ڪتاب جو نالو: ڪميونسٽ پڌرنامو
مصنف: مارڪس ۽ اينجلس / رشيد ڀَٽي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 08 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 751 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 891 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “ڪميونسٽ پڌرنامو” ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينجلس جو ڪميونسٽ مينيفسٽو آهي جنهن جو سنڌي ترجمو سائين رشيد ڀَٽي صاحب جن ڪيو آهي جڏهن ته ڪمپوزنگ سنگتراش صحرائي ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • پهرين ڇاپي جو مهاڳ
  • ڪميونسٽ پارٽيءَ جو پڌرنامو

  • ڪميونسٽ پارٽيءَ جو پڌرنامو
  • • سرمائيدار (بورجوا) ۽ پورهيت (پرولتاري)
  • • پورهيت ۽ ڪميونسٽ
  • • سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ ادب

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (97) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “ڪميونسٽ پڌرنامو” ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينجلس جو ڪميونسٽ مينيفسٽو آهي جنهن جو سنڌي ترجمو سائين رشيد ڀَٽي صاحب جن ڪيو آهي جڏهن ته ڪمپوزنگ سنگتراش صحرائي ڪئي آهي.
    اسان ٿورائتا آهيون سنگتراش صحرائي جا جنهن ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت کي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    اسين ماڻهو چوطرف مونجهارن ۽ مسئلن ۾ گهيريل آهيون. جهڙوڪـ: مهانگائي، ڏڪار،ڌارين جي ڦرلٽ ۽ غلامي، پنهنجن جي ڦرلٽ ۽ غلامي، هڪ ٻئي کان نفرت، ڌاريائي، ساڙ، گذر جي تنگي، بي علميم بيماري ۽ سماجي تعصب، گهٽ وڌايون ۽ بڇڙايون ۽ ظالم ريتون رسمون وغيره.
    دُنيا جي ٻين قومن ۽ ملڪن جا ماڻهو به انهن ڳڻتين ۽ مصيبتن کان بنهه آجا ڪونهن. ڪي ڪهڙي ۾، تاريخ پڙهي ڏسجي ٿي ته اڳين زمانن ۾ ماڻهو، قومون ۽ عوام اڄ کان اڃان به وڌيڪ مُصيبتن ۾ مُبتلا هئا.
    ڪي ماڻهو چون ٿا ته اهو اسان جو مقدر آهي. اتفاق سان ڪنهن جو ڪو بخت وري پوي يا ڪنهن ڀلاري جي دُعا سان ڪا ڪرامت ٿي پوي ته ٻي ڳالهه آهي. نه ته انسان ويچاري جو مقدر ئي ڏک آهي. اهڙين دُعائن ۽ ڪرامتن جي برڪت سان ماڻهن تان مصيبت لهڻ ، سندسن بختن ورڻ جا سوين ، هزارين ، لکين قصا ڪهاڻيون مشهور آهن. ڪي ماڻهو دُعائن ۽ ڪرامتن بدران وري پنهنجي ذاتي ڪوششن تي ڀاڙين ٿا. هو پنهنجي محنت، اٽڪل، چالاڪي ۽ ڪن ڪن حالتن ۾ ته ٺڳي، دغا ، دوالاب، بي رحمي، ظلم يا دلاليءَ مان پنهنجي انفراديءَ ۽ ذاتي حالت بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر ڪي ماڻهو بنهه عجيب و غريب ٿيندا آهن. اهي دعا توڙي محنت يا ٺڳي ۽ بدمعاشي ذريعي يا خانداني حالت بهتر بنائڻ کي ڪا اهميت ئي نه ڏيندا آهن. هو پنهنجن انفرادي،ذّاتي ۽ خانداني معاملن کي نظرانداز ڪري، اهڙين ڳالهين ۽ مسئلن بابت سوچيندا آهن ۽ انهن جا حل ڳوليندا آهن، جيڪي هڪڙي ماڻهو ، ٽولي، قبيلي يا قوم جا انفرادي مسئلا نه پر سمورن انسانن جا گڏيل ۽ دائمي مسئلا هوندا آهن. منجهائن ڪي ماڻهو ته مُرڳو اهڙين ڳالهين ۽ اهڙن مسئلن جا حل ڳوليندا آهن، جن جو سڌو ۽ فوري طرح واسطو سندن ذات، گهر، قبيلي، قوم يا ملڪ سان ته ٺهيو پر ان وقت ۽ انهن حالتن ۾ مجموعي طرح سموري انسان ذات سان ئي ڪونه هوندو آهي يا گهٽ ۾ گھٽ ان وقت نظر ڪونه ايندو آهي. اهڙي قسم جا ماڻهو هن قسم جا هوائي ۽ خفقاني سوال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته ڌرتي چوڪنڊي آهي، مسطيل يا گول آهي ؟ چنڊ گهڻو پنڌ پري آهي ؟ سج بيٺو آهي يا هلي پيو؟ ڪائنات ڪڏهن پيدا ٿي ۽ ڇو وغيره.
    ا هڙن ماڻهن کي سائنسدان چئبو آهي. جيئن ولين ۽ پيرن جي غير معمولي ڳالهين کي ڪرامتون سڏجي ٿو. تيئن سائنسدان جي کوجنائن کي به هڪڙي خاص ۽ محدود معنيٰ ۾ انساني ڪرامتون سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
    پيرن ۽ ولين جي ڪرامتن جا قصا ۽ داستان تاريخ جي هر دور ۾ هر زماني ۾ مشهور رهيا آهن. سنڌ جا درويش جا ديس ته خدا جي فضل ۽ ڪرم سان هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر پاڙي ۾ پنهنجو پنهنجو الڳ ڪاني ڪرامت جو صاحب رکن ٿا. انهن برڪتن ۽ ڀلاين، ڪانين ۽ ڪرامتن جو ڀلارو قصو تمام ڊگهو ۽ اڻ کُٽ آهي. انهن ڪرامتن سان ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش ڪير ڪري.
    پر جيڪڏهن روحاني ۽ غيبي قوتن جي طاقت جي ڪرشمي کي هڪ طرف پاسيرو ڪري عقيدي ۽ مذهب جي ڳالهه کي پنهنجي جاءِ تي رکي، دُنيا تي نظر وجهجي ته پوءِ انصاف روءَ اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته سائنسدان جي عقل، عمل ۽ تجربي جي کوجنائن هن دُنيا ۾ جيڪي تبديليون آنديون آهن. سي ڪنهن به وليءَ، پير يا مذهبن وارن پنهنجي پنهنجي مذهب ۽ عقيدي جي پيرن، فقيرن ۽ ولين جي ڪاني ڪرامت بابت جيڪي دعوائون ڪيون آهن. سي سڀ جيڪڏهن سچيون ڪري مڃجن ته به ڪي ڪي سائنسي کوجنائون ايڏيون ته حيرت انگيز آهن ۽ انهن جو اثر انسان ذات تي ايڏو ته اُٿاهه پيو آهي جو ڪنهن هڪڙي رُشيِءَ، مُنيءَ، پادريءَ، وليءَ يا پير جي ڪنهن به هڪڙي ڪرامت ته ڇڏيو پر سڀني سڳورن جون سڀ ڪانيون ڪرامتون هڪڙي پاسي ته ڪنهن هڪڙي سائنسدان جي کوجنا ۽ اُن جو اثر ٻئي پاسي ! ڀلا ويچارته ڪريو ڪهڙي رُشيءَ، مُنيءَ، پير يا فقير جي ڪرامت ريڊيي ، ٽيليويزن، ٽيليفون، هوائي جهاز، ايڪسري، ڪونين ، پينسلين، چنڊ تي پهچڻ، سمنڊ جي تري مان تيل ڪڍڻ، ڪروڙن ميلن تان فوٽا ڪڍڻ، ستارن جي گردش جا صحيح انگ اکر ٻُڌائڻ، هزارين ميلن تي راڪيٽ صحيح نشاني تي ڦٽو ڪري سگھڻ جهڙا ڪم ڪري سگهي آهي؟ اڃا ته ڪونه ٻُڌو سُئو آهي، بنا ڪنهن تعويذ ڦيڻي جي، بنا ڪنهن ڏهي چاليهي ڪڍڻ، بنا ڪنهن اڇي يا ڪاري ڪڪڙ ڪهڻ جي، فقط هڪڙي بٽڻ دٻائڻ سان، ڪنهن پنجاهه يا سو سال اڳ مُئل ماڻهوءَ يا پنج هزار سال ميل پري ويٺل ماڻهوءَ جو آواز جڏهن کپي تڏهن ٻُڌرائي سگهي؛ يا مُرڳو سندس هوبهو تصوير اکين اڳيان آڻي بيهاري کيس هلرائي، چلرائي ، ڳالهرائي، ٻولرائي ڏيکاري جيئن ٽيليفون، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ سئنيما وارا ڪن ٿا. عيبدار ۽ گنهگار انسانن جي عقل جون هزارين، لکين ڪرامتون اهڙيون آهن، جن جهڙي ڪرامت ڪنهن پير فقير هٿان ٿيڻ جو ماڻهو سوچي به نٿو سگهي.
    انساني عقل جي انهن ايجادن، ڪرامتن ۽ معجزن انسان کي هڪڙي ڪمزور، بي پهچ ۽ اکين هوندي انڌي جانور مان ڦيرائي زمينن ۽ آسمانن جو ۽ ذّري گهٽ فطرت جو مالڪ بنائي وڌو آهي. هي جو صوفي سڳورا چوندا آهن ته انسان خدا جو جلوو آهي . هم اوست “ سڀ پُنهون پاڻ آهي” . ڪونهي ٻيو ٻروچ ري، يا هي جو سچل سائين چيو آهي ته “الله الله ڇو ڪرين پاڻ ئي الله ڄاڻ” اُهي عقيدا جيڪڏهن سچا ثابت ٿي سگهن ٿا ۽ جيتري به حد تائين ثابت ٿي سگهن ٿا ته اهي اڄ به ان حد تائين ڄڻ اسان جي اکين اڳيان ثابت پيا ٿين. اڄوڪو انسان ڄڻ ته سچ پچ پُنهون پاڻ ٿي پيو آهي.
    اڄ مجموعي طور انسان کي جيڪا ڄاڻ آهي، وٽس جيڪو هُنر، فن ۽ تجربو آهي. منجهس جيڪي ڳولا، جاچ، تخليق، کوجنا ۽ ايجاد ڪرڻ جون صلاحيتون پيدا ٿي چُڪيون آهن، تن جي زور تي هو اڄوڪي انسان ذات جو هر هڪ مسئلو ۽ سڀ فوري مُشڪلاتون دور ڪري سگهي ٿو. اُنهن صلاحيتن جي هوندي، ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ جو هن ڌرتيءَ جي ٽڪري تي هڪڙو به ڏينهن بُکيو رهڻ، بيمار رهڻ، اجهي ۽ لٽي بنا رهڻ، خوف ۽ دهشت جو شڪار هجڻ، هرگز هرگز لازم ناهي. اڄ انساني ذهن جي برڪتن ۽ تخليقن سبب هيءَ ڌرتي پنهنجي هر پُٽ ۽ هر ڌيءَ ، هر ٻار ۽ هر ٻُڍي جي سمورين جائز گهرجن جي پورائي ڪري سگهي ٿي. اڄ انسان ذات اُن منزل تي پهچي وئي آهي، جتي صدين جون تمنائون ۽ هزارين سالن جا خواب پورا ٿي سگهن ٿا. شاعرن، اديبن، فيلسوفن ٻين سمورن نيڪ نيت انسانن، انسانن جي ڀلائي، بهبودي ۽ ترقيءَ جا جيڪي خيالي ٻيٽ ۽ تصوراتي جنتون پنهنجي ذهنن ۾ ٺاهيون هُيون، اهي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ حقيقت جو روپ اختيار ڪري سگهن ٿيون.
    پر اڄ هن ڌرتيءَ تي هزارين سال جيئڻ ۽ مرڻ، مرڻ ۽ جيئڻ، پورهيا ڪرڻ ، سوچڻ، سمجهڻ، ڳولڻ، خلقڻ کانپوءِ به انسان ٿُلهي ليکي ڄڻ ته اُتي ئي آهي جتي هو هزارين سال اڳ هو. اڄ به ڌرتيءَ جي وڏي اڪثريت بُکي آهي، بيمار آهي، اڻ پڙهيل آهي، غلام آهي، وهمن، وسوسن، انديشن، تعصبن ۽ نفرتن جو شڪار آهي. اڄ به فطرت ۽ هن ڌرتيءَ جون نوانوي سيڪڙو قوتون، طاقتون ۽ وسيلا يا ته ڪنهن به ڪم ۾ نٿيون اچن يا ته اُنهن جو ڳچ حصو زيان ٿي وڃي ٿو. ڪن حالتن ۾ اُنهن قوتن، طاقتن ۽ وسيلن جو وڏو حصو اٽلو انسان ذات جي وڏي گهڻائيءَ خلاف استعمال ٿئي ٿو. انساني عقل جا بهترين ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڪرشما جهڙوڪ؛ ايٽمي طاقت جو راز هٿ اچڻ وغيره. جن تي انسان کي ناز هُئڻ گهرجي ۽ جيڪي انسان ذات جي ابدي ڇوٽڪاري ۽ نجات جا وسيلا ٿي سگهن ٿا ۽ صدين ۽ هزارين سالن جون ڪسرون پوريون ڪري سگهن ٿا. سي عام انسان لاءِ ڦري هيبت ناڪ ويري ۽ دُشمن ٺهي پيا آهن.
    سيئي سيلهه ٿيام، پڙهيام جي پاڻان ! ڇو ؟ ڪي چون ٿا ته “مُصيبتون، ڏک ۽ ناڪاميون انسانن جو مقدر آهي. انسان کڻي ڇا به ڪري ته به پنهنجي اُنهي مقدر کان بچي نٿو سگهي. سُهڻي لطيف ماڻهن جي اُنهيءَ عقيدي کي هنن لفظن سان بيان ڪيو آهي؛
    توڻي هلين تڪڙو، توڻي هلين وک، ته به لکئي منجهان لِکَ ذرو ضايع نه ٿئي !
    ڪن جو چوڻ آهي ته “ درحقيقت انسان کي هن ڌرتيءَ تي خوش رهڻ جي ضرورت ئي ناهي. هيءِ ڌرتي ته ٿڪ ڀڃڻ جي جڳهه آهي. سراءِ ۽ مسافرخانو آهي. هتي خوش رهي ڇا ڪبو؟ خوش رهڻ جي منزل ته اڳتي آهي، جتي ابديت آهي، بقا آهي، فنا سان ڪهڙيون مائٽيون ۽ ڪهڙا لاڳاپا؟”
    انسان ذات جي هاڻوڪي گڏيل بدقسمتي ۽ مصيبت جي سمجهاڻي کڻي ڪهڙي به ڏجي پر انسان ذات يا گهٽ ۾ گھٽ ان جي وڏي ۾ وڏي گهڻائي هوندي سوندي ويل ۽ عذاب ۾ آهي، انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ انسان ذات کي صدين کان ڪو ڳجهو ۽ دائمي مرض لڳل آهي. جنهن مان سندس جند ئي نٿي ڇُٽي. اُن موذي مرض جو ذڪر مون هڪڙي ٻئي ڪتاب* ۾ هن ريت ڪيو آهي:
    سموري انسان ذات کي روز ازل کان وٺي هڪڙو موذي مرض لڳل آهي. جنهن سبب انسان ذات ڄڻ ڄائي ڄم کان لولي لنگڙي ۽ جڏي ٿي پيئي آهي.
    عام انسانن جي حياتي زهر آهي. هو ڄڻ ته جيئري ئي مُئا پيا آهن. اهو مرض آهي، اهو بي انصافيءَ ۽ ظلم وارو سماجي چرخو جنهن ۾ خان کُٽن ۽ کوليرا کائين ٿا.
    هر دور ۽ هر زماني ۾ هڪڙي پاسي لکين ڪروڙين انسان پورهيو ڪندا، اٰن اُپائيندا، کُٽندا، ڪمائيندا ۽ ٺاهيندا ۽ جوڙيندا رهيا آهن
    • پڙهجو رسول بخش پليجي جو لکيل ڪتاب “لينن” جو پهريون باب
    ۽ ان هوندي به سدائين بُکيا، ڏُکيا، هيڻا، اٻوجهه، اڻ ڄاڻ، بي زبان، بيوس، ماريل، پيڙهيل، هيسيل ۽ ڊنل رهندا آيا آهن ته ٻئي پاسي ڪي اٽي ۾ لوڻ جيترا تمام ٿورڙا ماڻهو ٿين ٿا جي ڪروڙن ماڻهن جي کٽي ڪمائي، ظلم زبردستيءَ، ٺڳي ۽ دولاب سان کانئن کسيو وٺن ٿا. اُن مان هڪڙو پاڻ جاوا ڪن ٿا ۽ ٻيو پنهنجن ڇاڙتن کي پالين ۽ کارائين ٿا، ٽيو ڦڏن، فسادن ۽ جهيڙن جنگين ۾ زيان ڪري ڇڏين ٿا.
    دور بدلجندا رهن ٿا. هڪڙي دور ۾ اهي گهڻي کاٽائو غلام آهن ۽ ٿورا ڦورو ۽ زيان خور سندن مالڪ ٻئي دور ۾ گهڻا هاري آهن ته ٿورڙا وڏيرا، زميندار، جاگيردار ۽ سردار. ٽئين دور ۾ گهڻا مزور ٿين ٿا ۽ ٿورڙا واپاري، مل مالڪ ۽ سرمائيدار پر ورهاست جو دستور هر دور ۾ ساڳيو رهندو آيو آهي. يعني زبردست گهڻائي کي پتيءَ ۾ بک، ڏک، بيماري، جهالت، ظلم، زبردستي، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ملي ٿو ۽ ٿورڙن کي مال ملڪيت، چڱڀلائي، عيش ، عشرت، علم، طاقت ۽ حڪومت ملن ٿيون. مطلب ته سواءِ ڪن تمام ٿورڙن داديگيرن ۽ ٺڳن جي ٻيا سڀ انسان جا بچڙا هر دور ۽ هر زماني ۾ ڏهاڳي ۽ ڏکويل رهيا آهن. اهو دستور هزاررين نسلن کان هليو اچي، وقت بدلبو رهي ٿو. هڪڙا آيا، ٻيا ويا، هڪڙيون حڪومتون ، سلطنتون ۽ تهذيبون ٺهيون ٻيون ڦٽيون. لکين پير ۽ فقير ساڌو ۽ صوفي ، عارف ۽ سالڪ، ولي ۽ قلندر، قطب ۽ غوث ، امام ۽ اوتار ، نبي ۽ رسول آيا، ملائڪ سڳورا ڀلارا نياپا کڻي زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ پنهنجا نوراني پرڙا ڦڙڪائيندا رهيا، وقت بوقت رهبري ۽ هدايت جا نوان واهڙ وهي ٿي هليا. حقيقت ۽ معرفت جا نوان درياهه پلٽي ٿي پيا. ٿرن، برن، وادين ۽ جبلن ۾ آسماني وايون گونجڻ لڳيون. هر ڀيري چوطرف کيرون مُبارڪون هلي ٿي ويون ته “هاڻ دنيا جو چرخو اڳوڻي نموني نه هلندو، هاڻ ڦرلٽ جو نظام ختم ٿي ويندو” حقدارن کي حق ملندو، ڦورن ۽ ڌاڙيلن کي ظلم زبردستي ڪرڻ نه ڏني ويندي. پر ظلم جو دستور نه بدليو سو نه بدليو. وڏا وڏا عاشق، شاعر، اديب ۽ فنڪار پيدا ٿيا. حسن ۽ عشق جا لافاني داستان ڄاوا. ادب ۽ فن جا اَبدي تاج محل اڏيا. دُنيا کي سونهن ۽ سڪ، سچائي ۽ خلوص، پيار ۽ وفا جا سبق مليا. وڏا وڏا عالم،فيلسوف، تاريخ جا ڄاڻو، سائنسدان کوجنائون ڪندڙ آيا. علم جا سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳا. ڏاهپ ۽ حڪمت جا موتي مُٺين ورهائجڻ لڳا. انسان جي ڪهاڻي الف کان ي تائين بيان ٿيڻ لڳي. فطرت جا سوين هزارين گونگهٽ هڪ هڪ ٿي لهڻ لڳا. باهه، پاڻي، وڄ، تارن، چنڊن، سجن، ڏينهن ۽ راتين، مُندن ۽ موسمن جا اسرار کُلي پيا. سمنڊ جا ترا ڇانڇوليا ويا. ڌرتيءَ کان سج تائين جا پنڌ ماپيا ويا. انسان اونڌو ڦيرو نه بدليو، ڪروڙين پورهيت خان کُٽندا رهيا ۽ بُکون مرندا رهيا. مُــٺ جيترا مفت خور کوليرا کائيندا ۽ خرمستيون ڪندا رهيا. مرضيل سماج جو مرض نه ويو. اُن پُراڻي مرض مان دنيا جا ويڄ ورچي ويا. ڏکن جي کوٽ ڪانه هُئي. صدين کان ڏاها ۽ طبيب ، ماڻهن کي ڇوٽڪاري جا قسمين قسمين ڏس ڏيندا رهيا. ڪن چيو ته نانگن ۽ ڀوتن ڪي پوڄا ڪريو ته اوهان تان دنيا جون آفتون ٽرن ! ڪن ديوين، ديوتائن جا ڏس ڏنا. ڪن چيو ته تپسيائون ڪري نفس ماريو! ڪن چيو ته اها به رب جي رضا آهي، قدرت جو قانون آهي، اهو ڪڏهن به ڪونه بدلجندو. اجايو پاڻ کي هلاک نه ڪريو. هن دُنيا کي مسافر خانو سمجهو.ان جو فڪر ڇڏيو. آخرت جي ڪريو! مطلب ته جيترا طبيب اوتر ڏس. ماڻهن هر ڏاهي جو ڏس آزمايو. هر ويڄ جي ٻُڪي پيتي. هنن سج، چنڊ ۽ تارن کي پوڄيو. هوا، باهه ۽ پاڻي کي پوڄيو. هنن جانورن ۽ نانگن کي پوڄيو. هنن پٿرن اڳيان سيس نمايو، هنن قبرن، مساڻن، ديولن، درگاهن ۽ خانقاهن جي خاڪ چٽي، ناٿ ۽ نانيون، ڪعبا ۽ ڪاشيون ڀيٽيون، هنن جوڳ پچايا، چاليها ڪڍيا، انگ ڀڀوٿ ڪيا، مڙهيون، مسجدون ، ديوليون، آشرم اڏيا ۽ وسايا، جهاديون ڪيون. پنهنجا جهُڳا جهڻ ڪيا، هڪ ٻئي کي ڪُٺائون، پنهنجا ٻچا ڪهايائون، اُن جي عيوض هُن دُنيا ۾ جنت جي جاءِ ملڻ جون خوشخبريون ٻُڌائون. پر هن ڌرتيءَ تي سندن پير نه ٽڪيا. هن ڌرتيءَ جا مالڪ اُهي ئي ٿورڙا مُٺ جيترڙا، غلامن جا آقا، وڏيرا، زميندار، سردار ۽ شاهوڪار رهيا. اُن دستور ۾ ڪو به فرق نه آيو.
    هن زاريءَ کان سواءِ زور به آزمايو. هنن ڦورن ۽ ڌاڙيلن يعني آقائن، وڏيرن، زميندارن، سردارن، شاهوڪارن، بادشاهن، شهنشاهن، خليفن، قيصرن ۽ ڪسرائن خلاف هزارن لکلين ڀيرا بغاوتون ڪيون. هو گهاڻن ۾ پيڙهيا، سورين تي لٽڪيا، جيئري ئي کلون لهرايون، نانگن سان ڀريل کوهن ۾ اُڇلايا ويا. هنن ڇٽ پٽن سان هڻي ڇڏيا. بادشاهتون ۽ سلطنتون ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏيائون. هو ڪو نه ڪو جهنڊو کڻي، ڪنهن نه ڪنهن جي پويان، بحرن ۽ برن کي لتاڙي، دُنيا جي آخري ڇيڙي تائين وڃي پهتا. پر کين ڪجهه به وريو سريو ڪو نه. هر دفعي کين ٺڳيو ويو. استعمال ڪيو ويو. ڪم ڪڍي پوءِ پيرن هيٺيان چيڀاٽيو ويو. دُنيا جي چرخي جو اونڌو ۽ اُبتو ڦيرو اهو ئي هلندو رهيو. دُنيا جا سڀ ڀلارا ۽ نيڪ ماڻهو، پير، فقير، ولي، بزرگ، اوليا، اوتار، عالم، پنڊت، ڏاها، فيلسوف، شاعر، سائنسدان، سڌارڪ، انقلابي سورما ۽ سرويچ انهيءَ اونڌي چرخي کي سڌو ڪرڻ جي حسرت دل ۾ کڻي پنهنجي راهه رمي ويا. سماج ازل کان وٺي چهٽيل مرض ڪنهن به دوا داورنءَ سان دفع نه ٿي سگهيو آهي.
    اهو موذي مرض مجموعي طرح اڄ به انسان ذات کي لڳل آهي. اڄ به اُن جو مڪمل علاج نه ٿي سگهيو آهي. پر تڏهن به فقط هڪ سئو سال اڳ جي دُنيا ۽ اڄ جي دُنيا جي وچ ڀيٽ ڪري ڏسجي ٿي ته زمين آسمان جو فرق نظر اچي ٿو. انهن هڪ سئو سالن ۾ ماڻهن، طبقن، ملڪن، قومن، بلڪه کنڊن جون قسمتون ذري گهٽ بدلجي ويون آهن. مثال طور:؛ هڪ سئو سال اڳي انگريز بهادر دُنيا جي برن ۽ بحرن جو مالڪ هو. سندس سلطنت جو سج لٿو ئي نٿي. اڄ انگريز سلطنت سُسي، سُڪي پنهنجي اصلوڪن ٻيٽن ۽ اُن جي ٻن ٽن ٻين علائقن تائين محدود ٿي وئي آهي. سئو سوا سال اڳي يورپي فوج“اڪ رانجها لکان دا مٽ” هوندي هُئي ۽ هڪڙي گوري پلٽڻ سان ديسي سپاهين جا ڪٽڪن ڪٽڪ ماري ختم ڪري ڇڏيندي هُئي. اڄ مُٺ جيترڙا بُکيا، اُگهاڙا، ڪارا، پيلا، آفريڪي ۽ ويٽنامي، عرب ۽ چيني هاري آمريڪا ۽ يورپ جي بهترين فوجن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ساڻو ڪري چُڪا آهن ۽ هو گيسيون ڪري جند ڇڏائڻ ۾ پورا آهن، اڄ عمل، جوش، جذبي ۽ تخليق جو مرڪز اولهه مان ڦري اوڀر طرف اچي رهيو آهي. اڳي ايشيائي ۽ آفريڪي ماڻهن لاءِ آمريڪا ۽ يورپ جي هر ڳالهه ڄڻ آسماني صحيفو هُئي. اڄ آمريڪا ۽ يورپ جا نوجوان نسل ايشيائي، ليٽن آمريڪي ۽ آفريڪي انقلابين جي نالي کي احترام ۽ ادب سان اُچارين ٿا ۽ سندن تصويرون کڻي مارچ ڪرڻ ۽ مُظاهرا ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اڄ دُنيا جون ننڍڙيون مظلوم،هيسيل ۽ غلام قومون، دُنيا جي اجگرن ۽ ڏاڍن سان سينو ساهي کين گوڏن ڀر جُهڪائي رهيون آهن. دُنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ هڪ نئون انسان پيدا ٿي چُڪو آهي. هڪ نئون نظام اڏجي رهيو آهي. دُنيا ۾ ڪيترائي اهڙا علائقا آهن، جتي انسانن جون سموريون صلاحيتون، انسانن جي ڀلائي لاءِ ڪتب اچن ٿيون. جتي ڌرتي کي بک، بي روزگاري، غلامي، خوف،ڏاڍ، ڏهڪاءُ کان پاڪ ڪيو ويو آهي. جتي ماڻهن ڏيهي ۽ پرڏيهي وڏيرن، سيٺين ۽ پرڏيهي غلام بڻائيندڙن جي ظالم جو راڄ جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. عام انسانن ، ٻارن، ٻُڍن، مردن ۽ عورتن اهڙيون اهڙيون قربانيون ڏنيون آهن. اُنهن اڳوڻي زماني جا وڏي ۾ وڏا جوڌا جوان، نيڪ کان نيڪ ۽ اعليٰ کان اعليٰ انسان ۽ قربانيءَ جا پُتلا به فخر بلڪه ريس ڪن ٿا.
    اڄ دُنيا ۾ اُن بنيادي ڦير گھير ۽ انقلاب جي شروعات ٿي چُڪي آهي. جنهن ڦير گھير ۽ انقلاب لاءِ هو هزارين سالن کان واجهائيندو ۽ خواب ڏسندو رهيو آهي. ان جو مکيه ڪارڻ اهو آهي جو اڄ انسان ذات هزارين سالن جي تاريخ ۾ پهريون پنهنجي مجموعي تاريخ کي صحيح نموني پرکڻ ۽ پروڙڻ جا اوزار ۽ ڪسوٽيون ڳولي هٿ ڪري چُڪي آهي. اڄ جي دور ۾ انسان پنهنجي سماجي وجود جي راز جو انت ڳولي لڌو آهي. ان کان سواءِ هن اهو راز به ڳولي لڌو آهي ته انسان ذات جي گڏيل تقدير ڪيئن بدلائي سگهجي ٿي ۽ ڪير بدلائي سگهي ٿو. انسان ذات پنهنجي لاءِ موذي مرض جي سُڃاڻپ ڪري چُڪي آهي. ۽ ان جي علاج جي يڪ ٽڪ نسخي جي ڪرامت آهي جو اڄ دُنياجي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسان کي اهڙيون قومون ۽ ملڪ ملن ٿا جي يا ته چڱا ڀلا ۽ جان مڙد ٿي ويا آهن يا اچي بيمارين مان چڙهيا آهن ۽ ڄاڻ سڀني مرضن ۽ مصيبتن مان آزاد ٿيا. فلسطين، الجزائر، يمن، ڪوريا، ڪيوبا، ويٽنام، الباييه،چين، روس، ڪي اڳتي ڪي پوئتي، پر سڀ پنڌ ۾ آهن. سڀ آزاد ي، خوشحالي ۽ نجات جي منزل ڏانهن ڪاهيندا پيا وڃن.
    انقلابي عمل جو اهو نئون سلسلو اتفاقي نموني خوش قسمتي سان سڪيءَ ۾ ٽُٻيون هڻڻ سان شروع ڪونه ٿيو آهي. اهو هڪڙي نئين انقلابي سوچ جي لاٽ جي روشنيءَ ۾ ٿيو آهي. نئين انقلابي سوچ جو اهو سلسلو هونئن ته هروڀرو ايترو نئون ڪونهي ۽ هزارين سالن کان نت نوان جنم وٺندو رهي ٿو. پراُن ۾ جيڪو هن دور ۾ خاص نئون وڏو ڇال آيو آهي، سو هڪ خاص نئين انقلابي سائنس آندو آهي. اُن نئين ۽ خاص سائنس جو سلسلو سڀ کان پهرين ٻن ماڻهن شروع ڪيو.“مارڪس ۽ اينجلس” هنن سڀ کان پهرين هڪڙي ننڍڙي ڪتابڙي سان شروعات ڪئي. اهو ڪتابڙو اوهان جي هٿن ۾ آهي. اهو اڳ به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي. پر هيستائين ههڙن ڪتابن جي ترجمي ۾ اڪثر رُڳو ثواب خاطر بيگر لاٿي وئي آهي. جنهن ڪري ريڪارڊ جي پورائي ٿيندي آهي. ٻيو ٿيو خير، هن ڀيري اها خاص ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اُن ۾ ڪو به اهڙو ڏکيو ۽ اوپرو لفظ ، جملو يا محاورو نه هجي، جنهن جي ڪري ماڻهو حيلا ڪري بيهي رهن ته به ٻي ڳالهه سمجهي سگهن، هي ڪتاب آهي ننڍڙو پر جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته تاريخي خيال کان اُن جو لفظ لفظ ڄڻ ايٽم بم آهي. اهو وحي يا قرآن ڪونهي.اُن ۾ سموري انقلابي سائنس جا اصول ۽ سڀ نُڪتا بيان ڪيل ناهن. ان جون ڪيتريون ڳالهيون زندگي ۽ تاريخ مدي خارج ثابت ڪيون آهن. ڪيترا نقطا اُن کان پوءِ بهترنموني بيان ڪيا ويا آهن، ڪيتريون اڳڪٿيون صحيح ثابت نه ٿيون آهن. پر مجموعي طرح هن ڪتابڙي ۾ انساني تاريخ جون اهڙيون وڏي ۾ وڏيون سماجي کوجنائون سمايل آهن. جن جي سماجي حيثيت ۽ اهميت ائٽمي نظريي جي آندل انقلاب کان به وڌيڪ بنيادي ۽ دائمي آهي.
    ڪميونسٽ پڌرنامي انساني تاريخ جي رنگين ڊرامائي ۽ حيرت انگيز داستان جي سڀ کان رنگين ڊرامائي ۽ حيرت انگيز باب جي ڄڻ بسم الله ڪئي .
    ان کان پوءِ انسانن جي گڏجي تقدير بدلائڻ بابت عظيم الشان ۽ لافاني تخليقون ڪيون ويون آهن. شعر، ناول، ڊراما،ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. انقلابي اقتصاديات، سياست،جنگ، جدوجهد، اڏاوت، اخلاقيات ۽ ٻين ڪيترن ئي زندگيءَ جي شعبن بابت شاندار ايجادون ، کوجنائون ۽ تخليقون پيش ٿيون آهن. ٿين پيون ۽ ٿينديون رهنديون پر اهڙي ڪا به تخليق، تصنيف يا سماجي کوجنا ڪانهي، جنهن جي راءِ يا ڏس پتو ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪميونسٽ پڌرنامي ۾ نه ڏنل هجي.
    انساني عقل، انساني عمل جي پيداوار آهي پر جڏهن عمل مان عقل ٺهي پوي ٿو ۽ اهو عوام جي ذهنن ۾ گهر ڪري وڃي ٿو تڏهن اهو عقل خود عوام جو هٿيار بنجيو پوي . سندن عمل جي ڪايا پلٽيو ڇڏي ۽ سندن زندگين ۾ انقلاب آڻيو ڇڏي. اهڙي طرح عقل ڦريو عوامي عمل ٿيو پوي. دُنيا ۾ انساني هٿن جو لکيل اڄ تائين ڪو به اهڙو ڪتاب ڪونهي ، جنهن جي ڏسيل عقل انسان ذات جي گڏيل تقدير تي ڪميونسٽ پڌرنامي کان وڌيڪ اثر هجي ۽ اُن ۾ انقلاب آندو هُجي.هن ڪتاب جو موضوع اسان سنڌي ماڻهن لاءِ ڏُکيو ۽ اوپرو آهي. تنهن ڪري اُن جي پهرين پڙهڻيءَ ۾ اُن جي پوري تاريخي اهميت اسان تي ظاهر نه ٿئي ۽ اسان کي ڪو خاص مزو نه اچي ته اسان کي عجب نه کائڻ کپي. انساني تاريخ ۽ گڏيل انساني تقدير بابت جيڪي نظريا هن ڪتاب ۾ پيش ڪيا ويا آهن سي اسان لاءِ مڪمل طرح ڌاريا ۽ اوپرا آهن. انهن تائين پهچڻ لاءِ اسان کي پنهنجي سامراجي نصاب مطابق حاصل ڪيل تعليم جي سامراجي مفروضن کي وسارڻو پوندو يا درست ڪرڻو پوندو. اُن ۾ ڪافي دير لڳندي، ڪافي ذهني جاکوڙ ڪرڻي پوندي، پر ڪن ماڻهن وانگر ڪي ڪتاب ۽ ڪي علم به اهڙا هوندا آهن جن سان نه رُڳو سُڃاڻپ رکڻ يا دُعا سلام هُجڻ به وڏي ڳالهه آهي. لطيف سائين جي لفظن ۾ ائين چئجي:

    “جي ماسو مليئي مال، ته پُوڄارا پُر ٿئين !”

    جيڪڏهن هن ترجمي ڪري اسان جو سنڌي عوام انقلاب جي نئين سائنس جي رُڳو الف ¬_ب کان واقف ٿي پوي يا کين رُڳو اهو سماءُ پئجي وڃي ته اُن نالي ۽ اُنهن رنگن پارن واري ڪا “علمي ۽ عقلي بلا ” به ٿيندي آهي ته به چئبو اسان لک کٽيا. اهو تنهن کانسواءِ هرو ڀرو لازمي ناهي ته اسين فقط اهي شيون پڙهون جن سان اسين نوي سيڪڙو اتفاق ڪريون. مکيه ڳالهه اها آهي ته اسين دُنيا جي عظيم سائنسن ۽ سوچن جي طاقتور وهڪرن کان اهڙا اڻ واقف نه هجون جو ماڻهو پيا انهن بابت پاڻ ۾ ڳالهائين، بحث مباحثا ڪن ۽ هڪ ٻئي جا مٿا ڦاڙين ۽ اسين وات ڦاڙيو بيٺا هجون ۽ ويٺا سوچيون ته “ هي الائي ڪنهن جي بازار پئي لُٽجي” هيستائين ائين ٿيندو آيو آهي. هاڻي ائين ٿيڻ نه گهرجي. سنڌي قوم وڌيڪ اڻ ڄاڻ، جاهل ۽ ذّهني طرح بي هٿيار رهڻ جو جوکم کڻي نٿي سگهي، ههڙا ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو بنيادي سبب ۽ مقصد اهو ئي آهي.پڇاڙي ۾ باقي هڪڙي ڳالهه.
    هي ڪتاب سوا سئو سال اڳ يورپ ۾ ۽ گهڻي قدر يورپ بابت لکيو ويو هو. اُن وقت يورپ سماجي ترقي جي واڌاري جي ان منزل تي هو، جنهن منزل تي پهچڻ لاءِ عام حالتن ۾ اسان کي سئو سو سال ٻيا به کپن. اسان جو ملڪ اڃان قبائلي سردارن ۽ وڏيرن جي راڄ واري دور ۾ ڦاٿل آهي. هي ڪتاب ان کان اڳتي جي يعني سرمائيدارن جي راڄ جي ڳالهه ٿو ڪري. عام حالتن ۾ قبائلي سردارن، وڏيرن ۽ زميندارن جي راڄ کان پوءِ لازمي طرح سرمائيدارن جي راڄ جو دور اچڻو آهي. عام حالتن ۾ اسان جي ملڪ کي ان سرمائيداري دور تائين پهچڻ لاءِ سوا سئو سال ٻيا به گهرجن.
    ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ جن جي اڃا قبائلي وڏيرڪي نظام مان ئي جند نه ڇُٽي آهي. تن ۾ اُتان جا حاڪم طبقا اُنهي پروپئنگيڊا جي ڌم لڳايو بيٺا آهن ته“ اسان جي حڪومت ۾ رنڊڪ نه وجهو!” ڇڏيو ته ٻيو هڪڙو ڀيرو اوهان کي ڪارخانا لڳائي، ملڪ ترقي يافته بنائي ڏيون، پوءِ ڏسجو ويهي دنيا جا رنگ، اوهين پاڻ سڄي عمر پيا مزا ماڻيندا پر اوهان جا پويان به اوهان کي کايو دُعائون ڪندا.!’ جنهن ترقيءِ جون هو بشارتون پيا ڏين سا ترقي کي جيڪڏهن سچ پچ ٿي به کڻي ته اها ڇا جي ترقيءَ هوندي؟ اها هوندي وڏيرڪي نظام جي جاءِ تي سرمائيداري نظام قائم ڪرڻ ۽ ترقي ۽ وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ غلامي سان گڏ يا ان بدران هيٺئين طبقي جي ڦرلٽ ۽ غلامي رواج پوڻ ۾ ترقي. اُن ترقي جي ڪري عوام لاءِ فقط ڦورو ۽ غلام بنائيندڙن جو انگ وڌندو ۽ هڪڙن ڦورن جي جاءِ ٻيا وٺندا ۽ ڦرلٽ ۽ غلامي جو نظام اهو ئي قائم رهندو. پر رُڳو اها سرمائيدارن واري ترقي اچي سا به ڪا سولي ڳالهه ڪانهي. اول ته انهن ملڪن جا حاڪم طبقا اڪثر وڏيري طبقي، قبائلي سردار، وڏيرا ۽ جاگيردار هوندا آهن. تنهنڪري اهي سرمائيداري به فقط اوتري آڻيندا ۽ آڻي سگهن ٿا. جيتري سرمائيداري سندن ڦورو ۽ ظالم وڏيرڪي راڄ جي اوگهڙ ڍڪي سگهي ۽ کين عوام جي غصي، بغاوت ۽ جڳ جهان جي خواريءَ کان بچائي سگهي. باقي ٻيو جيترو پهچي سگهندن اوترو مڪمل وڏيرڪو راڄ قائم ڪندا. اُن کي بچائيندا ۽ اُن ۾ واڌارو آڻيندا. اُن لاءِ جيڪي به اٽڪون، سٽڪلون، فريب، ڦندا ۽ مڪر ڪرڻا پين سي ڪندا. ٻيو ته هنن هڪ هٽي ۽ سامراج جي ڏاڪي واري سرمائيداري دور ۾ غريب ۽ پوئتي پيل ملڪ پوري دُنيا جا گبر سيٺيون، سر.مائيدار، دنير ٻلا ڪنهن ٻئي ننڍڙي سرمائيدار ٻلي کي ساهه کڻڻ ئي نٿا ڏين. ان هوندي به اسان جو سرمائيداري نظام سان ڪجهه نه ڪجهه واسطو آهي ۽ ڪافي وقت رهندو. ان ڪري اسان لاءِ اُن جي ڄاڻ لازمي آهي. وڏيرڪي نظام جي ڪُک مان سرمائيداري نظام ڪيئن ٿو پيدا ٿئي، ڇو ٿو پيدا ٿئي ، ڪهڙو طبقو دائي بنجي ان کي ڄڻائي ٿو؟ اهو نظام ڪهڙا رنگ ٿا ڪري، اُن جو پس و پيش انت ڪهڙو ايندو، ڪير آڻيندو، ڇو آڻيندو؟ انهن سوالن جا جواب هر سمجهو ماڻهو ۽ خاص ڪري مظلوم قوم جي هر وطن دوست لاءِ ڄاڻڻ ضروري آهي.
    ڇو ته پوءِ ئي کين خبر پوندي ته سندس قوم جا حاڪم طبقا سندن قوم کي جنهن آئيندي طرف ڪاهيندا وڃن سو آئيندو حقيقت ۾ ڪهڙو آهي ۽ اُن کان بچڻ ۽ اُن کي بدلائڻ لاءِ عوام کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
    اهي سڀ خبرون هن ڪتاب مان معلوم ٿينديون.

    رسول بخش پليجو
    جنرل ايڊيٽر
    سنڌي عوامي ڪتاب گهر
    حيدرآباد 01-01-1975


    پهرين ڇاپي جو مهاڳ

    هي پڌرنامو پهريائين پورهيتن جي هڪ جماعت “ڪميونسٽ ليگ” پاران شايع ڪيو ويو. اها جماعت اول رُڳو هڪڙي ملڪ جرمني تائين محدود هُئي پوءِ اڳتي هلي اها بين الاقوامي بنجي وئي، يعني دنيا جي گهڻن ملڪن تائين ڦهلجي وئي.1847ع کان اڳ يورپ کنڊ جون جيڪي سياسي حالتون هُيون، تن جي ڪري اها جماعت لاچار ڳجهه ڳوهه ۾ ڪم ڪندي هُئي. 1847ع ۾ انهي ليگ جي عيوضين جي هڪڙي ڪانفرس لنڊن ۾ ٿي. ڪانفرنس مارڪس ۽ اينجلس تي ڪم رکيو ته هو ليگ پاران هڪ مڪمل نظرياتي ۽ عملي پارٽي پروگرام جوڙي ڇپائڻ لاءِ تيار ڪن. هنن جنوري 1847ع ۾ هن پڌرنامي جو اصل مسودو جرمن ٻولي ۾ لکي تيار ڪيو. اُهو 24 فيبروري 1847ع واري فرينچ انقلاب کان اڳ ڪجهه هفتا ڇپائي لاءِ لنڊن موڪليو ويو. اُن جو فرينچ ترجمو جون 1847ع واري (فرينچ انقلابي) بغاوت کان ٿورو اڳ پئرس مان شايع ڪيو ويو. مس هيلن ميڪ فرلين پڌرنامي جو پهريون انگريزي ترجمو ڪيو . اهو جارج جولين هارني جي اداري “ريڊر ريپبليڪن” لنڊن مان 1885ع ۾ شايع ڪيو. ان بعد ستت ئي اُن جا ڊئنش ۽ پولش ٻولين ۾ ترجما به شايع ٿي ويا.
    جون 1848ع ۾ پئرس بغاوت ٿي. اها ناڪام ٿي، اها بغاوت پورهيتن پرولتاري(Proletariat) ۽ سرمائيدارن ( بورجوا_ Borgeoise) جي وچ ۾ پهرين وڏي لڙائي هُئي ان جي ناڪام ٿيڻ ڪري يورپ جي پورهيت طبقي جون سماجي ۽ سياسي امنگون ڪجهه وقت لاءِ دٻجي ماٺيون ٿي ويون . ان کان پوءِ (فرانس ۾) وري به فيبروري واري انقلاب کان اڳ واري زماني وانگر رُڳو ملڪيت وارن طبقن جا ڌار ڌار ٽولا پاڻ ۾ ئي اقتدار لاءِ ڇڪتاڻ ڪندا رهيا (فرينچ) پورهيت هاڻي وڌ ۾ وڌ اهو ٿي ڪري سگهيا ته جيئن تيئن ڪري فرانس جي سياسي اسٽيج جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ويهڻ لاءِ ٿورڙي جڳهه هٿ ڪن. اُن مقصد لاءِ کين لاچار غير انقلابي وچين طبقي جو هڪ جوشيلو حصو بنجي رهڻو پيو. عوام دُشمن جتي به ڏٺو ٿي ته پورهيتن جي آزاد هلچل ۾ اڃا به ڪجهه ساهه پساهه آهي ته اُتي اُن کي هڪدم ڪُچلي ٿي ڇڏيائون. اهڙي ريت(اُن وقت جي مکيه جرمن سرڪار) جي پوليس ڪميونسٽ ليگ جي مرڪزي بورڊ کي، جو اُن وقت ڪلون شهر ۾ هو. تنهن کي ڳولي هٿ ڪيو بورڊ جي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو. کين ارڙهن مهينا بي دريافت نظر بند رکيو ويو. تنهن کانپوءِ مٿن آڪٽومبر 1852ع ۾ مقدمو هلايو ويو. اهو مشهور “ڪلون وارو ڪميونسٽ ڪيس 4 آڪٽومبر کان 12 نومبر تائين هليو” ستن ڄڻن کي ٽن کان ڇهه سالن جي جيل جي سزا ڏئي هڪ قلعي ۾ بند ڪيو ويو. سزا کانپوءِ ستت ئي باقي رهيل ميمبرن ليگ کي ٽوڙي ڇڏيو. هاڻي ائين پئي لڳو ته (ڪميونسٽ پڌرنامو) ويسر جي وهڪري ۾ لڙهي غرق ٿي ويندو.
    جڏهن يورپ جي پورهيت طبقي ساهي پٽي، حاڪم طبقي تي ٻئي حملي ڪرڻ لاءِ سگهه سهيڙي ورتي، تڏهن “پورهيتن جي بين الاقوامي جماعت” اُسري پئي، پر هيءَ جماعت ٺهي ئي رُڳو يورپ ۽ آمريڪا جي جانباز پورهيتن کي هڪ جاءِ ڪـٺي ڪرڻ لاءِ هُئي. تنهن ڪري اها “ڪميونسٽ پڌرنامي” جي اصولن کي هڪدم هٿ ۾ کڻي نه سگهي. هن بين الاقوامي جماعت کي مجبورن اهڙو ڪشادو پروگرام کڻڻو پيو جو ساڳي وقت انگريز ٽريڊ يونين وارن مزدورن فرانس، بيلجيم، اٽلي ۽ اسپين ۾ پروڌن جي پورهيت پوئلڳن ۽ جرمني ۾ لاسيل جي پورهيت پوئلڳن کي قبول پوي. مارڪس اهڙي ڪشادي پروگرام جو مسودو سڀني پارٽين جي مرضي موجب تيار ڪيو. مارڪس کي پڪ هئي ته پورهيت طبقي جا ماڻهو جڏهن ئي ڳچ وقت پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪندا ۽ پاڻ ۾ بحث مباحثا ڪندا، تڏهن آهستي آهستي ضرور سندن سمجهه ۽ شعور ۾ واڌارو ايندو. جڏهن هو گڏجي سرمائيداريءَ خلاف جدوجهد ڪندا، تڏهن جيڪي واقعا ٿيندا ۽ جيڪي فتحون ۽ شڪستون اينديون تن مان هُو ضرور انقلابي سبق پرائيندا، خاص ڪري ناڪاميون ۽ شڪستون سندن اکيون کولنديون. تان جو نيٺ هو اها ڳالهه سمجهي ويندا ته هيستائين پورهيت طبقي جي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ جن سياسي ۽ نظرياتي ٽوڻن، ڦيڻن ۽ ٽوٽڪن تي انڌو ويساهه رکيو پئي آيا تن مان پائيءَ جو به فائدو ٿيڻو ناهي، نيٺ سندن ذهن اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ته سندن دردن جو صحيح ۽ حقيقي علاج ڪهڙو آهي؟
    مارڪس جو اهو اندازو صحيح سال 1874ع ۾ جڏهن سڄي دُنيا جي پورهيتن جي بين الاقوامي جماعت ٽٽي، تنهن وقت جي مزدور ۽ _ سال 1864ع ۾ جڏهن “بين الاقوامي” قائم ٿي هُئي، تنهن وقت جي مزدور ۾ زمين آسمان جو فرق هو، 1874ع ۾ فرانس جي پروڌن ۽ جرمني ۾ لاسيل جي (نام نهاد انقلابي پورهيت) فرقا پوين پساهن ۾ هُيا. ايتري قدر جو ڪٽر رجعت پسند انگريز مزدور ٽريڊ يونينون جن گھڻو اڳ “بين الاقوامي” سان ناتا ٽوڙِي ڇڏيا هئا سي به هن وقت هوريان هوريان اُن هنڌ تي پهتيون هُيون جو سندن صدر گذريل سال سندن پاران سوانسي شهر ۾ کُليو کُلايو اعلان ڪيو ته “اسان کي يورپي سوشلزم کان جيڪو ڏهڪاءُ هو سو هاڻ هلي ويو آهي” حقيقت ۾ ڪميونسٽ پڌرنامو سڀني ملڪن جي پورهيتن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪري چُڪو هو. اهڙي ريت خود، هي پڌرنامو وري ميدان ۾ آيو. اصل جرمن مسودو 1850ع کان وٺي ڪيترائي ڀيرا سئٽرزلينڊ، انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ وري ڇپجي چُڪو آهي. نيويارڪ ۾ اُن جو انگريزي ترجمو ٿيو جو 1872ع ۾ اُتان جي هڪ هفتيوار رسالي “ووڊهل ائنڊ ڪلئفلن” ۾ ڇپيو. انگريزي اتان وري فرينچ ۾ ترجمو ٿيو جو نيويارڪ جي هڪ فرينچ اخبار “سوشلسٽ” (Lesocialistic) ۾ ڇپيو. تڏهانڪر آمريڪا ۾ گھٽ ۾ گھٽ به ٻه وڌيڪ انگريزي ترجما ٿيا آهن. اُنهن مان هڪ وري انگلينڊ ۾ ڇپيو آهي اُنهن انگريزي ترجمن ۾ ٿوري گهڻي ردوبدل ٿيل آهي. پهريون روسي ترجمو، باڪونن(Bakounine) ڪيو. هو هرزن (Herzen) جي جنيوا واري اشاعتي اداري ڪولوڪل (colokol) جي آفيس مان، 1882ع ۾ شايع ڪيو ويو. 1885ع ۾ ڪوپن هيگ مان نئون ڊئنش ڇاپو نڪتو. ساڳي ئي سال نئون فرينچ ترجمو پئرس جي “سوشلسٽ” اخبار ۾ شايع ٿيو جنهن تان اسيپني ترجمو تيار ڪري، مئڊرڊ مان 1886ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. جرمن ترجمن جو ته ڳاڻيٽو ئي ڪونهي. اهي گھٽ ۾ گھٽ ٻارهن آهن. پڌرنامي جو _ هڪڙو آرميني ڇاپو، ڪجهه وقت اڳ قسطنطنيه مان شايع ٿيڻو هو، پر ٿي نه سگهيو، چون ٿا ته ڇپائيندڙ اُهو مارڪس جي نالي سان ڇپائڻ لاءِ تيار نه هو ۽ ترجمو ڪندڙ وري اُن کي پنهنجو لکيل ڪري ڄاڻائڻ نٿي گهريو. ٻڌو اٿم ته اهو ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيو آهي، پر اُهي ترجما ڏٺا ڪين اٿم. اهڙي ريت هن پڌرنامي جي تاريخ ۾ اسان کي هن دور جي پورهيت هلچل جي تاريخ جي جهلڪ ملي ٿي. هن وقت بنا شڪ شهبي جي هيءَ پڌرنامو سوشلٽ سياسي ادب جي سڀ کان وڌيڪ پکڙيل ۽ عام ٿيل بين الاقوامي تخليق آهي. اهو سائيبيريا کان وٺي ڪئليفورنيا تائين سڄي دُنيا جي ڪروڙن پورهيتن جو مڃيل ۽ تسليم ڪيل پروگرام آهي.
    اُن هوندي به، جڏهن اهو پڌرنامون لکيوسون، تڏهن اسان ان کي“سوشلٽ پڌرنام” ڪوٺي نٿي سگهياسين.
    1847ع ڌاري اهڙن ماڻهن کي سوشلٽ سڏبو هو جيڪي سوشلزم بابت خيالي ۽ هوائي ڳالهيون سوچيندا هُئا ۽ خيالي پلاءُ پچائيندا هئا. جهڙوڪ؛ انگلينڊ ۾ اووين(Ouen) جا پوئلڳ ۽ فرانس ۾ فوريئر (Fovrier) جا پوئلڳ اهي ٻئي ٽولا گڏجي وڃي فرقن جي درجي تي پُڳا هُئا. ٻيو سوشلٽ انهن قسمين قسمين سماجي ٽوٽڪاين ۽ نيم حڪيمن کي سڏبو هو، جيڪي اها هام هڻندا هُئا ته فلاڻن فلاڻن ٽولن سان اسان سرمايي (Capital) ۽ نفعي (Profit) کي هٿ لائڻ کان سواءِ سماج جا سڀ درد دور ڪري ڇڏينداسين انهن ٻنهي قسمن جا ماڻهو پورهيتن جي هلچل کان پري هئا ۽ گھڻو تڻو پڙهيل طبقن ڏي مدد لاءِ پئي واجهايائون، ان ڪري پورهيتن جو اهو حصو جيڪو سمجهي ويو هو ته رُڳو سياسي قسم جي انقلاب مان ڪجهه ڪونه ورندو ۽ اعلان ڪيو هو ته سڄي سماجي نظام کي مڪمل طرح بدلائڻ ضروري آهي، سو پاڻ کي ڪميونسٽ چوائڻ لڳو سندن ڪميونسٽ نظريو اڻ گھڙيل، کهرو ۽ جذباتي قسم جو نظريو هو تنهن هوندي به اهو حقيقت کي ويجهو هيو ۽ پورهيت طبقي ۾ ايترو مقبول ۽ زور وارو هيو جو فرانس ۾ ڪئبيٽ(Cabet) ۽ جرمني ۾ ويٽلنگ (Weitling) جو خيالي ڪميونزم (Utopian Communism) پيدا ڪيائين. اُن ڪري چئي سگهجي ٿو ته 1847ع ڌاري سوشلٽ وچين طبقي جي هلچل هُئي ۽ ڪميونزم پورهيتن جي هلچل. گهٽ ۾ گھٽ يورپ ۾ سوشلزم هڪ“باعزت” فلسفو هيو ۽ ڪميونزم ان جي بلڪل اُبتڙ.جيئن ته اسان جو توڙ کان اهو عقيدو آهي ته “پورهيتن جو ڇوٽڪارو خود پورهيت طبقي جي هٿان ئي ٿي سگهي ٿو” اُن ڪري اُن ۾ ڪجهه شڪ يا مونجهاري جي گُنجائش نه رهي تي انهن ٻنهي نالن مان اسان پنهنجي لاءِ ڪهڙو نالو چونڊيون. (يعني ڪميونزم) . اسان کي هيل تائين ڪڏهن به اُن نالي مٽائڻ جو ڪو خيال _ ئي نه آيو آهي.
    جيئن جو هي “پڌرنامو” اسان جي (مارڪس ۽ اينجلس) جي گڏيل تصنيف آهي، ان ڪري مان اهو ڄاڻائڻ ضروري ٿو سمجهان ته اُن جو بنيادي اصول جيڪو سڄي پڌرنامي جو ڳر يا تت آهي، سو مارڪس جو ئي تخليق ڪيل آهي. اهو اصول هي آهي.
    هر تاريخ دور جي سياسي ۽ ذهني تاريخ جو دارومدار اُن دور جي هلندڙ اقتصادي پيداروار ۽ مٽا سٽا جي دستور، تاريخي ۽ اُن مان لازمي طرح پيدا ٿيل سماجي تنظيم تي هوندو آهي. انهن مان ئي ان دور جي سياسي ۽ ذهني تاريخ جي سمجهاڻي ملي ٿي* انهي ڪري (جڏهن اوئلي، قبائلي سماج جنهن ۾ سڄي قبيلي جي گڏيل ملڪيت هوندي هئي، سو ختم ٿيو تڏهن کان وٺي انسان ذات جي سموري تاريخ طبقاتي ويڙهه جي تاريخ پئي رهي آهي اها ويڙهه ڦريل (Exploited) ۽ ڦريندڙن (Exploiting) حاڪم ۽ محڪوم طبقن جي هميشه هلندي رهي آهي،
    • مطلب ته هر سماجي تنظيم لازمي طرح ڪنهن نه ڪنهن خاص اقتصادي پيداوار ۽ مٽاسٽا جي دستور ۽ ڍنگ سان پيدا ٿئي ٿي.ڌار ڌار تاريخي دورن ۾ اقتصادي پيداوار ۽ مٽا سٽا جا ڌار ڌار طريقا ۽ نمونا رائج هوندا آهن. جنهن دور ۾ پيداوار ۽ مٽا سٽا جو جهڙو طريقو ۽ نمونو رائج هوندو، تنهن ۾ ٻي سڄي سماجي تنظيم به اوس اهڙي ئي هوندي. اُن دور جي سياست ۽ ذهني سوچ به وري اهڙي هوندي جهڙو پيداوار ۽ مٽا سٽا جو دستور اُن دور ۾ رائج هوندو. جيڪڏهن ڪنهن دور جي سياسي ۽ ذهني تاريخ سمجهڻي هجي ته پهريائين اُن دور جي اقتصادي پيداوار ۽ مٽا سٽا جي دستورن ۽ ڍنگن کي ۽ انهن مان پيدا ٿيل اقتصادي تنظيم کي سمجهڻ گهرجي نه ته اها سياسي ۽ ذهني تاريخي صحيح نموني سمجهه ۾ نه ايندي.

    طبقيوار جنگين جي هي تاريخ آهستي آهستي ڏاڪي به ڏاڪي وڌي هاڻ اهڙي ڏاڪي تي پهتي آهي جڏهن پيڙهيل ۽ محڪوم طبقو يعني پورهيت طبقو پيڙهيندڙ ۽ حاڪم طبقي يعني سرمائيدار طبقي کان تيستائين ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهندو، جيستائين اهو طبقو ساڳي وقت ۽ هميشه لاءِ سڄي سماج کي هر نموني جي پرماريت، ڦرلٽ(Exploitation) ظلم طبقاتي گهٽ_ وڌائي ۽ طبقاتي ڪشمڪش کان آزاد نٿو ڪرائي، منهنجي نظر ۾ انهي نظريي جو تاريخ ۾ اهو درجو آهي جيڪو ڊارون(Darwin) جي ارتقا جي نظريي علم حيات (Biology) ۾ حاصل ڪيو آهي. اسين اُنهي نظريي ڏانهن 1854ع کان اڳ درجي بدرجي وڌي رهيا هياسين. مان الڳ پنهنجي ليکي اُن نظريي کي ڪيترو ويجهو پهتو هُئس، سو منهنجي ڪتاب “انگلينڊ ۾ مزدور طبقي جي حالت” مان ظاهر آهي. پر جڏهن مان مارڪس سان ٻيهر 1845ع جي بهار ۾ بروسيلز ۾ گڏيس ته هن اهو نظريو اڳ ئي تيار ڪري ڇڏيو هيو ۽ مون آڏو اهڙين ئي چٽن لفظن ۽ صاف نموني پيش ڪيائين، جيئن مان هت پيش ڪري رهيو آهيان.
    1872ع واري جرمن ڇاپي لاءِ اسان ٻنهي جيڪو گڏيل مُهاڳ لکيو هو، ان مان هيٺيون ٽڪرو هت پيش ڪريان ٿو:
    “گذريل پنجويهه سالن ۾ حالتن ۾ کڻي ڪيترو به ڦيرو آيو هجي پر هن پڌرنامي ۾ ڄاڻايل عام اصول سڄي جا سڄا اڄ به اوترو ئي صحيح آهن ، جيترو اڳ هُيا. ڪٿي ڪٿي ڪي سنهيون سنهيون ڳالهيون سُڌاري سگهجن ٿيون . انهن اصولن کي عملي طرح اُستعمال ڪيئن ڪجي؟ تنهن جو مدار هر جاءِ تي ۽ هر دور ۾ اُتان جي تاريخي حالتن تي هوندو آهي. اها ڳالهه خود پڌرنامي ۾ ڄاڻايل آهي. ان ڪري ئي ان جي ٻئي ڀاڱي جي پڇاڙيءَ ۾ تجويز ڪيل “انقلابي ڪارواين” تي خاص زور ڏنو ويو آهي. اهو ٽڪرو، گهڻين ڳالهين ۾ بدليل لفظن ۾ لکي سگهجي ها.ئ 1848ع کان پوءِ اڄوڪي صنعت ۾ جيڪا اٿاهه ترقي ٿي ۽ ان سان گڏ پورهيتن جي تنظيم ۾ جيڪو سڌارو ۽ وارڌارو ٿيو آهي. اول فيبروري واري انقلاب ۽ پوءِ ان کان به سرس “ پئرس ڪيمون(Paris Commune) جنهن ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پورهيتن ٻن مهينن لاءِ حڪومت جون واڳون پنهنجي وس رکيون. انهن انقلابن اسان کي جيڪو عملي تجربو، انهن سڀني واقعن ۽ راين جي مدنظر هي پروگرام ڪن ڳالهين ۾ پراڻو ٿي چُڪو آهي.“پئرس ڪميون” هڪ ڳالهه خاص طرح ثابت ڪئي، اها هي آهي؛
    “پورهيت طبقو ڪنهن حڪومت جي ٺهيل ٺڪيل چرخي تي قبضو ڪري اُن کي پنهنجي مقصد لاءِ ڪم نٿو آڻي سگهي” (ان لاءِ ڏسو مارڪس جو ڪتاب “فرانس ۾ گهرو لڙائي“ Civil war in France” جنهن ۾ هن نڪتي جي وڌيڪ وضاحت ڪيل آهي) جنهن کان سواءِ ظاهر آهي ته ان (پڌرنامي) ۾ سوشلسٽ سياسي ادب تي جيڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪيل آهي سا موجوده حالاتن ۾ اڻپوري آهي، ڇو ته اهو رڳو 1847ع تائين ڪيل آهي ۽ ان کان پوءِ جي پيدا ٿيل ادب بابت ڪجهه نه چيل آهي. ڪميونسٽن جا ٻين مخالف پارٽين سان نعتا ڪهڙا آهن؟ تنهن بابت رايا به (ڀاڱو چار4) جيتوڻيڪ اصولي طور اڃا برابر ۽ صحيح آهن، پر عمل جي لحاظ کان اُهي به پُراڻا ٿي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته سياسي حالتون صفا ڦري ويون آهن. ٻيو ته جن سياسي تحريڪن جو پڌرنامي ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، تن جي ڳپل حصي کي تاريخ جي ترقي ميساري ختم ڪري ڇڏيو آهي. پر هينئر، هي پڌرنامو هڪ تاريخي دستاويز ٿي چُڪو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ڦير ڦار ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي.”
    هي انگريزي ترجمو جناب سيميوئل مور* ( Samual Moore) جو ڪيل آهي.
    • جنهن تان هي ڪتاب سنڌي ترجمو تيار ڪيو ويو آهي.
    جنهن مارڪس جي “سرمائي” (Capital) جو به ڳچ حصو ترجمو ڪيو آهي. مون ۽ مارڪس گڏجي اُن ترجمي جي نظرثاني ڪئي آهي ۽ مون اُن ۾ ڪن تاريخي اشارن جون سمجهاڻيون به ڏنيون آهن.

    لنڊن 30 جنوري 1888ع
    فريڊرڪ اينجلس


    ڪميونسٽ پارٽيءَ جو پڌرنامو

    ڪميونسٽ پارٽيءَ جو پڌرنامو

    يورپ جي مٿان هڪ ڀوت پيو لامارا ڏئي. اهو آهي ڪميونزم جو ڀوت. پراڻي يورپ جي سڀني طاقتن جهڙوڪ: ميٽرينچ ۽ گيرو* فرينچ باغي سڌارڪن(Radicals) ۽ جرمن پوليس جي جاسوسن، گڏ ٿي، ان ڀوت کي تڙي ڪڍڻ لاءِ پاڻ ۾ هڪ “مقدس مهادو” ڪيو آهي.
    آهي ڪا اهڙي مخالف پارٽي، جنهن کي سندس مخالف حڪمران پارٽيءِ ڪميونسٽ ڪري نه ننديو هجي؟ آهي ڪا اهڙي مخالف پارٽي جنهن پارٽي جنهن پاڻ کان وڌيڪ اڳري مخالف پارٽيءَ تي توڙي پاڻ کان وڌيڪ مردار مخالف پارٽيءَ تي ڪميونزم جو ٺپو نه هنيو هجي؟
    ان حقيقت مان ٻه نتيجا نڪرن ٿا:
    يورپ جو سڀ طاقتون هينئر ئي ڪميونزم کي هڪ طاقت ڪري مڃين ٿيون،
    وقت آيو آهي جو ڪميونسٽ، کليو کلايو، سڄي دُنيا آڏو، پنهنجا نظريا، پنهنجا مقصد ۽ پنهنجا لاڙا ظاهر ڪن، ۽ دشمن ڪميونزم جي باري ۾ جيڪي جنن ڀوتن وارا قصا بڻائي ماڻهن کي ڊيڄارين پيا، تن جي مقابلي ۾ خود پنهنجي پارٽيءَ جو پڌرنامو شايع ڪن.
    اُنهي ڪري ڌار ڌار قومن جي ڪميونسٽن، لنڊن ۾ گڏ ٿي، هيٺيون پڌرنامو تيار ڪيو آهي، جو انگريزي، فرينچ، جرمن، اٽالين، فليش ۽ ڊئنش ٻولين ۾ شايع ڪيو ويندو آهي.
    • اهي ٻئي مشهور سرمائيدار سياستدان هُئا.


    • سرمائيدار (بورجوا) ۽ پورهيت (پرولتاري)

    سرمائيدار (بورجوا) ۽ پورهيت (پرولتاري) *
    Borgeois and Proletarains
    هن وقت تائين جيڪي به سماج وجود آيا آهن تن جي تاريخ ** حقيقت ۾ ڌار ڌار طبقن جي وچ ۾ هليل طبقيوار ڪشمڪش ۽ ويڙهه جي تاريخ آهي. سمورا پيڙيندڙ (Opperesser) ۽ پيڙيل (Opperessed) طبقا هميشه هڪ ٻئي خلاف وڙهندا رهيا آهن.
    • *بورجوا مان مراد آهي هن دور جا اهي سرمائيدار، جي سماجي پيداوار جي ذريعن جا مالڪ آهن ۽ مزوريءَ تي مزوري رکن ٿا. پرولتاري مزوريءَ تي ڪم ڪندڙ مزورن جو اهو طبقو آهي جن کي پيدائش جو پنهنجو ڪو به ذريعو ناهي ۽ جيئري رهڻ لاءِ پنهنجي محنت واري سگهه وڪڻڻ تي مجبور ٿين ٿا.
    • ** تاريخ مان مراد آهي سموري لکيل تاريخ 1874ع تائين، سماج جي آڳاٽي تاريخ جو احوال يعني لکيل تاريخ کان اڳ جي دور واري سماجي جوڙجڪ بابت احوال اڃا اڻ ڄاتل هو. هاڪسٿلن(Hoxthasen) ڏيکاريو ته روس ۾ زمين تي گڏيل مالڪي هوندي هئي ۽ مارر(Maurer) ان کي اهڙي سماجي پيڙهه ثابت ڪيو، جنهن تان تاريخ جا سمورا ٽيوٽانڪ(Teutonic) نسل اسريا، پوءِ هوريان هوريان “ڳوٺاڻيون جماعتون” (Village communities) ٺهيون، جي هندستان کان آئرلينڊ تائين، جتي ڪٿي آڳاٽيون سماجي ايڪايون ٿي پيون. مارگن (Margan) ذاتين ۽ سندن قبيلي سان لاڳاپي بابت زبردست ڪتاب لکي، ان اوئلي ڪميونسٽ سماج جي اندروني مفصل تنظيم کي کولي پڌرو ڪيو. انهن اوائلي جماعتن جي خاتمي کان پوءِ سماج موجوده مختلف طبقن ۾ ورهائجي ويو. خاتمي جي ان عمل کي مون پنهنجي ڪتاب “ڪُٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ حڪومت سان شروعات” (The origin of the family, private property and the state) ۾ پڌرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. (فريڊرڪ اينجلس)
    جهڙوڪ؛ هڪڙي پاسي آزاد ماڻهو ته ٻئي پاسي ٻانها، هڪڙي پاسي امير ته ٻئي پاسي غريب، هڪڙي پاسي جاگيردار ته ٻئي پاسي غلام هاري، هڪڙي پاسي استاد ڪاريگر ته ٻئي پاسي سندن ٻالڪا. سندن وچ ۾ ويڙهه لڳاتار هلندي رهي آهي، ڪڏهن ڳجهي ته ڪڏهن پڌري. ان ويڙهه جي ڪري هر دفعي يا ته ڪڏهن سماج ڊهي پٽ پئي وري نئين انقلابي نموني ٻيهر اڏيو آهي يا وري ڪڏهن مقابلو ڪندڙ پاڻ ۾ وڙهي ناس ٿي ويندا آهن.
    تاريخ جي اوائلي دور ۾ اسان کي ذري گهٽ هر هنڌ، سماج منجهيل نموني ڌار ڌار درجن ۾ ورهايل نظر اچي ٿو. ان دور ۾ اسان کي سماجي رتبي جا اڪيچار هيٺانهان ۽ مٿانهان ڏاڪا نظر اچن ٿا. قديم روم ۾ اسان کي امي، ويڙهو سردار، مسڪين پورهيت ۽ ٻانها نظر اچن ٿا. وچين دور ۾ جاگيردار، وڏيرا، ڪاريگر، گھرڙيا، ٻالڪا، غلام ۽ راهڪ هاري ملن ٿا. انهن سڀني طبقن اندر هر هڪ ۾ گهڻو ڪري ٻيا هيٺانهان درجا ۽ ڏاڪا آهن.
    هاڻوڪو سرمائيدار سماج، جو جاگيرداري ۽ وڏيرڪي (Feudal) سماج جي کنڊرن مان ڦٽي نڪتو آهي سو به طبقيوا ر دشمنين کي ختم ڪري نه سگهيو آهي. ان فقط ايترو ڪيو آهي جو اڳين جي جاءِ تي نوان طبقا پيدا ڪيا اٿس. جدوجهد جي پراڻن طريقن جي جاءِ تي نوان طريقا پيدا ڪيا اٿس. اسان جي دور جي يعني سرمائيداري دور جي هڪڙي خاصيت البت نرالي آهي . هن طبقاتي دشمنين کي وڌيڪ ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. سماج هوريان هوريان ٻن وڏين مخالف ڌرين ۾، ٻن وڏن طبقن ۾ ورهائجي رهيو آهي. اهي مخالف ڌريون ۽ طبقا سنوان سڌا هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ کڙا ٿيا بيٺا آهن؛ اهي آهن سرمائيدار ۽ پورهيت.
    وچين دور جي غلام راهڪ هارين جي طبقي مان شروعاتي شهرن وارا پروانيدار شهري پيدا ٿيا ۽ انهن پروانيدار شهرين مان سرمائيدارن جو پهريون جزو اُسريو.
    آمريڪا جي لڀجڻ ۽ “ ڪئپ آف گڊ هوپ” واري رستي نڪرڻ ڪري اسرندڙ سرمائيدارن جي ڦهلاءٌ لاءِ نئون ميدان تيا ر ٿيو. ولايتي مال جي کپت لاءِ اوڀر هندستان ۽ چين ۾ مارڪيٽن جي هٿ اچڻ، آمريڪا جي والارجڻ ، بيـٺڪن سان واپار ۽ مٽا سٽا جي وسيلن ۾ وڪري لاءِ تيار ٿيل مال ۾ عام واڌاري ٿيڻ، انهن سڀني ڳالهين واپار، جهازراني ۽ صنعت کي اهڙو زور وٺرايو جو اڳ ڪو سوچي به نه سگهي ها. اهڙي ريت جهرندڙ جاگيرداري سماج جي انقلابي جزن يعني اسرندڙ سرمائيدارن کي تمام تڪڙي واڌ ملي.
    ڪارخانن جو جاگيرداري سرشتو، جنهن ۾ صنعتي پيداوار تي ڪاريگرن جي جماعت (Guilds) جي هڪ هٽي هوندي هئي. سو مال جي کپت جي نون مارڪيٽن جي وڌندڙ گهُرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪافي نه رهيو. ان ڪري ان جي جاءِ تي ڪارخانيداري(Manufacturing) سرشتو پيدا ٿيو. وچين طبقي جي ڪارخاني وارن هر هنڌ استاد ڪاريگرن ( Guild Masters) کي ڌڪي پاسيرو ڪري ڇڏيو.
    ٻي طرف وري ڪاريگرن جي مختلف جماعتن پاڻ ۾ جيڪا ڌار ڌار ڪمن جي ورهاست ڪئي ٿي. تنهن جي جاءِ وچين طبقي جي ڪارخانيدارن ورتي. جن هر هڪ ڪارخاني اندر ڪم جي نئين ورڇ ڪري ڇڏي.
    ان وچ ۾ مال جي کپت جا مارڪيٽ ۽ ڏيساور وڌندا رهندا رهيا ۽ مال لاءِ گهُر به وڌندي رهي. هاڻ ته خود ڪارخانا به ان کي منهن نه ٿي ڏيئي سگهيا. ان کان پوءِ ٻاڦ (Steam) ۽ مشين، صنعتي پيداوار ۾ انقلاب آڻي ڇڏيا. ڪارخانن جي جاءِ هاڻوڪين وڏين ۽ ڳرين صنعتن ورتي ۽ وچين طبقي جي ڪارخانيدارن جي گادي وري صنعتي ڪروڙ پتين ۽ صنعتي فوج جي مهندارن يعني اڄ جي سرمائيدارن والاري.
    اڄوڪي صنعت عالمي منڊيءَ (World Market) کي جنم ڏنو. يعني سڄي دُنيا کپت جي مارڪيٽ بنجي وئي. ان لاءِ آمريڪا جو لڀجڻ جو پهريون رستو جهازراني ۽ خشڪي جي آمدرفت جي وسيلن ۾ به زبردست واڌارو آندو آهي. انهن واڌارن وري موٽ ۾صنعت ۾ به زبردست واڌارو آندو. جيئن جيئن واپار جهازراني ۽ ريلوائيءَ ۾ واڌارو آيو آهي، تيئن تيئن سرمائيدارن به اوتري ترقي ڪئي . هنن سرمايو (Capital) وڌايو ۽ وچولي زماني کان اسان جي زماني کي جيڪي طبقا ورثي ۾ مليا هئا. تن کي ڌڪي پوئتي هٽائي ڇڏيائون.
    اُنهيءَ سان اسين ڏسي سگهون ٿا ته ڪيئن نه خود هاڻوڪو سرمائيدار طبقو ترقيءَ جي هڪ لمبي سلسلي جو ۽ پيداوار ۽ مٽا سٽا جي طريقن ۾ لڳاتار انقلابن جو پيدا ڪيل آهي.
    سرمائيدار طبقي جيئن جيئن ترقي ڪئي، تيئن تيئن هو سياسي ميدان ۾ به اڳتي وڌيو. جاگيرداري سماج ۾ هو هڪ پيڙهيل طبقو هيو. وچين دور جي اُسرندڙ شهر يعني (Commune) * ۾ سرمائيدار هٿيار بند ۽ خود مختيار جماعت هُئا. ڪٿي هُو “ آزاد شهري رعيتي راڄ” هُئا. (جيئن اٽلي ۽ جرمني ۾) ته ڪٿي هو بادشاهه جي ڍل ڀريندڙ ٽيون طبقو(Third State) هُئا (جيئن فرانس ۾) ان بعد جڏهن ڪارخانيداريءَ باقائدي زور ورتو، تڏهن هو ڪٿي ڪنهن اڌ جاگير بادشاهه يا ڪٿي ڪٿي وري ڪنهن آپيشاهه بادشاهه جا حامي ۽ پشت پناهه بنجي جاگيردارن ۽ اميرن جي مخالفت ڪندا هئا. حقيقت ۾ ان زماني ۾ جيڪي به وڏيون بادشاهيون قائم ٿيون. تن جي پيڙهه جا پٿر سرمائيدار ئي هُئا. آخرڪار اڄوڪي صنعت ۽ سڄي جهان جي مارڪيٽ قائم ٿيڻ کان پوءِ، سرمائيدار طبقو، اڄوڪي مارڪيٽ
    • ڪميون فرانس ۾ انهن نون اڀرندڙ شهرن کي تنهن وقت ڪوٺيو ويندو هو، جڏهن هنن اڃا جاگيرداري نوابن سان سياسي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جنگ جوٽي “ٽين رياست” (Third State) نالي مڪاني خود حڪومت قائم نه ڪئي هئي. اٽلي ۽ فرانس ۾ جاگيردارن کان مڪاني خود حڪومت جي حق ماڻن بعد شهري جماعتن کان اهو نالو ڏنو ويو.
    قائم ٿيڻ کان پوءِ، سرمائيدار طبقو اڄوڪي چونڊيل حڪومت جو اڪيلو مالڪ بنجي ويو.
    اڄوڪي حڪومت جي وزارت حقيقت ۾ رُڳو سموري سرمائيدار طبقي جو عام ڪاروبار سنڀاليندڙ ۽ هلائيندڙ ڪميٽي آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي.
    پر سرمائيدار طبقي، تاريخي خيال کان، هڪ تمام انقلابي پارٽ ۽ ڪردار ادا ڪيو آهي،
    سرمائيدار طبقو جتي طاقت ۾ آيو آهي، اتي ان جاگيردار، قبائلي ۽ راڄوڻي لاڳاپن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن بي رحميءَ سان انهن رنگين جاگيرداري ۽ وڏيرڪن سماجي ٻنڌڻن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي، جن سان عام ماڻهو پنهنجي “قدرتي وڏن” سان ٻڌا پيا هوندا هُئا. ان ماڻهوءِ ماڻهوءِ جي وچ ۾ سواءِ اگهاڙي خوف ۽ لالچ، بي رحمي ۾ “روڪڙي ڏيتي ليتي” جي ٻيو ڪو به لاڳاپو ڪونه ڇڏيو آهي. اڳي ماڻهو جنهن مذهبي جوش، جذبي، سورهيائي جا شوقين ۽ کوکلين همدردين سان جذبن پُٺيان چريا هوندا هُئا، اُنهن ڳالهين کي سرمائيدارن هڻي پنهنجي لالچ جي برف جهڙي ٺريل پاڻي ۾ غرق ڪري ڇڏيو آهي.
    هنن ذاتي قابليت کي هڻي بازار ۾ وٺڻ ۽ وڪڻڻ جهڙو مال بنائي ڇڏيو آهي. گهڻين اٽل ۽ مڃيل سڃيل آزادين جي جاءِ تي هنن هڪڙي اڪيلي ناحقي آزادي کڙي ڪئي آهي. يعني آزاد واپار جي آزادي کڙي ڪئي آهي. مطلب ته هيستائين جيڪا ڦرلٽ مذهبي ۽ سياسي وهمن ۽ خوش فهمين جي پڙدي ۾ پئي ٿي. تنهن جي جاءِ تي هنن سڌي سنئين ۽ کلي کلائي بي حيا ۽ حيواني ڦرلٽ قائم ڪئي آهي.
    هن کان اڳ ڪيترين ڪرتين ۽ ڌنڌن وارن ماڻهن کي ماڻهو عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. پر سرمائيداري سندن اها عزت واري پڳ لاهي ڦٽي ڪري ڇڏي آهي. هن ڊاڪٽرن، وڪيلن، پادرين، شاعرن، سائنسدانن کي پنهنجو مزوريءَ تي ڪم ڪندڙ پورهيت (Wage labor) بنائي ڇڏيو آهي .
    سرمائيداري گهر جي عيال ۽ ڪٽنب تان جذبات جو پردو لاهي ڇڏيو آهي ۽ رت جي ماٽي کي هڻي رڳو پئسي جي ماٽي بنائي ڇڏيو. تاريخ جي وچئين دور ۾ مڙسيءَ جو وسيع ڏيک ڏنو ويندو هو. مردار خيالن جا ماڻهو ان ڳالهه جي ساراهه مان ڍاپندا ئي ڪين آهن پر سرمائيداري ثابت ڪري ڏيکاريو ته اهو زور مُڙسيءَ جو ڏيک ان دور جي تصوير جو فتح هڪ پاسو هو. ان جو ٻيو لازمي پاسو نڪمائي ۽سستي سرمائيداري پهريون ڀيرو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ماڻهو جي محنت ڇا ڇا ڪري سگهي ٿي. ان اهڙا عجيب ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن جن آڏو اڳوڻين زماني جا حيرت ۾ وجهندڙ جهڙوڪ؛ مصر جا مخروطي منارا (اهرام Pyramid) ۽ رومي واهه، گوٿ قوم جون ٺاهيل (Gohis) ديوليون ڪجهه به ناهن. ان ايڏيون ڪاهون ۽ چڙهايون ڪيون آهن، جن آڏو قومن جون آڳاٽيون صليبي جنگيون (Crusads) ڄڻ ڪجهه به نه هيون.
    سرمائيدار طبقي کي هر وقت پيداوار جي اوزارن ۾ انقلاب آڻڻو ۽ انهن کي بدلائيندو رهڻو پوي ٿو. اوزارن ۾ انقلاب آڻي هو پيداوار جي ڌاتن ۾ به انقلاب آڻيندو رهي ٿو. انهن سان گڏ وري ٻين سمورن سماجي ناتن ۾ لڳاتار انقلاب آڻڻو پويس ٿو انهن انقلابي ڦيرين گھيرين کان سواءِ هو جيئرو رهي نٿو سگهي. ان جي ابتڙ آڳاٽن صنعتي طبقن جي جيئري رهڻ لاءِ سڀ کان پهرين ضرورت اها هُئي ته هو پيداوار جي پراڻن طريقن کي جيئن جو تيئن بنا ڦير ڦار جي قائم رکن، پيداوار ۾ لاڳيتو انقلاب آڻيندو رهڻ، سڀني سماجي حالتن ۾ لڳاتار هنگاما کڙا ڪندو رهڻ، اهي آهن اهي ڳالهيون جن جي ڪري سرمائيداري دور تاريخ جي اڳئين سمورن دورن کان يگانو ۽ نرالو آهي. اڳونا سڀ پختا کتل ناتا، سڀ ڄمي برف لاڳاپا پنهنجن پراڻن ۽ مان جوڳن تعصبن ۽ وهمن جي لشڪر سميت ٻهارجي ويا آهن. نوان ناتا اڃا ٺهي جڙي راس ئي مس ٿين ٿا ته مدي خارج ٿيو وڃن ٿا. کهريون ۽ ٺوس ڳالهيون رجهي، ٻاڦ ٿي، غائب ٿيو وڃن. جيڪي به مقصد آهي سو ناپاڪ ٿيو وڃي. تان جو ماڻهو آخر مجبور ٿي وهمن ۽ خوابن جي دنيا نڪري پنهنجي زندگي جي حقيقتن ۽ انساني ناتن کي سالم هوش حواس سان منهن ڏيڻ لڳي ٿو. سرمائيدار کي پنهنجي پيداوار جي وڪري لاءِ هر وقت نون نون مارڪيٽن جي ڳولا ڪرڻي پوي ٿي. اها ڳولا کيس ساري ڌرتيءَ تي رلائي ۽ ڊوڙائي ٿي. هن کي هر هنڌ آستانو بنائڻو آهي. هر هنڌ کپ کوڙڻو آهي. هر هنڌ لاڳاپا رکڻا آهن.
    سرمائيداري سڄي دنيا جي مارڪيٽ کي ڦري ٿي. انهي جي وسيلي هن (Production and consumption) هر ملڪ ۾ سال جي اپت ۽ کپت کي عالمي رنگ ڏنو آهي.
    اڳي صنعت هر هنڌ قومي بنياد تي بيٺل هُئي. سرمائيدار صنعت جي پيرن هيٺيان اهو قومي تڏو ڪڍي ورتو آهي ۽ رجعت پرستن کي ڪاوڙائي وڌو اٿس. سڀ پراڻيون قائم ٿيل قومي صنعتون يا ته تباهه ٿي ويون آهن يا روز بروز تباهه ٿي رهيون آهن. انهن جو تڏو نيون صنعتون ٽپي رهيون آهن. انهن نين صنعتن قائم ڪرڻ کانسواءِ ڪا به سڌريل قوم جيئري رهي نٿي سگهي. اهي صنعتون پنهنجي ملڪ جي ڪچي مال بجاءِ ڏوارنهن ڏيساورن جو ڪچو مال واپرائين ٿيون. سندس اپت جي کپت نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾ ٿئي ٿي، پر دنيا جي هر حصي ۾ ٿئي ٿي. اڳي جن پراڻين گهرجن جي پورائي ملڪي پيداوار مان ٿي ويندي هئي، تن جي جاءِ تي نيون گهرجون پيدا ٿي رهيون آهن. انهن جي پورائي ڏورانهن ملڪن ۽ علائقن ۾ پيدا ٿيل مال ٿئي ٿي. سرمائيداري دور کان اڳي پورا ۽ پنهنجي حال تي مست هوندا هئا. هاڻ اها ڳالهه ڪانهي. هاڻي هر ڏس ۾ ڏي وٺ ٿي رهي آهي. سڄي دنيا جون قومون هڪ ٻئي جون محتاج ٿي رهيون آهن. اها حالت مادي (Material) پيداوار ۾ به آهي ته ذهني (Intellctual) پيداوار ۾ به آهي. ڌار ڌار قومن جيڪي ذهني جوڙون ۽ جنسار ڪيا آهن، سي سڀني قومن جي گڏيل ملڪيت ٿي پيون آهن. هاڻي قومن لاءِ فقط پنهنجي ڳالهه جو عاشق ٿيڻ ۽ تنگ نظري ڪرڻ، روز بروز وڌيڪ ناممڪن ٿيندو وڃي. اڪيچار قومي ۽ مقامي ادبن مان گڏيل يڪو ۽ عالمگير ادب پيدا ٿي رهيو آهي.
    سرمائيدار پيداوار جي اوزارن ۾ تمام تڪڙي واڌ آڻي، آمدرفت جا بيحد آسان طريقا پيدا ڪري، سڀني قومن، ويندي انتهائي جهنگلي قومن کي تهذيب جي دائري ۾ آڻي رهيا آهن ۽ سندس جنسن جو سستو اگهه اهو توبخانو آهي، جيڪو ڌار ڌار ملڪن جي وچ ۾ جيڪي به شاهي ديوارون کڙيون ڪيل آهن، تن کي اُڏائي ٿو ڇڏي. سرمائيدار سڀني قومن کي مجبور ٿا ڪن ته پنهنجي بقا لاءِ پيداوار جا سرمائيدار طريقا اختيار ڪن. هو سڀني قومن کي مجبور ٿا ڪن ته سندس نام نهاد “تهذيب” اختيار ڪن. يعني خود سرمائيدار ٿين. مطلب ته سرمائيدار سڄي دنيا کي پنهنجي مهانڊي جهڙو ٺاهي ٿي.
    سرمائيدارن ٻهراڙي کي شهرن جو زيردست بنايو آهي. هنن اٿاهه شهر اڏايا آهن. ٻهراڙي جي ڀيٽ ۾ شهري آبادي وڌائي آهي اهڙي ريت آبادي جي چڱي چوکي حصي کي ٻهراڙين جي ڇسي زندگي کان ڇوٽڪارو ڏيکاريندو آهي. هن جهڙي ريت ٻهراڙين کي شهرن جو محتاج بنايو آهي، اهڙي ريت هنن اڻ سڌريل ۽ پُٺتي پيل ملڪن کي وري سڌريل ملڪن جي طابع بنايو آهي. هنن هارين جي ملڪن کي سرمائيدارن جي ملڪن جو زيردست ڪيو آهي ۽ دنيا جي اوڀر کي اولهه جو زيردست بنايو آهي.
    اڳي سڄي دنيا جي انسان آبادي، پيداوار جا وسيلا ۽ ملڪيت پري پري ٽڙيا پکڙيا پيا هُئا. سرمائيداري انهن جي اها ٽڙيل پکڙيل ۽ دوري جي حالت ختم ڪري رهي آهي. هن عام انساني آبادي کي ڪٺو ڪيو آهي. هن پيداوار جي وسيلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي ۽ ملڪيت ٿورن ماڻهن جي هٿن ۾ ڪٺي ڪئي آهي. انهن جو لازمي نتيجو اهو نڪتو جو سياسي طاقت به هڪڙي هنڌ ڪٺي ٿي وئي. اُهي صوبا ۽ پرڳڻا جيڪي يا ته آزاد هئا يا ته وري نالي ماتر پاڻ ۾ هڏ هئا، جن جا مفاد الڳ، سرڪاريون الڳ، قانون الڳ ۽ ڍلين جا رستا الڳ هئا، سي ڳنڍجي سنڍجي يڪي هڪڙي قوم بنجي پيا. هاڻ ان قوم جي سرڪار هڪڙي، قانون هڪڙو، قومي طبقاتي مفاد هڪڙو، سرحد هڪڙي ۽ محصولي سرشتو هڪڙو بنجي ويو آهي.
    آڳاٽين سمورن انساني نسلن جي پيداواري قوتون پيدا ڪيون، سرمائيداري ۽ پنهنجن جي هڪ سو سالن جي ٿوري ايامڪاري ۽ انهن کان ڪئين ڀيرا وڌيڪ اٿاهه ۽ زبردست پيداواري قوتون پيدا ڪيون آهن. (سرمائيداري دور ۾) فطرت جون قوتون ماڻهو جون زبردست ٿيون آهن. مشنري پيدا ٿي آهي. علم ڪيميا کي صنعت ۽ زراعت لاءِ ڪتب آندو ويو آهي. آگبوٽ، ريلوايون، ٽيليگراف ايجاد ٿيا آهن. سڄن سارن کنڊن کي صاف ڪري آبادي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. درياهه مان واهه ڪڍيا ويا آهن. ڄڻ ڪنهن جادو جي زور سان ڌرتيءَ جي پيٽ کي چيري وڍيون انساني آباديون پيدا ڪيون ويون آهن. اڳ هڪڙي صدي جا خواب خيال ۾ به اها ڳالهه هئي ته سماجي پورهئي جي هنج ۾ ههڙيون زبردست پيداواري قوتون سُتل هيون؟
    انهي مان اسين ڏسي ٿا ته پيداوار ۽ مٽاسٽا جن وسيلن تي سرمائيدار طبقي پاڻ کي گڏيو هو اهي وڏيرڪي ۽ جاگيردار سماج ۾ ڄاوا نپنا هُئا. پيداوار ۽ مٽا سٽا جا اهي وسيلا وڌندي ويجهندي نيٺ هڪ اهڙي ڏاڪي تي اچي پهتا، جتي ملڪيت جا وڏيرڪا ۽ جاگيرداري ناتا وڌيل ويجهيل پيداواري قوتن مان وڌيڪ وقت ٺهي نٿي سگهيا. جن حالتن ۾ وڏيرڪو ۽ جاگيرداري سماج اقتصادي پيداوار ۽ مٽا سٽا ڪندو هو، سي حالتون توڙي زراعت ۽ ڪارخانن جو وڏيرڪو جاگيرداري نظام نين پيداواري قوتن سان ٽڪر کائڻ لڳو. وڏيرڪي جاگيرداري نظام جو ماحول ۽ سندس حالتون وڏيرڪي جاگيرداري دور ۾ وڌيل ويجهيل پيداواري قوتن لاءِ زنجيرون بنجي پيا. انهن زنجيرن کي سٽ ڏئي ڇنڻ لازمي ٿي پيو.اڳي ڇني توڙي ڇڏيو ويو انهن جي جاءِ تي لکيل چٽا ڀيٽي ورتي ان سان گڏ، ان سان ٺهڪندڙ سماجي دستور پيدا ٿيا ۽ سرمائيدار طبقي اقتصادي ۽ سياسي غلبو حاصل ڪري ورتو.
    اهڙي قسم جي هلچل اسان جي اکين آڏو اُڀري رهي آهي. هاڻوڪو سرمائيدار سماج ۽ سندس پيداوار، مٽا سٽا، ملڪيت جا سرمائيدار لاڳاپا جن ڄڻ ڪنهن ڇو منتر سان پيداوار ۽ مٽا سٽا جا ههڙا اُجگر جيڏا وسيلا پيدا ڪري ورتا آهن، تن جي حالت اُن جي جادوگر جيان آهي، جنهن ڪنهن اسم اعظم سان جن گهرائي ورتا آهن، پر انهن کي پنهنجي وس ۾ نٿو رکي سگهجي. سرمائيدار طبقو فقط تڏهن قائم رهي سگهي ٿو ۽ راڄ ڪتي سگهي ٿو، جڏهن پيداوار ۽ ملڪيت جون هاڻوڪيون سرمائيدار حالتون موجود هجن. ڪيترن ورهين کان صنعت ۽ واپار جي تاريخ حقيقت ۾ آهي. اُتي پيداوار جي اڄوڪين سرمائيدار حالتن ۽ سرمائيدار ملڪيتي قوتن جي بغاوت جي تاريخ. ان باري ۾ رڳو واپاري گهوٽالن جو ذڪر ئي ڪافي ٿيندو. اهي گھوٽالا ٿورو ٿورو عرصو رکي وري وري ايندا آهن ۽ ساري سرمائيدار هستي کي نت نون جوکن ۽ امتحانن ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. انهن گھوٽالن ۾ وقت بوقت نه رڳو نئين پيداوار جو وڏو حصو زيان ٿي ويندو آهي.پر اڳين پيداواري قوتن جو به چڱو چوکو حصو هوريان هوريان ناس ٿيو وڃي. انهن گھوٽالن ۾ هڪڙي وبا اچيو منهن ڪڍي، جنهن جي ڳالهه ٻڌي اڳوڻن زمانن جا ماڻهو جيڪر ڏندين آڱريون ڏين ها. اها وبا هوندي آهي حد کان وڌيڪ پيداوار جي وبا. سماج اوچتو پاڻ کي ڏسندو آهي ته ٿوري وقت لاءِ ڌڪجي وڃي، قديم ۽ پراڻي وحشانيت جي دور ۾ ڪريو آهيان. اها حالت ڏسي ماڻهو ڀائيندو ته ڪئين ڏڪار يا عالمي جنگ جي تباهي سڀني گذر معاش جي وسيلن ملڻ جو رستو ڪاٽي ڇڏيو آهي. ڪارخانا ۽ واپار پڻ تباهه ٿي ويندا آهن. ڇو؟ ڇاڪاڻ ته تهذيب حد کان وڌي ويندي آهي. گذّر جا وسيلا حد کان گهڻا ٿي ويندا آهن. ڪارخانا ۽ واپار اجايا گهڻا ٿي پوندا آهن. سماج جي وس ۾ جيڪي پيداواري قوتون هونديون آهن، سي سرمائيدار طبقي جي ملڪيت ٺاهڻ لاءِ سازگار حالتون گهربل آهن تن کي وڌائڻ، ويجهائڻ لاءِ پڙ ڪڍي بيهنديون آهن. سرمائيدار ملڪيت وڌائڻ لاءِ جن حالتن جو هجڻ ضروري آهي، سي حالتون پيداواري قوتن جي پيرن ۾ ڄڻ زنجيرون ٿيو پون. گهوٽالي واري زماني ۾ پيداواري قوتون سرمائيدار ملڪيت لاءِ فائدي وارين حالتن تي غالب پئجي وينديون آهن ۽ سندي زنجيرن کي ٽڪرا ٽڪر ڪري سموري سرمائيدار سماج ۾ افراتفري ڦهلائي، سرمائيدار ملڪيت کي خطري ۾ وجهي ڇڏينديون آهن. سرمائيدار سماج جون حالتون تمام تنگ ۽ سوڙهيون آهن. انهن جي گهيري اندر جيڪا دولت پيدا ٿئي ٿي سا ايتري ته گهڻي هوندي آهي جو اها تنگ ڪارب ۾ ماپجي نه سگهندي آهي. سرمائيدار طبقو ڀلا ڪيئن منهن ڏيندو آهي ؟ اُهو هيئن ڪندو آهي جو هڪڙي پاسي پيداوار ڪندڙ قوتن مان ڳچ جيتريون قوتون هٿ وٺي ناس ڪري ڇڏيندو آهي. ٻئي پاسي پنهنجي مال جي کپت لاءِ نوان مارڪيٽ هٿ ڪندو آهي. ٽئين پاسي اڳوڻن مارڪيٽن مان اڳي کان وڌيڪ رٿ چوسيندو آهي. اهڙيءَ طرح هو اڳي کان وڏن ۽ وڌيڪ تباهه ڪندڙ گهوٽالن لاءِ رستو صاف ڪندو آهي ۽ انهن گهوٽالن کي جن وسيلن سان منهن ڏيئي سگهجي ٿو، تن وسيلن کي کُٽائيندو آهي.
    جن هٿيارن سان سرمائيدار طبقي وڏيرا شاهيءَ ۽ جاگيرداريءَ کي واڍوڙي ڪيرايو هو؛ اُهي ساڳيا هٿيار خود سرمائيدار طبقي کي سامهون ٿيندا آهن.
    سرمائيدار طبقو نه رڳو هٿيار گهڙي ٿو، جن سان سندس موت اچڻو آهي. پر اُهي ماڻهو نه خلقي ٿو جيڪي انهن هٿيارن سان مٿس حملو ڪندا، يعني اڄوڪو پورهيت طبقو يا پرولتاري.
    سرمائيدار طبقو يا سرمايو جيترو وڌن ٿا اوترو ئي اڄوڪو پورهيت طبقو وڌي ٿو.اڄوڪو پورهيت طبقو اُهو طبقو آهي جنهن جا ماڻهو فقط اوترو ئي وقت جيئندا آهن، جيترو وقت کين پورهيو هٿ چڙهي سگهندو آهي. اکين پورهيو فقط اوترو هٿ چڙهي سگهندو آهي، جيترو وقت سندس پورهيو سرمائي کي وڌائي سگهندو آهي. اهي پورهيت واپار جي ٻين شين وانگر بازار ۾ وٺڻ ۽ وڪڻڻ جي شيءَ آهن. هو پاڻ کي ذرو ذرو ڪري وڪڻن ٿا. هو هردم بازار جي اگهن جي لاهين، چاڙهين ۽ چٽا ڀيٽين جو شڪار آهن.
    مشينري جا تمام گھڻي استعمال ڪري ۽ پورهيي جي ورڇ سبب اڄوڪن پورهيتن جي ڪم ۾ذاتي هنر ۽ قابليت جو ڪم ڪونهي. تنهن ڪري پورهيتن کي ان مان ڪوبه مزو نٿو اچي. هو مشين جو هڪڙو سادو پرزو بنجيو پوي ۽ کانئس تمام سادا، خسيس ۽ معمولي ڪم ورتا وڃن ٿا، تنهن ڪري هڪڙي پورهيت جي پيداوار جو خرچ سندس کاڌي پيتي ۽ ٻارن پيدا ڪرڻ جي خرچ جيترو مس آهي. پر بازار جي شيءَ جي قيمت ۽ پورهيي جي قيمت اوتري هوندي آهي، جيترو ان تي آيل خرچ. تنهن ڪري جيئن جيئن پورهيو وڃي اڻ وڻندڙ ٿيندو، تيئن تيئن مزوري وڃي گهٽبي. اڃان به هيئن چئجي ته جيئن جيئن مشينريءَ جو استعمال ۽ پورهيي جي ورڇ وڃن وڌندا، تيئن پورهيي جو بار وڃي وڌندو. يا ته پورهئي جو وقت وڌايو ويندو آهي يا ساڳئي وقت ۾ وڌيڪ ڪم ورتو ويندو آهي، يا مشينري جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي ويندي آهي.
    اڄوڪي صنعت اڳوڻي استاد ڪاريگر جي ننڍڙي ڪارخاني کي بدلائي صنعتي سرمائيدار جو وڏو ڪارخانو بنائي وڌو آهي. ڪارخاني ۾ مزورن جا هجوم ڳاهٽ ٿيل هوندا آهن، انهن کي فوجي سپاهين وانگر منظم ڪيو ويندو آهي. هو ڄڻ ته صنعتي فوج جا ڇوٽا سپاهي هوندا آهن، کين آفيسرن ۽ نائڪن جي ڪم هيٺ رکيو ويندو آهي. هو نه رڳو سرمائيدار طبقي ۽ سرمائيدار سرڪار جا غلام هوندا آهن پر ساڳئي ئي وقت مشين ۽ جماندار (جمعدار) ۽ خاص ڪري ڪارخانيدار هر پل ۽ هر گھڙي کين غلام بنايو ويٺا هوندا آهن. انهن غلام بنائيندڙن جي ڊڪيٽٽرشپ جيئن جيئن کلم کُلا اعلان ڪندي آهي ته اسان جو مقصد نفعو ڪمائڻ آهي، تيئن تيئن پورهيت جي غلامي وڌيڪ خسيس قسم جي وڌيڪ نفرت جهڙي ۽ وڌيڪ ڏکوئيندڙ ٿيندي ويندي آهي.
    هٿ جي پورهيي ۾ جيئن جيئن قابليت ۽ جاکوڙ جي گهرج گهٽ ٿيندي ويندي آهي يعني جيئن جيئن اڄوڪي صنعت وڌندي ويندي آهي، تيئن تيئن مرد ن جي پورهيي جي جاءِ عورتن جو پورهيو وٺندو آهي. عمر جو فرق ۽ مرد زال جو تفاوت پورهيت طبقي لاءِ پوءِ ڪا به سماجي اهميت ڪانه رکندو آهي، سڀ پورهيت پورهيي جا اوزار ٿي ويندا آهن. ڪي سستا ته ڪا مهانگا.
    پورهيت کي ڪارخاني وارو نپوڙيو اڃا مس بس ڪري ۽ پورهيت مزدوري وٺيو دنگ مس ڪري ته سرمائيدار طبقي جا ٻيا لشڪر مٿس چڙهيو وڃن جهڙوڪ؛ جا ءِ جي مسواڙ وٺڻ وارا دُڪاندار ۽ وياج خور وغيره. وچين طبقي جي هيٺين خانن وارا ماڻهو جهڙوڪ؛ ننڍا واپاري، دڪاندار پوڙها ٿي ويل ننڍڙا واپاري، ڪاريگر، آبادگار به آهستي آهستي ڪريو وڃيو پورهيت طبقي ۾ گڏجن. ان جو هڪڙو سبب اهو هوندو آهي ته جنهن پئماني تي اڄوڪيون صنعتون ۽ ڪارخانا هلن ٿا ته اُن پئماني جي ڪاروبار لاءِ هنن جي ٿورڙي موڙي پوري نه پوندي آهي يا وري پيداوار جي اڄوڪين نون نمونن ڪري سندن خاص هنر ۽ قابليت بيڪار ۽ اجايا ٿي پوندا آهن. انهن سببن جي ڪري اڄوڪو پورهيت طبقو ملڪ جي آبادي جي سمورن طبقن مان ڀرتي ٿيندو آهي.
    پورهيت طبقو واڌاري جي ڪيترن ئي منزلن مان لنگهندو آهي. جڏهن اهو ٻالپڻ ۾ هوندو آهي تڏهن کان وٺي سندس سرمائيدار طبقي سان جدوجهد ۽ زورآزمائي شروع ٿي ويندي آهي. پهريائين پهريائين هرڪو مزور پنهنجي ليکي اڪيلي سر مقابلو ڪندو آهي. پوءِ هڪڙي ڪارخاني جا سڀ مزور گڏجي مقابلو ڪندا آهن. تنهن کان پوءِ هڪڙي هنڌ يا بستيءِ ۾ ساڳيو ڪم ڪندڙ مزور گڏجي ان سرمائيدار سان مقابلو ڪندا آهن؛ جيڪو سڌيءَ طرح کين پيڙهي ۽ ڦري لُٽي ٿو. هو اُهي حملا سرمائيدار پيداوار جي اوزارن تي ڪندا آهن. هو ٻاهران آندل اُهي شيون ناس ڪندا آهن جي سندن پورهيي سان مقابلو ڪنديون آهن. هو مشينريءِ جا پرزا ٽوڙيندا آهن. ڪارخانن کي باهيون ڏيندا آهن. هو چاهيندا آهن ته اڳواڻي دور ۾ مزور جو جيڪو مرتبو هو سو زبردستي وري قائم ڪريون.
    هن ڏاڪي تي مزور سڄي ملڪ ۾ ٽڙيل پکڙيل هجوم وانگر هوندا آهن. کين پنهنجي ڳالهه چٽيءِ طرح ڪرڻ نه ايندي آهي. سندن پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي هوندي آهي. تنهن ڪري هو ٽُڪر ٽڪر ٿيل هوندا آهن. جي ڪٿي ڪٿي هو گڏجي سڏجي يڪا ٽولا تيار ڪندا آهن ته اُن جو سبب به اهو نه هوندو آهي ته ڪو هو ڪوشش وٺي پاڻ ۾ ٻڌي ٿا ڪن. ان جو ڪارڻ اهو هوندو آهي جو سرمائيدار پنهنجا سياسي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي پورهيت طبقي کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ مجبور ٿيندو آهي ۽ اُن وقت تائين هو ائين ڪري سگهندو آهي.تنهنڪري مزور ان منزل تي پنهنجي دشمن سان نه وڙهندا آهن. پر پنهنجي دشمنن جي دشمنن سان، يعني آپيشاهي ڪندڙ بادشاهن، زمينداران، جاگيردارنم غير جانبدار دولتمندن ۽ ڇوٽي وچين طبقي وارن سان وڙهندا آهن. اهڙيءِ ريت سموري تاريخي تحريڪ سرمائيدارن جي مٺ ۾ اچي ويندي آهي. اُن وقت تائين جيڪا فتح حاصل ڪئي ويندي آهي سا سرمائيدارن جي فتح هوندي آهي. پر جڏهن ڪارخانا وڌندا آهن تڏهن نه رڳو پورهيتن جو تعداد وڌي ويندو آهي پر هو وڏي تعداد ۾ هڪ هنڌ ڪٺا به ٿي ويندا آهن. پورهيت طبقو وڌندو آهي ۽ کيس پنهنجي طاقت جو وڌيڪ احساس ٿيندو آهي. جيئن جيئن مشينري پورهيي جا سمورا فرق ميساريندي ويندي آهي ۽ ذري گھٽ هر هنڌ مزوريءِ جا اگهه گهٽائي هڪ جهڙا هيٺ ڪري ڇڏيندي آهي، تيئن تيئن پورهيت طبقي اندر پورهيتن طبقي اندر پورهيتن جا جيڪي ڌار ڌار مفاد هوندا آهن ۽ جياپي جون جيڪي ڌار ڌار حالتون هونديون آهن.، سي ڦري گهري هڪ جهڙيون ٿي وينديون آهن. جڏهن سرمائيدار طبقي ۾ چٽا ڀيٽي وڌندي آهي ۽ واپاري گهوٽالا پيدا ٿيندا آهن، تڏهن مزدورن جي مزوريءِ ۾ چاڙهه ۽ لاٿ اچي ويندي آهي. مشينري روز روز ويندي آهي. وڌيڪ سُٺي ٿيندي ۽ وڌندي ويجهندي. تنهن ڪري پورهيتن جو گذران روز بروز ويندو آهي، وڌيڪ خطري ۾ پوندو. اڳي جو ڪنهن هڪڙي مزور ۽ هڪڙي سرمائيدار وچ ۾ ٽڪر هوندو هو سو ڦري ٻن طبقن جي وچ ۾ ٽڪر بنجي پوندو آهي. تنهن کان پوءِ پورهيت سرمائيدار طبقي جي برخلاف ٽولا(Trade Union) ٺاهيندا آهن، هو مزوريون وڌائڻ لاءِ پاڻ ملي مٺ ٿيندا آهن. هو ڪڏهن ڪڏهن سرمائيدار طبقن خلاف بغاوتون ڪرڻ جو اڳواٽ بندوبست ڪرڻ لاءِ دائمي جماعتون ٺاهيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اُنهن مقابلن مان فساد ٿي پوندا آهن، پورهيت ڪڏهن ڪامياب به ٿيندا آهن پر رڳو ٿوري وقت لاءِ انهن لڙاين مان اصلي فائدو اهو ٿيندو آهي جو سندن ٻڌي ويندي آهي وڌندي. نه ته هونئن جيڪي ترت فائدا ٿيندا آهن، تن جي خاص اهميت نه هوندي آهي، پورهيتن جي ٻڌيءِ کي وڌڻ ۾ انهيءِ مان به مدد ملندي آهي جو هاڻوڪي صنعت ۽ ڪارخانن هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جا وڌيڪ سُٺا وسيلا پيدا ڪيا آهن. اهي ڌار ڌار جڳهين جي مزورن کي آسانيءِ سان لهه وچڙ ۾ آڻين ٿا. ملڪ ۾ گهڻائي مڪاني مقابلا پيا ٿيندا آهن. انهن کي هڪڙي مرڪز تي ڪـٺو ڪرڻ ۽ ان کي يڪي قومي پيماني تي طبقي ٽڪر بنائڻ لاءِ انهن وسيلن جي گهرج هُئي. هر طبقاتي لڙائي سياسي لڙائي آهي. جنهن ٻڌيءِ قائم ڪرڻ لاءِ وچين زماني شهرين پنهنجي جڏين سڏين سڙڪن وسيلي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ صدين جون صديون لڳائي ڇڏيائون، اهي ٻڌي هن زماني جا پورهيت ريلواين جي مهربانيءِ سبب ٿورن سالن اندر ٺاهيو وٺن.
    پورهيت طبقي جي حيثيت ۾ منظم ٿين ٿا ۽ ان کان پوءِ هڪ سياسي پارٽي بنجن ٿا. خود پورهيتن جي وچ ۾ چٽا ڀيٽي ٿيو پوي. ان ڪري سندن يڪي تنظيم ۽ يڪي پارٽي ٺاهڻ جي ڪم ۾ رُخنو پوي ٿو. پر اها ڳالهه ٻڌي وريو وريو اڀريو اچي ۽ هر ڀيري اڳي کان وڌيڪ طاقتور، وڌيڪ مضبوط ۽ وڌيڪ جبري ٿيو پوي. اها قانون ٺاهيندڙن کي مجبور ٿي ڪري ته هو مزورن جي فائدي وارين ڳالهين کي قبول ڪن. اهو انهي ڪري سگهي ٿو جو سرمائيدار طبقي اندر ڦيٽارو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو انگلينڊ ۾ هڪڙي ڏينهن ۾ فقط ڏهه ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو قانون منظور ٿيو.
    پراڻي سماج جي طبقن ۾ جيڪي ٽڪر هوندا آهن سي ٿلهي ليکي ڪيترين ئي ڳالهين ۾ پورهيت طبقي جو واڌارو آڻيندا آهن. پورهيت طبقو پاڻ کي سدائين لڙائيءِ ۾ رڌل ڏسندو آهي. پهريائين جاگيردار طبقي سان، پوءِ سرمائيدار طبقي جي انهن حصن سان جن جا مفاد ڪارخانن جي واڌاري کي سهي نه سگهندا آهن. ڌارين ملڪن جي سرمائيدارن سان ٽڪر ته هر دم چالو رهندو آهي. انهن لڙِاين ۾ سرمائيدار طبقو پورهيت طبقي کي منٿ ميڙ ڪرڻ ۽ کانئس ڪم وٺڻ تي مجبور ڪندو آهي. اهڙيءِ طرح هو لاچار پورهيت طبقي کي سياسي ميدان ۾ گهلي ايندو آهي. اهڙي ريت خود سرمائيدار طبقو پنهنجي سياسي ۽ عام تعليم جي هٿيارن مان ڪجهه هٿيار پورهيت طبقي کي ڏيندو آهي. مطلب ته هو پورهيت طبقي کي سرمائيدار طبقي سان وڙهڻ جا هٿيار ڏيندو آهي.
    تنهن کان سواءِ اسين ڏسي چڪا آهيون ته جيئن جيئن ڪارخانن ۽ صنعت ۾ واڌ ايندي وڃي، تيئن تيئن حاڪم طبقي جا سڄا سارا ٽڪرا ڪريو اچيو پورهيت طبقي ۾ گڏجن. يا جي ٻيو نه ته به سندن وجود خطري ۾ پئجيو وڃي. اهي ٽڪرا به پورهيت طبقي کي نئين نئين روشنيءِ ۽ واڌاري جا جزا ڏين ٿا.
    آخري ڳالهه ته جن ڏينهن ۾ طبقاتي جدوجهد فيصلي واري گهڙيءِ جي ويجهو اچي پهچندي آهي، تن ڏينهن ۾ حاڪم طبقي اندر يا اڃا به هيئن چئجي ته پراڻي سماج جي سموري دائري اندر ، جيڪو ڀڄڻ ڀرڻ جو سلسلو هلندو آهي سو وڌي کلي کلائي زبردستيءِ جو نمونو وٺندو آهي. ايتريقدر جو حاڪم طبقي جو هڪڙو ننڍڙو حصو پاڻ کي حاڪم طبقي کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيندو آهي ۽ وڃي انقلابي طبقي سان ملندو آهي، جنهن جي هٿ ۾ آئينده جون واڳون هونديون آهن. جيئن اڳئين دور ۾ جاگيردار ۽ امير طبقي جو هڪڙو حصو وڃي سرمائيدار طبقي سان مليو هو، تيئن هاڻ سرمائيدار طبقي جو هڪڙِو حصو وڃيو پورهيت طبقي سان ملي. خاص ڪري نظريي جا اهي سرمائيدار ڄاڻو جيڪي پاڻ کي وڌائي ان درجي تي پهچائين ٿا، جو هو نظرياتي طرح تاريخ جي سمور يواڌاري کي سمجهي سگهن ٿا.
    اڄ جيڪي به طبقا سرمائيدار طبقي جي دوبدو بيٺا آهن انهن ۾ فقط پورهيت طبقو ئي سچ پچ انقلابي طبقو آهي. ٻيا طبقا اڄوڪي دور جي صنعت جي مقابلي ۾ ڪومائجيو، ڳريو نيٺ غائب ٿيو وڃن. اڄوڪي دور جي صنعت جي خاص ۽ لازمي پيداوار آهي، پورهيت طبقو.
    هيٺيون وچيون طبقو، ننڍڙا ڪارخانيدار، دڪاندار، ڪاريگر، هاري اهي سڀ سرمائيدار طبقي سان انهي ڪري لڙن ٿا جيئن وچين طبقي اندر جيڪو سندن وجود آهي، تنهن کي ناس ٿيڻ کان بچائي سگهن. اُنهي ڪري هو انقلابي ناهن. هو جيڪا صورتحال اڄ آهي، تنهن کي قائم رکڻ جي فائدي ۾ آهن. نه رُڳو ايترو، هو چاهين ٿا ته وقت جي واڳ پوئتي موٽي. هو تاريخ چڪر کي پوئتي ڦيرو ڏيڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن هو اتفاق سان انقلابي ٿين ٿا ته رڳو انهي ڪري ته کين ڊپ آهي ته اجهو ٿا وڃيو پورهيت طبقي سان ملون. اهڙي وقت هو پنهنجي موجوده فائدن جو بچاءَ نه ڪندا آهن. پر ايندڙ مفادن جي حفاظت ڪندا آهن. هو پنهنجي طبقي جي موقف ۽ بيهڪ کان ڀڄي وڃي پورهيت طبقي جو موقف ۽ بيهڪ وٺندا آهن.
    پورهيت انقلاب ٿي سگهي ٿو ته ڪن ڪن حالتن هنڌن تي پراڻي سماج جي سڀ کان هيٺين خانن طرفان اُڇلي ڦٽي ڪيل “خطرناڪ طبقي” سماجي گند ڪچري، يعني ماٺ مٺي ۾ ڪني ٿيندڙ ماڻهن جي ميڙ کي گهلي آڻي انقلابي تحريڪ سان ملائي. پر انهن جي زندگيءَ جون حالتون حقيقت ۾ اهڙيون آهن، جو هو رجعت پرست سازشين کان ڀاڙ وٺِي سندن هٿيار بنجڻ لاءِ وڌيڪ موزون آهن.
    پورهيت وٽ ڪا ملڪيت ڪانهي. سندن پنهنجن ٻارن ٻچن سان جيڪي لاڳاپا آهن تن ۾ ۽ سرمائيدار ڪٽنبن جي وچ ۾ جيڪي لاڳاپا هوندا آهن، تن جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. انگلينڊ توڙِي فرانس، آمريڪي ۽ جرمنيءَ ۾ سرمايي جي هاڻوڪي غلاميءَ مزور کان قوميت جي هر نشاني کسي ورتي آهي. هو سمجهي ٿو ته قانون، اخلاق ، مذهب، اهي سڀ سرمائيدار تعصب آهن. سرمائيدار مفاد انهن تعصبن جي آڙ وٺيو گهٽ جهليو، سندن تاڙِ ۾ لڪا ويٺا آهن.
    اڳوڻي زماني ۾ جيڪي به طبقا ٻين کي زور ٿي ويا هُيا تن چاهيو ٿي ته سموري سماج کي انهن حالتن جي تابع ڪريون جن حالتن ۾ سندن ڦٻايل ملڪيت وٽن ئي رهي ۽ پاڻ جيڪا حيثيت اڳ ۾ ئي حاصل ڪري چۡڪا هُيا سا وڌيڪ مضبوط ٿي.
    پورهيت تيستائين سماج جي پيداواري قوتن جا مالڪ نٿا ٿي سگهن. جيستائين هو خود پنهنجي ملڪيت حاصل ڪرڻ جي طريقي کي ختم نه ڪندا آهن ۽ پڻ اڳوڻن سڀني ملڪيت حاصل ڪرڻ جي طريقن کي ختم نه ڪندا. وٽن ڪا به اهڙي شيءَ ڪانهي، جنهن کي هو سلامت رکن ۽ مضبوط ڪن. سندن تاريخي فرض ۽ مقصد آهي ته هو ذاتي ملڪيت قائم رکڻ جون سموريون ضمانتون ۽ سمورا بچاءُ تباهه ڪري ڇڏين.
    اڳوڻيون سموريون تاريخي تحريڪون يا ته ٿورائيءَ ۽ اقليتن جون هلايل تحريڪون هيون يا ٿورائيءَ ۽ اقليت جي فائدي لاءِ تحريڪون هيون. پورهيتن جي تحريڪ وڏي گهڻائيءَ جي سوچيل سمجهيل خودمختيار تحريڪ آهي ۽ هن وڏي گهڻائي جي ئي فائدي لاءِ آهي. پورهيت طبقو يعني هاڻوڪي سماج جو سڀ کان ڪريل طبقو تيستائين چري به نٿو سگهي ۽ تيستائين پاڻ کي پنهنجي پيرن تي بيهاري نٿو سگهي؛ جيستائين هو سرڪاري سماج جي سموري مٿيئن ٺٺ ٺانگر ۽ مٿين طبقن کي ڌوڙ وانگر اُڏائي نه ڇڏيندو.
    جيتوڻيڪ باطني طرح نه، ته به ظاهري طرح پورهيت طبقي جي سرمائيدار طبقي خلاف جدوجهد اول اول هڪ قومي جدوجهد هوندي آهي.ظاهر آهي ته هر ملڪ جي پورهيت طبقي کي پنهنجي ئي سرمائيدار طبقي سان صفائي ڪرڻي پوندي.
    پورهيت طبقي جي واڌاري جي عام دورن جو نقشو چٽيندي اسان ان گهرو لڙائي جا پار پتا ڏنا آهن جا هاڻوڪي سماج ۾ اندر ئي اندر ذري گهٽ لڪ ڇپ ۾ هلي رهي آهي. اسين ان ڏاڪي تي پهتا آهيون جتي اها لڙائي کلي انقلاب جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي ۽ سرمائيدار طبقي جو تختو اونڌو ٿئي ٿو ۽ پورهيت طبقي جي حاڪميءَ لاءِ ميدان تيار ٿئي ٿو.
    اسان ڏٺو ته هيستائين سماج جي هر صورت جو بنياد اهو پئي رهيو آهي ته ڦريندڙ ۽ ڦرجندڙ طبقي جي وچ ۾ ٽڪر ۽ دشمني پئي هلي. پر ڪنهن طبقي کي ڦرڻ لٽڻ لاءِ ضروري آهي ته ان ڦريل طبقي لاءِ گهٽ گهٽ ۾ اهڙيون حالتون موجود ڪري ڏجن جو هو ٻيو نه ته به پنهنجي غلاميءَ وارو وجود قائم رکي سگهي. غلاميءَ واري دور ۾ غلام پاڻ کي آهستي آهستي چاڙهي وڃي گڏيل راڄ جو ميمبر بنايو. جاگيرداري راڄ جي پاڃاريءَ ۾ جڪڙيل ڇوٽي وچين طبقي نيٺ هڻي هڻي پاڻ کي سرمائيدار طبقو وڃي بنايو. پر موجوده مزور، ڪارخانن سان گڏ مٿي اُڀرڻ بدران ڪريو وڃو. ان حالت کي رسي جتي سندس طبقي جي وجود لاءِ جيڪي حالتون لازمي آهن، اهي حالتون به موجود نه ٿيون رهن. هو کٽيو خلاص ٿيو وڃي. ملڪ ۾ جيتري آدمشماري ۽ دولت وڌي ٿي، ان کان به وڌيڪ کٽل پائي وڌي ٿي. اهڙي ريت ظاهر ٿو ٿئي ته سرمائيدار طبقو سماج ۾ حاڪم طبقو ٿي رهڻ ۽ پنهنجي وجود جي حالتن کي قانون وانگر سماج تي مڙهڻ جو لائق ئي نه رهيو آهي. اهو انهيءَ ڪري حڪم هلائڻ جي لائق ناهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي غلامي کي غلامي جي حالت ۾ به موجود ۽ جيئرو رکڻ جي صلاحيت نٿو رکي. سندس غلام نيٺ اهڙي حالت کي وڃيو رسي. جو هو پنهنجي مالڪ تي چٽي بنجيو پوي. سرمائيدار ان حالت جو ڪو به تدارڪ ڪري نٿو سگهي. سماج انهيءَ سرمائيدار جي ماتحت وڌيڪ وقت نٿو رهي سگهي. مطلب ته سرمائيدار طبقي جو وجود سماج سان وڌيڪ وقت نٿ ٺهڪي.
    سرمائيدار طبقي جي وجود ۽ ان جي حاڪميءَ لاءِ لازمي شرط اهو آهي ته سرمايو ٺهي ۽ وڌي ويجهي. سرمايي جي لاءِ لازمي شرط آهي مزوريءَ تي پورهيو، مزورن جي وچ ۾ چٽا ڀيٽي تي ئي ٻڌل آهي.
    سرمائيدار طبقو پنهنجي مرضيءَ جي برخلاف صنعت کي وڌائي ٿو. اڳي پاڻ ۾ چٽا ڀيٽي ڪرڻ ڪري مزورن جي جيڪا اڪيلائي هئي سا ان واڌ جي ڪري بدلجيو انقلابي ٻڌيءَ صورت وٺي، هاڻوڪي صنعت جو واڌارو پنهنجن پيرن هيٺيان اهو بنياد ناس ڪري ڇڏيو . جنهن بنياد تي سرمائيدار طبقو پيداوار ڪري ٿو ۽ پيداوار جو مال کڻي ٿو. تنهن ڪري سرمائيدار طبقو جيڪا مکيه شيءَ پيدا ڪري ٿو سا اها آهي ته هو پنهنجي قبر کوٽيندڙ ماڻهو پيدا ڪري ٿو. سرمائيدار طبقي جو زوال ۽ پورهيت طبقي جي فتح اهي ٻئي هڪ جهڙيون اڻ ٽر ڳالهيون آهن.


    • پورهيت ۽ ڪميونسٽ

    ڪميونسٽن جو سمورن پورهيتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟
    ڪميونسٽ ٻين پورهيت طبقي جي مخالفت ۾ ڪا جدا پارٽي ڪو نه ٿا ٺاهين. کين ٻين سڀني پورهيتن کان الڳ ۽ ڌار ڪي به مفاد ڪونهن.
    پورهيت تحريڪ ڪيئن ٺاهجي جوڙجي، تنهن لاءِ هنن ڪي به پنهنجا الڳ تنگ نظريءَ وارا اصول ڪونه بنايا آهن.
    ڪميونسٽ ٻين پورهيت طبقي جي ٻين پارٽِين کان فقط هنن ڳالهين ۾ نرالا آهن، (1) ڌار ڌار ملڪن جا پورهيت پنهنجي قومي حدن اندر جيڪي جدوجهدون ڪن ٿا، انهن جدوجهدن ۾ ڪي گڏيل مفاد اهڙا هوندا آهن جي ڪنهن به خاص قوميت جي پورهيتن جا نه پر سڀني قومن جي پورهيتن جا ساڳيا ۽ هڪ جهڙا مفاد هوندا آهن. ڪميونسٽ انهن گڏيل مفادن ڏانهن پورهيت جو ڌيان ڇڪائين ٿا ۽ انهن گڏيل مفادن کي جدوجهد ۾ اڳڀرو ڪن ٿا. (2) سرمائيدار طبقي خلاف پورهيت طبقي جي جدوجهد کي واڌاري جي جن جن منزلن مان لنگهڻو پوي ٿو، تن سڀني منزلن ۾ هو هميشه ۽ هر هنڌ يڪي ۽ سموري جدوجهد جي ڪاميابيءَ جون ڳالهيون خيال ۾ رکن ٿا ۽ انهن کي اڳتي وڌائين ٿا.
    تنهن ڪري ڪميونسٽ هڪڙي پاسي عملي طرح هر ملڪ جي پورهيت طبقي جي پارٽين جي سڀ کان اڳتي وڌيل ۽ محڪم ارادي وارو حصو آهن ۽ ٻين حصن کي اڳتي ڌڪين ٿا. ٻئي طرف هو نظرياتي طرح پرهيتن جي گهڻائيءَ کان هن ڳالهه ۾ اڳرا آهن ته کين پورهيت تحريڪ جي واٽ، ان جي حالتن ۽ ان جي آخري عام نتيجن جي ٻين سڀني کان وڌيڪ ڄاڻ آهي.
    ڪميونسٽن جو ترت مقصد اهو ئي ساڳيو آهي، جيڪو ٻين سڀني پورهيت پارٽين جو هوندو آهي. يعني پورهيت طبقو هڪڙو باقاعدي طبقو ٺهي پوي، سرمائيدار طبقي جا راڄ جو تختو اونڌو ٿئي ۽ پورهيت طبقو سياسي اقتدار فتح ڪري.
    ڪميونسٽ جيڪي نظرياتي نتيجا ڪڍيا آهن، سي ڪنهن خاص نام نهاد “سڄي جهان کي سڌاريندڙ” جي ايجاد ڪيل يا ڳولي لڌل خيالن ۽ اصولن تي ٻڌل نه آهن.
    اڄ جيڪا طبقن جي وچ ۾ ويڙهه پئي هلي ۽ اسان جي اکين اڳيان جيڪا تاريخي تحريڪ پئي هلي، تن مان ڪي لاڳاپا ازخود ڦُٽِي نڪتا آهن، ڪميونسٽن جو نظريو انهن لاڳاپن کي ئي ٿلهي ليکي بيان ڪري ٿو. هن وقت جيڪي ملڪيت جا لاڳاپا آهن، اُهي ختم ڪيا وڃن؛ سا ڳالهه ڪميونزم جي ڪا نرالي ڳالهه ڪانهي. اڳي به هميشه جڏهن تاريخي حالتون بدلبيون آهن، تڏهن ملڪيت جي لاڳاپن ۾ تاريخي ردوبدل ٿي آهي.
    مثال طور؛فرينچ انقلاب جاگيردار ملڪيت کي ڊاهي سرمائيدار ملڪيت کڙي ڪئي. ڪميونزم جي خاص ڳالهه اها ناهي ته اها عام طرح ملڪيت کي ختم ڪري ٿي. اُن جي خاص ڳالهه اها آهي ته اُها سرمائيدار ملڪيت کي ختم ڪري ٿي. پيداوار ڪرڻ ۽ پيدا ڪيل مال کي هٿ ڪرڻ جا، طبقاتي دشمنين ۽ ٿورن طرفان گهڻن کي استعمال ڪرڻ جي بنياد تي ٻڌل، جيڪي به نظام هيستائين ٿي گذريا آهن، تن سڀني جو ڀرپور اظهار سرمائيدار ذاتي ملڪيت ۾ ٿئي ٿو.
    اُنهي خيال کان ڪميونسٽن جي نظريي جو هڪڙي ئي جملي ۾ نچوڙ بيان ڪري سگهجي ٿو. يعني ذاتي ملڪيت کي ختم ڪرڻ. اسان ڪميونسٽن کي ماڻهو معيار ٿا ڏين ته جيڪي ماڻهو پنهنجي پگهر جي پورهيي ۽ مڙسيءِ سان ملڪيت هٿ ڪن ٿا، تن کان توهان اهو حق کسڻ گهرو ٿا. هو چون ٿا ته ماڻهوءَ جي ذاتي آزاديءَ، ڪم ۽ خودمختياريءَ جو دارومدار آهي ئي ذاتي ملڪيت تي.
    پگهر جي پورهيي ۽ مڙسيءَ سان هٿ ڪيل ملڪيت! ننڍي ڪاريگر، ننڍي آبادگار جي ان ملڪيت جي ڳالهه ٿا ڪريو ڇا، جيڪا سرمائيدار ملڪيت جي نموني اڳ رائج هئي؟ اُن کي ختم ڪرڻ جا ڪا ضرورت ڪانهي! صنعت جي واڌاري اُن کي اڳيئي گهڻو ڪري ختم ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اڃا به روز پيو ختم ڪري يا اڄوڪي سرمائيدار ذاتي ملڪيت جي ڳالهه ٿا ڪريو ڇا ؟
    پر مزوريءَ تي پورهيو، پورهيت لاءِ ڪا ملڪيت ٺاهي ٿو ڇا ؟ بلڪل نه. اهو پورهيو سرمايو ٺاهي ٿو. يعني اهڙي قسم جي ملڪيت ٺاهي ٿو، جيڪا مزوريءَ تي ڪيل پورهيي کي استعمال ڪري ٿي. جيڪا مزوريءَ تي ڪيل پورهيي جي هر ڀيري نئين کيپ کان نئين ڦرلٽ ڪرڻ کان سواءِ وڌي ويجهي نٿي سگهي. اها ملڪيت پنهنجي هاڻوڪي صورت ۾ سرمايي ۽ مزدوريءَ تي ڪيل پورهيي جي دشمنيءَ مان پيدا ٿئي ٿي. اچو ته انهيءَ دشمنيءَ جا ٻئي پاسا جانچيون.
    سرمائيدار ٿيڻ جي معنيٰ آهي ته پيداوار ۾ نه رڳو هڪڙو نج ذاتي درجو حاصل ڪرڻ، پر سماجي درجو به حاصل ڪرڻ آهي. سرمايو هڪڙي گڏيل پيداوار آهي ۽ سرمايي کي حرڪت ۾ فقط تڏهن آڻي سگهجي ٿو، جڏهن سماج کي گهڻا فرد گڏجي اُن کي حرڪت ۾ آڻين. حقيقت ۾ توڙ تائين ڳالهه جانچبي ته ڏسڻ ۾ ايندو ته سرمايو سماج جي سمورن فردن جي گڏيل ڪوشش سان ئي وڌي سگهي ٿو.
    تنهن ڪري سرمايو ذاتي قوت نه پر سماجي قوت آهي. يعني سڄي سماج جي قوت آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن سرمايي کي ڦيرائي گڏيل ملڪيت يعني سماج جي سمورن فردن جي ملڪيت بنائجي ٿو ته اُن جي ڪري ڪنهن ذاتي ملڪيت کي سماجي ملڪيت نٿو بڻائي سگهجي. ملڪيت جو فقط سماجي ڪردار بدلجي ٿو. ان جو طبقاتي ڪردار ختم ٿيو وڃِي.
    هاڻ اچو ته مزوريءِ تي ڪيل پورهيي کي وٺون. گھٽ ۾ گھٽ مزوري. يعني جياپي جي وسيلن جو اهو مقدار، جو مزدور کي پورهيت جي حيثيت ۾ فقط جيئرو رکڻ لاءِ لازمي طرح گهربل هجي. تنهن ڪري مزوريءَ تي پورهيو ڪندڙ مزور پنهنجي پورهيي وسيلي جيڪي ڪجهه حاصل ڪري ٿو سو فقط کيس جيئرو رکڻ ۽ سندن هٿان نوان مزور پيدا ڪرائڻ لاءِ مس پورو آهي. اسين اهو بلڪل به نٿا چاهيون ته پورهيي جي پيداوار مان مزور جو اهو ذاتي کٽيو ختم ڪريون. اهو کٽيو ۽ ڪمائي فقط انساني حياتيءَکي جيئرو رکڻ ۽ اُن مان نيون حياتيون پيدا ڪرڻ لاءِ آهي. ان مان ايتري بچت ڪانه ٿي ٿئي جو ان بچت جي وسيلي ٻين جي پورهيي تي تسلط ڄمائي سگهجي. اسين فقط انهيءَ ذاتي کٽيي ۽ ڪمائيءَ جي ذلالت واري ڪردار کي مٽائڻ چاهيون ٿا. ڇو ته انهيءَ کٽئيءَ ۽ ڪمائيءَ مان مزور فقط انهيءَ لاءِ جيئرو رهي ٿو، جيئن سرمايي کي وڌائي . کيس فقط ايتري حد تائين جيئرو رهڻ ڏنو وڃي ٿو، جيتري حد تائين حاڪم طبقي کي گهرج ٿئي ٿي.
    سرمائيدار سماج ۾ جيئرو پورهيو گڏ ڪيل پورهيي کي وڌائڻ جو ئي وسيلو آهي. ڪميونسٽ سماج ۾ گڏ ڪيل پورهيو جيئري پورهيي يعني مزور جي وجود کي وسيع ۽ شاهوڪار ۽ زور وٺائڻ جو وسيلو آهي.
    مطلب ته سرمائيدار سماج ۾ ماضي حال تي حاوي آهي. ڪميونسٽ سماج ۾ حال ماضيءَ تي ڇانيل آهي. سرمائيدار سماج ۾ سرمايو خود مختيار آهي ۽ کيس ذاتي حيثيت آهي. پر جيئرو انسان غلام آهي ۽ کيس پنهنجي ڪا به حيثيت ڪانهي.
    اُنهيءَ حالت کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ڪجي ته سرمائيدار چون ٿا ته اوهين ذاتي حيثيت ۽ آزادي ختم ڪريو ٿا. هو حق تي آهن، اسين يقينن سرمائيدار ذاتي حيثيت، سرمائيدار خود مُختياري ۽ سرمائيدار آزاديءَ کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. پيداوار جي هاڻوڪين سرمائيدار حالتن ۾ آزاديءَ جو مطلب آهي. آزاد واپار، آزاد وڪرو آزاد خريداري. پر جيڪڏهن وڪرو ۽ خريداري گم ٿي وڃن ته پوءِ آزاد وڪرو ۽ آزاد خريداري به ازخود گم ٿيو وڃن. آزاد وڪري ۽ آزاد خريداري جي ڳالهه توڙي سرمائيدارن جون آزاديءَ بابت ٻيون عام ڳالهيون فقط تڏهن اهميت رکن ٿيون، جڏهن انهن جي ڀيٽ اڳين زماني جي پابند وڪري، پابند خريداري ۽ پابند واپارين جي حالت سان ڪئي وڃي. پر ڪميونسٽ نظام هيٺ خريداري ۽ وڪري کي ختم ڪرڻ، پيداوار جي سرمائيدار حالتن کي ختم ڪرڻ ۽ خود سرمائيدار طبقي کي ختم ڪرڻ واري ڳالهه کي مٿين ڳالهه سان ڀيٽڻ اجايو ۽ بي معنيٰ آهي.
    اسين ذاتي ملڪيت ختم ڪرڻ گهرون ٿا. اها ڳالهه ٻڌيو توهان کي دهشت وٺيو وڃي. پر توهان جي هاڻوڪي سماج ۾ ڪل ماڻهن جي نون پتين جي ذاتي ملڪيت توهان اڳيئي ختم ڪري ڇڏي آهي. ٿورڙن ماڻهن وٽ ذاتي ملڪيت آهي، انهيءَ ڪري جو آباديءَ جا نو حصا بنا ملڪيت جي هٿين خالي آهن. تنهن ڪري چئبو ته توهان ملڪيت جي جنهن صورت کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي ڏوهه ٿا ڏيو، سا ملڪيت جي اُها صورت آهي، جنهن جي وجود لاءِ اهو لازمي آهي ته سماج جي وڏي گهڻائيءَ وٽ ڪا به ملڪيت نه هجي.
    مطلب ته توهان اسان کي توهان جي ملڪيت ختم ڪرڻ لاءِ ڏوهه ڏيو ٿا. توهان جي ميار واجبي آهي. اسين برابر بنهه ائين ڪرڻ چاهيون ٿا. جنهن مهل پورهيي کي بدلائي سرمايي جي رقم يا مسواڙ جي رقم بنائڻ نا ممڪن ٿيو پوي، جنهن گهڙيءَ پورهيي کي بدلائي هڪ هٽي ڄمائڻ جهڙي سماجي قوت بنائڻ واري ڳالهه ختم ٿيو وڃي. جنهن مهل ذاتي ملڪيت کي بدلائي سرمائيدار ملڪيت يعني سرمائيدار ملڪيت يعني سرمايو بنائڻ جو امڪان ختم ٿيو وڃي. تنهن مهل توهان چئو ٿا ته ذاتي حيثيت ختم ٿي.
    تنهن ڪري توهان کي اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي ته فرد جي توهان وٽ معنيٰ آهي، سرمائيدار يا وچين طبقي وارو ملڪيت جو مالڪ. انهيءَ شخص کي برابر رستي ٻهاري اُڇلي ڇڏڻ کپي ۽ اهڙو بندوبست ڪرڻ کپي جو اهو وري اُسري نه سگهي.
    ڪميونزم ڪنهن به ماڻهوءَ کي سماج جي پيداوار مان حاصلات ڪرڻ جي طاقت کان نٿي روڪي. اها فقط انهي ڳالهه کي روڪي ٿي ته ڪو به ماڻهو سماج جي پيداوار مان اهڙي نموني حاصلات نه ڪري سگهي جو ٻين جو پورهيي جو مالڪ ٿي وڃِي.
    اعتراض ٿو ڪيو وڃي ته ذاتي ملڪيت کي ختم ڪبو ته سڀ ڪم ڪار بيهي ويندو ۽ سڄي جهان کي سستي وڪوڙي ويندي.
    جي اها ڳالهه سچي هجي ته سرمائيدار سماج نسوري سستيءِ سبب گهڻا ڏينهن اڳ ڪتن ٻلن جو کاڄ ٿي وڃِي ها. ڇو ته سرمائيدار سماج جا جيڪي فرد ڪم ڪن ٿا تن کي ڪجهه هڙ حاصل ڪو نه ٿو ٿئي ۽ جن کي هڙ حاصل ٿئي ٿو سي ڪو به ڪم ڪار ڪونه ٿا ڪن. اهو اعتراض حقيقت ۾ هڪڙي ٻئي اعتراض تي ٻڌل آهي. اُهو ٻيو اعتراض هي آهي ته سرمايو نه هوندو ته مزوريءَ تي پورهيو به نه هوندو.
    ڪميونسٽ نظام ۾ مادي شين کي پيدا ڪرڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو جيڪو نمونو هوندو، تنهن تي جيڪي اعتراض ڪيا ويا آهن؛ اُهي ساڳيا اعتراض ڪميونسٽ نظام ۾ ذهني پيداوار ڪرڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي نموني تي به ڪيا ويا آهن. سرمائيدار جهڙي ريت طبقاتي ملڪيت جو ختم ٿيڻ ائين آهي ڄڻ پيداوار جو ختم ٿيڻ. تيئن هن لاءِ طبقاتي ثقافت جو گم ٿيڻ به ائين آهي ڄڻ سموري ثقافت جو گم ٿيڻ. جنهن ثقافت جي ختم ٿيڻ بابت هو اوڇنگارون ڏئي ٿو. اها ثقافت گهڻن ماڻهن کي ڦيرائي مشينون بنائڻ جي تربيت آهي. سرمائيدار ملڪيت کي ختم ڪرڻ بابت اسان جي جيڪا رٿ آهي، تنهن سان جيستائين توهان آزاديءَ، ثقافت، قانون وغيره بابت توهان جا جيڪي سرمائيدار تصور ۽ ماپا آهن، سي لاڳو ڪندا رهنداسين تيستائين توهان جو اسان سان بحث ڪرڻ فضول آهي. خود توهان جا جيڪي خيال آهن سي به توهان جي سرمائيدار پيداوار ۽ سرمائيدار ملڪيت جون جيڪي حالتون آهن ۽ جنهن ماحول ۾ اُهي حالتون پيدا ٿين ٿيون، تن مان ئي پيدا ٿيا آهن. ساڳي طرح توهان جا قانوني نظريا خود توهان جي طبقي جي مرضيءَ تي ٻڌل آهن. توهان پنهنجي طبقي جي مرضيءَ کي سڀني لاءِ قانون بڻائي ڇڏيو آهي. توهان جي طبقي جي مرضيءَ ۽ مطلب جو اصل لاڙو وري توهان جي طبقي جي وجود لاءِ جيڪي اقتصادي حالتون گهربل آهن تن مان پيدا ٿئي ٿو.
    اڄ توهان انهيءَ خود مطلبيءَ واري غلط فهميءَ ۾ مبتلا آهيو ته توهان جو هاڻوڪو پيداوار جو نمونو ۽ ملڪيت جو روپ ڄڻ ته ڪي قدرتي قانون آهن. ۽ انهن ۾ ڪا وڏي دانائي سمايل آهي.
    اُن غلط فهمي ۾ رُڳو اوهين مبتلا نه آهيو. اوهان کان اڳ به جيڪي حاڪم طبقا ٿي گذريا آهن. سي به اهڙين ساڳين خود مطلبيءَ وارين غلط فهمين ۾ مبتلا رهندا پئي آيا آهن. نه ته حقيقت اها آهي ته توهان جي پيداوار جي طريقي ۽ ملڪيت جي روپ مان جيڪي سماجي صورتون پيدا ٿيون آهن، سي حقيقت ۾ تاريخي لاڳاپا آهن. پيداوار جيئن اڳتي وڌي ٿي، تيئن اهڙي قسم جا لاڳاپا پيدا ٿيندا ۽ ختم ٿيندا رهيا آهن. قديم زماني جي ملڪيت ۽ جاگيرداري دور جي ملڪيت بابت اها سڄي ڳالهه توهان کي صاف نظر اچي ٿي ۽ توهان اُها مڃيو ٿا. پر جنهن وقت توهان جي سرمائيدار نموني واري ملڪيت جي ڳالهه ٿي نڪري تڏهن ڄڻ ڪو توهان کي اها ڳالهه مڃڻ کان منع ڪريو ڇڏي.
    “زال مڙس جي ناتي جو خاتمو” جيڪي بنهه آزاد خيال آهن سي به ڪميونسٽن جي ان “بدنام” رٿ تي تپيو باهه ٿيو وڃن. هاڻوڪو سرمائيدار ڪُٽنب ۽ گهر ڀلا ڪهڙي بنياد تي بيٺل آهي؟ سرمايي تي، ذاتي نفعي تي. اهڙي قسم جو مڪمل طرح رچي راس ٿيل ڪُٽنب فقط سرمائيدار ڪُٽنب ٿيندو آهي. پر سرمائيدار ڪُٽنب وڌي اُن منزل تي پهچندا ئي تڏهن آهن، جڏهن پورهيتن ۾ ڪي به ڪٽنب جا لاڳاپا نه هوندا آهن ۽ پبلڪ ۽ پرائيوٽ چڪلا عام جام هوندا آهن. پورهيتن ۾ باقاعدي ڪُٽنبن جو نه هجڻ ۽ چڪلڻ جو نه هجڻ سرمائيدار ڪُٽنب جو ٻيو لازمي پاسو آهي. جي اهو پاسو نه رهندو ته سرمائيدار ڪُٽنب به گم ٿي ويندو.
    اوهان اسان تي الزام هڻو ڇا ته اسين مائٽن طرفان پنهنجي ٻارن کي استعمال ڪرڻ جي رواج کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا؟ اسين اُنهي ڏوهه جا قبولدار آهيون.
    توهان چوندا ته توهين گهرو تعليم جي جاءِ تي سماجي تعليم جو رواج وجهندا ته پاڪ کان پاڪ لاڳاپا تباهه ٿي ويندا.
    ۽ توهان جي تعليم ! ڇا اها به سماجي نه آهي ؟ ڇا اُها انهن حالتن جي ماتحت نه آهي جن حالتن ۾ توهان تعليم ڏيو ٿا. ڇا اُن تعليم ۾ اسڪولن وغيره وسيلي سماج سڌي دست اندازي نٿو ڪري. تعليم ۾ سماج جي دست اندازي ڪميونسٽن ايجاد ڪانه ڪئي آهي. هو فقط ان دست اندازيءَ جو ڪردار بدلائڻ چاهين ٿا ۽ اُن کي حاڪم طبقي جي اثر کان آجو ڪرائڻ چاهين ٿا.
    سرمائيدار طبقو گهر (ڪُٽنب) ۽ تعليم بابت مائٽ ۽ اولاد جي مقدس لاڳاپن بابت ڏاڍي ڄاڙي هڻي ٿو. جيئن جيئن هاڻوڪي صنعت، پورهيت طبقي ۾ پورهيت طبقي جي ڪٽنبن کي ڇني ڌار ڌار ڪندي وڃي ۽ سندن ٻارن کي واپار جون معمولي شيون ۽ پورهيي جا اوزار بنائيندي وڃي، تيئن تيئن اها ڄاڙي وڌيڪ نفرت جوڳي ٿيو پوي. سڄو سرمائيدار طبقو هڪ ٻئي سان سُر ملائي رنڀون پيو ڪري ته توهين ڪميونسٽ عورتن کي سڀني جو گڏيل سال بنائيندو.
    سرمائيدار پنهنجي زال کي فقط پيداوار جو اوزار سمجهي ٿو. هو جڏهن ٻڌي ٿو ته پيداوار جا سڀ اوزار سڀيئي گڏجي استعمال ڪندا، تڏهن هو قدرتي طرح انهيءَ ئي نتيجي تي پهچي ٿو ته عورتن سان به ساڳي حالت ٿيندي آهي.
    اها ڳالهه هن وهم گمان ۾ ئي نٿي اچي ته اصل مقصد آهي ته اڄ جون عورتون رُڳو پيداوار جا اوزار ٿيون پيون آهن. سا ڳالهه ختم ڪئي وڃِي.
    باقي جو سرمائيدار مڪر ڪريو انهي تي ٿا ڪاوڙجن ته ڪميونسٽ سرڪاري طرح عورتن کي گڏيل مال بنائي ڪتب آڻيندا. سو انهيءَ کان وڌيڪ واهيات ٻيو ڪهڙو الزام ٿيندو؟
    ڪميونسٽن کي اها ضرورت ئي ڪانهي جو عورتن کي گڏيل مال بنائي استعمال ڪرڻ جو رواج وجهڻ. اهو رواج ته ايامن کان وٺي هلندو اچي. اسان جو سرمائيدار پورهيتن جي زالن ۽ ڌيئرن مان ته ٺهيو پر عام رنڊين مان به نٿو ڍاپي. تنهن ڪري هو ڏاڍي مزي سان هڪ ٻئي جي زالن مان لستون وٺندا آهن.
    سرمائيدار شادي حقيقت ۾ گڏپ زالون ڌارڻ جو نظام آهي. ڪميونسٽن تي وڌ ۾ وڌ اهو الزام لڳندو ته منافقيءَ سان لڪي گڏپ ۾ زالون استعمال ڪرڻ بدران هو متان کليو کلايو زالن جي قانوني گڏپ جو رواج وجهن. باقي ظاهر آهي ته پيداوار جو هاڻوڪو سرشتو ختم ٿيندو ته لازمي طرح ان سرشتي مان جيڪو زالن جو گڏپ سرشتو ڦُٽِي نڪتو آهي، يعني عام چڪلي بازي ۽ پرائيوٽ رنڊي بازيءَ جو دستور قائم ٿيو آهي، سو ختم ٿي ويندو.
    ڪميونسٽن تي ٻيو اهو الزام اهو ٿو هنيو وڃي ٿو ته “توهان ملڪن ۽ قومن کي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا”.
    پورهيت ماڻهن وٽ ڪو ملڪ آهي ئي ڪونه. جيڪي وٽن اڳي ئي ڪونهي سو کانئن کسي نٿا سگهون. البت جنهن صورت ۾ پورهيت طبقي کي سڀ کان پهرين سياسي برتري ۽ فوقيت حاصل ڪرڻي آهي، کين مٿي چڙهي قوم جو اڳواڻ طبقو ٿيڻو آهي ۽ پاڻ کي خود قوم بنائڻو آهي، تنهن صورت ۾ اهو ان حد تائين خود قوم آهي. جيتوڻيڪ سرمائيدار طبقي جي مقرر ڪيل معنيٰ ۾ نه.
    سرمائيدار طبقي جي واڌاري ڪري، واپار جي آزاديءَ ڪري، سڄي دُنيا جي يڪي مارڪيٽ ٺهڻ ڪري، پيداوار جي نموني ۽ ان سان ٺهڪندڙ حياتيءَ جي حالتن ۾ هر هنڌ هڪجهڙائي پيدا ٿيڻ ڪري، قومي فرق ۽ دشمنيون روز بروز گم ٿينديون وڃن.
    پورهيت طبقو جڏهن برتري ۽ فوقيت حاصل ڪندو، تڏهن اهي اڃا وڌيڪ تيزي سان گم ٿينديون. پورهيت طبقي جي ڇوٽڪاري لاءِ جيڪي حالتون لازمي طرح گهربل آهن، تن مان هڪڙي اها آهي ته گهٽ ۾ گهٽ دُنيا جا اڳواڻ سُڌريل مُلڪ گڏجي قدم کڻن.
    جيئن جيئن هڪ ماڻهو هٿان ٻئي ماڻهو کي استعمال ڪرڻ جي بڇڙائي ختم ٿيندي ويندي. تيئن تيئن هڪڙي قوم هٿان ٻي قوم کي استعمال ڪرڻ جي بڇڙائي به ختم ٿي ويندي. جيئن جيئن هڪڙي قوم اندر طبقن جي وچ ۾ دشمني ختم ٿيندي ويندي، تيئن تيئن هڪڙي قوم جو ٻي قوم سان وير، وروڌ ختم ٿيندو ويندو.
    ڪميونزم تي مذهب، فلسفي ۽ عام طرح نظرياتي نقطي نظر کان جيڪي الزام هنيا وڃن ٿا سي سنجيدگيءَ سان تپاس ڪرڻ جهڙا ئي ڪونهن. جيئن جيئن ماڻهوءَ جي مادي وجود جون حالتون ڦرن ٿيون. جيئن جيئن سندس سماجي لاڳاپا ڦرن ٿا ۽ سندس سماجي زندگيءَ ۾ تبديلي اچي ٿي، تيئن تيئن سندس خيال، رايا، سوچ، ۽ سمجهه ڦرندا گهرندا رهن ٿا. اُنهي ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن اُونهي عقل جي ضرورت آهي ڇا ؟
    خيالن جي تاريخ سواءِ انهن جي ٻيو ڇا ٿي ثابت ڪري ته جيئن جيئن مادي پيداوار ڦري ٿي،تيئن تيئن ذهني پيداوار به بدلجي وڃي. هر زماني جي حاڪم خيال هميشه اُهي پئي رهيا آهن. جيڪي حاڪم طبقي جا خيال هوندا آهن.
    جڏهن ماڻهو چون ٿا ته ڦلاڻن خيالن سماج ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، تڏهن هو فقط اها ڳالهه ظاهر ڪن ٿا ته پراڻي سماج اندر نئين سماج جا جزا پيدا ٿيندا آهن. جيتري قدر جياپي جون پُراڻيون حالتون درهم برهم ٿينديون. اوتري قدر پُراڻا خيال درهم برهم ٿيندا. جڏهن قديم دُنيا پنهنجي سُڪرات ۾ هئي. تڏهن عيسائيت قديم مذهبن تي غالب پئجي وئي. جڏهن ارڙهينءَ صديءَ ۾ عيسائي خيال عقل تي ٻڌل خيالن جي مقابلي ۾ شڪست کائي ختم ٿي ويا، تڏهن پُراڻي زميندار جاگيردار سماج اُن وقت جي انقلابي طبقي يعني سرمائيدار طبقي سان پنهنجي حياتي ۽ موت جي لڙائي ڪئي. مذهبي آزادي ۽ ضمير جي آزاديءَ جي خيالن رُڳو اُها ڳالهه بيان ڪئي ته علم ۽ ڄاڻ جي ميدان ۾ آزاد چٽا ڀيٽيءَ جو غلبو هجڻ کپي.
    “تنهن کان سواءِ اهڙا به ازلي سچ آهن، جي سماج جي سمورين حالتن سان لاڳو آهن. جهڙوڪ آزادي، انصاف وغيره وغيره. پر ڪميونزم ازلي سچن کي ختم ڪري ٿي. ڪميونزم مذهب ۽ اخلاق کي نئين بنياد تي قائم ڪرڻ بدران مورڳو مذهب ۽ اخلاق کي ئي ختم ڪريو ڇڏي. تنهن ڪري اها اڳواڻي سموري تاريخي تجربي جي خلاف ورزي ۽ ڀڃڪڙي ڪري ٿي”
    اُنهي الزام جو تت ڇا آهي؟ سموري اڳواڻي سماج جي تاريخ جو نچوڙ اهو آهي ته اڳي سدائين طبقاتي دُشمنيون وڌيون آهن. اُنهن دشمنين ۾ مختلف دورن ۾ مختلف روپ ورتا آهن. اڳوڻن سمورن زمانن کڻي ڪهڙيون به ڌار ڌار صورتون اختيار ڪيون هجن ته به منجهن هڪڙي ڳالهه ساڳي ۽ عام آهي. اُها شيءَ آهي ته هر زماني ۾ سماج جي هڪڙي ڀاڱي ٻئي ڀاڱي کي استعمال ٿي ڪيو.
    اُنهي ڪري اها قدرتي ڳالهه هُئي ته اڳوڻن زمانن جي سماجي سمجهه ۾ هونئن کڻي گهڻي ئي روپ رنگ هُئا ته به اُها ڪن عام صورتن يا عام حالتن تائين محدود رهي ٿي. پراڻن زمانن جي سماجي سمجهه جون اهي عام صورتون ۽ اهي عام خيال تيستائين بنهه ختم ٿي نه سگهندا، جيستائين طبقاتي دُشمنيون بنهه ختم ڪونه ٿيون آهن. ڪميونسٽ انقلاب برپا ڪرڻ معنيٰ ملڪيت جي پُراڻن لاڳاپن سان وڌ ۾ وڌ سختيءَ سان ناتا ٽوڙڻ. تنهنڪري قدرتي طرح ڪميونسٽ انقلاب جي واڌاري لاءِ لازمي ٿيندو ته پراڻن زماني جي خيالن سان به سختيءَ سان ناتا ٽوڙيا وڃن. ڪميونزم تي سرمائيدارن جي اعتراضن کي هاڻ کڻي هتي ئي ڇڏيون.
    اسان مٿي ڏسي آيا آهيون ته پورهيت طبقي جي انقلاب لاءِ پهريون قدم اهو ٿيندو ته پورهيت طبقو مٿي چڙهي حاڪم طبقي جي جاءِ والاري ۽ جهموريت لاءِ لڙائي کٽي.
    پورهيت طبقو پنهنجي سياسي برتري ۽ فوقيت کي استعمال ڪري سرمائيدار طبقي کان ڏاڪي به ڏاڪي سمورو سرمايو کسي وٺندو، پيداوار جا سمورا اوزارسرڪار جي هٿ ۾ ڪٺا ڪندو. اها سرڪار هوندي، حاڪم طبقي طور منظم ٿيل پورهيت طبقو. اُهو پيداوار ڪندڙ قوتن کي جيتري قدر جلد ٿي سگهندو، اوترو جلد وڌائيندو.
    ظاهر آهي ته اها ڳالهه فقط تڏهن ٿي سگهندي جڏهن شروعات ۾ ملڪيت جي حقن ۽ سرمائيدار پيداوار جي حالتن ۾ ڊڪٽيٽري نموني دست اندازي ڪئي ويندي ۽ اهڙا قدم کنيا ويندا جي ڏسڻ اقتصادي طرح اڻپورا ۽ ڪمزور نظر ايندا پر اُهي وڌندي وڌندي خود پاڻ کان اڳتي نڪري ويندا . اُن ڪري پُراڻي سماجي سرشتي ۾ اڃا به وڌيڪ دست اندازيون ڪرڻ لازمي اڻ ٽر ٿي پوندو. ڇو ته انهن دست اندازين کان سواءِ پيداوار جي سرشتي ۾ پورو پورو انقلاب آڻي نه سگهبو.
    اهڙا اهڙا قدم ڌار ڌار ملڪن ۾ ڌار ڌار نمونن جا هوندا، پر تنهن هوندي به سڀ کان اڳتي وڌيل ملڪن ۾ هيٺيان قدم گهڻي ڀاڱي عام طرح موزون ٿيندا. (1) مسواڙ (بٽئي) جيتري رقم عام فائدي جي ڪمن لاءِ ڪتب آڻڻ (2) آمدنيءَ جي ڳري ڏاڪي وارا ٽيڪس يا وڌندڙ انڪم ٽيڪس (جيئن آمدني وڌيڪ تيئن انڪم ٽيڪس جو في سيڪڙو وڌيڪ_ ترجمو ڪندڙ) (3) ورثي جو سمورو حق ختم ڪرڻ (4) سڀني ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندڙن ۽ باغين جي ملڪيت ضبط ڪرڻ (5) قرض ڏيڻ جو سمورو بندوبست سرڪاري هٿ ۾ ڪٺو ڪرڻ. ان لاءِ سرڪاري سرمايي ۽ اڪيلي هڪ هٽيءَ هيٺ قومي بئنڪ قائم ڪرڻ (6) پيغام پهچائڻ ۽ آمدرفت جا سمورا وسيلا سرڪار جي هٿ ۾ ڪٺا ڪرڻ(7) سرڪاري ڪارخانن ۽ پيداواري وسلين کي وڌائڻ (8) پورهيو ڪرڻ سڀني لاءِ لازمي ٺهرائڻ.صنعتي فوجون قائم ڪرڻ، خاص ڪري پوک جي لاءِ. (9) پوک کي ڪارخاني سان ملائڻ،ملڪ جي ماڻهن کي حصي رسيءِ سان وڌيڪ هڪ جهڙي نموني سڄي ملڪ ۾ آباد ڪرڻ ۽ اهڙي ريت شهر ۽ ٻهراڙيءَ جو فرق آهستي آهستي ختم ڪرڻ(10) سڀني ٻارن لاءِ پبلڪ اسڪول ۾ مفت تعليم جو بندوبست ڪرڻ. ٻار هن وقت جهڙي نموني ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا، انهيءَ سرشتي کي ختم ڪرڻ، تعليم کي ڪارخانن ۾ پيداوار جي ڪمن سان ملائڻ.
    جڏهن سماج جي اڳتي وڌندي وڌندي طبقاتي فرق گم ٿي ويندا ۽ سموري پيداوار سڄي قوم جي وسيع تنظيم جي هٿ اچي ويندي. تڏهن عام اقتدار پنهنجي سياسي خاصيت کان محروم ٿي ويندو. جنهن اقتدار کي صحيح معنيٰ ۾ سياسي اقتدار سڏيو وڃي ٿو سو حقيقت ۾ فقط هڪڙي طبقي طرفان ٻئي طبقي کي دٻائڻ لاءِ منظ۾ ڪيل اقتدار هوندو آهي. جيڪڏهن سرمائيدار طبقي سان زور آزمائي ڪندي، پورهيت طبقو حالتن کان مجبور ٿي، پاڻ کي هڪڙي طبقي جي حيثيت ۾ منظم ٿو ڪري ۽ انقلاب جي وسيلي پاڻ کي حاڪم طبقو بنائي ٿو ۽ حاڪم طبقي جي حيثيت ۾ پيداوار جون پُراڻيون حالتون زبردستي ٻهاري اُڇلائي ٿو ته جيڪي طبقاتي دُشمني قائم رهڻ لاءِ لازمي آهن. اهڙيءَ ريت پورهيت طبقو خود پنهنجي طبقاتي برتريءَ ۽ فوقيت کي به ختم ڪري ڇڏيندو.
    طبقن ۽ طبقاتي دشمنين واري پُراڻي سرمائيداري سماج جي جاءِ تي هڪڙي اهڙي ڀائيچاري ٺهي پوندي، جنهن ۾ سڀئي فقط تڏهن آزاديءَ سان وڌي ويجهي سگهندا، جڏهن منجهائنس هرڪو آزاديءَ سان وڌي ويجهي سگهندو.


    • سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ ادب

    1_رجعت پرست يا مردار سوشلزم

    الف:. وڏيرڪي جاگيرداري سوشلزم
    فرانس ۽ انگلينڊ جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ نوابن جي تاريخي پوزيشن اهڙي ٿي پئي آهي، جو اڄوڪو سرمائيدار سماج خلاف چوپڙيون لکڻ سندن ڌنڌو ٿي پيو آهي. جولاءِ 1830ع واري انقلاب ۽ انگلينڊ ۾ سڌاري جي هلچل ۾ اهي وڏيرا،رئيس ۽ نواب نفرت جهڙي ڪالهوڪي ٻار يعني سرمائيدار کان مات کائي ويا. ان کان پوءِ ڪنهن سنجيدي سياسي مقابلي جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.فقط علمي ۽ ادبيءَ لڙائيءَ جو امڪان رهجي ويو هو. پر ادب جي ميدان ۾ به جاگيرداري راڄ وري قائم ڪرڻ لاٰءِ پراڻيون رڙيون ۽ رانڀاڙ ڪرڻ ناممڪن هو.
    ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيرن، رئيسن ۽ نوابن کي مجبورن پنهنجن فائدن کي نظر انداز ڪري سرمائيدارن خلاف پنهنجون تهمتون فقط ڦريل لٽيل پورهيت طبقي پاران تيار ڪرڻيون پيون. اهڙي ريت وڏيرڪي طبقي پنهنجي نئين آقا يعني سرمائيدار تان چٿرون ڪري ۽ ايندڙ تباهيءَ جي ڀيانڪ ۽ ڊيڄاريندڙ اڳڪٿين سندن ڪن تي وجهي کانئس پنهنجو بدلو ورتو.
    وڏيرڪي سوشلزم اجها ائين پيدا ٿي. اُها اڌ ماتم ۽ اوڇنگار هئي؛ ته اڌ چٿرون ! اڌ ماضي جو پڙاڏو هئي، اڌ آئيندي جو دڙڪو. ڪڏهن ڪڏهن اُها پنهنجي تلخ ۽ ڪوڙي، تيز ۽ چهڪ ڏيندڙ تنقيد سان سرمائيدار طبقي جي اندر ۾ ٽنگ ڪريو ڇڏي. پر ان جو اثر هميشه واهيات هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو اها تنقيد اڄوڪي تاريخ جي اڳتي جي واڌار ڏانهن واڌاري کي سمجهڻ کان بنهه لاچار آهي. پنهنجي چوڌاري ماڻهو گڏ ڪرڻ لاءِ وڏيري،رئيس ۽ نواب طبقي خود پنهنجي جهنڊي جهولائڻ بدران، پورهيت طبقي پاران خيرات پنڻ جو ڪشتو هٿ ۾ لوڏيو. پر ماڻهو جڏهن به وٽن مڙندا هئا،تڏهن سندس پُٺيان سندن وهڪ جي جاءِ تي سندن پراڻا وڏيرڪا، رئيساڻا ۽ نوابي خاندان نشان ڏسي وٺندا هُئا ۽ وڏا بي ادب ٽهڪ ڏيئي، کين ڇڏي هليا ويندا هُئا.
    فرانس ۾ بوربان شاهي گهراڻي جي حامي وڏيرن، رئيسن ۽ نوابن ۽ انگلينڊ ۾ “نوجوان انگلينڊ” نالي وڏيرڪي انجمن وارن اهڙا تماشا ڏيکاريا.
    جنهن مهل وڏيرڪو طبقو ماڻهن کي اهو ٻڌائي ٿو ته اسان جو ڦرلٽ جو طريقو سرمائيدار طبقي جي ڦرلٽ جي طيقي جهڙو ڪونه هو، تڏهن کانئن اها ڳالهه وسري ٿي وڃي ته هو بلڪل الڳ ۽ مدي خارج حالتن ۽ ماحول ۾ ماڻهن کي ڦريندا هئا. جنهن مهل هو اها ڳالهه ٿا ٻڌائن ته اسان جي راڄ ۾ هاڻوڪو پورهيت هوئي ڪونه. تنهن مهل کانئن اِها ڳالهه وسريو وڃي ته هاڻوڪو سرمائيدار طبقو سندن پنهنجي سماجي صورت جي لازمي پيدائش آهي.
    هونئن هو پنهنجي تنقيد جي رجعت پرست ۽ مردار خاصيت لڪائڻ جي تمام گھٽ ڪوشش ڪن ٿا.ايتري قدر جو سرمائيدار طبقي تي سندن مکيه تهمت آهي ئي اها ته سرمائيدار راڄ ۾ هڪڙو اهڙو طبقو پيو وڌي ويجهي، جيڪي سماج جي پرائي چرخي کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو.
    هو سرمائيدار طبقي کي رڳو انهيءَ لاءَ جُٺ ڪونه ٿا ڪن ته “ تو پورهيت طبقو ڇو پيدا ڪيو آهي” پر مٿس انهيءَ ڪري ڏمرجن ٿا ته تون “ انقلابي پورهيت طبقو ڇو ٿو پيدا ڪرين” .
    تنهنڪري عملي سياست ۾ پورهيت طبقي جي خلاف جيڪي به ڏاڍايون ۽ زورآوريون ٿين ٿيون، تن ۾ هو شريڪ ٿين ٿا. روزمره جي حياتيءَ ۾ هو هڪڙي پاسي وڏي معتبري ۽ شرافت جون ڳالهيون ڪن ٿا ته ٻئي پاسي سرمائيدار صنعت جي صوفن جي باغ مان جيڪي سونا صوف پٽ تي ڪرن ٿا، تن مان ميڙيو کڻيو جهولي ڀرين. هو سچ. پيار ۽ عزت جو سودو ڪريو، پيٽ مان پيدا ٿيل کنڊ ۽ پٽاٽن جي شراب وڪڻڻ جون پرمٽون ۽ ليسن وٺن.
    جيئن ملان هميشه وڏيري سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي هليو آهي، تيئن ملان وري سوشلزم ۽ وڏيرڪي سوشلزم به هميشه پاڻ ۾ سرتيون ۽ ساهيڙيون رهيون آهن.
    عيسائي ملان دنيا کي ترڪ ڪرڻ جو جيڪو فلسفو ٻڌائيندا آهن، تنهن کي سوشلٽ رنگ ڏيڻ تمام سولو آهي. عيسائيت هميشه ذاتي ملڪيت، شادي ۽ سرڪار خلاف خطبا ڪانه پڙهندي رهي آهي؟ انهن جي جاءِ تي خيرات، غريبي،سڄي عمر ڪنواري رهڻ، بدن کي ايذاءُ ڏيڻ، مڙهين ۾ عمر گذارڻ ۽ ديول ماتا ڪابه واعظ ڪانه ڪندي رهي آهي؟ عيسائي سوشلزم اهو پاڪ پاڻي آهي جنهن سان پادري، وڏيري، رئيس ۽ نواب طبقي جي اندر جي باهه کي ڇنڊا هڻندو آهي ۽ انهن کي پاڪ ۽ پويتر بڻائيندو آهي.

    ب :. ڇوٽي وچين طبقي جي سوشلزم !

    سرمائيدار يا وچين طبقي رڳو وڏيري ۽ جاگيردار طبقي کي تباهه ڪونه ڪيو آهي. رُڳو ان طبقي وجود جون حالتون هاڻوڪي سرمائيدار سماج جي ماحول ۾ ڳري ڳري فنا ڪونه ٿيون آهن. وچين زماني جا شهري ماڻهو ۽ ننڍا آبادگار اڄوڪي سرمائيدار طبقي جا پيشرو هئا. جيڪي ملڪ صنعتي ۽ واپاري طرح گهڻو نه وڌيا آهن، انهن ۾ اهي ٻيئي طبقا وڌندڙ سرمائيدار طبقي جي ڀرسان پيا تڳن ۽ مئو جيئرو ساهه پيا کڻن.
    جن ملڪن ۾ هاڻوڪي تهذيب پوريءَ ريت وڌي ويجهي چڪي آهي، تن ۾ هڪڙو نئون طبقو پورهيت ۽ سرمائيدار طبقن جي وچ ۾ پيو گهٽي وڌي. اهو هر ڀيري سرمائيدار جو واڌو حصو بنجيو اُڀري ٿو. پر چٽا ڀيٽي به سبب هن طبقي جا فرد سدائين اڇلجيو اچيو پورهيت طبقي ۾ ڦهڪو ڪن ٿا. جيئن جيئن هاڻوڪا ڪارخانا پيا وڌن، تيئن تيئن کين اها ڳالهه گهڙي ويجهي نظر ايندي وڃي، جڏهن هو اڄوڪي سماج ۾ هڪڙي خودمختيار حصي جي حيثيت ۾ ختم ٿي ويندا ۽ ڪارخانن، پوک ۽ واپار ۾ سندن جاءِ جماندار (جمعدار)، بيلف ۽ دڪاندار وٺندا.
    اُهي ملڪ جن ۾ فرانس وانگر هاري ۽ آبادگار اڌ کان گهڻا آهن، تن ۾ اها ڳالهه قدرتي طرح هئي ته اُتي جا اُهي اديب ۽ عالم جيڪي سرمائيدار طبقي خلاف پورهيت طبقي جا طرفدار هُئا، سي سرمائيدار راڄ تي تنقيد،آبادگار ۽ ڇوٽي وچين طبقي جي معيار پٽاندڙ ڪن، ۽ انهن وچٿرن طبقن جي نقطي نظرن کان پورهيت طبقي پاران لٺ کڻن. اهڙيءَ ريت ڇوٽي وچين طبقي جي سوشلزم ۾ پيدا ٿي. انگلينڊ توڙي فرانس ۾ انهي مدرسي جو وڏو استاد سسمانڊي هو.
    سوشلزم جي انهيءَ مدرسي وارن عالمن هاڻوڪي پيداوار جي حالتن ۾ جيڪي تضاد ۽ ٽڪر آهن، تن جي ڏاڍي سنڌائتي وڍ ڪٽ ڪئي آهي. هُنن اقتصادي ماهرن جي منافقيءَ وارن عزرن معزورن کي اگهاڙو ڪيو. مشينري ۽ پورهيي جي ورهاست، سرمايي زمين جي ٿورڙن هٿن ۾ اچڻ، اجائي گهڻ پيداوار ۽ گهوٽالا، انهن ڳالهين مان جيڪي تباهه ڪندڙ اثر پيدا ٿيا آهن، تن کي هنن لاجواب ڪندڙ ثابتين سان ثابت ڪيو. هنن ڇوٽي وچين طبقي ۽ آبادگارن جي لازمي تباهيءَ، پورهيت طبقي جي برن حالن، پيداوار ۾ افراتفريءَ، دولت جي ورهاست ۾ نسورين اڻ برابرين، قومن جي وچ ۾ تباهه ڪندڙ جنگين، پراڻن اخلاقي ناتن، رت ۽ سڱن جي لاڳاپن جي ٽٽي وڃڻ ۽ پراڻين قوميتن جي ختم ٿيڻ ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو.
    پر عملي طرح ڇا ٿيڻ کپي؟ تنهن بابت هن نموني جي سوشلزم جا مقصد يا ته اهي هئا ته پيداوار ۽ ورهاست جا پراڻا وسيلا وري قائم ٿين ۽ ساڻن گڏ ملڪيت جا پراڻا لاڳاپا ۽ پراڻو سماج به موٽي اچي، يا وري پيداوار ۽ ورهاست جي هاڻوڪن نون وسيلن کي گهُٽي اهڙو سوڙهو ڪجي جو اهي وري به پراڻن لاڳاپن جي ڪارٻ ۾ ماپجي وڃن. حلانڪه انهن وسيلن ملڪيت جي پراڻن لاڳاپن کي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. ڇو ته اها ڳالهه لازمي ۽ اڻ ٽر هئي. سوشلزم جو هي نمونو اُنهن ٻنهي حالتن ۾ پوئتي ڌڪيندڙ ۽ هوائي آهي. اُن جو ڇيهه وڃي هنن اکرن تي ٿيئ ٿو: ڪارخانن لاءِ گڏيل جماعتون ۽ پوک لاءِ قبائلي لاڳاپا.
    آخر جڏهن تاريخ جي ضدي حقيقتن پاڻ کي تڳڻ جي سمورو نشو ختم ڪري ڇڏيو، تڏهن هن نموني جي سوشلزم ڍڪرن ۾ پئجي پوري ٿي وئي.

    ت:. جرمن سوشلزم يا “سچي” سوشلزم

    فرانس جو سوشلٽ ۽ ڪميونسٽ علم ۽ ادب اقتدار ۾ آيل سرمائيدار طبقي جي دٻاءُ هيٺ پيدا ٿيو. اهو ان اقتدار خلاف جدوجهد جو آواز هو. اهو جرمنيءَ ۾ اُن وقت رائج ٿيو، جڏهن جرمنيءَ جي سرمائيدار طبقي وڏيرڪي ۽ جاگيرداري آپيشاهيءَ سان مقابلو اڃان مس شروع ڪيو هو.
    جرمن نام نهاد فيلسوفن ۽ اعليٰ ذهن امالڪ کڻي ان ادب کي هٿ وڌا. البت هنن اهو وساري ڇڏيو ته اهي لکڻيون جڏهن فرانس مان هجرت ڪري جرمنيءَ ۾ آيون، تڏهن فرينچ علم ۽ ادب جڏهن جرمن سماج جي حالتن سان اچي مليو، تڏهن اهو پنهنجي فوري علمي اهميت وڃائي ويٺو ۽ فقط خالص ادبي روپ کڻي ورتائين. تنهن ڪري ارڙهين صديءَ جي جرمن فيلسوفين پهرين فرينچ انقلاب جي مطالبن کي ففط عام ‘عملي عقل‘ جا مطالبا ڪري ليکيو. انقلابي فرينچ سرمائيدار طبقي پنهنجي ارادي ظاهر ڪرڻ لاءِ جيڪي گفتا ڪڍيا، تن کن هنن خالص “ارادي_ عام سچي انساني ارادي” جا قانون ڪري ليکيو.
    جرمن عالمن فقط اهو ڪم ڪيو جو نون فرينچ خيالن کي پنهنجي قديم فيلسوف ضمير سان کڻي ٺهڪايون، يا ائين کڻي چئجي ته هنن پنهنجي فيلسوفي جي نقطي نظر کي ترڪ ڪرڻ کان سواءِ فرينچ خيالن کا پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو.
    اُهو قبضو اهڙي ريت ڪيائون، جيئن ڪنهن ڌارين ٻوليءَ کي قبضي ۾ آڻبو آهي، يعني:. ترجمي وسيلي. سڀني کي خبر آهي ته قديم مذهبن جي اعليٰ علم ۽ ادب جو مسودن جي مٿان عيسائين پادرين ڪيئن نه ڪيٿولڪ ڌرتي جي ولين ۽ پيرن جي حياتين جا بيوقوفي وارا احوال لکي ڇڏيا. جرمن عالمن ۽ اديبن “ناپاڪ” فرينچ ادب سان زوري اُلٽي ڪار ڪئي. هنن اصل فرينڇ مسودن هيٺيان پنهنجي فيلسوفيءَ جي بڪواس لکي ڇڏي. مثالطور:. فرينچن ناڻي جي اقتصادي ڪمن تي جيڪا تنقيد ڪئي هئي، تنهن جي هيٺيان هنن لکي ڇڏيو“ انسانيت جو پر ڀڄڻ” ۽ فرينچن جيڪا سرمائيدار سرڪار تي تنقيد ڪئي هُئي، تنهن جي هيٺيان لکيائون ‘ عام تصور جو تخت تان لهڻ‘ وغيره وغيره.
    فرينچن جي تاريخي تنقيدن پويان جيڪي فيلسوفي جا فقرا هُئا، تن جي مهاڳ کي هنن “عمل جو فلسفو” “سچي سوشلزم” “سوشلزم جي جرمني سائنس” “سوشلزم جي فيلسوفيءَ جا بنياد” وغيره وغيره ڪري ڪوٺيو.
    اهڙي ريت فرينچ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ علم ۽ ادب کي پوري طرح خصي ڪيو ويو. اهو علم ۽ ادب جرمن عالم جي هٿ ۾ اچڻ کان پوءِ هڪڙي طبقي طرفان ٻئي طبقي خلاف جوجهد جو اظهار ڪرڻ کان بس ٿي ويندو. تنهن ڪري جرمن عالم پنهنجي پر ۾ خوش ٿي ويو ته مون فرينچن جي تنگ نظريءَ ۽ ڳالهه جي فقط هڪڙي پاسي کي ڏسڻ جي خامي دور ڪري ڇڏي آهي.هاڻي اهو علم ۽ ادب حقيقي گهرجن ۽ مطالبن بدران “سچ” جا مطالبا ۽ گهرجون پوريون ڪري ٿو. پورهيت طبقي جا مفاد نه پر انساني فطرت ۽ عام انسان جا مفاد پيش ڪري ٿو. جرمن عالم جي نظر ۾ اهو عام انسان ڪنهن به طبقي جو ڪونهي.سندس ڪو به حقيقي وجود ڪونهي.هو فقط فيلسوفيءَ جي خوابن ۽ خيالن جي دُنيا ۾ رهي ٿو، جتي چوطرف رڳو ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو آهي. انهي جرمن سوشلزم پنهنجي اسڪولي شاگردن واري ٻاراڻي ڪم کي ڏاڍي سنجيدگيءَ ۽ اهميت وارو ڪم سمجهي ڪيو. اه پنهنجي دڪان جي مال کي مشهوڪر ڪرڻ لاءِ ان جو ڏاڍيون ساراهون ڪرڻ لڳي. آهستي آهستي هُن جي علامن واري معصوميت ۽ ٻال ڀولائي گم ٿيندي وئي. جرمن سرمائيدار خاص ڪري پرشيا جي سرمائيدارن جي وڏيرن، جاگيردارن، نوابن ۽ آپيشاه بادشاهيءَ سان ويڙهه يعني آزاد خياليءَ جي تحريڪ وڏي سنجيدي ٿي وئي.
    اهڙي طريقي سان “سچي” سوشلزم کي اهو موقعو مليو، جنهن جي کيس گهڻي زماني کان وٺي آس هئي. يعني سياسي تحريڪ جي سامهون سوشلسٽ مطالبا کڙا ڪرڻ، آزادي خياليءَ، چونڊيل حڪومت، سرمائيدار چٽا ڀيٽي، سرمايئدار آزادي، سرمائيدار قانون سازيءَ، سرمائيداري آزادي ۽ سرمائيداري هڪجهڙائي تي ڪفر جون فتوائون ڦهڪائڻ ۽ عوام کي واعظ ڪري ٻڌائڻ ته ‘سرمائيدار تحريڪ مان توهان کي ڪجهه به ڪونه ورندو سرندو ۽ اٽلو پنهنجي هڙ جا ٽپڙ وڃائيندو‘ جرمن سوشلزم فرينچ تنقيد جو بيوقوفيءَ وارو پڙاڏو هئي. فرينچ تنقيد اُن حالت ۾ ٿي هئي، جڏهن هاڻوڪو سرمائيدار سماج وجود ۾ اچي چُڪو هو ۽ اُن سان ٺهڪندڙ جياپي جو اقتصادي حالتون ۽ سياسي دستور قائم ٿي چُڪا هئا. جرمنيءَ ۾ جيڪا جدوجهد ٿيڻ واري هئي. تنهن جو مقصد ئي اهو هو ته فرانس وانگر جرمنيءَ ۾ به اهي شيون وجود ۾ اچن. جرمن سوشلزم اُهي حقيقتون وساري ڇڏيون.
    آپيشاهي حڪومتون جنهن جي پُٺيان پادرين، پروفيسرن، ٻهراڙي جي وڏيرن ۽ ڪامورن جون لوڌون هُيون. تن لاءِ جرمن سوشلزم ڄڻ غيبي اُستاد هُئي. کين جيڪو سرمائيدار طبقو دڙڪا داٻا ڏيئي رهيو هو، تنهن جي خلاف جرمن سوشلزم کين ڪانگ تڙي واري ڪم ڏنو.
    اُن ماضي ۾ اهي سرڪاريون پورهيت طبقي جي بغاوتن کي ڦٽڪن ۽ بندوقن جي گولين جي ڪڙين گورين جا ڊوز ڏئي رهيون هيون. انهن ڪڙن ڊوزن مٿان جرمن سوشلزم کين مانيءَ مٿان مٺاڻ کارائڻ جو ڪم ڏنو. اُنهي سچي سوشلزم اهڙِي ريت انهن سرڪارين کي جرمن سرمائيدار طبقي سان وڙهڻ لاءِ هٿيار جو ڪم ڏنو. ساڳئي وقت انهيءَ هڪڙِي مردار ۽ رجعت پرست مفاد جي وڪالت ۽ بچاءُ ڪيو. اهو مردار مفاد هو، جرمن ڇوٽي وچين طبقي جي منافق ۽ زماني ساز ٻهروپين جو مفاد . جرمنيءَ ۾ ڇوٽو وچيون طبقو موجوده صورتحال جو سچو پڇو سماجي بنياد ۽ پيڙهه آهي. اهو طبقو سورهينءَ صديءَ جو يادگار آهي ۽ نت نون روين ۾ هر هر نئين سر پيو اُڀري.
    اُنهي طبقي کي بچائڻ ۽ سلامت رکڻ معنيٰ جرمنيءَ ۾ موجوده سماجي حالتن کي بچائڻ ۽ سلامت رکڻ. سرمائيدار طبقي جي صنعتي ۽ سياسي برتري انهي طبقي لاءَ ٻن طبقين لاءِ ٻن طرفن کان يعني تباهيءَ جو خطرو کڙو ڪري ٿي. هڪڙو سرمايي جي ڪلي مان ٿيڻ سان، ٻيو انقلابي پورهيت طبقي جي اڀرڻ سان.
    “سچي” سوشلزم، ڄڻ هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪيا.(يعني ساڳئي وقت سرمائيدار توڙي پورهيت طبقي جي واڌ جي مخالفت ڪيائين _ مترجم) اها وبا وانگر پکڙجي وئي. جرمن سوشلسٽن جا ٻڌايل ابدي ۽ ازلي “سچ” ڄڻ رڳو سکڻن هڏن تي چڙهيل چم هئا. منجهن ڪو به رت ست، ماس ۽ ساهه ڪونه آهي.انهن جي انهيءَ بڇڙيءَ مخالفت کي لڪائڻ لاءِ، ۽ عام ماڻهن کي اُنهن جي خريداري لاءِ آتو بنائڻ واسطي هنن ان هڏن جي مُٺ کي کڻي ڪائناتي شالون،غلاف ۽ قبائون اوڍايون، اهي شالون ،غلاف ۽ قبائون ٽياس آراين جي ڪوريئڙن جي ڄارن مان اُڻيل هيون. مٿن فصاحت،بلوغت ۽ لفاظيءَ جو ڀرت ڀريل هو. اُهي مريض جذباتيت جي ٿڌڙيءَ ملڪ ۾ ٻوڙيل هيون. اُن ڪري سندن ردي مال جو اهڙي قسم جي پبلڪ ۾ جام وڪرو ٿيڻ لڳو.
    جرمن سوشلزم به ويئي ڏينهون ڏينهن ان ڳالهه کي وڌيڪ محسوس ڪندي ته سندس اصل ڊيوٽي ڇوٽي وچين طبقي جي منافق ۽ زماني ساز ٻهروپين جي پاران لفاظيءَ واري وڪالت ڪرڻ آهي.
    هنن اعلان ڪيو ته جرمن قوم مثالي آهي.ڇوٽڙي طبقي جو منافق، زماني ساز ٻهروپيو مثالي انسان آهي. انهيءَ مثالي ماڻهو جي هر ڪنهن بدمعاشيءَ واريءَ ذلالت کي هنن پُر اسرار، ڳجهي، اعليٰ سوشلسٽ معنيٰ ۽ مطلب جو ويس پهرايو ۽ سندن اصل ڪردار کي بنهه ابتڙ رنگ ڏنو. اها ايتري تائين وڌي وئي، جو فرمائڻ لڳي ته ڪميونزم ۾ وحشي ۽ تباهه ڪندڙ لاڙا آهن. هن اعلان ڪيو ته اسان کي سمورين طبقاتي جدوجهدن لاءِ اعليٰ قسم جي ۽ غير جانبدار ڌڪار آهي. اڄ (سال 1847ع ۾) جيڪي نام نهاد سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ ڪتاب ۽ رسالا وغيره جرمنيءَ ۾ پيا هلن، تن مان ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا سڀيئي انهيءَ گندي ۽ سَنڌَ سُڪائيندڙ ادب منجهان آهن.

    2 مُردار يا سرمائيدار سوشلزم

    سرمائيدار طبقي جو هڪڙُو حصو، سرمائيدار سماج کي سلامت ۽ محفوظ رکڻ لاءِ سماجي شڪايتن کي گهٽائڻ گهري ٿو. انهيءَ حصي ۾ اقتصادي ماهر، خير جا ڪم ڪندڙ، انسانيت جا گهڻگهرا، پورهيت طبقي جي حالت بهتر بنائيندڙ، خير جي ڪمن جو انتظام ڪندڙ، جانور ستائڻ انجمنن جا ميمبر، شراب خوريءَ جا ڪٽر مخالف، پراڻي سماجي عمارت جا ٽُنگ ٽينڊا بند ڪندڙ، هر قسم جا سُڌارڪ اچي وڃن ٿا. وڏي ڳالهه ته هن نموني جي سوشلزم کي ٺاهي جوڙي هڪ مڪمل سرشتو بنايو ويو آهي.
    انهيءَ لاءِ اسين پرائوڌن جي “غريبي فلسفي” جو مثال ڏيئي سگهون ٿا.
    سوشلسٽ رنگ جا سرمائيدار چاهين ٿا ته اڄوڪين سماجي حالتن مان جيڪي کين فائدا ٿين ٿا سي سلامت هجن. پر انهن مان جيڪي ٽڪر ۽ خطرا پيدا ٿين ٿا. سي نه هجن. کين سماج جي موجوده حالت کپي. پر ان جا انقلابي ۽ ڀڃي ڀور ڀور ڪندڙ جزا نه گهرجن. کين پورهيت طبقي کان سواءِ سرمائيدار طبقو گهرجي. سرمائيدار طبقو قدرتي طرح اُن دنيا کي افضل سمجهي ٿو، جنهن دنيا ۾ سندس ڌاڪو آهي. سرمائيدار سوشلزم انهيءَ آرام ڏيندڙ تصور کي وڌائي ويجهائي وڌ گهٽ مڪمل سرشتن جو روپ ڏئي ٿي. اها پورهيت طبقي کي چوي ٿي ته “اسان جي سرشتي تي عمل ڪري سڌا وڃِي بهشت ۾ ٺڪاءُ ڪريو” سندن اصل مطلب اهو آهي ته پورهيت طبقو موجوده سماج جي حدن اندر ئي رهيو پيو هجي. باقي سرمائيدار طبقي بابت ڌڪار جا خيال دل مان تڙي ڪڍي ڇڏي .
    هن وٽ سوشلزم جو هڪڙو ٻيو وڌيڪ عملي، پر گهٽ منظم روپ به آهي. ان قسم جي سوشلزم جو مطلب هي آهي ته پورهيت طبقي جي نظر ۾ انقلابي تحريڪن جي اهميت گهٽائي ڇڏجي. انهيءَ لاءِ هو کين ٻڌائين ٿا ته سکڻن سياسي سڌارن مان توهان کي ڪو به سياسي فائدو ڪونه پوندو. توهان کي فائدو فقط تڏهن پوندو، جڏهن زندگيءَ جون مادي حالتون ۽ اقتصادي لاڳاپا بدلبا. زندگيءَ جي مادي حالتن جو مطلب هو اهو نٿا وٺن ته ڪو پيداوار جا سرمائيدار لاڳاپا ختم ڪيا وڃن. ڇو؟ ڇو ته اهي فقط تڏهن ختم ٿيندا، جڏهن انقلاب ايندو. هنن جو مطلب آهي ٿه اهي لاڳاپا ڀلي اڳي وانگر قائم رهن. رڳو انهن ۾ انتظامي سڌار آندا وڃن. يعني اهڙا سڌارا آندا وڃن، جيڪي سرمايي ۽ پورهيي جي لاڳاپن تي ڪوبه اثر نه وجهن. وڌ ۾ وڌ رڳو ايترو ڪن جو سرمائيدار سرڪار جو خرچ گهٽجي ۽ سندن انتظامي ڪم ۾ آساني پيدا ٿئي. سرمائيدار سوشلزم جو مڪمل طرح بيان فقط تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اُن جو رڳو علامت طور ڪتب آندو وڃي.
    يعني: آزاد واپار_ پورهيت طبقي جي فائدي لاءِ آمدني جا محصول _ پورهيت طبقي جي فائدي لاءِ. جيلن جا سڌارا _پورهيت طبقي جي فائدي لاءِ. سرمائيدار سوشلزم اتي وڃيو دنگ ڪري، ۽ سچ پچ سندس اصل مراد آهي به اها.
    ان جو تت هن هڪڙي جملي ۾ ڏيئي سگهجي ٿو؛ پورهيت طبقي جي ڀلي لاءِ سرمائيدار آهي.


    3 تنقيدي_ خيالي سوشلزم ۽ ڪميونزم

    هن دور جي هر ڪنهن وڏي انقلاب هڪڙو اهڙو ادب به پيدا ڪيو آهي، جنهن ۾ پورهيت طبقي جون گهُرون پيش ڪيل هونديون آهن. مثالطور: بابيوف ۾ ٻين ڳالهين جون لکڻيون. هتي اسين ان قسم جي ادب جي ڳالهه نٿا ڪريون.
    جڏهن وڏيرڪي ۽ جاگيرداري سماج جو تختو اونڌو ڪيو ٿو ويو، تڏهن ان عام جوش خروش واري زماني ۾ پورهيت طبقي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون سڌيون ڪوشسشون ڪيون. اُهي ناڪام ٿيون. ڇو ته پورهيت طبقو اڃا پوئتي پيل حالت ۾ هو ۽ سندس ڇوٽڪاري لاءِ گهربل اقتصادي حالتون اڃا گُم هيون. اِهي حالتون ان کان پوءِ ترت اچڻ واري سرمائيدار دور کي پيدا ڪرڻيون هيون ۽ فقط اهو ايندڙ دور ئي انهن حالتن کي پيدا ڪري سگهيو ٿي.
    پورهيت طبقي جي انهن پهرين تحريڪن سان گڏ جيڪو انقلابي ادب پيدا ٿيو، اهو لازمي طرح رجعت پرست نموني جو هو. اُن تمام آڏي ڦڏي نموني دُنيا ترڪ ڪرڻ ۽ سڀني کي هڪ جهڙو ڪرڻ جي عام سکيا ڏني.
    جن سرشتين کي واجبي طرح سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ سرشتا ڪوٺي سگهجي ٿو، سي اُن زماني ۾ پيدا تيا هئا. پورهئي طبقي ۽ سرمائيدار جي وچ ۾ ٽڪر اڃان شروعاتي ۽ پوئتي پيل حالت ۾ هو. اُن حالت جو مٿي ذڪر ڪيل آهي. اهي سرشتا سينٽ سائمن، فوريئير، اوون ۽ ٻين جا تيار ڪيل هُئا.
    انهن سرشتن جا باني سماج جي چالو صورت ۾ جيڪي سماجي ٽڪر آهن ۽ منجهس جيڪي سڙندڙ جوا آهي، تن کي ڏسيو سگهن ٿا. پر پورهيت طبقو جو اڃان ٻالپڻ جي حالت ۾ آهي سو کين اهڙي حالت نظر اچي ٿو، جنهن حالت ۾ اهو پنهنجي دليان ڪا به تاريخي وک اڳتي وڌائي نٿو سگهي ۽ پنهنجي سر ۽ پنهنجي ليکي ڪابه خودمختيار سياسي تحريڪ هلائي نٿو سگهي.
    طبقاتي ٽڪر به اوترو ئي وڌندا آهن، جيترو صنعت ۽ ڪارخانا وڌندا آهن. هو جيڪا اقتصادي صورتحال ڏسن ٿا، تنهن ۾ کين اهي مادي حالتون ڏسڻ ۾ نٿيون اچن. جي پورهيت طبقي جي ڇوٽڪاري لاءِ گهربل آهن. تنهنڪري هو هڪڙي نئين سماجي سائنس ۽ اهڙن نون سماجي قانونن جي ڳولا ڪرڻ لڳن ٿا، جيڪي انهن حالتن کي پيدا ڪن.
    هنن ڀانيو ته تاريخي عمل بدران سندن ذاتي ايجادن جو عمل اهي حالتون ٺاهيندو. ڇوٽڪاري جون حالتون تاريخي طرح پيدا ٿين، تنهن جي جاءِ تي سندن خيالي طرح رٿيل حالتون ڪم ڏين. پورهيت طبقو آهستي آهستي پاڻمرادو طبقاتي طرح منظم ٿئي، تنهن جي بدران، سماج انهن ايجادن ڪندڙن جي خاص طرح ٺاهيل نسخي موجب منظم ٿئي. اُنهن جو خيال هو ته آئيندي جو تاريخي ڪم اهو آهي ته سندن سماجي رٿائن جي تبليغ ڪئي وڃي ۽ انهن کي عمل ۾ آندو وڃي.
    هو جيڪي رٿائون ٺاهين ٿا، تن ۾ هو مکيه خيال پورهيت طبقي جي ڀلي جو رکن ٿا. ڇو ته هو انهيءَ طبقي کي سڀ کان وڌيڪ ڏکويل طبقو سمجهن ٿا. حقيقت ۾ سندن نظر ۾ پورهيت طبقي جي وجود جي اهميت آهي ئي رڳي اها آهي ته اُهو سڀ کان ڏکويل طبقو آهي.
    اُن وقت طبقاتي جدوجهد جي حالت توڙي سندن پنهنجي ماحول جي حالت پوئتي پيل ۽ اڻ وڌيل هوندي آهي. ان ڪري انهي قسم جا سوشلسٽ پاڻ کي سمورين طبقاتي دشمنين کان بنهه مٿانهون ليکيندا آهن. هو سماج جي هر فرد جي حالت بهتر بنائڻ چاهيندا آهن. ايتري قدر جو هو چاهيندا آهن ته جيڪي فرد سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ دادلا آهن، تن جي حالت به اڃا به سُٺي ٿئي. تنهنڪري هو هميشه طبقاتي فرقن کي ڇڏي، سڄي سماج کي اپيلون ڪندا آهن. بلڪ حاڪم طبقي کي اپيل ڪرڻ پاڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن. ڇو ته هو سوچيندا آهن ته سماج کي بهترين حالت ۾ آڻڻ لاءِ اسان واري بهترين رٿا ڪنهن ماڻهوءَ کي هڪ ڀيرو سمجهه ۾ اچي ويئي ته پوءِ ڀلا هو ڪيئن اُن کي قبول نه ڪندو؟ تنهنڪري هر قسم جي سياسي ۽ خاص ڪري انقلابي قدم کي رد ڪن ٿا. هو پنهنجا مقصد صلح سانت سان حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. هو ننڍڙا تجربا ڪرڻ ۽ مثال قائم ڪرڻ سان نئين سماجي جنت لاءِ ميدان تيار ڪن.
    ان وقت پورهيت طبقو اڃان پوئتي پيل ۽ اڻ وڌيل حالت ۾هوندو آهي. کيس پنهنجي پوزيشن جي صحيح ڄاڻ نه هوندي آهي. هن جي دل ۾ فقط اهي شروعاتي اڌما هوندا آهن ته ڪنهن نه ڪنهن نموني سماج نئين سر ٺهڻ کپي. ان وقت خيالي سوشلسٽ ايندڙ زماني بابت جيڪي خيال ۽ خواب جون دُنيائون جوڙيندا آهن. سي پورهيت طبقي جي ان وقت جي حالت سان ٺهڪي اينديون آهن. پر انهن سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ لکيڻين ۽ ڪتابن جو هڪڙو تنقيدي جزو به هوندو آهي. هو موجوده سماج جي هر بنيادي اصول تي حملو ڪندا آهن. تنهنڪري منجهن پورهيت طبقي جي سمجهه وڌائڻ لاءِ ڪافي قيمتي مال هوندو آهي. اُهي عملي رٿون ڏيندا آهن ته شهر ۽ ٻهراڙين جي وچ ۾ فرق کي ختم ڪيو وڃي، ڪٽنب جي سرشتي کي ختم ڪيو وڃي، صنعتون ۽ ڪارخانا ماڻهن جي ذاتي فائدي لاءِ هلائڻ جو رواج ختم ڪيو وڃي. مزوري تي پورهيو ڪرڻ جو سرشتو ختم ڪيو وڃي، سڄي سماج ۾ صلح سانت،قرب ۽ محبت پيدا ڪئي وڃي، سرڪار کان سندس هاڻوڪا ڪم ڇڏائي کيس فقط پيداوار جي مٿان نظرداري ڪرڻ جو ڪم ڏنو وڃي. انهن سڀني رٿن جو اشارو انهي ڳالهه ڏانهن آهي ته طبقاتي دشمنيون گم ٿين. اهي طبقاتي دشمنيون ان وقت اڃا مس اڀريل هيون. تنهن ڪري انهن ڪتابن ۽ لکڻين ۾ کين سندس اوائلي، اڻ چٽي ۽ منجهيل صورت ۾ ڏٺو ويو آهي. تنهن ڪري اهي رٿون خالص خيالي قسم جون آهن.
    تنقيدي خيالي سوشلزم ۽ ڪميونزم جو تاريخي واڌاري سان اهڙو لاڳاپو آهي، جو منجهائن هڪڙي جيترو وڌي ٿي، ٻئي جي اهميت اوترو ئي گهٽجي ٿي. جيئن جيئن ۽ جيتري جيتري حد تائين هاڻوڪي طبقاتي جدوجهد وڌي ويجهي ٿي ۽ مقرر صورت وٺِي ٿي، تيئن تيئن تنقيدي خيالي سوشلزم ۽ ڪميونزم طبقاتي ٽڪرن کان پاسو ڪرڻ ۽ ان تي ملامت ڪرڻ جي جيڪا ڳالهه ڪري ٿي، سا پنهنجي عملي اهميت ۽ نظرياتي جواز وڃائي ويهي ٿي. تنهنڪري جيتوڻيڪ انهن سرشتن جا باني ڪيترين ڳالهين ۾ انقلابي هئا ته به سندن پوئلڳن ۽ مريدن سدائين مردار ۽ رجعت پرست ثولا ٺاهيا. هو پورهيت طبقي جي ترقيءَ ڏانهن ويندڙ تاريخي واڌاري جي مقابلي ۾ پنهنجي استادن جي اصلوڪن نظرين کي چهٽا پيا آهن. تنهن ڪري هو لڳاتار اها ڪوشس ڪندا رهيا آهن ته طبقاتي جدوجهد مان ساهه پساهه ڪڍيو وڃي ۽ طبقاتي دشمني ختم ڪئي وڃي. هو اڃا تائين اهي خواب پيا لهن ته تجربا ڪري ڪري، ڪنهن ڏينهن وڃي سماجي خيالي جنت تائين پهچنداسين، جهڙوڪ: (چارلر فوريئر جي رٿا موجب ٺاهيل سوشلسٽ بيٺڪ، فيلينس تيئرس، (اوون جون مثالي ڪميونسٽ انجمنون) “گهرو بيٺڪون” (ڪابي جا خيالن ۾ بنايل ننڍڙا ڪميونسٽ بهشت) “ننڍڙا ڪارخانا” وغيره. انهن خيالي محلن اڏڻ لاءِ هنن کي هميشه سرمائيدار طبقي جي همدردين کي جاڳائڻو پوي ٿو ۽ کانئن خيراتون پنڻيون پون ٿيون. تان جي اهي آهستي آهستي وڃيو انهن مردار رجعت پرست سوشلسٽن جي لسٽ ۾ داخل ٿين جن جو ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون. هنن ۽ هُنن ۾ فرق رڳو اهو هوندو آهي جو خيالي سوشلسٽ مردار سوشلسٽن کان وڌيڪ منظم نموني عملي پُلاءُ پچائيندا آهن ۽ کين پنهنجي سماجي سائنس جي ڪرامتن تي انهن کان وڌيڪ چريائي ۽ وهم وارو ايمان هوندو آهي.تنهن ڪري پورهيت طبقي طرفان جيڪي به سياسي قدم کنيا ويندا آهن، تن جي هو مخالفت ڪندا آهن. ڇو ته هو سمجهندا آهن ته اهڙا قدم فقط اهو ماڻهو کڻندو آهي جنهن کي سندن نون آسماني ڪتابن تي ايمان نه هوندو.
    انگلينڊ ۾ اوون جا پوئلڳ ۽ فرانس ۾ فوريئر جا پوئلڳ چارٽسٽن ۽ “ريفارمس” اخبار جي پوئلڳن جي مخالف ڪن ٿا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259606
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ