ڪتاب جو نالو: ڪُوڙي دنيا سچا ماڻهو
مصنف: قادر جوڻيجو
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 09 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 967 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 663 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
قادر جوڻيجي انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي دنيا جي چئن عظيم انقلابين هوچي منھ، پئبلو نرودا، ڪم چي ها ۽ بوبي سئنڊس تي لکيو آهي. جيستائين انهن انقلابين تي لکڻ جي سلسلي ۾ چونڊ جو تعلق آهي ته اهي چارئي هن ويجھڙي دور جا آهن. ٻي ڳالھه اها آهي ته انقلابي هئڻ سان گڏ اهي ليکڪ به آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪُوڙي دنيا سچا ماڻهو
  • مُهاڳ
  • ڪم چي ها
  • بوبي سينڊس
  • پئبلو نرودا
  • هوچي منهه

  • ڪُوڙي دنيا سچا ماڻهو

    ڪُوڙي دنيا
    سچا ماڻهو

    ڪم چي ها (ڪوريا) بوبي سينڊس (آئرلينڊ)
    پئبلو نرودا (چلي) هوچي منھه (ويٽنام)

    قادر جوڻيجو

    ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ: ڪوثر علي ڀٽو


    مُهاڳ

    اهي قومون جيڪي انقلاب جي واٽ وٺنديون آھن، تن جي لاءِ رڳو شاعري ۽ ڪهاڻيون سڀ ڪجھ نه هونديون آهن. انهن جي لاءِ سياسي لکڻيون به ايتريون ئي اهم هونديون آهن. ماڻهن جي سياسي شعور کي وڌائڻ ۽ تيز ڪرڻ جي لاءِ اهڙين لکڻين جي سخت ضرورت هوندي آهي.جيستائين دنيا جي انقلابن، انهن انقلابن کي وجود ۾ آڻيندڙ نظرين ۽ نظرين کي گھڙيندڙ توڙي انهن کي عمل ۾ آڻيندڙن بابت ڄاڻ نه هوندي تيستائين ماڻهو کوھه جي ڏيڏر جي مثل هوندا. دنيا جي هر نظريي هر فلسفي، هر انقلاب ۽ هر انقلابيءَ بابت ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻ هجڻ ضروري آهي.
    قادر جوڻيجي انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي دنيا جي چئن عظيم انقلابين هوچي منھ، پئبلو نرودا، ڪم چي ها ۽ بوبي سئنڊس تي لکيو آهي. جيستائين انهن انقلابين تي لکڻ جي سلسلي ۾ چونڊ جو تعلق آهي ته اهي چارئي هن ويجھڙي دور جا آهن. ٻي ڳالھه اها آهي ته انقلابي هئڻ سان گڏ اهي ليکڪ به آهن. پئبلو نرودا دنيا جي عظيم شعرن مان هڪ آهي جنهن کي نوبل پرائز پڻ مليو. هوچي منھ به شاعري ڪئي آهي. ڪم چي ها جو ته ڪردار ئي انقلابي شاعر وارو رهيو آهي. بوبي سئنڊس پنهنجي پٺيان ڊائري ڇڏي ويو. قادر جوڻيجي انهن انقلابي شخصيتن جي زندگي، ڪَم ۽ ڪارنامن تي لکڻ کان سواءِ سندن لکڻين مان ڪجھ ترجما نموني طور پڻ ڏنا آهن. انقلاب جي معنى آهي هڪ بيڪار مردار نظام ۽ ڄمي ويل ڪني تيل جي صورتحال کي بدلائڻ. ان لاءِ عوام دشمن، ڌرتيءَ جي لٽيرن ۽ غاصبن سان جنگ جوٽڻي پوندي آهي. اهي ماڻهو جن جنگ جي ميدان ۾ لڙندي لکيو آهي. (جيتوڻيڪ انقلاب خود پنهنجي جاءِ تي هڪ نئين شئي جي تخليق آهي) تن جي واقفيت قادر جوڻيجي سنڌي پڙهندڙن سان ڪرائي آهي.
    ويٽنام جي عظيم اڳواڻ هوچي منھه کان پڙهيل لکيل سنڌي ضرور واقف هوندا. اڄ جي دور جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ هن جو نالو عزت سان ورتو وڃي ٿو. هوچي منھه جنهن جو ويٽنامي زبان ۾ معنى آهي ”ساماڻيل ڏاهو“ پنهنجي زندگيءَ جي هر گھڙي ماڻهن جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ وڙهندي گذاري. هن پنهنجي وطن ويٽنام جي ماڻهن کي ڌارين جي غلاميءَ مان آزاد ڪرئڻ جي راھه ڳولڻ واسطي وسيع مطالعي لاءِ ٻاهر جو سفر اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هو ٻاهرين ملڪن ۾ سامونڊي جهازن تي ملاح، رستي تي ٻهاري ڏيندڙ، واڍي ۽ هوٽل ۾ بورچيءَ جا ڪم ڪيا. سفر دوران ھن جيڪي مشاهدا ڪيا، ان مواد کي، هن پوءءِ پنهنجي ڪتاب ”فرانسيسي بيٺڪي راڄ جي ناڪامي“ ۾ ڪم آندو. انهيءَ ڪتاب جو قومي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙن طرفان وڏو قدر ڪيو ويو.
    1945ع ۾ بغاوت لاءِ اپيل ڪندي هن چيو هو، ”اسان جي عوام جي تقدير جو فيصلو ڪن وقت شروع ٿي چڪو آهي. اچو ته گڏجي اٿون ۽ پوري قوت سان پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرايون. سڄي دنيا جا مظلوم ماڻهو پنهنجي خودمختياري ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن. اسين پنهنجو پاڻ کي پوئتي رهڻ نه ڏينداسين.“
    هوچي منھه کي ان ڳالھه جو احساس هيو ته دانشور يعني ذهني ڪم ڪندڙ انقلاب جي تعمير ۾ شاندار ڪردار ادا ڪن ٿا. هن 1956ع ۾ ويٽنام پيپلز يونيورسٽي ۾ سياسي ڪورس جي شاگردن آڏو تقرير ڪندي چيو هيو، ”مکيه انقلابي قوتون مزدور ۽ هاري آهن“. انهيءَ جو سبب هي آهي ته اهي سموري دولت جا خالق آهن، جيڪا سوسائٽي کي زندھه رکي ٿي ۽ ڇاڪاڻ ته اهي ڳڻائيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. اهي آباديءَ جا سڀ کان وڌيڪ ڦرجندڙ ۽ لٽجندڙ حصا آهن، ۽ ڇاڪاڻ ته انهن جو انقلابي جذبو ٻين سماجي طبقن کان وڌيڪ مضبوط ۽ سدائين قائم دائم رهي ٿو. پوءِ به انقلاب جي دانشورن (جن کي عام طور ذهني ڪم ڪندڙ ڪوٺيو ويندو آهي) جي قوت جي ضرورت پوي ٿي. جيئن عوام جي صحت کي قائم رکڻ لاءِ ڊاڪٽر ضروري آهن، تيئن عوام جي ذهني صحت لاءِ دانشور ضروري آهن“. هوچي منھه ان ڳالھه تي زور ڏيندو هيو ته پورهيو ڪندڙ عوام (ذهني پورهيو ڪندڙ ۽ جسماني پورهيو ڪندڙ) کي پنهنجي ڌرتيءَ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي خاطر هڪ ٻئي جي ويجھو اچڻ گھرجي. ويٽنام جيڪو فرانس جي ڪالوني هيو، جتي هر ڏهن ماڻهن مان نو ماڻهو هاري هئا، ۽ اڻپڙهيل هئا جن ۾ هوچي منھه ايترو سياسي شعور پيدا ڪيو جو انهن ڪمزور ۽ نٻل ماڻهن پهرين فرينچ فوجن سان وڙهي انهن کي ملڪ مان هڪالي ڪڍيو ۽ پوءِ دنيا جي هڪ سپر پاور آمريڪا سان ٽڪر کائي، قربانيون ڏئي نيٺ آزادي ماڻي.
    پئبلو نرودا چليءَ جي ماڻهن جو محبوب شاعر هيو. هن پنهنجي زندگي ۽ شاعري چليءَ جي ماڻهن کي ارپي ڇڏي هئي. چلي، لاطيني آمريڪا جو اهو بدنصيب ملڪ جيڪو هميشه آمريڪا جي، سي- آءِ- اي جي سازشن جو شڪار رهيو آهي، اهو اڄڪلھه فوجي آمريت جي چنبن ۾ ڦاٿل آهي.
    ”مون اهو ڪڏهن به ناهي سوچيو ته منهنجي زندگي شاعري ۽ سياست ۾ ورهايل آهي.“ 3 سيپٽمبر 1960ع ۾ جڏهن چلين ڪميونسٽ پارٽيءَ پئبلو نرودا کي صدارت جي عهدي لاءِ بيهاريو هيو ته ان موقعي تي قبوليت واري تقرير ڪندي هن چيو هيو، ”آئون هڪ چلين آهيان، جنهن کي ڪيترن سالن کان پنهنجي قومي وجود جي بدقسمتين ۽ مشڪلاتن جي خبر آهي ۽ جيڪي ماڻهن جي هر ڏک ۽ سک ۾ حصيدار رهيو آهي. آءٌ انهن جي لاءِ ڪو ڌاريو ڪونه آهيان. آءٌ انهن منجھان آهيان، آءٌ ماڻهن جو حصو آهيان، آءٌ هڪ پورهيت ڪٽنب مان آيو آهيان. آءٌ ڪڏهن به اقتدار جي صاحبن سان شامل ڪونه ٿيو آهيان. مون هميشه محسوس ڪيو آهي ته منهنجو ڪم ۽ منهنجو فرض منهنجي عملن ۽ منهنجي شاعري وسيلي چليءَ جي خدمت ڪرڻ آهي. آئون انهن کي ڳائڻ ۽ انهن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ زندھ آهيان.“
    پئبلو نرودا رڳو شاعري ڪانه ڪئي، پر عملي طور هن چليءَ جي عوام سان گڏجي آمريڪي سامراج ۽ ان جي ڇاڙتن سان ٽڪر کاڌو. چليءَ جي کاڻين مان پيدا ٿيندڙ قومي دولت کي ڌاريا لٽيندا ڦريندا پئي رهيا هئا، ۽ چليءَ جا ماڻهو غير انساني پورهيو ڪرڻ کان پوءِ به اٽي لٽي ۽ اجھي کان مرحوم هئا. پئبلو نرودا شروع کان وٺي شاعريءَ وسيلي توڙي عملي طرح پنهنجن ماڻهن جي سياسي ۽ معاشي آزاديءَ لاءِ وڙهندو رهيو، ۽ انهيءَ ويڙھه ۾ هو آمريڪا وٽ وڪاميل فوجن هٿان مارجي ويو.
    چليءَ جي عوام طرفان چونڊيل صدر آلندي کي سيپٽمبر 1973ع تي ھڪ خونخوار فوجي بغاوت ۾ ماريو ويو ھو. پيبلو نرودا کي ان واقعي سبب گهرو صدمو پهتو. واقعي جي ٽئين ڏينهن تي نرودا پنهنجي ڪتاب ”يادگيريون“ جي تڙ تڪڙ ۾ پڄاڻي ڪندي لکيو هيو، ”هوائي جهازن طرفان صدارتي محل تي بمباري ڪرڻ کان هڪدم پوءِ ٽينڪون حرڪت ۾ اچي ويون، ڪيتريون ئي ٽينڪون هڪ اڪيلي ماڻهوءَ جي خلاف وڏي بهادريءَ سان وڙهيون، اهو رپبلڪ آف چليءَ جو صدر ساليونڊر آيندي هو جيڪو شعلن ۽ دونهن ۾ گھيريل پنهنجي آفيس ۾ سندن انتظار ڪري رهيو هيو جنهن کي سواءِ پنهنجي عظيم دل جي ٻئي ڪنهن جو ساٿ ڪونه هيو.... سندس شاندار جسم کي چليءَ جي فوجين مشين گنن سان چيري ڦاڙي پروڻ ڪري ڇڏيو. فوجين هڪ ڀيرو وري چليءَ سان غداري ڪئي هئي“.
    هن ڪتاب جي ٽين شخصيت بوبي سئنڊس آهي. هن جو تعلق آئرش رپبلڪ آرميءَ سان هو جيڪا آئرلينڊ جي قومي آزاديءَ خاطر برطانوي سامراج سان ويڙھه کي قائم رکيو اچي. قومي آزاديءَ خاطر وڙهندڙن کي هر هنڌ ڌاڙيل ۽ دهشت پسند سڏي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. برطانوي هڪومت بوبي سئنڊس تي به اهڙائي ليبل هنيا. 27 سالن جي نوجوان بوبي سئنڊس کي گرفتار ڪري 14 سال سزا ڏني وئي هئي. هن مطالبو ڪيو ته کيس ۽ سندن ٻين ساٿين کي جيل ۾ سياسي قيدين جي حيثيت ڏني وڃي، ڇو ته پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌاڙيل يا دهشت پسند نه هوندا آهن، جو انهن کي اخلاقي ڏوهاريءَ جو درجو ڏنو وڃي.
    انهن عظيم انقلابي شخصيتن کي سنڌي پڙهندڙن اڳيان قادر جوڻيجي هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن توري عام ماڻهن جي ڄاڻ کي وڌائڻ ۽ صحيح سياسي شعور بخشڻ جي سلسلي ۾ ههڙي قسم جي ڪتابن جي گھڻي اهميت ۽ ضرورت آهي.

    شوڪت حسين شورو


    ڪم چي ها

    ڏکڻ ڪوريا جو عظيم قومي شاعر ”ڪم چي ها“ تازو جيل مان آزاد ٿيو آهي. کيس عمر قيد جي سزا ڏني وئي هئي، ڏوھه ڪهڙو هئو؟؟ اهو ئي ساڳيو ڏوھه جنهن ڏوھه ۾ سقراط کي وھه جو وٽو پيئڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو، عيسى کي صليب مٿان ٽنگيو ويو هيو، مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙيو ويو هيو. شاھه عنايت شهيد جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو هو، ۽ هيمون ڪالائيءَ کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو هو، مسئلو اهو ئي پراڻو هو. ته جن وٽ طاقت هئي انهن چيو ته سج اولھه کان اڀري، اوڀر ڏي الهي ٿو، پر جن جا هٿ خالي هئا، ۽ ذهن سجاڳ انهن چيو” جن کي سج اولھه کان اڀرندو نظر اچي ٿو اهي اکين هوندي انڌا آهن، اهي طاقت (بندوق جي ناليءَ) جي اکين سان ڏسن ٿا اهي ڪوڙا ۽ ڪائنر آهن“. قوم ۽ ديش سان پيار ۽ سچائيءَ جي ڏوھه ۾ ڪم چي ها عمر قيد ڪيو ويو. سج چوڻ جي جرئت ئي سندن مهاپاپ ۽ ڏوھه هو.
    ڪم چي ها_ ڏکڻ ڪوريا جي ننڍڙي پر خوبصورت ڳوٺڙي ۾ جنم ورتو. سندس جنم ڏينهن14 فيبروري 1941ع آهي.
    ڪوريا جي لفظي معنى آهي ”بلند، اوچو ۽ خوبصورت ۽ حسين“. ڪم چي ها، سندس شاعري ۽ تخليقون به سندس ديش وانگر اڏول، اونچون، بلند ۽ حسين آهن.
    جيون جو سچو پچو حسن ۽ سونهن سموهيل آهي ڪم چي ها جي تخليق ۾، ڪوريا ۾ ڪم چي ها هڪ شيءِ جا ٻه نالا آهن، سڌ ۽ پڙاڏي جيان هڪ ٻئي کان ڌار ناهن. ننڍي هوندي کان سندس ذهني لاڙو ادب ۽ سياست ڏانهن هو، حقيقت پسندي ساھه جيان سندس وجود ۾ ڀري وئي هئي، هو ماڻهن سان محبت ۽ انهن مٿان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کان نفرت ڪندو هيو. هونء ته ڪوريا جي معنى ”بلند ۽ خوبصورت“ آهي پر ڪوريا جي ماڻهن جو سانحو هي آهي ته سندن زندگيءَ جي تاريخ خود هڪ سانحو آھي، ڇو ته هر غلام ۽ مظلوم قوم جيان هن جابلو ملڪ ڪوريا جي دستاويزي تاريخ ٻارهين صدي ق مسيح کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن ته هڪ چيني عالم ”پيانانگ ۾ آبدڪارن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو اڏيو، پهرين صدي عيسويءَ ۾ اتي گوريو خاندان جي بادشاهت قائم ٿي جيڪا ست سؤ ورهين تائين حڪومت ڪندي رهي. پوءِ ”سلا“ خاندان حڪومت جو واڳون هٿ ڪيون، ان دؤر ۾ ”ٻڌ مت“ مذهب جو وڏو عروج هو. ملڪ ٿوري گھڻي ترقي به ڪئي. ڏهين صديءَ ۾ پيانگ نانگ جي ڪوريو خاندان، سلا خاندان کي شڪست ڏئي حڪومت تي قبضو ڪيو، ۽ گوريو خاندان پنهنجي دؤ ۾ علم فن ثقافت ۽ ڪورين ساھت کي زور وٺرايو ۽ ٻڌمت جي جاءِ تي ڪنفيوشس مذهب جو قبضو ٿيو. 1392ع ۾ ان ئي خاندان بادشاهت تي قبضو ڪيو، ۽ پيانگ نانگ بجاءِ سيول کي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو، ۽ 1910ع تائين هي خاندان حڪومت هلائيندو رهيو، ۽ آخرڪار جاپانين حملو ڪري ملڪ کي جاپاني بيٺڪيت بڻايو ويو.
    جاپانين پنجٽيھه (35) سالن تائين ڪوريائي قوم کي ڦريو لٽيو ۽ تباھه ڪيو، سڀني سياسي هلچلن تي بندش وڌي وئي. ماڻهن کي قيد ڪيو ويو، انهن جي زبانن تي تالا ۽ وجودن تي زنجير مڙهيا، ايتريقدر جو هڪ حڪم ذريعي، ڪوريائي قوم کي پنهنجي قومي (اسپيني) زبان ۾ لکڻ پڙهڻ کان پڻ روڪيو ويو، انهن کي پنهنجي قوميت تبديل ڪرڻ لاء ِپڻ چيو ويو. ۽ کين هڪ حڪم ذريعي جاپاني بڻجڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. پر ڪوريائي قوم تي ان جو اثر ابتڙ ٿيو، ۽ هو جاپانين کان سخت نفرت ڪرڻ لڳا.
    پهرين جنگ عظيم دوران روس ۾ انقلااب آيو ته ڪوريا وارن کي ڄڻ نئون جنم مليو، هنن ۾ همت ۽ جذبو وڌيو جنهن جي بنياد تي هنن 1 مارچ 1919ع واري مشهور آزاديءَ واري تحريڪ هلائي، جيڪا اهنسا جي اصولن پٽاندڙ هلي، پر ان پر امن آزاديءَ واري جدوجهد کي سختيءَ سان چٿيو ۽ ڇڙوڇڙ ڪيو ويو، هڪ سال اندر ست هزار قومپرست ماڻهن کي ڪٺو ويو 25 هزار زخمي ٿيا ۽ 19 هزار قيد ڪيا ويا.
    ٻي عالمگير جنگ ۾ جاپان کي شڪست ملي، ۽ ڪوريا آزاد ٿيو ئي مس ته وري امريڪا سيول ۾ پنهنجو وڏو فوجي اڏو قائم ڪيو ۽ اتي آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ آمريڪي ”سنگهمين ري“ کي حڪومت سونپي وئي. پر اپريل 1960ع ۾ ”سيول“ جي شاگردن سنهگميري جي آمريت (ڊڪٽيٽر شپ) خلاف سڄي ملڪ ۾ جدوجهد هلائي، جيڪو ان تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيو پر ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سنگھمين ري جي ڀاڄ کان پوءِ هڪ غير فوجي حڪومت قائم ٿي جيڪا آمريڪا جي منشا جي خلاف هئي ۽ اها آمريڪا کي پسند نه آئي جنهن بعد چند مهينن کان پوءِ ”ميجر جنرل چونگ هي پارڪ“ فوجي انقلاب آڻي سول حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. جنرل پارڪ جپان جي غلاميءَ واري دور ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيو هو، ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ پڻ جاپان جي شڪست کان پوءِ آمريڪا جي غلاميءَ کي تسليم ڪرڻ جنرل پارڪ لاءِ ڪا نئين ڳالھه ڪانه هئي، جنرل پارڪ، سنگهمين ري جي ڪيل ظلمن ۾ ڪابه گھٽتائي ڪانه آندي، مخالفن کي جيل ۾ بند ڪيو، پريس تي پابندي لڳائي، ڳجھي پوليس جي ڄار کي ايترو ته ڊگھيڙيو جو سڄو ملڪ جيل خانو بڻجي ويو، ماڻهو گھر ۾ به پاڻ کي قيدي محسوس ڪرڻ لڳا.
    جنرل پارڪ، 1972ع ۾ ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪيو بهانو اهو بڻايو ته اتر ڪوريا حملو ڪرڻ واري آهي،ڇو ته اتي سوشلسٽ حڪومت هئي، 1974ع ۾ هڪ آرڊيننس ذريعي هڪ نئون قانون لاڳو ڪيائين جنهن ۾ جنرل پارڪ جي مڙهيل آئين جي خلاف ورزي ۽ مخالفت ڪرڻ واري لاءِ پندرنهن سال ۽ حڪومت جي مخالفت ڪندڙ لاءِ موت جي سزا مقرر ڪئي، ان آئين ۽ قانون جو مقصد جمهوري شاگردن جي نيشنل فيدريشن کي ختم ڪرڻ هو. ان قانون ۽ آئين تحت نون شاگردن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني ويئي ۽ ويھه ڄڻن کي جن ۾ هي نوجوان شاعر ڪم چي ها به شامل هو تن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
    1970ع ۾ هن هڪ نظم پنج ٺڳ لکي. انهن پنجن ٺڳن ۾ معاشري جا ڦرلٽ ڪندڙ پنج ٽولا شامل آهن. خاص پنج ٽولا پهريون واپاري ٽولو، ٻيو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر، ٽيون وڏو سرڪاري ڪامورو، چوٿون فوجي جنرل ۽ پنجون وزير، ۽ انهن پنجن ٺڳن واري نظم کي پڙهندڙ ماڻهن ڏاڍو پسند ڪيو. 1974ع ۾ ”ماڻهن جي فرياد“ شايع ٿيڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو. ڪم چي ها تي الزام مڙهيو ويو ته هي شاگردن جي مظاهرن ۾ شريڪ ٿيو آهي، هن کي موت جي سزا ٻڌائي ويئي، ان غلط فيصلي تي ايڏو شور متو جو جنرل پارڪ کي پنهنجو فيصلو تبديل ڪرڻو پئجي ويو ۽ سندس سزا عمر قيد ۾ بدلائي ڇڏي، ۽ ڪم چي ها هن سال آزاد ٿيو.
    ڪم چي ها_ جيل قبوليو پر پنهنجي ڏات جو چند سِڪن ۽ ٽَڪن عيوض سودو نه ڪيو، هن پنهنجي قيدي وجود، قيدي ضمير ۽ قيدي سوچ کي ازاد رکيو. ڏکڻ ڪوريا جي فوجي جنتا هن کي لوڀ ۽ لالچ جي ڄار ۾ ڦاسائڻ جا وڏا وس ڪيا. پر ڪم چي ها عملي طور ثابت ڪري ڏيکاريو ته ” جيڪي شاعر، عام ماڻهن جي زبان بڻجي، ظالم جنتا ۽ جابرن جي آڏو سچ ۽ حق جو نعرو بڻجي گونجندا آهن. اهي شاعر ضمير جا قيدي بڻجي ته رهي سگھن ٿا پر ڪرسيءَ جا قيدي بڻجي ڪرسيءَ خاطر ضمير جو سودو نه ٿا ڪري سگھن. هو سامراج جي غلام حڪمرانن جي آزاد قيد جو قيدي ته بڻجي ويو پر پنهنجو مُلھه مقرر ڪرڻ نه ڏنائين“ ۽ آخرڪار فوجي جنتا مجبور ٿي تازو کيس آزاد ڪيو آهي.
    جنهن شاعر کي موت جي سزا ڏئي ان کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ويوهجي ان جي آزادي پنهنجي جاءِ تي سوچ طلب مسئلو آهي. شايد ان چالبازيءَ پٺيان ڏکڻ ڪوريا جي ماڻهن کان وڏي قيمت وصول ڪئي وڃي. پر سمجھجي ٿو ته فوجي حڪومت اتي جي ماڻهن ۾ عوامي اڳواڻ ”ڪم وائي جنگ“ جي قتل واري منصوبي تي وڌندڙ تشويش ۽ پريشانيءَ کي گھٽائڻ چاهي ٿي. ۽ ان سبب جي ڪري ”ڪم چي ها“ کي آزاد ڪيو ويو آهي پر هن آزاد ٿيڻ کان پوءِ جيڪو انٽرويو ڏنو آهي، ائين ٿو محسوس ٿئي ته جيل ۽ قيد سندس نظريي ۽ ويچاررن ۾ پختگي ۽ پڪائي آندي آهي. سندس اهو انٽرويو ايشيائي شپون ڪانفرنس واري فيڊريشن جي انساني حقن واري شعبن جي خبر نامي ۾ ڇپيو آهي. جنهن ۾ ڪم چي ها چيو آهي ته :
    ”مون کي جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي ائين ٿو محسوس ڪريان ته چڻ مان مردن مان جيئرن ۾ اچي ويو آهيان، منهنجو آئيندو عوام جو آئيندو آهي ۽ عوام جو مستقبل منهنجو مستقبل آهي. عوامي معاملات نجي معاملات آهن ۽ نجي معاملات عوامي معاملات آهن. اها ئي حقيقت منهنجي عقيدي جي پيڙھه آهي. جيئن پيڙھه يا بنياد کان سواءِ ڪا به عمارت مضبوط بڻجي نه ٿي سگھجي تيئن مٿين حقيقت ۽ سچ کان سواءِ منهنجو نظريو به ڪچو ۽ بي بنياد آهي.“
    ”اسان کي انهن سڀني ڳالهين ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو جيڪي دل تي تي گذرن ٿيون. مغربي فڪر ۽ فلسفي ۾ ٻيائي آهي، جنهن کان اسان کي بچڻو آهي.“ جيڪڏهن منهنجي وجود ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي موجود آهي ته اها گھڻو وقت لڪي نه ٿي سگھي پر انجو اظهار منهنجي عمل ۽ رويي مان ضرور ٿيندو. ۽ منهنجي وجود مان زندگي جنم وٺندي، ها جيڪڏهن منهنجي وجود ۾ خدا موجود آهي ته پوءِ مان به خدا جي وجود ۾ ائين شامل آهيان جيئن گل ۽ ٻج! ان چوڻ جو مقصد اهو آهي ته عام ماڻهوءَ جا مسئلا ذاتي مسئلا آهن ۽ ذاتي مسئلا عام ماڻهوءَ جا مسئلا يعني اندر ۽ ٻاهر هڪ ئي حقيقت جا ٻه پهلو ۽ ٻه رخ آهن اهو ئي زندھه خدا جو تصور آهي. اندر ۾ ڪارو ڪانءُ ويهاري ٻاهر هنج جي ٻولي ٻولڻ سچ ۽ سچائيءَ جي خلاف عمل آهي.
    زندگي ڇا آهي؟؟
    زندگي ورهاست، اڪيلائي تنهائي، ڦرلٽ ڪوڙ، ٺڳي، ڇڙواڳي، تذليل ۽ قيد بند کان جدا ۽ الڳ هڪ حقيقت آهي جنهن کي چرچو مذاق يا آسان سمجھڻ نه کپي، زندگيءَ کي، اهنج ايذاءَ پهچائڻ، باطل پرستي ۽ بک کان پاڪ ۽ صاف هئڻ کپي، زندگيءَ کي سچ جي بنياد تي پرکڻ ۽ پروڙڻ کپي، زندگيءَ کي جديديت ۽ انقلابي عمل سان ڳنڍڻ لاءِ، ايشيا جي عظيم روايتي دانشمندي ۽ تخليقي عمل سان متحد ۽ گڏيل انداز ۾ نئين نموني طاقتور ۽ مضبوط بنائڻ کپي.“
    ”ان سلسلي ۾ پهريون قدم هي هئڻ کپي ته اسان پنهنجو پاڻ کي انقلابي بڻايون، پنهنجي وجود اندر سچائيءَ جو انقلاب آڻيون، معاشرو سچ آهي ۽ سچ معاشرو،پنهنجي وجود اندر انقلاب معنى معاشري اندر انقلاب.“
    ٻيو مرحلو هي آهي ته قوم جي سڀني طبقن اندر ٻڌي ۽ ايڪو قائم ڪرڻ...... مان شاعري ڪندو رهندس ڇو ته مان پنهنجن شعرن ۾ پنهنجي ڳالھه نه ٿو ڪريان پر پنهنجي ماڻهن جي ڳالھه ٿو ڪريان، پنهنجي ڌرتيءَ وارن جا دک درد ۽ پيڙائون ٿو پويان، پنهنجي شعرن کي عام ماڻهوءَ جي زبان ڏيئي، ظالمن ۽ جابرن جا ڏيل ٿو ڏڪايان، مان انهن ماڻهن کان معذرت ٿو ڪريان جيڪي عام ماڻهوءَ جي زبان نٿا سمجھن مان ان کان بهتر ڪجھ نٿو چئي سگهان.
    ماڻهن جي اهڙي ريت خدمت ڪريو جيئن خدا جي ڪريو ٿا. خدا جي عبادت جيان ماڻهن جي عبادت به فرض آهي. اهي پيٽ بکيا ۽ ڏتڙيل انسان ئي اصل خدمت جي لائق آهن.

    روزا نمازون ايءُ پڻ چڱو ڪم،
    اھوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرين کي!!

    ڪم چي ها - جي هڪ تخليق
    بي بنياد افواھ

    ڪئين ڏينهن اڳ ”سيول“ شهر ۾، هڪ خطرناڪ ۽ عجيب آواز ٻڌو ويو، ڪي ماڻهو ان قيامت جهڙي ڀيانڪ آواز کي ٻڌي ائين ڏڪڻ ۽ ڪنبڻ لڳندا آهن، جيئن هوا جي تيز جھوٽي ۾، وڻ ۾ بيٺل سڪل پن ڏڪڻ ۽ ڪنبڻ لڳندا آهن، اهو خطرناڪ آواز ماڻهن جي دلين ۾ ڏڪڻي ۽ ٽاڪوڙا وجھي ڇڏيندو آهي. آواز ٻڌي انهن جي بدن مان ٿڌو پگھر سم جيان نڪرڻ شروع ٿي ويندو آهي، حيرت ان ڳالھه جي آهي، ته هي ماڻهو هئا جن جون ٽجوڙيون سون، چاندي ۽ ڏوڪڙن سان سٿيون پيون هونديون هيون، دولت جا درياءَ انهن جي گھرن مان ڦٽي نڪرندا هئا. ايتريقدر جو جيڪو ڪجھ اوڳاڇيندا هئا سو به سون ۽ چانديءَ جي صورت ۾ نڪرندو هئن.
    ڪونگ......!!
    هي هيو اهو آواز، پر هي ڪنهنجو آواز هيو؟ ڇا جو آواز هيو؟ ڪهڙي قسم جي جانور جو آواز هئو يا اهو ڳوڙهن آڻيندڙ بمن جي ڦاٽڻ جو آواز هئو. يا ماڻهن مٿان اڇلايل بمن جو !!
    نه.... ڪونگ......!!
    ڇا اهو ڪنهن جنگ ڇڙڻ جو آواز هئو. يا ائٽم بم جي ڦاٽڻ جو يا جاپان جي بادشاھه هيرو هيٽو جي پيٽ ۾ پوريل هوا جي خارج ٿيڻ جو آواز هئو.....
    نه.......!
    ڇا اهو آمريڪي صدر نڪسن جي ڏٻرن وجودن مٿان ايٽمي پيرن سان لنگھي وڃڻ جو آواز هئو. جيڪو ٿلهي نڪ وارن آمريڪن جي ”پيڪنگ“ ۾ پيرن رکڻ وقت، چينين طرفان انهن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ وقت اڀريو هئو!!
    نه.....!!
    پوءِ آخرڪار هي ڪهڙو آواز هئو.
    ”ڪونگ......!!“ غور سان ٻڌو، ڪونگ.....!!“ ڏسو ٻيهر آواز آيو،
    ”ڪونگ......ڪ......و......نگ......!!
    ماڻهوئڙو.....!! ٻڌو، آءٌ ٿو اوهان کي ٻڌايان، هي آواز ڪٿان ٿو اچي، هي اواز نه روس مان آيو آهي، نه آمريڪا مان آيو اهي، نه چين مان، نه جاپان مان، پر هي آواز ڪوريا جي ڳوٺن مان روشن سج جو روپ ڌري اڀريو آهي. ڳاڙهاڻ مائل رنگ جي روپ ۾!!
    سيول جي جھڳين ۽ جھوپڙين مان، جتي مرڪندڙ جيون جي مٽي، هوائن جي آڌار تي اڏامي ٿي، ۽ جيڪڏهن اڃان به ٿورو اڳڀرو ٿيو ته اتي هڪ گندو نالو آهي جنهن جو پاڻي ڪوئلي جي رنگ کان به وڌيڪ ڪارو آهي، ۽ سڙيل پاڻيءَ جي بدبوءِ هوا کي به بدبوءِدار بڻائي رهي آهي. ان گندي نالي جي ڪناري ۽ ڪنڌيءَ مٿان تمام پري تائين بانس جون جھوپڙيون ٺهيل آهن. جيڪي هڪ ٻئي سان ائين ڳنڍيل آهن جيئن قطارن ۾ هلندڙ ڪونجڙيون....... ڪنڌيءَ مٿان جوڙيل جھڳين جي وڏن وڏن لڪڙن سان جڏهن تيز گھلندڙ هوائن جو ٽڪراءُ ٿيندو آهي ته ان مان عجيب قسم جي موسيقي جنم وٺندي آهي، آزاديءَ جي موسيقي.
    نڪما..... پڻ شهر جي ان حصي ۾ ئي رهندو آهي، هو پڻ ڳوٺ کان ان اميد سان آيو آهي، ته شهر شايد هن کي پيٽ گذر لاءِ ڪونه ڪو ڌنڌو ڌاڙي ملي وڃي. هو ڍڳي جيان ڪمائتو، ڪوئي جهڙو ڊڄڻو ۽ رڍ جهڙو پوئلڳ هئو.
    هو ڏاڍو اڻڄاڻ، سڌو سادو ماڻهو هئو. جيڪو لاشعوري طور ملڪي قانون کان واقف هئڻ بغير پر امن سان زندگي گھارڻ پسند ڪندو هئو. هن ويچاري غريب جي ڪابه سٽا ۽ سوڄ ڪارائتي ثابت نه ٿي، ڪڏهن ڪڏهن اميد جا ڪرڻا ڏسبا هئا ته ڪڏهن انڌيرو ڇائنجي ويندو هو. ٻين جي حالت ته سڌرندي پئي وئي پر هن ويچاري جا ته ڏينهن ئي نه بدليا......!!
    نه عشق، نه شادي، نه گھر، نه ٻار، هن هر جڳهه گھمي ڦري نوڪريءَ جي تلاش ڪئي پر ناڪام رهيو ڇو ته هن هميشه پنهنجي قسمت ۽ مقدر تي ڀاڙيو پر جيترو هو قسمت پرست هيو ته قسمت اوترو سندس ساٿ نه ڏنو. ڏينهن گذرندا رهيا پر ڪنهن به هن جي پوئواري ۽ پٺڀرائي نه ڪئي. ڪنهن به هن جي جيون کي پناه نه ڏني، هن جي نه ڪوئي ڪا ڄاڻ سڃاڻ هئي ۽ نه ئي هن وٽ پئسو ڏوڪڙ هيو جيڪو ڏئي ڪم وٺي. هن روئڻ چاهيو پر اکين ان جو ساٿ نه ڏنو. هن غصي ۽ ڪاوڙ ۾ گاريون ڏيڻ چاهيون پر سڀ اجايون ۽ بيڪار هيون.
    هن پاڻ کي ڳچيءَ ۾ رسو وجھي پنهنجي وجود کي وڻ ۾ ٽنگي خودڪشي ڪرڻ چاهي، پر هن کي نه ئي ڪو وڻ نظر آيو ۽ نه ئي ڪو رسو مليو. هن ڪوئلي جو ڪارو زهريلو دونهون (ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ) سنگھي مرڻ ٿي چاهيو، پر دريءَ ۾ لڳل سڀني ڪاغذن ۾ سوراخ نڪتل هئا. هن سوچيو ته ڇو نه سستو شراب وٺي ان ۾ زهر ملائي پي وڃي ۽ پنهنجو انت آڻي پر هن وٽ نه ته شراب خريد ڪرڻ لاءِ ڪو پئسو هئو ۽ نه ئي زهر خريد ڪرڻ لاءِ.
    جيون جي رولڙن ۽ پريشانين جي ڪري هن کي هڪ گھڙي پلڪ ۽ هڪ لمحي لاءِ آرام نه مليو، ڪڏهن به هو پنهنجن پيرن تي سڌو بيهي نه سگھيو ، ڀڄ ڊڪ ڪندو رهيو، ڪڏهن اوڀر ته ڪڏهن ڏکڻ کان اتر ۽ ڪڏهن اولھه کان اوڀر، ڪڏهن اتر کان ڏکڻ ته........ جتي هن ڏھه ودن (ڏھه روپيه) پئي ڪمايا اتي هن کان سؤ ودن (سؤ روپيه) ورتا ٿي ويا، هيڪوڻ تي ڪمائي ۽ ڏهوڻ تي خرچ هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. اگر هن سؤ روپيه پئي ڪمايا ته ان جڳھه تي هن کي هزار روپيه کپائڻا ٿي پيا، ھر ڏينھن تي ھن کي ستائڻ وارن جو تعداد وڌندو ٿي ويو. دوستيءَ کان وڌيڪ دشمني وڌندي ٿي ويس، ڪڏهن ڪنهن سرڪاري نوڪر تنگ ٿي ڪيس ته ڪڏهن مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندڙ دوستن تنگ ٿي ڪيس، ڪڏهن ڪلهي تي الف جو نشان اڪريل پوليس واري تنگ ٿي ڪيس ته ڪڏهن ”م“ جو نشان چنبڙيل چندو گڏ ڪندڙن تنگ ٿي ڪيس، ڪڏهن ڪنهن بدمعاش ٿي تنگ ڪيس ته ڪڏهن وري ڪنهن ڳنڍيڇوڙ.
    ۽ هاڻي ته ريل گاڏيءَ جي ڪرائي جيترا پئسا به هن وٽان ختم ٿي ويا هئا جيڪي هن وڏي حفاظت سان پاڻ وٽ سانڍي ۽ بچائي رکيا هئائين.
    آخر تنگ ٿي ڪري هن پاڻ کي هوم گارڊ ۾ ڀرتي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. هوڏانهن هر طرف ديوارن تي ڪٿي جاسوس ته ڪٿي دشمن جا نعرا لکيل هئا هن چيو.
    ”مون کي ڀرتي ڪيو“
    نه تو کي ڀرتي نه ٿو ڪري سگھجي.“
    ”ڇو نه.....“
    ”پهريائين وار ڪترائي اچ“
    ”مون وٽ وارن ڪترائڻ جيترا پئسا ڪونهن.“
    اهو سلسلو ائين هلندو رهيو.
    ”ڏوڪڙ- ڏوڪڙ- ڏوڪڙ.......!“
    ”بنا پئسي نه جيون نه موت.“
    چانورن لاءِ ڏوڪڙ، پاڻيءَ لاءِ پئسا، بجليءَ لاءِ پئسا، جوتن لاءِ پئسا، ڪپڙن لٽن لاءِ پئسا. دوا، ڪوئلي، چانهن، اخبار سڀ لاءِ پئسا ۽ صرف پئسا، وار ڪترائڻ وهنجڻ، سگريٽ ڇڪڻ لاءِ به پئسا.......!!
    هن سوٽي مل جي ڦاٽڪ جا چڪر ڪاٽيا، لوھه رجائڻ واري فيڪٽريءَ ۾ ويو، سيڪورٽي آفيس جا دروازا کڙڪايا، پر وک وک تي ناڪامي سندس پاڇو بڻجي پيڇو ڪري رهي هئي. ڪڏهن ڪنهن جو سامان کڻايائين ته ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جون ٽوڪريون ڍوئي پئسو ڪمايائين.......!!
    هڪ ڏينهن شام ٿي وئي هئي هو ٿڪو ٽٽو، ڪنهن تنها پکيءَ جيان پنهنجي واهيري ڏانهن واپس وري رهيو هئو ته اوچتو ئي هن جا قدم هڪ ھنڌ ڌرتيءَ مٿان رڪجي ويا. ڌرتيءَ مٿان ڪاوڙ ۾ پنهنجا پير ڇنڊيندي هن چيو.....
    ”هيءَ دنيا ڪيڏي نه ڪتي آهي.“
    هن جا اهي لفظ سندس زبان منجھان اڃان نڪتا مس هئا ته سندس جسم زنجيرن ۾ جڪڙجي ويو، ڪنهن سرڪاري واٺي هن جي ٻانهن ۾ هٿڪڙيون پارائي گھلي آڻي عدالت آڏو بيهاريو.
    جج چيو ”ڪهڙو ڏوھه آهي هن جو....؟“
    جواب مليو ”هن جو ڏوھه.... هتي بيڏوهي ڌرتيءَ مٿان پير ڪاوڙ ۾ ڇنڊيندي ڌرتيءَ کي ايذائيندي ڪوڙا افواھ پکيڙي رهيو هئو.....!!“
    جج ڇيو ”واقعي هيءُ تمام وڏو ڏوھه آهي“
    ڏوهيءَ جو وڏو ڏوھه هي آهي ته هن جا پير بيڏوهي ڌرتيءَ کي ڇهي رهيا هئا. ڌرتيءَ مٿان ڏوهيءَ جي پيرن جو وزن هئو. بک هيڻائپ ۽ ڪمزوري باوجود هو پنهنجي ٻنهي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئو ۽ سوچڻ ۾ پنهنجو وقت وڃائي برباد ڪري رهيو هئو ۽ وڏي بيشرمي ۽ بي حيائيءَ سان بک وگھي، مٿي آسمان ڏانهن ڪنهن اميد سان ڏسي رهيو هئو، ۽ زور زور سان ٿڌا ساھه کڻي رهيو هئو، ۽ پنهنجي حيثيت وساري ويٺو هئو، وڏي همٿ مردانگي ٺاٺ باٺ ۽ غور سان بيٺو هو. جڏهن ته اهڙي طرح بيهڻ جو حق صرف هڪ طبقي کي آهي، ان طبقي کانسواءِ اهڙي ريت بيهڻ جو حق ٻئي ڪنهن به طبقي کي ناهي. ۽ ڏوهي اهڙي ريت بيهڻ جي لائق نه هئو.
    ڏوهي وڏي گستاخي ۽ ڪمينائپ سان ان قومي منصوبي کي به نظر انداز ڪري چڪو هئو ته پيداوار وڌايو، ايڪسپورٽ ڪريو، هڪ گھڙي آرام ڪرڻ کان سواءِ ملڪ جي تعمير ۾ مصروف رهو. ڏوهي اهڙن بي بنياد، ڪوڙن ۽ هٿ ٺوڪين افواهن پکيڙڻ جي باري ۾ سوچي ۽ ويچاري رهيو هئو، جنهن منجھان ٻهراڙي ۽ ڳوٺن جا سادا سودا ۽ اڻپڙهيل ماڻهو گمراھه ٿي سگھيا ٿي، ۽ انهن جي ذهنن جي بدلجڻ جو انديشو اڻٽر هئو، ان ڪري ئي هن کي عدالت آڏو آندو ويو آهي.
    هن مجرم جو جرم هي آهي، ته هو افواهن جي پکيڙڻ جو ارادو ڪري رهيو هئو. ملڪ جي بي حرمتي ڪرڻ جو جرم، پنهنجي مادري ٻوليءَ جي بيحرمتي ڪرڻ جو جرم، هي امڪان پيدا ڪرڻ جو جرم ته دنيا اسان جي ملڪ کي جانورن جو ملڪ خيال ڪرڻ لڳي، سرمائيداري واري ماحول ۾ وڳوڙ وجھڻ جو جرم، ملڪ اندر سماجي بدامني کي نپائڻ وڌائڻ ۽ سماجي بيچيني ڦهلائڻ جو جرم، عوام جي ذهنن ۾ وڳوڙ پيدا ڪرڻ جو جرم، غريب ماڻهن کي سندن حقن جي حمايت ۾ ڀڙڪائڻ جو جرم، زندگيءَ کان بيزار ٿيڻ جو جرم، پنهنجي ماضي، ريتن، رسمن، رواجن سان غفلت ڪرڻ جو جرم، دشمنن جي مدد ڪرڻ جو جرم، پنهنجي ڪيل ۽ چيل ڳالھه تي ڳنڍ ڏئي بيهڻ جو جرم، اقتدار پرست ٽولي خلاف مخالف ۽ برن خيالن کي ذهن ۾ ويهارڻ جو ڏوھه، ٽيلي پيٿي (اشتراڪ) جي ذريعي حڪومت خلاف هڪ گروھه ٺاهڻ جو ڏوھه، حڪومت خلاف سازش ڪرڻ جو ڏوھه، پنهنجي جڳھه تان نه هٽڻ جو ڏوھه، سوسائٽيءَ جي حفاظت ڪرڻ واري مخصوص قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھه....ڏوھه.....ڏوھه....جرم.
    عدالت ۾ ڏوهيءَ جي ڏوهن جي فهرست ٻڌي جج ميز تي مڪ هڻندي رڙ ڪئي ”ڏوھه ثابت ٿي ويو.....“
    تنهنڪري قانون جي مطابق اعلان ڪيو ٿو وڃي ته عدالت جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ”ڏوهيءَ جي جسم مٿان هڪ عدد سِر فورن ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي، جيڪو آئنده ڏوهي نه دماغ سان سوچي سگھي ۽ نه ئي زبان سان بي بنياد افواھه ڦهلائي سگھي.
    ۽ ڏوهيءَ جي جسم مان ٻه عدد پير به ٽنگن کان ڪپي ڌار ڪيا وڃن، جيئن هو ڌرتيءَ مٿان سڌو سنئون غرور هٺ ۽ وڏائيءَ سان نه بيهي سگھي. ۽ ان سان گڏوگڏ باغي مجرم جي نسل کي روڪڻ لاءِ نسل وڌائيدڙ عضوا به سندس جسم کان ڪپي ڌار ڪيا وڃن، جيئن هو پاڻ جهڙي ڪنهن باغيءَ کي جنم ڏئي نه سگھي، ڇو ته ڏوهيءَ طرفان حڪومت خلاف مزاحمت جو وڏو خطرو موجود آهي. تنهن ڪري ان جا ٻئي هٿ سندس پٺئين پاسي پٺيءَ مٿان ٻڌا وڃن.
    ۽ ان جي پٺيءَ تي ڀڳل چمڙي جي واسڪيٽ ڇڪي زور سان ٻڌي وڃي ۽ هن جي وات ۾ ڪو اهڙو اوزار زور سان وڌو وڃي جيئڻ هو زبان مان ڪنهن به قسم جو ڪو آواز ڪڍي نه سگي.
    ۽ ان کان پوءِ هن کي پنج سؤ سالن لاءِ قيد ڪري قيد تنهائي ۾ رکيو وڃي جيئن ڪنهن سان به پنهنجو ڏک سور نه اوري سگھي.
    نه.....نه.....!!“
    ”اڙي منهنجا نسلي عضوا ڪٽجي ويندا.“
    ”اڙي منهنجو ڪنڌ ڪٽجي ويو.“
    ”اڙي منهنجا پير ڪپجي ويا.....“
    ”هٿڪڙيون، ڀڳل چمڙي جي واسڪيٽ ۽ وات بند.“
    ۽ ويچاري نڪمي کي قيد تنهائي ۾ وڌو ويو ۽ تالو بند ٿي ويو. تالي بند ٿيڻ جي آواز جو وڏو پڙاڏو ڏور تائين گونجندو رهيو. ۽ هڪ انسان جي قيد ٿيڻ جو احساس ڏياريندو رهيو. انسان، انسان جو ويري.....!!
    مون سان هي سلوڪ ڇو ٿيو....؟؟
    مون ته پيٽ کي پٿر ٻڌي بک ۾ پاھه ٿيندو رهيس، ڪم ڪندو رهيس، مار کائيندو رهيس. ستايو ويندو رهيس، مگر مون احتجاج جو هڪ لفظ به زبان مان نه ڪڍيو.
    مون نه آرام ڪيو هئو، نه سکيو ستيو هوس، ۽ نه ئي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪٿي ليٽيو هوس.
    پوءِ هنن مون سان هي سڀ ڪجھ ڇو ڪيو. مون ڪهڙو ڏوھه ۽ گناھ ڪيو هئو جنهنجي مون کي هيڏي وڏي سزا ڏني وئي آهي.
    او مون جيان بکايل ڳجھو ”توهان جيڪي آسمان ۾ اڏامي رهيون آهيو، ڄاڻو ٿيون مان ڇا محسوس ڪري رهيو آهيان.
    ڇا توهان ٻڌائي سگھون ٿيون، ته ماءُ پنهنجي جھريل جھوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري پنهنجي بي نور اکين سان منهنجي انتظار ۾ راھه نهاري رهي هوندي يا نه.....!!
    ڇا هوءَ لڪي لڪي روئي رهي آهي، ۽ سيول شهر ڏانهن ٽنگيل ڦاهي گھاٽ کي ڏسي رهي آهي. جنهن مٿان منهنجو وجود ٽنگيو ويندو ۽ مون کي ڦاسي ڏني ويندي.
    ”اي بکايل ڳجھو منهنجي ماءُ کي چئجو ته مان هڪ ڀيرو ضرور واپس ايندس. چاهي هي وحشي منهنجي جسم جا ڏھه هزار ٽڪرا ڇونه ڪري ڇڏين.“
    ”مان هنن جيل جي ديوارن کي ٽوڙي ڇڏيندس، ڦاهي گھاٽ جي چوڌاري گڏ ٿيل تماشبينن جي جھڳٽي ۽ ميڙ کي شڪست ڏئي ايندس.“
    ”چاهي مون کي پنهنجو روح شيطان هٿان وڪڻڻو ڇونه پوي. اي امان، پڪ ڄاڻ مان ايندس ضرور ايندس.“
    نڪمي ڳائڻ چاهيو پر هن جي زبان ڪٽي وئي هئي، زبان نه هئڻ ڪري هو ڳائي نه سگھيو.
    هن روئڻ چاهيو پر ان کي ته اکيون ئي ڪونه هيون جيڪي روئي سگھن.
    هن رڙيون ڪرڻ چاهيون پر ان کي ته وات ۾ زبان ئي ڪان هئي سو بي آواز رڙ سندس وات ۾ ئي مري وئي. بنان آواز ۽ بنان لڙڪن جي هو زار قطار روئندو ۽ رڙيون ڪندو رهيو، سڄي سڄي رات سڄو سڄو ڏينهن اٿلندو پٿلندو رهيو، ۽ ديوار کان ديوار تائين ليٿڙيون پائيندو رهيو.
    ”ڪونگ.....!! ڪونگ......!!“
    ۽ پوءِ لڳاتار ڪونگ، ڪونگ، ڪونگ جو آواز هوائن ۾ ڦهلجندو ۽ وڌندو ويو، ۽ ٽجوڙين ۾ ٽاڪوڙا پئجي ويا.
    ۽ اهي طاقتور ماڻهو جن وٽ روپين جون ڳوٿريون ۽ سون ۽ چانديءَ جو ٽجوڙيون هيون ۽ جيڪي سون اوڳاڇيندا هئا. آواز ٻڌي ڏڪڻ لڳندا هئا. ۽ انهن جي نند حرام ٿي ويندي هئي، ۽ ڊڄ جي ڪري هنن جي وجودن مٿان ڪنبڻي جو احساس ٿيڻ لڳندو هئو.
    هنن حڪم ڏنو ته نڪمي کي ماريو وڃي،
    پر پوءِ به آواز گونجندو هئو ۽ دلين ۾ ڌڙڪو پيدا ٿي ويندو هئو.
    ها واقعي ئي ڳڻتيءَ جي ڳالھه آهي.
    هي آوز هاڻي به اچي ٿو.
    ڏينهن رات، صبح شام.
    ڪي ماڻهو چون ٿا ته هي جنن ڀوتن جي شرارت آهي. ڪي چون ٿا ته هي ڪم نڪمي جو آهي.
    جيڪو مئو ناهي پر جيئرو آهي.
    ۽ ديوار کان ديوار تائين ليٿڙيون پائي رهيو آهي، ۽ جيڪي ماڻهو هي چون ٿا انهن جي اکين مان الائي ڇو باھه جون چوچريون ۽ آڳ جا اُلا نڪري رهيا اهن.


    بوبي سينڊس

    دنيا جي تاريخ ۾، جن عظيم شخصيتن، پنهنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ وڏي قرباني کان به منهن نه موڙيو هجي، قوم ۽ وطن جي آزاديءَ جي خاطر پنهنجي وجود جي قرباني ڏيندي به نه ڪيٻايو هجي، انهن عظيم ۽ مهان جوڌن مان آئرلينڊ ديس جي هڪ آئرش ريپبلڪ آرميءَ جو ”بوبي سينڊس“ به هڪ آھي، جنهن پنهنجي قوم جي راهن تي هلي موت کي زندگي جو روپ ڏنو. ۽ پنهنجي انفرادي موت کي، قوم جي اجتمائي زندگيءَ ۾ بدلائي ڇڏيو.
    اها هڪ واضع حقيقت آهي، ته آزادي پنڻ سان نه پر ڇنڻ سان ملندي آهي. پر موت جي آزادي رت ۽ جيون جي قرباني گھرندي اهي. سندس ستاويھ سالن ۾ ھن اهو ڪجھ ماڻيو جيڪي ڪي فرد سؤ سالن جي زندگيءَ ۾ به نه ماڻي سگھندا آهن. ۽ آئرش قوم بوبي سينڊس جي 66 ڏينهن واري جدوجهد ۾ اهو ڪجھ ماڻيو، جيڪو ڪي قومون هزارين ورهين جي جدوجھد ۾ به نه ماڻي سگھنديون آهن. جڏهن ته آئرش قوم جو بنيادي مسئلو به اهو ساڳيو آهي جيڪو ننڍي کنڊ جي غلام قومن جو مسئلو آهي. ۽ جيڪو مسئلو انگريز بهادر ملڪن ۽ قومن جي ورهاست ۾ منجھايو. ڪي قومون اڄ به ان ورهاست جي پاداش ۾ ڀوڳي رهيون آهن، جيئن اسان جي قوم......!!
    بوبي سينڊس اتر آئرلينڊ جي چونڊ ۾ برطانوي پارليامينٽ جو ميمبر پڻ چونديو ويو ۽ ان چونڊ ۾ هن پنهنجي مخالف اميدوار مسٽر ويسٽ کي 35 هزارن ووٽن جي اڪثريت سان شڪست ڏئي ميمبر بڻيو. ۽ برطانوي حڪومت هن کي پارليامينٽ بجاءِ جيل جو ميمبر بڻائي ڇڏيو. هن تي دهشتگرديءَ جو ڪوڙو الزام هڻي هٿيارن رکڻ جي ڏوھه ۾ ڪيس هلائي چوڏهن سالن جي سزا ٻڌائي ڇڏي. بوبي سينڊس کي پارليامينٽ جي ميمبر جي حيثيت سان پارليامينٽ بجاءِ جيل اماڻڻ واري قدم ۽ عمل، دنيا آڏو برطانوي شهنشاهت جي پاڇي هيٺ پلجندڙ جمهوريت کي اگھاڙو ڪري اصل روپ ۾ نروار ڪيو.
    ۽ جڏهن پارليامينٽ جي ميمبر جي حيثيت سان به بوبي سينڊس ۽ ان جي ساٿين کي سياسي قيدي بجاءِ اخلاقي ڏوهاري ۽ اخلاقي قيدي جي حيثيت ڏني وئي، تڏهن هن ۽ هن جي ساٿين احتجاج طور بک هڙتال ڪري دنيا آڏو واضع ڪيو ته جمهوريت ۽اخلاقي قدرن جا چيمپين ملڪ به هڪ انسان کي انسان جي حيثيت سان تسليم ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ڪونهن.
    هنن دنيا آڏو برطانوي سامراج کي ننگي روپ ۾ نروار ڪندي ظاهري طرح هڪ ننڍڙو مطالبو ڪيو ته ”اسان کي سياسي قيديءَ جي حيثيت ڏني وڃي.“ ڇو ته هنن کي پڪ هئي ته سامراج هر سياسي عمل کي پنهنجي مفادن جي بنياد تي هلائيندو آهي. ۽ هنن آڏو ڪنهن غلام قوم جي فرد جي ڪابه حيثيت ۽ اهميت ڪانهي هوندي. بوبيءَ کي اها ڄاڻ هئي ته وڏا ملڪ ننڍن ملڪن جي آزاديءَ جي حمايت تڏهن ڪندا آهن جڏهن ننڍن ملڪن يا ننڍين قومن ۾ سندن وڏا مفاد لڪل هوندا آهن. بوبي سينڊس چيو ته ”اسان اوهان جا قيدي ضرور آهيون پر اسان اوهان جي ننڍڙن جيلن مان آزاديءَ جي خيرات ڪونه ٿا وٺون، پر اسان کي قيديءَ جي حيثيت سان ئي جيئڻ ڏيو. پر جڏهن اسان سياسي مخالفتن جي ڪري قيد ڪيا ويا آهيون ته ان سچ ۽ حقيقت کي مڃيندي اسان کي سياسي قيديءَ جو درجو ۽ حق ڏيو.“ بوبي سينڊس جي نظر ۾ اهو هڪ ننڍڙو ۽ جائز مطالبو هئو پر برطانوي شهنشاهت جي نظر ۾ اها هڪ وڏي سياسي شڪست هئي. برطانوي سامراج سوچيو ته ائين ڪرڻ سان انهن قيدين کي پنج وڏا فائدا ملندا. جيڪي هي آهن:
    (1) انهن کي سياسي قيديءَ جي حيثيت ۾ تسليم ڪرڻو پئجي ويندو. جيڪو اسان جي لاءِ سياسي زندگي ۽ هنن لاءِ سياسي موت برابر آهي.
    (2) جيل جي ڪپڙن بجاءِ انهن کي پنهنجا ڪپرا پائڻا پوندا. ائين ڪرڻ سان جيل جي قيديءَ واري حيثيت ختم ٿي ويندي ۽ عام شهري واري حيٿيت ملندي.
    (3) سياسي قيديءَ جي حيثيت سان انهن کي پنهنجو پاڻ ۾ ملڻ جلڻ جي اجازت ملندي. ۽ پوءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ پنهنجن خيالن ويچارن کي جيل کان ٻاهر پهچائڻ جي آساني ٿيندي.
    (4) سياسي قيدي جي حيثيت سان انهن کان ڪنهن به قسم جو جيل جو ڪم ڪار معاف هوندو، پوءِ سڄو وقت ڪنهن نه ڪنهن جدوجهد ۾ صرف ڪندا.
    (5) سياسي قيديءَ جي حيثيت ۾ انهن کي عام قيدين سان ملڻ جلڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو هر حق حاصل هوندو، ٿي سگھي ٿو ته پوءِ هو ڪا بغاوت وغيره ڪرائي سگھن ٿا.

    اهوئي سبب هئو جو برطانوي حڪومت هنن جي سياسي حيثيت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ۽ آئرش ريپبلڪ آرميءَ جي قيدين کي قيدي مڃڻ کان ته انڪار ڪيو پر انسان مڃڻ کان به_!!
    برطانوي حڪومت ڪافي ڪوشش ڪئي ته آءِ آر آي طرفان ڪامياب ٿيل هي واحد ميمبر بوبي سينڊس به برطانوي پارليامينٽ جو در نه ٽپي. متان حڪومت جا وکا پڌرا ڪري. جڏهن بک هڙتال دوران بوبي سينڊس کي چيو ويو ته هو استعفيٰ پيش ڪري، تڏهن بوبي سينڊس وراڻيو ته، ”مان ايندڙ ٻي ٽي هفتا زندھه آهيان. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي حق تان هٿ نه کڻندس. مان ٻٽن هفتن لاءِ استعفيٰ نه ڏيندس، ٿي سگھي ٿو منهنجو موت به اوهان کي استعفيٰ نه ڏئي. منهنجو جيون يا موت پنهنجي حق تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندا.“
    اها هڪ واضع حقيقت آهي ۽ دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته جدوجهد جي ابتدا ۾، هر قومپرست تحريڪ جي اڳواڻن کي دهشت پسند، غنڊو ۽ ڏوهي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي پر جڏهن به دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اها ساڳي قوم تاريخ جي صفحن تي فتح جو نشان ٺاهي ظاهر ٿيندي آهي ته پوءِ ان کي وطن پرست ۽ محب وطن سڏيو ويندو آهي. اهو تاريخ جو سانحو آهي، ڇوته جڏهن زمبابوي (روڊيشيا) جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ رابرٽ موگابي ۽ جوشوا انڪومو جي گوريلا فوج دشمن تي حملا ڪندي غلاميءَ خلاف احتجاج ڪيو، تڏهن کين ڇاپا مار، غدار، دهشت پسند ۽ غنڊو ڪوٺيو ويو، پر جڏهن آزاديءَ وارو مرحلو سر تي اچي ڪڙڪيو جتي آزاديءَ ڏيڻ کان سواءِ ڪو چارو نه رهيو، تڏهن انهن ئي دهشت پسندن، غنڊن، غدارن کي الزام مڙهيندڙن ئي زمبابوي جي حڪمرانيءَ جون واڳون ڏنيون.

    آئرلينڊ جو مسئلو:

    1800ع جي يونين ايڪٽ تحت آئرلينڊ کي برطانوي راڄ جي تحت برطانوي حڪومت جو هڪ حصو قرار ڏنو ويو هئو. ۽ ان ايڪٽ تحت برطانيه کي آئرلينڊ ۾ مڪمل عمل دخل حاصل ٿي ويو هئو. اڳتي هلندي 1920ع هڪ نئين ايڪٽ ذريعي برطانوي سامراج جي بالادستي کي برقرار رکندي اتر ۽ ڏکڻ آئرلينڊ ۾ برطانوي حڪومت پنهنجي حامي ماڻهن تي مشتمل هڪ هٿ ٺوڪي گڏيل حڪومت قائم ڪئي. جڏهن ته ڏکڻ آئرلينڊ ۾ ان بالادستي ۽ ڏاڍائيءَ خلاف شروعات کان وٺي ئي برطانيه جي سامراجي حڪومت کي سخت منهن ڏسڻو پيو هئو. اهڙي ريت 1920ع جي ايڪٽ هيٺ برطانوي حڪومت آئرلينڊ ۾ نيم خودمختيار سياسي ادارن جي پيڙھه رکي هئي. اتر آئرلينڊ ته ان فيصلي کي بي وسي ۽ هيڻائيءَ سان قبول ڪري ورتو پر ڏکڻ آئرلينڊ ان ڍانچي کي قبول ڪرڻ کان مڪمل نابري واري ۽ انڪار ڪندي پنهنجي مڪمل قومي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. اڳتي هلي ان ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم ڪري اتر آئرلينڊ جي غلاميءَ وارن پنجوڙن کي وڌيڪ سوڙهو ڪندي، برطانوي حڪومت اترآئرلينڊ ۾ پنهنجي بالادستي کي برقرار رکيو. پر1931ع ۾ ڏکڻ آئرلينڊ کي 26 ڪائونٽين (ضلعن) تي مشتمل هڪ آزاد ۽ خودمختيار آئرش رياست قائم ڪئي ويئي. جنهن ڪري 1948ع ۾ آئرلينڊ جو هي حصو (ڏکڻ آئرلينڊ) جمهوريه آئرش جي نالي سان دولت مشترڪه کان ٻاهر رهي ڪري هڪ مڪمل آزاد ۽ خودمختيار جمهوريه بڻجي ويو. جڏهن ته گڏيل آئرلينڊ لاءِ اهو هڪ سانحو هئو. ۽ برطانوي سامراجي حڪومت جي چالبازي جنهن ۾ هو مڪمل طور ڪامياب ٿيا.
    اترآئرلينڊ جي ڪل آبادي پندرنهن لکن تي مشتمل آهي. جنهن مان ڏھه لک، لڳ ڀڳ اسڪاٽش يا انگريز نسل تي مشتمل آهن، جن کي مختلف هنڌن تان لڏائي اتر آئرلينڊ ۾ آباد ڪري اتان جي اصل رهاڪن کي ٿورائيءَ ۾ آڻڻ جي سازش سٽي وئي، ۽ انهن پناهگيرن جون وفاداريون ۽ همدرديون هميشه کان وٺي برطانوي راڄ (حڪومت) سان رهيون آهن. انهن مان به اڪثريت پروٽسٽنٽ آهن جڏهن ته 500000 آئرشي اقليتي مذهبي عقيدي جي لحاظ کان رومن ڪئٿولڪ آهن. جيڪي سڀ جا سڀ ريپبلڪن ازم ۾ يقين رکن ٿا. ٻه سؤ ورهن کان وٺي آئرش قوم برطانوي سامراج جي خونخوار ۽ وحشي قانون جي پيرن هيٺان لتاڙجي رهي آهي. فوجي قوت ۽ ڏاڍ ذريعي سندن قومي آزاديءَ کي ختم ڪري پنهنجي ڪالوني بڻائي ڇڏيو آهي ۽ برطانوي سامراج پنهنجي ماضي واري نو آبادياتي پاليسي تحت آئرليند ۾ ڌرتي واسين کي ڌڪاري انهن جي جاءِ تي اسڪاٽش نسل جي وڏي اڪثريت کي آباد ڪري آئرش قوم کي ٿورائيءَ ۾ آڻي پنهنجي پراڻي اصول تحت حڪومت ڪري رهيا آهن. يعني ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو-!!
    ان نوآبادياتي پاليسي خلاف، احتجاج ڪندي آئرش عوام پنهنجي قومي آزاديءَ جو نعرو هنيو ۽ جڏهن سندن تحريڪ شدت اختيار ڪئي. ان دوران آئرش ريپبلڪن آرمي جو وجود عمل آيو. ۽ 1918ع ۾ آءِ آر اي جو برطانوي پوليس سان پهريون هٿيار بند ٽڪراءُ ٿيو. ۽ پوءِ دوبدو عملي جوابن جو سلسلو شروع ٿي ويو. 1929ع ۾ فرقيوارانه فساد شروع ٿيا جن جو سلسلو اڄ سوڌو هلندو پيو اچي. انهن فسادن ۽ هنگامن جو اصل ڳڙھه لنڊن ڊيري ۽ بلفاسٽ وارا علائقا هئا، ۽ وسيع تر فساد بلفاسٽ جي ڪيٿولڪ علائقن ۾ ٿيو. انهن ڦڏن فسادن جي نتيجي ۾ اتر آئرليند جي سياست ۾ لاقانونيت ڇڙواڳي ۽ ڀڃ ڊاھه واريون ڪاروايون هڪ لازمي جز ۽ غالب عنصر جي حيثيت اختيار ڪري ويون. جنهن جي نتيجي ۾ آئرلينڊ جي ٻنهي حصن (اتر ۽ ڏکڻ آئرلينڊ) ۾ آءِ آر اي (آئرش ريپبلڪ آرمي) کي دهشت پسند قرار ڏئي ان تي پابندي عائد ڪئي وئي.
    آئرش ريپبلڪ آرمي آئرلينڊ جي واحد تنظيم آهي، جيڪا اتي جي نئين ٽهي ۽ نوجوانن جي نظرياتي توڙي ذهني طور اڳواڻ ۽ پسنديدہ تنظيم آهي. ڇو ته اتان جي نوجوانن کي اهو احساس اهي ته غلام قوم ۽ غلام ملڪ لاءِ آزاديءَ کان سواءِ ڪو چارو ئي ناهي. تنهن ڪري جيڪا تنظيم قوم ۽ ديس لاءِ سوچڻ سان گڏوگڏ، ڪجھ عملي ميدان ۾ به سرگرم هوندي آهي ته شعور يافته ماڻهو هميشه ان تنظيم جي طاقت، جذبو وڌائڻ لاءِ ان جي هر ممڪن مدد ڪندا اهن ۽ اهو جذبو قوم جي هر فرد ۾ موجود هوندو آهي. آءِ آر اي جا ڪيترائي ڪارڪن اڄ به برطانوي جيلن ۾ قيدي آهن. جڏهن ته 1972ع کان 1976ع تائين هن تنظيم جي قيدي ڪارڪنن کي جيل ۾ سياسي قيديءَ جي حيثيت ڏني ويندي هئي. پر 1976ع کان پوءِ آءِ آر اي جي مڙني ڪارڪنن کي جيل ۾ اخلاقي ڏوهيءَ جي حيثيت ڏئي، انهن جي عمل کي روڪڻ ۽ جذبي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ انهن سان غير اخلاقي برتاءُ ڪيو ۽ جيل جون سڀئي سهولتون کسي ورتيون. ۽ آخرڪار بوبي سينڊس کان اڳ 1976ع ۾ جيل ۾ ان جدوجهد جو آعاز ڪيو ويو، جڏهن فرنيڪ اسٽينج نالي آءِ آر اي جي هڪ قيدي ڪارڪن انگلينڊ جي واڪ فيلد جيل ۾ 62 ڏينهن جي بک هڙتال ڪندي مري ويو. پر برطانوي سامراج کي انساني زندگيءَ کان وڌيڪ پنهنجي مفادن جي زندگي پياري هئي، تنهنڪري سامراج جي وجود تي جونء به نه چُري، ۽ اڳتي هلي جڏهن بوبي سينڊس جي اڳواڻيءَ ۾ آءِ آر اي منظم ٿي ڪري سخت گير جدوجهد شروع ڪئي ته حڪومت انهن جي گرفتار ٿيل قيدين تي سختي شروع ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ بوبي سينڊس 1 مارچ 1981ع واري ڏينهن کان مرڻ گھڙيءَ تائين بک هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته ”برطانوي سامراجي فوجون آئرلينڊ جي ڌرتي کي آزاد ڪن، ۽ اسان کي سياسي حق ملڻ کپن. جنهن مان مک مطالبو هي هئو ته اسان کي برطانوي جيلن ۾ سياسي قيديءَ جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو وڃي.“ پر برطانوي راڄ جي نقلي راڻي ۽ پهرين ۽ آخري ضدي عورت وزيراعظم مسز ٿيچر چيو ”ڪو مرڻ چاهي ٿو ته مري وڃي، ان لاءِ مان ڇا ٿي ڪري سگھان پر مان ۽ منهنجي حڪومت آءِ آر اي جي ڪنهن به ڪارڪن کي سياسي حيثيت سان تسليم نه ڪندي.“ ۽ آخرڪار بوبي سينڊس 66 ڏينهن جي بک هڙتال بعد 5 مئي 1981ع تي بنان کائڻ پيئڻ جي مري ويو. جڏهن آخري ڏينهن ۾ سرڪاري ماڻهو ماني ۽ فروٽ جو جوس کڻي سندس آڏو رکندا هئا، تڏهن بوبي سينڊس چوندو هئو ته ”منهنجي زندگيءَ جو مقصد آزادي آهي، ماني کائي جيئڻ نه، مان چاهيان ٿو ته جيڪا ماني منهنجي آڏو رکي ٿي وڃي اها منهنجي قوم جي ڏتڙيل ۽ بکين ماڻهن آڏو رکي وڃي ته بهتر ٿيندو.“
    بوبي سينڊس پنهنجي حقيقي ۽ هميشه واري زندگيءَ ڏانهن ويندي، بک هڙتالي قيديءَ جي حيثيت سان پنهنجي غلام قوم ۽ دنيا جي ٻين غلام قومن ڏانهن ”قيديءَ جي ڊائري“ جي روپ ۾ هڪ پيغام ڇڏي ويو آهي. اها ڊائري، بک هڙتال واري عرصي جي پهرين سترنهن ڏينهن جي آهي. جيڪا پني جي اڻهوند جي ڪري، ٽوائلٽ (ڪاڪوس) ۾ استعمال ٿيندڙ پني تي لکي وئي آهي ۽ جيڪا لکي هو پاڻ وٽ سانڍيندو ويندو هئو. ان ڊائريءَ جا ڪجھ ورق هيٺين ريت آهي.
    بوبي جي ڊائري ۽ شاعري

    *پهريون ڏينهن: (1مارچ 1981ع) دوستن ۽ ڪٽنب جي ماڻهن وٽان گھڻائي ئي خط پهتا آهن. مون انهن منجھان رڳو هڪڙو پڙهيو آهي جيڪو امڙ موڪليو آهي ۽ مون کي ضرورت به ان جي هئي، هوءَ پنهنجي ويڙھه واري جذبي تي قائم آهي مان هاڻي خاموش آهيان.
    *ٽيون ڏينهن: فادر ٽونر (جيل جو عملدار، جنهن تي بوبي سينڊس کي شڪ هو ته اڳ ۾ هڪ شخص جي بک هڙتال ختم ڪرائڻ ۾ سندس هٿ هئو.) هو آيو ۽ مون تي نفسياتي اثر وجھڻ لڳو ۽ چيائين ته جيڪڏهن مان غلط آهيان ته پوءِ افسوس اٿم، پر مان محسوس ٿو ڪريان ته هو پاڻ غلطيءَ تي آهي. تنهنڪري مون اڄ رات هنجي هر ڪا ڳالھه رد ڪري ڇڏي، مان سمجھان ٿو ته هو به سمجھي ويو“
    *پنجون ڏينهن : ”ويلفيئر“ اطلاع موڪليو آهي ته منهنجو والد بيمار ٿي پيو آهي ۽ کيس اسپتال نيو ويو آهي هن جو چوڻ آهي ته پنهنجي آڪھه سان ملڻ لاءِ خاص اجازت وٺڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪريان. بابي جي بيماريءَ جو ٻڌي اڻ تڻ ٿي اٿم، پر وري هن جي اسپتال مان گھر موٽي اچڻ جو ٻڌي آٿت ٿيو اٿم. ڪجھ به ٿئي ڪائي ڳالھه ڪونهي مان بک هڙتال جاري رکندس، مقصد آڏو ڪنهن به وڏي مسئلي کي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏيندس.
    پارليامينٽ ۾ مون ”آٽڪنس“ جو بيان پڙهيو آهي (اترئين آئرلينڊ لاءِ پرڏيهي وزير جنهن قيدين واري تنازعي متعلق سرڪاري موقف کي ورجايو). ان تي مون ڳڻتي ڪانهي ذهني طرح اهڙين ڳالهين لاءِ مان اڳ ئي تيار هئس، مون کي خبر آھي، ۽ انھن طرفان وڌيڪ خراب ڪرڻ جي توقع آهي.
    ”هر وقت جيڪو کاڌو منهنجي اڳيان رکيو آهي ان جي موجودگيءَ کي مان نظر انداز ڪري سگھان ٿو، پر منهنجي ته خواهش آهي ته اهي زردا پلاءَ مکڻ مانيون ۽ ماکيون کڻي اڇلي ڇڏيان.“
    ”ان سان مون کي ڪوبه نقصان نه ٿو رسي، ڇاڪاڻ ته مان چڱيءَ ريت سوچيان ٿو ته انساني خوراڪ ماڻهوءَ کي هميشه لاءِ حيات نه ٿي رکي سگھي ۽ مان جڏهن پاڻ ۾ پيهي حقيقت بابت سوچيان ٿو ته اهو احساس ٿو ٿئيم ته ”حق تي هئڻ ٿورن ڏينهن جي جياپي کان گھڻو اتم آهي.“
    *مارچ جون جون هوائون ڏاڍيون ڪاوڙيل آهن ۽ مون کي ياد ڏياري رهيون آهن ته سومر ڏينھن مان 27 سالن جي ڄمار جو ٿي ويندس“
    *ڇهون ڏينهن : مان سوچيندو رهيو آهيان ته ڪجھ ماڻهو، شايد گھڻا ماڻهو مون تي گھڻا الزام ٿا مڙهين ته مان مان بک هڙتال ڪئي آهي، پر مون گھڻي ڪوشش ڪئي ڪئي آهي ته معاملي کي ان حد تائين نه پهچائجي هائو باقي پيش پوڻو ڪونهيم.
    *”مان جھڙپ هڻندڙ پکيءَ کي پنهنجي مٿان گذرندي ٻڌي سگھان ٿو. هڪڙي اڪيلي ڪال ڪوٺڙي جھڙي اڪيلي ويڙهاند، پر منهنجا دوستو، هن رستي تي چڱـيءَ طرح قدم کپائي سگھجي ٿو.
    *ستون ڏينهن: ”اڄ برسات پئي پر مون کي ٿڌ ڪونه ٿي لڳي، منهنجا جذبا چڱـا ڀلا آهن مان اڃان تائين ڪجھ سگريٽ پيان پيو.“
    *نائون ڏينهن: اڄ منهنجو ڄمڻ ڏينهن آهي ۽ ٻارڙا منهنجي ڄمڻ ڏينهن تي خوشيون پيا ڪن. ٿورڙو ڳائن ۽ جھومن ٿا، هنن جي چوڻ تي مان ٿوري همت ڪري در تائين وڃان ٿو.
    *ڏهون ڏينهن: اخبارن مون بابت لکيو آهي ته مان پريشان ٿيندو پيو وڃان ته، جيڪڏهن هو ان بک هڙتال کي شڪست ڏئي نه سگھيا ته پوءِ پنهنجي ڪپڙن پهرڻ جو حق ڏئي ڇڏيندا.
    ان سان ڪو مسئلو نه نبرندو. منهنجو خيال آهي ته هو ڪنهن به حالت ۾ قيدين کي سياسي حيثيت ماڻيندي نه ڏسندا، نه ئي ان جهڙين حالتن گھارڻ جي اجازت ڏيندا.
    منهنجي ڪال ڪوٺڙي صاف ڪونهي پر برداشت ڪرڻ جهڙي آهي ۽ برداشت ڪري سگھجي ٿي پاڻي به لاڳيتو سخت ٿڌو آهي ۽ مان ٿڌ يا زڪام جو جوکم نه کڻندس.“
    *سترهون ڏينهن: اڄ سينٽ پيٽرڪ جو ڏينهن آهي. مان به (ان ڏينهن تي) ماڻهن سان هوندو هئس ۽ وار ٺهرائي ننڍا ڪرائيندو هئس جيڪي ڏاڍا سٺا ۽ خوبصورت لڳندا هئا. مان ان پادريءَ کي به ڪونه سڃاڻان، جيڪو عبادت ڪرائيندو هئو. عبادت کان موٽڻ کان پوءِ کاڌو ملندو هو. هاڻي به هنن مون کي کاڌي جي پليٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منهنجي وات جي اڳيان جھليائون ۽ پوءِ رکي هليا ويا. پر مان پنهنجي راھه تي هوس جنهن تان هٽڻ مون لاءِ ھميشه جو موت آهي جيڪو مان نه قبوليندس، ۽ ان راھ تي هلڻ هميشه جي زندگي آهي. جنهن لاءِ مان جدوجهد پيو ڪريان.
    اڄ مان بک هڙتال بابت سوچڻ لڳس ماڻهو جسم لاءِ گھڻو ڳالهائيندا آهن پر ان تي ڀروسو ڪونه هوندو اٿن. مان سمجھان ٿو ته هيءَ به هڪڙي قسم جي ويڙھ ضرور آهي.
    پهرين ڳالھه ته هيءَ آهي ته جسم کاڌي جي کوٽ کي قبول نه ٿو ڪري ۽ کاڌي لاءِ هڄندو رهي ٿو. جسم ان جي موٽ ۾ ڪافي پختگيءَ سان وڙهي ٿو پر ڏينهن جي ختم ٿيڻ سان هرڪا شيءِ پنهنجي ويچار ڏانهن موٽي ٿي. ۽ اهو آهي ذهن، ذهن ڏاڍو اهم آهي.
    هو مون کي ڀڃي ڀروڙي نه سگھندا، ڇاڪاڻ ته منهنجي دل ۾ آئرش قوم جي آزادي ۽ آزاديءَ جي خواهش موجود آهي. ۽ اهي هئا سندن جيل واري ڊائريءَ جا آخري لفظ.۽ لڳاتار بک سان وڙهندي بوبي سينڊس 66 ڏينهن تائين کاڌي کان سواءِ 5 مئي 1981ع تي گذاري ويو.

    بوبي سينڊس جي شاعري
    • ٻڌو آهي ته.....!!
    اسين جديد مھذب دور ۾ جيءُ رهيا آهيون.
    اڻاسي جي تهذيب يافته ۽ ترقي يافته دور ۾،
    پر نظرن جي مار تائين ڏور ڏسان ٿو،
    ته مون کي نظر نه ٿيون اچن،
    جديد دور جا جديد اذيت گاھه ۽ ڦاهي گاٽ،
    ۽ دوکي فريب جون مندون ۽ موسمون.....!!

    • هن جديد دور ۾ ننڍرا مکڙين جهڙا ٻارڙا،
    سڏڪي سڏڪي روئي مري ٿا وڃن،
    بک وگھي مانيءَ جي اميد ۾،
    بکن ۾ مرندڙ انهن ٻارن لاءِ،
    ڪير آهي جيڪو ڳوڙها ڳاڙي،
    ۽ دنيا وارن جي ستل ضمير کي جاڳائي،
    ڪير آهي، جيڪو آواز اٿارڻ جي همت ڪري ۽ ٻرندڙ رات ۾،
    نيپام بمن ۾ سڙيل اگھاڙيون نينگريون،
    رڙيون واڪا ڪندي ڊوڙي رهيون آهن،
    زندگيءَ جي پناھه گاهن ڏي، موت جي ڊپ کان!!

    • جڏهن قاتل خوني ۽ وحشي آمر،
    ڪرسيءَ سان چنبڙيا پيا هوندا آهن،
    تڏهن مان ڏسندو آهيان ته جنگ جي ميدان ۾،
    ننڍڙا معصوم ٻارڙا ويڙھه ۾ مرندڙ،
    پنهنجي ماءُ پيءُ جي لاشن کي چنبڙيا پيا روئندا آهن،
    يا وري پنهنجي والدين جون ماس پٽيل هڏيون،
    پيا پوريندا دفن ڪندا آهن،
    ۽ موت جي ٻاٽ اونداهيءَ رات ۾، ڳجھي پوليس وارا،
    اگھاڙين ۽ ننگين عورتن کي بجليءَ جي ڪرسين،
    تي ويهاري انهن جون زندگيون نپوڙي ڇڏيندا آهن،

    • گندي ناليءَ ۾ پيل ڪاري آفريڪيءَ جو لاش،
    زندگيءَ کان مرحوم،
    ۽ جتي ڪارو تيل وهندو هو،
    اتي گھٽيون ڳاڙهيون نظر اچي رهيون آهن،
    تيل بجاءِ مظلوم ماڻهن جو رت وهيو آ شايد......!!
    ۽ هي اهو آهي،
    جيڪو پيدا ٿيو جيئڻ لاءِ،
    ديس جي زندگيءَ لاءِ،
    جيئندو رهيو غلاميءَ ۾،
    ۽ آخر مري ويو آزاديءَ کان بنان_!!

    • ۽ اڄ رات......!!
    جڏهن حاڪم، دانشور، جوتشي ۽ ملڪن جا سربراھه،
    پنهنجن چهرن مٿان مظلوم ماڻهن جي رت جا ڇنڊا سجائي،
    پنهنجي منهن تي بدبوءِ دار خوشي،
    ۽ سڙيل مرڪ سجائي بيٺا آهن،
    تڏهن ڪنهن قيد مان، تنها قيديءَ جي للڪار،
    مئل بادشاهن جي گنبذ ۾ گونجندي،
    هڪ سهڻو ۽ روشن سج،
    ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ مان نڪري نروار ٿيندو،
    نئين روشنيءَ سان، نئين شان سان،
    آزاديءَ جو سج،
    انقلاب جو سج-


    پئبلو نرودا

    پئبلو نرودا، چليءَ جهڙي غريب ترين ملڪ جي ڏاکڻي حصي جي هڪ شهر تموڪو ۾ پيدا ٿيو. هو ريلوي مزدور جي گھر ۾ 22 جولاءِ 1904ع تي پيدا ٿيو. سندس نالو ”رڪاردو نيفٽالي ريز“ رکيو ويو، نرودا جو ننڍپڻ، جوڀن ۽ جواني خوبصورتي ۽ سونهن جي گود ۾ گذريو. چليءَ جي ڏاکڻن ٻيلن ۾، جتي قدرتي حسن، سونهن ۽ سچائيءَ جا ساگر ڇوليون ڏيندا رهندا هئا، جتي فطرت جي مشاهدي سندس ڪچڙي ذهن تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا ۽ چتر چٽيا، ورهن گذرڻ تائين سندن شاعري ۾ ماضيءَ جي يادن جا عڪس صاف ۽ چٽا نظر آيا. ماڻس هڪ اسڪول ۾ ماسترياڻي هئي، جيڪا نرودا کي ٽن ورهن جي ڄمار ۾ سلھه وگھي اڪيلو ڇڏي وئي، جوانيءَ جا آثار سندس چهري تي نمايان ئي مس ٿيڻ لڳا هئا جو سندس پيءُ به هڪ ريلوي حادثي ۾ گذاري ويو، سورنهن سالن جي عمر ڏاڍي پرڪشش ۽ عاشق مزاج عمر ٿيندي آهي. ان عمر ۾ ماڻهو يا ته ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ چاهيندو آهي يا ته ڪنهن جو ٿي وڃڻ چاهيندو آهي. ۽ زندگيءَ جي ان سورنهن ڏاڪي تان ڪرڻ جي صورت ۾ يا پار ٿيڻ جي صورت ۾ هر ڇوڪري يا ڇوڪريءَ لاءِ زندگيءَ جا اڻ مندائتا امتحان شروع ٿي ويندا آهن، زندگيءَ جي ان اسٽيج تي هر ماڻهوءَ جي ڇڪ جي قوت ڀرجي ويندي آهي. اسٽيج جي ان ڏاڪي تي هو ”ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج“ ۾ داخل ٿيو جتان فرينچ ٻوليءَ ۾ سند (Certificate) مليس، نهايت ئي سنجيدو ۽ ماٺيڻو نرودا، انهن ڏينهن ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ها هر ماڻهو زندگيءَ جي پهرين امتحان ۾ ناڪاميءَ کان پوءِ ئي شاعر بڻبو آهي، پاڻ ئي لکيائين.
    ’غريبن جي اولاد جي لاءِ زندگي ڏاڍي ڪٺن هئي، پر اهو دور مون لاءِ هڪ غريب جي حيثيت ۾ به ڏاڍو ولوله انگيز هيو. ان دور ۾ ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي هئم، مطالعو به ڏاڍو ڪندو هوس ۽ ان ئي دور ۾ دل به ڦرائي ويٺس.‘
    پئبلو نرودا، جديد مارڪسي فلسفي جو بهترين ڄاڻو ۽ پارکو هئو. پر ان هوندي به هو هڪ وڏو قومپرست هو، اسپيني زبان (چليءَ جي قومي زبان) جو سڀ کان پهريون شاعر آهي جو ڏکڻ آمريڪا ۽ اسپين جي ادبي دنيا جي اڀ تي پوري اڌ صديءَ تائين سج جيان روشن رهيو، ڪو به ٻيو شاعر ان عظمت کي گهٽائي نه سگھيو. شروع کان آخر تائين هو بين الاقوامي شخصيت جو مالڪ رهيو. اڻويهن ورهين جي ڄمار ۾ شاگرديءَ واري دور ۾ روس جي اشتراڪي انقلاب جي ڪاميابيءَ کانپوءِ، اڻويهين صديءَ جي مشهور چيڪو سلاويڪي ڪهاڻيڪار جين نرودا (jan Naruda) متاٿر ٿي پنهنجو نانءُ نرودا رکيائين. پئبلو سان مراد اهي ”حسين ۽ خوبصورت“ !
    پئبلو نرودا کي ڪيترائي انعام مليا، 1905ع ۾ سندس بهترين شاعريءَ جي ڪري ”بين الاقوامي امن انعام”International peace Prize“ مليو، ان سان گڏو گڏ ان ئي سال کيس ”لينن ۽ اسٽالن امن انعام’Lenin and Stalin Peace Prize‘ مليو، 1965ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان ادب ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري “Doctor of Literature” سان نوازيو ويو. جيتوڻيڪ هو مارڪس جي جديد سائنسي فلسفي جو پرچارڪ هئو، تنهن هوندي به هن چليءَ جي معيشت ۾ جڏهن ڌارين جي دخل اندازي کي محسوس ڪيو، تڏهن هن جي وجود اندر ويٺل قومپرستي جاڳي اٿي. هن چيو ڪنهن به ڌارئي ۽ ولائتي کي اسان جي ڌرتيءَ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جو حق نٿو پهچي، جڏهن هن محسوس ڪيو ته چليءَ جو مزدور بک ٿو مري ۽ ٻاهريون ڌاريو مزدور عياشي ٿو ڪري تڏهن هن محسوس ڪيو ته قومون ڦرلٽ به ڪنديون آهن.
    23- سالن جي عمر ۾ هو هڪ شاعر جي حيثيت سان مشهور ٿي ويو، سندس همت افزائيءَ لاءِ کيس سفارتي نمائندو (Consular) جو عهدو ڏنو ويو، ۽ ان بعد چليءَ جي سرڪار پڻ کيس سفارتي نمائندو بڻائي برما موڪلي ڇڏيو، جتي ميڊرڊ ۾ چليءَ جي قونصل جنرل جي حيثيت سان رهيو. 1924ع ۾ کيس اسپين موڪليو ويو جتي ”فيڊريڪو گارشيا لورڪا“ ۽ ”هرننديز“ ۽ ٻين اسپيني شاعرن سان سندس ڄاڻ سڄاڻ ۽ دوستي ٿي. 1936ع ۾ جنرل فرانڪو جي فوج خلاف اسپين ۾ گھرو لڙائيءَ جي ڪري لورڪا ۽ هرننديز ۽ ٻيا ڪيترائي سندس دوست مارجي ويا. هن کان سٺو نه ٿيو. سفارتي نمائندي جي حيثيت سان پنهنهجي ملڪ کي، اسپين جي جمهوريت پسندن جي حمايتي هئڻ جو اعلان ڪيائين. ان جو نهايت شديد ردعمل ٿيو. ان وقت جي چليءَ جي حڪومت کيس ان عهدي تان هٽائي واپس گهرايو. پئبلو کي ان ڳالھه جو ذرو به خيال نه ٿيو. هو پنهنجي ملڪ وڃڻ بدران پيرس ڏانهن روانو ٿي ويو. جتي هن اسپين جي بي گھر ٿيل سياسي پناهگيرن ۽ جمهوريت پرستن جي آمد ۽ نگراني جو انتظام ڪيو. ۽ ان دؤر ۾ هن اسپين جو گھرو لڙائي تي هڪ نظم ”اسپين منهنجي دل آهي“ Spain is my heart لکي.
    1942ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران جڏهن هٽلر جي فوجن اسٽالن گراڊ جي شهرين کي گھيري ۾ آڻي انهن جو قتل عام ڪيو ٿي ويو، ان وقت پئبلو نرودا ميڪسيڪو ۾ هو ۽ هڪ سفارتي عيوضي جي حيثيت سان رهيل هو، تڏهن به هن سفارتي آدابن کي انسانيت ۽ انساني همدردي کان مٿاهون نه سمجھائين. جتي به ڪنهن انسان تي ظلم ٿيو، هن هڪ حساس شاعر جي حيثيت ۾ ان ظلم کي ننديو. انسانيت جي معاملن ۾ هن ظلم ۽ انصاف مان ڪنهن به هڪ لفظ جي چونڊ پئي ڪئي، ۽ ظلم جي ڀيٽ ۾ هن هر مظلوم سان انصاف پئي چاهيو ۽ ڪيو. ميڪسيڪو ۾ پڻ اسٽالن گراڊ ڏانهن منسوب ٿيل پنهنجو نظم جيڪو هٽلر ۽ نازي ازم جي خلاف هڪ طويل نظم هئو، اهو ڇپائي ميڪسيڪو جي ديوارن تي چنبڙايو. نظم جو ڪجھ هصو هيئن آهي.

    ”اي اسٽالن گراڊ......!!
    اسان تنهنجي ديوارن تائين نه ٿا پهچي سگھون.
    اسان تو وٽ نه ٿا اچي سگھون، اسان تمام پري آهيون.
    اي شعلن سان روشن شهر.....!!
    تون اوستائين پنهنجو بچاءُ ڪر جيستائين اسان تو وٽ پهچي سگھون،
    ۽ اسان طوفان ۾ گھيريل انڊيز (آمريڪا جا اصل رهاڪو)،
    تنهنجي ديوارن کي انهن سپوتن ۽ سورهن جي چمين سان ڇهي سگھون،
    جي تو وٽ اچڻ جي خواهش ۽ اميد وچان تڙپي رهيون آهن“

    پئبلو 1974ع ۾ چليءَ جي سينيٽ جو رڪن مقرر ٿيو، 1948ع ۾ چليءَ جي کاٻي ڌر جو صدر گوننزاليز وڊيلا (Gonzalez Videla) چونڊن ۾ کٽڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي نظريي تان ڦري ويو تڏهن پئبلو انهيءَ جي حڪومت جي خلاف آواز اٿاريو، جنهنڪري حڪومت کيس ملڪ دشمن قرار ڏيئي، کيس هٿ ڪرڻ لاءِ انعام جو اعلان ڪيو.
    نرودا نه صرف شاعر جي حيثيت سان پر هڪ حق پرست ويڙهاڪ جي حيثيت سان پنهنجي قوم جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. جيستائين جيئرو هئو، سامراج خلاف وڙهندو رهيو، ۽ سامراج کان لاطيني آمريڪا جي آزاديءَ لاءِ مسلسل جنگ ڪندو رهيو. چليءَ ۾ ورهين تائين جمهوريت ۽ آمريت وچ ۾ جنگ هلندي رهي پر نرودا هڪ سپاهيءَ جيان پنهنجي ديس ۽ قوم خاطر ان جنگي محاذ تي پنهنجي عوام جي ڌر رهيو. هو عملي طور ان خيال جو حامي هئو ته ”سياست انسان جو مقدر آهي، سياست کان انڪار ۽ ڀاڄ جي دعوى پڻ هڪ قسم جي بزدلانه ۽ هيڻائپ واري سياست آهي.“
    پئبلو نرودا، انتهائي گھٽ نثر تخليق ڪيو، سڄي زندگي هن پنهنجي خيالن ۽ سوچن کي نظم جي روپ ۾ عام ماڻهو جي ڏکن ۽ سورن سان ڳنڍيندو رهيو.
    ايتريقدر جو نرودا اکرن ۽ لفظن جو جادوگر ڪوٺجڻ لڳو.
    چليءَ جي رهاڪن کي چوڌاري سندس لفظ ۽ جملا متحرڪ ۽ چرندڙ پرندڙ محسوس ٿيا. ائين پئي محسوس ٿيندو هئو ڄڻ سندس گيتن کي زبان مليل آهي ۽ اهي گھٽيءَ گھٽيءَ ڳالهائيندا ٿا رهن، هن شاعريءَ ۾ روايتن کان بغاوت ڪئي. ۽ روايتي شاعريءَ کان تمام اڳڀرو نڪري ويو. ماريو پراز چيو ”نرودا جي شاعري، شام جي وقت لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ڏانهن مائل پس منظر ۾، دف جي تال تي رقص ڪندڙ انقلاب جي ديويءَ جو سرمدي نغمو آهي.“ اسپيني شاعر، ناٽڪ نويس ۽ عظيم قلم ڪار فيڊريڪو گارشيا لورڪا هڪ ڀيري پئبلو جو ذڪر ڪندي چيو ”هن شاعر کي فلسفي کان وڌيڪ موت سان انس آهي، عقل ۽ فهم جي بدران موت کي ويجھو ٿو وڃي ۽ رت جي راند کيس مس کان وڌيڪ پسند آهي.“
    پئبلو نرودا پاڻ به هڪ ڀيري پيرس ۾ تقرير ڪندي پنهنجي فن ۽ قلم کي قوم وارن سان ڳنڍڻ جو درس ڏنو. هن محسوس ڪرايو ته جنهن قلم ڪار جي قلم جو واسطو غلام ۽ مظلوم سان ناهي، جنهن قلم ڪار جي قلم جي مس جو ناتو آزاديءَ سان وڙهندڙ جوڌي جي رت ۽ پورهيت جي پگھر سان ناهي اهي قلم ڪار ۽ قلم بي زبان آهن، لاوارث آهن اجايا آهن. ھن تقرير ڪندي چيو”جو ڪجھ انسانن جي بهتريءَ لاءِ لکي سگھجي ٿو اهو مان لکان ٿو، مان اهو ئي لکان ٿو جيڪو ڪجھ ڏسان ۽ محسوس ڪريان ٿو، ۽ شاعريءَ جي ايجاد کان مون کي خدا پناھه ڏيندو.“ عجيب اتفاق هي آهي ته نرودا زندگيءَ جو شاعر هو پر سندس شاعريءَ جو سڀ کان وڏو موضوع موت هئو.
    نرودا ڪڏهن به پنهنجي سياست ۽ ساهت (شاعري) وچ ۾ ڪنهن ٽين شيءِ کي ديوار بڻجڻ نه ڏنو. سندس شخصيت ۽ وجود خود سياست ۽ شاعري وچ ۾ هڪ فولادي ديوار بڻيل هو. جنهن جي هڪ طرف سياست هئي ته ٻئي طرف شاعري. 1970ع ۾، جڏهن نرودا چليءَ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صدارتي اميدوار جي حيثيت هڪ عام جلسي ۾ تقرير ڪندي هن چيو هو ته :
    ”مون پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ ڪڏهن به ان مسئلي تي ناهي سوچيو، ته مان پنهنجي جيون کي سياست ۽ شاعريءَ جي جڙتو ۽ هٿراڌو خانن ۾ ورهائي ڇڏيان، مان چليءَ جو ڄائو ۽ اتي جو ئي رهاڪو آهيان، چليءَ جو هڪ اهڙو پٽ، جنهن کي پنهنجي قومي وجود جي بدنصيبين ۽ ڏکاين ۽ دشوارين جي ڄاڻ رهي آهي، جنهن قوم جي هر ڏک، ۽ سک ۾ انهن ڀاڱي ڀائيواري ڪئي آهي، ان جو ساٿ ڏنو آهي، مان هنن لاءِ اڻ ڄاڻ ۽ اجنبي ناهيان، مان انهن منجھان ئي اهيان، مان قوم جو هڪ جز آهيان، منهنجو واسطو به چليءَ جي هڪ پورهيت گھراڻي سان آهي، ۽ مان ڪڏهن به حاڪم ٽولي جو ٻانهن ٻيلي ناهيان رهيو، ۽ نه ئي اقتدار جو بکيو رهيو آهيان، مون پنهنجو نظريو پنهنجو مستقبل ۽ پنهنجو عمل ساعريءَ ذريعي عام ماڻهوءَ تائين پهچايو آهي، چليءَ جي ماڻهن جي طرفداري ۽ خدمت کي مون هميشه پنهنجو پيشو ۽ فرض ڄاتو آهي، مون انهن جا ئي گيت ڳاتا آهن ۽ انهن جي حفاظت لاءِ ئي زندھه آهيان.“
    1970ع ۾ صدارتي اميدوار جي حيثيت سان هڪ خوبصورت صحافي ڇوڪريءَ ريٽا گيوبرٽ، پئبلو نرودا کان سندس سياسي ۽ ادبي نظرين جي بنياد تي هڪ اهم انٽرويو ورتو. جڏهن ھن نرودا کان پڇيو ته جيڪڏهن اوهان کي صدارت جي عهدي يا نوبل انعام مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته اوهان ڪنهن جي چونڊ ڪندا.
    نرودا چيو“مسئلو اهڙين غير حقيقي شين جي چونڊ جو ناهي“ يعني هن ساھت (شاعريءَ) آڏو صدارت ۽ ڪنهن نوبل انعام کي غير حقيقي ڪوٺي ادب جي حقيقت کي اهم تسليم ڪيو. جڏهن نوجوان ڇوڪري ”ريٽا گيوبرٽ“ ٻيهر کانئس پڇيو ته ”ڀلا فرض ڪريو ته جنهن ميز تي اوهان ويٺل هجو ان ميز تي هڪ طرف صدارت جو عهدو رکيو وڃي ۽ ٻئي طرف نوبل انعام ته.....؟؟“ نرودا ٺھه پھه ورانيو ”مان ان ميز تان اٿي ڪنهن ٻي ميز تي وڃي ويهندس.“ ۽ پوءِ آخر چليءَ جي مقبول ۽ مڃيل صدر ”ڊاڪٽر سلويڊار آئيندي“ جي حق ۾ صدارتي اميدواري تان هٿ کڻي ويو. جيڪي ڳالهيون اهو ظاهر ٿيون ڪن ته پئبلو نرودا پنهنجي ڏات ۽ شاعريءَ کي انهن مڙني شين کان عظيم، مهان ۽ مٿاهون ٿي سمجھيو. هن آڏو لوڀ لالچ ۽ خوشامد جي ڪابه اھميت ۽ حيثيت ڪانه ھئي. ھن جي شخصيت ۽ اڏولتا ڪنھن به لالچ آڏو جھڪڻ واري نه هئي.
    اسان جي سنڌي اديبن ۾ جيڪو وڏ ننڍائي ۽ پاڻ پڏائڻ واورو جيڪو رجحان آهي، اهڙو ساڳئي قسم وارو لاڙو چليءَ ۾ پڻ هئو. جڏهن نرودا جي ڏات کي ذات آڏو ٻين اديبن جون تخليقون ۽ ذات ڪنهن به مقابلي واري حيثيت ۾ نه اچي سگھيون تڏهن، اتي جي اديبن نرودا تي مختلف قسم جا الزام هڻڻ شروع ڪيا، ڇو ته انهن نرودا کان اڳ لکڻ شروع ڪيو هو، پر پوءِ هن جي ڀيٽ ۾ غير اهم ۽ اجايو. تڏهن اديب چوڻ لڳا ته ”ڏسو.....ڏسو هو (پئبلو) ڪيئن زندگي گھاري ٿو، سمنڊ جي ڪناري تي هن جو گھر آهي، ۽ هو اونچا شراب پئي ٿو.“
    جڏهن 12 سيپٽمبر 1973ع تي چليءَ جي عوامي حڪومت، کاٻي ڌر جي نمائنده دنيا جي پهرين جمهوري طريقي سان چوبنڊيل مارڪسي حڪومت جي صدر 65 ساله ڊاڪٽر سلويڊار آئيندي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. جنهن جي حق ۾ خود پئبلو نرودا صدارت جي عهدي تان هٿ کنيو هو. آئيندي فوجي ٽولي آڏو پيش پوڻ بجاءِ ۽ چليءَ جي ننڍڙي فوجي ٿورائي (اقليت) آڏو جھڪڻ بجاءِ زندگيءَ جو نذرانو ڏنو، ۽ ثابت ڪيو ته جنهن جو ڪنڌ قوم آڏو جھڪي، ٿو ان جو ڪنڌ ڪنهن فوجي آڏو نه ٿو جھڪي سگھي، جنهن جو ڪنڌ ڪنهن مظلوم آڏو جھڪي ٿو، ان جو ڪنڌ ڪڏهن به ڪنهن ظالم آڏو نه جھڪندو. ڇو ته سجدو صرف هڪ ڀيرو ڪنهن هڪ ئي قوت کي ڪبو آهي. مرندي وقت سندس اهي لفظ هئا ته ”مان قوم جي غدارن سان ڪڏهن به سوديبازي يا ٺاھه ڪري نه ٿو سگھان.“ ۽ آئيندي جي موت پئبلو نرودا کي ايترو ته ڏک پهچايو، جو هو ڏکايل رهڻ لڳو. پر پئبلو نرودا جو موت پڻ هڪ وحشيانه خوني حملي ۾ ٿيو، 24 سيپٽمبر 1973ع تي هيءَ خبر آئي ته ”اسپيني زبان (چليءَ جي قومي زبان) ۽ دنيا جو عظيم شاعر پئبلو نرودا سرطان وگھي مري ويو.“ اها ته هئي سرڪاري خبر.... پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي ان خبر بعد جڏهن ماڻهو سندس گھر پهچڻ لڳا، تڏهن سندس لاش ڊٿل ۽ تباھه ٿيل گھر جي ويراني ۾ پيل هو. سندس لاش جي چوڌاري ڪئبن ۽ درين جا ڀڳل شيشا، ڦاٽل تصويرون، ڪتاب، پنا ۽ آڳاٽي زماني جا ٿانوَ، چوڌاري وکريل پيا هئا، محسوس ائين پئي ٿيو ته سندس گھر مٿان ڪنهن دستي بمن سان حملو ڪيو آهي، ڇو ته سندس گھر ۾ سمهڻ واري ڪمري جي حالت ان ڳجھ کي اگھاڙو ڪري ڇڏيو ته ”نرودا پنهنجي موت نه بلڪ دستي بم جي استعمال ۾ مئو آهي.“ ۽ صدر آئيندي کان پوءِ فوجي حڪومت جو هي ٻيو سياسي قتل هو، ڇو ته فوجي جنتا سمجھي پئي ته پئبلو نرودا صدر آئيندي جو گھاٽو دوست ۽ کاٻي ڌر جو مڃيل اڳواڻ هئو جيڪو مستقبل ۾ سندن حڪومت لاءِ هاڃيڪار ٿي سگھيو ٿي.


    پئبلو نرودا جي شاعري

    اڄ 24 سيپٽمبر آهي، يعني پئبلو نرودا جي ڏهين ورسي، مون کي پڪ آهي ته چليءَ ۾ اڄ سندس ورسي شايان شان نموني عقيدت سان ملهائجي رهي هوندي، ڇو ته نرودا اڪيلو ناهي. مان هتي ويهي سندس تي هي مضمون لکي، کيس عقيدت جا گل پيش ڪري رهيو آهيان، جيئن مان به نرودا جي مظلوم پوئنرن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سندن ڏک ۾ شامل ٿي سگھان، ڇو ته نرودا چليءَ جي سورهه ماڻهن جي رت ۽ پورهيت ماڻهن جي پگھر کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شاعري تخليق ڪئي، هو چليءَ جي قوم جي زبان ۽ دل جو ڌڙڪو هو. سندس پوري زندگي مظلوم ۽ غلام ماڻهن ۽ قومن جي حق ۾، ظالمن سان وڙهندي گذري، ۽ دنيا ۾ اڄ به ڪيتريون قومون غلام ۽ ماڻهو مظلوم آهن. ”تيستائين پئبلو نرودا زندهه رهندو، جيستائين هن مظلوم ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ مٿان غلامي ۽ ظلم جو تصور موجود آهي.“

    خوشين جي ورهاست

    مان پنهنجي جيون جا هڙئي ڏک درد،
    هن حياتيءَ لاءِ ڇڏيون ٿو وڃان،
    پر مان هينئر پنهنجي ماضيءَ جي پيڙائن دکن ۽ دردن کي وساري چڪو آهيان،
    ۽ هيئنر مون کي اها به ڄاڻ ناهي ، ته مون انهن کي ڪٿي وڃايو،
    جيڪڏهن مون انهن کي جھنگل ۾ ڏٺو،
    ته اهي انگورن جي وڻ تي چڙهندڙ انگوري جانور جيان پسنديون،
    جيڪي ان جي پنن سان گڏ مٿي اڀرندا آهن،
    ۽ اتي وڃي ختم ٿيندا، جتي تون ختم ٿيندينءَ
    تنهنجي ڪنڌ ۾ يا هوائن جي ڪنڌ ۾،
    جيڪڏهن اهي ٻيهر نه اڀرندا،
    ته توکي ٻيءَ بهار جي روپ ۾،
    ٻيهر اچڻو پوندو.!!


    پاڇا ۽ سپنا

    اسان سڀئي هڪ ئي ماءُ (ڌرتيءَ) جا ڄاوا آهيون،
    ساڳيو ئي حال انگورن جي پوک جو آهي،
    ٻه انگور جا داڻا.....يعني،
    ڳاڙهي رنگ جو ۽ اڇي رنگ جو،
    زندگيءَ جو سڄو حسن ۽ سڄي خوبصورتي،
    اهو ئي ڳاڙهو رنگ ۽ اڇو رنگ آهي،
    جيڪو ظاهر آهي، اهو به چٽو ناهي،
    هر شيءِ ڌرتي ۽ مٽي به ناهي،
    پاڇا ۽ سپنا سڀ منهنجي ملڪيت آهن،
    Explanation”سمجھاڻي نظم ۾ پئبلو نرودا لکيو“
    ”تون پڇندينءَ.....!! گلاب جي ڳاڙهن گلن جون قطارون ڪٿي آهن،
    ماورائيت،”Metaphysics “ ڳاڙهن گلن جي پنکڙين ۾ ڪٿي لڪل آهي،
    ڪٿي آهي، اها برسات جو کن کن ۾ لفظن ۽ پکين کي هڪ هڪ ڪري ٻاهر ڪڍندي رھي آھي.
    مان ٿو توکي پنهنجي جيون ڪهاڻي ٻڌايان،
    انهن منهنجي گھر کي گلن جو گھر چيو هئو،
    ۽ برابر ”جيرانيس“ ”Geraniums “ گل ٽڙيا بيٺا آهن،
    منهنجو گھر گلن جو پناهه گاهه هئو،
    جن ۾ کلندڙ ٻارڙا ۽ ڊڪندڙ (پاليل) ڪتا هئا،
    مراقشي، فوجي دستا، ۽ هوائي جهاز وٺي،
    موت جا سوداگر آيا،
    انهن قاتلن سان گڏ اتي پادري به هئا،
    جي کين آشيرواد ڏيڻ آيا هئا،
    ۽ رستي تي ٻارڙن جو رت ائين وهڻ لڳو،
    جيئن هميشه کان وهندو آيو آهي.“


    (مرڻ کان اڳ پئبلو نرودا سامراجين جي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف نفرت جو اظهار پنهنجي آخري نظم ۾ ڪيو، جيڪو هن پنهنجي موت کان ڪجھ ڏينهن اڳ لکيو)

    ”اڄوڪي سيپٽمبر73ع جي تلخ ڏينهن ۾.
    تاريخ جي سڀني خونخوار ۽ وحشي مروئن گڏجي،
    اسان جي قومي جھنڊي کي ڌرتيءَ مٿان ڪيرائي وڌو آهي،
    تو ڪيترو بي ڏوهي انسانن جو رت وهايو آهي،
    تون جو پنهنجي جاگيردار مالڪن جي ٽڪرن تي پلجي ٿلهو متارو ٿيو آهين،
    تون اهو فورو لٽيرو ۽ ڌاڙيل آهين، جنهنجو آخري ٺڪاڻو شيطاني دوزخ آهي،
    تون هزارين ڀيرا فاحشه جي جسم جيان خريديو ۽ وڪيو ويو آهين،
    تو کي نيويارڪ جي وحشي بگھڙن پنهنجن جو قاتل بڻائي مڪو آهي،
    توهان جا هٿ، پنهنجي ئي ديش واسين جي رت ۾ ٻڌل آهن،
    ٽڪرن جا بکيئو...... ۽ هوا جا عصمت فروش سوداگر......!!
    بي رحم قاتل ڪاسائيو....!!
    بي اصول ظالمن جي ٽولي جا ساٿاريو،
    توهان جي جيون جو مقصد،
    بي ڏوهي ماڻهن کي اذيتون ۽ بک ڏئي مارڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناهي!!

    تنهنجو چهرو

    تنهنجا نيڻ اتر کان اتر ڏانهن،
    ڪنهن بهار جي مند ۾ ٽڙندڙ مکڙيءَ جيان ٽڙن ٿا،
    تنهنجي بي بها مرڪ، تنهنجي ئي لبن جي اڀ مٿان،
    ڪنهن ويڳاڻي ۽ تنها چنڊ جيان اڀري ٿي پوي،
    تنهنجا آهستگيءَ سان کنيل قدم، مشڪل سان نظر اچن ٿا،
    ۽ سج.....!! تنهنجي ڪاريهر جهڙن ڪارن زلفن مٿان،
    اڀرڻ کي خوشيءَ جي انتها سمجھي ٿو،
    تنهنجو خوبصورت ۽ جسم......!!
    سخت پر خوبصورت پٿر سان بڻيل آهي،
    جيئن منهنجو.......!!


    ٻارڙي جو غسل

    هن ڌرتيءَ مٿان قديم ۽ آڳاٽي محبت،
    ٻارڙن جي جسمن کي وهنجاري سهنجاري،
    سينڌ ڪڍندي، ڦڻي ڏيندي،
    محبت هن جي پيرن ۽ گوڏن کي سڌو ڪندي،
    غير متحرڪ وجود ۾ تحرڪ پيدا ڪندي،
    صابڻ ۽ پاڻي هن جي جسم جو مير ڌوئي ٿو،
    ۽ هڪ معصوم ٻارڙي جو جسم،
    ماڪ ڀنل مکڙيءَ جيان مهڪي ٿو،
    ۽ ٻارڙو مامتا جي ھوائن ۾ ساھه کڻڻ لاءِ مٿي اٿي ٿو اوھه.....!!
    ڪيڏي پيار ۽ پاٻوھ ۾ شديد نگهداري هيٺ پلجي ٿو،
    ننڍرو ۽ خوبصورت معصوم ٻار،
    خوبصورت نظرن جو فريب،
    ۽ بي جان جدوجهد......!!


    مقدس محبت

    بارش منهنجي ڀنل ڪنهن مقدس قبر جيان،
    پنهنجي جھوني ۽ پراڻي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۽،
    ڪنهن ڌارئي وحشي ۽ قاتل جي ڪوس گھر ۾،
    ڌرتيءَ جي دلير ۽ سورهه جوڌن جي وهندڙ رت سان ڳوهيل مٽيءَ مان،
    تنهنجو منهنجو چهرو ۽ جسم بڻيو آهي،
    ان قتل عام ۾ مري ويندڙ زندگي،
    اڄ به آزاديءَ جا گيت الاپي ٿي،
    پر تون، او منهنجي پياري........!!
    تون جھنگل منجھ منهنجي لڪل خوشبوءِ جا سڀئي خزانا،
    کڻي واپس آئي آهين....!!
    ۽ تو جتان جتان منزل ڏانهن وڌندي،
    ڪو پيچرو ۽ گس ٺاهيو آهي،
    اهو ڪنهن پل صراط کان گھٽ ناهي،
    ڌرتيءَ خاطر وڙهندڙ جوڌي کي،
    انعام ۾ مليل اڀ ڏار تلوار جي ڌار جيان چمڪندڙ،
    تو پنهنجي بي پناهه محبت ۽ پيار،
    منهنجي وجود ئي قبضو ڪيو آهي ۽ هينئر،
    مان تنهنجي محبت ۽ پيار جي نظرن ۾،
    نظر بند ۽ قيدي آهيان.


    هوچي منهه

    ويٽنام جو، عظيم انقلابي اڳواڻ، غلام ملڪن جي آزادي چاهيندڙ آزاديءَ جو هيرو، سامراجيت جي موت جو پيغام آڻيندڙ رهبر ”هوچي منهه“ 19 مئي 1890ع تي ويٽنام جي صوبي ”نگي اين“ جي ضلعي ”نام ڊام“ جي ڳوٺ ”ڪم لي اين“ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ”نيون سنهه“ ماستر هو، پر تاريخ ۽ ادب ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيل هئس. هوچي منهه جي والد سندس اصل نالو ”نگوين ٽيٽ ٿانهه“ رکيو پر انقلابي جدوجهد دوران هوچي منهه پندرنهن ڀيرا پنهنجو نالو بدلائي آزادي واري منزل کي ويجھو آندو ۽ سندس آخري هٿرادو نالو”هوچي منھ“ هئو، جنهن نالي سان اڄ دنيا کيس عظيم انقلابي ۽ آزادي پسند استاد جي حيثيت سان ڄاڻي سڃاڻي ٿي.
    هوچي منهه غلاميءَ جي گھيري ۾ اکيون کوليون، ٻاٽ اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جو ڪرڻو بڻجي پيدا ٿيو. سندس ڄمڻ وقت سڄو ويٽنام، ڌارين فرانسيسي پرمارن جي ڪالوني بڻيل هو، سڄي ويٽنامي قوم، ڌارين ڦورن ۽ لٽيرن جي غلام بڻيل هئي . چوڌاري ظلم جي ڪاري رات جي پهري ۽ گھيري ۾ مظلومن جون آهون ۽ دانهون گھٽجي ۽ ٻوساٽجي مري ختم ٿي ويون، پر ڪوبه اهڙو حساس ماڻهو ڏيهه ۾ ڪونه ھو، جو انهن مظلومن جون آهون ۽ دانهون ٻڌي انهن جي چڪيل چاڪن ۽ زخمن جي مرهم پٽي ڪري. 1911ع ۾ هوچي منهه ابتدائي تعليم دوران اهو درد ۽ ظلم محسوس ڪيو ۽ پڙهائيءَ کي ڇڏي، پنهنجي قوم جي آزادي ۽ ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو پڪو پهه ڪيو،۽ پنهنجو پاڻ سان اهو وچن ڪيو ته ”مرڻ گھڙيءَ تائين قوم جي آزاديءَ لاءِ جيئندو رهندو، آزاديءَ وارين راهن تي هلندي ڪڏهن به اڳتي وڌيل قدم پٺتي نه هٽائيندو، ڀلي ان جي بدلي ۾ کيس پنهنجي جان قربان ڪرڻي ڇونه پوي“ ان قومي ڦرلٽ، پرماريت ۽ ظلم کي محسوس ڪندي تعليم اڌ ۾ ڇڏي سائيگان جي هڪ مدرسي ۾ ملازمت ڪيائين، جتان جلد ئي هڪ فرانسيسي جهاز ۾ ”ڪيبن بواءِ“ جي حيثيت سان فرانس پهتو. اتي پهچندي ئي ملازمت ڇڏي ڏنائين ۽ مختلف موضوعن تي مطالعي کي جنبي ويو، جيئن پنهنجي قومي آزاديءَ لاءِ ڪا راهه تلاش ڪري سگھي.
    هوچي منهه ان آتم ڏيهه بدري ”جلاوطني“ دوران يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ويو. ۽ هن ڌارين ڦورن ۽ لٽيرن حاڪمن جي ذهني، سياسي، نفسياتي عمل تي کوجنا ڪري، آزاديءَ لاءِ ڪا واٽ ڳولي لهڻ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو. ۽ ان قومي ڇوٽڪاري واري عمل ۾ اڪيلي سر پاڻ پتوڙيو ۽ ڪشالا ڪڍيا، قومي آزاديءَ لاءِ پنهنجو پاڻ مٿان ظلم ۽ جبر جيترو هوچي منهه ڪيو، شايد دنيا ۾ ڪنهن به ٻئي اڳواڻ ايترو نه ڀوڳيو. ڇوته هوچي منهه جو هڪ ئي وقت ٻن طاقتن سان ٽڪر هئو، هڪ ڌارين جي ڦورو طاقت سان ۽ ٻيو ان ڦر ۾ ساٿ ڏيندڙ پنهنجي قوم جو ٽولو، پر سندس آزاديءَ واري سياسي حڪمت عمليءَ ۾ ڪٿي به اهڙو وزندار مثال ڪونه ٿو ملي، جتي هڪ ئي وقت ٻنهي طاقتن سان ٽڪر جو تصور ملندو هجي. هوچي منهه ان معاملي ۾ سياڻپ ۽ ڏاهپ جو سهارو ورتو.
    جلاوطني دوران پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ هوچي منهه ذاتي طور ڪڏهن رستا ٻهاريا، ڪڏهن هوٽل تي بيرو بڻجي هوٽلن جا ٿانو ڌوتا، فرانس جي ڪيترن ئي مزدور تحريڪن جو ميمبر بڻجي ڪم ڪيو، پر هن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو ته اهي ويٽنام جي آزاديءَ سان ايترا سچا ناهن جيترو پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن مفادن سان سچا هئا. هو فرانس جي سوشلسٽ پارٽيءَ جو ميمبر به بڻجي رهيو، صرف ان لاءِ ته هو ڏسي ته ڦورو ۽ لٽيرن وٽ آزاديءَ جو تصور ڪهڙو آهي، هو فرانس جي مزدورن جي هر جلسي ۾ موجود رهندو هئو. صرف ان ڪري ته هو انهن ڌارين کي ويٽنام مٿان ڪرندڙ ظلم جي پهاڙن جو احساس ڏياري ۽ ان مقصد خاطر هوچي منھ فرانس ۾ ٿيندڙ هر جلسي ۾ تقرير دوران ويٽنام تي ٿيندڙ فرانسيسي ڦرلٽ ظلم ۽ ڏاڍ سان گڏ سرمائيدارانه نظام واري استحصال کي موضوع بنائي ماڻهن کي ظلم، ڏاڍ ۽ غلاميءَ خلاف جدوجهد لاءِ ڀڙڪائيندو هئو، ۽ آزاديءَ سان جيئڻ ۽ آزاديءَ سان مرڻ واري حق جي ڳالهه ڪندوهئو. فرانس ۾ هن پنهنجو هٿرادو نالو ”نيون آئي ڪوڪ“ رکيو هئو.
    هوچي منهه پيرس ۾ ئي هو جو 1917ع ۾ لينن جي اڳواڻيءَ ۾ روسي عوام جي سيلاب ۽ ٻوڏ جي ڪري زار شاهي جي وجود هيٺان اقتدار جو تختو نڪري ويو، ۽ ان انقلاب ئي هوچي منھ کي حقيقي آزاديءَ جي تصور سان متعارف ڪرايو، ۽ ان انقلاب ئي ويٽنام جي آزاديءَ واري تصور کي انقلابي نظريي سان هٿيار بند ڪري دشمنن جي منهن مقابل ڪيو. 1931ع ۾ هوچي منهه ماسڪو پھتو، جتي ھارين جي بين الاقوامي ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيو، ۽ ان جي انتظامي ڪميٽيءَ جو رڪن چونڊيو ويو. اتي رهي هن انقلاب جو ويجھڙائيءَ کان مطالعو ڪيو ۽ اتر جي مشهور سرڪاري اخبار”پراودا“ ۾ پڻ ڪيئي مضمون لکيائين. ان مضمونن ۽ اتي رهي انقلابي نظرياتي سوچ ۽ ويچارن سان مسلح ٿي ويٽنام اندر هڪ انقلابي تنظيم بنائڻ جو پڪو پهه ڪيائين ۽ پنهنجي ملڪ اندر ويهي فرانسيسي دشمنن خلاف آزاديءَ جي جنگ وڙهڻ لاءِ ذهني طور پاڻ کي تيار ڪيائين. ان کان ست سال اڳ يعني 1924ع ۾ ”لي ٿوي“ جي جڙتو نالي سان چين جي شھر ”ڪينٽن“ پهتو. هي شهر ويٽنام جي سرحد سان مليل هئو. ٽي سال هت گھارڻ کان پوءِ جڏهن ”چيانگ ڪائي شيڪ“جي فوجن، انقلابين خلاف ڪاروائي شروع ڪئي ته 1927ع ۾ کيس به چين مان نڪرڻو پيو، ڇوته چين جي ڪائي شيڪ جي اوچتي انقلاب دشمن، فوجي ڪاروائي جي ڪري نه صرف چينين کي وحشي ۽ غير انساني انتقامي ڪارواين جو شڪار ٿيڻو پيو، پر ويٽنامي ڪميونسٽن کي به نشانو بڻايو ويو. هوچي منهه، چين کان روس ويو، جتان پوءِ بيلجيم، سئزرلينڊ ۽ اٽليءَ مان ٿيندو ٿائيلينڊ پهتو. فرانسيسي اختياريءَ وارا هوچي منهه کي لاڳيتو ڳوليندا رهيا، پر ڪامياب نه ٿيا، ۽ 1929ع ۾ ، سندس غير حاضريءَ جي هوندي به چائنا ۾ انقلابي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ جي ڏوهه ۾ کيس موت (ڦاسيءَ) جي سزا ٻڌائي وئي.
    جڏهن هوچي منهه، ويٽنام جي آزاديءَ لاءِ، ڌارين قوتن سان وڙهندڙ تنظيمن، ”هند چيني ڪميونسٽ پارٽي“ ”ويٽنام ڪميونسٽ پارٽي“ ”هند چيني ڪميونسٽ فيڊريشن“ وچ ۾ ڏڦيڙ ۽ اختلاف جي خبر ٻڌي، تڏهن ”هانگ ڪانگ“ پهچي، 3 فيبروري 1930ع تي ٽنهي پارٽين جو گڏيل اجلاس ڪوٺائي، پنهنجي سياسي سوچ تدبير ۽ ذهني صلاحيتن ذريعي ٽنهي تنظيمن جو سياسي نبيرو ڪري هڪ انقلابي پارٽي قائم ڪئي جنهن جو نالو ”ويٽنام ڪميونسٽ پارٽي“رکيو. پارٽيءَ جو آئين ۽ منشور هوچي منهه خود جوڙيوهئو. هوچي منهه هانگ ڪانگ ۾ ئي موجود هو جو”نهي تنهه“ جي هارين فرانسيسي جابرن جي جبر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کان تنگ ٿي، انهن خلاف منهن ٽوڙ تحريڪ شروع ڪئي. هارين سڄي سرڪاري ملڪيت کي تباهه ڪري ڇڏيو، مگر ان تحريڪ هارين ۽ مزدورن کي نئون پيچرو ٻڌايو ۽ ٻنهي قوتن گڏجي انقلاب جو رستو ڳولي ڪڍيو. 1938ع کان 1940ع دوران هوچي منهه ويٽنامي ماڻهن کي منظم ڪري مسلح جدوجهد لاءِ تيار ڪيو.
    8 فيبروري 1941ع تي تقريبن 30 سالن بعد ”ڪيبن بواءِ“ جي حيثيت سان ملڪ مان ڀڄي ويندڙ ٻار هوچي منهه جي نالي سان ويٽنامي انقلاب جي اڳواڻ ۽ رهبر جي حيثيت سان واپس وطن موٽيو. هن چين ۽ ويٽنام وچ ۾ ”ڪوئوبانگ“ صوبي جي ”پاڪنو“ پهاڙين وچ ۾ ٺهيل هڪ غار کي پنهنجي انقلابي مسلح جدوجھد جو مرڪز ۽ هيڊڪواٽر بڻايو، جلد ئي پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو اجلاس سڏايو ۽ جلد ئي آزاديءَ واري جدوجهد ڪندڙ پارٽيءَ ”ويٽ منهه“ قائم ڪئي، ڪميونسٽ پارٽي جي علحده حيثيت کي پڻ قائم رکيو، ۽ انهن ڏينهن ۾ ئي هوچي منهه ”ڊڪلپ“ جي نالي سان هڪ پارٽي اخبار ڪڍي.
    پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽي طرفان مسلح انقلاب جو فيصلو ٿيندي ئي هن قوم کي هڪ پيغام ڏيندي چيو ته ”مجاهدو آزاديءَ جو وقت ويجھو آهي اچو ته اسان گڏجي، متحد ٿي پنهنجي وجود جي ويري ”دشمن“ کي پنهنجي ڌرتي تان ڌڪي ٻاهر ڪڍون.“ انھن ڏهاڙن ۾ ئي فوجي دستن جو قيام ۽ گوريلا جنگ جي تياري ۽ تربيت شروع ٿي وئي.
    آگسٽ 1942ع ۾ چين ۾ رهندڙ ويٽنامين کي متحد ۽ منظم ڪرڻ لاءِ هوچي منهه چين پهتو، هتي پهچڻ شرط چيانگ ڪائي شيڪ جي پوليس ان کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتاريءَ کان پوءِ هڪ سال تائين جيل ۾ رهيو. قيد دوران هن کي ارڙهن جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو. هتي هن تي ظلم، تشدد ۽ ڏاڍ ڪيو ويو، هن کي ذهني عذاب ڏيڻ سان گڏ، نه مناسب خوراڪ ڏني وئي ۽ نه ئي مناسب ڪپڙا وغيره. ذهني عذابن ۽ اذيتن جي ڪري هو جوانيءَ ۾ ئي پوڙهو محسوس ٿيڻ لڳو، سندس وار سفيد ٿي ويا، ڏند ڀڄي پيا، پر هن جي آزاديءَ واري جذبي ۾ گھٽتائي نه آئي، هن جيل اندر پنهنجي ذهني پيڙائن کي گھٽائڻ خاطر شاعري شروع ڪئي ۽ شاعري ذريعي پنهجي ٻاهرين ساٿين ۽ انقلابي جدوجهد ۾ شامل ڪامريڊن کي ڳجھا ۽ خفيا پيغام پهچائيندو رهيو، اهي نظم اڄ به (note Book from Prison) ”جيل جي ڊائري“ جي نالي سان ويٽنام ۾ موجود آهن، جيڪا انقلابي راھ ۾ روشن ڪرڻ لاءِ مشعل جي حيثيت رکي ٿي. 1943ع ۾ هن کي قيد مان آزادي ملي پر ڦورو ۽ استحصالي قوتن کان سندس قوم کي آزادي نه ملي سگھي. جيل کان نڪرڻ کان بعد هو ”ڪائو بانگ“ پهتو ۽ قوم کي انقلاب لاءِ تيار ڪيو.
    مارچ 1945ع ۾ جاپانين، فرانسيسين کي غير مسلح ڪري سڀئي اختيارات پاڻ سنڀالي ورتا، جڏهن ته ٻي ”جنگ عظيم“ يعني 1940ع ۾ ئي جاپاني، طاقت ذريعي ويٽنام ۾ داخل ٿي ويا هئا، جاپانين ٻي جنگ عظيم ۾ شڪست کان پوءِ فرانس اتحادين جي مدد سان جن ۾ آمريڪا سڀني کان اڳيان هئو، ڏکڻ ويٽنام جي وڏي حصي مٿان قابض ٿي ويا، ۽ طاقت ذريعي سڄي ويٽنام تي قبضي لاءِ جنگ جي راھ اختيار ڪئي. هوچي منهه امن لاءِ پاڻ پتوڙيندي ڪيترائي ڀيرا امن لاءِ رڙيون ڪيون پر سندس رڙيون ڪنهن نه ٻڌيون. هو فرانسيسي انتظاميه سان امن جي ڳالهين لاءِ پيرس به ويو، پر حڪمران ٽولي سندس پارٽي کي طاقت ذريعي ختم ڪرڻ جي سٽا سٽي. آخرڪار هوچي منهه ٻيهر امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي قوم وٽ آيو، ۽ پنهنجي قوم کي ٻيهر ميدان جنگ ۾ ڪڏي ڪاهي پوڻ لاءِ پڪاريو. هن قوم ڏانهن هڪ پيغام موڪليو.
    ”آزادي تي ڪابه سوديبازي نه ڪندس، آزادي هر شي کان مٿاهين آهي، اسان مري وينداسين پر غلامي قبول نه ڪنداسين، اسان امن خاطر جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر آزاديءَ تي سوديبازي ڪرڻ لاءِ هر گز تيار ناهيون.“
    ”سڀئي مرد ۽ عورتون ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندڙ هجن. ڪهڙي به علائقي جا هجن، ڪنهن به سياسي نظريي سان تعلق رکندڙ هجن، سڀني کي سامراجين خلاف مڪمل جيت ۽ فتح تائين جنگ قائم ڪرڻي پوندي آخري فتح اسان جي هوندي.“
    ان اپيل تي سڄي قوم ميدان جنگ ڪاهي پئي، هر هنڌ، هر گلي هر ڳوٺ محاذ جنگ بڻجي ويو، ۽ دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر ڏٺو ته ”آزاديءَ واري جذبي ، طاقت کي شڪست ڏني“ جديد اسلحي سان ليس دنيا جي هڪ وڏي طاقت ۽ ان جي تربيت يافته فوج، صرف ديسي بندوقن، لٺين، ڏنڊن ۽ ڇرين آڏو جھڪي پئي،7مئي 1954ع تي فرانس جي جنرل باڊي ڪاستريءَ آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ بي هٿيار جوڌن آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا. هٿيار ڦٽا ڪندي فرانس ڏکڻ جي ڦٻايل حصن جو اقتدار آمريڪا جي پٺو ”نگوزين زيئم“ جي حوالي ڪيو.
    اڳتي هلي فيبروري 1965ع ۽ اپريل 1965ع ۾ اتر ويٽنام مٿان آمريڪا هڪ موتمار حملو ڪري وحشيانه بمباري ڪئي، جيئن هوچي منهه ان حملي جي دٻاءَ ۾ اچي، ويٽنامي قوم جي غلاميءَ واري سوال تي آمريڪا سان سودي بازي وارو ٺاهه ڪري، پر هوچي منهه ان سازش جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندي چيو ”اسان کي امن سان محبت ضرور آهي پر اسان جنگين جا پاليل آهيون، اسان بمن جي بارش ۾ بانبڙا پائي وڏا ٿيا آهيون، اسان موت کي هر وک تي ساڻ ڪري آزاديءَ لاءِ وڙهيا آهيون، امن جو صرف هڪ ئي رستو آهي ته آمريڪا ويٽنام مان نڪري وڃي، ڇوته ويٽنام، ويٽنامين جو آهي ۽ ويٽنامي ئي هن ڌرتيءَ جا وارث آهن، جيڪڏهن آمريڪا اسان جي حقن کي تسليم نه ڪيو ته اسان کانئس ميدان جنگ ۾ اهو حق مڃرائينداسين.“ 1967ع تائين امريڪا طرفان 1700 ملين گولا، ۽ پنجاهه ھزار ٽن بم ويٽنام جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن مٿان ڪيرايا، تڏهن به هو آزاديءَ جي سوال سان سچا رهيا، آزاديءَ تي ڪابه سودي بازي نه ڪيائون ۽ 1968- 69 تائين اٽڪل چوڏهن لک بم ويٽنام مٿان ڪيرايا. پر پوءِ هو به هڪ انچ به پٺتي نه هٽيا.“
    آخرڪار هوچي منهه، آمريڪا خلاف آزاديءَ جي جنگ ۾ مصروف هئو ته 79 ورهن جي عمر ۾ هن مٿان بيماريءَ حملو ڪيو. جيڪو انسان آمريڪا جي حملن آڏو پهاڙ جيان اٽل ۽ اڏول رهيو، اهو عظيم انسان آخرڪار 3 سيپٽمبر تي پنهنجي انقلابي ويٽنامي قوم کي آزاديءَ جي جنگ وڙهندي، ميدان جنگ ۾ اڪيلو ڇڏي ويو. هن سڄي ڄمار انتهائي سادگي، سچائيءَ، سنجيدگيءَ سان گذاري، هميشه پيرن ۾ رٻڙ جي چپل ، خاڪي پتلون ۽ جيڪيٽ هن جو مستقل لباس هئو، سادو کائيندو هئو، فرانس کان آزاديءَ کان بعد هن کي هڪ سرڪاري محل رهائش لاءَ ڏنو ويو جنهن کي سرڪاري تقريبن لاءِ وقف ڪري پاڻ هڪ ننڍڙي سرونٽ ڪواٽر ۾ رهڻ لڳو جنهن ۾ صرف ٻه ڪمرا هئا.
    هوچي منهه جو موت ڪنهن عام انسان جو موت نه هئو. هر ان شخص جو موت هئو، جيڪو هڪ قوم جي وجود جي علامت هئي. هڪ انقلاب جي تاريخ هو، سامراجيت جي وجود خلاف هڪ للڪار هئو.


    هوچي منهه جي شاعري

    هوچي منهه جي هيٺين شاعري 1942ع واري دور ۾ ٿيل آهي جڏهن چين جي ويٽنامين کي منظم ڪرن لاءِ چين پهتو. سرحد پار ڪندي ڪومنتانگ اختياري وارن هٿان جھلجي پيو، ۽ کيس چيانگ ڪائي شيڪ جي سرڪار مختلف جيلن ۾ رکيو، 14 مهينا جيل ۾ هو. هوچي منهه شاعر هئڻ سان گڏ هڪ سچو انقلابي، نظرياتي سياستڪار، ويٽنامي عوامي اڳواڻ ۽ بين الاقوامي اڳواڻ هو. هن پنهنجي شاعري ۾ فولاد ڀري، گيتن کي گوليون بڻائي دشمنن مٿان وسايو، جنهن هن کي دنيا جي انقلابين شخصيتن ۾ منفرد ۽ عظيم مقام ڏياريو.
    هوچي منهه ويڙهاڪ شاعر هئڻ سان گڏ هڪ عظيم آدرشي انسان پڻ هو. جنهن سڄي ڄمار امن سان محبت ،جنگ سان نفرت، آزاديءَ سان محبت ۽ غلاميءَ سان نفرت ڪئي. چين جي جيل ۾ شاعريءَ جي روپ ۾ ڊائري هيٺ سنڌيءَ ۾ ڏجي ٿي.

    غلاميءَ جي ڏينهن ۾.....
    شعر چوڻ، منهنجي عادت ته ڪونهي،
    پر هتي جيل جي چوديواري اندر ان کان سواءِ ٻيو، ڪريان به ڇا؟
    غلاميءَ جي هنن ڏينهن ۾؛ جڏهن منهنجو جسم، باندي ۽ ذهن آزاد آهي،
    مان شاعري ڪندس،
    ۽ ان شاعريءَ کي سر سان ڳائيندس،
    ۽ آزاديءَ جي ڏينهن کي ويجھو، تمام ويجھو آڻيندس.


    منهنجو ضمير

    گلوري گھٽيءَ ۾ مون کي ذليل ڪيو ويو آهي،
    جيئن منهنجي اڳتي وڌندڙ قدمن کي روڪي سگھجي،
    پنهنجي منزل ۽ مقصد ماڻڻ کان اڳ،
    پر آءٌ پنهنجي منزل ۽ مقصد سان سچو آهيان،
    آءٌ ايماندار آهيان، منهنجو ضمير صاف آهي،
    پر ڪنهن به حقيقت کان سواءِ، ڪنهن به سچ کان سواءِ،
    مون تي جاسوس هئڻ جو الزام مڙهيو ويو آهي.

    آزاد انسان.....!!
    جيل جا پراڻا قيدي، نون قيدين جو آڌرڀاءُ پيا ڪن،
    پراڻا باندي نون باندين کي ڀليڪار ڏئي رهيا آهن،
    آڪاش ۾ پکين جيان آزاد اڏامندڙ اڇا ڪڪر،
    ڪارن ڪڪرن جي وجود ۾ لڪڻ جو سوچي رهيا آهن،
    ڌرتيءَ تي آزاد انسانن جي جٿن کي زوريءَ غلام بڻايو پيو وڃي،
    آزاد انسانن کي جيل ۾ ڌوڪيو پيو وڃي.

    انسانُ، انسانَ جو دشمن........!

    مان انسانن کي آزادي ڏيارڻ لاءِ پيرين پيادو،
    جھر جھنگ، گھٽيءَ گھٽيءَ گھميس، جبلن ۾ ويس،
    مون کي خون خوار ۽ وحشي حيوان مليا، شينهن مليا، بگھڙ مليا،
    جيڪي پنهنجي هم جنس جا ويري نه هئا،
    مان به انهن کان ڀڄي نڪتس،
    پر جڏهن انسان سان ملاقات ٿي،
    ته مون کي نظربند ڪيو ويو.!!
    انسان، انسان جو ويري.....!!

    آزاد آسمان

    ٻي بجي ڪوٺيءَ جو دروازو کلي ٿو،
    ٻاهر گھمندي تازي هير (هوا) ڪنهن ماڙي سانهه جيان،
    اندر کوليءَ ۾ ڌوڪي اچي ٿي،
    هر قيدي پنهنجو ڪنڌ اونچو ڪري اڀ ڏي نهاري ٿو،
    آزاد آسمان تي گھمندڙ ڦرندڙ آزاد ملائڪو!
    اوهان کي ڪائي ڄاڻ آهي، ته اوهان جا ساٿي،
    ۽ اوهان جا دوست، هتي بند ڪال ڪوٺرين ۾ سڙي رهيا آهن.

    اي ديش واسيو....!

    اي ديس واسيو.....!!
    پنهنجن گھرن ۾، اوهين آرڻ جي فصل لهڻ تي خوشيون ملهائي رهيا آهيو،
    پر اسان قيدي آهيون، محدود ديوارن اندر قيد.....!!
    ۽ توهان جيڪي خوش آهيو،
    قيد ۾ مصيبتن جي پيالن پيئڻ وارن کي به،
    ياد ڪندا رهجو......!!

    ذھن فولادي قوت.

    سياري جي سردين ۾، سخت ۽ تيز هوا!
    وڻن جي ٽارين ۽ ذهن تي سرديءَ جو خنجر هلائيندي آهي،
    سياري جي سردي ۽ سختي کان سواءِ،
    بهار جي گرمي ۽ ان جو لطف نه ٿو اچي سگھي.
    جيئن ڏُکن کانسواءِ، سُکن جي سُڌ نه ٿي پوي.
    مصيبتن مون کي سخت جان بڻائي ڇڏيو آهي،
    ۽ منهنجي ذهن کي فولاد جهڙو سخت ۽ طاقتور.....!!
    بڻائي ڇڏيو آهي.

    ستارن جو قافلو

    رات ڪاري ٻاٽ آ، پوئين پهر به....
    پرهه ڦٽي آ، ڪڪڙ دس ڏئي رهيا آهن،
    رات اڃان ختم ناهي ٿي،
    چنڊ، ستارن جي قافلي سان گڏجي،
    ويران جبلن آڏو جھڪي رهيو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259756
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386715
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ