ڪتاب جو نالو: منهنجو ساگر منهنجو ساحل
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: سهڻي پبليڪيشن (طارق اشرف)
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 1969
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 383 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 259 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جو هي پهريون سفرنامو آهي جيڪو شروعاتي سفر مهل پهريان دوستن ڏانهن لکيل خطن پوءِ اُهي ئي اخباري ڪالمن جي صورت ۾ ڇپجڻ ۽ نيٺ گڏجي ڪتابي صورت ۾ آهي. ايئن چوڻ غلط نه ٿيندو ته الطاف شيخ جي سفرنامن جي تاريخي سفر جو هي پهريون قدم هو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب اقبال ترڪ نالي
  • ليکڪ پاران (ويب ڇاپي لاءِ)
  • ليکڪ پاران
  • جهاز بابت ڪجھه ڄاڻ
  • عربي سمنڊ 23 سيپٽمبر 1968
  • عربي سمنڊ 25 ــ9 ــ 1968ع
  • خليج بنگال
  • ڪولمبو (سلون)
  • چٽگانگ
  • لفٿنسا ايئر لائين
  • اسپلٽ (يوگوسلاويا) نومبر 1968
  • طرابلس (TRIPOLI) ڊسمبر 1968ع
  • بحر اسود (Black Sea) (سال 1968 ــ رئنڪ : جهاز جو ففٿ انجنيئر)
  • اوڊيسا ـــ روس
  • ڪانستنزا (رومانيا)
  • ورنا ــــ بلغاريا
  • ورنا ــــ بلغاريا
  • اڊارڪٽڪ سمنڊ
  • لاس پاماس (ڪَناري ٻيٽ)
  • ممباسا ڪينيا
  • دبئي ـــ (عربي گلف)

  • انتساب اقبال ترڪ نالي


    اقبال ترڪ سان منهنجو ساٿ 1961ع کان هلندو اچي جڏهن هو جھانگارا باجاره کان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ آيو. پاڻ سنڌ جو ذهين شاگرد، قابل آفيسر، سٺو دوست ۽ اعلى انسان آهي. هو هڪ محنتي، حيقيقت پسندانه ۽ ڳوڙهي سوچ سمجهه رکندڙ آهي ۽ گھٽ ۾ گھٽ منهنجي نظر ۾ هڪ دانشور جي حيثيت رکي ٿو. جن ٿورن ماڻهن مونکي بيحد متاثر ڪيو، اقبال ترڪ انهن مان هڪ آهي.
    پاڻ انٽر سائنس ۾ سڄي بورڊ ۾ پهريون نمبر آيو ان بعد NED ڪاليج ڪراچيءَ مان سول انجنيئرنگ ۾ B.E ڪيائين. M.Egg. اسٽرڪچر ۾ بئنڪاڪ (ٿائلينڊ) مان ڪيائين. يوڪوهاما (جپان) مان Port & Harbour جي انجنيئرنگ ڪيائين. نوڪريءَ خاطر 1973ع کان 1975ع تائين سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو جو اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو ان بعد پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ آيو جتي 1989ع تائين آخري پوسٽ ڊپٽي جنرل مئنيجر ٿي رهيو. اڄڪلهه ڪورنگي فشريز هاربر اٿارٽي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي. کيس چار ٻار: عامر (ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ۾ M.E)، هما (آرڪيٽيڪٽ انجنيئر B.E)، عاصم ۽ عادل آهن. ڀاڄائي حبيبه (قاضي عبدالمجيد عابد ۽ آپا شمس عباسي جن جي ڀاڻيجي)، سنڌ جي پهرين سنڌي انجنيئر عورت آهي. پاڻ اقبال سان گڏ 1969ع ۾ ساڳي ڪاليج NED مان سول انجنيئرنگ ڪئي. اقبال جي ڄم جي تاريخ 15 جنوري 1948ع آهي.

    الطاف شيخ
    آڪٽوبر 1997ع.


    ليکڪ پاران (ويب ڇاپي لاءِ)

    ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ منهنجو پهريون سفرنامي جو ڪتاب آهي جيڪو اڄ کان چاليهه سال کن اڳ 1969ع ۾ سهڻي پبليڪيشن جي مالڪ طارق اشرف ڇپرايو. هن ۾ منهنجي 1968 وارن سفرن جو مختصر احوال آهي جڏهن مون مئرين انجنيئرنگ جي پنجن سالن جي تعليم مڪمل ڪري ففٿ انجنيئر جي حيثيت سان ”ايم. وي. اباسين“ نالي پهريون جهاز Join ڪيو. ان بعد هوائي جهاز رستي يوگوسلاويا پهچي، اتي اسان جي جهازران ڪمپني لاءِ ٺهيل نئين جهاز ”ايم. وي سندربن“ تي چڙهيس.

    هن سفرنامي جا، مختلف پبلشرن طرفان، ٽي چار ڇاپا نڪري چُڪا آهن.

    هن تازي اليڪٽرانڪ ڇاپي جي ڪمپوزنگ ۽ سيٽ اپ، سکر جي نوجوان پروفيسر ۽ انٽرنيٽ ۽ ويب جي ڄاڻو عبداللطيف انصاري صاحب ڪئي آهي، جنهن جي پروف ريڊنگ ڪندي هن وقت پنهنجون لکيل اڌ صدي کن اڳ جون ڳالهيون دلچسپ ۽ عجيب لڳن ٿيون، جڏهن آئون 65 سالن جو پوڙهو نه پر 24 سالن جو نوجوان مئرين انجنيئر هوس. دنيا اڃا ايڏي ترقي نه ڪئي هئي پر تڏهن به اسان جو ملڪ پاڪستان، گھڻن ملڪن کان بهتر، تعليم يافته، سڌريل ۽ ماڊرن هو. اسان جي ملڪ کي نه فقط جهاز ران ڪمپني، هوائي ڪمپني ۽ مشهور تعليمي ادار اهئا پر انهن جي ڪارڪردگي به بهتر هئي. ڪيترن سالن بعد سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ اهي شروع ٿيا جن کي اسان جي پاڪستانين شروع ڪرايو. آمريڪي ڊالر سرڪاري توڙي غير سرڪاري طور اسان جي چئن روپين برابر هو.

    هتي اهو به لکندو هلان ته انهن ڏينهن ۾ اسان جي ملڪ جي ڪيترين ئي شين جو دنيا ۾ مٿانهون مان هو. اڄ جي پڙهندڙن کي شايد حيرت لڳي، پر اها حقيقت آهي ته انهن ڏينهن ۾ اسان جي ملڪ جي سوٽي ڪپڙي ۽ ڪاٽن جو دنيا ۾ وڏو کاپو هو. اسان جي ملڪ جي کنڊ ۽ چانور ايڏو سرپلس ٿيا ٿي، جو جهاز ڀري ٻاهرين ملڪن ڏي وڪرو ڪيا ويا ٿي. اسان جي ملڪ جي مڇي ۽ گانگٽن جي پڻ وڏي هاڪ هئي ۽ 1968 کان پوءِ به ڪيترا سال اسان جا جهاز ڪپهه، ڪپڙي، ڌاڳي، چانورن، مڇي ۽ گانگٽن سان ڀرجي ڏور اوڀر جي ملڪن ۽ يورپ ڏي ويا ٿي ۽ اسان جي ملڪ پرڏيهي ناڻو ڪمايو ٿي. ٿائلنڊ، هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ جيڪي اڄ يورپي ملڪ لڳن ٿا، 1968 ۾ اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ ڄڻ ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ هئا، جڏهن اتي نه ايتري ٽيڪنالاجي عام ٿي هئي ۽ نه ڪي بهتر هائيجنڪ حالتون هيون. انهن ڏينهن ۾ اڃان بنگلاديش پاڪستان هو. ملڪ جو حاڪم فوجي ڊڪٽيٽر ايوب خان هو. فلمي دنيا ۾ اميتاڀ بچن اڃان عام نه ٿيو هو. بالي ووڊ ۾ شمي ڪپور ڇانئيل هو جنهن جو ذڪر هن ڪتاب جي آخري ڇاپي ۾ ’ليکڪ پاران‘ واري عنوان هيٺ ڪري چُڪو آهيان. سرڪاري ٽي.ويءَ تان فقط اڌ ڪلاڪ سنڌي پروگرام نصيب ٿيندو هو. روبينا ۽ محمد يوسف ٽاپ جا ڳائڻا هئا ۽ هاڻ مائي ڀاڳيءَ کي ريڊيو تي ڳائڻ جو موقعو ڏنو پئي ويو. ڪراچيءَ جي صدر ۾ وڃبو هو ته شمشيرالحيدريءَ جي آفيس ۾ چانهه پيئبي هئي جيڪو نئين زندگي رسالي جو ايڊيٽر ٿيو هو. هڪ ڏينهن سندس آفيس مان اٿي سامهون فوٽوگرافر وٽ امرجليل، عبدالڪريم بلوچ، تاج بلوچ ۽ مون هڪ گروپ فوٽو ڪڍرايو هو. ان جون اسان 12 ڪاپيون ٺهريايون هيون. ڪنهن وٽ اها ڪاپي هجي ته مون ڏي ضرور E-Mail ڪري.

    ڪراچيءَ ۾ زينب مارڪيٽ وٽ ميوزيڪل فائونٽين لڳل هو جنهن مان پاڻي نڪرڻ تي ميوزڪ وڳي ٿي۽ رات جو رنگين بتيون. هي ڦوهارو 1966 ۾ لڳايو ويوهو جنهن کي ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڏسڻ ايندا هئا. ڪوالالمپور ۾ اهڙو ڦوهارو 1991 ۾ لڳو ۽ اڃان تائين قائم آهي ۽ اسان وٽ لڳل ڦوهاري کي پنهنجن ئي ماڻهن چئن پنجن سالن اندر ڀڃي ڇڏيو. 1968 ۾ جڏهن منهنجي جهازَ ڪراچي بندرگاهه پئي ڇڏيو ته ڪراچيءَ ۾ حبيب بئنڪ جهڙي 25 ماڙ ڊگھِي عمارت هئي. سنگاپور ۾ 1972 ۾ ٽماڙ عمارت پيپلس پارڪ نالي ٺهي هئي. ڪراچيءَ جي ڪيترين ئي عمارتن ۾ لفٽون هونديون هيون اسٽيٽ بئنڪ جي عمارت ۾ ته اسڪاليٽر به هو، جن شين جو اڃان ڪيترن ملڪن ۾ تصور به نه هو. دبئي هڪ ٺارو شاهه جهڙو ڳوٺ هو، جنهن ۾ هاڻ بجلي آئي هئي نه ته ان کان اڳ اتي رهندڙ مورج منگھناڻي جهڙا واپاري گھر جي استعمال لاءِ گاسليٽتي هلندڙ ريفريجرير انگريزن جي ڪالوني ’عدن‘ مان گھرائي استعمال ڪندا هئا. بهرحال هي منهنجو سفرنامو ان تناظر ۾ پڙهيو وڃي ۽ هڪ نوجوان تازو گرئجوئيٽ شاگرد جو ئي لکيل سمجھيو وڃي جنهن کي ڪا علم، ادب، سياست، سماجي تحريڪن ۽ تاريخ جي ڪا خاص ڄاڻ نٿي رهي. سو ظاهر آهي توهان کي ان اندر ڪيتريون اوڻايون پوڻايون، ٻاراڻيون ڳالهيون ۽ بيوقوفيون به نظر اينديون.

    بهرحال هي ڪتاب ’منهنجو ساگر منهنجو ساحل‘ منهنجي سفرنامن جي ڊگھي ڏاڪڻ جو پهريون ڏاڪو آهي.

    سائين عبداللطيف انصاريءَ جو ٿورائتو آهيان جنهن پڙهندڙن لاءِ منهنجي هن ڪتاب کي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ آندو آهي

    الطاف شيخ
    16 فيبروري 2009، ڪراچي
    E-Mail: altafshaikh2005@gmail.com


    ليکڪ پاران

    هن ڪتاب (منهنجو ساگر منهنجو ساحل) ۾ منهنجا سڀ کان پهريان سفر آهن جيڪي 1968ع تائين ٿيل آهن يا وڌ ۾ وڌ 1969ع جي شروعاتي مهينن تائين يعني اڄ ان کي ٽيهارو سال اچي ٿيا آهن. انهن ٽيهن سالن ۾ دنيا جي گولي تي نه فقط سياسي ۽ معاشي تبديليون آيون آهن پر سائنس جي ترقي ۽ مختلف ايجادن ڪري دنيا جو نقشو ئي ٻيو ٿي ويو آهي. 1968ع تائين ٽي وي، وي سي آر، سئٽلائيٽ چئنل ته اڃا عام نه ٿيا هئا پر ’Transistorized ڪئسيٽ ريڪارڊر‘ به ڪٿي ڪٿي نظر آيو ٿي. ريڊيو ۽ گراموفون عام هو. هوائي جهازن جي لهڻ چڙهڻ يا پاڻيءَ جي جهازن تي وچ سمنڊ ۾ رستو ڳولڻ يا دنيا جي گولي تي پنهنجي پوزيشن معلوم ڪرڻ لاءِ پراڻا طريقا هئا. يعني Sextant جهڙا اوزار کڻي، ڏينهن ۾ ٽي ٽي چار چار دفعا سج، چنڊ ۽ تارن جي چرپر جو حساب ڪري، ٽرگنامينٽري جي آڌار تي، لاگ بڪ ذريعي، وڏيون وڏيون ضربون ۽ ونڊون ويهي ڪبيون هيون. پوءِ ڏهه پندرهن ميل هيڏانهن يا هوڏانهن ته ڄڻ خير جهڙي ڳالهه هوندي هئي. اڄ نه فقط Navigational ڪئلڪيوليٽر ۽ لوڊنگ ڪمپيوٽر آهن پر Satellite نيويگيٽر جهڙن شين پائلٽ ۽ نيويگيٽر جي زندگي آسان ڪري ڇڏي آهي. اڳ ۾ ويهه پنجويهه هزار ٽن جهاز به وڏي ڳالهه سمجھيو ويندو هو جنهن کي جيٽي (ڌڪي) سان لڳي بيهڻ لاءِ جدي، دوحا، دبئي جهڙن انيڪ بندرگاهن ۾ سٺو بندوبست نه هو. اڄ نه فقط ٻه ٻه ٽي ٽي لک ٽن جا ٽئنڪر، سپر ٽئنڪر، ULCC ۽ VLCC جهاز عام ٿي ويا آهن پر ان سان گڏ بندرگاهه پڻ اوترائي ماڊرن ٿي ويا آهن، جتي اهي جهاز آرام سان بيهي سگھن ٿا ۽ کين هر سهوليت مهيا ٿي ملي ٿي. بهرحال هي سڀ ڪجھه باربار ان ڪري لکي رهيو آهيان ته هنن سفرنامن کي اڄ جي تناظر ۾ پڙهڻ نه کپي پر هروقت اهو ڌيان ۾ رکي پڙهجي ته هي سفر ٽيهه سال کن اڳ جا آهن. منهنجي عمر پڻ ان وقت ٽيويهه چوويهه سال کن هئي ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون جيڪي ان وقت لکيون اٿم اڄ انهن مان ڪي بيوقوفيءَ جون نه کڻي ته عجيب ضرور لڳي رهيون آهن. ٻيو ته ٺهيو اڄ ٽي ويءَ تي فلم ’جانور‘ جو رفيع جو ڳايل ۽ شمي ڪپور تي فلمايل گانو: ’تم سي اچها کون هي ــــــ دل و جگر لو جان لو‘ ڏسي تعجب ٿو لڳي ته منجھس ته ڪو افعال ئي نه هو. نه ائڪٽنگ جو نه شڪل شبيهه جو. پر تن ڏينهن ۾ اڃا راجيش کنه نه آيو هو(جيڪو پوءِ انڊو پاڪ جي نوجوانن جو هيرو ٿيو) ۽ نه اميتاڀ بچن ۽ ٻيا هئا. ان دؤر ۾ اسان به ان چرئي شمي ڪپور وانگر سينو کولي، وات چٻو ڪري، ڪنڌ کي جھٽڪو ڏئي طرابلس، ممباسا، ڊڪار، لاس پاماس جهڙن بندرگاهن تي، رات جو دير سان موٽڻ مهل، زور زور سان ڳائيندا هئاسين: هو! تم سي اچها کون هي.........
    سو ڳائڻ مهل پاڻ کي شمي ڪپور تصور ڪندا هئاسين ۽ دنيا جي هر ڇوڪريءَ کي وحيده رحمان، شرميلا ٽئگور ۽ وجنتي مالا سمجھندا هئاسين ـــ جيڪي هاڻ اسان وانگر نانيون ڏاڏيون ٿي ويون آهن. ڪي ته مري کپي به ويون.
    بهرحال منهنجي هن پراڻي سفرنامي ۾ ڪي ڳالهيون ته ڀليون به لڳي رهيون آهن ۽ پڙهڻ سان اهو مزو اچي ٿو جيڪو سالن بعد پنهنجي ڊائري پڙهڻ سان. تنهن وقت جي دوستن ۾ ڏکين سکين ڏينهن جون ڳالهيون ويچاري عجيب خوشي محسوس ٿئي ٿي. ڪٿي ڪٿي ڳالهه کي ادبي، صحافتي ۽ افسانوي رنگ ڏيڻ لاءِ جيڪا ان وقت محنت ڪئي اٿم ان لاءِ پنهنجو پاڻ کي داد ڏيان ٿو. بهرحال هن سفرنامي کي پڙهڻ مهل اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جي دنيا ۽ ليکڪ جي سوچ، رسم رواج ۽ Values جو ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي.
    هر ڳائڻي، آرٽسٽ ۽ ڪلاڪار وانگر ليکڪ جي پيري پڻ اچي ٿي ۽ سندس ڪلا جو زوال پڻ. مونکي لڳاتار لکندي پنجٽيهه سال کن اچي ٿيا آهن ۽ هاڻ هروقت پنهنجو ليک / ڪالم اخبار ۾ ڏيندي پبلشر کان ورائي ورائي پڇندو آهيان ته دوستي ياريءَ کي پاسي تي رکي رڳو ان خيال کان ڇاپجو ته ڪو پڙهڻ چاهي ٿو يا نه. جيڪڏهن نه ته پوءِ ڪو ضروري ناهي ته منهنجو ڪو ليک يا ڪتاب ڇپيو.
    ساڳيو سوال ڪجھه مهينا اڳ منهنجو نئون ڪتاب ’اي روڊ ٽُ مدينا‘ (سعودي عرب جوسفرنامو) ڇپجڻ تي مون فيروز ميمڻ (پبلشر) کان ڪيو.
    ”ماڻهو اڃا شوق سان تنهنجا سفرناما پڙهن پيا،“ هن وراڻيو، ”۽ نه فقط هي نئون سفرنامو پر ڪجھه پراڻن سفرنامن جي هڪ عدد وڌيڪ Edition ڪڍڻ چاهيان ٿو.“
    ”بهرحال تنهنجي مرضي. نفعي نقصان جو تون ئي مالڪ آهين.“ مون وراڻيو.
    ۽ انهن سفرنامن مان ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ پڻ آهي. جنهن جا پروف ڏسڻ جو ڪم هن منهنجي حوالي ڪيو آهي. انهيءَ بهاني مونکي پڻ پنهنجو ڪتاب هڪ دفعو وري پڙهڻ جو موقعو مليو آهي. هي ڪتاب منهنجن پراڻن سفرنامن مان پهريون آهي، جنهن جو هي چوٿون ڇاپو هن سال 98 ــ 1997ع ۾ اچي رهيو آهي. هي ڪتاب يا سفرنامو دراصل خطن جي روپ ۾ آهي. پنهنجي شروع جي سامونڊي سفرن جو ڳالهيون ۽ تجربا جيڪي دوستن کي لکندو هوس. اهي عبرت اخبار ۾ ڇپرايا ويا ۽ مرحوم قاضي عبدالمجيد عابد صاحب (جنهنجو فرزند مرحوم اظهر عباسي ’گل‘ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ هو) مون کي اها صلاح ڏني ته ٻين کي خطن لکڻ بدران عبرت اخبار کي موڪليندو رهان. اهڙي طرح هر هڪ کي ڌار ڌار لکڻ کان بچي ويندس. ٽپال خرچ هڪ طرف بچندو ته وقت ٻئي طرف. ساڳي وقت نه فقط منهنجا دوست پر ٻيا پڻ منهنجي سفر جون ڳالهيون پڙهي سگهندا.
    اهڙي طرح منهنجي شروع جي سفر جون ڳالهيون خطن جي روپ ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپبيون رهيون. ان بعد انهن اخباري ليکن کي گڏ ڪري مرحوم طارق اشرف سهڻِي پبليڪيشن طرفان 70 ــ 1969ع ڌاري هي ڪتاب ڇپرايو جنهن تي ان ئي سال رائٽرز گلڊ طرفان انعام ملي. اهڙي طرح مون ۾ پنهنجن سفرن بابت لکڻ جو شوق وڌيو. ساڳي وقت مون لاءِ مجبوري به هئي. مجبوري اها ته ڊگھن سامونڊي سفرن ۾ جتي ڇهه ڇهه مهينا پڻ لڳي ويا ٿي، سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ لکڻ پڙهڻ مون لاءِ بهترين هابي هئي. اهڙي طرح منهنجي لکڻ جهڙي شوق جي همت افزائي ٿي.
    هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل سفر جيڪي 1968ع واري سن جا آهن، جڏهن يوگوسلاويا ۾ گوشت ويهين روپئي سير هو جنهن لاءِ تعجب مان لکيو اٿم ته اتي تمام گھڻي مهنگائي آهي. انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ شايد ستي اٺين روپئي سير هجي. بهرحال هاڻ ٽيهارو سال بعد اڄ دنيا جي گولي تي ڪيتريون ئي سياسي، معاشي، اخلاقي تبديليون اچي چڪيون آهن. بمبئي ممبئي ٿي ويو آهي، مئڊاگاسڪر ملاگاسي ٿي وري مئڊاگاسڪر ٿي ويو آهي. اڄ روس ۽ مارشل ٽيٽو جو يوگوسلاويا نه رهيو آهي. مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿي چڪو آهي. ڊالر جي قيمت چئين روپئي مان چڙهي چاليهن روپين کان به مٿي وڃي بيٺي آهي. ان ڪري اڄ جي پڙهندڙن کي کپي ته پڙهڻ وقت اڄ جو دؤر نه پر اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ جو زمانو ڌيان ۾ رکي پڙهن جڏهن آءٌ چوونجاهه سالن جو نه پر چوويهن سالن جو هوس. سچ ته ان وقت جا لکيل منهنجا ئي هي خط ۽ انهن ۾ ڏنل تکا ۽ ترش ريمارڪ، پنهنجا ٿاڦيل رايا ۽ اوٽ پٽانگ جون ڪي ڪي ڳالهيون، اڄ پڙهي مون کي اجائي سجائي بڪ لڳي ٿي. حق تي انهن ڏينهن ۾ (جڏهن هي عبرت اخبار ۾ ڇپبا هئا) منهنجو والد ڪڏهن ڪڏهن مون تي ڪاوڙ ڪندو هوته انهن ۾ ڪهڙو ادب آهي ۽ ڪهڙو علم. پر آئون پنهنجي ۾ مگن رهندو هوس. جيڪي دلچسپ لڳو ٿي لکندو رهيس ۽ اڄ تائين لکندو اچان.
    چوٿو (پاءُ) صديءَ کان مٿي جي زماني جا هي سفرناما اڄ جي ماڊرن دؤر ۾ (جڏهن T.V ۽ Travel جا انيڪ رسالا نڪرن ٿا) شايد دلچسپ نه لڳن پر ايترو ضرور آهي ته هي پراڻا سفرناما اڄ جي دؤر کي ڀيٽڻ لاءِ سٺي Comparative Study مهيا ڪري سگهن ٿا.
    منهنجي هن سفرنامي (۽ هڪ ٻن ٻين ۾ به) ريڊيو اسٽيشن سلون جو ذڪر ٿيل آهي. 1970ع تائين اها ريڊيو اسٽيشن نه فقط ننڍي کنڊ (بنگلاديش، انڊيا ۽ پاڪستان) ۾ بيحد مقبول هئي پر ڏور اوڀر توڙي وچ اوڀر جي عرب ملڪن ۾ پڻ ــ جتي جتي اسان جا ماڻهو رهيا ٿي. انهن جي گھرن ۾ اها اسٽيشن گونجي ٿي. ان اسٽيشن تان ٽي ڪلاڪ کن صبح جو ۽ اهڙا ٽي چار ڪلاڪ شام جو هندستاني فلمن جا مشهور پراڻا ۽ نوان گانا، فلمي ڪهاڻيون، لطيفا، فرمائشي گانا، اشتهار ۽ ٻيا مزيدار پروگرام آيا ٿي ــ جن مان هڪ بناڪا گيت مالا به هو جنهن جا آڊيو ڪئسٽ اڄ به مشهور آهن. ريڊيو اسٽيشن جي ڪمائي اشتهارن مان ٿئي ٿي. خاص ڪري ائسپرو، ساريڊان، ڪئڊبري بورن ويٽا ۽ فلمن جون Ads گھڻيون هلنديون هيون. هي اهو زمانو هو جڏهن اڃا ٽي وي ايتري مشهور نه ٿي هئي پر ريڊيو اسٽيشن به تمام گھٽ هيون جن تي گانن جهڙا پروگرام اڃا به گھٽ آيا ٿي. F.M ريڊيو اسٽيشن جو ته نالو نشان به نه هو. پاڪستان ــ مغربي توڙي مشرقي (هاڻ بنگلاديش) ۾ ريڊيو اسٽيشن جي اڃا به اڻاٺ هئي. انڊيا ۾آل انڊيا ۽ آڪاش واڻي جهڙيون ريڊيو اسٽيشنيون مشهور هيون پر اهي ايترو طاقتور نه هجڻ ڪري فقط انڊيا ۾ يا پاڪستان جي ڪجھه حصن ۾ ٻڌيون ويون ٿي. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي اسٽيشنيون به اسان وٽ وڏي شوق سان ٻڌيون ويون ٿي پر ريڊيو سلون طاقتور هجڻ ڪري جتي ڪٿي ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. روزانو صبح جو ساڍي ڇهين بجي ريڊيو سلون جو هندي (اڙدو) پروگرام شروع ٿيندو هو. پهريان پندرهن منٽ هندي فلمن جي گانن جو ڌنون بانسري، بئنجو، شرنائي، هارمونيم، گٽار يا ڪنهن ٻئي Musical Instrument تي ٻڌايون وينديون هيون ان بعد پندرهن منٽن لاءِ ڌرمي گانا يا ڀڄنون هلنديون هيون. ان بعد ستين کان ساڍي ستين تائين پراڻين فلمن جا گانا هلندا هئا ان بعد سوا اٺين تائين نين فلمن جا فرمائشي گانا ۽ ان بعد ٻيا پروگرام. ڏهاڙيءَ جي روٽين اهڙي ته ٻڌل هئي جو ماڻهو گھڙيال جا ڪانٽا ڏسڻ بدران ريڊيو سلون جي پروگرام مطابق تيار ٿي اسڪول ڪاليج يا آفيس ويندا هئا. پراڻين فلمن جا گانا ختم ٿيڻ معنى ڪتابن جو ٿيلهو کڻي اسڪول ڏي نڪرڻ نه ته اسيمبلي کي دير ٿي ويندي.
    آئون ڏهن سالن کن جو ۽ ڪلاس چوٿين ۾ هوس ته مون ريڊيو سلون ٻڌڻ شروع ڪيو. اهو 1954ع جو سال هو. اسان جي پاڙي جي هڪ گھر ۾ رهندڙ مائٽ فتح محمد شيخ جي گھر ريڊيو آيو هو جتي اسين ’بناڪا گيت مالا‘ باقاعدگيءَ سان ٻڌندا هئاسين. سال ٻن بعد اسان جي گھر به ريڊيو آيو ۽ سلون جا ٻيا پروگرام به ٻڌڻ جو موقعو مليو. انهن ڏينهن ۾ ٽي وي، وي سي آر يا ٻي ڪا وندر نه هئي. ڳوٺ ۾ ته نه سئنيما هال هئا ۽ نه پارڪ ۽ نه Playing گرائونڊ. ريڊيو هڪ اهم وندر هئي جنهن تي خبرن لاءِ BBC ۽ گانن لاءِ ريڊيو سلون جي اسٽيشن مشهور هئي. نه رڳو اسان جي ڳوٺ ۾ پر پوءِ ڪجھه سالن بعد ڪئڊٽ ڪاليج پهتس ته اتي به مڙني ڪئڊٽن جي دلپسند ريڊيو اسٽيشن سلون هوندي هئي. خاص ڪري آچر جو ڏينهن ريڊيو اڳيان گذرندو هو. دل چوندي هئي ته ڪاش پنهنجي ڪمري ۾ ريڊيو هجي ته هاسٽل جي ريڊيو روم جي مقرر وقتن کان علاوه به ٻڌجي. تن ڏينهن ۾ ٽرانسسٽر ريڊيو اڃا نه ايترو عام ٿيو هو ۽ نه وري ڪوسستو هو. منهنجي هڪ ڪلاس ميٽ، ڳوٺ وليد لاڙڪاڻي جي اختر عباسي کي ريڊيو سلون ٻڌڻ جو شوق مونکان به گھڻو هو ۽ جڏهن سندس والده (ڊاڪٽر مسز اشرف عباسي) پيٽارو ايندي هئي ته هو هميشه ريڊيو جي فرمائش ڪندو هو ۽ موٽ ۾ هوءَ کيس اڃا وڌيڪ پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ جون نصيحتون ڪري هلي ويندي هئي. ڊاڪٽر مسز اشرف عباسي سنڌ جي انهن محنتي ۽ ذهين عورتن مان آهي جن امتحانن ۾ هميشه پوزيشن کنئي. پاڻ انٽر بعد پڙهڻ ڇڏي ڪجھه سال هائوس وائيف ٿي رهي پر پوءِ حاجي منور ۽ اختر جي ڄمڻ بعد وري تعليم جاري رکيائين ۽ نه فقط ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽري ڪيائين پر هر وقت اعزازي نمبر کنيائين. ساڳئي ريت سندس فرزند ۽ اسان جو ڪلاس ميٽ اختر علي عباسي انٽر سائنس ۾ سڄي بورڊ (يعني سنڌ) ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو. کيس سندس والده ريڊيو وٺي ڏنو هو پر ڪئڊٽ ڪاليج جي آخري سال ۾ ۽ ان شرط تي ته هوم ورڪ ڪرڻ بعد ڪلاڪ سوا کان مٿي ٻڌڻو ناهي. ڊاڪٽر صاحبه پاڻ پيٽارو کان پري لاڙڪاڻي هلي وئي پر سندس فرمانبردار پٽ اختر ساڻس ڪيل واعدي تي آخري ڏينهن تائين قائم رهيو. اسان دوستن جي زور ڀرڻ تي به مقرر وقت کان وڌيڪ ريڊيونه هلائيندو هو. بهرحال اسان لاءِ اهو ڪلاڪ سوا اختر جي ڪمري ۾ ريڊيو ـــ خاص ڪري سلون اسٽيشن ٻڌڻ وڏي عياشي هو.
    مٿئين ڳالهه اختر ۽ سندس والده جي حوالي سان مون هروڀرو ان ڪري به هتي لکي آهي جيئين اڄ جي شاگرد ۽ والدين کي احساس ٿئي ته جيڪو به محنت ڪري ٿو اهو اڄ به اوچو مقام حاصل ڪري ٿو. هي جيڪي امتحانن ۾ مٿانهان نمبر Positions کڻن ٿا سي فقط ڳچيءَ ۾ تعويذ ٻڌڻ سان نه ٿا حاصل ڪن پر ان لاءِ محنت ڪن ٿا. پوءِ چاهي اهو غريب جو ٻار هجي يا امير جو. اختر وڏي ۽ امير گھر جو ٻار هو. چاهي ها ته پڙهڻ بدران آرام ۾ وقت گذاري ها پر هن ۽ هن جي مائٽن پڙهائي ۽ محنت کي ترجيح ڏني. نمبر کڻڻ لاءِ هن کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ رهي ڪري اڃا به وڌيڪ محنت ڪرڻي پئي جو اتي جي شاگرد کي ڪتابن کان علاوه پي ٽي، پريڊ ۽ راندين کي به وقت ڏيڻو پوي ٿو.
    بهرحال ريڊيو سلون نه فقط پيٽارو تائين مون جهڙن لاءِ وندر ۽ Inspiration هو پر ان بعد چٽگانگ ۾ پڻ جتي انٽر بعد مئرين انجنيئرنگ لاءِ رهيو هوس. چٽگانگ جيتوڻيڪ بنگال صوبي ۾ آهي جتي جو عوام بنگالي ڳالهائي ٿو ۽ اڙدو يا هنديءَ کان ڪو ورلي واقف آهي پر تڏهن به مون ڏٺو ته مئرين اڪيڊمي جي Ante Room ۾ سلون سڀني جي دلچپسند اسٽيشن هئي.
    تعليم بعد جهاز تي هر سمنڊ ۽ بندرگاهه ۾ پهرين ڪوشش ريڊيو سلون جھپڻ جي هوندي هئي. اوڀر ۾ ملائشيا سنگاپور تائين ۽ اتر اولهه ۾ ترڪي رومانيا بلغاريا تائين ريڊيو سلون جي انائونسر امين سياني ۽ منوهر جو آواز ۽ فلمي گانا ٻڌي گدگد ٿيندا هئاسين.
    پوءِ هڪ اهڙو وقت آيو جو يڪا ڪيترائي سال يورپ جي ڏورانهن ملڪن، (ناروي، ڊئنمارڪ، پولنڊ) USA يا وري جپان ۽ ڪوريا ڏي رهڻ ٿيو جتي ريڊيو سلون جي ٻڌڻ جو موقعو نه مليو. ان بعد جڏهن پاڪستان ۽ سلون جي اوس پاس وارن ملڪن ۾ اچڻ ٿيو ته خبر پئي ته سريلنڪا حڪومت پنهنجي نئين پاليسي موجب ريڊيو سلون تان هندي پروگرام بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ فقط سندن قومي زبان سنهالي هلي ٿي.
    بهرحال ڪجھه ڪجھه افسوس به ٿيو پر ساڳئي وقت ان جي کوٽ سائنس جي نين ايجادن، ٽيپ رڪارڊرن، ٽي وي، وي سي آر ۽ ڊش پوري ڪري ڇڏي. هونءَ انتظار ڪبو هو ته ڪنهن وقت ريڊيو سلون تان گانا اچن ٿا. هاڻ جنهن وقت دل چاهي ته ٽيپ رڪارڊر تي پنهنجي پسند جا گانا ٻڌي سگھجن ٿا. هڪ ڳالهه ضرور آهي ته وندر جي دنيا ۾، ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي دلين تي جتي لتا، دليپ، سهگل، نورجهان، چندر جهڙن ماڻهن راڄ ڪيو اتي ريڊيو اسٽيشن سلون جي پڻ وڏي اهميت آهي.
    مون ڏي ڪيترائي پڙهندڙ خط لکن ٿا. انهن جي وڏي مهرباني. انهن خطن مان مون تائين ڪجھه پهچن ٿا ڪجھه غلط يا پراڻي ائڊريس ڪري دربدر ٿيو وڃن. ايندڙ خطن جي موٽ ۾ ڪوشش ڪري هڪ دفعو ضرور جواب ڏيان ٿو. پوءِ ٻه سٽون ئي سهي. انهن خطن ۾ ڪن سوالن جا جواب (سربسته جواب) لکڻ مون لاءِ توڙي ٻي ڪنهن لاءِ ناممڪن ڳالهه آهي. انهن مان هڪ ته اهو عام پڇيو وڃي ٿو ته نيوي يا مرچنٽ نيوي جي چونڊ ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿئي ٿي ۽ ٻيو منهنجي ڪتابن بابت.
    اڄ کان پنجٽيهه سال اڳ 1962 ۾، جڏهن آئون انٽر سائنس (مئٿس) جو شاگرد هوس ته دستور موجب روز جي اخبار پڙهندي مئرين اڪيڊمي ۽ نيول اڪيڊمي جي چونڊ جو اشتهار پڙهي Apply ڪيو هوم. اڄ به اهي نيويءَ جي چُونڊ جا اشتهار توڙي آرمي، ايئرفورس ۽ ٻين هنڌن جي چونڊ جا اعلان، هر سال باقاعدگيءَ سان ملڪ جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا ۽ گلگت سبيءَ کان ٽنڊو قيصر ۽ خيرپور ناٿن شاهه جا شاگرد Apply ڪندا رهن ٿا. پر مٿيون سوال پڇندڙ لڳي ٿو ته اخبار به نه ٿا پڙهن. ۽ جيڪو شاگرد اخبار نه ٿو پڙهي ان جي عام معلومات ڇا هوندي جو اهڙن مقابلن جي امتحانن ۾ حصو وٺي سگھن. ان ڪري منهنجي شاگردن توڙي والدين کي گذارش آهي ته هو اخبار پڙهن ۽ جي اٺين کان وٺي نه ته مئٽرڪ ڪرڻ بعد اولاد جي اڳتي جو سوچڻ گھرجي ته هنن کي انٽر ۾ پهچي ڪهڙن ڪهڙن هنڌن لاءِ Apply ڪرڻ کپي. ڪيترا شاگرد ته اهڙا به آهن جي انٽر ڪرڻ بعد سال ٻه رکي پوءِ نيوي، آرمي ۽ ايئرفورس جهڙين Careers جو سوچيندا آهن ۽ پوءِ کين ڄاڻ پوندي آهي ته انٽر بعد وڌ ۾ وڌ هڪ سال تائين هنن کي Chance هئي جيڪا هو وڃائي ويٺا هاڻ Overage ٿي چڪا آهن.
    ڪجھه خطن ۾ مونکان منهنجي ڪتابن بابت پڇيو وڃي ٿو ته فلاڻو يا فلاڻو ڪتاب ڪٿان ملي سگھندو. آئون جيڪي لکان ٿو اهو اخبار ۾ ڏيان ٿو جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو پڙهي سگهن ـــ جيڪا هر ليکڪ جي خواهش ٿئي ٿي. انهن اخباري مضمونن / ڪالمن جو مجموعو پوءِ ڪتاب جا پبلشر ڇپين ٿا. سو منهنجي ڪتابن بابت انهن کي ئي ڄاڻي رهي ٿي.


    الطاف شيخ
    11 سيپٽمبر 1997ع
    Altafshaikh2005@gmail.com


    جهاز بابت ڪجھه ڄاڻ

    هن ڪتاب ۾ ڪجھه اهڙا نالا ۽ Terms استعمال ٿيا آهن جن جو واسطو جهازي دنيا سان آهي. عام ماڻهوءَ لاءِ انهن جي سمجھاڻِي هتي ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو.
    ڊيڪ (Deck) : جهاز جو مٿيون حصو. جهاز جي ڏاڪڻ چڙهي پهرين هن حصي تي پهچجي ٿو. هي جهاز جي اڳئين ڪنڊ کان آخري ڪنڊ تائين هڪڙو ئي حصو (پَٽُ) آهي. جهاز کي واٽر ٽائيٽ رکڻ لاءِ لوهي پليٽن جي هيٺين حصي کي باٽم، ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي پليٽن کي Shell پليٽنگ ۽ مٿئين حصي کي ڊيڪ سڏجي ٿو. ڊيڪ جي هيٺان سامان رکڻ جا گودام، انجڻ روم، خلاصين جا ڪمرا ٿين. ڊيڪ جي مٿان ٻه چار ماڙ جون ڇتيون ٿين ٿيون جن تي آفيسرن جا ڪمرا ۽ برج (جهاز جو ڪنٽرول روم) ٿئي. ڊيڪ جي مٿان وارا ڪمرا وڌيڪ هوادار ۽ سهڻا ٿين جن جون دريو کولي ٻاهر جو نظارو به ڪري سگھجي ٿو. مسافرن جا فرسٽ ڪلاس ۽ ڊيلڪس ڪلاس ڪمرا به مٿي ٿين. ڪجهه ملڪن جي ’مسافر جهازن‘ تي گھٽ ڀاڙي وارا مسافر کڻڻ لاءِ ڊيڪ جي هيٺ سامان جي گدام ۾ هنڌ بسترا لڳايا ويندا آهن. ان ۾ رهندڙ مسافرن کي ڊيڪ ڪلاس پئسينجر سڏجي ٿو. اسان جي حاجين جي پراڻن جهازن: سفينه حجاج، سفينه عرب، شمس وغيره تي پڻ ڊيڪ ڪلاس هو جنهن کي اسان جي سنڌ جا حاجي ’ديڳ‘ سڏيندا هئا. اونهاري جي ڏينهن ۾ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي سخت گرمي مان لنگھڻ وقت ڊيڪ ڪلاس جا مسافر پاڻ کي واقعي ديڳ ۾ ئي محسوس ڪندا هئا.
    وائيج (Voyage): عام طرح سامونڊي سفر کي وائيج چئجي ٿو. جهازي دنيا ۾ ملڪي بندرگاهه کان نڪري جهاز مختلف ملڪن مان ٿي واپس پنهنجي ملڪ ۾ پهچڻ سان هن جو هڪ سفر يعني Voyage ٿئي ٿو. مثال طور ڪراچيءَ کان نيويارڪ تائين جهاز کي وڃڻو ۽ موٽڻو آهي. ويندي ۽ ايندي ٿي سگھي ٿو ساڳين بندرگاهن ۾ وڃڻو پوي يا مختلف بندرگاهن ۾، ويندڙ سفر کي Outward جرني سڏجي ٿو ۽ ملڪي بندرگاهه ڏي موٽڻ واري سفر کي Homeward جرني سڏجي ٿو. جهاز جي سفر شروع ٿيڻ تي صحيح ڪرڻي پوندي آهي جنهن کي Sign-On ڪرڻ سڏجي ٿو. ان معاهدي ۾ پگھارُ، ڊيوٽين ۽ سهوليتن جو تفصيل هوندو آهي جنهن موجب جهازيءَ کي سڄو سارو سفر پورو ڪرڻو آهي ۽ سفر پوري ڪرڻ تي وري رجسٽر تي صحيح ڪرڻي پوندي آهي. جنهن کي Sign-Off سڏجي ٿو ان بعد ساڳيو آفيسر يا خلاصي ٻيو سفر ڪرڻ چاهي ته هن کي ان وقت ڪري وري Sign-On ڪرڻو پوندو آهي.
    ڪئبن بئاءِ : ڪمرو صاف رکڻ وارو ڇوڪرو. هن جو ڪم ڪئبن (ڪمرو) صاف ڪرڻ، هنڌ جون چادرون بدلائڻ ۽ ماني کارائڻ آهي.
    ڊيڪ ڪسب : جهاز جي اسٽور ڪيپر کي ڊيڪ ڪسب سڏجي ٿو. جهاز جون لوهي چادرون صاف ڪرڻ لاءِ کرپيون ۽ اسڪريپر، رنگ، روغن، گريز، رسيون وغيره هن جي حوالي هونديون آهن جيڪي جهاز جي منهن وٽ ٺهيل اسٽور روم ۾ رکندو آهي.
    پئنٽري : چانهه، ڪافي ۽ سئنڊوچ ٺاهڻ لاءِ ننڍڙو رڌڻو.
    رڊر (Rudder) : جهاز جي پويان لڳل سکان کي رڊر سڏجي ٿو. جهاز کي ساڄي يا کاٻي موڙڻ لاءِ سکان کي موڙڻو پوندو آهي. ننڍين ٻيڙين جو سکان اسٽيرنگ ويل سان رسين ذريعي ٻڌل هوندو آهي. وڏن جهازن جو سکان (رڊر) تمام Complicated ٿئي ۽ هئڊرالڪ، اليڪٽريڪ يا نيوميٽڪ ذريعي Steering Wheel سان لاڳو ٿئي. ڪن جهازن تي اهي سڀ سسٽم گڏ ٿين ۽ اليڪٽرانڪ ۽ ڪمپيوٽر سسٽم به گڏ ٿئي، جنهن ذريعي جهاز کي آٽو تي رکي سگھجي ٿو. يعني بندرگاهه کان نڪرڻ بعد جيڏانهن جهاز کي وٺي هلڻو آهي اها Data ان ۾ وجھي ڇڏجي ۽ ماڻهوءَ جي مدد بنا اسٽيرنگ ويل سکان کي ڪنٽرول ڪري ٿو، جيئن هوائي جهاز جو پائلٽ جهاز کي Auto تي رکي پوءِ هلندو رهندو آهي.
    رڊار (Radar) : ٽي وي نما، گول اسڪرين وارو اوزار ٿئي جنهن تي ليڪن ۽ دُٻن جي صورت ۾ سامهون ايندڙ جهاز، ٻيٽ، زمين ۽ سمنڊ هيٺ ٽڪريون ۽ تباهه ٿيل جهاز نظر اچن ٿا. اتراهن ملڪن ۾ هر وقت مينهن، برفباري ۽ اوندهه ڪري سامهون فرلانگ تائين به نظر نه پوندي آهي. پر رڊار جي شيشي تي چاليهه ميلن تائين ٻبٺل ۽ چرندڙ شيون ڏسي سگھجن ٿيون. سامهون ايندڙ جهازن جي رفتار ۽ رخ جي به خبر پئجي سگھي ٿي جنهن مان حساب ڪري اهو معلوم ڪري وٺبو آهي ته آيا سامهون ايندڙ جهاز پاسي کان لنگھي ويندا يا اسان کي پاسو ڪرڻو پوندو. ۽ جيڪڏهن اسان کي پاسو ڪرڻو پوندو ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي هنڌ ته جيئن حادثو نه ٿئي.
    پورٽ هول : جهاز جي ڪمري (ڪئبن) جي دريءَ کي Port Hole سڏجي ٿو. هي دريون هميشه واٽر ٽائيٽ ۽ ايئر ٽائيٽ هئڻ کپن جيئن خراب موسم ۾ يا اتر قطب جي ويجھو وارن ملڪن ۾ سمنڊ جو پاڻي يا ٿڌي هوا اندر نه اچي.
    گئنگ وي: جهاز جي اها ڏاڪڻ جنهن ذريعي ڪناري تان چڙهي جهاز تي پهچجي ٿو Gang-Way سڏجي ٿي. لنگر کڻڻ مهل هيءَ ڏاڪڻ ڪرين ذريعي مٿي جهاز تي کنئي ويندي آهي ۽ پاسيري ڪري رکبي آهي. هن ڏاڪڻ جي هيٺان ڦيٿا ٿين جنهن ذريعي سمنڊ جي چاڙهه ۽ لاهه وقت پاڻهي صحيح ٿي بيهي.
    ائلي وي : جهاز جي گھٽين کي ائلي وي سڏجي ٿو.
    بٽلر : بورچين جي مٿان وڏي بورچيءَ کي بٽلر سڏجي ٿو. روز جو کاڌو تيار ڪرائڻ ۽ ڊائننگ ٽيبل تائين پهچائڻ بٽلر جو ڪم آهي.
    پرسر: سئلون ڊپارٽمينٽ جي انچارج کي پرسر سڏجي ٿو. جهاز جا بورچي، بئرا، صفائي وارا Purser (پرسر) جي هٿ هيٺ ڪم ڪن. ڪجھه جهاز جا پرسر ريڊيو آفيسر کي، پگھارون ڏيڻ ۽ ٻي ڏيتي ليتيءَ جي ڪمن ۾، پڻ مدد ڪن جن لاءِ هنن کي جهاز جي مالڪن طرفان ڪجھه وڌيڪ پگھارُ ملي.
    سُکاني : انگريزيءَ ۾ ان کي Quarter-Master سڏجي ٿو.سُکاني اهو خلاصي آهي جيڪو ڪئپٽن يا ٻئي ڊيوٽيءَ تي موجود نيويگيٽر سان گڏ، چار ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪري ٿو. کلئي سمنڊ ۾ هن جو ڪم سامهون ايندڙ جهازن تي نظر رکڻ ۽ ان بابت ڊيوٽي آفيسر کي ٻڌائڻو آهي، جيئن هو اڳواٽ پنهنجي جهاز لاءِ ڪو سلامتيءَ وارو رستو اختيار ڪري سگھي. بندرگاهه ۾ گھڙڻ يا نڪرڻ وقت سکانيءَ جي ڊيوٽي Steering-Wheel وٽ هوندي آهي ۽ ڊيوٽي آفيسر (ڪئپٽن، چيف آفيسر) يا پائلٽ جي حڪم موجب جهاز کي اوتريون ڊگريون ساڄي يا کاٻي موڙڻو هوندو آهي.
    پائلٽ: هوائي جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن کي ته پائلٽ چئبو آهي پر پاڻيءَ جي جهاز هلائيندڙ ان ڪئپٽن کي به چئبو آهي جيڪو بندرگاهه جو واقف (سونهون) هجي. ڪنهن به ملڪ جي بندرگاهه ۾ گھڙڻ کان اڳ جهاز کي ان بندرگاهه کان ڏهه پندرهن ميل ٻاهرکلئي سمنڊ ۾ بيهاريو ويندو آهي. بندرگاهه ۾ اندر وٺي هلڻ لاءِ بندرگاهه طرفان مقرر ڪئپٽن لانچ ۾ چڙهي ايندو آهي ۽ پوءِ جهاز کي اندر وٺي هلندو آهي. ان ڪئپٽن کي بندرگاهه جو پائلٽ ٿو سڏجي. هن کي بندرگاهه جي چپي چپي جي خبر هوندي آهي. ڪراچيءَ جي بندرگاهه کي به اهڙا اٺ ڏهه پائلٽ آهن جيڪي پنهنجي ۽ ڌارين ملڪن جي جهازن کي اندر وٺي ايندا آهن يا رواني ٿيڻ وقت بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ تائين اماڻي ايندا آهن. بندرگاهه ۾ جهاز هلائڻ تمام ڏکيو ڪم آهي جيڪو هر بندرگاهه جا مڪاني پائلٽ سرانجام ڏين ٿا. ان ڪم جي في بندرگاهه وارا جهازران ڪمپنيءَ کان وٺن جنهن کي Pilotage-Fee سڏجي ٿو.
    ڪي ڪي بندرگاهه ــ خاص ڪري يورپ جا يا جپان ۽ ڪوريا جا، ايترو ويجھو ٿين جو اهو ئي هڪڙو پائلٽ هڪ بندرگاهه مان جهاز کي ڪڍي ٻئي بندرگاهه اندر پهچائي ايندو آهي. اتر يورپ جي ملڪن وارو سمنڊ ’North-Sea‘ خاص ڪري سياري ۾ اهڙو ته خراب ۽ اونداهو هوندو آهي جو جهازران ڪمپنين جا مالڪ، جيترا ڏينهن جهاز اتر انگلنڊ، پولنڊ، ڊئنمارڪ، جرمني جهڙن ملڪن ۾ هوندو آهي ته يڪو هڪ پائلٽ رکندا آهن جيڪو ’نارٿ سي‘ پائلٽ سڏجي ٿو. جهاز جي ڪئپٽن کي جهاز جي مالڪن طرفان Instructions هوندا آهن ته سياري ۾ نارٿ سي ۾ جيڪڏهن جهاز هلائي سگھو ٿا ته توهان جي مرضي پر جي ٿورو به شڪ يا ڊپُ ڊاءُ محسوس ڪريو ته مهرباني ڪري ’نارٿ سي پائلٽ‘ Hire ڪريو. نارٿ سي پائلٽ جي في جيتوڻيڪ لکن ۾ ٿئي ٿي پر جهاز جي سلامتي ڪارڻ مالڪ اهو ڦاهو ڦڪيندا آهن. يورپ ڏي هلندڙ جهازن ۾ ان قسم جي پائلٽن جي رهائش لاءِ هڪ وڌيڪ ڪئبن پڻ هوندي آهي جنهن کي ’پائلٽ ــ ڪئبن‘ سڏجي ٿو.
    خلاصي : جهاز هلائيندڙ مٿيون عملو آفيسر سڏجي ٿو ۽ هيٺيون اسٽاف خلاصي (Crew) سڏجي ٿو. خلاصين ۾ ڪي انجڻ روم جا خلاصي سڏبا آهن ته ٻيا ڊيڪ ۽ گئلي (بورچيخاني) جا. ڊيڪ وارن خلاصين جو ڪم جهاز جي لوهي پليٽن کي سمند جي پاڻيءَ ڪري زنگ لڳڻ کان بچائڻ لاءِ صاف رکڻ، رنگ لڳائڻ ۽ رسا ڇڪڻ ۽ سکانيءَ جي ڊيوٽي ڪرڻ آهي. انجڻ روم جا خلاصي تيل وارا ۽ آڳ وارا سڏبا آهن. گئلي وي جي ڊيوٽي ۾ اسٽيورڊ (بئرا)، بورچي، ڀنڊاري (ڀاڄي ڇلڻ وارا) ۽ ٽوپس (ڀنگي) اچي وڃن ٿا.
    ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، سيڪنڊ آفيسر، چيف آفيسر وغيره وغيره : جهاز هلائيندڙ عملي جا ٻه اهم حصا آهن. هڪ نيويگيٽر (جن کي ڊيڪ آفيسر به سڏجي ٿو) ۽ ٻيو انجنيئر. ڊيڪ آفيسر (Navigators) جو ڪم سمنڊ تي رستو ڳولهڻ ۽ جهاز کي ان رخ ۾ وٺي هلڻ آهي. مندن موسمن، سمنڊ ۽ هوائن جي ڄاڻ رکڻ ۽ ان جي نقصان کان جهاز کي بچائڻ، بندرگاهه ۾ ڪارگو (سامان) جو طريقو ڪڍي ان موجب رکرائڻ ۽ لاهرائڻ آهي. انجنيئرن جو ڪم جهاز جي انجڻين کي هلائڻ ۽ انهن جي نگهباني ڪرڻ آهي. جهاز هڪ شهر مثل آهي، جنهن ۾ نه فقط جهاز هلائن جي انجڻ آهي، پر اليڪٽرڪسٽي پيدا ڪرڻ، پاڻيءَ ۽ تيل جا ڪيترائي پمپ هلائڻ، بئالر، جنريٽر ۽ ٻيون مشينون پڻ آهن. ڊيڪ آفيسرن جو سڀ ۾ وڏو باس ڪئپٽن آهي. ڊيڪ ڪئڊٽ سڀ ۾ جونئر ڊيڪ آفيسر آهي. اهڙي طرح انجنيئرن ۾ سڀ کان ننڍو انجنيئرنگ ڪئڊٽ يا جونئر انجنيئر سڏجي ٿو. ان بعد ففٿ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ۽ آخر ۾ سڀ کان مٿانهون چيف انجنيئر آهي.
    دنيا جي هر ملڪ جي هر جهاز تي انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جون ڊيوٽيون مقرر آهن. مثال طور ٿرڊ انجنيئر جي ڊيوٽي رات جو ۽ ڏينهن جو هميشه ٻارهين کان چئين تائين جهاز هلائڻو آهي ۽ بندرگاهه ۾ سندس ڪم جنريٽرن جي سار سنڀال آهي. ٿرڊ انجنيئر سان گڏ واري ڊيوٽي، ڊيڪ آفيسرن مان، سيڪنڊ آفيسر ڪندو آهي. هڪ ئي وقت جاڳي ڊيوٽي ڪرڻ ڪري هر جهاز جي ٿرڊ انجنيئر ۽ سيڪنڊ انجنيئر جي سٺي دوست رهي ٿي. اهڙي طرح ٻين انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن جي ڊيوٽي مقرر آهي.
    ريڊيو آفيسر : انجنيئرن ۽ ڊيڪ آفيسرن کان علاوه هر جهاز تي هڪ ريڊيو آفيسر پڻ هوندو آهي. ريڊيو آفيسر جو ڪم ريڊيو ذريعي جهاز ۽ بندرگاهه وارن ڏي نياپا موڪلڻ ۽ وٺڻ آهي. جهاز تي ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ خلاصين جي پگھارن جو حساب ڪتاب ۽ مختلف ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ Visa ۽ ٻيون ڪاغذي ڪاروايون پوريون ڪرڻ پڻ ريڊيو آفيسر جو ڪم آهي.
    اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ فرج انجنيئر: مٿين انجنيئرن (جيڪي مئرين انجنيئر آهن) کان علاوه جهاز تي ٻه کن اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ هڪ فرج انجنيئر پڻ ٿئي. جن جو خاص ڪري اليڪٽرسٽي ۽ ريفريجريشن جو ڪم هوندو آهي. اهي انجنيئر سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئر جي هٿ ۾ ڪم ڪن ٿا.
    نيويگيشن: سمنڊ تي رستو ڳولڻ جي هنر کي Navigation سڏجي ٿو. سمنڊ تي خشڪيءَ جي رستن وانگر رستا نه آهن. سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ لڳندڙ هوائن ۽ لهرن کان فائدو وٺي يا بچاءُ ڪري، جهاز هلائڻ نيويگيٽرن (ڊيڪ آفيسرن) جو ڪم آهي. نه فقط جهاز هلائڻ پر ڏينهن ۾ ٽي چار دفعا سج، چنڊ ۽ تارن جي مدد سان جانچڻو پوندو آهي ته جهاز واقعي صحيح رستي ۽ رخ ۾ هلي پيو يا نه. البت هاڻ ڪجھه اهڙا اوزار نڪتا آهن جن ذريعي وقت بوقت اها خبر پوندي رهي ٿي ته جهاز ڌرتيءَ جي گولي تي ڪهڙي هنڌ آهي. ان اوزار کي Satellite Navigator سڏجي ٿو. هونءَ نيوي جنگي جهاز تي Seaman ۽ Sailor هيٺين عملي جون Ranks پڻ آهن.
    سيڪيورٽي انجنيئر: بندرگاهه ۾ موڪل ڪرڻ وقت هڪ سينيئر انجنيئر ضرور جهاز تي ڇڏبو آهي، جيئن هو باهه لڳڻ جهڙي ايمرجنسي کي منهن ڏئي سگھي. ان انجنيئر يا ڊيڪ آفيسر کي سيڪيورٽي انجنيئر يا سيڪيورٽي آفيسر سڏجي ٿو. سيڪيورٽي انجنيئر سان گڏ هڪ يا ٻه جونئر انجنيئر يا ففٿ انجنيئر پڻ هوندو آهي، جنهن کي انجڻ روم ۾ رهڻو پوندو آهي.
    انجڻ روم : جهاز جي انجڻ روم سمجھو ته پنج ڇهه ماڙ پلاز يا بلڊنگ آهي، جنهن جي هر فلور تي ڪيتريون ئي مشينون آهن. جهاز جو پنکو Propeller هلائڻ واري مشين Main Engine سڏجي ٿي. جيڪا ٽي چار ماڙ ٿئي، جنهن جو هڪ هڪ سيلنڊر ايترو ته وڏو ٿئي جنهن ۾ ٽي ماڻهو آرام سان بيهي سگھن۽ اٺ نَوَ فوٽ ڊگھو ٿئي. مين انجڻ کان علاوه ٻيون اهم مشينون هي آهن. جنريٽر، پمپ، پيوريفائر، بئالر، ايئرڪمپريسر، ايووپريٽر، ڪولر، هيٽر، Sewage پلانٽ وغيره
    پروپيلر : جهاز جي پٺئين پاسي ٻاهر لڳل پنکي کي Propeller سڏجي ٿو. جهاز کي ڦيٿا نه ٿين. پنکي هلڻ سان جهاز اڳيان پويان وڌي ٿو. جهاز جي پنکي هلائڻ واري انجڻ کي مين انجڻ سڏجي ٿو.
    سيلنگ بوٽ: جيڪا ٻيري سڙهه (Sail) تي هلي ان کي Sailing Boat سڏجي ٿو. انجڻ جي ايجاد ٿيڻ کان اڳ پاڻيءَ جا جهاز سڙهن تي هلندا هئا ۽ Sailing Ships سڏبا هئا. جيڪي ٻيڙيون ڪاٺ جي چپن سان هلن ٿيون اهي Rowing Boats سڏجن ٿيون.
    ڊراءِ ڊاڪنگ : لڳاتار سمنڊ ۾ بيهڻ ڪري جهاز جي تري تي سپون ۽ ٻيون سامونڊي شيون (Sea Growth) چهٽيو وڃن جيڪي جهاز جي لس هلڻ ۾ رخنو وجھن ٿيون ۽ رفتار ڏينهون ڏينهن گھٽجڻ لڳي ٿي. جهاز جي تري جي صفائي ۽ چڪاس لاءِ جهاز کي خشڪ گوديءَ ۾ اچي بيهاربو آهي جنهن کي ڊراءِ ڊاڪ (Dry-Dock) سڏجي ٿو. ڊراءِ ڊاڪ ۾ ڪيل صفائي، رنگ روغن ۽ مرمت کي Dry-Docking سڏجي ٿو. هر ڪارگو جهاز لاءِ ضروري آهي ته ٻن سالن ۾ هڪ دفعو ڊراءِ ڊاڪنگ ڪرائي ۽ مسافر جهاز لاءِ سال ۾ هڪ دفعو ضروري آهي.
    جيٽي : بندرگاهه جو ڌڪو جنهن سان جهاز لڳي بيهي ٿو، جيٽي سڏجي ٿي.ڪن جهازن کي بندرگاهن ۾ جيٽي نه ملندي آهي ته پوءِ جيٽيءَ سان لڳل جهاز جي ڀرسان ٿي بيهندا آهن. اهڙي صورت ۾ چئبو آهي ته اسان جو جهاز فلاڻي جيٽيءَ تي بيٺل فلاڻي جهاز جي Alongside آهي. هانگ ڪانگ، سنگاپور جهڙن مشغول بندرگاهن ۾ جهازن کي عام طرح ’الانگ سائيڊ‘ به بيهاريو وڃي ٿو. اهڙي صورت ۾ جهاز جو ڪارگو ڪناري بدران سمنڊ واري پاسي بيٺل بارجز ۾لاهڻو پوندو آهي. بارج (Barges) تانگهي ۽ بنا انجڻ واري ٻيڙي ٿئي جنهن کي ’ٽگ بوٽ‘ يا عام لانچ ڇڪي.
    ڊيرڪون : جهاز تي سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ بندرگاهه تي ڪرينون (Cranes) ٿين. ڪن بندرگاهن ۾ اهي نه ٿين ۽ جهاز تي لڳل ڪرينن ذريعي سامان لاٿو ويندو آهي. جهاز جي Cranes کي ڊيرڪ Derrick سڏجي ٿو.
    ڪئبن : جهاز تي رهائشي ڪمرا ڪئبنون (Cabins) سڏجن ٿيون.
    ڊيوٽي ميس : جهاز کي هڪ وڏي ميس ٿئي جنهن کي Dinning Saloon سڏجي ٿو جنهن ۾ سڀ آفيسر، گھڻو ڪري يونيفارم، ۾ ماني کائين. سئلون کان علاوه هڪ ننڍڙي ڊيوٽي ميس ٿئي جنهن ۾ ڊيوٽي وارا انجنيئر ۽ ڊيڪ آفيسر ماني کائين. ڊيوٽي ميس خبرن ۽ ڪچهري کان مشهور ٿئي. هرڪو فري اسٽائيل ۾ ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندو آهي. بئرن ۽ وڏن آفيسرن جي اچ وڃ نه هجڻ ڪري ناقابل اشاعت لطيفه، شعر و شاعري ۽ پنهنجا پراوا Scandal آزادانه نموني بيان ڪيا ويندا آهن.
    برج روم : جهاز جي ڪنٽرول روم کي برج سڏجي ٿو. برج جو هڪ حصو چارٽ روم هوندو آهي. جنهن ۾ هلڪي روشنيءَ جو بندوبست ٿيل هوندو آهي، جيئن مختلف سمنڊن جا چارٽ ڏسي ۽ ماپي سگھجن. باقي حصي ۾ اونداهه ڪئي ويندي آهي جيئن رات جو سامهون ايندر جهاز ڏسي سگھجن. برج جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي واري حصي کي Wing سڏجي ٿو.
    بل ورڪ : جهاز جي چؤڌاري ڏنل ٻنوڙي کي Bulwark سڏجي ٿو.
    بنڪر : جهاز جون مشينون هلائڻ لاءِ جيڪو تيل وٺجي ٿو ان کي Bunker سڏجي ٿو. بنڪر وٺڻ وارو سڄو ڏينهن يا رات انجنيئرن لاءِ ڊوڙ ڊوڙان جو هوندو آهي. جهاز لاءِ هڪ قسم جو تيل نه پر ڪيترن ئي قسمن جو ٽنن جي حساب سان وٺڻو پوي ٿو، جنهن کي مختلف ۽ مقرر ٿيل ٽانڪين ۾ جمع ڪيو وڃي ٿو. هڪ ويهه هزار کن ٽن جهاز لاءِ اٽڪل هي تيل وٺبا آهن. جيڪي مهينو کن هلن.
    هيوي فيول H.F.O ــ ٻارهن سؤ کن ٽن
    مئرين ڊيزل آئل ــ چار سؤ ٽن
    لائيٽ ڊيزل آئل ــ هڪ هزار گئلن
    ڪرئنڪيس آئل ــ چار هزار گئلن
    سلينڊر آئل ــ ٻه هزار گئلن
    ٽربائين آئل ــ هڪ هزار گئلن وغيره وغيره.

    ائنڪر : جهاز جي اڳئين منهن وٽ لنگر (Anchor) ٿئي ٿو جيڪو سمنڊ ۾ جهاز کي بيهارڻ مهل سمنڊ جي تري ۾ ڪيرايو ويندو آهي. ائنڪر زمين جي تري ۾ وڃي ڦاسندو آهي ۽ جهاز کي اڳيان وڌڻ نه ڏيندو آهي. وري جڏهن جهاز کي هلڻو هوندو آهي ته ونڊلس مشين ذريعي لنگر کي ٻاهر ڇڪي ڪڍبو آهي. بندرگاهه ۾ جيٽيءَ ڀرسان جاءِ ملڻ تي لنگر ڪيرائڻ بدران جهاز کي جيٽيءَ تي کتل ڪلي سان ٻڌو وڃي ٿو. لنگر (Anchor) لاءِ مشهور ڳجھارت آهي ته اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جي جڏهن ضرورت پوي ٿي ته اڇلائي وڃي ٿي ۽ جڏهن ضرورت ناهي ته پٽ تان کڻي رکي وڃي ٿي.
    ائنڪريج : جهاز سڄو سفر پورو ڪري جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ پهچي ٿو ته هن کي اجازت نه آهي ته بندرگاهه ۾ يڪدم گھڙي پوي. بندرگاهه ۾ اچڻ کان اڳ کلئي سمنڊ ۾ لنگر Anchor ڪيرائڻو پوي ٿو. پوءِ بندرگاهه اٿارٽيءَ طرفان ان ملڪ جي ڪسٽم ۽ اميگريشن جو عملو کلئي سمنڊ ۾ جهاز تي پهچي جهاز جي عملي ۽ مسافرن وغيره جي ڪاغذن جي چڪاس ڪري ٿو. ان بعد بندرگاهه طرفان پائلٽ اچي ٿو جيڪو جهاز کي آهستي آهستي ڪري اندر بندرگاهه ۾ مقرر ڪيل جيٽيءَ تي بيهاري ٿو.
    هر بندرگاهه جي ٻاهران، کلئي سمنڊ جو اهو حصو جتي جهاز کي ائنڪر ڪيرائي اندر اچڻ جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، ان کي Anchorage (ائنڪريج) سڏجي ٿو. ائنڪريج تي بيهڻ وارو وقت جهازيءَ لاءِ آرام ۽ انتظار جو هوندو آهي. آرام جو ان ڪري جو ائنڪريج تي نه جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي نه ڪا مشينري کولي ان جي مرمت (Overhauling) ڪرڻ. سو مسافري جو ٿڪ ڀڃڻ ۽ آرام لاءِ ائنڪريج سٺو آهي. ساڳي وقت انتظار به ڪرڻو پوي ٿو ته خبر نه آهي جهاز کي ڪڏهن اندر گھرائن جيئن ڪناري تي پير رکي سگھجن ۽ گھمي ڦري سگھجي. اڄڪلهه ڪيترائي بندرگاهه ماڊرن ٿي ويا آهن ۽ ڏينهن اڌ جي انتظار بعد اندر گھرايو وڃي ٿو. هڪ اهڙو به سفر ياد اٿم جنهن ۾ ڪراچي کان ڪيوبا سفر ۾مهينو لڳو. ان بعد ڪيوبا جي ائنڪريج تي مهيني کان به مٿي انتظار ڪرڻو پيو. ان بعد مهيني کن لاءِ جهاز بندرگاهه ۾ گھڙيو ته ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت اسان کي ڪناري تي پير رکڻ جي هڪ ڏينهن جي به اجازت نه ڏني.
    ائنڪريج کي ڪڏهن ڪڏهن فقط ائنڪر به چيو وڃي ٿو. چي اسان جو جهاز چار ڏينهن ائنڪر تي بيٺو ان بعد بندرگاهه ۾ اندر آيو.
    ڊدوميسٽڪ فرج : جهاز تي ٻه ٽي ڪمرا، گوشت، مڇيءَ، ڀاڄيءَ ۽ ميوي کي ٿڌو رکڻ لاءِ هوندا آهن. انهن ڪمرن کي جنهن مشين ذريعي ريفريجريٽر وانگر ٿڌو رکيو ويندو آهي ان کي ’ڊوميسٽڪ فرج‘ سڏجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻن ٽن مهينن جي سفر جو راشن اٽڪل چاليهه کن رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون هونديون آهن. ان خيال کان ڊوميسٽڪ فرج مشين تمام اهم سمجھي وڃي ٿي، جنهن جي خراب ٿيڻ تي سڄو گوشت خراب ٿي سگھي ٿو ــ جنهن کي پوءِ سمنڊ ۾ ئي اڇلڻو پوندو آهي ۽ نئين گوشت خريد ڪرڻ لاءِ ويجھي بندرگاهه جو رُخ رکڻو پوندو آهي.


    عربي سمنڊ 23 سيپٽمبر 1968

    ڪافي مدت بعد تنهنجا اوچتو ٽي چار خط ۽ ملڻ جا نياپا مليا. ته ٻاهر وڃڻ کان اڳ تو وٽان سانگھڙ مان ٿي وڃان. منهنجو اهو خيال هو ته امتحانن بعد سڀني کان موڪلائي پوءِ ٻاهر ويندس. حيدرآباد پهتس ئي مس ته مون کي جهاز تي اچڻ لاءِ اطلاع مليو. ڪنهن سان به موڪلائڻ بنا اچي جهاز تي چڙهيس. انهيءَ ڏينهن تنهنجا ٻه ٻيا به خط مليا. (ڪٿي تنهنجو ڌنڌو بيهي ته نه ويو آهي ۽ بيپناهه فرصت توکي خط پئي لکائي. پر يقين اٿم ته ائين نه هوندو، ڇوته تنهنجو چوڻ آهي ته جيستائين بناسپتي گيهه قائم رهندو تيستائين مريضن جي ڊگھي قطار ڪڏهن نه کُٽندي، ۽ ڊاڪٽر هميشه مشغول رهندا) بهرحال تنهنجو خلوص قابل داد آهي. ڪراچيءَ مان ته خط نه لکي سگھيوسانءِ، هاڻ سمنڊ تان ئي پيو لکان. اسان جو جهاز هن وقت چٽگانگ وڃي رهيو آهي. جتان پوءِ سڌو آمريڪا وينداسين. رستي تي ممباسا (آفريڪا)، لاس پاماس ۽ پورٽ لوئس به ڪجھه وقت ترسنداسين. واپسيءَ تي يورپ جهڙي ملڪن جهڙوڪ: انگلينڊ، فرانس، پولنڊ، يونان ۽ جرمنيءَ کان ٿيندا واپس اينداسين.
    اسان جو جهاز چڱو وڏو آهي. رهائش سڄي ايئر ڪنڊيشنڊ آهي. مال بردار جهاز آهي پر ڪجھه ڪئبنون مسافرن لاءِ به آهن، جن لاءِ هنن کي هوائي جهاز کان ٻيڻو ٽيڻو مهانگو ڀاڙو ڀرڻو پوي ٿو. ان ڪري گھڻو تڻو جهاز هلائيندڙ عملو هوندو آهي. آءٌ هڪ مئرين انجنيئر جي حيثيت ۾ سفر ڪري رهيو آهيان. مون کان علاوه ٻيا به اٺ انجنيئر آهن جن ۾ هڪ چيف انجنيئر آهي. سڄو جهاز هڪ شهر مثل آهي جنهن کي نه فقط لڳاتار هلائڻو پوي ٿو، پر بجلي جي لاءِ جنريٽر مشينري، ايئرڪنڊيشنگ لاءِ ايئرڪنڊيشنر پلانٽ، کاري مان مٺو پاڻي ٺاهڻ لاءِ ايواپريٽر Evaporator بئالر، پمپ، ڪنڊينسر، ڪولر، فلٽر، تيل کي صاف ڪري انجڻ ۾ ٻارڻ لائق بنائڻ لاءِ پيوريفائرس ۽ ٻيون ڪيتريون مشينون آهن جن جي سار سنڀال لهڻ اسان جي ذميواري آهي.
    وچ سمنڊ ۾ رستو ڳولڻ، سامان کي سنڀال سان رکڻ وغيره ڊيڪ آفيسرن جي ذميواري آهي، جنهن ۾ جهاز جو ڪئپٽن، چيف آفيسر ۽ ڪئڊٽن تائين اچي وڃن ٿا.
    ان کان علاوه ڊاڪٽر، ريڊيو آفيسر، اليڪٽريڪل انجنيئر، بٽلر، پرسر، واڍو بورچي، نوڪر، مستري، تيل وارا، وغيره وغيره. پنهنجي جڳهه تي اهم حيثيت رکن ٿا.
    اسان جي جهاز سومر جي شام جو ڇهين وڳي ڪراچيءَ مان لنگر کنيو. دنيا جي هر ملڪ جي جهاز تي چوويهن ڪلاڪن کي ٽن ڊيوٽين ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن کي واچ Watch سڏجي ٿو. هر هڪ کي چار ڪلاڪ ڏينهن جو ۽ چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. هڪڙا اٺين کان ٻارهين تائين (ساڳيو وقت رات جو پڻ) ڊيوٽي ڪن، ٻيا ٻارهين کان چئين بجي تائين ۽ ٽيان چئين کان اٺين تائين. چيف انجنيئر جي ڊيوٽيءَ جو وقت مقرر نه هوندو آهي، ان کي فقط ايمرجنسيءَ جي حالت ۾ صلاح مشوري لاءِ سڏيو ويندو آهي. اسين ٻارهين کان چار، ڊيوٽي ڪيون ٿا. اها واچ سڀ کان ڏکي سمجھي وڃي ٿي جو اهو وقت، رات توڙي ڏينهن جو، سمهڻ جو ٿئي ٿو.
    آءٌ شام جو چئين بجي تائين ڊيوٽي ختم ڪري انجڻ بلڪل هلڻ لاءِ ٺيڪ ڪري، ڊنر کائي اچي سمهي رهيس. ان وقت ڪناري جي ماڻهن جو ڪافي گوڙ شور ۽ گهما گهمي هئي. مزور سامان چاڙهي رهيا هئا. وڃڻ وارن کي خدا حافظ چوڻ وارا ٻار، عورتون ۽ مرد هيڏانهن هوڏانهن ڦري رهيا هئا. ان کان علاوه ڪسٽم وارا، بندرگاهه وارا، اسانجي هيڊ آفيس وارا ۽ پوليس ڦري رهي هئي. مطلب ته ميلو لڳو پيو هو. اسين جهاز تي وڃڻ وارا ڪل سؤ ماڻهو به نه هئاسين، پر ڇڏڻ ۽ موڪلائڻ وارا هزارن جي تعداد ۾ هئا. اسان جي جهاز جا ڪمرا اهڙا آهن جو جيڪڏهن بند ڪري پڙدا ڏيئي ڇڏجن ته اونداهه ٿيو وڃي ۽ ائين محسوس نه ٿيندو آهي ته ٻاهر ڏينهن آهي يا رات. ان ڪري رات جي ڊيوٽي وارا ڏينهن جو آسانيءَ سان سمهي سگھن ٿا.
    هن وقت منهنجي اک کلي آهي. رات جا ڏهه ٿيا آهن ۽ آءٌ توسان مخاطب آهيان. جهاز تي بلڪل خاموشي لڳي پئي آهي. فقط جهاز جي انجڻن ۽ سمنڊ جي ڇولين جو آواز اچي رهيو آهي. چؤطرف سمنڊ ئي سمنڊ لڳو پيو آهي. اٿاهه سمنڊ ــ شايد شاهه لطيف هن سمنڊ لاءِ چيو آهي:

    ”سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جرُ وهي ٿو جال
    سئين وهن سير ۾، ماڻڪ موتي لال،
    جي ماسو جڙئي مال، ته پوڄارا پُر ٿئين.“

    اسان ڪراچي گھڻو پري ڇڏي آيا آهيون، ايتريقدر جو ڪا بتي به نظر نه ٿي اچي. اتفاق سان هن جهاز جا ڪيترائي آفيسر منهنجا پراڻا ڪاليج جا دوست آهن. سندن مزيدار ڳالهيون ڪنهن ٻئي خط ۾ لکندس.
    هن وقت اسان جو جهاز وڌيڪ کلئي سمنڊ ۾ پهچي رهيو آهي. جيئن جيئن جهاز کلئي سمنڊ ۾ اچي ٿو، تيئن تيئن وڌيڪ لوڏا محسوس ٿي رهيا آهن. وڏيون وڏيون لهرون جهاز سان ٽڪرائي رهيون آهن. ننڍا جهاز ۽ ٻيڙيون ته هيستائين اچي نٿيون سگھن، ان ڪري اهي اڪثر ڪنارو وٺي هلن. اسان جو جهاز آفت جيڏو آهي. پر ان هوندي به ههڙي سمنڊ جي مقابلي ۾ هڪ هلڪي ڇوڏي وانگر لڳي ٿو. Sea Sickness بيماري، جهاز جي لوڏن ۽ سمنڊ جي جوش جي ڪري ٿيندي آهي، جنهن ۾ الٽيون اينديون آهن، مغز ڦرندو آهي، سا اڃا ته نه ٿي آهي پر بمبئي جي ويجھو پهچي شايد سڀني کي ٿئي جو اتان کان ڪولمبو تائين خليج بنگال ۾ ٻڌجي پيو ته پاڻيءَ ۾ ڏاڍو جوش آهي. هن وقت اسان جو جهاز ڪولمبو (سلون) ڏي وڃي رهيو آهي. ان بعد مٿي اتر ڏي چٽگانگ طرف رُخ رکندو. رستي تي ڪولمبو نه ترسندو ۽ سڌو چٽگانگ ستين ڏينهن لنگر ڪيرائيندو. اسان جي جهاز جي ڪافي اسپيڊ آهي، نه ته ٻيا جهاز ڏهن پنڌرهن ڏينهن بعد مس ٿا پهچن. هي خط مان توکي چٽگانگ پهچڻ سان پوسٽ ڪندس. ٻارهين آڪٽوبر ڌاري چٽگانگ کي الوداع چئي آمريڪا روانا ٿينداسين. رستي تي ممباسا (آفريڪا) مان تيل وٺنداسين. ٻڌجي پيو ته جدي ۽ ٻين هنڌن تي به ڪم سانگي ٿورا ٿورا ڏينهن ترسون. تون مون کي هميشه ڪراچيءَ واري ائڊريس تي خط لکجانءِ. منهنجو جهاز جنهن به بندرگاهه تي هوندو، اتي ڪراچيءَ وارا پاڻيهي سڀ خط موڪلي ڏيندا. چڱو يار، هن وقت رات جا ٻارهن ٿيڻ وارا آهن ۽ مونکي جهاز جي انجڻ جي چارج چئين بجي تائين سنڀالڻي آهي ان بعد وڌيڪ لکندوسانءِ.

    ـــــــ جھجھي پيار مان


    عربي سمنڊ 25 ــ9 ــ 1968ع

    هڪ خط ٽيون ڏينهن لکيو اٿم،پوءِ اچي Sea Sickness ٿي. ڏاڍيون الٽيون اينديون رهيون ۽ ڪالهه تائين طبيعت خراب هئي. هونءَ هن سامونڊي بيماريءَ کان بچڻ لاءِ چند اصول آهن، جهڙوڪ، پاڻيءَ جهڙيون شيون گھٽ پيئجن، هميشه ڪم ۾ رڌل رهجي، تازي هوا ۾ رهجي ۽ جيترو ٿي سگھي پيٽ ڀري کائجي، ڇو جو خراب حالت هيڪاري تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن خالي پيٽ تي ڪو الٽيون ڪرڻ چاهي ٿو. هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين هلڻ لاءِ هر هنڌ ريلنگ لڳل آهن. انهيءَ هوندي به هر ڪو ائين جهومندو آهي ڄڻ نشي ۾ هجي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي حالت هوندي آهي، جو شيو به نه ڪري سگھبي آهي، هٿ ڇڏڻ بنا وهنجي نه سگھبو آهي، نه نماز پڙهي سگھبي آهي. صبح جو ناشتو ڪندي ميس ۾ ٻن ڄڻن جي ڪرسين جا بيلٽ نڪري ويا ۽ ڪرسين سميت وڃي ڀِتِ سان لڳا.
    جهاز جيڪڏهن اڳيان پويان هيٺ مٿي ٿئي ته ان کي پچنگ Pitching ۽ جيڪڏهن ساڄي کان کاٻي هيٺ مٿي ٿئي ته ان کي رولنگ سڏجي ٿو. ڪڏهن رولنگ ۽ پچنگ ٻئي گڏ ٿينديون آهن، ۽ اها جهاز جي خراب حالت ليکي وڃي ٿي. هن وقت صبح جا پنج ٿيا آهن. اڇو صبح نروار ٿي رهيو آهي، چؤطرف رڳو سمنڊ ئي سمنڊ آهي. ڌرتيءَ جو سڄو گولو چٽو نظر اچي رهيو آهي ــ جهڙو وڏو ٿالهه جنهن جي وچ ۾ اسان جو جهاز ماڪوڙي مثل جيئڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. ڪراچي ڇڏئي اٽڪل ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون اچي ٿيون آهن، پر اڃا زمين جو ٽڪرو پري کان به نظر نه آيو آهي. ٿوري دير اڳ جيئن ڊيوٽي ڪري مٿي آيس ته ان وقت هڪ يوناني جهاز نظر آيو جو شايد بمبئي کان آفريڪا ڏي وڃي رهيو هو. ان سان ٿوري دير سگنل ذريعي ڳالهه ٻولهه ٿي، پر پوءِ جلد هڪ ٻئي کان پري ٿي وياسين. ائين لڳو ڄڻ دنيا جي گولي پٺيان هو جهاز ڪري پيو ۽ هاڻ وري چؤڌاري ساڳيوسمنڊ ئي سمنڊ آهي. صبح جو جنهن وقت سج جو سونو سڪو آهستي آهستي ٿي نڪرندو آهي، ان وقت اهو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي، ائين لڳندو آهي، ڄڻ سج سمنڊ جي سيني مان نڪري رهيو آهي. اسان جي جهاز تي ڪجھه مسافر به آهن ۽ ڪجھه آفيسرن جون فئمليون پڻ. هڪ ايراني ننڍو ٻار آهي، ان کي رڳو اهو فڪر آهي ته سج وسامي ڇو نه ٿو. هن کي ڪير سمجھائي، جڏهن هو خود پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي ته سج زمين جي گولي پٺيان نه، پر سمنڊ جي پاڻيءَ مان نڪري رهيو آهي.
    ڪراچي ڇڏڻ وقت هڪ جھرڪي اسان جي جهاز تي رهجي وئي، هاڻ ته سوگھي آهي، ڪيڏانهن وڃي به نه ٿي سگھي. چؤطرف سمنڊ آهي. ڪيترو اڏامي ۽ ڪيڏانهن وڃي. بهرحال سڄي عملي لاءِ وندر ٿي پئي آهي ۽ فرصت جي وقت ٽيبل ٽينس يا ٻي ڪا راند کيڏڻ بدران ان جھرڪيءَ کي ڦاسائڻ لاءِ شرطون لڳنديون آهن، پوءِ سڄي جهاز تي ڊوڙون هونديون آهن. جهرڪي ويچاري به حملي کان بچڻ لاءِ جهاز کي الوداع چئي، ٿورو پنڌ سمنڊ ۾ اڏامي ٿڪجي وري موٽي ايندي آهي. وري اڏايو ويندو اٿس، تانجو ٿڪجي اچي هٿن ۾ پوندي آهي.
    هن وقت اسان ڪولمبو جي ويجھو بين الاقوامي پاڻيءَ مان لنگھي رهيا آهيون. هر ملڪ جي چؤگرد پندرهن ويهن ميلن تائين سمنڊ سندس حد سڏيو وڃي ٿو، ان بعد بين الاقوامي سمنڊ ليکيو وڃي ٿو ان لاءِ الڳ بين الاقوامي پوليس (انٽرپول) ۽ ادارا آهن. هينئر اسان ڪراچيءَ کان ايترو ته پري آهيون، جو ’ميڊيم ويو‘ تي ريڊيو ڪراچي ٻڌڻ ۾ نه ٿي اچي پر هندستاني اسٽيشنيون صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن. اڄ منجھند ڌاري ڪجھه زمين جا ٽڪرا نظر ايندا جي ’مالديپ ٻيٽ جا آهن‘ ۽ ان بعد ’نڪوبار‘ ٻيٽ آهن، جتي انگريز سرڪار جي ڏينهن ۾ ڪاري پاڻيءَ جي سزا لاءِ قيدين کي موڪليندا هئا.
    هتي جهاز تي سڀني کي استعمال جي هر شيءَ چادر، ٽوال کان صابڻ وغيره فري ملي. ان کان علاوه هر جهاز تي ڪئنٽين (Bond Store) پڻ ٿئي جنهن ۾ ڪافي ٻاهر جون شيون، سستي اگهه تي ملن. هڪ شيءَ قابل غور ۽ ذڪر آهي ته ڪناري تي رهندڙن جو نيوي وارن بابت اهو خيال آهي ته نيوي ماڻهوءَ کي خراب بنايو ڇڏي. هو خراب عادتون سکي ٿو. پر اهو بلڪل غلط آهي. اسان جي جهاز تي ڪي اهڙا به آفيسر ۽ ملاح آهن، جن کي سمنڊ تي رهي ٽيهه ٽيهه سال ٿي ويا آهن پر هو شراب ۽ سگريٽ کي هٿ لاهڻ بنا به جي رهيا آهن. سو اهو بلڪل غلط آهي ته شراب وغيره پيئڻ سان ماڻهو ماڊرن ٿئي ٿو يا ٻاهرين ملڪن ۾ رهڻ لاءِ شراب ضروري آهي. هونءَ دنيا جا تاجر ۽ مسافر اسان جي ملڪ جي جهازران ڪمپنين (هوائي توڙي سامونڊي) جي ان ڪري به تعريف ڪن ٿا جو اسان وٽ اهي حادثا نه آهن جيڪي ٻين ملڪن جي جهاز ران ڪمپنين ۾ شراب جي مستيءَ ۽ عالم ۾ ٿين ٿا.


    ــــــــــــــــ فقط تنهنجو.


    خليج بنگال

    سلون ٽيون ڏينهن ڇڏيوسين، ان وقت منهنجي ڊيوٽي هئي. جڏهن جابلو علائقي واري سمنڊ يا بندرگاهه مان لنگھبو آهي ته جهاز ڏاڍو خبرداريءَ سان هلائڻو پوندو آهي، ڇو ته جهاز ۾ بريڪ ته ٿئي ڪانه. بريڪ جو ڪم وٺڻ لاءِ جهاز جي انجڻ کي بيهاري، پٺيان هلائيندا آهيون. ائين ڪرڻ سان جهاز ڪا گھڙي هڪ هنڌ بيهي رهندو آهي، جيسين اڳيان هلڻ واري طاقت وڃائي ويهي. جيستائين جهاز کلئي سمنڊ ۾ اچي، تيستائين هڪ هڪ سيڪنڊ خبردار رهڻو پوندو آهي. سڄو وقت ڪنٽرول روم (برج) سان ٽيليگراف ۽ ٽيليفون ذريعي رابطو قائم رکڻو پوندو آهي. ان وقت ٻن بدران هڪ ئي وقت پنج انجنيئر جدا جدا ڊيوٽين تي هوندا آهن. ان کان علاوه ستن اٺن ڄڻن تي مشتمل ٻيو مددگار عملو هوندو آهي، جن ۾ فٽر، مستري، تيل وارا، باهه وارا هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن هڪ منٽ ۾ يڪا چار دفعا به ٽيليگرام ملندي آهي، جنهن ۾ جهاز کي، ’اڳيان‘، ’پويان‘، ’اڳيان آهستي‘،’پويان آهستي‘، ’اڳيان تمام آهستي‘، ’پويان تمام آهستي‘، هلڻ ۽ هڪ هنڌ بيهڻ لاءِ چيو ويندو آهي ۽ ساڳئي وقت عمل سان گڏ اهي سڀ جهاز جون حرڪتون لکيون به وينديون آهن، ته ڪهڙي وقت ڪهڙي ٽيليگراف آئي ۽ جهاز ڪيترو هليو، جيئن حادثي ۾ ڪورٽ کي پنهنجي پوزيشن کان آگاهه ڪري سگھجي.
    اسان پنهنجو وقت توهان جي وقت کان هڪ ڪلاڪ اڳ ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت اسان دنيا جي جنهن حصي ۾ آهيون اتي سج، چنڊ، تارا ڪلاڪ کن اڳ اڀرن ۽ لهن ٿا. جيڪڏهن اڀرندي طرف وڃبو آهي ته ٽائيم وڌائبو آهي، جيڪڏهن الهندي طرف وڃبو ته ٽائيم گهٽائبو. هن وقت هتي صبح ٿي چڪو آهي پر توهان وٽ اڃا رات هوندي. ٿوري دير اڳ پنهنجي ڊيوٽي ختم ڪري انجڻ جي چارج ’چئين بجي کان اٺين بجي تائين ڊيوٽي انجنيئر‘ کي ڏيئي آياسين. آءٌ ۽ منهنجو ساٿي انجنيئر ’زمان‘ ڊيوٽي ختم ٿيڻ بعد روز جهاز جي عرشي تي پٺا اگھاڙا ڪري فقط نڪر پائي اچي ليٽندا آهيون، جيسين صبح ٿئي. انجڻ روم جي گرميءَ مان نڪري کلي آسمان هيٺ، جهاز جي ٿڌي ٿڌي فرش تي ليٽڻ ۾ ڏاڍو لطف ايندو آهي. ٿڌي ٿڌي هوا پئي لڳندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن سنهي بوند به پئي وسندي آهي. ان کان علاوه جڏهن سمنڊ جي ڪا وڏي لهر جهاز سان ٽڪرائبي آهي ته ان جا ڇنڊا بارش وانگر اچي لڳندا آهن. آسماني بارش ۽ سمنڊ جي ڇنڊن ۾ فقط اهو فرق آهي ته هڪ پاڻي مٺو آهي ته ٻيو کارو. سمنڊ جي پهرين ڇنڊي لڳڻ سان ئي اسين اکيون ۽ وات بند ڪري ڇڏيندا آهيون. جڏهن بارش نه هوندي آهي ته چانڊوڪيءَ ۽ تارن جي روشنيءَ ۾ سامونڊي ڇولين جي گجي چمڪندي آهي. چؤطرف ڄڻ چانديءَ جا ننڍا جبل اڳتي وڌندا نظر ايندا آهن ۽ جهاز جي لوهي بدن سان ٽڪرائي پنهنجو وجود وڃائيندا آهن. جهاز ائين جھومندو آهي جيئن ڪو موالي چُڪو وڌيڪ پي ويٺو هجي. اسان کي ائين ڪڏهن به محسوس ڪونه ٿيندو آهي ته ڪو اسان آفت جيڏي جهاز تي آهيون پر لڳندو آهي ته ڄڻ هي جهاز نه پر ڪاٺ جو ننڍڙو تختو هجي، جو انجڻ جي زور تي نه، پر لهرن ۽ هوائن جي رحم ۽ ڪرم تي اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪجھه وقت ته اسين خاموش ستا پيا هوندا آهيون ۽ پيا ٿڪ ڀڃندا آهيون. پوءِ زمان چشمو لاهي، اونڌو ليٽي ڳائڻ شروع ڪندو آهي، ’ڊم ڊم ڊيگا ڊيگا ــ موسم ڀيگا ڀيگا ـــ بن پئي مين تو گرا مين تو گرا هائي الله ـــ صورت آپ کي سبحان الله !‘
    پهرين رات به اهو گانو ٻڌايائين، ٻي رات به اهو گانو،پوءِ روز روز اهو ساڳيو گانو ٻڌائيندو رهيو. ڪالهه آخر چيومانس ته يار ٻيو به ته ڪو ٻڌاءِ.
    ”ڇو اهو پسند ناهي ڇا....؟“ زمان پڇيو.
    ”پسند ته ڏاڍو آهي، خاص ڪري ههڙي موسم ۽ سمي ۾.“
    ”مون کي به ڏاڍو پسند آهي“ زمان وراڻيو.
    چپ ٿي ويس. اڄ وري جڏهن اهو گانو ڳائي بس ڪيائين ته چيومانس: ”لالا، ڇا ڳالهه آهي. ان گاني جو جلاب ورتو اٿئي ڇا...؟“ ٿڌو ساهه کڻي چيائين: ”بس يار ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين، ’هنڌ او سڙي جتي او ٻري‘.“
    سمجهي ويس ته اسان جو دوست عشق جي چڪرن ۾ آهي. مون نٿي چاهيو ته وڌيڪ کيس چوريان. ڏينهن ٿي وڃي ها. سخت ننڊ اچي رهي هئي ۽ عشق محبت جا داستان اوترائي طويل ٿيندا آهن جيترو سندن وجود قليل ٿيندو آهي.
    ”ڪير آهي استاد اها پري چهره؟“
    پر خبر ناهي ڇو منهنجي وات مان اوچتو نڪري ويو ۽ پڇي ويٺس. پر خوش نصيبيءَ سان داستان ايترو ننڍو هو، جيترو ان پري چهري جي هن ننڍي جهاز تي ننڍڙي Stay. لنڊن کان هيءَ ايراني ڇوڪري سنگاپور لاءِ پئسنجر جي صورت ۾ چڙهي هئي. ممباسا تائين خاموش رهي. ڪراچي پهچڻ سان پهريون دفعو هن مسڪرايو ۽ سنگاپور تائين روز هن وقت هوءَ ٻاهر عرشي تي پيل ڪاٺ جي بئنچ تي اچي ويهندي هئي. اسان جو دوست مٿيون گانو ڳائيندو هو. يعني ’صورت آپ کي سبحان الله‘.
    ۽ پوءِ هوءَ ايراني لهجي ۾ ڳائيندي هئي: ”سو گيا سارا زمانه نيند کيون آتي نهين!“ (ظاهر آهي، نه ڪم نه ڪار سڄو ڏينهن آرام ڪرسيءَ تي ويهي، سمنڊ جون لهريون ڏسبيون يا چورن وانگر ڏينهن جو ننڊون ڪبيون ته رات جو ننڊ ڪيئن ايندي؟ سوچڻ جي ڳالهه آهي) پر اسان جو دوست ان خوشفهميءَ ۾ مبتلا ته کيس سندس عشق جاڳائيندو هو. اف هي خوش فهميون جن جي بنا تي دلبر جي جفائن کي به ادائون سمجھيو ويندو آهي. عارضي خوشي ۽ دل جي عارضي سڪون خاطر انسان خوشفهميءَ کي ائين چهٽي پوندو آهي، جيئن ڪو اونهي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ چند گھڙين جي سڪون خاطر ڪنهن لنگھندڙ وڏي مڇي جي پڇ کي قابو جھليندو آهي، جا ٿورو اڳتي هلي کيس ڳڙڪائي ڇڏيندي آهي. جنهن کي هو محبوب ۽ ديوتا سمجھي پوڄا ڪندو آهي، ان جي ئي ڀينٽ چڙهندو آهي. اڄڪلهه هرشيءِ جو قدر ڪيترو نه تبديل ٿي چڪوآهي. نازڪ صنف جي هڪ مختصر مسڪراهٽ کي اسان محبت سمجهي ويهندا آهيون. ٻن مٺن ٻولن کي پيار سمجھي ويهندا آهيون ۽ خوشفهميءَ جو شڪار بنجي ويندا آهيون. اڄڪلهه شايد ٻين شين وانگر محبت ۾ به ملاوٽ آهي يا اسان کي هن جي حقيقت معلوم ڪندي اذيت ٿئي ٿي. ڇا اسان جي دوست جي محبت سندس دل تائين محدود ۽ مقيم آهي يا اديءَ کي خبر نه چار، ادي کي عشق انڌو ڪيو. بهرحال جهڙي طرح توهان وٽ تندرست ٿيڻ تي مريض کي اسپتال جو بسترو ڇڏڻو پوندو آهي، ساڳي طرح اسان وٽ منزل اچڻ تي مسافر کي ڪئبن ڇڏڻي پوندي آهي. سنگاپور بعد هوءَ صرف يادن جا ڍير ڇڏي وئي.... ”ان ڏينهن کان پوءِ مون کي هرروز ائين لڳندو آهي ڄڻ هوءَ سامهون بئنچ تي ويٺي آهي ۽ ويٺي ڳائي“ زمان ٻڌايو....
    مون چشمو لاهي صاف ڪري وري پاتو. چتائي ڏٺو ته مون کي ڪجھه نظر نه آيو، بئنچ خالي هئي. هڪ وڏي لهر آئي جنهن جا ڇنڊا سڄي بئنچ کي ڌوئي ويا. مون وري ان بئنچ ڏي ڏٺو. مون کي ايراني دوشيزه کان به خوبصورت، زياده حسين ڇوڪري ڪجھه گھڙين لاءِ نظر اچي غائب ٿي وئي.
    گھڻي دير چپ ڏسي دوست چيو، ”يار تون به ته پاڻ بابت ڪجھه ٻڌاءِ، ضرور تنهنجي زندگيءَ ۾ به بهار آئي هوندي.“
    ”نه.“ مون اڇل مان جواب ڏنو مانس.
    ”ڪوڙ ٿو ڳالهائين. اها زندگي نه آهي، جنهن ۾ بهار نه اچي.“
    ”افسوس جو ان سوال جو معقول جواب ڏئي نه ٿو سگھان. عرض هي آهي ته منهنجي زندگي حيدرآباد يونيورسٽيءَ اڳيان بيٺل سڪل وڻن وانگر خشڪ آهي. دل جي چمن ۾ ڪا باد صبا نه لڳي آهي.“
    ”ضرور ڪو تارو تو لئه به کڙيو هوندو. ڏس آسمان ۾ ڪيترا انيڪ تارا آهن.“
    ”شايد. ۽ منهنجي زندگيءَ جا سڀئي غريب لمحا ان جي روشنيءَ کي پسي مڪمل ٿي وڃن ها، پر جلدي اهو غائب ٿي ويو، اهو ستارو نه، پر ڪو آمريڪا جو ڇڏيل مصنوعي تارو هو. هڪ الڳ منزل طرف پنهنجي الڳ راهه وٺي ويو. ڪنهن ٻي دنيا جي ڪشش هن کي پاڻ طرف ڇڪي ورتو. ان بعد آڪاش هميشه ڪڪرن سان ڇانيل رهي ٿو. ڪڪرن جا به ڪيترائي قسم آهن مثال طور ٽربيولينس Turbulence ڪڪر، آرٽوگرافڪ ڪڪر وغيره. ڪڪر تمام خطرناڪ ٿيندا آهن. وچ ۾ آڏا ٿي بيهندا آهن. غريب تارن جي روشني فنا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ دنيا جي رهواسين کي تاريڪ راهن ۾ ڀٽڪڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيندا آهن.“
    ڪجھه گھڙين لاءِ خاموشي تاري ٿي وئي. آهستي آهستي رات جي اونداهي غائب ٿي، اڇو صبح ٿي ويو. اسان ٻئي اتي بيهي نئين ڏينهن جي تازي ڄاول سج کي ڏسڻ لڳاسين. ٿوري دير بعد سج سمنڊ جو پيٽ ڦاڙي ٻاهر نڪتو ۽ سڄو سمنڊ روشن ٿي ويو. هڪ معصوم ٻار وانگر سج جو منهن چمڪي رهيو هو. کاٻي پاسي آسمان ڪڪرن سان ڇانيو پيو هو. هڪ وڏو ڪارو ’وول پئڪ‘ (Wool Pack) ڪڪر اڳتي وڌيو ۽ سج کي ڪارو ڪري ڇڏيو. ان ڪاري وڏي ڪڪر کي ڪجھه به خيال نه ٿيو...... نه اسان جو نه سج جو. ڪاش کيس خبر هجي ها ته اسان ڪيتري چاهه سان، ڪيڏي محبت سان، ڪيڏي پيار مان ان نئين ڄاول معصوم سج جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.
    ادا، هن وقت اسان جو جهاز خليج بنگال ۾ تري رهيو آهي. هتي هميشه پاڻيءَ ۾ جوش هوندو آهي. اڪثر هتي طوفان لڳندا آهن جي اڳتي هلي بنگال جي ساحلي علائقي تي حملو ڪندا آهن. ڪولمبو ڇڏڻ بعد وري زمين نظر نه آئي آهي. چؤطرف وري ساڳيو پاڻي ئي پاڻي آهي. نقشي ۾ جيڪڏهن ڏسندين ته توکي معلوم ٿي ويندو ته دنيا جو فقط هڪ حصو زمين آهي ۽ ٽي حصا پاڻي. مون کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته هن دنيا جو نالو ڌرتي ڇو رکيو ويو. پراڻي زماني جا ماڻهو به عجيب هئا. پنهنجي آسپاس ٿوري زمين ڏٺائون ته دنيا جونالو کڻي ڌرتي رکيائون. کين هن دنيا جو نالو ’ساگر‘ رکڻ کپندو هو.
    هي سامونڊي زندگي بلڪل مختلف آهي. خاص ڪري انهن ماڻهن لاءِ جيڪي تنهائي پسند ڪن ٿا. دنيا جي جھنجھٽن ۽ رسم و رواج جي قيد کان آزاد زندگي آهي. چؤطرف پاڻي ئي پاڻي ۽ اڪيلائيءَ ۽ تو وٽ چؤطرف زمين.
    ”تو مار جولي باتي ــ تو مار گھوري شاٿي
    (تو وٽ چراغ ٻري ٿو ۽ گھر ۾ ساٿي به آهي)
    تو مار اچهي ڊانگا امار اچهي جول
    (تو لاءِ زمين آهي ۽ مون لاءِ پاڻي)
    تو مار بوشي ٿاڪا امار چولا چول
    (تولاءِ آرام آهي مون لاءِ هميشه جوهلڻ.) ـــ ٽئگور

    سڀاڻي اسان کي زمين نظر ايندي، جا بنگال جي سرزمين آهي. ٽئگور جو ديس، نظرالاسلام جو ديس. اها ڌرتي جتي مون جهاز هلائڻ جي هنر جي بنيادي تعليم ۽ سکيا حاصل ڪئي. چٽگانگ مون لاءِ ايترو ئي پيارو آهي جيترو پيٽارو. گھڻن ڏينهن بعد جڏهن زمين جو ڪنارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ان وقت ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. زمين جي نظر اچڻ کان اڳ ’سي گل‘ Sea-Gull پکي نظر ايندا آهن. جي ڪبوتر کان وڏا اڇي رنگ جا ٿين. اڏامي به سگھن ته تري به سگھن. گذران لاءِ پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي مڇيون ڦاسائي کائين يا جهاز تان اڇليل بچيل کاڌو کائين. هي ڪڏهن ڪڏهن ته سؤسؤ ميلن جو مفاصلو به طيءِ ڪري ايندا آهن. پوءِ جهاز سان گڏ ڪناري ڏي اڏامندا آهن. ٿڪجي پوندا آهن ته وري ترڻ شروع ڪندا آهن. اڄڪلهه رستي ڳولڻ لاءِ جهاز تي انيڪ قسم جا اوزار ۽ آلا آهن، پر پراڻي زماني ۾ ۽ اڄ به پراڻي قسم جا ماڻهو، جهاز وارا يا ڀٽڪيل مسافر، هنن پکين کي ڏسي خوشيون ملهائيندا آهن ته هاڻي زمين ويجھي آهي، ۽ صحيح رستو وٺي آيا آهيون. هن پکيءَ کان علاوه هڪ مڇي جيڪا ’گڏهه مڇي‘ جي نالي سان سڏبي آهي ۽ ان کي مارڻ ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن جهازن جا حادثا ٿيندا آهن ته هيءَ مڇي ٻڏندڙن جي چؤگرد ڦرندي آهي ۽ بچائڻ ۾ مدد ڪندي آهي.
    چڱو وڌيڪ ٻئي دفعي. ڊيوٽيءَ جو وقت ٿي ويو آهي، چئن ڪلاڪن لاءِ جهاز هلائڻ جي منهنجي واري هاڻ اچي وئي آهي.


    ــــــ تنهنجو پنهنجو


    ڪولمبو (سلون)

    اسان جو هتي ڪولمبو اچڻ جو پروگرام بلڪل ڪونه هو، پر تيل وٺڻ خاطر ٻن ڏينهن لاءِ ترسيل آهيون. هاڻي ممباسا مان تيل نه وٺنداسين. اسان جي جهاز تي روزانو تيل جي کپت اٽڪل ٽيهه ٽن کن آهي. جهاز ۾ تيل لاءِ ڪافي جڳهه ٿئي ٿي ۽ اٽڪل پنڌرهن سؤ ٽن رکي سگھجي ٿو، جو پنجيتاليهه ڏينهن لاءِ ڪافي آهي. هاڻي جيڪر اسان چاهيون ته رستي تان تيل کڻن بنا آمريڪا تائين وڃي سگھون ٿا. آمريڪا پهچڻ لاءِ ٻه رستا آهن، هڪ ته هي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي وڃون يا جپان پاسي کان ڦري پئسفڪ سمنڊ جھاڳي وڃون. پهريون رستو ٿورو ڏکيو آهي، جو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ گھڻو ڪري جوش ۽ طوفان ٿا رهن پر جيئن ته اهو ننڍو آهي سو اهو اختيار ڪنداسين. پئسفڪ سمنڊ تمام ماٺو آهي پر وڏو هئڻ ڪري وڏو ڦيرو ڪرڻو پوندو، جو جهاز جي ڪمائيءَ جي لحاظ کان مناسب نه رهندو. دنيا ۾ سڀ کان خراب سمنڊ ائٽلانٽڪ آهي. جهڙو تهڙو جهاز ته اهو پار ڪري نٿو سگھي. ڪڏهن ڪڏهن تي اتي ايڏيون وڏيون ڇوليون اچن ٿيون جو پاڻي جهاز مٿان لنگھي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪمزور ۽ پراڻا جهاز (خاص ڪري تيل جا جهاز (Tanker) جي ڪافي ڊگھا ٿين ٿا) هن سمنڊ ۾ ڇولين جو مقابلو نه ڪندي، وچ مان ٻه اڌ ٿيو پون. ان کان علاوه طوفان ۽ مستقل سخت هوائون وڏن وڏن نيويگيٽرن جون به وايون بتال ڪريو ڇڏين. شايد اهو ئي سبب آهي، جو انسان هن سمنڊ تي دير سان ۽ آخر ۾ فتح حاصل ڪئي ۽ سڄي دنيا ڳولڻ بعد هي سمنڊ لتاڙي آمريڪا کنڊ کي لڌو ويو. اڳئين زماني ۾ اهو سمجھيو ويندو هو ته هن سمنڊ جو ڪو ڪنارو نه آهي ۽ اتي وڃي ڇوڙ ڪري. جتي وڃي دنيا دنگ ٿئي ٿي. پر پوءِ هن سمنڊ پار ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته ڌرتي گول آهي.
    اسان ڪولمبو مان ڪيترن ئي قسمن جو تيل وٺي رهيا آهيون. جنهن تيل تي جهاز واري انجڻ هلي ٿي، ان کي مئرين آئل يا هيوي آئل Heavy Oil سڏجي ٿو جيڪو بلڪل ڪچو، جنهن صورت ۾ زمين مان نڪري ٿو، ذري گھٽ ان ۾ ورتو وڃي ٿو. اهو سستي ۾ سستو ٿئي. شڪل ۽ پاڻيٺ ۾ بلڪل ڏامر جهڙو، ان کي صاف ۽ پٽڙو ڪري استعمال ۾ آڻڻ لاءِ اسان وٽ جهاز تي الڳ مشينون آهن. جهاز جا جنريٽر، لائيف بوٽ انجڻ ۽ ايمرجنسي فائر پمپ وغيره ڊيزل آئل تي هلن جو عام ڊيزل آئل سان ملندڙ جلندڙ ٿئي ٿو ۽ ڪافي مهانگو ٿو پوي. انهن کان علاوه مختلف مشينن کي چڪنو رکڻ لاءِ مختلف ليوبريڪيشن آئل Lubrication-oil آهن. مثال طور: ملينا، اليڪسيا، تلپا، تلونا، وغيره وغيره....
    اسان جي جهاز کي جيڪا انجڻ هلائي ٿي، ان جو نالو Sulzer آهي. هيءَ نَوَ هزار ڇهه سؤ هارس پاور جي آهي. انهيءَ طاقت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته هي اسڪوٽر ۽ موٽرسائڪلون فقط اڌ کان ڏيڍ هارس پاور تائين مَس ٿين. ان انجڻ کان علاوه چار وڏا جنريٽر آهن. جنريٽر جو ڪم آهي اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ، جنهن تي ٻيون ننڍيون ننڍيون مشينون، انجڻيون ۽ پمپ هلائيندا آهيون. اهي مڙئي جنريٽر ايتري اليڪٽرڪسٽي پيدا ڪري سگھن ٿا جا هڪ ڳوٺ لاءِ ڪافي آهي ۽ انهن کي لڳاتار مهيني ٻن لاءِ بنا روڪڻ جي هلائي سگھجي ٿو. سمنڊ تي هوندا آهيون ته ٻه جنريٽر هلائيندا آهيون نه ته بندرگاهه ۾ هڪ ڪافي رهي ٿو. سرد ملڪن ۾ تيل ۽ پاڻيءَ کي گرم ڪرڻ لاءِ Boilers آهن جن ۾ طاقتور ٻاڦ پيدا ڪري سگهجي ٿي. اهي پڻ ڊيزل آئل تي ٻاريون. ان کان سواءِ جهاز جا بورچيخانا ۽ بيڪريون پڻ ڊيزل آئل تي يا الڪٽرڪ تي هلن. سڄي انجڻ روم پنج ماڙ آهي ۽ ايڏي ڪشادي آهي، جو هڪ ئي وقت جيڪر پنج سؤ کان به مٿي موٽر ڪارون هڪ ٻئي مٿان ۽ پاسن کان بيهاري سگھن ٿيون.
    ڪولمبو قدرتي طرح اهڙي هنڌ تي آهي، جتان اٽڪل هر جهاز جو لنگھه ٿئي ٿو. هتي تيل جون وڏيون وڏيون ڪمپنيون آهن ۽ بنا ڊيوٽي ۽ ٽئڪس جي تيل وڪامي ٿو، ان ڪري هر وقت هتي جهازن جي قطار لڳل هوندي آهي. اسان جي جهاز جي هڪ پاسي انگريزن جو مال بردار جهاز بيٺو آهي ۽ ٻئي پاسي يوناني جهاز آهي. ڪوبه گدلو جهاز ڏسين ته يوناني سمجھجهانءِ. انهن تي هر قسم جا ماڻهو ملندءِ. انهن تي ڪوبه ڊسيپلين نه هوندو آهي ۽ اڪثر مست جهاز سڏيا ويندا آهن.
    لنگر ڪيرائڻ سان اسان پارٽي ڪئي ۽ ٻين جهازن جي آفيسرن ۽ ڪولمبو جي معزز ماڻهن کي دعوت ڏنيسين. چڱو رنگ رهيو. سڄي جهاز کي ڪنوار وانگر سينگاريو هئوسين. رنگين بلبن جي روشنيءَ ۽ ڀڙڪندڙ ڪپڙن جي چمڪ، فضا ۾ ڪيترن ئي قسمن جي عطرن جي وکڙيل خوشبوءِ ۽ خوبصورت چهرن، چؤطرف چهچٽو لڳائي ڇڏيو هو. چؤڌاري حسن نظر اچي رهيو هو.
    فضا ۾ عجيب مهڪ ۽ خوشبوءِ مچيل هئي. مون سان سڄو وقت هڪ انگريز انجنيئر گڏ هو. ٿوري ئي وقت ۾ ڏاڍو دوست ٿي ويو. مون کي دراصل انگريزن جي دوستيءَ ۽ ڊپلوميسيءَ ۾ ڪوبه فرق نظر نه ايندو آهي. شروع ۾ مونکان منهنجي ملڪ بابت پڇا ڪيائين. ”پاڪستان ڪٿي آهي؟“
    ڏاڍي کل آيم. چيومانس: ”توهان ننڍي ٽهي ڪهڙي آهيو؟ توهان جا ابا ڏاڏا ته وڏا هوشيار هئا، اسان جي ملڪ ۾ پهچڻ کان اڳ کين اسان جي ملڪ جو رستو، اوڻاين پوڻاين ۽ ساده مزاجي (بيوقوفيءَ جي حد تائين) جو علم پئجي چڪو هو. توکي اها به خبر ناهي ته اسان جو ملڪ ڪٿي آهي.“ ڏاڍو شڪي ٿيو. ڦڪو ٿي چوڻ لڳو: ”نه يار اهڙي ڳالهه ناهي. ننڍي هوندي جاگرافيءَ ۾ پڙهيو هوم.“
    دل ۾ سوچيم ته پڇيانس ته 1947ع کان اڳ ۾ پڙهيو هئي يا پوءِ. ڪجھه دير ترسي چوڻ لڳو: ”ٻڌو اٿم ته توهان جي ملڪ جا ماڻهو ڏاڍا مهمان نواز آهن.“
    ”ان مهمان نوازيءَ ئي ته اسان کي سؤ سالن جي لاءِ غلام بڻايو ۽ توهان کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو.“
    ”اسان توهان تي حڪومت نه، پر تهذيب سيکاري“
    ”واقعي منهنجا گورا ڀاءُ، توهان اسان کي تهذيب سيکاري. هي مرد ۽ عورت جي بي حجابي، چيلهه ۾ هٿ وجھي ، جسم جسم سان ملائي نچڻ، هي مدهوشِي، هي بيشرمي ۽ بيحيائي جيڪڏهن تهذيب آهي، ته پوءِ توهان اسان کي گھڻو ڪجھه ڏنو آهي. پر ڇا اسان لٽايو ۽ وڃايو، ڪاش ان جو به ڪو حساب لڳائي سگھي.“
    خبر ناهي ڇو ڪي ڪي ڳالهيون بنا سوچي سمجهي ڪيون وينديون آهن ۽ بنا سوچي سمجھي ٻڌيون وينديون آهن ۽ اها رات شايد اهڙين ڳالهين جي لاءِ وقف ٿيل هئي، جا اهڙين ڳالهين ۾ گذري وئي.
    ادا، ڪولمبو جا ماڻهو قد جا بندرا، رنگ جا ڪارا ۽ ڏٻرا آهن. قومي زبان سنهالي اٿن، جا ريڊيو سلون تان شام جو ساڍي ڇهين کان اڳ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. هتي ساوڪ ڏاڍي آهي. سڄو شهر سوپارين، ناريلن ۽ رٻڙ جي وڻن سان جھنجھيو پيو آهي. هونءَ به قدرتي اصول آهي ته جيترو خط استوا جي ويجھو اوتري گرمي ۽ گھم گھڻي. خط استوا (Equator) اها خيالي ليڪ آهي، جا دنيا جي گولي جي پوري وچ مان لنگھي ٿي ۽ دنيا کي ٻن حصن، ’اتر اڌ گول‘ ۽ ’ڏکڻ اڌ گول‘ ۾ ورهائي ٿي. ان ليڪ جي هڪ پاسي يعني انگلنڊ، جرمني، هندستان، پاڪستان وغيره ۾ سيارو آهي ته ليڪ جي ٻئي پاسي وارن ملڪن جهڙوڪ آسٽريليا، نيوزيلنڊ وغيره ۾ اونهارو ٿئي. ڪولمبو پاڪستان کان وڌيڪ خط استوا جي ويجهو آهي. سنگاپور، اندونيشيا، ڪينيا ته بلڪل خط استوا تي آهن. تنهنڪري اتي تمام وڏا ڊگھا وڻ ۽ گاهه ٿئي، زياده بارش ٿئي. ان ڪري زياده ٻيلا ٿين. ٻيلن جي ڪري زياده جانور ۽ پکي ٿين.
    دنيا جي بهترين چانهه ڪولمبو ۾ ٿئي ٿي. ان کان علاوه سوپاريون، کاڄا، گرم مصالحا به جام ٿين ۽ تمام سستا وڪامن ٿا. ڪولمبو، سنگاپور، انڊونيشيا، آفريڪا ويندي ويسٽ انڊيز ۾ توکي سنڌي هندو دڪاندار ۽ واپاري ملندا. هيرآباد جي عامل ڪالونيءَ جي هڪ عورت نرملا ديوي پڻ هتي ڪافي عرصي کان رهيل آهي. پاڻ هتي جي وڏن واپارين مان هڪ آهي. سندس هڪ تمام وڏو ڊپارٽمينٽل اسٽور بندرگاهه وٽ آهي. جنهن تي هرقسم جو سامان ڪپڙو، عطر، رومال ۽ زيورن جي لاءِ هيرا جواهر ۽ ٻيون ڪيترون شيون وڪامن ٿيون. سڄو ڪاروبار پاڻ هلائي ٿي. سيپٽمبر جي جنگ کان گھڻو اڳ اسان جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج طرفان سي اسڪائوٽنگ جي لاءِ انڊيا ويا هئاسين ته ڪلڪتي جي هڪ سئنيما هال ۾ پاڻ ۽ سندس ستر سالن جو مڙس مليا هئا. پنهنجي ديس کان پري پنهنجي ديس واسي سان ملي، خوشيءَ جو اندازو ان وقت مون پهريون دفعو لڳايو هو. ڌارين ملڪن ۾ غلط سلط انگريزي ڳالهائڻ بعد ڪنهن سان پنهنجي زبان ۾ ڳالهائڻ ۾ ايترو ئي مزو اچي ٿو جيترو گھڻي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ گھر پهچي سوڙهي بوٽ کي لاهڻ ۾. اسان اها فلم ته نه ڏٺي. پر زور زور سان ڳالهائي ڀرپاسي ويٺلن کي به ڏسڻ نه ڏنيسين.
    ان مختصر ملاقات کان پوءِ اڄ اٺن سالن بعد ڪولمبو ۾ ملياسين. جيتوڻيڪ وقت تمام ٿورو هو پر مون هن سان ملڻ ضروري سمجھيو. مون وٽ تحفي ڏيڻ جي لاءِ ٻي ته ڪا قيمتي شيءِ ڪانه هئي، سواءِ هالا جي اجرڪ جي. سندس دڪان تي ملڻ ويس. خبر پئي ته سخت بيمار آهي ان ڪري گھر ۾ ئي رهي ٿي. گھر آيس. منهنجي اچڻ جو ٻڌي اٿي ويٺي. ٻڍاپي ۽ ڪمزوري سبب سڄي ڌڏي رهي هئي. هوءَ ذري ذري حيدرآباد، شڪارپور ۽ سکر جون خبرون پڇڻ لڳي. شڪارپور ۾ فلاڻو مشهور آچار ۽ ڪلفي اڃا ملي؟ هيرآباد ۾ فلاڻي هنڌ هڪ ٿلهو هوندو هو جتي اسان ننڍي هوندي راند ڪنديون هيوسين. اهو اڃا آهي؟ ڊومڻ واهه ڀرسان فلاڻي شيءِ آهي، فلاڻو مندر آهي. سنڌ ۾ چندر ۽ جيوڻي ٻائيءَ جا رڪارڊ اڃا وڄندا آهن؟ ۽ ٻيا ڪيترا ان قسم جا سوال...
    پنهنجي ملڪ کان پري رهي، هر انسان پنهنجي وطن جي هر شيءَ کي ياد ڪري ٿو. پنهنجي وطن جي خراب شيءِ به ٻاهر سٺي لڳي ٿي، خاص ڪري پنهنجي ڳوٺ جي. جيئن هن وقت منهنجي دماغ ۾ ڳوٺ جي هر ڪا شيءِ ڦري رهي آهي........ شام جي وقت اسٽيشن روڊ تي ٿڌي هوا. احمد نونيءَ جا ڪواب، درياءَ جو ڪنارو، ڪشادي هوادار درگاهه ۽ ان جي مٽڪن جو ٿڌو پاڻي، شمن جو دڪان، اسڪولن جو شاندار ۽ وڏيون عمارتون ۽ پڪا رستا ـــ توبہ نعوذباالله نه هئا نه آهن. ادا معاف ڪجانءِ. ذرا جلديءَ ۾ اسڪولن ۽ رستن جي تعريف لکي ويس. ها، سو مون توسان ڳالهه نرملا ديويءَ جي پئي ڪئي، جا آخري پساهن ۾ هوندي به هيرآباد جون ڳالهيون ٻڌي باغ باغ ٿي رهي هئي. آءُ کيس مختصر طور هر سوال جو جواب ڏيندو رهيس. ڪي ڪي ٻارن جهڙا سوال هئا. ڪي گھري سوچ ۽ فڪر بعد جواب ڏيڻ جهڙا سوال. ڪي اندر ۾ اڌما ۽ ولوڙ پيدا ڪرڻ جهڙا سوال هئا ته ڪي سوال فقط ڪيا ويندا آهن، جن جو ڪوبه جواب نه ٿيندو آهي. ڪن سوالن جو جواب مسڪراهٽ هوندو آهي.
    ادا هي خط جو آخري حصو آءٌ ڪولمبو جي هڪ مقامي هوٽل مان لکي رهيو آهيان. هيءَ هوٽل هڪ ٽڪريءَ تي آهي. هتي ڪيتريون ئي هوٽلون تمام سهڻين جڳهين تي آهن. چؤڌاري ساوڪ ۽ سمنڊ آهي. پري پري تائين ٻيڙيون تري رهيون آهن ڄڻ ته هوٽل جي سافٽ ميوزڪ ٻڌي لمي رهيون هجن. اسان جو جهاز به بلڪل چٽيءَ طرح نظر اچي رهيو آهي. ڏکڻ طرف تمام پري پري کان هڪ جهاز نمودار ٿيو آهي ۽ هن طرف وڌي رهيو آهي. سڀاڻي اسان به ڪولمبو کي خيرباد چئي ان طرف ڪوچ ڪنداسين ۽ افق جي پٺيان گم ٿي وينداسين. چڱو وڌيڪ ٻي فرصت ۾.

    گھڻي سڪ وچان.


    چٽگانگ

    چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ اسانجي جهاز کي ٽيون رات اندر اچڻ جي جڳهه ملي. ٻه ڏينهن اڳ بندرگاهه کان پنڌرهن ميل کن پري اچي لنگر ڪيرايوسين. جيسين اندر جڳهه خالي ٿئي. بري ۽ هوائي آمدرفت سان گڏوگڏ بحري ٽرئفڪ به ايتري وڌي وئي آهي، جو دنيا جي هر بندرگاهه تي اندر گھڙڻ کان اڳ ڪجھه ڏينهن ٻاهر انتظار ڪرڻو پوي ٿو، جيسين وارو اچي. چٽگانگ ۾ هن کان اڳ به ٻن سالن لاءِ آءٌ رهي چڪو آهيان. ان ڪري چٽگانگ سان منهنجيون ڪيترون ئي ڪڙيون مٺيون يادون وابسته آهن. نه صرف چٽگانگ سان پر سڄي بنگال سان. هينئر پورن چئن سالن بعد آيو آهيان. ڪافي تبديليون نظر اچي رهيون آهن. شهر ۽ آسپاس وڌيڪ سهڻو ٿي پيو آهي. جيتري ترقي بنگال ۾ هن موجوده (ايوب خان جي) دؤر ۾ ٿي آهي، اوتري ڪڏهن نه ٿي. بپني بتن (ٽي منزله خوبصورت مارڪيٽ) جهڙي مارڪيٽ هن وقت سڄي پاڪستان ۾ نه آهي. ان کان علاوه اسٽيل مل، بندرگاهه ۽ ريلوي اسٽيشن ڏسڻ وٽان آهن. ڪاش تون به هجين ها ته بپني بتن ۾ گڏجي شاپنگ ڪريون ها. الماس ۽ خورشيد محل سئنيمائن ۾ فلمون ڏسون ها، خيام هوٽل ۾ پاڳلن وانگر ڊانس ڪيون ها. بشير وانگر هٿ هٿ ۾ ڏئي راز جون ڳالهيون وچ رستي تي، سنڌيءَ ۾ زور زور سان ڪريون ها، (ڇوته هتي ڪوبه سنڌي سمجھڻ وارو ڪونهي). چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن سان پڪنڪ ۾ گڏ حصو وٺون ها. چيني هوٽل ۾ گانگٽ ۽ ڪيڪڙا کائون ها. خدا جو قسم مزو اچي وڃي ها.
    هتي ڪي ڪي ڳالهيون اهڙيون ٿينديون آهن، جو ڏاڍي کل ايندي آهي. مثال طور منهنجي هڪ انجنيئر ساٿي کي اهو وهم ويٺل آهي ته جهاز جي انجڻ جي گوڙ ڪري اسان روز بروز ٻڌڻ جي طاقت وڃائي رهيا آهيون. هڪ دفعي انجڻ روم ۾، جنهن وقت هن ٽيليفون کنيو، ان وقت اتفاق سان خراب هو ۽ چٽيءَ طرح ٻڌي نه سگھيو جو بعد ۾ ٺيڪ ٿي ويو ۽ مون کنيو ته صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. پر هن جوان جو شڪ ٿوري پڪ ۾ بدلجي ويو.
    ڪالهه چٽگانگ جي نيومارڪيٽ ۾ ڏاڍو مزو ٿيو. ڪتاب پئي ورتاسين، هڪ ڇوڪري به ڀر ۾ بيهي پنهنجي پسند جا ڪتاب پئي ڳوليا. سڀ پنهنجو پاڻ ۾ مشغول هئاسين. ٿوري دير بعد مون کي آڱر سان اشارو ڪيائين ته، ”ڇوڪريءَ ڇاچيو؟“
    ”الائي، آءٌ ته پري بيٺو آهيان. توکي ڪجھه چيائين ته وري کڻي پڇينس.“ مون وراڻيومانس.
    تنهن تي منهنجي دوست هن طلائي مڇيءَ جهڙي چست ۽ سمارٽ بنگالي دوشيزه ڏي مڙي بنگاليءَ ۾ پڇيس، ”مِس! تُمي ڪِڇُو بولِڇو؟“ (محترمه توهان ڪجھه چيو.....؟)
    ڇوڪريءَ قهري نگاهن سان جيئن ئي ڏٺو ته آءٌ ڊڄي ويس ته اجايو ستل ڪتن کي ٿڏا هنيا اٿئون پر پوءِ هن ڪنڊ ۾ رکيل پيڪدان ۾ ٿڪ اڇلي چيو:
    ”اَمي ڪِي پاگول هوئي، گيسي، ڪي تُماڪي بولبو! اَمي تو پان کائتسي.“ (منهنجو دماغ ته خراب نه ٿيو آهي، جو خواهمخواهه توکي ڪجھه چوندس، آءٌ ته پان کائي رهي آهيان.)
    جهاز تي منهنجي پاسي واري ڪئبن ۾ زمان رهي ٿو. کيس ٽيپ رڪارڊر آهي جيڪو صبح شام، آنڌيءَ مانجھيءَ، مهلو ڪمهلو وڄندو رهيو ٿي ۽ ساڳيا گانا ساڳي Sequence ۾ فل آواز ۾ وڳا ٿي. گانا به وري ڪهڙا ـــــ’مين ني ڪها سلام عليکم‘، ’ڀاڀي نهين تو ميري مان هي‘، ’گول گپي والا آيا‘، ۽ ٻيا اهڙي قسم جا گانا جن کي هر هر ٻڌي چريو ته چريو ٿئي پر سنئون به چريو ٿئي. ڪيترو سمجھايوسين ته اسان جي ننڊ ٿي ڦٽي، موڊ ٿي آف ٿئي ۽ نثار وسطڙي وانگر هٿ (ٻانهن سميت) ٻڌي ليلايوسين، ”هيڏانهن او هيڏانهن. واسطي الله جي معافي ڏي، مٿي ۾ اٿئون سُور، ڏاڍو.“ پر حرام سوئر جو ٻڌي.
    اڄ صبح جو اٿڻ سان اسان جي گھٽيءَ ۾ قبرستان جي خاموشي هئي. دل ۾ چيم ته شڪر آهي، اسان تي رحم آيو آهيس. پر پوءِ معلوم ٿيو ته ڪو ٻيو انجنيئر ٽيپ رڪارڊر جي ربن مٿان چقمق (Magnet) ڦيرائي، سڀ گانا ڊاهي ويو اٿس ۽ هي انهيءَ فڪر ۾ آهي ته گانا اوچتو غائب ڪيئن ٿي ويا. (دراصل ٽيب جي ربن ۾ لوهه جا تمام سنها سنها ڊگھا ٽڪرا ٿيندا آهن جي آواز ٽيپ ڪرڻ وقت ان مطابق پاسيرا ڪنڊائتا ۽ سڌا ٿي بيهندا آهن.) چقمق ڦيرائڻ سان اهي ذرڙا پنهنجي پهرين پوزيشن وڃائي، چقمق جي ڇڪ مطابق ٿي بيٺا ۽ اسان جو جوان ۽ اسين آواز لاءِ سڪندا رهياسين. رات سندس ئي اڳيان ڪنهن رومال ۾ چقمق ويڙهي ٻن سيڪنڊن لاءِ گھمايو ۽ اتي جو اتي گانا ختم ٿي ويا.
    جهاز ۾ سڀ کان مزيدار انسان ڊاڪٽر آهي. کيس ڊاڪٽريءَ کان علاوه سڀ ڪجھه اچي ٿو. ڪڏهن ڏس ته اليڪٽريڪل انجنيئر سان بجليءَ تي پيو بحث ڪندو، ته ڪڏهن مڪينڪل انجنيئر سان مشين جي مڪينزم پيو سمجھندو. ڪراچيءَ ۾ هڪ جرمن انجنيئر آيو هو، جو اسان سڀني انجنيئرن کي هن جهاز بابت سمجھائي رهيو هو ته هن جي اسٽيرنگ گيئر Steering Gear ڪيئن ٿي ڪم ڪري. ڊاڪٽر صاحب ڪو اچي لنگھيو. ميڙ ڏسي پاڻ به اسان سان شامل ٿي ويو. وري ان تي طرو اهو ته اسان کان به وڌيڪ سوال هي پيو پڇي. ڪالهه سگنلنگ Signaling سکي رهيو هو. ٿوري ٿوري ٻڌو اٿم ته سمگلنگ به ڪندو آهي. مثال طور: ڪراچيءَ مان سوپاريون ۽ ڦوٽا وٺي سلون ۾ مائٽن کي وڪڻي ڏيندو آهي (جتي خود سستا آهن). يا چٽگانگ مان واچون وٺي دبئي يا عمان ۾ پنهنجي ڪاليجي ڊاڪٽرن جي مٿي ۾ هڻندو آهي. هر دفعي چڱو چوکو نقصان رسندو اٿس. ڪڏهن به مون کيس مريض تپاسيندي يا دوا ڏيندي نه ڏٺو. ان ڪري اسان جي شعور ۾ اها ڳالهه ئي ويٺل ڪانهي ته ڊاڪٽر صاحب جو اصل ڪم ڪهڙو آهي. هڪ ڏينهن سڀ دوست گڏ ويٺا هئاسين. هڪ جي طبيعت خراب هئي، سو ريڊيو آفيسر سان صلاح مشورو ڪري رهيو هو ته پيٽ ٺيڪ نه اٿم. انٽرو وايوفارم گوريون کانوان يا سلفا گونوڊن؟ ڪنهن کي به اهو خيال نه رهيو ته سڄو سارو ڊاڪٽر ويٺو آهي، هي آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهي ۽ پاڻ به وري اهڙو ڪڇي جهڙي ڀِتِ. ڄڻ ته ڊاڪٽري جي ’ڊ‘ کان به واقف نه هجي.
    هڪ ڏينهن سنجيدو ٿي سمجھايومانس ته پنهنجي ڌنڌي سان شوق رک، نه ته اهي افعال رهي ته ائناٽامي کان وري شروع ڪرڻو پوندءِ. پٺيان ڪو ٻڌي رهيو هو تنهن ٽوڪ طور چيو: ”ائناٽامي.....؟ هون! ـــ ڏهين جماعت جي ’علم بدن‘ کان.“ ۽ سڀ کلڻ لڳا.
    هونءَ ويچارو آهي ڏاڍو شريف. ٻين جي آرام جو ڏاڍو خيال ٿيندو اٿس. ڪڏهن به بي وقت ملڻ ايندو ته دروازي تي آهستي آهستي ائين کٽ کٽ ڪندو، ڄڻ ته ڪنهن مريض جي Abdomen کي ٺونگا هڻي تپاسي رهيوهجي. جُوا ۾ آخر تائين توڙ ڪرڻ ته ڪو کانئس سکي. سڄي سڄي رات ويهي صبح ڪندو. فلئش پئي هلندي. ڊالر ختم ٿيندا ته روپيا. روپيا ختم ٿيندا ته سگريٽ نڪرندا. سگريٽ کٽا ته ڪوڪاڪولا جي ٻاٽلين ته به ڪم ساڳي زور شور سان پيو هلندو ۽ پوءِ انهن جي ڍَڪن تي. ڪيرم يا ڪنهن ٻي راند ۾ ڪنهن رانديگر جي کوٽ ٿيندي ته سڀني کي ڊاڪٽر جو وجود ياد ايندو.هن کي وڃي ننڊ مان به اٿاري ايندا. واندو ماڻهو جو ٿيو. هونءَ به راندين ۾ ته ڀڙُ آهي. پنهنجي ڪاليج جي هاڪي ، ڪرڪيٽ ۽ فوٽ بال ٽيم جو ڪئپٽن هوندو هو. ٻئي سال فيل ٿي پيو. پر ’فارماڪالاجي‘ جي پروفيسر ــ جيڪو راندين جو انچارج هو، پاس ڪري ڇڏيس. ٿرڊ ايئر ۾ ڊراما ۽ ڪاليج فنڪشن ۾ زور شور سان حصو ورتائين. سالياني ’سئمنگ گالا’ ۾ نمبر کنيائين. پئٿالاجي جي پروفيسر (جنهن کي پئٿالاجيءَ کان وڌيڪ پيار ڊرامن ۽ سئمنگ گالا سان هو) کي صبح شام سلام ڪندو هو ۽ نتيجي کان اڳ کيس ڀروسو هو ته ٿرڊ ايئر جي مصيبت به ٽري. چوٿين سال ۾ امتحان نه ٿيس. آخري سال ۾ جورس پروفيسر جي ٽيون نمبر ڪاري ڌيءُ ۽ ميڊيسن جي پروفيسر جي وڏي ڌيءُ (جنهن سان ڪو شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو) سان هڪ ئي وقت عشق ڪيائين. چڱو خوبصورت جوان آهي. امتحان جي رزلٽ نڪرڻ تائين ٻنهي ڌرين کي الڳ الڳ شاديءَ لاءِ ڏٽا ڏيندو رهيو. ان بعد کين ائين ڏسڻ لڳو. ڄڻ چئي رهيو هجي ته معاف ڪجو، مون شايد اوهان سان گذريل جنم ۾ پيار ڪيو هجي ته هجي، هي جنم منهنجو جنم آهي، جنهن ۾ گذريل جنم جون غلطيون ڪرڻ نٿو چاهيان.
    پڙهڻ ۾ اهڙو صفا چٽ به نه هو، گائني جهڙن سبجيڪٽن ۾ ته اعزازي نمبر کنيائين. سندس ڪلاس ميٽ اڃا به چوندا آهن ته Gynecology by Jeffcords ڪتاب ته ڄڻ ته پاڻ لکيو هجيس، جيتوڻيڪ ’سرجري باءِ لو اينڊ بيلي‘ ۽ ’ميڊيسن باءِ ڊئوڊسن‘ جهڙن مشهور ڪتابن جا سوين صفحا سندس شڪل کي ترسندا رهيا. تعليم بعد ڪجهه وقت هائوس جاب ڪيائين پر غلط سلط ائناٽامي وارن مريضن ۽ سڪل ڇاتين وارين نرسين کي ڏسڻ سان اڇت ئي دل کٽي ٿي پيس. اسپتال جو گندو ماحول ڇڏي جهاز جي وڌيڪ گندي ماحول ۾ اچي نڪتو. کيس دنيا ڏسڻ جو شوق هو جيڪو ائين پورو ٿي سگهيو ٿي. بهرحال اڄ جيڪڏهن اسان وٽ هي ڊاڪٽر نه هجي ها ته اسان جون ڪچهريون اڌوريون رهجي وڃن ها. ڪيرم ۽ ٽيبل ٽينس راند جا هفتيوار پروگرام فنا ٿي وڃن ها.
    منهنجو هن جهاز تي سڀ کان پڪو دوست اڪبر آهي. پنهنجي ڪم سان ڏاڍو چاهه اٿس. سخت محنتي ۽ سخت جان آهي. مشڪل وقت اچڻ تي رات ڏينهن ڪم ڪندي به نه ٿڪبو آهي. اوجاڳي، پورهئي ۽ هرڳالهه جو پڪو آهي، سواءِ بک جي. مانيءَ جو وقت ٿيو ته پوءِ دنيا جي ڪابه طاقت کيس ترسائي نه سگھندي. کائڻ جو به مڙس ماڻهو آهي. وات اندر وڏا وڏا گرانهه ائين وجھندو آهي، ڄڻ مينهن کان ٽپڙ اندر ڪجن.
    هر شهر جي وڏي ۾ وڏي هوٽل ۾ ماني کائڻ سندس خاص هابي آهي. پئسا چاهي پورا پُنا هجنس، پر بل هميشه پاڻ ادا ڪندو آهي. پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ جو شرف هميشه مون کي حاصل ٿيندو آهي. پر آءٌ ڀڄندو رهندو آهيان ڇو جو جڏهن ماني کائي ٻاهر نڪرندا آهيون ته آءٌ هميشه پگھر ۾ شل هوندو آهيان، جو هن جي ٻين عادتن سان گڏ اها عادت پڻ آهي ته هوٽل مان نڪرڻ وقت ڪانٽا، ڇريون ۽ چمچا پنهنجي کيسي ۾ به وجھي نڪرندو آهي ته منهنجي ۾ به. ۽ پوءِ ٻاهر نڪرڻ وقت ظاهر آهي منهنجون ٽنگون ائين پيون ڏڪنديون آهن ڄڻ ڀنگ پيون ڇاڻين. ذري ذري پٺيان پيو نهاريندو آهيان ته ڪو هوٽل جو بئرو جھلڻ جي لاءِ ته ڪونه ٿو اچي. ان ڪري ئي هن سان گڏ ماني کائيندي ڪيٻائيندو آهيان جو آخر ۾ مزو ڪرڪرو ڪري ڇڏيندو آهي.
    پنهنجو حال ڀائي مون کي ٺاهيو اٿس. اصل ڦاسي ويو آهيان. پنهنجي ناڪام عشق جو قصو ــ اڃا به ”اصل وڏو قصو“، پنجويهه دفعا ٻڌائي چڪو آهي. مون کي به سمجھه ته الف کان ي تائين برزبان ياد ٿي ويو آهي. ايتري قدر جو اهو ورجائيندو پاڻ ڪٿي هٻڪندو يا ڀلبو آهي ته آءٌ لقمون ڏيندو آهيان ته پوءِ هن توکي هيئن چيو يا تو هن کي هيئن چيو. هميشه پنهنجا احسان پيو جتائيندو آهي، ته: مون هن خاطر هي به ڪيو، هو به ڪيو. هاڻ ڀلا کيس ڪير سمجهائي ته عورت اها شيءِ آهي جنهن لاءِ سيزر پنهنجي لشڪر کي به وساري ڇڏيو. بهرحال جاني مڙس آهي. دل جو صاف ۽ وفادار دوست آهي. سڄي جهاز جي رونق سندس دم (۽ جنريٽر مشين) سان آهي.
    چڱو ادا، هاڻ ته ڪافي رات لڙي چڪي آهي. ٿوري دير سمهي وٺان ڄاڻ ته منهنجي واچ (ڊيوٽيءَ) جو ٽائيم ٿيو.


    لفٿنسا ايئر لائين

    هن وقت هي خط جرمن هوائي ڪمپني لفٿنسا جي بوئنگ هوائي جهاز مان لکي رهيو آهيان، اٽڪل ستٽيهه هزار فوٽن جي بلنديءَ تي ڇهه سؤ ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان روم (اٽلي) طرف اڏامي رهيو آهي. چند گھڙيون اڳ اسان مصر جي هوائي اڏي قاهرا تان پرواز ڪيو. مصر جي وقت مطابق هن وقت رات جا چار ٿيا آهن. مصر جو وقت پاڪستان جي وقت کان ٽي ڪلاڪ پٺتي آهي. هتي پاڻ کان ٽي ڪلاڪ پوءِ سج اڀري ۽ لهي ٿو. ان ڪري تو وٽ صبح جا ست وڄي چڪا هوندا ۽ سج پوري آب تاب سان اوڀر ڏي چمڪي رهيو هوندو، پر هتي اڃا آسمان تارن سان جھنجھيو پيو آهي.
    توکي تعجب لڳندو ته آءٌ سمنڊ سان تعلق رکندڙ هتي هوائي جهاز ۾ ڪيئن سفر ڪري رهيو آهيان، ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان ۽ ڇو وڃي رهيو آهيان؟
    ته ٻڌ پيارا. پاڪستان جي وڏي جهازران ڪمپني ’نئشنل شپنگ ڪارپوريشن (N.S.C)‘ جنهن ۾ آءٌ انجنيئر جي حيثيت سان ملازم آهيان، ان جو ڇويهون نئون جهاز ’سندربن‘ نالي يوگوسلاويا ۾ ٺهي راس ٿيو آهي ۽ هن مهيني جي اٺاويهين تاريخ ملندو. ان لاءِ آءٌ ۽ ٻيو اسٽاف يوگوسلاويا وڃي رهيا آهيون، جيئن اهو جهاز پاڪستان آڻي سگھون. نئشنل شپنگ ڪارپوريشن، جيڪو پي. آءِ. اي وانگر سيمي گورنمينٽ ادارو آهي، جا ڪجهه سالن ۾ ترقي ڪئي آهي تنهن کي سڄي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. سندس اڃا وڌيڪ جهاز ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٺهي رهيا آهن.
    ’سندربن‘ جهاز، يوگوسلاويا جو، اسان لاءِ ڪو پهريون ٺهيل جهاز ناهي. هن کان اڳ به اسان ڪيترائي جهاز هتان خريد ڪري چڪا آهيون، جهڙوڪ ايم ــ وي اباسين، ايم ــ وي چناب، ايم ــ وي رنگامٽِي، ايم ــ وي ٽئڪسلا ۽ ايم ــ وي موهن جو دڙو. (ايم. وي موٽر Vessel جو مخفف آهي. ۽ انهن جهازن کي سڏبو آهي جيڪي ڊيزل تي هلن). جيئن ته هي جهاز ۽ مٿي بيان ڪيل جهاز، بيهڪ ۽ انجڻ جي لحاظ کان هڪجهڙا آهن. انهيءَ ڪري کين سسٽرشپ Sister Ship سڏجي ٿو.
    يوگوسلاويا ۾ ڪيترائي جهاز ٺاهيندڙ ڪارخانا آهن ۽ هي ملڪ مشينري ٺاهڻ کان مشهور آهي. ساڳئي ڪارخاني پاڪستان جي هڪ ٻي جهازران ڪمپني ’پاڪستان شپنگ لائين‘ لاءِ به ٻه جهاز، ايم.وي باغ ڊاڪا ۽ ايم. وي باغ ڪراچي ٺاهيا، جي پڻ مٿين جهازن جهڙا آهن. سڀني جهازن ۾ سڄي رهائش ايئرڪنڊيشنڊ رکيل آهي، سامان جي سلامتي ۽ حفاظت لاءِ موڪري ۽ گھڻي جڳهه ٺهيل آهي. ۽ اهي سڀ جهازَ سلزر انجڻ تي هلن ٿا.
    يوگوسلاويا جي هن اداري پاڪستان جي جهاز سازي صنعت ۾ ڏاڍي مدد ڪئي آهي. هن جي گڏيل مدد سان ڪراچي شپ يارڊ پهريون جهاز ’العباس‘ گذريل سال ٺاهيو ۽ هاڻي ٻيو جهاز ايم. وي شالامار اسان جي ڪمپنيءَ لاءِ ٺاهيو رهيو آهي. بهرحال هن وقت اسان سندربن جهاز جي ادائگي لاءِ يوگوسلاويا جي شهر ’اسپلٽ‘ وڃي رهيا آهيون. هي هوائي جهاز اسان کي روم(اٽلي) ڇڏيندو. اتي ڏينهن ٻه رهي پوءِ يوگوسلاويا جي ايئر لائين T.A.J ۾ يوگوسلاويا جي شهر ’زگرب‘ وينداسون. اتان اسان کي وري ٻي هوائي جهاز ۾ چڙهڻو پوندو، جو ’اسپلٽ‘ شهر ۾ اچي ڇڏيندو جتي اسان جو جهاز ٺهي چڪو آهي.
    اسان جي هن هوائي جهاز، ڪراچي پوري ساڍي ڏهين بجي ڇڏي. هي هوائي جهاز ٽوڪيو. هانگ ڪانگ، رنگون، سنگاپور ۽ ڪلڪتي کان ٿي پوءِ ڪراچيءَ اسان کي کڻڻ آيو هو. ڪراچيءَ مان اسان روم لاءِ چڙهياسين ۽ هڪ عورت دهران لاءِ. جهاز ڪراچيءَ کان پوءِ دهران ترسيو، ان بعد قاهرا ڪافي وقت ترسيو ۽ اسان کي گھمڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو. هاڻ چئن ڪلاڪن بعد روم پهچندو، جتان پوءِ پنهنجي منزل فرئنڪفرٽ (جرمني) روانو ٿي ويندو.
    جهاز ۾ اٽڪل سؤ کن مسافر آهيون. هر قسم جا مسافر يعني، جپاني، برمي، عرب ۽ ڀارتي سفر ڪري رهيا آهن. منهنجي ساڄي پاسي دريءَ وٽ منهنجو بنگالي دوست زمان ويٺو آهي ۽ کاٻي پاسي هڪ خوبصورت............. ڀلا سوچ ڪير آهي...........؟ ............. مر نه ۽ نه ٿڌا شوڪارا ڀر. ڇوڪري ٻوڪري ڪانهي ڪا، پر هڪ خوبصورت پٽڪي سان سٺ ستر سالن جو پوڙهو سک ويٺو آهي، جنهن کنگھي کنگھي اوسي پاسي وارن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي جو وقت ڪاٽڻ ڪارڻ تو جهڙي دلبر دوست کي خط لکي رهيو آهيان. ڇا ڪجي ننڊ ته اچي ڪانه ٿي ۽ نه ئي رات کٽندي. ڇو ته هي جهازايتري ته تيز رفتار سان وڃي رهيو آهي جو آخري منزل جرمني پهچندو ته به رات هوندي. ڪراچي کان روم يارهن ڪلاڪن جو سفر آهي ۽ پاڪستان جي وقت مطابق روم ۾ ڏينهن جو ساڍي نائين بجي پهچنداسين. پر روم جي وقت مطابق اتي صبح جا پنج هوندا ۽ اڃا اوندهه هوندي، ڇو جو روم ۾ سج پاڻ کان چار ڪلاڪ دير سان ٿو اڀري.
    اهڙي نموني هي جهاز سڄو سفر رات ۾ پورو ڪندو. دراصل رات ۾ بحري يا هوائي جهاز هلائڻ سولو رهي ٿو. ڏينهن جو فقط سج آهي، پر رات جو ڪيترائي تارا آهن ۽ رستو ڳولڻ ۾ آساني ٿي رهي. جيتوڻيڪ دنيا جو هڪ هڪ حصو نقشن تي ماپيل ۽ ميل آهي، ان هوندي به تارا وڏي مدد آهن. ان کان علاوه جهاز کي هوائي اڏي تي هيٺ لاهڻ ۾ پڻ آساني ٿئي ٿي. اڃا جهاز بلنديءَ تي ئي هوندو آهي، ته هوائي اڏي وارا، جنهن رستي تي هوائي جهاز کي لهرائڻو هوندو اٿن، ان جي ٻنهي ڪپرن تي لڳل سفيد ۽ آسماني بلبن جون قطارون ٻاري ڇڏيندا آهن، جي شهر جي بتين کان بلڪل الڳ ۽ صاف نظر اچن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو هوائي اڏو شهر کان ٻاهر ٺاهيو وڃي ٿو. ڪراچيءَ يا حيدرآباد جو هوائي اڏو وري به ايترو پري ناهي. ڪن ڪن شهرن جا هوائي اڏا ته ٽيهه چاليهه ميل به پري ٿين.
    جهاز سعودي عرب جي هوائي اڏي دهران تي پورن ٽن ڪلاڪن بعد پهتو. ڪجھه مسافر لٿا ۽ ڪجھه چڙهيا. ٻه جرمن هڪ فرئنچ ۽ ٻه عرب زال مڙس پنهنجي عربي لباس ۾ چڙهيا. عربي لباس اهڙو ته ٺهي رهيو هو، جو ٻاهرن ملڪن جا سڀ ماڻهو هتي جي روايتي لباس کي تعريف جي نگاهن سان ڏسڻ لڳا. ڪراچي مان جيڪڏهن ڪو ديسي لباس ۾ چڙهي تو سوٽ ڪوٽ کان وڌيڪ سمارٽ لڳي ها. ڏٺو وڃي ته هر ملڪ جو لباس سندس ملڪ جي موسم، رواج ۽ تهذيب مطابق درست ۽ آرامدهه آهي.
    سنڌ جهڙي گرم علائقي ۾ سٿڻ کان وڌيڪ آرامدهه لباس ڪهڙو ٿي سگھي ٿو....؟ سائنس پڻ اهو ثابت ڪيو آهي ته سٿڻ جا گھڻا وَرَ جو Vacuum خلا پيدا ڪن ٿا، سو گرميءَ ۽ سرديءَ کان بچائي ٿو ۽ ايئرڪنڊيشننگ جو ڪم ڏئي ٿو.پر اسان خبر ناهي ڇو مغربيت جي انڌي تقليد ڪري رهيا آهيون. هو تنگ سوٽ پائيندا ته اسان به هنن سان برابري ڪرڻ لاءِ اهو ئي لباس اوڍينداسين. يورپ جون عورتون وار ڪٽرائينديون ته اسان جون عورتون به وار ڪٽرائڻ ۾ فخر محسوس ڪنديون. اهو ڪڏهن به نه سوچينديون ته ڊگھا يا ڪارا وار ته سونهن جي نشاني آهن ۽ يورپ جي موسم اهڙي آهي جو عورتون وڏا وار رکائي نٿيون سگهن ۽ مجبور ٿي هنن کي ننڍا ڪرائڻا پون ٿا.
    خير ادا مان توکي ڳالهه هن عرب جوڙي جيڪي پئي ٻڌائي، جي عربي لباس ۾ دهران جي هوائي اڏي تان چڙهيا. ٻئي ڄڻا اهڙا ته ٿلها هئا، جو ڇا ڳالهه ڪجي. جيڪي ڪجھه ٿلها مسافر اڳ ويٺل هئا تن به شايد اهڙا ٿلها ماڻهو اڳ نه ڏٺا هئا، جو انهن جو به ڏسڻ سان وات ڦاٽي ويو. سندن ويهڻ جي جاءِ بلڪل اڳيان هئي سو جهڙو اڳيان وڌي رهيا هئا ته ڪنهن پٺيان چيو: ”هاڻي جهاز جو اڏامڻ ناممڪن آهي. قاهرا تائين خشڪي ذريعي هلندو.“ اسان کي دهران جي هوائي اڏي تي لهڻ جي اجازت نه هئي ۽ سڀ اچي پوءِ قاهرا (مصر) لٿاسين. پر دهران ۾ جهڙو ئي جهاز بيٺو ته اسان ٻن ٽن ڄڻن لهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايئر هوسٽس لهڻ کان منع ڪندي چيو ته هينئر نه لهو پوءِ لهجو. تنهن تي منهنجي دوست پري کان ئي دانهن ڪندي چيو: ”بابا، هينئر ڪير نه لهي، جهاز هلي ته پوءِ در کولي لهجو.“ بهرحال هن جو اهو ئي مطلب هو ته هن هوائي اڏي تي نه پر پوءِ ايندڙ قاهرا جي هوائي اڏي تي لهجو. جهاز ۾ ٻه دفعا ماني ڏني اٿئون پر سوئر جو گوشت هئڻ ڪري اسان مان ڪنهن به نه کاڌي. ان کان علاوه ٻيو جيڪو کاڌي لاءِ ڏنائون سو به ٺيڪ طرح پچيل نه هو. چانهه ۽ ڪافي به بيڪار ۽ ٺريل ملي. هنن مڙني ڳالهين کان، وقت جي پابنديءَ کان، خدمت ۽ آرام کان اسان جي پي. آئي. اي بهتر آهي. اهو ئي سبب آهي جو گھڻا مسافر P.I.A کي سفر لاءِ چونڊين ٿا ۽ سندن جهاز هميشه مسافرن سان ٽٻُ رهن ٿا. اسان به اڳواٽ Reservation نه ڪرائڻ ڪري پي آئي اي جي جهاز ۾ جڳهه وٺي نه سگھياسين ۽ هن لفٿنسا جرمن جهاز ۾ سفر ڪري رهيا آهيون. منهنجي ڀر ۾ ويٺل سک کي ٻه دفعا گھرڻ تي به جڏهن پاڻي نه مليو ته ايئرهوسٽس کي پنهنجي منهن ڏاڍيون پنجابيءَ ۾ گاريون ڏنائين. بقول اسان جي شڪارپور جي زين پٺاڻ جي، هٿ تي رومال ويڙهي بجو ڏنائين، جيئن امن به قائم رهي.
    هن جهاز ۾ خدمت لاءِ ڪل چار ايئر هوسٽس آهن. ٻه جرمن ۽ ٻه جپاني. توکي تعجب ته لڳندو ته جهاز جرمن ٿي ڪري جپاني ايئرهوسٽس ڇو رکيون اٿن. ڇا جرمن ڇوڪرين جي کوٽ آهي؟ پر نه اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ٻي جنگ عظيم کان پوءِ جرمن ڇوڪريون ڪو ورلي نوڪريون ڪن ٿيون. ٻي جنگ عظيم کان پوءِ جرمنن اهو فيصلو ڪيو ته هر هڪ پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي پوري ۽ سچي دل سان سرانجام ڏئي. مرد جو ڪم آهي آفيسن، ڪارخانن ۽ زمينن تي ڪم ڪرڻ ۽ سپاهي ٿي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ ۽ عورت جو صحيح مقام گھر آهي. کيس کپي ته اعلى قسم جي House Wife (گھريلو عورت) ٿي رهي ۽ ٻي هر ڪم کان آجي ٿي گھر ۾ ٻارن جي چڱي سار سنڀال لهي، جو سندس گھر ملڪ جو اعلى گھر سڏجي ۽ ٻار، ملڪ ۽ قوم لاءِ فخر ثابت ٿين.
    ان فيصلي تي ڪيتري قدر عمل ڪيو ويو ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته جرمني ٿوري ئي عرصي ۾ ڪيتري ترقي ڪري ورتي آهي. جيتوڻيڪ ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجھه تباهه ٿي چڪو هو ۽ هونءَ به جرمن عورت جو مثال ان مشهور چوڻيءَ مان لڳائي سگھبو جا اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ عام آهي: ”اهڙي گھريلو ۽ وفادار جهڙي جرمن عورت“ ۽ اها پڻ عام چوڻي آهي ته جرمن ڪار ۽ زال ڪڏهن به دوکو نه ڏيندي.
    ادا جڏهن به آئون قاهري مان لنگھان ٿو ته منهنجي اکيان اڳيان P.I.A جو اهو حادثو ڦري ٿو جنهن ۾ اسان جا ڪيترائي صحافي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويا ۽ اسان جي صحافت کي ڄڻ ته في الحال يتيم ڪري ويا ۽ اسان جي ملڪ جي بي بها صحافت جي دولت چند گھڙين ۾ لٽجي وئي.
    قاهري جو هوائي اڏو چڱو سهڻو آهي. جهاز مان لهڻ سان آئون سڌو هوٽل ۾ آيس ۽ اچي ماني کاڌيم. هوٽل جا بئرا جبن ۽ ترڪي ٽوپين ۾ مؤدبانا انداز ۾ بيٺا هئا، جن کي ڏسي مون کي الائي ڇو الف ليلى جون ڪهاڻيون ۽ ان ڪتاب ۾ ڏنل تصويرون ياد اينديون آهن. هتي جي واپارين ۽ ٻين ڪيترن عرب ملڪن جي ماڻهن جي ئي اها ڇو عادت آهي ته شل نه ڪو ٻاهريون ماڻهو ڏسن. اصل ابتي کل لاهيندس. ٽڪي جي شيءِ جو روپيو ٻڌائيندس، پوءِ ڪو واندو هجي جيڪو ويٺو Bargaining ڪري. (خير گھٽ ته اسان جي ملڪن جا به نه آهن، پر مصر گھڻو زور آهن). قاهرا ايئرپورٽ تي ڪيترائي دوڪان آهن جن تي هر قسم جون شيون ۽ مصر جي ننڍن ڪارخانن ۽ گھريلو هنرن جون شيون رکيل آهن، پر ڏٺم ته اگھه ايڏا ته ڳرا پئي ٻڌايائون جو ڪنهن جي به دل، ڪابه شيءِ وٺڻ تي نٿي چاهي. پاڪستان خط لکڻ لاءِ ٽڪليون ورتم ته ان جا به ٽيڻا پيسا وٺي ويو. سمجھيم ته پئي جو هتي جي سڪي جي چڱي طرح ڄاڻ اٿم پر ’ڦاٿي ته ڦٿڪڻ ڪهڙا‘ وارو حساب هو. آڌيءَ رات جو ڪهڙي پوسٽ آفيس جو در کڙڪايان.
    باقي مصر جي حسن جي ڳالهه نه پڇُ. جا تعريف ٻڌي هئم سا اکين سان ڏٺم. شايد دنيا جو ڪو ملڪ مصر جي حسن جو مقابلو ڪري سگھي. مسڪرائيندڙ سدا بهار مشرقي چهرو، اکيون وڏيون ۽ نيري ڍنڊ جهڙيون. انگ انگ ۾ چقمقي ڪشش. مصر جي هر عورت ڪلوپترا نظر ايندي. واپسيءَ تي ايئر پورٽ ۾ داخل پئي ٿيس ته دروازي وٽ دڪان تي هڪ دوشيزه هٿ جو ٺهيل سامان وڪڻي رهي هئي. آئون جيئن اتان لنگھيس ته سڏي پٿر جي ٺهيل ڪلوپترا ڏي ڌيان ڇڪائيندي پڇيائين:
    ”وانت ڪلوپترا؟(Want Cleopatra)“
    مون ان ڪلوپترا جي پٿرائين بت ڏي گھٽ ۽ سندس جيئري جاڳندي چهري ڏي گھڻو گھوريندي پڇيو؛
    ”مئل يا زنده؟“
    منهنجي چوڻ جي نموني مان يڪدم چرچي جو مطلب سمجھي وئي ۽ شرمائڻ لڳي. مشرقي حياءُ سندس چهري مان صاف نمايان هو. منهنجي مستقل تڪڻ تي ساهه منجھڻ لڳس ۽ ڊگھا ڊگھا ساهه کڻڻ لڳي. ڳچيءَ ۾ سوني زنجير پئي هيس، جنهن ۾ ٻڌل ننڍڙو هوائي جهاز سندس اڌ اگھاڙي ڇاتيءَ تي هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. مون کي زياده دير ائين تڪيندو ڏسي وڌيڪ شرمائجي وئي ۽ هوائي جهاز مٿان هٿ رکي چوڻ لڳي:
    ”هوائي جهاز پسند آهي ڇا...؟“
    ”نه. هوائي اڏو.“ مون وراڻيومانس.
    وڌيڪ چرچو برداشت نه ڪري سگھي ۽ شرم وچان کڻي پٺ ڏنائين. سڏ ڪيومانس، پر نه نهاريائين. اتي لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو ته ”لفٿنسا جا مسافر جهاز ۾ پنهنجي جڳهه اچي والارين، جهاز چند منٽن ۾ اڏامڻ وارو آهي.....“
    سڀ مسافر هوائي اڏي اندر داخل ٿي چڪا هئا. آءٌ به اڳتي وڌيس. ٿورو ئي اڳتي وڌيو هوندس ته زنده ڪلوپترا سڏ ڪيو: ”تعال هنا. ارجوڪ“
    ”لا ــــ في امان الله ــ يا حبيبي“ هٿ لوڏي جواب ڏنومانس ۽ تکو تکو جهاز تي اچي پهتس. سڀ مسافر ويهي چڪا هئا. زمان منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. هن کي شايد اهو ڊپ هو ته مون کي مصر ۾ ڇڏي جهاز هليو نه وڃي.
    ”ائين ڪبو آهي. ايڏي دير! جهاز هليو وڃي ها ته پوءِ اتي ئي رهجي وڃين ها.“
    سيٽ تي ويهڻ سان پنهنجي بهترين موڊ جو مظاهرو ڪندي، فلمي ادا سان چيومانس:
    ”ته قبلا هينئر وري آءٌ ڪهڙو توهان سان پيو هلان.“.
    ”ڇا وڦلي رهيو آهين ـــ؟“ زمان وائڙو ٿي ويو. پر پوءِ يڪدم منهنجو چرچو سمجھي وراڻيائين.
    ”ته دل اتي ئي ڇڏي آيو آهين. هاڻي يورپ ۾ ڇا ٿيندو.“
    ”پرواهه نه ڪر. دل وئي ته وڏي ڳالهه ناهي. جگر، ڦڦڙ، جيرو، آنڊا ته سلامت آهن. اهي ورهائيندو وتندس.“ ۽ اسان ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳاسين. اوسي پاسي وارا اسان ڏي ڏسڻ لڳا. ڀر ۾ ويٺل پوڙهي سک کان وڌيڪ صبر نه ٿي سگھيو، سو کنگھندي کنگھندي آخر پڇيائين:
    ”او کي گل هي، سانو ڀي ته دَسو ــ؟“
    ادا، هن وقت اٽليءَ مٿان پرواز ڪري رهيا آهيون. اٽليءَ جي مشهور شهر نيپلس جون بتيون صاف نظر اچي رهيون آهن. جنهن بابت رکي رکي پائلٽ ٻڌائي رهيو آهي. اڌ ڪلاڪ اندر روم به اچي ويندو. زمان هيٺ بتين طرف ڌيان پيو ڇڪائي ته ڏسان، پر آءٌ جلدي جلدي خط ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان. ٻيو خط روم يا يوگوسلاويا مان لکندس. اجھو هينئر مسافرن کي سگريٽ نه پيئڻ ۽ بيلٽ ٻڌڻ لاءِ چيو پيو وڃي. سو في الحال خط بند ڪري بيلٽ ٿو ٻڌان.

    سلام دعائون سڀني دوستن لاءِ.
    تنهنجو پنهنجو


    اسپلٽ (يوگوسلاويا) نومبر 1968

    ٽيون ڏينهن روم (اٽلي) کان هوائي جهاز ذريعي يوگوسلاويا جي بندرگاهه اسپلٽ Split شهر ۾ آيس. ان ڏينهن روم پهچڻ سان، روم ۾ رهندڙ اسان جي آفيس جي ايجنٽ اسان جو آڌرڀاءُ ڪئي. رهائش جو بندوبست اڳ ۾ ڪري ڇڏيو هئائين. سو اسان سڌو ’هوٽل پئرس‘ ۾ آياسين، جا وچ شهر ۾ آهي. روم جو هوائي اڏو يورپ جي وڏن هوائي اڏن مان آهي، جتي ڏينهن رات جهازن جا اڻ کٽندڙ قافلا لهندا ۽ چڙهندا رهن ٿا.
    يورپ جا ملڪ صفائيءَ کان مشهور آهن. هر شيءِ صاف سٿري ۽ سليقي سان سجايل. رستا ۽ عمارتون چمڪنديون نظر اچن ٿيون. اهڙي صفائي قائم رکڻ لاءِ سرڪار ڪا ڀنگين جي فوج، سڄي شهر ۾ نه بيهاري ڇڏي آهي. جيڪڏهن هر چپي تي ٻهاريءَ سان ڀنگي بيهارجي ته به اهڙي صفائي قائم ٿي نه سگھي، جيستائين هر هڪ شهر واسيءَ کي خود صفائيءَ جو خيال نه هجي. صفائي رکڻ کان وڌيڪ گندگي نه پکيڙڻ ضروري آهي. هتي ڪچري ڦٽي ڪرڻ لاءِ هرهنڌ ڪونه ڪو دٻو رکيل آهي. ائين نه ته جتي سگريٽ پيتو اتي ڦٽو ڪيو، ميوو کائي، کلون اتي ڦٽيون ڪيون يا چاڪليٽ کائي، ڪاڳر هوا جي رحم و ڪر۾ تي ڇڏي ڏنا ته پيا اڏامن. جپانيءَ ۾ چوڻي مشهور آهي ته: هر ماڻهو جيڪڏهن فقط پنهنجي گھر جي اڳيان گھٽيءَ جو حصو صاف ڪري ته سڄو شهر چمڪندو نظر اچي.
    هڙتالون ۽ اسٽرائيڪون هتي به ٿين ٿيون. شاگرد پنهنجي غصي ۽ ٿيل ناانصافيءَ جو اظهار هتي به ڪن ٿا پر اسان وانگر هرگز نه، ته ڳالهه ڳالهه تي اسٽرائيڪ. ۽ غصي ڪڍڻ جو اسان وٽ فقط اهو طريقو رهيو آهي ته پبلڪ بسون ساڙجن. قومي عمارتن کي نقصان رسائجي ۽ ٻين اکرن ۾ پنهنجو پاڻ کي ۽ ملڪ کي ڇيهو رسائجي. خاص ڪري هر ڳالهه ۽ مسئلي ۾ شاگردن کي دخل اندازي ڪري ، پنهنجو قيمتي وقت وڃائي هڙتالون ڪرڻ بلڪل زيب نه ٿو ڏئي. اسان جو ملڪ ته اڃا ترقي پذير آهي. اسان جو ته هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي. اسان کي ته اهو ڪي ڪرڻ کپي، جنهن سان ملڪ ترقي ڪري ۽ ملڪ جي خوشحالي اسان جي خوشحالي آهي.
    جرمنيءَ ۾ هڪ ڪارخاني ۾ مزورن سان گفتگو ڪندي مون هڪ کان پڇيو ته توهان هڙتالون ڇو نه ٿا ڪريو....؟ هن جواب ڏنو: ”Because we can not afford it. اسان لاءِ هڪ ڏينهن جي هڙتال به ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ وجھندي جنهن جو اثر وري اسان ديس واسين تي اڄ نه ته سڀاڻي ضرور پوندو ۽ اسان ٻين قومن جي مقابلي ۾ هڪ ڏينهن پٺتي رهجي وينداسين.“
    هاڻ ذرا سوچيو، ڪٿي جرمني ڪٿي اسان جو ملڪ. جيڪڏهن جرمني جهڙي ملڪ لاءِ ڏينهن ٻن جي اسٽرائيڪ قومي ترقيءَ ۾ رنڊڪ آهي ۽ نقصانده آهي ته اسان لاءِ هيتريون اسٽرائيڪون ۽ هيترن ڏينهن لاءِ، ڪيترو خراب آهن. اسان کي گھرجي ته اسان به ان قسم جي ذميداري محسوس ڪريون ۽ اهو ڪي ڪجھه ڪري ڏيکاريون جو سڄي دنيا ۾ باعث تحسين ۽ باعث داد ثابت ٿئي. اسين جيڪڏهن چاهيون ته اسان جا شهر به روم، پئرس، شنگهائي بنجي سگھن ٿا. بلڪ ان کان به سهڻا. بس فقط هڪ مستقل ارادي جي ضرورت آهي.
    ادا، روم جتي آءٌ ڪجھه ڏينهن اڳ هوس، هڪ تاريخي شهر آهي. اٽڪل چارهزار سال پراڻو چون ٿا. هن ۾ توهان کي پراڻي ۽ تمام نئين قسم جو عمارتون نظر اينديون. دنيا جو وڏي ۾ وڏو چرچ ’سينٽ پيٽرس‘ به روم ۾ آهي. جو واقعي ڏسڻ وٽان آهي. ايترو ته منجھس ڪم ٿيل آهي جو هڪ ٻن ڏينهن ۾ ته ڏسي نه ٿو سگھجي. ان کان علاوه ويٽيڪان سٽي جيڪا دنيا ۾ ننڍي ۾ ننڍي حڪومت آهي ۽ پوپ ٿو حڪومت ڪري، سا پڻ هتي روم ۾ آهي.
    شهر ۾ جتي ڪٿي وڏا پٿر جا ۽ ڌاتوءَ جا بت (Statue) نظر ايندا. بگھاڙيءَ جو بت روم جي قومي نشاني آهي. ان بابت چيو وڃي ٿو ته روم ٻن ڀائرن ٺهرايو، جن کي ننڍي هوندي ان بگھاڙيءَ کير پياري وڏو ڪيو. شهر جي وچ ۾ سوني گھوڙي جو بت آهي. چيو وڃي ٿو ته جڏهن ان گھوڙي جو سون بلڪل وٽڙي ويندو، ته پوءِ روم ختم ٿي ويندو. اسان کي گائيڊ هر شيءَ ڏيکاريندو ۽ ڏسيندو هليو. گھوڙو سڄو سون جو ٺهيل ناهي، پر سونو پاڻي چڙهيل اٿس، جو ڪٿان ڪٿان لهي چڪو آهي. هڪ همراه اسان مان گائيڊ جو ان ڏي ڌيان ڇڪائيندي چيو: ”هي سون ختم ٿيڻ تي آهي، آيو ڪي آيو. پوءِ روم ــ توهان جو شهر ته ختم ٿي ويندو؟“ سڀ کلڻ لڳا.
    هڪ وڏي عمارت ’ڪمپيڊا گلو‘ نالي جا سؤ کن ويڪرا ڏاڪا هڪ عورت گوڏن ڀر پار ڪري رهي هئي. گائيڊ ٻڌايو ته هتي جي عورتن کي اڃا اهو وهم آهي ته ’ٻار نه ٿيندڙ عورت هي سڀ ڏاڪا گوڏن ڀر چڙهندي، ته ٻار ٿي ويندس‘ مون دل ۾ سوچيو ته پوءِ روم ۽ سنڌ جي انهن عورتن ۾ ڪهڙو فرق آهي جي جھنڊن ۽ قبرن کي هٿ ٻڌي اولاد جي گھر ڪن ٿيون.
    ”هيءَ اها جڳهه آهي جتان مسوليني بيهي تقرير ڪندو هو ۽ هن چؤواٽيءَ تي ماڻهن جا ميڙ بيهي اهي ٻڌندا هئا“. اسان جو گائيڊ اسان کي ٻڌائيندو رهيو. ”هتي نيرو روم کي باه ڏيئي پوءِ ويهي چنگ وڄايو هو. هيءَ اها جڳهه آهي جتي انگريزي فلم Fall of Roman Empire فلمائي وئي هئي. هيءَ مشهور Reconciliation Street آهي، هي تريوي جو مشهور ڦوهارو آهي. هي سينٽ اينجلو جو پراڻو قلعو آهي.“
    سڀ کان وڌيڪ مون کي اهو ننڍڙو ٻيٽ وڻيو، جو شهر جي وچ مان وهندڙ ’تائيور‘ نديءَ ۾ هو. سينٽ پيٽر چرچ جي کاٻي پاسي واري عمارت جي ٽيڪ لاءِ ٿنڀن جون ڪيتريون ئي قطارون آهن ۽ سينٽ پيٽر چؤواٽيءَ وٽ هڪ اهڙي جڳهه آهي، جتان جيڪڏهن بيهي انهن ٿنڀن ڏي ڏسجي ته فقط اڳين ٿنڀن جي قطار نظر ايندي، باقي پويان قطارون اڳين ٿنڀن پويان لڪي وينديون ۽ پوئين قطار جو هڪ به ٿنڀو نظر نه ايندو. اهو عمارت سازيءَ جو وڏو هنر آهي جو پراڻي زماني جي ماڻهن ٺاهيو. مائيڪل اينجلو جون تصويرون پڻ هتي ڏسڻ وٽان آهن.
    روم اٽليءَ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ماڻهن جي زبان اٽلين (Italian) آهي جنهن کي پاڻ اطالوي سڏيون ٿا ۽ هتي جي سڪي جو نالو ’ليرا‘ ۽ ’سينٽ‘ آهي. اٽلي ’فياٽ‘ گاڏين کان مشهور آهي. هاڻ بحري ۽ هوائي جهازن لاءِ پڻ اٽلي فياٽ انجڻيون ٺاهي رهي آهي. روم ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ٻي گاڏي نظر اچي ٿي، نه ته جيڏانهن به نظر ڪجي ته فياٽ ڪارون ئي نظر اچن ٿيون. صبح جي وقت هر گھر ۽ بلڊنگ اڳيان خاص ڪري ننڍي سائيز واريون موٽرون ائين نظر اچن ٿيون، ڄڻ ته ڪي رانديڪن جا ڍير هجن. روم ۾ گھڻو ڪري هر هڪ وٽ ڪار آهي پر سفر گھڻو ڪري بس ۾ ڪن. جو اهو وڌيڪ آرامده ۽ سستو پوي ٿو.
    جيڪڏهن بس ۾ سفر ڪرڻ بدران هرهڪ پنهنجي پنهنجي ڪار ڪڍي اچي، ته جيڪر رستن تي ٽرئفڪ جام ٿي وڃي. هتي جي ڊرائيورن جي هڪ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته اسان وڌيڪ خوش اخلاق آهن. پيادن جو گھڻو خيال رکيو وڃي ٿو. سگنلن ۽ قانون جي ڀڃڪڙِيءَ کان ڪافي پرهيز ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جيتوڻيڪ اسان کان وڌيڪ هتي جي ٽرئفڪ آهي،ته به حادثا گھٽ ٿين ٿا ۽ ساڳي وقت پيادن ۾ پڻ اهو شعور آهي ته ڪڏهن به غلط جاءِ تان رستو نٿا ٽپن ۽ بس ۾ چڙهڻ لاءِ به صحيح ۽ مقرر هنڌ تي بيهي انتظار ڪن ٿا، ته پوءِ ان لاءِ کڻي کين ڪجھه پنڌ پيدل هلڻو پوي يا ڪجھه دير ترسڻو پوي.. گھڻو ڪري بسون ۽ ٽرامون اليڪٽرڪ تي هلن. ان ڪري دونهون نه برابر رهي ٿو.
    عام طرح روم جي ماڻهن ۾ رکائي ۽ شوخي آهي. ٻين ۾ ته ڇا پر دڪاندارن ۾ پڻ. اسان جي دڪاندارن جي ڇا ڳالهه ڪجي. گراهڪ تان قربان پيا ٿيندا. هڪ شيءِ بدران ڏهه ڏھ شيون گراهڪ کي ڏيکاريندا ته من راڻو ريجھي، پر هتي اها ڳالهه ناهي. زياده تر دڪان ۽ هوٽلون عورتون هلائين. شهر ۾ ڪيترائي ڊپارٽمينٽل اسٽور آهن، جتي سئي سڳي کان موٽر ڪار تائين هر شيءِ ملي ٿي ۽ شهر جي قيمتن کان گھٽ اگھه تي ملي.
    اٽلي جي ٻن پاسن کان بحر روم (Mediterranean Sea) آهي. هڪ طرف کان اڊارڪٽڪ سمنڊ. وينس ۽ ٽرشٽيءَ جهڙا ڪيترائي سهڻا بندرگاھ اٿس. يورپ جي ٻين ملڪن وانگر روم ۾ به ڪافي سردي هئي. پر هتي يوگوسلاويا ۾ تمام گھڻي آهي. توڏي هي خط يوگوسلاويا جي شهر اسپلٽ جي هوٽل مريان مان لکي رهيو آهيان. اسان ٻن ڏينهن کان هن هوٽل مريان ۾ رهيل آهيون.
    سمنڊ جي ڪناري تي هيءَ هوٽل هن ننڍڙي شهر جي وڏي ۾ وڏي هوٽل آهي ۽ ڪراچي انٽرڪانٽينينٽل جيڏي ٿيندي. اسين نائين ماڙ تي رهيل آهيون. جتان سڄي شهر جو نظارو چٽيءَ طرح ڪري سگھجي ٿو. يوگوسلاويا جيتوڻيڪ سوشلسٽ ملڪ آهي، پر هتي ايتري چين جهڙي سختي ناهي. ماڻهن کي هر قسم جي آزادي آهي ته گھمن ڦرن، کائين پيئن ۽ پهرين. هتي جو سڪو دينار ۽ سينٽ آهي. پنهنجي هڪ روپئي ۾ اڍائي دينار کن ٿيندا. هتي جي ماڻهن جي زبان يوگوسلاوين آهي ۽ لکڻي جيتوڻيڪ انگريزيءَ جهڙي آهي پر اچارن ۾ فرق اٿس.
    يورپ جي ٻين ملڪن وانگر هتي به مهانگائي حد درجي جي آهي. معمولي شين جا به ڳرا ملهه آهن. ڪالهه هڪ ڊپارٽمينٽل اسٽور ۾ وياسين، جتي ٻاهر جي دڪانن کان هر شيءِ سستي ملي ٿي. هتي جا ڊپارٽمينٽل اسٽور ڪافي خوبصورت آهن ۽ هي اسٽور ’محبوب ڪلاٿ مارڪيٽ‘ ڪراچيءَ جيڏو ٿيندو ۽ چار ماڙ هو. مٿي چڙهڻ لاءِ پاڻهي مٿي ويندڙ ڏاڪڻيون (Escalators) هيون ۽ هر سيلز گرل کي ساڳيو وڳو هو. گراهڪن کان وڌيڪ وڪڻڻ واريون ڇوڪريون نظر اچي رهيون هيون. هتي انگريزي ڪو ورلي سمجھي سو هر ڳالهه لاءِ اشارا ڪرڻا پون ٿا ۽ وات کي ابتو سبتو ڪرڻو پوي ٿو. منهنجي دوست سعيد ته هٿ جا اشارا به ڪندو آهي ته پنجابيءَ ۾ به سمجھائيندو آهي. بقول هن جي هنن لاءِ جهڙي انگريزي تهڙي پنجابي.
    جيئن اسان وٽ ڪو ڌاريو ايندو آهي ته سڀ پيا ڏسندا اٿس ۽ ڌاريو ماڻهو پري کان پڌرو. ساڳي ڳالهه اسان سان هتي آهي. اسان هتي جي سوَن هزارن ماڻهن ۾ پڌرا آهيون. هتي جا ماڻهو قداور ۽ تندرست آهن. سرد ملڪ آهي ان ڪري خوب ڳورا ۽ ڳاڙها آهن. ننڍي هوندي ڪهاڻين ۾ پڙهبو هو ته راڻي سلامت يا شهزادي صاحبه ايتري سهڻي ۽ اڇي هئي جو پاڻي پيئندي هئي ته اهو به نڙيءَ مان نظر پيو ايندو هو ـــ يا ٻين لفظن ۾ ’انڊس گلاس فئڪٽري‘ جي ٺهيل هئي. بهرحال اهڙين راڻين يا شهزادين جو وجود سچو آهي، ته اهي پڪ هتي يوگوسلاويا جي ڪپهه جهڙين گورين سان تعلق رکندڙ هونديون. اسان کي ته هتي جي ماڻهن جي مقابلي ۾ بلڪل ڪارو سمجهه. ڪالهه ڏاڍو مزو ٿيو، شاپنگ سينٽر ۾ ٻه ڇوڪريون مستقل اسان ڏي نهاري مرڪي رهيون هيون. ڪجھه پڇڻ چاهيون ٿي، پر اڻ واقفيت جي ديوار کين روڪي رهي هئي. آخر انهن مان هڪ ڄڻي دل ٻڌي اڳتي وڌي ۽ معصوميت سان ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ پڇڻ لڳي: ”ڇا توهان آفريڪا جا آهيو..؟“
    وڏي ادب سان جواب ڏنوسين: ”پرين جي ڪهاڻيءَ جي خوبصروت شهزادي، اسان آفريڪن نه پر ايشين Asian آهيون. آفريڪن ته اسان کان به وڌيڪ ڪارا آهن.“
    منهنجي انڪساريءَ تي شايد ٿورو مٿي تي چڙهي وئي. چوڻ لڳي: ”آءٌ جيڪڏهن پاڪستان، ڪينيا يا سلون وڃان ته ’مس بيوٽِي‘ سڏجان “. چيوسينس ”گھڻي خوشفهميءَ ۾ مبتلا نه ٿي. جيڪڏهن چٽي ۽ ڀوري چمڙيءَ سونهن جي نشاني هجي ها ته هندستان جي مس فرح ريتا ڪڏهن به عالمي حسن جيMiss Universe نه چونڊجي ها. مجنون ڪڏهن به سانوري صورت ليلى لاءِ بيابان ۾ خاڪ نه ڇاڻي ها.“
    شام جو واپس هوٽل ۾ پئي آياسين ته هڪ گھٽيءَ مان اوچتو ٽي عورتون ظاهر ٿيون. سندن ڪپڙا ٻين وانگر تازي فئشن جا نه هئا پر بلڪل سادا ۽ ڍلا هئا. کين ٻين وانگر مني اسڪرٽ يا سلئڪس نه هئا پر ٽنهي کي مختلف ڳوڙهن رنگن جا ڊگھا پڙا اوڍيل هئا، جي اسان وٽ اڪثر باگڙي فقيراڻيون پائينديون آهن. هٿن ۾ ڪپڙن جون رنگين ڳوٿريون هين. هڪ کي ڪڇ ۾ هڙَ هئي. شڪل ۾ صفا معصوم ۽ اکين مان ساديون لڳي رهيون هيون. اسان سمجھيو ته اهي هتي جون فقيراڻيون آهن. پر پوءِ معلوم ٿيو ته هي ڳوٺاڻيون عورتون آهن ۽ ڀر واري ڳوٺ کان شهر ۾ خريداري لاءِ آيون آهن ۽ شهر جي ماڻهن وانگر چالاڪ ۽ شوخ نه آهن. روم ۾ به هڪ دفعو اهڙو واقعو درپيش آيو. لڳي ٿو ته سڄي دنيا جي ڳوٺن جا ماڻهو هڪجهڙا سادا، معصوم ۽ سٻاجھڙا آهن.
    هتي يورپ ۾ ڪيترا ماڻهو پري کان سڃاڻي نه ٿا سگھجن ته مرد آهن يا عورتون. وار عورتن جا ننڍا ٿيندا وڃن ته مردن جا وڏا. اڄڪلهه سردي هئڻ ڪري اوور ڪوٽن ۾ ويتر سندن ائناٽامي جي خبر نٿي پوي.
    هتي جون مارڪيٽون ڏسڻ وٽان آهن. هر قسم جي ڀاڄي صاف سٿري ۽ تازي. پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ ٿڌن ڪٻٽن ۾ محفوظ نظر اچي ٿي ۽ مٿان قيمت لکي پئي آهي. جنهن کي جيڪي کپي اهو کڻي اوترا پئسا رکي. ڪن ڪن هنڌن تي ته بنا دڪاندار وارو سلسو آهي مختلف ڪٻٽن ۾ ڪيترن قسمن جون شيون رکيل ۽ ٻاهران انهن جي شڪل ٺهيل. قيمت جو سڪو سير ۾ وجھڻ سان ٽافيون، چاڪليٽ، گرم گرم ڪيڪ، پيسٽريز، چانهه يا ٿڌا مشروبات لفافي ۾ هيٺ خاني ۾ اچي ڪرندا. ڪيترن هنڌن تي ــ ايئرپورٽ، آفيسن، وڏن دڪانن ۾ آٽوميٽڪ کلندڙ دروازا عام جام آهن. اڃا ماڻهو ٻه قدم کن دروازي کان پري هوندو ته دروازي جا ٻئي طاق پاڻهي کلي ويندا ۽ لنگھڻ بعد بند ٿي ويندا... بهرحال اهي مڙيئي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي سٺ جي ڏَهي ۾ في الحال پاڻ لاءِ افسانوي ٿيون لڳن پر انشاءَالله چند سالن بعد پنهنجي ملڪ ۾ به عام ٿي وينديون جيئن ئي ٿوري ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ٿيندي ته.
    يوگوسلاويا مشينريءَ کان مشهور آهي. ان ڪري مشينريءَ کان علاوه ٻي هر شيءِ مهانگي آهي. اسان جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ گھمڻ ڦرڻ جو خرچ هتي جي شپ يارڊ بلي آهي، جيسين جهاز اسانجي حوالي ڪن ۽ لنگر کڻي ٻئي ملڪ وڃون.
    ڪالهه هوٽل جي Receptionist فون ڪري پڇيو ته هڪ دڪاندار معلوم ڪرڻ چاهي ٿو ته هتي جي هٿ جو سامان سوکڙيءَ طور وٺنداؤ. هتي اهڙين شين جون قيمتون اهڙيون ڳريون آهن جو انهن کان هالا جي جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جا ٽپڙ سوين دفعا سستا آهن. دل ۾ چيم ته اسان ٻين جي خرچ تي رهيل ڇا وٺنداسين. اسان پاڻ ئي پنهنجي دل هٿن تي رکي چندر جو راڳ ڳائيندا وتون ته:
    ’دل آهي هٿن ۾، ٿو خريدار کي ڳوليان‘
    سو فون تي انڪار ڪري چيومانس، ته: ”توکي پاڻ اسان جي دل ۽ جان جو ڪو قدردان، خريدار ملي ته ان کي اسان ڏي موڪلجانءِ.“
    هتي يورپ جي ملڪن ۾ اسان جي ملڪن وانگر آسمان هميشه صاف نه ٿو رهي. سج يا چنڊ جو ته ڪڏهن ڪڏهن ديدار نصيب ٿئي ٿو، نه ته هر وقت جهڙ ۽ بارش لڳي رهي ٿي. ساڳيو عالم هن پاسي جي سمنڊن تي آهي. شهر ۾ پاڻيءَ جي نڪاسيءَ جو سٺو بندوبست هجڻ ڪري شهر هروقت صاف سٿرا نظر اچن ٿا. بهرحال پاڻ کي هتي جي بارش مان مزو بلڪل نٿو اچي. ڀلا اها به ڪهڙي بارش، جنهن جي ڪري گپ يا چڪڻ نه ٿئي. اها به ڪهڙي بارش جا سڄو سڄو ڏينهن وسي ته به رستا بلڪل خشڪ ۽ موٽر گاڏين جي ڦيٿن تائين به پاڻي نه رهي. دراصل ان ۾ هتي جي انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن جو وڏو ڏوھ آهي. جن رستا ۽ فوٽ پاٿ اهڙي نموني ٺاهيا آهن جو مينهن جو سمورو پاڻي وهيو وڃي ۽ ڪٿي به کڏا کوٻا نه ٿا ٿين. ڪنهن موٽر لاريءَ جي ترڪڻ يا گپ ۾ ڦاسڻ جو امڪان نه ٿو ٿئي. هڪ پنهنجو ڳوٺ آهي. ’بارش پوي ڇهه ڪلاڪ، ڇنو ٽمي ڇهه ڏينهن‘ جي مصداق اڌ ڪلاڪ اندر وچ مارڪيٽ ۾ ٻارن جي ترڻ لاءِ سئمنگ پول ٺهي ويندا آهن ۽ اهڙا تارو ڪٿي نه ملندا. ٿي سگھي ٿو ته اهو ئي سبب آهي جو سنڌ مان سڀ کان وڌيڪ نيويءَ ۾ پنهنجي ڳوٺ جا آهن.........! والله اعلم باالثواب.
    تنهنجو پنهنجو


    طرابلس (TRIPOLI) ڊسمبر 1968ع

    يوگوسلاويا جي بندرگاهه ’اسپلٽ‘ تان رات جو ٻارهين لڳي، اٺاويهين تاريخ لنگر کنيوسين. اڄڪلهه آءٌ وري رات واري ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان ۽ ڏينهن جو الوءَ وانگر سمهندو آهيان. سو ان وقت منهنجي ڊيوٽي هئي. جنهن وقت جهاز بندرگاهه ڇڏيو پئي. سڄي سفر ۾ اسان انجنيئرن کي ڏاڍو خبردار ٿي رهڻو پيو ٿي. بلڪل نئون جهاز ۽ نئين مشينري آهي. ڪيترا اهڙا واقعا ٿيا آهن جو انجنيئرن جي سستي ۽ لاپرواهيءَ سبب نئين جهاز جي انجڻ کي ڪافي نقصان رسيو آهي. رفتار به سڄي نٿي رکيسين سڄو وقت گھٽ رفتار تي سفر ڪيو اٿئون. جيئن نئين موٽر ڪار يا گاڏي پهرين ڪجهه عرصو آهستي آهستي هلائبي آهي ته هرهڪ پرزو روان ٿي وڃي. چوٿين تاريخ صبح جو لبنان جي هن شهر ٽريپوليءَ ۾ خيريت سان پهتاسين. رستي تي ڪوبه حادثو نه ٿيو. يوگوسلاويا، اٽلي، البانيا ۽ يونان جو ٿورو حصو اڊرياٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي ۽ لبنان، اسپين، موراڪو، الجيريا، ٽيونس، فرانس، ترڪي، شام، لبيا ۽ مصر ميڊيٽرينن سمنڊ جي ڪناري تي آهن. سرديءَ جي ڪري اڄڪلهه سواءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي، هر سمنڊ گھڻو ڪري ماٺو آهي، پر اسان جيئن ئي اڊرياٽڪ سمنڊ پار ڪري ميڊيٽرينن ۾ گھڙياسين، ته سمنڊ ۾ ڏاڍو جوش هو. مٿان وري طوفان ۽ سخت مينهن، جنهن پورن پنجويهن ڪلاڪن تائين گھيري رکيو. جهاز به بلڪل خالي هو ۽ هلڪي هئڻ ڪري ڪک وانگر طوفان ۽ لهرن جي رحم ڪرم تي لڏڻ لڳو. ڪڏهن اڳيون حصو سمنڊ ۾ اندر هليو وڃي ته پويون ايترو ٻاهر نڪريو اچي، جو جهاز کي هلائيندڙ پنکو (Propeller) به ٻاهر نڪريو اچي. (جهاز کي ڦيٿا ته ٿين ڪونه. پٺيان تري ۾ پنکو ٿيندو آهي، جو پاڻيءَ کي ڪپي جهاز کي اڳتي ڌڪيندو آهي.) طوفان کا بچڻ خاطر اسان جهاز جي رفتار بلڪل تيز ڪري ڇڏي. پورن پنجويهن ڪلاڪن بعد جڏهن سمنڊ تي خاموشي طاري ٿي، ته اسان نقشي تي پنهنجي پوزيشن ڏٺي ته معلوم ٿيو ته هيتري رفتار هوندي به ان عرصي ۾ جهاز اڳتي ته نه وڌيو هو، پاڻ ٽيهه ميل پٺتي ڌڪجي ويو هو. اهڙي قسم جا واقعا سمنڊ تي عام ٿيندا رهن ٿا.
    1962ع ۾ طوفان سبب هڪ جهاز ڌڪجي چٽگانگ ۾ سڪي تي به سترهن ميل کن چڙهي آيو هو. جنهن کي وري سمنڊ ۾ نه آڻي سگھيا جو سمنڊ ۾ گھلي اچڻ جو خرچ جهاز جي قيمت کان وڌيڪ ٿي آيو. بهرحال اسان ٽرپولي هڪ ڏينهن دير سان پهتاسين.
    ٽرپوليءَ کي طرابلس به سڏين. اٺين يا نائين ڪلاس ۾ هڪ سبق آهي، ’فاطمہ آف ٽرپولي‘ ۽ اها مسلمان ڇوڪري، جنهن جهاز ۾ زخمين جي مدد ڪئي سا هن شهر طرابلس سان واسطو رکي ٿي. هڪ طرابلس (Tripoli) شهر لبيا ۾ به آهي. ۽ ٿي سگھي ٿو ته اها فاطمہ لبيا واري ٽرپولي جي هجي. اسلامي تاريخ ۾ طرابلس تمام گھڻي اهميت رکي ٿو. ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ روايتون هن شهر سان وابسته آهن. لبنان ملڪ جو هي شهر، لبنان جي گاديءَ جي هنڌ بيروت کان اسي ميل کن پري آهي. لبنان جو سڄو ملڪ ايراضيءَ جي حساب سان سنڌ جي حصي جيترو آهي. لبنان ۾ تقريباً اڌو اڌ مسلمان ۽ عيسائي آهن.
    طرابلس شهر جابلو علائقي ۾ آهي ۽ انهن جبلن جي قطار سمنڊ جي ڪناري کان شروع ٿئي ٿي. جبل به ايڏا اوچا ۽ آفت جيڏا جو آسمان سان پيا ڳالهيون ڪن ۽ انهن چوٽين تي ڄميل برف ڏينهن جو چانديءَ وانگر چمڪندي نظر اچي ٿي ۽ سياحن ۽ نون آيلن جي ڏسڻ جو مرڪز آهي. جبلن تي هڪ خاص قسم جا ’سيڊار‘ نالي تمام خوبصورت وڻ نظر ٿين ۽ اهو ئي وڻ هن ملڪ جي قومي نشاني آهي جو جھنڊي، سڪي ۽ ٽڪلين تي نظر اچي ٿو. هي ملڪ يورپ جي ڀرسان آهي انڪري مسلمانن جو ملڪ سڏائڻ جي باوجود يورپ جي هوا جو اثر اٿس.
    رمضان ۾ به شراب خانا ۽ هوٽلون عام کليون پيون آهن. هتي جون عورتون ــ خاص ڪري ننڍي ٽهي اسڪرٽ پهرين، جنهن جي ڊيگھه سٿرن تائين مس ٿي اچي. (ڪالهه ته اخبار ۾ هو ته مصر ۾ به عورتن مني اسڪرٽ پائڻ شروع ڪيو آهي، جنهن لاءِ اتي جي مولوين جمال ناصر کي عرض ڪيو آهي ته هو اهڙو ڪو قاعدو ڪڍي جو ان تي بندش رهي، ڇو جو مني اسڪرٽ پائي نماز پڙهڻ سان عورت جي اوگھڙ ظاهر ٿئي ٿي. صدر ناصر جواب ۾ چيو ته ان لاءِ قاعدو ته نه نڪرندو. هر فئملي پنهنجي مرضيءَ جي مالڪ آهي.) عورت ۽ مرد ٻين يورپين ملڪن وانگر هتي به آزادانه نموني، هر جڳهه گڏ ڦرندا رهن ٿا. هتي جون عورتون به مردن وانگر سگريٽ عام ڇڪين. هوٽل، بس، سئينما تي به عورت ۽ مرد لاءِ الڳ الڳ بندوبست ناهي. توهان کي ڏسڻ سان ائين هرگز معلوم نه ٿيندو ته ڪو مسلمان ملڪ آهي. پر پنج ئي آڱريون برابر ناهن. گھرائيءَ سان جائزو وٺبو ته پرهيزگار به جام نظر ايندا. مٿيون ڳالهيون لبنانين جي تهذيب ۾ شامل ٿي چڪيون آهن ۽ مذهب جي خيال کان ڪافي ماڻهو ان ڪوشش ۾ آهن ته شراب يا مني اسڪرٽ جهڙيون شيون بند ڪرايون وڃن.
    هتي عربي ۽ فرينچ زبان گھڻي هلي ٿي. انگريزي، جرمن، ڊچ زبانون تمام ٿورا سمجھن. شهر ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ۽ ڪليسائون آهن.
    هن وقت هتي رات جا ڏهه ٿي رهيا آهن. توهان وٽ هڪ وڄي چڪو هوندو، جو ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي. توهان وٽ نائين ڊسمبر ٿي چڪي آهي، پر اسان وٽ تاريخ اڃا اٺين ڊسمبر هلي رهي آهي. هن وقت جيڪڏهن تون تار ڪرين ته تنهنجي تار نائين ڊسمبر جي مون کي هتي جي تاريخ مطابق اٺين ڊسمبر تي ملندي. يعني هڪ ڏينهن اڳ. هتي ته فقط ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي، آمريڪا وغيره جتي ٻارهن ڪلاڪن جو به فرق آهي، اتي اخبارن ۾ خبرون اسان جي ملڪن جون هڪ هڪ ڏينهن اڳ ڇپبيون آهن. جاگرافيءَ کان غير واقف اهو سوچي تعجب کائيندا آهن ته مشرق ۾ ڪا ڳالهه ٿئي ٿي ته اها مغرب ۾ هڪ ڏينهن اڳ اخبار ۾ اچيو وڃي.... اهو ڪيئن؟
    هتان پوءِ جهاز بيروت به وڃڻو آهي پر جيئن ته پڪ ناهي ان ڪري آءٌ ۽ زمان باءَ روڊ بيروت جا ٻه چڪر هڻي آيا آهيون. پنج ڇهه ڄڻا ٿي ٽئڪسي ۾ ويندا آهيون ان ريت اهو سفر بس کان به سستو پوي. پوءِ بيروت جو سڄو شهر گھمڻ لاءِ پنهنجي گوڏا گاڏي استعمال ڪريون. اڳئين دفعي ته ايترو پنڌ ڪيوسين جو زمان چيو ته هان پاڻ سان تيل به کڻي هلنداسين جيئن ٿڪجي پئون ته ڪنهن وڻ هيٺ ويهي پير ۽ ٽنگون مالش ڪريون. سڀ کان جونئر آهيون ۽ گھٽ پگھار اٿئون پر گھمڻ ڦرڻ ۾ سينئرن سان وڃي ڪلهو هڻندا آهيون. سو ان ريت، ماني کائي نڪرون ۽ وري موٽي اچي جهاز تي کائون. پر ههڙيSituation ۾ جتي ٻئي شهر کان وڃي نڪرون اتي پوءِ ڀڳڙي، دال پٽاٽي تي گذران ڪيون. بيروت ۾ خاص Interest دليپ، راجيش ۽ شرميلا ٽئگور جون فلمون، الحمرا مارڪيٽ جا چڪر ۽ دڪانن تي چڙهي ٺَلها اگهه پڇڻ، امريڪن يونيورسٽي ۾ هم وطنين سان ملڻ. اڳئين دفعي جيڪا فلم ڏسي آياسين اها شمي ڪپور جي ’ايوننگ ان پئرس‘ هئي.
    بيروت جو هڪ دلچسپ واقعو جنهن ذهن تي ڪافي گھرو اثر ڇڏيو آهي. اڳئين دفعي بيروت ۾ مينهن اچي ڏاڍو پيو. زمان ۽ آءٌ مينهن کان بچڻ لاءِ پاسا ڪنڊون ڳولڻ لڳاسين. آخر هڪ ماڙيءَ جي هيٺين در وٽ آڏ ۾ ٿي بيٺاسين. پاسن کان دڪان هئا. مٿي ڪاٺ جي ڏاڪڻ ٿي وئي. ڪافي دير بيٺا رهياسين پر بارش بند ٿيڻ جي ڪا اميد ڪانه ٿي ڏٺي. اڌ گابرا ڀڄي به چڪا هئاسين. اوچتو در جي مٿان نظر پئي ته تختيءَ تي عربيءَ ۾ ڪجھه لکيل هو. بهرحال نالي جي ته خبر پئي ته هيءَ جاءِ، اوطاق يا بيٺڪ ڪنهن ليلى نالي محترمه جي آهي.۽ مٿي ميوزڪ به هلي رهي هئي. ڪجھه مينهن کان بچڻ لاءِ، ڪجھه بيهڻ بدران ويهي ٿڪ ڀڃڻ جي خيال کان ۽ ڪجھه نالو وطني نالن سان ملندڙ پڙهي اسان همت ڪري مٿي چڙهي پياسين. هڪ عاليشان ڊرائنگ روم هو جنهن ۾ ست اٺ ڄڻا پنهنجي منهن ويٺا هئا. ڪنهن حقو پئي پيتو، ڪنهن ڪاري چانهن (قهوو) پياليءَ ۾ پئي پيتي، هڪ ٻن اخبارون پئي پڙهيون. ڪنهن به اسان جو نوٽيس نه ورتو. ان ڪري اسان به بالم ٿي ڪوچ تي ويهي عربي ميوزڪ به ٻڌڻ لڳاسين ته آسمان مان ٽمندڙ پاڻي پڻ ڏسڻ لڳاسين ته جيسين پڇاڻو ٿئي ۽ اسانکي لوڌيو وڃي تيسين جيڪر بارش بند ٿي وڃي ته اسان پاڻمرادو هليا وڃون. ٿوري دير ٿي ته سامهون ڪمري وارو در کليو. هڪ عرب مُڇن کي تاءُ ڏيندو، جبي کي درست ڪندو ٻاهر نڪتو. ٿوري جھٽ بعد هڪ خوبصورت عورت ليلى وانگر ڪاري ته نه پر ايلزبيٿ ٽيلر جهڙي گوري ۽ تندرست، در جي چانئٺ وٽ بيهي سڀني ڏي قتلام ڪندڙ نظرون اڇلائي عربي ۾ ڪجھه چيو ــ يعني سڏيو ۽ ويٺلن مان هڪ عدد اٿي اندر ويو. در بند ٿي ويو ان سان گڏ اهي مدهوش ڪندڙ خوشبوئون پڻ ،جي اندران ٻاهر ڌوڪي رهيون.
    اسان سوچيندا رهياسين ته چڪر ڪهڙو آهي. پهرين سمجھيوسين ته شايد ڊاڪٽر آهي يا وڪيل ـــ ۽ هڪ هڪ کي پئي گھرائي. پر پوءِ اهڙو رکُ رکاءُ ۾ هلندڙ چڪلو ــ جنهن بابت ڪڏهن ڪتابن يا پراڻن جهازين کان به نه ٻڌو هئوسين، ڏسي تعجب لڳو. ٺهيو! هاڻ خبر پيئي ته هي عرب دنيا جا امير بيروت ڀڳا بيٺا آهن سو فقط ڦوڪ ڀرڻ لاءِ پنهنجي چلم بنا تماڪ ۽ پاڻيءَ جي گھرن ۾ ڌوڙ پئي پائي! آخر بارش به بند ٿي. ان دوران هڪ ٻه ڄڻا فارغ ٿي چڪا هئا. اسان هاڻ نڪرڻ ٿي چاهيو ته ان ئي وقت ليلى صاحبه نمودار ٿي ۽ اسان کي ائين اٿي هلي وڃڻ کيس پسند نه آيو. هن ڪو سمجھيو ته اسان جلدي ۾ آهيون سو ٻين کان معافي وٺي اسان کي اڳ وارو ڏيڻ چاهيائين ٿي. اسان کي پنهنجي جسم سان لڳائي ڇڪڻ لڳي. اسان وارن جنريٽرن کان تمام گھڻو گھڻو ڪرنٽ سيسراٽ ڪري اسان جي جسم مان لنگھي ويو. ٿورو ٿورو سندس عربي ۽ اشارن مان سمجھڻ لڳاسين ته هوءِ اسان کي هڪ پاڙيسري ملڪ (۽ شايد غريب ملڪ جا پڻ) باشندا هجڻ ڪري آفر به گھٽائي اڌ ڪئي اٿس ـــ پر افسوس جو اسان جا کيسا به اسان جي پيٽن وانگر ذري گھٽ خالي هجڻ ڪري اسين موٽي آياسين.
    اسان هي شهر ٽرپولي (طرابلس) ڏاڍو گھميا آهيون. چڱو وڏو شهر آهي. چؤڌاري اوچيون اوچيون جڳهيون ۽ نظارا آهن. هڪ خيال کان اسان کي گھمڻ ڏاڍو سستو پوي ٿو. ان ڪري جو پرديس ۾ ٻن شين جو مسئلو درپيش اچي ٿو. هڪ اجهو ٻيو ماني. سي ٻئي شيون اسان کي جهاز تي ميسر آهن. يورپ ۾ به پاڪستاني ۽ هرقسم جا مشرقي کاڌا جهاز تي تيار هوندا آهن ۽ رهڻ لاءِ جهاز تي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرا ــ انڪري ڪنهن به ملڪ جي چاهي ڪهڙي به آبهوا هجي گرم يا سرد، ڪو خاص فرق نٿو پوي. اهڙو سک ته هتي جي وڏين هوٽلن ۾ به نه ملي. نه ته هتي پنهنجي خرچ سان ايترا ڏينهن گھمڻ اسان جهڙن لاءِ ته مشڪل آهي. هتي مهنگائيءَ جو ڪو ڪاٿو ناهي. هتي جي ماڻهن لاءِ ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي جو ڪمائي به گھڻي اٿن. ان کان علاوه قدرتي پيٽرول هنن ملڪن کي راتو رات امير بنائي ڇڏيو آهي. سياحت پڻ هتي جي ايڪانامي تي اثر انداز رهي آهي. اوسي پاسي جي ملڪن جا امير واندڪائيءَ جا ڏينهن هتي گھمڻ ڦرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ چڱو پئسو خرچ ڪريو وڃن. ان ڪري هتي هوٽلن کان وٺي ريلوي اسٽيشن جي ڪوليءَ جي ڪمائي ٿئي ٿي. بهرحال جيسين اسان جي گھمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ ۽ رهائش جو مسئلو آهي ان کان بيفڪر آهيون ۽ خرچ نه برابر ٿئي ٿو. باقي ٿوري به خريداري ڪئي ته پنهنجو پاڻ وڪڻڻ ٿيو. ساڳئي حالت ٻين يورپي ملڪن جي آهي.
    يوگوسلاويا ۾ منهنجو بوٽ ڇڄي پيو. جهاز تي موچي آيل هو. پڇيومانس گھڻو وٺندين...؟ مني آرڊر واري زبان ۾ چيائين: ”فقط پنجاهه دينار“ ــ يعني اٽڪل ٽيهه روپيا کن. مون چپ چاپ آرام سان بوٽ جو هڪ هڪ پادر پير مان لاٿو. هڪ دفعو يوگوسلاويا جي فلڪ بوس عمارتن ڏي ڏسي ٿڌو ساهه کنيو ۽ پوءِ سمنڊ طرف منهن ڪري ٻنهي پادرن کي کڻي اڇل ڏني. سڌو وڃي سمنڊ ۾ پيا ۽ ڳپل دير تائين هفتو کن اڳ حيدرآباد جي شاهي بازار مان ورتل پنجويهين روپين وارو بوٽ ترندو ڏسندو رهيس. شام جو پنجاهه روپين جو نئون وٺي آيس.
    ڪراچي کان روم ۽ يوگوسلاويا هوائي جهاز رستي آيو هوس، ان ڪري تمام مختصر سامان کڻڻو پيو ۽ اتي خبر به نه هئي ته ڪو اسان کي وچ سياري ۾ روس به وڃڻو آهي. اوور ڪوٽ ۽ ٻيو ڪيترو سامان نه کڻي سگھيس، هاڻ هڪڙو ئي Alternative هو ته روس ڪمبل ويڙهي گھمجي. هتان جي ريڊي ميڊ دڪانن تان اوورڪوٽ وڃي پڇايم ته معمولي ڪوٽ جي قيمت به تمام ڳري ٿي ٻڌايائون. سوچيم شايد درزي سستو سبي ڏئي جيڪڏهن ڪپڙو وٺي ڏيانس. درزيءَ سان ڳالهه ڪيم ته معلوم ٿيو ته آرڊر ڏئي ٺهرائڻ ته ان کان به مهانگو پوندو. خير وٺڻ جو ارادو لاهي ڇڏيم. موٽڻ مهل هڪ گھٽيءَ مان پئي لنگھيس ته هڪ ڪوٽن واري دڪان تي قسمين قسمين ڪوٽ ٻاهر ٽنگيل ڏسي اندر گھڙيس. اندر ڏسان ته ڪوٽن ۽ سئيٽرن جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ وڪڻڻ وارو ٻين دڪاندارن وانگر شوخ ۽ چالاڪ قسم جو نه پر ڳوٺاڻو ۽ سادو پئي لڳو. هڪ ڇوڪريءَ ته اتي ئي سئيٽر وٺي ان مان پشم ۽ ٻيڙا پئي ڪڍيا ۽ پشم جو ويڙهو پئي ٺاهيائين. يڪدم سمجھي ويس ته هي ڪراچيءَ جي لنڊا بازار وارو قصو آهي جتان اسان جهڙا ڪنگال نيلامي ڪوٽ وٺي، وڏين وڏين هوٽلن ۽ دعوتن ۾ پائي لئه رکن ٿا. هڪ پير مرد انگريز به پاڻ لاءِ ڪوٽ ڳولهي رهيو هو. کيس ته ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو. افسوس ان ڳالهه تان نه ته ڪو هو پير مرد هو پر ان تان ته انگريز قوم جو ٿي ڪري هن حال ۾ هجي جنهن ۾ اسان جهڙا صدين کان غلام ماڻهو ٿا سونهون.
    مون هڪ عاليشان گرم ڪوٽ ڳوليو، هر لحاظ کان نئون هو. اگھه پڇيومانس ته پني تي ٻارهن ليرا لکيائين، يعني اٽڪل ٽيهه روپيا کن. (هتي جي سڪي جو نالو ليرا، پياسٽر آهي. سؤ پياسٽر هڪ ليري برابر آهن.) ايترو ننڍو اگھه ٻڌي، ٿورو مٿي تي آءٌ به چڙهيس. سوچيم سودو ڪيو وڃي، جو هتي عرب ملڪن ۾ يورپ جي ملڪن وانگر ڪنهن به شيءَ جا مقرر اگھه نه آهن. ويتر ٻاهريون سمجھي دڪاندار اگھه وڌائيندا آهن. ڪيترا دفعا ساڳي جٺ ٽئڪسيءَ وارن به ڪئي هوندي. سو هاڻ ڪڻي جي ڪسر ڌڙي مان ڪڍڻ لاءِ سوچيم ته ٻه ليرا گھٽ ڪرايانس. عربي پاڻ کي بلڪل نه اچي. ڏهين جو نوٽ پاسي تي ڪڍي ان تان پڙهي چيومانس، ”عشر ليرا.“ پهريائين ته نه مڃيائين، پر پوءِ ٻاهر ٿي نڪتس ته رازدارانه انداز ۾ آيل انگريز گراهڪ کان لڪي اشارن ۾ سمجھايائين ته هن کي وڃڻ ڏي ته پوءِ تو لاءِ هڪ ليرو گھٽ ڪندس.
    تيسين آءٌ واڻ جي مڙهيل منجيءَ تي بالم ٿي ويٺس ۽ رُوس جي بندرگاهه اوڊيسا جي گھٽين ۾، خيالن ۾ گھمڻ لڳس. اتي ڪجھه ٻيون ڇوڪريون به سئيٽر وٺڻ آيون ۽ گھٽ اگھه ڪرائڻ لاءِ ڪوڪراُٽ ڪري وڙهڻ لڳيون. آخر ڪامياب ٿي ويون ۽ دڪاندار کي آڻ مڃڻي پئي. ان بعد انگريز کي ڦري دڪان کان ٻاهر لاٿائين ته مون ڏهين جو نوٽ ڪڍي ڏيکاريومانس، جيئن شادين مرادين تي ناچ وقت ڳائڻين کي ڏيکاربو آهي.
    ”اونهه هون!“ ــ هن منهن کي کڻي موڙو ڏنو.
    آءٌ به اشارا ڪري ٿڪجي پيو هوس سو سنڌيءَ ۾ چيومانس: ”اونهه هون ته ائين سهي! سخت برفباريءَ ۾ اهڙو شوق اوڊيسا گھمڻ جو مون کي به ڪونهي.“
    سمجھيو ڪجھه به نه. وري اشارا ڪري عربي ۾ چوڻ لڳو ڀلا ساڍا ڏهه ڏي. ”خلاص .خلاص.“ چيومانس ته جوان مون به ضد ڪيو آهي خلاص ته خلاص. اسلام اعليڪم يا اخي. ائين چئي هيٺ پئي لٿس ته نوڪر کي چيائين ته جلدي ٻڌي ڏينس ۽ ڏهن ليرن ۾ اسان کي ڪوٽ ملي ويو. جهاز تي کڻي آيس. دوستن پڇيو گھڻي مليو. چيومان ته ڪراچيءَ ۾ ٺهرايو هوم ساڍي ٽي سؤ ۾. سڀني ڏسي چيو، ”واهه واهه. واقعي ڪراچيءَ ۾ سستائي آهي. هتي ته لاهه پٽيو ڇڏين.“
    هتي جي دڪاندارن جي هڪ ڳالهه ڏاڍي سٺي آهي جو سامان جو بل چڪتو ڪري پوءِ چانهه شربت جي صلاح ڪن ٿا. پاڻ وانگر نه ته پهرين زبردستي گراهڪ کي چانهه پياري هن کي شيءَ وٺڻ تي مجبور ڪيو ويندو ۽ پوءِ سندس چانهه جا ــ ۽ پنهنجيءَ جا پڻ، هن جي بل ۾ هڻي ڇڏبا.
    هتي طرابلس ۾ هڪ سئنيما هال آهي، جتي هندستاني فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. نالو ’راڪسي‘ اٿس. ان ڏينهن راڪسي سئنيما جي جيتوڻيڪ پٺيان بيٺو هوس، پر منجھي پيس ته هيءَ ڪهڙي جڳهه آهي ۽ صحيح رستو هٿ نه پئي آيو. سامهون ٽي ٻار ڇهن ستن سالن جا پئي آيا. انهن ۾ هڪ مشڪي رنگ جو ڏسي مون سمجهيو ته شايد اسان جي پاسي جو هجي يعني: پاڪستاني، هندستاني، سلوني وغيره سو آئون ان کي اردو ۾ مخاطب ٿيس: ”سنين آپ انڊين هين....؟“
    جواب نه ڏنائين. هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لڳا. وري انگريزي ۾ پڇيومانس. چيائين ”لا“. اتي ٻيا ٻه عرب ڇوڪرا هڪ ٻئي جو تعارف ڪرائڻ لڳا. هڪٻئي تي تبصرو ڪري کلڻ لڳا. آهستي چيومان: ”مون پچر ڇڏي، ڪٿي جو به هجين. ٻڌاءِ راڪسي ويئر.....؟“ هر هڪ مختلف طرف ٻڌايو. هڪ ٻئي سان ضد پيا ڪن، وڙهن پيا، ڪو چوي هيڏانهن وڃ، ڪو هوڏانهن لاءِ پيو زور ڀري، چيومان، ”ٻيلي معافي ڏيو، توهان سان پڄڻ جي جاءِ ناهي. اجايو لاڙڪاڻي ۽ سکر جي ماڻهن کي شڪايت آهي ته سندن ٻار ڏنگا آهن.“ اڳتي وڌيس ته وري ڊوڙي آيا ۽ پڇڻ لڳا:
    ”راڪسي ريسٽورنٽ....؟“
    جواب ڏنو مان.”لا.“
    ”راڪسي پيترول ڪالتيڪس.“
    ”لا.“
    ”راڪسي سئينما...؟“
    ”نعم.“ خوش ٿي جواب ڏنو مان. اشارو ڪيائون ته هيءَ گھٽي ٿي وڃي.
    اها خبر هجي ها ته سئنيما کي عربي ۾ سئنيما ئي چون ٿا ته ايتري نوبت نه اچي ها.يوگوسلاويا ۾ خريداريءَ لاءِ وڃڻو هو، جنهن کان به پڇون ته ”شاپنگ سينٽر ڪٿي آهي.....؟ مارڪيٽ ڪٿي آهي؟ ڊپارٽمينٽ اسٽور ڪٿي آهي؟“ ته سمجهن ئي نه. آخر هڪ کان تنگ ٿي اڙدو ۾ پڇيو، ”توهان جي شهر ۾ ڪا بوري بزار آهي يا نه...؟“، ”اوهه بزارا.“ ٿڌو ساهه کڻي همراهه سامهون ڏيکاري. پوءِ معلوم ٿيو ته وڏي دڪان کي بازار سڏين.
    هتي موٽرون جام آهن ۽ سڀ کان وڏيون ۽ اعلى درجي جون، ٽئڪسي جي اها سڃاڻ آهي ته هر ’مرسڊيز بينز‘ ڪار ٽئڪسي آهي. مرسيڊيز ڪار پاڻ وٽ لک مني لک ۾ لي پر هتي ٽيهه هزار کن ۾. اهڙي طرح ٻيون ڪارون به سستيون آهن ـــ باقي ٻي هر شيءَ مهانگي ــ چڱو جو جهاز ساڻ آهي نه ته هنن ملڪن ۾ اچڻ يا پنهنجو پاڻ کي ٻٻر جي وڻ سان ٻڌي ڇڏڻ ساڳي ڳالهه آهي. ٻنهي صورتن ۾ بک وگھي ۽ بي گھر مري سگھبو. پنهنجي ملڪ جا ماڻهو جيڪي يورپ مان اچي طرح طرح جون من گھڙت ڳالهيون ٻڌائين ٿا انهن جي حالت هتي اکين سان نظر اچي ٿي. سواءِ ٿورن جي، جيڪي هتي به هزارين روپيا ڪمائين ٿا، ٻيا سڀ پريشان حال رهن ٿا. سادو سودو هڪ ويلو کائيندا ته ٻيو ٽاريندا. هيڏانهن هوڏانهن تڪليفون ڪاٽي، ڏينهن رات محنت مزدوري ڪري پورت ڪندا. ڪي ڪي ته هتي عجيب عجيب ناپسنديده حرڪتون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو بدنام ڪن ٿا. چوندا وتندا: ”پاڪستان ۾ رکيو ئي ڇا آهي ـــ؟“
    ٺيڪ آهي، پاڪستان غريب ملڪ آهي، اڃا ترقيءَ جي راهه تي آهي. آخر ڪنهن کي ته قربانيون ڏيڻيون پونديون. توهان جتي جنم ورتو، جنهن توهان کي پاڙهي انجنيئر يا ڊاڪٽر بڻايو، ان ملڪ جي خدمت ڪرڻ بدران ائين ڇڏي وڃڻ ڪٿي جو انصاف آهي. ڪاش، اسان جا پاڪستاني ڀائر چيني ماڻهن مان سبق حاصل ڪن، جيڪي هزارين روپين جا پگھار ڇڏي اچي سؤ ڏيڍ سؤ تي ملڪ جي خدمت ڪرڻ لڳا آهن. هيڊروجن بم، ائٽم بم ائين ئي ٺهندا. ملڪ جي مضبوطي، آسودگي ۽ ترقي ائين ته ٿيندي. خير ادا اچون ٻين ڳالهين تي. هتي جڳهه جڳهه پرائيويٽ بئنڪون آهن، جتان دنيا جو هر سڪو مٽجي ملي ٿو. اسان وٽ به اٽلي، مصر ۽ يوگوسلاويا جي ڪافي ڀرڪٽ بچيل هئي، سو ڪجھه دوستن گڏجي هڪ بئنڪ تان مٽايا. جن جا هزار روپيا کن ٿيا ٿي، پر Calculation مشين جي غلط حساب سبب هزار بدران ڏهه هزار ڏئي ويو. اسان کي به خبر نه هئي، جو هر ملڪ جي سڪي جو اگھه ڦرندو رهي ٿو. آءٌ ته ان وقت ڪونه هوس، ٻيا دوست مٽائي کڻي آيا ۽ ورهاياسين. بلڪ خوش ٿي ورهائي کنياسين. ڪجھه ته خرچي به آيا.
    ٻئي ڏينهن آءٌ جهڙو بئنڪ وٽان لنگھيس ته بئنڪ واري پڇيو: ”پاڪستاني آهين.“ چيومانس: ”ها“. پوءِ سڄو قصو ڪري ٻڌايائين ته رات مون وٽ ڪجھه پاڪستاني آيا هئا ۽ مون سان هيءَ ويڌن ٿي آهي ۽ غلطي ۾ گھڻا پئسا ڏيئي ويٺو آهيان. آٿت ڏئي چيومانس: ”گھٻراءِ نه. انهن خوش نصيبن ۾ هڪڙو آءٌ به آهيان، جنهن سڄي رات خوشيءَ وچان ننڊ نه ڪئي آهي. هاڻي جلدي ڪر، دهليءَ جا ٺڳ اسان نه آهيون، جهاز تي هل ته هلي هنن کان وٺون، بس رڳو دعا ڪر ته سڀ خرچي نه ويٺا هجن.“
    جهاز تي آياسين، ظاهر آهي اهڙي خراب خبر ٻڌي سڀ مون تي مڇرجي پيا پر پوءِ وڌيڪ مليل پئسا واپس ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويا. پئسا گڏ ڪري کيس ڏيارياسين. شڪريو ڪري چوڻ لڳو: ”توهان ڏاڍا سٺا ماڻهو آهيو.“ دل ۾ چيم ڀاڳن وارو آهين، جو اسان جهڙن معتبرن جي ور چڙهي وئين نه ته سر وڃنئي ها.
    وڃڻ وقت بئنڪ تي اچڻ لاءِ دعوت ڏنائين ته اچجو ته پوءِ جبل جي چوٽين تي پڪنڪ لاءِ هلنداسين، جتي برف پئي وسي ۽ سيڊار وڻن جا ٻيلا آهن. پر اسان نه وياسين. هن اجايو ٿورو ٿي لاٿو. ٻئي ڏينهن آءٌ شهر ويس پر سندس بئنڪ اڳيان لنگھيس به ڪونه. جيئن ڪو اوڌر نه ڏيڻ خاطر ان گھٽيءَ مان ئي نه لنگھندو آهي. پر ڪالهه اوچتو شهر ۾ ملي ويو ۽ دڪان (بئنڪ) تي گھلي آيو. پنهنجي ڀائرن ۽ پوڙهي پيءُ سان ملايائين. ڪلاڪ ڏيڍ خبرون ڪيونسين. هڪ ٻئي جي ملڪ، رسم، رواج ۽ مذهب بابت. پوءِ موڪلائي نڪتس. وري طرابلس شهر جا رستا ۽ گھٽيون ماهر سروير وانگر ماپڻ لڳس، ته اوچتو اچي بارش وٺي. (هتي بارش تمام گھڻي پوي ٿي. هتي جا جبل ڪڪرن کان به اوچا آهن ۽ سمنڊ کان اٿيل ٻاڦ کي ٻئي پاسي وڃڻ بدران واپس ڪن ٿا ۽ طرابلس مٿان ئي وسڪارو لڳو رهي ٿو.) بارش کان بچڻ خاطر هڪ دڪان جي آڙ ۾ ٿي بيٺس. اتفاق سان بئنڪ وارو عبدالقادر اتان اچي لنگھيو. سندس گھر ڪو سامهون ئي هو. تنهن جو مون کي بارش ۾ پسندو ڏٺو سو گھر هلڻ لاءِ چيائين. سندس گھر چوڏهن ماڙ بلڊنگ جي ستين ماڙ تي آهي. ”اسان هتي جا امير ترين ماڻهو آهيون، پر اسان جي فئملي سدائين سادگي پسند رهي آهي. هيءَ سڄي بلڊنگ اسان جي آهي. اسان چار ڀائر آهيون . ٻه وچيان شادي شده آهن. آءٌ وڏو آهيان ۽ ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ سان ستين منزل تي رهان ٿو ۽ ٻيا ڇهين تي. باقي ماڙيون ۽ هيٺيان دڪان مسواڙ تي آهن. هڪ ٻي ٻاويهه ماڙ بلڊنگ وچ شهر ۾ ٺهيل به اسان جي آهي. اسان جون پرائيويٽ بئنڪون آمريڪا، فرانس، جرمني ۽ آسٽريليا ۾ به آهن. نيويارڪ ۾ ڪيترا واپاري اسان کي سڃاڻن ۽ اسان جي ايمانداريءَ جي ساک ڏيندا.“ لفٽ خراب هئي سو ڏاڪا چڙهندا وياسين. هنن جي سڄي فئملي انگريزي، عربي ۽ فرينچ ڳالهائي ٿي، سو اسان انگريزيءَ ۾ گفتگو ڪري رهيا هئاسين. آخر جڏهن ستين ماڙ تي پهتاسين ته تالو لڳل هو. چيائين ته، ”ڀاڀي ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ وئي هوندي. اجھو آئي. هل ته هيٺ انتظار ڪريون.“
    پڇيومانس ”لفٽ کي ڇا ٿيو آهي؟“
    ”خراب ٿي پئي آهي.“ لفٽ جو دروازو کولي چيومانس ته پرواهه نه ڪر. آءٌ انجنيئر آهيان. اهي مشينري جون سڀ کيڏون ڄاڻان. چڱي طرح ڏٺم ته Contact جي معمولي غلطي هئي ــــ جنهن ڪري لفٽ اڪثر رنڊجي پوندي آهي.
    چيومانس: ”اکيون بند ڪر.“ ٺيڪ ڪري بٽڻ کي دٻايم ته ٻي ساعت ۾ پٽ تي هئاسين. ڏاڍو کليو ۽ سٺو دوست ٿي ويو. ٻاهر نڪتاسين ته سندس ڀاءُ، ڀاڀي ۽ ڀاءُ جي سسُ بيٺي هئي. تعارف بعد فيصلو ٿيو ته ڀاڀي مونا جي ماءُ دمشق (شام) وڃي رهي آهي. سو ان کي بس تي ڇڏي اچون. بس چرڻ لڳي ته في امان الله چيومانس. سڀ وائڙا ٿي ويا ته عربي ڪٿان سکياسين. پوءِ کين ٻڌايم ته اسان جي ملڪ ۾ مذهب جو تهذيب ۽ زبان تي به ڪافي اثر آهي ۽ ڪيترا عربي لفظ اسان جي ٻوليءَ ۾ عام ٿي چڪا آهن ۽ لکڻي به عربي اسٽائيل آهي. گھر واپس آياسين. گھر جو دروازو کليو ته اندر ائين لڳو ڄڻ ڪو شاهي محل هجي، هي گھر مغربي ۽ مشرقي طرز سان سينگاريل هو. هر شيءِ قيمتي ۽ اعلى نظر اچي رهي هئي. ڪمرا تمام وڏا ۽ ڪشادا. قيمتي ايراني غاليچن سان سجايل. ڪلاڪ ڏيڍ جي ڪچهريءَ ۾ ئي ڏاڍو رلي ملي وياسين. ڄڻ پراڻا واقفڪار يا مائٽ هجون. گھر ۾ ڪوبه نوڪر يا نوڪرياڻي نه هئي. هيڏي امير هوندي به مونا خود وئي ۽ چانهه ٺاهي آئي. رڌ پچاءُ جو سڄو ڪم پاڻ ٿي ڪيائين اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻين يورپي ملڪن وانگر هتي به Mechanization ڏاڍي اچي وئي آهي. واشنگ مشينون، وئڪيوم ڪلينر ۽ سڄي Cooking Range. پر تنهن هوندي به پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ قابل ذڪر ڳالهه آهي. پاڻ انگريزي ۽ جرمن زبان ۾ گريجوئيٽ آهي. اسان وٽ ذرا فرق ڏسو، ڪا ڇوڪري ٻه درجا پڙهندي ته پاڻ تي مک ويهڻ به نه پئي ڏيندي. چار چار نوڪرياڻيون هوندي به هر امير گھر ۾ ڪم جي شڪايت ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
    چانهه جو دور به هلندو رهيو ۽ ڳالهيون به ڪندا رهياسين. پنهنجي فئمليءَ جا هڪ هڪ ڪري سڀ فوٽا ڏيکاريائون. پاڻ ٻڌايائون ته ٻارن جا نالا جهاد (اسلامي لڙائي) ۽ نجاد (زهر ۾ ٻڏل خنجر) ان ڪري رکيا اٿئون، جو ٻنهي جو هڪٻئي سان واسطو آهي. ڳالهيون ڪندي پڇيائين، ”توهان سڀ پاڪستان کلڻا ۽ خوش مزاج ڇو آهيو.....؟“
    آغا سليم اسٽائيل ۾ وراڻيومانس: ”اسان پنهنجا سوين سور ۽ درد دل اندر ئي دفن ڪري ٻاهران مسڪراهٽ جو قبو اڏي ڇڏيندا آهيون.“
    ادب جو اچي ذڪر نڪتو. چيومانس: ”مشرق ۽ مغرب جي اديبن ۾ وڏو فرق آهي. مغرب جا اديب ’سائنس ۽ ٽيڪنالاجي‘ جا ڪتاب لکندا آهن ۽ اسان جا اديب فقط ڪوڙا قصا ۽ من گھڙت ڪهاڻيون لکندا آهن. جنتريون ۽ خوابن جا خوبصورت تعبير لکندا آهن. مغرب جي ماڻهن وڃي چنڊ ۽ تارن تي قبضو ڪيو آهي. اسان جا ماڻهو اڃا اڳڪٿين ۾ وقت وڃائيندا رهن ٿا ته فلاڻي تاري جو فلاڻو اثر آهي. ستارو گردش ۾ آهي. اڄ سج گرهڻ ٿيندي، پيٽ سان عورت سڌي ٿي سمهي، نه ته چپ ڪٽيو يا نڪ ڪٽيو ٻار ڄمندس وغيره“
    اڄ رات جو پوري ٻارهين وڳي لبنان جي هن خوبصورت بندرگاهه طرابلس (Tripoli) مان لنگر کڻي رهيا آهيون. هڪ نئين ديس ۽ دنيا طرف.

    تنهنجو پنهنجو.


    بحر اسود (Black Sea) (سال 1968 ــ رئنڪ : جهاز جو ففٿ انجنيئر)

    ڀؤنچ سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ کي هڪ تمام سنهي نار ڳنڍي ٿي جنهن جو پيٽ سنڌو نديءَ کان ٻيڻو ٿيندو. نار جي پاسي وڏا وڏا جبل آهن جن جو سلسلو ڪناري کان شروع ٿئي ٿو ۽ انهن جبلن تي ٻئي پاسي ترڪيءَ جو وڏو ۽ خوبصورت شهر استنبول ٻڌل آهي.هڪ طرف پراڻو استنبول آهي ۽ ٻئي طرف نئون. هن وقت اسان ان نار جي وچ ۾ بيٺا آهيون. سامهون هن نار تي ٻڌل وڏي پل ـــ جيڪا فلم ’دئٽ مئن ان استنبول‘ ۾ ڏيکاري وئي آهي، سا نظر اچي رهي آهي. استنبول اهو شهر آهي جيڪو ٻن کنڊن ۾ اچي ٿو. نار جي هڪ پاسي وارو استنبول ايشيا ۾ ٿيو ته ٻئي پاسي وارو يورپ ۾. هتان ڪناري تي ٺهيل ڊگھن منارون واريون مسجدون صاف نظر اچي رهيون آهن. اسان جي جهاز جو هن وقت رخُ ڪاري سمنڊ ڏي آهي. ڪاري سمنڊ جي ڪناري تي روس، بلغاريا، رومانيا اچي وڃن ٿا. هن سمنڊ کي اسود، ڪارو يا Black ان ڪري سڏين ٿا جو هتي سال جا ٻارهن ئي مهينا ڪوهيڙو ۽ ڌنڌ لڳو رهي ٿو. ڏيک Visibility هميشه گھٽ ۽ ڌنڌلو هوندو آهي ۽ چؤطرف ڄڻ ڪاراڻ ڇانيل رهي ٿي. ان ڪري هن سمنڊ جو نالو اهو رکيو ويو آهي.
    هن سمنڊ ۾ جهاز هلائڻ وقت هميشه گھڻو خيال رکڻو پوي ٿو ۽ ذري ذري ڪوهيڙي جو سگنل ڏيڻو پوندو آهي جيئن سامهون ايندر جهاز هڪ ٻئي کان خبردار رهي سگھن. ٻيڙيون ۽ ننڍا جهاز ته هن سمنڊ جي ڪناري ته به هلندي گھٻرائيندا آهن. هيءَ سمنڊ جي پٽي يا نار جيڪا ٻن سمنڊن کي ملائي ٿي سا ترڪيءَ جي ملڪيت ليکي وڃي ٿي، ان ڪري هتان لنگھڻ وقت هر جهاز کي ترڪيءَ جي حڪومت کان موڪل وٺڻي پوي ٿي. هن نار تائين پهچڻ کان اڳ، طرابلس (لبنان) کان ايندي وقت وچ سمنڊ ۾ ڪيترا ننڍا يوناني جابلو ٻيٽ سمنڊ اندر ۽ ٻاهر نظر آيا. اٽڪل ٽي ڪلاڪ کن اسان کي جهاز آهستي هلائڻو پيو. اهي ٻيٽ سنگاپور يا ملايا جي ٻيٽن وانگر آباد نه آهن، گھڻو ڪري سڀ سنسان ۽ ويران آهن. ڀرسان لنگھڻ وقت جهاز جي آواز تي، انهن جبلن تي رهندڙ عقابن ۽ ٻين پهاڙي پکين اڏامي آواز ڪيو ٿي. شايد انهن جا ڪي آنا يا ٻچا آهن ۽ حملي جي ڊپ کان دانهون ڪيائون ٿي.
    اسان کي هن نار ۾ هڪ هنڌ بيهي انتظار ڪندي ٻه ڏينهن ٿي ويا آهن. هتان روس جي بندرگاهه اوڊيسا ــ جيڏانهن اسان کي وڃڻو آهي، تائين فقط هڪ ڏينهن ۽ رات جو پنڌ آهي. هتي اسان ان ڪري ترسي پيا آهيون جو موسميات جي اطلاع موجب ٽن ڏينهن کان بحر اسود ۾ طوفان (Gale) لڳي رهيو آهي. خير طوفان ته سمنڊ ۾ لڳندا رهن ٿا ـــ ’وه ساگر ڀي کيا جس مين طوفان نه آئي‘، ان جي پرواهه نه آهي. اسان جي جهاز تي هن وقت ڪوبه مسافر ناهي ۽ اسان ته سامونڊي لوڏن ۽ طوفانن جا عادي ٿي ويا آهيون. بقول تنوير جي؛
    ”اسان جو ڪم ته موجن سان لڙڻ آهي
    اسان جي ذهن ۾ ساحل ناهي.“
    سو اسان کي پنهنجو فڪر ناهي، پر سامان جي اون اٿئون. ڇاڪاڻ جو سامان کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين سلامت پهچائڻ اسان جي ڊيوٽي ۾ شامل آهي. اسان طرابلس (لبنان) مان دبئي ۽ دوحا (قطر) ملڪن لاءِ هزارين سيمينٽ جا پائيپ کنيا آهن ۽ جيڪڏهن طوفان سبب جهاز هيٺ مٿي ٿيو يا لوڏا آيس، ته پائيپ هڪٻئي سان لڳي ڀڄي پوندا.
    هن وقت جهاز جي مين انجڻ ۽ هر مشين تيار آهي فقط موسم صاف ٿيڻ جو انتظار آهي. جهاز تي اسان وٽ هر قسم جا اوزار ۽ آلا آهن، جن ذريعي موسم جو حال احوال معلوم ڪري سگھجي ٿو. سو جيئن ئي اسان هلڻ لاءِ موسم بهتر سمجھنداسين ته لنگر کڻنداسين. جهاز کي جيٽِي سان لڳائي. لهي گھمڻ ڦرڻ هن وقت نقصانڪار ٿيندو، ڇو جو جهاز کي جيٽي (ڌڪي) سان لڳائي بيهارڻ جي روزانا مسواڙ ۽ ٻيا خرچ، هزارين روپين ۾ بندرگاهه وارن کي ڏيڻا پون ٿا. ان ڪري اسان هتي وچ نار ۾ ئي لنگر ڪيرائي ترسيا پيا آهيون. لنگر ڪيرائڻ سان جهاز چُري پري نٿو. هر جهاز کي اڳيان ٻه لنگر ٿين. لنگر جي تور اٽڪل ٽي ٽن کن ٿئي. جيترو به پاڻي گھرو هوندو آهي اوترو لنگر هيٺ ڇڏيندا آهيون. جيئن لنگر سمنڊ جي تري ۾ وڃي کپي بيهي ۽ جهاز کي هڪ هنڌ جھلي بيهي. جيڪڏهن هوا تکي لڳڻ جا امڪان هوندا آهن ته اڃا به وڌيڪ رسو (Chain) ڍري ڪندا آهيون ۽ جهاز جي چرڻ (Drift) جو خطرو گھٽجي و يندو آهي. ان بابت هڪ مشهور لطيفو پڻ آهي ته: امتحان ۾ هڪ ڪئڊٽ کان پڇيو ويو ته سمنڊ تي جي طوفان لڳي ته ڇا ڪندين؟ جواب صحيح ڏنائين ته: ”لنگر جي رسي ڍري ڪندس“
    ”اڃا به وڌيڪ طوفان لڳي ته؟“ ممتحن وري پڇيس.
    ”اڃا به وڌيڪ رسو ڍرو ڪندس.“
    ”ان کان به وڌيڪ طوفان لڳي ته؟!“
    ”ان کان به وڌيڪ رسو ڇڏيندس.“
    تنهن تي ممتحن پڇيس ته ايڏو وڏو رسو آڻيندين ڪٿان....؟
    ”سائين!“ ڪئڊٽ ٺهه پهه جواب ڏنس، ”اتان جتان توهان طوفان آڻيندؤ.“
    رسي مان مراد ڪو سوتلي جو رسو يا وهٽ ٻڌڻ جي نوڙي نه سمجھڻ کپي. هيءَ سنگھر Chain ايڏي ته مضبوط ۽ ڳري ٿئي ٿي جو تو مون پارو وڌ ۾ وڌ ان جا ٻه ڇلاShackles کڻي سگھي. جهاز جو لنگر جنهن مشين سان ڪيرايو يا ڇڪيو وڃي ٿو ان کي Windlass سڏجي ٿو. ۽ جنهن سان جهاز جا پويان رسا ڇڪبا آهن تنهن کي ڪئپسٽن Capstan سڏبو آهي. جنهن جي شڪل ڪئپسٽن سگريٽ يا پاڪيٽ تي پڻ ٺهيل آهي.
    سمنڊ تي ڪيترن ئي قسمن جا حادثا درپيش اچن ٿا. جهڙوڪ ٻن جهازن جو ٽڪرائجڻ، خشڪيءَ تي جهاز جو چڙهي اچڻ (يعني Aground ٿيڻ)، جهاز تي باهه لڳڻ، انجڻ جو ڦاٽڻ، خطرناڪ ڪارگو جو ڦاٽڻ وغيره وغيره. انهن کان بچاءَ لاءِ ساڳي وقت ڪيترائي اپاءَ ورتا وڃن ٿا. زماني سان قدم ملائڻ لاءِ ٻين شين سان گڏ جهاز رانيءَ پڻ ترقي ڪئي آهي. اڄ اهي پراڻي قسم جا جهاز نه رهيا آهن جن تي ڪولمبس، واسڪو ڊيگاما، ڪئپٽن ڪڪ يا سنڌباد سفر ڪيو ٿي. جيڪي موسم ۽ سمنڊ جي تهه هيٺ لڪيل آفتن کان بيخبر ٿي هلندا هئا. اڄڪلهه جي هر جهاز تي رڊار Radar آهي. اڪثر سمنڊ ۾ هر وقت بارش ۽ ڪوهيڙي ڪري ڪجهه نظر نه ايندو آهي. ته آيا سامهون ڪو ٻيو جهاز پيو اچي يا سمنڊ جي تهن ۾ڪجهه لڪيل آهي. ان معلومات لاءِ بند ڪمري ۾ رکيل رڊار ۾ ڏسبو آهي. جنهن جي ٽيليوزن جهڙي پڙدي تي هر شيءَ سامهون صاف نظر اچي ٿي. اسان جي جهاز جي رڊار جي رينج چاليهه ميل کن آهي. يعني چاليهه ميلن تائين جيڪو ڪجهه به سمنڊ جي ٻاهر يا اندر آهي، اهو صاف ان پڙدي تي نظر اچي ٿو ۽ اهو پڻ معلوم ٿيندو آهي ته آفت ڪيترو پري آهي ۽ ڪهڙي طرف آهي ۽ آيا اها هڪ هنڌ بيٺل آهي يا وڌي رهي آهي. ۽ جي وڌي رهي آهي ته ڪهڙي طرف ۽ ڪيتري رفتار سان، جيئن ان کان پورو پورو بچاءُ ڪري سگھجي. ان کان علاوه دنيا جي هر سمنڊ جو هر حصو مَيَل ۽ ماپيل آهي. هر جهاز تي، سمنڊ جي چپي چپي جا الڳ الڳ نقشا آهن. جن ۾ سڀڪجھه ڏنل هوندو آهي ته ڪٿي ۽ ڪيترو سمنڊ اونهو آهي. ان کان علاوه هر جهاز تي هڪ اوزار Instrument ’ايڪو سائونڊر‘ نالي هوندو آحي جيڪو لڳاتار چقمقي لهرون جهاز تان هيٺ سمنڊ جي تري ۾ اڇليندو آهي ۽ تري سان ٽڪرائڻ بعد انهن جو پڙاڏو جھٽيندو آهي. اهو عمل جيتري وقت ۾ ٿئي ان مان گھرائيءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سمنڊ هيٺ ڪيترو اونهو آهي. پر ان هوندي به ڪڏهن ڪڏهن حضرت انسان اهڙيون غلطيون ڪري ويهندو آهي جو حادثي جي منهن ۾ اچي ويندو آهي. ڪيڏا وڏا وڏا جهاز، اونها سمنڊ، خير سان اڪري، ڪناري تي منزل وٽ اچي پنهنجو انت آڻيندا آهن. بقول شاعر:

    ”نہ خوش ہو ‎‎‎‎بھنور سے سفینہ بچاکر
    یے ٹکراکر ساحل سے بھی ٹوٹتے ہیں“

    ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا طوفان اچيو وڃن جو انسان بيوس ٿيو وڃي ۽ جهاز جو ٽڪر ٿيو وڃي. ان جي بچاءَ خاطر ۽ جهاز جي بچائڻ لاءِ اڄڪلهه هر جهاز کي هڪ بدران ٻه لوهي ترا آهن. جيئن هڪ جي ڀڄِي پوڻ ڪري ٻيو بچاءُ جو ڪم ڏئي. انهن ٻنهي ترن جي وچ ۾ جيڪا جڳهه ٿئي ٿي ان کي مختلف حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو ۽ هر هڪ حصو ڊبل باٽم ٽئنڪ Double Bottom Tank سڏبو آهي، جنهن ۾ ضرورت جي حالت ۾ مٺو پاڻي يا وڌيڪ تيل رکيو وڃي ٿو يا ڪڏهن مال نه هئڻ ڪري جهاز کي هلڪي هئڻ کان بچائڻ خاطر انهن خالي ٽئنڪن ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي ڀريو وڃي ٿو. اڳئين زماني ۾ جهاز کي وزني ڪرڻ لاءِ مٽي يا پٿرن جون ڳوڻيون رکيون وينديون هيون، اهو ڪم وقت وٺندڙ، ڏکيو ۽ مهانگو ثابت ٿيندو هو. پر اڄڪلهه فقط Ballast Pump جو بٽڻ دٻايو ته ڪلاڪ اندر سمنڊ جو پاڻي ٽنئڪن اندر يا ٽئنڪن جو پاڻي ٻاهر سمنڊ ۾ وزن مطابق هليو وڃي. نه جهاز کي بيهارڻو پوي نه ڇا. ان کان علاوه هر جهاز پنجن ڇهن (پئسينجر جهاز ته ستن اٺن) حصن ۾ واٽر ٽائيٽ Water Tight لوهي ڀتين ذريعي الڳ الڳ ڪيل هوندو آهي جن کي Bulk-Head سڏجي ٿو. انهن ڀٿين جو حادثي وقت اهو فائدو رهي ٿو ته جيڪڏهن جهاز جي هڪ حصي کي نقصان رسي ۽ پاڻي جهاز جون لوهي پليٽون چيري اندر ڌوڪي پوي، ته اهو پاڻي فقط ان حصي کي ڀري سگھي ۽ وڌيڪ ڀتيون لتاڙي ٻين حصن کي نه ٻوڙي. ان کان سواءِ اڄڪلهه جا جهاز اهڙي نموني سان ٺاهيا ويا آهن، جو حادثي بعد تباهه ٿيل صورت ۾ به يڪدم ٻڏيو نه ٿا سگھن. گھٽ ۾ گھٽ ڏينهن اڌ ته لڳايو ڇڏين. ڪي ڪي جهاز ته هفتا به لڳايو ڇڏين. تيسين بچاءَ لاءِ ٻيا جهاز پهچيو وڃن يا جهاز تي رکيل ٻيڙين Life-Boats ۾ چڙهي بچاءُ ڪري سگھجي ٿو. هر جهاز تي، جهاز تي رهندڙ ماڻهن لاءِ مقرر ٻيڙيون آهن. انهن ٻيڙين ۾ هڪ قسم جون Buoyancy-Tanks آهن جن جي اها خاصيت آهي ته جيڪڏهن سڄي ٻيڙي پاڻي سان ڀرجي ته به ٻڏي نه سگھي. ان قسم جي هر ٻيڙيءَ تي اٽڪل ويهن ڏينهن کن جو هر مسافر لاءِ کاڌو (بسڪٽن، چاڪليٽن ۽ پاڻيءَ جي صورت ۾) رکيل ٿئي ٿو. جنهن کي تازو رکڻ لاءِ اهو هر ٽئي مهيني بدلايو وڃي ٿو.
    هر ماڻهوءَ لاءِ ’لائف جيڪٽ‘ ۽ ’لائف بئاءِ‘ به هوندو آهي. جو طوفان جي وقت ٻڌي پوءِ ٻيڙين ۾ چڙهبو آهي. ان جي اها خاصيت آهي ته خدانخواسته جي ٻيڙي به تباهه ٿي وڃي، ته هي ماڻهوءَ کي چوويهن ڪلاڪن تائين مٿي ڇڪي رکي ٿو ۽ ٻڏڻ کان بچائي ٿو. لائيف بئاءِ گول ڪارڪ جو هلڪو ٺهيل هوندو آهي، جنهن جي شڪل لائف بئاءِ صابڻ تي پڻ ڏنل آهي جو ٻڏندڙ کي اڪثر اڇلي ڏبو آهي ته بچاءُ ڪري. (باءِ دي وي مون کي لائيف بئاءِ صابڻ ۽ ڪئپسٽن سگريٽ جو ايجنٽ يا شيئر هولڊر نه سمجھجانءِ. مون ته ائين ئي توکي سمجھائڻ خاطر مثال ڏنا آهن.)
    مٿي لکيو اٿم ته جهاز ٻڏڻ وقت ٻيا جهاز بچائڻ لاءِ پڻ ايندا آهن، انهن کي خبر هن ريت پوندي آهي. هر جهاز تي وائرليس سيٽ، ريڊيو ۽ آواز جھپڻ جا اوزار آهن جن لاءِ ريڊيو آفيسر مقرر ٿيل آهي. هو ڏينهن جي چوويهن ڪلاڪن مان مقرر اٺ يا ٻارهن ڪلاڪ ڊيوٽي ڏئي ۽ هر قسم جا سگنل ۽ نياپا وٺي ۽ جواب ڏئي. اهي نياپا آواز، تصويري ليڪن ۽ روشني ذريعي اچي سگھن ٿا. تون جي چاهين ته وچ سمنڊ ۾ مون کي تار موڪلي سگھين ٿو. جا آءٌ هتي ريڊيو ذريعي ٻڌي سگھان ٿو بشرطيڪ توکي اسان جي جهاز جي ريڊيو جي Frequency جو علم هجي. پر هڪ نياپو اهڙو آهي جو موڪلڻ سان هر جهاز تي پهچي ٿو. چاهي فريڪنسي جو علم هجي يا نه. اهو مختصر نياپو آهي ’ايس. او. ايس‘. S.O.S معنى اسان جي جان بچايو Save Our Souls ۽ جنهن وقت جهاز ٻڏندو آهي ته اهڙو سسٽم رکيو ويو آهي جو اهو سگنل (نياپو) خودبخود لڳاتار ٽرانسمٽ ٿيندو رهي، جيسين جهاز سمنڊ جي اونهي تهن ۾ وڃي چڪنا چور ٿي وڃي. ساڳي وقت اهو سگنل جنهن جهاز تي پهچندو ته ان جو خودبخود هارن وڄي ويندو ۽ ڳاڙهي بتي ٻري ويندي ۽ هر هڪ کي معلوم ٿي ويندو ته سمنڊ جي ڪهڙي حصي ۾ مصيبت زده جهاز آهي. بين الاقوامي قاعدن مطابق هر ويجھي جهاز کي بچاءَ لاءِ ضروري ڪم ڇڏي به وڃڻو پوندو آهي. ٽي چار سال اڳ جڏهن يونان جو مسافر جهاز ’لڪونيا‘ ٻڏي رهيو هوته ٻين جهازن سان گڏ پاڪستاني جهاز ’المهدي‘ به يارهن کن مسافر بچايا هئا. بهرحال جيڪڏهن حياتي آهي ته ٻڏندڙ به بچيو وڃن. باقي اهو چوڻ غلط آهي ته فقط تارو بچي سگھن ٿا. ترڻ جو ته ههڙي اٿاهه سمنڊ ۾ سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڪير ڪيترو ههڙي کاري پاڻيءَ ۾ تري سگھندو، جنهن ۾ چپي چپي تي خطرناڪ ڪن ۽ ڪائونٽر ڪرنٽ آهن. ان کان علاوه سامونڊي جانورن جو خوف. ڪجھه عرصو اڳ ايراني نار ۾ ’دارا‘ جهاز جي باهه واري حادثي ۾ جن مسافرن هراس ۽ خوف ۾ پاڻ کي پاڻيءَ ۾ ڇڏيو، انهن جو تمام گھڻو حصو باهه بدران شارڪ مڇين جي نذر ٿي ويو. هونءَ اهڙي قسم جا حادثا تمام ٿورا ۽ ورلي ٿين ٿا، نه ته اڪثر هرقسم جي بچاءَ جو بندوبست آهي. پر ان هوندي به ڪنهن کي جي ترڻ اچي ٿو ته اها سٺي ڳالهه آهي. پر ان قسم جو ڪو قاعدو يا قانون ناهي ته ڪنهن به قسم جي نيوي ۾ وڃڻ لاءِ ترڻ اچڻ لازمي آهي. لکڻ جو مقصد فقط اهو ۽ انهن لاءِ آهي جي اهو سوچي نيوي ۾ نٿا اچن جو کين ترڻ نٿو اچي. ترڻ ۾ ڇا آهي. ترڻ ته ماڻهو هفتي اندر سکي سگھي ٿو.
    سمنڊ تي اڪثر باهه جا حادثا عام ٿين ٿا. باهه ڪيترن ئي نمونن جي لڳي سگھي ٿي. تيل جي باهه، ڪاٺ يا سامان کي باهه، اليڪٽرڪسٽي جي باهه وغيره. هر قسم جي باهه تي قبضو ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا آهن. پر هر طبقي ۾ ساڳيو اصول آهي ـــ آڪسيجن جنهن جي موجودگي ۾ باهه قائم رهي ٿي ۽ وڌي ٿي، اها ڪڍي ان جي جاءِ تي ڪاربن ڊاءِآڪسائيڊ جهڙِي گئس ڀري ڇڏجي جا ڪافي ڳري آهي ۽ بلاڪيٽ وانگر باهه مٿان ڇانئجيو وڃي ۽ باهه هن گئس جي موجودگيءَ ۾ ختم ٿيو وڃي. يا ان جڳهه کي پاڻي يا ڪنهن ٻئي نموني مان ايترو ته ٿڌو ڪجي جو Combustion ئي نه ٿئي. اليڪٽرڪ سٽِي جي باهه لاءِ اڪثر ڪاربن ٽيٽرا ڪلورائدِ گئس استعمال ڪبي آهي جا هڪ زهريلي گئس آهي ۽ ٻي جنگ عظيم ۾ استعمال ڪئي وئي.
    هر ڇنڇر ڏينهن هر جهاز تي بوٽ ڊرل ۽ فائر فائيٽنگ پرئڪٽس ٿيندي آهي. جنهن ۾ ٻيڙيون لاهي انهن ۾ جلدي چڙهڻ جي مشق ڪبي آهي، جيئن حادثي وقت، دقت پيش نه اچي ۽ هر ڪم ڦڙتائيءَ سان ٿي سگھي ۽ ساڳي وقت باهه سان مقابلو ڪرڻ جي پڻ مشق ڪئي ويندي آهي.
    اڄڪلهه هر جهاز تي هڪ اوزار آهي جنهن کي ’دونهون ڳوليندڙ‘ (Smoke Detector) سڏجي ٿو. هن ذريعي باهه لڳڻ کان اڳ معلوم ٿيو وڃي ٿو ته جهاز جي ڪهڙي حصي ۾ باهه لڳڻ واري آهي يا لڳي چڪي آهي. ۽ پري کان ئي ان تي ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو. هن اوزار ۾ شيشي جا ٽيهه کن ٽيوب ٿين ۽ اوترن ئي حصن ۾ جهاز کي ورهايو ويندو آهي. هر حصي ۾ لڳندڙ قدرتي هوا جو نمونو ننڍڙي پکي ۽ ڊگھي ٽيوب جي ذريعي اتان ڇڪي هن شيشي جي ٽيوب مان گذاريو وڃي ٿو. اهڙي نموني جهاز جي سڀني حصن جي هوا جو نمونو مقرر ٽيوبن مان گذرندو رهي ٿو. باهه لڳڻ کان اڳ هميشه دونهون دکندو آهي ۽ اهو جيئن ئي هن ٽيوب مان گذري ٿو ته اليڪٽرانڪ ذريعي ان ئي وقت زور سان هارن وڄي ٿو ۽ ڳاڙهي بتي ٻري ٿي ۽ يڪدم ٽيوبن کي ڏسي معلوم ڪري سگھجي ٿو ته ڪهڙي هنڌ باهه لڳڻ واري آهي.
    هر هڪ ٽيوب ساڳي وقت ڪاربن گئس جي وڏن سلينڊرن سان پڻ ڳنڍيل هوندو آهي. جيڪڏهن باهه زور وٺي چڪي آهي ۽ هٿرادو طرح ختم ڪرڻ ناممڪن آهي ته پوءِ هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ان حصي جي هوا ٽيوب مان گذارڻ بدران، سلينڊر جي ڪاربان گئس ان حصي ۾ ويندي آهي ۽ آڪسيجن گئس کي تڙي سڄي ڪمري يا حصي کي ڀري ڇڏيندي آهي. ۽ هڪ دفعو ڪاربان گئس اچي وئي ته ڪيتري خطرناڪ ۽ خوفناڪ باهه به ختم ٿيو وڃي. ان جو مثال ان ريت آهي جيئن ڪنهن موم بتيءَ کي گلاس سان ڍڪجي. جيسين گلاس اندر آڪسيجن موجود هوندي انهن ساعتن لاءِ موم بتي ٻرندي رهندي ان بعد اجھامي ويندي.
    اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي حادثا سمنڊ تي درپيش ايندا رهن ٿا، جن جي بچاءَ جا پڻ ڪيترائي ممڪن طريقا آهن. حضرت انسان باهه، پاڻيءَ، هوا ۽ هر شيءِ عقل جي زور تي پنهنجي قبضي ۾ ڪري فتحيابي حاصل ڪئي آهي. منهنجا مولا انسان واقعي عظيم آهي.

    چڱو هاڻ، الله توآهر.


    اوڊيسا ـــ روس

    هتي روس ۾ پهتي اسان کي چوٿون ڏينهن ٿي چڪو آهي. هن مهل روسي وقت مطابق رات جا نَوَ وڄي رهيا آهن. آءُ پنهنجي ڪمري جا دَر دريون بند ڪري، هيٽر کولي، توکي خط لکي رهيو آهيان. ٻاهر تيز هوا جا سوساٽ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. هينئر هينئر ٻاهران گھمي واپس آيو آهيان. گرم ڪوٽ، جئڪٽ، ٻه سئيٽر، چمڙي جا جوراب ۽ روسي ٽوپي لاهي سامهون ڪليءَ ۾ ٽنگي اٿم. لانگ بوٽ ۽ ٽوپيءَ تي جا برف ڄمي وئي هئي، سا ڇريءَ سان کرڙي لاٿي اٿم. اکين ۽ پنبڻين ۽ ڪنڌ تي ڄمي ويل برف ٽوال سان اگھي اٿم. ٻاهر روز وانگر اڄ به سخت برفباري ٿي رهي آهي ۽ ٽيمپريچر زيرو کان به گھڻو هيٺ آهي. ٻاهر ڪٿي به پاڻي نظر نٿو اچي. سڀ ڄمي برف ٿي ويو آهي. جهاز تي اسان گرم پاڻي استعمال ڪري رهيا آهيون. ٿڌي پاڻيءَ جو سسٽم Drain ڪري ڇڏيو اٿئون. رهيل پاڻيءَ، ڄمڻ سبب ڪافي پائيپ ڦاڙي ڇڏيا آهن. اهو ان ڪري جو پاڻي ڄمڻ تي Expand ٿئي ٿو.
    ٿڌ جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن ٿانوَ ۾ گرم پاڻي وجھي ٻاهر اڱڻ تي رکجي ته يڪدم برف ٿيو وڃي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ سمنڊ جو پاڻي برف ڇونه ٿو ٿئي؟ اهو ان ڪري جو سمنڊ جو پاڻي عام پاڻيءَ وانگر ناهي. ان ۾ اهڙا ڌاتو، خاص ڪري لوڻياٺ مليل آهن جنکي ڄمڻ لاءِ عام پاڻيءَ کان وڌيڪ ٿڌ کپي. پر اڄ ته صبح کان ايتري ٿڌي هوا پئي لڳي جو ٽيمپريچر ڪاٽو پنج سينٽي گريڊ کان به هيٺ ڪري پيو آهي ۽ سمنڊ جو مٿيون تهه ــ اٽڪل ٻه انچ کن، برف ٿي ويو آهي. جڏهن ڪا وڏي ٻيڙي يا جهاز لنگھي ٿو ته برف جي تهه کي چيري لنگھي ٿو.
    اوڊيسا ڏکڻ روس جو وڏو بندرگاهه ۽ شهر آهي جيڪو بحر اسود جي ڪناري تي آهي. ڪراچيءَ کان چڱو وڏو بندرگاهه آهي. هن وقت ڪيترائي سفيد رنگ جا روسي جهاز ، جن جي چمنيءَ تي روس جو نشان ڏاٽو ۽ هٿوڙو ٺهيل آهي، بيٺا آهن. ان کان علاوه هنگري، پولينڊ ، بلغاريا ۽ ٻين ملڪن جا جهاز به ۽ هڪ هندستاني جهاز اسان جي بلڪل ڀَر ۾ بيٺو آهي جيڪو بمبئيءَ کان آندل سڻي لاهي رهيو آهي. اسان پاڪستان لاءِ مشِينريءَ جو سامان کڻڻ آيا آهيون. سامان چاڙهائڻ ۽ لهرائڻ يا ان جي نگهباني ڊيڪ آفيسرن جي حوالي آهي. جنهن ۾ جهاز جو ڪئپٽن، چيف آفيسر کان ڪئڊٽ تائين اچي وڃن ٿا. ان ڪري اسان انجنيئر ان کان بلڪل غير واقف هوندا آهيون، ته جهاز تان ڪهڙو سامان پيو لهي يا ڪهڙو پيو چڙهي. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهيون ڪندي معلوم ٿي ويندو آهي ته واهه نه ته ڊيڪ آفيسر ڄاڻن سندن ڪم ڄاڻي. ڳري مشينري يا موٽر لاريون گھڻو ڪري اندر Hatches بدران ڊيڪ تي رکي، چڱي طرح ٻڌي ڇڏبيون آهن، جيئن جهاز جي لڏڻ ڪري سامان کي نقصان نه رسي. سو هن وقت دريءَ مان ’ڊيڪ ڪارگو‘ صاف نظر اچي پيو.
    ٿوري دير اڳ جڏهن زمان ۽ آءٌ شهر گھمي واپس پئي آياسين ته رستي تي برف باريءَ ڪري اسان ٻنهي جي عينڪن تي برف چڙهي وئي. سو صاف ڪرڻ لاءِ بندرگاهه ۾ رکيل مشينريءَ سان ڀريل آفت جيڏن ڪاٺ جي کوکن جي اوٽ ۾ ٻيهر صاف ڪرڻ لڳاسين. منهنجي سامهون هڪ وڏي کوکي ۾ ٽرئڪٽر نما مشينري بند هئي ۽ اهو کوکو هندستان وڃڻو هو سو ٻاهران ’ڪلڪتو ــ هندستان‘ لکيل هو. زمان کي چيم ته پٺيان ڏس پرائي ملڪ جي سامان اڳيان اچي بيٺا آهيون. جواب ڏيڻ لڳو، ”پر ڀر واري کوکي تي ڏس ڇا لکيو پيو آهي.....؟“
    مڙي ڏٺم ته، ”ائگريڪلچرل ڪاليج ٽنڊوڄام، سدرن زون پاڪستان“ لکيل هو. سو ان مان سمجھان ٿو ته هي سڀ مشينري جيڪا اسان جي جهاز تي رکي رهيا آهن، ٽنڊوڄام لاءِ آهي. اسان ان جي بدلي روس کي پئسا نه پر سوٽي ڪپڙو، لوڻ، چمڙو ۽ چانور ڏيون ٿا.
    روس جيئن ته اتر ۾ آهي، ان ڪري هتي اسان کان وڌيڪ سردي ٿئي. هونءَ اهو عام آهي ته سنڌ ۾ سردي وڌندي آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته ڪوئيٽا ۾ برف جي لهر آئي آهي ۽ ڪوئيٽا جا ماڻهو روس جي نالي چوندا آهن. روس جا سائبيريا نالي ۽ سائبيريا ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ قيدي اتر قطب کي قصوروار ٺهرائيندا آهن. بهرحال اتر روس کان هتي اوڊيسا ۾ سردي گھٽ آهي. اتر طرف وارا بندرگاهه ــ جيڪي بالٽڪ سمنڊ ۾ آهن سي ته سياري جا ڇهه مهينا بلڪل بند رهن. اتي ايتري ته سردي آهي جو سڄو بالٽڪ سمنڊ برف ٿيل هوندو آهي ۽ ڪوبه جهاز هن موسم ۾ اوڏانهن وڃي نٿو سگھي. هونءَ هيتري سردي هوندي به هتي جي روزمره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو فرق ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جو هتي جا ماڻهو ان سرديءَ جا عادي ٿي چڪا آهن. اها ئي ساڳي رونق، هلچل ۽ شهر ۾ گپا گيهه ۽ گهما گهمي. هر جڳهه اها زندگي نظر ايندي جا اسان وٽ سٺي موسم ۾ هوندي آهي. بس فقط هر هڪ گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيل نظر اچي ٿو. فقط اکيون ۽ نڪ صاف ظاهر هوندا. نڪ ۽ ٽماٽي جي رنگ ۾ ڪوبه فرق نه هوندو آهي. ننڍڙا ٻار سڄو ڏينهن لوهي ڦيٿن وارا بوٽ Skates پائي، رستن تي ڄميل برف تي اسڪيٽنگ پيا ڪندا آهن. ننڍڙا جيت ۽ پاڻيءَ جا پسون سرديءَ کان بچڻ خاطر برف هيٺ لڪيو ويٺا آهن، ڇو جو ٻاهر هوا برف کان تمام گھڻي ٿڌي رهي ٿي ( برف جي ٿڌ فقط زيرو تائين ٿي رهي ان کان وڌيڪ، عام دٻاءَ هيٺ ٿڌي ٿي نه سگھندي پر هوا ته تمام گھڻي ٿڌي ٿي وڃي ٿي.)
    جهاز تي آيل ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جي وندر لاءِ هتي به چين وانگر هڪ وڏو ڪلب آهي جنهن ۾ سئنيما، لائبريري، راندين لاءِ مختلف ڪمرا ۽ سامان، ڊانسنگ روم، ڪئنٽين ۽ ڊيوٽي فري دڪان آهي. پهرين ڏينهن اسان جهاز جا ڪجھه انجنيئر ڪلب تائين پهچندي ئي ڪلفي ٿي ويا هئاسين. اندر ڪلب ۾ قدم رکيوسين ته دروازي وٽ هڪ عورت دستور موجب اوورڪوٽ ڪليءَ ۾ ٽنگڻ لاءِ گھرڻ لڳي. جيتوڻيڪ اندر سڄو ڪلب Centrally Heated هو، پر جيئن ته اسان ٻاهران آيا هئاسين سو اڃا سرديءَ جو اثر هو ۽ ڪوٽ لاهڻ تي دل نٿي چاهيو. آخر ٻئي دفعي چوڻ تي ٻين ته لاٿو پر آءٌ ائين ئي بيٺو هوس. ائين لڳي رهيو هجي ڄڻ ساهه به ڄمي برف ٿيڻ تي هجي. سنڌ جي کوري جهڙين گرمين ۾ وڏو ٿيل ههڙي حال اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري بيهي رهيس. سڄو جسم کيرو ٿي پيو هو (Anesthesia ڏيڻ بدران آپريشن ممڪن هئي ان وقت.) آخر هن خود منهنجي ڪوٽ کي ڇڪي مون کان الڳ ڪيو جيئن ڪاسائي ڪٺيل ٻڪري جي جسم تان کل جو آخري حصو لاهيندو آهي. منهنجي بارش ۽ برف ۾ پُسيل ڪانگ جهڙي حالت ڏسي، مرڪي چوڻ لڳي: ”ڪمال آهي اڃا ته اسان وٽ سانوڻي هاڻ ختم ٿي آهي ۽ سيارو شروع به نه ٿيو آهي.“
    مٿي آسمان ڏي ــ آسمان ته ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آيو، پر هن ڪلب جي گلڪاريءَ جي ڪم سان جھنجھيل ڇت ڏي نهار ڪري چيم: ”اي ڀڳوان! ڪٿي اچي نڪتا آهيون. هي روس آهي يا ريفريجريٽرــــ!؟“ اتي مٿان ساٿين سڏ ڪيو ته اچ ته ٽيبل ٽينس کيڏي گرم ٿيون.
    هتي جي ماڻهن جي زبان روسي آهي جا ٿوري ٿوري پشتو سان ملي ٿي. جهاز جو چيف انجنيئر پٺاڻ آهي. روسين جا ڪجھه ڪجھه الفاظ هو سمجھيو وڃي. هتي انگريزي ورلي ڪنهنکي اچي ٿي پر ڪلب ۾ جيڪي ملازم آهن، اهي انگريزي، جرمن، فرينچ، عربي، پارسي ڳالهائي سگھن. هتي يورپ ملڪ جا باشندا هندستان، نهرو ۽ گانڌيءَ کان چڱي ريت واقف آهن. ڪجھه به کڻي هجي، پر اسان جو ملڪ دنيا ۾ هاڻ مڙيئي ڪجھه مشهور ٿيو آهي. لبنان مان جيڪي اخبارون نڪرنديون هيون، انهن ۾ روزانو پاڪستان جون به خبرون هونديون هيون. استنبول (ترڪي) ريڊيو تان به پاڪستان جون خبرون اينديون هيون. سيپٽمبر واري جنگ، مارشل لا، وڌندڙ واپار، آر.سي.ڊي،. بهترين فارين پاليسيءَ ۽ ٻين نيگيٽو پازيٽو ڳالهين ڪري دنيا کي خبر پئي آهي ته پاڪستان نالي به ڪو ملڪ آهي. چين وياسين ته اتي به ننڍو وڏو پاڪستان ۽ ايوب خان جو پيو پڇي. ۽ ’پاچستان ــ چين دوستي‘ جا نعرا ٿي هنيائون. (چيني پاڪستان کي پاچستان اچارين) خير چين جي ته ڳالهه ئي الڳ آهي. ان جي پڪي دوستي ۽ خلوص دليءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي، ۽ چين به اسان کي سڄي ايشيا کنڊ ۾ وفادار ۽ پڪو دوست سمجھي ٿو پر روس ۾ پڻ پهرين ڏينهن بندرگاهه مان نڪتاسين ته سڀني ماڻهن جڏهن اسان کي اجنبي سمجھي سوالي نگاهن سان ڏٺو ٿي، ته کين پاڻ ڏي اشارو ڪري اسان کي ٻڌائڻو پيو ته ، ’پاڪستان، پاڪستان‘ يعني اسين پاڪستاني آهيون ۽ هنن به جواب ۾ مسڪرايو ٿي. وڌيڪ نه هنن اسان جي زبان سمجھي ٿي ۽ نه اسان هنن جي، ڄڻ دٻي ۾ ٺڪريون. اسان چاهيو ٿي ته ڪو انگريزي ڄاڻندڙ هجي ته ان کان ڪلب جو پڇون ۽ پئسا مٽائي روس جو سڪو ــ روبل، ڪبوت وٺڻ جو ڏس پتو پڇون. آخر اڳتي وڌياسين ته هڪ بلڊنگ جي ٻاهران ننڍڙو بورڊ نظر آيو جتي شام جو انگريزي ڪلاس ٿي ٿيا. اندر گھڙي وياسين ته ٽي کن ڇوڪريون بينچ تي ويٺيون هيون، جن کي چاليهه سالن جو استاد پاڙهي رهيو هو. مون کي استاد جو نالو وسري ويو آهي پر سندس ڳالهائڻ جو نمونو ۽ ڳالهائڻ وقت Expressions ڪڏهن به وساري نه سگھندس. اسان اڳتي وڌي پهريون سوال ڪيو جو سڀ کان ڪندا آهيون. ’نوز انگلش.‘ (انگريزي اچيوَ ٿي؟)
    يڪدم پنهنجي ڳالهائڻ جي انداز ۾ ڏاڍي صاف ۽ صحيح انگريزيءَ ۾ جواب ڏنائين:
    ”ڇو؟ ڇا کپي توهان کي ــ؟“
    ڀر ۾ بيٺل اعجاز کي چيم ته يار هي ته ماڳهين وڙهي ٿو. کانئس پڇيوسين ته پاڪستان مان ٻيو به ڪو جهاز آيو آهي ڇا؟)
    (ياد رهي ته اسان کان اڳ هندستاني جهاز هتي آيل آهي، سو ماڻهو ڏاڍو ڀلبا آهن ته اسان ۾ يا هنن ۾ پاڪستاني ڪير آهن ۽ هندستاني ڪير. ڇو ته اسان جا ملڪ الڳ الڳ هئڻ جي باوجود به ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو رنگ ۽ قدوقامت ته ساڳي آهي.) پڇڻ لڳو:
    ”ڇو اوهان کي خبر نه آهي ڇا؟“
    ٻڌايوسين ته اسان اڄ آيا آهيون ۽ پاڪستاني آهيون.
    ”اوهه! توهان پاڪستاني آهيو؟ اهو نئون جهاز توهان جو آهي، جنهن جي چمني Funnel تي بلو رنگ ۾ N.S.C جو مونوگرام آهي. اڄ مون صبح ان جهاز کي ايندو ڏٺو.“
    سندس آواز ۽ پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه جي آواز ۾ شايد ئي ڪوفرق هجي. نه ته ساڳيو کڙو، صاف ۽ رعبدار ڳالهائڻ هو. شاهه صاحب منهنجي والد جو ڪلاس ميٽ ۽ دوست آهي. جهاز تي اچڻ کان اڳ 1965ع ۾ منهنجو سندس گھر ڪجھه ڏينهن لاءِ رهڻ ٿيو هو جتي آئون ۽ سندس ڀائٽيو هدايت الله شاهه سڄو ڏينهن نصيحتن ۽ دڙڪن جي منهن ۾ هوندا هئاسين. نه چمپل پائڻ جي اجازت هوندي هئي نه رات جو گھمڻ ڦرڻ جي.
    ”جي ها. اهي اسان ئي آهيون جن جو جهاز تو ڏٺو.“ اسان هن روسي استاد کي ٻڌايو.
    ڪجھه سوچي چوڻ لڳو، ”پر ڳالهه ته ٻڌو، توهان جي زبان عربي وانگر لکي وڃي ٿي، پوءِ توهان جي جهاز جو نالو هنديءَ ۾ ڇو لکيل آهي.“
    ”اها هندي نه پر بنگالي آهي، جا پڻ اسان جي قومي زبان آهي.“
    ”اوهه! اها ڳلهه آهي.“ هن هر جملي جي اڳيان زور سان ’اوهه‘ ضرور چيو ٿي. ”ڀلا سڀ پاڪستاني خوش آهن.“ هن پڇيو.
    ”سڀ خوش آهن، سڀ مزي ۾ آهن.“
    ”اوهه! جيڪر توهان سڀ مزي ۾ آهيو ته اسان به ٺيڪ آهيون. اچو اچو. ويهو. ڀلا ڪجھه پيئنداؤ. پر هلو ته ڪلب ۾ هلون.“
    هلڻ وارا هئاسين ته سندس شاگردياڻين مان هڪ پڇيو ته اسان مان ڪنهن کي فارسي ايندي آهي.
    ٻڌايوسين ته اسان جي دوست سعيد کي ايندي آهي پر خريداري جي حد تائين. يعني فقط شين جا اگھه فارسي ۾ پڇي ڄاڻي جو ايران جي بندرگاهه ۾ پنج سال ڌڪا کاڌا اٿس.
    ان بعد هن نيڪ استاد، خبر ناهي ڪهڙي کنڌي هيٺ اسان کي ڪافي ڪجھه گھمايو ۽ ڏيکاريو. ٻه ٽي راتيون لڳاتار جهاز تائين بس وٺي آيو. پهرين رات اوپيرا هائوس وٺي هليو. ٻي رات فلم تي ۽ ٽي رات روسي سرڪس هلي ڏيکاريائين. آخري رات جيتوڻيڪ هائوس فل هو، پر ان هوندي به بندوبست ڪري اسان کي جڳهه وٺي ڏنائين.
    هتي روس ۾ چمڙي جون شيون ۽ ڪپڙو ڏاڍو مهانگو آهي. ان کان علاوه ٻي ڪا خاص شيءِ خريد ڪرڻ جهڙِي ناهي. هتي فقط اهي شيون عام ملن جن جي روزمره جي زندگي ۾ سخت ضرورت آهي، نه ته ٻي ڪنهن شيءِ تي اجايو خرچ نٿو ڪيو وڃي. ڊيوٽي فري شاپ (جنهن دڪان تي اسان ٻاهر جي ماڻهن لاءِ بنا ٽئڪس جي، ڪارخاني جي اگھه تي سامان ملي ٿو) ان ۾ فقط ريڊيا، واچون، ڪئميرائون، مووي ڪئميرائون، ٽيليوزنون ۽ ان قسم جون روسي شيون جام ۽ سستيون ملن ٿيون. اسان ڪجھه دوستن ساڳي قسم جو ٽرانسسٽر ورتو، جنهن کي جملي ست بئنڊون آهن ۽ ايترو طاقتور ۽ مضبوط آهي جو هتان به دهلي، ڊاڪا ۽ ريڊيو سلون چٽو جھپي ٿو، جنهن لاءِ اسان کي فقط ٽيهه ڊالر ڏيڻا پيا. انهن ريڊيو ٽرانسسٽرن جي ڪٻٽ ڀرسان بوٽن جو ڪٻٽ هو ۽ معمولي کان معمولي بوٽ جي قيمت به ريڊيو کان گھڻي هئي ـــ ڇو جو هتي چمڙو مهانگو آهي. اڄ ڪلهه مون کي جيڪا تڪليف درپيش اچي رهي آهي، سا سوٽي ڪپڙن جي آهي. هن جهاز تي اچڻ لاءِ ڪراچي کان هوائي جهاز رستي آياسين ۽ اسان سڀئي تمام ٿورو سامان کڻي آياسين. مون اهو سوچي فقط ٽي کن قميصون آنديون جو پڪ هيم ته جهاز انگلنڊ يا جرمني ڏي ويندو جتي قميصون سستيون ملن ٿيون. پر اتفاق سان اسان جو پروگرام تبديل ٿي ويو. هنن يورپي ملڪن ۾ سوٽي ڪپڙو تمام مهانگو ملي ٿو. يوگوسلاويا ۽ روس به ٻين ملڪن وانگر سوٽي ڪپڙو پاڪستان مان گھرائي ٿو.
    اڄڪلهه پاڪستان جي سوٽي ۽ اوني ڪپڙي يورپ جي مارڪيٽ کي مات ڪري ڇڏيو آهي. ويتر جو Synthesis پروسز هنن يورپ وارن جو ناڪام ويو آهي، ته ان کان پوءِ ته هيڪاري پاڪستاني ڪپڙي جو قدر وڌي ويو آهي. هڪ مثال ياد ٿو اچي. آءٌ ڪراچي هوس هڪ دوست ٻاهران اچي رهيو هو. لکيومانس ته منهنجي لاءِ سوٽ جو ڪپڙو وٺي اچجانءِ. هو دبئيءَ مان بهترين ڪپڙو چونڊي وٺي آيو. هتي پهچڻ بعد معلوم ٿيو ته پاڪستاني ڪپڙو آهي جو هتي ان کان به سستو پيو ملي. مٿي Synthesis-Process جو ذڪر ڪيو اٿم. هن طريقي موجب ڪپڙو ڪپهه جي ڌاڳن مان نه، پر سنئون سڌو ڪپڙي جا اصلي جزا ملائي ٺاهڻ کي Synthesis طريقو سڏجي ٿو. مثال طور: کنڊ، ڪمند جي رس مان ٺاهڻ بدران ڪاربن، هئڊروجن ۽ آڪسيجن کي ملائي پڻ ٺاهي سگھجي ٿي. بهرحال ڳالهه جو مقصد هي آهي ته اسان کي فخر ڪرڻ گھرجي ته اسان جو ملڪ پڻ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي ۽ اسان اوچو ڳاٽ ڪري ٻين سان پنهنجي ملڪ جي مصنوعات جو ذڪر ڪري سگھون ٿا.
    اسان وٽ اهو فئشن بنجي چڪو آهي ته جو گھر کان رُسي ٿو، سو وتي پنهنجي ملڪ مان خاميون ۽ وڏون ڳوليندو ۽ ناراض ٿيندو. ڄڻ سندس هي وطن ناهي پر ڪٿان اتر قطب يا ڏکڻ قطب مان هتي ڊپوٽيشن تي آيو آهي ۽ اچي ڦاٿو هجي.
    پر ادا گھر کان ٻاهر نڪري ٻين ملڪن جو جائزو به ته وٺي ڏسو ته اسان ڪيترن کان سکي ۽ بهتر آهيون. اڃا تائين اسان وٽ هڪ ٻئي لاءِ پيار محبت، همدرديConsideration ۽ لطيف جذبا موجود آهن. هڪٻئي ۾ خاميون ڳولڻ ۽ هڪٻئي تي ڏوهه ٿاڦڻ بدران جيڪڏهن اسان مان هر هڪ پاڻ کي Individually اڃا به وڌيڪ سڌاري ۽ خوبيون پيدا ڪري ته اڃا به وڌيڪ سکي، خوشحال ۽ پنهنجيءَ وارا ٿي سگھون ٿا. مرچن ۽ ڳاڙهين سرُن جو ٻورو ملائڻ، گيهه ۾ موبل آئل ۽ گريز ملائڻ، تور ۾ کوٽ وغيره ـــ هر شيءِ اسان جا ليڊر ۽ اڳواڻ هڪ هڪ دڪان تي چڙهي ڪونه ٿا اچيو ڪن. چوريون ۽ ڌاڙا آمريڪا کان اتي جا يهودي اسان وٽ اچي ڪونه ٿا هڻن، جو هر ڳالهه ۾ اسان ٻين تي ڏوهه ٿاڦيون ٿا. اسان جو ملڪ ڪو هڪ يا ٻن جي نجي ملڪيت يا ورثو ناهي. اسان جو ملڪ اسان سڀني جو آهي، اسان جي ملڪ جي عزت اسان جي عزت آهي. اسان جي ملڪ جي هر خراب يا سٺي ڳالهه لاءِ اسان مان هر فرد ذميوار آهي.
    چڱو ادا، اڃا هتي روس ۾ ڪجھه ڏهاڙا آهيون، ان بعد رومانيا جي بندرگاهه ڪانستنزا هليا وينداسين. ٻيو خط اتان لکندوسانءِ.

    گھڻي چاهه مان

    تنهنجو.........


    ڪانستنزا (رومانيا)

    روس ۽ رومانيا ٻئي هڪ ٻئي جي ڀرسان آهن. روس جو بندرگاهه اوڊيسا ۽ رومانيا ٻئي ڪاري سمنڊ ۾ آهن. اوڊيسا کان رومانيا جي بندرگاهه ڪانستنزا تائين فقط تيرهن ڪلاڪن جو سامونڊي سفر آهي. اسان جي جهاز اوڊيسا (روس) مان ٻارهين وڳي لنگر کنيو ۽ رات جو يارهين وڳي سامهون الهندي طرف افق ۾ سوجھرو نظر آيو، جو آهستي آهستي تکي روشنيءَ ۾ وڌندو ويو.ٻارهين وڳي ڪانستنزا شهر جون جھرمر ڪندڙ بتيون نظر آيون. پوري هڪ لڳي اسان بندرگاهه کان ٽي ميل کن اوري اچي لنگر ڪيرايو. عيد ۾ باقي ٽي ڏينهن هئا ۽ اسان پورا ڇهه ڏينهن اتي بيٺا رهياسين ــ ان انتظار ۾ ته ڪڏهن ٿي بندرگاهه ۾ جڳهه خالي ٿئي، جو اسان کي گھرائين. اڄڪلهه بريءَ سان گڏ بحري ۽ هوائي آمدرفت به ايتري وڌي وئي آهي، جو ڪيترو وقت انتظار ڪرڻو ٿو پوي. لنڊن، نيويارڪ ۽ ٻين دنيا جي وڏن هوائي اڏنت ي ڪڏهن ڪڏهن هوائي جهاز کي هوائي اڏي مٿان پهچڻ بعد ڪيتري دير جاءِ Parking جي انتظار ۾ يا موسم جي بهتر ٿيڻ لاءِ هوائي اڏي مٿان چڪر هڻڻ ۾ لڳيو وڃي. ساڳيءَ طرح بندرگاهه به اڪثر ڀريل رهن ٿا. ڪو ڪو بندرگاهه آهي، جتي پهچڻ سان اندر جيٽي خالي ملي ٿي ۽ يڪدم اندر وڃڻو پوي ٿو، نه ته ڏينهن ٻه ته گھٽ ۾ گھٽ انتظار ڪرڻو پوي ٿو ۽ اهو انتظار خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ڪراچيءَ وارن لاءِ عذاب ثابت ٿيندو آهي. ذرا سوچيو، ڪيترن مهينن بعد هزارين ميل لتاڙي پنهنجي شهر تائين پهچي فقط ٻه ميل کن اورتي جهاز روڪي ڇڏجي. سامهون شهر جون عمارتون ۽ رستا صاف نظر پيا اچن پر اڳتي اچڻ جي اجازت نه ملي ته ڇا حالت ٿيندي هوندي. رات جي وقت شهر جون بتيون چمڪنديون ڏسي، ائين لڳندو آهي ڄڻ اسان جي حال تي کلي رهيون هجن. هڪ دفعي ڏاڍو مزو ٿيو. تن ڏينهن ۾ آئون هڪ ٻئي جهاز ’اباسين‘ تي هوس. اسان چين کان سڌو ڪراچي آيا هئاسين. رستي تي سنگاپور، ملايا، سلون جي بلڪل ڀرسان لنگھي وياسين، پر اتي هڪ منٽ به نه ترسياسين. آخر تيرهن ڏينهن جي لڳاتار سفر بعد، شام جو ڪراچيءَ جون بتيون نظر آيون ۽ اسان منهوڙي کان ٿورو پري پهچي لنگر ڪيرايو. تن ڏينهن ۾ ڪراچي بندرگاهه تي ڏاڍي رش هجي، روز شهر ڏي نگاهون هيون ته ڪيڏي مهل ٿو اسان کي اچڻ لاءِ سگنل ملي. ڪا لانچ سامهون نظر ايندي هئي ته دل خوش ٿيندي هئي ته ضرور پائلٽ پيو اچي، جو جهاز کي وٺي اندر هلندو. آخر ٽن ڏينهن جي وڌيڪ انتظار بعد رات جو ڏهين لڳي پائلٽ آيو. جلدي جلدي اسان هلڻ لاءِ انجڻ تيار ڪئي. هر هڪ پنهنجي مقرر ڊيوٽي اسٽيشن تي ويو ۽ جهاز هلڻ لڳو. هر ملڪ ۾ بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ جو رستو اڻانگو هوندو آهي سو اسان کي به ان ٽڪر پنڌ لاءِ اڍائي ڪلاڪ لڳا. تيسين اسان ڪراچي وارن کي ڇڏي ڏنو ته ڀلي گھر وڃڻ لاءِ تيار ٿي وٺن. جو هنن اڳهين چيو هو ته چاهي جهاز رات جو ٻي بجي پهچي ته به اسان ان وقت ئي گھر وينداسين. سائين انهن کي ڏسو ته شيو پيا ڪن، نوان نوان ڪپڙا پيا پائين ۽ جهاز جي جيٽيءَ سان لڳڻ کان اڳ بئگون هٿ ۾ کڻي بيهي رهيا ته جيئن ئي جهاز جيٽيءَ سان لڳندو ته هليا وينداسين. آخر جهاز اچي ڌڪي Jetty سان به لڳو. جلدي جلدي ڏاڪڻ لاهي هيٺ لهڻ وارا هئا ته معلوم ٿيو ته پائلٽ غلط جهاز کي اندر وٺي آيو آهي. اسان جي جهاز کي نه پر هڪ جپاني جهاز کي اندر اچڻو هو. اسان کي ان ئي وقت واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو ته يڪدم ٻاهر هليا وڃون. وري سائين ساڳيا پير. ان وقت اسان جي ڪراچيءَ وارن دوستن جي حالت ڏسڻ وٽان هئي، جيڪي گھر وڃڻ لاءِ تيار هئا پر ڏاڪڻ به پوري لهي زمين تي پير رکي نه سگھيا ۽ وري وڌيڪ ٽي ڏينهن ٻاهر انتظار ڪرڻو پيو.
    رومانيا جي هن بندرگاهه ڪانستنزا Constanza ۾ ڪم تمام سست ٿو هلي. اسان کان مهينو ٻه اڳ اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جهاز ’موهن جو دڙو‘ پڻ مشينري کڻن آيو هو. معمولي سامان لاءِ هفتو کن ٻاهر ترسيو هو ۽ ڏهه ڏينهن بندرگاهه ۾. ان حساب سان اسان جي ڪراچي جي بندرگاهه جو دنيا جي وڏن بندرگاهن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ ڪم جي ڦڙتيءَ ۾ گھڻن کان اڳ آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪم چوويهه ئي ڪلاڪ هلي ۽ تمام جلدي جلدي. اسان هتي عيد به ٻاهر سمنڊ تي ملهائي ۽ عيد جو چنڊ وڏو مسئلو ٿي پيو هو. هتي جي موسميات موجب هتي پاڪستان کان هڪ ڏينهن اڳ چنڊ نظر اچڻ کپندو هو، پر ڪراچي ريڊيو تان خبرن مان معلوم ٿيو ته پاڪستان ۾ چنڊ ڪٿي به نه ڏٺو ويو آهي. اسان منجھي پياسين ته شايد هتي به چنڊ نظر نه آيو هجي. هتي اکين سان چنڊ کي ڏسڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جو هر وقت گھاٽو جھڙ ڇانيل رهي ٿو. پهرينءَ جو چنڊ ته پري جي ڳالهه ٿي، منجھند جي وقت سج يا سندس موجودگيءَ جو به علم نه هوندو آهي ته ڪٿي آهي جو کڻي طرف سڃاڻجي. ان کان علاوه پهرينءِ جي چنڊ جي نظر اچڻ جو وقفو جيترو قطبن ڏي وڃبو اوترو گھٽبو ويندو. مثال طور خط استوا تي اٺن منٽن لاءِ ظاهر هوندو، ان بعد غروب ٿي ويندو. پر ٿورو مٿي پاڪستان ايران تائين اچبو ته اهو وقفو ڇهن منٽن تائين ٿي ويندو. ۽ جتي اسان آهيون اتي ٻن منٽن لاءِ آهي. تان جو اتر قطب طرف وڌندي هڪ اهڙي به حد ايندي، جو بلڪل نظر نه ايندو، جتي ڇهن مهينن جو ڏينهن، ڇهن مهينن جي رات ٿئي.
    اسان ٿورو شڪجي پياسين ته شايد اسان جي موسميات جي رپورٽ غلط هجي ۽ غلط حساب ٿي ويو هجي. هتي رومانيا ۾ به مسلمان آهن. اسان بندرگاهه وارن کان گھڻو ئي وائرليس ذريعي پڇڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو انگريزي سمجهي نه پئي سگھيا. ٻن ڏينهن کان سگنل ڪري ٿڪجي پيا هئاسين ته اسان کي ڪڏهن اندر گھرائيندؤ. ته ان جو ئي جواب نه پئي ڏنائون. ريڊيو تي جيڪي اسٽيشنون کوليون ته جرمن، فرينچ ۽ روسي زبانن ۾ خبرون پئي هليون. آخر ريڊيو عراق تان ڏهين لڳي اتي جي شيخ جي تقرير جو انگريزي ترجمو نشر ٿيو، جيڪا هو عيدالفطر جي موقعي لاءِ ڪري رهيو هيو ته، ’سڀاڻي عيد آهي. خوشي ملهائڻ جو ڏينهن. پر اسان جي ڪيترن عرب ڀائرن جي گھرن ۾ غم جو ماتم آهي. اسان لاءِ سچي عيد تڏهن ٿيندي، جڏهن حق جي سوڀ ٿيندي ۽ اسان اسرائيل مٿان فتح حاصل ڪنداسين.‘
    بس پوءِ ته اسان ان تقرير کي اڌ ۾ ڇڏي جهاز تي به عيد جو اعلان ڪيو. ظاهر آهي ته جڏهن عراق ۾ چنڊ ڏٺو ته ڪو امڪان نه ٿو پيدا ٿئي جو هتي نظر نه اچي. ڇاڪاڻ ته اسان عراق جي اولهه ۾ آهيون ۽ اسان تائين چنڊ ۽ سج پهچندي عمر ۾ وڌيو وڃي. پاڪستان، هندستان، برما، جپان ۾ چنڊ نه ڏٺو ويو هوندو، جو اهي ملڪ اوڀر ۾ آهن ۽ هتي رمضان به هڪ ڏينهن اڳ شروع ٿيو هو. ٻئي ڏينهن عجيب اتفاق ٿيو. صبح جو اٿڻ سان اسان کي عجيب تبديلي نظر آئي. پوءِ محسوس ڪيوسين ته سج جي روشنيءَ جي ڪري جهاز روشن ٿي ويو آهي. ٻاهر آيس ته ٻيا به ڪيترائي جهاز جا آفيسر سج جي روشني ۾ بيٺا هئا. هتي سج جو نظر اچڻ خاص ڳالهه آهي. خبر ناهي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ اسان به ڏٺو هو ـــ ۽ اهو به عيد جهڙي سٺي ڏينهن تي. نه ته جيئن ئي ڪراچي ڇڏي روم آياسين، ته ان بعد سج نه يوگوسلاويا ۾ ڏٺوسين نه روس ۾. ڄڻ اهو پاڪستان ڇڏي آياسين. جهاز تي عيد نماز پڙهڻ بعد سڄو ڏينهن هڪ ٻئي کي کائڻ پيئڻ جون دعوتون ڏيندا رهياسين. جهاز کي ڪنوار وانگر سينگاريو هئوسين. ان ڏينهن ڏاڍو چهچٽو رهيو. بعد ۾ جڏهن بندرگاهه ۾ آياسين ته معلوم ٿيو ته هتي جي مسلمانن به ان ئي ڏينهن عيد ملهائي هئي.
    هتي بندرگاهه ۾ آئي اڄ چوٿون ڏينهن آهي ۽ اڃا به ٽي چار ڏينهن ٻيا به هونداسين. هتي پهچڻ سان تنهنجو ۽ ٻيبن دوستن جا خط مليا، جي توهان ڪراچي ائڊريس تي لکيا آهن ۽ ڪراچي آفيس وارن هتي تڏهن ئي موڪلي ڇڏيا هئا ۽ اسان جي جهاز اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. هر ملڪ ۾ اچڻ سان پهرين اسين خطن جي پڇا ڪندا آهيون ته آيا ڪراچي آفيس وارن خط موڪلي ڏنا يا نه. ڪراچي ڇڏڻ بعد يوگوسلايا، لبنان، روس ڪٿي به خط نه مليو هو ۽ مهيني بعد هتي رومانيا ۾ سڀ خط گڏ ٿي مليا. ڳوٺ ۽ ملڪ جون خبرون پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. دل چاهيو ته آءٌ به احمد حسين مخدوم وانگر ڪروماسٽ (Crow-Mast) تي چڙهي ان خوشيءَ ۾ وڃي سُر راڻو ڳايان. (ڪرو ــ ماسٽ هر جهاز جي اڳياڙيءَ ۾ هڪ ٽاور جيان ڊگھو ماسٽ هوندو آهي. پراڻي زماني ۾ ان جي چوٽيءَ تي چڙهي دوربين ذريعي ڏسبو هو ، ته ڪنارو ويجھو آهي يا پري. اڄڪلهه ته هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ نقشا آهن، راڊار آهي، وائرليس آهي ۽ ٻيون شيون. پر ان هوندي به روايت طور اڃا تائين هر جهاز تي ڪروماسٽ ضرور هوندو آهي.) هڪ هڪ خط جا ڪيترائي دور ڪيم ۽ سگريٽ ريڊ اينڊ وائٽ جي اشتهار وانگر وري، وري ۽ وري پڙهيم. ڇا ڪجي پنهنجي ديس جي ڏوري فقط هي خط ئي دور ڪن ٿا.سچ آهي ته خط اڌ ملاقات آهي. پنهنجي ته سڄي زندگي تو جهڙن مخلص دوستن جي خطن تي ٿي گذري. خط پڙهڻ ۽ توهان ڏي لکڻ مون لاءِ وڏي دلچسپي آهي.
    هن ملڪ جون خبرون جام آهن. سڀ ڪاغذ تي ته لکي نٿيون سگھجن. ٿوريون ئي سهي. پنهنجي خداداد صلاحيت کي استعمال ڪري ڪڻي مان خرار جو اندازو لڳائجانءِ ڪانستنزا شهر رومانيا جو وڏي ۾ وڏو ۽ پراڻو شهر آهي. جو چوٿين صدي ۾ ڪانسٽنٽ اعظم جي نالي ٻڌايو ويو هو. رومانيا کي هي هڪڙو ئي بندرگاهه آهي ۽ سامونڊي طرح هتي اچڻ جو هي ئي هڪڙو دروازو آهي، جو بحر اسود جي ڪناري تي آهي. هتي به سردي جام آهي. (پر روس کان گھٽ) ٻارهوئي سرديءَ جي ڪري پوک ايتري ڪانه ٿئي. باقي زمين دوز ذخيرن ۾ مالا مال آهي. هتي ڌاتو جام ملڻ ڪري رومانيا به پولنڊ، يوگوسلاويا ۽ روس وانگر مشينري جي ڪارخانن کان مشهور آهي. اسان جهڙن ملڪن کي مشينري ڏئي واپسيءَ ۾ اناج، لوڻ ۽ چمڙو خريد ڪري ٿو. سوشلسٽ ملڪ آهي پر هتي ماڻهو ڪميونزم مان خوش نه آهن. ملڪ جي حالت تمام خراب آهي. غربت حد درجي جي آهي. هر شيءِ، دڪان، هوٽلون ڪارخانا گھڻي ڀاڱي حڪومت جا آهن. ڪوبه پئسو جمع ڪري امير نٿو بڻجي سگھي. هر هڪ کي ايترو پورو پنو سندس مزوريءَ جو عيوضو ملي ٿو، جنهن مان ڇڪي تاڻي هن جو کاڌو ۽ ڪپڙو لٽو ٿئي ٿو. چين جي ڪميونزم ۽ هنن ملڪن جي ڪميونزم ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. چين جا ماڻهو اخلاقي طرح دنيا جي اعلى ماڻهن مان چئي سگھجن ٿا. ڪڏهن ڪا شيءِ گھرندا نه. ڪو فقير نظر نه ايندو، پاڻ هو ٻاهرين کي ۽ آيل سياحن کي تحفي طور ڏيندا، چوري بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ٻيون بڇڙايون ۽ عادتون يا علتون چين ۾ هرگز نه آهن، پر هتي جي ٻي ڳالهه آهي. مون ٻڌو هو ته هنن سوشلسٽ ملڪن ۾ هر انسان برابر آهي، پر مون کي هتي ته امير پيا نظر اچن ته غريب کان غريب به، جن جي بدن تي پورو لٽو به ناهي. سڪي جي اها حالت آهي جو سرڪاري طرح ڊالر ارڙهن ليو مقرر ٿيل آهن، پر گس پنڌ تي توهان کي انيڪ ماڻهو کلئي عام ڊالر ۽ پائونڊ خريد ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندا ۽ ڊالر جا ٽيهه کان چاليهه ليو به ڏيندا. معمولي سگريٽ جي پاڪيٽ جا ڏهه پندرهن ليو تائين ڏيندا. ٻيا ته ٺهيو پر پوليس ــ جا بليڪ مارڪيٽنگ روڪڻ لاءِ آهي، سا بليڪ مارڪيٽنگ ڪندي نظر ايندي. هي حالتون ڏسي مون کي پنهنجي ملڪ لاءِ وڌيڪ پيار ۽ عزت ٿئي ٿي. سچ پڇين ته اسان گھڻن کان بهتر آهيون. چڱائي خرابي هر جڳهه ۽ هر دؤر ۾ رهي آهي، پر تڏهن به اسان وٽ اهڙيون حالتون اڃا نه آهن جو دل شڪستو ٿجي. اسان وٽ ايتري مهانگائي نه آهي ۽ گھڻن ڳالهين ۾ بهتر آهيون. هر شيءَ ملي سگهي ٿي. اسان جي ملڪ جي ناڻي جي ساک ۽ قدر آهي. سرڪاري طرح ڊالر چئين روپئي کن آهي ته اوپن مارڪيٽ ۾ به ان جي لڳ ڀڳ آهي. ماڻهن کي هر قسم جي آزادي آهي. هتي هر هوٽل وارو، دوڪاندار سرڪاري جو ملازم آهي. دڪان کي فائدو رسي يا نقصان، ان سان سندس ڪو سروڪار ناهي ۽ اهي ئي ڳالهيون آهن جو هتي مقابلو Competition ڪونهي. مقابلو ناهي ته چاهه ۽ شوق ناهي ۽ جڏهن پورهيت مان چاهه ۽ شوق نڪري وڃي ته پوءِ شيءِ جي Quality نٿي سڌري. سڄي شهر ۾ فقط ٻن ٽن قسمن جا ڏندڻ ۽ ٽٿ پيسٽ نظر آيا، سي به سادي قسم جا. ٻاهرين ملڪن جون شيون ناپيد يا حد درجي جون مهانگيون آهن. مثال طور سيون او ڪلاڪ بليڊن جو پئڪٽ اسان وٽ سوا ٻي روپيا يعني اڌ ڊالر ۾ ملندو، پر هتي ٻن ڊالرن ۾. اخبار جي دڪان تي رش ڏسي معلوم ٿيو ته هن سڄي ايراضيءَ ۾ فقط اهو هڪ دڪان آهي. اهڙي طرح ٻين شين جو به هڪ هڪ دڪان آهي. ان ڪري هر وقت هر دڪان اڳيان ماڻهن جي قطار رهي ٿي. هتي هلڪا ڪم، جهڙوڪ، حجامت جو، هوٽل جو، دڪان ۽ آفيسن وغيره جو عورتون ڪن. مرد ڪي ورلي نظر اچن. مرد ڪارخانن ۾ ڳرا ڪم ڪن. هتي فقير به ڪافي آهن. گرگلين جهڙيون فقيرياڻيون، جن جا وار، ڪپڙا مٽيءَ ۾ ميرا، سنگھه پئي وهندي، هڪ هٿ ۾ مانيءَ جي ڳوٿري، ٻئي هٿ ۾ اگھاڙو ٻار ڇاتيءَ سان ڄَرُ وانگر چهٽيل، اهڙيون فقيرياڻيون هتي به جام آهن. ڪي فقيرياڻيون کدڙن جيان لڏو ٺاهي هڪ هڪ دوڪان تان ڳائيندي پنندي نظر اينديون.
    مذهب جي لحاظ کان هتي عيسائي ۽ ترڪ مسلمان آهن. ترڪ سلطنت واري زماني جون اڃا تائين خوبصورت مسجدون موجود آهن. ڪنهن زماني ۾ رومانيا، بلغاريا، البانيا وغيره تي ترڪن جي حڪومت هئي. پوءِ زوال آيو. مدد لاءِ ننڍي کنڊ جا مسلمان به ويا، جنهنکي خلافت سڏجي ٿو. پر افسوس جو غداريءَ سبب اسان جا مسلمان شهيد ٿي ويا. تفصيل سان هتي ذڪر نه ٿو لکي سگھان، جو خط وڏو ٿي ويندو. ان کان پنهنجا ماڻهو چڱيءَ طرح واقف آهن. تازو علي محمد راشدي صاحب پڻ ان خلافت جو ذڪر مختصر طور پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ ڪيو آهي. بهرحال هينئر مسلمانن جو هتي اهو چاهه ۽ جلوو نه رهيو آهي، تڏهن به مسلمان ۽ عيسائي هتي ڀائرن وانگر رهن ٿا. بندرگاهه جي ڀرواريون مسجدون بند ڏسي ڏاڍو تعجب لڳو. پوءِ معلوم ٿيو ته اهي ڪڏهن ڪڏهن کلن ٿيون. وڌيڪ پڇي نه سگھيو آهيان، جو هتي شايد ئي ڪو انگريزي سمجھندو هجي. سڀ رومانين زبان ڳالهائين ٿا ۽ ڪو ڪو جرمن يا فرينچ سمجھي ٿو. حيدرآباد جي لطيف آباد ۽ هيرآباد وانگر هتي به شهر جو هڪ حصو اهڙو آهي، جنهن ۾ فقط ترڪ مسلمان رهن ٿا. جمعي ڏينهن اسان جمعي نماز لاءِ وياسين، پر نماز ختم ٿي چڪي هئي. امام جو گھر مسجد جي ڀرسان هو. ان جي ننڍي ڌيءَ مسجد کولي ڏيکاري. سندس نالو نوران هو، جيڪا ڏهن ٻارهن سالن جي ٿيندي. ڪنهن زماني ۾ مسلمانن جي حڪومت هجڻ ڪري ڪيترن ڪرسچنن جا نالا اڃا مسلمانن وارا آهن. مثلاً خديجا، زليخا، رابعا وغيره. رومانين زبان جا ڪي ڪي لفظ پڻ ترڪي ۽ عربي جا آهن. مثلاً مهمان کي مسافر چون، مسجد کي جامعة وغيره. باقي سندن زبان ڏاڍي ڏکي آهي.
    هتي جون عورتون ٻين آسپاس وارن ملڪن کان بلڪل نراليون آهن. سڀ کان اول جيڪا ڌاريون ماڻهو نئين ڳالهه محسوس ڪري ٿو، سا هتي جي عورتن جي جسماني بناوٽ آهي. هتي جون عورتون روس، يوگوسلاويا، اٽلي يا يورپ جي ٻين ملڪن وانگر تندرست ۽ ٿلهيون نه آهن. تمام سنهڙيون ۽ هلڪيون ڦلڪيون آهن. هلڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جون چست ۽ سمارٽ ۽ سندن حرڪات و سڪنات ۾ خاص قسم جو ناز، ادا ۽ شرميلو پن ڏسي مون کي پنهنجي ملڪ جون ٻليون ياد ٿيون اچن. هتي ڪيترن ئي عورتن جا ڊگھا وار ۽ ٻه چوٽيون پڻ نظر آيون، جن کي هتي سونهن جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو.
    پهرين ڏينهن ڪانستنزا مان ڪيترو ئي سنهو سنهو سامان خريد ڪيم. مثال طور نئين سال جي ڊائري، نوٽبڪ، لفافا، فوٽو ڪارڊ وغيره. مس جي سخت ضرورت هئي. سڄي جهاز تي مسُ Ink فقط اليڪٽريڪل انجنيئر وٽ هئي ۽ هر هر ان کان وٺڻي ٿي پئي. گھمي ڦري واپس پئي آيس ته مس جي يادگيري آئي. ڪتابن واري دڪان تي چڙهي ويس. انڊپين ڏي اشارو ڪري دڪاندار عورت کي چيم ته هن ۾ ڀرڻ جي شيءِ ڏي. هُن کي ڳالهه سمجھه ۾ نه آئي سا نه آئي. آخر ڀرواري دڪان تان ٻين ٻن ڄڻين کي ڇڪي آئي، جن پاڻ کي عقل ۾ اڪابر سمجھيو ٿي. کين به اشارا ڪري سمجھايم، پر ڪڏهن پينسل پيون ڏين ته ڪڏهن نوٽبڪ ۽ ڪڏهن نڀ. آخر هڪ کي ڳالهه سمجھ ۾ آئي. تنهن ڊگھو ساهه کڻي اشارو ڪيو ته اسان وٽ ڪانهي ۽ دڪان جي چانئٺ وٽ بيهي ٻئي هنڌ جو ڏس ڏيڻ لڳي ته هتان سڌوسڌو وڃ، پوءِ کاٻي پاسي مڙجانءِ. پوءِ اڳتي هلي ٻه رستا ڦٽندا (شايد حاتم طائي يا گل بڪاوليءَ وارا ـــ هڪ اهنجو ٻيو سهنجو). انهن مان کاٻو وٺجانءِ پوءِ هڪ دڪان ايندو.............
    دل ۾ چيم سردي ۽ بارش ۾ مون پرديسيءَ کي ڪيڏانهن ٿيون موڪليو. اسٽيشنريءَ جو دڪان هي ۽ مس لاءِ مس جي ڪارخاني ۾ ٿيون موڪليو ڇا؟ دڪان تان لٿس ٿي ته هڪ ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي، پني تي مس ڪپڙي ٺاهي اشارو ڪري چيومانءِ ته اها کپي. ڏاڍيون کليون ۽ ڪٻٽ کولي مس ڪڍي ڏنائون. تنهن جي معنى هنن مون کي الائي ڪيڏانهن ٿي موڪليو. چڱو جو نه ويس. هاڻي آئون به قصي کي سمجھي ويو آهيان، بحث ڪرڻ ۽ مٿو کپائڻ اجايو آهي، ڪجھه به پڇڻ لاءِ ڊرائنگ کان ڪم وٺجي. مختلف بندرگاهن ۾، جيڪي اتي جي ورڪشاپ جا مڪاني ماڻهو جهاز جي مشينري جي Repair ڪرڻ اچن ٿا، انهن کي به اسين مشينن جي ڊرائنگ ٺاهي ڳالهه سمجھايون. شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان مئرين انجنيئرن (جهاز هلائڻ وارن انجنيئرن) کي ٻين انجنيئرن جي مقابلي ۾ تمام گھڻي ٽيڪنيڪل ڊرائنگ سکڻي پوي ٿي ۽ ان سبجيڪٽ ۾ 90 سيڪڙو مارڪون ضروري آهن.
    هنن ملڪن ۾ رستا ياد ڪرڻ تمام سولا آهن. شهر ۾ جتي ڪٿي وڏا مجسما Statue جام ٺهيل آهن. جن کي نشاني خاطر ياد ڪرڻ کپي. مثال طور: هتان بندرگاهه کان ’پاپولر سئنيما‘ تائين وڃڻ لاءِ پهريون سڌو وڃبو، اڳتي هڪ اگھاڙي ماڻهوءَ جو پٿر جو بت اگھاڙي گھوڙي تي نظر ايندو (گھوڙا ته ٿيندا ئي اگھاڙا آهن، پر سوار به اگھاڙو آهي.) ان بت کان ساڄي مڙبو ته هڪ ٻيو عمدو اوچي ڌاتوءَ جو هڪ شاعر جو بت نظر ايندو (جو شاعر پڪ اسان جي ملڪ جي شاعرن وانگر ڪسمپرسي جي عالم ۾ مئو هوندو، پر مرڻ کان پوءِ هتي جي سرڪار قدر سڃاڻي لکين روپيا خرچي اهو قيمتي بت ٺهرايو هوندو.) ان بت جي پٺئين گھٽيءَ ۾ سئنيما آهي.
    هڪ ڏينهن شهر مان واپسيءَ تي رستو ڀلجي وياسين. هڪ واٽهڙوءَ کي ترسائي پني تي جهاز ۽ سمنڊ ٺاهي پڇيوسينس ته هي ڪٿي آهي ته جهٽ اشارو ڪري رستو ٻڌايائين. ٽيو ڏينهن شهر جي ٻاهر پسگردائيءَ ۾ پئي چڪر هنياسين ته ڳيري جو آواز ٻڌي سڀ ڳيري کي ڏسڻ لڳا. دوستن چيو: ”بس ادا، لئه سڄي ڳيرن جي آهي، نه کين ڊڪشنريون کڻڻيون پون نه گائيڊ بڪ. پاڪستان جي ڳيري جي به ساڳي زبان گھوگھو ته رومانيا ۽ روس جي ڳيري جي به ساڳي زبان گھوگھو.“
    ڪالهه هڪ هوٽل ۾ وياسين. بئري جڏهن ڳالهه نه سمجھي ته دوست کي چيم ته ڪائونٽر تي سمجھائي اچ ته اسان کي ٻڪريءَ جو گوشت کپي. گوشت ۽ ڊبل روٽي آئي پر سواد ۾ تمام گھڻو فرق هو. ٻاڪرو گوشت ڪونه ٿي لڳو. پوءِ جهاز تي اچي دوست راز فاش ڪيو ته کانئس ٻڪريءَ جي شڪل ڪجھه وڏي ٺهي وئي هئي ۽ ٻڪري گھٽ، ڍڳي وڌيڪ پئي لڳي. کيس سمجھايوسين ته آئنده خيال رکي پوري پني شڪل ٺاهيندو ڪري. هينئر چڱو جو وڏي ٺهي، جيڪر ننڍي ٺاهين ها ته پڪ سوئر جو گوشت Pork کائڻو پوي ها.
    اڄڪلهه هتي ڪانستنزا جي بندرگاهه ۾ ڪيترائي جهاز بيٺا آهن. اسان جي جهاز جي هڪ پاسي اسرائيلي جهاز بيٺو آهي ته ٻئي پاسي لبناني جهاز، ٽيو ڏينهن اسرائيل وارن لبنان جي بيروت هوائي اڏي تي هوائي جهاز تباهه ڪيا آهن، سو اڄڪلهه هر وقت ان تي بحث هلندو آهي. شهر ۾ هڪ ڏينهن اسان مڪراني ڏٺا، پر پوءِ خبر پئي ته اهي گھنڊي وارن وارا پورچوگال جا ماڻهو آهن.
    ڪراچي صدر جي ايلفيءَ وانگر هتي به هڪ علائقو آهي، جتي شام جي وقت ڪافي رونق ۽ چهچٽو لڳل رهي ٿو. خاص ڪري مختلف ملڪن کان آيل جهازن جا ماڻهو ــ چيني، جپاني، يوناني، ترڪ، روسي ۽ آفريڪي نظر ايندا. هر هڪ جي پنهنجي زبان ۽ پنهنجو قد بت. ڪالهه سنگاپور کان جهاز آيو آهي. اهي انگريزي ڳالهائين ٿا. سو انهن سان اسان خبرون چارون ڪيون. سڀني جهازن ۾ وڏو، سهڻو ۽ تکو جهاز اسان جو آهي، سو سڀني جي نگاهن جو مرڪز آهي. روز ڪيترائي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. سمنڊ ۾ به هلندو آهي ته سڀني جهازن کي پٺيان ڇڏيندو ويندو آهي.
    خط ڪافي ڊگھو ٿي چڪو آهي. اسان بلغاريا تار ڪري ڇڏي آهي ته اسان جو جهاز اچي رهيو آهي. ڏينهن ٻن بعد رومانيا کي خيرباد چئي بلغاريا جي بندرگاهه ورنا هليا وينداسين. ٻيو خط ورنا (بلغاريا) مان ئي لکندوسانءِ، تيستائين خطا حافظ.
    نيڪ تمنائن سان

    ـــــ تنهنجو


    ورنا ــــ بلغاريا

    رومانيا جي هڪ طرف روس آهي ۽ ٻئي طرف يوگوسلاويا، ڏکڻ طرف بلغاريا آهي. بلغاريا جا ٻه مکيه بندرگاهه آهن: هڪ ’برگلس‘ جيڪو ننڍو آهي ۽ ٻيو ’ورنا‘ جيڪو بلغاريا جو ٽيو نمبر وڏو شهر ۽ وڏي ۾ وڏو بندرگاهه آهي.
    اسان کي چوٿين تاريخ صبح جو لنگر کڻڻو هو پر Black Sea ۾ ان وقت سخت طوفان لڳي رهيو هو، ان ڪري شام جو اٺين لڳي ڪانستنزا مان لنگر کنيوسين ۽ ورنا جي بندرگاهه ۾ پورن پنجن ڪلاڪن بعد پهتاسين. هي خط ورنا (بلغاريا) مان لکي رهيو آهيان. بلغاريا به رومانيا وانگر سوشلسٽ ملڪ آهي. رومانيا ۾هن کان ڪجھه وڌيڪ آزادي هئي. اتي ڪي ڪي گھر يا دڪان ماڻهن جا ذاتي به هئا پر هتي گھڻي ڀاڱي هر شيءِ گورنمينٽ جي آهي.
    ٽيڪنيڪل ترقي جي لحاظ کان بلغاريا وڌيڪ ترقي يافته ۽ امير ملڪ لڳي ٿو ۽ ڪيترن ئي ملڪن سان واپار هليس ٿو. رومانيا کان هتي وڌيڪ مسلمان ۽ مسجدون آهن. تحريڪ خلافت کان اڳ، هنن ملڪن تي ترڪن جي حڪومت هئي، جنهن کي سلطنت عثمانيه Ottman Empire سڏجي ٿو. وڌيڪ هتي جي تاريخ کان واقف نه آهيان. پهرين معلوم هجي ها ته اسان هنن ملڪن ڏي اچي رهيا آهيون ته واٽ تان روم يا قاهري مان تاريخي ڪتاب وٺي پڙهان ها پر هتي سڀ ڪتاب فرينچ، رومانين يا جرمن زبانن ۾ ملن ٿا. چڱو جو هڪ ڊڪشنري روماني ــ انگلش ملي وئي آهي، سا ڏاڍو ڪم اچي ٿي. جيتوڻيڪ ان ۾ سڀ لفظ ته نه آهن پر تڏهن به فائديمند رهي آهي. ڪانستنزا (رومانيا) ۾ منهنجو ڏاڍو سٺو وقت گذريو. ڪيترائي دوست ۽ فئمليون واقف ٿي ويون. بلغاريا کان رومانيا جا ماڻهو وڌيڪ ملنسار لڳا ٿي. خاص ڪري رومانيا جون عورتون ڏاڍيون ساديون ۽ نهٺيون نظر آيون ٿي. باقي مرد خود غرض ۽ لالچي لڳا ٿي. هر هڪ مرد کي فقط اها تات ته واپار ڪريو يعني سگريٽ، چاڪليٽ يا ڊالر پائونڊ هجن ته بليڪ تي وڪڻو. ٻيو نه ته جوراب يا پراڻا ڪوٽ وڪڻو. (انهن شين جي هتي ڏاڍي ضرورت آهي.) ترڪ مسلمان به مليا. اسان وڏي حُب ۽ اڪير سان ملون ۽ هتي جي خبرچار وٺڻ جي ڪوشش ڪريون ته هي به ڦريو گھريو ساڳي ڳالهه تي اچن ته ڊالر ۽ پائونڊ بليڪ تي وڪڻي رومانيا جا پئسا وٺو. مگر ڪنهن هڪ عورت به اهڙي قسم جي ڳالهه نه ٿي ڪئي. عورتون وري روم (اٽلي) جون.
    روم جي ايئرپورٽ ۽ شهر ۾ خريداري لاءِ اٽڪل ويهن کن دڪانن تي چڙهياسين. جن تي اڪثر عورتون هيون. هڪ به سنئون سڌو نه ڳالهايو. ڪنهن شيءِ لاءِ پڇيوسين ٿي ته: ”اٿانوَ“، ”نه ڪانهي“ ــ ٺپِ اهڙو اڇل مان جواب مليو ٿي جو ماٺ ٿي وياسين ٿي. ٿي سگھي ٿو هنن کي خبر پئجي وئي هجي ته اسان جهڙا ڪنگلا ڇا خريداري ڪندا ۽ هنن سان ڳالهائڻ وقت جو زيان آهي. منهنجو دوست ففٿ انجنيئر زمان ته صبح شام جنهن وقت به روم اٽلي جي ڳالهه نڪرندي آهي ته اتي جي عورتن کي گاريون ڏيندو آهي. بلڪ جڏهن به گاريون ڏيِڻ جي موڊ ٿيندي اٿس ته روم اٽلي جي عورتن جي ڳالهه ڪڍندو آهي ته: ”انهن به دڪان هلايا.“ باقي روم جي مردن لاءِ چوندو آهي ته اهي باوقار، فضيلت وارا شاهي قسم جا ۽ Well-Behaved آهن، هڪ هڪ کي ڏسي سيزر، مسولني، مائڪل اينجلو، مڪياولي ياد ٿو اچي. ٿي سگھي ٿو ته عجيب اتفاق هجي جو رومانيا ۽ اٽلي ۾ اسان اهڙي قسم جي مردن ۽ عورتن سان ملياسين.
    ڪانستنزا ۾ منهنجي پهرين ڏينهن واقفيت انيسه نالي هڪ ڪرسچن ڇوڪريءَ سان ٿي، جا بخارست يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽ آهي. هوءَ حڪومت طرفان اسپتال نما دوائن جو دڪان هلائي ٿي. مون کي ڏاٺ ۾ سور هو سندس دڪان تي چڙهي ويس. ڏندن ڏي اشارو ڪري چيومانس ته انهن لاءِ ڪا دوا ڏي. ويهڻ لاءِ اشارو ڪري چيائين ته: ٻه منٽ ترس. پاڻ ٻين کي دوائون ڏيڻ ۾ مشغول ٿي وئي، ٻن منٽن جو اڌ ڪلاڪ ٿي ويو. ساڻ آيل دوست کي چيم ته تون ڀلي شهر گھمڻ هليو وڃُ، خبر ناهي ڪيترو وقت لڳي. هو هليو ويو. ڪلاڪ بعد اشارو ڪيائين ته: هتي مون وٽ ڪانهي هل ٻئي هنڌ. ٽي ٿيا هئا، سندس دڪان بند ڪرڻ جو وقت هو، دڪان بند ڪري مون کي بازار وٺي اچي ٽٿ برش ۽ پيسٽن جي دڪان تي چاڙهيائين ته هي آهن. ڏاڍو بور ٿيس ته وقت به ضايع ٿيو، دوا به نه ملي، دوست به اڪيلو هليو ويو. کيس انگريزيءَ ۾ سمجھايومانس ته ٽٿ پيسٽ نه، دوا کپيم سور اٿم. اشارن سان سمجھايائين ته هاڻ سڀاڻي اچجانءِ ڊينٽسٽ وٽ وٺي هلنديسانءِ. وڌيڪ ڪڇي ڪانه. پوءِ اهو هتي جي ماڻهن جو حسن ڪردار آهي يا منهنجا دڙڪا نه سمجھيائين ۽ هن هندستانيءَ وانگر، جنهن جو لبنان ۾ هڪ عرب ٽئڪسي ڊرائيور سان جھڳڙو ٿي پيو. هندستانيءَ هن کي گاريون ڏنيون ته عرب ان کان به ٻيڻيون ٽيڻيون گاريون موٽ ۾ ڏنس. هندستانيءَ واپس پنهنجي وطن دوستن کي اچي ٻڌايو:
    ”يار عربن جي ڇا تعريف ڪجي، بيروت ۾ هڪ ٽئڪسي ڊرائيور سان جھڳڙو ٿيو، آءٌ کيس گاريون پيو ڏيان، پر هي خدا جو بندو مجال آهي جو ڪجھه چوي، بس آيتون پڙهندو رهيو.“
    سو هن به پنهنجي ساهيڙين کي اسان پاڪستانين بابت الائي ڇا ٻڌايو هجي. ٻئي ڏينهن نه ويس، جهاز جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته هتي ڊينٽسٽ سٺا نه آهن. استنبول (ترڪي) يا ٻئي هنڌ ڏيکاريندس. ٽئين ڏينهن شهر مان موٽندي کيس ٻڌايم ته ڊينٽسٽ جي ضرورت ناهي.
    ان ڏينهن هڪ ٻي دڪان تي ٻه ٽي ڪاليج جون ڇوڪريون اسان جون دوست ٿي ويون. اهڙو سهڻو ته نه آهيان جو لکان ته مون تي عاشق ٿي پيون. جيستائين منهنجو اندازو آهي ته هنن واقفيت اهو سوچي ڪئي، ته ٻيلي هي جانور ته واهه جا آهن. اشارن سان گڏ ڪجھه ڳالهائي به سگهن ٿا. کلي به سگھن ٿا. مون کي انهن ان ئي ڏينهن ڪانستنزا جو عجائب گھر ڏيکاريو. وڌيڪ گھمائڻ جو ٻئي ڏينهن واعدو ڪيائون ته بس ۾ شهر جو ٻاهريون علائقو به گھمنداسين، چيومان، ڳالهه اٿوَ سنئين سڌي اسان وٽ توهان جي ملڪ رومانيا جا ايترا پئسا نه آهن، ٻٽون کولي ڏيکاريومان ته اسان وٽ ڪجھه ڊالر، پائونڊ، فرئنڪ ۽ لبناني پئسا آهن. چئو ته سڀاڻي پهرين بئنڪ تي هلي مٽايون. نه ته ’رلي ڪلهي تي ماني راڄن تي‘. ڪجھه ڪجھه سمجھيائون، ڇو جو ان کان پوِ ڏند ڪڍيائون يعني خوش ٿيون. ٻئي ڏينهن زمان ۽ آءٌ مفت ۾ خوب گھمياسين. مانيون، فلم ۽ بسن جو ٽڪيٽون سڀ سندن بلي. وڏي ڳالهه ته اسان کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي شيءَ ڏسڻ وٽان آهي ۽ ڪٿي وڃجي، ڪيئن ڳالهائجي. سو هي فائديمند رهيون ۽ گائيڊ (رهنما) جو ڪم ڏنائون. جنهن لاءِ اسان شڪرگذار آهيون. شهر جا ڪيترا اسڪول، مسجدون ۽ پراڻيون عمارتون ڏيکاريائون. هڪ ڪاليج ۾ ٻن مسلمان ڇوڪرين سان پڻ ملياسين کين عربي ته صفا نٿي آئي پر ٻڌايائون ته هو نماز پڙهنديون آهن. باقي هتي جي مسجد ۾ جمعي نماز جنهن امام پڙهائي هئي اهو ته صاف عربي پڙهائي رهيو هو. مون چاهيو ٿي ته هتي جي ماڻهن جا گھر ڏسجن ته سندن رهڻي ڪهڻي ڪيئن آهي ۽ ڪهڙي قسم جا گھر اٿن. سو آخري ڏينهن ۾ انيسه سان موڪلائڻ وقت ڊڪشنريءَ ذريعي پڇيومانس ته، ”اڄ آءُ به توسان تنهنجي گھر هلندس“، سوچي چيائين، ”نه.“پڇيومانس ”ڇو ڪو اعتراض ڪندو؟“، چيائين، ”نه اڄ نه سڀاڻي گھر هلجانءِ.“
    سمجھي ويس ته هوءَ گھر کي ٺيڪ رکي پوءِ سڏائڻ چاهي ٿي پر مون اوچتو هلڻ چاهيو ٿي جنهن لاءِ هن نيٺ هائوڪار ڪئي ۽ اسان بس ذريعي هلڻ لاءِ تيار ٿياسين. هتي ٽئڪسيون نه آهن، فقط گورنمينٽ جون بسون هلن، جي بس اسٽاپ تان ماڻهو کڻن ۽ بس اسٽاپ تي ماڻهو لاهين. هتي پاڻ جهڙا ڊرائيور، ڪنڊڪٽر ماڻهو ناهن، جي ٻار کي ريجھائڻ لاءِ بسون بيهاريندا وتن. ياد رهي هڪ لطيفو ته:
    ”رستي تي هڪ عورت ڪڇ ۾ کنيل روئندڙ ٻار سان بس کي ڏسي بس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊرائيور بس ڪانه روڪي، جو بس اڳيئي مسافرن سا ٽٻ هئي. ڪنڊڪٽر کي مائيءَ سان همدردي ٿي پئي سو ڊرائيور کي گاريون ڏئي چيائين، موڙ بس کي پٺيان ۽ مائيءَ کي چاڙهه. بس کي پٺيان آڻي، مائيءَ کي چيائين جلدي ڪر بس ۾ چڙهه. مائي ٻار کي ڇڙٻون ڏيندي ڊرائيور کي چيو، بس مون پاڻ لاءِ نه پر ٻچي لاءِ ٿي روڪرائي. ذرا هارن جي پون پون ڪر ته ٻچڙو ماٺ ڪري.“
    بهرحال اسان ٻئي سرد هوا ۾ سٽبا بس اسٽاپ تائين آياسين. هتي مون ڏٺو آهي ته عورت به مرد جيترو ڪم ڪري ٿي. هتي دڪانن، آفيسن ۽ هوٽلن ۾ گھڻو ڪري سڀ ڪم عورتون ڪن. دڪان ۽ آفيسون پوري ستين وڳي صبح جو کلن ۽ ٽين لڳي شام جو بند ٿين. مجال آهي جو ڪو دير سان آفيس ۾ اچي يا وقت کان اڳ ۾ هليو وڃي. ذرا سوچيو، صبح جو ستين لڳي آفيس اچڻ معنى ساڍي پنجين لڳي ئي بستر ڇڏي. ويهه منٽ کن بس اسٽاپ تائين پهچڻ لاءِ. يعني ڇهين لڳي ماڻهو گھران نڪري، تڏهن وقت اندر پهچي سگھي. ۽ هنن ملڪن ۾ صبح جا ڇهه ست وڳا ته ڇا منجھند جو ٻارهين هڪ لڳي به اونڌهه انڌوڪار ۽ غضب جي سردي رهي ٿي. سج نظر اچڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. پاڻ وٽ گھاٽي جُھڙ ۾ به محسوس ڪري سگھبو آهي ته سج ڪهڙي هنڌ بيٺل آهي، پر هتي ڪڪرن جا ايڏا ته گھاٽا ۽ اونها تهه آهن جو بلڪل محسوس نه ٿئي ٿو ته ڪيڏيءَ مهل سج اڀري ۽ ڪهڙو رستو اختيار ڪري لهي ويو.
    هتي جي ماڻهن لاءِ سج عيد جي چنڊ مثل آهي. مدت بعد ڪڏهن جهلڪ ڏيکاريندو سو به کن ساعت لاءِ . ڪن خوشنصيبن ڏٺو. نه ته نه ڏسڻ جهڙو. خوش ٿي ڳالهه ڪندا آهن ته ”اونهاري جي جون، جولاءِ ۽ آگسٽ مهيني ۾ ڪڏهن ڪڏهن سج سڄو سڄو ڏينهن به نظر ايندو آهي.“ باقي اڄڪلهه ته ڏينهن رات بجليون ٻرنديون نظر اچن ٿيون. مون ڏٺو آهي، جتي قدرت نامهربان آهي، جيئڻ سخت ڪيو اٿس. اتي جا ماڻهو محنتي آهن ۽ سخت کان سخت ڪم کي منهن ڏيڻ جا عادي آهن. پر اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي قدرت تمام گھڻي مهربان آهي. زندگيءَ جي ضروريات جي هر شيءِ آسانيءَ سان ۽ ٿوري تڪليف سان مهيا ٿي سگھي ٿي، اتي جا ماڻهو ٻين جي مقابلي ۾ آرام پسند، ٽوٽي، سست ثابت ٿيا آهن. اسان وٽ زمين کيڙي اناج پيدا ڪرڻ ڪيترو نه آسان آهي. هنن ماڻهن کي جيڪر اسان جهڙي زمين، موسم ۽ سهوليتون هجن ته ههڙِي محنت سان زمين مان سون پيدا ڪن. هتي جي ماڻهن جي حالت پاڻ سان ٿي ڀيٽجي ته ائين ٿو لڳي ته اسان جهڙا سست ۽ آرام پسند ڪير به نه هوندا. آفيس جا ست اٺ ڪلاڪ به ڪنجھندا رهنداسين. ڪرڪندا رهنداسين. ڪوشش اها ڪنداسين ته اهي چند ڪلاڪ به آرام ۽ گسائڻ ۾ گذري وڃن ته سٺو. ڪيترن کي مون اهو فخر سان چوندي ٻڌو آهي ته، ”يار اڳئين آفيس ۾ سڄو وقت ڪم ڪرڻو پوندو هو، ان ڪري اها ڇڏي هن ۾ آيو آهيان. بس آرام لڳو پيو آهي. ٻه ٽي فائيل روز ڏٺا، ٽي چار دفعا چانهه پيتي، تو جهڙو ڪو دوست اچي ويو ته ان سان ڪچهري ڪندي وقت گُذري وڃي.“
    منهنجي خيال ۾ هڪ مرد کي پورهئي ۽ محنت کان ائين ڀڄڻ نه جڳائي. اهو مرد جو شان نه آهي. محنت ۽ مزوري مرد جا زيور سمجھيا وڃن ٿا، پر اسان وٽ ٿورو ئي وڏو آفيسر ٿيو ته پنهنجي گلن مٺ ۾ تورڻ جهڙي هلڪي بئگ به پاڻ کڻندي بيعزتي محسوس ڪندو ۽ نوڪر کان کڻائيندو. پر هتي يورپ جي ترقي پسند ملڪن جي مختلف حالت آهي، هتي پنهنجي هٿ سان پاڻ ڪم ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪيو وڃي ٿو. هن ڇوڪري انيسه جو مثال وٺو. گريجوئيٽ آهي. صبح جو سويل مقرر ٽائيم تي دڪان کولي ٿي. خود ٻهاري ڏيندي، ان بعد دڪان جي سڀني ڪٻٽن ۽ اسٽور روم کي ڇنڊي، ڪاٺ جي رکيل وڏن بنڊن جا خود ئي ڇوڏا ڪري سگري نما چلهه ٻاريندي، مريضن ۽ گراهڪن کي سڄو وقت تقريباً بيٺي پير دوائون ڏيندي. وچ ۾ چانهه جي وقت خود ئي ٺاهي پيئندي ۽ پوري ٽين لڳي تائين ايمانداريءَ سان ڊيوٽي سرانجام ڏيندي ۽ اها فقط هڪ ڇوڪريءَ سان حالت ناهي پر هتي هر هڪ جي اها زندگي آهي. سندن مهيني جو پگھار ٻارهن سؤ لي (پنهنجا ٻه سؤ روپيا کن) آهي، ان کان علاوه هتي کاڌي پيتي، پهرڻ ۽ ٻين شين جي مهانگائي آهي. ڇڪي تاڻي کاڌو پيتو، گندي ڪپڙو ان پگھار مان مس ٿئي. (رومانيا، بلغاريا، يوگوسلاويا ۽ ٻيا ڪيترا يورپي ملڪ مشينري تيار ڪن ٿا جيڪا وڪڻي آسٽريليا ۽ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن مان اناج، ڪپڙو ۽ ڪچيون شيون وٺن ٿا. هتي کاڌي پيتي جي شين جي ڏاڍي کوٽ آهي.) جيتوڻيڪ هيءَ اڃا سکئي گھر جي آهي ته به هيترن ڏينهن ۾ مون کيس ٻه وڳا پهريندي ڏٺا. هڪ سادي قسم جو هر روز پائيندي آهي ۽ ٻيو ڪجھه سٺو ۽ نئون جيڪو صرف ڪرسمس ڊي ۽ نيوييئر ڊي تي پائي وري ڇنڊي ڦوڪي پاڪ سوکڙِيءَ وانگر سوگھو ڪري رکيائين. مون کي سندس هڪ ڳالهه وڻي. پڇيومانس ته توهان کي پگھار ته تمام گھٽ ٿو ملي ان مان پورت ڪيئن ٿي ٿئيوَ؟
    تعجب مان چوڻ لڳي، ”ڇو..؟ پورت ته تمام سولائيءَ سان ٿيو وڃي. اجاين خرچن جي ڪهڙي ضرورت آهي. بس اسان جي ملڪ ۾ ڪپڙو يا اهڙي شيءِ نه ٿي ٿئي ته اسان ڇو خوامخواهه ڌارين ملڪن جون شيون خريد ڪريون. اسان کي ته اها ئي خوشي آهي ته اسان جي ٿوري سادگي جي بدلي اسان جو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. اجايو اسان جي ملڪ جو سون ضايع نه ٿي رهيو آهي.“ (دراصل اسان ٻاهرين سان خريد و فروخت ڪرڻ وقت هڪٻئي کي پئسن جي صورت ۾ سون ڏيون ٿا ۽ ملڪ جي ترقي، ان جي سون جي ذخيري مان لڳائبي آهي. سڪي جي قيمت به سون جي ذخيري مطابق وڌي ۽ گھٽي ٿي.) ذرا سوچيواسان جي ملڪ جو ڪيترو پئسو فقط سينگار جي سامان Cosmetics پٺيان ضايع ٿئي ٿو ۽ پوءِ اسان هڪ ٻئي سان ڪلهو هڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪيترن نه ناجائز طريقن سان پئسو ميڙيون ٿا. اسان وٽ ڪيتري نه اجائي ريس، حرص ۽ سڌ وڌي رهي آهي. هڪ پاڙي جي امير عورت اوچو ڪپڙو اوڍيندي ته ٻيون به ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون ۽ هر ممڪن ۽ ناممڪن ڪوشش ڪنديون ته کين به اهو ئي ملي ۽ اهو نه سوچينديون ته سادي ڪپڙي ۾ به ساڳي سونهن برقرار رهي ٿي. ان ۾ ساڳي زندگي بسر ٿي سگھي ٿي يا ان کي حاصل ڪرڻ جي کين وسعت ناهي يا سندن لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيون اهم ضرورتون، مثال طور: ٻارن جي پڙهائي، اگھائي سگھائي لاءِ دوائون وغيره وڌيڪ ضروري آهن.
    آمريڪا جهڙن بيحد امير ملڪن جي ڳالهه ٻي آهي، پر مون ڏٺو آهي ته اهي ملڪ (چين، يوگوسلاويا جهڙا) جيڪي ترقي جي راهه تي آهن ۽ ترقيءَ جون منزلون طي ڪري رهيا آهن، انهن ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪو ائين اجايو فئشن ڪري ٿو ته ٻيا حرص جي نگاهن سان نه پر نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ اهو شخص ملڪ جي بهبودي ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ سمجھيو وڃي ٿو.
    خير سائين، اچون پنهنجي قصي تي. هتي جي بسن ۾ عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ سيٽون نه ٿين. ان کان علاوه هڪ ٻئي لاءِ Consideration به گھٽ اٿن. عورت ۽ مرد هر لحاظ کان برابر ليکيو وڃي ٿو. عورت بس ۾ بيٺي هوندي ته ڀلي بيٺي هجي، ڪو مرد اٿي جڳهه نه آڇيندس، پوءِ اها عورت ڀلي پيرسن هجي، ڏڪي رهي هجي، پيٽ سان هجي، سامان ساڻ هجيس. هتي جون بسون سڀ سينٽرلي هيٽيڊ آهن، باقي بس مان لهه ته قلفي ٿيو وڃجي. شهر کان ٻاهر ته هوا ايڏي تيز لڳي ٿي جو منهن سڙندو آهي، ساهه ئي نه کنيو ٿيندو آهي. خير اسان بس ذريعي گھر آياسين. بس اسٽاپ کان گھر فرلانگ پري هو. پاڻ ٻڌايائين ته سندس ٻن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن جي شادي ٿي چڪي آهي، سي الڳ رهن ٿيون ۽ باقي ٻه ڀينرون ماءُ ۽ پاڻ گھر ۾ رهن. سندس پيءُ ڪنهن ٻئي شهر ۾ نوڪري ڪري ٿو يا ڪم سانگي ويل آهي. سندس وڏي ڀيڻ جا ٻار اڄڪلهه گھر آيل آهن. هتي گھر سڀ ڪنڊائتين ڇتين وارا ٿين جيئن برف هيٺ ترڪي وڃي. ڀتيون سنڌ جي ڳوٺاڻن گھرن وانگر ٿلهيون ٿين، جي ايئرڪنڊيشن جو ڪم ڏين ۽ اونهاري ۾ گھر کي سرد ۽ سياري ۾ گرم رکن. جنهن وقت سندس گھر پهتاسين اهو شام جو وقت هو، پر سنڌ جي اونهاري جي ٽاڪ منجھند وارو سمو، جتي سخت گرميءَ ڪري ۽ هتي سخت سرديءَ ڪري هو. پکي پکڻ به ٻاهر نظر ڪونه ٿي آيو، ڄڻ ته ڪو راڪاس گھمي ويو هجي. رکي رکي سرد هوا جا سوساٽ ٻڌڻ ۾ آيا ٿي. ورلي سامهون ڪو ماڻهو هڪ گھٽيءَ مان نڪري ٻيءَ گھٽيءَ ۾ هليو ٿي ويو يا گھر مان نڪري بس اسٽاپ طرف تکو تکو وڌندو نظر آيو ٿي. دراصل ان ڏينهن هيڪاندي سردي هئي. سياري ۾، ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سکر جو اڪبر منگي ۽ آءٌ ٽيڙيءَ ۾ اچي صرف قميص ۽ سئيٽر ۾ اسڪوٽر هلائيندا هئاسين ته به ايترو سيءُ نه پوندو هو، جيترو هتي ان ڏينهن ٻن سئيٽرن، هڪ گرم ڪوٽ، گرم گنجي ۽ قميص ۾ محسوس ٿي رهيو هو. مون ته فقط اهو پئي سوچيو ته هتي جا ماڻهوههڙي سرديءَ ۾ ڪيئن ٿا رهن. خاص ڪري عورتون گھر کان ايترو پري ڊيوٽيءَ لاءِ ڪيئن ٿيون اچن وڃن. هتي جو پوليس وارو اٺ اٺ ڪلاڪ ههڙي وللهه ۾ بيهي ڪيئن ٿو ڊيوٽي ڏئي. هتي جو مزور سڄي سڄي رات ههڙي ٿڌ ۾ ڪيئن بندرگاهه ۾ ڪم ٿو ڪري. پر زندگي دراصل ان کان به سخت شيءِ جو نالو آهي. هنن ملڪن جي مقابلي ۾ پنهنجي ملڪ جي ويڪرائي ڦاڪ وارن ملڪن ۾ نه ايتري سردي آهي ۽ نه ايتري گرمي. گرمي جي خبر خط استوا جي ملڪن جي باشندن کان لهڻ کپي. خط استوا جي ملڪن جي اونهاري ۾ ڇا حالت آهي ان بابت ممباسا آفريڪا پهچي اتان تفصيلي خط لکندوسانءِ.
    هتي جا گھر ڪي خاص وڏا نه آهن. صدر ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ڪرسچنن جي گھرن وانگر هڪ ننڍو ڊرائنگ روم عاليشان نموني سان سجايل آهي. سڄو ڪمرو قيمتي غاليچن ۽ رانديڪن سان ڳتيل نظر ايندو (جو سامان پشت به پشت هلندو اچي.) پوءِ ڀلي ٻيا ڪمرا مسافرخانه لڳا پيا هجن. گھر ويجھو آيو ته آءٌ سندس پٺيان پٺيان اچڻ لڳس. در وٽ پهچي جيتوڻيڪ پاڻ ته وڏي آڌرڀاءُ سان چيائين اندر هليو اچ. پر آءٌ اهو سوچي ترسي پيس ته هيءَ آهي ڪجهه ڪجهه بيوقوف. حامي ڀري منهنجي چوڻ تي مون کي ڇڪي ته آئي آهي، مائٽ الائي ڇا سمجھن. کيس ته دڙڪا ملندا پر مون کي به نه مار ڪڍرائي. پاڻ اندر هلي وئي پر آءٌ در تي ترسي پيس. ٿوري دير بعد سندس ننڍي ڀيڻ جا پندرهن سورهن سالن جي ٿيندي سا نڪري آئي ۽ سڏ ڪري اندر گھرايائين.
    انيسه گھر اڳيئي ڳالهه ڪري ڇڏي هئي ته هڪ جانور شهر ۾ ڦرندي مون سان مليو. تمام دلچسپ آهي. چوي ٿو ته پاڪستاني آهيان، انجنيئر آهيان، ست سمنڊ دنيا جا پار ڪري هتي پهتو آهيان، سو مائٽ به ڏسڻ لاءِ بيچين ۽ تجسس ۾ هئا. سندس ڀروارو گھر هڪ ننڍي دريءَ ذريعي مليل هيو، جنهن ۾ سندس ماسي ۽ ان جون ٻه ڌيئر رهيون ٿي، اهي به سڀ مون کي ڏسڻ لاءِ ڊوڙنديون آئيون. سندس ڀيڻ جا ٻار ۽ پوءِ ته آهستي آهستي پاڙي جا به ڪيترا ملڻ آيا. دراصل هتي ٻاهرين ملڪن جا (خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جا) تمام گھٽ بلڪ نه برابر سياح اچن ٿا. سو آءٌ هنن لاءِ اجنبي هوس.
    مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته هتي جون عورتون صاف دل ۽ ساديون لڳن ٿيون. سادگيءَ ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻين عورتن سان ملن ٿيون. انيسه جي ماءُ کي چيم ته توهان جو گھر ڏاڍو سٺو آهي. منهنجو رسميءَ طرح چوڻ ۽ هيءَ انهيءَ وقت اٿي وڃي ڊگھو ٻهارو کڻي آئي. ڇت تي هڪ ڪنڊ ۾ ڄارو لڳل هو سو لاهڻ لڳي. تنهن تي سڀ کلڻ لڳا. مانيءَ لاءِ زور ڪرڻ لڳا ته کاءُ ۽ مون لاءِ ماني رکيائون ۽ پاڻ چؤگرد ڦري ڏسڻ لڳا. يورپي قسم جو چڪن براٿ سوپ (Chicken Broth Soap) هو جنهن ۾ سڀ ڪجھه مليل هو. ڪڪڙ جي ننڍن سنهن ٽڪرن بدران پوري ٽنگ هئي ۽ ڊبل روٽي الڳ هئي.
    يارهين لڳي آءٌ موڪلائڻ لڳس. سڀ ڇڏڻ لاءِ ٻاهر نڪت.، ٻاهر ڏسون ته سخت بارش پئجي رهي هئي، آمدرفت بند ٿي وئي هئي. آخر فيصلو ٿيو ته رات رهي صبح جو وڃان. ٻئي ڏينهن موڪل هئي سو آءٌ ترسي پيس.
    ٻئي ڏينهن صبح جو انيسه، ان جي ماسات بيانيڪا ۽ سندس ڀاءُ ۽ ڀاڻيجو هوٽل ۾ منهنجي دعوت کائڻ لاءِ گھران نڪتاسين. هوٽل اڌ ميل کن پري هئي، پنڌ ئي پنڌ اسان پنج ئي ڄڻا سيءَ ۾ سٽبا وياسين. راتوڪي پيل برف ۽ بارش وڻن تي ڄمي ڳنڍا ٿي وئي هئي ۽ هوا لڳڻ ڪري اهي ڳنڍا هيٺ پئي ڪريا، سو انهن کان ۽ هوا کان بچندا سڄي منهن کي مفلر سان ڍڪي، صرف اکيون ڪڍي، هوٽل طرف وڌندا رهياسين. برف مٿان عام بوٽ ۾ هلڻ ڪري منهنجا ته پير کيرا ٿي ويا هئا. ذري گھٽ همت جواب ڏيڻ واري هئي ته ههڙي سرديءَ ۾ اگر بيمار ٿي پيس ته هتي پرديس ۾ اڪيلو اسپتال ۾ رهڻو پوندو ۽ هوڏانهن جهاز تي دوستن کي ڊبل ڊيوٽي ڏيڻي پوندي، پر هنن کي تکو تکو هلندي ڏسي آءٌ به هلندو رهيس. آخر اچي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. اکين مان پاڻي، نڪ مان پاڻي، پندرهن منٽن لاءِ ته هوش ئي نه رهيو. بيانيڪا مانيءَ لاءِ آرڊر ڏنو.
    هتي جي هوٽلن ۾ اڪثر ڪري پئسا پهريائين ڏجن ٿا ۽ ٽپ جو دستور ناهي. مانيءَ جو بل سؤ لي (پنهنجا اٽڪل پنجويهه روپيا) کن ڏنائين. اڌ ڪلاڪ بعد ماني آئي. ماني ڇا هئي؟ ڊبل روٽي، تريل چڪن ۽ بصرن جو آچار! بصر به اهڙا جو سرڪي ڪري يا زياده سنڌجڻ جي ڪري ڪارا ٿيل هئا. کانئن پڇيم ته ڇا هي آهي هتي جو خاص کاڌو؟ جنهن لاءِ هيڏو پنڌ ڪرايو اٿَوَ. توهان تي ته ڪا جيسز ڪرائس (حضرت عيسى عليه السلام) جي مارَ پوي، ڪجهه ته خيال ڪريو ها، اهڙي خبر هجي ها ته گھران ئي نه نڪرون ها. سو اهي آهن رومانيا جون خبرون. يوگوسلاويا ۾ به ڏٺم ته اتي جي ماڻهن بصر جو آچار وڏي شوق سان کاڌو ٿي. مٿئين گھر مان هتي جي ٻين گھرن جو به اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
    هتي يورپ جي ملڪن ۾ ڏٺو اٿم ته هر هڪ کي ايتري ته حد درجي جي سماجي مسئلن ۾ آزادي مليل آهي جو ماءُ پيءُ به اولاد جي ڪنهن ڳالهه ۾ دخل انداز نٿو ٿئي. هر هڪ جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته وڻيس ته پنهنجي زندگي کي سڌاري يا کاري. ڳالهيون ڪندي بيانيڪا جي ماءُ کان پڇيم ته هوءَ شادي ڪڏهن ٿي ڪري؟ چوڻ لڳي ته کيس ڪهڙي خبر، بيانيڪا خود بالغ آهي سندس مرضي. پاڻيهي پنهنجي پسند جو ڇوڪرو ڳولهي وڃي شادي ڪري. مغربي ملڪن ۾ اڪثر اڪيلائي ۽ تن تنهائي ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون. ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي اهڙي ملاقات کي ڊيٽ Date سڏجي ٿو. اهڙين ملاقاتن ذريعي هڪ ٻئي کي زندگيءَ جو ساٿي منتخب ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن سان ئي ملڻ جو موقعو ٿيندو آهي. انهيءَ Process ۾ گھڻو ڪري هر ڇوڪري سڀ ڪجھه لٽائي ويهندي آهي. هنن مغربي ملڪن ۾ شايد ئي ڪا ڇوڪري هجي جا شادي وقت ورجن هجي، اگر هوندي تڏهن به ههڙي ماحول ۾ ڪير يقين ڪندو. ۽ اهڙي ڪنهن باعصمت ڇوڪريءَ کي داد ڏيڻ بدران ان لاءِ اهو ئي سمجھيو وڃي ٿو ته Virginity is lack of opportunity. اهو ئي سبب آهي جو هتي جي عورت آزادي ته حاصل ڪري چڪي آهي، پر پنهنجو قدر وڃائي ويٺي آهي. هوءَ مرد جي نظر ۾ ڪري چڪي آهي. هتي جي عورت ۽ رانديڪي ۾ ڪو فرق نه رهيو آهي، جنهن کي ٻار جيستائين نئون آهي ته چاهه سان کيڏي ٿو پر جنهن وقت پراڻو ٿيو يا کيس ان کان بهتر مليو ته پراڻي کي اڇلي ڇڏي ٿو. ساڳئي وقت مرد به اعتبار وڃائي چڪو آهي. سڀ کان وڌيڪ مصيبت ۾ پوڙها مائٽ آهن. اسان وٽ جيئن پوڙها مائٽ ٿين تيئن پنهنجا پراوا وڌيڪ عزت ڪن، پر هتي پوڙهي پيءُ ماءُ کان سندن ئي اولاد بيزار. ماءُ پيءُ گھر ۾ بيمار پيو هجي ته پيوي هجي، پر اولاد کي گھمڻ ڦرڻ ۽ پنهنجن پروگرامن کان فرصت ناهي جو هنن جو خيال رکن يا خير عافيت پڇي. هرهڪ کي پنهنجي لڳي پئي آهي ڪو لطيف جذبو نه رهيو آهي. يقين ڪر مون ڪيترا اهڙا مثال اکين سان ڏٺا جو ماءُ يا پيءُ موت جي ڪنڌيءَ تي آهي ۽ اولاد کي معلوم هوندي به بيفڪر رنگ رليون ملهائي رهيو آهي. هيءَ ڪهڙي آزادي آهي، منهنجا ڀاءُ؟ هن آزاديءَ ڪهڙو هتي جي ماڻهن کي سُک ۽ دلي سڪون بخشيو آهي؟ ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿو اچي! ڇا هيءَ آهي مغربي آزادي، جنهن لاءِ اسان جا ڪي مشرقي ڀائر ڀينرون، گھر ويٺي بنان ڏٺي پرکي سڌون ڪري رهيا آهن. ڪاش منهنجي وس ۾ هجي ته انهن مشرقي مردن کي هتي جو هڪ هڪ گھر ڏيکاريان. کين هتي جي ماڻهن جي ذهني تصادم، بيچيني، فڪرات ۽ دلي پريشانين کان روشناس ڪرايان ۽ هتي جي عورت جي حالت کان واقف ڪرايان ۽ مشرقي عورت کي هتي جي حالت اکين سان ڏيکاريان ته کيس معلوم ٿئي ته ڪير وڌيڪ خوش آهي. ڪنهنکي ذهني سڪون، عزت ۽ روحاني راحت نصيب ٿيل آهي. جيڪر پنهنجي ملڪ جي عورت هتي جي عورتن جو گھرائيءَ سان جائزو وٺي ته جيڪر کيس احساس ٿي وڃي ته هوءَ ڪيترو خوش، سکي ۽ باعزت آهي. هتي جي عورت کي ٻاهرين ٺاٺ پاٺ جي پٺيان ڪيترون جوابداريون ۽ مصيبتون آهن. جن هڻي مغربي عورتن کي مشين وانگر گسائي ڇڏيو آهي. چهري تان اها نسواني رونق ۽ سونهن ئي مٽائي ڇڏي آهي. منهنجا ڀاءُ ڪاش ڪو انڌي تقليد ڪرڻ بدران حالتن جو چڱيءَ طرح جائزو وٺي پوءِ ان جي نقالي ڪري ته بهتر رهندو. خط تمام ڊگھو ٿي ويو ۽ بلغاريا ڇڏڻ کان پهرين هڪ ٻيو به خط لکندس، جنهن ۾ بلغاريا ۽ هن شهر ورنا بابت لکندس.
    گھڻي قرب منجھان
    ـــ تنهنجو


    ورنا ــــ بلغاريا

    هن کان اڳ به هڪ خط هتان ورنا مان لکي چڪو آهيان. هتي آئي به اڄ اسان کي اٽڪل ٻه هفتا کن ٿيا آهن. هتي پهچڻ بعد هڪ ڏينهن رکي ٻي ڏينهن کان برفباري شروع ٿي هئي ۽ لڳاتار ٽي ڏينهن هلندي رهي. برفباري به ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جو نقشو آءٌ ڪاغذ تي لفظن جي روپ ۾ چڱيءَ طرح چٽي نه ٿو سگھان پر توهان پنهنجي خداداد تخيل کي استعمال ڪري برفباريءَ جي نظاري جو لطف حاصل ڪري سگهو ٿا. برفباري ڏسڻ کان اڳ جڏهن سرد ملڪن مان دوست مون کي برفباري بابت لکندا هئا ته آءٌ ايترو ڌيان نه ڏيندو هوس، پر هتي ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته جو ڪجھه مون برفباري جي خوبصورتيءَ بابت ٻڌو يا پڙهيو هو، سو سڀ صحيح آهي.
    ڪي ڪي اهڙيون به شيون هونديون آهن جن جي اصليت جي خبر تصويرن يا ٻڌڻ سان معلوم ٿي نه سگھندي آهي. تاج محل ڏسڻ کان اڳ، تاج محل جا فوٽا ۽ ننڍا سنگ مرمر جا ماڊل ڏسي تعجب لڳندو هو ته اهو ايترو ته سهڻو ناهي، جو ماڻهو تعريفون ڪن ٿا. پر ڏسڻ سان معلوم ٿيو ته هن کي واقعي دنيا جي عظيم عجائبن ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو. ساڳيءَ طرح برفباري جو نظارو به ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن بارش سان گڏ ڳڙا پوندا آهن اها برف باري ناهي. هتي برف ڳڙن جي صورت ۾ نه وسندي آهي. برف جي تمام سنهي ڪاتر، پائوڊر جهڙي نرم ۽ هلڪي، هوا جي لهرن تي آهستي آهستي لڳاتار مٿان ترندي هيٺ ڪرندي آهي ۽ جتي به ڪرندي آهي اتي گڏ ٿيندي رهي ٿي. زمين تي، وڻن مٿان، گھرن مٿان، موٽر لارين مٿان، هر شيءِ تي تهه ان پائوڊر جا چڙهندا ويندا آهن. ان مٿان پير رکڻ سان ڄڻ ڪپهه تي پير پيو. رستن ۽ فوٽ پاٿن تي ان برف Snow مٿان هلڻ ڪري اها دٻجي سخت ٿيندي وڃي ٿي. (جيئن برف جا ڳنڍا وڪڻن وارو برف جي سنهي ڪاتر ڪري ڪاٺ جي تيلين جي چؤگرد زور سان ڀڪوڙيندو آهي ته ڪاٺيءَ کي چهٽِي ويندي آهي. هيءَ ڪاتر ته ان کان به تمام سنهي ٿئي ٿي.) ۽ سيمنٽ وانگر رستن تي چهٽي وڃي ٿي ۽ سخت برف Ice جا اسان وٽ تيار ڪري وڪي ويندي آهي، جهڙي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي ۽ پوءِ بلڪل شفاف نظر ايندي آهي. (ڪاتر Snow جو رنگ اڇو کير جهڙو ٿيندو آهي ۽ ڪابه هيٺيان پيل شيءِ نظر نه ايندي آهي.) پر اها ڪاتر Snow هڪ دفعو ڄمي برف Ice ٿي وئي ته پوءِ ان جي هيٺيان هر شيءِ نظر ايندي. ايتري قدر جو اهو به نظر ايندو ته ان برف جي هيٺان رستو ڪچو آهي يا پڪو يا سرُن جو. توهان شايد اهو سوچيو ته اها برف ڳري ڇو نه ٿي۽ جيئن ئي آسمان تان ڪرندي وڃي ته ڳري پاڻيءَ جي صورت اختيار ڇو نه ٿي ڪري؟ اهو ان ڪري جو هوا ڪاٽو 4 Degree C کان به گھڻي ٿڌي آهي. ايتري قدر جو دستانن مان هٿ ڪڍڻ سان برف کان وڌيڪ ٿڌا لڳن ٿا. بلڪ برف هٿ ۾ کڻڻ سان هوا جي مقابلي ۾ گرم لڳندي، ڇو جو برف ڪاٽو چار کان وڌيڪ ٿڌي ٿي نه ٿي سگھي. پر هوا ته ڪاٽو ويهه ڊگرين تائين به ٿڌي ٿي سگھي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي جيت، چچيون، سانڊا، نوريئڙا وغيره سرد هوا کان بچڻ لاءِ برف هيٺان لڪي ويهندا. ڇو جو ٻاهر جي سرد هوا کان پوءِ به برف جي سردي گھٽ آهي. اتر ۽ ڏکڻ قطبن ۾ جتي سال جا ڇهه مهينا رات ۽ سخت سردي ٿئي، اتي ته گھرن جي چؤڌاري برف جون ڀتيون ڏئي ڇڏيندا آهن، جيئن گھر ٻاهر جي تيز ٿڌ کان محفوظ رهي.
    شام جي وقت چؤڌاري ڏسبو ته ٻار برف سان راند کيڏندا رهندا. برف جي ٻوري کي هٿ سان دٻائي ان مان مختلف قسمن جا بت (Snow Man) ٺاهيندا. هر شيءِ مٿان برف ڪرڻ ڪري اها اڇي کير جهڙي نظر اچي ٿي. هتي وڻ ته گھڻا ئي آهن پر سخت سيءَ ڪري منجھن هڪ پن به نظر نٿو اچي. ٺَلهيون ٽاريون ئي ٽاريون. انهن مٿان به برف وسڻ ڪري مٿيون اڌ اڇو نظر ايندو.
    برفباري ٽي ڏينهن هلي ان بعد بند ٿي وئي ۽ موسم صاف ٿيڻ لڳي. جيڪا برف ڪري هئي ان تي هلچل ڪري اها ڄمي، سنهي ٻوري مان ڦري سخت پٿر جهڙي ٿي وئي. چؤڌاري رستن تي ڄڻ شيشا وڇائجي ويا. برف جي جڏهن اها حالت ٿيندي آهي ته پوءِ تڪليف ده ثابت ٿيندي آهي. هلڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. جتي ڪٿي ترڪڻ لڳي ويندي آهي. جيسين موسم بلڪل صاف ٿئي ۽ سج جي تپش ۾ برف آهستي آهستي سڀ ڳري پاڻي ٿي وهي وڃي. پاڻ وٽ ته بارش ڪري ڪٿي ڪٿي گپ ۽ چڪڻ ٿيندي آهي ته ماڻهو ان کان پاسو ڪري سُڪيءَ تان لنگھي ويندو آهي پر هتي ڪيڏانهن وڃي. جتي ڪٿي برف ئي برف. ڪي ڪي دڪانن ۽ گھرن وارا ڪوڏرن ۽ ٽيڪمن سان اڳيان برف جا چاپوڙا کوٽي صفائي ڪري ڇڏيندا آهن. جن کي ڀنگي ٽرڪن ۾ ڍوئي شهر کان ٻاهر وڃي ڇڏيندا آهن. پر ڪوڏر سان ڪيتري صفائي ٿي سگھندي ۽ ڪيترا ڏينهن ماڻهو ڪري سگھندا. هڪ ڏينهن صفائي ڪر ته وري ٻئي ڏينهن ٻي برف گڏ ٿيو وڃي. اسان وٽ ته بارش پوي ٿي ته ڪلاڪ ٻن بعد سڀ پاڻي وهيو وڃي. (ڪراچيءَ جي ميڪلوروڊ، حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۽ هالا جي شاهي بازار جي ٻي ڳالهه آهي.)
    هن شهر ورنا جي وچ ۾ هڪ وڏي بلڊنگ جا بنياد کوٽجي رهيا آهن. روز صبح جو مزور پهرين ڪلاڪ ٻه ته انهن بنيادن مان راتوڪي وسيل برف کوٽي ڪڍندا آهن ۽ پوءِ وڌيڪ کوٽائي شروع ڪندا آهن. هڪ همراهه ڪافي ڏينهن بعد گھر کوليو ته اڱڻ تي برف جي ٻوري جا چيلهه تائين دڙا لڳي ويا هئا ۽ اڱڻ ۾ رکيل هر شيءِ ان هيٺ ڍڪجي وئي هئي ۽ ڳولڻو ٿي پيو. ذرا سوچيو ساڳي برف ڪيتري نه تڪليف ده ثابت ٿئي ٿي. جيڪا وسڻ مهل خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿي. برفباري جيئن ئي بند ٿي ۽ وسيل برف ڄمي سخت ٿي ته شهر ۾ ترڪڻ شروع ٿي وئي. وک وک سنڀالي کڻڻي پئي ٿي. هتي جا ته ننڍا وڏا ان ترڪڻ مٿان هلڻ جا هوشيار آهن. خبر ناهي ته ڪيئن پير کُپائي، ٿورو اڳيان جھُڪي، تکو تکو هلن ٿا. اسان مان ته ڪو شايد بچيل هجي جنهن وچ شهر ۾ روز ٽي چار ڌِڪا نه کاڌا هجن.
    پهرين ڏينهن جڏهن کان ترڪڻ شروع ٿي اتفاق سان بچي ويس، پر ان کان پوءِ منهنجو اسڪور سڀني کان مٿي رهيو. خاص ڪري شهر جي چاڙهيءَ وارو ڌڪو ڪڏهن به وساري نه سگھندس. هلندي هلندي ٻئي پير هوا اڳيان مٿي هليا ويا ۽ سڄو پٺيءَ ڀر وڃي ڦهڪو ڪيو هوم. منهنجا ته هوش حواس خطا ٿي ويا. چاڙهي تان ڪري هيٺ رفتار سان ترڪندو ويس. پيرن جون کڙيون بريڪ هڻڻ لاءِ رستي تي هنيم پر برف اهڙي ته سخت ٿي چڪي هئي جو اندر کپن ئي نه. ههڙي ڌنڌ ۾ اکيون بند هوندي به تارا نظر اچي ويا. فلمن ۾ ڏسبو آهي ته هڪ گھڙيءَ ۾ ائڪسيڊنٽ ٿيندو آهي ته ٻي گھڙي ۾ جڏهن همراهه کي هوش ايندو آهي ته اسپتال ۾ هوندو آهي سو مون کي به اکيون کوليندي ڊپ پئي ٿيو ته ڪٿي L.M.C جي آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ ته نه پهچي ويو آهيان. (جنهن وارڊ کي اسان جي جهاز جو ڊاڪٽر ’واڍي جي دڪان جي شاخ‘ سڏيندو هو.) آخر محسوس ڪيم ته ڪو ٻنهي هٿن سان مون کي ڇڪي رهيو آهي. اکيون کولي پڪ ڪرڻ لڳس ته سرجن انصاري ته نه آهي يا شاهنواز شاهه، اسلم گھلو، شريف اڍيجو جهڙا پهلوان پهلوان آرٿوپيڊڪ وارڊ جا هائوس جاب ڪندڙ ته نه بيٺا آهن، پر ڪير به نه هو ـــ بلغاريا جي ورنا شهر جي چمڪندڙ گھٽي ۽ بلغاري ماڻهو ئي هئا. اٿارڻ واري کلي چيو، ”دوبري سوونيئر ڊي بلغاريا“ (اها بلغاريا جي بهترين سوکڙي رهندي.)
    اڄ ان کي ڏهه ڏينهن کن اچي ٿيا آهن، پر اڃا اٿندي ويهندي جڏهن ساڄي ٽنگ جي گوڏي ۾، پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ۽ ساڄي پاسيرين ۾ سور محسوس ڪريان ٿو ته لڳيم ٿو ته گھٽ ۾ گھٽ اڃا به مهينو کن ته بلغاريا جي اها ياد وساري نه سگھندس ــ اڃا ته شڪر آهي جو ڌڪي کائڻ وقت گرم ڪپڙن جا تهه چڙهيل هئا نه ته اهڙو ڌڪو فقط قميص پتلون ۾ اچي ها ته اسپتال جي بستري تي ته هجان ها، پر ٻئي ٽنگون ٻانهون ڪٽ پتلين جي ٽنگن ٻانهن وانگر مٿي رسين ذريعي ٻڌل هجان هاــ پر مٿئين کي شايد مون کي رسين بغير هلائڻ منظور هو. هاڻ ته سائين ڪمري ۾ غاليچي مٿان هلندي به ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي پير نه ترڪي وڃي. سو اهي اٿَئي تازيون خبرون.
    هتي جي زبان ڏاڍي ڏکي آهي. پاڻ کي ته صفا سمجھه ۾ نٿي اچي. نڪي ڀانءِ ٿي پوي ۽ نه وري ياد ٿي ٿئي. بلغاري زبان ۾ ’د‘،’گ‘، ’غ‘ ۽ ’ب‘ جهڙن غير رومانٽڪ ۽ کهرن اکرن جو استعمال ڏاڍو آهي. بلغاري زبان کان علاوه ڌارين زبانن ۾ فرينچ ۽ جرمن ٿوري ٿوري ڳالهائي وڃي ٿي. رومانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ ته اشارن سان به ڪم هليو ٿي ۽ ماڻهو سمجھي ويا ٿي، پر هتي جي ماڻهن کي بقول اسان جي دوست جي عقل به ٿورو ٿورو گھٽ آهي جو اشارا به نٿا سمجهن. خط ۽ لفافو ڏيکاري پيا پڇون ته پوسٽ آفيس ڪٿي آهي ته به وائڙن وانگر الائجي ڇا جو ڇا پيا چون. سنئون سڌو اشاري جو جواب اشاري ۾ نٿا ڏين ته هي رستو يا هو رستو پوسٽ آفيس لاءِ وٺو. آخر مس مس هڪ همراهه مليو جنهن کي ٿوري ٿوري انگريزي آئي ٿي. تنهن هڪ ڊگھو لفظ ٻڌايو ته پوسٽ آفيس کي بلغاري زبان ۾ ان لفظ سان سڏين ٿا ۽ اڳتي وڃي ٻي موڙ تان پڇائجو. دوست کي چيم، لفط ته تمام وڏو آهي. هينئن ڪر جو Post لفظ جي معنى تون ياد ڪر ۽ Office جي آءٌ ٿو ڪريان. اڳتي وڌي ٻي رستي جي موڙ وٽ پهتاسين ۽ پڇڻ وارا هئاسين ته دوست چيو ته مونکان ته ’پوسٽ‘ لفظ جي معنى وسري وئي. صرف ’آفيس‘ لفظ مان ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي آفيس جو ٿا پڇايون. ٻن ٽن کان پڇيوسين ته اشارا ڪرڻ لڳا ته ڪهڙي آفيس....؟ (نور احمد نظاماڻيءَ يا حاجي منور علي عباسي جي زمينن جو ڪمدار ڪڙو نه گڏيوسين ته آڦيس پڇڻ تي سڌو تپيدار جي آفيس اڳيان اچي بيهاري ها.)
    ورنا (بلغاريا) جو شپ يارڊ تمام مشهور آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جهاز ٺهن ٿا. ان کان علاوه هتي ڪيترائي ٽيڪنيڪل ڪاليج آهن ۽ مشينري جا ڪارخانا آهن. روس وانگر هتي جو به بئلي ڊانس مشهور آهي. هتي بلغاريا جي ماڻهن جي هڪ عادت تمام عجيب آهي. اسان وٽ ’هائوڪار‘ ڪندي ڪنڌ کي هيٺ مٿي ڌوڻيو ويندو آهي ۽ گھڻي ڀاڱي هر ملڪ ۾ اهو عالمي اشارو آهي، پر هتي ’هائوڪار‘ ڪندي وقت ڪنڌ کي ساڄي کاٻي ڌوڻين ٿا، جيڪو اشارو اسان وٽ انڪار ڪرڻ وقت استعمال ڪيو وڃي ٿو. پهرين ڏينهن باربار پڪ ڪرڻ وقت پڇڻو ٿي پيو ته ’ها‘ يا ’نه’. ڇو ته وات سان ته ’ها‘ پيا چون پر ڪنڌ جي اشآري سان ’نه‘ پيا ڪن.
    ٽيو ڏينهن هتي جي حڪومت طرفان ’سي مين ڪلب‘ ۾ هڪ خاص ثقافتي ۽ مليل جليل پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ فقط دنيا جي Sailors کي مدعو ڪيو ويو. اسان به وياسين. سڀ الڳ الڳ ملڪن جا ميڙ ٺاهي ويٺا رهياسين. رات جو يارهين لڳي تائين مختلف قسمن جا ناچ Floor-Dances ٿيندا رهيا. ان بعد مختلف رانديون هليون. ڪلب ۾ اچڻ وقت، جنهن ڪليءَ ۾ مون ڪوٽ ٿي ٽنگيو ان جي ڀرسان روسي جهاز جا سيلر ويٺا هئا. مون کي ڀرسان ويهڻ لاءِ چيائون. پڇيومان، ”يوناني آهيو؟“ (جو کين يونانين جهڙيون ڏاڙهيون ۽ لباس هو.) کلي وراڻيائون ته، ”رسڪي“ Russians آهيون ۽ مون کان پڇيائون ته آيا آءٌ گھانا جو آهيان. ٻڌايومانِ ته پاڪستاني آهيان. پاڪستان جو نالو ٻڌي ٻين به ڪن کڙا ڪيا ۽ مون کان روسي زبان ۾ ڪجھه پڇڻ لڳا. چيومان ته انگريزي ئي هلي سگھندي. تنهن تي هڪ ويو ۽ انگريزي ڄاڻندڙ روسيءَ کي وٺي آيو، جنهن جيڪي مون ڳالهايو ٿي سو کين روسي زبان ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو ٿي. ڪيترو وقت ڳالهيون ڪندا رهياسين. اهي عام ڳالهيون جي هڪ جهاز وارا ٻئي جهاز وارن کي ملندا آهن ته ڪندا آهن: جهاز ڪڏهن هتي آيو، ڪيترن ڏينهن لاءِ هتي آهيو، ڇا رفتار اٿس، ڪهڙي انجڻ اٿس، ڪهڙن ملڪن مان پيا اچو وغيره. ها، انڊو پاڪ جي سيپٽمبر واري جنگ بابت پڇيائون ته تاشقند معاهدي بعد وري جنگ ته نه ٿي آهي. وغيره وغيره. اسان ڳالهين ۾ايترو ته محو ٿي وياسين جو اسان جي ميڙ مان هڪ به ڊانس يا راندين ۾ حصو وٺڻ لاءِ نه اٿيو.
    اسان هر نئين ملڪ ۾ اچڻ لاءِ به تڪڙا هوندا آهيون ته وڃڻ لاءِ پڻ. ڪو هفتو مس گذرندو آهي ته هر هڪ ٿڪجي پوندو آهي ۽ اهو ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ پهچڻ لاءِ واجھائيندو آهي ته ان ڏي جلدي هلجي. ڪالهه جڏهن ڪنهن ٻئي گھمڻ لاءِ ساٿ نه ڏنو ته اڪيلو نڪري پيس ۽ اهو ارادو ڪيم ته هتي جي ڇپائي ۽ ڪتابن جي سلسلي ۾ لئبريري يا دڪان گھمي ڏسجن. پنهنجي ملڪ ۾ ڪن ڪن ادارن ۽ اشاعت گھرن اڄڪلهه ڪتابن جي ٻاهرين سونهن ڏي به چڱو ڌيان ڏنو آهي. ڪتاب جو ٻاهريون ڏيک، عمدو ڪاغذ، سهڻي ۽ صاف ڇپائي ڪتاب جو شان وڌائي ٿي.
    اڄڪلهه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ٿيندڙ ادبي نمائشن ۾ اسان جي ملڪ جا ڪتاب پڻ رکيا وڃن ٿا. هتي جي هڪ وڏي دڪان تي چڙهي پيس. چؤڌاري فقط بلغاري زبان ۾ لکيل ڪتاب رکيا هئا، جن ڏي اشارو ڪري سيلز گرل ٻڌايو ته فقط هي آهن. آءٌ ڪتاب ڏسي رهيو هوس ۽ ٻيا آيل گراهڪ ۽ دڪاندار مون کي ڏسي سُسُ پُسُ ڪري رهيا هئا. سمجھي ويس ته هي معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته آءٌ ڪهڙي ملڪ سان تعلق رکان ٿو، پر آءٌ ڄاڻي ٻُجھي، نڪ جو پڪو ٿي ماٺ ۾ ڪتاب ڏسڻ لڳس. انگريزي ڪتابن جي ڀرسان هڪ ڪتاب رکيو هو جنهنجو انگريزي لکت ۾ نالو نظام حڪمت (Nizam-Hikmat) لکيل هو. ڪتاب جو نالو وٺي دڪاندار کي ڏيکارڻ لاءِ چيم. نالو ٻڌي سڀ وائڙا ٿي ويا ته ترڪي ڪتاب سان منهنجو ڪهڙو واسطو. دڪاندار ڪتاب ڏئي چيو: ”انگريزي نه پر ترڪي آهي.“ (اڄڪلهه ترڪي رسم الخط عربي انداز مان ڦيرائي انگريزي ۾ ڪئي اٿن. سو اهو ڪتاب ترڪي زبان جو هو پر لکت رومن هئي.) هڪ همراهه پنهنجي عمر جو ڏٺم ته ڳالهائڻ لاءِ بيچين هو، تنهن آخر مون کان پڇيو ته آءٌ استنبول (ترڪي) کان ته نه آيو آهيان. پاڻ ٽٽل ڦٽل بلغاري ۽ انگريزي زبان ۾ ٻڌايائين: ”مسلمان آهيان. نالو عبدالقادر سليمان اٿم.“ پاڻ جيڪي ڪتاب خريد ڪيا هئائين انهن جي نالن جا ڪجھه لفظ ’طب‘، ’حڪمت‘، ’ابوسينا‘ پڙهي اندازو لڳايم ته پڪ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهي، پر پوءِ معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر ٿي چڪو آهي ۽ ورنا ميڊيڪل ڪاليج جو گريجوئيٽ آهي. خوشي ته مون کي به ساڻس ملي ٿي، پر کيس هيڪاندي ٿي. مونکي اصل نه ڇڏي. زبردستي هوٽل تي وٺي هلي ڪافي پياريائين. هڪ ٻئي کان ائڊريسون ورتيونسين ته خط لکنداسين. زور ڪيائين ته سندس گھر، ڀر واري ڳوٺ ۾ هلان. آخر سمجھايومانس ته اسان جو جهاز سڀاڻي استنبول (ترڪي) لاءِ لنگر کڻي رهيو آهي. دير ٿي ويندي. آخر وعدو ڪيومانس ته ٻئي دفعي جڏهن به بلغاريا آيس ته تو وٽ ضرور مهمان ٿي اچي رهندس.
    سندس هر ادا ۾ اها ئي سادگي ۽ نئڙت هئي جا اسان جي ڳوٺاڻن ۾ هوندي آهي. کيس ٻن ٽن گھرن ۾ مريض ڏسڻا هئا، مون کي ساڻ وٺي هليو. آخري گھر جي سامهون سئنيما هئي جنهن ۾ انگريزي فلم ’ڪلوپيٽرا‘ هئي پر بلغاري زبان ۾ ڊب ٿيل هئي. چيائين ته هل ته فلم ڏسون. چيومانس ته اها فلم ڪيترائي دفعا ڏٺل آهي، اجايو بور ٿينداسين. هتي ڪا ويجھي مسجد هجي ته اها ڏيکار. دراصل مون هتي جي مسجدن جي Architect (عمارت سازيءَ جو ڪم) ڏسڻ چاهيو ٿي ۽ ان سان گڏو گڏ هتي جي ماڻهن جو مذهب ڏي لاڙو پڻ. منهنجي دوست پهريائين ته ٿورو نٽايو ۽ اندازو لڳايم ته ڪن سببن ڪري مون کي نٿو ڏيکارڻ چاهي. آخر فرلانگ اڌ پنڌ هلي ٻڌايائين ته، هي علائقو مسلمانن جو آهي، پر هتي ڪا اهڙي ڏسڻ جهڙي مسجد ناهي. پر منهنجي ضد کي قائم ڏسي اڳتي هلڻ لڳو.
    ”بلغاريا ۾ ترڪن جي ڪافي عرصو حڪومت رهي آهي ۽ مسلمانن جو اؤج ۽ دٻدٻو ڏسڻ وٽان هو، پر هاڻي اهو اؤج ۽ دٻدٻو ختم ٿي چڪو آهي. مسلمان ته اڃا به اسان سڏايون ٿي.“ پاڻ ٻڌائڻ لڳو، ”پر اڄ اهو مسلمانيءَ وارو جذبو نه رهيو آهي. هر هڪ ماديت ڏانهن ڇڪبو وڃي، روحانيت ختم ٿيندي وڃي. اسان مذهب کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري پنهنجي دل جو سڪون وڃائي ويٺا آهيون. اڪيلا ۽ ويڳاڻا بڻجي چڪا آهيون. سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري رهيا آهيون، ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون. هر هڪ جون راهون جدا جدا ٿي چڪيون آهن.............“
    آءٌ چپ چاپ ٻڌندو ساڻس قدم ملائي رهيو هوس. موسم جي اوچتو تبديليءَ جي ڪري برف ڪجھه حد تائين ڳري رهي هئي ۽ بلغاريا شهر جي گھٽين جي پڪين سرن جو فرش صاف نظر اچي رهيو هو. سامهون مسجد جو ڊگھو منارو ڏسي سمجھي ويس ته پڪ اها مسجد آهي. سمهڻي نماز جو وقت هو. مسجد مان جھيڻي روشني اچي رهي هئي. در بند هو. کڙڪايوسين ته هڪ عورت ٻار سان گڏ در کوليو، مون جتي لاٿي ٿي ته مون کي لاهڻ کان منع ڪيائين. ڊاڪٽر ٻڌايو ته هن مسجد ۾ نماز ڪانه ٿئي ۽ هي ماڻهو گھر ٺاهي ويٺا آهن. مون کي اعتبار ئي نٿي آيو. ٿورو اڳتي وڌي ڏٺو ته مسجد جي اڱڻ ۾ ڪپڙا سڪي رهيا هئا. رڌ پچاءَ جو سامان بي ترتيبي سان پکڙيو پيو هو. اهو ڏسي حيرت ۽ افسوس ٿيو. عبدالقادر ڪجھه چئي رهيو هو پر منهنجي سمجھه ۾ ڪجھه نه پئي آيو. سامهون ڪاٺ جي فريم ۾ وڏي آرسي ٽنگيل هئي جا ٻن هنڌن تان ڀڳل هئي ۽ انهن جڳهين جي بي ڊولائي لڪائڻ لاءِ ٻه ڪارڊ لڳل هئا. هڪ تي ڪنهن ٻار جي تصوير هئي ۽ ٻئي تي قرآن مجيد جي آيت پٺيان ترڪن جي حڪومت جو سن ۽ ڇپائڻ واري جي عربي يا فارسي ۾ هن ريت ائڊريس : ’دين اسلام مدافعلري جميعتي نشرياتندن ــ 3 صوفيه بلغارستان‘ لکيل هئي.
    ”اهو به ڪو زمانو هوندو هو“ عبدالقادر وري آهستي آهستي ٻڌائڻ لڳو، ”جڏهن مسلمان ههڙي اعلى ۽ مضبوط مسجد بنائي. هن جي ڪشادي اڱڻ ۾ صفون ٺاهي نمازون ادا ڪيون هونديون. پر اڄُ هتي جون حالتون غير بڻجي چڪيون آهن. اها ترڪبازي ختم ٿي چڪي آهي. اڄ اسان ڪجھه به نه رهيا آهيون. مسلمانن جي دلين مان اهو عالمگيري ايمان ۽ شان حجازي نڪري چڪو آهي.“
    مون الائي ڇا ڪجھه چوڻ چاهيو ٿي، پر زبان مسئلو بڻجي پئي. عورت کي انگريزيءَ ۾ ٻڌايم ته هيءَ قرآن مجيد جي آيت آهي ۽ ان جي ائين بيحرمتي ٿي رهي آهي. پر هوءَ ڪجھه به سمجھي نه سگھي. هن اهو ڪارڊ ڪڍي مون کي ڏنو. ڊاڪٽر مون کي ڪافي دير خاموش ڏسي چوڻ لڳو: ”مون ته توکي پهرين ٻڌايو ته اڄڪلهه هي حال اسان جو ٿي چڪو آهي. اسان جي ننڍي ٽهي ته شايد اهو به نه ٻڌائي سگھي ته هو مسلمانن جو اولاد آهن.“
    خبر ناهي ڪيئن ڏيڍ ميل جو رستو ختم ٿي ويو ۽ بندرگاهه جي ڀرسان اچي نڪتاسين. بندرگاهه وٽ جا مسجد آهي ان ۾ هلڻ لاءِ ڊاڪٽر ۽ رستي تي مليل سندس دوست مصطفى زور ڪيو ته ان ۾ نماز ٿيندي آهي. اندر آياسين مسجد سهڻي ۽ صاف سٿري ڏسي دل خوش ٿي وئي. مسجد جي امام جو نالو به مصطفى هو، تنهن ٻڌايو ته جمعي نماز پوري ٻارهين وڳي ٿيندي آهي.
    اڄ جمعو آهي ٿوري ئي دير اڳ جهاز جا ڪيترائي ماڻهو جمعي نماز ان مسجد ۾ پڙهي آيا آهيون. هن شهر ورنا جا به ڪافي مسلمان هئا، پر گھڻو ڪري سڀُ پوڙها هئا. جوان ڪو ورلي هو. هڪٻئي سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. اسان اڄ ٿوري دير بعد استنبول (ترڪي) ڏي وڃي رهيا آهيون، جتان پوءِ اڊارڪٽڪ سمنڊ لتاڙي وري يوگوسلاويا وينداسين.


    والسلام


    اڊارڪٽڪ سمنڊ

    پهرين سين ۾ هي فقير پُر تقصير معافي گھرندو جو تنهنجي ڪيترن خطن ملڻ جي باوجود استنبول (ترڪي) ۽ رائيڪا (يوگوسلاويا) مان خط نه لکي سگھيو آهيان. ان جي عيوض هينئر سمنڊ تان لکان ٿو. ورنا (بلغاريا) بعد اسان استنبول (ترڪي) آياسين. جتي ڪجھه ڏينهن ترسڻ بعد يوگوسلايا جي ٻئي بندرگاهه رائيڪا ۾ آياسين ۽ هاڻ رائيڪا کي خيرآباد چئي وري لبنان وڃي رهيا آهيون. رائيڪا جو بندرگاهه اٽلي جي ٽرسٽي بندرگاهه کان پنجاھ سٺ ميل اوڀر ۾ ٿيندو. اٽليءَ جي ڏکڻ ۾ بحر روم آهي ۽ اتر ۾ هي اڊارڪٽڪ سمنڊ ۾ هلي رهيو آهي. سڀاڻي شام ڌاري هي سمنڊ ختم ڪري بحر روم ۾ داخل ٿينداسين. رائڪا ۽ استنبول ۾ ايترو ته مشغول هوس جو خط لکڻ جي فرصت ئي نه ملي. هينئر هن وقت پنهنجي ڪئبن جي دريءَ اڳيان ويهي هي خط لکي رهيو آهيان. سمنڊ ۾ ڪافي جوش آهي. جهاز يورپ جي نائيٽ ڪلب جي رنڊِيءَ وانگر نچي رهيو آهي. شروعات ۾ ٿورو ئي جهاز لڏندو هو ته مون کي به ڦيري ٿيندي هئي. الٽيون اينديون هيون. دل ڪچي ٿيندي هئي يا بقول بشير وسطڙي جي: خراب موسم ۾ Sailor جي حالت چوٿين مهيني پيٽ واري عورت جهڙي هوندي آهي. پرهاڻ ڪافي وقت سمنڊ تي رهڻ ڪري عادت ٿي وئي آهي ۽ گھڻو ڪري سي سڪنيس (Sea Sickness) گھٽ ٿئي ٿي يا گھٽ ۾ گھٽ ان کي نه محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. نه ته هن وقت جهاز جي اها حالت آهي جو نئين ماڻهوءَ لاءِ هڪ منٽ به مصيبت ٿي پوي.
    هتي جي ۽ پاڪستان جي وقت ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي. توهان وٽ هن وقت شام جا ست ٿيا هوندا ۽ هتي اڃا ٽي ٿيا آهن. هتي منهنجي ريڊيو تي ڊاڪا، سلون ۽ ٻيون ڏوراهيون ريڊيو اسٽيشنون به چٽيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ريڊيو سلون تان هن وقت لتا ڳائي رهي آهي..... ’ڪير به ناهي، پوءِ به آهي ــ نه ڄاڻي ڪنهن جو انتظار ـــ ڪنهن جو انتظار.........‘
    يار لتا جو آواز ته نه آهي، پر عجوبو آهي. جنهن به لتا کي ٺاهيو آهي ڇا ڪمال جي شيءِ ٺاهي آهي. ٺلهي گوشت پوست ۽ مٽيءَ مان اهڙي شيءِ ٺاهڻ ته ڏاڍي مشڪل آهي. آمريڪا ۽ روس جا حال ته ڏس، هر پندرهين ڏينهن چنڊ تي راڪيٽ موڪلڻ جي هام هڻن ٿا پر هڪ لتا ته جيڪر ٺاهي ڏيکارين. هڪ مصر جي ام ڪلثوم ته جوڙي ڏيکارين. هڪ ربينا ته بڻائي ڏيکارين ــ جيڪا ڳائي ٻڌائي ته، ’جنهن کي ڳاڙهو لڪڻ هٿ ۾......‘ (يا شايد سائو لڪڻ هٿ ۾،) يا هڪ زليخا ۽ خديجا ته ٺاهي ڏيکارين جا ڳائي ٻڌائي: ”ادل منهنجو آهي، اديون، چوڏهينءَ جو چنڊُ. الا بنو منهنجو آهي......“ ــ ته مڃون. ڪير ٿو چوي ته آواز هڪ نعمت ناهي، ڪير ٿو چوي ته آواز ۾ اثر ناهي. ڪير ٿو چوي ته راءِ ڏياچ، ٻيجل کي راڳ خاطر سرُ نه ڏنو.

    جاجڪ جھونا ڳڙهه ۾، ڪو عطائي آيو،
    تنهن ڪامل ڪڍي ڪينَرو، ويهي وڄايو،
    شهر سڄو ئي سُر سين تندُن تپايو،
    دايون درمانديون ٿيون، ٻاين ٻاڏايو،
    چارڻ ٿي چايو، ته ماري آهي مڱڻو.

    شاهه

    خير سائين، اچون پنهنجين خبرن تي. رائيڪا ۾ ڏاڍو سٺو وقت گذريو. رائيڪا ۾ چٽگانگ جهڙي مئرين اڪيڊمي آهي جا دنيا جي مشهور ۽ وڏين اڪيڊمين مان آهي. پنهنجي ملڪ جا پڻ ڪجھه شاگرد ٻن ٽن سالن لاءِ هتي ’مئرين انجنيئرنگ‘ ۽ ’نيويگيشن‘ جي تعليم لاءِ آيا هئا، پر هاڻ اها اسڪالرشپ تازو بند ڪئي وئي آهي. چٽگانگ مئرين اڪيڊمي ۾ جڏهن آءٌ هوس ته منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ شهاب الدين، اها ڇڏي هتي آيو هو. سندس پڇا ڪرايم ته معلوم ٿيو ته تازو هو به جهاز تي انجنيئر جي حيثيت ۾ هليو ويو آهي ۽ اڄڪلهه سعودي عرب ۾ سندس جهاز ويل آهي. ٻيا چار پنج شاگرد مليا جي آخري سال ۾ آهن، تن ٻڌايو ته حيدرآباد جو هڪ سنڌي انور علي ميمڻ پڻ زير تعليم هو جو پڻ تازو تعليم ختم ڪري جهاز تي هليو ويو آهي. ڏاڍو افسوس ٿيو جو ساڻس ملاقات نه ٿي سگھي. وڏي رهائي وارو مڙس ٿو سڏجي. رائيڪا ۾ ٻن ٽن فئملين سان ملاقات ٿي جي انور کي سڃاڻين. ڏاڍيون تعريفون ٿي ڪيائونس. هڪ پوڙهي ته ٻُڪ کڻي يوگوسلاوين زبان ۾ منهنجي اڳيان دعائون ڏيڻ شروع ڪري ڏنائين ته اسان کيس پنهنجن ٻچن وانگر سمجھون ٿا، ۽ هو به اسان جي عزت ڪندو هو. اهي سڀ مسلمان فئمليون هيون. ان کان علاوه پاڪستاني شاگرد به انور کي ڏاڍو ياد ڪري رهيا هئا ته ڪچهريءَ جو ڪوڏيو آهي. سندس رائيڪا ۾ گذاريل چند سال، ساڻن گڏ ڪيل چرچا گھٻا ۽ سندس مخصوص سنڌي لهجو، هنن لاءِ باعث يادگيري آهي.
    يوگوسلاويا ۾ پڻ مئرين انجنيئرنگ جو پنجن سالن جو ڪورس آهي. پر تعليم انگريزي بدران يوگوسلاوين زبان ۾ ڏني وڃي ٿي، جا پهرين، سال اڌ لاءِ الڳ سکڻي پوي ٿي. (انور جي برانچ انجنيئرنگ نه پر نيويگيشن آهي جنهن جو ڪورس گھٽ سالن جو آهي.) رائڪا جي هن اڪيڊمي ۾ ڪل ٻاويهن ملڪن جا شاگرد تعليم وٺي رهيا آهن. يوگوسلاويا جا جهاز راني ۽ جهاز سازي ۾ چند سالن اندر ترقي ڪئي آهي سا قابل داد آهي. 1945ع ۾ آزادي وقت يوگوسلاويا ۾ ڪجھه به نه هو. ٻي جنگ عظيم ۾ سڀ ڪجھه ناس ٿي ويو هو. بمن جي تباهه ڪاري جا نشان اڃا تائين موجود آهن. اڃا تائين ڊٺل بلڊنگون ان ئي حالت ۾ آهن. يوگوسلاويا جي بلڪل ڪمزور ترين حالت هئي، پر هتي جي ماڻهن کي شاباش هجي جو ايتري ٿوري عرصي اندر وري پنهنجيءَ وارا ٿي ويا آهن. بلڪ اڳي کان اڳرا. هينئر يوگوسلاويا وٽ ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ناهي. ان ترقي جو سهرو هتي جي اڳواڻن ۽ رهنمائن تي پڻ آهي. هيترن ملڪن ۾ مون فقط ٻه ملڪ اهڙا ڏٺا آهن جن جو ٻچو ٻچو پنهنجي ليڊر جي سچي دل سان عزت ڪري ٿو. هڪ چين جو ’مائوزي تنگ‘ ۽ ٻيو هتي جو ’مارشل ٽيٽو‘. عزت ڇا پر ماڻهو پوڄيندا اٿس. ننڍي ٻار کان به پڇبو تو توکي ڪنهن ڪنهن سان پيار آهي ته چوندو ”ماما (ماءُ)، تاتا (پيءُ) ۽ مارشل ٽيٽو.“ هتي جا ماڻهو گارين ۾ پنهنجي ماءُ ڀيڻ کي به نه بخشيندا پر مارشل ٽيٽو جو هميشه عزت سان نالو وٺندا. مارشل ٽيٽو لاءِ ڏٺو اٿم ته سندس ملڪ جا ماڻهو ته ڇا پر ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو به گڻ ڳائين ٿا ته هن کي پنهنجي ملڪ سان ڪيڏو نه پيار آهي ۽ هن ملڪ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو آهي.
    رائيڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني شاگرد: ضيا، مصطفى، صديقي ۽ ٻيا اسان وٽ روز جهاز تي گھمڻ ايندا هئا ۽ اسان به هنن وٽ ويندا هئاسين. هنن اسان کي هي شهر خوب گھمايو ڦيرايو ۽ ڏيکاريو، نه ته هتي جي زبان اهڙي ڏکي آهي جو صفا ياد نٿي ٿئي. جپاني ۽ بنگالي زبانن جي هڪ ڳالهه مونکي وڻي ٿي جو ڏاڍيون Soft ۽ Sober آهن. توهان کي ڪابه گار انهن ٻولين ۾ نه ملندي. بنگالي زبان ۾ ته جيڪي هڪ ٻه گاريون آهن سي به ٻين زبانن جون آهن، نه ته بنگالي زبان ۾ وڏي ۾ وڏي گار، ’اڻ سڌريل‘ آهي. باقي هنن يوگوسلاوين زبان جي ڇا ڳالهه ڪجي. هر ٻيو جملو گار. وڙهن تڏهن ته گاريون ڏين، پر کل خوشيءَ وقت به گاريون ڏين. کيڪار به گارين سان ڪن ته پيار جو اظهار به گارين سان. گاريون به ڪچيون ڪچيون ست سُريون. مرد ته ٺهيو پر عورتون به وڏي مزي سان گاريون ڏين.
    هتي به مسلمان ڪافي رهن ٿا. رائيڪا جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ته سڄو مسلمانن جو آهي. هتي رهندڙ ڇوڪرن ٻڌايو ته هتي جا ڪي مسلمان ته ههڙي ماحول ۾ رهي به پنهنجو مذهب Practice ڪن ٿا. هتي رهندڙ پاڪستاني شاگرد ٻڌايو ته رمضان ۾ باقاعده تراويح نماز ٿئي ٿي ۽ سحريءَ لاءِ اٿاريو وڃي ٿو. پر هڪ ڳالهه ڏاڍي ڏکوئيندڙ آهي، جو هتي مسلمانن کي گھٽ نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ حڪومت به اهي سهولتون نٿي ڏئي، جي ٻين کي ڏئي ٿي. هتي جا مسلمان ٻين جي مقابلي ۾ غريب آهن. هتي هڪ فئملي سان ملاقات ٿي (جي انور ميمڻ سڃاڻين ۽ کين جڏهن معلوم ٿيو ته آءٌ به اتان جو آهيان جتان جو انور آهي ته هنن کي ملڻ جو ڏاڍو خيال ٿيو ۽ مون کي پاڻ وٽ گھرايائون) ڳالهيون ڪندي انهن کان اهو معلوم ڪري افسوس ٿيو ته شهر ۾ جيڪي به فقير، پالش وارا ۽ ٻيا اهڙا گھٽ ڌنڌا ڪرڻ وارا آهن، اهي سڀُ مسلمان آهن. شهر ۾ پهرين ڏينهن به ڏهه کن سالن جا ٻه ٻار پنندي نظر آيا. ٿورا سانوري رنگ جا هئا. مون سمجھيو ڏکڻ ايشيا جي ڪنهن ملڪ جا آهن. پڇيومان ته ڪير آهيو....؟ ٺهه پهه چوڻ لڳا: ”مسلمان آهيون.“
    کيس ۾ هٿ وجھي ڪجھه دينار ٻاهر ڪڍي ٻنهي کي ڏنم. مون کي خبر ناهي ڇو اهو احساس وڪوڙي ويو ته مون هڪ ثواب جو نه پر گناهه جو ڪم ڪيو آهي. مون هنن کي اهي چند دينار ڏئي وڌيڪ تباهه ٿيڻ ۾ مدد ڪئي آهي، هنن کي پنڻ لاءِ همٿايو آهي. ٻن تندرست انسانن کي محنت مزوري ڪري ڪمائڻ بدران مفت ۽ آسانيءَ سان پئسو هٿ ڪري پيٽ ڀرڻ جو چشڪو ڏنو آهي ۽ سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ههڙي ترقي يافته ۽ امير ملڪ هوندي به ڪا اهڙي انجمن، اهڙِي ڪا خدمتگار سوسائٽي نه آهي جو پنهنجي ئي ملڪ جي ٻارن ۽ نوجوانن کي پنڻ کان هٽائي ڪو باعزت ڌنڌو مهيا ڪري.
    يوگوسلاويا، بلغاريا، اسپين ۽ ٻين ملڪن جي مسلمانن جي حالت ۽ اتي جي حڪومتن جو عوام سان ورتاءُ ڏسي هڪ ڳالهه لاءِ اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته اسان پاڪستان الڳ وٺي سٺو ڪيو. هاڻ اسان آزاد آهيون، هر لحاظ کان ــ جسماني ۽ ذهني طرح. لڪي لڪي مسجدن ۾ نمازون نٿيون پڙهڻيون پون. ڊڄي ڊڄي اهو نٿو ٻڌائڻو پوي ته مسلمان آهيون، متان نوڪري کان هٿ ڌوئڻا پون.


    لاس پاماس (ڪَناري ٻيٽ)

    ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾، اتر آفريڪا جي کاٻي پاسي، پنجن ڇهن ٻيٽن جو هڪ جھڳٽو آهي، جي ڪَناري ٻيٽ (Canary Islands) سڏائن ٿا ۽ اسپين جي حڪومت هيٺ آهن. لاس پاماس انهن سڀني ٻيٽن مان مکيه ۽ خوبصورت آهي. اڄڪلهه اسان اتي آهيون ۽ هي خط اتان لکي رهيو آهيان. اسان بيروت (لبنان) کان ڪل ستاويهه سؤ ميلن جو فاصلو طي ڪري سڄو بحيره روم (Mediterranean) لتاڙي، هتي چوٿون پنجون ڏينهن پهتا آهيون.
    هتي جون خبرون ته کوڙ آهن، ڪهڙيون لکي ڪهڙيون لکجن. بس اهي ئي رب جا لکين احسان آهن، جو اڃا زنده آهيون، نه ته سمجھ ۾ نٿو اچي ته پاڻ جهڙو حسن جو پوڄاري ههڙن خوبصورت هنڌن تي ڪيئن پيو جيئي. روز قتل ٿيندا آهيون، روز جنم وٺندا آهيون. ذرا سوچ هي (لاس پاماس) اها جڳهه آهي جتي پئرس، لنڊن، نيويارڪ ۽ جپان جهڙن هنڌن کان به ماڻهو گھمڻ خاطر اچن ٿا. سڄي دنيا جا سياح ۽ شوقين نظر ايندا. ٻارهوئي هتي ميلو لڳو پيو آهي. ادا، ذرا تحقيق ڪرائجانءِ ڪٿي مومل جي ڪاڪ هتي ته نه آهي ــ؟
    هي ٻيٽ هر لحاظ کان خوبصورت آهي. ٻيٽ ناهي پر جنت جو ٽڪرو ڄڻ ته زمين تي لاٿل آهي. ڇا صفائي (کيسي پاڪيٽ جي نه) ڇا سونهن ۽ حسن، هر شيءِ (ويندي رستن تائين) آرسيءَ وانگر چمڪندي رهي ٿي. سڄو ٻيٽ گلن ۽ خوبصورت ٻوٽن سان ڇانئيو پيو آهي. چؤطرف نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گھمنديون نظر اچن ٿيون. پوڙها ته شايد ٿين ئي ڪونه يا ته اهي به ضرور جوان دل رکندا هوندا.
    هتي هر قسم جي لباس ۾ ماڻهو نظر اچن ٿا. پتلون قميص ۾، نڪر بوشرٽ ۾، سئمنگ ڪاسٽيوم ۾ (جو ٻيٽ جي چؤگرد سمنڊ جو ڪنارو آهي. توهان ڪنهن به طرف وڃو ته ڪناري کان پري ٿي نه ٿا سگھو)، مني اسڪرٽن ۾، ساڙهي ۽ فراڪن ۾، ڪنهن به قسم جي ڪابه جھل پل نه آهي. سماجي آزادي حد کان وڌيڪ آهي. هتي دنيا جي هر شيءِ ملي ٿي ۽ هن ٻيٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاپنگ سينٽر سڏيو وڃي ٿو. هتي هر شيءِ بنا ٽئڪس (Duty Free) هجڻ ڪري سستي ملي ٿي. هي ٻيٽ اهڙي هنڌ تي آهي، جتان هر جهاز يورپ، آمريڪا، آفريڪا يا ايشيا جي ملڪن ڏي ويندي ضرور لنگھي ٿو ۽ خاص ڪري جهاز جي هلڻ لاءِ تيل ۽ مسافرن ۽ عملي لاءِ يڪي مسافريءَ جو راشن پاڻي وٺي ٿو. هتي هر ميوو ۽ ڀاڄي تمام سٺي ۽ گھڻي انداز ۾ نظر اچي ٿي جيڪا گھڻو ڪري ويجھڙائي وارن ملڪن جهڙوڪ: موراڪو، اسپين، پورچوگال کان اچي ٿي. هتي جا دڪان دنيا جي سڀني شين ۽ تحفن سان جھنجھيا پيا آهن. ڪيترائي وڏا دڪان سنڌي هندن جا پڻ آهن، جي ورهاڱي کان به گھڻو اڳ سنڌ مان واپار جي خيال کان لڏي هتي اچي رهيا هئا ۽ هاڻي هتي جا شهري سڏائين ٿا. هو هتي جي اصلي اسپيني باشندن سان غمي خوشيءَ ۾ گڏ وقت گذارين ٿا. اسپيني ڇوڪريون هنن کي ڏسي چاهه مان ساڙهي ۽ شلوار پائڻ لڳيون آهن ۽ ساڳئي وقت اسان جون ايشين ــ خاص ڪري هندو سنڌي ڇوڪريون به مني اسڪرٽن ۽ چڍين ۾ نظر اچن ٿيون. هتي جا مرد ۽ عورتون حليم طبع، نازڪ ۽ خوبصورت آهن، جنهن جو وڏو سبب هتي جي آبهوا آهي.
    هتي سياحن ۽ مسافرن جي عزت ۽ آڌرڀاءُ حد درجي جو ڪيو وڃي ٿو. ذرا سوچيو، هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي، جنهن جي چؤڌاري سوَن هزارن ميلن ۾ پاڻي ئي پاڻي آهي (نقشي ۾ ڏسندا) اتي ڪو ڌاريون ڪهي اچي ته هنن لاءِ به باعث خوشي آهي. خاص ڪري دنيان جا وڏا واپاري، امير، ائڪٽر، ۽ ائڪٽريسون، نوان شادي شده جوڙا موڪلون ۽ هني مون ملهائڻ يا تفريح ۽ آرام لاءِ ڪٿان ڪٿان ڪَهي هتي اچن ٿا (۽ ڪجھه اسان جهڙا غريب سياح ۽ جهازي پڻ.) هن ٻيٽ جي ڪمائي ۽ گذران ٻاهران آيلن جي ڪري آهي. جيڪڏهن ٻاهرين کي اچڻ نه ڏنو وڃي ته هتي جي سڄي ڪمائي بند ٿي وڃي، سڄو واپار وڙو بيهي وڃي. ٽئڪس نه هجڻ ڪري آمريڪا، انگلنڊ ۽ جپان جون شيون به هتي اتان کان سستيون ملن ٿيون. هتي جي حسن، سونهن، رونق، صفائي ۽ آزاديءَ جو ڇا ذڪر ڪجي. خواب کان وڌيڪ هيءَ حقيقت خوبصورت آهي. سمجھه ۾ نٿو اچي ڪهڙي ريت هتي جو نقشو چٽيان جيئن تون صحيح اندازو لڳائي سگھين.
    اسان جهاز لاءِ تيل وٺڻ هتي آيا آهيون، جو هاڻ اسان کي تمام ڊگھو سفر (اٽڪل مهيني کن جو) ڪرڻو آهي ۽ گھٽ ۾ گھٽ هزار ٽن تيل کپي. هتي ٻين شين سان گڏ تيل به سستو ملي ٿو. بندرگاهه ۾ جهازن جي گھڻي رش جي ڪري اڃا اسان کي اندر اچڻ لاءِ جاءِ نه ملي آهي، سو اسان جهاز کي بندرگاهه کان پري وچ سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي بيهاري ڇڏيو آهي. آءٌ اندران شهر مان ٿي آيو آهيان، سو هن ريت. ڪجھه ڏينهن اڳ منهنجو بلغاريا ۾ حادثو ٿي پيو هو. لبنان ۾ علاج ڪرائڻ بعد هاڻ ٺيڪ آهيان. پر تصديق خاطر ايڪسري فوٽو وغيره لاءِ ويو هوس. جهاز جي عملي جو هر ماڻهو آفيس طرفان ’انشور‘ ٿيل آهي ۽ علاج پٺيان انشورنس ڪمپني خرچ ڏئي ٿي. سو هتي جي آفيس جي ايجنٽ سان لانچ ۾ چڙهي شهر ويو هوس. هتي هڪ اسپتال فقط جهاز جي ماڻهن لاءِ آهي. اتي وٺي هليو. هلڻ کان اڳ مون سوچيو ته هڪ عام اسپتال ڪهڙي هوندي. پر ان پنج ماڙ اسپتال جو نظام، صفائي ۽ هر ضرورت جي شيءِ جي موجودگي ڏسي آءٌ دنگ رهجي ويس. هڪ هڪ ڪمرو صاف سٿرو ۽ ايئرڪنڊيشنڊ. هيترن مريضن هوندي به اڃا اڌ کن وڌيڪ خالي بسترا هئا. بقول ڊاڪٽر جي: ”هتي ته مريضن لاءِ سڪندا آهيون ته ڪو اچي.“
    ظاهر آهي ته ههڙي صفائي واري شهر ۽ پُرفضا ماحول ۾ بيماري ڪٿان اچي.
    ”اسان اسپتالن ۾ دوائن کان وڌيڪ پئسو شهر جي صفائيءَ تي خرچ ڪندا آهيون، جو گندگي ئي بيماري کي جنم ڏئي ٿي.“ ڊاڪٽر وڌيڪ ٻڌايو.
    هتي زبان اسپيني ڳالهائي وڃي ٿي. منهنجو ڊاڪٽر به اندلس جو اسپيني هو. جهازن جي مريضن جون زبانون، سمجھڻ ۽ ترجمو ڪري هڪٻئي کي ٻڌائڻ لاءِ اسپيني ’انٽرپريٽر‘ڇوڪريون مقرر آهن. ڊاڪٽر جي هر ڳالهه هڪ مترجم اسپيني ڇوڪري مون کي ٻڌائيندي رهي. ڪلاڪ اندر فوٽو ايڪسري ۽ گھربل تپاس وٺي رپورٽ ڏنائون ۽ جن دوائن جي ضرورت هئي سي پڻ ڏنائون. ڊاڪٽر ۽ اسپتال جي سڄي عملي جي دوستانه تعلقات کان ڏاڍو متاثر ۽ خوش ٿيس.
    شام، مصر ۽ اسپين جي حسن ۽ سونهن بابت ڏاڍي تعريف ٻڌي هيم، جيڪڏهن اکين سان نه ڏسان ها ته ان کي وڌاءُ ۽ مبالغو سمجھان ها. گورا ۽ ڳاڙها ته سڄي يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو آهن. پر جو حسن ۽ سونهن چئجي سو هنن ماڻهن ۾ موجود آهي. ان جو سبب هتي جي صحتمند آبهوا، ٻن ڏورانهين قومن (عرب ۽ هتي جي اسپيني) جي ميلاپ جو اثر چيو وڃي ٿو. (هتي جي زبان ۽ تهذيب تي پڻ عربن جو ڪافي اثر آهي. ڪيترائي عربي لفظ اسپيني ۾ استعمال ٿين ٿا. مثلاً Cipher, Azmuth, Zenith, Alkali, Amalgam, Alcohol وغيره وغيره.) ۽ هونءَ به اسپيني ماڻهن جو حسن صدين کان مشهور آهي ۽ شامين بعد ٻئي نمبر تي دنيا ۾ ليکيو وڃي ٿو. هڪ هندوءَ جي دڪان تي اسپيني سيلز گرل خاموش ڪنڊ ۾ هڪ هنڌ بيٺي هئي. جيڪڏهن چُري نه ها ته آءٌ کيس پٿر جي خوبصورت مورت سمجھي ويٺو هوس.
    اسپتال ۾ منهنجي مترجم ڇوڪري ’ائنا‘ اسپتال ڏيکاري رهي هئي. آپريشن جي ڪمري (Operation Theatre) جي پٺئين در کان ڦيرائي بالڪنيءَ ۾وٺي آئي. ساڄي پاسي مريضن جا ڪمرا هئا. ڪنڊ تي هڪ ننڍڙي لائبريري . چوڻ لڳي:
    ”سامهون واري ڪمري ۾ هڪ فرانسي جهاز جو چيف انجنيئر ۽ سندس زال آهن. پئرس کان هتي ايندي رستي تي هوئي جهاز جو حادثو ٿي پيو، سڄو ڦٽجي پيا آهن.“ لمحو ترسي پڇڻ لڳي: ”تون پئرس ڏٺي آهي ــ؟“
    سامهون دريءَ مان هيٺ نهاريم. پٿر جو بتُ (Statue) اسپتال جي پارڪ جي وچ ۾ نظر اچي رهيو هو. هڪ حسين عورت مرد جي ڀاڪر ۾ ڏيکاريل هئي. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هن ڪٿان پري کان ڊوڙي ڊوڙي اچي پاڻ کي مرد جي ٻانهن ۾ ڇڏيو هجي ۽ اڃا تائين سهڪي رهي هجي. پاسي کان ڦوهارو وهي رهيو هو، جنهن جي پاڻيءَ جي ڌار ۾ بُت ڌوپي رهيو هو. مون ائنا جي ڳالهه ٽاري کيس اکين جي اشاري سان بت ڏسڻ لاءِ چيو، جنهن چپن جي وچ ۾ فقط ڦوهاري جي پاڻيءَ جي سنهي ڌار جي وڇوٽي هئي. ائنا به تڪڻ لڳي. عجيب خاموشي طاري ٿي وئي ۽ جڏهن خاموشيءَ جو هي سلسلو وڌڻ لڳو ته ڪجھه اڪيلائي محسوس ڪري ائنا ڳالهائڻ لڳي:
    ”مون ٻڌو آهي ته پئرس جون عورتون تمام حسين آهين.“
    دري تمام ننڍي هئي، آءٌ ٿورو پوئتي رڙهي بيٺس ۽ کيس ٻانهن کان ڇڪي اڳيان بيهڻ لاءِ جڳهه ڏنم. سندس سون جهڙا سنهري وار اڏامي منهنجي منهن تي بازوليون کائڻ لڳا. هوا ۾ اها ئي خوشبوءِ ۽ سڳنڌ هئي جا حيدرآٻاد جي رات ۾ هوندي آهي. (دراصل لاس پاماس ۽ حيدرآباد ذري گھٽ ساڳي ويڪرائي ڦاڪ Latitude تي آهي ۽ ساڳي Tropical آبهوا آهي. پر لاس پاماس جي چؤڌاري پکڙيل سمنڊ هتي جي آبهوا کي ذرا ٿڌو ۽ ٻارهوئي هڪ جهڙو وڻندڙ بڻائي ٿو.) سندس ڇڙوڇڙ وارن کي جائتو ڪندي چيم:
    ”ائنا! مون ڪيترا ملڪ ڏٺا آهن، پر آسمان هيٺان هن ڌرتي تي توهان جي حسن جو مقابلو شايد ئي ڪو ڪري سگھي. توهان الف ليلى جي خوبصورت آکاڻين جون خوبصورت نائڪائون آهيو.“
    ڏٺم ته ائنا شرمائي رهي هئي. خبر ناهي هي مشرقي حسن ۽ حيا هنن ۾ ڪٿان آيو آهي. تکي هوا جي باوجود به پگھر جا سنهڙا ڦڙا ماڪ جيان سندس نرڙ تي تري آيا. ڪجھه سوچي، ٻارن وانگر پڪ ڪرڻ جي انداز ۾ پڇڻ لڳي: ”سچي ـــ؟“ ۽ وري پنهنجي ئي سادگيءَ تي کلي چوڻ لڳي: ”هوندو. مهرباني. ٿي سگھي ٿو اها حقيقت هجي جيڪا ڌارين کي اسان وٽ ڇڪيو اچي نه ته اسان ته ائين سمجھندا آهيون، ڄڻ اسان کي، دنيا ڌاريون سمجھي الڳ ڪري ڇڏيو آهي.“
    واقعي، نقشو ڏسندائو ته هي اسپيني ٻيٽ لاس پاماس ڪيڏو نه دنيا جي مقابلي ۾ ننڍو ۽ ڌار ٿيل آهي. چؤڌاري اٿاهه سمنڊ موجون هڻي رهيو آهي. اتر ڏکڻ ۽ الهندي طرف ته هزارين ميلن تائين ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇانئيو پيو آهي. باقي اڀرندي طرف به سوين ميلن بعد آفريڪا جو صحرا رڻ پٽ ئي اچي ٿو. هتي جي ماڻهن کي ڀلا ڪهڙي ڄاڻ ته جو سڪون، جو آرام، جو حسن هنن کي ميسر آهي ان لاءِ سڄي دنيا سڪي رهي آهي.
    شهر جي هڪ خوبصورت دڪان واري بازار مان لنگھي رهيو هوس. هڪ دڪان جي ٻاهران ”ايسرداس سووينيئر شاپ“ نالي هندو جو دڪان سمجھي چڙهيس. سنڌي هو. هتي Bargaining اگهن جي ريڙهه پيڙهه ڏاڍي ٿي هلي. ڪنهن شيءِ جا ڏهه ڊالر ٻڌائيندا پوءِ ڪنهن کي وقت هجي جو گھٽائي ٻن يا اڍائي ڊالرن تائين آڻي. (هونءَ هتي جي سڪي جو نالو پسيتو آهي ۽ پنهنج روپئي ۾ اٽڪل اٺ کن ٿيندا. پر ڊالر، پائونڊ، فرئنڪ، جرمن مارڪ ۽ دنيا جو ٻيو مشهور سڪو به عام ورتو ۽ ڏنو وڃي ٿو.)
    خبرن چارن بعد ايسرداس کي ٻڌايم، ’هي هي سامان کپي. اگھه تي بحت ڪرڻ مناسب نٿو سمجھان، جو واجبي هجي سو ٻڌاءِ.‘ سامان وٺي جهاز تي جڏهن ڀيٽايم ته هن واقعي سڀ سامان مناسب قيمت تي ڏنو هو..... جيڪا واپاري ماڻهوءَ مان گھڻي اميد نه ٿو رکي سگھجي ۽ اهو اتفاق سمجھڻ کپي. پاڻ حيدرآباد ۾ ڊومڻ واهه وٽ رهندو هو. ڏاڍيون حب سان حيدرآباد جون خبرون پڇندو رهيو. ور ور ڏئي هيرآباد جو احوال وٺڻ لڳو. اتي جي خوبصورت عمارتن ۽ ماحول جي تعريف جا ڍُڪ ڀرڻ لڳو ۽ آءٌ وائڙن وانگر ٻڌندو رهيس. هڪ واري دل ۾ آيو ته پڇيانس ته ڪاڪا توهان ڪهڙِي هيرآباد جي ڳالهه پيا ڪريو ــ؟ اهو ته ڪو بهشت برين هوندو. جيڪا هيرآباد مون ڏٺي آهي ان ۾ ته رڳو مينهن جا ڇيڻا، ڀڳل ٽرڪون ۽ انهن مان وهيل ڪنو تيل، ڀڳل عمارتون ۽ انهن اڳيان ڪاڪوس ۽ ڪرفتي پئي آهي. پر آءٌ چپ رهيس، ’نوابن‘، ’رئيسن‘ جو ۽ سندن ثقافت ۽ تهذيب جو کڻي پڙدو رکيم.
    ايسرداس مون کي ماني کائڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو. (ننڍي ٽهيءَ ۾ جيتوڻيڪ اها حُب ۽ سڪ نه رهي آهي، جو ڄاوا نپنا ٻاهر آهن. ان ڪري انهن کي سنڌ بابت ڄاڻ به گھٽ آهي ۽ ڳالهائڻ ۾ پڻُ رکائي اٿن.) ور ور ڏيئي ايسر سنڌي زبان جي واڌاري ۽ سلامتي لاءِ پڇندو رهيو. پڇيومانس تو جهڙو واپاري ماڻهوءَ کي زبان بابت فڪر ڇوــ؟ چوڻ لڳو:
    ”جي زبان زنده آهي ته قوم زنده آهي. زبان جي ختم ٿي ته اها قوم ڀيلن، باگڙين جيان ٿيو وڃي.“
    کيس چيم ته ٻئي دفعي هتي آيس ته تولاءِ سنڌ مان سنڌي رسالا ۽ اخبارون کڻي ايندس. پاڻ به رسالا ڏيکاريائين، ”اهي تازا پوني (هندستان) مان آيا آهن ۽ اسان اهي سنڌي سنڌي رسالا شوق سان پڙهندا آهيون.“
    سندس ننڍو ڀائٽيو ٻارهن سالن جو ڀر ۾ ويٺو هو. ٻڌايائين ته هو هتي جي زبان اسپيني پڙهندو آهي پر سنڌي به سمجھي ٿو. اتي ئي پڇيائين: ”اڙي سمجھين پيو نه ته اسان ڇا پيا ڳالهايون ـــ؟“
    هن ڪنڌ سان ’ها‘ ڪئي
    مون کي سنڌ جا هندو ڪيترن ئي ملڪن ۾ مليا آهن. هانگ ڪانگ ۾ ته ايترا آهن جو ڪنهن جي چوڻ مطابق 1975ع ڌاري هانگ ڪانگ سنڌين جي ڪالوني ٿي ويندو. پر ايترو چوندس ته وڏن ۾ جيتري سنڌ لاءِ حُب ۽ سڪ آهي اوتري ننڍن ۾ رُکائي ۽ اجنبيت آهي. وڏا ڏاڍو ٿا ياد ڪن ۽ پنهنجي وقت جا قصا دهرائين. اسان ته جيئن ئي هوش سنڀاليو ته هندو لڏي چڪا هئا. پر هيئنر اهي ڳالهيون ٻڌي سوچجي ٿو ته اهو زمانو سنڌ ۾ به ڪو زمانو هوندو، جڏهن شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد اؤج تي هئا. عجيب رونق ۽ لطف هوندو ۽ ڀلا ڪو پنهنجي ڌرتي ماتا کي ڪيئن ٿو وساري سگھي، جنهن هنن کي جنم ڏنو.
    ڪجھه ڏينهن اڳ سلون مان مسز ديوڪي لکي ٿي: ”اسان هتي جيتوڻيڪ لکا پتي آهيون، ظاهري طرح سکيا ستابا آهيون، پر ان هوندي به سنڌ کي ياد ڪندي اکين ۾ ڳوڙها اچيو ٿا وڃن ــ سو ڇو؟ ان جو ڪارڻ ’پنهنجو وطن‘ اهو اهڙي شيءِ آهي جو اسين هن جنم ۾ ته وساري نه سگھنداسين، پر شايد اڳتي به وساري نه سگھون. سنڌ اها چيز آهي جتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي شيءِ ’خلوص‘، ۽ ’پريت‘ هئي. هن وقت سنڌ جي ڇا حالت آهي، سا خبر ڪانه آهي. حياتي رهي ته هڪ دفعو ضرور چڪر هڻڻ جو ويچار آهي. پر ڀڳوان کي جو منظور آهي اهو ئي ٿيندو. توهان ڀائرن ۽ ڀينرن کي آسيس ڪنداسين ته شل سدائين پنهنجي وطن کي آباد رکو ۽ توهين به ان سان گڏ سکي ۽ آباد رهو.........“
    بيروت ۾ شيلا کي سنڌ جي ڳالهين ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هو. پاڻ جيتوڻيڪ ڄائي نپني بيروت ۾ پر ماءُ پيءُ کان سنڌ جون ڳالهيون ٻڌي ايڏو بيچين هئي جو چوندي هئي ته هڪ دفعو آءُ سنڌ ضرور ايندس ۽ پنهنجي اصلي ديس جي پوتر مٽيءَ کي چمندس.
    آءٌ اها شام ڪڏهن به وساري نه سگھندس. بيروت ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ’پيجن راڪ‘ (Pegion Rock) تمام خوبصورت جڳهه آهي. جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ هاڪس بي يا پئراڊائيز پوائنٽ آهي. اتي اسان سڀ پڪنڪ لاءِ ويا هئاسين. ڪجھه عرب ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به هيون. ٻيا سڀ پاڻيءَ ۾ تري رهيا هئا. شيلا، سندس ٻه ڀائر ۽ آءٌ ڪناري تي ريتيءَ جا ننڍڙا گھر ٺاهي رهيا هئاسين ۽ خبرون به ڪري رهيا هئاسين. پاڻ مائٽن کان سنڌ بابت ٻڌل ڳالهيون ورجائي مون کان پڇي رهي هئي. لفظ لفظ ۾ سنڌ لاءِ عقيدت هيس ــ شاهه کي ته هي ڄڻ پوڄين ٿا. پاڻ شاهه جا ڪيترائي شعر ٻڌايائين. چيومانس ته ڪو سُر سان راڳ ٻڌاءِ.
    ”ٻڌايانءِ ــ پر هڪڙو وچن ڪر.“ معصوم ٻار جيان، شيلا منهنجا هٿ جھلي وعدو وٺڻ لڳي. ”چئهُ ڪهڙو ــ؟“ پڇيومانس.
    ”سنڌ جي ان پاڪ خاڪ کي منهنجا پيار ڏجانءِ. ان ڌرتي ماتا کي پيار ڏجانءِ جنهن جي مان ڌيءُ آهيان.“
    ان بعد شيلا شاهه جو سُر راڻو شروع ڪيو ته دنگ ڪري ڇڏيو. سندس سُر ۾ عجيب ڪشش ۽ ميٺاج هو. ٿي سگھي ٿو ته ان ۾ ڪجھه ان وقت جي فضا ۽ ماحول جو به دخل هجي جنهن مدهوش ڪري ڇڏيو هو. هوءَ ريتيءَ تي پلٿي ڀڃي، ڀڄن جي انداز ۾، اکين جي اڳيان هٿ ٻڌي، اکيون بند ڪري ڳائيندي رهي.
    ”راڻا تنهنجي راڄ ۾، مون کي چوٿون چنڊ ڏٺو،
    ڏکن ڏولاون ۾، منهنجو سڙي ساهه ويو،
    هاڻي راڻي کي چئجو، ته مومل رات مري وئي!
    ڇنا منهه ماڙيون الا اوڏانهن اڏائي.........
    منهنجي راڻي کي رحم پوي، ڏُور وڃيو ڏينهن لائي.“
    پاڻيءَ جون لهرون رکي رکي سمنڊ کان ڌار ٿي اسان کي ڇهي وري واپس اونهي سمنڊ جي گود ۾ جذب ٿي ٿي ويون. فضا ۾ عجيب ڪيفيت طاري هئي. سامهون پاڻيءَ ۾عرب ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کينهونءَ سان راند کيڏي رهيا هئا. پري کان ’بحيره روم‘ جي ڪناري تي اڏيل Casino De Lebuan هوٽل نظر اچي رهي هئي. پر آءٌ خيالي طرح جاگرافيءَ جون مڙئي حدون لتاڙي، پنهنجي وطن، هوشو ۽ درياءَ خان جي وطن، مارئي ۽ ٻاگھي جي وطن، سنڌ ۾ پهچي چڪو هوس. مون کي ڪوبه احساس نه رهيو ته شيلا ڪنهن وقت ڳائي بس ڪيو. خبر ناهي ڪنهن وقت ريتيءَ جي ننڍڙن گھرن کي ڪهڙي لهر ڊاهي وئي. خبر ناهي ڇو، منهنجي دل روئڻ لاءِ اڇلون کائي رهي هئي. مون شيلا ڏي ڏٺو ته هوءِ اکين تي هٿ رکي روئي رهي هئي.
    رات سوچيم پئي ته کانئس خط لکي پڇان ته شيلا ان ڏينهن تون ڇو رُنينءَ ــ؟ ڪنهن لاءِ هئا اهي ڳوڙها؟ ــ ڇا ديس لاءِ؟ ڇا ڌرتيءَ لاءِ ــ؟! ڏاڍي دل ٿي چاهي ته پڇانس پر ڌرتيءَ جي ڌيءُ کان پڇڻ جي همت نه ٿي ٿئيم. جيڪڏهن هن سچ لکيو ته ايترو وڏو سچ، ايڏي وڏي تلخ حقيقت جي برداشت ڪرڻ جي هن دنيا ۾ ڪنهن کي طاقت آهي!
    ڪنهن کي طاقت آهي؟
    ادا، خط ڊگھو ٿي چڪو آهي. وڌيڪ احوال آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه مان لکندوسانءِ.

    چڱو هاڻ، الله توآهر
    ـــ تنهنجو


    ممباسا ڪينيا

    ڪالهه اسان ويهن ڏينهن ۽ راتين جي لڳاتار مسافري کان پوءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو پورو ڪري، ڊڪار (سينيگال) کان هتي ممباسا پهتا آهيون. ڊڪار ۾ واندڪائي نه ملي سو اتان خط نه لکي سگھيوسانءِ. ٻئي دفعي وري وڃڻ ٿيو ته ضرور لکندس.
    ممباسا ڪينيا ملڪ جو واحد بندرگاهه آهي جنهن کي قديم زماني کان اهم حيثيت حاصل آهي. اڄڪلهه سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري گھڻو ڪري سڀ جهاز، يورپ يا آمريڪا ڏي ويندي، هتي ضرور ساهي پٽڻ لاءِ ترسن ٿا. اسان پڻ هتان جهاز لاءِ تيل ۽ اڳتي جي مسافريءَ لاءِ کاڌو پيتو وٺي رهيا آهيون. ڊڪار کان وٺي هيستائين سمنڊ تمام ماٺو مليو ۽ سفر سٺو گذريو. عيدالاضحى سمنڊ تي ئي ملهائيسين. ان ئي ڏينهن خط استوا پڻ لتاڙي رهيا هئاسين. خط استوا وٽ ڏاڍي گرمي ٿئي ٿي جو سج جا ڪرڻا بلڪل سڌا پون ٿا. خط استوا جيئن ئي ٽپي ڏکڻ اڌ گول ۾ آياسين ته سردي شروع ٿيڻ لڳي ۽ وڌندي رهي، جيتوڻيڪ دنيا جي اتر اڌ گول ۾ (جنهن ۾ پاڪستان به اچي وڃي ٿو) اڄڪلهه اونهارو شروع ٿي رهيو آهي. پر دنيا جي هيٺين اڌ، ڏکڻ اڌگول ۾ جنهن ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آمريڪا اچي وڃي ٿو، سيارو ٿئي، ۽ اسان وٽ جڏهن سيارو ٿئي ته هنن وٽ اونهارو. جيئن ئي هيٺ ’ڪيپ آف گڊ هوپ‘ وٽ پهتاسين ته سردي وڌي وئي ۽ وري مٿي خط استوا طرف ايندي گھٽبي وئي. ممباسا ته ذري گھٽ خط استوا تي آهي سو هتي گرمي ٿي رهي. خط استوا جي ملڪن ۾ اونهاري توڙي سياري ساڳي گرم موسم رهي. (انبن جي شوقينن لاءِ مزو آهي جو ممباسا ۾ سال جو ڳپل حصو انب ٿين. بلڪ ملائشيا، انڊونيشيا جهڙن خط استوائي ملڪن ۾ انبن ۽ چڪن جهڙا ميوا سال ۾ ٻه دفعا به ٿين. پر ان جو اهو مطلب به نه آهي ته ڪو هتي سنڌڙي، بيگن پلي، لنگڙي ۽ سوان ريڪا جهڙا انب ٿين ٿا.)
    ڪالهه پورن ويهن ڏينهن بعد زمين تي پير رکندي ڏاڍي خوشي ٿي نه ته صبح توڙي شام چؤطرف رڳو سمنڊ ئي سمنڊ لڳو پيو هو. زمين ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا هئاسين. فقط ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ ٻه ڏينهن ڏکڻ آفريڪا جو ڪنارو وٺي هليا هئاسين ۽ آفريڪا جو سرسبز ڪنارو، گھاٽا ٻيلا، ڊربن، ڪيپ ٽائون ۽ پورٽ ايلزبيٿ جهڙا وڏا شهر صاف نظر ايندا رهيا.، جي سائوٿ آفريڪا ۾ آهن ۽ انگريزن جي قبضي ۾ آهن. آفريڪا کنڊ ۾ ٻيون به انگريزن جون ڪيتريون ئي ڪالونيون هيون. ڪينيا پڻ انگريزن جي قبضي ۾ هو، 1963ع ۾ کيس آزادي ملي ۽ هاڻ پاڪستان، هندستان، سلون آسٽريليا وانگر ڪامن ويلٿ جو ميمبر آهي.
    ڪينيا جي ستر سيڪڙو آدمشماري مسلمان آهي ۽ گاديءَ جو هنڌ ’نئروبي‘ آهي. ’جوموڪينياتا‘ ملڪ جو صدر آهي. جنهن جي ملڪ جي آزادي لاءِ جدوجهد ۽ جفاڪشي قابل ذڪر آهي ۽ هتي جا ماڻهن، ڌرتي جي آزادي لاءِ پنهنجو رتُ ۽ ستُ ڏئي وڏين قربانين جو مظاهرو ڪيو. هاڻ هي آزاد آهن. پنهنجو ملڪ اٿن. ڌارين جي غلامي ۽ حڪومت کان نجات حاصل اٿن. منهنجي هتي جي آفريڪي دوست ’احمد‘ هڪ وڏي اسپتال اڳيان ڪار بيهاري ٻڌايو؛ ”خبر اٿئي هيءَ اسپتال پهرين فقط انگريزن لاءِ هوندي هئي. اسان مان ڪو شيدي رڳو هتان لنگھندو به هو ته ان کي گولي سان اڏائي ڇڏيندا هئا. پر هاڻ ان ۾ هرڪو اچي سگھي ٿو ۽ فقط انگريزن جو نه پر سڄي انسانيت جو علاج ٿئي ٿو.“
    احمد ٻڌايو ته سندس والدين آزادي جي هلچل ۾ تمام گھڻو بهرو ورتو هو. ”اسان کي تڪليفون ڏيڻ خاطر گھرن مان ڪڍيو ويو. زمينون کسيون ويون، ڇو جو اسان انگريزن جي خلاف قدم کنيو ۽ هنن جي غلامي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. اسان هڪ جھوپڙي ٺاهي شهر جي ٻاهران اچي پناهه ورتي. رات جو ٽي کن ٿيا هوندا ته انگريزن اسان جي جھوپڙيءَ کي باهه ڏياري. آءٌ ۽ بابو خوشقسمتيءَ سان بچي وياسين. منهنجي ماءُ مدد پهچڻ کان اڳ سڙي خاڪ ٿي وئي.“ احمد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ”پر اسان خوش آهيون، اسان کي ڌرتي ته ملي. ڌرتي به اسان جي ماتا آهي. مون کي پڪ آهي ته منهنجي ماءُ جو روح سي ٿي چڪو هوندو . هن به اهو ئي چاهيو ٿي ته اسان جي ڌرتيءَ تي اسان جو ئي قبضو هجي. اسان کي اسان جي قربانين جو اجورو ملي چڪو آهي. هاڻ آزاد آهيون. اسان جا خيال، اسان جون سوچون سڀ آزاد آهن.“
    ان وقت منهنجي دماغ ۾ جوموڪينياتا جي آزاديءَ جي ڏينهن تي ڪيل تقرير جا ڪجھه جملا تري رهيا هئا، جن مان سندس فراخدليءَ ۽ بردباريءَ جو اندازو هرهڪ لڳائي سگھيو ٿي، ”آءٌ انهن مڙني کي معاف ڪريان ٿو جن اسان سان جٺيون ڪيون، اسان کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ ٻڌو. جيتوڻيڪ هنن چاهيو ٿي يا نه، پر ڪينيا کي آزاد ٿيڻو هو سو ٿي رهيو. جيڪي اسان تي ظلم ۽ ستم ٿيا انهن جو بدلو اسان ڪنهن کان به وٺڻ نه ٿا چاهيون. اسان فقط اهو چاهيون ٿا ته اهي جيڪي اسان جو هيستائين رتُ چوسيندا رهيا سي پڻ هٿ هٿ ۾ ڏئي سڄي ملڪ، قوم ۽ انسان ذات جي ترقيءَ لاءِ ڀاڱي ڀائيوار ٿين. جيڪي هن مهم ۾ شامل ٿي اسان جي مدد ڪندا، اسان جا دوست آهن، اسان جا ڀائر آهن. پر جيڪي سمجھن ٿا ته خدا هنن کي ميم صاحب ۽ لاٽ صاحب سڏجڻ لاءِ اتاهون ۽ نرالو پيدا ڪيو آهي سي پنهنجي ملڪن ڏي هليا وڃن. جيڪڏهن هو اسان جي آڏو ايندا ۽ رنڊڪون پئدا ڪندا ته اسان هنن کي پيرن هيٺ چچڙي ڇڏينداسين.“ احمد مون کي ممباسا شهر جو اهو ميدان ڏيکاريو جتي ڪينيا جي صدر ڪينياتا آزادي جي موقعي تي اها تقرير ڪئي هئي.
    ستر ساله جوموڪينياتا جو تعلق ڪينيا جي مشهور قبيلي ڪيڪويو سان آهي. پاڻ ڪنهن زماني ۾ خونريز تحريڪ ’مائو مائو‘ جي بانيءَ جي حيثيت سان نون سالن لاءِ انگريزن جي جيل ۾ رهيو.
    هتي جا رهاڪو گھڻي قدر هتي جا شيدي آهن. ممباسا، نئروبي ۽ ڪينيا جي ٻين وڏن شهرن ۾ هتي جي اصلي رهاڪن کان علاوه ڪيترائي عرب ۽ هندستان، پاڪستان جا پڻ رهن ٿا. جن ۾ ڪيترا انگريزن جي حڪومت ۾ مزدوري ۽ واپار وڙي لاءِ آيا هئا ۽ پوءِ هتي ئي رهڻ اختيار ڪيائون. ملڪ جي تجارت ۽ واپار تي قبضو هندن ۽ کوجن جو آهي. ڪراچي جي ايلفي وانگر ممباسا ۾ ڪلنڊي روڊ آهي جنهن تي نوي سيڪڙو دڪان کوجن ۽ هندن جا آهن، جي اصل بمبئي،ڪڇ ۽ سنڌ کان آيل هئا. هڪ دڪان جو ته نالو ئي ’سنڌ جنرل اسٽور آهي‘. هتي جي سڀ کان خاص شيءِ ۽ سوکڙي، ڪاٺ ۽ عاج مان ٺهيل هٿ جا رانديڪا ۽ ٻيو سامان آهي. ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن جون شيون ۽ کاڌي پيتي جو سامان پڻ چڱو سستو آهي. ٻيلا جام آهن جن ۾ اڪثر هر قسم جا جانور آهن. جانورن جي کلُن ۽ پکين جي کنڀن مان ٺهيل مختلف سامان پڻ هتي سستو ملي ٿو. ڪلنڊي روڊ جي پوڇڙ تي هاٿي جي ڏندن جهڙا ٻه وڏا دروازا آهن، جتان کان مشرقي آفريڪا ۾ وڃڻ لاءِ رستو شروع ٿئي ٿو ۽ ان مشهور دروازي کي Giant-Tusks سڏجي ٿو.
    اسان جي ملڪ ۾ جي شيدي آهن انهن کان به وڌيڪ تکو ڪارو رنگ هتي جي باشندن جو آهي. چپ ۽ نڪ ٿلهو، وار گھنڊيدار جهڙا ماڪوڙا مٿي تي چنبڙيا پيا هجن يا قراقلي ٽوپيءَ جا بج. عورتن کي ننڍا گھنڊيدار وار هيڪاندا عجيب لڳن ٿا. ان ڪري هتي جون شهري ۽ ماڊرن شيدياڻيون وار لڪائڻ لاءِ مختلف رنگن ۽ قسمن جا رومال خوبصورت انداز ۾ مٿي کي ٻڌن ٿيون آهن. پڙدو ڪو خاص ناهي، بلڪ نه برابر آهي جو مون کي ته ڪابه عورت پڙدي ۾ نظر نه آئي. ڪيترائي آفريڪي قبيلا آهن جي اڃا اوگھڙ ڍڪڻ بنا ڦرندا رهن ٿا. ۽ اهڙا ماڻهو شهر کان ٻاهر ۽ جھنگلن ۾ هر هنڌ نظر ايندا. هر قبيلي جي نرالي ڊريس آهي. سڄو منهن ۽ بدن وزني لوهي ۽ بدزيب ڳهن سان ڀريو پيو هوندو. ڪنن جي پاپڙين ۾ هڪ هڪ ٽنگ ذري گھٽ پائليءَ جيڏو. اهڙي قسم جي ماڻهن جا فوٽو ۽ ڪارڊ مارڪيٽ ۾ عام ملن ٿا جي سياحن جي خاص خريداري آهن ــ خاص ڪري ائنٿراپالاجي، ائناٽامي ۽ اروٽزم جي شوقينن لاءِ.
    شهر ۾ عورتون اڪثر مني اسڪرٽ يا پورو جبو پائين. هندستاني ۽ پاڪستاني عورتون ساڙهي، گجراتي اسٽائيل جي مئڪسي ۽ شلوار قميص اوڍين. هندستاني فلمن ۾، ڏسي ڏسي ڪن آفريڪي ڇوڪرين به اهو فئشن اختيار ڪيو آهي. (بيروت ۾ پڻ ڪيترن عرب ۽ فرينچ عورتن کي ساڙهيءَ ۾ ڏٺم.) جيستائين سونهن ۽ سوڀيا جو سوال آهي سا مونکي ته نظر نه آئي، ٿي سگھي ٿو خيال پنهنجو پنهنجو، پسند پنهنجي پنهنجي هجي يا آءٌ صحيح اندازو نه لڳائي سگھيو آهيان.
    منجهند جا ٻه کن وڳا هئا. جيڪب آباد جهڙي گرمي هئي. اڃَ کان ڄڀَ ٻاهر لڙڪي رهي هئي. منهنجو ميزبان احمد به مون سان گڏ صبح کان وٺي هلڻ ڪري ٿڪجي پيو هو. اسان ٻئي سندس ڪار ۾ پنڪيون کائيندا جهاز ڏي اچي رهيا هئاسين. اوچتو احمد کڻي ڪار کي بريڪ هنئي. نهار ڪيم ته سامهون ته ڪوبه ڍڳو يا ڌنار نه هو البت ڀر واري فٽ پاٿ تان هڪ ڦٽل مشين جهڙِي، اسڪرٽ ۾ هڪ ڇوڪري وڃي رهي هئي. ڪڻڪون پچائڻ واري اس ۾ سندس ڪارو رنگ وڌيڪ چلڪي رهيو هو. ڄڻ منهن تي ٻُڪ تيل جو هنيو هجيس. کاٻي هٿ ۾ بارش کان بچڻ لاءِ بند ٿيل ڇٽي، ڪاري گپ مان نڪتل ٻگھه پکيءَ جهڙيون سنهين ۽ ڪارين ٽنگن سان تکو تکو وڃي رهي هئي. احمد سڏ ڪيس ۽ پوءِ مون کي ٻه منٽ ڪار ۾ انتظار ڪرڻ لاءِ چئي، رستو ٽپي وڃي ان شيدياڻيءَ سان مليو.
    ٻن جا پنج منٽ ٿي ويا، ڏهه منٽ پوءِ پنڌرهن منٽ به گذري ويا. اسان جو دوست نٽهڻ اسَ ۾ هن سان ڳالهين ۾ مشغول رهيو. آخر منهنجي صبر جواب ڏنو. ڪار ۾ اندر رُگھه ۾ ساهه ٿي نڪتو. ٻاهر نڪري ٻه منٽ ترسيس ته اس بدن ۾ سئن وانگر چڀڻ لڳي. وري اندر ڪار ۾ اچي ويٺس. رات جو احمد وٽ ماني هئي، پڪ سمجھيم ته احمد نوڪرياڻي کي ماني ٽڪي لاءِ سمجهائي رهيو هوندو. پر لڳو ته هوءَ ڳالهه ٻڌڻ بدران نخرا ڪري رهي هئي ۽ هر هر پنهنجو اسڪرٽ ۽ رومال صحيح ڪندي رهي.
    ”احمد“ مون زور سان سڏ ڪري احمد کي واچ ڏي اشارو ڪيو ته دير پئي ٿئي. آخر مس مس اڌ ڪلاڪ بعد آيو. مون ڪجھه منهن ٺاهي بيزاريءَ جو اظهار ڪيو. ”يار. پليز الطاف معاف ڪجانءِ، ڪجھه ڳالهه اهڙي هئي منهنجي زندگي ۽ موت جو سوال هو.“ احمد ٿڌو ساهه کڻي ڳالهه ڪئي.
    ”ڇو خير ته آهي؟“ وائڙو ٿي پڇيومانس.
    ”هوءَ ڇوڪري خبر اٿئي ڪير هئي..؟“
    وري ان شيدياڻيءَ جو ذڪر. آءٌ چوڻ وارو هوس ته ڇوڪري ته نه هئي پر بوٽ پالش جو اشتهار هو. پر منهنجي چوڻ کان اڳ ئي احمد ٻئي هٿ ڪار جي اسٽيرنگ مان ڪڍي سيني تي هڻي آمريڪي لهجي ۾ انگريزي ۾ چيو: ”Hi Budy! She is my Gal. اڙي، اها اٿئي منهنجي محبوبا ۽ منهنجي مستقبل جي زال. دعا سو ڪجانءِ. هينئر ٻڌائي رهي هئي ته سندس مائٽ اسان جي شاديءَ ۾ راضي نه آهن. هو سندس سنڱ ڪنهن ٻئي سان ڳنڍڻ چاهين ٿا.“
    ڏاڍو خوش ٿيس ته چڱو جو احمد جي پڇڻ تي ڪو اونڌو ابتو رمارڪ نه ڏنم نه ته احمد دل ۾ ڪري ها. سندس سدا مسڪرائيندڙ چهري تي اداسي ڏسي کيس آٿت ڏنم، ”لالا پرواهه نه ڪر. توتي لئه پئي رکئي. اها وئي به هلي ته ٻيون ان کان به سهڻيون کوڙ.“
    ”نه يار ائين نه چئه. سڄي ڪاليج جا ڇوڪرا ڪلثوم تي مرن ٿا. اهڙي ڇوڪري مون کي سڄي آفريڪا ۾ نه ملندي.“ احمد جذباتي ٿي چيو.
    سو ادا اسان ڪنهن جي سونهن پرکڻ ۾ ڏاڍا ڪمزور آهيون. پر اهو ضرور چوندس ته هتي جا ماڻهو ڪارا سو آهن پر اٿئي ڏاڍا دل وارا ۽ تون ئي ٻڌاءِ ته دل کان سواءِ گورو چٽو رنگُ ڪهڙي ڪم جو.
    هتي سک ۽ هندو ڇوڪريون شلوار قميص ۽ ساڙهيءَ ۾ ۽ بوري ۽ کوجياڻيون غرارن، لينگن يا اسڪرٽن ۾ آفيسن ۾ ڪم ڪندي، دوڪانن تي شيون وڪڻندي يا جماعتخاني ڏي ويندي نظر اچن ٿيون. انهن لاءِ اهو چوڻ مناسب رهندو ته انڌن ۾ ڪاڻو راجا يا جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت. هو آفريڪي ڪارين ڇوڪرين اڳيان ڏاڍو برتريءَ جو اظهار ڪن ٿيون.
    نيو ڪئسٽل هوٽل ۾ شام جو چانهه پي رهيا هئاسين ته سامهون واري ٽيبل تي هڪ عورت، مرد ۽ ننڍو ٻار اچي ويٺا. شڪل مان ئي سڃاتم ته گجراتي بوري يا کوجا آهن. پڇڻ تي ٻڌايائون ته هو کوجا آهن ۽ اصل ته هندستان جا آهن پر هاڻ آفريڪا جا سڏائين ٿا جو کين آفريڪا ۾ رهي به سوا سؤ سال کن ٿي ويا آهن. سندن ڏاڏا هندستان کان لڏي زنجبار آيا. ان بعد سندن ماءُ پيءُ هتي ڪينيا آيا. ننڍي ٻار لاءِ پڇيومان ته هيءِ ڪهڙِي زبان ٿي ڳالهائي ته ٻڌايائون ته اسڪول ۾ انگريزي ۽ هتي جي آفريڪي زبان ’سواحلي‘ ٿي پڙهي، پر گھر ۾ اسان آغاخاني گجراتي، ڪڇي ۽ سنڌي جي گاڏڙ ساڏڙ ڳالهائيندا آهيون. بازار مان خريداري ڪندي مون هر دڪاندار سان سنڌيءَ ۾ ئي ڳالهايو جو هو يا ته هندو سنڌي هو يا کوجو. ڪيترا ڏينهن ٿي ويا هئا سو پنهنجي ٻولي ڳالهائيندي مزو پئي آيو.
    بازار جي ڪنڊ تي ڪراچي جي محبوب ڪلاٿ مارڪيٽ جيڏي کاڌي پيتي جي شين جي سپرمارڪيٽ آهي جا هڪ آغاخاني کوجي جي آهي. اهڙي قسم جون هڪ وڏي دڪان جي روپ ۾ مارڪيٽون جتي ڪٿي آهن، جتان هر شيءِ سستي ۽ تازي ملي ٿي. يورپ جي ملڪن ۾ ته سپر مارڪيٽون عام آهن. هتي جي سپر مارڪيٽ ۾ به مختلف کاڌي پيتي جي شين جا الڳ الڳ ڊپارٽمينٽ آهن ۽ پئسي جي حساب ڪتاب لاءِ هر ڊپارٽمنٽ جي ڪنڊ تي ڌار ڌار ماڻهو ويٺل آهي. هر شيءِ پاڪيٽن ۽ لفافن ۾ بند، مٿان مقرر قيمت لکيل نظر ايندي جيئن جا شيءِ کپي سا کڻي سگھجي ۽ اوترا پئسا ڪائونٽر تي ڏئي رسيد وٺجي. مون کي کاڄا، الائچي (ڦوٽا) ۽ مسالو وٺڻو هو. ٻيو ته سڀ سامان نظر آيو پر ڦوٽا نه هئا. ڦوٽن لاءِ انگريزي لفظ نه پئي سجھيم سو سنڌيءَ ۾ ئي پڇيومانس ته الائچي آهي توهان وٽ.
    ”نه کپي وئي آهي،“ پاڻ ٺهه پهه وراڻيائين، ”چئن ڏينهن بعد ڳنهڻ اچجانءِ.“
    ممباسا جون راتيون به بيروت وانگر خوبصورت ۽ جوان آهن. ڏينهن جو سخت گرميءَ ڪري شهر ۾ اهو چهچٽو ۽ رونق نٿي رهي. رات ڏاڍي ٺرندي آهي ۽ ٿڌي ٿڌي هوا جڏهن لڳندي آهي ته حيدرآباد ياد ايندي آهي. پر يار حيدرآباد جي راتين جو ڪير مقابلو ڪري. حيدرآباد جي راتين جي هوا ۾ جا وڻندڙ ٿڌاڻ، ميٺاج ۽ نشو آهي، اهو ڪٿي جي به هوا ۾ ناهي. اها قدرتي نعمت شايد حيدرآباد لاءِ ئي آهي. جن حيدرآباد، ڄامشوري ۽ پيٽارو جي راتين ۾ ننڊون ڪيون تن کي هي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرا به مزو نه ڏيندا، يقين ڪر.
    چڱو ادا، هاڻ اجازت، ممباسا جون ڳالهيون ته کوڙ آهن. ڪهڙيون لکي ڪهڙيون لکجن. ممباسا ۾ ته هر هر پيو اچبو جيسين عرب سئيز ڪئنال کولين. سو وڌيڪ ٻئي دفعا.

    نيڪ تمنائن سان

    تنهنجو


    دبئي ـــ (عربي گلف)

    سڀ کان اول جنهن شيءِ هتي اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي سو هتي پڙدي خاطر منهن کي ڍڪڻ جو عجيب فئشن آهي. جهڙو ئي دبئي بندرگاهه کان ٻاهر قدم رکيوسين ته ٻن عورتن کي سواءِ منهن جي، ڪاري برقعي ۾ ڍڪيل ڏٺوسين. منهن لڪائڻ خاطر نڪ جي مٿان چهنب وانگر چمڙو چڙهيل هو. جنهن چمڙي ڳلن تان ڦري، سواءِ اکين جي، سڄي منهن کي ڍڪيو ٿي. هڪ نڪ اڳيئي ٻاهر نڪتل ان مٿان ڪاري رنگ جي چمڙي جي ڦاڪ چڙهيل، پاسي کان منهن ڏسڻ ۾ هيبتناڪ ٿو اچي. هي منهن لڪائڻ جو هتي نئون انداز ڏسي ڏاڍو تعجب لڳو. جهاز جا آفيسر جيڪي مون سان گڏ هئا، انهن کان ان بابت پڇيو پر هنن کي به خبر نه هئي جو انهن جو به هتي پهريون دفعو هو. اڳتي وڌياسين ته بس مان ڪيتريون ئي عورتون لهي رهيون هيون. شڪل ۽ ڪپڙن ۾ مڪرانين جهڙيون. سڀني جي منهن تي ڪاري چمڙي يا ڪاري ڪلف لڳل ڪپڙي جا کوپا چڙهيل هئا. چمڙو به گندو ۽ گرميءَ ڪري پگھر سان ڀريل.
    هتي جا ماڻهو لبنان، شام، مصر ۽ ٻين عرب ملڪن جهڙا سهڻا نه آهن. اسان پاڪستانين کان به وڌيڪ سانولا ۽ ڪيترا ته آفريڪن جهڙا ڪارا آهن. سو ڪاري منهن تي ڪارو چمڙو يا ڪپڙي جو کوپو چڙهيل هر ڌارئين لاءِ باعث تعجب ثابت ٿئي ٿو. هڪ دوست ته چيو، يار هيءَ ته جي مخلوق ته نه سڏبي. چنڊ يا ڪنهن ٻئي جهان تان آيل ٿي ڏسجي، جنهن جا فوٽا ٻارن جي ڪارٽون ڪتابن ۾ هوندا آهن. هڪ چيو ته شايد عورت کي بدزيب بنائڻ خاطر هن پڙدي کي رواج ۾ آندو ويو آهي. هتي جا اصل رهاڪو عرب ان قسم جو سخت پڙدو ڪن باقي ڌاريان پڙدو نه ڪن. شهر ۾ ڪيتريون ئي پاڪستاني، هندستاني ۽ سلوني عورتون ساڙهي ۽ شلوار قميص ۾ نظر اچن ٿيون. ايراني ۽ لبناني عورتون پڻ پنهنجي مخصوص لباس ۾ نظر اچن ٿيون.
    هي تيل سان مالا مالا شيخ رياست، عربن کان وڌيڪ ڀروارن ملڪن ــ ايران، پاڪستان، هندستان وغيره جي ماڻهن سان ڀريل آهي. اڄ کان چند سال اڳ هن وارياسي ملڪ ۾ ڪابه زندگي نه هئي. جتي جتي مٺي پاڻيءَ جا چشما هئا اتي جھڳٽن ۾ هتي جا بدو عرب مال سميت رهندا هئا. اوچتو هن علائقي مان پڻ ٻين ڀروارن ملڪن جيان تيل نڪرڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا. برٽش حڪومت پنهنجي نگهبانيءَ هيٺ تيل ڪڍائڻ جو ڪم شروع ڪيو. ڀروارن ملڪن مان مزوري خاطر ماڻهو گھرايا ويا. ڪم شروع ٿي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي ملڪ دولت سان مالامال ٿي ويو.
    ڀر وارن ملڪن کان ماڻهو هتي ڪم خاطر هميشه لاءِ رهڻ لڳا ۽ واپار شروع ڪيائون. ڏسندي ئي ڏسندي بازارون، مارڪيٽون ۽ هڪ کان هڪ اعلى قسم جا دڪان تيار ٿي ويا آهن، جي گھڻو ڪري هندستانين ۽ پاڪستانين جا آهن. هتي عام طرح اڙدو ڳالهائي وڃي ٿي ۽ اصلي باشندا به گاڏڙ ساڏڙ اڙدو ڳالهائين. هوٽلن ۾ پاڪستاني طرز جو کاڌو هلي. ايتريقدر جو هتي جي سڪي ريال کي به عام طرح روپيو سڏين ۽ ريجي کي آنا، پئسا. هڪ ننڍي ٻيڙيءَ ۾ ’دبئيءَ‘ کان ’ديرا‘ پهتاسين. پئسن جو پڇيوسين ته چوڻ لڳو ”اٺ آنا.“ تنهن تي پڪ لاءِ پڇيومانس ته: ”نصف ريال“ ته ڪنڌ ڌوڻي ها ڪيائين. مون سمجھيو هي شايد پاڪستاني آهي ۽ اسان کي به پاڪستاني سمجھي ريالن بدران اسان جي ملڪ جي سڪي ۾ ٿو ٻڌائي. پر پوءِ معلوم ٿيو ته هتي ريال کي سڀ روپيو سڏين. دڪانن جا نالا به اهي ئي جي اسان وٽ عام آهن، مثلاً ”پاڪستاني ٽي هائوس.“، ”بمبئي هيئرڪٽنگ سيلون“، وغيره. ورلي ڪو دڪان هتي جي رهاڪو عرب جو هوندو سو به ننڍو، نه ته سڀ دڪان پاڪستانين، هندستانين ۽ ايرانين جا آهن.
    هتي هڪ گجراتي دڪاندار سان خبرچار ڪندي پڇيم ته هتي جا عرب ڇو نٿا واپار وڙي ۾ حصو وٺن؟ چيائين: ”هنن کي اچي ئي ڇاٿو. هي سڄو بيابان ۽ رڻ پٽ هو. پوءِ اسان ئي اچي دڪان ڪڍيا. هنن کي کائڻ پيئڻ، پهرڻ ۽ هلڻ چلڻ جي به تميز نه هئي. سڀ ڪجھه اسان اچي سيکارين. سڄي دبئي ۾ عرب مشڪل سان پنج سؤ کن ٿيندا، نه ته ٻيا اسان سڀ ٻاهريان آهيون. نوڪري ۾ به اڪثريت اسان ٻاهرين جي آهي پر هاڻ جيئن جيئن هتي جا ماڻهو سڌرندا ۽ هوشيار ٿيندا وڃن ته اسان کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.“
    هتي جي عربي زبان به اهڙي نج ۽ صاف ناهي جا سعودي عرب، مصر ۽ لبنان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. اها عربي دراصل ڏاڍي مٺي ۽ نرم آهي پر هتي جي عجيب گاڏڙ ساڏڙ ۽ کهري ٽون جي آهي.
    دبئي Custom-Free بندرگاھ آهي سو هر ٻاهرين شيءِ سستي ملي ٿي. ٻاهران ڏسبو ته تمام معمولي دڪان هوندو، اندر قيمتي شين سان ٽٻاٽٻ ڀريو پيو هوندو. دنيا جي هر ملڪ جي شيءِ جهڙوڪ واچون، ريڊيا، ٽرانسسٽر، ٽيپ رڪارڊر، ڪپڙا توهان کي تمام سستي اگھه تي ملندا. هتي جنهن شيءِ جي سخت کوٽ آهي سو آهي پاڻي. جتي ٿا غريب پاڻيءَ لاءِ کوھ کوٽين ته تيل نڪريو اچي. پاڻيءَ جي قلت ۽ بيابان ڪري پوک به ڪانه ٿئي. ان ڪري کاڌي پيتي جون شيون تمام مهانگيون آهن. گوشت اٺين ريالين سير يعني پنهنجا ويهه رپيا کن يعني ڪراچيءَ کان به ٻيڻو مهانگو ٿيو. معمولي ننڍو ڪيڪ يا بسڪٽ، جو پاڻ وٽ ٻي آني ملي هتي اڌ ريال. ميوو ته حد کان وڌيڪ مهانگو آهي جو اهو لبنان کان اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسان رستي تي ممباسا ۾ ترسي کاڌي پيتي جو سامان اڳتي جي مسافريءَ لاءِ کڻي آيا آهيون ۽ پاڻي پڻ.
    دبئي کان علاون دنيا ۾ ٻيا به ڪيترائي ”فري پورٽ“ آهن جتي شيون ٽئڪس فري آهن. جهڙوڪ: دوحا، ڪولمبو، لاس پاماس، سنگاپور وغيره. توهان اهو سوچيو ته جيڪر اسان وٽ به ڪراچي فري پورٽ هجي ته فائدو رهي ۽ هر فارين شيءِ سستي ملي. پر فري پورٽ اهو ملڪ ٺاهي سگھي ٿو جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي صنعت نه هجي. اسان جيڪڏهن ڪراچي کي فري پورٽ ٺاهينداسين ته ملڪ لاءِ نقصانڪار ٿي پوندو ڇو جو هر ڪو ڌارئين ملڪ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪندو ۽ پنهنجي ملڪ جو ڪپڙو ڪو ڪونه وٺندو. اهڙي نموني سان ٻيون شيون پڻ. نتيجو اهو نڪرندو جو اسان جا ڪارخانا بند ٿي ويندا، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ بيروزگار ٿي ويندا ۽ وڏي ڳالهه ته ٻاهريون زرمبادلو ڪمائڻ بدران ڏيڻو پوندو. اسان کي دراصل چيني ماڻهن مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. چين ۾ بوسڪي، شنگھائي سلڪ ۽ ٻيو دنيا جو بهترين ڪپڙو ٺهي ٿو پر اتي جي هڪ به ماڻهوءَ کي قيمتي ڪپڙو اوڍيندي نه ڏٺوسين. هو سڀ ٻين ملڪن کي وڪڻي ٻاهرين ملڪن جو پئسو ڪمائين ۽ پاڻ مرد توڙي عورتون خاڪي، مليشيا يا کدڙ جا سستا ۽ سادا ڪپڙا ڍڪين. اڄ ڏسو ته ڪيتري نه ٿوري عرصي ۾ چين سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهي. دراصل ڪنهن به ملڪ جي طاقت جو اندازو ان ملڪ جي ماڻهن جي ڪپڙي يا عيش عشرت مان نٿو لڳائي سگھجي. ان ئي ڳالهه کي مدنظر رکندي پاڪستان به اڄڪلهه اوچو ڪپڙو، اوچي قسم جا چانور، ڪپهه ۽ ڪڻڪ ٻاهرين ملڪن کي وڪڻي رهيو آهي. اسان جيڪڏهن اوچو نه ڍڪيو ته ڇا ٿي پيو. اسان کي ان کان وڌيڪ دوائن جي ضرورت آهي، مشينن جي ضرورت آهي، جنهن ذريعي هن کان به وڌيڪ اناج اپائي سگھون. ڇا ٿي پيو اگر اسان ڪجھه سالن لاءِ کڻي سادا چانور کاڌا. ڇا ٿي پيو اگر اسان پنهنجي ملڪ جا تيار ٿيل ڪپڙا ڍڪي، ڌارين اوچن ڪپڙن پهرڻ کان گريز ڪئي. دنيا جو ڪوبه سمجھو ماڻهو اسان کي، اسان جي ان عمل تي ’پٺتي پيل‘ نه سڏيندو، ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ته ان کان به وڌيڪ قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون.
    هڪ عرب جي ڪپڙي جي دڪان تي چڙهيس. پتلون لاءِ مونکي ڪپڙو ٿي کتو. دڪاندار کي اها بلڪل خبر نه هئي ته آءٌ پاڪستاني آهيان. ڳولي هڪ ڪپڙي جي لاءِ اگھه پڇيم. اگھه تمام گھڻو ٻڌايائين. پر ڪپڙو به اهڙو عمدو هو. سوچي رهيو هوس ته وٺان يا نه، ته دڪاندار چيو، ”سائين پاڪستاني ڪپڙو آهي، فلاڻي مل جي ڏسو ڇاپ به لڳي پئي اٿس. قيمت گھڻي آهي ته ڪپڙو به ته بهترين آهي. گئرنٽي ٿو ڏيانوَ.“
    پنهنجي ملڪ جي ڪپڙي جي ڌارئين جي واتان تعريف ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس. پڇيومانس ته ٻيو ڪهڙو پاڪستاني ڪپڙو اٿئي؟ سچ پڇو ته مون کي ڏسي تعجب لڳو ته اهو اهو مردانو ۽ زنانو ڪپڙو، جنهن کي آءٌ جپاني ۽ آمريڪي سمجھي ويٺو هوس سو پاڪستاني نڪتو.
    ساڳئي قسم جو واقعو هڪ ٻئي هنڌ به درپيش آيو. رات جو ”جھميرا سئنيما“ تان فلم ڏسي موٽيا هئاسين. هوٽلون بند ٿي چڪيون هيون. بک به ڏاڍي لڳي هئي. ڳولي ڳولي ’ابرا‘ وٽ هڪ ننڍي هوٽل کليل ڏٺيسين. پر ان هوٽل جي حالت ڏسي اسان مان هڪ چيو ته هتي ڪهڙو کاڌو هوندو. هوٽل جي بئري ڪو ٻڌي ورتو. تنهن يڪدم چيو: ”سائين اسان وٽ سڀ خالص شيءِ آهي. پاڪستاني باسمتي چانور ۽ گيهه استعمال ٿيندو آهي.“ اهو ٻڌي مون ڄاڻي ٻُجھي پڇيومانس، ”ميان پاڪستاني چانور سٺا ٿيندا آهن ڇا؟“ چيائين توهان شايد ڪنهن ٻئي ملڪ جا ٿا ڏسجو. هڪ دفعو کائي ته ڏسو. اڻ رڌيل چانورن مان به توهان کي خوشبوءِ ايندي. کانئس سندس ملڪ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته پاڻ هندستان جو هو. هندستان جهڙي ملڪ جو ڪو اسان جي ملڪ جي ڪنهن شيءِ جي تعريف ڪري ته ان تعريف کان وڌيڪ ئي سمجھجي. پر اسان جي بدقسمتي ڏسو هر خراب شيءِ کي ديسي (يعني پنهنجي ملڪ جي) سڏينداسين، پوءِ چاهي اها شيءِ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي هجي ۽ هر سٺي شيءِ کي ولائتي سڏينداسين، پوءِ چاهي کڻي پاڪستاني هجي.
    کنڊ اڄڪلهه پاڪستان ۾ اعلى درجي جي ٺهي ٿي، جيڪا روس، رومانيا، بلغاريا ۽ يورپ جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ موڪلي وڃي ٿي. پر ان کنڊ کي اسان وٽ ولايتي سڏيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪيترائي ماڻهو ملندا جيڪي جنهن تي به ولائتي ڇاپ ڏسندا ته بس ان تي وشواس ڪري اها خريد ڪندا. چاهي ان کان بهترين ’پاڪستاني‘ شيءِ بازار ۾ موجود هجي. ڪيترن ماڻهن جي ڊڪشنريءَ ۾ لفظ ’ديسي‘ جي معنى ’خراب‘ ۽ ولائتي جي معنى ’سٺي‘ بڻجي چڪي آهي. ذرا ترقي يافته ملڪن جي ماڻهن کي ڏسو ڪيترا اهڙا آهن جو پنهنجو ملڪ ڇڏي ڌارين ملڪ ۾ ويندا ته اتي به پڇائي پڇائي پنهنجي ملڪ جي شيءِ وٺندا. کير چاهي تازو ملندو هجي ته به پنهنجي ملڪ جا مهينن جا مهينا بند ٿيل کير جا دٻا وٺندا.
    ڪراچي ۾ هڪ انگريز فئملي کي سڃاڻان، اهي ته ايتريقدر جو لوڻ به پنهنجي ملڪ جو بند ٿيل دٻي جي صورت ۾ وٺن. اسان جي ملڪ جا وري ڪي اهڙا بيوقوف جو انگريزن کي ائين ڪندو ڏسي ۽ پاڻ کي به انگريز ۽ وڏو ماڻهو سڏائڻ لاءِ (بقول يوگوسلاويا جي هڪ چوڻي مطابق) اهو ئي خريد ڪندا جنهن تي انگلستان جي مهر لڳل هجي. اهو نه ڏسندا ته انگريز اها شيءِ خريد ڪئي ته ان ۾ سٺائي يا برائي جو گھٽ پر خريد ڪرڻ واري جي قربانيءَ ۽ ملڪي شيءِ فروخت لاءِ همٿ افزائيءَ جو جذبو وڌيڪ سمايل آهي. اسان کي به دراصل ان جذبي جو نقل ڪري پنهنجي ملڪ جي شين جي استعمال ۾ حصو وٺڻ کپي. هڪ روسيءَ کي هڪ آمريڪيءَ چيو ته: ”ڪمال آهي توهان جي ملڪ ۾ ته ماڻهن کي بلڪل ئي آزادي ناهي. ذرا اسان کي ڏس وچ رستي تي بيهي نڪسن ۽ ڪينڊي کي به گاريون ڏئي سگھون ٿا.“ روسي ٺهه پهه جواب ڏنس ته، ”ان ۾ ڇا آهي؟ اسان به وچ رستي تي بيهي گاريون ڏئي سگھون ٿا، نڪسن ۽ ڪينڊيءَ کي.“ ساڳئي وقت ڪو انگريزن جي برابري ڪرڻ لاءِ چوي ته آءٌ به انگريزن وانگر اهي شيون خريد ٿو ڪريان ته سراسر بيوقوفي آهي.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگريز اڄڪلهه دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي يافته آهن، ان جو نجو سبب آهي سندن چند سٺيون عادتون. جهڙوڪ: ايمانداري، محنت، پورهئي ۾ سچائي وغيره. منجهن ڪجھه خراب به عادتون آهن، جن لاءِ هنن کي خود به اعتراف آهي، جهڙوڪ: شراب پيئڻ، سگريٽ ڇڪڻ وغيره. انهن کي هو خراب سمجھن ٿا. ايتريقدر جو دنيا جو مشهور رسالو ”ريڊرس ڊائجسٽ“ هميشه سگريٽ نوشيءَ جي خلاف مضمون ڏيندو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سگريٽ جو اشتهار نه ڏنو اٿس. ذرا اسان وٽ ڏسو. انگريزن سان ڪلهو هڻڻ لاءِ اسان هنن جي سٺين عادتن تي عمل نه ڪنداسين. پر پاڻ کي هنن جهڙو بنائڻ لاءِ هنن جي خراب ڳالهين تي عمل ڪنداسين. ننڍو ڪلارڪ، گھر ٻاري ڏياري ڪري پنهنجي ٻين تي برتري ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ کان هڪ مهانگو انگريزي يا آمريڪي سگريٽ ڇڪيندو. مونکي ڪيترائي شاگرد، خاص ڪري پروفيشنل ڪاليجن (ميڊيڪل، انجنيئرنگ) جا، جي جيتوڻيڪ غريب مائٽن جو اولاد هوندا، مائٽ بکون ڪاٽي کين پئسا موڪليندا هوندا، پر هو ٻين تي ٺلهي آڪڙ ۽ وڏائي ڏيکارڻ خاطر شراب پيئندا ۽ اهڙي بڇڙائيءَ جو ذڪر وڏي فخر سان دوستن سان محفلن ۾ ڪندا، يا خاص ڪري جڏهن پنهنجو ملڪ ڇڏي ولايت پڙهڻ يا نوڪري خاطر ايندا، ته پاڻ کي انگريز يا آمريڪي سمجھڻ خاطر شراب ۽ ٻين اهڙين شين جو استعمال عام ڪندا. اسان کي گھرجي ته ترقي يافته ملڪن سان ڪلهوملائڻ خاطر سندن سٺين ڳالهين جو نقل ڪريون. ان بابت تفصيل سان بلغاريا ۽ رومانيا وارن خطن ۾ لکي چڪو آهيان. وڌيڪ لکڻ مناسب نه ٿو سمجھان، ان ڪري هتي دبئي جون خبرون ٿو لکان.
    هتي تيل ملڻ ڪري پيٽرول ۽ ان سان وابسته شيون تمام سستيون آهن. پيٽرول ڏهين آني في گئلن آهي. ان ڪري هرهڪ کي وڏيون آرامده ڪارون آهن. ننڍي ڪار ڪا ورلي نظر ايندي. بندرگاهه وٽ سمنڊ گھرو ناهي ان ڪري وڏا جهاز بندرگاهه کان ٽي چار ميل پري کلئي سمنڊ (اونهي سمنڊ) ۾ بيهن. اسان جو جهاز به گھڻو ٻاهر بيٺو آهي. اندر اچڻو هوندو اٿئون ته هتي جي لانچن ۾ ايندا آهيون يا پنهنجي جهاز جي لانچ لاهي ايندا آهيون. سمنڊُ ڪناري وٽ اچي سنهو ڪئنال ٺاهي ٿو جو اندر ڪافي هليو وڃي ٿو. ان ڪئنال جي ساڄي پاسي ’ديرا‘ شهر آهي ۽ کاٻي پاسي ’دبئي‘ ۽ ’جھميرا‘ آهي. دبئي ذرا ديرا کان پراڻو ۽ وڏو شهر آهي. هتي سئنيمائون تمام ٿوريون آهن. جن ۾ فقط هڪ شو سمهڻيءَ جي نماز کان پوءِ تقريباً نائين بجي ٿئي. ان ۾ گھڻو ڪري هندستاني فلمون يا پاڪستاني پنجابي فلمون هلن ٿيون. ٿي سگھي ٿو ته اڳتي هلي هي تيل جو پئسو پاڻ ملهائي ۽ بندرگاهه، رستا، اسڪول، اسپتالون ۽ سئنيمائون ٺهي پون. هتي پاڪستاني ريڊيو اسٽيشنون چٽيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. سو سڄو ڏينهن اڙدو گانن جي ڌم هوندي آهي، ورلي ڪٿان ڪو عربي راڳ جو آواز ايندو. دبئي شهر کان چار پنج ميل پري هڪ ننڍڙو ڳوٺ ’سنڌي ڳوٺ‘ نالي مشهور آهي، جتي سنڌ جي ڪوهستان علائقي جا ماڻهو رهن، جن جو سفر گذر مال تي آهي. بهرحال هتي ڪو پاڪستاني اچي اجنبيت هرگز محسوس نه ڪندو. زبان ساڳي، لباس ساڳيو ۽ ماڻهو ساڳيا.
    ملڪ جو قاعدو قانون ۽ نگهباني برٽش حڪومت جي هٿ ۾ آهي ۽ فوج به ان جي مقرر ڪيل آهي. پر هاڻ سگھوئي، 1970ع ڌاري برٽش وارا لڏڻ جو ارادو رکن ٿا ۽ هتي جي رهاڪن کي خود پنهنجي ملڪ ۽ حڪومت جي نگهباني ڪرڻي پوندي. ان ڳالهه کي مدنظر رکي هينئر هتي جي پنهنجي فوج ٺهي رهي آهي، جنهن ۾ گھڻائي پاڪستانين جي آهي. ان کان علاوه خيال آهي ته هر قسم جي وڌيڪ مدد پڻ پاڪستان ڏيندو.

    چڱو هاڻ، الله توآهر
    تنهنجو پنهنجو
    ـــ الطاف


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393828
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159303
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ