نالو قرآن پاڪ ۾ ” جزيه“ رکيو ويو آهي. هي پهريون موقعو هو ته ڪا غير مسلم قوم مسلمانن جي حڪومت ۾ آڻي ٿي. ايله خليج عقبه وٽ عربن جي هڪ ننڍي ريات هئي. ان جي رئيس يوحنا خدمت نبوي ۾ اچيجزيه ڏيئي مسلمانن جي حفاظت ۾ رهڻ منظور ڪيو. ” جرباء“ ۽ ” آذرح“ جي عيسائي عربن به جزيه ڏيئي مسلمانن سان ٺاهه ڪري ورتو. دمشق کان پنج منزلون پري ” دومته الجندل“ ۾ هڪ عرب سردار اُڪيدر نالي هو جيڪو قيصر روم جي اثر هيٺ هو. مسلمانن چار سو سوارن سان ان تي حملو ڪيو ۽ هن کي جهلي خدمت نبوي ﷺ ۾ آندائون. هن کي ان شرط تي آزادي ملي ته هو مدينه اچي صلح جا شرط پيش ڪري. تنهنڪري هو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ مدينه آيو ۽ امان مليس.
    تبوڪ جو سفر ان حيثيت کان تمام اهم هو. ته هي عرب کان ٻاهر جي ٻن سڀ کان وڏين طاقتن مان هڪ سان ٽڪرجڻ جي سڀ کان پهرين ڪامياب ڪوشش هئي. تنهنڪري حضور پاڪ ﷺ جن جي خير و عافيت سان موٽي اچڻ تي مسلمانن ڏاڍي خوشي ملهائي. مدينه جا ماڻهو شوق جي حالت ۾ رسول الله ﷺ کي وٺڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪتا. عورتون به گهرن کان ٻاهر نڪري آيون ۽ ڇوڪرين آجيان جو هي ترانو ڳايو.
    طلع البدر علينا من ثنيات الوداع
    وجب الشکر علينا ما دعا للهِ داع
    چوڏهين جو چنڊ اسان جي اڳيان نڪتو آهي وداع جي لڪ مان
    اسان تي خدا جو شڪر واجب آهي جيسيتائين دعا گهرڻ وارا دعا گهرن


    اسلام جي عهد جو پهريون باقاعدي حج ۽ لاتعلقي جو اعلان:

    اسلام جي دعوت کي شروع ٿئي ٻاويهه سال ٿي ويا هئا. ٻاويهه سالن جي لڳاتار ڪوششن سان هاڻي عرب جو ذرو ذرو اسلام جي نور سان چمڪي رهيو هو. لا الہ الا الله جا آواز ان جي هڪ لڪ مان بلند پئي ٿيا. يمن جي سرحد کان وٺي شام جي سرحد تائين هاڻي اسلام جي حڪومت هئي. ۽ خدا جو گهر هاڻي توحيد جو مرڪز بنجي چڪو هو. هاڻي وقت اچي ويو هو ته اسلام جي اها مذهبي درٻار جيڪي ” حج“ جي نالي سان مشهور آهي خدا جي ٺاهيل ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام ڏسيل دستور موجب سينگاري وڃي.
    تبوڪ کان واپسي تي حضور پاڪ ﷺجن 6 هجري ۾ ذيقعده جي پڇاڙي يا ذوالحج جي اڳياڙي مهيني ۾ ٽي سئو مسلمانن جو هڪ قافلو مدينه منوره مان مڪه ڏانهن روانو ڪيو. حضرت ابوبڪر ﷦ هن قافلي جو اڳواڻ، حضرت علي ﷦ هن جو نقيب ۽ حضرت سعد بڀن وقاص﷦، حضرت جابر﷦ ۽ حضرت ابوهريره﷦ پڙهي وارا ۽ معلم ٺاهيا ويا ۽ قرباني لاءِ ويهه اٺ گڏ کنيائون.
    قرآن انهي حج جو نالو حج اڪبر (وڏو حج) رکيو آهي ڇو ته ڪفر جي حڪومت جي خاتمي ۽ اسلام جي عهد جي شروعات جو سڀ کان پهريون اعلان هو، حضرت ابوبڪر ﷦ماڻهن کي حج جا اصلي طريقا ٻڌايا ۽ سيکاريا ۽ قرباني واري ڏينهن اٿي بيهي خطبو پڙهيو. ۽ ان کانپوءِ حضرت علي ﷦ بن ابي طالب لا تعلقي واري ان سورت مان چاليهه آيتون پڙهي ٻڌايون جن ۾ ڪافرن سان هر قسم جو لاڳاپو ٽوڙڻ جو اعلان هو ۽ پڙهو ڏياريو ويو ته هاڻي ڪوبه مشرڪ خانه ڪعبه ۾ داخل نه ٿي سگهندو ۽ نه ڪو اگهاڙو ٿي حج ڪري سگهندو ۽ صلح جا اهي سمورا ٺاهه جيڪي مشرڪن سان ٿيا هئااڄ کان چئن مهينن کانپوءِ ٽٽي ويندا.
    ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي ته اهي قريش جيڪي ويهن سالن تائين تلوار جي نوڪ سان اسلام جو مقابلو ڪندا رهيا، اهي مڪه جي فتح کانپوءِ ڪنهن به قسم جي زور ۽ لالچ کانسواءِ رڳو اسلام جو ڳوڙهو رنگ ۽ مسلمانن کي ويجهڙائي کان ڏسي وائسي پاڻيهي پاڻ مسلمان ٿيندا ويا ۽ جيڪي اڃان تائين محروم رهيل هئا. اهي هن اعلان کانپوءِ اسلام جي ڇانو هيٺ اچي ويا.


    عرب جي صوبن ۾ اسلام جو عام اعلان :

    هاڻي عرب جو هر ذرو آفتابِ رسالت جي دامن کي چنبڙيل هو، توحيد جي اشاعت واري واٽ تان مشڪلات جو هر ڪو پٿر هٽي ويو هو.۽ سموري حجاز ۾ اسلام جي حڪومت هئي. پر اڃان به يمن، يمامه ، بحرين وغيره عرب جا ڪجهه اهڙا صوبا هئا، پر انهن ۾ اسلام جو عام اعلان ڪونه ٿيو هو. هاڻي جڏهن قريش ۽ انهن جي ساٿي قبيلن جي مخلافت واري هر ڪا ڪوشش ناڪام ٿي ويئي هئي. وقت اچي ويو هو ته پري وارن علائقن ۾ اسلام جو اعلان ڪيو وڃي ۽ شاهه ۽ گدا، امير ۽ فقير هر ڪنهن کي سچائي جي دعوت ڏني وڃي.
    عرب جي سڀني صوبن ۾ وڏو يمن جو صوبو هو، جيڪو اٽڪل پنجاهه سٺ سالن کان ايرانين جي قبضي ۾ هو. يمن جي هڪ ممتاز قبيلي دوس جي رئيس طفيل بن عمر مڪه وڃي گهڻو اڳ اسلام قبول ڪيو هو، ۽ هن جي اثر جي ڪري ان قبيلي جا اڪيترائي ماڻهو وقت بوقت مسلمان ٿيندا رهيا. 7 هجري ۾ جڏهن پاڻ سڳورا خيبر ۾ هئا. ” دوس“ جا گهڻائي ماڻهو مسلمان ٿي مدينه هليا آيا هئا. مشهور صحابي حضرت ابو هريره ﷦ انهن مان هو. اشعر نالي يمن جي هڪ ٻئي قبيلي ۾ به ماڻهو پاڻيهي پاڻ مسلمان ٿي ويا هئا. مشهور صحابي حضرت ابو موسيٰ اشعري انهن قبيلي مان هو. اهي ماڻهو به مدينه اچي رهيا هئا.
    يمن ۾ همدان قبيلو ڏاڍو مشهور هو. هن قبيلي جڏهن اسلام جو نالو ٻڌو ته پنهنجي رئيس عامر بن شمر کي هن نئين دين جي تحقيق لاءِ مدينه اماڻيو. هن اتي اچي جيڪي ڪجهه ڏٺو. ان جو اثر اهو ٿيو ته اسلام جي سچائي سندس دل ۾ گهر ڪري ويئي. هو موٽي آيو ته پنهنجي ڪٽنب ۾ اسلام جي روشني پکيڙيائين.
    يمن جي ڪن قبيلن ۾ اشاعت جو ڪم ڪرڻ لاءِ پهرين حضرت خالد ﷦ کي اماڻيو ويو. هو ڇهن مهينن تائين پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. اهو ڏسي پاڻ سڳورن کيس واپس گهرايو ۽ ان جي جاءِ تي حضرت علي﷦ هنن جي سڀني رئيسن کي سڏايو ۽ حضرت رسول الله ﷺ جن جو خط پڙهي ٻڌايو. انهيءَ سان گڏ سڄي جو سڄو قبيلو مسلمان ٿي ويو. تنهنڪري همدان، جذيمه ۽ مدلج جي قبيلن ۾ اسلام جي روشني حضرت علي ﷦ جي فيض سان ئي پکڙي. يمن جي ٻين شهرن ۾ اسلام جي دعوت پکيڙڻ لاءِ ٻيا ممتاز صحابي مقررٿيا. لهٰذا صنعام ۾ جيڪو يمن جو تخت گاهه هو، خالد بن سعيد جي ڪوڊشش ڪامياب ٿي. طئي جو قبيلو اسلام کان اڳ عيسائي هو. هن وقت حاتم طائي جو پٽ عدي هن قبيلي جو سردار هو. هو خدمت نبوي صلعم ۾ حاضر ٿيو ۽ حضور صلعم جن جي خاڪساري ۽ بيڪسن سان همدردي ڏسيمسلمان ٿي ويو، ۽ هن ئي جي دعوت تي هن قبيلي به توحيد جو ڪلمو پڙهيو. حضرت ابو موسيٰ اشعري ﷦ عدن ۽ زبيد ۾، ۽ حضرت معاذ ﷦ بن جبل جُند ۾ وڃي اسلام جو پيغام پهچايو. جرير﷦ ابن عبدالله بُجلي حمير جي شهرن ۾ اسلام پکيڙيو. مهاجر بن ابي اميه هڪ صحابي يمن جي هڪ شهزادي حارث بن عبد ڪلال کي اسلام جي دائري ۾ آندو. وبي بن نخيس صحابي يمن جي انهن ايراني نسل ماڻهن کي جيڪي يمن ۾ آباد ٿي ويا هئا. اسلام جي خوشخبري ٻڌائي.
    يمن ۾ نجران جو علائقو عيسائي آبادي هو. اتان جي ماڻهن اسلام جو خط ملڻ تي پنهنجن پادرين کي حال معلوم ڪرڻ لاءِ مدينه اماڻيو ۽ جيتوڻيڪ هو مسلمان ڪونه ٿيا پر جزيه ڏيئي اسلام جي حڪومت قبول ڪيائون. نجران ۾ جيڪي مشرڪ عرب هئا، انهن جي هدايت لاءِ حضرت خالد ﷦ کي موڪليو ويو، جنهن جي سمجهائڻ تي سڄي قبيلي اسلام آندو.حضرت خالد ﷦ ٿورا ڏينهن اتي ترسي هنن کي اسلام جون ڳالهيون سيکاريون.
    بحرين تي ان وقت ايرانين جي حڪومت هئي ۽ ان جي واسين ۾ عرب جا قبيلا آباد هئا. جن ۾ مشهور ۽ بااثر ڪٽنب عبدالقيس، بڪر بن وائل ۽ تميم هئا. انهن مان عبدالقيس جي قبيلي جو مقذ بن حيان واپار لاءِ نڪتو، واٽ تي مدينه آيو ٿي، اتي ترسيو. حضور پاڪ ﷺ جن کي هن جي اچڻ جي خبر پيئي ته وٽس هلي آيا ۽ اسلام جي دعوت ڏنائون هن قبول ڪئي ۽ مسلمان ٿي ويو. هتي رهي هن سوره فاتحه ۽ اقراء سکي. پاڻ سڳورن کيس هڪ فرمان لکي ڏنو. جڏهن هو موٽي گهر ويو ته پهريائين پنهنجي نئين مذهب کي لڪايائين. پر سندس زال کيس نماز پڙهندي ڏسي ورتو ۽ پنهنجي پيءُ منذرکي دانهن ڏنائين. هن منقذ کان پڇيو. ڳالهين جي ڏي وٺ کانپوءِ منذر به مسلمان ٿي ويو. هاڻي ٻنهي ڄڻن ماڻهن کي گڏ ڪري حضور پاڪ ﷺ جو خط مبارڪ ٻڌايو ۽ سڀني اسلام قبول ڪري ورتو.
    بحرين ۾ هڪ هنڌ جواثي هو، جنهن ۾ عبدالقيس جو قبيلو هو هتي گهڻو اڳي اسلام پهچي ويو هو. مدينه کانپوءِ جمعه جي نماز سڀ کان پهرين هتان جي ماڻهن ادا ڪئي. 8 هجري ۾ بحرين جي عرب رئيس منذر بن ساويٰ،علاء بن حضرمي جي دعوت تي اسلام قبول ڪيو ۽ ان سان گڏ سڀ عرب ۽ ايراني به مسلمان ٿيا. بحرين ۾ هجر هڪ هنڌ هو، اتان جي ايراني حاڪم سيبخت حضور پاڪ ﷺ جن جو خط ملڻ تي اسلام جي دولت حاصل ڪئي.
    عمان ۾ ازدس قبيلو آباد هو. عبيد ۽ جعفر هتي جا رئيسهئا. 8 هجري ۾ حضور ﷺ ج حضرت ابوزيد انصاري کي جيڪوقرآن جو حافظ هو ۽ حضرت عمرو﷦ بن العاص کي پنهنجو خط ڏيئي هنن وٽ موڪليو. ٻنهي رئيسن اسلام قبول ڪيو ۽ اتان جا سڀ ماڻهو هنن جي رغبت ڏيارڻ تي مسلمان ٿيا.
    شام جي حدن ۾ ڪيترائي رئيس هائ، انهن مان هڪ فروه هو، جنهن جي رياست معان ۾ هئي. هو رومين جي هٿ هيٺ هو. هو اسلام کان واقف ٿي مسلمان ٿي ويو. رومين کي هن جي مسلمان ٿيڻ جي خبر پيئي ته کيس جهلي سوليءَ تي چاڙهي ڇڏيائون. ان وقت عربي جو هي شعر هن بيگناهه شهيد جي زبان تي هو، جنهن جو ترجمو هي آهي :
    ” مسلمان سردارن کي منهنجو پيغام پهچائي ڇڏيو ته منهنجوتن من ۽ منهنجي عزت سڀ پروردگار جي نالي تان قربان آهي.“
    مطلب ته انهن ڪوششن سان اهڙي ريت اسلام عرب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويو ۽ اهو وقت به آيو جو عرب ۾ ڪو مشرڪ باقي ڪونه بچيو..


    دين جي تڪميل ۽ اسلامي نظام جي پيڙهه رکڻ:

    حضور پاڪ ﷺ خدا جو پيغام کڻي دنيا ۾ آيا هئا. دنيا ان جي مخالفت ڪئي، ۽ عرب وارن ان کي مڃڻ کان نه رڳو انڪار ڪيو پر ان کي ميساري ڇڏڻ لاءِ هر ڪقا ڪوشش ڪئي. مسلمانن کي طرحين طرحين نمونن سان ستايو. هنن کي سندن گهرن مان ڪڍيائون ۽ هو بي سرو ساماني ۾ پنهنجا گهر گهاٽ کڏي ڪڏهن حبش جي ملڪ ۾ ڪڏهن پري پري وارن شهرن ۾ هليا وڃن لاءِ مجبور ٿيا. ۽ اهڙي طرح تيرهن سالن تائين حضور پاڪ ﷺ جن سان گڏ مسلمانن پوري صبر ۽ پختائيءَ سان اهي سختيون سٺيون. نيٺ ڪفر جي قوتن فوج ۽ لشڪر، تلوار ۽ خنجر سان مسلمانن کي فنا ڪري ڇڏڻ جي تياري ڪئي ۽ نو سالن لڳاتار انهن جي اها ڪوشش هلندي رهي. مسلمانن انهن جي ظالمانه طاقت کي به منهن ڏنو. ۽ الله تعاليٰ جي مدد سان هو ان ميدان ۾ به ڪامياب ٿيا، ۽ آهستي آهستي مشڪلات جو هر ڪو پٿر سندن راهه مان هتي ويو. عرب جي ڪنڊ ڪڙڇ اسلام جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي ويئي ۽ لا الہ الا الله محمد رسول الله ﷺ جي پڙاڏي سان عرب جو سڄو جزيره گونججي ويو تڏهن وقت اچي ويو ته دين پنهنجن سڀني حڪمن سان تڪميل جي درجي کي پهچي . ۽ ان جو نظام عرب جي ملڪ ۾ قائم ڪري ڇڏجي.
    حضرت عائشه رضي الله عنها فرمائي ٿي ته سڀ کان پهرين قرآن پاڪ جون اهي آيتون لٿيون جيڪي دلين کي نرمي روحن ۾ گرمي ۽ خيالن ۾ تبديلي پيدا ڪن. جڏهن اهو ٿي ويو ته حڪمن جون آيتون آيون. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ۽ پهرئين ڏينهن ئي هي حڪم ڏنو وڃي ها ته ماڻهو! شراب ڇڏي ڏيو، ته ڪير ان کي مڃي ها. اسلام جي دعوت جي اها ترتيب قدرتي هئي، فطرت جي عين مطابق. حضور پاڪ ﷺ جيسيتائين مدينه ۾ رهيا، توحيد جي تعليم، الله تعاليٰ هي بي انت قدرت ۽ بي حساب رحمت، بت پرستي جي خرابي، بتن جي بيوسي، الله جي رسولن جا قصا، رسولن کي نه مڃڻ سان قومن تي عذاب، مرڻ کانپوءِ ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ، خداجي اڳيان پنهنجن پنهنجن ڪمن لاءِ جوابده هجڻ ۽ سٺن لاءِ جنت ۽ خراب لاءِ دوزخ جا نظارا ڏيکاريا پئي ويا. ان سان گڏوگڏ الله جي سچي عبادت جي ڍنگ، غريبن سان مهرباني، بيڪسن سان شفقت ۽ اخلاق جي ٻين سٺين سڍين ڳالهين جا سبق هنن کي سيکاريا پئي ويا. نتيجو هي نڪتو ته الله جي مڃيندڙن جو هڪ اهڙو ٽولو پيدا ٿي ويو. جيڪو هن جي هر حڪم تي ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ان وقت الله پنهنجي پنهنجي رسول ﷺ جي وسيلي پنهنجن سمورن حڪمن کان هنن کي واقف ڪيو.
    هنن کي ٻڌايو ويو ته ڏينهن ۾ پنج ڀيرا حضرت ابراهيم عليه السلام جي مسجد (ڪعبه) ڏانهن منهن ڪري خدا جي حضور ۾ بيهن گوڏن تائين جهڪي (رڪوع) پنهنجي ٻانهي عاجزي کي چٽي طرح ظاهر ڪن ان کي نماز سڏيو ويو. اها نماز سڀ مسلمان هڪ وقت تي هڪ هنڌ گڏ ٿي هڪ امام جي پويان گڏجي پڙهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته نماز جنهن ريت خدا ۽ بندي جي ڳانڍاپي جي سڀ کان مضبوط ڪڙي آهي اهڙي نموني اها مسلمانن جي قومي نظام جي حقيقي شڪل به آهي يعني سڀ مسلمان هڪ ٿي هر ڪنهن فرق ۽ مرتبي جي بندشن کي ٽوڙي هڪ قطار ۾ بيهي هڪ اهڙي متحده جماعت جي صورت بنجي وڃن جو هنن جا سمورا ظاهري فرق ميسارجي وڃن ۽ اهي سڀ گڏجي هڪ امام جي هڪ هڪ اشاري تي چُرن ڦِرن انهيءَ لاءِ پاڻ سڳورن فرمايو ته نماز ۾ سڀ مقتدي پير سان پير ملائي چڱي طرح گڏجي بيهن ته جيئن هنن جون دليون به ائين گڏجي وڃن ۽ هي فرمايائون ته جيڪو ماڻهو امام جي اٿڻ ويهڻ کان اڳ اٿي يا ويهي رهي ان کي ڊڄڻ کپي ته هو بدلجي گڏهه نه بنجي وڃي. جيڪو پنهنجي بيوقوفي لاءِ مشهور آهي.
    اسلام جي سڀني حڪمن مان نماز جي حيٿيت وڌيل آهي، ان ڪري هن کي دين جو ٿنڀو فرمايو ويو آهي. عرب جي بي اطميناني هاني جيئن ئي ختم ٿي، حضور پاڪ ﷺ سڀ کان اڳ ۾ نماز ڏانهن توجه فرمايو. ان جي رڪنن جي پورائي ۽ وقتن جي مقرري ته مڪه ۾ ئي ٿي ويئي هئي. پر هاڻي جيئن جيئن اطمينان وڌندو ويو. ان جي ظاهري ۽ باطني ڪيفيتن ڏانهن به ڌيان به ڌيان وڌندو ويو. هاڻي ان ۾ قرآن ۽ دعا کانسواءِ هر قسم جي انساني ڳالهه ٻولهه ، اشاري ۽ سلام و ڪلام وغيره جي منع ٿي ويئي. ۽ سڀني جو گڏجي هڪ جاءِ تي نماز پرهڻ، جنهن کي جماعت چون ٿا، واجب قرار ڏنو ويو. نماز جو رخ خانه ڪعبه مقرر ٿيو ته جيئن سڄي دنيا جا مسلمان هيڪڙائي جي هڪ رنگ ۾ پڌرا هجن.
    هفتي جي جي گڏيل نماز جنهن جو نالو جمعه آهي جيتوڻيڪ مڪه ۾ ئي فرض ٿي چڪي هئي پرمڪه جي بي اطميناني ۾ جڏهن چار مسلمان گڏجي به هڪ هنڌ نماز نٿي پڙهي سگهيا ته آبادي جا سمورا مسلمان گڏجي هڪ هنڌ نماز ڪيئن ٿي پڙهي سگهيا، تنهنڪري جمعه جي نماز مڪه ۾ ادا نٿي ٿي سگهي. پر مسلمانن کي نمدينه ۾ جيئن ئي اطمينان مليو. پهرئين ئي هفتي ۾ ڏينهن جي روشني ۾ منجهند جي وقت سج لڙڻ مهل ئي جمعه جي نماز ادا ڪيائون ۽ امام جمعه جو خطبو پڙهيو. ٻئي هفتي پاڻ حصور ﷺ جن آيا ۽ انوقت کان وٺيپاڻ سڳورا جمعه جي نماز جي امامت ڪرڻ لڳا ۽ نماز کان پهرين حمد ۽ قرآن جي تلاوت سان گڏ مسلمانن جي تعليم ، تنبيهه ۽ نصيحت سان ڀريل ننڍي تقرير جنهن کي خطبو چون ٿا، فرمائڻ لڳا.
    مدينه کان ٻاهر بين صوبن جي شهرن ۽ آبادين ۾ مدينه مان ئي يا انهن ئي هنڌن تان امام مقرر ٿيا. اهي امام انهن هنڌن جي مسلمانن جي معلم ، مبلغ، مفتي ۽ پيشوا جي حيٿيت رکندا هئا. هو انهن کي سڍيون ڳالهيون سيکاريندا هئا. خراب ڳالهين کان روڪيندا هئا، انهن کي ضرورت وارا مسئلا ٻڌائيندا هئا ۽ ٻارن کي الله رسول جو ڪلمو سيکاريندا ، دين جون ڳالهيون ٻڌائيندا ۽ قرآن جي تعليم ڏيندا هئا.
    انهيءَ مقصد لاءِ هر ڪڳنهن آبادي ۾ خداجي نالي سان نماز ۽ مسلمانن جي ٻين گڏيل ضرورتن جي لاءِ مسجدون ٺاهيون ويون. اهي مسجدون انهن جي نماز ۽ جماعت جو گهر، انهن جي تعليم جو مدرسو، انهن جي وعظ ۽ نصيحتن جو هنڌ، انهن جي قومي ۽ ديني ڪمن جو مشوره گاه ۽ انهن جي قاضين ۽ حاڪمن جي عدالت بنجي ويون.
    غريب مسلمانن جي امداد لاءِ زڪوات جو نظام مقرر ٿيو. يعني هيءُ ته مسلمان هر سال پنهنجي ان سون چاندي جي مال تي جيڪو هن جي ضرورت کان وڌيڪ هجي سڄي سال کانپوءِ ان جو چاليهون ڀاڱو خدا جي واٽ ۾ ڏئي. اهڙي ريت جيڪڏهن ڪنهن وٽ سون چاندي کانسواءِ جانور هجن ِ ٻنيون هجن ته انهن تي ڌار ڌار ڳڻپ موجب هڪ ڀاڱو خدا جي ڪمن لاءِ فرض ڪيو وي. سموريون رقمون ۽ جانور ۽ پيدائش حضور پاڪ ﷺ جن جي حياتيءَ ۾ مسجد نبويﷺ ۾ حضور جن جي ٻانگي (موذن) حضرت بلال﷦ وٽ يا ڪنهن ٻئي عامل وٽ گڏ ٿينديون هيون ۽ ضرورت موجب ضرورت وارن کي ورهائي ڏبيون هيون. حضور پاڪ ﷺ جن کانپوءِ هن ڪم لاءِ هڪ ڌار دفتر ٺاهيو ويو جنهن جو نالو بيت المال رکيو ويو. اهو بيت المال مسلمانن جي امامن جي سنڀال ۾ رهندو هو ۽ ضرورت وارن مسلمانن جون ضرورتون ان مان پوريون ڪيون وينديون هيون.
    9 هجري ۾ جڏهن سڄي عرب ۾ مسلمان هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي ويا، ته عرب جي هر ڪنهن ڀاڱي ۾ زڪوات جا عامل ۽ محصل مقرر ٿيا. جيڪي هر هنڌ وڃي مسلمانن کان زڪوات جو مال وصول ڪندا هئا ۽ کڻي اچي حضور پاڪ ﷺ جن جي خدمت ۾ يا بيت المال ۾ جمع ڪندا ۽ پنهنجو حساب پيش ڪندا هئا.
    مسلمانن کي الله وٽان قرآن جي صورت ۾ زندگيءَ جو جيڪو هدايت نامون مليو ان جي خوشيءَ ۽ مسرت جي تقريب ۾ ان جو ساليانو يادگار امهيءَ ئي مهيني ۾ هر سال ملهائڻ ضروري قرار ڏنو ويو ته جيئن اسين الله تعاليٰ جي ان نعمت جو شڪريو ادا ڪريون ۽ سڄو مهينو ان ڪيفيت ۾ گذاريون، جنهن ڪيفيت ۾ اهو مهينو اسلام جي پيغمبر ۽ قرآن جي پهرئين مخاطب محمد ﷺ جن گذاريو يعني صبح کان سام تائين سڄو مهينو اسين کائڻ پيئڻ ۽ ٻين نفساني ڪمن کان پاسو ڪريون. جنهن جو نالو روزو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته رات جو بيهي ٻن ٻن رڪعتن ۾ ڪلام پاڪ ٻڌون، جنهن کي تراويح چون ٿا. ۽ ٻين عبادتن ۾ هي مهينو گزاريون. مهينو پورو ٿيڻ تي شوال جي پهرين تاريخ تي عيد جو ڏينهن ملهايون سٺا سٺا ڪپڙا پهريون ، خوشبو لڳايون ۽ سڀ گڏجي عيد گاه ۾ وڃي شڪراني جون ٻه رڪعتون ادا ڪريون ۽ ان ڏينهن نماز کان اڳ ۾ غريبن جي کائڻ لاءِ اَن جو ڪجهه مقداران جي نذر (ان کي صدقته الفطر چون ٿا. انهي اَن جي قيمت ڏيئي ڇڏڻ به جائز آهي.) ڪريون ته جيئن هو به اهو ڏينهن خوشي ۽ مسرت سان گذارين.
    حقيقت ۾ رمضان ، ان قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ جو جشن آهي جيڪو مسلمانن جي هر خير ۽ برڪت جو اصلي سبب آهي. ۽ ان ۾ روزو ان لاءِ فرض ٿيو آهي ته مسلمان اها پاڪائي واري زندگي گذارن سکن جنهن کي قرآن تقويٰ چيو آهي ۽ جيڪا قرآن جي اصل گهرج آهي.
    اسلام جو چوٿون رڪن حج آهي. اسلام حضرت ابراهيم عليه السلام جي دينِ حنيف جي اصلي شڪل آهي، تنهنڪري جهڙي طرح رمضان جو روزو قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ جو يادگار آهي، اهڙي طرح حج حضرت ابراهيم عليه السلام جي دين جو يادگار آهي. خانه ڪعبه اها مقدس مسجد آهي جنهن کي حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ اسماعيل عليه السلام خدا جي نالي تي سڀ کان پهرين ٺاهيو هو ته جيئن اهو دنيا ۾ خدا پرستن جو مرڪز هجي، جتي دنيا جي هر ڀاڱي مان هڪ خدا کي مڃڻ وارا سال ۾ هڪ ڀيرو گڏ ٿي ابراهيمي طريقي سان خدا جي عبادت ڪن.
    خانه ڪعبه اها مسجد آهي جيڏانهن منهن ڪري هر ڪو مسلمان ڏينهن ۾ پنج ڀيرا پنهنجي نماز پڙهي ٿو. هاڻي اهو ضروري بنجي ويو ته مسلمانن مان جن کي طاقت هجي ۽ انهن وٽ راهه خرچهجي، اهي حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو هن مسجد ۾ حاضر ٿين. ۽ ابراهيم عليه السلام وانگر هن مسجد جي چوڌاري ڦيرا ڏين جيڪو طواف سڏجي ٿو ۽ صفا ۽ مروه نالي ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ ائين ڊوڙي ڊوڙي الله کان دعا گهرن جيئن حضرت هاجره ڊوڙي هئي ۽ عرفات ۽ منيٰ جي ميدانن ۾ خدا جي بارگاه ۾ليلڙاتيون ڪري پنهنجن ڏوهن جي معافي گهرن. ۽ منيٰ ۾ اچي حضرت اسماعيل وانگر قرباني جو جشن ملهائين. ۽ دنيا جا سمورا مسلمان هڪ هنڌ گڏجي دين ۽ دنيا جي ڀلائي جون ڳالهيون ڪن ۽ پنهنجي عالمگير اسلامي برادري جي ڀلائي لاءِ رٿون رٿين.
    توحيد جي ڪلمي کانپوءِ اسلام جا هي چار رڪن آهن. اهي چار ئي رڪن هاڻي پورا ٿي ويا ۽ دين جا اهي حڪم جيڪي اخلاق جي پاڪائي ۽ معاملن ۾ عدل ۽ انصاف جو خيال رکڻ لاءِ ضروري هئا اهي مسلمانن کي سيکاري ڇڏيا ويا ۽ عرب جي ملڪ ۾ مسلمانن جو هڪ اهڙو ٽولو پيدا ٿي ويو جيڪو دين اسلام جو نمونو ۽ اسلامي پيغام جو قاصد بنجي دنيا جي بين ڀاڱن ۾ هدايت جو پيغام ۽ عمل پهچائي سگهي. ۽ اهڙي ريت سچي دنيا اسلامن جي تعليم سان منور ٿي سگهي.
    هاڻي رسول الله ﷺ جن جي تعليم مان انسانيت هڪ جهڙائي جو سبق سکي ورتو هو. قريشي ۽ غير قريشيعرب ۽ عجم، ڪارا ۽ ڀورا، امير ۽ غريب سڀ هڪ خدا جا بندا بنجي اسلام جي هر ڪنهن حق ۾ ۽ آخرت جي هر ڪنهن مرتبي ۾ هڪ جهڙا ٿي ويا. انسان جا پيدا ڪيل سڀ فرق ميسارجي ويا. سڀئي هڪ آدم جو اولاد بنيا ۽ آدم مٽي مان ٺاهيو ويو هو.
    خدا کانسواءِ هر باطل جو خوف، آسمان ۽ زمين جي هر ڪنهن قوت جو ڊپ، هر ڪنهن ڪوڙي وسوسي جو هراس ، ديو، فرشتا، ڀوت، پربت، چنڊ، سج ، تارا، دريا، ٻيلا، جبل مطلب ته هر ڪا مخلوق، هر ڪا فطري طاقت ۽ هر ڪنهن مادي ۽ روحاني مظهر جي خدائي هيبت جيڪا هيڻن انسان تي ڇانيل هئي. محمد رسول الله ﷺ جي حق جي آواز انهي سموري طلسم کي ٽوڙي ڇڏيو.
    عرب جون اهي سموريون غلط رسمون ۽ رواج، اهي سمورا باطل قاعدا، ۽ بي شرمي ۽ بد اخلاقي جا پراڻا دستور محمد رسول الله ﷺ جي تعليم سان ختم ٿي ويا ۽ اهي تعليمات مسلمانن جي زندگي جو اصول بنيون جيڪي قرآن کڻي آيو ۽ محمد رسول الله ﷺ جن سيکاريون. هاڻي هڪ نئين قوم، نئين امت، نئون تمدن، نئون قانون ۽ نئين حڪومت زمين جي پردي تي قائم ٿي.


    اسانجي پيغمبر ﷺ جو آخري حج ــ حجته الوداع 10 هه :

    الله تعاليٰ محمد رسول الله ﷺ کي جنهن مقصد لاءِ زمين تي اماڻيو هو، جڏهن اهو پورو ٿي ويو ته اطلاع آيو ته تنهنجو ڪم پورو ٿي ويو، هاڻي تون خدا جي بارگاه ۾ موٽڻ لاءِ تيار ٿي وڃ. سوره النصر : اذا جاءَ نصر الله والفتح، انهي اطلاع جو وحي آهي.
    ذيقعده 10 هجري ۾ سڀني پاسن اعلان ٿيو ته رسول الله ﷺ جن هن سال حج جي ارادي سان مڪه معظم ويندا. اها خبر هڪدم سڄي عرب ۾ پکڙجي ويئي ۽ سڄو عرب گڏ هلڻ لاءِاٿلي پيو. ذيقعده جي 26 تاريخ تي پاڻ سڳورن غسل فرمايو ۽ چادر ۽ گوڏ ٻڌائون ۽ اڳئين نماز کانپوءِ مدينه کان ٻاهر نڪتا. مدينه کان ڇهه ميل پري ذوالحليفه جي هنڌ تي رات رهيا ۽ ٻئي ڏينهن ٻيهر غسل ڪري ٻه رڪعتون نماز ادا ڪيائون ۽ احرام ٻڌي قصواء نالي ڏاچي تي سوار ٿيا ۽ وڏي آواز سان هي لفظ چيائون جيڪي اڄ تائين هر حاجي جو ترانو آهن
    لبيڪ اللّٰهم لبيڪ لا شريڪ لڪ لبيڪ ان الحمد والنعمت لڪ
    والملڪ لڪ لا شريڪ لڪ
    ترجمو: اي خدا اسين تنهنجي لاءِ حاضر آهيون، اي خدا اسين تنهنجي لاءِ حاضر آهيون، تنهنجو ڪوبه شريڪ ڪونهي، اسين تنهنجي اڳيان حاضر آهيون، تعريف ۽ نعمت سڀ تنهنجي آهي تنهنجو ڪوبه شريڪ ڪونهي.
    حضرت جابر ﷦ جيڪو هن حديث جو راوي آهي ( ۽ جيڪو حضرت امام باقر﷦ جي پڇڻ تي هي سمورو حال بيان ڪري ٿو.) چوي ٿو ته اسان اک کڻي ڏٺو ته اڳيان پويان، سڄي کٻي، جيسيتائين به نظر پيئي ٿي، ماڻهن جو جهنگل نظر ٿي آيو.جڏهن حضور پاڪ ﷺ لبيڪ فرمايو ٿي ته ان سان گڏ گهٽ وڌ هل لک ماڻهن جي زبان مان اهو نعرو بلند ٿيو ٿي، ۽ هڪدم جبلن جون چوتيون ان جي پڙاڏي کان گونججي ٿي ويون. اهڙي ريت منزل مٿانمنزل ڪندا پاڻ سڳورا اڳتي وڌندا رهيا. ايسيتائين جو آچر جي ڏينهن ذوالحج جي 5 تاريخ تي مڪه ۾ داخل ٿيا.
    ڪعبه ڏسڻ ۾ آيو ته فرمايائون، ”اي خدا! هن گهر کي عزت ۽ شرف ڏي.“ڪعبه جو طواف ڪيائون مقام ابراهيم تي بيهي ٻه رڪعتون ادا ڪيائون ۽ صفا جي ٽڪري تي چڙهي فرمايائون:
    ” خدا کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ڪونهي، هن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي هن جي ئي بادشاهي ۽ هن جي ئي تعريف آهي. هو ئي ماري ۽ جياري ٿو. هو هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو، ڪوبه خدا ڪونهي، پر هوئي اڪيلو خدا آهي. هن پنهنجو واعدو پورو ڪيو، پنهنجي بانهي جي مدد ڪيائين ۽ اڪيلو سمورن ٽولن کي شڪست ڏنائين.“
    عمره کان واندو ٿي پاڻ سڳورن ٻين صهابين کي احرام کولي ڇڏڻ جي هدايت ڪئي. ان وقت حضرت علي ﷦ يمني حاجين سان گڏ مڪي ۾ پهتا. خميس جي ڏينهن اٺين ذي الحج تي پاڻ سڳورا سڀني مسلمانن سان گڏ منيٰ ۾ ترسيا. ٻئي ڏينهن نائين ذوالحج تي صبح جي نماز پڙهي منيٰ کان روانا ٿيا. عام مسلمانن سان گڏ عرفات ۾ اچي ترسيا. ٻيهر لڙيا نه قصواء تي سوار ٿي ميدان تي آيا ۽ حج جو خطبو ڏنائون.
    اڄ پهريون ڏينهن هو جو اسلام پنهنجي جاه و جلال سان پڌرو ٿيو ۽ جاهليت جا سمورا بيهوده رواج ميساري ڇڏيا ويا. پاڻ سڳورن فرمايو :
    ” ها جاهليت جا سمورا دستور ۽ رسم و رواج اڄ منهنجي ٻنهي پيرن هيٺان آهن.“
    عرب جي سرزمين سدائين انتقام جي رت سان رڱيل رهندي هئي. اڄ عرب جي اڻ کٽ گهرو لڙائين جي ان سلسلي کي ميساريو وڃي ٿو ۽ ان لاءِ نبوت جو اعلان ڪندڙ سڀ کان پهرين پنهنجي ڪٽنب جو نمونو پيش ڪري ٿو.
    ” جاهليت جا سڀ خون باطل ڪري ڇڏيا ويا آهن ۽ سڀ کان پهرين آئون پنهنجي خاندان جو خون ربيعه بن حارث جي پٽ جو انتقامي خون رد ڪريان ٿو.“
    سڄي عرب ۾ وياج واري ڌنڌي جو ڄار وڇايل هو، جنهن جي ڪري عرب جا غريب مزور ۽ هاري يهودي مهاڄڻن ۽ عرب سرمايه دارن وٽ ڦاٿل هئا ۽ هميشه لاءِ انهن جا غلام بنجي ٿي ويا. اڄ انهيءَ ڄار جي ڏور ڏور ڌار ڪئي وڃي ٿي ۽ ان لاءِ به سڀ کان پهرين پنهنجي ڪٽنب جو نمونو پيش ڪيو ٿو وڃي ارشاد ٿئي ٿو :
    ” جاهليت جا سمورا وياج ختم ڪيا ويا ۽ سڀ کان پهريون وياج جنهن کي آئون ختم ڪريان ٿو اهي پنهنجي ڪٽنب جو يعني عباس بن عبدالمطلب جو آهي.“
    اڄ تائين عورتون هڪ نموني سان منقوله (بدلجي سگهندڙ) ملڪيت هيون، جيڪي جوائن ۾ هارائي ۽ کٽي سگهبيون هيون. اڄپهريون ڏينهن آهي جو اهو مظلوم ٽولو انصاف حاصل ڪري ٿو. فرمايائون :
    ” عورتن جي معاملي ۾ خدا کان ڊڄو اوهان جو حق عورتن تي آهي ۽ عورتن جو اوهان تي آهي.“
    عورتن کانپوءِ انسان جو سڀ کان وڌيڪ مظلوم طبقو غلامن جو هو. اڄ ان جي داد رسي جو ڏينهن آيو فرمايائون:
    ” اوهان جا غلام اوهان جا غلام، انهن جي حق ۾ انصاف ڪريو، جيڪي پاڻ کائو اهوانهن کي کارايو ۽ جيڪي پاڻ پهريو اهو هنن کي پهرايو.“
    عرب ۾ امن و امان ڪونه هو، تنهنڪري جان ۽ مال جي ڪا قيمت ڪانه هئي اڄ امن ۽ سلامتي جو بادشاهه سڄي دنيا کي صلح جو پيغام ڏئي ٿو :
    ” پاڻ ۾ اوهان جي جان ۽ اوهان جو مال هڪ ٻئي لاءِ قيامت تائين ايترو ئي محترم آهي جيترو اڄوڪو ڏينهن، هن محترم مهيني ۾ ۽ هن محترم شهر ۾ آهي.“
    امن و امان جي اعلان ۾ سڀ کان پهرين شيءِ ان ديني برادري جو وجود آهي، جنهن قبيلن ۽ ڪٽنبن جي لاڳاپن کان وڌي عرب جي سڀني قبيلن بلڪ دنيا جي سمورن انسانن ۾ اسلامي ڀائپي جو لاڳاپو قائم ڪري ڇڏيو ارشاد ٿيو :
    ” هر مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي ۽ مسلمان سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن.“
    دنيا جي بي اطميناني جي سڀ کان وڏي شيءِ جنهن هزارين سال قومن کي قومن سان ويڙهايو اهو قومي هٺ ۽ وڏائي آهي. اڄ ان هٺ ۽ وڏائي کي چٿيو وڃي ٿو. اعلان ٿئي ٿو :
    ” ها! ڪنهن عربي کي ڪنهن عمي تي ۽ ڪنهن عجمي کي ڪنهن عربي تي ڪابه فوقيت ڪانهي. اوهين سڀ هڪ آدم عليه السلام جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽي مان ٺهيو هو.“
    ان کانپوءِ اصولي قانونن جو اعلان فرمايو ويو :
    1. خدا هر ڪنهن حقدار کي ( ورثي جي مطابق) ان جو حق ڏنو آهي، هاڻي ڪنهن به وارث جي حق ۾ وصيت جائز ڪانهي.
    2. پٽ ان جو آهي جنهن جي بستري تي هو پيدا ٿيو زنا ڪندڙ لاءِ پٿر آهي ۽ هنن جو حساب خدا جي ذمي آهي.
    3. ها!زال کي پنهنجي مڙس جي مال مان هن جي موڪل کانسواءِ ڪنهن کي ڪجهه ڏيڻ جائز ڪونهي.
    4. قرض گهرندڙ کي قرض اداڪيو وڃي. اڌارو ورتل مال واپس ڪيو وڃي. هنگامي عطيا واپس ڪيا وڃن. جيڪو ضامن پوياهو ڏنڊ (تاوان) جو ذمه دار ٿئي.
    اڄ امت جي هٿن ۾ سندس هدايت لاءِ اهو دائمي چراغ ڏنو وڃي ٿو، جنهن جي روشني ۾ جيسيتائين ڪوبه هلندو رهندو هر ڪنهن گمراهي کان بچندو رهندو. فرمايائون
    ”آئون اوهان ۾ هڪ شيءِ ڇڏي ٿو وڃان، جيڪڏهن اوهانان کي مضبوطيءَ سان جهليو ته پوءِ ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندا ۽ اهو آهي خدا جو ڪتاب.“
    اهو چئي پاڻ سڳورا ميڙ ڏانهن مخاطب ٿيا ته:
    ” اوهان کان خدا وٽ منهنجي باري ۾ پڇيو ويندو ته اوهين ڪهڙو جواب ڏيندا؟“
    هڪ لک زبانن گڏجي شاهدي ڏني،” اين چونداسين ته توهان ﷺ خدا جو پيغام پهچائي ڇڏيو ۽ پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو.“ اهو ٻڌي پاڻ سڳورن آسمان ڏانهن آڱرکنئي ۽ ٽي ڀيرا فرمايا ئون ” اي خدا تون شاهد رهه.“
    عين ان وقت جڏهن پاڻ ﷺ نبوت جو هي آخري فرض پورو ڪري رهيا هئا خدا جي بارگاهه مان هي بشارت آئي :
    اليوم اڪملت لڪم دينڪم و اتممت عليڪم نعمتي و رضيت لڪم الاسلام دينا
    ترجمو: اڄ مون اوهان لاءِ اوهان جي دين کي مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪئي ۽ اوهان لاءِ اسلام جي دين کي چونڊيو
    خطبي کان واندا ٿيا ته حضرت بلال ﷦ ٻانگ ڏني ۽ حضرت محمد ﷺ جن اڳئين ۽ وچئين جي نماز يڪي گڏ ادافرمائي. ڪهڙو نه عجيب نظارو هوته اڄ کان 26 سال اڳ ۾ محمد رسول الله ﷺ اڪيلي خدا جي پوڄا ڪرڻ جي دعوت ڏني ته محمد رسول الله ﷺ ۽ سندن ٿورن ساٿين کان سواءِ ڪوبه ڪنڌ خدا جي اڳيان جهڪيل نه هو ۽ اڄ 26 سالن کانپوءِ محمد رسول الله ﷺ جن سان گڏ هڪ لک ڪنڌ خدا جي حضور ۾ جهڪيل هئا ۽ الله اڪبر جو نعرو ذري ذري مان بلند پئي ٿيو.
    نماز مان واندو ٿي ڏاچي تي سوار ٿي مسلمانن سان گڏ موقف آيا ۽ اتي بيهي دير تائين قبله ڏانهن منهن ڪري دعا ۽ زاري ۾ رڌل رهيا.جڏهن سج لهڻ لڳو ته هلڻ جي تياري ڪيائون. اوچتو هڪ لک ماڻهن جي سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو. پاڻ سڳورا اڳتي وڌندي پئي ويا ۽ هٿ سان اشارو ڪندا زبان سان فرمائيندا پئي هليا. ماڻهو! امن ۽ سڪون سان، ماڻهو! امن ۽ سڪون سان. سانجهيءَ جو وقت تنگ پئي ٿيو جو قافلو مزدلفهجي هنڌ تي پهتو. هتي پهرين سانجهي ۽ پوءِ يڪدم سومهڻي نماز ادا ٿي.
    صبح جو سويل فجر نماز پڙهي قافلو اڳتي وڌيو. جان نثار سڄي کٻي ضرورت وارا پنهنجي پنهنجي ضرورت جا مسئلا پڇي رهيا هئا.۽ پاڻ سڳورا انهن جا جواب ڏيندا پئي ويا. جمره پهچي ٻهڻيون اڇليائون ۽ ماڻهن کي خطاب ڪري فرمايائون :
    ” مذهب ۾ گهاٽي ۽ واڌي کان بچو. اوهانکان اڳ واريون قومون ان جي ڪري برباد ٿيون.”
    ان وچ ۾ هي جملو به فرمايائون جنهن مان وڃن ۽ موڪلائي جو اهڃاڻ مليو ٿي.
    ” حج جا مسئلا سکي وٺو مونکيخبر ته وري حج ڪري سگهندس.“
    هتان نڪري هاڻي منيٰ ۾ آيا، سڄي کٻي اڳيان پويان مسلمانن جو هڪ ميڙ هو، مهاجرين قبله جي سچي، انصار کاٻي ۽ وچ ۾ عام مسلمانن جو صفون هيون.حضور پاڪ ﷺ جن ڏاچي تي سوار هئا. پاڻ سڳورن اکيون کڻي هنعظيم الشان ميڙ ڏانهن ڏٺائون ته نبوت جي 23 سالن جا ڪارنما اکين آڏو هئا. زمين کان آسمان تائين قبول ۽ اعتراف جو نور پکريل هو. هاڻي هڪ نئين شريعت، هڪ نئين نظام ۽ هڪ نئين دور جي شروعات هئي. ان حالت ۾ محمد رسول الله ﷺ جن جي زبان فيض ترجمان مان هي جملا ادا ٿيا:
    ” ها! الله جڏهن آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو هو، اڄ زمانو ڦري گهري انهي فطرت تي اچي ويو. اوهان جون جانيون ۽ اوهان جون ملڪيتون پاڻ ۾ هڪ ٻئي لاءِ اهڙيون ئي محترم آهن جيئن اڄوڪو ڏينهن هن محترم مهيني ۾ ۽ هن محترم آبادي ۾ . ها! ڏسجو! مون کان پوءِ گمراهه نه ٿي وڃجو جو پاڻ ئي هڪ ٻئي جا ڪنڌ ڪپڻ لڳو. اوهان کي خدا جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي ۽ هو اوهان کان اوهان جي ڪمن جي پڇا ڪندو. جيڪڏهن اوهان تي هڪ ڪارو مِنو غولام به سردار بنايو وڃي جيڪو خدا جي ڪتاب مطابق اوهان کي وٺي هلي ته ان جي فرمانبرداري ڪجو، پنهنجي پروردگار جي پوڄا ڪجو. پنجن ئي وقتن جون نمازون پڙهجو. رمضان جي مهيني جو روزو رکجو ۽ منهنجي حڪمن کي مڃجو. اوهين پنهنجي پروردگار جي جنت ۾ داخل ٿيندو.
    اهو چئي پاڻ سڳورن ميڙ ڏانهن اشارو ڪري فرمايو! ” ڇا مون پنهنجو پيغام پهچائي ڇڏيو.،” هر ڪنهن پاسي کان آواز اچڻ لڳا، ها! بيشڪ .“ فرمايائون، ” خداوندا! شاهد رهجان.“ اهو چئي ارشاد فرمايائون، ” جيڪو هتي موجود آهي اهو هن پيغام کي ان تائين پهچائي ڇڏي جيڪو هتي ڪونهي.“ هي ڄ۾ تبليغ جو اهو فريضو هو جيڪو هر ڪنهن مسلمان جي زندگي جو جزو آهي.
    ان کانپوءِ پاڻ ﷺ سڀني مسلمانن کي الوداع چيائون.
    حج جي ٻين مشغولين مان واندا ٿي 14 ذوالحج تي فجر جي نماز خانه ڪعبه ۾ پڙهي سڄو قافلو پنهنجن پنهنجن هنڌن ڏانهنروانو ٿي ويو ۽ حضور پاڪ ﷺ جن مهاجرن ﷦ ۽ انصارن ﷦ جي جهرمٽ ۾ مدينه جو رستو ورتو.


    وفات ربيع الاول 11 هجري ـــ مئي 622ع :

    روح قدسي کي هن جسماني جهان ۾ ان وقت تائين ئي رهڻ جي ضرورت هئي، جيسيتائين نبوت جو فرض پورو ٿي ۽ توحيد جي نور سان دنيا جي اوندهه هٽي وڃي. هاڻي جڏهن اهو فرض پورو ٿي ويو ته خدا ڏانهن واپس ورڻ جو حڪم اچي پهتو. حجته الوداعجي موقعي تي عام مسلمانن کي پنهنجي ديدار جوشرف بخشي خدا جي آخري حڪمن کان واقف فرمايائون. ان سفر تان موٽڻ کان ٻه مهينا پوءِ پاڻ سڳورن ﷺ انهن مسلمانن کان به موڪلائڻ گهريو جيڪي شهادت جو پيالو پي هميشه واري زندگي حاصل ڪري چڪا هئا. ان ڪري احد وڃي پاڻ سڳورن ﷺ احد جي شهيدن لاءِ دعا فرمائي ۽ انهن کان ٺيڪ ان نموني موڪلايو جيئن مرڻ وارو پنهنجن جيئرن عزيزن کان موڪلائيندو آهي. ان کانپوءِ هڪ ننڍي تقرير ڪيائون جنهن ۾ فرمايائون :
    ” آئون اوهان اڳ حوض ڪوثر تي وڇي رهيو آهيان. انهيءَ حوض جي پکيڙ ايتري آهي جيترو ايله کان حجفه تائين. مونکي دنيا جي سڀني خزانن جون ڪنجيون ڏنيون ويون. مون کي اهو ڊپ ڪونهي ته اوهين مون کانپوءِ شرڪ ڪرڻ لڳندا. البت هن کان ڊڄان ٿو ته اوهين دنيا ۾ ڦاسي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جو رت نه وهايو، ته پوءِ اوهين به ائين برباد ٿي ويندو جيئن اڳيون قومون برباد ٿي ويون.“
    احد جي شهيدن کانپوءِ عام مسلمانن جي قبرستان جو وارو آيو. صفر 11 هجري جي ڪنهن وچواري تاريخ ۾ آڌيءَ رات جو پاڻ سڳورا عام مسلمانن جي قبرستان ويا، جنهن جو نالو جنت البقيع آهي ۽ انهن لاءِ خير جي دعا فرمايائون. موٽي آيا ته طبيعت ناساز ٿي. اهو اربع جو ڏينهن ام المومنين حضرت ميمونه جي واري جو ڏينهن هو. پنجن ڏينهن تائين ان بيماري جي هالت ۾ به واري واري سان هڪ هڪڳ گهر واري جي حجري ۾ ويندا رهيا. سومر جي ڏينهن مرض ۾ شدت پيدا ٿي ته ازواج مطهرات رضي الله عنهن کان موڪل ورتائون ته پاڻ ﷺ حضرت عائشه ﷦ جي گهر ترسن. هيڻائي ايتيي هئي جو بنا ٽيڪ جي هلي نٿي سگهيا. حضرت عباس ۽ حضرت علي رضي الله عنهم ٻئي ٻانهن کان جهلي حضرت عائشه ﷦ جي حجري ۾ وٺي آيا.
    جيسيتائين هلڻ چلڻ جي طاقت رهي مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ايندا رهيا. سڀ کان پڇاڙي واري نماز پاڻ سڳورن سانجهيءَ جي پڙهائي. سومهڻي جو وقت آيو ته پڇيائون ته ڇا نماز ٿي ويئي. ماڻهن عرض ڪيو ته حضور ﷺ جن جو انتظار آهي. ٿانءُ ۾ پاڻي ڀرائي غسل فرمايائون، پر جڏهن اٿڻ گهريائون ته غشي اچي ويئي. ٿوري طبيعت سڌري ته وري پڇيائون. نماز ٿي ويئي؟ وري چيو ويو ته حضور ﷺ جن جو انتظار آهي. پاڻ سڳورن وري غسل فرمايو ۽ اٿڻ گهريائون ته بيهوش ٿي ويا. ڪجهه طبيعت بحال ٿي ته وري پڇيائون. ٽيون ڀيرو جسم مبارڪ تي پاڻي وڌيو ويو، وري جڏهن اٿڻ جو ارادو ڪيو ته وري به غشي اچي ويئي. هاڻي جڏهن ٻيهر طبيعت ڪجھ بحال ٿي ته ارشاد فرمايائون ته ابوبڪر ﷦ نماز پڙهائي. ان ڪري ڪيترن ڏينهن تائين حضرت ابوبڪر ﷦ نماز پڙهائي.
    وفات کان چار ڏينهن اڳ ۾ طبيعت ۾ ڪجهه سڪون هو. وچئين جي وقت پاڻي جي ستن مشڪن سان غسل فرمائي حضرت عباس ﷦ ۽ حضرت علي ﷦ جي ٽيڪ تي پاڻ سڳورا مسجد ۾ آيا. جماعت بيٺي هئي. حضرتابوبڪر ﷦ نماز پئي پڙهائي. هلڻ جو آواز ٻڌي هن پوئتي هٽڻ گهريو، پر پاڻ سڳورن ﷺ جهلي ڇڏيو ۽ سندس پاسي ۾ اچي ويهي رهيا. نماز کانپوءِ هڪ ننڍو خطبو ڏنائون جنهن ۾ فرمايائون ته ” خدا پنهنجي هڪ ٻءانهي کي اختيار عطاڪيو آهي ته وڻيس ته هو دنيا جي نعمتن کي ابول ڪري پر ه خدا وٽ جيڪي شيون آهن اهي ئي قبول ڪيون.“ اهو ٻڌي حضرت ابوبڪر ﷦ روئي ڏنوڇو ته هوسمجهي ويو هو ته اهو ٻانهو خود محمد ﷺ جن آهن.انصار جي وفاداري جو خيال ڪندي انهن لاءِ فرمايائون :
    ” عام مسلمان وڌندا ويندا، پر انصار اهڙي طرح گهٽ ٿي وينداجيئن کاڌي ۾ لوڻ. مسلمانو! هنن پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو، هاڻي اوهان کي هنن جو فرض پورو ڪرڻو آهي.هو منهنجي جسم ۾ معدي واري جاءِ وانگر آهن. مون کانپوءِ جيڪو اسلام جي ڪمن جو سنڀاليندڙ هجي، آئون ان کي وصيت ٿو ڪريان ته هو هنن سان سهڻو سلوڪ ڪري.“
    شرڪ جو وڏو ذريعو هي هو ته ماڻهو پيغمبرن جي باري ۾ حدکان وڌيڪ مبالغو ڪري وهندا هئا، انهن کي شريعت جو حاڪم مطلق سمجهندا هئا. اهو نڪتو ان مهل حضور پاڪ ﷺ جي پيش نظر هو. فرمايائون :
    ” حلال ۽ حرام جي نسبت مون ڏانهن نه ڪئي وڃي. مون اها ئي شيءِ حلال ڪئي آهي جيڪا خدا حلال ڪئي آهي. ۽ اها ئي شي حرامڪئي جيڪا خدا حرام ڪئي آهي.“
    اسلام جي تعليم موجب عمل کانسواءِ حسب و نسب ڪا شيءِ ڪونهي ايتري تائين جو خود رسول ﷺ جي اختيار ۾ به ڪونهي فرمايائون :
    ” اي خدا جي پيغمبر جي ڌيءَ فاطمه! ۽ اي خدا جي پيغمبر جي پڦي صفيه! خدا وٽ (وڃڻ) لاءِ ڪجهه ڪري وٺو آئون اوهان کي خدا کان بچائي نٿو سگهان.“
    خطبي کان واندا ٿي حضرت عائشه ﷦ جي حجري ۾ آيا.
    يهودين ۽ عيسائين ، پيغمبرن ۽ بزرگن جي مزارن ۽ يادگارن جي تعظيم ۾ جيڪو غلط واڌارو ڪيو هو، اهو بت پرستيءَ جي حد تائين وڃي پهتو هو. حضور انور ﷺ جي نگاهه ۾ ان وقت مسلمانن جي صورتحال هئي ته هي مون کانپوءِ منهنجي قبر ۽ يادگار سان به ڪٿي ائين نه ڪن. اتفاق سان ڪن ازواج مطهرات رضي الله عنهن جن حبشه جي سفر ۾ عيسائي گرجائون ڏٺيون هيون. انهن جي مجسمن ۽ بتن جي ڳالهه ڪئي. پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ” انهن ماڻهن ۾ جڏهن ڪو نيڪ ماڻهو مري ويندو آهي ته ان جي مقبري کي عبادتگاه ٺاهي وٺندا آهن. ۽ ان جو بت ٺاهي ان ۾ بيهاري ڇڏيندا آهن. ائين ڪرڻ وارا قيامت جي ڏينهن بدترين ماڻهو هوندا.“
    عين بيچيني جي حالت ۾ جيڏي مهل به چادر منهن تي وڌائون ٿي يا ڪيڏي مهل گرمي کان گهٻرائي لاهي ٿي ڇڏيائون هوريان هوريان هي الفاظ فرمايائون ٿي :
    ” يهودي نصاريٰ تي خدا جي لعنت هجي جو هنن پنهنجن پيغمبرن جي قبرن کي عبادتگاه بنائي ڇڏيو آهي.“
    انهيءَ حالت ۾ ياد پين ته حضرت عائشه ﷦ وت ڪجهه اشرفيون رکايون هيون، پڇيائون ته عائشه! اهي اشرفيون ڪٿي آهن؟ ڇا محمد ﷺ خدا سان بدگمان ٿي ملندو؟ وڃ اهي خدا جي واٽ ۾ خيرات ڪري ڇڏ.
    مرض ۾ واڌارو ۽ گهٽتائي پئي ٿي، جنهن ڏينهن وفات ٿي يعني سومر جي ڏينهن ظاهري طرح طبيعت کيسڪون هو. حجره مبارڪ مسجد سان ڳنڍيل هو، پاڻ صبح جي مهل پردو کڻي ڏڍائون ته ماڻهو فجر جي نماز ۾ رڌل هئا، ڏسي مشڪيائون ته خدا جي زمين تي نيٺ اهو گروهه پيد ٿي ويو جيڪو رسول ﷺ جي تعليم کي نموپنو بنائي خدا جي ياد ۾ لڳل آهي. ماڻهن آواز (پردي هٽڻ جو) ٻڌي خيال ڪيو ته پاڻ سڳورا ٻاهر اچڻ گهرن ٿا. خوشيءَ مان ماڻهو بي قابو ٿي ويا، ۽ ذريگهٽ نمازون ڀڳيون ٿي. حضرت ابوبڪر﷦ جيڪو امام هو، تنهن گهريو ته پوئتي هٽي وڃي پر پاڻ سڳورن اشاري سان جهليو ۽ حجري جي اندر ٿي پردو ڇڏي ڏنائون. ڪمزوري ايتري هئي جو پاڻ سڳورا پردو به چڱي طرح نه ڇڏي سگهيا. هي سڀ کان آخري موقعو هو جنهن ۾ صحابين ﷦ نبوت جي جمال جو مشاهدو ڪيو.
    جيئن جيئن ڏينهن چڙهندو پئي ويو پاڻ سڳورن تي هر ڀيري غشي طاري ٿي پئي ويئي. حضرت فاطمه ﷦ زهره اهو ڏسي چيو ” هاءِ منهنجي والد جي بيچيني“ پاڻ ٻڌائون ته فرمايائون ” تنهنجو پيءُ اڄ کان پوءِ بيچين نه ٿيندو.“
    ٽپهري هئي، ڇاتي ۾ ساهه جي کرکراهٽ محسوس ٿي ايتري ۾ لب مبارڪ چريا ته ماڻهن هي لفظ ٻڌا :
    نماز ۽ غلامن سان سهڻو سلوڪ“
    ايتري ۾ هٿ مٿي ڪري آڱر سان اشارو ڪيائون ۽ ٽي دفعا فرمايائون :
    ” بل الرفيق الاعليٰ ( هاڻي ٻيو ڪوبه نه، اهو ئي رفيق اعليٰ (خدا) گهرجي ٿو.
    اهو چوندي چوندي هٿ ڍرا ٿي ويا، اکيون ڦاٽي ڇت سان وڃي لڳيون ۽ روح پاڪ قدسي جهان ۾ وڃي پهتو.
    اللهم صل وسلم عليه و عليٰ آله و اصحابه اجمعين
    مدينه جي گهٽين ۾ روڄ راڙي جو آواز بلند ٿي ويو. مسلمانن جي اکين آڏو دنيا اوندهه بنجي ويئي. مسجد نبوي ۾ ڪهرام مچي ويو. حضرت عمر﷦ تلوار ڪڍي ورتي ته جيڪو به ائين چوندو ته محمد رسول الله ﷺ وفات ڪري ويا آهن. ان جو سر لاهي ڇڏيندس. حضرت ابوبڪر ﷦ آيو ۽ حضرت عمر﷦ جي سراسيمگي واري حالت کي ڏٺو ته سمجهي ويو ته اڄوڪي هيءَ نيم اندوهه سڀاڻي ڪيڏينه وڏيکان وڏي گمراهي جو سبب بنجي سگهي ٿي. هو سڌو منبر نبوي ﷺ ڏانهن وڌيو ۽ تقرير فرمايائين:
    ” ماڻهو! جيڪڏهن ڪو محمد کي پوڄيندو هو ته محمد ﷺ هن دنيا مان هليا ويا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو محمد ﷺ جي رب جي پوڄا ڪندڙ هو ته اهو زندهه آهي، ان لاءِ موت ڪونهي. (پوءِ هي آيت تلاوت ڪيائين)
    وَمَا مُحَمَّدٌ إِلاَّ رَسُولٌ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِن مَّاتَ أَوْ قُتِلَ انقَلَبْتُمْ عَلَى أَعْقَابِكُمْ وَمَن يَنقَلِبْ عَلَىَ عَقِبَيْهِ فَلَن يَضُرَّ اللّهَ شَيْئًا وَسَيَجْزِي اللّهُ الشَّاكِرِينَ
    ترجمو: ۽ ﷴ (ﷺ الله جو) پيغمبر آھي، بيشڪ اُن کان اڳ ڪيترا پيغمبر گذري ويا، پوءِ جيڪڏھن (اُھو) مري وڃي يا قتل ٿئي ته (اوھين) پنھنجين کڙين (ڀَر پوءِ) تي ڦرندؤ ڇا؟ ۽ جيڪو پنھنجين کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦرندو سو الله کي ڪجھ نقصان ڪڏھن نه لائيندو، ۽ الله شاڪرن (احسان مڃيندڙن) کي ستت ثواب ڏيندو.
    هيءَ آيت ٻڌڻ سان سڀني صحابين ﷦ جون اکيون کلي ويون ۽ ائينٿي معلوم ٿيو ته آيت پاڪ اڄ ئي لٿي آهي. هر ڪنهن صحابي جي زبان تي اهائي آيت هئي ۽ انهي ئيجو چوٻول هو.
    حضور انور ﷺ جن جي وفات هجرت جي يارهين سال ربيع الاول جي مهيني ۾ سومر جي ڏينهن ٽپهري جي وقت ٿي. مشهور روايت هي آهي ته اها ٻارهين ربيع الاول جي تاريخ هئي. پر خاص ماڻهن جي تحقيق هي آهي ته ربيع الاول جي پهرين هئي.
    حضور پاڪ ﷺ جن جي تجهيز ۽ تڪفين جو ڪم اڱاري تي شروع ٿيو. ۽ پاڻ سڳورن جي خاص عزيزن اهو ڪم ڪيو. حضرت فضل بن عباس﷦، حضرت علي مرتضيٰ ۽ حضور ﷺ جن جي آزاد ڪيل غلام حضرت زيد ﷦ جي پٽ حضرت اسامه﷦ غسل ڏنو، حضرت عباس﷦ به موجود هو. حضرت عائشه ﷦ جي جنهن حجري ۾ پاڻ سڳورن ﷺ وفات ڪئي، اتيئي پاڻ سڳورن کي دفن ڪيو ويو. ۽ ان لاءِ اهو حجرو اڄ ڏينهن تائين روضته النبي جي نالي سان سڏجي ٿو.


    گهرواريون :

    حضور اڪرم ﷺ جن جي سڀ کان پهرين گهر واري حضرت خديجه﷦ هئي. هن وفات کانپوءِ حضرت عائشه صديقه بنت ابوبڀڪر ﷦ ۽ حضرت سوده﷦ بنت زمعه سان نڪاح ڪيائون. ان کانپوءِ ٻيون گهرواريون نڪاح ۾ آيون. جن جا نلا هي آهن : حضرت زينب ﷦ ام المساڪين، حضرت ام سلمه﷦، حضرت زينب﷦ بنت حجش، حضرت جويريه﷦، حضرت اما حبيبه﷦ بنت ابي سفيان﷦، حضرت حفصه﷦ بنت حضرت عمر﷦، حضرت ميمونه ﷦ بنت هارث ۽ حضرت صفيه﷦. هنن مان حضرت زينب ﷦ ام المساڪين کانسواءِ ٻيون سڀ گهر واريون پاڻ سڳورن جي وفات وقت زنده هيون ۽ پاڻ سڳورن کانپوءِ پنهنجي ديني ۽ علمي فيض ۽ برڪت سان دنيا کي مالامال ڪنديون رهيون. پاڻ سڳورن جي هڪ ٻي گهرواري هئي جيڪا ڪنيز هئي ۽ مصر مان آئي هئي ۽ ماريه قبطيه سڏبي هئي. اهي سڀ سڄي امت جون مائرون هيون تنهنڪري امهات المومنين سڏجن ٿيون الله تعاليٰ جي رضا هنن سان گڏ هجي.


    اولاد :

    پاڻ سڳورن جو سمورو اولاد رڳو پهرين گهرواري حضرت خديجه ﷦ مان ٿيو. پڇاڙي واري گهرواري حضرت ماريه قبطيه﷦مان هڪ صاحبزادو حضرت ابراهيم پيدا ٿيو هو، جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو. حضرت خديجه ﷦ مان ٽي صاحبزادا حضرت قاسم، حضرت طاهر ۽ حضرت طيب ٿيا هئا. جن به ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪئي. باقي چار صاحبزاديون ٿيون ۽ سڀني اسلام جوزمانو گذاريو. سڀ کان وڏي حضرت زينب جن جو نڪاح ابوالعاص سان ٿيو هو. ان 8 هجري ۾ امامه نالي هڪ نياڻي ڇڏي وفات ڪئي.ٻي جو نالو رقيه﷦ هو، جيڪا اسلام کانپوءِ حضرت عثمان﷦ جي نڪاح ۾ آئي ۽ مدينه اچي 2 هجري ۾ وفات ڪيائين. ٽئين صاحبزادي جو نالو ام ڪلثوم ﷦ هو. حضرت رقيه﷦ جي وفات کانپوءِ هن سان حضرت عثمان ﷦ نڪاح ڪيو ۽ 9 هجري ۾ وفات ڪيائين. ننڍي صاحبزادي جيڪا حضور ﷺ جن جي سڀني کان وڌيڪ پياري هئي حضرت فاطمه ﷦ زهره هئي جنهن سان حضرت علي مرتضيٰ ﷦ سادي ڪئي ۽ هن مان ٻه صاحبزاد حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين رضي الله عنهما پيدا ٿيا.


    اخلاق ۽ عادتون :

    ام المومنين حضرت عائشه ﷦ کان ڪنهن پڇيو ته حضور انور ﷺ جن جا خلاق ڪيئن هئا؟ هن چيوته ڇا تو قرآن ڪونه پڙهيو آهي؟ جيڪي ڪجهه قرآن ۾ آهي اهي حضور ﷺ جن جا اخلاق هئا. مطلب ته پاڻ سڳورن جي سڄي حياتي قرآن پاڪ جو عملي تفسير هئي ۽ اهو به پاڻ سڳورن جو هڪ معجزو آهي. خود قرآن ان جي شاهدي ڏني ۽ چيو
    انڪ لعليٰ خلق عظيم
    ترجمو : بيشڪ اي محمد! اوهان حسن اخلاق جي وڏي رتبي تي آهيو .
    حضورجن نهايت نهٺا ، ملڻا، مهربان ۽ رحمدل هئا، ننڍن وڏن سڀني سان محبت ڪندا هئا، نهايت سخي، فياض ۽ همٿائيندڙ هئا. پنهنجن مهمانن جي خدمت پاڻ ڪندا هئا. پنهنجا ڦاٽل ڪپڙا پاڻ سبي وٺندا هئا. پنهنجي ڦاٽل جُتي کي پاڻ ڳنڍي ڇڏيندا هئا، ٻڪريون پنهنجن هٿن سان ڏهندا هئا. ماڻهن جي ميڙ ۾ ويهندا هئا ته سڀني جهڙا ٿي ويهندا هئا. مسجد نبوي ﷺ جي همه اڏاوت ۽ کاهي کوٽڻ ۾ سڀني مزورن سان گڏجي پاڻ سڳورن به ڪم ڪيو .
    يتيمن سان محبت ڪندا هئا، غريبن جي مدد ڪندا هئا ، مءلومن جو فرياد ٻڌندا هئا قرضدارن جو قرض ڏيندا هئا، غلامن سان شفقت فرمائيندا، هيڻن تي رحمڪندا ۽ بيمارن کي دلاسو ڏيندا هئا.بيواهن جو سهارو بنبا هئا، ڏوهارين کي معاف ڪري ڇڏيندا هئا، دشمنن لاءِ خير جي دعا ڪندا، پاڙيوارن جي خبر وٺندا، انهن ڏانهن تحفا اماڻيندا ۽ انهن جي گهر وڃي سندن ڪم ڪري ايندا هئا.
    هو، نبين ۾ رحمت لقب جنهن لئه آيو
    غريبن جو لايو ڪيو جنهن سجايو
    مصيبت ۾ غيرن کي ڪم جيڪو آيو
    پراين ۽ پنهنجن جو ڏک جنهن ونڊايو
    هو هيڻن جو حامي، فقيرن جو آڌر
    غلامن جو موليٰ يتيمن جو ياور
    خطاڪار کان درگذر جنهن ڪيو ٿي
    شڪي قلب ۾ گهر جنهن ڪيو ٿي
    براين کي ميٽي مٽائي ڇڏيائين
    قبيلن کي کنڊ کير ٺاهي ڇڏيائين
    لهي هو حرا کان طرف قوم آيو
    کڻي نسخه ڪيميا ساڻ آيو
    ڪٽيل لوه کي جنهن هو ڪندن بنايو
    ۽ کوٽي کري جو فرق پڻ ٻڌايو
    عرب تي هئي ڇانيل صدين کان جهالت
    هڪ کن ۾ بدلي ڇڏيئين ان جي حالت
    رهيو ڊپ نه ٻيڙي کي موج بلا جو
    هتان کان ويو هوڏي ڦري رخ هوا جو

    حضرت انس ﷦ چوي ٿو ته مون ڏهه سال پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ گذارياپر پاڻ سڳورنﷺ نه ڪڏهن دڙڪو ڏنائون نڪي ماريائون، نه وري اهو پڇيائون ته تو هي ڪم ڇو ڪيو ۽ هي ڇو نه ڪيو. پاڻ سڳورن سڄي ڄمار ڪڏهن به ڪنهن کي نه ماريو ۽ ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي ته فوج جو هڪ جرنيل جنهن لاڳيتو نو سال لرائين ۾ گذاريا ۽ جنهن ڪڏهن به لڙائي جي ميدان کان منهن نه موڙيو تنهن پنهنجي دشمن تي ڪڏهن به تلوار ڪانه کنئي ۽ نه ڪڏهن پنهنجي هٿ سان ڪنهن تي الر ڪيائون. احد جي ميدان ۾ جڏهن سڀني پاسن کان پاڻ سڳورن تي پٿرن ، تيرن ۽ تلوارن جو مينهن پئي وسيو پاڻ ﷺ پنهنجي جاءِ تي بيٺا هئا. ۽ جان نثار سڄي کٻي وڍجي ڪپجي ڪريا پئي.
    اهڙي ريت جڏهن ”حنين“ جي لڙائي ۾ جڏهن اڪثر مسلمانن جا پير اکڙي ويا هئا. حضور ﷺ جن جبل وانگر پنهنجي جاءِ تي بيٺا هئا. صهابي ﷦ چون ٿا ته لڙائي جي اڪثر مقابلن ۾ پاڻ سڳورا اتي هوندا هئا جتي وڏا وڏا بهادر بيهڻ کي پنهنجي شجاعت جو آخري ڪارنامون ڄاڻندا هئا پر اهڙن خوفناڪ هنڌن تي رهي به دشمن تي هٿ ڪونه کڻندا هئا. احد جي ڏينهن جڏهن مشريڪن جي حملي ۾ سر مبارڪ زخمي ۽ ڏند مبارڪ شهيد ٿيا هيءُ فرمايائون ٿي ” خداوندا! هنن کي معاف ڪر جو هنن کي خبر ڪانهي.“
    سالها سال جي ناڪامي جي تڪليفن کانپوءِ به ڪڏهن مايوسي پاڻ سڳورن جي دل ۾ ڪانه اچي سگهي. ۽ نيٺ اهو ڏينهن آيو جڏهن پاڻ ﷺ اڪيلا سڄي عرب تي ڇائنجي ويا. مڪه جي تڪليفن کان گهٻرائي هڪ صحابي عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ توهان سان لاءِ ڇو دعا نٿا گهرو اهو ٻڌي پاڻ سڳورن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ فرمايائون ته ” اوهان کان اڳ ۾ جيڪي ماڻهو ٿي ويا انهن کي ڪرٽن سان چيريو ويو انهن جي بدن تي لوهه جون ڦڻيون هلايون ويون جنهن سان کل ۽ گوشت سڀ وڍجي ٿي ويو. پر اهي تڪليفون به انهن کي حق کان ڪونه ڦيرائي سگهيون. خدا جو قسم دين اسلام پنهنجي ڪمال واري مرتبي تي پهچي ئي رهندو، ايتريقدر جو ”صنعاء“ (يمن) کان حضر موت تائين هڪ سوار اهڙي ريت بني ڊپو هليو ويندو جوا ن کي خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو ڊپ ڪونه هوندو.
    پاڻ سڳورن جو اهو عزم ۽ اسقلال ياد هوندو، جڏهن پاڻ ﷺ پنهنجي چاچي کي هي جواب ڏنو هئائون ته ” پيارا چاچا!جيڪڏهن قريش منهنجي ساڄي هٿ ۾ سج ۽ کاٻي هٿ ۾ چنڊ آڻي رکن تڏهن به حق جي اعلان کان ڪونه مڙندس.“
    هڪ ڀيرو منجهند جو هڪ لڙائي ۾ پاڻ سڳورا هڪ وڻ هيٺيان اڪيلا آرام ڪري رهيا هئا. هڪ عرب آيو ۽ تلوار ڪڍي چيائين. ” ٻڌاءِ اي محمد هاڻي توکي مون کان ڪير ٿو بچائي سگهي؟“ اطمينان ۽ تسليواري آواز ۾ جواب ڏنائون ” الله“ هو اهو جواب ٻڌي ڏڪي ويو ۽ تلوار مياڻ ۾ کڻي وڌائين.
    لڙائين جي مال غنيمت ۽ خيبر وغيره جي زمينن جي پيدائش جو حال ٻڌي ڪنهن کي اهو شڪ نه ٿئي ته ڪو هاڻي اسلام جي غربت جو زمانو ختم ٿي ويو ۽ پيغمبر اسلام ڏاڍي آرام ۽ ٺاهه ٺوهه واري زندگي گذارڻ لڳا هئا. پاڪ بيبين ۽ اهل بيت جي گهرن ۾ جيڪي به ايندو هو اهو ٻين ضرورتمندن ۽ محاتجن جي نذر ٿي ويندو هو ۽ خود پاڻ سڳورن ۽ سندن ﷺ اهلبيت جون حياتيون ائين ئي ترنگدستي ۽ غربت ۾ گذرنديون هيون. خود (پاڻ سڳوار) فرمائيندا هئا ته ”آدم جي اولاد لاءِ اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ رُکي سُڪي ماني ۽ پاڻي ڪافي آهي.“ ۽ ان تي ئي پاڻ سڳورن جو عمل هو. حضرت عائشه ﷦ فرمائي ٿي ته پاڻ سڳورن جو ڪپڙو ڪڏهن به ويڙهي ڪونه رکبو هويعني هڪ ئي وڳو ڪپڙو هوندوهو ۽ ٻيو ڪونه هو جيڪو ويڙهي رکجي ها.
    حضرت ﷺ جن جي گهر گهڻو ڪري فاقو رهندو هو. ۽ ڪيترا ڪيترا ڏينهن تائين رات جو کاڌو ڪونه ملندو هو. ٻن ٻن مهينن تائين لاڳيتو گهرن ۾ چلهه ٻارڻ جي نوبت ڪانه ايندي هئي. ٿورين کجورن تي گزارو ٿيندو هو ته اهو ئي پي وٺندا هئا. حضرت عائشه ﷦ فرمائي ٿي ته پاڻ سڳورن ( مدينه جي زماني ۾) ڪڏهنبه ٻه ويلا ڍو ڪري ڪونه کاڌو.
    هڪڀيري جي ڳالهه آهي ته هڪ بکيو پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ آيو. پاڻ ﷺ پاڪ بيبين مان ڪنهن ڏانهن چوائي اماڻيائون جواب ۾ آيو ته گهر ۾ پاڻي کانسواءِ ڪجهه ڪونهي. پاڻ ﷺ ٻئي گهر ۾ ماڻهو اماڻيائون اتان به ساڳيو جواب آيو. اهڙي طرح اٺ نو گهرن مان ڪٿي به پاڻي کانسواءِ کاڌي جي ڪا شيءِ ڪونه نڪتي.
    هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا بک ۾ ٺيڪ منجهند جو گهران نڪتا، واٽ تي حضرت ابوبڪر ﷦ ۽ حضرت عمر ﷦ گڏيا هي به ٻئي ڄڻا بکيا هئا. هنن کي وٺي حضرت ابو ايوب انصاري جي گهر آيا. هن کي خبر پيئي ته ڊوڙي آيو ۽ باغ ۾ وڃي کجورن جو هڪ ڇڳو ٽوڙي آيو ۽ آڻي اڳيان رکيائين. ان کانپوءِ هڪ ٻڪري ڪٺائين ۽ کاڌو تيار ڪرائي آڻي اڳيان رکيائين. حضور پاڪ ﷺ جن هڪ ماني تي ٿورو گوشت رکي فرمايو ته هي فاطمه ﷦ ڏانهن ڏياري موڪليو. هن کي ڪيترن ڏينهن کان کاڌو نصيب ڪونه ٿيو آهي.
    حضور پاڪ ﷺ جن جڏهن وفات فرمائي ته حالت هي هئي جو پاڻ سڳورن جي زره ٽي سير جون جي عيوض هڪ يهودي وٽ گروي هئي جن ڪپڙن ۾ وفات ڪيائون انهن ۾ هيٺ مٿي چتيون لڳل هيون.
    حضرت فاطمه زهره ﷦ سان پاڻ سڳورن کي ڏاڍي محبت هئي، پر اها محبت سون چاندي جي زيورن ۽ سرن ۽ چُن جي جاين ۾ ڪڏهن به ظاهر ڪانه ٿي. بيبي فاطمه ﷦ پنهنجن هٿن سان ڪم ڪندي هئي پاڻي جي مشڪ ڀري ايندي هئي اٽو ڳوهيندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪڏهن والد ﷺ سان ڪنهن غلام يا ڪنيز جي فرمائش ڪندي هئي تهفرمائيندا هئا ته ڌيءَ هي تسبيح پڙهندي ڪر. هڪ ڀيري جڏهنگهڻيون ئي ڪنيزون ۽ غلام آيا ته پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ وڃي عرض ڪيائين. فرمايائون : پيءُ جي جان! بدر جا يتيم۽ صفه جامسافر توکان وڌيڪ حقدار آهن.
    غربت کان پاڪ سيده جو هي هال هو
    گهر ۾ نڪا ڪنيز نه ڪوئي غلام هو
    تريون ٻنهي هٿن سنديون وييون گسي هيون
    چڪي پيهڻ جو ڪمئي ڏينهن رات جام هو
    سيني تي رکي مشڪ پاڻي ڀريندي هئي
    گهر نور سان ڀريل پر تيل خام هو
    لٽجي ويو ٿي لباس مبارڪ غبار سان
    ٻهاريءَ جو ڪم به روز صبح شام هو
    آخر وئي جناب رسول خدا اڳيان
    اتفاق سان اتي هڪ يڙ عامهو
    محرم نه سي هئا ته ٻڌائي سگهي ته عرض
    واپس وري جو ايءَ به حيا جو مقام هو
    ٻيهر وئي جڏهن پڇيو حضور جن
    ڪلهه ڪيئن آئيين ڏس ڪهڙو ڪلام هو
    غيرت کان اڄ به هوءَ ڪجهه نه چئي سگهي
    حيدر ٻڌايو نيٺ جيڪو پيام هو
    ارشاد ٿيو ته ” هي غريبان بي وطن“
    صئه نبي ۾ هر دم جن جو قيام هو
    واندو اڃان هنن جي ڪم مان به ناهيان
    جن لاءِ مون ڪيو هي خاص اهتمام هو
    تڪليف جيڪا هي پيا ڀوڳين روز روز
    ان جو ذمو اصل کان منهنجي ئي نام جو
    توکان وڌيڪ مقدم آهي هنن جو حق
    اڃ بک کان جن سندو جيئڻ حرام هو.
    سيده سڻي هي هال خاموش ٿي وئي
    جرئت نه ٿي وڌيڪ ادب جو مقام هو
    هي آهي اهل بيت مطهر جي زندگي
    هي ماجراء دختر خير الانام هو

    ( ختم شد)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267774
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 388003
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ