ڪتاب جو نالو: دنيا جون عظيم انقلابي عورتون
مصنف: تاج جويو
ڇپائيندڙ: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 1982
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1646 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 586 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
تاج جويي جو مرتب ڪيل ”دنيا جون عظيم انقلابي عورتون“ اوھان جي ھٿن ۾ آھي. ھي ڪردارَ محترمه فرزانه نصير جي ڪتاب ”انقلابي عورتين“ تان ورتل آھن. ھن ڪتاب ۾ انھن دنيا جي عظيم انقلابي عورتن جو ذڪر ٿيل آھي، جن پنھنجي مادر وطن جي دفاع لاءِ سِر ڌڙ جي بازي لڳائي ۽ مَردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي پنھنجي فرض جي بجا آوري ڪئي. انھن عظيم عورتن جي زندگي اسان مسڪين پورھيتن ۽ ڏتن ڙيل انسانن لاءِ مشعل راھ بڻبي.
هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومري ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • ھاٿين ھَڏَّ مُڇائيا، ريلو رَتَ نيئن
  • ناشر طرفان
  • مھاڳ
  • دنيا جون عظيم انقلابي عورتون

  • زرقا
  • فاطمہ محمد برناوي
  • جميله بو پاشا
  • زويا اناطوليا
  • ليو خولان
  • نگوين ٿي چائو

  • ارپنا

    8- اپريل تي
    ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيل
    ”عورت ڪانفرنس“ جي نالي.


    ھاٿين ھَڏَّ مُڇائيا، ريلو رَتَ نيئن

    ڏٺو ڪالَھ ڪَھين، جھُونجھارِڪو جھَڳڙو،
    ھاٿين ھَڏَّ مُڇائيا، ريلو رَتَ نيئن،
    ڀائِنِ سا سَئينِ، جئان جيئن جوکو ٿئي.
    - شاھه

    ڪَٽاري ۽ ڪاتَ، مَنَّ مرادون پُنيون،
    رَت ڀَريائُون وات، مانجھين ھَڏَّ مُڇائيا.
    - خليفو نبي بخش


    ناشر طرفان

    مارئي اڪيڊمي جو بنياد ”ساھت سال“ 1981ع جي ڊسمبر مھيني ۾ 20 ھزار روپين جي لاڳت سان رکيو ويو. اڪيڊمي طرفان چئن ميمبرن تي ھڪ بورڊ تشڪيل ڏئي فيصلو ڪيو ويو ته اداري کي ھلائڻ لاءِ ھتان جي ادب دوست سرنديءَ وارن کان مدد ورتي ويندي.
    زندھ قومن جي سڃاڻپ جو دارو مدار پنھنجي ادب ۽ ٻولي تي منحصر ھوندو آھي. ۽ ھو پنھنجي انھيءَ سرمائي کي ساھ سان سانڍينديون آھن. سجاڳ قوم جا فرض شناس فرد پنھنجي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ادبي ادران جي وڏي پئماني تي مالي مدد ڪندا رھندا آھن. اسان اھو فخر سان چونداسون ته جڏھن اسان ھن قومي ڪم ۾ ھٿ وڌو ته ڪيترن ئي ادب دوست سرنديءَ وارن نه صرف اسان جي دل کولي مدد ڪئي پر اخلاقي ھمت افزائي پڻ ڪئي. جيئن ته اسان پنھنجي پروگرام مطابق انھن سڀني ادب دوستن وٽ نه پھچي سگھيا آھيون، جن وٽان اسان کي ھن اداري لاءِ مالي مدد ملڻ جي اميد آھي- ھتي اھو اھو ڄاڻائڻ به ضروري ٿا سمجھون ته جڏھن به اسان کي اڪيڊميءَ لاءِ گھربل رقم ملي ويئي ته مالي امداد ڪندڙ دوستن جا تفصيل وار نالا ڪنھن ويجھي ڇپجندڙ ڪتاب ۾ شايع ڪيا ويندا.
    اسان جو ھيءُ ڪتاب، سنڌ جي نوجوان ترقي پسند شاعر محترم تاج جويي جو مرتب ڪيل ”دنيا جون عظيم انقلابي عورتون“ اوھان جي ھٿن ۾ آھي. ھي ڪردارَ محترمه فرزانه نصير جي ڪتاب ”انقلابي عورتين“ تان ورتل آھن. اھا ھن سلسلي جي پھرين ڪڙي آھي. ۽ ان کان به وڌيڪ محترم تاج جويو دنيا جي ٻين انقلابي عورتن تي لکي رھيو آھي. اھو ڪتاب پڻ ھن سلسلي جي اھم ڪڙي ھوندي.
    ھن ڪتاب ۾ انھن دنيا جي عظيم انقلابي عورتن جو ذڪر ٿيل آھي، جن پنھنجي مادر وطن جي دفاع لاءِ سِر ڌڙ جي بازي لڳائي ۽ مَردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي پنھنجي فرض جي بجا آوري ڪئي. انھن عظيم عورتن جي زندگي اسان مسڪين پورھيتن ۽ ڏتڙيل انسانن لاءِ مشعل راھ بڻبي.
    ھن ڪتاب سان گڏ اسان جا ٽي ٻيا ڪتاب: ترتيب وار- پھريون سنڌ جي سڄاڻ شاعر خاڪي جويي جي شاعريءَ جو ڳٽڪو ”ايءُ خاڪيءَ جو خيال“ ۽ ٻيو نوجوان تاريخدان اصغر آزاد جو سنڌ جي قومي تاريخ تي لکيل ڪتاب ”سنڌي تھذيب جي اوسر“ ۽ ٽيون مختلف اديبن جي ”ادبي مضمونن جو مجموعو“ اوھان جي ھٿن تائين پھچندا.
    اسان پڙھندڙن جي سھڪار سان ھر اھو ادب ڇپرائيندا رھنداسين، جيڪو صحتمند ۽ سگھاري فڪر جو حامل ھوندو، پوءَ چاھي اھو نئين اڀرندڙ اديب جو ڇونه ھجي- اسان کي فخر آھي ته مارئي اڪيڊميءَ جي بنيادي ميمبرن ۾ ڪجھ اھڙا به اديب آھن، جيڪي سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن ۾ ليکجن ٿا. ان ڪري نون توڙي پراڻن بھترين اديبن سان گڏ اڪيڊمي جي ميمبر اديبن جا لکيل معياري ڪتاب پڻ ڇَپائيندا رھنداسين.

    - ادارو


    مھاڳ

    دنيا جي تاريخ جي اڀياس مان اسان کي پتو پوي ٿو ته انساني سڀيتا جي اوسر ”ماءُ جي ھنج“ کان ٿي آھي. ابتدائي زماني جي مرد کي ”عقل جي وٿ“ عورت ئي عطا ڪئي. مرد جو گھڻو تڻو وقت شيل شڪار ۾ گذرندو ھو، ۽ اھا عورت ھئي، جنھن جي تخليقي ذھن، زراعت جو وجود وڌو، جنھن بعد انسان ”کائڻ ۽ پھرڻ“ جي معاملي ۾ مھذب بڻيو. اڄ دنيا جي ڌرتي، جيڪا ڪنھن ”تصوراتي جنت“ کان ڪئين ڀيرا سونھن ۽ سندرتا ۾ سرس نظر اچي رھي آھي، اُن جي سموريءَ سونھن ۽ سندرتا جي پٺيان عورت جي تخليقي ذھن ۽ صلاحيتن جو وڏو ھٿ آھي.
    پنھنجي جاءِ تي اھا حقيقت آھي ته ڪنھن به سماج کي ان وقت تائين مڪمل ۽ سڌريل سڏي ئي نٿو سگھجي، جيستائين اُن جي اڏاوت ۾ مرد ۽ عورت جي گڏيل سوچ، صلاحيت ۽ سگھ کي ڪتب نه آندو ويو ھجي.
    اسان جو مشرقي سماج، خاص ڪري سنڌ جو سماج، اڄ ٻيءَ سموري دنيا کان پوئتي پيل، اڻ سڌريل ۽ غلاميءَ جي ڪُن ۾ ڇو ڦاٿل آھي؟ اُن جو مکيه ڪارڻ، منھنجي نظر ۾ اِھو ته اسان پنھنجيءَ عورت کي ”فڪر ۽ عمل جي آزاديءَ“ کان محروم رکيو آھي. اسان عورت کي اُڀ سان گسندڙ اوچين حويلين، بلند ۽ بالا ڪوٽن ۽ مڙسان تار لوڙھن اندر واڙي (نظربند ڪري) رکيو آھي. اسان عورت کي جديد سائنسي دنيا کان بنھ ڇني، پري ڪري، کيس رسمن، روايتن ۽ عقيدن جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙي سُڪ ڪيو آھي. اھوئي سبب آھي، جو اسان جو سماج جامد آھي، ماٺار جو شڪار آھي، بيٺل پاڻيءَ جي تلاءَ جيان ڌَپارو آھي ۽ جنھن ۾ ڪا ھنڌائتي ۽ وقتائتي تبديلي يا انقلاب نه آيو آھي. ان ڳالھ کان ڪير به انڪار ڪري نه سگھندو، ته جنھن سماج يا مُلڪ جي اڌ آباديءَ جي پوري اڌ حصي، يعني عورتن کي رڳو ”رڌ پچاءَ، ٻُھاري ۽ نپائڻ“ جي ڌنڌي ۾ جنبائي، سندن سگھ ۽ صلاحيتون، ملڪي اڏاوت لاءِ ڪتب نه آنديون ويون آھن، اُن سماج يا مُلڪ جي روشن آئيندي جا سمورا سپنا اڌورا ۽ بي تعبير رھجي ويا آھن. عورت ۽ مرد، ڪنھن ملڪ جي سماجي عمارت جا اھم ٿنڀا آھن، جن جي سنگم کان سواءِ ”سماجي عمارت“ پائدار ۽ جٽادار ٿيڻي ئي نه آھي. اُن ڪري، اسان جيستائين پنھنجيءَ عورت (پنھنجي ماءُ، پنھنجيءَ ڀيڻ، پنھنجيءَ ڌيءُ، پنھنجي زال) کي ”فڪر ۽ عمل جي آزادي“ مھيا نه ڪنداسون، ۽ سندس پيرن ۾ رسمن، روايتن ۽ عقيدن جا وِڌل ڏانوڻ ڇني ڀورا ڀورا نه ڪنداسون، تيستائين اسان غلاميءَ جي اُونھيءَ ۽ اونداھيءَ گفا ۾ ھٿوراڙيون ڏيندا رھنداسون.
    اسان جي عورت، رسمن، روايتن ۽ عقيدن جي ڏانوڻ ۾ ڏانوڻيل ھجڻ جي باوجود، جنھن به ويلَ، ۽ جنھن به گھڙيءَ ڏٺو آھي ته سندس ماتر ڀوميءَ جي ثقافتي قدرن کي ميسارڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي، وطن جي لڄ تي وارن مٿان وار ٿي رھيا آھن، ۽ ھن سون ورني ڌرتيءَ جو ڌَنُ ۽ اَنُ لٽيو پيو وڃي- ته ڪڏھن ڪڏھن سوريه ديوي ۽ پرمل ديويءَ جنم وٺي، وطن جي قومي روايتن کي زندھ پئي رکيو آھي، ته ڪڏھن ڪنھن مارئيءَ، پنھنجي مارن کي ملڪ (ملير) جي محبت جو اڻ مِٽ سبق پئي ڏنو آھي. ڪڏھن ڪنھن ٻاگھيءَ، ڀائر ۽ ڀائٽيا وطن جي ست – رکيا تان صدقي ڪرايا آھن، ته ڪڏھن ڪنھن ”ڪويل“ پنھنجي ماڻڪن جھڙي مڱيندي ننگر کي موڙ ٻَڌائي ڌرتيءَ تان گھورجڻ لاءِ روانو ڪيو آھي. ڪڏھن ڪنھن فاطمه، زينت، بصران ۽ ڪمال خاتونءَ وطن جي آزاديءَ جي تحريڪ (حُر تحريڪ) ۾ حصو ورتو آھي، ته ڪڏھن ڪنھن بختاور، ڀلاريءَ ڀونءِ جا اَن داڻا، بچائڻ خاطر گوليءَ جو بَک بڻجڻ پسند ڪيو آھي.
    جيڪڏھن سچائيءَ ۽ سُچيتائيءَ سان تاريخ کي ترتيب ڏنو وڃي ته معلوم ٿيندو ته اسان جي عورت جو ڪردار، دنيا جي انقلابي عورتن جي انقلابي ڪردار کان ڪنھن به صورت ۾ گھٽ نه رھيو آھي. اسان جي پردہ نشين عورتن، پنھنجي ڀائرن ۽ وَرن کي ھمتائي ۽ جذبو ڏياري، وطن جي بچاءَ جي جنگ ۾ پئي موڪليو آھي. اسان جي عورت جي اِن جذبي ۽ بھادريءَ کي شاعرن (عورت جي زباني) ھن ريت بيان ڪيو آھي.
    ڀڳو آءٌ نه چوان، ماريو ته وَسھان،
    ڪانڌ منھن ۾ ڌَڪڙا، سيڪيندي سُونھان،
    ته پڻ لڄ مران، جي ھُونسِ پُٺ ۾!
    (شاھ)

    جي تون ڀڄي آئيين، ته آءٌ تنھنجي ڀيڻ،
    نَٿ تنھنجي نڪ ۾، وِجھان ڏيئي ويڻ،
    توڏي کڻان نيڻَ، ته ڪَر پسان پنھنجي پُٽ ڏي!
    (خليفو نبي بخش لغاري)

    سومرن جي دور جو نيم- تاريخي ۽ ڪلاسيڪي ڪردار ”مارئي“ وطن جي محبت جو ھڪ لازوال ڪردار آھي. مارئي، ھڪ غريب ماروءَ جي نياڻي ھئي، جنھنجي سونھن جو ذڪر ڀٽائي، ھن ريت ڪري ٿو:
    پَکي ۾ پدمڻي، ڪر ڏئي وَراڪا وِڄ،
    سائي صورت سِڄُ، سائي صورت مارئي!

    اُن حُسن- وند مارئيءَ کي امر ڪوٽ جو ارڏو ۽ ظالم حاڪم زوريءَ کڻائي ويو، ۽ کيس ريجھائڻ ۽ دام ۾ ڦاسائڻ لاءِ، طرحين طرحين طريقا استعمال ڪرڻ لڳو. ھن مارئيءَ کي پھرڻ لاءِ پٽ- پٽيھر ۽ کائڻ لاءِ سَت- رڇيون آڇيون، پر مارئيءَ جو کيس ھڪڙو ئي کُتو جواب رھيو ته:
    پَٽ نه پھريان سومرا، جانڪي تان جيئان،
    آءٌ ڪيئن لوئي لاھيان، ڪارڻ ٻن ڏينھان!
    اُوءِ ماروئڙا ملير ۾، ڦرن سين فاقي،
    آءٌ ڪئن اُنھين ري، منھن مٺائي لائيان!

    • ھن ئي دور ۾ ’ٻاگھيءَ‘ جو ڪردار به اھم حيثيت رکي ٿو. ٻاگھيءَ جو ننڍو ڀاءُ دودو، راڄ جي رايي تي سنڌ جي تخت جو وارث بڻيو، ۽ اُن کان وڏو ڀاءُ چنيسر، غدار بڻجي تخت جي حصول لاءِ دھليءَ مان ڌاريا چاڙھائي آيو- ٻاگھيءَ وطني غيرت جي جذبي ھيٺ، ڀاءُ دودي ۽ ڀائٽين ننگر ۽ منگر کي وطن جي لڄ تان گھورجڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ موڪلي ڏنو. ۽ اُھي سورھيائيءَ سان وڙھندي، ساڻيھ جي سَت تان گھَورجي ويا. ٻاگھي ۽ ٻيون سومريون، ابڙي سمي وٽ وڃي سامَ پيون. ابڙو پَٽن سميت سامُن تان گَھورجي ويو- ۽ ٻاگھيءَ ٻين سومرين سان گڏ پنھنجي سَت جي بچاءَ لاءِ پاڻ کي ڏاگھ تي چاڙھي ڇڏيو.
    • دودي جي ڌيءُ ”ڪويل“ پنھنجي مڱيندي ننگر (جنھنجي عمر 13 سال ھئي) کي موڙ ٻڌائي، وطن جي جنگ ۾ شھيد ٿيڻ لاءِ موڪليو. جڏھن ھو شھيد ٿي موٽيو، ته سندس ڳاٽ فخر کان اُوچو ٿي ويو.
    • انگريز- سامراج جي دور ۾ سنڌ جي سورھيه سرواڻ پير صبغت الله شاھ پاڳاري جي اڳواڻيءَ ۾، آزاديءَ جي تحريڪ، ”حُر تحريڪ“ شروع ٿي ھئي، جنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ ننڍي کنڊ ۾ پھريون ڀيرو، سنڌ پرڳڻي سان مارشل لا لاڳو ڪئي ويئي ھئي. ھن تحريڪ ۾ مَردن سان گڏ سنڌ جي عورتن (خصوصاً سانگھڙ ضلعي جي عورتن) جيڪو سورھيائيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو، اُن جي ڀيٽ ويٽنامي سورمين سان ڪري سگھجي ٿي. مائي فاطمہ خاصخيلڻ، بيگو رندڻ، بصران، زينب، مريم، ڪمال خاتون نظاماڻي ۽ ٻين سوين عورتن جي بھادرانه ڪردار کي وساري نه ٿو سگھجي. حُر تحريڪ تي اڃا ڪنھن مؤرخ قلم نه کنيو آھي، نه ته جيڪر سنڌ جي عورت جي قربانين جو سچو پچو روپ اسان جي اکين آڏو اچي وڃي-
    • ساڳئي دور ۾ مشھور ڳائڻيءَ الھ وسائيءَ کي به وسارڻ ٺيڪ نه ٿيندو، جنھن خيرپور جي ملٽري ڇانوڻيءَ ۾ ھڪ انگريز آفيسر تي خنجر جا وار ڪري کيس ماري وڌو ھو.
    • انگريزي دور ۾، ڪانگريسي سياست ۾، سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر، مائي ڄيٺي سپاھيملاڻيءَ جو ڪردار پڻ اھميت جو حامل آھي. ھڪ ڀيري، سرڪار جي مخالفت ۾ ھن سورميءَ کي جيل ۾ وڌو ويو، جتي ھوءَ بيمار ٿي پيئي. سنڌ جي وڏي وزير، سر غلام حُسين ھدايت الله، جيل ۾ وڃي کيس چيو ته جيڪڏھن ھُوءَ لکي ڏئي ته کيس آزاد ڪيو وڃي. مائي ڄيٺيءَ جي اکين ۾ ڪاوڙ جي گھڻائيءَ سبب رت ڀرجي آيو، ۽ وقت جي وزير اعليٰ ڏانھن ڪرڙيون اکيون ڪري، پيرن مان سينڊل لاھي، ھٿ ۾ کڻي، کيس چيو ته: ”وزير صاحب! معافي منھنجو ھيءُ سينڊل به نه وٺندو!“
    انگريزي دور ۾، 1930ع ۾، سائين جي- ايم- سيد ۽ ٻين قومي اڳواڻن، ”سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ“ جو بنياد وڌو. ھن جماعت، سنڌ جي ھارين جي حَقن لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي. سنڌ ۾، ھاري تحريڪ جي تاريخ ۾ مائي بختاور جو نالو تمام مٿاھون ليکيو ويندو---- سنڌ جي ھن سرويچ ھارياڻيءَ پنھنجن پُٽن سميت، ھاري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ٿرپارڪر ضلعي جي ڳوٺ ٽالھيءَ جي ڀرسان مائي بختاور ۽ اُن جا پُٽ، چوڌري دين محمد جا ھاري ھئا. مائيءَ جو پُٽ، سرھاڙيءَ ۾ ھاري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويل ھو، پٺيان چوڌري دين محمد پنھنجا ڪاراوا ۽ ڪمدار وٺي، زوريءَ بٽائي ڪرائي سمورو اَن کڻي وڃڻ ٿي گھريو. پر سنڌ جي ھن شينھڻ ڪنھن کي به اَن جي راھ جي ويجھو اچڻ نه ڏنو. جڏھن ڪمدار، بٽائيءَ لاءِ اڳتي وڌيو ته مائي بختاور مٿس ٽيانگ سان حملو ڪيو. اُن تي چوڌري دين محمد فائرنگ ڪرائي، ۽ مائي شھيد ٿي ويئي. مائي بختاور، اَن جي راھ تي ڪرندي وقت جيڪي آخري لفظ چيا ھئا، سنڌ جي تاريخ ۾ روشن ليکيا ويندا:
    ”ابا ڏسجو! متان، ماريا اَن کڻي وڃن!“
    سنڌ ۾ جڏھن به انصاف ڀرئي ۽ برابريءَ واري سماج جي جدوجھد جو مرحلي وارو تجزيو ڪيو ويو، ته يقيناً بختاور جو نالو اُن ۾ سونھري لفظن ۾ لکيو ويندو.
    • پاڪستان جي سمورن صوبن جو وجود ختم ڪري ”ون يونٽ“ ٺاھيو ويو ته ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ پڻ ”ون يونٽ“ ٽوڙيو- ”سنڌي ٻولي، قومي ٻولي“، ۽ ”لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو“- جون تحريڪون ھليون ته سنڌ جي نوجوانن سان گڏ سنڌ جي عورتن/ نياڻين به ھنن مڙني تحريڪن ۾ اھم حصو ورتو. اختر بلوچ، رياض ميمڻ، نسيم سنڌي، نسيم ٿيٻو ۽ ٻين ڪيترين سنڌي نياڻين، بک ھڙتالون ڪري ۽ جيلن ۾ وڃي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي عورت، جدوجھد ھلندي ڪنھن به صورت ۾ مَردن، پنھنجن ڀائرن کان پوئتي نه آھي.
    مٿين ڪجھ مثالن مان واضح ٿي ويو ته تاريخ جي ڪنھن به دور ۾، جڏھن به سنڌ تي ڪو ڏکيو وقت آيو آھي ته سنڌ جي بچاءَ جي ويڙھ ۾ مَردن سان گڏ سنڌي عورتون به ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي وڙھيون آھن.
    مون ھميشہ اھا ڳالھ پئي سوچي آھي، ۽ خاص ڪري جيل جي زندگيءَ دوران اِن ڳالھ جو ويتر احساس ٿيو اٿم ته، اڄ جڏھن اسان جي قوم، پنھنجي ”قومي تشخص“(National Identification) کي مڃائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رھي آھي، تڏھن اِھا ضرورت ويتر وڌي وڃي ٿي ته اسان جي عورت کي به اِن جدوجھد ۾ برابر جو حصو وٺڻ کپي. اُن سان گڏ جاگيرداريءَ واري غلام سماج جا ٻنڌڻ (رسمن، رواجن ۽ عقيدن جا ٻنڌڻ) جيڪي سنڌي عورت جي آزاديءَ جي راھ ۾ رنڊڪ بڻيل آھن، سي به ٽٽڻ گھرجن- ”قومي تشخص“ جي قلمي جدوجھد ۾ ته سنڌ جون ليکڪ ڀينرون، پنھنجي ڀائرن سان اڄ به گڏ آھن، پر عملي جدوجھد ۾ سندن ساٿ جي اڄ تمام وڏي ضرورت آھي.
    اِن ضرورت جي احساس ھيٺ مون سوچيو ته سنڌي عورتن کي پنھنجي ڀينرن جي عظيم ڪردار جي واقفيت ڏيڻ سان گڏ، کين دنيا جي انقلابي سورمين جي ڪردار کان به آگاھ ڪيو وڃي. اُن ڪري مون، ”فرزانه نصير“ جي اردو ڪتاب ”انقلابي عورتين“ مان ڇھ مکيه ڪردار- جميله بو پاشا (الجزائر)، زرقا ۽ فاطمه محمد برناوي (فلسطين)، زويا انا طوليا (روس)، ليو خولان (چين)، ۽ نِگوين ٿِي چائو (ويٽنام)، ترجمو ڪيا، ۽ چاھيو ته ڪجھ ڪردار پنھنجيءَ سنڌ جا به لکي، گَڏي، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪريان. پر جيل ۾ گھربل ۽ مستند مواد نه ملڻ جي ڪري، سنڌي ڪردارن تي طبعزاد مضمون لکي نه سگھيو آھيان، ۽ ”نه ھئڻ“ کان ڪجھ ”ھئڻ“ بھتر سمجھي، ”خواتين ڪانفرنس“ (ڪراچي) جي موقعي جي مناسبت سان ھيءُ ڇھن ڪردارن تي مشتمل ننڍڙو ڪتاب، سنڌ جي سڄاڻ ۽ سجاڳ ڀينرن جي ڄاڻ ۾ واڌاري آڻڻ لاءِ پيش ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن منھنجيءَ ھن ابتدائي ۽ ننڍڙي ڪوشش، سنڌي ڀينرن ۾ ٿوري به ذھني ۽ عملي اوسر آندي، ته آءٌ سمجھندس ته مون کي منھنجي محنت جو پورو لاڀ ملي ويو! اميد ته ھن ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو پڻ جلد تيار ڪري، پنھنجي ڀينرن جي اڳيان پيش ڪندس!

    سي ساھيڙيون سارين تو، سيل جنين جو ستُ،
    مارئي لھندينءَ مُھت، وڃج ويڙھيچن ڏي!
    (شاھه)

    - تاج جويو
    23، فبروري 1982ع


    دنيا جون عظيم انقلابي عورتون

    زرقا

    ( فلسطين جي آزاديءَ جي سرويچ انقلابڻ، جيڪا پنھنجيءَ معصوم دل ۾ آزاديءَ جي جذبي جو بيتاب شعلو سمائي، غاصب صيھوني ڏاڍ کي ساڙي ڀسم ڪرڻ لاءِ بيتاب ھوندي ھئي! ۽ پنھنجي مقصد کي تڪميل تائين پھچائڻ جي جدوجھد ۾ پنھنجي جان ڏيئي، قوم جي دل ۾ آزاديءَ جي ڏياٽي روشن ڪري ويئي!)

    15- مئي 1948ع، دنيا جي تاريخ جو ھڪ عجيب حيرت انگيز ڏينھن ھو. انگريز ٺڳن، پنھنجي مڪار ۽ عيار چالن کي ڪتب آڻي، حق ۽ سچ جي چمڪندڙ سج کي، ناحق جي ڪارن ڪڪرن سان ڍَڪي ڇڏيو. ھن ڏينھن، ھڪ اھڙيءَ قوم کي مقام ۽ قيام ملي رھيو ھو، جيڪا ازل کان ابد تائين مردود ۽ مردار ٿي چڪي ھئي.... فلسطينين جي اباڻي وطن کي ”اسرائيل“ جي نالي سان انگريزن، رولو يھودين جو وطن قرار ڏنو، جنھن جو پھريون صدر ڊاڪٽر ويزمين ھو. ھن يھودي سائنسدان، الڪوحل جي نئين ايجاد جي بدلي ۾ انگريزن کان ھي نئون وطن پنھنجيءَ قوم لاءِ خريد ڪيو ھو.
    ھن اسرائيلي مملڪت جي اڏاوت جي پٺيان انگريزن جي مڪار پاليسي ۽ گھري سازش ڪارفرما ھئي. ھڪ سوچيل سمجھيل اسڪيم ھيٺ ظاھري قيام ۽ بلفور جي معاھدي کان اٽڪل پاءُ صدي اڳ ئي اُن جي پيڙھه رکي ھئي. ويھين صديءَ جي شروعات ۾ ڪجھ يھودي فلسطين ۾ داخل ٿيا، ۽ برطانوي حاڪمن جي اثر رسوخ سان فلسطين جي غريب ھارين کان زمين خريد ڪري پنھنجون رھائشي محلاتون اڏايون. آھستي آھستي ھيءُ سلسلو وڌندو ويو. فلسطين ۾ يھودي آبادي، ڏينھون ڏينھن وڌڻ لڳي، ھارين ۽ آبادگارن کي پنھنجي زمينن وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويو. برطانوي حاڪم يھودين جي آبادڪاريءَ جي ھمت افزائي ۽ نگھباني ڪرڻ لڳا. قانون کي ڏاڍ ۽ ظلم جو ھٿيو بڻايو ويو. جيڪو ماڻھو، پنھنجي زمين، يھودين کي وڪڻي ڏيڻ کان انڪار ڪندو ھو، اُن کي ڪنھن نه ڪنھن قانوني وڪڙ ھيٺ قيد ڪيو ويندو ھو.
    جرمنن ھٿان موچڙا کائي، جلاوطن ٿيل يھودين لاءِ دنيا جي تختي تي ڪا پناھه گاھه ھئي ته اُھا فلسطين جي سرزمين ھئي. يھودي، يورپ جي سمورن ملڪن مان تڙجي نڪتا ته ھتي پھتا. آمريڪا مان کين ڏيھ نيڪالي ملي، ته ھن ملڪ ۾ اچي پناھه ورتائون. پنھنجيءَ بي انداز دولت جي بانور ۽ ٻَل تي، فلسطين ۾ زمينون ۽ جائدادون خريد ڪري پنھنجا پير پکيڙڻ شروع ڪيائون- ۽ سڄي ملڪ ۾ اھڙيءَ طرح پکڙجي ويا، جيئن انساني جسم کي سرطان وڪوڙي ويندو آھي ۽ کيس آخري دم تائين خبر نه پوندي آھي.
    منڍ ۾ ته سادا سودا ۽ ديندار فلسطيني، انھن ٻنھي عيار ۽ مڪار قومن جي گھريءَ سازش کان بيخبر رھيا، پر جڏھن انگريزن، يھودين کي اھم دفترن ۽ مختلف کاتن ۾ وڏن عھدن تي فائز ڪرڻ شروع ڪيو ته ھنن جون اکيون وڃي کُليون ۽ کين ”دال ۾ ڪجھ ڪارو“ نظر آيو.
    آزادي پسند فلسطيني ڪرَ موڙي سپني مان سجاڳ ٿيا. ھينئر کين سمجھ آئي ته انگريز ته برابر فلسطين مان ٽپڙ گول ڪري وڃي رھيا آھن، پر پنھنجي وڃڻ کان اڳ يھودين کي ھن ملڪ ۾ آباد ڪري، سموري انتظام ۽ اختيار جون واڳون سندن ھٿ ۾ ڏيئي پيا وڃن. ھن سازش کي سمجھندي ئي فلسطينين انگريزن آڏو زوردار احتجاج ڪيو، ۽ فلسطين ۾ يھودين جي آبادڪاريءَ جي مخالفت ڪري ڏنائون. پر سندن احتجاج کي قانون جي ڀڃڪڙيءَ جو رنگ ڏيئي، کين ڪنھن نه ڪنھن الزام ھيٺ جيل ۾ وڌو ويندو ھو، ۽ سندن فرياد بنھ نه ٻُڌو ويندو ھو. يھودي ڏاڪي به ڏاڪي ملڪي حڪومت ۾ دخل ڏيندا رھندا ھئا. ”ھگانا“ سندن پنھنجي خودمختيار عدالت ھئي، جنھن کي مقدمن جي سماعت ۽ انڌا ڌُنڌ فيصلن ڪرڻ جي مڪمل آزادي ھئي. يھودين جو تعداد گھڻو وڌي ويو ھو. دُنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان سڀ يھودي اچي فلسطين ۾ گڏ ٿيا ھئا، ۽ انگريزن جي سھڪار ۽ سرپرستيءَ وسيلي ملڪ ۾ پنھنجيءَ طاقت کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھئا. ڏاڍ ۽ جبر جي برطانوي سرپرستن، فلسطينين جي ملڪ ۾ جنھن ٻوٽي کي پوکيو ھو، اُن کي پنھنجي ھٿن سان پاڻي ڏيئي، ھڪ مضبوط پاڙن وارو وڻ بڻائي ڇڏيو ھو.
    نيٺ آخري مرحلو اچي پھتو. ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي پڄاڻيءَ تي، بلفور معاھدي مطابق انگريزن کي فلسطين خالي ڪرڻو ھو. پر انگريز ويندي ويندي ھڪ دائمي انتقام وٺي ويا- يعني يھودين جھڙي ازلي لعنت فلسطينين جي مٿان مڙھي ويا. پر آزادي پسند عربن ھن ”اعلان“ جي زوردار مخالفت شروع ڪري ڏني. عرب سربراھن چِٽيءَ ريت چئي ڏنو ته ھو بلفور اعلان کي ڪڏھن به قبول نه ڪندا. جيڪڏھن برطانوي سرپرستن کي يھودين سان ايڏي ھمدردي آھي، ته اُھي کين پنھنجي مُلڪ جي ٽُڪري ۾ وڃي آباد ڪن.
    ملڪ جو نوجوان طبقو، ان مخالفت ۾ سڀ کان اڳرو ھو. جيتوڻيڪ اُن وقت ڪا منظم سياسي جماعت موجود ڪانه ھئي، جيڪا ھنن آزاديءَ جي ننڍڙن متوالن جي رھنمائي ڪري ھا، تڏھن به حب الوطنيءَ جي جذبي ۽ آزاديءَ جي جوش، سندن لاءِ واٽ جي لاٽ جو ڪم ڏنو، ۽ ھنن پنھنجي واٽ پاڻ ڳولي لڌي. يھودين جي حڪومت جي قيام خلاف، ڪجھ آزادي پسند نوجوانن ھڪ ڳجھي تحريڪ منظم ڪئي، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ اُن جو سرگرميون ايتريون ته تيز ٿي ويون، جو انگريز ۽ يھودي ڊڄڻ لڳا ۽ سندن پريشاني وَڌي ويئي. اُنھن نوجوان فلسطينين ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم ڪارڪن زرقا ھئي.
    زرقا، سترھن ورھين جي ھڪ شاگردياڻي ھئي، جنھن جا مائٽ (ماءُ ۽ پيءُ) به آزاديءَ جا متوالا ھئا، ۽ فلسطين ۾ يھودين جي ابتدائي آمد کان ئي مخالفت ڪندا پئي آيا. زرقا، پنھنجي مائٽن جي وطني جذبي کان متاثر ھئي. ھن جو پيءَ خالد الحسيني، بجليءَ جي سامان جي دڪان جو مالڪ ھو، ۽ چڱو سُکيو ستابو ماڻھو ھو. زرقا سندن اڪيلي اولاد ھئي، جنھن کي زال- مڙس نيڻن جو ٺار سمجھندا ھئا. پر باوجود اُن جي ھنن کيس وطن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ھو، ۽ کيس تحريڪ جي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جي مڪمل آزادي ڏيئي ڇڏي ھئي.
    زرقا ۽ سندس ساٿي، ڳُجھي نموني پنھنجيءَ تحريڪ کي وڌ ۾ وڌ پکيڙڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رھيا. راتين جون راتيون ويھي ھٿ سان پمفليٽ لکندا ھئا، ۽ پوءِ پاڻ ئي وڃي گھرن ۾ ورھائيندا ھئا يا بازارن ۾ چنبڙائڻ لاءِ نڪرندا ھئا. آھستي آھستي ھنن پنھنجو حلقو وسيع ڪرڻ ۽ پنھنجن ھم خيال نوجوانن کي تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ شروع ڪيو. ھنن شاگردن کي سڏ ڏنو ته:
    ”وطن جي نالي تي سرگرم ٿيڻ لاءِ نڪري پئو!
    ھن وقت اسڪولن کي الوداع چئي نڪرو-----
    تعليم کي ملتوي ڪري، وطن جي پڪار تي لبيڪ
    چئي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وڃو،
    ۽ ملڪ جي عوام کي سجاڳ ڪري، ظالمن
    جي مقابلي لاءِ تيار ڪيو، ته جيئن ھن پاڪ
    ڌرتيءَ تي سندن پير ڄمي نه سگھن.“

    آزادي پسند نوجوانن جي وڌندڙ سرگرمين کي ڏسي، ھگانا جي دھشت- پسند تنظيم جا ايجنٽ به ھوشيار ٿي ويا. وٺ- پڪڙ ۽ مار ڪُٽ جو سلسلو شروع ٿي ويو- سخت سزائون شروع ڪيون ويون، ۽ ماڻھن ۾ ڊپ ۽ خوف پکڙجي ويو. پر آزادي- پسند فلسطينين پنھنجي سرگرمين جي رفتار ٿڌي نه ڪئي. ويتر يھودين جي ظلمن جا داستان ٻڌي ٻڌي، سندن جوان رت ٽھڪڻ لڳو، ۽ ڪاوڙ ۽ نفرت جا جذبا، سندن رڳن ۾ بجلي بڻجي ڊوڙڻ لڳا. ھنن ڌارين غاصبن جي خلاف سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏي، ۽ گڏجي ”وطن کي آزاد ڪرائڻ يا سِر ڏيڻ“ جو قسم کنيائون- ۽ زرقا ھن ننڍڙيءَ تنظيم جي روحِ روان ھئي. ھونئن ته عام ماڻھن ۾ به يھودين جي خلاف نفرت جي عام لھر پکڙيل ھئي. ڪوبه فلسطيني اھڙو نه ھو، جيڪو پيغمبرن جي سرزمين تي يھودين جي وجود جو حامي ھجي. اھا ٻي ڳالھ ھئي ته صدين جي ماٺار کي ٽوڙي، اُھي ڪا ايڏي وڏي ھلچل پيدا نه ڪري سگھيا ھئا، تڏھن به زرقا ۽ سندس ساٿين پنھنجيءَ تحريڪ جي ذريعي ڪافي ھلچل مچائي ڇڏي ھئي. ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ حد کان وڌيڪ بيچيني پيدا ٿي چڪي ھئي. جيئن جيئن يھودين جي حڪومت جي قيام جو وقت ويجھو پئي آيو، ماڻھن ھن مصيبت مان جند ڇڏائڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪيا. شاگردن سان گڏ ھاري ۽ مزدور به اُٿي کڙا ٿيا، ۽ يھودي حڪومت جو ڳٽُ ڳچيءَ مان لاھڻ لاءِ پرجوش مظاھرا ڪرڻ لڳا. ڪاليجن ۽ اسڪولن جا شاگرد ۽ آفيسن جا ملازم، ”آزاد فلسطين“ جو جھنڊو ھٿن ۾ کڻي، بازارن ۾ نعرا بلند ڪندا رھيا. ملڪ ۾ ھڪدم وڏو طوفان برپا ٿي ويو- پر افسوس اِھو ھو، جو جنھن ڏاڍ جي وڻ کي پاڙئون اُکيڙڻ لاءِ اھو وڏو طوفان اُٿيو ھو، اُن وڻ جون پاڙون سندن پياري مُلڪ جي ڌرتيءَ تي پري پري تائين پکڙجي چڪيون ھيون، ۽ اُن کي پاڙ کان اکيڙڻ لاءِ اڃا به تکي ۽ زوردار طوفان جي ضرورت ھئي! ماڻھو جنھن جذبي ھيٺ اُٿيا ھئا، اُھو ڪنھن منظم تحريڪ يا تنظيم جو پيدا ڪيل ڪونه ھو، اُھو ته فقط اڌ- سجاڳ قوم جو ھنگامي جوش ھو. اِن ڇڙو ڇڙ طاقت جي منظم ٿيڻ لاءِ اڃا وڌيڪ قربانين جي گھرج ھئي. جنھن فسطائي طاقت سان سندن مھاڏو ھو، اُن لاءِ ڪنھن سِر ڦريءَ جماعت جي ضرورت ھئي، جنون ۽ ديوانگيءَ جي حد تائين پھچندڙ حب الوطنيءَ جي اُن جذبي جي گھرج ھئي، جنھن ۾ ڏاڍ جي زندان جي ھن فولادي ديو کي ڀڃڻ جي سگھ ھجي.“
    - ۽ ٿيو اِھو ته يھودين جي وحشاڻين سزائن، فلسطيني عوام جي ھنگامي جوش کي جلد ئي واءَ- وکر ڪري ڇڏيو، ۽ اڪثر ماڻھو پنھنجي ھن قومي درد کي لادوا درد سمجھي، دل ۾ سانڍي، گھرن جي ڪنڊن ۾ چُپڙي ڪري وڃي ويٺا. ھنن پنھنجن ٻارن کي دلي پيڙا سان سمجھايو ته ”اھا الاھي رضا آھي، جنھن آڏو ڪنڌ جھڪائڻ ئي بھتر آھي. ھنن جي پنھنجيءَ غفلت ۽ عيش پسنديءَ جي غلطيءَ سبب ئي خدا پاڪ يھودين جي ھيءَ مصيبت سندن سِر تي حڪومت جي صورت ۾ قابض ڪري ڇڏي آھي- ڇاڪاڻ ته خدا جنھن قوم تي ناراض ٿيندو آھي، ته اُن قوم جي اختيار ۽ اقتدار تي ظالم حاڪمن کي قابض ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪندو آھي. اُن ڪري ھن سزا (غلاميءَ) کي خاموشيءَ سان سھڻ ئي اسان جو مقدر آھي، ته جيئن الله پاڪ اسان کي گناھن جي معافي ڏئي ۽ ھنن وحشي ظالمن جي غلاميءَ واري ڳٽ کي لاھي، ڦٽي ڪرڻ جي سگھ عطا فرمائي.“
    ڪيترن ماڻھن اِن عقيدي تي ايمان آندو ۽ يھودي حڪمرانن جي آڏو نه پر الاھي رضا جي آڏو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو، پر ”آزاد فلسطين“ جا نوجوان ڪارڪن، ھن نظرئي کي قوم جي بي حسي ۽ غفلت جي علامت سمجھي، اڃا به وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان سرگرم ٿي ويا، ۽ قوم کي سجاڳ ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪرڻ لڳا.
    يھودي حڪومت جي قيام جي جشن جو ڏينھن ويجھو اچي رھيو ھو. زرقا ۽ سندس ساٿي، پنھنجي فرض جي پورائيءَ ۾ رات ڏينھن مصروف ھئا. اھي ھڪ طرف ته عوام کي يھودين جي مقابلي لاءِ عمل جي ميدان ۾ نڪري اچڻ جي دعوت ڏيندا ھئا، ۽ اشتھار ۽ پمفليٽ، ھٿ سان لکي، گھرن ۽ اسڪولن ۾ ورھائيندا ھئا، ٻئي طرف يھودين کي وڌ ۾ وڌ جاني ۽ مالي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. سندن گودامن کي تباھه ڪندا ھئا، جنگي سامان جي ذخيرن تي ڇاپا ھڻي، بي انداز ھٿيار پنھنجي قبضي ۾ ڪندا ھئا، ۽ تيل جي اڏن ۽ پوليس ٿاڻن کي باھيون لڳائيندا ھئا.
    آزادي- پسند فلسطينين جي سرگرمين کان يھودي ۽ انگريز تنگ اچي چڪا ھئا- ۽ موٽ ۾ ڪاوڙ ۽ جوش ۾ ڀرجي، پنھنجن ظلمن کي وڌيڪ خوفناڪ ۽ ڀيانڪ صورت ڏئي ڇڏيندا ھئا. ”آزاد فلسطين“ جا مخبر، سندن وحشياڻي ظلم ۽ ڏاڍ جون خبرون جڏھن اچي ٻڌائيندا ھئا، ته نوجوان ڪارڪنن جو انتقامي جوش اڃا به ڀڙڪي اُٿندو ھو. يھودين، جلوسن تي سرِ عام گولين ھلائڻ ۽ ماڻھن کي سنگينن تي ٽنبڻ جي ڪارواين کانسواءِ ھاڻي گھرن ۾ گھڙي، ماڻھن کي گرفتار ۽ قتل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ھو. جن مظاھرين کي گرفتار ڪيو ويندو ھو، اُنھن کي اھڙيون ته اذيت ناڪ سزائون ڏنيون وينديون ھيون، جو ٻڌندڙن جا وار ڪانڊارجي ويندا ھئا- ۽ سندن آڏو چنگيز خان ۽ ھلاڪوءَ جا ظلم به وُقعت وڃائي ويھندا ھئا.
    ھڪ ڏينھن زرقا ۽ سندس ساٿي، باھه جي مچ تي ويھي، ايندڙ ڏينھن جي پروگرام کي ترتيب ڏيڻ ۾ مصروف ھئا. سندن جوشيليون ڳالھيون ٻڌي، زرقا جي ماءُ جون اکيون چمڪي اُٿيون، ۽ سندس ضعيف رڳن ۾ وطنيت جو رت اُٻرڻ ٿي لڳو. کيس ائين محسوس ٿي رھيو ھو، ڄڻ زرقا جي روپ ۾ ھوءَ ھڪ ڀيرو پنھنجيءَ جوانيءَ جي سرگرمين کي ورجائي رھي آھي. ھن گرم گرم ۽ خوشبودار قھوي جون پياليون، سندن ھٿن ۾ ڏنيون، ۽ ھنن جي ڀر ۾ ويھي، سندن ڳالھيون ٻڌڻ ۽ ڪِن رِٿن ۾ رايا ڏيڻ لڳي. ايتري ۾ سندن مخبر اچي پھتو ۽ اُن ڏينھن جو اکين ڏٺو احوال پيش ڪرڻ لڳو. ھو ”ھگانا“ جي آفيس ۾ ملازم ھو، ۽ پاڻ کي يھودي ظاھر ڪندو ھو.
    ھن ٻڌايو ته آزادي- پسند فلسطينين تي يھودي فوج ۽ پوليس غيرانساني ظلم ڪندي رھي ٿي. پوليس ماڻھن کي ايذاءَ رسائڻ جي ڌنڌي کي وندر ڪري ورتو آھي. واندي وقت ۾ ھي پوليس وارا بکين ۽ اُڃارن قيدين کي جيل مان ڇڪي ٻاھر ڪندا آھن، ۽ پوءِ ڪنھن جا ھٿ پير ٻڌي، کيس اگھاڙو ڪري ٽنگيو ويندو آھي، ۽ سندس مٿي کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو ويندو آھي. جنھن وقت اھو ويچارو ساھه کڻڻ واسطي درد ۽ پيڙا کان تڙپندو آھي ته اُھي وحشي تماشائي ٽھڪ ڏيندا آھن ۽ کيس ٿُڏا ھڻندا آھن. ڪنھن زخميءَ جي تازن ڦَٽن تي لوڻ ٻُرڪيندا آھن. ڪن جي ڇُٽل ڦَٽن کي ماچيس جي تيلين سان ڏنڀ ڏيندا آھن، ايتريقدر جو اُنھن مان چرٻي بوڙيا ڏئي نڪرندي آھي. ڪيترن قيدين جي ھٿن کي دروازن جي ٻيڪڙ ۾ ڏئي، سندن آڱريون ڀڳيون ويون آھن. ڪيترن نوجوانن کي فرش تي ليٽائي، سندن جسمن کي پنھنجن ڳورن بوٽن سان لتاڙيندا آھن- ۽ مُڏيون ڇُريون کڻي، اُنھن جون نوڪون سندن پيٽ ۽ پٺيءَ ۾ ٽنبيندا آھن.
    زرقا، اِھي سڀ ڳالھيون ٻڌندي رھي ۽ سندس ڀرسان پيل قھوو ٿڌو ٿي ويو. ھوءَ ڪنھن گھريءَ سوچ ۾ ٻڏي وئي، سندس ساٿين مان ڪنھن جي سَڏ تي ھن ڇرڪ ڀريو:
    ”اِھا آھي اُھا حڪومت، جيڪا ڪجھ ڏينھن کانپوءِ اسان تي مڙھي ويندي- ۽ اسان آھيون، جو خاموش آھيون! عوام جو جمود اڃا نه ٽُٽو آھي، ھو ڊڄي ڊڄي سوچين ٿا. اسان کين جاڳائيندا سون. منھنجا ساٿيو! اسان کي پاڻ ۾ ھڪ انقلاب انگيز عزم پيدا ڪري، قوم کي ھڪ ڀيرو وري جھنجھوڙڻو آھي، ھا، ھڪ ڀيرو وري!“ ھن مٺيون ڀِيڙي، رڙ ڪئي.
    ”آھستي ڳالھاءِ، منھنجي ڌيءُ! اڄڪلھ ڀتين کي به ڪَن آھن.“ ماءُ سندس ڪلھي تي ھٿ رکيو.
    ”جيڪڏھن اُھي ھينئر به سجاڳ نه ٿيا، ته؟“ ھڪ ساٿيءَ پڇيو.
    ”بھرحال اسان کي آخري دم تائين جدوجھد جاري رکڻي آھي، منھنجا عزيزو!“ ھن نھايت حوصلي سان جواب ڏنو- ۽ پوءِ سڀيئي گڏجي پمفليٽ ۽ ڀتين جا اشتھار لکڻ ۾ مصروف ٿي ويا.
    ٻئي ڏينھن، صبح جو تل ابيب جي گھٽين ۽ بازارن ۾ ٿوري ٿوري پنڌ تي ماڻھو ٽولا ٽولا ڪري، ڀتين تي لڳل اشتھار پڙھي رھيا ھئا، جيڪي ھٿ سان وڏن اکرن ۾ لکيل ھئا- اشتھارن جي ھن مضمون، شھرين جي رت کي نئين سِر ٽھڪائي وڌو:
    ”فلسطينيو! انگريزن شراب جي بدلي ۾ اوھان جي
    ملڪ جو ويزمين سان سودو ڪري ورتو آھي.
    اوھان جي وطن جي پاڪ ڌرتيءَ کي، ھن پيغمبرن
    جي مقدس سرزمين کي، اُن قوم جي ھٿن ۾
    وڪڻي ڇڏيو آھي، جيڪا ازل کان وٺي مقھور
    ۽ مردود بڻجي چڪي آھي. جنھن قوم ھميشہ
    پيغمبرن کان منھن موڙي، کين قتل ڪيو ۽ صليب
    تي ٽنگيو. جنھن قوم جو خدا به ھٿ ڇڏي ڏنو آھي،
    اُن جو ھٿ انگريزن جھلي ورتو آھي، ۽
    فلسطين جي ڌرتيءَ کي سندن پناھه گاھه بڻايو پيو
    وڃي. فلسطينيو! جاڳو ۽ غيرت جو ثبوت ڏئي،
    ھن شيطاني قوت سان سينو ساھڻ لاءِ تيار ٿي وڃو!
    صيھوني حڪومت جا پير اُکوڙي ڇڏيو، ۽ پنھنجي
    وطن کي وڪجڻ نه ڏيو! خدا توھان جو ساٿ ڏيندو!“

    ھنن باھه جھڙن لفظن، ھڪ ڀيرو وري فلسطينين جي رت ۾ باھه لڳائي ڇڏي، ۽ اوچتو ئي اوچتو تل ابيب جي گھٽين ۽ بازارن ۾ انقلاب جا جوش ۽ جذبي سان ڀريل ھجوم نظر اچڻ لڳا. فلسطيني ھٿياربند ٿي، يھودين تي ٽُٽي پيا. سندن آفيسن کي باھيون ڏيئي ڇڏيائون. زرقا ۽ سندس ساٿي، پنھنجيءَ قوم ۾ زندگيءَ جو جوش ڏسي ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيا، ۽ پاڻ به عوام سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي وڙھي رھيا ھئا.
    ”مون ڪالھ يھودين جي تحويل ۾ تيل جو ھڪ وڏو ذخيرو ڳولي لڌو آھي، آءٌ ان کي باھه لڳائڻ پئي وڃان!“ زرقا پنھنجي ساٿين سان سرگوشي ڪئي.
    ”ترس! آءٌ به توسان ھلان ٿو.“ ھڪ نوجوان جواب ڏنو، ۽ زرقا پٺيان ھلڻ لڳو.
    اھڙا ڪيترا موقعا آيا ھئا، جو زرقا کي پنھنجي نوجوان ساٿين خطري جي منھن مان بچائي ورتو ھو. ڪيترا ڀيرا ھن کي گرفتار ٿيندي ٿيندي بچايو ويو. ھڪ ڀيري، ھڪ دوبدو مقابلي ۾، زرقا پوليس جي ھڪ وڏي آفيسر اباليبان جي ھڪ اک سنگين جي نوڪ سان ڪڍي وڌي ھئي، ۽ يھودي سپاھين جي گھيري مان سندس بچي نڪرڻ ڏکيو نظر پئي آيو. پر ھن جي ساٿين جي مختصر ٽولي، اُنھن سپاھين کي گولين سان تائي ڏنو، ۽ اُھي ايڏا ته ڊڄي ويا جو زرقا کي ڀڄي وڃڻ جو موقعو ملي ويو، ۽ ھوءَ موت جي منھن مان بچي وئي. ھن جي حفاظت جي خيال کان، ھن سان گڏ ڪونه ڪو ضرور ويندو ھو.
    ھي ٻئي ڄڻا لڪندا ڇپندا، يھودين جي علائقي ۾ پھتا. زرقا واٽ جي واقف ھئي، اُن ڪري ھن پنھنجي ساٿيءَ کي ڪجھ پنڌ تي بيھڻ جي ھدايت ڪئي، ۽ پاڻ اُن عمارت جي پٺيان پھتي، جتي تيل جو وڏو ذخيرو ھو. ھڪ پائيپ جي ذريعي ھوءَ پھرين ماڙيءَ تي پھتي، ۽ پوءِ نھايت ڦڙتيءَ سان ڏاڪڻ تان لھي، اُن وڏي ويڪري ھال ۾ پھتي، جتي تيل جا وڏا وڏا ڊرم ڇت تائين سٿيل ھئا. ھوءَ اُنھن جي پٺيان وڃي لڪي، ۽ پويان رکيل ڪجھ ڊرمن جون نلڪيون کولي ڇڏيائين. تيل ڦرڙاٽ ڪري ڪري ٻاھر نڪرڻ لڳو. اک ڇنڀ ۾ ھال اندر پِنين ٻوڙ تيل ڀرجي ويو، ۽ ڪجھ وھي ٻاھر نڪري آيو. اُتي مقرر ڪيل چوڪيدارن ۾ ڊپ پکڙجي ويو. اُھي ھوش حواس وڃائي، ھيڏانھن ھوڏانھن ڊوڙڻ لڳا. زرقا ٽپ ڏيئي، پوئينءَ دري مان ٻاھر نڪري آئي. ٻاھران بيھي، ماچيس جي تيلي ٻاري اندر اُڇليائين ۽ پاڻ وٺي ڀڳي. پر کيس اُن وقت ڏاڍو ڏُک رسيو، جڏھن ھن پنھنجيءَ پناھگاھه مان جھاتي پائي ڏٺو ته سندس ساٿيءَ کي ڪجھ يھودي گرفتار ڪري پئي ويا. ھو زرقا جي پٺيان پٺيان اُن عمارت جي ويجھو اچي نڪتو ھو، ۽ ھينئر کيس تيل کي باھه لڳائڻ جي الزام ۾ پڪڙيو ويو ھو. زرقا ڪجھ گھڙيون بيٺي رھي، پر ھوءَ پنھنجي ساٿيءَ لاءِ ڪجھ به ڪري نٿي سگھي- تنھن کان سواءِ ته ھي گرفتاريون ته روز جو معمول بڻجي ويون ھيون. ھن جو ڌيان جلد ئي عمارت مان بلند ٿيندڙ شعلن ڏانھن ھليو ويو- اُنھن ڳاڙھن، پيلن ۽ نيلن شعلن کي بلنديءَ تي رقص ڪندي ڏسي، زرقا جي دل به نچڻ لڳي. ۽ ھوءَ پنھنجي ساٿيءَ کي خدا جي حوالي ڪري، پاڻ کي دشمن کان بچائي، واپس ھلي آئي.
    شھر جون گھٽيون ۽ بازارون، ويڙھه جو ميدان بڻجي چڪيون ھيون. يھودي فوج جون بڪتر بند گاڏيون ھڪدم منظر عام تي اچي ويون، ۽ عوام تي گولين جو مينھن وسڻ لڳو. آزاديءَ جا متوالا فلسطيني شھيد به ٿيا ۽ زخمي به. جيڪي سلامت بچيا، تن کي گرفتار ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اُن ڏينھن ٿيندڙ واقعا اھڙا نه ھئا، جن جي تحقيقات کي عام حالت ۾ آفيسر ملتوي ڪري ڇڏين. پر انگريز ريزيڊنٽ جي مشوري تي اھا ڳالھ ”جشن استقلال“ تائين ملتوي ڪئي وئي، ۽ جشن جي تيارين کي ٻين سڀني مسئلن تي ترجيح ڏني ويئي.
    ٻه ڏينھن ٻيا به، زرقا ۽ سندس ساٿين، معمول مطابق پنھنجن سونپيل فرضن جي پورائيءَ ۾ گذاريا- يعني سندن آڏو في الوقت ٻه ڪم ھئا: فلسطينين کي مقابلي لاءِ اُڀارڻ، ۽ يھودين کي وڌ ۾ وڌ نقصان پھچائڻ!
    يھودين جي حڪومت جي قيام جو ڏينھن به اچي ويو. رات جو جشن ھو، ۽ صبح جو ويزمين جي صدارت جي اعلان ۽ جلوس نڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو ھو. جشن جي ھيءَ رات، آزادي پسند فلسطينين لاءِ غلاميءَ جو پيغام کڻي آئي ھئي. جيتوڻيڪ يھودين سڄي شھر کي رنگ برنگي روشنين سان جڳمڳائي ڇڏيو ھو، پر وطن جي اصلي رھاڪن جي گھرن ۾ اونداھيءَ جو راڄ ھو. ڪنھن به گھر ۾ ڏيئو نه ٻريو ھو. دليون وسامي چڪيون ھيون. چھرا مايوس ھئا. سندن وطن کسيندڙ غاصبن، ھنن جي دلين جي روشني، مُنھن جي رونق ۽ روح جي مُسرت کسي ورتي ھئي. سڀاڻي کان وٺي اُھي غلام سڏائيندا. ڦُريل ۽ نڌڻڪي وطن جا غلام!
    - ۽ زرقا، ڪنھن وڻ جي ڪپيل ٽاريءَ وانگر فرش تي اونڌي مُنھن پيئي ھئي. چُلھ ۾ ٻرندڙ باھه جي ھلڪي روشنيءَ ۾، ھن جي اکين ۾ ڇُلڪندڙ ڳوڙھا جرڪي رھيا ھئا. ھن جون نظرون، اُنھن شعلن جي چمڪ تي ڄميل ھيون. سندس دل ۾ انھن کان ڪيترا ڀيرا اوچا شعلا ڀڙڪي رھيا ھئا. ماڻس جا آٿت وارا جملا، اُنھن شعلن تي تيل جو ڪم ڏيئي رھيا ھئا.
    ”ائين نه چؤ، امان! اُنھيءَ ڳالھ ئي ته فلسطينين جي ٻيڙي ٻوڙي آھي، جو ھنن، ذليل يھودين جي تسلط کي پنھنجو مقدر مڃي ورتو آھي. پنھنجي بي ھمتيءَ ۽ سُستيءَ جي ڪري، ھنن سندن ابتدا ۾ ئي بِلو نه ڪيو، ۽ جڏھن سندن پاڙون مضبوط ٿي ويون، ته سندن اقتدار کي الله جو ڏنل چئي، مڃي ورتو. ڪوبه مُلڪ ائين نه ڪندو آھي. پر ھاڻي ته فلسطيني بيدار ٿي چڪا آھن- امان! ڪاش، ڪجھ وقت اڳ ائين ٿئي ھا!“ ھن جو آواز ڀرجي آيو ھو. سندس ماءُ جي اکين ۾ به ڳوڙھا اچي ويا ھئا. ھن کي پنھنجي وطن دوست ڌيءُ جي درد جو پورو احساس ھو. ھيءُ وطنيت جو درد، ھن جو پنھنجو درد ھو، جيڪو ھن زرقا جي سيني ۾ منتقل ڪري ڇڏيو ھو. فرق رڳو ايترو ھو ته عمر جي تقاضا، ھن کي مصلحت انديشيءَ جو سبق ڏئي ڇڏيو ھو، جنھن کي زرقا جو والھانه جوش، پنھنجيءَ زندگي جي قربانيءَ جي بدلي ۾ به قربان ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو.
    ”فلسطيني جاڳي اُٿيا آھن- ۽ کين وطن جي
    پُڪارَ، ھاڻي آرام سان ويھڻ نه ڏيندي. شھيدن
    جا نعرا سندن ڪَنن ۾ گونجندا رھندا- اُنھن جو
    رتُ رائيگان نه ويندو. يھودين کي اسان جي وطن
    مان ذليل ۽ خوار ٿي نڪرڻو پوندو. اسان ھنن
    غاصبن کان پنھنجو وطن کسي وٺنداسون! ھنن يھودين
    کي دنيا ۾ گرانٺ جيتري زمين به نه ملندي.“
    - ۽ ھوءَ جوش جي گھڻائيءَ سبب اُٿي بيٺي. ايتري ۾ پوئين دروازي تي ھلڪي ٿڦڪي لڳي ۽ دٻيل قدمن سان ڪجھ ماڻھو اندر داخل ٿيا. ھنن جي رفتار ۾ تبديلي ھئي. مايوسيءَ جو بي انتھا ٿَڪ سندن مھانڊن تي ڇانيل ھو، ڄڻ قافلو لُٽجي چڪو ھو. پر زرقا جي پُر اميد آواز، دروازي تي ئي سندن استقبال ڪيو، ۽ ھو ڪجھ قدر پاڻ سنڀالي ويا. اُنھن ۾ اُھو نوجوان به شامل ھو، جيڪو پنھنجي پارٽيءَ ۽ ساٿين لاءِ مخبريءَ جو خدمتون ادا ڪندو ھو. ھن اطلاع ڏنو ته، ”زرقا جي جنھن ساٿيءَ کي تيل جي ذخيري کي باھه لڳائڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو، اُن تي يھودي پوليس ڏاڍا ظلم ڪري چڪي آھي. کيس ڪَوڙا ھڻي، سندس جسم جي کَل به لاھي ڇڏي اٿن. ھن کان اھو معلوم ڪرڻ گھرن ٿا ته ھن سان گڏ جيڪا ڇوڪري ڏٺي ويئي ھئي، سا ڪير ھئي.“
    ”......ته چئبو ته اُنھن مون کي ڏٺو ھو؟“ زرقا پڇڻ لڳي.
    ”ھا، ڪجھ ماڻھن کين چغلي ھڻي ٻڌايو ھو ته اُن سان گڏ ھڪ خوبصورت ۽ ننڍيءَ عمر جي ڇوڪري به ھئي.“ مخبر نوجوان جواب ڏنو.
    ”چڱو، ھاڻي ڇڏيو انھيءَ ڳالھ کي- اسان کي ھاڻي پنھنجي آئيندي جي ڪم بابت سوچڻو آھي.“ زرقا ڄڻ ته ڪنھن تڪليف رسائيندڙ خيال کي ذھن مان ڪڍندي چيو.
    ”ھاڻي آخر ڪرڻو ڇا آھي؟“ ٻِئي ڄڻي دلگير آواز ۾ پڇيو.
    ”ڪجھ نه ڪجھ ڪبو ضرور! بيڪار ويھڻ کان ڪجھ ڪرڻ ٺيڪ آھي.“ زرقا جواب ڏنو.
    ”ٻاھر بدتميزيءَ جو طوفان جاري آھي. ذليل صيھوني چرين وانگر گھٽين ۽ بازارن ۾ نچندا وتن پيا، ۽ نشي ۾ مدھوش ٿي، ھڪ ٻئي تي ڪِري رھيا آھن....“ ھڪ ساٿيءَ ٻڌايو.
    ”ته ھلو، ٻيو ڪجھ نه ته به انھن جي رنگ ۾ ھلي ڀنگ وجھون!“ زرقا چيو.
    ”اھو ڪيئن؟“ ماءُ پڇيو.
    ”امان! اسان فلسطينين کي گھرن مان وڃي ڪڍنداسين ۽ سندن ھڪ ٻن اڏن کي ساڙينداسون- ڪجھ ته ڪنداسون، مون کان واندو ويٺو نه ٿو ٿئي.“
    - ۽ ھوءَ ساٿين کي وٺي ٻاھر ھلي وئي. اڌ ڪلاڪ به نه گذريو ته ھٿياربند فلسطينين، جشن ۾ مست يھودين تي حملو ڪري ڏنو. ناچ ۽ راڳ جي جاين تي رڙين ۽ ڪُوڪن جا آواز بُلند ٿيڻ لڳا. مختلف ھنڌن تي، جشن جي منڊيل مانڊاڻن مان شعلا ڀڙڪي اُٿيا. بازارن ۾ فوج جون بڪتربند گاڏيون فلسطيني فلسطيني عربن کي ڳولڻ لڳيون.
    ٻئي ڏينھن، 15 مئي 1945ع جي صبح، ھڪ نڀاڳي ڏينھن کي جنم ڏنو، ۽ دنيا حيرت مان ٻُڌو ته دنيا جا خدائي خوار يھودي به ملڪ جا مالڪ ٿيا. انگريزن اھڙيءَ طرح فلسطين سندن حوالي ڪري ڇڏيو، ڄڻ ته اھو فلسطينين جو ملڪ نه پر انگريزن جي پيءُ ڏاڏي جي جاگير ھو.
    ويزمين کي صدر بڻايو ويو، ۽ ڦٻايل مُلڪ تي پوريءَ ريت قابض ھجڻ جي دليل ۾ ھڪ زبردست جلوس نڪتو. ”آزاد فلسطين“ جي متوالن، اُن موقعي تي نفرت جي اظھار جي ھر ممڪن ذريعي کي استعمال ڪيو، ۽ يھودين جي صدر جي ڪافي بيعزتي ڪئي.
    اُنھيءَ شام جو زرقا جي گھر جو گھيرو ڪيو ويو، زرقا جي باري ۾ اڃا تائين کين معلوم نه ھو ته جنھن ڇوڪريءَ جي کين ڳولا آھي، اُھا ھن ئي گھر ۾ رھندي آھي. البت ھنن سندس پيءُ کي ڪنھن من- گھڙت الزام ۾ گرفتار ڪري، سندس دڪان تي قبضو ڪرڻ گھريو ٿي. زرقا، پيءُ جي ڏس تي پٺئين دروازي مان ٻاھر نڪري ويئي. ۽ ويندي ويندي ٻاھر بيٺل جيپ جي ٽانڪيءَ ۾ ٻريل تيلي اڇلائي وئي. يھودين زرقا جي پيءُ کي گرفتار ڪيو، ۽ ماءُ کي گولي ھڻي ٿڏي تي ماري وڌو.
    ٻئي ڏينھن، زرقا جي پيءُ کي ڪنھن الزام ۾ موت جي سزا ڏني ويئي. ھن بيداد ۽ انڌيرَ، زرقا کي پاڳل بڻائي وڌو ھو. ھوءَ ظالمن جي حڪومت کي پنھنجي وطن ۾ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئي. ھن مرڻ ٿي گھريو، پر مرڻ کان اڳ پيءُ جو مڪمل نه سھي، پر ڪجھ نه ڪجھ بدلو وٺڻ ٿي چاھيو.
    رات جو ھوءَ اڪيلي ۽ پريشان حال، تل ابيب جي گھٽين ۾ گھمندي رھي، ڄڻ پياري وطن کي الوداع چئي رھي ھجي. ھن ھگانا جي ھيڊ ڪوارٽر جو رخ ڪيو، ۽ اُن اوچيءَ عمارت جي اڳيان اچي، بيڊپائيءَ سان بيھي رھي، جتي ھن جي پيءُ جي خلاف ڪنھن ھٿرادو الزام جي آڙ وٺي، کيس موت جو حُڪم ٻڌايو ويو ھو.
    “آءٌ ناانصافيءَ جي ھِن اڏي کي اُڏائينديس!“ ھن مُٺيون ڀِڪوڙي ۽ ڏند ڪرٽيندي چيو. ايتري ۾ رستي جي ٻئي ڇيڙي تي روشني ظاھر ٿي، ۽ ھوءَ وڻ جي اوٽ ۾ لڪي وئي. تيز رفتاريءَ سان ھڪ ٽرڪ آئي پئي، اھا ھن عمارت جي آڏو اچي بيٺي. زرقا ٽَپ ڏيئي، اُن ۾ پٺيان ويھي رھي- ٽرڪ عمارت ۾ اندر ھلي بيٺي، اُن مان ھٿيار ڍوئي اندر گڏ ڪيا پئي ويا. زرقا وجھ وٺي ٻه دستي بم کنيا ۽ ڀتين جي پاڇي ۾ لِڪندي لِڪندي پيرڙا کڻندي، عمارت ۾ داخل ٿي وئي. ھن ھگانا جي ان عمارت کي اُڏائڻ جو ارادو ڪيو. اُن وقت عمارت جا ڪمرا خالي پيا ھئا. ھن اوڏانھن رخ ڪيو. ويڪري ڏيڍيءَ کان مٿي ماڙيءَ ڏانھن ڏاڪڻ ٺھيل ھئي. ھوءَ تکي تکي ڏاڪڻ تي چڙھي وئي، ۽ ڀڄندي ان طرف واريءَ ڇڄھريءَ تي وڃي پھتي، جتان ھيٺ بارود سان ڀريل ٽرڪ بيٺي ھئي. زرقا ھڪ گھڙيءَ جو به انتظار نه ڪيو ۽ پوريءَ سگھ سان ھڪ بم ٽرڪ ۾ اڇلايو- ۽ ٻيو تيزيءَ سان واپس مُڙي، عدالت جي ايوان ۾ ڦٽو ڪيائين- ۽ ٻي گھڙيءَ ڄڻ قيامت اچي وئي ۽ ھوءَ بيھوش ٿي وئي.
    ٻئي ڏينھن صبح جو ملبي جي ڍِڳ مان يھودي فوجين ۽ ھگانا ھيڊ ڪوارٽر جي محافظن جا لاش ۽ زخمين کي ڪڍيو پئي ويو، ته اتان ھڪ زخمي ۽ بيھوش ڇوڪري ملي، جنھن کي ڏسندي ئي اُن واردات جو راز کُلي پيو. يھودي آفيسرن جي سمجھ ۾ اُھا ڳالھ اچي وئي ته سندن سوين ماڻھن جي موت جي ذميوار اُھائي ڇوڪري ھئي، جنھن جو پنھنجو چھرو سڙي، سڃاڻپ کان ٻاھر ٿي چڪو ھو. جنھن جي جسم تي بي انداز زخم ھئا. ھن ڇوڪريءَ جي سڙيل ۽ گھايل جسم کي نھايت احتياط سان اسپتال پھچايو ويو. ھن جي ملم پٽي ڪري، وڏيءَ ڪوشش سان ھوش ۾ آندو ويو- ڪنھن انساني ھمدرديءَ جي ھيٺ نه، پر کانئس بيان وٺڻ جي خيال کان! پر ھن سندن ڪنھن به سوال جو جواب نه ڏنو. مٿس رکي رکي بيھوشيءَ جا دورا پيا پي. ڊاڪٽرن سندس زندگيءَ بابت مايوسي ظاھر ڪئي ته ھگانا جي جَجن کيس موت جي سزا ڏئي ڇڏي. وحشي يھودين کي ھن جو پنھنجي موت مرڻ به پسند نه ھو.
    18- مئي 1948ع جي صبح جو تل ابيب ۾ ھڪ خبر باھه وانگر پکڙجي وئي ته ھڪ سياسي ڏوھيءَ کي ماڻھن جي روبرو ڦاسي ڏني ويندي- ماڻھو ٽولا ٽولا ٿي، گڏ ٿيڻ لڳا ھئا. پر ھيءُ عجيب قسم جو ڏوھي ھو، جنھن کي اسٽريچر تي کڻائي ڦاسيءَ جي تختي تي آندو ويو، ۽ ھن جي پَٽين ۾ ويڙھيل زخمي ۽ گھايل جسم کي ٽيڪ ڏياري، تختي تي بيھاريو ويو- ۽ ڪجھ گھڙين کان پوءِ، ماڻھن حيرت مان ڏٺو ته ھڪ سڙيل ڇوڪريءَ جو جسم، ڦاسيءَ تي لٽڪي رھيو ھو- ۽ ھڪ صيھوني آفيسر خونخوار نظرن سان ماڻھن جي ميڙ ڏانھن گھوري رھيو ھو.
    ”ھيءَ سزا آھي، اُن باغيءَ ڇوڪريءَ جي، جنھن ڪنھن جي ڀڙڪائڻ تي، ھگانا جي عاليشان عمارت کي بم سان اُڏائي ڇڏيو!“
    ”ھاءِ! ھيءَ زرقا ھئي!“ ڪنھن ماڻھوءَ، ميڙ ۾ موجود پنھنجي ساٿيءَ کي ڪَن ۾ چيو.
    ”اسان زندھه آھيون زرقا! تنھنجي مشن کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان زندھه آھيون!....“ ٻِئي ڄڻي رسيءَ ۾ لڙڪندڙ لاش کي مخاطب ٿي، چپن ۾ ڀڻڪيو.
    ”تُنھنجي قوم جاڳي اُٿي آھي زرقا! اُھا شھيدن جي رت کي وئرٿ وڃڻ نه ڏيندي. فلسطيني، يھودين کان شھيدن جي رت جو بدلو ضرور وٺندا!“ ٽئين چيو.
    ”وطن جي شمع جا ھي پروانا، ڪيڏي نه دليريءَ سان جان ڏين ٿا.“

    ”پتنگن پھ ڪيو، مِڙيا مٿي مَچَ،
    پسي لَھس نه لُڇيا، سڙيا مٿي سَچَ!“

    ھڪ شخص، ڳوڙھا اُگھندو، چوندو پئي ويو.


    فاطمہ محمد برناوي

    (پيغمبرن جي پاڪ ڌرتيءَ جي جانباز ڌيءُ فلسطين جي سرزمين جي عظيم انقلابڻ! جيڪا، فلسطيني حريت پسندن جي زندھ تحريڪ آزاديءَ ”الفتح“ جي روح روان آھي! ھن جو سرفروشانه ۽ مثالي ڪردار، پنھنجي ھم وطنن لاءِ عمل جي دعوت ڏئي رھيو آھي!)

    يروشلم جي اسرائيلي فوجي عدالت ۾، آزاديءَ جي متوالي مجاھدڻ، فاطمہ برناوي ۽ سندس چوڏھن ساٿين کي پيش ڪيو ويو. فاطمہ تي لڳايل چوڏھن الزامن جي ڊگھي چارج شيٽ پيش ڪئي ويئي، جن مان گھڻا تڻا ڪوڙا ۽ مَن گھڙت ھئا. سرڪاري وڪيل، جنھن وقت جرح ڪرڻ لاءِ ھن دلير ۽ حوصلي مند انقلابڻ سان مخاطب ٿيو ته ھن ڏٺو ته قيديءَ جي چھري تي ڊپ ۽ ھراس جو ڪوبه نشان نه ھو- ھوءَ نه رڳو پُرسڪون ھئي، پر سندس مُھانڊي مان خود اعتمادي ۽ جرئت سان گڏ فخر جو انداز به بَکي رھيو ھو.
    ۽ جڏھن مٿس سوالن جي بوڇاڙ شروع ڪئي وئي ته ھن بي مثال دليريءَ جو ثبوت ڏنو. ھن، يھودي غاصبن کي ڀريءَ ڪورٽ ۾ اھڙا ته ڏند کٽا ڪندڙ جواب ڏنا، جو نام نھاد عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺل جج پڻ، ڏندن ۾ آڱريون ڏئي، ھن ڇوڪريءَ جو مُنھن تڪيدو رھيو.
    عدالت جي ڪمري ۾ سانت ھئي، ۽ صرف ھڪ زنانو آواز ھيڏي ساري ايوان ۾ گونجي رھيو ھو:

    ”آءٌ تنھنجن لڳايل الزامن مان ڪنھن کي به نه ٿي مڃان ۽ نه ڪنھن جي ترديد ڪنديس، سواءِ اُن جي، ته ھا! آءٌ فاطمہ محمد برناوي، پنھنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙن جي عظيم جماعت ”الفتح“ جي سرگرم ڪارڪن آھيان، ۽ اُن تي مون کي فخر آھي!
    توھان جي ھنن الزامن جي حيثيت ئي ڪھڙي آھي؟ ظالم بگھڙؤ! اسان پنھنجي وطن جي آزادي ماڻڻ لاءِ ھي ”سڀ ڪجھ“ ۽ ان کان به وڌيڪ ”ڪجھ“ ڪري سگھون ٿا! ھڪ سئنيما ھال ته ڇا، اسان اُنھن شھرن کي به ساڙي تباھه ڪرڻ گھرون ٿا، جتي وحشي درندا رھن ٿا! جتي غاصب رھن ٿا- جتي اھڙا ”پر امن شھري“ امن ۽ آرام جي زندگي بسر ڪري رھيا ھجن، جن تي موت جي ماٺار ڇانئجي چڪي آھي، جن جي دلين مان وطن جي محبت نڪري چڪي آھي، ۽ جيڪي غدار بڻجي چڪا آھن!
    توھان، توھان جو عوام، توھان جون فوجون، سڀ باطل جو مڪروھه عڪس آھيو، پر توھان کي خبر ھجڻ کپي ته حق ھميشہ باطل تي سوڀ پاتي آھي. اسان آزاد فلسطيني، پنھنجو پاڻ کي جنگ ۾ به اُڇلائي وجھنداسون. توھان جي ڏاڍ جي راڪاسن آڏو جبل بڻجي وينداسون، ۽ پنھنجي پياري وطن کي اوھان جي ناپاڪ پيرن کان نجات ڏيارينداسون!“

    ھن، عدالت جي ڀرئي اجلاس ۾ يھودين کي ست سُريون ٻڌايون. ٻڌندڙن کي ھن شينھڻ جي گرجدار آواز تي ڏندين آڱريون اچي ويون، ۽ مٿن سڪتو ڇانئجي ويو. اوچتو ھڪ بلند آواز سان در ۽ دريون ٿڙڪي اُٿيون. حقيقت جي تلخ ڍُڪن، جج جي صبر جو پيالو ڇلڪائي وڌو ھو. ھن رڙ ڪئي، ۽ سڀئي دھلجي ويا- جج فاطمہ جي پرجوش تقرير تي ڏند ڪرٽي، کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي!
    فاطمہ جي چھري تي، فيصلي ٻڌڻ وقت، ڊپ جي ڪابه علامت نه اُڀري. ھن جج ڏانھن نفرت جي ھڪ طويل نظر وجھندي، فيصلو ٻڌو-
    ”مون کي قيد ۾ وجھڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي- منھنجي قوم جو ٻچو ٻچو، ھينئر ايتري صلاحيت پيدا ڪري چڪو آھي، جو منھنجي جاءِ ڀري سگھندو!“
    ھن ويندي ويندي للڪاري چيو- ۽ کيس عدالت جي ڪمري مان ھٽايو ويو. اسرائيلي اخبارن، سندس خلاف ڪيتريون ئي من- گھڙت بڪواسون لکيون، پر فاطمہ جي باري ۾ ”ھڪ خود اعتماد، دلير ۽ نٺر ڇوڪري“ لکندي، اڻڄاڻائيءَ ۾ اُھي سندس صحيح شخصيت جو اعتراف ڪري ويٺيون-

    فاطمہ برناوي، ھڪ وچولي طبقي جي خاندان سان واسطو رکي ٿي. 1941ع ۾ يروشلم ۾ پيدا ٿي. اسڪول جي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ ھن نرسنگ جي سکيا حاصل ڪئي ۽ يروشلم جي سول اسپتال ۾ ڪم ڪرڻ لڳي. فاطمہ کي پنھنجي ھن ڪم سان چاھه ۽ دلچسپي ھئي- ھوءَ نھايت ڌيان سان مريضن جي خدمت ۽ سار سنڀال ڪندي ھئي. پنھنجي فرض کي ھوءَ نه رڳو سونپيل فرض سمجھندي، پر ڏکويل انسانيت لاءِ انساني ھمدرديءَ جي جذبي ھيٺ بجا آڻيندي ھئي.
    ھن آزاديءَ جي متولان فلسطينين ۽ غاصب يھودين جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي دوران ئي ھوش سنڀاليو ھو. شاگرديءَ جي زماني کان ئي ھن جي دل ۾ وطن پرستيءَ ۽ آزاديءَ جا جذبا موجود ھئا، پر ھوءَ سڌي سنئين ڪنھن تنظيم جي ميمبر نه ھئي. ھن جون دلي ھمدرديون، پنھنجي وطن ۽ وطني ماڻھن سان وابسته ھيون. پر پنھنجي پيشي وانگر ھوءَ بلڪل غير متعصب دل جي مالڪ ھئي.
    ھن نرس جي خدمتن بجا آڻيندي، ھميشہ انساني ھمدرديءَ کي اڳيان رکيو. ھوءَ مذھبي مت ڀيد کانسواءِ ھر مذھب ۽ ملت جي ھر مريض جو علاج ڌيان سان ڪندي ھئي. ھن ڪڏھين به پنھنجي فرض ۾ ڪوتاھي نه ڪئي. ھن کي قدرت مھربان ۽ ٻاجھاري طبيعت عطا ڪئي ھئي. پر جڏھن کان آزادي پسندن ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ جنگ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ورتي، ته فاطمه جو آرام اڏامي ويو. اسپتال ۾ فلسطيني سپاھين جي بيحد خراب حالت ڏسي ڏسي، ۽ ساڻن اسرائيلين جي وحشياڻي ۽ غير انساني ورتاءَ جو مشاھدو ڪري، ھن جي دل يھودين کان اڃا به وڌيڪ بُڇان ڪرڻ لڳي.
    ۽ جڏھن شھر تي قيامت ٽٽي پئي، ۽ اسرائيلي، درندن جيان گھرن ۾ گھڙي، فلسطيني عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ لڳا، ۽ کين نھايت ذليل طريقن سان ڪُٽڻ ۽ جانورن وانگر ھڪلي، گھرن کان ٻاھر ڪڍڻ لڳا، ته اِن دل ڏاريندڙ نظاري کي ڏسي، فاطمہ کي بيحد صدمو پھتو، ۽ ھوءَ ملازمت ڇڏي، نابلس ھلي وئي، جتي ھن ھڪ اسپتال ۾ رضاڪارانه خدمتون آڇيون. اُن اسپتال ۾ مصري ۽ اُردني زخمي سپاھي داخل ھئا. سندن دانھون ۽ ڪوڪون ٻڌي، ۽ سندن دردناڪ ڪيفيت ڏسي، فاطمہ جي دل تڙڦي پوندي ھئي.
    ان کان پوءِ، نيپام بم جي باھه ۾ سڙيلن کي اسپتال ۾ آندو ويو، ۽ اِھو ھن لاءِ ٻيو ھڪ لڱ ڪانڊاريندڙ منظر ھو. ھوءَ ٽمندڙ نيڻن سان مريضن جي لوساٽيل جسمن ۽ چچريل چھرن تان ڦلوڪڻن کي ڪپيندي، ۽ ملم لڳائيندي رھي. پر ھن جي دل ۾، ھنن ڀوائتن منظرن، ان درندہ- صفت قوم (يھودين) لاءِ نفرت جو ٻرندڙ جبل دکائي وڌو. اُنھن اڌ- مئن مريضن جي زخمن تي پھا رکندي ۽ ساڻن ھمدرديءَ ۽ پيار جو اظھار ڪندي ڪندي، ھوءَ نفرت جي اُن باھه جا شعلا پنھنجيءَ دل ۽ روح ۾ محسوس ڪندي رھي، جيڪا انسانيت جي ويري يھودين لاءِ ھن جي دل ۾ ڀڙڪي چڪي ھئي. يھودين جي ڏاڍ ۽ بربريت جي شڪار ٿيل فلسطينين کي، رات ڏينھن موت ۽ زندگيءَ جي ڇڪتاڻ ۾ تڙڦندي ڏسي، فاطمہ، انھن مجاھدن جي ”موت جي بسترن“ ويجھو، پنھنجيءَ دل ۾ پڪو عزم ڪري ورتو ته ھنن اسرائيلي درندن کان پنھنجي ھم وطنن جي خون جو بدلو ضرور وٺندي. ھوءَ پنھنجيءَ زندگيءَ جي ٻين سڀني مقصدن کي، ھن ھڪ مقصد، ھن عظيم فرض مٿان قربان ڪري ڇڏيندي، ۽ پنھنجيءَ زندگيءَ کي به اُن تان وارڻ کان نه مڙندي:
    • ۽ اھو مقصد ھو، اسرائيلين جي سگھ کي ٽوڙڻ،
    • کين وڌ ۾ وڌ ڇيھو رسائڻ،
    • سندن طاقت تي اھڙو زورائتو ۽ ھنڌائتو ڌڪ ھڻڻ، جو اھي حواس وڃائي ويھن، ۽ اُن ملڪ کي ڇڏڻ تي مجبور ٿي وڃن، جنھن تي اُنھن زوريءَ قبضو ڪري ورتو آھي.

    ۽ ھوءَ آزادي- پسند فلسطينين جي طاقتور تنظيم ”الفتح“ جي ميمبر بڻجي وئي. ھن جي آڏو، منزل جو سڀ کان پھريون مرحلو اھو ھو ته ھوءَ ”الفتح“ جي ھدايتن ھيٺ مجاھداڻي زندگيءَ جي شروعات ڪري- ٿوري ئي وقت اندر ھن جون سرگرميون داد حاصل ڪرڻ لڳيون. ھوءَ ڏکئي کان ڏکئي ڪم لاءِ به ھڪدم تيار ٿي ويندي ھئي. ھن جي بي ڊپائي ۽ بھادري پنھنجي ساٿين ۾ مثالي ھئي.
    مجاھدن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌندو رھيو. ھنن جون سرگرميون ھاڻي ڳجھيون نه رھيون ھيون. ھنن ڇاپامار گوريلا جٿن کي منظم ڪري، اسرائيلين سان باقاعدي جنگ شروع ڪري ڇڏي ھئي. عورتون به مردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي، نڪري نروار ٿيون- ۽ باوجود اُن جي ته مجاھدن مان جيڪي مرد ۽ عورتون، دشمن جي ور چڙھي ويندا ھئا، اُنھن کي انسانيت جا ويري وحشي سخت ايذائيندڙ سزائون ڏيندا ھئا، آزادي- پسند مجاھدن جو تعداد وڌندو رھيو، ۽ سندن سرگرميون زور وٺنديون رھيون. ھنن جون يھودين سان سخت جھڙپون ٿينديون ھيون ۽ اُھي سندن ڏينھون ڏينھن وڌندڙ طاقت کي ڏسي، گھٻرائجي ۽ پريشان ٿي ويا ھئا. فلسطينين جو، ويندي عورتن تائين، ميدان ۾ نڪري اچڻ، اسرائيلين جي حق ۾ چڱو سوڻ نه ھو. کين اھو معلوم ٿي چڪو ھو ته فاطمہ، الفتح ۾ شامل ٿي چڪي آھي.
    19- آڪٽوبر 1967ع تي، فاطمہ ۽ اُن جي چوڏھن ساٿين کي يروشلم جي ھڪ سئنيما ھائوس ۾ بم رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو. گرفتاريءَ وقت فاطمہ جي منھن تي ڪابه گھٻراھٽ ۽ پريشاني نه ھئي. ھوءَ دستور موجب پرسڪون ۽ بي خوف رھي.
    پھرين ته اسرائيلي مڪارن نرميءَ ۽ مصلحت آميز پيار سان کيس سمجھايو ته ھوءَ ”الفتح“ سان سڀ واسطا ٽوڙي، پنھنجيءَ ملازمت تي موٽي اچي، ته کيس نه رڳو ترقي ڏني ويندي پر بي انداز انعام ۽ اڪرام ڏئي، مٿس لڳايل سڀيئي الزام منسوخ ڪيا ويندا. پر سندن اِن مشوري تي فاطمہ چڙي پئي ۽ ڪاوڙ ۾ اچي چوڻ لڳي:

    ”شيطان- صفت درندؤ! توھان مون کي ٺڳڻ ٿا گھرو؟ بدبختؤ! ڇا توھان مون کي غدار سمجھيو آھي، جو مون کي لالچايو ٿا؟ دنيا جي سموريءَ دولت جي بدلي ۾ آءٌ اوھان کي وطن جي مٽيءَ جي ھڪ مُٺ به ھوند نه ڏيان- آءٌ ھن پوتر ڌرتيءَ تي اوھان جا پليت پير ڏسڻ نه ٿي گھران. مون پاڻ تي ننڊ ۽ کاڌو حرام سمجھڻ جو قسم کنيو آھي، ته جيسين تائين ھن پاڪ سرزمين کي توھان جي ناپاڪ وجود کان پاڪ نه ڪنديس، سُک سان نه سمھنديس. آءٌ ان سرويچ قوم جي نياڻي آھيان، جنھن ڪڏھن به ناحق جي آڏو ڪنڌ نه نوايو آھي- آءٌ جان ڏيئي ڇڏينديس، پر ناحق جي آڏو نه جھڪنديس!“
    فاطمہ جوشيلي انداز ۾ تقرير ڪندي، يھودي آفيسر ڏانھن بُڇان مان ڏٺو، جيڪو ڀرون تاڻي کيس گھوري رھيو ھو:
    ”اسان، توکي سوچڻ جو ھڪ ٻيو موقعو ڏيون ٿا، ڇو ته تنھنجن حاڪمن وٽ تنھنجي خدمتن جي سَند آھي. اُھي چاھين ٿا ته جيڪڏھن تون واپس موٽي اچين، ته توکي معاف ڪيو ويندو- اسان کي خبر آھي ته ”الفتح“ جي وڳوڙين توکي برغلايو آھي، ۽ تون سندن عارضي جوش کان متاثر آھين، جنھن کي اُھي سر ڦريا ”حب الوطني چون ٿا.“ اسرائيلي آفيسر لفظن کي چٻي چٿي ادا ڪيو.
    فاطمہ غور سان ڏانھنس ڏٺو ۽ معنيٰ خيز انداز ۾ ڪنڌ لوڏي چيائين:
    ”مون کي ڪنھن به برغلايو ڪونھي، ۽ نه ئي آئون ڪنھن عارضي جذبي کان متاثر آھيان. مون نھايت سوچي سمجھي قدم کنيو آھي، ۽ ھيءُ جذبو ٺوس حقيقتن کان متاثر ٿي، پيدا ٿيو آھي. منھنجي اکين آڏو ھن وقت به مظلوم فلسطينين جا چھرا آھن، جيڪي اوھان جي ظلمن جا شڪار ٿيا ھئا. منھنجن ڪَنن ۾ اڄ به اُنھن گھايل مجاھدن جون ڪيھون ۽ درد ڀريون ريھون گونجي رھيون آھن، جن کي اوھان يھودي بگھڙن، نيپام بم سان ڀُڃي رکيو ھو. سندن سڙيل چھرا، سندن فريادي اکيون، منھنجي تصور ۾ موجود آھن، ۽ ”انتقام انتقام“ پڪاري رھيون آھن. مون اسپتال ۾ اوھان ماڻھن جي بربريت جا جيڪي منظر ڏٺا آھن، اُھي وسارڻ جھڙا نه آھن- ڇا، آئون اُن سپاھيءَ جي حالت کي وساري سگھان ٿي، جو گھايل ۽ اڌ مُئو ھو، پر اُن کي بستري تان گھلي، جنگ جي ميدان ۾ موڪليو ويو؟ ڇا، اُن سپاھيءَ جو مايوس چھرو منھنجي حافظي مان ڪڏھن مٽجي سگھي ٿو، جنھن کي منھنجي سامھون آپريشن ٿئيٽر مان اُٿاريو ويو- جيڪڏھن ان جو آپريشن ٿي وڃي ھا ته ضرور سندس جان بچي وڃي ھا- توھان چئو ٿا ته مون کي ”الفتح“ جي ڪارڪنن برغلايو آھي؟ پر حقيقت ھيءَ آھي ته مون کي توھان جي ظلمن ئي انتقام لاءِ ڀڙڪايو آھي!“
    فاطمہ ھڪ مجاھد واريءَ دليريءَ سان دشمن جي آڏو حقيقتون بيان ڪري رھي ھئي. آفيسر شرم ۽ ڪاوڙ جي تاثر کي ھڪ اوچي ٽھڪ ۾ اُڏائي ڇڏيو.
    ”واھه واھه انتقام! ڇا ٻلي ڇا جلاب!“ ھن ٽوڪَ مان ڀِرون تاڻي چيو. فاطمہ فقط حقارت ڀريءَ نگاھه سان کيس ڏٺو.
    ”ته توکي اسان جي آڇ قبول ناھي؟“ ھو وري پڇڻ لڳو.
    ”آءٌ چئي چڪي آھيان ته نه، ڪڏھن به نه!“ ھن تِکائيءَ مان جواب ڏنو.
    ”توکي پنھنجن ڏوھن جو اعتراف آھي؟“ ھن پڇيو.
    ”ڪھڙا ڏوھه؟ مون ڪوبه ڏوھه نه ڪيو آھي،“ فاطمہ جواب ڏنو.
    ”ڇا، تون الفتح جي ميمبر نه آھين؟ ھن پڇيو.
    ”آھيان، پر ”الفتح“ جو ميمبر ٿيڻ ھڪ فلسطينيءَ لاءِ ڪوبه ڏوھه نه آھي“- ھوءَ چوڻ لڳي.
    ”پر اسان جي نظر ۾ ته ڏوھه آھي!“ آفيسر چيو.
    ”مون کي پرواھه نه آھي.“ فاطمہ جواب ڏنو.
    ”جلد ئي ٿيندئي!“ آفيسر ڌمڪيءَ جي انداز ۾ ڪنڌ لوڏي چيو- فاطمہ خاموش رھي.
    ”توکي اِن ڳالھه جو اعتراف آھي ته تو ”صيھون“ سئنيما ھائوس ۾ بم رکيو، جنھن ۾ سوين پُرامن شھري مُئا ۽ زخمي ٿيا ھئا، ۽ سئنيما جي خوبصورت عمارت سڙي ڀسم ٿي وئي ھئي؟“ آفيسر گجندي چيو.
    ”ڇا، ھي ”پُرامن شھري“ اُھي ماڻھو نه ھئا، جيڪي توھان جي قتل عام کي خاموشيءَ سان ڏسندا رھيا، جن ٻين پُرامن شھرين کي شھربدر ٿيندي ڏٺو، ۽ اُن ظلم جي خلاف آواز بلند نه ڪيو، ۽ اسرائيلي فوجين جي وحشياڻي ظلم جي خلاف احتجاج ڪري، مظلومن جي داد رسي نه ڪئي؟ ڇا، انھن شھرين کي اوھان ”پُرامن“ چئو ٿا؟“ فاطمہ دليريءَ سان جواب ڏنو.
    ”خبر اٿئي. اِن لاءِ توکي ڪھڙي سزا ملندي؟“
    ”ڪابه سزا مون کي حق کان مُنھن ڦيرائڻ لاءِ مجبور نه ٿي ڪري سگھي، ۽ نه باطل جي آڏو جھُڪائي سگھي ٿي. مون جيڪي ڪجھ ڪيو آھي، اُن تي مون کي ڪڏھن به شرمساري نه ٿيندي، بلڪ ھميشہ فخر رھندو! توھان جون سزائون اسان کي ڪجھ به نه ٿيون ڪري سگھن. اسان جون قربانيون، اسان جي تنظيم لاءِ وڌيڪ سَگھ جو ڪارڻ بڻيون آھن، جيڪي نيٺ توھان جي شڪست ۽ اسان جي سوڀ جو سبب بڻبيون. منھنجي وطن جو ٻچو ٻچو، وطن جي آزاديءَ جو مجاھد آھي. اُھو ڏينھن ڏور نه آھي، جڏھن توھان جي ھن ستمگر حڪومت جون پاڙون پٽي، توھان کي ملڪ کان ٻاھر ڌڪي ڪڍيو ويندو-“ فاطمہ ڪنھن مڇريل شينھڻ وانگر تمام وڏي جوش مان گجي رھي ھئي.
    ”خاموش!“ آفيسر بيتاب ٿي، زمين تي دڙھا ھڻي چيو.
    ”باطل، حق جي مقابلي ڪرڻ جو سَت ساري نٿو سگھي.“- فاطمه جي چھري تي ھڪ فتح مند مُرڪ نچڻ لڳي.
    ۽ ٻيھر ايذائن رسائڻ جو ھڪ اکٽ سلسلو شروع ٿي ويو. فاطمہ تي بي انداز ظلم ڪيا ويا. انسانيت سوز طريقا ھلائي، کانئس پنھنجن ساٿين جي ڪم- ۽ طريقي جي رازن معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پر ڪابه اذيت، ھن انقلابڻ جي حوصلي کي لوڏي نه سگھي. ھوءَ ڪنھن اٽل پھاڙ جيان، ھنن جي عذابن آڏو بي حس بڻجي ويئي. ھن جي ماءُ، پيءُ، ڀيڻن ۽ ڀائرن کي به گرفتار ڪري آندو ويو، ۽ سندس آڏو کين طرح طرح جون اذيت ناڪ سزائون ڏنيون ويون. پر ان تي به فاطمہ جي وات مان ھڪ به اھڙو جملو نه نڪتو، جيڪو سندس ساٿين لاءِ نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگھي- آخرڪار کيس اسرائيلي فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ھن حق پرست سورميءَ تي ھن ھٿ ٺوڪيءَ عدالت جو رعب ڇانئجي نه سگھيو. ھن اجلاس ھلندي، انھن صيھوني سامراجين کي ذليل ڪيو- ۽ کيس عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويئي.


    جميله بو پاشا

    (شمع آزاديءَ جي جانباز پروانن جي روح روان! الجزائر جي آزاديءَ جي سورمي، محب وطن ڪنواري ڇوڪري، جنھن آزاديءَ جي حاصلات لاءِ ھڪ عظيم قرباني ڏني- جان کان به وڌيڪ قيمتي جوھر کي وطن جي راھ ۾ قربان ڪري ڇڏيو، پر فرانسيسي ڏاڍ جي آڏو پھاڙ بڻجي وئي!)

    ٻي مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ، دنيا جي قومن ۾ جاڳرتا جي ھڪ زبردست لھر آئي، ۽ غلام ملڪن، پنھنجي غير ملڪي حاڪمن جي غلاميءَ جو ڳَٽ لاھي اُڇلائڻ لاءِ جدوجھد شروع ڪري ڇڏي.
    الجزائر، ھڪ ڊگھي عرصي کان فرانسيسين جي قبضي ۾ ھو. ٻين ملڪن وانگر الجزائر جي عوام به آزاديءَ جو مطالبو ڪيو، ۽ پنھنجي ملڪ ۾ پنھنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آيا....... فرانسيسي، جيڪي پاڻ کي دنيا جي سڌريل قومن جي پھرينءَ صف ۾ کڙو ڪندا آھن، الجزائري عوام جي آزاديءَ جي مطالبي تي، ھڪدم انسانيت جو ويس بدلائي، ظلم جا ڀوائتا رڪاس بڻجي پيا، ۽ الجزائرين تي اھرا ته وحشياڻا ظلم ڪيائون، جن کي ٻُڌي، انسانيت جو ڪنڌ ھوند شرم کان جھڪي وڃي.
    1954ع ۾، الجزائري محب وطنن ۽ فرانسيسي فوج جي وچ م وڏي پئماني تي جنگ وڙھي پئي ويئي. مادر وطن جي سڏ تي اُن جون بھادر ۽ سرويچ ڌيئرون به وطن جي مجاھدن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي، آزاديءَ جي جنگ ۾ حصي وٺڻ لاءِ، گھرن ۽ اسڪولن مان نڪري، جنگ جي ميدان ۾ پھچي ويون. انھن محاذ تي ”نيشنل لبريشن فرنٽ“ جي آزادي پسند مجاھدن کي مدد پھچائڻ شروع ڪئي، تنھن کان سواءِ، ڇاپامار ۽ گوريلا جَٿن ۾ به بيحد ڪامياب خدمتون سرانجام ڏنيون. اِنھن مجاھد عورتن ۾ جميله بو پاشا به ھئي. جميله ھڪ بھادر ۽ آزاديءَ جي سورميءَ جي حيثيت ۾ قدر لائق ۽ يادگار خدمتون سرنجام ڏنيون آھن، ۽ ھوءَ نمايان طور فرانسيسي حاڪمن جي اکين ۾ ڪنڊو ٿي چڀڻ لڳي ھئي. اُھي سندس گرفتاريءَ جا وجھ ڳوليندا پئي وتيا.
    آخرڪار، 10- جنوري 1960ع جي رات جو فرانسيسي فوجن، حفاظتي پوليس سان گڏجي، جميله جي گھر جو گھيرو ڪيو. کين اطلاع مليو ھو ته جميله جي گھر ۾ ”لبريشن فرنٽ“ جا ٻه سرگرم ميمبر مراد ۽ جمال لڪل آھن. فرانسيسي حفاظتي پوليس جو انسپيڪٽر پنجاھه سپاھين جي اٽالي سان گھر ۾ اندر گھڙي آيو، ۽ جھڙتيءَ کان پوءِ جڏھن گھر جي ڀاتين کان سواءِ ٻيو ڪوبه ماڻھو اُتي نه ڏٺائين ته مٿن تشدد ڪرڻ لڳو. اُنھن جميله جي ٻڍڙي پيءُ عبدالعزيز ۽ سندس ڀيڻويي احمد کي ڏاڍو ماريو ۽ ٿڏا ھنيا. جميله جي وڏيءَ ڀيڻ نفيسه ۽ ماءُ زبيدہ کي ڪُٽيائون ۽ گنديون گاريون ڏنائون. سڀ ڀاتي ڊنل ۽ ھراسيل ھئا. آخر جميله کانئن پڇيو ته ”ڪھڙي ڏوھه جي پاداش ۾ ساڻن اھڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي؟“
    ھنن کانئس ٻنھي مجاھدن جي باري ۾ پڇيو. جميله لاعلميءَ جو اظھار ڪيو ته فرانسيسي آفيسر ڪنھن وحشي جانور جيان رومڙ ڪري، سندس وارن مان کڻي ورتو ۽ زمين تي گھلي کيس ٿُڏا ھڻڻ لڳو.
    ايڏي تشدد کان پوءِ به ھو جميله کان ڪو راز معلوم ڪري نه سگھيو، ته ھن عبدالعزيز، احمد ۽ جميله، ٽنھي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ کين پاڻ سان وٺي ويو. کين الجيرو جي مشھور جيل فرانسينسز ۾ آندو ويو، جيڪو ايذائن ڏيڻ جو پھريون مرڪز ھو. جميله کي ھڪ زير زمين تھ خاني ۾ بند ڪيو ويو- ٻئي ڏينھن تحقيقات شروع ٿي، ھنن کانئس آزاديءَ جي سورمن جي سرگرمين جي باري ۾ تفصيل پڇڻ گھريا ٿي، پر جميله ھڪ به اھڙو لفظ وات مان نه ڪڍيو، جنھن ذريعي اُنھن مجاھد ساٿين جي خبر ملي سگھي يا کين نقصان پھچي سگھي.
    جڏھن فرانسيسي، وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ به کانئس آزاديءَ جي مجاھدن جي باري ۾ ڪجھ به معلوم نه ڪري سگھيا، ته ڪاوڙ ۾ اچي، مٿس وڌيڪ وحشياڻا ظلم ڪرڻ لڳا. ھن جي جسم تي پاتل لباس پٽي، ڦاڙي، ذريون ذريون ڪيو ويو- ھن جي ننگي جسم کي سپاھين چوڪون ڏنيون، سُيون چُڀايون ۽ ٻرندڙ سگريٽن سان داڳ ڏنا- جميله رڙ ڪئي ٿي يا تڙڦي ٿي ته وحشين ٽھڪ ڏيڻ شروع ٿي ڪيا. سندس بد اخلاقيءَ جي انتھا اھا ھئي ته مظلوم نياڻيءَ کي ان ننگي حالت ۾ ئي سندس پيءُ ۽ ڀيڻويي جي روبرو وٺي ويندا ھئا، ۽ کانئس سندس ٻين ساٿين بابت پڇا ڳاڇا ڪندا ھئا- پر جميله سدائين خود اعتماديءَ سان ھڪ ئي جواب ڏيندي ھئي:

    ”آءٌ الجزائري آھيان، ۽ ٻين الجزائرين سان ڪنھن به حالت ۾ غداري نٿي ڪري سگھان!“

    ڪجھ ھفتن کان پوءِ جميله کي البيار جي فوجي چوڪيءَ ۾ موڪليو ويو. ھيءُ ايذاءُ رسانيءَ جو ٻيو مرڪز ھو، جتي ڏوھارين کي وڌيڪ سزائون ڏنيون وينديون ھيون. انھن سزائن کي ٻئي درجي جو سزائون ڪوٺيندا ھئا. ھتي پھچي، تشدد ۽ ظلم جو ھڪ نئون سلسلو شروع ٿيو- کيس پيرن ۾ رسو ٻڌي، اونڌو لٽڪايو ويندو ھو، ۽ پاڻيءَ جي ٽب ۾ غوطا ڏياريا ويندا ھئا. ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ کيس ھيٺ لاھيندا ھئا، ۽ فوجي سپاھي مٿس وڌيڪ تشدد ڪندا ھئا، کيس ٿڏا ۽ ٺونشا ھڻندا ھئا. ھن کي ايترو ته ماريو ويو، جو ھن ويچاريءَ جي ھڪ پاسراٽي ڀڄي پئي. ھوءَ درد ۽ پيڙا کان تڙپڻ لڳندي ھئي ته وحشي سپاھي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندا ھئا. پنج ڏينھن لاڳيتا ھيءَ ظلم ۽ درندگيءَ جي راند جاري رھي. ان کان پوءِ کيس ٻيءَ فوجي چوڪيءَ، حسين وي ۾ موڪليو ويو. ھيءُ وڌيڪ ايذائيندڙ سزائن جو ٽيون مرڪز ھو، جتي مٿس ڏاڍ ۽ جبر جو نئون طريقو آزمايو ويو. ھن جي جسم جي حساس حصن تي ڪاغذ چنبڙائي، اُن تي بجليءَ جو ڪرنٽ لڳايو ويندو ھو. جنھن وقت ڪرنٽ بند ڪيو ويندو ھو، ته سندس جسم تي فوجي ٺونشي بازيءَ جي مشق شروع ڪندا ھئا. ڳَلن تي ٻرندڙ سگريٽن جا ڏنڀ ڏنا ويندا ھئا. ھن مرڪز ۾ جميله کي ھڪ شرمناڪ ايذاءُ ڏنو ويو. کيس ننگو ڪري، ھڪ خاص انداز ۾ ٻڌو ويو، ۽ سندس مخصوص عورتاڻي عضوي ۾ بيئر جي ھڪ خالي بوتل جي ڳِچي لنگھائي ويئي. ھن بي شرمائيءَ واري وحشي عمل سبب، مظلوم نياڻي تڪليف جي شدت کان بيھوش ٿي ويئي. سندس جسم مان رت وھڻ شروع ٿي ويو. ۽ فرانسيسي فوج جي بي حس درندن، کيس انھيءَ حالت ۾ کڻي، سندس ڪوٺڙيءَ ۾ وڃي ڦٽو ڪيو. ٻن ڪلاڪن جي لڳاتار بيھوشيءَ کان پوءِ ھوءَ ھوش ۾ آئي ته پنھنجي مٿي کان فوج جي ھڪ جاسوس ڇوڪريءَ کي موجود ڏٺائين. اُن پاڻ کي سياسي قيدي ظاھر ڪندي، جميله کي چيو:
    ”منھنجي مٺڙي ڀيڻ! ھي حرامي، جمال ۽ مراد جي پٺيان آھن، ۽ کين ترت ئي ڳولي وٺندا. سندن جان خطري ۾ آھي. منھنجو ڀاءُ ملاقات لاءِ آيو آھي. تون سندن پتو لکي ڏي، ته ھو کين ڪنھن محفوظ ھنڌ تي پھچائي ڇڏي.“ ھن ڇوڪريءَ جنھن جو نالو زينب ھو، نھايت رازداڻي انداز ۾ چيو. پر جميله چالاڪ ۽ ذھين ھئي، ۽ اُن قسم جي سياسي چالن کي چڱيءَ طرح ڄاتائين ٿي. ھن سور ۾ تڙڦندي جواب ڏنو:
    ”آءٌ ڪنھن جمال يا مراد کي سڃاڻان ئي ڪانه-
    ھن وقت مون کان ڪجھ به نه پڇ....!“
    - جميله جي گرفتاريءَ کان اٽڪل پنج ڇھ مھينا اڳ، فرانسيسي پوليس، الجيرز جي ھڪ ڪيفي (ھوٽل) مان ھڪ ٽائيم بم ھٿ ڪيو ھو- ھاڻي ٻين الزامن سان گڏ ھڪڙو ھيءُ الزام به جميله تي عائد ڪيو ويو ھو ته ڪيفي ۾ بم ھن رکيو ھو، پر ھوءَ مسلسل ان الزام کان انڪار ڪندي رھي.
    لڳاتار 33 ڏينھن، جميله کي تمام ڏکيا جسماني عذاب رسايا ويا. ھن جي پوڙھي پيءُ کي، جنھن جي عمر ستر سالن کان به مٿي ھئي، ڏاڍو ماريو ويو. ڀيڻويي کي ڏاڍيون مارون ڏنيون ويون. ھن جي گھر ۾ وڃي، سندس ڀيڻ ۽ ماءُ کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو- ھن جي گھر جا در، دريون ۽ فرنيچر، فرانسيسي سپاھين ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيا. گھر جي عورتن جي بي حرمتي ڪئي ويئي ۽ کين ڊيڄاريو ويو، پر ڪوبه ڦل نه نڪتو- نه جميله ايذائن کان ڊڄي، مٿس مڙھيل غلط الزامن کي مڃيو، نه پنھنجي وطن پرست ساٿين جي باري ۾ معلومات ٻڌائي، ۽ نه ئي سندس گھر جي ڀاتين، ڌمڪين کان ڊڄي، محب وطن ۽ آزادي- پرستن جي ڪنھن راز تان پردو کنيو.
    حد کان وڌيڪ تشدد ۽ وحشياڻا ظلم سھندي، جميله اڌ- مئي ٿي چڪي ھئي. گرفتاريءَ کان وٺي لاڳيتو 33 ڏينھن تائين رات ڏينھن مٿس تشدد ڪيو ويندو ھو. ۽ نيٺ 17- جون تي سندس ڪيس فوجي عدالت ۾ پيش ٿيو، ۽ ان ڊگھي عرصي ۾ پوليس يا فوج، ھن جي خلاف ھڪ به ثابتي مھيا ڪري نه سگھي.
    جميله، فرانسيسي پوليس ۽ فوج جي خلاف ھڪ تفصيلي درخواست ڏني، جنھن ۾ ھن اُھي سڀ حالتون بيان ڪيون، جن ھيٺ ھن تي تشدد ڪيو ويو ھو. ھن ڪيترن اھڙن ماڻھن جا نالا به اُن درخواست ۾ درج ڪيا، جيڪي ھن جي سچائيءَ جي شاھدي ڏئي سگھيا ٿي، ۽ فرانسيسين جي انسان سوز حرڪتن کي تفصيل سان پنھنجيءَ درخواست ۾ بيان ڪندي لکيائين ته فرانسيسي سپاھين سندس ھٿ پير ٻڌي کيس اونڌو لڙڪايو، ۽ کيس ڀيانڪ سزا ڏني- سندن وحشياڻي ڪاروائيءَ جي نتيجي ۾ ھوءَ درد ۽ تڪليف جي شدت کان تڙڦندي، بيھوش ٿي ويندي ھئي، ۽ لڳاتار ٻن ڪلاڪن تائين مٿس بيھوشي طاري ھوندي ھئي- ۽ جڏھن ھوءَ ھوش ۾ ايندي ھئي ته مٿس وري نئين سِر تشدد شروع ڪيو ويندو ھو.
    جميله پنھنجيءَ درخواست ۾ لکيو ته فرانسيسي آفيسرن، مٿس جسماني ۽ ذھني ايذائن ڏيڻ جو جيڪو سڀ کان گندو ۽ اخلاق کان ڪريل طريقو استعمال ڪيو، اُھو ھيءُ ھو ته سندس اگھاڙي جسم تي، رت ٽمندڙ زخمن کي نمايان ڪري، ان ئي حالت ۾ کيس اگھاڙو ئي اگھاڙو، پيءُ ۽ ڀيڻويي جي روبرو آندو ويندو ھو- ۽ اھڙيءَ طرح اسان ٽنھي کي انتھائي شديد ذھني پيڙا ۾ مبتلا ڪيو ويندو ھو.
    اُن کان پوءِ ھنن ٽنھي کي جدا جدا جيلن ۾ موڪليو ويو- جيتوڻيڪ کين ھڪ ئي الزام ۾ ھڪ ئي گھر مان گرفتار ڪيو ويو ھو- کين ڌار ڌار رکڻ ۾ فرانسيسي آفيسرن جي اھا مصلحت لڪل ھئي ته ھو عدالت ۾ ھڪ ئي قسم جي تشدد جي انداز جي شڪايت ڪري، ھڪ ٻئي جي بيان جي تصديق نه ڪري سگھن، ۽ تھذيب ۽ تمدن جي ھنن ڪوڙن حامين جي منھن تان بربريت جو پردو کڄي نه سگھي!
    فرانس جي ھڪ قابل قانوني ماھر عورت، جسلي حليميءَ کي 29- مارچ جو لکيل خط، مختلف شھرن جي ٺپن (مُھرن) سان مليو- ”اوران“ جي ويجھو موجود بوسو ڪئمپ جي ھڪ نظربند کيس التجا ڪئي ھئي ته سندس ڀيڻ جميله بوپاشا، الجيريا جي سول جيل ۾ نظربند آھي، اُن کي قانوني مدد جي ضرورت آھي.
    نيڪ سيرت قانوندان عورت، ھن خط جي جواب ۾ پنھنجي رضامندي ظاھر ڪئي ۽ جميله سان ملڻ جو وعدو ڪيو. ھن وڏيءَ ڪوشش ۽ جدوجھد سان پاسپورٽ ٺھرايو ۽ الجيريا پھتي. منزل تي پھچي، ھوءَ جميله سان ملاقات لاءِ رواني ٿي ويئي.
    جميله کي ڏسندي ئي ھيءَ قانوني دانشور عورت بيحد متاثر ٿي، کيس ھن مِرگھ- نيني وينگس جي معصوم چھري تي ھڪ سچيءَ محب وطن سورميءَ جو نُورُ ۽ ڏَيا نظر آئي، ۽ ھوءَ پھرينءَ ئي نظر ۾ سندس لاءِ سچي ھمدردي محسوس ڪرڻ لڳي، حليميءَ سندس بيان ورتو، ۽ محسوس ڪيو ته جميله کي سڀني وحشياڻين سزائن کان وڌيڪ اُن انتھائي ڪريل بوتل واريءَ سزا جو صدمو پھتو ھو، جنھن وسيلي نه رڳو ھن جو جسم، پر ذھن ۽ احساسُ به زخمي ٿي چڪا ھئا. ھن پنھنجي بيان ڏيڻ دوران وري وري اھا ڳالھ ورجائي، حليميءَ لکيو آھي ته ھوءَ جميله جي دل ڀڄائيندڙ بيان کي غور سان ٻڌي رھي ھئي، جا سنجيدہ آواز ۾ چئي رھي ھئي:
    ”اھو صحيح آھي ته آءٌ ”نيشنل لبريشن فرنٽ“ جي ڪارڪن آھيان. آءٌ ھڪ وطن- پرست ڇوڪري آھيان ۽ الجيريا جي آزاديءَ لاءِ خوشيءَ سان سِر ڏينديس! مگر افسوس اھو اٿم ته ھنن (فرانسيسي درندن) مون سان جيڪو اخلاق سوز تشدد ڪيو آھي، اُھو انسانيت کان ڪريل، غير انساني ۽ وحشياڻو ھو- حسين وي ۾ ته ماڻھپي کان عاري درندا موجود ھئا. اُنھن مون کي بجليءَ جا جھٽڪا ڏنا، ۽ منھنجي منھن ۾ ٿُڪون ھنيون. ھي وحشي منھنجي جسم تي شراب ھاريندا ھئا، منھنجي جسم تي دُکيل سگريٽن سان ڏنڀ ڏيندا ھئا- ۽ پنھنجي اِن عمل تي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندا ھئا- ھنن منھنجي ڇاتين سان بجليءَ جا اسڪاچ ٽيپ ٻڌي ڇڏيا- ۽ پوءِ..... ھاءِ!.... ھاءِ! آءٌ اوھان کي ڇا ٻڌايان؟ ڪيئن بيان ڪريان اھو ظلم؟.... بيھودي ۽ مڪروہ حرڪت- جنھن کي ھنن ٽئين درجي جي سزا ڪوٺيو ٿي-!“
    اِھو چوندي چوندي، مظلوم ڇوڪريءَ جو رنگ ڦِڪو ٿي ويو. ھوءَ ذھني ڪشمڪش ۾ ڦاسي، سوچڻ لڳي ته پنھنجو مافي الضمير ڪيئن ظاھر ڪري- پنھنجي قانوني مشير جي سامھون به ھوءَ اُن بيان کي زبان تي آڻيندي، شرم ۾ ٻڏي ويندي ھئي- حليميءَ کيس حوصلو ڏياريو ۽ آٿت ڏني:
    ”پر حقيقت ۾ اھو سڀ ڪجھ ڏاڍو ڀوائتو ۽ شرمناڪ آھي- آءٌ نٿي ڄاڻان، ته ڪڏھن ان حقيقت بابت زبان به کولي سگھنديس!“
    ھن ڪجھ وقفي کان پوءِ، حليميءَ جي بيحد اصرار تي ڳالھايو:
    ”ڏسو نه ھنن ..... ھڪ بوتل ..... منھنجي ..... توھان سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو نه ..... مون ان لاءِ پنھنجيءَ اپيل ۾ طبي معائني ڪرڻ لاءِ لکيو ھو..... حقيقت ۾ مون کي ڊپ آھي ته شايد منھنجي ..... ڪنوارپ زخمي ٿي چڪي آھي .....!“
    ۽ ويچاري ڇوڪريءَ جو آواز ڀرجي آيو- حليمي ڏاڍي متاثر ٿي، ۽ کيس پيار ۽ پاٻوھه مان يقين ڏيارڻ لڳي:
    ”منھنجي پياري! يقين ڪر، اسان اُنھن ظالمن کي بي نقاب ڪنداسون. اسان ھڪ اپيل ذريعي حڪومت کي مجبور ڪنداسون، ته نئين سر تحقيقات ڪئي وڃي- ۽ ضرور حق جي فتح ٿيندي!“
    حليميءَ جميله کي آٿت ڏني، ۽ ھوءَ سڏڪندي چوڻ لڳي:
    ”ھن ساھه- نپوڙيندڙ ايذاءَ، مون کان ٻيو سڀ ڪجھ وسارائي ڇڏيو، نه ته ھنن مون سان الائي ڪھڙيون ڪھڙيون بي حيائيءَ جون حرڪتون ڪيون آھن! ھيءُ ڏسو!“
    ھن حليميءَ جو ھٿ وٺي، پنھنجي کاٻي پاسراٽيءَ تي رکندي چيو- حليميءَ اُتي چڱو اُڀار محسوس ڪيو، ۽ ھوءَ ڇرڪي پئي.
    ”ھيءُ ڇا آھي؟“ ھُن پڇيو.
    ”ھيءُ ڇاته بردار فوج جي نشاني آھي. ھنن مون کان چورائڻ پئي گھريو ته ”آءٌ نيشنل لبريشن فرنٽ“ جي ميمبر ٿيڻ تي شرمسار آھيان. پر آءٌ ڪٿي ٿي چوان؟ مون کي ته اُن ڳالھ تي وڏو فخر آھي. مون انڪار ڪري ڇڏيو- ته ھنن مون کي وارن مان جھلي ٿڦڙ ھنيا ۽ مون کي زمين تي ڪيرائي، بوٽن جي ٿڏن سان منھنجون پاسراٽيون ڀڃي وڌيون. ھاڻي ھيءُ اُڀار دائمي بڻجي ويو آھي، ۽ آءٌ ڪڏھن به سوڙھو جئڪيٽ پائي نه سگھنديس.“
    ھن نھايت معصوميت مان چيو. حليمي کيس حد درجي جي دلجاءِ ڏئي، موڪلائي رواني ٿي.
    18- مئي ڪيس جي سماعت جي تاريخ مقرر ٿي. جميله جي وڪيل کي 14 کان 19- مئي تائين الجزائر ۾ رھڻ جي اجازت ملي. اُن کان وڌيڪ ڏينھن ھوءَ اُتي رھي نه ٿي سگھي. وڪيل کي مقدمي جي تياريءَ لاءِ فقط ٽيھن ڪلاڪن جي مھلت ڏني ويئي. عدالت ۾ پيش ٿي، جميله، پوليس ۽ فوجي آفيسرن جي ظالماڻي ورتاءَ ۽ تشدد جي شڪايت ڪئي، ۽ تحقيقات جو مطالبو ڪيو، ته عدالت سماعت 17- جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي- ھيءُ عرصو، پوريءَ تحقيقات لاءِ نا ڪافي ھو.
    ھڪ فرانسيسي ڊاڪٽر، جميله بُوپاشا جو طبي معائنو ڪيو، ۽ پنھنجي رپورٽ ۾ ظاھر ڪيو ته جميله جي جسم تي تشدد جا نشان موجود آھن- پر اُن رپورٽ جو ڪو خاطر خواھه نتيجو نه نڪتو، نه ئي ڪنھن آفيسر کان اُن سلسلي ۾ ڪا پڇا ڳاڇا ٿي. اٽلندو جميله جي خلاف تمام گھڻن الزامن جي لسٽ تيار ٿي ويئي، ۽ ھنن الزامن کي ثابت ڪيو ويو:
    1. ھن، الجزائر جي ڪيفي ۾، جتي فرانسيسين جي تمام گھڻي اچ وڃ رھندي ھئي، ھڪ ٽائيم بم رکيو.
    2. جميله بُوپاشا، محاذ تي وڙھندڙ حريت- پسندن کي امداد ۽ ھٿيار پھچائيندي ھئي.
    3. ھن، لبريشن فرنٽ جي مجاھدن کي پنھنجي گھر ۾ پناھه ڏني ھئي.
    4. جميله بُوپاشا تشدد پسند آھي. ھن تشددي سرگرمين ۾ ڪيترا ڀيرا ٻين حريت پسندن سان ساٿ ڏنو آھي، ۽ فرانسيسي حڪومت کي نقصان پھچائڻ ۾ وڌ کان وڌ حصو ورتو آھي.

    فوجي عدالت، جميله کي صفائيءَ ۾ ڪنھن شاھد پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، البت سرڪاري استغاثي جي شاھديءَ لاءِ ھڪ چري مائيءَ کي پيش ڪيو ويو، جيڪا پاڳل خاني ۾ بيمار ھئي. ان کان پوءِ ھڪ لکت پيش ڪئي وئي، جنھن کي جميله بُوپاشا جي ڏوھه مڃڻ جو اقرارنامو قرار ڏنو ويو. صحيح به باقائدي موجود ھئي. جميله عدالت ۾ کُلم کلا اعلان ڪيو ته ھن ڪنھن به اھڙيءَ لکت تي صحيح نه ڪئي آھي- ھن فوجي عدالت کي مخاطب ٿي، وڏيءَ دليريءَ سان چيو:
    ”مون، جنھن صورت ۾ ڪوبه ڏوھه ڪونه ڪيو آھي، اُن ڪري ڏوھه جي اقرار جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي سگھي. ھنن مون کي بلڪل غير قانوني طور گرفتار ڪيو آھي، ۽ ڪيتري وقت کان وٺي ناحق بند ۾ رکيو آھي. منھنجي خلاف ھنن وحشي ۽ مڪار پوليس آفيسرن ۽ فوجي حاڪمن بنھ غلط الزام گھڙيا آھن، ۽ ھيءَ لکيت به سندن شرمناڪ جعل سازيءَ کان وڌيڪ ڪابه حقيقت نٿي رکي!“
    عدالت جي ايوان ۾ فقط ھن شينھڻ جو آواز گونجي رھيو ھو. ڪجھ گھڙين لاءِ باطل جون قوتون ڄڻ ته سُن ٿي ويون- ماحول تي ھڪ قسم جي ماٺار ڇانئجي ويئي. سرڪاري ڌُر کي لاجواب ڏسي، جج جميله ڏانھن ڪرڙيءَ اک سان گھوريو:
    ”اسان کي ھن ڇوڪريءَ جي ديدہ دليريءَ تي سخت حيرت آھي.“
    ھڪ پوليس آفيسر جج جي رويي تي جرئت مان چيو:
    ”ھي سڀ باغي اھڙا ئي ھوندا آھن.“
    ”خير! ھن باغي ڇوڪريءَ تي الزام ثابت ٿي چڪو آھي. ايندڙ تاريخ تي فيصلو ٻڌايو ويندو-“
    جج گرجندڙ آواز ۾ چيو- ۽ عدالت ملتوي ڪري ڇڏي. لاقانونيت جي ھن عدالت جو انصاف به تعصب سان ڀريل ھو.
    جميله جي دل مايوسيءَ جي گھراين ۾ ٻڏي ويئي. کيس ھن عدالت جو رويو، ڪٽرپڻي وارو ۽ انصاف کان ڏور معلوم ٿيو- ۽ اميد جو آخري ڪرڻو به مايوسين جي اونداھيءَ چادر ۾ وڃائجي ويو.
    15- جولاءِ 1960ع، فيصلي جي تاريخ مقرر ٿي، فوجي عدالت جو ايوان، اُداس ۽ خاموش محسوس ٿيو. جميله جي ڪنھن مائٽ کي روبرو فيصلي ٻڌڻ جي اجازت نه ملي. جميله جون ڳولائو نگاھون، پنھنجي چوڌاري ڪنھن پياري مُھانڊي کي ڳولي رھيون ھيون، پر کيس چؤطرف جلادن ۽ ظالمن جا ڀوائتا چھرا ڏيکائي ڏيئي رھيا ھئا، جن کي عياشين ڦٽائي ڇڏيو ھو- ۽ اُن وقت ھڪ طنز ڀريل مڪروھه مسڪراھٽ، ماحول کي اڃا به وڌيڪ مڪروھه بڻائي ڇڏيو ھو.
    عدالت جي بيٺڪ ٿي. جميله کي پيش ڪيو ويو، ۽ جج کيس موت جي سزا جو حُڪم ٻڌايو.
    ھيءَ خبر باھه جيان سڄي دنيا ۾ نشر ٿي وئي. سڄيءَ دنيا ھن فيصلي جي خلاف احتجاج جو آواز بلند ڪيو. فيصلي ڪندڙ طاقتن وٽ دنيا جي ھر ملڪ مان احتجاجي تارون پھتيون، جن ۾ ھن فيصلي کي رد ڪرڻ جي اپيل ھئي. سڀني ملڪن جي آزادي- پسند ماڻھن ھن انڌي فيصلي جي ڀرپور مذمت ڪئي. سياسي اڳواڻن، شاگردن ۽ اديبن ھڪ راءِ ٿي ھن سزا جي منسوخيءَ جو مطالبو ڪيو.
    اِن وٺ وٺان جي ڪري، الجزائر جي حاڪمن کي، بالا آفيسرن پاران، جميله بُوپاشا جي موت جي سزا منسوخ ڪرڻ جو حُڪم مليو- ۽ سندس اپيل کي اڳيان رکي، سندس مقدمي جي سماعت ۽ تحقيقات نئين سر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ۽ کيس عدالت مان نڪرندي ئي حفاظتي پوليس، پنھنجي قبضي ۾ وٺي، ’ڪين‘ جي جيل ۾ پھچائي ڇڏيو، جتي سندس مقدمي جي سماعت نئينءَ عدالت ۾ ٿيڻي ھئي.
    حليميءَ، جميله جي بچاءَ لاءِ نَنھن چوٽيءَ جو زور لاتو. مئجسٽريٽ به انصاف- پسند ماڻھو ھو. ھن نھايت دلچسپيءَ سان ڪيس ھلايو، پر جيئن ته سندس اختيار محدود ھئا، اُن ڪري ھن جميله جي آڏو ڪجھ شرط پيش ڪيا- ته ھوءَ پنھنجي آزاديءَ جي بدلي ۾ پنھنجيءَ زبان کي فرانسيسي پوليس ۽ فوج جي ظلمن جي داستان بيانيءَ کان ھميشہ لاءِ روڪيندي، ته کانئس ”نيشنل فرنٽ“ ۽ اُن جي سرگرمين بابت ڪابه پڇا ڳاڇا نه ڪئي ويندي.
    ۽ اِن رٿ سان گڏ عدالت برخواست ٿي.
    اُن بعد الجزائر جي ھن بھادر سورميءَ کي سياسي قيديءَ جي حيثيت سان برٽني ۾ رينز جي جيل ۾ قيد رکيو ويو، جتي ٻيون به ڪجھ آزادي- پسند الجزائري ڇوڪريون قيد ھيون.
    جميله کي پنھنجي زندہ بچڻ تي سڀ کان وڌ اِن ڳالھ جي خوشي ھئي، ته ھوءَ پنھنجيءَ ۽ پنھنجن ساٿين جي قربانين کي سفل ٿيندي ڏسي سگھندي- ھوءَ پنھنجي پياري وطن کي آزاد ۽ خودمختيار ڏسي سگھندي-
    ’نيشنل لبريشن فرنٽ‘ جي مجاھدن جي قربانين نيٺ رنگ لاتو، ۽ ”ايويان“ جي معاھدي ھيٺ سڀني سياسي قيدين ۽ نظربندن کي آزاد ڪيو ويو.
    - اھو 21- اپريل 1963ع جو سڀاڳو ڏينھن ھو، جڏھن جميله جھڙيءَ محب وطن مجاھدن جون قربانيون ڪم آيون، ۽ الجزائر مان فرانسيسي تسلط جو خاتمو اچي ويو-
    جميله اِن ڏينھن ڏسڻ جي خواھشمند ھئي، ۽ سندس چاھه، قربانيءَ ۽ جدوجھد کيس اُھو ڏينھن ڏيکاريو-!


    زويا اناطوليا

    (اشتراڪي روس جي ھڪ عظيم سرويچ ڌيءُ، جيڪا وطن جو دفاع ڪندي، نازي بگھڙن جي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻي- ۽ مادر وطن جي حفاظت لاءِ قربان ٿي، اَمر بڻجي ويئي!)

    1941ع جي شروعات جو ذڪر آھي. ماسڪو جي اسڪول نمبر 201 ۾، ڏھين درجي جي ھڪ شاگردياڻي، اسڪول جي روح روان ھئي. ھن جي پُرڪشش شخصيت کان سندس اسڪول جون ٻيون شاگردياڻيون بيحد متاثر ھيون. ھيءَ ڊگھي قد، ڀريل جسم، ويڪرن ڪُلھن واري ارڙھن ورھين جي وينگس، مرداڻي ڏَيا واري ھئي. پر ٺھيل ٺڪيل عضون ۾ بدستور زناني نزاڪت موجود ھئي- ھن جي زيتوني رنگ ۾ صحتمند سُرخي جرڪندي ھئي. ڪارين تيز اکين ۾ زندگيءَ جي تڙپ سان ڀرپور وڄون رقص ڪندي نظر اينديون ھيون. خوبصورت ويڪريءَ پيشانيءَ تي دائمي حياتيءَ جو نُور ھو. ڪارن ڀَنڀَن وارن ۾ پَٽَ جھڙي نرماڻ ۽ چمڪ ھئي. دلڪش چپن جي اوٽَ مان استقلال ۽ جانبازي جھلڪي رھي ھئي، ۽ آواز ۾ روشن آئيندي جي حسين گيتن جي گونجار سان گڏ عزم ۽ پختگيءَ جو ڌيرج ھو.
    زويا من- موھيندڙ شخصيت رکڻ سان گڏو گڏ ذھانت ۽ سياڻپ ۾ به سڄي اسڪول ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ ھئي- ھوءَ ھم سبقن ۾ محبوب ۽ استادن ۾ بيحد مقبول ھئي.
    ھن ارڙھن ساله وينگس جو نالو؛ زويا اناطوليا ونا دلميا نسڪليا ھو. ننڍپڻ ۾ ئي ھن جي مٿي تان پيءُ جي شفقت جو پاڇو ھٽي ويو ھو. ھن جي ماءُ ليوبود تموفيادنا، ھڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي ھئي ۽ پنھنجن ٻنھي پيارن ٻارن زويا ۽ اشورڪ سان گڏ اليگزينڊر رولين تمر بازو پارڪ ۾ ھڪ ننڍڙي، پر صاف سٿري سھڻي گھر ۾ رھندي ھئي.
    زويا، جيتوڻيڪ رڳو اسڪول جي شاگردياڻي ھئي، پر نھايت بلند ادبي ذوق رکندي ھئي. ڪنھن مضمون ۾ معلومات جي ذخيري لاءِ ھوءَ رڳو نصابي ڪتابن تي نه ڀاڙيندي ھئي، پر ان سلسلي جي ٻين ڪتابن مان فائدو وٺي، وڌ کان وڌ معلومات ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي. ڄاڻو استادن کي ھن جي لکيل مضمونن ۾ ڪٿي پشڪن، گوگول ۽ بلنسڪي جو تاثر نظر ايندو ھو، ته ڪٿي ٽالسٽاءِ ۽ چيمر منيشوسڪائي جي لکڻين جا ٽڪرا ۽ حوالا ڏسڻ ۾ ايندا ھئا، جي ھن ڏاھيءَ ۽ سنجيديءَ شاگردياڻيءَ جي وسيع مطالعي جا شاھد ھئا.
    روسي ادب ۽ تاريخ جو مطالعو، ھن جي من- پسند وندر ھئي، جنھن جي اثر ۾ ھوءَ ھر وقت گُم ھوندي ھئي. ھن جي وطن جي ادب ۽ تاريخ کي اڏيندڙ زندہ جاويد شخصيتون ۽ انھن جي تحريرن جا لازوال ڪردار، زويا جي ذھن ۾ سمائجي، ھن جي وجود جي ذري ذري ۾ رچي ويا ھئا، ۽ ھن جي شخصيت آھستي آھستي اُن قالب ۾ سمائجي پئي وئي، جيڪو سندس پيش رو دانشورن، پنھنجي ”آئيڊيل“ ڪردارن لاءِ بڻايو ھو. ھوءَ سندس ذھن جي تخليق ڪيل وسيع دنيا ۾ رھڻ لڳي. اُن دنيا جي آبھوا، ھن کي بلند حوصلا ۽ پُرجوش ولولا عطا ڪيا. ملڪ ۽ ملڪ- واسين جي لازوال محبت، ھن جي معصوم دل ۾ گھر ڪري چڪي ھئي- ۽ ھوءَ اُن عظيم جذبي سان سرشار ٿي وئي، جيڪو ھر قربانيءَ لاءِ اُڀاري ٿو، ۽ اَجيت آھي.
    زويا، جڏھن پنھنجي ڪلاس پاران ليگ آرگنائيزر چونڊي وئي، ته ھن ليگ جي اجلاس آڏو سڀ کان پھرين ھيءَ تجويز رکي ته ’ليگ جو ھر ميمبر، گھٽ پڙھيل عورتن کي تعليم ڏيارڻ ۽ ڏيڻ جي سلسلي ۾ مدد جو ذمو کڻي‘ ۽ ھن، ترت ئي اِن تجويز کي عملي صورت ڏيڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني، جيڪا ڪافي حد تائين ڪامياب ثابت ٿي- جيتوڻيڪ ڪجھ عرصي کان پوءِ ھن جا ساٿي ايترا سرگرم نه رھيا، پر ھوءَ ذاتي طور اِن ڳالھ تي ڪاربند ۽ ڪوشان رھي- ۽ سندس ڪوششن جا خاطريءَ جھڙا نتيجا نڪتا.
    جنھن وقت زويا، ”ينگ ڪميونسٽ ليگ“ جي رڪنيت اختيار ڪئي ھئي، ته باوجود ننڍيءَ عمر جي شاگردياڻي ھئڻ جي ھوءَ ”امن ۽ جنگ“ جي موضوعن تي ڀرپور نموني ۽ دليلن سان بحث ڪري سگھندي ھئي. اُنھن مسئلن تي ھوءَ سرويٽس ۽ ڪٽوزو کان بيحد متاثر ھئي- چرمنيش وسڪائي جھڙي محب وطن جون لکڻيون، ھن جي رت کي ٽھڪائي چڪيون ھيون، ۽ ھوءَ وطنيت جي جذبي سان ڀرپور حوصلا، پنھنجيءَ ننڍڙيءَ دل ۾ سمائي، ڪنھن اھڙي وقت جو تصور پنھنجي ذھن ۾ کنيو وتندي ھئي، جڏھن پياري وطن جي خدمت جو مقدس فرض ھن کي سونپيل ھجي، ۽ ھوءَ اُن جي لڄ تان گھورجي وڃي.
    زويا، اڃا ڏھين درجي جو امتحان ئي پاس نه ڪيو ھو ته ٻي عالمگير جنگ جا انسانيت سوز شعلا، سندس پنھنجي وطن جي دامن کي به ڇُھڻ لڳا. نازي بگھڙ، جيڪي سڄيءَ دنيا جو امن تباھه ڪرڻ بابت سوچي چڪا ھئا، روس ڏانھن به متوجھ ٿيا-
    ھنن بالٽڪ کان ڪاري سمنڊ (Black sea) تائين 1800 ميلن جو ھڪ ڊگھو محاذ قائم ڪيو، ۽ 22- جون 1941ع تي اوچتو روس جي حدن ۾ داخل ٿي ويا. کين ”فيوھرر“ (ھٽلر) جو حُڪم ھو ته ھڪ مھيني اندر ئي لينن گراڊ کي فتح ڪري، ماسڪو تي نازي جھنڊو کوڙڻو آھي. پر روس اھڙو سڻڀو گرھه نه ھو، جھڙو ھٽلر ۽ اُن جا فاشسٽ ساٿي، ان کي سمجھي رھيا ھئا. اُھي فرانس، بيلجم ۽ يوگوسلاويه جي فتحن جي نشي ۾ چُور ھئا، ۽ اُن ئي نشي ۾ ھو پنھنجي نئين حريف جي صلاحيتن جو غلط اندازو ڪري ويٺا. ھن مرحلي تي سندن پالھو ھڪ اھڙي عوام سان پيو ھو، جنھن جو ٻچو ٻچو وطني جذبي سان سرشار ھو؛ جنھن ۾ زويا جھڙيون محب وطن نينگريون موجود ھيون.
    ۽ اُن ڏينھن ڪلاس جي ڇوڪرين محسوس ڪيو، ڄڻ زويا ڪنھن گھريءَ سوچ ۾ غرق آھي.
    ”ڪھڙيءَ سوچ ۾ گُم آھين، زويا؟“ ھڪ پڇيو.
    ”ڪو نئون ڪتاب پڙھيو ھوندائين! ھيءَ جڏھن به ڪو نئون ڪتاب پڙھندي آھي، ته ڪيترن ڏينھن تائين اُن ڪتاب جي ڪردارن ۾ کوئجي، اُنھن جي دنيا ۾ گم ٿي ويندي آھي. ساڻن گڏ خيالي زندگي گھارڻ ۾ ايڏو ته محو ھوندي آھي، جو اسان کي وساري ڇڏيندي آھي!“ ٻي چوڻ لڳي.
    ”نه، منھنجيون پياريون! ھن ڀيري اھڙي ڪا ڳالھ ڪانھي. ھن ڀيري ته اھڙيون سگھاريون حقيقتون اسان جي سامھون آھن، جو ڪنھن خيالي دنيا ۾ کوئجڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. منھنجي ڪَنن ۾ پنھنجي محبوب ڪامريڊ جي تقرير گونجي رھي آھي. ڇا، توھان ڪامريڊ اسٽالن جي تقرير ريڊيي تي نه ٻڌي آھي؟“ ھوءَ پڇڻ لڳي.
    ۽ ايتري ۾ ريڊيي تي اُن تقرير جو رڪارڊ ٻيھر دھرائجڻ لڳو. ڪامريڊ اسٽالن پنھنجي گنڀير آواز ۾ قوم کي خطاب ڪري رھيو ھو:
    ”منھنجا ھم وطنو! ساٿيو! وطن جا سپاھيو!
    آخري وقت اچي پھتو آھي. ھن وقت سمورو روسي عوام پنھنجي ملڪ جي حفاظت لاءِ ڪَفن سر سان ٻڌي نڪري اچي، ۽ فيصلو ڪري وٺي ته جيسين تائين اسان جي جسم ۾ رت جو آخري ڦڙو به موجود آھي، اسان پنھنجي شھرن ۽ ٻھراڙين کي دشمن جي قبضي ۾ وڃڻ نه ڏينداسون. اسان کي روس جي ڌرتيءَ جي ھڪ ھڪ انچ لاءِ ڪٽجي مرڻ کپي. ھن وقت ان ڳالھ جي سخت ضرورت آھي ته اسان جا صنعتي ڪارخانا رات ڏينھن ڪم ڪندا رھن، ۽ وڌ کان وڌ جنگي سامان تيار ڪن، ته جيئن محاذ تي بيٺل فوجن کي لاڳيتي رسد پھچي سگھي.“
    ”ته- پوءِ اسان کي اِن ڏس ۾ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ ڇوڪريءَ متاثر ٿي پڇيو.
    ”اسان کي گھڻو ڪجھ ڪرڻ کپي! اسان جو پيارو وطن خطري ۾ آھي، منھنجون ساٿياڻيون! اسان کي في الحال پنھنجون تعليمي سرگرميون ۽ مصروفيتون ملتوي ڪري، پنھنجي ڀائرن سان ڪلھو ڪُلھي ۾ ملائي ڪم ڪرڻ گھرجي. عورتون گھر جي ڪم ڪاڄ کي پاسيرو رکي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن، ٻنين ۾ ڪم سنڀالين ۽ مَردن کي محاذ تي دشمنن سان وڙھڻ لاءِ واندو ڇڏين.“. زويا وڏي جوش مان تقرير ڪئي.
    ”۽ تنھنجو ڪھڙو ارادو آھي؟“ ڇوڪريءَ پڇيو، ۽ زويا جي چَپن تي ھڪ گھري مُرڪ ڇانئجي ويئي:
    ”آءٌ؟ آءٌ فوج ۾ وينديس!“ ھن پنھنجي ويڪرن ڪُلھن کي تاڻي جواب ڏنو.
    اھو ٻڌي، ھن جون ساھيڙيون حيران ٿيون. پر ترت ئي کين زويا جي سچائيءَ جو ثبوت ملي ويو، جڏھن کين اُھو معلوم ٿيو ته ھوءَ سُرخ فوج جي گوريلا جٿن ۾ رضاڪار جي حيثيت سان ڀرتي ٿي ويئي آھي.
    ڀرتي ڪندڙ آفيسر، ھن ننڍيءَ عمر واريءَ، پردلير ڇوڪريءَ کي آزمائڻ لاءِ ڪيترائي سوال ڪيا، ھن جي ھمت کي آزمائڻ لاءِ کيس خوف ڏياريو ۽ ھن جي آڏو خطرن جو تصور پيش ڪيو. پر زويا جو ھر جواب تسلي بخش ۽ بيحد دليريءَ وارو ھو. آفيسر ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ ھن جي درخواست منظور ڪيائين. ھوءَ گھر موٽي ته ڏاڍي خوش ھئي. ماءُ کان موڪلائيندي ھن مُرڪيو ۽ سندس ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجھندي چيائين:
    ”امڙ! روئجان نه! پر منھنجي لاءِ دعا ڪجان ته جيئن آءٌ ھڪ سورميءَ جيان سوڀاري ٿي تو وٽ موٽي اچان، يا ھڪ سورميءَ (Heroine)وانگر بھادريءَ سان وطن تي گھورجي وڃان.“
    ۽ ھوءَ پنھنجي فرض تي قربان ٿيڻ لاءِ رواني ٿي ويئي.
    تن ڏينھين نازين جي يلغار ڏاڍي زوردار ھئي. اُھي ملڪ اندر پري پري تائين رنڀون ڪندا، لنگھي آيا ھئا. سندن سوڀون عُروج تي ھيون. ماسڪو لاءِ خطرو وڌي رھيو ھو. روس جي ھڪ تمام وڏي ايراضي، جرمنن پنھنجي قبضي ۾ ڪري ورتي ھئي.
    روانگيءَ جي ٻئي ڏينھن زويا ۽ ينگ ڪميونسٽ ليگ جا ٻيا ميمبر، جيڪي ھن سان گڏ ڀرتي ٿيا ھئا، پنھنجي مَھم تي روانا ٿي ويا. ھيءُ ڇاپامار گوريلا دستو، ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ابوخودو ۾ پھتو ۽ محاذ جي حدن وٽان لنگھي، دشمن جي والاريل علائقي ۾ پھچي ويو. ھيءُ علائقو گھاٽي جھنگ سان گھيريل ھو. زويا ۽ سندس ساٿي، ٻن ھفتن تائين اُنھن جھنگن ۾ لِڪا رھيا. اُھي ڏينھن جي وقت گھاٽن ٻوٽن جي اوٽ ۾ لڪا رھندا ھئا، پر سج لڙندي ئي پنھنجون سرگرميون شروع ڪري ڏيندا ھئا- ليڪن سخت ٿڌ ۽ برفباريءَ کان تنگ ٿي، اڪثر ميمبرن واپس وڃڻ جو اردادو ڪيو، پر زويا متفق نه ٿي. ھن وقت تائين ھنن جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون ھيون، يعني دشمن کي جيتريقدر نقصان پھچايو ھو، زويا اُن مان مطمئن نه ھئي. اُن ڪري ھن اُتي ئي رھڻ جو فيصلو ڪيو. ٻن ھفتن جي سخت مھم کان ڪَڪ ٿي، ڪيترا ماڻھو پنھنجي علائقن ۾ واپس ھليا ويا، پر زويا ۽ سندس ٻه ساٿي اڳتي وڌيا. ھاڻي ھنن جي منزل پيٽروشڪوف ھئي. پر منزل تائين پھچڻ کان اڳ اُھي ٻه ساٿي به ھن کي اڪيلو ڇڏي ويا. ھن ٻه راتيون خوفناڪ جھنگل ۾ اڪيلي گذاريون. ٽينءَ رات ويريا جو ڇاپامار اُن جھنگ ۾ اچي نڪتو. ھي ٻئي ڄڻا ڪيترن ڏينھن تائين گڏ ڪم ڪندا رھيا. ڏينھن جو ھڪ ئي پناھه گاھه ۾ لڪا رھندا ھئا. زويا پنھنجو نالو مصلحت طور ظاھر ڪرڻ نه گھريو، ۽ اُن جي پڇڻ تي ٻڌايائين ته کيس ”تانيا“ چوندا آھن. بھرحال، ھن ويريائي ڇاپامار نوجوان جي نشاندھيءَ موجب ڪجھ حلقن ۾ زويا جو نالو ئي ”تانيا“ مشھور ٿي ويو.
    ھڪ ڏينھن ھن پنھنجي ساٿيءَ کي چيو ته ھو دشمن جي ھڪ اھم اڏي ۾ داخل ٿي، اُن کي تباھه ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. ۽ ھوءَ اڪيلي رواني ٿي ويئي- ڏينھن جي وقت ھوءَ پناھه گاھه ۾ ويھي، بيچينيءَ سان اونداھيءَ ٿيڻ جو انتظار ڪندي رھي.
    پيٽروشڪوف، ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو، پر چئني طرفن کان گھاٽن جھنگلن سان گھيريل ھئڻ ڪري جرمنن جو ھڪ اھم فوجي اڏو ھو- ھن ڳوٺ جي ھر گھر ۾ ڏھه ڏھه، پندرھن پندرھن نازي سپاھي ترسيل ھئا، ۽ گھر جي مالڪن جي کاڌ- خوراڪ جي ذخيرن تي پلجي رھيا ھئا، ۽ ھنن جو سمورو ڪم ڪار ڳوٺاڻن کي ڪرڻو پوندو ھو.
    ھڪ رات زويا ڳوٺ ۾ پھچي، سڀ کان پھرين ٽيليفون جون تارون ڪاٽي ڇڏيون. اُن کان پوءِ طنبيلن کي باھه لڳائي، بيحد ڦڙتيءَ سان پنھنجيءَ پناھه گاھه ۾ موٽي آئي. ھوءَ ڏاڍي خوش ھئي ته سندس ھيءُ حملو ڪامياب رھيو ھو. ھن اِن حملي ۾ دشمنن کي ڪافي نقصان رسايو ھو.
    ٻئي ڏينھن صبح جو پيٽروشڪوف جي نازي ڪئمپ ۾ وڏي غم ۽ غصي جو اظھار ٿي رھيو ھو. جيتوڻيڪ اِن قسم جي نقصان جو ھيءُ ڪو پھريون موقعو ڪونه ھو، نه ئي ھيءُ ڪو اھڙو غير متوقع واقعو ھو، ڇوته ائين ھر روز ٿيندو رھندو ھو. روسي ڇاپا مارن، نازي سپاھين جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو ھو. اُھي اڪثر راتين جو کين گرم ۽ نرم بسترن مان ٻاھر نڪرڻ تي مجبور ڪري وجھندا ھئا، اُنھن کي پنھنجي پٺيان برف تي ميلن تائين ڊوڙائيندا رھندا ھئا. سندن ٽيليفون ڪٽي ڇڏيندا ھئا، ۽ رسد گاھن ۽ گودامن کي باھيون ڏيندا ھئا. ھنن جي ننڍن ننڍن جَٿن کي ماري مُڃ ڪندا ھئا، ۽ نازي سندن دز کي به پھچي نه سگھندا ھئا- ھڪ ته اُھي تمام گھڻي ٿڌ کان تنگ اچي چڪا ھئا، اُن ڪري گوريلن جي حملن کان گھٻرائيندا ھئا. پيٽروشڪوف ۾ ٽيليفون جو سلسلو ڪٽجي وڃڻ سبب نازين جو ھيءُ اَڏو ھيڊ ڪوارٽر کان ڪٽجي ويو ۽ پيغام اچڻ بنھ بند ٿي ويا. ھنن جا سوين گھوڙا سڙي مري ويا ۽ ڪيتروئي جنگي سامان سڙي رَک ٿي ويو.
    ٻيءَ رات پھريدارن کي اسپيشل ڊيوٽيءَ تي مقرر ڪيو ويو. ڊسمبر مھيني جي ٿڌي برفاني رات ھئي، ۽ نازي پھريدار پنھنجي ھن ناگوار ۽ تڪليف ڏيندڙ فرض جي پورائيءَ لاءِ مجبور ھو.
    اوچتو اوندھه ۾ ھڪ پاڇو اُڀريو ۽ آھستي آھستي احتياط سان وِکون کڻندو، ھيڏانھن ھوڏانھن نظر وجھندو، اُن وڏي طنبيلي طرف وڌيو، جتي جرمن سپاھين جا اٽڪل ٻه سؤ گھوڙا ٻَڌل ھئا. روسي ڇاپا مار جي ھٿ ۾ پستول ھو. طنبيلي جي دروازي تي پھچي، ھن پستول کي کيسي ۾ وڌو، ۽ پنھنجي ڪُلھي تي لڙڪيل فوجي ٿيلھي مان ”باھه ڏيندڙ گيس“ جي بوتل ڪڍي، جلدي جلدي اُن مادي کي زمين تي ھاريائين. ليڪن اُن کان اڳ جو ھو باھه دُکائي، پھريدار جھٽ ھڻي کيس پڪڙڻ گھريو، پر ڇاپا مار نھايت چابڪدستيءَ سان ھن کان پستول کسي ورتو ۽ اُن کي کنڀي کڻي زمين تي دسيائين. پر ھن اڃا باھه ئي نه ڏني ھئي ته پھريدار جي سيٽيءَ جي موٽ ۾ سپاھي موقعي تي پھچي ويا ۽ ڇاپا مار کي گرفتار ڪيو ويو. روسي ڇاپا مار نوجوان کي گرفتار ڪري، اُھي ماڻھو پنھنجي ڪمانڊر وٽ پھتا، جيڪو ھڪ ھاريءَ جي گھر پنھنجي فوجي دستي سميت رھيل ھو. ڪمانڊر حيرت مان کيس ڏسي رھيو ھو. ھن کي، ھن نوجوان جي دلڪش مھانڊي ۾ عورتاڻي نزاڪت ڏيکائي ڏئي رھي ھئي. ھن ڊگھي قد واري نوجوان کي سمور جي جيڪٽ پاتل ھئي، ۽ ڪنڌ تي فوجي ٿيلھو لٽڪي رھيو ھو. گھنڊيدار ڪارن وارن جون چڳون، ٽوپلي جي ھيٺان ظاھر ھيون. زيتوني رنگت واري چھري تي استقلال ھو، چمڪندڙ ڪارين اکين ۾ بيخوفيءَ ۽ مقابلي جي دعوت جي جھلڪ ھئي. ھن ڪمانڊر جي گھوريندڙ نگاھن ۾ ڪمال جرئت سان نھاريو.
    جنھن وقت ڪمانڊر جي حڪم سان سندس ڪپڙا لاٿا ويا، ته سپاھين جي واتان ھڪدم عجب گاڏڙ رڙ بلند ٿي:
    ”اڙي، عورت؟..... عورت ڇاپا مار!“
    ”ڇا اِھو ممڪن آھي؟“
    ۽ ھوءَ سڀني جي گھوريندڙ نظرن آڏو ڪنھن بي حس پھاڙ جيان بيٺل ھئي. جيتوڻيڪ ڪمانڊر جي حڪم سان ھن جي جسم کي بلڪل اگھاڙو ڪيو ويو ھو. فقط معمولي ڪڇو پاتل ھئس. گھر جي ڀاتين کي اندر ھلئي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو. اُھي سڀ ڀر واري رڌڻي ۾ بند ٿي ويا. پر ھنن جون دليون، ھن حوصلي مند ڇوڪريءَ جي حال تي روئي رھيون ھيون. ھنن ساھه سُڪائي، آوازن تي ڪَن لڳائي ڇڏيو. ڀر واري ڪمري مان ايندڙ ھڪ ڏھڪائيندڙ آواز سڀني جون دليون ڏڪائي وڌيون:
    ”ڪير آھين تون؟“
    چُپ ---
    ”آءٌ پُڇان ٿو، تون ڪير آھين؟ تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ ڪمانڊر وري رڙ ڪئي.
    ”ضروري ناھي ته آءٌ تنھنجن سوالن جا جواب ڏيان.“ سنھڙو زنانو آواز آيو.
    ”توکي ٻڌائڻو پوندو.“ ھن گجندي چيو.
    ”پر آءٌ نه ٻڌائينديس!“ پُر عزم جواب مليو.
    ”ڪالھ تو ئي اسان جي طنبيلن کي باھه ڏني ھئي؟“
    ”ھا، ھا! مون ئي ڏني ھئي!“ آواز ۾ ھڪ قسم جو فخر سمايل ھو.
    ”ڇو؟“ ڪمانڊر رنڀ ڪئي.
    ”صاف ظاھر آھي، اوھان جي جنگي وسيلن کي تباھه ڪرڻ لاءِ- جيڪي منھنجي ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ وارا ھئا“- زويا نھايت دليريءَ سان جواب ڏنو.
    ”تون اسان جي علائقي ۾ ڪڏھن آئينءَ؟“
    ”ٻه ڏينھن اڳ!“ ھن وراڻيو.
    ”پوءِ ته تو ڏاڍيءَ تيزيءَ سان ڪم شروع ڪري ڏنو!“ ڪمانڊر طنزيه انداز ۾ پنھنجا ڀرون تاڻي، پنھنجي سامھون بيٺل ننگي ڇوڪريءَ کي مسڪرائي گھوريو.
    ”وقت وڃائڻ جو ڪوبه ڪارڻ نه ھو. منھنجي آڏو ٻيا به گھڻا ڪم ھئا،“ ڇوڪريءَ نگاھن ۾ نفرت ڀري جواب ڏنو.
    ”توکي ھِن ڪم لاءِ ڪنھن مقرر ڪيو ھو؟“ ڪمانڊر وڌيڪ سوال ڪيو.
    ”ڇا مون کي خود پنھنجي وطن سان محبت نه آھي، جو آءٌ اُن جي دفاع لاءَ ڪنھنجي مقرريءَ جو انتظار ڪريان؟“ ھن پنھنجي آڏو بيٺل ديو قد نازيءَ کي گھوري، پاڻ سوال ڪيو، ته ھو سندس دليريءَ تي دنگ رھجي ويو.
    ”توسان گڏ ٻيا ڪيترا ماڻھو آھن ۽ اُھي ڪٿي لِڪل آھن؟“ ڪمانڊر وڌيڪ سوال ڪيو.
    ”آءٌ اڪيلي آھيان.“ ھُن جواب ڏنو.
    ”آءٌ اِھو نٿو مڃان!“ ڪمانڊر گجندي چيو.
    ”نه کڻي مڃ!“ ڇوڪريءَ بيپرواھيءَ سان جواب ڏنو.
    ”پر توکي اِن سوال جو جواب ضرور ڏيڻو پوندو“- ھن رڙ ڪئي. زويا نفرت سان ھن ڏانھن گھوريو، ۽ خاموش رھي.
    ”ٻڌاءِ! توکي اِھو ٻڌائڻو پوندو ته تنھنجا ساٿي ڪيتري تعداد ۾ آھن، ۽ ڪھڙيءَ جاءِ تي لِڪل آھن؟“ ھو جوش جي گھڻائيءَ سبب پنھنجيءَ ڪرسيءَ تان اُٿي بيٺو، ۽ ٺونشو تاڻي رڙ ڪيائين.
    زويا تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيو، ڄڻڪ ھِن جون غضبناڪ رڙيون، زويا جي ڪَنن تائين پھچي ئي نه رھيون ھيون.
    ”تون اِجھو ٿي ٻڌائين! جڏھن ڪَوڙن جا ڦھڪا ٿيندا، ته پاڻھي راز کوليندينءَ!“
    ۽ ھن ھڪ سپاھيءَ ڏانھن ھٿ وڌايو. سپاھيءَ ھڪ ڊگھو ڪَوڙو ھن جي ھٿ ۾ ڏنو، ۽ پاڻ پوئتي ھٽي بيھي رھيو. ھوا ۾ سرڙاٽ ٿيو ۽ ڪوڙن جي ڊيڄاريندڙ آواز سان ڪمري ۾ ڀيانڪ ماحول پيدا ٿي ويو. ڪيترن منٽن تائين ھيءُ عمل جاري رھيو.
    ”خدايا! ھي ڪنھن ڀِت کي ڪُٽي رھيا آھن، يا.....؟ ڪوڙن جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪو آواز ته ڪونه ٿو اچي!“ گھر ڌاڻيءَ سڏڪا ڀريندي چيو.
    گھر جا سڀ ڀاتي خوف کان ويڙھيا سيڙھيا بورچيخاني ۾ ساھه سُڪايون ويٺا ھئا. حقيقت ھيءَ ھئي ته پنجاھي کن ڪوڙا کائي به زويا جي مُنھن مان ھڪ به رڙ نه نڪتي- وطن جا سچا پرستار واقعي سڀني بيروني اثرن جي آڏو پھاڙ بڻجي ويندا آھن. ايتري قدر جو کين وطن جي مفاد جي آڏو پنھنجي جسم ۽ جان جو به احساس باقي نٿو رھي. مبارڪ آھن اُھي قومون، جيڪي اھڙن زندہ جاويد فردن کي جنم ڏين ٿيون، جن جو موت پڻ پنھنجيءَ قوم جي حق ۾ دائمي زندگي ۽ پائندگي بڻجي وڃي ٿو.
    ”ٻڌاءِ!“ ڪمانڊر ھانڀارو ھڻندي چيو.
    ”نه، آءٌ ڪجھ به نه ٻڌائينديس!“ زويا نھايت جوش مان جواب ڏنو. ھن جي جسم تي ڪوڙن جا نِيرا نِيرا داغ اُڀري آيا ھئا. کَل لھي، رت رِسڻ لڳو ھو. ڌَڪن کي برداشت ڪرڻ لاءِ چپن کي ڏندن ۾ ڀيڙي رکيو. ھن جا چپ سڄي پيا ھئا، پر سندس جرئت ۽ دليريءَ ۾ ڪوبه فرق نه آيو. ھن دشمن جي آڏو ظاھر ڪيو ته سندس ھيءَ ساري ڪوشش اجائي ويئي- ۽ ھن آواز ۾ به ھيڻائي پيدا ڪرڻ نه ڏني.
    فسطائي ڪمانڊر رنڀ ڪئي ۽ روسي ڇوڪريءَ کي مقابلي جي ڪوٺ ڏيندي، سندس اکين ۾ اکيون وجھي گھوريو. ھو ڪرسيءَ تي ساھي پَٽڻ لاءِ ويٺو، ۽ چئن نازي سپاھين کي حُڪم ڏنائين ته پنھنجا پَٽا لاھي، ھن نٺر ڇوڪريءَ کي ڪُٽيو. ڪجھ وقت کان پوءِ، ڪوڙن جا ڊيڄاريندڙ آواز، ٿوري ٿوري وقفي بعد فضا ۾ گونجڻ لڳا. رڌڻي ۾ موجود ھاريءَ جي ڌيءُ، ڌڙڪندڙ دل سان ٻه سؤ ڌَڪ ڳڻيا- ۽ اُن کان پوءِ جنھن وقت جرمن ڪمانڊر ٻيھر پنھنجو ساڳيو سوال وڌيڪ گرجندڙ آواز سان دھرايو، ته گھر جي مالڪن وڏيءَ حيرت مان ٻڌو!
    ”نه! آءٌ ھرگز نه ٻڌائينديس!“
    ھن ڀيري روسي نينگريءَ جو آواز ڪجھ ھلڪو ۽ ڪمزور ھو. ھن جي جسم جي ڌڪن ۽ چپن مان رت ٽمي رھيو ھو. ھن مٿي کي جھٽڪو ڏيئي، پنھنجن ڪارن گھنڊيدار وارن جي چَڳن کي مُنھڻ تان ھٽايو، ۽ آسپاس بيٺل فاشي درندن کي گھوري ڏٺو، جيڪي ھڪ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ تي ايڏو وحشياڻو ظلم ڪري رھيا ھئا. پورا اڍائي ڪلاڪ، ڪمانڊر مٿا ماري ڪئي، ڪافي تنگ ٿيو. ڇوڪريءَ کي ماري ماري، ھُو پاڻ ۽ سندس سپاھي ٿَڪجي پيا، پر ڇوڪري، جيڪا ھمت، عزم ۽ استقلال جو پھاڙ ھئي، ڪجھ به نه ڪُڇي.
    ھن ڇاپا مار ڇوڪريءَ جي گرفتاريءَ جو اطلاع ھيڊ ڪوارٽر ۾ پھچي چڪو ھو، ۽ اُتي چيف ڪمانڊر ھن جي خلاف فيصلو به ڏئي ڇڏيو ھو ته کيس ايندڙ ڏينھن موت جي سزا ڏني وڃي. ھيڊ ڪوارٽر، ھڪ روسي زميندار جي گھر ۾ قائم ڪيو ويو ھو. رات جو اٽڪل ٻين وڳي ڌاري زويا کي ھڪ سپاھيءَ جي حوالت ۾ ھيڊ ڪوارٽر ڏانھن روانو ڪيو ويو. ھن کي نه ڪپڙن پائڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ نه جوتن جي- اگھاڙي پيرين ۽ ننگي جسم سان کيس برفاني رستن تان پنڌ ھلايو ويو. ٿڌ ايتري قدر ته گھڻي ھئي، جو ٿُلھي پوستين ۾ ملبوس نازي سپاھي ھن روسي نينگريءَ کي پِٽي رھيو ھو، ته ھو ھِن ڪمھلي وقت ۾ سندس آرام حرام ڪرڻ لاءِ ڪٿان اچي ڪڙڪي.
    جنھن وقت زويا کي وٺي اليگزينڊر ڪولڪ جي گھر يعني فوجي ھيڊ ڪوارٽر تي پھتو ته گھر جو مالڪ به چيف جي ڀرسان ويٺو ھو. ھن ڏٺو ته سپاھيءَ سان گڏ ھڪ اگھاڙي ڇوڪري ھئي، جنھن جي جسم تي ڪوڙن جا ڪيترائي رت ٽمندڙ نشان ھئا. ھن جا گلابي چَپ گھايل ھئا- سندس ٻئي ٻانھون پويان ٻڌل ھيون. ڪارا نِڀور وار سندس نرڙ تي وکريل ھئا، جن کي ھر ھر جھٽڪو ڏئي پوئتي ٿي ڪيائين. ھن ابتر حالت جي باوجود سندس اکين ۾ عزم ۽ استقلال جو نُور ٻريو پئي. ھي اکيون، ھڪ محب وطن انقلابڻ جون اکيون ھيون.
    رات جو ھن کي ھڪ ڪاٺ جي بينچ تي ويھاريو ويو ۽ مٿس پھرو بيھاريو ويو. اُڃ جي ڪري ھن جي نِڙي سُڪي ويئي ھئي. زبان خشڪ ٿي چڪي ھئي. ھن جنھن وقت به پاڻي گھريو ٿي، بي رحم نازي پھريدار ٻرندڙ ڏيئو کڻي، ھن جي چَپن سان لڳايو ٿي ۽ ٽھڪ ڏنائين ٿي، ڄڻ چئي رھيو ھجي: ”پيئڻ چاھين ته گاسليٽ پي سگھين ٿي.“
    گھر جو مالڪ، پنھنجي سمھڻ واري ڪمري مان ليٽيو، اھو منظر ڏسندو رھيو، پر بيوس ھو. ظلم مٿان وري ظلم اھو ھو ته سپاھين جو ٽولو، جيڪو ھن گھر ۾ زوريءَ ترسيل ھو، پنھنجن گرم بسترن مان اُٿي ٿي آيا، ۽ ھڪ ڇوڪريءَ کي وحشياڻين ۽ شرمناڪ حرڪتن سان تنگ ڪندا ۽ ڇيڙيندا رھيا ٿي- ھوءَ مجبور ۽ بيوس ڇوڪري، جنھن جا ھٿ ٻڌل ھئا، سندن ذليل ۽ ڪميڻين حرڪتن جي جواب ۾ صرف نفرت ڀريل نگاھن سان کين گھوري ٿي ڏٺو. فجر مھل اُن سپاھيءَ جي پھري جو وقت ختم ٿيو ۽ زويا کي اجازت ملي ته ھُو ڪاٺ جي بينچ تي ليٽي پوي، پر ڪنھن کي ھن جي مٿان ڪپڙي وجھڻ جي اجازت نه ھئي. ڪولڪ جي ننڍڙي ڌيءُ، ھن جي حالت ڏسي روئي رھي ھئي. وجھ ڏسي ھوءَ ھن جي ويجھو اچي ويٺي ۽ کانئس ڪيترائي سوال ڪرڻ لڳي:
    ”تنھنجو نالو ڇا آھي؟“ ھن ھمدرديءَ ۽ محبت مان پڇيو.
    ”تانيا،“ زويا ھن کي به اُھو ئي فرضي نالو ٻڌايو، جيڪو پنھنجي ڇاپا مار ساٿيءَ کي ٻڌايو ھئائين.
    ”ڪٿان آئي آھين؟“ پراسڪوديا پڇيو- ھن محتاط نظرن سان ھيڏانھن ھوڏانھن به پئي ڏٺو.
    ”ماسڪو مان!“ زويا جھيڻي آواز ۾ وراڻيو.
    ”منھنجي پياري ڀيڻ! توکي اھڙي ڪم ۾ ھٿ وجھڻ نه کپندو ھو. ڏس ته سھي، اُنھن درندن توسان ڪيڏو نه خراب ورتاءُ ڪيو آھي“- پراسڪوديا، ھمدرديءَ مان روئڻھارڪي ٿي چيو، پر زويا جون اکيون ملامت جي تاثر سان ڀرجي آيون.
    ”تون-؟ روس جي ڌيءُ ٿي ڪري به ائين چئي رھي آھين؟- مُلڪ جي ھر ڌيءُ، ھر عورت کي مَردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بھادريءَ سان ھن ڪميڻي دشمن جو مقابلو ڪرڻ گھرجي- وطن جي حفاظت لاءِ ھي اذيتون ڪھڙي حيثيت رکن ٿيون؟ ۽ اھا زندگي ڪھڙي، جيڪا وطن جي ڪم نه اچي.“ ھوءَ جوش مان چئي رھي ھئي.
    ۽ پراسڪوديا جون ڳوڙھن ڀريل اکيون، ھن جي جسم ۽ ٽَنگن جي رت ٽمندڙ زخمن جو جائزو وٺندي، سندس سڄيل ڪاراٽيل پيرن تي ڄمي ويون. برف تي ننگن پيرن سان ھلڻ سبب ھن جي پيرن جو رت ڄمي رھجي ويو ھو- اُن ڪيفيت ھوندي به ھن حوصلي مند ڇوڪريءَ جي وات مان ڪنھن به ڪُڻڪ جو آواز ڪونه پئي آيو.
    پرھه ڦٽندي ئي جرمن سپاھي ڳوٺ جي چونڪ تي ڦاھيءَ جو ٽڪساٽ تيار ڪري رھيا ھئا. ھڪ لڪڙو کوڙي اُن ۾ ڦاھيءَ جو ڦندو لڳايو ويو، ۽ ڪاٺ جون ٻه پيتيون ھيٺان مٿان رکي پليٽفارم (تختو) بڻايو ويو- اُن ڪم ڪندي، جرمن سپاھي خوشي مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيا، ڄڻ کين ھن ڇوڪريءَ کي ڦاھيءَ تي چاڙھڻ سان کين سوڀ جو سرٽيفڪيٽ ملي ويندو.
    سج جي پھرئين پھر ھڪ فوجي آفيسر ڪمري ۾ داخل ٿيو، ۽ خونخوار نظرن سان زويا کي گھوريندي گرجيو:
    ”تنھنجو نالو؟“
    ھوءَ خاموش رھي.
    ”اسٽالن اڄڪلھ ڪٿي آھي؟ ھن وري پڇيو.
    ”پڪ ئي پڪ پنھنجي ڊيوٽيءَ تي ھوندو“- زويا ھن سوال تي طنزيه مُرڪ آڻي، اُن آفيسر کي سندس بيوقوفيءَ واري سوال تي شرمندو ڪري ڇڏيو. ايتري ۾ ھڪ سپاھي زويا جا ڪپڙا کڻي آيو، پر اُن مان گھڻا ڪپڙا غائب ھئا، فقط چولو ۽ سُٿڻ موجود ھئي- ۽ اُن سان گڏ سندس فوجي ٿيلھو ۽ گيس جي بوتل- زويا واپس مليل ڪپڙا پاتا، ۽ گيس جي بوتل ھن جي ڳچيءَ ۾ وڌي وئي، ۽ ويھن سپاھين جي گھيري ۾ ھن کي ڦاسي گھاٽ ڏانھن وٺي ھليا، جتي آسپاس جي ڳوٺاڻن کي زوريءَ گھرايو ويو ھو.
    سپاھين روسي نينگريءَ کي کوکن تي مٿي چڙھڻ جو حُڪم ڏنو، ۽ مٿئين کوکي تي بيھاري، سندس ڳچيءَ ۾ ڦاھي جو ڦندو وڌائون. اوچتو ھڪ جرمن آفيسر وڏيءَ دلچسپيءَ سان اچي، ھن نظاري جو ڦوٽو ڪڍڻ لڳو، ۽ اُن مقصد لاءِ سپاھين کي ترتيب ڏئي بيھاريائين.
    اُن ٿورڙي موقعي جو فائدو وٺي، زويا پنھنجي ڳچيءَ ۾ پيل ڦندي جي گھيري کي ٻنھي ھٿن سان ڪجھ ڍرو ڪري، پنھنجي ھم وطنن سان مخاطب ٿي:

    ”منھنجا پيارا ھم وطنو! وطن لاءِ مرڻ ھڪ عظيم سعادت آھي، ۽ ھي بزدل جرمن مون ھڪ ڄڻيءَ کي ماري ڪھڙي سوڀ کَٽندا؟ آءٌ اڪيلي ته نه آھيان- منھنجي پٺيان ويھ ڪروڙ ماڻھن جي عظيم قوم آھي، ھي ڪميڻا فاشي، اسان سڀني کي ڦاھيءَ تي چاڙھي نه ٿا سگھن!“
    ”منھنجا عزيزو! بھادر ٿيو، دشمن جو مقابلو ڪريو. اُن جي اڏن کي ساڙيو- کين ڌِڪي ڪڍو- آئون ڄاڻان ٿي ته منھنجي رت جي ھڪ ھڪ ڦڙي جي قيمت، پنھنجي ڏھن ڏھن جانين سان ادا ڪرڻي پوندي. آءٌ ھڪ زندہ قوم جي ڌيءُ آھيان، ۽ مون کي يقين آھي ته فتح اسان جي ٿيندي!“
    ھن جي تقرير تي ڪاوڙجي، ھڪ نازي آفيسر سندس پٺن تي زور سان مُڪ وھائي ڪڍي، ۽ ٻئي آفيسر بي صبريءَ مان رڙ ڪئي:
    ”جلدي ڪيو!“
    ”ذليل بگھڙئو! منھنجي قوم توھان کي تباھه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي. توھان کي سُرخ فوج ڀسم ڪري ڇڏيندي-! توھان کي سرخ فوج جي آڏو ھٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا! ياد رکو، فتح اسان جي ٿيندي- اھا، فتح اسان جي.....!“
    ھن اڃا جملو ئي پورو نه ڪيو ته ھڪ سپاھي سندس پيرن ھيٺان کوکن کي ٿُڏو ھڻي، پري اُڇلي ڇڏيو. ھڪ جھٽڪي سان زويا جي ڳچيءَ ۾ پيل ڳيراھو ڇڪجي ويو ۽ جسم فضا ۾ لٽڪندو نظر آيو.
    ماڻھن گھٻرائجي، منھن ڦيرائي ڇڏيو ۽ ڳوڙھن پيئڻ جي ڪوشش ڪندي، اُتان ھٽي ويا، ۽ ڳرا قدم کڻي گھرن ڏانھن ورڻ لڳا. ڪجھ منٽن کان پوءِ اتي ڪير به ڪونه رھيو، فقط زويا جو لاش فضا ۾ لٽڪندو رھيو، ۽ ڪيترن ڏينھن تائين اتي لٽڪيل ھو. ماڻھو پنھنجي ڪمن تي ويندي اتان لنگھندا ھئا ته ادب سان ڪنڌ جھڪائي چوندا ھئا:
    ”عظيم قوم جي عظيم ڌيءُ، تو وطن لاءِ جان ڏئي جيڪا سعادت حاصل ڪئي آھي، اُھا توکي ھميشہ اَمر رکندي. تنھنجي ياد ھڪ مقدس نُور وانگر اسان جي دلين ۾ چمڪندي رھندي!“

    _ اُھي کيس عقيدت جا گُل پيش ڪري، لنگھي ويندا ھئا- ۽ اڄ سندس ابدي آرام گاھه، عام ۽ خاص جي ڌيان جو مرڪز آھي. اُن جي آسپاس کان گذرندڙ ماڻھو، سندس زيارت کان سواءِ اڳتي نه وڌندا آھن- جنھن ڇوڪريءَ جي لاش کي نازين احترام سان دفن ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني ھئي، اُن جي قبر اڄ روسين لاءِ مقدس علامت ۽ زيارت گاھه بڻجي چڪي آھي، جتي سندس قوم جا ھزارين ماڻھو خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ ايندا آھن.


    ليو خولان

    (چين جي ھڪ اٽل ارادي واري نينگري، جنھن پنھنجي ولوله انگيز جدوجھد سان مظلوم قومن جي آزاديءَ جي جنگ کي سگھ بخشي. اڄ به سندس قتل گاھ تي سندس مجسمو، قربانيءَ ۽ بھادريءَ جي نشاندھي ڪري رھيو آھي. جنھن لاءِ عظيم اڳواڻ، مائوزيتنگ جو چوڻ آھي ته: چين کي ليوخولان جي قربانيءَ ۽ بھادريءَ تي فخر آھي!“)

    ھن ڇوڪريءَ جي باري ۾ ڳوٺ وارن جو خيال ھو ته ھيءَ ننڍڙي نينگري ھڪ ڏينھن تمام وڏو ڪارنامو سر انجام ڏيندي. ھن جي پيشاني عزم ۽ عمل جي نُور سان منور ھئي، ۽ ھن جي دل فرشتن جيان معصوم ھئي. ھن ڇوڪريءَ جي باري ۾ ڳوٺ وارا اھو به چوندا ھئا ته ھيءَ ڇوڪري به ڳوٺ جي عام ماڻھن وانگر رھندي ھئي، ۽ اُنھن جيان کائيندي پيئندي ھئي، پر کيس ڏسي، نه ڄاڻ ڇو اھو محسوس ٿيندو آھي ته شايد ھيءَ ڇوڪري آکاڻين جي روايتي پرين وانگر ڪنھن ڏور ڏيھ کان آئي آھي، ته جيئن ڳوٺ وارن جي آزمائش ڪري، ۽ جيڪو اِن امتحان ۾ ڪامياب ٿئي، اُن کي خوشين جو لازوال خزانو انعام طور ڏئي، پنھنجي وطن واپس ھلي وڃي. ڪي وري چوندا ھئا ته ھيءَ ننڍڙي ڇوڪري ڪا حُور آھي، جنھن کي ڪنھن غلطيءَ ڪرڻ سبب سزا طور ھنن جي ڳوٺ ۾ موڪليو ويو آھي، ۽ جيئن ئي سزا جو مُدو پورو ٿي ويندو، ھيءَ حُور وري پنھنجي آسماني آستاني ڏانھن ھلي ويندي. اھي ۽ اھڙيون بي انت ڳالھيون ڪيون وينديون ھيون، ۽ جڏھن ڳوٺ وارن کان اُن جو ڪارڻ پڇيو ويندو ھو، ته اُھي خاموش ٿي ويندا ھئا، ۽ جيڪڏھن گھڻو اصرار ڪبو ھو ته ڪو وراڻيندو ھو ته اسان کي اُن ڪارڻ معلوم نه آھي، پر کيس ڏسي، نه ڄاڻ ڇو اِھو ئي محسوس ٿيندو آھي.
    ھِن ڇوڪريءَ جي عمر اُن وقت مشڪل سان تيرھن سال ٿيندي، پر ھوءِ سترھن سالن جي ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. ھوءَ وڏي محنتي ۽ باوقار ڇوڪري ھئي. اُن ڇوڪريءَ جو نالو ھو- ليوخولان.
    اڄ ھيءُ نالو آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ ئي نه پر سڄيءَ دنيا ۾، جتي به آزاديءَ جون جنگيون وڙھيون پيون وڃن، روشنيءَ جو مينار بڻجي چڪو آھي. پر ھيءَ ڪھاڻي، جنھن وقت شروع ٿي ھئي، اُن وقت ھن ڇوڪريءَ کي صرف سندس ڳوٺ وارا ئي سڃاڻندا ھئا.
    چين جي وچئين صوبي، ”شان سي“ جي مشھور شھر ”وين شوئي“ جي آسپاس واري ڳوٺ ”يوان شي“ ۾ 8- آڪٽوبر 1932ع تي ھن ڇوڪريءَ پنھنجي پھرين رڙ بلند ڪئي- ۽ اُن وقت ھن علائقي جا سڀ ھاري به رڙي رھيا ھئا. زرخيز زمين ۽ ساون کيتن ھوندي به سندس چھرن تي موت جو پاڇو ۽ اکين ۾ مايوسي ڇانيل ھئي- ڇوته ھنن جي سموري ڪمائي، جاگيردار، آفيسر ۽ فوجي کڻي ويندا ھئا، ۽ سندن حصي ۾ بُک ۽ زندگيءَ کان مايوسيءَ کان سواءِ ڪجھ به نه ايندو ھو.
    ليوخولان جو پيءُ ھڪ نوجوان ھاري ھو. جڏھن ھن ڇوڪريءَ جنم ورتو ته اُن وقت ھن جي پيءُ جي عمر 28 سال ھئي، ۽ ھو بيحد سھڻو ۽ صحتمند ھو. ڳوٺ جا ٻيا ھاري، ھن جي محنت ۽ ڪمائيءَ تي رشڪ ڪندا ھئا، پر اُن ھوندي به خولان جو ڪٽنب ايڏو سکيو ستابو نه ھو. معاشري جون ڪڙايون ۽ محروميون، ھنن جو مقدر بڻجي چڪيون ھيون. جاگيردارن ۽ آفيسرن جي جبر ۽ ڏاڍ جي ڪري، ھنن جي ڪمائيءَ جو گھڻو حصو، کانئن کسيو ويندو ھو.
    جنھن وقت ھن جو پيءُ، ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ کي پنھنجي پگھر سان سيراب ڪرڻ ويندو ھو، ۽ ھن جي ماءُ گھر جي ڪم ڪاج ۾ رُڌل ھوندي ھئي، تڏھن خولان جي پوڙھي ڏاڏي، ھن کي پنھنجي ھنج ۾ کڻي، اڱڻ ۾ ويھندي ھئي ۽ کيس ڀانت ڀانت جا گيت ٻڌائيندي ھئي. اُنھن گيتن ۾ چيني ھارين جي تلخين ۽ محرومين جو ذڪر ھوندو ھو، ۽ ننڍڙيءَ ٻارڙيءَ جي خوشنصيبيءَ لاءِ دعائون گھريل ھونديون ھيون. اڱڻ مان ساوڪ- ڀريل جبل ۽ جھومندڙ ٻنيون، چٽيون ڏسڻ ۾ اينديون ھيون. جيتوڻيڪ اُن وقت ننڍڙي خولان جو ننڍڙو ذھن، پنھنجيءَ ڏاڏيءَ جي گيتن ۽ ساون کيتن جي سونھن محسوس ڪرڻ جي قابل نه ھو، پر غير محسوس طور اُنھن گيتن ۽ نظارن جو اثر، ھن جي دل ۽ دماغ تي ڇانئبو رھيو، ۽ شايد اُنھن ئي گيتن ۽ ساون ۽ شاداب کيتن جي نظارن، ھن جي دل ۾ وطن جي محبت ۽ اُن محبت لاءِ ”سڀ ڪجھ ڪري سگھڻ“ جو جذبو سجاڳ ڪيو.
    جڏھن ھن سُرت سنڀالي، تڏھن ھن جي ننڍڙي ذھن ۾ اھا ڳالھ وھاري وئي ته ھوءَ غريب آھي، اُن ڪري ھوءَ جاگيردار جي ٻارن وانگر خوبصورت ۽ قيمتي رانديڪن سان کيڏي نه ٿي سگھي، ۽ نه رنگ برنگي ڪپڙا پائي سگھي ٿي. ھوءَ ٽڪرين تي ويھي، اُنھن جي چوٽين کان پري پري تائين پکڙيل سرسبز نظارن کي ڏسي نه ٿي سگھي ۽ نه ئي ٽڪريءَ جي ٻئي طرف ڳوٺ ۽ چين جي سڀ کان وڏي ۽ جوشيلي درياھه کي وھندو ڏسي، زندگيءَ جي حقيقي مسرتن کي پنھنجيءَ ننڍڙيءَ دل ۾ سمائي سگھي ٿي، ڇوته اِن ”سڀڪجھ“ تي جاگيردار ۽ اُن جي ٻارن جو حق ھو!
    خولان، اِھو ”سڀڪجھ“ وڏيءَ حيرت مان ٻڌندي ھئي، ۽ پوءِ جاگيردار جي ٻارن ۽ پنھنجي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندي ھئي ته سندس ذھن ۾ ھيٺيان سوال اُڀرندا ھئا:

    ”مون کي ٻه ھٿ، ٻه پَير ۽ ٻه اکيون آھن!
    آءٌ جاگيردار جي ڌيئرن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ محنتي آھيان!
    آءٌ گيت ڳائي سگھان ٿي ۽ گيت ٻُڌي سگھان ٿي!
    آءٌ به جاگيردار جي ڇوڪرين وانگر کاوان ۽ پِيان ٿي!
    ته پوءِ منجھن اُھا ڪھڙي ڳالھ آھي، جو ھُنن لاءِ ”سڀڪجھ“ آھي ۽ منھنجي لاءِ ڪجھ به نه!“
    ھوءَ اُنھن سوالن جا جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي، پر جڏھن ھن جو ذھن ٿڪجي پوندو ھو، ته ھوءَ پنھنجيءَ ڏاڏيءَ کان پُڇندي ھئي- ۽ ھوءَ جواب ۾ ٿڌو شوڪارو ڀري چوندي ھئي ته ”اِھا خدا جي مرضي آھي!“ خولان، پنھنجيءَ ڏاڏيءَ ۽ ماءُ جي انوکن جوابن مان مايوس ٿي، پنھنجي پيءُ کان پڇندي ھئي ته پڻس سندس ڳل ٿڦڪي چوندو ھو: ’پياري ڌيءُ! جڏھن تون ٿوري وڏي ٿيندينءَ ته پاڻھي سڀڪجھ سمجھي ويندينءَ!“ ننڍڙي خولان، پنھنجي پيءُ جي جواب کان به مطمئن نه ٿيندي ھئي، جو اِن ئي کُٽڪي ۾ ھن جي اک لڳي ويندي ھئي. ۽ ھوءَ سپنن جي نامعلوم نگر ۾ سير تي نڪري ويندي ھئي، جتي چوڌاري روشني ھوندي ھئي، ڪوبه جاگيردار نه ھوندو ھو، ۽ نه ئي ڪو آفيسر ھن جي خوشين تي ڌاڙي ھڻڻ لاءِ موجود ھوندو ھو- ھارين جا مُنھن خوشيءَ کان ٻھڪندا ھئا ۽ سندن گھرن ۾ زندگيءَ جون سموريون راحتون ديرو ڄمائي ويٺيون ھيون. ھن سفر دوران ھن کي پنھنجيءَ ڏاڏيءَ جا ڳاتل درديلا گيت، ڪٿي به ٻڌڻ ۾ نه ايندا ھئا، البت شرنائين جا ھلڪا ھلڪا سُر سندس دل کي مست ڪري ڇڏيندا ھئا. ھوءَ اِھو ”سڀڪجھ“ سپنن ۾ ڏسندي ھئي، ۽ جڏھن اک کُلندي ھئس ته سڀ کان اڳ ھن کي پنھنجيءَ ڏاڏيءَ جو ڏکويل چھرو ڏسڻ ۾ ايندو ھو، ۽ اُن کان پوءِ ھن جي ماءُ کيس سڏڻ لڳندي ھئي:
    ”خولان! جلدي اُٿ، ۽ ھٿ منھن ڌوئي ڪجھ کاءُ!“
    اھي سپنا ڏسندي ڏسندي، ھن جي عمر 13 سال ٿي وئي. پنھنجي ڏاڏيءَ جي گيتن ۽ کيتن جي ساون ۽ سرسبز نظارن جا سپنا به ھن جي دل ۽ دماغ ٿي ڇانيا رھيا.
    اِھو ئي سبب آھي، جو جڏھن مائوزيتنگ جي زبردست ۽ طاقتور عوامي تحريڪ جو پيغام، ھن جي ڪَنن تائين پھتو ته ھن کي ڪابه حيرت محسوس نه ٿي، البت ھن جي دل خوشيءَ مان ٽڙي پيئي، جو ھوءَ ھن وقت تائين جيڪو خواب ڏسندي رھي ھئي، اُھو خواب نه پر ھڪ جيئري حقيقت ھئي، ۽ ھوءَ اِھو خواب اڪيلي سِر ڏسي نه رھي ھئي، پر چين جا لکين مَرد ۽ عورتون، پوڙھا ۽ ٻار، اھو خواب ڏسي رھيا ھئا، ۽ ھاڻي سندس خواب جو تعبير ٿيڻ وارو ھو.
    جپان، چين تي حملو ڪري ڏنو ھو، ۽ سموري ملڪ ۾ حملي آورن جي خلاف ھڪ زبردست عوامي جنگ شروع ٿي چڪي ھئي. مائوزيتنگ جي اڳواڻيءَ ۾ چيني ھارين ھٿياربند ٿي، پنھنجي وطن ۽ پنھنجيءَ عزت جي حفاظت لاءِ ھڪ جوشيلي جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي ھئي. ھر ڳوٺ مان نوجوان مرد، عورتون ۽ ڇوڪريون گڏ ٿي، پنھنجن دشمنن سان وڙھڻ لاءِ محاذ ڏانھن وڃي رھيون ھيون. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ سڄو چين جنگ جي محاذ ۾ تبديل چڪو آھي. ھنن ئي ڏينھن ۾ خولان، پھريون ڀيرو مائوزيتنگ جو نالو ٻڌو. ھڪڙو نوجوان ھن جي ڳوٺ آيو ۽ اُن سڀني ڳوٺاڻن کي گڏ ڪري، ھڪ جوشيلي تقرير ڪئي. ھن ٻڌايو ته جيڪڏھن چين جا ھاري ھن وقت ڪامريڊ مائوزيتنگ جي سڏ تي گڏ ٿي، جپانين جي خلاف نه وڙھيا، ته پوءِ کين غلاميءَ کان ڪير به بچائي نه سگھندو. ھن ماڻھن کي چيو ته اسان نوجوانن کي جنگي تربيت ڏيڻ شروع ڪئي آھي. چاليھن ڏينھن جي تربيت ذريعي، ھڪ جنگ کان ناواقف عام ماڻھو به تربيت يافته فوج سان وڙھڻ جي قابل ٿي ويندو- خولان وڏي غور سان سندس ڳالھيون ٻڌي رھي ھئي. ھن پنھنجي آسپاس نھاريو ته ھن جون ساھيڙيون پڻ ساڳيءَ دلچسپيءَ سان نوجوان ڪامريڊ جون ڳالھيون ٻُڌي رھيون ھيون. اُن ئي گھڙيءَ خولان فيصلو ڪيو ته ھوءَ ڪنھن به صورت ۾ تربيت حاصل ڪندي ۽ وطن جي حفاظت لاءِ وڙھندي.
    خولان پنھنجي ساھيڙين سان مشورو ڪيو، ته اُنھن پڻ اھا ھام ڀري. اُن بعد والدين کان اجازت حاصل ڪرڻ جو مرحلو پيش آيو، ته ٽن ڇوڪرين کي ته اجازت ملي وئي، پر خولان ۽ سندس ھڪ ساھيڙيءَ کي اجازت نه ملي. ھن جڏھن ماءُ ۽ ڏاڏيءَ جي آڏو اِھو مسئلو پيش ڪيو ته ٻيئي روئڻ لڳيون. ڏاڏس چيو: ”خولان! تون ڪيڏي نه پٿر دل آھين، پنھنجيءَ ڏاڏيءَ کي تڙپندو ڇڏي ھلي ويندينءَ- آءٌ ته توکان سواءِ ماني به کائي نه سگھندي آھيان!“ماءُ به روئي پٽي، کيس پنھنجي ارادي کي ملتوي ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو. پر خولان دل ۾ فيصلو ڪري ورتو ته ڇا به ٿي پوي، پر ھوءَ تربيت ضرور حاصل ڪندي، ۽ مادر وطن لاءِ سِر به ڏيئي ڇڏيندي. البت جنھن ڏينھن ڳوٺ جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو جٿو وڃڻ وارو ھو، ھوءَ به چپ چاپ تيار ٿي وئي، ۽ ھن، جٿي جي ليڊر کي پنھنجي فيصلي کان به آگاھه ڪري ڇڏيو. آخر اِھو طئي ٿيو ته ھوءَ ٻئي رستي کان ڦري، اڳتي وڃي جٿي سان ملندي.
    ڳوٺ وارن وڏي جوش ۽ خروش سان اُنھن نوجوانن کي الوداع ڪيو، جيڪي تربيت وٺڻ لاءِ وڃي رھيا ھئا. الوداع چوڻ وارن ۾ خولان به ھئي- جڏھن جٿو موڪلائي روانو ٿي ويو ته خولان الوداع چوندڙن جي ھجوم مان نڪتي، ۽ پنھنجي گھر جي پٺئين دروازي مان نڪري، ٻنين مان ٿيندي، رواني ٿي ويئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ، جڏھن ڳوٺ جا گھر ڏسڻ کان ڏور ٿي ويا ته ھوءَ ٻنين مان ٻاھر نڪري، اچي نوجوانن جي جٿي سان ملي.
    اڃا ھي ڪجھ قدم اڳتي مس ھليا ته ھڪ شخص سھڪندو، سڏيندو ۽ ڊوڙندو پئي آيو. خولان جي دل ڌڙڪڻ شروع ڪيو ته ڪٿي ھن جو چاچو نه ھجي. ھن پنھنجن دوستن جي پٺيان لڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ايتري ۾ اِھو شخص ويجھو اچي ويو، ۽ خبر پئي ته اُھو ھن جو چاچو نه پر ساڻس گڏ بيٺل ڇوڪريءَ جو چاچو ھو. اُن ھن ڇوڪريءَ کي رڙ ڪري چيو! ”اڙي، ننڍڙي ڇوڪري! خدا جي نالي موٽي اچ. تنھنجو پيءُ سخت بيمار آھي. جيڪڏھن اُن کي خبر پئي ته تون ھلي وئي آھين، ته پوءِ پاڻ سوچ ته سندس ڪھڙو حال ٿيندو!“- ڇوڪري نٽائڻ لڳي ته ”آءٌ واپس نه اينديس!“ پر جٿي جي اڳواڻ ھن کي سمجايو ته ”اي ننڍڙي ڇوڪري! جڏھن تنھنجو پيءُ چاڪ ٿي وڃي، ته پوءِ ھلي اچجانءِ!“ نيٺ خدا خدا ڪري ھوءَ ڇوڪري واپس ٿي، ۽ ھيءُ قافلو ٻيھر پنھنجيءَ منزل ڏانھن راھي ٿيو. خولان کي مس مس وڃي ساھه پيو.
    ھوڏانھن وري جڏھن خولان پنھنجي گھر واپس نه پھتي ته سندس چاچو کيس ڳولڻ لڳو. پر جڏھن ھوءَ رات جو دير تائين گھر نه موٽي ته ھو سخت پريشان ٿي ويو ته ڪٿي ڇوڪري گم ته نه ٿي وئي. انھن ڏينھن ۾ بگھڙن ڏاڍي تباھي مچائي ڏني ھئي، ۽ جانورن ۽ ننڍڙن ٻارڙن کي به کڻي ويندا ھئا. خولان جي ڏاڏي ويچاري روئڻ لڳي ته ڪٿي خولان کي بگھڙ نه کڻي ويا ھجن. ھن ويچاريءَ جي حالت سڀني کان وڌيڪ خراب ھئي، ڇوته ھن ننڍڙي ھوندي کان وٺي خولان جي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پالنا ڪئي ھئي- ۽ ٻي ڳالھ ته ھن ٻڍاپڻ ۾ خولان کان سواءِ ٻيو ڪير به وٽس ويھڻ پسند نه ڪندو ھو.
    ٻئي ڏينھن ھڪ ماڻھو (جيڪو پنھنجي ڀائٽيءَ کي رستي تان موٽائي آيو ھو) خولان جي ماءُ کي ٻڌايو ته ھن خولان کي اُن قافلي سان گڏ ڏٺو ھو، جيڪو تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ ويو آھي. خولان جي ماءُ ڏاڏسِ کي اُھا خبر ٻڌائي، ۽ ٻنھي کي اطمينان ٿيو ته ھوءَ خيريت سان آھي ۽ کيس بگھڙ کڻي نه ويا آھن. پر خولان جي جدائي ھن جي سھپ کان ٻاھر ھئي. ويچاري ماءُ، خولان جي چاچي کي پاڻ سان گڏ وٺي، ائين فوج جي ھيڊ ڪوارٽر پھچي وئي، جتي خولان تربيت حاصل ڪري رھي ھئي. ھن روئي پِٽي، خولان کي واپس ھلڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھوءَ رضامند نه ٿي، پر ايترو چيائين ته تربيت مڪمل ڪرڻ بعد گھر موٽي ايندي. ھن جي اَٽل عزم آڏو ماءُ کي به ماٺ ڪرڻي پئجي ويئي.
    چاليھن ڏينھن جي تربيت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ خولان جڏھن واپس آئي ته ھن جي ڏاڏيءَ موت جي بستري تي سندس اوسيئڙو پئي ڪڍيو. ھن خولان کي ڏسندي ئي چيو: ”پياري خولان! تون مون سان اڄ وعدو ڪر ته اڳتي گھر کان ٻاھر ڪيڏانھن به نه ويندينءَ!“ خولان، مرڻينگ ڏاڏيءَ سان وعدو ڪيو ته ھوءَ ھاڻي گھر کان ٻاھر نه ويندي- پر اُن کان پوءِ جي واقعن مان ظاھر ٿئي ٿو ته اِھو واحد وعدو ھو، جيڪو ھن پورو نه ڪيو ھو.
    ڏاڏيءَ جي موت کان پوءِ ھن گھر ۾ چاچس ۽ ماڻس کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه ھو. ھن جو پيءُ، اٺين انقلابي فوج کي رسد پھچائيندي، جپانين جي فائرنگ جو نشانو بڻجي چڪو ھو.
    ھن جي ماءُ اھوئي مناسب سمجھيو ته ھاڻي اُھو وقت اچي ويو آھي، جو خولان جي شادي ڪرائي ڇڏجي. البت ماڻس چين جي پراڻي روايت جي ابتڙ پنھنجيءَ اڪيليءَ سڪيلڌي ڌيءُ جي راءِ پڻ معلوم ڪرڻ چاھي. ھن جي نگاھه، پنھنجي پاڙيسريءَ جي نوجوان ڇوڪري کي، خولان لاءِ پسند ڪري چڪي ھئي. خولان ۽ اُھو نوجوان ٻئي ننڍپڻ ۾ گڏ کيڏندا ھئا- اُن ڪري، جڏھن ماءُ پنھنجيءَ لاڏلي ڌيءُ کان راءِ معلوم ڪئي ته ھن راضپو ظاھر ڪيو. ڳوٺ وارن کي به ان ڳالھ تي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي، ڇو ته اھو ڇوڪرو بيحد حسين ۽ چئيوان ھو. ”خولان ۽ ھن جو جوڙ واھه جو ٺھندو!“ وڏن پوڙھن جڏھن اھا راءِ ظاھر ڪئي ته خولان جي ماءُ مُرڪي ڏنو. ڪيترن ڏينھن کان پوءِ ھن ھاري- گھر ۾ خوشيءَ جا آثار نمودار ٿيا ھئا.
    اِن عرصي ۾ ھوءَ چين جي انقلابي جماعت، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي رڪنيت لاءِ درخواست ڏئي چڪي ھئي. پارٽيءَ جي عھديدارن فيصلو ڪيو ته جڏھن ھن جي عمر 18 سالن جي ٿي ويندي ته ھن کي پارٽيءَ جو ميمبر بڻايو ويندو. ڪميونسٽ پارٽي اُنھن ڏينھن ۾ انتھائي طوفاني دور مان گذري رھي ھئي. ھڪ طرف جپاني حملي آورن ۽ ٻئي طرف پنھنجي ئي وطن جي رجعت پرست عنصرن جي خلاف اُن کي ھڪ ئي وقت وڙھڻو پئي پيو. اُن ڪري اُھا نه رڳو ٻاھرين ماڻھن پر پارٽيءَ سان وابسته ماڻھن جو به خيال رکي رھي ھئي. جڏھن پارٽيءَ جي ھڪ ذميدار عھديدار کي خولان جي مڱڻي جي خبر پئي، ۽ اھو به معلوم ٿيو ته ھن نوخيز انقلابڻ جو مڱيندو ھڪ رجعت پسند شخص وٽ ملازم آھي، ۽ اُن جو پورو وفادار آھي- ته ھن خولان سان ڳالھايو ته ھڪ انقلابيءَ جي حيثيت ۾ مٿس ھڪ وڏي ذميداري آھي، اُن لاءِ ھن کي ھڪ عظيم مقصد خاطر پنھنجن ڪجھ خوشين کي قربان ڪرڻو پوندو- ۽ ھن کيس سندس مڱيندي جي پس منظر کان واقف ڪيو ۽ ٻڌايو ته اھو سَڱ پارٽيءَ جي نقطي نظر کان فائديمند نه ٿيندو. اُن تي خولان ھڪ سچيءَ انقلابڻ جيان سندس مشورو مڃيو ۽ مھرباني ادا ڪئي.
    خولان پنھنجيءَ ماءُ کي چيو ته ھوءَ اُن شاديءَ ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. ھن جي ماءُ ڏاڍي حيران ۽ پريشان ٿي وئي، ڇو ته ٻنھي طرفن کان شاديءَ جون تياريون ٿي رھيون ھيون ۽ شاديءَ ۾ فقط ٻه ڏينھن وڃي رھيا ھئا. ھن خولان تي ڏاڍو دٻاءُ وڌو ته ھوءَ پنھنجو ارادو بدلائي، پر ھوءَ پنھنجي ارادي تي اَٽل رھي. ماءُ به وڌيڪ اصرار ڪرڻ مناسب نه سمجھيو، ۽ پوءِ مڱڻو ٽوڙيو ويو ۽ شاديءَ جو مسئلو به ڊانوان ڊول ٿي ويو.
    جپاني حملي آور ملڪي غدارن جي مدد سان اڳتي وڌي رھيا ھئا. انقلابي فوج، قبضي کان پوءِ جاگيردارن کان زمينون کسي، ھارين ۾ ورھائي ڇڏيون ھيون. اُن ڪري ھاري سمجھي چڪا ھئا ته سندس مستقبل تڏھن ئي روشن ۽ بھتر رھي سگھي ٿو، جڏھن انقلابي فوجن کي ڪاميابي حاصل ٿئي. انقلابين، انتقام لاءِ جيڪي آفيسر مقرر ڪيا ھئا، اُھي به ھنن سان وڏيءَ محبت ۽ ھمدرديءَ سان پيش ايندا ھئا. ويچارن ھارين اھڙن آفيسرن جو ڪڏھن تصور ئي نه ڪيو ھو. ھنن کي ته ھن وقت تائين فقط وياج خورن ۽ جاگيردارن جي پٿردل ڪاراون سان واسطو پيو ھو، جيڪي ھارين جي وات مان گرھه به کسي ويندا ھئا، ۽ جيڪڏھن سندن وس ۾ ھجي ھا ته ھارين کي ساھه کڻڻ جي حق کان به محروم ڪري ڇڏين ھا.
    اِن ئي عرصي ۾ خولان، قربانيءَ ۽ ايثار جا ولولي انگيز واقعا ٻڌا، جن ھن جي دل ۾ انقلاب جي شمع کي اڃا به وڌيڪ روشن ڪري ڇڏيو. ھن کي ھڪ ڪامريڊ ٻڌايو ته:
    ’ھڪ پوڙھي ھاريءَ کي، جيڪو ھڪ اھم پيغام کڻي انقلابين ڏانھن پئي ويو، جاپانين گھيري ورتو. جنھن وقت ھاريءَ ڏٺو ته ھو ھينئر چوڌاري گھيري ۾ اچي ويو آھي ته ھن جپانين تي دستي بم اڇلايو- جنھن سان ھڪ زبردست ڌماڪو ٿيو. نتيجي طور رڳو اڳتي وڌندڙ جپانين جا قدم ڄمي ويا، ۽ سندن ڪيترا جوان رت ۽ مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائڻ لڳا، پر اُن سان گڏوگڏ مٽيءَ جو ھڪ ڌوڙيو ڇانئجي ويو. اُن مٽيءَ جي طوفان ۾ ھن اھم ڪاغذ ڦاڙي ڇڏيا، ۽ پوءِ ڀڄندي ڀڄندي جپانين تي فائرنگ ڪرڻ لڳو. جڏھن مٽي ھٽي ته جپاني اھو ڏسي حيران ٿي ويا ته سندن مقابلو فقط ھڪ پوڙھي ھاريءَ سان آھي- ۽ اُھو ھيستائين ھنن جا پنجويھ ماڻھو ماري چڪو آھي. ھنن مشين گنن سان مٿس گوليون وَسائڻ شروع ڪيون. گولين جي وسڪاري سان ھو ڪري پيو. ھڪ جپاني آفيسر ڊوڙندو جڏھن وٽس پھتو ته اُن وقت ريوالور ھن جي ھٿ ۾ ھو. ھن ساھه ڏيڻ کان اڳ اُن جپانيءَ تي آخري فائر ڪري، کيس به زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏيو. جپانين جي ڪاوڙ ۽ جوش جي حد نه رھي. ھنن اُن مرندڙ پوڙھي تي ٻيھر گولين جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ ڇويھن ماڻھن جو بدلو اِن نموني سان ورتائون، جو اُن پوڙھي جي زخمي بدن کي به گولين سان ڇِليندا رھيا.
    خولان کي جيڪو ٻيو واقعو ٻڌايو ويو، اُھو ھيءُ ھو ته جپانين ھڪ نوجوان ھاريءَ کي پڪڙيو ھو، ۽ اُن تي بيحد تشدد ڪيو ويو. پر پوءِ به ھن جپانين کي ھڪ به ڳالھ نه ٻڌائي. اُن تي ھنن سندس جسم جي ھڪ ھڪ عضوي کي ڪَٽي، ھن کي تڙپائي تڙپائي ماري ڇڏيو. پر اُھي ھن جي واتان ڪجھ به معلوم نه ڪري سگھيا. اُن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا واقعا، چين جي بھادر ھارين جي قربانين، عزم ۽ عمل جي زندہ جاويد تصوير ھئا.
    انھن ئي ڏينھن ۾ خولان کي ھدايت ڪئي وئي ته ھوءَ پنھنجيءَ ساھيڙيءَ چن سين سان گڏ ڳوٺ کي ڇڏي وڃي، ڇوته جپاني اُن ڳوٺ کان فقط ٻن ميلن جي پنڌ تي اچي پھتا ھئا. جڏھن خولان پنھنجيءَ ساھيڙيءَ کي انقلابي فوج جي ھدايت کان آگاھه ڪيو ته ھن جواب ڏنو: ’منھنجي ماءُ ڳوٺ کان ٻاھر ويل آھي، ۽ جنھن وقت به اُھا موٽي آئي، پاڻ کي ھلڻ ۾ دير نه لڳندي‘ چن سين جو پيءُ ويڳو ھو ۽ جاگيردار جو وفادار ڪارائو پڻ- البت ھن جي ماءُ سڳي ھئي. پر ظاھر آھي ته اُن جون ھمدرديون پنھنجي مڙس سان ئي وابسته ھيون. خولان جي لاءِ اُن کان سواءِ ٻي ڪا واھه ئي ڪانه ھئي ته ھوءَ چن سين جي ڳالھ مڃي وٺي، ڇوته کيس اِھائي ھدايت ڪئي ويئي ھئي ته ھوءَ کيس وٺي نڪري- ھن جو رابطو فوري طرح انقلابي ڪمان جي ڪنھن به ميمبر سان قائم ٿي نه سگھيو ته جيئن اُن کان نئين صورتحال جي روشنيءَ ۾ مشورو وٺي سگھي ھا.
    ھتي ھڪ ٻي ڳالھ به ذڪر جوڳي آھي ۽ اُھا ھيءَ ته 1945ع جي بھار جي موسم ۾ انقلابي فوج جو ھڪ عھديدار محاذ تي وڙھندي زخمي ٿي پيو، ته اُن کي ھن ئي ڳوٺ ۾ موڪليو ويو ۽ خولان کي ھدايت ڪئي وئي ته ھوءَ زخمي عھديدار جي ٽھل ٽڪور ڪري. اُھا ٽھل ٽڪور آھستي آھستي محبت ۾ بدلجي وئي ۽ محبت کان پوءِ شاديءَ جو مسئلو سامھون آيو ته ٻنھي اُن ڳالھ تي اتفاق ڪري ورتو ته جيسين تائين انقلاب ڪامياب نه ٿو ٿئي، اُن وقت تائين شادي ملتوي ڪئي وڃي. جيڪڏھن مڱڻو ٿي ويو ته ڪا ڳالھ ڪانھي. مڱڻي ٿيڻ کان پوءِ اُھو عھديدار ھڪ مھينو ٻيو به ڳوٺ ۾ رھيو، ۽ پوءِ پنھنجيءَ مَڱ کان موڪلائي محاذ تي ھليو ويو. خولان ھن کان وعدو ورتو ته انقلاب جي ڪاميابيءَ کان پوءِ ٻئي ڄڻا دارالحڪومت ۾ ملندا.
    ھن واقعي کي ھڪ سال گذري چڪو ھو، جڏھن خولان کي ھدايت ملي ھئي ته ھوءَ پنھنجيءَ ساھيڙيءَ سان گڏ ڳوٺ ڇڏي وڃي، ۽ سندس ساھيڙيءَ ماءُ جي غير حاضريءَ جو بھانو بڻائي، پنھنجو وڃڻ ملتوي ڪيو ھو- اصل ۾ چن سين ڳوٺ جي آسودي زندگيءَ کي الوداع چئي، محنت ۽ مشقت ۽ غير يقيني حالت ۾ زندگي گذارڻ کان گھٻرايو ٿي، ۽ ھيءَ ئي اُھا ڪمزوري ھئي، جنھن کيس ڳوٺ ڇڏڻ کان روڪي وڌو. جڏھن سندس ماءُ واپس آئي ته شايد اُن به پنھنجي ڌيءُ جي مجبوري سمجھي ورتي ھئي، ۽ اُن به نٽ نٽاءُ کان ڪم ورتو- ۽ پنھنجي مڙس کي به اُن راز کان واقف ڪري ڇڏيائين. ھن جو مڙس پنھنجيءَ زال جي وفاداريءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو. ھن دل ئي دل ۾ سوچيو ته فائدي وٺڻ جو وقت اچي ويو آھي.
    ٻئي ڏينھن جپاني فوج ڳوٺ ۾ داخل ٿي وئي ۽ ڳوٺ کي چئني طرفن کان گھيري ورتو ته جيئن ڪوبه ماڻھو ڳوٺ کان ٻاھر نڪري نه سگھي. ڳوٺاڻن کي حڪم ڏنو ويو ته اُھي ڳوٺ جي چوڪ ۾ گڏ ٿين، ڇاڪاڻ ته اُتي فصلن جي لاباري بابت ھڪ اھم اعلان ڪيو ويندو. ماڻھن لاءِ حڪم مڃڻ کان سواءِ ٻي ڪابه واھه نه ھئي. جڏھن ڳوٺاڻا چوڪ ۾ گڏ ٿيا ته ھڪ جپاني آفيسر حڪم ڏنو ته سڀئي قطار بڻائي بيھي رھن. جڏھن قطار مڪمل ٿي وئي ته فوجين ھڪدم ھنن ڏانھن رائفلون تاڻي ورتيون.
    ”فصل جي لاباري بابت اعلان ڪرڻ جو ھيءُ ڪھڙو طريقو آھي؟“ ھڪ پوڙھو ھاري ڀڻڪيو. شايد ڪنھن فوجيءَ ھن جي ڳالھ ٻڌي ورتي ۽ پنھنجيءَ رائفل جو ڪُنداڪ ھڻي، ھن پوڙھي کي قطار مان ڇڪي ٻاھر ڪڍيائين. اھڙيءَ طرح پنج ٻيا ماڻھو به ٻاھر ڪڍيا ويا. اُن کان پوءِ ھڪڙو آفيسر ھڪ ڊگھي تَلھڙ کڻي، ساڄي طرف کان شروع ٿيو، ۽ ھڪ ھڪ شخص کان اُن جو نالو پڇڻ لڳو. جڏھن ھو سڀني کان نالو پڇندو، ھڪ ڇوڪريءَ جي ويجھو پھتو ته اُن کان پڇيائين:
    ”تنھنجو نالو چن سين آھي؟“
    ”ڇوڪريءَ وراڻيو- ”نه، سائين! منھنجو نالو ’لي سان‘ آھي!“ آفيسر اڳتي وڌيو ۽ ھن ٻيءَ ڇوڪريءَ کان پڇيو:
    ”تنھنجو نالو، پڪ ئي پڪ چن سين ھوندو؟“
    ھن ڇوڪريءَ ھٻڪندي وراڻيو: ”ھا، سائين منھنجو نالو چن سين .....“
    ”چڱو، قطار کان ٻاھر نڪري اچ!“
    وري ڀر واريءَ ڇوڪريءَ کان پڇيائين:
    ”تنھنجو نالو خولان آھي؟“
    ھن ڇوڪريءَ ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. اِن ڇوڪريءَ سان گڏ خولان جي ماءُ بيٺي ھئي، جنھن آفيسر جي ڳالھ ٻڌي ورتي ۽ سندس دل ڪنھن اڄاتي ڊپ جي ڪري ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ھن گھريو ته پنھنجي ڌيءُ کي اُن ڳالھ کان خبردار ڪري، پر وقت ھٿن مان نڪري چڪو ھو. آفيسر ھينئر خولان جي آڏو ھو.
    ”ھا، ڇوڪري! تنھنجو نالو خولان آھي؟“ ھن اڃا جواب ئي نه ڏنو ته آفيسر وري ڳالھايو:
    ”مون توکي پڪ ئي پڪ سڃاڻي ورتو آھي، تون پڪ ئي پڪ خولان آھين. چڱو، قطار کان ٻاھر نڪري اچ! اسان کي تنھنجي ضرورت ھئي!“
    ان شام جو خولان تي سخت تشدد ڪيو ويو. ھن کان ور ور ڏئي پڇيو ويو ته انقلابي فوج جو ھيڊ ڪوارٽر ڪٿي آھي؟ ڳوٺ ۾ ۽ اُن کان ٻاھر ڪھڙا ڪھڙا ڪميونسٽ آھن؟ انقلابين جو تعداد ڪيترو آھي ۽ کين سامان ڪھڙيءَ ريت پھچايو ٿو وڃي؟ پر خولان ھر سوال جي جواب ۾ وراڻيو ته ”مون کي خبر نه آھي!“
    آفيسر کيس چيو: ”خولان تنھنجي عمر صرف 15 سال آھي، ڇا تون اِن عمر ۾ مرڻ پسند ڪندينءَ؟“
    ھڪ گھڙيءَ لاءِ ھن جي دل ۾ ڪمزوري پيدا ٿي، پر پوءِ ھڪدم ھن پاڻ سنڀالي ورتو ۽ چيو ته :”غلاميءَ جي زندگيءَ کان آزاديءَ جو موت بھتر آھي-“
    آفيسر ھڪ ڇوڪريءَ جي واتان اھا ڳالھ ٻڌي حيران ٿي ويو. اُن بعد ھن خولان کي ھڪ ٻئي آفيسر جي حوالي ڪيو. ھن آفيسر پڇا ڳاڇا دوران کيس آڇ ڪئي ته ھوءَ ھن سان ڀر واري ڳوٺ ۾ ھلِي ھلي ته ھو کيس بچائي وٺندو. خولان، ان آڇ جو مقصد سمجھي وئي- ”ھرگز نه!“ ھن جواب ڏنو، ”پنھنجي جان بچائڻ لاءِ پنھنجي آبرو ڪنھن به صورت ۾ قربان نه ڪنديس!“
    آفيسر نيٺ مجبور ٿي، فيصلو ڪيو: ”خولان! سڀاڻي صبح جو تنھنجو سَر قلم ڪيو ويندو!“ اھو فيصلو ٻڌائي، آفيسر ھليو ويو.
    اُن رات خولان وري پنھنجو پراڻو خواب ڏٺو ته ھارين کي جاگيردارن ۽ سندن ظالم ڪارندن کان نجات ملي وئي آھي، ۽ سڄو چين جنت بڻجي ويو آھي. ھن خواب ۾ نامعلوم نگر جو سفر ڪيو، ۽ جڏھن صبح ٿيو ته ھڪ فوجيءَ اچي کيس جاڳايو. ھن جي ٻنھي ھٿن کي مضبوط رسيءَ سان ٻڌو ويو، ۽ پوءِ فوجين جي پھري ھيٺ کيس مقتل ڏانھن آندو ويو. چوراھي تي خولان ۽ ٻين ڇھن ماڻھن کي مارڻ جو انتظام ڪيو ويو ھو- ۽ سڄي ڳوٺ جي ماڻھن کي حڪم ڏنو ويو ھو ته سڀئي اُن چوڪ ۾ گڏ ٿي، ”غدارن“ جو حشر ڏسن.
    جڏھن خولان چوڪ ۾ پھتي ته ھڪ طرف اُھي ڇھ ماڻھو بيٺا ھئا، جن کي ھن سان گڏ قتل ڪيو پئي ويو. پندرھن ويھن ٻين ماڻھن کي ٻڌي، ٻئي طرف بيھاريو ويو. اُنھن سڀني جا ھٿ ٻڌل ھئا- پر ھڪ اھڙي ھستي به ھئي، جنھن جا ھٿ ٻڌل نه ھئا- اُن ھستيءَ جو نالو ھو چن سين! اُھائي ڇوڪري، جيڪا خولان جي ساھيڙي ھئي، ۽ جنھن جي ڪمزوريءَ ۽ بيوقوفيءَ خولان کي مقتل تائين پھچايو ھو. ان ڪري جپانين ھن کي آزاد ڪري ڇڏيو، ۽ اُن کان سواءِ ھن جي ماءُ ۽ ويڳي پيءُ جون خدمتون به سندس سر بخشيءَ لاءِ ڪافي ھيون. خولان کي ڏسندي ئي اُن بيوقوف ڇوڪريءَ پنھنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو- خولان وڏيءَ بھادريءَ سان موت جو انتظار ڪرڻ لڳي.
    جلاد جي ڪُھاڙي، ھڪ انقلابيءَ جو ڪنڌ اُڏائي ڇڏيو. ڪجھ گھڙين کان پوءِ ٻئي انقلابيءَ جو ڪنڌ اُڏايو ويو. آفيسر خولان کي چيو: ”تنھنجو ستون نمبر آھي- اڃا وقت اٿئي!“ خولان انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. وري ٽئين انقلابيءَ کي زندگيءَ کان محروم ڪيو ويو. رت وھي خولان جي پيرن تائين پھچي چڪو ھو- ھن ھري ھري پنھنجو پير پري ڪري ورتو ته متان شھيد جي رَت جي بي حرمتي نه ٿئي. وري ڪجھ گھڙين کان پوءِ پنجين ۽ ڇھين ھاريءَ جو سِر قلم ڪيو ويو.
    آفيسر چيو: ”خولان! ھاڻي تنھنجو وارو آھي. جيڪڏھن تون گھرين ته ھينئر به زندگي تنھنجا پير چمي سگھي ٿي!“
    ”نه!“ ھن اعليٰ عزم سان وراڻيو، ۽ پوءِ پاڻ ئي اڳتي وڌي، جلاد جي آڏو سِر جھڪائي بيھي رھي. جلاد ڪو ٻيو نه ھو، ھن جي پياري ساھيڙيءَ چن سين جو پيءُ ھو.
    خولان ھڪ طنز ڀريءَ نگاھه سان پنھنجي ساھيڙيءَ جي پيءُ ڏانھن ڏٺو، ۽ پوءِ نظر ڦيرائي چن سين ڏانھن نھاريائين، جنھن جو ڪنڌ اڃا به جھڪيل ھو.
    ھيءُ دل ڏاريندڙ منظر ڏسي، ڳوٺ وارن کان رڙ نڪري وئي، جلاد جا قدم ٿڙڪيا. جپاني آفيسر ھڪدم ھيءَ تبديلي محسوس ڪئي، ۽ سوچيو ته ڪٿي معاملو بگڙي نه وڃي. ھن رڙ ڪري جلاد کي حڪم ڏنو ته پنھنجو ڪم ڪري. جلاد بي ڌيانيءَ سان پنھنجو ڪھاڙو ھلايو ۽ خولان جو خوبصورت سِر جسم کان ڌار ٿي ويو.
    ٿورن ئي ڏينھن کان پوءِ انقلابي فوج اڳتي وڌي آئي، ۽ ھن ڳوٺ تي قبضو ڪري ورتائين. ليڪن خولان جا قاتل ڳوٺ مان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. 1951ع ۾ آخرڪار جلاد ۽ جاگيردارن کي ڳولي ورتائون ۽ پوءِ کين قانون موجب سزا ڏني ويئي.
    اڄ به ھن ڳوٺ ۾ خولان جو ھڪ مجسمو، اُن چوڪ ۾ بلند آھي، جتي کيس شھيد ڪيو ويو ھو. ھن کي مرڻ کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي دائمي رڪنيت جو اعزاز ڏنو ويو- ۽ عظيم انقلابي رھنما مائوزيتنگ چيو:
    ”چين کي خولان جي قربانيءَ ۽ بھادريءَ تي فخر آھي!“


    نگوين ٿي چائو

    ( ويٽنام جي آزاديءَ جي جنگ جي ھيروئن، جيڪا اسڪول جي چار ديواريءَ مان نڪري، جيل جي بلند ديوارن اندر پھچي وئي- پر دشمن تي ثابت ڪري ڇڏيائين ته ھڪ ڪچڙي ذھن واريءَ شاگردياڻيءَ جي دل جڏھن وطن پرستيءَ جي جذبي سان معمور ٿي ويندي آھي ته اُھا ڪيڏو نه فولادي عزم نڀائڻ جي قابل ٿي ويندي آھي! )

    ڏکڻ ويٽنام جي ھيءَ بي مثال ھيروئن، پنھنجيءَ قوم جي محبوب ۽ محترم ھستي آھي. پنھنجي ساٿين ۾ ڪامريڊ ”نگوين ٿي چائو“ ۽ ھر تجويز ۽ تحريڪ جو مرڪزي ڪردار آھي، ته عوام ۾ ”ڀيڻ ٿي چائو“، قومي جوش ۽ جذبي جي روح روان! ويٽنام جي گھاٽن جھنگن جي پناھه گاھه ۾ ويھي، آمريڪين جي گوليبازيءَ جي خوفناڪ ڌماڪن ۾، ھوءَ اڄ به پنھنجي 1310 ڏينھن جي ڊگھي قيد جون حالتون بيان ڪندي آھي، ته سندس ساٿي سندس ڳالھيون ايڏيءَ ته دلسوزيءَ سان ٻڌندا آھن، ڄڻ ته ڪا نئين ڳالھ ٻڌي رھيا آھن.
    ’ٿي چائو‘ جي عمر اُن وقت 28 ورھيه ھئي- پر آمريڪي قيد سندس ڄمار کي ڪيترا ورھيه اڳتي ڌِڪي ڇڏيو آھي- ھن جي صحت تباھه ٿي چڪي آھي- چھري تي گھنج ظاھر ٿي چڪا آھن. سندس رنگ، لھسجي، سانورو ٿي چڪو آھي- اکيون وساڻل آھن- نظر جھڪي ٿي چڪي آھي. ڪارا ڀنڀا وار، جيڪي چيلھ کان ھيٺ رسندا ھئا، ھن وقت اڻڀا ۽ گرانٺ جيترا وڃي رھيا ھئا. ھڪڙي ڏينھن وجھ وٺي، پنھنجي حسين ڪارن وارن کي ڪَتري ڇڏيو، ته جيئن دشمن کيس وارن مان جھلي، وڌيڪ ايذائي نه سگھي. ٿي چائو جي من موھيندڙ صورت، ڪنھن وقت زندگيءَ سان ڀرپور ۽ صحتمنديءَ جي چمڪ سان منور ھئي پر ھاڻي ته ھوءَ اُن کي به پياري وطن تي قربان ڪري چڪي آھي، ۽ اُن ڏينھن لاءِ زندھه آھي، جڏھن ھوءَ پنھنجي وطن کي دشمن جي ناپاڪ قدمن کان آزاد ڏسي سگھي! (’ٿي چائو جو وطن، مارچ 1967ع تي آزاد ٿي چڪو آھي، ٿي چائو ضرور پنھنجي آسن کي پورو ٿيندي ڏٺو ھوندو- پر خبر نه آھي ته ھيءَ عظيم عورت ھن وقت زندھه به آھي يا نه؟‘)
    ٿي چائو کي 9- فيبروري 1961ع تي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو. اُن وقت ھوءَ مڊل اسڪول جي سينيئر شاگردياڻي ھئي. ٿورا ئي ڏينھن ٿيا ھئا، جو يُوٿ ليگ جي ميمبر ٿي ھئي، ته ڪنھن غدار مائٽ جي مخبريءَ تي کيس گرفتار ڪري، ڏکڻ ويٽنام جي وچئين علائقي جي ھڪ اسپيشل يونٽ ۾ موڪليو ويو.
    ابتدا ۾ ته دشمن جي ڪمينه- صفت ايجنٽن، ھن کي طرح طرح جي لالچن ۾ ڦاسائڻ چاھيو- ۽ پوءِ اُھي آھستي آھستي دوستاڻي نموني سان ھن کي نيون نيون تجويزون ٻڌائڻ ۽ ظاھر ۾ دوستاڻا مشورا ڏيڻ لڳا. ھڪڙي ڄڻي ته ھن کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ کيس ھمدرديءَ جو يقين ڏيارڻ لاءِ، ان حد تائين چئي ڏنو ته:
    ”تنھنجي ھڪ مائٽ ئي تو بابت مخبري ڪئي، جنھنجي بنياد تي تنھنجي خلاف لڳل الزام کي تقويت حاصل آھي. ھن وقت اسان وٽ ڪنھن نه ڪنھن ثبوت جو ھئڻ لازم آھي، ته جيئن اُن بنياد تي اسان تنھنجي خلاف نالي ماتر ڪاروائي ڪري، توکي آزاد ڪري سگھون. اسان کي توسان پوري پوري ھمدردي آھي. اسان نٿا چاھيون ته توکي نقصان پھچي. تون ڇونه ٿي ھڪ ٻه غير اھم وقعا ياد ڪري، تسليم ڪرين ته تو اُنھن ۾ حصو ورتو ھو- ۽ ائين رسمي ۽ معمولي ڪاروائيءَ بعد پاڻ کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرين.“
    پر انھن لفظن تي ڀنڀلجي وڃڻ بدران، ”ٿي چائو“ جو ذھن ھڪدم بيدار ٿي ويو ۽ ھوءَ محتاط ٿي ويئي- ”غير اھم واقعا؟“ ھن سوچيو ته ڪو واقعو کڻي ڪيڏو ئي غير اھم ھجي، پر دشمن جي آڏو اُن کي مڃڻ، بھرحال پنھنجيءَ جماعت سان غداري ڪرڻ جي برابر ۽ ”قومي باغي“ ھجڻ جو ثبوت آھي! جيڪڏھن آءٌ ائين ڪريان ته مون ۾ ۽ انھن قوم ۽ ملڪ جي غدارن ۾ ڪھڙو فرق وڃي رھندو، جيڪي دشمن جي ھٿن ۾ پُتلين جيان نچي، پنھنجي ئي وطن کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ سُڪ ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن؟“- ۽ اِھو سوچي، ھن پنھنجي عزم کي وڌيڪ اٽل بڻائي ڇڏيو.
    جڏھن حڪمت عمليءَ جا ھي وسيلا ڪارگر نه ٿيا، ۽ ٿي چائوءَ جي عزم ۾ ذري برابر به لوڏو نه آيو، ته دشمنن ھن جي اکين تي پٽي ٻڌي، کيس ھڪ بيحد بدنام جيل 42- پي ۾ موڪلي ڇڏيو، جيڪو زميني دوزخ جو بدترين نمونو ھو. ھن جيل ۾ زير زمين تھخانا ۽ ڊگھا ۽ ورن وڪڙن وارا چور- رستا موجود ھئا، جيڪي آزاديءَ جي متوالن وطن- پرستن جي ھڏن سان ڀريا پيا ھئا- ۽ اھڙي طرح اکين تي پٽيون ٻڌي، کيس ھڪ زمين دوز ڪوٺڙيءَ ۾ اڇلايو ويو- ۽ کيس ھڪ ڀيرو ٻيھر سوچڻ لاءِ چئي، سڄي رات ھن کي اڪيلو ڇڏي ويا. ھوءَ ساري رات پنھنجي چؤطرف موجود ڪوٺڙين مان رڙين ۽ دانھن جا آواز ٻڌندي رھي. مصيبت جي ماريلن ۽ مظلوم حريت پسندن کي تڪليفن رسائڻ ۾ اُنھن ماڻھن ايڏو ته لطف محسوس ٿي ڪيو، جو پاڻ به انھيءَ وندر ۾ سڄي رات نه سُتا ھئا- ٿي چائو کي سوچڻ جو موقعو ڏنو ويو ھو، ۽ ھوءَ انھيءَ اذيتناڪ ماحول جي باوجود غور ڪندي رھي. البت ھن جي سوچ جو انداز نرالو ھو- ھوءَ پنھنجي پارٽيءَ ۽ ساٿين جي باري ۾ سوچيندي رھي، جن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو ھن کي تمام گھٽ موقعو مليو ھو. ۽ سيني ۾ اِھائي حسرت سانڍي، ھوءَ قيد ۾ اچي پئي ھئي. ھوءَ تصور جي دنيا ۾ پنھنجي مڱيندي جو دلڪش چھرو ڏسندي رھي- پارٽيءَ جو ھڪ سرگرم رڪن، ”لي ھونگ تو“- جنھن کيس وطن جي آزاديءَ جي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جي دعوت ڏني ھئي. سڀ کان اڳ ھن شاگردن جي ھڪ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو، ڇوته ھن چاھيو ٿي ته شاگرد ھڪ آزاد ملڪ جي فضا ۾ تعليم حاصل ڪري سگھن، ۽ پُر امن ماحول ۾ پنھنجيون تعليمي سرگرميون جاري رکي سگھن. ھوءَ خود فطرتاً امن پسند ۽ پرسڪون طبيعت جي مالڪ ھئي. اُن ڪري منڍ ۾ ھوءَ ھنگامن کان لھرائيندي ھئي، ۽ تحريڪن ۾ حصي وٺڻ کان پاسو ڪندي ھئي. مطالعو، ھن جي محبوب وندر ھئي. پر ”لي ھونگ تو“ کي ھن جو رويو پسند نه ھو، ۽ ھن ئي ”ٿي چائو“ کي نيٺ قائل ڪري ورتو ته ھن وقت وطن جي سڏ کان منھن موڙڻ ۽ جدا رھي مطالعي ۾ وقت گذارڻ، فقط تنگ- نظر انفراديت جو ئي دليل آھي.
    ”ھن ظلم جي زماني ۾، امن ۽ سُڪون بابت سوچي ئي نٿو سگھجي، چائو! ڏسين نه ٿي ته اسان جي پياري وطن جي اڌ کان وڌيڪ حصي تي ظالم آمريڪي قبضو ڪري چڪا آھن، ۽ باقي اڌ سندن ھٿن مان بچائڻ لاءِ اسان کي سر تريءَ تي رکي مقابلو ڪرڻو آھي. ٻيءَ حالت ۾ ھي شھنشاھيءَ جا علمبردار، غلاميءَ جو ڳٽ، اسان جي ڳچين ۾ وڌيڪ سوگھو وجھندا، ۽ امن ۽ آزادي، ھميشہ لاءِ اسان کان رُسي وينديون. ھن وقت، سڀڪجھ ڇڏي، وطن جي بچاءَ لاءِ اُٿ، چائو! اسان کي ملڪ مان مُوذين کي ڀڄائڻو آھي. سائگان ۾ سندن ھٿ ٺوڪي حڪومت جي طاقت ٽوڙڻي آھي. اسان کي پنھنجي سرزمين مان ھن گندي معاشري جي پاڙ پٽڻي آھي، جيڪو ”ماڻھوءَ کي ماڻھوءَ جي کائڻ“ جو سبق سيکاري ٿو!“
    ”لي ھونگ تو“ ايڏن ته پُر اثر لفظن ۾ تقرير ڪئي، جو چائو ان جو درد دل ۾ محسوس ڪيو.
    وري ھن جي ذھن تي اھو نظارو تري آيو، جڏھن ”لي ھونگ تو“ مظاھري جي اڳواڻي ڪري رھيو ھو، ۽ ”ٿي چائو“ سندس بنھ پٺيان ھئي. پوءِ پوليس سندس جلوس کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءَ حملو ڪري ڏنو. ھِتان ھُتان لٺيون وسڻ لڳيون. ”لي ھونگ تو“ جي مٿي ۾ گھاءُ ٿي پيو، جنھن مان رت جو ڦوھارو وھي نڪتو. پر ھن پنھنجي رت ۾ ريٽي چھري تي عزم جي پختگي قائم رکي، ۽ پنھنجو نشان بدستور ھٿ ۾ بلند ڪري نعرا ھڻندو رھيو: ”آمريڪي ڌاڙيلن کي ڌِڪي ڪڍو!“ پوليس جي تشدد جي باوجود، جلوس جي ترتيب ۽ جوش ۾ فرق نه آيو- ۽ اُھو باقائدگيءَ ۽ ضابطي سان اڳتي وڌندو رھيو.
    اُن کان پوءِ ’ٿي چائو‘ کي ’ھونگ تو‘ جي آخري ملاقات ۽ سندس اُھي آخري لفظ ياد آيا- ”جيڪا مشڪلات سامھون اچي، اُن جو بھادريءَ سان مقابلو ڪجانءِ، چائو! کڻي ڪجھ به ٿي پوي، پر تنھنجا قدم، پنھنجي رستي تان ڪنھن به صورت ۾ ٿِڙڪڻ نه کپن.“
    ھن ڪيڏي نه پيار مان چائوءَ جو ھٿ دٻائيندي چيو ھو- ’۽ ھاڻي اُھو وقت اچي ويو آھي، جنھن جو ھن خدشو ظاھر ڪيو ھو- منھنجي امتحان جو وقت-! آزمائش جو وقت-! ھن خود بخود ڀڻڪيو.‘
    ٻئي صبح جو کيس تھخاني مان ڪڍي، پڇا ڳاڇا لاءِ ھڪ ميجر اسپيشل ايجنٽ جي ڪمري ۾ وٺي ويا، جنھن ”يوٿ ليگ“ جي سرگرمين بابت پڇا ڳاڇا ڪئي- ٿي چائوءَ گھڙيءَ کن لاءِ ڏانھس ڪڙيءَ نظر سان ڏسندي جواب ڏنو:
    ”مون کي ڪابه خبر نه آھي!“
    ھن جواب تي ميجر باھه ٿي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي، رڙ ڪري، پنھنجي عملي جي خاص ماڻھن کي حڪم ڏنائين، جيڪي ستايل ڇوڪريءَ کي بي رحميءَ سان گھليندا، ايذاءَ رسانيءَ جي ڪمري ۾ وٺي ويا. ھن کي ھڪ بينچ سان ٻَڌو ويو. ھن جو وات پٽي، لوھه جو ھڪ ٽُڪر سندس ڏندن ۾ ڦاسايو ويو ته جيئن ھوءَ وات بند ڪري نه سگھي. ۽ صابڻ جو ڳار سندس وات ۾ اوتڻ لڳا- جڏھن صابڻ جو پاڻي ڏوگھيندي ھن جو پيٽ ڦوڪجي ويو، ۽ پاڻي سندس نڙيءَ مان واپس اُٽوڙجڻ لڳو، ته اُھي ظالم سندس پيٽ تي چڙھي، اُن کي زور سان دٻائڻ لڳا. پاڻي گڙ گڙ ڪري ڦوھاري وانگر ھن جي وات مان نڪتو. جيتوڻيڪ ڪافي مقدار ھن قيءَ جي ذريعي خارج ڪري ڇڏيو ھو- پر ھن اذيتناڪ سزا جو عملي طور ڪوبه نتيجو نه نڪري سگھيو، ڇوته اُن کان پوءِ به چائوءَ جو ھڪ ئي جواب ھو ته:
    ”مون کي ڪابه خبر نه آھي!“
    اُن بعد ھن جي جسم کي بجليءَ جي اگھاڙين تارن سان ڇھيو ويو ۽ کيس بجليءَ جا تيز جھٽڪا ڏنا ويا، ۽ اُھو عمل روزانو دھرايو ويندو ھو- پھرين ته ھوءَ پيرين پنڌ ھلي، ايذاءَ رسانيءَ جي ڪمري ۾ ويندي ھئي، پر آھستي آھستي سندس حالت ان حد تائين پھچي وئي، جو کيس سھارو ڏئي وٺي ويندا ھئا، ۽ بيھوشيءَ جي حالت ۾ واپس کڻي اچي جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ اڇلائي ويندا ھئا. ھڪ مھيني تائين لڳاتار اھا ڪيفيت رھي- پر ٿي چائو جي وات مان ھڪ به لفظ به نه نڪتو. ميجر وڏيءَ مشڪلات ۾ ڦاسي پيو، ۽ حيران ھو ته ڪري ڇا؟
    ڪجھ ڏينھن کان پوءِ، ميجر ھڪ بوتل کڻي. چائوءَ جي ڪمري ۾ آيو ۽ چپن تي مڪروھه مُرڪ آڻيندي چيائين:
    ”اُف! تنھنجو چھرو زخمن ۽ داغن سان ڀرپور آھي- ۽ ھيءُ ڏس، مون تو لاءِ ھڪ نھايت قيمتي دوا، خاص آرڊر ڏئي گھرائي آھي. ھيءَ دوا اڻلڀ آھي، ۽ وڏيءَ مشڪل سان ھٿ آئي آھي. ھيءَ وٺ، ۽ پنھنجي چھري تي ھڻندي ڪر!“
    ”توھان اجايو پنھنجو وقت پيا وڃايو! توھان اڃا تائين اِھو اندازو نه لڳايو آھي، ته توھان مون کي پنھنجي چالبازين سان متاثر ڪري نٿا سگھو. جيڪو ظلم مون سان ڪري رھيا آھيو، اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ظلم ھوندو؟ ۽ جيڪڏھن ڪو آھي ته اچو، ۽ اچي آزمائي ڏسو!“ ٿي چائوءَ، ڪاوڙ ۽ نفرت جي نظرن سان گھوريندي چيو.
    ”آءٌ چاھيان ٿو ته جھڳڙو ختم ٿئي، ۽ اسان ھڪ ٻئي کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون. ايڏي ڊگھي ويڪري ڳالھ ئي ڪانھي. تون فقط ھڪ ٻه ڳالھيون ٻڌاءِ، ته اسان توکي ھڪدم آزاد ڪري ڇڏينداسون! ھاڻي ئي، ھن وقت! اسان توکي موزون مالي مدد ڏينداسون، توکي انگلينڊ يا آمريڪا موڪلي، اعليٰ تعليم ڏياري سگھجي ٿي. تو جھڙي لائق ڇوڪريءَ کي تعليمي امداد ڏئي، اسان کي دلي خوشي ٿيندي. پوءِ اُھو تنھنجيءَ پسند تي ڇڏيل آھي ته انگلينڊ وڃين يا آمريڪا؟“
    ميجر اھڙيءَ ته خوش اخلاقيءَ جو مظاھرو ڪيو، ڄڻ ھيءُ ڪو نئون ماڻھو ھو! ۽ ٿِي چائو، عجب مان سندس منھن ڏانھن ڏسڻ لڳي- ”پنھنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪھڙيون ڪھڙيون قلابازيون کائين ٿا ھي ماڻھو! ٻين کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ ڪھڙي نه دوزخي پاليسي بڻائين ٿا-!“ ھوءَ سوچي رھي ھئي.
    “ھا، ھا! شاباس!! ھاڻي توکي ڳالھ سمجھ ۾ آئي آھي!“ ميجر پنھنجي خيال ۾، سندس حوصلي افزائي ڪندي چوڻ لڳو.
    ”منھنجي ته سمجھ ۾ ڳالھ اچي وئي آھي! پر توئي غلط سمجھيو آھي! توھان ماڻھن مان ڀلائيءَ جي اُميد رکڻ، ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي- ۽ توھان جي پيشڪش کي قبول ڪرڻ، اُن کان به وڌيڪ ناداني! تنھن ڪري مون کي معاف ڪريو. آءُ جيئن آھيان، ٺيڪ آھيان!“ ٿي چائوءَ قھري نظرن سان ميجر کي گھوريندي وراڻيو.
    ”ھون ..... ٺيڪ آ..... ھاڻي ئي سمجھي وٺان ٿو!“ ھن ڏند ڪَرٽي چيو، ۽ اخلاق جو اُھو ھٿرادو ماسڪ سندس چھري تان لھي ويو، ۽ ھو اڳ جيان بد فطرت وحشي نظر اچڻ لڳو. ٿي چائوءَ کي ٻيھر ايذاءَ رسانيءَ جي ڪمري ۾ گھلي ويا- ۽ ھن ڀيري کيس ٻڌي ڪوڙن ھڻڻ، صابڻ جي ڳار پيارڻ، ۽ بجليءَ جي جھٽڪن ڏيڻ تي ئي اڪتفا نه ڪئي وئي، پر سندس نَنھن ۾ سُيون چُڀائيندا رھيا- سڄي رات کيس لڳاتار قسمين قسمين ايذاءَ ڏيندا رھيا، ۽ ھوءَ سُور جي شدت کان ڦٿڪندي، مٿن ڦٽڪار وجھندي رھي- نيٺ ھوءَ بيھوش ٿي ويئي. ۽ کيس گھلي واپس ڪوٺڙيءَ ۾ اُڇلائي آيا. مظلوم ڇوڪري، ڪنھن وقت پاڻيھي ئي ھوش ۾ اچي ٿي ويئي، ۽ وري بيھوش ٿِي ٿي ويئي. ھن جو سمورو جسم، پڪل ڳڙھه وانگر ڏُکي رھيو ھو. نس نس مان سيسراٽ نڪري رھيا ھئا، ۽ ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ مٿس سڪرات جي حالت طاري آھي، ۽ ڪنھن وقت به مري ويندي. موت کي ويجھو ڏسي، ھن پنھنجي جسم جي سموري سگھ گڏ ڪري، پاڻ کي ڀِت سان ٽيڪ ڏئي بيھاريو، ۽ وارن مان مان ھڪ پِنَ ڪڍي، اُن سان ڀت تي ڪجھ شعر اُڪيريا، جن جو مطلب ھيءُ ھو:
    ”منھنجو ڳاٽ ھميشہ اوچو رھندو،
    سمنڊ جي ڪناري تي بيٺل اڏول پھاڙ جيان اوچو!
    اُھو ڪڏھن به نه جھڪندو- پوءِ لھرون ڀلي ڪيڏيون به تيز ۽ طوفاني ھجن!“
    ”منھنجا ڪپڙا رت- ٻڏل آھن، پر اُنھن جي ھيٺان منھنجي دل ساڳيءَ طرح پاڪ ۽ صاف آھي!“
    اُن کان ڪجھ ڏينھن بعد، ٿي چائوءَ کي ڪنھن ٻئي جيل ۾ موڪليو ويو- ھيءُ جيل گياون جي علائقي ۾ ھو. اُتي موجود قيدي عورتن مان ھن جي ملاقات ھڪ عورت سان ٿي، جيڪا ”ڀيڻ اين“ سڏبي ھئي، ۽ جيل اندر پارٽيءَ جي ڳجھيءَ تنظيم جي انچارج ھئي. ھڪ ڏينھن ھوءَ ”ٿي چائوءَ“ جي ويجھو اچي بيٺي ۽ چوڻ لڳي:
    ”اسان جي پارٽيءَ، تنھنجي ماضيءَ جو مشاھدو ڪيو آھي- آمريڪين جي قيد ۾ تنھنجو عزم اٽل ۽ استقلال داد لائق ڏٺو ويو آھي- ۽ پارٽيءَ کي اعتراف آھي ته تون ھر لحاظ کان اُن جي ميمبر ٿيڻ جي اھل آھين!“
    ايڏي عرصي ۾ پھريون ڀيرو، چائوءَ جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا- ۽ ھي خوشيءَ جا ڳوڙھا ھئا. کيس پارٽيءَ ايڏو وڏو اعزاز ڏنو، جو پاڻھي ئي کيس ميمبر تسليم ڪري ڇڏيائون!
    اڌ رات، 2- سيپٽمبر 1961ع- ”جمھوريه ويٽنام“ جو قومي ڏينھن ھو. وڏي وارڊ ۾ اڪثر قيدي ننڊ پيا ھئا، ۽ ھڪ ڪُنڊ ۾ اُن ئي وارڊ ۾ رھندڙ عورتن، تيل جو ھڪڙو ننڍڙو ڏيئو ٻاري رکيو ھو- اُھي ”ٿي چائو“ کي پارٽي ميمبر تسليم ڪرڻ جي باري ۾ ڪا رسم ادا ڪري رھيون ھيون. ڀت تي ”ھٿوڙي ۽ ڏاٽي“ جي تصوير لڳائي وئي ھئي، جيڪا ڪنھن پمفليٽ مان ڪاٽي وئي ھئي. ”ڀيڻ اين“ نھايت سنجيدي ۽ گنڀير آواز ۾ آھستي آھستي پارٽيءَ جي فيصلي جو اعلان ڪيو. اُن کان پوءِ، نگوين ٿي چائوءَ، نشان ڏانھن ھٿ کڻي، حلف کڻندي، ھلڪي آواز پر پُر عزم لھجي ۾ چيو:
    ”آءٌ سڄي زندگي پنھنجيءَ پارٽيءَ سان وفادار رھنديس ۽ آخري وقت تائين ان جي مفاد لاءِ جدوجھد ڪنديس!“
    ھن جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رھي ھئي- اوچتو ھن جي دل ۾ آرزو پيدا ٿي، ته پنھنجن اِنھن لفظن کي ايڏي ته بلند آواز سان چوي، جو سندس آواز، ھن جي پارٽيءَ کان سواءِ اُھي سڀ آزادي- پسند ڀيڻون ۽ ڀائر ٻُڌي سگھن، جيڪي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪري رھيا آھن!
    سڄو وارڊ سانت جي ساگر ۾ گم ھو. ڏيئي جي ٽمڪندڙ جوت ۾ ڪجھ سنجيدا چھرا، خلوص جي نُور سان چمڪي رھيا ھئا. ھن پنھنجو پاڻ تي ضابطو رکندي، پنھنجي ساٿين ڏانھن ڏٺو، ۽ مُرڪي ڏنو:
    ”ھو نڀاڳا، مون کان اِھو چوڻ لاءِ ته آءٌ پارٽيءَ جي ميمبر آھيان- سخت سزائون ڏيندا ۽ تشدد ڪندا رھيا- مون کي اِھو ڏک ٿيندو ھو ته مون کي اھو (پارٽي ميمبرشپ) جو اعزاز حاصل ڪونه ھو- ڪنھن کي خبر ھئي ته مون تائين اھو اعزاز، زنجيرن جي جھنڪار سان، ھنن تشدد- پسند ظالمن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي، ھن ھنڌ پھچندو!“- ھن ڀِنل اکين ۽ مُرڪندڙ چَپن سان چيو.
    ”ڀيڻ اين“، جيل جي ڳُجھيءَ برانچ جون ڪجھ ذميداريون ”ٿي چائوءَ“ کي سونپيون، ۽ اُن مصروفيت ۾ ”ٿي چائو“ وڏي دلچسپي ڏيکاري. جيل جي آفيسرن، سندس اِن تبديليءَ کي شڪي نظرن سان تاڙي ورتو، ۽ جلد ئي سندس بدلي ڪنھن ٻئي جيل ۾ ڪئي وئي. پر چائوءَ اتي به پنھنجون سرگرميون جاري رکيون، ۽ پارٽيءَ جي ھدايتن تي عمل ڪرڻ لاءِ سرگرم رھي. ھن جي اڳواڻيءَ ۾ اَٺ بُک ھڙتالون ڪامياب رھيون، جيڪي جيلن جي حالت بھتر بڻائڻ ۾ قيدين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيون ويون ھيون. حاڪمن کي معلوم ھو ته اھو سڀ ڪجھ، ٿِي چائوءَ جي اشاري تي ٿئي ٿو. جنھن ھنڌ به کيس موڪليو ويندو ھو، اُتي ھلچل شروع ٿي ويندي ھئي، ۽ جيل آفيسرن جي ننڊ حرام ٿي ويندي ھئي.
    ھڪ ڀيري، چائو ڪو ڳُجھو خط کڻي ويندي، پڪڙجي پئي- پر اُن کان اڳ، جو دشمن کي ھن جي خلاف ڪو ڏٺو وائٺو ثبوت ملي، ھن خط کي ڦاڙي ذريون ذريون ڪري ڇڏيو- انتظاميه ھن واقعي تي مٿس باھه ٿي ويئي. ھن کي ھڪ ڀيرو وري ايذاءَ رسانيءَ جي ڪمري ۾ نيئي، مٿس بيحد تشدد ڪيو ويو. ھن جي پيرن جي آڱرين ۽ ڪَنن جي پاپڙين تي بجليءَ جون اگھاڙيون تارون رکيون ويون. ھن جي جسم مان رکي رکي بجليءَ جي ڌار گذاري ويندي ھئي- اُن بعد پچڪارين وسيلي سندس ناسن ۾ صابڻ جو ڳارو وڌو ويو، ايتري قدر جو ھن جي نڪ مان رت وھڻ لڳو- جڏھن ھوءَ بيھوش ٿي ويندي ھئي ته کيس ھوش ۾ آڻي، وري جلد ئي بجليءَ جا جھٽڪا ڏنا ويندا ھئا. جڏھن ھوءَ صفا اڌ- مُئي ۽ نِستي ٿي ويندي ھئي ته کيس کڻي ڪوٺڙيءَ ۾ اُڇلايو ويندو ھو. بيھوشيءَ جي حالت ۾ ھن جي نَڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وھندو ھو. ان ھوندي به تشدد جو ھي عمل جاري رکيو ويندو ھو. اذيتن جو تاب نه سھي، ھوءَ کين جنسي گاريون ڏيندي ھئي ۽ بار بار چوندي ھئي:
    ”توھان جانورن کان به پري آھيو!“
    ھڪ ڏينھن ھن جا ھٿ پير ٻڌي، ڏھه ٻارھن ماڻھو کيس ڪُٽن ۽ مارڻ لڳا، ۽ ھن کي ٿُڏن سان ايترو ته ماريو ويو، جو ھن ويچاريءَ جا نَنھن ڇڄي پيا ۽ ڏند اُلڙي پيا، پر ايڏي وحشياڻي ظلم تي به دانھون ڪوڪون ڪري، دشمن جي سامھون پنھنجي ڪمزوري ظاھر ڪرڻ، ھن کي پنھنجي وقار جي خلاف محسوس ٿيو- ھن پنھنجو پاڻ تي ضبط ڪرڻ لاءِ پنھنجن ڪُلھن ۾ چَڪ ھنيا ٿي.
    پنھنجي قيد جي حالتن کي بيان ڪندي، نگوين ٿي چائو، جڏھن به پنھنجي درديلي داستان جي ھن حصي تي پھچندي آھي ته ڪنھن خيال کان ڏاڍي ڏُکاري ٿي ويندي آھي- ھن جا پنھنجا لفظ آھن ته ھن نازڪ وقت ۾، پنھنجي قومي رھنمائن سان دلي عقيدن ئي ھن کي موت سان اکين اٽڪائڻ جو حوصلو بخشيو- ھوءَ لکي ٿي ته: ”منھنجو ساھه لُڪيءَ ۾ اٽڪيل ھو، ۽ ائين محسوس ٿيندو ھو ته مون تي سڪرات جون آخري گھڙيون طاري ٿي چڪيون آھن- اوچتو ئي منھنجي تصور ۾ ھوچي منھ جو مُھانڊو اُڀري آيو ٿي، ڄڻ بلڪل منھنجي ڀرسان بيھي، اٿاھه پاٻوھه مان مون ڏانھن ڏسي رھيو آھي ۽ چئي رھيو آھي: ”حوصلو! منھنجي ڌيءُ! پنھنجو ڳاٽ ھميشہ اوچو رک!“- ڪنھن معجزي جھڙي سگھ، منھنجي وڃايل طاقت بحال ڪري ڇڏي، ۽ منھنجي جسم ۾ زندگي موٽي آئي- مون کي ھوش ۾ ڏسي، ھڪ ماڻھو مون ڏانھن وڌيو، ۽ مون کي سڏڻ جي ڪوشش ڪيائين- مون پنھنجي سموري سگھ گڏ ڪري، اُن جي منھن تي ٻه ڀرپور ٿڦڙ وھائي ڪڍيا- ۽ پوءِ بيھوش ٿي ويس. ٻئي ڏينھن جڏھن مون کي ھوش آيو ته مون ڏٺو ته اکين کان سواءِ منھنجي سموري جسم تي پٽيون ٻڌل ھيون، ۽ درد جي شديد احساس کان بچڻ لاءِ، آءٌ ھڪ ڀيرو وري بيھوش ٿيڻ جي تمنا ڪري رھي ھيس ته اوچتو مون کي ”ڊونگ“ جا لفظ ياد آيا، جيڪو اسان جي ’حريت پسند‘ شھيدن مان ھڪ جري جوڌو ھو-
    ”جيڪڏھن پنھنجن اصولن ۽ عقيدن تي، انسان دلي طور پختو ۽ مستقل آھي، ته جسماني ايذاءَ سھپ جوڳا ٿي وڃن ٿا!“
    ۽ انھن لفظن جي ذھن ۾ ايندي ئي واقعي درد جو احساس ويندو رھيو.
    ”نگوين ٿي چائو“ کي اِن واقعي کان ڪجھ ڏينھن بعد، اُتان به بدلي ڪيو ويو- ۽ اھو سلسلو لڳاتار جاري رھيو. کيس ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ ٻئي جيل ڏانھن منتقل ڪيو ويندو ھو- ھن کي گھڻو ڪري عورتن جي سڀني جيلن جو سير ڪرايو ويو. ڪن جيلن ۾ ته ڪيترا ڀيرا وئي. ھن کي جتي به موڪليو ويندو ھو، ھوءَ پنھنجيءَ پارٽيءَ جي مقصدن ۽ متن ھيٺ وڏيءَ جدوجھد ۾ مصروف ٿي ويندي ھئي- ٻين عورتن کي جھٽ ۾ پنھنجو ھم خيال بڻائي ڇڏيندي ھئي، ۽ جيل جي آفيسرن لاءِ ڪانه ڪا مصيبت کڙي ڪري ڇڏيندي ھئي. ھڪ وقت اھڙو به آيو، جو جيل جي آفيسرن لاءَ ”نگوين ٿي چائو“ جو نالو ڏھڪاءَ جو سبب بڻجي ويو. کيس جنھن به جيل ۾ بدلي ڪري رکيو ويندو ھو، ھن جي صورت ڏسندي ئي، انچارج آفيسر اِئين ڇرڪي ويندو ھو، ڄڻ کيس بجليءَ جي تار جھٽڪو ھڻي وڌو ھجي- ”ھن کي ھتي ڇو موڪليو ويو آھي؟“ ھو اوچتو احتجاج ڪرڻ لڳندو ھو.
    جيڪڏھن دشمن جو وس ھلي ھا ته ھن کي اُڦٽ ماري، ھن مان جان ڇڏائين ھا، پر حالتون ايتريون سازگار نه ھيون- ھنن چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي ته نگوين ٿي چائوءَ جھڙيءَ ناليري ۽ مشھور ڇوڪريءَ جي موت تي وڏي مصيبت کڙي ٿي ويندي. پھرين ڳالھ ته مٿس ڪوبه الزام ثابت ٿي نه سگھيو ھو- ٻيو ته حريت پسند ھٿياربند فوجن جون سوڀون ٿي رھيون ھيون- اھڙي موقعي تي چائوءَ کي موت جي سزا ڏيڻ سان عوام بگڙي پوندا، ۽ جوش ۾ ڀرجي، مھينن جو ڪم ڏينھن ۾ ڪري ڏيکاريندا. دشمن کي خوب ڄاڻ ھئي ته ھِڪ ٿي چائوءَ کي مارڻ سان ھن وقت ھزارين ”ٿي چائو“ پيدا ٿي پونديون، ۽ وڏيءَ مصيبت کي منھن ڏيڻو پئجي ويندو. ھيڏانھن جيلن ۾ به روزانو ڦڏو منھن ڪڍيو بيٺو ھوندو ھو، جنھن به کين منجھائي وڌو ھو. نيٺ ھنن کي اُن کان سواءِ ٻي ڪا واھه ڏسڻ ۾ نه آئي، ته ”ٿي چائو“ کي آزاد ڪيو وڃي. پر آزاد ڪن ته ڪھڙي منھن سان؟ ھيءَ فولادي عزم واري ڇوڪري، پنھنجي رويي ۾ ذرو به پڇتاءُ ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئي، ۽ رڳو رسمي طرح به جھڪڻ لاءِ آمادہ نه ھئي.
    ۽ ھڪ ڏينھن ھڪ اسپيشل ايجنٽ، جيڪو ميجر جي عھدي تي متعين ھو، چائوءَ کي سڏائي کيس ايلاز ڪندي چيو:
    ”چڱو! ڀلا، اسان ھاڻي توکي پڇتاءُ ڪرڻ لاءِ به مجبور نه ٿا ڪريون- پر رڳو ايترو ڪر، جو سائيگان جي ملڪي حڪومت واري جھنڊي جي سلامي ڏي، ته توکي آزاد ڪري ڇڏيون!“
    ”ڇا-؟ سائيگان جي ڪٺ پتلي حڪومت جي جھنڊي کي- ڇا اُھو آمريڪا جو جھنڊو نه آھي؟“ ٿي چائو اُتاولي ٿيندي پڇيو.
    ”آھي ته-“ آفيسر وراڻيو.
    ”ته پوءِ تنھنجو مطلب آھي ته آءٌ غير ملڪي غاصبن جي جھنڊي آڏو سِر جھڪايان؟ ڪڏھن به نه! آءٌ مري وينديس پر ھن غليظ ڪپڙي جي ٽُڪر آڏو نه جھڪنديس، اھو ته بدبخت غلامن جو جھنڊو آھي، توھان ان کي ملڪي حڪومت جو جھنڊو سڏي رھيا آھيو؟ آمريڪي حڪومت ته رھي پري، مون کي ته ھن غلامن جي حڪومت کان ئي نفرت آھي!“ ٿي چائوءَ انتھائي نفرت واري انداز ۾ چيو. ميجر ڪاوڙ ۾ وٽجڻ سٽجڻ لڳو، پر مصلحت کي آڏو رکندي، ڪاوڙ کي پِي، ضبط کان ڪم وٺندي چيائين:
    ”چڱو اِئين به نه ڪر! ڀلا اھو ڪيئن رھندو، ته اسان سڀ جھنڊي کي ھلي سلامي ڏيون، ۽ تون به اُتي موجود ھجين- تون کڻي جھنڊي کي سلامي نه ڏجان- بس ايترو ته ڪر!“ ميجر صفا شڪسته ٿي، ھڪ ننڍڙو شرط پيش ڪيو.
    ”ڪڏھن به نه! توھان جي رائفلن جي گھيري ۾ ھوندي به اھو شرط منظور نه ڪنديس!“ ھن نھايت استقلال سان جواب ڏنو.
    ”اُف! توکي ڪابه تجويز پسند نٿي اچي. چڱو ڀلا، تون پنھنجي پيرن سان پنڌ ڪري، جھنڊي تائين نه وڃ- توکي بيمار جي حيثيت ۾ سھارو ڏئي، اتي وٺي وينداسون. تون چپ چاپ منھنجي ڪَن ۾ چئجان، ته تون ھن جھنڊي جي عزت ڪرين ٿي- ھاڻي، گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ڪندينءَ!“
    نگوين ٿي چائوءَ، ڌِڪار مان ميجر ڏانھن ڏٺو، ۽ چپ چاپ اھڙيءَ طرح منھن ڦيرائي ڇڏيائين، ڄڻ چوندي ھجي:
    ”جواب جاھلان باشد خموشي!“
    ھاڻي ته ميجر جي سھپ کان ڪم وڌي ويو، ۽ رڙ ڪندي چيائين: ”ھيءَ ڪھڙي مصيبت آھي؟ توھان باغي ماڻھو ايڏا ته بيوقوف ۽ ڄٽ قسم جا نٺر ٿيندا آھيو، جو اوھان وٽ مصلحت لاءِ ڪا لچڪ ئي نه آھي؟ خدا ڪو اوھان سان پھچي، باقي اسان جي ڀيڻي نه آھي. ڀلا، ڪجھ رسمي جملن چوڻ ۾ ڪھڙو حرج آھي؟ چئي ڏي، اِن ۾ ئي تنھنجي ڀلائي آھي! ڇا توکي خود اھا ڳالھ پسند نه آھي ته جيئن تيئن ڪري ھتان نڪرين ۽ ٻاھر وڃين پنھنجو من- پسند ڪم ڪرين؟“
    ميجر اڃا ايترو مس چيو ته ”ٿي چائو“ جون ساٿي عورتون، جيڪي ٻاھر بيٺيون سڀ ڪجھ ٻڌي رھيون ھيون، ٽھڪ ڏئي کِلڻ لڳيون. ميجر ڏاڍو لڄي ٿيو، ۽ ڪنھن موچڙن کاڌل ڪُتي وانگر ڪَن لوڏيندو ٻاھر نڪري ويو. پنھنجي ليکي ھو پنھنجيءَ حِڪمت عمليءَ تي ڀروسو رکي آيو ھو، ۽ خيال ھئس ته ھيءَ سادي سودي ڇوڪري، نھايت سولائيءَ سان ھن جي دام ۾ ڦاسي پوندي. کيس ڪھڙي خبر ته ته سندس واسطو فولادي عزم واري جنگجو عورت سان آھي، جيڪا نه رڳو اَجيت حريت پسند اُصولن جي محافظ آھي، پر اُن لاءِ پنھنجي طريقه ڪار کي ھر اعتراض کان مٿاھون چاھي ٿي.
    تشدد ۽ بدسلوڪي، نرميءَ جو ورتاءُ ۽ دلفريب وعدا- سڀ حيلا ناڪام ثابت ٿيا. نيٺ ”نگوين ٿي چائو“ جو 1310 ڏينھن جو ڊگھو قيد ختم ٿيو. ھن جي حوصلي، ثابت قدميءَ ۽ استقلال کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي، دشمن لاءِ، ھن کي آزاد ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه رھيو ھو- ۽ ھوءَ جيل مان ھڪ فتح منداڻي شان سان ٻاھر نڪتي. ھوءَ واقعي فاتح ھئي ۽ دشمن ھارايل! آزاديءَ بعد ٻن ڏينھن کان پوءِ ھن پارٽيءَ سان رابطو قائم رکيو، ۽ آزاد علائقن ڏانھن رواني ٿي وئي.
    منزل تي پھچي، ’ٿي چائو‘ کي ھڪ بيحد ڏکوئيندڙ خبر ملي- ھن جي قيد ٿيڻ کان پنج مھينا پوءِ، ھن جي مڱيندي ”ھونگ تو“ ۽ ھن جي ساٿين کي اُن وقت گرفتار ڪيو ويو ھو، جڏھن اُھي آمريڪي سفير، فريڊرڪ اي- نولٽن کي قتل جو منصوبو ٺاھي رھيا ھئا. ”ھونگ تو“ کي پھرين ڪونڊوز جي ٻيٽ ڏانھن جلاوطن ڪيو ويو، پر گذريل آڪٽوبر ۾ کيس سائيگان جيل ۾ گھرائي، موت جي سزا ڏني وئي.
    نگوين ٿي چائوءَ وٽ ”ھونگ تو“ جي ھڪ تصوير آھي- تصوير ۾ ھو ھڪ بھادر ۽ جري جوڌو لڳي رھيو آھي، جنھن جون چمڪندڙ ڪاريون اکيون، بيحد جرئت ۽ دليريءَ سان دنيا جي اکين ۾ گھُوري رھيون آھن- ۽ اُن جي ھيٺان اُھو جملو لکيل آھي، جيڪو ھن دشمن کي مخاطب ٿي، اُن وقت چيو ھو، جڏھن کيس موت جي سزا جو حڪم نامو ڏنو ويو ھو:
    ”بس! ڏُک فقط اِن ڳالھ جو رھجي ويو اٿم ته مون کي ايترا دستي بم نه ملي سگھيا، جن سان آءٌ سڀني آمريڪي ڌاڙيلن کي ماري، ختم ڪري سگھان ھا!“
    ھن پر عزم نوجوان جا ھي لفظ، جتي ”ٿي چائو“ جي دل جو دکندڙ احساس بڻجي ويا آھن، اُتي اُنھن جو پڙاڏو، دنيا جي چئني ڪُنڊن ۾ گونجي رھيو آھي، ۽ ھر ملڪ ۽ قوم جي ماڻھن کي آزاديءَ جي جنگ جي دعوت ڏئي رھيا آھن!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267681
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387992
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ