ڪتاب جو نالو: حضرت محمّد ﷺ جا قول
مصنف: سنڌيڪار: آفتاب حسين
ڇپائيندڙ: موسيٰ پبليڪيشن ڄامشورو
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 13 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 3153 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 571 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • قولن جا موضوع

  • الله تعاليٰ جا نيڪ ٻانها
  • اهي نيڪ ٻانها ڪهڙا آهن
  • نيڪ ٻانهن جون فضيلتون
  • الله تعاليٰ ڪهڙن ٻانهن کي پسند نه ٿو ڪري
  • نيڪي جي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جي اهميت
  • فضيلت وارا ڪم
  • پرهيز ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون
  • شيطان جا هٿيار
  • قرض
  • ماءُ پيءُ جي خدمت
  • جواني
  • الله جي ذڪر جا فائدا
  • آبرو وارا گهر
  • برائي وارا گهر
  • دين ۽ حڪمت جا سرچشما
  • دعا جي مقبوليت جا وقت
  • اهي اسان منجهان نه آهن
  • حقيقتون ۽ معرفت
  • قيامت جي ڏينهن سڀ کان اڳ ڪهڙين ڳالهين بابت پڇاڻو ڪيو ويندو؟
  • عقل ۽ دانشمندي جي فضيلت
  • الله تعاليٰ جي رحمتن جي بشارت
  • بخشش جا وسيلا
  • عالمن جي فضيلت
  • حڪمت ۽ معرفت جي فضيلت
  • دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابيءَ جي لاءِ 25 سونهرا اصول
  • حضرت معاذ بن جبل (رضه) کي نصيحت
  • ڪامياب زندگي جا اصول
  • عملن جو دارومدار نيتن تي آهي
  • ايمان ۽ اسلام بابت حضور اڪرمﷺ جن جو ارشاد
  • الله جو محبوب ٻانهو ٿيڻ لاءِ
  • تقويٰ جي نصيحت
  • حضور اڪرمﷺ جن جو علم جي فضيلت بابت ارشاد
  • علم لاءِ تبليغ
  • عمل نه ڪندڙ عالم
  • بهترين عبادت قرآن شريف جي تلاوت آهي
  • آخرت جي فڪر بابت حضور اڪرم(ﷺ) ارشاد فرمائين ٿا
  • عبادتن جي باري ۾ حضور اڪرم(ﷺ) جو فرمان
  • نماز جماعت سان گڏ ادا ڪرڻ جون فضيلتون
  • نماز ادا نه ڪرڻ جا نقصان
  • روزو
  • زڪوات
  • الله تعاليٰ جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ
  • بهترين اخلاق
  • درگذر ڪندڙ ۽ برداشت
  • احترام ۽ سنجيدگي
  • حيا (لڄ) ۽ ايمان
  • زبان جي حفاظت ڪرڻ
  • شڪر ڪرڻ
  • سادگيءَ واري زندگي
  • ڀلائي
  • عاجزي ۽ انڪساري
  • اسلام
  • الله تعاليٰ ۽ ان جي رسولﷺ سان محبت
  • 09 ڳالهيون
  • حضور اڪرمﷺ جن جي معاذ بن جبل(رضه) کي 10ڳالهين جي نصيحت
  • ست ڳالهيون
  • چاليهه حديثون ياد ڪرڻ وارو جنت ۾ داخل ڪيو ويندو
  • مومن
  • تڪبر
  • وڏائي
  • بخيل ۽ ڪنجوس
  • ڪاوڙ جو واسطو
  • ڪوڙ ۽ منافقت
  • وڏي بي ايماني
  • فحاشي ۽ بدزباني
  • ٻه صورتون رکندڙ
  • گلا
  • ساڙ
  • چغلي
  • ستن شين کان بچڻ
  • ظالم جي تعريف ڪرڻ
  • عبادتن جا حق
  • زال جا حق
  • اولاد جا حق
  • گڏ سفر ڪرڻ واري جا حق
  • پاڙيسرين جا حق
  • جانورن جا حق
  • مخلوق جي مقابلي ۾ خلقيندڙ کي اوليت ڏيڻ
  • گهريلو زندگي
  • والدين جي فرمانبرداري
  • اولاد
  • يتيم
  • واپار
  • حلال ڪمائي جي فضيلت
  • قرض دار ۽ مهلت
  • وياج
  • رشوت
  • مزدور جي ڪمائي
  • حڪومت ۽ عوام
  • ايمان جي سڀ کان ڪمزور حالت
  • بڇڙاين کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ وارن جو نتيجو
  • شڪر
  • جذبهءِ شڪر پيداڪرڻ جي عادت
  • آزمائش ۽ صبر
  • 9 ڳالهين جو حڪم
  • مومن
  • ذڪر الاهي
  • آسمان وارا محبت ڪن ٿا
  • ايمان تازو ڪرڻ لاءِ
  • درود شريف
  • سورة ياسين
  • سورة الملڪ
  • سورة اخلاص
  • تهجد
  • نرم مزاجي ۽ سخت مزاجي
  • حڪمراني جي طلب ڪندڙ
  • وياج
  • پاڙيسرين جا حق
  • بهترين اخلاق
  • حڪومت جو نظام
  • جهاد
  • امانت ۽ ايمان
  • مڪمل ايمان
  • ست قسمن جا نيڪ انسان، جن تي الله تعاليٰ جي رحمت هوندي
  • ٽن قسمن جا بد بخت انسان

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ٻياسي (82) اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ جا قول “ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي حديثن ۽ قولن تي مشتمل آهي. اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيل جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو ان جو سنڌيڪار آفتاب حسين کوهارو آهي ۽ موسى پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي
    ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ سنڌ سلامت جي ساٿي آفتاب حسين کوهاري جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    اداري موسيٰ پبليڪيشن ڄامشورو پاران هي 13هون ڪتاب اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي، هي ڪتاب حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جي قولن تي مشتمل آهي، اردو ۾ ڇپيل ڪتاب اقوالِ محمدﷺ جي نالي سان ڇپيو جيڪو خالد سراج طرفان مرتب ڪيو ويو هو. جنهن جو هي موجوده سنڌي ترجمو محترم آفتاب حسين جن ڪرڻ فرمايو آهي. هن ڪتاب کي اسلامي ڪتابن جي واڌري طور سنڌيڪار پاران وڏي ڪاوش سان ترجمو ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ کان پوءِ ڪن عالمن کان پڻ نظرثاني ڪرائي وئي آهي، اسان ٿورائتا آهيون محترم آفتاب حسين جا جنهن ديني علم ۾ واڌارو ڪندي هي ڪتاب اداري جي حوالي ڪيو، اسان کيس سندس اهڙين ڪوششن تي کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪيون ٿا ۽ الله پاڪ جي در اها اميد رکون ٿا ته هن معزز صاحبِ ڪتاب جي ڏات ۾ اڃا به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿئي ۽ سندس ترجمن ڪرڻ ۽ تخليقي ڪمن ڪرڻ جي سگهه اڃان به سگهاري بڻجي پنهنجي منزل جو عروج ماڻي جيڪڏهن ڪٿي ڪا پروف يا ڪمپيوٽر جي غلطي رهجي وئي هجي ته اسان پڙهندڙن کي هٿ بڌي عرض ڪريو ٿا ته ان کي درگذر ڪرڻ فرمائيندا ۽ گڏوگڏ محترم آفتاب حسين کي اهو به نماڻو عرض ڪريون ٿا ته هو آئنده به اهڙي قسم جا اسلامي ڪتاب لکي يا ترجمو ڪري اداري حوالي ڪري ته ان کي ڇپائڻ لاءِ ادارو ساڻس سهڪار ڪندو رهندو ۽ پڙهندڙن جو ساٿ رهيو ته آئنده به اهڙي قسم جا ٻيا ڪيترائي ديني، علمي، ادبي ۽ سماجي ڪتابن ڇپائڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو ويندو. اوهان جو خدمتگار
    حبدار علي گاڏهي
    موسيٰ پبليڪيشن ڄامشورو
    0333-2740480


    پنهنجي پاران

    سڀ تعريفون ان پالڻهار جون جيڪو سمورن عالمن(جهانن) جو خلقيندڙ ۽ انهيءَ سموري نظامن جو سنڀاليندڙ به پاڻ (الله تعاليٰ) ئي آهي، جنهن سڄي ڪائنات جي هر چيز کي پنهنجي مرضي ۽ منشا موجب هلائڻ جو ذمو کنيو آهي ۽ ان (مخلوق) کي روزي رسائيندڙ به پاڻ ئي آهي. اسان جي آخري نبي حضرت محمدﷺ جن سميت تاريخ اسلامي موجب جيڪي انبياءَ هن جهان تي ظهور پذير ٿيا، تن پڻ حق ۽ سچ جي اصل راهه ڏسڻ جو (پنهنجي پنهنجي امت کي) درس ڏنو ، بحيثيت هڪ مسلمان جي اهو اسان جو عقيدو آهي ته الله تعاليٰ پاران هن سرزمين تي موڪليل آخري نبي حضرت محمد مصطفيﷺ جن ئي آهن، جنهن کان پوءِ ڏينهن قيامت تائين ڪو به نبي هن سرزمين تي نه موڪليو ويندو. الله تبارڪ و تعاليٰ جي بابرڪت ذات پاران حضرت محمدﷺ جن کي نبين جي سردار جو درجو پڻ عطا فرمايو ويو، پاڻ ڪريمﷺ جن جي حيات مبارڪه (قول ۽ حديثن) جي روشني مان انسانن (سندس امت) جي ڀلائي ۽ چڱاين جا ڪيترائي سونهارا (سچا) سبق ملن ٿا. هي ڪتاب به پاڻ ڪريمﷺ جن جي قولن/ حديثن مبارڪ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ انسان جي اصلاح لاءِ ڪيترائي سونهارا سبق سمايل آهن، جيڪر الله تعاليٰ جو ڪو نيڪ ٻانهو انهن سونهري اصولن موجب پنهنجي زندگي گذارڻ تي عمل ڪري ٿو ته سندس زندگي جا ڪيترائي ئي ڪم آسانيءَ سان حل ٿي سگهن ٿا ، الله تعاليٰ جي در دعا آهي ته هي پورهيو شال سندس بارگاهه الاهي ۾ قبول فرمائي ۽ پڙهندڙن کي به پنهنجي رحمت جي ٻاجهه سان مستفيض فرمائي.

    طالب العلم
    آفتاب حسين


    قولن جا موضوع

    الله تعاليٰ جا نيڪ ٻانها

     الله تعاليٰ جو نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو ٻين سان ڀلائي ڪندڙ هجي ٿو.
     الله تعاليٰ وٽ انصاف ڪندڙ حاڪم ئي سڀ کان وڌيڪ محبوب هوندو آهي.
     الله تعاليٰ محنت ڪندڙ ٻانهي کي پنهنجو دوست سڏي ٿو.
     الله تعاليٰ کي وڌيڪ پسند ايندڙ ٻانهو اهو آهي، جيڪو خلق جي خدمت ڪندڙ هجي ٿو.
     الله تعاليٰ جو محبوب ٻانهو اهو آهي، جيڪو غيرت مند هجي ٿو.
     الله تعاليٰ نرم طبع انسان کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو.
     الله تعاليٰ غريب ۽ پاڪائي رکندڙ ٻانهن کي پنهنجو دوست سڏي ٿو.
     الله تعاليٰ متقي ۽ وفادار ٻانهي کي پوءِ اهو ڀلي دولتمند ڇو نه هجي، دوست سڏي ٿو.
     الله تعاليٰ دعا گهرڻ وقت آهه زاري ۽ عاجزي ڪندڙ ٻانهي کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو.
     الله تعاليٰ غمگين (ڏکاري) ٻانهي کي پنهنجو دوست سڏي ٿو.
     الله تعاليٰ حمد ۽ ثنا ڪرڻ واري ٻانهي کي ئي اعليٰ درجو عطا فرمائي ٿو.
     الله تعاليٰ طرفان ئي ڪجهه خاص ٻانها، هن دنيا ۾ موڪليل آهن، جيڪي مظلوم انسانن جي داد رسي ڪن ٿا، ساڻن همدردي جوجذبو قائم رکن ٿا ۽ کين ضرورت جي وقت ڪم ايندا رهن ٿا، قيامت جي ڏينهن اهي نيڪ ٻانها (مدد ڪندڙ) الله تعالي جي عذاب کان آجا هوندا.
     الله تعاليٰ جا ڪجهه خاص ٻانها اهڙا آهن جيڪي بردباري، تقويٰ ۽ سچائي جي سڃاڻپ رکن ٿا.
     الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته منهنجي نيڪ ٻانهن مان جيڪو سڀني کان وڌيڪ خوش اخلاق ٻانهو آهي اهو ئي سڀ کان وڌيڪ مون کي پيارو آهي.
     نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي، جيڪو بلند اخلاق جو مالڪ آهي ۽ جيڪو پنهنجي گهروارن تي شفقت ۽ مهرباني ڪندو رهي ٿو.
     الله تعاليٰ جا ڪجهه خاص ٻانها اهڙا به آهن جيڪي ڪا ڳالهه قسم کڻي ڪن ٿا ته الله تعاليٰ سندن اها ڳالهه پوري ڪري ٿو.
     ٽي نيڪ ٻانها قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ سان هم ڪلام ٿيڻ جو شرف حاصل ڪن ٿا:
    (1) اهو نيڪ ٻانهو جنهن جي دل ۾ ڪڏهن به زنا جو خيال پيدا نه ٿيو هجي.
    (2) اهو نيڪ ٻانهو جنهن پنهنجي ڪمائي کي وياج ۾ (طور) استعمال نه ڪيو هجي.
    (3) اهو ٻانهو جيڪو چغل خوري نه ڪندو هجي.
     قيامت جي ڏينهن ماڻهو حساب ڪتاب ڏيڻ ۾ غرق هوندا، پر ٽي ٻانها اهڙا هوندا جيڪي الله تعاليٰ جي خاص رحمت ۾ پرسڪون نظر ايندا:
    (1) اهو نيڪ ٻانهو جيڪو سچ جي ڳالهه ڪندي ملامت جو فڪر نه ڪندڙ هجي.
    (2) اهو نيڪ ٻانهو جنهن حرام ڏانهن ڪڏهن هٿ نه وڌايو هجي.
    (3) اهو نيڪ ٻانهو جنهن پرائي عورت کي ڪڏهن به بڇڙائي واري نظر سان نه ڏٺو هجي.
     ٽن نيڪ ٻانهن کي الله تعاليٰ پنهنجو محبوب ٻانهو سڏي ٿو:
    (1) ان نيڪ ٻانهي کي جيڪو رات جي پوئين پهر ۾ جاڳي ٿو ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري ٿو.
    (2) ان نيڪ ٻانهي کي جيڪو پنهنجي هڪ هٿ سان خيرات ڪري ته سندس ٻئي هٿ کي خبر ئي نه پوي.
    (3) ان نيڪ ٻانهي کي جنهن جا ساٿي کيس جنگ واري حالت ۾ ڇڏي ڀڃي وڃن ۽ هو اڪيلو ئي دشمن سان منهن ڏئي رهيو هجي.
     ٽن ٻانهن کي الله تعاليٰ پنهنجي رحمت جي دامن ۾ جاءِ ڏيندو ۽ کين بغير پڇاڻي جي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو:
    (1) جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ جي نعمتن جو شڪر ادا ڪندو رهي ٿو.
    (2) جيڪو ٻانهو درگذر (معاف) ڪندڙ هجي ٿو.
    (3) جيڪو ٻانهو ڪاوڙ جي حالت ۾ صبر کان ڪم وٺي (صابرين هجي) ۽ پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو آڻي سگهي.
    (4) جنهن ٻانهي کي الله تعاليٰ پسند ڪري ٿو ان جي دل جو تالو کولي ڇڏي ٿو ۽ ان کي سچي ايمان جو نور عطا فرمائي ٿو ۽ ان جي عقل کي سلامتي بخشي ٿو ۽ سندس زبان کي شائستگي (نرمي) ڏئي ٿو، سندس اخلاق ۾ واڌارو ڪري ٿو، ڪنن کي بڇڙاين ٻڌڻ کان محفوظ رکي ٿو ۽ سندس اکين کي حق ۽ سچ جي پرک عطا فرمائي ٿو.
     الله تعاليٰ جنهن قوم جي ڀلائي چاهي ٿو انهن کي صالح حڪمران عطا فرمائي ٿو ۽ عدل ڪندڙ قاضي ڏئي ٿو ۽ سندن هر مشڪل آسان فرمائي ٿو.
     الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن نيڪ ٻانهي جي ڀلائي چاهي ٿو ته ان کي مرڻ کان اڳ (پاڪ) رکي ٿو ۽ اهو نيڪ ٻانهو مرڻ کان اڳ پنهنجا نيڪ (عمل) ساڻ کڻي وڃي ٿو.
     جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته الله تعاليٰ ۽ حضرت محمدﷺ جا فرمانبردار ٻانها بڻجو ته امانت ۾ خيانت نه ڪيو، سچ ڳالهايو ۽ پاڙي وارن سان بهتر سلوڪ اختيار ڪريو.
     الله تعاليٰ وٽ نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي جنهن جي دل ۾ الله تعاليٰ نيڪيون پيدا ڪري ٿو ۽ انهن نيڪين کي صحيح جاءِ تي استعمال ڪرڻ جو عقل عطا فرمائي ٿو.


    اهي نيڪ ٻانها ڪهڙا آهن

     اوهان مان سڀ کان وڌيڪ نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو دنيا کي ترڪ ڪري ۽ آخرت طرف ڌيان ڏئي.
     سڀ کان بهتر اسلام (ايمان) ان ٻانهي جو آهي جنهنجو اخلاق اعليٰ (سٺو) هجي ٿو ۽ اهو شريعت (اسلام) جي سمورن مسئلن کان واقف هجي ٿو.
     نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي خاندان جي حفاظت ڪري ٿو ۽ انهن جي ڪنهن به گناهه ۾ شامل نه ٿو رهي.
     اوهان مان سڀني کان وڌيڪ نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي گهروارن سان سهڻو سلوڪ اختيار ڪري ٿو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو تمام گهڻو خيال رکي ٿو ۽ اي انسانو! ياد رکو ته؛ عورتن سان بدتميزي ڪو بڇڙو انسان ئي ڪري سگهي ٿو ۽ عورتن سان چڱائي نيڪ ٻانهو ئي ڪندو آهي.
     جيڪو ٻانهو پنهنجي عورتن جي معاملن ۾ اخلاقي سڌارو آڻي ٿو اهو ئي سچو ٻانهو هوندو آهي.
     جيڪو ٻانهو پنهنجي گهروارن ۽ نياڻين جو گهڻو خيال رکي ٿو اهو ئي تمام بهترين ٻانهو آهي.
     جيڪو ٻانهو پنهنجي نفس تي ضابطو رکي ٿو اهو ئي نيڪ ٻانهو آهي.
     اوهان مان نيڪ ٻانهو اهوئي آهي جيڪو قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪري ٿو ۽ قرآن پاڪ جي تعليم ٻين کي ڏئي ٿو.
     اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي جيڪو آخرت جي تياري لاءِ تياري ڪندڙ هجي ٿو ۽ پنهنجي آخرت نيڪ عملن ذريعي سنواري ٿو ۽ ٻين انسانن تي بار نه ٿو بڻجي.
     اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي جيڪو چڱايون ڪري ٿو ۽ بڇڙايون روڪي ٿو ۽ اوهان مان بدترين (بڇڙو) ٻانهو اهو آهي جنهن مان چڱاين جي اميد نه هجي ۽ ان جي بڇڙاين سبب امن ۾ خلل پوندو هجي.
     اوهان مان نيڪ ٻانها اهي آهن جيڪي واعدي جا سچا هجن ٿا ۽ پاڻ کي معطر رکندا هجن.
     منهنجي (پاڻ ڪريمﷺ) جن جي اُمت جو نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي جيڪو الله تعاليٰ کان مدد گهري ٿو ۽ ماڻهن ۾ الله وارن جي ذات جي پرچار ڪري ٿو.
     اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو خوش اخلاق هجي ٿو، ڇو ته اهو ماڻهن سان ملي ٿو (محبت ڪري ٿو) ۽ اهي ماڻهو ان نيڪ ٻانهي سان ملن ٿا.
     اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو آهي جنهن کي ڏسي الله تعاليٰ جي ياد اچي، جنهن جي ڳالهين مان اوهان جي علم ۾ اضافو ٿئي، جنهن جي عمل سان اوهان جي منزل نيڪ عملن ڏانهن وڌڻ لڳي.
     اوهان جو بهترين دوست اهو آهي جڏهن اوهان الله تعاليٰ کي ياد ڪيو ته اهو اوهان جي مدد ڪري ۽ جڏهن الله تعاليٰ کي وساريو ته اهو اوهان کي (الله تعاليٰ جي ذڪر) جي ياد ڏياري.
     اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو سهڻي (مٺڙي آواز) ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري ٿو، شرعي مسئلن کان واقف هجي ٿو ۽ رحمدل هجي ٿو.
     اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو ئي آهي جنهن مان ٻيا انسان فائدو حاصل ڪري سگهندا هجن.
     اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو هوندو آهي جيڪو پنهنجي جائز ڪوششن کي الله تعاليٰ جي مدد جي گهر ڪري ٿو.
     نيڪ عورت اها آهي جنهن کي ڏسندي ئي سندس خاوند کانئس خوش ٿيندو هجي ۽ جڏهن کيس اهو حڪم ڪري ته اها (عورت) نماڻائي ڪري ۽ پنهنجي خاوند سان نفرت نه دل ۾ ڪندي هجي ۽ نه ئي سندس (گهٽ مالي حالتن) سبب سندس دل آزاري ڪري.


    نيڪ ٻانهن جون فضيلتون

     اوهان مان نيڪ ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي دشمنن تي ڪڏهن به ظلم ناهي ڪندو. دوستن پاران ڪيل رعايت ۾ گنهگار ناهي ٿيندو، امانت کي ضايع نه ڪندو هجي، لعنت ۽ حسد نه ڪندو هجي، سچ جو اظهار (پرک) ڪندڙ هجي، جيتوڻيڪ کيس سچائي پيش ڪرڻ لاءِ ڪجهه چيو به نه ويندو هجي. نماز ادا ڪندي خشوع و خضوع ڪندڙ هجي ۽ زڪوات جي ادائيگي ڪرڻ جو پابند هجي، مصيبتن ۾ عاجز ۽ نعمتن تي شڪر ادا ڪرڻ وارو هجي ۽ جيڪا شيءَ سندس ناهي هوندي ان جي دعويٰ نه ڪندو هجي، علم حاصل ڪرڻ ۾ ٻين کان اڳڀرو هجي ۽ علم جي واڌاري لاءِ انهن سان گفتگو ڪندو هجي، جڏهن ان مٿان ظلم ڪيو ويندو هجي ته ان وقت صبر کان ڪم وٺندو هجي، ايتري تائين جو الله تعاليٰ ساڻس حامي ٿئي ۽ سندس مدد ڪرڻ فرمائي، تيسيتائين اهو الله تعاليٰ جي رضا لاءِ خاموشي اختيار ڪندو هجي.
     هر نيڪ عمل ڪندڙ ٻانهي کي دنيا ۾ جائز شيءَ خرچ ڪرڻ وقت ثواب ملندو رهي ٿو باقي فقط مٽي ۽ تعمير جي ڪم ڪرائڻ جو ثواب کيس نه ٿو ملي.
     نيڪ ٻانهو پنهنجي تلوار ۽ زبان سان جهاد ڪندو آهي.
     نيڪ ٻانهو جڏهن پنهنجي اسلامي/ مسلمان ڀاءُ سان عيادت ڪرڻ ويندو آهي ۽ جيستائين ان جي عيادت پوري ڪري واپس نه ٿو موٽي، اهو سمورو وقت هو جنت ۾ رهي ٿو.
     هڪ مسلمان ٻانهي جا ٻئي مسلمان ڀاءُ تي ڇهه حق لاڳو ٿين ٿا:
    (1) جڏهن ڪنهن ٻانهي سان ملي ته سلام ڪندو هجي.
    (2) جڏهن ڪو ٻانهو کيس دعوت ڏئي ته ان کي رد نه ڪندو هجي (انڪار نه ڪندڙ هجي).
    (3) جڏهن ڪو انسان کانئس صلاح گهري ته ان کي نيڪ صلاح ڏئي.
    (4) جڏهن اهو ٻانهو ڇِڪَ ڏئي ته الحمدلله چوي.
    (5) جڏهن ڪو مسلمان ٻانهو بيمار هجي ٿو ته ان جي عيادت ڪرڻ هو پنهنجو فرض سمجهندو هجي.
    (6) جيڪڏهن اهو گذاري وڃي ٿو ته ان جي نماز جنازه ۾ شرڪت ڪندو هجي.
     هر مسلمان/ ٻانهي جو اهو فرض آهي ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن ضرور غسل ڪرڻ جو انتظام ڪندو هجي يا فقط مٿو ڌوئڻ جوئي بندوبست ڪندو هجي.
     ڏاهپ (عقل) ٻانهي جو گم ٿيل مال آهي، کيس اها جتان به واپس ملندي هجي، اهو خيال نه ڪري ته اها ڪهڙي طرف کان ملي رهي آهي.
     بخار (بيماري) جي صورت ۾ نيڪ ٻانهي جا گناهه معاف ٿيندا آهن، جيڪڏهن کيس بخار فقط هڪ ڏينهن آهي ته اهو سندس سڄي سال جا گناهه ڌوئي ٿو.
     علم نيڪ ٻانهي جو دوست ٿيندو آهي ۽ عقل ان جي رهنمائي ڪندڙ هجي ٿو، عمل ان جو انتظام ڪندڙ هجي ٿو، نرم طبع ان جو مقدر هجي ٿي ۽ صبر سندس هٿيار ٿيندو آهي، شفقت (مهرباني) سندس ماءُ پيءُ ٿيندا آهن، امن ۽ سلامتي انهن جا ڀائر هوندا آهن.
     نيڪ ٻانهو شيطاني وسوسن جو شڪار نه ٿيندو آهي.
     الله تعاليٰ پنهنجي هڪ نيڪ ٻانهي جي ڪري ان جي پاڙيسرين جون 100 مصيبتون آسان فرمائيندو آهي.


    الله تعاليٰ ڪهڙن ٻانهن کي پسند نه ٿو ڪري

     الله تعاليٰ ظالم کي ۽ دنياوي مال گڏ ڪندڙ کي، بي علم کي ۽ غرور(هٺ) ڪندڙ ٻانهي کي هرگز پسند نه ٿو ڪري.
     الله تعاليٰ بخيل، بدمزاج ۽ غفلت ڪندڙ ٻانهي کي هرگز پسند نه ٿو ڪري.
     جيڪڏهن ڪو ٻانهو پنهنجي سموري زندگي ۾ بخيل هجي ٿو ۽ سندس آخرت (مرڻ) جي وقت سخاوت ڪرڻ لڳندو هجي ته الله تعاليٰ ان کي پسند نه ٿو ڪرڻ فرمائي.
     الله تعاليٰ بي عقل ٻانهي کي پسند نه ٿو ڪري.
     الله تعاليٰ بي ايمان ۽ بد زبان ٻانهن کي پسند نه ٿو ڪري.
     الله تعاليٰ ان ٻانهي کي جيڪو 70 سال جي ڄمار جو هجي ۽ نوجوانن وارو انداز رکندڙ هجي ٿو کيس هرگز پسند نه ٿو ڪري.
     الله تعاليٰ ان ٻانهي کي به هرگز پسند نه ٿو ڪري جيڪو دنيا جي شغل (دنياوي بڇڙاين) ۾ مشغول رهي ٿو ۽ دين جي ڀلائي واري راهه وساري ڇڏي ٿو.
     الله تعاليٰ پنهنجي نيڪ ٻانهن کي عزت ۽ آبرو سان نوازي ٿو پر تنگدل ۽ ڪروڌ رکندڙ انسان کي هرگز پسند نه ٿو ڪري.
     الله تعاليٰ ان ٻانهي کي دوزخ ۾ داخل ڪندو جيڪو ٻانهو سون ۽ چاندي جي ٿانون ۾ کاڌو کائيندو هجي.
     الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان ٻانهي کي نظرانداز ڪري ٿو، جيڪو دنيا ۾ ٻين آڏو وڏائي ڪندڙ هجي ٿو ۽ ٻيائي رکندڙ هجي ٿو.
     الله تعاليٰ جي آڏو قيامت جي ڏينهن سڀ کان ناپسند ٻانهو اهو آهي جنهن جي بدزبان (بڇڙو) هجڻ ڪري ٻيا نيڪ انسان کانئس پري رهن ٿا.
     بدترين ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي دين کي غير جي دنيا لاءِ پاڻ کي تباهه ڪندڙ هجي ٿو.
     بدترين ٻانهو اهو آهي جيڪو دغا ڏيندڙ هجي ٿو ۽ ٻڌل سڌل ڳالهين تي عمل ڪندڙ هجي ٿو.
     ٽن ٻانهن جو تمام بڇڙو حشر ٿيندو:
    (1) ان ٻانهن جو جنهن پنهنجي جماعت ڇڏي ڏني ۽ پنهنجي امام جي نافرماني ڪئي ۽ سندس زندگي گناهن ۾ گذري هجي.
    (2) اهو غلام جيڪو پنهنجي مالڪ کان ڀڄندو هجي ۽ ان حالت ۾ سندس انتقال (موت) ٿي وڃي ٿو.
    (3) اها عورت جنهن کان پنهنجو خاوند (مڙس) پري رهندو هجي ۽ ان جي باوجود سندس سمورا خرچ پورا ڪندو هجي ٿو ۽ اها ٻانهي ان جي غير موجودگي ۾ هار سينگار ڪندي وتي.
     الله تعاليٰ ٽن ٻانهن جي ڪا به شيءَ قبول ناهي ڪندو:
    (1) گهر ڇڏي وڃڻ واري جي.
    (2) احسان ڳڻائيندڙ جي.
    (3) تقدير کان انڪار ڪندڙ جي.
     الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ٽن ٻانهن سان نه ڪلام نه ڪندو:
    (1) ان ٻانهي جي جيڪو قسم کائي ٿو ۽ پنهنجي وڪڻڻ واري شيءَ جي قيمت(معاوضو) وڌيڪ لڳائي ٿو.
    (2) ٻيو اهو ٻانهو جيڪو پنهنجي ٻئي مسلمان ڀاءُ جو مال ڦٻائڻ لاءِ ڪوڙو قسم کڻي ٿو.
    (3) ٽيون ان کي جنهن وٽ اضافي پاڻي هجي ٿو ۽ اهو ٻين ضرورتمندن کي نه ٿو ڏئي، الله تعاليٰ ان ٻانهي کي فرمائي ٿو ته تو ان شيءَ کان انڪار ڪيو آهي، جيڪا تنهنجي اختيار ۾ هئي، اهڙي ريت مان پنهنجي رحمت جا در توتي بند رکان ٿو.
     ٽي گناهه اهڙا آهن جن جي ٿيڻ سبب نيڪي حاصل نه ٿيندي آهي:
    (1) الله تعاليٰ جي ذات سان شرڪ ڪرڻ.
    (2) ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪرڻ.
    (3) جهاد مان فرار حاصل ڪرڻ.
     ان ٻانهي تي جنت حرام آهي جيڪو زنا ڪندڙ هجي ٿو ۽ ان ڳالهه (عمل) زنا جي جيڪو پرواهه نه ٿو رکي ته ٻيا ان بابت ڪهڙي سوچ رکن ٿا ۽ نه ان ڳالهه جي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي.
     بدترين (بڇڙو) ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر وارن کي تنگ ڪندو رهي ٿو.
     الله تعاليٰ ان قوم جي تباهي ڪندو آهي جنهن قوم جا حڪمران فضول خرچ ڪندا آهن ۽ عياشي تي گذارو ڪندا رهندا آهن.
     بدترين ٻانهو اهو آهي جيڪو اڪيلو کائيندو هجي ۽ ٻين (ضرورتمندن) کي ان حصي مان ڪجهه نه ڏئي ۽ اڪيلو سفر ڪندو هجي، پنهنجي غلامن تي ظلم ڪري ٿو ۽ ان کان وڌيڪ حرڪتي (گنهگار) اهو آهي جنهن کان ٻيا انسان ڊڄندا هجن ۽ جنهن مان ڪنهن ٻانهي کي ڀلائي جي اميد نه هجي. اُنهن کان به وڌيڪ شيطان ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي دين کي دنيا ۾ وڪرو ڪندو هجي ۽ ان کان به وڌيڪ ذليل اهو آهي جيڪو پنهنجي دين جي ذريعي دنيا حاصل ڪندو هجي.


    نيڪي جي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جي اهميت

     الله تعاليٰ انهن ٻانهن کي جنت ۾ جاءِ ڏيندو جيڪي هڪ ماني جو ٽڪر ۽ هڪ کجي جي مٺ ڪنهن فقير (صدا هڻندڙ) کي ڏئي ٿو، ان گهر جي مالڪ تي، ان جي گهرواري تي ۽ ان جي خدمت ڪندڙ غلام تي جنهن فقير کي ان جي صدا تي اهي شيون فراهم ڪيون.
     الله تعاليٰ صدقو قبول ڪري ٿو ۽ ان تي پنهنجي رحمت جا در کولي ڇڏي ٿو، ايتريقدر جو اهو هڪ ٽڪر يا کجي جيڪو هن خيرات ڪيو آهي، اهو الله تعاليٰ جي برڪت سان اُحد جبل جيترو ٿي ويندو.
     الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهي کي فرمائيندو ته جڏهن مان بيمار هئس ته تو منهنجي عيادت نه ڪئي، اهو نيڪ ٻانهو حيران ٿي وڃي ٿو ته مان پنهنجي حقيقي پالڻهار جي عيادت ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ جيتوڻيڪ اسان جو پالڻهار ٻنهي جهانن جو پاليندڙ آهي، ڪٿي مان ۽ ڪٿي مون کي اها خلقيندڙ هستي. کيس جواب ملندو ته منهنجو فلاڻو نيڪ ٻانهو بيمار هو جيڪر تون ان جي عيادت ڪرين ها ته مون کي ان وٽ ڏسين ها.
    وري الله تبارڪ وتعاليٰ فرمائيندو ته مون توکان کاڌو گهريو هو پر تو مونکي کاڌي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ٻانهو وري حيرت مان چوندو ته مان ۽ پنهنجي پالڻهار کي کاڌو ڏيان ها؟ اي ٻنهي جهانن جا پالڻهار مان تنهنجي ڳالهه نه سمجهي سگهيس. جواب ايندو ته منهنجي فلاڻي نيڪ ٻانهي توکان کاڌو گهريو هو جيڪڏهن تون ان کي کاڌو ڏين ها ته مونکي تون ان وٽ ڏسين ها.
    وري الله تعاليٰ فرمائيندو ته مون توکان پاڻي گهريو پر تو مونکي پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو، وري اهو ٻانهو حيرت ۾ اچي ويندو، ان کي چيو ويندو ته تو کان فلاڻي نيڪ ٻانهي پاڻي گهريو هو جيڪڏهن تون ان کي پاڻي پيارين ها ته اهو ائين هجي ها جيئن تو مون کي پاڻي پياريو.
     صدقو الله تعاليٰ جي عذاب کي ٿڌو ڪري ٿو، صلهء رحمي جي ڪري عمر ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ نيڪيون ڪرڻ خراب موت کان بچائين ٿيون.
     جنت ۾ هڪ محل آهي جنهن کي سخين جو محل چيو ويندو آهي.
     صدقو ڏيڻ مشڪلاتن کي روڪي ٿو.
     صحت مند هجڻ واري حالت ۾ هڪ درهم به خيرات جو چڱو هوندو آهي، ان ڳالهه کان ته مرڻ کان پوءِ ان جي نالي تي هڪ غلام آزاد ڪيو وڃي.
     قربتدارن کي صدقو ڏيڻ جو ثواب ٻيڻو ٿئي ٿو.
     صدقو قبر جي گرمي کي ختم ڪري ٿو ۽ الله جا نيڪ ٻانها قيامت جي ڏينهن کي صدقي جي فرض ادا ڪرڻ سبب آرام سان گذاري سگهندا.
     صدقي ادا ڪرڻ سان 70 قسمن جون مشڪلاتون حل ٿينديون آهن.
     رنج ۽ غم ڪرڻ کان صدقي کي پري رکيو وڃي ڇو ته الله تعاليٰ صدقي ادا ڪرڻ سبب اوهان جا سمورا رنج ۽ غم دور ڪري ٿو ۽ انهن نيڪ ٻانهن کي دشمنن تي ڪاميابي عطا فرمائي ٿو.


    فضيلت وارا ڪم

     طهارت ڪريو ڇو ته طهارت ڪرڻ صفائي ۾ شامل آهي ۽ صفائي ايمان جو حصو آهي، جيتوڻيڪ ايمان نيڪ ٻانهن کي جنت ڏانهن وٺي وڃي ٿو.
     شادي جلد ڪيو ڇو ته ان سان دولت ۾ اضافو ٿئي ٿو.
     نڪاح جلد ڪيو ڇو ته ان سان اوهان تي رحمت ٿيندي جيئن الله تبارڪ و تعاليٰ جي امت ۾ واڌارو اچي ۽ راهبن جيان زندگي نه گذاريو.
     شادي ڪيو ۽ طلاق نه ڏيو، ڇو ته طلاق ڏيڻ سان الله جو عرش به لڏي ويندو آهي.
     فجر جي وقت اٿندا ڪريو ڇو ته ان سان برڪت وڌي ٿي.
     هڪٻئي کي معاف ڪندا رهو ڇو ته ان سان حسد ختم ٿيندو رهي ٿو.
     آرام ۽ آسائش (صحتيابي) وارن ڏينهن ۾ الله تعاليٰ جي نعمتن جو شڪر ادا ڪريو ۽ ذڪر الاهي ڪندا رهو ڇو ته مشڪل وقت ۾ اهو ئي اوهان کي ياد ڪري ٿو.
     شام جي وقت ضرور کائو پوءِ ڇو نه ان ۾ ٿوري کجي ئي هجي ڇو ته شام جي وقت نه کائڻ سان ڪمزوري ۽ ضعيفي وڌي ٿي.
     علم حاصل ڪريو ۽ گهڻي علم حاصل ڪرڻ جي ڪري عزت ۽ سڪون جو ماحول به پيدا ڪريو ۽ پنهنجي استادن سان محبت ڪندا رهو.
     سادگي اختيار ڪريو ۽ مسڪينن سان گڏ ويهو ته جيئن الله تعاليٰ جي نظر ۾ توهان جا درجا بلند ٿين ۽ وڏائي (هٺ) کان اوهان کي نجات ڏني وڃي.
     ٽي شيون مسلمانن کي ادا ڪرڻ لازم آهن:
    (1) جمعي جي ڏينهن غسل ڪرڻ
    (2) ڏندڻ ڪرڻ
    (3) خوشبو استعمال ڪرڻ
     ٽن شين ۾ هرگز دير نه ڪيو:
    (1) نماز ۾
    (2) جنازي نماز ۾
     بيواه جي ڏک ۾ شريڪ (مددگار) ٿيڻ
     صفون برابر رکو ۽ دليون صاف رکو.
     ڇهه گڻ اعليٰ آهن:
    (1) تلوار جي ذريعي خدا جي دشمنن سان جنگ ڪرڻ
    (2) روزو گرمين ۾ رکڻ
    (3) مصيبتن جي وقت صبر کان ڪم وٺڻ
    (4) سچ تي قائم رهڻ وقت جهيڙي کان پرهيز ڪرڻ
    (5) مشڪل وقت ۾ به نماز پڙهڻ
    (6) سياري ۾ صحيح طريقي سان وضو ڪرڻ.
     قبرستان ويندا رهو ته جيئن آخرت کي وساري نه سگهو.
     نيڪ ٻانهي کان سواءِ ڪنهن جي به صحبت اختيار نه ڪيو ۽ پرهيزگارن کان سواءِ ڪنهن کي به پنهنجو کاڌو نه ڏيو.
     عالم ۽ شفقت رکندڙ ٻانهي (نيڪ ٻانهي) کان سواءِ ڪنهن کي به پنهنجا خواب نه ٻڌايو.
     اهڙي فرمانبرداري جنهن سان ذات الاهي جي نافرماني ٿيندي هجي نه ڪريو.
     جيڪو کاڌو اوهان کي پسند نه هجي اهو غريبن کي به نه کارايو.
     توهان جا نوڪر ۽ نائب اوهان جا ڀائر آهن، انهن سان سٺو سلوڪ رکو. پنهنجي مشڪل وقت ۾ انهن کان مدد حاصل ڪيو ۽ انهن جي مشڪلات ۾ انهن جي مدد ڪندا رهو.
     هڪٻئي کي تحفا ڏيندا رهو ڇو ته ان سان محبت ۾ واڌارو ٿيندورهي ٿو ۽ نفرت ختم ٿئي ٿي.
     ڪپڙا صاف رکو، وارن ۾ ڪنگي ڏيندا رهو، ڏندڻ ڪندا رهو، سلڇڻا ۽ صاف سٿرا رهو، بني اسرائيل وارن ائين نه ڪيو ته انهن جون عورتون زناڪار بڻجي ويون (مطلب عورتون صاف سٿرا مرد پسند ڪنديون آهن).
     قرآن پڙهو ڇو ته الله تعاليٰ ان نيڪ ٻانهي جي دل تي عذاب نازل نه ٿو ڪري جنهن ۾ قرآن محفوظ ڪيوويو آهي.
     موت کي ياد ڪندا رهو ته جيئن ٻين ڏکن کي وساري سگهو.
     دوست گهڻا رکو ڇو ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان تي رحم ڪندو آهي ته کيس پنهنجي دوستن آڏو عذاب ڏئي.
     ماني جو احترام ڪيو ڇو ته اها آسماني برڪتن طرفان ڏني وئي آهي ۽ زمين جي برڪتن سان پيدا ڪئي وئي آهي.
     روزي، نماز ۽ صدقي کان وڌيڪ بهتر عمل ٻن دلين ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري قائم ڪرائڻ سان همدردي پيدا ٿئي ٿي ۽ ڇو ته ٻن حسد رکندڙ دلين ۾ فساد ۽ تباهي پيدا ڪري ٿو.
     گهر خريد ڪرڻ کان اڳ ڀروارن (اتي رهندڙن) جا حالات معلوم ڪريو.
     جهاد ڪندا رهو ته جيئن تندرستي به ملندي رهي ۽ شرف به حاصل ڪندا رهو.
     پاڻ کان وڌيڪ حقير (گهٽ) تي نظر رکو، پاڻ کان امير ڏانهن نه ڏسو، ان صفت تي عمل ڪرڻ ڪري اوهان الله تعاليٰ جي ڏنل رحمتن جو قدر ڪرڻ سکي سگهندا.
     خدا جي راهه ۾ خرچ ڪريو ۽ حساب نه ڪريو، نه ته الله تعاليٰ اوهان کان حساب وٺندو.


    پرهيز ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون

     توهان ٻن ڪمن کان پري رهو، هڪ نااهلي ۽ ٻيو سستي کان، ڇو ته جيڪر اوهان نااهل رهندا ته سچ کي برداشت نه ڪري سگهندا ۽ جيڪڏهن سست رهندا ته حق ادا نه ڪري سگهندا.
     جنهن ڪم ڪرڻ سبب معافي گهرڻي پوي ان ڪم کان پرهيز ڪريو.
     بڇڙي دوست جي صحبت کان بچو ڇو ته اهو اوهان جو تعارف بڻجي پوندو.
     ڪنجوسي کان وڌيڪ خراب ڪو مرض ناهي.
     ٽي شيون دين لاءِ خطرو ثابت ٿينديون آهن:
    (1) بڇڙائي ڪندڙ فقيهه کان.
    (2) ظلم ڪندڙ حاڪم کان.
    (3) جاهل سان ٻڌي کان.
     فضول گفتگو کان پرهيز ڪريو، فقط ايترو ڳالهايو جيترو ضروري هجي.
     مظلوم جي بددعا کان بچو ڇو ته اهو پنهنجي پالڻهار کان حق گهري ٿو ۽ الله تعاليٰ جي ذات ان (مستحق) حقدار کي ڪڏهن به سندس حق کان محروم نه ٿي رکي.
     مظلوم جي بددعا کان بچو ڇو ته اها باهه جيان آسمان طرف ويندي آهي.
     بخيلي ڪرڻ کان بچو ڇو ته توهان کان اڳ بخيل ٿيڻ وارن کي تباهه ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڪري (بخيلي سبب) ٻقين قومن هڪٻئي سان فساد ڪيو.
     شراب کان پرهيز ڪريو ڇو ته اهو براين جو ڪارڻ آهي.
     جنهن اوهان کي امين بڻايو هجي ان سان بي ايماني نه ڪريو ۽ جنهن اوهان سان بي ايماني ڪئي هجي ان سان به بي ايماني نه ڪيو.
     ساڙ(حسد) کان پرهيز ڪريو ڇو ته اهو نيڪين کي اهڙي طرح کائي ٿو جهڙي طرح باهه سڪل ڪاٺين کي.
     لالچ کان پرهيز ڪريو ڇو ته ان عمل اوهان کان اڳ ڪيترائي ماڻهو شڪار ڪيا ۽ اها لالچ بخيلي کي جنم ڏئي ٿي توڻي ان سان ماڻهو ۾ بخيلي وڌي ٿي، جنهنڪري بي رحمي جنم وٺي ٿي ۽ اها ماڻهن کي بي رحمي جو حڪم ڏئي ٿي، بڇڙاين کي جنم ڏئي ٿي ته اهي شڪار ٿيڻ وارا ماڻهو بڇڙائي طرف وڌڻ لڳندا آهن.
     لالچ کان پرهيز ڪريو ڇو ته اها فقير (ڪنگلو) بڻائي ٿي.
     لالچ ۽ چغل خوري کان پرهيز ڪريو.
     گلا کان پرهيز ڪريو ڇو ته اها زنا کان به وڌيڪ بدتر آهي، انسان زنا ڪري ٿو پر جي توبهه ڪري ٿو ته الله تعاليٰ ان جي توبهه قبول ڪري ٿو، پر گلا ڪرڻ واري جي بخشش ان وقت تائين نه ٿيندي آهي جيستائين ان کي اهو (جنهن جي گلا ڪئي وئي) معاف نه ٿي ڪري سگهجي.
     ڪوڙ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙ نه توهان سنجيدگي سان ڳالهائيندا ڪريو ۽ نه ئي مذاق ۾. جيتوڻيڪ ڪنهن ٻانهي کي پنهنجي اولاد سان به اهڙو واعدو نه ڪرڻ گهرجي جيڪو بعد ۾ پورو نه ٿي سگهن جو خدشو هجي.
     ڪوڙي تعريف کان پرهيز ڪريو ڇاڪاڻ ته اها ذبح ڪرڻ جي برابر آهي.
     غير عورتن سان گفتگو نه ڪندا ڪريو ڇاڪاڻ ته هيڏانهن اوهان گفتگو ڪندا ۽ پوءِ آهستي آهستي اوهان جي نيت ۾ تبديلي اچڻ ڪري اوهان جا ڪيل چڱا عمل ختم ٿي ويندا.
     ننڍن ننڍن ڪوڙن کان به پرهيز ڪريو، ننڍن گناهن جي مثال اهڙي آهي جهڙي ريت ڪو قافلو ڪنهن واديءَ ۾ لٿل هجي ۽ ان قافلي ۾ شامل هر هڪ ايتريون ڪاٺيون جمع ڪيون هجن جو اهي ڍير ٿي وڃن ۽ ان ڪاٺين مان باهه اُلا ڪري ٻرندي هجي. ياد رکو ته جيڪر صغيره گناه رهجي وڃن ٿا ته انسان نقصان ۾ آهي.
     سوال ڪرڻ کان پرهيز ڪريو ڇو ته ان سان خواري به ملي ٿي ۽ فقيري به.
     خوشامدي کان پرهيز ڪريو، اها جهالت کان شروع ٿئي ٿي ۽ ندامت تي ختم ٿئي ٿي.
     ڪوڙ ڳالهائڻ واري کان پرهيز ڪريو ڇاڪاڻ ته اهو پنهنجي انداز ۾ ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ۾ تبديل ڪندو رهي ٿو.
     بيوقوف جي دوستي کان بچو ڇو ته اهو اوهان کي فائدي پهچائڻ کان وڌيڪ نقصان پهچائيندو.
     پيشاب جي قطرن کان پرهيز ڪريو ڇو ته قبر جو عذاب ان ڪري ئي ٿيندو آهي.
     قرآن پاڪ پڙهڻ وقت ڪنهن جي گلا نه ڪريو، پڙهڻ وقت سستي کان ڪم نه وٺو ۽ ان کي روزگار ڪري مال جي ڪثرت جو سبب نه بڻايو.


    شيطان جا هٿيار

     شيطان جا مختلف هٿيار ٿيندا آهن جن ۾ هو الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، انهن ڦندن مان هڪ ڦندو هي آهي ته جڏهن ڪو ٻانهو صاحب حيثيث بڻجي ٿو ته ان ۾ سرڪشي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، مليل نعمتن تي ناز(فخر) ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، مخلوقِ انساني سان نفرت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ دنيا جي روشنائيءَ (بڇڙائي) ۾ غرق ڪرڻ جي ترڪيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
     هر امت جي لاءِ هڪ فتنو مقرر ٿيل هو ۽ منهنجي امت لاءِ هڪ فتنو مال جي صورت ۾ آهي.
     سُستي ۽ ڪاهلي شيطان جي ساٿين جون نشانيون آهن ۽ هو ضرور چاهيندو ته ڪو نيڪ ٻانهو به اها اختيار ڪري.
     شيطان پنهنجي جهنڊن سان گڏ ان وقت بازار ۾ گهڙندا آهن جڏهن ان بازار ۾ پهريون ماڻهو داخل ٿئي ٿو ۽ اهي ايسيتائين موجود رهندا آهن جيسيتائين ان بازار ۾ آخري ماڻهو (انسان) موجود رهي ٿو.
     اڪيلو انسان سان گڏ شيطان رهندو آهي، جڏهن هڪ کان ٻه انسان گڏ ٿيندا آهن ته هو ڀڇي ويندو آهي.
     شيطان اوهان وٽ اچي چوي ٿو ته توکي ڪنهن پيدا ڪيو آهي. جنهن جو جواب ڏنو ويندو آهي ته الله تعاليٰ جي پاڪ ذات. هو ٻيهر وري اهو سوال ڪندو آهي، ۽ جواب ۾ وري الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي چيو ويندو آهي، جڏهن اهڙي ڪيفيت اوهان جي دل ۾ پيدا ٿئي ته توهان چئو “نه الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو اٿم” اهڙي ڳالهه چوندي ئي شيطان اتان پري ڀڃي ويندو آهي.
     شيطان رت جيان رڳن ۾ ڊوڙندو آهي.
     شيطان سرُخي کي پسند ڪندو آهي، توهان سرخي کان بچندا رهو (سرخي کان پاسي ڪرڻ جي هدايت مردن جي لاءِ آهي) ۽ ان لباس کان پرهيز ڪريو، جنهن تي دنيا وارا اوهان مٿان کلن.
     جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن ٻانهي کي ان جي نافرماني سبب فوت ڪرڻ گهرندو آهي ته ان مان حيا (لڄ) ختم ڪئي ويندي آهي. جڏهن حيا (لڄ) ختم ٿي وڃي ٿي ته اهو دنيا کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو۽ دنيا وارن ان کان نفرت ڪرڻ لڳن ٿا. جڏهن اها حالت هوندي آهي ته ان کان امانتداري واري صفت به ختم ڪئي ويندي آهي ۽ جڏهن اها به ختم ٿي ويندي آهي ته پوءِ ان ٻانهي تان رحم جي نگاهه به ختم ٿي ويندي آهي، اهڙي ريت اهو مردود بڻجي ويندو آهي ۽ ان جي ڳچي مان اسلام (مسلمان) جو اعزاز به لاهيو ويندو آهي.
     وڏائي 70 سالن جي عبادت کي ختم ڪري ڇڏي ٿي.
     ڪاوڙ شيطان جي صفت آهي ۽ شيطان باهه جي ۽ باهه پاڻي سان وسندي آهي، جيتوڻيڪ جڏهن اوهان نيڪ ٻانهن کي ڪاوڙ اچي ته اوهان وضو ڪندا ڪريو.


    قرض

     قرض ٻن قسمن جو ٿيندو آهي، هڪ قرض اهو جيڪو وٺڻ وارو مري وڃي ۽ ان جي نيت واپس ڪرڻ جي هجي ان ٻانهي جو مان (الله تعالي) ذميوار ٿيندو آهي ۽ ٻيو اهو جيڪو مري وڃي ۽ ان جي نيت واپس ڪرڻ جي نه هجي ته پوءِ ان جي سٺن عملن کي ختم ڪيو ويندو آهي.
     قرض الله تعاليٰ پاران لڳايل جهنڊو آهي، پوءِ جنهن ٻانهي کي ذليل ڪرڻ چاهيندو آهي ان جي ڳچي تي اهو جهنڊو لڳايو ويندو آهي.
     قرض ۾ ذلت آهي.
     قرض رات جو ڳڻتي بڻجي ايندو آهي ۽ ڏينهن جو ذلت جو سبب بڻجندو آهي، بزرگي ختم ڪندو آهي ۽ ايمان گهٽ ڪندو آهي.
     الله تعاليٰ قرضدار جو ساٿ ڏئي ٿو ايتري تائين جو ان جو قرض لهي وڃي بشرط اهو قرض هن ڪنهن حرام ڪم ڪرڻ لاءِ نه ورتو هجي.
     جيسيتائين قرض واپس نه ٿو ڪيو وڃي قرض ڏيندڙ جو حساب قرض کڻندڙ تي رهندو آهي.
     جيڪو ٻانهو ان نيت سان قرض وٺي ٿو ته اهو واپس نه ڪندو اهو الله تعاليٰ سان ملاقات هڪ چور جي حيثيت سان ڪري سگهندو.
     جيترو قرض گهٽ هوندو اوتري ئي ڪنهن نيڪ ٻانهي جي زندگي آساني سان گذري سگهندي.
     گناهه ڪبيره کان پوءِ سڀ کان وڏو گناهه اهو آهي ته انسان مري وڃي ۽ ان تي قرض رهي چڪو هجي ۽ اهو قرض واپس ڪرڻ لاءِ ان انتظام نه ڪيا هجن.
     پاڻ (حضرت محمد ﷺ) معراج جي رات هڪ دروازو ڏٺو جنهن تي لکيل هو ته صدقي جو ڏهه ڀيرا ثواب ملي ٿو ۽ قرض واپس ڪرڻ جو 18 ڀيرا ثواب ملي ٿو. پاڻ (حضرت محمد ﷺ) جن حضرت جبرئيل کان پڇو ته اهو ڇا سبب آهي جو قرض ڏيڻ جو ثواب صدقي ڏيڻ کان وڌيڪ آهي، جيتوڻيڪ صدقي ڏيڻ جو ثواب وڌيڪ هجڻ گهرجي؟ جبرئيل چيو يارسول الله! ڳالهه اها آهي ته صدقو ڪڏهن ڪنهن فقيرکي ملندو آهي ۽ ڪڏهن اهڙي انسان کي به ملي ويندو آهي جيڪو ان جو محتاج نه هوندو آهي پر قرض فقط ان کي ئي ڏنو ويندو آهي جيڪو محتاج هجي، ان ڪري قرض ڏيڻ جو ثواب وڌيڪ ملي ٿو.


    ماءُ پيءُ جي خدمت

     پنهنجي والدين سان بهتر اخلاق سان پيش اچڻ تي عمر ۾ واڌارو ٿئي ٿو، ڪوڙ روزي ۾ گهٽائي ڪري ٿو ۽ دعا قضا کي رد ڪري ٿي.
     پنهنجي والدين سان نيڪي ڪيو ته جيئن اوهان جو اولاد اوهان سان نيڪي ڪري، اوهان پاڪ دامن رهو ته جيئن اوهان جون عورتون به پاڪ دامن رهن.
     ماءُ جي پيرن هيٺيان جنت الفردوس آهي.
     والدين کي غمگين ڪرڻ انهن جي نافرماني ڪرڻ برابر آهي.
     والدين جي اطاعت الله تعاليٰ جي اطاعت برابر آهي ۽ والدين جي نافرماني الله جي نافرماني برابر آهي.
     تُون ۽ تنهنجو سڀ ڪجهه تنهنجي والدين جو ئي آهي.
     الله تعاليٰ والدين جي قسم کڻڻ کان منع ڪري ٿو.
     الله تعاليٰ طرفان اوهان جي ماءُ جي لاءِ 3 ڀيرا ۽ پيءُ جي لاءِ 2 ڀيرا اطاعت ڪرڻ جو حڪم فرمايو آهي۽ قربدارن سان نيڪي ڪرڻ جي وصيعت ڪري ٿو.


    جواني

     الله تعاليٰ جوان عبادت گذار ٻانهن جي ڪري ملائڪن جي آڏو فخر ڪندو آهي ۽ فرمائيندو آهي ته ڏسو منهنجي نيڪ ٻانهي کي جنهن پنهنجي جواني جي هر خواهش منهنجي راهه ۾ ضايع ڪري ڇڏي آهي.
     الله تعاليٰ گناهن کان توبهه ڪندڙ نوجوان ٻانهن کي پنهنجو محبوب سڏي ٿو.
     الله تعاليٰ ان نوجوان ٻانهن کي پنهنجي پسنديده نگاهن سان ڏسي ٿو جنهن ۾ جواني جون برايون (بڇڙاين) جي عادتون نه هجن.


    الله جي ذڪر جا فائدا

     هر واٽهڙو جي پنهنجي منزل آهي ۽ آدم عه جي اولاد جي منزل موت آهي، اوهان کي گهرجي ته الله جي ذڪر جي ڪثرت ڪريو ته جيئن اها اوهان جي موت کي آسان بڻائي، آخرت کي دلڪش ۽ دلعزيز بڻائي سگهي.
     انسان جي دل لوهه جيان زنگ آلود ٿي ويندي آهي ۽ ان تان ڪس (ڪٽ) لاهڻ لاءِ الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن کي هر وقت موت کي ياد رکڻ گهرجي ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ گهرجي.
     الله تعاليٰ جي محبت جي نشاني ان جي ذڪر ڪرڻ وارن نيڪ ٻانهن مان ملي ٿي ۽ جيڪي ٻانها الله تعاليٰ کي پنهنجو دوست نه ٿا سمجهن اُهي انهن جي ذڪر کي به پسند نه ڪندا آهن.
     الله تعاليٰ فرمائي ٿو جيڪو ٻانهو ذڪر ڪندو رهي ٿو، مان اسان ان وقت تائين گڏ رهندو آهيان.
     الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته اي ٻانها! پنهنجو سمورو وقت عبادت ۾ گذار، مان تنهنجي هر ڳڻتي کي ختم ڪري ڇڏيندس. توکي سخي (سخاوت ڪندڙ) بڻائيندس ۽ جيڪڏهن تو ائين نه ڪيو ته توکي دنيا جي رنگينين ۾ مشغول (غرق) رکندس ۽ ڳڻتي (فڪر) کي توکان هرگز جدا نه ڪندس.
     الله تعاليٰ ان نيڪ ٻانهي سان خوش ٿيندو آهي جيڪو کائڻ وقت الحمدالله چوي ٿو. (جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ جي نعمتن جو شڪر ادا ڪندو رهي ٿو).
     نماز پڙهڻ وارو ائين آهي جيئن ڪنهن بادشاهه جو در کڙڪايو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن اهو اهڙي ريت مسلسل دورازو کڙڪائيندو رهي ٿو ته ضرور هڪ ڏينهن اهو دروازو ان لاءِ کلي ويندو.


    آبرو وارا گهر

     اهو گهر جنهن ۾ قرآن پڙهيو ويندو آهي، آسماني مخلوقن جي اڳيان ائين چمڪي ٿو جيئن تارا زمين وارن جي اڳيان رات جو چمڪندا رهن ٿا.
     سخي (سخاوت ڪندڙ) جو گهر جنت آهي.
     آبرو وارو گهر اهو آهي جنهن۾ يتيم کي عزت ڏني ويندي آهي.
     الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن گهر جي ڀلائي چاهي ٿو ته ان گهر ۾ رهڻ وارن کي دين (اسلام) جي سموري رمزن (طريقن) کان وابسطه رکي ٿو، ان گهر جا ننڍا پنهنجي وڏڙن جي عزت ڪندا رهندا. انهن جي معاشي طور تي خرچ بهتر ڪري ڇڏيندو آهي. انهن جا عيب انهن تي ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي ته جيئن ان کان پرهيز ڪري سگهن ۽ جڏهن پاڻ (الله تعاليٰ) ڪنهن گهر کي پسند نه ڪندو آهي ته انهن کي انهن جي حالت تي ڇڏي ڏيندو آهي.
     الله تعاليٰ جي طرفان جنهن گهر جي ڀلائي ٿيڻي هوندي آهي ته ان گهروارن ۾ گهرا لاڳاپا پيدا ڪيا ويندا آهن ۽ اهي هڪٻئي سان نهايت پيار (محبت) سان گذارين ٿا.
     الله تعاليٰ پاڪ آهي ۽ پاڪائي رکندڙ ٻانهي کي پسند ڪري ٿو، الله تعاليٰ پاڪ صفتن کي پسند ڪري ٿو ۽ اهو پاڪيزگي واري عمل کي به ايترو ئي پسند ڪري ٿو. سخي آهي ۽ سخاوت کي پسند ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اوهان پنهنجي گهرن کي پاڪ ۽ صاف رکو ۽ يهودين جيئان نه رهو.


    برائي وارا گهر

     جنهن گهر ۾ مهمان نه ايندا آهن، اهو برائي وارو گهر تسيلم ڪيو ويندو آهي.
     جنهن گهر ۾ ٻار نه هجن ان گهر ۾ ڪهڙي برڪت؟


    دين ۽ حڪمت جا سرچشما

     الله تعاليٰ کان خوف ڪرڻ حڪمت جو سرچشمو آهي.
     الله تعاليٰ جي معرفت اصل حڪمت آهي ۽ پرهيزگاري دين جو ٿنڀ آهي.
     الله تعاليٰ ۽ ان جي قائم ڪيل دين اسلام (مسلمانن) جي ڪتاب قرآن پاڪ ۽ ان جي رسول حضرت محمد ﷺ سان محبت ۽ عالمن سان خلوص رکڻ توڙي دين جي ڀلائي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ئي اصل ڪم هوندا آهن.
     صاحبِ ايمان هجڻ سان گڏ اصل حڪمت حيا ۽ خوش اخلاقي اچڻ سان پوري ٿيندي آهي.


    دعا جي مقبوليت جا وقت

     چار موقعن تي مقبوليت جا دروازا کلي ويندا آهن ۽ ان وقت ئي دعا قبول ٿيندي آهي.
    (1) جهاد في سبيل الله ۾ صف بندي ڪرڻ سان.
    (2) جڏهن برسات ٿيندي هجي.
    (3) نماز جي شروع ٿيڻ وقت.
    (4) ڪعبة الله جي زيارت ڪرڻ وقت.
     اڌ رات گذرڻ کان پوءِ ئي آسمان جا دروازا دعا قبول ٿيڻ لاءِ کوليا ويندا آهن ۽ منادي (حڪم) ڪيو ويندو آهي، ته آهي ڪير دعا گهرڻ وارو ته ان جي دعا قبول ڪئي وڃي؟ آهي ڪو سوال ڪرڻ وارو جيڪو چاهيندو هجي ته ان جو سوال پورو ڪيو وڃي؟ آهي ڪو غمگين جيڪو پنهنجي غمن کان نجات گهرندو هجي ته جيئن ان جا غم ختم ڪيا وڃن؟ اهو ئي وقت آهي جنهن ۾ هر نيڪ ٻانهي جي دعا قبول ڪئي ويندي آهي سواءِ انهن جي جيڪي زاني هوندا آهن ۽ دلالي ڪندڙ هجن ٿا ۽ فقط انهن جي دعا ان وقت هرگز قبول نه ڪئي ويندي آهي.
     ٽي موقعا (وقت) اهڙا آهن جنهن ۾ دعا رد نه ٿيندي آهي:
    (1) الله جو نيڪ ٻانهو اهڙي بيابان ۾ هجي جتي الله تعاليٰ جي ذات کانسواءِ ان کي ڪير به نه ڏسندو هجي. ان وقت هو اتي نماز پڙهي ۽ دعا گهري.
    (2) جنهن وقت جهنگ ۾ ان جا سڀ ساٿي ان کي ڇڏي ويا هجن ۽ هو اڪيلو ئي ميدان ۾ هجي ٿو ان وقت ان جي دعا قبول ٿيندي آهي.
    (3) جڏهن الله تعاليٰ جو ڪو نيڪ ٻانهو اڌ رات جي وقت دعا گهري ٿو.
     الله تعاليٰ ٽن ٻانهن جي دعا رد نٿو ڪري:
    (1) روزيدار جي جيستائين هو افطار نه ٿو ڪري.
    (2) مظلوم جي جيسيتائين ان کي انصاف نه ٿو ملي.
    (3) مسافر جي جيسيتائين اهو پنهنجي گهر نه ٿو پهچي.
     هڪ ٻانهي لاءِ ڪنهن ٻئي نيڪ ٻانهي پاران گهريل غائبانه دعا رد نه ٿيندي آهي، ان وقت هڪ ملائڪ ان جي ويجهوهوندو آهي ۽ هو جڏهن پنهنجي نيڪ ٻانهي ڀاءُ لاءِ دعا گهري رهيو هوندو آهي ته اهو ملائڪ جواب ۾ آمين چوي ٿو ۽ سندس لاءِ به چوي ٿو ته تنهنجي لاءِ به الله تعاليٰ نيڪي بدران توکي نيڪي عطا فرمائيندو.


    اهي اسان منجهان نه آهن

     وڏڙن جي هجڻ سان برڪت نازل ٿيندي آهي، جيڪي ٻانها پنهنجي وڏڙن جي عزت نٿا ڪن ۽ ننڍن تي رحم نه ٿا ڪن، اهي اسان منجهان نه آهن.
     حرص ڪندڙ، چغل خور ۽ سستي ڪندڙن سان نه ڪو منهنجو (پاڻ نبي ڪريمﷺ) جو واسطو آهي ۽ نه ئي انهن جو مون (پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) سان ڪو واسطو آهي.
     ملاوٽ ڪرڻ وارن سان اسان((پاڻ نبي ڪريمﷺ) پنهنجو ناتو ٽوڙي ڇڏيو آهي.
     جيڪي اسان جي غيرن جي سنت تي هلن ٿا، اهي اسان منجهان نه آهن.
     فال وجهڻ وارا، ڊرامه بازي ڪرڻ وارا ۽ جادو ٽوڻا ڪرڻ وارا اهي سڀ اسان منجهان نه آهن.
     جيڪي مرد عورتن سان ۽ عورتون مردن سان ناجائز واسطا رکن ٿيون/ ٿا اهي اسان منجهان نه آهن.


    حقيقتون ۽ معرفت

     ٽي شيون اهڙيون حقيقي آهن جن تي قسم کڻي سگهجي ٿو:
    (1) الله تعاليٰ ڪڏهن به غير مسلم کي مسلمان جي مقام (عظمت واري جاءِ) تي نه آڻيندو.
    (2) الله تعاليٰ جنهن جو والي (ضمانت ڪندڙ) بڻجي وڃي ٿو، قيامت جي ڏينهن انهن ٻانهن کي ٻين جي حوالي نه ڪندو. انسان جنهن به ميڙ کي پسند ڪري ٿو، قيامت جي ڏينهن ان کي انهيءَ ميڙ (گروهه) سان اٿاريو ويندو ۽ چوٿين شيءَ به اوتري حقيقت واري آهي ته جيڪر آئون ان تي قسم کڻان ٿو ته گنهگار نه ٿيندس.
    (3) الله تعاليٰ جنهن ٻانهي جي دنيا ۾ پرده پوشي ڪري ٿو، ان جي آخرت ۾ به پرده پوشي ڪئي ويندي.
     ٽي شيون سچيون (حقيقي) آهن:
    (1) الله تعاليٰ ان ٻانهي جا درجا بلند ڪري ٿو، جيڪو ڪنهن جي ڪيل ظلم ۽ زيادتي کي معاف ڪري ٿو.
    (2) الله تعاليٰ ان ٻانهي کي وڌيڪ محتاج ڪري ٿو جيڪو ٻين (مخلوق) آڏو سوال ڪري ٿو.
    (3) الله تعاليٰ ان کي مالا مال ڪري ٿو، جيڪو الله جي رضا لاءِ صدقو ڏئي ٿو.
     ٽي شيون قيامت جي عذاب جو سبب بڻجن ٿيون:
    (1) آبادين جو اجڙڻ
    (2) ويران جاءِ آباد ٿيڻ
    (3) نيڪي جو بد ٿيڻ ۽ بدي ڪرڻ واري جو ساٿي ٿيڻ
     ماڻهو ويجهر ۾ امانت سان اهو سلوڪ ڪندا، جيڪو اٺ وڻن سان ڪندو آهي.
     ٽن ماڻهن جي الله تعاليٰ مدد ڪري ٿو:
    (1) في سبيل الله جهاد ڪرڻ وارو
    (2) اُن غلام جي جيڪو پنهنجي آزاديءَ بابت ڄاڻايل رقم جو بندوبست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو.
    (3) اُن نڪاح ڪرڻ واري شاگرد جي جيڪو حفاظت عفلت لاءِ نڪاح ڪري ٿو.


    قيامت جي ڏينهن سڀ کان اڳ ڪهڙين ڳالهين بابت پڇاڻو ڪيو ويندو؟

     قيامت جي ڏينهن سڀ کان اڳ نماز جو حساب ڪيو ويندو.
     قيامت جي ڏينهن سڀ کان اڳ قتل ڪرڻ واري جو فيصلو ڪيو ويندو.
     قيامت جي ڏينهن سڀ کان اڳ گهر وارن سان سلوڪ روا رکڻ بابت پڇاڻو ڪيو ويندو.
     قيامت جي ڏينهن سڀ کان پهريان نيڪ ٻانهن جي سٺن اخلاقن جو وزن (حساب) ڪيوويندو.
     جنت ۾ سڀ کان پهريان الله تعاليٰ جي تعريف ڪرڻ وارا ٻانها، ۽ حمد پڙهڻ وارا ٻانها داخل ڪيا ويندا.


    عقل ۽ دانشمندي جي فضيلت

     تمام خوبيون عقل سان وابسطا هونديون آهن، جنهن ۾ عقل نه هجي ان جو دين (ايمان) به نه رهندو آهي.
     عقل وارن جو ڪمال عقل وارا ئي ڄاڻي سگهندا آهن.
     ماڻهن سان انهن جي سمجهه مطابق ڳالهه ڪريو، ڇا اوهان اهو چاهيو ٿا ته الله ۽ ان جي رسولﷺ جي تعظيم ٿئي.


    الله تعاليٰ جي رحمتن جي بشارت

     پنهنجي زبان جي اصلاح ڪرڻ وارن تي الله جون رحمتون نازل ٿينديون آهن.
     الله تعاليٰ ان ٻانهي تي رحمت نازل ڪري ٿو جيڪو حلال جي ڪمائي ڪري ٿو. خرچ انصاف سان ڪري ٿو ۽ ضرورت جي وقت لاءِ جمع به ڪري ٿو.
     الله تعاليٰ رحمت ڪري ان ٻانهي تي جيڪو گفتگو جي معاملي ۾ بخيل آهي ۽ مال جي سلسلي ۾ فياض هجي ٿو.
     الله تعاليٰ رحمت ڪري ٿو ان ٻانهي تي، جيڪي اسان کان حديث ٻڌي ٿو ۽ اها حديث ان کان وڌيڪ حفظ ڪرڻ واري تائين پڃائي ٿو.
     الله تعالي ان تي رحم ڪري ٿو جيڪو ٻانهو خير جو ڪلمو پڙهي ٿو ۽ غنيمت ڄاڻي ته ڪجهه ناهي ٿيو يا ڪنهن جي براين بابت خاموش رهي سلامتي حاصل ڪري.
     الله تعاليٰ ان پيءُ تي رحمت نازل فرمائي ٿو جيڪو پنهنجي اولاد جي نيڪ ڪمن ۾ مدد ڪري ٿو، رحم ڪرڻ وارن تي الله تعاليٰ پنهنجي رحمت نازل ڪري ٿو. زمين وارن تي رحم ڪريو ته جيئن آسمان وارو اوهان تي رحم ڪري.
     هي ٽي صفتون جنهن نيڪ ٻانهي ۾ هونديون ان ۾ ايمان جي مضبوطي به هوندي:
    (1) الله تعاليٰ ۽ ان جي رسولﷺ سان محبت ڪرڻ وارن ٻانهن کي سڀن کان وڌيڪ عزيز رکي ٿو.
    (2) اهو ٻانهو جنهن سان به محبت ڪري اها فقط الله تعاليٰ جي واسطي لاءِ ئي هجي.
    (3) جهڙي ريت ڪير باهه ۾ وڃڻ پسند نه ٿو ڪري اهڙي ريت اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪير به ڪفر طرف وڃڻ کي ناپسند ڪري ٿو.
     حمل وارين عورتن، ٻارن وارين عورتن، کير پيارڻ واريون، پنهنجي اولاد سان محبت ڪرڻ واريون، جيڪڏهن پنهنجي گهر واري (مڙس) جي خدمت ڪن ۽ نماز پڙهن ته بلاشڪ اهي جنت ۾ داخل ڪيون وينديون.
     نرم مزاج، سٺي طبع، شائستگي پيدا ڪندڙ ۽ صبر ڪرڻ واري ٻانهن/ ٻانهين تي دوزخ حرام آهي.


    بخشش جا وسيلا

     نيڪ ٻانهي کي خوش ڪرڻ گناهن کان معافي جو وسيلو آهي.
     سلام ڪرڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ ۽ سٺي گفتگو ڪرڻ مغفرت جو وسيلو آهي.
     جيڪو ٻانهو پنهنجي جواني جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ شادي ڪري ٿو ته ان جو شيطان رڙيون ڪرڻ لڳي ٿو ته ان پنهنجو دين (ايمان) مونکان محفوظ ڪري ورتو.
     جنهن مسلمان ٻانهي جي نيڪ هجڻ جي چار ماڻهو گواهي ڏيندا هجن، الله تعاليٰ ان کي جنت ۾ داخل ڪندو.
     جيڪو مسلمان ٻانهو ڪنهن ٻئي مسلمان ڀاءُ کي لباس (پائڻ لاءِ ڪپڙا) ڏئي ٿو، الله تعاليٰ ان کي جنت جو لباس عطا فرمائيندو، جيڪو مسلمان ٻانهو ڪنهن ٻئي مسلمان ڀاءُ کي کاڌو کارائي ٿو، الله تعاليٰ ان کي قيامت جي ڏينهن جنت جا ميوا عطا فرمائيندو، جيڪو مسلمان ٻانهو ڪنهن ٻئي مسلمان ڀاءُ کي پاڻي پياري ٿو ته الله تعاليٰ ان کي جنت جا لذيذ شربت عطا فرمائيندو.
     ڇهه شين جو مون سان واعدو ڪريو، آئون اوهان کي جنت ۾ وٺي وڃڻ جو واعدو ڪريان ٿو:
    (1) ڳالهه هميشه سچي ڪريو.
    (2) واعدي خلافي نه ڪريو.
    (3) امانت ۾ خيانت نه ڪريو.
    (4) پنهنجي اکين کي نظرهڻڻ کان محفوظ رکو.
    (5) پنهنجي هٿن کي ڊگهو (پنڻ) کان روڪيو.
    (6) پنهنجي عزت جي حفاظت ڪريو.
     سچي ۽ ايماندار واپاري کان جنت جا دروازا بند نه ڪيا ويندا.
     هي ٽي ڳالهيون جنهن ۾ به هونديون، الله تعاليٰ ان جا گناهه معاف ڪندو ۽ ان کي جنت ۾ داخل ڪندو:
    (1) محروم ڪندڙ کي رحم ڪرڻ واري کي.
    (2) ظلم ڪندڙ کي معاف ڪرڻ واري کي.
    (3) بي رحمي ڪرڻ واري تي رحم ڪرڻ کي.
     الله تعاليٰ جي راهه ۾ هڪ رات جي عبادت هزار راتين جي عبادت ۽ هزار روزن کان افضل آهي.
     ٻن اکين تي دوزخ حرام آهي:
    (1) اها اک جيڪا الله تعاليٰ جي خوف ڪري روئندي رهي ٿي.
    (2) اها اک جيڪا ڪفر جي مقابلي ۾ اسلام ۽ مسلمانن جي نگهباني جا فرض سرانجام ڏئي ٿي.


    عالمن جي فضيلت

     عالم (علم رکندڙ) زمين تي ائي آهن جيئن آسمان تي تارا هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته سمنڊ ۽ زمين جي اونداهين ۾ انهن کان رهنمائي حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ جهڙي ريت تارا لڪي وڃن ٿا ته، ٿي سگهي ٿو ڪو واٽ ويندڙ مسافر رستو وڃائي سگهي ٿو، اهڙي ريت ئي عالمن جي نه هجڻ سان انسان گمراهه ٿي وڃي ٿو.
     جيڪو ٻار علم ۽ عبادت ڪندي جوان ٿيندو آهي، قيامت جي ڏينهن ان کي 72 صديقن جو ثواب ملندو.
     علم ۾ هڪٻئي جي مدد ڪريو ۽ علم ٻين کان لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته علم ۾ خيانت ڪرڻ مال جي خيانت کان وڌيڪ وڏو گناهه آهي.
     وڏڙن سان گڏ ويهو، عالمن کان سوال ڪريو ۽ عقلمندن سان صحبت وڌايو.
     اُمت مان سڀ کان فضيلت وارا عالم آهن ۽ عالمن مان سڀ کان وڌيڪ افضل بردبار ۽ نرم طبع رکندڙ عالم آهن.
     الله تعاليٰ جاهل جي هڪ گناهه معاف ڪرڻ کان اڳ عالم جا 40 گناهه معاف فرمائيندو آهي.
     آگاهه ٿو ڪجي ته صلهء رحمي ڪندڙ عالم قيامت جي ڏينهن اهڙي ريت ايندو، جيئن ان جو چهرو ان جي ايندڙ واٽ تي اوڀر کان اولهه تائين چمڪندڙ هوندو ۽ ان جي منهن مان نور جون واٽون ٻرنديون رهنديون آهن.
     دنيا ۽ آخرت جون تمام خصوصيتون علم سان وابسطا هونديون آهن ۽ ٻنهي جهانن جون برايون جهالت سان واسطو رکندڙ ٿين ٿيون.
     جيڪو ٻانهو عالم سان محبت ڪري ٿو، اهو ڄڻ مون (حضرت محمدﷺ) سان محبت ڪري ٿو.
     علم اسلام جي زندگي ۽ دين جو ٿنڀ آهي. جنهن علم حاصل ڪيو الله تعاليٰ ان کي اجر ڏيندو ۽ جنهن علم سان گڏ عمل ڪيو، الله تعاليٰ ان جو علم ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ڪندو.
     عالم، دين جو ڏيئا آهن ۽ نبين جا جانشين آهن. منهنجا (پاڻ ڪريمﷺ جن جا) ۽ ٻين پيغمبرن جا وارث آهن.
     جاهلن ۾ علم حاصل ڪندڙ ائين آهي جهڙو مردن ۾ زندهه هوندو آهي.
     جنهن عالم مان ماڻهو فيض وٺن ٿا، اهو هزار عابدن کان بهتر آهي.
     خاموشي عالم جو وقار ۽ جاهل لاءِ حجاب آهي.
     الله تعاليٰ کان نفعي بخش علم لاءِ دعا ڪريو ۽ جيڪو علم نفعو نه ڏئي ان کان الله تعاليٰ جي پناهه گهرو.
     عالم جو جذبو ڏوڪي جي چوٽ جيئان هر طرف ڦهلجي وڃي ٿو ۽ جاهل جي خطا جهالت جي پردي ۾ ڍڪجي وڃي ٿي.
     ملائڪ نيڪ عالم جي قدمن هيٺان پنهنجا پر وڇائيندا آهن.


    حڪمت ۽ معرفت جي فضيلت

     ٽي شيون ٿيڻ وقت کلڻ کان منع ڪيو ويو آهي:
    (1) نڪاح
    (2) طلاق
    (3) ۽ غلام کي آزاد ڪرڻ
    ٽي شيون اهڙيون هونديون آهن جن کي ترڪ نه ٿو ڪري سگهجي:
    (1) والدين سان نيڪي ڪرڻ پوءِ ڀلي اهي ڪافر ڇو نه هجن.
    (2) واعدو نڀائڻ پوءِ ڀلي اهو واعدو ڪنهن ڪافر سان ئي ڪيو وڃي.
    (3) امانتداري ادا ڪرڻ، پوءِ ڀلي اها امانت ڪافر جي ئي ڇو نه هجي.
     ٽي شيون ايمان جي نشاني آهن:
    (1) تنگدستي ۾ سخاوت ڪرڻ
    (2) عالم کي سلام ڪرڻ
    (3) پنهنجي خلاف فيصلو ڪرڻ
     ٽي شيون ڪيترن ئي مصيبتن کان نجات ڏيارين ٿيون:
    (1) زبان کي روڪڻ
    (2) گناهن جو ازالو ڪرڻ
    (3) گوشه نشيني اختيار ڪرڻ
     ٽن شين کي ڏسڻ سان انساني اکين جي قوت وڌي ٿي، اهي ٽي شيون هي آهن:
    (1) گلڪاري (باغ بهاري)
    (2) چشما (ڍنڍون ۽ درياهه)
    (3) حسين چهرا (الله تعاليٰ جي خاص ٻانهن جا مبارڪ چهرا)
     ٽي شيون اهڙيون آهن جن جي وسيلي انسان دنيا ۽ آخرت جي نعمتون حاصل ڪري سگهي ٿو:
    (1) مصيبت ۾ صبر ڪرڻ سان
    (2) الله تعاليٰ جي قضا تي راضي رهڻ سان
    (3) عيش (صحتيابي جي حالت ۾) جي وقت ۾ نعتمن جي شڪراني جي دعا گهرڻ سان
     ٽي شيون دلين ۾ محبت وڌائين ٿيون:
    (1) ملاقات جي وقت سلام ڪرڻ
    (2) محفل ۾ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ جاءِ ڪڍڻ
    (3) جنهن نالي کي ان جو ڀاءُ پسند ڪري ٿو ان نالي سان کيس سڏڻ سان
     وڏي مصيبت اها آهي ته اوهان ماڻهن جا محتاج ٿيو ۽ اهي اوهان کي ڪجهه ڏيڻ نه چاهيندا هجن:
     زبان جو سٺائي انسان جو حسن آهي.
     هر شيءَ کي ظاهر ڪرڻ (ڪنهن جا عيب اگهاڙا ڪرڻ) ئي جهالت آهي.
     هر ٻڌل شيءَ (جنهن کي اوهان پاڻ نه ٻڌو هجي) کي بيان ڪرڻ ڪوڙ آهي.
     فراخدلي حسد کي ختم ڪري ٿي.
     پاڙيسرين جو احترام ڪرڻ عمر ۽ آبادي ۾ اضافو ڪري ٿي.
     خوش اخلاقي ڪرڻ دوستي کي وڌائي ٿي
     خوش اخلاقي ڪرڻ ۾ برڪت آهي
     حيا، حُسن جي ملڪيت آهي، تقويٰ، بزرگي جي ملڪيت آهي، صبر بهترين سواري آهي ۽ غيب کان راحت جي طلب ۽ انتظار عبادت آهي.
     الله تعاليٰ جنهن به دل کي ڏکن ۽ رحم کان محروم ڪيو اهو ناڪام ۽ نامراد آهي.
     هر ڪم غور ۽ فڪر سان ڪندا ڪريو، جيڪڏهن انجام خير وارو ڏسو ته اهو ڪم ڪري ڇڏيو، جيڪر گناهه محسوس ڪيو ته اهو ڇڏي ڏيو.
     دنيا ۾ مشهور ۽ شهرت ماڻيندڙ ماڻهو لاءِ تڪليفون پيدا ٿينديون آهن ۽ گمنام ۽ غير مشهور ٻانهي لاءِ سڪون آهي.
     پنجن شين مان پنج شيون پيدا ٿين ٿيون:
    (1) جيڪا قوم واعدي خلافي ڪندي آهي، الله تعاليٰ انهن جي دشمنن کي انهن تي فتح ڏيندو آهي.
    (2) جيڪا قوم الله تعاليٰ جي خلاف فيصلو ڪري ٿي، الله تعاليٰ ان ۾ ٽولا بڻائي ڇڏي ٿو.
    (3) جنهن قوم ۾ بدڪاري وڌي وڃي ٿي، ان قوم ۾ اتفاقيه موت وڌڻ شروع ٿين ٿا.
    (4) جيڪا قوم تور ۾ گهٽائي ڪرڻ لڳي ٿي، اها بيمارين ۾ مبتلا رهي ٿي.
    (5) جيڪا قوم زڪوات ادا نه ٿي ڪري، اها خشڪ سالي جو شڪار بڻجي ٿي.


    دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابيءَ جي لاءِ 25 سونهرا اصول

     حضرت خالد بن وليد فرمائي ٿو ته اسان رسول اللهﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين ته هڪ ماڻهو آيو، عرض ڪرڻ لڳو يا رسول اللهﷺ مان ڪجهه ڳالهيون پڇڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان، جيڪي مون کي دنيا ۽ آخرت ۾ نفعو بخشين. پاڻ نبي پاڪ ﷺ جن فرمايو ته جيڪو وڻئي سو پڇ. اُن چيو:
    (1) آئون سڀن کان وڏو عالم بڻجڻ چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: تقوا اختيار ڪر، سڀ کان وڏو عالم بڻجي ويندين.
    (2) آئون سڀن کان وڏو سخي بڻجن چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: قناعت اختيار ڪر، سڀ کان وڏو سخي بڻجي ويندين.
    (3) ان چيو آئون سڀن کان وڏو عدل ڪندڙ بڻجن چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو ته جيڪو توکي پنهنجي لاءِ پسند آهي، اهو ئي ٻين ماڻهن (ڀائرن) لاءِ پسند ڪر، تون سڀ کان وڏو عدل ڪندڙ بڻجي ويندين.
    (4) ان چيو آئون سڀن کان سٺو انسان ٿيڻ چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: ماڻهن کي نفعوڏيندو ڪر، سڀ کان سٺو انسان بڻجي ويندين.
    (5) ان چيو، آئون ٻين انسانن مان سڀ کان وڌيڪ الله جو خاص ٻانهو ٿيڻ چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: الله جو ذڪر ڪثرت سا ڪندو ڪر، خاص ٻانهو بڻجي ويندين.
    (6) ان چيو، منهنجو ايمان ڪامل بڻجي؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: پنهنجو اخلاق سٺو ڪر، تنهنجو ايمان ڪامل بڻجي ويندو.
    (7) ان چيو، آئون احسان ڪندڙ ٿيڻ چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: الله تعاليٰ جي عبادت اهڙي ريت ڪر جيئن تون ان کي ڏسي رهيو آهين، جيتوڻيڪ تون ان کي نٿو ڏسي سگهين، پر اهو ته توکي ڏسي رهيو آهي.
    (8) ان چيو، آئون الله جي فرمانبردار ٻانهو بڻجڻ چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: فرضن کي ادا ڪر، الله تعاليٰ جو فرمانبردار بڻجي ويندين.
    (9) ان چيو، آئون الله تعاليٰ سان گناهن کان پاڪ ٿي ملڻ چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: ناپاڪائي ۾ جلدي غسل ڪندو ڪر، فرمانبردار بڻجي ويندين
    (10) ان چيو، آئون چاهيان ٿو ته قيامت جي ڏينهن نور سان اٿاريو وڃان؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: پنهنجو پاڻ تي يا ڪنهن ٻئي تي ظلم نه ڪندو ڪر، قيامت جي ڏينهن نور سان اٿاريو ويندين.
    (11) ان چيو، الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن مون تي پنهنجو رحم ڪري؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: پنهنجو پاڻ تي رحم ڪر ۽ الله جي ٻانهن تي به رحم ڪندو ڪر، ته الله قيامت جي ڏينهن توتي پنهنجو رحم ڪري.
    (12) ان چيو، منهنجا گناهه گهٽ ٿين؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: استغفار جي ڪثرت ڪر، الله تعاليٰ تنهنجا گناهه گهٽ ڪندو.
    (13) ان چيو، آئون ماڻهن کان وڌيڪ عزت وارو بڻجان؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: مخلوق مان ڪنهن کي به پنهنجي ضرورت نه ٻڌا، سڀ کان وڌيڪ عزت وارو بڻجي ويندين.
    (14) ان چيو، مان سڀن کان وڌيڪ طاقت وارو بڻجڻ چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: الله تعاليٰ تي توڪل ڪر، سڀن کان وڌيڪ طاقت وارو بڻجي ويندين.
    (15) ان چيو، منهنجو رزق ڪشادو ٿئي؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: باوضو رهندو ڪر، تنهنجو رزق ڪشادو ٿي ويندو.
    (16) ان چيو، آئون الله تعاليٰ ۽ ان جي رسولﷺ جو پيارو ٻانهو ٿيڻ چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: جيڪو الله تعاليٰ ۽ ان جي رسولﷺ کي پسند آهي، ان کي پسند ڪر، الله تعاليٰ ۽ ان جي رسولﷺ جو پيارو ٻانهو بڻجي ويندين.
    (17) ان چيو، قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ جي غضب کان بچڻ چاهيان ٿو؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: الله تعاليٰ جي مخلوق تي ڪاوڙ ڪرڻ ڇڏ، تون کي پنهنجي غضب کان بچائيندو.
    (18) اب چيو، منهنجون دعائون قبول ٿين؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: حرام کائڻ ڇڏي ڏي، تنهنجون دعائون قبول ٿي وينديون.
    (19) ان چيو، قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ ذلت کان بچائي؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: پنهنجو پاڻ کي زنا کان بچاءِ، الله تعاليٰ توکي ذلت کان بچائيندو.
    (20) ان چيو، قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ منهنجي عيبن کي ڍڪي؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: پنهنجي ڀائرن جي عيبن کي ڍڪيندو رهه، الله تعاليٰ تنهنجا عيب ڍڪي ڇڏيندو.
    (21) ان چيو، گناهن کان ڪهڙي شيءَ نجات ڏياري ٿي؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: ڳوڙها، خدمت ۽ مرض.
    (22) ان چيو، سڀ کان عظيم نيڪي ڪهڙي آهي؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: سٺو اخلاق، خدمت ۽ مصيبت جي وقت صبر ڪرڻ.
    (23) ان چيو، سڀ کان وڏي بڇرائي ڪهڙي آهي؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: بداخلاقي ۽ بخيلي.
    (24) ان چيو، الله تعاليٰ جي ڪاوڙ کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪهڙي شيءَ ٿڌو ڪري سگهي ٿي؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: لڪي لڪي صدقو ڪرڻ ۽ رحمدلي ڪرڻ.
    (25) ان چيو، قيامت جي ڏينهن دوزخ جي باهه کي ڪهڙي شيءَ وسائي سگهي ٿي؟
    نبي پاڪﷺ فرمايو: دنيا ۾ ڏکن ۽ مصيبتن تي صبر ڪرڻ.
    (حوالو مسند احمد)


    حضرت معاذ بن جبل (رضه) کي نصيحت

     حضرت معاذ بن جبل رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آهي ته نبي پاڪﷺجن (هڪ ڀيري) مونکي ڏهن ڳالهين جي نصيحت ڪرڻ فرمائي، پاڻﷺ جن فرمايو:
    (1) الله تعاليٰ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيو، جيتوڻيڪ اوهان کي قتل ڪيو وڃي.
    (2) پنهنجي والدين جي نافرماني نه ڪيو، جيتوڻيڪ اهي اوهان کي حڪم ڏين ته پنهنجو گهرٻار ۽ مال متاع ڇڏي نڪري وڃو.
    (3) ڪڏهن به نماز جو فرض بغير ڪنهن عذرجي نه ڇڏيو، ڇو ته جنهن به ٻانهي هڪ وقت نماز بغير عذر جي ڇڏي ڏني ته الله تعاليٰ سان ٻانهي پاران ڪيل واعدو ۽ ذمو به برقرار نه ٿو رهي.
    (4) ڪڏهن به هرگز شراب نه پيئو، ڇاڪاڻ ته شراب نوشي سڀني فحاشين جي جڙ آهي.
    (5) هر گناهه کان بچو، ڇو ته گناهه ڪرڻ سبب ئي الله تعاليٰ جو غضب نازل ٿئي ٿو.
    (6) جهاد جي موقعي وقت پٺي نه ڀڄو، جيتوڻيڪ اوهان تي ڪيترو به مشڪل وقت اچي چڪو هجي.
    (7) جڏهن اوهان ڪنهن جاءِ تي ماڻهن سان گڏ رهو ٿا ۽ ڪنهن سبب ڪري اتي وبائي مرض سبب موت جو بازار گرم ٿي وڃي، ته توهان اتي بيٺا رهو(جان بچائڻ جي خيال کان اتان هرگز نه ڀڄو).
    (8) پنهنجي گهر ڀاتين تي پنهنجي وسعت آهر خرچ ڪريو(نه بخيلي کان ڪم وٺو جو پيسي هجڻ ڪري به انهن کي تڪليف پهچي ۽ نه خرچ ڪرڻ جي صورت ۾ پنهنجي حيثيت کان اڳتي وڌي وڃو).
    (9) ادب (اخلاق) جي تربيت ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ڀاتين (پنهنجي حال آهر ۽ ضرورت موجب) سختي به ڪندا ڪريو.
    (10) ۽ انهن کي الله تعاليٰ جي خوف کان به واقف رکو.
    (مسند احمد، معارف الحديث)


    ڪامياب زندگي جا اصول

     حضرت ابو ايوب انصاري رضه کان روايت آهي ته هڪ شخص حضور پاڪﷺ وٽ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته مون کي نصيحت ڏيڻ فرمايو پر اها مختصر هجي(ته جيئن اها ياد ڪرڻ ۾ آساني ٿئي) پاڻﷺارشاد ڪيو ته:
     هڪ ڳالهه ياد رکو:
    جڏهن اوهان نماز لاءِ اٿي بيهو ته ان شخص جيان نماز پڙهو جيڪو سڀني کي الوداع ڪرڻ وارو هجي ۽ سڀني کان موڪلائي رهيو هجي، مطلب دنيا مان رخصت ٿيڻ واري ماڻهو جهڙي نماز ادا ڪندا ڪريو.
     ٻي ڳالهه ياد رکو:
    اهڙي ڪابه ڳالهه زبان سان نه ڪيو جنهن جي سڀاڻي اوهان کي معافي گهرڻي پوي ۽ جواب ڏيڻو پئجي وڃي، مطلب ڳالهائڻ وقت هميشه ان جو خيال رکو، اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪندا ڪريو جنهن جي جواب لاءِ هن دنيا يا قيامت جي ڏينهن تي الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ اوهان کي سڏيو وڃي.
     ٽئين ڳالهه ياد رکو:
    ماڻهن وٽ يا انهن جي هٿن۾ جيڪو ڪجهه نظر اچي ٿو، ان کان پاڻ کي هرگز مايوس نه ڪيو، مطلب توهان جي اميدن ۽ ڌيان جو مرڪز فقط الله تعاليٰ جي ڏنل نعمتن ڏانهن هجي ۽ مخلوق مان اميد نه رکو. (مسند احمد، معارف الحديث)


    عملن جو دارومدار نيتن تي آهي

     حضور اڪرمﷺ جن فرمايو آهي ته:
    سڀني عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. (بخاري و مسلم)
     الله تعاليٰ اوهان جي شڪلن ۽ اوهان جي مال ڏانهن نه ٿو ڏسي، پر اهو اوهان جي دلين ڏانهن ۽ اوهان جي عملن کي ڏسندو آهي.(مسلم)
     اي انسانو! پنهنجي عملن ۾ عاجزي پيدا ڪريو، الله تعاليٰ ئي اهي عمل قبول ڪندو آهي، جنهن جو بنياد عاجزي تي هوندو آهي. (حاڪم)
     نيڪ ٻانهي جي نيت ان جي عملن سان بهتر بڻجي ٿي. (احمد)
     هڪ صحابي کي پاڻ ﷺ جن وصيت ڪندي فرمايو: ته پنهنجي دين کي سچو ڪر، جيڪڏهن دل ۾ عاجزي پيدا ٿي ته ٿورڙو عمل ئي تنهنجي لاءِ ڪافي آهي.(حاڪم)


    ايمان ۽ اسلام بابت حضور اڪرمﷺ جن جو ارشاد

     انسان جي دل ۾ ايمان مڪمل تڏهن ٿيندو آهي جڏهن الله تعاليٰ سان محبت ڪندو هجي. (احمد)
     اسلام جو بنياد پنجن شين تي دارومدار رکي ٿو:
    (1) ڪو به عبادت جي لائق ناهي سواءِ الله تعاليٰ جي پاڪ ذات جي ۽ حضرت محمدﷺ الله تعاليٰ طرفان موڪليل آخري نبي آهي.
    (2) نماز
    (3) روزا
    (4) حج
    (5) زڪوات. (بخاري و مسلم)
     ايمان جو مزو چکيو ان ٻانهي جنهن الله تعاليٰ کي پنهنجو پالڻهار، اسلام کي پنهنجو دين ۽ حضرت محمدﷺ جن کي پنهنجو رسول تسليم ڪندي راضي رهي ٿو.(بخاري و مسلم)
     انسان ۾ اسلام جي خوبي اها هوندي آهي ته اهو فضول ڳالهين کي ترڪ ڪري ڇڏي. (ترمذي)
     اوهان مان ڪو به مومن نه ٿو ٿي سگهي جيسيتائين مان ان جي ويجهو ان جي پيءُ، ان جي پٽ ۽ سڀني انسان کان وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃان. ( بخاري و مسلم)
     اوهان مان ڪو به حقيقي معنيٰ ۾ تيسيتائين مومن نه ٿو بڻجي سگهي جيستائين اهو پنهنجي ڀاءُ لاءِ اهو پسند نه ٿو ڪري جيڪو هن پنهنجي لاءِ پسند ڪيو آهي. (بخاري)
     جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ ۽ آخرت تي ايمان نه رکندو هجي، ان کي گهرجي ته اهو چڱيون ڳالهيون ڪري نه ته خاموش رهي.(بخاري و مسلم)
     جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ ۽ آخرت تي ايمان آڻي ٿو، ان کي گهرجي ته اهو پاڙيسرين ۽ مهمانن جي عزت ڪندو رهي. (بخاري و مسلم)


    الله جو محبوب ٻانهو ٿيڻ لاءِ

     حضورﷺ جن ارشاد فرمائين ٿا ته:
     تقويٰ جي لاءِ ڪنهن مادي معيار طور ڪنهن شخص کي ٻئي شخص تي فضيلت حاصل نه آهي، اوهان سڀ آدم جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽي مان خلقيو ويو آهي، نه ڪنهن عرب کي عجم تي ڪا فضيلت حاصل آهي ۽ نه ئي ڪنهن عجم کي ڪنهن عرب تي. الله تعاليٰ جي ويجهو اوهان مان وڌيڪ ويجهو اهو آهي جيڪو گهڻو پرهيزگار آهي.(ترمذي)
     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته دنيا ۾ تقويٰ اختيار ڪر، الله تعاليٰ جو محبوب بڻجي وڃ ۽ انسانن وٽ جيڪو ڪجهه آهي ان کان بي خبر ٿي وڃ، پنهنجي تقويٰ (عبادت) جي ڪري ماڻهن جو محبوب بڻجي وڃ. (ابن ماجه)
     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته تون گناهن کان پرهيز ڪر ته جيئن تون سڀني کان وڌيڪ عابد بڻجي سگهين. قسمت تي شڪر ڪندو رهه ته جيئن ان مان استغنا (بي نيازي جي ڪيفيت) پيدا ٿيندي رهي، پاڙي وارن سان احسان ڪندو رهه، ته جيئن تون ڪامل ٻانهو بڻجي سگهين، ماڻهن جي لاءِ اهو پسند ڪر، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪرين ٿو ته جيئن ڪامل مسلمان بڻجي سگهين، گهٽ کلندو ڪرڇو ته گهڻو کلڻ ڪري دل مرده ٿيندي آهي.(ترمذي)


    تقويٰ جي نصيحت

     حضرت ابوذر کي حضورﷺ جن نصيحت ڪندي فرمايو ته:
     مان توکي الله تعاليٰ جي تقويٰ لاءِ وصيت ٿو ڪريان ڇو ته اها ئي سڀني شين جي جڙ آهي.
     قرآن شريف کي پڙهڻ ۽ الله تعاليٰ جي ذڪر ڪرڻ جو انتظام ڪر، ان سان آسمانن تي تنهنجو ذڪر ڪيو ويندو ۽ زمين ۾ نور جو سبب بڻجندي.
     اڪثر وقت چپ رهندو ڪر ته وساڻ بغير ڪو ڪلام نه هجي، اها ڳالهه شيطان کي پري رکي ٿي ۽ دين جي ڪمن ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.
     جهاد ڪندا رهو ڇو ته منهنجي امت جي فقيري اها ئي آهي.
     مسڪينن سان محبت ڪريو ۽ انهن سان گڏ ويهندا ڪريو.
     پاڻ کان گهٽ حيثيت جي ماڻهن تي نظر رک ۽ پاڻ کان مالدار ماڻهو تي نظر نه رکجان، ائين نه ڪرڻ سان الله تعاليٰ جي نعمتن جي بي قدري ٿئي ٿي، جيڪي الله تعاليٰ توکي عطا فرمايون آهن.
     قربدارن سان واسطو رکڻ جي فڪر رکجان، جيتوڻيڪ اهو توسان جيستائين واسطو نه ٿو ٽوڙي.
     سچ ڳالهائڻ ۾ دير نه ڪجانءِ.
     ائين نه ٿئي ته هٺ توکي ٻين جي عيبن تي نظر نه وجهڻ ڏئي ۽ جنهن عيب ۾ پاڻ مبتلا هجين ان جي متعلق ٻين تي ڪڏهن به ڪاوڙ نه ڪجان.
     اي ابوذر حُسن قسمت کان وڌيڪ ڪا به عقل جي ڳالهه ناهي ۽ ناجائز حقن کان بچڻ سان ئي پرهيزگاري وڌي ٿي، ۽ خلق کي خوش ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا به شرافت نه آهي.
    (جامع صيغر- طبراني)


    حضور اڪرمﷺ جن جو علم جي فضيلت بابت ارشاد

     علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان عورت ۽ مرد تي فرض آهي.
    (بخاري و مسلم)
     علم سان گڏ ان تي عمل ڪرڻ به تنهنجي لاءِ فائديمند آهي، پر جهالت سان گڏ گهڻو علم توکي فائدو پهچائي نه ٿو سگهي. (حاڪم)
     علم جي طلب مان نڪرڻ وارو اصل ۾ الله تعاليٰ جي راهه ۾ نڪرڻ وارو ٿيندو آهي.
     علم فقط الله تعاليٰ جي لاءِ سکڻ، الله تعاليٰ جي خوف جي حڪم لاءِ آهي.
     علم جي طلب لاءِ ڪٿي به وڃڻ عبادت آهي.
     علم ياد ڪرڻ تسبيح جي برابر آهي.
     علم جي تحقيق ۾ بحث ڪرڻ جهاد جي برابر آهي.
     علم حاصل ڪرڻ صدقو آهي.
     علم کي ماڻهن تائين پهچائڻ الله تعاليٰ جي قرب حاصل ڪرڻ جو ئي ذريعو آهي.
     علم وسيلي ئي جائز ۽ ناجائز کي پرکي سگهجي ٿو.
     علم جنت جي رستن جو نشان آهي.
     علم حاصل ڪرڻ سان اوهان جي دل انمول بڻجي ٿي ۽ اوهان جي علم اڪيلائي ۾اوهان جو بهترين هٿيار آهي.
     علم سفر جو ساٿي آهي.
     علم خوشي ۽ غم جو دليل آهي.
     علم دشمنن (شيطان) خلاف هٿيار آهي.
     علم دلين لاءِ روشني آهي.
     علم اکين جو نور آهي.
     علم جي ڪري انسان اُمت جي نيڪ ٻانهن تائين پهچي ٿو ۽ آخرت ۾ عظيم مرتبو ماڻي ٿو.
     علم جو مطالعو روزن رکڻ جي برابر آهي.
     علم ياد ڪرڻ تهجد جي نماز جي برابر آهي.
     علم سان ئي نيڪ رشتا جوڙيا ويندا آهن.
     علم سان ئي حلال ۽ حرام جي سڃاڻپ ٿئي ٿي.
     علم عمل جو امام آهي، علم، عمل جي نگراني ڪري ٿو، سچ ماڻهن کي الهام ڏيندو آهي ۽ بدبخت ماڻهو ان کان محروم ٿي ويندا آهن.
     علم حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ڪندڙ ٻانهو پنهنجي گذريل گناهن جي معافي جو ڪفارو ڏئي ٿو.
     علم مومن جو سچو دوست آهي، سچائي ۽ بردباري ان جا نائب، عقل ان جو رهنما، عمل انهن جو قائد، نرم مزاجي انهن جو پيءُ ۽ نيڪ عمل انهن جو ڀاءُ ۽ صبر انهي لشڪر جو سردار آهي.
     عالم ۽ عابد جي وڇ ۾ 70 درجن جو فرق آهي.
     ديني جي مسئلن جو شاگرد علم شيطان تي هزارين عابدن کان وڌيڪ ڳرو آهي.
     منهنجي امت جي عالمن جي عزت ڪريو اهي زمين جا تارا آهن.
     اي انسانو! علم حاصل ڪريو ان کان اڳ جو ان کي کنيو وڃي.
     جنهن کان اوهان علم سکو ٿا ۽ جن کي سيکاريو ٿا انهن جي عزت ڪريو.
     جن سان الله تعاليٰ چڱائي ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿو ته ان کي دين جي سمجهڻ جي سگهه عطا ڪري ٿو. (بخاري و مسلم)
     جنهن به علم جي طلب ڪندي وفات ڪئي ان کي شهيد جي موت نصيب ٿيندو.
     سڀني ڪمن کان اعليٰ علم حاصل ڪرڻ آهي، علم جي بزرگي عبادت جي بزرگي کان وڌيڪ آهي، جنهن علم حاصل ڪيو ان کي جنت جا باغ نصيب ٿيندا جتي اهو سير ۽ سفر ڪري سگهندو.
     علم جي فضيلت ائين آهي جيئن جاهل کي عابد تي ائين ئي جيئن چنڊ کي تارن تي.
     سمورا نبي پنهنجي ورثي ۾ دولت نه ڇڏي ويندا آهن، انهن جو ورثو ته اهو ئي علم هوندو آهي، جنهن به علم حاصل ڪيو اهو تمام وڏي حصي جو مالڪ بڻجي ويو.
     انسان جي لاءِ اهو علم ڪافي آهي ته الله تعاليٰ کان ڊڄندو رهي ۽ ان لاءِ اها بيوقوفي ڪافي آهي ته پنهنجو پاڻ تي فخر ڪري.


    علم لاءِ تبليغ

     پاڻ ڪريمﷺ فرمايو، منهنجي پاران پيغام پهچائيندا رهو، پوءِ فقط اها هڪ آيت ئي ڇو نه هجي.
     جيڪو شخص منهنجي مجلس ۾ حاضر ٿئي ٿو، ان کي گهرجي ته اهو ان ٻانهي تائين دين (اسلام) جو علم پهچائيندو رهي جيڪو هتي موجود نه آهي. (بخاري)
     الله تعاليٰ ان ٻانهي کي آباد رکي جنهن منهنجون ڳالهيون ٻڌيون ۽ ٻين تائين پهچايون.(مسلم)


    عمل نه ڪندڙ عالم

     پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: عمل نه ڪندڙ عالم ان ڏيئي مثل آهي جيڪو پاڻ پنهنجي علم جي روشني ٻين تائين ته پهچائي ٿو پر پاڻ کي ساڙيندو رهي ٿو. (احمد)
     پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: عمل نه ڪندڙ عالم منهنجي اُمت لاءِ موت جو سبب آهي.
     پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: موت آهي ان جاهل تي ۽ ان عالم تي جيڪو بي عمل آهي.


    بهترين عبادت قرآن شريف جي تلاوت آهي

     حضرت ابوذر(رضه) فرمائي ٿو ته مان حضورﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، مون عرض ڪيو ته ڪجهه وصيت ڪرڻ فرمائيندا: پاڻﷺ جن فرمايو الله تعاليٰ جي تقويٰ اختيار ڪر، اها شيءَ تنهنجي دين سان گڏ تنهنجي دنيا کي به سنواري ٿي. مون چيو، اڃان ڪجهه فرمايو: پاڻﷺ جن پنهنجو پاڻ کي قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ ذڪر الاهي ۾ مشغول رک، ان سان الله تعاليٰ توکي آسمان تي ياد ڪندو ۽ اهو عمل تنهنجي زندگي جي اونداهين کي روشن بڻائي ڇڏيندو.(مشڪواة)
     پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: منهنجي اُمت جي بهترين عبادت قرآن شريف پڙهڻ آهي.(ترمذي)
     قرآن شريف بهترين علاج آهي.(ابن ماجه)
     قرآن شريف مٺڙي آواز سان پڙهندا ڪريو. (طبراني)
     ٻانهن ۾ اهو وڌيڪ عابد آهي، جيڪو ٻانهو قرآن شريف جي تلاوت گهڻي کان گهڻي ڪندو آهي.
     قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ وارن جي لاءِ ختمِ قرآن واري دعا ۾ هر دعا قبول ڪئي ويندي آهي.


    آخرت جي فڪر بابت حضور اڪرم(ﷺ) ارشاد فرمائين ٿا

     عقلمندي جي اصل فضيلت الله جي خوف سان پيدا ٿئي. (بخاري)
     الله تعاليٰ جي عذاب ۽ جلال بابت، قيامت جي خوفناڪ ۽ ڊيڄاريندڙ عذاب جي اصليت جيڪر اوهان کي خبر پئجي وڃي ته، اوهان جو کلڻ تمام گهٽجي وڃي ۽ اوهان جي روئڻ ۾ اضافو ٿي ويندو. (بخاري)
     الله جي خوف سبب جيڪڏهن ڪنهن ٻانهي جي اکين مان ڳوڙهو نڪرندو هجي ۽ اهو ڳوڙهو ڪنهن مک جي منهن جيترو ئي ڇو نه هجي، پوءِ اهو ڳڙندي اچي ڪنهن ٻانهي جي منهن تي پهچي ٿو ته الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان جو چهرو دوزخ جي باهه کان محفوظ ٿي ويندو.( ابن ماجه)
     هوشيار ۽ بردبار ٻانهو اهو جيڪو پنهنجو نفس تي ضابطو آڻي ٿو ۽ موت کانپوءِ واري (آخرت جي نجات ۽ ڪاميابيءَ جي لاءِ) عمل ڪري ٿو ۽ بيوقوف ۽ جاهل اهو آهي جيڪو پنهنجي خواهشن کي نفس جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو(۽ بجاءِ الله تعاليٰ جي رضا جي نفس جي خواهشن تي هلندو هجي) ۽ الله تعاليٰ مان اها اميد رکي ته هو جنت جو حقدار آهي.(ترمذي)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن الله تبارڪ و تعاليٰ (انهن ملائڪن کي جيڪي دوزخ تي مقرر ڪيا ويندا) انهن کي حڪم ڪيو ويندو ته جنهن ٻانهي پنهنجي سڄي زندگي ۾ مونکي ڪڏهن ياد ڪيو هجي ۽ مون کان خوف رکيو هجي، ان کي دوزخ مان ڪڍيو وڃي.(جامع ترمذي)


    عبادتن جي باري ۾ حضور اڪرم(ﷺ) جو فرمان

    نماز
     نماز دين جو ٿنڀ آهي، نماز ادا ڪرڻ سان ڏهه فائدا ٿين ٿا:
    (1) منهن (چهري) جو نور وڌي ٿو
    (2) بدن کي سڪون ملي ٿو.
    (3) دل منور رهي ٿي.
    (4) قبر ۾ عذابِ قبر کان نجات ملي ٿي.
    (5) بدنصيبي ختم ٿئي ٿي.
    (6) آسمانن جي چاٻي آهي.
    (7) حساب ڪتاب ڏيڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
    (8) الله تعاليٰ جي مرضي شامل آهي.
    (9) جنت جي قيمت آهي.
    (10) دوزخ لاءِ پردو بڻجي ٿي، جنهن ٻانهي نماز ادا ڪئي ان ڄڻ دين (اسلام) کي قائم رکيو ۽ جنهن به نماز ترڪ ڪئي ان ڄڻ پنهنجو ايمان ختم ڪيو.
     پاڻﷺ جن فرمايو: هر شيءَ جي هڪ نشاني ٿيندي آهي ۽ نماز ايمان جي نشاني آهي.
    (احمد)
     جنهن جي نماز صحيح ادا ڪيل هوندي قيامت جي ڏينهن ان جا اعمال درست هوندا.
    (بخاري)
     نماز پڙهو ۽ سڌي رستي تي هلندا رهو، پنهنجي نيڪ عملن جي ڳڻپ نه ڪندا ڪريو، ايترو ياد رکو ته سڀني عملن ۾ نيڪ عمل نماز جو آهي ۽ وضو جي حفاظت ڪرڻ سچي ٻانهي جي نشاني آهي.
    (مشڪواة)
     جنهن به ڏيکاءُ لاءِ نماز ادا ڪئي ان ڄڻ ته شرڪ ڪيو.
    (مسند احمد)


    نماز جماعت سان گڏ ادا ڪرڻ جون فضيلتون

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته:
    اوهان نماز جماعت سان گڏ ادا ڪرڻ کي لازمي سمجهو، ڇاڪاڻ ته بگهڙ فقط ان ٻڪري کي ئي کائيندو آهي، جيڪا پنهنجي چاريندڙ کان پري ۽ پنهنجي ميڙ کان الڳ رهندي آهي.
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته باجماعت ادا ڪيل نماز جو ثواب اڪيلي طور پڙهيل نماز کان 25 ڀيرا وڌيڪ ٿيندو آهي. (بخاري وابوداؤد)
     جنهن ٻانهي الله جي سڏ (آذان) ٻڌي ۽ ان کي ڪو اهڙو عذر به ضرور نه هجي جنهن جي سڏ تي وڃڻ کان روڪيندو هجي، ته ان جي اها ادا ڪيل نماز جيڪا هن اڪيلي ۾ ادا ڪئي هجي(قيامت جي ڏينهن) قبول نه ڪئي ويندي. هڪ اصحابي سڳوري پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن کان پڇو ته عذر مان ڇا مراد آهي؟ ۽ ڪهڙيون ڳالهيون عذر ۾ شامل ٿين ٿيون؟ پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته خوف ۽ بيماري. (ابوداؤد)


    نماز ادا نه ڪرڻ جا نقصان

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته:
    جيڪو ٻانهو نماز ڇڏي ڏئي ٿو، ان جي لاءِ قيامت جي ڏينهن نه ئي نور خلقيو ويندو ۽ نه ئي ان وٽ ڪا پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪا سفارش هوندي ۽ نه ئي ان کي ڪو بخشش جو وسيلو مهيا ڪيو ويندو ۽ ان کي فرعون، بامان ۽ ابي بن خلف سان گڏ بيهاريو ويندو. (مشڪواة، احمد بهقي)
     نماز ادا نه ڪندڙ جو ڪو به دين نه آهي. (حاڪم)
     نماز ادا نه ڪندڙ الله تعاليٰ جي رحمت کان محروم هوندو آهي.


    روزو

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته:
    هر عمل جي زڪوات ٿيندي آهي ۽ جسم جي زڪوات روزو آهي. (طبراني)
     روزو ڍال آهي (گناهن کان بچڻ جي) (مسلم)
     آدم جي اولاد جو هر عمل ان جو پنهنجو هوندو آهي پر روزو منهنجي عمل مان آهي ۽ ان جو بدلو آئون ئي ان کي ڏيان ٿو. (حديث قدسي بخاري)
     جنهن ٻانهي روزي کي فرض سمجهي ثواب جي اميد سان پورو ڪيو ان تي بخشش واجب آهي. (بخاري)
     افطاري وقت روزيدار الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ جيڪا به دعا گهري ٿو، اها قبول ڪئي ويندي آهي. (ترمذي)
     روزو ۽ قرآن شريف قيامت جي ڏينهن شفاعت جو ذريعو آهن، روزو چوندو ته ان منهنجي ڪري پنهنجو کائڻ پيئڻ بند رکيو، منهنجي شفاعت ان جي حق ۾ قبول ڪئي وڃي. قرآن شريف فرمائيندو ته منهنجي ڪري نيڪ ٻانهو سڄي رات قرآن شريف جو ورد ڪندو رهيو، منهنجي شفاعت ان جي حق ۾ قبول ڪئي وڃي ۽ الله تعاليٰ انهن ٻنهي عملن جي افضل قبوليت ڪرڻ فرمائي ٿو.(ابوداؤد)
     نيڪ ٻانهؤ کجيءَ سان روزو افطار ڪندا ڪريو، ان سان برڪت پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪر کجي ميسر نه هجي ته اوهان پاڻيءَ سان ئي روزو افطار ڪري سگهو ٿا. (ابوداؤد)


    زڪوات

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته:
    جيڪو ٻانهو ڇهن ڳالهين جو اقرار ڪري ٿو ته مان ان جي لاءِ جنت جي ضمانت ڏيڻ فرمائيندس، اهي ڇهه ڳالهيون هن ريت آهن:
    1. نماز
    2. زڪوات
    3. امانت
    4. پنهنجي اوگهڙ جي حفاظت ڪرڻ
    5. پنهنجي پيٽ کي حرام جي مال کان بچائي رکڻ
    6. پنهنجي زبان کي خراب ڳالهين کان بچائي رکڻ


    الله تعاليٰ جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ

     هڪ اصحابي پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن کان پڇيو ته: اي الله جا رسول! ڪهڙو عمل عظمت وارو آهي؟ پاڻ نبي ڪريم ﷺ فرمايو، الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻڻ وارو عمل، وري ڪنهن سوال ڪندڙ پڇيو: ان عمل کان پوءِ ڪهڙو عمل عظمت وارو آهي؟ پاڻ نبي ڪريم ﷺ فرمايو: الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ. (بخاري و مسلم)
     ڪو ماڻهو نو مسلم ٿئي ٿو ۽ مسلمان ٿيندي ئي ان کي الله جي راهه ۾ جهاد جو موقعو ملي وڃي ٿو ۽ اهو جهاد ڪندي شهيد ٿي ويو. پاڻ نبي ڪريم ﷺفرمايو جيتوڻيڪ ان جا گذريل عمل خراب (گهٽ) هئا، پر اهو ٻانهو ڪثرت ثواب جو مالڪ بڻجندو. (بخاري و مسلم)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، جنهن (نيڪ ٻانهي) پنهنجي پيرن (وجود) سان الله جي راهه تي هلڻ (حق جي واٽ) کي واجب ڪيو ان تي دوزخ جي باهه کي حرام ڪيو ويندو. (بخاري)
     الله تعاليٰ پنهنجي نيڪ ٻانهن مان ٻن نشانين ۽ ٻن ڦڙن کي وڌيڪ افضل مقام بخشي ٿو. هڪ اهو ڦڙو (ڳوڙهو) جيڪو الله تعاليٰ جي خوف کان سندس اکين مان نڪرندو هجي ۽ ٻيو اهو رت جو قطرو(ڦڙو) جيڪو جهاد ڪندي نيڪ ٻانهي جي جسم مان زخمي ٿيڻ جي حالت ۾ وهي نڪري ٿو. هڪ اهو نشان جيڪو الله تعاليٰ جي فرضن ادا ڪرڻ سان سندس ڪنهن جسم تي ٿيندو هجي ۽ ٻيو اهو نشان جيڪو الله جي واٽ تي جهاد ڪندي ڪنهن نيڪ ٻانهي کي زخم جي صورت ۾ نڪتل هجي ٿو. (ترمذي)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن کان ڪن اصحابين پڇيو ته ڪهڙن ٻانهن کي شهيد سمجهو ٿا، اهي جيڪي الله جي راهه ۾ ماريا وڃن ٿا؟ پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته، اهڙي طرح ته منهنجي اُمت ۾ شهيد جي تعداد گهٽجي ويندي، اصحابن عرض ڪيو ته پوءِ شهيد ڪهڙا هوندا آهن؟ پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، جيڪي الله تعاليٰ جي واٽ ۾ ماريا ويندا هجن اهي شهيد آهن، ٻيا اهي جيڪي ڪنهن ظالم جي ظلم تي صبر ڪندا رهن ٿا ۽ ان جي ظلم سبب مري وڃن ٿا اهي به شهيد شمار ٿين ٿا.
    (مسلم)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ جي واٽ ۾ ڪافرن سان وڙهيو (ڀل اهو وقت ايترو ئي هجي، جيتري وقت ۾ ڪنهن اُٺڻي مان کير ڏڌو ويندو آهي) ته ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي. (ابوداؤد)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو جن ٻانهي سچي دل سان شهيد ٿيڻ گهريو، پوءِ اهو ٻانهو قدرتي طور مري وڃي يا ماريو ويو هجي، ان نيڪ ٻانهي کي به شهادت جو رتبو عطا ڪيو وڃي ٿو.
     پاڻ نبي ڪريم ﷺجن فرمايو، جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ جي واٽ (جهاد) ۾ زخمي ٿئي ٿو، اهو قيامت جي ڏينهن وڏي عظمت سان اٿاريو ويندو، اهڙي ريت جو اهو سڄو رت سان ڀريل هوندو ۽ ان جو رت ان زعفران جي خوشبو جهڙو هوندو ۽ ان جي جسم مان مشڪ جي خوشبو به ايندي رهندي. (ابوداؤد)


    بهترين اخلاق

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته:
    مان (پاڻ نبي ڪريم ﷺ) جن بهترين اخلاق کي پنهنجي منزل تي پهچائڻ لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان. (حاڪم)
     الله تعاليٰ جا نيڪ ٻانها اهي ئي آهن، جيڪي بهترين اخلاق رکندڙ هجن ٿا.(ابن ماجه)
     بهترين ايمان، بهترين اخلاقن سان ئي پيدا ٿئي ٿو. (ابن ماجه)
     نيڪ ٻانهن ۾ ڪامل ايمان ان جو ئي آهي، جنهن جو اخلاق بهترين هجي ٿو.(حاڪم)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو؛ ڇا اوهان کي اهي نيڪ ٻانها نه ٻڌايان، جن کي دوزخ جي باهه کان آجو قرار ڏنو ويو آهي ۽ جيڪي دوزخ جي باهه کان آجا هوندا، هي اهي ئي ٻانها هوندا جيڪي پنهنجي طبيعت ۾ نرم مزاج ٿين ٿا ۽ بهترين اخلاق رکندڙ هجن ٿا ۽ الله تعاليٰ جي مخلوق تي رحم ڪن ٿا. (مسلم)
     قيامت جي ڏينهن نيڪ ٻانهن جي عملن ۾ جيڪا وزني شيءَ ميزان (حساب جي تارازي) ۾ رکي ويندي، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ثواب رکندڙ / وزن رکندڙ انهن جا بهترين اخلاق هوندا. (ابوداؤد )
     سچو ايمان رکندڙ ٻانهو پنهنجي بهترين اخلاق سبب الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾اعليٰ درجو حاصل ڪري ٿو، ان ٻانهن جي مقابلي ۾ جيڪي رات جو نفلي نماز(تهجد) پڙهڻ واري کان ۽ ڏينهن جو (نفلي روزن) رکڻ واري کان وڌيڪ افضل آهي. (ابوداؤد)


    درگذر ڪندڙ ۽ برداشت

     حضرت عائشه (رضه) جن کان روايت آهي ته پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن پنهنجي باري ۾ ڪنهن به انسان کان بدلو نه ورتو، پر الله جي بي حرمتي ڪندڙ (الله تعاليٰ جي حدن ٽوڙڻ واري) کان بدلو وٺندو هو. (بخاري و مسلم)


    احترام ۽ سنجيدگي

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن وٽ هڪ قبيلي جي وفد جو اڳواڻ کي (جنهن جو لقب اشج هو) خطاب ڪرڻ لڳا (تعريف ڪرڻ جي طور) ته اوهان جي اندر ۾ ٻه اهڙيون خاصيتون آهن جيڪي الله تعاليٰ کي تمام گهڻيون پسند آهن ۽ اهي هي آهن، هڪ بردباري(غير جذباتي ٿيڻ) ٻئي احترام ۽ سنجيدگي. (مسلم شريف)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، اذان ٻڌو ته نماز (مسجد) طرف ائين وڃو جنهن ۾ اوهان جي هلڻ وقت احترام ۽ سنجيدگي نمايان هجي. ان موقعي تي وٺ وٺان ڪرڻ وارو انداز تمام غير سنجيده عمل هجي ٿو. (مشڪواة)


    حيا (لڄ) ۽ ايمان

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: حيا(لڄ) ايمان جو ميوو آهي ۽ ايمان جنت ڏانهن وٺي ويندڙ آهي ۽ بدزباني ڪندڙ جي دل سخت ٿي ويندي آهي ۽ سخت دل هجڻ (بدزبان) دوزخ ڏانهن وٺي وڃي ٿي.
     حيا (لڄ) اسلام جي طريقن منجهان آهي ۽ زياده بڪواس ڪرڻ نحوست (برائي) آهي.
     هر مذهب جي هڪ عادت هوندي آهي ۽ اسلام جي عادت حيا (لڄ) آهي.
     حيا (لڄ) خوبي آهي، پر عورتن ۾ ان جو هجڻ سڀ کان افضل خوبي آهي (حيا عورتن جي لاءِ تمام افضل زيور آهي)


    زبان جي حفاظت ڪرڻ

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، جيڪڏهن ڪو ٻانهو مون کي پنهنجي زبان ۽ پنهنجي شرم گاهه (اوگهڙ جي حفاظت) جي ضمانت ڏئي ته، آئون (حضورﷺ) ان جي لاءِ جنت جي ضمانت ڏيان ٿو. (بخاري)
     نيڪ ٻانهو ڪا چڱي ڳالهه پنهنجي زبان سان چوندو آهي ته اها الله تعاليٰ کي پسند ايندي آهي (پر ٻانهو ان کي اهميت نه ڏيندو آهي) الله تعاليٰ ان ڳالهه جي بدلي ۾ ان جا درجا بلند ڪري ٿو ۽ اهڙي طرح ڪو ٻانهو پنهنجي زبان مان اهڙي ڳالهه (بڇڙائي واري ڳالهه) لاپراوهي سان چوي ٿو ته اها ڳالهه (بڇڙائي واري ڳالهه) ان کي دوزخ طرف وٺي ويندي آهي. (بخاري شريف)


    شڪر ڪرڻ

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو؛ جنهن اسلام قبول ڪيو ۽ ان کي گذران (گذر بصر) جهڙي روزي ملي وڃي ۽ ان کي الله تعاليٰ طرفان ڏنل روزي تي شڪراني جي توفيق بخشي ٿو ته اهو ٻانهو ڀلائي ۽ خير جي لائق آهي.


    سادگيءَ واري زندگي

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: ڇا توهان نه ٻڌو، ڇا توهان نه ٻڌو؟ بيشڪ سادگي ايمان جي نشاني آهي، بيشڪ سادگي ايمان جو جز(حصو) آهي(ٻه ڀيرا اها ڳالهه پاڻ نبي ڪريمﷺ ڪرڻ فرمائي). ( ابوداؤد- مشڪواة)


    ڀلائي

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، ان ذات جو قسم جنهن جي هٿ ۾ منهنجي زندگي آهي، ڪو به ٻانهو مومن نٿو بڻجي سگهي، جيسيتائين اهو ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي لاءِ اهو (ساڳيو) پسند نه ٿو ڪري، جيڪو هن پنهنجي لاءِ پسند ڪيو هجي.(بخاري و مسلم)


    عاجزي ۽ انڪساري

     حضرت عمر (رضه) کان روايت آهي ته، پاڻ خطبو ڏيندي فرمايوئون، اي انسانو! عاجزي ۽ انڪساري اختيار ڪيو، ان جي لاءِ ته مون رسول اللهﷺ کان ٻڌو هو، جيڪو الله تعاليٰ جي رضا لاءِ جهڪي ٿو، الله تعاليٰ ان جا درجات بلند ڪري ٿو، اهو (مخلص ٻانهو) پاڻ کي ننڍڙو سمجهي ٿو، اهو(مخلص ٻانهو) انسانن جي نظرن ۾ وڏو آهي، جنهن به ٻانهي تڪبر ڪيو ان کي الله تعاليٰ ڪيرائيندو (چڱائيءَ جا عمل ختم ڪري ڇڏيندو) آهي ۽ اهو ٻين جي نظرن ۾ پڻ ڪريل (بد) رهندو آهي، جيتوڻيڪ اهوٻانهو پنهنجي نظر جي دوڪي ۾ پاڻ کي وڏو (وڏائي وارو) سمجهندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو انسانذات لاءِ ڪتي ۽ سُوئر کان به وڌيڪ بدتر(بڇڙو) هوندو آهي. (مشڪواة)


    اسلام

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن کان هڪ اصحابي (رضه) پڇيو ته اسلام جو ڪهڙو عمل بهتر(اعليٰ فضيلت وارو) آهي، پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو، غريبن ۽ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ ۽ هر مسلمان ڀاءُ (ٻانهي) کي سلام ڪرڻ، جيتوڻيڪ اوهان ان کي سڃاڻيندا هجو يا نه سڃاڻيندا هجو(مطلب اڳ اوهان ان کان شناسائي (واقفيت) رکندڙ هجو يا نه)- (بخاري و مسلم)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، توهان تيستائين جنت ۾ نٿا داخل ڪيا وڃو جيستائين اوهان سچا مومن (ٻانها) نٿا بڻجو، ۽ اوهان مومن نٿا بڻجي سگهو جيستائين اوهان هڪٻئي سان محبت (پيار ۽ خلوص) نٿا رکو. ڇا آئون(نبي ڪريمﷺ) اوهان کي اها تدبير نه ٻڌايان؟ جنهن سان اوهان هڪٻئي سان محبت ڪرڻ لڳو؟ ان لاءِ بهتر عمل اهو آهي ته اوهان هڪٻئي سان سلام ۾ اڳرائي رکو. (مسلم)


    الله تعاليٰ ۽ ان جي رسولﷺ سان محبت

     حضرت انس رضه کان روايت آهي ته، پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو! ٽي شيون اهڙيون آهن جيڪي جنهن ٻانهي(انسان) ۾ هونديون، کيس ان سان ان جي ايمان ۾ اضافو ٿيندو رهندو.
    1. هڪ اهو ٻانهو جنهن وٽ الله تعاليٰ ۽ ان جي رسولﷺ سڀني رشتن کان محبوب (افضل) هوندا. مطلب جيتري ان (ٻانهي) کي سچي محبت الله تعاليٰ ۽ ان جي رسولﷺ سان هجي ان (ٻانهي) کي ڪنهن به ٻئي (انسان) سان ايتري محبت نه هجي.
    2. ۽ هڪ اهو ٻانهو جنهن کي ڪنهن ٻئي انسان (ٻانهي) سان محبت هجي ۽ اها فقط الله جي واسطي طور هجي.(مطلب ڪنهن دنياوي سبب جي ڪري نه هجي، فقط ان ڪري هجي ته اهو ٻانهو الله وارو (الله جو محبوب) پيارو آهي)
    3. ۽ اهو ٻانهو جنهن کي الله تعاليٰ جي ذات ڪفر کان بچائي وڌو هجي، (جيتوڻيڪ اهو پهريائين بچايو ويو هجي، يا ڪفر کان توبهه ڪندو هجي ۽ بچي ويو هجي) ۽ ان کي (بچائڻ) ۽ ڪفر جي طرف وڃڻ کي پسند نه ڪندو هجي، جيئن باهه (دوزخ جي باهه) ۾ وجهڻ کي پسند نه ٿو ڪري.(بخاري و مسلم)
     حضرت معاذ بن جبل رضه کان روايت آهي ته مون جڏهن نبي ڪريمﷺ جن کان پڇيو ته ايمان جو افضل ۽ اعليٰ درجو ڪهڙو آهي ۽ اهي ڪهڙا عمل ۽ اخلاق جا گڻ آهن جن جي ذريعي اهي حاصل ڪري سگهجن ٿا؟
    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ جي واسطي ئي اوهان جي ڪنهن (ٻانهي) سان محبت هجي ۽ ڪنهن بڇڙائي رکندڙ (ٻانهي) کان الله تعاليٰ جي ئي واسطي نفرت ڪندا هجو.(مطلب دوستي ۽ دشمني ڪنهن سان به هجي پر اها فقط الله تعاليٰ جي رضا جي ڪري ئي هجي) ۽ ٻيو اهو ته اوهان پنهنجي زبان (دل) الله تعاليٰ جي ياد ۾ مصروف رکو.
     حضرت معاذ (رضه) عرض ڪيو ٻيو ڇا يا رسول اللهﷺ ؟
    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ۽ ٻيو اهو ته ٻين انسانن (ٻانهن) لاءِ به اهو ئي گهرو ۽ اهو ئي پسند ڪريو جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا ۽ انهن جي لاءِ اهي ئي شيون پسند ڪريو جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا ۽ انهن کي انهن شين جي لاءِ به پسند نه ڪريو جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ پسند نه ٿا ڪريو. (بخاري و مسلم، مسند احمد، معارف الحديث)


    09 ڳالهيون

     حضرت ابو هريره کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ جن فرمايو، تنهنجي ۽ منهنجي (پاڻ نبي ڪريمﷺ) جن جي رب (الله تعاليٰ) مون کي 9 ڳالهين جو خاص طور تي حڪم ڏنو آهي:
    1. هڪ الله تعاليٰ کان ڊڄڻ خلق ۾ ۽ جلوي (ديدار) ڪرڻ وقت.
    2. عدل ۽ انصاف جي ڳالهه ڪرڻ، ڪاوڙ ۾ ۽ رضامندي ۾ (مطلب ائين نه ٿئي ته جڏهن ڪنهن سان ڪاوڙيل هجو ته ان جو حق کائو ۽ ان تي ڪاوڙ ڪريو، ان جو ان کان حق کسيو وڃي ۽ ان سان ناانصافي ڪئي وڃي ۽ وري جڏهن ڪنهن سان دوستي هجي ۽ ان سان رضامند هجو ته ان جي هروڀرون حمايت ۽ طرفداري (پاسو کڻڻ) ڪندا رهو، مطلب ته هر حال تي عدل ۽ انصاف ۽ اعتدال واري واٽ تي هلڻ گهرجي).
    3. وري حڪم فرمايائون: انصاف واري واٽ تي هلڻ گهرجي، پوءِ ڇو نه اها حالت غريبي واري هجي، يا مالداري واري، ٻنهي حالتن ۾ انصاف جي طرفداري ڪندا رهجو. (مطلب جڏهن الله تعاليٰ طرفان غربت واري زندگي ۾ مبتلا ڪري ته بي صبري ۽ پريشان حال ٿيڻ واري ڪيفيت نه هجڻ گهرجي ۽ جڏهن (الله تعاليٰ) فراخدلي (آسائش) ۽ خوشحالي نصيب عطا ڪري ته نيڪ ٻانهو پنهنجي حقيقت کي نه ڀلائي، وڏائي ۽ سرڪشي ۾ مبتلا نه ٿئي. جيتوڻيڪ ان ٻنهي امتحان وارين گهڙين ۾ اهڙين ڪيفيتن کان پرهيز ڪيو وڃي ۽ پنهنجي بهتر رکي وڃي، اها ئي انصاف واري واٽ آهي، جنهن جو الله تعاليٰ پنهنجي پياري نبي ڪريمﷺ کي حڪم فرمايو، ان کان اڳتي وري رسول اللهﷺ جن فرمائين ٿا)
    4. ۽ پاڻ نبي ڪريمﷺ جن کي حڪم فرمايائين ته؛ پاڻ (نبي ڪريم ﷺ جن) انهن قربتدارن سان ناتو ڳنڍين ۽ انهن سان قرابت وارا ناتا سٺي نموني ادا ڪيان، متان مون (پاڻ ڪريمﷺ جن) کان ڪو فرض رهجي وڃي ۽ اهي مون (پاڻ ڪريمﷺ جن) سان قرابت جا ناتا ٽوڙي وجهن).
    5. ۽ اهو به ته انهن انسانن (ٻانهن) کي به قرب ڏيان جن مون کي محروم ڪيو هجي ۽ انهن پنهنجو بدلي ۾ حق ادا نه ڪيو هجي.
    6. ۽ اهو ته آئون (نبي ڪريم ﷺ) انهن کي معاف ڪري ڇڏيان، جن مون تي ظلم ڪيو هجي ۽ مون کي ڏکايو هجي.
    7. مون (نبي ڪريم ﷺ) کي حڪم ڏنائين ته منهنجي(الله تعاليٰ) جي خاموشي ۾ فڪر ڪندو رهه (مطلب جنهن وقت مان(الله تعاليٰ خاموش رهان تون ان وقت تائين سوچڻ واريون ڳالهيون سوچ ۽ جيڪي ڳالهيون فڪر جي لائق آهن انهن تي غور ڪر. مثال طور الله تعاليٰ جون صفتون ۽ ان (الله تعاليٰ) جون آيتون ۽ مثال طور اهو ته الله تعاليٰ سان منهنجو ڪهڙو رشتو(واسطو) ڪهڙو آهي؟ ۽ ان جو مون سان رشتو (واسطو) ڪهڙو آهي ۽ ان طرفان مون کي ڪهڙا حڪم مليل آهن ۽ منهنجو ڪهڙو نتيجو ڪهڙو ٿيڻ وارو آهي، ۽ مثال طور الله تعاليٰ جي غافل (غفلت ڪندڙ) ٻانهن کي الله تعاليٰ جي محبت سان ڪيئن جوڙيووڃي. جيتوڻيڪ خاموشي ۾ اهڙي قسم جو فڪر هجي).
    8. ۽ مون (نبي ڪريم ﷺ) کي ڪهڙو حڪم مليل آهي، منهنجي (الله تعاليٰ) جي ذڪر ۾ مشغول رهه (مطلب مان (نبي ڪريم ﷺ) جڏهن به ڳالهايان ۽ جيڪو ڪجهه به ڳالهايان ان جو واسطو فقط الله تعاليٰ جي ذات سان هجڻ گهرجي، جيتوڻيڪ اهڙي طرح ته اها الله تعاليٰ جي ثنا ۽ صفتون هجن يا اهڙي طرح ته ان ۾ الله تعاليٰ جي حقن جي رعايت ۽ نگهباني هجي. انهن سڀني حالتن ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿيندي اها “ذڪر” سان واسطو رکندڙ هوندي.
    9. ۽ مون (نبي ڪريم ﷺ) کي حڪم مليل آهي ته نگاهه عبرت حاصل ڪرڻ واري هجڻ گهرجي. (مطلب مان (نبي ڪريم ﷺ) جنهن به شيءَ کي ڏسان ان مان سبق ۽ عبرت حاصل ڪريان) ۽ انسانن (ٻانهن) کي حڪم ڪريان سٺن ڳالهين جي). (معارف الحديث)


    حضور اڪرمﷺ جن جي معاذ بن جبل(رضه) کي 10ڳالهين جي نصيحت

     حضرت معاذ بن جبل رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ هڪ ڀيري مون کي 10 ڳالهين جي نصيحت ڪرڻ فرمائي:
    1. الله تعاليٰ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيو، جيتوڻيڪ اوهان کي قتل ڪيو وڃي.
    2. پنهنجي والدين جي نافرماني نه ڪيو، جيتوڻيڪ اهي اوهان کي حڪم ڏين ته پنهنجو گهرٻار ۽ مال متاع ڇڏي نڪري وڃو.
    3. ڪڏهن به نماز جو فرض بغير ڪنهن عذرجي نه ڇڏيو، ڇو ته جنهن به ٻانهي هڪ وقت نماز بغير عذر جي ڇڏي ڏني ته الله تعاليٰ سان ٻانهي پاران ڪيل واعدو ۽ ذمو به برقرار نه ٿو رهي.
    4. ڪڏهن به هرگز شراب نه پيئو، ڇاڪاڻ ته شراب نوشي سڀني فحاشين جي جڙ آهي.
    5. هر گناهه کان بچو، ڇو ته گناهه ڪرڻ سبب ئي الله تعاليٰ جو غضب نازل ٿئي ٿو.
    6. جهاد جي موقعي وقت پٺي ڏئي نه ڀڄو، جيتوڻيڪ تي ڪيترو به ڏکيو وقت اچي ويو هجي.
    7. جڏهن اوهان ڪنهن جاءِ تي ماڻهن سان گڏ رهو ٿا ۽ ڪنهن سبب ڪري اتي وبائي مرض (موت) جي بازار گرم ٿي وڃي ته توهان اتي بيٺا رهو ( جان بچائڻ جي خيال کان اتان هرگز نه ڀڄو).
    8. پنهنجي گهر ڀاتين تي پنهنجي وسعت آهر خرچ ڪريو (نه بخيلي کان ڪم وٺو جو پيسي هجڻ ڪري به انهن کي تڪليف پهچي ۽ نه خرچ ڪرڻ جي صورت ۾ پنهنجي حيثيت کان اڳتي وڌي وڃو).
    9. ادب (اخلاق) جي تربيت ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ڀاتين تي (ضرورت موجب ۽ موقعي مهل وقت) سختي به ڪندا ڪريو.
    10. ۽ انهن (گهر ڀاتين) کي الله تعاليٰ جي خوف کان به واقف رکو.
    (مسند احمد، معارف الحديث)


    ست ڳالهيون

     حضرت ابوذر غفاري رضه کان روايت آهي ته مون کي پنهنجي پياري دوست نبي ڪريم ﷺ جن ست ڳالهين لاءِ خاص طرح حڪم فرمايائون:
    1. مسڪينن ۽ غريبن سان محبت ڪرڻ ۽ انهن سان قرابت اختيار ڪرڻ جو حڪم.
    2. ۽ پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: دنيا ۾ انهن ماڻهن ڏانهن نگاهه رکو جيڪي پاڻ کان هيٺين درجي جا آهن (مطلب جن وٽ دنياوي زندگي جو سامان پاڻ کان گهٽ هجي ٿو) ۽ انهن ماڻهن ڏانهن نگاهه نه ڪيو، جيڪي پاڻ کان مٿئين درجي جا هجن (مطلب جنهن وٽ دنيوي سامان پاڻ کان وڌيڪ ڏنو ويو هجي) ۽ ٻين حديثن ۾ آهي ته ائين ڪرڻ سان انسان (ٻانهي) ۾ صبر ڪرڻ جو جذبو ۽ شڪر ڪرڻ جي عادت پيدا ٿئي ٿي ۽ ظاهري (حقيقت ۾) به ائين ئي هوندو آهي. حضرت ابوذر(رضه) چوي ٿو ۽ مون کي پاڻ ڪريم ﷺ جن حڪم ڏنو:
    3. ته مان پنهنجي قرب دارن تي رحم ڪندو رهان ۽ ويجهن رشتن (مطلب انهن سان اهڙو سلوڪ ڪيان جيڪو پنهنجن مائٽن ۽ ويجهن دوستن سان ڪندو آهيان) جيتوڻيڪ اهي مون سان ڀلي نه ڪندا هجن، پاڻ ڪريم ﷺ جن وري مونکي حڪم ڪيو ته:
    4. ڪنهن ماڻهو(ٻانهي) کان ڪا به شيءَ نه گهرندو ڪر(مطلب پنهنجي هرگهرج جي لاءِ الله تعاليٰ جي ئي آڏو هٿ کڻندو رهان ۽ ان کان سواءِ ڪنهن جي به در تي نه وڃان)
    5. مان هر موقعي (وقت) تي سچ ڳالهائيندو ڪريان جيتوڻيڪ اهو ماڻهن جي لاءِ ڪڙو هجي (۽ انهن جي مقصدن ۽ خواهشن جي ڪري انهن کي خراب لڳندو هجي) ۽ پاڻ ڪريمﷺجن حڪم ڏنو:
    6. ته مان الله تعاليٰ جي واٽ تي هلندي ڪنهن به ملامت ڪرڻ واري جي ملامت کان نه ڊڄان(مطلب دنيا وارا جيڪر مون کي خراب چوندا هجن، مان اهو ئي ڪريان ۽ اهو ئي چوان جيڪو الله تعاليٰ جو حڪم آهي ۽ جنهن مان الله تعاليٰ راضي ٿيندو هجي ۽ ڪنهن جي به خراب چوڻ کي هرگز پرواهه نه ڪريان ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن حڪم ڏنو:
    7. ته مان ڪلمو لاحول ولاقوة الا بالله جي ڪثرت ڪندو رهان، ڇو ته اهي سڀ ڳالهيون انهي خزاني مان آهن جيڪي آسمان جي هيٺان آهن(مطلب ته اهي ان خزاني جي قيمتي ملڪيت آهن جيڪي هن آسمان جي هيٺان آهن ۽ جن کي الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو انهن کي ئي عطا ڪري ٿو، ٻيو ڪير به اتي نه ٿو پهچي سگهي). (مسند احمد، معارف الحديث)
     حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو:
     ڪو آهي اهڙو ماڻهو(ٻانهو) جيڪو ان تي عمل ڪري يا فقط انهن ماڻهن (ٻانهن) تائين پهچائي جيڪي ان تي عمل ڪن. مون چيو (يارسول اللهﷺ آئون حاضر آهيان) پاڻ ڪريمﷺ جن منهنجو هٿ پڪتو ۽ مون کي هي پنج ڳالهيون چوڻ فرمايائون:
     اهي پنج ڳالهيون هن ريت آهن:
    1. پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو! حرام ڳالهين کان پري رهه، عبادتگذار ٻانهن ۾ شمار ٿيندين.
    2. الله تعاليٰ جيڪي تنهنجي تقدير (نصيب) ۾ لکي چڪو آهي، ان تي راضي رهجان، وڏي بي نياز ٻانهن مان بڻجي ويندين.
    3. پنهنجي پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ رک، مومن بڻجي ويندين.
    4. جيڪا ڳالهه پنهنجي لاءِ پسند ڪرين ٿو، ٻين جي لاءِ به اها ئي پسند ڪجانءِ، ڪامل مسلمان بڻجي ويندين.
    5. ۽ گهڻو نه کلجانءِ، ڇو ته کلڻ سان دل مرده بڻجي ويندي آهي.


    چاليهه حديثون ياد ڪرڻ وارو جنت ۾ داخل ڪيو ويندو

     حضرت سلمان رضه فرمائي ٿو ته مون پاڻ ڪريمﷺ جن کان پڇيو ته اهي چاليهه حديثون ڪهڙيون آهن، جن جي باري ۾ فرمايائون ته جيڪو به اهي ياد ڪري ٿو، ان کي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو:
    1. اوهان الله تعاليٰ تي ايمان رکو
    2. ۽ آخرت جي ڏينهن تي
    3. ۽ ملائڪن جي وجود تي
    4. ۽ سڀني آسماني ڪتابن تي
    5. ۽ سڀني نبين تي
    6. ۽ مرڻ کان پوءِ ٻيهر واري زندگي تي
    7. ۽ نصيب تي ته خراب ۽ سٺو جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي اهو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي مرضي سان ئي ٿيندو آهي.
    8. ۽ گواهي ڏي ته الله تعاليٰ کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ۽ حضرت محمدﷺ جن الله تعاليٰ جو رسول آهي.
    9. ۽ هر نماز تي ڪامل وضو ڪري نماز ادا ڪر (ڪامل وضو اهو هوندو آهي جنهن ۾ سڀ آداب ۽ مستجاب جي رعايت رکي وئي آهي ۽ هر نماز جي لاءِ وضو مستحب آهي. نماز ادا ڪرڻ مان مراد اها آهي ته ان جي ظاهري ۽ باطني آدابن سان اهتمام ڪيو وڃي).
    10. زڪوات ادا ڪيو
    11. رمضان جا روزا رکو
    12. جيڪر حلال مال (پئسو) آهي ته حج ڪريو
    13. ٻارنهن رڪعتون موڪده روزاني ادا ڪرڻ گهرجن(صبح کان اڳ ٻه رڪعتون، ظهر کان اڳ چار رڪعتون، ظهر کان پوءِ ٻه رڪعتون، مغرب کان پوءِ ٻه رڪعتون ۽ عشا کان پوءِ ٻه رڪعتون).
    14. وتر نماز ڪنهن به رات جو نه ڇڏجي
    15. الله تعاليٰ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو
    16. والدين جي نافرماني نه ڪريو
    17. ظلم ڪري ڪنهن يتيم جو مال نه کائو
    18. شراب نه پئو
    19. زنا نه ڪريو
    20. ڪوڙو قسم نه کڻو
    21. ڪوڙي شاهدي نه ڏيو
    22. نفس جي خواهشن تي عمل نه ڪريو
    23. مسلمان ڀاءُ جي گلا نه ڪريو
    24. ۽ ڪنهن به مرد ۽ عورت تي الزام نه هڻو
    25. پنهنجي مسلمانن ڀاءُ سان حسد نه ڪريو
    26. خونريزي نه ڪريو
    27. تماشو ڏسندڙن ۾ شريڪ نه ٿيو
    28. ڪنهن بندري (ننڍي قد واري انسان) تي ٽوڪ نه ڪريو
    29. ڪنهن سان مذاق نه ڪندا ڪريو
    30. ۽ نه ئي مسلمان ڀائرن تي چغل خوري ڪريو
    31. الله تعاليٰ جي عطا ڪيل نعمتن تي شڪر ادا ڪريو
    32. ڏکن ۽ مصيبتن ۾ صبر ڪندا ڪريو
    33. الله جي عذاب کان بي خوف نه ٿيو
    34. يتيمن سان واسطو نه ٽوڙيو
    35. پر انهن سان رحمدلي (صلهء رحمي) ڪريو
    36. الله تعاليٰ جي مخلوق تي لعنت نه وجهو
    37. سبحان الله، الله اڪبر، ۽ لالله الالله جو اڪثر ورد ڪندا رهو.
    38. جمعي جي نماز ۽ عيد نماز ۾ حاضر رهندا ڪريو
    39. ۽ ان ڳالهه تي يقين رکو ته تڪليف ۽ آساني اوهان کي پهچي ٿي، اهي نصيب ۾ هيون جيڪي ٽري نه ٿي سگهيون ۽ جيڪي ڪجهه نه ٿو ٿئي اهو ڪڏهن نه ٿو ٿي سگهي.
    40. ۽ الله تعاليٰ جي ڪلام (قرآن شريف) جي تلاوت ڪنهن به حال ۾ ترڪ نه ڪريو
    حضرت سلمان رضه چوي ٿو ته، مون پڇيو ته جيڪو به اهي ياد ڪري ان کي ڪهڙو ثواب ملندو؟ رسول اللهﷺ جن ارشاد فرمايو ته: الله تعاليٰ ان تي عمل ڪندڙ (نيڪ ٻانهي) جو حساب تي نبين ۽ عالمن سان گڏ وٺڻ فرمائيندو.


    مومن

     مومن جو کلڻ، تبسم ۽ مسڪراهٽ آهي، ۽ ٽهڪ ڏيڻ شيطاني ڪم آهي.
     مومن جو چهرو (شڪل) هشاش بشاش ۽ دل غمگين رهندي آهي.
     جيڪي رحم ڪندڙ آهن الله تعاليٰ انهن تي رحم ڪرڻ فرمائيندو، اوهان زمين وارن تي رحم ڪندا ڪريوته جيئن آسمان وارو (الله تعاليٰ) اوهان تي رحم ڪرڻ فرمائيندو. (ابوداؤد- ترمذي)
     جيڪو اسان جي (امت جي) ننڍڙن تي رحم نه ڪندو ۽ اسان جي (امت جي) وڏڙن جي عزت نه ڪندو، اهو اسان مان ناهي. (ترمذي- مشڪواة)
     رحمت ڪنهن کان کسي ناهي ويندي، فقط ان کان جيڪو بدبخت هوندو آهي. (مشڪواة)
     اوهان مومن کي هڪٻئي سان رحم ڪندي ۽ هڪٻئي سان محبت ڪندي، ۽ گڏيل تڪليف ۾ ائين ڏسندا جيئن هڪ جسم جو هڪ عضوو بيمار ٿئي ٿو ته سڄو جسم ان جي بخار ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ جاڳي گذاريندي شريڪ هوندو آهي. (بخاري و مسلم)
     هڪ مسلمان کي ٻئي مسلمان لاءِ هڪ جڳهه (گهر) جيئان ٿيڻ گهرجي، ۽ هڪٻئي جي لاءِ اهڙي طرح مضبوط ۽ قوت وارو ٿيڻ گهرجي، جيئن ڪنهن گهر جي ڪا سِرَ ٻئي سر جي لاءِ آهي. تنهن کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ هٿ جون آڱريون ٻئي هٿ جي آڱرين ۾ وجهي ڇڏيون.(بخاري، مسلم، مشڪواة)


    تڪبر

     پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو، تڪبر ڪندڙ ماڻهو جنت ۾ داخل نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي اهو جيڪو ڪوڙي بزرگي اختيار ڪري ٿو ۽ ان وسيلي انسانن کي گمراهه ڪندڙ هجي ٿو. (ابوداؤد)
     بڇڙو انسان تڪبر ڪندو رهي ٿو ۽ پنهنجي نفس کي سٺو سمجهندو رهي ٿو، ايسيتائين جو سندس نالو جبارين جي فهرست ۾ داخل ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان سان اهو سلوڪ ڪيو ويندو آهي جنهن جو اهو حقدار هجي ٿو (مطلب انهن بدنصيبن کي گهڻو ذليل ڪيو ويندو ۽ ان کي دوزخ جي زخمين جو رت پيئڻ لاءِ ڏنو ويندو) (ترمذي)


    وڏائي

     پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته، ٿوري به وڏائي ڪرڻ شرڪ آهي. (ابن ماجه)
     آخرت جي ڪمن ۾ دنيا جي شهرت حاصل ڪرڻ وارو ذليل ۽ خوار ٿيندو آهي، ان جو نالو دوزخ ۾ لکيو ويندو آهي، ان جي شڪل بگاڙي ويندي آهي ۽ ان جو نالو چڱاين مان مٽايو ويندو آهي. (طبراني)
     جيڪو انسان (ٻانهو) آخرت جي ذڪر ۾ آخرت جو ارادو نه ٿو ڪري پر دنيا جو ارادو رکي ٿو اهو سڀني آسمانن ۽ زمينن ۾ ملعون ڪيو ويندو آهي. (طبراني)


    بخيل ۽ ڪنجوس

     مومن اهو ناهي جيڪو پاڻ پيٽ ڀري کائيندو هجي ۽ ان جو پاڙيسري بک ۾ تڙپندو هجي. (مشڪواة)
     ٽي شيون انسان کي هلاڪ ڪن ٿيون:
    1. بخيل جي پيروي ڪرڻ
    2. نفس جي پوئلڳي ڪرڻ
    3. وڏائي ۽ مغروري ڪرڻ


    ڪاوڙ جو واسطو

     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو، ڪاوڙ جو واسطو شيطان سان آهي ۽ شيطان باهه مان پيدا ڪيو ويو آهي ۽ باهه کي پاڻي ٿڌو ڪري سگهي ٿو. جيڪر اوهان مان ڪنهن کي ڪاوڙ اچي ته ان کي گهرجي ته اهو وضو ڪري.
    (احمد، ابوداؤد)
     دوزخ ۾ هڪ دروازو آهي ان مان اهي ئي ماڻهو داخل ٿيندا جنهن جي ڪاوڙ ڪنهن گناهه ڪرڻ کان پوءِ ئي ٿڌي ٿيندي آهي.
     حضرت معاويه رضه کان روايت آهي ته، پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو:
    اي معاويه! ڪاوڙ نه ڪندو ڪر، ڪاوڙ ايمان کي بگاڙي ڇڏي ٿي. (بهقي)
     جنهن به ڪاوڙ کي روڪيو، الله تعاليٰ ان تي پنهنجو عذاب روڪي ڇڏيندو آهي ۽ جيڪو ٻانهو پنهنجي زبان کي قابو رکي ٿو، الله تعاليٰ ان جي عيبن کي ڍڪي ٿو. (طبراني)


    ڪوڙ ۽ منافقت

     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو: ڪوڙ ڳالهائڻ واري کان پرهيز ڪريو، ان ڪري ته ڪوڙ ڳالهائڻ بدي (بڇڙائي) جي واٽ ڏسي ٿو ۽ بدي (بڇڙائي) دوزخ ۾ وٺي ويندي آهي. (احمد)
     چار عادتون جنهن ۾ به هونديون اهو پڪو منافق آهي، جنهن جي اندر ۾ هنن مان ڪا به هڪ عادت هوندي آهي، ته ان ۾ هڪ منافقت جي عادت هوندي آهي، ايتري تائين جو اهو ان کي ترڪ ڪري ٿو. اهي چار عادتون هي آهن:
    1. ان وٽ (ڪوڙي ماڻهو وٽ) جڏهن امانت رکي ويندي، ته اهو بي ايماني ڪندو.
    2. منافق جڏهن ڳالهائيندو ته ڪوڙ هڻندو
    3. منافق جڏهن واعدو ڪري ٿو ته اهو پورو نه ڪندو آهي.
    4. ڪوڙو ماڻهو جڏهن ڪنهن سان جهيڙو ڪري ٿو ته گارگند تي لهي ايندو. (بخاري و مسلم)


    وڏي بي ايماني

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو:
     سڀ کان وڏي بي ايماني اها آهي ته جڏهن اوهان پنهنجي ڪنهن مسلمان ڀاءُ کي ڪا ڳالهه چئو ٿا ۽ اهو سچ سمجهي پر اوهان جيڪا ڳالهه ان سان ڪئي اها ڪوڙي هوندي آهي. (بخاري و مسلم)


    فحاشي ۽ بدزباني

     قيامت جي ڏينهن نيڪ ٻانهن جي عملن ۾ جيڪا وزني شيءَ ميزان (حساب جي تارازي) ۾ رکي ويندي، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ثواب رکندڙ / وزن رکندڙ شيءَ انهن جا بهترين اخلاق هوندا آهن ۽ الله تعاليٰ ان ٻانهي سان ناراض رهي ٿو جيڪو پنهنجي زبان مان بي حيائي جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ بدزباني ڪندو هجي. (مشڪواة)
     فحاشي ۽ بدزباني جو واسطو شيطان سان هوندو آهي، اهي ٻئي باهه جي ويجهو ڪنديون آهن ۽ جنت کان پري ڪنديون آهن. (طبراني)
     جنهن ۾ فحاشي هوندي ان جو عيب ظاهر ٿي ويندو۽ جيڪو حيادار (لڄ وارو) واري ۾ عزت جي خوبي پيدا ڪئي ويندي. (ابن ماجه)
     آدم جي اولاد کان گهڻا گناهه ان جي زبان سان ٿيندا آهن. (طبراني)
     قيامت جي ڏينهن سڀ کان بدترين شڪل ۾ الله تعاليٰ جي سامهون اهي ماڻهو هوندا جن جي فحاشي ۽ بدزباني سبب ماڻهن انهن کي ڇڏي ڏنو هوندو. (طبراني)


    ٻه صورتون رکندڙ

     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: قيامت جي ڏينهن بدترين شخص اهو آهي جيڪو ٻه صورتون (رخ) رکندو آهي، ڪجهه ماڻهن سان هڪ صورت (رخ) سان ملندو هو ۽ ٻئي ماڻهن سان ٻئي شڪل سان. (متفق عليه)
     جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ ٻه صورتون اختيار ڪندو ته قيامت جي ڏينهن ان جي منهن ۾ باهه جون ٻه زبانون هونديون. (ابوداؤد)


    گلا

     حضرت ابن عباس (رضه) فرمائي ٿو ته حضور ﷺ جن شب معراج تي ڏٺو ته هڪ قوم مرده جانور کائي رهي هئي، پاڻ نبي ڪريمﷺ جن پڇا ڪئي ته اهي ڪير ماڻهو آهن؟ جواب مليو، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ماڻهن جو ڪچو گوشت کائيندا هئا، مطلب انهن جي گلا ڪندا رهندا هئا. (ابوداؤد)
     حضرت انس رضه فرمائين ٿا ته حضور نبي ڪريم ﷺ جن شب معراج تي ويندي ڪجهه ماڻهن کي ڏٺو ته پنهنجي نهن سان پنهنجي منهن ۽ سيني کي رهڙي رهيا هئا. پاڻ پڇا ڪرڻ فرمايائون ته اهي ڪير ماڻهو آهن؟ جبريل عرض ڪيو ته، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ماڻهن جو گوشت کائيندا هئا. (مطلب ماڻهن جي گلا ڪندا هئا). (ابوداؤد)
     گلا ۽ چغل خوري ايمان کي اهڙي طرح ٻهاري ڇڏيندي آهي، جهڙي ريت مال چاريندڙ پنن واري ٽاري کي خالي ڪري ڇڏيندو آهي. (ابوداؤد)


    ساڙ

     پاڻ نبي ڪريمﷺجن فرمايو! پاڻ کي ساڙ کان بچايو، ان ڪري ته ساڙ نيڪين کي ائين ساڙي ڇڏي ٿو جهڙي ريت باهه ڪاٺ کي ساڙي ڇڏي ٿي. (ابوداؤد)
     ماڻهن سان ڀلائي ۽ خير هميشه ڇانو جيان بڻجي رهندي جيستائين اهي هڪٻئي سان ساڙ نه ڪندا هجن. (طبراني)
     ساڙ ڪندڙ، چغل خوري ڪندڙ ۽ مڪاري ڪندڙ اهي ٽئين نه منهنجا آهن ۽ نه مان انهن جو آهيان.(طبراني)


    چغلي

     حضور اڪرمﷺ جن فرمايو! چغلي هڻڻ وارو ڪڏهن به جنت ۾ داخل نه ڪيو ويندو.(بخاري و مسلم)
     نبيﷺ جن ٻن ماڻهن کي قبر ۾ عذاب ٿيندي ڏسي، فرمايو ته انهن مان هڪ چغل خور آهي ۽ ٻيو اهو جيڪو پنهنجي پيشاب جي قطرن کان پرهيز نه ڪندو هو. (بخاري و مسلم)


    ستن شين کان بچڻ

     پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: ستن شين کان بچو، اهي هلاڪ ڪندڙ آهن:
    1. الله تعاليٰ سان شرڪ ڪرڻ
    2. جادو ڪرڻ
    3. وياج کائڻ
    4. ڪنهن انسان کي ناحق (بغير سبب) جي قتل ڪرڻ
    5. يتيم جو مال کائڻ
    6. جهاد جي ميدان مان ڀڃڻ
    7. پاڪ دامن (صاف) عورت تي زنا جو الزام هڻڻ


    ظالم جي تعريف ڪرڻ

     ظلم قيامت جي ڏينهن ظالم جي مٿان سخت اوندهه ڪندڙ هوندو. (متفق عليه)
     الله تعاليٰ جي ويجهو، خلق جو بدترين دشمن ظالم حڪمران (بادشاهه) آهي. (ترمذي)
     سڀ کان سخت عذاب ظالم بادشاهه کي ڏنو ويندو. (ترمذي)
     مظلوم جي آهه کان بچو، ان ڪري ته اهو الله تعاليٰ کان پنهنجو حق گهري ٿو ۽ الله تعاليٰ حقدار کان ان جي حق کي محروم نه ٿو رکي. (مشڪواة)
     پاڻ حضور ﷺ جن فرمايو:
    “جن ڳالهين کي شريعت ۾ منع ڪيو ويو آهي، جيڪر اوهان ان کان بچو ٿا ته اوهان سڀ کان وڏا عبادت ڪندڙ شمار ڪيا ويندا. (ترمذي)


    عبادتن جا حق

    والدين جا حق
    پاڻ حضرت محمد ﷺ جن ارشاد فرمايو آهي ته:
     شرڪ کان پوءِ سڀ کان وڏو گناهه والدين سان سرڪشي ڪرڻ آهي. (ابن ماجه)
     نماز کان پوءِ سڀ کان سٺو ڪم والدين جي فرمانبرداري آهي. (بخاري)
     الله تعاليٰ جي خوشي والدين جي خوشي ۾ آهي ۽ الله تعاليٰ جو عذاب والدين جي عذاب ۾ آهي. (مسلم)
     اوهان پنهنجي والدين سان سٺو سلوڪ ڪريو، اوهان جو اولاد اوهان سان سٺو سلوڪ رکندو. (مسلم)
     والدين جو نافرمان جنت ۾ داخل نه ڪيو ويندو. (نسائي)
     شرڪ ڪرڻ، والدين جي نافرماني ڪرڻ، جهاد جي ميدان مان ڀڃڻ اهڙو خراب عمل آهي جنهن جي ڪرڻ کانپوءِ ڪو به سٺو عمل قبول نه ٿو ٿي سگهي. (طبراني)
     والدين جي فرمانبرداري ڪندڙ کي مبارڪ هجي. ان عمل سان الله تعاليٰ ان جي عمر وڌائي ٿو. (حاڪم)


    مڙس جا حق
     حضور ﷺ جن کان پڇيو ويو ته ڪهڙي عورت بهتر آهي؟ پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: اها عورت جنهن جو مڙس ان ڏانهن ڏسي ته اها ان کي خوش ڪري ۽ جڏهن اهو حڪم ڪري ته ان جو چوڻ مڃي ۽ سندس منشا جي باري ۾ ان جي مخالفت نه ڪري (نه ئي ان جي بغير اجازت ڪيڏانهن وڃي يا ڪنهن سان ملي) ۽ ان جي مرضيءَ جي خلاف ان جي مال ۾ گهوٻي نه هڻين-(مشڪواة)
     عورت جو پنهنجي مڙس جي خدمت ڪرڻ جو ثواب صدقي ۽ خيرات ڪرڻ جي برابر آهي. (ترمذي)


    زال جا حق

     پاڻ نبي ڪريم ﷺجن فرمايو:
    ڪامل ايمان رکندڙ مان اهي ماڻهو به آهن جيڪي سٺو اخلاق رکندڙ آهن ۽ پنهنجي زال سان تمام نرمي سان پيش اچن ٿا. (ترمذي)
    پاڻ ڪريمﷺ جن حجة الوداع ۾ فرمايائون:
    “عورتن جي باري ۾ الله تعاليٰ کان ڊڄو، ڇو ته اوهان انهن کي الله تعاليٰ جي واعدي سان (پنهنجي قبضي ۾) ورتو آهي. ۽ الله تعاليٰ جي شريعت موجب انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ جا مستحق ٿيا آهيو(طبراني)


    اولاد جا حق

     انسان پنهنجي اولاد کي حق ۽ سچ جو سبق سيکاري ٿو ته اهو سڄي عمر جي صدقي ڏيڻ کان وڌيڪ فضيلت وارو هجي ٿو. (طبراني)
     نياڻين جي پرورش ڪرڻ هڪ امتحان آهي، جيڪو ان ۾ پورو لهي ٿو اهو ڪامياب آهي. (مشڪواة)


    گڏ سفر ڪرڻ واري جا حق

     حضورﷺ جن فرمايو! جنهن سوار وٽ پنهنجي سواري ۾ جڳهه موجود هجي، ان کي گهرجي ته جنهن واٽهڙو وٽ سواري موجود ناهي ان کي پاڻ سان گڏ سفر ۾ کڻي ۽ جنهن ٻانهي وٽ کاڌو بچو هجي ته اهو ڪنهن بکئي انسان کي کارائي ۽ اهڙي طرح ٻين شين جي باري ۾ ارشاد فرمايائون.(احمد)


    پاڙيسرين جا حق

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو!
     جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي يقين رکي ٿو، ان کي چئي ڇڏيو ته اهو پاڙيسري جو خيال رکي، ۽ ان جي عزت ڪري. (احمد)
     اهو انسان ڪامل ايمان نه آهي جنهن جي شر کان پاڙيسري محفوظ نه هجن.
     جيڪي پاڻ پيٽ ڀري کائين ۽ ان جا پاڙيسري بک تي هجن، ان جو ايمان بيڪار آهي.
     ڪافر پاڙيسري جو به اوهان تي حق آهي، مسلمان پاڙيسري جو ان کان وڌيڪ ۽ مائٽ پاڙيسري جو ان کان به وڌيڪ اوهان تي حق ٿئي ٿو. (مسلم)


    جانورن جا حق

     حضور اڪرمﷺ جن فرمايو! انسانو! اوهان جانورن تي جيڪي سختيون ڪريو ٿا، جيڪڏهن ان کي الله تعاليٰ معاف ڪري ٿو، ته ڄاڻ رکو ته ان اوهان جا گهڻا گناهه معاف ڪري ڇڏيا. (مسند احمد، جلد چار)
     جنهن جهرڪي يا ان کان به ننڍي جانور کي ان جي حق کان بغير ذبح ڪيو ته الله تعاليٰ ان جي باري ۾ به اوهان کان پڇاڻو ڪندو.(مشڪواة)
     هڪ اصحابي رضه عرض ڪيو ته مون کي ٻڪري ذبح ڪندي، رحم ايندو آهي، پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو! جيڪڏهن تون ٻڪري تي رحم ڪري ٿو، الله تعاليٰ توتي رحم ڪرڻ فرمائيندو. (مسند امام جنبل رضه)
     هڪ وڏي عبادت ڪندڙ عورت کي الله تعاليٰ ان لاءِ عذاب ڏنو ته ان هڪ ٻلي کي ٻڌي بک تي رکي ماري وڌو هو. (بخاري)
     حضورﷺ جن هُدهُد، ڪولي، ۽ ماکي جي مک کي مارڻ جي سختي سان منع ڪئي آهي.(مشڪواة)
     جڏهن اوهان ڪنهن مريض جي عيادت ڪرڻ وڃو ته ان کي تسلي ڏيندا ڪريو ۽ ان جي غمگيني ۽ ڏک گهٽ ڪرڻ جي تسلي ڏيندا ڪريو.
     جنهن ڪنهن مريض کي ان جي گهرج موجب ڪا شيءَ کارائي، الله تعاليٰ ان کي جنت جا ميووا کارائيندو.
     جيڪو مريض جي عيادت ڪري ٿو، اهو ڄڻ رحمت جي دريا ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪو مريض جي ڀرسان ويهي ٿو(ان جي خاطرتوازن ڪري ٿو) اهو ڄڻ رحمت جي دريا ۾ ٻڏي وڃي ٿو.
     جيڪو ڪنهن مريض جي عيادت ڪري ٿو يا الله تعاليٰ جي مرضي موجب ڪنهن مسلمان ڀاءُ سان ملاقات لاءِ وڃي ٿو ته هڪ سڏڻ وارو چوندو رهندو، تنهنجو هلڻ مبارڪ آهي ۽ تو جنت ۾ جڳهه حاصل ڪئي. (ترمذي)


    مخلوق جي مقابلي ۾ خلقيندڙ کي اوليت ڏيڻ

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو:
     جن ماڻهن جي خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ الله کي ناراض ڪيو ته الله تعاليٰ به ان بدبخت ماڻهو کان ناراض ٿي وڃي ٿو ۽ جن ماڻهن جي خاطر االله تعاليٰ کي ناراض ڪيو اهي به ان سان راضي نه ٿا رهن. (طبراني)
     جنهن ماڻهو ڪنهن اهڙي ڪم جي ڪري بادشاهه کي راضي ڪيو جيڪو ڪم الله تعاليٰ جي حڪمن جي خلاف هيو، ته اهو شخص دين کان ڪڍيو ويندو.(بخاري)


    گهريلو زندگي

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو:
     عورت سان چار شين جي بنياد تي شادي ڪئي ويندي آهي. ان جي مال جي بنياد تي، خانداني شرافت جي بنياد تي، خوبصورتي جي بنياد تي ۽ ان جي دين تي بنياد تي. ته پوءِ اوهان ديندار عورت سان شادي ڪريو، الله تعاليٰ توهان جي ڀلائي ڪندو.
     پاڻ ﷺ جن فرمايو: جڏهن توهان وٽ شادي جو نياپو ڪو ماڻهو آڻي، جنهن جي دين ۽ ايمان کي اوهان پسند ڪجا هجو ته ان سان شادي ڪيو. جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪندئو ته زمين تي جهيڙو ۽ وڏي خرابي پيدا ٿيندي. (ترمذي)


    والدين جي فرمانبرداري

    پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو:
     ذليل آهي اهو ماڻهو، اها ڳالهه پاڻ ڪريمﷺجن ٽي ڀيرا ڪرڻ فرمائي ۽ فرمايو ته اهو شخص جنهن پنهنجي والدين جي بزرگي (پوڙهائپ) جي حالت ۾ ڏٺو ۽ ان جي خدمت ڪري جنت ۾ داخل نه ٿيو.


    اولاد

    پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو:
     جڏهن انسان مري ويندو آهي ته ان جا عمل ختم ٿي ويندا آهن، پر ٽن قسمن جا عمل اهڙا آهن ته ان جو ثواب مرڻ واري کي ملندو رهي ٿو. هڪ اهو ته مرڻ وارو (صدقو) ڪري ويو هجي، ٻيو اهڙو علم ڇڏي وڃي جنهن سان ٻين کي فائدو پهچندو هجي، ٽيون نيڪ اولاد جيڪو ان جي مغفرت لاءِ دعا گهرندو هجي.


    يتيم

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو:
     مان (پاڻ ڪريمﷺ جن) ۽ يتيم کي سنڀاليندڙ ۽ ٻين محتاجن کي سنڀاليندڙ، اسان ٻئي جنت ۾ ان طرح هونداسين. اهو چئي پاڻ ﷺ جن وچين آڱر ۽ شهادت واري آڱر سان اشارو ڪيو ۽ انهن ٻنهي آڱرين ۾ ٿورڙو مفاصلو رکيو.
     پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو؛ مسلمانن جي گهرن مان سڀن کان بهتر گهر اهو آهي، جنهن ۾ ڪو يتيم هجي ۽ ان سان سٺو سلوڪ ڪيوويندو هجي، ۽ مسلمانن جو بدتر گهر اهو آهي جنهن ۾ ڪو يتيم هجي ۽ ان سان خراب سلوڪ روا رکيو وڃي.


    واپار

     پاڻ نبي ڪريمﷺجن فرمايو ته سچائي سان معاملو ڪرڻ وارو، امانت وارو واپاري قيامت جي ڏينهن نبين، سچارن ۽ شهيدن سان گڏ هوندو. (ترمذي)
     الله تعاليٰ ان شخص تي رحم ڪري جيڪو خريد ڪرڻ، وڪڻڻ ۽ قرض جي فڪر ڪرڻ ۾ اخلاق کان ڪم وٺندو هجي. (بخاري)
     قيامت جي ڏينهن واپاري ماڻهو بدڪار جي حالت ۾ اٿاريا ويندا، سواءِ انهن واپارين جي جن پنهنجي واپار ۾ تقويٰ اختيار ڪئي(يعني خداجي نافرماني کان بچندا رهيا) ۽ نيڪي اختيار ڪيائون (مطلب ماڻهن کي پورو حق ڏنائون ۽ سچائي سان معاملو حل ڪيائون). (ترمذي)


    حلال ڪمائي جي فضيلت

     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو، جيڪو شخص دنيا سوال ڪرڻ کان بچندو رهي، گهروارن تي خرچ ڪندو رهي ۽ پاڙيسرين جي مدد ڪرڻ جي لاءِ حلال ڪمائي ڪندو هجي، ان جي صورت (شڪل) قيامت جي ڏينهن چوڏهين جي رات جي چمڪندڙ چنڊ جيان روشن هوندو ۽ اهو ان ئي حال ۾ الله تعاليٰ سان ملاقات ڪندو ۽ جيڪو ماڻهو حلال روزي تي وڏائي ڪرڻ ۽ ڏيکاءُ لاءِ ڪمائيندو، الله تعاليٰ ان تي قيامت جي ڏينهن عذاب نازل ڪندو.
     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو: اي انسانو! الله تعاليٰ جي ذات کان ڪمائڻ مهل ڊڄو، شريعت جو خيال رکندا ڪريو، جيستائين ڪو ماڻهو پنهنجو پورو رزق نه ٿو ڪمائي ان جو موت نه ٿو ٿئي. (ابن ماجه)
     سڀ کان وڌيڪ پاڪ ڪمائي انهن واپارين جي آهي جيڪي ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ ڪوڙ نٿا ڳالهائين ۽ پنهنجي گراهڪن سان واعدو ڪن ٿا ته واعدي نٿو ٽوڙين. (ابن ماجه)
     جيڪو ماڻهو ڪنهن عيب دار شيءَ جي عيب ٻڌائڻ کان بغير وڪڻي ٿو، الله تعاليٰ ڪڏهن به ان سان خوش نه ٿو رهي. (جيستائين ان جي معافي نه ٿو گهري). (ترمذي)
     جيڪي ڪاروبار ۾ سچا آهن، اهي قيامت جي ڏينهن آسمان جي ڇانو ۾ هوندا.


    قرض دار ۽ مهلت

     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو، جنهن ماڻهو کي اها ڳالهه پسند آهي ته الله تعاليٰ ان کي قيامت جي ڏينهن تي ڏک ۽ گهُٽ کان بچائي ته ان کي گهرجي ته مستحق قرضدار کي مهلت ڏئي يا ان کي ڏنل قرض جو بار معاف ڪري ڇڏي. (مسلم)
     جنهن ماڻهو مال بطور قرض کنيو ۽ ان کي واپس ڪرڻ جي نيت نه ٿو رکي، ته الله تعاليٰ ان ماڻهو کي ان سبب جي ڪري تباهه ڪري ڇڏيندو.


    وياج

     حضرت عبدالله بن مسعود رضه کان روايت آهي ته پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن لعنت وڌي وياج کائڻ واري تي، وياج ڏيڻ واري تي ۽ ان جي ٻنهي شاهدن تي ۽ وياج جي لکڻ وارن تي. (بخاري و مسلم)


    رشوت

     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ لعنت ڪري ٿو، رشوت ڏيڻ واري تي ۽ رشوت وٺڻ واري تي. (بخاري و مسلم)
     رشوت ڏيڻ وارو ۽ رشوت وٺڻ وارو ٻئي دوزخي آهن. (طبراني)
     جنهن ماڻهو ڪنهن جي سفارش ڪئي، ۽ سفارش ڪرائڻ واري کان ڪو هديو قبول ڪيو ته ان پنهنجي مٿان وياج جي دروازن مان سڀ کان وڏو دروازو پاڻ لاءِ کولي ڇڏيو. (ابوداؤد)


    مزدور جي ڪمائي

     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو، مزدور جي پگهر خشڪ ٿيڻ تائين ان جي مزدور ان کي ڏئي ڇڏيو. (ابن ماجه)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ٽي ماڻهو آهن جن سان قيامت جي ڏينهن منهنجو جهيڙو ٿيندو، هڪ ماڻهو اهو آهي جنهن منهنجو نالو وٺي معاهدو ڪيو ۽ پوءِ ان اهو واعدو ٽوڙي ڇڏيو، ٻيو اهو ماڻهو جنهن ڪنهن شريف ۽ آزاد ماڻهو کي (اغوا ڪري) ان کي وڪڻيو ۽ ان جي قيمت کاڌي. ٽيون اهو ماڻهو جنهن ڪنهن مزدور کي پنهنجي مزدوري تي لڳايو ۽ ان کان پورو ڪم ورتو ۽ ڪم وٺڻ کانپوءِ ان جي پوري مزدوري نه ڏني. (بخاري)


    حڪومت ۽ عوام

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
     طلب ۽ حڪومت جي خواهش نه ڪر، ان ڪري جو جيڪر گهرڻ سان توکي حڪومت ملي ته الله توکي ان حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪڏهن بي طلب ملي ٿي ته الله تعاليٰ جي طرف کان تنهنجي مدد ڪئي ويندي.
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته، اوهان جو بهترين حڪمران اهو آهي جنهن سان اوهان محبت ڪريو ۽ اهو توهان سان محبت ڪري، جنهن جي لاءِ اوهان دعا ڪريو ۽ اهو اوهان جي لاءِ دعا ڪري. ۽ بدترين حڪمران اهو آهي، جنهن کان اوهان ساڙِ رکو ۽ اهو اوهان سان ساڙ رکندو هجي. توهان ان تي لعنت وجهو ۽ اهو اوهان تي لعنت وجهندو هجي.
     جيڪو شخص مسلمانن جي سربراهي جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿو، ۽ ان حالت ۾ مري وڃي ٿو جو ظالم ۽ خيانت ڪندڙ هجي ٿو، الله تعاليٰ ان تي جنت کي حرام ڪري ڇڏي ٿو.
     انصاف ڪندڙ ۽ سچو حڪمران الله تعاليٰ وٽ نور جي ممبر تي ۽ الله تعاليٰ جي طرفان موڪليل ڪتاب (قرآن شريف) جي مطابق حڪمراني ڪندو هجي ان جي فرمانبرداري ڪيو ۽ ان جو حڪم مڃو. (ابن ماجه، ترمذي)


    ايمان جي سڀ کان ڪمزور حالت

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو:
     اوهان مان جيڪو ماڻهو ڪنهن منڪر کي ڏسي ته ان کي روڪي ۽ ان کي اها طاقت نه هجي ته ان کي زبان سان منع ڪري، ۽ جيڪڏهن ان کي اها به طاقت نه هجي ته دل سان برو چوي. ۽ اها ايمان جي صفا ڪمزور حالت آهي. (مسلم- مشڪواة)
     هڪ ڏينهن حضور اڪرم ﷺ جن منبر تي تشريف فرما هئا ۽ فرمايائون ته: اي انسانو! الله توهان کي چوي ٿو ته نيڪي جو حڪم ڪندا رهو ۽ بڇڙائي کان ماڻهن کي بچايو. ڪڏهن ائين نه ٿئي جو اوهان دعا گهرو ۽ اوهان جي دعا قبول نه ٿئي. ايترو فرمائيندي پاڻ نبي ڪريمﷺ جن منبر کان هيٺ لهي آيا. (ابن حبان)
     ڪنهن ظالم بادشاهه جي آڏو سچي ڳالهه چوڻ، بهترين جهاد آهي. (ابوداؤد)


    بڇڙاين کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ وارن جو نتيجو

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته:
     جيڪي ماڻهو بڇڙائي ڏسن ۽ ان کي نه روڪين ته ائين ٿيندو جو الله تعاليٰ بڇڙائي ڪندڙ ۽ بڇڙائي ڏسندڙ ٻنهي کي هڪ ئي عذاب ۾ مبتلا ڪندو. (مشڪواة- ابن ماجه)
     الله تعاليٰ خاص ماڻهن جي بڇڙائي سبب عام ماڻهن کي عذاب ۾ نه ٿو وجهي، جيستائين انهن جي ماحول ۾ منڪر رواج نه پئجي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو روڪي سگهڻ جهڙا هجن ۽ روڪڻ کان پرهيز نه ڪن، اهڙي صورتحال ۾ الله تعاليٰ خاص ۽ عام (سڀن کي) عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو. (مشڪواة)
     الله تعاليٰ جبريل کي حڪم ڪيو ته فلاڻي شهر کي اونڌي ڪر ته جبرئيل عرض ڪيو. اي منهنجا پالڻهار! ان شهر ۾ تنهنجو فلاڻو ٻانهو رهندو آهي، جنهن تنهنجي هڪ گهڙي به نافرماني ناهي ڪئي، ته الله تعاليٰ فرمائيندو ان کي به اونڌو ڪري ڇڏ ۽ ٻين شهرن جو به، ان جي ڪري جو منهنجي نافرماني ڏسندي به، ان جي مٿي تي ڪو نشان نه آيو. (مشڪواة)
     حضرت سهيل سعيد رضه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن حضرت علي رضه کي فرمايو ته الله تعاليٰ جو قسم جيڪڏهن الله تعاليٰ تنهنجي وسيلي هڪ به ماڻهو کي هدايت ڪرڻ فرمائي، ته اهو تنهنجي لاءِ ڳاڙهي اٺن کان بهتر آهي. (ڳاڙها اُٺ عربن وٽ سڀ کان اعليٰ مال سمجهيو ويندو آهي). (بخاري و مسلم)
     جنهن ماڻهو نيڪي جي طرف رهنمائي ڪئي ته ان جي لاءِ ايترو ئي ثواب آهي، جيترو ان نيڪي جي ڪرڻ واري لاءِ آهي. (مسلم)
     حضرت معاذ بن جبل چوي ٿو ته رسول اللهﷺ جن فرمايو، شيطان ٻڪرين جي بگهڙين جيئان انسانن جو بگهڙ آهي. هي شيطان جماعت کان الڳ رهڻ وارا ۽ ذاتي مفاد لاءِ جماعتي ڪمن کان پري رهڻ کي پنهنجي قبضي ۾ وٺندو آهي، ڏسو پاڻ کي نقصان ۾ نه وجهجو. جماعت ۽ ايمان وارن سان گڏ رهجو. (مشڪواة)


    شڪر

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
     جيڪو ماڻهو کاڌو کائي ۽ اهو چوي ته شڪر آهي الله جو جنهن مون کي کاڌو عطا ڪيو بغير منهنجي قسمت ۽ طاقت جي، ته ان کان جيڪي گذريل گناهه ٿيل هوندا اهي سڀ معاف ڪيا ويندا. (ابوداؤد)


    جذبهءِ شڪر پيداڪرڻ جي عادت

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
     اهي ماڻهو جيڪي اوهان کان مال ۽ دولت ۽ دنياوي شان ۽ مرتبي کان گهٽ آهن، ان جي طرف نگاهه ڪريو (ته توهان جي اندر شڪر جو جذبو پيدا ٿيندو) ۽ ان ماڻهن ڏانهن نگاهه نه ڪيو جيڪي اوهان کان مال ۽ دولت ۾ ۽ دنياوي ساز و سامان ۾ اوهان کان مٿانهان آهن ته جيئن جيڪي اوهان کي نعمتون ڏنيون ويون آهن، اهي اوهان جي نگاهه ۾ گهٽ نه ٿين. (نه ته الله تعاليٰ جي نعمتن جي ناشڪري وارو عنصر پيدا ٿي پوندو). (مسلم)
     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته: جيڪو انسان صبر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته الله تعاليٰ ان کي صبر جي نعمت سان نوازي ٿو ۽ صبر گهڻو بهتر آهي ۽ ان مان ڪيتريون ئي ڀلايون اوهان کي ملن ٿيون. (بخاري و مسلم)
     سفيان رضه ابن عبدالله فرمائي ٿو ته، مون نبي ڪريمﷺ جن کان پڇيو ته اسلام جي سلسلي ۾ اهڙي ڪا افضل ڳالهه مونکي ٻڌايو ته جيئن ٻئي ڪنهن کان مون کي پڇڻ جي ضرورت ئي پيش نه اچي. پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته آمنت بالله چئه ۽ ان تي بيهي رهه. (مسلم)


    آزمائش ۽ صبر

     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
     آزمائش جي جيتري سختي هوندي، اوترو ئي وڏو انعام بخشيو ويندو آهي. ان شرط تي ته ماڻهو(ٻانهو) مصيبت کان نه گهٻرائيندو هجي ۽ سچ جي واٽ ڇڏي ڀڄي نه ويندو هجي ۽ الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن ٽولي سان محبت ڪري ٿو ته انهن کي وڌيڪ سونهن بخشڻ ۽ صاف رکڻ جي لاءِ انهن کي آزمائش ۾ مبتلا ڪري ٿو. بس جيڪي انسان (ٻانها) الله جي فيصلن تي راضي رهندا هجن ۽ صبر ڪندا رهن ته الله تعاليٰ انهن کان خوش ٿيندو آهي. (ترمذي)
     مومن مردن ۽ عورتن تي وقت بوقت آزمائشون اينديون رهنديون آهن. ڪڏهن انهن تي پاڻ تي مصبيتون اچن ٿيون ۽ ڪڏهن انهن جو اولاد مري ويندو آهي ۽ ڪڏهن انهن جو مال (دنياوي) تباهه ڪيو ويندو آهي (۽ اهي انهن سڀني) مصيبتن تي صبر ڪري ٿو ۽ اهڙي ريت ان جي قلب (دل) جي صفائي ٿيندي رهندي آهي ۽ بڇڙاين کان پري ٿيندو رهندو آهي، ايتريقدر جو الله تعاليٰ سان ملندو آهي، ته ان حال ۾ ملي ٿو جو سندس نامه اعمال پيش ڪيو ويندو آهي ته ان ۾ڪو به گناهه موجود نه رهندو آهي. (ترمذي)
     توهان الله تعاليٰ تي سچي دل سان توڪل ڪريو ته اهو اوهان کي روزگار عطا فرمائيندو، جيئن ته اهو پکين کي روزي ڏئي ٿو، جڏهن صبح جو اهي پنهنجي آکيرن ۾ ايندا آهن ته انهن جا پيٽ ڀريل هوندا آهن.
     پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو؛ جيڪو انسان الله جي واٽ ۾ جهاد نه ڪندي مري ويو ۽ ان جي دل ۾ ان جي خواهش به نه هئي ته اهو نفاق جي هڪ ڪيفيت ۾ مري وڃي ٿو.
    (مسلم)
     پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو، سياڻو ٻانهو اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس جو جائزو وٺي ٿو ۽ آخرت جي لاءِ عمل ڪري ٿو. پوئتي رهجڻ وارو اهو آهي جيڪو پنهنجي نفس جي خواهشن جي پويان لڳندو رهي ٿو ۽ الله تعاليٰ مان اميدون رکندو رهي ٿو. (ترمذي)
     پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو ته آئون (نبي ڪريمﷺ) عيش ۽ سهولت واري زندگي ڪيئن گذاريان جڏهن ته اسرافيل صُورمنهن تي رکيو، ۽ ڪن لڳايو ۽ مٿو جهڪائي انتظار ڪري رهيو آهي ته ڪڏهن صوُر ڦوڪڻ جو حڪم ٿئي ٿو.
     سڀئي آدم جو اولاد خطاڪار آهي. سڀ کان بهترين اهي آهي جيڪي توبهه ڪندڙ آهن. (ترمذي، ابن ماجه)
     انسان گناهه ڪرڻ کان پوءِ معافي جي لاءِ الله تعاليٰ جي طرف موٽندو آهي ته الله تعاليٰ کي پنهنجي ٻانهي جي موٽڻ تي ان ماڻهو(ٻانهي) جي مقابلي ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي، جنهن پنهنجي اُٺڻي جنهن تي ان ماڻهو جو دارومدار هوندو آهي، اها ڄڻ ڪنهن جهنگ ۾ گم ٿي وئي هجي ۽ ڳولا بعد اها ان کي واپس ملندي آهي(ته اهو ان اٺڻي کي حاصل ڪري جيتري خوشي محسوس ڪري ٿو، جنهن جو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي، ائين ئي ان انسان جي توبهه کان الله تعاليٰ خوش ٿئي ٿو، بلڪه الله تعاليٰ جي خوشي ان کان به وڌيڪ ٿئي ٿي ڇو ته اهو بخشڻهار ۽ رحيم آهي). (بخاري و مسلم)
     الله تعاليٰ ٻانهي جي توبهه ساهه جي سوڙهه (موت جي بيهوشي) کان اڳ قبول ڪري ٿو. (ترمذي)
     اي انسانو: الله تعاليٰ کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرندا ڪريو ۽ ان ڏانهن موٽي اچو، مون (نبي ڪريمﷺ جن) کي ڏسو، هر ڏينهن الله تعاليٰ کان سو سو ڀيرا معافي جي دعا گهرندو رهان ٿو.
     جيڪو ماڻهو گناهن کان توبهه ڪري ٿو، ته اهو ائين پاڪ ٿي ويندو آهي جيئن ان ڪو گناهه ڪيو ئي نه هجي. (ابن ماجه- مشڪواة)
     پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڄاڻو ٿا ته ڪهڙو عمل الله تعاليٰ کي سڀ کان وڌيڪ پسند ايندو آهي. ڪنهن جواب ۾ نماز۽ زڪوات جي ڳالهه ڪئي ۽ ڪنهن جهاد لاءِ، پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو فقط الله تعاليٰ جي لاءِ محبت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي ڪري ئي ڪنهن سان دشمني ڪرڻ ئي الله تعاليٰ وٽ سڀني عملن کان وڌيڪ افضل آهي. (ابوداؤد)


    9 ڳالهين جو حڪم

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
     منهنجي رب (الله تعاليٰ) مون کي 9 ڳالهين جو حڪم ڏنو آهي:
    1. لڪيل يا ظاهري طور تي الله تعاليٰ کان ڊڄندو رهه.
    2. توڙي غربت جي حالت هجي يا امير ٿيڻ جي، بهرحال پنهنجي سڌي رستي تي قائم رهه.
    3. جيتوڻيڪ ڪنهن تي مهربان هجين يا ڪنهن سان ڪاوڙ ۾ بهرحال سچي ڳالهه چوندو ڪر.
    4. ۽ اهو ته جيڪو توسان(پاڻ نبي ڪريمﷺ) سان ناتو ٽوڙي تون (پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن) ان کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهه.
    5. جيڪو توکي (پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن) کي محروم ڪري تون ان کي ڏي.
    6. جيڪو مون (پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) تي ظلم ڪري، مان(پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن) ان کي معاف ڪريان.
    7. منهنجي (پاڻ ڪريمﷺ جن) خاموشي فڪر نه ڪرڻ واري خاموشي هجي.
    8. منهنجي (پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن) جي ڳالهه ٻولهه الله تعاليٰ جي ذڪر لاءِ ئي هجي.
    9. ۽ منهنجي(پاڻ نبي ڪريم ﷺجن) جي نگاهه، عبرت حاصل ڪرڻ واري نگاهه هجي.
    پوءِ وري پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته مون کي ان ڳالهه جو حڪم ڏنو ويو آهي ته چڱاين کي ڦهيلايو ۽ براين کي روڪيو.


    مومن

    رسول الله ﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
     مومن سادو ۽ سخي ٿيندو آهي، ۽ فاجر ڌوڪو ڏيندڙ ۽ بخيل ٿيندو آهي. (ابوداؤد)
     مومن جي نيت ان جي عمل کان بهتر هوندي آهي.
     مومن جي مثال سائي ٻني جهڙي آهي جنهن کي هوا ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي لڳندي رهندي آهي، ڪڏهن ويهاري ڇڏيندي آهي، ڪڏهن سڌو ڪري ڇڏيندي آهي، جيتوڻيڪ ان جي حياتي پوري ٿئي ٿي (يعني مومن کي ڏکن ۽ سکن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، مشڪلات به اچي ٿي ۽ آرام و سڪون به حاصل ٿيندو رهي ٿو) پر ڪنهن به حالت ۾ مومن صبر جو دامن پنهنجي هٿ مان نه ڇڏائي.


    ذڪر الاهي

    الله تعاليٰ جي ياد دل کي زندگي بخشيندي آهي ۽ ان کان غفلت انسان جي دل تي، جنهن سان انسان جي سموري زندگي هڪ لڪيرجيئان آهي، موت طاري ڪري ٿي. انسان جي اندر جيڪو روح موجود آهي، ذڪر الاهي ان جو کاڌو آهي. جيڪڏهن ان کي اهو کاڌو نه ملي ته ان تي موت طاري ٿي ويندي آهي، توڻي جو ان جو ظاهري خول (جسم) ڪيترو ئي طاقتور هجي.
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو:
     الله جو ذڪر دلين جي لاءِ شفا آهي.
     الله تعاليٰ ان ڳالهه کي پسند ڪري ٿو ته ان جي تعريف ڪئي وڃي(ڇو ته تعريف جا سڀ حق الله لاءِ ئي آهن ۽ اهو ئي هر تعريف جي لائق آهي).(طبراني)
     ڳالهين ۾ سٺي ڳالهه الله جي تعريف آهي.
     انسانن ۾ وڏي درجي ماڻڻ وارا هي هوندا آهن، جيڪي الله تعاليٰ جو ذڪر ڪن ٿا.(بهقي)
     الله جو ذڪر ڪرڻ کان وڌيڪ ڪو به انسان جو عمل ان کي الله تعاليٰ جي عذاب کان بچائڻ وارو نه آهي. (ترمذي)
     ذڪر ڪندڙ ۽ غافل جو مثال اهڙي ريت آهي جيئن مرده ۽ زنده جو ٿيندو آهي. (بخاري)
     جيڪو انسان رات جي عبادت ۽ مال جي خرچ ڪرڻ سان عاجز آهي ۽ دشمن سان مقابلي ۾ پاڻ کي ڪمزور سمجهي ٿو ته ان کي گهرجي ته اهو الله تعاليٰ جو ذڪر ڪثرت سان ڪندو رهي. (ترمذي)
     قيامت جي ڏينهن آواز ڏيڻ وارن مان هڪ آواز ڏيندو ته عقل وارا انسان ڪٿي آهن؟ پڇيو ويندو ته عقل وارن مراد ڪهڙن ٻانهن جي آهي؟ جواب ملندو ته اهي ٻانها جيڪي اٿندي ويهندي ۽ گهمندي ڦرندي الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول رهندا هئا ۽ پوءِ هڪ ٽولو اٿندو ۽ بغير حساب ڪتاب ڏيڻ جي جنت ۾ داخل ٿي ويندو.
     ڪا به جماعت الله تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول نه ٿي رهي، مگر اهو ته انهن کي ملائڪ گهيري وٺندا آهن ۽ انهن تي رحمت ٿيندي آهي ۽ انهن تي سڪوت (خاص رحمت) نازل ڪئي ويندي آهي، الله تعاليٰ جماعت ملائڪ ۾ انهن جو ذڪر ڪري ٿو. (مسلم)
     حديث شريف ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته مان پنهنجي ٻانهي جي بلڪل ويجهو آهيان، جڏهن ٻانهو مون کي ياد ڪري ٿو ته مان به ان سان گڏ هوندو آهيان ۽ جيڪڏهن ان مون کي پنهنجي دل ۾ ياد ڪندو ته مان به ان کي ياد ڪندو آهيان ۽ جيڪڏهن ان ڪنهن جماعت ۾ ويهي مون کي ياد ڪيو ته مان ملائڪن جي اڳيان انهن کي ياد ڪندو آهيان ۽ جيڪڏهن هڪ گرانٺ به هو مون ڏانهن وڌي ٿو ته مان هڪ هٿ ان ڏانهن وڌي ويندو آهيان ۽ ٻانهو هڪ هٿ تائين مون ڏانهن وڌي ٿو ته مان ٻه هٿ ان ڏانهن وڌندو آهيان ۽ اهو ٻانهو منهنجي واٽ تي آهسته هلندو آهي ته مان ان سان ڊڪندي ملندو آهيان. (بخاري و مسلم)


    آسمان وارا محبت ڪن ٿا

     جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن ٻانهي سان محبت ڪري ٿو ته حضرت جبرئيل عليه السلام کي فرمائي ٿو ته مون (الله تعاليٰ) کي فلاڻي ٻانهي سان محبت آهي، تون به ان سان محبت ڪر. ته حضرت جبرئيل عليه السلام به ان ٻانهي سان محبت ڪندو آهي ۽ پوءِ حضرت جبرئيل عليه السلام آسمان وارن ڏانهن اعلان موڪلي ٿو ته الله تعاليٰ فلاڻي ٻانهي سان محبت ڪري ٿو ۽ توهان به ان سان محبت ڪريو ته آسمان وارا ان سان محبت ڪرڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ ان جي محبت زمين وارن جي دلين ۾ وڌي ويندي آهي. (مسلم)


    ايمان تازو ڪرڻ لاءِ

     بهترين ذڪر لاالہ الالله ۽ بهترين دعا الحمدالله آهي. (نسائي)
     توهان پنهنجي ايمان کي تازو رکندا ڪريو، ماڻهن پڇا ڪئي ته ايمان ڪهڙي ريت تازو ٿيندو آهي؟ پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو، ڪثرت سان لاالہ الالله چوندا ڪريو.(احمد)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو، ته نه ايندو ڪو ماڻهو قيامت جي ڏينهن اهو لاالہ الالله ائين چوندو هجي الله تعاليٰ جي مرضي کان سواءِ ڪو به مقصود نه آهي پر دوزخ ان تي حرام ٿيندي. (بخاري، مسلم، احمد، ابن ماجه)
     ٻه ڪلما زبان تي اچڻ ته آسان ٿيندا آهن، پر تارازي تي سڀن کان وزني ٿيندا آهن ۽ رحمٰن کي سڀ کان وڌيڪ محبوب ٿيندا آهن. اهي ڪلما هن ريت آهن، سبحان الله وبحمده ۽ سبحان الله العظيم آهن. (بخاري و مسلم)
     هي چار ڪلما الله تعاليٰ جي نظر ۾ سڀن ڪلمن کان افضل آهن، ان چئني مان جنهن کي چاهي پهريان رکي ۽ جنهن کي چاهي آخر ۾ رکي. (مسلم)
    نوٽ: اهي چارئي ڪلما ايندڙ صفحي کان شروع ڪيا ويا آهن.


    درود شريف

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
     جيڪو ٻانهو مون تي هڪ ڀيرو درود موڪلي ٿو، الله تعاليٰ ان ٻانهي تي ڏهه ڀيرا رحمت نازل فرمائي ٿو.
    (مسلم- ابوداؤد)
     جنهن ٻانهي جي اڳيان منهنجو ذڪر ڪيو وڃي، ان کي گهرجي ته مون تي درود موڪلي ۽ جيڪو ٻانهو مون تي هڪ ڀيرو درود موڪلي ٿو الله تعاليٰ ان تي ڏهه ڀيرا رحمت نازل فرمائي ٿو ۽ ان جا ڏهه گناهه معاف ڪندو ۽ ان جا ڏهه درجا بلند ڪندو. (مسند احمد، نسائي)
     قيامت جي ڏينهن سڀ کان ويجهو منهنجي (پاڻ نبي ڪريمﷺجن) اهو ٻانهو هوندو جيڪو سڀ کان وڌيڪ مون ڏي درود موڪلي ٿو. (ترمذي شريف)
     بخيل آهي اهو شخص جنهن جي سامهون منهنجو (پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) جو ذڪر ڪيو وڃي ۽ اهو درود نه پڙهي.
    (ترمذي)


    سورة ياسين

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
     سورة ياسين قرآن شريف جي دل آهي، جيڪو ٻانهو الله جي رضا ۽ آخرت جي لاءِ پڙهندو آهي اهو بخشيو ويندو آهي ۽ اوهان ان کي پنهنجي مڙدن تي پڙهندا ڪريو.
    (نسائي)


    سورة الملڪ

    پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
     قرآن شريف ۾ ٽيهه سيپارا آهن، ان سورة هڪ ٻانهي جي شفا ڪئي، ايتري تائين جو ان ٻانهي جا سمورا گناهه الله تعاليٰ بخش ڪري ڇڏيا. اها سورة تبارڪ الذي بيده الملڪ آهي. (ترمذي)
     هي سورة قبر جي عذاب کان نجات ڏياري ٿي ۽ عذاب کي روڪي ٿي. (ترمذي شريف)


    سورة اخلاص

     هڪ ٻانهو نماز جي هر رڪعت ۾ قل هو الله پڙهندو هو، انهن کان پڇا ڪئي وئي ته ان چيو، مان ان سورة کي دوست رکان ٿو، پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجو دوست رکي ٿو. (بخاري و مسلم)
     ۽ فرمايائون: قل هو الله جي محبت سان توکي جنت ۾ داخل ڪندو. (ترمذي)


    تهجد

     حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه فرمائين ٿا ته پاڻ نبي ڪريمﷺ جن هڪ رات تهجد جي وقت اسان جي گهر تشريف آندائون ۽ مون کي (حضرت علي رضه) کي ۽ فاطمه رضه (فاطمة الزهرا) کي چيو: “ڇا اوهان ٻئي نماز تهجد نه پڙهندا آهيو؟”(بخاري و مسلم)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ٽي شيون الله تعاليٰ کي تمام گهڻيون پسند اينديون آهن:
    1. جهاد جي ميدان ۾ باوجود شڪست جي ڄمي بيهڻ
    2. صدقو اهڙي طرح ڏجي جو ساڄي هٿ سان ڏجي ته کاٻي هٿ کي خبر به نه پوي.
    3. رات جو جڏهن سمهندا هجو ته اڌ رات جو اٿي تهجد پڙهندا ڪريو.
     هڪ صحابي کي نصيحت ڪندي پاڻ نبي نبي ڪريمﷺ جن فرمايو ته تون ذڪر ڪندڙن جي لسٽ ۾ نالو لکائڻ چاهين ٿو ته اٿ نماز (تهجد) پڙهه ۽ سستي نه ڪر.
     حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو: جڏهن رات جو اڌ حصو باقي بچندو آهي ته الله تعاليٰ ان ڏسجندڙ آسمان تي لهي ايندو آهي ۽ ٻانهن کي سڏيندو آهي، چوندو آهي ته ڪير مون کي سڏي ٿو ته ان جي مدد لاءِ ڊوڙان، ڪير مون کان گهري ٿو ته ان کي ڏيان، ڪير مون کان معافي گهري ٿو ته ان کي معاف ڪيان. (بخاري و مسلم)
     حضرت محمد ﷺ جن فرمايو: “جنهن کي مسلمانن جي حڪمن جو ذميوار بڻايو ويو آهي، الله تعاليٰ اهڙي ماڻهو جي ضرورتن تي ايستائين ڌيان نه ٿو ڏئي جيسيتائين اهو ماڻهو مسلمانن جي حق ۾ ايندڙ ذميواريون پوريون نه ٿو ڪري.” (ترمذي)
     حضرت محمد ﷺ جن فرمايو: “اي انسانو! الله جي نافرماني کان ڊڄندا رهجو ۽ روزي جي تلاش ۾ غلط طريقو نه استعمال ڪجو، ان جي ڪري ته ڪو ماڻهو تيسيتائين نه ٿومري جيستائين ان کي پنهنجي حصي جو پورو رزق نه ٿو ملي وڃي. جيتوڻيڪ ان جي ملڻ ۾ ڪجهه دير ٿي سگهي ٿي، ان ڪري الله تعاليٰ کان ڊڄندا رهو ۽ روزي جي تلاش ۾ سٺو طريقو اختيار ڪريو. انسانو! حلال روزي ڪمايو ۽ حرام روزي جي ويجهو نه وڃو”.(ابن ماجه)
     سرورڪائناتﷺ جن فرمايو: “جڏهن ڪو اوهان سان ڳالهائي ۽ ان دوران ڪنهن ٻئي ڪمن ڏانهن ڌيان ڏئي ته ان جي اها ڳالهه اوهان ڏانهن امانت آهي”. (مشڪواة)
     رسول اللهﷺ جن فرمايو: “مظلوم جي آهه کان بچو، ان ڪري ته اهو الله تعاليٰ کان پنهنجو حق گهري ٿو ۽ الله تعاليٰ ڪنهن حقدار کان پنهنجو حق محروم نه ٿو ڪري.” (مشڪواة)
     رسول الله ﷺ جن فرمايو: “ڪم کي سچائي ۽ اطمينان سان پورو ڪرڻ الله تعاليٰ جي طرفان هوندو آهي ۽ تڪڙ ڪرڻ شيطان جي اثر هيٺ هوندو آهي.” (ترمذي)
     رسول الله ﷺ جن فرمايو: “قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ جي ويجهو بدترين ماڻهو اهو هوندو جنهن جي بدزباني ۽ سخت زباني جي ڪري، ٻيا ماڻهو ان کي ڇڏي چڪا هجن.” (ترمذي)
     رسول الله ﷺ جن فرمايو: “جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي قتل ۾ مدد ڪري ٿو، جيتوڻيڪ ڪلمو ڀري ئي ائين ڪري، اهو قيامت جي ڏينهن اهڙي طرح ايندو ته ان جي پيشاني تي لکيل هوندو، الله جي رحمت تي مايوس” (مسند احمد)
     ٻنهي جهانن جي سردارﷺ جو ارشاد آهي ته: “جيڪو ماڻهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ ڏانهن هٿيار سان اشارو ڪري ٿو، ان تي ملائڪ لعنتون وجهن ٿا، ايسيتائين جو هو اهو هٿيار رکي نه ٿو. جيتوڻيڪ اهو ان جو ڀاءُ ئي ڇو نه هجي.” (مشڪواة)
    نوٽ: اهي چارئي ڪلما الله تعاليٰ جي نظر ۾ سڀن ڪلمن کان افضل آهن.”


    نرم مزاجي ۽ سخت مزاجي

     الله تعاليٰ پاڻ مهربان آهي ۽ نرمي ۽ مهرباني ڪرڻ ان کي محبوب به آهي. نرمي تي اهو ايترو ڏئي ٿو جيترو سختي ڪرڻ تي نه ٿو ڏئي، ۽ جيترو نرمي کان علاوه نه ٿو ڏئي سگهجي. (مسلم)
     جيڪو ٻانهو نرمي جي صفت کان محروم ڪيو ويو آهي، اهو سڀني ڀلاين کان محروم ڪيو ويندوآهي. (مسلم)
     دوزخ جي باهه حرام آهي ان ماڻهو تي جيڪو طبيعت ۾ تيز نه آهي، نرم هجي، ماڻهن جي ويجهو رهڻ وارو هجي، نرم مزاج هجي. (عبدالله بن مسعود- داؤد- ترمذي)
     سخت مزاج ۽ گلا خور ماڻهو جنت ۾ داخل نه ڪيو ويندو. (عن حضرت حارث بن وهب- داوؤد)
     بهادر ۽ طاقتور اهو ناهي جيڪو مقابلي ڪندڙ کي ڪيرائي وجهي ٿو، پر بهادر ۽ طاقتور اهو ٻانهو آهي جيڪو ڪاوڙ جي وقت پنهنجي نفس تي ضابطو آڻي ٿو. (حضرت ابوهريره رضه- بخاري- مسلم)


    حڪمراني جي طلب ڪندڙ

     (عبدالرحمٰن بن سمره) چوي ٿو ته حضورﷺ جن مون کي فرمايو ته پاڻ حڪومت جي لاءِ طلب نه ڪجانءِ، ڇو ته جيڪر توکي تنهنجي طلب تي حڪومت ملي ٿي ته توکي حڪومت ۾ اڪيلو ڪيو ويندو ۽ جيڪر بغير طلب جي ملي ته الله تعاليٰ جي طرفان تنهنجي مدد ڪئي ويندي. (مسلم)
     جڏهن اوهان جا حڪمران بهترين انسان هجن ۽ دولت مند هجن، سٺا ٻانها هجن ۽ حڪومت جي سچن اصولن تي هلندڙ هجن، ته ان زمين جي پٺي ان موت کان (مطلب زندگي موت کان بهتر آهي) بهتر آهي ۽ جڏهن بڇڙا ماڻهو حڪمران هجن ٿا ۽ دولت رکندڙ ڪنجوس هجن ٿا ۽ حڪومت جون واڳون عورتن جي هٿن ۾ اچي وڃن ته پٺي زمين جي موت کان (مطلب موت زندگي کان بهتر آهي).(ترمذي)


    وياج

     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو: جنهن رات مون کي معراج عطا ڪيو ويو. منهنجو (پاڻ نبي ڪريمﷺ) گذر اهڙي هنڌ تان ٿيو، جتي هڪ اهڙو ٽولو ڏٺم جن جا پيٽ مٽن جهڙا هئا ۽ ان ۾ نانگ ڀريا پيا هئا جيڪي ٻاهر کان نظر اچي رهيا هئا. مون (پاڻ ڪريمﷺجن) جبرئيل عليه السلام کان پڇيو ته اهي ڪير ماڻهو آهن؟ ان ٻڌايو ته اهي وياج خور آهن. اها روايت حضرت ابو هريره رضه کان ورتل آهي . (ابن ماجه- بيهقي)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته، وياج جيڪر ڪيترو به وڌيڪ ٿي ويندو آهي ان جو آخري نتيجو کوٽ ۽ گهٽائي آهي. (اها روايت حضرت عبدالله بن مسعود رضه- بخاري- مسلم)
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته، هڪ زمانو اهڙو ايندو ته هر ماڻهو وياج کائڻ وارو هوندو، جيڪڏهن پاڻ وياج نه کائيندو هجي ته ان جو غبار(اثر) ضرور ان جي اندر تائين پهچندو. هي روايت حضرت ابو هريره رضه -(احمد- داؤد- نسائي- ابن ماجه)
     سون، سون جي بدران، چاندي، چاندي جي بدلي، ان، ان جي بدران، جوَ، جوَ جي بدران، کجيون، کجين جي بدران ۽ لوڻ، لوڻ جي بدران، گڏ گڏ، برابر برابر وڪڻيو ۽ فروخت ڪيو وڃي، جنهن گهٽ ڏنو يا گهڻي گهر ڪئي، ته ان وياج جو معاملو ڪيو ۽ اهو وياج جي گناهه ۾ ملوث ڄاڻيو ڪيو ويندو. ان ۾ ڏيڻ وارو ۽ وٺڻ وارو ٻئي برابر جا شريڪ ٿيندا آهن. هي روايت حضرت ابو سعيد خدري رضه (ابوداؤد)


    پاڙيسرين جا حق

     هڪ ڀيري الله جي خاص قاصد، جبرئيل، پاڙيسرين جي باري ۾ مون کي(پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) تاڪيد ڪندو رهيو، ايتري تائين ته آئون (پاڻ ڪريمﷺجن) خيال ڪرڻ لڳس ته اهو ان کي وارث قرار ڏيندو. روايت، حضرت عائشه صديقه...بخاري- مسلم)
     جنهن جي اها خوشي هجي ۽ چاهيان ٿو ته الله ۽ ان جي رسول الله ﷺ جي محبت ان کي نصيب ٿئي اهو ته ان کان الله ۽ رسول جي محبت هو، ته ان کي گهرجي ته هن ٽن شين جو بندوبست ڪجي. ڳالهائي ته سچ ڳالهائي، جڏهن ڪا امانت ان جي سپرد ڪئي وڃي ته اها امانت داري سان ادا ڪري ۽ پنهنجي پاڙيوارن سان سٺو سلوڪ ڪري. (روايت، عبدالرحمٰن، بن ابي باقررضه، بيهقي)
     الله جو قسم اهو ماڻهو مومن ناهي. الله جو قسم، ان ۾ ايمان ناهي، الله جو قسم، اهو مڪمل ايمان وارو ناهي، جنهن جا پاڙيسري ان جي حرڪتن کان ڊنل ۽ افسرده هجي. (روايت حضرت ابو هريره... بخاري- مسلم)
     ان ماڻهو مون تي ايمان نه آندو، جيڪو اهڙي حالت ۾ پنهنجو پيٽ ڀري رات جو بي فڪر ٿي سمهي پوي ته ان جي ويجهو رهڻ وارو پاڙيسري بک تي هجي ۽ ان ماڻهو کي ان جي بک جي خبر به نه هجي.(روايت- حضرت انس رضه، طبراني)
     پاڙيسري جو حق اوهان تي اهو به آهي ته جيڪر اهو بيمار هجي ته ان جي عيادت ۽ خبر وٺندا ڪريو، جيڪڏهن مري وڃي ته ان جي جنازي سان گڏ وڃو (۽ دفنائڻ واري ڪمن ۾ مدد ڪريو ۽ جيڪر اهو قرض گهري ته بغير ڪنهن شرط جي ان کي قرض ڏئي ڇڏيو. ۽ جيڪر اهو ڪو بڇڙائي وارو ڪم ڪري وجهي ته ان کي ڍڪي ڇڏيو. جيڪڏهن ان کي ڪا نعمت ملي ته پوءِ ان کي مبارڪ ڏيو. جيڪڏهن ڪا مصيبت ۾ هجي ته ان جي مدد ڪريو ۽ ان جي ڪڏهن ان جي جاءِ اوهان جي جاءِ کان مٿانهين آهي ته اوهان پنهنجي جاءِ کي ان کان وڌيڪ بلند نه ڪريو جو ان جي گهر جي هوا بند ٿي وڃي ۽ اوهان جي رڌڻي مان نڪرندڙ خوشبوءِ ان جي لاءِ عذاب نه بڻجي وڃي، سواءِ ان جي ته ان مان ٿورڙو ٻوڙ (کاڌو) ان جي گهر موڪليندا رهو، ان صورت ۾ اوهان جي پچيل طعام جي خوشبوءِ ۾ ڪو به عيب نه آهي. (روايت، حضرت معاويه بن حيده رضه (طبراني)
    پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو! مان ان ٻانهي کي جنت ۾ گهر وٺائي ڏيڻ جي ضمانت کڻان ٿو جيڪو جهيڙو نه ڪندو هجي، جيتوڻيڪ اهو سچ تي ئي ڇو نه هجي، ۽ ان ٻانهي کي جنت ۾ گهر وٺائي ڏيڻ جي ضمانت کڻان ٿوجيڪو ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏي ڏئي، جيتوڻيڪ مذاق ۾ ئي ڇو نه ڳالهايو وڃي ۽ جنت جي هيٺين حصي ۾ ان ٻانهي کي به گهر وٺائي ڏيڻ جي ضمانت کڻان ٿو، جيڪو پنهنجي اخلاقن ۾ سڌارو آڻي ٿو.
     پاڻ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: ته مان (پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) اوهان کي اهڙو ٻانهو نه ٻڌايان جنهن تي دوزخ جي باهه حرام ڪئي وئي آهي؟ ٻڌو اهو ٻانهو جيڪو ٻين جي معاملن ۾ آساني پيدا ڪندڙ هجي ۽ نرم دل هجي، ان تي دوزخ جي باهه حرام آهي.
     پاڻ نبي ڪريم ﷺجن فرمايو: ڇا مان (پاڻ نبي ڪريمﷺ جن) اوهان کي اها ڳالهه نه ٻڌايان جنهن ۾ الله تعاليٰ اعليٰ درجو عطا ڪري ٿو ۽ درجا بلند ڪري ٿو؟ اصحابن عرض ڪيو ته ضرور ارشاد ڪيو! پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو جيڪو ماڻهو اوهان سان جهالت سان پيش اچي، اوهان ان سان بردباري سان پيش اچو، جيڪو ظلم ڪري، ان کي معاف ڪري ڇڏيو، جنهن اوهان کي (حق سچ يا شيءَ کان) محروم ڪيو هجي، اوهان ان کي عطا ڪريو ۽ جيڪو اوهان کان رشتو ٽوڙي اوهان ان سان جوڙيو ۽ ان سان رحمدلي سان پيش اچو.
     اهو به هڪ قسم جو صدقو آهي ته ڪشاده پيشاني سان ماڻهن کي سلام ڪندا ڪريو.
     پنهنجي ڀاءُ کي ڏسي اوهان خوش ٿيو ٿا، ته اهو به صدقو آهي، ماڻهن کي نيڪين جي طرف دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ به صدقو آهي. ڪنهن ڀٽڪيل کي سڌو رستو ڏيکارڻ به صدقو آهي. رستي تان ڪنڊو، پٿر يا هڏو هٽائڻ به صدقو آهي.
     جنت ۾ هڪ اهڙو اعليٰ خانو هوندو، جنهن جو ٻاهر وارو حصو اندر ۽ اندر وارو حصو ٻاهر کان بلڪل (صاف هجڻ سبب) نظر اچي ٿو. حضرت اشعري رضه جن پڇيو ته اي الله جا رسولﷺ! اهو ڪنهن جي لاءِ هوندو؟ پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو ان ماڻهو جي لاءِ جيڪو سٺو ڪلام ڪندڙ هوندو. جيڪو ماڻهن کي کاڌو کارائيندو هجي ۽ جڏهن رات جو ماڻهو سمهي رهيا هجن، اهو نماز تهجد ۾ هجي.
     انسان صبر ۽ بردباري سان اهي درجات حاصل ڪري ٿو، جنهن تي هڪ ماڻهو هميشه روزو رکندي ۽ هر رات جي وقت قيام ڪندي حاصل ڪندو آهي.
     مخلوق، الله تعاليٰ جو ويجهو آهي۽ الله تعاليٰ سڀن کان وڌيڪ ان کي پسند ڪري ٿو جيڪو ان جي مخلوق کي گهڻو پسند ڪري ٿو.
     مسلمان، مسلمان جو ڀاءُ آهي، اهو پنهنجي ڀاءُ تي نه پاڻ ظلم ڪندو آهي، نه ڪنهن ٻئي کي ظلم ڪرڻ ڏيندو آهي ۽ جيڪو ماڻهو به پنهنجي ڀاءُ تي ظلم نه ڪندو آهي، نه ڪنهن کي ان تي ظلم ڪرڻ ڇڏيندو آهي، ۽ جيڪو به پنهنجي ڀاءُ جي ضرورت پوري ڪندو آهي، الله تعاليٰ ان جي بدلي ۾ قيامت جي ڏينهن ان جي ڏکن کي ختم ڪندو آهي ۽ جنهن ٻانهي مسلمان کي خوش ڪندو، الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان کي خوش رکندو.
     الله تعاليٰ ٻانهن جي مدد ڪندو رهندو آهي، جيستائين اهو ٻانهي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي مدد ڪندو رهندو آهي.
     الله تعاليٰ ڪجهه ماڻهن کي دولت سان گڏ رکڻ تي پابند ڪيو آهي ته جيئن اهو ماڻهو کي فائدو پهچائي، جيستائين اهو ماڻهو ان دولت سان الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن کي فائدو پهچائيندو رهي ٿو، الله تعاليٰ ان جي دولت ۾ برڪت ڏيندو آهي ۽ جڏهن اهو ٻانهو پنهنجي سخا تان ڦري ويندو آهي ته الله تعاليٰ به ان کان اها دولت کسي وٺندو آهي ۽ ٻين نيڪ ٻانهن ڏانهن اها دولت منتقل ڪئي ويندي آهي.
     جيڪو ٻانهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ضرورت پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان جو اهو عمل لڳ ڀڳ ڏهه سالن تائين اعتڪاف ڪرڻ کان بهتر ٿيندو آهي.
     جيڪوٻانهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ وٺ وٺان ڪندو آهي، الله تعاليٰ ان جي هر قدم تي ستر نيڪيون لکائي ڇڏي ٿو ۽ ستر خطائون مٽرائي ڇڏي ٿو، ايسيتائين جو اهو پنهنجي گهر واپس اچي ٿو، ته بس جيڪڏهن ان ڀاءُ جي ضرورت پوري ٿئي ٿي ته ان (ٻانهي) پنهنجي ڪيل ڪوششن سان پنهنجي گناهن کان ائين صاف ڪيو ويندو آهي، ڄڻ ته اهو ٻانهو ڄڻ اڄ ئي پيدا ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن اها ڪوشش ڪندي مري وڃي ٿو ته اهو جنت ۾ بغير ڪنهن حساب ڪتاب ڏيڻ جي داخل ڪيو ويندو.
     پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ ڪو ماڻهو کيس مصيبت وقت ڪم اچي ٿو ۽ ان جي تنگدستي ختم ڪرڻ ۾ ان جي مدد ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿو ته الله تعاليٰ ان ٻانهي کي قيامت جي ڏينهن پل صراط تان گذرڻ وقت سندن لاءِ آساني پيدا ڪندو.
     ڪنهن مومن کي جيڪر ڪو اهڙي طرح خوش ڪري ته ان کي ڪپڙا ڏئي ٿو يا ان کي هڪ وقت جي ماني ڏئي ٿو يا ان جي ڪا ٻي ضرورت پوري ڪري ٿو ته اهو تمام وڏو ۽ افضل ڪم ان ادا ڪيو.
     الله تعاليٰ جي ويجهو فرضن جي ادائيگي کان پوءِ سڀ کان سٺو عمل مسلمان ڀاءُ کي خوش رکڻ آهي.


    بهترين اخلاق

     اوهان مان سڀن کان سٺا ٻانها اهي آهن جن جو اخلاق بهتر آهي. (روايت: حضرت عبدالله بن عمرو)
     ايمان وارن ۾ ڪامل ايمان وارا ماڻهو اهي آهن، جن جا اخلاق بهتر آهن. (روايت حضرت ابوهريره، داؤد، دارمي)
     قيامت جي ڏينهن مومن جي عمل واري تارازي ۾ سڀ کان وڌيڪ وزني ۽ ڳري شيءَ رکي ويندي، اها سندس اخلاق هوندا. (روايت: حضرت ابودردا، داؤد، ترمذي)


    حڪومت جو نظام

     جنهن ٻانهي کي الله تعاليٰ ڪنهن عوام جو حاڪم و نگران بڻائي ٿو ۽ اهو ان جي خيرخواهي پوري نه ڪري ته اهو حاڪم جنت جي خوشبو کان به محروم ڪيو ويندو. (روايت حضرت معقل بن يسار، بخاري، مسلم)
     حضرت عمرو بن مره رضه کان روايت آهي ته ان حضرت معاويه کي چيو مون رسول اللهﷺ کان ٻڌو ته، پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمائين ٿا ته جيڪي حاڪم ضرورت مند ۽ ڪمزورن جي لاءِ پنهنجا دروازا بند ڪن ٿا ته الله تعاليٰ انهن جي ضرورت، ان (حاڪم) جي ضرورت ۽ ان جي مسڪيني جي وقت آسمان جا دروازا بند ڪري ڇڏيندو. (ترمذي)
     حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو: اوهان جي حاڪمن مان بهترين حاڪم اهو آهي، جنهن سان توهان محبت ڪريو ٿا ۽ اهو اوهان سان محبت ڪري ٿو ۽ اوهان لاءِ دعا ڪري ٿو ۽ بدترين حاڪم اهو آهي جنهن کان اوهان بغض رکو ٿا ۽ اهو اوهان سان بغض رکي ٿو، توهان ان تي لعنت وجهو ۽ اهو اوهان تي لعنت وجهي ٿو. اصحابن فرمايو ته ڇا اسان اهڙن حاڪمن کي معزول نه ڪريون؟ ۽ اهو واعدو جيڪو هن سان اسان ڪيو آهي اهو نه ٽوڙيون؟ پاڻ ڪريمﷺجن فرمايو “ان وقت تائين نه جيستائين اهو اوهان ۾ نماز قائم ڪري، خبردار، جيڪو شخص اوهان مٿان حاڪم بڻايو وڃي ۽ اوهان ان جي اهڙي فعل کي ڏسو جيڪو الله تعاليٰ جي نافرماني تي مبني هجي ٿو ته اوهان ان جي فعل کي خراب سمجهو، پر ان جي فرمانبرداري کان محروم نه ٿيو.” (روايت: عوف بن املڪ اشجعي رضه مسلم)
     جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن بادشاهه جي ڀلائي ڪرڻ چاهيندو آهي ته ان کي هڪ سچار وزير به ڏئي ڇڏيندو آهي، امير جيڪڏهن ڪا ڳالهه وساري ويهي ٿو ته اهو ياد ڏياري ڇڏيندو آهي، ۽ جيڪڏهن ياد رکندو هجي ته اهو مدد ڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهه جي ڀلائي مقصود نه هجي ته ان جي لاءِ هڪ خراب وزير پيدا ڪري ٿو جيڪو کيس ڀلجڻ وقت ڪجهه ياد نه ٿوڏياري ۽ ياد هجيس ته ڪا به مدد نه ڪندو اٿس. (روايت: حضرت عائشه صديقه رضه، داؤد، نسائي)


    جهاد

     ظلم جو مقابلو ڪندي جيڪو ماريو وڃي اهو شهيد آهي. (روايت: حضرت سويد بن مقرن رضه- نسائي)
     حضور اڪرمﷺ جن هڪ لشڪر روانو ڪرڻ فرمايو، هڪ ماڻهو پوئتي رهجي ويو ۽ پاڻ ڪريمﷺ جن وٽ نماز پڙهڻ ۽ دعا وٺڻ آيو. پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو: “توکي ڄاڻ آهي ته تنهنجا ساٿي توکان ڪيترو اڳتي نڪري چڪا آهن؟” ان عرض ڪيو“ها پر اهي اڄ صبح ئي ته ويا آهن” پاڻ ڪريمﷺجن فرمايو“جيترو فرق ڏکڻ ۽ اولهه ۾ آهي، ان کان به وڌيڪ ثواب ۽ فضيلت ۾ توکان وڌيڪ اڳتي نڪري چڪا آهن.” (روايت، حضرت معاذ بن انس رضه- احمد)
     جيڪو ماڻهو في سبيل الله ٿورڙي به جنگ ڪري ٿو، ان جي لاءِ جنت لازم آهي، جيڪو الله جي واٽ ۾ شهيد ٿيڻ جي دعا ڪري ٿو، ان کانپوءِ اهو پنهنجي موت مري يا قتل ڪيو وڃي، ان جو زخم قيامت جي ڏينهن زعفران رنگ کان وڌيڪ گهرو هوندو ۽ ان جي خوشبو مشڪ جهڙي هوندي ۽ جنهن الله جي واٽ ۾ ٿورڙو به نڪرندو ان تي شهيد ٿيڻ جو ٺپو هنيو ويندو آهي. (روايت: حضرت معاذ بن جبل رضه)
     پڇا ڪئي وئي ته ڪهڙو ماڻهو سڀ کان اعليٰ آهي؟ پاڻ ڪريمﷺجن فرمايو“اهو مومن جيڪو في سبيل الله جان ۽ مال سان جهاد ڪري ٿو” وري پڇيو ويو“ان کان پوءِ ڪير افضل آهي؟” پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو“جيڪو ڪنهن قبيلي (يا پاڙي ۾ رهندو هجي، الله تعاليٰ جي تقويٰ رکندو هجي ۽ ماڻهن کي پنهنجي شر کان محفوظ رکندو هجي.”) (روايت: حضرت ابو سعيد رضه)
     تاجدار مدينه ﷺ جن ڪنهن ماڻهو کي لشڪر جو امير ڪري ڪنهن مهم تي موڪليو، اهو جڏهن امامت ڪندو هو ته هر نماز جي آخر ۾ سورة اخلاص ضرور پڙهندو هو. جڏهن اهو لشڪر واپس آيو ته ان لشڪر ۾ شرڪت ڪندڙ ڪجهه ماڻهن اهو ذڪر نبي ڪريمﷺ جن سان ڪيو. پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو“ان جو سبب ان کان پڇو” جڏهن ان کان پڇيو ويو ته “ان سورة ۾ الله تعاليٰ جي صفتن جو بيان آهي. ان لاءِ مون کي ان سورة سان محبت آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته ان کي گهڻي کان گهڻو پڙهان. پاڻ ڪريمﷺ جن فرمايو“ان (امير) کي ٻڌائي ڇڏيو ته هن ڪائنات جو مالڪ به ان کي محبوب رکي ٿو.” (بخاري و مسلم)
     سيده صديقه رضه بيان ڪري ٿي ته هڪ ڀيري رهبراعظمﷺ جن مون وٽ تشريف فرما ٿيا، ان وقت مون وٽ هڪ عورت ويٺي هئي. پاڻ ٖنبي ڪريمﷺ جن پڇيو: هي ڪير آهي؟ مون چيو هي اها ئي آهي جنهن جي نماز جي تعريف هلي رهي آهي، مطلب سڄي سڄي رات عبادت ۾ مشغول رهي ٿي، ان تي پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو“توهان تي ايتري ئي عبادت واجب آهي، جنهن کي اوهان هميشه ادا ڪري سگهو، الله جو قسم اوهان ئي ٿڪجي پئو ٿا، پر الله تعاليٰ ڪڏهن به عاجز نه ٿو ٿئي. الله تعاليٰ کي اهو ئي دين پسند آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ وارو هميشه قائم رهي سگهي”. (بخاري - مسلم)
     پاڻ نبي ڪريمﷺ جن ارشاد فرمايو ته“جنهن ماڻهو ڪنهن ٻئي ڀاءُ جي گرانٺ جيتري به زمين ڦٻائڻ گهري ته الله تعاليٰ انهن ستن ئي زمينن جو طوق ٺهرائي ان جي ڳچيءَ ۾ وجهندو. (بخاري و مسلم)


    امانت ۽ ايمان

     حضرت انس فرمائي ٿو ته رسول الله ﷺ جن جڏهن به خطبو ڏنو ان ۾ اهو چوڻ ضرور فرمايائون ته جنهن جي اندر امانت ناهي، ان جي اندر ايمان نه آهي ۽ جنهن واعدي وفا نه ڪئي ان وٽ به ايمان ناهي.”


    مڪمل ايمان

     پاڻ رسول اللهﷺ جن فرمايو! جنهن به الله جي لاءِ دوستي ڪئي ۽ الله جي لاءِ دشمني ڪئي ۽ الله جي لاءِ ڏنو ۽ الله جي لاءِ روڪي ڇڏيو، ان پنهنجو ايمان مڪمل ڪيو.”
     پاڻ رسول اللهﷺ جن فرمايو ته اوهان مون ڪوبه ماڻهو مومن نه ٿو بڻجي سگهي جيسيتائين مان (پاڻ ڪريمﷺ جن) ان جي نظر۾ ان جي پيءُ، ان جي پٽ ۽ سڄي انسان ذات کان وڌيڪ محبوب نه ٿو بڻجان.” (انس رضه- بخاري و مسلم)
     پاڻ رسول اللهﷺ جن فرمايو!الله تعاليٰ طرفان ڪجهه فرض مقرر ڪيل آهن، انهن کي برباد نه ڪجو.
     ۽ ڪجهه شين کي حرام ڪيو اٿس انهن کي هٿ به نه لائجو.
     ۽ ڪجهه حد بنديون ڪيل آهن انهن کي ڪڏهن به پار نه ڪجو.
     ۽ ڪجهه شين کان پاڻ خاموشي اختيار ڪئي اٿس، اوهان ان جي فڪر ۾ نه پئجو. (مشڪواة)
     پاڻ رسول اللهﷺ جن فرمايو! ته مان دوزخ جي باهه کان وڌيڪ خطرناڪ ڪا به شيءَ نه ڏٺي آهي ته جنهن کان ڀڄڻ وارو سمهي رهيو آهي ۽ جنت کان وڌيڪ عمده شيون نه ڏٺيون آهن، پر ان جو کائڻ وارو ستو پيو آهي. (ترمذي)
     حضرت ابوهريره رضه فرمايو ته (جڏهن سورة شعراء جي آيت) ترجمو: (پنهنجي ويجهي خاندان وارن کي ڊڄاريو) نازل ٿي ته پاڻ ڪريمﷺ جن قريش کي جمع ڪيو ۽ فرمايائون:
     اي قريش جا ٽولا، پنهنجو پاڻ کي دوزخ جي باهه کان بچائڻ جي ڪوشش ڪريو، مان(نبي ڪريمﷺ جن) الله تعاليٰ جي عذاب کي اوهان کان ٽاري نه ٿو سگهان.
     اي عهد مناف جي خاندان وارو! مان (نبي ڪريمﷺ جن) الله تعاليٰ جي عذاب کي اوهان کان ٽاري نه ٿو سگهان.
     اي عباس رضه بن عبدالمطلب (سڳو چاچو) مان (نبي ڪريمﷺ جن) الله تعاليٰ جي عذاب کي اوهان کان ٽاري نه ٿو سگهان.
     اي صفيه رضهٰ (رسول اللهﷺ جن جي سڳي پڦي)
     مان (نبي ڪريمﷺ جن) اوهان کان الله جي عذاب کي ذرو به ٽاري نه ٿو سگهان.
     اي منهنجي ڌيءُ فاطمه رضه! تون منهنجي ملڪيت مان مون کان جيترو به گهر، مان ڏئي سگهان ٿو، پر الله جي عذاب کي مان ٽاري نه ٿو سگهان.(بخاري- مسلم)
     (بس پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي فڪر ڪريو ته ايمان ۽ عمل ئي اتي ڪم اچڻو آهي.).


    ست قسمن جا نيڪ انسان، جن تي الله تعاليٰ جي رحمت هوندي

     رسول الله ﷺ جن ارشاد فرمايو: ته ست قسم جي ماڻهن کي الله تعاليٰ پنهنجي رحمت ۾ هوندا، ان ڏينهن جنهن ڏينهن الله تعاليٰ جي ڇانو کان علاوه ٻئي ڪنهن جي به ڇانو نه هوندي.
    1. عادل (سچار) بادشاهه
    2. اهو جوان جنهن جي جواني الله تعاليٰ جي عبادت ڪندي گذري
    3. اهو ماڻهو جنهن جي دل مسجد سان اٽڪيل رهندي هئي. (جڏهن مسجد مان نڪرندو آهي ته وري مسجد ۾ گهڙڻ جي وقت جو انتظار ڪندو رهندو آهي).
    4. اهي ٻه ماڻهو جن جي دوستي جو بنياد الله ۽ الله جي دين تي قائم ٿيل هوندو آهي، ان جذبي سان گڏ اهي جمع ٿيندا آهن ۽ اهو ئي جذبو رکندي جدا ٿيندا آهن.
    5. اهو ماڻهو جنهن اڪيلائي ۾ الله تعاليٰ کي ياد ڪيو ۽ ان کي اکين مان لڙڪ ڳڙي پيا.
    6. اهو ماڻهو جنهن کي ڪنهن وڏي خاندان جي حسين و خوبصورت عورت بدڪاري جي دعوت ڏني ته ان فقط الله تعاليٰ جي خوف جي ڪري ان دعوت کي رد ڪري ڇڏيو.
    7. اهو ماڻهو جنهن اهڙي طرح صدقو ڪيو ته ان جو کاٻو هٿ به نه ٿو ڄاڻي ته ساڄو هٿ ڇا ڏئي رهيو آهي. (متفق عليه- ابوهريره)
     جنهن مال مان زڪوات نه ڪڍي وڃي ۽ ان ۾ ئي مليل گڏيل رهي اهو مال کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. (مشڪواة)
     رسول الله ﷺ جن فرمايو، ته سچائي سان معاملو ڪرڻ وارو امانت دار واپاري قيامت جي ڏينهن، نبين، صديقن ۽ شهيدن سان گڏ اٿاريو ويندو.(ترمذي، ابو سعيد خدري رضه)


    ٽن قسمن جا بد بخت انسان

     پاڻ رسول الله ﷺ جن فرمايو! ته ٽن قسمن جا ماڻهو اهڙا آهن جن سان الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن نه ئي ڳالهائيندو ۽ نه ئي انهن ڏانهن ڏسندو ۽ نه ئي انهن کي پاڪ و صاف ڪري جنت ۾ داخل ڪندو پر انهن کي دردناڪ عذاب ڏيندو. حضرت ابوذرغفاري رضه جن پڇيو ته اي الله جا رسولﷺ! اهي ناڪام ۽ نامراد ماڻهو ڪهڙا آهن؟ پاڻ نبي ڪريمﷺ جن فرمايو، هڪ اهو ماڻهو جيڪو وڏائي ۽ تڪبر هجي، ٻيو اهو ماڻهو جيڪو احسان ڪري ٻين کي ٻڌائيندو رهندو آهي. ٽيون اهو ماڻهو جيڪو ڪوڙي قسم جي ذريعي پنهنجي مال و تجارت کي وڌائي ٿو. (مسلم، ابوذرغفاري)
     رسول الله ﷺ جن فرمايو، ظلم نه ڪريو، ڪنهن ماڻهو جو مال جائز نه آهي، ان وقت تائين جيستائين اهو پاڻ پنهنجي خوشي سان اجازت نه ٿو ڏئي.
     حضور اڪرمﷺ جن جو ارشاد آهي ته: مزدور کي ان جي پگهر خشڪ ٿيڻ کان اڳ ان جي مزدوري ڏئي ڇڏيو. (ابن ماجه، ابن عمررضه)
     رسول الله ﷺ جن فرمايو! ته جيڪو پنهنجي وارث کي پنهنجي ملڪيت مان محروم رکي ٿو الله قيامت جي ڏينهن ان کي جنت جي ملڪيت کان محروم رکندو.(ابن ماجه، انس رضه)
     عبدالله بن عمرو رضه کان روايت آهي ته، پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو: ته الله جي لعنت هجي، رشوت ڏيڻ واري تي ۽ رشوت وٺڻ واري تي به.

    ختم شد


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259677
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386677
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ