ڪتاب جو نالو: محمد رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم
مصنف: لال چند امرڏنو مل جڳتياڻي
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 10 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1122 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 496 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سابق تعليمي ماهر لال چند امرڏنو مل جڳتياڻي جو لکيل آهي۔ ڪنهن به غير مسلم شخصيت جو محمد رسول الله صه جي زندگيء بابت هي پهريون ڪتاب آهي۔ اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • چند لفظ
  • منڍ
  • رايا
  • آڳاٽا عرب
  • عربن جو مذهب
  • حضرت محمد ﷺ جو اصل نسل ۽ ٻالاپڻ
  • عثمان عيسائي
  • سنگ اسود
  • زيد
  • واحد در وينتيون
  • مشاهدو
  • پهريان مسلمان
  • قريشي ڪٽيل
  • لوڀ جي لالچ ۽ حضرت ﷺ جو جواب
  • قريشين جا قهر
  • لڏ پلاڻ
  • عمر رضه ڪيئن مسلمان ٿيو
  • ٻه ڪاپاري ڌڪ
  • طايف وارن وٽان تڙي
  • مطعم جي مرمت
  • بيبي عائشه سان مڱڻو
  • بيبي سوده سان نڪاح
  • مديني وارا مريد ڪيئن ٿيا
  • معراج
  • مديني وارن جا مجادا
  • قريشين جي ڪاوڙ
  • مسجد جو مانڊاڻ
  • خيرات
  • عائشه سان نڪاح
  • علي عه ۽ فاطمه جو پرڻو
  • حضرت محمد ﷺ جو کاڌو خوراڪ وغيره
  • حضرت محمد ﷺ جي هلندي
  • عبدالله بن ابي جي عداپت ۽ مڪي وارن سان منصوبو
  • بدر جي لڙائي
  • وري قريشي
  • ٻه پرڻا
  • احد جي لڙائي
  • يهودين جي اڻبڻت
  • نئون دشمن
  • خندق جي لڙائي
  • بنو قريظ وارن کان بدلو
  • ساڻيهه سندي سار
  • حديبه جو عهد نامو
  • ڳرو ڪم
  • يهودي ياڪي
  • ام حبيبه سان نڪاح
  • ميمونه سان نڪاح
  • قريشي ڪوڙا
  • مڪي تي چڙاهي
  • وري هڪڙو نئون دشمن
  • سال وفود
  • تبوڪ جي لڙائي
  • طي وارن تي توهه
  • ڪل عرب مسلمان
  • ڄاڻ سدا ڄاڻ
  • پويون حج
  • ٻه ڪذاب
  • پڇاڙي
  • ڪتابن جا نالا جن مان مدد ورتي ويئي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ٻاويهون ڪتاب محمد رسول الله صه اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. حضرت محمد صه جي شخصيت ۽ سيرت بابت هي ڪتاب لال چند امر ڏنه مل جڳتياڻي جو لکيل آهي..

    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    مون لاءِ ۽ منهنجي اداري جي لاءِ اهو اعزاز آهي جو اداري پاران “سيرت پاڪ” تي ڪتاب ڇاپڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي ۽ هيءُ ڪتاب “محمد رسول اللهﷺ ان سيريز جو پهريون ڪتاب آهي.
    هن ڪتاب جو ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جو سٻاجهو ليکڪ آنجهاني لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي آهي.غير مسلم هوندي به هن مطالعو ڪري جنهن پيار ۽ پاٻوهه مان هيءُ ڪتاب لکيو آهي.اهو هڪ ڀيرو 1911ع ۾ ڇپجڻ کانپوءِ وري ڇپجي نه سگهيو.اداري طرفان ان کي ٻيهر ڇاپيندي سرهائي محسوس پئي ٿئي.
    سيرت پاڪ تي سيريز شروع ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته رسول پاڪ ﷺ جي شخصيت ۽ پيغام کي ڪيتروئي لکيو ويو آهي.هزارين نه پر لکين ڪتاب آهن پر پوءِ به اهو ڄڻ ڪجهه ناهي.سنڌيءَ ۾ ته اڃا به گهڻي کوٽ آهي.اسين ان سلسلي ۾ ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل ڪتابن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار نموني ڇاپڻ جو ارادو رکون ٿا.الله تبارڪ وتعاليٰ اسان کي اها توفيق ڏيندو ۽ رهنمائي ڪندو ته اسين هن نيڪ مقصد کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ ۽ پنهنجو حصو ادا ڪري سگهون.
    اسان اوهان جي نيڪ مشورن جا منتظر رهنداسين .محترم عبدالقيوم صائب جي مهرباني جو هن هيءُ ڪتاب اسان کي عنايت ڪيو.

    حيدرآباد ناز سنائي
    ڊسمبر 2006


    چند لفظ

    منهنجي دل گهڻن ڏينهن کان هئي ته هئڙو ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي تيار ڪريان ۽ ان باري ۾ تڏهڻين ،هڪ ٻه ڪتاب انگريزي نظر مان ڪڍيم پر جس ڀريا نه سمجهيم يا ته ننڍڙن نينگرن جي سمجهه کان ٻاهر هوا يا ته گهڻيئي منجهن وائي بادي ڳالهيون لکيل هيون
    نيٺ هڪ ڏهاڙي هڪ اردو ڪتاب ٺاهيل پرڪاش ديو برهمو ڌرم پرچارڪ جو ملي ويم.اهو پڙهيم ۽ ڏٺم جو اهڙي نموني جو ڪتاب ڪو سنڌيءَ ۾ به تيار ڪبو ته خاصو ٿيندو پوءِ به پئي سنڀريس آخر گذريل ويڪيشن ۾ ويهي ڪم پورو ڪري ڇڏيم.
    حضرت محمد ﷺ بنسبت غير مسلم ماڻهن جي مغز ۾ اهو اٺ ويٺل آهي.ته هن حضرت دين اسلام تلوار جي وسيلي ڦهلايو.هن احوال جي پڙهندڙن کي پاڻيهي معلوم ٿيندو ته اها سراسر سندن غلطي آهي .مسلمانن پنهنجي نبيءَﷺ جي وفات پڄاڻا ۽خليفن کان به گهڻو گهڻو پوءِ اهڙي سرجوشي ڏيکاري تنهن ۾ ته ڪو شڪ نه آهي.پر نبيءَ ﷺ جي ڏينهن ۾ ته اٽلو اٽن ٻري ايندي هئي ۽ جيڪي به ان عرصي اندر لڙايون لڙيا سي ساريون بچاءُ ۾ هيون.
    حضرت محمدﷺ جي نڪاحن نسبت به شايد ڪن جي دل ۾ گمان اُٿي ان کي هيءَ ڳالهه ڄاڻڻ گهرجي ته عربستان ۾ تن ڏينهن رواج هوندو هو ته ڪا عورت ڪنهن مرد جي سام اچي پوندي هئي ۽ هو هن کي پناهه ڏيڻ چاهيندو هو ته هو کڻي ساڻس نڪاح وجهندو هو.حضرت محمدﷺبه اهڙين ئي صورتن هيٺ نڪاح وڌا ۽ نه شهرت جو شڪار ٿي ائين ڪيائين ويچار جي ڳالهه آهي ته 50 ۽ 60 ورهين جون پوڙهيون عورتون نڪاح وڌائين انهن سان ٻيو وري پاڻ به هو 50 ورهين کان ٻاهر.
    اميد اٿم ته جا مراد من ۾ پائي ڪتاب لکيو اٿم سا پوري ٿينديم.


    منڍ

    ڪن کي تپرس لڳندو ته”هيءُ هندو،هن جو مسلمانن جي نبيءَ جو احوال لکيو؟” ڪن کي دل ۾ ايندو ته”بس ! مڙس ويو جلد شيخ ٿيو” ڪن کي ته سائين ائين به ٻولائيندو ته “اجهو خوشامندڙيو !” مطلب ته جيترا ماڻهو اوتريون ڳا لهيون ،ماڻهن جا وات بند ٿيڻ جا نه آهن.کوهن جا بند وات ٿي وڃن ماڻهن جا وات بند نه ٿين.
    هر سال ڳچ جيترن مسلمان ڇوڪرن جون ٻانهون مونکي سپرد ٿين ٿيون ڏسان ٿو ته پنهنجي نبيءَ سڳوري جي نسبت گهڻو ڪري ڪورَي جا ڪورا آهن.ٻيون ڳالهيون عجيب غريب روزمرهه پيا ٻڌن،پر نبيءَ سڳوري جي احوال مان نهايت غير واقف آهن.
    مون هيءُ ڪتاب لکيو آهي ته مسلمانن خصوصي ننڍي ٽهيءَ وارن جون اکيون پٽجن،۽ پنهنجي نبيءَ سڳوري جو احوال پڙهي ڏاها ٿين.
    هندو ٿي مون اهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو،تنهن ۾ ڪهڙو ڀولو؟آءٌ هندو آهيان ۽ منهنجو هندو ڌرم ئي مونکي سيکاري ٿو ته هر ڪو پير پيغمبر،نبي ولي ،ساڌ سنت عزت جوڳو آهي.
    مسلمان ته اسانجا ملڪي ڀائر آهن ۽ انهن جي قسمت اسان جي قسمت سان ڳنڍي پيئي آهي،تڏهين ته ضرور آهي جو اسان هڪ ٻين جي بزرگن جي احوالن مان واقف ٿيون ۽ انهيءَ ريت به پاڻ ۾ سلوڪ جو رستو وڌايون.
    پڙهندڙن کي نيڪ روشن هجي ته هن ڪتاب تيار ڪرڻ ۾ مونکي مولوي عبيد الله صاحب پير جي جهنڊي واري ۽ مولوي محمد علي شاهه معلم فارسي سنڌ مدرسه واري کان نهايت گهڻي مدد ملي آهي.جنهن لاءِ آءٌ سندن تهدل سان شڪر گذار آهيان.

    ڊسمبر سنه 1911ع لال چند امرڏنه مل جڳتياڻي


    رايا

    جنهن وقت کان “قرآن جو بنياد”نالي رسالو ڪرسچن سوسائٽيءَ جي هڪڙي سرگرم ميمبر جي طرفان سنڌ ۾ پڌرو ٿيو ۽ خدا جي هڪڙي سچي اولوالعزم پيغمبر جي به نسبت ناواقف طبيعتن ۾ شڪن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ آئي.تنهن وقت کان وٺي منهنجي خيال ۾ حڪمت الاهي جي ڪشش هيءَ هئي ته ان ختم الرسل جي صحيح صحيح مختصر سوانح عمري سليس سنڌي ۾ ڪنهن “غير مسلم”جي طرفان پڌري ٿئي.
    مونکي ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن “محمد رسول الله”نالي رسالي جو مسودو منهنجي نظر مان گذريو ۽ اڄ ان جي ڇپيل ڪاپي مون وٽ آهي،۽ يقين اٿم ته جيڪو صدمو اسان کي هڪڙي عيسائيءَ پهچايو هو ان جي هڪڙي حد تائين تلافي ٿي ويئي.لائق مصنف جو هندو ڌرم جو آهي ۽ پنهنجي ڌرم جو محقق آهي تنهن خاص انصاف پسنديءَ سان سچائي جي مدد ڪرڻ ۾ جيتري قدر محنت ڪئي آهي تنهن بابت ان جي شڪر گذاري ڪرڻ گهرجي،۽ ان جي پڌري ڪرڻ ۾ گهٽ کان گهٽ ايتري قدر جوش ته ضرور ظاهر ڪرڻ گهرجي جو مصنف اهو ڪتاب ايتري قيمت ۾ ڏيئي سگهي جنهن قيمت ۾ اهو عيسائي جو رسالو وڪامي ٿو.

    8 اڪٽوبر 1911ع مولوي عبيدالله
    ناظم
    جميعته الانصار ديوبند و قاسم المعارف سنڌ
    نوابشاهه






    الحمد لله و ڪفيٰ وسلام عليٰ عباده الذين اصطفيٰ اما بعد :

    منهنجي دوست مسٽر لالچند حضرت محمد رسول الله ﷺ جي مختصر سوانح عمري لکي آهي اهو ڪتاب منهنجي خيال ۾ نهايت قابل قدر آهي ۽ تواريخ جي مد نظر تي وڏي خبرداريءَ سان لکيو ويو آهي.تنهنڪري سڀ ڪنهن سنڌي خوانده مسلمان کي مناسب آهي جو اهو ڪتاب پاڻ به ضرور پڙهي ۽ پڻ پنهنجن دوستن کي ان جي پڙهڻ لاءِ همٿائي.منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب جي پڙهڻ کان غير مسلم لوڪن کي به گهڻو فائدو ٿيندو.هڪ غير مسلم محقق سچن حقيقتن جو خزانو جو عام جي اڳيان نذر طور رکيو آهي تنهن ۾ هر هڪ عالم ۽ پڙهيل حقدار آهي.
    مضمون نسبت ته ايترو گهڻو ٿيو عبارت نسبت به پڙهندڙن کي نيڪ روشن هجي ته مسٽر لالچند سنڌيءَ جو معقول مصنف آهي ۽ سنڌي علم جي واڌاري لاءِ گهڻو شائق آهي.
    منهنجي هن ناچيز راءِ جي ضرورت هئي ته ڪانه ڇو ته استاذي المڪرم حضرت مولانا مولوي عبيد الله صاحب جن مدظله العالي ناظم قاسم المعارف سنڌ هن رسالي نسبت اڳيئي نيڪ رايو ڏيئي چڪا آهن.پر مسٽر لالچند جو چوڻ ٿيو ۽ مون نهايت خوشيءَ سان هي ٿورو ڪي لکيو آهي ڌڻي سڳورو هن ڪتاب کي علم فائدي لاءِ ڪارگر ڪري.

    خاڪسار محمد علي شاهه
    پرشن ٽيچر سنڌ مدرسه الاسلام ڪراچي.

    *

    حضرت رسول الله ﷺ جي حياتيءَ بابت جيڪو ڪتاب “محمد رسول الله” نالي مسٽر لالچند ماستر مدرسه الاسلام جوڙئو آهي سو سڄو مون مطالع ڪيو.اگرچه هو مختصر آهي پر انهيءَ اختصار هوندي هو گهڻين ڳالهين ضرورين جو حاوي آهي.مسٽر لالچند جو اهو ڪم بيشڪ آفرين جوڳو آهي،ڇو ته هن بحيثيت هندو ڌرم هئڻ جي جا تحقيقات ۽ انصاف پسندي ڪم ۾ آندي آهي سا بلا شڪ بي ڊپا ٿي هي ڪتاب وٺن ۽ چڱي طرح سان ان کي پڙهن ڇو ته اهو ڪتاب سچين تاريخن کان ورتل آهي.

    10 اڪٽوبر 1911ع مولوي محمد عثمان
    معلم الفقه مدرسه الاسلام ڪراچي.



    بسم اللہ الرحمان الرحیم

    الحمد للہ علیٰ ذوآلہ و صلی اللہ علی سید النبیین محمد وآلہ اما بعد مکرمی مسٹر لال چند امرڈنہ مل معلم مدرسۃ الاسلام کراچی نے کتاب مستطاب “محمد رسول اللہ “ جس میں حالات ہدایت سمات حضرت مولانا و مقتد انا و سیدنا افضل المرسلین محمد مصطفیٰ سندھی زبان میں نہایت متانت و سنجیدگی سے تحریرفرمائی ہے۔ پیغمبراسلام حسن انام کی سوانح عمری مکمل سندھی زبان میں لکھنا مسلمانان سندھ کا اول فرض تھا لیکن فی زمانا چونکہ مسلمان غیر مفید کاموں میں زیادہ سرگرم نظر آتے ہیں لہٰذا ان کو اتنا وقت کہاں جو مفید کتابیں “ہادیان مذہب”بڑرگان دین کی سوانح عمریاں لکھ کر قوم کے ہاتھ میں پھونچاریں البتہ غیر قوموں کو دیکھا جاتا ہے کہ وہ ہماری فرایض کی طرف متوجہ نظر آتی ہیں۔ کسی غیر مسلم مولف یا مصنف سے اسلامی تصنیف میں جس قدر امید ہو سکتی ہے اسی سے زیادہ اس کتاب میں ہم دیکھ رہے ہیں۔
    خاتمتہ الکلام میںاپنے غیر مسلم احباب سے اس قدر عرض کرنا ضروری سمجھتا ہوں کہ اگر آپ حضرات اپنی تصنیف میں اسلامی لب و لہجہ و عنوان ادا کا لحاظ کرلیا کریں تو ہر دلعڑیڑی کا پہلو زیادہ نظر آسکتا ہےاور کتاب اپنی خاص حالت(پوزیشن) کے لحاظ سے ہر قوم میں باوقعت دکھلائی دیجا سکتی ہے۔
    والسلام علی من انبع الھدیٰ
    نمقہ خادم الاسلام
    سید حسین علی منبر والے عفی عنہ
    معلم فقہ شیعہ امامیہ سندھ مدرسہ کراچی
    ۳ آکتوبر سنہ ۱۹۱۱ع


    آڳاٽا عرب

    عرب لوڪ صدين کان سدائين آزاد رهندا اچن .ڇاتيءَ وارا مڙس ۽ مهمان نواز هڪڙائي آهن.فصاحت ۽ بلاغت ۾ ته سندن مٽ ڪو ورلي هوندو.ٻيا به منجهن چڱا چڱا گڻ آهن پر باوجوديڪ ان جي ،آڳاٽو ،منجهن گهڻيئي اهڙيون ڪنيون عادتون ۽ ريتون پهتيون هيون جن ٻڌي ۽ پڙهي هيبت وٺيو وڃي ۽ لڱ پياڪانڊارجن جهڙوڪ ڦرلٽ ۽ خونريزي ،حرام ۽ بدفعلي وغيره وغيره شراب جي ته اهڙي ڪا وٺ هوندي هين جو ٻار ٿڃ ڇڏيندا هئا ۽ شراب کي لڳندا هئا.ڪنهن آدميءَ کي نڙيءَ تي نهن ڏيئي نگهوسار ڪرڻ سندن لاءِ راند هوندي هئي.موادي وري ڪين جهڙين ڳالهين تان پاڻ ۾ اهڙا اهڙا ساڙ سانڍيندا هئا ۽ پيا هڪ ٻئي جو چڪين ماس ڇنندا هوا.خصوص ويچارين ڪنوارين سان ته هاءِ هوندي هئي.غيرت وارا لوڪ ته جيئري کين کڻي قبر داخل ڪندا هئا.ڊپ ٿيندو هون ته متان ڪو شاهينگ نه شرم ۾ هٿ وجهين ۽ سندن ست ٽوڙي.
    جيري تي جيرين پرڻجڻ جي به منجهن ريت هئي.سو عورتن جي حالت تمام بري هئي.مڙسن کي ڇڙواڳ هوندي هئي.وڻين اوتريون زالون رکن ۽ پنهنجي رو تي ٿو کٽا ڪري ڪن کي ڏهاڳ ڏين ،ته به سندن وس هو.ساڙ ،وير ۽ ريس ۾ سارا رتا پيا هوندا هيا بغض جي باهه به توبهه هوندي هين.
    منجهن ٻي هيءَ رسم جاري هئي.سندن خاص خاص هنڌن تي هر سال وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلا لڳندا هئا.جتي عربستان جي هرپرڳڻي جا رهاڪو اچي ڪٺا ٿيندا هوا.اهڙو هڪڙو ورهيارو ميڙو مڪي ۾ ڪعبي جي ڀرسي سان لڳندو هو.اهو ميلو اڄ تائين مند تي هر سال لڳندو اچي.پر هيئنر اسلام مان اصلاح پاتي اٿس.۽ مومنن تي فرض آهي ته هڪ لڱا مڙيوئي حياتيءَ ۾ اهو حج ڪن.هُن ميلي ۾ ملڪ جي چئني پاسن ۽ ڏهن ئي ڏسائن کان ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيندا هئا.اهڙو تماشو لڳي ويندو هو جو بس ! ڪٿي ڏس ته ڪو فصاحت جو صاحب آهي ۽ ڪٽڪ ماڻهن جي کي فصيح تقرير پيو ڪري ؛ ڪٿي ڏس ته ڪو شاعر آهي ۽ برزبان بلند آواز شعر پيو چوي.ڪٿي ڏاڍا مڙس پاڻ ۾ زور پيا آزمائن ۽ ڪٿي جوڌا جنگي نيزه بازي جو هنر ۽ فن پيا ڏيکارين،ڪٿي ته وري ڏس ته ڪو ڇيڻا ڀور ڏجن ۽ کڏن کوٽ خبيث آهي جو ڪين جهڙيءَ ڳالهه تان ڪنهن ڌارئي آڪهه جي آدميءَ سان ٽوڪر کائي پنهنجي ۽ هن جي آڪهه جي وچ ۾ فساد جي باهه پيو دکائي.پر ان ڌاران ٻيون ان ميلن ۾ اهڙيون بي حيائيءَ ۽ بي غيرتيءَ جون باتيون ٿينديون هيون جن جو رڳو ذڪر ڪرڻ به بي شرمي آهي.


    عربن جو مذهب

    عرب لوڪ هميشه کان ته”وحده لاشريڪ “ جي هستيءَ جا قائل رهندا آيا آهن پر حضرت محمد ﷺ ڄائو تنهن زماني ۾ بت پرستي به منجهن زور هئي.خود اهي لوڪ جن جو هڪ خدا ۾ ويساهه هو تن جو اهو به يقينو هوندو هو ته هي بت جن جي اسان پوڄا ٿا ڪريون،سي اسان جي پاران ان پاڪ پرور جي حضور ۾ اسان جي سفارش ڪندا.مطلب ته گهر گهر ۾ بتن جي بادشاهي بحال هئي ۽ اهي بت اڪثري سندن انهن نامڪٺين بزرگن جا هوندا هئا جي آڳاٽو عربستان ۾ گذر ڪري ويا هئا.ان ڌاران ان وقت اڻ ڄاڻائپ ۽ اياڻپ جي اوندهه کين ائين وڪوڙي ويئي هئي جو سندن ساري قوم عيبن جو هڪ مانارو ٿي پيئي هئي.حالي شاعر پنهنجي مشهور مسدس ۾ ان زماني جي عربن بنسبت جيڪي چيو آهي تنهن ۾ رتيءَ ماتر به وڌاءُ نه آهي.اٻوجهي ان مان گهڻا فقرا سنڌيءَ ۾ آندا آهن تن مان ٿورڙاڏجن ٿا.
    عرب هڪڙو اُڀٻيٽ دشت بلا هو
    لڳايو انهي جو ٻين کان جدا هو
    نه هو ٻين ملڪن تي فرمان روا هو
    نه ٻيو ڪو سندس حڪم ۾ مبتلا هو
    سڌاري جو سايو نه آيو ڏسڻ ۾
    وڌاري جو نالو نه آيو ٻڌڻ ۾
    *
    قبيلي قبيلي جو هڪ بت جدا هو
    ڪنهن جو هبل هو ڪنهن جو صفا هو
    ڪنهن جو اساف ۽ ڪنهن جو عزا هو
    انهي طرح گهر گهر نئون هڪ خدا هو
    نه آئي اڃا هئي بهار هن چمن تي
    خزان هئي فاران جي چوٽين تي
    *

    هلت جا هين سا سڄي وحشيانه
    ڦرڻ ۽ لٽڻ ۾ سڀي ها يگانه
    ڏڦيڙن ۾ گذريا هنن جا زمان
    نه هو ڪوئي قانون جو تازيانه
    هو ها قتل شارت ۾چالاڪ اهڙا
    بگهيڙيا مرون آدمي خوار جهڙا


    حضرت محمد ﷺ جو اصل نسل ۽ ٻالاپڻ

    قرآن مجيد جي “سوره الفيل” ۾ آيو آهي ته ابره اشرم شاهه ابيسينا جڏهن يمن فتح ڪري اتي پنهنجو دخل ڄمايو تڏهن معلوم ٿيس جو سڀيئي عرب لوڪ سال به سال ڪعبي جي حج لاءِ اچي مڪي ۾ ڪٺا ٿا ٿين.هن جي سڏ تي ته آئينده اهو حج اچي يمن ۾ ڪن ،۽ ان لاءِ سڌپڌ مڪي جهڙو ڪعبو يمن ۾ کڻي بنايائين ۽ لوڪن کي ان جو چتاءُ ڪيائين پر سڀن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيس.شاهه تنهن تان اچي ڪهليو ۽ ترت ئي هاٿين جو هڪ ڀاري ٽلو سوارن سميت ڪٺو ڪري .مڪي تي ڪاهي آيو.قصا الاهي مٿائن پٿرن جو اچي وسڪارو ٿيو ۽ سارو ڪٽڪ ۽ هاٿين جو ٽلو اتي ئي پورو ٿي ويو.
    هاڻي انهيءَ “واقعه فيل” کي ٿورائي ڪي ڏهاڙا ٿيا هوا ته سومر ڏينهن ربيع الاول مهيني ۾ يعني 570ع جي اگسٽ مهيني ۾ قريشين جي بني هاشمين واريءَ نامياري ۽ نامڪٺيءَ آڪهه ۾ حضرت محمد ﷺ جو تولد ٿيو.
    ہوءے پہلو ءے آمنہ سے ہویدا دعاءے خلیل اور نوید مسیحا
    حضرت محمد ﷺ جي پيءُ جو نالو عبد الله هو ۽ سندس والده جو نانءُ بي بي آمنه.سندس ڄمڻ وقت پڻس حيات نه هوچوويهن ورهين جي عمر ۾ بيبي آمنه وهائو ڪيو هوائين.هن ويچاريءَ اڃان پهرين مراد به نه ڏٺي هئي ته کيس تجارتي قافلن سان شام جي سفر تي وڃڻو پيو،جتان موٽندي ناچڱو ٿي پيو ۽ مدينه ۾ ئي دم ڏنائين.
    باقي عبدالمطلب سندس ڏاڏو جيئرو هو.سو سندس ناري وڍڻ جو ٻڌي ڊوڙندو آيو ۽ ائين کيس هنج ۾ کڻي وڃي ڪعبه کي ڦيرا ڏنائين ۽ ڌڻيءَ جو شڪريو بجاءِ آندائين.عبدالمطلب ڪعبي جو شريف هو ۽ اهو عهدو بني هاشمين جو موروثي حق هو جوجو خود هاشم عبدالمطلب جي بابي ڪئين لڱا ڪعبي ۽ مڪي کي ويرين کان بچايو هو.
    پنج اٺ ڏينهن گذريا ته ڇٺيءَ جا جشن ٿيا ۽ ديس جي ريت پهت پٽاندر عبدالمطلب ساري ڪڙم کي ڪوٺائي سندن سامهون ڪڪي جو نانءُ محمد ﷺ رکيو.ڪي وري لکن ٿا ته آمنه وري سندس نالو احمد رکيو جو سپني ۾ ڏٺو هئائين ته فرشتو ٿو چويم ته”توکي ڪڪو ڄمندو ۽ الاهي امر آهي ته ان جو نانءُ احمد رکج”
    پهريان ڏهاڙا خود آمنه ۽ ڪجهه عرصو وري ڏيرس ابو لهب جي وهاريل ڪڪي کي ٿڃ ڏني پر ٽن ڏينهن خاندان عربن ۾ دستور هوندو هو جو ٿڃ ٻار کي پراون پر پاڻ جهڙن ئي شريف خاندانن جي عورتن جي پياريندا هوا ان پٽاندر ٿڃ پيارڻ ۽ نپائڻ لاءِ وهياتري محمد ﷺ جي ٻانهن بني سعدن جي آڪهه مان هڪڙيءَ عورت حليمان نالي کي کڻي ڏنائين. جا ڇهين ڇهين مهيني فقط هڪ لڱا ڪڪي کي مائٽنس وٽ منهن ڏيکارڻ لاءِ وٺي ايندي هئي.
    جڏهن ٻالڪ پرين ٻن ورهين جو ٿيو تڏهن دستور موجب ٻيا ڇڏائي.حليمان ماڻس وٽ وٺي آيس چي “مائي وٺ موٽائي پنهنجي ملڪ ،تنهنجو آهي خدا توکي بخشي ڏئي” بي بي آمنه ڏٺو ته پٽم پراون وٽ رهي ڏاڍو گندلو ٿي پيو آهي ۽ هاڻي متان مڪي جو پاڻي پاءِ نه پويس سو حليمان کي چيائين ته “ادي ٻڌين ٿي ڪڪي کي واري تون پنهنجي وطن وٺي وڃ جتي شل جڏهن وڏو ۽ هوشيار ٿيندو تڏهن آءُ پاڻ کان پاڻهي گهرائي وٺنديسانس.”حليمان ته ائين گهريو ٿي سا موٽائي پنهنجي وطن وٺي آيس ۽ ٻه ورهيه ٻيا به ڏاڍن لاڏن ڪوڏن سان ويهي پاليائينس.جڏهن پنجين ۾ پير پيس تڏهن ٻالڪ موٽي مائٽن وٽ مڪي ۾ آيو.
    ڇهين ورهين جو ٿيو ته ماڻس پاڻ سان گڏ مدينه وٺي ويس پر ڳڀوراڙي اتان سر سلامت وٺي ملڪ نه موٽي واٽ تي موضع ابوا ۾ ويچاري سڌاري هلي.هنکان پوءِ نپايس ڪيس ڏاڏس پر نينگر اٺن ورهين جو ٿيو ته هن گهوٽ کي به اجل گهائي وڌو.
    جنهن شخص پاڻ پنهنجي ابي جون پيار ڀريون اکيون نه ڏٺيون هونديون ۽ پنهنجي پياري پيءُ سان آرا انگل نه ڪيا هوندا ۽ سندس مصريءَ جهڙا مٺا ٻول نه ٻڌا هوندا بلڪ پيءُ جي شڪل ئي نه ڏٺي هوندي ۽ جو شخص ننڍڙي ئي پنهنجي مٺيءَ ماءُ کان وڇڙيو هوندو ۽ ان جي من موهن محبت کان محروم رهيو هوندو جو شخص پاڻ جنهن ڄمار ۾ ٻالڪ کيٽا ڪندا آهن ۽ مائٽ کين لاڏن ڪوڏن سان نچائيندا ٽپائيندا ۽ گل گولڙيون ڪرائيندا آهن تنهن ڄمار ۾ ئي ڇورو بڻجي پيو هوندو سو شخص ئي يتيمن جي دلين جي اٻاڻڪائي ۽ ڇورن جي اٻلائي جو پوريءَ ريت ويچار ڪري سگهندو.
    حضرت محمد ﷺ کي ننڍڙي ئي جي مائٽن جا هٿڙا ڦوڙائي جا ڦچ پيا تنهن ۾ به حڪمت هئي سڀاءُ جو حليم ۽ ڪهل وارو ٿيو سو خصوص ان ڪري سائينءَ سڳوري شايد گهريو ٿي ته اهي سور سهي هو نهايت هر دلعزيز ۽ بردبار ٿئي.هونءَ نه ته ممڪن آهي جو سندس ڳوٺاڻي سدائين گمراهيءَ جي گپ ۾ گٿاپيا هجن ها.
    ڏاڏي جي قضيئي بعد حضرت محمد ﷺ گهر ۾ گهڻو نه گذاريندو هو.پهاڙ ۽ بيابان جيڪي مڪي جي چڪ ۾ آهن تن ۾ پيو گهمندو هو ۽ ان جي اتاهين ۽ ايراضي ڏسي سارو وقت پيو سوچ ويچار ڪندو هو.
    “سرشتي بمثل هڪ پستڪ جي اهي جنهن جو پرت پرت وندرائيندڙ ۽ نصيحت آميز آهي.”هن صاحب اٺن ورهين جي ڄمار ئي ۾ سندس پرت پرت ائينپڙهيو ۽ منجهائنس ايترو پرايو جئين ڪو نه پڙهي ڪو نه پرائي.
    چاچهنس ابو طالب جا منجهس پران هوندا هئا ۽ جيسيتائين هي نينگر گهمي ڦري گهر نه موٽندو هو تيسيتائين انڌيون پيون ايمديون هئس چوندو هو”وس پڄيم ته پل نه پاڻان پري ڪريانس”.حضرت محمد ﷺ به سندس اهڙو ئي حق مان رکندو هو ۽ روز هڪ لڱا منهن ضرور ڏيکاريندو هوس نه ته لاچار پئي ائين ڪندو هو پر پاڻ به روز چاچي جي منهن ڏسڻ ڌاران گهاري نه سگهندو هو پيار سندن پر سپر هو.
    بحيره راحب: هڪ لڱا ابو طالب کي ڪو شام ڏي وڃڻو پيو حضرت محمد ﷺ ٽن ڏينهن يارهين ورهين جو نينگر هو چاچي جي اسهڻ جو ٻڌائين ته من ڀرجي آيس اکين ۾ پاڻي آڻي چاچي کي گلي کان چهٽي پيو ۽ منهن اهڙو کڻي نماڻو ڪيائين جو هن چيس “بابا پٽ روءُ نه تون مونسان هليو هل”
    مسلمان راوي لکن ٿا ته جڏهن قافلو بصره ۾ پهتو تڏهن اتي بحيره نالي راهب سان محمد ﷺ جي گفتگو ٿي ۽ سندس سمجهه ۽ عقل ۽ مٺي ڳلهائڻ ۽ نرمل سڀاءُ هن راحب کي اهڙو موهي وڌو جو چاچس کي چيائين ته “ادا هيءُ ته آفتاب عرب اٿيئي عربن مان بتپرستي اهو نهوڙي نيندو پر ڏاڍي سندس سر جي سنڀال ڪج ڏسجئين متان ڪن يهودين جي ور چڙهي وڃي ۽ هو پورو ڪري ڇڏينس.”
    ڪن روايتن ۾ هئن به لکيل آهي ته بحيره ابو طالب کي هئن به چيو ته”ڀائٽيهن اهو ساڳيو شخص اٿيئي جنهن جي اچڻ جو اٍشارو حضرت عيسيٰ به ڪري ويو آهي ۽ بيشڪ هيءُ خدا جو رسول ۽ پويون نبي آهي.”
    محمد صاحب ﷺ هن مسافريءَ مان گهڻو ڪي پرايو عربن جا جيڪي ڪه مشهور تواريخي مڪان ۽ پهاڙ آهن سي سڀوڃي اکين ڏٺائين ۽ پڇي ڳاڇي سمورو سندن سماءُ هٿ ڪيائين جدا جدا ملڪ ۽ ان جون ايراضيون وري تن اندر جهنگل ٻيلا ميدان بيابان جل ٽڪر ٻيا ٽياس ڏسي مالڪ جي وڏائيءَ جو ويچار ٿيس ته ڇا ته هو سگهارو هوندو ۽ دل تي اهڙو اثر پيدا ٿيس جو پوءِ وعظ ڪندي ڪڏهن به خدا جي هستيءَ بابت ڪو دليل ڏيڻو پوندو هوس ته وٺي ان ڏي اشارو ڪندو هو ۽ ٻڌندڙن کي چوندو هو ته”نٿا ڄاڻو جو ان سڀني جو اپائڻهار ڪير آهي؟ ڏسو نٿا ڪيئن ته ساري سندس جوڙ سندس هستيءَ جي گواهي پيئي ڏيئي.”
    خيثتا سشى ىسلاف
    چوڏهين ڪه پندرهين ورهين جو جوان نينگر هو تڏهن قريشن ۽ بني هوازن وارن جي وچ ۾ حرب الفجار واري سخت لڙائي لڳي جنهن ۾ چاچي سان سامل ٻه دفعه پاڻ به لڙيو بس پوءِ مٿان پنجويهن ورهين جو اچي جوان ٿيو.تنهنوچ ۾ فقط ٻه واقعا سندس حياتيءَ ۾ ٿي گذريا.پهريون ته يمن ۽ ٻين پسگرداين ۾ گشت ڪري اُتي آدمين سان وڻج واپار ۽ سودي ٻئي ۾ اهڙي سوڌي هلت هليو ۽ ليکي جوکي ۾ ساڻن اهڙو صفا رهيو جو هنن نالو ئي کڻي صادق ۽ امين رکيس ٻيو ته خديجه سان سندس ڏيٺ ٿي.
    خديجه مڪي ۾ رهندي هئي ۽ گهر وارس وڏو ڀاڳيو آدمي هوندو هو جڏهن ان وفات ڪئي تڏهن مرضي ٿيس جو پاڻ وٽ اهڙو ڪو آبروءَ وارو آدمي رکان جو مال جي نظر داري به پيو ڪري ۽ يمن ڏي وڃي.اتي ان جو نيڪال به پيو ڪري.حضرت محمد ﷺ جي سچائيءَ جي ساک سڻي هيائين سو چوائي مڪائينس ته”اچي مونوٽ بيهه ته چڱو پگهار ڏيانءِ” حضرت محمد ﷺ به چاچي ابو طالب سان صلاح ڪري کڻي اها آڇ قبولي نوڪري اهڙي سپت سچائيءَ سان ڪيائين ۽ پنهنجي ڌياڻيءَ جو مال نيڪال ڪري کين ايترو فائدو هچايائين جو ڌياڻيس آخر اُتس راضي ٿي.کڻي ساڻس لائون لڌيون ان وقت حضرت محمد ﷺ ڀرين پنجويهن ورهين جو هو.
    خديجه پئسي واري عورت هئي ۽ ريڌي پاڻ هئي.سو محمد صاحب ﷺ جي ڏاڍي رکندي هئي.مٿائنس ٻلهار پيئي ويندي هئي .حضرت محمد ﷺ به ساڻس اهڙا ئي پير هلندو هو.
    حليمان جنهن حضرت محمد ﷺ کي ٿڃ پياري هئي سا ويچاري زماني جي گردش لوڙهي ڇڏي هئي.هاڻ جو ٻڌائين ته خديجه حضرت محمد ﷺ سان نڪاح وڌو آهي سو اچي پٽيلي سان حال اوريائين .حضرت محمد ﷺ بي بي خديجه سان ڳالهه ڪئي ۽ هن اماڻڪ کڻي چاليهه رڍون بخش ڪينس جي وٺي حليمان گهوٽ ڪنوار کي دعائون ڪندي رهندي هئي.
    اولاد
    حضرت محمد ﷺ کي بي بي خديجه مان چار نياڻيون ۽ هڪ پٽ ٿيو.پٽس جو نانءُ قاسم هو پر معصوم تڳيوئي ڪين.وري آيو نياڻينس جا نالا هي هوا (1) رقيه (2) زينب (3) فاطمه (4) ڪلثوم
    ملڪ جو اونو
    حضرت محمد ﷺ کي هاڻ خيال ٿيو جو ملڪ کي سڌارجي ۽ ان جي بهبوديءَ لاءِ پاڻ پتوڙجي.اڳي عربن ۾ رواج هوندو هو جو مڪي جي اندر ڪنهنکي به ظلم ستم ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي.اول اول اهو رواج نئي سر عمل ۾ آڻايائين ان ڪم ۾ پاڻ سان شامل ٻين آڪهين جي عيوضين کي به ڪيائين.


    عثمان عيسائي

    ٿورا ڏينهن گذريا ته عثمان بن حارث وطن جو ويري ٿي بيٺو دين عيسائي اختيار ڪيو هوائين ۽ مرضي هيس جو مڪي جي حڪومت جون واڳون يونانين کي کڻي سپرد ڪريان ۽ سچ پچ ان جي سربراهيءَ لاءِ ويهن ئي نهن جو زور لڳائي بيٺو پر محمد ﷺ اهڙو کڻي ڳوٺاين ۾ جوش جاڳايو جو سڀ ننڍا وڏا ملڪ جي بچاءَ لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا ۽ ملڪ ڌارين جي ٻانهپ کان ڇٽي ويو


    سنگ اسود

    پنجٽيهن ورهين جو تڏهين ڪعبي اندر ڪا اچي آڳ لڳي ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام وارو معبد ڊهي پيو. عرب لوڪن گهريو ٿي ته وري نئين سر ان کي کڙو ڪريون پر منجهن اچي تڪرار لڳو ته اول سنگ اسود لڳائي ڪير؟ هر ڌر وارا چوڻ لڳا حق اسان جو آهي ۽ اهو شرف اسان جي آڪهه کي ملڻ کپي نيٺ ٺهراءُ ڪيائون ته سڀاڻ پرهه ڦٽيءَ جو حرم جي دروازي اندر جيڪو پهريون ئي پهريون شخص پير پائيندو.ان کان پڇي .ان جي چئي پٽاندڙ ڪاروائي ڪنداسون.اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻي ڏينهن ڀنڀرڪي جو دروازي اندر پهرين پهرين حضرت محمد ﷺ ئي پير پاتو.سڀ اچي لڳس ته ڪر فيصلو تڏهنين سوچ ڪري صلاح ڏنائين ته”هئن ڪريو جو پٽ تي هڪ چادر کڻي وڇايو تنهن تي سنگ اسود آءٌ پاڻ کني ٿو رکان پوءِ چادر کي چئن ئي ڪنڊن کان سڀن آڪهين جا عيوضي جهلي سنگ اسود کي کڻي پنهنجي اصلوڪي هنڌ تي آڻيو.”هي فيصلو ٻڌي سڀني ۾ واهه واهه پئجي وئي ۽ سڀڪو سندس جس ڳائيندو رمندو رهيو.


    زيد

    ڳوٺاڻين سان همدردي هيس ۽ انهن لاءِ هڏ ڪڙڪيس ٿي سا ڳالهه ته سندس ويري به قبول ڪندا پر وڏو گڻ منجهس اهو هو جو ڌارين جو به خيال ٿيندو هوس.زيد پٽ حارث جو ڪنهن لڙائيءَ ۾ پڪڙجي پيو ۽ سندس ويرين آڻي کڻي بي بي خديجه جي ڀائيٽي کي وڪيس تنهن وري ان جي ٻانهن ڪري پنهنجي پڦيءَ کي ڏني.
    زيد جو هيڻو حال ڏسي هن حضرت کي اُتس ڪهل آئي ۽ گهر واري کي چيائين ته،”زيد مونکي ڪري ڏي.” هوءَ ته حڪم جي بندي هئي.تنهن چيس “خاوندا اچي مِلڪ اوهانجي آهي” حضرت محمد ﷺ پوءِ زيد کي چيو ته”تون آزاد آهين ٻيو خيال نه ڪر هيءُ گهر پنهنجو ڪري ڄان” هاڻ زيد جي پيءُ کي هن قصي جي خبر خير ڪا هئي سو ويچارو ڪجهه روڪڙ ڳنڍ ٻڌي پٽ جي ڇڏائڻ لاءِ اچي اتان نڪتو محمد صاحب ﷺ چيس ته”مِلڪ تنهنجي آهي بيشڪ وٺي وڃينس پر جي پاڻ هتي رهڻ چاهي ته به اسان جي اکين تي آهي.” پڻس زيد کي چيو “پٽ هلندين” زيد وراڻي ڏنيس”نه بابا آءُ پنهنجو هت ئي رهندس.” محمد صاحب ﷺ پوءِ پنهنجي پڦاٽ زينب سان پرڻائي ڇڏيس زينب خوبصورت ۽ آڪهائتي عورت هئي.


    واحد در وينتيون

    حضرت محمد ﷺ جو اهڙا خير جا ڪم پي ڪيا سو ڏينهون ڏينهن سندس ناموس پي وڌيو.پر کيس ڳڻتي جيڪا هئي سا ديس ڀاين جي ڏسندو جو هو ته هٿڙا ڪاهل ۽ جاهل آهن سو اندر ۾ الاجي ڇا پيو ٿيندو هوس.
    وس ويچاريءَ ناه ڪو تون آگا عرض اُناءِ
    ڏينهن رات سٻاجهي در اهيئي پلو پيو وجهندو هو ! يا نه پنهنجي سر پاسن ۽ ڪنڊن ۾ ويهي سوچ ويچار پيو ڪندو هو ۽ ڏاڍيون رٿون پيو رٿندو هو.هر سال رمضان وارو مهينو سارو ئي نيم هوندو هوس،جو وڃي غارحرا ۾ گذاريندو هو ۽ چوويهه ئي ڪلاڪ آگي جي عبادت ۾ رُڌو رهندو هو.اتي به اهائي پڪار هوندي هئيس ته”خدايا فضل فرمائي هن بندي جي ڳوٺاين کي سنئين پير تي آڻ ۽ کين اڻ ڄاڻپ جي عذابن کان آزاد ڪر!”


    مشاهدو

    نيٺ مالڪ جي اتس مهر ٿي جو الهام الاهي جو چشمو سندس دل ۾ ڦٽو ۽ نور خداونديءَ جو چمڪار اتس چمڪيو ۽ اهڙو اتس ايڇپو ٿيو جو هو مالڪ جي مرضي معلوم ڪري سگهيو هينئر يقين ٿيس ته اپئڻهار مونکي اپايو ئي ان لاءِ آهي جو آءُ پنهنجي ڳوٺاين جا خلاق سڌاريان ۽ ملڪ جا گهڙا ڀريان.ان زماني ۾ اڪثري غيبي آواز پيو ٻڌندو هو ۽ جاڳندي ستي ڀانت ڀانت جا رنگ روپ پيو پسندو هو.چاليهن ورهن جو ٿيو ته هڪ ڏهاڙي غار حرا ۾ ويٺي ويٺي ڇا ٿو ٻڌي جو ڪو پڪاري بيٺو چويس ته”هي تون پڙهه”
    حضرت محمد ﷺ پڙهي ڄاڻان ئي ڪين ٻه ڀيرا ٻيا به هن چيس ته “هي تون پڙهه”پر اهي ٻئي ڀيرا به حضرت محمد ﷺ جواب ڏنس ته “پڙهي ڄاڻان ئي ڪونه” تنهن کان پوءِ هن چيس ته “پڙهه پنهنجي پروردگار جي نانءُ(جي برڪت) سان جو اپئڻهار آهي.جنهن جميل لوهوءَ مان انسان جهڙو حڪمت ڀريو جسم جوڙيو آهي.پڙهه پنهنجي پروردگار جي نانءُ(جي برڪت) سان جو ڪئين ڪرمن ڪرڻ وارو آهي جنهن قلم جي وسيلي علم سيکاريو ۽ آدميءَ کي اهي ڳالهيون ڄاڻايون جن جي هن کي سڌ نه هئي.”


    پهريان مسلمان

    حديث ۾ آيو آهي ته هن تان حضرت محمدﷺ البت گهٻرائجي ويو ۽ جنسي لڱن کي ڏڪڻي وٺي ويس.گهر موٽي ساري ڳالهه گهر واريءَ سان ڪيائين.تنهن تسلي ڏنيس ته “انهيءَ ۾ ضرور ڪا چڱائي آهي.آءٌ ڄاڻان ٿي اوهان خدا جا پيغمبر آهيو ۽ آءٌ اوهان تي ايمان آڻيان ٿي.”
    بيبي خديجه جو هڪ سوٽ ورقه بن نوفل اکين سڄو ،جهوڙ پڙيو مڙس عيسائي هو.بي بي صاحبه ان سان اها ڳالهه ڪڍي تنهن ٻڌي چيس ته”اڙي ائين؟ هيءُ ته تڏهين خدا جو رسول آهي جنهن جي اچڻ جو اشارو حضرت عيسيٰ عليه السلام ڪري ويو آهي.”پوءِ حضرت محمد ڏي مهاڙ ڪري کيس چيائين “حضرتا ! ارمان رڳو اهو آهي جو هاڻ سورن جي سوکڙي اوهان لاءِ پئي ٿي تيار ٿئي.جن لاءِ اوهان جو اندر الاجي ڪيئن پيو ٿئي ۽ جن کي اوهان هن پڄاڻان سچي تعليم ڏيئي حق تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندو،سي ئي اوهان سان ڪٽي نانگه وارو وير وجهندا ۽ بيٺو نه سهندو.” هن حضرت کي حيرت لڳي ۽ پڇيائين”سو وري ڪيئن؟” هنن کي مون لاءِ هيترو قرب.مونسان هيتري محبت.”
    ورقه: بيشڪ پر هيئنر اور زمانو ٿو شروع ٿئي پنهنجين اکين سان ويٺا ڏسجو خير! ورقه بن نوفل به اُتس ايمان آندو تنهن کان پوءِ خود محمد ﷺ جو سوٽ علي بن ابي طالب نون ورهين جو نينگر سو به اچي ان دين ۾ داخل ٿيو.
    حضرت محمد اڪثري ،خديجه ۽ علي کي ساڻ ڪري مڪي جي چڪ ۾ جي پهاڙ آهن ،اوڏانهن هليو ويندو هو ۽ اتي الله تعاليٰ جي عبادت ۾ رُڌو رهندو هو.ڪنهن ڀيري ابو طالب اچي اتان نڪتو ۽ کين اور نموني ۾ عبادت ڪندو ڏسي ڀائيٽي کان پڇيائين ته “اي نور چشم تو هي مذهب ڪن سندو اختيار ڪيو آهي؟”حضرت محمد ﷺ ٺهه پهه ورندي ڏنيس “چاچا جان هي مذهب خدائي ،سندس فرشتن جو آهي ان جي پيغمبرن جو آهي اسان جي ڏاڏي حضرت ابراهيم عليه السلام جو آهي اپائڻهار مونکي اپايو انهيءَ لاءِ آهي ته آءٌ سندس ڀللن ۽ گمراهه ٿيلن بندن کي سنئين رستي لايان اوهان به اچو بت پرستي ڇڏي مذهب خدائي اختيار ڪريو ۽ ان جي ڦڪلائڻ ۾ مون سان مددگار ٿيو.” ابو طالب جواب ڏنس”دل چيو نٿي ڪري جو هن عمر ۾ ابن ڏاڏن جو دين ڌوئي ڇڏيان مگر منهنجو سخن اٿيئي ته منهنجو جيسيتائين سر سلامت آهي.تيسيتائين تنهنجو وار نه ونگو ٿيڻ ڏيندس.”ابو طالب پوءِ پٽ کان پڇيو ته “ابا تو به اهيوئي مذهب اختيار ڪيو آهي ڪيئن”
    علي رضه:جي هان قبله عالم
    ابو طالب :چڱو ڪيو اٿيئي
    هن پڄاڻان سنت زيد بن حارث اسلام اختيار ڪيو ۽ پڻ ابوبڪر حضرت محمد ﷺ تي ايمان آندو.ائين ڌيري ڌيري مسلمانن جو عدد ويو وڌندو.


    قريشي ڪٽيل

    ٽي ورهيه برابر ته ڳجهه ڳوهه ۾ ئي لوڪن کي سمجهائي.حضرت محمد ﷺ کين دين اسلام جو پي قائل ڪيو.نيٺ هڪ ڏهاڙي پنهنجن مڙني مائٽن ،عزيزن خويشن ۽ ڪڙم قبيلي وارن کي پنهنجي جاءِ تي ڪوٺائي ساڻن دين اسلام جي ڳالهه جو رياءُ ۽ کين ان جون خوبيون بيان ڪري ٻڌايائين تنهن تان مڙني وٺي ناسون ٽيڙيون ۽ چپ ڊولا ڪيا ڏاڍي مڙسن کي مٺيانلڳي ويئي ابو طالب کي چيائون ته “هي ڀائيٽو اوهان جو ٻاهتريو ته نه آهي؟ڪل ته نه ٿڙڪي اٿس؟متان ڪنهن ڀوت منجهس واسو ڪيو آهي؟” ابو طالب سمجهاين ته “وحد نه وڃو اهڙا سخن هن کي نه پٽيو”تنهن تي ڏند ڪڍي بيهي اتس کلڻ لڳا ۽ عتاب ڏنائونس ته”ڀائيٽي کي کاري ٻهر ئي اوهان ڪيو آهي”
    هيتري چاچهنس تي هاسي ٿي ۽ هيترا پاڻ ڳالهائڻ کاڌائون ته به دل سندس لوڏو نه کاڌو اٽلو همت ئي آيس ۽ يقين ٿيس ته تندهي سان ڪم کي لڳو رهيو ته اوس سوڀارو ئي ٿيو پوءِ هر روز وچ بازار ۾ بيهي وڏي واڪي پيو وعظ ڪندو هو بت پرستيءَ جي برخلاف اهڙيون تقريرون ڪيائين جو قريشن جو اچي سک ڦٽو ابو طالب کي چيائون ته “اسان کي اوهان جو لحاظ ٿو ماري نه ته هن بي دين جاهل پاڳل کي اب جواب پورو ڪري ڇڏيون.پر هن کي پشت آهي ڪنهن جي ؟ متان اوهان جي ڪپڙي تي ٿو ڪڏي؟جي اوهان ساڻس ڳانڍڙ آهيو ته اچو ته لڙي صفائي ڪريون”
    ابو طالب ان وقت انهن کي ته اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ٻڌائي هٽائي ڪڍيو پر پوءِ ڀائيٽي کي به سمجهايائين ته “پٽ هرو ڀرو انهن جو رنج مٿي تي نه کڻ پاڻ ڄاڻن سندن ڪرم ڄاڻي سندن کٿا سندن مٿا سڀڪا ٻڪري پنهنجي پائي چڙهندي تنهنجو ڇو اچي مٿو تتو آهي؟” محمد صاحب ﷺ سمجهيو ته هي ڪنڊ ڪڍائڻ جا پار آهن پر نهايت ٺهر سان جواب ڏنائينس ته “چاچا ڌرتي اٿلي پوي ڪيزمين آسمان هڪ ٿي وڃن آءٌ پنهنجي فرض ادائيءَ ۾ گهٽ نه پوندس.الله تعاليٰ مونکي هي ڪم سپرد ڪيو آهي سو جيسيتائين نڪون ساهه پيو کڻندس تيسيتائين ان جي ادائيءَ ۾ ئي لڳو رهندس.”ان وقت ڪو حضرت محمد ﷺ کي ڏسي ها دل ڀرجي آئي هيس ۽ نيڻن مان نير نيسارا ڪيو پي وهيس.ابو طالب ڏٺو ته هي حق تي آهي سو چيائينس “ٻچا ٺهيو فڪر ناهي تون بيشڪ جئن دل چاهيئي تيئن پيو ڪر”
    محمد صاحب ﷺ کي هٿون هٿي ملي سو زور شور سان وعظ ڪندو رهيو ۽ بت پرستيءَ جي برخلاف ڳالهائيندو رهيو پر قريشي ڪي تود هوا ٻلهزيرن تي اثر ئي نه ٿيو اٽلو ئي ڪٽي ساڻس کڻي وير وڌائون ۽ ماري مات ڪري ڇڏينس ها پر ابو طالب ۽ ٻين سندن عزيزن جو خيال ٿي ٿين جڪ گهڻيئي پي ماريائون.


    لوڀ جي لالچ ۽ حضرت ﷺ جو جواب

    نيٺ قريشن صلاح ڪئي ته ٻيلي هن محمد ﷺ کي هڪ لوڀ جي لالچ ڏيئي باز آڻجي تاب دڙڪي مان هي نه سمڌو سو سچ پچ هڪ معتبر هٿان چوائي مڪائونس ته”ڏسو اوهان هئڙا آڪهائتا ماڻهو ،هئڙا بڻائتا ،اوهان جو اصل ناليرو نڌان ،هروڀرو ڇو کڻي اسان کي ستايو اٿو ۽ پنهنجو ويري بنايو اٿو؟ ڇو اچي اسانجن پاڪ بتن ۽ معبودن جي پٺيان هٿ ڌوئي لڳا آهيو؟هروڀرو ڇو اسانجن بزرگن ۽ وڏڙن جي نسبت ۾ ڪچو ڦڪو پيا ڳالهايو؟متان مرضي اٿو ته ڌن ۽ دولت ڪٺي ڪريان ۽ وڏو ڀاڳيو ليکجان؟متان مرضي اٿو ته ناميارو ٿيان ۽ وڏن وڏن معتبرن ۾ ليکجان؟ڌن دولت کپيو ته چئوته اسين سڀ چندو ڪري ايترو خزانو ڏيونوَ جو ڍئي ڇڏيونوَ.اصل اڏجي پئو ڀتيون ئي سونيون ٿي پونوَ.نانءُ ناموس کپيو ته چئو ته پنهنجو سردار يا پيشوا کڻي ٿاڦيونو اصل ٻڌا ٻانها ٿيا اوهان جي چاڪريءَ ۾ بيٺا رهون ۽ جئن حڪم ڪريو تيئن پيا تعميل ڪريون مرضي هجيو ته سلطان سڏجان ته اسان کي ان کان به آر ناهي بيشڪ اسان جا سلطان سرجات بڻجي پئو پر خدانخواسته جي ڪنهن جو اچي توهان ۾ واسو ڪيو آهي ۽ ڪيئن به راضي نٿو ٿئي ته اسان کي اجازت ڏيو جو اسين ڪنهن جنائيءَ کي گهرائي وٺون ۽ اهو اچي ان جو تدارڪ ڪري پوءِ ان جو سمورو خرچ اسان تي اسان ڀري ڏينداسون.”
    محمد صاحب ﷺ تنهن تي جواب ۾ فقط قرآن جون هيٺيون آيتون پڙهي ٻڌاينس
    “(هي حڪم خدا) ٻاجهاري مهربان (جي حضور) کان جاري ٿئي ٿو.(هي قرآن) ڪتاب آهي جنهن جون آيتون عربيءَ ٻوليءَ ۾ سمجهه وارن لوڪن لاءِ نرواريءَ سان بيان ڪيون ويون آهن.(مڃيندڙن کي خدا جي راضپي جي) خوشخبري ٻڌائي ٿو ۽ (نه مڃيندڙن کي خداجي غضب کان)ڊيڄاري ٿو.ان تي (به) انهن مان گهڻن منهن موڙيو ۽ اهي(ان کي) ٻڌن ئي نه ٿا ۽(اي پيغمبر هي ماڻهو هي به)چون ٿا ته جنهن (ڳالهه)ڏانهن اسانکي سڏيو ٿا تنهن کان اسانجي دل ته پردن ۾ آهي (جو تنهنجي ڳالهه دل کي نه ٿي لڳي)۽ اسان جي ڪنن ۾ (هڪ طرح جي) ٻوڙٽ آهي (جو جيڪي چوين ٿو سو ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي)۽ اسان ۽ تنهنجي وچ ۾ (هڪ طرح جو) پردو (پيل) آهي (جو تون اسان تي ڪنهن طرح جو اثر وجهي نه سگهندين) تنهن ڪري تون (پنهنجي دستور تي) ڪم ڪندو رهه اسين (پنهنجي دستور تي) ڪم ڪندا رهندا آهيون(اي پيغمبر تون انهن ماڻهن کي)چئو ته آءٌ (به) اوهان جهڙو ئي ماڻهو آهيان(مگر) مون تي پيغام الاهي اچي ٿو ته توهان جو معبود(اهوئي) هڪ معبود آهي تنهنڪري سڌو ان ڏانهن(منهن ڪري) هلو.”
    هي ٻڌي قاصد ماٺ ۾ پئجي ويو زبان ئي نه اڪليس ڇا يا نه پئجي ويئي هجيس موٽي پنهنجن رفيقن سان اچي ڳالهه ڪيائين ته”ڀائي حال جو هي آهي ڇلي ٿو رکي”


    قريشين جا قهر

    قريشين ڏٺو ته هتڙي هيٺاهين ورتيسون ته به سوڀارا نه ٿياسون ۽ هي نه ريڌو هاڻ مسلمان ذات کي بنه ڇڏڻو آهي پوءِ ته اچي پاڻي کنيائون ۽ ڏاڍا ويچارن کي ڏجها ڏنائون.محمد صاحب ﷺ جو سڳو چاچو ابو لهب ،سو خود ڀائٽي جو جاني دشمن ٿي پيو.چاچينس ته اهڙو ڪم ڪندي هئي جو جن رستن تان ڏير وٽس لنگهندو پائيندو هو تن تي ڪنڊا پکيڙائي ڇڏيندي هئي.جي “ڀل مئي کي پيرن ۾ لڳن”ٻيو قريشي وري ڇا ڪندا هوا جو محمد صاحب ﷺ ڪٿي بيهي وعظ ڪندو هو ۽ قرآن شريف پڙهندو هو ته وٺي هل مچائيندا هئا.انهيءَ لاءِ ته ڪو ٻڌيس نه جنهن ٽڪريءَ تي بيهندو هو سا تپائي ڏيندا هئس.پوءِ لاچار جي ويچارو ڪڪ ٿي هليو ويندو هو، ته پٺيان وٺي جنبوٽن جو وسڪارو ڪندا هئس ۽ سارو ڦٽي وجهندا هئس هڪ لڱا ڪٿي اڪيلو ور چڙهي وين سو ڪيائونس ڇا ٿي جو ڳچيءَ ۾ پٽڪو وجهي وٺي ڦاهو ٿي ڏنائونس.پر مٿان ابوبڪر رضه اچي سهڙيو جنهن مڙسي ڪري ساڻن چٽا ڀيٽي کائي ڌڪ بجا جهلي ڪنائن مڙس جي ٻانهن ڇڏائي ورتي اها کن ابوبڪر رضه نه اچي نڪري ها ته مڙس جو حال الائي ڪهڙو ڪن ها.
    حضرت محمد ﷺ سان جيڪي جٺيون ڦٽيون پي ٿيون سي ته هن صبر ڪري پي سٺيون پر ارمان جيڪو ٿي ٿيس سو پنهنجن امتين جو.
    ويچارن سان جٺيون به جٺين جهڙيون ٿينديون هيون.دشمن سندن کين ڳچيءَ کان وٺي گهلي ويندا هئن جهنگن ۾ پوءِ اتي اگهاڙو ڪري پٽ تي ڪيرائي مٿان ڇاتين تي ڀاري پٿر رکي چوندا هئن”ڇڏيو ٿا محمدي دين نه؟ اس نٽهڻ ٽاندا پيا وسندا هوا ٻيو مٿانئن هيڏيون ساريون ڀاري ڇپون ،ويچارن جي زبان ٻاهر نڪري ايندي هئي ته به ڪيترا ته مرڻ کي مري پوندا هوا دين ڪين ڇڏيندا هئا ٿورڙا ڪي بيزار ٿي کڻي آنهن ڪندا هوا.
    ساڳي جٺ هڪ لڱا حضرت عمار سان ڪيائون ۽ چيائونس ته “ڏي هاڻ محمد ﷺ کي گاريون”پر هن صفا نابري واري پوءِ لڳا پرئي مڙس پڻس کي ماري ماري ان ويچاري کي به اڌ مئو ڪري ڇڏيائون.
    عمار جي جيجل امان بي بي سميه اتي کڙي هئي پنهنجي خاوند ۽ سڪيلڌي پٽڙي کي پيڙبو ڏسي.بي اختيار واتون رڙ نڪري ويس ڇڏيائون ان کي به نه ويچاريءَ کي ٽنگو ڪري اهڙي ساڻس بي حيائيءَ جي هلت ڪيائون جو بس لکڻ ئي شرم ٿو اچي.
    مطلب ته هڪڙو ڪرڙو قانون جاري ٿي رهيو ته جيڪو ئي مسلمان منهن چڙهي تنهن سان اها عقوبت ڪئي وڃي.محمد صاحب ﷺ جو ڀانيو ٿا انڪري جگر الاجي ڪيئن نه پئي ٿيو هوندو!


    لڏ پلاڻ

    نيٺ ٻيو ته وس نه هليس سو پنهنجن امتين کي صلاح ڏنائين ته “الله توهارتنهن کان اوهان لڏي وڃي ابيسينا ۾ ٿاڻي پتي ٿي رهو.اوهان پنهنجن پلون ۾ سچ پاتو آهي اوير سوير ڀلارو اوس اوهان کي ان جا ڀلا ڀاڙا ڏيندو دل نه لوڙهيو.”
    بس پوءِ ته منجهن اچي پيئي لڏ پلاڻ ڳچ جيترن امالڪ ڇڪيون آڪهون ساڻ وٺي وطن جا وڻ ڇڏي،وڃي پرديس وسايو.ٻين به رکي رکي پي ان جي پيروي ڪئي.هي هجرت 615 ع کان وٺي شروع ٿي.
    قريشن کي جو پيو سماءُ ته مسلمانن هتان لڏي وڃي ملڪ حبش وسايو آهي ؛سي پٺيانئن ڪاهي وڃي اتي پهتن ۽ اتي جي شاهه نجاشيءَ جي خدمت ۾ عرض گذاريائون ته “قبلا مڙيئي اسان جا غلام آهن اسان وٽان ڀڄي آياآهن اسان کي حڪم ملي ته پڪڙي واپس وطن وٺي وڃون.”
    شاه مڙني کي پنهنجي درٻار ۾ گهرائي کين خبر ڏني ته اوهان تي هيءُ تهمت آهي ان جو جواب ڪريو.
    تنهن تي عليء﷦ جي سڳي ڀاءُ جعفر ﷦ سڀني جي پارانوراڻي ڏنيس”اي عاليجاه جهان پناهه! حقيقت هيئن آهي اسان اڄاڻپ ۽ اياڻپ جي اوڙاهه ۾ اڙيا پيا هواسين۽ وحده لاشريڪ له کي وساري بت پرستيءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌا پيا هواسون.اسان مردار کائيندا هواسون ۽ سارو ڏينهن پيا وات سات ڪندا هواسون مطلب ته اسان انسان ته ڪين هواسون ڪي حيوان هواسون پر سٻاجهي ستار فضل فرمائي حضرت محمد ﷺ کي رسول بڻائي اسان وٽ موڪليو ان اسان کي امر الاهي ٻڌايو ته هڪتي ئي ايمان آڻيو ۽ ڪنهن کي به سندسن ثاني شريڪ نه ٺهرايو سدائين سچ الايو ۽ ڪنهن جي به امانت ۾ خيانت نه ڪريو.پنهنجن سان ته پيريون نه ڪريو پر پراون پرديسين جا به حق نه ماريو.زال ذات کي مان ڏيو ۽ يتيمن جو مال نه ڦٻايو.پاڪ ۽ پرهيزگار رهو.۽ خدا جي عبادت ۾ ئي عمر صرف ڪريو.اٿئي ويٺي ان جو مٺو نانءُ پيا ڳهو ۽ ان جي نالي تي خيرياتون پيا ڪڍو.اي بادشاهه ان تي اسان ايمان آندو آهي ۽ ان امر الاهي تي عمل ڪيو آهي پر هنن ڳوٺاين اسان کي انڪري ايذائي ڏنو آهي جنهن ڪرياباڻا ڇنا به ڇڏي پنهنجا گهر ٻار ساڻ وٺي اسان اچي هتي پناهه ورتي آهي اسان کي اميد آهي ته اوهان اسان تي ڪهل آڻيندو ۽ هنن جي ظلم ستم کان اسان کي بچائيندو،”
    جعفر ﷦ جي تقرير جو اهو نتيجو ٿيو جو نجاشيءَ جي هنئين ۾ اها ڳالهه گهڙي ويئي ۽ دل ٿيس ته انهيءَ رسول عرب جي تعليم مان وڌيڪ واقف ٿيان جعفر ﷦ کي چيائين ته “جو ڪلام اوهان جي نبيءَ تي نازل ٿيو آهي انمان ڪجهه ته مونک به پڙهي ٻڌاءِ.”
    جعفر ﷦ هڪدم سوره مريم مان ڳچ جيتريون اوائل واريون آيتون حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ بنسبت پڙهي ٻڌايس.
    شاهه کي خوشيءَ وچون لڙڪ وهڻ لڳا چپ پي ڏڪيس چيائين “هي ان نور جو چمتڪار آهي جنهن جو جلوه حضرت عيسيٰ تي ٿيو هو “قريشن کي صفا جواب ڏنائين ته”هنن جون ٻانهون اوهان کي نه ملنديون اوهان موٽي پنهنجي ملڪ وڃو.” ۽ مومنن عرب وارن کي اجازت ڏنائين ته”اوهان بي ڊپا اسانجي اوصاف هيٺ ويٺا رهو.”
    اهڙيءَ ڪنهن مناسب مهل نجاشيءَ اهو سپڪ ۽ سنجيدو سريلو ۽ سوز ڀريو ڪلام ٻڌو جو تن من وڃي ان ۾ کتس.اصل اتس مست ٿي پيو.اول ته جعفر ﷦ کي به ٻين سنئين رخصت ڏني هئا.ين ته “بس هاڻ هليو وڃ” پر هن ڏني پٺ ۽ اچي بي آرامي لڳيس تنهن تي وري هن کي گفهرائي.ويهي ساڻس بحٿ مباحٿه ڪيائين.هن کان سندس دين جا عقيدا پڇي پنهنجن سان ڀيٽي ڏنائين.آخر جعفر ﷦ کي ايترو بهچيائين”لاچار آهيان سرڪاري سبب اهڙا ٿي پيا آهن نه ته آءٌ خود عربستان ۾ هلي شاهه عرب جي خدمت ۾چاڪر ٿي بيهان.”
    اگرتا جور سبرا افراخــتي
    کمربند اوچا ڪري ساختي
    هتي ابيسينا ۾ هي يار مسلمان ته سر لڪايو ويٺا هوا پر هتي سندن مرشد محمد ﷺ صاحب ڇڙو ئي ڇڙو قريشن کي جو وعظ پي ڪيو.سو هنن ڏاڍو کڻي دق ڪيس.حضرت کائڻ وهندو هو ته کائڻ ۾ وٺي ڪن ڇن اڇلائيندا هئس مگر هو عاشق الله جو ڪي جهڄيو ڪي وجهليو ڪي ٻاڏايائين ڪي ٻاڪا ريائين.

    جا جوڙيئي سا واه واه مٺي ڪري مون ڀوڳڻِي
    منهنجي ننگ مٺا ڌڻي اصلون توتي آه
    ٻي واٽ نه ڪا اٿم واه توئين پهو پيچرو
    بس سڀ مٺي ڪري پئي ڀوڳيائين
    سور جن کي سريو سري تن صحت
    مٺي مصيبت آهي عاشقن کي
    محمد صاحب ﷺ “مڙڻ موٽڻ مهڻو” ڪري ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو نتيجو اهو ٿيو جو سگهوئي چاچهنس حمزه ۽ نامور عمر اتس ايمان آندو.


    عمر رضه ڪيئن مسلمان ٿيو

    عمر ﷦ ته پيش ڏاڍي مزي سان پيو چون ٿا ته جڏهن قريشي محمد صاحب ﷺ کي ايذائي ايذائي پاڻئي بر ٿي پيرا ۽ هي هٽيو ئي ڪين تڏهن سندن هڪ وڏيري جنهن کي اسلام وارا ابوجهل ڪري تا ڪوٺين تنهن کين هڪ هنڌ ڪٺو ڪري ويهي شرمائين ۽ شوراين چي”تنهنکان پاٽ ۾ پاڻي پاڻي نٿا ٻڏي مرو؟” اوهان جي دين جي هيتري پيئي هاسي ٿئي.اوهانجن بزرگن جي نسبت ۾ به الاجي ڇا ڇا پيو چوڻ ۾ اچي.اوهين ماٺ ڪيو ويٺا ٻڌو ڏٺا ڪي آهيو ڪو نڪ ناس اٿو ڪين نه؟ اثر ئي نٿو ٿئيو هو! هو! هڪڙي ڄڻي يڪي سر ساريءَ قوم ۾ ڏڦيڙ وجهي ڏنو آهي اوهان اکيون کنيو ويٺا نهاريو.منهنجو ته هيئنر رت ٿو ٽهڪي وڌيڪ ترسي نٿو سگهان آءٌ کليءَ کير ۾ اقرار ٿو ڪريان ته جيڪو ئي محب قوم محمد کي ماري(نعوذبالله) موت رسائيندو تنهن کي آءٌ هڪ سو مهري اٺ نهايت جنس جا انعام ڪندس” تنهن تي عمر اٿي کڙو ٿيو عمر قريشين جو هاڪارو ۽ نامور سورمون هو.ابوجهل کي چيائين ڏسين متان پوءِ ڦري وڃين قول ڪر مڙساڻو محمد ﷺ کي آءٌ ٿو وڃي پورو ڪري اچان”ابو جهل امالڪ وٺي آيس ڪعبه اندر ۽ اتي هبل جي اڳيان بيهي اقرار ڪيائين ته”زبان جي ڏني اٿم سا اوس پاريندس گسندس ڪين.” عمر به انجام ڏنو ته آءٌ به جيسيتائين محمد ﷺ کي ماري(نعوذبالله) مات نه ڪندس تيسيتائين واري ترار مرياڻ ۾ نه وجهندس.”
    حضرت محمد ﷺ تن ڏينهن ارقم وٽ گهاريندو هو.مڪان چڱو پوشيدو ۽ پاسيرو هو.مومن سڀ اچي اتي ڪٺا ٿيندا هوا ۽ اتي ويچارا عبادت به ڪندا هوا ۽ بچاءَ جا گهاٽ به پيا گهڙيندا هوا.انهيءَ ڏينهن به سڀ اچي اتي ڳاهت ٿيا هوا پر سڀن جا ساهه مٺين ۾ هوا کڙڪ پئجي وئي هئن ته اڄ عمر اچڻو آهي عمر تکي تلوار هٿ ۾ ڪري رکيو رخ ان مڪان ڏانهن واٽ پنڌ ۾ نعيم بن عبدالله سندس سنگتي گڏجي ويس تنهنپڇيس”ڙي يار ! ڪهڙي شڪار تي هليو آهين؟هيتري تڪڙ!” تنهن کي جواب ۾ ساري ڳالهه ڪري ٻڌايائينس هن واري خارن ڏيارڻ لاءِ وٺي چيس”واه ڙي واه تون هليو آهين محمد ﷺ کي مارڻ پر اهو ڪو سماءُ اٿيئي ته خود ڀيڻي ۽ ڀيڻيويهن مسلمان ٿيا آهن؟انصاف ته ائين ٿو گهري ته اول انهن کي قتل ڪر گهر ٻڌو ئي نه آهي وڍ ڪري ٻين سان ٿو لڙجي.”
    عمر کي ساري بدن ۾ اچي باهه ڀڙڪي لڳي.انهيئي آيو ڀيڻ جي جاءِ تي دروازو ڏنو پيو هو اندر ڀيڻس ۽ ڀيڻويس کي خباب قرآن پڙهي ويٺي ٻڌايو.عمر دروزو کڙڪايو ته ڀيڻويس خباب کي ته امالڪ کڻي ڪنڊ پاسيرو لڪايو ۽ ڀيڻس اٿي اڃا در لاٿس ته ڀيڻ ڀيڻيويئي کي اچي لڳو .ماريماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائين.
    ڀيڻس تنهن تي پڇيس”ادا خير ته آهي ڇو اسان تي کڻي ڪوس چاڙهيو اٿيئي؟” چي “ڪمپختو دين محمدي ڇو اختيار ڪيو اٿو؟” تڏهن هن چيس”ادا ڪو پنهنجو هوش به ته ڌار ڪا ساجهه به ته سک تون ڀائين ٿو ته اسان جي ڪل ٿڙڪي آهي جو بنا ويچار وڃي مسلمان ٿياآهيون اسان توکي هڪڙي ڪتاب مان ڪجهه پڙهي ٿا ٻڌايون.پوءِ تنهنجي دل ڪي ڀڄي ته تون پاڻ اسان وانگر ئي دين اسلام کڻي اختيار ڪج نه ته وس وارو آهين ڪيئن؟ آهي قبول؟” عمر چيس “چڱو ڀلا ڏسان ڇا ٿا ٻڌايوم،”
    عمر اڱڻ ۾ ئي بيٺو هو ڀيڻس ويٺي سا اندران خباب کي وٺي آئي ۽ ان کي چيائين ته “ڀائو منهنجي ادي کي به ته قران شريف پڙهي ٻڌاءِ” خزباب وٺي للڪار سان سوره طه پڙهي چي: الله سٻاجهي مهربان جي نانو(جي برڪت) سان ( جنهن جي توهجي ڪا ڪا حد ناهي)اسان توتي قرآن انهيءَ لاءِ نازل ڪيو ته تون (ان جي ڪري ايتري) تڪليف ڏسين(هي ته) رڳو جيڪو خدا کان ڊڄي ٿو تنهن لاءِ نصيحت آهي.(هي) ان(خدا) جو نازل ڪيل آهي جنهن زمين ۽ اونچا (اونچا) آسمان اپايا آهن (ان جو هڪ نالو آهي) رحمان(يعني سباجهو) (جنهن) عرش(مٿاهين) تي جلوو فرمايو آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي پاتال هيٺ آهي سو سڀ سندس (مِلڪ) آهي ۽ (اي ٻڌندڙو) جيڪڏهن تون ڳالهه ڏاڍيان ڪرين ته هو (تنهنجي) ڏاڍيان چوڻ جو محتاج ناهي ڇو تههو هوريان ۽(هوريان کان) ڏاڍي ڳجهي(ڳالهه به) ڄاڻڻدڙ آهي(اهو ئي) الله (آهي جو) ان ڌاران (ٻيو ڪو) معبود ناهي ان جا نالا چڱا آهن.”
    عمر وس وڏا ٿي هلايا ته هن ڪلام جو اثر مونتي نه ٿئي پر تير ڪمان مان ڇٽي ويو ۽ ڪان ڪڙڪڙ ڪري دل جي اچام ۾ پکن سر وڃي بيٺو عمر بيخود ٿي پيو ۽ بي اختيار واتون نڪري ويس ته هي ته “انساني ڪلام نه آهي هيءَ ڪا شيءِ ئي اور آهي بس مونکي به حضرت محمد ﷺ جي حضور ۾ وٺي هلو.”
    خباب امالڪ ارقم جي گهر وٺي آيس.هتي به دروازو ڏنو پيو هو.عمر دروازو کڙڪايو ۽ مسلمانن ۾ اچي ڦڙڦوٽ پيئي.پر حضرت محمد ﷺ پاڻ اٿي در لاٿس.عمر اندر پير پاتوئي ڪين ته چيائينس”ادا خبر ڪر اڃا ڪيسيتائين اسان جو دشمن رهندو ايندين؟” عمر جواب ڪهڙو ڏئي؟ سگهه سندس سموري ويندي رهي.منهن نماڻو نيڻ نير ڀريل ،ڀانيائين حضرت جي پيرن تي ڪري پوان. پر حضرت ڳرائٽڙي پائي کڻي ڇاتيءَ سان لڳايس ۽ نراڙ تي اهريون مٺيون ڏنانس جيئن ته ڪو سڳو ڀاءُ هجيس ۽ ورهين جي وڇوڙي پڄاڻا ساڻس مليو هجي.
    مسلمانن ۾ هي خبر بجليءَ وانگر وٽڙي ويئي ؛۽ مئن ڌڙن ۾ جنسي نئين سرورساهه پئجي ويا.


    ٻه ڪاپاري ڌڪ

    حمزه ۽ عمر مسلمان ٿيا اها ڳلاهه ته ڏاڍي خاصي مسلمانن ته ائين گهريو ٿي مگر افسوس ! ساڳئي سال حضرت محمد ﷺ کي ٻه ڌڪ ڪاپاري لڳا.ابو طالب چاچس ۽ بي بي خديجه گهر واريس ٻنهي وفات ڪئي.هينئر نه اهڙو ڪو سندس حامي ئي رهيو جوکيس قريشين جي قهر کان پناهه ڏئي،نه وري اهڙو ڪو سندس دلبر ئي رهيو جنهن کي دل جا سور
    سلي پر ڇا؟ ڪانئر ٿي پيو؟نه اٽلو ئي ثابت يقينو سائينءَ سڳوري ۾ وڌيس.

    يچارا واڍوڙ سدا شاڪر سور سين
    تاڻين مٿي توڙ اوري ڪن نه آسرو

    سمجهايائين ٿي:
    پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي
    ڪانهي ڪڙائي ،چکين جي چيت ڪري

    فرض پنهنجو وساري ته ڇڏيائين پاڻ جنبي لڳس بعضي بعضي جڏهن قريشي ڏاڍو ڪڪ ڪندا هئس،تڏهن سو اندر مان آه نڪري ويندي هيس ۽ ابو طالب ۽ بي بي خديجه کي سنڀاري روئي ڏيندو هو.
    مسلمانن جي ڪتابن ۾ آيو آهي ته حضرت محمد ﷺ اهينئي به ڪڏهين ڪڏهين بي بي خديجه کي ياد ڪيو،شيڪارا پيو ڀريندو هو.بي بي عائشه جنهن سان پوءِ سندس شادي ٿي ،تنهن هڪ ڏينهن پڇيس”اي رسول الله جا ڇا خديجه ڪراڙي نه هئي؟ان جي بدلي ۾ الله تعاليٰ اوهان کي ان کان بهتر عورت نه ڏني آهي؟حضرت محمد ﷺ ٿڌو ساهه کڻي ڇچيس”برابر پر انبن جون سِڪون به ڪي انبڙين مان لهن خديجه ڪراڙي بيشڪ هئي مگر ڏس آءٌ جڏهين غريب هوس تڏهين مون سان نڪاح وجهي مونکي تونگر بنايائين .جڏهين ڪنهن مون تي ايمان نه ٿي آندو ۽ اٽلو ڪوڙو ڪوڙو ڪري پي ڪوٺيو،تڏهين مون کي سچو ڄاڻي مونکي پيغمبر ڪري مڃيائين.جڏهين ڪل عرب لوڪ مونکان منهن ڦيري بيٺا تڏهين مونکي تسلي ڏيئي منهنجي مدد ڪيائين! پوءِ ٻڌاءِ ان جو آءٌ ارمان نه کان.”
    “باغ ۾ ڀانت ڀانت جي گل ٽڙيا بيٺا آهن پر بلبل جو نينهن؟ گلاب سان وڇوڙي ۾ ان جا ٻيا گل ڏسي پيئي دل کي آٿت ڏيندي،پر گلاب ڪو وسري ويندس؟”


    طايف وارن وٽان تڙي

    محمد صاحب ﷺ ڏٺو قريشي ماديءَ مهڙا آهن نٿا مڙن ۽ مونکي به پائي کنيو اٿن ڀلا هاڻي طايف ۾ وڃي اتي وارن کي وعظ ٿو ڪريان.زيد کي ساڻ وٺي اتي ويو سهي پر هو به اڳيئي ڇڙيا ويٺا هئس چنبوٽن جو وٺي مٿانس مينهن وسايائون ۽ ننڍڙن نينگرن کي چيائون ته “ڪريوس ايهو ايهو” شهر ۾ بيهڻ به ڪونه ڏنائونس بس هيءُ حضرت پويان پير ڪري شهرڇڏي ٻاهر هليو آيو بدن سارو ڦٽجي پيو هوس ۽ رت ٺينڊي پئي وهيس سو کجور هيٺان ٿي ويٺو ۽ ويهي رت اگهيائين پوءِ اکين ۾ آب آڻي داور جي درگاهه ۾ نهايت عاجزيءَ سان ارديسياءُ ته” اي خداوند آءٌ پنهنجي اڀرائيءَ ۽ اپلائي ،اداسائي ۽ ادور رائي جو حال ٿو ڌاران ٻئي ڪنهن سان اوريان؟ صبر جي سگهه مون ۾ باقي ڪا ائين جئين وڃي رهي آهي حيلا وسيلا به ته سڀ هلائي چڪو آهيان.ڪا رٿ ڪارگر نٿي ٿئي اٽلو ڳوٺاين ۾ ڏٺو ٿي پيو آهيان هي جڳ جا والي هي سٻاجها ستار اڌرن تڌرن ۽ اڀرن اسونهن جي اوٽ ۽ آڌار رحم ڪر رحم ڪر.هن اوکيءَ ويل اچي اوٽ ستاني ٿيءُ

    هن ويلي هن وار هن ساعت سپرين
    دليون دلاسو مون ڏي دل گهريا دلدار
    پريم ٻيڙا پار اڪارين احسان سين
    *
    تو ۾ اميد ايڏي آهه اڌين جي
    سپرين سفيد ڀلي ڪر ڀلا پرين


    مطعم جي مرمت

    مڪي وارن کي سماءُ رسي ويو ته طايف وارن محمد ﷺ سان هيءَ جٺ ڪئي آهي ۽ پنهنجي شهر ۾ پير نه پائڻ ڏنو اٿنس.سو پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته موٽي مڪي اچي سهي ته اسان به ڪار ساڳي ٿا ڪريونس.محمد صاحب ﷺ کي ڇو نه ان جي کڙڪ پئجي وڃي.تنهن پير جهليو ۽ پنهنجي گهرن سڃاڻپ وارن ڳوٺاين کي چوائي مڪائين ته”اوهان اسلام اختيار ڪريو نه ڪريو.مرضيءَ جا مالڪ آهيو.مونکي رڳو پاڻ وٽ اجهو ڏيو ۽ ٻي اها اجازت مليم جو ڪلام الاهي آدمين کي پڙهي پيو ٻڌايان”هنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اسان کي گتي ڪهڙي پيئي آهي جو هن لاءِ ويٺا ڳوٺاين جو رنج مٿي تيکڻون ۽ چوائي ٿي مڪائونس ته”اسان مان ڪوبه پاڻ وٽ پناهه نه ڏيندو مرضي آهي تنهنجي”پر اتي مطعم بن عدي اٿي کڙو ٿيو ۽ ڳوٺاين کي شرمائي چيائين “ڇا؟” اسان جو ملڪ جنهن جي هنڌين ماڳين هاڪ آهي ته سندس رهاڪو بلڪل مهمانواز آهن تن جي منهن تي اها ڳالهه پئي ٿي جو پنهنجي هڪڙي خاندانيءَ ڳوٺائي سان اهڙا بي درد ٿين جوکيس سندس گهر ۾ رهڻ نه ڏين؟” مطعم پوءِ اٺ تي سوار ٿي شهر جي دن ۾ بيهي وٺي وڏي آواز چيو ته “ٻڌو اي قوم قريش جا لوڪو ! محمد ﷺ کي اڄ کان وٺي آءٌ ٿو پنهنجي پناهه ۾ وٺان خبردار ڪنهن هن جي وار کي هٿ لاتو آهي هن جو دشمن سو منهنجو دشمن آهي.”
    ماڻهو وائڙا ٿي ويا ڄڻ هٿن مان ڪي ڪري پين پڇائونس “اڙي متان تون به هن جو دين ڀائي ٿيو آهين؟جواب ڏنائين “نه نه اهو ارمان اوهان نه ڪريو اها بي ادبي آءٌ ڪريان ته پوءِ بيشڪ گنهگار آهيان.”
    مطعم ۽ سندس گهر جا ڀاتي ته پوءِ وڃي حضرت محمد ﷺ کي اندر شهر ۾ وٺي آيا حضرت محمد ﷺ اتي مرضي ڏيکاري ته “هيڪر وڃي هوند ڪعبي کي ڦيرا ڏيئي اچان”مطعم چيس “بيشڪ” ۽ امالڪ آڻي اتي پهچايائينس ۽ جا مهل حضرت محمد ﷺ ڦيرا پي ڏنا سا سڀ اتس اک رکيو بيٺو هو ته ڪو قريشي ستائيس ته نه ٿو.
    ڦيرا ڏيئي موٽي گهر هليو ويو اتي منهن ڏيکاري وري وعظ تي نڪتو.ان ڏينهن مطعم جي شهر ۾ ڏاڍي گلا ٿي پيئي ۽ ماڻهن سندس نسبت الاجي ڇا ڇا پي چيو محمد صاحب ﷺ کي ڳالهه ته وڻي.تنهن ٻي ڏينهن ٻاهر اچي کليءَ بازار ۾ بلند آواز هوڪو ڏنو ته”ڀائرو آءٌ مطعم جي پناهه ۾ نه آهيان منهنجو اجهو اهو الله آهي منهنجي ڪري ڪوبه اوهان مان مطعم کي نه ستائي.”
    قريشين ته ائين گهريو ٿي هنن جي ته هيڪاري کڙيه ڀڳي پر رنگيءَ جا رنگ نرالا آهن ڪنهن هن جي ڳُجهه ۾ هٿ نه پاتو آهي الاجي ڪيئن ٿو پنهنجا ڪارج ڪري.
    طفيل
    هڪ ڏهاڙي طفيل بن عمر دوس وارن جو وڏيرن ڪنهن سٽاڻي سانگ مڪي ۾ ٿي آيو ان جي استقبال لاءِ سڀ وڏيرا مڪي جا وڃي شهر کان ٻاهر ٿي بيٺا رئيس آيو ته ڏاڍي شان ۽ مان ،ٺٺ ۽ دٻدٻي سان کيس اندر شهر ۾ وٺي ويا.خير هڪ ٻئي کان حال احوال پي ورتائون ۽ خبرون چارون پي پڇيائون ته قريشين وٺي محمد ﷺ جي دين جو ساڻس ذڪر چوريو پر اڀ اهڙا کڻي ڦاڙيائون جو سڪندر کي به شهه ڏيئي ويا چي”هن بي دين پنهنجو دين جاري ڪري اسان جي دين کي لوڙهي ڇڏيو آهي قوم اسانجيءَ ۾ ڏڦير وجهي ڏنو اٿس ڪو به ٿو سندسن ڪلام ٻڌي ته اتس چريو ٿيو ٿو پوي.اهڙو ڪو زبان ۾ جادو اٿس جو سڀني کي ڇلي ٿو وجهي بس ڏوريءَ ۾ ٻڌيو ٿو ڇڏين مٽ مائٽ ابو امان سڀ پوءِ کين وسريو وڃن ڪنهن جي
    سمجهاڻي سمجهن ئي نه ڪهڙي ڳالهه ڪريون؟مائٽن کان سندن ٻار وڇوڙي ڇڏيا اٿس عزيزن جي وچ ۾ عداوت آڻي وڌي اٿس”مطلب ته مرچ مصاله گڏي ڪوڙ بدوڙ ڳنڍي اهڙا ڪري رئيس جا ڪن ڀريائون جو هن جي دل ۾ محمد صاحب ﷺ ڏانهن ايتري قدر اچي ڌڪار پئدا جو چيائون ته “محمد ﷺ جو منهن ئي نه ڏسڻو آهي؟” ۽ ٻيو ڇا ڪيائون ته پاڻ وٽ ڪپهه رکي ڇڏيائون جي متانلنگهندي پائيندي سندس آوازاچي ڪنن تي پويم ته هيءُ ڪپهه کڻي ڪنن ۾ ٽنبيندس ماڳهين سندس ڪلام ئي نه ٻڌندس ته سندس جادو به مونتي ڪونه پڙندو.”
    ڪنهن ڏهاڙي اتفاق اهڙو ٿيو جو حضرت محمد ﷺ ڪٿي بلند آواز نماز پي پڙهي ته هيءُ طفيل به اچي اتان لانگهائو ٿيو ڪوشش وڏيائي ڪيائين ته ڪپهه سان ڪن ٻوٽيان پر ٻه چار تڪون نماز جون وڃي ڪنن تي پيس ۽ دل وس کان بي وس ٿي پيس ڇا ڪري لاچار اڳڀرو وڌي ماٺ ڪري بيهي نماز ٻڌائين.
    حضرت محمد ﷺ گهر پهتو ته هيءُ به وڃي پنس دروازو لهرائي اندر گهڙي سر ڪري سندس قدمن ۾ رکيائين ۽ چيائينس “حضرت آءٌ اوهان جي غلامن جو غلام آهيان مون تي مهر جي نظر ڌريو”
    ڌار ئين ملڪ جي هڪ نامور ۽ نامياري قوم جو نهايت معزز سرادر هئن اچي هڪڙي فقيرتن ۽ غريب عرب وٽ سر جهڪائي ڇا؟هيءُ عشق جي عمل جي ثابتي نه آهي؟”
    طفيل مسلمان ٿيو ته مسلمانن سمجهيو ته اسان وڏي ڪا سوڀ کٽي آهي.طفيل ڌاريي ملڪ جو وڏيرو هو هينئر اميد ٿي ته هو پنهنجي ڳوٺ وڃي دين اسلام ڦهلائيندو .سچ پچ ٿيو به ائين پر طفيل ڏني پٺ ۽ قريشي هيڪاري اچي ٿڙيا ڪير جو جهلين ڪرين؟مسلمانن کي ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيندا هوا سندن مال متاع ڦري کين خانه بدوش ڪري ڇڏيندا هوا.محمد ﷺ سان اها گهڙي انت هوندي هئي.نه ٻاهر شهر ۾ عزت ،نه اندر گهر ۾ فرحت البت ڌيڻس فاطمه دل وٺندي هيس پر هوءَ ويچاري وري به ٻار هئي بعضي بعضي ڏانهنس نهاري نهاري پاڻ روئي ڏيندي هئي.دل اچي ڇجندي هيس کيس به پوءِ بي اختيار اکين ۾ پاڻي ڦري ايندو هو خير تڏهين به ثابت يقينو پنهنجي سرجڻهار ۾ رکندو آيو.


    بيبي عائشه سان مڱڻو

    هن وقت ڪو سندس خاص ڀائي هو ته هو ابوبڪر هنچڱي مڙس کي حضرت جي اڪيلائيءَ جو ڏاڍو الڪو هوندو هو.تنهن ارادو ڪيو ته پنهنجي نياڻيءَ عائشه کي کڻي ٿو ساڻس پرڻايان عائشه سونهن جي کاڻ هئي ۽ عمر جي بهڇوٽي هئي.محمد صاحب ﷺ سان ابوبڪر ڳالهه چوري ته محمد صاحب ﷺ کڻي مائٽي قبولي ۽ مڱڻو به ٿيو.


    بيبي سوده سان نڪاح

    پر مٿان ٻيو اچي ڪارڻ بڻيو .مڪي ۾ هڪ عورت سوده نالي رهندي هئي.پاڻ ته دين اسلام اختيار ڪيو هوائين.پر گهوٽ کي به ان جي عقيدن جو قائل ڪري ويچاري قريشن جي قهر کان ڪنبي.گهوٽ سوڌي وڃي حبش ملڪ ۾ پکو اڏي ويٺي هئي.گهوٽ ڪنوار ٻئي ڪراڙا هوا گهوٽ ڪيو وصال ته پٺيان ڪراڙي سا ڏتڙجي ويئي.پر ڪنهن کي اتس ڪهل آئي.سو واري وطن وٺي آيس هيءَ لنگهي آئي محمد صاحب ﷺ وٽ ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پائي وينتي ڪيائينس”حضرتا ! آءٌ اوهان جي سام ۾ اچي پيئي آهيان بس مونسان نڪاح وجهو مونکي ڪا ٻي لالچ ڪانهي آءٌ ڪراڙي آهيان مگر دل اٿم ته اوهانجي حرم ۾ داخل ٿيان اهو شرف مليم.”
    حضرت محمد ﷺ ڏٺو ته هن جي لت ڳري ٿي.اڳين نبين جي فرمودي موجب انڪار به ته نه ڪبو.” نيٺ هن سان کڻي نڪاح وڌائين.


    مديني وارا مريد ڪيئن ٿيا

    هڪ لڱا حضرت محمد ﷺ حاجين ۽ واپارين کي پئي ٿي وعظ ڪيو ته ڪي منجهائن مديني وارا سندس سريلو ۽ سنجيدو ڪلام ٻڌي اچي امالڪ سندس مريد ٿيا.ٻئي سال وري ڳچ جيترا ٻيا به ڳوٺائي ساڻ وٺي زيارت تي آيا،جن پڻ محمد صاحب ﷺ کان ارشاد وٺي کلي دين اسلام اختيار ڪيو پوءِ ته مديني جي ماڻهو ويا هڪ ٻئي پٺيان مسلمان ٿيندا.


    معراج

    معراج شريف جو واقعو به ان ئي زماني ۾ ٿيو.وياسهه وارن مسلمانن جو ته پڪو ويساهه آهي.ته حضرت محمد صاحب ﷺ هن جسم خاڪيءَ ۾ براق تي سوار ٿي،وڃي ساري آڪاس جو سير ڪيو.
    آگي آسمان جو توکي ڪرايو سير ستار
    اتي ڌڻي تعاليٰ سان سندس گفتگو هلي ۽ قاعدا قانون جن تي پڪيءَ ريت اچي پوءِ اسلام جي پيڙهه ٻڌائين سي وٽانس وٺي آيو.ڪي معتزلي ۽ نئين روشني وارا جن کي مغربي تعليم جو “سڻائو واءُ” لڳو آهي پر ان سان شامل مذهب ڏانهن اڃا مائل آهن،سي ٿا چون ته هي قصو سارو روحاني آهي يعني حضرت محمد ﷺ جيڪي ڏٺو پسيو سو سڀ اندر جي اکين سان.اسان جنسي قرآن شريف مان آيتون ڏيون ٿا سمجهه سياڻپ سائينءَ سڳوري سڀ کي بخشي ڏني آهي پنهنجو عقل هلائي انومان ڪڍن.
    سبحان الذي اسريٰ بعبده ليلا من المسجد الحرام الي المسجد الاقصيٰ الذي بارڪنا حوله لنريه من آياتنا انه هو السميع البصير.
    ترجمو : پاڪ ذات آهي هو جنهن رات جو پهچايو پنهنجي بندي کي حرم ڪعبه کان بيت المقدس ڏي جنهن جي هر طرف برڪت الاهي پيئي وسي انهيءَ لاءِ ته آءٌ کيس ڏيکاريان ڪجهه پنهنجي قدرت جا نمونا اهو ئي ٿو ٻڌي اهو ئي ٿو ڏسي.
    وما جعلنا الوءِ يا انتي ارينکه الا فتنه للناس
    ترجمو: ۽ جا رويا مون تو کي ڏيکاري اها ته رڳو لوڪن جي سمجهه جي امتحان لاءِ هئي.


    مديني وارن جا مجادا

    سن 622ع ۾ مدينه جا هڪڙا 57 مسلمان هڪڙو وڏو قافلو ساڻ ڪري مڪي ۾ اچي سهڙيا ان وقت ڀنڀ اونداهه لڳي پيئي هئي.پهچندي شرط محمد صاحب ﷺ جو اچي سلام ڀريائون.
    سندن ساٿي مسلمان ٿي رهيا ته پوءِ حضرت محمد ﷺ کي وينتي ڪيائون ته”حضرتا ! اوهان مديني هليا هلو اسان هيءِ قافلو ان لاءِ ئي سنڀرائي آيا آهيون”حضرت محمد ﷺ چين آءٌ اوڏانهن هلندس سهين پر اوهان مفت تڪليفن هيٺ ايندو.اوهان جا ڳوٺائي هروڀرو اوهان کي ستائي ڏيندا.” هنن جواب ڏنس ته”حضرتا ! اوهان ان جو الڪو ئي نه ڪريو.مدينه ۾ اٽلو اوهان جو آدرستار ٿيندو ۽ دين اسلام ترقي پائيندو”حضرت محمد ﷺ نيٺ آنهن ڪئي.پوءِ ته ڪنائنس اصل هي قول ورتائون ته خدا ڪري جي مدينه ۾ اوهان سوڀارا ٿيو ته ٻاروهي مديني ۾ ئي گذارجو.
    ڇو نه قريشي لڪو ويٺو هو سمورو قصو ٻڌي ڏٺائين شڪار ٿو هٿن مان هليو وڃي.امالڪ اچي ڳوٺاين کي خبر ڪيائين سي ڊوڙي آيا مهمانسراءِ ۾ ڀانيائون جو مديني وارن جي سيج پڄايون ۽ ڇنڇري لاهيون.پر مديني وارا تيتري ۾ پسار ٿي ويا هنن گهڻيائي ڦولهه وڌي پتو ئي ڪون پين جهڙو ٻوٿ تهڙي چماٽ موٽي هليا ويا.
    حضرت محمد ﷺ مدينه وارن سان ان وقت ئي ڪونه ويو چيائين “اوهان وڃو آءٌ ڏينهن پهر ۾ اچي منهن ڪڍندس.”
    هاڻي مديني وارن جي ڏڍ تي حضرت محمد ﷺ امتين کي صلاح ڏني ته لڏي مديني هليا وڃو پوءِ هڪ هڪ ٻه ٻه ٿي ڪن ٿورڙن ڏينهن ۾ سئو ڄڻا باقبائل وطن جا وڻ ڇڏي پرديس ويندا رهيا ۽ اڌ مڪي جو خالي ٿي پيو. مٿي مڪي ۾ مسلمانن مان ٻارن سميت وڃي بچيا ئي ٽي ڄڻا پاڻ حضرت محمد ﷺ سوٽس علي رضه ۽ سهرس ابوبڪر رضه


    قريشين جي ڪاوڙ

    قريشين کي هي ڳالهه نه وڻي ڄاتائون ته هيءَ لڏ پلاڻ هن محمد ﷺ جي چوڻ تي ٿي آهي سو شهر ۾ اشتهار ڦيرايائون ته سڀ ننڍا وڏا دارالندوه ۾ اچي ڪٺا ٿين ته ويچار ڪريون ته محمد ﷺ کي سيکت ڪهڙي ڏيون. يڪدم ڪٽڪ ماڻهن جو اچي ان جاءِ تي حاضر ٿيو پوءِ ڏس ته ڪو پيو چوي ته”محمد ﷺ کي پڪڙي ٻارهوئي لاءِ کڻي قيد ۾ وجهجي ته ڇٽي پئجي” ڪو ٻيو چوي ته “تنهن کان شهر نيڪالي ڇو نه ڏيئي ڇڏجيس” ڪو ٻيو چوي “بهتر ته ائين آهي جو نڙيءَ تي ننهن ڏيئي نگهوسار ڪري ڇڏجيس(نعوذ بالله) ته نه ڪا هَئي هَئي نڪا کئي کئي ڇٽي پئجي”
    اها صلاح سڀني کي آئڙي آئي پر وري خيال ٿين ته جي ڪو هڪڙو هن کي وڃي ٿو قتل ڪري ته شايد هن جي خاندان وارا قاتل جي خاندان وارن کان پلئو به کڻي ڇڪين ڳالهه ڳوري ٿي.
    اتي ابو جهل تجويز ٻڌاين چي “منجهي ڇو پيا آهيو.ڇا ڪريو جو ڳچ جيترا آدمي گڏجي وڃن ۽ يڪساهيءَ هن جي ڇاتيءَ ۾ وڃي خنجر مارين(نعوذ بالله) پوءِ ته ڪنهن خاص شخص تي الزام ايندو ئي ڪونه هن جي خاندان وارا سڀني کان پلئه به ڪين ڇڪيندا؟”
    ان صلاح پٽاندر ڪيترا قريشي رات جو محمد صاحب ﷺ جي گهر اڳيان ڇپ ماري وڃي ويهي رهيا جي نڪري ٻاهر ته ڪريونس سسي ڌڙ کان ڌار پر راکي رب ته ماري ڪون؟حضرت محمد ﷺ کي اچي ڪنهن ان جو چتاءُ ڪيو.تنهن تي حضرت علي امالڪ کيس پٺئين دروازي کان اماڻي چيس “اوهان ته هليا وڃو مدينه آءٌ آهيان پاڻيهي پيو پٺيان ڳن ڏيندو سان”
    حضرت علي پوءِ لت ماري پاڻ حضرت محمد ﷺ جي هنڌ تي ليٽي پيو.قريشي هر هر چيرن مان ليا پيا پائين پر ڏسن ته اڃان ستو پيو آهي مٿان اچي پرهه ڦٽي صفا صبوح ٿيو تڏهن سماءُ پين جو محمد ﷺ ته آهيئي ڪونه هنڌ تي علي ستو پيو آهي.خار لڳي وين.
    ڦيرايائون ٻيو اشتهار ته جيڪو ئي محمد ﷺ کي ماري (نعوذ بالله) سندس سسي ڪپي اسان کي آڻي ڏيندو تنهن کي سئو اٺ انعام ڏنا ويندا انعام جي لالچ تي ڪي جوان سنڀري نڪتا.
    حضرت محمد ﷺ ابوبڪر رضه کي ساڻ ڪري ٻه راتيون سٽيندو اچي ڪنهن غار ۾ پناهه ورتي هئي ڇو ته هو رهزن به اچي هن غار وٽ پهچن.ابوبڪر صحيح ڪيو ته هي آيا اسانجي پٺيان آهن محمد صاحب ﷺ کي چيائين “ هاڻ ته ڄاڻ جهلياسين اسان ٻه ڄڻا نڪو اسان جو اوهي نڪو واهي هن برپٽ ۾ ڇا ڪري ڇا ڪنداسين؟”
    محمد صاحب ﷺ جو ڪتابن ۾ آيو آهي ته محمد صاحب ۽ ابوبڪر غار ۾ اندر گهڙيا ۽ مٿان اوڏيءَ مهل ئي قدرت الاهي ڪوريئڙي هڪڙي پنهنجي ڄار جي تاندوڙن سان غار جو منهن مڙهي ڇڏيو. اها ڄار ڏسي قريشين سمجهيو ته “ويجهڙائي ۾ اندر ڪو آدمي ته ويوئي نه آهي سو اندر گهڙي ڪبو ڇا؟ ٺهيو ٺهيو هلو ته موٽي هلون ڳوٺ”
    محمد صاحب ﷺ ۽ ابوبڪر رضه چوٿين ڏينهن ان غار مان ٻاهر نڪتا پوءِ هڻي ڌڻي جيئن تيئن ٻه اٺ هٿ ڪري سڌا مديني روانا ٿيا مديني جي ڇڪ ۾ قبا ڳوٺ آهي اتي پهتا ته علي عه به اچي گڏين.
    مدينه جي ماڻهن کي جا سڌ پيئي ته اسان جو مرشد ٿو اچي سي خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن ڳچ جيترا ته سندس استقبال لاءِ وڌي قبا ۾ آيا ۽ ڏاڍي شان مان سان وٺي مدينه ۾ آيس
    سڀيئي سهاڳڻيون سڀني منهن جڙاءَ
    سڀ ڪنهن ڀائيون پاڻ کي ته اينديون مون گهر راه
    بيٺو تنهن دراه جي پسي پاڻ لڄائيون
    .
    اتي ڏس ته چوگرد سندس مڙسن جا هشام مڙيا عورتون ۽ نينگر وري کڏن تي ٿي بيٺا ۽ تان پئي سندس ديدار ڪيائون. حضرت محمد ﷺ اٺ تي سوار هو. هر ڪنهن منٿ پئي ڪيس ته”حضرتا هن بندي جي دعوت قبول پوي هلو اتي” پاڻ اٺ جي مهار ڪري ڇڏيائون ۽ چيائون “بس جنهن جي گهر اڳيان اٺ ازخود ويهندي ان جي گهر ۾ ئي آءٌ ٽڪندس ڪندس” اٺ هلندي هلندي اچي هڪڙي غريب جي گهر اڳيان ويٺي ان غريب جو نانءُ ابو ايوب انصاري هو.تنهن امالڪ اٺ تان ٽپڙ ٽاڙيون گاشو ٻيو لاهي کڻي اندر ڪيا ۽ چوڻ لڳو ته”وڏا ڀاڳ آهن منهنجا جو منهنجي يار منهن جي اڱڻ پاٻوهي پير پاتا آهن”
    لڏي آيل نون مسلمانن مان گهڻن کي اوايل ۾ مديني جي آب و هوا ڀاءُ نه پيئي محمد صاحب ﷺ جي مديني وارن سڀڪا خاطري پئي ڪئي.پر ٻين سندس ساٿين جي ايتري اون ڪان هوندي هين محمد صاحب ﷺ جي ڌيان تي جڏهن اها ڳالهه آئي تڏهين مديني جي انصارن کي گهرائي کين هڪڙو وعظ ڪيائون. نتيجو اهو ٿيو جو آئينده ٻين مسلمانن کي به هنن ڀائرن وانگر ڪري پي سمجهيو ۽ دل و جان سان سندن خدمت پئي ڪئي.


    مسجد جو مانڊاڻ

    محمد صاحب ﷺ جي هاڻ مرضي ٿي ته مدينه ۾ هڪ عبادتگاه اڏائجي پٽ پسند ڪيائون ساڳيو جتي سندس اٺ اچي ويٺي هئي.اهو پٽ ڪن ٻن ڇورڙن جو هو. هوسو قبرستان پر ته به مديني وارن ڦوڙي ڪري مالڪن کي پٽ جي قيمت آڇي. ڇورڙن پئسن وٺڻ کان صفا انڪار ڪيو چيائون اسان دعويٰ ڇڏي پٽ تان هٿ کنيو ڀل پيغمبر صاحب اتس عبادتگاه اڏائي. ترت ئي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو. سڀيئي مسلمان مزورن وانگر ڪم کي لڳي ويا خود حضرت محمد ﷺ ٻين سنيون تغاريون پئي کنيون. عمارت سادي سودي ٺهي اوائل ۾ ته منجهس منبر به ڪونه هو. اهو به پوءِ ٺهيو حضرت محمد ﷺ هميشه منبر جي ٽئين ڏاڪي تي بيهي.اتان وعظ ڪندو هو.


    خيرات

    هڪ ڏينهن خيرات جي باري ۾ چيائون:
    جڏهن خدا تعاليٰ ڌرتي ڏڪڻ ۽ ڪنبڻ لڳي.تنهن کي هڪ جاءِ ڪرڻ لاءِ خدا اتس پهاڙ رکيا اتي فرشتن عرض گذاريو اي جڳ جا والي دنيا ۾ پهاڙن کان مٿي به ڪاشيءِ آهي يا نه؟
    خدا لوهه، لوهه پهاڙن کي ٽڪي ٿو ڇڏي.
    فرشتا خدايا لوهه کان مٿي به ڪاشيءِ آهي نه؟
    خدا ، ها ، باهه باهه لوهه کي پگهاري ڇڏي ٿي.
    فرشتا باهه کان مٿي به ڪا شيءِ آهي نه؟
    خدا ها پاڻي، پاڻي باهه کي وسائي ڇڏي ٿو.
    فرشتا ڀلا پاڻيءَ کان مٿي به ڪاشيءِ آهي نه؟
    خدا ها، هوا ،هوا لڳي پاڻيءَ کي ٽپا ڏياري ٿي.
    فرشتا ۽ هوا کان مٿي به ڪاشيءِ آهي نه؟
    خدا ها خيرات پر خيرات اها جا ساڄي هٿ سان ڪجي ته ڏائي هٿ کي ان جي سڌ نه پوي.
    حضرت محمد ﷺ خيرات ۽ محبت جي وچ ۾ ويچاندر ڏيکاريو ئي ڪونهي.هن جي نظر ۾ ٻئي هڪٻئي جا سلامي آهن چيو اٿس چڱو ڪم سڀڪو ئي خيرات آهي. انسان ، انسان کي چڱي ڪم لاءِ هدايت ڪري اها خيرات آهي. ڪنهن اکين سڄي يا ڀليل کي رستو ٻڌائي رستي ۾ پٿر ۽ ڪنڊا پيا هجن سي کڻي پاسيرا اڇلائي محتاج کي مدد ڏئي.اڃايل کي پاڻي پياري هي سڀ خيرات جا ڪم آهن.سڄي دولت انسان جي آهي همدردي ماڻهوءَ جو دم ڇٽي ته ٻيا لوڪ پڇن ته ڏوڪڙ ڪيترا ڇڏيائين؟سمگر فرشتا کانئس پڇن ته نيڪي دنيا ۾ ڪهڙي ڪيئي؟


    عائشه سان نڪاح

    محمد صاحب ﷺ ڏٺو ته هتي مديني ۾ بلڪل سلامت ويٺا آهيون ۽ دين اسلام به زور پيو وٺي هاڻ ڪو پنهنجو به ته گهر ٻار ٺاهجي. بي بي سوده سان نڪاح برابروڌو هوائين ۽ ان سان صحبت به ڪندو هو. پرگهر ٻار جي فرحت ٻي آهي. هيڏانهن ابوبڪررضه کي به پنهنجيءَنياڻي جو خيال هو .تنهن کي جا پيئي لِک سو چيائينس”حضرت عائشه سان کڻي شادي ڪريو”حضرت محمد ﷺ عائشه سان مڱيو ته اڳيئي ويٺو هو بس کڻي هن وقت ساڻس شادي ڪيائين.


    علي عه ۽ فاطمه جو پرڻو

    ٿوڙي گهڻي ڏينهن جو مڱڻو عليءَ سان ٿيو جڏهين ڪنوار 15 ورهين جي ٿي ۽ گهوٽ 24 ورهين جو ٿيو تڏهين سندن نڪاح پڙهيو ويو.هن شاديءَ تي دهل دما مان خير ڪي وڳا، ڏاج ۾ به حضرت محمد ﷺ ڌيءَ کي ڏنيون ٻه سٿڻيون هڪ جانڊه ٻه مٽيءَ جا دلا ، هڪ مٽيءَ جو لوٽو ۽ هڪ هنڌُ.


    حضرت محمد ﷺ جو کاڌو خوراڪ وغيره

    هن حضرت ۾ ڏيک ويک نه هوندو هو.سادو کائيندو هو سادو هنڊرائيندو هو.بي بي عائشه جي وات جي ڳالهه آهي ته “اهڙا به وقت هوندا هوا جو مهينو مهينو اسانجي گهر چلهه ۾ باهه ڪانه ٻرندي هئي. حضرت کجور کائي مٿان پاڻي جو پيالو پي وقت ٽپائيندو هو. موادي ڪٿان گوشت ايندو هوسين پر روٽيءَ لاءِ اٽو نه هوندو هوسين ته گوشت تي ئي گذارو ڪندا هواسين” محمد صاحب ﷺ اڪثر جون جي ماني کائيندو هو ۽ اٺ جو کير پيئندو هو پنهنجي هٿن سان گهر جي ٻهاري پائيندو هو موادي ته ڪپڙا به پنهنجا پاڻ سبندو هو.


    حضرت محمد ﷺ جي هلندي

    حضرت محمد ﷺ جي وعظ ۽ نصيحت جو مديني وارن تي اهو اثر ٿيو جو سندن ڪو گهرو معاملو هوندو هو ته ان جي فيصلي لاءِ به هن حضرت وٽ ايندا هوا.حضرت فيصلو اهڙو پورو ڪندو هو جو ٻئي ڌريون خوش ٿي وينديون ٖهيون سندس هلندي به ڏاڍي هئي هڪ ڏينهن مديني وارن سڀني رهاڪن کي گهرائي صلاح ڏنائين ته “اوهان کي جڳائي جو سڀ پاڻ ۾ هڪ قوم ٿي رهو دين تي سڀڪو ڀل پنهنجي قائم رهي پر اوهان سڀ جي مديني ۾ رهو ٿا ڇا يهودي ڇا ڪرستان ۽ مسلمان به ڇا مڪي مان ڀڄي آيل ڇا اصل مديني وارا پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي پئو ڪوبه اوهان مان ڪنهن کي به نه ستائي نه ان کي ساريءَ قوم جو دشمن ڪري ڄاڻو ڪوبه اوهان مان ڪنهن جو به مال ڦٻائي ته ان کان وٺي اصل واري مالڪ کي موٽائي ڏيو مبادا ڪو اهڙو منجهن ئي معاملو اچي مچي جنهن جو فيصلو اوهان پاڻ نه ڪري سگهو ته پوءِ بيشڪ مون وٽ هليا اچو ته آءٌ قصو ٺاهي ڏيان” سڀن سنديس نيڪ صلاح مڃي ۽ آئنده ان تي عمل پي ڪيو.


    عبدالله بن ابي جي عداپت ۽ مڪي وارن سان منصوبو

    تن ڏينهن مديني ۾ عبدالله بن ابي نالي ڪو بيٺل ماڻهو رهندو هو هن کي وڏي اميد هوندي هئي ته مديني وارا ڪڻم ڪڏهن نه ڪڏهن مديني جو بادشاهه ڪي سردار مڙيوئي مقرر ڪندا پر هاڻ جو ڏٺائين ته مرڳو ئي محمد صاحب ﷺ شهه ٿو ڏيئي وڃيم ۽ سڀن جي ڊوڙ ڏانهنس آهي سو ماٺ ڪري نه ويٺو قريشين کي چوائي موڪليائين اوهان بي ڌڙڪ مديني تي چڙهي ڪري اچو ته يهودين جي آءٌ ٿو اوهان کي پڪ ڏيان اوهان سان شامل ٿيندا. قريشين کي آئي هشي ۽ ڪيائون چڙهيءَ جا سنباها سندن هڪڙو وڏو قافلو شام کان ٿي آيو تنهن کي به چتاءُ ڪيائون ۽ چوائي مڪائون ته”اوهان هيڏانهن وڌجو نه اتر کان ئي مديني وارن تي حملو ڪجو اسان ڏکڻ کان سوڙهو گهٽينداسين.”
    مديني وارن کي به خبر رسي ويئي ته اجهي ٿا اچن قريشي قهار هجري سن ٻيو هو رجب جو مهينو هو.ويچارا مڪي مان ڀڄي آيل رت روئڻ لڳا جي”ديس ڇڏي پرديس پنياسين اڃان خبيثن مان نٿا ڇٽون “ پر وري دل جھلي چيائون “انت نه آئي آهي ٻي ڪنهن شهر ڏانهن به نه هنئر ڀڄي نه سگهون ادي يا اودر هلو ته مڙس ٿي هلي لڙون”.بس ٺهراءُ ڪيائون ته مڪي وارا قريشي ڏکڻ کان اچن ئي اچن .تنهن کان اڳ اتر وارن کي وڃي پڄجي ۽ ڪماهڙو ڪجي جو ٻنهي طرفن وارا پاڻ گڏجن نه.
    پوءِ 314 ڄڻا ننڍا وڏا مڙيئي منجهن سرتان آهولاهي پيا پنڌ پر قريشن جي سردار ابو سفيان کي ڪا خبر پئجي وئي ته مديني وارن هي سٽ سٽي آهي تنهن امالڪ ڊوڙايا سوار مڪي ڏانهن ته اچي واهر ڪريو نه ته ٿا وڃونو هزار”ڪوپا ڪليڪوڏيا سائو سلحدار”نياپوسڻي مدد لاءِ سنڀري هليا تنهن وچ ۾ ابو سفيان کي ڇو نه ڪو وجهه ملي ويو.سو اڌو گابرو قافلو ساڻ ڪري ٺڪ اچي مڪي ۾وارد ٿيو.اتان ابو جهل کي چوائي مڪائين “ته ساڳيو رستو ڏيئي باقي قافلو وٺي هاڻ تون به مڪي هليو آءُ”.پر ابو جهل جواب موڪليس ته “جيسيتائين محمد ﷺ جونانءُ صفحي هستي تان ڊاهي نه ڇڏيندس تيسيتائين آءُ نه موٽندس.”


    بدر جي لڙائي

    مسلمانن بدر ۾ اچي خيما کوڙيا هوا ابو جهل به اوڏانهن وڌي وڃي سامهون ٿين. محمد صاحب ﷺ داور جي درگاهه ۾ سر نوائي وينتي ڪئي”اي عالم جا سهارا ! تون اچي هاڻي سهاءُ ٿي.هنن ايماندارن جو همراهه ٿي.يا الله اسان جي هار ٿي ته ڄڻ حق جي هار ٿي، هيڪاري آدمي بي دين ٿي پوندا.ٻنهي ڌرين کان تياريون ٿيون اول اول قريشين جا ٽي جوڌا جوان پڙ تي پڌرا ٿي بيٺا ۽ هاڪاري هوڪو ڏنائون “ آهي ڪو؟ اچي اسان سان لڙي” تنهن تي مسلمانن جي ڌر مان حمزه علي ۽ عبيده رضي الله تعاليَ عنهم نڪري نروار ٿيا.انهيءَ زماني جو رواج هوندو هو جو اهڙي نموني ڪو مهاين جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو هو ته ٽيون وچ ۾ نه پوندو هو هن وقت به ٻنهي ڌرين وارن ماٺ ڪيو بيٺي نظارو ڏٺو.نيٺ قريشي ٽيئي مارجي ويا ۽ مسلمانن جا منهن سرها ٿيا.
    قريشين پوءِ ڪيو سنباهو حملي جو وٽن ته جنگ جو سمورو ساج هڪيو هو مسلمان ويچارا مسافر ماڻهو تن وٽ سو سواءِ صداقت جي نالو الله جو هو مٿان وري سيارو ڏڪ ڏڪندو ٿڌ پي ڏنگيو.آسمان ۾ غبار اونده انڌونڪار ڪنهن ڪنهن وقت کنوڻ کنوي ٿي ته هيڪاري ڊپ وٺي ٿي ويو.لڙائي لڳي ڏاڍي مارا ماري ٿي.پر نيٺ قريشين جي هار ٿي.سندن سردار ابو جهل مارجي ويو ڪيترا قريشي قيد ڪيا ويا.
    قيدين مان به اهڙا هوا جن کي ڇڏي ڏجي ها ته پڇتائين ته ڪونه ها وڌيڪ ئي خدا جي خلق کي ستائين ها سي ته امالڪ قتل ڪيا ويا. باقي ٻين کي خون جي معافي ڏني ويئي پر جن وري ڪجهه روڪڙ ڏني يا ته قول ڪيوته آئنده مسلمانن کي نه ستائينداسون سي صفا آزاد ڪيا ويا.قيدين ۾ اهڙا به ڪي هوا جي عالم ۽ داناءَ هوا تن کي حضرت محمد ﷺ چيو ته “اوهان مديني ۾ رهي ڪجهه عرصو مسلمانن جي ٻارن کي تعليم پڙهايو پوءِ اوهان کي ڇوٽي آهي هليا وڃجو.” تن آنهن ڪئي. مسلمانن کي سخت تاڪيد ڪيوويو “خبردار ڪنهن به هنن کي قيدي ڪري سمجهيو آهي يا ڪا به ساڻن بيجاءِ هلت هليو آهي.هي به اوهانجا ڀائر آهن.سندن خاطر ڪجو.”مسلمانن ان جو عمل بخوبيءَ پي ڪيو.جڏهين اهڙن عالمن مان ڪن جو نيٺ مدو پنو ۽ موٽي وطن ويا ته مسلمانن جي ساکن مان نه پيا ڍاپن چي” خدا ڀلو ڪري انهن اشرافن جو.وٽن وهٽ هڪڙو هوندو ته اهو سواريءَ لاءِ اسان کي ڏيندا هوا پاڻ پيادا هليا هلندا هوا اسانکي کارائيندا هوا ڪڻڪ جون مانيون پاڻ کجور تي ئي ويلو پاڙيندا هوا.”
    هن لڙائيءَ مان مسلمانن کي گهڻو ئي مال هٿ لڳو پر ورهاڱي تان منجهن اچي ڪجهه تڪرار ٿيو تنهن تي حضرت محمد ﷺ وچ ۾ پيئي ردبدل لاهي کين ٺاهي ڇڏيو ۽ اهو مال پورا ڀاڱا ڪري سڀني سپاهين کي ورهائي ڏنو ۽ آئنده لاءِ به هدايت ڪري ڇڏيائين ته” ڪو به مال لڙائيءَ ۾هٿ لڳيو ته پنجين پتي خدا جي واٽ ۾ ڪڍجو پيغمبر جوحصو ۽ يتيمن جو ڀاڱو ۽ ٻيا خيراتي ڪم ان ۾اچي ويا باقي چار پتيون پاڻ ۾ورهائي کڻجو.”
    ٻن قيدين جو قتل ٿيو تنهن لاءِ ڪي شايد محمد صاحب ﷺ تي الزام آڻيندا چوندا ته”پيغمبر جي شان وڏائي اها ڳالهه نه هئي.”پر سوال آهي ته جي محمد صاحب ﷺ هنن ٻن خونين کي ڇڏي ڏي ها ۽ هووڃي وڌيڪ خونريزي ڪن ها.جنهن جي سورهن آنا پڪ هئي ته پوءِ انهيءَ خونريزي جوالزام ڪنهن تي پوي ها.”
    مسلمانن جي هيءَ سوڀ ٿي سو خوشيءَ وچون ڪپڙن ۾ نه پي ماپيا پر خوشيءَ مان اتيئي غمي ٿي پيئي.حضرت محمد ﷺ جي وڏي نياڻي رقيه عثمان جي گهر ۾ هئي ان ويچاريءَ وصال ڪيو.وري به شڪر جو ٻي ڌيڻس زينب مڪي مان جند ڇڏائي اچي هنن ئي ڏينهن ۾مديني ۾مليس. زينب ابوالعاص جي گهر واري هئي.


    وري قريشي

    قريشي وڏا ڪالينگها هوا هيڪر سائو منهن ٿين ته به پاڙن ساوا رهن کڻي سو نه اندر ۾ ساڙ ساڍيندا آيا ول پئي ولياءُ ڪئي هن محمدﷺ جو ڪنڌ ڪلهنئون ڪوري ڪڍون.هڪ ڏهاڙي محمد صاحب ﷺ مديني جي چڪ ۾ وڻ هيٺيان هڪسائي سبزويءَ تي ستو پيو هو ته قريشي هڪڙو اچي اتان لانگهائو ٿيو.هي يار ڏاڍو ڪي خوش ٿيو.چ ي”هينئر هي وڃي ڪيڏانهن هڻي ڪٽاري قهر جي اتيئي ٿو سسي ڌڙنئون ڌار ڪري ڇڏيائنس”. پردل ۾آيس ته” نه ٻيلي! مڙس جو ڪم ته آهي جوستل جو ائين ساهه ڪڍي ڇڏي.” سو جاڳائينس. محمد صاحب ﷺ اک پٽي ته اتس ترار الاري چيائينس” چوءڙي ڇا ٿو چئين؟ اٿيئي ڪو اوهي واهي ؟ ڪير ٿو توکي ڇڏائي؟” محمد صاحب آسمان ڏي مهڙ ڪري هٿن سان اشارو ڪيس ته” اهو پاڪ ذات منهنجو رکڻ وارو آهي.” قريشي جو اتي هٿ اچي ڏڪيو ۽ تلوار ڇڏائجي پٽ تي ڪري پيس. محمد صاحب امالڪ جهٽ ڏيئي تلوار کڻي ورتي ۽ مٿانئس جهلي چيائين” هاڻ تون ٻڌاءِ آهي ڪو تنهنجو اوهي ڪو واهي؟”هن جواب ڏنو “نه”تڏهن محمدصاحب ﷺ چيس ڙي ڳهيلا چئو ته اهوئي الله منهنجو رکڻ وارو آهي هاڻ وٺ موٽائي سنديئي ترار پرٻڌ انسان آهين ته ان سڳوري سائينءَ ۾ ثابت يقينو رک ٻيو ته هرو ڀرو ان خالق جي خلقت کي آزار نه” قريشيءَ سر کڻي سندس قدمن ۾ جهڪايو ۽کانئس ارشاد وٺي مسلمان ٿي پيو.


    ٻه پرڻا

    حضرت عمر جي نياڻي حفصه ڏنيل هئي.حضرت عمر کي ڏاڍي ڳڻتي هئي ته ڪٿي ڇوڪري وڃي شينهن جي ڪلهي چڙهي حضرت عثمان هنئر ڇورو ڇانڊ هو، ۽ گذاريندو به اٻاڻڪو پيو هو.تنهن کي مائٽي چوايائين پر عثمان پير نه کوڙيو.اتي حضرت محمد ﷺ وچ ۾ پيئي ، پاڻ کڻي حفصه سان شادي ڪئي ۽ حضرت عثمان کي وري پنهنجي نياڻي ام ڪلثوم پرڻائي ڏنائين.لعل به لڀجي آئي پريت به رهجي آئي. مسلمانن جي ڪتابن ۾ آيو ته قرآن شريف جون آيتون نازل ٿينديون هيون ته لکارائي حفصه جي حفاظت هيٺ رکيون وينديون هيون.


    احد جي لڙائي

    ابو سفيان هارائي موٽي مڪي ويو ته گهر نئون ٻاهر نڪرڻ ئي ڇڏي ڏنائين.شرم ٿي آيس پر جوڻس هنده تپائي ڏنس ۽ طعنن سان سٽي رکيانس چي” تو ۾ ٿوم ئي ڪانهي.رڍ جهڙو ڪو مڙس آهين .منهنجو ابو ۽ ادو موا آهن تن جو به بدلو نٿو هلي وٺين؟” ابو سفيان کي آخر جوش ڀريو ۽ قريشين کي ڪوٺائي چيائين ته “يارو! مچي مڙس ٿيو وهڻ ڪو ڪن جو؟هلو ته هلي وري لڙون. من هن ڀيري داءُ لڳي ۽ نصيب يا وري ڪري! قريشين ته ائين گهريو ٿي ست سو گهوڙي سوار ۽ ڪيترا پيادا پلٽڻ وارا سهي سنبهي ترت تيار ٿي بيٺا.
    هوڏانهن مديني وارن کي به سماءُ پئجي ويو دشمن اچي ئي اچي تنهن کان اڳ حضرت محمد ﷺ سڀني مسلمانن ۽ ٻين کي گهرائي،کائن صلاح پڇي ته “شهر کان ٻاهر هلي اتن دشمن سان سامهون پئون يا پاڻ هتي ئي ويٺا رهون.اچن ته رڳو پنهنجي بچاءُ لاءِ ساڻن لڙي کين هٽائي ڪڍون؟ مونکي ته پوئين ڳالهه پسند آهي.” ٻين پير مردن به سندس راءِ کي ٽيڪو ڏنو.باقي نوجوانن چيو ته “ويٺي مان ڇا ورندو؟ هلو ته کلئي ميدان ۾ هلي ساڻن لڙون ڪين ته “محمد صاحب ﷺ چيو “چڱو” پوءِ يڪدم تياريون ٿيون ۽ 1000 لشڪر نڪري نروار ٿيو.ان هزار ۾ 300 هوا يهودي مسلمانن جو منجهن ايمان نه ٻڌو تن کي چيائون اوهان اتيئي ويٺا رهو.باقي پاڻ 700 ڄڻا اچي ميدان ۾ وارد ٿيا وٽن گهوڙي سوار فقط ٻه هوا ۽ ٻيا ٿورڙا ڪي تير انداز ڇانوڻي وڌاون .احد جي پهار تي احد آهي.مديني کان 3 ڪوهن جي مفاصلي تي اتي قريشي به اچي سهڙيا ساڻن سڄو سارو 3000 لشڪر هو.ڪامپو وڌاءُ اصل مسلمانن جي نڪ سامهون.
    صبوح ٿيو ۽ مسلمان صبوح جي نماز پڙهي پالها ٿيا ته ڏٺائون مار هيڏو سارو ڪٽڪ دشمن جو ! گهٻرائجي ويا. محمد صاحب ﷺ همٿائن ۽ هيٺ ميدان ۾ آڻي چوڌاري کين قطارن ۾ ائين بيهاريائون جو مجال دشمن ڪٿان به بي ڌڙڪ منجهن اندر گهڙي اچي.تير اندازن کي سو ٽڪري تي ئي بيهاري ڇڏيائون ۽ چئي ڇڏيائين “ڇا به ٿي پوي اتان چرجو نه”
    سورج شاخون ڪڍيون ته قريشي به هيٺ آيا ۽ ترسيا به ڪين وٺي مسلمانن تي حملو ڪيائون پوءِ ته رڪ رئي لڳي ويئي.گهوڙا جي ڊوڙيا ان ڪري مٽي جا اٿي سو چوگرد ڪارا ڪڪر ٻڌجي ويا امڪان هو ته مسلمان کٽندا پر نصيبن کي سندن تير انداز ڏٺائون جو قريشن ۾ اچي ڀاڄ پيئي آهي سو ڦرلٽ جي لالچ تي ٽڪري ڇڏي هيٺ ميدان ۾ لهي پيا قريشي اتي ڦيرو کائي سڀن طرفن کان ويڙهي وين. مسلمانن جي ڪائي ڪمائي ڪٽ ٿي ويئي.حمزه شهيد ٿي ويو خود محمد صاحب ﷺ کي منهن ڌارو هڪڙو پٿر اهڙو لڳو جو ڏند ڀڄي پيس.تنهن ڌاران منهن ۾ هڪڙو تير به لڳس مسلمانن جو هڪڙو جهنڊي وارو هو شڪل شبيهه سڌ پڌ حضرت جهڙي هيس اهو به ڪو مارجي ويو تنهن تي هل هلي ويو ته حضرت محمد ﷺ پاڻ پورو ٿي ويو.سردار ڪريو ته باقي سپاهه ڪهڙو ٿو ٻوٽو ٻاري؟ مسلمانن ۾ اچي ٽاڪوڙو پيو ڪي ته پڇ پائي اٿي ڀڳا ڪي ماٺ ڪري ويهي اتيئي بيهي رهيا باقي ڪي ٿورڙا هوا جي اڃا پي لڙيا چي” جتي اسان جو سردار سڌاري هليو اتي اسان به پٺيانس” حضرت ابوبڪر کي ته ڳالهه دل سان نه پيئي لڳي چي “ٿيڻي ناهي جو حضرت محمد ﷺ وصال ڪيو هوندو؟”ڪن تنهن تي پڇيس ته “اهو ڪيئن ٿا چئو؟”چي حضرت محمد ﷺ کي جنهن ڀلي ڪم لاءِ خداوند اپايو آهي سو اڃان پورو نه ٿيو آهي ته پوءِ ان کان اڳ هئڙو ڪارڻ ڪيئن بڻبو؟” ڳالهه هيئن هئي ابو عامر راهب پڙ جي گهٽ گهٽ ۾ مسلمانن جي ڪرڻ واسطي ڪي کڏون کوٽي ڇڏيون هيون.حضرت محمد ﷺ ان مان هڪ جي ڀر تي بيٺو هو ته قريشي هڪڙي اچي کيس ترار هنئي ۽ هيءُ صاحب وڃي ان کڏ ۾ پيو پر طلحه امالڪ هيٺ لهي وڃي کيس ڀاڪر ۾ ورتو ۽ اتيئي حضرت علي مڙسي ڪري ڪڍي ٻاهر ڪيس ان وقت حضرت محمد ﷺ کي بدن تي ٻه زرهون پيل هيون ۽ ماڻهو فقط 14 ساڻس هوا.
    لڙائي پوري ٿي ته هنده پڙ ۾ ٿي بيٺي ۽ حمزه جو لاشو ڪپي ڳترا ڳترا ڪري سندن هنياءُ ڪڍي وات ۾ وجهي وٺي ڏند
    قريشي موٽي پنهنجين ڇاوڻين ۾ ويا ۽ مٿان رات به پيئي ته حضرت محمدﷺ به ڪجهه جوان ساڻ ڪري پڙ ۾ ٿي بيٺو حمزه جو هئڙو حال ڏسي کيس تاءُ آيو حڪم ٿي ڏنائين ته قريشين جي مردن جو به اهڙو ئي حال ڪريو.ته مٿان وحيءَ لهي اچي روڪيس ته “ائين نه ڪر
    ابو سفيان موٽي مڪي ٿي ويو تنهن وقت ڍنڍورو ڦيرائي مسلمانن کي ٻڌائيندو ويو ته “آئيندهه سال لڙائيءَ جو انجام وري بدر وٽ آهي.” مسلمانن اها ڳالهه قبول ڪئي پر آئنده سال ابو سفيان لڙائي جو ست نه ساري ڪونه سگهيو ۽ اها لڙائي لڳي ڪانه.
    احد جي لڙائي ۾ سو مسلمانن جو نقصان نهايت گهڻو ٿيو ويساهه گهاتي به ساڻن ڏاڍي ٿي.


    يهودين جي اڻبڻت

    مسلمان مديني ۾ آيا تنهن ڏينهن کان وٺي يهودين کين پائي ڏنو هيڪاري پريندي ئي مسلمانن جي بدر جي لڙائيءَ ۾ جيت ٿي سو پچڪو اچي لڳن اندر ئي جلي سڙي رک ٿي وين ڪن ته وٺي پيغمبر تي ٽوڪبازيءَ جا قصيده ٺاهيا ڪن ته وري قريشن کي شورائڻ لاءِ راڳ ٺاهيا محمد صاحب ﷺ شب ۾ گهڻو شرماين ۽ مٺ محبت ۾ سمجهاين پر اڻاسا هوا لڳو اٿليو وري به چرچ کان نه رهيا نيٺ محمد صاحب ﷺ به بر ٿي چين”هاڻ مرضي آهي اوهانجي.مسلمانن ساڻن ئي ردبدل ڪئي ته آءٌ ڪونه جهليندوسان پڄي کائجون”
    هڪ لڱا اتفاق اهڙو ٿيو جو عربن جي هڪ ڪنواريءَ نينگري يهودين جي چونڪ ۾ کير پئي وڪيو يهودي اچي لڳس ته”هروڀرو منهن کول” هن نانهن ڪئي تنهن تي پوي جو هڪڙو سونارو سو مٿي تان پوتي لاهي کڻي ڦٽي ڪيائينس ڇو نه هڪڙو مسلمان به ان وقت اچي اتان لنگهي .هي حال ڏسي مڙس کي باهه لڳي ويئي.ڪڍنديئي تلوار کپ مان سوناري تي جهلي ڪري آيو.يهودين ڏٺو اسان جو ذات ڀائي ٿو مارجي سي مسلمان کي ويڙهي ويا مٿان مسلمانن جو ڪٽڪ اچي نيون! يهودين ڄاتو ٿي ته مسلمان اسان کي ماري وجهندا جتي پڄڻ نه آهي جاءِ تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.لوه ڏيئي وڃي قلعي اندر سوگها ٿيا مسلمان به گهيرو ڪري ويهي وين.آخر جڏهن اندران پاڻي کٽن تڏهين دروازو کولي اچي مسلمانن جي پيش پيا.مسلمانن ته چيو”بس سڀن کي ماري ڪريون ٿا نگهوسار” پر عبدالله بن ابي منٿ ڪين ته”ماريون نه، فقط هن علائقي کان دعويٰ بي دعويٰ ڪريون”
    ڏٻري ڍور کي مڇر انيئي گهڻو کائي.احد جي لڙائي کان پوءِمسلمان به ڏٻرا ڍور ٿي پيا سو مڇرن يهودين وري وري کين کائڻ جي ڪوشش پي ڪئي.يهودين جو مطلب هو ته مسلمانن جي مرشد کي ماري موت رسايون. شاهه شاهوڪاريءَ ته ساڻن نٿي پڄي سگهيا نيٺ هڪڙي ٻي رٿ رٿيائون.
    منجهائن بنو نصير وارن هڪ ڏهاڙي مسلمانن کي دعوت چوائي موڪلي تنهن سڏ تي حضرت محمد ﷺ ابوبڪر ،عمر، علي ۽ ٻيا به گائبا سارا مسلمان سندن مڪان تي وڃي وارد ٿيا ۽ يهودين سندن مرحبا ڪري کين هڪ ڀت جي پاڙ ۾ کڻي وهاريو مڄاڻ انهيءَ ڀت تي ڪي ڇپون رکيون هيون. محمد صاحب ﷺ جي اک وڃي اتن پيئي.سمجهيائين هيءَ يهودين جي لچائي آهي.ا ُمالڪ ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ جهنگ منهن ڏيئي هليو ويو ٻين سمجهيو شايد ناڙا ڇوڙ ڪرڻ ٿو وڃي پر جڏهن ڏٺائون ڳچ پنڌ ڪري هليو ويو آهي تڏهن پاڻ به اتي پٺيانس ويا.
    يهودي جهڙي پوک پوکي تهڙي لڻي مسلمان سارو ڪٽڪ وٺي اچي مٿان پين ۽ منجهن ٻاڪر ڪٽو وجهي ڏنائون.يهودي اٿي ڀڳا ۽ ڪک پن ٿي ويا. ڪن شام ۾ وڃي سام ورتي ڪن قلعي خيبر ۾ وڃي سر لڪايا. سارو سندن مال ملڪيت مسلمانن جي هٿ آيو پر حضرت محمد ﷺ پل وڌين ته اهو مال اوهان پنهنجي خانگي ورتاءَ ۾ بنهه ڪتب نه لايو سارو خير جي ڪمن ۾ صرف ڪري ڇڏيو.


    نئون دشمن

    اتي هڪڙي نئين دشمن اچي منهن ڪڍيو بنو المصطلق وارن جو بادشاهه حارث مسلمانن تي ڪاهي ٿي آيو. پر محمد صاحب ﷺ ڳچ جيترا جوان مڙس ساڻ وٺي،واٽ تي وڃي گهٽيس ۽ شڪست ڏيئي هٽائي ڪڍيائينس دشمن جي لشڪر مان 200 آدمي قيد ٿيا ۽ لٽ ۾ به 5000 رڍون ۽ 1000 اٺ مسلمانن کي هٿ آيا.
    قيدين ۾ شاهزادي جويريه به هئي. ڦرلٽ (نوٽ: هي ڦرلٽ ناهي بلڪه ان کي مال غنيمت چئبو آهي.) جو به ورهاڱو ٿيو ته جويريه ثابت ابن قيس کي پتيءَ ۾ آئي. جويريه سپاهيءَ جي سريت ٿي وهي تنهن کان ان کي عار هو سپاهيءَ کي چيائين ته “تون منهنجي پچر ڦٽي ڪر،آءٌ توکي هيتري ڪه هيتري رقم عيوض ۾ ٿي ڏيان” سپاهيءَ جواب ڏنس”چڱو” پر جويريه اها رقم آڻِ ڪٿان؟ پاڻ به بند ۾ ته سندس مائٽ به بند ۾.
    آخر حضرت محمد ﷺ جي خدمت ۾ اچي عرض گذاريائين ته”آءٌ شهزادي آهيان حارٿ جي نياڻي آهيان، منهنجا بند خلاص ڪريو.آءٌ اوهان جي دين ڀيڻ ڪري نه آهيان ته به منهنجي حال تي ڪهل آڻيو.مونکي اميد آهي ته اوهان پنهنجا لائق ڪندو.”
    حضرت محمد ﷺ جي دل ڀني پر ڪري ڇا؟قاعدي موجب ثابت کي به ته نه چئي ته”هن کي آزاد ڪر” نيٺ ٻيو چارو نه ڏسي باسيل رقم پنهنجي هڙون ڏيئي هن جا بند آجا ڪرايائين ۽ هڪڙي معتبر کي چيائين ته “هن کي سلامتيءَ سان سندس مائٽن وٽوڃي رساءِ”
    اتي حارث به ڳچ جيترو خزانو ۽ جنسي مال ساڻ کڻي اچي مديني ۾ رسيو ٻڌائين ته حضرت محمد ﷺ هنن پنهنجا لائق ڪيا آهن سو سر ڪري حضرت جي پيرن تي رکيا. آيو ڌيءَ کي ٻانهپ کان ڇڏائڻ پر پاڻ پنهنجي خوشيءَ ٻڌو ٻانهون ٿي پيو.
    حارث مسلمان ته ٿيو پر پڻ حضرت محمدﷺ کي عرض ڪيائين ته”حضرتا ! منهنجي ڌيءَ جو سڱ قبول فرمايو”حضرت محمد ﷺ انهيءَ ويچار ۾ هو ته”ڪهڙو هن کي جواب ڏيان”،ته ايتري ۾ هُل هُلي ويو ته “جويريه جو حضرت محمد ﷺ سان مڱڻو ٿي ويو.”
    مسلمانن تنهن تي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته تڏهين ته حارث جا جيڪي به عزيز خويش اسان وٽ غلام آهن تن سڀن کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي ڇو ته حضرت جي ساهري پهر سان ٻانهپ جي بي عزتي ڪا چڱائي! حضرت محمد ﷺ جو ٻڌو ته منهنجي مريدن هي سٽ سٽي آهي تنهن به کڻي آنهن ڪئي بس جويريه سان نڪاح پڙهيو ته پيڪنس سڀني مسلمانن کي ڇڏي ڏنو. هو به مسلمانن جي فراخدلي ڏسي اچي اسلام جي ڏوريءَ ۾ ٻڌا واهه واهه پئجي وئي.


    خندق جي لڙائي

    ابو سفيان ماٺ ڪري ڪونه ويٺو رات ڏينهن پيو گهاٽ گهڙيندو هو ته ڪيئن مسلمانن کي اصل ڄڻ پچي ناس ڪر ڇڏجي. قريشين ۽ يهودين ۽ عربستان وارن سڀن کي پيو شورائيندو هو آخر وجهه وٺي لشڪر ساڻ ڪري اچي مديني جي چڪ ۾ ڏيرا ڏنائين.
    محمد صاحب ﷺ کي خبر رسي ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو.مسلمانن وٽ نه لڀي سامان سڙو نه لڀي ڪارائتو هٿيار پنوهار وري به گهر ٺهيل هجي ته به جيئن تيئن. يهودين مديني وارن ته وجهه پئي ڳوليا ته ڪٿي مسلمانن تي ڪاهه ٿئي ته روه ۾ رلايون.اهو ڊپ جدا اتي سلمان فارسيءَ حضرت محمد ﷺ کي مايوس ڏسي. هي تجويز پيش ڪئي ته يڪساهيءَ مديني جي چئن پاسن کان کاهي کڻي کوٽائجي، ته پوءِ دشمن جي ڊپ کان ڇُٽي پئجي.”صلاح هئي منڊيءَ تي ٽڪ يڪدم سڀ مسلمان ڪم کي جنبي ويا. حضرت محمد ﷺ پاڻ مزورن وانگر ڪم پئي ڪيو ڀانيوو ٿا ويچارن جي دل ۾ ان وقت ڇا پي وهيو واپريو هوندو؟ دشمن آيو ڪي آيو.بس ماني پاڻي وسري وين. ڪم کي لڳا رهيا.مسلمانن جي ڪتابن ۾ آيو آهي ته اتي ڪو خدا جو بندو پوي سو هڪڙي کجور جي ٽوڪري وٽن رکي ويو. پر ڪم ڇڏي کجور ورهائي ڪير؟ آخر هڪڙو هڪڙو ٿي منجهانئس وارو ڪندو ويو.
    چون ٿا ته سڀن کائي پيٽ ڀريو ته به کجور کٽو ڪونه ٽوڪري ائين جي ڀري رکي هئي.
    خيرن سان کاهيءَ جو ڪم پورو ٿيو ۽ دشمن به سس ڪڍيو. مسلمانن جي پاسي به 3000 اچي مڙيا هوا. جنگ جو سامان ته خير ڪو هو.پر دل ۾ ايمان سندن جهجهو هو دشمن ڌوڪ ڌوڪ ڪندو ڪاهيندو ته آيو. پر اڳيان کاهي ڏسي وائڙو ٿي بيهي رهيو پوءِ ته ٻنهين طرفن کان تکا تير پي ڇٽا اتي حضرت محمد ﷺ کي سماءُ پيو ته بنو قريظه وارا وڃي دشمنن سان مليا آهن. حضرت محمد پنهنجن ساٿين سان صلاح ڪئي ته”هاڻي ڇا ڪجي؟ بني عطفان وارن کي مديني جو ڪجهه ڀاڱو باسي کڻي پنهنجي پاسي ڪجي؟”
    تنهن تي سعد بن معاذ بنيدوس وارو اٿي کڙو ٿيو.هي وڏو دلير ۽ دلشير هو چيائين ته “حضرتا جي هي حڪم وحيءَ وٽان اوهان کي مليو آهي ته اسان جي اکين تي آهي مگر هيءُ سائين جن جو پنهنجو رايو آهي ته معاف ڪجو هن بندي کي ڪجهه چوڻو آهي.”
    حضرت محمد ﷺ جواب ڏنس ته”وحيءَ وٽان مليل هجي ها ته آءٌ اوهان کان پڇان ڇو ها؟ هي منهنجو ئي رايو آهي.”
    سعد چيو”تڏهين ته وڏي شرم جي ڳالهه آهي جو اسين مسلمان ٿي ڪري وڃي هنن بت پرستن جا ڍل ڀرائو ٿيون، جڏهين اسان بت پرست هوندا هئاسون تڏهين به بلڪ هنن جي وڏيري کي اسان مهمانيءَ ڌاران ڪجهه نه ڏيندا هواسون دشمن ۾ جي ايڏي طاقت آهي ته ڀل تلوار جي زور سان وڙهي اسان کان مدينو وٺن ٻيو به مئي مارائي ڌاران اسان به نه رهنداسين”حضرت محمد ﷺ کڻي ماٺ ڪئي.
    لڙائي زور شور سان ڳچ ڏهاڙا لڳي رهي.نيٺ قريشين جا ٿورڙا ڪي سائو سلحدار کاهي ٽپي .هن طرف وڃي پهتا. منجهن عڪرم ابن ابو جهل ۽ عمرو ،عبدو به هوا تن سڀني
    هوڪو ڏيئي چيو”آهي ڪو سورمون؟ اچي اسان سان مقابلو ڪري”هن سڏ تي سعد ۽ علي ۽ ٻيا ٿوررا ڪي مسلمان اٿيا ۽ وڃي منهن مقابل بيٺن پهرين ڇڙا علي ۽ عبدو پاڻ ۾ لڙيا ۽ عبدو مارجي ويو وري لڙائي عام طور لڳي پوءِ ته؛
    بهادر گڏيا بهادرين کڙک کلول ڪن
    وجهن ڌڙ ڌڙن تي هاڪاريو هڻن
    ڪرن ڪنڌن نچن ،رڻ ڳچيو راڙو ٿيو

    ڌرين جو نقصان ڏاڍو ٿيوآخر قريشين ڏٺو نه پناسون تڏهن پڇ پائي اٿي ڀڳا.
    اتي نوفل ابن عبدالله گهوڙي سوڌو کاهيءَ ۾ ڪري پيو مسلمانن وٺي وڄايس پٿر ۽ ٺڪر تن کي چيائين”اچي ڪو اوهان جو پهلوان هتي ئي يڪي سر مون سان وڙهي ته ڏيکاريانس ڏينهن جا تارا ڪين ڪريو آهيان. تڏهين ٿا پٿر اڇلايوم؟ اها به ڪا جوان مڙسي آهي؟”
    تنهن تي حضرت علي عه حضرت محمد ﷺ کان رخصت وٺي کاهيءَ ۾ ٽپي پيو نوفل کي چيائين “اجهو آيو آهيان هاڻ ڏيکار ڏينهن جا تارا؟” پوءِ ته ٻئي مڙس اٽڪي پيا سخت چٽا ڀيٽي لڳي نيٺ نوفل ڪري پيو ۽ علي سندس سر ڪپي نڪري کاهيءَ مان ٻاهر ٿيو منهن ۾ عڪرم گڏيس تنهنجي چڱي جوڙ پڄايائين اماڻي هاا نهيءَ کي به آخرت ڏي پر
    هو ڪنائنس جند ڇڏائي ڀڄي ويو.
    هاڻ نڪو مسلمانن ئي پاڻ ۾ سَتُ ٿي ساريو جو کاهيءَ جي پار وڃي دشمن سان چوٽ کائين نڪو وري قريشين ۾ ايتري جريت هئي جو کاهي ٽپي اچي مسلمانن سان اٽڪن.
    پر مسلمانن هڪڙي ٻي کيڏ پکيڙي هڪڙي حريف کي دشمن وٽ موڪليائون ته وڃي ڪو منجهن ڦيٽارو وجهي اچ” هو پهريائين پهريائين ويو بنو قريظ وارن وٽ ڳالهين ۾ ساڻ ملي ويو آخر وجهه وٺي چيائين “اوهان ماڻهن جو عقل ڪيڏانهن ويو؟اوهان وڃي مڪي وارن سان گانڊر ٿيا آهيو اي هنن جي هار ٿي ته هنن جي موچڙي هو ته ڀڄي ويندا پنهنجي وطن ۾ پر حال اوهان جا اوهانکي ته آخر مديني ۾ ئي رهڻو آهي ڪيڏانهن ٻئي هنڌ به ته نه ڀڄي وڃو؟ هروڀرو جي هنن سان هٿ ڳنڍيو اٿو ته پنهنجي پڪي پڪائي ته ڪڍي ڇڏيو مڪي وارن کي چوائي منجو ته ڪي معزز رئيس پنهنجا اوهان وٽ ضامن طور رکن.کانئن اهو انجام به وٺو ته جيسيتائين مسلمانن جو بڻ باس نه ٿئي تيسيتائين پاڻ مديني ۾ ئي ويٺا رهن هتان هارائن ته ڳوٺ هليا وڃن” هنن کي اها پٽي پڙهائي آيو .قريشن وٽ تن کي وري هيءَ سر ڏنائين جي ڪهڙا ته اوهين ڳهيا آهيو اوهان ڀائيو ويٺا آهيو ته بنو قريظ وارا اسان جا سڄڻ آهن ايهو ته اندران مسلمانن سان ملت ۾ آهن هيئنر ڏسو اوهان سان جٺ ڪهڙي ٿا ڪن مدد لاءِماڻهو ته موڪليو ته ڏسو جواب ڪهڙو ٿو مليو چي پنهنجا ڪي معزز رئيس اسانڏي هيڏانهن ڏياري موڪليو ته اسان ڪي ضروري ڳالهيون ساڻن ڪنداسون پر خبر اٿو ته انهن کي اماڻيندا ڪيڏانهن؟سڌو مسلمانن وٽ مون ته دوست ٿي اچي اوهان کي خبردار ڪيو آهي هاڻي آهيو مرضيءَ جا مالڪ”

    سچ ڪوڙ جي صفائيءَ لاءِ ابو سفيان جمع جي ڏينهن پوجارين جو بنو قريظ وارن کي نياپو موڪليو ته “سڀان ڪنداسون مسلمانن تي حملو اوهين تيار رهجو” تن جواب موڪليس ته”سڀان آهي اسانجو ست(ڇنڇر)اان آرام وٺنداسون ڪونه ٻيو ته اسانجي مدد جي اوهان کي جي گهرج آهي ته هي به شرط بجا آڻيو شرط اهي ها جي هن حريف ٻڌايا هئن.
    مڪي وارن کي تنهن تن يقين ٿيو ته برابر اندر ۾ کوٽ اٿن بس حملي جو ارادو ڦٽو ڪري ويهي رهيا.انهيءَ ٻائيتال ۾هوا ته هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو آسمان ۾اچي غبار ٿيو.اڀ سارو ڪڪرن سان ڇانئجي ويو ڇو هو ڇتو اچي ڇٽڪيو وڏ ڦڙو مينهن اچي وٺو هيڏانهن مينهن هوڏانهن واچ قريشين جا سارائي تنبو ڪري پيا اتي منجهائن ڪنهن وٺي هلايو ته”اڙي محمد ﷺ پنهنجو جادو هلايو آهي ۽ پنهنجي فوج وٺي ڪاهي ٿو اچي” ابو سفيان جو اهو هل ٻڌو سو اوسان خطا ٿي ويس حڪم ڪيائين ته ترسو نه ڀڄي وڃو پاڻ به امالڪ هڪ مهريءَاٺ تي سوار ٿي پسار ٿي ويو.


    بنو قريظ وارن کان بدلو

    قريشين ڏني پٺ ته مسلمانن ڀيڙا چاڙهيا بنوقريظ وارن تي ته “ڙي ڪريو هاڻ جواب اسان کي ٻيجاري ڇوڏني هيو؟”اول اول ته چڪ وڌائون قلعي جو ته اهو ڏيو اسان کي هن اول ردبدل گهڻيائي ڪئي پرنيٺ قلعي تان هٿ کنيائون پوءِ مسلمانن چين ته “هاڻ ٻڌايو ته اوهان کي سزا ڪهڙي ڏيون؟” جواب ڏنائون “اسان جي سزا جو اوهان پاڻ فيصلو نه ڪريو امين ٿا ڪريون وچان ئي سردار سعد بن معاذ کي.”
    هاڻي انهيءَ سردار جو ڪو ساڻن سنگت جو ناتو هو تنهنڪري مسلمانن البت دل هنئي ۽ نه چاهيائون ته ڪو ههڙو نازڪ ڪم سعد کي سپرد ڪريون مسلمانن جا منجهن خار هوا ڀلا ٻيڙي چاڙهي ٿي ڦرهو لاٿائون اوچتو مينهن اچي وسيها ۽ هيءُ آخر قريشن سان ڳالهين ۾ ٺهي وڃن ها ته پوءِ مديني ۾ ذات مسلمان نه رهي ها.مسلمانن گهريو ٿي هنن خبيثن کي ڪا جوڳي سزا ملي خير! لاچار کڻي ڳالهه مڃائون.
    سعد بن معاذ ٻولائي ٻولائي چين ته”متان ڪو پوءِ ڌرين مان ريڙهه پيڙهه ڪري آءٌ نبيرو ڪريان ٿو” ٻنهين ڌرين زبان ڏني ته “ريڙهه پيڙهه ڪانه ٿيندي”
    سعد فتويٰ ڏني ته “بني قريظ وارن ڪم بلڪل کوٽو ٿي ڪيو تنهنڪري قلعي اندر جيڪي به سندن سپاهي آهن سي سڀ قتل ڪيا وڃن عورتون ۽ ٻار سندن ٻانهان بنايا وڃن سندن مال متاع ضبط ڪيو وڃي”
    حضرت محمد ﷺ وچ ۾ پئي کڻي ڌرين جو ٻيءَ ريت پرچاءُ ڪرائي ڇڏي ها پر مسلمان تتا ويٺا هوا ٻيو به هنن جي ئي سڄڻ نبيرو ڪيو چون ٿا سارا اڍائي سئو ماڻهو موت جي منهن ۾ ڏنا ويا مطلب جهڙي پوک پوکيائون تهڙي لڻيائون.
    واجهائي وطن کي ساري ساهه ڏيان
    هيءَ سو ساڻيهه سامهون منهنجو نج ميان
    مٿان مياڻي ماروئين وڃي ٿر ٿيان
    ميائي جيان جي وڃي مڙهه ملير ۾
    وطن جي واءُ جهڙو ساءِ
    ڪئي پرديس آهي مليو
    *
    حب وطن از ملڪ سلمان خوشتر
    خار وطن از سنبل و ريحان خوشتر
    يوسف وطن به مصر بادشاهي ميڪرد
    مي گفت گدا بودن ڪنعان خوشتر


    ساڻيهه سندي سار

    محمدصاحب ﷺ ۽ ٻين مڪي وارن کي مديني ۾ آئي ڀريا ڇهه سال گذري ويا تنهن وچ ۾ ڳوٺ جو هنن منهن ڪونه ڏٺو ٺهيا ٺڪيا مزي ۾ ويٺا هوا اتي جي آبهوا سان هري مري ويا ڄڻ ڄوا نپيائي اتي هوا پر آخر اچي ساڻيهه سندي سار ٿين پرديس ۾ ماڻهو چاهي ڪهڙو به سکيو آسودو هجي چاهي وڏن وڏن عاليشان بنگلن ۾ رهندڙ هجي سو ها سندس حاضريءَ ۾ هٿ ٻڌيو بيٺا رهن هزار ها کڻي سندس در تي روز سلامي هجن ته به وطن ڪو بنهه وسري ويندس؟ اباڻو ڇنو جهونو پراڻو جنهن ۾ ڄائو هوندو انجي ڪڏهن نه ڪڏهن اڻ پڇو اچي اڪير ٿيندس.سار ڇا اصل هر کر اچي لڳنديس ته هيڪر مڙيوئي اکين سان وڃي اهي وطن سندا وڻ ڏسان ۽ انهيءَ اباڻي ڇني ۾ سمهي ننڊون ڪريان.
    مڪي وارن کي ساڻيهه سندي سار جدا اچي ٿي ۽ حج جو چاهه جدا اچي ٿيو. ساڻن انصاري به شامل ٿيا. مڙيئي 1500 مڪي وارا ۽ انصاري سنبهي نڪتا. هٿيار پنوهار ساڻ ڪونه کنيائون .حضرت محمد ﷺ چين”جنگ ڪانه ڪرڻي اٿئون. هلون ٿا زيارت تي متان ڪنهن دل ۾ وڙهڻ جو وهم به وهاريو آهي.”
    قريشين کي هيءَ جا خبر رسي سي چون”ڪن به سندن هنن کي ٿا مڪي ۾ اندر اچڻ ڏيون!” ۽ فوج سنڀرائي مڪي جي ٻاهران ٿي بيٺا ته اچن ته اتيئي گهٽيون، ڪعبه جي چوگرد به سپاهه بهاري ڇڏيائون تن کي سخت تاڪيد هو ته “خبردار ڪنهن به مسلمان کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني اٿو. مبادا ڪو مسلمان تڳي اچي ايسيتائين رسي به ، ته سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏجوس.”
    مسلمان جڏهن مڪي کي اچي قابو پيا ته اتان موڪليائون قريشين کي قاصد ته”اسان جو ارادو هي آهي “قريشين جواب موڪلين ته”ڪو ضرور ناهي متان اڳتي وڌيا آهيو سره سره جيڏا داڻا ڪري ڇڏينداسون.” ڪن نوجوانن ته پريان ئي وٺي حضرت محمد ﷺ تي پٿرن ۽ ڀترن جو وسڪارو ڪيو ۽ ان تي تڪڙا تڪڙا تير چلايا هي حال ڏسي مسلمانن کي چڙ لڳي وجهنديئي ٻک ڪن ٿورڙن قريشين کي، وٺي آين محمد صاحب ﷺ وٽ پر هن حضرت چين”متان ڪنهن به سندن نالو ورتو آهي امالڪ ڇڏي ڏيون.” قريشن کي وري نياپو مڪائين.
    ما برائي وصل کردن آمديم
    ني برائي فصل کردن آمديم
    اسين لڙائي لاءِ ڪونه سنڀري آيا آهيون اسان فقط زيارت لاءِ آيا آهيون ٻيو به جيڪي شرط شروط اوهان وجهو اهي اسان کي قبول آهن ڪيئن به اسان کي اندر اچڻ جي اجازت مڙيوئي ملي.


    حديبه جو عهد نامو

    آخر گهڻي ردبدل پڄاڻان حديبه جو عهدنامون تيار ٿيو جنهن جا شرط هي هوا :
    1. ڏهه ورهيه سانده ڌريون صلح ۾ رهن ۽ هڪ ٻئي تي حملو نه ڪن.
    2. قريشين جو ڪو آدمي پنهنجي سردار جي رخصت ڌاران اچي محمد صاحب ﷺ وٽ پناهه وٺي ته انکي واپس قريشين ڏانهن موڪلي ڏئي.
    3. مسلمانن جو ڪو اهڙو آدمي قريشين وٽ لنگهي اچي ته اهو وٽن ئي رهي.
    4. آئنده قريشي، مسلمانن جا جيڪي طرفدار مڪي ۾ آهن تن سان نه آئٽن.
    5. ساڳيءَ ريت مسلمان به قريشين جي طرفدارن سان نه لڙن.
    6. هينئر مسلمان اڳتي نه وڌن پويان پير ڪري مديني موٽي وڃن. ٻي سال ڀل اچن پر تڏهين به ٽن ڏينهن کان مٿي مڪي ۾ نه رهن پڻ هٿيار پنوهار پاڻ سان اصل نه آڻين.
    مسلمانن صد لاچار اهي شرط قبول ڪيا ۽ ڏاڍا دلگير ٿي موٽي مديني هليا آيا.


    ڳرو ڪم

    حضرت محمد ﷺ هاڻ هڪڙو ڳرو ڪم هٿ ۾کنيو ڪسريٰ خسرو پرويز شاهه ايران جو ۽ شاهه بني غسانن جو ۽ هرقل شهنشاهه قسطنطنيه جو، ۽ نجاشي شاهه ابيسينا جو ۽ ٻيا ڪيترا بادشاهه ۽ سردار اوسي پاسي وارا تن سڀني ڏي سفارتون موڪليائون ته اوهان به دين حق اختيار ڪريو. خط جيڪو ڏانهن لکيائون تنهن ۾ مضمون نهايت مختصر درج ڪيائون چي “هي خط خدا جي بندي ۽ پيغمبر محمد ﷺ جي پاران فلاڻي بادشاهه ڏي موڪلجي ٿو معلوم هجي ته جنهن شخص توحيد الاهي تي ايمان آندو تنهن هميشه جي سلامتي حاصل ڪئي آءٌ اوهان کي به صلاح ٿو ڏيان ته دين وحدانيت اختيار ڪريو ۽ دين دنيا ٻئي سجايا ڪريو.”
    چون ٿا ته ڪسريٰ فارس جي ملڪ ۾ جنهن وقت ايلچي وڃي پهتو تنهن وقت سندس ملڪ ۾ ڏاڍا جشن ۽ شادمانا پي ٿيا. خوشيءَ جي ڌوم ڌام لڳي پيئي هئي. ويجهڙائي ۾ رومين کي ڪو جنگ ۾ جيتيو هوائون. خير ! شاهه ايران جي کي وزيرن هيءُ خط پڙهي ٻڌايو پر ڏٺائون جو ته منهنجو نالو محمد ﷺ جي نالي کانپوءِ آيو آهي سو مڙس ڳاڙهو ٿي ويو ۽ امالڪ خط ڦاڙي رتيون رتيون ڪري ڇڏيائين.
    حضرت محمد ﷺ کي جڏهن اها سڌ رسي تڏهن فرمايائون ته”چڱو” نه وٺي واٽ سچ جي .پر پيغام الاهي کي ته جيئن ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو اٿس ڏسجو ويٺا تيئن ئي سندس سلطنت سان ٿي ڪار ٿئي.” اهو چيو حضرت جو گٿوئي ڪين. ٿورڙائي ڪي سال گذريا ته ايران جي سلطنت ساري ڦٽي زبون ٿي ويئي.
    شاهه بني غسان ايلچيءَ جو آڌر ڪونه ڪيو اٽلو ان بيگناهه کي مارائي ڇڏيائون. مسلمانن ان وقت ته ڪونه ڪڇيس پر اک ۾ رکيائونس. باقي هرقل شهنشاهه جي حضور ۾ ايلچي آيو ته ان سندس گهڻو آءُ آدر ڪيو ۽ محمد صاحب ﷺ جو خط وٺي ڀريءَ درٻار ۾ پڙهي ٻڌايائين. جواب ۾ جيتوڙي لکيائين ته”ساري قوم جي لحاظ ماريو آهيان آءٌ پنهنجو اصلوڪو دين ڦيرائي نٿو سگهان” ته به ايلچيءَ جي ڏاڍي خاطر ڪيائون ۽ ڏاڍيون ان کي سوکڙيون ۽ سوغاتون ڏيئي پوءِ روانو ڪيائينس. نجاشي کي ته اڳيئي لڳل هئي تنهن ته امالڪ کڻي دين اسلام اختيار ڪيو.


    يهودي ياڪي

    يهودين جي ته مسلمانن سان اصل ڪانه ٿي پيئي جٺيون به ساڻن ڏاڍيون ٿي ٿيون شهرنيڪالي ملين مال متاع ڦرجي وين ته به هريل جو هوا حرڪتن تي سو رهيائي نٿي مديني کان ٽي چار منزلون اڀرندي ڪنڊ تي خيبر علائقو هوندو هو ان علائقي ۾قلعا ڳچ جيترا هوندا هوا تن منجهان به قلعو المقوس نهايت مضبوط هوندو هو اتي يهودين جي اوائل کان ئي مسلمانن سان لڳي ايندي هئي. هينئر هيڪاري جو سندن دين ڀائن بني نظير وارن کي شهرنيڪالي ملي ۽ بني قريظه وارن سان چوڳي جٺ ٿي سو مڙسن جي آنتي اچي تتي وڏو شاهي ڪٽڪ ڪٺو ڪري حرفت سان ڪيترن عربن کي به ڌتاري پنهنجو بڻائي خود بني غطفان وارن کي به برغلائي پنهنجي پيچ ۾ آڻي نڪتا ٿي شڪار تي پر مسلمانن کي جا پئجي وئي ٽيٽ سي هڪ تڪڙ ۾ 1400 آدمي ڪٺا ڪري پاڻ اچي مٿان ڪڙڪين ۽ خيبرکي گهيرو ڪري وين يهودين کي اڃا ٻاهرين مدد ڪانه رسي هئي سو پڌري پٽ ڪونه لڙيا اندرقلعن ۾ سوگها ٿي ويهي رهيا پرمسلمانن نه ڇڏين. وڙهي هري هوريان هوريان سندن قلعا وٺندا ويا آخر جڏهن القموس وارو قلعو به پنهنجي قبضي ۾ آندائون تڏهين يهودين جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا ۽ اچي پيش پيا نماڻا ٿي. حضرت محمد ﷺ کان معافي مڱيائون ۽ زبان ڏنائون ته “آئينده مسلمانن سان اسان چو نه پونداسون.” حضرت محمد ﷺ تنهن تي صفا ڇڏي ڏنن بلڪ ايترو به چيائين ته “اوهان بيشڪ پنهنجي دين تي پورا رهو اها اوهان کي آزادي آهي.”
    ’پر هيريءَ سندي هير ٽنگ ڀڳي نه لهي محمد صاحب ﷺ گهڙيو اندر خيبر ۾ ته ڪنهن يهودڻ چيس ته “ آءٌ اڄ اوهان جي ۽ ٻين سڀن مسلمانن جي دعوت ٿي موڪلايان هلو منهنجي گهر”حضرت محمد ﷺ سندس دل وٺڻ لاءِ کڻي آنهن ڪئي. جڏهين دستر خوان وڇائيو ۽ سڀ ويٺا کائڻ تڏهن منجهانئن هڪ ڄڻو کائيندي کائيندي ٽنگون ٽيڙي پئجي رهيو، حضرت محمد ﷺ کي پاڻ ماني نه پئي وڻي ڀلا هن يهودڻ ڊوهه ڪري کاڌي ۾ زهر ملائي رکيو هو.امالڪ سڀن ڪري هٿ جهليو عورت کي ته محمد ﷺ صاحب ڪجهه نه چيو باقي محمد صاحب ﷺ جي تندرستيءَ ۾ ان ڏينهن کان وٺي خلل پئجي ويو.


    ام حبيبه سان نڪاح

    محمد صاحب ﷺ موٽي مديني ۾ آيو ته خبر مليس جو ابو سفيان جو ناٺي امه حبيبه جو خاوند ابيسينا ۾ گذرڪري ويو ۽ پاڻ ام حبيبه هاڻي مديني ۾ آئي آهي.
    ام حبيبه دين اسلام اختيار ڪيو هو ۽ پيءُ جي ڏر کان موٽي مڪي ۾ نٿي ويئي. حضرت محمد ﷺ کي منٿ ڪيائين ته “جيئن بيبي سوده سان وڙ ڪيو مون تي به تسي تيڏو توه ڪريو.” ام حبيبه ڪرڙوڍ عورت هئي ۽ اڳئين خاوند مان رڳي نياڻي حبيبه هيس.محمد صاحب ﷺ ڳالهه کڻي مڃي سمجهيائين ته ان مان فائدو ئي ٿيندو ڪهڙي خبر هاڻ ابو سفيان خود ٺهي پوي.


    ميمونه سان نڪاح

    قريشين سان صلح ڪئي 12 مهينا گذري ويا آهن ۽ مسلمان حج ڪرڻ آيا آهن پر ٽي ڏينهن ٿي ويا اٿن ته به ويٺا آهن مرضي اٿن جو مڪي وارن سڀن جي ماني موڪلائي سندن شڪريو بجا آڻيون .مٿان قريشين جو قاصد اچين ٿو چي “ڙي اڃان ويٺا آهيو؟” هليا نٿاوڃو” تنهن تي حضرت محمد ﷺ پنهنجن سنگتين کي حڪم ٿو ڪري ته” امالڪ هليا هلو پل به نه ترسو” ۽ سڀ ٽپڙ ٽاڙيون ٻڌي پنڌ ٿا پون ۽ مڪي جي ٻاهران تنبو کوڙي ٿا ويهي رهن.هي حال ڏسي قريشين جي دل ڀڄي ٿي ۽ مسلمانن جي عالي همت ۽ کانڌ ۽ صبر جو اتن اهڙو اثر ٿو ٿئي جو ڳچ جيترا حضرت محمد ﷺ جي حضور ۾ اچي ڪنڌ ٿا نمائين ۽ دين اسلام اختيار ٿا ڪن خود خالد بن وليد حضرت جو جاني دشمن ۽ ناميارو شاعر عمرو بن العاص حضرت تي قصيدن ٺاهڻ وارو سي به اچي ٿا پيش پون ۽ ڪنائنس ارشاد وٺي مومن ٿين سڀن ۾ واهه واهه پئجي ٿي وڃي حضرت محمد ﷺ به انهيءَ لاءِ ته خالد بن وليد سان ناتو پڪو ٿئي کڻي سندس مٽياڻي ميمونه سان نڪاح ٿو وجهي. ميمونه ته آهي به 50 ورهين جي پوڙهي عورت. ڪي شايد چوندا ته هي مسلمانن جو نبي ڪو شهوت پرست هو جنهن تنهن سان پي نڪاح وڌائين پر انهن کي هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته شهوت جو شڪار ٿي حضرت محمد ﷺ ائين نه ٿي ڪيو سندس نيت سدائين خاصي هوندي هئي ۽ ان نيت نيار جا ڀلا ڀاڙا پي مليس ۽ سوڀارو پي ٿيو تنهن ۾ ته رتيءَ ماتر کي شڪ نه آهي.


    قريشي ڪوڙا

    قريشين کي وري ڇٽو لڳو بني خزاع وارا مسلمانن جا طرفدار هوا قريشي وري بني بڪر وارن جا مددگار هوا .بني خزاع وارن ۽ بني بڪر وارن جي وچ ۾ اچي ڪا اڻ بڻت پيئي ٻنهي ڌرين پنهنجن حمايتن کان مدد گهري مسلمانن ته پير نه کوريو.چيائون ته “حديبه جي عهد نامي جا شرط اهڙا آهن لاچار آهيون هونءَ سر اتائون قربان آهي.” پر قريشي ڪوڙا عهدنامي جي شرطن جو ڪو ويچار نه ڪري وڃي بني بڪر وارن جا ٻانهن ٻيلي ٿيا. مطلب هون ته مسلمانن جي حمايتن جو زور ڀڄي نه رڳو ايترو پر ٻي هڪڙي ڪهني قاعدي جي انحرافي ڪيائون بني خزاع وارن وڃي ڪا ڪعبي اندر پناهه ورتي هئي اتي به کين نه ڇڏيائون. هنن پريان ئي پڪار ڪئي ته ڙي نامرادو ڪي خدا جي قهر کان ڊڄو.حرم جي بي ادبي نه ڪريو پر هنن کين ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري منجهائن ويهن ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
    حضرت ابراهيم جي ڏينهن کان وٺي اهو قانون جاري هو ته ڪعبي اندر بلڪ ڪو خوني خون ڪري اچي پناهه وٺندو هو ته ان کي ڪجهه نه چيو ويندو هو. ڪمبختن قريشين تنهن ڏي به نه ڏٺو.


    مڪي تي چڙاهي

    عمر بن خزاعي تنهن تي حضرت محمد ﷺ وٽ اچي رت رنو. حضرت محمد ﷺ کي ڏاڍو ڪهڪاءُ آيو ۽ مسلمانن کي حڪم ڪيائين ته”ڪريو تياري قريشين تي ڪاهي هلو.” امالڪ 10،000 لشڪر اچي ڪٺو ٿيو ۽ ائين ئي مڪي ڏي روانو ٿيو ۽ ڪاهيندو مڪي جي چڪ ۾ اچي وارد ٿيو.
    هيڏانهن قريشين به سانباها ته ڪيا پر اها اڳين جھريت منجهن ڪٿي هئي ڀلا هيل تائين مسلمانن جو ناماچار ساري عربستان ۾ ڦهلجي ويو هو.
    ابو سفيان سندن سردار ڪنهن ڏينهن شام جو مڪي جي ٻاهران چو طرف نظر پي ٿي ڦيرائي ته پريان ڇا ٿوڏسي جو مار ماڻهن جا حشام لڳا پيا آهن ڪاٿو ئي ڪونهي.
    حضرت محمد ﷺ جو چاچو حضرت عباس ڳالهائيندو هو ته ڄڻ بندوق ڇٽي آهي سندس ڀڻ ڀڻ ٿي پريان صفا پيئي ٻڌبي هئي هن وقت ڪنهن کي ڪو ويٺي چيائين ته” قريشي مٺ محبت ۾ سمجهيا ته واه واه نه ته ڄڻ ٻچي رلائينداسون اهڙي ساڻن ڪارڪنداسون جو سندن نڙي نشان نه رهندو.”
    ابو سفيان جي ڪنن تي جو اهو پڙلاءُ پيو سو مڙس ڏڪندو ڏڪندو حضرت عباس وٽ آيو ۽ اچي عرض ڪيائينس ته” اوهان اسان جا بزرگ آهيو جيئن صلاح ڏيو تيئن ڪريون.”
    اتي حضرت عمر ڪو ابوسفيان کي ڏسي ورتو مڙس کي باهه وٺي ويئي رڙ ڪري پڇيائين ته ”هن ڪافر کي اسانجي ڇانوڻيءَ ۾ آندو ڪنهن آهي؟” ۽ هڻي ترار ڪيائينس ٿي پورو. پر حضرت عباس سمجهايس تڏهن به مڙس نه ٺريو. حضرت تنهن تي ڀڳو حضرت محمد ﷺ وٽ تنهن حڪم ڪيو ته” متان ڪنهن ابو سفيان جي وار کي به هٿ لاتو آهي.” پوءِ ته خود ابوسفيان اچي حضرت محمد ﷺ جي حضور ۾ بيٺو. حضرت محمد ﷺ سندس گهڻي آجيان ڪئي ۽ قرب وچون ڀاڪر پائي گڏيس ابو سفيان جو پتو پاڻي ٿي ويو ۽ دين اسلام اختيار ڪري مسلمان بڻجي ويو.
    مسلمانن کي جڏهن هيءَ خوشخبري رسي تڏهين خوشيون منائڻ لڳا ڀلا اهو ساڳيو ابو سفيان اڳي يا ته حضرت محمدﷺ جي خون جو پياسي هوندو هو ۽ هاڻ يا ته مرڳوئي اچي سندس سلامي ٿيو.
    صبوح ٿيو ته الله اڪبر چئي سڀ مسلمان اٿي کڙا ٿيا ۽ بي ڌڙڪ مڪي ڏي ڪاهيندا ويا حضرت محمد ﷺ قصوا اٺ تي سوار هو مٿي تي ڪاروپٽڪو ٻڌل هوس ۽ نهايت بلند آواز ۽ شيرين زبان ۾ سوره انا فتحنا جون آيتون پي پڙهيائون.
    مڪي کي جڏهن بلڪل ويجهو اچي پيا تڏهن ابو سفيان عرض ڪيو ته “حضرتا ! حڪم ٿئي ته هيءُ بندو قريشين کي وڃي سمجهائي من مڙن به” حضرت محمد ﷺ چيس “بيشڪ ائين ٿئي ته ٻيو اسان کي ڇا گهرجي.”
    ابو سفيان ڊوڙندو ڳوٺاين وٽ آيو ۽ ڏاڍو سمجهايائين ته “ادا ڏسو ته سهين ،هيترا کٿا مٿا هنيا اٿو، ڪڏهين سوڀارا به ٿيا آهيو ؟ هاڻ به کٽندا ته هرگز ڪين. هنن پنهنجن پلون ۾ سچ پاتو آهي. اوهان کي ڪڇن ۾ ڪوڙ آهي. منهنجي ته صلاح اٿو ته هوڏ ڇڏي هلي پيش پئو، مون به ڪجهه ته حضرت محمدﷺ ۾ ڏٺو آهي تڏهين ته وڃي سندس سام پڪڙي اٿم ۽ مسلمان ٿيو آهيان.” هنده جو ٻڌڻ ته گهوٽم ٿيو آهي مسلمان سا وڦلندي وڦلندي وٽس آئي ۽ وجهندي ئي هٿ ڏاڙهيءَ ۾ ويچاري کي نهئڙو بنائي ڇڏيائين. ڌڪن بجن سان ٽپر ڪٽي رکيائينس.ڳوٺائن کي چيائين ته “متان ڙي هن مئي متين ماريي جي مت تي هليا آهيو.لتون هڻي اڦٽ ماري ڇڏيوس.”
    تيتري ۾ حضرت محمد ﷺ جي اشاري تي مسلمان سارا ئي ڌوڪ ڌوڪ ڪندا اندر مڪي ۾ گهڙي پيا. قريشين ۾ هينئر وت ڪهڙو هو جو لڙن.عڪرمه بن ابوجهل جو ڪٿي ڇٻ ماريو ويٺو هو تنهن سو خالد بن وليد جي پلٽڻ وارن مان ٻن کي ماري وڌو پر خالد ڀڀڪي ڏنيس ته “ماريو ويندين رڳو حضرت محمد ﷺ جي حڪم جي دير آهي.” ته پسار ٿي ويو.قريشين جا گپا گيهه ۾ 28 ماڻهو سي مئا.ٻيا ويچارا وات ڦاڙي بيٺا رهيا ڇا ڪن؟
    حضرت محمد ﷺ اٺ تي سوار هو ۽ وٺي ڪعبه کي ڦيراءُ ڏنائين پوءِ اندر ڪعبي ۾ گهڙي سڄا سارا 360 بت ڀڃي ڊاهي رکيائين. هٿ ۾ هيس لڪڙي ۽ بت جي اڳيان “قل جا الحق و زهن الباطل” چوندو لڪڙيءَ سان هڪ هڪ کي ڪيرائيندو ويو. وڏي ۾ وڏو بت هو هبل اهو رکيل به چوٽ تي هو.حضرت محمد ﷺ جي لڪڙي اوستائين نه پني تنهن تي حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه کي ڪلهي تي چاڙهي ويهاريائين، جنهن هٿ ڊگهو ڪري هبل کي به ڪيرائي هيٺ آندو ٻيون به ڪعبي جي ديوارن تي جيڪي صورتون ۽ مورتيون چٽيل هيون. سي ساريون پاڻيءَ سان ڌوئاري ڊاهي ڇڏيائين.
    پوءِ آيو ٻاهر قريشين ۾ اچي ڦرڦوٽ پيئي چي “ابا هاڻ ٿو موت رساڻيئون هيترا ڏينهن مذاقون پي ڦٻي ويون اٿون.اڄ هن جو وارو آهي.اڳيون پويون ٿو منجهان ڪسرون ڪڍيئون”انهيءَ ڊپ کان ڪيترا مڪو ڇڏي ڀڄي ويا پر حضرت محمد ﷺ امالڪ منادي ڦيرائي ته” خبردار ڪنهن به مسلمان ترار ڦيرائي آهي.مڪي وارا به شهر ڇڏي ڀڄي نه وڃن. آءٌ ڪو سندن دشمن ٿي ڪنانن بدلو وٺڻ نه آيو آهيان. اڄوڪو ڏينهن سڳورو آهي خدا پنهنجو فضل فرمايو آهي آءٌ ته وٽن آيو آهيان ته ساڻن کير کنڊ ٿي رهان.”
    ٻين سڀني کي معافي ڏني ويئي فقط عڪرم بن ابوجهل کي موت جي سزا ٿي ملي ڀلا رهزن پڇاڙيءَ ۾ به مسلمانن جا ٻه خون ڪري وڌا پر عڪرم کي جو پيو سماءُ سو مڪي مان پسار ٿي ويو.گهر واريس تنهن تي لنگهي حضرت محمد ﷺ وٽ آئي. ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پائي منٿ زاري ڪيائين ته”قبلا جيئن وڻيو تيئن منهنجي گهوٽ جو گناهه بخش ڪريو.کانئس پوءِ اسان جو گهر رلي ويندو.” حضرت محمد ﷺ سندس هيڻو حال ڏسي ماريلن مسلمانن جي وارثن کي خون جي معافيءَ تي راضي ڪيو ۽ عڪرمه جي زال کي خبر ڏنائين پوءِ هوءَ ويچاري نڪتي گهوٽ جي ڳولا ۾ آخر هٿ ڪري آيس.مڪي ۾ حضرت محمد ﷺ وٽ.حضرت محمد ﷺ ان وقت تنبوءَ ۾ ويٺو هو ۽ بت تي پورا ڪپڙا نه ڍڪيل هئس.هنن اندر گهڙڻ جي اجازت گهري ته پاڻ ڪلهن تي چادر وجهي خوشيءَ وچون امالڪ چيائين”هليا اچو”ساڻن عڪرمه جي ماءُ به هئي.اها هئي اڳيان منهن تي برقعو پيو هوس.وچ ۾ هئي نهڻس ۽ عڪرمه اصل پٺيان هو.حضرت محمد ﷺ ٽپ ڏيئي وڃي عڪرمه کي ڀاڪر پائي مليو.چادر کسڪي ويس.ان جي به سڌ ڪانه پيس.حضرت محمد جي هيتري حب ڏسي عڪرمه جي دل ڀني ۽ اسلام اختيار ڪري سندس ٻڌو ٻانهون بڻجي پيو.
    حضرت محمد ﷺ جي صاحبزادي زينب جڏهن مڪي مان ڀڄي مديني ٿي آئي تڏهن هبار نالي هاتڪ وٺي اتس پٿرن جو وسڪارو ڪيو هو.بيبي ڳورهياڙي هئي ۽ ضربون اهڙيون رسيس جو پوءِ گهڻو وقت ڪونه جاليائين ستت وفات ڪيائين.اهو هبار هاڻ حضرت جي خدمت ۾ آندو ويو سڀن ڀانيو پئي ته هن کي ته حضرت ڪنهن به صورت ڪين ڇڏيندو پر حضرت درياه دل وار جو نه نالو ورتس معافي ڏيئي پنهنجو ڪري ڇڏيائينس.
    ٻيو هو وڏيرو وحشي ان حصرت حمزه جو گلو ڪاٽيو هو خود حضرت محمد ﷺ خواهان هوندو هو ته ڪٿي ور ۾ اچي وڃي ته خوب منجهانئس هٿ ٺارجن.تنهن کي هينئر سندس خدمت ۾ وٺي پي آيا. هن پريان ئي واڪو ڪري چيو ته”حضرتا آءُ مسلمان ٿي آيو آهيان” بس حضرت جو ائين ٻڌڻ ۽ کڻي ماٺ ڪيائين ۽ ڪڇيائينس به ڪين.
    پوءِ وارو آيو مسمات هنده جو هن ڏائڻ وارو ڪم ڪيو هو مڪي وارن کي سورهن آنا پڪ هئي ته هن جا ته برا حال ڪيا ويندا.هن وقت جڏهين حضرت جي حضور ۾ پيش پي ڪيائونس تڏهين ڪنڌ هيٺ شرم ۾ پي ٻڏي برقعو ڪري ڍڪيائين ۽ ٻين عورتن جي پٺيان ٿي بيٺي پر حضرت محمد ﷺ سڃاڻي ورتس ۽ اڳيان سڏي چيائين” هنده توکي به معافي آهي چڱو جو پڇتاءُ ڪيو اٿيئي ۽ مسلمان ٿي آهين ان ۾ تنهنجي ڀلائي آهي.”
    حضرت محمد ﷺ ڪوه صفا تي ٿي ويٺو هو ۽ چئني پاسن کان قريشين جي وٽس پيهه پئي ٿي پيئي نظارو نهايت ڏسڻ جهڙو هو تن آخر سندس ئي رسول جي آڻ مڃي .کڻي اسلام اختيار ڪيو اها ڪا ٿوري ڳالهه نه هئي .”ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي سا به نه ڀلي.”


    وري هڪڙو نئون دشمن

    اتي وچان ئي هڪڙو نئون دشمن اچي جاڳيو. بني هوازن ۽ بني ثقيف وارا فسادي لوڪ مڪي تي چڙهي ڪري آيا پر مسلمان وڌي وڃي مڪي کان پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي سامهون ٿين.قريشين هن لڙائي ۾ واه جي بهادري ڏيکاري يا ته حضرت محمد ﷺ جو نالو ٻڌندا هوا ته جلڪو لڳي ويندو هون يا ته اڄ ڏسو ته سر ترين تي جهلي سندس جهنڊي هيٺ پي لڙيا دشمن جي هار ٿي بني هوازن وارن کي ته مسلمانن ٻارين ٻچين کڻي قيد ڪيو ۽ سندن قلعو پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيائون باقي بني ثقيف وارا جند ڇڏائي طايف ۾ ڀڄي ويا.
    طايف هڪ آباد شهر ٽڪر تي آهي ۽ مڪي کان 30 ڪوهن جي مفاصلي تي آهي بني ثقيف وارن ڀانيو ته هتي سوگها آهيون طايف وارن اڳي به حضرت محمد ﷺ جي بي ادبي ڪئي هئي.وري هن ڀيري به ڇيڙ ڇاڙ پاڻ ڪيائون.مسلمان ڪٽڪ وٺي اتن ڪاهي ويا. طايف وارن گهڻيئي ٺٽ پٽن سان هنيا ۽ حرفتون هلايون ته مسلمانن کي هڪالي ڪڍون پر هو چوگرد ويڙهي وين.آخر منهن ڀت سان ڀڳن ۽ اچي حضرت محمد ﷺ جي پيش پيا.
    چيائونس ته “قلعو اوهان کي آيو پر ٿورو احسان اوهانجو اسان جي بتن جو ٻه سال نالو نه وٺجو “جواب ملين نه” تڏهين وري منت ڪيائونس “ڀلا هڪڙو مهينو ئي ته مهلت ڏيو”وري به صفا جواب ملين “نه” حضرت محمد ﷺ چين “اسلام اختيار ڪريو نه ڪريو مرضيءَ جا مالڪ آهيو.باقي آءُ اوهانجي بتن کي هينئر ڀڃان نه اهڙي ڳالهه متان ڪئي اٿو”پوءِ ته هڻي سارن سندن بتن کي ڊاهي رکيائون. هڪڙو بت هو وڏي ۾ وڏو لات ڪري ڪوٺيندا هئس طايف وارن ۾ ڏاڍو ان جو ڏکو هوندو هو جڏهين حضرت محمد ﷺ اهو ڀڃي ڇيتيون ڪيو تڏهن مڙني زالن مڙسن پٽڪو لائي ڏنو اسلام اختيار ڪيائون نه ڪيائون.حضرت محمد ﷺ به ڇڏي ڏنن.
    بني هوازن وارا جي گهرن ٻارن سميت جهلجي پيا هوا تن جا ڪي وڏيرا حضرت محمد ﷺ وٽ آيا ۽ نهايت نئڙت سان نيزاري ڪيائونس ته حضرتا اسان کي معافي ملي اسان کان ئي هاڻ بلڪل پشيمان آهيون.”
    حضرت محمد ﷺ کي اتن رحم به آيو پر ڳالهه سندس وس نه هئي سندن ٻار ٻچا مال متاع اڳيئي مسلمانن وراهي پتيون ڪري کڻي ڇڏيا هوا آخر صلاح ڏنائين ته”هيئن ڪريو جو اسان جنهن مهل مسجد ۾ نماز پڙهڻ وڃون.تنهن مهل اوهان اتي اچي حاضر ٿيو.اسان نماز پڙهي ويهون ته پوءِ مونکي چئجو مسلمانن کي سمجهاءِ اسان کي پنهنجا ٻار موٽائي ڏين ۽ خود مسلمانن کي چئجو ته پنهنجي نبيءَ کي منٿ ڪريو ته اسان تي رحم جي نظر ڌري.”
    ٻئي ڏينهن مسلمان اچي مسجد نبوي ۾ ڪٺا ٿيا ۽ ٽه پهريءَ جي نماز پڙهي رهيا ته بني هوازن وارا به اچي حاضر ٿيا ۽ جيئن صلاح ملي هين تيئن بيهي عرض گذاريائون حضرت محمد ﷺ امالڪ اٿي چيو ته” اسان جي آڪهه کي ته جيڪي ٻانها پتيءَ ۾ پڙ پيا آهن تن تان اسان ته هٿ کنيو آزاد آهن” ٻين مسلمانن تي انجو اثر اهو ٿيو جو انهن به بني هوازن وارن سڀن کي صفا ڇڏي ڏنو اهو به خيال ڪونه ڪيائون ته هي مسلمان نه آهن سڄا سارا 6000 آدمي ٻانهپ جي ٻيلپي کان ڇٽي پيا.
    بس پوءِ ته بني هوازن وارن توڙي بني ثقيف وارن وحده لاشريڪ له جي وڏائيءَ جو قائل ٿي.کڻي اسلام اختيار ڪيو.
    حضرت محمد ﷺ کان اڳ ڳڻتي ڪري مديني وارن زبان وٺي ڇڏي هئي ته”خدا اوهان کي سوڀارو ڪري ۽ اوهان جا دعي مدعي رد ٿين.ته به ويچاري مديني کي وساري نه ڇڏجو وري رهجو اچي اسان وٽ” سو حضرت محمد ﷺ مڪي ۾ ڪي ٿورڙا ڏينهن رهي ساڻيهه سندي سڪ پوري ڪري موٽي مديني هليو ويو.


    سال وفود

    مڪي وارن مڙني اسلام اختيار ڪيو ته ٻين عربن به ويرم ڪانه ڪئي.سڀ بت پرستي ڇڏي وحده لاشريڪ له جا قائل ٿي پيا ۽ پاڻ کان پاڻيهي حضرت محمد ﷺ جي ڏوريءَ ۾ ٻڌجي پيا پوءِ جيڪي مديني کي ويجها هوا تن ته حضرت محمد ﷺ وٽ اچي خود کانئس ارشاد پي ورتو ۽ جيڪي ڏوراهن ڏيهن ۾ هوا تن وري اتان ڏانهنس پنهنجا ايلچي پئي موڪليا ته وٽانئس ارشاد وٺي اچي اسلام جو جهنڊو هتي به کڙو ڪن.هجري سال 10 يا9 ۾ ايترا ته ايلچي آيا جو اسلام جي تواريخ ۾ هن سال کي سال وفود ڪري ڪوٺيو اٿن.
    حضرت محمد ﷺ وٽ جيڪي به ايلچي آيا پي تن جي هن خاطر خواه سندن درجه ۽ مرتبه آهر عزت پئي ڪئي ايلچي موٽي وطن ويندا هوا ته ساڻ هڪڙو نقيب به ڏيندو هون جو سندن ڳوٺ ۾ وڃي سندن ڳوٺاين کي وعظ ڪندو هو.


    تبوڪ جي لڙائي

    شام جو ملڪ عربستان جي سرحد تي آهي ان ۾ تبوڪ نالي هڪ شهر آهي اهو شهر شاهه قسطنطنيه واري جي هٿ ۾ هو هن سال عربن جا ڏڪر پاسا ڀڃي وڌا شاهه کي دل ۾ آيو ته” عربن کي جيتجي ته هينئر وجهه هي آهي ڏتڙجي ويا آهن لڙندا ڪين اچي پيش پوندا”سو ڪيائين ڪاهه جون تکيون تياريون. هيڏانهن حضرت محمدﷺ کي جا خبر پيئي سو چيائين ته “هي ڪرڙو دشمن عربستان ۾ اندر لنگهي آيو ته عربستان ويو.بهتر آهي ته اصل پريانئي هٽائي ڪڍجيس”عرب ويچارا جيتوڙي سنبريل نه هوا ته به 30 هزار امالڪ نڪري نروار ٿيا.تبوڪ وٽ پهتا ته رومي سندن هيڏو ڪٽڪ ڏسي جنگ جو ارادو ڦٽو ڪري پسار ٿي ويا مسلمان 20 ڏينهن اتي ترسي موٽي ڳوٺ آيا هليا.


    طي وارن تي توهه

    طي وارن اڃان اسلام اختيار نه ڪيو هو.پاڻ منجهائن ڪن هروڀرو مسلمانن جي پئي ڇيڙ ڪئي. حضرت محمد ﷺ تنهن تي حضرت عليءَ کي ڏانهن سنباهي موڪليو ته وڃي سيکت ڪرين عدي بن حاتم ملڪ جو حاڪم هو اهو ته حضرت علي رضه جو لشڪر ڏسي پڇ پائي اٿي ڀڳو پٺيان حضرت علي رضه ٻين طي وارن مڙن کي باند ڪري وٺي مديني ۾ آيو انهن قيدين ۾ حاتم جي صاحبزادي به هئي حضرت محمد ﷺ کي جڏهن اها معلوميت ٿي تڏهين چيائون ته”هن کي هڪدم آزاد ڪريو” ٻين جي نسبت ۾ ته حڪم ٿيو ته جهڙي ڪئي اٿن تهڙي پائين.
    پر صالح ماڻهن جو اولاد به صالح صاحبزادي هٿ ٻڌي حضرت جي حضور ۾ عرض گذاريو ته “قبلا جيڪڏهن منهنجن ٻين ڪڙم قبيلي وارن کي ٻانهن طور ڪري ٿا رکو ته مونکي وري ڇا لاءِ ٿا ڇڏيو؟ آءٌ به انهن سنئين يا جيڪڏهن کين موت جي سزا ٿا ڏيو ته آءٌ وري ڪا مٿان لٿي ڀونءَ جهلي آهيان ڇا؟ اول اول منهنجو گلو ڪاٽيو جتي ٻيا اتي آءٌ”
    حضرت محمد ﷺ امالڪ سڀن سندس ڪڙم قبيلي وارن کي کڻي آزاد ڪيو ۽ هن به ازخود اسلام اختيار ڪيو.


    ڪل عرب مسلمان

    ٿورا ڏينهن وچ پيا ته ٿيون حج جون تياريون حضرت محمد ﷺ پاڻ ڪن سببن ڪري مديني ۾ ئي رهجي پيو. حاجين سان گڏ حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت علي رضه کي پڻ چئي ڇڏيائين ته “رسم حج جي بجا آڻي وهو ته پوءِ مڪي ۾ اشتهار ڦيرائج ته ايندڙ سال کان وٺي مڪي ۾ ڪنهن به بت پرست کي اچڻ جي اجازت ناهي.پڻ آئنده ڪوبه ننگو ٿي ڪعبه جي چوڌاري ڦيرا نه ڏئي.غير مسلمانن جي چئن مهينن جي مهلت آهي تنهن عرصي اندر مڪو ڇڏي هليا وڃن پوءِ سندن ڪوبه عذر بهانو نه ٻڌو ويندو”حضرت علي رضه قربانيءَ جي ڏينهن حڪم جي تعميل ڪئي ۽ اهو اشتهار ڦيرايو نتيجو اهو ٿيو جو ايندڙ سال تائين عرب ڪل مسلمان ٿي پيا.هجري سن 10 شروع ٿيو ته حضرت محمد ﷺ هيءُ ڪم هٿ ۾ کنيو عربن جي هر هڪ قبيلي کي اسلامي تعليم ڏيڻ لاءِ هڪڙو نقيب مقرر ڪيائون جن اوسي پاسي جي بادشاهن اڃا اسلام اختيار نه ڪيو هو تن ڏي ايلچي موڪليائين.
    حضرت محمد ﷺ جا سائينءَ سڳوري لايا سجايا ڪيا سندس ڳوٺاين ته اياڻپ جي اونده جي اياڻپ مان نڪري سياڻپ جي سوجهري جو فائدو پي ورتو پرڌارين به اتس ايمان آڻي پنهنجو دين ۽ دنيا ٻئي پي سڌاريو.


    ڄاڻ سدا ڄاڻ

    قرآن شريف جي سوره اذا جاءَ هن وقت نازل ٿي تنهن مان حضرت محمد ﷺ ۽ سندن ساٿين کي ڄاڻ ٿي ته حضرت جو ڪم هتي پورو ٿيوکيس آخرت جو اطلاع اچي ويو.


    پويون حج

    حج جا ڏينهن آيا ته حضرت محمد ﷺ چيو ته هيءُ اسان جو پويون حج آهي هلو ته ڪعبه شريف کي هلي ڦيرا ڏيئي اچون.جنهن شخص کي اڳي ڪنهن مڪي واري پناهه نه ٿي ڏني ۽ جنهي ٽڪريءَ تي ٿي بيٺو سا تپائي ٿي ڏني جنهن شخص کي سندس ڳوٺاين ڳهيلو ۽ جنون پي سمجهيو ۽ سندس نسبت ۾ الاجي ڇا ڇا پي چيو تنهن شخص کي اڄ ڏسو ته عرفات جي ميدان ۾ 124000 مسلمان سلام ڀري رهيا آهن، ڇا شاهه ڇا گدا ڇا امير ڇا فقير مڙيئي ننڍ وڏائي جو تفاوت وساري ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي سندس جهنڊي هيٺ بيٺا آهن ۽ خداجي عبادت ۾ مشغول آهن الله اڪبر صدق ڪهڙي نه شيءِ آهي.
    حضرت محمد ﷺ عرفات جبل تي چڙهي ويو ۽ پنهنجن پوئلڳن کي اتان بيهي هيئن وعظ ڪيائين ته”اي مسلمانو مومنو شايد ٻئي سال آءُ اوهان سان نه به هجان هن وقت جو ڪجهه آءُ اوهان کي چوان ٿو سو ڪن لائي ٻڌو ۽ ان تي آئينده بخوبي عمل ڪندا رهو هيءُ مهينو ۽ خصوصا هيءُ ڏينهن اوهان سڀن جي لاءِ پاڪ آهي اوهان کي جُڳائي ته هر سال اڄوڪي ڏينهن هتي هن ڪعبه ۾ اچي خدا جي عبادت ڪندا رهو.مومنو ياد رکو ته قيامت جي ڏينهن اوهان مڙن کي خدا جي اڳيان پنهنجو چڱن مٺن ڪمن جو جواب ڪرڻو پوندو.ڏسو متان پنهنجن عورتن سان ابتا پير هليا آهيو پنهنجن ٻانهن کي به پاڻ جهڙوئي سکيو رکجو
    کين بلڪل نه رنجائجو پاڻ ۾ ڪل مسلمان ڀائرنوانگر ٿي رهجو پرائو مال سو پنهنجو نه ڪري سمجهجو.” ان کانپوءِ حج جي نماز پڙهي ويئي ۽ حضرت محمد ﷺ موٽي مديني ويو اتان وري ٻيهر ٻاهر نه نڪتو.


    ٻه ڪذاب

    انهن ڏينهن ۾ ٻن شخصن مسيلمه ۽ اسود عنسي دعويٰ رکي ته اسان نبي آهيون ۽ صفا يمن هٿ ڪري اتي دڳو ڄمائي ويهي رهيا پر مسلمانن حضرت محمد ﷺ جي حياتيءَ ۾ ئي اسود عنسي کي ته ماري مات ڪري ڇڏيو باقي ڇڏي ڏنائون جو حضرت محمد ﷺ جي ناچڱائيءَ ئي منجهائي وڌن پر پوءِ ان کي به پورو ڪري ڇڏيائون


    پڇاڙي

    حضرت محمد ﷺ مٿان 63 ورهين جو اچي ٿيو ۽ ساري ڄمار جو جاکوڙ ڪئي هئائين سو بدن گهڻو ضعيف ٿي ويس پر نماز پڇاڙيءَ تائين پنجئي وقت مسجد ۾ پڙهڻ ويندو هو.
    هن زماني ۾ بي بي عائشه سندس ڏاڍي خدمت ڪئي وفات ڪرڻ کان ٽي ڏينهن اڳ بلڪل ڏيئي وٺي رهيو هو ته به حضرت علي رضه ۽ ڀاڻس فضل جي ڪلهن تي هٿ رکي مسجد ۾ نماز وقت آيو ۽ پنهنجي پٺيان ابوبڪر رضه کي بيهاري ۽ پاڻ اڳيان ويهي نماز پڙهيائين.
    نماز پوري ٿي ته حاضرين کي چوگرد ويهاري چيائينته “مون ڪنان ڪنهن کي رنج رسيو هجي ته آءٌ حاضر آهيان نڪري نروار ٿئي ته معافي مڱانس ڪنهن جو پئسو ڏوڪڙ مون وٽ رهيو هجي ته آءٌ حاضر آهيان طلب ڪري ته ڀري ڏيانس.”
    ڪنائنس رنج ته ڪنهن کي نه رسيو هو باقي هڪڙي شخص اتي چيس “حضرتا منهنجا 3 درهم اوهان وٽ آهن” امالڪ ئي درهم هن کي ڏنا ويا.
    پوءِ کين نصيحت ڪري ترت مڪان تي آيو ۽ وري ٻيهر پير ڪونه پاتائين بيماري زور پوندي ويئي آخر ڪار ٻن پهرن جو سومر ئي ڏينهن”الحقني بالرفيق الاعليٰ” “الحقني بالرفيق الاعليٰ” چوندو عالم فاني ڇڏي عالم جاوداني ڏي سڌاري هليو.


    ڪتابن جا نالا جن مان مدد ورتي ويئي

     سوانح عمري حضرت محمد ﷺ اردو مصنف بابو پرڪاش ديو
     صحيح بخاري اردو
     مسدس اٻوجهو

     Sayings of Muhammad by the Dr suharwardt L.L.D
     Spirit of Islam by Ameer Ali
     Four Great Religions by Mrs annie Bessant
     “life of Muhammad by Washington Irving
     “Heroes and Hero worship by Carlyle


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259697
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386684
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ