ڪتاب جو نالو: چنڊ چوانءِ سچ
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشنائي پبليڪيشن حيدر آباد
ڪيٽيگري: سائنس، علم ۽ رسالا
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 08 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1753 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 778 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جا پڙهندڙ کانئس هن قسم جا سوال پڇندا رهن ٿا: مختلف ملڪن ۾ نمازن جا ٽائيم ڇا آهن؟ اهي ملڪ جِتي 22 ڪلاڪ ڏينهن يا رات ٿئي ٿي ته پوءِ اهڙن هنڌن تي نماز يا روزي جا وقت ڇا ٿين ٿا. ڇو ڀلا اسان وٽ توڙي مصر، سعودي عرب، انگلنڊ ۽ آمريڪا جا مسلمان نومبر ڊسمبر ۾ رمضان ٿيڻ تي خوش ٿين ٿا پر آسٽريليا، نيوزيلنڊ، چلي ۽ سائوٿ آفريڪا جا مسلمان جون جولاءِ ۾ رمضان ٿيڻ تي خوش ٿين ٿا. دنيا جا مسلمان هڪ ئي ڏينهن تي عيد ڇو نٿا ڪن؟ عيد يا رمضان شروع ٿيڻ جي تاريخ جو پهرين حِساب ڪِتاب ڇو نٿو ڪيو وڃي جيئن سج لهڻ ۽ سج اڀرڻ جو توڙي سامونڊي وير لهڻ ۽ چڙهڻ جو اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو. نوري سال ڇا آهن؟…. ان قسم جا انيڪ سوال جن جو واسطو ائسٽرونامي (Astronomy) يعني علم فلڪيات سان آهي ۽ جيڪو سبجيڪٽ تعليم دوران مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۽ الطاف جو اهو سبجيڪٽ دلپسند رهيو آهي. هن اهڙن سوالن کي مد نظر رکي الطاف سائنسي انداز ۾ پڙهندڙ لاءِ هي ڪتاب لکيو آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • منهنجو E-mail فرينڊ - الطاف شيخ (ڊاڪٽر امجد علي ڪيريو)
  • آخر ڪهڙو فائدو؟
  • ولايت ۽ اسان جا ڊاڪٽر
  • يادون منهنجن يارن جون
  • ڪاپي ڪلچر
  • وڇونءَ جي پٺي نه ٺپر...
  • غلط انگريزي لکڻ واري ڇوڪري...
  • يار رڪشا وارو دل ۾ ڪندو...
  • حيدرآباد جي برياني ۽ رٻڙي
  • پوليس کي شڪ آهي ته مون ڀڄائي آهي...
  • وينس بيوٽي پارلر، طوبيٰ بيوٽي پارلر
  • ڪلاس نائين ۽ مئٽرڪ جي شاگردن لاءِ
  • چمچاگيريءَ جي موسم
  • ولايت جي نوڪري ۽ اسين
  • How About Second Wife
  • هي اسانجو سج، چنڊ ۽ ڌرتي
  • عرب ”علمِ فلڪيات“ جا ماهر هئا
  • آسمان جو سڀ کان گهڻو چلڪندڙ تارو
  • چندرما جي ساک
  • سنو میرے ویر! (زهره، مشتري ۽ مريخ)
  • سنو میرے ویر! (زهره، مشتري ۽ مريخ)
  • نکٽ سڀ نئي ويا
  • قطب تارو، الغول ۽ ويگا
  • الطائر ۽ ذنب الدجاجة
  • جتي جون جولاءِ سرديءَ جا مهينا ٿين
  • مغرب ۽ عشاء نمازن ۾ وٿي
  • بالڪني ۾ اچي وار سُڪائي
  • ڌرتيءَ جو هڪ هڪ ماپيل ميل
  • آمريڪا ۾ پنج وقت
  • فقط اڍائي ڪلاڪن جو دورو
  • سج کان اڳ ۽ پوءِ جي روشني
  • مُون سائيٽنگ يا مُون فائيٽنگ
  • ڪجهه چنڊ جي شڪل و صورت بابت
  • ڌرتي هڪ تيز رفتار جهاز
  • چنڊ بابت ڏند ڪٿائون
  • چانڊوڪي راتين ۾ ڊپريشن وڌيو وڃي
  • چنڊ تي رهڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي
  • چٻري وانگر چنڊ سان چاهت رکڻ
  • عيد جو مدار چنڊ ڏسڻ تي آهي
  • چنڊ بابت ڪجهه مذهبي مونجهارن جا مليل جواب
  • چنڊ بابت ڪجهه سائنسي حقيقتون
  • قمري ۽ شمسي ڪئلينڊر
  • مذهبي تهوارن ۾ وحدت ۽ ٻَڌي
  • چنڊ ۽ تارن بابت ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ
  • ڪجهه ياد رکڻ جون ڳالهيون
  • چنڊ تارن بابت ڪجهه حيرت انگيز ڳالهيون
  • صحبت جو اثر
  • گِلا – اسانجو خاص شغل
  • مغرب جي ماڻهن کي ڇو ٿا ڪافر سڏيو
  • پاڻيءَ جو ڪم ٻرڻ ۽ ٻارڻ آهي
  • هڪ آمريڪي ۽ يورپي نو مسلم جا خيال
  • عجيب ۽ دلچسپ سوال

  • منهنجو E-mail فرينڊ - الطاف شيخ (ڊاڪٽر امجد علي ڪيريو)

    آئون الطاف شيخ سان اڃان مليو ڪونه آهيان، ڪٿي گڏجي چانهه ڪانه پيتي اٿئون ڪنهن شادي يا ڊنر ۾ ملاقات ڪانه ٿي آهي. ڪڏهن پاڻي واري جهاز، هوائي جهاز يا پاڪستان ريلوي جي ٿڌين هوائن واري ڪمپارٽمينٽ ۾ گڏ سفر ۽ suffer ڪونه ڪيو اٿئون. اسان جي فيلڊ ۽ فن جدا، راهون ۽ رستا جدا. جذبا ۽ جنون جدا. ريت ۽ رسم جدا. اُمنگون ۽ آرزئون جدا. راز ۽ رمزون جدا، خواهشون ۽ خواب جدا آهن ۽ انهن جون ساڀيائون پڻ ڌار آهن.
    الطاف شيخ جو ننڍپڻ شهر ۾ ۽ منهن جو ڳوٺ ۾ گذريو آهي. آئون روز شام جو ٻڪرين ۽ رڍن جو موٽندڙ ڌڻ، لهندڙ سج جي بئڪ گرائونڊ ۾، بند جي پويان هڪ هڪ ٻه ٻه ٿي مٿي چڙهي وري اڳيان اچي ڳوٺ ڏي موٽڻ واري مال جو منظر وساري نه سگهيو آهيان. هاڻ به شادي وغيره ۾ سعيو ڪري دير سان وڃان ته جيئن اهو منظر ڏسان. شايد منهن جو من سودائي آهي. شام گهڻن کي ڊپريس ڪري پر مونکي ايڪسائيٽ.
    الطاف شيخ جو فئورائٽ سبجيڪٽ مٿئس ۽ منهنجو انگلش آهي. چٽو ياد اٿم ته a-b اسڪوائر جا جزا ڪڍندي ٻرو چڙهندو هو. ڀانئيان ته ڪو ٻيو ڪري پر سائين ٻيو ڪير ڪري؟ هيرالڊ رابنس کي ڪئوٽ ڪندس every body has to take his own cross and fight his own war الطاف شيخ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ۽ آئون لوڪل ڪاليج ۾ پڙهيو هوس. الطاف جو دور ايوب جو ۽ منهن جو ضياءَ جو (اهو واحد قدر ساڳيو آهي).
    الطاف شيخ اسان کان گهڻو اڳ گريجوئيٽ ٿي ويو. تڏهن آئون الف دو زبر اَن پڙهندو هوس. اڃا تائين ڪير مون کي دو ڪونه سمجهائي سگهيو آ. اها رفوگري ڪهڙي لسانيت جي ماهر ڪئي آهي.
    ڪيترن دوستن هينئر وزن وڌائي ڇڏيو آ ۽ وارن ۾ لابارو پوندي ڪافي ڏينهن ٿيا آهن يا چاندي لهي آئي آ، پر هاڻ ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿئي ٿي جو موبائل فاصلا وڌائي ڇڏيا آهن. هونئن جو بس ۾ به ٽائيم ڪڍي ملبو هو، هاڻي سي. اين. جي مهانگي ٿي وئي آهي. وڏي ڳالهه ته اهي فرصتون ڪٿي؟
    (روز هڪ ٻئي سان ملڻ جو هو وچن
    يا هاڻ سال ساهيون ٿيو وڃن).
    الطاف شيخ منهنجو يا آئون الطاف جو ڳوٺاڻي آهيان. منهن جا ڳوٺائي شهيد، شهمير، غلام شبير ڇڄڙو، شهيد سيد سيف الله شاهه جيڪو منهنجن پيارن دوستن ڊاڪٽر مخمور بخاري (جنهن 29 سالن جي مختصر ڄمار ۾ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي آهي) ۽ ڊاڪٽر اسد الله جو مٺڙو ڀاءُ هو، مونکي به ڀائرن کان وڌ مٺو هو. لساني تنظيم هٿان شهيد ٿي ويا ۽ هالا جي تاريخ پنهنجي خون رنگين رقم ڪري ويا.
    انهيءَ وقت اڃا ذهني شعور ايتري ترقي ڪانه ڪئي هئي، اڃا قوم جي نياڻين سوڙها پاجاما پائي سرِعام ڊانس ڪرڻ کان اڳ سو ڀيرا سنڌوءَ ۾ سر ڏيئي سرهو ٿيڻ کي پسند ڪيو ٿي. اڃا ٿرڊ ورلڊ آرڊر ڪونه نڪتو هو. اڃا پاڪستاني رپئي ۽ گريجوئيٽ جي ٻاهر ايتري ڊي وئليو ڪانه ٿي هئي، اڃا پاڪستاني پاسپورٽ تي سڄي دنيا جي مهاجرن ٻاهر ڪرائيم ڪونه ٿي ڪيا. اڃا سيڪسي ڪپڙا پائي ڊيل وانگر هلڻ جو ڪنهن سوچيو به ڪونه هو. سڀني مردن جي نگاهن کي فحش هئڻ جو الزام هڻڻ وارا ۽ واريون اڃا ماءُ جي پليسينٽا ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيون هيون.
    الطاف شيخ کي ماءُ سنڌي ۾ لولي ڏني. مونکي به امان جيجل سنڌيءَ ۾ لولي ڏني. الطاف کي پيءُ چيو ته نوڪري ڪرڻي اٿئي ته سولي ڪري ڪر، مونکي به هوبهو اهي لفظ منهنجي پيءُ چيا. شال ٻنهي جي والدين کي الله سائين جنت الفردوس ۾ جايون ڏي. آمين
    آئون پنهنجي وچن تي قائم آهيان الطاف جي خدا کي خبر (هيترا پرستا) هوندي ڪير هن کان پڇي ته ڪيڏي مهل آئين ۽ ڪيڏي مهل وئين؟ ته سڀ گڏجي ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري لوڙهي ڇڏينس.) ڪيترا ڏينهن الطاف جا آرٽيڪل ٻين وانگر پڙهان پيو. سوچيان ته ڪانٽيڪٽ ڪرڻ لاءِ ڪا سفارش ڳوليان باقي هيڏو وڏو آفيسر مونکي جواب ڏيندو الائي نه. ڪيترا ڏينهن سوچي پوءِ اي ميل ڪيم. ٻن ڏينهن کان پوءِ اِن باڪس کوليان ته مٿان ئي مٿان الطاف شيخ لکيو پيو آهي. ڪيترو وقت نالي تي اکيون کپائي ويٺو رهيس. پوءِ ڊڄي ڊڄي کوليم الائي الطاف آهي يا ڪو دوست مذاق پيو ڪري. کولي ڏسان ته الطاف جو جواب لکيل هو وضاحت سان ۽ مٿان thanks يعني مهرباني وري منهنجي. اهي جراثيم پڪ الطاف انگريزن وٽان کڻي آيو آهي نه ته ننڍا آفيسر منهن سامهون هروبرو جواب سڌو ڪونه ڏين، پوءِ ته جيڪي به جواب ڏنائين سي محفوظ ڪري رکيم، اهو منهن جو خزانو آهي ڪنهن کي ڪونه ڏيکاربو. مخمور کي به نه شهيد کي به نه. صفا نه!
    ائين پوسٽ گريجوئيٽ ڪرڻ وقت آڪسفورڊ جي ڊائريڪٽر سان لکپڙهه رهي. ڪهڙو به خط لکبو جواب ضرور ملندو. الائي ڪيترا هنن کي خط لکندا هوندا. ظاهر آهي انهيءَ لاءِ گورنمينٽ جي طرفان ڪا بجيٽ ته رکيل نه هوندي. هو پنهنجي خرچ تي مونکي جواب لکندو رهيو هدايتون ڏيندو رهيو. اڃا مون وٽ اهي خط محفوظ آهن. الطاف به ٻاهر رهندي اهي وصفون اپنائي آيو آهي.
    مهربانيون شڪريا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا،
    پيار ۾ ليکا پرين ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا.
    (شهيد)
    ڄام شورو (امداد حسيني چوي ٿو ته ٻه الڳ الڳ لفظ آهن انڪري الڳ ڪري لکو! هوندو، آئون جهنگ جي بلا مونکي ڪهڙي خبر) ڪافي سال ڪراچي وڃڻ وارن جي راهه هوندو. هو ڪي اتي اسٽاپ ڪري چانهه پاڻي ڪن، ڪي ٿرو وڃن. لنگهي وڃڻ وارن به. ڄامشوري تي ڪافي لکيو. ڪن کي ٻه چار مهينا يا سال کن نوڪري ملي، رڳو پيا ڄامشورو ڄامشورو ڪندا. گيت، غزل ۽ ڪهاڻيون لکندا. آهي ڪجهه ڪونه! ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ وانگر ٻين بجي تائين رونق رهي پوءِ صفا سڃ! پٿريلو علائقو آهي رات سو ٺري ٿي باقي خير. الائي ڪهڙو سڀاڳو ڏينهن هو (شايد موڪل هئي) جو الطاف شيخ ڄامشوري ۾ هڪ رات رهيو. صبح جو وهنجڻ مهل ڦوهاري جي سڀني سوراخن مان پاڻي تيزي سان وهي رهيو هو. (يادن جي انڊلٺ) آئون ته پنجن ڇهن سالن ۾ هڪ ڏينهن به اهڙو نه سنڀران. چوٿين پنجين ڏينهن پاڻي بند. بالٽي دٻا کڻي ڪڏهن هن هاسٽل ڪڏهن هُن هاسٽل. وهنجڻ ته ٿيو پري وضوءَ لاءِ پاڻي ڪونه ملندو. اهي ڏينهن ڪاليج مس ڪري، جهڙا تهڙا منهن کي ڇنڊا هڻي، سڄو ڏينهن تاس يا ڪو ڊائجيسٽ پڙهيل هجي، وري پڙهبو هو. ٻي ڪا انٽرٽين ڪانه هئي. (ٿي سگهي ٿو الطاف شيخ استادن وارن هاسٽل ۾ رهيو هجي. اتي ڪا ڪرم فرمائي ٿي هجي. باقي شاگرد ته يتيم هئاسون.) شام جو ڦاٽڪ تي چانهه پيئڻ وڃبو، هٿ ڪوپ ۾ اکيون ڪراچي واري بس جي اڳئين پورشن ۾.
    الائي ڪيترا سوين، جن ۾ اپر سنڌ عموماً ۽ ٿر وارا خصوصاً، جن ڪڏهن بنا چادري جي عورت ڪانه ڏٺي، تن جو من وائڙو، واڇ گودو ۽ وايون بتال هونديون هيون، شاگردياڻيون ان وقت پڇاڙيءَ تائين نو لفٽ جو بورڊ منهن تي هنيو هليون (اڃا وي سي آر تي بندش هئي ڪئبل جو نالو ڪنهن ٻڌو ڪونه هو، ماحول صفا ٽائيٽ هو.) سٺن خاندانن جي اعليٰ ذات وارن جو نزلو ڪرندو هو، انهن ڪارين نرسن تي جن لاءِ ڀٽائي فرمايو:
    ڪاري ڪوجهيون ڪينريون مور نه موچاريون،
    وٺي ويٺيون واٽ تي ککي هاڻيون کاريون.
    پاڻ کي ڄام جو بابو سمجهندي جن تي پنهنجو ٽائيم، پئسو ۽ توانائي وڃايائون، جن جي جهان کي خبر هوندي ته اهي ڪهڙيون خانداني آهن. نوي سيڪڙو عيسائي هونديون هيون. گهڻن اتان شادي ڪئي. ڪيترن مري اتي ميوا شاهه مقام ۾ قبر ٺهرائي ڳوٺ جو منهن ڪونه ڏٺو ڪيترن جي پٽن کي عيد براد حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ پنهنجي بابن کي ڳوليندي هنن اکين ڪيترا ڀيرا ڏٺو. اٽو ۽ لٽو ته ٿيو پري، عيد جي خرچي يا نصيب. گهڻن پنهنجون ننڍپڻ جون منڱون ڇڏي، (ڪن طلاقون ڏيئي ٻي جي ڪوشش ڪئي پر ڪانه ٿي، خدا هي ملا نه وصالِ- صنم) اتان شادي ڪري اتي جا ٿي ويهي رهيا. ڀينر هن ڀنڀور ۾ اڃا هي گنهگار اکيون بند ٿيڻ کان اڳي ڪيترا منظر ڏسنديون.
    تفو برتو اي پرخِ گردان تفو.
    الطاف شيخ جو هالا جي نجم جو آرٽيڪل مون ويب تي ڏنو آهي پڙهي ڏسو.
    ڪس سي انصاف مانگون ڪسي منصف ڪهون.
    انهي ڄام شوري لاءِ ماڻهن آهون ڀريون، دانهون ڪيون، لڙڪ لاڙيا، ڳچ ڳاريا. انهي ڄامشوري گهڻا گهر ڦٽايا، گهڻيون دليون ٽوڙيون، گهڻن جون منڱون اڻ ڇهيون اڻ ڏٺيون جن ڪڏهن ڪنهن غير مرد جو منهن ڪونه ڏٺو، اهي در ۾ نهاري نهاري، طعنا تنڪا سهي سهي، ٽي بي جون مريض ٿي، رت اوڳاڇي، مري دفن ٿي ويون. چڱا مڙس ڪلهي ڪانڌي ڪونه ٿيا. گهڻن جو اولاد هميشھ لاءِ يتيم ٿي ويو. ان کي چئبو آهي لڳي کي لعنت آهي؟
    ڪنهن چيو الطاف تبليغ ڪونه ٿو ڪري ڇو سائين؟ هيڏا سارا ٻه وڏا ڪتاب، ڀلي پار تان ڀيرو آئون سمجهان ٿو سڀني کان ٿلهو واليوم آهي ۽ اي روڊ ٽو مدينه سڄي جا سڄا تبليغ، دعائن، آزين نيزارين معافين تلافين، آهُن ۽ دانهن سان ڀريا پيا آهن. سچي مومن سندي ميراث آهي جيڪو اتي پهچي رب کان پنهنجي خطائن جون معافيون وٺي ٿو. پاڻ به روئي ٿو اسان کي به روئاڙي ٿو.
    اللهم عفو وتحب عفو فاعف عنا
    مونکي پڪ آهي ته جيڪر الطاف پهرئين يا ٻئي سال عمري يا حج تي وڃڻ ٿئيس ها ته گهڻو سفرنامن ۾ فرق محسوس ٿئي ها پر قدرت کي ايترا سفرناما لکائي پوءِ الطاف کي حج ڪرائڻو هو.
    هر ليکڪ پنهنجي ليک ۾ ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو آهي الطاف پڙهندڙ کي پاڻ سان وٺيو هلي، ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ٿري ڊي جي فلم پئي ڏسجي. ڪافي ڪتاب پڙهيا اٿم پوءِ به گهٽ ٿو چوان پر اها پڪ اٿم ته ڪنهن به اديب جا سڀ ناول يا شاعري ايترو مقبول نه ٿي هوندي جيترا الطاف جا سڀ ڪتاب. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترا سنڌي، ڪتاب خريد ڪري پڙهن ٿا. هن عمر ۾ پڙهندڙ کي نئون سفرنامو ڏيڻ لاءِ الطاف پنهنجي خرچ تي ست سمونڊ پار وڃي ٿو. آمريڪا جهڙي مهانگي ملڪ ۾ پنهنجي خرچ تي، ڪو سرڪاري ڊيليگيشن يا پبلشر کان ائڊوانس نه ٿو وٺي. الطاف کي شهرت جي ضرورت ڪونهي ڪا، هي سڄو مواد الطاف جو ئي آهي ائين سمجهو ته چانهه ۽ شربت (اسلامي ملڪ ۾) الطاف جو ڪوپ ۽ گلاس منهنجا آهن
    گر قبول افتدزه- عزوشرف
    ڪتاب ۽ اخبار جي وڌيڪ مقبول آهن ته جلد مارڪيٽ مان گم ٿي وڃن ٿا پر انٽرنيٽ گم ٿيڻ جهڙي شيءِ ڪانهي ڪا. رڳو اسان کي وقت ملي ته ٻين سان گڏ پنهنجي مادري ٻولي کي ٽائيم ڏيون.
    ڪو گهر ويٺي چوي ٿو فلاڻي جو ايمان لوڏن ۾ ڪونهي ڪو.
    ڪو چوي جنهن جي چيچ سيد جي هٿ ۾
    ڪو چوي آئون بهترين بوالهوس رهيو آهيان
    ڪو چوي آئون نماز پڙهان پر گوڏن ۾ سور ٿو پوي
    ڪو چوي مومل نه سهي سومل ئي سهي
    ڪو چوي خدا بهيج ديتا هي حور صهبا کي لئي
    ڪو چوي مون زندگيءَ ۾ صرف ارڙهن عشق ڪيا ٽرين ۾ زال ويٺي هوندي ۽ مسافرخاني ۾ محبوبه
    ڪو چوي مان هيڏو وڏو ليکڪ سڄو ڏينهن ويٺو يس يس سر ڪيان
    ڪو چوي لوڪ ستي مس ڪال ڪري ٿي.
    هلو سائين هڪ ٻن کي ڇڏيو
    امير خسرو کان اياز تائين، نائيٽ اينگل کان نورجهان تائين، حافظ کان حميد شهيد تائين، مايا انجلو کان مخمور بخاري تائين، جين آسٽن کان مارٽن لوٿر ڪنگ تائين، عمر خيام کان عبيد راشدي تائين، سعدي کان سانگي تائين، فردوسي کان فراز تائين، شيلي کان شاڪر تائين، بودليئر کان بيدل تائين، هيرالڊ رابنس کان هري موٽواڻي تائين، موهن ڪلپنا کان منشي ابراهيم تائين، پئبلونرودا کان پوپٽي هيراننداڻي تائين، رابندر ناٿ کان رجنيش گرو تائين.
    ڪنهن ڪنهن جو ايمان پرکيو آهي؟
    ۽ ڪهڙي ڪسوٽي تي؟؟
    ۽ ڇو؟؟؟
    فرانس جا ڪوپ ڪراڪري، باٽا جا جوتا، انڊيا ۾ ٽاٽا ۽ برلا، نوڪيا، سوني ۽ مرسيڊيز سٺي ۾ سٺيون ڪمپنيون آهن. ڪنهن سوچيو آ ته انهن جا مالڪ مسجد يا پگوڊا ۾ چلا ڪاٽيندا هوندا؟ پوءِ ڇو اسان ليکڪ ۽ شاعر کي ايمان جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي ڪوشش ٿا ڪيون؟
    گهڻائي سنڌي ليکڪ ۽ شاعر جن جو بئڪ گرائونڊ غربت جي لڪير کان گهڻو هيٺ رهيو آهي، پوءِ خدا جي قدرت هنن کي مٿي آڻي ٿي پر هنن کي اهو ننڍپڻ جو احساس هر وقت ڏنگ هڻندو رهندو آهي. رفليڪس ائڪشن ۾ سائيڪي طور، هر ڳالهه ۾ پنهنجي سڃائي جو اظهار ڪندا رهندا يا پنهنجن هيرو کان چوائيندا رهندا يا ائنٽي ڪلائيميڪس تي پهچي سڄو وقت ڊپريشن کي لڪائڻ لاءِ نان تڪن، شرابن ڪبابن، اوچين واچن، قيمتي پرفيومن ۽ ڪارن جو ذڪر ڪندا رهن ٿا. نتيجي ۾ پڙهندڙ جي دل ۾ محبت وڃائي ويهن ٿا. الطاف شيخ ۾ خدا تعاليٰ اهڙي ڪابه سپيريارٽي يا سٽيٽس ڪامپليڪس ڪونه رکيو آهي. هو غريباڻي هوٽل ۾ رهي، گاڏن تان نان وغيره کائي، مڙيئي هانءَ جهل ڪري، اسان کي به سيکاري ٿو ته ٿورن پئسن ۾ گهڻو ڪئيين گهمي سگهجي ٿو. چاهي ها ته ملائيشيا ۾ رهي پوي ها. پاسپورٽ ڪو مسئلو نه هو. پر هن محب وطن ماڻهوءَ کي وطن جي خوشبوءِ ڇڪي آئي. هن جون پاڙون هتي، دوست احباب هتي، يار اغيار هتي، سمنڊ درياء هتي، ڍنڍون ڍورا هتي، ٻنيون ٻارا هتي، باغ بستان هتي، ٻولي لولي هتي، پرڻو مرڻو هتي، ابا ڏاڏا هتي، مٽيءَ جي خوشبوءِ هتي، محبتون هتي، راحتون هتي، باغ ۽ بهار هتي، گل ۽ بلبل هتي، ساغر مينا هتي، ساقي پئمانا هتي، تاج بلوچ هتي، هدايت بلوچ هتي. ڇا ڪونهي هتي؟ سڀ ڪجهه ته آهي ها! صبر ناهي، شڪر ناهي، محبت ناهي، جفاڪشي ناهي، احساس ناهي، ايمان ناهي، پئمان ناهي، وفا ناهي، جفا ناهي، همت ناهي، حميت ناهي، محبت ناهي، برداشت ناهي، ايثار ناهي وڏي ڳالهه ته ڌرتي لاءِ پيار ناهي.
    نه ته ائين چوڻ بيجا نه ٿيندو ته الطاف سونو چمچو وات ۾ جهلي پيدا ٿيو. پر امارت جي خوشبوءِ ڪنهن هڪ جملي يا ڊائلاگ ۾ نظر ڪانه ٿي اچي. ننڍا هئاسين ايترو شعور ڪونه هئو. پاڻ ۾ بحث ڪندا هئاسين ته يورپ وڃڻ وارو وهندڙ پاڻيءَ ۾ هٿ ڌوئڻ کان سواءِ ڪيئن ٿو رهي سگهي؟ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو نه ته چکيو ضرور هوندائين! زندگيءَ جي تمام حسين زاوين، گولائين، گنبذن ۽ محرابن کان ڪيئن وانجهو رهيو هوندو!
    زندگي جي سفر ۾ نشيب و فراز، ڪرب ۽ لذت، رنگ ۽ بوءِ کان بي نياز ٿي گذري وڃڻ وڏي حوصلي همت ۽ جگر جي ڳالهه آهي. پر الطاف شيخ جي تاج بلوچ کي ڏنل انٽرويو ۾ جڏهن الطاف شيخ پنهنجي مائن ڀينرن، چاچين ماسين وغيره جي ڳالهه ڪئي ته منهنجي من ۾ الطاف شيخ جو قد بت ڏهوڻو وڌي ويو. آئون پنهنجي ناڪاري سوچ جو (ٿوري وقت لاءِ ئي سهي) الطاف کان لکت ۾ ايڪسڪيوز ڪيان ٿو. اُميد ته دامن، عفو ۾ پناهه ملندي.
    مرزا قليچ بيگ کي ان وقت جي انگريز ڪمشنر گهرائي پڇيو.
    ”ويل مسٽر مرزا، هيترا ڪتاب لکيا اٿئي تون سمجهين ٿو ڏهه سيڪڙو سنڌي به تنهن جا ڪتاب پڙهندا هوندا.
    مرزا جواب ڏنو، ”ويل ميسر ڪمشنر جيڪر هڪ سيڪڙو به پڙهي اهو اندازو لڳائي سگهيا ته اسين غلام آهيون ۽ غلامي عذاب آهي ته منهن جو لايو سجايو ٿيندو.“ انهي مصداق هي منهن جي ڪوشش هڪ سيڪڙي سنڌي ۾ اهو اتساهه پيدا ڪري سگهي ته هو پنهنجي پسنديده ليکڪ، ليکڪا اديب، اديبا، شاعر، شاعره، نقاد، نقادا (نقاده جي مادي) ڪرڪيٽر مرد توڙي عورت (هاڻ ته سڀني فيلڊن ۾ چونڪا، ڇڪا ۽ فلائنگ ڪڪ واه جون پيون هڻن) ملهه ۽ مولودي (سنڌ جي وسرندڙ ثقافت) تي ڪجهه نه ڪجهه لکي انٽرنيٽ تي موڪلين ته منهنجو لايو سجايو ٿيندو.
    ليڊي ڊائنا جي بورچيءَ ڪتاب لکيو ”ماءِ لائف وٿ ڊائنا.“ آئون سوچيان ٿو الطاف جي گهر مٿيون ڪم ڪرڻ وارو بواءِ هجان ها، هن پرزم جهڙي شخصيت کي ويجهي کان هر رنگ ۾ مشاهدو ڪيان ها، پوءِ اهو ڪتاب ”ماءِ لائف وٿ الطاف شيخ“ لکان ها. خبر ناهي ڪيتريون ڪاپيون ڇپائڻيون پون ها. پبلشرجي چاندي ٿي وڃي ها.
    هزارون خواهشين ايسي که هر خواهش په دم نکلي
    بهت نکلي ميري ارمان ڦر ڀي کم نکلي
    مون جهڙا ڪيترا سڀ پسند جا ڪتاب وٺي ڪونه سگهندا انهن لاءِ الطاف شيخ (۽ سنڌي ٻوليءَ جي) شان ۾ ڪو قصيدو لکڻ کان قاصر آهيان. جيڪي سي رنڊا روڙيا اٿم، جيڪي پارکن وٽ ترڻ کان پوءِ به اگهامڻ جي اميد خير ڪي آهي. انسان هوندي غلطين کان مبرا ڪير ڪونهي. نشاندهي ڪرڻ پڙهندڙ جو فرض آهي.
    لغزشون انسان آهيون ٿيو وڃن
    پاڪ پوتي پاڻ ناهيون ٿيو وڃن
    چاهتون چاهيون نه چاهيون ٿيو وڃن
    پنهنجي وس ۾ يار ناهيون.............. (شهيد)
    هن ڪم ۾ ننڍن ڀائرن ۽ شبير ڪنڀر جو ٿورائتو آهيان جن جي مدد کان سواءِ هي ڪم مڪمل نه ٿئي ها. ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا.
    ڊاڪٽر امجد علي ڪيريو
    ڄام شورو باءِ پاس (قاسم آباد)
    03003088892


    آخر ڪهڙو فائدو؟

    ”اي ميل“ جي دنيا، خط و ڪتابت آسان، سستي ۽ بيحد تيز رفتار ڪري ڇڏي آهي. ان E-mail يعني اليڪٽرانڪ ميل ڪري، منهنجو به نه فقط پڙهندڙن سان ڳانڍاپو ۽ انهن طرفان منهنجي لکڻين بابت فيڊ بئڪ ملندو رهي ٿو پر پنهنجن ڪاليجي ساٿين ۽ شاگردن سان پڻ contact قائم رهي ٿو. شاگردن ۾ منهنجو سڀ کان وڏو تعداد ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن، خاص ڪري ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ملئي، چيني ۽ انڊين (تامل ۽ سکن) جو آهي جن کي مون اٺ سال کن جهازرانيءَ جا سبجيڪٽ گذريل صديءَ جي اسي واري ڏهي ۾ پڙهايا اڄ هو سڀ وڏا ٿي ويا آهن. ڪيترا ته جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر آهن ۽ دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف قسم جا جهاز (پئسينجر، ٽئنڪر، ڪارون کڻندڙ، رڍون ۽ ڍڳيون کڻندڙ، ڪيميڪل کڻندڙ ۽ ٻيا جهاز ۽ فيريون) هلائيندا رهن ٿا. ڪي وري مختلف بندرگاهن جي مختلف ادارن- شپ يارڊن، مئرين اڪيڊمين، پورٽ اٿارٽين، شپنگ ۽ چارٽرنگ ڪمپنين ۾ ڪم ڪن ٿا. هي اي ميل جو سسٽم ايجاد نه ٿئي ها ته چوٿو صدي کن اڳ جي انهن ڏکين نالن ۽ هڪ ٻئي سان ملندڙ شڪلين وارا چيني، ملئي، تامل ۽ سک شاگرد ڪڏهوڪو ذهن مان نڪري وڃن ها! پر لڳاتار اي ميل جي ايڪسچينج ڪري هڪ ٻئي کي ياد رکيو ويٺا آهيون ۽ هڪ ٻئي جي خبرچار ۽ حال احوال معلوم پيو ٿئي. انهن اي ميل خطن ۾ گهڻي ڀاڱي فوٽا ۽ فئملين جي خبرچار هوندي آهي. ڪي خط، خاص ڪري ملئي شاگردن جا، دلچسپ ۽ سبق آموز به هوندا آهن ۽ دل ڪندي آهي ته دوستن ۽ پڙهندڙن سان share ڪجن. هن وقت ملئي زبان ۾ ٻه e-mail مليا اٿم جيڪي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي ترجمو ڪريان ٿو. ٻئي خط اسان کي سوچڻ جي خوراڪ مهيا ڪن ٿا. ٿي سگهي ٿو هن قسم جا E-mail ڪيترن پڙهيا به هجن جو انهن جي هيٺان اهو به لکيو ويندو آهي ته هي خط جيڪو هڪ سؤ ماڻهن کي موڪليندو ان جو ڀلو ٿيندو. بهرحال هنن اي ميلن تي ته ائين لکيل نه هو پر اڄڪلهه اهو trend به عام آهي ته هي اي ميل ٻين کي به موڪليو نه ته توهان تي ڪا مصيبت ايندي ۽ پوءِ ڪيترائي بيوقوف ۽ ايمان جا ڪچا، ان کي سچ سمجهي e-mail ڪندا رهن ٿا يا فوٽو ڪاپيون ورهائيندا رهن ٿا. اسڪول جي ڏينهن ۾ به اهڙا خط هوندا هئا جن ۾ مواد ڪجهه نه هوندو هو پر ان تي زور ڏنل هوندو هو ته هن خط کي سؤ دفعا لکي ورهائڻ ۾ امتحان ۾ پاس ٿبو ۽ ٻيون به خوشخبريون ملنديون. ٻي صورت ۾ ڪو ويجهو مائٽ مري ويندو يا ڪو ٻيو نقصان رسندو. اسان ان خوف ۽ هراس کان ۽ امتحان ۾ پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ويٺا اهي خط لکندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ نه هئي فوٽو اسٽيٽ مشين نه پرنٽر. اڄ ٿو سوچيان ته امتحانن جي ڏينهن ۾ اهڙين ڳالهين پٺيان اجايو وقت وڃائڻ بدران اهو وقت به پڙهائيءَ کي ڏجي ها ته اڃا به وڌيڪ سيڪڙو حاصل ڪري سگهجي ها. آخرڪار اسان جي ڪاليجي ساٿين اختر علي عباسي، ڪموڊور اشفاق بيگ، جهانگرا باجرا جي اقبال ترڪ، شاهه پنجو سلطان جي غلام محمد سومري جهڙن، جن مئٽرڪ ۽ انٽر ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن ۽ NED ڪاليج ۾ ٽاپ ڪيو، انهن ته ڪڏهن به اهڙين ڳالهين تي نه ڌيان ڌريو ۽ نه پنهنجو وقت وڃايو. بهرحال هتي جيڪي ٻه اي ميل ڏئي رهيو آهيان انهن کي لکڻ يا دوستن ڏي موڪلڻ بدران هينئين سان هنڊائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي خطن ۾ تمام سٺيون ڳالهيون آهن جيڪي مونکي ٻن ملئي همراهن (جيڪي ڪنهن زماني ۾ منهنجا شاگرد هئا ۽ هاڻ جهازن جا ڪئپٽن) مختلف ملڪن مان موڪليا آهن. لڳي ٿو ته اهي هنن کي به ڪنهن ٻئي موڪليا آهن جيڪي هنن مون ڏي Kirim Lanjut (يعني فارورڊ) ڪيا آهن.
    *
    ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ نوجوان تمام ڊگهي عرصي لاءِ ولايت پڙهڻ لاءِ ويو. جڏهن هو موٽيو ته هن پنهنجي والدين کي چيو ته ڪو مذهبي عالم يا دين جو ڄاڻو ڳوليو جنهن کان هو ٽي سوال پڇي سگهي. آخرڪار هنن کي هڪ مسلمان اسڪالر ملي ويو.
    نوجوان: تون ڪير آهين؟ ڇا تون منهنجي سوالن جا جواب ڏئي سگهندين؟
    اسڪالر: آئون الله جو هڪ ٻانهو آهيان ۽ انشاءَ الله تنهنجي سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
    نوجوان: پڪ سان ٿو چئين؟ مون ڪيترن ئي پروفيسرن ۽ علم جي ڄاڻن کان اهي سوال پُڇيا پر هو جواب نه ڏئي سگهيا.
    اسڪالر: الله گهريو ته آئون توکي مطمئن ڪندس.
    نوجوان: مونکي ٽي سوال پڇڻا آهن:
    1. ڇا خدا جو وجود آهي؟ ۽ جي ها ته هن جو ڪهڙو روپ آهي؟
    2. تقدير ڇا آهي؟
    3. جيڪڏهن شيطان باهه مان ٺاهيو ويو آهي ته پوءِ آخر ۾ سزا طور هن کي جهنم ۾ ڇو اُڇلايو ويندو، جيڪو پڻ ساڳي باهه مان ٺاهيو ويو آهي. ظاهر آهي جڏهن ٻئي باهه جا ٺهيل آهن ته شيطان کي ان جو ڪهڙو اثر ٿي سگهي ٿو؟
    نوجوان جيئن ئي پنهنجا ٽي سوال ٻڌايا ته اسڪالر هن جي ڳل تي زور سان چماٽ وهائي ڪڍي. نوجوان سور کان ڳل مهٽيندي چيو: ”مون توکان فقط سوالن جو جواب گهريو آهي. انهيءَ ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
    اسڪالر: آئون ڪو توتي ناراض نه آهيان. هيءَ ٿڦڙ ته فقط تنهنجن سوالن جو جواب آهي.
    نوجوان: مون توهان جي ڳالهه نه سمجهي.
    اسڪالر: ٿڦڙ لڳڻ تي توکي ڇا محسوس ٿيو؟
    نوجوان: ظاهر آهي، مون کي سور محسوس ٿيو.
    اسڪالر: سو تون اهو يقين سان چئي سگهين ٿو ته سور جو وجود آهي؟
    نوجوان: جي ها. بيشڪ.
    اسڪالر: ته پوءِ مونکي سور جو روپ (شڪل) ڏيکار!
    نوجوان: اها آئون ڏيکاري نٿو سگهان.
    اسڪالر: ته پوءِ تنهنجي پهرين سوال جو مون طرفان به اهو ساڳيو ئي جواب آهي. اسان سڀني کي بنا شڪل ڏسڻ جي خدا جي هجڻ جو يقين آهي.... گذريل رات، توکي ڪو خواب ۾ به نظر آيو ته اڄ تون مونکان چماٽ کائيندين؟
    نوجوان: نه.
    اسڪالر: ڇا تو اڄ سوچيو به هو ته اڄ تون مونکان چماٽ کائيندين؟
    نوجوان: نه.
    اسڪالر: اها تقدير اٿئي- تنهنجي ٻئي سوال جو جواب.... منهنجو هٿ جنهن سان مون توکي چماٽ هنئي، ڇا جو ٺهيل آهي؟
    نوجوان: اهو گوشت جو آهي.
    اسڪالر: ۽ تنهنجو ڳل جنهن تي اها لڳي اهو ڇا جو ٺهيل آهي؟
    نوجوان: گوشت جو.
    اسڪالر: چماٽ لڳڻ تي تو ڪيئن محسوس ڪيو؟
    نوجوان: سخت سور.
    اسڪالر: ته بس. اهو اٿئي تنهنجي ٽئي سوال جو جواب.
    جيتوڻيڪ شيطان ۽ جهنم ٻئي باهه جا ٺهيل آهن پر جيڪڏهن الله چاهيو ته انشاءَ الله جهنم شيطان لاءِ هڪ سخت عذاب واري شيءِ ٿي پوندو.
    *
    آمريڪا جي ڪينٽڪي رياست جي جابلو علائقي جي هڪ فارم تي هڪ پوڙهو همراهه پنهنجي پوٽي سان گڏ رهيو ٿي. روز صبح جو هن ڪراڙي همراهه بورچيخاني جي ٽيبل تي ويهي قرآن جو دور ڪيو ٿي. هن جي پوٽي به چاهيو ٿي ته ڏاڏي جهڙو ٿيان ۽ هن هر اهو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي جيڪو ڏاڏي کي ڪندي ڏٺو ٿي.
    هڪ ڏينهن پوٽي پنهنجي ڏاڏي کان پڇيو: ”آئون روز تو وانگر قرآن پڙهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو پر مونکي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي، ۽ جيڪي ڪجهه سمجهه ۾ اچيم ٿو اهو قرآن شريف بند ڪرڻ سان ئي وسريو وڃيم. قرآن پڙهڻ مان آخر اسان کي ڪهڙو فائدو ٿو رسي؟“
    ڏاڏو جيڪو ان وقت سياري جي سرد هوائن کان بچڻ لاءِ بخاريءَ ۾ ڪوئلا وجهي رهيو هو، تنهن ڪوئلن واري ڇٻي خالي ڪري پوٽي ڏي مُڙيو ۽ کيس اها ڇٻي ڏيندي چيو: ”هيئن ڪر جو هيءَ ڇٻي کڻي درياهه جي ڪناري تي وڃ ۽ هن کي پاڻيءَ سان ڀري اچ.“
    نينگر ڏاڏي جي چوڻ مطابق ڪم ڪيو پر گهر پهچڻ کان اڳ سمورو پاڻي ڇٻيءَ جي ڪکن مان وهي (Leak) ٿي ويو. ڏاڏي کلندي چيس ”توکي ٿورو تڪڙو هلڻو پوندو.“ ۽ پوءِ وري کيس ڇٻي ڏيئي درياهه تي موڪليو. هن دفعي ڇوڪرو پهرين کان تکو تکو ڊوڙيو پر گهر پهچڻ تائين سندس ڇٻي وري خالي هئي. ڇوڪري سهڪندي پنهنجي ڏاڏي کي چيو ته ڇٻيءَ ۾ پاڻي آڻڻ ناممڪن ڳالهه آهي ۽ هو ان بدران باردي کڻڻ ويو. ڪراڙي مڙس چيو: ”مونکي پاڻيءَ سان ڀريل باردي نه پر ڇٻي کپي. تون گهڻي ڪوشش نٿو ڪرين.“
    ڇوڪرو هڪ دفعو وري ڇٻيءَ کي کڻي درياهه ڏي روانو ٿيو ۽ ڏاڏو ٻاهر در وٽ بيهي هن کي ڏسڻ لڳو. ڇوڪري کي پڪ ٿي چڪي هئي ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڇٻيءَ ۾ پاڻي آڻي نٿو سگهي پر ڏاڏاي کي ڏيکارڻ لاءِ ته هو کڻي ڪيترو به تکو ڊوڙي پر گهر پهچڻ تائين پاڻي لِيڪ ٿي ويندو، هو وري درياهه ڏي روانو ٿيو. درياهه تي پهچي هن ڇٻيءَ کي درياهه ۾ ٻوڙي پاڻيءَ سان ڀري ڪڍيو ۽ پوءِ هن کان جيتري قدر ٿي سگهيو تکو تکو واپس وريو پر ڏاڏي وٽ پهچڻ تائين هڪ دفعو وري ڇٻي خالي ٿي وئي. سهڪندي هن ڏاڏي کي چيو: ”ڏاڏا! ڏسو! آهي ڪو پاڻيءَ جو ڦڙو به. اها سڄي محنت بيڪار پئي وڃي.“
    ”سو تون سمجهين ٿو ته اها سڄي محنت بيڪار پئي وڃي؟“ ڪراڙي مڙس چيو، ”ٿورو غور سان ڇٻيءَ ڏي ڏس.“
    ڇوڪر ڇٻيءَ کي غور سان ڏٺو ۽ هن کي پهريون دفعو محسوس ٿيو ته اها ڇٻي ڪجهه مختلف لڳي رهي هئي. ڪوئلن جي پراڻي هيءَ ڇٻي جيڪا سڄي ڪاري هئي سان پاڻي پوڻ ڪري ڌوپي اهڙي صاف ٿي ويئي هئي ڄڻ نئين هجي.
    ”پٽ! اهوئي ڪجهه ٿئي ٿو جڏهن تون قرآن پڙهين ٿو.“ پوڙهي پنهنجي پوٽي کي ڳراٽڙي پائي چيو، تون کڻي ان جي هر شيءِ نه سمجهي سگهين يا ياد ڪري نه سگهين پر ان جي پڙهڻ سان تنهنجو اندر توڙي ٻاهر ان ڇٻيءَ وانگر بدلجي ويندو. اهو رب جي طرفان اسان انسان ذات لاءِ معجزو آهي.“


    ولايت ۽ اسان جا ڊاڪٽر

    گهوٽڪي جي انجنيئر رميش ٿارواڻي سان گڏ نيو جرسي کان واشنگٽن وڃي رهيو هوس. رستي تي پينسلوانيا جي شهر فلڊلفيا ۾ پهتاسين ته رميش چيو ته هتي ڪجهه ساهي ٿا پٽيون ۽ ڪافي ٿا پيون.
    ”ها ضرور.“ مون وراڻيومانس، ”آمريڪا جو هي بندرگاهه مون لاءِ ڪراچي ۽ چٽگانگ وانگر آهي جنهن جي گهٽيءَ گهٽيءَ کان واقف آهيان.“
    ”چئبو ته توهان جو جهاز هتي به ايندو رهيو.“ رميش پنهنجي ڪار کي فلڊلفيا شهر اندر موڙيندي چيو.
    فلڊلفيا جي روزويلٽ بليوارڊ تان رميش پنهنجي ڪار کي کاٻي پاسي هولم (Holme) ايونيو تي موڙيو ته مون ٿڌو ساهه کڻي چيو ”مونکي پنهنجو آمريڪا جو پهريون سفر ياد ٿو اچي. هتي ڪجهه پرائيويٽ اسپتالون ۽ ڪلينڪون آهن. اتي آئون ايندو هوس.“ رميش ٽهڪ ڏيندي چيو ”صحيح ٿا چئو. مشهور نزرٿ هاسپيٽل ۽ راٿمئين ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ وغيره سڀ هن ڪنڊ تي آهن.“ ۽ پوءِ چپن تي شرارتي مُرڪ آڻيندي چيو ”سائين نرسن جي چڪر ۾ ته نه ايندا هئائو؟“
    ”چوين ته سچ ٿو. تن ڏينهن ۾ جهازين جا ٻيا ڪهڙا ڪم هوندا هئا. خاص ڪري يوناني جهازن جا خلاصي بندرگاهه ۾ جهاز ٻڌجڻ سان بالٽيمور اسٽريٽ جي ناچ گهرن ۾ ايندا هئا يا وري مڪاني اسپتالن جي نرسين وٽ. پر آئون نڪ ڪن ۽ گلي (ENT) جي ڊاڪٽر وٽ چڪر هڻندو رهيس.“
    ”ڇو؟ خير ۾؟“ رميش پڇيو.
    ”ڪراچيءَ کان آمريڪا ايندي منهنجو ڪن خراب ٿي پيو هو ۽ مون کي هن بندرگاهه فلڊلفيا ۾ ENT اسپيشلسٽ وٽ، هن هنڌ ٻه ٽي دفعا اچڻو پيو هو.“
    منهنجي خيال ۾ سال 1969ع جا شروعاتي ڏينهن هئا جڏهن اسان ڪراچيءَ جي شپ يارڊ جو ويهه هزار کن ٽن وزن جو ٺهيل نئون جهاز هيڏانهن آمريڪا وٺي آيا هئاسين. پاڪستان ۾ هن کان اڳ هن وزن ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي جو ڪو هڪ ٻه جهاز مس ٺهيا هئا سو ان حساب سان هي ايئرڪنڊيشنڊ ۽ ان وقت جو ماڊرن جهاز وڏي ڳالهه هو، جنهن ان وقت جي پولينڊ ۽ يوگوسلاويا جي شپ يارڊن ۾ ٺهندڙ جهازن سان ڪافي مشابهت رکي ٿي. هن جهاز کي هلائڻ لاءِ اٽڪل ستر کن ماڻهن جو عملو هو جنهن ۾ نيويگيٽرن ۽ انجنيئرن کان علاوه خلاصي، بورچي، اسٽيورڊ، ڀنگي، واڍا ۽ اليڪٽريشن اچي ويا ٿي. مونکي مئرين انجنيئرنگ جي تعليم مڪمل ڪئي ڪو سال ڏيڍ مس ٿيو هو ان ڪري آئون اڃا ففٿ انجنيئر هوس- يعني جهاز هلائيندڙ مئرين انجنيئرن جي لانڍ ۾ آئون هيٺين ڏاڪي تي هوس- يعني جونيئر انجنيئر هوس ۽ مونکي اڪيلي سر ڊيوٽي ڪرڻ بدران هڪ سينيئر انجنيئر (فورٿ انجنيئر) سان گڏ ڊيوٽي ڪرڻي پيئي ٿي. اسان ڪراچي کان ڪيپ ٽائون تائين هندي وڏي سمنڊ تي ۽ ان بعد ڪيوبا ۽ ڪئرولينا تائين ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڪئريبين سمنڊ تي لڳاتار چاليهه کن ڏينهن راتيون صبح جو اٺين کان منجهند جو ٻارهين تائين ۽ شام جو اٺين کان آڌيءَ رات تائين جهاز هلائيندا ٽيڪساز جي بندرگاهه هوسٽن ۾ پهتاسين. انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۽ عربن جي جنگ ڪري سئيز ڪئنال بند هو نه ته سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري ۽ آفريڪا کنڊ کي ڦيرو نه ڪرڻ ڪري اسان ڏهه ٻارهن ڏينهن اڳواٽ آمريڪا پهچي سگهياسين ٿي.
    نئون جهاز جتي ڏسڻ ۾ نئون ۽ سهڻو لڳي ٿو اتي ان جا ڪجهه اڻ ڄاتل مسئلا پڻ ٿين ٿا. ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪجهه مهينا ڪافي محنت ڪرڻي پوي ٿي جيسين جهاز جو هر پرزو صحيح ٿئي. هن کان اڳ يوگوسلاويا مان ورتل نئون جهاز جڏهن هلايو هئوسين ته ان ۾ ٽن جنريٽرن مان هڪ ۾ وڏو مسئلو هو جنهن کي صحيح ڪرڻ جي اسان جهازي انجنيئرن ڏاڍي ڪوشش ڪئي. نه فقط سمنڊ تي پر بيروت، طرابلس، اوڊيسا ۽ ٻين بندرگاهن ۾، جيڏانهن جيڏانهن جهاز ويندو رهيو، ان جي هڪ هڪ پرزي کي ڪڍي چيڪ ڪندا رهياسين پر اهو صحيح نه ٿيو سو نه ٿيو. موٽي يوگوسلاويا جي بندرگاهه رائيڪا ۾ آياسين جتي جهاز ٺاهڻ وارن سڄو جنريٽر ڪڍي نئون فِٽ ڪري ڏنو.
    هن پاڪستان ۾ ٺهيل جهاز ۾ مشينري جو ڪو وڏو نقص نه نڪتو پر سندس لوهي پليٽون هڪ ٻئي سان اهڙي طرح ڳنڍيل هيون جو جهاز جي رفتار هڪ حد کان مٿي ڪرڻ تي جهاز ۾ تمام گهڻي Vibration ٿي ٿي. جهاز جي هن ٿرڪڻي (Vibration) ڪري اسانکي ٻي ته ڪا اهڙي feeling نٿي ٿي پر ڪنن ۾ هلڪي هلڪي سرسراهٽ ضرور ٿي ٿي. مون جنهن انجنيئر سان جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ڪئي ٿي ان کي سگريٽ ڇڪڻ جي عادت هئي. انجڻ جي چارج سنڀالڻ سان هو پهريون ڪم سگريٽ ڪڍي دکائڻ جو ڪندو هو ۽ پوءِ ماچيس جي اڌ ٻريل تيليءَ سان ڪن کنهندو هو. آئون به سندس ماچيس مان هڪ تيلي ڪڍي کنهڻ لڳس. ۽ پوءِ ته جهڙي عادت ٿي ويئي. خبر ناهي ڪن ۾ واقعي خارش ٿيندي هئي يا عادت ڪري تيليءَ سان ڪن کنهڻ جي ٻار ٿيندي هئي. ۽ پوءِ نتيجو اهوئي ٿيو جو آمريڪا پهچڻ کان اڳ ڪن ۾ سور ٿي پيو. هوسٽن ۾ گهمڻ ڦرڻ ۾ ڳالهه وسري ويئي پر پوءِ فلڊلفيا اچي هتي ڊاڪٽر کي ڏيکاريم. ڊاڪٽر جي ڏنل گورين مان سور ته لهي ويو پر جهاز هلڻ سان وري خارش ٿي ٿي ۽ تيليءَ سان ڪن کنهڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ٿي ۽ اها خارش سڄو سفر هلندي رهي. آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ جي ڪجهه بندرگاهن ۾ اتي جي ENT (ڪن جي ماهر) ڊاڪٽرن کي ڏيکاريم. انهن مان ڪجهه ته چيو ته ڪجهه به ناهي. ڪَن به صاف آهي ۽ ڪجهه ڊاڪٽرن جهاز جي انشورنس ڪمپنيءَ کان منهنجي علاج جون ڳريون فيون وصول ڪرڻ لاءِ ڪا ڪريم يا مکڻ لاءِ دوا ڏيئي ڇڏي ٿي. پر خارش تيليءَ سان کنهڻ سان ئي لٿي ٿي- سا به فقط ڪجهه ڪلاڪن لاءِ. ان وچ ۾ جپان جي شهر اوساڪا ۾ به هڪ ڪن جي ماهر ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو. هن به دوربين سان چڪاس ڪري، ڊگهو بل ڏيئي، هڪ ويزلين جهڙي ڪريم جي شيشي ڏيئي ڇڏي. پر ان مان به فائدو نه رسيو. ان وچ ۾ منهنجو جهاز به بدليو پر اهو خارش وارو مسئلو ٻئي جهاز تي به قائم رهيو جنهن تي Vibration سواءِ 95Rpm جي زيرو هئي ۽ ان 95 آر پي ايم واري ڪرٽيڪل رفتار تي اسان جهاز هلايو ئي ڪونه ٿي.
    ڏيڍ سال بعد جهاز ڪراچي بندرگاهه ۾ آيو ته آئون ٻن ڏينهن جي موڪل وٺي ماءُ پيءُ سان ملڻ ڳوٺ هالا ويس. واپسيءَ تي حيدرآباد ۾ LMC جي پروفيسر ڊاڪٽر جعفري وٽ هليو ويس. جيتوڻيڪ منهنجي دل نه پئي مڃيو ڇو جو ”ڪٿي آمريڪا، انگلينڊ ۽ جپان جا ڪن جا ماهر ڊاڪٽر ۽ ڪٿي هي پاڪستاني ڊاڪٽر!“ يعني اها سوچ تن ڏينهن ۾ مون جهڙن نوجوانن جي دماغ ۾ ويٺل هئي. اسان مغرب ۽ يورپ جي هر ڳالهه مان متاثر هئاسين. ڊاڪٽر جعفري جيڪو پوءِ ڏهن سالن بعد 1980ع ڌاري گذاري ويو. تنهن ڪن ۾ ٽارچ هڻي مونکي هڪ دوا لکي ڏني ته منهنجي ڪن جي خارش جو علاج اها دوا آهي. ”پر اها دوا هتان نه ملي سگهندي.“ هن مونکي چيو. آئون ان ئي ڏينهن ڪراچي کان اچي نڪتس. ڊاڪٽر جعفري جي نسخي مونکي متاثر نه ڪيو- شايد ان لاءِ اڳهين منهنجي Mindset ٿيل هئي. پر پوءِ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ان دوا جو ڪراچي جي اسٽورن تان پڇايم پر واقعي نه ملي. مون ڊاڪٽر جعفري کي فون ڪري ان جي بدران ڪنهن ٻي دوا جو پُڇيو.
    ”نه. تنهنجي ان بيماريءَ جو علاج اهائي دوا آهي. ڪنهن کان ٻاهران گهرائي وٺو.“ هن پختي اعتماد سان چيو.
    ڪجهه ڏينهن بعد جهاز لنگر کنيو ۽ ٻن ڏينهن بعد جيئن ئي پهرين بندرگاهه ڪولمبو (سريلنڪا) ۾ پهتو ته مون اها دوا وٺي، ان لوشن جو ڪپاهه جي ٻڙي سان مَکُ ڏنو ته خارش ختم ٿي وئي. هميشھ لاءِ نه سهي پر هفتي ڏيڍ لاءِ ضرور. چيچ جيڏي اها ننڍڙي بوتل سال کن هلندي هئي. اهو ڪم پندرهن ويهه سال کن هلندو رهيو. ان بعد خبر پيئي ته جرمني جي اها ڪمپني جيڪا اها دوا ٺاهيندي هئي اها بند ٿي ويئي. 91-1990ع ڌاري پاڪستان آيس ته پراڻي ڊاڪٽر جي پڇا ڪرايم، خبر پيئي ته اهو ڪڏهوڪو گذاري ويو ۽ سندس پٽ ڪراچيءَ ۾ اسپتال هلائي ٿو.
    ان بعد آئون ٻه سال کن يورپ جي مختلف ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن- ويندي جرمني ۾ به رهيس جتي جي ڪن جي ماهر ڊاڪٽرن کان دوا وٺندو رهيس پر ڪٿان به فائدو نه ٿيو. ڪن جي خارش مونکي بيزار ڪري رکيو. 1994ع ۾ پاڪستان آيس. هڪ دفعو وري ڳوٺ مان ٿي واپس ڪراچي ايندي، حيدرآباد ۾ گهڙيس. هن دفعي حيدرآباد جي صدر مان هڪ دڪان تان سنڌي ڪئسٽ وٺڻا هئا. سئيڊن ۾ رهندڙ هڪ دوست مونکي حيدرآباد مان اهي وٺي هن ڏي موڪلڻ لاءِ چيو هو. جيسين دڪاندار منهنجي لسٽ مطابق ڪئسٽ ڪڍي تيسين مون هن سوڙهي گهٽيءَ ۾ نظر ڦيرائي. چوڌاري ڪئسٽن وارن جا دڪان هئا يا ڊاڪٽر جا بورڊ. انهن ڊاڪٽرن جي Clinics ۾ هڪ بورڊ ENT جي ماهر ڊاڪٽر ”محبت خان“ جو به هو. (ان کي ڏهن سالن کان به مٿي اچي ٿيا آهن ۽ هن وقت مونکي هن نيڪ ڊاڪٽر جو سڄو نالو ياد نه پيو اچي.) آئون هن جي ڪلينڪ ۾ گهڙي ويس. سامهون ويٺل ڪلارڪ کي چيم ته Appointment ورتل نه اٿم، ڪار جي غلط پارڪنگ ڪئي اٿم ۽ پوليس واري باهه ٻاري ڏني آهي ۽ شام تائين ڪراچي به پهچڻو اٿم.“ مون ENT ڊاڪٽر جو بورڊ پڙهي اهو سوچيو ته جڏهن هيستائين پهچي ويو آهيان ته هن ڊاڪٽر کي به ڏيکارڻ ۾ ڇا خرابي آهي. پر ڪلارڪ يا ڊاڪٽر جي پي اي جي موڊ نه هئي ته آئون بنا واري جي يڪدم ڊاڪٽر وٽ وڃان. هو مونکي سمجهائي رهيو هو ته ٻيا مريض اعتراض ڪندا ته ايتري ۾ اندر ويٺل ڊاڪٽر صاحب، شايد منهنجي زور سان ڳالهائڻ تي ٻاهر نڪري آيو ۽ هن مونکي ان ئي وقت اتي ئي بيٺي بيٺي ڏسڻ لاءِ رضامندو ظاهر ڪيو. ٽارچ هن جي هٿ ۾ هئي ۽ هن مونکي فقط هڪ سيڪنڊ لاءِ هڪ ڪن ڏسي پني تي دوا لکڻ لڳو. مونکي لڳو ته هو مون مان جان ڇڏائڻ لاءِ مونکي ٽاري ٿو.
    ”سائين ڀلا ٻيو ڪن به ته ڏسو.“ مون چيو، ”آئون هالا کان پيو اچان.“
    ”بس آئون سمجهي ويس.“ هن چيو، ”توکي جيڪا ڪن ۾ فنگس آهي ان جو علاج هي اسپرٽ آهي.“
    مون پني تي نالو پڙهيو. Rectified Spirit لکيل هو.
    ”ڀلا ڪا ٻي دوا؟“ مون پڇيو.
    ”نه. ان جو علاج فقط اهوئي اسپرٽ آهي. توهان هالا کان پيا اچو. توهان جي شهر جي مخدوم طالب الموليٰ کي به ڪن ۾ اهو پرابلم هو. هو به اهائي دوا هڻندو هو.“
    مونکي حيرت به لڳي ۽ گڏ گڏ شڪ به ٿيو ته هي ڊاڪٽر جيڪو چڱي طرح ڏسڻ بدران ائين ئي هڪ معمولي شيءِ دوا بدران ٻڌائي رهيو آهي، ائين ئي اناڙي آهي. بهرحال في ڏيڻ منهنجو فرض آهي. سو کانئس پڇيم ته سائين فيءَ جا پئسا توهان کي ڏيان يا توهان جي سيڪريٽري کي.
    ”نه. في وري ڪيئن ٿيندي؟“ هن چيو.
    ”ظاهر آهي توهان مونکي ڏٺو ۽ علاج ٻڌايو آهي؟“ مون چيو.
    ”ها في ضرور وٺان جڏهن ڏسان ها. مون ته توهان کي ڏٺو به ڪونه.“ ڊاڪٽر وراڻيو.
    مون پوري ڪوشش ڪئي ته ڊاڪٽر في وٺي پر هن نه ورتي. هو مونکي اهو ئي ٻڌائيندو رهيو ته هن جو حق نٿو ٿئي ته هن ڪيس ۾ في وٺان. دل ۾ مون سوچيو ته اڃا ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي. هڪ ولايت جا ڊاڪٽر هئا جن ڊگها ڊگها بل ٿي ٺاهيا ۽ هڪ هي آهي جو زور ڀرڻ تي به في وٺڻ اخلاقي ڏوهه ٿو سمجهي. مون کيس اهو به ڪراچي پهچي هفتي کن بعد ٻڌايو ته آئون جهازن جو انجنيئر ۽ ليکڪ آهيان. ۽ توهان جي هٿ ۾ نه فقط قدرت شفا ڏني آهي پر اخلاق ۽ ايمانداري پڻ. ۽ اها بيماري جنهن لاءِ منهنجو نه صحيح پر انشورنس ڪمپنيءَ جو لکين رپيا خرچ آيو هوندو ان جي علاج جي دوا جي قيمت فقط ڏهه رپيا آهي جيڪا ننڍڙي بوتل ٻه سال کن هليو وڃي.
    ۽ هي مٿيون احوال ان ڪري کڻي ويٺو آهيان ته ضرور ناهي ته ولايت جا ڊاڪٽر ئي هوشيار آهن ۽ اسان جا ڇسا. ڪيترين ڳالهين ۾ اسان جا ڊاڪٽر ولايت جي ڊاڪٽرن کان بهتر آهن ۽ هوئي اسان جي ملڪ جي ماڻهن ۽ هِن علائقي جي بيمارين کي وڌيڪ بهتر نموني سان سمجهن ٿا ۽ هي جو اسان جا ماڻهو Status symbol خاطر انهن بيمارين جي علاج لاءِ ولايتن ۾ رُلندا رهن ٿا (جن بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر اسان جي ملڪ ۾ به موجود آهن)، سراسر بيوقوفي آهي.


    يادون منهنجن يارن جون

    ملائيشيا هڪ گهڻ قومون ملڪ آهي يعني ملائيشيا ۾ فقط ملئي مسلمان نٿا رهن پر ٻيون به قومون رهن ٿيون جن ۾ گهڻائي چينين جي آهي ۽ ٻئي نمبر تي ننڍي کنڊ جا ماڻهو آهن جيڪي ”انڊين“ سڏجن ٿا. هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن ملڪ جا اصل باشندا ملئي مسلمان آهن پر هاڻ چيني ۽ انڊين وغيره به هن ملڪ جا اهڙائي شهري آهن جهڙا ملئي.
    ملائيشيا (جيڪو اڌ صدي کن کان اڳ تائين ”ملايا“ سڏبو هو) ۾ چيني ٻه اڍائي صديون اڳ اچڻ شروع ٿيا. هو مزوريءَ خاطر- خاص ڪري ٽين جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ هتي آيا ۽ هتي ئي رهي پيا. تن ڏينهن ۾ هي ملڪ ڪو ايڏو امير يا ماڊرن نه هو- ويندي گذريل صديءَ جي اڌ تائين به اسان جا سکر، ملتان ۽ ڪانپور، راجشاهي جهڙا ننڍي کنڊ جا شهر به، ڪوالالمپور ۽ پينانگ کان ڏهه دفعا بهتر هئا. اسانجي ننڍي کنڊ جا ماڻهو انگريزن جي ڏينهن ۾ ملايا ۾ آيا. پوءِ ڪي پاڻ واپار وڙي ۽ پورهئي مزوري لاءِ آيا ته ڪن کي انگريز، ريلوي جهڙن کاتن ۽ فوج طور وٺي آيا. انهن ۾ ڏکڻ هندستان جا تامل به هئا (جن هتي جي رٻڙ جي پوک ۾ هارپو ڪيو ٿي) ته پٺاڻ ۽ پنجابي به، جن فوج ۽ چوڪيداري جهڙن کاتن ۾ ڪم ڪيو ٿي. پنجابين ۾ به مسلمان، هندو ۽ سک سڀ هئا. ان کان علاوه واپار وڙي تي گجراتي ۽ هندو سنڌي ڇانيل هئا. جهازراني جهڙن ڪمن لاءِ بنگالي (مسلمان ۽ هندو) وغيره هئا. گجراتي ۽ ملباري ته انگريزن جي دور کان به اڳ ملايا ۾ آيا جڏهن ملايا تي ڊچن ۽ پورچوگالين جو راڄ هو. بهرحال اڄ اهي سڀ ”انڊين“ سڏجن ٿا ۽ اهي ملايا جي آدمشماريءَ جو لڳ ڀڳ ڏهه سيڪڙو آهن. اهڙي طرح چيني جن ۾ پڻ ننڍي کنڊ جي ماڻهن (انڊين) وانگر مختلف زبانون (مئنڊارن، هڪا، ٽيوچو، ڪنٽونيز وغيره) ڳالهائڻ وارا ۽ مختلف ڪلچرن ۽ مذهبن (ٻڌ، عيسائي، دهريا، مسلمان وغيره) جا آهن. چيني ۽ ملئي اٽڪل پنجيتاليهه پنجيتاليهه سيڪڙو ٿيندا- جيتوڻيڪ ملئي پنهنجو تعداد چينين کان وڌيڪ سمجهن ٿا پر مونکي برابر ٿو لڳي. بهرحال اها ڪا اهڙي اهم ڳالهه ناهي. ملئي سنڌين وانگر ڳوٺن ۾ رهن ٿا، سندن ٻني ٻاري سان گهڻو واسطو آهي ۽ اهڙي طرح سياست سان پڻ آهي. ان ڪري ملڪ جي قانون ساز اسيمبلين ۾ توڙي وزارتن ۾ ملئي ماڻهن جو چينين کان تعداد ڪجهه وڌيڪ آهي. بزنس ۽ ٽيڪنيڪل ڪمن ۾ چيني گهڻو اڳيان آهن. هو شهرن ۾ رهن ٿا ۽ وڏا پئسي وارا آهن. تعليم ۾ به چيني (۽ ڪجهه ڪجهه انڊين پڻ) ملئي ماڻهن کان وڌيڪ آهن- بلڪ هئا.... هاڻ مڙيئي ملئي به اڳتي وڌي رهيا آهن. ملئي ماڻهو ملڪ جا اصل باشندا هجڻ ڪري هن ڌرتيءَ جا پٽ سڏجن ٿا جنهن لاءِ ملئي عام لفظ ”بوميپترا“ آهي. بومي يعني ڀومي معنيٰ ڌرتي ۽ پترا معنيٰ پٽ (Sons). ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ يا نوڪرين ۾ بوميپترن لاءِ ڪجهه سيٽن جي ڪوٽا رکي وئي آهي جيئن هن ملڪ جي ٻهراڙين جي لائق نوجوانن کي وڌيڪ پڙهڻ ۽ نوڪريءَ جو موقعو ملي سگهي- جنهن فلاسفي پٺيان ملائيشيا جو اڳوڻو وزيراعظم چوندو هو ته ٻهراڙي جي ماڻهن کي اڳيان وڌڻ جا موقعا نه ڏيندائو ته پوءِ هو توهانجون ئي چوريون ڪندا. اهڙي ڳالهه، اڄ کان ٽيهه سال اڳ، 1960ع ۾ مون پنهنجي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس جي واتان پڻ ٻڌي. پيٽارو ۾ اچڻ سان هن اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙن لاءِ ٻه ڪم ڪيا. هڪ ته هنن جي تعليم جو بندوبست ڪيائين جنهن لاءِ مٿاهين ڪلاس جي ڪئڊٽن کي به مقرر ڪيائين ته تعليم بالغان ۾ ڳوٺ جي ماڻهن کي پڙهائين ۽ ننڍيون ننڍيون نوڪريون (مالهي، پٽيوالي کان وٺي بئرو چوڪيدار وغيره) هن، بورڊ کان منظور ڪرائي، پيٽارو ڳوٺ جي غريب ماڻهن کي ڏياريون. هن جو چوڻ هو ته پيٽارو جي ”خوشحالي“ فقط ڪاليج ۽ ان ۾ رهاڪن تائين محدود نه هئڻ کپي. اسان کي پاڙي اوڙي (يعني ٻهراڙي) ۾ رهندڙن جو به خيال ڪرڻ کپي. هنن جي روزگار جو به خيال ڪرڻ کپي. صحت، تعليم ۽ سٺي پاڻيءَ جي سپلاءِ جو به خيال ڪرڻ کپي نه ته هو چوريون ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ويندا جو بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري. اها ڳالهه ڪرنل ڪومبس اسيمبليءَ ۾، ڪلاس روم ۾، ڪاليج جي فنڪشن ۾ هر هر ڪندو هو.
    ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾، جتي مون اٺ سال کن اتي جي جهاز هلائيندڙ ڪئپٽنن ۽ انجنيئرن کي، نه فقط پڙهائيو پر انهن جا امتحان به ورتا. ملائيشيا جي مختلف جهازران ڪمپنين جا آفيسر اسان جا شاگرد هئا. هو سال ڏيڍ جهاز هلائي چار مهينن جو ڪورس ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ايندا هئا ۽ ان ڪورس ۽ امتحان ۾ پاس ٿيڻ تي هنن جي پروموشن ٿيندي هئي. هر بئچ ۾ ٽيهه چاليهه ڄڻا هوندا هئا جن ۾ ٽي يا چار کن انڊين باقي ۾ اڌو اڌ ملئي ۽ چيني هوندا هئا. انڊين ٺيڪ ٺاڪ هوندا هئا، چيني تمام هوشيار ۽ محنتي هئا ۽ ملئي محنتي هئا پر اهڙا نه. ڪجهه ڪجهه موڳا به هئا. ٻهراڙين مان هجڻ ڪري شرميلا ۽ انگريزيءَ ڳالهائڻ ۾ ڪمزور هئا، ان ڪري سوال جواب به گهٽ ڪندا هئا. آئون ۽ هڪ ٻيو فارينر چيف انجنيئر، جڏهن هتي آياسين ته مون پنهنجي ملئي باس، جيڪو منهنجو دوست پڻ آهي، شروع جي ڏينهن ۾ ئي پڇيو ته آيا هتي جي اصلوڪي رهاڪن يعني ”بوميپترن“ (ملئي شاگردن) کي امتحان ۾ ڪجهه وڌيڪ مارڪون ته نه ڏيڻيون پونديون؟
    ”نه هرگز نه.“ اسانجي ڪمانڊنٽ ٻڌايو، ”اسان لاءِ شاگرد سڀ برابر آهن. جيڪو جيتري محنت ڪري ٿو ان کي اوترو ڦل ملڻ کپي.“
    ”توهان وٽ ڪوٽا سسٽم آهي، ان ڪري مون ڳالهه صاف ڪرڻ چاهي ٿي.“ مون چيومانس.
    ”ها ڪوٽا سسٽم ضرور آهي،“ اسانجي ڪمانڊنٽ (باس) ٻڌايو، جنهن جو جهاز هلائڻ دوران ڪيترائي دفعا ڪراچي به اچڻ ٿيو هو ۽ اسان جي ملڪ جي سياست کان واقف هو، ”پر اسان وٽ ڪوٽا سسٽم ائين نه آهي جيئن توهان وٽ آهي.“
    ”ڇا مطلب؟“ مون پڇيومانس.
    ”ڏس نه اسان وٽ ڪوٽا سسٽم ۾ ڳوٺ جي ڇوڪرن کي وڌيڪ تعليم يا نوڪرين لاءِ موقعو ڏيون ٿا پر merit جي بنياد تي. توهان وٽ وزير پنهنجن نالائق ٻارن کي موقعو ڏين ٿا. نتيجي ۾ هو تعليم پرائڻ بدران تعليمي ماحول هڪ طرف خراب ڪن ٿا ته غريب ۽ هوشيار جو حق ٻئي طرف برباد ڪن ٿا.“
    منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جون اهي ڳالهيون آهن جن ڪري هي ملڪ ترقي ڪندو وڃي. اسانجي هن اڪيڊمي ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي جهازي ڪمپنين جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن سان گڏ مڪاني يونيورسٽين جا پروفيسر پڻ هئا، پر هيءَ اڪيڊمي هڪ ڏورانهين ٻيٽ نما جڳهه تي هجڻ ڪري ۽ اتي جي پوري پني پگهار ڪري ڪوبه سال ٻن کان وڌيڪ نٿي رهيو. پر مونکي هي هنڌ ۽ پڙهائڻ واري نوڪري پسند آئي ۽ يڪساهيءَ اٺ سال رهي پيس، جنهن ۾ فقط هڪ دفعو موڪل تي وطن آيس. آئون وڏي شوق سان نه فقط پڙهائيندو رهيس پر ملائيشيا بابت ڪيترين ئي اخبارن ۾ لکندو به رهيس. منهنجي شايد انهن ڳالهين ڪري ملائيشيا جي حڪومت مونکي PJK ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. آئون اهو ٻڌي وائڙو ٿي ويس ۽ ملاڪا جي گورنر صاحب ”تُن سيد احمد شهاب الدين“، جنهن سان گولف کيڏڻ مهل شام جو اڪثر ملاقات ٿيندي هئي، تنهن کي چيم ته هي مون ڌارئين کي ايوارڊ مليو آهي ڪنهن مڪاني ماڻهوءَ کي ئي ڏنو وڃي ها ته سٺو ٿئي ها.
    ”اسان لاءِ ڪو ڌاريون يا پرايو ناهي،“ احمد شهاب ٻڌايو، ”اسان لاءِ هر اهو ماڻهو عزت ۽ پيار جي لائق آهي جيڪو هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جو خيال رکي ٿو.“
    منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جي ترقيءَ جو اهو آهي بنيادي نقطو! هنن وٽ اهو سٺو ناهي جيڪو سندن زبان ڳالهائي ٿو يا سندن هم مذهب آهي يا سندن ڳوٺ يا صوبي جو آهي. هنن وٽ اهو سٺو ماڻهو آهي جيڪو ملائيشيا ۽ ان جي رهاڪن جي بهتريءَ جو سوچي ٿو. پوءِ اهو چاهي پنهنجو هجي يا پرايو. ان معاملي ۾ هو کلئي عام discuss ڪندا رهندا ۽ ويندي پنهنجن مائٽن ۽ ملڪ جي سلطانن کي به نه بخشيندا، جيڪڏهن هو ملڪ ۽ ماڻهن جي بهتريءَ جو خيال نٿو رکي ته. ’تان سري ڪشِو‘ هندو سنڌي ۽ ڌاريون هو پر هن ملاڪا جي هڪ ڳوٺڙي ۾ ڪپڙي جا ڪارخانا هڻي مڪاني غريب ماڻهن کي روزگار سان لڳايو ته هن کي وڏا انعام اڪرام ڏنا ويا، جيتوڻيڪ هن انهن ڪارخانن ڪري پاڻ به پئسو خوب ڪمايو. ظاهر آهي ته جتي انصاف ۽ امن امان آهي اتي ڌنڌو ڇو نه هلي سگهندو. اهڙي طرح هن ملڪ جي حڪومت ۽ عوام سکن جي به عزت ڪري ٿي جو اهي پُرامن شهري آهن. ڪيترن سکن کي حڪومت ۽ ملڪ جي بادشاهه طرفان ايوارڊ ملندا رهن ٿا جن راندين ۾ نالو پيدا ڪيو، جن چندا گڏ ڪري هن ملڪ ۾ راندين جا گرائونڊ ٺهرايا. ڪيترن پٺاڻن، آغا خانين، بوهرين ۽ پارسين کي به هتي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو جن هن ملڪ ۽ ان جي ماڻهن لاءِ فلاحي ادارا ٺاهيا، غريبن لاءِ اسپتالون ۽ ٻارن لاءِ پارڪ ٺاهيا.... منهنجي خيال ۾ اها پاليسي ڏاڍي سٺي آهي جيڪا اسان وٽ ناپيد آهي. اسان ڪڏهن عيسائين جي پويان پونداسين ته اسان لاءِ هو سڀ خراب ٿي پوندا ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪنداسين جو هو ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿي ويندا. ڪو هڪ پارسي غلط ڪم ڪندو ته ان کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ بدران سڀني کي گاريون ڏيڻ شروع ڪنداسين. اهو نه سوچينداسين ته هنن جون اسانجي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ ڪيڏيون ته خذمتون آهن. سالن کان NED ۽ ماما پارسي جهڙن تعليمي ادارن مان اسان جا ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سندن ڏنل ڊائلسز مشينن تي ڪيترائي غريب علاج حاصل ڪري رهيا آهن پر ڪاوڙ سڀني تي ڪري کين لڏائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اهڙيءَ طرح هندن جي پٺيان هٿ ڌوئي اچي پونداسين. اهو نه ته ڀائي جيڪو خراب آهي ان کي خراب چئجي جيڪو سٺو آهي ان جي ته تعريف ڪجي، جيئن هن جي همت افزائي ٿئي ۽ هو اڃا سٺو ٿئي ۽ ملڪ ۽ ماڻهن جي خذمت ڪري. ان قسم جي سوچ ڪاليج وارن ڏينهن ۾ اسان کي ڪاليج جي ائڊجيوٽنٽ ”ڪئپٽن (هاڻي رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل) عالم جان محسود“ ڏني. عالم جان پاڻ پٺاڻ آهي پر ڪاليج جي سڀني ڪئڊٽن کي پنهنجن ننڍن ڀائرن وانگر سمجهيو ٿي. هن اسان کي هڪ ئي زبان (سنڌي، اڙدو، پنجابي، پشتو وغيره) جا ٽولا ٿي هلڻ بدران هڪ ٻئي سان مڪس اپ ٿيڻ ۽ واهپي جي زبان انگريزي ڳالهائڻ تي پابندي وڌي. هن اسان کي هڪ ٻئي سان نفرت ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جي سٺين ڳالهين جي واکاڻ ڪرڻ جو سبق ڏنو. هو چوندو هو سٺا ۽ خراب ماڻهو جتي ڪٿي آهن. هڪ ئي ماءُ جا ٻار ڏسبا ته انهن ۾ به ڪو ڀلو هوندو ته ڪو ڍِلو. توهانکي ڪنهن ۾ سٺا ئي نظر اچي ٿي ته هن جي تعريف ڪريو ۽ ان کي اپنائڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪنهن ۾ ڏنگائي نظر اچي ٿي ته سٺي طريقي سان هن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪريو.
    اسان وٽ اها ڳالهه عام آهي ته اسان پنهنجن جا ٽولا ٺاهي هلون ٿا. ولايت ۾ ڏسندائو ته انڊيا جا رهاڪو عربن سان به پيا ملندا ۽ دوستي رکندا ته يورپين، آفريڪن، آمريڪن ۽ جپانين سان به. هنن مان سٺيون سٺيون ڳالهيون ۽ تجربا حاصل ڪندا. پر اسان جا پاڪستاني فقط پنهنجن سان ناني ڪنڙو ٺاهي هلندا ۽ پوءِ آخر ۾، پاڻ ۾ نه رڳو ولايت ۾ وڙهي پوندا پر وطن واپس پهچڻ تي اهي جهيڙا جهٽا قائم ئي رکندا. اهڙي طرح جيڪڏهن هو پاڪستان جي ڪنهن تعليمي اداري، هاسٽل يا آفيس ۾ آهن ته هو اتي وري سنڌي، پنجابي، اڙدو ڳالهائڻ وارا ٽولا ٺاهي هلندا ۽ جي وري ان اداري ۾ سڀ هڪ زبان ڳالهائڻ وارا آهن ته پوءِ وري ضلعي جي حساب سان ٽولا ٺاهي هلندا. پر اسان جي هن ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) ۾ اسان کي Polarisation کان بچائڻ لاءِ مڪس اپ ڪيو ويو. مونکي ياد آهي ته پهريون سال پنهنجي ڳوٺائين سان گڏ رهڻ بعد جڏهن ڪرنل ڪومبس شفلنگ ڪئي ته آئون پنهنجو پاڻ کي نان سنڌي روم ميٽن سان گڏ ڏسي پريشان ٿي ويس. اڄڪلهه ته فلمون ۽ ٽي وي ڏسي ننڍو ٻار به اڙدو ڳالهائي سگهي ٿو پر تن ڏينهن ۾ منهنجي اڙدو ”آئو، جائو، کدهر هي....“ تائين محدود هئي، سو مونکي سخت مونجهارو ٿيو پر پوءِ ڪجهه هفتن بعد آهستي اهستي پنهنجي نئين سنگت enjoy ڪرڻ لڳس ۽ ڪيتريون ئي نيون ۽ سٺيون ڳالهيون سکڻ لڳس. مذهبي ڳالهين کان مختلف راندين تائين، جن ۾ اسان سنڌي- خاص ڪري ڳوٺن جا ايترو واقف نه هئاسين اهي سکڻ جو موقعو مليو. اهڙي طرح سال ٻن بعد آئون نه فقط ڪئڊٽ ڪاليج جي والي بال ۽ باسڪيٽ بال ٽيم جو ڪئپٽن ٿيس پر ان بعد مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ به ڪئپٽن رهيس. انگريزي وانگر نه فقط اڙدو ڳالهائڻ ۾ روانگي پيدا ٿي پر اڙدو ادب سان به دلچسپي پيدا ٿي ۽ ان سان گڏ مختلف بدلجندڙ روم ميٽن ۽ ساٿين جي ڏورانهن شهرن: گلگت ۽ ڪوئيٽا کان لاهور، ملتان ۽ ٻين شهرن جي واقفيت ٿي جو انهن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ سڄي پاڪستان جا شاگرد آيا ٿي. اهڙن ساٿين ۾ هڪ طارق جميل نالي لاهور جو منهنجي ڀر واري ڪمري ۾ رهندو هو. ان جو والد سنڌ جي ڪنهن ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هو. هو پٽ سان ملڻ وقت اسان سان به قرب سان ملندو هو. طارق چئن ڀيڻن ۾ اڪيلو ڀاءُ هو پر سندس پيءُ اسان جي سنڌي پيئرن وانگر هروڀرو لاڏ ڪوڏ کڻڻ بدران هن کي نماز پڙهڻ لاءِ ۽ تعليم ۽ رانديون سکڻ لاءِ سختي ڪندو هو ۽ نصيحتون ڪندو هو. مونکي اڄ ڏينهن تائين خبر ناهي ته هو سرائڪي آهي، پنجابي آهي يا پٺاڻ- پر هو هڪ زبردست انسان آهي جنهن سڄي زندگي دوستيءَ جو ساٿ نڀايو. ڄڻ ڪالهه جو ڏينهن هو جو هو نائين ڪلاس ۾ هو. انجنيئرنگ پڙهيو. انجنيئر ٿيو ۽ ٻه سال اڳ مون وانگر سٺ سالن جو ٿي نوڪري مان رٽائرڊ ٿيو. آخري وقت هو پنجاب حڪومت ۾ چيف انجنيئر هو. پاڻ سنڌي به سٺي ٿو ڳالهائي. ڪجهه سال اڳ جڏهن سندس ڌيءَ جي سنڌ ۾ شادي ٿي هئي ته مون به اٽينڊ ڪئي ۽ اتي کلندي پڇيومانس ته طارق تون پنجابي آهين يا پٺاڻ؟ کلندي چيائين الطاف! جڏهن زندگيءَ جي آخري پهر جي آخري حصي ۾ پهتو آهين ته هاڻ ٿو اهو پڇين. هاڻ پاڻ کي اهو معلوم ڪرڻ کپي ته مرڻ کان پوءِ قبر ۾ ملائڪ ڪهڙو سوال ڪندا.
    اهڙي طرح قاضي احمد ۽ ميرپورخاص ضلعي جي هڪ ڳوٺ جا محمد سميع ۽ حميد انور نالي منهنجا پيٽارو ۾ دوست هئا. انهن جا والد يا ڏاڏا پڙڏاڏا مشرقي يا مغربي پنجاب جي ڪنهن ڳوٺ مان لڏي هتي سنڌ ۾ اچي رهيا. سميع ۽ حميد انور ٻئي سنڌي ڳالهائيندا هئا ۽ اڄ تائين ڳالهائين ٿا. هو جتي به رهيا سنڌ جي رهاڪن جي مدد ڪندا رهيا.
    اڄ ڪلهه سميع ۽ حميد انور گذريل پندرهن ويهن سالن کان آمريڪا ۾ رهن ٿا. آمريڪا ۾ ويس ته منهنجي ڳوٺ جو نجم ميمڻ، اعجاز ابڙو، اعجاز ترڪ، عاشق لاکو هنن جي تعريف ڪندو رهيو ته هو هنن لاءِ ڪيڏو ته مددگار ثابت ٿيا آهن. حميد انور جو تفصيلي احوال پنهنجي آمريڪا جي سفرنامي ”ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ۽ سميع جو ”آمريڪا ڙي آمريڪا...“ ۾ تفصيل سان ڪري چڪو آهيان.
    ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي هاسٽل جي جنهن سيڪشن جو آئون انچارج (JUO) هوس ان ۾ هڪ لاهور پاسي جو ڇوڪرو هو جيڪو راندين ۾ اهڙو هوشيارو نه هجڻ ڪري اسان جي هاسٽل جي ٽيم تي اثر پوندو هو ۽ هو آخر تائين پي ٽي پريڊ يا باسڪيٽ بال ۽ باڪسنگ ۾ مٿاهون درجو کڻي نه سگهيو. ان کان علاوه منجهند جي وقت، جيڪو اسان کي ڪلاڪ ڏيڍ آرام ڪرڻ جو ملندو هو، ان ۾ هو هاسٽل جي ورانڊي ۾ بيهي زور زور سان ڳالهائيندو هو ۽ ٻين هاسٽلن جي لنگهندڙن جي رستا روڪ ڪندو هو يا انهن تي ڊائلاگ هڻندو هو. جسم ۾ جيتوڻيڪ ٺيڪ ٺاڪ هو پر شاعراڻي نموني جي ڪمزور دل هجڻ ڪري لياقت جتوئي ۽ هادي بخش جتوئي جهڙا جونيئر ۽ ڪمزور به کيس ٺونشو ٻه هڻي ڪڍندا هئا ۽ پوءِ سندس رڙيون هونديون هيون يا پري کان بيهي دڙڪا ڏيڻ هوندو هو. (هادي بخش لاءِ، جلدي ۾، ڪمزور لکيو ويو آهيان. هو جونيئر ضرور هو پر جهڙو هينئر اٽو ڪٽو آهي اهڙو ئي ننڍي هوندي هو جڏهن هن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اٺين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي.) بهرحال لاهور جي هن رڙيون ڪندڙ ۽ ڊائلاگ هڻندڙ ڇوڪري لاءِ- جيڪو راندين سان گڏ پڙهائيءَ ۾ به ايڏو هوشيار نه هو، ان لاءِ، تن ڏينهن جو نيول آفيسر ڪمانڊر اسرار الله به چوندو هو ته هي اڳتي هلي الائي ڇا ڪندو! پر قدرت هن تي ايڏي مهربان ٿي جو هو پيٽارو جي شاگردن ۾ سڀ کان اڳ، نه فقط پنهنجي ضلعي يا صوبي ۾، پر سڄي پاڪستان ۾ مشهور ٿي ويو. پاڪستان ۾ ٽي وي اچي وئي ۽ ٽي وي جا مشهور پروگرام ”ڊراما“ هئا ۽ اسان جو هي ڪئڊٽ جنهن جو نالو اورنگزيب لغاري آهي، پنهنجي سٺي ائڪٽنگ ڪري سڄي ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. سندس ئي هڪ ٻيو ڪلاس ميٽ اڪبر بگٽيءَ به ڊرامن ۾ نالو پيدا ڪيو پر فقط بلوچستان ۾. هو فقط ڪوئيٽا مان نشر ٿيندڙ ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ هن ائڪٽنگ کي فل ٽائيم نه ڏنو. گريجوئيشن ۽ سول سروس جو اعليٰ امتحان پاس ڪرڻ بعد هو سرڪاري نوڪريءَ ۾ مشغول ٿي ويو. آخري سالن ۾ هو بهاولپور ۽ ڪراچي جو انڪم ٽئڪس ڪمشنر ٿي رهيو. رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ وقت هو سڄي بلوچستان صوبي جو ڊئريڪٽر جنرل هو. ڪجهه هفتا اڳ منهنجي هنن ٻنهي سان ڪئڊٽ ڪاليج (1963ع ۾) ڇڏڻ بعد ملاقات ٿي. هاسٽل جي ورانڊن ۾ هڪ ٽنگ تي ٽپ ڏيئي ٽاپوءَ راند کيڏندڙ 16 سالن جو هي ڇوڪرا اڄ گهر جي ڊرائينگ روم ۾ به وک وک خيال سان ڀچائي هلي رهيا هئا ۽ اهڙو ئي بلڪ ان کان وڌيڪ ٻڍائپ وارو حال پنهنجو محسوس ڪريان ٿو. هڪ ڏينهن پنهنجي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ، خيرپور جي شوڪت جماڻيءَ سان اهوئي حال ڪيم ته ”مَنو! پوڙها ٿي ويا آهيون! هو ڇا شاهه لطيف چيو آهي ته:
    ”جهونا ٿيا جهاز، سَٽ نه جهلين سڙهه جي.“
    شوڪت پنهنجو روايتن قسطوار ٽهڪ ڏيندي، چيلهه کي سڌو ڪندي چيو ”مَنو! شڪر ڪر جو هن عمر ۾ به پنهنجي هلندي پيا هلون. پنهنجن ڪيترن ڪلاس ميٽن جي ته دِيد ئي نٿي پوي.“ سندس ان لفظ ”دِيد“ تي ڀرسان بيٺل منير جماڻي ۽ اقبال جماڻي به ڏاڍو کليا هئا. اقبال چيو ”هي تنهنجو ڪلاس ميٽ سڄو ڏينهن ويٺو ته پيٽرول پمپن تي آهي، سنڌيءَ جا شعر ۽ سنڌيءَ جا هي جهونا لفط خبر ناهي ڪٿان سکيو آهي.“
    منهنجي خيال ۾ شوڪت جماڻي اهو بزنس مئن ۽ اسان جي ڪلاس ميٽن مان آهي جيڪو جيتوڻيڪ سڀ کان گهٽ پڙهيو پر سندس سڀ کان گهڻا اديب، شاعر ۽ تعليم يافته ماڻهو دوست رهيا آهن جن ۾ تنوير عباسي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، رباني آگرو، جسٽس غوث علي شاهه، مرحوم منظر اڪبر، جج ٿهيم جهڙا نه فقط دوست رهيا پر هن ننڍپڻ کان فرصت جون گهڙيون هنن جي سنگت ۾ گذاريون آهن.
    ڪالهه رات ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي شروع وارن پنجن ڇهه بئچن جي، ڪئپٽن رشيد ابڙي، ڪراچي جي ”بوٽ ڪلب“ ۾ ڊنر ڪئي. دراصل اتان موٽڻ بعد هي مضمون لکڻ تي موڊ ٿي. آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ٻي بئچ جو آهيان. رشيد چوٿين يا شايد پنجين جو آهي. پهرين ۽ ٻين بئچ جا ڪي پنج ڇهه مس هئاسين هر ڪو پيو پڇي ته اهي ڇو نه آيا. آخر چيومان ته هجن ته اچن. ڪي عربستان لڏي ويا ته ڪي انگلستان، باقي قبرستان. فرسٽ بئچ جا 64 سالن جا ٿي ويا ۽ اسين سيڪنڊ جا 63 سالن جا- آخر ته ٻئي جهان ۾ به ته هلڻو آهي.
    مانيءَ تي مونسان گڏ هڪ پاسي ائڊمرل اظهر ۽ ائڊمرل ابرار ويٺل هئا. ٻنهي مونکان به وڏي ڏاڙهي کڻي رکائي آهي. ٻئي ڄڻا ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي نماز روزي جا پابند رهيا آهن. اظهر پڙهائيءَ ۾ به هوشيار رهيو آهي. سندس هر سال مقابلو سندس ڪلاس ميٽ اقبال ترڪ سان هو. هڪ سال اظهر فرسٽ ايندو هو ته ٻئي سال اقبال. بورڊ جي ٻارهين ڪلاس ۾ سڄي سنڌ مان اقبال ترڪ فرسٽ آيو جيتوڻيڪ يارهين ڪلاس ۾ اظهر حسين ٽاپ ڪيو. ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ۽ ”سنگاپور ٿو سڏي ڪري“ منهنجا ڪتاب هنن نالي منسوب ٿيل آهن.
    منهنجي کاٻي پاسي ڪئپٽن رشيد ابڙي جا ڪلاس ميٽ: سيد پرويز شاهد (جنهن کي اسان ڪاليج جي ڏينهن ۾ فقط “SP” سڏيندا هئاسين) ۽ خيام دراني ويٺل هئا. منهنجي اڙدو جي سفرنامي ”يورپ ڪي دن“ تي انتساب SP نالي آهي. سيد پرويز شاهد ڪئڊٽ ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي محنتي، فضيلت وارو ۽ جهڙو پڙهائيءَ ۾ هوشيار تهڙو راندين ۾ هوشيار رهيو. ڪئڊٽ ڪاليج جا هن وقت ڪيترائي شاگرد برگيڊيئر ۽ ان کان مٿاهين رئنڪ تي پهتا پر سيد پرويز شاهد پيٽارو جو پهريون ڪئڊٽ آهي جيڪو برگيڊيئر ٿيڻ بعد نه فقط ميجر جنرل ٿيو پر ليفٽيننٽ جنرل به ٿيو ۽ ان پوسٽ تائين اڃا ٻيو ڪو پيٽارين نه پهتو آهي. پاڻ گذريل سال رٽائرمينٽ ورتائين ۽ اڄڪلهه ”دي سٽيزن فائونڊيشن“ جو CEO آهي. مون کيس ان نئين پوسٽ جي مبارڪ ڏني.
    ”ڀائي جان! توهان جون دعائون آهن.“ پرويز چيو.
    ”دراصل اسان جي دعائن کان وڌيڪ سنڌ جي ڏتڙيل علائقن جي سوين هزارين سنڌي شاگردن جون دعائون توهان جي خاندان سان گڏ آهن جن کي تنهنجي والد صاحب پنهنجن ٻچن وانگر ٽيهه سال کن پڙهايو.“
    مون ائڊمرل اظهر ۽ ٻين کي ٻڌايو ته جنرل پريوز (SP) جي والد صاحب تعليم جي حوالي سان سنڌ جي وڏي خذمت ڪئي. پاڻ مئٿس پڙهائيندا هئا ۽ نه فقط ڪاليج ۾ پر ڪيترن ئي شاگردن کي گهر ۾ گهرائي ٽيوشن پڙهايائون جنهن جو اجورو هن ڪڏهن به شاگردن کان نه ورتو. مون پرويز شاهد کي چيو ته ”تنهنجو والد هڪ عظيم انسان هو جنهن جو مثال آئون ڪيترن کي ڏيندو رهان ٿو.“ اسانجي پيٽارين ليفٽيننٽ جنرل پرويز (SP) کي ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ آهي. ڀائرن ۾ هڪ وڏو جاويد شاهد آمريڪا ۾ آهي ۽ شايد ڊاڪٽر آهي ۽ هڪ ننڍو برگيڊيئر جمال شاهد پاڪستان آرمي ۾ آهي ۽ ڀيڻ نسرين جيڪا پرويز کان ننڍي آهي اها جسٽس سيد ارشد جي گهر واري اهي.
    جنرل پرويز شاهد کي چيم ته تنهنجي والد کي واقعي Credit هجي جيڪو ماستر ماڻهو ٿي ڪري، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جهڙن ننڍن شهرن ۾ رهي ڪري، گهٽ پگهار مان نه فقط پنهنجو گهر ٿي هلايو پر توهان ڀائر ڀيڻن کي اعليٰ تعليم به ڏياري، سٺو اخلاق به سيکاريو...“
    ”الطاف! جڏهن انسان نيڪ ٿي هلي ٿو، نيت صاف رکي ٿو ته پوءِ رب پاڪ به ان جي مدد ڪري ٿو. ٿوري روزيءَ ۾ به برڪت وجهي ڏئي ٿو.... اسان جنهن سادگي سان گهر توڙي ڪاليج ۾ وقت گذاريو اها ڪا توکان لڪل ڇپيل ڳالهه ناهي.“
    جنرل پرويز جو والد صاحب پروفيسر سيد شاهد علي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ درس تدريس جو ڪم ڪيو جنهن مان سڀ کان گهڻو وقت- اٽڪل ست سال کن، شڪارپور جي ڪاليج ۾ مئٿس جو ليڪچرر ٿي رهيو. ان بعد پنج سال کن حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ رهيو جتي پاڻ نئين هاسٽل جو وارڊن پڻ ٿي رهيو (۽ پراڻي هاسٽل جو وارڊن قلباڻي صاحب هوندو هو). ان بعد 1960ع کان 1965ع تائين پاڻ جيڪب آباد جي ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿي رهيا. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن پرويز ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ رهيو. ون يونٽ ٿيڻ تي پرويز جي والد جي لاهور ۾ پوسٽنگ ٿي ۽ ان بعد ميرپورخاص جي ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. سندن 1974ع ۾ رٽائرمينٽ ٿي، ان وقت هو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي عهدي تي هئا. رٽائرمينٽ بعد پاڻ ست سال کن ڪراچيءَ جي بورڊ آف ايڊيوڪيشن ۾ امتحانن جا ڪنٽرولر ٿي رهيا. 1998ع ۾ پاڻ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائون.
    جنرل پرويز جي ڀر ۾ ويٺل منهنجي ڪاليج جي ٻئي ساٿي خيام درانيءَ جي فئملي جي ڪهاڻي به ڪا مختلف ناهي. خيام درانيءَ جو والد صاحب، لياقت حسين خان دراني، جيتوڻيڪ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ رهيو (رٽائرمينٽ تي PTV تان مزاحيه پروگرام به ڪيا) پر سندس والده درس تدريس جو ڪم ڪيو- خاص ڪري ان دور ۾ جڏهن ڇوڪرن جي به تعليم عام نه هئي. ڇوڪرين کي اسڪول ۾ موڪلڻ ته taboo سمجهيو ويو ٿي. خيام جي والده پڙهائڻ جهڙو نيڪ پيشو 1954ع کان لاڙڪاڻي ۾ شروع ڪيو. لاڙڪاڻي جي پوسٽ آفيس واري بلڊنگ جي مٿين حصي جا ٽي چار ڪمرا ”گورنمينٽ گرلس اسڪول“ جي نالي سان شروع ڪيا ويا، بعد ۾ لاڙڪاڻي جي سول اسپتال جڏهن نئين بلڊنگ ۾ شفٽ ٿي ته پراڻي عمارت، ڇوڪرين جي اسڪول لاءِ وقف ڪئي وئي. خيام دراني جي والده سڄي عمر ٽيچنگ ۾ رهي. سندن گهڻو عرصو لاڙڪاڻي جي گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۾ گذريو. وچ وچ ۾ ڪجهه ڪجهه عرصو دادو، خيرپور ۽ سکر ۾ به گذاريو. منهنجي گهر واري ۽ ٻيون سندس هم عمر (فهميده قريشي، فيڊرل ايڊيوڪيشن کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري رشيده بلوچ، ڊاڪٽر ذڪيه کيڙو تاج صحرائي جي ڌيءَ نيلو، صبيحا پرياڻي) ۽ ٻيون ڪيتريون ئي، جيڪي دادوءَ ۾ خيام درانيءَ جي والده وٽ پڙهيون، هن کي ”ساڙهي واري مئڊم“ سڏينديون آهن جو هوءَ هميشھ ساڙهيءَ ۾ نظر ايندي هئي. هوءَ ڊسيپلين ۽ وقت جي پابنديءَ جي سخت هوندي هئي. نه فقط اسڪول ۾ پر ڪيترين ئي ڇوڪرين کي گهر ۾ گهرائي پنهنجين ڌيئرن: سلميٰ ۽ شينا سان گڏ ٽيوشن پڻ پڙهائيندي هئي. سندس نالو امت المجيب هو پر عام طرح مئڊم اي. ايم. دراني سڏي وئي ٿي. پاڻ ۽ سندس ٻار سنڌي پڙهيا ۽ اڄ تائين خيام ۽ سندس ڀاءُ خالد دراني اسان سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائين. دراصل مئڊم دراني جا والدين (خيام دراني جو نانو ۽ ناني) ڊاڪٽر بيگم عبدالغفور به لاڙڪاڻي ۾ رهيا ۽ هو ٻئي پنهنجي زماني جا مشهور ڊاڪٽر هئا. هو شاهنواز ڀٽو صاحب جا به فئملي ڊاڪٽر هئا.
    خيام جو والد پوليس کاتي ۾ هجڻ ڪري هر وقت مختلف شهرن ۾ بدلي ٿيندو رهيو ٿي ۽ مئڊم امت المجيب دراني (خيام جي امان) کي نه فقط نوڪري ڪرڻي پيئي ٿي پر ٻارن جي سارسنڀال ۽ تعليم جي به سڄي ذميواري هن تي هئي. هن گهٽ پگهار ۽ وڏي عيال جي باوجود پنهنجن ٻارن کي گهڻي کان گهڻي تعليم ڏني. سندس وڏي ڌيءَ (يعني خيام دراني جي ڀيڻ) سلميٰ ”ڊاڪٽر“ آهي. هن سنڌ يونيورسٽي مان زولاجيءَ ۾ M.Sc ڪرڻ بعد آمريڪا مان ”پئراسٽولاجي“ ۾ پي. ايڇ ڊي ڪئي. بعد ۾ برمنگهام (انگلينڊ) مان پوسٽ ڊاڪٽوريٽ به ڪئي. پاڻ ڪافي عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي ڊپارٽمينٽ جي ”هيڊ“ به رهي.
    ڊاڪٽر سلميٰ بعد خالد ۽ خيام ٻه ڀائر آهن جيڪي اسان سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهيا. خالد نيويءَ ۾ چونڊجي ويو ۽ ڪمانڊر جي رئنڪ بعد رٽائرمينٽ ورتائين ۽ ڪنهن خانگي فرم ۾ ڪم ڪري ٿو. سٺي سر ڪري ڪنهن فنڪشن ۾ ڳائڻو هجي يا صبح جو اسيمبليءَ ۾ قرآن جي تلاوت ڪرڻي هجي، کيس ضرور سڏيو ويندو هو. کيس لکڻ جو به شوق آهي ۽ انگريزي اخبار ڊان ۾ جمع ڏينهن اسلامي ڪالم باقاعدگي سان لکي ٿو.
    خيام دراني انگريزي ادب ۾ M.A ڪرڻ بعد پاڪستان ايئرفورس ۾ آيو ۽ سمورو ٽائيم ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ سان لاڳاپيل رهيو. سال کن اڳ رٽائرڊ ٿيڻ وقت هو PAF ڪاليج شاهراهه فيصل جو پرنسپال هو ۽ ايئر ڪموڊور جي رئنڪ تي هو. ايئر فورس جو ايئر ڪموڊور آرمي جي برگيڊيئر برابر ٿئي ٿو. ڪموڊور خيام بعد ننڍي ڀيڻ شينا آهي جنهن M.A نفسيات ۾ ڪرڻ کان پوءِ سمورو وقت پاڪستان ايئر فورس جي ڪاليج ۾ رهي آهي. بهرحال ڪموڊور خيام درانيءَ جي والده جو اهو خواب ته هو جڳ جهان جي ٻارن کي به پڙهائي ته سندس ٻار به گهڻي کان گهڻي تعليم حاصل ڪن اهو قدرت پورو ئي ڪري ڏيکاريو ۽ نه فقط سندس اولاد پر سندس پوٽاڻ ڏهٽاڻ ۽ انهن جو به اولاد (ڇو جو خيام، خالد، شينا وغيره به ته نانا، ڏاڏا ۽ ڏاڏيون ٿي ويا آهن) به اعليٰ تعليم حاصل ڪري ملڪ جا مشهور ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ۽ سائنسدان آهن.
    ڪراچي جي بوٽ ڪلب ۾ ڪئپٽن رشيد ابڙو جي هن ڊنر ۾ موڪلائڻ وقت هڪ دفعو وري ڪموڊور خيام درانيءَ سان ملاقات ٿي. ان وقت سندس زال پروفيسر نائله (سٽي اسڪول PAF بيس جي پرنسپال) به گڏ هئي مون کين چيو ته ”توهان ٻئي ڄڻا انگريزي ادب جا شاگرد آهيو، مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون لکندا رهو ٿا. توهان کي ”مئڊم اي. ايم. دراني“ تي ڪجهه لکڻ کپي.
    ”مون گذريل هفتي ئي ڪجهه ريڊرس ڊائجسٽ لاءِ لکيو آهي،“ خيام ٻڌايو، ”گهر پهچي email ٿو ڪريان.“
    خيام دراني جو پنهنجي والده بابت feelings تي مبني هي مضمون، جنهن جو عنوان آهي Mission Accomplished، جا ڪجهه ٽڪرا هتي ڏئي رهيو آهيان....
    ”هن جي اڳيان هڪ Mission (مقصدِ حيات) هو. ۽ زندگيءَ جي اها مِشن جنهن تان هن ڪنهن به صورت ۾ دستبردار نٿي ٿيڻ چاهيو اها هئي ”تعليم“- جيڪا هن پنهنجن ٻارن ۽ ان ننڍڙي شهر جي ٻارن کي ڏيڻ چاهي ٿي جنهن ۾ هوءَ رهي ٿي. مسز درانيءَ جو نالو هر گهر ۾ ورتو ويو ٿي جو هوءَ لاڙڪاڻي شهر جي اڪيلي گرلس هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس هئي هوءَ منهنجي امڙ هئي. ننڍپڻ ٿو ساريان ته هوءَ منهنجي ذهن ۾ ٽيچر ٿي اڀري ٿي جيڪا اسان کي، اسانجي دوستن سميت، هر وقت پڙهڻ جي تلقين ڪندي رهي ٿي. هن جي اهائي خواهش هوندي هئي ته اسان پڙهائيءَ ۾ مٿاهون درجو حاصل ڪريون. هوءَ اسان کي تيستائين کيڏڻ نه ڏيندي هئي جيسين اسين سندس مقرر ڪيل وقت پڙهڻ ۾ نه لڳايون. هوءَ هڪ اهڙي سوسائٽي، هڪ اهڙي شهر ۾ رهي ٿي جتي ڇوڪرين کي پڙهائڻ ناجائز جي حد تائين خراب سمجهيو ويو ٿي پر هوءَ پهرين عورت هئي جنهن پنهنجي ڌيءَ کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان پري جي اسڪول جي هاسٽل ۾ موڪليو. هن شهر جي سڀني عورتن کي اهو ئي زور ڀريو ٿي ته هو پنهنجين ڌيئرن کي اسڪول ۾ موڪلين ۽ کين انگريزي پڙهڻ تي آماده ڪن. ڇو جو ائين ڪرڻ سان هنن جا ٻار شهر جي اعليٰ خاندانن جي ٻارن جو مقابلو ڪري سگهندا جن جي انگريزي سٺي هجڻ ڪري، سٺيون نوڪريون ملن ٿيون.
    ”پنهنجن چئن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جي سفر ۾ هوءَ جيئن منزل ڏي وڌي رهي هئي ته هن تي ڪئنسر (Breast Cancer) جو حملو ٿيو. هن وڏي همت سان Mastectomy ۽ ريڊيو ٿيراپي جهڙي آپريشن ۽ علاج ڪرائڻ بعد به پنهنجي مشن کي پورو ڪرڻ جي جدوجهد قائم رکي. گهر کان ٻه ميل کن پري اسڪول ۾ پهچڻ لاءِ هن کي روزانو ڏينهن تتي جو واڪ ڪرڻو پيو ٿي. لاڙڪاڻي جي رستن تي امڙ کان علاوه ٻي ڪابه عورت بنا برقعي جي نظر نٿي آئي. هوءَ پنهنجي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ وڏي اعتماد ۽ ڀروسي سان لاڙڪاڻي جي رستن تي ڪلف ڏنل اڇي ساڙهيءَ ۾ پيرين پنڌ نظر آئي ٿي. سڄي شهر جي نظرن ۾ هوءَ هڪ باوقار ۽ باعزت خاتون هئي جنهن جي مشن تعليم عام ڪرڻ ۽ جهالت جو خاتمو آڻڻ هو. ڪجهه سالن کان پوءِ هن تي وري ڪئنسر جو حملو ٿيو. هن ڀيري هن بيماريءَ پنهنجو اثر هن جي ڦڦڙن تي ظاهر ڪيو پر هوءَ اهڙي سخت عزم واري عورت هئي جو هن آڻ نه مڃي. هن جي ٻارن اڃا تعليم مڪمل نه ڪئي هئي ان ڪري هن کي اڃا جدوجهد ڪرڻي هئي جيئن سندس مِشن مڪمل ٿي سگهي. هن اڪيلي سر لاڙڪاڻي کان پيٽارو سفر ڪيو ۽ پنهنجن ٻنهي پٽن (مونکي ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ خالد) کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخل ڪرايو جيئن هو بهتر کان بهتر تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ ٻارن جي تعليم جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ هن کي پنهنجي نوڪري جاري رکڻي پيئي. ڏکين مالي حالتن جي باوجود هوءَ پنهنجي ٿوري گهڻي پگهار مان به ڪجهه حصو ڪڍي ضرورتمند شاگردياڻين جي به مدد ڪئي ٿي. ايتريقدر جو هن گهر ۾ سئيٽر اڻي ماٺ مٺوڙي ۾ ڪنهن اهڙي شاگردياڻيءَ کي ڏئي ٿي ڇڏيو جنهن کي سيءَ کان بچڻ لاءِ ڪا ڇنل سنل شال به نه هئي. منهنجي امڙ (جنهن کي اسين ”امي“ سڏيندا هئاسين) هڪ مذهبي قسم جي عورت هئي پر هن جي مذهب بابت سوچ رنگ، نسل، ذات پات کان مٿاهين هئي. هن لاءِ سڀ انسان انسان هئا. هن سڀني جو ڀَلو ٿي چاهيو. اٺ سال ڪئنسر جي تڪليف ڀوڳڻ بعد هوءَ هڪ ڏينهن ڪوما ۾ هلي وئي ۽ کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. هوءَ چئن مهينن تائين بستري تي ئي رهي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي چپن مان ڪجهه لفظ نڪتا ٿي ته اهي شينا (اسان جي ننڍي ڀيڻ) جي تعليم بابت هئا. هن بيماريءَ سندس جسم جي ڪيترن ئي اهم عضون کي کوکلو ڪري ڇڏيو هو پر لڳو ٿي ته هوءَ مرڻ لاءِ اڃا راضي نه هئي. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اسان لاءِ اهو معجزي کان گهٽ نه هو جو اسان ڏٺو ته هوءَ نه فقط هوش ۾ اچي وئي پر هلڻ چلڻ به لڳي. هڪ دفعو وري هوءَ روزمره جي ڪرت کي لڳي ويئي. شينا هاڻ ڪاليج وڃڻ لڳي ۽ اميءَ هن کي پنهنجي حياتيءَ ۾ گريجوئيشن ڪندي ڏٺو. مونکي انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ايئرفورس اڪيڊمي ۾ انگلش انسٽرڪٽر طور رکيو ويو ۽ آئون امي کي خدا حافظ چئي گهران نڪتس. مونکي اڃا تائين اهي موڪلائڻ واريون ساعتون ياد آهن. هن ٻهڪندڙ آواز ۾ دعائون ڏيندي خوشيءَ وچان چيو: ”منهنجا ڏکيا ڏينهن اچي ختم ٿيا آهن. شينا جي رزلٽ اچڻ بعد آئون تو وٽ ڪراچيءَ ۾ اچي رهنديس جتي مونکي هاڻ ڪجهه به ڪرڻو نه پوندو. ڪجهه ڪرڻو نه پوندو.“ مهيني ڏيڍ بعد شينا جي به رزلٽ اچي وئي. امي بيحد خوش هئي ته هن جي چئني ٻارن ڪنهن نه ڪنهن سبجيڪٽ ۾ گريجوئيشن ڪري ورتي ۽ هاڻ هوءَ مون ڏي اچڻ جي تياري ڪري رهي هئي ته هڪ رات اوچتو مونکي امي جي طبيعت خراب ٿيڻ جو اطلاع مليو. هن کي ڳالهائڻ ۾ به تڪليف ٿي رهي هئي. فون تي آئون سندس فقط هي لفظ سمجهي سگهيس ته:
    “Look after yourself and study.”
    ٻئي ڏينهن مون لاڙڪاڻي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو پر لاڙڪاڻي پهچڻ کان اڳ هوءَ راهه رباني وٺي وئي. هوءَ سخت ارادي، نيڪي، محنت ۽ همٿ جو مجسمو هئي. آئون هن وقت 60 سالن کي اچي ويجهو ٿيو آهيان ۽ هارٽ اٽيڪ به ٿي چڪو اٿم پر منهنجي اميءَ جو مثال مون لاءِ وڏي Inspiration آهي ۽ هوءَ مون لاءِ هر وقت همت ۽ خوشيءَ جو Source رهي ٿي. منهنجي امي هر وقت چوندي هئي ته ”پڙهندا رهو“. آئون هر وقت ان ڪوشش ۾ هوندو آهيان ته امان کي Homage بخشڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ نئون ڪتاب ضرور پڙهان.“


    ڪاپي ڪلچر

    امتحان پاس ڪرڻ لاءِ ڪي ڪي ٻار ۽ انهن جا مائٽ عجيب روحاني ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي جا طريقا اختيار ڪن ٿا. تعويذ، ڌاڳي، دعا کان علاوه ڪاپي، ڪارتوس ۽ موبائيل فونن کان به ڪم ورتو وڃي ٿو. ان مرض کان نه فقط اسان جو ملڪ پر ٿائلينڊ، انڊونيشيا ۽ چين جهڙا ملڪ به آجا نه آهن.
    ڪجهه سال اڳ ملائيشيا جي اپوح شهر ۾ اتي جي هڪ پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ پڙهائڻ ويس ته اتي جي چيني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻڌايو ته اتي توڙي چين ۾ امتحان پاس ڪرڻ لاءِ علم جي ديوتا ”وين چانگ“ کان دعا پنڻ ۽ ان جي نالي قرباني ڏيڻ اڄڪلهه فيشن ٿي پيو آهي.
    انهن ئي ڏينهن ۾ تائيوان جي شهر ڪِيلنگ ۾ ماڊرن ٽيڪنالاجي جي بنياد تي حيرت انگيز چيٽنگ (ڪاپي ڪرڻ) جو ڪيس جهليو ويو. تعليمي اداري جي ليڪچرارن جو چوڻ آهي ته ان ڪاپي ڪرڻ جو طريقه واردات (Modus operandi) هن ريت سمجهيو وڃي ٿو.
    پهريون قدم: هڪ پيشورانه قابليت جو همراهه جيڪو امتحان ۾ ايندڙ سوالن جي پيپر جو منٽن ۾ رٽو لڳائي يڪدم ياد ڪري وٺي، اهو اعليٰ نوڪري جي امتحان لاءِ اپلاءِ ڪري ٿو ۽ پوءِ هوم ورڪ ڪرڻ بدران پنهنجي يادگيري (Memorization skills) جي پرئڪٽس ڪري ٿو.
    ٻيو قدم: هو امتحان جي هال ۾ اچي ٿو. مليل سوالن جو پيپر جلدي جلدي ياد ڪري جوابي ڪاپين تي ڪجهه لکڻ بنا، يڪدم امتحان جو هال ڇڏيو وڃي ٿو. سوالن جو پيپر پاڻ سان ٻاهر کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي پر مڙيئي خير آهي. سڀ سوال هن جي دماغ جي تختيءَ تي هاڻ موجود آهن.
    ٽيون قدم: هن جي ٻاهر نڪرڻ تي هن جا ساٿي انهن سوالن جا جواب ڳولي وٺن ٿا ۽ ريڊيو فريڪوئنسي ذريعي پهاڙيءَ وٽ موجود اميدوار ڏي موڪلين ٿا ۽ جتان اسڪول نظر اچي پيو.
    چوٿون قدم: ماءُ اهي جواب مائڪرو فون ۾ پڙهي ٿي.
    پنجون قدم: امتحان هال ۾ ويٺل سندس پٽ ڪنن ۾ لڪل ’ايئر پيس‘ ذريعي ٻُڌي لفظ به لفظ جواب لکي ٿو.
    مٿين ڪيس کان اڳ خبر ناهي ڪيترن ڇوڪرن ائين امتحان پاس ڪري ورتو پر هن ڀيري ڪنهن پوليس کي آگاهه ڪري ورتو ته امتحان هال جي چوڌاري سوالن جا جواب هوائي لهرن ذريعي تري (Float) ڪري رهيا آهن. پوءِ امتحان وٺندڙ اٿارٽيءَ جون اکيون کليون ۽ وٺ پڪڙ شروع ٿي.


    وڇونءَ جي پٺي نه ٺپر...

    ڏهاڪو سال ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ۽ اهڙا ڏهه کن سال چين ۽ جپان ۾ رهڻ ۽ اتي جهاز هلائڻ دوران، انهن ملڪن جا گڏ ڪيل پهاڪا ۽ چوڻيون “The Proverbs of Far East” جي نالي سان منهنجو انگريزي ڪتاب، ملائيشيا وارن ڇپرايو هو، جنهن جا پيش لفظ محترمه بينظير ڀٽو ۽ ملائيشيا جي مشهور ۽ تن ڏينهن ۾ حيات ليکڪ ”ڪِرس ماس“ لکيا هئا. اها اسي واري ڏهاڪي جي آخري سالن جي ڳالهه آهي. ان بعد حيدرآباد سنڌ جي نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن منهنجو ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان“ 1996ع ۾ ڇپيو جيڪو پڻ پهاڪن جو ڪتاب آهي. جنهن ۾ ڏور اوڀر جي ملڪن جي پهاڪن کان علاوه سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪا ۽ چوڻيون آهن. هن ڪتاب جا پيش لفظ سنڌي جي مشهور اديبن ۽ ٻولي جي ڄاڻن ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، آفتاب ابڙو ۽ قمر شهباز لکيا آهن.
    ڏور اوڀر جي مٿين ملڪن کان علاوه اسڪينڊينيويا جي ملڪن سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ ۾ به منهنجو نوڪري جي سلسلي ۾ ڪافي عرصو رهڻ ٿيو. خاص ڪري تعليم دوران يڪا ٻه سال کن سئيڊن ۾ رهڻو پيو، جتي جي ڏاکڻي شهر ۽ بندرگاهه مالمو مان، مون پنهنجي سبجيڪٽ ”مئرين انجنيئرنگ“ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي هئي. پهاڪا ٻڌڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو شوق مونکي اسڪول جي ڏينهن کان وٺي رهيو آهي ۽ تن ڏينهن کان نوٽ ڪندو اچان. سئيڊن ۾ رهڻ دوران اتي جي مڪاني ماڻهن سان ملڻ جلڻ جو ڪو ورلي وقت مليو ٿي پر پنهنجي ڪلاس ميٽن سان يونيورسٽي توڙي هاسٽل ۽ ان جي ميس ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي ۽ انهن واتان ٻڌل پهاڪا ضرور نوٽ ڪندو ويس. باقي دلچسپ ڳالهين جو احوال ”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“، ”ملير کان مالمو“، ”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“، ”جت برف پوي ٿي جام“ جهڙن ڪتابن ۾ اچي چڪو آهي.
    سئيڊن جي هن يونيورسٽي ۾ مون سان گڏ هڪ سؤ کان مٿي ملڪن جا اسٽوڊنٽس هئا جن جون مختلف زبانون، مذهب ۽ ڪلچرل پسمنظر هئا. هتي ڪجهه نوٽ ڪيل پهاڪا پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ لکي رهيو آهيان جيڪي آفريڪا جي شاگردن- خاص ڪري سوماليا، ماريطانيا، موراڪو، سوڊان، گهانا، سينيگال ۽ نائجيريا جي ڪلاس ميٽن کان معلوم ڪري لکيا هئم.
     ڪنهن ڪتي سان دوستي ٿي وڃڻ جو اهو مطلب ناهي ته لٺ ڀڃي ڇڏجي.
     ماکيءَ ۾ هٿ وجهڻ وارو، آڱريون چٽڻ تي مجبور ٿئي ٿو.
     بيوقوف جي دل هن جي وات ۾ هوندي آهي ۽ عقلمند جو وات هن جي دل ۾.
     ڀاڄوڪڙ ڪتي کي ڏنڊو وهائي ڪڍڻ سولو آهي.
     پيٽ ڀرجڻ بعد جيڪو کائي ٿو اهو پنهنجي قبر ڏندن سان کوٽي ٿو.
     دولتمند ڪتو به ”صاحب“ سڏجي ٿو.
     ان کان وڌيڪ بدنصيب ڪهڙو ماڻهو هوندو جنهن کي سندس پاليل جانور به ڏاڙهين.
     جن پکين کي ڦاسائڻ چاهيو ٿا انهن کي ته نه ڊيڄاريو.
     ان ڪنجوس جهڙا نه ٿيو جيڪو دفن ڪرڻ وارن لاءِ سڄي عمر بچائي رکي ٿو.
     بيضي جي ڇا مجال جو پٿرن سان وڙهي.
     اهو ڪتو جيڪو هڏو نٿو وٺي پڪ مئل آهي.
     ٻليءَ کي پنهنجي گهر ۾ شينهن جا ڏند ٿين.
    (اهو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته ٻلي به پنهنجي گهر ۾ شينهن).
     توهان جي زال توهانجي گهر ۾ هجڻ کپي يا قبر ۾.
    اهو آفريڪا جي ڪيترن ملڪن جو مشهور پهاڪو آهي پر هاڻ اهو پهاڪو فقط پهاڪي جي حد تائين وڃي رهيو آهي. اڄ جي آفريڪا جي عورت مرد کان وڌيڪ نه ته ان جيتري پڙهيل ڳڙهيل، آزاد ۽ هر ڪم ۾ اڳيان اڳيان آهي. يونيورسٽي ۾ منهنجي ڪلاس ميٽ آفريڪن ۾ اڌ کان وڌيڪ عورتون هيون ۽ اهو پهاڪو بحث دوران گهانا جي نيول اڪيڊمي جي پروفيسر ائلس چوندي هئي جنهن جون ٻيون دلچسپ ڳالهيون منهنجي سفرنامي ”اڇن جي ملڪن ۾ اسين ڪارا“ ۾ لکي چڪو آهيان.
    ائلس سان جڏهن ڪلاس ميٽ چرچا ڪندا هئا ته تو جهڙي حسين حبشڻ کي، اڪيلي سر هيڏانهن اچڻ لاءِ مڙس ڪيئن ڇڏيو؟ ته ان جي جواب ۾ هوءَ اهوئي چوندي هئي ته هاڻ اهو زمانو نه رهيو آهي جو عورت گهر ۾ مري ٻاهر فقط دفن لاءِ نڪري. آفريڪا جي هڪ ٻئي ملڪ سيرياليون جي فرينچ ڳالهائيندڙ فاطمه جيڪا ”شپ مئنيجمينٽ“ ۾ M.Sc ڪري ري هئي اها چوندي هئي ته ”ائلس اسان وانگر نه فقط مڙس کي اڪيلو ڇڏي هتي آئي آهي پر مڙس تي نظر رکڻ لاءِ ٻه خوفناڪ قسم جون شيدياڻيون گهر ۾ ڇڏي آئي آهي ته جيئن ائلس جي غير حاضريءَ ۾ سندس مڙس پٽڙيءَ تان ٿيڙ کائي ته اهي نوڪرياڻيون سندس نٽ بولٽ ٽائيٽ ڪن.“
     جيئن صحرا جي ٿڪل مسافر لاءِ واريءَ جو طوفان آهن تيئن لفظ ان انسان لاءِ آهن جيڪو خاموشي پسند ڪري ٿو.
     ملڪ جو حاڪم جي ڏينهن تتي جو اعلان ڪري ته رات آهي ته عوام کي تارن جي تعريف ڪرڻ کپي.
     جيڪڏهن ڪتن جون دعائون قبول ٿين ته آسمان مان روز هڏن جو مينهن وسي.
    مٿيون پهاڪو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ چوڻي مشهور آهي ته ”ڳجهن جي پِٽن سان ڪڏهن ڍور مئا؟“
     اڇي پڳ مان ماڻهوءَ جي وڏي ماڻهپيءَ جو اندازو نه لڳاءِ، صابڻ اوڌر تي به ملي ٿو.
    مٿيون پهاڪو ائين آهي جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ته ”اڇي پڳ مَ پس اندر مڙيئي اڳڙيون.“
     ڪانگ جي پٺ وٺي هلڻ وارو ڍونڍ تي ئي پهچي ٿو.
     ڳوٺ جو دروازو بند ڪري سگهجي ٿو پر بيوقوف جو وات هرگز نه.
     نهٺائيءَ سان توهان شينهن جون مڇون به پَٽي سگهو ٿا.
     هر ڪتو پنهنجي جسم تي چنبڙيل ٻگهين کي هرڻين جهڙو سهڻو سمجهي ٿو.
     اٺ جي خريدار کي پهرين پنهنجي گهر جو دروازو مٿاهون ڪرڻ کپي.
     ڀلي ڀاڳ واري کي توهان نيل نديءَ ۾ اڇلائيندائو ته به نه ٻڏندو. هو سلامت ٻاهر نڪري ايندو ۽ مڇي سندس وات ۾ هوندي.
     عرب جو اقرار سندس اکين مان پڙهي سگهو ٿا.
     سج جي غير حاضريءَ ۾ ئي چنڊ چمڪي ٿو.
     رڇ کڻي نو راڳ ڳائي پر هرهڪ ۾ ڳالهه ماکي جي ئي هوندي.
     مڇي ڄار ۾ ڦاسڻ بعد ئي سوچڻ شروع ڪري ٿي.
     گڏهه لاءِ هِيرن جي ٻن ڀرين کان ڪاٺين جي هڪ لَڏ بهتر آهي.
     وڇونءَ جي پٺي ٺپرڻ واري کي ڏنگ ئي نصيب ٿئي ٿو.
     ٻليون ڪو خدا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪوئا نٿيون پڪڙين.
     ماڪوڙي جڏهن سمنڊ جي ڳالهه ڪري معنيٰ هوءَ پاڻيءَ سان ڀريل ٿالهه ۾ ڪري آهي.
     جنهن گهر ۾ مالڪ ويٺو هڏا چٻاڙي ته پاليل ڪتن کي ڇا نصيب ٿيندو هوندو.
     گدڙ کان پڇيو ويو ته تنهنجو شاهد ڪير؟ وراڻيائين: ”منهنجو پڇ“.
     ڪاڪروچ اهو ڪيس ڪيئن کٽي سگهندو جنهن جو جج ڪڪڙ هجي.


    غلط انگريزي لکڻ واري ڇوڪري...

    ”ڳوٺ هلندين؟“ مون کان هڪ دوست پڇيو.
    حيدرآباد کان 50 ڪلوميٽر کن اتر ۾، هالا منهنجو ڳوٺ آهي جتي آئون ڄايس ۽ زندگيءَ جي شروعات جا ڏهه سال گذاريم. ان بعد ٻاهر ئي رهيس پر جڏهن به موقعو مليو هوندو ته ڳوٺ جو چڪر ضرور هنيو هوندم.
    ”هائو هلو ته هلون. ٻه سال ٿي ويا آهن، هالا ۽ حيدرآباد وئي. پر...“ وراڻيومانس.
    ”پر ڇا؟“ هن پڇيو.
    ”هڪ ڏينهن حيدرآباد ترسڻ ٿو چاهيان. حيدرآباد ۾ ابراهيم جويو صاحب سان ملڻ ٿو چاهيان. هن سان منهنجي ڪڏهن به ملاقات نه ٿي آهي. جارجيا (روسي رياست) واري مرزا نصير سان ملڻ ٿو چاهيان. هن جون لکڻيون آئون وڏي شوق سان پڙهندو آهيان. هينئر مهينو کن ايران هوس ته مشهد ۽ قم جهڙن شهرن ۾ هن جا ڪيترائي شيعا دوست مليا انهن جا سلام، ۽ فوٽو کيس ڏيڻا اٿم. سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر امر سنڌو کي ڪتاب ڏيڻا اٿم جن تي هن مون لاءِ پيش لفظ لکيا آهن.“
    ڪراچي لتاڙڻ ۾ دير نه لڳي. ڪيترن ئي هنڌن تي ٽرئفڪ جي لاءِ پليون ۽ ويڪرا رستا ٺهڻ ڪري ڪراچي شهر کي ڪراس ڪرڻ ۾ وقت ضايع نه ٿيو. هن ناظم ڪمڪال مصطفيٰ ۽ اڳئين نعمت الله ڪراچيءَ کي ڪافي ٺاهيو آهي. ڪوڪورا (جپان) ۾ هوندو هوس ته اتي نعمت الله صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي. هو پنهنجي خرچ تي جپان جي قابل، محنتي، ايوارڊ يافته ڪاڪورا شهر جي ميئر مسٽر ’ڪوئچي سوئي يوسي‘ سان ملڻ ايندو هو. هن کان، ڪراچي شهر کي ٺاهڻ لاءِ صلاحون ۽ امدادون وٺي ويندو هو ۽ ڪراچيءَ کي، پارسي ميئر جمشيد نسروانجي کان پوءِ هن بهتر بڻائڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏنو هو. خدا جو خوف رکندڙ ۽ ايماندار ماڻهو آهي. جپان ۾ به سادي کان سادي هوٽل ۾ رهندو هو. ماني پاڻ سان گهران کڻي نڪرندو هو. هڪ دفعي اسان گهر ۾ دعوت ڪئيسين. چوڻ لڳو، ”پاڪستان مان ۽ اڦراٽا جام آندا اٿم. توهان جي کائڻ لاءِ به کڻي ايندس. توهان رڳو دال ٺاهجو. ٻي ڪا تڪليف نه ڪجو.“
    موڪلائڻڻ مهل چيومانس، ”توهان جهڙو ماڻهو خبر ناهي ڪڏهن هالا ۽ موري جو ناظم ٿيندو. دادو ۽ نوشهري جو ناظم ٿيندو؟ يا اندروني سنڌ جي حالت هميشھ رن زال واري رهندي؟“
    سپر هاءِ وي تي به هن دفعي ڪٿي به مرمت جو ڪم هلندڙ نه هو. سڌو ئي سڌو اچي حيدرآباد واري ٽول پلازا تي پهتاسين. ڪٿي به ڪچي تي لهڻو نه پيو. ڄامشوري پهچي مارئي هاسٽل وٽان مڙي سنڌ يونيورسٽي هلڻ بدران، رستي جي ٻي پاسي سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز سوسائٽي جون اڀرندڙ عمارتون ڏسي پهرين اهو پاسو گهمڻ جو ارادو ٿيو. هي علائقو ڏسندي ئي ڏسندي شهر ٿي ويو آهي. ويڪرا رستا، هر گهر جا ٽي پاسا کليل، اڄ کان ڏهه سال اڳ اسان جو هڪ مائٽ نجف علي مرزا اچي هتي رهيو هو. تڏهن هي علائقو سنسان هو. مون هن سوسائٽي جو نقشو ڏسي کيس چيو هو، ”نجا، خوش نصيب آهين جو هتي گهر ورتو اٿئي. تعليمي ادارن جي ڀر ۾، حيدرآباد جي سم ۽ ڪلر کان پري، صاف سٿري ماحول ۽ پٿريلي Soil تي رهائش لاءِ هي علائقو هڪ ڏينهن ٽاپ تي مڃيو ويندو، جتي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ۽ رٽائرڊ آفيسر هوندا. هتي جو سادو گهر شهر جي ڪنهن لوفر پاڙي جي وڏي بنگلي کان مهانگو ثابت ٿيندو. هو ڇا چوندا آهن ته،
    “It is the locality that counts and not the house…”
    سنڌ جي شاعره، ڪالم نويس، ٽي وي تان سنڌ جي عورتن جي سجاڳي جي حوالي سان بحث مباحثا، ٽاڪ شوز ۽ عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جا پروگرام پيش ڪرڻ واري ۽ activist امر سنڌو سنڌ يونيورسٽي جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن آهي. سندس اصل نالو ڪو ٻيو آهي جيڪو هن وقت مون کان به وسري ويو آهي. ”امر سنڌو“ سندس قلمي نالو آهي. مون کي سندس آفيس ڳولڻ ۾ ڪا دقت نه ٿي جو سنڌ يونيورسٽيءَ جا شاگرد توڙي ٻيو اسٽاف، جنهن کي پڇيم ٿي اهو سندس ادبي نالي امر سنڌو کان واقف هو.
    ”مئڊم اچڻ واري آهي توهان هلي مٿي ويهو.“ سندس آفيس جو ماڻهو مون کي هيٺ ئي ملي ويو.
    ”ڏاڪڻيون چڙهي مٿي هلڻ جو جوکم تڏهن کڻان جڏهن هوءَ ويٺي هجي.“ مون چيو.
    ”نه سائين هوءَ ضرور ايندي. بس اچڻ واري هوندي.“
    ”چڱو اچي ته مون کي ٻڌائجانءِ. آئون هيٺ ئي ڪٿي ترسان ٿو. هيٺ ڪهڙا ڊپارٽمينٽ آهن؟“ مون پڇيو.
    ”هي ڀر ۾ انگريزيءَ جو آهي.“
    ”ڪير آهي ان جو باس؟“ مون ان آڌار تي پڇيو ته متان ڪو منهنجو پڙهندڙ نڪري پوي ۽ آئون هن سان هجت ڪري هن جي آفيس ۾ ويهي سگهان. سٺ سال اورانگهڻ بعد اهوئي ته وڏو فائدو آهي ته ڪهڙي به آفيس ۾ کڻي ڪير به هجي، مونکان ننڍو هوندو. ڇو جو هو سٺ سالن کان وڏو هجي ها ته اتي آفيس ۾ نه هجي ها مون وانگر رٽائرڊ ٿي چڪو هجي ها.
    ”سائين مئڊم فريده آهي.“
    ”ڪير آهي؟“ مون سندس ذات معلوم ڪرڻ چاهي ٿي.
    ”سائين ڪوٽڙيءَ جي آهي مئڊم فريده.“ ٻئي همراهه ٻڌايو. مون کي ڪوٽڙي جو ٻڌي اتي جي هڪ فريده ڇوڪري ياد آئي. منهنجي لکڻين کي پسند ڪرڻ وارن پرستارن مان هوءَ به هڪ هئي. پاءُ صدي اڳ جي ڳالهه آهي، بلڪ اڃا به مٿي ستر واري ڏهاڪي جي. آئون جهاز هلائيندو هوس. ڪڏهن يورپ ته ڪڏهن آمريڪا. پڙهندڙ مون کي ڪراچي جي ”جهازن واري آفيس“ جي ائڊريس تي خط لکندا هئا، جيڪي ڪمپني جنهن ملڪ ۾ جهاز هوندو هو اوڏانهن موڪليندي هئي. يعني منهنجي پڙهندڙ کي چئن آنن جي ٽڪلي هڻي پاڪستان خط لکڻو پوندو هو پر مون کي آمريڪا، جپان يا انگلينڊ مان، ان ملڪ جي حساب مطابق خرچ ڪري جواب لکڻو پوندو هو. پر مون اهو اصول ٺاهي ڇڏيو هو ته هر پڙهندڙ جي ٻن خطن جا جواب لکندس. وڌيڪ نه. فريده انهن ڏينهن ۾ ستين يا اٺين ڪلاس ۾ پڙهي ٿي. هڪ ڏينهن هن جو به خط آيو پر ان خط جي نرالي هجڻ جي ڳالهه اها هئي ته اهو انگريزيءَ ۾ لکيل هو ۽ سو به غلط سلط انگريزيءَ ۾. مون هن جو جواب سنڌيءَ ۾ لکيو. مهيني ٻن کان پوءِ هن جو ٻيو خط به آيو. پر اهو به انگريزيءَ ۾. بهرحال مون اهو appreciate ضرور ڪيو ته هڪ ٻار ۽ ڪوٽڙي جهڙي ڳوٺ ۾ ٿي ڪري هن کي انگريزي سکڻ جي جستجو آهي. اصول موجب ٻن خطن بعد آئون چپ ٿي ويس جو پنهنجي خطن جي بجيٽ مان ٻين کي به خطن جا جواب ڏيڻا هئا، پر فريده جا خط ايندا رهيا ۽ هر خط ۾ غلط سلط انگريزي!! هوءَ پنهنجن خطن ۾ مون کي ۽ منهنجي فئملي کي جيڪا مون سان گڏ جهاز تي رهي ٿي ڪوٽڙي گهمڻ جي دعوت ڏيندي رهي. ٻن ٽن سالن بعد اسان پاڪستان آياسين ته هڪ ڏينهن ڪوٽڙيءَ، فريده جي گهر به وياسين. سندس گهر جا ڀاتي لک عزتون پيا ڏين. اسان جلديءَ ۾ هئاسين ۽ چانهه به پيئڻ جو ارادو نه هو پر فريده جي والده جلدي جلدي ماني به تيار ڪري ورتي. فريده جون ٻه يا ٽي ڀيڻون ۽ ڀائر به هئا جيڪي ٻين ٻارن وانگر خبرن پڇي رهيا هئا پر مائي فريده وڏڙي ٿي رڳو پڙهائيءَ جون ئي ڳالهيون ڪندي رهي. منهنجي زال چيو ته، ”ٻار ٿي ڪري پڙهائيءَ لاءِ ڏاڍو شوق اٿس.“ مون ان وقت سندس گهر ۽ پوءِ ٻاهر نڪري رستي تي به، زال کي چيو ته، ”هتي جي ولايت وارو ماحول هجي ها ته هن ڇوڪريءَ کي وڌڻ ويجهڻ جا ڏاڍا موقعا ملن ها پر هتي هن درويش کي ڪو انگريزي ڪهاڻين جو ڪتاب به نٿو ملي.“ مون فريده کي چيو ته منهنجو جهاز يو ايس اي ويو ته تو لاءِ جام ڪتاب ۽ رسالا کڻي ايندس. ان بعد منهنجو جهاز آمريڪا يا ڪنهن انگريزي زبان واري ملڪ ۾ ويو ئي ڪونه. منهنجي ”جهازران“ ڪمپني به بدلجي ويئي. ائڊريس بدلجي وئي. منهنجا ٻار اسڪول جي عمر جا ٿي ويا. پاڻي جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا اچي رهي پيس. ڪڏهن ڪڏهن فريده جي گهر کاڌل پلو يا فريده ياد ايندي هئي ته سوچيندا هئاسين ته هوءَ ۽ سندس ڀائر ڀينرون جن مان ڪجهه فريده کان به وڏا هئا، الائي ڪٿي پهتا هوندا. ڪوٽڙي ۾ ئي رهن ٿا يا ڪنهن ٻئي هنڌ، ۽ هن وقت مون کي سندس ذات به ياد نه اچي رهي هئي.
    ”ڪهڙي ذات جي آهي فريده؟“ مون وري پڇيو.
    ”پنهور“. همراهه ٻڌايو.
    مون کي يڪدم ياد آيو ته هن ڪوٽڙي واري غلط انگريزي ۾ خط لکڻ واري ڇوڪريءَ جي ذات به شايد پنهور هئي.
    آئون سندس آفيس ۾ پهتس. هوءَ ڪمپيوٽر اڳيان ويٺي هئي. مون سندس شڪل کي غور سان ڏٺو. هوءَ مونکي ٿورو گهڻو اهائي ٽيهه سال اڳ واري ڇهين ڪلاس جي ڇوڪري لڳي رهي هئي، شايد. گهڻي پڪ نه پئي لڳيم پر جيئن ته آئون ڪو اڳهين مائينڊ Set ڪري ويٺو هوس جو يڪدم اٻهرائي مان پڇيومانس:
    ”تون اها فريده ته نه آهين جيڪا ننڍي هوندي سنڌيءَ بدران غلط سلط انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندي هئينءَ؟“
    هن ٿورو تعجب ۽ ٿورو چڙ مان مون ڏي ڏسي مون کان پڇيو، ”اوهين ڪير؟“
    دل ۾ چيم، ”لڳي ته اهائي فريده پئي پر جي اها نه آهي ته هوءَ منهنجي به بي عزتي ڪندي، جو مون اها ڳالهه ان وقت ڪئي آهي جڏهن هن وٽ هڪ ٻه ليڪچرار عورتون ۽ شاگرد بيٺا آهن جن لاءِ ته هيءَ ڄڻ مئڊم امينا خميساڻي جيان ٿي، جيڪا سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ سخت مزاج هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿي گذري آهي. بهرحال مونکي ائين چوڻ ته نٿي کتو پر هاڻ جيڪي ٿيو سو ٿيو.
    ”آئون جهازن جو انجنيئر ۽ ليکڪ الطاف شيخ آهيان.“ مون پنهنجو پروفيشن ۽ ليکڪ هجڻ جي ڳالهه ضرورت نه هوندي به ڪئي ته متان اڳتي هلي ڏوهاري ثابت ٿيان ته سزا ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي سگهي.
    ”اوه سر!“ هوءَ خوشيءَ مان ٻهڪڻ لڳي ۽ اڳيان اچي هٿ ڏنو. مون سندس شاگردن ۽ ليڪچرارن کي چيو، ”مون کي پاڻ حيرت ۽ خوشي پئي ٿئي ته اڄ کان ٽيهه سال اڳ جي اسڪول يونيفارم واري ڇوڪريءَ کي، اڄ انگريزي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ جي صورت ۾ ڏسي رهيو آهيان. پر انگريزي سکڻ جو جيڪو هن کي شوق هو ۽ جيڪا جستجو هيءَ ڪندي رهي، ان حساب سان هن کي ان عهدي تي پهچڻ ۾ اسان کي حيرت نه ٿيڻ کپي.“
    ايتري ۾ پروفيسر امر سنڌو به اچي وئي سندس آفيس جي ڀرسان مئڊم تنوير جوڻيجو جو بورڊ پڙهي منهنجي چوڻ تي امر هن وٽ چانهه لاءِ وٺي آئي. تنوير جنهن کي ننڍپڻ کان منهنجي زال سميت سندس ڳوٺ جا پيار مان تنو سڏين ٿا، سنڌ جي انهن عورتن مان آهي جن علم و ادب جي خدمت ڪئي آهي. تعليم و تدريس جو ڪم ڪيو آهي. امر سنڌو ۽ عطيه دائود وانگر عورتن جي حقن لاءِ جنگ جوٽي آهي.
    موٽڻ مهل فريده کان سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پڇيم. ”هي ڀر ۾ ئي ته آهي.“ هن وراڻيو.
    ”اسان جي ڳوٺائي قاضي خادم سان ملئي 25 کان به مٿي سال ٿي ويا آهن.“
    ”ملندائوس؟“ هن پڇيو.
    ”ها، بلڪل مون کي وٺي هل، وري الائي ڪڏهن ملاقات ٿئي. اسان ٻنهي جي حياتين جو سج غروب ٿيڻ جي بلڪل ويجهو اچي پهتو آهي.“
    قاضي خادم پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ اڃا به متحرڪ ۽ پاڻ ارپيو پئي لڳو. سندس ٽيهه سال اڳ ۽ اڄ جي شڪل شبيهه ۾ ڪو خاص فرق نه آيو آهي. هن پنهنجي طرفان ڇپايل ڪتابن جو سيٽ ڏنو ۽ ٻڌائين ته هو شام جي وقت ديالداس ڪلب ۾ هوندو آهي.
    ”آئون ٻه سال اڳ رٽائرڊ ٿيس پر يونيورسٽيءَ وارن مونکي ٻن سالن لاءِ وڌيڪ رکيو آهي.“ قاضي خادم ٻڌايو جنهن تي پهرين ته آئون منجهي پيس ته افسوس ڪجي يا خوشي پر پوءِ يڪدم هوش سنڀالي سندس وڌيڪ تعريف ڪيم ۽ دل ۾ سوچيم ته چڱو جو مونسان گڏ ڪو ملائيشيا جو دوست نه هو. ملائيشيا ۽ ان بيلٽ جي ملڪن سنگاپور، برونائي، پاپائي نيوگني- ويندي نيوزيلينڊ آسٽريليا تائين 55 سالن تي رٽائرمينٽ ٿي ٿئي ۽ ان عمر تائين پهچڻ بعد ڪنهن کي وڌيڪ نوڪريءَ ۾ رکڻ سان هنن جو اهو View آهي ته ڊپارٽمينٽ جو خانو خراب ٿو ٿئي. پر اسانجي ملڪ ۾ ان کي شايد عيب نٿو سمجهيو وڃي.
    ”ڀلا مانيءَ جو وقت ٿي رهيو آهي. اسان جي گهر هلي کائو. امان کي به توهان جو ٻڌايو اٿم.“ موڪلائڻ وقت فريده چيو.
    ”مانيءَ لاءِ مونکي هڪڙي ٻئي هنڌ حيدرآباد وڃڻو آهي.“ ٻڌايومانس.
    ”ڀلا هلو ته توهان کي ڇڏيندي پوءِ ڪوٽڙي هلي وڃان.“ مئڊم فريده چيو پر مون کانئس موڪلائيندي چيو:
    ”جت گاڏي کاتي ۾ مون کي وڃڻو آهي اتي تون drive ڪري نه سگهندينءَ. جنهن دوست جي گاڏيءَ ۾ آيو آهيان ان جي ڊرائيور کي به واڌو واهه وٽ پهچي مون کي ڇڏڻو پوندو ۽ رڪشا ڪرڻي پوندي.“


    يار رڪشا وارو دل ۾ ڪندو...

    واڌو واهه پهچي دوست کان موڪلايم ۽ هڪ خالي رڪشا کي بيهاري ان ۾ پنهنجو پاڻ کي اڇلايم. مون کي حيدرآباد شهر جي ڏهاڪو کن جاين تي مختلف ڪم هئا. پهرين پهرين نسيم نگر جي نسيم چوڪ تي پهتس جتي فيروز ميمڻ جو نيوفيلڊس ڪتابن جو دڪان آهي. مس مس دڪان مليو پر فيروز نه هو. مون کي جمال ابڙو صاحب جي آتم ڪهاڻي جا پنج ڪتاب کتا ٿي.
    مرحوم جمال ابڙو صاحب سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي، خاص ڪري ڪهاڻيءَ جي حوالي سان.
    خوشي ٿي ته ڪتاب ملي ويا. هڪڙو ڪم ته ٿيو. فيروز سان فون تي، ڪراچي پهچي به ڳالهائي سگهجي ٿو.
    مون سان گڏ مون واري ڪتاب، ”نيو هالا کان نيويارڪ“ جون ڪجهه ڪاپيون هيون جيڪي آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ دوست جي والد صاحب کي پهچائڻيون هيون. گهر جي پتي لاءِ هن لکيو هو ته قاسم آباد (يا شايد نسيم نگر) پهچي رڪشا واري کي علي (سي اين جي) جو چئجانءِ. اتان پوءِ هڪ ڪتابن جي دڪان ”سونهري بڪ لئنڊ“ جو پڇائجان جتان سڌي گهٽي گاسپل پلازه پهچي ٿي.
    واه سائين واه! مون دل ئي دل ۾ چيو. حيدرآباد ۾ وڏو ڪنسٽرڪشن جو ڪم هلي رهيو آهي. انگريزي نالن وارا پلازا، آرڪيڊ، سپر مارڪيٽون، ڪامپليڪس الائي ڇا ڇا پيا ٺهن جتي سنڌ جي لتا- روبينا جو پنجابي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ مڙس مصطفيٰ قريشي ته ڇا، پر شازيا خشڪ جهڙي نامور ڳائڻي، صدر جي ايوارڊ يافته ۽ فائين قسم جي عورت، جنهن لاءِ سانا جي 2005ع واري واشنگٽن واري فنڪشن ۾ فائيو اسٽار هوٽلن مان به چونڊ ٿي رهي هئي ته هن کي هن جي معيار مطابق ڪهڙي سٺي هوٽل ۾ ڪمرو ڏنو وڃي، اها به روزانو سنڌي ٽي وي چئلن تي چئي رهي آهي ته هُن حيدرآباد ۾ فليٽ بڪ ڪرائي ڇڏيو آهي، توهان به ته خريد ڪريو! سو ان حيدرآباد ۾ گاسپل پلازا جو ٻڌي منهنجي ذهن ۾ به آيو ته حيدرآباد بهشت برين ٿي ويو آهي. مون کي مانچسٽر، لنڊن، بالٽيمور ۽ ملاڪا شهر جا گاسپل نالي سهڻا پلازا، سپر مارڪيٽ ۽ گلن گلڪارين واري Gospel road جون يادون ذهن تي تري آيون.
    اسان جي شهرن ۾ جتي ڪٿي بڪ اسٽال جام پر هي سنهري لئنڊ نالي وارو ڪتابن جو دڪان حيدرآباد، گهٽ ۾ گهٽ حيدرآباد جي نئين بستي واري علائقي ۾ بيحد مشهور ٿي لڳو جو منهنجي رڪشا جو پوڙهو پٺاڻ ڊرائيور به يڪدم سڃاڻي ويو. اتان پوءِ جيڪا گهٽي وٺي گاسپل پلازا تائين پهتا آهيون، ان جي ڇا ڳالهه ڪجي! ڀڳل ٽٽل پٿر ۽ کوٻا ٿيل، گٽر ڀڳل جن جو نڪتل گند چوڌاري پکڙيل، جنهن ۾ ننڍا ٻار پيا کيڏن! جتي ڪٿي انڪروچ مينٽ! پوءِ خبر پيئي ته سڄي حيدرآباد جو اهو حال آهي. شام تائين ڪا سهڻي گهٽي نظر نه آئي. هيرآباد جيڪا سنڌ جي پئرس سڏبي هئي ان جا به اهي ئي حال هئا. ٽرئفڪ جي گپا گيهه، گند ڪچرو، ڪتن ۽ ٻلن جي ڪرفتي، هڪ هنڌ تي مئل ڪتي جي ڌپ مان لڳو ٿي ته ان کي گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ ٿي ويا آهن. گهرن مان اڇلايل گند جي ڍير وٽ، ڪمند جي رس وارو، مشين ذريعي رس ڪڍي وڪڻي پيو ۽ ماڻهو مزي سان پيئن پيا. پڪوڙن ۽ ڇولن وارو به اتي ئي ڌپ ۽ گند وٽ وڪڻي پيو ۽ اسڪول جا ٻار مزي سان کائين پيا. هنن کي پڪ اکين ۽ نڪ کي بند رکڻ جي پرئڪٽس ڪرڻي پوندي هوندي. سامهون هڪ ئي هنڌ قطار ۾ ٽي ڄڻا ڀت جي پاڙ ۾ مُٽن پيا. مون ڪئميرا کولي تصوير ڪڍي. هي اسان جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي. هي اسان لاءِ هڪ عام ۽ روزمره جي ڳالهه ٿي چڪي آهي. عوام توڙي حڪومت کي ڪو احساس نه رهيو آهي ته ههڙي ڳتيل آدمشماري واري شهر ۾ ڪاڪوس هجڻ ضروري آهن. ٻارن جي صحت لاءِ هائيجن جو خيال رکڻ ضروري آهي. پر ان ڳالهه ۾ اسان جي ئي ملڪ ۾ سڌارو نه آيو آهي. آفريڪا جا ملڪ به سڌري ويا. ويٽنام، سريلنڪا ۽ برما جهڙن ملڪن ۾ به ائين گند ناهي. ايران ۽ ملائيشيا جهڙن مسلمان ملڪن جي ته ڇا ڳالهه ڪجي!
    گاسپل پلازا جو ٻاهريون گيٽ متاثر ڪندڙ ضرور لڳو ۽ ٻيو ان جو چوڪيدار، خاص ڪري بندوقچي کي ڪڇ ۾ رکي ڪرسي تي بالم ٿي وهڻ واري پوزيشن ۾. واپسيءَ تي رڪشا واري کي ان ڪتابن واري دڪان تي ترسائي اندران جائزو ورتم. سٺي هنڌ تي سٺو دڪان آهي. اڄ کان 40 سال کن اڳ تلڪ چاڙهي تي سليم قريشيءَ جو ”ادبيات“ نالي دڪان ياد اچي ويو، جتان خريداري ڪرڻ status سمبل سمجهيو ويندو هو.
    ”ڀائو دڪان جو مالڪ ڪير آهي؟“ اڳيان بيٺل هڪ هئنڊسم نوجوان کان پڇيم.
    ”هي منهنجو دڪان آهي.“ هن ٻڌايو.
    ”توهان پاڻ ڪير آهيو؟“
    ”اسين ڀان سعيد آباد جا ميمڻ آهيون.“ هن وراڻيو.
    چئبو ته گذريل ويهارو کن سالن ۾ چڱي اٿل پٿل آئي آهي، ڪجهه تعليم حاصل ڪرڻ خاطر، ڪجهه وڏيرن ڀوتارن جي مصيبتن ڪري، ڪيترا ماڻهو ڳوٺ ڇڏي شهرن ڏي آيا آهن ۽ هاڻ هر فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. نه ته حيدرآباد جهڙي شهر ۾ بزنس ۾ گهڻي ڀاڱي بوري، ڪاٺياواڙي ۽ هندو سنڌي نظر آيا ٿي.
    ”هاڻ ڪيڏانهن هلون؟“ رڪشا واري پڇيو.
    ”هاڻ ٺنڊي سڙڪ تي سرڪاري آفيسن ڏي هل.“ ٺنڊي سڙڪ ٿڌي ته نه هئي پر جئم ٽرئفڪ ۽ ڪچو دونهون ڇڏيندڙ گاڏين ڪري گرم ۽ دونهاٽيل هئي. بس ويچارا ننڍا وڏا ٻار ٻچا پيا ڪاربن مونو آڪسائيڊ گئس inhale ڪن ۽ سي او گئس پنهنجي قدرتي فارم ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ اچڻ لاءِ کٽل آڪسيجن جو جزو، اسان ماڻهن جي رت مان پئي حاصل ڪري. نتيجي ۾ هتي جي هر رهاڪوءَ کي آڪسيجن جي ڪوٽا گهٽ پئي ملي. پاڻي خراب، ڀاڄين ۽ ميون ۾ ڪيميڪل ۽ جيتن مار دوائن جو اثر. بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ ويندي هوا، جيڪا قدرت طرفان مفت جي آهي، اها به گدلاڻ ۾ ورتل. باقي رستن جي ڪنارن تي انگريزي نالن وارا دڪان ۽ ريسٽورنٽون، فش ڪارنر، پيزا هٽ، مئڪڊونالڊ، ڪينٽڪي فرائيڊ! ڀائي پهرين هوا ۽ پاڻي ته صحيح حاصل ڪريو ۽ مئڪڊونالڊ، ڪينٽڪي وغيره جيڪي هتي اسان ڄٽن لاءِ status symbol ٿي پيا آهن اهي ته دنيا جي نظرن ۾ جنڪ فوڊ آهن. ڪوڪا ڪولا، پيپسي ڪولا ۽ ٻيون ڪولائون جيڪي ڳوٺن ۾ به فخر سان پيش ڪيون وڃن ٿيون اهي ته زهر قاتل آهن. توهان ڪڏهن سئيڊن جي ماڻهن کان پڇو ته اهي توهان کي ٻڌائيندا ته هو سال ۾ ڪو ٻه دفعا ڪا ”ڪولا“ ٿا پين. انهن جي حڪومت به انهن شين واپرائڻ لاءِ، دلشڪستو ٿي ڪري جيتوڻيڪ ڪوڪا ڪولا جو يهودي مالڪ سئيڊن جو آهي.
    ڪوڪا ڪولا يا پيپسي ڪولا جي هڪ بوتل تي توهان جي جسم ۾ ڪيتري کنڊ وڃي ٿي ۽ توهان جي پئنڪرياز تي ڪيترو ٻوجهه پوي ٿو. اهو به ته سوچيو! انهن ڪولائن جي هر بوتل توهان جي جسم مان ڪئلشم خارج ڪري ٿي. هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته ڪوڪا ڪولا جي گلاس ۾ هفتو کن ڪو اصلي ڏند وجهي ڏسو ته توهان کي نرم لڳندو. توهان جي گهر جو گٽر چوڪ هجي ته پيپسي ڪولا يا ڪوڪا ڪولا جي بوتل ان ۾ هاريو ته صحيح ٿي ويندو. سو اهڙي شيءِ توهان وڏي شوق سان روز ٿا پيئو؟
    ”ڀائي ٿورو رڪشا کي ترسائجانءِ.“ شهباز بلڊنگ اڳيان هڪ ميوو وڪڻندڙ گاڏي وارو ڏسي، مون رڪشا واري کي چيو. مون کي پنهنجي پيٽارو جي دوست عبدالجبار عباسي وٽ سندس والد محمد عيسيٰ عباسي صاحب جي عذر خواهيءَ لاءِ وڃڻو هو. چانهه ٻن ٽن هنڌن تي پي چڪو هوس ڪنهن قسم جي ڪولا مون نه ٿي پيئڻ چاهي.
    ”ڪيئن ٿو ڏين؟“ مون ڪِينن ڏي اشارو ڪري گاڏي واري کان پڇيو.
    ”ٽيهين رپئي.“ هن وراڻيو. مون عبدالجبار وٽ ڪجهه کائڻ يا پيئڻ بدران هي ڪِينا کائڻ ٿي چاهيا. ٻه اسين ٽيون قاسم لاشاري کي به اتي سڏينداسين.
    گاڏي واري ساهمي کڻي ان جي هڪ پڙ ۾ ڪلو جو وَٽُ وڌو ۽ ٻئي ۾ ڪينا وجهڻ لڳو. هي ڪري ڇا پيو! مون حيرت مان هن ڏي ڏسي هن کان پڇيو. ۽ هن به حيرت مان مون ڏي گهوري چيو، ”توري ته رهيو آهيان. توهان کي هڪ ڪلو کپي نه؟“
    ”ٺهيو“، مون دل ۾ سوچيو. هتي حيدرآباد ۾ ڪينا، ڪيلا، نارنگيون ڊزن جي حساب سان نه پر تور تي ملن ٿا. اسين اجايو ملائيشيا جي ماڻهن تي کلندا هئاسين ته هو بصرن، پٽاٽن وانگر بيضا به تور جي حساب سان وڪڻن ٿا.
    رڪشا واري کي اتي ئي ترسائي، ڪينن جي ٿيلهي هٿ ۾ لوڏيندو سامهون گرائونڊ فلور تي نظر ايندڙ آفيس جي در تي پهتس.
    ”ڪنهن سان ملڻو آهي؟“ دربان صاحب پڇيو.
    ”عباسي صاحب سان.“ مون وراڻيو.
    ”هتي ته عباسي صاحب ناهي، ڇا آهي؟“ هن جو مطلب هو ڪهڙي پوسٽ اٿس. اها ته مون کي به خبر نه هئي ۽ نه ڪڏهن جبار ۽ قاسم کان پڇيم. مون کي ڪهڙي خبر ته اڄ مون کي اوچتو هنن جي آفيس ۾ اچڻو پوندو. بهرحال سڄو نالو ٻڌائڻ سان هو سمجهي ويو ۽ منهنجو اخلاق سڌارڻ واري نوعيت ۾ چوڻ لڳو ”توهان پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جو هتي ڪلارڪن جي آفيس ۾ پيا پڇاڻو ڪريو؟ صاحب ۽ قاسم لاشاري ميمبر روينيو بورڊ، مٿي ٿا وهن.“
    مٿي چڙهي کاٻي پاسي مڙيس.
    هڪ آفيس جي ٻاهران عبدالجبار عباسي جو بورڊ پڙهي ان جو در کوليم. سندس اسسٽنٽ يا سيڪريٽريءَ ٻڌايو ته هو ڪلاڪ کن ٿيندو ته ڪراچي روانو ٿي ويو آهي. اهو ٻڌي پاڻ تي افسوس ٿيم ته جبار جي 37 سالن جي نوڪريءَ ۾ هي پهريون دفعو سندس آفيس ۾ آيو آهيان پر پاڻ ڪونهي!! دراصل مونکي پهرين ٻڌائي اچڻ کتو ٿي. پر اهو ڪم آئون به نه ڪندس. پنهنجي طبيعت ۾ موڊي ماڻهو آهيان. ڪنهن کي پڪ ڏيئي نه اچان ته هو ويٺو انتظار ڪري. جبار عباسي، قاسم لاشاري، لياقت جتوئي، رشيد ابڙو ۽ محسن پنهور ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ڪلاس ميٽ هئا ۽ مون کان ٽي سال جونيئر هئا. جبار سان سندس والد صاحب جي ڪري به منهنجي ويجهڙائي رهي. مرحوم منهنجي والد جو دوست هو ۽ اسان جو ڏاڍو خيال رکندو هو.
    جبار جي آفيس واري همراهه کان خبر پئي ته قاسم لاشاري جي آفيس به هن ئي بلڊنگ ۾ گرائونڊ فلور تي آهي. آئون ڪِينن واري ٿيلهي لوڏيندو هيٺ لٿس. ان بعد کاٻي پاسي واري اونداهي لين ۾ هڪ هڪ آفيس جو بورڊ پڙهندو اڳيان وڌندو ويس. سڄي گهٽيءَ ۾ جيڪا ٿوري گهڻي روشني پهتي ٿي سا هِتان هُتان reflect ٿي. سج جي روشني ته ٺهيو پر لڳو ٿي ته هوا جو گذر به گهٽ ٿو ٿئي. پاسي کان رکيل ڪونڊيون، ڀتيون ۽ فرش پان جي ڳاڙهين پِڪن سان ڀريل هيون ۽ مريل ڪوئن ۽ يورڪ ائسڊ جي سخت ڌپ هئي. شايد رات جي وقت هن بلڊنگ جا چوڪيدار هن گهٽيءَ ۾ هنگن مُٽن ٿا يا Toilets ۾ سخت قسم جو سيمو (Seepage) آهي. ڪيئن ٿا ماڻهو ۽ هتي ڪم ڪندڙ آفيسر، هن گهٽيءَ مان لنگهن؟ پر ڪيترا ته هن گهٽيءَ ۾ رکيل بئنچن ۽ ڪرسين تي ويٺا هئا ۽ وڏي آرام سان سگريٽ پي رهيا هئا ۽ ڪچهري ڪري رهيا هئا.
    قاسم مون کي پنهنجي آفيس ۾ اوچتو ڏسي حيران ٿي ويو. ڀاڪر پائي ملي، خير عافيت ڪري قاسم يڪدم پڇيو، ”ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“ هن جو مطلب هو ته آئون ڪنهن اهم ڪم لاءِ آيو آهيان ڇا. چيومانس ته پهرين دروازو بند ڪر.
    ”اڙي بابا، دروازو بند ڪري ٻاهر ئي ويٺو هج.“ قاسم پنهنجي آفيس جي همراهه کي چيو ۽ پوءِ مون ڏي نهاري چيو،
    ”سائين هاڻ ڪريو خبر؟“
    ”خبر وري ڌوڙ جي. جبار سان سندس والد جي عذر خواهي ڪرڻ آيو هوس پر هو ڪراچيءَ هليو ويو آهي. هاڻ ڪا پراڻي اخبار وڇاءِ ته ڪينا کائون.“
    ”مانيءَ جو ٽائيم آهي، هلو ته ڪٿي لنچ ڪريون.“ قاسم چيو.
    نه. يار ماني مون کي هڪ ٻئي هنڌ کائڻي آهي. هينئر تنهنجي چانهه بدران هي ڪينا کائي نڪران ٿو.“
    ”پوءِ آئون به هلان.“ قاسم چيو.
    ”نه، هڪ ته اُتي ڪار جي پارڪنگ جي جاءِ ناهي ۽ ٻيو ته تون رڪشا ۾ ويهي نه سگهندين ۽ ٽيون ته توکي سڄي حيدرآباد سڃاڻي. هرڪو ايندڙ ويندڙ توکي پيو کيڪاريندو ۽ پاڻ کي کائڻ نه ڏيندو.“
    ٻه کن ڪينا کائي آئون اُٿي کڙو ٿيس.
    ”يار ٿوري دير ته ويهه.“ قاسم مون کي اُٿڻ کان جهليو.
    ”نه يار گهڻي دير ٿي وئي آهي، رڪشا وارو دل ۾ ڪندو. چيوهومانس ته ڏهن منٽن ۾ ٿو اچان.“ قاسم ٽهڪ ڏيڻ لڳو.
    ”چڱو قاسم هاڻ جوڳي نه ڪنهن جا مِٽَ“، ۽ آئون کيس ڀاڪر پائي نڪتس.
    قاسم سان منهنجي ملاقات سال 1960ع ۾ پيٽارو اچڻ کان اڳ هالا ۾ ٿي هئي. سندس والد صاحب هالا ۾ مختيارڪار هوندو هو. وڏي ڏاڙهي، پنج وقت نمازي ۽ بيحد سادي طبيعت جو درويش صفت انسان هو. منهنجو والد جڏهن به هالا ايندو هو ته لاشاري صاحب سان ضرور ملندو هو ۽ مون کي به پاڻ سان وٺي هلندو هو. 1958ع ۾ هالا جو اسڪول ڇڏي ڪئڊٽ ڪاليج آيس. پورن ٽن سالن بعد، جڏهن سندس پٽ قاسم ستون ڪلاس پاس ڪيو ته لاشاري صاحب هن کي به ڪئڊٽ ڪاليج موڪليو.


    حيدرآباد جي برياني ۽ رٻڙي

    قاسم لاشاري جي آفيس مان نڪتس ته ياد آيو ته انيتا شاهه به اڄڪلهه حيدرآباد ۾ آهي. هوءَ نوجوان نسل جي ليکڪا ۽ پازيٽو سوچ رکندڙ آهي. ڪاوش ۾ ڇپجندڙ سندس ڪالم ۽ KTN ٽي وي تي بحث مباحثن ۽ انٽرويو جي پروگرامن ڪري هوءَ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. هن جي لکڻين ۾ اسان جي ماڻهن کي حقيقت پسند ۽ محنتي ٿيڻ جي هدايت هوندي آهي. سستي ۽ ڪاهلي ڇڏي ترقي جي مشڪل واٽ وٺڻ جي سوچ هوندي آهي. سنڌ جي ڪاليجن ۾ اڄڪلهه ليڪچر ڏيڻ دوران شاگردن کي جن اديبن جا ڪتاب ۽ ڪالم پڙهڻ جي صلاح ڏيندو آهيان انهن مان انيتا شاهه پڻ هڪ آهي.
    ”سنڌي قوم جي حوالي سان سڀ کان گهڻو زور پِٽيوالي، ماستري، ڪلارڪي ۽ اهڙي ئي قسم جي ڪن نوڪرين تي ڇو آهي؟“ انيتا چيو.
    ”ٻين لفظن ۾ محرومي، مونجهاري، نااُميدي ۽ خود ترسيءَ جا ماريل سنڌي محنت کان لهرائين ٿا، رسڪ کڻڻ کان انڪاري آهن. پنهنجي گهر جي چانئٺ تان چرڻ لاءِ تيار ڪونهن. ماستر ٿبو. پگهار پئي ملندي، ڪڏهن وڃبو، ڪڏهن ڪونه وڃبو، مڙيئي خير ٿي ويندو.“
    انيتا شاهه سال ڏيڍ کان آمريڪا هئي. پاڻ آمريڪن فل برائيٽ اسڪالر تي اتي آئي هئي. ان سان گڏ آمريڪا ۾ سندس خاص شغل ”وائس آف آمريڪا“ جي ٽي وي چئنل تان مختلف پروگرام ڏيڻ هوندو هو جيڪو پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ جتي جتي جيو چئنل اچي ٿو اتي پڻ ڏسڻ ۾ آيو ٿي. ان حوالي سان انيتا نه فقط سنڌ ۾ پر سڄي پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به سڃاتي وڃي ٿي. منهنجو ساڻس (۽ ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي تعليم يافته مالڪ علي قاضي سان پڻ)، اهو بحث رهيو آهي ته ٽي وي هڪ بهترين اليڪٽرانڪ ميڊيا اهي پر پرنٽ ميڊيا جو نعم البدل نه هئڻ کپي. ٽي وي کي وقت ڏجي پر اخبارن لاءِ لکڻ نه ڇڏجي. انيتا بابت تفصيلي احوال ٻين اهم شخصيتن سان گڏ، جن سان آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ ملاقات ٿي، پنهنجن آمريڪا وارن سفرنامن، ”نيو هالا کان نيويارڪ“، ”ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ۽ ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ۾ ڏنا اٿم. انيتا منهنجي هڪ سفرنامي ”ملائيشيا 12 سالن بعد“ جو مهاڳ پڻ لکيو آهي. کيس مون چيو هو ته ڪڏهن به حيدرآباد يا ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته هن وٽ ضرور ايندس. هوءَ سرڪاري آفيسر آهي، ٿي سگهي ٿو هن جي آفيس به هن بلڊنگ ۾ هجي. هيٺ گيٽ وٽ ڪرسين تي ويٺل ٻن همراهن کان پڇيم ته آيا هو هن نالي واري هڪ آفيسرياڻي کي سڃاڻن.
    ”مئڊم کي سڃاڻون ٿا پر هن جي آفيس هن بلڊنگ ۾ نه آهي.“ هنن ٻڌايو، ”هوءَ روڊ جي ٻئي پاسي پبلڪ سروس ڪميشن جي بلڊنگ ۾ آهي.“
    سنگاپور يا جبرالٽر وٽان رات جي وقت جهاز کي اڪارڻ ايڏو ڏکيو ڪم ناهي جيترو شهباز بلڊنگ وٽ رستو اُڪرڻ ڏکيو آهي. ٻنهي پاسن کان لنگهندڙ ٽرئفڪ ۾ ڪا ٺاپر نه پئي آئي. ٽرئفڪ پوليس واري مون واري رڪشا ڊرائيور کي زور زور سان سيٽي وڄائي اتان يوٽرن کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن ڊرائيور کي نه هو پوليس جو ڊپ ۽ نه سامهون ڪڙڪا ڪندي ايندڙ ٽرئفڪ جو خوف. مون ته سمجهيو ته ٻي گهڙيءَ ۾ اسان جو حال ملائيشيا جي بيوقوف ڀولڙن وارو ٿيندو جيڪي رات جي وقت لنگهندڙ ڳرين ٽرڪن جي ويڪرن ڦيٿن هيٺان اچي ڪاري ڏامر جي رستي تي لِپجي ويندا آهن جن جي کلن کي صبح جي وقت ڪانگ ٺونگا پيا هڻندا آهن. مون اهڙي try ڪرڻ کان ڊرائيور کي گهڻو ئي جهليو پر هو نه مڙيو. بلڪه منهنجي ان ڪُرڪُر کي هن سخت دل ۾ ڪيو. بهرحال لڳو ٿي ته هن قسم جا ڪرتب ڪرڻ هن جي روزمره جو ڪم آهي. هڪ آرچ واري مين گيٽ (جنهن جي مٿان پبلڪ سروس ڪميشن لکيل هو) وٽ اچي بيهاريائين ته مون کي ائين لڳو ڄڻ سخت طوفاني رات ۾ جهاز جيٽي جي الانگ سائيڊ سلامتي سان ٻڌجي ويو. هيترن سالن جي سامونڊي طوفانن، جهازي حادثن ۽ هاڻ هن ٺنڊي سڙڪ جي ڪراسنگ بعد اڃا حياتي آهي جو جي رهيو آهيان.
    انيتا آمريڪا کان علاوه جپان ۽ ملائيشيا ۾ به رهي آهي. هن جو خيال آهي، ”ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندي آهيان ته اسان کان به وڌيڪ فيوڊلزم ۽ وڏيرا شاهي انهن ملڪن ۾ به آهي پر هو ڏسندي ئي ڏسندي ڪيئن ترقي ڪري ويا اسان جا ڳوٺاڻا جهڙو اتي جو اتي بيٺا آهن.“
    آئون اڌ ڪلاڪ کن اتي هوس. چانهه، ڪافي يا ڪولڊ ڊرنڪ لاءِ جڏهن انيتا ٻه دفعا زور ڀريو ته نيٺ چانهه لاءِ چيومانس. هن پنهنجي آفيس واري کي گهرائي ”سٺي چانهه“ آڻڻ لاءِ چيو. پر پوءِ يڪدم در کولي همراهه کي سڏ ڪري چيم ته ”چانهه ٺاهي اچ پر بنا کير ۽ کنڊ جي.“
    انيتا کي ٻڌايم ته مون کي ”سٺي چانهه“ کان ڊپ ٿو لڳي جو اسان وٽ سٺي چانهه معنيٰ نج کير ۾ چانهه ٺاهي ان ۾ ٻڪ کنڊ جو وجهي اچڻ آهي. ٻهراڙيءَ ۾ ته ان مٿان ملائي به رکي ايندا. اهڙا جي چار پنج ڪوپ چانهه جا ۽ بوتل ٻه ڪوڪا ڪولا جي منهنجي عمر جو ڪو 65 سالن جو روزانو پيئندو ته ٻيو نه ته بلڊپريشر ۽ شگر ته ضرور ٿيندس.
    انيتا کان موڪلائي رڪشا يعني موت جي گولي ۾ وري اچي ويٺس. ٻه اچي ٿيا هئا بک لڳي هئي. حيدرآباد مان ٿي آيل دوست چوندا رهندا آهن ته حيدرآباد ۾ رٻڙي کائجي ۽ گاڏي کاتي ۾ برياني. گاڏي کاتي فردوس سئنيما واري هنڌ جتي هاڻ پيٽرول پمپ آهي، پهچي نظر ڦيرايم ته روڊ جي ٻنهي پاسي ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ريسٽورنٽون نظر آيون جن تي رڌل ديڳڙا ۽ مانيءَ لاءِ چلهه تي گرم ٿيندڙ توا دڪانن کان ٻاهر ئي نظر اچي رهيا هئا. پيٽرول پمپ جي ڀرسان ئي هڪ بريانيءَ جو دڪان هو جنهن تي ويٺل ڊگهي ڏاڙهيءَ سان همراهه اندر اچي برياني کائڻ لاءِ اشارو ڪيو. رڪشا واري کي چيم ته ان کي دڪان وٽ ئي پارڪ ڪري مون سان اندر اچ. ڊرائيور پهرين نه نه ڪري پوءِ آيو. هائوس سڄو فل لڳو پيو هو. ”خانصاحب! ڏس ڪٿي ڪا وهڻ جي جاءِ آهي.“ مون ڊرائيور کي چيو. هن همت ڪري ٺونٺيون ڪلها هڻي اسان ٻن لاءِ جاءِ ڪئي.
    ”ڇا آڻيان؟“ ريسٽورنٽ ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري اڙدوءَ ۾ پڇيو.
    ”ڇا آڻيان ڇا. برياني ته آهي رڳو.“ مون چيومانس.
    ”منهنجو مطلب آهي برياني سان گڏ ڇا آڻيان. ٺلهو پاڻي يا بوتل؟“ هن سمجهايو.
    ”مون لاءِ سادو پاڻي، خانصاحب لاءِ پيپسي.“ مون چيو.
    ”برياني ڪيتري آڻيان؟“ هن ٻيو سوال ڪيو.
    ”ڪيتري آڻيان مان ڇا مطلب؟“ مون پڇيو. حيدرآباد مان گهمي ايندڙ هر دوست اهو ته چيو ٿي ته حيدرآباد جي رٻڙي ۽ برياني کائجي، پر ههڙن سوالن جي ڳالهه هنن ته ڪڏهن به نه ڪئي.
    ”سائين پاءُ آڻيان، اڌ ڪلو...“
    ڪمال آهي! مون دل ۾ سوچيو. هتي نه فقط نارنگيون ۽ ڪيلا تور جي حساب سان وڪامن ٿا پر ڀت پڻ! مان سنگل پليٽ يا ڊبل پليٽ جو ته ٻڌو هو پر مون لاءِ هي پهريون تجربو هو. هونءَ ڏٺو وڃي ته سنگل پليٽ ۽ ڊبل پليٽ وارو چڪر به ڏکيو آهي. سڀ کان بيسٽ سنگاپور، ملائيشيا ۽ سريلنڪا جون ملئي ۽ مدراسي ريسٽورنٽون آهن جتي هر گراهڪ پليٽ کڻي پنهنجي مرضيءَ سان هر ديڳڙي جو ڍڪ لاهي هر هڪ مان ضرورت مطابق ڀت، ٻوڙ، دال ۽ ڀاڄي جو ذرو ذرو ڪڍي پليٽ تي رکي ڀرسان ڪائونٽر تي ويٺل هوٽل واري کي ڏيکاري، ان جي قيمت ادا ڪري ٽيبل تي اچي کائي ٿو. هتي به ائين هجڻ کپي ها. بهرحال ائين هجي يا نه پر حيدرآباد جي گاڏي کاتي جو هوٽلن وارو هي ٽڪرو (سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس کان حيدر چوڪ وارو)، سنگاپور جي ڪنهن زماني (ستر واري ڏهاڪي) جي هاءِ اسٽريٽ ۽ ڪوالالمپور جي باتو روڊ (هاڻوڪو تنڪو عبدالرحمان روڊ) جي ياد ڏياري ٿو. ماني کائڻ دوران ٻين ماڻهن جو جائزو ورتم ته گهڻي ڀاڱي سنڌي ڳالهائڻ وارا مختلف ڳوٺن جا هئا. رستن ۽ سوارين جي گهڻائي ڪري اڄڪلهه ماڻهن جي ڪافي چرپر رهي ٿي. انهن ۾ ٻه سنڌي ٽوپين وارا خيرپور ناٿن شاهه جا هئا. هڪ همراهه پٽڪي سان دولتپور کان هتي پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ آيو هو جنهن جو مڙس هتي جي ڪنهن آفيس ۾ ڪلارڪ آهي. هڪ پٺاڻ ۽ سنڌي جيڪي اسان جي ڀرسان ماني کائي رهيا هئا، انهن ٻڌايو ته هو ميهڙ ۽ شهداد ڪوٽ جا آهن هتي حيدرآباد ۾ ڪنهن مٺائي واري يا هوٽل واري کي روزانو اتان مائو موڪليندا آهن جنهن جو هو مهيني تي حساب ڪرڻ لاءِ اڄ حيدرآباد پهتا آهن ۽ شام جي بس ۾ موٽي ويندا.
    ”صدر ڏي ريڊيو پاڪستان هل.“ مانيءَ بعد مان رڪشا واري کي چيو. مون اتي نصيرا مرزا سان ۽ پريس ڪلب اڳيان منو ڀيل سان ملڻ ٿي چاهيو. پر اتي پهچي خبر پئي ته ٻئي نه هئا. نصير مرزا جي حيدرآباد کان ڪراچي ريڊيو پاڪستان تي بدلي ٿي وئي هئي. مون اتي هڪ ڪم ڪندڙ کي نصير لاءِ آندل ايران جون تصويرون ۽ پنهنجو ڪتاب ڀاڙي سميت ڏنو ته اهي نصير جي گهر پهچائي. گذريل مهينو ايران جون زيارتون ڏسڻ ۽ اتي جي نيول اڪيڊمي ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران قم ۽ مشهد شهرن ۾ مون کي ڪيترائي نصيرا مرزا جا مائٽ ۽ دوست مليا. حسيني شهاب الدين شاهه، جاني شاهه، فيروز الدين شاهه، مير لطف علي ٽالپر، غلام مهدي شاهه، آغا عبدال علي شاهه ٽنڊي آغا وارو، علي ڏنو وگهيو، غلام حيدر عمراڻي... وغيره. ڪجهه تهران ۾ به مليا هئا.
    پريس ڪلب پهچي خبر پئي ته منو ڀيل ڪنهن ڪم سان، شايد ڪورٽ جي ڪيس جي سلسلي ۾ ڪراچي ويل آهي.


    پوليس کي شڪ آهي ته مون ڀڄائي آهي...

    ”هاڻ سائين ڪٿي هلون؟“ رڪشا واري پڇيو.
    ”منهنجي خيال ۾ وري حيدر چوڪ هل،“ مون ڊرائيور کي چيو،
    ”پر ان ساڳي رستي تان نه هلجانءِ.“
    هو مون کي حيدر چوڪ کان رسالا روڊ ڏيئي گول بلڊنگ وٽان ڦيرائيندو صدر وٺي آيو هو. خبر ناهي اڄڪلهه اهو رستو ڪهڙي نالي سان سڏجي ٿو پر جڏهن اسان ننڍا هئاسين ته اهو روڊ رسالا روڊ سڏبو هو. ان تي هڪ اسڪول هو جنهن جي سامهون پوءِ گول بلڊنگ ٺهي. اڳيان ڪراچي هوٽل هوندي هئي ۽ ٿورو اڳيان ساڄي پاسي راحت سئنيما هئي. رسالا روڊ جي پئرلل جيڪو رستو تلڪ چاڙهي کان اسٽيشن تائين هليو ويندو هو، اهو اسٽيشن روڊ سڏبو هو. اهي ٻئي رستا حيدرآباد جا مشهور رستا هئا ۽ صدر جي رستن کان پوءِ اهي صاف سٿرا ۽ ويڪرا هئا. هينئر ان رسالا روڊ جي ڇا حالت هئي، بيان نٿي ڪري سگهجي. بمباري بعد بيروت ويو هوس ته اتي جا رستا به اهڙي تباهيءَ جو ڏيک نه ڏئي رهيا هئا جهڙو هي حيدرآباد جو رسالا روڊ ڏئي رهيو هو. ٻنهي هٿن سان رڪشا جي ڏنڊن کي جهليو ويٺو هوس ته به پٿرن تان يا دڙن تان رڪشا هيٺ ٿي آئي يا ڪنهن کڏي ۾ وڃي ٿي ڦهڪو ڪيائين ته لوڏن ۾ منهنجي ٽڪڻ رڪشا جي ڇت سان وڃي ٿي لڳي يا آئون ڪڏهن ساڄي پاسي ته ڪڏهن کاٻي پاسي لڙڪي ٿي ويس. چڱو جو مون سان گڏ قاسم لاشاري نه آيو. هن کي وڏو شوق هو مون سان گڏ هلڻ جو! هتي رڪشا ۾ آئون ئي چٻو ٿيو ويٺو هوس ته قاسم جهڙو ڳرو ماڻهو ڪيئن ٿي ويهي سگهيو! بهرحال هاڻ مون ان رستي تان موٽڻ نٿي چاهيو. ان ڪري رڪشا واري کي ڪنهن ٻئي رستي تان هلڻ لاءِ چيم.
    ”سائين توهان ئي ته زور ڀريو ته هن رستي تان هلان.“ رڪشا واري وراڻيو.
    رڪشا واري بلڪل صحيح چيو. مون کي ان روڊ تان هلڻ جي سڪ لڳي هئي. اسان ننڍا هوندا هئاسين، يعني پنجاهه وارو سڄو ڏهو، ته موڪلن ۾ ماءُ سان گڏ هالا کان حيدرآباد ناناڻي ايندا هئاسين. اڄ واري حيدر چوڪ کان جيڪو قاضي عبدالقيوم روڊ ٿو وڃي ان جي منهن وٽ اسان جي ناني سيٺ محمد حسن سومري جو گهر هو. ساڻن گڏ سندن ننڍو ڀاءُ، فاران هوٽل وارو لالاڻ رهندو هو. مٿس ڏاڏي جو نالو هجڻ ڪري سڀ سيٺ لالا چوندا هئس. 1954ع ڌاري جڏهن آئون ڏهن سالن جو هوس ته لالا جنهن کي هاڻ ٽي ٻار رضيه، اختر ۽ انور ٿي چڪا هئا، گهر ننڍو ٿيڻ ڪري رسالا روڊ تي هاري حقدار آفيس کان پوءِ واري بلڊنگ ۾ وڃي رهيا. اسان هالا کان ايندا هئاسين ته پنهنجي مامي سان گڏ واڪ ڪري سيٺ لالا جي گهر ايندا هئاسين جتان پوءِ هن جي ٻارن سان گڏ ان روڊ تي وڌيڪ واڪ ڪري صدر ويندا هئاسين جتي اسان جي ناني جي وڏي ڀيڻ (ليکڪ حليم بروهي جي والده) پڦو غلام فاطمه رهي ٿي. ان قوت کيس پنج ٻار هئا. آپا تاج (شفيق صديقي ۽ ڊاڪٽر فهيما عقيلي جي ماءُ) عبدالعليم، عبدالحليم، افروز ۽ ننڍو نعيم مون جيڏو هو. سارا (روبينا) اڃا ڄائي نه هئي. اتي ئي حيدر چوڪ وٽ منهنجي نانيءَ جي ڀاءُ حاجي عبدالرحمان مغل جو گهر هو جتي پڻ اسان ويندا هئاسين. ماما عبدالرحمان وٽ منهنجو والد شروع جا ڏينهن وڪالت پڻ سکيو. سندن گهر ۾ ادا محمود (جج مرحوم)، عائشه، احمد علي، زبيده (بيبا) جسٽس حامد علي، جسٽس رشيد، حميده جن ٻار هئا. هي پاڻ کي مرزا پڻ سڏائيندا هئا. هنن جي ئي گهر اڳيان ٽنڊي ڄام واري ماستر يعقوب ميمڻ (سراج الحق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين جو والد صاحب) وارن جو گهر هو. فهميده جو هڪ ڀاءُ مصباح مون جيڏو هو پر شهر ۾ رهڻ ڪري هو چوٿين ڪلاس ۾ هو، آئون هالا ۾ ٽئين ڪلاس ۾ هوس. گاڏي کاتي ۾ رهندڙ هڪ ٻيو اسان جو همعصر سڪندر بخت انصاري (جن جو گهر شاهه لطيف بڪ اسٽال وٽ هوندو هو) پڻ ستين ڪلاس کان پوءِ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيا. ٻن سالن بعد ناني جي گهر جي ڀر ۾ رهندڙ خالد هاشماڻي (هاڻ آمريڪا ۾) ۽ چاچي جمال دين جو وڏو پٽ اقبال جماڻي (جيڪو ڪراچي ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر هو ۽ هاڻ حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿي آيو آهي)، 1960ع ڌاري ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيا ۽ 1961ع ۾ ڪمانڊر سڪندر بخت انصاري جو ڀاءُ محبوب عالم انصاري (اڄڪلهه سنڌ حڪومت ۾ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري آهي.) ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيو. هي منهنجا ناناڻي گهر جا يا کڻي چئجي ته گاڏي کاتي جا دوست هئا. انهن کان علاوه ادا مظهر صديقي وائيس چانسلر جو ڀاءُ جهانگير صديقي ۽ مستري محمد اسماعيل چانڊيو بلوچ جو پٽ علي احمد بُلان پڻ اسان جا همعمر ۽ پاڙي جا دوست هئا. جهانگير صديقي جن جو فلئٽ ته حيدر چوڪ جي بلڪل ڪنڊ تي هو. رستن تي گهڻو ڪري بگيون (وڪٽوريا) ۽ ٽانگا هلندا هئا. ڪن ڪن ماڻهن وٽ موٽر ڪارون ٿيون هيون. بهرحال ٽرئفڪ نه برابر هوندي هئي، خاص ڪري رات جو ته ان حيدر چوڪ واري رستي تي ونجهوٽي راند هلندي هئي. اڳيان فردوس سئنيما وٽ گرائونڊ هو جتي اسان کان وڏا والي بال کيڏندا هئا، انهن ۾ هڪ محمدعلي (فلم ائڪٽر، زيبا جو مڙس) پڻ هو، پوءِ اتي فردوس سئنيما ٺهي. ڪجهه ماڻهن گوڙ ڪيو ته اهو ته قبرستان آهي.ِ ٽيهارو کن سال سئنيما هلڻ بعد هاڻ ان جاءِ تي پيٽرول پمپ آهي جتي برياني جا دڪان آهن.
    سو اهي پراڻيون يادون تازيون ڪرڻ لاءِ رڪشا واري کي چيو هوم ته اهو رستو وٺي هل. مون کي ڪهڙي خبر ته هي رستو منهنجيون هڏيون به ڀڃي رکندو. ها سچي! حيدرآباد جي هڪ ٻي کل جهڙي ڳالهه جيڪا نوٽ ڪيم، نه رڳو رسالا روڊ پر ٻين به ڪيترن رستن جو ڪارو منهن ٿيو پيو آهي. قاسم آباد، سٽيزن ڪالوني توڙي نسيم نگر جي جنهن گهٽيءَ مان رڪشا لنگهي ٿي اها گهٽي کنڍر ۽ گندگيءَ جو ڍير هئي. جتي ڪٿي گند ڪچري جا دڙا، اورفلو ٿيندڙ گٽر، ڪٿي ڪٿي ٻن ڏينهن جي مئل ٻلي يا ڪتي جي چڀندڙ بدبوءِ، اُڏامندڙ مٽي ۽ ڌوڙ، ٽرئفڪ جو ڪچو دونهون، سخت گرمي ۾ پگهر وڃي ٿي کڙيون کنيون، سخت قسم جي پوسل ۽ پڪ رات جو مڇر به ٿيندا هوندا، رکي رکي بجليءَ جو بند ٿيڻ جو سڄي ملڪ وانگر حيدرآباد ۾ به پاور جي کوٽ آهي. ها البت حيدرآباد ۾ جنهن شيءِ جي کوٽ نظر نٿي آئي اهي بيوٽي پارلر آهن! جنهن گهٽيءَ مان لنگهه ته سامهون ڪنهن نه ڪنهن بيوٽي پارلر تي نظر پئي ٿي.


    وينس بيوٽي پارلر، طوبيٰ بيوٽي پارلر

    سپنا، وائيٽ، روز، ريڊ روز، حنا، ماهه روز، روپ سنگهار...
    سائين ڇا ڳالهه ڪجي انهن بيوٽي پارلرن جي ۽ انهن جي انگريزي نالن جي! ڄڻ ته توهان پئرس، وينس، جينوا، مالمو (سئيڊن) ۽ ملاڪا (ملائيشيا) جهڙن شهرن ۾ پهچي ويا آهيو. پر انهن شهرن ۾ ته ٿڌڪار آهي. پارڪ آهن، ٿيٽر آهن، بسون، دڪان، آفيسون هوٽلون سڀ ايئرڪنڊيشن آهن. هتي حيدرآباد جون ناريون هار سينگار ڪرائي، ميڪ اپ جا ليپ چڙهائي خبر ناهي ههڙي گرمي ۽ ڌوڙ ۾ ڪهڙن ساوڪ سان ڀريل سدا سهڻن رستن تي واڪ ٿيون ڪن؟ حيدرآباد جي موسم جي اهڙي حالت آهي جو پگهر ۾ نه رڳو اسان جي پتلون پر رڪشا جي سيٽ تي چڙهيل ڪاٽن جو ڪور به پسي ويو آهي. ٿي سگهي ٿو رات جو ڪجهه ٿڌڪار ٿيندي هجي، ۽ ضرور ٿيندي هوندي جو هيرآباد، فقير جي پڙ ۽ پٺاڻ ڪالونيءَ مان لنگهندي ڪجهه ٻڪريون ڇنل سوئيٽرن ۾ سڪل گاهه چري رهيون هيون. سندن مالڪن کان اها ڳالهه وسري وئي هئي ته سج مٿي چڙهي آيو آهي ۽ سخت گرميءَ ڪري هاڻ هنن غريب گگدام جانورن جا اوني سوئيٽر (جيڪي سئيڊن جهڙن ٿڌن ملڪن ۾ ڪنهن زماني ۾ گورن پاتا) لاهي ڇڏڻ کپن. بهرحال هتي جون ناريون هنن بيوٽي پارلرن مان سونهن حاصل ڪن ٿيون يا نه پر بيوٽي پارلر وارا هنن مان ناڻو ضرور حاصل ڪندا هوندا. ڪراچي جو هڪ همراهه سڃاڻان جنهن کي کارادر ۾ اٽي جي چڪي هئي. هن به اها بند ڪري حيدرآباد ۾ بيوٽي پارلر اچي کوليو آهي. جيڪو سندس زال هلائي ٿي هوءَ جيڪا ڪتيانا اسپتال ۾ دائي هئي ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيل عورتن کي فالتو وقت ۾ آڍيندي پڻ هئي، اها حيدرآباد پهچڻ سان رات اندر آڍڻ ۽ ٻارن کي وهنجارڻ واري ماسيءَ مان beautician بڻجي وئي آهي ۽ بقول سندس مڙس جي، ”سائين رنن کي آهي حرام جو پئسو سو اچيو ٿيون هتي وڃائين، ٻيو ڀلا ڪيڏانهن ڪن. کاڌي تي ڪنٽرول نه اٿن. سندن پيٽ دهل ٿيندا وڃن. ايڪسرسائيز کانئن نٿي پڄي جو جسم جي چرپر ڪن، بس زور رڳو منهن تي ليپ هڻائي هلڻ جو...“
    ”سائين هاڻ ڀلا؟“ رڪشا واري پڇيو.
    ”بس هاڻ آئون واڪ ڪري ڪنهن آرٿوپيڊڪ سرجن وٽ هليو ويندس. تون حساب ٻڌاءِ؟“
    ”جيڪي توهان کي وڻي.“ هن ٻڌائڻ نه چاهيو.
    ”ڀائي ائين ته سج لهي ويندو. هاڻ هينئن ڪر جيڪو سڄي ڏينهن ۾ ڪمائيندو آهين ان کان ٻيڻو وٺ. تون به خوش ته آئون به خوش جو پنهنجي ڪار کڻي اچان ها ته بلڊپريشر جو مريض ٿي موٽان ها. هينئر رڳو پٺيءَ جي ڪنڊي جي هڏين ۾ سور ٿيو آهي.“
    رڪشا واري کان موڪلائي ڀر ۾ پان ٻيڙي جي دڪان تان ٻه پونسٽن جون گوريون خريد ڪري ڦڪيون ۽ عبرت اخبار جي آفيس ڏي هلڻ لڳس. چوڌاري گاڏين جي اسپيئر پارٽس جا دڪان، ڪٿي ڪٿي ويلڊنگ، سائلنسر صحيح ڪرڻ ۽ ريڊيٽر رپيئر ڪرڻ جا دڪان هئا. پڇائيندو پڇائيندو اچي عبرت آفيس کان نڪتس. هن کان اڳ عبرت آفيس ۾ 1970ع واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ آيو هوس. تڏهن هتي قاضي عبدالمجيد عابد صاحب پاڻ وهندو هو. سندس مرحوم پٽ اظهر عباسي منهنجو ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ڪلاس ميٽ ٿي رهيو هو. سندس ننڍو ڀاءُ اسد قاضي، اڄڪلهه اخبار جو ڪم هلائي ٿو ۽ ڪراچي واري هيڊ آفيس ۾ ويهي ٿو. عبرت هلائيندڙن مان ڪوبه پراڻو نظر نه آيو. منهنجي هالا جي ڪلاس ميٽ محمد حيات بلوچ جو پڇايم پر هن جي رات جي ڊيوٽي هئي. اديبن مان حيات شاهه بخاري موجود هو. نئين نموني جي آفيس ۾ سڀ ڪمپيوٽرن تي ويٺا هئا نه ته ان زماني ۾ هي اخبارون شيهي lead جي اکرن کي ملائي لفظ ۽ جملا ٺاهي ڇپيون وينديون هيون. ڪجهه وقت لاءِ قاضي اڪبر صاحب جو ڏوهٽو، دادو وارو پير مظهر پڻ هن آفيس ۾ هوندو هو ۽ عبرت اخبار جي ٻارن جي صفحي جو انچارج هو. هو ”ماما موجي“ جي نالي سان ٻارن ۾ مشهور هو. يعني ان وقت جي ٻارن ۾ جيڪي هينئر پڪ پنجاهه سالن جي ويجهو اچي پهتا هوندا. ڪجهه دير حيات شاهه سان خبرون ڪري هيٺ لٿس گيٽ تي ويٺل گارڊ هاڻ رسپيشن تي ويٺو هو. هن هينئر گهڻي مغز ماري نه ڪئي جيڪا هن ايندي وقت ڪئي. ڇو آيو آهين، ڪهڙو ڪم آهي، ڪنهن سان ملڻو آهي...؟ بيزار ڪري رکيائين، اهو پڇڻ جو ڪم رسپيشن تي ويٺل ڪلارڪ جو آهي. تنهنجو ڪم ماڻهن کي چيڪ ڪرڻ آهي ته ڪو هٿيار کڻي آفيس ۾ ته نٿو گهڙي. ڪم بم کڻي هن اڳهين مدي خارج عمارت کي ته نٿو ڪيرائي. بهرحال ڪو بيوقوف ئي هوندو جو هن بلڊنگ کي نقصان رسائڻ لاءِ بم تي خرچ ڪندو ۽ ڪنهن کي جي بم يا هٿيار کڻي ڪنهن سان جهيڙو ڪرڻو هوندو ته اهو مون جهڙو ٿڪل، هلڻ کان هلاڪ، ٿلهن شيشن واري عينڪ سان هوندو ڇا؟ پر اسان جي ملڪ جي چوڪيدار جي ذهنيت به typical وڏيرڪي آهي. هروڀرو ٿيو ڪنهن کي تنگ ڪرڻ. جيڪو ڏاڍو مڙس هوندو، جيڪو هٿيارن سان گهڙندو، ان اڳيان هٿ ٻڌي بيهي رهبو. هن کان پاسو ڏيئي بيهبو ته ڀلي لنگهي وڃي ڀينگ ڪري. ۽ پوءِ نانگ هليو ويندو ان جو ليڪو ويهي ڪٽبو. بهرحال موٽڻ وقت هن چوڪيدار منهنجو مٿو نه کاڌو شايد ان ڪري به جو هو ان وقت نان سان گوبي گوشت کائڻ ۾ مشغول هو. سندس ڀرسان ڪمري جو در کليل ڏسي ليئو پاتم ته اتي ڇپائي جي پريس هئي. منهنجو هي ڪالم جيڪڏهن مون وانگر ڪو جهاز هلائڻ وارو پڙهي رهيو آهي ته هو اهو سمجهي ته هيءَ پريس جي مشينري هڪ آڳاٽي زماني جي ڊاڪسفورڊ (Doxford) انجڻ هئي جيڪا اڄ به جهاز ته هلائي سگهي ٿي پر هن جو هاڻ اصل مقام عجائب گهر هئڻ کپي جتي اڄ جا نوجوان جهاز هلائيندڙ، هن انجڻ کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهن ته اڄ کان منو صدي اڳ انگريز هن انجڻ سان پاڻي جا جهاز هلائيندا هئا. مون اڳيان وڌي هن مشين جي تصوير ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا جهلي.
    ”سائين تصوير نه ڪڍو.“ گارڊ گوبي گوشت ڇڏي مون کي فوٽو ڪڍڻ کان منع ڪرڻ لاءِ اُٿيو.
    ”ڇو، خير ۾“. مون حيرت مان پڇيو.
    ”سائين سيڪيورٽيءَ جو معاملو آهي.“ هن جواب ڏنو.
    دل ۾ آيو ته زور زور سان ٽهڪ ڏيان. اُمت ۽ جنگ جهڙين اخبارن جون پريسون به ڄڻ روڊ تي رکيون آهن ۽ آيو ويو پيو ڏسي ۽ هن عجائب گهر جي کنڊرات تي نر پکي جي پئي جهار ٿئي، ڄڻ ڪاهوٽا جو نيوڪليئر پلانٽ هجي. هن گارڊ جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي اهو ڪوئو ياد آيو جيڪو اکين ۾ ڪجل ۽ ڪارو چشمو پائي لڪندو پئي وتو. ڪنهن پڇيس، ”آهي ته خير؟“
    وراڻيائين، ”شينهن جي ڌيءَ ڪالهه کان گم آهي. پوليس کي شڪ ته مون هن کي ڀڄايو آهي.“


    ڪلاس نائين ۽ مئٽرڪ جي شاگردن لاءِ

    ٻه چار ڏينهن اڳ ڪنهن دوست جي معرفت خيرپور کان هڪ همراهه مونسان ملڻ آيو.
    ”سائين آئون توهان کان پنهنجي پٽ لاءِ صلاح وٺڻ آيو آهيان ته هن کي آرميءَ ۾ موڪليان يا نه؟“
    ”ضرور ضرور. ڪمال ٿا ڪريو. ان کان وڌيڪ بهتر ٻيو ڪهڙو جاب ٿي سگهندو.“ مون يڪدم چيومانس. ڳوٺن جا ڇوڪرا جيڪي آرمي يا فوج جي ڪنهن ٻي برانچ ۾ آهن اهي شهرن جي ڇوڪرن کان وڌيڪ خوش نصيب آهن. اسان جا ڳوٺ جتي بدامني آهي، وڏيرن جو عوام تي ظلم ۽ ناانصافي آهي اتي جو ڪو غريب ڳوٺاڻو فوج ۾ ٿو وڃي ته نه فقط هن جي پر هن جي مٽن مائٽن جي وڏي لئه ٿيو وڃي. هنن سان تر جا وڏيرا ۽ ڀوتار ته ڇا پر پوليس جو ظالم عملو به سڌو ٿي هلي ٿو ۽ خيرپور ۽ سکر ته اهي ضلعا آهن جنهن مان سڀ کان گهڻا آرمي ۽ نيوي ۾ آهن ۽ برگيڊيئر ته ڇا ميجر جنرل جي رئنڪ تائين آهن. تازو ٻه مهينا کن اڳ آرمي ۾ ڪئڊٽن لاءِ چونڊ جو اشتهار ڏٺو هوم. انهن ئي ڏينهن ۾ نيوي ۽ ٻين غير فوجي ادارن ۾ داخلائن جي چونڊ جا پڻ اشتهار هئا. سو آئون سمجهي ويس ته هن همراهه جي پٽ جنهن انٽر جو امتحان ڏنو هوندو ضرور آرميءَ لاءِ apply ڪيو هوندو ۽ هاڻ فائنلي چونڊ تي مونکان صلاح وٺڻ آيو آهي. پر آئون چوندو آهيان ته اهڙي ڪم لاءِ صلاح وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت! اڄڪلهه جي هن چٽاڀيٽي ۽ مقابلي جي دور ۾ جتي ويهارو کن سيٽن لاءِ سوين شاگرد apply ڪن ٿا ۽ آرمي، ايئرفورس، نيوي توڙي مرچنٽ نيوي، بزنس ائڊمنسٽريشن ۽ آءِ ٽي جهڙن تعليمي ادارن لاءِ ته هزارين شاگرد apply ڪن ٿا، اتي جيڪو شاگرد چونڊجي وڃي ٿو اهو ته خوش نصيب ٿيو. ان کي ڪنهن کان ڪهڙي پڇڻ جي ضرورت.
    مون وٽ آيل همراهه مون کي حقيقت ڏي موڙيندي آگاهه ڪيو ته هن جو پٽ آرمي لاءِ اڃان چونڊيو ناهي.
    ”ته پوءِ؟ رزلٽ جو انتظار اٿس؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه سائين هن کي آرمي ۾ وڃڻ لاءِ شوق ٿيو آهي.“ هن ٻڌايو.
    ”ته ان لاءِ ڀلي apply ڪري. نه فقط آرميءَ لاءِ پر نيوي، مئرين اڪيڊمي ۽ ٻين ادارن لاءِ به apply ڪري. وڃڻ يا نه وڃڻ جو فيصلو تڏهن ڪري سگهجي ٿو جڏهن هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي چونڊجي يا هڪ کان وڌيڪ ادارن ۾ اسڪالرشپ ملي ته پوءِ صلاح ڪجي ته هن لاءِ ڪهڙو بهتر رهندو.“ مون سمجهايومانس.
    ”پر سائين ان لاءِ چونڊ ته ڪڏهوڪو ٿي وئي“، هن مونکي ٻڌايو.
    ”ٺهيو هونءَ به انٽر جي امتحان بعد هڪ سال ٻيو به apply ڪرڻ جو موقعو آهي. هاڻ وري ايندڙ سال چونڊن ۾ حصو وٺي.“ مون چيومانس.
    ”پر سائين هن کي انٽر پاس ڪئي ٽي سال ٿي ويا آهن ۽ چون ٿا ته هاڻ هي Over-age (وڏي عمر جو) ٿي ويو آهي.“
    ”ظاهر آهي هاڻ ته ڳالهه هٿن مان وئي هلي. توهان جي پٽ ان وقت ڇو نه apply ڪيو؟“ مون پڇيو.
    ”تڏهن هن کي شوق نه هو ۽ خبر به نه هئي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي اپلاءِ ڪجي. هاڻ پنهنجن ڪجهه دوستن کي آرميءَ ۾ ڏسي کيس شوق ٿيو آهي.“
    هاڻ ان ڳالهه جو آئون ڇا جواب ڏيان. اهڙين شين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ته صحيح وقت اهو آهي جڏهن هڪ شاگرد انٽر ۾ آهي. هن قسم جون چونڊون اڪثر انٽر جي امتحان کان اڳ ٿين ٿيون. فارم ڀرڻا پون ٿا. ميڊيڪل ٽيسٽ ٿين ٿا. انٽرويو ۽ ISSB ٽيسٽ ٿين ٿا ۽ پوءِ شاگردن جي چونڊ جي فائنل رزلٽ هنن جي انٽر جي امتحان ڏيڻ ۽ رزلٽ ظاهر ٿيڻ تي ٻُڌائي وڃي ٿو.
    بهرحال مٿيون ڇوڪرو پنهنجي سستي ڪري نه فقط Over age ٿي ويو پر پڙهائيءَ ۾ به صفا ڪو ڏڏ هو جو هن جو انٽر ۾ ‘C’ گريڊ هو. مائٽن جو لاڏلو ته ضرور لڳو ٿي. ان جو ثبوت سندس Over-weight (حد کان وڌيڪ ٿولهه) وارو جسم به هو.
    بهرحال اهو هڪڙو مثال نه آهي. اهڙا ڪيترائي مثال ڏيئي سگهجن ٿا. منهنجو گهڻو عرصو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمين سان هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو پنهنجن ٻارن لاءِ مونکان ان اداري جي چونڊ لاءِ پڇندا آهن. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ڪيترائي شاگرد خطن ۽ هاڻ، اي ميل ذريعي پڇندا رهن ٿا. سندن ڪي ڪي سوال عجيب هوندا آهن جيڪي سندن سستي ۽ اڻ ڄاڻائي کي reflect ڪن ٿا. انٽر پاس هڪ شاگرد مونکي فون ڪيو ته سائين آئون پاڪستان مئرين اڪيڊمي لاءِ اپلاءِ ڪرڻ چاهيان ٿو پر هو مونکي فارم نٿا ڏين.
    ”ڇو نٿا ڏين؟“ مون پڇيومانس.
    ”هو ته چون ٿا ته فارمن حاصل ڪرڻ جي آخري تاريخ هفتو کن اڳ ختم ٿي ويئي.“ هن ٻڌايو.
    ”پوءِ ته ظاهر آهي ڪيئن ٿو توکي فارم ملي سگهي. تو مقرر وقت اندر ڇو نه فارم حاصل ڪيا؟“ مون پڇيو.
    ”سائين مونکي خبر نه هئي. ڪالهه هڪ دوست جيڪو اڪيڊمي لاءِ فارم ڀري چڪو آهي ان ٻڌايو.“ هن وراڻيو.
    هن قسم جا مسئلا کڻي ڪيترائي شاگرد يا انهن جا والدين اچن ٿا ته اڪيڊمي ۾ چونڊ لاءِ عمر جي آخري حد هيترا سال آهي. اسان جو ڇوڪرو فقط ڇهه مهينا وڏو آهي يا ٻه مهينا وڏو آهي پر هن کي نٿا چونڊين.“
    مونکي پوءِ کين ٻڌائڻو پوندو آهي ته اهڙن فوجي يا نيم فوجي ادارن ۾ عمر جي سختيءَ سان پابندي ڪئي وڃي ٿي. هنن جا هڪڙا Set قانون ٿين ٿا جن جي پوئواري ڪرڻ ضروري آهي. ڇهه مهينا يا ٻه مهينا ته وڏي ڳالهه آهي، مقرر عمر کان فقط هڪ ڏينهن وڏي عمر واري کي به reject ڪيو وڃي ٿو چاهي هو ائڊمرل جو پٽ هجي يا ڪنهن وزير جو ۽ پوءِ جڏهن آئون کانئن پڇندو آهيان ته هنن گذريل سال يا ان کان اڳ ڇو نه اپلاءِ ڪيو جڏهن هو انٽر ۾ پڙهي رهيا هئا. ان ڪري جو ان قسم جون چونڊون، جيڪي مئٽرڪ يا انٽر جي شاگردن لاءِ ٿين ٿيون، انهن جي عمرن جو حساب اهڙو رکيو ويندو آهي جو هڪ شاگرد انٽر جي پڙهائي واري سال کان علاوه هڪ يا ٻه سال ٻيا به apply ڪري سگهي ٿو. مثال طور مئرين اڪيڊمي يا ايئر فورس جي اڪيڊمي جي چونڊ لاءِ عمر جي حد ان سال جي پهرين سيپٽمبر ۾ 19 سال هجڻ کپي ته هڪ شاگرد جڏهن انٽر جي ڪلاس ۾ پهچي ٿو ته هن جي عمر 17 سال کن ٿئي ٿي. هو ان سال انٽر جي امتحان کان اڳ apply ڪري سگهي ٿو ۽ نه چونڊجڻ تي هن کي اڃا به ٻه موقعا ملي سگهن ٿا- يعني ايندڙ سال ۽ ان کان پوءِ واري سال ۾ به هو اپلاءِ ڪري سگهي ٿو پر آئون جڏهن مٿئين مسئلي وارن همراهن کان پڇندو آهيان ته توهان گذريل سال يا ان کان اڳ سال جڏهن توهان انٽر ۾ پڙهي رهيا هئائو ته ڇو نه Apply ڪيو ته هنن طرفان اهوئي جواب ملندوآهي ته سائين اسان کي خبر نه هئي ته هن قسم جو ادارو به پنهنجي ملڪ ۾ آهي. يا وري چوندا ته اسان کي ان جي چونڊ جي تاريخ جي خبر نه هئي. ۽ آئون افسوس سان کين اهوئي چوندو آهيان ته توهان ڪهڙا اڻ ڄاڻ ۽ لاپرواهه شاگرد آهيو جو توهان کي اها خبر ناهي ته مئرين اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ ادارو آهي. گلگت، سوات، ديرا غازي خان جي شاگردن کي ته خبر پئجيو وڃي ٿي پر توهان کي نه! ان تي ڪي ڪي چوندا آهن ته سائين انهن جا مائٽ انهن ادارن ۾ هوندا. ۽ پوءِ مونکي کين اهوئي ٻڌائڻو پوندو آهي ته اهڙي ڳالهه ناهي. هو پاڻ تي ڏوهه مڙهڻ بدران خيالي دنيا ۾ رهي هر ڳالهه جو الزام ٻئي ته نه ٿاڦين. ڇو جو جيڪي شاگرد جستجو ۾ رهن ٿا اهي ڪامياب رهن ٿا. ڪيترائي شاگرد بلڪ تمام گهڻا، جيڪي مئرين اڪيڊمي جهڙن ادارن لاءِ apply ڪن ٿا اهي مچڙ، درٻيلو، بوبڪ، ٻٽ ڳوراهو، قاضي احمد، پير جو ڳوٺ، پڊعيدن ۽ ٺيڙهي جهڙن ڳوٺن جا آهن. وڏن شهرن جا شاگرد رڳو ڪلف لڳل ڪپڙا پائي، اوچا موبائيل فون هٿن ۾ کڻي فقط خوابن جي دنيا ۾ پيا هلن. مٿين يا ٻين ڳوٺن جي چونڊجي آيل شاگردن (جيڪي گهڻو ڪري پرائمري اسڪول ٽيچرن، ڪلارڪن يا هارين جا ٻار ٿين ٿا) کان جڏهن پڇندو آهيان ته ڏورانهن ڳوٺن ۾ رهي ڪري توهان کي هن اڪيڊمي جي خبر ڪيئن پيئي ته وراڻيندا آهن ته اخبارن ذريعي.
    بلڪل صحيح ٿا چون. پاڪستان مئرين اڪيڊمي جنهن سان منهنجو نوڪريءَ جي آخري سالن ۾ واسطو رهيو ان مان مون به مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي هئي. هيءَ اڪيڊمي 1962ع ۾ چٽگانگ (تن ڏينهن ۾ مشرقي پاڪستان) ۾ کلي هئي. مون 1963ع ۾ انٽر ڪئي ۽ ان ئي سال هن اڪيڊمي جي ٻي بئچ جي 22 کن مئرين انجنيئرنگ ڪئڊٽس ۾ چونڊجي ويو هوس. 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿيڻ تي پاڪستان جي اها مئرين اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ کولي وئي ۽ چٽگانگ واري ”مئرين اڪيڊمي بنگلاديش“ اڪيڊمي سڏجڻ لڳي. بهرحال 1963ع کان وٺي جڏهن مون هن اڪيڊمي لاءِ apply ڪيو، اڄ تائين پنجيتاليهه سال اچي ٿيا آهن بنگلاديش واري اڪيڊمي توڙي 1971ع کان پوءِ هن ڪراچيءَ واري مئرين اڪيڊمي جا، هر سال اخبارن ۾ ساڳي مهيني آگسٽ ۾ فارم ڀرڻ جو اشتهار اچي ٿو ۽ هر سال سيپٽمبر آڪٽوبر ڌاري داخلا وٺندڙ اميدوارن جو Entry ٽيسٽ، ميڊيڪل ٽيسٽ، انٽرويو وغيره مڪمل ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ هر صوبي جي بورڊ جي انٽر جي امتحان جي رزلت نڪرڻ تي فائنل سليڪشن ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪامياب اميدوارن کي اڪيڊمي جو سيمسٽر شروع ٿيڻ ۽ حاضر ٿيڻ لاءِ اطلاع ڪيو وڃي ٿو. هاڻ اهڙي حالت ۾ ڪو شاگرد انٽر جو امتحان ڏيئي سال ٻه هيڏانهن هوڏانهن ڌڪا کائي پوءِ چوي ته آئون Overage ٿي ويو آهيان ۽ مونکي خبر نه هئي ته ڪا مئرين اڪيڊمي به وجود ۾ آهي، جتي تعليم حاصل ڪندڙ ملڪي ۽ ولايت جي جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿين ٿا، ته ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي. ان جو مطلب اهوئي ٿيو ته اهو شاگرد نه اخبار پڙهي ٿو ۽ نه کيس پنهنجي مستقبل جو فڪر آهي.
    هڪ همراهه اهڙو به مون وٽ آيو ته سندس پٽ پاڪستان نيوي لاءِ چونڊجي ويو آهي پر ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ فيل ٿي پيو آهي.
    ”ڪهڙي بيماري اٿس.“ مون پڇيو.
    ”ٻي ڪا بيماري نه اٿس Over weight (ٿلهو) آهي. پر کيس ويهه ڏينهن ڏنا اٿن ته ان ۾ ٽي ڪلو وزن گهٽ ڪري اچي.“
    ”پوءِ ته آئون هن کي بخت وارو سڏيندس.“ مون چيو، ”هفتو کن ڊوڙندو ڊڪندو ته ٽي ڇا پنج ڪلو به گهٽائي ويندو.“
    ”ها سائين پر نڀاڳو ڪجهه نٿو ڪري. ڏهه ڏينهن گذري ويا اٿس ڪجهه نٿو ڪري.“
    ”پوءِ ڀلا؟“ مون پڇيو.
    ”سائين توهان جي ڪا ڄاڻ سڄاڻ هجي ته چوڻ چاڻ ڪيو. ٽي ڪلو وزن ڪجهه به نه آهي کڻي معاف ڪن.“ هن چيو ۽ مون کي حيرت لڳي ته اسان جا ماڻهو ڪيڏو سادڙا آهن (يا شايد ڪچي عزم وارا) ۽ هنن جي سوچ تي تعجب ٿو لڳي. مون هن کي ٻڌايو ته اهڙن مقابلي جي امتحانن ۾ معيار رکيا ويندا آهن، جن کي فالو ڪرڻ ضروري هوندو آهي. ٽي ڪلو ته وڏي ڳالهه آهي اڌ ڪلو واري کي ڇوٽ ڏيڻ به ناممڪن ٿي پوندو آهي. ٿي سگهي ٿو توهان جي ڇوڪري سان گڏ ٻه چار ٻيا به هجن جن کي چار يا پنج ڪلو گهٽائڻ لاءِ چيو ويو هجي ۽ هو گهٽائي مقرر تاريخ تي پهچي ڪاميابي ماڻين. ويهن ڏينهن ۾ ٽي ڪلو وزن گهٽائڻ ته ڪا ڏکي ڳالهه آهي ئي ڪانه. صبح شام ڊوڙي، ورزش ڪري ۽ کاڌي تي ڪنٽرول ڪري.
    ”سائين اهائي ته مصيبت آهي. لاڏلو ٻار هجڻ ڪري کاڌي تي صفا ڪنٽرول نٿو ڪري.“ هن ٻڌايو.
    ”ته بس پوءِ پنهنجي پير تي پاڻ ئي ڪهاڙو ٿو هڻي ۽ جن ڪتڻ جي ڪانه ڪري ستي ساهيو هڏ، انهن کي عيد جي ڪهڙي اُميد رکڻ کپي.“
    دراصل اسان وٽ هڪ ته پلاننگ ناهي. ڇوڪرو مئٽرڪ بعد انٽر ۾ پهچيو وڃي. امتحان ٿيو وڃن رزلٽ نڪريو اچي پر نه شاگرد کي نه ان جي والدين کي هوش رهي ٿو ته هنن جي ٻارن کي مستقبل ۾ ڪهڙي منزل جي راهه اختيار ڪرڻ کپي. ڪيترن وٽ وري ايتري سا سوچ ضرور هوندي ته ڇوڪر يا ڇوڪريءَ کي ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيڻو آهي پر ان لاءِ هن کي ڇا ڪرڻ کپي اها خبر ڪنهن کي فوج ۾ وڃڻو آهي ته پڙهائيءَ سان گڏ پنهنجي جسم کي صحيح رکڻ لاءِ ورزش ۽ راند روند به کيڏڻ کپي. ڪوالالمپور جي ڀرسان هڪ ننڍڙي جنگل نما ڳوٺ جي هڪ شاگرد جڏهن سالياني امتحان ۾ سٺي پوزيشن کنئي ته والدين جي ڏينهن تي ملاڪا جي مئرين اڪيڊمي ۾ آيل سندس والده کان مون پڇيو ته هڪ ڏورانهين ڳوٺ جو ٿي ڪري تنهنجو پٽ هن اڪيڊمي ۾ ڪيئن چونڊيو ۽ سٺو نمبر پڻ کنيو اٿس.
    ”دراصل جڏهن آئون حج ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ واري جهاز ۾ پينانگ کان جدي ويس ته جهاز هلائيندڙ آفيسرن ۽ هنن جي سفيد ۽ سمارٽ يونيفارم مان ڏاڍو متاثر ٿيس“، هن ٻڌايو، ”مون هنن کان پڇيو ته جهاز جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ٿيڻ لاءِ ڪٿي تعليم حاصل ڪجي ۽ ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان رکجي. هنن مونکي ٻڌايو ته ملائيشيا جي نوجوانن لاءِ ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي آهي. ۽ هن اڪيڊمي جي چونڊ لاءِ اهو ڪامياب ٿئي ٿو جنهن جي صحت، خاص ڪري اکيون صحيح هجن ۽ انگريزي، مئٿس ۽ سائنس جي سبجيڪٽ ۾ هوشيار هجي.“
    هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان وقت سندس پٽ اٺين ڪلاس (SPM) جو شاگرد هو. حج بعد هن پنهنجي پٽ کي اچي چيو ته هن کي پاڻيءَ جا جهاز هلائڻا آهن، ان لاءِ هو هينئر کان محنت ڪري. ”مون کيس ٽي وي تي به گهڻو وهڻ نٿي ڏنو متان هن جون اکيون خراب ٿي پون. سندس کاڌي پيتي تي ڪنٽرول رکڻ سان گڏ سندس مختلف راندين ۾ به دلچسپي پيدا ڪئي. غريب هجڻ ڪري کيس ڪو ٽيوشن وارو ته نٿي رکي ڏنو پر پوءِ آئون پاڻ ئي کيس پڙهائيندي رهيس جيئن هو ڪلاس جي ٻين شاگردن کان گهٽ ۾ گهٽ مٿين سبجيڪٽ ۾ هوشيار ٿئي.“
    منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جي هڪ ڳوٺ جي مٿين ماءُ جي سوچ سؤ سيڪڙو صحيح آهي جنهن کي اسان جي ماڻهن کي به فالو ڪرڻ کپي. ان ئي قسم جي ڳالهه آئون پنهنجي اسڪول جي ڏينهن جي پڻ هڪ هنڌ ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن اسان مئٽرڪ ۾ پهتاسين ۽ اونهاري جون موڪلون ٿيون ته ٻئي هوم ورڪ سان گڏ ڪاليج جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس اسان کي مضمون لکي اچڻ لاءِ چيو جنهن جو عنوان هو “My Aim in Life”- يعني توهان ڇا ٿا ٿيڻ چاهيو. ڳوٺ پهچي اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا لکجي. مون پنهنجن پيٽارو جي ڪجهه ڪلاس ميٽن کان پڇيو ته هنن جو حال به ساڳيو هو. مدد لاءِ هنن به مائٽن کان پڇيو ته کين اهوئي جواب مليو ته جڏهن اهو وقت ايندو ڏٺو ويندو، جيڪي قسمت ۾ هوندو وغيره وغيره. اسان مان هڪ ٻه ڄڻو ضرور ايترو لکي آيو ته پائليٽ ٿيندس، هوائي جهاز اُڏائيندس يا ڊاڪٽر ٿيندس ملڪ ۽ قوم جي خذمت ڪندس، فوجي ٿيندس ۽ ملڪ جي حفاظت ڪندس.... ان قسم جا ڊائلاگ. ڪاليج کلڻ تي ۽ هوم ورڪ ڏسڻ تي انگريز پرنسپال نه فقط اسان کي دڙڪا ڏنا پر اسان جي والدين کي به خط لکيو ته هي ڇا بيوقوفي آهي جو ٻار مئٽرڪ تائين پهچي ويا آهن هنن اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته هنن کي مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي. اسان مان جيڪي ڊاڪٽر، پائليٽ، فوجي يا انجنيئر ٿيڻ جو لکي آيا دڙڪن کان اهي به نه بچيا... ”بس توهان جي هوائي جهاز اُڏائڻ جي شوق ڪري توهان پائليٽ ٿي ويندائو؟ ان لاءِ توهان کي ڪهڙن ڪهڙن سبجيڪٽن ۾ وڌيڪ ڀڙ ٿيڻ کپي. ڪڏهن ۽ ڪهڙن تعليمي ادارن ۾ apply ڪرڻ کپي وغيره ان جو ڪير سوچيندو...؟“
    اسانجي پرنسپال جو مطلب هو ته هڪ شاگرد کي مئٽرڪ کان اڳ پنهنجي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ کپي. مثال طور ڪو فوج ۾ وڃڻ ٿو چاهي ته انهن سبجيڪٽس ڏي وڌيڪ ڌيان ڏئي جن جو ان جي چونڊ لاءِ امتحان ٿئي ٿو. پنهنجي صحت کي صحيح ۽ مضبوط رکي ۽ ڪلاس ڏهين کان ان جستجو ۽ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ لڳو رهي ته ان جي چونڊ يا فارم گهرائڻ بابت ڪهڙين اخبارن ۾ اشتهار اچن ٿا ۽ سال جي ڪهڙن مهينن ۾ ۽ ڪهڙي هنڌ تي ان جي داخلا لاءِ ٽيسٽ ٿين ٿا، وغيره وغيره.
    ڪيترا امير ماڻهن جا ٻار اهوئي سوچين ٿا ته هو هر شيءِ پئسي سان حاصل ڪري سگهن ٿا. هنن جي ٻارن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن پروفيشنل ڪاليج ۾ داخلا نه ملي ته کين ٻاهر موڪلي ڇڏيندا. ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو جڏهن آئون سرپرست هوندو هوس ته پاڪستان مان ڪجهه شاگردن جا مون وٽ اڪثر ان قسم جا خط يا فون ايندا هئا ته هو ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ داخلا وٺڻ چاهين ٿا.
    ”ملائيشيا ۾ ڇو ڀلا جڏهن ساڳي اڪيڊمي، ساڳي معيار جي ڪراچيءَ ۾ به آهي؟“ آئون پڇندو هئوسان.
    ان تي هو ٻڌائيندا هئا ته هنن جي انٽر ۾ بي يا سي گريڊ آهي ان ڪري کين اتي داخلا نٿي ملي ۽ کين مونکي ٻڌائڻو پوندو هو ته هتي به ساڳيو ئي معيار آهي ۽ A-1 گريڊ جا شاگرد اپلاءِ ڪن ٿا جن مان فقط چند ٽاپ جا شاگرد کڻن ٿا ۽ جيئن پاڪستان جي اڪيڊمي فقط پاڪستانين لاءِ آهي تيئن ملائيشيا جي اڪيڊمي ملائيشيا جي نوجوانن لاءِ آهي.
    بهرحال ملائيشيا ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا- خاص ڪري پرائيوٽ ۽ ٺڙڪو قسم جا اهڙا ضرور آهن جن ۾ ڌارين ملڪن کان آيل پئسي وارن جي پٽن کي داخلا ڏني وڃي ٿي- انهن مان پئسو ڪمائڻ لاءِ ۽ نه کين ڪا تعليم ڏيڻ لاءِ. ڇو ته صحيح قسم جي تعليم ڏيڻ وارن ادارن جو معيار ايترو بلند آهي جو اسانجو B يا C گريڊ پاس ٿيل شاگرد ان ۾ ڪيئن هلي سگهندو. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ تعيلمي ادارن ۾ هڪ شاگرد کي BA ڪرڻ ۾ به ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوي ٿي. ڊاڪٽري يا انجنيئري ڊگري لاءِ تعليم وٺندڙ شاگرد ملڪ جي ڪِريم هوندا آهن ۽ هو چار يا پنج سال تعليم وارو مدو دنيا کي تياڳي ڪتابن ۽ يونيورسٽي جي ڪلاس رومن بلي ٿي ويندا آهن. پر اسانجي ملڪ ۾ جتي ڪاپي ڪلچر ۽ ڪلاسن کان گسائڻ هڪ معمول بڻجي چڪو آهي، اتي جا ڪيترا شاگرد صحيح تعليم بابت سوچي نٿا سگهن. اهو شاگرد جيڪو مئٽرڪ ۽ انٽر جهڙن گهٽ ڏکين امتحانن ۾ به اي گريڊ نٿو کڻي سگهي اهو توڙي کڻي داخلا ملي وڃي ته به پروفيشنل امتحانن ۾ ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندو. پر اهي به اسانجي ملڪ جا ڪمال آهن جتي اسان جا شاگرد ڪلاس نه اٽينڊ ڪرڻ جي باوجود ڊاڪٽر انجنيئر ٿيو وڃن. تڏهن ته اسانجي هڪ پياري ليکڪ امرجليل طنز و مزاح سان ڀرپور هڪ افسانو لکيو هو جنهن جو عنوان هو: ”هڪ اهڙي شاگرد جو انٽرويو جيڪو هڪ ئي وقت BE انجنيئرنگ ۽ MBBS ڊاڪٽري جي امتحانن ۾ اول نمبر آيو آهي.“ ان انٽرويو ۾ هن شاگرد کان جڏهن پڇيو ويو ته توکي انجنيئرنگ جو امتحان ڏکيو لڳو يا ميڊيڪل جو ته جواب ڏنائين:
    ”انجنيئرنگ جو.“
    ”ڇو ڀلا؟“ هن کان پڇيو ويو.
    ”ان ڪري جو انجنيئرنگ جي امتحان ۾ جنهن مونکي ٻاهران ڪارتوس ٺاهي پئي موڪليا ان جي هئنڊ رائيٽنگ اهڙي ته خراب هئي جو مونکي سمجهي لکڻ ۾ وڏي محنت ڪرڻي پيئي ٿي.
    ملائيشيا ۽ برونائيءَ ۾ مختلف ملڪن جي ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ پروفيسرن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ انٽرويو ڪوالالمپور ۾ ورتا ويا ٿي. انهن نوڪرين لاءِ بنگلاديش ۽ انڊيا جا ته ڪيترائي چونڊجي ويندا هئا پر پاڪستان جا نه برابر. مونکي هر وقت ان ڳالهه جو ڏک رهندو هو ۽ وس آهر واسطيدار کاتن کي پنهنجي feelings کان آگاهه ڪندو رهيس ٿي. ڪجهه سالن بعد مونکي به ڪجهه ڪميٽين ۾ ويهي انٽرويو وٺڻ لاءِ شامل ڪيو ويو ۽ پوءِ مونکي به پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي اوڻاين جو احساس ٿيو. هن وقت ٻه ٽي points ياد اٿم جيڪي پڙهندڙن جي ڀلي لاءِ لکي رهيو آهيان. نمبر ون ڳالهه ته اسان جي انگريزي ڪمزور آهي. اسانجو ذهين ڊاڪٽر، انجنيئر يا پروفيسر وغيره اعتماد سان انگريزي نه ڳالهائڻ ڪري مار کايو وڃي ۽ هوڏانهن فلپين، تائيوان ۽ انڊيا، بنگلاديش جا پنهنجي ڪم جا ڇسا اميدوار به ڦر ڦر انگريزي ڳالهائڻ ڪري انٽرويو وٺندڙ کي متاثر ڪري چونڊجي ويا ٿي. اسان کڻي ڇا به چئون پر زميني حقيقت اها آهي ته انگريزيءَ جو جتي ڪٿي مانُ آهي، انگريزي جتي ڪٿي هلي ٿي. ويندي پنهنجي ملڪ ۾ ئي کڻي ڏسو. ان ڪري اڄ جي نوجوان شاگرد کي آئون اهوئي مشورو ڏيندس ته انگريزيءَ ۾ هوشيار ٿئي. ڪيترن ملن مولوين، سياستدانن ۽ سيدن پيرن کي ڏسان ٿو ته هو عوام لاءِ سنڌي اڙدو جي ڳالهه پيا ڪن پر سندن ٻار ملڪ جي انگريزي اسڪولن مان پڙهي انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ نوڪريون پيا ڪن.
    ملائيشيا ۾ مڪاني آفيسرن سان گڏ ايشيا جي ملڪن جي ماڻهن جا انٽرويو وٺندي مون تي اهو به راز فاش ٿيو ته اسان جي ملڪ ۾ ساڳي سال ۾ هڪ ڊاڪٽر MBBS جو فائنل امتحان به ڏئي ٿو ته MA ايڪانامڪس جو به. هڪ انجنيئر BE جو به امتحان ڏئي ٿو ته MA انگلش يا B.Sc ڪيمسٽري جو به! تنهنجي معنيٰ امرجليل به حق تي ڪا ڳالهه ڏسي ان قسم جو افسانو لکيو! ملائيشيا جي ڪنهن اسپتال يا انجنيئرنگ فرم لاءِ ڪنهن پاڪستاني اميدوار جي ان قسم جي بايوڊيٽا ڏسي اسان انٽرويو وٺندڙ حيران ٿي ويندا هئاسين ته BA جهڙي معمولي امتحان لاءِ ئي سڄو سال محنت ڪرڻي پوي ٿي اتي هي ڊاڪٽر يا انجنيئر ڪيئن پنهنجي پروفيشن کان علاوه ٻئي سبجيڪٽ ۾ به هڪ ئي سال امتحان ڏيئي سگهيو آهي. ان قسم جي بايوڊيٽا موڪلڻ وارو ته شايد اهو سمجهندو هجي ته اڳلا سندس قابليت مان متاثر ٿي ويندا پر حقيقت ۾ نتيجو ابتڙ نڪري ٿو.
    برونائيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل حاجي اوانگ جنهن سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ برونائيءَ کي 1984ع ۾ برطانيا کان خودمختياري ملڻ کان اڳ جي هئي ۽ جيڪو انٽرويو وٺڻ مهل اڪثر مونکي به پاڻ سان گڏ وهاريندو هو ان ڪئالا بلايت (برونائي جي هڪ شهر) جي ڪاليج لاءِ انڊيا، بنگلاديش، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ کان ليڪچرارن جي پوسٽ لاءِ اميدوارن جي درخواستن مان هڪ پاڪستاني جي درخواست ڪڍي مونکي حيرت مان چيو، ”آئون هن اميدوار کي به انٽرويو ۾ شامل ڪرڻ چاهيان ٿو پر هن جي بايوڊيٽا ۽ سندس موڪليل سرٽيفڪيٽن ۽ ڊگرين جي فوٽو ڪاپين مونکي مُنجهائي رکيو آهي ته هن ساڳي سال MA سان گڏ MBBS ڊگري ڪيئن حاصل ڪئي. مون کلندي چيومانس ته سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي هڪ ٻئي جي ويجهو آهن.
    ”تڏهن به هڪ شاگرد يا ميڊيڪل ڪاليج جا ليڪچر اٽينڊ ڪري سگهي ٿو يا ايم اي جا. هڪ ئي وقت هڪ ماڻهو ٻن هنڌن تي ڪيئن موجود ٿي سگهي ٿو!“
    مونکي ترڪيءَ جي مشهور ڪردار نصير الدين هوجا جي ڳالهه ياد اچي ويئي جنهن قيمي جو اڌ ڪلو زال ڏي موڪليو ته ڪواب ٺاهي رکجانءِ. زال جي ماءُ ۽ ڀيڻون اچي نڪتيون سو هن قيمون رڌي هنن کي کارائي ڇڏيو. شام جو نصير دين گهر پهچي زال کان پڇيو ته ڪواب ڪٿي آهن؟
    ”ڪواب ٺاهي ڪانه سگهيس، سمورو قيمون ٻلي کائي وئي.“ زال وراڻيس. ان ئي وقت گهر جي پالتو ٻلي به اتان اچي لنگهي. نصير دين ٻلي کي جهلي ساهميءَ جي پڙ تي رکي ان جي تور ڪئي ته هن جو وزن پورو اڌ ڪلو ٿيو. حيرت مان نصير دين زال کان پڇيو ته جي هي اڌ ڪلو قيمون آهي ته ٻلي ڪيڏانهن وئي ۽ جي هيءَ ٻلي آهي ته قيمون ڪيڏانهن ويو؟سو ان وانگر اسان جي گريجوئيٽ MA جا ڪلاس پئي اٽينڊ ڪيا ته MBBS جا ڪنهن ڪيا ۽ جي هن MBBS جا ڪيا ته MA جا ڪنهن ڪيا؟ ان جو ته مطلب اهوبه ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڊگري يا ٻئي جعلي به هجن ۽ افسوس جو ڪيترا پاڪستاني اميدوار جعلي ڊگرين وارا به نڪرن ٿا. سڌريل ملڪن ۾ هڪ اهڙو ڊاڪٽر يا انجنيئر جنهن پنهنجي پروفيشن کان علاوه ٻين سبجيڪٽن ۾ به ڊگري حاصل ڪئي هجي، توڙي کڻي مختلف سالن ۾، ان کي Jack-Knief سمجهيو وڃي ٿو يعني اهو ڪپ جنهن سان گڏ ڪن کوٽڻي، ڏند کوٽڻي، ڪئنچي، نيل ڪٽر به لڳل هجي معنيٰ هن ۾ آهن ته گهڻيون ئي شيون پر ڪابه شيءِ بهتر ڪم نٿي ڪري.
    پنهنجي هڪ ملئي دوست کي حيدرآباد ۾ هڪ اهڙي ڊاڪٽر سان ملايم جيڪو MBBS جي ڊگري هوندي انڪم ٽئڪس جهڙي هڪ مالدار کاتي ۾ ڪلارڪ آهي. هو پڙهائي دوران ان کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو. هن نوڪري نٿي ڇڏڻ چاهي ڪاليج کان گسائيندو رهيو. هن کي خبر هئي ته MBBS ڊگري ته ائين به ملي ويندي ۽ پوءِ ڊگري ملڻ تي هن ڊاڪٽر ٿيڻ بدران ان کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيڻ ۾ پنهنجو مستقبل rosy سمجهيو. منهنجو ملئي دوست حيرت ۾ پئجي ويو ته ان جو مطلب ڇا آهي.
    اهڙا مطلب ته اهڙن ئي ملڪن جا ماڻهو سمجهي سگهن جن جو ڪرپشن ۾ عالمي درجو اسان برابر هجي يا اسان کان به وڌيڪ هجي.
    بهرحال هتي پاڻ شاگردن جي تعليم بابت ڳالهائي رهيا هئاسين ته ڪجهه وڏن ماڻهن جا ٻار جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ پڙهي نه سگهندا آهن اهي مائٽن کي وڏا خرچ ڪرائي ڌارين ملڪن جي ٺڙڪو تعليمي ادارن ۾ اچي داخلا وٺندا آهن جن جي ڊگرين جو نه بين الاقوامي مارڪيٽن ۾ قدر آهي نه ان ملڪ جي مڪاني مارڪيٽ ۾. ٻاهر پڙهڻ ضرور وڃجي پر اعليٰ تعليم لاءِ وڃجي. معمولي گريجوئيشن لاءِ اسان جي ملڪ جي تعليم تمام اعليٰ قسم جي آهي. مئٽرڪ يا انٽر ڪري ٻاهر وڃڻ ڏاهن جي نظرن ۾ نه اڳ ۽ نه هاڻ صحيح سمجهيو وڃي ٿو. مونکي ياد ٿو اچي ته اسانجي ڪاليج جو هڪ شاگرد جهانگرا باجارا جو اقبال ترڪ، جنهن انٽر سائنس جي امتحان ۾ سال 1966ع ۾ بورڊ ۾ ٽاپ ڪيو، تنهن اسانجي انگريز پرنسپال کي (جيڪو ان وقت رٽائرڊ زندگيءَ جا ڏينهن پنهنجي وطن لنڊن ۾ گذاري رهيو هو) خط لکيو ته هن کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق آهي ۽ هو انگلينڊ جي ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ چاهي ٿو. پرنسپال يڪدم جواب لکيس ته توڙي کڻي تون ذهين شاگرد آهين پر هن عمر ۾ ۽ انڊر گريجوئيشن لاءِ ولايت جو رُخ هرگز نه ڪجانءِ. مهراڻ يا NED مان انجنيئرنگ ڪري پوءِ ٻاهر نڪرجانءِ. ۽ هن ائين ئي ڪيو. ڪرنل ڪومبس جو اهوئي مطلب هو ته ان ڪچي عمر ۾ ۽ بنا ڪنهن بنيادي ڊگري جي، جڏهن نوجوان پرديس ۾ ڀٽڪي وڃي ٿو ته پوءِ هو اعليٰ تعليم بدران مزوريءَ جون نوڪريون ئي ڪرڻ لڳي ٿو. مون کي اڄ به ان انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس جي ان خط جو هڪ جملو ياد آهي ته:
    “Don’t go now. Better go after graduation. If you go now you might land up in dish-washing”.


    چمچاگيريءَ جي موسم

    ملائيشيا ۾ ڏٺو وڃي ته سڄو سال هڪ ئي مند رهي ٿي. ڪن ملڪن ۾ فقط سيارو ۽ اونهارو يعني سيءُ يا گرمي ٿئي. ڪن ملڪن ۾ خاص ڪري ايران ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن لبنان، اسرائيل، ترڪي ۽ يونان وغيره ۾ واضع طور ٽي ٽي مهينا اونهارو، سرءُ، سيارو ۽ بهار اچي ٿي. انهن مندن ۽ رُتن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون مندون ٿين ٿيون. هڪ اهڙي مند جي شيخ اياز به ڳالهه ڪئي آهي.
    ”مون مُرڪي پنهنجو پانڌ جهليو
    رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.“
    تاج بلوچ چيو ته ڳاڙهي (سرخ) رنگ مان شيخ اياز جو مطلب انقلاب آهي. هو انقلاب جي مند اچڻ جي ڳالهه ٿو ڪري. اسان جي اسڪولي زماني جي دوست، سيوهڻ جي برگيڊيئر زين العابدين شاهه جي چواڻي سنڌ ۾ هڪ ٻي مند به ايندي آهي، ”جڏهن سنڌ جا وڏيرا جون جي گرم مهيني ۾ برقعي جهڙي ڪلف لڳل اڇي شلوار قميص ۾ سنڌ جي اندروني علائقي مان ڪراچيءَ ايندا آهن ۽ هو سنڌ سيڪريٽريٽ جي آفيسرن وٽ يا انهن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن جي گهرن جي ڳولا ۾ ڊفينس سوسائٽي ۽ ڪلفٽن جهڙن علائقن ۾ خوار پيا ٿيندا آهن. سندن جسم مان پگهر جي ۽ سندن ڪپڙن ۽ پجيرو ٽائيپ گاڏين مان ڪئلشيم ڪاربائيڊ جي ڌپ پئي ايندي آهي. اها ”چمچاگيريءَ“ جي مند هوندي آهي، جڏهن هو انبن جا کوکا کڻي ورهائيندا وتندا آهن. ڪيترن کي ته پنهنجا باغ به نه هوندا آهن ته به سبزي منڊيءَ مان انبن جا کوکا وٺي مٿانئن پنهنجي نالي جو پنو هڻي سرڪاري ڪامورن کي خوش ڪندا آهن.“
    اسانجو هڪ ڪامورو دوست جڏهن ڪراچي بدلي ٿي آيو ته هن کي به انبن جي موسم ۾ جام کوکا مليا. اسان ڪلاس ميٽن کي گهرائي چيائين کڻي وڃو. ”منهنجا ٻار ٻچا اڃا نه آيا آهن آئون اڪيلو ڪيترا کائي ڪيترا کائيندس.“ هن چيو.
    وري ٻيو سال ٿيو ته اسانکي انبن لاءِ فون ئي نه ڪيائين. هڪ ڏينهن اوچتو گڏجي ويو. بيشرم ٿي چيومانس سڀ ڪلاس ميٽ تو لاءِ پيا چون ته گذريل سال انبن جون ٽي ٽي چار چار پيتيون ڏنائين، هن سال هڪ به نه ڏني اٿس. فئملي اچي وئي آهي ڇا؟
    ”نه يار اها ڳالهه ناهي. هاڻ اها نوڪري نه رهي آهي.“ هن ٿڌو ساهه کڻي چيو.
    ”ڇو خير ته آهي،“ مون پڇيومانس، ”سرڪاري نوڪريءَ مان توکي ڪڍي ڇڏيائون ڇا؟“
    ”نوڪري ۽ گريڊ ته ساڳيو ئي آهي،“ هن ٻڌايو، ”پر کاتو ٻيو ٿي ويو آهي. اسان جا وڏيرا به لاهه ته آهن گذريل سال روينيو ۾ هوس ته هرهڪ پئي چمچاگيري ڪئي ۽ هاڻ پاپيوليشن پلاننگ ۾ آيو آهيان ته ڪو کنگهي به ڪونه ٿو.“
    ڪو شايد سمجهي ته هن ڪوڙ ڳالهايو هوندو پر ائين نه آهي. انبن کي زوريءَ ۽ جلدي پچائڻ لاءِ هڱ جهڙي فائول ڌپ وارو ڪيميڪل ”ڪئلشيم ڪاربائيڊ“ انبن جي پيتين ۾ وجهي، سنڌ جا وڏيرا گهڻو تڻو انب، سرڪاري ڪامورن جو ماڻهو ڏسي نه پر سندن کاتو ڏسي ڏيندا آهن. تڏهن ته اسان جي هڪ غريب ۽ شريف سرڪاري آفيسر کي ڪنهن پڇيو به نٿي. پر جيئن ئي هو هوم ڊپارٽمينٽ ۾ بدلي ٿي آيو ته سڀڪو سلامي پيو ڀري. حيدرآباد جو هڪ وڏيرو جنهن کي هي آفيسر هيترو وقت ائين ئي لڳو ٿي، اهو به هن وٽ انب کڻي آيو. بلڪ مونکان سندس گهر پڇي مونسان گڏ هن وٽ آيو. ٻي سال به انبن جي کوکن سان هن وٽ حاضر اچي ٿيو. ٽئين سال کانئس شايد ڳالهه وسري وئي سو ٻه دفعا ياد ڏياريومانس ته به نه آيو. پوءِ خبر پئي ته اهو سرڪاري آفيسر هاڻ هوم ڊپارٽمينٽ ۾ نه رهيو آهي.
    هونءَ باغ جو ميوو ورهائڻ لاءِ چوندا آهن ته سوچي سمجهي دوست يار کي سوکڙي طور ڏجي ۽ هڪ دفعو ڏيڻ بعد پوءِ هر سال ڏجي. ان تي خبر ناهي ڪيترا وڏيرا يا باغن جا مالڪ عمل ڪن ٿا پر اسان جا ٻه ڪلاس ميٽ ٽنڊو قيصر جو رئيس نور احمد نظاماڻي ۽ ڪوٽ غلام محمد جو رفيع ڪاڇيلو اهڙا آهن جن گذريل پنجاهه سالن ۾ هڪ دفعو به ناغو نه ڪيو آهي. مرحوم رفيع ڪاڇيلو پاڻ گذاري ويو آهي ته به سندس پٽ فيصل موڪليندو رهي ٿو. مون جهڙا رفيع ۽ نور احمد جا ڪلاس ميٽ جيڪي اڪثر پاڪستان ۾ نه هوندا آهن ته به انهن جي گهرن تي چوڪيدارن کي يا مائٽن جي گهر موڪلي ڏين ٿا. ۽ اهو سلسلو تڏهن کان هلندو اچي جڏهن اسان اٺين يا نائين ڪلاس ۾ هئاسين. ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪري ڪي نيوي ۾ ته ڪي آرمي ۾ هليا ويا. ڪي ڊاڪٽر ٿيا ته ڪي انجنيئر، ڪي سي ايس پي آفيسر ته ڪي ڪسٽمس ۽ ايڪسائيز ٽئڪسيشن ۾ هليا ويا ۽ هاڻ ته ٻن ٽن سالن کان رٽائرڊ به ٿي چڪا آهن جو سڀ ٻاهٺ ٽيهٺ سالن جا ٿي ويا آهيون پر شاباس هجي نور احمد نظاماڻي ۽ رفيع ڪاڇيلي جهڙن ڪلاس ميٽن کي جيڪي اڄ ڏينهن تائين ياد رکندا اچن.
    هي سال 2008ع اچي ختم ٿيڻ تي پهتو آهي. اسان سال 1958ع ۾ هڪ ٻئي سان مليا هئاسين جڏهن ”ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو“، ميرپورخاص جي هڪ بلڊنگ ۾ عارضي طور کليو هو ۽ اسان اٺين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي. يعني اڄ اچي ان کي پنجاهه سال ٿيا آهن. انهن ڏينهن ۾ اڄ وانگر سنڌڙي يا ڪو ٻيو پيوندي انب ايڏو عام نه هو پر ٽنڊي ڄام واري علائقي ۾ نور احمد جي والد صاحب رئيس حاجي شير محمد نظاماڻيءَ جو باغ ”سنڌڙي انبن“ کان مشهور هو.
    انبن جو ديس دراصل ملايا (اڄ وارو مغربي ملائيشيا) وارو علائقو آهي پر اتي انب کي وڌيڪ develop نه ڪيو ويو. انب ڏکڻ هندستان ۾ ئي وڌيو ويجهيو ۽ انبن کان ممبئي مشهور ٿيو. سنڌ ۾ فقط ديسي انب هئا پوءِ اسان واري ڪلاس ميٽ محمد رفيع ڪاڇيلو جي والد صاحب عبدالصمد ڪاڇيلو انڊيا مان مدراس الفونسو انب جي جنس گهرائي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۾ لڳائي جيڪو پوءِ سنڌڙيءَ جي نالي سان انب مشهور ٿيو. مرحوم رفيع ڪاڇيلو جي والد صاحب سان منهنجي نه فقط ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ملاقات ٿي جڏهن هو هر آچر تي پنهنجي پٽ سان ملڻ ايندو هو پر ان کان به سال ٻه اڳ ساڻن ملاقات حيدرآباد جي شمس سئنيما جي ڀر ۾ ونڊسر هوٽل ۾ 1956ع ۾ ٿي هئي، جڏهن آئون يارهن سالن کن جو هوس. عبدالصمد ڪاڇيلو صاحب جڏهن به حيدرآباد ايندو هو ته سندس شامون اڪثر ونڊسر هوٽل ۾ گذرنديون هيون. منهنجو نانو سيٺ محمد حسن سومرو، ڪاڇيلو صاحب، هيرآباد جو مولراج ڀيرواڻي (جنهن جو پٽ رميش ڪمار پڻ اسان سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيو ۽ رميش اهو ڇوڪرو آهي جنهن ڪئڊٽ ڪاليج لاءِ سڀ کان پهرين apply ڪيو ۽ سندس ڪِٽ نمبر ”هڪ“ آهي. نور احمد نظاماڻيءَ جو 7 آهي، رفيع ڪاڇيلي جو 58 ۽ منهنجو 47 آهي) ۽ چوٿون مخدوم عبدالوالي درٻيلي وارو جج صاحب (جنهن جا پٽ: احمد حسين ۽ خالد پڻ اسان جا ڪلاس ميٽ ٿيا) هن هوٽل ۾ ويهي پتي راند کيڏندا هئا. هي چار ئي ڄڻا پڪا دوست هئا. مخدوم صاحب پنج وقتي نمازي هو. نماز مهل پنهنجي پٽ خالد کي پتا ڏيئي پاڻ مصلي تي وهندو هو. ان ڪري (شايد) وڏو ٿي خالد مخدوم پتي راند جو ماهر ٿيو. بهرحال ان هوٽل ۾ هڪ دفعي ناني کان خرچي وٺڻ مهل منهنجي ناني سندن ڀر ۾ ويٺل عبدالصمد ڪاڇيلو صاحب سان ملائيندي چيو ته ”هي جيڪي پيوندي انب ڏسين ٿو اهي منهنجي هن دوست هن ملڪ ۾ شروع ڪرايا.“
    ڪاڇيلي صاحب کان اڳ اسان وٽ سنڌ ۾ ديسي انب ئي عام هو جنهن کي عام طرح جنگلي انب به سڏجي ٿو- خاص ڪري ملائيشيا، انڊونيشيا پاسي. ديسي انب اهو آهي جيڪو انب جو ڪوئلو (ککڙي/ٻج) پوکڻ سان وڻ ٿئي. ديسي انب سائيز ۾ ننڍو، کٽو ۽ ڄاريٖ (fibre) وارو ٿئي ٿو. پر ان ديسي انب جون به ڪجهه پلس پوائنٽس آهن. هن جي انبڙين جو آچار توڙي چٽڻي سٺي ٿئي ٿي. انب چُور جنهن کي انڊيا ۾ امچور ٿا سڏين، اها پڻ ديسي انب جي وڻ جي انبڙين جي سٺي ٿئي ٿي. انب چُور لاءِ ديسي انبڙين کي ڇلي، سڪائي ۽ پوءِ ان جو چُورو (پائوڊر) ٺاهيو وڃي ٿو ۽ مختلف ٻوڙن ۾ مصالحي طور استعمال ٿئي ٿو. ٽماٽن، گدامڙي يا ڪنهن ٻي کٽائيءَ جي غير موجودگي يا مهانگي هجڻ جي صورت ۾ پڻ انب چُور استعمال ٿئي ٿو. وڏن شهرن ۾ جيڪي انب جي رس (juice) جا دٻا وڪامن ٿا اها ديسي انبن مان ڪڍي وڃي ٿا. اڄڪلهه باغائي ديسي وڻ ڪڍي پيوندي وڻ رکرائيندا وتن. ان ڪري ديسي انب جي کوٽ ٿيڻ ڪري مهانگو ٿي پيو آهي. انبڙين جو آچار ۽ انب جي رس پئڪ ڪرڻ وارا ڪارخانيدار، هر وقت ديسي انبن جي ڳولا ۾ رهن ٿا.
    ملائيشيا ۾ ديسي/ جنگلي انب ڏاڍو ٿئي ٿو. جتي ڪٿي ويندي رستن تي به انبن ۽ چڪن جا وڻ ائين نظر ايندا جيئن پاڻ وٽ ٻٻر ۽ نم جا. پر ملائيشيا ۾ ٻيا فروٽ جهڙوڪ انناس، ليچي، رمبوتان، دورين، اسٽار فروٽ، ڊُوڪُو، ماتا ڪچنگ وغيره ايترا ته ٿين ٿا جو انب کي بهتر ڪرڻ جو هنن کي نه ڪڏهن خيال ٿيو ۽ نه توفيق رهي. ملائيشيا جو هي انب جيتوڻيڪ ٻين ڪيترن ميون وانگر سال ۾ ٻه دفعا ٿئي ٿو پر اسانجي ديسي انب کان به چٽ آهي. ڪو ڪو وڻ سٺي ذائقي جو هوندو ته اهو سڄي اوڙي پاڙي جي نظر ۾ هوندو. سو انب جيڪو ملائيشيا کان ننڍي کنڊ ۾ پهچي، ظهير دين بابر وانگر ميون جو بادشاهه ته ٿي ويو پر پنهنجي وطن ملائيشيا ۾ گولن جو به گولو سمجهيو وڃي ٿو. ملائيشيا جو انب ايڪسپورٽ ته نٿو ٿئي پر ڪوالالمپور جي چَوڪِٽ جهڙين مارڪيٽن ۾ رکڻ لاءِ به دڪاندارن کي جڳهه نه آهي. نه ته چوڪٽ جهڙين چيني مارڪيٽن ۾ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ميوا، جڙيون ٻوٽيون، سانڊا ڇپڪليون خوراڪون، ڪشتا ۽ معجونون وڪاميون وڃن ٿيون.
    انب اهو لذيذ، مٺو ۽ خوشبودار ٿئي ٿو جيڪو پيوند يعني ڳانڍاپي سان پئدا ٿئي ٿو. پيوند لاءِ ٻن وڻن جو ڳانڍاپو (grafting) ڪيو وڃي ٿو. جيئن ئي ڪونڊيءَ ۾ ڇهه مهينن کن جي چڪي ٿئي ته ان کي انب جي وڻ جي ڪنهن ٽاريءَ سان سوتلي يا ڪنهن ڌاڳي سان ٻڌو وڃي ٿو. ٻنهي ٻڌل ٽارين کي ٿورو ڇليل رکيو وڃي ٿو جيئن پاڻي ۽ ٻي خوراڪ هڪ ٻئي مان لنگهي سگهي. پوءِ مهيني ٻن بعد آهستي آهستي چڪيءَ جو مٿيون حصو ۽ وڻ جي ٽاريءَ جو هيٺيون حصو ڪٽيو وڃي ٿو. هاڻ اهو انب جو وڻ پيوند (grafted) ٿي ويو جنهن جو هيٺيون اڌ هڪ وڻ جو ته مٿيون ٻئي جو ٿيو. اهڙي وڻ جو ميوو وڌيڪ لذيذ، مٺو، non-fibrous ٿئي ٿو. انڊيا ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن جي وڻن تي تجربا ڪري ان قسم جا پيوند وڻ تيار ڪيا ويا آهن، جيڪي موسم ۽ وڻ جي مختلف جنس مطابق پيوندي انب پئدا ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن جي سواد، رنگ، شڪل ۽ علائقي مطابق انهن جا نالا آهن. جيئن لکنؤ جي هڪ تعلقي مليح آباد جي هڪ ڳوٺ چوسا ۾، ڪنهن همراهه انبن جو پيوند ڪيو ۽ اتي جي موسم مطابق هي انب جنهن سواد، شڪل ۽ خوشبو وارو ٿيو ان جو نالو ئي رکيو ويو چوسو! ماڻهن کي هن جنس جو انب اهڙو ته وڻيو جو پري پري کان هو هن ڳوٺ چوسا ۾ هن انب جون چڪيون خريد ڪرڻ لڳا. اڄ هي انب سنڌ ۾ به پوکيو وڃي ٿو ۽ مٿاهين درجي جي انبن مان ليکيو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح دشيري انب به لکنؤ پاسي جو آهي ۽ پنهنجي خوشبوءِ کان مشهور آهي. بنارس (وراناسي) پاسي جو انب جيڪو خوشبوءِ ۽ ذائقي کان مشهور آهي، لنگڙو سڏجي ٿو. بيحد نازڪ انب آهي. گهڻا ڏينهن نه هلڻ ۽ پچڻ بعد به سائي رنگ جو هجڻ ڪري مارڪيٽ ۾ ايترو وڪرو نٿو ٿئي، سنڌڙي به اچي ٿو نه ته ٻاهر جي انبن ۾ انڊيا جي رياست انڌرا پرديش جو انب بئگن پالي (جيڪو بنيشا ۽ بيگان ڦلي به سڏجي ٿو) ۽ بهار جو مالده نالي انبن جي جنس مارڪيٽ ۾ چڱو وڪرو ٿئي ٿي.
    انبُ فقط اسان وٽ ننڍي کنڊ يا ملائيشيا، انڊونيشيا، برما ۾ نه پر ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هڪ هنڌ جي جنس ٻئي هنڌ اهڙو سٺو ڦل نٿي ڏئي. جئميڪا (ويسٽ انڊيز) ۾ جوليءَ نالي انبن جي هڪ جنس تمام مشهور آهي. آمريڪا جي فلوريڊا رياست، اسرائيل ۽ آسٽريليا وارن جئميڪا جي هن جنس ۽ انڊيا جي الفونسو کي پنهنجي ڌرتي تي پوکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيا. ملائيشيا ۾ اٺ سال رهڻ دوران مون سنڌ جي انبن جون ڪيتريون ئي جنسون لڳايون پر سواد ۾ وڏو فرق رهيو ان جو وڏو سبب زمين ۽ موسم جي تبديلي آهي. ملائيشيا ۾ ٻارهوئي مينهن پيو پوي. هڪ ڏينهن گرمي ٿيندي ته ٽي ڏينهن ٿڌڪار ۽ هوائون. ٻي ڳالهه ته ملائيشيا ۾ ايترا ته پکي آهن جو دورين، ڪٺل ۽ انناس جهڙا ڪنڊن جي کل وارا ميوا ئي ڦوه جواني تائين، وڻن ۾ سلامت رهي سگهن ٿا. ڪيترن ئي رنگن جا طوطا، چانهه پکي، جهرڪيون ۽ رنگين ڪٻرون ۽ بلبلون اهڙيون آهن جن کي ملائيشيا جي قانون مطابق ماري يا ڀڄائي به نٿو سگهجي، ان ڪري جي مٺو ۽ خوشبو وارو انب آهي ته شاخ جهلڻ تائين اهڙن پکين لاءِ لنچ يا بريڪ فاسٽ ٿيو وڃي. ملائيشيا ۾ گهڻو تڻو انب، ٻاهران اچي ٿو. مڪاني انب، اڃا انبڙيون آهن ته انهن کي سلاد طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن اڳيان گدامڙي جهڙين کٽين شين جو وڪرو ٿئي ٿو تيئن ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ اسڪولن ۽ بس اسٽاپن اڳيان، خاص ڪري ڳوٺن ۾ ڪچين انبڙين ۽ اسٽار فروٽ جي ڪاتر ڪري مٿان لوڻ مرچ ٻرڪي، وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ان مڪس پليٽ کي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ روجا (Rojak) ۽ انڊونيشيا ۾ رُوجا (Rujak) چون. ملئي ۽ انڊونيشي زبان ۾ K جو اُچار خاموش رهي ٿو. جيئن ملئي زبان ۾ به ساڳيو لفظ معلومات آهي پر لکڻ ۾ ان ۾ K به ڏجي ٿي يعني Maklumat. ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن گئاٽمالا، اڪيڊار، نڪراگئا ۽ هانڊرس ۾ پڻ پڪل انب کان وڌيڪ ڪچيون انبڙيون شوق سان کاڌيون وڃن ٿيون ۽ اتي به رستن، اسڪولن ۽ بس اسٽاپن تي (خاص ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾) انبڙين کي ڇلي انهن جون ڦارون وڪامجن، جن مٿان لوڻ ٻرڪي کاڌو وڃي ٿو. هتي اهو پڻ لکندو هلان ته انب ۽ انبڙيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي. عام طرح انب پيلي رنگ جو مٺو ۽ نرم ميوو ٿئي ٿو ۽ انبڙي اڻ پڪل انب ٿئي جنهن جي ٻاهرين کل سائي ٿئي، سواد ۾ کٽي ۽ سندس ماس اڇي رنگ جو سخت ٿئي. پر هڪ باغائي يا انبن جي باغ جي مالڪ لاءِ وڻ ۾ لڳل ننڍي توڙي وڏي هر انبڙي انب آهي ۽ توهان کي ڪڏهن به هٿ سان ڇني انبڙين جي اگهه ۾ وڪرو نه ڪندو، چاهي اها انبڙي ڪيتري به ننڍڙي هجي. هن لاءِ انبڙيون فقط اهي آهن جيڪي هوا، جهڪ، بيماري يا ٻين سببن ڪري وڻ مان پاڻهي ڪِري پوي.
    هونءَ انڊيا، پاڪستان ۾ توڙي عرب ملڪن ۾ اسان جو سنڌڙي (جيڪو الفونسو انب جو هڪ قسم آهي) سڀ کان گهڻو هلي ٿو جيتوڻيڪ سواد توڙي خوشبوءِ ۾ لنگڙو، چوسو، سرولي، بيگن پالي ويندي سئارن ريڪا ۽ ڪلڪٽر انب به سٺا آهن پر سنڌڙي انب جي keeping quality گهڻي آهي- يعني پچڻ بعد به ٽي چار ڏينهن آرام سان هليو وڃي ۽ فرج ۾ ته هفتو کن به رهي سگهي ٿو. ميوي جي ان خاصيت کي shelf life به سڏجي ٿو. ان خاصيت ڪري دڪاندار سنڌڙي کي گهڻو پسند ڪن ٿا جو پهرين ڏينهن نه وڪامي سگهي ته ٻئي يا ٽي ڏينهن به ان جنس جي انب جي اهائي جوت ۽ جواني رهي ٿي. هونءَ سڄي دنيا ۾ جي ڏٺو وڃي ته سڀ کان گهڻي کپت ٽامي اٽڪنس نالي انب جي آهي جيڪو چون ٿا ته آمريڪا جي رياست فلوريڊا ۾ 1940ع ۾ ڊيولپ ڪيو ويو. انگلينڊ جي مارڪيٽن ۾ ڏسندائو ته جتي ڪٿي اڌ کان به گهڻو هن جنس جو انب نظر ايندو. اهوئي حال آمريڪا جي مارڪيٽن جو به آهي جتي جيتوڻيڪ انبن جون ڪجهه ٻيون جنسون به مشهور آهن، جهڙوڪ ڪينٽ، keitt، هئتي ٻيٽ تي پيدا ٿيندڙ مئڊم فرانسز ۽ ميڪسيڪو جو شئمپين نالي انب. پر سڀ کان گهڻو اهوئي مٿيون انب Tommy Atkins هلي ٿو جيتوڻيڪ منجهس اسان جي ديسي انب جهڙو ڄارو (fibrous flesh) آهي ۽ سواد به ڪو اهڙو نه اٿس پر هڪ ته شڪل جو موچارو لڳي ٿو ۽ ٻيو شيلف لائيف گهڻي اٿس ان ڪري دڪاندارن جو فئوريٽ انب آهي.
    شڪل تان ياد آيو ته سنڌ ۾ جيڪي پيوندي انب ٿين ٿا يعني نيلم، انور رتول، فجري، طوطا پري، گلاب خاص، زردالو، ثمر بهشت، راجن پوري، ملڪا، رسپري، گوها بندر ۽ ٻيا جن مان ڪجهه جا نالا شروع ۾ به اچي چڪا آهن انهن سڀني ۾ خراب شڪل وارو انب ”ڪليڪٽر“ آهي جنهن لاءِ ڪجهه سال اڳ ميرپورخاص ۾ لڳل انبن جي نمائش ۾ اتي جي ڊپٽي ڪمشنر عمراني صاحب چيو هو ته ان ڦِڏي سِڏي شڪل واري انب تي باغائين ۽ زميندارن اهو نالو شايد روينيو کاتي جي عملدارن مان باهيون ڪڍڻ لاءِ رکيو هجي. انبن جا ڪجهه نالا بين الاقوامي شهرت جا به آهن. سڄي يورپ ۾ توڙي جپان، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ جتي هر قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو سال جا ٻارهن ئي مهينا ملن ٿا اهي ملڪ انب جهڙو ميوو نه فقط ننڍي کنڊ مان پر فلپائين، چين، اسرائيل، ويسٽ انڊيز، ميڪسيڪو ۽ ٻين ملڪن مان به گهرائين ٿا ۽ انهن مارڪيٽن ۾ هر وقت نئين نالي وارو انب نظر اچي ٿو. اهڙن انبن جا ڪجهه دلچسپ نالا جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن، هن ريت آهن: الم پور بنيشان، Hawk (باز پکي)، آئوري (عاج)، ڪولمبو ڪڊني، جڪارتا، سائگون، ڪواسجي پٽيل، جهانگير، Early Gold، مامتا، توباگو سمال ريڊ، هندي، همساگر، منيلا، ميامي ليٽ، فيئر چائلڊ، پهيري.... وغيره وغيره
    انڊيا جو الفونسو- مدراس الفونسو يا بمبئي الفونسو جنهن جو سمجهو ته اسان جو سنڌڙي انب اولاد آهي، دراصل برازيل مان مهاراشٽرا ۾ پهتو ۽ ان کي آڻڻ وارو پروچوگالي نيول جنرل الفونسو ڊي البقريق (Alfonso de Albuquerque) هو جنهن تان هن انب تي الفونسو نالو پيو. برازيل مان آندل ان انب کي پوءِ انڊيا ۾ مختلف انبن سان پيوند ڪيو ويو. بهرحال سنڌڙي هجي يا لنگڙو يا ويندي ديسي انب- اسان وٽ انب جو بادشاهي درجو آهي. انب نه فقط ميوو آهي پر ڀاڄي پڻ. انبن جي موسم ۾ ڪيترن ئي گهرن ۾ ڪنهن ٻوڙ يا ڀاڄيءَ بدران انب سان ماني يا ڀت کاڌو وڃي ٿو. اسان وٽ انبن جون دعوتون ٿين ٿيون. انبن تي مشاعره ٿين ٿا ۽ انبن جي کوکن پٺيان ملڪ جي وڏن وڏن ڊڪٽيٽرن جا سر هليا وڃن ٿا. چون ٿا ته جنرل ضياء جو جهاز جيڪو هوا ۾ ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو ان ۾ اُڏامڻ کان ڪجهه دير اڳ انبن جا کوکا رکيا ويا هئا. بهرحال ان هوندي به انبُ ننڍي کنڊ جي هر ماڻهوءَ کي پيارو آهي ۽ پيارو رهندو. تڏهن ته اڙدو جي شاعر مرزا غالب به انب جي وڏي تعريف ڪئي آهي. هو چوندو هو انب نه فقط مٺا هجن پر گهڻا پڻ. مرحوم انبن جو سچو عاشق هو. ڪنهن شايد ٽوڪ طور چيو هوس ته انب به ڪا شيءِ آهي جنهن کي گڏهه به نٿا کائين.
    مرزا غالب ٿڌو ساهه کڻي چيو هو: ”سچ ٿو چوين. واقعي گڏهه انب نه کائيندا آهن.“
    ڪنهن تامل زبان جي شاعر انب تي هڪ ڊگهو نظم لکيو آهي جنهن جي انگريزي ترجمي مان ٻه ٽي سٽون هيٺ لکي هي ڪالم ڪهاڻي ختم ٿو ڪريان.
    Mango – King of Fruits
    Luscious, succulent mango fruit!
    How do we guard you from the brute?
    King of fruits, without dispute
    To you well all humbly salute!

    Ripe, and unripe in forms many,
    Enjoyed universally by all and any!
    Ah., delicious and sweet as sugar cane,
    Protecting you can be wildly insane!


    ولايت جي نوڪري ۽ اسين

    ٻاهرين ملڪن - خاص ڪري ملائيشيا يا جپان ۾ نوڪري ملڻ وارا ڪيترائي نوجوان اوڏانهن وڃڻ کان اڳ يا اتي پهچي اڪثر مون کان ڪجهه نوڪري بابت صلاح مشورا يا انهن ملڪن جي خبرچار ٽيليفون يا اليڪٽرانڪ ميل (E-mail) ذريعي پڇندا رهن ٿا. هتي ڪجهه عام ڳالهيون ۽ حقيقتون لکڻ چاهيان ٿو جيئن ملڪ کان ٻاهر نوڪريءَ لاءِ ويندڙن لاءِ رهنمائي ٿي سگهي ۽ هو idea پڻ لڳائي سگهن ته هنن کي پرديس ۾ ڪهڙي ريت هلڻ کپي جيئن هو بهتري طرف وڌي سگهن ۽ پرديس ۾ پنهنجي زندگي سکي بڻائي سگهن.
    اڄڪلهه جي نفسانفسي ۽ بيروزگاري جي دور ۾ جڏهن جپان، ملائيشيا، يورپ ۽ عرب ملڪن ۾ اتي جي مڪاني ماڻهن کي ئي نوڪريون ڏکيون ٿيون ملن، اتي اسان جهڙن ايشيائي ماڻهن کي، خاص ڪري اسان پاڪستانين کي، ٻاهرن ملڪن ۾ نوڪري ملڻ ۽ اها به وائيٽ ڪالرڊ جاب واري نوڪري يعني ڊاڪٽر، انجنيئري، پروفيسري وغيره، وڏي خوش نصيبي جي ڳالهه آهي.
    جپان ۾ هڪ هم وطني سان ملاقات ٿي. هو گذريل ستن سالن کان هڪ بين الاقوامي اداري ۾ ڊپٽي مئنيجر جي ليول واري پوسٽ تي قائم آهي. هن ڀيري چيومانس ته هاڻ ته تنهنجي پروموشن ٿيڻ کپي. پنهنجي اداري جي اعليٰ عملدار کي ڇو نه نٿو محسوس ڪرائين ته مونکي هيترا سال ان عهدي تي ٿي ويا آهن.
    ”مون آرام آرام سان پنهنجي پروموشن لاءِ ڪيترائي دفعا ڳالهه ڪئي آهي،“ هن مونکي ٻڌايو، ”پر وڌيڪ زور به نٿو ڀري سگهان جو هو چوندا ته نه ته نوڪري ڇڏ. ۽ سچ ڳالهه ته اها آهي ته آئون ڀاڳ وارو آهيان جو ههڙي نوڪري جپان جهڙي ملڪ ۾ ملي وئي اٿم نه ته مون کان وڌيڪ پڙهيل ۽ تجربيڪار ڪيترن ئي ملڪن ۾، هن کان گهٽ پگهار واري نوڪريءَ لاءِ به واجهائيندا وتن.“
    منهنجي خيال ۾ اها صحيح ڳالهه آهي. اسان ملائيشيا ۾ جڏهن نوڪري ڪندا هئاسين ته اسان جا ڪجهه پاڪستاني ساٿي معمولي معمولي ڳالهه تي گهوپي لڳايو ويٺا هوندا هئا. ڪڏهن پگهار جي ڳالهه تي ڦڏو، ڪڏهن مهيني جي موڪل وٺي پاڪستان ويندا هئا ته ڏيڍ مهيني بعد پيا موٽندا هئا ۽ اسان سان گڏ ملائيشيا جي ان اداري ۾ جيڪي انڊيا يا بنگلاديش جا جهازي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هئا ۽ جيڪي قاعدي قانون موجب صحيح طرح نوڪري پيا ڪندا هئا انهن کي هو ڊڄڻو چوندا هئا ۽ هر وقت چوندا هئا ته نوڪريون جام ملائيشيا وارا پاڻ کي سمجهن ڇا ٿا. بهرحال هنن پنهنجي اداري وارن (يعني ملائيشيا حڪومت) کي ايڏو ته تنگ ڪيو جو هنن نيٺ کين چيو ته ”ڀلي نوڪري ڇڏيو. توهان جي وڃڻ ڪري ۽ جيسين اسان کي نوان انجنيئر ۽ ڪئپٽن ملن، تيسين اسانجي اداري کي ضرور نقصان پوندو پر توهان جي هن روز روز جي ڇڏي وڃڻ جي دڙڪي مان ته جان ڇٽي پوندي.“ ۽ پوءِ اسان جي پاڪستاني ساٿين، جيڪي ڇڏي ويا، توڙي اسان هڪ ٻه ڄڻا جيڪي رهجي وياسين، اهوئي سوچيوسين ته ملائيشيا وارن کي ايتري پگهار تي شايد جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر نه ملي سگهن جو جهاز جي نوڪريءَ جو هيڏو پگهار ڇڏي ڪير ايندو. پر اها اسان جي غلط فهمي ثابت ٿي. هڪ ئي وقت ٻن ٽن پاڪستانين جي وڃڻ ڪري ملائيشيا جي هن اداري کي ڪجهه ڏينهن تڪليف ضرور درپيش آئي پر پوءِ هنن کي سگهوئي ڪيترائي نه رڳو ايشيا جي ملڪن جا پر انگلينڊ جا به چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ملي ويا جيڪي ڇڏي ويل پاڪستانين کان به وڌيڪ تجربيڪار ۽ تعليم يافته هئا. اسان جا پاڪستاني جيڪي ملائيشيا ڇڏي ويا انهن سعودي عرب ۽ ڪويت جهڙن عرب ملڪن ۾ وڃي نوڪري ڪئي جتي بنا شڪ جي پگهار گهڻو هو ۽ ملائيشيا ۾ ته ٽن سالن بعد وطن وڃڻ جي موڪل ٿئي ٿي پر عرب ملڪن ۾ هر سال مهيني جي موڪل ملي ٿي، پر ڪجهه مهينن اندر ئي هنن realize ڪيو ته عربن وٽ نوڪري ڪرڻ کان هو ملائيشيا ۾ بهتر هئا جتي جي موسم ۽ ماحول به بهتر آهي. پر افسوس جو پوءِ وري ملائيشيا حڪومت پاڪستان بدران انڊيا ۽ بنگلاديش جا ئي ماڻهو گهرائيندي رهي جيڪي اسان پاڪستانين جي مقابلي ۾ محنتي، صابرين، چئيوان، ٿوري ۾ خوش گذارڻ وارا ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي جا اسان جا پاڪستاني جهازن جا مالڪ جن جا جهاز ٻاهرن ملڪن ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهن، اهي به پاڪستانين بدران انڊين، بنگالي، فلپينو ۽ سريلنڪا جا ماڻهو پنهنجن جهازن تي رکن ٿا.
    پنهنجي ”ملائيشيا منهنجي من ۾” ڪتاب ۾ ڊاڪٽرن بابت به لکي چڪو آهيان ته ڪيئن ملائيشيا ۾ مقيم پاڪستاني سفير ملائيشيا لاءِ 30 فريش گريجوئيٽ ڊاڪٽر گهرايا پر هڪ به مهيني ٻن کان مٿي رهي نه سگهيو. هنن کي ايترو اعتماد ۽ ڪم نٿي آيو جو اڪيلي سر ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ مريض ڏسي سگهن. سڀ موٽي آيا ۽ تازي ڪتاب ”ملائيشيا 12 سالن بعد“ ۾ پاڪستاني نرسن جو احوال پڻ لکيو اٿم جيڪي ماڳهين پاڪستان جي سفارتخاني لاءِ به مٿي جو سور بڻجي پيون ۽ کين واپس پاڪستان موڪلڻ لاءِ سفارتخاني کي پنهنجي کيسي مان ڀاڙو ڏيڻو پيو ۽ ملائيشيا حڪومت اڳيان شرمساري الڳ ٿي. انهن جي جاءِ تي انڊيا جي حڪومت يڪدم 200 کن نرسون موڪليون ته انهن مان جيڪي ڪم ۾ بهتر لڳن اهي 150 رکو باقي 50 هو پنهنجي خرچ تي موٽائي ڇڏيندا. انڊين نرسن مهيني اندر پنهنجو worth اهڙو ته ثابت ڪيو جو ملائيشيا حڪومت باقي فالتو 50 نرسين کي به مختلف اسپتالن ۾ نوڪري ڏئي ڇڏي.
    هي ڳالهيون فقط ان ڪري ورجايون اٿم جيئن اسان کي پنهنجين اوڻاين جو احساس ٿئي ته اسين پاڪستاني، بين الاقوامي ليول تي ڪيترو ناشڪرا، ۽ ٻين جي مقابلي ۾ علم ۽ تجربي ۾ گهٽ هجڻ کان علاوه سست آهيون. اسان کي اهو سوچڻ کپي ته هڪ ڌاريون ماڻهو يا ڌاريون ملڪ اسان تي پئسو ٿو خرچ ڪري ته ڇا لاءِ؟ هو ان جي بدلي ۾ ڪم ٿو چاهي ۽ جيڪڏهن توهان اهو گهربل ۽ طئي شده ڪم نه ڪري ڏيکاريندائو ته پوءِ هن کي توهان مان ڪهڙو فائدو؟ ۽ ٻي ڳالهه ته اهو ڪم ڪرڻ وارا (ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، سائنسدان، واڍا، ويلڊر يا ڪمپيوٽر جا ماهر) فقط توهان ته نه آهيو. دنيا جي هر ملڪ ۾ هر فيلڊ جا ماڻهو، ٻاهر جي ملڪ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ آتا ويٺا آهن. توهان نه ڪندائو ته هو توهان جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي ملڪ جو ماڻهو وٺي ايندا.
    ملائيشيا ۾ مون اٺ سال کن ۽ اهڙو ڪجهه عرصو جپان ۽ ٻين هنڌن تي نوڪري ڪئي جنهن ۾ اهو ڏسندو هوس ته اسان جي ملڪ جي ڪيترن ئي ماڻهن کي جڏهن نوڪري ملندي هئي ته هو هڪ ته وقت تي نه پهچندا هئا. پاڪستان حڪومت موڪل نه پئي ڏني.... گهر ۾ مسئلو هو... زال نوڪري ٿي ڪئي ان کي موڪل نه پئي ملي... وغيره وغيره. وري اچڻ سان نوڪريءَ ۾ لڳي وڃڻ بدران پنهنجا مسئلا کڻي وهندا... اسان کي رهائش لاءِ هن قسم جو گهر کپي، ٻارن جي اسڪول جو ڇا ٿيندو... منهنجي زال کي رڌڻ پچائڻ نٿو اچي... ڪم ڪار لاءِ ڪا نوڪرياڻي ملي سگهندي يا نه... وغيره وغيره ۽ يقين ڪريو ملئي ماڻهو جيڪي پنهنجي جذبات جو اظهار نه ڪندا آهن، اندر ئي اندر کامندا رهندا آهن ته مسلمان ملڪ مان گهرائي اسان وڏي غلطي ڪئي.
    ڳالهه اها آهي ته جتي به نوڪري ڪجي ته نوڪر ٿي ڪم ڪجي ۽ مالڪ جي خوشنودي ڏسجي ته ڇا ۾ آهي، يعني جنهن ڪارخاني يا فئڪٽري جي مالڪ توهان کي پگهار تي گهرايو آهي يا جنهن سرڪاري اداري توهان کي ويزا موڪلي پاڻ وٽ پگهار تي هڪ سال يا ٽن سالن جي contract (معاهدي) تي توهان کي رکيو آهي، ان جي ڏسجي ته ضرورت ڇا آهي يعني توهان کي ڪهڙي ڪم لاءِ رکيو آهي. پوءِ توهان کي اهو ڪم ڪرڻ کپي. توهان پنهنجي ملڪ ۾ کڻي ڇا به ڪندا هجو. مثال طور توهان پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن ٽائون يا ڊسٽرڪٽ اسپتال جا انچارج ڊاڪٽر آهيو، جتي توهان رڳو پنهنجن ماتحت ڊاڪٽرن تي نظر ٿا رکو ۽ خود ڪم نٿا ڪريو ته اهو توهان جي ملڪ جو رواج هو يا توهان اتي پنهنجي وطن ۾ exploitation ڪري ويٺا هئائو ۽ توهان کي ڪنهن نٿي چيو ته اها توهانجي خوش نصيبي (يا ملڪ جي بدبختي) هئي پر ملائيشيا، جپان، دبئي، ڪويت يا يورپ جي ملڪن ۾ ته هرهڪ کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي، ڪنهن کي به صاحب ٿي وهڻو ناهي. ويندي چانهه به پاڻ ٺاهي پيئڻي آهي. اجايا سجايا فون ڪري ڊيوٽي جو وقت ذاتي ڪمن ۾ ضايع ناهي ڪرڻو. ان جو اندازو هن مثال مان لڳائي سگهو ٿا جيڪو مون جپان واري سفرنامي ۾ به لکيو آهي ته اسان جي هڪ پاڪستاني همراهه، جنهن جي نوڪري پاڪستاني سفارتخاني ۾ هئي، ان جي زال، گهر جي خرچ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽوڪيو جي هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ سيلز گرل ٿي ڪم ڪيو ٿي. هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي اسٽور ۾ لڳل پبلڪ فون ۾ پئسا وجهي پنهنجي گهر پنهنجي ٻار جي خيرت معلوم ڪري رهي هئي ته اسٽور جو مالڪ اچي لنگهيو. تنهن هن کي دڙڪو ڏيندي چيو ته توکي فون جي اجازت ڪنهن ڏني.
    ”آئون پنهنجا پئسا وجهي فون پئي ڪريان.“ هن پنهنجي جپاني مالڪ کي ٻڌايو.
    ”اها ته مونکي به خبر آهي ته تون پنهنجا پئسا وجهي پئي ڳالهايائين،“ مالڪ چيس، ”پر جيڪو وقت ضايع پئي ڪرين، اهو ته منهنجو آهي.“
    سو ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ٻاهر جي نوڪري ڪيڏي سخت آهي ۽ نه فقط هڪ پورهيت لاءِ پر ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر لاءِ پڻ. ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ مون سان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ پروفيسر اڪيڊمي جي ڪئمپس ۾ رهڻ بدران ويهه کن ميل پري وچ شهر ۾ وڃي رهيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسان جي باس کيس چيو ته مونکي تنهنجي پري رهڻ جي ڳالهه پسند نه آهي. هتي اندر ڪئمپس ۾ رهڻ سان تون آفيس ۾ پنج منٽن ۾ واڪ ڪري پهچي ويندو هئين. هاڻ توکي شهر جي ٽرئفڪ هڪ طرف ٿي لتاڙڻي پوي ته ويهه ميل ٻيا drive ڪرڻا پون ٿا.“
    ”پر سائين آئون آفيس ته پوري اٺين بجي پهچيو ٿو وڃان.“ هن جواب ڏنو.
    ”اهو ته ملائيشيا جي وزيراعظم کي به پوري اٺين بجي آفيس ۾ پهچڻو آهي،“ اسان جي باس سمجهاڻي ڏيندي چيس، ”پر ڪلاڪ اڳ ۾ اُٿڻ ۽ ٽينشن واري حالت ۾ ڊرائيو ڪري آفيس پهچڻ ۾ تو ۾ اها تازگي نٿي رهي ۽ تون پنهنجي ٽيچنگ ۾ اها بهتر ڪارڪردگي ڏئي نٿو سگهين.“
    پر اسان جي ملڪ جا ماڻهو مجبور آهن جو اسان وٽ NO-WORK ڪلچر هڪ طرف آهي ته آفيسراڻي ٽيڙي ٻئي طرف آهي. اسان وٽ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هرهڪ پاڻ کي سرڪار جو نوڪر سمجهڻ بدران پاڻ کي صاحب ۽ عوام جو حاڪم سمجهي ٿو. آفيس ۾ وقت تي ته ايندو ڪونه. رات جو دير تائين دعوتون attend ڪرڻ يا T.V تي فلمون ڏسڻ ڪري ڳري مٿي سان اٻاسيون ڏيئي دير سان پهچندو ۽ پوءِ آفيس ۾ پهچڻ سان عوام جي ڪم ڪارين جي ڳڻ ڳوت ڪرڻ بدران پهرين ته ڏسندو ته آفيس جو ايئرڪنڊيشن صحيح هلي پيو يا نه، ڪرسيءَ مٿان ٽوال رکيو آهي يا نه، چپراسي سندس لاءِ چانهه کڻڻ لاءِ ويو يا نه ۽ پوءِ ڊرائيور کي پنهنجا، زال جا ۽ ٻارن جا ڪم سمجهائي روانو ڪندو ۽ پوءِ ٻن ٽن دوستن سان ڪلاڪ ٻه فون تي لٻاڙون هڻندو تيسين هڪ ٻه دوست آفيس ۾ ڪچهري لاءِ پهچي ويندس ۽ پوءِ مس مس واندو ٿي هڪ اڌ فائيل ڏٺائين، هڪ اڌ ماڻهوءَ جو ڪم ڪيائين ته ڄڻ انهن تي وڏا ٿورا ڪيائين. هاڻ اهڙي لٿارجڪ ماحول مان جڏهن اسانجو هيرو ملائيشيا، جپان يا ويندي ڪنهن عرب ملڪ يا يورپ جي ملڪ ۾ نوڪري لاءِ اچي ٿو ته هن جون وايون بتال ٿيو وڃن، جتي وقت تي ڊيوٽي تي اچڻو آهي، ڊيوٽيءَ جو هڪ هڪ منٽ عوام جي خذمت ڪرڻي آهي، خذمت چاڪري لاءِ ڪو نوڪر چاڪر يا ڊرائيور بورچي نه مليل هوندو آهي ۽ جتي مالهي ۽ ڀنگي جي به اها ليول هوندي آهي جيڪا آفيس ۾ ويهي ڪم ڪندڙ جي، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ سرڪار جا يا ڪنهن سيٺ جا نوڪر آهن ۽ انهن ۾ بهتر اهو سمجهيو وڃي ٿو جيڪو صحيح طرح نوڪري ڪري ٿو ۽ عمدي نموني سان عوام جي خذمت ڪري ٿو پوءِ اهو چاهي پوليس جو ڪمشنر هجي يا سندس آفيس کي ٻهاري ڏيندڙ جمعدار هجي يا گهٽين جا گٽر صاف ڪرڻ وارو ڀنگي هجي. تڏهن ته هڪ دفعي پنهنجي ملئي دوست پوليس سپرنٽينڊنٽ جو مثال ٻڌائي چڪو آهيان جنهن کان جڏهن پڇيم ته ملائيشيا جي ڪنهن به پوليس آفيسر کان ڪجهه پڇڻ تي هو اڳلي کي “Sir” چئي ڇو مخاطب ٿئي ٿو. هن وراڻيو:
    ”جيستائين ڪو شهري ڏوهه نٿو ڪري هو اسان لاءِ باس جي حيثيت رکي ٿو. هيءَ عوام ئي ته آهي جنهن جي ٽئڪسن تي اسان جي ملڪ جي سرڪار هلي ٿي جنهن جا اسان نوڪر آهيون. جنهن جي مليل پگهار مان اسان جي ٻچن ٻارن جو پيٽ گذر ٿئي ٿو.“
    هاڻ توهان خود اندازو لڳايو ته ملائيشيا، سنگاپور، جپان، سئيڊن، انگلينڊ جهڙن ملڪن جي سرڪاري ڪامورن ۽ اسان جي آفيسرن جي سوچ ۾ ڪيڏو فرق آهي. اسان وٽ ڊرائيونگ ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد به پوليس جو انسپيڪٽر يا DSP ڊرائيونگ لائسنس ڏيندي ائين پيو محسوس ڪرائيندو ڄڻ گهران پيو ڏئي ۽ وڏو ٿورو پيو ڪري. ۽ واقعي ٿورو پيو ڪري جو ڪوبه بي ضمير توهان جي پاس ٿيڻ جي باوجود توهانکي فيل ڪري رلائي به سگهي ٿو ۽ توهان ان آفيسر کي ڇا ٿا ڪري سگهو جيڪو پنهنجي باس کي منٿلي پهچائي ٿو ۽ جنهن کي خدا جو خوف ناهي. خدا جو خوف جنهن کي هجي اهو ڊاڪٽر مريضن کي ڇو پاڻيءَ جو سيون هڻي پئسا وصول ڪري، اهو پوليس جو اهلڪار ڇو غريب ۽ بي ڏوهيءَ سان ظلم ڪري، اهو جج ڇو ڪنهن حقدار جو حق ماري. دراصل اهي ئي ڳالهيون آهن جيڪي اسان جي ملڪ کي ملائيشيا، سنگاپور، ڪوريا، ٿائلينڊ، هانگ ڪانگ- ويندي انڊيا جهڙن ملڪن کان نرالو بڻائين ٿيون. نه ته اهي مٿيان سمورا ملڪ اسان جهڙا يا اسان کان به چٽ هئا. چاليهه کن سال اڳ (جڏهن 1968ع کان وٺي مون انهن ملڪن ۾ وڃڻ شروع ڪيو) انهن ملڪن جي ڪهڙي معاشي حالت بهتر هئي. انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ به غربت هئي. ڪوريا، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن جي ته افسوسناڪ حالت هئي – معاشي توڙي تعليمي. هو اسان کان مدد ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ واجهائيندا هئا ۽ اڄ اسان ڪٿي بيٺا آهيون! ملائيشيا جي جنهن ڏورانهين ٻيٽ نما ڳوٺڙي ۾ مون اسي وارو ڏهو گذاريو اتي منهنجو هڪ پاڙيسري مڪاني ڳوٺاڻو انچڪ ابراهيم ملائيشيا جي ماڻهن لاءِ چوندو هو ته ”اهي ڇا آهن؟ جهنگ جا ماڻهو آهن - يعني ڄٽ آهن.“ ۽ ان ۾ گهڻي ڀاڱي حقيقت به آهي. پر ٽيهارو سالن بعد، اڄ اهي ڄٽ دنيا جا سلجهيل، تعليم يافته ۽ Civilised ماڻهو سڏجن ٿا ۽ هنن جو ملڪ ملائيشيا ماڊرنائيزيشن، تعليم، صحت، معاشي حالتن ۽ Law & order (قاعدي قانون) ۽ انصاف جي خيال کان هڪ يورپي ملڪ لڳي ٿو. چاچي ابراهيم کي اٺ پٽ پنج ڌيئون هيون. انهن سان گڏ هو مونکي به پنهنجو ٻچو سمجهندو هو. فرق فقط اهو هو جو سندس سڀ ٻار ملاڪا بدران ڪوالالمپور، پينانگ، جوهور بارو يا ٻين شهرن ۾ تعليم يا نوڪريءَ لاءِ رهيا ٿي ۽ فقط عيدن تي ملڻ ايندا هئا ۽ آئون سندس ويجهو هجڻ ڪري هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا سندس گهر يا ڳوٺ جي ننڍڙي مارڪيٽ ۾ ساڻس ملندو رهندو هوس. سندس وفات بعد سندس ٻار به مون سان اهوئي ڀائرن وارو وهنوار رکندا اچن. هنن کي نه فقط مونسان پر منهنجي ملڪ سان به پيار آهي. هنن ۾ هڪ ڀاءُ حبيب الرحمان جنهن جو انٽرنيشنل بزنيس آهي، اهو ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي به ايندو رهي ٿو. چئن سالن بعد گذريل مهيني انگلينڊ ويندي هو مون وٽ ڪراچيءَ ۾ هڪ ڏينهن وري ترسي پيو. هو بمبئي کان اچي رهيو هو جتي هو اڪثر ايندو ويندو رهي ٿو ۽ پنهنجي ملائيشين ڪمپني جي آفيس ۽ فئڪٽري اتي کولي پنهنجي وڏي پٽ کي (جيڪو ملائيشيا جي آرمي ۾ ميجر هو ۽ هاڻ رٽائرمينٽ ورتي اٿس) انڊيا آفيس جو چيئرمين ڪيو آهي. مون کيس پاڪستان ۾ اها آفيس کولڻ لاءِ چيو.
    ”الطاف! توهان جي ملڪ ۾ لا ۽ آرڊر جي حالت صحيح ناهي.“ هن مونکي سمجهايو.
    ”انڊيا ۾؟“ مون پڇيومانس.
    ”اتي هڪ ڌارئين توڙي مڪاني investor لاءِ حالتون تمام سٺيون ۽ سازگار آهن،“ هن ٻڌايو، ”ڪم وارا سستا، پورهيت ۽ تجربيڪار ملن ٿا. ڦڏي فساد بدران دل لڳائي ڪم ڪن ٿا. I.T (ڪمپيوٽر جي ڄاڻ) ۾ ته هو ايڏو اڳيان نڪري ويا آهن جو حيرت ٿي ٿئي. تون پاڻ مون سان هلي ته ڏس! ان جي مقابلي ۾ پاڪستان جون حالتون ڏينهون ڏينهن بهتر ٿيڻ بدران پٺتي پيون وڃن.“ ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي ڪجهه دير خلا ۾ گهوريندي ڏکياري لهجي ۾ چيو: ”الطاف! حالتون جيڪو رُخ اختيار ڪري رهيون آهن، الله نه ڪري، جو پاڪستان جو ملڪ انڊيا جو غريب پاڙيسري مسلمان ملڪ سڏيو وڃي.“
    ڄمڻ کان اڳ نانيءَ مهانڊو

    منهنجي گذريل ڪالم پڙهڻ بعد توهان هاڻ هن ڪالم جون ڳالهيون بهتر نموني سان سمجهي ۽ realize ڪري سگهندائو. هن ڪالم ۾ ولايت ۾ نوڪري ڪندڙ اسان جي ڪجهه هم وطنين جي سوچ جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته ساڳي وقت انهن لاءِ ڪجهه suggestions به لکان ٿو جن تي عمل ڪرڻ سان هو پنهنجي پرديس جي زندگي کي بهتر موڙ ڏيئي سگهن ٿا.
    توهانکي ڪنهن به ملڪ ۾ نوڪري ملي ٿي ته اتي جي موسم جو احوال ضرور معلوم ڪريو، جيڪو توهان اتي رهي آيل کان پڇي سگهو ٿا يا پنهنجي اداري يا يونيورسٽي وارن کان معلوم ڪري سگهو ٿا جنهن وٽ توهان نوڪريءَ لاءِ يا جتي توهان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃو پيا. اڄڪلهه انٽرنيٽ جي دور ۾ توهان گهر ويٺي پنجن منٽن ۾ پنهنجي ڪمپيوٽر تي به معلوم ڪري سگهو ٿا. ناروي، سئيڊن يا ويندي ڪئناڊا، جپان ۽ آمريڪا جون اتراهيون رياستون سياري ۾ سخت سرد رهن ٿيون، ان سرديءَ جو توهان پاڪستان جهڙي ايشيائي ملڪ ۾ رهي اندازو نٿا لڳائي سگهو. اهڙن ملڪن ۾ گرم ڪپڙن بنا زندگي عذاب ٿيو پوي ۽ اهڙن ملڪن ۾ گرم ڪپڙا ايڏا مهانگا آهن جو ڪو سوچي نٿو سگهي. ان ڪري بهتر آهي ته گرم ڪپڙا هتان پاڪستان مان وٺي وڃجي جيڪي اتي جي مقابلي ۾ هتي ڦلن مٺ ۾ ملن ٿا. ڪو زمانو هو جو اسان جي لنڊا بازار (جهونن پراڻن ڪپڙن جي مارڪيٽ) ۾ فقط استعمال شده، ڦاٽل ۽ جهونا پراڻا ڪپڙا مليا ٿي پر هاڻ ڪراچيءَ جي لائيٽ هائوس مارڪيٽ ۽ آچر ۽ جمع بازاريون هڪ کان هڪ ولائتي، نون، برانڊيڊ ۽ هر ملڪ جي فئشن وارن ڪپڙن سان ڀريون پيون آهن. يورپ، آمريڪا، جپان ۽ ٻي ولايت ۾ جيئن ئي موسم بدلجي ٿي ۽ دڪاندار ان موسم جو سامان ڪڍي ٻيءَ جو رکڻ چاهي ٿو، يا ڪو دڪاندار ڪپڙن، بوٽن، بئگن وغيره جو دڪان بند ڪري ان کي آفيس، ريسٽورنٽ يا ڪنهن ٻي شيءِ جو دڪان بڻائي ٿو ته اسان جا ان شهر ۾ موجود پاڪستاني - خاص ڪري پٺاڻ ۽ افغاني، هن کان سڄي دڪان جو سامان سستي اگهه ۾ خريد ڪريو ڇڏين. دڪان جو مالڪ به خوش ته سامان مان جان ڇٽي نه ته جپان ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ جڏهن گهر ڇڏي وطن موٽڻو پوي ٿو ته گهر ۾ موجود ٽي وي، فرج، اوون ۽ ٻيو سامان اڇلڻ لاءِ به ميونسپالٽي جي ٽرڪ وارن کي پئسا ڏيڻا پون ٿا ته مهرباني ڪري اسان جي هن سامان کي شهر کان پري ڪنهن ڪچري جي ڍير تي وڃي اڇلايو، ڇو جو اتي ته ڪو مفت ۾ به نٿو وٺي جو هڪ ته هنن جا گهر ننڍا آهن ۽ ٻيو ته هنن جي هر گهر ۾ اهي شيون موجود آهن. پوءِ اسان جا پاڪستاني ڀائر اهڙي طرح نئين پراڻي سامان سان container ڀرائي پاڪستان موڪلين ٿا ۽ جهازن جا ڀاڙا ڀرڻ، پنهنجي رهائش جو خرچ ڪڍڻ ۽ فائدو رکڻ بعد به جڏهن هتي وڪڻن ٿا ته اسان کي سستو پوي ٿو. اهي اهي ڪوٽ ۽ اوورڪوٽ جيڪي توهان کي جپان، يورپ ۽ آمريڪا جي سستن دڪانن ۾ به ڏهه ٻارهن هزار رپين (ٻه سؤ ڊالرن) کان گهٽ نه ملن سي ڪراچيءَ جي آچر بازار ۾ سؤ سوا سؤ رپين ۾ مليو وڃن. اهوئي سبب آهي جو ڪراچي جي هنن مارڪيٽن ۾ چيني، ڪورين، روسي، البانين جهڙا غريب ماڻهو ته نظر ايندا پر ملائيشيا، جپان، اٽلي، مراڪش، جرمني جهڙن ملڪن جا ماڻهو به نظر ايندا جيڪي مڇي ماني وارا سڏيا وڃن ٿا. سو ٿڌن ملڪن ڏي ويندڙ اسان جي وطنين کي کپي ته گرم ڪپڙن جو پاڪستان مان ئي بندوبست ڪري وڃن ۽ جيتري قدر ٿي سگهي گهڻي کان گهڻا کڻي وڃن.
    ملائيشيا ويندڙ هڪ ڳوٺاڻي همراهه، مونکان فون تي پڇيو ته هو ڪيترا گرم ڪپڙا ملائيشيا کڻي وڃي. وراڻيومانس ته هڪ به نه. ڇو ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ جيڪي خط استوا جي ويجهو آهن انهن ۾ سڄي سال جو هڪ ڏينهن به سيءُ نه ٿئي. انهن ملڪن جا ماڻهو سڄو سال گنجي ۽ گوڏ ۾ گذارو ڪن. يعني پتلون قميص ۾. ڪڏهن ڪو بين الاقوامي نوعيت جو، ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ فنڪشن ٿيندو آهي ته آفيسر طبقو سوٽ ڪوٽ پائي اچن نه ته ڪيترن عام ماڻهن کان پڇبو ته هو چوندا ته هنن سڄي ڄمار ڪڏهن ڪوٽ يا سوئيٽر نه پاتو. سو اهڙي ملڪ ۾ گرم ڪپڙن جو بار ڍوئي وڃڻ اجايو آهي، جتي جي گهرن ۾ اسان وانگر ڪٻٽ يا الماريون به نه ٿين جن ۾ اهي اجايون سجايون شيون رکجن. اسان وٽ ته جيترا ماڻهو اوترا ڪوٽ، سوئيٽر، رليون، سوڙون ۽ انهن کي رکڻ لاءِ ڪٻٽ ۽ ڪوٺيون آهن. ان ڪري ملائيشيا ڏي وڃڻ وارن کي کپي ته پاڻ سان گرم ڪپڙا کڻڻ جو بار نه ڍوئين ۽ عام ڪپڙا - قميصون پتلونون به پوريون پنيون کڻي نڪرن جو ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ جتي مٽي يا ڌوڙ جو ذرو به نه آهي اتي ڪپڙا ايترو سولائيءَ سان ميرا نٿا ٿين. ٻي ڳالهه ته ملائيشيا ۾ هرڪو پينٽ ۽ شلوار پائي ٿو ۽ اهي ڪپڙا ملائيشيا جي مختلف دڪانن تان آسانيءَ سان ۽ ڪيترا دفعا عيد، ڏياري ۽ نيو ييئر جي موقعن تي، زبردست sale سان مليو وڃن. پاڻ سان گڏ شلوار قميصون ضرور کڻي وڃو پر ڪوشش ڪري ان ڊريس کي گهر تائين محدود رکو. هرهڪ جي پنهنجي ڊريس، هن کي ضرور وڻي ٿي پر جي ملئي ماڻهو ملئي ڊريس ”سرونگ“ يا ”باجو ڪرونگ“ پائي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي گهٽين ۾ هلندو ته عجيب درويش لڳندو ۽ ٻي ڳالهه افسوس جي اها آهي ته 1990ع کان پوءِ سٿڻ قميص ۾ هلندڙ افغانين، ملائيشيا جي شهرن ۾ ايترو ته Crime ڪيو آهي ۽ جهلجڻ تي هنن ڪوڙا پاڪستاني پاسپورٽ ڏيکاري پاڪستان ۽ شلوار قميص کي ايڏو بدنام ڪيو آهي جو ملائيشيا سان گڏ ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسين ڏوهن جي علامت بنبا وڃون. سو اهڙين حالتن ۾ ڌارين ملڪن ۾ جيتري قدر ٿي سگهي Low profile رکجي ۽ جيتري قدر ٿي سگهي پنهنجي شناخت جي شوبازي نه ڪجي. ڇو جو ملائيشيا جهڙا ملڪ گهڻ قوما ملڪ آهن جتي مسلمانن سان گڏ ٻڌ ڌرم ۽ عيسائي مذهب جا چيني به رهن ٿا ته هندو ۽ جين ڌرم جا انڊين به. ۽ ساڳي وقت هنن ۾ قوميت به آهي يعني هو پنهنجو پاڻ کي ملائيشين سڏائيندي فخر محسوس ڪن ٿا. ان جو احساس توهان کي ٿوري عرصي ۾ ٿي ويندو ته ملائيشيا جي ملئي مسلمان لاءِ ملائيشيا جا چيني يا انڊين وڌيڪ پيارا آهن ۽ نه اسان جي پاڪستان ايران، انڊونيشيا يا سريلنڪا ۽ بنگلاديش جا مسلمان. ان ڪري ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ڪنهن چيني يا اتي جي انڊين جي سياست يا ڌرم تي تنقيد ڪرڻ کان گريز ڪرڻ کپي ڇو جو ملئي مسلمان توهان جي ڳالهه تي، ظاهري طرح ها ها ڪندو رهندو پر دل ئي دل ۾ توهان جي لاءِ هو خراب opinion رکندو. ان ڪري بهتر آهي ته ملائيشيا توڙي ڪنهن ٻئي ڌارئين ملڪ ۾ نوڪري لاءِ ويندڙ کي کپي ته جنهن ڪم لاءِ هو اتي وڃي ٿو ان ۾ دلچسپي رکي ۽ اهو صحيح طرح سرانجام ڏئي، باقي مڪاني سياست، مذهب، ڪلچر ۽ رسم رواج تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ کان گريز ڪري.
    ملائيشيا ويندڙ البت پاڻ سان پاڪستان مان ئي ڇٽي (Umbrella) وٺي وڃي جو ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ مينهن تمام گهڻا پون ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو توهان جو جهاز جنهن وقت ڪوالالمپور يا سنگاپور جي هوائي اڏي تي لهي، سخت مينهن وسي رهيو هجي ۽ جيسين توهان شهر ۾ ڪو ڇٽين جو دڪان ڳولي خريد ڪريو تيسين توهان بارش ۾ ڀت ٿي وڃو ۽ چوڌاري جڏهن هرهڪ جي هٿ ۾ ڇٽي هجي ته توهان ائين چرين وانگر بيٺا هجو. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ جتي سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ سخت ساڙين ٿا اتي ڇٽي نه فقط مينهن لاءِ بهتر آهي پر اُس لاءِ به. ان ڪري اُس کان بچڻ لاءِ ههڙن ملڪن ۾ احتياط طور P.Cap (آڏ واري ٽوپي) رکڻ به ضروري آهي. ان بي احتياطي ۽ بي خياليءَ ڪري اسان جا ڪيترا ماڻهو، خاص ڪري ٽوئرسٽ Sun stroke جو شڪار ٿيو پون.
    ڪيترا اسان جا ماڻهو عجيب سببن ڪري بهترين نوڪريون ڇڏيو اچيو گهر ڀيڙا ٿين. هڪ ڊاڪٽر کي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي. سندس زال به ڊاڪٽر هئي ۽ پاڪستان ۾ بيروزگار هئي. ملائيشيا ۾ ڪجهه وقت رهن ها ته ٿي سگهي ٿو کيس به نوڪري ملي وڃي ها يا شايد ملائيشيا ۾ صحيح طرح نوڪري ڪرڻ جو نمونو ڏسي ڊاڪٽرياڻي صاحبه گهٻرائجي ويئي جو پنهنجي مڙس کي واپس وطن موٽڻ لاءِ اهڙو ته ڇتو ڪيائين جو واپس آڻي سک جو ساهه کنيائين. ظاهري طرح هوءَ ملائيشيا جي مينهن کان پريشان ٿي ويئي ۽ هن جو ملائيشيا ۾ نه ٽڪڻ گوڙ ۽ کنوڻ جا ٺڪاءَ هئا، جنهن کان هوءَ ڊني ٿي. هاڻ توهان ئي ٻڌايو ته هن بيروزگاري جي دور ۾ جڏهن اسان پاڪستانين کي نوڪري ئي ڏکي ٿي ملي، ان کي ڪنهن اهڙي منڊي تنڊي سبب ڪري ڇڏي اچڻ ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي. ملائيشيا وارن تي ڪيڏو ته خراب اثر پيو هوندو ته ملئي ڳوٺاڻيون عورتون پيون بسون ۽ هوائي جهاز هلائين ۽ هي پاڪستاني عورتون پيون کنوڻ جي ٺڪاءَ کان ڊڄن.
    اهڙيون ڳالهيون سوچي آئون پنهنجن جهازراني جي ڪئڊٽن کي، جن کي تعليم بعد دنيا جي مختلف ملڪن جي جهازن تي مختلف قومن جي ماڻهن سان ڪم ڪرڻو پوي ٿو، وڌيڪ سخت جان ٿيڻ جي تلقين ڪندو آهيان، جيئن هو ڏکين حالتن جو مقابلو ڪري سگهن ۽ اهڙا نخريلا ۽ نازڪ مزاج نه ٿين جن لاءِ چيو ويندو آهي ته:
    فرش مخمل پر میرے پاؤں چھلے جاتے ہیں
    کیلا کھانے سے میرے دانت ہلے جاتے ہیں
    ٻاهر ويندڙ اڪثر ضرورت جا سوال پڇندا آهن پر ڪن جا سوال عجيب ۽ ناشڪريءَ جا هوندا آهن. ڪي ته نوڪري يا تعليم لاءِ اڃا چونڊبا به نه آهن ته سوال پڇندا آهن ته اسين وڃون يا نه وڃون. هن بيروزگاري جي دور ۾ ڪنهن کي سٺي پگهار تي نوڪري ٿي ملي يا ولايت جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ اسڪالر تي، يعني مفت ۾ داخلا ٿي ملي ته ڇو نه وڃڻ کپي. ڪن کان جڏهن پڇندو آهيان ته آيا هنن کي نوڪري ملي وئي آهي ته چوندا آهن ته فلاڻي يا فلاڻي ملڪ ۾ فلاڻي نوڪري لاءِ اڄ جي اخبار ۾ اشتهار پڙهيو اٿئون ۽ سوچيون پيا ته اتي نوڪري ڪريون يا نه. آئون انهن کي هميشھ اهو چوندو آهيان ته فقط اشتهار پڙهڻ سان ۽ توهان جي موڊ ٺاهڻ سان نوڪري ته نه ملي ويندي. اشتهار پڙهي هزارين ماڻهو apply ڪن ٿا جن مان ڪنهن هڪ يا ٻن کي نوڪري ملي ٿي. سڄي دنيا ۾ بيروزگاري (Unemployment) جي اهڙي حالت آهي جو ڪنهن نوڪريءَ لاءِ B.A واري جي ضرورت آهي ته ان سان گڏ B.E، MBA ۽ MBBS وارا ته اپلاءِ ڪن ٿا MA ۽ Ph.D وارا به اپلاءِ ڪن ٿا ۽ ڪنهن نوڪريءَ لاءِ جيڪڏهن هڪ سال جي تجربي جي ضرورت آهي ته ان پوسٽ لاءِ پنج پنج سالن جي تجربي وارا به اپلاءِ ڪن ٿا ۽ ظاهر آهي ته ڌارئين ملڪ جي حڪومت يا ان جو ادارو يا ڪنهن خانگي فرم جو سيٺ، اهڙي ماڻهوءَ کي ئي رکڻ ۾ عافيت سمجهي ٿو جيڪو گهڻو تعليم يافته، گهڻو تجربيڪار، گهٽ پگهار ۾ راضي ٿيڻ وارو يا گهٽ ۾ گهٽ مقرر ٿيل پگهار ۾ شڪر گذار رهڻ وارو ۽ منهن تي مرڪ آڻي ڪم ڪرڻ وارو محنتي جوان هجي ڇو ته ڪيترا اميدوار اهڙا به ٿين ٿا ۽ هڪ دفعو وري افسوس سان مونکي چوڻو پوندو ته اهڙن ۾ گهڻا پاڪستاني ئي ٿين ٿا جو چونڊجي اچڻ بعد هر وقت رينگو لڳائي رکن ٿا ته پگهار اڃا وڌيڪ هجڻ کپي، گهر صحيح نه مليو اٿم، پري هجڻ ڪري ۽ سوير اک نه کلڻ ڪري وقت تي آفيس پهچي نٿو سگهان، وغيره وغيره ۽ پوءِ نوڪري ڏيڻ وارو پنهنجو منهن مٿو پٽيندو رهي ٿو ته غلط گهوڙي تي داءُ هڻي ويٺس. ان کان ته ڪنهن بنگالي، سلوني، برمي يا تامل مدراسي کي نوڪري ڏيان ها.
    بهرحال نوڪري ملڻ کان اڳ دوستن يارن ۽ پاڙي اوڙي ۾ واءِ واءِ ڪرڻ وارن کي منهنجي اهائي صلاح آهي ته ماٺ مٺوڙي ۾ apply ڪن ۽ پوءِ جڏهن چونڊ ۽ انٽرويو بعد، نوڪري لاءِ پڪو آرڊر ۽ ويزا وغيره اچي وڃي ته پوءِ دوستن کي خوشخبري ٻڌائين، ڇو جو چوندا آهن ته:
    There is always a slip between lip and cup.
    نوڪري ملڻ کان اڳ اعلان ڪرڻ ته آئون ولايت وڃي رهيو آهيان، ڄمڻ کان اڳ ناني مهانڊو هجڻ جو اعلان ڪرڻ برابر آهي ۽ ان دهل پٽڻ سان عارضي طرح ته توهان جي اوڙي پاڙي تي لئه ضرور وهندي ته هي هيرو ولايت، وڏي پگهار واري نوڪري تي وڃي رهيو آهي، پر نوڪري ملڻ جو فائينل فيصلو توهان جي حق ۾ نه ٿيڻ تي توهان جي ويهاريل لئه ۽ ڌاڪ خواريءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ توهان جيڪي هيستائين پراميد ٿي ڳاٽ مٿي ڪري هلي رهيا هئائو، سخت ڊپريشن ۾ هليا ويندائو. ان ڪري بهتر آهي ته خاموشي ۽ ڌيرج کان ڪم وٺجي ڇو جو Happy are those who do not expect سو جيتري قدر ٿي سگهي صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺجي. بهتر ته اهو آهي ته ولايت پهچي مهينو ٻه نوڪري ڪري پوءِ گهڻن دوستن کي ٻڌائجي. ڇو جو اسان جا ڪيترا ”هيرو“ جن هتي آرام جي نوڪري ڪئي آهي ۽ عيش جي زندگي گذاري آهي انهن کان ولايت جي ايمانداري، وقت جي پابندي ۽ محنت واري نوڪري نٿي پڄي ۽ جلدئي موٽيو اچن.


    How About Second Wife

    پنهنجي ملڪ ۾ جڏهن سرڪاري نوڪري ملي ٿي ته ان جا گريڊ ۽ ان مطابق پگهار ۽ ٻيون سهولتون مقرر ٿيل آهن جيڪي هرهڪ کي ساڳيون ملن ٿيون. پر ملائيشيا يا ڪنهن ٻئي ڌارئين ملڪ ۾ سرڪاري يا ڪنهن ڪارخاني فئڪٽري ۾ پرائيويٽ نوڪري ملي ٿي ته اتي اسان ڌارين کي مختلف پگهارن ۽ سهولتن تي گهرايو وڃي ٿو جيڪي مڪاني ماڻهن کان ته مختلف آهن پر ڌارين کان به مختلف آهن. مثال طور ملائيشيا جي ڪنهن اسپتال ۾ ساڳي تعليم ۽ تجربي وارا ٻه ڌارئين ملڪ جا ڊاڪٽر ساڳيو ڪم ڪري رهيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته هنن جو ساڳيو پگهار هجي ٿي سگهي ٿو جدا جدا هجي. مثال طور جنهن نيول اڪيڊمي ۾ آئون پڙهائي رهيو هوس اتي اسان پڙهائڻ وارن چيف انجنيئرن توڙي ڪئپٽنن جو پگهارو ساڳيو هو ۽ اسين ڏهاڪو کن پروفيسر پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، برما، سنگاپور ويندي جپان ۽ انگلينڊ جا هئاسين جن جهازراني ۽ جهاز سازي جا مختلف سبجيڪٽ پڙهايا ٿي. اسان ۾ هڪ هانگ ڪانگ جو چيني چيف انجنيئر به هو جيڪو ٻاڦ تي هلندڙ جهازن (Steam ships) جو چيف انجنيئر هو ۽ هن بئالرن ۽ Turbines بابت جهازين کي پڙهايو ٿي. ٻاهٺ سالن جي هن پوڙهي انجنيئر پروفيسر جون اوچتو بڪيون (Kidneys) خراب ٿي پيون ۽ هو نوڪري ڇڏي پنهنجي وطن هانگ ڪانگ هليو ويو. امتحان ويجها هئا ٻاڦ تي هلندڙ جهازن جو چيف انجنيئر ملڻ مشڪل هو جو اڄڪلهه ڪو ورلي مئرين انجنيئر ان پراڻي ٽيڪنالاجي ۾ Specialization ڪري ٿو. بهرحال هنن کي سنگاپور ۾ هڪ پاڪستاني چيف انجنيئر ملي ويو پر هن جي ملائيشيا ۾ رهڻ ۽ پڙهائڻ سان ايڏي دلچسپي نه هئي. هن سنگاپور جي جهازران ڪمپني Neptune جا اسٽيم جهاز هلائڻ چاهيا ٿي. هن کي ڪناري جي نوڪري کان وڌيڪ سامونڊي نوڪري سان دلچسپي هئي جنهن ۾ پگهار به وڌيڪ ملي ٿو. هيڏانهن ملائيشيا وارن جي سخت ضرورت هئي ۽ هنن آخرڪار هن کي اسان کان وڌيڪ پگهار ۽ سهولتون ڏيئي راضي ڪيو ۽ هو اسانجي اداري ۾ اسان جهڙي ڊيوٽي ڪرڻ لڳو پر هن جو پگهار انگلينڊ جي چيف انجنيئر کان به گهڻو هو. هيءَ ڳالهه مون فقط ان ڪري لکي آهي ته ولايت ۾ نوڪريءَ لاءِ روانو ٿيندڙ کي Idea هجي ته اسان ڌارين کي ولايت ۾ پڪي نوڪري يا هڪ جيترو پگهار ملڻ ضروري ناهي. اسان جي نوڪري ٺيڪي واري يعني Contract واري هڪ، ٻه يا ٽن سالن جي ٿئي ٿي ۽ صحيح ڪيل ڪانٽرئڪٽ موجب پگهار ۽ سهولتون ملن ٿيون. ان ڪري جنهن Contract تي توهان ملائيشيا، جپان يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نوڪري لاءِ پهچو ٿا ته پوءِ ان تي ئي راضي رهو، ڇو جو اهو پوءِ بدلجي نٿو سگهي جو اهو ڪورٽ جو ڊاڪومينٽ ٿئي ٿو. اتي پهچي ٿي سگهي ٿو توهان جهڙي ڪم ڪندڙ يا توهان کان جونيئر جو توهان کان وڌيڪ پگهار هجي پر اهو ان جو نصيب. توهان کي جيڪڏهن وڌيڪ پگهار يا سهولت جي گهر ڪرڻي آهي ته اها توهان کي نوڪريءَ جي رضامندي ڏيڻ ۽ ملڪ ڇڏڻ کان اڳ ڪرڻ کپي. پر ان ۾ risk جو پهلو به ٿئي ٿو جو توهان جي هنن طرفان آفر ڪيل پگهار کان انڪار ڪرڻ تي هو پگهار وڌائڻ بدران توهانجي ئي ملڪ مان يا انڊيا، ڪوريا، بنگلاديش مان ٻيو ڪو ماڻهو کڻن جيڪو ان گهٽ پگهار ۾ راضي هجي ۽ توهان نوڪريءَ کان محروم رهجي وڃو. ان معاملي ۾ مون ڏٺو آهي ته بنگالي ۽ انڊين تيز آهن. هو اجايو سجايو نخرو ڪرڻ بدران هر مناسب پگهار تي نوڪريءَ لاءِ پهچيو وڃن ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرڻ بدران Contract جو سڄو مدو دل لڳائي محنت سان ڪم ڪري، اداري ۽ حڪومت کي احساس ڏيارين ٿا ته هو بيحد لائق، ايماندار، ڪم جا ڄاڻو ۽ پورهيت آهن ۽ پوءِ ٻئي Contract ۾ سهولتن ۽ پگهار جي وڌيڪ گهر ڪرڻ تي مالڪ يڪدم راضي ٿيو وڃن. پر ڌارئين ملڪ پهچڻ سان پنهنجو ڪم ڏيکارڻ بدران رڳو پگهار ۽ ٻين سهولتن جون رينگو شروع ڪري ڏيڻ سان مالڪن/ ڌارئين ملڪن جي حڪومتن تي نه فقط ان ماڻهوءَ لاءِ پر ان جي ملڪ لاءِ به خراب اثر پوي ٿو. ملائيشيا ويندڙ ڪيترا پنهنجو پگهار سعودي عرب، جپان يا آمريڪا ۾ نوڪري ڪندڙ پنهنجي دوستن جي پگهار سان ڀيٽي چوندا آهن ته هنن جي مقابلي ۾ ملائيشيا جو پگهار ايڏو ناهي ته آئون کين اهو به چوندو آهيان ته هو جپان، سعودي عرب يا يورپ جي مهانگائي به ڀيٽين ته مهيني جي آخر ۾ ڪٿي گهڻي بچت ٿئي ٿي، ڪٿي جي موسم بهتر آهي، ڪٿي وڌيڪ سک ۽ چين جي زندگي آهي. جپان ۾ پگهار کڻي گهڻو آهي پر اتي جو رهاڪو روزانو هڪ صوف خريد ڪندي به ٻه دفعا سوچي ٿو. هتي ملائيشيا، انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ توهان ايندي ويندي ڇهه ڇهه انناس ۽ ناريل خريد ڪندا رهو ٿا، جتي مانيءَ لاءِ هر قسم جون هندو، مسلم ۽ چيني هوٽلون آهن ۽ مختلف ڪاليجن، يونيورسٽين، اسپتالن ۽ فئڪٽرين جي ڪئنٽين جي ماني گهر کان به سستي پوي ٿي ۽ قاعدو قانون ايڏو سخت آهي جو هڪ گاڏيءَ تي ماني رکي وڪڻڻ وارو به ملاوٽي يا پاروٿي شيءِ نٿو وڪڻي ۽ توهان بنا ڪنهن ڊپ ڊاءِ جي خريد ڪري کائي سگهو ٿا.
    ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلينڊ، جپان توڙي آمريڪا، يورپي ۽ ڪيترن عرب ملڪن ۾ ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن ۽ ٻين وڏين نوڪرين وارن کي هنن سان گڏ هنن جي فئملين کي به ان ملڪ ۾ رهڻ لاءِ ويزا ڏني وڃي ٿي. دنيا ۾ جتي ڪٿي فئملي مان مطلب زال مڙس ۽ 18 سالن کان گهٽ عمر جا ٻار قرار ڏنا وڃن ٿا. اهو ان ڪري لکي رهيو آهيان جو ان ڳالهه تي به ڪيترا اسان جا پاڪستاني، ڌارين ملڪن ۾ پهچي پوءِ ان ڳالهه تي اجايو بحث ڪن ٿا ته اسان جي ماءُ پيءُ کي به رهڻ جي اجازت ڏيو يا اسان جي بالغ ٻارن کي به ويزا ڏيو- ۽ پوءِ ان بحث مان وري ڪجهه ڪونه ٿو اجايو اسان تي کل ٿئي ٿي.
    فئملين سميت اجازت ملڻ وارا مونکان اڪثر اهو سوال ڪندا آهن ته زال ۽ ٻارن کي مهيني ٻن کان پوءِ گهرائجي يا پاڻ سان وٺي وڃجي. ان معاملي ۾ اڪثر زالون يڪدم هلڻ چاهينديون آهن، ڪي زالون اهو به سبب ڏينديون آهن ته ”اسانکي انگريزي به اچي ٿي هلڻ سان مڙس کي گهر جي ڪم ڪار ۾ مدد ڪنديونسين.“ پر کين منهنجي هميشھ اها صلاح هوندي آهي ته جيتري قدر ٿي سگهي ته نوڪريءَ لاءِ پهرين اڪيلو وڃڻ کپي. زال ۽ ٻارن کي مهيني ٻن بعد گهرائجي. ڇو ته ملائيشيا، جپان توڙي جرمني، سئيڊن ۽ ڪئناڊا، ڪينيا جهڙن ملڪن ۾ جتي نئون ماحول، نئين موسم يا نئين زبان آهي، اتي پهرين اڪيلو وڃي ملڪ ۽ ماحول جو جائزو وٺجي، ان ملڪ ۾ رهندڙ پاڻ جهڙن ڌارين ملڪن جي رهاڪن (expatriats) ۽ مڪاني ماڻهن سان خبر چار ڪجي ۽ حال احوال وٺجي ته نوڪري ڪهڙي قسم جي آهي، نوڪري ڏيڻ وارا توهان مان ڇا ٿا expect ڪن، رهائش ڪٿي اختيار ڪجي، آفيس يا اسپتال ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ ڪهڙي سواري اختيار ڪجي، سيڌي سامان لاءِ ڪٿان خريداري ڪجي، ٻارن جي تعليم جو ڇا بندوبست آهي ۽ توهان کان پهرين آيل ان مسئلي کي ڪيئن حل ڪري رهيا آهن.... وغيره وغيره. ساڳي وقت ڌارئين ملڪ ۾ پهچڻ سان هو وڌ ۾ وڌ توهان کي ڏينهن ٻه فرحت ڪرڻ لاءِ ڏيندا ۽ پوءِ توهان کي يڪدم چوندا ته جنهن ڪم لاءِ توهان کي گهرايو اٿئون اهو هلي سرانجام ڏيو ۽ اهوئي Crucial ٽائيم هوندو آهي جنهن ۾ سڀني جون نظرون توهان تي هونديون آهن ته توهان کي ڪم ڪيترو اچي ٿو ۽ پنهنجي ڊيوٽي ڪيئن ٿا نڀائيو ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهندو جڏهن توهان اڪيلا هوندائو. فئمليءَ سان اچڻ سان توهان جو وقت ۽ ڌيان ان ڏي به ورهائجي ويندو. اڪيلا هوندائو ته هِتان هُتان ڪنهن ريسٽورنٽ، ڪئنٽين مان ئي کائي ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي رهي پوندائو ۽ ان دوران بهتر کان بهتر جڳهه ڳولي وٺندائو ۽ توهان جو سڄو ڌيان نوڪريءَ ڏي هوندو ۽ ڌارئين ملڪ جي نوڪري اسان جي ملڪ جهڙي نٿي ٿئي جتي اسانجا صاحب دير سان آفيس پهچن ٿا، سوير موٽيو وڃن ۽ آفيس جي ڪلارڪن ۽ قاصدن کان پنهنجو ذاتي ۽ گهر جو ڪم وٺندا رهن ٿا. ملائيشيا، سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ هر ڪلارڪ کان وٺي آفيسر تائين، آفيس ۾ صبح جو اٺين بجي حاضر هجڻ ضروري آهي ۽ ساڍي چئين بجي ئي آفيس ڇڏڻي هوندي آهي. جنهن جي ثبوت لاءِ هرهڪ کي پنهنجو ڪارڊ مشين ۾ پنچ ڪرڻو هوندو آهي چاهي ملڪ جو وزيراعظم احمد بداوي هجي! ۽ ان ڪارڊ کي پنچ ڪرڻ تي آفيس ۾ داخل ٿيڻ يا نڪرڻ جو وقت ڇپجي وڃي ٿو ۽ ڪي ملڪ جپان جهڙا آهن جن ۾ صبح جو آفيس ۾ پهچڻ جو وقت ته مقرر آهي پر موڪل جو ناهي. ڪم پورو ڪري پوءِ آفيس ڇڏڻي آهي چاهي شام جا ست ٿي وڃن يا رات جا نَو. اسانجي ملڪ ۾ ڪم نه ڪرڻ (No-work) ۽ پورهئي کان ڀڄڻ جو ڪلچر هجڻ ڪري اسانجي ملڪ جا ماڻهو ڌارين ملڪن ۾ ڪجهه ڏکيائيءَ سان ئي adjust ٿين ٿا ۽ شروع جا ڏينهن پرديس ۾ هيڪاندو ڪم ڏسي (جيڪو ٻين لاءِ ته نارمل آهي) اسانجي ”هيرو“ جون وايون بتال ٿيو وڃن. پر اسانجي ملڪ جا ڪيترا اهڙا به آهن جيڪي محنتي آهن، ڪم جا ڄاڻو آهن، ايماندار آهن اهي ڌارين ملڪن ۾ پنهنجو قدر ڪرائين ٿا ۽ اهڙن ماڻهن ڪري ملڪ جو نالو به ٿئي ٿو.
    ڪجهه ڏينهن اڳ سکر پاسي جي هڪ ڪاليج جي محترمه جو فون آيو ته سندس انجنيئر مڙس کي ملائيشيا جي ڪنهن يونيورسٽي نوڪري ملي آهي جنهن سان گڏ هوءَ پنهنجي اٺن سالن جي ڌيءَ اريبا سان وڃي رهي آهي ۽ هوءَ ملائيشيا بابت ڪجهه معلومات حاصل ڪرڻ چاهي ٿي. مون هن کي ٻڌايو ته آئون هي مهينو ٻه ڪراچيءَ ۾ آهيان ۽ هوائي جهاز ۾ چڙهڻ تائين هوءَ ۽ هن جو مڙس فون تي مونکان هر ڳالهه پڇي سگهي ٿو. هنن ڪراچي ڇڏڻ تائين مونسان ست اٺ دفعا ڳالهايو جن ۾ ڪجهه سوال ته عام نوعيت جا هئا ته ملائيشيا جي موسم ڪيئن آهي ۽ ڪهڙي قسم جا ڪپڙا کڻي وڃڻ کپن. جن بابت آئون شروع ۾ لکي چڪو آهيان باقي سوالن مان ڪجهه هيٺ ورجايون ٿا جيئن ٻاهر ويندڙن کي ڌارين ملڪن ۾ نوڪري ڪرڻ جي انهن رُخن جي به idea ٿي سگهي. هي سوال انجيئر صاحب جي پروفيسر زال پڇندي رهي. مون کيس به اها صلاح ڏني ته ”تنهنجو مڙس ڀلي هينئر وڃي ۽ چڱيءَ طرح ملائيشيا ۾ سيٽ ٿئي. مهيني بعد تون پنهنجي ڌيءَ سان وڃجانءِ.“
    ”نه سائين نه. آئون ائين ڪڏهن به مڙس کي نه ڇڏيان. هو به مون بنا هڪ ڏينهن به نه رهي سگهندو.“
    ڪپڙن لاءِ مون ٻڌايومانس ته ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ پنج ڇهه وڳا کڻي وڃڻ ڪافي آهن.
    ”مون Latest فئشن جون ڪراچيءَ مان ويهه کن شلوار قميصون ٺهرايون آهن. آخر اتي دعوتن ۾ ۽ اندر ٻاهر پائڻ لاءِ کپن.“ هن ٻڌايو.
    ”اتي دعوتن جو يا اوڙي پاڙي ۾ اچڻ جو رواج بنهه گهٽ آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ملائيشيا ۾ مسلمان ملئي عورتون توڙي ايران ۽ آفريڪا کان آيل مسلمان شاگردياڻيون ۽ ڇوڪريون قميص ۽ ڍري پتلون عام طرح پهرين ٿيون جيڪا اتي جي مينهوڳي واري موسم لاءِ به وڌيڪ بهتر آهي. شلوار قميص اتي جي سک عورتن جي ڊريس سمجهي وڃي ٿي ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ توهان کي پاڻ به ان ڳالهه جو احساس ٿي ويندو.“
    ”ملائيشيا ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڇنڇر ۽ آچر ٻه ڏينهن موڪل ٿئي ٿي پر منهنجي مڙس کي چون ٿا ته هن کي ڇنڇر ڏينهن به اچڻو پوندو. اهو ڇو؟“ هن پڇيو.
    ”دراصل شاگردن کي ڇنڇر ڏينهن موڪل ضرور ٿئي ٿي پر پڙهائڻ واري عملي کي ڇنڇر ڏينهن به وڃڻ ضروري آهي جو سڄي هفتي ۾ هنن لاءِ اهو ڏينهن اهم ٿئي ٿو جنهن تي هنن کي گذريل هفتي ۾ ڏنل ليڪچرن بابت ۽ ايندڙ هفتي جي پروگرام بابت پنهنجي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ سان discuss ڪرڻو پوي ٿو. ملائيشيا، سنگاپور، جپان جهڙن ملڪن ۾ هفتيوار يا 15 ڏينهن بعد يا مهيني بعد شاگردن جو ٽيسٽ ورتو وڃي ٿو ۽ ان ۾ ڪنهن به شاگرد جي فيل ٿيڻ تي ان جي ٽيچر کي جواب ڏيڻو پوي ٿو ته هو ڇو فيل ٿيو، ڇا هن شاگرد سندس ليڪچر نه سمجهيو يا اهو ليڪچر صحيح طرح نه ڏنو ويو.... ۽ هاڻ هن شاگرد کي ٻين جي ليول ۾ آڻڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ ورتا وڃن.“
    ”ڀلا منجهند جي ماني جي مون ٻڌو آهي ته ڏيڍ ڪلاڪ موڪل ملي ٿي. ان ۾ هو گهر اچي مون سان گڏ ماني کائي سگهندو يا نه. آئون اهوئي چاهيان ٿي ته لنچ تي مون وٽ اچي.“
    ”خبر ناهي توهان جي رهائش جو بندوبست ڪٿي ٿو ٿئي. جيڪڏهن اندر ڪئمپس ۾ پنجن منٽن جي پنڌ تي ٿئي ٿو ته پوءِ ته هو توسان گڏ لنچ ڪري سگهندو باقي ڪئمپس کان ٻاهر رهڻ تي هن جو سڄو وقت ضايع ٿي ويندو. ملائيشيا، انڊونيشيا، ڪينيا، اسپين جهڙن ملڪن ۾ لنچ لاءِ ڊگهي بريڪ ان ڪري ٿي ملي ته جيئن هر هڪ آفيس ۾ ئي سئنڊوچ يا هلڪي ڦلڪي لنچ ڪري، ڪلاڪ کن اکيون پوري آرام ڪري جيئن اڍائي بجي وري اسپتال، ڪاليج، يونيورسٽي يا فئڪٽري شروع ٿئي ته ورڪر کان مئنيجر تائين هرهڪ فريش ۽ تازو توانو ٿي ڪم شروع ڪري ۽ بهتر آئوٽ پُٽ ڏيئي سگهي. سو اهڙي صورت ۾ تون مڙس کي لنچ کارائڻ بهاني بيحال نه ڪري ڇڏجانءِ.“
    ”ڀلا منهنجي اريبا جي پڙهائيءَ جو ڇا ٿيندو. هوءَ هن وقت ڪلاس ٿري ۾ آهي.“
    ”هر ملڪ ۾ تعليم جو پنهنجو نظام آهي. ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي تائين، شهرن کان ڳوٺن تائين هڪ ئي تعليمي نظام آهي. هڪ ئي قسم جا اسڪول ۽ سليبس آهي پر اهو اسان کان مختلف ان ڪري آهي جو انهن اسڪولن ۾ سندن زبان ملئي واري سبجيڪٽ سان گڏ ٻيا به ڪجهه سبجيڪٽ جهڙوڪ تاريخ، جاگرافي، اگاما (مذهب) وغيره ملئي زبان ۾ پڙهايا وڃن ٿا. سو جيڪڏهن توهان جو ارادو ملائيشيا ۾ گهڻو وقت رهڻ جو آهي ته پوءِ توهان پنهنجي ڌي کي انهن اسڪولن ۾ داخل ڪجو، جن جي في به گهٽ آهي ۽ جتي ڪٿي آهن.“
    ”نه. آئون ته پنهنجي ڌيءَ کي انگريزي پڙهائڻ چاهيان ٿي.“
    ”ته پوءِ ان لاءِ هي Alternatives آهن. سال ٻه جي نوڪري ڪرڻي آهي ته اهو عرصو توهان هن کي گهر ۾ ئي پڙهائيندا رهو جو توهان جو واسطو تعليم کاتي سان آهي ۽ پنهنجي شهر جي ڪاليج ۾ به ليڪچرر هئينءَ. يا توهان پاڪستان ۾ رهي هن کي اتي پڙهايو. موڪلون ٿيڻ تي ملائيشيا اچو. يا ڪوالالمپور جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ رکوس جنهن جي في تمام ڳري آهي ۽ توهان جي پگهار جو وڏو حصو ان ۾ خرچ ٿي ويندو.“
    ”اها ته مصيبت ٿي.“
    ”بس پوءِ هر ڳالهه جا ڪجهه سک آهن ته ڪجهه تڪليفون. هڪ هٿ ۾ ٻه گدرا ته اچي نه سگهندا. آئون هتي اٺ سال کن رهيس جن ۾ ٻارن کي هتي جي اسڪولن ۾ به پڙهايم ۽ گهر ۾ ٽيوشن ڏيئي کين هر سال پاڪستان سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن جا به امتحان ڏياريندو رهيس.“
    ”ڀلا مون کي به نوڪري ملي سگهي ٿي؟“ هُن پڇيو.
    ”ڪجهه نٿو چئي سگهجي. توهان جو ڪو اهم سبجيڪٽ انگريزي، ايڪانامڪس جهڙو آهي ته ٿي سگهي ٿو ڪٿي ملي به وڃي پر نوڪريءَ بابت پهچڻ سان ڳالهه نه ڪجو جو جپان، سنگاپور ۽ انڊونيشيا وانگر ملائيشيا جي حڪومت ۽ عوام ان کي خراب سمجهي ٿو ته ڪو وزٽ ويزا تي اچي نوڪريءَ جي ڳولا ڪري. سو اهو ڪم ڪجهه عرصي بعد سوچي سمجهي خيال سان ڪجو نه ته توهان جي مڙس جي نوڪريءَ تي اثر رسي سگهي ٿو.“
    اهو کيس ٻڌائي مون يڪدم پڇيو ته ”توهان سان گڏ ته ڌيءَ به هوندي. ان کي اسڪول ڇڏي ۽ وٺي اچڻ ۽ گهر جي ڪم ڪارين کي منهن ڏينديون يا نوڪري ڪنديون؟ ملائيشيا ۾ ٽيچنگ جاب ته تمام گهڻي محنت گهري ٿو. شاگرد توڙي ٽيچر لاءِ سال ۾ ٻن ڏينهن کان مٿي موڪل ڪرڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان لاءِ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ آڻڻ ضروري آهي ۽ اهو ملائيشيا ۾ ڊاڪٽر تڏهن ئي ڏئي ٿو جڏهن ڪو اسپتال ۾ داخل ٿئي ٿو.“
    ”عجيب ملڪ آهي ملائيشيا! هتي ته اٺ مهينا ٿي ويا آهن جو مون ڪاليج جو منهن نه ڏٺو آهي.“ هن وراڻيو.
    ”تڏهن ته اسان جي تعليم ڏينهون ڏينهن پٺتي پئي وڃي جو استادن کي فقط پنهنجين ”اريبائن“ جو فڪر آهي. غريب عوام جا ٻار جاهل رهجي وڃن ته ڀلي رهجن.“ مون ٽوڪ طور چيومانس.
    هڪ ڏينهن فون تي محترمه، ملائيشيا جي کاڌن پيتن جو به پڇيو.
    ”مون ٻڌو آهي ته ملائيشيا جا ماڻهو عجيب مرچ مصالحا ٿا کائين ان لاءِ ڀلا آئون ڪجهه کاڌي جو سامان هتان کڻي وڃان؟“
    ”مهرباني ڪري اهڙو ڪم نه ڪجانءِ“. مون ٻڌايومانس، ”ڇو جو ڌارين ملڪن ۾ کاڌي جون شيون کڻي وڃڻ تي پابندي آهي. اجايو ايئرپورٽ تي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوندءِ. ملائيشيا ۾ هر شيءِ مرچ مصالحي کان پستو بادام ۽ داليون چڻا اسان جي مارڪيٽن کان بهتر ملن ٿا ۽ مختلف هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن ۾ ڊبل روٽي، بن، چپاتي ۽ اڦراٽي کان پُوري، اڊلي، ڊوسا ۽ اسپاگهيٽي ملي ٿي ۽ ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي دنيا جي هر ملڪ جو ماڻهو ملي ٿو ۽ امير عرب ۽ ايرانين کان آمريڪن ۽ يورپين اتي اچڻ، گهمڻ ۽ نوڪري ڪرڻ لاءِ واجهائين ٿا. توهان کي شڪر ڪرڻ کپي جو توهان جي مڙس کي اتي، ههڙي سٺي پگهار واري ۽ سٺي شهر ۾ نوڪري ملي ويئي آهي.“
    ”ڀلا گهر جو ڇا ٿيندو؟“ هڪ ڏينهن هن وري فون ڪري پڇيو، ”اسان جي وڃڻ تي هو اسان کي هفتو هوٽل ۾ رکندا، ان بعد هنن چيو آهي ته رهائش لاءِ پنهنجو گهر مسواڙ تي پاڻهي ڳولجو. گهٽ ۾ گهٽ گهر ته اسان کي ڳولي ڏين. مون پنهنجي مڙس کي چيو آهي ته هلڻ سان هلي هنن کي ان بابت چئجانءِ.“
    ”ڳالهه ٻڌو“، مون کيس جواب ڏنو، ”گهر ڳولڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي. ان لاءِ يا ٻين ننڍن وڏن مسئلن لاءِ پنهنجي اداري جي اعليٰ عملدارن کي هرگز تنگ نه ڪجو جو هنن توهان جي مڙس کي نوڪريءَ لاءِ گهرايو آهي ته جيئن هو هنن جا مسئلا حل ڪري. هي ائين آهي جيئن توهان گهر جي ڪم لاءِ ڳوٺان نوڪر گهرايو. هو اچڻ سان توهان جي گهر جو ڪم ڪرڻ بدران توهان کي اچي چوي ته منهنجي زال کي به گهرايو، منهنجي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، هڪ ڪمري بدران مونکي ٻن ڪمرن وارو ڪوارٽر ڏيو ته توهان بيزار ٿي چوندائوس ته جتان آيو آهين اوڏانهن هليو وڃ. ايتري پگهار ۾ ته اسانکي ڪو بنگالي يا ٿري اهڙو نوڪر ملي ويندو جيڪو ڊرائيوري يا رڌ پچاءَ کان به واقف هوندو.
    پڙهندڙن جو هتي هڪ ڳالهه ڏي ڌيان ڏيارڻ چاهيان ٿو ته ڌارين ملڪن ۾، ويندي يورپ ۽ آمريڪا ۾، سرڪاري ڪامورو توڙي ڌڪي جو مزور، ڊاڪٽر توڙي ڪمپائونڊر ۽ نرس، پوليس ڪمشنر توڙي ڪلارڪ ۽ پٽيوالو سڀ هڪ طرح يا ٻئي طرح نوڪر آهن- جيڪي سرڪار کان پگهار وٺن ٿا، جيڪا عوام کان مليل ٽئڪسن تي هلي ٿي. اها غلط روايت ۽ ڪلچر اسان جهڙن ملڪن ۾ آهي جتي ضلعي جو ڪمشنر، پوليس سپرنٽينڊنٽ يا تعلقي اسپتال جو ڊاڪٽر يا تعليم کاتي جو انسپيڪٽر اهم شيون سمجهيا وڃن ٿا ۽ غريب عوام جي زندگين سان راڱا ڪندا وتن ٿا ۽ اها سوچ اسانجي سرڪاري ڪامورن جي دماغ ۾ اهڙي ويٺل آهي جو هو جڏهن ولايت ۾ ڪنهن نوڪريءَ لاءِ اچن ٿا ته هو expect ڪن ٿا ته اسان جي ”آئو ڀڳت“ ائين ٿيندي رهي جيئن نئين DIG جي ميرپورخاص يا گهوٽڪي پهچڻ سان ٿئي ٿي. پوءِ اهوئي سبب آهي جو اسانجو هيرو ولايت ۾ اچي پريشان ٿيو وڃي جتي نه فقط مرد پر عورتون به هر ڪم پنهنجي هٿن سان ڪن ٿيون ۽ ايمانداريءَ سان نوڪري ڏين ٿيون.
    مٿين محترمه ٻيا به ڪيترا سوال ڪندي رهي جن مان گهڻن مان اهوئي احساس مليو ٿي ته هوءَ مڙس جي وڏي لاڏلي آهي ۽ هوءَ پرديس ۾ وڃڻ تي ذري گهٽ اهي شان ۽ سهولتون expect پئي ڪري جيڪي 1944ع ۾ انڊيا جي وائسراءِ لارڊ مائونٽ بئٽن جي زال لنڊن کان بمبئي اچڻ مهل سوچيون پئي.
    ملائيشيا وڃڻ کان شايد هڪ ڏينهن اڳ هن جو آخري سوال هو ته هوءَ پيٽ سان آهي ۽ مهيني کن بعد سندس ڊليوري تي سندس مڙس کي موڪل ٿيندي ته اسپتال ۾ هن سان گڏ رهي.
    مون هن کي ٻڌايو ته اهو اسانجي ملڪ ۾ آهي جتي اسپتالن ۾ شايد مريضن جو خيال نٿو رکيو وڃي جو مريض سان گڏ هن جي ڪنهن مائٽ کي به رهڻو پوي ٿو يا شايد اسانجي ملڪ ۾ اهو ڪلچر ٿي ويو آهي ته مريض کي سُک چَين سان آرام ڪرڻ ۽ recover ٿيڻ بدران هن وٽ سڄو ڏينهن مهمانن جا انبار ايندا رهن ٿا. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ مرد ته ڇا عورتون به اڪيلي سر اسپتالن ۾ وڃي وڏيون وڏيون آپريشنون ڪرايو اچن. هڪ ڊليوري ته عام ڳالهه آهي. سيزيرين آپريشن واريون ئي اڪيلي سر وڃن ۽ چئن پنجن ڏينهن بعد گهران اچيو نڪرن.“
    ”پر آئون ته ائين هرگز ٿيڻ نه ڏينديس. آئون ته اهوئي چاهينديس ته اهي ڏينهن منهنجو مڙس آفيس نه وڃي ۽ مون وٽ اسپتال ۾ مون وٽ رهي.“
    مون هن کي اهائي صلاح ڏني ته هوءَ ته پڙهيل ڳڙهيل آهي ۽ هن کي وڌيڪ بولڊ ٿيڻ کپي ۽ مڙس تي بار ٿيڻ بدران مڙس جو خيال رکڻ کپي جيئن هو جنهن ڪم لاءِ ملائيشيا سڏايو ويو آهي اهو سٺي طريقي سان سرانجام ڏئي سگهي. مون کيس ملائيشيا جو ويهه ٽيهه سال کن اڳ جو حال ٻڌايو ته ڪيئن اتي جون ملئي مسلمان ڇوڪريون جيڪي اڪثر ڳوٺن ۾ رهيون ٿي، ساديون سوديون ۽ بنهه ڄٽ هيون هاڻ هو ڪيڏو بولڊ ٿي ويون آهن. دنيا جو ڪهڙو ڪم آهي جيڪو هو نٿيون ڪري سگهن. تنهنجو مڙس ملائيشيا پهچي ملئي ڇوڪرين کي جڏهن بسيون ۽ جهاز هلائيندو ڏسندو، وڏن سرڪاري عهدن تي ڏسندو، فوج ۽ پوليس ۾ ڏسندو ۽ ساڳي وقت گهرن ۾ اچي رڌ پچاءُ ڪندو ۽ مڙس جي عبادت جي حد تائين خذمت ڪندو ڏسندو ته ضرور وائڙو ٿي ويندو ته جپاني ۽ ملئي ڇوڪريون واقعي مڙسن لاءِ راحت ۽ مدد آهن.
    ”سائين توهان ڇا به چئو، اهڙي نوڪري ڪهڙي ڪم جي. آئون هن لاءِ نوڪريءَ کان وڌيڪ اهم هجڻ کپان.“
    ”صحيح ٿي چوين،“ مون چيومانس، ”پر اها سندس نوڪري ئي آهي جيڪا توکي ولايت جا عيش ٿي ڪرائي ۽ سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتال بدران ڪوالالمپور جي اسپتال ۾ دنيا جي best ۽ خذمتگار ڊاڪٽرياڻين ۽ نرسن جي نگهباني ۾ ڊليوري ۽ علاج جو موقعو فراهم ٿي ڪرائي.“
    آخر ۾ مون کيس ملائيشيا جي ماحول جي دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ته ملائيشيا جا ڪيترائي ملئي مسلمان هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪن ٿا. منهنجي ته هڪ ملئي دوست جون چار زالون به آهن ۽ اتي ان کي نه عيب نه بار نه پريشانيءَ جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. ملائيشيا ۾ شروع کان نوڪريون جام آهن ۽ ماڻهو گهٽ. هر مرد توڙي عورت نوڪري ڪري، پئسي ڏوڪڙ جو ته ڪو بار سمجهي ئي ڪونه. گهر ۽ ڪار به هرهڪ کي ڊگهي مدي جي قرض تي بنا وياج جي ايڏو ته ننڍين قسطن تي ملي جو ان کان مسواڙ تي گهر وٺڻ مهانگو. ڇوڪرين جو تعداد گهڻو آهي ڇوڪريون ڪيڏانهن وڃن. ملائيشيا ۾ شاديءَ لاءِ نه پيغام پهچن نه عشق ڪيو وڃي ٿو. گهڻو ڪري ڇوڪرو ڇوڪري direct هڪ ٻئي سان ڳالهائين. ڊيو يو وانٽ ٽ مئري مي؟ ۽ راضي نامي تي مائٽن ۽ دوستن کي ٻڌائين ۽ ڀر واري مسجد جو قاضي وٺي اچن. 1982ع ڌاري جڏهن اسين پاڪستاني جهازن جا چار پنج چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لاءِ ويا هئاسين ته ڪجهه مهينن بعد ٽيهارو کن ڪلارڪ، سيڪريٽري، ٽائپسٽ ۽ ٽيليفون آپريٽر ڇوڪرين مان ڪجهه اسان کان به بنا ڪنهن شرم ۽ حيا جي پڇڻ لڳيون:
    How about marrying me?
    ۽ اسان جڏهن چوندا هئاسين ته ڇا توهان کي خبر ناهي ته اسين شادي شده آهيون ۽ ٻار به اٿئون ته يڪدم چونديون هيون:
    How about having a second wife?
    سو مهرباني ڪري پنهنجي مڙس کي ملائيشيا پهچي ايڏو تنگ نه ڪجانءِ جو ان قسم جي آفر
    How about having second wife?
    تي ماڳهين Yes نه ڪري وجهي.


    هي اسانجو سج، چنڊ ۽ ڌرتي

    اسان وٽ ڪاوڙ ۽ پهلوانيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ چوندا آهن ته اهڙي ٿڦڙ هڻندوسانءِ جو ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندءِ. جپان ۽ ڪوريا پاسي خراب يا خوفناڪ خبر ٻڌڻ سان هنن کي ڏينهن جا تارا نظر اچي وڃن ٿا- جيئن ته امتحان ۾ فيل ٿيڻ تي يا سَٽي ۾ بازي هارائڻ تي. اسان وٽ به اميد کان وڌيڪ Shocking خبر ٻڌڻ تي تارا نه ته روشنيءَ جا چمڪاٽ ضرور نظر اچن ٿا، جيئن اڙدو ادب جو محاورو آهي. چي مانيءَ بعد هوٽل جو بئرو ج ڏهن بل کڻي آيو ته ان تي نگاهه پوڻ سان همراهه جا چوڏهن طبق روشن ٿي ويا.
    هونءَ ٻار کي به خبر آهي ته ڏينهن جو تارا نه نڪرندا آهن پر هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ کي اها ڄاڻ هجڻ ضروري آهي ته ڏينهن جو به تارا آسمان تي موجود آهن پر نظر نٿا اچن. ڏينهن جو فقط هڪ تارو نظر اچي ٿو جنهن کي پاڻ ”سج“ سڏيون ٿا. ڪيترن کي شايد اها ڄاڻ نه هجي ته سج ”تارو“ آهي. هر اها آسماني شيءِ جيڪا پاڻ ٻرندي رهي ٿي، اهو تارو آهي ۽ اسان جي ڌرتي، چنڊ، مريخ، سرطان وغيره جن کي پنهنجي روشني ناهي پر سج يا ڪنهن ٻئي تاري جي روشني پوڻ تي چمڪن ٿا ته اهي سياره (Planets) آهن. ڪائنات ۾ ڪيترن ئي تارن جي چوڌاري ڪيترائي سيارا گردش ڪن ٿا، جيئن اسان واري تاري يعني سج جي چوڌاري پڻ ڪجهه سيارا گردش ڪندا رهن ٿا. جيئن ته: عطارد (Mercury)، زهره (Venus)، اسان جي ڌرتي، مريخ (Mars)، مشتري (Jupiter)، زحل (Saturn) وغيره. وري ڪجهه اهڙا سيارا آهن جن جي چوڌاري ٻيا ننڍا سيارا گردش ڪن ٿا جيڪي رات جي وقت چنڊ جو ڪم ڏين ٿا. اسان جي ڌرتيءَ جي چوڌاري به هڪ چنڊ گردش ڪندو رهي ٿو جيڪو نه فقط اسان لاءِ رات جو ڏيئي جو ڪم ڏئي ٿو پر ڪئلينڊر جو پڻ. اهي سڀ پنهنجي پنهنجي رفتار سان ۽ پنهنجي پنهنجي دائري ۾ سيارن يا سج يا ٻين ستارن جي چوڌاري گردش ڪندا رهن ٿا ۽ انهن جي مفاصلن ۽ رفتارن مان ڪائنات جي وسعت جو اندازو لڳائجي ٿو ته انسان جو محدود عقل ۽ سوچ ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏئي! ڌرتيءَ جو قطر (Diameter) 13000 کن ڪلوميٽر آهي يعني پيرن هيٺان جيڪڏهن سوراخ ڊرل ڪرڻ شروع ڪيون ته اٽڪل 13000 کن ڪلوميٽرن بعد ٻئي پاسي ميڪسيڪو يا ڪيوبا پاسي کان وڃي نڪرنداسين. اسان جي ڌرتي سج کان 15 ڪروڙ ڪلوميٽر پري آهي ۽ اها پنهنجي محور جي چوڌاري 24 ڪلاڪن ۾ ۽ سج جي چوڌاري 365 ڏينهن ۾ ڦيرو مڪمل ڪريٿي. اهڙي طرح ٻيا سيارا جيڪي سج کي ويجهو آهن اهي گهٽ وقت ۾ ۽ جيڪي سج کان پري آهن اهي وڏي عرصي ۾ سج جي چوڌاري چڪر پورو ڪن ٿا. عطارد ۽ زهره سيارا اسانجي ڌرتيءَ کان ننڍا ۽ سج کي ويجهو آهن. مشتري (Jupiter) جو ڊاياميٽر اسان جي ڌرتيءَ کان ڏهوڻ وڏو آهي. ان سياري جي ڌرتي جي مقابلي ۾ وڏاڻ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته هڪ ريل گاڏي 100 ڪلوميٽرن جي رفتار سان ڌرتيءَ جي چوڌاري لڳاتار هلندي رهي ته هن کي ڦيرو مڪمل ڪرڻ ۾ 13 ڏينهن لڳندا ۽ ساڳي ريل گاڏي مشتري سياري جي چوڌاري هلي ته هن کي سڄي سَياري جو ڦيرو ڪري ان Starting point تي پهچڻ ۾ 122 ڏينهن (اٽڪل) چار مهينا لڳندا. هڪ جهازي اهو ٻڌي چيو، ”چڱو جو ڌرتي ننڍي آهي. مشتري جيڏي هجي ها ته هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پاڻيءَ وارو جهاز (جنهن جي رفتار وڌ ۾ وڌ 25 ڪلوميٽر ٿي ٿئي) هلائيندي اڌ عمر ڳري وڃي ها. بهرحال هتي انهن سيارن جي سائيز لکڻ مان اهو احساس ڏيارڻ آهي ته هي جيڪي کڙکٻيتن جيان تارا چمڪندا رهن ٿا ۽ لڳي ٿو ته ٻئي سان مليا پيا آهن، اهي ڪيڏا آفت جيڏا آهن ۽ ڪيڏي وڏي ڪائنات آهي، جنهن ۾ ويجها سيارا به هڪ ٻئي کان ڪروڙها ميلن جي فاصلي تي آهن ۽ ڪيترن جو مفاصلو ماپڻ لاءِ اسان وٽ انگ ئي نه آهن ۽ انهن جا فاصلا ماپڻ لاءِ ميل نه پر ”نوري سال“ (Light years) جو ماپو استعمال ٿو ڪجي.
    بهرحال مشتري ۽ سج جي وچ ۾ ايڏو مفاصلو نه آهي. ٻيا سيارا جيڪي هن اسان واري سج جي چوڌاري گردش ڪن ٿا اهي اڃا به ڏورانهان آهن، جيئن ته زحل هڪ ارب 43 ڪروڙ ڪلوميٽر سج کان پري آهي. اهڙيءَ طرح نيپچون (Neptune) جنهن کي ٻه چنڊ آهن سج کان ساڍا چار ارب ڪلوميٽر پري آهي ۽ پلوٽو (Pluto) سَيارو اسان واري هن شمسي نظام (Solar system) ۾ سڀ کان ڏور ڇهه ارب ڪلوميٽر پري آهي، جيڪو سوچيو ته ڪيڏو وڏو فاصلو آهي پر ان فاصلي کي ٻين تارن جي فاصلن سان ڀيٽيندائو ته ائين لڳندو ڄڻ اهو فاصلو ٻه وکون مس آهي.
    مٿي ٻڌايل سَيارا اسان واري تاري (جنهن کي پاڻ سج سڏيون ٿا) جي ڪٽنب جا آهن، جيڪي سج جي چوڌاري ايامن کان گردش ڪندا اچن ۽ اهو ڪم ڇا ته Perfection ۾ ۽ Smoothly ٿي رهيو آهي. عام ماڻهوءَ کي شايد اها خبر نه هجي ته نه فقط ڌرتي هڪ ئي وقت پنهنجي چوڌاري ۽ سج جي چوڌاري ڦري رهي آهي پر سج به پنهنجي چوڌاري ۽ جنهن ڪهڪشان (Galaxy) جو ميمبر آهي، ان جي چوڌاري ڦري رهيو آهي يعني سج پنهنجي سڄي ڪٽنب سان گڏ پنهنجي ڪهڪشان، يعني تارن جي جهڳٽي جي مرڪز کي ڦيرو ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ڪي هزار ٻه يا لک ڏيڍ تارا نه آهن پر هڪ سؤ بلين کان به مٿي تارا آهن. اها ڪهڪشان (Galaxy)، (جنهن جو هڪ ستارو اسانجو سج به آهي) اسان کي آسمان ۾ ائين نظر ٿي اچي ڄڻ ڪو پائوڊر ڇَٽيو پيو آهي يا رستي تي کير هاريو پيو آهي جنهن جي اَڇ اسان کي ڌرتيءَ تان نظر اچي ٿي، Milky way Galaxy سڏجي ٿي. اسان وٽ سنڌ ۾ ان کي نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ جو ليڪو سڏجي ٿو. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته آسمان ۾ فقط اها هڪ گئلئڪسي (ڪهڪشان) نه آهي پر پري پري تائين ٻيون به آهن جن مان بيضوي، اسپرنگ واري ۽ Peculiar گئلئڪسيون عام آهن ۽ هرهڪ ۾ ڪروڙين ۽ اربها تارا آهن.
    سج، چنڊ، ڌرتي ۽ ٻين سيارن ۽ تارن جي چرپر جو احوال ٿو معلوم ڪجي ته اهو به گهٽ حيرت وارو ناهي. چنڊ هڪ ننڍڙو سيارو آهي يعني هن کي پنهنجي روشني ناهي. مٿس سج جي روشني پوڻ تي اسان ڌرتيءَ وارن لاءِ رات جي وقت ڏيئي جو ڪم ڏئي ٿو. سندس ڊايا ميٽر 2160 ميل (3476 ڪلوميٽر) آهي. ڌرتيءَ جي چوڌاري 10 ميل ڪلاڪ جي حساب سان ساڍن 27 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو ڪري ٿو. چنڊ پنهنجي محور تي گول نٿو ڦري. اسان ڌرتيءَ تي رهڻ وارن کي هن جو فقط هڪڙو پاسو نظر اچي ٿو. راڪيٽ (خلائي گاڏيءَ) ذريعي هن جي ٻئي پاسي جا فوٽو ڏسي سگهجن ٿا.
    بهرحال چنڊ جي گردش جي رفتار گڏهه گاڏيءَ برابر مس آهي پر اسان جي ڌرتيءَ جو گولو گهمڻ ۽ سج جي چوڌاري ڦرڻ جي ڇا ته رفتار آهي! اها 1000 کن ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان پنهنجي محور جي چوڌاري ڦري ٿي- يعني جمبو جيٽ جي ٻيڻ جيتري اسپيڊ تي، ۽ 67000 ميل في ڪلاڪ جي حساب سان سج جي چوڌاري گهمي ٿي يعني هڪ سيڪنڊ ۾ 18 ميل طئي ڪري ٿي ۽ هڪ سيڪنڊ ڇا آهي؟ توهان رڳو وات سان هڪ، ٻه، ٽي چئي انگ ڳڻو ٿا ته اهي سيڪنڊ پيا گذرن ۽ ڌرتيءَ جي گردش جي رفتار جو ان مان اندازو لڳايو ته اسان جي ڇهن تائين ڳڻڻ سان اها گاڏي ڪراچيءَ کان حيدرآباد پهچي ٿي ۽ اسان آهيون جو ان کليل ڇت واريءَ گاڏيءَ ۾ پيا آرام سان هلون چَلون! هڪ سيڪنڊ ۾ 18 ميل رفتار ڪو چرچو ته نه آهي. پر ان رفتار کي اسان سج جي رفتار سان ٿا ڀيٽيون ته اسان جي ڌرتي جهڙي ڍڳي گاڏي، ڇو جو سج 140 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان اسان واري ڪهڪشان (Milky way Galaxy) جي مرڪز جي چوڌاري چڪر هڻي ٿو. سج ان مرڪز کان 26000 نوري سالن جي مفاصلي تي ڦري ٿو ۽ جيئن اسان جي ڌرتي 365 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو ڪري ٿي تيئن سج کي ڦيرو ڪرڻ ۾ اڍائي سؤ ملين سال لڳن ٿا. ساڳي وقت سج پنهنجي محور تي به گول ڦرندو رهي ٿو. ڌرتي پنهنجي چوڌاري اهو ڦيرو 24 ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿي پر سج جنهن جو قطر (Diameter) ڌرتيءَ کان سؤ ڀيرا وڏو آهي ۽ تور ۾ ڌرتيءَ کان 330،000 ڀيرا ڳرو آهي، ان جو وچيون (Equatorial) حصو 25 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو ڪري ٿو ۽ مٿيون ۽ هيٺيون حصو 36 ڏينهن ۾! ڪيترا اهو ئي سوچيندا ته اهو ڀلا ڪيئن؟ سج جي گول بال جو ڪجهه حصو 25 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو ڪريو وٺي ته ڪجهه حصو 11 ڏينهن وڌيڪ لڳايو ڇڏي! اهو ان ڪري جو ڌرتي يا چنڊ وانگر سج هڪ Solid کينهون (بال) ناهي پر گئس جو ڦورو آهي. سج هائڊروجن ۽ هيليم گئس جو وڏو بال آهي جيڪي گئسون لڳاتار ٻرنديون رهن ٿيون.
    مٿي نوري سال (Light year) جي ڳالهه ٿي آهي. جڏهن سان ٽارچ يا بلب ٻاريون ٿا ته ان جي روشني جنهن رفتار سان اڳيان وڌي ٿي ته اها آهي 3 لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ. يعني ڪو ٽارچ ٻاري ۽ ٻيو همراهه ٽي لک ڪلوميٽر پري بيٺل هجي ته هن کي ٽارچ ٻرڻ کان پوءِ پوري هڪ سيڪنڊ بعد ان جي روشني نظر ايندي. چنڊ جي روشني اسان تائين سوا سيڪنڊ ۾ پهچي ٿي، ڇو جو چنڊ اسان کان 376300 ڪلوميٽر پري آهي اهڙي طرح سج جي روشني 500 سيڪنڊن ۾ پهچي ٿي ڇو جو سج ڌرتيءَ کان 150 ملين ڪلوميٽر پري آهي. هاڻ توهان پاڻ سوچيو ته 500 سيڪنڊ (يعني ساڍن اٺن منٽن) بعد پهچڻ وارو روشني وارو سج اسان کان ڪيترو پري آهي، اتي هڪ مهينو يا هڪ سال بعد پهچڻ واري روشني جو تارو ڪيترو پري هوندو. هڪ نوري سال معنيٰ هڪ سال جا سيڪنڊ ڪڍي ان کي روشنيءَ جي رفتار ”300،000 ڪلوميٽر في سيڪنڊ“ سان ضرب ڪرڻ سان 9460730472580 ڪلوميٽر ٿيو.
    آسمان ۾ ملين ۽ بلين تارا آهن. اسان جي ڌرتي، سج (تاري) فئملي مان آهي ۽ سج اسان کان ڄڻ ته سڏ پنڌ تي آهي. ڇو جو سج بعد جيڪو ويجهي ۾ ويجهو تارو آهي اهو به سوا چئن نوري سالن جي فاصلي تي آهي. يعني مٿين انگن کي سوا چئن سان ضرب ڏبي ته ان تاري جو ڪلوميٽرن ۾ مفاصلو نڪرندو.
    پاڻ ٻي مضمون ۾ ڪجهه دلچسپ تارن جو ذڪر ڪنداسين جن سان اسان جهازين جو سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ هر وقت واسطو پوندو رهي ٿو.
    مختلف ملڪن ۽ ڌرمن ۾ سج جي پوڄا پاٺ ڪئي وڃي ٿي ۽ سج ديوتا جا مختلف نالا آهن. قديمي مصرين جي سج ديوتا جو نالو ’ري‘ هو، جنهن جو منهن باز جهڙو هو ۽ هن کي خلقڻهار سمجهيو ويو ٿي جنهن مصر جي نيل نديءَ لاءِ چار مندون پيدا ڪيون ٿي جيئن پوک جو ڪم ان مطابق ٿي سگهي.
    چيني ماڻهن جو ان ڳالهه ۾ اعتقاد هو ته هڪ بدران ڏهه سج آهن جيڪي واري واري تي اُڀرن ٿا.
    جپان ۾ اماتيراسو سج جي ديوي سمجهي وئي ٿي ۽ موجوده بادشاهه جو وڏو سج جو اولاد سمجهيو وڃي ٿو.
    هندو مِٿ ۾ سج ديوتا جو نالو سريا آهي.
    اسلام ۾ سج جي ڪا مذهبي حيثيت ناهي. اهي چنڊ تارا ۽ ٻيون شيون قدرت جون نشانيون آهن جن جي پسڻ سان ان جي خلقڻهار جي عبادت ڪجي. اسلام کان اڳ ڪيترن ئي عرب قبيلن ۾ سج جي پوڄا عام هئي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ مسلمانن جي شريعت سج جي اُڀرڻ يا لهڻ وقت نماز پڙهڻ تي به پابندي وڌي آهي. جيئن ڪنهن کي اها غلط فهمي نه رهي ته هڪ مسلمان سج کي سجدو ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح اسلام کان اڳ وارن عربن سج گرهڻ کي اهم واقعا رونما ٿيڻ جو سبب سمجهيو ٿي. 632 ۾ جڏهن حضور ﷺجن جو پٽ سج گرهڻ وقت گذاري ويو ته پاڻ فرمايائون ته ”سج ۽ چنڊ قدرت طرفان پيدا ٿيل نشانيون آهن جن جو ڪو به واسطو موتي فوتي سان نه آهي.“


    عرب ”علمِ فلڪيات“ جا ماهر هئا

    سج، چنڊ، تارن ۽ سَيارن (Planets) جو ذڪر ان ڪري کڻي ويٺو آهيان جو آئون هڪ مئرينر آهيان يعني منهنجو واسطو پاڻيءَ وارا جهاز هلائڻ سان آهي. عربستان ۽ صحارا جهڙي رڻ پٽ ۾ هلندڙ مسافر ۽ سمنڊ تي سفر ڪندڙ جهازيءَ جي چوڌاري نه ميلن جا پٿر (Mile Stone) لڳل هوندا آهن ۽ نه ڪي عمارتون ۽ ٽاور، جن کي ڏسي هو پنهنجي راهه جو تعين ڪري ۽ منزل ڏي وڌي سگهي. سمنڊ تي اونداهين ڪارين راتين ۾، طوفانن ۽ ڇتين ڇولين ۾ جڏهن اسانجو جهاز ڇوڏي وانگر ٿاٻڙبو، ڌڪا ۽ ٿيلها کائيندو drift (بي راهه) ٿي ويندو آهي ته صحيح رستي تي اچڻ لاءِ ۽ پنهنجي پوزيشن معلوم ڪرڻ لاءِ ته سمنڊ جي ڪهڙي حصي تي آهيون، آسماني تارن کان ئي مدد وٺندا آهيون يعني انهن جي جوڙجڪ کي ئي ڏسي ڀٽڪيل راهه تان منزل ڏي وڌندا آهيون. هاڻ وڃي سيٽلائيٽ نيويگيٽر ايجاد ٿيو آهي، پر تنهن هوندي به سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ اڄ به هر جهازي Sextant (دوربين) ذريعي الطائر، Rigel (رجل الجبار)، Deneb (ذنب الدجاجة)، Achernar اڇرنار تاري (جنهن جو اصل نالو عربي جو لفظ آخر النهر آهي) جهڙن گهڻو روشن ۽ آسمان ۾ اهم هنڌن تي هجڻ وارن تارن کي نظر ۾ رکي، جهاز کي صحيح دڳ تي آڻي ٿو. مٿي ٻڌايل ۽ ٻيا ڪيترائي تارا ۽ انهن موجب رستا ڳولڻ ۾ عربن جو وڏو Contribution آهي. ان ڪري انهن جا عربي نالا آهن، جن مان ڪجهه نالا وقت سان گڏ ٿورو گهڻو بدلبا رهيا آهن جيئن ته Celbalrai تارو (ڪلب الراعي معنيٰ ريڍار جو ڪتو)، Heka تارو (الهقعة معنيٰ اڇو نشان)، Jabbah تارو (جيهة معنيٰ نرڙ- وڇونءَ جو نرڙ)، Kitalpha تارو (اصل عربي لفظ قطعة الفرس معنيٰ گهوڙي جو حصو)، Okda تارو (عقدة معنيٰ ڳنڍ)، Rasalased تارو (عربي لفظ راس الاسد معنيٰ شينهن جو مٿو)، Salafat (سلحفاة معنيٰ ڪڇون)، آسمان جو اهم ۽ روشن تارو Vega (عربي نالو النسر الواقع معنيٰ جُهڪيل عقاب)، Unukallsi (عنق الحية معنيٰ نانگ جي ڳچي)، وغيره وغيره.
    عرب علمِ فلڪيات (Astronomy) جا ماهر ٿي گذريا آهن. عربستان جو وڏو حصو واري ۽ ريتي آهي جتي هر وقت هوا جي جهوٽي سان پيچرا به ڊهيو وڃن ۽ اهڙن بيابانن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ هنن کي تارن جي بيهڪ مان ئي مدد وٺڻي پوي ٿي ته ڪهڙو اوڀر آهي ته ڪهڙو اتر يا ڏکڻ. عربستان ۾ سال جو وڏو حصو آسمان صاف هجڻ ڪري تارا چٽيءَ طرح نظر اچن ٿا. ان ڪري عرب تارن جي معلومات ۽ چرپر کان تمام گهڻو واقف پئي رهيا آهن. ڪيترن ئي عربن ڏوراهن تارن جي ڳولا ڪئي ۽ انهن جي جانچ لاءِ مختلف قسم جون دوربينيون ايجاد ڪيون. انهن جي چرپر جو حساب معلوم ڪرڻ لاءِ انگي حسابن (Maths) ۽ ٽرگنامينٽري جون جدولون ايجاد ڪيون. تعليم دوران ائسٽرانامي جي پيرڊ ۾ انگريز پروفيسر جڏهن عرب مسلمان Astronomers (ماهر فلڪيات) جي ڪارنامن جي ڳالهه ڪندا هئا ته حيرت ۽ خوشي ٿيندي هئي. هنن جا تجربا، هنن جا لکيل ڪتاب ۽ مشاهدا اڄ به دنيا جا جهازي، جاگرافر ۽ ماهر فلڪيات استعمال ڪن ٿا. مونکي ته هر ٻئي اهم تاري جو نالو عربي نظر اچي ٿو. ڪيترا تارا، ڪيترا ائسٽراناميءَ ۽ ٽرگنامينٽريءَ جا فارمولا، چنڊ تي ٺهيل گهٻ (Crater) عرب ماهر فلڪيات جي نالن سان منسوب ٿيل آهن. چنڊ تي ٺهيل هڪ ٻن اهڙن گِهٻن (Craters) جا نالا هن وقت ياد اچي رهيا آهن جيئن ته المراڪشي ڪريٽر جيڪو ابن ال بانا المراڪشي ال آزدي نالي عرب نالي آهي پاڻ 1256ع ۾ مراڪش ۾ ڄائو.
    اهڙيءَ طرح Alpetragius Crater آهي جيڪو نور دين البيتروگي نالي آهي جيڪو مغرب ۾ الپيٽريجس جي نالي سان سڏجي ٿو جيئن ابوسينا مغرب ۾ اوئسينا سڏجي ٿو. بهرحال البتروگي (Alpetragius) نالي هي عرب موراڪو ۾ ڄائو ۽ اندلس جي شهر سيوائيل ۾ زندگي گذاريائين. اهڙيءَ طرح چنڊ جي هڪ گِهٻ (Dent) جو نالو Arzachel Crater پڻ آهي جيڪو ابو اسحاق ابراهيم ابن يحيٰ النقاش الزرقلي عرب نالي آهي پاڻ 1028ع ۾ ڄائو ۽ 1087ع ۾ وفات ڪيائين ۽ زندگيءَ جو وڏو حصو اسپين ۾ رهيو. مغرب جي دنيا ۾ پاڻ Arzachel جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    چنڊ جو هڪ گهٻ مرزا الغ بيگ نالي به آهي جنهن جو تفصيلي احوال ”ايران ڏي اُڏام“ واري ايران جي سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. الغ بيگ هند، افغانستان، ايران جي مشهور حاڪم تيمور لنگ جو پوٽو ۽ شاهه رخ جو پوٽو هو. الغ بيگ ان مشهور ماءُ گوهر شاد جو پٽ آهي جنهن مشهد ۾ امام رضا جي مقبري ڀرسان مسجد ٺهرائي جيڪا اڄ به سندس نالي سان آباد آهي.
    مرزا الغ بيگ بادشاهت جي ڪم ۾ سٺو نه رهيو. پنهنجي حڪومت جون حدون وڌائڻ بدران ماڳهين وڃائين، باقي هو مئٿس (خاص ڪري ٽرگنامينٽري) ۾ ۽ Astronomy ۾ وڏو قابل هو. انهن سبجيڪٽن ۾ ايم اي يا Ph.D ڪرڻ وارا مرزا الغ بيگ کان ضرور واقف هوندا. بهرحال اسان رڳو عرب Astronomers جي ڳالهه ڪنداسين ته اهي به ڪيترائي نظر ايندا. انهن مان هڪ اسپين جو عرب مسلمان ابو محمد جابر بن افلح به هو جيڪو سن 1100ع ۾ ڄائو ۽ 1150ع ۾ اسپين ۾ ئي وفات ڪيائين. پاڻ اعليٰ قسم جو حساب دان ۽ ماهر فلڪيات هو جنهن مان يورپي به تمام گهڻو متاثر آهن. پاڻ يورپي (لاطيني) نالي Geber سان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس عربيءَ ۾ لکيل ڪتاب انگريزيءَ کان علاوه ٻين زبانن ۾ به ترجمو ٿيل آهن.
    اهڙيءَ طرح اٺين صدي جو ماهر فلڪيات ابو اسحاق الفرازي آهي جيڪو عباسي گهراڻي جي خليفي هارون رشيد جي ڪورٽ جو حسابدان ۽ Astronomer هو. هن جو پٽ محمد الفرازي به وڏو قابل ائسٽرانامر هو. خليفي هارون رشيد جي حڪم تي هنن پيءُ پٽن هندستان جو مشهور ڪتاب ”سنڌ هند“ ترجمو ڪيو، جيڪو علم فلڪيات بابت آهي. ان جو عربيءَ ۾ نالو ”اذج الاسني العرب“ رکيو ويو.
    نائين صديءَ جو هڪ عرب علي ابن عيسيٰ جيڪو يورپ ۾ Jesu Occulist نالي سان مشهور ماهر فلڪيات ٿي گذريو آهي، ان ڌرتيءَ جي ٻاهرين گهيري Circumference جي صحيح ماپ ٻڌائي. هن جي هڪ ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو “Notebook of the Oculists” بيحد مشهور آهي.
    اهڙي طرح اسپين جي هڪ عرب محي الدين المغربي جا ٽرگنامينٽري تي لکيل ڪتاب بيحد مشهور آهن. ياد رهي ته ٽرگنامينٽري جي قاعدن ۽ جدولن ذريعي اسان مختلف تارن جو هڪ ٻئي کان فاصلو ڪڍي سگهون ٿا ۽ ساڳي طرح سمنڊ تي هلندڙ جهاز جو 24 ڪلاڪن ۾ طئي ڪيل فاصلو ڪڍي سگهون ٿا. جهاز، رستي تي هلندڙ ڪار يا لاريءَ وانگر ناهي ته هو جيترو هلندو اوترو فاصلو طئي ڪندو. سامهون يا پٺيان جي هوا ۽ ڇوليون پاڻيءَ جي هلندڙ جهاز جي هليل فاصلي ۾ واڌارو يا کوٽ پيدا ڪري سگهن ٿيون جنهن جو حساب ٽرگنامينٽري ذريعي ڪنهن هڪ يا ٻن تارن جو Angle ڪڍي، فاصلي جي Calculation ڪري سگهجي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته سامهون کان لڳندڙ طوفانن يا سمنڊ هيٺ مزاحمت ڪندڙ ڇوليون (Under Currents) جهاز کي اڳتي وڌڻ بدران پٺيان ڌڪيو ڇڏين ۽ ظاهري طرح لڳندو ته 24 ڪلاڪن ۾ جهاز چار يا پنج سؤ کن ميل سفر طئي ڪيو آهي پر Sextant ذريعي جڏهن تاري يا سياري جو angle ڪڍي طئي ڪيل سفر جو فاصلو ماپبو ته خبر پوندي ته جهاز ته ڪو 50 ميل به مس هليو آهي. بلڪ ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي ته جهاز 24 ڪلاڪ هلڻ بعد هڪ ميل به اڳيان وڌڻ بدران بلڪ ڏهاڪو کن ميل پٺتي رهجي ويو آهي. توهان شايد اهو چئو ته پوءِ اهڙي خراب موسم يا سمنڊ جي بگڙجڻ مهل اهو سڄو ڏينهن جهاز نه هلائجي. پر جي جهاز نه هلائبو يا اهڙي موسم ۾ انجڻ جي خرابي ڪري جهاز بيهي ويندو ته پوءِ اهڙي صورت ۾ اهو ڏهاڪو کن ميل نه پر 500 کين ميل پٺيان ڌڪجي ويندو. ڇو ته سامهون جي طوفان يا لهرن ۾ وڏي طاقت ٿئي ٿي.
    علاؤ دين ابوالحسن الشاطر جيڪو 1304ع ۾ ڄائو ۽ دمشق شام جي اميه مسجد جو موقت (Time Keeper) به ٿي رهيو پڻ هڪ اعليٰ ماهر فلڪيات ٿي گذريو آهي، جنهن مريخ (Mercury) سَياري بابت وڏي ڄاڻ ڏني. هن اميه مسجد دمشق جي هڪ مناري تي اُس جي روشنيءَ ذريعي ڪلاڪ معلوم ڪرڻ لاءِ Sundial ٺاهيو.
    اهڙيءَ طرح 1423ع ۾ مصر ۾ پيدا ٿيندڙ ماهر فلڪيات سبت المردني ٿي گذريو آهي. هن جو مامو عبدالله المردني به اٺين صديءَ جو ماهر Astronomer هو.
    سبت المردني اهو مسلمان عرب ماهر فلڪيات آهي جنهن قاهره جي الاظهر جامع مسجد ۾ انگي حساب ۽ علم فلڪيات پڙهايو. پاڻ ان مسجد جو موقت پڻ هو. هن جا انگي حسابن، علم فلڪيات ۽ اسلامي قانون تي 200 کن ڪتاب لکيل آهن.
    هڪ ٻئي عرب ماهر فلڪيات تقي دين الشامي السعدي جا علم فلڪيات، علم نجوم، دوربينين ۽ فلسفي تي 90 کن ڪتاب لکيل آهن. پاڻ 1574ع ڌاري هڪ ٽيلي اسڪوپ پڻ ايجاد ڪيو ۽ هن استنبول ۾ علاؤ دين Observatory تي پڻ 1577ع ۾ ڪم ڪيو.
    تقي الدين الشامي السعدي 1521ع ۾ دمشق (شام) ۾ ڄائو ۽ قاهري (مصر) ۾ تعليم حاصل ڪيائين. پاڻ قاهري جو قاضي (جج) پڻ ٿي رهيو. 1571ع ۾ هو استنبول لڏي ويو جتي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي حاڪم سلطان سليم دوم جي ڪورٽ ۾ سرڪاري طرح عالم فلڪيات ٿي رهيو.


    آسمان جو سڀ کان گهڻو چلڪندڙ تارو

    آسمان تي چمڪندڙ اربها تارن مان هڪ سؤ کن اهم تارا جيڪي اسان کي روزمره جي نيويگيشن (سمنڊ تي رستو ڳولڻ) يا تعليم خاطر کڻجن ته انهن مان اڌ کان وڌيڪ اهي ملندا جن جا نالا عربي زبان جا آهن- يعني اهي عربن دنيا سان متعارف ڪرايا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي عربي نالا انگريزن کان يونانين طرف، يا يونانين، رومين ۽ جرمنن وٽان ٿيندا انگريزن وٽ، جڏهن پهتا ته اهي ڪجهه مختلف ٿي پيا ۽ هاڻ اسان ايشين توڙي عرب به محسوس نٿا ڪن ته اهي عربي لفظن جو بگاڙ آهن. اهڙن ئي تارن ۾ هڪ تارو “Achernar” آهي جيڪو آسمان ۾ اٺين نمبر تي چمڪندڙ تارو آهي. هن تاري جي مون ڄاڻي واڻي انگريزي Spelling لکي آهي جيڪا اسان جي ائسٽرانامي جي ڪتابن ۾ لکيل آهي. هاڻ ظاهر آهي ان قسم جو نالو ڏسي پهرين نظر ۾ اهوئي محسوس ٿئي ٿو ته ڪو انگريزي نالو آهي جنهن کي اسين آچرنار ۽ جرمن آخرنار اچاريون ٿا، جيڪو لفظ دراصل عربي زبان جو آخرالنهر (نديءَ جي پڇڙي) آهي جنهن جي اصل ۾ اسپيلنگ ‘Akhir an-nahr’ هئي جيڪا پوءِ Achernar ٿي ويئي.
    هي تارو آخرالنهر اسانجي سج کان ستوڻو وڏو آهي. ذرا سوچيو ته ڪيڏو وڏو هوندو جيڪو آسمان ۾ تري رهيو آهي. پر اسان کان پري هجڻ ڪري سج کان ننڍو لڳي ٿو ۽ ذرا تصور ڪريو ته هي تارو اسان کان ڪيترو پري ٿي سگهي ٿو؟ سج اسان کان پري آهي ته به ان جي روشني اسان تائين 8 منٽن ۾ پهچيو وڃي. آخرالنهر تارو اسان کان 144 نوري سال پري آهي ۽ هاڻ ته توهان کي ڄاڻ ٿي چڪي آهي ته نوري سال جو فقط هڪ سيڪنڊ 300000 ڪلوميٽرن برابر آهي اتي 144 نوري سال ڇا مفاصلو هوندو! يعني توهان 144 سالن جا پهرين سيڪنڊ ڪڍو، ان بعد ان کي ٽن لکن سان ضرب ڏيندائو ته اهو ڪلوميٽرن ۾ فاصلو ٿيندو. ٻين لفظن ۾ هڪ عام ماڻهو اها ڳالهه هيئن سمجهي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو راڪيٽ هجي جيڪو هڪ سيڪنڊ ۾ ٽي لک ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري سگهي، ان ۾ چڙهي هن آخرالنهر تاري ڏي روانو ٿجي ته بنا ڪنهن اسٽاپ جي 144 سالن ۾ اتي پهچي سگهبو ۽ هڪ ٻي ڳالهه! جيتري باهه سج ۾ ٻري رهي آهي، جيترو روشن سج آهي ان کان 3000 دفعا وڌيڪ روشن هي تارو آهي! هي تارو اسان وٽ آسمان ۾ ڏکڻ طرف نظر اچي ٿو، مٿي يورپ پاسي هي تارو نظر نٿو اچي. ان پاسي سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ ٻين تارن جي مدد ورتي وڃي ٿي.
    هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته تقريباً سڀ تارا ۽ سيارا ڪنهن نه ڪنهن شيءِ جي چوڌري ته گردش ڪندا رهن ٿا، جيئن چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري، ڌرتي سج جي چوڌاري ۽ سج وري پنهنجن سڀني سيارن سان گڏ پنهنجي ڪهڪشان، جنهن جو هو هڪ تارو آهي، جي وچ (مرڪز) جي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو ۽ ساڳي وقت ڪيترائي تارا ۽ سيارا پنهنجي محور جي چوڌاري به ڦرندا رهن ٿا. ڪي چنڊ جهڙا ننڍا سيارا آهن جيڪي پنهنجي چوڌري نٿا ڦرن يعني rotate نٿا ڪن باقي ٻيا، مختلف رفتار سان ڪن ٿا جيئن اسان جي ڌرتي 1000 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان لاٽونءَ وانگر ڦري ٿي ۽ ان گول ڦرڻ ڪري هن جو وچ يعني Equitor (خط استوا) وارو حصو قطبن (Poles) کان ڪجهه وڌيڪ ٻاهر نڪري آيو آهي ۽ جيڪو سَيارو يا تارو جيڏي گهڻي رفتار سان پنهنجي چوڌاري گول ڦرندو اوترو هن جو وچ ٻاهر نڪرندو- يعني وڏو ٿيندو. ان حساب سان مٿيون تارو Achernar (آخرالنهر) جيڪو اسانجي سج کان ستوڻ اٺوڻ کن ڳرو آهي، 144 نوري سال اسان کان پري آهي ۽ سج کان 3000 دفعا وڌيڪ روشن آهي، اهو ايڏي ته وڏي رفتار سان پنهنجي چوڌاري ڦرندو رهي ٿو جو هن جو خط استوائي قطر (Equatorial Diameter) قطبي قطر (Polar Diameter) کان ٻيڻو ٿي پيو آهي ۽ جي انهن تارن جي رفتار، وزن، سائيز، ٻرندڙ باهه (جنهن سميت هو گول ۽ اڳيان ڊوڙندا رهن ٿا) جو رڳو سوچجي ٿو ته دماغ چڪرائجيو وڃي. اهوئي سبب آهي جو هڪ گورو يورپين، انگريز يا آمريڪن جنهن کي ڀَل اسان ڪافر سڏيون پر هن کي سائنس ۽ علم فلڪيات جهڙن سبجيڪٽس جي ڄاڻ آهي ته هو قرآن کي اسان کان وڌيڪ بهتر سمجهي سگهي ٿو ۽ هو جڏهن اسلام جي دائري ۾ اچي ٿو ته هو وڌيڪ پختي ايمان ۽ يقين سان هن ڪائنات جي خلقڻهار رب کي مڃي ٿو. ڪجهه دير اڳ الملڪ سورة پڙهي رهيو هوس ته مَا تَريٰ فِي خَلْقِ الرَّحْمٰنِ مِنْ تَفَاوُتٍ... (جنهن تهه مٿان تهه آسمان ٺاهيو، تنهن رحمان جي تخليق ۾ ڪنهن به قسم جي بي ربطي نه ڏسندين. وري وري نظر ڊوڙائي ڏس ته توکي ان ۾ ڪو به خلل نظر نه ايندو....“ ) ان قسم جون قرآن جون آيتون جيڪڏهن ڪو علم فلڪيات جو شاگرد پڙهي ٿو ته هو مسلمان نه هوندي به سچي دل سان رب جي موجودگي ۽ عظمت جو اعتراف ڪري ٿو.
    پاڻ عرب مسلمانن جي ڳالهه پئي ڪئي ته هو علم فلڪيات ۾ ماهر رهيا آهن، جنهن جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته عربستان (سعودي عرب، يمن، مصر) واري علائقي ۾ يورپ جهڙو نه جهڙ آهي نه ڌنڌ يا ڪوهيڙو. تقريباً سڄو سال آسمان صاف رهي ٿو. هاڻ اليڪٽرسٽي جي ايجاد ۽ پنکن ۽ ايئرڪنڊيشنرن ڪري ماڻهو اندر ڪمرن ۾ سمهن ٿا نه ته عرب به سنڌ جي ماڻهن وانگر اڱڻ ۾، يعني کلئي آسمان هيٺان ستا ٿي ۽ غور سان آسمان تي چنڊ ۽ تارا ۽ انهن جي چرپر کي ڏٺو ٿي. ان ڪري علم فلڪيات ۽ جهاز رانيءَ ۾ عربن جو وڏو حصو آهي. تارن تي رکيل، هنن جا عربي نالا اڄ به انگريز استعمال ڪن ٿا. مون وٽ گهٽ ۾ گهٽ سؤ کن اهڙن تارن جي لسٽ آهي جن جا نالا عربي آهن. مٿي بيان ڪيل Achernar (آخرالنهر) تاري وانگر هڪ ٻيو ان کان به وڌيڪ اهم ۽ روشن تارو Sirius آهي. سيرس تارو آخرالنهر تاري وانگر بنا دوربين جي ڏسي سگهجي ٿو ۽ تمام گهڻو روشن (چمڪندڙ) تارو آهي ۽ آخرالنهر جيڪو اسان کان 144 نوري سالن جي فاصلي تي آهي ان جي مقابلي ۾ هي تارو فقط ساڍا اٺ نوري سال پري آهي. ان مفاصلي وارن تارن کي اسان پاڙي جا تارا- يعني ويجها تارا پڻ سڏيون ٿا. جاهليت واري دور ۾ هن تاري جو عربن وٽ ديوتا جو درجو هو ۽ هنن هن تاري جي پوڄا پڻ ڪئي ٿي. هي تارو سج کان 25 دفعا وڌيڪ روشن آهي پر آسمان ۾ ڪئنوپس ۽ رجيل تارن کان ٿورو گهٽ چمڪي ٿو. ڪئنوپس ۽ رجيل تارن جو ذڪر ڪٿي اڳتي هلي ڪبو. هن تاري کي Dog Star به سڏين ٿا. پئسفڪ سمنڊ ۾ جهاز هلائڻ وقت رستو ڳولڻ ۾ هي تارو وڏي مدد ڪري ٿو. مصر ۽ يونان ۾ هي ڪافي جهوني زماني کان سڃاتو وڃي ٿو. مصرين جو ته اهو عقيدو هو ته نيل نديءَ ۾ اٿل ۽ ٻوڏون هي تارو سيرس آڻي ٿو. اهڙي طرح آڳاٽن يونانين جو ان ڳالهه تي يقين هو ته ملڪ ۾ گرمي ۽ خشڪ موسم هن تاري جي ظاهر ٿيڻ تي آهي. هنن جو اهو به عقيدو هو ته هن تاري جي نمودار ٿيڻ بعد ڪجهه هفتا ساوڪ سڙيو وڃي، ڪيترائي مرد ڪمزور ٿيو پون ۽ عورتن جون شهواني خواهشون وڌيو وڃن. بهرحال ڪنهن کي ڇا ٿو ٿئي ان سان اسان جهازين جو واسطو نه آهي. اسان لاءِ اهم ڳالهه اها هوندي آهي ته آسمان ڪڪرن، ڌنڌ، رَءُ ۽ ڌوڙ کان صاف هجي ۽ Serius جهڙا چٽا ۽ چمڪندڙ تارا موجود هجن، جيئن انهن کي ڏسي اسان کي رستي جي خبر پئي پوي نه ته بي صورت ۾ ڀٽڪيل مسافر خوف جي زندگي گذاري ٿو. پر هي تارو اهڙو آهي جنهن بابت ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون مشهور آهن. اپريل جي آخر ڌاري جڏهن هي تارو نظر اچڻ بند ٿئي ٿو ته ڪيتريون قومون مختلف طريقن سان خوشي ۽ عقيدت جو اظهار ڪن ٿيون. رومن هر سال 25 اپريل تي هن تاري مٿان ڪتي کي قربان ڪندا هئا. ڪتو ڪُهي، ان جو گوشت، اگربتيون ۽ شراب روبيگو ديويءَ اڳيان اچي رکندا هئا، جيئن ڪڻڪ جي فصل کي ڪو نقصان نه رسي. پئسفڪ سمنڊ دنيا جو وڏي ۾ وڏو سمنڊ آهي ۽ جتي پئسفڪ سمنڊ ۾ سوين ميلن تائين ڪا زمين يا ڪو ٻيٽ نظر نٿو اچي اتي ڪيترن ئي هنڌن تي ٻيٽن جا جهڳٽا آهن ۽ جتي جتي اهي ٻيٽن جا جهڳٽا آهن اتي ڪي ڏهه پندرهن ٻيٽ نه آهن پر ننڍا ننڍا سوين ٻيٽ آهن ۽ هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين آمدرفت جو ذريعو ٻيڙي يا جهاز آهي. سو پئسفڪ سمنڊ ۾ اهڙن ٻيٽن تي ايندڙ ويندڙ ٻيڙين جا ناکئا (ناخدا) اوندهه رات ۽ چوڌاري اٿاهه سمنڊ ۾ جن چٽن ۽ گهڻو روشن تارن ذريعي رستو ڳولين ٿا، Serius تارو به انهن مان هڪ آهي. ههڙن تارن ذريعي دنيا جي ويڪرائي ڦاڪن (Latitudes) جي به خبر پوي ٿي. جاگرافي ۽ علم فلڪيات جي شاگرد ۽ جهاز هلائيندڙ ناکئي (Navigator) لاءِ هتي اهو به لکندس ته هن تاري سيرس جي declination فجي ٻيٽ جي ويڪرائي ڦاڪ سان 17 ڊگريون ڏکڻ تي بلڪل مئچ ٿئي ٿي، ان ڪري هي تارو هر رات سنئون سڌو فجي ٻيٽ مٿان گذري ٿو.
    Serius تارو آسمان ۾ سڀ کان گهڻو چلڪندڙ تارو آهي. سندس ڪنوپس تاري کان به ٻيڻي جوت آهي. پر جي آئون توهان کي آسمان ڏي ان تاري ڏي اشارو ڪري چوندس ته آسمان ۾ اهو سڀ ۾ روشن تارو آهي ته توهان ٻين تارن ڏي اشارو ڪري چوندائو ته ان کان ته هي ٻيا تارا وڌيڪ روشن آهن. جي ها! توهان جو اهو اشارو زهره (Venus) ۽ مشتري (Jupiter) ڏي آهي، جيڪي تارا (Stars) نه پر سَيارا (Planets) آهن، جيڪي سيرس تاري کان ته ڇا پر اسان واري تاري (سج) کان به تمام گهڻو ننڍا آهن پر اسان کي تمام ويجهو آهن. هنن کي پنهنجي روشني ناهي يعني سج، سيرس، آخرالنهر، ڪئنوپس ۽ بيت الجوس تارن وانگر ٻرندڙ گئس (هيليم ۽ هئڊروجن) جا بال نه آهن. سج جي روشني جيئن چنڊ تي پوي ٿي ته اهو چمڪي ٿو ۽ آرسيءَ جو ڪم ڪري ٿو، تيئن زهره ۽ مشتري سَيارا آهن ويندي عطارد (Mercury) ۽ مريخ (Mars) به وڌيڪ چٽا نظر اچن ٿا پر اهي به تارا نه پر سَيارا آهن. مٿيان ٻه سيارا: زهره ۽ مشتري ايڏو ته روشن آهن جو چوڏهين چنڊ جي رات ۾ جڏهن چنڊ جي روشني ڪري ڪوبه تارو نظر نٿو اچي ته به هي ٻه تارا (يعني سيارا صاف نظر اچن ٿا.)


    چندرما جي ساک

    گذريل مضمون ۾ اسين آسمان ۾ چمڪندڙ هڪ تاري Sirius جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ان تاري ذريعي اسان جهڙا پاڻيءَ جو جهاز هلائيندڙ ناکئا، سمنڊ تي صحيح راهه اختيار ڪن ٿا- خاص ڪري پئسفڪ سمنڊ جي ڏکڻ واري حصي ۾ اهو تارو جهازين جو دلپسند تارو آهي، جيڪو اسان کان اٽڪل ساڍا اٺ نوري سال پري آهي. هي تارو اسان واري تاري (سج) کان وزن ۾ ٻيڻو آهي.
    هن تاري Sirius جو اصل نالو لاطيني زبان ۾ آهي پر سڄي دنيا ۾ مشهور هجڻ ۽ آڳاٽي زماني کان استعمال ۾ اچڻ ڪري، هن جا دنيا جي مختلف زبانن ۾ پنجاهه کن نالا آهن. عربي زبان ۾ هن تاري جو نالو الشعريٰ (معنيٰ اڳواڻ) آهي. سنسڪرت زبان ۾ هن تاري جو نالو مزگا وياڌا ۽ لبڌاڪا آهي- ٻنهي لفظن جي ساڳي معنيٰ شڪاري (هرڻ جو شڪاري) آهي. سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ پاسي هن تاري کي Lokabrenna سڏين ٿا ۽ جپاني هن تاري کي Aboshi (بلو تارو) سڏين ٿا. هي تارو الشعريٰ (Sirius) اسلام کان اڳ علم نجوم، جادو ۽ ٽوڻي ڦيڻي لاءِ به ڪم جو سمجهيو ويو ٿي. مصر جا پراڻا رهاڪو هن تاري جي پوڄا ڪندا هئا ڇو جو هن جي اڀرڻ وارن ڏينهن ۾ نيل نديءَ جو فيضان شروع ٿيو ٿي ان ڪري هنن سمجهيو ٿي ته اهو هن تاري (الشعريٰ) جي اُڀرڻ جو فيضان آهي. جاهليت واري دور ۾ عربن جو به اهو عقيدو هو ته هي تارو ماڻهن جي قسمتن تي اثر انداز ٿئي ٿو. ان بنياد تي هي تارو عربن جي معبودن ۾ شامل هو ۽ خاص طور تي قريش جي پاڙيسري قبيلي خُزاءَ وٽ هي پوڄا کان مشهور هو. قرآن مجيد ۾ النجم سورت جي 49 آيت آهي ته:
    وَاَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعْريٰ (49)
    (اهوئي شعريٰ جو رب آهي) الله تعاليٰ جي ارشاد جو مطلب هي آهي ته توهانجيون قسمتون شعريٰ (هڪ تارو) نٿو ٺاهي بلڪ ان جو رب ٿو ٺاهي. جيئن مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته هن تاري جا مختلف زبانن ۽ ملڪن ۾ مختلف نالا آهن- ويندي عرب ملڪن ۾ به الشعريٰ کان علاوه ٻيا به ڪجهه عربي نالا آهن، جيئن ته مرزم الجوزا، الڪلب الاڪبر، الڪلب الجبار، الشعري العبور، وغيره
    هي تارو Sirius ڪيترن ئي سائنس فڪشن جي ڳالهين ۾ استعمال ٿيندو رهي ٿو. انگلينڊ جي نيويءَ جي ستن جهازن جو نالو HMS Sirius رهيو آهي. آمريڪا جي به هڪ جنگي جهاز جو نالو هن تاري تان آهي. لاڪ هيڊ وارن جي هڪ هوائي جهاز جو نالو پڻ ”لاڪ هيڊ سيرس“ آهي. جپان جي متسوبشي موٽرز ڪمپني وارن پڻ 1980ع ۾ پنهنجي هڪ انجڻ جو نالو ”متسوبشتي سيرس“ رکيو. نارٿ آمريڪا جي هڪ ريڊيو ڪمپنيءَ جو نالو پڻ هن تاري تان ”سيرس سيٽلائيٽ ريڊيو“ رکيو ويو آهي. هئري پاٽر جي ڪتابن/ فلمن ۾ هئري پاٽر جي ڏاڏي جو نالو سيرس آهي.
    بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ تان، جيڪو سڀ کان گهڻو روشن تارو نظر اچي ٿو اهو هي الشعريٰ يعني Sirius آهي. صبح جي وقت هڪ بيحد روشن تارو نظر اچي ٿو جيڪو ايترو ته روشن آهي جو فجر نماز کان پوءِ جڏهن ٻيو ڪو تارو نظر نه ايندو آهي ۽ چوڌاري پرهه ڦٽيءَ واري اڇ ڇانئڻ تي هوندي آهي ته به اهو تارو چٽو نظر ايندو آهي. سنڌ ۾ ان تاري کي وهائو تارو سڏين ٿا.
    ڪنهن سنڌي جهازي شاگرد مونکان پڇيو ته اهو سڀ کان روشن تارو Sirius ڪٿي وهائو تارو ته نه آهي؟
    دراصل تعليم وارن ڏينهن ۾، جڏهن چٽگانگ ۾ ڪمانڊر اسرار الله (جيڪو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو پرنسپال به ٿيو) Astronomy جي پيرڊ ۾ الشعريٰ (Sirius) تاري بابت پڙهائيندو هو ته آئون به اهوئي سمجهندو هوس. چٽگانگ ۾ ٻارهوئي جهڙ ۽ مينهن هجڻ ڪري رات وارن Out door ڪلاسز ۾ آسمان تي تارن جو صحيح طرح جوڙجڪ پسي نه سگهبو هو. پر پوءِ جهازن تي وڃي خبر پيئي ته الشعريٰ کي صحيح طرح ڏسڻ جو مقام، دنيا جو ڏکڻ اڌ گول آهي، جتي فجي، آسٽريليا وٽ اڀ ۾ چوٽ تي ۽ چٽو نظر اچي ٿو. اسان واري اتر اڌ گول ۾ هي تارو پاڪستان، مصر ويندي ترڪي يونان مان به نظر اچي ٿو پر گهڻو هيٺ ڏکڻ ۾، اُفق جي ويجهو. بلڪ ڌرتيءَ جي اسان واري اڌ گول ۾ سڀ کان گهڻو چٽو يعني روشن Arcturus تارو آهي، جيڪو هونءَ چوٿين نمبر تي آهي. پهرين کان ٽئين نمبر وارا تارا: سيريس، ڪئنوپس ، Alpha Centauri ڪراچي، ممبئي کان هيٺ ڏکڻ ۾ چٽا نظر اچن ٿا. ان ڪري اتراهن ملڪن ۾ رهندڙ ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته آرڪتورس تارو سڀ ۾ گهڻو چٽو آهي پر آرڪتورس چوٿين نمبر تي آهي يعني هي تارن جي روشنيءَ جي ڳالهه اسان ان حوالي سان ڪري رهيا آهيون ته سج کان علاوه ٻيا ڪهڙا تارا آهن جيڪي اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ تان چٽا نظر اچن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسانکي ڌرتيءَ تان جيڪو ويهون نمبر چٽو تارو نظر اچي ٿو ان ۾ سڀ کان گهڻي باهه ٻري ٿي، سڀ کان وڏو آهي، سڀ کان گهڻو روشن آهي پر ڌرتيءَ کان وڏي مفاصلي تي هجڻ ڪري ان جي روشني ايتري گهڻي نٿي پهچي جيترو روشن آهي.
    مثال طور آخرالنهر (Achernar) تاري جي اسان واري تاري (سج) سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته سج جي تمام گهڻي روشني آهي ۽ باقي تارن ۾ به آخرالنهر تارو اٺين نائين نمبر تي روشن آهي پر حقيقت اها آهي جو سج جي مقابلي ۾ آخرالنهر تارو 3000 دفعا وڌيڪ روشن آهي- يعني هن ۾ تمام گهڻي باهه پئي ٻري ۽ سائيز ۽ تور ۾ به سج کان اٺوڻو آهي پر ڇاهي جو اهو اسان کان تمام پري آهي. سج ته ڄڻ سڏ پنڌ تي آهي يعني سج جي روشني اسان تائين پهچڻ ۾ ساڍا اٺ منٽ لڳن ٿا پر آخرالنهر تارو اسان کان 144 نوري سال پري آهي. ان فاصلي کي هينئن به سمجهي سگهو ٿا ۽ قدرت جي بي انت ڪائنات جو ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا جيڪا هڪ انسان جي سوچ کان به ٻاهر آهي ته هي سج جيڪڏهن اوچتو غائب ٿي وڃي (يعني مثال طور) ته ان جي روشني ساڍا اٺ منٽ کن پئي هلندي ڇو ته هن مان نڪتل آخري شعاع (Rays) اسان تائين سفر ڪرڻ ۾ ايترو وقت لڳي ٿو ۽ جيڪڏهن آخرالنهر تارو يڪدم غائب ٿي وڃي يا وسامي وڃي ته به اهو اسان کي 144 سالن تائين نظر ايندو رهندو- يعني تارو نه هجڻ جي باوجود 144 سالن تائين اسان جا پٽ، پوٽا، پڙپوٽا اهو تارو ڏسندا رهندا. اها ڳالهه جيڪڏهن ڪنهن کي صحيح طرح سمجهه ۾ نه اچي ته هو ڪنهن به انٽر يا B.Sc جي شاگرد کان سمجهي سگهي ٿو جنهن جو سائنس سبجيڪٽ آهي ۽ هن کي روشنيءَ جي سفر ڪرڻ جي رفتار جي خبر آهي. هاڻ سوچيو ته اسان وارو تارو (سج) جيڪو جيڪب آباد جي ماڻهن کي ته اونهاري ۾ ساڙي ٿو اهو آخرالنهر جهڙن تارن جي مقابلي ۾ ته ڪجهه به گرم يا روشن ناهي ۽ اسان وارو سج آخرالنهر تاري جيترو 144 نوري سالن جي فاصلي تي ڇا هڪ نوري سال جي فاصلي تي هجي ها ته به ڪو چنجهو تارو مس لڳي ها. ۽ اهو به لکندو هلان ته آخرالنهر تارو به قدرت جي ڪارخاني ۾ ڪو ايڏو پري ناهي. ٻيا تارا ته اڃا به پري آهن. ذرا سوچيو ته ڇا ڪائنات جي وسعت آهي ۽ ڇا انهن ڪروڙين، اربهين تارن ۽ سيارن جي سائيز آهي ۽ ڇا سندن رفتار آهي! اهي سڀ چوڌاري ته چڪر هڻي رهيا آهن پر پنهنجي مهور جي چوڌاري به وڏي رفتار سان ڦري رهيا آهن. قدرت جو هڪ زبردست قانون ۽ اٽل ضابطو آهي جنهن سان هي عظيم الشان سج، چنڊ، تارا ۽ سيارا ٻڌا پيا آهن. انسان وقت، ڏينهن ۽ تاريخن، فصلن ۽ موسمن جو حساب انهي ڪري ڪري رهيو آهي جو رب پاڪ سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ ۽ مختلف منزلن تان هن جي گذرڻ جو قاعدو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪابه ڦيرڦار نٿي اچي جيتوڻيڪ ڇا هنن جي رفتار آهي ۽ ڇا هنن جي سائيز آهي ۽ هر وقت ڇا مفاصلو طئي پيا ڪن.
    سورة رحمان جي 5 آيت ۾ رب پاڪ ارشاد فرمايو آهي ته:
    الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بِحُسْبَانٍ
    يعني سج ۽ چنڊ هڪ حساب جا پابند آهن ۽ اهي ۽ ٻيا تارا وڻ ٽڻ سڀ سجده ريز آهن- يعني حڪم جا پابند آهن.
    سورة الحج ۾ به رب پاڪ ساڳي ڳالهه ارشاد فرمائي آهي ته هي سڀ الله تعاليٰ جي حڪم جا پابند آهن، جيڪو ضابطو انهن لاءِ جوڙيو ويو آهي، ان کان ذرو به هيٺ مٿي نٿا ٿين.
    هي انيڪ ۽ ڳڻپ کان ٻاهر تارا ۽ سيارا جيڪي فضا ۾ گهمي رهيا آهن، انهن سڀني ۾ هڪ ڪمال درجي جو عدل ۽ توازن قائم ٿيل آهي جنهن بنا هي سسٽم هڪ لمحي لاءِ به نه هلي سگهي ها، جنهن لاءِ رب پاڪ ساڳي سورت رحمان جي ستين آيت ۾ فرمايو آهي ته: ”آسمان کي هن بلند ڪيو ۽ ميزان (ڪائنات جي هن پوري نظام کي عدل ۽ توازن سان) قائم ڪيو آهي.“
    پاڻ صبح جو نظر ايندڙ تاري- يعني وهائو تاري جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جيڪو دراصل تارو نه پر زهره (Venus) سيارو آهي. سياري جي اهائي نشاني آهي ته هو تاري وانگر twinkle (چمڪندو) نه آهي. هن کي سج وانگر پنهنجي باهه ناهي جنهن جي روشني اسان کي نظر اچي. هو آرسيءَ وانگر سج جي روشنيءَ کي اسان ڏي موڪلي ٿو. جيئن چنڊ هڪ ڪاري ڪوئلي وانگر هڪ بال آهي، جنهن تي سج جي روشني پوي ٿي ته اسان کي چمڪندو نظر اچي ٿو ۽ جيتري حصي تي روشني آهي اوترو حصو اسان کي روشن نظر اچي ٿو باقي حصو ڪارو نظر اچي ٿو. هر مهيني جا ٽي ڏينهن اهڙا به ٿين ٿا جو چنڊ جي پٺ اسان ڏي هجڻ ڪري بنهه نظر نٿو اچي. ان ڪري ته چنڊ لاءِ شاهه لطيف به چيو آيه ته ”ڪڏهن اُڀرين سنهڙو ڪڏهن اُڀرين ڳچ.“ ان جي مقابلي ۾ سج جيڪو تارو آهي ان کي پنهنجي روشني آهي ۽ هر وقت ٻرندو رهي ٿو. ٿر جي ليکڪ ۽ عوامي آواز اخبار سان واسطو رکندڙ من موهن گيانيءَ ان حوالي سان سنڌيءَ جي هڪ دلچسپ چوڻي ٻڌائي هئي ته:
    ”برهمڻ جو وچن،
    سورج جي ساک.
    واڻئي جو وچن،
    چندرما جي ساک.“
    بهرحال اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي پر اسان جهازين کان جي پڇندائو ته سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ تارن جي Sight وٺڻ بهتر ٿي لڳانوَ يا سيارن جي، ته اسان مان هرهڪ چوندو Dabih تاري (السعد ادابح)، Deneb تاري (ذنب الدجاج)، Celbalrai تاري (ڪلب الراعي) يا Achernar (آخرالنهر) کان زهره، مشتري، عطارد ۽ سرطان سيارن جي Sight وڌيڪ آسان ٿي لڳي، خاص ڪري Calculation work ۾.


    سنو میرے ویر! (زهره، مشتري ۽ مريخ)

    زهره (Venus) سَيارو ڪجهه عرصي لاءِ شام جو نظر اچي ٿو پر پوءِ سج جي چوڌاري ڦيرو ڪرڻ دوران اهڙي پوزيشن ۾ اچيو وڃي جو اسان کي وهائو تاري جي شڪل ۾ صبح جو نظر اچي ٿو ۽ شام جي وقت هڪ ٻيو روشن ”تارو“ سَيارو (Jupiter) نظر اچڻ لڳي ٿو ۽ هي سَيارو مشتري (Jupiter) پنهنجي سفر دوران اسان کي بلڪل چنڊ جي ويجهو ٿيندو نظر ايندو آهي.
    هتي ٻه ٽي سٽون زهره (Venus) ۽ مشتري (Jupiter) سَيارن بابت لکڻ بي مهل نه ٿينديون جيڪي سيارا پڻ اسان واري شمسي نظام جو حصو آهن ۽ اسان جي ڌرتيءَ وانگر پنهنجي چوڌاري به ڦرن ٿا ته سج جي چوڌاري به. بلڪ وينس کي ته اسانجي ڌرتي سَياري جي ڀيڻ سڏيو وڃي ٿو، جو ٻئي سيارا جهڙوڪر هڪ جيڏا آهن. ڌرتيءَ جو قطر (Diameter) 13000 ڪلوميٽر آهي ۽ وينس جو 12000ڪلوميٽر آهي. تور ۾ به ڌرتي جي لڳ ڀڳ آهي. شڪل صورت ۾ به ڌرتيءَ جهڙو جابلو علائقو اٿس. پر اهو آهي ته باقي حالتون اهڙيون اٿس جو ان تي ڪنهن انسان يا جيت جانور لاءِ رهڻ مشڪل آهي. اسان جي هوا ۾ آڪسيجن ۽ ان کي هلڪو ڪندڙ گئس نائٽروجن آهي. وينس تي 95 سيڪڙو ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ آهي. اسان وٽ وڌ ۾ وڌ جيڪب آباد ۽ سبيءَ ۾ اونهاري جا ٻه چار مهينا 42 ڊگرين کان ڪجهه گرمي وڌي ٿي. هتي وينس تي سڄو سال 500 ڊگريون ٽيمپريچر آهي جيڪو تمام گهڻو آهي. 100 ڊگرين تي ته پاڻي ٻاڦ ٿيو وڃي ۽ هوا (يعني ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جيڪا وينس جو Atmosphere ٿي ٺاهي) جو دٻاءُ ڌرتيءَ جي Atomospheric pressure کان 92 دفعا وڌيڪ آهي. يعني ان ۾ ڌرتيءَ جو انسان يا جانور ايتري ته چيڀاٽ محسوس ڪري جو جسم جي اندر جو رت ۽ پاڻيٺ ٻاهر نڪري اچي.
    وينس اسان جي ڌرتيءَ کان 42 ملين کن ڪلوميٽر پري سج جي ويجهو آهي. سج جي سڀ کان ويجهو مرڪري (عطارد) سَيارو آهي ان بعد وينس (زهره) ۽ پوءِ اسان جي ڌرتي. جيئن ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ٽرگنامينٽري جا فارمولا ياد ڪرڻ لاءِ هي جملو ياد ڪبو هو:
    Some People Have,
    Curly Brown Hair
    Till Painted Black
    ۽ ان مان ٽڪنڊي جي سَائين، ڪوسائين ۽ ٽئنجنٽ جي Value ڪڍي وٺبي هئي. تيئن جهازراني جي تعليم دوران Astronomy جي پروفيسر اسان کي سڄي شمسي نظام جا سج سميت نمبر وارا سيارا ياد رکڻ لاءِ هي ٻه جملا ياد ڪرائي ڇڏيا هئا جن جي وچ ۾ فل اسٽاپ اسان جي ڌرتي (Earth) هئي.
    سنو میرے ویر!
    مرجانے سے اسے نہیں پاؤ گے۔
    اهي جملا انگريزيءَ ۾ لکڻ سان سج کان آخري سياري Pluto تائين جا نالا اچي ويندا، جيئن ته:
    Sun
    Mercury
    Venus
    Earth
    Mars
    Jupiter
    Saturn
    Uranus
    Neptune
    Pluto
    Suno Mere Veer. (Earth)
    Mar Jane Se Usey Naheen Paogey.
    وينس (زهره) سَيارو ڌرتيءَ کان سج ڏي وڌيڪ ويجهو هجڻ ڪري، وينس سج جي چوڌاري اسان وارن 225 ڏينهن ۾ چڪر پورو ڪري ٿو جيڪو چڪر اسان جي ڌرتي 365 ڏينهن ۾ ڪري ٿي. پر اهو آهي ته وينس سَيارو پنهنجي محور جي گرد تمام آهستي ڦري (Rotation) ڪري ٿو. ايترو آهستي جو هڪ ڦيرو (يعني ڏينهن رات) 243 اسان وارن ڏينهن ۾ ڪري ٿو. يعني وينس سياري تي بيهي سج اُڀرڻ جو نظارو ڪجي ته ٻيو دفعو سج 243 ضربيان 24 ڪلاڪن بعد اُڀرندو. ٻي ڳالهه ته وينس سيارو اُبتو ڦري ٿو ان ڪري وينس وارن لاءِ سج اولهه کان اُڀري، اوڀر طرف غروب ٿئي ٿو. انگلينڊ ۽ يورپ پاسي هن سَياري کي مارننگ ۽ ايونگ تارو سڏجي ٿو جو هي تارو (سيارو) يا ته شام جو نظر اچي ٿو يا صبح جو.
    هندو جوتش ۾ هن تاري کي شڪرا سڏين. ٽيلي اسڪوپ جي ايجاد کان اڳ مغرب ۾ هن تاري کي Wandering Star (رول تارو) پڻ سڏيندا هئا.
    اسان واري تاري جنهن کي پاڻ سج سڏيون ٿا، ان جي چوڌاري ڌرتيءَ سميت جيڪي سيارا گردش ڪن ٿا، ۽ شمسي نظام جو حصو سمجهيا وڃن ٿا انهن جا ٻه قسم آهن. هڪ ۾ اسانجي ڌرتي عطارد (Mercury)، زهره (Venus) ۽ مريخ (Mars) اچي وڃن ٿا- اهي اسان جي ڌرتيءَ وانگر زمين، جبل، پٿرن جهڙن سخت شين جا آهن ۽ ٻيا مشتري (Jupiter)، زحل (Saturn)، نيپچون ۽ يورانس گئسن جا بال آهن. انهن ۾ جيڪڏهن ڪو پٿر يا لوهه آهي ته تمام گهٽ مقدار ۾ آهي باقي گئس ئي گئس آهي.
    مشتري (Jupiter) سَيارو سج کان پنجين نمبر تي پري آهي. يعني مرڪري، وينس، ڌرتي ۽ مارس بعد جيوپيٽر آهي ۽ سج جي چوڌاري هڪ ڦيرو ڪرڻ ۾ ٻارهن کن سال لڳائي ٿو. يعني جيوپيٽر جو هڪ سال اسان جي ڌرتيءَ جي ٻارهن سالن برابر آهي. جيو پيٽر اسانجي شمسي نظام جو سڀ ۾ وڏو سَيارو آهي. باقي سيارن جي تور ڪجي ته ان کان اڍائي دفعا وڌيڪ تور ”جوپيٽر“ جي ٿيندي. رات جو آسمان ۾ چنڊ ۽ زهره بعد هي ٽيون نمبر گهڻو چمڪندڙ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سال جي ڪجهه ڏينهن تي هن جي پوزيشن اهڙي رهي ٿي جو مريخ (Mars) سَيارو وڌيڪ چمڪندڙ (Bright) نظر اچي ٿو. سواءِ ٿوري هيليم گئس ۽ پٿرن جي هي سيارو هائڊروجن گئس جو آهي. هن سياري Jupiter جو ڊاياميٽر 143000 ڪلوميٽر آهي- يعني اسان جي ڌرتيءَ کان يارهن دفعا وڏو آهي. هي سَيارو مشتري (Jupiter) به پنهنجي محور جي چوڌاري لاٽونءَ وانگر گول ڦري ٿو ۽ اسانجي شمسي نظام ۾ سڀ کان تکو هي سَيارو ڦري (rotate ڪري) ٿو. هو پنهنجو چڪر ڏهن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو- يعني جيوپيٽر تي 5 ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ 5 ڪلاڪن جي رات ٿئي ٿي.
    جيوپيٽر کي پنهنجا سٺ کن چنڊ آهن جن مان فقط چار وڏا آهن باقي چنڊن جو ڏهه ڪلوميٽرن کان گهٽ ڊاياميٽر آهي. بهرحال جيوپيٽر تي رات جي وقت به ڪافي روشني رهندي هوندي.
    هاڻ ٻه اکر مريخ (Mars) سَياري بابت جنهن لاءِ سائنسدانن کي شڪ آهي ته هن سَياري تي شايد پاڻي ۽ زندگيءَ جا آثار موجود هجن. هي سَيارو سج کان چوٿين نمبر تي آهي- يعني اسانجي ڌرتيءَ بعد مريخ آهي. هن سياري جي شڪل اسان جي ڌرتيءَ سان گهڻو ملي ٿي. هن تي اسان جي ڌرتيءَ وانگر جبل، ماٿريون ۽ رڻ پٽ آهن ۽ اسان وانگر موسمن ۾ ڦيرڦار اچي ٿو ۽ کيس ٻه چنڊ Phobos ۽ Deimos نالي آهن، پر انهن جي شڪل اسان جي چنڊ وانگر گول ناهي.
    مريخ سَياري جو ڊاياميٽر اسان جي ڌرتيءَ جي اڌ جيترو آهي ۽ تور ۾ ڌرتيءَ جي ڏهين حصي جيترو آهي. مريخ ڌرتيءَ کان وڌيڪ پري هجڻ ڪري سج جي چوڌاري ڦيرو ڪرڻ ۾ ٻه سال لڳائي ٿو. سو مريخ تي ڌرتيءَ وانگر کڻي چار موسمون ٿين ٿيون پر اهي ٽن ٽن مهينن بدران ڇهن ڇهن مهينن جون ٿين. سيارا سخت ٿڌا ٿين ٿا ۽ ڪاٽو 140 ڊگريون ٿڌ رهي ٿي ۽ اونهاري ۾ 20 ڊگريون ٽيمپريچر رهي ٿو- ڇو جو هڪ ته هي سَيارو سج کان ڪجهه پري آهي ۽ ٻيو ته سَياري جي چوڌاري فضا (Atmosphere) ايترو ته ڇڍو آهي جو اهو سج جي گرمائش Store ڪري نٿو سگهي.


    سنو میرے ویر! (زهره، مشتري ۽ مريخ)

    زهره (Venus) سَيارو ڪجهه عرصي لاءِ شام جو نظر اچي ٿو پر پوءِ سج جي چوڌاري ڦيرو ڪرڻ دوران اهڙي پوزيشن ۾ اچيو وڃي جو اسان کي وهائو تاري جي شڪل ۾ صبح جو نظر اچي ٿو ۽ شام جي وقت هڪ ٻيو روشن ”تارو“ سَيارو (Jupiter) نظر اچڻ لڳي ٿو ۽ هي سَيارو مشتري (Jupiter) پنهنجي سفر دوران اسان کي بلڪل چنڊ جي ويجهو ٿيندو نظر ايندو آهي.
    هتي ٻه ٽي سٽون زهره (Venus) ۽ مشتري (Jupiter) سَيارن بابت لکڻ بي مهل نه ٿينديون جيڪي سيارا پڻ اسان واري شمسي نظام جو حصو آهن ۽ اسان جي ڌرتيءَ وانگر پنهنجي چوڌاري به ڦرن ٿا ته سج جي چوڌاري به. بلڪ وينس کي ته اسانجي ڌرتي سَياري جي ڀيڻ سڏيو وڃي ٿو، جو ٻئي سيارا جهڙوڪر هڪ جيڏا آهن. ڌرتيءَ جو قطر (Diameter) 13000 ڪلوميٽر آهي ۽ وينس جو 12000ڪلوميٽر آهي. تور ۾ به ڌرتي جي لڳ ڀڳ آهي. شڪل صورت ۾ به ڌرتيءَ جهڙو جابلو علائقو اٿس. پر اهو آهي ته باقي حالتون اهڙيون اٿس جو ان تي ڪنهن انسان يا جيت جانور لاءِ رهڻ مشڪل آهي. اسان جي هوا ۾ آڪسيجن ۽ ان کي هلڪو ڪندڙ گئس نائٽروجن آهي. وينس تي 95 سيڪڙو ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ آهي. اسان وٽ وڌ ۾ وڌ جيڪب آباد ۽ سبيءَ ۾ اونهاري جا ٻه چار مهينا 42 ڊگرين کان ڪجهه گرمي وڌي ٿي. هتي وينس تي سڄو سال 500 ڊگريون ٽيمپريچر آهي جيڪو تمام گهڻو آهي. 100 ڊگرين تي ته پاڻي ٻاڦ ٿيو وڃي ۽ هوا (يعني ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جيڪا وينس جو Atmosphere ٿي ٺاهي) جو دٻاءُ ڌرتيءَ جي Atomospheric pressure کان 92 دفعا وڌيڪ آهي. يعني ان ۾ ڌرتيءَ جو انسان يا جانور ايتري ته چيڀاٽ محسوس ڪري جو جسم جي اندر جو رت ۽ پاڻيٺ ٻاهر نڪري اچي.
    وينس اسان جي ڌرتيءَ کان 42 ملين کن ڪلوميٽر پري سج جي ويجهو آهي. سج جي سڀ کان ويجهو مرڪري (عطارد) سَيارو آهي ان بعد وينس (زهره) ۽ پوءِ اسان جي ڌرتي. جيئن ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ٽرگنامينٽري جا فارمولا ياد ڪرڻ لاءِ هي جملو ياد ڪبو هو:
    Some People Have,
    Curly Brown Hair
    Till Painted Black
    ۽ ان مان ٽڪنڊي جي سَائين، ڪوسائين ۽ ٽئنجنٽ جي Value ڪڍي وٺبي هئي. تيئن جهازراني جي تعليم دوران Astronomy جي پروفيسر اسان کي سڄي شمسي نظام جا سج سميت نمبر وارا سيارا ياد رکڻ لاءِ هي ٻه جملا ياد ڪرائي ڇڏيا هئا جن جي وچ ۾ فل اسٽاپ اسان جي ڌرتي (Earth) هئي.
    سنو میرے ویر!
    مرجانے سے اسے نہیں پاؤ گے۔
    اهي جملا انگريزيءَ ۾ لکڻ سان سج کان آخري سياري Pluto تائين جا نالا اچي ويندا، جيئن ته:
    Sun
    Mercury
    Venus
    Earth
    Mars
    Jupiter
    Saturn
    Uranus
    Neptune
    Pluto
    Suno Mere Veer. (Earth)
    Mar Jane Se Usey Naheen Paogey.
    وينس (زهره) سَيارو ڌرتيءَ کان سج ڏي وڌيڪ ويجهو هجڻ ڪري، وينس سج جي چوڌاري اسان وارن 225 ڏينهن ۾ چڪر پورو ڪري ٿو جيڪو چڪر اسان جي ڌرتي 365 ڏينهن ۾ ڪري ٿي. پر اهو آهي ته وينس سَيارو پنهنجي محور جي گرد تمام آهستي ڦري (Rotation) ڪري ٿو. ايترو آهستي جو هڪ ڦيرو (يعني ڏينهن رات) 243 اسان وارن ڏينهن ۾ ڪري ٿو. يعني وينس سياري تي بيهي سج اُڀرڻ جو نظارو ڪجي ته ٻيو دفعو سج 243 ضربيان 24 ڪلاڪن بعد اُڀرندو. ٻي ڳالهه ته وينس سيارو اُبتو ڦري ٿو ان ڪري وينس وارن لاءِ سج اولهه کان اُڀري، اوڀر طرف غروب ٿئي ٿو. انگلينڊ ۽ يورپ پاسي هن سَياري کي مارننگ ۽ ايونگ تارو سڏجي ٿو جو هي تارو (سيارو) يا ته شام جو نظر اچي ٿو يا صبح جو.
    هندو جوتش ۾ هن تاري کي شڪرا سڏين. ٽيلي اسڪوپ جي ايجاد کان اڳ مغرب ۾ هن تاري کي Wandering Star (رول تارو) پڻ سڏيندا هئا.
    اسان واري تاري جنهن کي پاڻ سج سڏيون ٿا، ان جي چوڌاري ڌرتيءَ سميت جيڪي سيارا گردش ڪن ٿا، ۽ شمسي نظام جو حصو سمجهيا وڃن ٿا انهن جا ٻه قسم آهن. هڪ ۾ اسانجي ڌرتي عطارد (Mercury)، زهره (Venus) ۽ مريخ (Mars) اچي وڃن ٿا- اهي اسان جي ڌرتيءَ وانگر زمين، جبل، پٿرن جهڙن سخت شين جا آهن ۽ ٻيا مشتري (Jupiter)، زحل (Saturn)، نيپچون ۽ يورانس گئسن جا بال آهن. انهن ۾ جيڪڏهن ڪو پٿر يا لوهه آهي ته تمام گهٽ مقدار ۾ آهي باقي گئس ئي گئس آهي.
    مشتري (Jupiter) سَيارو سج کان پنجين نمبر تي پري آهي. يعني مرڪري، وينس، ڌرتي ۽ مارس بعد جيوپيٽر آهي ۽ سج جي چوڌاري هڪ ڦيرو ڪرڻ ۾ ٻارهن کن سال لڳائي ٿو. يعني جيوپيٽر جو هڪ سال اسان جي ڌرتيءَ جي ٻارهن سالن برابر آهي. جيو پيٽر اسانجي شمسي نظام جو سڀ ۾ وڏو سَيارو آهي. باقي سيارن جي تور ڪجي ته ان کان اڍائي دفعا وڌيڪ تور ”جوپيٽر“ جي ٿيندي. رات جو آسمان ۾ چنڊ ۽ زهره بعد هي ٽيون نمبر گهڻو چمڪندڙ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سال جي ڪجهه ڏينهن تي هن جي پوزيشن اهڙي رهي ٿي جو مريخ (Mars) سَيارو وڌيڪ چمڪندڙ (Bright) نظر اچي ٿو. سواءِ ٿوري هيليم گئس ۽ پٿرن جي هي سيارو هائڊروجن گئس جو آهي. هن سياري Jupiter جو ڊاياميٽر 143000 ڪلوميٽر آهي- يعني اسان جي ڌرتيءَ کان يارهن دفعا وڏو آهي. هي سَيارو مشتري (Jupiter) به پنهنجي محور جي چوڌاري لاٽونءَ وانگر گول ڦري ٿو ۽ اسانجي شمسي نظام ۾ سڀ کان تکو هي سَيارو ڦري (rotate ڪري) ٿو. هو پنهنجو چڪر ڏهن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو- يعني جيوپيٽر تي 5 ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ 5 ڪلاڪن جي رات ٿئي ٿي.
    جيوپيٽر کي پنهنجا سٺ کن چنڊ آهن جن مان فقط چار وڏا آهن باقي چنڊن جو ڏهه ڪلوميٽرن کان گهٽ ڊاياميٽر آهي. بهرحال جيوپيٽر تي رات جي وقت به ڪافي روشني رهندي هوندي.
    هاڻ ٻه اکر مريخ (Mars) سَياري بابت جنهن لاءِ سائنسدانن کي شڪ آهي ته هن سَياري تي شايد پاڻي ۽ زندگيءَ جا آثار موجود هجن. هي سَيارو سج کان چوٿين نمبر تي آهي- يعني اسانجي ڌرتيءَ بعد مريخ آهي. هن سياري جي شڪل اسان جي ڌرتيءَ سان گهڻو ملي ٿي. هن تي اسان جي ڌرتيءَ وانگر جبل، ماٿريون ۽ رڻ پٽ آهن ۽ اسان وانگر موسمن ۾ ڦيرڦار اچي ٿو ۽ کيس ٻه چنڊ Phobos ۽ Deimos نالي آهن، پر انهن جي شڪل اسان جي چنڊ وانگر گول ناهي.
    مريخ سَياري جو ڊاياميٽر اسان جي ڌرتيءَ جي اڌ جيترو آهي ۽ تور ۾ ڌرتيءَ جي ڏهين حصي جيترو آهي. مريخ ڌرتيءَ کان وڌيڪ پري هجڻ ڪري سج جي چوڌاري ڦيرو ڪرڻ ۾ ٻه سال لڳائي ٿو. سو مريخ تي ڌرتيءَ وانگر کڻي چار موسمون ٿين ٿيون پر اهي ٽن ٽن مهينن بدران ڇهن ڇهن مهينن جون ٿين. سيارا سخت ٿڌا ٿين ٿا ۽ ڪاٽو 140 ڊگريون ٿڌ رهي ٿي ۽ اونهاري ۾ 20 ڊگريون ٽيمپريچر رهي ٿو- ڇو جو هڪ ته هي سَيارو سج کان ڪجهه پري آهي ۽ ٻيو ته سَياري جي چوڌاري فضا (Atmosphere) ايترو ته ڇڍو آهي جو اهو سج جي گرمائش Store ڪري نٿو سگهي.


    نکٽ سڀ نئي ويا

    آسمان ۾ لکين تارا آهن. بنا دوربين جي به اسانکي هزارين نظر اچن ٿا ۽ هلڪي چنڊ جي روشنيءَ ۾ به سوين نظر اچن ٿا ۽ اهي تارا آسمان ۾ مختلف ليول تي آهن يعني ڪي ويجهو ڪي ڏور آهن. آسمان تي ڪنهن ڪنهن هنڌ تي جيڪا ڪڪريءَ جهڙي اڇ نظر اچي ٿي اهو ڪڪر جو ٽڪرو نه پر هزارين لکين تارن جو جهرمٽ آهي پر ڏور هجڻ ڪري جهڙا سڀ ملي هڪ ڪڪر جيان نظر اچي رهيا آهن ۽ ان جو وڏو مثال اسان واري Galaxy (ڪهڪشان) آهي جنهن جو اسان وارو سج هڪ ڀاتي آهي ۽ جنهن جي چوڌاري گردش ڪري ٿو. چنڊ ناهي ته تارن جي به ڪجهه ڪجهه روشني ڌرتيءَ تي پوي ٿي پر هڪ رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ سفر ڪندڙن لاءِ يا وري اسان جهازين لاءِ جيڪي سمنڊ تي جهاز هلائين ٿا، جتي چوڌاري ڪا نشاني يا Mile Stone لڳل نه آهي جيڪو اسان جي رهنمائي ڪري ته اسان سمنڊ جي ڪهڙي حصي تي آهيون يا جهاز ڪيترو سفر طئي ڪيو آهي، تارا وڏي مدد آهن.
    دنيا جي مختلف علائقن ۾ مختلف تارا نظر اچن ٿا. ڪي تارا دنيا جي اتر اڌ گول ۾ به نظر اچن ٿا ته ڏکڻ اڌ گول ۾ به، پر ڪيترا هڪ ۾ چٽا نظر اچن ٿا ته ٻئي ۾ ڌنڌلا- خاص ڪري اُفق (Horizon) وٽ. ڪي تارا ٿوري دير نظر اچڻ بعد لڙيو وڃن ته ڪي تارا رات جو ڳپل حصو نظر اچن ٿا. گهڻو تڻو سڀ تارا سال جي مختلف حصن ۾ نظر اچن ٿا ۽ دنيا جي گول گهمڻ ڪري اسان لاءِ غروب ٿيو وڃن پر اتر قطب تارو (Polaris) اهڙو تارو آهي جو سڄي رات ۽ سڄو سال ڄڻ هڪ هنڌ بيٺو آهي. هي تارو اتر طرف نظر اچي ٿو. رات جو رڻ پٽ ۾ ڪو ڀلجي وڃي يا آڌيءَ رات جو ننڊ مان اُٿي سفر شروع ڪري ته هو اتر قطب واري تاري کي ڏسي اتر جو طرف سڃاڻي سگهي ٿو ۽ پوءِ ٻيا طرف به آسان ٿيو وڃن. سمنڊ تي جهاز اتر طرف هلائڻو آهي ته ان تاري جي نڪ سامهون پيو وڃجي، يا ٻئي ڪنهن طرف وڃڻو آهي ته اوتريون ڊگريون ساڄي يا کاٻي وڃجي. هن تاري کي Pole Star (قطب تارو) ۽ North Star (اتر تارو) به سڏجي ٿو. هاڻ ته عربستان ۾ روڊ رستا ٺهي ويا آهن ۽ ماڻهو ڪارن ۾ سفر ڪن ٿا، جيڪي اُٺن تي يا پنڌ هلن ٿا انهن لاءِ به چوڌاري ڪيتريون ئي نشانيون آهن ۽ مڪي کان مديني ته ڇا، دمام ۽ الخبر کان يمن جي شهرن: عدن ۽ صنعا تائين، بنا تارن ڏسڻ جي وڃيو پهچن، نه ته صدين تائين هي عرب رستو ڳولڻ لاءِ ٻن تارن جو وڏو سهارو وٺندا هئا. هڪ هي قطب تارو جنهن کي عرب ”الجدي“ (ٻڪر) سڏين ٿا ۽ ٻيو ڪئنوپس (Canopus) تارو جنهن کي هو ”سُهيل“ سڏين ٿا. اهي ٻئي تارا اسان واري اتر اڌ گول واري ڌرتيءَ تي روزانو نظر اچن ٿا. قطب تاري جي مقابلي ۾ سهيل (Canopus) ڪجهه گهٽ درجو رکي ٿو جو اهو پوءِ اُفق (Horizon) پويان غائب ٿيو وڃي. ڪولمبس جهاز هلائڻ وقت قطب تاري تي گهڻو depend نٿي ڪيو جو ان وقت تائين قطب نما (Compass) ايجاد ٿي چڪو هو. پر اهو آهي ته هن هر وقت رستي جي پڪ ڪرڻ خاطر قطب تاري ڏي به نهار ڪئي ٿي ڇو جو ”قطب نما“ جي لوهي سُئي ڪنهن وقت به اٽڪي سگهي ٿي يا اوسي پاسي ۾ گهڻي Magnetic Field هجڻ ڪري ڪمپاس جي سُئيءَ ۾ نقص (Error) پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ هڪ اها به شيءِ برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ پيدا ٿيڻ ڪري جهازن جا حادثا ٿين ٿا. هو صحيح راهه تان ڀٽڪيو وڃن.
    بهرحال Navigation لاءِ سڀ کان گهڻو استعمال ٿيندڙ قطب تارو (Pole Star) جنهن کي عرب ”الجدي“ تارو سڏين ٿا ۽ ڪجهه ملڪن ۾ هي تارو ”نارٿ اسٽار“ ۽ “Lodestar” به سڏجي ٿو، هڪ مقرر هنڌ (Fixed Position) ۾ رهي ٿو- جنهن ڪري ٻين تارن کان منفرد آهي ۽ هن ذريعي رستو ڳولڻ ۾ سولائي رهي ٿي باقي هي تارو ڪو اهڙو گهڻو روشن ناهي. آسمان ۾ گهڻي روشني وارن تارن ۾ هن کي 48هون نمبر مڃيو وڃي ٿو. سڀ ۾ چٽو تارو (يعني سج بعد) Sirius (الشعريٰ) آهي. قطب تارو اسان جي ڌرتيءَ کان 431 نوري سال پري آهي.
    پڙهندڙن کان هڪ سوال پڇڻ گهرندس ته هنن کي قطب تاري جي سڃاڻ آهي؟ منهنجي خيال ۾ ته گهٽ ۾ گهٽ هن تاري کان اسان وٽ سنڌ ۾ هرهڪ واقف آهي. آئون ننڍو هوس ته اسانکي پنهنجي ڏاڏيءَ ٻڌايو هو. هوءَ مرحومه تارن، ڪتين ۽ انهن جي اڀرڻ لهڻ کان تمام گهڻو واقف هئي. پڙهيل بلڪل نه هئي. گهڙيال ڏسي وقت به سڃاڻي نه سگهندي هئي پر رات جو چنڊ تارن جي Positions مان ۽ ڏينهن جو سج جي پاڇي مان، چاهي اونهارو هجي يا سيارو ته وقت ٻڌائي ويندي هئي ته فلاڻي نماز جو وقت ٿيڻ وارو آهي يا رات جا ڪيترا پهر گذري چڪا آهن، وغيره. تارا جيسين ٻيو ڪونه ڏيکاري، تيسين منهنجو هي مضمون پڙهي سڃاڻڻ سولو ڪم نه آهي. يا ته وري ڪو جاگرافي يا علم فلڪيات (Astronomy) جو شاگرد هجي جنهن کي ويڪرائي ڦاڪ (Latitute) يا Constellation (تارن جو جهرمٽ) ٻڌائجي ته پوءِ سمجهي سگهي. پر Astronomy پڙهڻ وارن ڏينهن ۾ به سبجيڪٽ پڙهائڻ وارو پروفيسر رات جو کلئي آسمان هيٺان بيهي مغز ماري ڪندو هو ته فلاڻي نالي وارو تارو فلاڻو آهي.
    Astronomy (علم فلڪيات) جي حساب سان- ياد رهي ته اسان علم فلڪيات سائنسي سبجيڪٽ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ۽ نه علم نجوم (Astrology) جي- جيڪو اسانجي مذهب ۾ حرام سمجهيو وڃي ٿو؛ سڄو آسمان مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه اهم ۽ روشن تارن جي جهرمٽن جون شڪليون آهن. صدين کان مختلف قومون پنهنجي حساب سان تارن جي جهڳٽن کي مختلف نالن سان سڏينديون اچن. انهن شڪلين ۾ اسان 80 کن شڪلين کي اهميت ڏيون ٿا. ڏٺو وڃي ته اهي سڀ شڪليون خيالي آهن سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي. جيئن اسان وٽ هڪ اهڙي شڪل جو نالو ٽيڙو آهي جنهن ۾ ٽي تارا هڪ ٻئي جي ويجهو نظر اچن ٿا- يعني اسان ڌرتي وارن کي ائين لڳي ٿو جيتوڻيڪ هو هڪ ٻئي کان ڪروڙين ميل پري آهن ۽ اسان کان ته اربها کربها ميل ڏور آهن. بهرحال تارن جي هن جهڳٽي (ٽيڙوءَ) جو نالو نظر ايندڙ شڪل مطابق آهي ۽ اسان وٽ هرڪو تارن جي هن جهڳٽي کان واقف آهي ۽ اڱڻ ۾ سمهڻ وارو هرهڪ هن جهڳٽي (Constellation) کان واقف آهي. شاهه لطيف به سر راڻي ۾ هن Constellation (تارن جي جهرمٽ) جي ڳالهه ڪئي آهي:
    ”ڪتين ڪَر موڙيا، ٽيڙو اڀا ٽيئي
    راڻو رات نه آيو، ويل ٽري ويئي
    کوءِ سا کاڻي راتڙي! جا پرين ري پيئي
    مونکي ڏنءُ ڏيئي، ڍوليو ڍٽ قراريو.“
    پر ڪي ڪي تارن جا جهرمٽ اهڙا آهن جن جا نالا کڻي هرڻ، عقاب، يا انگريزيءَ ۾ Canis Minor (ننڍو ڪتو)، Canis Major (وڏو ڪتو)، Orion، Virgo (ورجن)، Cygnus (ڪونج) آهي پر اهي ڇهه ست تارا جيڪي اها ڪونج يا ڪتو ٺاهين ٿا انهن مان ته ڪونج جي چهنب يا پڇ به نه ٺهي سگهي ۽ 7 تارن جي هڪ اهڙي جهڳٽي (Constellation) جو نالو Ursa Major آهي جنهن کي يورپ پاسي Big Dipper سڏين ٿا، انگريز ان کي Plough (هَر) به سڏين ٿا ۽ ڪي ان کي Small Pot هئنڊل واري ديڳڙي به سڏين ٿا. عرب دنيا ۾ هن جهڳٽي کي دبِ اڪبر (وڏو رڇ) سڏين ٿا- ۽ يوناني به ان کي رڇ سڏين ٿا پر پنهنجي يوناني زبان ۾ Arktos سڏين. ياد رهي ته هن يوناني لفظ Arktos تان اسان جي ڌرتيءَ جي اتر واري حصي جو نالو Arctic پيو جتي جڏهن شروع جا ماڻهو پهتا ته رڳو اڇي برف ۽ ان مٿان گهمندڙ اڇا رڇ ڏسي سئيڊن، ناروي، ڪئناڊا کان مٿئين حصي جو نالو ئي رکيائون آرڪٽڪ يعني رڇن جو ديس!
    مونکي لڳي ٿو ته اسڪول جي ڏينهن ۾ ڇهين يا ستين ڪلاس ۾، شايد جاگرافي جي سبجيڪٽ ۾ اسان کي سج، چنڊ، تارن ۽ موسم سان گڏ هن قطب تاري بابت به ٻڌايو ويو هو ته اهو دبِ اڪبر (وڏي رڇ) واري Constellation (تارن جي جهڳٽي) ڀرسان آهي. ان ستن تارن جي جهڳٽي جي اڳين ٻن تارن جي وچ ۾ ليڪ کي اڳيان کڻي وڃڻ سان، انهن ٻن تارن جي وچ ۾ جيڪو فيصلو آهي ان کان پنجوڻ مفاصلي تي جيڪو تارو آهي اهوئي قطب تارو آهي. ستن تارن جي هن جهڳٽي (Constellation) کي مون رات جو وڏي غور سان ڏٺو ته من ڪنهن رڇ جو خاڪو ٺهي پر خيالن ۾ به رڇ نه آئڙيو تڏهن مون پنهنجي ڏاڏيءَ سان ڳالهه ڪئي.
    ”رڇ ته نه پر کٽ چئجي ٿو.“ هن وراڻيو هو. ۽ واقعي انهن ستن تارن مان چار تارا کٽ جو اهڃاڻ ڏين ٿا. پر پوءِ جڏهن چٽگانگ جي نيول اڪيڊمي ۾ Astronomy پڙهيسين ته خبر پيئي ته فقط تارن کي سڃاڻڻ لاءِ اهي خيالي شڪلين جا نالا ڏنا ويا آهن. هونءَ اڄ اهو سوچيان ٿو ته ان تارن جي جهڳٽي جي وري به ديڳڙي (Small Pot with handle) ۽ هَر (Plow) سان ڪجهه شڪل ملي ٿي. ۽ ٻي ڳالهه ته اسلام کان اڳ تائين سنڌي به سٺا ناکئا (Navigator) هئا. بقول پروفيسر جاويد ڀٽو جي هندو سمنڊ کان پري رهن ٿا پر سنڌي هندو ۽ ٻئي نمبر تي ڪجهه ڪجهه گجراتي هندو هئا جيڪي سمنڊ تي سفر ڪندا رهيا ۽ اڄ هو سڄي دنيا ۾ نظر اچن ٿا. سو جڏهن هو سٺا Navigator هئا ته هنن کي ضرور تارن جا به نالا ايندا هوندا جن ذريعي هو سمنڊ تي رستو ڳوليندا هوندا. پر هي مضمون شروع ڪرڻ کان اڳ مون ڊزن کن تاجل بيوس، تاج بلوچ، جنت منگهاڻي جهڙن کان تارن جي سنڌي نالن جو معلوم ڪرڻ چاهيو پر ڪوبه نه ٻڌائي سگهيو. ڳوٺ ڳوٺ ۾ بجلي اچڻ ڪري اهي پراڻا نالا ۽ ڳالهيون ئي ماڻهن جي دلين تان ميسارجي ويون آهن ۽ اڄ شايد ڪو ڳوٺاڻو به نه ٻڌائي سگهي ته قطب تارو ڪهڙو آهي. پر گهڻو اڳ، سنڌ جي ماڻهن آسمان ۾ چمڪندڙ ڪيترن ئي تارن کي سڃاتو ٿي ۽ جن ذريعي واٽون ۽ منزلون حاصل ڪيون ٿي. هڪ اهڙي تاري ”لُڌي“ جو شاهه لطيف به سر کنڀاٽ ۾ ذڪر ڪيو آهي:
    ”تارا تيلِيءَ روءِ، لُڌا لالن! اڀرن؛
    جَهڙي تو صُبوح، تَهڙي صاف سڄڻين.“
    ۽ انهيءَ سر ۾ آهي ته:
    ”تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر.“
    يا سر مومل راڻي ۾ آهي ته:
    ”اڀي اڀاريم، نکٽ سڀ نئي ويا
    هڪ ميو ٻيو مينڌرو رات سڄي ساريام
    ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سورج شاخون ڪڍيون.“
    ۽ هي نکٽ ۽ ڪتيون ڇا آهن؟ تارا ۽ انهن جا جهڳٽا Constellations ته آهن جن جي شاهه لطيف ڳالهه ٿو ڪري.


    قطب تارو، الغول ۽ ويگا

    گذريل مضمون ۾ اسان رڻ پٽ ۽ بيابانن ۾ سفر ڪندڙن يا سمنڊن تي جهاز هلائيندڙن جي هڪ دلپسند تاري ”قطب تاري“ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪو آسمان ۾ اهڙي هنڌ تي آهي جو اسان جي ڌرتي گول گهمڻ جي باوجود، هو ساڳي هنڌ تي نظر اچي ٿو، باقي تارا آهستي آهستي ٿي رڙهندا نظر اچن ٿا. قطب تارو ڪنهن Constellation (تارن جي ميڙاڪي) جو حصو ناهي پر اهو اڪيلو ئي اڪيلو آهي. هن جي ويجهو ترين Constellation دبِ اڪبر آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ ديڳڙي، Big Dipper، هَرُ ۽ Ursa Major به سڏيو وڃي ٿو. هن ڪانسٽيليشن جا چارا تارا ديڳڙي يا کٽ ٺاهين ٿا ۽ باقي ٽي تارا جيڪي سمجهو ته ديڳڙيءَ جو هئنڊل آهي انهن ۾ پهريون تارو Alioth سڏجي ٿو جيڪو ستن ئي تارن ۾ چٽو آهي- ويندي قطب تاري کان به چٽو آهي.
    ”علي اوٿ“ تارو جنهن کي عرب ’الجون‘ سڏين ٿا، اسان جي ڌرتيءَ کان 81 نوري سال پري آهي ۽ هو اسان واري سج کان 108 ڀيرا روشن آهي- يعني هن تي ايترا ڀيرا وڌيڪ باهه پئي ٻري. سج ته اسان کان فقط ساڍن اٺن منٽن جي پنڌ تي آهي. هي الجون (Alioth) تارو جي ايترو ويجهو هجي ته اسان جي ڌرتيءَ جا ماڻهو ۽ جانور ته ڇا پر پٿر ۽ لوهه به سڙي ڳري وڃي ها. هي تارو سج کان چئوڻو وڏو آهي ۽ تور ۾ ٽيڻو آهي. بهرحال ”دب اڪبر“ (Ursa Major) واري ستن تارن واري جهڳٽي ۾ Alioth تارو سڀ ۾ روشن آهي.
    هونءَ سڄي آسمان ۾ Alioth تارو 31 نمبر تي چلڪندڙ تارو آهي. جهازرانيءَ جي دنيا ۾ جيڪي 57 تارا Navigation لاءِ گهڻي کان گهڻا استعمال ٿين ٿا انهن مان هي هڪ آهي. عربي سمنڊ، ڏکڻ چيني سمنڊ، ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) ۽ هندي وڏي سمنڊ جي اتراهين حصي ۾ جهاز يا ٻيڙيون هلائيندڙ، هن تاري جي به Sight وٺي سمنڊ تي پنهنجي ٻيڙي جي Position ۽ ڪيل پنڌ جو اندازو لڳائين ٿا. اڄڪلهه جيتوڻيڪ Sattelite Navigator جهڙا اليڪٽرانڪ اوزار نڪري پيا آهن جيڪي سمنڊ تي جهاز جي پوزيشن ائين سولائيءَ سان ٻڌائي سگهن ٿا جيئن Accu-Chek جهڙا اوزار انسان جي رت ۾ موجود شگر جي ليول ٻڌائي ٿا وٺن ۽ Magnetic ڪمپاس ته سالن کان موجود آهي، جيڪو يڪدم اتر جو طرف ٻڌائي ٿو. ان هوندي به اسان پڪ لاءِ تارن کي ڏسي مفاصلي ۽ هنڌ جو فيصلو ڪيون ٿا ته سمنڊ جي ڪهڙي حصي تي آهيون يا دنيا جي ڪهڙي ويڪرائي ۽ ڊگهائي ڦاڪ تي آهيون. ڪيترا ٻيڙين وارا ناکئا ته اهڙا به آهن جيڪي فقط ۽ فقط تارن جي آسري تي ڪٿان کان ڪٿان وڃيو نڪرن. ماريپور جي هڪ هوٽل ۾ هڪ همراهه مليو. پڇيومانس ڪير آهين؟ وراڻيائين: ”ناکئو آهيان. لانچ هلائيندو آهيان.“ ”ڪيڏانهن وڃين؟“ مون پڇيومانس.
    ”اڄڪلهه لانچ کي مگديشو وٺي وڃان ٿو.“ هن ٻڌايو.
    مگديشو آفريڪي ملڪ صوماليا جو بندرگاهه آهي ۽ هڪ لانچ لان ايڏو پري وڃڻ وڏي ڳالهه آهي. بمبئي، ڪولمبو يا ايران جي ڪنهن بندرگاهه تائين وڃڻ ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي جو انهن بندرگاهن ڏي پهچڻ ۾ Coasting ڪرڻي پوي ٿي- يعني ڪنارو ڪنارو ڏيئي پيا وڃو آخر ته پهچي ويندائو. موسم جي خرابي، سامونڊي لهرن جو ڊپ ٿئي ته ڪنارو ڪو پري ناهي. پر مگديشو پهچڻ لاءِ عربي سمنڊ لتاڙي ڪجهه هندي سمنڊ جو حصو اُڪري پوءِ مگديشو پهچجي ٿو. اسانجي وڏي جهاز کي به گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست ڏينهن لڳيو وڃن جنهن تي فالتو تيل، کاڌو ۽ پاڻي کوڙ رهي ٿو. هن لانچ کي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن تيرهن ڏينهن ٿا لڳن ۽ لانچ هلائڻ وارو اهائي ڪوشش ڪري ٿو ته ٻيڙيءَ کي سڌي ليڪ ۽ سَڻائي لهر تي وٺي وڃان جيئن تيل گهڻو نه سڙي، جيئن وڌيڪ ڏينهن نه لڳن جو پاڻي ۽ کاڌو ڪٿان ايندو.
    ”پوءِ ڀلا سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ توهانجي لانچ تي ڪهڙا Navigational Aids (سهولتون) آهن؟“ مون هن کان پڇيو.
    ”سائين ڪهڙيون ويٺا خبرون پڇو. ڪجهه به نه آهي بس الله جو نالو آهي.“ هن ٻڌايو.
    ”ڪمال ٿا ڪريو. پوءِ رستو ڪيئن ڳوليو؟“ مون حيرت مان پُڇيو.
    ”جيئن شروع کان اسان جا وڏا ڳوليندا آيا آهن. هي راس الغول، واقي (الواقع النسر)، الطائر، ذنب ۽ نگهبان ڇاجي لاءِ آهن.“ هن تارن جا نالا ورتا. نگهبان تارو مون لاءِ نئون هو.
    ”سائين ’العيوق‘ جنهن کي ايراني ۽ اسان مڪراني فارسي زبان ۾ نگهبان ۽ بُزبان ٿا سڏيون.“ هن مونکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هو Capella تاري جي ڳالهه ڪري رهيو هو، جيڪو آسمان ۾ يارهين نمبر تي چمڪندڙ تارو آهي.
    ”بس پوءِ مختلف تارن کي فالو ڪندا ڪندا وڃيو مگديشو پهچون.“ هن ٻڌايو. ٻئي ڏينهن پڪ ڪرڻ لاءِ هن سان گڏ گهاس بندر ۾ ويس جتي هن جي لانچ تان سامان لهي رهيو هو. مزي جي ڳالهه اها ته اهي لانچون به هتي ڪراچيءَ ۾ ٺهن ٿيون، آئون اڪثر جهاز جي ڪئڊٽن کي نيول آرڪيٽيڪچر پڙهائڻ دوران ماريپور جي ڀرسان يونس آباد ڳوٺ وٺي ويندو هوس جتي بنا نقشي جي، واڍا هي ٻيڙيون ٺاهين ٿا، جن ۾ پوءِ نيون يا سيڪنڊ هئنڊ انجڻيون فٽ ڪيون وڃن ٿيون. اهي ٻيڙيون ڪافي سامان کڻن ٿيون ۽ انجڻ بنا، ان ڪاٺ جي ٻيڙيءَ جي قيمت ٻه ڪروڙ رپيا کن اچي ٿي.
    مٿي بيان ڪيل تارو ”بُزبان“ (ٻڪريءَ وارو) جنهن کي عربيءَ ۾ العيوق (ٻڪري) ۽ انگريزيءَ ۾ Capella سڏجي ٿو، قطب تاري جي ويجهو آهي ۽ اهو هڪ تارو ناهي پر تارن جو جوڙو آهي پر بنا دوربين جي ڏسڻ سان هميشھ هڪ تارو لڳي ٿو ڇو جو ٻئي تارا هڪ ٻئي جي بلڪل ويجها آهن ۽ ڪائنات جي وسعتن جو ان ۾ انداز لڳايو ته اهي ٻه تارا جيڪي اگهاڙي اک سان هڪ ٿا لڳن ۽ طاقتور دوربين سان ئي محسوس ٿئي ٿو ته ضرور ٻه آهن انهن جي ”ويجهڙائي“ به ڪيتري ٿي سگهي ٿي؟ هڪ ميل؟ ڏهه ميل؟ سؤ ميل؟ ڪنهن Astronomy جي شاگرد کان توهان به ڀلي پڇجو. هو به توهان کي اهوئي ٻڌائيندو ته اهي ٻئي تارا هڪ ٻئي سان جهڙو مليا پيا آهن ڇو جو انهن جي وچ ۾ فقط هڪ سؤ ملين ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي. هاڻ توهان اندازو لڳايو ته ٻيا تارا هڪ ٻئي کان ڪيترو پري هوندا! ۽ هن ڪائنات جو ڇا ڪاٿو ٿي سگهي ٿو!
    لانچ جي ناکئي هڪ ٻن ٻين تارن جا به نالا ورتا جيئن ته راس الغول جنهن کي انگريزي، يورپي، يوناني به ساڳي نالي سان پر ٿوري فرق سان Algol سڏين ٿا. هي تارو Perseus نالي تارن جي جهرمٽ (Constellation) جو هڪ تارو آهي. انگريز هن تاري کي شيطاني تارو (Demon Star) ۽ Blinking Demon سڏين ٿا ۽ لبنان، اسرائيل ۽ شام پاسي جا ماڻهو هن تاري کي پنهنجي لوڪ ڪهاڻين ۾ ”روش ها شيطان“ (شيطان جو مٿو) سڏين ٿا.
    الغول (Algol) تارو اسانجي ڌرتيءَ کان 93 نوري سال پري آهي. علم نجوم جا عالم هن تاري کي نڀاڳ جي نشاني سمجهن ٿا.
    آسمان ۾ هڪڙن ٽن چمڪندڙ تارن جو ٽڪنڊو نظر اچي ٿو جيڪو Navigation جي لحاظ کان بيحد اهم آهي اهو ٽڪنڊو Summer Triangle سڏجي ٿو جنهن جي ڪنڊن وارا تارا الطائر (Altair)، Deneb (ذنب) ۽ ويگا آهن جن جو ذڪر پڻ مٿئين مڪراني ناکئي ڪيو.
    هڪ ڳالهه هتي واضح ڪندو هلان ته مٿيان ٽي تارا: الطائر، ذنب ۽ ويگا جيتوڻيڪ هڪ ٽڪنڊو ٺاهين ٿا ۽ ٽئي تارا چٽا نظر اچن ٿا جو تمام گهڻو روشن آهن پر انهن مان هرهڪ تارو الڳ شڪل يعني الڳ جهڳٽي ۽ جهرمٽ (Constellation) سان تعلق رکي ٿو. مثال طور ويگا (جيڪو عربي لفظ ’واقع‘ جي کار آهي) Lyra نالي Constellation جو سڀ کان گهڻو چلڪندڙ تارو آهي. ياد رهي ته اهو پنهنجي جهڳٽي يعني جهرمٽ جو سڀ کان گهڻو Bright تارو آهي پر هونءَ سڄي آسمان ۾ پنجون نمبر روشن تارو آهي. پر اسان جهڙا ماڻهو جيڪي خط استوا (Equator) کان گهڻو مٿي رهن ٿا، انهن کي دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾ رهندڙ ماڻهن کي نظر ايندڙ تارا ڏسڻ ۾ نٿا اچن. جيڪي ڪجهه نظر اچن ٿا اهي ڏکڻ طرف اُفق جي ويجهو. ان ڪري اهي، توڙي کڻي گهڻو روشن هجن پر اسان کي ڌنڌلا نظر اچن ٿا. اهوئي سبب آهي جو اسان کي دنيا جي اتر اڌ گول ۾ رهندڙن لاءِ، Arcturus بعد ٻئي نمبر تي چٽو تارو Vega آهي. ويگا دنيا جو اهم تارو سمجهيو وڃي ٿو ۽ سائنسدانن ۽ فلڪيات جي ماهرن سج بعد هن تاري تي وڌيڪ کوجنا ڪئي آهي. ويگا تارو اسانجي ڌرتيءَ کان 25 نوري سال پري آهي. صدين کان عرب هن تاري کي رڻ پٽن ۽ سمنڊن تي سفر ڪرڻ دوران Navigation (رستو ڳولڻ) خاطر استعمال ڪندا اچن ۽ هن تي سندن رکيل عربي نالو ”واقع“ (معنيٰ ڪرندڙ) اڄ ويگا ٿي ويو آهي. عربيءَ ۾ هن تاري جو دراصل سڄو نالو ”الواقع النسر“ معنيٰ ڪرندڙ عقاب آهي- ڪي ماڻهو ان جو ترجمو لامارو ڏيندڙ ڳجهه ٻڌائين ٿا. هي تارو سج کان جيتوڻيڪ ڏيڍوڻو ڳرو آهي پر روشنيءَ جي حساب سان 54 ڀيرا وڌيڪ آهي. هي تارو Vega پنهنجي محور جي چوڌاري تمام گهڻي رفتار سان گول گهمي (Rotate ڪري) ٿو- اٽڪل 274 ڪلوميٽر هڪ سيڪنڊ ۾. ان گهڻي رفتار ڪري هو سندس خط استوا واري هنڌ تان ٻاهر نڪري آيو آهي. جيئن سج جي چوڌاري ڌرتي، مريخ، زهره جهڙا ڪيترائي سيارا گردش ڪندا رهن ٿا تيئن ويگا جي چوڌاري گهٽ ۾ گهٽ هڪ Jupiter جيڏو سيارو ضرور گردش ڪري ٿو.
    ويگا پهريون تارو آهي جنهن جي نالي شيورليٽ وارن 1971ع ۾ پنهنجي ڪار ڪئي. ائين ته لاڪ هيڊ هوائي جهاز ڪمپنيءَ پنهنجي جهاز جو نالو پڻ ويگا رکيو.


    الطائر ۽ ذنب الدجاجة

    هڪ ٻيو تارو جنهن جو پڻ هتي ذڪر ڪنداسون جنهن جو انگريزيءَ ۾ به اهو نالو هلندو پيو اچي جيڪو اصل ۾ عربن رکيو، اهو آهي ALTAIR جيڪو اصلي عربي نالي الطائر يعني پکيءَ تان آهي. هي تارو Altair گهڻي روشني وارن تارن مان آهي ۽ تيرهين نمبر تي چلڪندڙ چيو وڃي ٿو. ٽن تارن واري ٽڪنڊي (Summer Triangle) جو هي ڏکڻ وارو تارو آهي ۽ باقي ٻه تارا ويگا ۽ ذنب (Deneb) آهن.
    الطائر تارو جنهن Constellation (تارن جي جهڳٽي يا شڪل) سان تعلق رکي ٿو ان جو نالو Aquila آهي. عقيلا لاءِ به چيو وڃي ٿو ته عربي لفظ مان آهي جنهن جي معنيٰ عقاب آهي. بهرحال هن Constellation جو نالو عقيلا (عقاب) به تارن جي شڪل سان نٿو ملي. Aquila تارن جي جهڳٽن ۾ فقط ٽي تارا آهن جن ۾ سڀ کان گهڻو چمڪندڙ تارو الطائر آهي ۽ پاسي کان ٻه هلڪا روشن تارا آهن ۽ ٽئي تارا هڪ قطار ۾ آهن. هونءَ توهان کي اها Constellation نظر اچي وڃي يعني اهي ٽي تارا (جنهن جي وچ وارو وڌيڪ چمڪندڙ الطائر تارو آهي) ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ان کان ئي ٿورو اڳتي Cygnus (ڪونج) ڪانسٽيليشن آهي جنهن جو سڀ ۾ چمڪندڙ تارو Deneb (ذنب) آهي ۽ تارن جي ان جهڳٽي (Constellation) جي ساڄي پاسي LYRA (جنهن کي انگريزيءَ ۾ Harp به سڏجي ٿو) آهي، جنهن Constellation جو سڀ کان گهڻو چلڪندڙ تارو ويگا آهي.
    الطائر تارو اسانجي ڌرتيءَ کان 17 نوري سال پري آهي ۽ سج کان ڏهه دفعا وڌيڪ روشن آهي پر ويگا تارو ان کان به وڌيڪ روشن آهي جو اهو سج کان 50 دفعا وڌيڪ روشن آهي. ويگا ۽ الطائر تارن ۾ به ساڳي گئس هائڊروجن ۽ هيليم سڙندي رهي ٿي جيڪا سج ۾ ٻري ٿي ۽ هي تارو به چڱيءَ رفتار سان گول ڦري ٿو جيڪا 210 ڪلوميٽر في سيڪنڊ ٿئي ٿي، جيڪا ويگا تاري کان کڻي ٿوري گهٽ ٿي (جيڪو 274 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان لاٽونءَ وانگر ڦري ٿو)، پر اسان جي ڌرتي ۽ سج جي مقابلي ۾ ته تمام وڏي رفتار ٿي. اسان جي ڌرتي جيڪا اڌ ڪلوميٽر في سيڪنڊ سان گول گهمي (rotate ڪري) ٿي ۽ سج 2 ڪلوميٽر في سيڪنڊ رفتار سان گول گهمي ٿو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته ڌرتي جيڪا فقط اڌ ڪلوميٽر في سيڪنڊ گول گهمي ٿي يعني 1600 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان، اها به تمام وڏي رفتار آهي- يعني اسان جي جمبو جيٽ جهاز کان به ٻيڻي اسپيڊ ٿي. هاڻ ڌرتيءَ جي rotation جي رفتار کي ڌيان ۾ رکي الطائر ۽ ويگا تارن جي رفتار جو اندازو لڳايو ته اهي ڪيڏي وڏي رفتار سان Spin ڪري رهيا آهن!
    هونءَ الطائر تارو سج کان ٻيڻو وڏو ٿيندو پر گول ڦرڻ جي رفتار وڏي هجڻ ڪري الطائر تارو 10 ڪلاڪن ۾ ڦيرو پورو ڪري ٿو، پر سج کي مهينو کن لڳيو وڃي. طاقتور دوربين Interferometer ذريعي ڏٺو وڃي ته هي تارو به ويگا تاري وانگر وڏي رفتار سان ڦرڻ ڪري distorted نظر اچي ٿو- يعني بال وانگر گول نظر نٿو اچي. اهو تڏهن ٿو ٿئي جڏهن ڪنهن تاري جي rotation جي رفتار 450 ڪلوميٽر في سيڪنڊ کان وڌي ٿي.
    آخر ۾ هڪ ٻئي تاري Deneb جو پڻ هتي ذڪر ڪنداسون جيڪو سمر ٽرائنگل (ٽڪنڊي) جو تارو آهي ۽ جنهن جو واسطو Cygnus تارن جي جهڳٽي سان آهي. هي تارن جو جهڳٽو جنهن کي انگريزيءَ ۾ CYGNUS يا SWAN يعني ڪاز، بدڪ يا ڪونج به سڏجي ٿو، ڪافي مشهور آهي- يعني آڳاٽي زماني کان يونانين، رومين، چينين ۽ عربن وٽ هن Constellation بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڏند ڪٿائون آهن. منجهس نوکن تارا آهن، جن ۾ سڀ کان گهڻو چمڪندڙ (Bright) ذنب تارو آهي جيڪو هن خيالي پکي هنج (Swan) جي پڇ وارو تارو آهي. هونءَ سڄي آسمان ۾ ذنب (Deneb) تارو اوڻهين نمبر تي چلڪندڙ تارو آهي. هي تارو ڌرتيءَ کان اٽڪل 3000 کن نوري سال پري آهي. ڌرتيءَ تان گهڻو روشن نظر ايندڙ تارن مان ذنب سڀ کان ڏورانهون تارو آهي. ظاهر آهي الطائر به 17 کن نوري سال پري آهي. الجدي (قطب) تارو پري آهي ته به فقط 431 کن نوري سال. علي آٿ (Alioth) تارو جيڪو عربي لفظ عليات (دمبي جي پڇ) مان نڪتو آهي ۽ هن تاري کي عرب الجون به سڏين ٿا، 81 نوري سال پري آهي. الغول (Algol) 93 نوري سال ڏور آهي. سو اهڙن تارن جي مقابلي ۾ هي ذنب تارو تمام گهڻو ڏور چئبو. اسان کي چنڊ به ڏور ٿو لڳي جيڪو ٻين جي مقابلي ۾ فقط هڪ سيڪنڊ آهي ۽ سج فقط ساڍن اَٺن منٽن تي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻيا تارا ڪيڏو ڏور آهن ۽ هيءَ ڪائنات جنهن ۾ هي سڀ سمائجن ٿا اها ڇا هوندي. ڪري سگهي ٿو ڪو انسان ان جو تخمينو؟ ان ڪري ته اسانجو هڪ يورپي پروفيسر، جيڪو اسان کي سئيڊن جي ”ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي“ ۾ پڙهائيندو هو ۽ علم فلڪيات کان واقف هو، سو هڪ ايراني شاگرد (جنهن جو اهو سبجيڪٽ نه رهيو هو) کي چوندو هو: ”مسلمان کڻي نه آهيان پر اهو يقين اٿم ته الله ضرور آهي جنهن هيڏي وڏي ڪائنات نه فقط خلقي آهي پر ان کي وڏي حڪمت ۽ قدرت سان هلائي پڻ رهيو آهي.“
    هن تاري جو انگريزي نالو Deneb عربي نالي ذنب معنيٰ ”پڇ“ مان ٺهيو آهي. ڪي عرب هن تاري کي ذنب الدجاجة (ڪڪڙ جو پُڇ) به سڏين ٿا. هي تارو سائيز ۾ به ڏاڍو وڏو آهي. پري ٿي پيو آهي ان ڪري ننڍو لڳي ٿو نه ته اسانجي سج کان 300 دفعا کن وڏو آهي يعني اسان جي سج جي جاءِ تي هي تارو Deneb رکيو وڃي ته سندس ٻاهريون حصو ڌرتيءَ جي Orbit تائين اچي ويندو. يعني اسان جي ڌرتي جنهن Orbit تي چڪر ٿي هڻي، ان گولي جيڏو هي تارو Deneb (ذنب) آهي ۽ تور ۾ سج کان 25 دفعا ڳرو آهي.
    هن تاري بابت به ڪيتريون ئي خيالي ڪهاڻيون مشهور آهن. چين ۾ “Qi Xi” جي پيار جي ڪهاڻي مشهور آهي، جنهن ۾ الطائر ۽ ويگا تارا ٻه عاشق معشوق نيو لانگ (Niu Lang) ۽ زي نيو (Zhi Nu) هئا. انهن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ذنب تاري Milky way (ڪهڪشان) مٿان پل ٺاهي.
    اسان وٽ به، خاص ڪري هندو مِٿ ۾، ان قسم جون تارن سان واسطو رکندڙ ڳالهيون مشهور آهن. هڪ هنڌ مون پنهنجي اڻپڙهيل ڏاڏيءَ بابت لکيو آهي ته هن کي ڪيترن ئي تارن ۽ Constellation جا سنڌي نالا آيا ٿي. ستين ڪلاس تائين جيسين آئون پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ رهيس لائيٽ نه آئي هئي. اڱڻ ۾ سمهبو هو. انهن ڏينهن ۾ نه هئي ٽي وي، ٽيپ رڪارڊر ۽ نه وري ڪو ڪنهن وٽ ريڊيو هو. رات جو سمهڻ کان اڳ آسمان ۾ تارن کي جاچڻ وڏي وندر هوندي هئي. هڪڙن ٻن چمڪندڙ تارن ڏي هوءَ اشارو ڪري ٻڌائيندي هئي ته اهي عاشق معشوق آهن. سڄي رات هلندا رهن ٿا جنهن ڏينهن اهي ملندا ان ڏينهن قيامت ٿيندي. هڪ دفعي هانگ ڪانگ کان نيويارڪ ويندي ڏکڻ چيني سمنڊ، هندي وڏو سمنڊ، ڪيپ آف گڊ هوپ، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ڪئريبن سمنڊ اُڪرڻ دوران دنيا جي اتر اڌ گول توڙي ڏکڻ اڌ گول وارن تارن جو جائزو وٺندو رهيس، ٻن ٻن تارن جا ڪيترائي جوڙا آهن. سوچيم ته هن ڀيري پاڪستان پهچي پنهنجي ڏاڏيءَ کان پڇندس ته اهو ڪهڙو تارن جو جوڙو آهي جن بابت هوءَ ٻڌائيندي هئي؟ پر جهاز ڪراچي پهچڻ تي خبر پيئي ته اسانجي ڏاڏي، جنهن اسان کي ماءُ وانگر نپايو ۽ حج تي وئي هئي، اها اتي ئي گذاري وئي. اڄ لائيٽ، ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ مونکي ڪوبه اهڙو ماڻهو نظر نٿو اچي جيڪو تارن بابت پراڻي زماني جا سنڌي يا اڙدو، پنجابي ۾ نالا ۽ ڏند ڪٿائون ٻڌائي سگهي ۽ نه وري ان دور جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ڌيان ۾ آيو ته پرولين، ڪهاڻين ۽ چوڻين سان گڏ چنڊ تارن بابت مڪاني ڳالهيون به قلمبند ڪجن ها جيڪي يوناني، چيني يا جپاني ادب ۾ تمام گهڻيون آهن.


    جتي جون جولاءِ سرديءَ جا مهينا ٿين

    اسان وٽ رمضان شروع ٿيڻ کان هفتو کن اڳ روزي جي افطار ۽ سحري جي وقتن جي لسٽ مسجدن ۾، چوراهن ۽ دڪانن تي، ملڻ شروع ٿيندي آهي ته پهرين روزي رکڻ جو هي ٽائيم ۽ کولڻ جو هي رهندو، ٻئي جو هي، ٽئين جو هي وغيره. وري عيد کان هڪ يا ٻه ڏينهن اڳ کان، اخبارن ۾ اچڻ شروع ٿيندو ته فلاڻي فلاڻي مسجد ۾ عيد نماز صبح جو سوا ستين ٿيندي، فلاڻين مسجدن ۾ ساڍي ستين، ٻين ۾ پوڻي اٺين ۽ اٺين کان نائين يا ساڍي نائين تائين مختلف مسجدن جا وقت ڏنل هوندا آهن. پوءِ جنهن کي جنهن ٽائيم تي، جنهن مسجد ۾ سهولت ٿئي ان ۾ هو عيد نماز پڙهي يا ڪنهن مسجد ۾ پهچندي پهچندي نماز نڪري وڃيس ته ٻيءَ ۾ پڙهي سگهي ٿو جتي دير سان پڙهڻ جو وقت مقرر ٿيل هجي. جنهن کي عيد نماز پڙهڻ جي نيت نه هجي اهو سوير پڙهڻ لاءِ ويندڙن کي اهو چئي سگهي ٿو ته توهان هلو آءٌ فلاڻي مسجد ۾ عيد نماز نائين بجي پڙهڻ ويندس ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪو نائين بجي نماز لاءِ ويندڙ نماز جو پڇي ته گوسڙو همراهه هن کي اهو ڪوڙ هڻي سگهي ٿو ته آئون سوير ئي ساڍي ستين بجي فلاڻي مسجد ۾ نماز پڙهي آيو آهيان.
    افطار ۽ سحريءَ جا وقت اسان وٽ سياري ۽ اونهاري جي حساب سان گهٽبا وڌندا رهن ٿا. اسان وٽ اونهاري ۾ ڏينهن وڏو ٿئي معنيٰ روزا ٻارهن ڪلاڪن کان به وڏا ٿين. سياري ۾ وري روزا ننڍا ٿيو پون. نه فقط ننڍا پر سيءَ جي ڪري ٿڌا به ٿيو پون. پر ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ جتي منهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو گذريو آهي اتي ڳالهه ئي ٻي آهي. ملائيشيا خط استوا جي ڀرسان ملڪ آهي، ان ڪري نه فقط ڏينهن ۽ راتيون هڪ جيڏيون ٿين پر ٻارهوئي سج به ساڳي وقت تي لهي ۽ چڙهي. نه ٿئي سيارو نه ٿئي بهار يا سرءُ! ان ڪري ته هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته ملائشيا ۾ هر قسم جي نالي واري ڇوڪري ملي سگهي ٿي پر ”بهار“ جي نالي واري نه. ۽ نه ڪو توهانکي ملئي زبان ۾ اهڙو گانو ٻڌڻ ۾ ايندو جنهن ۾ بهار جي موسم جي تعريف ٿيل هجي. ملائيشيا جا ماڻهو ڇا ڄاڻن بهار جي موسم مان يا سياري جي ٿڌ مان. ڪوالالمپور ۾، اسي واري ڏهاڪي ۾، فقط ٻه دڪان گرم ڪپڙن جا هوندا هئا. هاڻ هڪ ٻه ٻيو به کليو آهي. ڪو يورپ نوڪري يا اعليٰ تعليم لاءِ ويندو آهي ته پوءِ انهن دڪانن مان ڪنهن هڪ تان ڪوٽ يا سوئيٽر ۽ مفلر خريد ڪري ويندو آهي. بلڪ انهن دڪانن ڏي ويندڙن يا موٽندڙن کان اڪثر ٻيا پڇندا آهن: ”پرگي مانا؟ يورپا اتائو آمريڪا“- (ڪيڏانهن وڃڻ ٿي رهيو آهي؟ يورپ يا آمريڪا.) ظاهر آهي ملائيشيا ۾ ته ڪڏهن سيءُ ٿئي ئي ڪونه. توهان کي ڪيترائي اهڙا پوڙها نظر ايندا جن سڄي عمر ڪڏهن ڪوٽ يا سوئيٽر نه پاتو هوندو. ملائيشيا خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري، اتي ٻارهوئي هڪ موسم اونهارو رهي. ٻارهوئي ڪينيا، يوگنڊا جهڙن خط استوائي ملڪن جهڙي گرمي ٿئي. پر ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا ان ڳالهه ۾ خوش نصيب آهن جو ٻارهوئي جهڙ ۽ مينهن ڪري موسم خوشگوار رهي ٿي.
    مٿي خط استوا جو ذڪر آيو آهي. خط استوا اهو خيالي ليڪو آهي جيڪو دنيا جي گولي کي پورن ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو: اتر اڌ گول Northern Hemisphere ۽ ڏکڻ اڌ گول Southern Hemisphere. خطِ استوا کي انگريزيءَ ۾ “Equator” سڏجي ٿو جيڪا زيرو ڊگري واري ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) آهي. ان ليڪ يعني خط استوا کان جيئن جيئن مٿي يا هيٺ وڃبو تيئن تيئن ڊگرين جو تعداد وڌندو ويندو تانجو ڌرتيءَ جي چوٽيءَ تي جيڪو اتر قطب ٿو سڏجي 90 ڊگريون ٿينديون ۽ اهڙي طرح ڌرتيءَ جي هيٺ تر ۾ جنهن کي ڏکڻ قطب ٿو سڏجي اهو 90 ڊگريون ٿيون. اتر اڌ گول واريون ٻڙي (Zero) کان نوي تائين ڊگريون “N” يعني نارٿ (اتر) سڏجن ۽ هيٺ واريون “S” يعني سائوٿ (ڏکڻ) سڏجن.
    ڌرتي سج جي چوڌاري ڦيرو 365 ڏينهن ۾ ڪري ٿي. ڌرتي پنهنجي محور (Centre) تي ڦرڻ بدران ڪجهه ڊگريون جهڪيل (Inclined) آهي ان ڪري دنيا جي هڪ اڌ گول ۾ سج جي روشني گهڻي پوي ٿي اتي اونهارو ٿئي ۽ ٻئي ۾ گهٽ روشني (اُس) وڃڻ ڪري اتي سيارو ٿئي ۽ پوءِ ڇهن مهينن کن بعد ڌرتي سج جي ٻي پاسي پهچي ٿي ته اُبتو حساب ٿيو وڃي. يعني هاڻ جنهن پاسي اونهارو هو اتي سيارو ٿيو وڃي جتي سيارو هو اتي اونهارو. جڏهن اسان وٽ اتر اڌ گول ۾ ڊسمبر جنوري فيبروري مهينن ۾ سيارو هوندو آهي ته آسٽريليا، برازيل، بولويا، ائنگولا، زئمبيا ۽ ٻين ڏکڻ اڌ گول جي ملڪن ۾ سخت اونهارو هوندو آهي. اسلام آباد، ڪابل يا لنڊن ۾ رهندڙ هڪ شاگرد اسڪول ۾ اهوئي پڙهندو آهي ته جون، جولاءِ آگسٽ گرمين جا مهينا آهن ۽ اسانکي گنجيءَ ۽ چڍيءَ ۾ هلڻ کپي. پر اهو ڇوڪرو ان ساڳي سوال جو اهو جواب مپوتو، ڊربن يا ريوڊي جنيرو شهرن جي اسڪول ۾ ڏيندو ته ٻيا ٻار مٿس کل ئي ڪندا، جو اهي شهر ڏکڻ اڌ گول ۾ آهن، جتي جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ سخت پاري جهڙا سيءَ ۽ برف باري ٿئي ٿي. خط استوا وارو علائقو ئي هڪ اهڙو آهي جتي ٻارهوئي سج جو اثر هڪ جهڙو ٿو ٿئي. نه فقط سج جو اثر هڪ جهڙو ٿو ٿئي پر ان جي اُڀرڻ ۽ لهڻ جو وقت به ذري گهٽ ساڳيو ئي ٿئي ٿو ۽ پوءِ ظاهر آهي سڄو سال ڏينهن رات جو مدو به هڪ جيڏو ئي يعني ٻارنهن ٻارنهن ڪلاڪ ٿئي ٿو.


    مغرب ۽ عشاء نمازن ۾ وٿي

    ملائيشيا ۾ ڏهه سال کن ڪناري جي نوڪري ڪرڻ کان اڳ، اهڙا ڏهاڪو کن سال جپان ۽ ڪوريا ڏي ويندي يا اتان موٽندي هر دفعي سنگاپور ۽ ملائيشيا جي بندرگاهن: جوهور بارو، پورٽ ڪلانگ ۽ پينانگ ۾ ڪيترائي ڏينهن ترسڻ ٿيو ٿي. تن ڏينهن ۾ ٻيا خفا ايترا هئا جو ڪڏهن اتي جي موسمن بابت سوچڻ جي توفيق نه ٿي. ايتريقدر جو جڏهن ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ڏهه سال کن نوڪريءَ لاءِ ڪراچيءَ کان پهتاسين ته ڪجهه ڏينهن بعد اهو سوچي مونکي ۽ مونسان گڏ آيل ٻن پاڪستاني ڪئپٽنن کي پنهنجو پاڻ سان همدردي به ٿي ته کل به آئي ته، سوئيٽر، مفلر ۽ ٻه يا ٽي کن ڪمپليٽ سوٽ آڻڻ جي بيوقوفي ڇو ڪئي. ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي ماڻهو قميص هيٺان گنجي به نٿو پائي.
    ملائيشيا ۾ اسان لاءِ اهو به نئون تجربو ثابت ٿيو ته سڄو سال سج تقريباً ساڳي وقت تي اڀري ٿو ۽ ساڳي وقت تي لهي ٿو ۽ هر نماز جو وقت نه فقط اسانجي نيول اڪيڊمي واري مسجد ۾ ٻارهوئي ساڳيو هلندو رهيو پر سڄي ملائيشيا ۾ ساڳيو نظر آيو. ان جو سبب اهو آهي ته ملائيشيا پاڪستان وانگر اُڀو نه پر ليٽيل ملڪ آهي. يعني ساڳي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي. ان ڪري سڄي ملڪ ۾ سج هڪ ئي وقت تي اڀرندو ۽ لهندو نظر اچي ٿو. اسان وٽ سجاول، مٺي وغيره 24 کن ڊگرين تي آهي ته پشاور گلگت 32 يا 33 کن ڊگرين تي. ان ڪري سج اُڀرڻ ۽ لهڻ ۾ اڌ ڪلاڪ جو ته گهٽ ۾ گهٽ فرق پئجيو وڃي. ان ڪري اسان وٽ ٽي وي تي ظهر يا عصر جي ٻانگ ايندي يا روزي افطار ڪرڻ جو اعلان ٿيندي وقت انائونسر اهو چتاءُ ضرور ڏيندو ته هي اعلان فقط ڪراچي ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن لاءِ آهي يا فقط لاهور جي رهاڪن لاءِ آهي.
    ملائيشيا ۾ عيد جي نماز به هر شهر ۾ ساڍي اٺين بجي ٿئي پوءِ چاهي عيد ڪهڙي مهيني ۾ به اچي. هونءَ عيد جي نماز مغرب جي نماز نه آهي جو جيئن سج لهي ته ٻانگ ڏيئي نماز پڙهجي. عيد جي نماز اڌ ڪلاڪ اڳ يا پوءِ به مقرر ڪري سگهجي ٿي پر ملائيشيا جي مذهبي ڊپارٽمينٽ طرفان سڄي ملڪ جي مسجدن لاءِ اهوئي وقت مقرر ڪيو ويو آهي. ملائيشيا جي اڌ آدمشماري ملئي مسلمان آهن، 45 کن سيڪڙو چيني ۽ باقي پنج سيڪڙو کن هندو، جين، سک، عيسائي، دهريا وغيره.
    ملائيشيا هڪ ’گهڻ قومو‘ ۽ ’گهڻ مذهبو‘ ملڪ آهي پر هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته اتي رهندڙ مسلمان نماز جا پابند آهن. ويتر جو هر مسجد ۾ هر نماز جو وقت ساڳيو آهي ان ڪري هڪ سست ماڻهو به نماز کان گسائيندي شرم ٿو محسوس ڪري جو سندس اوڙي پاڙي وارا يا ساڻس گڏ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ يا ڪاليج يونيورسٽي ۾ ساڻس پڙهندڙ ساٿي، جيڪي غير مسلم آهن يعني چيني، عيسائي، هندو، ٻڌ، پارسي، سک وغيره، اهي ئي کيس ٽوڪين ٿا ته ”وقتُو سمڀايانگ“ ٿي ويو آهي- يعني نماز جو وقت ٿي ويو آهي (تون ڪهڙو مسلمان آهين جو نماز نٿو پڙهين.) ڇو جو اڄڪلهه جي انٽرنيٽ جي دور ۾ هڪ غير مسلم کي به اها ڄاڻ آهي ته مسلمان لاءِ نماز فرض آهي. بيماري ۽ معذوريءَ جي حالت ۾ به نماز ڇڏڻي ناهي. اشارن سان به پڙهڻي آهي. اهوئي سبب آهي جو ڏيڍ ڪلاڪ جي لنچ بريڪ ۾ منهنجا ملئي شاگرد ظهر نماز لاءِ مسجد هليا ويا ٿي يا ڪلاس رومن جي پٺئين ورانڊي ۾ مصلو وڇائي نماز پڙهي ورتي ٿي. ٻڌ، عيسائي، هندو ۽ سک شاگرد ڪلاس روم ۾ ويٺا رهيا ٿي. هاڻ تصور ڪريو ته اهڙي صورت ۾ ڪو هڪ يا ٻه مسلمان شاگرد نماز لاءِ نه اُٿڻ تي باقي غير مسلمانن جو هنن ڏي گهوري ڏسڻ لازمي شيءِ ٿيو پوي ته هي ڏٽا مٽا نماز پڙهڻ بدران ڪرسين تي ڇو ويٺا آهن. اها اهڙي شيءِ آهي جنهن جو اسان وٽ احساس ناهي. اسان وٽ ٻيون نمازون ته ٺهيو پر سانجهي نماز جون ٻانگون پيون اينديون ته به ماڻهو دڪانن ۽ مارڪيٽن ۾ شاپنگ ۾ مشغول هوندا. ايتريقدر جو ٻانگ اچڻ تي ٽي وي ۽ ريڊيو جو آواز به گهٽ نه ڪندا. پر ملائيشيا ۾ اها به ڳالهه نوٽ ڪيم ته شهرن ۾ توڙي ٻهراڙيءَ ۾ شام جي وقت عورتون پنهنجن ٻارن سان گڏ پنهنجي گهٽي يا ڀر واري پارڪ ۾ ٽهلنديون رهنديون، جيئن ئي سج لهڻ جو وقت ٿيندو ته ملئي عورتون جيڪي مسلمان آهن پنهنجي گهر ڏي ڀڄنديون. ان وقت ڪا ڳالهه پڇبن ته به يڪدم ”وقتُو مغرب“ چئي هليون وينديون يعني مغرب نماز جو وقت ٿي ويو آهي. پنهنجي پنهنجي گهر جي دريءَ مان مسلمان عورتون ٻاهر کيڏندڙن ٻارن کي سڏ پيون ڪنديون ته ٻين ڌرمن جا ٻار اڃا کيڏن پيا ته ڀلي کيڏن توهان گهر پهچي نماز پڙهو يا مسجد ۾ وڃو. ان وقت هنن جي زبان تي Mari Sini (هيڏانهن اچو) بدران Waktu Maghrab جو سڏ هوندو آهي ۽ ٻار سمجهي ويندا آهن ته وقتُو مغرب معنيٰ راند روند يڪدم بند ڪري نماز لاءِ گهرن ۾ گهڙو. ان وقت نماز کان گسائي ٻاهر ڦرڻ هڪ مسلمان لاءِ خراب علت ۽ عيب سمجهيو وڃي ٿو.
    مغرب جي اذان سج لهڻ يعني اُفق (Horizon) جي پٺيان هلي وڃڻ تي اچي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته Navigationally سج ڪجهه منٽن لاءِ اڃا رهي ٿو پر هتي انسان جي ديد مطابق سج جو غروب ٿيڻ قبول ڪرڻ جو حڪم آهي ۽ ان وقت مغرب نماز جي ٻانگ ڏني وڃي ٿي ۽ افضل ڳالهه اهائي چئي وڃي ٿي ته ڪوشش ڪري يڪدم نماز پڙهجي. پر ڪن مجبورين ڪري ڪجهه دير ٿي وڃي ته سانجهي (مغرب) نماز ڪيستائين جائز آهي؟ اهو سوال هڪ ڏينهن پنهنجي دوست رشيد کرل کان ڪيم ته هن ٻڌايو ته هن کي ڪنهن مولوي ٻڌايو آهي ته سانجهي نماز جي ٻانگ اچڻ بعد سؤ اُٺن جي قطار لنگهڻ تائين نماز delay ڪري سگهجي ٿي. سئيڊن ۾ تعليم دوران مالمو شهر جي مسجد جي ترڪ امام کان پڇيم ته هن ٻڌايو ته ٻانگ بعد ڪلاڪ اندر نماز پڙهي سگهجي ٿي. ٿي سگهي ٿو مون غلط ٻڌو يا سمجهيو هجي پر اهو آهي ته ڪافي دير تائين سئيڊن ۾ سانجهي نماز لاءِ ماڻهو ايندا رهيا ٿي.
    هڪ دفعي ملائيشيا ۾ سانجهي نماز تي مونکي ڏهه منٽن کن دير ٿي وئي ۽ جنهن وقت مسجد ۾ گهڙي رهيو هوس ته ماڻهو نماز پڙهي نڪري رهيا هئا. مونکي مسجد اندر آرام سان گهڙندو ڏسي امام مونکي رڙ ڪري چيو ”جلدي ڪر! نماز جو وقت تنگ ٿيندو وڃي.“ هن جو مطلب هو ته اهو ختم ٿيڻ تي آهي. ٻئي ڏينهن امام کي چيم ته مون ٻڌو آهي ته سانجهي نماز هڪ ڪلاڪ اندر تائين ٿي سگهي ٿي. هن ڪا دير مون ڏي حيرت ۾ ڏسي پوءِ ٽوڪ طور چيو ته ”ڪهڙي مولويءَ توکي چيو آهي، مني ڪلاڪ بعد ته سومهڻي (عشاء) نماز جي ٻانگ ٿي اچي. معنيٰ عشاء نماز جي ٻانگ کان پوءِ تون سانجهي پڙهندين ڇا؟“
    آئون چپ ٿي ويس. ڳالهه ته مونکي برابر دل سان لڳي جو ملائيشيا ۾ ستين بجي سج ٿو لهي ۽ مغرب نماز ٿا پڙهون ۽ پوري اٺين بجي عشاء نماز لاءِ جماعت ٿي بيهي. هاڻ کيس ڪهڙي ويهي سئيڊن جي مولويءَ جي ڳالهه ٻڌايان ته ملائيشيا اچڻ کان اڳ آئون اتي هوس ته اتي جي مسجد جو مولوي ٻڌائيندو هو. ملائيشيا جي ان ڳوٺ جي مسجد جو اهو ڳوٺاڻو امام هونءَ ئي يورپ ۽ اتي جي ماڻهن تي ڪاوڙيو وتيو ٿي.
    بهرحال ڪجهه وقت کان پوءِ اها ڳالهه مونکي ڌيان ۾ ضرور آئي ته ٿي سگهي ٿو ته ملائيشيا جي هن ڪئالا سنگائي بارو ڳوٺ جي مسجد جو مولوي ته صحيح هجي ئي هجي پر سئيڊن وارو مولوي به صحيح هجي. ڇو جو هڪ ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ مغرب ۽ عشاء نمازن جي وچ ۾ فقط ڪلاڪ جو فرق آهي پر سئيڊن ۾ ٻن اڍائي ڪلاڪن کان مٿي جو فرق آهي. اڄڪلهه (هي سيپٽمبر مهيني جو آخري هفتو آهي) سئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ سج ڇهين بجي ڌاري لهي ٿو ۽ عشاء نماز ساڍي اٺين بجي ٿئي ٿي. اسٽاڪهوم شهر چڱو خاصو اتر ۾ آهي پر سئيڊن جو هڪ ٻيو شهر ڪرونا جيڪو اڃا به گهڻو مٿي اتر ۾ آهي اتي اڄڪلهه سج ساڍي ڇهين لهي ٿو ۽ عشاء نماز ڏهين بجي ٿئي ٿي. يعني ساڍي ڇهين بجي سج جي غروب ٿي وڃڻ بعد چڱي دير روشني رهي ٿي ۽ ظاهر آهي سومهڻي (عشاء) نماز تڏهن پڙهي سگهجي ٿي جڏهن اونداهه ٿي وڃي. اهڙي طرح فجر نماز ان وقت کان پڙهي سگهجي ٿي جڏهن رات جي اونداهه ٽٽي. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ اڄڪلهه فجر نماز سوا پنجين کان شروع ٿئي ٿي. سج پوري ڪلاڪ بعد، سوا ڇهين بجي اُڀري ٿو. فجر نماز لاءِ چيو وڃي ٿو ته سج اُڀرڻ کان پنج ڏهه منٽ اڳ تائين پڙهي سگهجي ٿي تنهنجا کڻي پندرهن منٽ سمجهو. تنهنجي معنيٰ ته ڪراچيءَ ۾ اڄڪلهه توهان فجر نماز سوا پنجين کان ڇهين تائين پڙهي سگهو ٿا يعني منو ڪلاڪ توهان کي نماز لاءِ آهي. ان حساب سان اسلام آباد ۾ جيڪو ڪراچيءَ کان ڪافي مٿي اتر ۾ آهي توهان کي فجر نماز پڙهڻ لاءِ سوا ڪلاڪ کن مليو وڃي جو اتي اڄڪلهه فجر نماز ساڍي چئين کان پڙهي سگهجي ٿي ۽ سج پوري ڇهين بجي اُڀري ٿو ۽ اسان اهوئي سج اُڀرڻ کان 15 منٽ اڳ تائين فجر نماز پڙهي سگهجي ٿي وارو ساڳيو فارمولا apply ڪريون ته سوا ڪلاڪ ٿيندو. اهڙي طرح ڏکڻ ۾ خط استوا جي ويجهو وارن شهرن سنگاپور، ڪوالالمپور يا يوگنڊا جي شهرن ۾ جتي اڄڪلهه فجر نماز ساڍي پنجين شروع ٿئي ٿي ۽ سج سوا ڇهين ڌاري اُڀري ٿو اتي فجر نماز لاءِ مني ڪلاڪ کان به گهٽ وقت ملي ٿو ۽ مٿي اتر ۾ مثال طور روس جي شهر مرمانسڪ ۾ اڄڪلهه پوڻي پنجين فجر نماز جي ٻانگ اچي ٿي ۽ سج ساڍي اٺين بجي اُڀري ٿو ۽ اڃا به مٿي اتر ۾ گرين لئنڊ جي شهر ٿول (Thule) ۾ صبح جو سوا پنجين ٻانگ اچي ٿي ۽ سج نائين بجي اُڀري ٿو. يعني توهان جي آفيس جو ٽائيم 8 وڳا آهن ته توهان آفيس اچي پنهنجي حاضري هڻي، چانهه جو ڪوپ پي پوءِ وضو ڪري فجر نماز پڙهي سگهو ٿا. يا سوا پنجين بجي ئي نماز پڙهي ڪلاڪ ٻه ننڊ ڪري پوءِ آفيس لاءِ تيار ٿي اٺين بجي آفيس ۾ اچي سگهو ٿا. ٿول شهر کان به اڃا مٿي اتر قطب وٽ 83oN تي هڪ ٻيو گرين لئنڊ جو شهر ٿامسن آهي جتي اڄڪلهه ساڍي چئين کان فجر نماز جو ٽائيم شروع ٿئي ٿو ۽ سج ساڍي اٺين بجي ڌاري اڀري ٿو. هاڻ (انهن ڪجهه شهرن ۽ انهن ۾ ”فجر نماز“ ۽ ”سج اڀرڻ“ جي وقتن تي توهان غور ڪندائو ته توهان کي هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ ايندي ته خط استوا وٽ جيڪي ملڪ آهن اتي فجر ۽ سج اڀرڻ جي وچ ۾ ٿورو وقت ٿئي ٿو جيئن سنگاپور، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي شهرن ۾ يا آفريڪا ۾ ڪينيا، يوگنڊا، زائر جي شهرن ۾ يا جيئن ڏکڻ آمريڪا جي اڪيڊار ۽ ڪولمبيا جي شهرن ۾، جتان خط استوا (Equator) گذري ٿو. ساڳي طرح انهن هنڌن تي سانجهي (مغرب) ۽ سومهڻي (عشاء) جي نمازن جي وچ ۾ به گهٽ وقت ٿئي ٿو. جيئن جيئن خط استوا کان پري قطبن ڏي وڃبو ته اهو وقت وڌندو ويندو. جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ سج لٿي کان پوءِ ڪجهه دير روشني رهي ٿي، اسلام آباد ۽ ڪابل ۾ ته اڃا وڌيڪ ۽ جي وڌيڪ اتر ۾ ماسڪو يا اسٽاڪهوم ۾ ڏسبو ته اتي اهو روشنيءَ جو وقت اڃا وڌيل ملي ٿو ان ڪري سانجهي نماز بعد سومهڻي نماز لاءِ ٻه اڍائي ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوي ٿو، جيئن ڏينهن واري روشني صفا ختم ٿي مڪمل اونداهه ڇانئجي وڃي. ماسڪو، اسٽاڪهوم يا اوسلي جهڙن قطبي شهرن جا رهاڪو جڏهن سنگاپور يا ڪوالالمپور گهمڻ ايندا آهن ته انهن کي اهو تجربو عجيب محسوس ٿيندو آهي ته سج لهڻ کان پوءِ يڪدم اوندهه ٿيو وڃي. گذريل سال جون جولاءِ ڌاري آئون جپان ۾ هوس جتي فجر ساڍي ٽي بجي شروع ٿيندي هئي (يعني رات جي اوندهه ٽٽندي هئي) ۽ سج وري ستين بجي اڀرندو هو ۽ منهنجن ڏهٽن کي اٺين بجي اسڪول پهچڻو هوندو هو. پوءِ فجر تي تهجد نماز وانگر اُٿي نماز گهر ۾ پڙهي سمهي رهندو هوس ۽ پوءِ سج اڀرڻ تي اُٿي ٻارن کي اسڪول ڇڏي ايندو هوس. ڪوبي واري مسجد ۾ جماعت ٿيندي هئي پر دير سان، سج اڀرڻ کان ڪلاڪ کن اڳ.


    بالڪني ۾ اچي وار سُڪائي

    ان خيال کان اسان پاڪستان ۾ رهندڙ خوشنصيب آهيون جو اسان وٽ نمازن جا ٽائيم تمام آسان آهن. سياري ۾ ته اڃا به گهڻو جو فجر نماز مهل هونءَ ئي سڀني شاگردن ۽ نوڪرين وارين کي اٿڻو پوي ٿو پر اتراهن يا ڏاکڻن قطبي شهرن ۾ ته فجر لاءِ ٽين چئين بجي، بلڪ ڪن ملڪن ۾ اڍائي بجي اٿڻو پوي ٿو. اسان وٽ اونهاري يا سياري ۾ ڏينهن رات جو فرق ٿئي ٿو سو به ڪو اهڙو گهڻو ۽ مُنجهائيندڙ ناهي. اونهاري ۾ وڌ ۾ وڌ ڏينهن کڻي ساڍي تيرهن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ رات ساڍن ڏهن ڪلاڪن جي. اهڙي طرح سياري ۾ رات ڪلاڪ ڏيڍ وڏي ٿئي ٿي ۽ ڏينهن ڪلاڪ ڏيڍ ننڍو. پر ڏينهن رات جو اهو فرق جيترو قطبن ڏي (اتر طرف يا ڏکڻ طرف) پيو وڃبو اوترو ويندو وڌندو. جون جولاءِ جي مهينن ۾ هڪ دفعو اسانجي ڪمپنيءَ جا ٻه جهاز ڪراچيءَ کان روانا ٿيا. هڪ کي يورپ ڏي ناروي وڃڻو هو ٻئي کي چِلي (سائوٿ آمريڪا). ناروي دنيا جي اتر اڌ گول ۾ آهي جتي جون جولاءِ وارا مهينا اونهاري جا هوندا آهن جيئن پاڻ وٽ پاڪستان، ايران، ترڪي، انگلينڊ ۾ آهي. هوڏانهن چلي دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾ آهي ۽ نيوزيلينڊ، آسٽريليا، سائوٿ آفريڪا جهڙن ملڪن وانگر چِليءَ ۾ اهي مهينا (جون، جولاءِ، آگسٽ) سخت سياري جا هوندا آهن، جتي سيءَ کان علاوه ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿين. چليءَ جو هي بندرگاهه جتي اسان جي دوست کي هي جهاز وٺي وڃڻو هو ڪافي هيٺ ڏکڻ ۾ آهي ان ڪري اتي راتيون هيڪانديون وڏيون هيون ۽ ڏينهن ننڍا. ٻي طرف منهنجي پوسٽنگ ناروي ڏي ويندڙ جهاز تي ٿي هئي ۽ ناروي جي جنهن بندرگاهه ۾ اسانکي جهاز وٺي وڃڻو هو اهو Arctic Circle کان به گهڻو مٿي اتر ۾ 70N کن ڊگرين تي هو. ايترو اتر ۾ اسانجو پهريون دفعو وڃڻ ٿيو هو، جتي رات ڪا ٻن ٽن ڪلاڪن جي به مس ٿي ٿي تنهن ۾ به ڪلاڪ ڏيڍ روشني (Twilight) رهي ٿي ۽ ڪلاڪ ڏيڍ صحيح معنيٰ ۾ اوندهه ٿي ٿي ۽ اهو مهينو رمضان جو هو ۽ سڀني کي 22 کن ڪلاڪن جو روزو رکڻو پيو ٿي. مغرب جي ٻانگ رات جو ساڍي يارهين ڌاري آئي ٿي، يعني جنهن کي پاڻ pm ٿا سڏيون، ۽ فجر جي ٻانگ ٻي بجي ڌاري آئي ٿي يعني انهن ٻن اڍائي ڪلاڪن ۾ افطار مغرب جي نماز، سومهڻي، تراويح نماز، سحري کائڻ ۽ فجر پڙهڻ اچي ويو ٿي. جهاز جي ڊيوٽي شام جو چئين بجي ختم ٿيندي هئي، ان بعد ڪلاڪ ڏيڍ شهر جو چڪر هڻي اچي سمهي رهندا هئاسين پوءِ ساڍي يارهين بجي جهاز جو سُکاڻي پيو اٿاريندو هو ته بابا ساڍا يارهن ٿيڻ وارا آهن اجها ته مغرب نماز جي ٻانگ آئي، اٿي افطار ڪريو ۽ اها افطار دراصل سحري به هوندي هئي جو ٻن ڪلاڪن بعد ته فجر جي ٻانگ ايندي هئي. مون لاءِ اهو نئون تجربو هو ۽ مونکي حيرت ٿيندي هئي ته اسان جي ملڪ ۾ سحريءَ تي اٿاريو وڃي ٿو ۽ هتي افطار تي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن قطبي ملڪن ۾ اونهاري ۾ به سخت سيءَ ۽ برف باري ٿئي ۽ ٻاويهه ڪلاڪن جي روزي ۾ ڪا اُڃ کڻي نٿي لڳي پر سيءَ ڪري بک ۽ گرم چانهه يا ڪافي پيئڻ جي تانگهه ٿئي ٿي. انهن ڏينهن ۾ منهنجي، پنهنجي دوست چيف انجنيئر سان، فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ڪراچيءَ مان مون سان گڏ جهاز کي ٻاهر ڪڍيو ۽ پوءِ ڏکڻ طرف چلي جي ڪنهن بندرگاهه ڏي وٺي ويو هو، جتي سيارو هجڻ ڪري راتيون ويهه ڪلاڪن جون ٿيون ٿي ۽ ڏينهن چئن ڪلاڪن جو، يعني هنن کي ٽن يا ساڍن ٽن ڪلاڪن جو روزو رکڻو پيو ٿي.
    قطبي ملڪن ۾ اونهاري ۽ سياري ۾ ڏينهن رات جي ننڍ وڏائي جو تمام وڏو فرق به عجيب لڳي ٿو. پنهنجي سبجيڪٽ ”مئرين انجنيئرنگ“ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ لاءِ مونکي ٻه سال سئيڊن ۾ رهڻو پيو هو. نومبر ڊسمبر جي مهينن ۾ ساڍي ستين نيرن ڪري اٺين بجي يونيورسٽي ويندڙ بس لاءِ بس اسٽاپ تي پهچندو هوس ته به اوندهه ڪانڀار هوندي هئي. يونيورسٽي پهچي پوءِ فجر نماز لاءِ پاڪستاني، عرب، بنگالي ۽ ٻيا مسلمان يونيورسٽي طرفان مسجد لاءِ مقرر ڪيل ڪمري ۾ اچي جماعت سان نماز پڙهندا هئاسين. ڏهين بجي ڌاري سج اڀرندو هو ۽ ٽي بجي لهندو هو. يعني مغرب نماز ٿيندي هئي. يونيورسٽي کان موڪل پنجين ڇهين بجي ڌاري ٿيندي هئي يعني ڪڏهن ڪڏهن عشاء نماز به يونيورسٽيءَ ۾ ئي پڙهي پوءِ گهر ايندا هئاسين. شهر جا شاپنگ سينٽر ستين بجي بند ٿيندا هئا چاهي سيارو هجي يا اونهارو. اونهاري ۾ ته عجيب محسوس ٿيندو هو جو سج رات جو ڏهين يارهين لهندو هو پر شهر جا دڪان ۽ شاپنگ سينٽر ستين بجي بند ٿي ويندا هئا، جڏهن سج اڃا مٿي بيٺل هوندو هو يعني اڃا ٽاڪ منجهند هوندي هئي.
    ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ، گرين لئنڊ جهڙن ملڪن ۾ سج جي روشنيءَ يا اوندهه مان ته خبر ئي نٿي پوي ته ڏينهن آهي يا رات. ههڙن ملڪن ۾ بنا واچ ۽ گهڙيال جي گذارو ٿي نٿو سگهي جو هتي هر شيءِ واچ جي ڪانٽن مطابق هلي ٿي. شروع وارن ڏينهن ۾، اونهاري ۾، ڪڏهن ڪڏهن صبح جو چئين بجي اک کلندي هئي ته سج جي تيز روشني ڏسي لڳندو هو ته شايد دير ٿي وئي آهي پر پوءِ گهڙيال ۾ وقت ڏسي سمهي رهبو هو ته يونيورسٽي وڃڻ ۾ اڃا ٽي چار ڪلاڪ آهن.
    هڪ دفعي پنهنجي هڪ ايشيائي ڪلاس ميٽ کان پڇيم ته هنن ملڪن ۾ واچ بنا ڪيئن خبر پوي ته هاڻ ڏينهن آهي ۽ هاڻ رات؟
    ”تمام آسان ڳالهه آهي،“ هن وراڻيو، ”دري کولي ڏسجي ته سامهون روڊ سائيڊ وارا دڪان کليل آهن يا نه. جي کليل آهن ته معنيٰ صبح جا ست وڄي ويا آهن اٿي نيرن ڪجي پر جي بند آهن ته سمجهي وڃجي ته اڃا رات آهي ڪجهه دير ٻي به سمهي سگهجي ٿو. (يعني هي اونهاري جي موسم جي ڳالهه آهي جڏهن سج رات جو ٻي اڍائي بجي اڀري ٿو ۽ 22 ڪلاڪن بعد رات واري ٽائيم ساڍي يارهين بجي لهي ٿو.) اڃا به جيڪر وڌيڪ اتر قطب ڏي وڃجي ته ڏينهن اڃا به وڏو ٿيندو ٿيندو چوويهه ڪلاڪن جو ٿيو وڃي يعني رات ٿئي ئي ڪانه. هڪ هلڪو احساس ٿيندو ته ڪن ساعتن لاءِ ٿوري اوندهه ٿي وري روشني ٿي وئي. اهڙن هنڌن کي Mid Night Sun واري ڌرتي سڏجي ٿو يعني اتي آڌي رات جو به سج بيٺو آهي. ڇهن مهينن بعد جڏهن دنيا جو گولو سج جي ٻئي پاسي پهچي ٿو ۽ جڏهن سياري جي رُت اچي ٿي ته پوءِ وري يڪي ڏينهن بدران يڪي رات چالو ٿيو وڃي. سئيڊن ناروي جهڙن ملڪن ۾ اونهاري ۾ سمهڻ جو وڏو مسئلو ٿئي ٿو جو گهڙيال جي سُئين مطابق توهان شام جو نائين بجي ڌاري رات جي ماني (ڊنر) کائي سمهي ته رهيائو پر سج ته اڃا نه لٿو آهي. سج جي تکي روشنيءَ کان بچڻ لاءِ مٿين ملڪن ۾ درن ۽ درين اڳيان ٿلهي ڪپڙي جا ٻٽا پڙدا ڏيڻا پون ٿا جيئن سج جي روشني اندر ڪمري ۾ نه پهچي ۽ توهان خيالن خيالن ۾ رات جو تصور ڪري سمهي رهو. ان کان علاوه هنن ملڪن ۾ ايڏو ته سخت سيءُ ٿئي ٿو- ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاٽو ويهه ڊگرين کان به گهٽ، جو هر دريءَ تي ٻه شيشا ٿين ٿا جيئن هڪڙو ٽڙڪي پوي ته ٻيو ته هجي. ذرا تصور ڪريو ڪمري ۾ ڪو ٻار اڪيلو ستو پيو هجي ۽ شيشو ٽٽي پوي ته ڪمرو ريفريجريٽر جي مٿين خاني کان به وڌيڪ ٿڌو ٿي وڃي ۽ ٻار يا وڏو ڪلفي ٿي وڃي. دراصل هنن ملڪن ۾ اونهاري ۾ به ايڏو سيءُ ٿو پوي جو هتي ڇت يا ٽيبل جي پنکي جي ضرورت ئي نه آهي. جيئن ملائيشيا جا ماڻهو سڄي عمر ڪوٽ کي هٿ نه لاهين تيئن هنن سرد ملڪن جي ماڻهن کي سڄي عمر ٽيبل فئن يا ڇت جو فئن ڏسڻ به نصيب نه ٿئي. گهرن اڳيان ان ڪري بالڪنيون به نه ٿين، جو ظاهر آهي اهڙي سيءَ ۾ ڪنهن کي کٽيءَ کنيو آهي جو بالڪني يا گئلريءَ ۾ اچي ”وار سڪائي“ ۽ گهٽيءَ مان لنگهندڙ ڪو مجنون يا روميو دل جي قرباني پيش ڪري يا ڪو دو گانو ڳائي. بهرحال هنن ملڪن جو دلچسپ احوال پنهنجن سفرنامن: ”جت برف پوي ٿي جام، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون ۽ ملير کان مالمو وغيره ۾ تفصيل سان ڏئي چڪو آهيان.


    ڌرتيءَ جو هڪ هڪ ماپيل ميل

    جاگرافي، جهازراني يا Astronomy جو شاگرد ته ڀلي ڀت واقف هوندو پر هڪ عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ لاءِ هتي ڪجهه شين جي وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو جنهن بعد هو دنيا جي چرپر، مندن ۽ موسم جي بدلجڻ، نئين چنڊ جي اُڀرڻ ۽ ڏينهن رات جي ننڍ وڏائيءَ بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون بهتر نموني سان سمجهي سگهي ٿو.
    ڌرتيءَ جي گولي تي ڪنهن به هنڌ جي سڃاڻپ لاءِ اسين ان هنڌ جو ويڪرائي ڦاڪ Latitude ۽ ڊگهائي ڦاڪ Longitude ٻُڌايون ٿا. مثال طور ڪراچي 25 کن ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ تي اتر ۾ آهي ۽ 67 ڊگريون اوڀر واري ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. هاڻ ڪو اسلام آباد يا لاهور کان باءِ روڊ اچي ٿو ته هو ته پڪو رستو وٺي ملتان، سکر، مورو حيدرآباد کان ٿيندو اچيو ڪراچيءَ کان نڪري. رستي تي هر ميل يا ڪلوميٽر بعد بورڊ تي هن کي لکيل نظر اچي ٿو ته هاڻ ڪراچي هيترا ميل آهي، وغيره. پر سمنڊ يا هوا ۾ رستا يا ميل جا پٿر ته لڳل نه آهن جو انهن کي فالو ڪندو هوائي جهاز يا پاڻي وارو جهاز پهچي. هوائي جهاز هلائڻ وارا يا اسين پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ وارا، ڪنهن به هوائي اڏي يا بندرگاهه ڏي وڃڻ لاءِ ان جو ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) يا ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) ڌيان ۾ رکون ٿا. پوءِ چاهي ڏينهن هجي يا رات، اوندهه هجي يا ڌنڌ، مينهن يا برف باري- طرف ڳوليندڙ (Direction Finder)، نيويگيشنل سيٽلائيٽ، Sextant جهڙن اوزارن ۽ اليڪٽرانڪ برقي لهرن ذريعي ان هنڌ تي پهچي وڃون ٿا. اهو ان ڪري آسان ٿي ويو آهي جو دنيا جي سڄي گولي جو هڪ هڪ ميل انهن اُڀين ۽ ليٽيل ڇلن (Rings) جهڙن دائرن ۾ ورهايل آهي، جن کي اسان Latitude ۽ Longitude سڏيون ٿا. ان کي سمجهڻ لاءِ آئون پنهنجن شاگردن کي هميشھ گدري جو مثال ڏيندو آهيان، جنهن ۾ اڳهين ڦارن جا نشان نظر اچن ٿا. سمجهو ته دنيا جو گولو گدري مثال آهي. ۽ فرض ڪريو ته ان گدري جون 36 ڦارون ڪيون وڃن ٿيون يعني هڪ ڦار ڏهن ڊگرين جي ٿي جو اسان کي خبر آهي ته سڄي گول چڪر ۾ 360 ڊگريون آهن. اهڙي طرح هر ڊگريءَ ۾ سٺ منٽ ٿيا. (هي منٽ ٽائيم وارو نه پر ماپ واري ڊگري جو سٺهون حصو آهي، جيئن پائونڊ انگلينڊ جو نوٽ آهي ته تور جو ماپو به هو.) هڪ ڊگريءَ ۾ سٺ منٽ ٿيا ته دنيا جي سڄي گولي يعني 360 ڊگرين ۾ 21600 منٽ ٿيا. هاڻ گدري وانگر دنيا جي گولي جي چوڌاري جيڪڏهن 21600 ڦارن جا نشان ڪيا وڃن ته هر ڦار جي Arc ۾ جيترو فاصلو آهي، ان کي اسين سامونڊي دنيا سان واسطو رکندڙ (۽ هوائي جهاز اُڏائڻ وارا) هڪ ناٽيڪل ميل سڏيون ٿا جيڪو ماپ ۾ عام زميني ميل کان ڪجهه وڏو ٿو ٿئي (1.151 ميل ۽ 1.852 ڪلوميٽر برابر).
    دنيا جي گلوب تي يا ڪنهن پني تي نقشو ڏسندائو ته توهان کي هي اڀيون ليڪون Longitudes نظر اينديون جيڪي هڪ هڪ منٽ (ناٽيڪل ميل) بدران ڏهن ڏهن ڊگرين (يعني 600 ناٽيڪل ميلن بعد آهن) بلڪ ڪيترن نقشن ۾ ته پندرهن پندرهن ڊگرين (900 ناٽيڪل) ميلن بعد آهن يعني ٻڙي (زيرو)، پندرهن، ٽيهه، پنجيتاليهه وغيره. ٻڙيءَ واري ڦاڪ (Longitude) انگلينڊ جي شهر ”گرين وِچ“ وٽان لنگهي ٿي ۽ اها Prime Meridian سڏجي ٿي ۽ پوءِ ان جي ساڄي پاسي يعني اوڀر واري 15E سڏجي ٿي ۽ اولهه واري 15W ۽ اهڙي طرح 30E ۽ 30W ۽ پرائيم ميريڊين جي بلڪل پٺيان واري 180 ڊگرين واري ڦاڪ (Longitude) سڏجي ٿو. دنيا جو وقت انهن ڦاڪن موجب اڳيان پويان رکيو ويو آهي. پرائيم ميريڊين يعني زيرو واري ڦاڪ جو وقت گرين وچ مِين ٽائيم سڏجي ٿو ۽ اسان جو لوڪل ٽائيم ان کان 5 ڪلاڪ اڳيان آهي جو اسان وٽ گرين وِچ (انگلينڊ جي شهر) کان پنج ڪلاڪ اڳ سج اُڀري ٿو.
    مٿين اڀين ليڪن (Longitude) کان علاوه ليٽيل گول دائرا آهن، جن مان اهم اهو دائرو آهي جيڪو ڌرتيءَ جي بلڪل وچ مان لنگهي، ان کي پورن ٻن اڌن (مٿيون اڌ Northern Hemisphere ۽ هيٺيون اڌ Southern Hemisphere) ۾ ورهائي ٿو. ان خيالي ڇلي (گول دائري) کي پاڻ خطِ استوا يعني وچ واري ليڪ (Equitor) سڏيون ٿا ۽ اهو سڀ ۾ وڏو گهيرو آهي ۽ اهو گولو Latitude زيرو ڊگري سڏجي ٿو. ان بعد هڪ جيتري مفاصلي تي خط استوا جي هيٺان ۽ مٿي گول (Latitude) آهن جيڪي ننڍا ٿيندا وڃيو اتر قطب ۽ هيٺ ڏکڻ قطب تائين پهچن ۽ اُتي اهي 90 ڊگريون اتر ۽ 90 ڊگريون ڏکڻ وارو ويڪرائي ڦاڪ ٺاهين ٿا. دنيا جي گولي تي خط استوا بعد هيٺ ۽ مٿي ڏهه ڊگرين جو Latitude ان بعد ويهن جو ۽ پوءِ وڌندو وڌندو اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب تائين نوي جو ٿئي ٿو. دنيا جي اتر اڌ گول وارا ويڪرائي ڦاڪَ N يعني نارٿ (اتر) سڏجن ٿا ۽ ڏکڻ وارا S يعني سائوٿ (ڏکڻ) سڏجن ٿا.
    ڏٺو وڃي ته دنيا جي گولي جي چوڌاري اُڀين (Vertical) ۽ ليٽيل (Horizontal) ليڪن جي ڄار وڇايل آهي ۽ دنيا جو ڪوبه شهر يا ڳوٺ ڳولڻ يا ان تائين پهچڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. ايتري قدر جو ڪراچيءَ جو ڪياماڙيءَ کان گلشن حديد تائين به هڪ هڪ ميل ته ڇا پر هر ميل جو حصو به Locate ڪري سگهجي ٿو. جيئن مثال طور شروع ۾ لکيو اٿم ته ڪراچي 25 کن ڊگريون اتر ۽ 67 ڊگريون اوڀر ۾ آهن. دراصل ڪراچي جي exact پوزيشن 24 ڊگريون 51 منٽ اتر ۽ 67 ڊگريون ۽ ٻه منٽ اوڀر واري ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي آهي. اهڙِ طرح اسلام آباد 33 ڊگريون 44 منٽ اتر واري ويڪرائي ڦاڪ ۽ 73 ڊگريون ۽ 8 منٽ اوڀر واري ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. يوگنڊا ملڪ جو شهر ڪمپالا زيرو ڊگري 19 منٽ نارٿ واري Latitude تي آهي تنهن جي معنيٰ ته ڪمپالا خط استوا تي ئي آهي ڇو ته خط استوا وارو گهيرو زيرو ڊگري تي آهي ۽ ڪمپالا جو شهر خط استوا کان فقط 19 ناٽيڪل ميل (اٽڪل 22 کن زميني ميل) اتر ۾ آهي. ڪوالالمپور 3 ڊگريون 8 منٽ اتر ۾ آهي يعني خط استوا کان 180 ناٽيڪل ميل هڪڙا (ٽي ڊگريون) ۽ 8 ناٽيڪل ميل (8 منٽ) ٻيا، سي ٿيا 188 ناٽيڪل ميل اتر ۾. جڪارتا 6 ڊگريون ۽ 8 منٽ ڏکڻ واري Latitude تي آهي معنيٰ 368 ناٽيڪل ميل خط استوا کان هيٺ ڏکڻ اڌ گول ۾ آهي. ڪينيا جو شهر نئروبي به ڏکڻ اڌ گول ۾ خط استوا کان فقط 77 ناٽيڪل ميل (يعني هڪ ڊگري 17 منٽ) هيٺ ڏکڻ ۾ آهي. ناروي جو شهر 600 اتر ۾ آهي يعني خط استوا کان گهڻو گهڻو مٿي اتر قطب جي ويجهو آهي.


    آمريڪا ۾ پنج وقت

    نقشي ۾ خط استوا واري (زيرو ڊگري واري) ويڪرائي ڦاڪ بعد ڏهه ڏهه ڊگرين جي وقفي تي گول دائرا ڏيکاريل آهن. جيئن ڊگهائي ڦاڪن (Longitudes) ۾ زيرو ڊگري واري ڊگهائي ڦاڪ (Prime Meridian) اهم آهي تيئن ويڪرائي ڦاڪن (Latitudes) ۾ پنج دائرا مشهور آهن. هڪ ته زيرو ڊگري وارو ”خط استوا“ وارو گهيرو ۽ ٻيا هي آهن:
    آرڪٽڪ سرڪل
    جيڪو ساڍن 66 کن ڊگريون اتر ۾ آهي. هن ليڪ تي سال ۾ هڪ ڏينهن 24 ڪلاڪن جو ضرور ٿئي ٿو. هن ليڪ کان جيئن مٿي وڃبو تيئن ڏينهن وڏو ٿيندو ٿيندو اتر قطب وٽ ڇهن مهينن جو ڏينهن ٿئي ٿو. اهڙي طرح سياري ۾ ڇهن مهينن جي رات.
    روس، ڪئناڊا، ڊئنمارڪ (گرين لئنڊ)، الاسڪا، ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ ملڪ يا انهن جا ڪجهه حصا هن ليڪ (Arctic Circle) تي ۽ ان کان مٿي اتر قطب ڏي آهن.
    ائنٽارڪٽڪ سرڪل
    ساڍن ڇاهٺ کن ڊگريون ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏکڻ قطب جي ويجهو وارو ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) آهي. آرڪٽڪ سرڪل وانگر هن ڦاڪ تي به سال ۾ هڪ ڏينهن 24 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. جنهن ۾ 24 ڪلاڪ روشني ۾.
    ٽراپڪ آف ڪئنسر
    هي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) خط استوا جي اتر ۾ اٽڪل ساڍا ٽيويهه ڊگرين تي آهي. اونهاري جي موسم ۾ سج هن ڦاڪ تائين مٿي Overhead پهچي ٿو. ان کان مٿي اتر ۾ جيڪي ملڪ يا انهن جا حصا اچن ٿا انهن ۾ چوٽ اونهاري ۾ به سج پاسيرو لنگهي ٿو جيئن پاڻ وٽ سياري ۾ گذرندو آهي. هي ڦاڪ Tropic of Cancer جن ملڪن مان لنگهي ٿو انهن مان ڪجهه هي آهن: آمريڪا (USA)، آلجيريا، نائيجر، لبيا، چاڊ، عمان، بنگلاديش، برما، مصر، سعودي عرب، ميڪسيڪو ۽ چين وغيره.
    ٽراپڪ آف ڪئپريڪان
    هي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) خط استوا جي ڏکڻ ۾ ايترو پري آهي جيترو ٽراپڪ آف ڪئنسر اتر ۾ آهي- يعني ساڍا ٽيويهه ڊگريون سائوٿ ۾ آهي. هي ڦاڪ (Tropic of Capricorn) جن ملڪن مان لنگهي ٿو انهن مان ڪجهه هي آهن: برازيل، ارجنٽائين، چلي، آسٽريليا، مئڊاگاسڪر، موزمبق، سائوٿ آفريڪا، بوٽسوانا، نميبيا وغيره. نميبيا (آفريڪا) ۾ ته هڪ هنڌ رڻ پٽ ۾ جتان هي ڦاڪ گذري ٿو بورڊ لڳل آهي جنهن تي Tropic of Capricorn لکيل آهي.
    مٿي لکي آيو آهيان ته وقت جي تبديليءَ جو مدار ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. هڪ ئي ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) وارن ملڪن ۾ ساڳيو ئي ٽائيم ٿئي ٿو پوءِ اهو ملڪ کڻي خط استوا تي هجي، ٽراپڪ آف ڪئنسر تي يا ٽراپڪ آف ڪئپريڪان تي. مثال طور آفريڪا جي ملڪن نميبيا، ائنگولا، نائيجر، نائيجيريا، لبيا ۽ يورپ جي ملڪن اٽلي، جرمني، ڊئنمارڪ، سئيڊن جو هڪ ئي وقت آهي جيتوڻيڪ ڪو ملڪ خط استوا تي آهي ته ڪو ملڪ اتر اڌ گول ۾ ته ڪو ڏکڻ اڌ گول ۾ آهي. ڪي ملڪ چين ۽ آمريڪا جهڙا ايڏا وڏا آهن جو اهي ڪيترن ئي ڊگهائي ڦاڪن تي اچن ٿا. جيئن USA پنجونجاهه ڊگريون Longitude کان وٺي 125W تائين پکڙيل آهي بلڪ ان ۾ الاسڪا به ملائجي ته 165W تائين وڃيو نڪري. ان ڪري ان ۾ هڪ بدران پنج مختلف وقت آهن. فقط نيويارڪ ۽ لاس اينجلس ۾ به چئن ڪلاڪن جو فرق آهي ڇو جو سج نيويارڪ ۾ اڀرڻ بعد لاس اينجلس ۾ چئن ڪلاڪن بعد اڀري ٿو. ان ڪري اهڙن ملڪن ۾ هڪ وقت رکي نٿو سگهجي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اهڙن ملڪن ۾ جي فقط هڪ ٽائيم رکيو وڃي ته پوءِ نيويارڪ وارا ته کڻي صبح جو اٺين بجي صحيح ٽائيم تي اسڪول يا آفيس ويندا پر لاس اينجلس يا الاسڪا رياست جي شهر ائنڪريج ۾ ته اونداهه انڌوڪار هوندي يعني تارن ڀري رات هوندي ۽ اسڪول کان هڪ بجي موڪل ٿيڻ تي اتي سج پيو اڀرندو. بهرحال دنيا جي مختلف ملڪن جو وقت ڊگهائي ڦاڪ مطابق ٿئي ٿو ۽ موسم وري ويڪرائي ڦاڪ مطابق. خط استوا جي ويجهو وارن ملڪن ۾ سج جا ڪرڻا سڌو ٿا پون ته انهن ملڪن ۾ وڌيڪ گرمي يعني ڊگهو اونهارو رهي ٿو ۽ جيئن جيئن خط استوا واري زيرو ڊگري واري ويڪرائي ڦاڪ کان پري اتر قطب يا ڏکڻ قطب ڏي پيو وڃبو ته سردي وڌندي ويندي. ايتريقدر جو پنجاهه کن ڊگريون ويڪرائي ڦاڪن کان مٿي وارن ملڪن يعني ناروي، فنلئنڊ، سئيڊن، گرين لئنڊ جهڙن ۾ ته اونهاري جي موسم ۾ به سيءُ ٿو پوي. پنهنجي ٻه سال پڙهائي (پوسٽ گريجوئيشن) دوران، سئيڊن ۾ هر سال اسان کي اونهاري جا پندرهن ڏينهن کن جولاءِ جي مهيني ۾ موڪل ٿيندي هئي، جيئن ان سٺي موسم ۾ اسان گهمي ڦري سگهون ۽ اهي 15 کن ڏينهن سئيڊن جي اونهاري جا گرم ترين ڏينهن هوندا هئا پر ان هوندي به ايترو سيءُ ٿيندو هو جو رات جي وقت سوئيٽر ۽ ڪوٽ بنا نڪري نه سگهبو ۽ سياري جي موسم جي ته ڇا ڳالهه ڪجي! گهمڻ ڦرڻ- يعني واڪ ڪرڻ ته پري جي ڳالهه ٿي، بس اسٽاپ تي بس جو انتظار ڪندي خراب حالت ٿيندي هئي- جيتوڻيڪ سئيڊن حڪومت جي قانون موجب سياري جي موسم ۾ هر بس اسٽاپ تي بس کي ڏهن منٽن اندر اچڻو ئي پوندو هو جو سياري جي ٿڌ ۾ ان کان وڌيڪ انتظار ڪرڻ ناقابل برداشت ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٿڌ جو درجو منفي ويهه يا پنجويهن کان هيٺ هليو ويندو هو ۽ هن ٿڌ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته منفي چئن ڊگرين تي ته پاڻي برف ٿيو وڃي. سياري ۾ هر وقت برف باري ٿيندي هئي پر ڪڏهن ڪڏهن هلڪي هلڪي بوندا باندي ٿيندي هئي ته ڦڙين جو پاڻي بنا پنن جي ٽارين تي ڪرسٽل وانگر ڄميل نظر ايندو هو ۽ ڦڙيءَ سان ڦڙي ملڻ تي اهي شيشي جون ڊگهيون ڇيتون نظر اينديون هيون.


    فقط اڍائي ڪلاڪن جو دورو

    پاڪستان ان معاملي ۾ خوش نصيب ملڪ آهي جو جتي ان جو ڪجهه حصو (ڏکڻ وارو) گرم ويڪرائي ڦاڪ ۾ اچي ٿو اتي ان جي اتراهين حصي ۾ ٿڌ واري موسم پڻ رهي ٿي. ان ڪري پاڪستان ۾ هر قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو ٿئي ٿو- انب، گدري، کجي کان وٺي ٿڌن ملڪن وارو ميوو ڏاڙهون، صوف، انگور، موسمي ۽ اخروٽ بادام تائين ٿئي ٿو، نه ته ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ جيڪي پکيڙ ۾ پاڪستان کان به وڏا آهن پر اڀا (Vertical) هجڻ بدران هڪ ئي ويڪرائي ڦاڪ تي ليٽيل (horizontal) هجڻ ڪري ٻارهوئي فقط انناس، ڪٺل، دورين، ليچي، ماتا ڪچنگ ۽ ڊوڪو جهڙا ميوا ٿين ٿا، جيڪي صوف، موسمي، انگورن جهڙن ميون جي مقابلي ۾ هيٺين درجي جا سمجهيا وڃن ٿا ۽ منجهن Keeping Qualities به گهٽ آهن. يعني ڏينهن ٻن ۾ خراب ٿيو وڃن. اسان وٽ انب، گدري ۽ چڪونءَ جهڙو ميوو به پٽڻ بعد هفتو کن هليو وڃي، موسمي ۽ صوف ته مهينو به هلي سگهي ٿو پر انناس ۽ ليچيءَ جهڙا ميوا يڪدم خراب ٿيو وڃن. ملائيشيا ۾ ڏهه سال رهڻ دوران هميشھ پنهنجي ملڪ جا ميوا ياد ايندا هئا. ملائيشيا وارا چين ۽ انڊيا کان صوف موسميون امپورٽ ڪندا هئا پر سادي جنس جون. اهي مڪاني مارڪيٽن ۾ مهانگيون ملنديون هيون جيئن اسان وٽ سڙيل ۽ پاروٿا انناس وڏي اگهه تي مارڪيٽ ۾ ملن ٿا ۽ جن ۾ ٺهيل آئيس ڪريم ماڻهن جا پيٽ خراب ڪري ٿي. انناس لاءِ چيو وڃي ٿو ته کير جو دشمن آهي. انناس مٿان فقط Pasturized کير پي سگهجي ٿو پر اسان جا درويش ماڻهو ان مٿان تازو (fresh) کير پيا پيئندا يا ان ۾ آئيس ڪريم ۽ ڪسٽرڊ ٺاهي کائيندا ۽ چاڪليٽن وانگر ٻارن کي کارائي فخر محسوس ڪندا. ياد رهي ته ناروي، سئيڊن جهڙن قطبي ملن ۾ جتي ايتري ته ٿڌ آهي جو اُڃ نه لڳڻ ڪري ماڻهو قبضيءَ جو شڪار رهن ٿا ۽ ان جي علاج لاءِ هو ڪڏهن ڪڏهن چاڪليٽ واپرائين ٿا. هتي اسان وٽ اونهاري جي موسم ۾ سکر ۽ جيڪب آباد جهڙن گرم شهرن ۾ ٻارن کي چاڪليٽ کارايا وڃن ٿا ۽ پوءِ روز ڊاڪٽر وٽ دستن جي دانهن کڻي سندن مائرون پهچن ٿيون.
    • هڪ سوال ڏينهن جي ڊيگهه بابت آهي. دراصل ڪڪرن، فضا ۾ ڌوڙ ۽ دونهين ڪري ۽ سج جي ڪرڻن جي موڙ refraction ڪري سج غروب ٿي وڃڻ بعد به روشني رهي ٿي. هونءَ theoretically جيئن ئي سج جي ٿالهه جي مٿين ڪني اُفق (horizon) وٽ ظاهر ٿئي ٿي ته ڏينهن شروع ٿئي ٿو ۽ ڏينهن ان وقت ختم ٿئي ٿو جڏهن سج اُفق پٺيان هيٺ وڃڻ شروع ٿي سندس مٿين ڪني غائب ٿئي ٿي. حساب ڪتاب (Calculation) جي خيال کان اسين جهاز هلائيندڙ سج جي ٿالهه جي مٿين ڪني (Arc) وٺڻ بدران پورو وچ (Centre line) وٺون ٿا.
    • ڪافي حد تائين ساڳي ڏينهن تي ساڳي ويڪرائي ڦاڪن (Latitude) وارن ملڪن جي ڏينهن جي ڊيگهه ساڳي رهي ٿي. مثال طور ساڳي ڏينهن تي ڪراچي، بنارس (وراناسي)، سلهٽ (بنگلاديش)، دبئي، دوحا (قطر)، رياض (سعودي عرب)، مديني، تائيپي (تائيوارن)، ميامي (فلوريڊا) ۽ ميڪسيڪو جي شهر مانيٽري ۾ هڪ جيڏو ڏينهن ٿئي ٿو ۽ جتي ڪٿي ساڳي وقت تي سج اُڀري ٿو ۽ ساڳي وقت لهي ٿو ڇاڪاڻ جو دنيا جا اهي سڀئي شهر دنيا جي اتر واري اڌ گول ۾ اٽڪل 25N ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهن.
    • خط استوا وٽ سڄو سال ڏينهن توڙي رات ٻارهن ڪلاڪن جي ٿئي ٿي. وڌ ۾ وڌ ڪو معمولي، ڪجهه منٽن جو فرق پوي ٿو. ملائيشيا، سنگاپور ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ، خط استوا کان فقط ڪجهه ڊگريون اتر ۽ ڏکڻ ۾ آهن ان ڪري اتي به ڏينهن رات جو مدو ذري گهٽ خط استوا وارو ئي رهي ٿو جنهن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته ملائيشيا جي سڀني مسجدن ۾ نمازن جو وقت ٻارهوئي ساڳيو رهي ٿو. اسان وٽ سياري ۽ اونهاري ۾ ڏينهن رات جي ننڍ وڏائيءَ ڪري نمازن جا وقت بدلبا رهن ٿا.
    • ساڳي تاريخ تي اتر اڌ گول جي ڪنهن ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي جيڏو ڏينهن ٿئي ٿو ان جيڏي رات ڏکڻ اڌ گول جي ساڳي ويڪرائي ڦاڪ تي ٿئي ٿي. مثال طور ڪئناڊا جي شهر مانٽريل ۾، جيڪو دنيا جي اتر اڌ گول ۾ 46 ڊگريون Latitude تي آهي 5 جولاءِ تي پندرهن ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ رات نون ڪلاڪن جي ٿئي ٿي ته ساڳي تاريخ تي ارجنٽائنا (سائوٿ آمريڪا) جي شهر سارمائنٽو (Sarmiento) ۾ جيڪو پڻ ساڳي Latitude 46 ڊگري تي آهي، مانٽريل شهر جي ابتڙ، ڏينهن نون ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ رات پندرهن ڪلاڪن جي. ڇو جو مانٽريل 46 ڊگريون اتر ۾ آهي سارمائنٽو 46 ڊگريون دنيا جي ڏکڻ واري اڌ گول ۾ آهي.
    • موسم بابت ته اڳهين لکي چڪو آهيان ته جون جولاءِ وارن مهينن ۾ جڏهن دنيا جي اتر اڌ گول (Northern Hemisphere) ۾ اونهارو رهي ٿو ته انهن مهينن ۾ ڏکڻ اڌ گول واري دنيا (Southern Hemisphere) ۾ سخت سيارو رهي ٿو. ۽ جڏهن اسان وٽ نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري وارن مهينن ۾ سيارو هوندو آهي ۽ خط استوا جي ٻئي پاسي يعني دنيا جي ڏکڻ اڌ ۾ اونهارو هوندو آهي، جنهن جو مثال ڏئي چڪو آهيان ته هڪ دفعي جون جي مهيني ۾ اسان ٻن دوستن جا الڳ الڳ جهاز ڪراچيءَ مان نڪتا. اسانجو جهاز ناروي پهتو ۽ دوست جو جهاز ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ چليءَ پهتو. رمضان جو مهينو هو ناروي ۾ انهن ڏينهن ۾ اونهارو هجڻ ڪري 22 کن ڪلاڪن جو ڏينهن هو ۽ هوڏانهن چلي خط استوا جي ٻئي پاسي (دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾) هجڻ ڪري ابتڙ ڳالهه هئي يعني رات ته ويهه کن ڪلاڪن جي هئي، ڏينهن فقط چئن ڪلاڪن جو. تنهن ۾ به ڪلاڪ ڏيڍ سج لهڻ بعد واري روشني هئي يعني انهن همراهن اهو سڄو رمضان اڍائي اڍائي ڪلاڪن جو روزو رکيو.
    • سئيڊن جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ تعليم دوران، جتي دنيا جي هڪ سؤ کان مٿي ملڪن جا شاگرد هئا، اتي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن چلي، ارجنٽائنا ۽ نيوزيلينڊ جي شاگردن جو يونيورسٽي جي انتظاميه سان هر وقت جهڳڙو هوندو هو ته ”توهان يورپي خود غرض آهيو جو سال جون موڪليون جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ ٿا ڪريو جڏهن توهان وٽ بهار جهڙو اونهارو آهي ۽ موڪلن ۾ خوب گهمو ڦرو ٿا ۽ اسان وٽ ڏکڻ اڌ گول ۾ انهن ڏينهن ۾ سخت سيارو هجڻ ڪري گهرن ۾ بند ٿيو وڃون.“
    • سڄي سال ۾ ٻه ڏينهن اهڙا اچن ٿا جن تي سج ۽ ڌرتيءَ جي پوزيشن اهڙي رهي ٿي جو سواءِ قطبن جي هر هنڌ 12 ڪلاڪن جو ڏينهن ۽ 12 ڪلاڪن جي رات ٿئي ٿي. اتر ۽ ڏکڻ قطب وٽ سڄو ڏينهن يعني 24 ئي ڪلاڪ سج اُفق وٽ نظر اچي ٿو يعني هلڪي روشني رهي ٿي، جهڙي سج لهڻ مهل هوندي آهي. اهي ٻه ڏينهن آهن 21 مارچ جنهن کي Vernal Equinox سڏجي ٿو ۽ بيو ڏينهن آهي 23 سيپٽمبر جنهن کي Autumnal Equinox سڏجي ٿو.
    • اتر قطب ۽ ڏکڻ ۾ سڄي سال ۾ فقط هڪ دفعو سج لهي ٿو ۽ هڪ دفعو اُڀري ٿو هڪڙي اڪيناڪس واري تاريخ تي سمجهو ته سج اڀري ٿو پوءِ ڇهه مهينا ڏينهن هلي ٿو ۽ ٻي اڪيناڪس (Equinox) واري تاريخ تي سج لهي ٿو ۽ پوءِ ڇهه مهينا رات رهي ٿي. جڏهن اتر قطب ۾ ڇهه مهينا ڏينهن آهي ته ڏکڻ قطب ۾ ڇهه مهينا رات آهي. جڏهن اتر قطب ۾ ڇهه مهينا رات آهي ته ڏکڻ قطب ۾ ڇهه مهينا ڏينهن رهي ٿو.


    سج کان اڳ ۽ پوءِ جي روشني

    سج اڀرڻ کان اڳ ۽ سج لهڻ کان پوءِ هلڪي روشني شفق (Twilight) بابت ڪجهه اهم ڳالهيون:
    سج لهڻ کان پوءِ به ڪافي دير روشني رهي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايتري چٽي رهي ٿي جو خبر ئي نٿي پوي ته سج لهي چڪو آهي يا نه. اها روشني جنهن کي اسان شفق يا نما شام سڏيون ٿا اها انگريزي ۾ Twilight سڏجي ٿي ۽ اسان جهازرانن سان گڏ جاگرافي، Astronomy، Aviation جي شاگردن جو اهم عنوان آهي. اها Twilight (سج لهڻ کان پوءِ جي روشني) ئي آهي جيڪا ڪڏهن ڪڏهن اسان کي نئين چنڊ جي نظر اچڻ بابت مونجهارو پيدا ڪري ٿي ۽ اهو چنڊ ساڳي ڏينهن تي هڪڙن ملڪن ۾ ته نظر اچي ٿو ٻين ۾ نه. يا نئون چنڊ آسمان تي موجود ضرور آهي پر نظر نٿو اچي ۽ اسان مذهبي نقطي نظر کان اهو قبول ڪيون ٿا ته Moon was not sighted ۽ پهرين تاريخ نه ٿي. بهرحال ان بابت اڳتي هلي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين هتي اسان سج لهڻ بعد يا اُڀرڻ کان اڳ جي روشني Twilight بابت مختصر احوال ڪنداسين.
    دراصل سج جي ٿالهه جي مٿين ڪَني (Arc) افق (horizon) جي پويان وڃڻ بعد (يعني سج جي غروب ٿيڻ کان وٺي) رات جي مڪمل اوندهه ڪانڀار ٿيڻ تائين، سج 18 ڊگريون هيٺ تائين سفر ڪري ٿو ۽ سج جي ان ارڙهن ڊگرين جي فاصلي واري روشني کي اسان ڏينهن جي روشني (Day light) نه پر Twilight سڏيون ٿا. Twilight جا ٽي قسم يا کڻي چئجي ته درجا آهن:
    1. Civil Twilight- هيءَ سج جي ڇهه ڊگريون اُفق کان هيٺ تائين واري روشني کي سڏجي ٿي. هن روشنيءَ ۾ سڀ کان گهڻو چمڪندڙ تارا ۽ سيارا- خاص ڪري وينس جنهن کي مارننگ اسٽار (وهائو تارو) ۽ ايوننگ اسٽار به سڏجي ٿو، نظر اچن ٿا. ڌرتيءَ تي ايتري روشني آهي جو ڪنهن ڏيئي يا بتيءَ ٻارڻ جي ضرورت ناهي. رستن تي گاڏيون به بنا هيڊ لائيٽ جي پيون هلنديون آهن.
    2. Nautical Twilight- سج جي ڇهن ڊگرين کان ٻارهن ڊگرين تائين سفر واري وقت واري روشني ناٽيڪل ٽيوِلائيٽ سڏجي ٿي. هي اهو وقت آهي جنهن ۾ اسان جا جهازي Navigators سيڪسٽنٽ يا ٻئي ڪنهن اوزار ذريعي اهم تارن جيSight وٺن ٿا جنهن مطابق هو سمنڊ تي جهاز جو ڪيل سفر ۽ ان جي دنيا جي گولي تي نئين پوزيشن جي ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. هن وقت جي ورتل سائيٽ سڀ ۾ گهڻي اعتبار جوڳي سمجهي وڃي ٿي. هيءَ روشني سول واريءَ کان گهٽ ٿئي ٿي. بنا بتي جي شيون نظر اچن ٿيون پر انهن جا تفصيل چٽا نظر نٿا اچن. هيءَ روشني مليٽري جي ائڪشن لاءِ اهم سمجهي وڃي ٿي.
    3. Astronomical Twilight- هي اهو وقت آهي جنهن ۾ سج ٻارهن ڊگرين کان هيٺ ۽ ارڙهن ڊگرين تائين جي سفر ۾ آهي. هيءَ تمام هلڪي روشني ٿئي ٿي جنهن ۾ آسمان تي اونداهه ڇانيل رهي ٿي ۽ تارن جي سائنس (Astronomy) جا ماهر مختلف تارن جي پوزيشن ۽ چرپر جو رڪارڊ رکي سگهن ٿا پر ڏورانهان ۽ گهٽ روشن تارا جيئن ته Nebulae ۽ galaxies فقط تڏهن نظر اچن ٿا جڏهن سج جو گولو 18 ڊگرين کان هيٺ هليو وڃي ٿو.
    Twilight رڳو شام جو سج لهڻ بعد واري روشني نه پر صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ واري روشني جو به نالو آهي ۽ اها به ساڳين ٽن حصن ۾ ورهائي وڃي ٿي.
    هڪ ٻي اهم ڳالهه جيڪا هتي لکڻ ضروري آهي ته جيتوڻيڪ سج لهڻ بعد واري اها روشني يا صبح جو سج اُڀرڻ کان اڳ واري روشني جيڪا سج جي 18 ڊگريون سفر تائين رهي ٿي، پر سج جو اهو سفر، يعني Twilight، خط استوا وٽ فقط ويهه منٽ کن رهي ٿي جيئن شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته ملائيشيا، جيڪو خط استوا جي ويجهو ملڪ آهي، اتي مغرب جي ٻانگ اچڻ بعد (يعني سج لهڻ بعد) اڌ ڪلاڪ اندر اونداهه ٿيو وڃي. پاڪستان خط استوا کان ڪجهه پري آهي ته اتي اها Twilight ڪجهه وڌيڪ وقت هلي ٿي ۽ مغرب نماز پڙهي مسجد مان نڪرڻ تي به ناٽيڪل يا ائسٽرو ناميڪل Twilight (روشني) جو اثر هوندو آهي. وڌيڪ مٿي اتر قطب ڏي يا هيٺ ڏکڻ قطب ۾ اهو عرصو اڃا به وڌيو وڃي. قطبن وٽ جتي اونهاري ۾ ڏينهن جي روشني چوويهه چوويهه ڪلاڪ هلي ٿي اتي بهار ۽ سرءُ جي موسم ۾ Twilight هفتن جا هفتا هلي ٿي ۽ اهڙن ڏينهن کي انهن علائقن ۾ ”سفيد راتيون“ (White Nights) سڏيو وڃي ٿو يعني رات جو به ڪاراڻ يا اونداهه بدران فجر جي وقت واري اڇاڻ رهي ٿي.


    مُون سائيٽنگ يا مُون فائيٽنگ

    چنڊ ڪو اسان لاءِ ديوتا جي حيثيت نٿو رکي ۽ نه وري ڪو اسان مسلمانن کي چنڊ جي عبادت ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. ڪنهن غير مسلمان پڇيو ته ڇو ڀلا چنڊ ۽ تارو اسلامي نشان آهي ۽ سج ڇو نه.
    چنڊ ۽ تارو اسلامي نشان ته نه آهي پر پاڪستان جي جهنڊي جو نشان آهي ۽ ائين ته بنگلاديش، جنهن ۾ اسان کان به گهڻا مسلمان رهن ٿا، انهن جي جهنڊي جو نشان چنڊ ۽ تاري بدران سج آهي.
    چنڊ، تارا، سج ۽ سيارا هي قدرت جون نشانيون آهن جن کي ڏسي ۽ جن بابت سوچي، انهن جي خلقڻهار جي وڏائي ۽ عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ۽ ان پالڻهار اڳيان جهڪجي جنهن اهڙين شين کي ٺاهيو آهي ۽ نه انهن شين اڳيان.
    چنڊ اسان مسلمانن جي زندگيءَ ۾ اهميت ضرور رکي ٿو جو اهو اسان لاءِ ڪئلينڊر آهي. جيئن سج جي اڀرڻ، لهڻ ۽ مختلف پوزيشن ۾ رهڻ سان اسان نمازن جو وقت معلوم ڪريون ٿا، تيئن چنڊ مان اسان مهينن جي ڄاڻ حاصل ڪيون ٿا ۽ ان موجب روزا رکون ٿا، حج ڪريون ٿا، عيدون ملهايون ٿا. سنڌ، عربستان، راجستان ۽ صحرا بيابان ۾ ته نه ڪڪر نه ڌنڌ هجڻ ڪري، نئين چنڊ جي اڀرڻ جي سولائيءَ سان خبر پئجيو وڃي ٿي جيتوڻيڪ اتي به ڪڏهن ڪڏهن مينهوڳي جي مند ۾ يا واچوڙيءَ ۽ رءُ (مٽيءَ) سان ڀريل آسمان واري حالت ۾، نئين چنڊ جي اڀرڻ جو معلوم ڪرڻ ڏکيو ٿيو پوي. پر اتي وري به ايڏو وڏو مسئلو ناهي جيترو ملائيشِا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ آهي جتي ٻارهوئي بارش لڳي رهي ٿي يا قطبن جي ويجهو وارن ملڪن ۾، جتي سياري توڙي اونهاري ۾ آسمان گهاٽن ڪڪرن سان ڇانيل رهي ٿو. هڪ دفعي اسانجو جهاز رمضان جي آخري روزن ۾ فنلئنڊ جي بندرگاهه هيلسنڪي ۾ پهتو ته اتي جي هڪ مسجد ۾ پنهنجي هڪ وطنيءَ کان عيد جو پڇيم ته آيا چنڊ ڏٺو ويو يا نه. وراڻيائين ”اڄ سڄو ڏينهن توهانکي سج نظر آيو؟“
    جواب بدران سندس ڪيل سوال مان سمجهي ويس ته واقعي گهاٽن ڪڪرن سان ڇانيل ههڙي آسمان ۾ چنڊ ڪيئن ڏسي سگهبو جڏهن اهائي خبر نٿي پوي ته سج ڪڏهن اڀريو ۽ ڪهڙو رستو وٺي ڪنهن وقت لهي ويو. اهي ڏينهن ويتر سياري جا هئا جنهن ۾ آسمان تي ڪڪر نه هجن ته به سج چوڏهين جي چنڊ وانگر ٿڌو رهي ٿو جو ماڻهوءَ مٿان لنگهڻ بدران پاسي کان لنگهي، لهي وڃي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته سج لهڻ کان پوءِ واري روشني (twilight) جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري چڪا آهيون، اها خط استوا تي ڪو ويهه منٽ مس هلي ٿي. ان بعد اوندهه ڪانڀار ٿيو وڃي ۽ پهرينءَ جو چنڊ ته ڇا هلڪي روشني وارا تارا به نظر اچڻ شروع ٿيو وڃن. پر ناروي، سئيڊن، ڪئناڊا، فنلئنڊ، گرين لئنڊ ۽ آئس لئنڊ جهڙن ملڪن ۾ جيڪي خط استوا کان تمام گهڻو پري آهن، ان شفق (twilight) جو مدو وڌيو ڪلاڪن ۾ ٿيو پوي. ان ڪري نئون چنڊ ڏسڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي، چاهي کڻي آسمان تي هڪ ڪڪر به نه هجي. نئون چنڊ جي اڀري به ٿو ته جيسين شفق جي روشني ختم ٿي اوندهه ٿئي يا گهٽ ۾ گهٽ سِول ۽ ناٽيڪل twilight ختم ٿئي تيسين نئون نڪتل چنڊ پنهنجو وقت پورو ڪري اُفق جي پويان غائب ٿيو وڃي. بهرحال اهڙن ملڪن ۾ پوءِ ڀر وارن ملڪن کان معلوم ڪيو وڃي ٿو جيڪي ساڳي ويڪرائي ڦاڪ تي آهن ۽ قطبن کان پري خط استوا جي ويجهو هجن. بهرحال رمضان جي پهرين روزي ۽ پهرين شوال يعني عيد واري نئين چنڊ تي اڪثر ملڪن ۾- خاص ڪري ننڍي کنڊ جي ملڪن جي ماڻهن ۽ ڪجهه ٻين اهڙن جذباتي قومن (عربن، مصرين جهڙن) جو هنگامو نه ته بحث مباحثو ضرور ٿئي ٿو. ملائيشيا ۾ ڏهه سال رهيس پر اتي جا ماڻهو خاموش ۽ ٿڌي طبيعت جا آهن، نه ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندا، نه خوشيءَ جو. اسين ماڻهو ٻنهي صورتن ۾ دانهون ڪوڪون ڪنداسين. تڏهن ته سئيڊن جي هڪ سفرنامي ۾ لکيو اٿم ته مونکان جڏهن پنهنجي هم وطني پاڪستانيءَ يا شايد ملئي دوست مالمو (سئيڊن) جي يونيورسٽيءَ ۾ پڇيو ته عيد جي ڪيئن خبر پوندي ته کلندي چيومانس: ”فڪر ئي نه ڪر پنهنجو ڪلاس عربن، مصرين ۽ بنگلاديشين سان ڀريو پيو آهي جڏهن انهن سڀني کي هڪ ئي وقت زور زور سان ڳالهائيندو ۽ بحث ڪندو ڏسين ته سمجهي وڃجانءِ ته عيد اچي وئي آهي يا ويجهي آهي.“
    ۽ پوءِ اهو وقت اچي ويو ۽ هن مونکي اچي ٻڌايو ته يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ ۾ يمني، مصري ۽ سوڊانين جو بحث پيو هلي. ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) واري مسجد جو پيش امام به آيل آهي. هنن مالمو جي مسجد واري ترڪ امام کي به گهرايو آهي. آئون به ڪتاب ۽ ڪاپيون ٺپي، اهو سوچي لئبرري پهتس ته ماٺ ڪري رڳو ٻين کي ٻڌندس. پر سائين منهنجو واسطو به پاڪستان سان هو ۽ پنهنجا پاڻ سان ماٺ ۾ رهڻ جا وعدا وساري ”مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو“ واري چوڻيءَ تي ئي عمل ڪيم. اسان سڀني چاهيو ٿي ته مالمو ۽ ڪوپن هيگن ۾ عيد هڪ ئي ڏينهن ٿئي. پر ساڳي وقت ان تي به يڪراءِ نه ٿياسين ته ڪهڙي ڏينهن تي ٿئي. نتيجي ۾ هڪ ڏينهن ڪوپن هيگن ۾ ٿي ۽ ٻئي ڏينهن اسان جي يونيورسٽيءَ واري شهر مالمو ۾! ۽ توهان کي خبر آهي ته سئيڊن جو شهر مالمو ۽ ڊئنمارڪ جو شهر ڪوپن هيگن هڪ ٻئي کان ڪيترو پري آهن؟ اهي ٻئي شهر منهوڙي ۽ ڪياماڙيءَ کان به ويجهو آهن. توهان ڪياماڙيءَ ۾ بيهي منهوڙو نه ڏسي سگهنداؤ پر مالمو مان بيهي ڪوپن هيگن ڏسي سگهندائو. پر افسوس جو اسان هڪ ٻئي جي شهرن کي ڏسڻ جي باوجود ٻنهي شهرن جي ماڻهن هڪ ئي وقت چنڊ کي ڏسي نه سگهياسين. اهو شايد هڪ شهر ۾ نظر اچڻ بعد ٻئي شهر ۾ نظر اچڻ کان اڳ بالٽڪ سمنڊ جي ٽريلبرگ نار (Strait) ۾ غوطو هڻي ويو ۽ پوءِ عيد بعد ٻه ٽي ڏينهن کان پوءِ جڏهن سڀ ٿڌا ٿيا ته پوءِ ڪي ڏينهن اهي ڳالهيون ڪندا رهياسين ته اسان کي هڪ ئي ڏينهن تي عيد ملهائڻ کتي ٿي. اسانجو جهازرانيءَ (Navigation) سان واسطو هوندي به اسين چنڊ جي (Sighting) موجود هجڻ جو فيصلو ڪري نه سگهياسين وغيره وغيره.
    سو ڪڏهن ڪڏهن عيد جهڙن اهم موقعن واري نئين چنڊ جي هجڻ يا نه هجڻ (Sighting) تي پڙهيل ڳڙهيلن جي وچ ۾ به هر سال جهيڙي جي حد تائين بحث مباحثا شروع ٿيو وڃن ۽ ٻين ڌارين کي اسان تي کلڻ جو موقعو مُهيا ٿيو وڃي ته هي آهي ڇا؟ Moon Sighting آهي يا Moon Fighting. ان بابت نيٺ ڇا ٿيڻ کپي- خاص ڪري انهن ملڪن ۾ جتي آسمان گهاٽن ڪڪرن سان ڇانيل رهي ٿو، برف باري ٿيندي رهي يا وري شفق (twilight) جو مدو (duration) بيحد ڊگهو ٿئي ٿو.
    هونءَ ته يورپ- خاص ڪري اسڪينڊينيويا جهڙن قطبي ملڪن ۾ ۽ اتر آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ مسلمانن جو تعداد نه برابر هو پر هاڻ گذريل اڌ صديءَ ۾ مسلمانن جو ايڏو ته انگ وڌي ويو آهي جو فرانس جهڙي ملڪ ۾ هڪ سؤ بدران هڪ هزار کان مٿي مسجدون آهن. نيويارڪ جهڙي شهر ۾ گذريل ٽيهن سالن ۾، چئن مسجدن مان وڌي هڪ سؤ کان مٿي مسجدون ٿي پيون آهن ۽ آمريڪا ۾ اسلام سڀ کان تيزيءَ سان وڌندڙ مذهب ٿي پيو آهي. اهڙي صورت ۾ مٿين ملڪن ۾ رهندڙ اسلامي ملڪن جا ماڻهو يا اسلام قبول ڪندڙ مڪاني مسلمان عالم، هر وقت ان فڪر ۽ طريقا ڳولڻ ۾ مصروف رهن ٿا ته ڪنهن نموني سان نئين چنڊ کي صحيح ڏينهن تي Sight ڪري ان علائقي، رياست، صوبي يا ملڪ جي ماڻهن کي ٻڌايو وڃي جيئن گهٽ ۾ گهٽ اتي هڪ ئي ڏينهن تي عيد ملهائي وڃي.


    ڪجهه چنڊ جي شڪل و صورت بابت

    اسانجي ڌرتي، مارس، جيوپيٽر، ۽ زحل وغيره سيارا آهن، جيڪي سج جي چوڌاري گردش ڪندا رهن ٿا. هڪ عام ماڻهوءَ جي معلومات لاءِ ايترو ڪافي آهي ته سيارا اهي آهن، جيڪي چنڊ وانگر روشن آهن. تارن جي نشاني اها آهي ته اهي ٽمڪندا (twinkle ڪندا) رهن ٿا. Twinkle Twinkle little star ته توهان ضرور ٻڌو هوندو ۽ ڏٺو به هوندو پر سَياري (Planet) کي ڪڏهن به ٽمڪندي نه ڏٺو هوندو. سنڌي ۾ به بيت ٻڌو هوندائوَ ته ”چمڪو چلڪو ساري رات، ڪجي اوهان جي ڪهڙي بات.“
    تارا ان ڪري ٽمڪن ٿا جو انهن کي پنهنجي روشني بلڪ منجهن مختلف گئسون ٻرنديون رهن ٿيون، جن جا شعاع ۽ ڄڀون لکين ميلن تائين نظر اچن ٿيون ۽ اسين ڪروڙين ميل پري کان انهن کي فقط ٽمڪندو ڏسون ٿا. ان حساب سان سج به هڪ تارو (Star) آهي. نيويگيشن يا فلڪيات (Astronomy) جي ڪلاس ۾ سينيئر ڪلاس وارا پنهنجن جونيئرن سان اڪثر اهو چرچو ڪندا آهن ته ”ڏينهن جي وقت آسمان ۾ تارا آهن يا نه؟“ جنهن جو جواب: ”آهن پر نظر نٿا اچن“ ڏيڻ سان هو چوندا آهن: ”اهڙي ته ڳالهه ناهي. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ته نظر به اچي ٿو.“
    ۽ اهو تارو سج آهي. خلامان يا هڪ سَياري (Planet) تان ٻيو سَيارو روشن ضرور اچي ٿو. پر اها روشني ان سَياري جي پنهنجي نه پر سج جي reflected آهي. چنڊ لاءِ ٻه سؤ سال کن اڳ تائين اهوئي سمجهيو ويندو هو ته ان کي به سج وانگر پنهنجي روشني آهي پر پوءِ گليلو جي ٽيلي اسڪوپ ايجاد ڪرڻ تي خبر پيئي ته چنڊ کي پنهنجي نه پر اڌاري ورتل روشني آهي. مزي جي ڳالهه اها ته ان حقيقت بابت قرآن اسان کي چوڏهن سؤ سال اڳ ٻڌايو ۽ قرآن ۾ چنڊ جي روشني لاءِ ’نور‘ لفظ reflected light استعمال ٿيل آهي.
    وَجَعل القَمَرَ فِيْهِنَ نُورًا وَّجَعَل الشَمْس سِراجاً
    (۽ ان ۾ چنڊ کي نور ۽ سج کي ڏيئي (وانگر روشن) بڻايو.)
    جيئن ڌرتي ۽ ٻيا سيارا سج جي چوڌاري گردش ڪندا رهن ٿا، تيئن ڪجهه سيارن جي چوڌاري ٻيا ننڍا سيارا، جيڪي قدرتي سيٽلائيٽ آهن ۽ چنڊ (Moons) سڏجن ٿا گردش ڪندا رهن ٿا. ڌرتيءَ جي چوڌاري فقط هڪ چنڊ (Natural satellite) ڦري ٿو. اهڙي طرح مريخ کي ٻه چنڊ آهن، پلوٽو سَياري کي ٽي چنڊ آهن. Mercury (عطارد) ۽ Venus (سَياره زهره) کي هڪ به چنڊ ناهي. مزي جي اها ڳالهه ته ٻين سيارن جي چنڊن جا نالا آهن جيئن مريخ جي ٻن چنڊن جا نالا فوبوس (Phobos) ۽ ڊائيموس (Deimos) آهن ۽ پلوٽو جي چنڊن جا نالا: نڪس، هائيڊرا ۽ چارون آهن پر ڌرتيءَ جي چنڊ جو ڪوبه نالو ناهي. انگريزيءَ ۾ به ان کي The Moon (القمر) سڏيو وڃي ٿو يا ڪڏهن ڪڏهن Luna يا Selene جيڪي لاطيني ۽ يوناني لفظ آهن جن جي معنيٰ چنڊ، moon، قمر ئي ٿي. بقول اسانجي هڪ جهازي دوست جي چنڊ جهڙي سهڻي ۽ اکين جي ٺار شيءِ جو ڪوبه مقرر نالو نه هجڻ کپي. توهان چنڊ کي پنهنجي محبوبا جي نالي سان سڏي سگهو ٿا- يعني اسان گرم ملڪن جا رهاڪو. سئيڊن، ناروي ۽ ڪئنڊا جهڙن قطبي ۽ ٿڌن ملڪن جي ماڻهن لاءِ ته سج ئي پياري شيءِ آهي جيڪا هنن کي ڏڪندڙ سيءَ کان بچائي ٿي. تڏهن ته هو پنهنجن ٻارن کي به پيار مان Sunny سڏين ٿا. هاڻ جيڪڏهن ڪو چوي ته اسان وٽ انڊيا پاڪستان ۾ به ٻارن کي سني سڏين ٿا ته ان جو علاج ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. اها ته ساڳي چاڪليٽ کائڻ واري ڳالهه جيڪا شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته قطبي ملڪن جا ماڻهو جيڪي ٿڌ ڪري گهٽ پاڻي پيئن ٿا ۽ اڪثر قبضي جو شڪار رهن ٿا اهي مجبوريءَ ۾ کائين ٿا. هاڻ انهن کي ڏسي ملائيشيا، پاڪستان، انڊيا جهڙن گرم ملڪن جون جيڪي مائرون پنهنجن ٻارن کي چاڪليٽ کارائين ٿيون ته پوءِ انهن جي پرسن ۾ هر وقت دستن کي بند ڪرائڻ لاءِ لموٽل جهڙيون گوريون ئي رهن ٿيون.
    بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چنڊ هڪ خوبصورت شيءِ آهي جنهن کي اسانجي شاعرن ۽ عاشقن پنهنجي محبوبا سان ڀيٽيو آهي. تنهنجو مکڙو چوڏهين جي چنڊ جهڙو آهي، تون چنڊ جو ٽڪرو آهين ۽ بقول اسان جي هڪ پياري شاعر ابن انشا جي:
    کل چودھویں کا چاند تھا
    شب بھر رہا چرچا تیرا
    کس نے کہا یہ چاند ہے
    کس نے کہا کہ چہرا تیرا۔
    چنڊ تي اسان جي تر جي زبانن: هندي، سنڌي، اڙدو، عربي، فارسي ۽ ويندي بنگالي ۽ جپاني زبانن ۾ کوڙ شعر آهن، جيڪي محبوب کي مخاطب ٿي چيا ويا آهن. ايتري قدر جو محبوبا ڏي نياپا به چنڊ ذريعي موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. شاهه لطيف جو هڪ شعر آهي:
    چڱا چنڊ چئيج سنهيا کي سڄڻين
    اڱڻ مٿان اڀري پريان جي پئيج
    جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا.
    شاهه جو هڪ ٻيو خوبصورت شعر آهي ته:
    چنڊ چوانءِ سچ جي مٺيان مور نه ڀانئين
    ڪڏهن اڀرين سنهڙو ڪڏهن اڀرين ڳچ
    منهن ۾ ٻريئي مچ تو ۾ ناهي پيشاني پرينءَ جي.
    بهرحال اڄڪلهه ته انٽرنيٽ ۽ موبائيل جو دور آهي. ملڪ جا مولوي هيليڪاپٽر يا هوائي جهاز ۾ چڙهي مٿاهين Altitude تان نئين چنڊ جي نڪرڻ يا نه نڪرڻ جو اطلاع عوام کي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ذريعي ڪن ٿا. هن دفعي، اسان وٽ رمضان جو چنڊ ان ڏينهن تي نظر نه آيو جڏهن ٻي سڄي دنيا کي نظر اچي ويو. هڪ مٿي ڦريل عاشق پنهنجي محبوبا کي يڪدم SMS ڪيو:
    ”مفتي منيب الرحمان صاحب کي چنڊ نظر نه آيو پر تون ته ڏسي سگهين ٿي. بس فقط توکي ٻه چار وکون کڻي آرسيءَ اڳيان اچڻو پوندو...“ توهان چوندائو ته ان ۾ مٿي ڦريل هجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.
    اهو ان ڪري جو اهو ايس ايم ايس اتي ئي ختم نٿو ٿئي. اڳتي چتاءَ واري نوع ۾ هن وڌيڪ لکيو ته:
    ”پليز! متان اهڙو ڪم ڀُلجي به ڪيو اٿئي. ڊڄي ويندينءَ...“
    بهرحال اهي ته ٿيون چنڊ بابت شاعراڻيون ۽ چرچي ڀوڳ جون ڳالهيون. حقيقت اها آهي ته چنڊ تي ڪنهن به زندگيءَ جا آثار نظر نٿا اچن. چنڊ تي نه هوا آهي ۽ نه پاڻي- ۽ سچ ته اهو آهي ته چنڊ جو مکڙو (Surface)، اڇو ۽ چلڪندڙ هجڻ بدران ڪوئلي جهڙو ڪارو آهي ۽ سج جي فقط ست سيڪڙو روشني reflect ٿو ڪري. پر اسان کي چنڊ چمڪندو ۽ اڇو ان ڪري ٿو لڳي جو ڀر ۾ ٻي ڪا شيءِ يا سَيارو (Planet) ناهي جنهن سان ڀيٽ ڪري سگهجي. اهو مثال ان ريت ڏئي سگهون ٿا ته ڪنهن بند ۽ اونداهي ڪوٺي ۾ ٽارچ يا سج جو سنهو ڪرڻو (beam) ڪوئلي (اڱار) تي هڻڻ سان اهو چمڪندو ۽ چٽو چپاٽو محسوس ٿيندو جيئن ئي ان روشنيءَ جي بيم جو ڊاياميٽر وڌائبو ته ڀر ۾ رکيل شيون وڌيڪ روشن نظر اينديون ۽ ڪوئلي جي ڪاراڻ آسانيءَ سان محسوس ڪري سگهبي.
    اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ آئون پنهنجن جهازي شاگردن کي هي مثال به ڏيندو آهيان ته فرض ڪريو ته اسانجي ڌرتي ۽ چنڊ جي اوس پاس ٽيون به ڪو سيارو هجي ها جنهن تان اسان کي ڌرتي ۽ چنڊ هڪ size جو نظر اچي ها. پوءِ اتان ڏسندڙ کي اهو احساس ٿي وڃي ها ته چنڊ کان ڌرتيءَ جو surface ڪوئلي وانگر ڪارو ناهي. اڌ کان وڌيڪ حصو ته پاڻي آهي باقي اڇي ريت، برف، ساوڪ ۽ ڀُورا جبل آهن- جيڪي شيون آرسيءَ وانگر وڌيڪ روشني reflect ڪن ٿيون ۽ ڌرتي پنهنجي محور جي به چوڌاري ڦري ٿي. ان ڪري ٻئي سياري تان ڌرتيءَ کي ڏسندڙ کي سندس پاڻي، پوک ۽ بيابانن جا رنگ ڦرندا نظر ايندا.


    ڌرتي هڪ تيز رفتار جهاز

    چنڊ ڌرتي جي گولي کان 385000 ڪلوميٽر (يعني (238900 ميل) پري آهي ۽ چنڊ جو قطر (diameter) 3476 ڪلوميٽر (2160 ميل) آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ڌرتيءَ جو قطر 12745 ڪلوميٽر آهي. چنڊ جي surface area ٽي ڪروڙ چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ڌرتيءَ جي 51 ڪروڙ- يعني ان حساب سان سترهن چنڊ هڪ ڌرتيءَ جي ٻاهرين پکيڙ برابر ٿيندا. چنڊ جو واليوم ايڪيهه ارب ڪيوب ڪلوميٽر آهي. يعني پنج هزار چنڊن جو واليوم ملائڻ سان هڪ ڌرتي برابر ٿيندو. تور ۾ هڪ سؤ چنڊ هڪ ڌرتيءَ جي وزن برابر ٿيندا. سج جي روشني (يعني اُس) چنڊ تان ڌرتيءَ تي سوا سيڪنڊ ۾ reflect ٿي پهچي ٿي. اها روشنيءَ جي رفتار سان سفر ڪري ٿي. اسانجي شمسي نظام (Solar system) ۾ جيڪي چنڊ مختلف سَيارن جي چوڌاري گردش ڪن ٿا انهن ۾ اسان وارو چنڊ پنجين نمبر تي وڏو ۽ ٻي نمبر تي وزني آهي.
    چنڊ جيڪو اسانجي ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪري ٿو يعني هڪ گول چڪر (Orbit) ۾ ڦري ٿو ان جي ان گردش لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها Synchronous Rotation ۾ آهي يعني چنڊ جو سڄي ڦيري وقت فقط هڪڙو اڌ ڌرتيءَ ڏي آهي. ان ڪري اسان چنڊ جو فقط اهو مهانڊو ڏسي سگهون ٿا جيڪو ڌرتي ڏي آهي. چنڊ جي ان اڌ کي اسان ”ويجهو پاسو“ (Near side) سڏيون ٿا ۽ پٺئين پاسي کي ”ڏورانهون پاسو“ (Far side) سڏيون ٿا. اهو ڏورانهون پاسو ”اونداهو پاسو“ به سڏجي ٿو پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ان پاسي اوندهه آهي يا اتي سج جي روشني نٿي پهچي. پر چنڊ جو اهو پاسو اسان لاءِ dark side ان ڪري رهيو پئي جو اسان کي ان پاسي جي خبر نٿي پيئي ته اتي ڇا آهي. جيئن آفريڪا کنڊ کي ڪنهن زماني تائين يورپ ۽ ايشيا جا ماڻهو اونداهو کنڊ سڏيندا رهيا.
    • انسان طرفان پهريون خلائي جهاز جيڪو چنڊ تي پهتو اهو Luna 2 هو ۽ چنڊ جي ڏورانهين پاسي جي معلومات ۽ فوٽا ان ئي سال، Luna 3 ذريعي پيئي ۽ پهريون ماڻهو جيڪو چنڊ تي پهتو اهو خلائي جهاز Apollo II ذريعي 1969ع ۾ پهتو.
    • چنڊ 27.3 ڏينهن ۾ يعني 27 ڏينهن، ستن ڪلاڪن، 43 منٽن ۽ 12 سيڪنڊن ۾ ڌرتيءَ جو چڪر پورو ڪري ٿو. چنڊ جي ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦيرو ڪرڻ جي رفتار 3680 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (يعني هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ ڪلوميٽر کان ٿورو وڌيڪ آهي). ان جي مقابلي ۾ ڌرتيءَ جي سج جي چوڌاري چڪر هڻڻ جي رفتار هڪ سيڪنڊ ۾ 30 کن ڪلوميٽر آهي يعني ڌرتيءَ جو گولو هر وقت 109033 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب نه فقط اڳتي ٽرين يا هوائي جهاز وانگر ڊوڙندو رهي ٿو پر 1674 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان لاٽونءَ وانگر پنهنجي محور تي گول به گهمندو رهي ٿو. ڌرتيءَ جو Circumference خط استوا وٽ 40،041 ميل آهي. يعني سنگاپور، ڪوالالمپور يا جڪارتا کان ڌرتيءَ جي چوڌاري چڪر ڏيئي اتي ساڳي هنڌ پهچڻ تي 40،041 ڪلوميٽر ٿين ٿا.
    ڌرتيءَ جي لاٽون وانگر گول ڦرڻ ۽ سج جي چوگرد گردش ڪرڻ جي رفتار جو ان مان اندازو لڳائي سگهو ٿا جڏهن اسانجي ملڪ جي ريل گاڏي جيڪا هڪ سؤ کن ڪلوميٽر جي رفتار سان اسان جي اڳيان لنگهي ٿي ته ڇا ته زوڪاٽ ڪندي وڃي ٿي. ان وقت ڪو دريءَ مان شيءِ اڇلائي ٿو ته پري پري تائين اُڏامندي وڃيو ٿي ڪري ۽ اسان واري ٽرين جي مقابلي ۾ جن جپان ۾ بليٽ ٽرين کي فل رفتار سان پنهنجي اڳيان گذرندو ڏٺو هوندو ته اهو محسوس ڪري سگهن ٿا ته اها ڪيئن اک ڇنڀ ۾ ائين گذريو وڃي جهڙي بندوق مان گولي. جيتوڻيڪ ان جي رفتار وڌ ۾ وڌ ڪا پنج سؤ کن ڪلوميٽر هجي. هاڻ ان سان جي اسان جي ڌرتيءَ جي رفتار کي ڀيٽيو وڃي ته اها 1674 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان (يعني بليٽ ٽرين کان ٽيڻي رفتار سان) هر وقت گول ڦري رهي آهي ۽ 109033 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب (يعني بليٽ ٽرين کان 220 گهمرا وڌيڪ رفتار سان) اڳتي وڌي رهي آهي ۽ رب پاڪ جي اها قدرت آهي ته ان ۾ سوار اسان انسانن ۽ ٻين ساهوارن، توڙي بي جاندار شين کي ڪجهه به نٿو ٿئي. هرهڪ پُرسڪون آهي ۽ هرهڪ آرام سان هلي چلي پيو ۽ ننڊون ڪري ٿو ڪنهن کي ڪو ريل گاڏيءَ يا هوائي جهاز جهڙو لوڏو به محسوس نٿو ٿئي. ڌرتيءَ جي هن گولي کان پري بيٺل ته اهوئي ڏسي سگهندو ته هڪ بي پناهه تيز رفتار اُڏامندڙ شيءِ جي چوڌاري ماڻهو سفر پيا ڪن ۽ توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته خلا ۾ موجود اسانجهڙو انسان، يا ڪو ٻيو عقل رکندڙ، اسان جي ڌرتي تي سوار اسان مسافرن لاءِ ڇا سوچيندو هوندو؟
    هڪ ته ضرور اهو سوچيندو هوندو ته هن ريل (ڌرتي) ۾ نه ڇت آهي نه در دريون ۽ ماڻهو آهن جو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي آرام سان پيا هلن چلن. کين هن تيز هلندڙ ريل (ڌرتيءَ) مان ڪِري پوڻ جو به ڊپ نه آهي ۽ ٻي دلچسپ ڳالهه هو اها سوچيندو ته اسين سڀ هن ريل ۾ چمڙيءَ وانگر اونڌا لٽڪيل آهيون. دنيا جي گولي کان توهان ڪٿان به ڌار ٿي پنهنجي ڌرتيءَ کي ڏسندائو ته ان ۾ ماڻهو ائين هلندي چلندي نظر ايندائوَ جيئن ڇت تي اسانکي چچي هلندي ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
    دنيا هيڏي تيز رفتار سان گردش پئي ڪري، سندس فقط مٿيون حصو، چند ميلن جو تهه لسو آهي، جيڪو باقي اندر جي هزارين ميلن جي وچ (Core) جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهي جيڪو سڄو وچ ايڏو ته گرم آهي جو ٽامي، پتل، لوهه جهڙا ڌاتو به رجي (Melt ٿيا) پيا آهن ۽ ان کان علاوه ٻين خطرن جي باوجود، هن ڌرتي تي جياپو آهي، حياتي آهي، انسان سڪون سان هلي چلي ۽ سمهي ٿو ۽ هن کي ڪنهن به خطري مان ڊپ ڊاءُ ناهي. رب پاڪ قرآن شريف ۾ سورة الزخرف جي آيت نمبر نائين ۽ ڏهينءَ ۾ فرمايو آهي ته،:
    ”...جيڪڏهن توهان انهن ماڻهن کان پڇندائو ته زمين ۽ آسمانن کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته هو پاڻ ئي ٻڌائيندا ته انهن کي ان ئي زبردست عليم هستيءَ پيدا ڪيو آهي- اهائي نه جنهن توهان لاءِ زمين کي هندورو بڻايو.
    الّذِيْ جَعَلَ لَکُمُ الْاَرْضَ مَهْدًا
    سورة النبا جي پنجين ۽ ڇهين آيت آهي ته:
    اَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا ● وَّالْجِبَالَ اَوْتَادًا●
    ”ڇا ائين واقعي ناهي ته اسان زمين کي فرش ٺاهيو ۽ جبلن کي ڪِلن وانگر لڳايو.“
    اهو ترجمو مولانا مودودي جو آهي. هڪ عرب، ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هن ريت به ڪيو آهي.
    “Have we not made the earth as a cradle and the mountains like pegs?” (Al.Quran 78:6-7)
    مِهادا عربي لفظ هندوري (پينگهي) لاءِ به استعمال ٿئي ٿو ۽ پينگهو ئي هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪو چرپر (Motion) ۾ هجڻ جي باوجود آرام جي جاءِ آهي. بهرحال ڌرتي جهڙي خطرن سان ڀريل شيءِ کي رب پاڪ انسان لاءِ فرش يا هندوري وانگر بڻايو آهي جتي انسان آرام ڪري ٿو. ان عظيم هستيءَ هن ڌرتيءَ جي گولي جي چوڌاري پنج سؤ ميلن جي بلندي تائين هوا جو هڪ تهه مقرر ڪيو آهي جيڪو شهابن (ٽٽندڙ تارن) جي خوفناڪ بم باريءَ کان اسان کي بچائي ٿو. نه ته روزانو ٻه ڪروڙ شهاب، جيڪي 30 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان ڌرتيءَ ڏي ڪِرن ٿا، هتي اهڙي تباهي مچائي رکن جو انسان ته ڇا پر حيوان يا وڻ ٽڻ به سلامت نه رهي سگهي.
    النمل سورة جي 60 کان 63 نمبر آيت ۾ آهي ته:
    أَمْ مَنْ جَعَلَ الْاَرْضَ قَرَارًا وَجَعَلَ خِلَالَهَا..........
    ....۽ اهو ڪير آهي جنهن زمين کي قرار جي جاءِ ٺاهيو... ڪير آهي جو بيقرار جي دعا ٻڌي ٿو جڏهن هو هن کي پڪاري ٿو ۽ ڪير هن جي تڪليف ڏور ڪري ٿو... ڇا الله کان سواءِ ڪو ٻيو خدا به (هي ڪم ڪرڻ وارو) آهي؟ توهان ماڻهو گهٽ ئي سوچيو ٿا.
    سج، چنڊ، تارن ۽ سياهن جي گردش جو ذڪر قرآن مجيد ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي آهي. سورة فاطر جي 41 آيت جو ترجمو هن ريت آهي، جيڪو علامه علي خان ابڙو (مرحوم جمال ابڙو صاحب جو والد صاحب ۽ بدر ابڙي جي ڏاڏي) جي سنڌي ترجمي مان ورتو اٿم:
    ”بيشڪ الله تعاليٰ ئي آسمانن ۽ زمين کي جهليو بيٺو آهي، ته پنهنجي جاءِ تان هٽي نه وڃن يا پنهنجي مقرر ڪمن ڪرڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪن ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي جاءِ يا ڪم کان هٽي وڃن ته الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه هنن کي جهلي نٿو سگهي. بيشڪ هو بردبار ۽ بخشيندڙ آهي.“

    سج گرهڻ وقت احتياط

    هن کان اڳ اسين چنڊ بابت احوال ڪري رهيا هئاسين، جيڪو ڌرتي جي گولي کان ڪافي ننڍو آهي پر ڌرتيءَ تي ان جا ڪافي اثر آهن ۽ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن لاءِ اهم شيءِ آهي. چنڊ ذريعي اسانکي مهيني ۽ مند جي خبر پوي ٿي، روزي ۽ حج جو حساب رکون ٿا، سمنڊ ۾ لهرون ۽ ڇوليون پيدا ٿين ٿيون جنهن ڪري سڄي سمنڊ ۾ اُٿل پٿل رهي ٿي. اسين ڌرتيءَ تي ائين چنبڙيا پيا آهيون جيئن اسانکي چچي ڇت تي نظر اچي ٿي ۽ اسان هن ڌرتيءَ تان خلا ۾ ان ڪري نٿا ڪِرون جو اسان جي ڌرتي ۽ هر سَيارو ۽ ستارو هڪ چقمق مثال آهي جنهن ۾ پنهنجي وزن ۽ Volume مطابق ڪشش آهي. ڌرتيءَ جي ڇِڪ ڪري نه فقط اسين ان سان چهٽيا پيا آهيون پر ڪا شيءِ ڌرتيءَ کان پري اڇلائجي ٿي ته به يڪدم واپس ڌرتيءَ تي موٽيو اچي. هوائي جهاز هڪ عارضي وقت لاءِ وڏي طاقت ۽ جيٽ سَڪشن ڪري ڌرتيءَ کان ڪجهه مٿڀرو ٿي اُڏامي ٿو. تيل (fuel) ختم ٿي وڃيس يا انجڻ ۾ خرابي ٿي پويس ته اهو به اچي هيٺ ڦهڪو ڪندو. راڪيٽ کي طاقتور ٻارڻ ذريعي هوائي جهاز کان تمام گهڻو گهڻو مٿي چاڙهي جڏهن خلا کان ٻاهر ڪڍجي ٿو ته پوءِ اهو نٿو موٽي ۽ ڌرتيءَ جي چوڌاري ئي گردش ڪندو رهي ٿو. ان وقت اهو هيٺ ڌرتيءَ تي ڪِري نٿو ان ڪري جو اهو ڌرتيءَ جي ڇڪ (Pull) کان ٻاهر آهي.
    اهڙي طرح چنڊ جي به پنهنجي ڇڪ آهي توڻي اها ڌرتيءَ جي ڇڪ کان گهڻي گهٽ آهي، پر ايتري ضرور آهي جو ڌرتي تي آزاد ڦرندڙ سمنڊ جو پاڻي چنڊ ڏي ٿوري گهڻي Pull محسوس ڪري ٿو ان ڪري وير (Tide) جو اڀامڻ ٿئي ٿو۽ اها اڀام چوڏهين واري تاريخ تي تمام گهڻي ٿئي ٿي. چنڊ جي گردش مطابق دنيا جي سڀني سمنڊن تي 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا Tide چڙهي ٿي ۽ ٻه دفعا لهي ٿي. ڪلفٽن تي ويندائو ته ڪنهن وقت وير چڙهڻ ڪري پاڻي اچي روڊ وارين ڀتين سان لڳندو ۽ ڪنهن وقت وير لهڻ (Low-Tide) ٿيڻ وقت سمنڊ جو ڪنارو فرلانگ ٻه پٺيان نظر ايندو.
    چنڊ جي وجود ۾ اچڻ لاءِ وقت سان گڏ مختلف ٿيوريون رهيون آهن. ياد رهي ته مون لفظ ”ٿيوري“ استعمال ڪيو آهي جو ٿيوري ۽ حقيقت (facts) ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. جيئن ڊارون ٿيوري پيش ڪئي ته انسان ڀولڙي جي بگڙيل شڪل آهي. ڊارون اها رڳ ٿيوري پيش ڪئي هئي جيڪا پوءِ هن غريب بعد ۾ پاڻ ئي قبول ڪئي ته حقيقت نٿي لڳي. پر اسان جا ماڻهو اڄ به مٿين ڳالهه ائين ڪندا ڄڻ هن ثبوت ثابتين سان ”ٻه واڌو ٻه برابر چار“ ڪري ٻڌايو هجي. سو هتي به سائنسي طرح اڃا اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته چنڊ ڪٿان آيو يا ڪيئن وجود ۾ آيو پر ڪنهن زماني ۾ هڪ اها به ٿيوري هئي ته ڌرتيءَ کان ڇڄي ڌار ٿي ٻاهر هليو ويو ۽ ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳو. ڌرتيءَ تي اها خالي ٿيل جاءِ پاڻيءَ سان ڀرجي سمنڊ ٿي پيو.
    ٻي ٿيوري اها عام ٿي ته اسان وارو چنڊ ڪنهن ٻئي سَياري جو چنڊ هو جتان اهو بتال ٿي هتان اچي نڪتو ۽ ڌرتيءَ جي گردش (Orbit) ۾ سوگهو ٿي ويو. اهي ٻئي theories غلط ثابت ٿي چڪيون آهن. اڄڪلهه هڪ ٽي ٿيوري “Impact Theory” نالي مارڪيٽ ۾ عام آهي. ان ٿيوري موجب اهو چيو وڃي ٿو ته چنڊ ٻن سَيارن- مثال طور ڌرتي ۽ هڪ ٻئي مريخ جهڙي جي هڪ ٻئي سان ٽڪر (Impact) ڪري وجود ۾ آيو آهي. ان ٽڪر مان جيڪي پٿر ۽ مال نڪتو سو چنڊ بڻيو ۽ ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳو.
    هونءَ دنيا جي سائنسدانن کي هڪ ڳالهه مُنجهايو ضرور آهي ته اسان جو هي سَيارو ”ڌرتي“ ته وڌ ۾ وڌ ٽي بلين سال پراڻو آهي پر چنڊ تان آيل پٿرن جي چڪاس ڪرڻ تي انهن جي عمر ساڍا چار بلين سالن جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي- يعني اسان وارو چنڊ اسانجي ڌرتيءَ کان ڏيڍ سؤ بلين سال ڪراڙو آهي!
    • ٽيلي اسڪوپن ذريعي چنڊ ڏي ڏسجي ٿو ته چنڊ جو اهو طرف جيڪو اسان (ڌرتي وارن) پاسي آهي ان تي ٽيهه هزار کن گِهٻ (Craters) نظر اچن ٿا جيڪي هڪ ڪلوميٽر کن قطر جا لڳن ٿا. سڀ کان وڏو گِهٻ (Crater) جيڪو سڄي شمسي نظام ۾ وڏي ۾ وڏو چئي سگهجي ٿو، چنڊ جي ڏورانهين پاسي ڏکڻ قطب وٽ آهي. هن جو قطر 2240 ڪلوميٽر چيو وڃي ٿو ۽ اونهائي 13 ڪلوميٽر اٿس. هي سڀ ڊينٽ (گِهٻ) تارن ۽ سَيارن تان ڇڙوڇڙ ٿيل ٽڪرن Comets ۽ Meteoroids جي لڳڻ ڪري ٿيا آهن. اسان جي ڌرتيءَ جو به جيڪر اهو حال ٿي وڃي پر ڌرتيءَ جي چوڌاري فضا (Atmosphere) هجڻ ڪري اهي اسان تائين پهچندي پهچندي ٻريو ۽ سڙيو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٽڪر ٻرڻ کان بچيو وڃي ته اهو اچيو ڌرتيءَ سان لڳي. پر چنڊ تي هوا- يعني آڪسيجن نه هجڻ ڪري اهي meteoroids ڇپن جي صورت ۾ چنڊ جي Surface تي اچيو لڳن.
    • سج گرهڻ يا چنڊ گرهڻ تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سج، ڌرتي ۽ چنڊ هڪ لائين ۾ اچي وڃن ٿا ۽ پوءِ ان قطار جي وچ ۾ چنڊ آهي ته سج کي گرهه ٿو لڳي وڃي يعني سج گرهڻ (Solar Eclipse) ٿئي ٿي ۽ جي ڌرتي ٿي اچي وڃي ته چنڊ گرهڻ (Lunareclipse) ٿئي ٿي يعني چنڊ جي روشني ختم ٿيو وڃي. ظآهر آهي چنڊ اسان کي ان ڪري چلڪندو نظر اچي ٿو جو ان تي سج جي روشني پوي ٿي. ڌرتي جي وچ تي اچي، سج جي روشني اڳيان آڏ ٿيندي ته ٻئي پاسي کان نظر ايندڙ چنڊ ڪجهه وقت لاءِ اونڌائو ٿي ويندو جيسين ڌرتيءَ جو گولو اڳيان سفر ڪري سج جي ڪرڻن لاءِ پيدا ڪيل آڏ هٽائي. ڏٺو وڃي ته چنڊ ته هر روز آسمان ۾ موجود آهي پر اسانکي پهرين تاريخن ۾ سنهو هلال (Crescent) نظر اچي ٿو جيڪو هر روز وڌندو وڌندو چوڏهين تاريخ سڄو گول نظر اچي ٿو ان بعد گهٽجندو گهٽجندو سنهو ٿي غائب ٿي وڃي ٿو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته چنڊ ته هر روز ساڳيو آهي پر اسان کي مختلف تاريخن تي مختلف ان ڪري لڳي ٿو جو ان تي اسان واري پاسي سج جي روشني فقط ايتري پوي ٿي.
    • هڪ ٻي ڳالهه ته سج گرهڻ هميشھ نئين چنڊ وارن ڏينهن ۾ ٿئي ٿي ۽ چنڊ گرهڻ تڏهن ٿئي ٿي جڏهن چنڊ چوڏهين تاريخ جي لڳ ڀڳ آهي. جيتوڻيڪ چنڊ ڪافي ننڍو آهي پر ڌرتيءَ جي ويجهو هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن سڄي سج کي ڍڪيو ڇڏي. چنڊ گرهڻ کان سج گرهڻ وقت دلچسپ ٿئي ٿي ۽ ان کي پسڻ جو موقعو نه وڃائجي.
    سج گرهڻ ڏسڻ سان منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته جنهن وقت سج تي گرهه لڳي يعني اونڌائو ٿئي ته ان کي ڏسجي. سج گرهڻ پسڻ سان منهنجو مطلب اوس پاس جي ماحول ۽ تبديلين جو جائزو وٺڻ آهي.
    سج کي گرهڻ لڳڻ وقت يعني جڏهن چنڊ سج جي اڳيان آڏ ڏيئي بيهي ٿو ته سڄو سج ڍڪجيو وڃي ۽ چوڌاري اوندهه ڇانئجيو وڃي. هونءَ سج لٿي کان پوءِ جيڪا اوندهه ٿئي ٿي ان ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو. سج جي غروب ٿي وڃڻ بعد به شفق جي روشني اڌ منو ڪلاڪ کن هلي ٿي ۽ انسان توڙي پکي پکڻ ان موجب آهستي آهستي ٿي چرڻ پرڻ شروع ڪن ٿا. ٻار فٽ بال يا ڪرڪيٽ پيا کيڏندا، سج غروب به ٿيندو ويندو ته به هنن جي راند جاري رهندي جو ان بعد twilight واري روشني ڪافي دير رهي ٿي ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي ڪجهه ايتري اوندهه ڇانئڻ شروع ٿيندي جو ڪو اخبار يا ڪتاب پڙهي رهيو هوندو ته اهو لکڻ پڙهڻ جهڙو ڪم بند ڪندو ۽ پوءِ ڪجهه دير بعد اها اونداهه ايتري وڌندي جو راند کيڏڻ مشڪل ٿي پوندي پر تڏهن به ايتري هلڪي روشني ضرور هوندي جو هرهڪ پنهنجي گهر ڏي راهي ٿئي. ۽ پوءِ مڪمل طرح اونداهه ٿي ويندي جو هٿ نه ڏسي هٿ کي ۽ بلب، ڏيو يا ميڻ بتي ٻارڻ ضرور ٿيو پوي. سج جو اُفق پويان غروب ٿيڻ کان وٺي مڪمل طرح اوندهه ٿيڻ جي وچ ۾ جيڪي شفق ۽ نيم شب ۽ انڌاري جا ڏاڪا آهن يعني Twilight جا جيڪي ٽي قسم: سِول، ناٽيڪل ۽ ائسٽروناميڪل آهن، انهن جو احوال شروع ۾ ڪري آيا آهيون. بهرحال هتي رڳو ان ڳالهه تي زور ڏيڻو هو ته عام طرح هر روز سج جي غائب يعني غروب ٿيڻ تي آهستي آهستي اوندهه ٿئي ٿي پر سج گرهه ٿيڻ تي سج جي آڏو چنڊ جي آڏ ٿيڻ تي، ايترو ته يڪدم اوندهه ڪانڀار ٿيو وڃي جو پکي پکڻ جي مونجهاري جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. چڳڻ ڦرڻ ڇڏي جنهن پکيءَ کي جيڪو وڻ ويجهو لڳندو آهي ان تي هيسيل شڪل ٺاهي ويهي رهندو آهي ۽ پوءِ ڏهه ٻارهن منٽن بعد جڏهن سج اڳيان چنڊ جي آڏ هٽي ويندي آهي ته وري روشن ڏينهن ٿي ويندو آهي ۽ پکي پکڻ اُڏامڻ شروع ڪندو آهي، چوڌاري هڪ دفعو وري زندگي ڇانئجي ويندي آهي.
    سج گرهڻ ۾ چوندا آهن ته سج طرف نه ڏسجي. مڪمل طرح سج ڍڪجي وڃي ته به ان ڏي اُگهاڙين اکين يا عام ڪاري چشمي سان به نه نهارجي، ڇو جو سج مان نڪرندڙ انفرا ريڊ شعاع (Radiation) جيڪي نظر نٿا اچن، اکين جي ماڻڪي (Retina) تباهه ڪري سگهن ٿا. سج گرهڻ وقت سج جي ان اونداهي ٿالهه کي خاص ڪارن چشمن ۽ تصديق ڪيل (Certified) اوزارن (Instruments) سان ڏسي سگهجي ٿو.


    چنڊ بابت ڏند ڪٿائون

    • عيسائين جو ڪئلينڊر سج تي ٻڌل آهي. مسلمانن جو ڪئلينڊر چنڊ جي حساب سان آهي يعني Lunar آهي جيڪو چنڊ جي پهرين تاريخ تي شروع ٿئي ٿو. جيڪي سج ۽ چنڊ ٻنهي جي آڌار تي ڪئلينڊر ٺهيل آهن يعني Lunisolar آهن انهن مان ڪجهه آهن هيبريو (يهودين) جو ڪئلينڊر، ٻڌن جو ڪئلينڊر، چيني ڪئلينڊر وغيره.
    اسلامي ڪئلينڊر اکين سان ڏٺل پهرين چنڊ، جنهن کي هلال (Crescent) سڏجي ٿو، سان شروع ٿئي ٿو. ڏسڻ يعني Observation جي شرط هجڻ ڪري ڪيترين حالتن ۾ اهو ڪم ڏکيو ٿي پوندو آهي ته ڪنهن مهيني لاءِ اڳواٽ ٻڌائجي ته اهو ڪهڙي ڏينهن کان شروع ٿيندو. خاص ڪري رمضان ۽ شوال جي مهيني جي پهرين تاريخ (جنهن تي روزا شروع ٿين ۽ عيد اچي ٿي) اڳواٽ نٿي ٻڌائي سگهجي. سعودي عرب ۾ (۽ هاڻ ڪيترن سالن کان اسان وٽ به) جڏهن حساب واري پهرين تاريخ تي آسمان ۾ رءُ ۽ مٽي هوندو آهي يا ڪڪر ڇانيل هوندا آهن ته منتخب مولوين کي هوائي جهاز ۾ مٿي وٺي وڃبو آهي ته چنڊ جي خاطري ڪن. ايران ۾ وري ان ڪم لاءِ خاص ڪميٽي آهي جنهن ۾ چنڊ ڏسڻ وارن جا هڪ سؤ گروپ آهن جن جي رپورٽ ملڻ تي تهران ۾ چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو اطلاع سڄي ملڪ ۾ ڪيو وڃي ٿو.
    • چينين ۽ ٻڌن جو ڪئلينڊر به چنڊ جي پهرين تاريخ کان شروع ٿئي ٿو. ملائيشيا جتي منهنجو ڏهاڪو کن سال رهڻ ٿيو ۽ جتي اڌ ملڪ جي آدمشماري چيني ۽ ٻڌ آهن چنڊ جي پهرين تاريخ ۽ چوڏهين تاريخ تي رڳو ڀاڄيون کائين.
    سڄو چنڊ تڏهن نڪري ٿو جڏهن چنڊ ڌرتيءَ جي ٻئي پاسي بيهي ٿو. يعني هڪ پاسي سج آهي ته ٻئي پاسي چنڊ. سج مغرب ۾ جنهن وقت لهڻ وارو هوندو آهي ته مشرق ۾ چنڊ نمودار ٿيندو آهي. پوءِ جيئن جيئن سج اُفق جي هيٺان دنيا جي ٻئي طرف سفر ۾ هوندو آهي تيئن تيئن چنڊ پنهنجي رفتار مطابق اڳيان ٿيندو آهي. سج اسانکي نظر نه ايندو آهي پر جيئن ته چنڊ ڌرتيءَ کان گهڻو مٿي آهي ان تي سج جي روشني پوندي رهي ٿي انڪري اسانکي سڄي رات چنڊ وارو روشن پاسو، سڄي ٿالهه جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. هونءَ چوڏهينءَ جا چنڊ يعني full moons اسان جي جهاز هلائڻ واري برادري ۽ فلڪيات (Astronomy) جي شوقينن لاءِ مٿي جو سور هوندا آهن جو چنڊ جي گهڻي روشنيءَ ڪري باقي تارا ۽ سَيارا چُنجها ٿي ويندا آهن.
    • مسلمانن وانگر هندن، يهودين ۽ چينين جا ڪئلينڊر چنڊ جي هلالي صورت کان شروع ٿين ٿا. ڪوبه ڪئلينڊر ”فل مون“ يعني چوڏهين جي سڄي چنڊ کان شروع نٿو ٿئي. البت ڪيترن جا خوشيءَ جا ڏينهن فيسٽيول ”فل مون“ تي ٿين ٿا. مڊ آٽم فيسٽيول هر اٺين مهيني جي چوڏهين واري چنڊ تي ٿئي ٿو. جپانين ۽ چينين جو ”ڏيئي وارو ميلو“ (Lantern Festival) به هر سال جي پهرين چوڏهين واري چنڊ تي ٿئي. شنتو ڌرم جا جپاني، يا قديمي چيني، پنهنجن وڏن جي روحن کي خوش ڪرڻ لاءِ يا پنهنجين ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا پاٺ ڪرڻ لاءِ، چنڊ جي پهرين ۽ چوڏهين تاريخ ڀيٽا ڏين ٿا.
    • ڏور اوڀر کان وٺي مغربي ملڪن تائين گرهڻن eclipses ۽ چنڊ بابت ڪئين قصا، ڏند ڪٿائون (Myths) ۽ ڪهاڻيون مشهون آهن. خاص ڪري چوڏهينءَ جي چنڊ (full moon) بابت. ڪيترن ڌرمن، ثقافتن ۽ قومن ۾ اهو سمجهيو وڃي ٿو ته رت چوسيندڙ چمڙا (Vampires) ۽ بگهاڙي شڪل جا آدم خور چنڊ (full moon) واري رات، جاڳندا رهن ٿا يا ظاهر ٿين ٿا.
    1994ع واري فلم Wolf (ڊائريڪٽر: مائيڪ نڪولس) پنهنجي فلم ۾ اها ڳالهه اجاگر ڪئي آهي ته سڀ کان گهڻا ڏوهه چوڏهين جي چنڊ واري رات ٿين ٿا جيتوڻيڪ سڄي چنڊ نڪرڻ ڪري روشنيءَ ۾ فقط واڌارو اچي ٿو. شايد ان ڪري ڏوهاري وڌيڪ آزاد ڦرندا رهن ٿا.
    چنڊ جي راتين (يعني full moon وارين راتين) لاءِ اڪثر اهو چيو وڃي ٿو ته اهي انسان کي عارضي طرح (Insomnia) ننڊ نه اچڻ ۽ Insanity (پاڳلپڻي) جو مريض بنائين ٿيون. ان پاڳپلڻي (جنهن لاءِ انگريزيءَ جو لفظ Lunacy آهي) جي دوري ڪري چنڊ جو نالو Luna پيو آهي ۽ پاڳل ۽ چرئي کي انگريزيءَ ۾ Lunatic پڻ سڏجي ٿو يعني چنڊ وارو يا جنهن تي چنڊ جو اثر هجي.
    بهرحال اهڙين ڳالهين بابت نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي اجايون سوچون آهن جن جو چنڊ وارين راتين سان ڪو واسطو ناهي. ان بابت تجربا به ڪيا ويا آهن پر انهن جا نتيجا اهڙين ڳالهين جي ڪڏهن حق ۾ وڃن ٿا ته ڪڏهن خلاف. ڊسمبر 2000ع واري ”برٽش ميڊيڪل جرنل“ ۾ ڪتي جي چڪيلن تي تحقيق ڪيل رپورٽون ڏنل آهن جن ۾ براڊ فورڊ اسپتال ۾ ڏٺو ويو ته چنڊ وارين راتين تي پاڳل ڪتن جي چڪن جا مريض عام ڏينهن کان اٽڪل ٻيڻا آهن. پر پاڻ ان ڳالهه کي خاطريءَ سان مڃي نٿا سگهون جو ساڳين ڏينهن ۾ آسٽريليا جي اسپتال ۾ ڪيل کوجنا موجب چانڊوڪي راتين ۾ عام راتين کان گهٽ ڪتي جي چڪ جا مريض رڪارڊ ڪيا ويا. اسان وٽ اڃا تائين ڳوٺن ۾ اهو وهم عام آهي ته ڳورهاري عورت سج گرهڻ وقت جيڪڏهن چرپر ڪندي ته کيس چپ ڪٽيل ٻار ڄمندو. هن کي کپي ته جيسين سج گرهڻ جي اثر هيٺ هجي ته هوءَ کٽ تي سڌي ٿي ستي رهي. ڊاڪٽر ۽ سائنسدان ان کي غلط ڳالهه ٿا سمجهن. هنن جو چوڻ آهي ته سج، گرهڻ وقت فقط سج ڏي نه ڏسجي جو اهو اونداهو هجڻ جي باوجود هن مان نڪرندڙ انفرا ريڊ شعاع ڏسڻ واري جون اکيون خراب ڪري سگهن ٿا. پر مون هن صديءَ جي شروعات وارن سالن ۾ به جپان ۽ چين جي ڳوٺن ۾ اتي جي عورتن کي سج گرهڻ توڙي چنڊ گرهڻ وقت عجيب عجيب ساٽ سوڻ ڪندي ڏٺو آهي، ۽ ساڳي طرح انڊيا جي شهر دهليءَ ۾ پڻ، جتي گذريل سال منهنجي هجڻ وارن ڏينهن ۾ اڻپورو (Partial) سج گرهڻ ٿيو هو. انڊيا ۾ ته مختلف مهينن جي چنڊن جا مختلف نالا به آهن جن جو واسطو هندو ڌرم سان آهي. انهن نالن مان ڪجهه هن ريت آهن: هنومان جيانتي، ماگهه پورنيما، هولي، پائوش پورنيما، گرو پورنيما، نارالي پورنيما يا رکشا بندهن، ڪوجاگيري يا شارد پورنيما وغيره.
    بهرحال مختلف مهينن جي چنڊن جا نالا ٻين زبانن، ڌرمن ۽ ملڪن ۾ به آهن. جيئن انگريزن طرفان رکيل نالا ڪجهه هن ريت آهن: وولف مون، Egg Moon، فلاور مون، هارويسٽ مون، هنٽرس مون (شڪاريءَ جو چنڊ) وغيره. اهڙا ئي ڪجهه نالا آمريڪا جي اصلي رهاڪن جا چنڊ تي رکيل آهن جيئن ته Pink Moon (گلابي چنڊ)، ٿڌو چنڊ، پوڙهو چنڊ، بکايل چنڊ.
    پوڙهي چنڊ تان هڪ چرچو ياد آيو ته ڪنهن ٻار کان پڇيو ويو ته هر مهيني نئون چنڊ نڪري ٿو پوءِ پوڙهو (پراڻو) چنڊ ڪيڏانهن هليو وڃي؟
    ٻار: ”ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري تارا ٺاهيا وڃن ٿا.“


    چانڊوڪي راتين ۾ ڊپريشن وڌيو وڃي

    رکي رکي چنڊ بابت مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ ايندا رهن ٿا. اهي مضمون چنڊ جي جسماني شڪل و صورت ۽ اتي جي زندگيءَ سان گڏوگڏ چنڊ جي انهن اثرن بابت پڻ آهن، جيڪي انهن لکندڙن کي شڪ آهي (اڄ ڏينهن تائين اڃا پڪ نه ٿي آهي) ته انسان جي نفسيات Psychology ۽ Physiology تي اثر ڪن ٿا. هنن جو اهوئي چوڻ آهي ته چنڊ ۾ ڪجهه نه ڪجهه خاص ڳالهيون ضرور آهن تڏهن ته اهو عاشقن، شاعرن، ڪجهه پکين ۽ مڇين جي شڪار ڪندڙن جي ڌيان جو مرڪز آهي.
    سڄو چنڊ (جنهن کي اسين چوڏهينءَ جو چنڊ سڏيون ٿا) جڏهن پوري آب تاب سان آسمان تي چمڪي ٿو ته اسان جي ڌرتيءَ تي ڪجهه غير معمولي واقعا درپيش اچن ٿا، جنهن مان لڳي ٿو ته چنڊ اسانجي موڊ تي اثر انداز ٿئي ٿو.
    اڄ کان 33 سال اڳ آمريڪا جي نئشنل اوشن سروي وارن جي هڪ سائنسدان فرگس ووڊ اڳڪٿي ڪئي هئي ته 8 جنوري ۽ 7 فيبروري 1974ع وارن خاص ڏينهن تي سمنڊن جي ويرن (Tides) جي لاٿ ۽ چاڙهه تمام گهڻو ٿيندي. ان جو سبب هن اهو ٻڌايو ته انهن ڏينهن تي زمين، سج ۽ چنڊ ذري گهٽ سڌ ليڪ ۾ ايندا. هيءَ سڌي ليڪ (Line) فلڪيات جي اصطلاح ۾ سيزگي (Syzygy) سڏجي ٿي. هن ٻڌايو ته 8 جنوريءَ تي چنڊ زمين جي بلڪل ويجهو هجڻ ڪري چنڊ جي ڇِڪ (Gravitational Pull) سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ تمام گهڻو اڀار پيدا ڪندي.
    اخبار ۾ آيل هيءَ اڳڪٿي هڪ آمريڪي ماهر نفسيات تمام گهڻي ڌيان سان پڙهي. هو، انهن ڏينهن ۾، هن وٽ زير علاج مريضن تي چوڏهينءَ جي چنڊ جي پوندڙ اثرن جو نهايت غور سان مطالعو ڪري رهيو هو. ميامي (آمريڪا) جي هن جي ماهر نفسيات جو نالو ڊاڪٽر آرنالڊ هو. پنهنجي مطالعي ۽ تحقيقات ذريعي هو ان نتيجي تائين پهچي چڪو هو ته انسان جي موڊ (مزاج) جو چنڊ جي وڌڻ ۽ گهٽجڻ سان گهاٽو اثر آهي. جن ماڻهن تي چنڊ سڀ کان گهڻا اثر ڇڏي ٿو اهي ڏوهاري ذهنيت رکڻ وارا ٿين ٿا يا نشي جا عادي، يا وري ذهني نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو ٿين ٿا. ان کان علاوه عام ماڻهن جي موڊ تي پڻ چنڊ جو ڪافي اثر ٿئي ٿو- خاص ڪري چوڏهينءَ جي چنڊ جو. ڊاڪٽر آرنالڊ وضاحت پيش ڪندي لکي ٿو ته جنهن طرح ڌرتيءَ جو 70 سيڪڙو پاڻي آهي تيئن انساني جسم جو ستر سيڪڙو پڻ پاڻي آهي. چنڊ جي ڇڪ يعني Gravitational Pull (ڪشش ثقل) سمنڊ تي اثر انداز ٿي ان جي پاڻيءَ ۾ آنڌ مانڌ (اڀار لٿار) پيدا ڪري ٿي. بلڪل ان ريت چوڏهينءَ جو چنڊ اسانجي جسم جي 70 سيڪڙو پاڻيءَ ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري ٿو. يعني چئي سگهجي ٿو ته اسان جي زندگي جي لاهن چاڙهن تي چنڊ جي اثر جو وڏو عمل دخل آهي.
    سائنسدان (فرگس) جي اڳڪٿيءَ کي ڊاڪٽر آرنالڊ ان ڪري به پاڻ وٽ ڳنڍ ۾ ٻڌي رکيو هو جو هو ان کان اڳ 1970ع ۾ رونما ٿيندڙ ”سيزيگي“ جي اثرن جو مشاهدو ڪري چڪو هو. هن وٽ علاج هيٺ آيل مريضن جي بگڙجندڙ ڪيفيت ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ميامي شهر ۾ قتل جي وارداتن ۾ ٿيندڙ خطرناڪ واڌاري هن کي حيران ڪري وڌو هو. سو هن ڊاڪٽر، ميامي پولس کي، 8 جنوري ۽ ستين فيبروري تي سمنڊ جي لهرن ۾ ايندڙ غير معمولي اڀار جي اڳڪٿي ۽ گڏوگڏ پنهنجن مشاهدن جي روشنيءَ ۾ خطرناڪ ڏوهن جي ممڪن وارداتن متعلق تفصيلي خط لکيو. ڊاڪٽر آرنالڊ جي خدشن کي مڪاني اخبارن نمايان طور شايع ڪيو. ڊاڪٽر آرنالڊ خبردار ڪيو هو ته ”سيزيگي“ مهل چنڊ جا سڀ کان گهڻا نيگيٽو (منفي) اثر نفسياتي مريضن تي پون ٿا. ان ڪري ميامي ۾ موجود سڀني نفسياتي اسپتالن جي ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جي حاضري خاطريءَ سان ڪئي وڃي ۽ ايمرجنسي ڊپارٽمينٽن کي الرٽ ڪرڻ جا قدم کنيا وڃن.
    ڊاڪٽر آرنالڊ جي خدشن مطابق 8 جنوري کان 7 فيبروري ميامي ۾ ٿيندڙ واقعن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. مڪاني پوليس جي حد کان وڌيڪ خبرداري ۽ چڪاس جي باوجود فقط ٽن هفتن ۾ ٿيندڙ قتل جي وارداتن جو تعداد ان انگ کان ٻيڻو ٿي ويو جيڪو گذريل سڄي سال ۾ ٿيو هو. ان کان علاوه اهڙا ڏوهه پڻ گهڻائيءَ ۾ ٿيا جن جي نوعيت عجيب هئي. بلڪ ماهرين اهڙن ڏوهن جو سبب ڳولڻ ۾ به ناڪام رهيا. انهن جهڙن ڪيترن ئي واقعن مان سائنسدانن ۽ نفسيات جي ماهرن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته آسماني سج، تارا، سياره خاص ڪري اسانجي ويجهي پاڙيسري چنڊ جا اسان جي مزاج تي ڪافي اثر پون ٿا.
    ريسرچ دوران مختلف اسپتالن جي نفسياتي وارڊن ۾ مقرر ڪيل طبي عملي ٻڌايو ته جڏهن چنڊ جو ٿالهه مڪمل ٿئي ٿو (يعني چوڏهين تاريخ جي لڳ ڀڳ) ته وارڊ ۾ داخل مريضن جي ڪيفيت ۾ عجيب بي سڪوني پيدا ٿيو وڃي ۽ چرپائيءَ جي دورن ۾ واڌارو اچيو وڃي. چنڊ جي مڪمل ٿيڻ وارن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر آرنالڊ جي اڪثر مريضن کي هڪ ئي جهڙي شڪايت رهي ٿي جنهن ۾ ننڊ جو نه اچن (انسومنيا)، مونجهه (ڊپريشن)، بيقراري ۽ دل جو ڌڙڪو گهڻو ٿيو ٿي.
    پنهنجي شروعاتي سفرنامن ۾ هڪ ٻن هنڌ لکي چڪو آهيان ته جهاز جي عرشي (Deck) تي ويهي سمنڊ ڏسڻ جهڙو ڪو مزو آهي ئي ڪونه. ۽ اهو لطف چانڊوڪي راتين ۾ اڃا به ٻيڻو ٿيو وڃي. جهاز هلائڻ کان پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ ويندي ڊيڪ ڏي نظر پوڻ تي قدم پاڻ مرادو اوڏانهن ڇڪجيو وڃن ٿا ۽ چانڊوڪي رات ۾ جڏهن آسمان ڪڪرن کان خالي آهي ۽ چوڏهين جي چاندي جي ٿالهه جهڙي چنڊ جي ٿڌي سهائي چوڌاري ڦهليل آهي ان وقت ڊيڪ تان اُٿڻ تي دل نه چوندي آهي پر اهو به ڏٺو ويو آهي ته اهو لطف ۽ چنڊ ڏسي طبيعت ۾ بهاري اچڻ جي ڪيفيت فقط مردن سان لاڳو ٿئي ٿي. چنڊ وارين راتين ۾ جهاز ۾ سوار عورتون چانڊوڪي رات ۾ ٻاهر نڪرڻ کان هميشھ گريز ڪن ٿيون. هنن کي چانڊوڪي راتين ۾ سخت قسم جو مونجهه (Depression) ٿئي ٿو. ٻيون عام عورتون ته ٺهيو پر اسان جي هڪ جهاز تي”ريڊيو آفيسر“ عورت هئي سا به پولينڊ جهڙي پهلوان يورپي ملڪ جي- يعني هوءَ ڪا هالينڊ، فرانس، اسپين جهڙي ملڪ جي نازڪ مزاج ۽ نخريلي نه هئي، پر يورپ جي هڪ غريب ملڪ جي هئي ۽ جسم ۾ کڻي پهلوان نه هئي پر اسان هن کي پهلوان ان ڪري به چونداسين جو پاڻيءَ جي جهاز هلائڻ ۾ ڪي ڏينهن اهڙا به اچن ٿا جو اسان مردن کي به پگهر اچيو وڃن اتي هڪ عورت جو خراب موسم، برفبارين، طوفانن ۽ سامونڊي ڪُنن ۾ سفر ڪرڻ وڏي دل ۽ گردي جي ڳالهه ٿي- سو اها پولينڊ جي ريڊيو آفيسر عورت به اهائي ڳالهه ڪندي هئي ته هن کي چنڊ وارين راتين ۾ ڊپريشن ٿئي ٿي. هن ٻڌايو ته هوءَ جڏهن جهاز تي نه هوندي آهي ته ڪناري تي به هن کي چانڊوڪي راتين ۾ بيچيني ٿيندي آهي، پر هتي جهاز تي گهڻي ٿئي ٿي جڏهن سڄي چنڊ جي نڪرڻ ڪري سمنڊ ۾ به اڀام ٿئي ٿي.
    ڪنهن چيو ته چنڊ جو اثر هميشھ عورتن تي ٿئي ٿو ۽ سج جو مردن تي. توهان ڪڏهن به نه ٻڌو هوندو ته اُس ۾ هلڻ ڪري ڪنهن کي ڏينهن لڳي ويو يعني Sun Stroke ٿيو هجي. هميشھ مردن نالي ٻڌبو. ان جو سبب هڪ جهازيءَ اهو به ڏنو ته اهو ان ڪري آهي جو مرد مٿي اُگهاڙو ڪري هلن ٿا ۽ وار به ننڍا اٿن، عورتن جا وار وڏا آهن ۽ مٿي تي پوتي يا حجاب ٻڌڻ سان کين سج جا ڪِرڻا اثر نٿا ڪن.
    ٿي سگهي ٿو اهوئي سبب هجي پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ سک مردن کي Sun Stroke ڇو ٿو لڳي؟ هنن جا به ته عورتن وانگر وڏا وار آهن ۽ عورتون ته وڌ ۾ وڌ مٿي تي پوتي يا رومال ٿيون رکن سک ته مٿي تي اڌ تاڪئي ڪپڙي جو پٽڪو ٿا ٻڌن.
    بهرحال هي سڀ theories آهن ۽ آئون به گذريل چاليهه کن سالن کان پڙهندو اچان، جيڪي برمودا ٽرئنگل جي خطرن ۽ غيبات جيان ثابت نه ٿي سگهيون آهن.


    چنڊ تي رهڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي

    چنڊ بابت شعر و شاعري، پهاڪا ۽ چوڻيون به هر زبان ۾ آهن. پهرين تاريخن واري سنهي ۽ Curved چنڊ لاءِ چوندا ته اهو ڪنهن بيوهه جي ڀڳل چوڙيءَ وانگر لڳي رهيو هو. چنڊ جي روز روز بدلجڻ جو طعنو اڪثر ڏنو وڃي ٿو ته تو ۾ مستقل مزاجي ناهي، چنڊ وانگر روز روز بدلجين ٿو. بقول شاهه لطيف جي ”ڪڏهن اڀرين سنهڙو ڪڏهن اڀرين ڳچ“ وارو حساب چنڊ سان ئي آهي. روميو ۽ جوليٽ ڪهاڻيءَ ۾ شيڪسپيئر لکي ٿو:
    “The Moon is fickle”.
    چنڊ جي ان بدلجندڙ (Fickle) طبيعت تي هڪ انگريزيءَ جو شعر آهي:
    O Swear not by the moon, the inconstant moon
    That monthly changes in her circled Orb,
    Lest that thy love prove likewise variable.
    ياڪاموچي نالي هڪ جپاني شاعر جي هڪ شعر جو انگريزي ترجمو هن ريت آهي ته:
    When I see the first
    New moon, faint in the twilight,
    I think of the moth eyebrows
    Of a girl I saw only once.
    جپاني زبان جو چنڊ بابت هڪ ٻيو خوبصورت شعر آهي، جنهن ۾ عورت پنهنجي عاشق جي ڀيٽ چنڊ سان ٿي ڪري ته ڪڪر پويان جيڪو چنڊ لڪي ويو آهي اهو خبر ناهي چنڊ هو يا منهنجو محبوب- يعني اهائي ابنِ انشا واري ڳالهه ته:
    کسی نے کہا یہ چاند ہے کسی نے کہا کہ چہرا تیرا
    شاعر چوي ٿو:
    ”مِشي يا سَوري تَو مَو
    واڪانو مَا نِي
    ڪُومَو گاڪُورَي نِي شي
    يووا نو تُسڪي ڪَاگي.“
    (آئون ٻڏتر ۾ آهيان
    ته ڪٿي هو پاڻ ته نه هو
    ڇو جو اڌي رات وارو چنڊ
    ڪڪر پويان لڪي ويو آهي.)
    چينين جي چنڊ واري ميلي جي سلسلي ۾ ڪهاڻي مشهور آهي ته پَرين جي دنيا جي ٽن ڏاهن پنهنجو پاڻ کي ڪراڙي جو روپ ڏيئي هڪ لومڙ، ڀولڙي ۽ سهي کان خيرات ۾ ڪجهه کائڻ لاءِ گهريو. لومڙي ڀولڙي وٽ ته کائڻ لاءِ کاڌو هو جيڪو هو هن ٽن پوڙهن کي ڏيئي سگهيا ٿي پر سهو هٿين خالي هو. هن پنهنجو پاڻ پوڙهن کي ارپڻ لاءِ ٻرندڙ باهه ۾ کڻي ٽپو ڏنو جيئن هو کائڻ لاءِ پچي وڃي. پوڙها ماڻهو سهي جي قربانيءَ مان ايترو ته متاثر ٿيا جو هنن سهي کي هميشھ هميشھ لاءِ چنڊ تي رهڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي جتي هو اڄ به نظر اچي ٿو.
    ڪانگ ۽ چنڊ ذريعي محبوب ڏي نياپا موڪلڻ اسان جي وطن جي پراڻي ثقافت رهي آهي. چي:
    چمڪين مٿان چنڊ اوتي کير اڱڻ تي
    منجهان آس اڪنڊ، ڏيج سنيها سڄڻين.
    اهو شعر اسانجي همعصر شاعر تاجل بيوس جو آهي. سندس چنڊ بابت هڪ ٻه ٻيا شعر:
    ”چوڏهين ماهه چنڊ جي سونهن نه سيبائي
    مٺڙي محبوب جي آهي اونداهي
    اها آگاهي کنيم سرکنڀاٽ مان.“

    ”مهڪي ماهه منير ڏيج سنهيا سڪ جا
    مٿان مون محبوب جي اڱڻ اوتي کير
    اڀري آڌي رات جو منجهان آس اڪير
    سيلاني سفير آهيم تنهنجو آسرو.


    چٻري وانگر چنڊ سان چاهت رکڻ

    اسان وٽ سانوڻيءَ جي منڊ ۾ گُهٽ ٿيندي آهي ته چئبو ته هاڻ مينهن وسڻ جو وقت آيو ڪي آيو. انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ ۽ اتر يورپ جي ملڪن ۾ بارش وسڻ کان علاوه برف باري، ڌنڌ، ڪوهيڙو (Fog) ڳڙا hail storm ۽ موسم جون ٻيون تبديليون ٿينديون رهن ٿيون. مينهوڳي ۽ برف باريءَ ۾ جهاز يا رستن تي ڪار هلائڻ مشڪل ٿيو پوي پر ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ به سِر ٿو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو ڏينهن ايڏو سخت قسم جو ڪوهيڙو يا ڌنڌ (ڌنڌلي فضا) رهي ٿو جو ڏيک (Visibility) نه برابر وڃيو ٿئي. جهاز جي ڪنٽرول روم مان (جيڪا سمجهو ته جهاز جي وچ تي ٿئي ٿي) نه جهاز جو فاڪسل (شروع وارو حصو) ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ نه Poop (پٺيون حصو). جهاز جي اڳيان سمنڊ ۽ ان ۾ هلندڙ ٻيا جهاز ته مور نظر نه ايندا آهن. اهڙي صورت ۾ نيويگيشن (جهاز هلائڻ) ڏکيو ڪم ٿيو پوي جو سامهون اکين سان ته ڪجهه به نظر نٿو اچي پوءِ سڄو ڪم رڊار جي ڀروسي تي ٿئي ٿو ۽ ويتر جي تيز هوا شروع ٿي وڃي ته وڏن وڏن ناخدائن کي سياري جي ڪاٽو ٽيمپريچر ۾ به پگهر اچيو وڃن ۽ جيئن چنڊ پڙ هڻندو آهي يعني ان جي چوڌاري سنهن ڪڪرن جو اڇو گول دائرو (Halo) نظر ايندو آهي ته پاڻ چونداسين ته اڃا مينهن پوندا تيئن يورپ پاسي جا ماڻهو خاص ڪري مهاڻا چنڊ کي ڳاڙهسرو، هئڊو يا ميرانجهڙو ٿيڻ مان مختلف مندن جي انومان ڪڍن ٿا. چي اڄ چنڊ هئڊاڻ مايل رنگ جو ٿي ويو آهي سڀاڻي ضرور مينهن وسندو. اڄ چنڊ صاف پيو نظر اچي معنيٰ frost (پاري) جهڙو سيءُ ٿيندو. انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جي ڪڙمين ۽ مهاڻن، ماڇين جي منهن تي هي بيت ضرور هوندو آهي ته:
    Pale moon doth rain
    Red moon doth blow
    White moon doth neither
    Rain nor snow.
    ڪڪرن ڪري چنڊ ڍڪجيو وڃي پر چوڏهين جي چنڊ کي هلڪا ڦلڪا ڪڪر لڪائي نٿا سگهن. ٻيو نه ته ان جي روشني ته ظاهر رهي ٿي ان تان يورپ ۾ چوڻي مشهور آهي ته:
    “The full moon eats the clouds away”.
    چنڊ جي ٻاهران جيڪو ڇلو (halo) ٿو ٺهي جنهن کي پاڻ پڙ (گول دائرو) به سڏيون ٿا ان کي يورپ پاسي جا جهازي (مهاڻا، ماڇي، ميربحر) نئون چنڊ به سڏين ٿا. انهن جو به اهو عقيدي جي حد تائين وهم آهي ته چنڊ جي ٻاهران نئون وڏو چنڊ ٺهي ٿو اهو موسم جي خرابي جي اڳڪٿي آهي ۽ چوڻي مشهور آهي ته:
    When the new moon holds the old moon in its arms, disasters occur at sea.
    جپاني زبان ۾ هڪ چوڻي آهي: تسوڪي (معنيٰ چنڊ) نِي مُورا ڪُومُو، هانا (معنيٰ گل) ني ڪازي. ڪازي معنيٰ هوا. ڪامي ڪازي قدرت طرفان موڪليل هوا. چنگيز خان جي پوٽي جڏهن چين کان جهازن جو وڏو ٻيڙو وٺي جپان تي حملو ڪيو ته جپان جي سمنڊ کان اُٿندڙ طوفان قبلائي خان جا ٻيڙا ٻوڙي رکيا ۽ سڄي لشڪر جون وايون بتال ٿي ويون. ڪي ٻُڏا، ڪي ڦٽيا، ٻيا جان بچائي اچي پنهنجن جوين وٽ پهتا. ان وقت، جي اها typhoon جي صورت ۾ تيز هوا نه لڳي ها، ته جپانين کي به اٽي جي اگهه جي خبر پوي ها. بلڪ جپانين ڀلي ڀت سمجهيو ٿي ته هو قبلائي خان جي لشڪر جو مقابلو هرگز نه ڪري سگهن ها ۽ کين ان تيز هوا (ڪازي) بچايو جنهن کي هو پنهنجي ديوتا (ڪامي) طرفان سمجهڻ لڳا ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ پرل هاربر تي جن پائليٽن فدائي حملو ڪيو هو (يعني پنهنجي جان فدا ڪئي) انهن جو ڳجهو نالو ”ڪامي ڪازي“ ان ٽائفون تان رکيو ويو هو جنهن قبلائي خان جي لشڪر جو ٻيڙو ٻوڙيو ۽ جپانين کي بچايو. بهرحال هن وقت مٿين جپاني پهاڪي ۾ ڪازي (هوا) جو لفظ اچڻ تي اها ڳالهه ياد اچي وئي جيڪو پهاڪو هن ريت آهي ته:
    Tsuki ni murakumo, hana ni Kaze.
    ”ڪڪر چنڊ کي تباهه ڪن ٿا، هوا گلن کي.“
    جپانيءَ ۾ چنڊ بابت هڪ ٻيو مشهور پهاڪو آهي:
    متسُو رَيبا، ڪاڪُورُو
    وڌڻ بعد لهي ٿو. (يعني سُسي ٿو).
    هي پهاڪو چنڊ جي وڌڻ ۽ گهٽجڻ بابت آهي يعني هر شيءِ جي ڪمال سان گڏ زوال به آهي. اڄ جنهن وٽ اميري آهي سڀاڻي ان وٽ غربت به اچي سگهي ٿي.
    چنڊ بابت جپاني ۽ ملئي زبانن ۾ ڪيترائي پهاڪا، چوڻيون، شعر، Pantun (چؤسٽا) آهن. ڏور اوڀر جي ٻين زبانن ۾ به ضرور هوندا پر جيئن ته منهنجو وڏو عرصو انهن ملڪن ۾ گذريو آهي ۽ آئون انهن زبانن کان ئي واقف آهيان ان ڪري آئون انهن زبانن جي پهاڪن جي ئي ڄاڻ رکان ٿو جن بابت اڄ کان 16 سال کن اڳ منهنجو انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب “The Proverbs of Far East” پڻ ڇپجي چڪو آهي. بهرحال هتي چنڊ بابت هڪ ٻي چوڻي به لکي رهيو آهيان، جيڪا ڪيوشو ۽ شڪاگو واري پاسي عام آهي.
    Engo ga tsuki wo toran to suru ga gotoshi.
    ”ڀولڙن وانگر پاڻيءَ ۾ نظر ايندڙ چنڊ جي اولڙي کي کسڻ.“
    جپاني ٻڌن جي ڌرمي ڪتابن ۾ ڀولڙن جي هيءَ ڪهاڻي لکيل آهي ته هڪ دفعي ڪنهن وڻ تي ٽپندي ڪڏندي هنن کي هيٺ کوهه ۾ چنڊ جو اولڙو (reflection) نظر اچي ويو ۽ هنن ان کي سچو پچو چنڊ سمجهي حاصل ڪرڻ لاءِ سَٽل سٽيو. هڪ ڀولڙي پنهنجي پڇ کي هڪ ٽاريءَ جي چوڌاري سوگهو ڪري هيٺ لڙڪي ٻئي کي پڇ کان جهليو، ٻئي ٽئي کي پڇ کان جهليو، اهڙي طرح کوهه جي تري تائين پهچڻ لاءِ چوٿون پنجون ڇهون هيٺ ٿيندو ويو ۽ پوءِ جيئن ڀولڙن جي هيءَ ڊگهي زنجير پاڻيءَ جي ويجهو پهتي ته وڻ جي ٽاري وڌيڪ بار نه جهلڻ ڪري ٽٽي پيئي ۽ سڀئي ڀولڙا ڌڙام سان پاڻيءَ ۾ وڃي ڪريا ۽ ٻُڏي مري ويا.
    ۽ آخر ۾ چنڊ بابت نموني خاطر ملئي زبان جو هڪ پهاڪو ۽ پنٽون به لکان ٿو. Pantun دراصل چئن سٽن واري شعر جو نمونو آهي جيڪو ملئي زبان ۾ ائين مشهور آهي جيئن فارسيءَ ۾ رباعي، انگريزيءَ ۾ Sonnet، جپاني ۾ هائڪو، سنڌيءَ ۾ بيت ۽ اڙدو ۾ قطعو خاص صنف آهي.
    Bagai pungguk merindukan bulan
    ”چٻري وانگر چنڊ سان چاهت رکڻ“
    يعني اهو ماڻهو جيڪو هڪ ناممڪن شيءِ کي حاصل ڪرڻ جي تمنا رکي.
    ۽ چنڊ بابت ملئي پنٽون هن ريت آهي:
    Jika tidak kerana bintang
    Tak mungkin bulan terbit tinggi
    Jika tidak Kerana sayang
    Tak mungkin saya dating ke mari
    تارا جي نه هجن ها مٿي آسمان ۾
    ته ڇا ممڪن هجي ها چنڊ لاءِ ايڏو چڙهڻ
    نه هجي ها جيڪر تنهنجو پيار
    ته ڇا ممڪن هجي ها منهنجو تو وٽ اچڻ.
    ملائيشيا بابت سفرنامن ۾ آئون هميشھ اهو لکندو آيو آهيان ته ملئي زبان (جنهن کي هو ”بَهاسا“ ٿا سڏين) ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ سکڻ تمام آسان آهي جو هن ۾ ڪيترائي سنسڪرت، هندي، اردو، پنجابي، عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ آهن. مٿين پنٽون ۾ هڪ دلچسپ لفظ آهي Mungkin جيڪو اسان جي لفظ ممڪن جي کار آهي ۽ ٻي ڳالهه ته ملئي پنٽون ۾ رديف قافئي جو پئٽرن ڏسبو ته ABAB آهي يعني پهرين سٽ جو آخري لفظ بنتانگ (تارو) ۽ ٽي سٽ جو سايانگ (پيار) ملن ٿا ۽ ٻي سٽ جو آخري لفظ ٽِنگي (اتاهون) ۽ چوٿين سٽ جو ماري (تو وٽ) ملن ٿا.


    عيد جو مدار چنڊ ڏسڻ تي آهي

    هن کان اڳ چنڊ بابت شعرو شاعري ۽ پهاڪن جي ڳالهه ڪئيسين. هاڻ وري چنڊ جي ڄمڻ، نظر اچڻ، لهڻ جو احوال ڪجي. نئين چنڊ (New Moon) جي جڏهن ڳالهه ڪريون ٿا ته اسانجو يا سائنسدانن، ماهر فلڪيات (Astronomy جي ڄاڻو)، جهازران (Navigator) وغيره جو ڇا مطلب آهي؟ ان جو ڪو اهو مطلب ناهي ته ڪو هڪ ٻيو چنڊ پيدا ٿيو ٿو وڃي ۽ پراڻو ختم ٿيو وڃي. چنڊ، سج يا اسانجي ڌرتي اهائي ساڳي آهي جيڪا رب پاڪ هن عالم (Universe) جي شروع ٿيڻ وقت خلقي ۽ ڏينهن قيامت تائين انشاءَ الله اهي سڀ ائين ئي رهندا. ٻين لکين ڪروڙين سَيارن وانگر هي ٽي سج، چنڊ ۽ ڌرتي به مسقتل هڪ دائري ۾ چڪر هڻي رهيا آهن. چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري گردش ڪري ٿو ۽ اسانجي ڌرتي نه فقط سج جي چوڌاري اٽڪل چوهٺ هزار ميل في ڪلاڪ جي حساب سان گهمي ٿي پر پنهنجي محور (Axis) تي به اٽڪل هڪ هزار في ميل جي حساب سان گول ڦري پئي ۽ اسانجي شمسي نظام جو سج پنهنجن سمورن سيارن: زهره، مريخ، عطارد، مشتري ۽ زحل وغيره سان گڏ پنهنجي گئلئڪسي ۾ چڪر هڻندو رهي ٿو ۽ اها Galaxy (جنهن جي چوڌاري اسان جو Solar system يعني اسانجو سج پنهنجن سَيارن ۽ چنڊن سان چڪر هڻندو رهي ٿو)، اها گئلئڪسي وري ٻين ڪيترين گئلڪسين سان گڏ گردش ڪندي رهي ٿي.
    ”نئين چنڊ“ جو اصطلاح اسان ان حوالي سان استعمال ڪريون ٿا، جڏهن چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري اٽڪل ساڍن اوڻٽيهن ڏينهن ۾ چڪر هڻي Astronomical نقطي تي پهچي ٿو جتي هو سج ۽ ڌرتيءَ سان گڏ سڌي لائين ۾ اچيو وڃي. ان وقت سج جي روشني جيڪا چنڊ تي پوي ٿي اها ڌرتيءَ تان نظر نٿي اچي ڇاڪاڻ جو چنڊ جو اهو سڄو اڌ جيڪو روشن آهي، ان جي اونداهي پٺ ڌرتيءَ ڏي آهي. چنڊ جو اونداهو اڌ ڌرتيءَ ڏي هجڻ ڪري چنڊ جي موجودگيءَ جي خبر نٿي پوي. ڌرتيءَ تي ان وقت جي ڏينهن آهي ته ههڙي روشني ۾ (جتي چمڪندڙ تارا به نظر نٿا اچن) اتي اونداهو چنڊ ڪٿان نظر اچي سگهندو ۽ جي ڪڏهن ان وقت رات آهي ته پوءِ اوندهه ۾ اونداهي چنڊ جي نظر اچڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي.
    بهرحال ان گهڙيءَ کان چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري نئين چڪر (Revolution) جي شروعات ڪري ٿو. قدرت جي هن نظاري (Phenomenon) لاءِ انگريزيءَ جو هڪ مشهور لفظ Conjunction استعمال ڪيو وڃي ٿو يعني ملڻ جو عمل يا ڪيفيت. يعني سج چنڊ ۽ ڌرتي هڪڙي ليڪ تي قطار ۾ هڪ ٻئي پويان ٿي بيهن ٿا. ان عمل کي چنڊ جو ڄم (Birth of the moon) به سڏجي ٿو ۽ ان گهڙي واري چنڊ کي نئون ڄاول چنڊ (New Moon) سڏجي ٿو. ان گهڙيءَ کان پوءِ جيئن وقت گذري ٿو تيئن تيئن چنڊ جي عمر وڌڻ شروع ٿئي ٿي. چنڊ جي ڄمڻ کان وٺي ڪجهه ڪلاڪن تائين (اٽڪل 17 کان 23 ڪلاڪن تائين) هي ”بيبي چنڊ“ يعني ”ڄاول“ چنڊ موجود هجڻ جي باوجود نظر نٿو اچي. اگهاڙين اکين (Naked Eyes) سان ته ڇا پر ڪنهن طاقتور دوربين، ٽيلي اسڪوپ يا بائنا ڪيولرن سان به نظر نٿو اچي. ان ڪري نئين چنڊ (New Moon) کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ”غيباتي چنڊ“ يا ”نظر نه ايندڙ“ (Invisible) چنڊ به سڏين ٿا.
    بالغ ٿيڻ تي يعني عمر وڌڻ تي (17 کن ڪلاڪن جو گهٽ ۾ گهٽ ٿيڻ تي) ۽ ساڳي وقت ڇهن کان نون ڊگرين تائين ان ’سج چنڊ ڌرتي‘ واري لائين مان پري ٿيڻ تي، ان جي روشنيءَ جو ڪجهه پاسو ڌرتيءَ ڏي ٿئي ٿو ۽ ان عمر کان، يعني سترهن ڪلاڪن جي ڄمار کان پوءِ، اهو چنڊ جنهن ملڪ مان لنگهي ٿو اتي سج لٿي کان پوءِ نظر ايندو وڃي ٿو، بشرطيڪ اُفق تي مٽي، ڌنڌ ۽ آسمان تي ڪڪر نه هجن. مثال طور جپان ۾ سج لٿي (Sunset) مهل ان نئين ڄاول چنڊ جي عمر ويهه ڪلاڪ آهي ۽ اتي نظر اچي ويو آهي ان بعد ويٽنام يا ٿائلينڊ ۾ پهچڻ تي ان چنڊ جي عمر 22 ڪلاڪ ٿي ويندي ۽ اسان وٽ پاڪستان ۾ سج لٿي مهل اهو چنڊ 24 ڪلاڪن جو هوندو يعني اڃا وڌيڪ چٽو نظر ايندو ۽ پوءِ سعودي عرب تائين پهچندي 26 ڪلاڪن جو ٿي ويندو، لنڊن تائين 29 ڪلاڪن جو، نيويارڪ تائين 33 ڪلاڪن جو يعني هر هنڌ نظر ايندو ويندو.
    هڪ ٻي صورت (Situation): چنڊ جو ڄم ٽوڪيو وٽ ٿئي ٿو. ظاهر آهي ان وقت ان جي موجود هوندي به نظر نه ايندو جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته سترهن ڪلاڪن جي عمر تائين جو چنڊ ته دوربين سان به نظر نٿو اچي. بهرحال ٽوڪيو کان اسان تائين ڪراچي پهچندي، اهو چنڊ چئن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ سعودي عرب ۾ 6 ڪلاڪن جو ۽ لنڊن تائين پهچندي 9 ڪلاڪن جو ۽ نيويارڪ تائين 13 ڪلاڪن جو ۽ لاس اينجلس تائين 17 ڪلاڪن جو ۽ اڳتي اڌ کن پئسفڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا جي هوائي رياست جي شهر هونولولو ۾ 22 ڪلاڪن جو ٿي ويندو. هاڻ ان ڏينهن سج لٿي مهل اهو چنڊ نه ڪراچيءَ ۾ نظر آيو هوندو نه جدي (سعودي عرب) ۽ نه لنڊن ۾، جو ان وقت تائين ان چنڊ جي عمر نو ڪلاڪ مس ٿي آهي ۽ سوال ئي نٿو پيدا ٿئي ته ڪو نون ڪلاڪن جو چنڊ مٿين شهرن مان دوربين سان به نظر اچي. ويندي نيويارڪ وارن کي به نظر نه ايندو. البت لاس انجلس ۽ ان کان اڳتي، جي ماحول (Atmosphere) صاف آهي، ته ڪٿي ڪٿي نظر اچڻ شروع ٿي ويندو ۽ هونولولو ۾ ته پڪ ئي پڪ نظر ايندو جو تيسين چنڊ 22 ڪلاڪن جي عمر جو ٿي بالغ ٿي چڪو آهي ۽ پوءِ اهو جڏهن ٽوڪيو پهچندو جو 24 ڪلاڪن جو هوندو ۽ اسان وٽ پهچڻ سان 28 ڪلاڪن جو هجڻ ڪري اسان کي چٽو نظر ايندو ۽ اسان لاءِ پهرين تاريخ هاڻ شروع ٿي. يعني هاڻ اسان ٻئي ڏينهن کان رمضان شروع ڪري سگهون ٿا (۽ جي پهرين شوال جو چنڊ آهي ته عيد ڪري سگهون ٿا)، ان بعد اهو چنڊ نيويارڪ پهچڻ تي 37 ڪلاڪن جو ٿيو ۽ چنڊ ڏسي اهي ٻئي ڏينهن کان روزو رکندا (يا عيد ملهائيندا جي اهو شوال جو چنڊ آهي ته).
    هاڻ مٿين ڳالهه توهان جي سمجهي ويا آهيو ته ڏاڍو سٺو، نه ته دنيا جو گلوب يا نقشو رکي ڪنهن جاگرافي جي شاگرد يا هوائي جهاز جي پائليٽ يا پاڻيءَ جي جهاز هلائڻ واري کان توهان اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي سگهو ٿا. جڏهن توهان اها ڳالهه سمجهي ويندائو ته پوءِ توهان کي ٻن ڳالهين جا جواب خودبخود سمجهه ۾ اچي ويندا. هڪ اهو ته ڪڏهن ڪڏهن پهرينءَ جو چنڊ ٿلهو متارو ڏسي ماڻهو چوندا آهن ته روزو ته اڄ کان شروع ٿيڻ کتو ٿي جو هي چنڊ هوبهو ٻي تاريخ جو لڳي ٿو. پر نه اها ڳالهه ناهي. لاس اينجلس يا هونولولو ۾ جڏهن چنڊ نظرآيو هو ته اتي اڃا اهو ٻار هو ۽ اتي سنهو ضرور نظر آيو هوندو پر اهو چنڊ وري ٽوڪيو وٽان ڦري جڏهن ڪراچيءَ پهتو ته 28 ڪلاڪن جو ٿي پيو. ظاهر آهي ايترن ڪلاڪن ۾ چنڊ جو روشن حصو ڪجهه وڌيڪ ڌرتيءَ ڏي ٿيو هوندو ۽ نو ڪلاڪ وڌيڪ جي سفر بعد نيويارڪ ۾ 37 ڪلاڪن جو ٿيڻ تي هيڪاندو ٿلهو ٿيو هوندو جو اهو چنڊ عمر ۾ کڻي ٻن ڏينهن جو ٿيو پر ڏٺو ته پهريون دفعو پيو وڃي. اسان مسلمانن جا مهينا يعني اسلامي ڪئلينڊر، چنڊ جي نظر اچڻ تي يعني Moon Sighting تي مدار رکن ٿا ۽ نه چنڊ جي ڄم تي. ان ڪري ڪنهن به سال جي عيد جي ڏهه ٻارهن سال ”اڳ ڪٿي“ ڪرڻ ڏکي ڳالهه آهي. اهي قومون يا ڌرم جن جي مهيني جو حساب (Calculation) ”چنڊ جي ڄم“ سان ٿئي ٿو، ان جو نئين سال جو ڪئلينڊر اڳواٽ ڇپي سگهو ٿا. اسان جهڙو جهازي يا فلڪيات ۽ جاگرافي جو ڄاڻو به توهان کي ايندڙ سؤ سالن جي رمضانن يا عيدن جي چنڊ بابت ٻڌائي ته سگهي ٿو- پر فقط چنڊ جي ڄم ۽ پوزيشن بابت- نظر اچڻ Sighting بابت هرگز نه. يا گهٽ ۾ گهٽ انسان کي قدرت اڃا ايترو علم نه ڏنو آهي جو چنڊ جي نظر اچڻ بابت هو ائين حساب لڳائي سگهي، جيئن چنڊ جي ڄمڻ، سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ، سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ جو حساب لڳائي سگهي ٿو.
    ۽ هاڻ ٻي ڳالهه. مٿي ذڪر هيٺ آيل نئون ڄاول چنڊ ڪراچي پهچڻ تي 23 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ان بعد دنيا جي گولي تي ايندڙ ملڪن ايران، سعودي عرب، لبيا، آلجيريا، فرانس، انگلينڊ، آمريڪا جتي ڪٿي چنڊ نظر ايندو ويندو. ائين ٿي نٿو سگهي ته لنڊن وارا چون ته اسان چنڊ نه ڏٺو. هنن ضرور ڏٺو هوندو جو ان وقت اهو چنڊ 28 ڪلاڪن جو ٿي پهتو هوندو. ها البته ٽوڪيو وارا ان ڏينهن تي عيد نه ڪن جنهن ڏينهن تي پاڪستاني ڪري رهيا آهن جو هنن وٽ، اهو چنڊ جيڪو اسان وٽ 23 ڪلاڪن جو ٿي پهتو، ٽوڪيو ۾ ارڙهن يا اوڻهين ڪلاڪن جو هو ۽ ڪن مندن ۽ ملڪن ۾ ايتري عمر جو چنڊ نظر نٿو به اچي. ۽ هاڻ ان ڳالهه کي به ڌيان ۾ رکي وري پهريون مثال ٿا وٺون جنهن ۾ نئون چنڊ ٽوڪيو ۾ ڄائو هو ۽ ڪراچي پهچڻ سان چئن ڪلاڪن جو، جدي پهچڻ سان ڇهن جو ۽ لنڊن پهچندي نون جو ۽ نيويارڪ پهچندي 13 ڪلاڪن جو ٿيو. هاڻ چنڊ نه اسان وٽ ڏٺو ويو نه لنڊن نه نيويارڪ پر سعودي عرب وارا چنڊ ڏسڻ جو اعلان ڪري پهرين رمضان (يا پهرين شوال) شروع ڪن ته هڪ معمولي ڄاڻ رکندڙ به حيرت ۾ پئجي ويندو. اهو ضرور ممڪن آهي ته سعودي عرب ۾ چنڊ نظر اچي پر پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن دير سان نظر اچي. پر ائين هرگز ٿي نٿو سگهي ته سعودي عرب جي مغرب وارن جاين: لنڊن ۽ نيويارڪ ۾ ته چنڊ نظر نه اچي پر اوڀر واري ملڪ سعودي عرب ۾ نظر اچي وڃي. ٻي ڳالهه ته چنڊ جي ڄم جو ته اڳواٽ حساب ڪري سگهجي ٿو ۽ جڏهن اسانکي خبر هجي ته سعودي عرب (يا ڪنهن ٻئي هنڌ) تان چنڊ فقط ڇهن ڪلاڪن جو نابالغ گذريو آهي ته ڪيئن ٿو نظر اچي سگهي؟ ڇو ته سترهن ڪلاڪن جي ڄمار ۽ لائين مان 6 ڊگريون (گهٽ ۾ گهٽ) نڪرڻ کان اڳ ڌرتي جي پاسي منهن ڪري بيٺل چنڊ تي سج جي روشني ئي نه هوندي ته ڪيئن نظر ايندو؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سعودي عرب ۾ چنڊ هوندو- ڄمار سندس ڇهه ڪلاڪ هوندي پر Invisible هوندو. اسان جي مهيني جي پهرين تاريخ تڏهن ٿي شروع ٿئي جڏهن چنڊ ڏٺو (Sight ڪيو) وڃي. اسان مسلمانن جو مهينو چنڊ جي ڄمڻ يعني astronomical پوزيشن کان نه آهي يعني نئون چنڊ نڪرڻ سان اسان جي اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ نٿي شروع ٿئي پر جڏهن اهو نئون چنڊ جيڪو (Invisible) آهي جيسين Visible ٿئي، يعني جيسين اهو اکين يا دوربين سان نظر اچي.


    چنڊ بابت ڪجهه مذهبي مونجهارن جا مليل جواب

    ٻاهر جي ملڪن ۾ رهڻ يا جهاز هلائڻ دوران مذهبي حوالي سان چنڊ بابت ڪيترين ڳالهين جي معلومات، انهن ملڪن جي مسجدن جي امامن يا جهاز تي سفر ڪندڙ مولوين کان حاصل ڪرڻي پيئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته (جيئن سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ تعليم جي سلسلي ۾ ٻه سال رهڻ دوران يا ملائيشيا ۾ نوڪري جي سلسلي ۾ ڏهاڪو کن سال رهڻ دوران) پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ عربن، ترڪن ۽ ايرانين ذريعي، انهن جي ملڪن جي مولوين کان ڄاڻ حاصل ڪئي ويئي ٿي. ان مان ڪجهه ڳالهيون جيڪي ياد آهن هيٺ ڏجن ٿيون:
    سوال: فقھ موجب 30 ڏينهن کان پوءِ نئين چنڊ ڏسڻ جي ضرورت ناهي. سو 30 ڏينهن پورا ٿيڻ بعد ڇا اهو صحيح نه آهي ته نئون مهينو شروع ڪجي؟
    جواب: نه. بلڪل نه. چنڊ ڏسڻ کپي. ٽيهن ڏينهن بعد صاف آسمان ۾ چنڊ جو نظر نه اچڻ ناممڪن ڳالهه آهي. پر جيڪڏهن نظر نٿو اچي ته پوءِ اها ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته توهان هلندڙ مهينو غلط شروع ڪيو آهي ۽ هاڻ نئون مهينو صحيح تاريخ کان شروع ڪجي. شريعت موجب اسلامي ڪئلينڊر کي صحيح رکڻ جو اهوئي طريقو آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪوڙي شاهديءَ تي مهينو شروع ٿي ويو آهي.
    سوال: ڇا علم فلڪيات (چنڊ تارن، سيارن جي ڄاڻ) يعني Astronomy جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي منع آهي؟
    جواب: اڄ کان 1200 کن سال اڳ جڏهن علم فلڪيات (Astronomy) ۽ علم نجوم (Astrology) کي ڌار ڌار نٿي سمجهيو ويو ان وقت مسلمان عالمن ان کي غلط ٿي سمجهيو. هاڻ هرهڪ سمجهي ٿو ته اسلام ۾ علم نجوم (Astrology) جنهن ۾ چنڊ تارن سيارن ذريعي انسان جي ايندڙ زندگي لاءِ اڳڪٿي ڪئي ٿي وڃي، حرام آهي، پر علم فلڪيات ناهي. علم فلڪيات (Astronomy)، سج، چنڊ، تارن، سَيارن ۽ گرهن (Heavenly Bodies) جي چرپر ۽ پوزيشن جي ڄاڻ آهي ته فلاڻي ڏينهن، فلاڻي ملڪ ۾، سج ڪنهن وقت اُڀرندو ۽ ڪنهن وقت لهندو. فلاڻو تارو يا فلاڻو سَيارو رات جي فلاڻي وقت ڪهڙو رستو وٺي ڪٿي پهچندو، سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ ڪڏهن ٿيندي ۽ دنيا جي ڪهڙي ڪهڙن ملڪن ۾ ڏٺي ويندي، وغيره جي ڄاڻ جو نالو ASTRONOMY آهي. علم نجوم (Astrology) چنڊ، سج، سيارن ۽ تارن جي چرپر ۽ بيهڪ جو انسان جي مستقبل تي اثر جو نالو علم نجوم آهي، جنهن بابت ڪجهه چوڻ گناهه جو ڪم آهي، جو مستقبل جي ڄاڻ فقط رب پاڪ کي آهي. ان ڪري علم نجوم (Astrology)، اسلام ۾ حرام سمجهي وڃي ٿي.
    سوال: مهيني جو نئون چنڊ نظر اچڻ تي ڪهڙي دعا پڙهجي؟
    جواب: اَللهُ اَکبر- اَللّٰهُمَّ اَهِلَّهُ عَلَيْنَا بِالًاَمْنِ وَالْاِيْمَانِ وَالسَّلَامَةِ وَالْاِسْلَامِ وَاَتَّوْفِيْقِ لِمَا تُحِبُّ وَتَرْضٰي رَبُّنَا وَرَبُّكَ اللهُ.
    • ابو موسيٰ﷦کان روايت آهي ته سج گرهڻ مهل، نبي ڪريم ﷺ جن ڏڪندڙ حالت ۾ اُٿي بيٺا کين اهو خدشو ٿيو ته ڪٿي آخري گهڙي جو وقت اچي ويو هجي. پاڻ ڪريم ﷺ جن ان وقت جيڪا نماز ادا ڪئي ان ۾ جيڏو ڊگهو سجدو، رڪوع ۽ قيام ادا ڪيو ان جيڏو کين ڪڏهن به نه ڏٺو ويو، ان کان پوءِ پاڻ (ﷺ) فرمايو:
    ”هي نشانيون ڪنهن جي موت ۽ ڄم جو نياپو نٿيون پهچائين پر هنن نشانين ذريعي الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن ۾ پنهنجو خوف ٿو پيدا ڪري. جڏهن به توهان هن قسم جون نشانيون ڏسو ته الله جو ذڪر ڪريو، کانئس دعا گهرو ۽ توبھ استغفار ڪريو.“ (بخاري ۽ مسلم)
    ان بابت هڪ ٻي حديث آهي ته ”سج ۽ چنڊ الله تعاليٰ جي نشانين مان آهن انهن ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي موت يا ڄم ڪري گرهڻ نٿي لڳي. جڏهن توهان (گرهڻ) ڏسو ته الله کان دعا گهرو، الله اڪبر پڙهو، نماز پڙهو ۽ خيرات ڏيو...“ (بخاري)
    • چنڊ ۽ سج گرهڻ جهڙيون نشانيون اسان انسانن لاءِ Wake up call (سجاڳ ٿيڻ جو سڏ) آهن ته فيصلي جو ڏينهن (قيامت جو ڏينهن) ضرور ۽ ڄاڻ ته آيو. ان امتحان جي گهڙيءَ لاءِ جيڪي نيڪيون ڪرڻيون آهن، ڪري وٺجن جو ان وقت دنيا ۾ ڪيل ڪمن مطابق ئي جزا ۽ سزا جو فيصلو ٿيڻو آهي. قرآن شريف جي 82 سورة الانفطار جي پهرين کان پنجين آيت ۾ رب پاڪ فرمائي ٿو:
    ”جڏهن آسمان ڦاٽندو ۽ جڏهن تارا ڇڻي پوندا، ۽ جڏهن دريا (مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جا) ڦاڙي ملايا ويندا، جڏهن (مئلن کي جيارڻ لاءِ) قبرون هيٺ مٿي ڪيون وينديون، تڏهن سڀ ڪنهن شخص جيڪي اڳ موڪليو هوندو ۽ پٺتي (طريقو) ڇڏيو هوندو، تنهن کي (پنهنجي سامهون) پڌرو ڏسندو.“
    • دراصل هي چنڊ، تارا، گرهڻ ۽ سَيارا رب پاڪ جي شان ۽ طاقت جون نشانيون آهن. رب پاڪ سورة آل عمران جي آيت نمبر 190 ۾ فرمائي ٿو:
    ”بيشڪ آسمان ۽ زمين جي خلقت ۾ ۽ رات ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾ سمجهه وارن لاءِ (حق جي سڃاڻپ جون) وڏيون نشانيون موجود آهن.“
    سج گرهڻ جي موقعي تي نماز ڪسوف پڙهڻ سنت آهي. هيءَ نماز ٻه رڪعتون نفل وانگر پڙهي وڃي ٿي. هيءَ نماز امام جي موجودگيءَ ۾ جماعت سان پڙهي وڃي ٿي. هن نماز لاءِ اذان يا اقامت جي ضرورت ناهي. پر ماڻهن کي ٻڌائڻ لاءِ اهو چئي سڏ ڏئي سگهجي ٿي ته ”نماز لاءِ گڏ ٿيو.“
    اها پڻ سنت آهي ته هن نماز ۾ ڊگهيون سورتون پڙهجن ۽ رڪوع ۽ سجدي ۾ گهڻي دير ترسجي. قرآن جي آيتن جي تلاوت آهستي به ڪري سگهجي ٿي ته زور سان به. نماز پوري ٿيڻ بعد امام کي دعا پڙهندو رهڻ کپي جيسين گرهڻ جو اثر ختم ٿئي. پر ان دوران جي سج لهي وڃي يا ڪنهن نماز جو وقت ٿي وڃي ته دعا يڪدم ختم ڪري اها فرض نماز پڙهڻ کپي.
    ڪنهن سبب ڪري امام موجود نه ٿي سگهي ته پوءِ هرهڪ پنهنجي منهن نماز ڪسوف پڙهي سگهي ٿو.
    • سج گرهڻ ٿيڻ وقت نماز ڪسوف پڙهڻ کپي، ڊگهي دعا گهرڻ کپي ۽ رب پاڪ کان پنهنجن گناهن جي مغفرت گهرڻ کپي، الله اڪبر جو ذڪر ڪرڻ کپي ۽ صدقو ڏيڻ کپي.


    چنڊ بابت ڪجهه سائنسي حقيقتون

    سوال: ڇا اهو ممڪن آهي ته هڪ ٻئي پويان لڳاتار 29 ڏينهن جا ۽ 30 ڏينهن جا مهينا ٿين؟
    جواب: ها. ڪيترائي دفعا حساب ڪتاب (Calculations) مطابق ۽ چنڊ جي ڏيک (Moon sighting) موجب ڏٺو ويو آهي ته 29 ڏينهن وارا مهينا گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا اچي سگهن ٿا ۽ 30 ڏينهن وارا مهينا گهٽ ۾ گهٽ چار دفعا ممڪن آهن. اها ڪا اهڙي ناممڪن ڳالهه ناهي. اڪثر ائين ٿيندو رهي ٿو.
    سوال: ڇا اهو ممڪن آهي ته ساڳيو مهينو اتر اڌ گول جي ملڪن- يعني پاڪستان، روس، جپان، انگلينڊ وغيره ۾ ته 30 ڏينهن جو ٿئي ۽ ڏکڻ اڌ گول جي ملڪن مئڊگاسڪر، نيوزيلينڊ، سائوٿ آفريڪا ۾ 29 ڏينهن جو ٿئي؟
    جواب: ها. اها هڪ عام ڳالهه آهي. نه فقط ايترو پر دنيا جي هڪڙي ئي اڌ گول جي هڪ ئي علائقي ۾ نئون چنڊ 29 ڏينهن بعد ته ٻئي هنڌ 30 ڏينهن بعد ٿي سگهي ٿو. پاڪستان ۽ ايران ملڪ هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن پر ڪيترا دفعا ائين به ٿيو آهي ته تهران، قم ۽ شيراز وغيره ۾ چنڊ نظر آيو آهي پر ڪوئيٽا يا ڪراچيءَ ۾ نه آيو آهي.
    سوال: نئين چنڊ جي ڄم جي وصف (Definition) ڇا آهي؟
    جواب: نئين چنڊ جو ڄم، يا Astronomical نئون چنڊ يا ميلاپ (Conjuction) اها گهڙي آهي جڏهن ڌرتي، سج ۽ چنڊ هڪ ئي ليول (Plane) ۾ اچيو وڃن.
    سائنسي اصطلاح موجب:
    “…The Birth of New Moon is the time when sun’s ecliptic longitude and moon’s ecliptic longitude are the same with reference to the centre of the earth”.
    سوال: سج لٿي کان پوءِ اوندهه تائين جيڪا روشني (twilight) ٿئي ٿي ان جو مدو مختلف ويڪرائي ڦاڪن تي، مختلف ٿئي ٿو يا ساڳيو؟ ۽ ڇا ان جو به چنڊ جي نظر اچڻ تي اثر ٿئي ٿو يا نه؟
    جواب: جي ها. جيئن جيئن ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) وڌندو وڃي ٿو تيئن تيئن twilight جو وقت به وڌي ٿو. مثال طور ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ سج لٿي کان پوءِ واري اها روشني (شفق) بنهه ٿوري دير رهي ٿي. ملائيشيا ۾ سانجهي نماز پڙهي مسجد مان نڪرندا هئاسين ته چوڌاري گهگهه اونداهه ٿي ويندي هئي. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ڪلاڪ کن روشني رهي ٿي ۽ اڃا مٿي اتر ۾ ڪوپن هيگن ۾ ته ٻه ڪلاڪ کن به روشني هلي ٿي ۽ اڃا وڌيڪ مٿاهين Latitude (اتر سئيڊن جي شهر اسٽاڪهوم ۽ ڪِرونا Kiruna) ۾ ته سج لهڻ کان پوءِ رات جي اونداهي ٿيڻ ۾ چار پنج ڪلاڪ لڳيو وڃن. ۽ ظاهر آهي جتي twilight (روشني) گهڻو وقت رهي ٿي اتي نئين مهيني جو چنڊ نظر اچڻ ۾ دقت درپيش اچي ٿي.
    سوال: چنڊ ڌرتيءَ جي هيڏو ويجهو آهي ته به اسان ان کي مهيني جو ڪجهه حصو ڏسي نٿا سگهون. ڇو؟
    جواب: چنڊ پٿر وانگر هڪ اونداهي شيءِ آهي. ان کي سج يا تارن وانگر پنهنجي روشني نه آهي. سج جي روشني پوڻ تي چنڊ جو اڌ حصو روشن رهي ٿو ۽ پٺيون حصو اونداهو رهي ٿو. هاڻ چنڊ جي روشن اڌ جو جيترو حصو ڌرتي ڏي رهي ٿو اسان کي فقط اهو نظر اچي ٿو. جڏهن سج چنڊ جي ٻئي پاسي هليو وڃي يعني چنڊ جي هڪ پاسي ڌرتي ۽ ٻئي پاسي سج ته اهڙي حالت ۾ اسانکي چنڊ نظر نٿو اچي ڇو جو ڌرتيءَ ڏي چنڊ جو اونداهو پاسو آهي. هر مهيني اٽڪل 36 ڪلاڪ کن چنڊ اهڙي حالت ۾ رهي ٿو ۽ اسانکي بلڪل نظر نٿو اچي- ڪنهن طاقتور دوربين سان به نظر نٿو اچي- (يعني نظر نٿو اچي، موجود ضرور آهي.) انهن 36 ڪلاڪن (يا ڪن هنڌن تي ڪلاڪ ٻه مٿي) کان سواءِ باقي ڏينهن تي اسانکي مختلف شڪلين (Phases) ۾ چنڊ نظر اچي ٿو. مهيني جي شروع ۽ آخري ڏينهن ۾ تلوار جهڙو بلڪ ڪک جهڙو سنهو ۽ وچ ۾ ٿلهو ۽ گول نظر اچي ٿو. سج جو لهڻ ۽ اُڀرڻ دنيا جي گول گهمڻ ڪري ٿئي ٿو. دنيا جي پنهنجي محور جي چوڌاري گهمڻ (Rotation) ڪري، ڏينهن رات ٿئي ٿو ۽ سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ (Revolution) ڪري موسمون بدلجن ٿيون.
    سوال: ڪڏهن چنڊ سج جي ساڄي پاسي لهي ٿو ۽ ڪڏهن کاٻي پاسي؟
    جواب: چنڊ سج جي ساڄي پاسي به غروب ٿئي ٿو ته کاٻي پاسي به. دنيا جي ڪنهن ملڪ مان ڏسبو ته چنڊ سج جي ساڄي پاسي پيو غروب ٿئي ۽ ان ئي تاريخ جو چنڊ ڪنهن ٻئي ملڪ مان سج جي کاٻي پاسي غروب ٿيندو نظر ايندو. اهو سڀ ڪجهه مختلف ملڪن لاءِ اڳواٽ Calculate ڪري سگهجي ٿو.
    سوال: ڇا چنڊ به سج وانگر هر روز اوڀر کان اڀري ٿو يا جايون بدلائي اڀري ٿو؟
    جواب: چنڊ اُفق جي هر طرف کان اڀري ٿو. هر روز اهو 12 ڊگريون ڏسڻ واري جي ساڄي پاسي کان اڀري ٿو. اهڙي طرح اُفق جو سڄو گول مهيني ۾ پورو ڪري ٿو.
    سوال: ڪيترو وقت چنڊ مڪمل طرح اونداهو رهي ٿو يعني اسان کي صفا نظر نٿو اچي؟
    جواب: هر مهيني 36 ڪلاڪ کن، جن مان 18 ڪلاڪ کن ’چنڊ جي ڄم‘ (Conjuction) واري گهڙي کان اڳ ۽ اوترو ئي وقت- يعني 18 ڪلاڪ ڄم واري گهڙيءَ کان پوءِ. يعني اسان کي چنڊ تڏهن نظر اچي ٿو جڏهن اٽڪل 18 ڪلاڪن جي عمر جو ٿئي ٿو. چنڊ جي ڄم واري گهڙي Conjuction کان اڳ وارا 18 ڪلاڪ چنڊ جي منفي (Negative) عمر سڏي وڃي ٿي.
    نوٽ: مٿي 36 ڪلاڪ جو انگ لکيو اٿم. اهو دنيا جي مختلف ملڪن (Locations) ۾ گهٽ ۽ وڌ به ٿي سگهي ٿو پر پڙهندڙن (جيڪي هي مضمون عام معلومات لاءِ پڙهي رهيا آهن ۽ نه راڪيٽ ۾ سوار ٿي چنڊ ڏي وڃڻ لاءِ) جي ذهن کي گهڻي بار کان بچائڻ لاءِ هڪ ئي انگ 36 لکيو اٿم.
    سوال: ڇا جبل تان يا هوائي جهاز ذريعي مٿين Altitude تان نئون چنڊ ڳولڻ ۾ مدد ملي ٿي؟
    جواب: مٿاهين تي وڃڻ سان چنڊ جي ظاهر ٿيڻ واري مدي ۾ ڪو خاص فرق نٿو اچي. باقي ڏسڻ ۾ مدد ملي ٿي جو مٿين فضا Atmosphere زمين جي سطح کان صاف آهي. هيٺ دونهون، مٽي، گهم ۽ شهر جون روشنيون چنڊ ڏسڻ ۾ دقت پيدا ڪن ٿيون.
    سوال: سج ۽ چنڊ گرهڻ ڪيئن ٿي ٿئي؟
    جواب: گرهڻون تڏهن ٿيون ٿين جڏهن سج، چنڊ ۽ ڌرتي قطار ۾ اچيو وڃي يعني Line up ٿيو وڃن. اهو ڪم ڪڏهن ڪڏهن ئي ٿئي ٿو جو چنڊ هميشھ ان خيالي ليڪ کان 5 ڊگريون هيٺان يا مٿان لنگهيو وڃي جيڪا ڌرتي ۽ سج کي ملائي ٿي.
    سج گرهڻ ۾ چنڊ سج جي اڳيان لنگهي ٿو ٻئي پاسي ڌرتيءَ جو گولو هوندو آهي. يعني هڪ پاسي کان سج هوندو آهي ته ٻئي پاسي ڌرتي ۽ وچ ۾ چنڊ ۽ اها حالت هميشھ نئين ڄاول چنڊ جي Phase ۾ ٿئي ٿي. ان وقت چنڊ سج جي اڳيان آڏ ٿي بيهندو آهي. سڄو سج ڍڪجي ويندو آهي ۽ ڌرتيءَ تي اوندهه ڇانئجي ويندي آهي. اهو به قدرت جو ڪمال آهي جو چنڊ جيڪو سج کان 400 ڀيرا ننڍو آهي اهو ڌرتيءَ کي سج جي مقابلي ۾ 400 ڀيرا ويجهو آهي ان ڪري پاڇي جي خيال کان سڄو ٿالهه يا disk چنڊ جي ٿالهه برابر ٿئي ٿو ۽ چنڊ ننڍي هجڻ جي باوجود سڄي سج کي ڍڪيو ڇڏي ۽ ڌرتيءَ تان اُس غائب ٿيو وڃي.
    پر خبر اٿانوَ ڪڏهن ڪڏهن سج گرهڻ ۾ چنڊ سج جي بلڪل آڏ ٿيندو آهي ته به سڄو سج نه ڍڪبو آهي. چوڌاري ڇلي وانگر سج جو ٻرندڙ گول ظاهر هوندو آهي. اهڙي سج گرهڻ کي ڇلي واري گرهڻ (Annular Eclipse) سڏجي ٿو. هڪ عام ماڻهو سوچيندو هوندو ته ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ان جو سبب هي آهي ته چنڊ جنهن دائري ۾ ڌرتيءَ جي چوڌاري چڪر هڻي ٿو اهو دائرو (Orbit) گول هجڻ بدران بيضوي (Oval) آهي. سو سج گرهڻ مهل جيڪڏهن چنڊ جي پوزيشن ڌرتيءَ کان پري آهي ته پوءِ 400 وارو ratio نٿو رهي ۽ سڄو سج نٿو ڍڪجي.
    چنڊ گرهڻ تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ ڌرتيءَ جو گولو اچي ٿو. چنڊ تي سج جا ڪِرڻا نه پوڻ تي سج اونداهو ٿيو وڃي. ڪجهه گهڙيون اڳ جيڪو چنڊ بنا ڪڪرن جي کڙيو بيٺو هو، اهو اهڙو غائب ٿيو وڃي جو ان جي ڪا تند به نظر نٿي اچي.
    چنڊ گرهڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڌرتيءَ جو پاڇو چنڊ جي فقط هڪ حصي تي پوندو آهي. ان کي جزوي چنڊ گرهڻ يعني (Partial Lunar Eclipse) سڏجي ٿو.
    گرهڻن ۾ چنڊ گرهڻ وڌيڪ عام آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته چنڊ گرهڻ هميشھ تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سڄو چنڊ (Full Moon) آهي ۽ سج گرهڻ تڏهن ٿو ٿئي جڏهن نئون چنڊ ڄمي ٿو.
    سوال: سج گرهڻ مهل هلال چنڊ (پهرين تاريخ جهڙو چنڊ Crescent- گدري جي ڦار جهڙو) نظر اچي سگهي ٿو؟
    جواب: نه. سج گرهڻ ٿئي ئي ان وقت ٿي جڏهن نئون چنڊ (New Moon) آهي جيڪو Invisible (ڏسڻ ۾ نه ايندڙ) ٿئي ٿو. هي اهو وقت آهي جيڪو اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ جي چنڊ نظر اچڻ کان اڳ جو هوندو آهي جڏهن سج، چنڊ ۽ ڌرتي هڪ ليڪ (Plane) ۾ اچي ويندا آهن جنهن کي Conjuction (ميلاپ جو عمل) سڏجي ٿو. ان وقت تي چنڊ جي اونداهي پٺ ڌرتيءَ ڏي هوندي آهي جنهن تي سج جي روشنيءَ جو هڪ ڪِرڻو به نه هوندو هو. چنڊ اسان کي فقط تڏهن نظر اچي ٿو جڏهن چنڊ وارو اهو پاسو جيڪو ڌرتيءَ طرف ٿئي ٿو ان تي سج جا ڪِرڻا پون ۽ سج جا ڪِرڻا چنڊ جي اسان واري طرف تڏهن پوڻ شروع ٿيندا آهن جڏهن چنڊ ان خيالي ليڪ کان پري هٽڻ شروع ٿئي ٿو.
    سوال: مهيني جي پهرين تاريخ جو چنڊ ڏسڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    جواب: سج لهڻ کان پندرهن منٽ کن رکي پوءِ الهندي طرف سج جي غروب ٿي وڃڻ واري طرف 30 ڊگريون ساڄي ۽ 30 کن ڊگريون کاٻي ڏسڻ کپي.
    سوال: ڇا اهو ممڪن آهي ته هڪڙي ئي ڏينهن صبح جو سج اُڀرڻ کان اڳ چنڊ ڏسجي ۽ وري شام جو سج لهڻ تي پهرين تاريخ جو چنڊ نظر اچي؟
    جواب: نه. هرگز نه. البت اهو ضرور ممڪن آهي ته صبح جو سج اُڀرڻ کان اڳ مهيني جي آخري تاريخ جو چنڊ اوڀر طرف نظر اچي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن شام جو (يعني 36 ڪلاڪن بعد) سج لهڻ کان پوءِ اولهه ۾ مهيني جي پهرين تاريخ جو چنڊ نظر اچي. پر اهو دنيا جي ڪجهه هنڌن تي خاص مندن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿئي ٿو نه ته عام طرح هر مهيني چنڊ ٻه ڏينهن کن لِڪ ڪري پوءِ ظاهر ٿئي ٿو.
    • جتي نظر کٽي ٿي ۽ زمين ۽ آسمان ملندو نظر اچي ٿو ان کي اُفق (Horizon) سڏجي ٿو.
    • سج لهڻ بعد جيڪا روشني رهي ٿي ان کي شفق (twilight) سڏجي ٿو.
    • اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ ٿيڻ کان اڳ جيڪو 36 ڪلاڪ کن چنڊ Invisible (اونداهيءَ ۾) رهي ٿو، يعني Conjuction کان 18 ڪلاڪ کن اڳ ۽ 18 ڪلاڪ کن پوءِ ان کي مهق (Mahaq) سڏجي ٿو.
    • نئين چنڊ (New Moon) ۽ هلالي چنڊ (New Crescent Moon) ۾ اهو فرق آهي ته نئون چنڊ آسمان تي موجود هوندو آهي پر نظر نه ايندو آهي. اهو Invisible هوندو آهي. نئون چنڊ (New Moon) چنڊ جي ڄم واري گهڙي Conjuction کان وٺي اٽڪل سترهن ارڙهن ڪلاڪ اونداهو رهي ٿو ۽ نظر نٿو اچي. پوءِ جيئن ئي اڳتي جو سفر جاري رکي ٿو ۽ ان تي پوندڙ سج جي روشني ڌرتيءَ تان نظر اچي ٿي ته اهو گدري جي سنهڙي ڦار جهڙو چنڊ Crescent (جنهن کي اسين پهرين تاريخ جو چنڊ يا هلال سڏيون ٿا) نظر اچي ٿو. يعني نئين چنڊ (غيباتي/ Invisible چنڊ) جي ڄم کان 17 کان 23 ڪلاڪ رکي پوءِ هلالي (اسلامي مهيني جي پهرين تاريخ جو) چنڊ نظر اچي ٿو.


    قمري ۽ شمسي ڪئلينڊر

    • قمري ڪئلينڊر جو ڏينهن يعني اسان مسلمانن جو ڏينهن سج جي لهڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ ٻئي ڏينهن سج جي غروب ٿيڻ وقت مڪمل ٿئي ٿو. شمسي ڪئلينڊر (Solar) جو نئون ڏينهن آڌي رات (ٻارهين وڳي) کان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻئي ڏينهن آڌي رات جو ختم ٿئي ٿو.
    • قمري (Lunar) ڪئليندر جو مهينو 29 ڏينهن جو به ٿي سگهي ٿو ته 30 ڏينهن جو به (سال ۾ ڇهه مهينا 30 ڏينهن جا ۽ ڇهه مهينا 29 ڏينهن جا ٿين). شمسي ڪئلينڊر جي فيبروري مهيني ۾ 28 ڏينهن ٿين (سواءِ Leap year ۾، يعني چوٿين سال جي فيبروري مهيني ۾ 29 ڏينهن ٿين)، چئن مهينن ۾ 30 ڏينهن ٿين (اپريل، جون، سيپٽمبر ۽ نومبر ۾) باقي بچيل ستن مهينن مان هرهڪ ۾ 31 ڏينهن ٿين. ان حساب سان شمسي ڪئلينڊر جي هڪ سال ۾ 365 ڏينهن ٿين ۽ ليپ يئر ۾ 366 ڏينهن. قمري سال شمسي سال کان يارهن ڏينهن ننڍو ٿئي ٿو. ان ڪري رمضان هر سال 11 ڏينهن اڳ اچي ٿو.
    • اسلامي ڪئلينڊر جي هجري سال جو قمري مهينو، جڏهن پهرين جو نئون هلال (Crescent) چنڊ اُفق وٽ نظر اچي ٿو، ان بعد شروع ٿئي ٿو. ياد رهي ته ”نئين چنڊ“ (New Moon) ۽ نئين هلال چنڊ (Crescent) ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 کن ڪلاڪن جي ڄمار جو فرق رهي ٿو. نئون چنڊ نمودار ٿيڻ، يعني ان جي ڄمڻ جي Calculation سال کن اڳ ڪري سگهجي ٿي، پر هلال چنڊ جي اڃا تائين ته ناممڪن آهي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي قدرت انسان کي اهڙي سمجهه ۽ عقل ڏي جو هلال چنڊ جي نظر اچڻ جي خبر اڳواٽ لهي سگهجي ۽ پڙهندڙن جي ياداشت لاءِ هڪ دفعو وري لکندو هلان ته نئون ڄميل چنڊ Invisible ٿئي نٿو، جيڪو اُگهاڙي اک سان ته ڇا پر ڪنهن دوربين سان به ڏسي ٿو سگهجي. پوءِ هي نئون چنڊ جڏهن سترهن ارڙهن ڪلاڪ جو ٿئي ٿو ته مٿس پوندڙ سج جي ڪِرڻن ڪري هن جو هڪ معمولي حصو، گدري جي سنهڙي ڦار جي شڪل جهڙو ڌرتيءَ تان نظر اچي ٿو، جنهن کي اسان هلال سڏيون ٿا. اهو چنڊ اسان جي ملڪ ۽ ترڪيءَ جي جهنڊي ۾ ڏيکاريل آهي. هلال چنڊ نظر اچڻ کان پوءِ اسان جو نئون مهينو شروع ٿئي ٿو. پر ڪن قومن ۽ ڌرمن جي ڪئلينڊر جو مدار قمري چنڊ تي ته آهي پر انهن جو مهينو نئين چنڊ جي ڄمڻ شرط ئي شروع ٿيو وڃي ۽ چنڊ جو نظر اچڻ ضروري ناهي. جيئن هن سال رمضان مهيني جي شروع ٿيڻ وارو چنڊ جيتوڻيڪ ملائيشيا ۽ ٿائليند ۾ جنم وٺي چڪو هو بلڪ هن جي عمر انهن ملڪن ۾ سج لٿي مهل 8 ڪلاڪن جي هئي پر جيئن ته اهو نظر نه آيو ان ڪري مسلمانن رمضان ان ڏينهن کان شروع نه ڪيو (ظاهر آهي اٺ ڪلاڪ عمر جو چنڊ Invisible ٿئي ٿو ۽ هرگز نظر نه ايندو) ساڳي وقت ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ ۾ رهندڙ چيني ماڻهن جو نئون چيني مهينو شروع ٿي ويو جو انهن جو حساب چنڊ جي ڄم کان ٿئي ٿو ۽ اسانجو چنڊ جي نظر اچڻ کان پوءِ. ان ڪري هجري ڪئلينڊر جو مهينو سڄي دنيا ۾ هڪ ئي ڏينهن تي شروع ٿي نٿو سگهي. ان ڪري اسان ڏٺو ته انگيلنڊ ۾ رمضان شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ ملائيشيا، انڊيا، پاڪستان وغيره ۾ ٿيو. پر اهي قمري ڪئلينڊر، چينين وغيره جا، جن جو نئون مهينو، چنڊ جي ڄم واري گهڙيءَ کان، يعني Conjuction کان شروع ٿئي ٿو، جي نئين مهيني جي پهرين تاريخ سڄي دنيا ۾ هڪ ئي ڏينهن تي ٿئي ٿي ۽ اهڙو قمري ڪئلينڊر شمسي ڪئلينڊر وانگر اڳواٽ ٺاهي سگهجي ٿو پر اهو قمري ڪئلينڊر ٺاهڻ ناممڪن ڳالهه آهي جنهن جو مهينو Moon Sighting (چنڊ جي نظر اچڻ) سان شروع ٿئي ٿو.
    • چوڏهين جو چنڊ، (سڄو چنڊ، Full Moon) اهو آهي جيڪو پوري طرح روشن آهي يعني چنڊ جو اهو اڌ جيڪو ڌرتيءَ ڏي آهي اهو سج جي ڪِرڻن سان ڀريل هجي. چنڊ جو هي فيز (Phase) جنهن ۾ سڄو چنڊ نظر اچي ٿو ”نئين چنڊ“ جي بلڪل ابتڙ آهي. نئين چنڊ واري فيز ۾ چنڊ جو اهو اڌ جيڪو ڌرتيءَ طرف آهي بلڪل اونداهو رهي ٿو ۽ نظر نٿو اچي.
    • چنڊ جو فقط هڪ پاسو ڌرتيءَ ڏي رهي ٿو. چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري 29.5 ڏينهن ۾ ڦيرو ڪري ٿو. ان سڄي ڦيري ۾ چنڊ جو اهوئي هڪ پاسو ڌرتيءَ ڏي رهي ٿو. توهان چنڊ تي پهچڻ بعد جيڪڏهن چنڊ جي ان اڌ تي آهيو ته ڏينهن رات ۽ مهيني جا سڀ ڏينهن ڌرتي جو گولو توهان سامهون آهي ۽ جي ٻي اڌ پاسي آهيو ته توهان کي سڄو مهينو ڌرتي نظر نه ايندي.
    • ڌرتي سج جي چوڌاري چڪر ته هڻي ٿي پر پنهنجي محور تي به گول ڦرندي رهي ٿي. پنهنجي چوڌاري 24 ڪلاڪن ۾ چڪر پورو ڪري ٿي ان ڪري ڌرتيءَ تي 24 ڪلاڪن اندر هڪ دفعو سج اُڀري ٿو ۽ هڪ دفعو لهي ٿو. چنڊ پنهنجي چوڌاري نٿو ڦري اهو فقط ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦري ٿو جيڪو هن جو چڪر 29.5 ڏينهن ۾ پورو ٿئي ٿو ان ڪري چنڊ تي سڄي مهيني ۾ فقط هڪ دفعو سج اُڀري ٿو ۽ هڪ دفعو لهي ٿو.
    • نئون چنڊ (New Moon) جيڪو سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ جي هڪ قطار يا لائين (Plane) ۾ اچڻ وقت ڄمي ٿو يعني ان وقت چنڊ جي عمر ٻُڙي (Zero) ڪلاڪ آهي ۽ ان گهڙيءَ کان چنڊ جي عمر ڳڻي وڃي ٿي. اها گهڙي Conjuction سڏجي ٿي، يعني ميلاپ يا اجتماع جي ساعت سڏجي ٿي. نئون چنڊ 17 کان 23 ڪلاڪن تائين اڳيان ۽ پويان (يعني Conjuction کان پهرين) ڪڏهن به نظر نٿو اچي. اسان کي Calculation ذريعي خبر ته پئجي وڃي ٿي ته هن وقت Conjuction (اجتماع) ٿيو آهي ۽ نئون چنڊ ڄائو آهي. نئون چنڊ مڪمل چنڊ (Full moon) جو بلڪل مخالف فيز آهي. نئين چنڊ مهل، توڙي سڄي چنڊ (چوڏهين جي چنڊ يعني full moon) مهل، سج، چنڊ ۽ ڌرتي هڪ ئي قطار ۾ اچيو وڃن پر فقط اهو آهي ته سڄي چنڊ مهل وچ ۾ ڌرتيءَ جو گولو آهي ۽ هڪ پاسي سج آهي ته ٻئي پاسي چنڊ ۽ اهو سڄو چنڊ اسان کي روشن نظر اچي ٿو. ان تي سج جا پوندڙ ڪِرڻن وارو پاسو اسان (ڌرتي) ڏي آهي ۽ چنڊ جي سڄي reflection اسان ڏي آهي.
    نئين چنڊ نڪرڻ مهل چنڊ وچ ۾ اچي ٿو جنهن جي هڪ پاسي سج آهي ۽ ٻئي پاسي ڌرتيءَ جو گولو. چنڊ جو اڌ گول جيڪو ڌرتيءَ ڏي آهي اهو اونداهو آهي. سج جي روشني هن جي ٻئي پاسي پئي پوي. چنڊ جو ڌرتيءَ ڏي وارو پاسو اهڙو اونداهو آهي جو دوربين سان به نٿو ڏسي سگهجي. ايتري قدر جو محسوس به نٿو ڪري سگهجي ته هي چنڊ آهي. هونءَ عام حالتن ۾ ستين کان ويهين تاريخ جو چنڊ جيڪو ڪافي روشن رهي ٿو، ان جي هيٺان جي ڪا ڪڪري اچي وڃي ته به محسوس پيو ٿيندو ته چنڊ ان ڪڪر جي پويان، هن هنڌ تي آهي پر نئون چنڊ ٺپ نظر نٿو اچي. سندس ڪو لينگهو يا ٻاهرين گول جي ذري (Arc) به نظر نٿي اچي. پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙو وقت اچي ٿو جڏهن اهو نئون چنڊ (Invisible چنڊ) نظر اچي ٿو. اهو پهرين يا ستين اٺين، يا چوڏيهن يا ويهين ايڪهين تاريخ جيئن چمڪندو نظر نٿو اچي بلڪ هڪ پاسي Shadow وانگر Silhouette نظر اچي ٿو، جيئن ڪنهن وڏي بلب جي اڳيان ڪا شيءِ جهلڻ سان ان جو فقط Silhouette نظر ايندو.
    پٺيان بلب جي تيز روشنيءَ ڪري ان جي اڳيان جهليل شيءِ جو تفصيل ته معلوم نه ٿي سگهندو پر ان جي ٻاهرين پاڇي مان اهو معلوم ضرور ٿي سگهندو ته اها شيءِ بال آهي، ڪو پکي آهي يا ڪو گل، ڪتاب وغيره. سو اسانجو نظر نه ايندڙ (Invisible) نئون چنڊ فقط تڏهن نظر اچي ٿو جڏهن سج گرهڻ ٿئي ٿي ۽ سج گرهه هميشھ تڏهن ٿئي ٿي جڏهن سج، چنڊ ۽ ڌرتي هڪ لائين ۾ آهن يعني Conjuction (ميلاپ) جي عمل مهل ۽ چنڊ گرهه تڏهن ٿيندي آهي جڏهن سڄو چنڊ چوڏهينءَ جو (Full moon) هوندو آهي.
    • چنڊ جي ڄم جي گهڙي يعني Conjuction (جنهن لمحي کي سج چنڊ ڌرتيءَ جي گولي کي هڪ ليڪ ۾ اچڻ ڪري اسين ميلاپ يا اجتماع سڏيون ٿا، يا عرب ”قران“ سڏين ٿا جيڪو لفظ ڪيترن هنڌن تي اڙدو ۾ به استعمال ٿئي ٿو) هڪ لمحو ٿئي ٿو جنهن جو سڄي دنيا ۾ ساڳيو وقت ٿئي ٿو. مثال طور شوال جي چنڊ جو ڄم Conjuction گرين وچ مين ٽائيم (جنهن کي اڄڪلهه U.T يعني يونيورسل ٽائيم به سڏجي ٿو) 8 بجي صبح جو ٿيو، معنيٰ سڄي دنيا ۾ ان وقت ٿي ويو. اها ٻي ڳالهه ته ان وقت پاڪستان ۾ منجهند جو هڪ ٿيو هوندو ۽ اسان اهوئي چونداسين ته هڪ بجي قران يعني چنڊ جو ڄم ٿي ويو. دبئي ۾ ان وقت صبح جا يارهن ٿيا هوندا معنيٰ دبئي ۾ يارهين بجي ٿي ويو. سو چنڊ جي ڄم جو اعلان سڄي دنيا ۾ هڪ ئي وقت ٿيو وڃي ۽ ان وقت جي خبر هڪ سال اڳواٽ به پئجي سگهي ٿي پر چنڊ نظر اچڻ يعني Moon Sight، جنهن کي اسان عربي ۾ ”رويت هلال“ به چئون ٿا يعني (Crescent) چنڊ جو نظر اچڻ، ان جي هڪ ته اڳواٽ خبر نٿي پئجي سگهي ۽ ٻيو ته ان جو هر هنڌ وقت به مختلف ٿئي ٿو. مثال طور مٿيون بحث هيٺ آيل شوال جو چنڊ جنهن جو پاڪستان ۾ ڄم جو وقت منجهند جو هڪ ٿيو، اهو پاڪستان ۾ شام جو 7 بجي، سج جي غروب ٿيڻ وقت ڇهن ڪلاڪن جو ٿيندو ان ڏينهن اهو پاڪستان ۾ ڪڏهن به نظر نه ايندو، ڇو ته ان عمر (ڇهه ڪلاڪن) جو چنڊ هرگز نظر نه اچي سگهندو، ڀلي کڻي اهو سج لٿي کان پوءِ به ڪافي دير اُفق تي هجي. اهو چنڊ نيويارڪ پهچڻ تائين به ايترو بالغ نه ٿيندو جو هلال (سنهي ڦار) جي شڪل ۾ نظر اچي سگهي، ڇو جو نيويارڪ تائين پهچڻ ۾ ان جي عمر 15 ڪلاڪ هوندي. چنڊ هميشھ سترهن ارڙهن يا اڃا به وڌيڪ ٻاويهه ٽيويهه ڪلاڪن جو ٿيڻ بعد نظر اچي ٿو. نيويارڪ ۽ لاس اينجلس شهرن ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي ۽ لاس اينجلس تائين پهچڻ ۾ جڏهن چنڊ 19ڪلاڪن جو هوندو، ان وقت لاس اينجلس (ڪئليفورنيا رياست) جو ڪو باشندو چوي ته مون چنڊ ڏٺو ته اها ڳالهه مڃڻ جهڙي آهي ڇو جو 17 کن ڪلاڪن بعد نظر اچي به سگهي ٿو.
    • نئين چنڊ يعني هلال چنڊ جي نظر اچڻ جو انحصار ڪيترين ئي ڳالهين تي آهي. جيئن ته چنڊ جي بلوغت. اهو گهٽ ۾ گهٽ ارڙهن کن ڪلاڪن جي لڳ ڀڳ هجي. چنڊ جو ڪنهن هنڌ اڳ ۽ ڪنهن هنڌ تي پوءِ (ٻئي ڏينهن) نظر اچڻ جو مدار ان جي ويڪرائي ۽ ڊگهائي ڦاڪ تي به آهي- يعني جنهن ملڪ مان توهان ڏسڻ چاهيو ٿا، ان جي جاگرافيائي پوزيشن ڪهڙي آهي- خط استوا جي ويجهو آهي يا قطبن جي ويجهو؟ ڪهڙي Longitude تي آهي؟ ٽي ڳالهه اها آهي ته سج جي لهڻ کان پوءِ چنڊ ڪيتري دير رهيو، جنهن بعد اهو غروب ٿيو؟ ڇو جو ڪيترن هنڌن تي پهرين تاريخ جو چنڊ جيتوڻيڪ سج جي غروب ٿيڻ کان پوءِ لهي ٿو پر اُفق تي گهڻي شفق احمر يا شفق ابيض (Twilight) يعني تکي روشني رهي ٿي، جو چنڊ جو نظر اچڻ مشڪل ٿيو پوي.


    مذهبي تهوارن ۾ وحدت ۽ ٻَڌي

    نئون چنڊ ڏسڻ تي اسان وٽ اڪثر رمضان ۽ شوال (۽ ڪجهه ڪجهه ذوالحج) جي مهينن ۾، ڪڏهن ڪڏهن گوڙ گهمسان رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن عوام جي ايڏي ته اڳواٽ جي Expectation رهي ٿي جو سندن اُميد پوري نه ٿيڻ تي هو مولوين (خاص ڪري رويت هلال ڪميٽيءَ ۾ شامل مولوين) ۽ حڪومت تي ڏوهه ٿاڦين ٿا جيتوڻيڪ ان ۾ هنن جو ڪو ڏوهه ناهي. هو ڀلا ڇو ڪوڙ ڳالهائيندا ته چنڊ نه ڏٺو آهي. پر اسان وٽ ڪيترائي تبصرا ۽ رايا چوڌاري ڦري ويندا آهن. حڪومت ۽ مولوين لاءِ چوندا ته هو رمضان جو هڪ روزو کائي ويا ۽ پوءِ جي ٻئي ڏينهن پهرين جو هلال چنڊ (Crescent) ڪجهه وڏو ڏسندا، جيڪو ان جي ڪجهه وڌيڪ بالغ ٿيڻ ڪري هوندو ته پوءِ ته سائين چنڊ ڏسي دعا پڙهڻ بدران چوندا ڏسو ڏسو صاف ٻي تاريخ جو چنڊ آهي پر مولوين کي الائي ڇو نٿو لڳي ۽ شوال جي چنڊ جي اعلان تي چوندا مولوين کي عيد جي ڏاڍي جلدي آهي اڃا هڪ روزو وڌيڪ ٿيڻو هو. جيتوڻيڪ چنڊ جو ڄمڻ (نئين چنڊ جو جنم وٺڻ) ٻي ڳالهه آهي، ان جو نظر اچڻ ٻي ڳالهه آهي. ڪڏهن ائين به ٿي سگهي ٿو ته انڊيا ۽ پاڪستان تائين چنڊ ايترو بالغ نه ٿيو هجي جو نظر اچي. ڪلاڪ ٻن بعد جڏهن اهو ايران ۽ سعودي عرب پهچي ته ان جي گدري جي سنهي ڦار جيتري روشني اچي وڃي ۽ اتي نظر اچڻ تي ظاهر آهي ايران ۽ سعودي وارا ٻئي ڏينهن عيد ڪندا ۽ پاڪستان وارا روزو رکندا. پر سائين عوام جون ڳالهيون ٻڌڻ وٽان ٿي وينديون. هو اهوئي چوندا ته سعودي عرب ۽ ايران ۾ ته چنڊ نظر اچي ويو پر پاڪستان ۾ ڇو نه؟ هاڻ ان جو عام ماڻهوءَ کي ڀلا ڪهڙو جواب ڏيئي سگهجي ٿو. ان لاءِ ته علم فلڪيات يا نيويگيشن جو ئي هڪ ٻه پيرڊ attend ڪجن، حڪومت ۽ مولوين کي ڏوهه نه ڏجي.
    ڪيترا ته اهو به چوندا ته اسين سڀ مسلمان ڀائر آهيون سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي هڪ ڏينهن تي عيد ڪري مسلمانن جي اتحاد ۽ ڀائيچاري جو اظهار ڪرڻ کپي. اها ڳالهه چوڻ ته سولو ڪم آهي پر سڄي دنيا ۾ هڪ ڏينهن تي عيد جو اعلان ڪرڻ ناممڪن ڳالهه آهي. ڇو جو قمري مهينو جيڪو چنڊ جي نظر اچڻ (Moon sight) تي ٻڌل هجي اهو هڪ ئي وقت تي سڄي دنيا ۾ ٿي نٿو سگهي.
    مون اها ڳالهه سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران مالمو ۽ ڪوپن هيگن جي مسجدن ۾ دنيا جي ملڪن کان آيل عالمن سان ڪئي ته ڪيترن اهوئي چيو ته اسلام تهوارن ۾ ان قسم جي وحدت کي ڪابه اهميت نه ڏني آهي. ظاهر آهي اهڙي ڳالهه اهم هجي ها ته حضور اڪرم ﷺ، اصحاب سڳوراؓ، خلفاءِ راشدين وغيره ان اهم ڪم ڏي ضرور ڌيان ڇڪائين ها. الله جي نبي ﷺ جن ٽيهين رمضان تي به روزو رکيو هو. پوءِ چنڊ جي نظر اچڻ جي اوسي پاسي کان شهادت ملي ته پاڻ روزو افطار ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ۽ دير ٿي وڃڻ ڪري عيد ٻئي ڏينهن ڪئي. جيڪڏهن وحدتِ عيد ايڏي ضروري شيءِ هجي ها ته پاڻ عيد جي نماز دير سان به پڙهي سگهيا ٿي. هونءَ به عيد جي نماز نفلي نماز آهي (عيدالاضحيٰ ته حجاج جي پروگرام ۾ شامل ئي ناهي.)
    حضرت ڪريب واري واقعي ۾ جيڪو هنن مضمونن ۾ بيان ڪري چڪو آهيان، حضرت عباس ﷦کي جڏهن مڪمل شرعي شهادت جو ثبوت ملي ويو ته ڇا هنن يا معاويه ﷦ وحدت عيد جي ڪوشش فرمائي؟ انهن شخصيتن اسلامي روح کي، اسان کان ڪئين دفعا وڌيڪ بهتر سمجهيو ٿي.
    حضرت عمر ﷦ جهڙي مفڪر ۽ مدبر مديني منوره جي هزارين ميلن تي پکڙيل سلطنت تي تمام عمدي طريقي سان ڪنٽرول ڪيو. پاڻ جيڪڏهن چاهين ها ته ڇا ”اتحاد بين المسلمين“ لاءِ ان ذريعي تي عمل نه ڪرائي سگهن ها ڇا؟ پاڻ ڳالهه ڳالهه تي مجلس شوريٰ سڏرائي يڪدم فيصلو ڏئي ڇڏيو ٿي پر ڪڏهن به هن وٽ وحدت عيد يا رمضان جو مسئلو زير بحث نه آيو. جيڪڏهن ان دور ۾ به اهڙو مثال نٿو ملي ته پوءِ اڄ ان مسئلي تي ايتري قدر ضد ڇو آهي؟
    ڪجهه ملڪن جا مسلمان خاص ڪري اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ يعني انڊيا، بنگلاديش، پاڪستان ۽ ڪجهه آفريڪا جي مسلمان ملڪن ۾، چنڊ ۽ عيدن تي ڪڏهن ڪڏهن اجايو گوڙ گهمسان ڪري اسان پنهنجو پاڻ کي غير مسلم قومن اڳيان کلڻهارڪو بڻايون ٿا. ملائيشيا پاسي توڙي عرب ملڪن ۾ مونکي ڪيتريون ئي عيدون گذارڻ جو موقعو مليو پر ڪڏهن به ڪنهن هل هنگامو نه ڪيو. هر عيد سڪون سان ٿيندي هئي. جهازن ۽ دنيا جي تعليمي ادارن ۾ البت عرب، ايراني ۽ اسين (ننڍي کنڊ جا جهازي) جيڪي سڄو سال مِٺ محبت ۾ گذاريندا هئاسين، رمضان جي روزن ۽ عيدن جو ڏينهن مقرر ڪرڻ لاءِ اٽڪي پوندا هئاسين ۽ پوءِ ٻيا اسان جا غير مسلم ڪليگ اسان تي ٺٺوليون ڪندا هئا.
    منهنجو هڪ پيارو عرب دوست ڪمانڊر خالد الجهلمي جيڪو اسان سڀني ۾ گهڻو نيڪ، پرهيزگار ۽ ٿڌي طبيعت جو هوندو هو، اهو هميشھ اسان کي سمجهائيندي چوندو هو ته اسلام ۾ عيدن جي حيثيت عبادت ۽ شڪراني جي نماز ادا ڪرڻ جي آهي- ڪو جشن ملهائڻ جي ناهي. اسلام انهن ڏينهن تي عيد جي نماز کان علاوه ٻيو ڪو پروگرام پيش نه ڪيو آهي ۽ حاجين لاءِ ته عيدالاضحيٰ نماز حج جي ارڪانن ۾ به شامل ناهي.
    هن رمضان ۾، منهنجي هڪ ملئي شاگرد ۽ هاڻ دوست ڪئپٽن رزالي يعقوب، ان سلسلي ۾ واه جي E-mail موڪلي آهي، جنهن ۾ لکي ٿو:
    مسلمانن جي وچ ۾ اتحاد ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ لاءِ اسان جي شريعت جن ڳالهين لاءِ تاڪيد فرمائي آهي انهن ۾ فرقي پرستي کان پاسو ڪرڻ، فرض نمازن جي باجماعت ادائيگي، نظام زڪواة کي قائم ڪرڻ، حج جو اجتماع ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ڪم آهن. پر افسوس اهو آهي ته اڄ جو مسلمان انهن تي ٿورو ڌيان ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي، پر ٻين مذهبن جي ديکا ديکيءَ ۾، جن جي ڌرمي دلچسپي جي انتها فقط مذهبي تهوار ملهائڻ تائين محدود آهي، اسين عيدن وغيره ۾ وحدت تي زور ڏيئي رهيا آهيون ۽ هي مذهب کان ڏور ٿيڻ جو لازمي نتيجو آهي جو انسان اهم ڪمن کان نظر ڦيريو ڇڏي ۽ پنهنجو سڄو زور غير اهم ڪمن تي خرچ ڪندو رهي ٿو.


    چنڊ ۽ تارن بابت ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ

    • گئلڪسي (Galaxy) ڪروڙها تارن جو جهڳٽو ٿئي ٿو. هڪ اهڙو جهڳٽو (گئلڪسي) جيڪو اسان جي ويجهو آهي ۽ ڌرتيءَ تان نظر اچي ٿو اهو Milky way سڏجي ٿو جنهن کي اڙدوءَ ۽ فارسيءَ ۾ ”ڪهڪشان“ سڏين ٿا. سنڌيءَ ۾ گهڻا ماڻهو ان کي نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ جو ليڪو (Wake) سڏين ٿا.
    • ماهر فلڪيات (Astronomers) جي اندازي مطابق ڪائنات ۾ اٽڪل پنجاهه بلين ڪهڪشائون (Galaxies) آهن.
    • دنيا جو پهريون ٽيلي اسڪوپ 1608ع ۾ ايجاد ٿيو. هنئس لپرشي نالي عينڪون ٺاهيندڙ جي دڪان ۾ سندس مددگار ڇوڪرو عينڪن جي شيشن سان کيڏندي اهڙي نموني سان شيشا جوڙيا جو انهن ذريعي هن کي پري جي شيءِ ويجهو نظر اچڻ لڳي. دڪان جي مالڪ هنئس انهن شيشن (Lenses) کي پاٺي جي هڪ گولي ٽيوب جي پُڇڙين تي ڳنڍي ٽيلي اسڪوپ ٺاهيو. ۽ گئليلو پهريون ماڻهو هو جنهن ٽيلي اسڪوپ جي ايجاد ٿيڻ شرط ٻئي سال (1609ع ۾) آسمان ۾ چمڪندڙ چنڊ،تارن ۽ سيارن جو جائزو ورتو.
    • آمريڪا جي وئنوڪوئر شهر ۾ هڪ تمام وڏو ٽيلي اسڪوپ رکيل آهي جيڪو (Large Zenith Telescope) LZT سڏجي ٿو ان ۾ شيشي جي آرسيءَ بدران پارو (Mercury) استعمال ٿيل آهي. هڪ وڏي ٿالهه ۾ 28 لٽر پارو تيز رفتار سان گهمائڻ سان اهو Parabolic شڪل اختيار ڪري ٿو، جيڪو آرسيءَ جو ڪم ڏئي ٿو.
    • اسان هر وقت ”لائيٽ ييئر“ نوري سال جي ڳالهه ڪريون ٿا. نوري سال (Light year) ڇاجي ماپ آهي؟ مفاصلي جي يا وقت جي؟ اها مفاصلي جي ماپ آهي.
    روشنيءَ جي رفتار 186000 ميل في سيڪنڊ آهي. آواز جي رفتار تمام گهٽ آهي. ان ڪري آسمان ۾ جڏهن کنوڻ ٿئي ٿي ته اها پهرين نظر اچي ٿي ۽ ان جو آواز بعد ۾. بهرحال جڏهن چنڊ يا سج اڀري ٿو ته ان جي روشني 187 هزار ميل (يا 299 هزار ڪلوميٽر) في سيڪنڊ جي حساب سان اسان تائين پهچي ٿي.
    چنڊ جي روشنيءَ کي اسان تائين پهچڻ ۾ فقط سوا سيڪنڊ لڳي ٿو يعني چنڊ اسان کان ايترو پري ناهي. سوا سيڪنڊ معنيٰ چنڊ اسان کان 234 هزار ميل کن پري آهي. سج جيڪو اسانکي لڳي ٿو ته چنڊ وانگر ويجهو آهي پر ايترو ويجهو ناهي. ان جي روشني اسان تائين پهچڻ ۾ 8 منٽ لڳن ٿا. 8 منٽ معنيٰ 480 سيڪنڊ ۽ هاڻ 480 کي 186000 ميلن سان ضرب ڪبو ته سج جي فاصلي جي خبر پوندي. يعني اسان جو سج چنڊ جي مقابلي ۾ تمام پري آهي.
    • سج هڪ تارو آهي جنهن کي پنهنجي روشني آهي، باهه آهي. سج ۾ موجود ٻارڻ لڳاتار ٻرندو رهي ٿو، جنهن جي روشني ۽ تپش اسان تائين پهچي ٿي. آسمان ۾ جيڪي ٻيا تارا نظر اچن ٿا اهي به سج وانگر آهن پر اسان کان پري هجڻ ڪري انهن کي ڏسڻ سان اسانجون اکيون سڙن نٿيون. هڪ اندازي مطابق انهن تارن جو تعداد ڌرتيءَ تي موجود واريءَ جي ذرن کان به وڌيڪ آهي. ۽ انهن تارن ۾- يعني سج کان علاوه باقي تارن مان جيڪو اسان کي ويجهي ۾ ويجهو آهي ان جي روشني اسان تائين پهچڻ ۾ چار سال ٽي مهينا لڳن ٿا. ان مان اسان انسانن کي اندازو لڳائڻ کپي ته هيءَ ڪائنات ڪيڏي وسيع آهي. سج جيڪو اسان کان ايڏو پري آهي پر اهو به روشنيءَ جي رفتار موجب 8 منٽ پري آهي ۽ ويجهي ۾ ويجهو تارو به ايڏو پري آهي جو 186000 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان ان جي روشني اسان تائين سوا چئن سالن ۾ پهچي ٿي ته باقي ڏورانهان تارا ڪيڏو پري هوندا! ۽ هيءَ ڪائنات ڇا وسيع هوندي.
    اهوئي سبب آهي جو سج، چنڊ، تارن جو فاصلو اسان ميلن ۾ نه پر لائيٽ ييئر (نوري سالن) ۾ ماپيون ٿا. هڪ Light year معنيٰ اهو مفاصلو جيڪو هڪ سال ۾ روشني طئي ڪري، يعني هڪ سال جا سيڪنڊ ڪڍي روشني جي رفتار سان ضرب ڪبو ته هڪ ”لائيٽ ييئر“ جو مفاصلو نڪرندو جيڪو اٽڪل 9,460,528,404,879 ڪلوميٽر ٿيندو يعني 5,878,482,164,161 ميل ٿيو
    • هن ڪائنات ۾ ڪيترائي تارن جا جهڳٽا Galaxies آهن. اٽڪل پنجاهه بلين ڪهڪشائون (Galaxies)! جيڪا ويجهي ”ڪهڪشان“ آهي جيڪا اسان کي نظر اچي ٿي ۽ جنهن کي اسان “Milky way” سڏيون ٿا، ان جو قطر (diameter) هڪ لک لائيٽ ييئر آهي. يعني ان گئلڪسي جي هڪ ڪنڊ واري تاري جي ٻي ڪنڊ واري تاري تائين پهچڻ ۾ هڪ لک لائيٽ ييئر جو فاصلو آهي ۽ توهان جي ميلن جو حساب ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ هڪ لک سالن جا پهرين سيڪنڊ ڪڍو ۽ پوءِ لائيٽ (روشني) جي رفتار (186000 ميل في سيڪنڊ) سان ضرب ڏيو.
    ۽ نه فقط اهي لکن جي تعداد ۾ آفت جيڏيون شيون آسمان ۾ موجود آهن پر سڀ تيز رفتار سان گردش ڪنديون رهن ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان ٽڪرائڻ بدران هڪ پُرسڪون پکيءَ وانگر ڄڻ ترنديون رهن ٿيون ۽ اهي سڀ ڳالهيون جن جي سائنسدانن ۽ فلڪيات جي ڄاڻن کي خبر هاڻ پئي آهي، يعني هڪ صدي اندر، اها ڳالهه اڄ کان چوڏهن صديون اڳ قرآن پاڪ ۾ رب پاڪ اسان کي ٻُڌائي چڪو آهي ته هي چنڊ، سج، تارا هڪ هنڌ بيٺل نه آهن پر لڳاتار گردش ۾ آهن ”ڪل في فلڪ يسبحون“ (34:21)
    • اسانجو چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري هڪ مهيني ۾ چڪر پورو ڪري ٿو ۽ اسانجي ڌرتي سج جي چوڌاري هڪ سال ۾ ۽ اسان جو سج پنهنجن سڀني سيارن (مريخ، زهره، عطارد وغيره) سان گڏ Milky way واري ڪهڪشان جي چوڌاري 250 ملين سالن ۾ چڪر مڪمل ڪري ٿو.
    • جنهن رفتار سان سج گردش ڪري ٿو ان حساب سان ڪابه سج گرهڻ ست منٽ 58 سيڪنڊن کان وڌيڪ هلي نٿي سگهي.
    • کنوڻ (آسماني وڄ) جيڪا ڪِري ٿي ان جي گرمائش ڪڏهن ڪڏهن سج جي تپش کان به گهڻي آهي- اٽڪل پنجاهه هزار ڊگريون فارن هائيٽ.
    • ناروي جي هڪ بندرگاهه ”اسپٽ برگين“، جتي پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ دوران منهنجي فيلڊ ڊيوٽي لڳي هئي، اونهاري ۾ سج لڳاتارا ساڍا ٽي مهينا روشن رهيو. رات جي اونداهي ۽ چنڊ تارن سان ڀريل آسمان کي ڏسڻ لاءِ سڪندا رهياسين.
    • مٿئين شهر کان اڃا به ڪجهه مٿي اتر قطب وٽ ته لڳاتار 186 ڏينهن تائين سج چمڪندو رهي ٿو. ان بعد اهو لهي ٿو ۽ رات ٿئي ٿي ته پوءِ ڇهه مهينا کن سج کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو سڪندا رهن ٿا. پر ايترو مٿي اتر ۾ ايسڪيموز ۽ اڇا برفاني رڇ ئي خوشيءَ سان (يا کڻي چئجي ته مجبوري ڪري) رهي سگهن ٿا.


    ڪجهه ياد رکڻ جون ڳالهيون

    • آسمان ڏي نهار ڪرڻ سان ته ائين لڳي ٿو ڄڻ تارا هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن پر انهن تارن جي وچ ۾ کليل (يعني خالي) آسمان جو اندازو هن مثال مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ ڪمرو جنهن جي ڊيگهه ويهه ميل، ويڪر ويهه ميل ۽ اوچائي ويهه ميل هجي جنهن ۾ ريتيءَ جو فقط هڪڙو ذرو (Grain) هجي، ان حساب سان تارا آسمان ۾ آهن.
    • چنڊ تي وڃڻ وارو آخري ماڻهو يوجين چرنان هو جنهن پنهنجي ساٿي هئريسن سان گڏ 13 ڊسمبر 1972ع تي چنڊ تان قدم کنيا. ان بعد اڃا ڪو ٻيو وري چنڊ تي نه ويو آهي.
    • هو ڇا چوندا آهن ته It is a small world. اها واقعي حقيقت آهي ته اسان جي ڌرتي ڪائنات جي ٻين شين جي مقابلي ۾ خاص وڏي ناهي. سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ ڌرتيءَ جهڙو هڪ ٻيو سَيارو Jupiter (جنهن کي اسان مشتري سڏيون ٿا) اهوئي ايڏو وڏو آهي جو ان ۾ اسان جي دنيا جهڙا هڪ هزار گولا سمائجي وڃن.
    • ڪجهه ٻين سَيارن جي چوڌاري به ڇَلا (Rings) آهن پر ڌرتيءَ تان اسين فقط زحل (Saturn) سَياري جا ئي ڇلا ڏسي سگهون ٿا.
    • سج جي چوڌاري ڌرتيءَ وانگر مريخ (Mars)، مشتري (Jupiter)، عطارد (Mercury) ۽ ٻيا سَيارا گردش ڪندا رهن ٿا. زحل (Saturn) سج کان ايترو ته پري آهي جو ان تي، ڌرتيءَ تي پوندڙ روشنيءَ جو اسيهون (80) حصو پوي ٿو ۽ ظاهر آهي زحل تان سج به ننڍو نظر اچي ٿو.
    • سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ سَيارن ۾ سڀ ۾ وڏو مشتري (Jupiter) آهي ۽ ٻئي نمبر تي زحل (Saturn) آهي.
    • سج جي بلڪل ويجهو عطارد (Mercury) سَيارو آهي ان بعد زهره (Venus) ۽ پوءِ اسان جي ڌرتي آهي. ان بعد مريخ (Mars)، مشتري (Jupiter)، زحل (Saturn)، يورينس ۽ نيپچون سَيارا آهن.
    • زحل سَياري جي چوڌاري ڦرندڙ چَنڊن مان ٽائٽان چنڊ عطارد (Mercury) ۽ پلوٽو سَيارن کان به وڏو آهي.
    • سج ۾ ايڏي باهه ۽ تپش آهي جو سج جي ٻاهرين حصي جي ٽپال جي ٽڪلي جيتري ايراضي جي چمڪ به ايتري طاقتور آهي جيتري 15 لک ڏيئن جي.
    • جيڪڏهن اسان جو نظام شمسي (سج، ڌرتي ۽ ٻيا گردش ڪندڙ سَيارا ۽ انهن جا گهيرا (Orbits) هڪ رپئي جي سِڪي برابر سمجهون ته ان ۾ سج جي ماپ ايتري گهٽ ٿيندي جو مائڪرو اسڪوپ سان ڏسي سگهبو ۽ ويجهي ۾ ويجهو تارو 300 فوٽ پري هوندو.
    • ۽ جيڪڏهن توهان ڌرتيءَ جي سائيز هڪ رپئي برابر ٿا سمجهو ته سج جي سائيز ان بال جيڏي ٿيندي جنهن جو قطر 9 فوٽ هجي ۽ اهو بال ڌرتيءَ واري هڪ رپئي کان فٽ بال گرائونڊ جيترو پري ٿيندو. ڇو جو سج ڌرتيءَ کان 330,330 دفعا وڏو آهي.
    • نيرو چنڊ (Blue Moon) ڇا آهي؟ اسان انگريزيءَ ۾ اڪثر اهو جملو ٻڌون ٿا ته “Once in a blue moon” معنيٰ ڪڏهن ڪڏهن يا ورلي. اهو بِلو چنڊ ڇا آهي؟
    انگريزي (جارجين ڪئلينڊر) جي مهينن ۾ اسلامي مهيني کان هڪ ٻه ڏينهن گهڻا ٿين ٿا. ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو جولاءِ يا آگسٽ جهڙي ايڪٽيهين مهيني جي پهرين تاريخ چوڏهين تاريخ ٿي پوندي آهي. اهڙي صورت ۾ ان مهيني جي آخري ڏينهن ۾ هڪ دفعو وري چوڏهين تاريخ (سڄي چنڊ جي رات) اچي ويندي آهي ۽ ان ٻي دفعي آيل چوڏهين جي چنڊ کي انگريز “Blue Moon” سڏين ٿا.
    • چوڏهين جو سڄو چنڊ (Full moon) جڏهن توهان جي بلڪل مٿي آهي ته توهان جي تور اصل وزن کان ڪجهه گهٽ رهي ٿي.
    دراصل تور يا وزن ڇا آهي؟ اها زمين جي ڪشش (ڇڪ) آهي. جيڏو وڏو سيارو اوڏي گهڻي ڇڪ (Gravitational Pull). چنڊ جڏهن اسان جي بلڪل مٿان ٿو اچي ته ان جي ڪجهه ڇڪ جي ڪري اسانجي تور گهٽجيو وڃي. ان ڇِڪَ (Pull) ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ويرون ٿيون پيدا ٿين. اهي ويرون (لهرون) چوڏهين جي سڄي چنڊ واري رات هيڪانديون وڏيون ٿيو وڃن.
    • توهان هندي وڏو سمنڊ، ڀؤنچ سمنڊ، ڳاڙهو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو نالو ٻڌو هوندو پر ڪڏهن ”سڪون جو سمنڊ“ (Sea of Tranquility) ٻڌو آهي ته ڪٿي آهي؟ بحر سڪون يا بحرِ سڪونت هن ڌرتيءَ تي نه پر چنڊ تي آهي. چنڊ جو اهو اڌ جيڪو هميشھ ڌرتيءَ پاسي رهي ٿو ۽ تيرهين، چوڏهين، پندرهين تاريخ وارين راتين ۾ جنهن کي اسان چٽي طرح ڏسي سگهون ٿا ان پاسي ماٿرين جهڙيون هيٺاهيون تمام گهڻيون آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته شايد اهي سمنڊ (Maria) هئا. جيئن اسان وٽ ڪو سمنڊ سڪي پوي ته ان هنڌ تي هيٺاهين (Depression) ٿي پوندي. چنڊ جو ٻيو حصو جيڪو اسان ڌرتيءَ تان ڏسي نٿا سگهون، پر هاڻ راڪيٽن جي وڃڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ تي معلوم ٿيو آهي، اهو پاسو بلڪل ويران رڻ پٽ آهي. پر اسان وارو پاسو هيٺاهين ۽ ترائين (Maria) سان ڀريل آهي. اهي سمنڊن وارا کڏا آتش فشان (Volcano) مان نڪتل ڪاري رنگ جي لاوا سان ڀريل آهن. بهرحال انهن سڪل سمنڊن (Maria) مان هڪ سمنڊ جو نالو Sea of Tranquility آهي. چنڊ تي ٻين مشهور سمنڊن جا نالا هن ريت آهن: ڦوٽهڙي (Fertility) جو سمنڊ، گوڙ گهمسان جو سمنڊ (Sea of Crisis)، خاموشيءَ جو سمنڊ (Sea of Serenity)، وغيره. ياد رهي ته هي سڀ سمنڊ سڪل حالتن ۾ آهن. چنڊ تي پاڻي ۽ هوا موجود ناهي.
    • مختلف سَيارن ۽ تارن جا وڏا وڏا ٽڪر دربدر ٿي اسان جي ڌرتيءَ تي به ڪِرندا رهن ٿا جن جو تعداد هزارن ۾ ٿئي ٿو پر ڌرتيءَ جي چوڌاري هوا جو ويڙهو هجڻ ڪري اهي آفتون ڌرتي تي ڪري نقصان پهچائڻ کان اڳ سڙيو، ٻريو، ناس ٿيو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن انهن ٽڪرن جو ڪو بچيل سچيل ذرڙو (Asteroid) ڌرتيءَ جي سطح تي به پهچي وڃي ٿو. سڀ کان وڏو ائسٽرائڊ (Asteroid) روس جي اتراهين علائقي سائيبيريا ۾ 30 جون 1908ع ۾ ڪِريو هو، جنهن پٿر جو وزن هڪ لک ٽن کن هو. اهو ڌرتيءَ تي پهچڻ کان چار ميل اڳ هوا ۾ ڦاٽي پيو هو ۽ هن جي ڦاٽڻ جو آواز سائنسدان ٻڌائين ٿا ته هيروشيما (جپان) ۾ ۾ ڪيرايل بم جي آواز کان ٻه هزار دفعا وڌيڪ هو. جنهن هنڌ تي هن ائسٽرائڊ جا ٽڪرا ڪِريا هئا ان جي پسگردائيءَ جا هزارين ايڪڙ ٻيلا تباهه ٿي ويا هئا.
    • بنا دوربين (Telescope) اسان وينس (زهره)، مارس (مريخ)، جوپيٽر (مشتري) ۽ سئٽرن (زحل) سَيارا ڏسي سگهون ٿا. يورينس نظر اچي ٿو پر بنهه ٽٻڪي برابر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ڀر ۾ چمڪندڙ ٻين تارن جي وچ ۾ هن کي سڃاڻڻ سولو ڪم ناهي. نيپچون ۽ پلوٽو سَيارا ايترو ته چُنجها آهن جو بنا دوربين جي ڳولڻ ناممڪن ڳالهه آهي.


    چنڊ تارن بابت ڪجهه حيرت انگيز ڳالهيون

    • اسانجي ڌرتيءَ جو اندريون حصو (Core) ٽهڪندڙ لوهه ۽ قلعي (Nickle) آهي جنهن جو ٽيمپريچر 7000 ڊگريون سيليس آهي.
    • اسانجي نظام شمسي (Solar system) ۾ جيڪي به چنڊ آهن انهن جا نالا يوناني ۽ رومن مئٿالاجي پٺيان آهن سواءِ يورئنس سَياري جي چنڊن جي، جن جا نالا شيڪسپيئر جي ڪردارن پٺيان آهن ۽ اسانجي ڌرتيءَ جي اڪيلي چنڊ جو ڪوبه نالو ناهي. ان کي چنڊ “The Moon” سڏيون ٿا- يا وري لئٽن لفظ Luna سان جنهن جي معنيٰ به چنڊ ئي آهي.
    • چوڏهين وارو سڄو چنڊ ستين يا ايڪهين تاريخ واري اڌ چنڊ کان نو دفعا وڌيڪ روشن ٿئي ٿو.
    • اسان جي ڪهڪشان (Galaxy) ۾ اٽڪل 250 بلين تارا آهن ۽ ماهر فلڪيات وارن جي هڪ اندازي مطابق ان جهڙيون هڪ سؤ بلين ڪهڪشائون هن ڪائنات ۾ موجود آهن. ان حساب سان جيترا ريتيءَ جا ذڙا هن دنيا ۾ موجود آهن ان کان وڌيڪ آسمانن ۾ تارا آهن.
    • ٽي سَيارا جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ ايجاد ٿيا، اهي هن ريت آهن:
    يورئنس Uranus 1781ع ۾.
    نيپچون Neptune 1846ع ۾، ۽
    پلوٽو Pluto 1930ع ۾.
    • سَيارن ۾ عطارد (مرڪري) ئي هڪ اهڙو سَيارو آهي جنهن جو سج جي چوڌاري گردش ڪندڙ دائرو سندس خط استوا واري Plane ۾ آهي. يعني ٻارهوئي جتي جيڏو ڏينهن يا رات ٿئي ٿو، اهوئي رهي ٿو. اسان جي ڌرتي وانگر سياري ۾ راتيون وڏيون ۽ ڏينهن ننڍا نه ٿين.
    • ڌرتي ۽ ٻيا سَيارا جنهن طرف گول گهمن ٿا ان طرف ئي اڳتي وڌي سج جي چوڌاري چڪر پورو ڪن ٿا سواءِ زهره (Venus) ۽ يرئنس سَياري جي، جيڪي پنهنجي چوڌاري ابتي طرف چڪر هڻن ٿا. يعني انهن سيارن تي سج اولهه کان اڀري، اوڀر طرف لهندو نظر ايندو.
    • سڀ کان ننڍو ڏينهن رات مشتري (Jupiter) سَياري تي ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ مشتري سيارو ڌرتيءَ کان تمام وڏو آهي. ڌرتيءَ جو ٻاهريون گهيرو (Circumference) 25000 ميل آهي ۽ مشتري (جيوپيٽر) جو 280000 ميل آهي- يعني ڏهوڻ کان به وڏو، پر مشتري سَيارو ايڏو ته تيز رفتار سان گول گهمي ٿو (Rotate ڪري ٿو)، جو هو ڏهن ڪلاڪن ۾ ڦيرو مڪمل ڪريو وڃي. ان حساب سان ان جي گول ڦرڻ جي رفتار اٺاويهه هزار ميل في ڪلاڪ ٿي ۽ ڌرتيءَ جي اٽڪل هڪ هزار ميل فيل ڪلاڪ آهي.
    • مئرين اڪيڊمي وارن ڏينهن ۾ سَيارن جا نالا نمبروار ياد ڪرڻ يعني سج کي سڀ کان ويجهو سيارو عطارد (Mercury) آهي، ان بعد زهره ۽ پوءِ ڌرتي وغيره لاءِ هي جملو پڻ رٽڻو پوندو هو:
    “My very Educated Mother Just Served Us Nine Pickles”.
    يعني مرڪري، وينس، ارٿ، مارس، جيوپيٽر، سئٽرن، يورئنس، نيپچون ۽ پلوٽو.
    • ڌرتيءَ جو اٽڪل ڏهون حصو هر وقت برف سان ڍڪيل رهي ٿو. ان ڏهين حصي ۾ اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب جا علائقا اچيو وڃن ٿا جتي اونهاري ۾ به ايڏي ٿڌ رهي ٿي جو برف نٿي ڳري.
    • مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته مشتري سَيارو ايڏو تکو ڦري ٿو جو هن تي ڏينهن رات فقط ڏهن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو جيئن پاڻ وٽ 24 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. ۽ زهره (Venus) سَياري تي ڏينهن رات 5856 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. هي سَيارو پنهنجي چوڌاري ايڏو ته سست رفتاريءَ سان ڦري ٿو جو هن سَياري جو هڪ هڪ ڏينهن ڌرتيءَ جي 244 ڏينهن برابر ٿئي ٿو.
    • ڌرتيءَ جو وچ اسان کان ڪيترو پري آهي؟ پنهنجن پيرن هيٺان جڏهن چار هزار ميل زمين کوٽبي ته پوءِ ڌرتيءَ جو وچ ايندو. ۽ اهڙا ٻيا چار هزار ميل وڌيڪ هيٺ کوٽائي ڪبي ته دنيا جي گولي جي ٻئي پاسي سائوٿ آمريڪا جي ملڪ ارجنٽائنا جي پاسي کان وڃي نڪربو. پر ائين ڪرڻ ناممڪن ڳالهه آهي. هڪ ته ايڏي کوٽائي نٿي ڪري سگهجي ۽ ٻيو ته ڌرتيءَ جو وچ جيڪو سمجهو ته چنڊ جي سائيز جي لڳ ڀڳ ٿيندو، ان جي گرمائش هزارين ڊگريون آهن جتي لوهه ۽ قلعي (Nickle) جهڙا ڌاتو به رَجيل حالت ۾ وهندا رهن ٿا. ان جو مثال توهان ان وقت محسوس ڪري سگهو ٿا جڏهن ڪو جبل (Volcano) ڦاٽي ٿو ۽ ان مان رَجيل ڌاتو ۽ ٽهڪندڙ شيون نڪري ٻاهر جي آباديءَ کي ساڙيو رکن.
    • هن ڪائنات ۾ سڀ کان گهڻيون ٽي عام شيون آهن: هائڊروجن، هيليم ۽ آڪسيجن گئس.
    • ڌرتيءَ جي چوڌاري چنڊ کان علاوه ٻيون ڏهه هزار کن مختلف شيون (جيڪي راڪيٽن جا ٽڪرا ۽ سامان (equipment) آهن، گردش ڪنديون رهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن انهن شين مان ڪا اُفق وٽ چمڪندي ڏسي اسان کي نئين چنڊ جو گمان ٿيندو آهي.
    • پاڻيءَ وارو جهاز چوويهن ڪلاڪن ۾ ڪيترو فاصلو طئي ٿو ڪري ان جو حساب ڪتاب (Calculation) اسان پوري منجهند جي ٽائيم تي سج کي ڏسي ڪندا آهيون جڏهن سج بلڪل اسان جي مٿان هوندو آهي يا سج لٿي مهل مختلف سَيارن ۽ تارن جو angle (ڪنڊ) معلوم ڪري لڳائيندا آهيون. اهو ائنگل، جنهن اوزار ذريعي معلوم ڪندا آهيون ان کي Sextant (سيڪسٽئنٽ) سڏجي ٿو، ڪنهن به تاري يا سج جي ڪنڊ معلوم ڪرڻ تي ٽرگنامينٽري ذريعي جهاز جو طيءِ ڪيل مفاصلو ماپي سگهجي ٿو جيڪو سمجهو ته ٽڪنڊي جو Base ٿيو.
    • چنڊ تارا اڄ جي دور ۾ نه، پر اوائلي دور کان انسان جي دلچسپيءَ جو باعث رهيا آهن. عربستان، سنڌ، راجستان ۽ صحارا رڻ پٽ جهڙن علائقن جا ماڻهو تارن جي ڄاڻ ۽ چرپر کان تمام گهڻو واقف ٿين ٿا. جهازراني ۽ فلڪيات جو علم عربن کان يورپين وٽ آيو. اڄ به سوين تارن جا انگريزي نالا عربي زبان تان کنيل آهن. اسان ڪتابن ۾ جيڪي طائر، حمل، الڪيئد، الجيبر ۽ اڪرب جهڙا نالا پڙهون ٿا اهي دراصل تارن جي عربي نالن الطائر (اُڏامندڙ عقاب)، الحمل (گهيٽو، دنبو يا پيٽ واري عورت)، القائد (اڳواڻ)، الجبار (وڏو) ۽ الاقرب (وڇون) تان کنيل آهن.
    الديبران (Aldebaran) نالي هڪ تمام روشن تارو تؤرس نالي تارن جي جهڳٽي (Constellation) ۾ آهي. انگريزيءَ جو هي نالو عربي زبان جي نالي الدبران تان کنيل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي پٺ وٺي هلڻ (Follower) آهي. هي تارو Pleides تارن جي جهڳٽي (Cluster) جي پٺ وٺي آسمان ۾ رات جي سفر تي نڪري ٿو. هي تارو سج کان 38 دفعا وڏو آهي. گهڻي چمڪ ڪري هي تارو آسمان ۾ سولائيءَ سان نظر اچيو وڃي. فارسيءَ ۾ هن تاري کي تاس چيتر سڏين ٿا ۽ 3000 سال قبل مسيح کان هي تارو ايرانين لاءِ بخت، دولت ۽ شهرت جو تارو سمجهيو ويو ٿي. جيئن جپانين جو اهو عقيدو آهي ته هنن جي بادشاهه جا وڏا سج تان ڌرتيءَ تي لٿا تيئن ڪيترن نازي پوئلڳن جو اهو عقيدو آهي ته آريا قوم جا وڏا هن تاري الدبران تان هن ڌرتيءَ تي لٿا. آمريڪا جي اصلي باشندن Red Indians جي هڪ قبيلي ”ڊڪوٽا“ جو اهو عقيدو آهي ته هي تارو الدبران سج (نر) ۽ بلو تاري (مادي) جي ميلاپ مان پيدا ٿيل ٻار آهي.
    • اهڙي طرح آسمان ۾ هڪ ٻيو اهم ۽ گهڻو چمڪندڙ تارو Vega آهي جيڪو نالو هن تاري جي عربي نالي ”الواقع نسر“ تان کنيل آهي. ويگا آسمان ۾ گهڻو چمڪندڙ تارن ۾ پنجون نمبر چيو وڃي ٿو. بيحد خوبصورت تارو آهي ۽ سمنڊ تي ڀٽڪندڙن کي راهه ڏيکارڻ ۾ وڏو مددگار آهي. هن تاري جي انهن خاصيتن ڪري اسان پنهنجي اڪيڊمي جي نيوز ليٽر جو نالو Vega رکيو هو.
    ويگا ويجهن تارن مان هڪ آهي جيڪو ڌرتيءَ کان 25 کن نوري سالن جي فاصلي تي آهي. هاڻ ته توهان کي ان ويجهڙائيءَ جي ڏوراهيءَ جي Idea ٿي وئي هوندي. تنهن هوندي به هڪ دفعو وري توهان جي ياداشت کي تيز ڪرڻ لاءِ لکان ته چنڊ اسان کان سوا سيڪنڊ جي نوري فاصلي تي آهي، يعني هڪ سيڪنڊ ۾ روشني 186000 ميلن جو سفر طئي ڪري ٿي. چنڊ جي روشني اسان تائين سوا سيڪنڊ ۾ پهچي ٿي معنيٰ چنڊ اسان کان 186000 ضربيان 1.25 ميل پري آهي. اهڙي طرح سج اسان کان 8 منٽ ڏور آهي يعني سج جو ڌرتيءَ کان فاصلو 8 منٽ ضربيان 60، سي ٿيا 480 سيڪنڊ. هاڻ 480 سيڪنڊن کي 186000 سان ضرب ڏبو ته ڌرتي ۽ سج جي وچ ۾ فاصلو نڪرندو.
    اهڙي طرح هي خوبصورت چمڪندڙ تارو ويگا جيڪو ٻين تارن کان ڌرتيءَ کي تمام ويجهو آهي 25 نوري سالن جي فاصلي تي آهي. يعني 25 ضربيان 365، سي ٿيا 9125 ڏينهن. انهن کي 24 سان ضرب ڪبو ته ڪلاڪ ٿيندا ۽ پوءِ 60 سان ضرب ڪرڻ سان منٽ ٿيندا ۽ ان بعد ٻيو دفعو 60 سان ضرب ڪرڻ سان سيڪنڊ نڪرندا ۽ پوءِ انهن سيڪنڊن کي روشنيءَ جي رفتار 186000 ميل في سيڪنڊ سان ضرب ڏبو ته ويگا ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ فاصلو معلوم ٿيندو.
    ويگا ته اڃا ويجهو تارو آهي، ورگو (Virgo) نالي تارن جو جهڳٽو جيڪو هڪ وڏي ۽ ويجهي ڪهڪشان (Galaxy cluster) آهي اها اسان کان 60 ملين نوري سال پري آهي!
    هاڻ انهن فاصلن جي مقابلي ۾ اسان جي ڌرتي ڇا آهي ۽ اسين انسان ڇا حيثيت رکون ٿا. اهوئي سبب آهي جو هن سبجيڪٽ ”علم فلڪيات“ جا شاگرد فقط بنيادي ڳالهيون معلوم ڪري ان رب ڪريم جي وڏائي ۽ عظمت جو اعتراف ڪن ٿا جنهن هن جهان جون جوڙون جوڙيون آهن. خود الله تعاليٰ جو فرمان آهي ته مونکي سمجهڻ لاءِ منهنجي خلقيل ڪائنات تي غور ڪريو.


    صحبت جو اثر

    برما جا ڪيترائي عالم دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نظر اچن ٿا. هانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ انڊونيشيا پاسي جي ڪيترن ئي مسجدن جا امام برمي آهن يا وري پاڪستان جا پٺاڻ. ڪيترن سالن کان پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ماريپور جو پيش امام مولوي تفضل به برما جو آهي. هو مسجد جي سارسنڀال لهڻ، ٻارن کي قرآن پڙهائڻ کان علاوه اڪيڊمي جي ڪئڊٽن کي اسلامڪ آئيڊالاجي پڻ پڙهائي ٿو. برما پاسي جو هي مولوي يا ٻيا پنهنجي مادري زبان کان علاوه بنگالي ۽ اڙدو پڻ سٺي ڳالهائين ٿا.
    اڄڪلهه برما جو مفتي اعظم حضرت مولانا مفتي محمود دائود هاشم آهي جيڪو مولانا اشرف علي ٿانويءَ جو شاگرد ۽ ويجهو خليفو به ٿي رهيو. سندس عمر اسي سالن کان به مٿي ٿيندي. سندس والد صاحب ۽ ڏاڏي برما جي عالمن جي وڏي خذمت ڪئي ۽ هنن پنهنجي خرچ تي هن کي علم حاصل ڪرڻ لاءِ هندستان موڪليو هو. هن خاندان جو اصل تعلق هندستان جي ضلعي سورت جي هڪ شهر رانڌير سان آهي. رنگون ۾ سورتي نالي هڪ جامع مسجد پڻ آهي. ٿي سگهي ٿو اها مسجد هن خاندان ٺهرائي هجي.
    *
    اسان فجر نماز پنهنجي ميزبان جي گهر ڀرسان واري علائقي ڪالا بستي، جي هڪ جديد تعمير شاندار ۽ خوبصورت مسجد ”ايم. ايم. رونق مسجد“ ۾ پڙهي. مسجد ماشاءَ الله نمازين سان ڀريل هئي. پاڙي وارن ٻڌايو ته فجر نماز تي نمازين جي هميشھ اهڙي ئي رش رهي ٿي.
    رنگون جي مسجد ۾ جتيون رکڻ جو عجيب بندوبست آهي. هر مسجد جي اڱڻ ۾ هڪ ڪائونٽر آهي جتي هر نمازي پنهنجي جُتي جمع ڪرائي ٿو. اتي ٻه ماڻهو مقرر ٿيل آهن جيڪي نمازين جون جُتيون رکن ٿا جنهن جو هو ڪوبه اجورو نٿا وٺن.
    منجهند ڌاري اسان مفتي صاحب جي عيادت لاءِ سندس گهر وياسين. پاڻ هلڻ چلڻ کان معذور هو ۽ سندس حافظو به ڪمزور ٿي چڪو آهي. اسان حديث پاڪ جي هيءَ دعا: اسئل الله العظيم رب العرش العظيم ان يشفيڪ ست دفعا پڙهي آمين چيو.
    مفتي صاحب ٻڌايو ته رنگون ۾ وڏا وڏا عالم اچي چڪا آهن. مولانا ٿانوي کان علاوه مولانا اسعد الله مظاهري ۽ مولانا خليل احمد سهارنپوري پڻ هتي آيا آهن.
    *
    رنگون جي هڪ ٻي اهم هستي مولانا شاهه ابرار الحق پڻ آهي. سندس والد محمود الحق صاحب مشهور وڪيل ٿي گذريو آهي.
    مولانا ابرار سان گڏ جدي کان مڪي شريف ڪار ۾ سفر ڪندي هن جي ٻڌايل ڳالهين مان ٻه ڳالهيون هتي لکڻ بي محل نه ٿينديون.
    اسان جنهن ڪار ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين ان جو ايئرڪنڊيشن هلڻ جي باوجود ڪا خاص ٿڌاڻ نه ٿي رهي هئي. جيڪو دوست ڪار هلائي رهيو هو تنهن چيو ته لڳي ٿو ته ڪنهن پاسي جو شيشو کليل آهي ۽ اهو منهنجي ئي پاسي جو کليل هو. مون يڪدم بند ڪيو ته ڪار منٽن ۾ ٿڌي ٿي وئي. تنهن تي مولانا شاهه ابرار فرمايو ته مونکي هڪ علم عطا ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي دل ۾ الله جي ذڪر جو ايئرڪنڊيشن هلائين ٿا پر اکين جو شيشو نٿا چاڙهين، ڪنن جو شيشو نٿا چاڙهين- يعني پنهنجن پنجن حواسن تي تقويٰ جو شيشو نٿا چاڙهين ته هنن جي دلين ۾ اهو سڪون نٿو پيدا ٿئي جيڪو اولياءَ الله جي دلين کي ذڪر ڪامل سان ملي ٿو. ذڪر الله جي ايئرڪنڊيشن سان جيڪا چين، سڪون ۽ اطمينان جي ٿڌاڻ دل کي ملي ٿي ان کان هي محروم آهن. هن فرمايو ته جنهن ڏينهن تقويٰ جو شيشو حواس خمسه تي چڙهي ويندو يعني گناهن کان پاسو ٿي ويندو ته ان ڏينهن وات مان نڪتل الله جي هڪ لفظ سان زمين کان آسمان تائين ايئرڪنڊيشن ٿي ويندو ۽ دل کي سچو سڪون نصيب ٿي ويندو.
    *
    مٿئين سفر ۾ جڏهن مڪي ۾ فقط ٽي ميل وڃي بچيا هئا ته هڪ پيٽرول پمپ تان تيل وٺڻ لاءِ اسان جي ڪار ترسي. ان وقت هڪ تيل جو ٽئنڪر به اچي ڀر ۾ بيٺو جنهن تي ڏهه ٻارهن هزار لٽر تيل جا چڙهيل هئا. هو به تيل وٺڻ لاءِ آيو هو. مولانا ابرار چيو: ”منهنجا دوستو هڪ ٻيو سبق حاصل ڪيو. جيڪي علماءَ پنهنجي اندر کي روشن نٿا ڪن، الله جي نيڪ ٻانهن جي صحبت مان الله تعاليٰ جو خوف ۽ الله تعاليٰ جي محبت جو پيٽرول پنهنجي قلب جي انجن ۾ حاصل نٿا ڪن اهي پنهنجي علم جو بار فقط پٺيءَ تي ڍوئي هلن ٿا جنهن مان نه هو پاڻ فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ نه ٻين کي ڪو نفعو پهچائي سگهن ٿا، جهڙي طرح هي تيل سان ڀريل ٽئنڪر تيسين نٿو هلي سگهي جيسين هن جي انجڻ ۾ پيٽرول نه پوي.
    *
    مولانا ابرار جو ان ڳالهه تي گهڻو زور رهيو آهي ته انسان کي سٺي صحبت اختيار ڪرڻ کپي. ان معاملي ۾ هڪ عالم ٻئي عالم جو محتاج رهي ٿو. جيئن هڪ سرجن هزارين مريضن جا ته پيٽ چيري آپريشنون ڪري ٿو يا انهن جي بُڪين (Kidneys) مان تڪليف ڏيندڙ پٿريون ڪڍي کين آرام پهچائي ٿو پر پنهنجي اوک جي آپريشن پاڻ نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ هن کي ٻئي سرجن وٽ وڃڻو پوي ٿو. اهڙي طرح هڪ عالم کي به پنهنجي اصلاح لاءِ ٻئي مصلح (نيڪ ۽ ڄاڻو انسان) جي صحبت جي ضرورت آهي.
    صحبت جي باري ۾ مولانا اشرف علي ٿانويءَ جو چوڻ آهي ته صحبت ان وقت فائديمند ثابت ٿئي ٿي جڏهن اها هڪ خاص عرصي تائين رهي ۽ لڳاتار قائم رهي ۽ اهو عرصو يا مدت چاليهه ڏينهن آهي. جهڙي طرح ڪڪڙ جڏهن 21 ڏينهن لڳاتار پنهنجن آنن تي وهي ٿي تڏهن وڃي آنن ۾ حيات پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ ڪڪڙ کي پنهنجا آنا ڦوڙڻا نٿا پون. انهن ۾ پيدا ٿيل ٻچا پنهنجن آنن کي پاڻ ئي ڀڃي ٻاهر نڪريو اچن. اهڙي طرح انسان جڏهن چاليهه ڏينهن تائين لڳاتار ڪنهن الله جي نيڪ ٻانهي وٽ رهي ٿو ته هن ۾ حيات ايماني پيدا ٿيو وڃي ۽ اهو انسان نفس جي کوپي (خول) مان پاڻهي ئي ٻاهر نڪريو اچي ۽ گناهن جي زنجير کي خودبخود ڀڃيو ڇڏي.
    *
    عام معلوم خاطر هتي اهو لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته ڏهاڪو کن سالن کان برما جو ميانمار ۽ سندس گاديءَ جي شهر رنگون جو نالو بدلائي (Yangoon) رکيو ويو آهي.


    گِلا – اسانجو خاص شغل

    اڄ کان چاليهه پنجاهه سال کن اڳ يورپ پاسي، ڪنهن وڏي شهر ۾ ورلي ڪا مسجد نظر ايندي هئي ۽ پوءِ آهستي آهستي انهن جو تعداد وڌندو ويو. آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي معاشي حالت خراب ٿيڻ ڪري اتي جا ڪيترائي مسلمان يورپ جي مختلف ملڪن ڏي لڏي آيا. ايران ۽ عراق ۾ سياسي حالتن جي بدلجڻ ڪري انهن ملڪن جا به لکين ماڻهو يورپ جي ملڪن ڏي لڏي آيا ۽ پوءِ ظاهر آهي يورپ جي جن جن شهرن ۾ ايشيائي ۽ آفريڪي مسلمانن جي گهڻائي ٿيندي ويئي انهن ۾ مسجدن جو تعداد به وڌندو ويو. ستر ۽ اَسي واري ڏهاڪي ۾ تمام گهڻي لڏ پلاڻ ٿي. ڏکڻ يورپ جي ملڪن: اٽلي، فرانس، اسپين، جرمني، انگلينڊ جهڙن ملڪن ۾ ته ايشيا ۽ آفريڪا جي ماڻهن جو تعداد وڌي ويو پر اتر يورپ پاسي جي سخت ٿڌن ملڪن: ڊئنمارڪ، هالينڊ، ناروي، سئيڊن وغيره ڏي به ايشيائي مسلمان نظر اچڻ لڳا. ڪنهن به مسجد ۾ وڃبو هو ته پاڻ جهڙا ڪڻڪ رنگا ۽ هئڊا ايشيائي ۽ آفريڪا جا ڪارا شيدي ضرور ملندا هئا. ۽ پوءِ اَسي واري ڏهاڪي جي آخري سالن کان هڪ اهڙو دور شروع ٿي ويو جو يورپ جا گورا به مسلمان ٿيڻ لڳا يا گهٽ ۾ گهٽ اسلام جي ڄاڻ رکڻ لڳا ته آخر اسلام ڇا آهي. مسلمانن ڇا ٿي ڪيو ان تي ڌيان ڏيڻ بدران هنن اسلام بابت معلومات حاصل ڪئي ته اهو ڇا ٿو چاهي. اسلام موجب ڪهڙيون ڳالهيون سٺيون آهن ڪهڙيون خراب. دڪانن تي يورپ جي مختلف زبانن ۾ قرآن مجيد جا ترجما ۽ اسلامي ڪتاب نظر اچڻ لڳا. ڪيترائي يورپ جا گورا اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ لڳا. سڀ ڪجهه هوندي به هنن کي بي چيني هئي. اسلام هنن کي سڪون مهيا ڪيو آهي. هنن ٻڌايو ٿي.
    هڪ نو مسلم يورپي عورت ٻڌايو ته هوءَ عيسائي مذهب جي تبليغ ڪندڙ هئي. هن قرآن کي ان خيال کان چڱيءَ طرح پڙهڻ شروع ڪيو جيئن هوءَ مسلمانن سان بحث ڪري کين عيسائي ٿيڻ لاءِ مطمئن ۽ راضي ڪري ۽ هنن جي اسلام کان دل کٽي ٿئي. ۽ پوءِ جڏهن هن قرآن جو چڱي طرح مطالعو شروع ڪيو ته هن کي محسوس ٿيو ته هيستائين هوءَ ڀٽڪيل راهه تي هئي ۽ هوءَ يڪدم مسلمان ٿي. هوءَ نه فقط مسلمان ٿي پر هاڻ هوءَ اسلام جي تبليغ ڪري ٿي.
    اڄ کان چوٿون صدي کن اڳ فرانس جهڙي يورپي ملڪ ۾ سؤ کان به گهٽ مسجدون هيون. اڄ اتي هزار کان مٿي مسجدون آهن. رمضان جي تراويح نماز فرانس جي تقريباً هر شهر جي مسجد ۾ پڙهي وڃي ٿي.
    سئيڊن جهڙو ملڪ جتي 1980ع تائين اسان سوچي به نٿي سگهياسين ته اتي ڪا مسجد ٺهي سگهي ٿي. اتي جي مڪاني ماڻهن جو ”عيسائيت“ ڏي ئي ڪو لاڙو نه هو. اڄ سئيڊن جي شهر: اسٽاڪهوم، گوتابرگ ۽ مالمو وغيره ۾ نه رڳو مسجدون آهن پر نمازين سان ٽٻ آهن. مالمو ۾ ٻه سال (93-1992ع) رهڻ دوران انهن مسجدن ۾ ڪي ٿورا ايشيائي ۽ آفريڪي ڏٺم نه ته رڳو گورا يورپي هئا: جرمن، يوگوسلاوين، ڊئنش، نارويجن ۽ مڪاني سئيڊش ماڻهو. هونءَ به هنن ملڪن ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جا ماڻهو گهٽ آهن. مسجدون جي نمازين سان ٽٻ آهن ته هتي جي گورن يعني يورپين سان جيڪي هاڻ مسلمان ٿيندا وڃن. ڪيترا اهڙا آهن جن اسلام بابت تمام گهڻو پڙهيو آهي پر هنن مسلمانن ٿيڻ جو اعلان نه ڪيو آهي. اسلام جن ڳالهين لاءِ چوي ٿو هو دل سان قبول ڪن ٿا پر ان جو اظهار ڪرڻ لاءِ اڃا ٻڏتر ۾ آهن. ڪيترن يورپي ماڻهن جو اسلام بابت مطالعو اسان پيدائشي مسلمانن کان وڌيڪ آهي. اسان ڀلي مغرب ۽ يورپ جي ماڻهن کي گاريون ڏيون پر ڏٺو وڃي ته هنن ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن جن لاءِ اسلام زور ڏئي ٿو ۽ اهي اسان مسلمانن ۾ هجڻ کپن. سئيڊن ۾ رهڻ دوران مڪاني ماڻهن جون سٺيون عادتون: هميشھ سچ ڳالهائڻ، ٻئي جي مدد ڪرڻ، ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏيڻ، ٻئي جي گِلا کان پرهيز ڪرڻ، وقت تي نوڪري تي پهچڻ، پاڙي وارن جو خيال ڪرڻ، بيمار، بيواهه ۽ پوڙهي جي مدد ڪرڻ، وغيره... ڏسي اسانجو مصري ڪئپٽن حنفي ته هميشھ اهو چوندو هو ته ”الطاف لڳي ائين ٿو ته مسلمان مصر ۽ پاڪستان ۾ ضرور آهن پر اسلام هتي سئيڊن ۾ آهي.“ يا وري چوندو هو ”يار هي ماڻهو رڳو ڪلمو پڙهن ۽ سوئر نه کائين ته اسان کان وڌيڪ سٺا مسلمان سڏجن.“ ۽ ”ٽيون شراب پيئڻ ڇڏين.“ مون سندس ڳالهه ۾ اضافو ڪيو.
    ”ڀائو ڪٿي ٿا شراب پيئن“، ڪئپٽن حنفيءَ درستي ڪندي سمجهايو، ”تون پاڻ ڏس ته اڄ کان ويهه ٽيهه سال اڳ تائين هنن ملڪن (سئيڊن، ڊئنمارڪ، ناروي وغيره) جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مئخانا ۽ اُگهاڙا ناچ گهر هوندا هئا. هاڻ ڪي آهن؟ ورلي ڪي Bar يا Pub آهن جن ۾ به ايندڙن تي سختي ڪئي وئي آهي. رات جو جلدي بند ڪيا وڃن ٿا، محدود مقدار ۾ پيئڻ لاءِ ڏنو وڃي ٿو، نشي جي حالت ۾ ڪا غلط حرڪت ڪرڻ تي سخت سزائون آهن... سوئر کائڻ ۽ ڪتي پالڻ لاءِ به مڃين ٿا ته سٺي ڳالهه ناهي...“
    هتي جي ماڻهن کي ڏٺو وڃي ته اسلام بابت ڏينهون ڏينهن ايڏي ڄاڻ ٿيندي وڃي جو اسان مسلمانن جي غلط ڪمن تان هو افسوس ڪن ٿا. هيءَ ڳالهه ”يورپ جا ڏينهن“ ڪتاب ۾ به لکي چڪو آهيان ته آئون پنهنجي ڪرسچن دوست سان گڏ يورپ جي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ سفر ڪري رهيو هوس ته هوائي جهاز ۾ هڪ عرب، شراب جو گلاس هٿ ۾ جهلي، ايئر هوسٽس کي پريشان ڪري رهيو هو ته هن طرفان ڏنل سئنڊوچ حلال آهي يا پورڪ (سوئر) جي آهي. عرب جي دانهن تي ٻيا مسافر به پريشان ٿي رهيا هئا. آخر منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڪرسچن دوست هن کان پڇيو: ”تون سوئر ڇو نٿو کائين؟“ هن جو پڇڻ ۽ اسان وارو عرب يار ويتر بگڙي ويو. ظاهر آهي هن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ اکيون ڦوٽاڙي پڇڻ واري عيسائيءَ کي چيو: ”ڇا توکي خبر ناهي آئون مسلمان آهيان ۽ هڪ مسلمان لاءِ خنزير حرام آهي؟“
    عيسائي دوست سندس ڪاوڙ جي پرواهه نه ڪندي ويتر مرڪندي چيس: ”منهنجا ڀاءُ مونکي خبر آهي. آئون جيتوڻيڪ مسلمان نه آهيان پر توکان وڌيڪ اسلام بابت پڙهيو اٿم. مونکي خبر آهي ته مسلمان لاءِ سوئر حرام آهي ۽ مونکي اها به خبر آهي ته مسلمان لاءِ شراب به حرام آهي.“
    اهو ٻڌي هو عرب همراهه ککو وکو ٿي ويو. وسڪيءَ سان ڀريل گلاس کڻي ٽيبل تي رکيائين.
    هڪ دفعي ڊئنمارڪ ۾ ڪجهه مسلمان ۽ ڪجهه يورپي ملڪن جا اسين جهازي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچڻ لاءِ Life Raft جو ڪم ۽ ان جو استعمال سکي رهيا هئاسين جنهن بعد اسان کي جهاز ۾ کلئي سمنڊ ۾ وڃي لائيف رئفٽ سان گڏ پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيڻو هو. اسانکي سيکارڻ واري انسٽرڪٽر اسان کي ڪناري تي ويهي ڪجهه وڌيڪ پرئڪٽس ڪرڻ لاءِ چيو. اسانجي گروپ ۾ موجود اڪيلو يورپي (فرينچ) جهازي پڻ اسان کي ان لاءِ خبردار ڪندو رهيو پر اسين باقي ڄڻا جن ۾ عرب ۽ اسان بنگلاديش ۽ پاڪستان جا جهازي هئاسين سستي کان ويٺا رهياسين ۽ فرينچ کي اهوئي چوندا رهياسين ته ”اسان مسلمان آهيون. اسان جو الله تي ڀروسو آهي مرڻو هوندو ته هڪ ڏينهن مري وينداسين.“
    نڄاڻ اهو فرينچ گورو جهازي پاڻ به مسلمان هو. هن اسان جي ان ڳالهه کي رد ڪندي درستي خاطر حديث ٻڌائي ته حضور ﷺ جن جو چوڻ آهي ته پنهنجي اُٺ کي مضبوط ٻڌ ۽ پوءِ الله تي ڇڏ. سو اسان کي به پنهنجي حساب سان چڱي طرح پرئڪٽس ڪرڻ کپي ۽ پوءِ الله تي ڇڏڻ کپي. جنهن جي حياتي هوندي اهو بچي ويندو جنهن جي نه هوندي اهو مري ويندو.“
    بهرحال انهن ڳالهين مان يورپين جو اڄڪلهه اسلام ڏي وڌندڙ لاڙي ۽ اسان جي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي کين ڄاڻ جي خبر پوي ٿي. ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي مذهبي طرح توڙي اخلاقي طرح خراب سمجهيون وڃن ٿيون پر اسان علمي يا لاعلمي ۾ اهي ڪندا رهون ٿا. سئيڊن ۾ ٻه سال رهائش دوران اسان پنج ڇهه پاڪستان هر وقت ٽولو ٺاهي هلندا هئاسين. اسان سان گڏ هڪ سؤ کان مٿي ملڪن جا ٻه سؤ کن ٻيا به جهازي آفيسر هئا. اسان پاڪستاني عادت کان مجبور جيئن پنهنجي ملڪ ۾ به هر وقت هڪ ئي ڳوٺ، ضلعي يا صوبي جا ڌار ڌار ٽولو ٺاهي هلون. سو هتي ولايت ۾ به ٻين سان رلي ملي هلڻ بدران پنهنجي ملڪ جو ٽولو ٺاهي هلياسين ٿي. وڌ ۾ وڌ پاڙي جي ايشيائي ملڪن (بنگلاديش ۽ ايران) جي ماڻهن سان يا عرب ملڪن (سعودي، ڪويت، مصر، آلجيريا وغيره) جي ماڻهن سان ويٺاسين ٿي. هر وقت پنهنجي راءِ کي نه فقط صحيح سمجهيوسين ٿي پر ٻين تي ٿاڦڻ جي به پوري پوري ڪوشش ڪئي ٿي. هر ڳالهه ۾ پاڻ کي اُتم ۽ هر پنهنجي ڪم يا عادت کي صحيح سمجهيوسين ٿي ۽ ٻين کي هيٺاهون يا غلط قرار ڏيڻ جي ڌن ۾ رهندا هئاسين. دنيا اسان لاءِ ڇا ٿي رايو ڏئي اهو feed back وٺي پاڻ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران پاڻ کي اهو اعليٰ انسان سمجهندا هئاسين جيڪو اسان پاڻ پنهنجي لاءِ راءِ رکي ٿي. اسلام جي به جيتوڻيڪ چڱي طرح ڄاڻ نه هئي پر پنهنجي هر ڪم ۽ هر عمل کي عين اسلامي سمجهيو ٿي. ان معاملي ۾ دنيا جي سڀني مسلمانن کان پاڻ کي بهتر مسلمان تصور ڪيو ٿي. اسان ڳچيءَ ۾ ٻڌل تعويذن، قبرن ۽ درگاهن تي وڃڻ جي ڳالهين، الله سان گڏ انسانن کي داتا گنج، حاجت روا، مشڪل ڪشا ۽ الائي ڇا جو ڇا سڏڻ تي ڀلي اسان جا ٻيا مسلمان ڀائر (عرب، ملئي، آفريڪي) توبه توبه ڪندا رهن پر اسان پاڻ کي اسلام جا وڏا پوئلڳ سمجهندا رهون ٿا.
    اهو مثال به ڪنهن ڪتاب يا ڪالم ۾ لکي چڪو آهيان ته هڪ نو مسلم يورپي، موڪلن ۾ ڊئنمارڪ کان پاڪستان گهمڻ ويو. ٻاهر جي ماڻهن لاءِ پاڪستان هڪ Ideal اسلامي ملڪ سمجهيو وڃي ٿو، ڇو جو پاڪستان اسلام جي نالي ۾ ٺهيو. جڏهن هو پاڪستان واپس آيو ته حال احوال ورتومانس. پنهنجي نڪ کي گَهندي چيائين توهان ڪهڙا مسلمان آهيو؟ پڇيومانس: ”ڇو؟“ وراڻيائين: ”آئون جڏهن مسلمان نه هوس (يعني عيسائي هوس) ته منهنجا فقط ٽي خدا هئا: هولي فادر، هولي گوسٽ وغيره وغيره. مسلمان ٿيڻ بعد منهنجو هڪ خدا ۾ ايمان آهي جنهن سڄي ڪائنات کي پيدا ڪيو آهي. هو اسان سڀني جو رب آهي. هوئي سڀ ڪجهه اسان کي ڏئي ٿو ۽ اسان جا ڏک درد لاهي ٿو. پاڪستان پهچي مونکي افسوس ٿيو ته توهان مسلمانن الله کان علاوه ٻيو ڪنهن ڪنهن کي کڻي ان داتا بڻايو آهي. رڳو ساحلِ سمنڊ تي ئي ڇهه ست درگاهون ٺهيون پيون آهن جن کان حاجتمند دل جون مرادون پيا گهرن.... وغيره وغيره.
    هڪ دفعي اسان جي هڪ پاڪستانيءَ هڪ يورپي (شايد يوگوسلاويا پاسي جو هو) سان اجايو مذهب تي بحث ڇيڙي هن کي شراب لاءِ چيو ته توهان غير مسلم شراب جهڙي خراب شيءِ واپرايو ٿا.
    هن ڪا دير اسان جي منهن ۾ چتائي ڏٺو ۽ پوءِ چيو: ”اسان ته ڪڏهن ڪڏهن شام جو پيگ چاڙهيون ٿا توهان جو سڄو ڏينهن ويٺا پرائي پچار ڪريو يعني گِلا ڪريو- اها ڪهڙي سٺي ڳالهه آهي؟ آئون مسلمان نه آهيان پر منهنجو اسلام بابت ايترو مطالعو ضرور آهي ۽ مونکي خبر آهي ته حديث ۽ قرآن ۾ ان ڳالهه کي ڪيترو ننديو ويو آهي.“
    مونکي ان وقت محسوس ٿيو ته اسان ۾ اها ڪيڏي غلط عادت آهي جو اسان پرائي پچار ڪندا رهون ٿا- جيڪا مذهبي نقطي نگاهه کان عرب توڙي ملئي ۽ انڊونيشي مسلمانن ۽ اخلاقي طرح انگريزن ۽ يورپين ۾ بنهه ناهي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ ’ڪاوش‘ يا شايد ’ڪوشش‘ اخبار ۾ اها خبر پڙهيم ته انٽرنيٽ ذريعي قاسم آباد جي هڪ سنڌي نوجوان جو ملائيشيا جي ڇوڪريءَ سان عشق ٿيو ۽ شاديءَ لاءِ هوءَ پاڪستان هلي آئي ۽ ڇوڪر سان نڪاح ڪيو. ان بعد ڇوڪر ملئي ڇوڪريءَ کي ڀٽ شاهه چڪر تي وٺي ويو جتي ملئي ڇوڪريءَ نوجوان کي قبر کي هٿ لائڻ ۽ ٻڪ کڻي قبر کان دعا گهرڻ کان منع ڪئي ۽ حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته مسلمان ٿي ائين قبر پرستي ڇو ٿا ڪريو. ٻي ڳالهه جيڪا هن ملئي ڇوڪريءَ کي عجيب لڳي ته اسان ماڻهن ۾ پرائي پچار گهڻي آهي. مرد توڙي عورتون پنهنجي فرصت جو وڏو حصو گِلا ۾ گذاري ٿو.
    سچ ڳالهه اها آهي جو ان گلا جي عادت ڪري ولايت ۾ پڻ اسان پاڪستاني پنهنجو پاڻ ۾ به وڙهيل رهون ٿا ته ڌارين سان به. رب پاڪ معاف ڪري اسان ان معاملي ۾ ڪيڏو گنهگار ٿيون ٿا. دوستن جي سنگت ۾ جيڪو غير حاضر هوندو ان جون ويٺا گلا ڪنداسين ۽ پوءِ مٿان وري اهو به ٿڌو ٿورو ڪنداسين ته گلا نه پر سچي ڳالهه ٿا ڪريون. پر حقيقت اها آهي ته هر اها ڳالهه جيڪا ٻئي کي رنج رسائي (پوءِ ڀلي کڻي صحيح هجي) گِلا ۾ شمار ٿئي ٿي. جيئن حديث ۾ آهي. ۽ اها ڳالهه جي ڪوڙ آهي ته پوءِ اها ڳالهه گِلا نه پر بهتان ٿي جيڪا اڃا به خراب ڳالهه آهي.
    سورة الحجرات جي ٻارهين آيت ۾ رب پاڪ ارشاد ٿو فرمائي: ”اي مومنؤ! اڪثر گمانن کان پري رهو. بيشڪ ڪي گمان گناهه جي برابر آهن ۽ جاسوسي نه ڪيو (يعني لڪي ڇپي ٻين جا احوال معلوم نه ڪيو) ۽ توهان مان ڪو ڪنهن جي گِلا نه ڪري (پرپٺ گلا ڪرڻ آهي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ). ڇا توهان ۾ ڪو اهڙو آهي جو پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسندو ڪندو؟ توهان کي خود ان کان نفرت ٿيندي. خدا کان ڊڄو (۽ انهن ڳالهين کان باز اچو). بيشڪ خدا باز اچڻ وارن جي توبهه قبول ڪندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي.“
    گِلا جي Definition اها آهي ته ”ماڻهو پرپٺ ڪنهن ٻئي جي متعلق اهڙي ڳالهه ڪري جيڪا جيڪڏهن هن کي معلوم ٿئي ته هن کي ناگوار لڳي“ اها Definition خود رسول الله ﷺکان نقل ٿيل آهي. حضرت ابوهريره ﷦ کان روايت ٿيل جنهن کي مسلم، ابودائود، ترمذي، نسائي ۽ ٻين محدثين قلمبند ڪيو آهي ته حضور ﷺ جن غيبت يعني گِلا جي اها وصف بيان فرمائي ته ڪنهن عرض ڪيو ته ”يارسول الله ﷺ جيڪڏهن اها خرابي ان ماڻهوءَ ۾ موجود هجي جنهن جي ڳالهه پئي هلي ته ان صورت ۾ توهانجو ڇا خيال آهي؟“
    پاڻ ﷺ فرمايو جيڪڏهن ان ماڻهوءَ ۾ اها ڳالهه آهي ته پوءِ توهان هن جي گلا ڪئي ۽ جيڪڏهن نه آهي ته پوءِ توهان هن تي بهتان هنيو.
    سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ ۾ رهائش دوران اتي جي مسجدن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا عالم ۽ مولوي جمعي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن عنوان تي ليڪچر ڏيندا هئا. انهن ۾ گهڻو ڪري سائوٿ آفريڪا جا، پاڪستان جي پنجاب پاسي جا ۽ آمريڪا (USA) جا نو مسلم هوندا هئا- يعني اهي اسلام مان متاثر ٿي مسلمان ٿيا آهن ۽ هاڻ تبليغ جو ڪم ڪن ٿا. ائين ته ترڪي جا به مولوي ايندا هئا پر مٿين ملڪن جا انگريزيءَ ۾ واعظ ڪندا هئا. ڌارين زبانن ۾ هن پاسي انگريزي بعد ترڪي هلي ٿي ڇو جو هن پاسي يوگوسلاويا، البانيا، بلغاريا ۽ ٻين بلقاني رياستن جا ماڻهو ترڪي سمجهن ٿا. هڪ دفعي گِلا ۽ پرائي پچار جي عنوان تي واعظ ڪندي هڪ نو مسلم مولويءَ قرآن مجيد جي مٿين آيت جو ترجمو ۽ سمجهاڻي ڏني جنهن ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته:
    وَّلَاتَحَسَّسُوْا وَلَايَغْتَبْ بَّعْضُکُمْ بَعْضًا
    (تجسس يعني جاسوسي نه ڪيو ۽ توهان مان ڪو ڪنهن جي گِلا نه ڪري).
    مولانا صاحب ان بابت سمجهائيندي چيو: ”ماڻهن جا راز ۽ لڪل ڳالهيون نه ڳوليو، هڪ ٻئي جي عيبن کي وائکو نه ڪريو، ٻين جي حالات ۽ معاملات جي کوجنا نه ڪريو. اهو ڪم چاهي بدگماني جي بنياد تي ڪيو وڃي يا صرف پنهنجي Curiosity دور ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي، هر حال ۾ شرعي طرح منع ٿيل آهي. هڪ مؤمن جو اهو ڪم ناهي ته هو ٻين جي حالتن تي پيل پڙدي پويان ليئا پائي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته ٻين ۾ ڪهڙا عيب آهن يا ٻين ۾ ڪهڙيون ڪوتاهيون آهن. ماڻهن جا ذاتي خط پڙهڻ، ٻن ماڻهن جي وچ ۾ هلندڙ ڳالهين کي ڪن ڏيئي ٻُڌڻ، پاڙيسرين جي گهر ۾ نظر ڊوڙائڻ ۽ مختلف طريقن سان ٻين جي ذاتي زندگي يا انهن جي ذاتي معاملن کي اُکيلڻ هڪ وڏي بداخلاقي آهي، جنهن سان ڪئين قسمن جا جهيڙا ۽ غلط فهميون پيدا ٿين ٿيون.“ مولوي صاحب ٻڌايو ته ان ڪري نبي ﷺ جن هڪ دفعي پنهنجي خطبي ۾ تجسس ڪرڻ وارن لاءِ فرمايو:
    ”اي مسلمانو! جن جي زبان تي ايمان آيو آهي پر دلين ۾ اڃا ايمان نه آيو آهي، مسلمانن جي لڪل حالتن جي کوج نه ڪريو، ڇو ته اهو شخص جيڪو مسلمانن جا عيب ڳولڻ جي پٺيان لڳندو الله ان جي عيبن پٺيان لڳي ويندو ۽ الله جنهن سان ناراض ٿئي ٿو ته اهو گهر ۾ به منهن کڻڻ جهڙو نٿو ٿئي.“
    هڪ ٻي حديث ۾ به آهي ته جڏهن ڪنهن شخص بابت توهان جي دل ۾ ڪو خراب گمان پيدا ٿي پوي ته هن جي تحقيق نه ڪريو.
    مولوي صاحب اسان ٻڌندڙن کي خبردار ڪندي صاف صاف ٻڌايو ته ”ڪنهن جي به غير حاضريءَ ۾ هن لاءِ خراب ڳالهه ڪرڻ قطعاً حرام آهي. اها خراب ڳالهه (بدگوئي) جيڪڏهن سچي آهي ته اها ”گِلا) (غيبت) ۾ شمار ٿئي ٿي، جي ڪوڙ آهي ته ”بهتان“ ٿيو ۽ جي اها ڳالهه ٻن ماڻهن کي ويڙهائڻ لاءِ ڪئي وئي آهي ته ”چغلي“ ٿي. شريعت ۾ اهي ٽئي شيون حرام آهن.“
    رب پاڪ شال اسان کي سنئين راهه تي هلائي ۽ روزمره جي ان قسم جي گناهن کان بچائي ۽ هرهڪ کي اهوئي تجربو هوندو ته Long run ۾ انهن ڳالهين مان ڪجهه به هڙ حاصل نٿو ٿئي ۽ هن جهان ۾ ئي ان جا اگرا نتيجا سامهون اچن ٿا. والدين ۽ اسڪول ٽيچرن کي جڳائي ته هو ٻاراڻي ليول تي ئي گِلا جهڙي برائيءَ کي نندين ۽ چاهه سان گِلا ٻڌڻ بدران گِلا ڪرڻ واري کي دلشڪستو ڪن جيئن برونائي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي مسلمان فئملين ۾ ڪيو وڃي ٿو.


    مغرب جي ماڻهن کي ڇو ٿا ڪافر سڏيو

    انسان ڏينهن رات پنهنجي مٿان ڇانئيل آسمان کي ڏسي ٿو جنهن ۾ ڏينهن جو سج چمڪي ٿو ۽ رات جو چنڊ ۽ بيشمار تارا چمڪندي نظر اچن ٿا جن کي انسان بنا دوربين ڏسڻ سان به حيرت کائي ٿو پر جيڪڏهن ڪنهن دوربين سان ڏسي ته به هن کي ايڏي وسيع ۽ عريض ڪائنات نظر اچي ٿي جنهن جو ڪو ڪنارو ناهي، ڪو دنگ ناهي ڪو انت ناهي. اسانجي ڌرتيءَ کان لکها وڏا عظيم الشان سيارا ان ۾ بالن وانگر گهمندا رهن ٿا. اسانجي سج کان هزارين درجا وڌيڪ روشن ۽ ٻرندڙ تارا ان ۾ چمڪندا رهن ٿا. اسانجو هي سڄو نظام شمسي (سج، ڌرتي، مريخ، جيوپيٽر وغيره وغيره) ان جي فقط هڪ ڪهڪشان (Galaxy) جي هڪ ڪنڊ ۾ پيو آهي. فقط ان هڪ ڪهڪشان ۾ اسانجي سج جهڙا گهٽ ۾ گهٽ ٽي ارب ٻيا تارا موجود آهن. ۽ اڄ تائين جيڪي دوربينيون انسان ايجاد ڪري چڪو آهي انهن ذريعي انسان جو دماغ اهو معلوم ڪري دنگ رهجي ويو آهي ته ان ڪهڪهشان جهڙيون ٻيون به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک ڪهڪشائون جي خبر پوي ٿي. انهن لکين ڪهڪشائن مان جيڪا ويجهي ويجهي ڪهڪشان آهي جنهن کي پاڙي جي ڪهڪشان چئي سگهجي ٿي ايتري فاصلي تي آهي جو ان جي روشني هڪ لک ڇهاسي هزار ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان هلي ڏهه لک سالن ۾ اسان جي ڌرتيءَ تي پهچي ٿي. هي ته ڪائنات جي فقط ان حصي جي وسعت جو حال آهي جيڪو هن وقت تائين انسان جي علم ۽ مشاهدي ۾ آيو آهي. خدا جي خدائي ڪيڏي وسيع آهي ان جو اندازو اسين نٿا ڪري سگهون. ٿي سگهي ٿو انسان جو ڪائنات بابت علم هن سڄي ڪائنات جي مقابلي ۾ ايترو به نه هجي جيترو هڪ ڦڙي جو سمنڊ جي ڀيٽ ۾.
    هينئر ويجهڙائيءَ ۾ علم فلڪيات (Astronomy) جي ڄاڻو سائنسدانن هڪ ڪهڪشاني نظام جو مشاهدو ڪيو آهي جنهن بابت هنن جو اندازو آهي ته ان جي روشنيءَ جا ڪِرڻا جيڪي هن وقت اسان جي ڌرتيءَ تي پهچي رهيا آهن اهي چئن ارب سالن کان به گهڻو اڳ ان مان روانا ٿيا هوندا.
    هڪ اهوئي سبب آهي جو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ سوچ ويچار رکندڙ سائنسدان ظاهري طرح نه ته دل ۾ ضرور اهو سوچي ٿو ته هڪ عظيم طاقت آهي جيڪا هن جهان کي هلائي ٿي اها هن جي مالڪ آهي ۽ هو جڏهن مسلمان ٿئي ٿو ته اسان کان بهتر مسلمان ٿئي ٿو هو خدا کي رب العالمين فقط زبان سان نٿو سڏي پر دل سان تصور ڪري ٿو ۽ هو قرآن کي اسان کان وڌيڪ سمجهي سگهي ٿو ۽ ان جي عظمت ۽ سونهن کي وڌيڪ Appreciate ڪري سگهي ٿو. هو دل سان قبول ڪري ٿو جڏهن هو قرآن جون هن قسم جون آيتون پڙهي ٿو:
    افلم ينظروآ اِلي السَّمَآءِ فوقهم کيف بنيناها وزينهاها ومالها من فروج (6/50)
    (ته ڇا هو پنهنجي مٿان آسمان ڏي نٿو ڏسي؟ ته اسان هن کي ڪيئن ٺاهيو آهي! ۽ اسان هن کي (تارن سان) سينگاريو آهي ۽ ان ۾ ڪو شگاف (رنڊڪ) ناهي.)
    الزخرف (قرآن جي 43 سورة) جي ڏهين آيت ۾ آهي ته هن زمين ۽ آسمان کي هڪ زبردست (عزيز) ۽ عليم هستيءَ پيدا ڪيو آهي- انهيءَ ته توهانجي لاءِ هن زمين کي پينگهو بڻايو. (الذي جعل لکم الارض مَهدا) يعني جنهن نموني سان هڪ ٻار پينگهي ۾ آرام سان ستو پيو هوندو آهي اهڙي طرح هي ڌرتيءَ جو گولو اسان لاءِ آهي ۽ ان ڳالهه کي هڪ سائنسدان وڌيڪ ئي سمجهي ۽ Appreciate ڪري ٿو. هن کي خبر آهي ته هيءَ ڌرتيءَ جو گولو جيڪو لڳي ائين ٿو ته هڪ هنڌ بيٺو آهي اهو هڪ هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان لاٽمي وانگر پنهنجي محور تي ڦري رهيو آهي ۽ اٽڪل ڇاهٺ هزار ميل في ڪلاڪ جي حساب سان ڪار وانگر اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان رفتار سان سج جي چوڌاري ڦيرو 365 ڏينهن- يعني هڪ سال ۾ ڪري ٿو. پر ان رفتار جي هوندي رب پاڪ ان کي ايڏو پرسڪون بڻايو آهي جو اسان آرام سان ستا پيا آهيون پر ڪو هلڪو لوڏو به محسوس نٿو ٿئي. جيئن چچي ڇت تي هلي ٿي ائين اسان اونڌا ٿي هن ڌرتيءَ تي هلون پيا ته به ڪِرون نٿا. قدرت هن ڌرتيءَ ۾ اهڙي ته چقمق جي طاقت پيدا ڪئي آهي جو اسان کي اها ڇڪيو ويٺي آهي نه ته راڪيٽ ۾ ويهي خلا ۾ ڏسجي ته ڌرتيءَ تي هلندڙ ماڻهو اونڌا لٽڪيل نظر اچن ٿا. هڪ آمريڪن نئين مسلمان منهنجو ڌيان ان ڏي ڇڪائيندي چيو ته چقمق کي جڏهن گرم ڪجي ٿو ته ان مان سندس چقمق واري خاصيت ختم ٿيو وڃي ۽ ان تي چنبڙيل لوهي ذرڙا ڪِريو پون. قيامت جي ڏنهن به ٿي سگهي ٿو ته سخت گرميءَ ڪري ڌرتي جيڪا چقمق مثال آهي ڇڪڻ جي خاصيت وڃائي وهي ۽ پوءِ واقعي جبل به ڪپهه جي ڏيني وانگر اُڏامي وڃن.
    هڪ ٻئي نئين مسلمان جنهن جو واسطو موسميات کاتي سان آهي تنهن هڪ ڏينهن ڳالهين ڪندي ٻڌايو ته هڪ هوائي جهاز به پاڻهي نه ٿو هلي سگهي. هن کي هلائڻ لاءِ پائليٽ آهي. هلندڙ جهاز مان پائليٽ نڪري وڃي يا هو مري وڃي ته جهاز وڃي ڦهڪو ڪري. اتي ڪائنات ۾ هينئن لکين تارا ۽ سيارا بالن وانگر وڏي رفتار سان پيا ڊوڙن پر هڪ ٻئي سان نه ٽڪرائجن ٿا ۽ نه وري رستو ڀُلجن ٿا. ان جو مطلب اهو آهي ته ڪو ته وڏو پائليٽ آهي، ڪو ته عليم ۽ خبير آهي. ڪو ته ڄاڻو ۽ طاقتور آهي، جنهن جي حڪم تي هي سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي. پڇيومانس: ”تون مسلمان ڪيئن ٿئين؟“
    وراڻيائين ته ”اهي سڀ ڳالهيون سوچي سوچي مون دل سان مڃيو ته هن ڪائنات کي هلائڻ وارو رب ئي آهي جيڪو هميشھ زندهه آهي جنهن جو هرهڪ چيو مڃي ٿو ۽ هن جي حڪم ۽ مرضيءَ سان سڀ ڪجهه ٿئي ٿو.“
    ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون آهن جن کي اسان زباني ته مڃيون ٿا پر انهن تي غور نٿا ڪريون. جي غور ڪريون ۽ سوچ ويچار کان ڪم وٺون ته خدا جي وڏائي ۽ عظمت کي اڃا به دل جي گهرائين سان مڃيون ۽ پوءِ اسان کي هر شيءِ مان الله تعاليٰ جي موجودگي محسوس ٿئي. رب پاڪ قرآن شريف ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اهو فرمايو آهي ته:
    اِنَّ فِيْ ذَالِكَ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّسْمَعُوْنَ
    (بيشڪ ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (غور سان) ٻڌن ٿا.)
    کَذٰلِكَ نفصِّلُ الاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ
    (ان طرح اسان نشانيون چٽيون (ظاهر ظهور) پيش ڪيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا.)
    اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتِ لِّقَوْمٍ يَّتَفَکَّرُوْنَ
    (ان ۾ هڪ وڏي نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور و فڪر ڪن ٿا.)
    اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتِ لِّقَوْمٍ يَّعْقِلُوْنَ
    (ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا.)
    اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيٰتِ لِّقَوْمٍ يُّوْمِنُوْنَ
    (ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا.)
    سو اها ڳالهه ناهي جيڪا اڪثر اسان وٽ مشرق ۾ تصور ڪئي وڃي ٿي ته تعليم حاصل ڪرڻ سان، خاص ڪري سائنس جو علم پرائڻ سان ماڻهو خدا جو انڪاري (ڪافر) ٿيو وڃي، سچ ته اهو آهي ته جيترو ماڻهو عقل، علم، سوچ ويچار کان ڪم وٺي ٿو اوترو ئي هن کي خدا جي موجودگيءَ جو احساس ٿئي ٿو بشرطيڪ هن کي دل ۾ ڪينو، بغض ۽ ٻيائي نه هجي. هو Biased نه هجي. مون ڪي ماڻهو (يورپي ۽ آمريڪي) اهڙا به ڏٺا جن جي دل ۾ اسلام لاءِ سخت ڪينو هو. هنن جي زندگيءَ جو مقصد ئي اهو هو ته اسلام کي هيٺاهون ڏيکارجي پر پوءِ هنن جي دلين ۾ اهڙو ڦيرو اچي ويو جو هو پڪا مسلمان ٿي ويا. هڪ اهڙي يورپي مسلمان ٻڌايو ته هو عيسائين جي ڪليسا جو خاص چيلو هو ۽ هن جو ڪم ئي اهو هو ته اها تبليغ ڪجي ته حضرت عيسيٰ الله جو فرزند هو (توبه نعوذ باالله) هن دنيا ۾ عيسائين جي ڪيل ڏوهن جي کين قيامت تي سزا نه ملندي جو عيسائين پاران حضرت عيسيٰ ٽياس تي سزا ڀوڳي ڇڏي ۽ هن اسلام جي خلاف ليڪچر ۽ پروپيگنڊا تيار ڪرڻ لاءِ هن قرآن ۽ حديث جو مطالعو شروع ڪيو پر پوءِ جيئن هو پڙهندو ويو ته هن کي محسوس ٿيو ته اسلام ئي هڪ سچو مذهب آهي ۽ هو نه فقط مسلمان ٿيو پر اهڙو پڪو مسلمان ٿيو جو هو هاڻ باقي عمر اسلام جي تبليغ ۾ ئي گذاري رهيو آهي. مون جهڙن ڪيترن گنهگارن تي ڳوٺ جي گهٽ پڙهيل ۽ بي علم مولويءَ کان وڌيڪ مٿين قسم جي يورپي ۽ آمريڪي نون مسلمان جي ليڪچرن ۽ لاجڪ وڌيڪ اثر ڪيو آهي. ان قسم جي هڪ عورت پڻ ملي جيڪا مسلمانن جي سخت خلاف هئي ۽ هوءَ عيسائيت جي پرچار ڪندي رهي ٿي ۽ پوءِ هن هڪ اهڙي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي جتي گهڻائي عرب، ايشيائي ۽ آفريڪي مسلمانن جي هئي. هن انهن کي اسلام تان هٽائڻ لاءِ پهرين پاڻ اسلام بابت تعليم وٺڻ شروع ڪئي. تفسير سان قرآن پڙهيو. ان دوران هن جي اندر ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو ۽ هن اهو اندازو لڳائي ورتو ته اسلام مڪمل دين حيات آهي. هن ۾ هر شيءِ حقيقت تي مبني آهي. ٻين کي اسلام تان هٽائڻ بدران ماڳهين پاڻ مسلمان ٿي وئي ۽ هن ايڏو علم حاصل ڪيو جو ٻين اسلام سان دلچسپي رکندڙ عيسائي ۽ يهودي عورتن کي اسلام بابت سمجهائڻ ۽ ليڪچر ڏيڻ لڳي. سندس مڙس کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ طلاق ڏئي ڇڏيس. پاڻ پئسي واري عورت هئي. اڳتي هلي هڪ مسجد جي غريب پيش امام سان شادي ڪئي. افسوس جي اها ڳالهه ته ان مسلمان پيش امام شاديءَ بعد هن نئين مسلم عورت جو پئسو ڦٻائي وڏو امير ٿي، بعد ۾ هڪ ٻي ڇوڪريءَ سان وڃي شادي ڪئي ۽ هن عورت کي ڇڏي ڏنو. مون سمجهيو ته اهو واقعو هن نو مسلم عورت جي دل ۾ اسلام لاءِ نفرت پيدا ڪندو پر هن ان کي هڪ انسان جي ڪمزوري ئي سمجهي ۽ ان لاءِ هن اسلام کي ڏوهاري نه بڻايو. ڪيترا سال گذري چڪا آهن. هوءَ اڪيلي زندگيءَ جا ڏينهن گذاري رهي آهي. نوڪري ڪري هوءَ گهر جو خرچ هلائي ٿي ۽ اڄ به هوءَ اسلام جي تبليغ ڪندي رهي ٿي ۽ ڪيترين يورپي عورتن جي اندر ۾ اسلام جي لاٽ روشن ڪندي اچي.
    سو اهو چوڻ هرگز صحيح نه ٿيندو ته يورپ يا آمريڪا يا مغرب ۾ ڪافر ئي رهن ٿا يا هتان ويندڙ مسلمان به اتي پهچي بي دين ٿي وڃن ٿا. هرگز نه. سئيڊن جهڙو ملڪ جتي ستر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن منهنجو پهريون دفعو وڃڻ ٿيو هو، اوگهڙ ۽ بي حيائيءَ کان مشهور هو. ويهن سالن بعد 1992ع ۽ 1993ع وارا ٻه سال اتي رهڻ سان وائڙو ٿي ويس ته اتي اسان ايشيائي ۽ آفريڪي مسلمانن کان وڌيڪ اتي جا مڪاني ۽ يورپي مسلمان آهن. مالمو جهڙي بندرگاهه ۾ ڪراچيءَ جي ميمڻ مسجد جي ماپ جيڏي مسجد کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون مسجدون آهن جن ۾ نو مسلم يورپي ۽ آمريڪي عالمن جا اسلام بابت ليڪچر ٻڌي اسان جهڙا ڪئين جاهل سڌرڻ لڳا ۽ حقيقت کان آگاهه ٿيا ته هيءَ دنيا چند ڏينهن جو چٽڪو آهي. اصل دنيا ٻي جهان ۾ آهي جيڪا هميشھ جي دنيا آهي.
    انگلينڊ وانگر فرانس ۾ سينيگال، ڪئمرون ۽ ٻين آفريڪي ۽ عرب ملڪن جا باشندا رهيا ٿي جن جي ملڪن تي ڪنهن زماني ۾ فرانس وارن جو راڄ هو ۽ انهن مسلمانن جي ڪري فرانس جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ مسجدون هيون. پر اها اڄ کان ٽيهه سال اڳ جي ڳالهه آهي. ان وقت سڄي فرانس ۾ سؤ کن مسجدون هيون ۽ اڄ هڪ هزار کان مٿي مسجدون آهن، جن ۾ نه فقط آفريڪي ۽ ايشيائي مسلمان اچن ٿا پر مڪاني فرينچ ۽ ٻيا يورپي نو مسلم پڻ. اهڙن نو مسلم يورپي ماڻهن جون ڪجهه ڳالهيون پنهنجي هڪ سفرنامي ”جت برف پوي ٿي جام...“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. مطلب اهو آهي ته اسان اهو هرگز چئي نٿا سگهون ته تعليم يا سائنس جي ڄاڻ انسان کي دين کان هٽائي ٿي. حقيقت ۾ اها ته پاڻ هن کي الله جي ويجهو ڪري ٿي ۽ هن کي محسوس ٿئي ٿو ته ڪيتريون ڳالهيون جن کي اسان سائنس ذريعي اڄ پيا ثابت ڪريون، انهن بابت 1400 سال اڳ اسلام انسان کي آگاهه ڪري چڪو آهي. ماکيءَ ۾ شفا آهي. اها اينٽي بائٽڪ طور ڪم آڻي سگهجي ٿي. کاڌن ۾ ماکي ئي آهي جنهن کي جراثيم خراب نٿا ڪن... اهي ڳالهيون جيڪي گذريل صديءَ جي آخري اڌ ۾ ميڊيڪل سائنس ثابت ڪيون، چوڏنهن صديون اڳ مسلمان کي معلوم ٿي چڪيون هيون. اڄ جو يورپي تجربن ذريعي چوي ٿو ته سوئر جو گوشت انسان جي صحت لاءِ خراب آهي. اها ڳالهه ته 1400 سال اڳ قرآن ۾ اچي چڪي آهي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي انسان جو دماغ ايڏو ترقي ڪري جو هو اهو به مڃي ته سوئر جو گوشت نه فقط صحت تي اثر انداز ٿئي ٿو پر اخلاق تي پڻ. اڄ کان پنجاهه سال اڳ اسان ڪيترن غير مسلمان شاگردن ۽ استادن کان اهو ٻڌندا هئاسين ته توهان مسلمانن جي ڪتاب ۾ آهي ته سج ۽ تارا به هلي رهيا آهن پر سائنس ته اهو ثابت ڪيو آهي ته سج هڪ هنڌ بيٺو آهي ۽ ڌرتي ۽ ٻيا سيارا هن جي گرد پيا گهمن ۽ پوءِ هڪ دور اهڙو به آيو- 1978ع يا 79ع جي ڳالهه آهي جپان جي هڪ انگريزي اخبار ۾ پڙهيم ته نه فقط ڌرتي ۽ چنڊ پر سج به هن ڪائنات ۾ ٻين تارن وانگر چُري رهيو آهي. مغربيت جي گهڻي اثر ڪري منهنجي دل ۾ به ڪيترين ڳالهين جا شڪ پيدا ٿيندا هئا پر هڪ ٻئي پويان مٿئين قسم جون جڏهن ڪيتريون ئي ڳالهيون پڙهيم، ٻڌم ۽ ڏٺم ته هاڻ منهنجو ان تي يقين آهي ته قرآن الاهي ڪتاب آهي. انسان جو علم گهٽ ۽ ڪمزور آهي جنهن ڪري هن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهه ۾ نٿيون اچن ۽ پوءِ هو پنهنجي دل ۾ شڪ ۽ وسوسا پيدا ٿو ڪري. اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو سائنس ايڏي ترقي ڪري يا انسان جي دماغ ۾ وڌيڪ سمجهه پيدا ٿئي جو هو قدرت جا ڪجهه ڪجهه وڌيڪ راز ۽ رمزون سمجهي سگهي.


    پاڻيءَ جو ڪم ٻرڻ ۽ ٻارڻ آهي

    قرآن مجيد ۾ آهي ته قيامت جي ڏينهن سمنڊن ۾ باهه ڀڙڪڻ لڳندي.
    وَاِذَا البِحَارُ سُجِّرَتْ
    (۽ جڏهن سمنڊ ٻاريا ويندا.)
    قرآن جي 81 سورة التڪوير جي مٿين آيت پڙهي مونکي هميشھ تعجب لڳو ٿي. هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ دل اهو ضرور چوندو هوس ته رب پاڪ کي وڏي طاقت آهي هو جيئن چاهي تيئن ڪري سگهي ٿو پر ظآهري طرح اها ڳالهه عجيب لڳي ٿي. هونءَ به ضروري ناهي ته انسان کي هر شيءِ جو علم هجي. انسان کي ته قدرت طرفان جيڪو علم مليو آهي اهو بنهه ذرڙو آهي. هي ملائيشيا وارا ڏينهن هئا جڏهن مون قرآن کي ترجمي ۽ تفسير سان گڏ پڙهڻ شروع ڪيو هو. ملائيشيا ۾ اٺ نَو سال رهڻ دوران مونکي ٻين سبجيڪٽن سان گڏ Fire & Safety سبجيڪٽ به پڙهائڻو پوندو هو جيڪو جهازراني جي امتحانن ۾ بيحد اهم سبجيڪٽ آهي. ان سبجيڪٽ ۾ جهاز تي مختلف هنڌن ۽ مختلف شين کي باهه لڳڻ تي وسائڻ جا طريقا سمجهيا وڃن ٿا. تيل ۾ لڳندڙ گهڻي باهه ۾ پاڻي ڇٽڻ وقت گهڻو خيال رکڻ جي ضرورت آهي جو ڪڏهن ڪڏهن اهو پاڻي باهه وسائڻ بدران ان کي وڌيڪ ڀڙڪائي ٿو. ان جو مثال گهر ۾ تپندڙ تيل کي لڳل باهه کي پاڻيءَ جا ڇنڍا هڻڻ سان باهه وسامڻ بدران وڏن اُلن سان ٻري ٿي، آهي. ان جو سبب ڇا آهي-؟“ اهو سوال اڪثر شاگردن کان پڇندو هوس ۽ اڄ به جهاز تي ويندڙ نوجوان انجنيئرن جي معلومات ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ پڇان ٿو. ڇو جو جهاز جي مختلف حصن ۾ لڳندڙ باهين کي ڪڏهن ڪڏهن پاڻي فائدي بدران نقصان رسائي ٿو. مثال طور جهاز جي چمني (Funnel) ۾ لڳندڙ باهه کي پاڻي وسائي يا نه وسائي پر فنل توڙي ان ۾ لڳل بئالر (Exhaust Boiler) ۽ ٻي لوهي Structure کي پاڻي Crack ڪري ٿو. ان ڪري بهتر آهي ته اهڙي تتل لوهي پرزن تي پاڻي ڇِڻڪارڻ بدران ٻاڦ يا گجيءَ (Foam) سان باهه وسائجي.
    جهاز جي گودام (Hold) ۾ رکيل اناج (چانور، ڪڻڪ يا ڪا ٻي شيءِ) کي لڳل باهه تي پاڻي ڇٽڪارڻ سان باهه وسامي سگهي ٿي پر ڏينهن ٻن بعد جهاز ٻُڏي سگهي ٿو، ڇو جو اناج تي ڇڻڪاريل پاڻي ان کي ڦونڊائي ٿو، جيئن هڪ ٿالهي چانور رڌڻ سان ٽي چار ٿالهيون ڀت ٿيو پوي. اناج پاڻي جذب ڪري ڦونڊي ٿو ۽ جڳهه نه ملڻ ڪري جهاز يا پاسا ڦاڙيو رکي ۽ جهاز ٻُڏيو وڃي. ان کان بهتر آهي ته هوا کي روڪي رکجي ۽ بندرگاهه ۾ پهچڻ تائين ٻه چار ڏينهن ٿورو گهڻو ان سڙي ٿو ته انکي سڙڻ ڏجي- باقي سامان، جهاز ۽ ماڻهو ته بچي ويندا. اهڙي طرح گهڻي تپش واريون باهيون ڊيزل، پيٽرول وغيره جون، جن ۾ ٽيمپريچر تمام گهڻو ٿيو وڃي انهن تي ڪڏهن ڪڏهن پاڻي وجهڻ سان اهي وسامڻ بدران وڌيڪ ڀڙڪن ٿيون. ان جو سبب اهو آهي ته گهڻي تپش (Heat) ۾ پاڻي ڦاٽيو پنهنجي اصلي جزن: هائيڊروجن ۽ آڪسيجن ۾ Convert ٿيو وڃي ۽ ٻئي گئسون باهه وڌائڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. هڪ (هائيڊروجن) وڏين ڄڀين سان ٻري ٿي ۽ ڪاٺ، ڪپڙي ۽ تيل کان وڌيڪ طاقتور ٻارڻ آهي ۽ ٻي (آڪسيجن) جيڪا باهه کي برقرار رکڻ ۽ ساڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ظاهر آهي باهه هوا جي موجودگيءَ ۾ ئي لڳي سگهي ٿي ۽ اهو ان ڪري جو هوا ۾ 21 سيڪڙو آڪسيجن آهي ۽ جڏهن 21 سيڪڙو آڪسيجن ئي تباهي آڻي سگهي ٿي ته 100 سيڪڙو آڪسيجن جيڪا پاڻيءَ جي ڦاٽڻ ڪري پيدا ٿئي ٿي، ڇا خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. ٻين لفظن ۾ پاڻي جنهن جي ظاهري تاثير اهائي آهي ته اهو ٿڌو، شفاف، سهڻو ۽ فرحت بخش آهي پر حقيقت ۾ اهو ٻن خطرناڪ مادن (هائڊروجن ۽ آڪسيجن) جو مرڪب آهي جنهن مان بم ٺهي سگهي ٿو، خوفناڪ ۽ وچڙندڙ باهه لڳي سگهي ٿي... وغيره. اها منهنجي سمجهاڻي رهندي اچي پنهنجن جهاز هلائيندڙ انجنيئر شاگردن لاءِ پر افسوس جو آئون قرآن جي اها آيت (سمنڊ ۾ باهه لڳڻ) جو پڙهي پنهنجي دماغ ۾ مٿيون لاجڪ آڻڻ بدران تعجب کائيندو هوس ۽ پوءِ هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ئي منهنجي ذهن ۾ اچي ويو ته آئون اهو تعجب کائي رهيو آهيان ته پاڻي ڪيئن ٻري سگهي ٿو؟ پاڻيءَ ۾ ته قدرت جزا ئي ٻرڻ جا رکيا آهن ۽ ان کان وڌيڪ عجب جي ڳالهه ته اها آهي ته رب پاڪ ههڙن خطرناڪ جُزن (هائيڊروجن ۽ آڪسيجن) کي ملائي هڪ اهڙي شيءِ (پاڻي) ٺاهيو آهي جنهن ۾ انسان ذات جي صحت آهي ۽ جيڪو انسان ذات کان علاوه پکي پکڻ، جانور جيتن ۽ وڻن ٽڻن جي جياپي لاءِ ضروري آهي.
    مونکي ياد آهي ته اها سمجهه به مونکي اوچتو ڪلاس روم ۾ ليڪچر دوران آئي ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ آئون خيالن ۾ ئي گم ٿي ويس ۽ دل چاهيو ته پنهنجن شاگردن کي قرآن جي اها آيت پڙهي ٻڌايان ۽ سمجهايان ته ظاهري طرح هيءَ ڳالهه عجيب ٿي لڳي ته قيامت جي ڏينهن سمنڊن ۾ باهه ڀڙڪندي پر جيڪڏهن پاڻيءَ جي حقيقت ماڻهن جي نگاهه ۾ هجي ته پوءِ ان ۾ ڪابه ڳالهه قابلِ تعجب محسوس نه ٿيندي. هي سراسر الله تعاليٰ جو معجزو آهي ته هن آڪسيجن ۽هائيڊروجن، ٻن خطرناڪ گئسن کي پاڻ ۾ ملائي پاڻي ٺاهيو آهي جن مان هڪ باهه کي ٻرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ته ٻي (هائيڊروجن) خود ٻارڻ آهي ۽ انهن ٻنهي جي ترڪيب سان پاڻيءَ جهڙو ٿڌو مادو پيدا ڪيو آهي جيڪو باهه کي وسائڻ وارو آهي. الله جي قدرت جو فقط هڪ اشارو ان ڳالهه لاءِ ڪافي آهي ته هو پاڻيءَ جي ان ترڪيب کي بدلائي (Reverse ڪري) ڇڏي ۽ هي ٻئي گئسون هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ٻرڻ ۽ ٻارڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿي وڃن جيڪا دراصل هنن جي بنيادي خاصيت آهي.
    منهنجي ڪلاس ۾ ان وقت چيني، عيسائي ۽ تامل هندو جهازي انجنيئر پڻ ويٺل هئا ان ڪري ان وقت ان بابت ڳالهائڻ بدران ڪلاس ختم ٿيڻ بعد چانهه تي ملئي مسلمان انجنيئرن سان ڳالهه ڪيم. انهن مان هڪ ان قسم جي ڳالهه پنهنجي تجربي مان ڪئي جيڪا هن قرآن ۾ پڙهي هئي ۽ کيس احساس ٿيو هو ته معمولي معمولي ڳالهين ۾ قدرت طرفان ڪيڏا وڏا معجزا رکيل آهن اها کير بابت آهي ته ٻن بيڪار شين (ڇيڻي ۽ رت) جي وچ ۾ انسان لاءِ کير جهڙي اعليٰ شيءِ آهي.
    ملائيشيا جي هن جهازي انجنيئر جو مطلب سورة النحل جي 66 آيت سان هو جنهن ۾ رب پاڪ فرمائي ٿو ته: ”۽ توهان لاءِ چوپائي مال ۾ به هڪ سبق موجود آهي. اسان هڪ شيءِ توهان کي پياريون ٿا، يعني نج کير، جيڪو پيئڻ وارن لاءِ نهايت خوشگوار آهي.“
    ”ڇيڻي ۽ رت جي وچ ۾“ جو مطلب هي آهي ته جانور جيڪو چارو کائين ٿا ان مان هڪ طرف ته رت ٿو ٺهي ۽ ٻئي طرف ڇيڻو. پر انهن ئي جانورن جي مادي جنس ۾ ان چاري مان هڪ ٽي شيءِ به پيدا ٿئي ٿي جيڪا خاصيت، رنگ، بوءِ، فائدي ۽ مقصد ۾ باقي ٻن شين (ڇيڻي ۽ خون) کان بلڪل مختلف آهي ۽ مينهن ۽ ڍڳين ۾ ته اهو کير ايترو گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿو جو هو پنهنجن ٻارن جي ضرورت پوري ڪرڻ بعد انسان لاءِ به هي اعليٰ غذا بچائين ٿيون.


    هڪ آمريڪي ۽ يورپي نو مسلم جا خيال

    ڪوپن هيگن جي هڪ مسجد ۾ هڪ آمريڪن نو مسلمان کان پڇيم ته هو مسلمان ڪيئن ٿيو. قرآن جو آسماني ڪتاب هجڻ يا حضور ﷺ جن جي رسولِ خدا هجڻ جي حقيقت لاءِ هن پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪيئن ڪيو؟
    ”مون حضرت محمد ﷺ جن جي حياتيءَ جو شروع کان احوال پڙهيو آهي ۽ قرآن مجيد پڻ. Unbiased ٿي ۽ نيڪ نيتيءَ سان قرآن کي جيترو گهرائيءَ سان ڪو پڙهندو ۽ خاص ڪري عربي زبان سکڻ بعد، ته هن کي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي، هي الله جو ڪلام لڳندو ۽ ٻي ڳالهه ته وحي لهڻ کان اڳ تائين حضور ﷺ جن کي ڪابه اهڙي ڄاڻ نه هئي ته الله تعاليٰ طرفان پاڻؐ ان ڪم لاءِ مقرر ڪيا ويندا. اهو سندن روزمره جي زندگيءَ مان ئي هرڪو ڄاڻي ٿو ته پاڻ ڪريم جن جو ذهن ان ڳالهه کان بلڪل خالي هو ته پاڻ نبي ٿيڻ وارا آهن. ان شيءِ جو طالب ٿيڻ يا توقعات رکڻ ته پري جي ڳالهه، هنن جي وهم گمان ۾ به ائين نه هو ته اهڙو ڪو معاملو ٿيڻ وارو آهي. کين سندن دشمن به ڪوڙو چئي نٿي سگهيا جو حضور ﷺ جن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو.“ هن دليل ڏنا.
    حضور ﷺ جن تي وحي لهڻ جي قصي تي ٿوري نظر وجهبي ته ان معاملي ۾ هر انسان جو ذهن وڌيڪ صاف ٿي ويندو.
    حديث جي ڪتابن ۾ محديثن حضرت عائشھ جي ڳالهه نقل ڪئي آهي. هوءَ فرمائي ٿي ته رسول الله ﷺ جن تي وحي نازل ٿيڻ جي شروعات سچن خوابن جي شڪل ۾ ٿي. پاڻ جيڪي به خواب ڏٺا ٿي اهي ائين لڳا ٿي ڄڻ پاڻ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ڏسي رهيا هجن. پوءِ پاڻ اڪيلو اڪيلو رهڻ پسند ڪرڻ لڳا ۽ سندن ڏينهن راتيون غارِ حرا ۾ عبادت ڪندي گذريون ٿي. (هيءَ ڪنهن طرح جي عبادت هئي جيڪا هنن ڪئي ٿي، ڇو ته ان وقت تائين الله تعاليٰ طرفان کين عبادت جو طريقو نه ٻڌايو ويو هو.) پاڻ کاڌي پيتي جو سامان گهران کڻي غارِ حرا ۾ وڃي رهيا ٿي، ۽ پوءِ وري حضرت خديجھ ﷦ جن وٽ آيا ٿي جنهن کين ڪجهه وڌيڪ ڏينهن جو سامان ٺاهي ڏنو ٿي. هڪ ڏينهن جڏهن پاڻ غارِ حرا ۾ هئا، ته هنن تي اوچتو وحي نازل ٿيو ۽ ملائڪ (فرشتي) اچي کين چيو ته پڙهو.
    ان کان پوءِ حضرت عائشھ جن خود رسول الله ﷺ جن جو قول نقل ڪن ٿيون ته مون چيو: ”آئون ته پڙهيل نه آهيان.“ ان تي ملائڪ مون کي جهلي زور سان ڀاڪر ۾ دٻايو ايتريقدر جو منهنجي سهپ جي سگهه جواب ڏيڻ لڳي. پوءِ هن مونکي ڇڏي ڏنو ۽ چيو ته پڙهه. مون چيو: ”آئون ته پڙهيل نه آهيان.“ هن مونکي وري ڀاڪر ۾ زور سان ڀڪوڙيو ۽ منهنجي برداشت جي سگهه جواب ڏيڻ لڳي. هن مونکي وري چيو ته پڙهه. مون وري وراڻيو ته آئون پڙهيل نه آهيان. ان تي هن مونکي وري ٽيون دفعو زور سان ڀڪوڙيو ايتريقدر جو منهنجي سگهه جواب ڏيڻ لڳي. پوءِ هن مونکي ڇڏي چيو ته اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبَِكَ الَّذِيْ خَلَقَ (پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو) ويندي مَالَمْ يَعْلَمْ (جنهن کان هو ناڄاڻ هو) تائين پهچي ويو.
    حضرت عائشھ رضه فرمائي ٿي ته ان کان پوءِ رسول الله ﷺ جن خوف کان ڏڪندي اتان موٽيا ۽ حضرت خديجھ جن وٽ پهچي چيو: ”مونکي ڍڪ، مونکي ڍڪ.“ ان تي کين ڪپڙي سان ڍڪيو ويو. جڏهن هنن تان خوف جي ڪيفيت ختم ٿي ته پاڻ فرمايائون: ”اي خديجھ! هي مونکي ڇا ٿي ويو آهي.“ ۽ پوءِ پاڻ سمورو قصو حضرت خديجھ کي ٻڌايو ۽ چيو: ”مونکي پنهنجي جان جو خطرو آهي.“ ان تي هن چيو: ”هرگز نه، توهان خوش ٿيو، خدا جو قسم، توهانکي خدا ڪڏهن به رسوا نه ڪندو. توهان مائٽن مٽن سان سٺو سلوڪ رکو ٿا، سچ ڳالهايو ٿا، بي سهارن جو بار کڻو ٿا، لاچار ماڻهن کي ڪمائي ڏيو ٿا، مهمانن جو خيال رکو ٿا ۽ نيڪ ڪمن ۾ مدد ڪريو ٿا.“
    پوءِ هوءَ حضور ﷺ جن کي پاڻ سان وٺي ورقه بن نوفل وٽ وئي جيڪو هن جي چاچي جو پٽ هو، جاهليت واري زماني ۾ عيسائي ٿيو هو، عربي ۽ عبراني زبانن ۾ انجيل لکندو هو، جهور پوڙهو ۽ نابين ٿي چڪو هو. (ورقه بن نوفل لاءِ چيو وڃي ٿو ته حنيف هو. زمانهِ جهاليت ۾ حنيف انهن کي چيو ويو ٿي جن بت پرستي جي ته مذمت نٿي ڪئي ساڳي وقت بتن تي خاص يقين به نٿي رکيو. اهي ماڻهو ڏينهن رات حقيقت جي تلاش ۾ رهيا ٿي ۽ ڪوشش ڪئي ٿي ته ڪنهن اهڙي هستيءَ جي عبادت ڪجي، جنهن جي حقيقت ۾ ڪو شڪ شبهو نه هجي.) بهرحال حضرت خديجھ هن کي چيو ته ادا، مهرباني ڪري پنهنجي ڀائيٽي جو قصو ٻڌو. حضور ﷺ جن جيڪي ڏٺو ان جو ذڪر ڪيو.
    ورقه بن نوفل چيو: ”هي اهوئي ’ناموس‘ (وحي آڻڻ وارو ملائڪ) آهي جيڪو الله تعاليٰ موسيٰ ؑ تي نازل ڪيو هو. ڪاش آئون ان وقت زندهه هجان جڏهن تنهنجي قوم توکي ڪڍي ڇڏيندي.“
    رسول الله ﷺ جن فرمايو: ”ڇا هي ماڻهو مونکي ڪڍي ڇڏيندا؟“
    ورقه وراڻيو: ”ها. ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته ڪنهن شخص اها شيءِ آندي هجي جيڪا توهان آندي آهي ۽ ان سان دشمني نه ڪئي وئي هجي. جيڪڏهن آئون ان زماني تائين جيئرو رهيس ته تنهنجي پرزور حمايت (مدد) ڪندس.“
    پر گهڻو عرصو نه گذريو ته ورقه بن نوفل گذاري ويو.
    (مٿي بيان ڪيل لفظ ’ناموس‘ لغت جي اعتبار سان خدا جي انهن حڪمن جو نالو آهي جيڪي انسان ذات لاءِ وضع ڪيا وڃن ٿا.)
    بهرحال هي مٿيون قصو صاف ظاهر ڪري ٿو ته وحيءَ جي نازل ٿيڻ کان هڪ لمحو به اڳ حضور ﷺ جن جو ذهن ان ڳالهه کان خالي هو ته کين نبيءَ جو درجو ڏنو پيو وڃي. وحيءَ جو نازل ٿيڻ ۽ ملائڪ جو ائين سامهون اچڻ، هنن لاءِ هڪ اوچتو حادثو هو جنهن جو پهريون تاثر نبي محمد ﷺ جن تي اهوئي ٿيو جيڪو هڪ بي خبر انسان تي فطري طور ٿي سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو جڏهن پاڻ اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ اُٿيا ته مڪي جي ماڻهن مٿن هر طرح جا اعتراض ڪيا پر انهن مان ڪوبه اهو چوڻ وارو نه هو ته اسانکي ته اڳهين خدشو هو ته توهان ڪا دعويٰ ڪرڻ وارا آهيو جو توهان هڪ عرصي کان نبي بڻجڻ جي تياري ڪري رهيا هئائو.“
    بهرحال ڪوپن هيگن ۾ جنهن آمريڪن نئين مسلمان سان ملاقات ٿي ان جو مطلب اهو هو ته مٿيون قصو هڪ حقيقت آهي ۽ حضور ﷺ جن کي هو سچي دل سان الله جو رسول مڃي ٿو. ۽ ان مٿئين ۽ ٻين روايتن مان اهو صاف صاف ظاهر ٿئي ٿو ته حضور ﷺ جن جي نبوت کان اڳ ۽ پوءِ جي زندگي هڪ نيڪ ڪردار ۽ بااخلاق انسان جي ٿي گذري آهي. سندن زندگيءَ جو هر عمل الله تعاليٰ جي حڪمن جي بجا آوري ڪرڻ ۽ رب پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ هو. پاڻ آخري گهڙيءَ تائين انسان جي بهتريءَ لاءِ فڪرمند رهيا. کين ڪابه پنهنجي لاءِ لالچ ۽ طمع نه هئي. دنيا جو اهو ڪهڙو انسان آهي جيڪو هيڏي اعليٰ درجي تي پهچڻ بعد به ايڏي سادگي ۾ گذاريندو هجي. پيغمبر اسلام ﷺ جن جو گهر، اهوئي گهر جنهن ۾ پاڻ زندگيءَ جا آخري لمحا گذاريا، مسجد مدينه جي ويجهو هو. اهو هڪ ماڙ گهر اونهاري جي موسم ۾ سخت تپندو هو، ان انسان جي گهر ۾ ڪو ٿانو ٿپو به سولو نه هو، جنهن جي حڪومت مڪي ۽ عرب کان اڳتي ايران، مصر ۽ روم جي سرحدن تائين وڃي پهتي هئي. دنيا جي مال ملڪيتن جي گُهر ڪرڻ بدران آخري ڏينهن تائين به پاڻ اهي لفظ ورجائيندو رهيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي مونسان ڪا شڪايت هجي ته هو ان جو بنا روڪ ٽوڪ جي اظهار ڪري آئون هر طرح سان اها شڪايت دور ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“ جيڪڏهن مون ڪنهن کي ڌڪ هنيو آهي يا ڪنهن جي بي عزتي ڪئي آهي ته اهو اڳيان اچي ۽ اچي بدلو وٺي ۽ هو ان ڳالهه کان بلڪل نه ڊڄي ته ائين ڪرڻ سان منهنجي بدنامي ٿيندي. ائين بلڪل ناهي بلڪ منهنجي نظر ۾ دنيا جي بدنامي آخرت جي رسوائيءَ جي مقابلي ۾ ڪا اهميت نٿي رکي...“
    ۽ نه حضور ﷺ جن چيو ته منهنجي وفات بعد منهنجي پوڄا ڪجو يا منهنجي خاندان کي پنهنجي ڪمائيءَ جو هيترو يا هيترو حصو پهچائجو جيڪو بقول هن نو مسلم جي ته ان وقت ته ڇا پر اڄ جا حاڪم ۽ فاتح به گهڻو ڪجهه دنيا ئي مال ملڪيت چاهين ٿا. پر حضور ﷺ جن ان ڳالهه جي تاڪيد ڪندا رهيا ته ”جڏهن آئون دنيا مان رخصت ٿي وڃان ۽ توهان مونکي مٽيءَ حوالي ڪيو ته منهنجي قبر اڳيان سجدو نه ڪجو ڇو جو رڪوع ۽ سجدي جي لائق فقط هڪ خدا جي ئي ذات آهي.“
    رومانيا جو سفير ڪونسٽن ويرزيل پنهنجي فرينچ ڪتاب ”عڪس سيرت“ ۾ حضور ﷺ جن جي وفات وارين گهڙين بابت لکن ٿا:
    ”هجرت جي يارهين سال ربيع الاول جي مهيني ۾ پيغمبر اسلام ﷺ بيماريءَ ڪري تمام گهڻا ضعيف ٿي ويا ۽ پاڻ محسوس ڪيائون ته هو جلد هن دنيا مان رخصت ٿي ويندا. اوچتو هن کي ياد آيو ته هنن حضرت عائشھ رضه وٽ ست دينار رکايا هئا. اسلام جي پيامبر ۽ سرزمين اسلام جي عظيم فرمانروا جي سڄي ملڪيت ۽ پاڇي اهي ست دينار هئا. هنن حضرت عائشھ رضه کي سڏايو ۽ پڇيو: ”اهي ست دينار جيڪي مون توکي ڏنا هئا، ڇا اهي اڃا تو وٽ موجود آهن؟“
    ”جي ها موجود آهن.“ زوجه پيغمبر جواب ڏنو ته پيغمبر اسلام چيو، ”اهي ست دينار غريبن ۾ ورهائي ڇڏجانءِ ڇو جو مونکي اهڙي حالت ۾ پنهنجي رب پاڪ جي سامهون ويندي شرم ٿو اچي ته دنيا جي مال مان ست دينار مون وٽ موجود آهن.“
    انگلينڊ جو مشهور ليکڪ ۽ دانشور برنارڊشا حضور ﷺ جن لاءِ هڪ هنڌ لکن ٿا:
    “Muhammad was a saviour of Humanity, the Mercy for all men, a blessing for men and an exemplar in every age.”
    ۽ فرانس جي مشهور جنرل ۽ شهنشاهه نيپوليئن بونا پارٽ لکيو آهي:
    “Muhammad was a prince who rallied his compatriots around him. In a few years the Muslims conquered half of the world. They snatched away more souls from false gods, pulled down more idols, demolished more pagan temples in fifteen years than the followers of Moses and Jesus did in fifteen centuries. Muhammad was a great man”.
    *
    حضرت عائشھ رضه جن فرمائين ٿيون ته رسول الله ﷺ جن پهنجي وفات کان اڳ سُبْحٰنكَ اللّٰهُمَّ وَبِحَمْدِكَ اَسْتَغْفِرُكَ وَاَتُوْبُ اِلَيْكَ (اي الله تون پاڪ آهين ۽ سڀ ساراهه تنهنجي ئي آهي. آئون تنهنجي بخشش جو طلبگار آهيان ۽ توڏي رجوع ٿو ٿيان) جو تمام گهڻو ذڪر ڪرڻ لڳا. مون عرض ڪيومان ته يارسول الله هي ڪهڙيون دعائون آهن جيڪي توهان هاڻ پڙهڻ شروع ڪيون آهن؟ فرمايائون ته منهنجي لاءِ هڪ علامت مقرر ڪئي وئي آهي ته جڏهن آئون هن کي ڏسان ته اهي لفظ پڙهڻ شروع ڪريان ۽ اها آهي اِذَا جَآءَ نَصْرُاللهِ وَالْفَتْحُ...
    هن سورة ۾ الله تعاليٰ رسول الله ﷺ جن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته جڏهن عرب ۾ اسلام جي فتح مڪمل ٿي وڃي ۽ ماڻهو الله جي دين ۾ فوج در فوج داخل ٿيڻ لڳن ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهو ڪم پورو ٿي چڪو آهي جنهن لاءِ کين دنيا ۾ موڪليو ويو هو. ان کان پوءِ کين حڪم ڏنو ويو ته پاڻ الله جي واکاڻ (حمد) ۽ هن جي تسبيح ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وڃن جو هن جي فضل سان پاڻ ايڏو وڏو ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهرندا رهن ته متان هن جي خذمتگاريءَ ۾ کانئن ڪا ڀُل چُڪ يا کوٽ رهجي وئي هجي ته رب پاڪ کين معاف فرمائي.
    هن مقام تي، يعني تواريخ جي هن Event تي ڪوبه انسان غور ڪري ڏسي ته هڪ نبي ۽ دنيا جي هڪ ليڊر (سربراهه، اڳواڻ، حاڪم، بادشاهه، ڊڪٽيٽر يا سردار، شهنشاهه، فوج جي سالار وغيره) ۾ ڪيڏو وڏو فرق آهي دنيا جو ليڊر (رهنما) جيڪڏهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي اهو انقلاب آڻڻ ۾ سوڀارو ٿي وڃي جنهن لاءِ هن ارادو ڪيو هجي ته هن لاءِ ته اها مهل ۽ اهڙي Event جشن ملهائڻ ۽ پنهنجي قيادت تي فخر ڪرڻ جو موقعو ٿئي ٿي پر هتي الله جي پيغمبر کي اسان ڏسون ٿا ته هن 23 سالن جي مختصر مدت ۾ هڪ پوري قوم جا عقيدا، سوچون، عادتون، اخلاق، تمدن، تهذيب، معيشت، سياست ۽ حربي قابليت کي بلڪل بدلائي ڇڏيو ۽ جهالت ۽ جاهليت ۾ غرق ٿيل ان قوم کي ٻاهر ڪڍي ان کي ان جي قابل بڻائي ڇڏيو جو اها دنيا کي مسخر ڪري سگهي ۽ اقوام عالم جي امام بڻجي وڃي. پر اهڙو عظيم ڪارنامو هن کان پورو ٿيڻ بعد هن کي جشن ملهائڻ لاءِ نه پر الله جو حمد ۽ تسبيح ڪرڻ ۽ هن کان مغفرت ۽ بخشش جي دعا گهرڻ لاءِ حڪم ڏنو وڃي ٿو ۽ هو وڏي عاجزيءَ سان ان حڪم جي پوئواري ۾ لڳي وڃي ٿو.
    *
    دنيا جو سڀ کان گهڻو اثر (Influence) رکندڙ انسان: مائيڪل هارٽ نالي هڪ انگريز جو ”دي هنڊريڊ“ (The Hundred) نالي ڪتاب نيويارڪ مان ڇپيو آهي جنهن ۾ هڪ سؤ اهڙن ماڻهن جي زندگي ۽ انهن جي ڪارنامن جو احوال ڏنل آهي جيڪي سڀ کان گهڻو مؤثر رهيا يعني جن کي گهڻي کان گهڻا ماڻهو سڃاڻن ٿا، انهن جي ڳالهين کي مڃين ٿا، هنن جي نقش قدم تي هلن ٿا ۽ هو ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هڪ ئي وقت بهترين انسان ثابت ٿيا.
    ڪتاب ۾ ڏنل هڪ سؤ شخصيتن ۾ اسانجي نبي محمد ﷺ جن جو نالو پڻ آهي ۽ انهن هڪ سؤ ماڻهن جي فهرست ۾ سڀ کان اول نمبر تي سرور ڪونين حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي شانِ اقدس کي قرار ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو پورو نالو آهي:
    “A Ranking of the most Influential Persons of History”.
    ڪتاب جي مصنف مائيڪل هارٽ اربها انسانن مان جيڪي هن ڌرتيءَ تي اڄ تائين پيدا ٿي چڪا آهن ۽ هڪ اندازي مطابق ويهه بلين جي لڳ ڀڳ ٿيندا، انهن سڀني مان حضور ﷺ جن کي سڀ کان وڌيڪ مؤثر انسان قرار ڏيڻ لاءِ جيڪا چٽاڀيٽي (Criteria) استعمال ڪئي آهي ان بابت هو چوي ٿو ته ڪتاب ۾ فقط مؤثر ترين انسانن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ نه عظيم ترين انسانن جو.
    هن جي خيال موجب ”دنيا ۾ عظيم انسان ته تمام گهڻا ٿي چڪا آهن پر اهو ڪهڙو انسان هو جنهن انساني تاريخ ۾ سڀ کان گهڻن انسانن تي ڏور رس (Prolonged) اثر ڇڏيو- اهڙو اثر جنهن ماڻهن جي زندگيءَ کي خاص روپ ڏنو ۽ دنيا کي به هڪ خاص رنگ ڍنگ ۾ آڻي ڇڏيو.“
    حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن کي سرفهرست رکڻ جو سبب ٻڌائيندي ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته ”دنيا جي مؤثر ترين انسانن جي لسٽ ۾ ٽاپ تي حضور ﷺ جن جي چونڊ ڪرڻ تي ٿي سگهي ٿو ڪجهه ماڻهو حيران ٿيا هجن ۽ ڪجهه ضد به ڪن، پر تاريخ ۾ پاڻ صلعم هڪ اهڙا انسان هئا جيڪي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي مذهبي توڙي دنيا جي ڳالهين ۾ ڪامياب رهيا. پاڻ صلعم نه فقط دنيا جي هڪ عظيم مذهب جو بنياد رکيو پر ٿوري عرصي اندر گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين ان جو پيغام پهچايو، ان ڪري حضور صلعم جن مؤثر ترين سياسي ليڊر به ٿي پيا. اڄ سندن وفات کي چوڏهن سؤ کن سال گذري چڪا آهن پر تڏهن به سندن Influence نهايت وسيع ۽ طاقتور آهي.“


    عجيب ۽ دلچسپ سوال

    حضرت امير معاويه ﷦ جي حڪومت جو دور ويهه سال قائم رهيو. پاڻ هجري سال 60 ۾ وفات ڪيائين. سندس ڏينهن ۾ هرقل بادشاهه (قيصر روم) هن ڏي هڪ خط موڪليو، جنهن ۾ عجيب و غريب سوال پڇيل هئا. امير معاويه کي درٻارين صلاح ڏني ته سوال تمام مونجهاري وارا آهن ۽ توهان کان جيڪڏهن ڀُل چُڪ ٿي پئي ته روم جي شهنشاهه اڳيان اسان مسلمانن کي شرمندگي محسوس ٿيندي. ان ڪري بهتر آهي ته اهي سوال حضرت عبدالله بن عباس ﷦ ڏي موڪليا وڃن ته هو انهن جا جواب لکي ڏئي.
    بهرحال سوال حضرت عبدالله بن عباس ڏي موڪليا ويا، جنهن جواب ڏيڻ ۾ ويرم ئي نه ڪئي. حضرت عبدالله بن عباس ﷦جي ڄاڻ ۽ قرآن دانيءَ جو مثال جڳ ۾ مشهور رهيو آهي. سندن لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻه دفعا دعا ڪئي: ”ياالله ابنِ عباس کي حڪمت عطا ڪر.“
    هرقل (قيصر روم) جا سوال هن ريت هئا:
    1. شيءِ ۽ لاشيءِ ڇا آهي؟
    2. اهي ڪهڙيون چار ساهه واريون شيون آهن جن جو نه ڪو پيءُ آهي ۽ نه انهن ماءُ جو پيٽ ڏٺو؟
    3. اهڙو ڪهڙو انسان آهي جيڪو پيءُ بنا پيدا ٿيو؟
    4. اهو ڪهڙو انسان آهي جنهن جي ماءُ ناهي؟
    5. اها ڪهڙي قبر آهي جيڪا صاحبِ قبر سميت ڊوڙندي رهي؟
    6. اهو ڪهڙو وڻ آهي جيڪو بنا پاڻيءَ جي ڦُٽيو؟
    7. ڪائنات ۾ اهو ڪهڙو حصو آهي جنهن تي سواءِ هڪ دفعي جي نه ڪڏهن اڳ سج جي روشني پئي ۽ نه وري ڪڏهن پوندي.
    8. اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن وجود ۾ اچڻ کان پوءِ فقط هڪ دفعو چرپر ڪئي. ان کان اڳ نه چرپر ڪئي ۽ نه پوءِ ڪندي؟
    مٿين سوالن جا جواب ابنِ عباس هن ريت ٻڌايا:
    1. ”شيءِ“ حقيقت ۾ پاڻي آهي. پاڻيءَ مان ئي هر شيءِ کي حيات ۽ زندگي ۽ وجودي دولت ڏني وئي آهي. قرآن ڪريم ۾ آهي ته ”وجعلنا من الماء ڪل شيء حي“ (اسان هر شيءِ کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي.) ۽ ”لاشيءِ“ دنيا آهي جيڪا جيڪڏهن موجود به آهي ته معدوم (ختم) ٿي وڃڻ لاءِ. ظاهر به آهي ته لڪي وڃڻ لاءِ. هن جو وجود پاڇي وانگر آهي ۽ جيڪا شيءِ پاڇي وانگر ختم ٿيڻ وارو وجود رکندي هجي اها معدوم ئي ٿي ۽ جنهن جو واسطو ان سان پوندو ان کي ختم ڪري ڇڏيندي. ۽ ظاهر آهي جيڪا شيءِ عدم سڏرائي اها لاشيءِ ئي ٿي. ان ڪري قرآن ڪريم ۾ آهي ته: ”دنيا جي زندگي راند روند کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. ان ڪري ڪجهه نه هجڻ ئي لاشيءِ هجڻ آهي.“ (سورة العنڪبوت)
    2. اهي چار شيون جيڪي ساهه واريون ۽ زندهه پيدا ڪيون ويون پر اهي پيءُ جي پٺ يا ماءُ جي پيٽ کان آشنا نه آهن. انهن مان هڪ آدم عليھ السلام آهي جنهن کي الله تعاليٰ پنهنجي هٿن سان پيدا ڪيو. ٻي شيءِ ان جي زال آهي جيڪا آدم عليھ السلام جي کاٻي پاسراٽيءَ مان پيدا ڪئي وئي. ٽين شيءِ حضرت صالح عليھ السلام جي ڏانچي آهي جيڪا پٿر مان معجزي طور ظاهر ٿي، ۽ چوٿين شيءِ حضرت اسماعيل جو دنبو آهي جيڪو قربانيءَ طور جنت مان لاٿو ويو.
    3. اهو انسان جنهن جو پيءُ نه هو اهو حضرت عيسيٰ عليھ السلام آهي.
    4. اهو انسان جنهن جي ماءُ ناهي اهو آدم عليھ السلام آهي.
    5. اها قبر جيڪا صاحبِ قبر سان گڏ ڊوڙندي رهي حضرت يونس عليھ السلام جي مڇي هئي جيڪا هن کي پيٽ ۾ رکي پاڻيءَ ۾ ڊوڙندي رهي. ان ڪري هن جو قرآن ۾ لقب صاحب الحوت (مڇيءَ وارو) آهي. ان لاءِ قرآن مجيد خبر ڏني آهي ته:
    ”پوءِ هن کي مڇي ڳهي ڇڏيو ۽ هو پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪندو رهيو، سو هو جيڪڏهن تسبيح ڪرڻ وارن مان نه هجي ها ته قيامت تائين هن جي پيٽ ۾ هجي ها.“ (سورة الانبياء)
    امام رازي لکي ٿو ته جيڪڏهن هو ”لااله الاانت سبحٰنک اني کنت من الظالمين“ جي تسبيح نه پڙهي ها ته هو قيامت تائين ان مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهي ها ۽ مڇي هميشھ لاءِ هن جي قبر ٺاهي وڃي ها.
    6. اهو وڻ جيڪو بنا پاڻيءَ جي اُڀاريو ويو آهي، شجر يقطين آهي جيڪو حضرت يونس عليھ السلام کي اُس کان بچائڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو هو جڏهن هو مڇيءَ جي پيٽ مان نڪتو هو.
    7. ڪائنات جو اهو حصو جنهن تي هڪ دفعي کان علاوه سج ڪڏهن به روشني نه ڪئي ۽ نه ڪندو سمنڊ ۽ نيل نديءَ جو اهو اندروني حصو آهي جيڪو بني اسرائيل جي لنگهڻ لاءِ ڦاڙيو ويو هو ۽ هيڏانهن جو پاڻي هوڏانهن ۽ هوڏانهن جو پاڻي هوڏانهن ڀِت بڻجي بيهي رهيو هو. ٻارهن رستا ان ۾ ٺهي پيا هئا جيئن بني اسرائيل جا ٻارهن قافلا پنهنجي پنهنجي رستي تان لنگهي وڃن. درياهه جي ان حصي کي ان وقت کان علاوه سج ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
    8. اها شيءِ جنهن ابتدا کان اڄ تائين فقط هڪ دفعو چرپر ڪئي اهو جبل طور سينا آهي. بني اسرائيل جي جڏهن ڏنگائي ۽ شوخ چشمي حد کان وڌي وئي ۽ هنن آسماني ڪتاب توراة قبول نه ڪيو ته الله تعاليٰ پنهنجي قدرت سان جبل طور کي پنهنجي جاءِ تان کڻي ارض مقدسه ۾ آڻي، بني اسرائيل جي مٿان لڙڪائي ڇڏيو ۽ انهن کي چيو ويو ته يا توراة کي قبول ڪريو يا توهان جي مٿان هي جبل ڪيرايو ويندو ته هنن زوريءَ اسلامي ڪتاب کي قبول ڪيو. ان جو احوال پڻ قرآن مجيد ۾ آيل آهي.
    حضرت عبدالله بن عباس ﷦ اصحابي حضور ﷺ جن جو سؤٽ هو ۽ امت محمديه جو زبردست عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ حضور ﷺ جن کان عمر ۾ تمام ننڍا هئا ۽ هر وقت حضور ﷺ جن سان گڏ رهيا ٿي. سندن طرفان هڪ هزار ڇهه سؤ سٺ حديثون روايت ٿيل آهن جن کي امام بخاري ۽ امام مسلم صحيحين ڪتاب ۾ ڏنيون آهن.
    حضرت عبدالله بن عباس جيئن ئي هوش سنڀاليو ته پاڻ کي حضور ﷺ جن جي صحبت ۾ پاتو. جڏهن رسول الله ﷺ وضوءَ جو ارادو ڪندا هئا ته پاڻ انهن لاءِ پاڻي کڻي ايندو هو، جڏهن پاڻ نماز لاءِ بيهندا هئا ته هي هنن جي پٺيان بيهي نماز پڙهندو هو ۽ پاڻ جڏهن سفر لاءِ روانا ٿيندا هئا ته هي ساڻن گڏ سواريءَ تي سندن پٺيان ٿي وهندو هو. مطلب ته حضرت عبدالله بن عباس هر وقت حضور ﷺ جن سان گڏ پاڇي وانگر رهندو هو.
    حضرت عبدالله جو بيان آهي ته هڪ دفعي رسول الله ﷺ جن وضوءَ جو ارادو فرمايو. مون جهٽ پٽ پاڻيءَ جو انتظام ڪيو. پاڻ ﷺ تمام گهڻو خوش ٿيا. پوءِ جڏهن پاڻ نماز لاءِ بيٺا ته مونکي پنهنجي ڀرسان بيهڻ جو اشارو ڪيو. پر آئون سندن ڀر ۾ بيهڻ بدران پٺيان ٿي بيٺس. نماز ختم ڪري پاڻ مون ڏي رُخ ڪري فرمايو: ”عبدالله! تون منهنجي ڀرسان ڇو نه بيٺين؟“
    ”اي الله جا رسول!“ مون وڏي ادب سان جواب ڏنو، ”توهان جي شخصيت منهنجي نظر ۾ ان کان تمام گهڻي بلند ۽ اُتم آهي جو توهان جي برابر آئون بيهان.“
    منهنجو اهو جواب ٻڌي پاڻ پنهنجا هٿ آسمان ڏي کڻندي دعا فرمائي:
    ”اَللّٰهُمَّ اٰتِهِ الْحِکْمَة“ (خدايا! هن کي حڪم ۽ بصيرت عطا فرما.)
    ۽ الله تعاليٰ پنهنجي نبيءَ جي دعا قبول ڪئي ۽ حضرت عبدالله بن عباس ﷦ کي ايڏي حڪمت ۽ بصيرت عطا فرمائي جو ان مان ڪئين ماڻهن علم پرايو. علم حاصل ڪرڻ لاءِ هو ماڻهن وٽ هلي ويندو هو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هو پاڻ اهڙو معلم ٿي ويو جو سندس گهر هڪ يونيورسٽي وانگر ٿي پيو جتي هر وقت ماڻهن جا ميڙاڪا رهندا هئا. هو مختلف سوالن جا جواب ۽ ٻيو علم پرائڻ لاءِ حضرت عبدالله بن عباس وٽ پهچي ويندا هئا. جنهن هرهڪ کي اطمينان بخش جواب ڏنو ٿي.
    پاڻ ايڪهتر ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
    (حضرت عبدالله بن عباس ﷦ جي زندگيءَ جو تفصيلي احوال ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ملي ٿو. سندن احوال مصر جي مشهور عالم ڊاڪٽر عبدالرحمان رائفٽ پاشا ”صور من حياة الصحابة“ ۾ پڻ ڏنو آهي. جنهن جو ترجمو ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڇپيل ڪتاب ”زندگیاں صحابہ رضہ کی“ ۾ آيو آهي.)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566177
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215635
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ