ڪتاب جو نالو: بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 842 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 273 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جي بهترين سفرنامن مان هڪ سفرنامو بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر جي محترم عبداللطيف انصاري جي ڪوششن سان اي بوڪ جي صورت ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي۔ آمريڪا بابت دلچسپ ڳالهيون ۽ تمام گهڻي معلومات به ڏنل آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • خدا جو خوف آهي يا صحت کاتي جو موچڙو!
  • Better to be safe than sorry
  • آمريڪا ۾ جهنم به آهي ته جنت به
  • آمريڪا (USA) جون ڪجهه دلچسپ ڳالهيون
  • آمريڪا جي رياست الاسڪا ۽ ڪجهه گرين ڪارڊ بابت احوال
  • گرين ڪارڊ لاٽري
  • هڪ رنگي کي ڪلرڊ ٿا سڏيو؟
  • اڄ جو ۽ اڳ جو آمريڪا
  • اسان جي پاسي جا ماڻهو آمريڪا ۾.
  • مونجهاري ۾ ڦاٿل اسان جا ديسي
  • ڇا آمريڪا ۾ رهڻ سان ٻار خراب ٿيو وڃن؟
  • واشنگٽن جو The Awakening
  • اسانجا ۽ هتي جا ليڊر
  • پوپ کي ته اطلاع ڪجو
  • فلڊلفيا ۾ خوبچنداڻيءَ جي ياد
  • نيو جرسي ۾ سنڌي نوجوان
  • حميد انور جي ڪهاڻي ۽ ڪچهري
  • آمريڪا عجيب ملڪ ۽ اخبارون
  • آمريڪا مان نڪرندڙ ديسي اخبارون
  • سائين عبدالفتاح ميمڻ جي فئملي ۽ انور ميمڻ
  • آمريڪي صدرجو اٺ گاڏي وارو دوست
  • وئنڪوئر- سکن ۽ چينين جو دلپسند شهر
  • ڪئناڊا ۾ چينين سان سختيون
  • سکن کي ڪئناڊا ۾ اچڻ کان روڪڻ جا قانون
  • ڪوما گاتا جهاز جو بدنصيب سفر
  • هن جهاز تي ٺهندڙ فلم ۾ اميتاڀ بچن ڪم ڪندو
  • ٽوڪيو يونيورسٽيءَ جو پروفيسر برڪت الله ۽ ڪوما گاتا تي لکيل ڪتاب
  • سکن جي بدنصيب سفر تي نئين فلم
  • Water فلم جي تياري انڊيا بدران سري لنڪا ۾ ٿي
  • ڪجهه آمريڪا جي ويزائن بابت
  • “Immigrant” ۽ “Non Immigrant” ويزا
  • ايف ويزا، ايل ويزا، J ويزا، ايڇ ويزا وغيره......
  • شل نه ڪو ڌارئين ملڪ ۾ بيمار ٿئي
  • مسافرن لاءِ انشوئرنس پاليسيون
  • نيو جرسي اسپتال ۾ پرڪاش سان ملاقات
  • سنڌي هندن جو ٻاهرين دنيا سان تعلق
  • انڊين انڊينچر سسٽم
  • ورجينيا، مئري لئنڊ ۽ پينسلوانيا ۾ رستو ٺهيو ئي ڪونه حادثا ڇا ٿين.......
  • انقلاب آمريڪا ۽ خيرپور جو عرفان جماڻي
  • دين ڌرم ۽ اخلاقيات کي ڇڏڻ جا نتيجا
  • آمريڪا گهمڻو آهي ته ايڪسپريس وي کان پاسو ڪريو
  • ڊان بريڊ جا ڪنا چٻاڙيان.....
  • مڪئي جي سنگن جون مزيدار ڳالهيون
  • ڊاڪٽر عزت قاضي ۽ محمد بخش سميجو
  • آمريڪا ۾ ڊرائيونگ ۽ سهڻيءَ جي ڪهاڻي
  • پورهئي کي عيب نه سمجهڻ وارو آمريڪا ۾ ڪامياب رهندو
  • پنهنجي قبر چمچي سان نه کوٽيو........
  • هالا جو ڊاڪٽر گلاب ۽ سکر جي ڊاڪٽر شفيعت جماڻي
  • فلائيٽ SQ006 بابت ڪجهه سٽون
  • واشنگٽن ڇڏيندي ڇڏيندي
  • حميرا ۽ منور سان شهر جا چڪر
  • خوف خيال خطرا، ٽنهي ترڪ ڏيج
  • شيناندوه نيشنل پارڪ ۽ ڀَنگ پيتل هرڻ
  • لوري غارون ۽ ابراهيم منشي

  • خدا جو خوف آهي يا صحت کاتي جو موچڙو!

    پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ملڪن: انڊيا، بنگلاديش وغيره جو هڪ عام مسلمان نائن اليون واري حادثي يا دهشتگردي بعد اهو ئي سمجهي ٿو ته آمريڪا ۾ مسلمانن لاءِ زمين تنگ ٿي ويئي آهي. مسلمانن جي، مذهب جي حوالي سان، آزادي ختم ٿي ويئي آهي، پرهتي آمريڪا ۾ پهچي وڏن شهرن توڙي ننڍن ڳوٺن ۾ ديسي عورتن (يعني انڊيا پاڪستان جي عورتن) توڙي ايراني، عرب ۽ مڪاني مسلمان عورتن کي حجاب ۾ هلندو ڏسي، جتي ڪٿي مسجدن ۾ ۽ عام جاين تي ڏاڙهي ۽ آر جي ٽوپي ۾ مسلمانن کي آزاد نموني سان ايندو ويندو ڏسي، پهرين حيرت ضرور ٿئي ٿي. ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان ته نيو يارڪ جهڙي شهر ۾ جتي اڄ کان ٽيٽيهه سال اڳ آئون فقط ٽي مسجدون ڏسي ويو هوس، اتي اڄ هڪ سئو کان مٿي آهن ۽ نمازين سان ڀريل رهن ٿيون. ان رفتار سان ته حيدرآباد ۽ هالا جهڙن شهرن ۾ به مسجدون نه ٺهيون آهن. ٻارهن تيرهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ جي مشهور مسجدن: متقين جي مسجد، سونارن جي مسجد، خليفن جي مسجد ۽ آخوندن جي مسجد وغيره ۾ فجر نماز تي ويندو هوس ته مسجد ۾ گهٽيءَ جا فقط چند پوڙها هوندا هئا، جن سان پهرين صف به نه ڀربي هئي ۽ اڄ پنجاهه سالن بعد جڏهن هالا جي آدم شماري 25 هزارن مان ٻه لک ٿي ويئي آهي ته به فجرنماز تي پهرين صف مس ٿي ڀرجي. ۽ هيڏانهن آمريڪا جي مسجدن ۾ پوڙهن سان گڏ نوجوان ۽ ننڍن ٻارن کي نماز تي ڏسي تعجب ٿو لڳي. ان ڪري ته آئون ڪڏهن ڪڏهن ان ڳالهه جي وڪالت ڪندو آهيان ته آمريڪا حڪومت جي غلط پاليسين تي تنقيد ضرور ڪيو، پر هتي جي عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. ۽ هتي جي عوام جنهن کي پاڻ ”آمريڪن“ سڏيون ٿا، اها ڪنهن خاص نسل جو جانور نه آهي، پر دنيا جي ڀانت ڀانت ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو آهن، جن ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جا هندو ۽ مسلمان ڀائر به آهن ته غريب ۽ لاوارث فلسطيني مسلمان ۽ ڏتڙيل ۽ دربدر سومالي عيسائي به آهن. ڪرد ۽ پارسي به آهن ته بنگالي ۽ بلوچ به، جيڪي مجبور ٿي پنهنجو وطن ڇڏي هتي پهتا ۽ اڄ هو ”آمريڪن“ آهن. هو هن نئين ديس ۾ نه فقط خوش گذارين ٿا، پر پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو پنهنجن ملڪن ڏي، پنهنجن مائٽن کي به موڪلين ٿا. آمريڪا جي اصلي باشندن جو جيڪو هڪ ننڍڙو انگ آهي، اهو ورلي ڪو نظر اچي ٿو ۽ اهي پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ قابليت موجب خوش آهن، سڪون ۾ آهن. هنن مان ڪنهن سان به اهي ظلم ستم نٿا ٿين، جيڪي اسان جي ديس جي اصلي باشندن باگڙي ۽ ڀيلن سان ٿين ٿا. هنن جو ڪو به ”منو ڀيل“ ڪنهن شهر جي پريس ڪلب اڳيان سالن کان انصاف لاءِ پريشان نظر نٿو اچي.
    نيو جرسي رياست جي جنهن ننڍڙي ڳوٺڙي Avenal ۾ آئون رهان ٿو، اتي جا مسلمان، شاپنگ ايريا جي هڪ هوٽل شيزان ۾ جماعت سان نماز پڙهن ٿا يا ٿورو پري هڪ عرب طرفان ٺهيل مسجد ۾ وڃن ٿا. پر هاڻ سال اندر هنن جي پنهنجي مسجد تيار ٿي ويندي ۽ کين شيزان هوٽل جي بئنڪٽ هال ۾ نماز پڙهڻي نه پوندي، جيڪو نمازين جي تعداد وڌڻ ڪري سوڙهو ٿو لڳي. ان نئين مسجد بابت لکي چڪو آهيان ته هتي جي مسلمانن چندا گڏ ڪري مسجد لاءِ زمينورتي آهي، جنهن تي دراصل عيسائين جو هڪ پراڻو گرجا گهر (Church) هو. هتي چرچ ماڻهن جي ذاتي ملڪيت ٿين جيڪي انهن جا مالڪ وڪڻي سگهن ٿا. ان گرجا گهر کي هاڻ ڊاهي ان تي مسجد جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. او سي پاسي ۾ رهندڙعيسائين توڙي يهودين ڪو گار گند نه ڪيو، ڪو اعتراض نه ڪيو. هر هڪ کي خبر آهي ته هتي رهندڙ مسلمان هر ڪم قانون جي دائري اندر ڪري رهيا آهن ۽ انهن مسلمانن ۾ پاڪستان جا پنجابي به آهن ته انڊيا جا گجراتي ۽ تامل مسلمان به، پٺاڻ به آهن ته اسان جي ڪراچي جا اڙدو ڳالهائڻ وارا ۽ سنڌي به. سڀ پيار محبت ۾ هلن پيا ۽ ڪو آسمان نٿو ڪري. ڪٿي به اسلام کي خطرو نظر نٿو اچي، جنهن جو ڊپ اسان وٽ هر ڳالهه ۾ محسوس ڪيو وڃي ٿو، بلڪه ڪرايو وڃي ٿو. نماز کان اڳ يا نماز پڙهي ٻاهر نڪرڻ وقت، ياڪار پارڪنگ ۾ نديم جوڻيجو سان ته هر وقت ملاقات ٿيندي آهي جو جنهن ”حبيب آمريڪن“ بئنڪ جو هو مئنيجر آهي، اها ڀر ۾ ئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن نواب شاهه جو مقبول ڏاهري يا دادو جو خالد چنا ۽ مسعود چنا به نظر ايندا آهن.
    نيو جرسي ۾ جتي آئون رهان ٿو ان جي ويجهڙائيءَ ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو گريجوئيٽ انجنيئر رميش ٿارواڻي به رهي ٿو. هو نوڪريءَ کان علاوه ماڻهن جا ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي ٿو. سندس، سنڌي هندن کان وڌيڪ مسلمانن جي مدد ڪرڻ ۾ وقت گذري ٿو. هفتي ۾ هڪ دفعو نيو جرسي جي واسواڻي سينٽر ۾ ويندو آهي ته مون کي به وٺي هلندو آهي يا مون لاءِ اتان ڪتاب ۽ رسالا کڻي ايندو آهي. مختلف مندرن ۽ آمريڪا جي هندو سوسائٽين طرفان ٿيندڙ فنڪشنن بابت مون کي به ٻڌائيندو آهي. اڳ ۾ اهڙين فنڪشنن، دعوتن ۽ گڏجاڻين لاءِ سڪبو هو ۽ پنهنجو وطن ياد ايندو هو. اڄ پنهنجي وطن کان وڌيڪ هتي پرديس ۾ خوشين جا جشن ٿين ٿا ۽ بيحد سهڻي نموني سان ٿين ٿا نه رڳو هندو، سکن ۽ يهودين جا پر مسلمانن جا پڻ، ڪنهن به فنڪشن ۾ بم نٿو ڦاٽي، ڪنهن به گڏجاڻيءَ ۾ پوليس جي لٺ بازي نٿي ٿئي، ڪنهن به جشن کي سياسي طرح سبوتاز نٿو ڪيو وڃي. اهو ڪو هفتو نٿو گذري، جنهن ۾ اسان ديسين جو ڪو جشن، ڪا گڏجاڻي، ڪو مذهبي، سماجي يا ثقافتي ڪاڄ نٿو ٿئي.
    گذريل هفتي ورجينيا ۾ منهاج القرآن ڪميٽيءَ جي اهتمام هيٺ عيد ميلاد النبي جو جشن ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قرآن پاڪ ۽ نعت رسول پيش ڪيو. ”منهاج القران ڪئناڊا“ جو ڊائريڪٽر علاما صادق قريشي خاص مهمان هو. هتي جي دوستن ٻڌايوته هي جشن هتي هر سال ملهايو وڃي ٿو. هن دفعي روٽ ون تي “Best Western” هوٽل ۾ رچايو ويو، جنهن جي هالن کي بئنرن ۽ رنگا رنگ جهنڊين سان سجايو ويو هو. چيف گيسٽ جي تقريرن کان علاوه ڊاڪٽرعلامه ظفر اقبال نوري ۽ ميان عبدالرشيد به تقرير ڪئي. وچ ۾ سانجهي ۽ سومهڻي جي نماز اتيئي پڙهائي ويئي، جنهن بعد پاڪستاني ماني جو بندوبست ڪيو ويو جيڪو منهاج القرآن ايڊيوڪيشنل ۽ ڪلچرل اڪيڊمي ورجينا جي جنرل سيڪريٽري ۽ مشهور نعت خوان محمد تنوير چشتي جي چوڻ موجب ان جي رڌ پچاءَ جو بندوبست ڪجهه هتي جي ديسي هوٽل تان ۽ ڪجهه گهرن ۾ ڪيو ويو.
    مهمان خصوصي سان گڏ عثمان خان نوري، الحاج نور محمد جرال، ميان عبدالرشيد ۽ خرم يوسف زئي سان پڻ ملاقات ٿي، جيڪي هاڻ آمريڪا جا شهري آهن ۽ هو آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان جي نوجوان ٽهيءَ کي ديني تعليم ڏيڻ ۾ سرگردان آهن ۽ هن قسم جي ڪانفرنس ڪرائيندا رهن ٿا.
    هنن ئي ڏينهن ۾ بروڪلن (نيو يارڪ) جي ڪوني ائيلينڊ ايونيو تي ”مدينا ريسٽورنٽ“ نالي هڪ نئين هوٽل جو افتتاح ٿيو. هن علائقي (ڪوني آئيلينڊ ايوينيو) کي ننڍڙو پاڪستان (Little Pakistan) به سڏيو وڃي ٿو، جيئن سنگاپور جي سرنگون روڊ تي انڊين دڪانن ۽ هوٽلن جي ميجارٽي هجڻ ڪري ان علائقي کي (Little India) سڏيو وڃي ٿو.
    هن پاسي ڪنهن ديسيءَ جو هوٽل، دڪان يا اسٽور کلندو آهي ته هتان نڪرندڙ اڙدو اخبارن ۾ ان بابت خبر ۽ اشتهار پڻ ايندو آهي. اشتهار ۾ ان هوٽل يا دڪان جي تصوير هوندي آهي يا وري ان اهم شخصيت جي ربن ڪپيندي تصوير ايندي آهي، جيڪو افتتاح ڪندو آهي. تصويرجي مٿان يا تصوير تي ”ماشا الله“ هاذا فضل من ربي“ يا وري ”يه سب تمهارا ڪرم هي آقا“ ضرور لکيل هوندو آهي. هڪ ته ان خيال کان به ته آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن کي احساس ٿئي ته هيءَ هوٽل ڪنهن مسلمان کولي آهي ۽ هن ۾ هر شيءِ حلال ملي ٿي، جيئن ٿائيلينڊ جي ڏکڻ وارن شهرن پٽاني، سونگڪلا، حاديا وغيره ۾ گاڏن تي کاڌو رکي وڪڻن وارا مسلمان پنهنجي گاڏي مٿان، بسم الله الرحمان الرحيم“ پينٽ ڪرائي ڇڏين يا ان عبارت جو فوٽو فريم ڪرائي هڻي ڇڏين، جيئن پاڙيواري ملڪ ملائيشيا کان آيل مسلمان ٽوئرسٽ سمجهي وڃن ته هتي حلال شيءِ وڪامي ٿي. هونءَ آمريڪا توڙي يورپ ۾ اهي هوٽلون جتي نان، چپاتي، پوريون، برياني ۽ ٻوڙ ملن ٿا، انڊين هوٽلون سڏيون وڃن ٿيون، پوءِ اهي چاهي ڪنهن بنگلاديشيءَ جون هجن يا پاڪستاني مسلمان جون. ان معاملي ۾ هڪ پاڪستاني پنهنجي هوٽل جي ٻاهران پاڪستاني هوٽل لکرائيندي ڪيٻائيندو جو هن کي خبر آهي ته هتي جا کائڻ جا شوقين گورا ”انڊين“ کاڌي يا هوٽل جو پڇائين ٿا ۽ هتي اهو ”انڊين“ لفظ پاڪستاني، ڪشميري ۽ اتر انڊيا جي کاڌن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ڪيترا يورپي ۽ آمريڪي ٽوئرسٽ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي انڊين هوٽلن جو کاڌو ڏسي مايوس ٿي ويندا آهن جو انهن ملڪن ۾ ڏکڻ هندستان جا تامل، مليالم، ملباري، تيلگو ۽ ڪانڊا ٻوليون ڳالهائيندڙ رهن ٿا ۽ انهن جي اڊلي ڊوسا ۽ مرچن وارن ٻوڙن لاءِ انگريز ۽ يورپين جو ٽيسٽ اڃان Develop نه ٿيو آهي. هو اڦراٽا، نان، برياني ۽ پاڻ وارا بصر تي رڌل گهٽ مرچن وارا ٻوڙ پسند ڪن ٿا.
    نيو يارڪ جي هن مدينا ريسٽورنٽ جي خبر اشتهار جي شڪل ۾ اڙدو اخبارن ۾ هن ريت آئي آهي:
    ”ڪوني آئيلينڊ ايوينيو“ بروڪلن (نيويارڪ) جيڪو ”لٽل پاڪستان“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ان تي ”مدينا ريسٽورنٽ ائينڊ سوئيٽس“ جي نالي سان هڪ نئين ريسٽورنٽ جو واڌارو ٿيو آهي. 563 ڪوني آئيلينڊ ايونيو بروڪلن تي موجود هن هوٽل جو عظيم افتتاح جمع جي ڏينهن ٿيو. ڪراچي جي سئنيمائن ۾ نئين چڙهندڙ فلم وانگر هتي جي هوٽل يا دڪان وغيره جو افتتاح به ڪنهن ”مبارڪ جمع“ تي ٿيندو آهي. اهو ان ڪري به جو جمع ڏينهن شام کان هتي موڪل شروع ٿئي ٿي. ۽ پورهيتن کي هفتي جو پگهار ملي ٿو. ٻي ڳالهه ته مٿي ”عظيم افتتاح“ لفظ مون لکيو آهي نه ته هتي جي انگريزي توڙي اردو اخبار ۾ انگريزي جولفظ ”گرينڊ اوپننگ“ ئي لکيو وڃي ٿو ۽ ڳالهائڻ ۾ اهو لفظ ڪجهه پنجابي لهجي ۾ اچاريو وڃي ٿو.هتي جي ديسين واتان اڪثر ٻڌبو ته ”يار ڪالهه فلاڻي شيءِ جي گرينڊ اوپننگ ٿي هئي اوڏانهن دعوت کائڻ ويو هوس.“ خبر ۾ اڳتي لکيل آهي ته:
    ”پاڪستاني آمريڪين ڪميونٽي جي معروف سماجي و سياسي شخصيت ۽ ڪشمير USA جي ڊائريڪٽر ڪئپٽن خالد شاهين بٽ پمدينا ريسٽورنٽ جي گرينڊ اوپننگ ڪئي. هن تقريب ۾ پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مدينا ريسٽورنٽ خالص کاڌن جي ذائقي ۽ لذت جي حوالي سان پنهنجو مثال پاڻ آهي، جتي سئو سيڪڙو حلال گوشت کان علاوه صحت جي اصولن کي به ڌيان ۾ رکيو وڃي ٿو.“
    اهو هڪڙو خاص format هتي جي کلندڙ هوٽلن جي اشتهار جو آهي. باقي رهيو سوال صحت جي اصولن کي ڌيان ۾ رکڻ جو، سو خبر ناهي خدا جو خوف آهي يا هتي جي صحت کاتي جو موچڙو آهي. جتي به هن قسم جا سرڪاري کاتا سخت آهن، ڪنهن جي سفارش ۽ رشوت نٿي هلي. اتي ڪڏهن به پاروٿي ۽ Un hygienic شيءِ گراهڪن کي کارائي بيمار نٿو ڪيو وڃي. پوءِ اهو ملڪ کڻي آمريڪا هجي، يورپ جو سئيڊن ۽ جرمني هجي يا ايشيا جو ملائيشيا ۽ سنگاپور. هتي تڏهن ته ملائيشيا ويندڙن کي آئون هر وقت اها ئي نصيحت ڪندو آهيان ته ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ماني کائي اجايو پئسو ضايع ڪرڻ کان ڪنهن گاڏي واري کان ئي ماني وٺي کائيندا ڪريو. ڳالهه ساڳي آهي جو ملائيشيا جو صحت کاتو ۽ پوليس کاتو ايڏو سخت آهي جو ٿائيلينڊ جي بارڊر کان وٺي سنگاپور تائين ملائيشيا جي هر شهر، هر ڳوٺ ۾ توهان کي ڪٿي به کاڌي ۾ ملاوٽ نظر نه ايندي.
    اهڙي ئي ڪهاڻي اسان جي ماڻهن جي آهي...
    ڊاڪٽر منور عباسيءَ جي گهر، بالٽيمور ۾، اخبار پڙهي رهيو هوس ته دادوءَ جو غلام مصطفيٰ پلهه پاڻ لاءِ ۽ مون لاءِ چانهه کڻي آيو. ”ڪهڙي خبر پيا پڙهو“ غلام مصطفيٰ چانهه جا ڪوپ ٽيبل تي رکي مون کان پڇيو. سکر جو عرفان جماڻي ۽ آئون واشنگٽن کان بالٽيمور (ميري لئنڊ) ڊاڪٽر منور سان ملڻ آيا هئاسين. ڊاڪٽر منور جي گهر واري ياسمين ۽ ٻار ڳوٺ ويل هئا سو اسان ۽ ڀر واري شهر اناپولس کان آيل پلهه صاحب ۽ PTV جو مشهور ڊراما آرٽسٽ نسيم رات منور وٽ ٽڪي پياسين. صبح جو سڀ کان اڳ آئون اٿي اخبار کڻي پڙهڻ لڳس ته اتي پلهه صاحب چانهه ٺاهي اچي منهنجي سامهون ويٺو.
    ”يار فلوريڊا رياست جي پام بيچ ضلعي (ڪائونٽي) ۾ ڦُر ٿي آهي، ان جي خبر پيو پڙهان.“
    ”پڪ ڪنهن گئاٽامالا جي همراهه جي ڦُر ٿي هوندي،“ پلهه يڪدم وراڻيو.
    ”هائو. صحيح ٿو چوين پر تو ڪيئن سمجهيو ته اهو همراهه گئاٽا مالا (Guatamala) جوهوندو.؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    غلام مصطفيٰ پلهه ٻڌايو ته آمريڪا جي ڏاکڻي رياست فلوريڊا ۾، وچ آمريڪا جي ڀروارن غريب ملڪن جا ڪيترائي غير قانوني Immigrant رهن ٿا خاص ڪري گئناٽامالا جا، جيڪي ڪيوبا، هئتي، هانڊرس جهڙن ملڪن جي غريب ۽ بيروزگار ماڻهن وانگر خليج ميڪسيڪو وارو سمنڊ ٻيڙين ذريعي ٽپي رات جي اونداهيءَ ۾ ميامي بيچ تي پهچيو وڃن. جتان پوءِ هن ويجهي ڪائونٽي (ضلعي) پام بيچ ۾ رهائش اختيار ڪن ٿا. هو لڪ چوريءَ دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ گهٽ پگهار تي ڪم ڪندا رهن ٿا. هتي جا ڪارخانيدار ۽ سيٺيون به خوش آهن ته هنن کي گهٽ پگهار تي چئيوان ۽ پورهيت مزدور مليو وڃن، جو ظاهر آهي ته هتي جي مڪاني مزدورن جا ڏهه نخرا آهن. هو ميڊيڪل ۽ سوشل سهوليت کان علاوه ٻه هزار ڊالر گهٽ ۾ گهٽ ماهانو پگهار گهرن ٿا. غير قانوني رهيل ماڻهو هر وقت ڊپ ۾ رهن ٿا ته شڪايت ڪرڻ تي ماڳهين کين پنهنجي ملڪ موٽايو ويندو يا جيل ۾ وڌو ويندو. ان ڪري هو بنا ڪنهن فالتو سهوليت جي اڌ پگهار تي ڪم ڪرڻ ۾ راضي رهن ٿا. ساڳي وقت ڪيوبا، هائتي ۽ خاص ڪري گئاٽا مالا جهڙي سخت بدحال ۽ غريب ملڪ جا لڪ ڇپ ۾ آمريڪا آيل پورهيت ان ۾ به خوش آهن ته هتي ڪجهه نه ڪجهه پگهار مليو وڃي، پنهنجي وطن ۾ بک مرڻ کان هتي جو پورهيو بهتر آهي.
    ”پر ڪافي سالن کان پام بيچ پاسي هنن غير قانوني آيل مزدورن (Immigrants) جون گهرن مان توڙي رستي هلندي ڦرون عام ٿي پيون آهن،“ غلام مصطفيٰ پلهه ٻڌايو، ”هو ان ڦر يا چوريءَ جي دانهن پوليس کي به نٿا ڏين جو هنن وٽ هن ملڪ ۾ رهائش جا قانوني ڪاغذ پٽ نه هجڻ ڪري ماڳهين پاڻ ٿا ڦاسن.“
    اخبار ۾ لکيل هو ته آمريڪا ۾ گئاٽامالا جا رهندڙ غير قانوني ماڻهو، پنهنجا پئسا يا ان مان ورتل سونيون زنجيريون (Chains) پنهنجن بوٽن ۾ يا ڪَڇن (Under wears) ۾ لڪائي هلن ٿا. هنن جو بئنڪن تي ڀروسو ناهي، ڇو جو بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولڻ لاءِ آمريڪا جو شناختي ڪارڊ، سوشل ڪارڊ يا پاسپورٽ جهڙي شيءِ ڏيکارڻي پوي ٿي، جيڪا هنن وٽ ناهي ۽ جيڪڏهن ڪا بئنڪ کين اڪائونٽ کولڻ جي موڪل به ڏئي ٿي ته هو ان ۾ پئسا رکڻ کان ان ڪري به ڪيٻائين ٿا جو خبر ناهي ڪنهن وقت ڪنهن هنڌ سندن چڪاس ٿي پوي ۽ هنن کي ان ئي مهل سندن ملڪ Deport ڪيو وڃي ۽ پئسا پٺيان بئنڪ ۾ رهجي وڃن.
    هن واردات ۾ ويلاس نالي هڪ گئاٽامالا جو غير قانوني رهائش پذير همراهه پنهنجي دوست سان گڏ ڪنهن سيڌي جي دڪان مان نڪري رهيو هو ته ڪو غنڊو کيس منهن ۾ ٺونشو هڻي سندس 400 ڊالرن جو سونو ڪنگڻ کسي ويو. اخبار ۾ وڌيڪ لکيل هو ته هن قسم جون ڦرون اڪثر جمع ڏينهن شام جو ٿين ٿيون جو هتي مزدور يا پورهيت کي هفتي جي پورهئي يا نوڪري جو اجورو جمع ڏينهن ملي ٿو. ويلاس نالي 25 سالن جو مٿيون همراهه ڇهه سال اڳ آمريڪا آيو هو ۽ ڪنهن عمارت تي هلندڙ ڪم تي هيلپر ٿي ڪم ڪيائين ٿي. هُن هِن ڦُر جي پوليس ۾ رپورٽ ضرور ڪئي پر پوءِ پاڻ ئي لِڪي ويو ته متان ٿاڻي تي يا ڪورٽ سڳوريءَ ۾ وڌيڪ پڇا ڳاڇا تي ماڳهين کيس غير قانوني رهائش جي ڏوهه ۾ سزا نه ملي وڃي.
    غلام مصطفيٰ پلهه ٻڌايو ته چورين جو هي سلسلو گذريل ڏهن ٻارهن سالن کان جاري آهي. پوليس ڪافي ڪوشش ۾ رهي ٿي ته فرياديءَ جو هن ۾ ڀروسو پيدا ٿئي، جيئن هو ٿاڻي تي رپورٽ ڪرائي ۽ جوابدار کي سوگهو ڪرائڻ ۾ مدد ملي. ڇو جو ڏوهن جو خاتمو آڻڻ لاءِ هڪ اهو ئي طريقو آهي. يا بقول هتي جي پوليس جي، فيڊرل حڪومت کي وڌيڪ سخت قدم کڻي غير قانوني ايندڙ ماڻهن کي آمريڪا ۾ گهڙڻ کان روڪيو وڃي. ڇو جو اهو ڪم مڪاني پوليس جو نه آهي. مڪاني پوليس ڪا اميگريشن ناهي جو هر شهريءَ جو پاسپورٽ چيڪ ڪندي وتي. اها ته فقط ان وقت وٺ پڪڙ ڪري سگهي ٿي جڏهن ڪا واردات درپيش اچي. ڪو ڏوهاري فرياد کڻي اچي. هن اخبار جي نمائندي موجب غير قانوني رهندڙ ماڻهن جي ڦر ۾ ڪڏهن ڪڏهن قانون نافذ ڪرڻ وارن جو پڻ هٿ رهي ٿو. سال ٻه اڳ هڪ ان قسم جي ڦر ۾ علائقي جو پوليس آفيسر ۽ ڪائونٽي شئرف جي آفيس جو هڪ سپاهي Involve هئو جنهن فارم هائوس تي ڪم ڪندڙ گئاٽا مالا جي ماڻهن جي چوري ڪئي هئي.
    فلوريڊا رياست جي پام بيچ ڪائونٽي جي، سرڪاري انگ اکرن موجب، آدمشماري 12 لک آهي، جنهن ۾ 18 هزار کن گئاٽامالا جا باشندا، 8 هزار هونڊرس جا، 3 هزار نڪراگئا جا ۽ 3 هزار ايلسلوردور جا ماڻهو رهن ٿا پر اخبار جي خانگي سروي مطابق انهن ملڪن جي ماڻهن جو انگ ان کان ٽيڻو چؤڻو آهي پر جيئن ته اهي هِتي آمريڪا ۾ غير قانوني طور رهيل آهن ان ڪري ملڪ جي آدم شماريءَ ۾ پنهنجي ڳڻپ نٿا ڪرائين.
    جاگرافي کان اڻ واقف پڙهندڙن لاءِ هتي ٻه ٽي سٽون وچ آمريڪا (Central America) جي ملڪن بابت لکڻ ضروري ٿو سمجهان. آفريڪا، ايشيا ۽ يورپ وانگر ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پاسي به ٻه وڏا کنڊ آهن. هڪ دنيا جي اتر اڌ گول ۾ جيڪو ”اتر آمريڪا“ ٿو سڏجي ۽ ٻيوڏکڻ اڌ گول ۾ ”ڏکڻ آمريڪا“ آهي. اتر آمريڪا ۾ ٻه وڏا ملڪ ڪئناڊا ۽ USA آهن ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ برازيل، ڪولمبيا، وينزويلا، ارجنٽائنا، پيرو ۽ چلي اچي وڃن ٿا. انهن ملڪن ۾ يورپ کان اسپين ۽ پورچوگال جا ماڻهو پهرين آيا ان ڪري سڄي ڏکڻ آمريڪا ۽ او سي پاسي جي ٻيٽن تي هيسپانوي ۽ پورچوگالي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. اهي ٻئي زبانون هڪ ٻئي سان ايترو ملن ٿيون جيترو پنجابي ۽ سرائڪي. بلڪه انهن کان به وڌيڪ.
    ڏکڻ آمريڪا ۽ اتر آمريڪا کنڊ الڳ ٿلڳ نه آهن. انهن کي زمين جي هڪ سنهي پٽي ملائي ٿي، جنهن ۾ ميڪسيڪو، گئاٽا مالا، هونڊرس، ايلسلودور، نڪراگئا، ڪاسٽ ريڪا ۽ پاناما جهڙا ملڪ آهن. سڀ ۾ سنهو ملڪ پاناما آهي ۽ اهو سنهو ملڪ هڪ هنڌ تي ايترو ته سنهو آهي جو اتي زمين کوٽي پاناما ڪئنال کوٽيو ويو آهي، جنهن جي هڪ پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ته ٻئي پاسي پئسفڪ سمنڊ. ڪڏهن ڪڏهن اسان کي نيو يارڪ کان لاس اينجلس جهاز کي وٺي وڃڻو هوندو آهي ته سڄي ڏکڻ آمريڪا جو ڦيرو ڪرڻ بدران پاناما ڪئنال مان لنگهي پئسفڪ سمنڊ ۾ پهچي ويندا آهيون. پاناما ڪئنال ڪري اسان جا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ٻارهن ڏينهن هڪ طرف بچي ويندا آهن ته لکها روپين جو تيل، ٻئي طرف بچندو آهي، ڇو جو هڪ ويهه هزار ٽنن جو جهاز به چوويهه ڪلاڪن ۾ ٽيهارو کن ٽن تيل جا روز ساڙي ٿو.
    سينٽرل آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جو حال پورو سارو آهي. بدامني، بيروزگاري ۽ بدحالي ڪري اتي جو هر هڪ ماڻهو پنهنجو ملڪ ڇڏي آمريڪا ۽ ڪئناڊا اچڻ چاهي ٿو. لڪ چوريءَ ٻيڙين ذريعي اچڻ ۾ ڪيترن جو سمنڊ ۾ موت ٿيو وڃي. ٻيا آمريڪا جي ڪناري تي پهچڻ تي پوليس ۽ اميگريشن جي ور چڙهيو وڃن ۽ سالن جا سال جيلن ۾ سڙندا رهن ٿا. باقي چند خوش نصيب سامونڊي ڇولين ۽ پوليس سيڪيورٽي کان بچي وڃڻ بعد هر وقت خوف جي زندگي گذارين ٿا. هو لڪ چوريءَ گهٽ اجوري تي نوڪريون ۽ پورهيا ڪن ٿا. بکون ڪاٽي پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ٻچن ٻارن لاءِ چار ڏوڪڙ جيڪي بچائين ٿا، اهي به ڪڏهن ڪڏهن ڦورو ۽ چور کانئن کسيو وڃن، ڪيڏي ته ڏک ڀري ڪهاڻي آهي ۽ اهڙي ئي ڪهاڻي اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي آهي، جيڪي غير قانوني طرح يورپ ۽ انگلينڊ توڙي عربستان مسقط، ابوڌابي، ڪويت ۽ دبئي ۾ رهيا پيا آهن.


    Better to be safe than sorry

    هتي (آمريڪا ۾) امن امان آهي، پوليس سخت آهي، چور جي وٺ پڪڙ لاءِ حڪومت وڏو خرچ ۽ بندوبست ٿي ڪري، جيئن ڏوهاريءَ کي سزا ملڻ يقيني ٿي وڃي. سفارش تي ڪو مجرم معافي نٿو حاصل ڪري سگهي، ملڪ جي C.I.D ۽ انٽيليجنس ڏوهه جي پاڙ تائين وڃيو پهچي ۽ ڏوهارين کي عبرتناڪ سزائون ڏيئي پيغام عام ٿي ڪري جيئن هر هڪ غير قانوني ڪم کان گريز ڪري بلڪه ان بابت سوچي به نه. پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته آمريڪا ۾ ڪو ڏوهه ڪو نه ٿو ٿئي ۽ هر وقت سک ۽ شانتي جي فضا ڇانيل آهي. هيڏي سختي هوندي به آمريڪا ڏوهن جي دنيا کان مشهور اهي. بقول هڪ عالم ڊاڪٽر ذاڪرنائڪ جي، ان جو وڏو سبب شراب نوشي آهي. اڄ جو پڙهيل ڳڙهيل گورو انگريز، يورپي يا آمريڪن به مڃي ٿو ته شراب جسماني بيمارين سان گڏ اخلاقي بيمارين کي به جنم ڏئي ٿو. سوشل جي پئسي تي پلجندڙ هڪ بيروزگار، هتي جو ڪارو (شيدي) ٺري جي بوتل چاڙهي، جڏهن هو هوش وڃائي ويهي ٿو ته پوءِ هن کي ڪنهن جي به پرواهه نٿي ٿئي. يا نشي جي ٻاڙ کڻڻ تي هن وٽ جڏهن کيسي ۾ پئسو ناهي ته هو عورتن کان پرس به ڦرائي ٿو، گاڏيءَ جا شيشا ڀڃي ان جي ڊئش بورڊ جي به چڪاس وٺي ٿو ته ڪنهن بئنڪ يا پيٽرول پمپ جي به ڦُر ڪري ٿو. ڪيترا ته جنسي مريض يا خطرناڪ پاڳل، عادت کان مجبور ٿي، يا پهلواني ڏيکارڻ لاءِ ڦر ڪن ٿا، عورتن کي اغوا ڪن ٿا، جنسي بي حرمتي ڪن ٿا ۽ پنهنجي شڪار کي ماريو به ڇڏين. ان ڪري هن ملڪ ۾ پوليس جي سختي ۽ امن امان جي حالت بهترهوندي به هڪ عام ماڻهو، خاص ڪري ڌارئين آيل کي، ممڪن وارداتن کان آگاهه ڪيو وڃي ٿو. آئون پنهنجن شروع جي آمريڪي سفرنامن ۾ به لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اسان جو جهاز آمريڪا جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ پهچڻ سان مڪاني آفيس وارا اسان کي خبردار ڪندا هئا ته ان بندرگاهه جي هنن هنن علائقن ۾ رات جي وقت اڪيلا نه وڃجو. ۽ ڪن شهرن ۾ ته ڏينهن جي وقت به اڪيلي گهمڻ کان جهليوويو ٿي. اهو 1968ع ۽ 1969ع جو زمانو هو. اڄ چاليهن سالن بعد به ماڻهن کي، خاص ڪري عورتن کي خبردار ڪيو وڃي ٿو ته هي هي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، جن کي ڌيان ۾ رکي هر وقت پنهنجي بچاءَ جو سوچيو. هونءَ به خبردار رهڻ ۾ ڪا خرابي ناهي. بقول هڪ Email جي:
    “It never hurts to be careful in this crazy world we live in.”
    هي اي ميل هڪ آمريڪن عورت جنهن تنهن کي ڪيو آهي. خاص ڪري عورتن کي، جيئن هو سڪون سان سندس لکيل هيٺين ڏهن نقطن تي غور ويچارڪن جيئن ايمرجنسي کي هو بهتر طريقي سان منهن ڏيئي سگهن. ”۽ جيڪڏهن توهان مرد آهيو،“ هن پنهنجي خط ۾ لکيو آهي، ”ته هي توهان پنهنجين زالن، ڀينرن، مائرن کي پڙهايو ۽ پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ وارن کي پڙهايو، جيئن هنن کي ڌيان ۾ رهي ته هيءَ دنيا جنهن ۾ اسين رهون ٿا ان ۾ پاڳلن جي به کوٽ ناهي ۽ پوءِ افسوس جا هٿ ملڻا پون ان کان بهتر آهي ته محتاط رهجي ۽ پنهنجي بچاءَ جا اپاءَ وٺجن.“
    1- انسان جي جسم جو طاقتور عضوو ٺونٺ آهي، پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪنهن کي ڌڪ هڻن چاهيو ٿا ۽ توهان ٺونٺ جو استعمال ڪري سگهو ٿا ته ضرور ڪريو.
    2- نيو اورلينس جي هڪ ٽوئرسٽ گائيڊ کان هيءَ ڳالهه معلوم ٿي آهي ته جيڪڏهن ڪو ڦورو توهان کان توهان جو ٻٽون يا هٿ ۾ جهليل ٿيلهو يا بئگ گهري ته هن کي هٿو هٿ ڏيڻ بدران پري اڇلي ڏجيس. ٿي سگهي ٿو هن جي دلچسپي جو مرڪز توهان نه پر توهان جو ٻٽون يا پرس هجي ۽ هو جيئن ئي اهو کڻڻ لاءِ وڌي، توهان ٻئي پاسي جيترو تکو ڊوڙي سگهو، ڀڄي وڃو.
    3- ڪو توهان کي ڪار جي ڊڪي (Trunk) ۾ وجهي کڻيو پيو وڃي ته پٺين بتين (Tail Lights) کي ٿڏا هڻي ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ ان مان پنهنجي ٻانهن ڪڍي لوڏيندا رهو. ڪار هلائڻ وارو ڌاڙيل توهان جي اها حرڪت ڏسي نه سگهندو پر توهان جي ڪار جي پٺيان ايندڙ هر هڪ توهان جي هٿ لوڏڻ کي ڏسي وٺندو. ان طريقي سان ڪيترن اغوا ٿيندڙن جي جان بچي ويئي آهي.
    4- عورتن جي اها عادت آهي ته خريداريءَ بعد يا پنهنجي آفيس مان موٽڻ تي ڪار ۾ ويهي ڪجهه دير ڊئش بورڊ مان سامان ڪڍي پيون ٺاهينديون، چيڪ بڪ ڪڍي اهو پيون لکنديون يا خريداريءَ لاءِ لسٽ پيون ٺاهينديون.
    ائين هرگز نه ڪريو. توهان کي يا توهان جي ڪار کي کڻڻ وارو توهان تي نظر رکيو ويٺو آهي ۽ هن لاءِ سڀ کان بهترين موقعو ۽ گهڙي اها آهي. هو پئسينجر سيٽ واري پاسي کان توهان جي ڪار ۾ گهڙي، توهان جي مٿي تي پستول رکي توهان کي پنهنجي مرضي واري جاءِ تي وٺي هلڻ لاءِ چوندو. ان ڪري سياڻن جو چوڻ آهي ته ڪار ۾ وهڻ بعد دروازا يڪدم لاڪ ڪجن ۽ ڪار اسٽارٽ ڪري روانو ٿي وڃجي.
    5- جيڪڏهن ڪار ۾ ڪو موجود آهي ۽ توهان جي مٿي تي شاٽ گن رکي توهان کي هلڻ لاءِ چوي ٿو ته انجڻ بند ڪري بيهي نه رهو. ان جي بدران پنهنجي ڪار کي اڃا به تکي رفتار ڏيئي ڪنهن وڻ، ڀت يا ٿنڀي سان پنهنجي ڪار ٽڪرايو. ڪار ۾ موجود ايئر بئگن ڪري توهان جو ته بچاءُ ٿي ويندو پر پٺين سيٽ تي ويٺل بندوق واري کي چڱا ڌڪ لڳي ويندا ۽ ماڻهو گڏ ٿي ويندا. (ياد رهي ته آمريڪا ۾ تقريباً سڀني ڪارن ۾ Air Bags ٿين ٿيون. ڪار جو ٽڪر (Impact) ٿيڻ تي اهي هڪدم هوا سان ڀرجيو وڃن ۽ اڳين سيٽن تي ويٺلن جي اڳيان وهاڻي (Cushion) جو ڪم ڏيئي بچائين ٿيون. بهرحال ڪار جي Crash ٿيڻ تي ٻاهر نڪري ڀڄي وڃجي. ڪار کي نقصان ضرور رسندو، جيڪو انشورنس ڪمپني به ڀري سگهي ٿي. بهرحال اهو نقصان بهتر آهي، ان کان جو ٻن ڏينهن کان پوءِ توهان جو لاش ڪنهن ڏورانهين هنڌ تان ملي.
    ياد رهي ته هتي آمريڪا ۾ اهڙا واقعا عام آهن، جن ۾ وحشي صفت انسان عورتن سان جنسي ڏاڍائيءَ بعد سندن لاش
    شهر کان ٻاهر ڪنهن گند جي ڍير تي يا گٽر ۾ اڇلايو ڇڏين.
    6- ڪجهه نقطا ڪار پارڪنگ يا گئراج ۾ بيهاريل پنهنجي ڪار ۾ وهڻ بابت:
    * ڪار ۾ وهڻ وقت خبردار رهو. ڪار جو دروازو کولي وهڻ کان اڳ چوڌاري نظر ڊوڙايو، ڪار ۾ اندر ڏسو، پئسينجر سيٽ ۽ پوئين سيٽ واري فرش کي جانچيو ته ڪو توهان جي انتظار ۾ لڪل ته نه آهي.
    * جيڪڏهن توهان جي ڪار جي ڀر ۾ ڪنهن ٽرڪ يا ٽرالر اچي پارڪ ڪيو آهي ته توهان ان پاسي کان ڪار ۾ وهڻ بدران پئسينجر سيٽ واري پاسي کان سوار ٿيو. ڪيترا عورتن کي اغوا ڪندڙ پنهنجي وڏي ٽرڪ هن جي ڪار جي ڀرسان اچي بيهارين ٿا. پوءِ جيئن ئي هوءَ شاپنگ ڪري هڪ هٿ ۾ سامان ۽ ٻئي هٿ سان پنهنجي ڪار جو دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ٽرڪ وارو کيس ٻک ۾ وجهي مٿي پنهنجي ٽرڪ ۾ کڻي داخل ڪري ٿو ۽ ڪلورو فارم يا ڪنهن ٻي شيءِ ذريعي هن کي هڪدم، بيهوش ڪري وٺي ٿو.
    * پارڪنگ ۾ موٽڻ وقت پنهنجي ڪار جي ٻنهي پاسن ڏي نظر ڪجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيٺل نظر اچي ته واپس شاپنگ سينٽر ۾ موٽي وڃجي ۽ اتي جي گارڊ سان گڏ پنهنجي ڪار ڏي موٽجي.
    * شاپنگ سينٽرن ۽ پلازائن ۾ هميشه لفٽ (Elevator) استعمال ڪجي ڏاڪڻ هرگز نه. ڇو جو ڏاڪڻ استعمال ڪرڻ وارن جي ڦر آسانيءَ سان ٿئي ٿي. خاص ڪري رات جي وقت.
    * جيڪڏهن ڪو خوني توهان کي مارڻ چاهي ٿو ۽ هن جي هٿ ۾ پستول يابندوق آهي ۽ توهان هن جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهيو، يعني هن کان پري آهيو ۽ ڀڄي سگهو ٿا ته هميشه ڀڄڻ جي ڪريو. “Always Run”
    ڊوڙندڙ ٽارگيٽ لاءِ هڪ سئو مان فقط چار چانسون آهن جو ان کي گولي لڳي وڃي ۽ جي گولي لڳي به ٿي ته گهڻو ڪري دل جهڙي ڪنهن اهم عضوي ۾ گولي لڳڻ جون Chances تمام گهٽ آهن. ان ڪري بهتر آهي ته ڀڄي جان ڇڏائجي ۽ سڌو ڊوڙڻ بدران انگڙ ونگڙ (Zig Zag) ڊوڙجي.
    * عورت فطرتن نرم دل ۽ همدرد ٿئي ٿي. ڪنهن به اڻ ڄاڻ سان همدردي نه ڪريو، ڇو جو اها همدردي ئي ڦر، Rape ۽ موت جو سبب بڻجي ٿي. ”ٽينڊ بنڊي“ نالي آمريڪا جي Serial خونيءَ عورتن جي همدردي حاصل ڪري کين قتل ڪيو ٿي. هو شڪل ۾ سهڻو ۽ پڙهيل ڳڙهيل لڳو ٿي. اڪيلي عورت ڏسي هن منڊڪايو ٿي ۽ هن کان سندس ڪار ۾ لفٽ ورتي ٿي يا هن کي پنهنجي ڪار ۾ وهڻ لاءِ مدد جو هٿ ورتو ٿي ۽ وهڻ بعد هن ان عورت کي به زوريءَ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڇڪي ورتو ٿي ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن ان عورت جي قتل جي خبر اخبارن ۾ پڙهي ويئي ٿي.
    * هڪ ٻي اهم ڳالهه انهن عورتن لاءِ جيڪي گهرن ۾ اڪيليون رهن ٿيون. هڪ عورت جيڪا هيوسٽن ۾ اڪيلي رهي ٿي، تنهن ٻڌايو ته هن کي هڪ رات ڪار پورچ ۾ ننڍري ٻار جي روئڻ جو آواز آيو، جنهن تي هن پهرين ته هڪدم دروازو کولي ڏسڻ ٿي چاهيو ته ڪير هن ٻار کي سندس گهر ۾ ڦٽو ڪري ويو آهي پرپوءِ هن در کولڻ کان اڳ پوليس کي فون ڪيو، تنهن کيس خبردار ڪندي چيو: ”مئڊم! جيڪي وڻنئي سو ڪجانءِ پر متان دروازو کوليو اٿئي.“
    (Do not open the Door)
    هن عورت ٻڌايوته پوءِ ائين لڳو ڄڻ اهو روئندڙ ٻار سندس ڪمري جي دريءَ وٽان ٿيندو ٻاهر پيو وڃي. ”مون کي ڊپ لڳو ته ڪٿي معصوم ٻار روڊ ڏي وڃڻ تي ڪنهن گاڏيءَ هيٺان اچي چپجي نه وڃي. پر پوليس مون کي خبردار ڪندي رهي ته متان دروازو کوليو اٿئي. اسان جي موبائيل گاڏي پهچڻ واري آهي.“
    پوليس گاڏي جي پري کان رون رون جي آواز تي ٻار هڪدم چپ ٿي ويو. بعد ۾ پوليس کان خبر پيئي ته ڪيترا عادي قاتل اڪيلين رهندڙ عورتن کي ڌتاري ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ٻار جي روئڻ جو ٽيپ وڄائين ٿا، جيئن هو همدردي خاطر ٻاهر نڪري اچي ۽ هنن خونين جي حوس جو شڪار بڻجن.


    هي ڪهڙو غسل خانو آهي؟
    هڪ دفعي چانهه تي، آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستاني همراهن جو اچي ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ٽيمن تي بحث کليو. ڪا دير پاڪستان جي مٿين قومي ٽيمن جي خاص خاص رانديگرن جي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جون خبرون هلنديون رهيون. ان بعد هو آمريڪا جي قومي باسڪيٽ بال (نئشنل باسڪيٽ بال ائسوسيئيشن N.B.A) ۽ فٽ بال ٽيمن (نيشنل فٽ بال ليگ N.F.L) جون ڳالهيون ڪندا رهيا ته سيد پير اهي به نه آهن. جنهن کي جتي جهٽ لڳي ٿو اتي اهو پنهنجو فائدو ڏسي ٿو. آئون وائڙن وانگر ٻڌندو رهيس. اٿڻ مهل پنهنجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي ساٿي حميد انور کي چيم ته آئون آهيان سو وتان آمريڪا ۽ ان جي ماڻهن جي تعريف ڪندو هتي ته لڏو ئي لٺ تي آهي. چئبو ته هن غسل خاني ۾ سڀ اگهاڙا وهنجي رهيا آهن.
    گهر پهچي ٻئي ڏينهن انٽرنيٽ کوليم ته حميد انور جو هڪ دلچسپ اي ميل خط آيل هو. عنوان هوس:
    N. B.A يا N. F. L ؟ يعني اها ڪهڙي ٽيم آهي، جنهن جو هي حال آهي.
    جنهن جي 36 ڄڻن تي پنهنجي رفيقه حيات کي تنگ ڪرڻ جو ڏوهه مڙهيل آهي.
    7 ڄڻا فراڊ جي ڪيس ۾ پڪڙجي چڪا آهن.
    19 ڄڻا ڪوڙا چيڪ لکڻ جا ڏوهاري آهن.
    117 سڌي يا اڻ سڌي طرح گهٽ ۾ گهٽ ٻن بزنيسن ۾ ڏيوالي جو اعلان ڪري چڪا آهن.
    3 ڄڻن تي زوريءَ زنا جي ڪوشش ڪرڻ جو الزام آهي.
    71 ڄڻا... هڪ دفعو وري لکڻ ڏيو 71 ڄڻا ڪريڊٽ ڪارڊ حاصل ڪري نٿا سگهن جو هنن جي ڏيتي ليتي خراب ثابت ٿي چڪي آهي.
    14 ڄڻا نشي سان واسطو رکندڙ ڪيس ۾ Arrest ٿي چُڪا آهن.
    8 ڄڻا شاپ لفٽنگ (دڪانن مان چوري ڪندي) جهلجي چڪا آهن.
    21 ڄڻن تي، هن وقت به، مختلف ڪورٽن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن.
    84 ڄڻا نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائڻ ڪري ڏنڊ ڀري چُڪا آهن.
    هاڻ توهان ٻڌايو ته هيءَ ڪهڙي ٽيم آهي؟ ڪهڙي آرگنائيزيشن آهي؟
    ڀلي توهان سوچيو....
    پر جي توهان سمجهو ٿا ته توهان جي سوچ کان ڳري ڳالهه آهي، ته پوءِ ٻڌو....
    اها اسان جي 535 ميمبرن جي يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڪانگريس آهي. (يعني آمريڪا جي نئشنل اسيمبلي) آهي. هي انهن نالائقن جو گروپ آهي، جنهن کي هن قوم پنهنجي نمائندگي خاطر چونڊيو آهي ۽ جيڪي اسان عوام کي سڌو رکڻ لاءِ هر سال سوين نوان قانون ٺاهين ٿا.


    آمريڪا ۾ جهنم به آهي ته جنت به

    * آمريڪا (USA) جي الڳ ٿلڳ رياست الاسڪا ايڏي ته وڏي آهي جو ان جو سامونڊي ڪنارو (Coast line) باقي USA جي ڪناري جي اڌ جيڏو آهي.
    * آمريڪا (U.S.A) ۾ سڄي دنيا جي ملڪن جا ماڻهو رهن ٿا. آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ سڀ کان گهڻا پولش (پولنڊ ملڪ جا ماڻهو) رهن ٿا. پولنڊ جي گادي واري شهر وارسا بعد شڪاگو ۾ ئي پولش ماڻهن جي وڏي آدمشماري آهي.
    آمريڪا جي رياست مشيگان جيڪا نيويارڪ رياست جي کاٻي پاسي ۽ اوهيو ۽ انڊيانا رياستن جي مٿان آهي. ان جي شهر ڊيٽرائٽ (Detroit) جو هڪ اهم شاهراهه Wood ward Avenue جيڪو M-1 به سڏجي ٿو، آمريڪا کنڊ جو پهريون پڪو رستو آهي.
    * آمريڪا جي اولهه ڪناري واري رياست ڪئليفورنيا جو هڪ شهر لاس اينجلس تمام مشهور آهي ۽ اسان پاڪستانين لاءِ ته تمام اهم شهر آهي، جو سڀ کان گهڻا پاڪستاني نيويارڪ، هيوسٽن ۽ لاس اينجلس ۾ رهن ٿا. توهان کي خبر آهي ته لاس اينجلس جو سڄو نالو ڇا آهي؟
    اهو آهي:
    El Pueblo de Nuestra Senorala Reina de los angeles de Porciuncula
    پر ايڏي وڏي نالي بدران هر هڪ لاس اينجلس سڏي ٿو. بلڪه ڪيترا ته ان جو به شارٽ فارم فقط ”ايل اي“ (L.A) سڏين ٿا، جيڪو اصل نالي جو فقط ساڍا ٽي في سيڪڙو ٿيو.
    * نيويارڪ کي Apple City به سڏيو وڃي ٿو يا فقط Big Apple (وڏو صوف). نيو يارڪ تي اهو نالو 1930ع ۾ مشهور ٿيو، جڏهن يورپ جا جئز ڪلاڪار (Jazz Musician) نيو يارڪ آيا هئا. هنن هر شهر لاءِ Apple (صوف) لفظ استعمال ٿي ڪيو ۽ نيويارڪ جهڙو وڏو شهر هنن لاءِ وڏو صوف (The Big apple) هو.
    * هونءَ ته سڄي آمريڪا ۾ دنيا جي مختلف ملڪن، زبانن ۽ مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا پر نيو يارڪ ۾ اها ڳالهه ويتر واضح محسوس ٿئي ٿي ۽ ڪن ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو نيو يارڪ ۾ هيڪاندي وڏي تعداد ۾ آهن، جيئن ته آئرش (آئرلينڊ جا ماڻهو) نيو يارڪ ۾ جيترا آهن اوترا سندن ملڪ جي وڏي شهر ڊبلن ۾ به نه آهن ۽ اهڙي طرح اٽليءَ جا رهاڪو (اطالوي)به نيو يارڪ ۾ ايترا آهن جو سندن ملڪ جي گادي واري شهر روم ۾ به نه آهن ۽ جيترا يهودي اسرائيل جي وڏي شهر تل ابيب (Tel aviv) ۾ رهن ٿا ان کان گهڻا گهڻا نيويارڪ ۾ آهن.
    * نيو يارڪ ۽ ڊئنمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ جيترا پاڪستاني ٽئڪسي ڊرائيور آهن اوترا ڪراچيءَ م به نه آهن.
    آمريڪا جي رياست اوهيو (Ohio) جيڪا پينسلوانيا رياست جي کاٻي پاسي ۽ ڪينٽڪي رياست جي اتر ۾ آهي، ان ۾ هڪ به قدرتي ڍنڍ نه آهي سڀ هٿرادو ٺهيل آهن.
    * اُتر آمريڪا کنڊ ۾ ٻه ميڪسيڪو آهن. هڪ ”نيو ميڪسيڪو“ نالي (U.S.A) جي رياست جيڪا ٽيڪساز ۽ اريزونيا رياستن جي وچ ۾ آهي ۽ ٻيو ”ميڪسيڪو“ نالي سينٽرل آمريڪا جو ملڪ آهي جيڪو U.S.A جي رياستن ٽيڪساز ۽ نيو ميڪسيڪو رياستن جي هيٺان آهي. وچ آمريڪا جا ميڪسيڪو کان علاوه ٻيا ملڪ آهن: بيليز، گئاٽيمالا، ايل سلوادور، هونڊورس، نڪراگئا، ڪاسٽاريڪا ۽ پاناما.
    * اميزان (Amazon) ندي دنيا جي اهم ندين مان آهي، جيڪا ڪولمبيا، پيرو ۽ برازيل مان وهي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن نديءَ ڪري برازيل جو وڏو علائقو گهاٽن ٻيلن (Rain Forests) سان ڀريل آهي. دنيا جي ويهه سيڪڙو کان مٿي آڪسيجن هنن ٻيلن جي ڪري آهي. اميزان ندي مان ايڏو ته پاڻي ڌڪجيو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿو ڪري جو سمنڊ ۾ هڪ سئو ميلن تائين مٺو وهڪرو ٿو رهي. اميزان ندي بعد جيڪي وڏيون اٺ نديون آهن، انهن مڙني جو پاڻي ملائجي ته به اميزان جو پاڻي گهڻو ٿو ٿئي. ۽ آمريڪا U.S.A جي سڀني ندين جو پاڻي ملائجي ته انهن کان به ٽيڻو اميزان نديءَ جو پاڻي آهي.
    * دنيا ۾ فقط ائنٽارڪٽيڪا ئي هڪ اهڙو کنڊ آهي، جيڪو ڪنهن به ملڪ يا حڪومت جي ملڪيت ناهي. دنيا جي نوي سيڪڙو برف Antarctica کي ڍڪيل رکي ٿي ۽ اها سڀ برف دنيا جي سموري پاڻيءَ جو ستر سيڪڙو آهي. جيتوڻيڪ اهو عجيب ٿو لڳي پر اها حقيقت آهي ته ائنٽارڪٽيڪا بيابان (Desert) آهي، جتي سڄي سال ۾ ٻه انچ به مينهن نٿو وسي. ائنٽار ڪٽيڪا جيتوڻيڪ برف ئي برف آهي، پر دنياجي گولي تي سڀ کان خشڪ (Dry) جاءِ آهي جتي گهم جو درجو چين جي گوبي رڻ پٽ کان به هيٺاهون آهي.
    * بالٽيمور وڃڻ لاءِ نيو يارڪ کان ريل ۾ چڙهيس ته منهنجي ڀر واري سيٽ تي ويٺل نوجوان گوري منهنجي بئگ مٿي رئڪ تي رکڻ ۾ مدد ڪئي ۽ وهڻ سان مون کان پڇيائين ته آئون ڪٿان جو آهيان.
    ”ڪراچيءَ“ جو“، مون وراڻيومانس ۽ تڪلف طور مون به کانئس پڇيو ته هو ڪٿان پيو اچي.
    ”جهنم مان“ (From the Hell) هن وراڻيو.
    توهان کي ڪو ائين چوي ته توهان ڇا سمجهندائو؟
    اهو ئي ته همراهه کي چڙ لڳي آهي، ڇو جو اهو جواب ڪاوڙ جو يا بيزاريءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي. هو مشهور چرچو ته ضرور ٻڌو هوندانوَ ته هڪ همراهه ٻئي کي آڌي رات جو ان وقت فون ڪيو جڏهن هو گهاٽي ننڊ ۾ ستل هو. ننڊ ڦٽڻ تي هن ڪاوڙ مان ”هيلو“ ڪيو ته اڳلي پڇيس سائين ڪٿان پيا ڳالهايو؟“ ”جهنم مان. ڪهڙو ڪم اٿئي؟“ هن باهه ٿيندي چيو پر اڳلي ڪم جي ڳالهه ڪرڻ بدران کيس ويتر تپائڻ لاءِ چيو:
    ”بس بس سائين. اهو ئي معلوم ڪرڻو هو ته توهان صحيح هنڌ تي آهيو يا نه.“ ۽ فون رکي ڇڏيو.
    بهرحال هن آمريڪن جي اهو چوڻ تي ته هو جهنم يعني Hell مان پيو اچي، مون کي نه حيراني ٿي ۽ نه پريشاني. ان ڪري جو نيو يارڪ جي کاٻي پاسي واري رياست مشيگان ۾ هڪ اهڙو به شهر آهي، جنهن جو نالو Hell يعني دوزخ آهي. هي شهر هڪ سئو سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي.
    چون ٿا ته آمريڪا جي هن شهر Hell ۾ پهريون ماڻهو جارج (George Reeves) نالي آيو. 1830ع ۾ جارج جيڪو نيو يارڪ جو رهاڪو هو، مختلف ملڪن کان وڌندڙ پناهگيرن (Immigrants) جو تعداد نيو يارڪ ايندو ڏسي پنهنجي شهرکي گڊباءِ چئي ڀر واري رياست مشيگان جو اڌ لتاڙي پنڪني نالي هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو. ڏهاڪو سال اتي رهي پو ڀر واري ٻهراڙيءَ ۾ هڪ هزار کن ايڪڙ زمين وٺي اتي اچي پوک ڪئي ۽ هڪ ڪاٺ چيرڻ جو ڪارخانو به لڳايو ۽ هن جو نالو Hell پئجي ويو. اهو نالو ڪيئن پيو ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته هتي ڪجهه جرمن سياح آيا، جن کي هي علائقو ڏاڍو پسند آيو. هنن پنهنجي جرمن زبان ۾ هن علائقي لاءِ چيو ته ”وڻندڙ ۽ سهڻو“ آهي، جنهن لاءِ جرمن لفظ Hell آهي ۽ هن ڳوٺ جو نالو “Hell” (جهنم) پئجي ويو. هاڻ ته دنيا جي ماڻهو هتي هلي ملي اچن ٿا ۽ شهر واري نالي جي بورڊ اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائين ٿا، جيئن اسان ننڍي هوندي پيٽارو کان ڪراچي ويندي رستي تي ڪوٽڙي، جنگشاهي جهڙين ريلوي اسٽيشنن تي انهن جي نالي وارن بورڊن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائينداهئاسين ۽ هن شهر مان ٿي ويندڙ پنهنجي شهر يا وطن وڃي دوستن کي ٻڌائيندا آهن ته اسان ”جهنم“ مان ٿي پيا اچون.
    هن شهر جهنم Hell ۾ ماڻهن پنهنجن دڪانن جا نالا به عجيب رکيا آهن، جيئن ته Screams آئس ڪريم پارلر، Ghost poop، اسڪوبي ڊُوڊُو Shock a lot وغيره ۽ توهان کي خبر آهي ته هن شهر ۾ ٻيو ڪهڙو خاص ڪم ٿئي ٿو؟ هتي يونيورسٽيءَ جون ڪوڙيون ڊگريون ۽ ڊپلوما سرٽيفڪيٽ ٺهي ملن ٿا، جيڪي هتي جي غير موجود ۽ ڪوڙي يونيورسٽي Damnation University جي نالي ٺهن. مون کي به هن شهر Hell جي خبر تڏهن پيئي جڏهن ڪجهه سال اڳ پاڪستان ۾ اهو قانون پاس ڪيو ويو ته ملڪ جي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ لاءِ اليڪشن اهو وڙهي سگهي ٿو جيڪو گرئجوئيٽ هجي ۽ ڪيترا پڇندا رهيا ته ٻڌو اٿئون آمريڪا جي هڪ شهر Hell ۾ پئسا ڏيئي جيڪا ڊگري وڻي وٺي سگهجي ٿي.
    * بهرحال نيو يارڪ، پينسلوانيا، اوهيو ۽ انڊيانا ۾ رهندڙ منهنجا هم وطني دوست مشيگان رياست جو هي شهر ”جهنم“ گهمڻ چاهين ته هنن جي وڃڻ لاءِ بهترين طريقو هي آهي ته 23 West روٽ جو Exit 54 کڻي پوءِ M-36 فالو ڪن ۽ اڳتي Howell Street تي پهچي، کاٻي مڙن ۽ پوءِ اڳيان پئٽرسن روڊ اختيار ڪرڻ سان اچي هن شهر Hell کان نڪرندا.
    * آمريڪا ۾ نه فقط جهنم (Hell) نالي شهر آهي پر جنت (Paradise) به آهي، جيڪو پڻ ساڳي رياست مشيگان جي Chippwa ڪائونٽي ۾ آهي. هي شهر 1925ع ۾ وجود ۾ آيو، جنهن جي چوڌاري گهاٽا ٻيلا آهن ۽ هن شهر جي وڏي ڪمائي ٽوئرزم مان آهي. هن شهر جي ڀرسان White Fish نالي خليج آهي، جنهن جي منهن تائين، ڪڏهن ڪڏهن، اسان کي جهاز وٺي اچڻو پيو ٿي.
    هونءَ آئون سمجهندو هوس ته فقط اسان جي ڳوٺن جا نالاعجيب آهن، جهڙوڪ: کڏڙو، ٺري ميرواهه، مسو ڀرڳڙي، ٿرڙي محبت، ڳوٺ حضور بخش گشڪوري، يونين ڪائونسل اعتبار خان چانڊيو وغيره وغيره. پر هاڻ غور ٿو ڪريان ته آمريڪا جي ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا به عجيب آهن. مختلف هنڌن تان سامان، جڏهن جهاز تي چڙهڻ لاءِ ايندوهو ته ڊيڪ تي ويهي انهن جا نالا پڙهندو هوس. اهڙا ئي ڪجهه نالا پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي لکان ٿو.
    - فلوريڊا جو هڪ شهر” چوڪڙين جو يڪو“ Aces of Diamonds
    - مائني (Maine) جو هڪ شهر ٺوڙهو مٿو Bald Head
    - الينئاس جو شهر وڏو پَير Big Foot
    - ٽيڪساس جو هڪ شهر دنگ ڊانگ
    - ڪولوراڊو جو ”بي نام“ No Name نالي شهر
    - پينسلوانيا جو شهر انٽرڪورس
    - ڪنٽڪي جو شهر ڀولڙي جي ٺونٺ Monkey’s Elbow
    - مسي سپي جو شهر گرم ڪافي Hot coffee ۽ ٻيو شهر گرم پاڻي Hot Water پڻ آهي.
    - ٽيڪساز جو شهر لالي پاپ،
    - ڪئليفورنيا جو شهر Rough and Ready
    - ويو منگ جو شهر سڪل ڪانٽو Dry Fork
    وسڪنسن جو شهر Bee Town، وغيره وغيره.
    بهرحال آمريڪا جي شهرن جا اهي نالا اسان ڌارين کي عجيب ضرور لڳن ٿا. انگريز جڏهن سنڌ تي حڪومت ڪندا هئا ته هنن کي اسان جي سنڌي ڳوٺن جا نالا خبر ناهي ڪيئن لڳندا هئا. خاص ڪري:
    بائو ديرو، سوڀو ديرو، ڳوٺ ميانداد چنجڻي، ٺٽ ڳوراهو، راڄو خاناڻي، درساڻو ڇنو، وڏا ماڇيون، تيڪڻو واهه، گپچاڻي، ڳاهيجا، ڳوٺ ڪرم خان ڪانڌرو، وغيره وغيره.


    آمريڪا (USA) جون ڪجهه دلچسپ ڳالهيون

    هڪ ويب سائيٽ www.zilvar.com ۾ آمريڪا بابت لکيل مزيدار حقيقتن مان ڪجهه هن ريت آهن.
    * سئن فرانسسڪو جي ڊگهي ۾ ڊگهي گهٽي Geary” بليوارڊ“ آهي.
    * واشنگٽن ۾ ملڪ جي صدر صاحب جي رهائش جي جاءِ وائيٽ هائوس ۾ 132 ڪمرا آهن.
    * نيو يارڪ جي سينٽرل پارڪ ۾ پيئڻ لاءِ 125 ڦوهارا Fountain آهن.
    * 3 جنوري 1959ع تي الاسڪا U.S.A جي 49 هين رياست بڻي.
    * 20 Route آمريڪا جو ڊگهي ۾ ڊگهو هاءِ وي آهي.
    * آمريڪا جو گرين ڪارڊ سائي رنگ جو ناهي.
    * دنيا جي پهرين ٽيليفون ڊائريڪٽري ڪنيڪٽي ڪٽ رياست جي شهرنيو هئون ۾ 1878ع ۾ ڇپي، جنهن ۾ فقط هڪ صفحو هو ۽ جنهن تي پنجاهه ماڻهن جا نالا هئا.
    * ڪوه مري ۽ ڪوئيٽا وانگر آمريڪا جو سڀ کان اتاهون شهر ڪولوراڊو رياست جو Leadville آهي، جيڪو سطح سمنڊ کان 10،200 فٽ مٿانهون آهي.
    * آمريڪا جي رياستن جو سڀ کان ننڍو گاديءَ وارو شهر مونٽ پيليئر (Mont Pellier) آهي.
    * نيو يارڪ جي جاڙن (Twin) ٽاورن ۾ 208 لفٽون هيون.
    * ويسٽ پئانٽ واري ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس مليٽري اڪيڊمي“ آمريڪا جو پهريون انجنيئرنگ اسڪول هو.
    * آمريڪا جي رياست الاسڪا جا ڪنهن به ٻي رياست سان بارڊر نٿا ملن.
    * هني مون ملهائڻ لاءِ دنيا جا سڀ کان گهڻا ماڻهو آمريڪا جي رياست هوائي جو رخ رکن ٿا. هوائي رياست ٻيٽن جوجهڳٽو آهي، جيڪي ڪنهن زماني ۾ Sandwich Islands سڏبا هئا.
    * ورجينيا رياست جي پراڻي قانون موجب هر پبلڪ عمارت ۾ ڪارن ماڻهن لاءِ الڳ ۽ گورن لاءِ الڳ Toilets ٺاهيا ويا ٿي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا جي صدر جي آفيس Pentagon ۾، ضرورت کان ٻيڻا ٽئاليٽ آهن.
    * انڊيا جي رپئي وانگر آمريڪا جا شروع وارا هڪ ڊالر وارا سڪا جيڪي 1794ع ۾ ٺهيا، چانديءَ جا هئا.
    * نيو يارڪ، شهراندر 722 زمين دوز ريل جا رستا آهن ۽ ”نيويارڪ“ USA جو پهريون گاديءَ وارو شهر آهي.
    * ڊيلاويئر آمريڪا جي پهرين رياست ٿي.
    * ”مون ٽانا“ جي ندي Roe River دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي ندي آهي، جيڪا فقط 200 فٽ ڊگهي آهي.
    * سرڪاري طرح آمريڪا (U.S.A) ۾ 556 اصلي آمريڪن Native American)) جا قبيلا آهن.
    * آمريڪا جي سڀ کان غريب رياست مسي سپي آهي.
    ”مسي سپي“ نديءَ جو به نالو آهي، جيڪا آمريڪا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي.
    * آمريڪا ۾ جيڪي هر سال نوان ماڻهو (Immigrants) اچن ٿا، انهن جو 75 سيڪڙو ڪئليفورنيا، نيو جرسي، فلوريڊا، نيو يارڪ، الينئاس ۽ ٽيڪساز ۾ رهائش اختيار ڪرڻ پسند ڪري ٿو.
    هاڻ مٿين ڳالهين تي ڪجهه تبصرو ڪنداسين.
    Geary Boulevard گيئري اسٽريٽ به سڏجي ٿو ۽ هي سئن فرانسڪو (ڪئليفورنيا) جو اهم شاهراهه آهي، جيڪو اوڀر اولهه وهي ٿو. هي رستو سئن فرانسسڪو جي وچ شهر کان اتان شروع ٿئي ٿو، جتي مارڪيٽ اسٽريٽ ۽ مونٽگنو ميري اسٽريٽ هڪ ٻئي کي ڪٽين ٿيون. هن روڊ تي اهو نالو جان ڊبليو گيئريءَ تان پيو جيڪو ڪئليفورنيا آمريڪا (U.S.A) جي رياست ٿيڻ تي سئن فرانسسڪو جو پهريون ميئر ٿيو هو.
    * وائيٽ هائوس ان عمارت جونالو آهي، جتي آمريڪا جو صدر صاحب رهي ٿو ۽ آفيس جو ڪم ڪار ڪري ٿو. سندس اڇي رنگ ڪري وائيٽ هائوس سڏجي ٿو. هاڻ ته ان اسٽائيل ۽ رنگ جا گهر اسان وٽ به عام ٿي ويا آهن ۽ وائيٽ هائوس سڏجن ٿا. ڪراچيءَ ۾ ٻه ته مون به ڏٺا آهن. هڪ ته PECH سوسائٽي ۾ نرسري (شاهراهه فيصل) وٽ ۽ ٻيو ڪلفٽن تي گرامر اسڪول ڀرسان، بلاول چورنگي وٽ. بهرحال آمريڪا جو هي وائيٽ هائوس جنهن ۾ اڄ ڪلهه بش صاحب رهي ٿو ۽ ڄاڻ ته سندس صدارت واري نوڪريءَ جو مدو ختم ٿيو، 1600 پينسلوانيا ايوينيو NW تي، واشنگٽن DC يعني ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا لکڻ ضرورياهي نه ته عام آمريڪن ان گاديءَ واري شهر واشنگٽن بدران واشنگٽن رياست سمجهندا جيڪا آمريڪا جي بلڪل اولهه ڪناري تي اتر ۾ اداهو ۽ اوريگان رياستن مٿان آهي. آمريڪا جو گاديءَ وارو شهر واشنگٽن DC جنهن ۾ وائٽ هائوس آهي، ٻن رياستن ورجينيا ۽ ميري لينڊ مان زمين جو حصو ڪڍي ٺاهيو ويو آهي ۽ هاڻ واشنگٽن DC جو شهر فيڊرل حڪومت هيٺ آهي،جيئن اسلام آباد ڪنهن به صوبي ۾ نه آهي يا ڪوالالمپور شهر ڪنهن به رياست ۾ نه آهي. واشنگٽن جو هي شهر توڙي واشنگٽن رياست آمريڪا جي پهرين صدرجارج واشنگٽن نالي آهي.
    واشنگٽن جو پينسلوانيا ايوينيو جنهن تي وائيٽ هائوس آهي، سال جو وڏو حصو ٽرئفڪ لاءِ بند ئي رهي ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن جو ستايل عوام هن روڊ تي جلوس جي صورت ۾ پنهنجن ظالم حاڪمن خلاف Rallies ڪڍندا رهن ٿا، تقريرون ڪندا رهن ٿا، جن کي ”دونهيندار تقريرون“ چئي سگهو ٿا. سامهون اڇي گهر (White House) ۾ رهندڙ آمريڪا جي صدر جا خبر ناهي ڇا تاثرات هجن. ٽي دنيا جي مظلوم قومن جو داد فرياد ٻڌي به ٿو يا نه ۽ جي ٻڌي ٿو ته ان جو هن کي غم به ٿئي ٿو يا نه. يا فون کڻي ان ملڪ جي صدر يا وزيراعظم سان خوش خيرعافيت ڪندو هوندو.
    ”ڀوتار اسان ڪيئن توهان کي ياد آياسين؟“ هو آمريڪا جي صدر کان پڇندا هوندا.
    ”بس هينئر دري کوليم ته تنهنجي ملڪ جا ماڻهو توکي ڪچيون گاريون ڏيئي رهيا هئا. ان تان ياد اچي وئين.“ آمريڪا جو صدر چوندو هوندو.
    ”ته پوءِ سائين انهن کي موچڙو هڻي ماٺ نٿا ڪرايو؟“ هو آمريڪا جي صدر کي چوندا هوندا.
    ”نه بابا. اهڙو ڇسوآئون به نه آهيان،“ آمريڪا جو صدر چوندو هوندن،“ توهان کي موچڙا هڻڻ لاءِ ته هنن کي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي اٿم.“
    بهرحال مون کي ڪجهه ڪجهه اها گيم لڳندي آهي. روس سان وڙهڻ لاءِ بن لادن جهڙا تيار ڪيا وڃن ٿا ۽ وري ان کي موچڙا هڻڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي ڪا عمارت ڪيرائي حملي جو جواز بنايو وڃي ٿو. هي آئون ڪو نه ٿو چوان. هتي جي اخبارن ۾ ايندو رهي ٿو. ايران کي موچڙا هڻڻ لاءِ صدام کي تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ صدام کي پادر هڻڻ لاءِ سندس ملڪ جي ڪجهه ڪنگلن کان هن پينسلوانيا جي اهم شاهراهه تي صدام خلاف جلوس ڪڍرايا وڃن ٿا. ۽ پوءِ جنگ ذريعي انهن پهلوانن کي قيدي بڻايو وڃي ٿو يا وچ فضا ۾ هنن جي لاشن جا ٽڪرا ٽڪرا ڪيا وڃن ٿا.
    هونءَ واشنگٽن جو هي اهم شاهراهه Pennsylvania Avenue سيڪيورٽي جو سبب ڏيئي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪرڻ تي هتي جا ڪيترائي شهري ادارا، ان جي خلاف، اخبارن ذريعي آواز اٿاريندا رهن ٿا، جو شهر جي ٽرئفڪ ٻين رستن تان موڙڻي پوي ٿي، جنهن ڪري جئم رهي ٿي،جيئن ڪراچيءَ ۾ آمريڪن قونصل خاني اڳيان ٽرئفڪ روڪڻ ڪري ٿئي ٿو.
    سينٽرل پارڪ جنهن جي ڦوهارن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. اهو نه فقط نيو يارڪ جو بلڪ سڄي آمريڪا جو سهڻو ۽ ناليرو پارڪ آهي، جنهن ۾ نه فقط نيو يارڪ شهر جا ماڻهو شهر جي گوڙ گهمسان کان ڀڄي سڪون جون گهڙيون گهارين ٿا پر ٻاهران ٽوئرسٽ به ان کي هڪ وار ضرور ڏسن ٿا. اسان به جڏهن جهاز هاڪاري نيو يارڪ ايندا هئاسين ته پهرين دفعي ئي يا شايد ٻئي ڀيري هن پارڪ جا چڪر هڻي، انهن ڏينهن ۾ (1969ع يا 1970ع) جي عبرت اخبار ۾ هن پارڪ جو احوال لکيو هو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سينٽرل پارڪ دنيا جو وڏي ۾ وڏو هٿرادو ٺهيل پارڪ آهي، جيڪو نيو يارڪ جهڙي ڳتيل ۽ ماڊرن شهر جي وچ ۾ آهي. هي پارڪ 843 ايڪڙن ۾ ڇانيل آهي. سندس ڊيگهه وارو پاسو پورا اڍائي ميل (يعني 4 ڪلوميٽر) آهي ۽ ويڪر وارو پاسو اڌ ميل (يعني منو ڪلوميٽر کن) آهي.
    نيو يارڪ شهر جا پنج حصا آهن جيڪي Borough ٿا سڏجنِ برانڪس، ڪئينس، مئن هٽن، بروڪلن ۽ اسٽيٽن آئلنڊ. سينٽرل پارڪ سڀ کان گهڻي آدمشماري ۽ رونق واري باروح Manhattan ۾ آهي. هونءَ ته نيويارڪ ۾ ڪيترائي پارڪ آهن. ويندي مئن هٽن ۾، جيڪو ايراضي جي حساب سان ڪو وڏو باروح ناهي، بئٽري پارڪ، بريئنٽ پارڪ، هڊسن رور پارڪ، واشنگٽن اسڪائر پارڪ، رورسائڊ (River Side) پارڪ جهڙا ڪيترائي پارڪ ۽ باغيچا آهن. پر ”سينٽرل پارڪ“ جي ڳالهه ئي ٻي آهي. هن پارڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هر سال اڍائي ڪروڙ ماڻهو هن کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ دنيا جي ڪيترين ئي فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ هن پارڪ جا نظارا هجڻ ڪري دنيا جو مشهور پارڪ آهي.
    سينٽرل پارڪ اتر کان 110 گهٽيءَ کان شروع ٿئي ٿو ته هيٺ ڏکڻ ۾ 59 اسٽريٽ تائين اچيو پهچي. يعني پارڪ کان ٻاهر مئن هٽن جون پنجاهه کن گهٽيون هن پارڪ سان اچيو لڳن. پارڪ جي اولهه ۾ اٺون ايوينيو بارڊر ٺاهي ٿو ۽ اوڀر ۾ پنجون ايونيو (5th Avenue) آهي. پبلڪ لاءِ هي پارڪ 1859ع ۾ کوليو ويو هو ۽ هن کي ڊيزائين ڪرڻ وارا ٻه ماڻهو آهين فريڊرڪ ۽ ڪال ورٽ. انهن ٻنهين بروڪلن جو Prospect Park به ڊيزائين ڪيو هو. پارڪ ۾ ڪيتريون ئي هٿرادو ڍنڍون آهن، جن مان هڪ جو نالو آمريڪا جي صدر ڪينيڊي جي زال جئڪلين نالي پڻ آهي پر هن ڍنڍ جو نالو جئڪلين ڪينيڊي بدران جئڪلين اوناسز آهي. لڳي ٿو ته ان کي ٺهرائڻ جو خرچ پکو يونان جي جهازن جي مالڪ اوناسز ڪيو آهي. نيو يارڪ جو هي سينٽرل پارڪ دنيا جي ٻن ننڍين قومن کان به وڏو آهي. هڪ موناڪو جنهن کان ٻيڻو ٿيندو ۽ ٻي وئٽيڪن سٽي جنهن کان اٺوڻو ٿيندو.
    آمريڪا جي ڀر واري رياست پين سلوانيا جي شهر فلڊلفيا جو Fairmount پارڪ هن سينٽرل پارڪ کان جيتوڻيڪ ڏهوڻو وڏو آهي، پران کي ڏسڻ لا جيترا ماڻهو اچن ٿا ان کان ٽيڻا سينٽرل پارڪ کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.


    آمريڪا جي رياست الاسڪا ۽ ڪجهه گرين ڪارڊ بابت احوال

    پاڻ شروع ۾ الاسڪا جي به ڳالهه ڪئي آهي ته آمريڪا جي اوڻونجهائين رياست آهي. دراصل الاسڪا جي آمريڪا جي ٻين رياستن کان مختلف پوزيشن آهي. الاسڪا اتر آمريڪا کنڊ ۾ هونديبه باقي آمريڪي رياستن سان ڳنڍيل هجڻ بدران الڳ ٿلڳ آهي، جنهن جي هڪ پاسي ڪئناڊا آهي ته ٻئي پاسي پئسفڪ سمنڊ، بلڪه پئسفڪ سمنڊ جي هڪ ننڍي حصي کان پوءِ روس شروع ٿيو وڃي ۽ الاسڪا آمريڪا کان وڌيڪ روس جو حصو نه فقط لڳي ٿي پر هئي به روس جي. جن هن کي ويران ۽ بيڪار سمجهي آمريڪا کي 72 لکن ڊالرن ۾ 1867ع ۾ وڪڻي ڏنو. ان تي آمريڪا جي عوام وڏو گوڙ به ڪيو ته هڪ رڻ پٽ جهڙي زمين جنهن تي ٻارهو ئي برف ڇانئي رهي ٿي ان کي خريد ڪري ملڪ جي خزاني تي بار وڌو ويو آهي. بهرحال 3 جنوري 1959ع تي صدر آئزن هاور جي ڏينهن ۾ ان کي رياست جو درجو ڏيئي آمريڪا جي 49 هين رياست (State) بنايو ويو.
    الاسڪا اڄ به برف جو رڻ پٽ آهي، پر سعودي عرب ۽ ايران وانگر ڌرتيءَ جي هن حصي هيٺان تيل پيٽرول جون نديون وهن ٿيون، جن جو ايڏو ته مقدار آهي جو عرب ملڪن جو تيل ختم ٿيڻ بعد به هتي جاري رهندو. بلڪه آمريڪا جي هوشيار حڪومت ان تيل کي تڪڙو ختم ڪرڻ بدران مستقبل جي ڏکين ڏينهن لاءِ بچائي رکندي اچي.
    الاسڪا آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي رياست آهي، جنهن جي پکيڙ 570380 چورس ميل (يعني 1477261 چورس ڪلوميٽر) آهي. يعني آمريڪا جي باقي ڳنڍيل رياستن ۾ سڀ کان وڏي رياست ٽيڪساز کان ٻيڻي ٿي. باقي آدم شماريءَ جي خيال کان شهدادپور يا سانگهڙ کان به ننڍي آهي جو سڄي رياست ۾ پنج لک ماڻهو مس رهن ٿا.
    الاسڪا جو سڀ کان وڏو شهر ۽ بندرگاهه جتي اسان جي ملڪ جا جهاز پڻ ايندا ويندا رهن ٿا ائنڪريج آهي. هونءِ سندس گاديءَ جو هنڌ جونيئو (Juneau) نالي هڪ ٻيٽ نما ننڍڙو شهر ۽ بندرگاهه آهي. الاسڪا آمريڪا جي اڪيلي رياست آهي،جيڪا مين لئنڊ سان ڳنڍيل هجڻ جي باوجود سندس گاديءَ وارو شهر اهڙو آهي، جتي خشڪي رستي پهچڻ بدران فقط هوائي يا پاڻي واري جهاز رستي پهچي سگهجي ٿو.
    الاسڪا وارو علائقو ارڙهين صديءَ ۾ يورپ کان آيل هيسپانين ڳولي لڌو. ان بعد اهي ڇڏي ويا ۽ انگريز اچي نڪتا. پر اسپين جي ماڻهن جون يادگيريون قرطبه (Cardoba) ۽ والديز (Valdz) جهڙن نالن وارا شهر اڃا تائين قائم آهن. الاسڪا ۾ الييوت ۽ ايسڪيمو نموني جون مختلف اصلي قومون رهن ٿيون ۽ 90 کن زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. تيل جي ڪري هيءَ رياست اميرهجڻ ڪري هتي سيلز ٽئڪس ناهي. آمريڪا ۾ پنج ٻيون به رياستون آهن، جن ۾ سيلز ٽئڪس معاف آهي ۽ آلاسڪا امريڪا جي انهن ستن رياستن مان هڪ آهي، جنهن ۾ ماڻهن جو Indvidual انڪم ٽئڪس به معاف آهي.
    * شروع ۾ گرين ڪارڊ بابت به لکيو اٿم ته اهو دراصل سائي رنگ جو ناهي. هونءَ به آمريڪا جو ”گرين ڪارڊ“ اڄ ڪلهه دنيا ۾ مشهور آهي. ٽي دنيا جو ماڻهو جنهن کي آمريڪا جو گرين ڪارڊ ملي ٿو، اهو پنهنجي خوش نصيبي سمجهي ٿو. (Green card) ڇا آهي؟ گرين ڪارڊ آمريڪا (U.S.A) ۾ هميشه رهڻ جو ڪارڊ آهي، جنهن کي United States Permanent Resident Card به سڏجي ٿو، جيڪو هڪ شناختي ڪارڊ مثل آهي، جيڪو ان ڳالهه جي ثابتي اهي ته ان ڪارڊ وارو آمريڪا ۾ قانوني طرح رهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو حقدار آهي ۽ اهو ماڻهو LPR يعني Lawful Permanent Resident سڏجي ٿو. ان ڪارڊ کي گهڻو اڳ Alien Registeration رسيد سڏيو ويو ٿي ۽ هاڻ فقط پرمننٽ ريزيڊنٽ ڪارڊ. ان کي فارم I-551 به سڏجي ٿو.
    هن ڪارڊ تي سائو ڪارڊ (Green Card) نالو ائين پيو جو هن ڪارڊ لاءِ اپلاءِ ڪرڻ جي هاڻوڪي فارم I-551 کان اڳ جيڪو I-151 فارم هو، جيڪو ٻي وڏي لڙائي جي خاتمي بعد 1946ع ڌاري ڇپايو ويو هو. ان جو رنگ سائو هو. اڄ وارو فارم I-551 جيڪو 1977ع کان پوءِ شروع ڪيو ويو اهو ڪڏهن ڪهڙي رنگ تي ڇپجي ٿو ته ڪڏهن ڪهڙي تي ۽ اڃا تائين اهو فارم جيتوڻيڪ سائي رنگ جي پني تي نه ڇپيو آهي، پر هن فارم ۽ ڪارڊ جو نالو اڄ تائين ”گرين ڪارڊ“ هلندو اچي. هينئر هينئر سال 2006ع جا جيڪي گرين ڪارڊ ملن پيا، اهي اڇي رنگ جا آهن ۽ انهن جي پٺئين پاسي ساون اکرن ۾ لکائي ضرور آهي. هن ڪارڊ تي ڪارڊ جي مالڪ جو نالو، فوٽو ۽ ٻي ڄاڻ لکيل ٿئي ٿي ۽ ان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون لڪل طريقن سان رکيون ويون آهن، جيئن ان کي ڪو نقل ڪري ٺاهي نه سگهي. جيئن اڄ ڪلهه اسانجي ملڪ جا پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ به ماڊرن ٽيڪنالاجي مطابق Readadle ٺاهيا ويا آهن، جن کي Scan مشينون پڙهي به سگهن ٿيون ۽ ان جي مالڪ مطابق ڄاڻ پرنٽ به ڪري سگهن ٿيون.
    هتي اها ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته آمريڪي قانون موجب آمريڪا جا اهي باشندا جيڪي گرين ڪارڊ ذريعي آمريڪا ۾ رهيل آهن، انهن لاءِ ضروري آهي ته هو پاڻ سان هروقت گرين ڪارڊ رکن، جيڪو ڪنهن به وقت USCIS جو آفيسر چيڪ ڪري سگهي ٿو. USCIS معنيٰ يونائيٽيڊ اسٽيٽس سٽيزن شپ ائنڊ اميگريشن سروسز.
    آمريڪا جا اهي رهاڪو جيڪي هتي جا شهري آهن ۽ کين هتي جو پاسپورٽ مليل آهي. انهن لاءِ ضروري ناهي ته هر وقت پاسپورٽ کڻي هلن. اهو ان ڪري جو آمريڪي آئين مطابق آمريڪي شهرين کي ووٽ جو حق ۽ ٻيون سهوليتون مليل آهن، جيڪي گرين ڪارڊ Permanent Residents وارن کي نه آهن، جيڪي پاسپورٽ ملڻ تائين Aliens يعني ڌاريان سڏجن نائن اليون واري حادثي کان اڳ ته ڪڏهن ڪنهن جي پڇا به ڪا نه ٿي ٿي ته آيا تون گرين ڪارڊ هولڊر آهين يا پاسپورٽ وارو. آمريڪا ۾ آيل ڪيترائي غير قانوني ماڻهو ائين ئي پئي هليا. پر هاڻ سختي ٿيڻ ڪري ڪافي پڇا ڳاڇا ٿئي ٿي ۽ ڪيترن غير قانوني ماڻهن کي پنهنجي وطن واپس موڪليو ويو آهي. بهرحال هڪ توئرسٽ ويزا تي آيل همراه کي به گهرجي ته هو پنهنجو پاسپورٽ پاڻ سان گڏ رکي، خاص ڪري هو جڏهن هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃي پيو. ڇو ته ايئرپورٽن ۽ ريلوي اسٽيشنن تي اڪثر چڪاس ٿيندي رهي ٿي، جنهن بابت هن کان اڳ واري آمريڪي سفرنامي ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۾ پڻ لکي چڪو آهيان. پنهنجي رهائش واري شهر نيو جرسي کان واشنگٽن ۾ پئي آيس ويس پر ٽن چئن مهينن ۾ ڪڏهن به ڪٿي ڪنهن منهنجي پاسپورٽ جي چڪاس نه ڪئي. آخري دفعي واشنگٽن وڃڻ وقت پاڻ سان نه پئي کڻي ويس پر پوءِ آخري وقت تي کڻي کيسي ۾ وڌم. واشنگٽن کان واپسي تي ريلوي اسٽيشن تي پهتس ته خبر پيئي ته ٽرين ۾ بم جي افواهه ڪري هر مسافر جي چڪاس پيئي هلي، جن ڌاررين وٽ پاسپورٽ نه هو انهن کي ٽرين ۾ چڙهڻ کان منع ڪري کين پنهنجي گهران پاسپورٽ گهرائڻ لاءِ چيو ويو. اهو به چڱو جو آمريڪا آهي، جتي وري به قانون قاعدو آهي. سعودي عرب ۽ ڪويت جهڙن عرب ملڪن ۾ ته اهڙو انڌير آهي جو پوليس جنهن کي کنڀي ٿي ته ان کي سڌو وڃيو جيل ۾ هڻي، ڇا جا وڪيل ڇا جي ڪورٽ ڪچهري. هن کي پنهنجي صفائيءَ جو ئي موقعو نٿو ڏنو وڃي. ان جا مثال پنهنجي حج واري ڪتاب (ڀلي پار تان ڀيرو) ۽ ”اي روڊ ٽو مدينا ”واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. ان ڪري اسان جهڙن غريب ايشيائي ٿرڊ ورلڊ جي ماڻهن کي کپي ته پرديس ۾ وڏي خيال سان هلن جو ڏکئي وقت ۾ اسان جي ملڪ جا سفارتخانا به اکيون پوريون ڇڏين. گرين ڪارڊ پهرين ته آمريڪا جو INS ڊپارٽمينٽ Immigration & Naturalization Service اشو ڪندو هو پرهاڻ USCIS کاتو جاري ڪري ٿو، جيڪو کاتو پهرين BCIS يعني Bureau of Citizenship & Immigration Services هو.
    آمريڪا ۾ رهندڙ اهي ڌاريان جن کي اڃا گرين ڪارڊ نه مليو آهي ۽ هنن جي ان ڪم لاءِ درخواست غور هيٺ آهي، اهي جيڪڏن آمريڪا ۾ رهي ڪا نوڪري، يا جاب ڪرڻ چاهين ته هنن لاءِ Employment Authorization Document جيڪو EAD سڏجي ٿو حاصل ڪرڻ ضروري آهي.
    هڪ ڌارئين ماڻهو Immigrant کي ٽن مرحلن مان گذرڻ بعد گرين ڪارڊ ملي ٿو، جنهن بعد هو آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهي به سگهي ٿو ته نوڪري يا بزنيس به ڪري سگهي ٿو. اهو سڄو Process ڪيترائي سال وٺي سگهي ٿو، جنهن جو مدار درخواست جي نوعيت ۽ ملڪ تي آهي، جنهن سان هن جو واسطو آهي.
    پهرئين مرحلي ۾ USCIS کاتو Immigrant جي ويجهي مائٽ يا نوڪري ڏيندڙ (Employer) جي پٽيشن قبول ٿو ڪري. ويجهي مائٽ مان مراد زال مڙس يا ماءُ پي، پٽ ڌيءَ آهن. مثال طور هڪ پاڪستاني ڇوڪريءَ کي جيڪڏهن آمريڪا جو پاسپورٽ آهي ته هوءَ ماءُ پيءُ کي آمريڪا ۾ گهرائڻ لاءِ گرين ڪارڊ ڏياري سگهي ٿي. شادي شده آهي ته پنهنجي مڙس کي به گرين ڪارڊ ڏيارڻ لاءِ USCIS کاتي ۾ پٽيشن درج ڪرائي سگهي ٿي. ڪو آمريڪن بزنيس مئن يا ڪنهن ڪمپنيءَ جو مالڪ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي نوڪري ڏيڻ لاءِ هن جي گرين ڪارڊ جو بندوبست ڪري سگهي ٿو پر اهو ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو، جڏهن، جي ڪمپني مقرر ڪيل حدکان مٿي ڪمائي رهي آهي ۽ حڪومت کي ان موجب ٽئڪس ادا ڪري پيئي ۽ ٻي ڳالهه ته هن کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته هن کي ان فيلڊ جي ڄاڻو جي ضرورت آهي.
    ڪن صورتن ۾ گرين ڪارڊ انهن ڌارين کي به مليو وڃي ٿو، جيڪي آمريڪا ۾ پنهنجو پئسو لڳائين يعني Invest ڪن ٿا.
    ٻيو مرحلو USCIS طرفان ويزا نمبر ملڻ جو آهي، جيڪو مائٽيءَ جي صورت ۾ ته يڪدم مليو وڃي باقي ٻين صورتن ۾ ڪجهه وقت لڳيو وڃي جو هر سال لاءِ مقرر Limited ويزائون رکيل آهن ۽ ان ۾ ملڪن جو به حساب رکيل آهي، جيئن اڄ ڪلهه انڊيا وارن کي ته جلد مليو وڃي پر پاڪستان وارن لاءِ وقت ٿو لڳي. ۽ پوءِ آخر ۾ ٽيون مرحلو آهي، جنهن ۾ ويزا نمبر ملڻ تي درخواست گذار Immigrant پنهنجي ملڪ ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني ۾ Immigrant ويزا لاءِ Apply ڪري سگهي ٿو، جيڪي اڄ ڪلهه هر هڪ کي پاڻ وٽ انٽرويو لاءِ پڻ گهرائين ٿا، پنهنجي ملڪ ۾ اڳ ۾ ته اهو ڪم ڪراچي ۾ ئي ٿي ويندو هو پر هاڻ ڪيترن سالن کان انٽرويو لاءِ اسلام آباد وڃڻو پوي ٿو ۽ Immigrant ويزا جي اميدوار کي ميڊيڪل ٽيسٽ (خاص ڪري (H.I.V) بابت، ڦڦڙن جا ايڪس ري وغيره کان علاوه هن کي پنهنجي حد جي پوليس ٿاڻي جو”پوليس سرٽيفڪيٽ“ ۽ انهن ملڪن جي پوليس رپورٽ جن ۾ هو ڏيڍ سال کن مٿي رهيو آهي، ڏيڻي پوي ٿي.


    گرين ڪارڊ لاٽري

    الاسڪا، ڊيلا ويئر، مسي سپي ۽ مونٽانا رياستن بابت
    هر سال آمريڪا جي حڪومت دنيا جي اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهن کي لاٽري (پُکن) ذريعي گرين ڪارڊ ڏئي ٿي، جيئن هو آمريڪا ۾ اچي رهن ۽ نوڪري يا ڌنڌو ڪن. پاڪستان مان به هزارين نه پر لکين ماڻهو فارم ڀرين ٿا ته جيئن هنن جو نالو نڪري اچي پر ڪجهه سالن کان پاڪستان مان هاڻ لاٽري ذريعي چونڊ نه پئي ڪئي وڃي جو هيءَ لاٽريءَ جي سهولت انهن ملڪن لاءِ رکي ويئي آهي، جن جا گهٽ ماڻهو آمريڪا رهن ٿا. لاٽريءَ ۾ نالو نڪرڻ تي هو آمريڪا ۾ هميشھ لاءِ رهڻ لاءِ Permanent Residence لاءِ درخواست ڏئي سگهي ٿو ۽ پاڻ سان گڏ پنهنجي زال (۽ جي زال آهي ته مڙس لاءِ) ۽ انهن ٻارن جي PR لاءِ اپلاءِ ڪري سگهي ٿو جن جي عمر 21 سالن کان گهٽ آهي. درخواست منظور ٿيڻ تي هنن جي پاسپورٽ تي Immigrant visa جو اسٽيڪرلڳايو وڃي ٿو ۽ هنن کي پوءِ ڇهن مهينن اندر آمريڪا پهچي پاسپورٽ تي آمريڪا ۾ Entry جو ٺپو لڳائڻو پوي ٿو. ان بعد سندن ڏنل ائڊريس تي پوسٽ ذريعي گرين ڪارڊ مليو وڃي. هتي اهو به لکندو هلان ته جتي لوڀي هوندا آهن، اتي ٺوڳي به پيدا ٿي پوندا آهن. هن گرين ڪارڊ جي لاٽريءَ جي چڪر ۾ ڪيترا شوقين ٺڳن هٿان ڦرجي به ويا. آمريڪا جي حڪومت جڏهن به لاٽريءَ جو اعلان ڪري ٿي ته هن ٺڳ ايجنٽ اخبارن، ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تان اشتهارن ذريعي ماڻهن کي اهو باور ڪرائين ٿا ته توهان 50 يا سئو، ٻه سئو ڊالر في اسان ايجنٽن کي ڏيئي پنهنجو فارم ڀرايو جو ائين ڪرائڻ سان ان جي نڪرڻ جي وڌيڪ اميد آهي پر اصل اها ڳالهه صحيح ناهي. ويتر حقيقت اها آهي ته اهڙا ايجنٽ توهان جو فارم موڪلڻ ۾ دير ڪريو ڇڏين، ڪيترا ٺڳ ته پنهنجن اشتهارن ۾ اهو به ڏيندا آهن ته نه فقط هو فارم جلد موڪيلندا پر فارم نڪرڻ تي ڪامياب اميدوارن کي آمريڪا وڃڻ لاءِ هوائيجهاز جي ٽڪيٽ به مفت ۾ ڏيندا. آمريڪاجي حڪومت وقت بوقت عوام کي هنن ٺڳ ايجنٽن کان بچڻ لاءِ چتاءُ ڏيندي رهي ٿي جيئن هو پنهنجي چانس ۽ پئسو هنن ٺڳ ايجنٽن جي ڪوڙڪين ۾ اچي برباد نه ڪن.
    گرين ڪارڊ ملڻ بعد ڪو به Immigrant (ڌارئين ملڪ جو آمريڪا ۾ آيل) همراهه آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهي سگهي ٿو پر ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جي ڪري هو پنهنجو اهو Status وڃائي به سگهي ٿو. ڪو به ڏوهه جو ڪم ڪرڻ تي هن جو گرين ڪارڊ ڪئنسل ٿي سگهي ٿو ۽ هن کي پنهنجي ملڪ ڏي موٽڻو پوي ٿو.
    گرين ڪارڊ هولڊر (Permanent Resident) جيڪڏهن آمريڪا ۾ رهڻ بدران ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهائش اختيار ڪري ته 365 ڏينهن بعد هن جي آمريڪا جي PR ختم ٿي سگهي ٿي. يا انڪم ٽئڪس جي غير ادائگي ڪري به هو پنهنجو PRS (پرمننٽ ريزيڊنس اسٽئٽس) وڃائي سگهي ٿو.
    نيويارڪ جي ساڄي پاسي Vermont نالي هڪ ننڍڙي رياست آهي. ورمانٽ جهڙيون ننڍڙيون رياستون USA ۾ ٻيون به ٻه چار آهن، جهڙوڪ رهوڊي آئلنڊ، مساچوسيٽ، ڪنيڪٽي ڪٽ وغيره، پر ورمانٽ رياست جو گادي وارو شهر مونٽ پيليئر (Montpelier) آمريڪا جي باقي رياستن جي گادي وارن شهرن کان ننڍو آهي، جنهن جي آدمشماري اٺ هزار مس آهي. هونءَ هن رياست لاءِ اها ڳالهه دلچسپ آهي ته هتي هڪ به مئڪڊونالڊ جي ريسٽورنٽ ناهي جيڪا آمريڪا جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ نظر اچي ٿي.
    ”هوائي آمريڪا جي 50 هين رياست آهي. ”هوائي Hawaii ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جيڪو پئسفڪ سمنڊجي وچ ۾ آهي ۽ آمريڪا جي مين لئنڊ کان 2300 ميل پري آهي. هوائي ٻيٽ 1898 ۾ آمريڪا سان شامل ٿيڻ کان اڳ سئنڊوچ ٻيٽ سڏيا ويا ٿي. هي ”ٻيٽ“ رياست (هوائي) جي صورت ۾ 1959 ۾ آمريڪا جي پنجاهين رياست بنيا. هوائي اٺ کن ٻيٽن جو مجموعو آهي، جن مان او آهو ((Oahu ٻيٽ جو شهر هونولولو سڀ ۾ وڏو آهي ۽ هوائي جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
    پاڻيءَ جي جهاز ذريعي آمريڪا وڃڻ لاءِ پنهنجو عربي سمنڊ ۽ بحر احمر (Red sea) ، جنهن ۾ جدي جهڙا بندرگاهه آهن، لتاڙي، سئيز ڪئنال اڪري، ڀؤنچ سمنڊ ۽ ان بعد ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي نيو يارڪ کان اچيو نڪرجي ٿو. آمريڪا (U.S.A) جي اولهه واري پاسي جي بندرگاهه: لاس انجلس، سئن ڊياگو، سئن فرانسڪو يا وئنڪوئر بندرگاهن ۾ وڃڻ لاءِ به اسان اها ئي روٽ اختيار ڪريون ٿا. ان لاءِ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري پوءِ پاناما ڪئنال ذريعي اسان پئسفڪ سمنڊ ۾ پهچون ٿا جتي مٿيان بندر گاهه آهن. جيئن سئيز ڪئنال ڳاڙهي سمنڊ ۽ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) کي ملائي ٿو، تيئن پاناما ڪئنال ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ کي ڳنڍي، اسان کي وڏي ڦيري ڪرائڻ کان بچائي ٿو. باقي جڏهن اسان جو جهاز ڪوريا يا جپان ۾ هوندو آهي. ان وقت اتان ڪا آمريڪا لاءِ assignment ملي ويندي آهي ته پوءِ پٺيون ڦيرو ڪري واپس ڪراچي ۽ سئيز ڪئنال ۽ بحيره احمر، ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانڪ سمنڊ جهاڳڻ بدران اسان کي فقط پئسفڪ سمنڊ لتاڙڻو پوي ٿو. پئسفڪ سمنڊ دنيا جي سڀني سمنڊن کان وڏو آهي ۽ اڳ زماني ۾ جڏهن جهازن جي تيل جون ٽانڪيون وڏيون نه هيون ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهڻجي سهوليت نه هئي ته جپان کان آمريڪا پئسفڪ سمنڊ لتاڙي پهچڻ وڏي منزل سمجهي ويئي ٿي جو رستي تي سواءِ هوائي ٻيٽن جي ٻيو ڪو اهڙو سڻائو تڙ نه هجڻ ڪري سفر خطري کان خالي نه هوندو هو. هينئر به ڪيترائي پاڻيءَ جا جهاز توڙي هوائي جهاز، جپان ۽ آمريڪا ڏي ايندي ويندي هونو لولو ۾ ڪجهه دير ترسن ٿا. هونولولو جهازين لاءِ ائين فرحت جي جاءِ آهي،جيئن بيابان ۾ سفر ڪندڙن لاءِ خيابان! مزي جي ڳالهه اها ته هونولولو جي هوائي زبان ۾ معنيٰ به ”فرحت جي جاءِ آهي.
    هنن هوائي ٻيٽن تي سن 1778ع ۾ ڪئپٽن جيمس ڪُڪ اچي نڪتو جنهن هنن ٻيٽن جي خبر ان وقت جي دنيا کي ٻڌائي ۽ هنن ٻيٽن جو نالو ”سئنڊوچ ٻيٽ“ رکيو. اهو نالو سئنڊوچ ان ڪري نه رکيو جو هي ٻيٽ ڪن ٻن شين جي وچ ۾ سئنڊوچ بڻيل آهن، پر هن اهو نالو جان مونتاگو کي عزت بخشڻ لاءِ رکيو، جنهن ڪئپٽن ڪڪ جي هن مسافري جو خرچ پکو ڀريو هو. سندس ذات ”سئنڊوچ“ هئي. (بلڪ سئنڊوچ قبيلي جو چوٿون Earl نواب هو).
    ان بعد انگلينڊ جو ڪئپٽن وليم برائون پهريون ڌاريو ماڻهو هو جيڪو 1794ع ۾ ان هنڌ تائين جهاز کي وٺي آيو، جتي اڄ ڪلهه هونولولو بندرگاهه آهي.
    پئسفڪ سمنڊ ۾ آمريڪا جي هن رياست هوائيءَ لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هيءَ مختلف ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جنهن ۾ اٺ وڏا ۽ اهم ٻيٽ آهن، جن ۾ وري هوائي ٻيٽ سڀ ۾ وڏو آهي، جنهن جي مڪاني زبان ۾ معنيٰ به ”وڏو ٻيٽ“ آهي. هن ٻيٽ تي هونولولو آهي، جنهن جي آدم شماري چار لک آهي. سڀني ٻيٽن جي ٽوٽل آدم شماري نو لک آهي. هونولولو ٻيٽ جي بندرگاهه جو ئي هڪ حصو پرل هاربر سڏجي ٿو، جتي ٻي وڏي جنگ جپان جي فدائي پائلٽن ”ڪامي ڪازي“ آمريڪا جي جنگي جهازن تي خودڪش حملو ڪري ڏهڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو هو. بهرحال هونولولو هوائي ٻيٽن جي گاديءَ جو شهر، وڏو شهر، اهم بندرگاهه ۽ هوائي اڏو آهي.
    هوائي رياست جون چار يونيورسٽيون تمام مشهور آهن.
    1- هوائي يونيورسٽي مانوئا- هن ۾ 21 هزار شاگرد آهن.
    2- Chaminade University ڏيڍ هزارکن شاگرد آهن ۽ سندس سالياني ٽيوشن في 14 هزار ڊالر آهي.
    3- هوائي پئسفڪ يونيورسٽي جنهن ۾ نوَ هزار کن شاگرد آهن ۽ سالياني ٽيوشن في يارهن هزار ڊالر آهي.
    4- برگهام ينگ يونيورسٽي جنهن ۾ ٽي هزار کن شاگرد آهن ۽ ٽيوشن في پنڌرهن هزار ڊالر آهي.
    هنن يونيورسٽين ۾ ڪيترائي پاڪستاني شاگرد به تعليم وٺي رهيا آهن. ان کان علاوه ڪيترائي اسان جي ملڪ جا ماڻهو نوڪرين ۾ آهن، جن مان هڪ اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر خالد زمان گاجڻي ميمڻ پڻ آهي، جيڪو TV جو مشهور آرٽسٽ پڻ هو.
    شروع ۾ اسان ڊيلاويئر رياست جي به ڳالهه ڪئي آهي ته ان کي آمريڪا جي پهرين رياست ٿيڻ جو درجو مليل آهي. آمريڪا (U.S.A) جون جيڪي پنج Mid Atlantic رياستون سڏجن ٿيون، ڊيلاويئر انهن مان هڪ آهي. هن رياست ”ڊيلاويئر“ توڙي هتان وهندڙ ساڳي نالي واري نديءَ جو نالو هڪ انگريز همراهه ”ڊي- لا- وار“ (De La Warr) تان پيو جيڪو 1577ع ۾ ڄائو هو ۽ 1618ع ۾ گذاري ويو.
    ڊيلاويئر (Delaware) رياست آمريڪا (U.S.A) جي ٻئي نمبر تي ننڍي رياست آهي. سڀ کان ننڍي روڊي آئلنڊ (Rhode Island) آهي. ڊيلاويئر رياست جي اتر ۾ پينسلوانيا رياست آهي، اوڀر ۾ ڊيلاويئر ندي، نيو جرسي رياست ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ اولهه ۽ ڏکڻ پاسي کان مئريلئنڊ رياست آهي، جنهن جو بالٽيمور مشهور شهر ۽ بندرگاهه آهي.
    شروع جي سالن ۾ هيءَ رياست (ڊيلاويئر) ايڏي مشهور نه هئي پر پوءِ مئريلئنڊ ۽ ورجينا جي آدمشماري وڌڻ تي ڪيترا اتي جا رهاڪو لڏي ڊيلاويئر رياست هليا آيا. هن پاسي ڪمائي جو وڏو ذريعو تماڪ جي پوک ۽ غلامن کان پورهيو وٺڻ مان هو. ڪالونيل دور ختم ٿيڻ تي غلامي به گهٽجڻ لڳي. 1860 واري سرڪاري آدمشماري جنهن ۾ هن رياست ۾ نوي هزار ماڻهو هئا تن ۾ 1800 آفريڪن غلام هئا ۽ ويهه هزار اهي آفريڪي شيدي هئا، جيڪي هاڻ غلام نه پر آمريڪن شهري هئا. ڊيلاويئر جو پراڻو گرجا گهر ”يونين چرچ آف آفريڪن“ جيڪو هاڻ A.U.M.P چرچ سڏجي ٿو 1813 جو ٺهيل آهي، جيڪو سابق غلام (Slave) پيٽر اسپينسر ٺهرايو.
    مسي سپي آمريڪا (U.S.A) جي ڏاکڻي رياست آهي ۽ الاباما ۽ لوزيانا جي وچ ۾ آهي. هن رياست جو نالو مسي سپي نديءَ تان پيو آهي، جيڪا هن رياست جي اولهه واري بائونڊري ٺاهي لوزيانا مان لنگهي گلف آف ميڪسيڪو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. جهازن جي نوڪري دوران اسان کي ڪيترائي دفعا جهاز کي لوزيانا جي شهر نيواورلينس ۾ وٺي اچڻو پيو، جيڪو مسي سپي نديءَ تي ائين آهي، جيئن روهڙي سکر سنڌو نديءَ تي. اسان جي جهاز کي اٽڪل هڪ سئو ميل کن مسي سپيءَ نديءَ ۾ اندر وٺي وڃڻو پيو ٿي.
    مسي سپي رياست ۾ شروع کان هتي جي ڪارن جي گهڻائي رهي آهي ۽ هيءَ رياست آمريڪا جي غريب رياست چئي وڃي ٿي.
    مسي سپي جو لفظ هتي جي ٻارن ۾ مشهور آهي جو ”لڪ ڇپ“ (چور پوليس) راند کيڏڻ مهل ڳولڻ وارو لڪڻ وارن کي ڪجهه وقت ڏيڻ لاءِ زور سان ”ون مسي سپي، ٽو مسي سپي......“ وغيره ڳڻيندو آهي، جيئن پاڻ وٽ چوندا آهن ”ڪوڪ هڪڙي ڪُوڪ ٻه، ڪُوڪ ٽي.....“ وغيره.
    آمريڪا جي مون ٽانا (Montana) رياست اتر ۾ ڪئناڊا سان مليل آهي. سندس هڪ پاسي نارٿ ڊڪوٽا رياست آهي ته ٻئي پاسي واشنگٽن ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ ويومنگ آهي. هن رياست ۾ ڪيتريون ئي جبلن جون قطارون آهن. ان ڪري هن رياست جو نالو مون ٽانا هسپانوي زبان مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ جبل (Mountain) آهي، جيتوڻيڪ هي رياست ايراضيءَ ۾ چوٿون نمبر وڏي آهي. (الاسڪا، ٽيڪساز ۽ ڪئليفورنيا بعد) پرجابلو ۽ رڻ پٽ هجڻ ڪري سندس آدم شماري تمام گهٽ آهي. ”مون ٽانا“ رياست جي ڪمائي ائگريڪلچر، کاڻين جي کوٽائي، ۽ عمارتي ڪاٺ آهي. هتي ٽوئرسٽ به چڱا اچن ٿا، جيڪي Glacier نئشنل پارڪ ۽ Yellow Stone نيشنل پارڪ کي ڏسڻ اچن ٿا.
    مون ٽانا رياست جي هڪ ندي Roe River جونالو Guiness Book of Records ۾ ايندو آهي، جو اها ندي دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي ندي (اٽڪل 200 فٽ ڊگهي) آهي. ائين ته آمريڪا جي هڪ ٻي رياست Oregon جي ”ڊي ندي“ پڻ ننڍڙي ۽ ذري گهٽ رو نديءَ جيڏي آهي. اوريگان رياست آمريڪا جي اولهه ۾ پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي. سندس اتر ۾ واشنگٽن رياست آهي ۽ ڏکڻ ۾ ڪئليفورنيا رياست.


    هڪ رنگي کي ڪلرڊ ٿا سڏيو؟

    ڪالهه انٽرنيٽ کوليم ته Sana جي گروپ ميل ۾ هڪ خط علي بروهيءَ جو پڻ هو. خط جو عنوان يعني سبجيڪٽ هو: “Poem by an African Man” جنهن خط کولي پڙهڻ لاءِِ دلچسپي پيدا ڪئي. منجهس ڪنهن شاعر جو شعر ڏنل هو، جنهن هتي جي سماجي معاشري جي ڪوتاهين ۽ Complexes ڏي ڌيان ڇڪايو آهي. اسان وٽ سهڻي ٻار کي متان نظر لڳي، پيار مان ڪارو سڏيو وڃي ٿو. هينئرهنن ويهن ٽيهن سالن ۾ اهڙن نالن جو کڻي رواج نڪري ويو آهي پر جڏهن اسان وٽ ٽوه، چڀڙ، مور، ڪنڊو ۽ ٻٻر جهڙا نالا ٻهراڙين ۾ عام هئا، تڏهن ڪنهن کي ڪارو يا پوڙهو پڻ پيار مان سڏيو ۽ سمجهيو ويندو هو. پر هتي آمريڪا ۾ ڪنهن کي ”ڪارو“ چوڻ گار برابر آهي، ڇو جو ان نالي سان سڏڻ وارو پنهنجي پيار جو نه پر نفرت جو اظهار ڪري ٿو، جيئن اسان وٽ ڪنهن زماني ۾ ڪنهن کي بنگالي سڏڻ خراب سمجهيو ويو ٿي ڇو ته ان جي پويان نفرت ۽ ڌڪار جو احساس هو، جيتوڻيڪ ملايا ۽ انڊونيشيا پاسي ”بنگالي“ مان مطلب فارينر سمجهيو وڃي ٿو، جو گذريل صدين ۾ ملايا پاسي جيڪو به فارينر آيو ٿي اهو چاهي گجراتي هجي، عرب، ايراني يا پنجابي ته اهو coasting ڪندو (تن ڏينهن ۾ ڊئريڪٽ هلڻ وارا پاڻي جا جهاز، آگبوٽ، ٻيڙا نه هئا) بنگال جو ڪنارو ڏئي ملايا پهتو ٿي سو ملايا وارن لاءِ اهي سڀ بنگالي هئا، چاهي بنگال صوبي جو هجي يا ننڍي کنڊ جي ڪنهن به صوبي جو. ايتريقدر جو پنڌرهين صديءَ ۾ جڏهن پورچو گالي ملاڪا پهتا ته انهن کي به ملئي ماڻهو بنگالي سڏڻ لڳا پر سندن رنگ اڇو چٽو هجڻ ڪري کين Puteh (معنيٰ سفيد) بنگالي سڏڻ لڳا.
    بهرحال هتي آمريڪا ۾ به جيڪي آفريڪا کان آيل ڪارا پورهيت ۽ غلام پهتا تن کي يورپين ۽ آمريڪن ڪارو (Black) سڏڻ لڳا يا نيگرو (شيدي). اسان وٽ ڪنهن کي شيدي سڏڻ نفرتجي نشاني ناهي. بلڪه اسان وٽ شيدي ماڻهو چرچي ڀوڳ، ڳائڻ وڄائڻ ۽ ملڪ لاءِ وفاداريءَ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو پر هتي آمريڪا ۾ رهندڙ آفريڪا کان آيل باشندا توڙي ڪئريبن سمنڊ جي ٻيٽن جا رهاڪو اهڙن لفظن تي غم ۽ غصي جو اظهار ڪن ٿا. نيگرو يا ڪاري کان علاوه اڄ ڪلهه Coloured (رنگين) وڌيڪ استعمال ۾ ايندڙ لفظ آهي. ڏکڻ آفريڪا جتي هيستائين رنگ کي وڏي اهميت ڏني وئي ٿي، اتي بلئڪ معنيٰ مڪاني (يعني آفريڪا کنڊ) جا ڪارا (شيدي) ۽ ڪلرڊ معنيٰ اسان ننڍي کنڊ جا رهاڪو (جنهن ۾ ڪرمچند گانڌي به شامل هو)، چيني، ملئي ۽ عرب وغيره پر آمريڪا ۾ رهندڙ ڪارن (شيدين) توڙي ناسي ڀورن جئميڪن، ڪئريبين ۽ ٻين کي ڪلرڊ سڏيو وڃي ٿو.
    ابراهام لنڪن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي نيڪ گورا انسان ان ڪوشش ۾ لڳل آهن ته انسان کي رنگ جي بنياد تي نه پر سندس ڪم ۽ سٺائيءَ جي لحاظ سان گروپن ۾ آندو وڃي، پر تڏهن به توهان کي محسوس ٿيندو ته عام طرح آمريڪا جا گورا آفريڪا جي شيدين سان گڏ هر ”ڪاري“ ۽ رنگين کي غلام سمجهن ٿا، جاهل ۽ اڻ پڙهيل سمجهن ٿا. بداخلاق ۽ ڪاهل سمجهن ٿا ۽ پنهنجي نفرت جو اظهار کين ”ڪلرڊ“ جو لقب ڏيڻ سان ڪن ٿا ۽ هتي جا غريب توڙي وڏي عهدي ۽ رتبي تي پهچي ويل شيدي چڱي طرح سمجهن ٿا ته يورپي ۽ گورا کين ڪلرڊ سڏڻ سان پنهنجي نفرت جو اظهارڪن ٿا ۽ هو سندن اکين ۽ دل ۾ پنهنجي لاءِ لڪل نفرت محسوس ڪن ٿا. علي بروهيءَ جو Sana (سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) جي ميمبرن ڏي موڪليل هي شعر هڪ اهڙي ئي آمريڪا ۾ رهندڙ آفريڪا جي شيديءَ جو آهي، جيڪو کين ڪلرڊ سڏڻ وارن کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته توهان اسان کي ڪلرڊ ڇو ٿا سڏيو- اهي ته دراصل توهان آهيو.
    POEM BY AN AFRICAN MAN
    DEAR WHITE FELLA,
    COUPLA THINGS, YOU SHOULD KNOW.
    WHEN I BORN, I BLACK
    WHEN I GROW UP, I BLACK
    WHEN I COLD, I BLACK
    WHEN I SCARED, I BLACK
    WHEN I SICK, I BLACK
    AND WHEN I DIE, I STILL BLACK.
    AND YOU WHITE FELLA,
    WHEN YOU BORN, YOU PINK
    WHEN YOU GROW UP, YOU WHITE
    WHEN YOU GO IN DA SUN, YOU RED
    WHEN YOU COLD, YOU BLUE
    WHEN YOU SICK, YOU GREEN
    AND WHEN YOU DIE, YOU GRAY
    AND YOU CALLING ME COLORED???
    منهنجا پيارا گورا ڀائرو،
    ڪجهه ڳالهين جي ته توهان کي به ڄاڻ هجڻ کپي،
    جڏهن آئون ڄائو هوس ته ڪارو هوس،
    وڏو ٿيس ته به ڪارو رهيس،
    اس ۾ نڪران ٿو ته به ڪارو آهيان،
    ٿڌ ۾ پڻ ڪارو رهان ٿو،
    خوف جي حالت ۾ پڻ منهنجو ساڳيو رنگ رهي ٿو،
    بيمار ٿي جڏهن بستر تي ڪران ٿو ته به آهيان ڪارو مان،
    مرڻ وقت به رنگ منهنجو ڪارو آهي!
    ۽ توهان گورا انگريز ۽ يورپيو!
    ڄمڻ وقت توهان گلابي ڳٽن وارا آهيو،
    مچي مڙس ٿيڻ تي سفيد ٿيو وڃو،
    سج جي تپش ۾ يڪدم تپيو ڳاڙها ٿيو وڃو،
    ٿڌ ۾ توهان وري نيرا رهو ٿا،
    بيماريءَ جي حالت ۾ ساوا، توهان لڳو ٿا،
    مرڻ وقت ڀورا مٽيءَ جهڙا!
    ۽ توهان جيڪي رنگ مٽايو ٿا.
    مون هڪ رنگي کي ”ڪلرڊ“ سڏيو ٿا!
    آمريڪا توڙي ڪئناڊا ۾ اهي ماڻهو جيڪي گورا يورپي يا انگريز نه آهن، اهي سڀ ”ڪلرڊ“ آهن. يعني هيٺاهين درجي جا- انهن ۾ اسان ايشين به اچي وڃون ٿا، ويندي هتي جا اصلوڪي باشندا ريڊ انڊين به- آفريڪي ڪارا ته شروع کان ئي ڪلرڊ، سڏبا اچن.
    هڪ ڪاري آمريڪن چيو ته فقط ”ڪارو“ يا ”نينگرو“ سڏجڻ کان وري به ڪلرڊ لفظ ڪجهه بهتر آهي، جو بلئڪ (ڪارو) لفظ مان مراد ته فقط اسين آفريڪا کان آيل غلام ۽ پورهيت شيدي ٿياسين. ڪلرڊ ۾ ته انڊين، چيني، عرب به اچي ويا، جن ۾ ڪيترا پڙهيل ڳڙهيل، پئسي وارا ۽ سائنسدان پڻ آهن.
    آفريڪا کنڊ جي هڪ ملڪ جي ڊپلومئٽ جو به اهو ئي خيال آهي ته Colored سڏڻ ۾ وري به گهٽ بيعزتي آهي ۽ اهو لفظ برداشت ڪري سگهجي ٿو پر هر ڪاري يا آفريڪن شيديءَ کي ڪارو يا نينگرو سڏڻ غم ۽ غصو ٿو ڏياري جو انهن لفظن سان اسان کي سڏڻ واري جي مراد اسان کي غلام، ٻانهو، جاهل ۽ جنگلي سمجهڻ آهي. جيتوڻيڪ جن کي توهان اهو سمجهي بندوق جي زورتي اڄ کان ٻه سئو سال کن اڳ آفريڪا کان وٺي آيائو انهن جو اولاد اڄ توهان گورن وانگر تعليم يافته ۽ وڏن عهدن تي آهي. ان کان علاوه آمريڪا ۾ جيڪي آفريڪا جا شيدي هلن پيا، اهي سڀ توهان گورن جي زرخريد ٻانهن جو اولاد نه آهن. اهي آفريڪا ۽ ڪئريبين سامونڊي ملڪن ۽ ٻيٽن جا اعليٰ عملدار ۽ ڊپلومئٽ به ٿي سگهن ٿا.
    مالڪوم (Malcolm-x) جهڙن آفريڪي نسل جي آمريڪن هتي جي گورن سان چڱيون چڪريون کاڌيون آهن ته توهان اسان آفريڪن کي ”بلئڪ“ يا ”نينگرو“ ڇو ٿا سڏيو؟ توهان جپان جي رهاڪو کي جپاني ٿا سڏيو، چين جي رهاڪوءَ کي چيني ٿا سڏيو. اهڙيءَ طرح آمريڪا ۾ رهندڙ آفريڪي شيدين کي ”آفريڪي آمريڪن“ ڇو نٿا سڏيو؟“ توهان اسان کي ”ڪارو“ يا ”نينگرو“ (Negro) ڪهڙي بنياد تي سڏيو ٿا؟ ڇا ڪو اهڙو به ملڪ آهي، جنهن جو نالو ڪارو آستان (Black Land) آهي، جيڪڏهن آهي ته پوءِ اتي جي ماڻهن کي توهان انهن نالن سان سڏيو.
    هونءَ نيگرو “Negro” لفظ اسپيني ۽ پورچوگالي زبانن جو آهي، جنهن جي معنيٰ ڪارو آهي. آمريڪا جي ڪيترين رياستن ۾ توڙي ڪئناڊا ۾ ڪيترا آفريڪي نسل جا ماڻهو ”بلئڪ“ سڏجڻ تي سخت دل ۾ ڪن ٿا پر ”بلئڪ پرسن“ سڏجڻ تي اعتراض نٿا ڪن. يعني لفظ ”ڪارو“ اسم طور استعمال ڪرڻ کي تمام گهڻو خراب سمجهيو وڃي ٿو پر صفت طور ان کي گهٽ خراب سمجهيو وڃي ٿو. برطانيا ۾ به اڄ ڪلهه آفريڪا جي ڪارن ماڻهن جي جذبات جو خيال رکڻ خاطر کين “Black Briton” سڏڻ بدران Black British People سڏيو وڃي ٿو.


    اڄ جو ۽ اڳ جو آمريڪا

    ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ يعني گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو پهريون دفعو هن پاسي اچڻ ٿيو هو ته يورپي گورن ۽ آفريڪي شيدين کان علاوه، ويجهڙائيءَ ۾ آمريڪا ۾ اچي Settle ٿيڻ وارن ۾، گهڻائي پورٽوريڪن، ميڪسيڪن ۽ ٻين اوسي پاسي جي ٻيٽن (جيڪي ڪئريبين سمنڊ جا ٻيٽ سڏجن ٿا جن ۾ هائتي، جئميڪا، ڪيوبا ۽ ويسٽ انڊيز وغيره اچي وڃن ٿا) ۽ وچ آمريڪا (ڪاسٽاريڪا، گئاٽيمالا، نڪراگئا) جي ملڪن جي رهاڪن جي هئي، جيڪي هسپانوي (Spanish) زبان ڳالهائين ٿا ۽ انهن کي U.S.A آمريڪا وارا لئٽينو (يعني لئٽن آمريڪا جا ماڻهو) سڏين ٿا. يعني لئٽينو گروپ جي ماڻهن ۾ ڏکڻ آمريڪا جي ڏورانهن ملڪن چلي، پيرو ۽ برازيل جا به ماڻهو اچي ويا ته آمريڪا (U.S.A) جي بلڪل ويجهڙائي وارن ملڪن يعني ميڪسيڪو، ڪيوبا، پورٽوريڪا جا به اچي ويا.
    انهن ڏينهن ۾ اسان وارن ملڪن، يعني ننڍي کنڊ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ وچ اوڀر جا ماڻهو آمريڪا U.S.A ۾ تمام ٿورا هئا. عرب اڃان ايڏو ڏور نه نڪتا هئا، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ لبناني ۽ شامي عرب آمريڪا ۾ ضرور هئا جن ۾ گهڻائي Coptic عربن جي هئي. يعني هنن عربي ضرور ڳالهائي ٿي پر سندن مذهب عيسائي هو. ملائيشيا ۽ اندونيشيا پاسي جا ماڻهو اڄ به نڪرڻ ۾ سست آهن. هو هڪ ئي موسم، مينهوڳي واريءَ تي هريل آهن ۽ ٿڌن ملڪن کان پاسو ڪن ٿا. ايراني ضرور نظر ايندا هئا پر انهن ۾ به اسي نوي سيڪڙو زورو سٽرن (باه جي پوڄارين جو- جن کي پاڻ وٽ پارسي سڏين ٿا) جو هو يا بهئائي مذهب سان واسطو رکندڙن جو هو. ايراني مسلمان ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر آيا ٿي. يورپ توڙي آمريڪا ۾ مسلمان ايرانين ۽ عربن جو اچڻ خمينيءَ جي انقلاب بعد يا صدام جي ڏينهن ۾ ٿيو.
    تن ڏينهن ۾ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن مان انڊيا جا U.S.A ۾ ڪافي هئا. ڪافي معنيٰ چڱا خاصا- يورپ ۽ برطانيا ۾ جيترا انڊين ان وقت هئا، اوترا هيڏانهن آمريڪا ۾ نه هئا. پاڪستاني، سري لنڪن بنگالي يا گورکا ۽ نيپالي ته بلڪل اٽي ۾ لوڻ برابر هئا. ڏکڻ آمريڪا جي ماڻهن جو U.S.A (آمريڪا) ۾ اچڻ ۾ ته عقلمندي هئي پر اسان وارن ملڪن کان ايشيائي ماڻهو هيڏو مفاصلوڪري آمريڪا ڇو اچي، جڏهن هن کي برطانيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آرام سان نوڪري، ڌنڌو، بيروزگاريءَ جي حالت ۾ سوشل الائونس ۽ سال ٻن بعد شهريت ۽ پاسپورٽ به ملي ويو ٿي. سو هُنن جرمني، فرانس، اٽلي، انگلينڊ ڏي ئي لڏپلاڻ ڪرڻ ۾ بهتري سمجهي ٿي. سئيڊن، ناروي ۽ ڊئنمارڪ پاسي به گهڻن پوءِ رخ رکيو جڏهن ٻين ملڪن ۾ رهڻ تي پابنديون ۽ سختيون وڌڻ لڳيون. سو تن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ اسان جي شڪل وارن ماڻهن ۾ گهڻائي انڊيا جي رهاڪن جي هئي. باقي پاڪستان، سلون، نيپال پاسي جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا ۽ اسان سڀني جو هڪ جهڙو رنگ روپ ۽ نمونو هجڻ ڪري اسين سڀ انڊين سڏبا هئاسين. هاڻ پنجٽيهه کن سالن بعد آمريڪا اچي هڪ نئين ٽرم ”ديسيءَ“ جو اضافو ٻڌو اٿم. ديسي ماڻهو، ديسي کاڌا، ديسي ميوزڪ، ديسي چئنل، ديسي عادتون وغيره ۽ ديسي ۾ نه فقط اتر انڊيا جا ماڻهو (شروع ۾ آمريڪا ۾ انڊيا جي اتر وارن صوبن جي ماڻهن جي گهڻائي هئي، تامل ناڊو، ڪيرالا ۽ ڏکڻ هندستان جي ڏاکڻي حصي جي ماڻهن جو رخ سري لنڪا، ملائيشيا، سنگاپور ۽ اڃان به اڳتي ته نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا طرف هو) پر ڏکڻ ۽ اوڀر انڊيا جا ماڻهو، پاڪستاني، سري لنڪن، بنگلاديشي، نيپالي وغيره اچي وڃن ٿا. انهن ملڪن جي ماڻهن جون، سواءِ مذهب جي، ٻيون ڪيتريون ڳالهيون، عادتون ۽ شوق ساڳيا آهن. ڏکڻ هندستان جا ماڻهو يا انڊيا جي گجرات ۽ بنگال صوبي جا ماڻهو جيڪي ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي رهيا پيا آهن، انهن کي اڙدو يا هندي صفا ڪا نه اچي. مڪاني زبان ملئي ۽ انگريزي ڳالهائين يا پنهنجي مادري زبان تامل، گجراتي ۽ بنگالي. هنن کي هندي ڳالهائڻ جي ضرورت به ڪهڙي جو ملائيشيا پاسي هنديءَکان وڌيڪ سندن صوبي جي زبان تامل ۾ گهڻيون فلمون هلن ٿيون. سنگاپور جي چئن قومي زبانن مان تامل هڪ آهي (۽ ٻيون ٽي زبانون چيني، ملئي ۽ انگريزي آهن). پر هتي آمريڪا ۾ رهندڙ تامل هجن يا بنگالي، گجراتي هجن يا نيپالي، هو هندي ڄاڻن ٿا. اسان پاڪستانين جي ته هونءَ ئي اڙدو زبان آهي، جيڪا هنديءَ جهڙي آهي. ان ڪري هتي جا ديسي، انگريزي کان پوءِ ٻي ٻولي جنهن ۾ گهڻو Communicate ڪن ٿا، اها هندي آهي. هتي جيڪي ڪيبل ذريعي چار پنج انڊين ٽي وي جا چئنل هلن ٿا- زي ٽي وي، سهارا ٽي وي، اسٽار ٽي وي وغيره- اهي سڀ هنديءَ جا آهن، جيتوڻيڪ تامل، بنگالي ۽ خاص ڪري گجراتي ڳالهائيندڙن جو ته تمام وڏو تعداد آمريڪا ۾ رهي ٿو.
    هونءَ آمريڪا ۾ ننڍي کنڊ جي کاڌي کي ”انڊين فوڊ“ سڏيو ويو ٿي جنهن جو مطلب اتر پرديش، پنجاب ڪشمير-يعني انڊيا جي اتراهن علائقن جا کاڌا هوندا هئا پر هاڻي ”ديسي فوڊ“ جو لفظ وڌيڪ مشهور ٿيندو وڃي، جنهن ۾ ڀت، ٻوڙ، دال، اڊلي، ڊوسا، روٽي چپاتي ۽ ٻيا گجراتي، بنگالي، مدراسي ۽ ٻيا ڏکڻ هندستاني کاڌا عام ٿي ويا آهن. ناچ گانن ۾ به هونءِ آمريڪا ۾ انڊين فلمي يا وڌ ۾ وڌ پنجابي ڀنگڙا مشهور هئا، جن انڊيا جي راڳ روپ جي نمائندگي ڪئي ٿي. پر هاڻ اهي ڊانسون انڊين بدران ”ديسي“ سڏجڻ لڳيون آهن، جن ۾ بنگالي ۽ نيپالي ڊانسون به شامل آهن ته راس، ڀنگڙا، ڀارت نتيام، ڪٿڪ ۽ ڪُچي پودي به اچي وڃن ٿيون.
    سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر جاويد ڀٽو (جيڪو اڄ ڪلهه هتي آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ سان وابسته آهي) جنهن جو تفصيلي احوال آمريڪا بابت هن کان اڳ واري سفر نامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ ڏئي چڪو آهيان، تنهن کان هڪ ڏينهن پڇيم ته ديسي ماڻهن جون ٻيون ته سڀ ڳالهيون ساڳيون يا کڻي چئجن ته هڪ جهڙيون آهن پر مذهب بابت هتي جا ماڻهو مسلمانن ۽ هندن ۾ ڪيئن Distinguish ڪن؟ ”مسلمانن لاءِ ڏاڙهيءَ جو اشارو ۽ هندن کي Dot سڏين“ جاويد ٻڌايو.
    ”ڇا مطلب!“ مون پڇيو مانس.
    ”ڊاٽ معنيٰ ڳاڙهو تلڪ، جيڪو هندو عورتون نرڙ تي هڻن ٿيون.“
    يعني اهو سوال هتي جا گورا انهن مردن کان ڪن جن کي ڏاڙهي ناهي. يعني اهي عورتون جن کي نرڙ تي تلڪ آهي، اهي هندو ٿيون. بنا تلڪ واريون مسلمان. ڏاڙهي وارا مرد مسلمان ۽ بنا ڏاڙهيءَوارا مرد مسلمان به ٿي سگهن ٿا ته هندو به. پڪ ڪرڻ لاءِ هنن کان پڇيو ويندو آهي Are You a Dot? معنيٰ توهان جو هندو ڌرم سان واسطو آهي.
    آمريڪا ۾ ديسي ادب ۽ ميوزڪ
    بهرحال اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي. ديسي ماڻهن مان ڪن ڪن، بدناميون به پيدا ڪيون آهن. پر گهڻي ڀاڱي ديسي ماڻهن ۽ انهن جي ديسي کاڌن، ديسي ادب (Literature) ديسي ميوزڪ هتي جي گورن ۽ انهن جي ملڪ تي چڱو خاصو Impact به پيدا ڪيو آهي. ڇو جو هتي جا ڪيترا گورا هاڻ ڪيتريون ئي ديسي شيون ائين پسند ڪن ٿا جيئن جپاني ماڻهو فرينچ ڊش پسند ڪن ٿا. رڳو ديسي ادب کي ڏٺو وڃي ته اڄ جي ٽي وي ۽ انٽرنيٽ جي دور ۾ به پنهنجي ادب کان وڌيڪ ديسي ادب پسند ڪن ٿا جن ۾ آرڪي نارائڻ جي ڪلاسيڪل لکڻين۽ وي. ايس نائيپال جي ڪتابن کان انيتا ڊيسائي، گيتا مهتا، راج ڪمال جها جهڙا اديب اچي وڃن ٿا جن جا ڪتاب نيويارڪ، واشنگٽن ۽ بالٽيمور کان ائٽلانٽڪ سٽي، ايڊيسن ۽ سائڪرا مينٽو جهڙن شهرن جي ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ نظر اچن ٿا، اڄڪلهه ويجهڙائيءَ ۾ ڪجهه ٻيا به ديسي ادب هتي آمريڪا ۾ پسند ڪيا پيا وڃن، جيئن سُوڪيتو مهتا (جنهن جو ڪتاب Maximum City هتيجي SANA جي ڪيترن ميمبرن پڙهيو ۽ پسند ڪيو آهي، مون کي به پروفيسر نديم جمالي صاحب اهو ڪتاب پڙهڻ لاءِ چيو)، مترا ڪاليتا جو ڪتاب Suburban Sahibs، مونيڪا عليءَ جو Bricklane ۽ جهمپالاهيريءَ جو Namesake ڪتاب، جيڪي هنن پنهنجي وطن بابت لکيا آهن، هتي جي گورن ۽ گورين جي هٿن ۾ نظر اچن ٿا. ائين ته ڪجهه عرصو اڳ وڪرم سيٺ جي ڪتاب A Suitable Boy، چترا بينر جي ديوا ڪاروني جو ڪتاب Mistress of Spices به نه فقط آمريڪا پر سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيو هو. گذريل ڏهن سالن کان ديسي ليکڪن جي لکڻين ۾ ڪافي دليري (Boldness) اچي رهي آهي، جنهن جو مال ارون ڌاتيءَ جو نالو The God of Small things آهي. اڄ ڪلهه گوتم ملڪاڻيءَجي ناول لنڊنستاني (Londonstani) جي به هتي وڏي واکاڻ آهي.
    نه رڳو ناول پر ڪيترا سنجيده قسم جا سياسي، تواريخي ۽ يادداشتن جا ڪتاب پڻ هتي جا گورا آمريڪن وڏي شوق سان پڙهن ٿا. اهڙو ئي هڪڙو ڪتاب حسين حقانيءَ جو “From Mosque to Military” هن مهيني هتي جي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، جيڪو ڇپيو به آمريڪا ۾ آهي. هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو هتي اڄ ڪلهه ڇپجي رهيو آهي، جنهن جي ماڻهو جي وات ۾ ڳالهه آهي اهو پاڪستاني جرنلسٽ نفيسه هودڀائي جي يادگيرين ۽ پاڪستاني معاشرتي مسئلن بابت آهي. نفيسه هودڀائي پروفيسر جاويد ڀٽو صاحب جي گهر واري آهي ۽ هتي Voice of America سان وابسته آهي.
    ديسي ميوزڪ ۾ هندي ۽ اڙدو جا گانا هتي مشهور آهن ۽ ٻئي نمبر تي پنجابي ۽ گجراتي. ائين ته ننڍي کنڊ جي ڪهڙي زبان آهي، جنهن جي ڳالهائڻ وارا هتي آمريڪا ۾ نه آهن. پر ٻيون ٻوليون گهرن تائين محدود آهن. ديسي فنڪشنن، ميلن، سميلن، انڊين فلمون هلڻ دوران سئنيما گهرن ۾، عام طرح هندي / اردو گانن جا آواز ڪنن تي پون ٿا. دڪانن تي آڊيو ۽ وڊيو جا ڪئسٽ ڪيترين ئي زبانن ۾ ملن ٿا، جيڪي نه رڳو پاڪستان ۽ هندستان کان هتي وڪري لاءِ اچن ٿا پر Locally به ٺهن ٿا جن ۾ سرينام ۽ ٽرنيڊاڊ جهڙن ملڪن جا انڊين رهاڪو پڻ حصو وٺن ٿا. ٽرنيڊاڊ جو هڪ جوڙو ڪنچن بابلا هتي ڪافي مشهور آهن. هڪ ٻيو گروپ سندر پوپو جو آهي، جنهن جي ميوزڪ جو نالو ”چٽني ميوزڪ“ Chutney Music آهي. پاڪستاني گروپ ”جنون“ به هتي ڏاڍو مشهور آهي ۽ پاڪستاني توڙي انڊين هن کي پسند ڪن ٿا.
    هڪ دفعي فلڪ شير سان گڏ واشنگٽن کان نيو جرسي پئي آيس. سڄي واٽ هو سنڌي ڪئسٽ هلائيندو آيو. ان ۾ هڪڙو گانو واه جو هو:
    مون کي دلا تار- هل هن پار
    پنهنجي ميهر سان، مان ملان هڪ وار
    او پنهنجي ميهر سان ملان هڪ وار
    فلڪ شير ٻڌايو ته گذريل سال هتي نيو جرسيءَ ۾ انڊيا جي سنڌين جو سميلن ٿيو هو، جنهن ۾ هيءَ ڳائڻ واري ڪماري تيجي ڀوڄواڻي پڻ هتي آئي هئي. هتي جي هڪ رڪارڊنگ ڪمپنيءَ هي آڊيو ڪئسٽ ٺاهيو آهي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تيجيءَ جو آواز لتا وانگر بيحد مٺو لڳي رهيو هو يا شايد پينسلوانيا ۽ ميريلينڊ جي جهڙالي موسم ۾ فلڊ لفيا وٽ ڊيلا ويئر ندي ٽپڻ وقت چوڌاري خوبصورت نظاري جو اثر هو جيڪو گاني ۾ رومانيت پيدا ڪري رهيو هو.
    سير ۾ سرتيون ڪاهينديس مان،
    سر جو سانگو ساهيندس مان،
    درد ٿو دل کي دکائي، ستائي سڄڻ جي ٿي سار،
    مون کي دلا تار، هل هن پار
    پنهنجي ميهر سان مان ملان هڪ وار
    فلڪ شير ٻڌايو ته ڪماري تيجي ڀوڄواڻي، انڊيا جي صوبي گجرات جي شهر گانڌيدام ۾ رهي ٿي، جتي ڪنهن اسڪول جي هوءَ پرنسپال آهي. مون کيس ان راڳ جي شروع وارو حصو ٽي دفعا کن وڄرايو، جنهن ۾ هوءَ راڳ کان اڳ ڏاڍي سريلي ۽ سوز واري آواز ۾ ڏوهيڙو ٿي ڏئي:
    ”پريت پڪارون جي ڪيون، ڪيون نيزاريون نينهن.
    اکڙين ۾ آيا تري واچوڙا، جهڙ، مينهن
    الا! هت جيجل! ڄايون ڪيئن، الا پار پهچائج ميهر ڏي...“
    ڪماري تيجيءَ جو ڪئسٽ ٻه هفتا کن نيو جرسي ۽ نيو يارڪ جي ديسي دڪانن تان پڇائيندو رهيس پر خبر پيئي ته سڀ ختم ٿي چڪا آهن. هاڻ فلڪ شير کي چيو اٿم ته پنهنجي ڪئسٽ تان مون لاءِ ڪئسٽ ڀرائي ڏي. فلڪ شير به سوچيندو هوندو ته عجيب سڪڻو ماڻهو آهيان. سندس گاڏيءَ ۾ يا گهر ۾ جيڪو سنڌي راڳن جو ڪئسٽ ٻڌان ٿو ته ان جي فرمائش ڪريان ٿو.
    سنڌي راڳن جا ڪئسٽ ته ڪراچي ۾ به ملن ٿا پر هتي رهندڙ پاڪستاني توڙي انڊين سنڌين وٽ عجيب سنڌي ڪئسٽ ڏسان ٿو، جن مان ڪجهه ته هنن حيدرآباد سنڌ ۽ انڊيا مان گهرايا آهن، ٻيا وري هتي ٿيندڙ ميلن ۽ ملن پارٽين ۾ ٽيپ ڪرايا آهن. ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ (W.S.I) جي چيئرمين به مون کي هڪ سنڌي ميوزڪ جي CD ڏني جيڪا هتي واشنگٽن ۾ رڪارڊ ڪئي ويئي آهي. SANA جي فنڪشن ۾ هڪ مڪاني گورو آمريڪن شازيا خشڪ ۽ ٻين مهمان ۽ مڪاني ڳائڻين جا راڳ رڪارڊ ڪندو رهيو. انهن مان هڪ راڳ آهي:
    ”سالـــن کان پوءِ هيل الا
    مس مس ٿيو آ ميل الا....“...
    ٻڌو اٿم ته اهو راڳ اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ سنڌ TV تان بار بار هلي ٿو ۽ ماڻهن ۾ بيحد مقبول آهي. انگلينڊ جو هڪ ديسي ڳائڻو آهي، جيڪو ”پنجابي ايم سي“ جي نالي سان سڏجي ٿو ان جو هڪ گانن جو آلبم هتي آمريڪا ۾ ڪافي مشهور آهي، جنهن آلبم جو هن نالو ئي رکيو آهي Desi. ڪجهه گانا جن مان ڪيترا پنجابي ناچ ڀنگڙا جا آهن، اهي انگريزي ۽ پنجابي زبانن جو مڪسچر آهن. يعني هڪ اڌ انگريزيءَ جي سٽ ته هڪ اڌ پنجابيءَجي. آمريڪا جي شهر بوسٽن ۾ ديسي ماڻهن جي ”ڪمينا“ (The Cominas) نالي بئنڊ آهي هو پاڻ کي Punjabi Punk سڏائين ٿا.
    اي. آر. رحمان جيڪو سڀ ۾ مشهور ديسي آرٽسٽ آهي، ان سائوٿ انڊين ۽ هندي ميوزڪ کي مغربي ميوزڪ سان مڪس ڪري جيڪو Blend پيش ڪيو آهي، ان جو جواب ناهي. شاهين بدر جنهن جي بئنڊ جو نالو Prodigy آهي. جنهن جا گانا انگلينڊ طرف ته گهڻي وقت کان مشهور هئا پر نيو جرسي جي رميش ٿارواڻيءَ ٻڌايو ته هاڻ هتي اتر امريڪا (يعني U.S.A ۽ ڪئناڊا) ۾ به مشهور ٿي ويا آهن، خاص ڪري Smack my bitch up جهڙا گانا اڪثر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
    آمريڪا ۾ ديسي ڪلچر
    اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ اسانجي ننڍي کنڊ جا آمريڪا ۾ ايترا ماڻهو نه هوندا هئا. وري به انڊيا جا خاص ڪري اتراهين رياستن جا ڪجهه هوندا هئا. باقي ڏکڻ هندستان پاڪستان، بنگال ۽ سري لنڪا پاسي جا اٽي ۾ لوڻ برابرهئا. هاڻ انهن سڀني ملڪن جا جنهن کي پاڻ سائوٿ ايشيا سڏي سگهون، جام ماڻهو نظر اچن ٿا. نوڪرين مزورين، بزنيس ۾ ته جام آهن پر تعليم ۾ به جام آهن. ڪي پنهنجي خرچ تي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ته ڪن پنهنجي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ مٿانهان نمبرکڻي پنهنجي ملڪ جي اسڪالر تي يا ڌارين ملڪن ۽ ادارن جي اسڪالرن تي هتي آمريڪا ۾ پڙهي رهيا آهن. آمريڪا جي اها ڪهڙي يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ انڊيا، پاڪستان.... يعني سائوٿ ايشيا جا شاگرد نه آهن. شاگرد ته هر هنڌ موجود آهن. پر ڪيترين يونيورسٽين ۾ اسان جا ”ديسي“ پروفيسر آهن. رات ڪجهه سنڌي همراهن سان هڪ فنڪشن ۾ ملاقات ٿي خبر پيئي ته سواءِ هڪ يا ٻن جي جيڪي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهن ٻيا سڀ مختلف يونيورسٽين ۾ پروفيسر آهن. انهن ۾ هڪ ته اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ جيڪو نيو يارڪ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ Dean آهي. ٻيا جن سان پهريون دفعو مليس تن مان ڪجهه جانالا هن ريت آهن:
    پروفيسر آغا گل
    پروفيسر نديم جمالي وغيره وغيره.
    آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ اسان جي ملڪن (ڏکڻ ايشيا) جي شاگردن جون ڪيتريون تنظيمون ۽ سنگتون به آهن جيئن ته South Asian Journalists Association: جنهن جا انڊين، پاڪستاني، سنڌي، پنجابي، پٺاڻ، مدراسي، بنگالي، نيپالي ۽ سري لنڪن ميمبر آهن.
    اهڙي طرح Network of south asian professionals نالي هڪ ٻي سوسائٽي آهي. جلسا جلوس، ڪاڄ فنڪشن جا بندوبست ڪرڻ لاءِ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن يعني ”ديسي“ ماڻهن جي هڪ وڏي ڪمپني آهي جيڪا ”ايسٽ ويسٽ انٽرنيشنل“ سڏجي ٿي. توهان کي ڪنهن شادي مراديءَ لاءِ ڪاڄ ڪرڻو آهي ته انهن سان ڳالهايو. هو پنهنجا بئنڊ باجا، آرٽسٽ طبلچي ۽ لائيٽنگ جي بندوبست سان اچي حاضر ٿيندا. نيو يارڪ ۾ رهندڙ قاضي احمدجي ڊاڪٽر غلام نبي انڙ ٻڌايو ته هي ڪمپني East west International وارا نيويارڪ شهر۾ هر هفتي پروگرام ڪن ٿا، جنهن ۾ ويندي بالي ووڊ جا ريمڪس گانا به ڳائين ٿا، جيڪي هيٺين ويب سائيٽ تي ٻڌي سگهجن ٿا:
    http://www.remixsaturdays.com ۽ www.desihitsradio.com
    آمريڪا ۾ ننڍي کنڊ جا- يعني ديسي ماڻهو ايترا ته رهن ٿا ۽ ديسي ميوزڪ انهن ۾ ۽ مڪاني آمريڪن ۾ ايتري ته Popular ٿي ويئي آهي جو دنيا جي مشهور ميوزڪ چئنل MTV وارا هتي آمريڪا ۾ هڪ نئون چئنل MTV Desi لانچ ڪري رهيا آهن. ان بعد منهنجي خيال ۾ جن گورن (آمريڪن) کي ديسي لفظ جي ڄاڻ نه هئي، انهن کي به پئجي ويندي ته Desi لفظ ڇا آهي ۽ ان ۾ ڪهڙا ماڻهو ۽ ڪهڙيون شيون اچي وڃن ٿيون.
    هونءَ هتي آمريڪا ۾ ديسي ماڻهن جون ڪجهه ايف ايم ريڊيو اسٽيشن به آهن جن تان پاڪستاني ۽ انڊين گانا، غزل، گيت، شعرو شاعري، چرچا ڀوڳ (گهڻو ڪري واهيات قسم جا) ايندا رهن ٿا. انهن FM ريڊيو اسٽيشنن جا محدود دائرا آهن. خالد چنا، يا ثمير وسطڙو، فلڪ شير يا رميش ٿاروانيءَ سان نيو جرسي، ميريلئنڊ، پين سلوانيا يا ورجينا رياستن ۾ سفر ڪندو آهيان ته هو ريڊيو جي سئيءَ کي ڦيرائي ڦيرائي آخر اهڙي ڪا ديسي اسٽيشن ڳولي وٺندا آهن ۽ آمريڪا جا رستن تي هلندي پنهنجي وطن جي ٻولين جا آواز ٻڌڻ ۾ ڪيڏي ته حيرت ٿيندي آهي! نه ته مون کي ياد آهي ته 70-1969ع وارن سالن ۾ هنن بندرگاهنِ بالٽيمور، فلڊلفيا، نيوارڪ وغيره وغيره ۾ جڏهن اسان جو جهاز ڪراچيءَکان پهچندو هو ته بندرگاهه جي مزورن کي ته ڇا ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کي به خبر نه هوندي هئي ته ڪراچي يا پاڪستان ڪٿي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ به ڪيترين گهريلو قسم جي آمريڪي عورتن کان کڻي پڇ ته پاڪستان جو نالو ٻڌو اٿانوَ ته ٺهه پهه وراڻينديون: ”ها جتي روز بم ٿا ڦاٽن. جتي روز عورتون ٿيون Rape ٿين.“ هنن جو ڪهڙو ڏوهه. هنن جي ٻاهرين دنيا سان ڄاڻ سڃاڻ فقط مڪاني ٽي وي اسٽيشن جو خبر نامو آهي، جيڪو هو ڏينهن ۾ فقط هڪ دفعو ٻڌن ٿيون. ۽ اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ شام جي اخبار جيڪا ڏوهن ۽ پيار جي پرڻن سان ڀريل هجي. هڪ دفعي اسانجي پاڙي ۾ رهندڙ آمريڪن گوري عورت کي ٻڌايم ته ”اسان بيحد گهڻو سڌريل ۽ مهمان نواز ماڻهو آهيون، جن جي تهذيب پنج هزار سالن کان به پراڻي آهي. موهن جو دڙو ان جو مثال آهي.“
    ٻئي ڏينهن هوءَ هڪ هفتيوار مئگزين نموني جي اخبار کڻي آئي جنهن ۾ منو ڀيل جي فئمليءَ جي دردناڪ ڪهاڻي هئي ۽ پنجاب ۾ مختاران مائيءَ سان ٿيل ظلمن جي سندس زباني هئي. مختارران مائيءَ تي ته شايد هتي فلم به ٺهي رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو ڪيترو غريب، بيروزگار، بيمارين ۾ ورتل: ناانصافين ۽ ظلمن جا ستايل آهن، جيڪي ظالم آهن، جيڪي ٻين جي ڪٽنبن کي پنهنجن ذاتي جيلن ۾ رکن ٿا، جيڪي پنهنجين نياڻين کي ڪاري ڪري مارين ٿا يا قرآن سان شادي ڪرائين ٿا، جيڪي عورت جي تقدس کي پائمال ڪن ٿا، چوريون، ڌاڙا هڻڻ ۽ هڻائين ٿا، انسانن کي وهٽن وانگر اغوا ڪن ٿا، اهي ماڻهو، اهي سردار وڏيرا، اهي ڀوتار ۽ پوليس جون ڪاريون رڍون سڄي پاڪستان يا سڄي سنڌ جي آدمشماري جي ڀيٽ ۾ هڪ سيڪڙو به نه آهن، پر انهن ظالمن اسانجي صوبي يا اسان جي ملڪ کي دنيا جي نظرن ۾ ڪيڏو کڻي خوار ڪيو آهي جو اسان جو ملڪ دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن جو ملڪ بڻجي ويو آهي. يورپ ۽ آمريڪا جا ملڪ ته ڇڏيو پر عرب ملڪ به اسانجي ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري ڏيندي ڇرڪن ٿا. هو ملائيشيا جي شهر ملاڪا جو سؤ کن سال پراڻو هڪ مختصر ۽ Mini قلعو ڏسڻ لاءِ وڃن ٿا پر اسان وٽ حيدرآباد جو هيڏو وڏو ۽ جهونو قلعو يا لاڙڪاڻي جو موهن جو دڙو ڏسڻ لاءِ دل نٿا ٻڌن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف ته اسان نياڻيءَ کي ست قرآن چئون ٿا پر ٻئي طرف حقيقت اها آهي ته ڍورن جي چوريءَ جي چٽيءَ ۾ اسان پنج معصوم نياڻيون وٺيو ڇڏيون ۽ ان قسم جا فيصلا ڏيندڙ ڀوتار ۽ سردار سمجهن ٿا ته هو وڏو نيڪيءَ جو ڪم پيا ڪن. هنن جاهلن کي ته اها به خبر نٿي پوي ته ظلم جي به هڪ حد ٿيندي آهي. انٽرنيٽ ۽ سيٽلائيٽ جو دور اچي ويو آهي. هيومن رائيٽس ۽ وومين واچ ڊاگ تحريڪن جو عملو ورلڊ وائيڊ ٿي ويو آهي. اڄ کڏرو ۽ ٺري ميرواهه ۾ ٿيندڙ قتل جي خبر سئن فرانسسڪو ۽ لاس اينجلس تائين پهچيو وڃي، پنو عاقل ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ اغوا ۽ ڪارو ڪاريءَ جي ڪيسن جي ڄاڻ سکر ۽ خيرپور ۾ پهچڻ کان اڳ دنيا جي ٻي ڇيڙي مشيگان ۽ اوهيو ۾ اڳواٽ پهچيو وڃي ۽ اهڙن ماڻهن جا ڪڌا ڪم نه فقط پنهنجي تر ۾ پر پرديس ۾ رهندڙ ديس واسين لاءِ به مشڪل پيدا ڪن ٿا.


    اسان جي پاسي جا ماڻهو آمريڪا ۾.

    بهرحال اسين اچون پنهنجي وطن جي ماڻهن تي جيڪي هتي آمريڪا ۾ رهن ٿا. آمريڪا يعني U.S.A پنجاهه رياستن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ٽيڪساز، الاسڪا ۽ ڪئليفورنيا جهڙين رياستن جي پکيڙ اٽڪل پاڪستان جيڏي آهي. اسان جي پاسي جا ماڻهو يعني انڊيا پاڪستان يا بنگلاديش وغيره جا آمريڪا جي سڀني رياستن ۾ پکڙيل نه آهن پر چند رياستون آهن جن ۾ هنن جا ڳاهٽ آهن. اهي رياستون هن ريت آهن: نيو يارڪ، نيو جرسي، ڪئليفورنيا ۽ الينئاس. ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي پين سلوانيا، مشيگان، ٽيڪساز، اوهيو ۽ فلوريڊا رياستون آهن جن ۾ اسان جا ديسي ماڻهو گهڻائي ۾ آهن. ۽ انهن رياستن جا وري شهر ڏسجن ته اهي هن ريت آهن: نيو يارڪ سٽي، سئن فرانسڪو، سان جوس، سليڪن وئلي، شڪاگو، لاس اينجلس، واشنگٽن ڊي سي ۽ فلڊلفيا. انهن شهرن کان علاوه هڪ ٻيو شهر جنهن ۾ تيزيءَ سان اسان جي ديسي آدمشماري وڌي رهي آهي. اهو آهي پٽسبرگ. چيو وڃي ٿو ته ننڍي کنڊ کان آمريڪا ڏي ماڻهن جو اچڻ سن 1700ع کان پوءِ ٿيو. 1790ع ۾ پهريون انڊين جيڪو آمريڪا ۾ رهي پيو اهو برٽش نيويءَ جو خلاصي هو. ويهين صديءَ جي پهرين ڏهي ۾ گڏيل هندستان جي پنجاب صوبي جا سک، پنجابي هندو ۽ مسلمان ايترا ته آمريڪا ۾ آيا ۽ اهي سڀ ڪئليفورنيا رياست ۾ اچي Settle ٿيا، ايتريقدر جو هن رياست لاءِ سڀ چوندا هئا ته اها soon- to- be- Indion State of Punjab يعني آمريڪا جي ڪئليفورنيا رياست انڊيا جي پنجاب رياست ٿيڻ جهڙي ٿي پيئي. ان بعد ٽيهه چاليهه سال ٺاپر رهڻ بعد 1950ع ڌاري انڊيا کان وڏي خلق آمريڪا ڏي پهتي. هي انڊيا جي ورهاڱي بعد جي اثرن جو نتيجو هو.
    جيڪي ماڻهو ننڍي کنڊ (انڊيا) کان لڏي آمريڪا اچي رهيا آهن، اهي هونءَ ته کڻي ”ديسي“، ”انڊين“ يا ”ايشين“ سڏجن ٿا پر Officially اهي “Indian American” (انڊين آمريڪن) سڏجن ٿا. يعني انڊيا جا ماڻهو جيڪي هاڻ آمريڪن قوميت رکن ٿا.انهن وٽ آمريڪا جي شهريت ۽ پاسپورٽ اهي. آهي سڀ اهي سهولتون ماڻين ٿا، جيڪي هتي جي گوري آمريڪن کي آهن.
    انڊيا کان لڏي آيل انڊين کان علاوه هڪڙا ٻيا به ته هتي ماڻهو رهن ٿا، جيڪي يورپين کان اڳ آمريڪا جي هن ڌرتيءَ تي موجود هئا. بلڪه يورپ کان آيل قومن: پورچوگالين، انگريزن، اسپينين، اطالوين، المانين (جرمن) وغيره، هنن ماڻهن کي ماري ڪٽي، ڊيڄاري ڌمڪائي يا لالچون ڏيئي هنن جي زمينن تي قبضو ڪري مالڪ ٿي ويٺيون. اهي ماڻهو Red Indians سڏجن ٿا ۽ عام طرح فقط انڊين به سڏجن ٿا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن فقط انڊين چوڻ سان مونجهارو به پيدا ٿئي ٿو ته اڳلو هتي جو ريڊ انڊين آهي يا ايشيا کان آيل انڊين . انڊين چيف مان مراد هتي جي اصلوڪي ماڻهن جو سردار آهي، جيڪو مٿي تي کنڀن واري ٽوپي پايو پيو هلي يا هندستان جي ڪنهن رياست جو راجا، مهاراجا يا نواب پوتار آهي جيڪو فصل لهڻ تي يا قبيلائي جهيڙا ڪرائي غريبن مان ڪڍيل پئسو ۽ پنهنجو پيٽ ڪڍي هتي عيش ڪرڻ آيو آهي. جيئن ته هتي جي اصلوڪي رهاڪن کي ريڊ انڊين سڏڻ سان ڪڏهن ڪڏهن برو ٿو لڳي جو ڪيترا ماڻهو اهو لفظ کين هيٺاهون درجو ڏيڻ لاءِ استعمال ٿاڪن، ان ڪري Officially هنن کي American Indian سڏيو وڃي ٿو. هونءَ به اڄ جي جمهوري دور ۾ هو به هن ملڪ جا اهڙا ئي شهري ۽ پاسپورٽ رکندڙ آهن، جهڙا هتي جا يورپي گورا. بلڪه ڏٺو وڃي ته هو وڌيڪ عزت جا لائق آهن جو هو هتي جا اصلي باشندا آهن، هيءِ سندن ڌرتي آهي. يورپي گورا ته پوءِ لڏي هتي اچي رهيا. جيئن اسان وٽ چيو وڃي ٿو ته سنڌ جا اصل باشندا ته باگڙي، ڀيل، مينگهواڙ، ڪولهي يا برهمڻن جي ذاتين مان لوهاڻا، ڀاٽيا وغيره آهن يا کڻي چئجي ته اوڏ به هتي جا اصل سنڌي آهن. سما، سومرا ۽ ڪلهوڙا وغيره به پنجاب کان سنڌ ۾ آيا پر هل کڻي چئجي ته اهي ۽ ٻيا سماٽ قومن جا ماڻهو به کڻي ڪجهه ڪجهه جهونا سنڌي سڏجن. ٻين جي مقابلي ۾ کڻي نه ته به بلوچ قومن کان، جيڪي بلوچستان کان آيون، دراني، پٺاڻ، لوڌي وغيره جيڪي افغانستان کان آيون، قريشي، صديقي، شاهه، سيد جيڪي ذاتيون وچ ايشيا، عرب ملڪن ۽ ايران پاسي کان آيون يا ڀٽي، ڀٽا، سيال، کرل، ملڪ وغيره جيڪي پنجاب کان آيون. آمريڪا ۾ سالن کان جمهوري حڪومت، پريس ۽ خيالن جي آزادي ۽ حقن جي بحالي هجڻ ڪري هتي جا اصلوڪي باشندا ريڊ انڊين پڙهي لکي وڏين نوڪرين ۽ ڌنڌن ڌاڙين ۾ اچي ويا آهن ۽ هاڻ ڏندين ڏاند آهن. هاڻ ڪو سندن نالو ته وٺي ڏيکاري، اکيون ٿا ڏيکارين. اسان وٽ سنڌ جا اصلي ماڻهو باگڙي، ڀيل، ڪولهي مينگهواڙ، تعليم يا سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين ۾ ايترو نه وڌي سگهيا آهن، جيتوڻيڪ پئسي ڏوڪڙ ۽ Savings ۽ انويسٽمينٽ ۾ گهڻن کان اڳيان آهن. ڪيترا اڇن ڪپڙن وارا سندن قرضي آهن. بهرحال انهن جي ته ڇا ان بعد ٻيا جيڪي سنڌ جا شاهه حاڪم ٿيا اهي به پنهنجي ملڪ ۾ پٺتي پئجي ويا آهن نه تعليم نوڪري ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي اٿن ۽ نه صحت ۽ بزنس ۾. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا جي ٻهراڙين ۾ نه فقط سرڪار طرفان ٺهرايل اسڪول قائم ڪيا وڃن ٿا پر هي So called جنگلي ماڻهو ريڊ انڊين انهن اسڪولن ۽ اسپتالن کي پنهنجي طرفان به وڌائين ويجهائين ٿا ۽ انهن جو معيار اعليٰ رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هتي جا ريڊ انڊين ۽ انهن جو اولاد ٻهراڙين ۽ شهر کان ڏورانهن علائقن ۽ ٻيلن جنگلن ۾ رهي به تعليم حاصل ڪرڻ چاهين ٿا هو پاڻ کي ڪنهن به طرح نون آيل يورپي گورن کان گهٽ ٿيڻ نٿا چاهين. بلڪه ڪٿي ڪٿي ته هتي جا گورا کانئن ڪن هڻن ٿا ۽ اجايو ککر ۾ کڙو نٿا هڻڻ چاهين. اسان جي پيٽارو جو چرچائي دوست قاضي احمد جو محمد سميع جادران جيڪو ويهارو کن سالن کان هتي آمريڪا ۾ آهي، کان هڪ گوري آمريڪن پڇيو:
    Are You Immigrant?
    يعني تون لڳي ٿو ته ويجهڙائيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ کان هاڻ هتي آمريڪا ۾ آيو آهين. جيڪا ڳالهه هئي ته صحيح پر اسان وارو سميع به ننڍپڻ کان حاضر جواب ۽ جيسوءَ کي تيسو چوڻ وارو آهي، تنهن ڪاوڙ واري شڪل ٺاهي هن کي چيو:
    ”ڇا مطلب؟ ڀيڻان تون هوندين Immigrant آئون اوريجنل انڊين آهيان. سنڀالي ڳالهاءِ“. سميع جي اهو چوڻ تي هو چلتو ٿي ويو. بعد ۾ سميع ٽهڪ ڏيئي چيو: ڏس رڍ جو پٽ گورو پاڻ کي هن ملڪ جو مالڪ ٿو سمجهي. ڀيڻان اسان ويهه سال اڳ آيا آهيون ته توهان وري هن ملڪ ۾ ڪهڙو صديون اڳ آيا آهيو. توهان به اسان وانگر هن ملڪ ۾ پناهگير آهيو. توهان کڻي چاليهه سال اڳ آيا آهيو. يا توهان جا ابا ڏاڏا سؤ سال اڳ آيا پر هي ملڪ توهان جي بابي جو ته نه هو.
    ”خبر اٿئي هو ويچارو اهو سمجهي ڊڄي ويو ته تون ڪو Red Indian آهين.“ مون سميع کي چيو. ”بلڪل. منهنجو مطلب به اهو هو. پڪ ڪرڻ لاءِ پڇي ها ته قسم کڻي به چوانس ها ته آءِ ايم انڊين، ڇو اسان جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن جو انڊيا سان تعلق ڪو نه هو ڇا؟!“


    مونجهاري ۾ ڦاٿل اسان جا ديسي

    عرب ملڪن پاسي جيڪي رهيا هوندا انهن ABCD ويزا جو ضرور ٻڌو هوندو. ستر جي ڏهي کان اڳ تائين عرب ملڪ ايترو امير نه هئا. ستر ۾ عرب دنيا ۾ جتي ڪٿي تيل نڪرڻ ۽ تيل جي قيمت ۾ هيڪاندي واڌ اچڻ ڪري عرب ملڪ يورپ جي ملڪن کان به امير ٿي ويا. پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن جي سک لاءِ هنن ڌارين ملڪن مان ڊاڪٽر، انجنيئر پروفيسر، نوڪر چاڪر وڏن پگهارن تي گهرايا. هر هڪ عرب کي اجازت هئي ته هو فئڪٽري، ڪارخانو يا اسڪول اسپتال کولي ۽ ان لاءِ ٻاهرين ملڪن مان جيترا ماڻهو وڻيس اوترا گهرائي. فئڪٽري ڪارخانن لاءِ ته بنا وياج جي به سرڪار طرفان اوڌر ملين ٿي ۽ ويهارو سالن بعد هڪ طرف عربن جي پئسي ۾ کوٽ آئي ۽ ٻئي طرف پاڪستان، انڊيا، سريلنڪا، بنگلاديش جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن ۾ اهو ڪلچر گهر ڪري ويو ته عرب ملڪن ڏي هلو. (يعني دبئي چلو) اتي پئسو آهي ۽ پوءِ نوڪريون مهيا نه هيون ته به ويزا حاصل ڪري عرب ملڪن ۾ پهچي ويا ٿي ۽ اتي هٿ پير هڻڻ سان کين ڪاميابي ٿي ٿي. وقت سان گڏ هڪ طرف عرب ملڪن ۾ نوڪريون گهٽجي ويون، ۽ ٻئي طرف گهڻي خرچڻ جي عادت ڪري عربن کي پئسي جي کوٽ ٿيڻ لڳي. هنن ڏٺو ته ٻي ڪنهن ڪمائيءَ کان اها آسان ڪمائي آهي ته پاڪستان هندستان جهڙن ملڪن ۾ وڃي ماڻهن کي مفت ويزا ڏيڻ بدران پئسن تي ڏجي. ان قسم جون ويزائون اوپن ويزائون سڏجڻ لڳيون، جنهن ۾ ڪو به عرب گهرائيندڙ ماڻهوءَ کي نوڪري ڏيڻ لاءِ ٻڌل نه هو. اهو ڪم جڏهن گهڻو اڳيان وڌيو ته عرب حڪومت پنهنجن ماڻهن لاءِ اهو قانون ٺاهيو ته هر عرب ضرورت موجب فقط چار ماڻهو گهرائي سگهي ٿو. يعني هو پنهنجي آسائش ۽ سک لاءِچئن قسم جي ڪم وارن کي ويزا ڏئي سگهي ٿو. اهي هن ريت آهن: ٻارن جي سنڀال ڪرڻ واري آيا Ayah، گهر جي ڪم ڪار لاءِ ڇوڪرو Boy، رڌ پچاءَ لاءِ بورچي Cook، ۽ گاڏي هلائڻ لاءِ ڊرائيور، Driver.
    آيا، بئاء، ڪڪ ۽ ڊرائيور کي گهرائڻ واريون ويزائون اي بي سي ڊي سڏجن ٿيون. ڪويت يا سعودي عرب ۾ هوندو هوس ته ڪيترا اسان جي ملڪ جا ڊاڪٽر انجنيئر ٻڌائيندا هئا ته هو ABCD ويزا تي هتي آيا ۽ پوءِ هٿ پير هڻي پنهنجي پروفيشن واري نوڪري هٿ ڪيائون.
    هتي آمريڪا ۾ به اهو لفظ ”اي بي سي ڊي“ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي ٿو جيڪو اسان جي ديسي ماڻهن، يعني سائوٿ ايشيا جي ڪجهه نوجوان طبقي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اهي پاڪستاني، انڊين نوجوان جن جا والدين ننڍي کنڊ کان آيا پر پاڻ ڄاوا نپنا هتي ئي ۽ هنن کي ننڍپڻ ۾ سندن والدين آزاد ڇڏي ڏنو ته ڀلي هتي جي مڪاني ڪلچر ۾ رچي بسي وڃن. اهي ABCD سڏجن ٿا يعني
    American Born Confused Desi
    هي نوجوان سخت مونجهاري ۾ رهن ٿا ته آيا هتي جي ڪلچر ناچ، گاني، شراب وغيره کي اپنائين يا پنهنجن وڏن جي روايتن، رسمن ۽ مذهب کي Follow ڪن.
    هڪ ٻه اهڙين سنڌي فئملين سان به ملاقات ٿي جن شروع ۾ بي خياليءَ ڪري، يا مشغول هجڻ ڪري پنهنجن ٻارن تي ڌيان نه ڏنو. بلڪه هنن ان کي فخر جي ڳالهه ڪري سمجهي ته سندن ٻار هتي جي مڪاني ٻارن سان گڏ دوستي رکي مڪس پارٽيون ۽ پڪنڪون پيا ملهائين، پر هاڻ جڏهن هو جوان ٿيا آهن ته سندن والدين به سخت پريشان آهن ته هو پاڻ به مونجهاري ۾ آهن ته هاڻ ڇا ڪجي. والدين چاهين ٿا ته هو پنهنجن مڪاني دوستن ۽ انهن کان حاصل ڪيل عادتن کي ڇڏي نيڪ نمازي ٿين، والدين جي عزت ۽ خيال ڪن ۽ سندن بالغ اولاد اهو ئي چوندو وتي ٿو ته اسان هنن پوڙهن مان چڱو ڦاٿا آهيون. هڪ ٻن ٻارن کي ته ڏٺم ته مائٽن سان ضد ڪري الڳ فلئٽ وٺي هينئر ئي ڌار ٿي وڃي رهيا آهن، جتي هنن جي ايندڙ گرل فرينڊس ۽ ٿيندڙ مڪس پارٽين جو ٻڌي والدين کي هن ڀيريءَ جي عمر ۾ ڏک ٿو رسي. هڪ پيءُ ته مون کان ان ڳالهه جي راءِ ورتي ته ڇا ائين بهتر نه ٿيندو ته آئون پنهنجي پٽ کي پاڪستان وٺي هلي سنڌ مان ڪنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرايان.
    ”پوءِ ان سان ڇا ٿيندو؟“ مون پڇيو.
    ”شايد سڌري پوي.“ هن وراڻيو.
    ”ٿي سگهي ٿو هن غريب نياڻيءَ جي به زندگي عذاب ڪري. اها ڇوڪري جيڪا هن جي طبيعت سان مطابقت نٿي رکي، ان غريب کي هو پرديس ۾ سورن ۾ ئي وجهندو.“
    ڪجهه مائٽن ته افسوس به ڪيو ٿي ته هنن جو ڏوهه آهي. ”هتي آمريڪا ۾ اچڻ سان اسان پاڻ کي مشرقي تهذيب ۾ رکڻ بدران پاڻ کي شراب، ناچ گاني جهڙين شين ۾ رڌل رکيو ۽ ٻارن اسان کي ڏسي اسان جهڙو رنگ حاصل ڪيو آهي.“
    هڪ ٻه والدين پنهنجي جوان اولاد کي ٽرئڪ تان هٽيل ڏسي ايڏو پريشان ٿيل نظر آيا جو هنن پاڪستان موٽڻ چاهيو ٿي پر سندن اولاد ضد تي هو ته هو نه هلندا. هتي آمريڪا ۾ ئي رهندا. والدين ان صورت ۾ ڪجهه ڪري به نٿا سگهن جو هنن وٽ آمريڪا جي شهريت ۽ پاسپورٽ آهي ۽ هو پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن. هڪ ٻن اهڙين فئملين سان به ملاقات ٿي جتي ٻار ته واپس پاڪستان اچڻ لاءِ نابري واريو ويٺا آهن پر سندن زالن به پنهنجي اباڻي وطن ڏي هلڻ لاءِ راضپو نٿي ڏيکاريو. هڪ منهنجو دوست تنهن کي ٽي ڌيئون آهن. وڏي جيڪا بالغ آهي يا 18 سالن کان وڏي آهي، تنهن جي هتي جي مڪاني گورن سان دوستي ڪري سندس والد سخت پريشان آهي. هن پنهنجي ڌيءَ کي آمريڪا ۾ وڌيڪ پڙهڻ بدران ڪراچيءَ ۾ آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ موڪلڻ چاهيو ٿي.
    ”آئون هن کي اهو به چوان ٿو ته جيترو به خرچ اچي آئون تو کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، تون ڪراچيءَ وڃي پڙهه، جتي تنهنجي ماسي به آهي، پر هوءَ ڪنهن به صورت ۾ آمريڪا جي ماحول کان پري نٿي رهڻ چاهي ۽ ان ۾ منهنجي زال به ساڻس سهمت آهي.“
    دوست جي چوڻ تي مون هن جي نياڻيءَ کي آغا خان يونيورسٽيءَ جي سٺاين بابت ٻڌايو ته اها بين الاقوامي معيار جي آهي، پر ڇوڪريءَ کي هيوسٽن (ٽيڪساز) ئي وڃڻو هو جو هن جا سڀ دوست (ڇوڪراپڻ) اتي جي ڪنهن ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺي رهيا هئا. سندس والد کي افسوس هو ته هن ننڍي هوندي پنهنجن ٻارن کي پنهنجي ڪلچر ۽ مذهب جي اهميت کان آگاهه نه ڪيو. هاڻ هو هن جي هٿن مان ايتريقدر نڪري چڪا آهن جو هو ان ڏينهن کي پِٽي ٿو، جنهن ڏينهن هن پنهنجو وطن ڇڏي آمريڪا اچڻ جو فيصلو ڪيو. بهرحال ان قسم جي نوجوان ٽهي ABCD سڏجي ٿي. يعني آمريڪا ۾ ڄاول منجهيل ديسي (American Born Confused Desi)


    ڇا آمريڪا ۾ رهڻ سان ٻار خراب ٿيو وڃن؟

    هونءَ پڙهندڙن کي اهو به سوچڻ نه کپي ته يورپ يا هتي آمريڪا ۾ جيڪا به فئملي اچي ٿي ان جا ٻار پنهنجي ڪلچر، ثقافت ۽ مذهب کان ڏور ٿيو وڃن حقيقت ته اها آهي ته مٿين مثالن جهڙا ڪيس تمام ورلي ۽ اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، نه ته هتي رهندڙ اسان جا ديسي توڙِي انهن جا ٻار ايڏو ته محنتي پورهيت، نيڪ ۽ اخلاق وارا آهن جو ڪو سوچي به نٿو سگهي. ان بابت آمريڪا جي هن کان اڳ واري سفرنامي ”يو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ به لکي چڪو آهيان ته ڪو زمانو هو جو ولايت ۾ اسان جي ملڪ جي جاهل وڏيرن، سردارن ۽ پيرن جاگيردارن جا پٽ پئسو وڃائڻ ۽ عياشي خاطر ايندا هئا پر هاڻ مڊل ۽ لوور ڪلاس جا غريب ماڻهو پورهيو ۽ نوڪريون ڪري پئسو بچائين ٿا ۽ پنهنجي فئملي کي جيڪا توڙي هتي هن سان گڏ هجي يا پٺيان پنهنجي وطن ۾، خوشحال ڪن ٿا. مون ڪراچي ۽ پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ ڪيترن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي بداخلاق ڊريس ۽ حرڪتون ڪندي ڏٺو آهي پرهتي نه. هتي هفتي جا پنج ڏينهن گڏهه وانگر پورهيو ڪرڻ بعد هفتي جي موڪل جو هڪ ڏينهن يا ٻه ڏينهن آرام لاءِ ملن ٿا پر اسان جي وطن جا هي پورهيت ۽ تعليم يافته ماڻهو آرام ڪرڻ بدران پنهنجن ٻارن کي ديني تعليم ڏيارڻ لاءِ اسلامڪ سينٽر ۾ وٺي وڃن ٿا، راندين روندين جي ڪلبن ۾ پاڻ سان گڏ وٺي وڃن ٿا. ڪيترا مائٽ ته ٻارن کي ڪمري ۾ اڪيلو ويهي ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ به نٿا کولڻ ڏين. ان جا به ڪيترائي مثال آهن. هتي فقط هڪ ڏيان ٿو. بالٽيمور ۾ ڊاڪٽر منور عباسي جي گهر هوس ته اتي سندس ٻن پٽن کي ڏٺم ته ماءُ پيءُ سان گڏ پنج ئي وقت نماز پڙهي رهيا هئا. منور ٻڌايو ته سندس زال ياسمين ننڍي هوندي کان ٻنهي ٻارن کي اها ئي ٽريننگ ڏني ته اسان کڻي ڪٿي به رهون پنهنجو ڪلچر ۽ مذهب ڇڏڻو ناهي.“ مون کي مڙيئي فجر مهل اٿڻ ۾ سستي ٿيندي آهي پوءِ ٻار رڙيون ڪري اٿاريندا اٿم ته Papa Get up “ منور ٻڌايو.
    منور ٻڌايو ته گهر ۾ ته ٻار ڇا ٻاهر ويندا آهن ته به نماز تي پابند رهن. ”هينئر هفتي کن جي پڪنڪ تي اسڪول وارن سان گڏ ويا. اسان اسڪول جي هيڊ ماسٽر کي لکي ڏنو ته ان شهر ۾ هن وقت فجر جو ٽائيم ٿيندو مهرباني ڪري اسان جي پٽن کي نماز لاءِ اٿارجو.“
    منور ٻڌايو ته ڪمپيوٽر سندس ڪمري ۾ رکيل آهي، جيئن سندس ٻارماءُ پيءُ اڳيان ان کي کولي اسڪول جو ڪم ڪار ڪن. کين هر وقت سندن ماءُ سمجهائيندي رهي ٿي ته دنيا وانگر ڪمپيوٽر جون به ڪيتريون ئي ويب سائيٽس اگهاڙيون ۽ خراب آهن، جن کان اسان کي پاسو ڪرڻ کپي. اسان کي فقط سٺين ڳالهين جي پوئواري ڪرڻ کپي.
    منور جو وڏو پٽ ٻارهن سالن جو مس ٿيندو ۽ ننڍو ڏهن سالن جو. ٻنهي قرآن جا پنج سيپارا حفظ به ڪيا آهن. بالٽيمور شهر ۾ ته مسجدون به آهن ۽ ڪيترائي هتي جا گورا نو مسلم به نماز پڙهندي نظر اچن ٿا پر جنهن هنڌ منور وارن جو گهر آهي، اهو ٻهراڙيءَ وارو علائقو آهي. سو منور کان پڇيم ته پوءِ تنهنجا پٽ قرآن پڙهڻ لاءِ ڪيڏانهن وڃن.
    ”اسان جي علائقي ۾ هڪ عرب مسجد ٺهرائي آهي، جنهن جو امام هڪ مصري آهي.“ منور ٻڌايو، “ ان جي زال ٻارن کي قرآن پڙهائي ٿي. پر ٻار مسجد ۾ وڃڻ بدران گهر ۾ پڙهن.“
    ”ان مصري امام جي زال گهر ۾ اچي پڙهائي؟“
    مون پڇيو.
    ”نه. هن هر ٻار کي ٽائيم ڏيئي ڇڏيو آهي. جيئن اسان جي ٻارن کي قرآن پڙهڻ جو ٽائيم شام جا پنج ڏنا اٿس. پوري پنجين بجي هوءَ فون ڪري هڪ هڪ ٻار کان پراڻو سبق پڇندي آهي ۽ پوءِ وڌيڪ ياد ڪرڻ لاءِ نئون سبق ڏيندي آهي. فون سان گڏ ٽيپ رڪارڊر به attach ڪري ڇڏيو اٿئون. جيئن بعد ۾ هر هر ٻڌڻ لاءِ، ٻار ٽيپ رڪارڊر ذريعي ٻڌي تلفظ صحيح ڪري سگهن.“
    نيو جرسيءَ ۾ فلڪ شير جي گهر هوس ته اهي پڻ پنهنجن ٻارن کي ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن (Weekends) تي ڀر واري مدرسي(جيڪي هتي اسلامڪ سينٽر ٿا سڏجن) ۾ صبح جو وٺي ويندا هئا. شام جو وري اسڪائش ۽ سئمنگ سيکارڻ لاءِ ڪلب ۾ وٺي ويندا هئا. اتي منهنجي ڪيترن ئي ڪراچي جي واپاري ميمڻن سان ملاقات ٿي،ڪ جن جا آمريڪا ۾ ”ون ڊالر شاپ“ ۽ ٻئي قسم جو بزنيس آهي. انهن ۾ هڪ ARY ٽي وي واري عبدالرزاق يعقوب جو ڀائٽيو به هئو. هو ۽ ٻيا پڻ پنهنجن ٻارن کي ڪلب ۾ پنهنجي نظرداريءَ هيٺ رانديون کيڏائڻ لاءِ وٺي آيا هئا جو هو سمجهن ٿا ته هڪ صحتمند ذهن لاءِ صحتمند جسم به ضروري آهي. اتي ئي فلڪ شير هڪ ميمڻن جو ننڍو ڇوڪرو مزمل نالي ملايو، جنهن سڄو قرآن حفظ ڪيو آهي ۽ يوسف جو پٽ آهي. اهڙي طرح نيو يارڪ ۾ هالن جي اڪثر ليليٰ ڪيريو ۽ سندس مڙس ڊاڪٽر رمضان انڙ موڪل وارن ڏينهن تي پنهنجن چئن ٻارن کي مدرسي وٺي ويا ٿي. قران شريف يا نماز پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي پر اخلاق ۾ به مون ڏٺو ته هتي رهندڙ اسان جي ملڪن جا ٻار ڪيترين ڳالهين ۾ پنهنجي عمر جي انهن ٻارن کان بهتر آهن، جيڪي ڪراچي، بمبئي يا ڍاڪا ۾ رهن ٿا ۽ جن جا مائٽ انهن جي ذهني ۽ اخلاقي اوسر تي ڌيان نٿا ڏين.
    مسلمانن جي ڀيٽ ۾ جيتوڻيڪ هندن کي مذهب طرفان شراب پيئڻ تي منع ناهي، تنهن هوندي به مون ڏٺو ته ڪيترائي هندو هتي جي گورن وانگر اڄ ڪلهه سگريٽ ۽ شراب کان پاسو ڪن ٿا جو هو ان کي ميڊيڪلي سٺي شيءِ نٿا سمجهن. ائين ناهي ته هو صفا نٿا ڊرنڪ ڪن. هرگز نه. هي ملڪ اهو آهي، جتي شهرن توڙي ڳوٺن وستين ۾ شراب جا دڪان نظر اچن ٿا، جيئن پاڻ وٽ پان سوپاريءَ جون مانڊڻيون آهن ۽ اسان جي ملڪ جي مقابلي هتي بيئر توڙي وسڪي سستو پڻ آهي ۽ ڪيترا هندو يا هتي جا ڪرسچن ۽ يهودي ڊرنڪ ڪن ٿا پر ڪڏهن ڪڏهن، دعوت ۾ يا ويڪ اينڊ تي هو بيئر جي هڪ بوتل يا پيگ وسڪيءَ جو چاڙهي وڏي ڳالهه سمجهندا آهن. اسان جي ملڪ وانگر هر گز نه جيڪي پي پي پيا الٽيون ڪڍندا ۽ آخر ۾ بيهوش ٿي ويندا ۽ کين کڻي گهر ڇڏبو آهي. ڪن جو ته رستي تي ڪاڪوس به وهي ويندو آهي. اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي دماغ ۾ عجيب ماليخوليا ڀريل نظر اچي ٿي. مڃون ٿا ته انگريزن وڃڻ بعد اسان جا ڪارا حاڪم ۽ پئسي وارا ماڻهو انهن جي ڪاپي ڪرڻ لاءِ سگريٽ ۽ شراب پيئڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا ۽ سمجهندا هئا ته هاڻ اسان به انهن انگريزن وانگر ٿي ويا آهيون. پر کين ڪير ٻڌائي ته اڄ اهو انگريز سگريٽ نوشي ۽ شراب خوريءَ کي خراب ٿو سمجهي. ميڊيڪل سائنس ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سگريٽ ۽ شراب صحت لاءِ خراب آهي. ۽ اهي شيون نه فقط صحت لاءِ خراب آهن پر اخلاق لاءِ پڻ هاڃيڪار آهن. بقول منهنجي هڪ هندو دوست جي شراب هڪ اهڙي بيماري آهي، جيڪا بوتلن ۾ وڪامي ٿي ۽ اسان پئسا ڏئي خريد ڪريون ٿا.
    منهنجو ڪو پڙهندڙ آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي ديسي ماڻهن بابت ڪو ڪتاب يا فلم ڏسڻ جو شوقين هجي ته ان لاءِهتي ٻه چار ڪتابن ۽ فلمن جا نالا لکان ٿو جنهن ۾ اسان جي ديسين يعني Indian Americans جا احساسات آهن. آمريڪا جي يونيورسٽي آف منيسوٽا جي پروفيسر وجئي پرشادجو ان سلسلي جو ڪتاب آهي: The Karma of Brown Folk. جهمپالاهيريءَ جي هڪ ڪتاب The Namesake جو ذڪر ته پهرين به ڪري چڪا آهيون سندس هڪ ٻيو ڪتاب جنهن ۾ ديسي ماڻهن جو ذڪر آهي اهو آهي : Interpreter Of Maladies آمريڪا مان اسان ديسين يعني انڊين پاڪستانين لاءِ انگريزي توڙي اڙدوءَ ۾ ڪيتريون ئي اخبارون ۽ رسالا نڪرن ٿا.ڪيترين اخبارن کي ته ايڏا اشتهار ملن ٿا جو هو اهي اخبارون ماڻهن ۾ مفت ورهائين. هن وقت منهنجي سامهون ان قسم جون ٻه ٽي مئگزينون رکيون آهن، نالا اٿن:
    EGO مئگزين.
    ABCD Lady
    خبر مئگزين- انگريزيءَ ۾.
    لٽل انڊيا- انگريزيءَ م
    ڪجهه اهڙيون فلمون جن ۾ اسان جا ديسي (انڊين آمريڪن) Subject Matter آهن، هن ريت آهن.
    * ABCD يعني آمريڪن بارن ڪنفيوزڊ ديسي
    * آمريڪن چاءِ
    * آمريڪن ديسي
    * Bend it Like Becham
    * Birth of a Butterfly – هڪ انڊين آمريڪن عورت جي فلم جيڪا آمريڪا ۾ ننڍي ٿي وڏي ٿئي ٿي.
    Chutney Popcorn *
    *Harold & Kumar Go to white castle
    The Guru *
    Mississippi Masala *
    Where is the Party yaar *


    واشنگٽن جو The Awakening

    هڪ ڏينهن صبح جو آمريڪا بابت هي سفر نامو لکي رهيو هوس ته پنهنجي ڪاليج جي ڏينهن جي ڪلاس ميٽ سميع جو فون آيو. فون جي اسڪرين تي سميع جي موبائيل فون جو نمبر پڙهي ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته فون کڻان يا نه کڻان. مس مس لکڻ جو موڊ ٿيو هو. سميع زبردست خبر رسان ايجنسي ۽ چرچائي آهي. سندس ڪچهريءَ مان ڪو به بور نٿو ٿئي پر هن وقت فون کڻي پنهنجو ڪلاڪ چٽ ڪرڻ بدران گذريل ڏينهن جون سندس ئي ڳالهيون لکڻ ضروري آهن. پر جي خبر پئجي ويندس ته مون، هوندي به سندس فون نه کنيو ته اصل ڇتو ٿي پوندو. ٽيليفون ائين گهنٽيون وڄائي رهيو هو ڄڻ هاڻ ٿڪجي پيو هجي. ڄڻ سهڪي رهيوهجي ۽ هاڻ جي نه کڻندس ته بيهوش ٿي ويندو.
    ”هيلو. هيلو. ”مون نيٺ فون کنيو.
    ”يار آهين ته واشنگٽن ۾ نه؟“ سميع خوش ٿيندي چيو،“ مون سمجهيو ته نيو جرسي موٽي وئين؟“
    ”نه يار اڃان ڪجهه ڏينهن هتي آهيان. فون کڻدي دير ٿي ويئي جو....“ سوچڻ لڳس دير جو ڪهڙو سبب ٻڌايان پر ان کان اڳ سميع پاڻ ئي جملوپورو ڪيو“ پڪ باٿ روم ۾ هوندين.“
    ”جي ها. توکي ڪيئن خبر پيئي“ مون چيو.
    ”ڪهڙي سري محل ۾ رهيو پيو آهين جو چوان ته هيٺ تهه خاني ۾ هوندين يا اڌ ميل ڊگهي ڊرائنگ روم ۾ هوندين. منور جي ان فلئٽ ۾ ٻن تڏن جيڏي ڪمري ۽ باٿ روم کان علاوه ٻيو آهي ئي ڇا؟“
    ”ڪر خبر نيرن ڪئي؟“ مون پڇيو.
    کان هتي تو وٽ واشنگٽن اچي نڪتو آهيان.“
    ”خير ۾؟“ مون پڇيو.
    ”بس ائين هڪ دوست جو ڪم هو،“ سميع ٻڌايو، “ اهو جلدي ٿي ويو ۽ هن وقت نيو جرسي ايوينيو تي ”واشنگٽن ڪورٽ هوٽل وٽان پيو ڳالهايان. ڇا پيو ڪرين؟“
    ”يار اخبار لاءِ ڪالم پيو لکان. شام تائين مون کي پورو ڪري اي ميل ڪرڻو آهي.“ مون اها ڳالهه ان ڪري ڪئي جيئن سميع منهنجي ڪميٽمينٽ جي مجبوري سمجهي اڄ مون کي لکڻ لاءِ ڇڏي ڏئي جو هن وقت لکڻ لاءِ موڊ ۽ مواد هڪ ئي وقت نمڪ حلال نوڪر وانگر منهنجي اڳيان حاظر هئا پر سميع کي لکڻ پڙهڻ جي ڳالهين سان پيار رهيو ئي ڪڏهن آهي.
    ”ڇڏ انهن لکڻ جي ڳالهين کي، ڳوٺ وڃي لکجانءِ يا اخبار وارن جو فون نمبر ڏي ته ٻڌايان ته مري ويو. هو تنهنجي جان ڇڏين ۽ تون پڙهڻ وارن جي.“
    ”يار هي ڪالم ضروري آهي.“ مون هڪ دفعو وري سميع کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”چڱو هاڻ هيٺ لهه ته آئون Independence ايوينيو ڏئي تو واري ستين گهٽيءَ ۾ پهچان ٿو.“ سميع جملي ختم ڪرڻ سان گڏ پنهنجو فون به بند ڪيو ۽ آئون هڪ هڪ پنو ميڙي هڪ هنڌ هٿيڪا ڪري، بوٽ پائي، ڪمري نما فلئٽ (جنهن جي سميع وضاحت ڪري چڪو) جو واحد دروازو لاڪ ڪري لفٽ ۾ سوار ٿيس. هيٺ لهي ٻه منٽ کن هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنيم ته ايتري ۾ سميع جي ڪار پهچي ويئي.
    ”ڪيڏانهن هلندين؟“ مون سميع کان پڇيو.
    ”هل ته توکي پنهنجو فلاڻو ڪلاس ميٽ ڏيکاريان. مون کيس هتي اڌ دفن ڪيو آهي اڌ اڃان ٻاهر آهي. ايندي ويندي کيس بجا ڏيندو آهيان.“
    ”چئبو ته توکي ان تي ڏاڍيون باهيون آهن، جيتوڻڪ هن جهڙو ٻيو بهترين ڪلاس ميٽ نه ٿيندو.“ مون هن جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو.
    ”توهان چمچن لاءِ هو سٺو هوندو. انور ميمڻ کي ڪئناڊا فون ڪري پڇ ته هن اسان لاءِ ڪاليج ۾ زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي يا نه. هر وقت انتظار ۾ هوندو هو ته اسان ڪاليج مان ڀڄون ته ائڊجيوٽنٽ کي دانهن ڏيئي اسان کي سزا ڏياري.“
    سميع واٽر اسٽريٽ ۽ مائيني ايوينيو ڏيئي چوڏهين گهٽي واري پل ڏي هليو.
    ”ڇا، ارلنگٽن قومي قبرستان ڏي ٿو هلين ڇا؟“ مون پڇيو.
    ”چيم ته توکي تنهنجو ڪلاس ميٽ اڌ دفن ٿيل ٿو هلي ڏيکاريان.“
    سميع وراڻيو.
    ”يار ان قبرستان ڏي هڪ ٻه دفعو وڃي چڪو آهيان. ان کان ته هل ته هلي شهر ۾ ڪو ميوزيم ڏسون ۽ مورتين Statuses جون تصويرون ڪڍون.“
    ”فڪر ئي نه ڪر اتي توکي اهڙين تصويرن ڪڍڻ جو به موقعو ملي ويندو.“ سميع کتو جواب ڏنو ۽ آءٌ هٿيار ڦٽا ڪري اڌ ڏينهن ضايع ٿيڻ لاءِ ذهني طرح راضي ۽ تيار ٿي ويس. آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن DC جي ڏکڻ اولهه ۾ ورجينا رياست آهي، ۽ اهي ٻئي ائين آهن، جيئن ڪوٽڙي حيدراباد آهن. ڪوٽڙي ۽ حيدراباد کي سنڌو ندي ڌار ٿي ڪري ۽ ڪوٽريءَ کان حيدرآباد ضلعي ۾ اچڻ لاءِ ڪوٽڙي واري پل ۽ ڄام شوري واري بئراج آهي. تيئن واشنگٽن ۽ ورجينا جي وچ ۾ پوٽو مئڪ ندي آهي، جنهن جي مٿان ڪيتريون ئي پليون آهن جن مٿان سڄو ڏينهن ماڻهو پيا اچن وڃن. واشنگٽن جي آفيسن ۽ دڪانن تي ڪم ڪندڙ اسي سيڪڙو ماڻهو ورجينا رياست ۾ رهن ٿا. صبح جو واشنگٽن نوڪري يا ڌنڌي ڌاڙي لاءِ اچن ۽ شام جو موٽيو وڃن، جيئن اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي راولپنڊيءَ ۾ رهن جو اسلام آباد گاديءَ وارو شهر ۽ ننڍو شهرهجڻ ڪري هر شيءِ مهانگي آهي. جايون جڳهيون، ڀاڄيون ڀتيون ويندي ٽئڪسي جو ڀاڙو ۽ پارڪنگ في به گهڻي آهي، تهڙيءَ طرح واشنگٽن جو حال آهي، جتي دنيا جي ملڪن جا سفارت خانا، هوائي ڪمپنين جون آفيسون ۽ آمريڪا جي اسيمبلي بلڊنگ، ڪورٽون ۽ مختلف سرڪاري آفيسون آهن ۽ آمريڪا ڪو ننڍو ملڪ ته نه آهي. بس سمجهو ته پنجاهه ملڪن جو ملڪ آهي. ان جون ڇا آفيسون هونديون. واشنگٽن جو چپو چپو ڀريو يپو آهي. ايتري قدر جو ڪيتريون سرڪاري آفيسون، فيڊرل نوعيت جون هوندي به، واشنگٽن بدران درياهه (پوٽومئڪ) جي ٻي پار ورجينا رياست ۾ آهن، جيڪو ورجينا رياست جو حصو ڪرسٽل سٽي، ارلنگٽن، روزلن، ڪلئرينڊن وغيره ٿو سڏجي. آمريڪا جي اهم آفيس پينٽاگان، جتي ملٽري نوعيت جا فيصلا ٿين ٿا اهو پڻ پوٽو مئڪ ندي جي ٻي پار ورجينا رياست ۾ آهي.
    نديءَ جي وچ ۾ ننڍا وڏا ڪيترائي ٻيٽارا به ٿين ٿا. هتي واشنگٽن وٽ پوٽو مئڪ نديءَ ۾ هڪ ته ٿيوڊور روزويلٽ نالي ٻيٽ آهي، جنهن تي آمريڪا جي ان نالي واري صدر جو يادگار Roosevelt Memorial ٺهيل آهي، جنهن تي پهچڻ لاءِ انهيءَ نالي واري پل ٺهيل آهي. ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ هڪ هنڌ ڪپر ڀڃي اندر ڍنڍ وانگر پاڻيءَ جو وڏو حوض ٺهي پيو آهي. اهڙي نموني جي ٺهيل حوض يا ڍنڍ کي اسين جاگرافيائي زبان ۾ ”ٽائيڊل بئسن“ Tidal Basin)) سڏيون ٿا. پرهن حوض ۾ پاڻي بيهڻ بدران ان مان ڪئنال ٿي، وهي هيٺ وري ساڳي پوٽو مئڪ نديءَ سان وڃيو ملي. ان ڪئنال جو نالوواشنگٽن چئنل آهي. هن ننڍڙي چئنل ۽ درياهه جي وچ ۾ جيڪو ٻيٽارو ٺهي پيو آهي، ان تي خوبصورت پارڪ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو ”ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ“ سڏجي ٿو. جنهن جي چوڌاري اتڪل پنج ڪلوميٽر جو روڊ ”اوهيو ڊرائيو SW“ سڏجي ٿو. سميع مون کي هن پارڪ ۾ وٺي پئي آيو. ان ڪري چوڏهين گهٽي واري پل ٽپائي اوهيو ڊرائيو روڊ تي اچي نڪتو. ٽائيڊل بئسن (ڍنڍ) ۾ جتان پوٽو مئڪ ندي جو ڪجهه پاڻي اندر گهڙي ٿو اتي واشنگٽن جون ٻه مشهور شيون: فرئنڪلن روزويلٽ ميموريل ۽ ٿامس جيفرسن ميموريل آهن.
    ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ جي هيٺين چهنب (tip) جتي پوٽو مئڪ نديءَ سان هتي جي هڪ ٻي مشهور ندي ”ان ڪوشيا“ ملي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، اهو هنڌ هينس (Hains) پئانٽ ٿو سڏجي. ان هنڌ تي پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻئي ڪپر تي رونالڊ ريگن واشنگٽن ايئر پورٽ آهي، جنهن جي مٿان هر وقت سرڻين وانگر آسمان ۾ جهاز نظراچي رهيا هئا، جيڪي رکي رکي ڳجهين وانگر لهي رهيا هئا يا ٽيڪ آف ڪري رهيا هئا.
    ”اوهيو ڊرائيو“ وارو رستو ڏيئي، سميع مون کي هتي هينس پئانٽ وٽ وٺي آيو، جتي دنيا جو هڪ تمام وڏو Statue رکيل آهي، بلڪ ايڪڙ ڏيڍ ڌرتيءَ جي پکيڙ تي ستل آهي. گذريل ٻه ٽي هفتا جيڪي منهنجو واشنگٽن ۾ رهڻ ٿيو، ان ۾ هالا واري نجم ميمڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر (۽ نفيسه هود ڀائي جي مڙس) پروفيسر جاويد ڀٽو سان، خالد هاشماني ۽ عرفان جماڻي جن سان واشنگٽن جي ڪيترن ئي ميوزيمن، رستن ۽ چوواٽن تي ڪيتريون ئي پٿرن، لوه ٽامي ۽ Bvonze جون مورتيون Statues ڏٺيون هوندم پر هيڏي وڏي لوهه جي آفت جيڪا اصلي ماڻهوءَ جي قد بت کان گهٽ ۾ گهٽ ويهوڻي ٽيهوڻي هجي پهرين نه ڏٺي هيم. هيءَ هڪ ننڊ مان اٿندڙ ماڻهوءَ جي لوهه مان ٺهيل مورتي آهي، جنهن کي ٺاهڻ واري آرٽسٽ مسٽر سيوارڊ جانسن، نالوئي “The Awakening” يعني جاڳ ڏنو آهي. هي Statue (مورتي) آمريڪا جي ڪنهن صدر يا سائنسدان جي نه پر هڪ عام پوڙهي ماڻهوءَ جي آهي، جيڪو ڄڻ صدين کان ڌرتيءَ هيٺ دٻجي ويو هجي ۽ هاڻ اک کلڻ تي ننڊ مان سجاڳ ٿي اٿڻ جي ڪري رهيو هجي ۽ سندس جسم جو ڪجهه حصو اڃان ڌرتيءَ ۾ دٻيو پيو آهي. ڪَرَ موڙڻ لاءِ هن هڪ هٿ مٿي ڪيو آهي، جيڪو ايڏو وڏو آهي جو ان هٿ تي ٻه چار ٻار ويهي سگهن ۽ سندس ٻانهن کي ڪجهه ٻار گسڪڻ طور استعمال ڪري رهيا هئا ۽ مٿان کان هيٺ گسڪي رهيا هئا ۽ هٿ تي چڙهي هيٺ ٺونٺ تائين ترڪي رهيا هئا.
    ”واه جو ٺاهيو ويو آهي،“ ڪجهه دير اڳ اچڻ مهل جو آئون بيزاريءَ جو اظهار ڪري رهيو هوس هاڻ هتي پهچي سميع کي داد ڏيڻ لڳس ته چڱو جو هتي وٺي آيو.
    ”ٻيو نه ته وري،“ سميع هاڻ ٽانءِ ۾ ڦونڊجي ويو، ”مون سان گڏ هوندين ته اهي عيش ڪرائيندو سانءِ، آئون هتان روز ڄاڻي ٻجهي لنگهندو آهان ۽ انهيءَ پنهنجي ذليل ڪلاس ميٽ کي بجا ڏيندو ويندو آهيان.“
    ”عجيب ماڻهو آهين، سميع“
    ”ان ۾ عجيب هجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. حراميءَ اسان جي پيٽارو ۾ زندگي زهر ڪري ڇڏي هئي. مهرباني ڪري ملڪ وڃي هن کي ٻڌائجانءِ ته سميع تنهنجي مورتيءَ کي صبح شام گهروڙي بجا ڏيندو آهي. ٻيو نه ته شوڪت جماڻي، ڪرنل مسعود عزيز، ڪئپٽن بشير وسطڙو، ڪمانڊرنجم انصاري ۽ ٻين ڪلاس ميٽن کي ضرور ٻڌائجانء. هو ٻڌي پڪ خوش ٿيندا.“
    ”چڱو ڀلا هن جي منڍيءَ، پيرن ۽ گوڏن وٽ پوز ٺاهي بيهه ته ڪجهه تصويرون ڪڍان. ڇا ته آفت جيڏو Statue آهي.“
    ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ جو هي ٽڪرو جتي Awakening نالي هي Statue (مورتي) آهي Hains Point سڏجي ٿو، جيڪو آمريڪا جي آرمي جي ميجر جنرل پيٽر هينس نالي آهي. جنرل هينس 1840ع ۾ ڄائو پاڻ هتي جي مشهور ”ويسٽ پئانٽ“ واري آمريڪن اڪيڊمي مان تعليم حاصل ڪيائين ۽ 1921ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ هتي جي مشهور قبرستان Arlington National Cemetery ۾ دفن ٿيل آهي.
    هونءَ هي پارڪ واشنگٽن جهڙي مشغول شهر کان ڪجهه ٻاهر آهي پر هڪ ٻن ٽن ڏينهن لاءِ آيل ٽوئرسٽ کي سميع جهڙو ڪو واندو ملي وڃي ۽ هو پارڪ ڏيکارڻ لاءِ ڍوئي اچڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ته موقعو نه وڃائجي. پارڪ جي هڪ طرف کان وهندڙ پوٽو مئڪ ندي ۽ ٻئي پاسي کان واشنگٽن چئنل ۽ اپريل جهڙي مهيني ۾ چوڌاري مشهور جپاني سڪورا (چيري) جا گلن سان جهنجهيل وڻ بيحد سهڻو نظارو پيش ڪن ٿا. نديءَ جي ٻئي ڪناري کان جتي هتي جو قومي ايئرپورٽ آهي، رکي رکي لهندڙ ۽ چڙهندڙ هوائي جهاز جيڪي ڄڻ ته مٿي مٿان اڏاميو وڃن ۽ ٻارن کي گليور جي سفر جو آفت جيڏو ماڻهو ياد ڏياريندڙ هي Statue ”دي اويڪننگ“ هتي جي اهميت وڌائي ٿو. اسان واري يار سميع جهڙا ڪيترائي هتي جا مڪاني آمريڪن پنهنجو وزن گهٽائڻ لاءِ چوڌاري ڊوڙي رهيا هئا. يا سائيڪلنگ ڪري رهيا هئا ۽ انهن جي ئي اڳيان پويان ٻار اسڪيٽنگ ڪري رهيا هئا. سميع ٻڌايو ته شام جي وقت ۽ موڪلن وارن ڏينهن تي ماڻهن جو هتي وڏو هجوم لڳي ٿو.
    هي پارڪ (ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ) ننڊ مان سجاڳ ٿيندڙ ماڻهوءَ جي مورتي The awakening ڪري گهڻو مشهور آهي. نه ته ساڳي نالي وارو پارڪ جيڪو اولهه ۾ آهي ۽ ويسٽ پوٽو مئڪ پارڪ ۽ واشنگٽن جو قومي پارڪ سڏجي ٿو ۽ هتي جي مشهور نئشنل مال کان شروع ٿي ٽائيڊل بئسن وٽ ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ سان اچيو لڳي جتي فرئنڪلن روزويلٽ ميموريل آهي.
    توهان واشنگٽن ۾ کڻي ٻن ڏينهن لاءِ آيا هجو پر مون کي پڪ آهي ته توهان جا دوست، مائٽ يا ٽوئر ڪرائڻ وارو ايجنٽ، توهان کي هتي جون ٻه مشهور شيون ضرور ڏيکاريندو. هڪ واشنگٽن مانومينٽ جيڪو تمام ڊگهو منارو آهي ۽ ٻيو لنڪن ميموريل (جنهن جو تفصيلي احوال آمريڪا جي هن کان اڳ واري سفر نامي“ نيو هالا کان نيويارڪ“ ۾ ٿي چڪو آهي) واشنگٽن Monument واري مناري ۽ لنڪن ميموريل جي وچ ۾ (سترهين گهٽي NW وٽ) ٻي جنگ عظيم جو يادگار WW2 Memorial آهي. هن جنگي يادگار کان وٺي لنڪن ميموريل تائين پاڻيءَ جو حوض آهي، جيڪو Reflecting pool ٿو سڏجي. هن پُول جي ڏکڻ وارو سڄو حصو ”ويسٽ پوٽو مئڪ پارڪ“ آهي،جتي Korean War Veterans Memorial پڻ آهي ۽ Independence ايونيو جيڪو US. Capital ۽ لائبرري آف ڪانگريس کان هلندو اچي ان جوآخري حصو هتان لنگهي مٿي Constitution ايونيو سان وڃيو ملي.
    اڄ کان پنجٽيهه سال کن اڳ جڏهن اسان هن پاسي جهاز هلايا پئي تڏهن ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ وارو سڄو علائقو ايترو Developed نه هو ۽ نه وري هيءَ The Awakening واري مورتي هئي. 1980ع ۾ هتي واشنگٽن ۾ بين الاقوامي Sculpture جي نمائش لڳي هئي، جنهن ۾ هيءَ لوهه جي مورتي رکي ويئي هئي ۽ اڄ تائين اوترو ئي مشهور آهي. هي هڪ سؤ فٽن جو ڏاڙهيءَ سان ماڻهو آهي، جيڪو زمين ۾ اڌ گابرو گتو پيو آهي ۽ اٿڻ جي ڪوشش پيو ڪري. هن Statue جا پنج حصا زمين کان ٻاهر نظر اچي رهيا آهن، کاٻو هٿ ۽ ساڄو پير ذري گهٽ زمين کان ٻاهر نڪري چڪا آهن، کاٻي مڙيل ٽنگ ۽ گوڏو ٻاهر آهن. 17 فوٽ ڊگهي ساڄي ٻانهن (يعني ٽن ڊگهن ماڻهن جي جملي قد برابر) ۽ هٿ، هوا ۾ توهان کان گهڻو مٿي آهي ۽ ڏاڙهي واري چهري جو وات کليل آهي ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ ڌرتيءَ اندردٻجڻ کان پاڻ پتوڙڻ دوران رڙ ڪري رهيو هجي.
    مون کي هتي وٺي اچڻ واري دوست سميع ٻڌايو ته رکي رکي اهي افواه گرم ٿي ويندا آهن ته هن مورتيءَ کي هتان شفٽ ٿا ڪن. بهرحال نئين جاءِ جي چونڊ ۾ مورتي ٺاهڻ واري آرٽسٽ جانسن کي ويٽو پاور مليل آهي، يعني شهر جي ميونسپل ڪميٽي يا نيشنل پارڪ جا سمورا ميمبر هن مورتيءَ کي ڪنهن نئين جاءِ تي شفٽ ڪرڻ لاءِ ڀلي متفق راءِ ٿي وڃن پر جي جانسن ان لاءِ انڪار ڪندو ته پوءِ اها ان نئين جاءِ تي هرگز شفٽ نه ڪئي ويندي.
    2001ع ۾ هن Statue جي هر هڪ ٽڪري جي ڇهه لک ڊالر (يعني اڄ جي قيمت مطابق ساڍن ٽن ڪروڙ رپين) ۾ وڪري لاءِ آڇ ٿي رهي هئي.
    The Awakening نالي هن Statue جو ڪافي احوال “A Murder of promise” نالي رابرٽ ائنڊريو جي ناول ۾ پڻ آهي ۽ 1995ع جي ٺهيل هڪ انگريزي فلم The Net ۾ پڻ هيءَ مورتي ڏيکاريل آهي. هن مورتيءَ کي Buried Giant به سڏين ٿا. هن مورتي The wakening جي تخليقڪار جان سيوارڊ جانسن جو تعلق دنيا جي مشهور دوائن ۽ ٻارن جي شين Baby Products (پائوڊر، شئمپو، لوشن، صابڻ وغيره) ٺاهيندڙ بين الاقوامي ڪمپني ”جانسن ۽ جانسن“ سان آهي.
    نڀاڳا مون کي ڪٿي ٿو هلي مارين؟
    جانسن ائنڊ جانسن ڪمپني 1886ع ۾ رابرٽ ووڊ جانسن اول (1845- 1910) نيو جرسي ۾ شروع ڪئي جتي هينئر آئون رهان ٿو. نيو برنس وڪ واري علائقي مان ايندي ويندي هن ڪمپنيءَ جا هيڊ ڪوارٽر نظر اچن ٿا. هيءَ ڪمپني 230 مختلف شيون ٺاهي ٿي ۽ سندس ڪارخانا 57 ملڪن ۾ آهن ۽ تيار ٿيل شيون سڄي دنيا ۾ وڪامن ٿيون.
    مٿي بيان ڪيل جان سيوارڊ جانسن II (آرٽسٽ) هن ڪمپنيءَ جي ايجاد ڪندڙ رابرٽ ووڊ جانس جو پوٽو ۽ جان سيوارڊ جانسن I (1892-1983ع) جو پٽ آهي، جنهن آمريڪا جي هاربر برانچ اوشنوگرافڪ انسٽيٽيوٽ (HBOI) کولي. آرٽسٽ جانسن II جيڪو 1930ع ۾ ڄائو ۽ اڃان جيئرو آهي، کي سندس پيءُ جي مرڻ وقت خاندان جي اربها ڊالرن جي ملڪيت مان فقط هڪ معمولي حصو مليو. باقي سندس پيءُ جي ٻي زال بئسيا جي حوالي ٿي ويو.
    بئسيا (Basia Piasecka) پولينڊ جي رهاڪو هئي، جيڪا آمريڪا ۾ جانسن آرٽسٽ جي پيءُ جانسن سينئر (Johnson I) وٽ بورچياڻي ٿي اچي بيٺي. ان بعد کيس ڪمرن جي صفائيءَ لاءِ رکيو ويو. جانسن سينئر جي مٿس دل اچي ويئي ۽ ساڻس 75 سالن جي ڄمار ۾ 1971ع ۾ شادي ڪيائين. 1971ع ۾ اسان جو جهاز نيو يارڪ ۾ بيٺل هو ته هن شاديءَ جو احوال اخبارن ۽ T.V تي ڏسندا رهياسين. ڪينيڊي جي زال جئڪيءَ جو يوناني مڙس وري به هن جانسن پوڙهيءَ کان جوان هو. ان وقت جانسن جي هيءَ زال بئسيا (جنهن کي پاڻ باربرا سڏيندو هو) جي عمر 34 سال هئي جو بئسيا جي ڄم جو سال 1937ع آهي. ٻارهن سالن بعد مڙسالو راه رباني وٺي ويو. شاديءَ بعد ٻيو ڪو اهم ڪم ڪري سگهيو يانه پر مائيءَ کانئس وڪيلن اڳيان وصيت لکائي ورتي ته خاندان (جانسن ائنڊ جانسن جي ملڪيت جي والي وارثياڻي سندس هيءَ ٻي زال بئسيا ٿيندي. مڙس جي مرڻ بعد سندس پهرين زال ۽ ان جي اولاد (هن The Awakening مورتي جي ٺاهيندڙ جانسن II ۽ سندس ڀائر ڀينرن) ڏاڍا وڪيل ڪيا ۽ ڪورٽن جا چڪر هنيا پر پوءِ آخر ۾ ڪي چند ملين ڊالرهٿ آين. مائيءَ پنهنجي پوڙهي ۽ ڏڪندڙ هٿن واري مڙس کان ڪاغذ پَٽن تي اهڙو ته ڪم پڪو ڪرايو هو جو کيس اڍائي بلين (يعني اڍائي ارب) ڊالر مليا ۽ جي رپين ۾ معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته سٺ سان ضرب ڏيو جو اڄ ڪلهه ڊالر ۾ سٺ رپيا آهن. پاڻ اڃا جيئري آهي ۽ هي سٽون لکڻ وقت، سال 2006 جي، هن دنيا جي 74 نمبر امير عورت مڃي ويئي آهي. پاڻ اڄ ڪلهه موناڪو ملڪ جي شهر مونٽي ڪارلو ۾ رهي ٿي، جانسن خاندان جي نيو جرسي جي شهر Princeton ۾، جيڪا Jasna Polana نالي جاگير هئي، ان کي هن ڪنٽري ڪلب ۾ تبديل ڪيو آهي.
    پولينڊ جي رهاڪو هن عورت بئسيا، جيڪا شاديءَ بعد باربرا جانسن پڻ سڏجي ٿي، جو نالو ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ عام ٿي ويو، جڏهن اها خبر ٻيلي جي باهه وانگر آمريڪا جي اوڀر وارين رياستن ۾ پکڙجي ويئي (جتي اسان جو جهاز ڦِري رهيو هو) ته جانسن ائنڊجانسن جهڙي امير ڪمپنيءَ جو پوڙهو مالڪ پنهنجي بورچياڻيءَ سان شادي ٿو ڪري. انهن ڏينهن ۾ رومانيا، بلغاريا ۽ خاص ڪري پولينڊ جهڙي سوشلسٽ ملڪ جو قدر هڪ اڇوت جيان هو. ۽ پولينڊ جي عورت کي ته يورپ ۽ آمريڪا جي ماڻهن ته ڇا پر ايشيا جي ماڻهن به پير جي جُتي ٿي سمجهيو. بئسيا جو نالو شايد مون کان وسري وڃي ها پر ان بعد اسان جو جهاز ڪيترائي سال پولينڊ جي بندرگاهه گڊانسڪ ۾ ايندو ويندو رهيو، جتي منهنجي هڪ بنگالي جهازي دوست جو هڪ پولش ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو. ڪجهه سالن بعد ان سان نيٺ شادي به ٿي پرڪافي جُتيون گسائڻ کان پوءِ، يعني جهاز جي ڪيترا دفعا پولينڊ اچڻ بعد. بنگالي دوست اسان کي چوندو هو: ”امر اونتر تار پروٿي آسي گيشي- امار موسو شندر شيلي جنو انيڪ.... (يار ڇا ڪجي هڪ ڪنگلي ملڪ جي ڪنگليءَ سان دل لڳي ويئي آهي نه ته مون جهڙي ٺاهوڪي جوان سان ته جپان ۽ انگلينڊ جي به ڪا ڇوڪري شاديءَ لاءِ تيار ٿي وڃي.)
    انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي بنگالي دوست جو ملڪ ”مشرقي پاڪستان“ مان ”بنگلاديش“ ٿيو هو ۽ ملڪ ۾ بدامني ۽ پاڪستاني فوج بعد انڊين آرمي جي مصيبتن جون خبرون دنيا هڪ طرف ٻڌي رهي هئي ته طوفانن (Cyclones) ڪري آيل تباهي ٻئي طرف هئي. سندس پولش محبوبا (يعني هاڻ سندس ڳوٺ ڪميلا ۾ رهندڙ گهر واري ۽ سندس پنجن ٻارن جي ماءُ) چوندي هيس ته نڀاڳا مون کي ڪيڏانهن وٺي ٿو هلي مارين؟ ته اسانجو بنگالي دوست اڌ انگريزي ۽ اڌ بنگاليءَ ۾ چوندو هوس:
    ”منهنجي دل جي راڻي! توکي بئسيا مان باربرا جانسن ٿو بنائڻ چاهيان.“
    سو بئسيا ۽ باربرا جانسن جا نالا سڀني جهازين کي پڪا ٿي ويا هئا. 1981ع ۾ آئون جهاز کي بنگلاديش وٺي ويو هوس ته پنهنجي بنگالي دوست جي ڳوٺ ڪوميلا به ويو هوس. کيس ان وقت ٽيون ٻار ٿيو هو. سندس زال کي، ٻارن کي جانسن بيبي پائوڊرهڻندي ڏسي چيو هئومانس ته ٺهيو هن شخص توکي ”جانسن ائنڊ جانسن“ جي سڄي فئڪٽري ته نه وٺي ڏني پر پائوڊر جو دٻو ته وٺي ڏنو.
    آرٽسٽ جانسن کي پيءُ جي ملڪيت مان کڻي ايترو حصو نه مليو جيترو هن جي پيريءَ ۾ پرڻيل جوءِ پولينڊ جي بئسيا کي مليو، پرهن مورتين Sculptures)) مان خوب ناڻو ڪمايو آهي. سنس ايسٽ پوٽو مئڪ پارڪ واري هن مورتي The Awakening کان علاوه ٻيون به انيڪ مورتيون Statues آهن، جن مان هڪ هوفسٽرا يونيورسٽيءَ ڏي ويندڙ رستي تي Hitch Hicker نالي آهي، جيڪا هن 1983ع ۾ ٺاهي هئي ۽ ٻئي سال (1984ع ۾) “Allow Me” نالي هڪ ماڻهو جي مورتي ٺاهي جيڪو هٿ ۾ ڌوپ ڇٽي جهليو بيٺو آهي. سندس هي Statue اوريگان رياست جي پورٽ لئنڊ شهر ۾ ”پايونيئر پورٽ هائوس“ نالي چوراهي تي لڳل آهي. مون کي به ان بابت هالا جي ڪمپيوٽر انجنيئر شاهنواز سومري ۽ ڊاڪٽر مالڪ ڏني شيخ ٻڌايو جيڪي ايڏانهن آمريڪا جي اولهه وارين رياستن ۾ رهن ٿا.
    جانسن جو هڪ ٻيو Statue جنهن ۾ پيءُ پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کي سائيڪل هلائڻ سيکاري رهيو آهي، پڻ بيحد مشهور آهي ۽ First Ride جي نالي سان سڏجي ٿو. سندس هڪ مورتي Waiting نالي آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ آهي. هن ۾ هڪ بزنيس مئن اخبار پڙهندو ڏيکاريو ويو آهي.
    آخر ۾ ٻه ٽي سٽون هو فسٽرا Hofstra)) يونيورسٽي بابت جتي مون کي ڪيترائي پاڪستاني خاص ڪري لاهور ۽ پشاور پاسي جا، جرنلزم ۽ Mass Communication جهڙن سبجيڪٽن ۾ گرئجوئيشن ڪندي مليا. هيءَ يونيورسٽي نيويارڪ جي لانگ آئلنڊ ۾، Hempstead ۾ هڪ خانگي تعليمي ادارو آهي. هي ادارو هڪ اسڪول جي شڪل ۾ 1935ع ۾ ملڪ جي امير بزنيس مئن وليم ۽ ڪيٽ هوفسٽرا کوليو، جيڪو شروع ۾ نيويارڪ يونيورسٽي سان لاڳو رهيو. ڳپل سالن بعد هن اسڪول کي ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. 1963ع ۾ اهو ڪاليج هوفسٽرا يونيورسٽي ٿيو. هن يونيورسٽيءَ ۾ لبرل آرٽس کان علاوه بزنيس ائنڊ لا، ۽ ڪميونيڪيسن جا سبجيڪٽ پڻ پڙهايا وڃن ٿا. هن يونيورسٽي Hofstra جو سڀ کان گهڻو مشهور ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندڙ ڊپارٽمينٽ ”جرنلزم، ميڊيا اسٽيڊيز ائنڊ پبلڪ رليشنس“ (JMSPR) آهي.
    لاهور جي هڪ شاگرد کان هتان تعليم حاصل ڪرڻ جو سبب پڇيم ته هن اهو سبب ٻڌايو ته پنجاب يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪرڻ تي فقط پاڪستان ۾ نوڪري ملي سگهي ٿي.”هتان جي پڙهائيءَ جو مٿانهون مان آهي ۽ گريجوئيٽ ٿيڻ بعد مون کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نوڪري ملي ويندي.“ هن ٻڌايو.
    پنجاب يونيورسٽيءَ جي گهڻي ڄاڻ نه اٿم پر اسانجي سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪو وقت هو جو سڄي دنيا ۾ مٿاهون نالو هو. اڄ به ان ۾ ڪيترائي نوان نوان سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا. ڪيترو پڙهايا وڃن ٿا ان جي خبر نه اٿم پر شاگرد ڊگريون حاصل ڪن ٿا. سٽيزن ڪالوني حيدرآباد ۾ رهندڙ منهنجي دوست گذريل سال ٻڌايو ته هن جي پٽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان Mass Communication (يا شايدان سان تعلق رکندڙ ڪنهن سبجيڪٽ) ۾ ٽي سال اڳ مٿين پوزيشن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. نوڪريءَ لاءِ ٻه سال ڌڪا کائيندو رهيو. هاڻ قاسم آباد ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ٽي هزار رپيا پگهار تي پهرين ڪلاس جو پرائمري ٽيچر ٿيو آهي. اها ڳالهه اوچتو ان ڪري ياد اچي ويئي جو ڪجهه گهڙيون اڳ انٽرنيٽ تي هڪ سنڌي اخبار ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن پروفيسر صاحب جو ڪالم ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي يونيورسٽين جي ڪنهن معتبر اداري طرفان ٿيل درجابندي ٻڌائي آهي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪريل تعليمي معيار ۽ ماحول جي اپٽار ٿيل آهي.


    اسانجا ۽ هتي جا ليڊر

    * آمريڪا کنڊ جي معلوم ٿيڻ بعد يورپ کان ايندڙ جهازين مان هڪ ڪئپٽن جان سمٿ جڏهن ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي ورجينا جي ڪنارن تي پهتو ته هن ڌرتيءَ جي خوبصورت جاگرافيءَ کي ڏسي هن جون وايون بتال ٿي ويون هيون. هي هنڌ اهي آهن، جتي اڄ ورجينا بيچ، نورفولڪ، هئمپن جهڙا شهر ۽ بندرگاهه آهن، جتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي خليج چيزا پيڪ ۽ ڊيلاويئر خليج جو پاني ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ۽ جن خليجن ۾ ڊيلا ويئر، جيمس، يارڪ، راپا هناڪ، پوٽو مئڪ ۽ ٻيون انيڪ نديون بلنديءَ تان هيٺ ڪرن ٿيون ۽ انهن falls ۽ Waterpower ڪري، ڊيلاويئر سڀ کان اڳ ڪارخانن جي رياست بڻيو. هنن خليجن ۾ ڪيتريون نديون برفاني وهڪرن (Glaciers) جي صورت ۾ داخل ٿين ٿيون. ڪئپٽن جان سمٿ جي ان پهرين ڪامياب مهم (Expedition) جو احوال، جيڪو هن 1608ع ۾ جيمس ٽائون (ورجينا) مان لکيو منهنجي سامهون آهي. جاگرافي ۽ انگريزي ادب جي شوقينن جي Idea لاءِ ته انهن ڏينهن ۾ ڪهڙي قسم جي انگريزي ڳالهائي ۽ لکي ويئي ٿي، نموني لاءِ ه ٽي سٽون هوبهو انهن Spellings ۾ لکان ٿو. ياد رهي ته هي شيڪسپيئر وارو زمانو هو. جن ڏينهن ۾ ڪئپٽن جان سمٿ پنهنجي سفر جو هي احوال لکيوهو، ان وقت شيڪسپيئر چوئيتاليهه سالن جو هو. ان کان پوءِ اٺن سالن بعد 1616ع ۾ شيڪسپيئر جي وفات ٿي.
    “… Here are mountains hils, plaines, walleyes, rivers and brookes all running most pleasantly into a faire bay compassed but for the mouth with fruitful and delightsome land…”
    خبر ناهي انهن ڏينهن ۾ Hills, Mountains, plains وغيره جون Spellings ائين لکيون ويون ٿي يا ڪئپٽن صاحب پاڻ لکائي پڙهائيءَ ۾ چنڊو هو ڇو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ويندي گذريل صديءَ جي اڌ تائين سامونڊي/ جهازي دنيا جو رخ انهن رکيو ٿي جيڪي اسڪولن کان ڀاڄوڪڙ هئا. مائٽن ڏٺو ٿي ته ڇورن ۾ پڙهائيءَ يا پورهئي جو ڪو حال افعال ناهي. ان ڪري چاڙهينس ڪنهن جهاز تي ته ڌڪا کائي سڌري ۽ اوڙو پاڙو سندس گوڙ گهمسان کان آجو ٿي، سک جو ساهه کڻي.
    آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن DC جي ڇا ڳالهه ڪجي. بقول سنڌ يونيورسٽي جي سابق هيڊ آف ڊيپارٽمينٽ پروفيسر جا ويد ڀٽو جي...
    “It is a city within a capital, never a capital within a city.”
    غور ڪجي ته ان ۾ ڪئين ڳالهيون اچي ٿيون وڃن. پوٽو مئڪ نديءَ جي ڪناري تي 68 چورس ميلن جي پکيڙ جي هن شهر ۾ ڪامياب حڪومت جا ٽئي ٿنڀا: انتظاميا، قانون ۽ حڪومت / نمائنده موجود آهن، جن جو ثبوت وائيٽ هائوس، ڪئپيٽال بلڊنگ ۽ سپريم ڪورٽ جي عمارت آهي. هتي دنيا جي وڏي ۾ وڏي لئبرري ”لئبرري آف ڪانگريس“ جيڪا علم جو خزانو آهي، سمٿوسن انسٽيٽيوشن، پارڪ، سفارت خانا، خوبصورت جارج ٽائون، ماضيءَ جا يادگار ۽ گهڻو ڪجهه آهي.
    منهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ سميع جاڊرن، جنهن اڄ کان 25 سال کن اڳ، پنهنجي ڳوٺ قاضي احمد کي الوداع چئي، هتي ورجينا رياست ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي سو مون کي واشنگٽن مان کڻي ورجينا آيو. پاڻ پڇيائين ته ورجينا جي ڪهڙي ڪهڙي شيءِ گهمائين؟“ مندر مسجدون ڏيکارئين يا پارڪ گهٽيون؟ شاپنگ مال ڏيکارين يا غارون جبل؟ توکي مان ڇا ٻڌايان ته ورجينا ڪيڏي خوبصورت رياست آهي. ان ۾ ڏسڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڇا ڇا نه آهي...
    آئون مرڪندو رهيس. ”مهرباني ڪري ڪجهه نه ڏيکار. منجهند جا اڍائي پيا ٿين. ڳري ماني کارائي اٿئي ننڊ پئي اچي. ڪٿي ڪنهن پارڪ يا لئبرري ۾ هل ته ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيئي اڌ ڪلاڪ کن ننڊ ڪري وٺان.“ مون چيو مانس.
    ”چئبو ته منجهند جو سمهڻ واري عادت نه وئي.“ سميع چيو.
    ”يار رات دير سان ستو هوس ۽ صبح جو چئين بجي فجر تي اٿيو آهيان ته اڃان پيو هلان.“
    ”اڙي بابا سنڌي ماڻهو کڻي ڏينهن جو ٻارهين بجي اٿي ته به ٻي بجي منجهندجو وري ننڊ ڪندو. هل ته مسجد جي لائونج ۾ صوفن تي nap ڪيون. تو کان وڌيڪ مون کي ننڊ جي ٻاڙ کنئي آهي.“ سميع چيو.
    ”چئبو ته سڌرين تون به ڪونه.“ مون چيومانس.
    ”بس پنهنجن ڏينهن ۾ پرائمري اسڪول صبح ۽ شام جو ٿيندو هو. منجهند جي مانيءَ کان پوءِ پوڙهيون زوريءَ سمهاري ڇڏينديون هيون. هاڻ ننڍپڻ جي ان عادت ڪري اڃا ويٺا لوڙهيون. باقي پنهنجن ٻارن کي مون منجهند جو سمهڻ جي عادت هرگز نه وڌي. چوندو آهيان ته ان منجهند جي سمهڻ ته اسان سنڌين کي ٻين قومن کان پٺتي ڪري ڇڏيو....“ سميع کلڻ لڳو.“ چڱو ائڊوانس ۾ ٻڌائي ڇڏ ته ننڊ بعد ڇا ڇا گهمندين؟“
    ”سميع ڳالهه ٻڌ. تنهنجا وڏا پنجاب کان آيا ۽ تون سنڌي آهين، پر هاڻ لڳي ٿو ته تون نه فقط پڪو آمريڪن ٿي ويو آهين پر ورجينن پڻ. ورجينا جي ماڻهن کي لڳي ٿو ته هر دور ۾ اهو مسئلو رهيو آهي ته هو پنهنجي ڌرتيءَ جي هڪ ڌارئين کي ڪهڙي شيءِ ڏيکاري ڪهڙي ڏيکارين. سڄي ورجينا رياست خوبصورت ڌرتيءَ جو ٽڪرو آهي.“
    ۽ پوءِ مون کيس هن رياست جي رهاڪو ۽ آمريڪا جي ٽي نمبر صدر ٿامس جيفرسن جا ورجينا بابت چيل ان قسم جا مشهور لفظ ٻڌايا جيڪي هن ريت آهن ۽ هن اهي لفظ 1788ع ۾ چيا هئا جيڪي سندس ڪتاب ”ڊڪليرئشن آف آمريڪن انڊپينڊنس “ مان آهن:
    “I have been Planning what I would show you: a flower here, a tree there; yonder a grove, near it a fountain; on this side a hill, on that a river. Indeed, madam, I know nothing so charming as our own country…”
    تن ڏينهن ۾ Whow جي اسپيلنگ Shew لکي ويئي ٿي جو صدر صاحب ائين لکي آهي ۽ ڪتاب ۾ به ائين ڇپي آهي. بهرحال ورجينا وارن کي هميشه پنهنجو علائقو گهمائڻ ۾ مسئلو رهيو آهي.
    آمريڪاجي سٺن صدرن مان مون کي هي صدر بهترين لڳي ٿو. سندس ڳالهيون، ملڪ جي بهتريءَ لاءِ رٿائون، عوام لاءِ همدردي ۽ حڪومت ڪرڻ ۾ نهٺائي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه تعلي ملاءِ اونو- ايتريقدرجو صدر جي عهدي تان لٿو ته به ڏينهن رات ماڻهن جي تعليم جو فڪر ڪندو رهيو. ورجينا جي سڀ کان جهوني ۽ مشهور يونيورسٽي University of virginia هن صدر ٿامس جيفرسن جي مرهون منت آهي، جنهن جو پاڻ باني ۽ چيئرمين هو. يونيورسٽي 1819ع کان ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1825ع کان پهرين بئچ گريجوئيٽ ٿي ۽ 1826ع ۾ پاڻ گذاري ويو. پاڻ سڀ ڪجهه يونيورسٽي پٺيان فدا ڪري ڇڏيائين. ايڏو قرضي ٿي ويو جو مرڻ وقت سندس سڀ جايون جڳهيون، باغ زمينون وڪڻي قرضين کي قرض ڏيڻو پيو. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اڄ اٽڪل ٻه سؤ سالن کان پوءِ به اسان جي قوم ۾ اهڙو صدر، وزيراعظم، يا نمائندو پيدا ٿي نه سگهيو آهي جو رڳو اڳ ٺهيل تعليمي ادارن کي وڌيڪ بهتر ۽ Update ڪري. هڪ وڏي سرندي واري پڙهيل ڳڙهيل ليڊر کي پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ڪراچي جي اعليٰ تعليمي ادارن جهڙو ڪو انگلش ميڊيم اسڪول کولڻ لاءِ صلاح ڏنم ته جيئن سندس ڳوٺ جا ٻار به اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ سندس خاندان جا پڻ، جيڪي ان لاءِ ڪراچي، ڪوه مري، ائبٽ آباد يا ولايت جو رخ رکن ٿا. ٺهه پهه وراڻيائين:
    ”ڇڏ يار. آهن نوڪريون اسان لاءِ ڪو نه ويتر جي ڄٽ پڙهي پيو ته ماڳهين سورن ۾ پئجي وينداسين.“
    ڪيڏو فرق آهي ان آمريڪا ۽ مغرب جو جنهن کي اسان ڏينهن رات گاريون ڏيون ٿا ۽ ڇا حال آهي. اسان جي پنهنجي ديس واسي رهنمائن، ليڊرن ۽ حاڪمن جو، جن جي وعدن پويان عوام گذريل 60 سالن کان ائين پيو هلي، جيئن چاڪيءَ جو ڍڳو اکين تي پٽي چاڙهي گهاڻي ۾ پيو ڦري.
    ان ڪري ته چوان ٿو ته اسان جي ليڊرن، اسان جي سياستدانن، اسان جي حاڪمن کي صدر ٿامس جيفرسن جهڙن ماڻهن جي زندگي جو احوال ۽ انهن جي عوام خذمت بابت پڙهڻ کپي، جيڪي مري به امر ٿي ويا. جن پاڻ لاءِ هڪ ٽڪو به نه ڇڏيو.
    آمريڪا جي هن ٽئين صدر ٿامس جيفرسن جي قبر تي لڳل ڪتبي تي لکيل سٽون نوٽ ڪريان ٿو:
    Here was buried
    Thomas Jefferson
    Author of “Declaration of American Independence of
    The State of Virgina for Religious Freedom and the father of the “University of virgina”
    ٿامس جيفرسن 1801ع کان 1809ع تائين آمريڪا جو صدر رهيو. سندس منهن جي شڪل ڏهن سينٽن جي سڪي (Nickle) تي آهي۽ سندس نالي سان واشنگٽن ڊي سي ۾ ”جيفرسن ميموريل“ پڻ آهي، جيڪو پوٽو مئڪ نديءَ هڪ ٻيٽاري تي آهي، جتان 14 نمبر اسٽريٽ SW لنگهيو ٿي وڃي.
    آمريڪا جي هڪ تصوير اسان مان ڪيترن ئي ڏٺي هوندي جيڪا جبل رَسمور جي آهي، جنهن کي آرٽسٽ (مجسما ٺاهيندڙ) ٽُڪي آمريڪا جي چئن صدرن جا منهن ٺاهيا آهن، جيڪي ميلن تان نظر اچن ٿا. انهن چئن مان کاٻي کان ٻيو نمبر ٿامس جيفرسن آهي ۽ باقي ٽي آهن:
    جارج واشنگٽن،ٿيوڊور روزولٽ ۽ ابراهم لنڪن.
    ٿامس جيفرسن جا ڪي ڪي نقطا (Quotations) پڙهڻ جوڳا آهن ۽ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. هتي هن وقت مون کي سندس فقط ٽي چوڻيون ياد آهن، جيڪي ڪنهن زماني ۾ (1968ع کان 1972ع ۾) جڏهن مهنو مهنو هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جهاڳي هتي آمريڪا پهچندا هئاسين ته سمنڊ جي اڪيلائي ۽ خاموشيءَ جو وقت گذارڻ لاءِ ان قسم جو شيون پڙهي نوٽبڪن تي لکندو رهندو هوس.
    * … That government is best which governs least.
    * When the government fears the people there is liberty: when the people fear the government there is tyranny.
    * The democracy will cease to exist when you take away from those who are willing to work and give to those who would not.


    پوپ کي ته اطلاع ڪجو

    شام ڌاري خالد هاشماڻيءَ فون ڪيو. ”آئون اڌ ڪلاڪ کان پوءِ مهراڻ ريسٽورنٽ ۾ پهچان پيو. ڪرنل سهيل، اقبال ترڪ ۽ ٻيا پيٽارو جا ڪلاس ميٽ به اچن پيا. واندو هجين ته هليو اچ.“
    ”ضرور ايندس. منهنجيواڪ به ٿي ويندي.“ مون وراڻيومانس.
    ”رستي جي خبر نه هجئي ته جاويد ڀٽو کي چئجانءِ ته ڇڏي وڃئي.“
    خالد چيو.
    نيو يارڪ وانگر واشنگٽن به انڊين هوٽلن سان ڀريو پيو آهي. انڊين معنيٰ پاڪستاني، ڪشميري، بنگالي ۽ اتر هندستاني- جن تي اهي کاڌي جا ڊش ملن جيڪي اسان وٽ عام آهن. مهراڻ ريسٽورنٽ پينسلوانيا ايونيو تي واشنگٽن سرڪل جي ويجهو آهي. آئون واڪ ڪري 12 گهٽي تي سمٿوسن ريلوي اسٽيسن تي پهتس جتان ٽرين ذريعي ميٽرو سينٽر پهتس ۽ ٻي ٽرين ذريعي فاگي باٽم ريلوي اسٽيسن پهتس جيڪا GWU (جارج واشنگٽن يونيورسٽي هاسپيٽل) جي ميٽرو اسٽيشن به سڏجي ٿي. هتان پنجن منٽن جي واڪ تي مهراڻ ريسٽورنٽ آهي.
    واشنگٽن جو هي اهم روڊ پين سلوانيا ايونيو، جنهن تي مهراڻ ريسٽورنٽ آهي، M اسٽريٽ کان شروع ٿي واشنگٽن سرڪل مان لنگهي وائيٽ هائوس وٽ اچيو ٿو دنگ ڪري. ان بعد هي روڊ نيو يارڪ ايونيو سڏجي ٿو، جيڪو ڪنوينشن سينٽر ۽ مائونٽ ورمن اسڪائر مان ٿيندو شهر کان ٻاهر هليو وڃي.
    اسان جي ڪجهه دير ڪچهري هلندي رهي ان بعد اسان جي ڳوٺ جو ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ پهتو، جنهن اچڻ سان اها خبر ٻڌائي ته پوپ گذاري ويو آهي ۽ پوءِ کلندي چيائين ته عجيب اتفاق آهي. سال 1981ع ۾ مون کي نئين نوڪري ملي هئي.
    ان ئي سال شهزادي چارلس شادي ڪئي هئي.
    لور پول جي فٽ بال ٽيم يورپ ۾ چئمپين ٿي هئي.
    آسٽريليا ائشز ٽورنامينٽ هارائي، ۽ پوپ گذاري ويو هو.
    ۽ هاڻ هن سال 2005ع ۾ وري
    چارلس شادي ڪئي آهي.
    مون کي وڌيڪ بهتر نوڪري ملي آهي.
    لورپول جي فٽ بال ٽيم يورپ ۾ چئمپين ٿي آهي.
    آسٽريليا ائشز ٽورنامينٽ هارائي آهي ۽
    پوپ گذاري ويو آهي.
    خالد هاشماڻيءَ پنهنجو روايتي قسطن وارو ٽهڪ ڏيندي الطاف کي چيو: ”يار هاڻ وري ڪا توکي ٻي نوڪري ملي يا چارلس شادي ڪري ته گهٽ ۾ گهٽ پوپ کي ته اڳواٽ اطلاع ڪجو ته هو سنڀالي هلي ڪٿي پير ترڪڻ سان ٻئي جهان ۾ نه هليو وڃي.“


    فلڊلفيا ۾ خوبچنداڻيءَ جي ياد

    اسان ڪار ذريعي نيو جرسي کان واشنگٽن وڃي رهيا هئاسين. نيو يارڪ، نيو جرسي، مئريلينڊ، پينسلوانيا، ڊيلاويئر رياستون هڪ ٻئي سان مليل آهن، جيڪي هيٺ ورجينا رياست ۽ آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ڊي سي (ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا) سان وڃيو ٿيو ملن. ياد رهي ته هي واشنگٽن شهر آهي. آمريڪا (USA) ۾ واشنگٽن نالي رياست پڻ آهي، جيڪا گاديءَ واري شهر کان ايترو پري آهي، جيترو سعودي عرب يا اٿوپيا ڪراچيءَ کان ۽ اها رياست آمريڪا جي ويسٽ ڪوسٽ (مغربي ڪناري) پاسي آهي، جتي پئسفڪ سمنڊ ٿو ڇهي. آمريڪا جي گاديءَ وارو شهر واشنگٽن ۽ مٿيون رياستون ورجينا، نيويارڪ، نيو جرسي، پينسلوانيا (پين سِل وانيا) آمريڪا جون ايسٽ ڪوسٽ (اوڀر ڪناري) واريون رياستون سڏجن ٿيون. جن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڇهي ٿو. ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ طرفان USA جو هي ڪنارو آهي ته ٻئي طرف آفريڪا کنڊ جا موراڪو، گهانا، سينيگال، آئوري ڪوسٽ، لئانڊا جهڙا ملڪ ۽ يورپ جو پورچوگال، اسپين، انگلينڊ وغيره آهن. هوڏانهن پئسفڪ سمنڊ جي هڪ پاسي جپان آهي ته ٻئي پاسي USA جون ڪئليفورنيا، اوريگان، واشنگٽن ۽ الاسڪا رياستون، وچ ۾ هوائي رياست جا ڪجهه ٻيٽ ۽ ٻيا مارشل ٻيٽن جهڙا ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ آهن. هوائي رياست به آمريڪا USA جي هڪ رياست آهي، جيڪا آمريڪا کان هزارين ميل پري آهي. اهڙي طرح آمريڪا جي هڪ ٻي رياست آهي، جيڪا ايڏو پري ته نه آهي پر پاڙيسري ملڪ ڪئناڊا سان ڳنڍيل آهي، جنهن جو نالو الاسڪا (Alaska) آهي، جيڪا رياست جيتوڻيڪ روس جو حصو هئي پر روس وارن اهو سوچي ته سندن ملڪ اڳهين وڏو آهي ۽ هي ڏورانهون حصو جيڪو ڪئناڊا سان مليل آهي ۽ بيحد اتر ۾ هجڻ ڪري ٻارهوئي ڄڻ ته برف ۾ ڍڪيو پيو آهي، جتي نه پوک ٿي ٿئي نه رستا روڊ ۽ درياهه ٿا وهن. سو هنن اوڻي پوڻي ۾ آمريڪا کي وڪڻي ڏني. سستي اگهه تي وٺڻ جي باوجود آمريڪا جي ماڻهن ان وقت جي صدر خلاف دانهون ڪوڪون ڪيون هيون ته اجايو خرچ ڪيو اٿس. اسان جو ملڪ اڳهين هيڏو وڏو آهي، ان برف جي بيابان کي وٺڻ مان ڪهڙو فائدو جتي جي ٿڌ ۾ فقط ايسڪيموز ۽ برفاني رڇ ئي رهي سگهن ٿا. اڄ آمريڪا جي قدرتي خزانن ۾ سڀ کان مالا مال رياست الاسڪا آهي، جنهن جي زمين هيٺ عراق ۽ ايران جهڙيون تيل جون نديون وهن ٿيون، جن کي في الحال گهڻو خرچ ڪرڻ بدران آمريڪا، آئي ويل لاءِ بچائي ويٺو آهي، جيسين عراق، سعودي عرب ۽ ڪويت جهڙن ملڪن جو تيل آسانيءَ سان پيو ملي.
    بهرحال اسان پنهنجي نيو جرسي کان واشنگٽن ڊي سي واري سفر جي ڳالهه ڪريون جيڪو آئون گهوٽڪي جي رميش ٿارواڻيءَ سان سندس ڪار ۾ ڪري رهيو هوس. رميش هلڻ لاءِ جيسين بئگ ۾ سامان ٺاهي آئون چانهه جو ڪوپ کڻي سندس ڪتابن جي ننڍڙي لئبرريءَ جو جائزو وٺڻ لڳس. سندس پروفيشن سول انجنيئرنگ ۽ ماحولياتي انجنيئرنگ سان واسطو رکندڙ ڪتابن کان علاوه انڊيا ۽ سنڌ جا ڇپيل ڪيترائي ادبي ڪتاب ۽ رسالا هئا. ساڌو واسواڻي ۽ دادا واسواڻيءَ سان تعلق رکندڙ پڻ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا هئا. حيدرآباد جي ڄاول مٿين شخصيتن جو آئون پنهنجي انڊيا واري سفر نامي ۾ تفصيل سان احوال لکي چڪو آهيان. ساڌو واسواڻي سينٽر نيو جرسي جي اتراهين حصي جي شهر ڪلوسٽر (Closter) ۾ آهي، ڪلوسٽر بلڪل هڊسن نديءَ جي ڪناري وٽ آهي، جنهن جي ٻئي پاسي نيويارڪ شهر جو Bronx وارو علائقو آهي. سندس پوسٽل ائڊريس هن ريت آهي: Sadhu Vaswani Centre
    494 Durie Avenue, Gloster, New jersey 07624, USA
    Tel 210-768-7857, Fax 201 – 768- 0433
    نيو جرسيءَجي هن جهڙا ”ساڌو واسواڻي سينٽر“ انڊيا جي ڪيترن شهرن کان علاوه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن، جيڪي دادا جشن واسواڻي جي سرپرستيءَ ۾ هلن ٿا. ڪيترن هنڌن تي اسڪول ۽ اسپتالون پڻ آهن. مختلف قسم جا رسالا، اخبارون ۽ News letter هنن مرڪزن مان نڪرن ٿا، جيڪي ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن جي فلاسافي ۽ انسانيت سان پيار جي تبليغ ڪن ٿا. رميش جي ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب چلڊرين بڪ ٽرسٽ نيو دهلي طرفان ڇپايل راج گويلان جو The Secrets of Indus Valley پوني جي سينٽر فار ڪميونيڪيشن طرفان لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جو ڪتاب Sindhi Studies 1947-67 جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۽ سوسائٽي تي تبصرو آهي.
    ”رميش هي ٻه ٽي ڪتاب تنهنجا کڻان ٿو. ٻن ٽن ڏينهن بعد تو کي واشنگٽن ۾ ئي واپس ڪندس يا نيو جرسي موٽي اچي ڏيندس.“
    رميش هڪ ٻن ڪتابن لاءِ چيو ته اهي هن لاءِ ضروري آهن، باقي ٻيا آئون رکي سگهان ٿو.
    ”مهرباني پر محدود بار کڻڻ ڪري آئون ڪتابن جهڙيون ڳريون شيون باءِ ايئر پاڪستان کڻي وڃڻ نٿو چاهيان. ڪوشش ڪري ڪتاب هتي ئي ڏسي ڇڏي ويندس.“ مون چيو مانس.
    رميش وهاڻي جي ڇَوَ جهڙي هڪ ڪپڙي جي ڳوٿري ڏيندي چيو: ”چڱو پوءِ منهنجا هي سڀ ڪتاب هن ٿيلهيءَ ۾ وجهان ٿو ۽ ان ۾ ئي مون کي واپس ڪجانءِ“
    بافتي جي هن ڪپڙي جي ڳوٿريءَ ٻاهران لکيل هو؛
    Beneficial use of recycled materials in transportation applications ۽ هيٺان انجنيئرنگ ڪمپنيءَ جو نالو ”چيسنر انجنيئرنگ“ لکيل هو. رميش شايد ان انجنيئرنگ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو. يعني هاڻ ڪم ڪري ٿو. مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي هن اعليٰ ڊويزن حاصل ڪندڙ کي ڪي سال هتي آمريڪا ۾، سندس پروفيشن سان واسطو رکندڙ نوڪري نه ملي سگهي. هو روزگار خاطر، پنهنجي Survival خاطر ڪيترائي سال اهو وساري ته هو هڪ انجنيئر آهي، جيڪو پورهيو مليس ٿي ڪندو رهيو ۽ پئسو بچائيندو رهيو. ”مون کي ڪلاڪ جا ڇهه ڊالر ملندا هئا ۽ روز ست ڪلاڪ پورهيو ڪندو هوس. جنهن ڏينهن ڪوڪا ڪولا پيئڻ تي دل چوندي هئي، ان ڏينهن مقرر وقت کان ڏهه منٽ وڌيڪ ڪم ڪندو هوس، جيئن ڊالر جو ڪوڪ وٺي پي سگهان.“
    انجنيئرنگ فرم ۾ ڪم ملڻ کان اڳ سندس آخري جاب لئبرري ۾ ڪتاب ٺاهڻ هوندو هو. ”اها لئبرري ايڏي وڏي هئي ۽ پڙهڻ لاءِ ايترا شاگرد ايندا هئا جو سندن هيٺ مٿي ڪيل ڪتاب ٺاهڻ کان هڪ گهڙي به فرصت نه ملندي هئي.“
    اسان ان وقت نيو جرسي رياست جا مشهور شهر ٽرينٽن ۽ ائٽلانٽڪ سٽي لتاڙي ڀر واري پينسلوانيا رياست ۾ گهڙيا هئاسين، ۽ اتي جي ويجهي شهر فلڊلفيا پهچڻ وارا هئاسين.
    ”پاڻ واري لڇمڻ هتان P.H.D ڪئي هئي.“ فلڊلفيا وٽان لنگهندي رميش چيو.
    ”ڪهڙي لڇمڻ جي ڳالهه پيو ڪرين؟ تو واري يونيورسٽيءَ جي گرئجوئيٽ، هالن واري لڇمڻ ته مون کي پاڻ ملائيشيا ۾ ٻه سال اڳ ٻڌايو هو ته هن ملائيشيا مان Post graduation ڪئي.“ مون رميش کي ياد ڏياريو.
    ”نه. آئون لڇمڻ تاراچند جي نه پر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ جي پيو ڳالهه ڪريان، جنهن جو ڪتاب Sindhi Studies : 1947-1967 اڄ صبح توهان منهنجي ڪٻٽ مان کنيو آهي. ”رميش ٻڌايو. ”اڇا!“ مون حيرت جو اظهار ڪيو، ”هن جي سرسري لکڻي ڏسي نو ڊائوٽ مون کي هو قابل لڳو. هتي ئي رهي ٿو يا انڊيا ۾؟“ ”جيستائين مون کي خبر آهي ته هو يونيورسٽي آف زگرب (اڳوڻو يوگوسلاويا) ۾ Indian Linguistics جو وزٽنگ پروفيسر آهي ۽ ساڳي وقت هو يوگو سلاويا جي گهڻ ٻولين وارين حالتن تي Sociolinguistic Study ڪري رهيو آهي.“
    ڊاڪٽر لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي سنڌي ٻوليءَ جو بين الاقوامي سطح تي مڃيل، مشهور ۽ معروف ماهر لسانيات آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙن ۾ سڀ کان نمايان حثيت جو مالڪ آهي، لڇمڻ خوبچنداڻي سن 1932ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو ۽ شروع جي تعليم اتي ئي ورتائين. ورهاڱي بعد هو انڊيا هليو ويو ۽ پنجاب يونيورسٽي، چنديڳڙهه مان هندي، جرنلزم ۽ Philology ۾ گريجيوئيشن ڪيائين. سن 1961ع ۾ هن آمريڪا جي Pennsylvania يونيورسٽي مان ايم اي لسانيات ڪيائين. ان ڊگريءَ لاءِ جيڪو مقالو لکيائين ان جو عنوان هو:
    The Phonology and Morphophonemics of Sindhi خوبچنداڻيءَ ساڳي يونيورسٽي (پينسلوانيا) مان سن 1963ع ۾ پي ايڇ ڊي لسانيات ۾ به ڪئي ان لاءِ سندس مقالي جو عنوان هو:
    “The Acculturation of Indian Sindhis to Hindi: A language in Contact.”
    ڊاڪٽر خوبچنداڻي آمريڪا جي رياست هونو لولو جي ايسٽ ويسٽ سينٽر ۾ سينئر فيلو به ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه سينگاپور جي ريجنل انگلش لئنگويج سينٽر RELC ۾ 1976ع ڌاري نو مهينا کن رهيو هو ۽ اتي تحقيقي ڪتاب لکيائين: Language and Education in Pluralistic Societies
    پوني جي مشهور ڪاليج – ڊيڪن ڪاليج ۾ سنڌي لسانيات جو شعبو سن 1961ع ۾ قائم ٿيو، جنهن جي ترقي ۽ واڌاري ۾ ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ جو گهڻو حصو آهي. ڊيڪن ڪاليج ۾ جامع سنڌي- انگريزي ڊڪشنريءَ جي رٿا تيار ڪئي ويئي، جنهن جا ٻه حصا خوبچنداڻيءَ تيار ڪيا ۽ 1968ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا.


    نيو جرسي ۾ سنڌي نوجوان

    پاڪستان ڇڏڻ مهل منهنجو مقصد آمريڪا گهمڻ جو نه هو پر مون دوستن يارن کان ٽي چار مهينا پري رهي انڊيا جو سفرنامو پورو ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ جڏهن مون کي معلوم ٿيو ته اسانجي ڀاڻيجن سمير ۽ ضمير وسطڙو وارن جو گهر جن وٽ مون رهڻ چاهيو ٿي نيو جرسي جي هڪ ننڍڙي شهر Avenell ۾ آهي ته مون کي هيڪاندي گهڻي خوشي ٿي ته نيو يارڪ، ائٽلانٽڪ سٽي، واشنگٽن، بالٽيمور جهڙن شهرن کي ويجهو هوندي به آئون هڪ خاموش ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ هوندس. نيو جرسي آمريڪا جي انهن رياستن مان آهي، جيڪا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا وانگر سرسبز آهي. جيڏانهن نظر ڪر ته آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ گهاٽا وڻ ۽ نازڪ، نرم ۽ ڊگهي گهاٽي Fur جهڙي Trim ٿيل ڇٻر نظر اچي ٿي. ان ڪري هن رياست کي چون ئي The Garden State ملائيشيا ۾ گهم، گرمي ۽ مينهوڳي ڪري هر قسم جا ٽنڊڻ ماڪوڙا ۽ نانگ بلائون ٿين، جيڪي انسان ذات کي اُتي جي جنگلن ۾ آزاديءَ سان هلڻ نه ڏين. مينهوڳي هتي نيو جرسيءَ ۾ به ڏاڍي ٿئي ٿي پر سخت سيءَ ۽ برفباريءَ ڪري ان قسم جا جيت جڻيا نظر ئي نٿا اچن. شام جي وقت هتي جي ڇٻرن تي فقط کڙ کٻيتا (ٽانڊاڻا) پوليس جي گاڏين وانگر ٻرندا وسامندا نظر اچن.
    بهرحال هتي پهچي خبر پيئي ته اڄ جو آمريڪا اهو 35 سالن وارو اڳ جو آمريڪا نه رهيو آهي. جڏهن هتي ڪو سنڌي ته ڇا پنجابي پٺاڻ به ورلي نظر ايندو هو. جتي آمريڪا ڌارين جي اچڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن، اتي اسان جهڙن ايشيائي ۽ آفريقي ملڪن جون معاشي ۽ امن جون حالتون اهڙيون پٺتي هليون ويون آهن جو اڄ پهرين کان گهڻا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي ڀيٽ ۾ آمريڪا کي وڌيڪ پرسڪون، عزت جي ماني ڏيڻ وارو، آزاديءَ سان عبادت ڪرڻ وارو ملڪ سمجهن ٿا، جتي هڪ غريب کان غريب انسان به پنهنجن خوابن جي ساڀيان ماڻي سگهي ٿو. بشرطيڪ هن ۾ هنر، محنت، سگهه ۽ ڄاڻ جهڙيون شيون هجن.
    Avenell شهر جنهن ۾ آئون هاڻ رهيل آهيان، اسان جي ايشيائي ملڪن جي حساب سان ته هڪ ننڍڙو، خوبصورت ۽ ماڊرن شهر آهي پرهتي جي آمريڪي معيار مطابق هتي جي يونين ڪائونٽي جو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جنهن جهڙا ڪيترائي ڳوٺڙا اولڊ برج، اسيلن، Rahway، پرٿ وغيره وغيره پنج ڏهه ميلن جي فاصلي تي آهن ۽ فقط هنن ڀر وارن شهرن يا ڳوٺن ۾ جيڪي منهنجا واقفڪار رهن ٿا، يعني جن جي مون کي خبر آهي، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: آمريڪن حبيب بئنڪ جو مئنيجر نديم جوڻيجو جنهن جو والد صاحب امداد جوڻيجو ABL بئنڪ جو صدر هو. نديم گذريل 25 سالن کان آمريڪا جي مختلف حبيب بئنڪن ۾ نوڪري ڪندو اچي، بئنڪ جي ڀر ۾ شيراز هوٽل ۾ جمعي نماز تي رشيد مليو جيڪو مون سان گڏ جهاز تي ريڊيو آفيسر هو ۽ پوءِ جهازن جي نوڪري ڇڏي هتي رهي پيو. دادو جو سائين ابراهيم چنا صاحب آهي، جيڪو ڪراچي ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽيز جو ڊائريڪٽر هو. رٽائرڊ ٿيڻ تي هتي هليو آيو جو سندس ٻه وڏا پٽ خالد چنا ۽ مسعود چنا ويهن سالن کان هتي رهن ٿا. سندن دوائن جا دڪان ۽ ٻيو ڪاروبار توڙي گهر هتي ئي ڀر واري شهر ۾ آهن. نواب شاهه جي مشهور شخصيت ڊاڪٽر ڏاهريءَ جو پٽ مقبول ڏاهري به سالن کان هتي رهي ٿو. اسان جي پيٽاڙو ڪئڊٽ ڪاليج جي دوست اقبال ترڪ جا ڀائر ڊاڪٽر اعجاز ترڪ ۽ اشفاق ترڪ ۽ پٽ جيتوڻيڪ ڏورانهين رياستن ۾ رهن ٿا پر سندس سالا ڊاڪٽر سليمان بيگ ۽ هتي جي PIA آفيس ۾ ڪم ڪندڙ فريد بيگ هتي اسان جي پاڙي جي شهرن ۾ رهن. اڄ ڪلهه اقبال ترڪ جي سس جيجي شرفنساءِ (قاضي اڪبر، قاضي عابد ۽ آپا شمس وارن جي ڀيڻ) به هتي اچي رهي آهي. خيرپور جو مشهور رٽائرڊ ايس پي پوليس سومرو صاحب ۽ سندس ٽي پٽ نديم وغيره به هتي رهن ٿا. خيرپور سکر پاسي جو فلڪ شير، سندس وڏو ڀاءُ ڪوه شير ۽ هڪ ڀيڻ ڊينٽل سرجن فردوس جهان به هتي جي ڀر واري شهر ۾ رهي ٿي، يعني هن رياست نيو جرسي ۾ ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ انجم شير هڊسن ندي جي هن پار نيو يارڪ ۾ ٿو رهي ۽ هڪ ٻيو ڀاءُ پئسفڪ سمنڊ پاسي West Coast)) جي رياست ڪئليفورنيا ۾ رهي ٿو.
    ان کان علاوه اسان جي ڳوٺ هالا جي مرحوم عبدالغفار انصاري جو ٽيون نمبر پٽ سهيل زال صبا قريشي ۽ ٻارن سان گذريل 15 سالن کان هتي رهي ٿو ۽ نوڪري لاءِ هڊسن ندي ٽپي نيويارڪ وڃي ٿو. سندس پڦي خورشيد ٻگهيو جي ڌيءَ ڪونج جنهن هتان آمريڪا مان Graduation ڪئي ۽ شادي پڻ هتي ڪئي. پنهنجي مڙس عاطف ۽ ٻن ٻارن سان هتي رهي ٿي. سندس مڙس جي نوڪري هن رياست جي بندرگاهه نيوارڪ ۾ آهي. خيرپور ۽ سکر پاسي جا ڊاڪٽر اقبال جعفري (اينگرو واري گل شير جو سوٽ) ، ڊاڪٽر نور راڄپر ۽ سندس ڀاءُ مسرور راڄپر (جيڪو ڪيترائي سال سينگاپور ۾ ڪمپيوٽر انجنيئر هو) هاڻ هتي ئي رهن ٿا. پر نوڪري نيويارڪ ۾ اٿن ۽ تقريباً هر دعوت ۾ نظر اچن ٿا. ساڻن گڏ ڊاڪٽر ابڙو ۽ سندس زال سعيده ابڙو جيڪا هتي جي بئنڪن ۾ مئنيجريس رهي چڪي آهي ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ نوڪري ڇڏي اٿس، گهوٽڪي جو انجنيئر رميش ٿارواڻي ۽ سندس ڪنڌڪوٽ جي ڊاڪٽر زال ريکا پڻ هتي ئي رهي ٿي ۽ نوڪري به هتي ئي ڪن ٿا. نواب شاهه جو ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ راهو جيڪو پاڪستان ۾ انڪم ٽئڪس ڪمشنر هو ۽ دادوءَ جي سندس زال لبنيٰ رانجهاڻي ٻارن سميت گذريل ڇهه ست سالن کان هتي رهيا ٿي. هاڻ گذريل مهيني ڀر واري رياست مئري لئنڊ لڏي ويا آهن. اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج جي ڪلاس ميٽ مصباح الحق ميمڻ ۽ مشهور سنڌي اديب ۽ عالم سراج الحق ۽ فهميده حسين جو ڀاءُ ضياءُ ميمڻ به سالن کان هتي رهي ٿو. جن سان هتي اڪثر انڊين بازارين ۾ (Oak Tree Road) واري ۾ خاص طرح، مسجدن ۾، سنڌي ميلن ۽ فنڪشنن ۾ يا وري ڪنهن جي گهر رکيل مخصوص گروپ جي دعوتن ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي. پر اهو ضرور آهي ته هر هڪ نوڪري يا ڌنڌي واپار ۾ اهڙو ته مشغول رهي ٿو جو سندس سڄو ڏينهن آفيس يا دڪان ۾ گذريو وڃي. کيس فون ڪرڻ جي به فرصت نٿي ملي. باقي جمع جي شام کان آچر جي شام تائين ٻه ڏينهن صحيح قسم جي موڪل ٿئي ٿي، جنهن ۾ هو دوستن ۽ ٻارن ٻچن سان گڏ وقت گذارين. يا وري ڏينهن ٻه وڌيڪ موڪل ڪري ٻي رياست ۾ وقت گذارڻ وڃن، جيئن هينئر واشنگٽن ۾ آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ رهندڙ چار سؤ کن سنڌي فئمليون اچي گڏ ٿيون هيون ۽ هاڻ ايندڙ 14 آگسٽ تي ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جو وڏو اجتماع آهي، جيڪو WSI جي صدر منور لغاريءَ واشنگٽن يا شايد ورجينا ۾ سڏايو آهي. ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاڙو جا به آمريڪا ۾ ڪيترائي رهن ٿا ۽ گذريل مهيني هنن ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي بارڊر وٽ، ناياگرافالس وٽ پيٽارو جي اولڊ بئائز جي Get Together رکي. ان جو بندوبست اسان جي ڳوٺ جي ڪئڊٽ عدنان قريشي ڪيو، جيڪو ڪئناڊا جي اونٽاريو صوبي جي شهر Oakvlle ۾ رهي ٿو. عدنان منهنجي هالا جي اسڪول جي دوست ڊاڪٽر عبدالحليم قريشيءَ جو فرزند آهي ۽ سندس هڪ ويجهو مائٽ سائين يوسف صاحب منهنجو ٻئي انگريزيءَ (يعني ڇهين ڪلاس) ۾ ٽيچر پڻ هو. عدنان کي خبر پيئي ته آئون نيو جرسي (USA) ۾ آهيان ته هن ”پيٽارين ياهو گروپس“ ذريعي مون کي اها گڏجاڻي Attend ڪرڻ لاءِ چيو. مون کيس پري هجڻ جو بهانو ڏنو.
    ”چوڌري ببيڪشن وارا ته ڪئليفورنيا کان پيا اچن. توهان ته ويجها آهيو.“ هن لکيو، ”۽ ٻيو ته پهرين بئچ جو ڪئڊٽ حميد انور (Kit No: 12) ته توهان جي ڀر واري ڳوٺ ۾ رهي ٿو ۽ هو اچي رهيو آهي، جنهن سان گڏ هليا اچو.“
    مون ايترو پري باءِ روڊ وڃي پنج ڇهه ڏينهن ضايع ڪرڻ نٿي چاهيا ۽ کيس اهانا بهانا ڏيئي راضي ڪري ڇڏيم، پر حميد انور جو Email ايندو رهيو ته نيو جرسيءَ ۾ ڪٿي آهين. جنهن جو مون جواب ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو. Email ۾ اهو فائدو آهي ته ٻئي جي ناراضگي لاهڻ لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته معاف ڪجو ڪمپيوٽر خراب هو يا بزي هوس مون انٽرنيٽ تي Mail چيڪ ڪئي ڪانه. پيٽارو جي ان فنڪشن بعد جڏهن آئون هفتو کن واشنگٽن هوس ته ان وقت پنهنجي پراڻي ساٿي حميد انور کي اي ميل ڪيم ته نيو جرسي جو پنهنجو فون نمبر ٻڌاءِ آئون نيو جرسي پهچي توکي فون ڪندس، منهنجو هاڻ انڊيا وارو سفرنامو ۽ ڪاوش لاءِ ڪجهه ڪالم مڪمل ٿي چڪا هئا ۽ هاڻ مونکي واندڪائي هئي.
    حميد انور ڪئڊٽ ڪاليج جي پهرين بئچ جو آهي، جڏهن 1957ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج عارضي طور ميرپور خاص جي هڪ ڪاليج ۾ ٻن سالن لاءِ کوليو ويو هو. آئون ٻئي سال پهتس ۽ ميرپور خاص ۾ سال ڏيڍ رهي پوءِ پيٽارو آياسين. ان وقت ويهه کن حميد انور جي بئچ جا ڪئڊٽ هئا ۽ اهڙا پنجويهه کن اسان ٻي بئچ جا پهتا هئاسين. منهنجو ڪٽ نمبر 47 هو ۽ آئون لياقت هائوس ۾ هوس جنهن جي هاسٽل ۾ اسان جي ڪمري بعد هڪ ڪمرو ڇڏي ٻئي ۾ حميد انور رهيو ٿي. سندس ٻن روم ميٽن مان هڪ مرزا بشير چاند هو جيڪو حيدر آباد ۾ چيف انجنيئر WAPDA وغيره رهيو ۽ گذريل سال سٺ سالن جو ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ ٻيو جعفر هو، جنهن جي 1962ع ۾ ڪاليج ڇڏڻ بعد وري خبر نه پئجي سگهي. حميد انور جي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻين دوستن کان خبر پيئي پئي ته هاڻ مهراڻ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ BE ڪئي اٿس ۽ هاڻ ابو ڌابيءَ ۾ آهي. بلڪه ابو ڌابيءَ ۾ هو وڏو عرصو رهيو ۽ اسان جو ڳوٺائي ڊاڪٽر منظور عرساڻي سندس احوال ڪڏهن ڪڏهن ٻڌائيندو هو جيڪو پڻ پنهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو ابو ڌابيءَ ۾ رهيو. هاڻ شايد هو به آمريڪا ۾ آهي.
    حميد انور جي مون کي اها خبر نه هئي ته هو ڪو ڪجهه سالن کان هتي USA ۾ آهي ۽ هاڻ عدنان کان جيئن ئي خبر پيئي ته هو نه فقط آمريڪا ۾ آهي پر ان ساڳي رياست نيو جرسي ۾ منهنجي ڀر واري ڳوٺ ۾ آهي، ته مون کي ڏاڍو تعجب لڳو. حميد انور ننڍپڻ کان جيئن ته ڪچهريءَ جو ڪوڏيو رهيو آهي، ان ڪري مون اڃا جهٽ ساڻس نٿي ملڻ چاهيو جو مون کي پنهنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم تمام گهڻو هو) ۽ ساڳي وقت دل ۾ اهو به احساس هو ته هن جهڙي نيڪ، پرخلوص، سنڌي نه هوندي سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ سنڌين جي همدرد ۽ معصوم شخصيت سان ملڻ بنا آمريڪا ڇڏڻ هڪ الميو ٿي سمجهيو. اسان آخري دفعو 1962ع جي شروع ۾ مليا هئاسين، جڏهن هو انٽر ڪري ڪئڊٽ ڪاليج کي الوداع چئي رهيو هو ۽ اسان سندن جاءِ تي انٽر جي ڪلاس ۾ داخل ٿيا هئاسين. پاڻ اسان جي لياقت هائوس جو پهريون JUO هو. ڪاليج جي ڏينهن ۾ پڙهائي ۽ راندين ۾ هوشيار هجڻ سان گڏ منجهس Officer Like Qualities ۽ ليڊرشپ جون وصفون به اتم هيون پر هن اجايو رعب ۽ ٽرڙپائي بدران هميشه همدرداڻو رويو رکيو. پاڻ طبيعت ۾ بيوقوفي جي حد تائين سادو رهيو ۽ اڄ به اهڙو ئي سادو، يار ويس ۽ ٻين جو مددگار آهي. ساڻس ملاقات جو احوال هاڻ ٻئي باب ۾ ئي لکان ٿو.


    حميد انور جي ڪهاڻي ۽ ڪچهري

    سٺا هئائو ته هينئر به سٺا رهو....
    حميد انور مون سان ملڻ جو پروگرام اڱاري ڏينهن رکيو هو. هن مون کي فون تي ٻڌايو ته هن سان آمريڪا ۾ زبردست ٽرئجڊي ٿي پئي. سڄي زندگي جي جيڪا بچت هئي سا هن ٻن هنڌن تي Invest ڪئي پر سمورو پئسو لڙهي ويو. ”ان ڪري هاڻ آئون نوڪري ڪريان پيو. هونڊا ڪارن جو شو روم آهي اتي Sales consultant آهيان. يعني سيلز مئن سمجهه- هتي مڙيئي سيلز ڪنسلٽنٽ سڏين جيئن پاڻ واري حجام کي هتي Hair Dresser يا Hair Designer سڏين. سو بهرحال هاڻ آئون هن عمر ۾ نوڪري ڪريان ٿو ۽ مون کي هفتي ۾ آچر ۽ اڱارو موڪل ٿئي.“
    حميد انور جي اها ڳالهه ٻڌي آئون ڪي ڏينهن ڏاڍو ڏکويل رهيس ته هڪ نيڪ انسان ۽ قابل انجنيئر جنهن زندگيءَ جو وڏو حصو ابو ڌابيءَ ۾ گذاريو ۽ بيحد اعليٰ عهدي تي رهيو ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪهڙي ملڪ ۾ ٽوئر لاءِ ٿي ويو ته ڪڏهن ڪهڙي ۾. ابو ڌابيءَ ۾ هي واحد پاڪستاني آفيسر هو، جنهن کي زمين تي سفر ڪرڻ لاءِ شوفر ڊرون ڪار هئي ۽ هوائي جهاز ۾ هميشه بزنيس ڪلاس هليو ٿي. اڄ هو چوهٺ سالن جي ڄمار ۾ هتي جي سخت سيءَ ۽ برفاني موسم ۾ صبح جو اٺين کان شام جو ڇهين تائين ڊيوٽي ڪري رهيو آهي. ڏينهن ٻن بعد واشنگٽن ۾ پنهنجي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ، قاضي احمد جي سميع جادران سان ڳالهه ڪيم ته مون حميد انور کان هن ريت ٻڌو آهي، ٿي سگهي ٿو مون غلط ٻڌو يا سمجهيو.
    ”نه يار صحيح ئي هوندو It is no surprise for me. ڇو جو هنن ولائتن ۾ توڙي پنهنجي ملڪ ۾ وڏا وڏا ڪاٽڪو ۽ بشني ويٺا آهن ۽ توکي ته خبر آهي ته حميد انور ننڍي هوندي کان ڪيڏو سادو، ٻئي جي ڏک کي پنهنجو سمجهڻ وارو ۽ ٻين جي ڳالهين ته وسهجي وڃڻ وارو آهي. هن سان ضرور دوکو ٿيو هوندو.“ سميع تجزيو ڪري راءِ ڏني.
    ”هن مون کي اهو به ٻڌايو،“ مون پنهنجي ڪلاس ميٽ سميع کي چيو، (ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اسان ٻئي حميد انور کان هڪ سال جونيئر هئاسين.)، ”ته منهنجي پٽ مون کي گهڻو ئي سمجهايو ته بابا تون هلي ڪراچي يا ڳوٺ نصرپور زمينن تي رهه. ٿوري گهڻي زمين ۽ باغ آهي ۽ هزار کن ڊالر آئون پيو موڪليندو سانءِ پر مون کي اها ڳالهه نه وڻي. آئون پاڻ ئي پورهيو ڪري ڪمائڻ چاهيان ٿو ۽ پنهنجي ڪمائيءَ مان زال ۽ باقي ٻن ننڍن ٻارن جو خرچ پکو هلائڻ چاهيان ٿو.“
    اسان حميد انور سان روبرو ملڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. سميع به حميد انور سان مون وانگر آخري دفعو 1962ع ۾ مليو هو. ”هتي واشنگٽن ۽ ورجينا ۾ منهنجي نظر ۾ اليڪٽرڪ فرمس جو جاب آهي، جيڪو هو آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو. ملنئي ته مون پاران نياپو ڪجانس ته هيڏانهن مون ڏي هليو اچي.“ سميع مون کي چيو.
    ۽ هاڻ پروگرام موجب اڄ حميد انور سان 45 سالن بعد ملاقات ٿي. مون وٽ اچڻ لاءِ هو پنهجي گهران يارهين بجي نڪتو. رستي تان فون ڪيائين ته هو پنڌرهن منٽ کن گروسري شاپ مان ڪم لاهي پوءِ مون وٽ ٻارهين اندر پهچي ويندو.“ پوءِ ڪنهن هوٽل ۾ هلي ٿا ماني کائون ۽ ڪچهري ڪريون.“
    ”حميد انور ڳالهه ٻڌ مانيءَ جي تڪليف کي ڇڏ. تون به هينئر نيرن ڪري نڪتو آهين، مون به هاڻ ڪئي آهي. هن عمر ۾ پرتڪلف ماني کائن پاڻ کي بيمار ڪرڻو آهي. ان ڪري ڪافي يا چانهه پيئنداسين.“ مون چيو مانس.
    ”يارڪمال ٿو ڪرين 45 سالن کان پوءِ مليا آهيون. پوءِ به فقط ڪافي يا چانهه پيئون؟“
    ”جي ها! سا به بنا شگر ۽ مِلڪ جي! شگر ليول بارڊر تي آهي. کير ڪولوسٽرل ليول ٿو وڌائي.“ مون Reasoning ڪئي مانس.
    هن ٽهڪ ڏيندي چيو: ”بارڊر ليول تي! بس نه؟ هتي آئون ڪڏهوڪو ڊائيبيٽڪ آهيان ۽ بلڊ پريشر پڻ اٿم. بهرحال ماني کائبي. اهو منهنجو آرڊر آهي. آئون تنهنجو سينئر آهيان ۽ تون جونيئر آهين. تنهنجو ڪم فقط Yes, Boss! چوڻ آهي.“
    حميد انور ٻارهين بدران هڪ بجي پهتو. آئون کيس دير سان پهچڻ جو ڏوراپو ڏيان تنهن کان اڳ پاڻ ئي چيائين: ”يار پاڻ کڻي يورپ ۾ رهون يا آمريڪا ۾، رهنداسين اهي ئي ٽنڊي باگي جا ڄٽ. بلڪ هاڻ ته اهي ڳوٺاڻا به وقت جا پابند ٿي ويا آهن.“ ۽ پوءِ ڀاڪر پائي ملي آهستي چيائين ”يار رستو ئي سمجهه ۾ نه پئي آيو. خبر ناهي ڪٿان ڪٿان رلي رلي تو تائين پهتو آهيان.“
    دراصل رستي جي ڳولا ۾ اسان کي هوٽل تائين ويندي ۽ وري واپسي ۾ به، ساڳي پريشاني ٿي ۽ اسان جو پيٽارو جو پهريون JUO (هائوس جوليڊر) حميد انور هر وقت غلط رستا اختيارڪري، ڪار جو پيٽرول ساڙڻ کان علاوه رستن جو بار بار ٽال ٽئڪس ڀريندو رهيو. رستن جي ان مونجهاري جو احوال الڳ لکي رهيو آهيان.
    سالن کان پوءِ ملياسين ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڪهڙي ڪهڙي خبر ڪجي ۽ ڪنهن ڪنهن ساٿيءَ جو هڪ ٻئي کان پڇجي. اسان جا ساٿي گذريل اڌ صديءَ ۾ ڇا ڪندا رهيا. انهن مان ڪن کان آئون واقف هوس ته ڪن کان حميد انور هو. پراڻي ڪاليج جون ڳالهيون ۽ چرچا ياد ڪري کلندا رهياسين.
    ”خبر اٿئي ڪاليج ڇڏڻ بعد“ حميد انور هڪ قصو ياد ڪري پهرين کليو ۽ پوءِ ٻڌائڻ شروع ڪيو، “ هڪ دفعو آئون، انور ميمڻ ڪٽ نمبر 48 جيڪو پڻ مون سان گڏ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ هو ۽ علي رضا ميمڻ ڪٽ نمبر 56، پيٽارو ڏي، علي رضا ميمڻ جي ڀاءُ سڪندر سان ملڻ وياسين. اهو وقت پريپ (ڪمري ۾ ويهي هوم ورڪ ڪرڻ) جو هو. اسان سڪندر کي ڪمري مان ٻاهر سڏي خبر چار پئي ڏني ورتي ته مٿان ڪرنل ڪومبس (ڪاليج جو انگريز پرنسپال) انسپيڪشن تي اچي لنگهيو. اسان ٽنهي کي ڏاڍي دٻ ڪڍيائين ته You have broken college law يعني پريپ جي وقت ملڻ آيا آهيو. اسان چيس سر اسان کي ان جي خبر نه هئي. پوءِ اسان کي ليڪچر ڏنائين ته Ignorance of law is no excuse ۽ اسان جي جونيئرن اڳيان اسان کي چيائين ته Get out of my college. اسان ڦلهڙو منهن ڪري ٻاهر نڪتاسين ۽ اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. ريلوي ڦاٽڪ تائين سڀ چپ هئاسين پوءِ نيٺ چيوسين ته انگريز جي پٽ اسان کي جونيئرن اڳيان ڏاڍو ذليل ڪيو. مون چيو مان ته کيس منهنجو به خيال نه ٿيو ته هن ڪاليج جو آئون ٽن سالن لاءِ JUO هوس. انور هيڪاندو باهه ٿيو پيو هو. علي رضا کي چيائين ته گاڏي موٽاءِ ته هلي ڪرنل ڪومبس کي چئون ته تو اسان جي خالي پيلي بي عزتي ڪئي آهي.
    ”سائين گاڏي موڙي واپس آياسين ته ڪرنل ڪومبس آفيس مان نڪري چڪو هو. اسان سندس گهر پهتاسين ته ان وقت هو گهر ۾ گهڙي رهيو هو. پگهر ۾ سڄو شل هو. انور ميمڻ جو ته توائيءَ ۾ مٿو وڃي گهر اڳيان لڙڪيل جهاز واري گهنڊ سان لڳو. آواز تي ڪرنل ڪومبس مڙي اسان کي ڏٺو ۽ کيڪاري اندر وٺي آيو. بورچيءَ کي چانهه ۽ بسڪيٽ ڪيڪ آڻڻ لاءِ چيائين. اسان چيس ته سائين توهان اسان کي دڙڪا ڏيئي بي عزتي ڪئي.
    چانهه جا ڪوپ ۽ بسڪيٽن جي پليٽ اسان ڏي سيريندي چيو.
    The purpose was not to insult you but to educate you
    اسان چيس پر توهان کي ته خبر آهي ته
    We are good boys
    سگريٽ دکائي چيائين.
    You were good but this doesn’t mean to break the laws. If you were good you should remain good.
    انور ميمڻ هڪ ئي وقت تي ٻه ٻه بسڪيٽ ڳڙڪائيندي سنڌيءَ ۾ مون کي آهستي چيو: هاڻ گهڻو ئي ٿيو ڪجهه بسڪيٽ کاءُ ۽ ڪجهه کڻ ته واٽ ڇڪيون.
    ڪرنل ڪومبس کي خبر ناهي شڪ پيو يا پاڻهي خيال آيو جو پاڻ ئي پڇيائين ته ماني کاڌي اٿانوَ؟ اسان هائوڪار ڪئي پر اسان کي شايد ٻٽا ٻٽا بسڪيٽ کائيندو ڏسي ڪو احساس ٿيس جو بورچيءَ کي چيائين ته قاضي عابد صاحب وٽان جيڪو ڪيڪ آيو آهي ان جو اڌ مون لاءِ رک ۽ اڌ جون سلائيس ڪري هنن کي ڏي ته رستي تي کائيندا وڃن.“
    ييس سر، نو سر، وڌ ۾ وڌ پارڊن سر!
    ”حميد انور! تون ٽنڊو باگو جو آهين يا ميرپور خاص جو؟“
    اسان جي ڪار هاءِ وي (NJTP) تي چڙهي ته مون حميد انور کان پڇيو.
    ”اسين دراصل ايسٽ پنجاب جا آهيون. سنڌ ۾ اسان، پاڪستان ٿيڻ کان گهڻو اڳ 1935ع ۾ آياسين. 1957ع ۾ جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيس ته منهنجو پيءُ ٽنڊو باگو جو صوبيدار (SHO) هو. اسان جو پيءُ ڪوٽڏيجي جو ڊي ايس پي ٿي رٽائرڊ ٿيو. ڳوٺن ۾ رهڻ ڪري اسين سنڌي ڳالهائيندا هئاسين ۽ اسڪول ۾ به آئون سنڌي پڙهيس. ٽنڊي باگي ۾ اسان جي اسڪول جو نالو مير جان محمد اسڪول هو. منهنجي پيءُ (چوڌري برڪت عليءَ) جو هڪ دوست هوندو هو نسيم حجازي. جڏهن به هو ڪو ناول لکندو هو ته بابا ڏي موڪليندو هو ۽ ٻيو ڪو پڙهي يا نه پر آئون ضررو پڙهندوهوس. اهي ناول پڙهي آئون فوج ۾ وڃڻ جا ۽ سپاهي ٿيڻ جا خواب ڏسندو هوس. انهن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جو اشتهار آيو. مون بابا کي چيو ته مون کي اوڏانهن موڪليو. بابا اشتهار پڙهي چيو پٽ تنهنجي پيءُ کي تنهنجا ٻيا چار ڀائر به پڙهائڻا آهن، تنهنجي پي جو پگهار فقط ٽي سئو رپيا آهي، تنهن مان ڏيڍ سئو رپيا تنهنجي في ڏيان ته باقي بچندو ڇا.
    بهرحال منهنجي ضد ڪرڻ تي بابا مون کي داخلا جي امتحان لاءِ ڇڏيو. اسين ڳوٺن ۾ رهندا هئاسين. انگريزي سا سٺي نه هئي پر مئٿس ۽ جنرل ناليج تمام سٺي هئيسين. مون رٽن ٽيسٽ ۾ ايتريون ته سٺيون مارڪون کنيون جو انٽرويو ۾ نظاماڻي صاحب مون کي سئو رپيا اسڪالر ملڻ جي خوشخبري ٻڌائي. ظاهر آهي منهنجو پيءُ به ڏاڍو خوش ٿيو. (شريف نظاماڻي جو والد صاحب الاهي بخش نظاماڻي) آخر سائين ڪاليج وڃڻ جو ڏينهن اچي ويو. مون ان ڏينهن لاءِ خاص گهڻن ورن واري سٿڻ ٺهرائي هئي، جنهن جو انهن ڏينهن ۾ فيشن هو ۽ هڪ ڊگهي سائي رنگ جي قميص جنهن ۾ چانديءَ جا ڦندڻن وارا ٻيڙا ۽ گيتلو جوتو پائي ڪاليج پهتس. ڪيترا ٻار ڪراچي، لاهور، سکر ۽ ٻين شهرن جا هئا، جيڪي مون تان ڪي ڏينهن کلندا رهيا. اسان کي ڪاليج ۾ اچڻ کان اڳ خط لکيو ويو هو ته جيسين ڪاليج طرفان يونيفارم ملي اسان گهران پينٽ، ٽاءِ ۽ جوراب کڻي اچون. مون ڪڏهن پينٽ نه پاتي هئي. منهنجو وڏو ڀاءُ حفيظ انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ پڙهيو ٿي، ان جي هڪ پينٽ کڻي نڪتو هوس، جيڪا ٻئي ڏينهن پائي ڪلاس ۾ آيس. عجيب مسخرو لڳي رهيو هوس. منهنجي ڀاءَ جي پينٽ قد ۾ ته مون کي صحيح هئي پر چيلهه تي ويڪري هئي. بيلٽ ڪو نه هيم، سو اڳٺ سان ٻڌي مٿان پوليس واري واري جرسي پائي ڪلاس ۾ پهتس ته سڀ مون کي گهوري ڏسڻ لڳا. آخر پنهنجي انگريزي ٽيچر مسٽر عبدالله خادم حسين(بعد ۾ ايڊيوڪيشن جو فيڊرل سيڪريٽري به ٿيو) مون کي ڪلاس اڳيان سڏائي پڇيو ته واٽ از دس. مون کي انگريزيءَ ۾ جواب اچي نه. سو چپ ئي رهيس، آخر پاڻ منهنجي جرسي مٿي ڪئي ته منهنجي پتلون اڳٺ سان وٽي سٽي پئي هئي. سڀ تهڪ ڏيئي کلڻ لڳا خاص ڪري ڪراچي جو شمس بلوچ ۽ ميرپور خاص جو چاچو رفيق. مون کي خادم صاحب تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته منهنجي ڪلاس اڳيان بي عزتي ڪئي اٿس.
    ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچڻ کان اڳ اسان کي خط ذريعي اهو به ٻڌايو ويو ته ڪاليج ۾ فقط انگريزي ڳالهائبي. آئون ڪافي پريشان رهيس ته مون لاءِ الائي ڇا ٿيندو. پر ڪاليج ۾ وڃڻ جي خوشي به ڏاڍي هيم. انهن ڏينهن ۾ آئون اڙدو جو هڪڙو گانو ڳائيندو هوس. ”اي ميري زندگي تجهي ڊهونڊون ڪهان. اهو گانو مون کي ڏاڍو وڻندو هو ۽ هر وقت ڳائيندو رهندو هوس. آئون پنهنجي ئي منهن دل ئي دل ۾ سوچيندو رهندو هوس ته ڪئڊٽ ڪاليج ۾ الائي ڇا ٿيندو اتي گانا به انگريزي ڳائڻا پوندا. پر پوءِ وري چوندو هوس ته آئون ته اتي به اهو ئي گانو ڳائيندس انگريزي ۾ ترجمو ڪري. ۽ پوءِ گاني جو ترجمو ڪيم. O, My Life! Where can I find you ۽ ڳائڻ لڳس.
    ”ياد اٿئي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پاڻ کي ٻن قسمن جون چادرون ملنديون هيون هڪڙيون اڇيون جن کي بيڊ شيٽ يا بيڊ اسپريڊ سڏيندا هئا ۽ ٻي رنگين....... ان کي ڇا سڏيندا هئاسين؟“
    ”ڪائونٽرپين.“
    ”ها. ڏس ته سهي اسان کي ته اڃا به انهن ڳالهين جي خبر نٿي پوي ۽ سوچ ته سهي انهن ڏينهن ۾ آئون ٽنڊي باگي کان آيو هوس. مون ان کان اڳ حيدرآباد يا ميرپور خاص جهڙا شهر به نه ڏٺا هئا. سو پهرين ڏينهن ئي اسٽورڪيپر ڪليم صاحب آيو ۽ اچي پڇيائين Did you get counterpane? هل ته منهنجا سائين! مون کي ڪائونٽر پين جهڙن لفظن جي ڪهڙي خبر؟ مون کي رڳو گيٽ لفظ سمجهه ۾ آيو ۽ ان جي معنيٰ اسان جي دماغ ۾ ”دروازو“ هو. مون سمجهيو ته هو پڇي ٿو ته دروازو صحيح ڪم ٿو ڪري. مون وراڻيومانس Yes sir ۽ پوءِ ڪٻٽ جو دروازو کولي ڪاليج طرفان مليل ٽئال ۽ چادرون ڏسي مون کي ٿو چوي ويري گڊ! ويري گڊ!
    ”سو مهينو کن ته رڳو Yes Sir ۽ No Sir تائين ڪم پئي هلايم. وڌ ۾ وڌ Pardon Sir پوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي convent اسڪولن کان آيل لاهه ڪلاس ميٽن ۽ ڊاڪٽر رضا شيخ، ڪموڊور زين العابدين شاهه، ڪئپٽن سعيد ڀَلي ۽ ميرپور خاص جي خالد لطيف جهڙن کي انگريزي ڳالهائيندو ٻڌي ٻڌي اسان به ڊرامي باز ٿي پياسين. مئٿس ۽ جنرل ناليج ۾ ته شروع کان هوشيار هوس. مسٽر امين مئٿس ٽيچر جاميٽري جي پيرڊ ۾ ٿيرم سمجهائي پڇندو هو ته اچي ويو سمجهه ۾ ته سڀ کان اڳ ۽ ڪڏهن ته فقط آئون هٿ مٿي کڻندو هوس. پڙهائيءَ ۾ سٺوهجڻ ڪري سڀ دوست ٿي ويا سواءِ منهنجي ڀرواري روم ۾ رهندڙ شمس بلوچ جي.“
    ”اڄ ڪلهه شمس بلوچ ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو مانس.
    ”هتي آمريڪا ۾ ئي آهي. مون وانگر هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهي پر ننڍپڻ واري داداگيري اڃا نه وئي اٿس. پر هاڻ اسڪول جي ڏينهن واراجهيڙا نٿو ڪري. ٽيچر وڃڻ کان پوءِ مون کي چوندو هو ته اڙي لمبو تم اتني هوشيار ڪيون هو؟ هاڻ سائين ڏيو منهن! هڪ ڏينهن نيرن تي ميس جي ڪئٽرر کي گار ڏئي ٿو چوي هينئن بيضو فراءِ ڪبو آهي. هن وڃي ڪرنل ڪومبس کي دانهن ڏني ۽ ٻنهي مون کي شاهد ڪيو جو ڀر ۾ آئون ويٺو هوس. شمس مون کي چيو ته جيڪڏهن تو مڃيو آهي ته مون گار ڏني آهي ته لمبو تنهنجو خير ناهي. هوڏانهن منهنجو ضمير ملامت ڪري. آخر فيصلي مهل ڪرنل ڪومبس پڇيو ته مون چيومانس ته مون چڱي طرح نه ٻڌو. ڪرنل ڪومبس سمجهي ويو پوءِ شمس کي چوڻ بدران سندس پيءُ کي گهرائي ٻڌايائينس ته پٽهين کي سمجهاءِنه ته ڪاليج مان ڪڍندو سانس.“
    ”سندس ننڍو ڀاءُ بشير بلوچ جيڪو اسان جو ڪلاس ميٽ هو اهو به باڪسر سٺو هو پر داداگير نه هو. سندس والد صاحب ڏاڍو پيارو ماڻهو هو. ايندو هو ته پاڻ سڀني سان قرب سان ملندو هو.“ مون چيو مانس
    ”ها بلڪل صحيح ٿو چوين. سٺن شاگردن لاءِ ڪرنل ڪومبس کي تحفا به ڏئي ويندو هو. خاص ڪري ڪتاب. پر شمس وڏو مٿي جو سور هو. مون کي هر وقت چوندو هو تنهنجو نڪ ايڏو ڊگهو ڇو آهي؟ ۽ پوءِ ٻين کي چوندو هو ته چانهه پيئندي حميد انور جو نڪ چانهه جي ڪوپ ۾ هليو وڃي.....“
    فوٽوءَ ۾ منهنجو پيٽ نه اچي.
    اسان ڳالهين ۾ هر هر رستو ڀلبا رهياسين ۽ هر وقت غلط رستي تي چڙهي غلط Exit مان ٿي نڪتاسين. هر وقت حميد انور پنهنجي ان غلطيءَ جو ڏوهاري آمريڪا جي هاءِ وي ڊپارٽمينٽ کي ٿي ٺاهيو.
    ”ڀيڻسان ڪڃر رستي تيSign Board به نٿا هڻن ته ڪهڙو رستو آهي ۽ ڪيڏانهن پيو وڃي.“ هن هر دفعي رستو ڀلجڻ تي چيو ٿي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته جيترا سٺا رستا، انهن جا نقشا ۽ انهن تي لکيل نالا ۽ صحيح ڏنل اشارا آمريڪا ۾ آهن اوترا دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ نه آهن. هاڻ مڙيئي جپان ۽ ملائيشيا ٻئي نمبر تي اچي رهيا آهن. حميد انور کي، ڪيترا دفعا ڀر وارن ڪارين جي ڊرائيورن ۽ پيٽرول پمپن تان رستو پڇڻو پيو. هڪ دفعو ته نئين ڄاول ٻارن جي تحفن واري دڪان اڳيان گاڏي بيهاري رستو پڇڻ لاءِ اندر وڃڻو پيو. دير ڪيائين ته گاڏيءَ مان لهي آئون به اندر ويس ته ڏسان ته دڪان ۾ رکيل شيون پيو ڏسي. اڄ شام جو سندس پوٽي(وڏي پٽ محمد يوسف جي پٽ مصطفيٰ) جو برٿ ڊي هو. شايد ان جو خيال اچي ويس.
    ”الطاف جنگل ۾ ڇا ته زبردست دڪان آهي.“ هن چيو ۽ پوءِ ڪائونٽر تي ويٺل مالڪڻ کان رستو پڇي کيس چيو: ”مائي دڪان ته واهه جو کوليو اٿئي.“
    ”پوءِ ڪجهه خريد ڪر نه؟“ هن چيو.
    ”هڪ ڏينهن آرام سان ضرور ايندس. هينئر جلدي ۾ آهيان. هي منهنجي ننڍپڻ جو دوست 45 سالن کان پوءِ مليو اٿم. هن کي لنچ ڪرائڻي اٿم. ٽي ته هتي ئي ٿي ويا آهن.“
    بهرحال اسان پڇائيندا پڇائيندا Oak Tree روڊ تان اچي نڪتاسين، جتي پاڪستانين (خاص ڪري پنجابين ۽ ڪجهه ڪراچيءَ جي ميمڻن) ۽ انڊين (خاص ڪري گجرات جي پٽيلن ۽ سنڌي هندن) جا سوين دڪان آهن. سيڌي جا، ڪپڙي جا، حجامڪا ۽ بيوٽي پارلر، وڊيو ڪئسٽن ٽيليفونن جا، زيورن جا، درزين جا، نيل پالش ڪرڻ ۽ نڪ ٽوپڻ وارن جا، اسٽيٽ ايجنٽن، وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن جا ۽ ڪيتريون ئي ريسٽورنٽون آهن. اسان هڪ شاليمار نالي ريسٽورنٽ ۾ گهڙياسين. منهن وٽ ئي قطار ۾ مختلف ڀاڄين ۽ گوشتن جا ڏهه ٻارهن ڊش هئا، جن جي پويان چار کن سائي وڳي ۾ عورتون گراهڪن کي سندن پسند جون شيون کڻي وڃڻ لاءِ پئڪ ڪري ڏئي رهيون هيون يا هوٽل ۾ ويهي کائڻ لاءِ پليٽن ۾ وجهي ڏيئي رهيون هيون. هر ڀاڄي، گوشت، ڀت، برياني وغيره جي تصوير ۽ ان جو اگهه مٿي فريم ۾ ڏنل هو.
    پالڪ گوشت جي پليٽ ڇهه ڊالر يعني پاڪستاني ساڍا ٽي سئو رپيا، اهو هتي جي حساب سان سستو اگهه ٿيو جو ٻين ٺاهه جوڙ وارين هوٽلن ۾ جتي بئرا يا ڇوڪريون Serve ٿيون ڪن ۽ وڏن شهرن جي مرڪزي علائقن ۾ آهن، اتي ان ساڳي ڊش جي قيمت ٻيڻ کان به مٿي آهي. اهڙي طرح چپلي ڪواب ڇهه ڊالر، بهاري ڪواب ڇهه ڊالر، مٽن برياني ڇهه ڊالر، ڪوفتا ڪَري ڇهه ڊالر، چڪن جلفريزي ڇهه ڊالر، فش فراءِ ڏهه ڊالر، هتي مڇي سڀ ۾ مهانگي آهي، چڪن سستي آهي، هليم ڇهه ڊالر، نهاري ڇهه ڊالر، پاوا ڇهه ڊالر، نان هڪ ڊالر پراٺو اڍائي ڊالر، قيمي وارو نان ساڍا ٽي ڊالر، ٻه سموسا هڪ ڊالر، کيرڻي ٻه ڊالر، رسملائي ٽي ڊالر، گلاب جامن ٻه ڊالر وغيره.
    هتي اسان جي پاڪستاني يا انڊين هوٽلن ۾ ٻڪريءَ جي گوشت کي Mutton لکڻ بدران Goat meat لکن ٿا جيڪو عجيب لڳي ٿو. پوءِ ته چڪن بدران هين ميٽ، بيف بدران cow meat وغيره لکڻ کپي پر هتي فقط مٽن وارن ڊشن تي goat korma، Achari goat وغيره لکيل آهي. هڪ پاڪستاني هوٽل واري ٻڌايو ته هتي رڍ جو گوشت ٻڪري جي گوشت کان مهانگو آهي، ان ڪري فقط Mutton لکڻ بدران Goat Biryani يا Lamb Steak لکيو وڃي ٿو. عرب ملڪن جا ماڻهو رڍ ۽ دنبي جو گوشت پسند ڪن ٿا ۽ اسان جي ملڪن (پاڪستان، انڊيا، سري لنڪا،بنگلاديس وغيره) جا ٻڪري جو گوشت.
    آمريڪا ۾ ڪٿي به توهان کي منڍي پاوا نه ملندا. پر پاڪستاني ۽ هندستان جي حلال ميٽ شاپ تان توڙي ريسٽورنٽن تي (جيئن اوڪ ٽري روڊ جي هيءَ هوٽل شاليمار) منڍي ۽ پاوا ملندا. کاڌن جي ڊگهي لسٽ ۾ هن هوٽل ۾ مرچي پڪوڙا، لکهنو جي برياني، ڪراچي گوشت، نورتن قورما به هئا ۽ هڪ ڊش Chicken 65 به هو! خبر ناهي ڇو ان جو نالو اهو رکيو اٿن. مون کي گهڻو وقت مختلف ڊشن کي جاچيندو ڏسي حميد انور چيو ته هل ته هلي بفيٽ لنچ کائون، جيڪا هوٽل جي ٻي ڀت پاسي ٽيبل تي سجايل هئي. مون پليٽ کڻي ان ۾ چانور، سائي رنگ جي گل گوبي (بروڪلي) جي ڀاڄي ۽ هڪ ٻن ٻوڙن مان ذرو پرزو وجهي، اچي ٽيبل تي ويٺس. چوڌاري نظرڪيم ته ڪافي ٽيبل ڀريل هئا، جن مان هڪ ٻن تي فئمليون ويٺل هيون، باقي تي نوجوان عورتن ۽ ڇوڪرين جا ٽولا هئا. اسان جي ڀر واري ٽيبل تي حجاب ٻڌل هڪ ماءُ ڌيءُ اڙدوءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون. هوٽل جي منهن وٽ رکيل ڊشن وٽ ٽيبل تي ٽي ماڊ قسم جون، پتلونن ۾ مسلمان ڇوڪريون ماني کائي رهيون هيون. مسلمان ان ڪري ٿو چوان جو بقول هتي جي گورن جي انهن جي نرڙ تي Dot (يعني ڳاڙهو ٽڪو) نه هو. ٻي ڳالهه ته سندن مٿا حجاب سان ڍڪيل هئا. جيسين حميد انور جي سواري لڏندي لمندي پهچي، تيسين آئون ڪئميرا کڻي انهن ٽن ڇوڪرين وٽ پهتس. توهان پاڪستان جون آهيو؟
    ”نه اسين انڊيا جون آهيون.“ هنن صاف اڙدوءَ ۾ جواب ڏنو.
    ”دهليءَ جون؟“ مون پڇيو.
    ”نه حيدرآباد دکن جون.“
    ”مسلمان هجڻ ۽ حجاب ۾ هلڻ ۾ توهان کي ڪيئن ٿو محسوس ٿئي. آئون نائن اليون جي حوالي سان پڇي رهيو آهيان.“
    ”بلڪل نارمل ٿيون محسوس ڪيون. بلڪه اسان جي عزت ڪئي وڃي ٿي. نائن اليون جهڙو واقعو ٿيڻ تي وقتي طور ڪجهه ماڻهن جا جذبات مشتعل ٿيو وڃن پر هتي جي حڪومت سختيءَ سان Law & Order قائم ڪريو وڃي. ان کان وڌيڪ هنگاما ۽ مارڪٽ پنهنجن ملڪن ۾ ٿئي ٿي. اڄ به مذهبي آزاديءَ جي لحاظ کان آمريڪا از گريٽ ڪنٽري.“
    آئون هڪ قسم جو جرنلسٽ آهيان. پنهنجي ملڪ جي اخبار لاءِ توهان جي تصوير ڪڍي سگهان ٿو؟ سندن تصوير ڪڍڻ بعد پنهنجي ٽيبل ڏي آيس ته حميد انور پنهنجي پليٽ رکي ويهي چڪو هو. مون سندس ٽي چار اڪيلا پورٽريٽ فوٽو ڪڍيا.
    ”يار رڳو منهنجا اڪيلا ته نه ڪڍ. گڏجي به ڪڍايون.“
    ”ها صحيح ٿو چوين. ترس ته ڪنهن کي چئون ٿا. اتي اسان جي ڀر واري ٽيبل تي ويٺل ماءُ ڌيءُ مان ڌيءَ پليٽ کڻي ڪو ٻوڙ کڻن لاءِ اٿي ته اسان فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيس. اسان ٻئي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيٺاسين. ٻئي هڪ ئي قد جا ڊگها هئاسين. ڇهن فٽن جي لڳ ڀڳ. هاڻ پوڙها ٿيڻ ڪري ۽ ڪجهه ورٽيبرا جي وچ جو Gap گهٽجڻ ڪري انچ ٻه گهٽجي چڪا هونداسين. ڪاليج جي ڏينهن ۾ ٻئي سنها هوندا هئاسين ۽ ڪلاس ميٽ اسان کي لمبو ۽ اٺ چوندا هئا.هاڻ جڏهن 45 سالن کان پوءِ ملي رهيا آهيون ته هو ٿلهو ٿي چڪو آهي. آئون صفا گنجو. روبند سان مٿي ڍڪيل ڇوڪري ڪئميرا جي زوم کي دٻائي فوڪس ٺاهيو.
    ”بيٽي ذرا خيال سي فوٽو لينا ميرا پيٽ نظر نه آئي.“ حميد انور چيو.
    ”۽ منهنجو مٿو نظر نه اچي.“ مون چيومانس.
    ڇوڪريءَ کلندي چيو“ Sir پوءِ باقي بچندو ڇا؟!“
    حميد انور هڪ دفعو وري راڳ دهرايو. بس پٽ جيتري قدر ٿي سگهي. سٺو فوٽو ڪڍجانءِ جو فوٽو ڪڍائڻ به اسان لاءِ ضروري آهي. ننڍپڻ ۾ اسان هڪ ئي ڪاليج ۾ گڏ پڙهياسين ۽ هاڻ 45 سالن بعد اڄ ملي رهيا آهيون. 1957ع ۾ جنهن ڪاليج ۾ آئون ويس ان ۾ ٻي سال هي (مون ڏي اشارو ڪري) آيو هو....
    ڇوڪري حيرت مان اسان کي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ ماءُ ڏي اشارو ڪري چيو ته اهو سال ته منهنجي ماءُ جي ڄم جو سال آهي.
    فوٽو ڪڍڻ لاءِ اسان کيس thank you چئي اچي ماني کائڻ ويٺاسين.
    هي ڪهڙو جهاد آهي، مسلمان مسلمان کي پيو ماري
    حميد انور کي چيم 45 سال وڏو عرصو آهي ۽ هاڻ پاڻ سٺ سالن کان مٿي چڙهي ويا آهيون. اهو ملڪ جنهن ۾ ماڻهن جي Average عمر 45 سال هجي اتي سٺ ٽپڻ وڏي ڳالهه آهي. It is late evening of our life نظر ٿي ڊوڙائجي ته پنهنجا ڪيترا ساٿي هميشه لاءِ جدا ٿي ويا. تنهنجا ڪلاس ميٽ سائين محبوب چنا جو پٽ شفيق الرحمان چنا، هيراباد جو نصير قاضي، ميرپور خاص جو عبدالستار ميمن ۽ منهنجا ڪلاس ميٽ چاچي علي گوهر جو پٽ تاج بگٽي، عبدالصمد ڪاڇيلو صاحب جو پٽ رفيع ڪاڇيلو، قاضي عابد جو پٽ اظهر عباسي (گل)، فرقان علوي ۽ ٻيا ڪيترا راهه رباني وٺي ويا. ويندي پاڻ کان سال ٻه جونيئر DIG محسن پنهور، خيرپور جو نجم قاضي، مشتاق ميرجت، ريلوي ڊپارٽمينٽ وارو نصير قاضي ۽ ٻيا به هي جهان ڇڏي ويا. الله کين جنت نصيب ڪري. ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو، روز لياقت جتوئي دانهن کڻي ايندو هو ته عبدالجبار عباسي منهنجي پينسل ٿو ڀڃي ۽ هاڻ عبدالجبار عباسي دانهون کڻيو اچي ته لياقت جڏهن به چيف منسٽر ٿو ٿئي ته مون کي بور کاتي ۾ بدلي ٿو ڪري.
    حميد انور کلڻ لڳو. مون حميد انور کان سندس والد صاحب چوڌري برڪت علي جو پڇيو. پيٽارو پنهنجي پٽ سان ملڻ ايندو هو ته اسان جيڪي ساڳي هائوس ۾ رهندا هئاسين، انهن کي به ڪا نه ڪا ڳوٺ جي سوکڙي، خاص ڪري سَتون ڏيئي ويندو هو، جنهن ۾ کنڊ وجهي شربت ٺاهي پيئندا هئاسين. حميد انور ٻڌايو ته 1999ع ۾ سندس والد ڪار جي حادثي ۾ گذاري ويو. ميرپور خاص ۾ ڪا شادي اٽينڊ ڪري ڪار ذريعي حيدرآباد موٽيو پئي ته سامهون ايندڙ بس سان اهڙو ته حادثو ٿيو جوڪار ٻه ٽڪر ٿي ويئي ۽ ڪار ۾ موجود سڀ ماڻهو گذاري ويا جن ۾ هڪ سندس وڏو ڀاءُ حفيظ انور هو ۽ ٻه سوٽ ۽ ٻه عورتون هيون حميد انور جي وڏي ڀاءَ حفيظ انور جي زال اسان جي دوست ظفر ٻلال جي ڀيڻ ٿئي ۽ ان جي هڪ ٻي ڀيڻ ناهيد اسان جي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ جي زال آهي ۽ ننڍي ڀيڻ نجمه شوڪت جي ننڍي ڀاءُ لياقت جماڻيءَ جي زال آهي. لياقت ڪجهه عرصو پنهنجي وڏي ڀاءُ نصير جماڻي(مُلين) وٽ مانچسٽر ۾ رهيو ان کان پوءِ هاڻ هتي USA ۾ آهي ۽ پيٽرول پمپن جو ڪاروبار اٿس.
    حفيظ انور جو وڏو پٽ آصم حفيظ جيڪو پاڪستان ايئر فورس ۾ ونگ ڪمانڊر آهي ۽ اڄ ڪلهه اسلام آباد ۾ رهي ٿو. ان جي ڇهه سال اڳ حميد انور جي وڏي ڌيءَ ماريا سان شادي ٿي هئي ۽ کين ٻه جاڙا پٽ زرق ۽ محد آهن ۽ هڪ ٻن سالن جي ڌيءَ اليها آهي.
    حميد انور ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان 1962ع ۾ انٽرڪ رڻ بعد مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي مان اليڪٽرڪ ۾ B.E ڪئي. ان بعد 1967ع ۾ واپڊا ۾ جونيئر انجنيئر جي نوڪري مليس. ٽي مهينا کن لاهور ۾ نوڪري ڪرڻ بعد پوءِ حيدرآباد بدلي ٿيس. انهن ڏينهن ۾ واپڊا جو چيئرمين شاهه نواز هو. حميد انور جيستائين پاڪستان ۾ هو يعني 1975ع تائين ته هو حيدرآباد ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيو. ان بعد ابو ڌابي آيو.
    حميد انور مهراڻ انجنيئرنگ جي ڪاليج جو ٻڌايو ته اتي به سٺي زندگي گذري جو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جا ساٿي اتي موجود هئا. ”اسين پهرين بئچ جا شاگرد هئاسين. مون سان گڏ مرزا بشير، شبير لغاري ۽ ٻيا پيٽارو جا ڪلاس ميٽ هئا. ان بعد ٻئي سال ۽ پوءِ ٽي سال انور ميمڻ، طلعت عباس، اقبال ترڪ، ڏيپلي جو عبدالرحمان (عمر جو پٽ) ۽ نواز ميمڻ، ميرپورخاص جو مرحوم عبدالرحمان ميمڻ، دادو وارو عبدالقادر قريشي ۽ ٻيا ڪيترا ئي هئا. ايتري قدر جو اليڪشن ٿي ته پيٽارو وارن مون کي مجيب پيرزادي جي خلاف کڻي بيهاريو. هاڻ ڪٿي سياسي خاندان سان تعلق رکندڙ مجيب پيرزادو ڪٿي آئون، سياست کان اڻ ڄاڻ. سخت مقابلو ٿيو. مون ته ٻڌو ته مجيب وارن قاضي عابد ۽ چاچي فقير محمد بسو ميمڻ وارن سان فئملي تعلقات هجڻ ڪري انهن کي چورايو ته سندن پٽ مجيب کي ووٽ ڏين پر آخر تائين اظهر عباسي ۽ انور ميمڻ مون سان گڏ رهيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اليڪشن مون هارائي پر فقط ستن ووٽن تان، جيڪا مون جهڙي ڇسي لاءِ وڏي ڳالهه هئي.“
    حميد انور جو ان دوران ڀاڀي انجم سان مڱڻو ٿي چڪو هو. انجم نوابشاهه واري چوڌري عبداللطيف جي ڌيءَ آهي، جنهن جي حيدرآباد ۾ وينس سئنيما هئي. (هاڻ شايد ان جاءِ تي فلئٽ ٺهي ويا آهن.) چوڌري عبداللطيف ئي جي صلاح مشوري سان سندس ڳوٺ نوابشاهه جي حاڪم علي زرداريءَ ڪراچيءَ ۾ بامبينو سئنيما ٺهرائي پر پوءِ منجهن اڻبڻت ٿيڻ تي عبداللطيف حيدرآباد ۾ اها وينس سئنيما اچي ٺهرائي. حميد انور کي ٻڌايم ته اسان جي هالا واري ڀيڻوئي ڊاڪٽر عابد ميمڻ جو هڪ دوست ڊگريءَ جو ڊاڪٽر خليل آرائين هوندو هو، جنهن جي پڻ ان وينس واري سان مائٽي هئي. خليل جو ننڍو ڀاءُ حفيظ آرائين ۽ ان جو سوٽ منور آرائين پڻ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيا ۽ مون کان ٻه سال کن جونيئر هئا يا شايد ٽي سال. اهي به سڀ سنڌي ڳالهائيندا هئا ۽ ڊاڪٽر خليل ته ايڏو سٺو ماڻهو هو جو هر غريب سنڌيءَ جو مفت علاج ڪندو هو. هو بيحد سهڻو جوان ۽ قابل اکين جو ڊاڪٽر (Eye Specialist) هو. ننڍي هوندي ئي گذاري ويو. هن کي پئسي ڏوڪڙ جي ڪا طمع نه هوندي هئي.“
    ”خبر اٿئي ڊاڪٽر خليل آرائين منهنجي اکين اڳيان ساهه ڏنو.“ حميد انور ٻڌايو، ”هن جي زال ڀاڀي شنيلا منهنجي سهري چوڌري عبداللطيف جي ڪزن ٿئي. وينس سئنيما جي افتتاح تي آئون به آيو هوس. منهنجو انجم سان تازو تازو مڱڻو ٿيو هو. اتي ڊاڪٽر خليل جي گهڻي مٺائي کائڻ ڪري طبيعت خراب ٿي ويئي. مرحوم ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪئي هئي ته هو ڪو ڊائبيٽڪ آهي. تن ڏينهن ۾ ان بيماري بابت ماڻهن ۾ گهڻو شعور پيدا نه ٿيو هو ته اها بيماري هڪ خاموش قاتل (Silent Killer) آهي. ڊاڪٽر خليل کي ڊاڪٽر عبدالرزا شيخ جي اسپتال Belair ۾ وٺي آيا ۽ ساڻس گڏ ڪمري ۾ آئون رهيس. سندس علاج ڊاڪٽر علي نواز چوڌري ڪندو رهيو. هو ڪوما ۾ جو ويو ته وري هوش ۾ نه آيو. هفتي کن بعد گذاري ويو.“
    ”کيس خبر ناهي اولاد به آهي يا نه؟“، مون پڇيو.
    ”ها آهيس ۽ اهو ڪافي Well off آهي. سندس ڌيءَ جي شادي سندس ڀاءُ حفيظ الرحمان آرائين (ڪٽ نمبر 187) جي پٽ سان ويجهڙائيءَ ۾ ٿي آهي.“
    ”ڀلا تنهنجا ٻار ڇا پيا ڪن؟“ مون حميد انور کان پڇيو.
    ”مون کي چار ٻار آهن. وڏو محمد يوسف هتي نوڪري پيو ڪري. ابو ڌابيءَ مان انٽر ڪرڻ بعد مون کيس آمريڪا جي ٽاپ يونيورسٽي- نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ موڪليو- جتان هن انڊسٽريل انجنيئرنگ ۾ B.Sc ڪئي. ان بعد فائننس جا ڪجهه ڪورس ڪيائين ته کيس نيو يارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ وڏي نوڪري ملي ويئي. مون کي ان نوڪريءَ بابت ۽ آمريڪا ۾ رهڻ بابت ابوڌابيءَ ۾ خط لکيائين ته مون کيس فون ڪيو ته توکي في الحال مون فقط پڙهائي لاءِ آمريڪا موڪليو آهي، پهرين فلائيٽ ۾ پاڪستان پهچي، اتي وڃي نوڪري ڳولهه. کيس هوائي جهاز جي ٽڪيٽ جا پئسا به نه بچيا هئا سو هڪ دوست کي لکيم ته هن کي ٽڪيٽ خريد ڪري ڏئي. اهڙين ڊگرين سان هن کي يڪدم اسٽئنڊرڊ ائنڊ چارٽرڊ بئنڪ جي اسلام آباد برانچ ۾ نوڪري ملي ويئي. آئون اڃان اسلام آباد نه ويو هوس، ڇهن کن مهينن بعد هڪ بين الاقوامي سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ مون کي ابو ڌابي حڪومت چيو، جنهن جي هڪ سيشن اسلام آباد ۾ رکي ويئي هئي. آئون اسلام آباد ۾ پنهنجي رهائش واري هوٽل ۾ پهتس ته هي مون سان ملڻ آيو. هيڏي وڏي ڏاڙهي، لنڊي مرين کان گهڻو مٿي سٿڻ پهريل هو. مون کيس چاٻي ڏني ته هلي ڪمري ۾ ويهه ته اچانٿو. آئون واندو ٿي ڪمري ۾ پهتس ته عجيب آواز ٻڌم. ڏسان ته ڪنڊ ۾ اکيون پوري ذڪر پيو ڪري. آئون چپ چاپ سوچيندو رهيس. هو خبر ناهي محمد اڪرم نالي ڪنهن مولويءَ جي اثر ۾ اچي ويو هو ۽ راتون رات پاڪستان ۾ اسلامي انقلاب آڻڻ ۽ افغانستان ۾ جهاد ڪرڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. مون کيس سمجهايو ته مذهبي ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي. هونءَ به تون پنج وقت نمازي هئين ۽ مذهب ڪارڻ ئي مون تو کي آمريڪا جي رنگينين ۽ رونقن ۾ ڀٽڪڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي وطن گهرايو پر يڪدم بنا سوچي سمجهي ايڏو جلد ايتري Extreme تي هلي وڃڻ به ته سٺي ڳالهه ناهي. جهاد ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿو ته اهو به ڀلي وٺ، مون طرفان جهل ناهي پر هاڻ افغانستان ۾ ڪهڙي ڪافر سان جنگ پئي هلي؟ روسي ته ڪڏهوڪو لڏو پٽي ويا هاڻ افغانستان جا مسلمان پنهنجن مسلمانن سان پيا وڙهن ۽ انهن وچ ۾ اها جنگ سياست ۽ Power حاصل ڪرڻ جي پئي هلي. توهان کي ڀڙڪائڻ وارا ملان ته سڀ هتي پشاور ۾ ويٺا آهن ۽ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي جذباتي نوجوان اڻ ڄاڻائيءَ جي کوهه ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو خاتمو پيا آڻين. ۽ پنهنجن والدين جو پيريءَ ۾ سهارو ٿيڻ بدران هنن کي ڏکن جا ڏجها ڏيو وڃن. هي ڪهڙو جهاد آهي، جنهن ۾ هڪ مسلمان ٻئي مسلمان کي قتل ڪري رهيو آهي!
    ”آئون کيس بئنڪ مان استعيفا ڏياري ابو ڌابي وٺي آيس، جتي کيس هڪ دفعو وري Merit جي بنياد تي نوڪري ملي وئي. سال ٻن بعد يورپ جي هڪ اخبار ۾ آمريڪا ۾ هڪ جاب لاءِ يورپين لاءِ اشتهار آيو. منهنجي پٽ محمد يوسف به Apply ڪيو. پهرين هن کي ان نوڪري جي ٽيسٽ ۾ وهڻ نٿي ڏنائون پوءِ جڏهن ٽيسٽ ۽ انٽرويو ورتائونس ته سڀ ۾ اول نمبر آيو ۽ هن کي اهو Job ڏنائون. هي تمام سٺو جاب سٺي پگهار وارو آهي. سندس شادي پنهنجي هڪ دوست ميجر باجوا جي ڌيءَ سائما سان ڪرائي اٿمانس، جنهن مان هن کي ٻه ٻار: مصطفيٰ ۽ آمنا آهن. ميجر باجواه به سالن کان آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ کيس ورڪ شاپ آهي. ميجر باجواه اهو آهي، جنهن جي اسان جي سکر جي سنڌي دوست برگيڊيئر مختيار شيخ گذريل دفعي پاڪستان اچڻ تي دعوت ڪئي هئي، جتي عاشق حسين شاهه ڪِٽ نمبر 203، اقبال ترڪ ڪٽ نمبر 161 ۽ ٻين پيٽارو وارن سان منهنجي به سالن بعد ملاقات ٿي هئي. برگيڊيئر مختيار پيٽارو جو ناهي پر منهنجي ڪري هن ڪجهه پيٽارو وارن دوستن کي گهرايو هو.“
    حميد انور جي فئملي، ميجر باجواه ۽ برگيڊيئر مختيار
    ”بزنيس ۾ نقصان جو چڪر ڪيئن پيش آيو؟“ مون حميد انور کان پڇيو.
    ”دراصل بزنيس جي چڪر ۾ آئون نوڪري به اڳواٽ ڇڏي ابو ڌابيءَ کان هتي آمريڪا آيس. هڪ اٽلين همراهه جيڪو منهنجو پهرين کان سڃاڻو هو ۽ سالن کان هتي شفٽ ٿي آيو هو، تنهن سان گڏ بزنيس ۾ پنهنجي بچت جو وڏو حصو لڳايو. هن جي نيت خراب ٿي پيئي ۽ مون کي دوکو ڏيئي ڀڄي ويو. هن وقت به مون ٻڌو آهي ته هو آمريڪا ۾ فلوريڊا پاسي آهي. پوليس ۾ رپورٽ داخل ڪرايل اٿم پر سندس ملڻ ۽ منجهائس پئسن جي اوڳڙ جو آسرو گهٽ ٿو لڳي. ان بعد هڪ ٻئي پنهنجي ديسي همراهه سان گڏجي هڪ هوٽل ڪڍڻ لاءِ باقي موڙهي لڳايم ته بدقسمتي اهڙي جو هو ڏيوالو Bankruptcy ڏيکاري پاڪستان ڪٿي غائب ٿي ويو آهي. ڪي ڏينهن سخت ڊپريشن ۽ مونجهاري ۾ هوس ته ڇا ڪجي. منهنجي پٽ گهڻو ئي سمجهايو ته فڪر نه ڪريو هي توهان جي آرام جا ڏينهن آهن. توهان هلي پاڪستان ويهو. ڪجهه زمينن ۽ باغ تان پيو ملندانوَ ۽ هزار کن ڊالر هر مهيني آئون پيو موڪليندو سانوَ. پر سچ ته منهنجي دل نه مڃيو. مون پاڻ پورهيو ڪرڻ چاهيو ٿي. ڪجهه وقت پاس ڪرڻ جي خيال کان به. ڇو جو ايترو اڃان هوم جو ڳوٺ هلي دال روٽي آرام سان کائي سگهان پر مون سوچيو هتي ٻچن ۽ پوٽاڻ وٽ ئي رهان. يقين ڪر الطاف America is a God gifted country آمريڪا الله جي طرفان هڪ نعمتن وارو ملڪ آهي، جتي دنيا جي غريب ۽ پريشان ملڪن جا ماڻهو سڪون حاصل ڪن ٿا- بشرطيڪ هنن ۾ قابليت هجي ۽ محنت جو جذبو هجي.“
    ”صحيح ٿو چوين. هتي اڻ محنتي ماڻهو رهي نٿو سگهي. هن عمر ۾ گاڏين جو سيلز مئن ٿي صبح کان شام تائين گرمين توڙي سخت سردين ۽ برف بارين ۾ به ڊيوٽي ڪرڻ ۽ گراهڪن سان مٿو هڻڻ ڪا سولي ڳالهه ناهي.“ مون حميد انور کي چيو.
    ”بلڪل! هتي محنتي ماڻهو رهي سگهي ٿو. کوکلي ٽون ڦان وارو رهي نه سگهندو ۽ دماغ مان اها ٽون ڦان ڪڍڻ لاءِ پهريون سال کن مون اخبارون به ورهائيون. سخت سردي ۽ برف باري جي ڏينهن ۾ جڏهن رستن تي گوڏن جيڏي برف جمع ٿي ويندي هئي ته صبح جو چئين بجي اٿي اخبارن کي پلاسٽڪ جي لفافن ۾ بند ڪري پوءِ گهرن ۾ ورهائڻ شروع ڪندو هوس. دل ۾ چوندو هوس ته حميد انور اهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏ ته تون ابو ڌابيءَ جو اعليٰ عملدار هئين، جنهن وٽ پنجن ڪمرن جو گهر ۽ شوفر Driven نئين ماڊل جي جرمن ڪار هئي. زندگيءَ جا باقي جيڪي ڏينهن آهن، اهي تو کي پورهيو ڪرڻو پوندو. ڪيترا ماڻهو جن کي خبر پيئي، اهي پاڪستان وڃي ڳالهيون ڪرڻ لڳا ته حميد انور اخبارون ٿو ورهائي. ان بعد سال کن اولڊ ايج ڪميونٽي جي ماڻهن جي نوڪري ڪيم. ان بعد مون کي هت سرڪاري طرح نوڪري يا پورهئي ڪرڻ جي موڪل (Work Permit) ملي. پوءِ هڪ ٻن هنڌن تي نوڪري ڪيم پر مون کي يڪدم ڪڍي ڇڏيندا هئا.“
    ”ڇو؟ پاڪستاني هجڻ ڪري؟“ مون پڇيو.
    ”نه. ڪم نه اچڻ ڪري. ظاهر آهي، مون ڪڏهن چانهه جو ڪوپ به پاڻ ٺاهي نه پيتو سو منهنجي ڪم ۾، هن عمر ۾ اها ڦڙتي ۽ هوشياري نه هئي. هاڻ الله جي فضل سان سٺو جاب اٿم. ڳالهين ڪرڻ ۽ مشينن جي ڄاڻ ۾ هوشيار آهيان سو گراهڪ کي مطمئن ڪرڻ ۽ جيتڻ ۾ يڪدم ڪامياب ٿيو وڃان. گذريل مهيني به ويهارو کن هونڊا ڪارون وڪيم، جن تي چار هزار کن ڊالر ڪميشن مون کي ملي.“
    ”ننڍا ٻار ڇا ڪن؟“ مون پڇيو مانس.
    ”مونکي چار ٻار آهن. ٻه پٽ ٻه ڌيئون. وڏي پٽ يوسف ۽ ڌيءَ ماريا جي شادي ٿي ويئي آهي. باقي ٻه ننڍا مون سان گڏ رهن ٿا. تانيا هن سال نيو برنسوڪ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ ننڍو محمد سهيب چوڏهن سالن جو آهي ۽ هاءِ اسڪول ۾ آهي.“
    ”وڏو پٽ ڪٿي رهي؟“ مون پڇيو مانس.
    ”اهو به هتي ئي نيو جرسيءَ ۾ رهي ٿو. مون کان ڏهه منٽن جي فاصلي تي آهي. تو سان ملي اڄ شام جو ان وٽ وڃڻو اٿم، ميجر باجوا به اچي رهيو آهي.“
    حميد انور وارا پاڻ ۾ پنج ڀائر آهن. پاڻ وچئين نمبر تي آهي. وڏو حفيظ انور جيڪو ڇهه سال اڳ پنهنجي والد سان گڏ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، جنهن جي پٽ سان حميد انور جي ڌيءَ ماريا جي شادي ٿي. حميد انور جو ٻيو نمبر ڀاءُ ڊاڪٽر رشيد انور انگلينڊ ۾ آهي، پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان PHD ڪيائين. ننڍن ڀائرن ۾ ڊاڪٽر مقصود انور اسلام آباد جي PIMS اسپتال ۾ Skin Specialist آهي ۽ ان کان وڏو ڊاڪٽر مجيد انور جنرل فزيشن آهي، جنهن جي ڪلينڪ ۽ گهر گلشن اقبال ۾ آهي. هو مولائي مڙس آهي ۽ خير جائي ڪم ڪندو رهي ٿو. گهڻو ڪري غريبن جي دوا درمل به مفت ئي ڪري ٿو. هونءَ به حميد انور جي سڄي فئملي ديندار ۽ خيراتي ڪمن کان مشهور آهي. هنن جو هميشه توڪل تي ڪم رهيو آهي. ساڙ حسد ۽ جهيڙي جهٽي کان حميد انور به ننڍي هوندي کان پري رهيو آهي. هو هميشه ٻين جي مدد ۽ ڀلي خاطر سڀ ڪجهه ڪندو رهيو آهي. ڊاڪٽر عبدالمجيد سان گڏجي هن پنهنجين زمينن تي (جيڪي نصرپور پاسي آهن) آسي پاسي جي ڳوٺن جي ٻارن لاءِ اڄ کان 15 سال اڳ پنهنجي خرچ تي اسڪول کوليو، جتي ٻارن کي بهترين تعليم ڏني وڃي ٿي.
    ”ٽي سال اڳ جڏهن ڳوٺ ويو هوس،“ حيمد انور ٻڌايو، ”ته اسڪول ۾ ڇوڪرين جو تعداد گهٽ ڏسي مون پڇا ڪرائي. معلوم ٿيو ته پري جي ڳوٺن کان ڇوڪرا ته اچي سگهن ٿا پر نياڻين کي تڪليف ٿي ٿئي. اهو ٻڌي مون ان پاسي هڪ الڳ فقط ڇوڪرين لاءِ اسڪول کولرايو. اسان جي اوسي پاسي جا سڀئي سنڌي ٻار تعليم يافته آهن، ڌنڌن ڌاڙين ۽ نوڪرين ۾ لڳل آهن، اسان پاسي جي ڳوٺن جو توهان کي ڪو چور نظر نه ايندو. بابو چوندو هو توهان چور کي به تعليم ۽ روزگار ذريعي مسلمان بڻائي سگهو ٿا. اهو سڀ ڪجهه توهان تي مدار ٿو رکي ته توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو رکڻ چاهيو ٿا. وڏيرا ٿي چور ۽ ڌاڙيل پيدا ڪندائو ته اڄ نه سڀاڻي توهان لاءِ ئي مصيبت ثابت ٿيندا. پنهنجن هارين نارين ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جي ٻارن کي تعليم ڏيئي روزگار جي راهه ڏيکاريندا ته هو ۽ هنن جا ڪٽنب توهان کي دعائون ڪندا ۽ ٻئي جهان ۾ به توهان پاڻ لاءِ جنت پيدا ڪندائو. تون پاڪستان وڃين ته برگيڊيئر ارشد سان گڏ اسان جي تر جا ڳوٺ ضرور گهمجانءِ. تعليم، گهر گهاٽن ۽ ساوڪ جي خيال کان تو کي اهي يورپ جا ڳوٺ لڳندا جن جا رهاڪو ڪا يورپي زبان ڳالهائڻ بدران سنڌي زبان ڳالهائين ٿا، جيڪا پاڻ هن وقت امريڪا جي نيو جرسي رياست جي هن شاليمار هوٽل ۾ ڳالهائي رهيا آهيون.
    ان رات حميد انور جي پوٽي (يعني ميجر باجوا جي ڏهٽي) مصطفيٰ جي سالگرهه هئي. حميد انور مون کي فئملي سميت اچڻ لاءِ چيو. ”بس گهر جائي ڀاتي هوندا. هڪ ٻئي سان ملاقات ٿي ويندي.“
    شام جو اسان وارو ڀاڻيجو ثمير وسطڙو سوير ئي اچي ويو ۽ اسان اڌ ڪلاڪ کن جي ڊرائيو بعد حميد انور جي ڳوٺ پهچي وياسين. سندس گهر ڳولڻ ۾ ٿوري ڏکيائي ٿي پر موبائيل فون ذريعي هن جي ڏنل پار پتن موجب پهچي وياسين. ان ئي ڏينهن حميد انور جي ننڍي ڌيءَ تانيا هن رياست (نيو جرسي) جي مشهور يونيورسٽي رٽگرز مان گريجوئيشن ڪئي هئي سو سڀ بيحد خوش هئا. مانيءَ مهل حميد انور جو سيڻ يعني سندس ننهن صائما جو والد ميجر باجوا مون سان گڏ اچي ويٺو.
    باجوا (سڄو نالو ميجر ڪوثر اقبال باجوا) لاهور مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد 1966ع ۾ پاڪستان آرمي Join ڪئي. سکر جو برگيڊيئر مختيار شيخ (ڪمشنر عابد شيخ جو ڪزن) سندس يونٽ آفيسر ٿي رهيو ۽ باجوا کان پنج سال جونيئر هو پر سندن تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سٺي دوستي هلندي اچي. هو شروع کان 23 ڪئولري يونٽ ۾ رهيا. ميجر باوجوا گهڻو وقت آرمي ۾ نه رهيو. 1977ع ۾ آرمي کان رٽائرمينٽ حاصل ڪري آمريڪا هليو آيو. هتي باجوا ڪيترائي مختلف نوڪريون ۽ بزنيس ڪيا ۽ بقول سندس الله جو وڏو احسان آهي جو هن جنهن ۾ به هٿ وڌو ان ۾ هن کي ڪاميابي نصيب ٿي. اڄ هو گاڏين Automobiles جي بزنيس ۾ آهي ۽ سندس خاص فيلڊ گاڏين جي آٽومشين ٽرانسميشن آهي. پاڻ شروع کان هتي نيو جرسي ۾ رهي ٿو. کيس ٽي ڌيئون ۽ هڪ پٽ بلال آهي. سندس وڏي ڌيءَ صائمه جي شادي چار سال اڳ حميد انور جي پٽ محمد يوسف سان هتي آمريڪا ۾ ٿي هئي، جن کي هڪ ٽن سالن جو پٽ مصطفيٰ (جنهن جي سالگرهه تي اسان اچي نڪتاسين) ۽ هڪ سال جي ڌيءَ آمنا آهي.
    حميد انور جي ڌيءَ وانگر ميجر باجوا جي پٽ پڻ هتي جي رٽگرز يونيورسٽيءَ مان هن سال گريجوئيشن ڪئي آهي، جنهن يونيورسٽيءَ بابت پنهنجي پهرين سفرنامي“ نيو هالا کان نيويارڪ“ ۾ تفصيلي ذڪر ڪري چڪو آهيان.
    اسان ان رات برگيڊيئر مختيار کي ياد ڪري ان جون ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين. ويتر باجواه مهينو کن اڳ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ جو چڪر هڻي آيو هو جتي هن جو ميزبان برگيڊيئر مختيار هو سو رکي رکي باجواه هن جي تعريف ڪندو رهيو.
    ”سائين بور ته نه پيا ٿيو؟“ وچ وچ ۾ باجواه يا حميد انور پڇيو ٿي.
    ”نه نه، “ مون جواب ڏنو مان ٿي، ”برگيڊيئر مختيار کي آئون به پسند ڪيان ٿو هو بيحد ماٺيڻو، ٻئي جي مدد ڪندڙ، محنتي، ذهين ۽ سٺو دوست آهي. هو اقبال ترڪ، عاشق حسين شاهه ڪرنل مسعود عزيز، ڪرنل محي الدين ۽ پيٽارو جي منهنجي ٻين ساٿين جو دوست آهي.“
    هتي ٻه ٽي سٽون برگيڊيئر مختيار بابت لکڻ بي محل نه ٿينديون، مختيار جنهن کي اسان ڪمشنر ۽ سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري عابد شيخ جي ڪري اڪثر مختيار شيخ سڏيون ٿا پر هن جو نالو مختيار آخوند آهي ۽ عابد شيخ جي مامي آخوند محمد شعبان جو فرزند آهي. پاڻ سکر جو رهاڪو آهي، جتان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان BSC آنرس ڪيائين ۽ تعليم دوران آرمي لاءِ چونڊجي ويو ۽ آرمي Join ڪرڻ بعد آرمي جي تعليمي ادارن مان M.Sc ڪيائين. پاڻ باجواه واري 23 Cav يونٽ ۾ رهيو ۽ گجرانوالا ۾ 19 آرمرڊ برگيڊ جي ڪمانڊ به ڪئي اٿس. سن 1973ع ۾ جڏهن هن جي پوسٽنگ جوڙ بارڊر تي هئي ته هن جي شادي پنهنجي پڦاٽ، سکر جي مشهور وڪيل سائين عبدالرزاق آخوند جي ڌيءَ سعيده آخوند سان ٿي. ادي سعيده جي به بنيادي تعليم سکر جي آهي. شاديءَ بعد هن به ملٽري تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪري تدريس جو ڪم ڪيو. پاڻ منگلا آرمي پبلڪ اسڪول جي پرنسپال رهڻ کان علاوه ڪوئيٽا جي اقراء اڪيڊمي جي پڻ سرپرست رهي.
    مختيار آرمي مان برگيڊيئر جي رئنڪ تي رٽائرڊ ٿيڻ بعد ائنٽي نارڪوٽڪس جو فورس ڪمانڊر رهيو. ان بعد ڪجهه عرصو سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سنڌ حڪومت ۾ هوم سيڪريٽري رهڻ بعد ائنٽي ڪرپشن کاتي جو چيئرمين ٿي هاڻ رٽائرمينٽ ورتي اٿس. سندس ڄم جي تاريخ 14 آگسٽ 1947ع آهي. جيڪا سندس دوستن کي هميشه ياد رهي ٿي.
    برگيڊيئر مختيار کي چار ٻار آهن. وڏي نياڻي فرين جي شادي ڪجهه سال اڳ امير پنهور سان ٿي هئي، جن کي ٻه ڌيئون ۽ هڪ پٽ آهي. فرين جو مڙس به سندس پيءُ وانگر آرمي آفيسر آهي ۽ اڄ ڪلهه ميجر جي رئنڪ تي آهي. مختيار جي ٻي ڌيءَ عنيقه جو گهوٽ به آرمي آفيسر ڪئپٽن فيصل چاچڙ آهي، جنهن هينئر ويجهڙائيءَ ۾ پاڪستان جي سپيريئر سروس جو امتحان پاس ڪيو آهي ۽ ٽريننگ بعد شايد فارين سروس يا پوليس سروس ڀرتي ڪري. مختيار جا نه فقط ٻئي ناٺي آرمي ۾ آهن پر سندس اڪيلو پٽ ثاقب به آرمي ۾ ڪئپٽن آهي. ثاقب کي ٻه پٽ آهن. مختيار جو سڀ کان ننڍو ٻار قنديل آهي، جنهن اڄ ڪلهه ڪامرس ۾ داخلا ورتي آهي.
    حميد انور جي ڊرائيونگ
    حميد انور جي ڊرائيونگ کڻي بهتر هئي پر رستن جي سڃاڻڻ ۾ هو بنهه ڪچو لڳو ٿي. ڪجهه وري ننڍپڻ جون ڳالهيون ڪندي ڪندي ڌيان مان لهي ٿي ويس ته جنهن Exit مان نڪرڻو هو سا ته لنگهي ويئي! يا جنهن Route يا پارڪ وي يا Turnpike تي چڙهڻو پيو ٿي اها گذريو وڃي. ان تي وري واپس موٽڻ لاءِ هڪ رستي تان ٿي ٻي تي ۽ پوءِ ٿئي تي يا ساڳي تي ڦرندا رهياسين ٿي. اسان کي اسان جي گهر ”اولڊ برج“ واري شهر کان Iselin شهر جي اوڪ ٽر روڊ تي وڃڻو هو، جتي ڪيتريون ئي انڊين ۽ پاڪستاني هوٽلون ۽ دڪان آهن. اهو مفاصلو وڌ ۾ وڌ ويهن منٽن جو آهي، پر اسان ٻه ڪلاڪ مختلف رستن تي خوار ٿيندا رهياسين. حميد انور کي ڪيڏو چوان ته خدا جا بندا ڀلا ڪنهن پيٽرول پمپ يا دڪان تان کڻي معلوم ڪر يا سگنل وٽ ترسڻ مهل ڀر واري گاڏي واري کان پڇ ته اسان صحيح رستي تي آهيون يا نه پر حميد انور جو اهو ئي ٺُڪَ جواب:
    ”پڇڻ اجايو آهي. بس ائين ئي هلندا ٿا رهون.“
    ”پوءِ ڀلا آخر صحيح منزل تي ڪيئن پهچنداسين، جيڪڏهن پڇنداسين نه ته؟“ مون چيو.
    ”آئون بس ائين ئي گهمندو رهندو آهيان پوءِ مون کي خبر پئجي ويندي آهي.“ حميد انور وراڻيو.
    ”عجيب ڳالهه ٿي! ٽن سالن کان تون نيو جرسي جي هن علائقي ۾ رهيل آهين، پر رستن جي ڄاڻ نه اٿئي؟“ مون چيو.
    ”ٻيا به اهو ئي چوندا آهن. بس يار آئون اڄ به ٽنڊو باگو جو ڳوٺاڻو ڄٽ آهيان، جهڙو 1957ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اچڻ وقت هوس.“
    آخر هتان هتان ٿي هڪ هنڌ حميد انور هاءِ وي تان گاڏي ڪڍي عام روڊ تي اچي شهر جي گهٽين ڏي هليو. مون سک جو ساهه کنيو ته آخر اسين شهر پهچي وياسين، جيتوڻيڪ هونءَ عام طرح نيو برج، راه وي، پرٿ جهڙا شهر جيڪي نظر ايندا آهن، انهن مان هڪ به نظر نه آيو. آمريڪا ۾ رستا کوڙ سو ٿي سگهي ٿو هي ڪنهن هاءِ وي يا شارٽ ڪٽ ذريعي پهچي ويو آهي. آخر هيڏانهن هوڏانهن ته خوب رليا هئاسين جو هڪ هنڌ ته ائٽلانٽڪ سٽي واري روڊ تي به چڙهي پيا هئاسين. مون حميد انور جي چهري ڏي ڏٺو، ٿوري دير اڳ جيڪو منزل ماڻڻ جي خوشيءَ ۾ ٻهڪيو پئي ان تي اداسي ڇانيل ڏسي مون کي اڄاتو خوف ٿيو ته شايد غلط هنڌ تي ته نه پهتا آهيون. منهنجي پڇڻ کان اڳ هن انائونس ڪيو:
    ”منهنجي خيال ۾ هتان به نڪرجي“ ۽ پوءِ هڪ ٻن گهٽين مان ڦري واپسي جو روڊ ڳولڻ لڳو.“ ادا ڀائو. ڳالهه اها آهي ته هتان واپس هلڻو پوندو. هي ته اهو شهر ئي ناهي.“ هڪ دفعو وري ”نيو جرسي ٽرن پائيڪ، سائوٿ“ جو پڇائيندي پڇائيندي اچي هاءِ وي تي چڙهياسين.
    ”هاڻ يار خدا جي واسطي پيٽارو جون ڳالهيون بند ڪر.“ هن چيو. ”تون ئي ته ڪري رهيو آهين ته ٽنڊو باگو کان ڪئڊٽ ڪاليج ڪيئن پهتس.“ مون چيومانس.
    ”پر پڇين ته تون پيو.“
    ”چڱو هاڻ رستي تي Concentrate ڪر.“ مون چتاء ڏنومانس.
    ”صحيح ٿو چوين. پهرين هتي پهچڻ جي ڪريون پوءِ گذريل 43 سالن جون ڳالهيون، نه ته سڄي زندگي ائين ئي رستن تي ڪار ڊوڙائيندا رهنداسين.“
    پيٽارو جون به ڳالهيون بند ڪيونسين پر اسان کي صاف لڳو ته صحيح رستي تي نه پيا چڙهون. سنوان سڌا هاءِ وي تي هئاسين. غلط Exit وٺي لهي پياسين ته هاڻ وري هاءِ وي تي چڙهڻ جي واهه نه پئي ملي.
    ”هڪ دفعو مون کي Turn pike (هاءِ وي) تي چڙهڻ ڏي پوءِ ڏسجانءِ مون کي.“ حميد انور اعلان ڪيو .
    پر سائين ٽرن پائيڪ تي پهچڻ جيڪو هر آمريڪن لاءِ رستي جا بورڊ پڙهي آسان آهي، اسان جي حميد انور لاءِ ناممڪن هو. آخر هڪ هنڌ پوسٽ مئن کي دٻن مان ٽپال ڪڍندو ڏسي هن گاڏي بيهاري هن کان پڇيو.
    پوسٽ مئن ڪجهه دير سوچي آسان رستو ٻڌايس:
    ”پهرين سگنل لائيٽ وٽ ساڄي مڙجانءِ پوءِ سڌو ئي سڌو هلندو وڃجانءِ. رستي تي پل ايندي، ان جي مٿان وڃجانءِ، پنج ڇهه سگنل لائيٽ بعد گيري گئس اسٽيشن ايندي، اتي فائيفر بلوورڊ ايندو، جتان رستو جڳ جي هئنڊل جيان ٿي ٽرن پائيڪ هاءِ وي تي چڙهندو ۽ پوءِ اهو رستو وٺي وڃجو ۽ تيرهين نمبر Exit مان نڪرجو....“
    پوسٽ مئن جي هدايتن موجب هاءِ وي تائين پهچي وياسين پر وري ڳالهين ۾ تيرهين نمبر Exit رهجي ويئي، بلڪه ان وقت ڌيان نه رهيو. هاءِ وي ڇڏي هيٺاهين رستي تي جيئن ئي پهتاسين ته حميد انور کي غلطيءَ جو احساس ٿيو.
    ”يار هي مون غلط Exit ورتو آهي. هن کان شايد اڳ وارو هو. هي ته ڪنهن شهر بدران قبرستان مان اچي نڪتاسين.“
    هاڻ سائين اتان ته مڙي به نه سگهجي. آمريڪا ۾ ڪو رستو ڇٽي ويو ته ان رستي تي وري پهچڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه پنڌرهن ميل هلڻ ته معمولي ڳالهه آهي. اسان وري غلط راهن ۾ هليا وياسين. مونجهاري ڪري ٿورو سوچڻ ۽ گاڏي آهستي ڪرڻ تي پٺيان ايندڙن هارن ٿي ڏنا، جن جو حميد انور وٽ هڪ ئي جواب هو جيڪو هارن ملڻ تي چپن ۾ ڀڻڪيو ٿي.
    ”بابا اسان جي ڊرائيورنگ بس اهڙي ئي آهي. اسان کان بچو.“
    هاڻ وري ڦري گري اسان ساڳي هاءِ وي تي اچي نڪتاسين. هڪ دفعو وري ٽال ٽيڪس ڏيڻ لاءِ حميد انور ڏيڍ ڊالر ڪڍيو. رستي جو ٽال وٺڻ لاءِ انچارج ڇوڪريءَ اسان کي گهوري ڏٺو پر سندس چهري تي همدرديءَ جا آثار هئا. ”مئڊم اسان جي مدد ڪجانءِ. اسين ڳالهين ۾ رستو وڃائي ويٺا آهيون. پنجيتاليهه سالن کان پوءِ جو مليا آهيون.“
    پئسا اوڳاڙڻ واريءَ پني تي نقشو ٺاهي، رسيد سان گڏ حميد انور حوالي ڪيو.
    ”بس هاڻ پاڻ ڪا غلطي نه ڪنداسين. ڳالهين پٺيان پهرين ڀٽڪندا رهياسين.“
    ۽ پوءِ واقعي اچي صحيح منزل تي پهتاسين. اسلين شهر جي نه فقط Oak Tree روڊ تي پهتاسين، پر ان پاڪستاني هوٽل شاليمار ۾ پڻ جتي اسان کي ماني کائڻي هئي. هوٽل مٿان لڳل بورڊ تي وڏن ڳاڙهن اکرن ۾ لکيل هو SHALIMAR ۽ ان جي هيٺان King of Sweets & Restaurants لکيل هو ۽ ان هيٺان 1335 Oak Tree road, Iselin, NJ 08830 ائڊريس هئي.
    ساڳيو حال وري واپسيءَ تي موٽڻ مهل ٿيو. هوٽل ساڍي چئين ڇڏيسين ته ساڍا پنج ٿي ويا. رستن تي ڀٽڪندا رهياسين. آخر هڪ هنڌ Hess نالي پيٽرول پمپ تي بيهي ڀاڻيجي سمير وسطڙو کي آفيس فون ڪيوسين ته اسان کي گهر وڃن جو رستو ٻڌاءِ، جيڪو هن لکايو ۽ هتي ڪنهن کان رستو پڇڻ مهل ڪجهه هن ريت ئي ٻڌايو وڃي ٿو:
    Go right, Take Route 27.
    Parkway south.
    Exit- Route 9 south. (9 south/ Turn Pike/440).
    Stay on route 9 south approx 10-15 mins.
    Take exit from 9 south of throckmorton lane or Ticeton lane
    Take throckmorton lane (Traffic lane) – left
    Turn right on Norman Lane.
    ان بعد پوءِ اسان سگهو ئي گهر پهچي وياسين.


    آمريڪا عجيب ملڪ ۽ اخبارون

    USA (يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا) جنهن کي اسان عام طرح فقط آمريڪا سڏيون ٿا، دنيا جو عجيب ملڪ آهي. دنيا ۾ سڀ کان گهڻو هي ملڪ ڌڪاريو وڃي ٿو ته سڀ کان گهڻو هي ملڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. پاڻ پنهنجو ئي مثال وٺون ته پاڪستان جو هر هڪ ماڻهو آمريڪا تي ڏمريو وتندو پر جي آمريڪا ماڻهن گهرائڻ جي لاٽريءَ جو اعلان ٿو ڪري ته هر هڪ اها ڪوشش پيو ڪندو ته ٻيو ڪو فارم نه ڀري پر پاڻ وس پڄي ته هڪ بجاءِ ٻه ڀري. اسان جا ملان مولوي، سياستدان، ليڊر، فوجي توڙي بزنيس مين محفل ۾ ويهي آمريڪا کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا پر اندران ئي اندران پنهنجن ٻارن کي اوڏانهن موڪلڻ جي ڪوشش ڪندا. قانوني طرح نه موڪلي سگهندا ته غير قانوني طرح موڪلڻ جي به ڪوشش ڪندا. انهن جي Set ٿي وڃڻ تي پاڻ ۽ پنهنجو ڪاروبار Shift ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. چوندا آمريڪا ۾ مذهب جي آزادي آهي، نوڪري ۽ ڌنڌا ڌاڙيون آهن، سٺي تعليم آهي، سٺي موسم آهي، سٺو ماحول آهي، سٺو پگهار آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه امن امان جي صورت تمام سٺي آهي، هر هڪ سڪون جي زندگي گذاري ٿو. ضرور ائين ئي هوندو. تڏهن ته جيڪو به آمريڪا اچي ٿو اهو موٽڻ جو نالو نٿو وٺي. موٽي فقط اهو ٿو جيڪو هتي ڏوهه ڪري ٿو پوءِ پنهنجي ملڪ لڪڻ لاءِ ڀڄي ٿو (ڇو ته هن کي خبر آهي ته هتي پوءِ سندس بچڻ جي راهه ناهي. چورن بدمعاشن جي ٿم جي جاءِ پنهنجو وطن ئي آهي) يا اهو ٿو موٽي جنهن کي هتي جي حڪومت سندس غير قانوني رهائش جو Status هجڻ ڪري ڀڄايو ڪڍي. پوءِ اهڙا ماڻهو شرم کي پرچائڻ لاءِ پنهنجي ملڪ موٽي اڪثر اهو چوندا وتندا آهن ته اپنا ملڪ اپنا هي. يا وري چوندا آمريڪا ۾ ته اسان کي فلمن جو هيرو (يا هيروئن) به ڪري ٿي رکيائون، يا وري چوندا اسان کي فلاڻي فلاڻي نوڪري به ملي پئي پر اسان چين نه بابا! پنهنجو ديس پنهنجو آهي. روکي سوکي هم اپني وطن ڪي کائينگي. حالانڪه حقيقت ۾ اها ڳالهه ناهي. سڀ زباني ڊائلاگ آهن. حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ٿي سگهي ٿو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ اهڙو هجي به جو ظاهر آهي آمريڪا ۾ هر ملڪ جا- ويندي هر هڪ عرب ملڪ جا لکين ماڻهو رهن ٿا. انهن مان ڪو هڪ ٻه آمريڪا جي خوشحالي، امن امان جي زندگي ۽ سڪون ڀريو ماحول ڇڏي موٽي اچي ته ٻي ڳالهه آهي. باقي هونءَ عام طرح ڪو موٽي اچي؟ I Have yet to see
    ڪو زمانو هو اڄ کان 40 سال کن اڳ 1968ع ڌاري جڏهن آئون پاڻي جي جهاز جي انجنيئر (مئرين انجنيئر) جي حيثيت ۾ آمريڪا پهريون دفعو آيو هوس ۽ پوءِ ٽي چار سال اسين مختلف جهازن ذريعي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ ايندا رهياسين. پاڪستاني ته ٿورا هئا پر انڊين به گهٽ هئا. پاڪستانين ۾ گهڻي ڀاڱي پنجاب يا سرحد صوبي جا هئا ۽ انڊين ۾ گجرات صوبي جا پٽيل هئا. سنڌي هندو هئا پر آمريڪا جيڏو ملڪ آهي، ان جي حساب سان آمريڪا (يعني USA) کان گهڻا سينٽرل آمريڪا ۽ سائوٿ آمريڪا جي ملڪن ۽ پئسفڪ ۽ ڪئريبين سمنڊن جي ٻيٽن (جهڙوڪ برمودا، ٽرنيڊاڊ، ٽوباگو وغيره) ۾ هئا. سنڌي مسلمان جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هئا سي پئسي وارن وڏيرن جا پٽ هئا، جن جو مقصد محنت ڪري ڪمائڻ ۽ ٻين کي گهرائڻ ۽ پنهنجي وطن اچي ڪارخانا فئڪٽريون ۽ تعليمي ادارا کولي غريب عوام جي خوشحالي پيدا ڪرڻ بدران هو فصل جو پئسو آمريڪا ۾ گهرائي گهمڻ ڦرڻ ۽ عيش جي زندگي ۾ وقت ضايع ڪندا هئا. هڪڙو پئسو خرچ ڪري ٻيو پئسو ڳوٺان گهرائيندا هئا.پئسو نه اچڻ تي موٽي ويندا هئا. ڪيترن کي ته آئون سڃاڻان جن کي آمريڪا جي Citizenship به ملي ۽ پاسپورٽ به هون پر پوءِ اهو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيائون. پئسو نه اچڻ تي هنن کان نوڪري ۽ پورهيو ڪرڻ نٿي پڳو ۽ واپس وطن جو رخ رکيائون ٿي يا پنهنجي والد وارث جي وفات جو ٻڌي پڳ ٻڌائڻ ۽ ملڪيت پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ موٽي آيا ٿي. 1968ع ۾ مون اهڙن ماڻهن کي ويندي ۽ پهريون دفعو حيدرآباد جي بشير مغل، ٽنڊو جان محمد جي بابو ۽ سندس ڀاءُ يوسف ڏاهريءَ جهڙن کي هتي ايندو ڏٺو، جيڪي اسان وانگر عام ماڻهو هئا، جن وٽ ڪجهه به نه هو، نه پئسو نه سپورٽ. هنن پنهنجي Survival ۽ پنهنجن ٻچن ٻارن ۽ ڳوٺ جي ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ جيڪي پورهيا ۽ محنتون ڪيون، جيڪي پنڌ ۽ بکون ڪاٽيون آئون اهڙن ماڻهن کي سلام ٿو ڪريان.
    بهرحال آمريڪا ۾ پڻ جپان ۽ يورپ وانگر ڌارين ماڻهن جي اچڻ تي سختيون ٿينديون رهيون (۽ ڏينهون ڏينهن اهي وڌي رهيون آهن) ۽ آمريڪا جيتوڻيڪ هڪ ڏورانهون ترين ملڪ آهي ته به ان ۾ ڪو اهڙو چارم ضرور آهي جو مٿين ڳالهين جي باوجود سڀ کان گهڻا اسان جا ايشيائي ۽ آفريڪي ايندا رهن ٿا. سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ ۽ ستر جي شروعات ۾ اسان جا ايشيائي ماڻهو اٽي ۾ لوڻ برابر هئا، چوڌاري هسپانوي (Spanish) ڳالهائڻ وارا نظر آيا ٿي. ظاهر آهي USA سان گڏ ميڪسيڪو، گئاٽمالا، نڪراگوا جهڙا وچ آمريڪا جا ملڪ ۽ برازيل، ڪولمبيا، چلي، اڪيڊار جهڙا ڏکڻ آمريڪا جا ملڪ ويجها آهن، جتي Spanish ۽ پورچو گالي ڳالهائي وڃي ٿي. (پورچو گالي به هيسپانوي زبان وانگر آهي، جيئن سرائڪي ۽ پنجابي ٻوليون تمام گهڻيون ملن ٿيون ۽ ڌاريون ماڻهو پرکي نه سگهندو) اڄ انهن اسپيني ڳالهائڻ وارن جو ننڍي کنڊ جا ماڻهو مقابلو ڪن ٿا. آمريڪا جا وڏا شهر ته ڇا ڳوٺ ڳوٺ ۾ انڊين پاڪستاني ماڻهو ۽ انهن جا دڪان نظر اچن ٿا. حلال گوشت کان علاوه توهان کي هر قسم جو مرچ مصالحو ۽ ڳڙ، ڀڳڙا، ڦودني جون ٽڪيون، احمد جو آچار، هيڊ، ٻاجهر، جوار، گدامڙي، مندرن ۾ رکڻ لاءِ پرساد، نماز پڙهڻ لاءِ مصلو ۽ باٿ روم لاءِ لوٽو ملندو.
    انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ اسان جي جهازن تي اچي مهينو مهينو پراڻيون جنگ ۽ ڊان اخبارون کڻي ويندا هئا ۽ وڏي شوق سان وڃي پڙهندا هئا. ڪا اخبار جهاز تي رهجي ويندي هئي ته واپسي جي سفر تي ان کي ور ور ڏيئي اسين به پيا پڙهندا هئاسين. ويندي اشتهار، اڄ جا اگهه، ڌيان طلب، ڪورٽ نامون جهڙيون شيون به غور سان پڙهندا هئاسين. ڪو ڪو امير ماڻهو پاڪستان مان اخبار پوسٽ ذريعي گهرائيندو هو، جيڪا جيتوڻيڪ باءِ ايئر موڪليل هوندي هئي پر تڏهن به مالڪ جي هٿن ۾ هفتي بعد پهچندي هئي ۽ تمام مهانگي پوندي هئي. انٽرنيٽ ۽ Cable جو ته اڃا تصور به نه هو. پوءِ اسيءَ جي شروعات ۾ ٻڌو سين ته جنگ وارن جنگ اخبار ڪراچي ۽ لاهور کان علاوه لنڊن ۽ نيو يارڪ مان به ڪڍڻ شروع ڪئي آهي. آئون ملائيشيا ۾ هوس ته نيو يارڪ کان ايندڙ هڪ دوست مون لاءِ هڪ ٻه جنگ جا پرچا کڻي آيو هو. اخبار فقط ٽن چئن صفحن تي پکڙيل هئي ۽ قيمت به ڳري هيس. ان جو سبب اهو ئي هو ته پڙهندڙ (خريدار) گهٽ آهن، اشتهار ٿورا ٿا ملن.... وغيره ۽ هاڻ 35 سالن کن بعد آمريڪا ۾ وري آيو آهيان ته Scene ئي بدليل نظر اچي رهي آهي، آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ ته ڇا ڳوٺن ۾ به ننڍي کنڊ جا ماڻهو نظر اچن ٿا ۽ حلال گوشت لاءِ ڪنهن يهوديءَ کان ڪوشر جو پڇڻ بدران ديسي بازار مان مليو وڃي. ٻئي مرچ مصالحي جي دڪانن سان گڏ حلال گوشت جا به دڪان نظر اچن ٿا نه فقط ٻڪري، ڍڳي، ڪڪڙ جو گوشٽ پر انهن جا جيرا، بڪيون ويندي پاوا منڍيون پيون وڪامن، جيڪي هت عام طرح نه وڪامن ۽ نه هتي جا آمريڪن کائين. هڪ اهڙي حلال گوشت جي دڪان ۾ پنهنجي ڀاڻيجن ثمير ۽ ضمير وسطرو سان گهڙيس جيسين هو گوشت خريد ڪن آئون در وٽ رکيل مختلف اڙدو ۽ انگريزي اخبارن جا بنبڊل ڏسڻ لڳس ۽ پوءِ هڪ اڙدو اخبار کڻي ان جا صفحا اٿلائڻ لڳس. ويهارو کن صفحن جي اها اخبار هئي. پاڪستان ۽ هندستان جي خبرن کان علاوه اسان جي ملڪن جي ماڻهن جي آمريڪا ۾ ڪيل ڪارنامن ۽ بدنامين جي خبرن سان ڀريل هئي. هر صفحي تي جام اشتهار. هلڻ مهل ثمير پڇيو ته ماما اخبار کڻون.
    ”قيمت پڇ ته گهڻي آهي؟“ ظاهر آهي گذريل زماني جي ٽن چئن صفحن واري اخبار جي ئي قيمت ڳري هئي ۽ هنن ۾ ته انيڪ صفحا آهن ۽ رنگين ڇپائي آهي سو قيمت مناسب هجڻ جي صورت ۾ ئي خرد ڪري سگهجي ٿي نه ته ٽي وي ڪيبل ۽ انٽرنيٽ تان مفت ۾ خبرون ۽ SANA (سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) جي SANA – List خطن مان ئي ملڪ جو حال معلوم ٿي سگهي ٿو.
    ”هي اخبارون سڀ فري آهن“ ثمير ٻڌايو.
    ”پر هنن مان ڪن تي ٻه ته ڪن تي ٽي ڊالر قيمت لکي پيئي آهي.“ مون اخبارن کي اٿلائيندي چيو.
    ”قيمت ضرور لکيل آهي پر هر هڪ مفت ۾ ڏئي ٿو جو اخبار وارن ۾ Competition ڏاڍي آهي.“
    ”ٺهيو مون سمجهيو- دراصل هر اخبار واري کي ايڏا اشتهار مليو وڃن جو مفت ۾ ڏيڻ تي به کين نقصان نٿو ٿئي. مون ڇهه کن مختلف اخبارن مان هڪ هڪ کنئي ۽ پوءِ ته ساڳيو حال هتي جي ٻين ديسي دڪانن ۽ ريسٽورنٽن ۾ ڏٺم. ڪجهه انگريزي اخبارون پڻ آهن جيڪي هتي جون اسلامي تنظيمون ۽ هندو ائسوسيئيشن ڪڍن ٿيون. ڪجهه انگريزي اخبارون هتي جي هر علائقي مان نڪرن ٿيون، جن ۾ ان علائقي جي خبرن کان علاوه ان علائقي جي دڪانن ۽ انهن ۾ لڳندڙ sale، جاين، پلاٽن ۽ ڪارين موٽرن جي خريد ۽ وڪرو جا اشتهار آهن ۽ هر اخبار جي اشتهارن مان ايڏي ڪمائي ٿئي ٿي جو ماڻهن تائين اخبار پهچائڻ لاءِ هو دڪاندارن کي منٿون ڪن ٿا ته پنهنجي دڪانن ۾ رکو ته توهان جا گراهڪ هي اخبارون مفت ۾ کڻي وڃن. ڪجهه امير اخبارن جا مالڪ خاص ڪري ڪميونٽي نيوز پيپر وارا پنهنجي اخبار گهرن تائين به پهچائين ٿا. بهرحال مون جهڙي واندي ماڻهوءَ لاءِ اهي مفت جون اخبارون پڙهڻ سٺو شغل آهي ۽ ٽن مهينن کان اڃان اهو قائم آهي. جنهن وقت به بازار ۾ ڪنهن شيءِ جي خريداري لاءِ نڪران ٿو ته نئين شايع ٿيل اخبار کڻيو اچان. انهن اخبارن بابت ٽيڪا ٽپڻي- خبرن جو معيار، اشتهار ۽ ٻيا ڪالم وغيره- ٻئي مضمون ۾ ئي لکان ٿو.


    آمريڪا مان نڪرندڙ ديسي اخبارون

    هن کان اڳ واري مضمون ۾ لکيو اٿم ته ڪو وقت هو جو هن ڏورانهين ديس ۾ پنهنجي ملڪ جي اخبار پڙهڻ لاءِ پيو سڪبو هو پر هاڻ هتي ڪيتريون ئي اڙدو ۽ انگريزي اخبارون نڪرن ٿيون ۽ نه فقط نڪرن ٿيون پر مفت ۾ ورهائيون وڃن ٿيون. اڙدو ۽ انگريزيءَ کان علاوه گجراتي ۽ تامل زبانن جون به ڪيتريون ئي اخبارون نڪرن ٿيون. جيڪي زبانون جيئن ته مون کي سمجهه ۾ نٿيون اچن، ان ڪري انهن اخبارن سان منهنجي دلچسپي ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن اخبارن جي فرنٽ پيج تي ڪا ڌيان ڇڪائيندڙ تصوير نظر ايندي آهي ته ان ڏينهن اها به کڻي ايندو آهيان- تصويرون ڏسڻ لاءِ. پئسا ته هونءَ ئي نٿا ڏيڻا پون، جو اخبار کڻڻ يا نه کڻڻ جو سوچجي. خاص ڪري آئون ته موڪل جا ڏينهن گذارڻ لاءِ هتي آيو آهيان، سو مون وٽ ته ٽائيم ئي ٽائيم آهي. بهرحال آئون انگريزي ۽ اڙدو جون جيڪي اخبارون کڻي ايندو آهيان، اهي هن ريت آهن.
    اردو ٽائيمز – 22 صفحن جي اڙدو اخبار، جنهن جي 32 صفحن جي هفتيوار مئگزين ”ٽائيمز ميگ“ به مفت ۾ ورهائي وڃي ٿي.
    پاڪستان پوسٽ- 16 صفحن جي اخبار، جنهن سان گڏ 36 صفحن جي هفتيوار مئگزين ساڳي نالي سان نڪري ٿي ۽ مفت ڏني وڃي ٿي.
    - پاڪستان ايڪسپريس- 24 صفحن جي اڙدو اخبار
    - صدائي پاڪستان – 22 صفحن جي اڙدو اخبار
    - آزاد – 12 صفحن جي اڙدو اخبار
    - پاڪستان نيوز – 20 صفحن جي اڙدو اخبار
    - نيويارڪ عوام – 20 صفحن جي اڙدو اخبار
    - Desi Match – 32 صفحن جي اڙدو اخبار
    - Indian Express – 48 صفحن جي انگريزي اخبار
    - Indian post – 56 صفحن جي انگريزي اخبار
    - Indian Abroad – 36 صفحن جي انگريزي اخبار
    - Indian in New York – 28 صفحن جي انگريزي اخبار
    مٿيون سڀ اخبارون ۽ مخزنون (جيڪي اخبار جهان يا عبرت مئگزن جي سائيز جون آهن- يعني نارمل اخبار جي اڌ جيڏيون) هفتيوار آهن ۽ پاڪستان ۽ هندستان جي ماڻهن جي ضرورتن ۽ دلچسپين کي پورو ڪن ٿيون. اهي سڀ اخبارون خميس ڏينهن نڪرن ٿيون ۽ جمع تائين ديسي بازارين جي دڪانن، ريسٽورنٽن، مسجدن ۽ مندرن ۾ پهچيو وڃن، جيئن هفتي جا موڪل جا ٻه ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر، ماڻهو پنهنجي واندڪائي ۾ پڙهي سگهن.
    مٿين اخبارن کان علاوه انگريزي جي اخبار Muslims تمام مشهور آهي. انگريزيءَ جي 18 صفحن جي هفتيوار اخبار جيڪا The Voice of Muslim America نه فقط آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمانن جي دلچسپيءَ جو باعث آهي پر ننڍي کنڊ ۽ عرب ملڪن جي مسلمانن لاءِ پڻ. اهڙي طرح هندو ڌرم، عيسائين ۽ يهودين جي دلچسپيءَ جون پڻ ڪيتريون ئي هفتيوار انگريزي اخبارون نڪرن ٿيون ۽ مفت ورهائيون وڃن ٿيون.
    مسلمانن جي دلچسپيءَ جي هڪ ٻي انگريزي اخبار جيڪا، هتان آمريڪا مان نڪري ٿي ۽ ٻين اخبارن وانگر مفت ورهائي وڃي ٿي The Muslim Link آهي، جيڪا 22 صفحن جي آهي، جنهن سان گڏ 48 صفحن جي ”دي مسلم لنڪ مارڪيٽ پليس“ پڻ ورهائي وڃي ٿي. هيءَ اخبار (The Muslim Link) هفتي ۾ ٻه دفعا نڪري ٿي ۽ سندس Motto آهي:
    Linking Believers Together
    اهڙيءَ طرح هڪ اڙدو مذهبي اخبار ”الفضل“ نالي نڪري ٿي. 16 صفحن جي هن هفتيوار اخبار جو واسطو احمدي مسلمانن سان آهي.
    آمريڪا ۾ رهندڙ احمدي فرقي جي مسلمانن جو النور نالي 90 صفحن جو ماهوار رسالو پڻ نڪري ٿو، جنهن جو اڌ اڙدو ۾ آهي ته اڌ انگريزيءَ ۾. اڙدو واري حصي جو نالو ”النور“ آهي ۽ انگريزيءَ واري جو The Ahmadia Gazete, USA آهي.
    - احمدي جماعت جو هڪ ٻيو 70 صفحن جو رسالو جيڪو ڪئناڊا مان نڪري ٿو ۽ سڄي آمريڪا ۾ پڻ ورهايو وڃي ٿو ”نحن انصار الله“ آهي. هن رسالي جا 24 کن صفحا انگريزيءَ ۾ آهن ۽ 46 کن اڙدوءَ ۾ آهن.
    - انڊيا کان آمريڪا آيل ٽوئرسٽن توڙي هتي رهائش اختيار ڪندڙ هر مذهب ۽ هر زبان جي ماڻهن لاءِ خبرن سان ڀريل 44 صفحن جي انگريزي هفتيوار اخبار News India Times آهي.
    - مفت ۾ ورهائجندڙ اخبارن ۾ هڪ ٻي هفتيوار انگريزي اخبار South Asian آهي، جنهن جو موٽو آهي.
    The Voice of south Asians. هيءَ اخبار پاڪستان، انڊيا کان علاوه برما، سري لنڪا، ٿائيلينڊ، ملائيشيا جي ماڻهن ۾ مشهور آهي، جو هيءَ اخبار اهو سڄو علائقو Cover ڪري ٿي.
    - آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ مسلمانن جي هڪ ٻي دلچسپ هفتيوار انگريزي اخبار Mirror International آهي، جنهن جو Motto آهي: Justice & Peace for all 16 صفحن جي هيءَ اخبار هر اربع ڏينهن نڪري ٿي ۽ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي 45 رياستن ۽ صوبن جي ٻه سئو شهرن جي مسجدن، حلال گوشت جي دڪانن ۽ مسلمانن جي ريسٽورينٽن ۽ هوٽلن ۾ مفت ورهائپ لاءِ پهچيو وڃي.
    آمريڪا ۾ ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي دلچسپي لاءِ مفت ورهائجندڙ ۽ سڀ کان ٿلهي اڙدو اخبار ”اردو ٽائمز“ آهي، جيڪا ميگزين سميت 54 صفحن جي ٿئي ٿي. ميگزين وارا صفحا باقي اخبار جي اڌ صفحن جيڏا ٿين ٿا.
    ”اردو ٽائيمز“ آمريڪا (يعني اتر آمريڪا- جنهن ۾ ڪئناڊا ۽ USA اچي وڃي ٿو) جي پهرين ۽ سڀ کان وڏي ۽ گهڻو پڙهي ويندڙ اردو اخبار آهي. هن اخبار کي نڪرندي 35 سال ٿي ويا آهن ۽ هن سال سلور جوبلي ملهائي اٿس. هيءَ اخبار جنگ اخبار جي مالڪن جي لڳي ٿي، جنهن جو ايڊيٽوريل صفحو هوبهو جنگ اخبار جي اسٽائيل ۾ نڪري ٿو ۽ هن جو پبلشر خليل الرحمان آهي. اردو ٽائيمز اخبار هڪ ئي وقت آمريڪا جي چوڏهن شهرن (نيو يارڪ، واشنگٽن، ميامي، ائٽلانٽا، شڪاگو، هيوسٽن، لاس اينجلس وغيره) مان ڇپجي ٿي، جيئن پاڪستان مان جنگ ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد مان نڪري ٿي.
    هن اخبار ”اردو ٽائيمز“ جي انتظامي مرڪزي آفيس نيويارڪ جي جئميڪا علائقي ۾ آهي ۽ ائڊريس هن ريت آهي:
    169-20 Hillside Avenue, Jamaica, NY 11432, USA
    فون نمبر 718-297-8700 ۽ فئڪس نمبر 0017-297-718
    ۽ اي ميل ائڊريس اٿس: urdotimesny@aol.com
    هيءَ اخبار نيٽ تي به پڙهي سگهجي ٿي، جنهن جي ويب سائيٽ آهي.
    www.urdutimes.com
    فرنٽ پيج ۽ ٻين صفحن تي پاڪستان ۽ هتي جي خبرن کان علاوه دنيا جون به خبرون آهن. هتي جي ٻين اخبارن وانگر هيءَ اخبار به هتي جي اشتهارن سان ٽٻ آهي، جنهن مان هنن اخبارن جي وڏي ڪمائي ٿئي ٿي. ادارتي صفحو هوبهو جنگ جهڙو آهي، جنهن ۾ اهي ساڳيا ڪالم ۽ ساڳيا لکڻ وارا اچن ٿا، جيئن ته اڄ جي اخبار ۾ عبدالقادر حسن جو ڪالم ”غير سياسي باتين“ حسن نثار جو ”چوراها“ ، منو ڀائي جو ”گريبان“، عباس اطهر جو ”ڪنڪريان“، راجا انور جو ”بازگشت“، ڊاڪٽر ظهور اعوان جو ”دل پشوري“ وغيره آهن.
    آمريڪا مان نڪرندڙ اخبارن ۾ ڪهڙي قسم جا اشتهار اچن ٿا؟
    هن اخبار ”اردو ٽائيمز“ ۾ يا ٻين اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ جيڪي خاص ڪري انڊيا ۽ پاڪستان جا ماڻهو پڙهن ٿا هن قسم جا اشتهار جام نظر اچن ٿا.
    - آمريڪن اميگريشن بابت، ڇو جو هنن اشتهار ڏيڻ وارن کي خبر آهي ته ننڍي کنڊ جا ماڻهو آمريڪا ۽ ڪئناڊا اچڻ لاءِ آتا آهن. انڊيا جي رهاڪن لاءِ آمريڪا طرفان وري به سهولتون ۽ نوڪرين جي بارش پئي ٿئي. ان ڪري هنن اشتهارن ۾ اهي پاڪستاني، جيڪي هتي غير قانوني رهيل آهن يا ڪنهن ٽوئرسٽ يا پڙهائيءَ جي ويزا بهاني هتي پهچي هاڻ موٽڻ بدران هتي ئي لاءِ آتا هجڻ وارا، ڦاسن ٿا. پوءِ انهن ۾ ڪي صحيح گائيڊ به ڪن ٿا ته توهان جو ڪم ٿي سگهندو يا نه. ۽ جي ٿي سگهندو ته ڪهڙيون قانوني پيچيدگيون سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ آسان آهي، ڏکيو آهي يا ناممڪن. پر ڪيترا اِهي اشتهار ڏيڻ وارا ٺڳ وڪيل ۽ ڦورو ايجنسيون آهن، جيڪي ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ ۽ منجهائن پئسو ڦرڻ لاءِ کين ڦاسائين ۽ ڦورو جوتشين ۽ تعويذ ڳنڍا ڪرڻ وارن وانگر (جيڪي اٿندي ئي وڏيون دعوائون ڪن ٿا ته محبوب توهان جي قدمن ۾، وڃايل جواني هڪدم واپس حاصل ڪيو، وغيره وغيره) هي وڪيل به بورڊ هڻيو ويٺا آهن ۽ ٻيا اخبارن ۽ ٽي وي تان اشتهار ڏين ته توهان هر قسم جي قانوني مسئلي جي حل لاءِ اسان سان رجوع ٿيو. فلاڻا يا فلاڻا ايسوسيئيٽ هڪ بااعتماد نالو آهي، جيڪو هيٺين ڪيسن ۾ قابل ترين آهي: گرين ڪارڊ، فئملي جي بنياد تي اميگريشن، ڊيپورٽيشن، سياسي پناهه، بزنيس ڪلوزنگ، بئنڪ ڪرپسي، طلاق، ريئل اسٽيٽ، سول سوٽ... وغيره وغيره. انهن ڳالهين ۾ ديسين کي ڦرڻ وارا گهڻو تڻو پنهنجا ئي آهن. ڪيترن پنهنجين ڪمپنين کي ولائتي رنگ ڏيڻ لاءِ ڪو آمريڪن گورو اڳيان ڪيو آهي. ڪي ته نج گورن جون به ڪمپنيون آهن جو هن ڌنڌي ۾ وڏي ڪمائي آهي. جيڏي وطن ۾ بيروزگاري ۽ بدحالي يا جيتري هنن خوشحال ملڪن ۾ اچڻ جي سختي اوتري هنن جي وڏي ڪمائي.
    مٿين ڪيسن کان علاوه هتي جا ڪيترا واندا وڪيل اهڙا آهن، جيڪي توهان پاران مختلف ڪيس في وٺڻ بنا وڙهي ان جو اجورو ڪيس کٽڻ تي ڪميشن جي روپ ۾ وٺڻ چاهين ٿا. ان لاءِ هنن اخبارن توڙي ملڪ جي وڏين اخبارن ۾ اشتهار ايندا رهن ٿا ته توهان کي ڪنهن جي ڪتي چڪ ته نه هنيو آهي؟ اسان توهان کي لکها ڊالر وٺرائي ڏينداسين. (ياد رهي ته هتي ڪتي پالڻ جي اجازت آهي، پر ان جي چڪڻ تي ڪتي جي مالڪ کي معاوضي طور وڏي رقم ڏيڻي پوي ٿي ۽ گهڻو ڪري ڪتو پالڻ وارو ان کي چڪ هڻن لاءِ به انشوئر ڪري ٿو. يعني اتفاق سان ڪتي ڪنهن واٽهڙوءَ کي چڪ هڻڻ ڪڍيو ته انجو معاوضو ڪتي جي مالڪ بدران انشورنس ڪمپني ڀريندي. هتي آمريڪا ۾ روڊ حادثن جا به جام پئسا ملن ٿا. پنهنجي پاڪستاني هڪ ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ! پوءِ انهن ڪمن لاءِ گهڻيئي بيروزگار وڪيل ويٺا آهن، جيڪي اڳواٽ في وٺڻ بنا پيا ڪيس وڙهن ۽ پوءِ ڪيس کٽڻ تي زخمي ٿيل همراهه کي ملندڙ پئسي جو هڪ حصو پاڻ رکن. سو اهڙن وڪيلن جا ان قسم جا اشتهار پڻ ايندا رهن ٿا ته ڇا توهان جو روڊ حادثو ته نه ٿيو آهي؟ اسان توهان کي ان حادثي جو پئسو وٺرائي ڏيون. هڪ اهڙي حادثي بابت ٻڌم، جنهن ۾ ٻن ڪارين جي حادثي ۾ فٽ پاٿ تي هلندڙ هڪ غريب ۽ بي روزگار ماڻهو ڪري پيو، جسماني طرح ته هن کي رهنڊ به ڪا نه آئي، بلڪه پوليس جو اهو خيال هو ته حادثي بعد هن هلندڙ ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ کي انهن گاڏين وٽ کڻي ڇڏيو. بهرحال هوشيار وڪيل حادثي ڪري ذهني صدمو رسڻ جي بنياد تي هن کي انشورنس ڪمپني طرفان هزارين ڊالر وٺرائي ڏنا. پوءِ هن کي آمريڪا ۾ ڪا مزوري يا نوڪري ڳولڻ جي ضرورت نه پيئي. اڄ اهو همراهه سنڌ جي وڏن زميندارن مان هڪ آهي.
    واشنگٽن ۾ پنهنجي ڳوٺائي نجم ميمڻ جي فليٽ ۾ پهچڻ لاءِ سندس بلڊنگ جي لفٽ ۾ هڪ ٻه دفعو اهڙي مائي گهڙي، جنهن سان گڏ ڪتو هو. نجم کي چيم ته لفٽ ۾ اچڻ بدران ڏاڪڻ ذريعي هلڻ بهتر آهي، ڇو جو بند لفٽ ۾ رڇ جهڙي ڪتي سان گڏ بيهڻ ۾ ساهه ٿو وڃي ته متان ڪتو چڪ نه هڻي.
    ”سوال ئي نٿو پيدا ٿئي ۽ هڻي به ڏسي! فائدي ۾ اسان وينداسين.“ نجم چيو ۽ آئون سمجهي ويس جو هڪ ڏينهن اڳ اخبار ۾ پڙهيو هوم ته واشنگٽن ۾ ڪتي جو فقط وات وجهڻ تي ڪتي جي مالڪ يا هن جي انشورنس ڪمپنيءَ کي هڪ لک ڊالر (يعني سٺ لک رپيا) Victim کي ڀري ڏيڻا پوندا.
    اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي شادين ۽ طلاقن جي مسئلن مان به هتي جا آمريڪي وڪيل چڱو ناڻو ڪمائين ٿا. خاص ڪري انهن ماڻهن مان جيڪي آمريڪا ۾ رهڻ جي چڪر ۾ هتي جي عورتن سان پئسو ڏيئي صحيح معنيٰ ۾ يا ڪاغذن تي شادي ڪن ٿا. ان ڪم لاءِ اڪثر هتي جون وڏي عمر جون، نشئي پتئي حبشي عورتون آهن يا بي ڊوليون هسپانوي مايون. بقول منهنجي هڪ جهازي انجنيئر جي اسان پاڪستانين سان پئسو خرچڻ جي باوجود بهتر قسم جي عورتن بدران اهي عورتون شادي ڪن ٿيون جيڪي ” رنڊوا، بيوه، گهر سي بهاگي هوئي، شوهر کي پيٽي هوئي يا بچون سي روٺي هوئي، خونخوار قسم کي عورتين هين“ جيڪي شادي بعد ۽ طلاق وقت وڏي گهوپي ڪن ٿيون. جن جا مسئلا وڪيل ئي حل ڪن ٿا. جنهن لاءِ اسان جي هيرو کي الڳ پئسو وڪيلن کي ڏيڻو پوي ٿو.
    آمريڪا جي هن قسم جي اڙدو ۽ انگريزي اخبارن ۾ (جيڪي اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو پڙهن ٿا) ٽئڪسي هلائڻ جا اشتهار به جام هوندا آهن، جيئن ته “Master Cabbie Taxi Academy” جن جو چوڻ آهي ته نيو يارڪ ۾ ڊرائيوري سيکارڻ جي اها اڪيلي قابل اعتماد اڪيڊمي آهي، يا هڪ ٻيو اشتهار ان سلسلي جو نظر اچي ٿو: “AJ Yellow Taxi Tutors”
    ”ييلو ٽئڪسي جي امتحان پاس ڪرڻ ۾ اسين توهان جي مدد ڪريون ٿا. جيڪڏهن توهان انگريزي ڳالهائڻ ۾ ڪچا آهيو ته به ڪو مسئلو ناهي.“
    نيو يارڪ، نيو جرسي، واشنگٽن، بالٽيمور، هيوسٽن جهڙا شهر جتي پاڪستاني گهڻا آهن، توهان کي ڪيترائي انڊين ۽ پاڪستاني ٽئڪسي ڊرائيور ملندا. هونءِ به هتي اهو چوندا آهن ته پورهئي ۾ ٽئڪسي هلائڻ مزيدار Job آهي، جنهن ۾ توهان پنهنجي پاڻ جا باس آهيو، جيتري دير وڻي ڪم ڪريو، يعني ٽئڪسي هلايو. وڻانوَ ته ڏينهن جوهلايو، وڻانوَ ته رات جو هلايو، ٽئڪسي هلائيندي وڻانوَ ته ماٺ مٺوڙيءَ ۾ هلايو وڻانوَ ته پئسينجر سان خبرون چارون ڪندا هلو ۽ هر دفعي نئين ڪهاڻي نئون مسافر! بهرحال نيو يارڪ، واشنگٽن ۽ بالٽيمور جهڙن آمريڪي شهرن ۾ پاڪستاني ٽئڪسي ڊرائيور کوڙ آهن پوءِ ڪي پنهنجي خريد ڪيل ٽئڪسي هلائين ته ڪي روز يا هفتي جي مسواڙ تي ڪنهن مالڪ کان وٺي هلائين. هتي قانون جي سختي آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هر هڪ وٽ موبائيل فون آهن، ڪيترين ٽئڪسين ۾ وائرليس سسٽم آهي، سو ٽئڪسي ڊرائيور يڪدم پوليس سان Contact ۾ اچيو وڃي.
    خيرپور جي هڪ همراهه جيڪو واشنگٽن، ورجينا ۽ ميريلينڊ پاسي ييلو ڪئب هلائي ٿو ، کان جڏهن اهو پڇيم ته سندس ٽئڪسي ۾ ڪڏهن ڪو اهڙو مسافر به چڙهيو، جنهن لهڻ وقت پئسا ڏيڻ کان ڦڏو ڪيو هجي؟
    ”منهنجي پنجن سالن جي ڊرائيوري جاب ۾ هڪ دفعي ائين ضرور ٿيو. ٻه همراهه واشنگٽن جي سمٿوسن جي سب وي وٽان ورجينا جي آرلنگٽن لاءِ چڙهيا. گهر وٽ پهچي مون کي چيائون ته 35 ڊالر ڀاڙو ٿيو آهي، پر اسين تو کي 20 ڊالر ڏينداسين، جيڪڏهن تو وڌيڪ لاءِ گهر ڪئي ته تو کان اهي 20 ڊالر به واپس وٺنداسين ۽ ڏاڍي مار ڏينداسين.“
    ”پوءِ ڇا ڪيئي؟“ مون چيومانس.
    ”هو ويهه ڊالر ڏيئي گهر اندر گهڙي ويا، مون ان بعد يڪدم پوليس کي فون ڪيو. پنج اٺ منٽن ۾ ٻه پوليس وارا پهچي ويا. مون کين ٻڌايو ته ٻه ڄڻا منهنجا پنڌرهن ڊالر کائي ويا آهن. هنن ٽئڪسيءَ مان لٿل مسافرن جو در کڙڪايو ۽ کين چيو ته توهان هن ٽئڪسي واري جا پئسا کاڌا آهن، توهان کي پنج منٽ ٿا ڏيون کيس 15 ڊالر آڻي ڏيو نه ته هٿ ڪڙيون ٿا هڻون. ايتري ۾ پوليس وارن جو سپروائيزر به اچي پهتو، جيڪو اضافي مدد لاءِ پوليسس وارن پويان ايندو آهي. ان اچڻ سان چيو ته ٽئڪسي ڊرائيور کي پنڌرهن ڊالر نه ملڻ کپن. هن کي ڪافي دير ترسڻو پيو آهي سو هن کي Waiting جا به پئسا ملڻ کپن. پوءِ مون کي 15 بدران 25 ڊالر ڏنا ويا.“
    سو انمان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هتي ٽئڪسي ڊرائيور کي اهو ڊپ ناهي، جيڪو اسان جهڙن ملڪن ۾ عام آهي ۽ ٻي ڳالهه ته آمريڪا جا رستا بهترين هجڻ ڪري ڊرائيونگ ۾ مزو اچي ٿو.
    هتي جي اخبارن ۾ ٽريول ايجنٽن جا به ڪيترائي اشتهار اچن ٿا ڇو ته آمريڪا جي شهرن ۾ رهندڙ لکين پاڪستاني، بنگلاديشي، انڊين وغيره موڪلن ۾ پنهنجي وطن، مائٽن دوستن سان ملڻ وڃن ٿا، حج، زيارتن ۽ ڌرمي جاين تي وڃن ٿا، ڪيترا هتي جا مقامي گورا انڊيا (خاص ڪري) ۽ نيپال ۽ سري لنڪا ڏي وڃن ٿا. انهن کي سستيون ٽڪيٽون ۽ بهترين Service مهيا ڪرڻ لاءِ اسان جي ديسي ماڻهن جون ڪيتريون ئي ٽريول ايجنسيون آهن.
    فوٽو گرافي ۽ وڊيو فلمون ڀرڻ جي ڪمپنين جا به ڪيترا اشتهار هتي جي اخبارن ۾ نظر اچن ٿا، جيئن ته :
    BANDHAN Photo & Video
    USA Gamera man.
    Humza Video & Photo INC
    وغيره وغيره اهڙن اشتهارن سان گڏ اڪثر گهوٽ ڪنوار جي تصوير ڏني وڃي ٿي. هتي آمريڪا ۾ جيڪي اسان جي ملڪ جي ماڻهن جون فنڪشنون، برٿ ڊي کان شاديون مراديون ٿين ٿيون، انهن جون هو وڊيو فلمون ڪڍائي يادگار طور پاڻ وٽ ۽ لئه رکڻ لاءِ پنهنجن مائٽن ڏي وطن موڪلين ٿا. ان مان فوٽو گرافرن ۽ انهن جي ڪمپنين جي وڏي ڪمائي ٿئي ٿئي.
    آمريڪا ۾ جوتشي، جوڳي ۽ جادوگر
    جوتشين، جادوگرن، پيرن ۽ جنات جي عالمن جا اشتهار به خوب اچن ٿا ۽ تعجب جي ڳالهه اها آهي ته ان قسم جي پيرن ۽ جادوگرن جو آمريڪا ۾ تعداد وڌندو ئي رهي ٿو ۽ اهڙن جا اشتهار نه فط آمريڪا مان نڪرندڙ اڙدو، گجراتي ۽ انگريزي اخبارن ۾ اچن ٿا پر هتان هلندڙ Zee & Sony جهڙن ٽي وي چئنلن تان پڻ ڏيکاريا وڃن ٿا ڏيکاريا وڃن ٿا ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي Claim ڪندڙ عالم، پير، جادوگر ۽ سائين بابا هر قسم جي پريشاني دور ڪرڻ جي گئرنٽي ڏين ٿا. انهن اشتهارن سان گڏ تلڪ لڳل ”پنڊتن“ يا وڏي ڏاڙهي وارن ”پير بابن“ جا فوٽا هوندا آهن. هتي جي ٽي وي تي هن قسم جي پير بابن، سائين بابن ۽ اجميري پيرن بابت اشتهار هلڻ مهل هڪ ٻه مرد يا عورتون Testimony طور ٻڌائيندي ڏيکاريندا ويندا آهن ته ”اسان کي هي يا هي مشڪل هو پوءِ اجميري بابا وٽ هليا وياسين ۽ هن اسان جي دل جي مراد پوري ڪري خوشين سان مالا مال ڪري ڇڏيو“ ڇا ته جهالت يا شرڪ جي حد آهي! سا به آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جتي تعليم ۽ ميڊيڪل سائنس عام آهي، پر افسوس جو جن ڀوت جو اثر غائب ڪرڻ لاءِ ڪچو ايمان رکندڙ ماڻهو هنن پيرن ۽ پنڊتن وٽ ٿا وڃن، پٽ نه ڄمڻ تي زالون هنن ڊگهين ڏاڙهين وارن ”ڪرامتي بابائن“ وٽ ٿا وڃن. بقول اسان جي ڳوٺ جي ڊاڪٽر الطاف ميمڻ جي، جيڪو نيو يارڪ جي هڪ يونيورسٽيءَ جو ڊين آهي، آمريڪا تمام وڏو ملڪ آهي، ان ۾ رهندڙ اسان جي ڪروڙ ها ايشيائي ماڻهن ۽ مڪاني انگريز گورن ۾ جيڪڏهن هڪ سيڪڙو ته ڇا ڏهائي هڪ سيڪڙو به مت جا موڙهيل ماڻهو آهن ته به انهن جو تعداد لکن ۾ ٿيو وڃي ۽ ههڙا پير پنڊت آمريڪا جهڙي امير ملڪ ۾ ڪڏهن به بک نه مرندا.
    هڪ اڌ صفحي جو اشتهار اخبار ۾ ڏسي رهيو آهيان، جنهن ۾ مٿان ئي وڏن اکرن ۾ لکيل آهي ته ڏهه هزار ڊالر (يعني ڇهه لک رپين) جو روڪڙو انعام!
    اهو انعام ان شخص لاءِ آهي، جيڪو مشهور جوتشي ماسٽر امر جي ڪم کي ڪوڙو ثابت ڪري ڏيکاريندو. هي جوتشي جيڪو نيو يارڪ شهر جي 198 Foot Hill Ave تي رهي ٿو، توهان جا هيٺيان مسئلا حل ڪري سگهي ٿو:
    ٻار نه ٿيڻ، قرض، شاديءَ ۾ رڪاوٽ، مالي نقصان، هر هر نوڪريءَ مان تڙجڻ، عشق ۽ محبت جا مسئلا، دشمن جي ڪيل جادوءَ لاءِ ڦيڻو، خوف ۽ مونجهه. وغيره.
    ”جيڪڏهن توهان جو مقدمو ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي ۽ توهان ان جو فيصلو وقت کان اڳ معلوم ڪرڻ چاهيو ته به هن جوتشيءَ ماسٽر امر سان رجوع ٿيو“ ان اشتهار ۾ ڏنل آهي.
    جيڪڏهن ڪنهن به ڊاڪٽر يا دوا مان فائدو نٿو ٿئي ته به هن جوتشيءَ سان رجوع ٿيو..... وغيره وغيره. هاڻ سائين ڏيو منهن! ڇا آمريڪا جيڪو چنڊ ستارن ڏي راڪيٽ پيو موڪلي، ڇا ٽوڻن، ڦيڻن ۽ ڌاڳا وٽي ڏيڻ وارن جوتشين جي عياشي! اڄ جي انٽرنيٽ جي دور ۾ ته سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن: کڏڙو ۽ ڳوٺ مولوي حضور بخش گشڪوري جا ماڻهو به هوشيار ٿي ويا آهن؟
    جادوئي پيرن فقيرن ۽ ٻاون پنڊتن کان علاوه اسان جي ديسي هٿ ٺوڪين روحاني حڪيمن ۽ خانداني طبيبن جي اشتهارن سان به هتي جون اخبارون ڀريون پيون آهن. لڳي ٿو ته هاڻ مريض وڃي آمريڪا ۾ بچيا آهن جو اهي سڀ حڪيم طبيب پنهنجي اباڻي وطن جا شهر دهلي، لکنو، اجمير، ڪلڪتو، سکر، ملتان ۽ حيدرآباد ڇڏي هتان نيو يارڪ، نيو اورلينس، فلڊ لفيا، بوسٽن، لاس اينجلس، شڪاگو، ۽ انا پولس کان نڪتا آهن. يا ننڍي کنڊ کان هيڏانهن آمريڪا آيل سڀ ذهني ۽ جنسي بيمارين جا مريض هئا، جن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ وڏين مڇين وارو ڊاڪٽر رائو اچي نڪتو آهي، جيڪو پنهنجي اشتهار ۾ اها دعويٰ ڪري ٿو ته هن جي چاليهه نسلن کان حڪمت تي دسترس آهي. هن پنهنجي اشتهار ۾ اهو به لکيو آهي ته هن وٽ جنسي مسئلن جو شرطيه علاج آهي ۽ هن وٽ چاليهه هزار کان وڌيڪ جڙي ٻوٽين جا نسخا آهن.
    هڪ ٻيو چوٿي صفحي کن جو اشتهار انصار الرحمان جو ايندو رهي ٿو، جيڪو پاڻ کي پاڪستان، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جو روحاني معالج ٿو سڏائي، اشتهار ۾ ڏنل آهي ته سڀني بيمارين جي روحاني علاج لاءِ انصار الرحمان توهان وٽ نيو يارڪ، مشي گن ۽ ڪئليفورنيا ۾ اچي رهيو آهي. جيڪڏهن ملاقات ڪرڻي اٿانوَ ته هينئر ئي سندس موبائيل فون 3053-231-713 ملايو ۽ ملاقات لاءِ اڳواٽ وقت وٺو.
    اڄ ڪلهه هتي جي اخبارن ۾ سني حسين پنهور ۽ فرحان شفيق طرفان ”پيپلز پارٽي USA“ جو به اشتهار اچي رهيوآهي، جنهن ۾ مٿان ڪنڊن تي بينظير ۽ ڀٽو صاحب جو فوٽو آهي ۽ وچ تي گروپ فوٽو ۾ بينظير سان گڏ فرحان شفيق، سجاد جاکراڻي، اڪرام الله ڌاريجو، سني حسين ۽ عدنان شفيق ان سان گڏ پيپلس پارٽي آمريڪا جي عهديدارن جا نالا آهن.
    ڊاڪٽر ايم حسن صدر
    اڪرام الله ڌاريجو- سينئر نائب صدر
    چوڌري اعجاز فرخ، سينئر نائب صدر
    راشد غزنوي – نائب صدر
    ڪي بي ڀٽو – صدر CA
    نظير ڀرڳڙي- نائب صدر ڪئليفورنيا وغيره
    سندن آفيس جي ائڊريس ڏنل آهي:
    712 Lassen Drive, Corona, California 92879 USA.
    فون نمبر 4870-279-951 ۽ فيڪس 9119-279-915
    ويب سائيٽ آهي: www.pppusa.org
    اي آر واءِ ARY DIGITAL ۽ نيو جرسي جي پاڪستاني آمريڪن ائسوسيئيشن طرفان ”ڌوم مچا دو“ نالي نيو جرسي ۾ پاڪستاني ميلو ٿي رهيو آهي. اڄ ڪلهه اخبارن ۾ ان جو به اشتهار اچي رهيو آهي ۽ اهڙا رنگين اشتهار پاڪستاني دڪانن، هوٽلن ويندي مسجدن ۾ به اچن ٿا. هن ميلي ۾ عمر شريف، ابرارالحق، رحيم شاهه، پريا، ريجا ۽ ابير به ايندي جن جون تصويرون پڻ ڏنل آهن. هن قسم جا ميلا، آمريڪا ۾ رهندڙ انڊين ڪميونٽي به لڳائيندي رهي ٿي ۽ هنن جي فلمي دنيا جا ائڪٽر پڻ اٽينڊ ڪن ٿا. هاڻ اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي پاڪستاني ميلو هڻڻ جو شوق ٿيو آهي. شل ان ئي ڏينهن تي هتي جي انڊيا جي رهاڪن جو ڪو فنڪشن، ميلو يا ڳائڻ جو پروگرام نه هجي نه ته اسان جا پاڪستاني سڀ اتي پهچي ويندا ۽ عمر شريف وارا پاڻ کي ئي ڏسندا رهندا.
    آمريڪا مان نڪرندڙ ۽ مفت ورهايون ويندڙ اخبارن ۾ هڪ پاڪستان پوسٽ نالي پڻ هفتيوار اردو اخبار آهي. 15 صفحن جي هيءَ اخبار ۽ ان سان گڏ 36 صفحن جي مئگزين ڪئناڊا جي ٽورنٽو ۽ مانٽريل ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن مان هڪ ئي وقت نڪري ٿي سندس انتظاميا آفيس نيو يارڪ جي علائقي جمائڪا ۽ بروڪلن ۾ آهي، خط وڪتابت لاءِ اي ميل ائڊريس pakpost786@aol.com ۽ ويب سائيٽ www.pakistanpost.net آهي. هن اخبار جو چيف ايڊيٽر محمد آفاق خيالي، ايڊيٽر ايم آر فروخ ۽ سٽي ايڊيٽر سائره امين آهي.
    پاڪستان پوسٽ جي ادارتي صفحي جا ڪجهه مستقل ڪالم نويس آهن: لاهور جو نذير ناجي(سويري سويري)، واشنگن جو منظور اعجاز (نئِ زاويي)، اسلام آباد جو جاويد چوڌري، ميساچوسٽس جو انوار سيد، خليل احمد نيني تال، نيو جرسي جو احمد وقاص ۽ رياض صاحب وغيره ان کان علاوه ٻيا ڪجهه ليکڪ جن جا ڪالم هن اخبار ۾ اچن ٿا. اهي آهن ڊاڪٽر ظفر اقبال نوري (سوئي منزل)،اوٽاوا ڪئناڊا جي عبدالحميد باشاني خان جو ڪالم ”بي بسي“ فلڊلفيا جي مولوي ڊاڪٽر سخاوت حسين سندرالوي (حڪم ازان) وغيره.
    اڙدو جي هڪ ٻي اخبار ”پاڪستان ايڪسپريس“ آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن مان هڪ ئي وقت خميس جي ڏينهن نڪري ٿي، سندس قيمت جيتوڻيڪ هڪ ڊالر لکيل آهي، پر جتي ڪٿي مفت ڏني وڃي ٿي. اخبار جي مرڪزي آفيس نيو يارڪ ۾ آهي. 35, 73rd street, Jackson heights, NY 11372, USA فون نمبر : 2418-505-718 ۽ فئڪس نمبر 2613- 335-718 هن اخبار جو چيف ايڊيٽر ظفر قريشي آهي ۽ مئنيجنگ ايڊيٽر شاهد ڪمال خان آهي. اخبار جي اي ميل ائڊريس آهي zaamil2@aol.com. هن اخبار جا مستقل ڪالم نويس ڪجهه هي آهن: تابش خانزادو (زندگي اي زندگي)، ڊاڪٽر اعجاز راهي (ويو پوائنٽ)، نير زيدي (اندرون خانه)، مجيب خان (گردش عالم)، محمد سليمان کوکر (سياستين ڪيا ڪيا)، زاهده حنا (لو ڪرلو بات)، نگهت پروين (معذرت ڪي ساٿ)، ناصر خان ناصر (آئينه ذرا ديک).
    صدائي پاڪستان پڻ هفتيوار اڙدو اخبار آهي، جيڪا هڪ ئي وقت اسلام آباد، نيو يارڪ، واشنگٽن، شڪاگو، ميامي ۽ هيوسٽن مان نڪري ٿي. آمريڪا ۾ سندس قيمت ٽي ڊالر (يعني 180 رپيا) آهي پر مفت ۾ ئي ورهائي وڃي ٿي. اخبار جا مالڪ اخبار جو خرچ اشتهارن مان ڪڍي وٺندا هوندا. هن اخبار کي اشتهار به جام آهن ته ڪالم لکڻ وارا به جام آهن. آمريڪا ۾ سندس انتظاميا آفيس نيو يارڪ ۾ آهي.
    P.O Box 300 – 749 Brooklyn, NY 11230 USA. سندس اي ميل ائڊريس sadaepakistan@aol.com آهي ۽ ويب سائيٽ اٿس:
    www.sadaepakistan.net
    صدائي پاڪستان اخبار جو پبلشر احسان چغتائي آهي. ايڊيٽر فرحت آفريدي. اخبار جا ڪجهه ڪالم نويس هن ريت آهن: نيو يارڪ جو اخلاق احمد خان، راجه انور (بازگشت)، هيومن رائيٽس ايڪٽويسٽ طارق صديقي، حماد خان (تحرير و انتخاب)، شاهه عالم صديقي (باتين شاهه جي ڪي)، شفيق لغاري (اظهار خيال)، ڪلديپ نير (ڀارت سي)، فاروق قيصر (سرگم ڪالم) نيو يارڪ جو واحد ڀٽي (ضرب واحدي) وغيره وغيره.
    نيو يارڪ مان هڪ ٻي ننڍڙي ٻارهن صفحن جي هفتيوار اخبار ”آزاد“ نالي نڪري ٿي، جيڪا نيو يارڪ رياست جي شهرن کان علاوه نيو جرسي، ڊيلا ويئر، پينن سلوانيا ۽ ڪنيڪٽي ڪٽ رياستن جي شهرن ۾ عام نظر اچي ٿي. اخبار جو چيف ايڊيٽر سعود علي صديقي ۽ ايڊيٽر ولي رضوي آهي. اخبار جي اي ميل ائڊريس azadnewspaper@aol. ۽ هن ويب سائيٽ تي پڙهي سگجي ٿي: www.azadnewspaper.com اخبار ۾ ايترا اشتهار نه آهن. شايد ان ڪري هيءَ ٻين اخبارن جي مقابلي ۾ گهٽ صفحن واري آهي. ڪالم لکڻ وارن ۾ عامر هاشم خاڪواني، محمد جميل، لطافت مفتي، عباس حيدر ڪاظمي آهن.
    آمريڪا مان نڪرندڙ ويهن صفحن جي هڪ ٻي هفتيوار اردو اخبار ”پاڪستان نيوز“ آهي، جنهن جي اي ميل ائڊريس آهي: newspakistan@aol.com ۽ ويب سائيٽ zshopnet.com آهي. هن اخبار جا مشهور ڪالم نويس هن ريت آهن: جاويد چوڌري، شڪاگو جو افتخار نسيم محمد حسين، واشنگٽن جو سيد ( هيوسٽن نامه)، نيويارڪ جا سيد افضال محسن، سردار محمد نصرالله، اسرار احمد ڪسانا، مجيب لوڌي ۽ جهانگير خٽڪ. نيو جرسي جو سليم صديقي، وغيره. اخبار جو صدر ۽ پبلشر مجيب ايس لوڌي آهي ۽ ايڊيٽر خرم لوڌي.
    آمريڪا جي هڪ ٻي هفتيوار اردو اخبار ”نيو يارڪ عوام“ آهي، جيڪا نيو يارڪ کان علاوه نيو جرسي، شڪاگو ۽ واشنگٽن مان نڪري ٿي. سندس پبلشر ۽ چيف ايڊيٽر ايڇ منهاس آهي ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر ايم شفيق آهي. سندس انتظامي آفيس نيو يارڪ ۾ آهي. 337- Broadway, suite # OSC, 3rd flr, Newyork, NY 10013 فون نمبر 212-219-1331 ۽ فئڪس نمبر 1335-219-212 آهي ۽ اي ميل ائڊريس آهي nypawam@aol.com سندس مستقل لکڻ وارا آهن: واشنگٽن ڊي سي وارو الطاف پيرزادو (واشنگٽن ڪي فضائون سي)، بوسٽن جو عتيق صديقي (اظهار خيال)، نيو يارڪ جو جاويد عنايت (نيويارڪ سي)، سلمان ظفر (يه هي صورتحال)، ڊاڪٽر شفيق (آج ڪي بات)، محمد ارشاد خان ۽ واصف حسين واصف وغيره
    هڪ ٻي هفتيوار اردو اخبار جيڪا احمدي جماعت وارا ڪڍن ٿا، ”الفضل“ آهي، جنهن جو ايڊيٽر نصير احمد قمر آهي. هيءَ اخبار لنڊن مان شايع ڪري UK ۽ ڪئناڊا ۽ USA جي شهرن ۾ ورهائي وڃي ٿي ۽ ائڊريس آهي: 16 Gressenhall Rd, London sw185QL, UK فون نمبر 7603-8544-020 ۽ فيڪس آهي: 7611-8544-020
    ”الفضل“ اخبار جي اي ميل ائڊريس آهي: alfazlint@alislam.org هن اخبار سان گڏ چئن صفحن جي ”اخبار احمديه“ به مفت ورهائي وڃي ٿي، جيڪا جرمني مان نڪري ٿي ۽ جماعت احمديه جرمني جو ترجمان سڏجي ٿي. اخبار جو ايڊيٽر نعيم احمد نير آهي. ائڊريس هن ريت آهي:
    National Shoba Tasneef, Almadiyya Muslim Jamaat, Genfer Strll, 60437 frankfurt- Germany. اِي ميل ائڊريس akhbar3@yahoo.com هنن اخبارن ۾ اشتهار نه برابر آهن، گهڻيون ڳالهيون احمدي جماعت سان واسطو رکندڙ آهن.


    سائين عبدالفتاح ميمڻ جي فئملي ۽ انور ميمڻ

    ان ڏينهن نيو يارڪ جي ففٿ ايونيو تي پنهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ انور ميمڻ سان چڪر هڻي رهيو هوس. انور ٽورنٽو کان پنهنجي زال (ڀاڄائي نجمه) سان گڏ واشنگٽن آيو هو، جتي نجمه پنهنجي ڀاءُ علي نواز وٽ ترسي پيئي ۽ انور نيو جرسيءَ مان مون کي کڻي نيو يارڪ پهتو، انور ميمڻ جي گهر واري نجما اسان ٻنهي جي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ مرحوم علي رضا ميمڻ جي ڀيڻ ۽ لاڙڪاڻي واري مرحوم عبدالفتاح ميمڻ جي ڌيءَ آهي، جيڪو 1962ع کان 1966ع تائين سعودي عرب جو سفير ٿي رهيو.
    سائين عبدالفتاح ميمڻ صاحب پروفيشن جي لحاظ کان لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل هو، کين سياست جو به شوق هو ۽ 1952ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊيو هو. پاڻ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪاليجي تعليم جو باني پڻ هو ۽ لاڙڪاڻو آرٽس ڪاليج، لاڙڪاڻو ڪامرس ڪاليج ۽ لاڙڪاڻو LAW ڪاليج ان سلسلي جون پهريون ڪڙيون هيون. کين اٺ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ نجما ٿي. وڏو پٽ غلام علي ENT سرجن آهي ۽ ٻئي نمبر تي علي نواز ميمڻ آهي، جيڪو هتي واشنگٽن ۾ رهي ٿو ۽ گذريل 35 سالن کان ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن سان لاڳاپيل آهي. پاڻ سوماليا (آفريڪا) ۾ ورلڊ بئنڪ جو مڪاني نمائندو Representative Resident ۽ پاڪستان ۾ نئشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽيءَ جو چيئرمين ٿيڻ کان علاوه ايشيا، آفريڪا ۽ مڊل ايسٽ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بين الاقوامي ترقياتي ادارن ۾ نوڪري ڪئي. پاڻ 1943ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڄائو ۽ بنيادي تعليم شڪارپور جي ميمڻ محلا پرائمري اسڪول، داري محلا ايليمينٽري اسڪول لاڙڪاڻي ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪرڻ بعد گريجوئيشن ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪئي. ان بعد علي نواز آمريڪا جي اوريگون يونيورسٽيءَ مان MBA ڪئي ۽ الينوس يونيورسٽيءَ مان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. پاڻ ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڇپيل ٻه ڪتاب ڏيهه پرڏيهه ۾ بيحد مشهور آهن، جيڪي مڊل ايسٽ ۽ پاڪستان جي مسئلن جي روشنيءَ ۾ لکيل آهن. سندن نالا هن ريت آهن.
    1. Islamic Nation
    (Status and Future of Muslims in the new world order)
    2. Pakistan- Islamic Nation in Crisis.
    علي نواز جا مٿيان ڪتاب 1995ع ۽ 1997ع ۾ ڇپيا هئا.
    لاڙڪاڻي جي مشهور وڪيل ۽ سفير مرحوم عبدالفتاح ميمڻ صاحب جي مٿين ٻن پٽن (غلام علي ۽ علي نواز) بعد ٽئي نمبر تي اسان جو ڪلاس ميٽ مرحوم علي رضا ميمڻ آهي. علي رضا پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ننڍي عمر ۾ اسان کان جدا ٿي ويو. ان بعد سندس اٺن ڀائرن ۾ اڪيلي ڀيڻ نجما ۽ پوءِ سڪندر آهي، جيڪو پڻ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيو ۽ جنهن جو احوال شروع ۾ حميد انور واري قصي ۾ اچي چڪو آهي ته ڪيئن حميد انور ۽ انور ميمڻ هن سان پريپ ٽائيم ۾ ملڻ ويا ته ڪاليج جي انگريز پرنسپال کين دڙڪو ڏيئي ڪاليج مان ڀڄائي ڪڍيو. سڪندر ميمڻ ڪافي عرصي کان مصر ۾ پنهنجي عرب زال سلوا سان گڏ رهي ٿو، کيس آثم نالي هڪ پٽ آهي. سڪندر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهڻ بعد ڪيميڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي پروفيشن سان گڏ گڏ پرائيويٽ بزنيس به ڪري ٿو. سڪندر بعد پنجين ڀاءُ شفقت ۽ ستين ڀاءُ شاهين جو واسطو بئنڪنگ سان آهي ۽ ڇهون ڀاءُ محمد علي آرمي ۾ ميجر آهي ۽ آخري ننڍو ڀاءُ جمال ناصر ڊاڪٽر آهي ۽ اسلام آباد ۾ چمڙيءَ (Skin) جي بيمارين جو ماهر آهي. اسان پارڪ ايونيو کان 63 نمبر اڀرندي واري گهٽي ڏيئي نيو يارڪ جي مشهور شاهراهه ففٿ ايونيو تي اچي هيٺ ڏکڻ طرف هلڻ لڳاسين. اسان جي ساڄي پاسي دنيا جي وڏن پارڪن مان هڪ ”سينٽرل پارڪ“ هو. نيون پراڻيون ڳالهيون ڪندا، ڳالهه ۾ لڀي ڪجهه نه ته به ٻٽا ٻٽا ٽهڪ ڏيندا، پاسي کان لنگهندڙن تي اجائي سجائي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا 57، 56، 55، 54، 53، 52 هين گهٽي اڪري اچي ايڪونجاهينءَ تائين پهتاسين، جتان راڪ فيلر پلازا شروع ٿو ٿئي ته اٺيتاليهين گهٽيءَ تائين وڃيو نڪري. پنجاهين گهٽي وٽ بيٺل آئس ڪريم واري کان وڏو شاهي آئيس ڪريم ڪون وٺي اتي ئي بيٺي بيٺي کاڌو سين، هڪ چٽ ڪري پورو ڪيوسين ته انور چيو:
    ”يار آئون ته هڪ ٻيو به کائيندس. تون به کاءُ“
    ”نه بس هڪ ڪافي آهي.“ مون چيو مانس.
    ”ڇو؟ ڪهڙو اعتراض آهي؟ پئسا ته آئون ٿو ڏيان.“
    انور اهڙي اسٽائيل ۾ چيو جو ننڊپڻ جا ڪاليج وارا ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن رسيس ۾ آئون، انور، اظهر عباسي( قاضي عابد صاحب جو پٽ)، رفيع ڪاڇيلو ۽ شوڪت جماڻيءَ جو ٽولو ڪئنٽين پهچي ويندو هو ۽ روز ان ڳالهه تي ڦڏو ٿيندو هو ته پيٽيز يا سموسن جا پئسا ڪير ڀريندو. ان ڏينهن نيو يارڪ جي ان ففٿ ايونيو تي اسان کي سچ پچ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ نائين يا ڏهين ڪلاس جا شاگرد هجون. اهو هرگز نٿي محسوس ٿيو ته ٻاهٺ ٽيهٺ سالن جا ڪي پوڙها آهيون تڏهن ته ڪلو سٽرول ۽ شگر ليول هاءِ هجڻ جي باوجود آئيس ڪريم کائي رهيا هئاسين.
    انور جيسين آئيس ڪريم جو جمبو ڪون آهستي آهستي ڪري ڳرڪائي، تيسين مون corn واري کي بيهاري هن کي سڀ کان وڏو سنگ ڏيڻ لاءِ چيو.
    ”مون سمجهيو منهنجو ڊالر بچيو. هيءَ ته تو مون کي ٻيڻ نقصان ۾ وڌي.“ انور چيو.
    ”اهو ڪيئن؟“ مون پڇيو.
    ”ان کان ته ٻيو آئيس ڪريم ڪون کائين ها ته مون کي ان جو هڪ ڊالر ڏيڻو پوي ها. مڪئي جو سنگ، خاص ڪري هن هنڌ تي ته ٻن ڊالرن جو آهي.“ انور چيو.
    ”چڱو ڀلا سنگ جا پئسا آئون ٿو ڏيان.“ مون کلندي پٺئين کيسي مان ٻٽون ڪڍڻ لاءِ هٿ وڌو.
    ”نه ادا مهرباني.“ انور پنهنجي چرچائي نموني سان هٿ ٻڌي مون کي پئسن ڏيڻ کان جهليو.“ بهتر آهي ته ٻه ڊالر به آئون ڏيان نه ته پنهنجي سفر نامي ۾ خوار ڪري ماريندين ته چاليهه سالن کان پوءِ پراڻو دوست مليو، تنهن مون کي ٻن روپين جو سنگ به نه کارايو. هاڻ ويچارن پڙهندڙن کي ڪهڙي خبر ته اهو سنگ خيرپور ناٿن شاهه ڳوٺ ۾ نه پر ”مئن هٽن“ جي امير ترين علائقي ففٿ ايونيو ۾ مون کي کارائڻو پيو پوي.“
    ”ادا جيڪي وڻنئي اهو پيو چئه.“ آئون سنگ وٺي روڊ جي پاسي کان هڪ ٺلهه تي ويهي مزي سان کائڻ لڳس. ڇا ڳالهه ڪجي هن پاسي جي سنگن جي! اسان جي پاسي جا هڏن جهڙا بي سوادي سنگ کائڻ مهل جهنگلي سوئر به منهن کي موڙو ڏيئي مجبوريءَ ۾ کائين ٿا.
    انور ميمڻ سان منهنجي ملاقات 1963ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ڇڏڻ بعد هاڻ چاليهه پنجيتاليهه سالن بعد هتي آمريڪا ۾ ٿي آهي. انور پيٽارو جي انهن شاگردن مان آهي، جنهن جا ان وقت جا چرچا ۽ کل ڀوڳ جون ڳالهيون اڄ به سدا حيات آهن. جڏهن به ۽ جتي به پراڻن دوستن جي گڏجاڻي ٿيندي آهي ته انور جي ڪا نه ڪا ڳالهه ياد ڪري کلندا آهيون. صحت مند ۽ راندين ۾ هوشيار هجڻ کان علاوه انور ننڍي هوندي شرارتي به ڏاڍو هو ۽ هو سزا خوشيءَ سان قبول ڪندو هو ۽ هن جون اهي شرارتون ڪنهن کي تنگ ڪرڻ يا رنجائڻ بدران پنهنجي ڪلاس ميٽ ساٿين کي کلائڻ جي مقصد سان هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين ٿيندو هو جو انور کي روزانو سزا خاطر ايڪسٽرا ڊرل ڪرڻي پوندي هئي. نوٽس بورڊ تي ٻئي ڪنهن جو نالو هجي يا نه هجي پر انور جو ضرور هوندو هو. انور جي اها ڳالهه ياد ڪري اسين پراڻا ڪلاس ميٽ کلندا آهيون ته هڪ ڏينهن لنچ بعد دستور موجب جڏهن انور سزا کائڻ خاطر پريڊ گرائونڊ تي پهتو ته ايڪسٽرا ڊرل ڪرائڻ واري حوالدار چيس ته ”ڪئڊٽ انور تنهنجو اڄ سزا لاءِ نوٽس بورڊ تي نالو ته نه هو.“ اهو ٻڌي هو موٽي آيو. اسان چيس نوٽس بورڊ تي سزا وارن جي لسٽ نه پڙهي هئي ڇا؟“ جواب ۾ معصوم شڪل ٺاهي وراڻيائين ته نوٽس بورڊ ڏي اهي وڃن جن کي ڪڏهن ڪڏهن سزا ٿي ملي. مون کي اڄ الائي ڇو نه ملي آهي نه ته روزانو آهي ئي آهي.
    انور ميمڻ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان 1968ع ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هيڏانهن ڪئناڊا هليو آيو ۽ ان وقت کان هتي ئي رهي ٿو ۽ هتي ئي نانو ڏاڏو ٿي ويو آهي.
    انور کي ٻه ٻار آهن. وڏو پٽ دانش آهي، جنهن جي شادي ياسمين سان ٿي آهي، جنهن مان هن کي چار ٻار اوساما، مريم، صوفيا ۽ آمنا آهن. انور جو ٻيو ٻار ڌيءَ مشعال آهي. مشعال وئنڪيوئر جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهي آهي ۽ ايندڙ مهيني تعليم مڪمل ڪندي. انور ۽ سندس زال نجما گڏجي ”انور نجما“ نالي ٽرسٽ (خيراتي ادارو) ٺاهيو آهي، جنهن جي معرفت هو غريب ۽ ضرورتمند ٻارن لاءِ نه فقط سنڌ ۾ پر آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ تعليم جو بندوبست ڪري رهيا آهن. سندن اهو چوڻ آهي ته اسان جي معاشري جي خرابي ۽ پٺتي پوڻ جو وڏو سبب تعليم جي کوٽ آهي، جنهن لاءِ اسان کي فقط حڪومت تي ڀاڙڻ بدران پاڻ به مدد ڪرڻ کپي. علم پرائڻ ۽ علم کي عام ڪرڻ نه فقط انور جي والد صاحب فقير محمد (چاچا بسوءَ) جي زندگيءَ جو مقصد هوندو هو پر نجما جي والد صاحب عبدالفتاح ميمڻ جو پڻ، جنهن بابت شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته لاڙڪاڻي ۾ هن تعليمي ڪاليجن جو بنياد وڌو. سنگ کائي بس ڪيم ته انور هلڻ لاءِ چيو.
    ”ڪيڏانهن“ مون پڇيو.
    ”واڪ ڪيون نه. ههڙي سٺي جهڙالي موسم آهي، ههڙو ويڪرو فٽ پاٿ. ميل اڌ ٻيو به ته پنڌ ڪيون.“ انور چيو
    ”ڇو ڀلا-؟“ مون پڇيو. منهنجي ان سوال تي انور وڏڙن وانگر مون کي سمجهائڻ لڳو:
    ”واڪ هر انسان لاءِ سٺي شئيءَ آهي، واڪ سان صحت سٺي ٿي رهي. چرٻي ڳري ٿي، واڪ تي ڪئلوريز سڙن ٿيون. نيرن تي جيڪو بيضو ۽ پٽاٽا کاڌا اٿئون آخر ان کي ساڙڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ميل ته واڪ ڪجي.......
    ”آئون سندس چهري ڏي گهوريندو رهيس. آخر سندس ليڪچر کي اڌ ۾ ڪٽي چيو مانس:
    ”اهڙي واڪ کان ته گهر ۾ ويهي ڪچهري ڪريون ها. جيڪي ڪئلوريز واڪ ذريعي ساڙڻ نڪتا آهيون، ان کان ٻيڻيون ٽيڻيون آئيس ڪريم کائي وڌيڪ حاصل ڪيون اٿئون.“
    ”چڱو ڀلا ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ تائين هلون ٿا.“ انور چيو
    ”خدا جا بندا اها ته ٽيٽيهين گهٽيءَ تي آهي. ايستائين ڪير هلندو، “ مون احتجاج ڪيو، ”وڌ ۾ وڌ ٻائيتاليهين گهٽيءَ تائين هلون ٿا جتي پبلڪ لئبرري آهي.“
    ”چئبو ته پيٽارو کان وٺي جيڪا پي ٽي پريڊ ۽ راندين کان گهوٻي هوندي هئي، سا اڃا قائم اٿئي،“ انور چيو،“ بابا هيءَ سڙڪ (ففٿ ايونيو) اها آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو هلي ملي نيو يارڪ ايندا آهن.“
    مون ٽهڪ ڏيندي انور جي ڳالهه کي ساراهيو.
    ائسٽر هوٽل ۽ نيويارڪ ۾ رهندڙ سنڌي
    ففٿ ايوينيو مئن هٽن (نيو يارڪ) جي واقعي اهم رستن مان هڪ آهي. اهو شهر جي صدر (وچ واري) علائقي Midtown کان شروع ٿئي ٿو (يعني گرين وچ وليج ۽ Flatiron کان شروع ٿئي ٿو) ته ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ، نيو يارڪ پبلڪ لئبررري، راڪ فيلر سينٽر کان ٿيندو سڄي سينٽرل پارڪ جي اوڀر واري بائونڊري ٺاهيندو مارڪس گاروي پارڪ تائين ۽ اڳتي هارلم هاسپيٽل وٽان ٿيندو ان جي ڀرسان وهندڙ هارلم نديءَ وٽ وڃيو ٿو دنگ ڪري، جنهن نديءَ جي ٻئي پاسي نيو يارڪ جو Bronx علائقو آهي.
    ففٿ ايونيو جي جنهن حصي ۾ اسين واڪ ڪري رهيا هئاسين اهو Midtown وارو علائقو هو يعني سينٽرل پارڪ ۽ ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جي وچ وارو حصو جتي سينٽرل پارڪ جي نظاري ڪري روڊ جي ٻئي پاسي دنيا جي امير ترين ماڻهن جا گهر آهن ۽ جتي پارڪ ٿو ختم ٿئي، يعني 59 گهٽيءَ کان وٺي 34 گهٽيءَ تائين دنيا جي مهنگين ۽ اعليٰ شين جا دڪان آهن، جن جو پَٽُ والن ۽ فٽن جي حساب سان نه پر انچن جي حساب سان وڪامي ٿو ۽ ٽوڪيو جي علائقي گنزا جهڙو مهانگو آهي. نيو يارڪ جي ففٿ ايونيو جا هن علائقي وارا دڪان يعني 59 کان 34 گهٽيءَ وارا دڪان لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۽ پئرس جي Champs Elysees جو مقابلو ڪن ٿا. سو ظاهر آهي اهڙي علائقي ۾ واڪ ڪندي مون کي ناشڪرو نه ٿيڻ کپي ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي دوست انور ميمڻ جو مون کي ٿورائتو ٿيڻ کپي، جنهن سان هن کان اڳي يعني 1958ع کان 1963ع تائين پيٽارو ۾ پڙهائي وارن ڏينهن ۾ جڏهن موڪلن ۾ سندس گهر کاهي روڊ تي ويندو هوس ته واپسي تي هو مون کي منهنجي ماسي زبيده (انجنيئر محمد علي ٻگهيو جي گهر واري) جي گهر فقير جي پڙ ۾ هميشه سوڙهين گهٽين ۽ گاڏن، فقيرن، واٽهڙن سان ڀريل رستن تان وٺي هلندو هو، انهن مان ڪنهن هڪ اڌ هنڌ تي کڏي کوٻي ۾ پير ضرور ٿاٻڙبو هو يا ڪو رول ڪتو Over Flow ٿيدڙ گٽر مان ٻوڙيل پڇ سان ڇنڊا ضرور هڻندو هو. ڪاليج جي انهن ڏينهن ۾ آمريڪا جي مشهور ناول نويس ايڊٿ وارٽن جو هڪ ناول The Age of Innocence جنهن تي هن کي پلٽزر پرائيز به مليو هو، پڙهندا هئاسين. 1920ع جي لکيل ان ناول ۾ هُن ففٿ ايونيو کي مرڪز بڻايو آهي ۽ 1870ع جي هاءِ ڪلاس رهاڪن جو احوال بيان ڪيو اٿس. مون انور جو ان ناول بابت ڌيان ڇڪايو ته اڄ پاڻ ان ففٿ ايونيو تان هلي رهيا آهيون.
    انور سامهون ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ڏي اشارو ڪري چيو ”۽ پاڻ واري“ والڊورف- ائسٽرا“ هوٽل ان هنڌ تي هوندي هئي.“
    ”پاڻ واري؟!“ مون شڪي مرڪ چپن تي اڻي انور کي ڏٺو. سندس ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي. هن کان اڳ ان قسم جا جملا انور جي واتان مون 1958ع ۾ ٻڌا هئا، جڏهن اسان پيٽارو شفٽ ٿيڻ کان اڳ ميرپور خاص واري ڪئڊٽ ڪاليج ۾ آيا هئاسين ۽ آچر واري ڏينهن پنهنجي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس سان گڏ ڪاليج بس ۾ ميرپور خاص کان حيدرآباد مارننگ شو (انگريزي فلم) ڏسڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين. انور ۽ منهنجي جاءِ هڪ ئي سيٽ تي هئي جو منهنجو ڪٽ نمبر 47 هو ۽ انور جو 48 هو. ميرپور خاص کان وٺي ٽنڊو ڄام تائين اسان رستي تان سامهون ايندڙ سواريون نوٽ ڪندا هلياسين ته هر هڪ جون ڪيتريون بسون، ڪارون ۽ ٻيون سواريون ٿيون. هڪ انور جي ته ٻي منهنجي نالي ٿي ٿي.“ اها شيورليٽ ڪار پئي اچي، اها منهنجي ٿي“ انور رڙ ٿي ڪئي،“ هاڻ ڏسون ته تنهنجي ڀاڳ ۾ ڇا ٿو اچي.“
    ۽ پوءِ ڪڏهن لاري يا ساڳي ڪار ٿي آئي ته ڪڏهن اٺ گاڏي يا ڍڳي گاڏي. ان رستي تي انهن ڏينهن ۾ ڍڳي گاڏيون ئي گهڻيون هونديون هيون. سو خبر ناهي انور هينئر به اها پيو راند ڪري ڇا. هيءَ نيو يارڪ پبلڪ لئبرري تنهنجي ۽ راڪ فيلر سينٽر منهنجو. هي سينٽ پئٽرڪ گرجا گهر تنهنجو ۽ ميٽرو پوليٽن آرٽ ميوزم منهنجو. نيو يارڪ، اڪيڊمي آف ميڊيسن تنهنجي ۽ مائونٽ سنائي اسپتال منهنجي.....
    ”ڇو وسري ويئي چاچي بشير واري والڊورف- ائسٽوريا واري هوٽل..“ انور وري ياد ڏياريو.
    ”ڪهڙو بشير؟ مون کي ته ياد به نٿو اچي.“ آخر مون رڙ ڪئي.
    ان بشير جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ هتي ٻه چار سٽون هن شهر (نيو يارڪ) جي هن جڳ مشهور هوٽل والڊورف ائسٽوريا (Waldorf- Astoria) بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن بابت ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ته فقط ايترو معلوم هو ته هن هوٽل ۾ دنيا جا اهم ۽ امير ترين ماڻهو رهن ٿا پر پوءِ ڪجهه هِتان هُتان پڙهڻ سان ۽ ڪجهه جهڏي جي مرحوم مير مبارڪ ٽالپر ۽ ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻيءَ سان نيو يارڪ جي پارڪ ايونيو تان ايندي ويندي معلوم ٿيو. مٿيان همراهه سٺ واري ڏهي جي شروعاتي سالن کان هتي نيو يارڪ ۾ اچي رهيا ۽ 1968ع کان جڏهن جهاز وٺي منهنجو نيويارڪ اچڻ ٿيو ته هنن سان ملاقاتيون ٿيون. نور احمد نظاماڻي ڪاليج جي ڏينهن ۾ انور ۽ مون کان هڪ سال سينئر هو ۽ 1962ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد هيڏانهن (نيو يارڪ) هليو آيو. انهن ڏينهن ۾ هو سينٽرل پارڪ جي کاٻي (اولهه) پاسي سينٽ مائيڪل چرچ وٽ 101 نمبر گهٽيءَ ۾ رهندا هئا. ٿورو اڳيان براڊ وي تي حيدرآباد جي عبدالرزاق شيخ وارن جو شاليمار نالي دڪان هو، جنهن تي مير مبارڪ ٽالپر ۽ پوءِ 1969ع ڌاري حيدرآباد کان آيل سليم شاهه ۽ سندس زال پروين شاهه به ان دڪان تي ڪم ڪندي هئي، ڀرسان نئين نئين ڪولمبيا يونيورسٽي کلي هئي، جنهن جي ڪري شيخن جو شالامار دڪان سٺو هلڻ لڳو، جنهن تي يونيورسٽي جي نوجوان ڇوڪرن ڇوڪرين لاءِ پاڪستاني ويس وڳا ۽ ڳهه وڪري لاءِ هوندا هئا. عبدالرزاق جي ڀاءُ عبدالقيوم ۽ سندس ٻين مائٽن سان به ملاقات ٿيندي هئي. اڄ ڪلهه ٻڌو اٿم ته هنن جو دڪان اٿيڪا ۾ آهي ۽ ڪارنيل يونيورسٽيء (جتان منهنجي والد گل محمد شيخ ائگريڪلچر سائنس ۾ ماسٽرس ڊگري حاصل ڪئي) جي ڀرسان ٽريومن برگ ۾ رهن ٿا. بهرحال هن وقت پارڪ ايونيو تي واڪ ڪرڻ ۽ والڊورف – ائسٽوريا هوٽل جي ڳالهه لکندي نيو يارڪ ۾ ان وقت جا رهندڙ سنڌي ياد اچي ويا. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا به هئا، جهڙوڪ حيدرآباد جي مئجسٽڪ سئنيما وارو آغا خدا داد خان، جنهن جي زال شايد اطالوي هوندي هئي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ جي مئڊم امينا خميساڻيءَ جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر خورشيد چنا، ڪاماري شريف جو پير حميد جيڪو انسٽيٽيوٽ آٽو مڪينڪ ۾ پڙهندو هو، هڪ همراهه واصف امام پڻ هو، جيڪو آمريڪا جي پيپسي ڪولا اداري ۾ اڪائونٽنٽ هوندو هو، ڪڏهن اسان جي ڳوٺ جو پير، مخدوم امين صاحب به اچي نڪرندو هو ۽ هڪ ٻه دفعو مير مبارڪ ٽالپر وارن جي فلئٽ ۾ ئي رهيو. اسان واري مائٽ بشير مغل ۽ ٽنڊو جان محمد جي يوسف ڏاهريءَ سان به مبارڪ ۽ نظاماڻي وارن جي فلئٽ تي ملاقات ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ آر. اي شاهه صاحب به نيو يارڪ ۾ هوندو هو. هو صاحب نيو يارڪ يونيورسٽيءَ مان PHD ڪري رهيو هو يا شايد ڪري چڪو هو. نيو يارڪ جي آدمشماري اڄ جهڙي نه هئي، رستا به سنسان رهندا هئا. اسان جو زور واڪ ڪرڻ تي هوندو هو ۽ نيو يارڪ جي پلين ۽ عمارتن جون ٻڌل ڳالهيون هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئاسين ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ نيو يارڪ جي هن هوٽل Waldorf- Astoria جون خبرون ڪندا هئاسين، جيڪي نيو يارڪ ۽ اوسي پاسي ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ ضرور دلچسپ ثابت ٿينديون.
    والڊورف- ائسٽوريا دراصل هڪ نه پر ٻه هوٽلون آهن، جيڪي پوءِ ملي هڪ ٿيون ۽ ڊچ همراهن جون آهن. 1930ع کان هيءَ هوٽل هن شهر نيو يارڪ جي پارڪ ايونيو تي آهي، پر ان کان اڳ اها هوٽل ففٿ ايونيو تي ان هنڌ هئي، جتي هينئر ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ آهي. اها پهرين واري والڊورف – ائسٽوريا هوٽل پهرين ٻن هوٽلن جي شڪل ۾ ڌار ڌار هئي، جن مان والڊورف هوٽل 1893ع ۾ کلي ۽ ائسٽوريا هوٽل چئن سالن بعد 1897ع ۾ کلي. والڊورف هوٽل تيرهن ماڙ هئي ۽ ائسٽوريا هوٽل سترهن ماڙ هئي. ٻئي هوٽلون هڪ ٻئي جي ڀر ۾ هيون ۽ سندن ڊچ مالڪ ”وليم والڊورف“ ۽ ”جان جئڪب ائسٽور چوٿون“ پاڻ ۾ ڪزن هئا جن جو پاڻ ۾ هميشه روسامو رهيو پر پوءِ ٻنهي هوٽلن جي انتظاميا هڪ ٿيڻ ڪري اها هوٽل سنگل يونٽ ليکجڻ لڳي ۽ ان وقت جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي هوٽل مڃي ويئي ٿي. بعد ۾ 1928ع ڌاري هيءَ هوٽل ڊاهي ان هنڌ تي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ٺاهي ويئي ۽ 1930ع ۾ اها ساڳي هوٽل پارڪ ايونيو تي ٺاهي ويئي. ۽ پهرين واري ۽ پوءِ واري هوٽل ۾ فرق رکڻ خاطر ٻنهي جي نالن جي وچ ۾ هڪ آڙيءَ (Hyphen) بدران ٻه آڙيون (Hyphens) ڏنيون ويون. ان هائفن تان هڪ مشهور پراڻو گانو “Meet me at hyphen” ياد ٿو اچي جو تن ڏينهن جا عاشق حضرات انهن ٻن هوٽلن جي وچ ۾ ڇڏيل جاءِ تي پنهنجي محبوبائن جو اچي انتظار ڪندا هئا.
    بهرحال مٿين هوٽلن جي مالڪن ۽ انهن جي پنهنجي خانداني جهيڙن کي سمجهڻ لاءِ انهن ۾ اهم ۽ مرڪزي ڪردار مائي ڪئرولين ائسٽر جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. ڪئرولين جي ڄم جو سال 1830ع آهي ۽ وفات جو 1908ع آهي، پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هڪ دفعو وري لکندو هلان ته ڪولمبس طرفان آمريڪا جي معلومات ملڻ بعد يورپي قومن جي هن پاسي ڊوڙ شروع ٿي ويئي هئي ۽ ڏکڻ کان اتر آمريڪا تائين – چلي ۽ ارجنٽائن کان اڄ واري USA ۽ ڪئناڊا تائين ڪو حصو هسپانوي ۽ پورچوگالين جو ٿي ويو ته ڪو انگريزن ۽ فرينچن جو، نيو يارڪ وارو علائقو ڊچن جي قبضي ۾ هو تڏهن ته نيو يارڪ جو اصل نالو نيو ايمسٽرڊم هو جيڪو هالينڊ (نيدرلئنڊ) جي گاديءَ واري شهر تان پيو. اهو علائقو بعد ۾ انگريزن حوالي ٿيڻ ۽ نالو بدلجي نيو يارڪ ٿيڻ تي به هتي ڪيترائي پئسي وارا ڊچ رهيا ٿي، ۽ پئسي وارا به جهڙا تهڙا امير نه پر وڏا وڏا جاگيردر ۽ جهازن جا مالڪ هئا. ڪئرولين ائسٽر به انهن جي اولاد مان هڪ امير عورت هئي، جيڪا نيو يارڪ جي امير لئنڊلارڊ ”وليم بئنڪ هائوس ائسٽر جونيئر“ جي 1854ع ۾ زال ٿي. ڪئرولين پاڻ امير پيءُ ۽ نيو يارڪ جي اصل مالڪن جي نسل جي هئي.
    ڪئرولين نيو يارڪ شهر جي پنهنجي وقت جي تمام سوشل ۽ فئشني عورت ٿي گذري آهي. هن جتي پنهنجن پنجن ٻارن جو نيپاج پاڻمرادو ڪيو ٿي اتي هوءَ شهر جي ٽاپ دعوتن ۾ به معزز مهمان طور پڻ پهچي ويئي ٿي. 1862ع ۾ ڪئرولين پنهنجي مڙس سان گڏجي ففٿ ايونيو جي پلاٽ نمبر 350 تي (جتي هينئر ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ آهي) ناسي پٿر جو هڪ فيشني ٽائون هائوس ٺاهيو. ان جي ڀر سان جيڪو گهر هو ان ۾ سندس مڙس جو وڏو ڀاءُ جان جئڪب ائسٽر III ٿي رهيو. ٻئي ڪٽنب جيتوڻيڪ 28 سالن تائين پاڙيسري ٿي رهيا پر هي ائسٽر ڀائر پاڻ ۾ نه ٺهيا سو نه ٺهيا.
    ڪئرولين جي ڏير جي مرڻ بعد ان جي پٽ پنهنجو اباڻو گهر ڊاهي ان تي ”والڊورف“ نالي هوٽل ٺاهي. ان بعد ڪئرولين ۽ سندس پٽ پنهنجي گهر کي ڊاهي ڀر واري والڊورف هوٽل کان چار ماڙ وڏي هوٽل ”ائسٽوريا“ نالي ٺاهي. بعد ۾ اهي ٻئي هوٽلون ملي هڪ ٿيون ۽ پوءِ ان هنڌ تي دنيا جي وڏي عمارت ٺاهڻ لاءِ هوٽلن کي 1928ع ۾ ڊاٺو ويو، ان بعد ساڳي نالي واري هوٽل پارڪ ايونيو تي ٺاهي ويئي، جنهن جو اڄ تائين Status اهو ئي آهي، جيڪو پراڻي والڊورف- ائسٽوريا هوٽل جو هو. يعني ان ۾ مختلف ملڪن جا هيڊ ۽ ملڪ جا وڏا ماڻهو ۽ انهن جا مهمان رهن ٿا.


    آمريڪي صدرجو اٺ گاڏي وارو دوست

    اسان هن هوٽل جو نالو مئٽرڪ پاس ڪري فرسٽ ييئر ۾ پهتاسين ته ٻڌوسين جنهن ۾ رهڻ لاءِ، اخبارن ۾ روز ايندو هو ته اسان جي ملڪ جو بشير وڃي رهيو آهي. بشير ڪير هو؟ بشير ڪراچيءَ جو هڪ اٺ گاڏيءَ هلائيندڙ هو.
    1962ع جي ڳالهه آهي، جڏهن اسين فرسٽ ييئر ۾ پڙهندا هئاسين ته آمريڪا جو نائب صدر لينڊن جانسن ڪراچي جي دوري تي آيو. انهن ڏينهن جو صدر ڪينيڊي اڪثر پنهنجي نائب صدر کي ايشيا ۽ آفريڪا جي دوري تي اماڻيندو رهيو ٿي، جيئن دنيا جي ملڪن ۾ آمريڪا جي دوستي ۽ ساک جي مشهوري ٿئي ۽ هن درويش جانسن جو اهو عام تڪيو ڪلام هو ته هو جتي به ويو ٿي ۽ جنهن سان مليو ٿي ته ائين ئي چئي ڏنائين ٿي ”توهان به واشنگٽن اچجو ۽ اسان سان اچي ملجو.“
    (Y’all come to Washington and see us sometimes) بهرحال جانسن جي ان ڳالهه جي ته ماڻهن کي گهڻو گهڻو پوءِ خبر پيئي ته هو ائين تڪلف طور جنهن جنهن کي چوندو وتي ان جي ياد ٻئي ڏينهن تائين به نٿي رهيس. بهرحال هو ڪراچي شهر جو چڪر هڻي رهيو هو ته ڪارساز وٽ شاهراهه فيصل تي هن جي گاڏيءَ اڳيان بشير نالي هڪ همراهه جي اٺ گاڏي اچي لنگهي. ظاهر آهي. اهڙي شيءِ هڪ ڌارئين جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو. جانسن صاحب پنهنجي گاڏيءَ مان لهي اٺ گاڏي هلائيندڙ بشير سان هٿ ملايو ۽ تڪلف طور مٿيان جملا چيا ”توهان جي ملڪ جو صدر ايوب خان به آمريڪا اچي رهيو آهي تون به ڇو نٿو اچين؟“ چاليهن سالن جي بشير جانسن سان گڏ هلندڙ ترجمي واري معرفت ورندي ڏني: ”ها سائين ضرور ضرور.“ ۽ اهو چوڻ بعد هو پنهنجي ڪکاڻي جهوپڙيءَ ڏي روانو ٿي ويو ۽ گهر تائين پهچڻ ۾ هن کان ته ڳالهه به وسري ويئي ته سندن وچ ۾ ڇا گفتگو ٿي.
    هوڏانهن جانسن بئنڪاڪ کان دهليءَ تائين هر هنڌ خبر ناهي ڪيترن ماڻهن سان هٿ ملائيندي وقت هر هڪ کي اهو چوندي ته “Now you all come see me” چوندو ايشيا جي ٽوئر مڪمل ڪري پنهنجي ملڪ کان وڃي نڪتو. ڪنهن سان ڪنهن وقت هو مليو هن کان اهو به وسري ويو. پر اسان وٽ پاڪستان ۾ اخبار نويسن ان ڳالهه کي کڻي اهڙو اڀاريو جو بشير اٺ گاڏي واري سان هٿ ملائڻ جي ٻئي ڏينهن کان، سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي ان ئي ڳالهه جو چوٻول هلڻ لڳو ته هڪ اٺ گاڏي هلائڻ واري جا ڀاڳ کلي ويا آهن جو هو ملڪ جي نائب صدرجو مهمان ٿي آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ وڃي رهيو آهي، جتي هو جهڙي تهڙي هوٽل بدران ”والڊورف- ائسٽوريا“ هوٽل ۾ رهندو. سائين شام جون اخبارون ته ڇا ڊان ۽ جنگ ۾ بشير جون خبرون پهرين صفحي تي اچڻ لڳيون. هوڏانهن جانسن کي سڌ نه سماءُ، تان جو ٻئي يا ٽئي ڏينهن دنيا جي اخبارن جا ٽڪرا (Clippings) نظر مان ڪڍي رهيو هو ته جنگ اخبار جي ڪٽنگ جي ترجمي تي نظر پيس:
    “The U.S Vice President has invited Bashir, A camel cart driver, to come to America…”
    ۽ اهو به لکييل هو ته بشير ايڏو ته خوش نصيب آهي. هو جيٽ جهاز ذريعي سفر ڪندو ۽ Waldorf- Astoria هوٽل، نيو يارڪ ۾ مهمان ٿي رهندو.
    ان بعد USA جي ڪراچي واري سفارتخاني مان پڻ جانسن کي انفارميشن ملي ته ڪراچي جي ٽرپ دوران جيتوڻيڪ هن جي اٺ گاڏيءَ واري بشير کي آمريڪا ۾ مهمان طور گهرائڻ جي نيت نه هئي. پر هتي سڄي ملڪ ۾ اهو تاثر پکڙجي ويو آهي ته سائين جن جا کيڪار کڙيءَ وارا Remarks سچ پچ جي دعوت هئي اهو معلوم ڪري جانسن به ڪجهه گهڙين لاءِ تپرس ۾ پئجي ويو ته ان مسئلي کي ڪيئن منهن ڏجي. بعد ۾ ظاهر ٿيل هڪ Document موجب:
    “…… Johnson Groaned and endured the prospect of this unlikely visitor….”
    آخر ميٽنگن بعد فيصلا ڪيا ويا ته بشير کي هاڻ گهرائڻو ئي پوندو ۽ ان جا خرچ پکا ۽ بندوبست ڪير ڪندو، ان لاءِ ٻن ادارن هائوڪار ڪئي. هڪ People to people Program اداري ۽ ٻيو انگريزي جي مشهور رسالي ريڊرس ڊائجيسٽ وارن. پر پوءِ اڳتي هلي ريڊرس ڊائجيسٽ وارا پنهنجو پاڻ ڇڏائي ويا. بهرحال آمريڪا کان آيل احڪامات موجب، جڏهن ڪراچي ۾ موجود آمريڪي سفارتخاني (تن ڏينهن ۾ اسلام آباد اڃان وجود ۾ نه آيو هو) طرفان جڏهن آمريڪا گهمڻ جو سرڪاري طرح دعوتنامو بشير جي ڪکاڻي ۽ مٽيءَ سان لتل گهر تي پهچايو ويو ته بشير غائب هو. مارننگ نيوز ۾ بشير جي ڳولا لاءِ اشتهار به آيو. اخبارن جا نمائندا ان جستجو ۾ لڳا رهيا ته بشير کي هٿ ڪري ان جو انٽرويو ورتو وڃي. آخر ڊان اخبار وارن کي هو ريلوي يارڊ ۾ پنهنجي اٺ گاڏيءَ تي ڇوڏا چاڙهڻ ۾ مشغول نظر آيو. هو کيس ڊان آفيس ۾ وٺي آيا ۽ چون ٿا ته اها رات هنن بشير کي اتي ئي رکيو ۽ کيس مانيون ٽڪيون کارائيندا رهيا، جيئن هو گهر وڃڻ تي ٻين اخبار وارن جي ور نه چڙهي ۽ بشير جو انٽرويو ۽ فوٽو فقط ڊان اخبار ۾ ئي ڇپجي.
    هڪ اٺ گاڏيءَ واري جو آمريڪا وڃڻ جي خبر پنهنجي طرفان پڙهندڙن لاءِ اهم ۽ اخبار وارن لاءِ Scoop هو ته ٻئي طرف بشير جي حاضر جوابي ۽ معصوم ڳالهين به پاڪستان توڙي آمريڪا جي ماڻهن ۾ دلچسپي پيدا ڪئي ۽ هي اهي ڳالهيون هونديون هيون جيڪي اسان ڪلاس روم ۾ به هڪ ٻئي سان وڏي دلچسپيءَ سان ڪندا هئاسين. چون ٿا ته ڊان اخبار وارن جڏهن رات جو ٻي بجي بشير اٺ گاڏيءَ واري کي پنهنجي پريشان زال ڏي گهر موڪليو ته هن کيس يڪدم اها خبر ٻڌائي ته ڀاڳن ڀري آئون سگهو ئي فرسٽ ڪلاس هوائي جهاز ۾ شهنشاهه جانسن سان ملڻ انگلينڊ وڃي رهيو آهيان.
    بشير جي وڃڻ جي خبر پڙهي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ لڳو. پڙهيل لکيل ماڻهو چوڻ لڳا ته هن کي جڏهن انگريزي ئي نٿي اچي ته آمريڪا ۾ ڪيئن هلي چلي سگهندو. هن جا مائٽ مٽ ۽ پاڙيسري سوچڻ لڳا ته بشير آمريڪا مان موٽڻ مهل ضرور ڪا گوري ميم صاحبه پاڻ سان وٺي ايندو. بهرحال بشير، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو، ڇنل چئمپل اڇلائي بوٽ پاتو ۽ آمريڪا روانو ٿيو. ان بعد اسين وڏي شوق مان بشير جا فوٽو روز اخبارن ۾ ڏسندا رهياسين. بشير جيتوڻيڪ اڻ پڙهيل هو پر سندس ڪي ڪي جملا بيحد دلچسپ، معنيٰ خيز ۽ عقل وارا هئا، جيڪي اسين تن ڏينهن ۾ اخبارن ۾ پڙهي ڪمينٽ بازي ڪندا رهياسين ٿي. اڄ به انهن مان ڪجهه مون کي ياد آهن.
    اٺ گاڏيءَ وارو بشير جڏهن قراقلي ٽوپي، ڪاري شيرواني ۽ پالش ٿيل بوٽ سان آمريڪا پهچي جانسن سان هٿ ملايو ته جانسن کيڪاريندي سخت سيءَ لاءِ معافي گهريس ته جواب ۾ بشير چيس: ”سيءَ جو فڪر نه ڪرڻ کپي پر ماڻهن جي دلين جي گرمائش کي اهميت ڏيڻ کپي.“
    هڪ هنڌ بشير کان پڇيو ويو ته تون هتي آمريڪا ۾ ويٺو آهين پٺيان تنهنجو اٺ ڪٿي پيو چرندو هوندو؟
    ان جي جواب ۾ بشير ڪجهه دير سوچي پوءِ وراڻيو: “ اٺ عورت مثال آهي. توهان هن جي نئين چال بابت ڪا به اڳڪٿي ڪري نٿا سگهو.“
    ٻيا به ڪيترائي اهڙا جملا بشير چيا ٿي جو ٻڌندڙ وائڙا ٿي ويا ٿي ته آيا اهي بشير کي پڙهايا ويا آهن يا بشير جي ڳالهه ترجمو ڪرڻ وارو ٿو چوي يا واقعي بشير خود پاڻ ٿو چوي. بهرحال ڪو ڪجهه به چوي بشير جتي به ويو ٿي ۽ کيس ڳالهائڻ جو موقعو مليو ٿي ته هن ماڻهن کي بيحد متاثر ڪيو ٿي. لڳو ٿي ته هن جي دل شاعر ۽ اديب هجي ۽ ڇو نه ٿي سگهي ٿي، بقول هڪ آمريڪن اخبار جي جڏهن خيما (تنبو) ٺاهڻ وارو (عمر خيام) رباعيون چئي سگهي ٿو ته اٺ گاڏي هلائڻ وارو ڇو نه؟
    پنهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ انور ميمڻ، جنهن سان نيو يارڪ جي ففٿ ايوينيو تي واڪ ڪندي هن بشير اٺ گاڏي هلائيندڙ جي ڳالهه نڪتي، جنهن کي هن ملڪ جي وائيس پريزيڊنٽ 1962ع ۾ ڪراچي گهمڻ دوران ملاقات ڪئي هئي، ٻڌايم ته بشير کي ڪافي سال ٿيا ته گذاري ويو. اردو اخبار امت جي ڪالم نويس شبير سومرو مون کي گذريل سال ٻڌايو ته اٺ گاڏي هلائيندڙ بشير جنهن کي واپسي تي صدر جانسن ٻه بيڊ فورڊ جون ٽرڪون ۽ ٻيا ڪيترا تحفا ڏيئي ڪراچي روانو ڪيو هو ۽ هن جي زندگي آسودي گذرڻ لڳي هئي، پر وقت جي گردش هن جي گهراڻي جي حالت تبديل ڪري ڇڏي آهي. سندس اولاد: گل شير، غلام رباني ۽ نذير احمد بيحد غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. هو ڪنهن سان گهڻو نٿا ڳالهائين پر شبير ٻڌايو ته هو سگهو ئي ساڻن ملاقات ڪري سندس زندگيءَ جو احوال امت اخبار ۾ لکندو.
    انور سان گڏ ففٿ ايونيو تي سينٽرل پارڪ جي ڏکڻ واري بائونڊري يعني 62-63 ايسٽ اسٽريٽ کان ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ ڏي يعني ٽيٽيهين چوٽيهين گهٽي ڏي واڪ ڪري رهيا هئاسين. رستي تي 48 کان 50 گهٽيءَ تائي نيو يارڪ جي مشهور عمارتن جو جهڳٽو راڪ فيلر سينٽر اچي ٿو، جتي ڪجهه دير ترسي مختلف عمارتن جي چوڌاري چڪر هنياسين. سٺ واري ڏهي جا آخري سال ياد اچي ويا، جڏهن سليم شاهه ۽ سندس گهر واري ادي پروين سان گڏ راڪ فيلر سينٽر پهچي فوٽو ڪڍائيندا هئاسين. سليم شاهه کي فوٽو گرافيءَ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. اسان جي جهاز جو جڏهن به جپان کان آمريڪا ڏي اچڻ جو پروگرام ٺهندو هو ته هو مون کي هميشه جپان مان ڪا ڪئميرا آڻڻ لاءِ چوندو هو، جنهن جا پئسا هو مون کي پهرين ڏيئي پوءِ ڪئميرا کڻندو هو. چوندو هو ”يار اها ئي تنهنجي مهرباني جو تون مون کي پسند جي شيءِ آڻي ٿو ڏين.“ انهن ڏينهن ۾ ڪا شيءِ ڪهڙي ملڪ جي اعليٰ ۽ سستي هوندي هئي ته ڪا شيءِ ڪهڙي ملڪ جي. انهن ڏينهن ۾ جپان جون ڪئميرائون ۽ واچون دنيا ۾ تمام مشهور هيون، جيتوڻيڪ واچون سئٽزرلينڊ جون ٽاپ تي سمجهيون ويون ٿي پر انهن جا اگهه بيحد ڳرا هئا. جپان جون واچون به سستيون سستيون ته به ٻين ملڪن ۾ مهانگيون هيون. راڊو واچ بعد ۾ سنڌ جي ڌاڙيلن مشهور ڪئي نه ته انهن ڏينهن ۾ جپان جون سيڪو ۽ سٽيزن واچون ٻانهن ۾ ٻڌڻ فخر جي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي ۽ واقعي انهن واچن جو ٽائيم صحيح هوندو هو، ٻيون ڏينهن ۾ منٽ اڌ اڳيان پويان ضرور ٿينديون هيون. بهرحال هاڻ ته ٽيڪنالاجي اهڙي ته عام ٿي ويئي آهي جو ڦلن مٺ ۾ پيون واچون ملن ۽ کڻي ڪا بي نام واچ هجي يا برانڊيڊ، سڀ وقت ساڳيو ٿيون ڏيکارين. ٻه سال اڳ ڪراچيءَ جي کوڙِ گارڊن مان 18 رپئي واچ ورتي هيم، اڃان پئي چمڪي ۽ صحيح وقت ڏيکاري. بهرحال ڳالهه راڪ فيلر سينٽر ۽ سليم شاهه جي فوٽو گرافيءَ جي پئي ڪئيسين. انهن ڏينهن جا سليم شاهه جا نڪتل فوٽو مون وٽ اڄ به موود آهن. هڪ ٻن تصويرن ۾ ته اسان جي ملڪ جو (تن ڏينهن ۾ چڱو خاصو مشهور) اداڪار ڪمال پڻ آهي، جيڪو سليم شاهه جو دوست هو ۽ نيو يارڪ ۾ هن وٽ ئي ايندو هو.
    انور ميمڻ جو Soil Probe ۽ نيو يارڪ جي لئبرري
    راڪ فيلر سينٽر دراصل 19 تجارتي عمارتن جو جهڳٽو آهي، جيڪو 48 گهٽيءَ کان وٺي 51 گهٽيءَ تائين ٻاويهن ايڪڙن تي پکڙيل آهي ۽ پنجين ۽ ڇهين ايونيو جي وچ ۾ آهي، جيڪو ايونيو (يعني ڇهون ايوينيو) Avenue of the Americas به سڏجي ٿو. هي ڪامپليڪس راڪ فيلر فئمليءَ 1930ع کان ٺهرائڻ شروع ڪيو. اڄ ڪلهه ٽائيم لائيف بلڊنگ، Mc Graw Hill، نيوز ڪارپوريشن / فاڪس نيوز چئنل ۽ ٻين ڪيترين بين الاقوامي ڪمپنين جا هيڊ ڪوارٽر هتي موجود آهن.
    راڪ فيلر سينٽر جان- ڊي راڪ فيلر جونيئر جي نالي پٺيان آهي، جنهن هيءَ زمين 1928ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي وارن کان ليز تي وٺي ڊيولپ ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪو ڪم 1940ع تائين هلندو رهيو. راڪ فيلر پهرين هتي اوپيرا سينٽر ٺاهڻ ٿي چاهيو پر پوءِ ارادو لاهي ڪمرشل عمارتون ٺهرائين. انور ميمڻ ٻڌايو ته هي سڄو راڪ فيلر ڪامپليڪس اڄ ڪلهه جپان جي متسوبشي گروپ جي ملڪيت آهي، جنهن 1990ع ۾ راڪ فيلر گروپ کان خريد ڪيو.
    اسان ففٿ ايونيو تي واڪ ڪرڻ، راڪ فيلر سينٽر جي چوڌاري چڪر هڻڻ ۽ آئيس ڪريم ڪون ۽ سنگ کائڻ ۾ ڪافي وقت گذاري ڇڏيو. انور کي پنهنجي ڪاروبار Soil Probe Ltd جي سلسلي ۾ هڪ دوست سان ملڻو هو، جنهن سان طيءِ ڪيل وقت هاڻ ويجهو اچي ٿيو هو ۽ جيئن هن جو فون آيو ۽ ملڻ جي جاءِ ٻڌائي ته اسان هڪ ٻئي کان موڪلايو. ان وقت اسين 37 گهٽيءَ وٽ هئاسين.
    انور کي پنهنجي سائوٿ انڊين دوست سان ملڻ لاءِ ”مدراس محل ريسٽورنٽ“ ۾ وڃڻو هو جيڪا 27 ۽ 28 گهٽيءَ جي وچ ۾ Lexington ايونيو تي آهي. ليگزنگٽن ايوينيو چوٿين ۽ ٽئين ايوينيو جي وچ ۾ آهي، يعني اسان پنجين ايوينيو تي هئاسين. ان جي ڀر وارو ڪجهه سنهو رستو ميڊيسن ايوينيو آهي، ان بعد ويڪرو شاهراهه چوٿون ايونيو آهي، جيڪو پارڪ ايوينيو پڻ سڏجي ٿو ۽ ان بعد سنهو رستو ليگزنگٽن آهي، جنهن تي هيءَ انڊين هوٽل مدراس محل آهي، جيڪا مڪمل طور Vegetarian ريسٽورنٽ آهي، يعني ڪنهن به قسم جو گوشت ته ڇا پر فراءِ يا آمليٽ بيضو به نٿو ملي. هتي سائوٿ انڊين، نارٿ انڊين (جنهن ۾ ڪشميري ۽ پاڪستاني به اچي وڃن ٿا) ۽ گجراتي کاڌا ملن ٿا جن جا نالا ڪجهه هن ريت ٿين:
    مسالا ڏوسا
    اڊلي
    آلو پراٺا
    ڀولا بتورا (Chick Peas)
    مڪس ڀاڄي اٿاپام
    ڪارن ڇولن جو ٻوڙ
    بهرحال هتي نيو يارڪ يا آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ انڊين ريسٽورنٽون به جام آهن ته منجهن تيار ٿيندڙ کاڌن جو انگ به وڏو آهي. انور کي يڪدم ٽئڪسي ملي ويئي، جنهن ۾ هو روانو ٿي ويو. مون کي ڪنهن لئبرريءَ ۾ وڃي ڪجهه Notes لکڻا هئا جو ٻن ڏينهن بعد مون کي ڪئناڊا جي ڏاکڻي شهر وئنڪوور ۾ جهازي (مئرين انجنيئرنگ) جي شاگردن کي ليڪچر ڏيڻو هو، جنهن جو بندوبست ملائيشيا جي منهنجي چيني جهازران شاگردن جيڪي هاڻ Vancouver ۾ رهائش پذير آهن ۽ پنهنجو شپنگ سان واسطو رکندڙ بزنيس اٿن، انهن ڪئناڊا جي انسٽيٽيوٽ آف مئرين انجنيئرس (جنهن جو آئون به ميمبر آهيان) ليڪچر ڏيڻ لاءِ دعوت ڏني هئي.
    نيو يارڪ ۾ لئبرريون جام ۽ هڪ کان هڪ اعليٰ آهي ۽ ڪيترين لئبررين جون برانچون ته شهر جي پسگردائيءَ ۾ به پکڙيل آهن. آئون ٻه چار گهٽيون واپس پٺتي هليو ويس، جتي 40 ۽ 41 گهٽيءَ وٽ نيو يارڪ جي هڪ بيحد وڏي ۽ پراڻي پبلڪ لئبرري آهي.
    ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد انور مهراڻ يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ ڪئي، مون چٽگانگ مان وڃي مئرين انجنيئرنگ ڪئي جو انهن ڏينهن ۾ مشرقي ۽ مغربي پاڪستان ۾ مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ جو فقط هڪڙو ادارو چٽگانگ ۾ هوندو هو. انور B.E ڪرڻ بعد لنڊن جي امپيريل ڪاليج مان ايم فل ۽ DIC ڪئي. ان بعد 1973ع ۾ ڪئناڊا هليو آيو ۽ هتي جو هڪ سينئر شهري سڏجي ٿو. ڪئناڊا جي شهر اسڪاربارو (اونٽاريو) ۾ سندس Soil Probe Ltd نالي جيو- ٽيڪنيڪل انجنيئرن جي ڪنسلٽنگ فرم آهي، جنهن ۾ ڪيترائي پروفيشنل انجنيئر، ٽيڪنالاجسٽ ۽ ٽيڪنيشن ڪم ڪن ٿا.
    انور ميمڻ جي ڪئناڊا ۾ هيءَ پنهنجي ڪمپني Soil Probe Ltd هڪ سول انجنيئرنگ فرم آهي، جيڪو زمين ۽ Soil سان واسطو رکندڙ مسئلن جو حل، ڄاڻ ۽ مدد مهيا ڪري ٿو. سندن ڪمپنيءَ جي بروشر موجب هو هيٺين ڪمن جي مهارت رکن ٿا:
    Borehole Layout. Surveying. Soil Classification
    Ground water controlling. Permafrost Assessment.
    انور ميمڻ جي مٿين ڪمپنيءَ جو هيٺيون قول يا کڻي چئجي ڊائلاگ، مون سان گڏ سول انجنيئرنگ جي شاگردن کي پڻ پسند ايندو.
    “….. Ultimately our work provides you with the peace of mind that your structures will stand by you. and your roads will take you where you want to go for virtually an eternity….”
    انور ميمڻ کان موڪلائي آئون نيو يارڪ جي 41 نمبر گهٽيءَ واري لئبرريءَ ۾ هليو آيس، جيڪا ”نيو يارڪ پبلڪ لئبرري“ NYPL جي نالي سان مشهور آهي. شروع وارن سالن ۾ يعني اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ 1970ع ڌاري جڏهن منهنجو هتي اچڻ ٿيندو هو ته جتي اسان جهازين جي ڊوڙ نيويارڪ جي ناچ گانن ۽ اوگهڙ واري 42 نمبر گهٽيءَ ڏي ٿيندي هئي اتي منهنجو ڪافي وقت هڪ گهٽي اڳ هن لئبرريءَ ۾ پڻ گذرندو هو. اهي ڏينهن جهاز هلائڻ وارن لاءِ Golden Days هئا ۽ جهازن جي مالڪن جا روڄ پٽڪي وارا، ڇو جو جهاز ته تيز رفتار، آرامده ۽ ماڊرن ٿي ويا هئا پر بندرگاهه اڃان ايترو ماڊرن نه ٿيا هئا جو جلدي جلدي سامان لهي ۽ جهاز آجو ٿئي. جهازن جو مالڪ تڏهن گهڻو ڪمائي سگهي ٿو جڏهن جهاز بندرگاهه ۾ گهٽ بيهي ۽ سمنڊ تي گهڻو هلي پر هتي نيو يارڪ جو بندرگاهه هجي يا نيو اورلينس جو، هيوسٽن جو هجي يا گئلوسٽن جو، جنهن بندرگاهه ۾ اسان جو جهاز داخل ٿيندو هو اتان جلدي نڪرڻ جو نالو نه وٺندو هو، جيسين آهستي آهستي ٿي سامان ٽرڪن ۾ لهي ۽ پوءِ چڙهڻ وارو سامان هڪ هڪ ٽرڪ مان لهي جهاز تي چڙهي، تيسين اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ آرام هوندو هو. ڪڏهن شهر ۾ ٽرئفڪ جئم هجڻ ڪري سامان جون ٽرڪون پهچندي پهچندي شام ٿي ويندي هئي. ان کان علاوه ڌڪي تي ڪم ڪندڙ مڪاني شيدي مزدورن جي هفتي اڌ بعد هڙتال ضرور لڳي رهندي هئي. پوءِ وقت گذارڻ لاءِ اسين جهاز وارا شهر جي ڪنڊ ڪنڊ گهمندا وتندا هئاسين ۽ نيو يارڪ ته اهو شهر آهي، جنهن ۾ ڪهڙي شيءِ جي کوٽ آهي. پارڪ، لئبرريون، سامونڊي ڪنارا، مفت جا ڏسڻ لاءِ ميوزيم، سئنيمائون، ٿيٽر، اسڪول ڪاليج، يونيورسٽيون اسپتال، هوٽلون شاپنگ سينٽر ۽ انهن ۾ ڪم ڪندڙ اسان جا هم وطني، ڏينهن جو نڪر ته به ڪيترا واندا ملي ويندا جيڪي رات جي ڊيوٽي ڪري آيا هوندا ۽ شام جو ته ڪيترا هم وطن، هم زبان نيو يارڪ جي گهٽين ۾ نظر ايندا هئا. نيو يارڪ، نيو اورلينس، فلڊ لفيا، هيوسٽن ۽ بالٽيمور اهي شهر آهن، جن جي ڄڻ ته گهٽي گهٽي کان واقف ٿي ويا هئاسين. اهو ڪو روڊ، اسٽريٽ يا ايوينيو نه هو جنهن تان گذر نه ٿيو هوندو. اڄ به پنهنجي ڳوٺ نيو هالا جي گهٽين جي ايتري خبر ناهي، جيتري نيويارڪ جي! ڳوٺ ۾ جيڪو ننڍپڻ گذريو، ان ۾ مائٽ گهر کان اسڪول ۽ اسڪول کان گهر، کان علاوه ٻيو ڪيڏانهن نه ڇڏيندا هئا. نيو يارڪ ۾ جيڪي جونيئر پوسٽن تي جهاز جو انجنيئر ٿي رهڻ جو موقعو مليو، ان ۾ ڊيوٽيءَ بعد جهاز تي هڪ گهڙي به ٽڪڻ نٿي چاهيوسين. رات جو به مئن هٽن ۾ وڃي جهڏي جي مير مبارڪ ٽالپر ۽ ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻي وارن جي فلئٽ تي رهندو هوس، جو جهاز تي رهڻ معنيٰ ڪو به ڪم نڪري پوي ته هيٺين رئنڪن وارن انجنيئرن کي ئي سڏ ٿيندو هو. ان کان بهتر هوندو هو ته جيڪو وقت ڪناري تي جهاز رهي، اهو نيو يارڪ جي براڊ وي، مئڊيسن ايوينيو، چوٽيهين گهٽي، ففٿ ايونيو ۽ ٻائيتاليهين گهٽيءَ ۾ گذارجي ۽ پوءِ انهن گهٽين جا چڪر ڪڏهن اڪيلي سر هڻبا هئا ته ڪڏهن بشير مغل، يوسف ڏاهري ۽ ٻين سنڌ جي رهاڪن سان گڏ. شروع ۾ ڪجهه اهڙن سنڌ جي رهاڪن جا نالا لکيا اٿم، جن سان سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ ۽ ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ ملاقات ٿي. انهن ۾ ٻن ماڻهن جا نالا لکڻ رهجي ويا آهن، جيڪي هن وقت ياد پيا اچن. انهن مان هڪ ڄام سبب علي هو جيڪو شايد ڄام صادق علي (سنڌ جي اڳوڻي چيف منسٽر) جو سوٽ هو ۽ ٻيو رئيس خير محمد جوڻيجي جو وڏو ڀاءُ. هن وقت سندس نالو ذهن ۾ نه پيو اچي. گذريل سال سنڌ ۾ هوس ته ڪنهن ٻڌيو ته اهي محترم هيءَ فاني دنيا ڇڏي ويا آهن! انهن کان علاوه لطيف انصاري هالا جو وڪيل به اتي هو.
    نيو يارڪ جي ففٿ ايوينيو جي هن مشهور لئبرري NYPL جو وڏو شوقين هوندو هو نظاماڻي ۽ ٻيو ڊاڪٽر علي ابڙو (جنهن جي اڳتي هلي سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر حبيب الله ميمڻ صاحب جي ڌيءَ سعيده سان شادي ٿي)، نيو يارڪ جي ٽن وڏين پبلڪ لئبررين مان مئن هٽن جي هيءَ لئبرري هڪ آهي (۽ ٻين ٻن مان هڪ بروڪلن ۾ آهي ته ٻي Queens ۾ آهي) پر هي مئن هٽن واري ته بنا ڪنهن شڪ جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي لئبرري چئي سگهجي ٿي. عمارت جي خيال کان به ته ڪتابن جي گهڻائي ۽ جهونن ڪتابن جي موجودگيءَ کان به.
    اوڻيهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ نيو يارڪ شهر ۾ عوام لاءِ فقط ٻه لئبرريون هيون، جن کي Reference Libraries چئي سگهجي. هڪ ائسٽر لئبرري جيڪا والڊورف- ائسٽورييا هوٽل وارن مان جان جئڪب ائسٽر (1848- 1763ع) ٺهرائي ۽ اها 1849ع ۾ پبلڪ لاءِ کولي ويئي هئي ۽ ٻي ليناڪس (Lenox) لئبرري جيڪا جيمس ليناڪس (1880- 1800ع) شروع ڪئي. ان بعد 1886ع ۾ نيو يارڪ جي هڪ ٻئي رهاڪوءَ سئميوئل ٽلڊن (ڄم جو سال 1814ع ، وفات 1886ع) نيو يارڪ ۾ ٽي لئبرري عوام لاءِ کولي. چون ٿا ته هن سخي مرد انهن ڏينهن ۾ هن لئبرريءَ تي پنهنجي هڙان پنجويهه لک ڊالر خرچ ڪيو. هن جي وفات بعد سندس وڪيل هنن ٽنهي لئبررين کي ملائي هڪ ڪيو. “The New York Public Library, Astor, Lenox & Tilden Foundations”
    اهو ڪم 1895ع ۾ ٿيو ۽ 1901ع ۾ نيو يارڪ سٽي حڪومت جي سرپرستي حاصل ٿيڻ تي نيو يارڪ پبلڪ لئبرري نالو رکيو ويو. يعني اڄ هيءَ لئبرري حڪومت جي به آهي ته سخاوت ڪندڙ شهر جي ماڻهن جي به.


    وئنڪوئر- سکن ۽ چينين جو دلپسند شهر

    نيو يارڪ جي هن پبلڪ لئبرريءَ ۾، اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ، ويهي اخبارون رسالا پڙهندو هوس ته پنهنجي مئرين انجنيئرنگ جي ايندڙ امتحانن جي به تياري ڪندو هوس. ان بعد جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئر ٿي مختلف سمنڊن تي مختلف قسمن ۽ طاقت جا جهاز هلايا، پنهنجي هيڊ آفيس ۾ جنرل مئنيجر جي پوسٽ تائين رهيس، جتي ڪمپنيءَ جي جهازن جي ٽيڪنيڪل مسئلن ۽ ڊراءِ ڊاڪنگ جي پوئواري ڪرڻي پيئي ٿي. جنرل ضيا صاحب جي ڏينهن ۾ سندس هڪ وزير ۽ جهازن جي مالڪ مصطفيَ گوڪل جيڪي جهاز جپان مان ٺهرائڻ چاهيا ٿي سي ملڪ جي قومي ڪمپني حوالي ڪرڻ تي، ان ڪمپنيءَ مالاڪنڊ جهڙن جهازن جي اڏاوت لاءِ مون کي ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ رکيو. ان بعد ملائيشيا وارن جي نيول اڪيڊمي کلڻ تي مون کي اٺ نو سالن لاءِ اتي رکيو ويو. اڄ اتي جا ڪجهه شاگرد جيڪي هاڻ جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي ڪئناڊا پاسي وڌيڪ فائدا ۽ سهوليتون ملڻ تي، پنهنجو ملڪ ملائيشيا ڇڏي اچي وئنڪوئر ۾ رهيا آهن، ٻن ڏينهن بعد هنن جي دعوت تي مون کي اتي وڃڻو هو. هونءَ به هي شهر Vancouver اهو آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته چيني ماڻهن جو فئوريٽ شهر آهي. هانگ ڪانگ جڏهن انگريزن کان چين کي واپس مليو ته هانگ ڪانگ جا اهي چيني جن کي چين سان گڏ رهڻ نٿي وڻيو، انهن مان وڏو تعداد هيڏانهن وئنڪوئر لڏي آيو. چينين کان علاوه جپاني، فلپينو ۽ اٽليءَ جا ماڻهو ته ڇا پر هتي ننڍي کنڊ جا به تمام گهڻا آهن، پر اهو آهي ته آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي ٻين شهرن ۾ ننڍي کنڊ جي مختلف مذهبن، زبانن ۽ صوبن جا رهاڪو ملندا خاص ڪري گجراتي، سنڌي هندو، سائوٿ انڊين وغيره پر هن شهر وئنڪوئر ۾ گهڻائي پنجابين جي آهي، يعني هندو پنجابين جي خاص ڪري سکن جي. ايتري قدر جو وئنڪوئر ۾ هڪ مارڪيٽ آهي، جنهن جو حڪومت طرفان نالو ئي ”پنجابي مارڪيٽ“ آهي، جيئن آمريڪا ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو ”لاهور“ آهي، جنهن ۾ نه فقط لاهور جا گهڻا ماڻهو رهن ٿا پر ان ۾ ڪيتريون ئي عمارتون لاهور جي تاريخي عمارتن جي شڪل جون ٺاهيون ويون آهن.
    وئنڪوئر جي هن پنجابي مارڪيٽ جي بورڊ تي انگريزيءَ سان گڏ پنجابي (يعني گرمکي) زبان ۾ پڻ نالو لکيل آهي. هيءَ مارڪيٽ 48 ۽ 51 ايوينيو جي وچ ۾ Main اسٽريٽ تي آهي ۽ هن پاڙي جو نالو Sunset آهي. هن مارڪيٽ ۾ توهان کي ڪيتريون ئي انڊين هوٽلون، سونارن جا دڪان، مٺائي ۽ پنجابي گانن ۽ فلمن جا وڊيو اسٽور نظر ايندا. پنجابي هندو ۽ سک ويهين صدي جي شروع وارن سالن (اٽڪل 1910) کان وئنڪوئر ۾ اچڻ شروع ٿيا هئا ۽ پهرين گهٽي ۽ Burrard اسٽريٽ جي وچ ۾ ”ڪٽ سي لانو“ علائقي ۾ اچي Settle ٿيا. ان علائقي ۾ توهان کي اڄ به ساڙهين ۽ شلوار قميص اوڍيل عورتون نظر اينديون ۽ ائين لڳندو ڄڻ ڪو انڊيا جو شهر هجي.
    وئنڪوئر ڪٿي آهي؟ سامونڊي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ هن شهر جو هي دلچسپ نالو مون به ٻڌو هو ۽ اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ ان بابت اهو ئي سوچيندا هئاسين ته هڪ ڏورانهين ولايت جو ڏورانهون شهر ۽ بندرگاهه آهي. وئنڪوئر لاءِ اڄ به اسان اهو ئي چئون ته ڪا غلط ڳالهه نه ٿيندي. اسان جي دنيا- يعني ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ کان ڏور، هڪ پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ ته ٻئي پاسي پئسفڪ لتاڙڻ بعد دنيا جا دير سان نظر آيل کنڊ: اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا آهن، جيڪي هڪ ٻئي سان ميڪسيڪو، نڪاراگئا، گئاٽامالا، ڪاسٽاريڪا، پاناما جهڙن ملڪن جي سنهي پَٽيءَ ذريعي ڳنڍيل آهن، جيڪا پٽي وچ Central)) آمريڪا به سڏجي ٿي.
    اتر آمريڪا کنڊ ۾ ٻه ملڪ آهن: يو ايس اي (جنهن کي اسان اسٽيٽس، يو ايس يا آمريڪا به سڏيون ٿا ۽ ٻيو اتر ۾ ڪُئي جي ڪتريل پني جي شڪل وارو ملڪ ڪئناڊا آهي. ڪئناڊا جي کاٻي پاسي ٽيون ملڪ روس هو پر روس وارن ڪئناڊا سان ڳنڍيل پنهنجي ملڪ جو الااسڪا نالي اهو حصو ڪڏهوڪو يو ايس اي وارن کي وڪڻي ڏنو. ان ڪري دنيا جي نقشي ۾ ان ڌرتيءَ جي حصي جو رنگ نه روس جهڙو هوندو نه ڪئناڊا جهڙو. اهو حصو يعني ”الاسڪا“ جيڪو هينئر آمريڪا (USA) جي رياست آهي، ان ڪري ان جو رنگ به USA جي نقشي جهڙو ڏيکاريو وڃي ٿو، جيئن ڪنهن زماني ۾ پاڪستان ۽ اڄ واري بنگلاديش جو رنگ هڪ جهڙو هوندو هو.
    ڪئناڊا جو نقشو ڪُتريل پني وانگر ان ڪري لڳي ٿو جو هڪ ته ان جو سامونڊ ي ڪنارو کاڌل آهي ۽ ٻيو ته سخت ٿڌ ڪري ڪئناڊا جو اتراهين پاسي وارو سمنڊ ٻارهوئي برف ٿيو پيو آهي. جهازين ۽ نقشو ٺاهڻ وارن کي خبر ئي نٿي پوي ته ڪٿي ڌرتي ختم ٿي ۽ ڪٿان سمنڊ شروع ٿيو. سمنڊ جي مٿان به برف ڄمي پيئي آهي ته ڌرتيءَ مٿان به. ڪيترائي دفعا اسان کي ڪئناڊا جي مختلف بندرگاهن ۾ جهاز وٺي وڃڻو پيو پر گهڻو ڪري اونهاري جي موسم ۾ ۽ سو به ڏاکڻن بندرگاهن: سينٽ جانس، بي ڪامو ۾، يا پاناما ڪئنال ٽپي پئسفڪ سمنڊ ۾ اچبو هو ته هن بندرگاهه وئنڪوئر ۾ به اچبو هو.
    آدمشماريءَ جي خيال کان ته کڻي چين جهڙا ملڪ وڏا آهن پر زمين جي ايراضيءَ کان ڪئناڊا دنيا ۾ ٻيو نمبر وڏو ملڪ آهي. ڪئناڊا ڏهن صوبن ۽ ٽن Territories ۾ ورهايل آهي. سڀ کان پراڻا صوبا جن 1867ع ۾ گڏجي ڪنفيڊريشن ٺاهي اهي آهن: اونٽاريو جتي سڀ کان گهڻا اسان جي ملڪ جا ماڻهو (خاص ڪري سنڌ جا) پنهنجي وطن مان لڏي اچي رهيا آهن. اونٽاريو صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ٽورنٽو آهي. ڏهه کن سنڌين کان پڇندائو ته ڪئناڊا ۾ ڪٿي ٿا رهو ته سڀ نه ته نو کن ضرور ٽورنٽو شهر جو نالو کڻندا يا ڪو اوسي پاسي وارو ڳوٺ ۽ هتان يعني ٽورنٽو کان هنن لاءِ آمريڪا ڄڻ سڏ پنڌ تي آهي ۽ پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن وٽ نيو يارڪ، نيو جرسي، مشيگان ۽ پينسلوانيا وغيره ايندا رهن ٿا ۽ ڏهن مان نون جو خواب اهو ئي آهي ته اڳتي هلي آمريڪا (USA) جو گرين ڪارڊ يا پاسپورٽ حاصل ڪجي. جيتوڻيڪ ڪئناڊا ۾ ڪي سهولتون آمريڪا کان به وڌيڪ آهن.
    اونٽاريو کان علاوه ڪئناڊا جا ٻيا صوبا آهن:
    ڪيوبيڪ، نووا سڪوشيا ۽ نيو برنس وڪ. ان بعد مئنيتوبا، برٽش ڪولمبيا، پرنس ايڊورڊ ٻيٽ Saskatchewan البرٽا، نيو فائونڊ لئنڊ ۽ لئبرادور. انهن کان علاوه يوڪان، Northwest Territories نوناووت پڻ ڪئناڊا جا حصا آهن.
    ڪئناڊا جي هيٺان آمريڪا آهي، مٿي اتر قطب جا برفاني علائقا، ساڄي پاسي اوڀر ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ کاٻي پاسي پئسفڪ سمنڊ. کاٻي پاسي جي مٿين ڪنڊ سان آمريڪا جي رياست الاسڪا آهي. جيڪا جتي ختم ٿئي ٿي، اتي بيرنگ (Bering) نالي سمنڊ جي سنهي پٽي (ڳچي سمنڊ) آهي، جنهن جي ٻي پار کان روس يعني ايشيا جو کنڊ شروع ٿي ٿو وڃي. آمريڪا جي اها رياست الاسڪا ڪئناڊا جي يوڪان سان سرحد ٺاهي ٿي ۽ يوڪان جو هيٺيون حصو ڪئناڊا جي صوبي برٽش ڪولمبيا سان مليل آهي ۽ برٽش ڪولمبيا وارو صوبو آمريڪا جي رياست واشنگٽن سان مليل آهي. ياد رهي ته واشنگٽن نالي هيءَ رياست آمريڪا جي اولهه واري ڪناري تي پئسفڪ سمنڊ وٽ آهي. ۽ ٻيو واشنگٽن جيڪو ڊي سي سڏجي ٿو. يعني ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا آمريڪا جي اوڀر پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي. واشنگٽن ڊي سي سڄي آمريڪا جي گاديءَ جو هنڌ آهي.
    بهرحال ڪئناڊا جو هي صوبو برٽش ڪولمبيائي آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو شهر ۽ بندرگاهه وئنڪوئر آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته برٽش ڪولمبيا (BC) جي گاديءَ جو شهر وڪٽوريا آهي. وئنڪوئر بندرگاهه شروع کان مشغول ۽ سهولت وارو بندرگاهه رهيو آهي. يعني هن بندرگاهه ۾ جهاز پهچڻ سان ان مان لاٿل سامان ڪئناڊا توڙي آمريڪا جي اندروني ۽ ڏورانهن شهرن تائين جهٽ پٽ پهچيو وڃي. پاناما ڪئنال کلڻ بعد ته وئنڪوئر جو بندرگاهه هيڪاندو وڌيڪ مشهور ٿي ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي.
    وئنڪوئر شهر جو نالو انگريز جهازي ڪئپٽن جارج وئنڪوئر تان پيو آهي، جيڪو برٽش رايل نيوي جو آفيسر هو. سندس ڄم جو سال 1757ع ۽ وفات جو 1798ع آهي. ڪئپٽن جارج وئنڪوئر اتر آمريڪا جا مختلف علائقا ڳولڻ Explore) ڪرڻ) کان دنيا ۾ مشهور آهي. ڪئناڊا جو هي صوبو برٽس ڪولمبيا ۽ آمريڪا (USA) جا اهي علائقا جيڪي اڄ ڪلهه اوريگان ۽ واشنگٽن رياستون سڏجن ٿيون ڪئپٽن وئنڪوئر جي exploration جو نتيجو آهن. همراهه آسٽريليا جو ڏکڻ اولهه وارو ڪنارو به سڀ کان اڳ جانچيو. وئنڪوئر 15 سالن جو هو ته دنيا جي مشهور جهازي ڪئپٽن ڪڪ سان گڏ HMS- Resolution جهاز تي سفر ڪيو. ڪئپٽن ڪڪ جو آمريڪا ڏي اهو ٻيو سفر هو، جيڪو هن 1772ع ۾ ڪيو. ان بعد ڪئپٽن ڪڪ جي ٽئين سفر تي پڻ هي همراهه ”وئنڪوئر“ هن سان گڏ هو. اهو سفر 1776ع کان 1779ع تائين ٽي سال HMS Discovery نالي جهاز تي ڪيو ويو هو.
    جهازي دنيا جي تاريخ جا ڄاڻو سمجهن ٿا ته هن شخص دنيا جي نون ڪنارن جي ڳولا ۽ نون سمنڊن جي چارٽن (نقشن) ٺاهڻ ۾ ڏاڍي جان پتوڙي پر هن جو مرڻ کان پوءِ ڪو گهڻو قدر نه ٿيو. سفر تان موٽڻ تي وئنڪوئر جي ڊسيپلنري جاچ جو حڪم ڏنو ويو جو هن سمنڊ تي هڪ جونيئر آفيسر کي جنهن جو وڏو سياسي اثر رسوخ هو، دڙڪا ڏنا هئا. بهرحال ڪئپٽن وئنڪوئر جا آخري ڏينهن خاموشي ۽ گمشدگيءَ ۾ ئي گذريا.
    جيئن برطانيا جا ڪجهه شهر براڊ فورڊ، برمنگهام وغيره ديسي ماڻهن ڪري ايشيائي شهر لڳن ٿا تيئن هن پاسي اتر آمريڪا کنڊ ۾ هي شهر وئنڪوئر آهي، جنهن ۾ ٻين ايشيائي ماڻهن ۾ چينين ۽ پنجابين (سکن) جو وڏو تعداد رهي ٿو. مزي جي ڳالهه ته هي ٻئي قومون گذريل صدي (ويهين) جي آخري چوٿي ۾ نه آيون جنهن ۾ ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو يورپ ۽ آمريڪا ڏي لڏي آيا، پر پنجابي ۽ چيني ان دور ۾ هيڏانهن وئنڪوئر ۾ آيا، جڏهن ڪو پنهنجي ڳوٺ کان ڀر واري ڳوٺ ويندو هو ته هو پاڻ کي پرديسي سڏائيندو هو. معنيٰ هن سان وڏو ظلم ٿي ويو آهي. هو همدردي جي لائق آهي.


    ڪئناڊا ۾ چينين سان سختيون

    هن ڏورانهين، برفاني ۽ سنسان شهر وئنڪوئر ۾ چين کان پهريان چيني 1850ع واري ڏهاڪي ۾ آيا. چين جا جتي چند حاڪم، وڏيرا، جاگيردار ۽ حڪومتي چمچا وڏي عياشيءَ ۾ هئا، اتي خدا جي مخلوق سخت غربت جي زندگي گذاري رهي هئي. چين جو عوام بک، بيماري ۽ بيروزگاري جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو هو. هو ڇا چوندا آهن ته بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري. پيٽ خاطر ماڻهو پنهنجا ٻچا به سڙه تي هلندڙ ڀڳل ٻيڙين، ذريعي ملايا ۽ سنگاپور موڪلي ٿي ڇڏيا. هو پيرين ۽ پٺيءَ اگهاڙا انهن ٻيڙن ۾ سوار ٿيا ٿي ۽ سفر جو ڀاڙو ڏيڻ بدران سڄي واٽ سخت Seasickness ۽ سامونڊي لوڏن ۾ پورهيو ڪندي سنگاپور، پينانگ، پورٽ ڪلانگ پهتا ٿي جتي هنن کي روزگار ملڻ جي اميد هئي. اهڙي ئي هڪ پيرين اگهاڙي چيني ٻار جي زندگيءَ جو احوال ”هي ٻيٽ هي ڪنارا ”سفر نامي ۾ لکيو اٿم ته ڪيئن هو محنت ڪري آخر ۾ ڪيترين هوٽلن ۽ چائنيز يونين بئنڪ جو مالڪ ٿيو. سنگاپور طرفان ملائيشيا جو سفير ٿيو. اهڙيءَ طرح ڪوالالمپور شهر به نالي مطابق گپ ۽ چڪڻ هو، جنهن علائقي جي گهاٽي جنگلن ۾ هلندڙ نانگ بلائن ۽ مڇرن ۽ سئو پيرين ڪنهن کي جيئڻ نٿي ڏنو. پر پوءِ گومباڪ ۽ ڪلانگ ندين جي ان ميلاپ واري هنڌ خبر پيئي ته ڌرتيءَ اندر ٽين (Tin) جون کاڻيون موجود آهن، جن جي کوٽائي ۽ ههڙين ڏکين حالتن ۾ رهڻ لاءِ، انگريز حاڪم توڙي مڪاني ملئي جاگيردارن ۽ سلطانن کي بيروزگاري ۽ بک ۾ پاهه چيني ئي نظر ٿي آيا. هو چينين کي گهرائيندا ويا ۽ اڌ صديءَ اندر ڪوالالمپور هڪ نامعلوم بستيءَ مان ملائيشيا جو وڏو ۽ اهم شهر ٿي ويو. اهڙي طرح هتي جي ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيل سون جي ذرڙن کي حاصل ڪرڻ لاءِ چينين کي گهرايو ويو. اهو دور 1858ع وارو Fraser Valley Gold Rush سڏجي ٿو.
    ان بعد ڪئناڊا جي مشهور ريلوي لائين Canadian Pacific وڇائڻ لاءِ چين مان چينين سان ڀريل جهاز گهرايا ويا. رڪارڊ شاهد آهي ته 1880ع کان 1885ع تائين وئنڪوئر بندرگاهه ۾ سترهن هزارن کان مٿي چيني مزدور آندا ويا، جن ڪئناڊا جي هن صوبي ”برٽش ڪولمبيا“ جي ڏکين جابلو ۽ سامونڊي پٽن تي ريل جا پٽا وڇايا. ڌارئين ڏيهه کان آيل هنن چيني پورهيتن کان سخت کان سخت مزوري ڪرائي ويئي ٿي پر کين پگهار يورپي گوري مزدور جي فقط اڌ جيترو ڏنو ويو ٿي. انهن ڏينهن ۾ هي صوبو (برٽش ڪولمبيا) انگريزن جي هٿ ۾ هو، جيئن انڊيا، ملايا، هانگ ڪانگ ۽ ڪينيا نائيجيريا وغيره ۽ انهن مڙني هنڌن تي ساڳيو برٽش پاسپورٽ هليو ٿي.
    1885ع ۾ هتي (برٽش ڪولمبيا ۾) جيئن ريل جو ڪم پورو ٿيو ته هنن سستن چيني مزدورن جي ضرورت گهٽجي ويئي، مڪاني گورن مزدورن جي يونين جي ماڳهين هنن نون آيلن ۽ رهائش اختيار ڪندڙ چينين سان چڙ ٿي پيئي. ڇو ته جيڪو ٿورو گهڻو پورهيو نڪتو ٿي، ان لاءِ ماڻهن مڪاني گورن کي ڇڏي هنن چينين کي سڏيو ٿي، جن تمام گهٽ مزدوري ورتي ٿي. دراصل گورن کي به مڪاني ته چئي نٿو سگهجي. انهن جي ڪهڙي پيءُ ڏاڏي جو ملڪ هو. هو به ڏورانهن ملڪن کان هتي ڪئناڊا اچي نڪتا هئا. هو ٽيڪنيڪلي هوشيار هجڻ ڪري ٻين کان اڳ اچي پهتا هئا ۽ اصلي رهاڪن (ايسڪيموز، ريڊ انڊين يا ٻين کي) پيار محبت يا ڏنڊي جي زور تي پاسيرو ڪري پاڻ مالڪ ٿي ويٺا هئا. بهرحال هاڻ نه فقط مڪاني مزدورن جي يونينن کي پر ملڪي سياستدانن کي به چيني نه وڻڻ لڳا ۽ هر عتاب جو نشانو چيني ٿيڻ لڳا.
    وئنڪوئر ۾ اچي ويل چينين يا ٻين ايندڙن کي دلشڪستو بنائڻ لاءِ هتي جي حڪومت هر چينيءَ جي اچڻ تي هن کان پنجاهه ڊالر فيءَ جا اڳاڙيا ٿي، جنهن کي Head Tax سڏيو ويو ٿي. 1885ع وارو دور جڏهن هڪ رپئي ۾ چانديءَ جو تولو مليو ٿي ۽ ڊالر کان به گهٽ ۾ سون جو تولو، چين کان ڪئناڊا ايندڙ چينين لاءِ پنجاهه ڊالر ڏيڻ وڏي ڳالهه هو. پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ ۽ سامونڊي سفرجي صعوبتن ۽ ڀاڙن ڏيڻ بعد وئنڪوئر بندرگاهه ۾ لهي پنجاهه ڊالر ڏيڻ کان ته بهتر هو ته ايترن پئسن مان پنهنجي ملڪ ۾ ئي ڪو ڪاروبار کولي ويهجي. پر ان هوندي به چيني ماڻهن ڪئناڊا ۾ اچي رهڻ ۽ پورهيو ڪرڻ ۾ وڌيڪ Charm ٿي محسوس ڪيو. هنن بهتر مستقبل لاءِ پنهنجو ملڪ ڇڏي ڪئناڊا ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني ٿي، جيئن اڄ جي ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن جا ماڻهو آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهڻ کي بهتر سمجهن ٿا.
    چينين جي لڳاتار آمد کي جاري ڏسي ڪئناڊا حڪومت هاڻ 50 بدران هڪ سئو ڊالر ”هيڊ ٽئڪس“ مقرر ڪيو. ان بعد به چيني ڪئناڊا ۾ ايندا رهيا. آخر ڪار 1913ع ۾ جڏهن اهو ٽئڪس وڌائي وڌائي 500 ڊالر ڪيو ويو ته پوءِ چيني اچڻ بند ٿي ويا. ان وقت جي رڪارڊ موجب پنج سئو ڊالر تمام وڏي دولت هئي، جڏهن ته هڪ ڄڻي سڄي سال ۾ چار سئو ڊالر مس بچايا ٿي ۽ وئنڪوئر ۾ هڪ گهر جي قيمت 250 ڊالر هئي.
    18-1917ع ڌاري پهرين جنگ عظيم شروع ٿيڻ تي ڪئناڊا کي هڪ دفعو وري چيني مزدورن جي ضرورت پيئي ۽ هر سال چار هزار کن چيني گهرايا وڃڻ لڳا. جنگ بعد جڏهن سپاهي وطن وريا ته وري چينين سان ساڳي ڪار ڪئي ويئي. ويتر 1920ع ۾ ملڪ جو ڪاروبار ويهي رهڻ ڪري هر هڪ جي ڪاوڙ چينين تي ٿي پيئي. چينين جي وڌيڪ اچڻ جي روڪٿام ۽ اچي ويلن کي ڀڄائڻ لاءِ ڪئناڊا حڪومت پهرين جولاءِ 1923ع تي چيني قوم جي ماڻهن تي هڪ ته وري ساڳيو هيڊ ٽئڪس مڙهيو ۽ ٻيو اهو قانون پاس ڪيو ته چيني (جيڪي مزدوريءَ لاءِ ڇڙها آيا ٿي ۽ پوءِ پئسو ڪمائي پنهنجين زالن ۽ ٻارن کي گهرايو ٿي) پنهنجي زال ۽ ٻارن کي گهرائي نٿو سگهي ۽ نه وري هتي ڪنهن غير چيني عورت سان شادي يا ميل ملاقات ڪري سگهي ٿو.
    مٿين قانون ڪري چيني مزدور سالن جا سال پنهنجن مائٽن مٽن کان وڇڙيل رهيا ۽ ذهني ۽ جسماني ظلم سهندا رهيا. ان ظالم قانون پاس ڪرڻ واري ڏينهن تي اڄ به ڪئناڊا جي چيني ڪميونٽي “Humiliation Day” ملهائي ٿي.
    ڏٺو وڃي ته ڪئناڊا- خاص ڪري هن شهر وئنڪوئر ۾ جيڪو بندرگاهه هجڻ ڪري ڌارين ملڪن کان آيل ماڻهن لاءِ “Gateway” هو، مڪاني گورن انگريزن نه فقط چيني Immigrants سان پر ٻين ڌارين سان به ظلم ڪيا، خاص ڪري ايشيا جي رهاڪن سان. جڏهن کين سخت ۽ خوفائتي ڪم لاءِ مزدورن جي ضرورت پيئي ٿي ته هنن چين، جپان ۽ انڊيا کان ماڻهن سان جهاز ڀرائي کانئن گهٽ پئسي تي پورهيو ٿي ورتو. ضرورت پوري ٿيڻ تي هنن کين ڌڪاريو ٿي. انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ به سخت غربت هئي. اتي به بادشاهي راڄ هو. بادشاهه جو خاندان، انهن جا چمچا، جاگيردار وڏيرا (Feudal Lords) وڏي عيش ۾ هئا ۽ غريب عوام سورن ۾ هو. پيٽ لاءِ هن کاڌي خوراڪ جي ڳولا سمنڊ ۾ ٿي ڪئي يا پرديس جا وڻ ٿي وسايا. ڪئناڊا ۾ به ڪافي جپاني اچي ويا هئا ۽ ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان مڪاني ماڻهن کي اهو اچي احساس ٿيو ته ڪئناڊا يورپي نوعيت جو ٿيڻ بدران وڃي پيو ايشيائي طرز جو ٿيندو. اها نفرت ايتري وڌي ويئي جو ڪئناڊا جي انگريز آدمشماريءَ خاص ڪري نوجوانن چينين ۽ جپانين تي حملا شروع ڪري ڏنا. 1907ع ۾ ته انهن قومن جا دڪان، گهر ۽ ڪاروبار ساڙيا ويا، جيڪو پوءِ انهن ڏينهن جي وزير اعظم ولفرد لوريئر چينين ۽ جپانين کي ڀري ڏنا.


    سکن کي ڪئناڊا ۾ اچڻ کان روڪڻ جا قانون

    ڪئناڊا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ نه فقط چينين ۽ جپانين کي اچڻ لاءِ دل شڪستو ڪيو ٿي ويو پر انڊين لاءِ به باهه ٻريل هئي. خاص ڪري جپاني جهاز ”ڪوما گاتا- مارو“ (Komagata Maru) وارو حادثو جيڪو اڄ کان هڪ سؤ کن سال اڳ پيش آيو اهو جهازي دنيا جي تاريخ ۾ توڙي ”انساني حقن“ جي ادارن ۾ مشهور آهي، جنهن ۾ قوميت ۽ رنگ جي بنياد تي سکن سان ٿيل ظلمن کي هر انسان نندي ٿو. هي حادثو جنهن کان جهازن سان واسطو رکندڙ ته چڱي طرح واقف هوندا پر هتي پنهنجي عام پڙهندڙ لاءِ مختصر طور لکان ٿو.
    سن 1900ع ۾ ڪئناڊا ۾ جيڪا آدمشماري ڪئي ويئي ان مان معلوم ٿيو ته وئنڪوئر شهر ۾ ٻن هزارن کان مٿي سک رهن ٿا. ٻه هزار ڪو وڏو تعداد نه آهي، پر ان وقت وئنڪوئر شهر جي ئي جملي آدمشماري ڏهه هزار کن مس هئي، جنهن ۾ به اڌ کان وڌيڪ چيني جپاني اچي ويا ٿي ۽ هاڻ وري هندستانين جو وڌندڙ تعداد ڏسي مڪاني انگريز آدم شماريءَ کي خوف وٺي ويو ته ”هي پوءِ آيل وڃن ٿا ملڪ تي قبضو ڪندا. اهي پورهيا جيڪي گورا ڪرڻ کان ڪيٻائين، اهي چيني مزدور اڌ پگهار ۾ ڪرڻ ۾ به خوش آهن ۽ انڊين يعني پنجابي سک ته مڙني کان سخت جان ۽ پورهيت آهن. انهن کي هاڻ هيڏانهن ڪئناڊا ۾ اچڻ کان روڪجي.“ جپانين ۽ چينين کي ته کڻي سنئون سڌو روڪڻ سولو ڪم هو پر انڊيا جي ڪنهن رهاڪوءَ کي برٽش حڪومت واري ملڪ ۾ گهڙڻ کان روڪڻ ڏکيو ڪم هو جو انڊيا ۾ به انگريزن جي حڪومت هئي ۽ هنن برٽش پاسپورٽ استعمال ڪيو ٿي.
    هونءَ وئنڪوئر جهڙا ڏورانهان، برفاني ۽ پراسرار خاموشي وارن شهرن ۾، جن جو تصور ڪري رڳو برفباري ۽ ٿڌين هوائن جا سوساٽ محسوس ٿين، برفاني رڇ ۽ جانورن جي کلن ۾ ملبوس ايسڪيموز نظر اچن، اتي امرتسر، لڌياني، چنديڳڙهه ۽ جلندر جا سک پهچي وڃن سو به 1900ع ڌاري، وڏي دل ۽ جگر جي ڳالهه آهي. مڃان ٿو ته سنڌي هندو ان کان به گهڻو اڳ دنيا جي ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن ۾ پهچي ويا ۽ گجراتي هندو ته اڃا به گهڻو اڳ پر اهي ٻئي واپاري ڪميونٽيون Safe ۽ سڻائي هنڌ تي پهتيون ٿي جتي پئسي جي رواني هجي، خرچ ڪرڻ وارا امير ۽ بيوقوف چيف (سلطان/ وڏيرا) هجن، موسم ٺاهوڪي هجي، ڌنڌو ڌاڙي حفاظت ۽ سرڪار جي سرپرستيءَ هيٺ هلي پوءِ کڻي سنگاپور، هانگ ڪانگ هجي يا برمودا ۽ لاس پاماس. پر سِک ۽ چيني مشڪل ۽ ڏکين هنڌن تي به پهچي ويا ٿي.
    بهرحال ڪئناڊا جي حڪومت انڊيا کان ايندڙن کي ڪئناڊا ۾ اچڻ کان سنئون سڌو ته جهلي نٿي سگهي جو جهڙي ڪئناڊا برطانيا راڄ جو حصو هئي، تهڙي انڊيا ۽ چون ٿا ته لنڊن آفيس طرفان ڪئناڊا حڪومت کي چتاءُ به ڏنل هو ته انڊيا کان ايندڙن سان اهڙو ڪو ڪم نه ڪجو جو هنن ۾ قوم پرستيءَ جو جذبو ڀڙڪي پوي ۽ برطانيا لاءِ مصيبت جو سبب بڻجي. سو ڪئناڊا حڪومت انڊين جي ڪئناڊا مان دلچسپي ختم ڪرڻ لاءِ ٻيا طريقا ڳولي لڌا جن مان هڪ اهو هو ته ان وقت جي حڪومت 1907ع ۾ ڪجهه بل پاس ڪرايا، جنهن موجب انڊين کان ووٽ جو حق کسيو ويو ۽ سرڪاري نوڪرين جي پابندي لڳائڻ سان هنن کي وڪالت، جوڊيشري، ڊاڪٽري ۽ اڪائونٽنسي جهڙن کاتن ۾ ڪم ڪرڻ کان به منع ڪئي ويئي. پر جڏهن ان هوندي به انڊين جي ڪئناڊا ۾ دلچسپي جاري رهي ته هڪ سال بعد يعني 1908ع ۾ حڪومت اهو قانون ڪڍيو ته ڪئناڊا ۾ فقط ان ڌارئين کي اچڻ ڏنو ويندو، جيڪو پنهنجي ملڪ مان نڪرڻ سان سڌو ڪئناڊا جو رخ رکي. يعني انڊين کي جي ڪئناڊا اچڻو آهي ته جهاز ۾ چڙهي سڌو ڪئناڊا اچن. ائين نه ته سال ٻه ڪنهن ملڪ ۾ ته سال ٻه ڪنهن ۾ رهي رهي پوءِ اچي ڪئناڊا کان نڪرن ۽ ٻي ڳالهه ته ڪئناڊا جي ڪناري تي لهڻ وقت هر ڌارئين (Immigrant) وٽ ڪئناڊا حڪومت کي هن ملڪ ۾ اچڻ جو ٽئڪس ڏيڻ لاءِ ٻه سؤ ڊالر هجڻ ضروري آهن. ذرا سوچيو ته ان دور ۾ يعني 1908ع ۾ جهازن جا ڀاڙا ڀرڻ بعد ڪٿان آيا غريب مزدورن ۽ پورهيتن وٽ ٻه سؤ ڊالر! ان وقت پئسي جو اهو انگ تمام وڏو هو. ايتري پئسي ۾ ته هو پنهنجي ملڪ ۾ چڱي وڏي فئڪٽري يا هوٽل ٺهرائي سگهيا ٿي.
    نالي ۾ مٿيان قانون هر ڌارئين (Immigrant) لاءِ چيا ويا ٿي پر انهن جو خاص نشانو انڊين هئا جو انهن قانونن پاس ڪرائڻ بعد ڪئناڊا حڪومت ملڪي جهازران ڪمپني “Canadian Pacific” کي حڪم نامو جاري ڪيو ته هنن جو پئسينجر جهاز جيڪو ڪلڪتي (انڊيا) ۽ وئنڪوئر(ڪئناڊا) جي وچ ۾ هلي ٿو، ان کي يڪدم بند ڪيو وڃي. يعني نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري. جهاز ئي نه هوندو ته انڊيا کان ڪير ڪيئن اچي سگهندو. انهن ڏينهن ۾ سڄي هندستان ۾ ڪلڪتو وڏو بندرگاهه هو، بمبئي به پوءِ زور ورتو ۽ ڪراچيءَ ته تمام گهڻو پوءِ. ولائت وڃڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي به ڪلڪتي وڃي اسٽيمر جهلڻو پوندو هو. سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ رهندڙ اهي پوڙها سنڌي هندو جيڪي 1900ع کان به اڳ آيا ستر واري ڏهي ۾ منهنجي اتي وڃڻ تي ٻڌائيندا هئا ته هو (يا سندن وڏا) ڪلڪتي مان آگبوٽ ۾ چڙهي پينانگ ۽ سنگاپور پهتا.
    ڪئناڊا وارن جي مٿين قانونن ڪري انڊيا لاءِ ڪئناڊا پهچڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو. نه فقط نون ماڻهن کي پر ڪيترن انهن سکن لاءِ جن جا مائٽ ڪئناڊا ۾ سالن کان Settle ٿي گهر گهاٽ ٺاهي رهيا پيا هئا ۽ هاڻ پنهنجي فئملي جي ماڻهن کي گهرائي رهيا هئا، جيئن اڄ ڪلهه ٿئي ٿو ته آمريڪا ۾ ڪجهه سال رهڻ بعد جڏهن ڪنهن کي اتي جي شهريت ۽ پاسپورٽ ملي ٿو ته هو Immigrant Visa تي پنهنجي زال، ماءُ پيءُ ۽ ڀائر ڀينرون گهرائي ٿو. پر ڪئناڊا وارن جي انهن ظالم قانونن ڪري ٻين جي وڃڻ کي ٻنجو اچي ويو ۽ اهو سلسلو ڇهه سال کن رهيو.


    ڪوما گاتا جهاز جو بدنصيب سفر

    سن 1914ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ رهندڙ هڪ امير سک ٺيڪيدار گردت سنگهه سرهالي، جنهن کي سندس دوست ”باگها“ به سڏيندا هئا، ڪئناڊا حڪومت جي مٿين قانونن کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي سک ڪميونٽيءَ کي ڪئناڊا پهچائڻ لاءِ دماغ ۾ هڪ Idea آئي.
    ڪئناڊا وارن فقط انهن انڊين کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ لاءِ هائوڪار ڪئي ٿي جيڪي انڊيا کان لڳاتار سفر ڪري ڪئناڊا پهچن يعني هو Continuous Journey ذريعي ڪئناڊا جي بندرگاهه وئنڪوئر ۾ پهچن. ساڳي وقت جنهن جهاز ران ڪمپني جا ”پئسينجر جهاز“ ڪلڪتي کان وئنڪوئر Continuous Journey تي هليا ٿي اها ڪئناڊا وارن جي هئي، جنهن تي ڪئناڊا حڪومت دٻاءُ وجهي ڪلڪتي کان جهاز هلائڻ واري روٽ بند ڪرائي ڇڏي. اهڙي صورت ۾ گردت سنگهه ”باگها“، جنهن مختلف ملڪن ۾ انڊيا جا مزور سپلاءِ ڪرڻ جو ڪم ڪيو ٿي، ان جپان جي هڪ جهاز ران ڪمپنيءَ کان ڪوئلي تي هلندڙ هڪ اسٽيمر (آگ بوٽ) چارٽر ڪيو يعني- سال اڌ لاءِ مقاطي تي ورتو. ان جهاز جو نالو ڪوماگاتا مارو (Komagata Maru) هو جنهن جي نالي سان هي ڪيس دنيا ۾ مشهور ٿيو.
    گردت سنگهه پاڻيءَ جو هي جهاز ڪوماگاتا چارٽر ڪري مسافرن ۾ ٽڪيٽون وڪڻڻ لڳو ۽ هاڻ جهاز کي لنگر کڻڻ ۾ جڏهن باقي ٻه ڏينهن وڃي بچيا ته هانگ ڪانگ جي پوليس جهاز جي Sail ڪرڻ تي بندش وجهي گردت سنگهه کي ٿاڻي تي بند ڪيو. مٿس اهو ڏوهه مڙهيو ويو ته هو غير قانوني سفر لاءِ غير قانوني طور ٽڪيٽون وڪڻي رهيو آهي. پر پوءِ 24 مارچ 1914ع تي هانگ ڪانگ جي انگريز گورنر کيس لاڪ اپ مان آزاد ڪري جهاز جي لنگر کڻڻ جي اجازت ڏني.
    ”ڪوماگاتا مارو“ جهاز چوٿين اپريل تي هانگ ڪانگ جو بندرگاهه ڇڏيو. ان وقت هن تي 165 مسافر هئا. 8 اپريل تي جهاز چين جي بندرگاهه شنگهائي ۾ پهتو، جتي ڪجهه ٻيا مسافر به چڙهيا ۽ يوڪو هاما (جپان) لاءِ روانو ٿيو. يوڪو هاما ۾ ٻه هفتا رهڻ بعد ٽي مئي تي پئسفڪ سمنڊ جهاڳڻ لاءِ روانو ٿيو. ان وقت مٿس 376 مسافر سوار هئا ۽ 23 مئي تي وئنڪوئر جي ٻاهران اچي لنگر ڪرايو. جهاز جڏهن شنگهائي (چين) ۾ هو ته اتي جرمني جي هڪ تار ڪمپنيءَ پنهنجي ملڪ جي نيوز ايجنسيءَ کي ڪوما گاتا جهاز جي خبر پهچائي ته اهو 400 هندستاني مسافر کڻي وئنڪوئر پيو وڃي.“ ڪئناڊا جي اخبار “Vancouver Province” وارن جرمن پريس مان اها اسٽوري کڻي هيٺين عنوان سان ڇپي.
    “Ship Loads of Hindus On Way To Vancouver”
    ۽ ٻيو عنوان ڏنائون : هندن جو ڪئناڊا تي حملو.
    “Hindu Invasion of Canada”
    هونءَ هن جهاز ۾ انڊيا جا جيڪي پنجابي مسافر ڪئناڊا پهتا هئا اهي سڀ سک به نه هئا، نالن جي لسٽ مان معلوم ٿو ٿئي ته انهن ۾ 340 سک هئا، 24 مسلمان ۽ 12 هندو هئا. انهن ۾ ويهه ڄڻا اهي هئا، جيڪي اڳهين ڪئناڊا جا شهري ٿي چُڪا هئا ۽ موڪلون گذارڻ لاءِ انڊيا ويا هئا ۽ هاڻ هن جهاز ۾ موٽيا هئا. بهرحال هنن سڀني وٽ Valid برٽش پاسپورٽ هئا ۽ سڀ برطانيا راڄ جا شهري هئا. جيئن ڪئناڊا جا سڀ ماڻهو هئا. هونءَ مسافرن ۾ سکن جي گهڻائي هجڻ ڪري ڪئناڊا جي سکن هن مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهي هنن جي مدد لاءِ چندا هڪ طرف گڏ ڪيا ته وڪيل، ڊاڪٽر ۽ رهائش جا بندوبست ٻئي پاسي ڪيا. پر ڪئناڊا حڪومت اهو ئي چيو ته هن جهاز قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ اسان هڪ به مسافر کي لهڻ نه ڏينداسين. اميگريشن پوليس وارا بندوقن سان ٻيڙين ۾ سوار ٿي هن جهاز جي چوڌاري پهرو ڏيڻ لڳا ته متان ڪو جهاز جي ٻيڙي لاهي ڪناري تي پهچي وڃي. هنن فقط ڪئناڊا جي مٿين 20 شهرين ۽ جهاز جي ڊاڪٽر ۽ ان جي ٻارن کي جهاز تان لهڻ ڏنو.
    جهاز ۾ آيل مسافرن جو جذبو هيڻو ڪرڻ لاءِ وئنڪوئر جي پورٽ اٿارٽي ۽ اميگريشن وارن جهاز وارن جو راشن پاڻي خريد ڪرڻ تي به جهل وجهي ڇڏي، جيئن هو اڃ ۽ بک جي حالت ۾ وئنڪوئر جي سامونڊي علائقي مان پنهنجي جهاز کي ڪاهي ٻئي ڪنهن بندرگاهه ڏانهن هليا وڃن. جهاز 23 مئي تي وئنڪوئر پهتو ۽ پوري مهيني کان پوءِ اميگريشن وارن جي مقرر ڪيل ڪورٽ ۾ مسافرن طرفان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن جي لاءِ مسافرن طرفان موڪليل هڪ نوجوان هاري منشي سنگهه ڪورٽ ۾ پهتو. ان مهيني اندر گردت سنگهه ۽ ڪناري جي سکن وڪيلن ۽ ڪورٽ جي في پنج هزار ڊالر ۽ جهاز جي جپاني مالڪ کي پنهنجو جهاز بندرگاهه ۾ وڌيڪ ڏينهن بيهارڻ لاءِ ويهه هزار ڊالر گڏ ڪيا. ”اسين برطانيا راڄ جا شهري آهيون،“ گردت سنگهه چيو، ”۽ اسان جو اهو حق آهي ته برطانيا سلطنت جي ڪنهن به حصي جو سير ڪريون. هي اسان جي طرفان ٽيسٽ ڪيس آهي ۽ اسان کي جيڪڏهن ڪئناڊا ۾ رهڻ جي اجازت نه ڏني ويئي ته اها ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿيندي.“
    ڪورٽ اهو ئي فيصلو ڏنو ته منشي سنگهه يا ڪنهن به انڊين کي ڪئناڊا اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جو هنن ملڪي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هڪ ته جهاز ڊئريڪٽ انڊيا مان پئسينجر کڻي نه نڪتو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته منشي سنگهه کي ٽئڪس ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل ٻه سؤ ڊالر به نه آهن. ننڍي ڪورٽ جي فيصلي خلاف ڪئناڊا جي وڏي ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ويئي. ان به ساڳيو فيصلو ڏنو ته مسافرن سوڌو جهاز هتان هليو وڃي. پر جهاز وڃن بدرران اتي ئي بيٺو رهيو.
    21 جولاءِ تي ڏيڍ سؤ کن سپاهي گن بوٽن ۾ ڪوما گاتا جهاز وارن کي هتان وڃڻ لاءِ زور ڀريو ۽ ڪجهه هٿ چراند به ٿي نتيجي ۾ جهاز جي مسافرن پوليس تي پٿراءُ به ڪيو (پٿر ته جهاز تي موجود نه هئا پر جهاز جا بائلر ٻارڻ لاءِ جيڪي پٿرن جهڙ اڪوئلا هئا اهي هنيا.) ان ڏينهن پوليس موٽي ويئي ۽ پوءِ 23 جولاءِ تي صبح ساڻ نيول فوج جي وڏي اٽالي ڪوما گاتا جهاز کي ڇڪي کلئي سمنڊ ۾ ڦِٽو ڪري آيو ته ايشيا ڏي واپس روانو ٿي وڃي.
    ڪوما گاتا جهاز جي مسافرن سان جيڪو ڪئناڊا جي حڪومت برتاءُ ڪيو، اِن اُن وقت جي وزيراعظم لائوريئر کي دنيا اڳيان تمام گهڻو ڏٺو ڪيو جو هنن هزارين گورن يورپين کي ته ڪئناڊا ۾ اچڻ ڏنوپئي پر 376 سکن کي ٽڪڻ نه ڏنو.
    مٿين جهاز ۽ ان ۾ سوار ٿيل مسافرن جي شايد قسمت سٺي نه هئي جو ڪئناڊا کان ساڳيا پير کڻي موٽڻ تي مهيني ڏيڍ جو سفر ڪري اهو جهاز جڏهن هانگ ڪانگ پهتو ته اتي جي حڪومت به هن جهاز کي بندرگاهه ۾ گهڙڻ نه ڏنو. کيس پري کان ئي ڀڄائي ڪڍيو. ان بعد هفتي ڏيڍ جي وڌيڪ سفر بعد جڏهن جهاز سنگاپور پهتو ته اتي به سندس نصيب ۾ اها ڪار گذاري ٿي جيڪا هانگ ڪانگ ۽ وئنڪوئر ۾ ٿي هئي. اتان پوءِ ملاڪا جو ڳچي سمنڊ ۽ خليج بنگال لتاڙي جهاز 26 سيپٽمبر تي ڪلڪتي جي ويجهو پهتو. انهن ئي ڏينهن ۾ پهرين جنگ عظيم جو اعلان ٿي چڪو هو ۽ نيويءَ جي جهازن هن جهاز کي ڪلڪتي ڏي وڌڻ بدران جهاز ۾ سوار مسافرن کي باغي ۽ برطانيا حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ وارا قرار ڏيئي، کين ڪلڪتي کان پري ”بج بج“ نالي هڪ ننڍڙي بندرگاهه ڏي ڌڪي ڇڏيو، جتان انگريز راڄ جي حڪومت کين ريل گاڏيءَ ذريعي پنجاب روانو ڪرڻ ٿي چاهيو. پر سکن ڪلڪتي وڃڻ چاهيو ٿي. هنن جو چوڻ هو ته هنن سان جيڪو گرو گرنٿ صاحب _(سکن جو ڌرمي ڪتاب) ساڻ آهي، ان کي هو پنهنجن هٿن سان ڪلڪتي جي وڏي گوردواري ۾ رکڻ ٿا چاهين. هنن جي اها ڳالهه مڃڻ کان سرڪار انڪار ڪيو، جنهن جي ردعمل ۾ سکن ڪافي ضد ڪيو. حڪومت جي سپاهين گوليون هلايون. ان جهيڙي ۾ ويهه سک مارجي ويا ۽ ٻيا قيد ڪيا ويا. ڪيترن کي ڦاهي ڏني ويئي. باقي بچيلن کي به جيل ۾ سخت جسماني ۽ ذهني تڪليفون ڏنيون ويون. گردت سنگهه لڪي ويو ۽ ست سال غائب رهيو. تانجو 1922ع ۾ گانڌيءَ (موهن داس) جي ايلاز منٿن تي هو ”هڪ سچي حب الوطن“ جي حيثيت سان پوليس اڳيان اچي پيش ٿيو. کيس پنج سالن جي ٽيپ اچي ويئي.
    انڊيا کي 1947ع ۾ انگريزن طرفان آزادي ملڻ بعد هندستان ۾ جيڪو پهريون پهريون يادگار ٺاهيو ويو اهو 1951ع ۾ بج بج جي شهر ۾، ”ڪوما گاتا- مارو“ جهاز جي هنن سک مسافرن جي قتلام جي ياد جو هو ۽ هوڏانهن دنيا جي ٻئي پوڇڙ تي، يعني وئنڪوئر ۾ جتي منهنجو ٻن ڏينهن کان پوءِ پاڻي واري جهاز بدران هن ڀيري هوائي جهاز ۾ مسافر جي حيثيت سان وڃڻ ٿي رهيو هو، اتي جي ٽڪاڻي (سکن جي گوردواري) ۾ هن بدنصيب حادثي جي ياد ۾ تختي لڳل آهي، جيڪا ڪوما گاتا مارو جهاز جي وئنڪوئر مان نڪرڻ واري تاريخ کان پوءِ پورن 75 سالن بعد 23 جولاءِ 1989ع تي لڳائي ويئي هئي. هن تختيءَ تي هيٺين عبارت درج ٿيل آهي:
    Komagata Maru Incident 75th Anniversary. Dedicated to the Memory of the 376 Passengers (340 Sikhs, 24 Muslims, 12 Hindus) who arrived at Burrard inlet, Vancouver on May 23, 1914, from the Indian sub-continent on the ship Komagata maru (Guru Nanak Jahaz). Due to the racist immigration policy of the Dominion of Canada, they were forced to leave on july 23, 1914. Khalsa Diwan Society, Vancouver, pays respect to those passengers by commemorating the resprehensible incident.


    هن جهاز تي ٺهندڙ فلم ۾ اميتاڀ بچن ڪم ڪندو

    ڪوما گاتا جهاز تي ڪئناڊا ايندڙ سکن جي ياد ۾ وئنڪوئر جي گوردواري ۾ لڳل ڪتبو (Plaque) پڙهڻ تي ياد آيو ته هن جپاني جهاز (Komagata) جو، جهاز ۾ سوار سکن، ”گرو نانڪ جهاز“ نالو رکيو هو. جهاز جي مسافرن جي مدد لاءِ وئنڪوئر جي سکن جي جماعت ”خالصا ديوان سوسائٽي“ هڪ ڪناري جي ڪميٽي (Shore Committee) ٺاهي، جنهن ۾ سوهن لال پاٺڪ جهڙا هندو ۽ حسين رحيم جهڙا مسلمان پڻ شامل هئا ۽ هن ڳالهه کي نه فقط سکن سان ڏاڍائي سمجهي ويئي ٿي پر سڄي هندستان جي ماڻهن جي بي عزتي ۽ گهٽتائي سمجهي ويئي ٿي. ان سلسلي ۾ وئنڪوئر جي Dominion Hall ۾ انڊين جي هلندڙ هڪ ميٽنگ ۾ اهو اعلان ڪيو وي ته گرو نانڪ جهاز (ڪوما گاتا- مارو) جي مسافرن کي ڪئناڊا جي ڪناري تي لهڻ جي موڪل نه ڏني ويئي ته اسين (Indo- Canadians (ڪئناڊا ۾ اڳ جا Settle ٿيل انڊين هندو، مسلمان، سک عيسائي) هي ملڪ ڇڏي انڊيا هلي انگريز حڪومت جي خلاف غدر (بغاوت) ڪنداسين. علي ڪاظمي نالي هڪ فلم ٺاهيندڙ جنهن جي وڏن جو اصل ملڪ ته هندستان هو پر پاڻ ڪئناڊا ۾ ڄائو، سکن جي هن ٽريجڊي ۽ گورن انگريزن جي ايشيا جي ماڻهن لاءِ نفرت جي ڪهاڻي Continuous Journey نالي پنهنجي فلم ۾ پيش ڪئي آهي. هن فلم جي ڪهاڻي سکن جي جهاز ڪوما گاتا جي چوڌاري ڦري ٿي. هن فلم ٺاهڻ ۾ علي ڪاظميءَ کي اٺ سال لڳي ويا ۽ 2004ع ۾ هيءَ فلم رليز ٿي هئي. هن فلم کي ڏهن کان مٿي دنيا جا ايوارڊ مليا آهن ۽ تازو هينئر ممبئي انٽر نيشنل فلم فيسٽيول ۾ به هن فلم Continuous Journey کي ايوارڊ مليو.
    هن ئي حادثي تي هڪ ٻي فلم “Exclusion” جي نالي سان، ديپا مهتا ٺاهي رهي آهي، بلڪه ڄاڻ ته رليز به ٿي ۽ منهنجي هن ڪالم جو اخبار ۾ ڇپجڻ جو وارو به پوءِ اچي. ديپا مهتا جا وڏا پڻ انڊيا جا آهن پر پاڻ ڪئناڊا جي سٽيزن آهي. ديپا ڪيترين ئي فلمن جي ڊائريڪٽر آهي پر سندس ويجهڙائيءَ واري هندي فلم Water)) سندس گهڻي مشهوري ڪئي آهي، جنهن تي کيس 79 هين سالياني اڪيڊمي ايوارڊس تي Oscar ايوارڊ مليو. هن فلم جي مقابلي ۾ فائنل تائين ڊئنمارڪ جي فلم After the Wedding ، الجيريا جي Days of Glory ۽ جرمني جي The Lives of Others فلمون رهيون.
    ديپا دهلي يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد ٻارن جي فلمن جون ڪهاڻيون لکڻ سان فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ڊائريڪٽر جي حيثيت سان سندس پهرين فلم Sam & Me آهي، جيڪا 1991ع ۾ ٺاهيائين، جنهن جو مرڪزي ڪردار اوم پوري“ آهي. هيءَ فلم هڪ نوجوان مسلمان ڇوڪِري ۽ وڏي عمر جي يهودي همراهه، جيڪو ٽورنٽو، ڪئناڊا ۾ رهي ٿو، جي وچ ۾ دوستي ۽ وهنوار جي چوڌاري ڦري ٿي. 1991ع واري فرينچ (ڪئنيز فلم) فيسٽيول ۾ جيتوڻيڪ هن فلم کي انعام نه مليو پر واکاڻي ضرور وئي.
    1994ع ۾ ديپا مهتا جي فلم “Camilla” ميدان تي آئي جنهن ۾ هن برجٽ فونڊا ۽ جيسيڪا ٽانڊي کي گڏ گڏ آندو آهي. سندس 1996ع واري فلم “Fire” جنهن ۾ هن انڊيا جي مشهور اداڪارائن: شبانا عاظمي ۽ ننديتا داس کي کنيو Lesbianism واري ڪهاڻي ڪري ڪافي بحث ۽ گوڙ فساد مچايو، ان بعد 1998ع ۾ سندس فلم 1947: Earth آئي، جنهن ۾ 1947ع واري ورهاڱي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ پارسي نوجوان ڇوڪريءَ جي احساسن تي مبني آهي.
    بهرحال ديپا مهتا کي دنيا ۾ مشهور ڪرائڻ واري Water آهي، جنهن بابت ڪجهه خبر چار آخر ۾ ڪيون ٿا.
    اڄ ڪلهه ديپا مهتا ڪوما گاتا جهاز واري ٽريجڊي تي تاريخي فلم ٺاهي رهي آهي، جنهن جو نالو Exclusion رکيو اٿس. هن فلم ۾ ديپا جان ابراهام کان علاوه اميتاڀ بچن کي به رکڻ چاهي ٿي جيڪو شايد گردت سنگهه جو ڪردار ادا ڪري. بقول ديپا جي ”آئون اکيون ٿي بند ڪريان ته مون کي اميتاڀ بچن ڪوما گاتا جهاز تي نظر ٿو اچي.“
    بابا گردت سنگهه سرهالي جنهن سکن کي ڪئناڊا پهچائڻ لاءِ جپاني جهاز ڪوما گاتا چارٽر ڪيو ان تي ٻه اکر لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته سنڌي هندن وانگر سکن به هميشه جستجو ڪئي آهي، جڏهن ته اسان جي مسلمان ڀائرن هڪ سئو سالن بعد به ٻاهر نڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي ته سکن جا پيئر ۽ ڏاڏا سنگاپور، ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ کان ه پري آمريڪا ۽ ڪئناڊا کان وڃي نڪتا هئا. ان سلسلي ۾ هڪ آمريڪي ڪانگريس مئن سک جي ڳالهه پهرين واري آمريڪي سفر نامي: ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ به ڪري چڪو آهيان ته هو ڪيئن پنجاب جي هڪ ڳوٺڙي کان آمريڪا پهتو، جتي وڌيڪ تعليم حاصل ڪري جج ٿيو ۽ آخر ۾ ڪانگريس مئن يعني آمريڪا جي نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر به ٿيو.
    گردت سنگهه (جنهن جو پارٽ اميتاڀ بچن، ڪوما گاتا جهاز واري ٽريجڊي تي ديپا مهتا جي ٺهندڙ فلم ۾ ادا ڪندو) پنجاب جي امرتسر ضلعي جي هڪ ڳوٺ سار هالي ۾ 1890ع ۾ ڄائو. گردت سنگهه جو ڏاڏو رتن سنگهه خالصا فوج ۾ وڏي رئنڪ وارو مليٽري آفيسر هو ۽ انگريزن ۽ سکن جي وچ ۾ لڳل لڙائين (Anglo- Sikh Wars) ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن انگريزن طرفان ملندڙ جاگير جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بعد ۾ سندس پٽ يعني گردت سنگهه جي پيءُ حڪم سنگهه ملايا ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ٺيڪيداريءَ جا ڪم ڪندو رهيو.
    گردت سنگهه، پٺيان پنجاب ۾ رهي، ڪا خاص تعليم حاصل نه ڪئي. ان بعد 1885ع ۾ هو پنهنجي پيءُ وٽ ملايا ۾ وڃي رهيو، جتي هو به پنهنجي پيءُ وانگر ملايا ۽ سنگاپور ۾ ٺيڪيداري ڪندو رهيو، جتان پوءِ 1911ع ۾ پنهنجي وطن پنجاب ۾ موٽي Forced Labour (غريب عوام کان زوريءَ مزوري ڪرائڻ) جي سلسلي ۾ انگريز حاڪمن خلاف آواز اٿاريو. جڏهن هن کي حڪومت طرفان ڪو جواب نه مليو ته هن 1911 ۾ پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي سرڪاري بيگر وهڻ کان انڪار ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. ان بعد هانگ ڪانگ پهچي 1914ع ۾ هڪ جپاني جهاز Komagata Maru ڪجهه مدت لاءِ مقاطي تي ورتو ۽ ان جو نالو ”گرو نانڪ جهاز“ رکي سکن کي ڪئناڊا پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي ناڪاميابي ۽ مغرب جي گورن جي ايشيا جي عوام لاءِ نفرت جي ڪهاڻيءَ جو احوال شروع ۾ ٿي چڪو آهي.
    جهاز جي ڪلڪتي موٽڻ تي انگريز حڪومت جي پوليس طرفان هن جهاز جي مسافرن تي هلندڙ گولي ۽ سختيءَ ۾ ڪيترائي مسافر مارجي ويا. ڪيترن تي حڪومت خلاف بغاوت جو ڪيس هلائي کين ڦاهي ڏني ويئي يا جيلن ۾ سخت پورهئي سان بند ڪيو ويو. گردت سنگهه لڪي ويو ۽ ڪيترائي سال انڊر گرائونڊ رهيو. تان جو 1920ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جي صلاح تي هو ظاهر ٿيو ۽ نانڪانا صاحب ۾ اچي پيش پيو. کيس پنج سال ٽيپ اچي ويئي، جيڪا پوري ڪرڻ بعد زندگيءَ جا باقي ڏينهن ڪلڪتي ۾ گذاريا، جتي هن جو 24 جولاءِ 1954ع تي موت ٿيو. هندستان ۾ توڙي دنيا جي سکن لاءِ هو هڪ سچو محب وطن ۽ انسانن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ غريبن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاريندڙ مڃيو وڃي ٿو. هن جي چارٽر ڪيل جهاز جي ڏکوئيندڙ واقعي جي ياد ۾ نه فقط وئنڪوئر جي ٽڪاڻي ۾ يادگار پليٽ لڳل آهي پر وئنڪوئر جي وچ شهر ۾ پڻ ڪتبو لڳل آهي، جنهن تي هي سٽون درج آهن:
    On May 23, 1914, 376 British Subjects (12 Hindus, 24 Muslims and 340 Sikhs) of Indian origin arrived in Vancouver harbour aboard the Komagata Maru, seeking to enter Canada. 352 of the passengers were denied entry and forced to depart on july 23, 1914. This plaque commemorates the 75th anniversary of that unfortunate incident of racial discrimination and remind Canadians of our commitment to an open society in which mutual respect and understanding are honoured, differences are respected, and traditions are cherished.
    اها Plaque (يادگار ڪتبو) هن جهاز جي حادثي جي 80 هين ورسيءَ تي 1994ع ۾ لڳائي ويئي هئي.


    ٽوڪيو يونيورسٽيءَ جو پروفيسر برڪت الله ۽ ڪوما گاتا تي لکيل ڪتاب

    گرو نانڪ جهاز (Komagata Maru) جي هڪ ٻه ٻيون مزيدار ڳالهيون جيڪي پڻ پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي لکي رهيو آهيان. 1914ع ۾ سکن جو هي جهاز ڪئناڊا ويندي واٽ تي جڏهن جپان جي بندرگاهه يوڪو هاما ۾ پهتو ته اتي محمد برڪت نالي هڪ پروفيسر جهاز جي مسافرن سان اچي مليو هو. هي پروفيسر محمد برڪت الله ٽوڪيو يونيورسٽيءَ ۾ اڙدو جو پروفيسر هو. هندستان توڙي هندستان کان ٻاهر سندس وڏي عزت هئي ۽ کيس عظيم استاد (The Great Teacher) سڏيائون ٿي. سندس پورو نالو مولوي عبدالحافظ محمد برڪت الله هو. پاڻ مڌيا پرديش پرڳڻيءَ جي شهر ڀوپال ۾ 1854ع ۾ ڄائو ۽ 73 ورهين جي ڄمار ۾ 1927ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ انگريز حڪومت جي سخت خلاف، انقلابي جوان هو. برڪت الله انڊيا کان ٻاهر رهي پنهنجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جوشيليون تقريرون ڪندو هو يا دنيا جي مشهور اخبارن ۾ انگريز حڪومت خلاف مضمون لکندو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن پنهنجي جيئري پنهنجي ملڪ کي آزاد ٿيندو نه ڏٺو پر سندس جدوجهد ملڪ جي آزاديءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم آئي.
    پرائمري تعليم ڀوپال مان حاصل ڪرڻ بعد برڪت الله اعليٰ تعليم ممبئي ۽ لنڊن مان حاصل ڪئي. هو بيحد ذهين شاگرد هو ۽ هر تعليم لاءِ هن کي اسڪالر ملندي رهي. هن کي ست زبانون آيون ٿي: عربي، فارسي، اردو، ترڪش، انگريزي، جرمن ۽ جپاني. 1906ع ۾ برڪت الله نيو يارڪ ۾ به آيو هو ۽ 34 نمبر گهٽيءَ ۾ گهر نمبر هڪ West ۾ هڪ مرهٺي ڪرسچن سئميوئل ليوڪس سان ملي Pan Aryan Association ٺاهي.
    برڪت الله جو آگسٽ 1907ع ۾ نيو يارڪ Sun اخبار ۾ ڇپيل خط تمام مشهور آهي، جنهن ۾ برڪت الله انگريز حڪومت تي وڏا ڇوهه ڇنڊيا آهن ته انگريز اسان مسلمانن ۽ هندن کي پاڻ ۾ ويجهو ٿيندو ڏسي ڊڄي ويا آهن ۽ هاڻ اهو ڏينهن پري ناهي جو ننڍي کنڊ جا هندو ۽ مسلمان هڪ ٿي انگريزن کي اسان پنهنجي ڌرتي ماءُ تان تڙي ڪڍنداسين.
    اخبارن ۾ لکڻ کان علاوه برڪت الله جا مضمون پئمفليٽن جي شڪل ۾ انڊيا ۾ ورهايا ويندا هئا، جيڪي لٿو گرافي (هٿ جي مشينن) ذريعي ڇپيا ويا ٿي. انهن ۾ ٻه بيحد مشهور آهن هڪ The Suordislast Resort ۽ ٻيو اردوءَ ۾ ”فرنگي ڪا فريب“. برڪت الله 1927ع ۾ سئن فرانسسڪو ۾ وفات ڪئي، جتان هن جي لاش کي سئڪرامينٽو شهر (ڪئليفورنيا) جي مسلم قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
    هندستان جي آزادي بعد، بلڪ ڪافي سالن بعد 1988ع ۾ ڀوپال يونيورسٽيءَ جو نالو بدلائي حافظ برڪت الله ڀوپاليءَ نالي ”برڪت الله يونيورسٽي“ رکيو ويو.
    آخر ۾ هن بدنصيب جهاز ڪوما گاتا جي هن واقعي بابت ڪجهه ڪتابن جا نالا پڻ لکان ٿو جن ۾ تفصيلي احوال پڙهي سگهجي ٿو.
    Hugh J.M. Johnston جو آڪسفورڊ يونيورسٽي دهلي طرفان ڇپيل ڪتاب:
    The Voyage of the Komagata Maru: The sikh Challenge to Canada’s Colour Bar
    ڪيسر سنگهه جو ڪئناڊا ۾ 1989ع ۾ ڇپيل ڪتاب:
    Canadian Sikhs & Komagata Massacre
    مئڪ گِل – ڪئين يونيورسٽي پريس، مانٽرريل طرفان 1990ع ۾ پيٽر وارڊ جو لکيل ڪتاب:
    “The Komagata Maru Incident”
    (Popular Attitudes & Public Policy Towardds Orientals In Brtish Columbia- Canada).
    ڪيسر سنگهه جو پنجابي (يعني گرمکي) ۾ لکيل ”ڪوما گاتا مارو“ ناول. هي ناول 1993ع ۾ پٽيالا ۾ ڇپيو.
    ان جهاز جي واقعي تي پنجابي ۾ هڪ ٻيو ناول هرچرن سنگهه جو به لکيل آهي، جنهن جو نالو: ”ڪوما گاتا مارو- قومي دکنتا“ آهي، جيڪو چنديڳڙهه ۾ رگهبيرا رچنا پراڪاشنا وارن 1985ع ۾ ڇپيو ۽ ان تي ڊرامو پڻ ٺاهيو.
    ان قسم جو اسٽيج ڊرامو (Play) ڪئناڊا پريس ٽورنٽو وارن پڻ ڪئناڊا مان ڇپيو جيڪو Sharon Pollock لکيو ۽ نالو اٿس: The Komagata Incident,
    هي سن 1992ع ۾ ڇپيو.
    هن جهاز جي واقعي بابت هڪ ناول اتر پرديش جي ڪرنٽيڪاري پريس طرفان 1970ع ۾ هندي زبان ۾ ڇپيو جنهن جو نالو آهي: ”ڪوما گتا جهاز ڪي سمندر ياترا“
    سکن جي جهاز جي ٽرئجڊي جي ڳالهه پڙهي توهان کي به ڏک ٿيندو هوندو ۽ ساڳي وقت هنن جي همٿ کي سارهائيندا هوندائو ته اڄ کان هڪ سئو سال اڳ جڏهن نه اهڙا سٺا جهاز هئا ۽ نه سمنڊ تي بچاءُ جا طريقا، ان دور ۾ هنن جو هيڏو وڏو سفر ڪرڻ، سو به ان ملڪ ڏي جيڪو هنن جي آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، وڏي دل ۽ جگر جي ڳالهه آهي ۽ ان جو بندوبست ڪرڻ وارو گردت سنگهه توڙي مسافر قومي هيرو جو درجو رکن ٿا- پر پنهنجي ملڪ لاءِ يعني ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ، اهي ساڳيا ماڻهو ڪئناڊا يا برطانيا وارن لاءِ ته عجيب بيوقوف ۽ مٿي جا سور سمجهيا ويا ۽ سمجهيا وڃن ٿا.
    جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ ڪئناڊا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ اسان جهازين جي ڪنهن ڪانفرنس ۾ يا شايد سئيڊن ۾ پوسٽ گريجوئيشن وارن ڏينهن ۾ هڪ گروپ Discussion ۾ جڏهن سکن جي هن جهاز ڪوما گاتا (جنهن جو سکن نئون نالو گرو نانڪ جهاز رکيو) جي ڳالهه نڪتي ته مون ڏٺو ته سڀني يورپين ان سفر کي غلط قرار ڏنو. ويندي جرمن جهازين به. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ جرمني وارن جون انگريزن تي باهيون هجڻ ڪري هنن سکن جي Case جو پاسو کنيو هو ۽ کين انگريزن خلاف اڀاريو هو.
    هڪ انگريز جهازي ڪئپٽن چيو ته اهي سک جهڙا اڄ چريا آهن، تهڙا سندن اڄ کان سئو سال اڳ ڪم هئا. پنهنجو پاڻ کي به تڪليف ۾ وڌائون ته اسان انگريزن کي به بدنام ڪيائون. ”اڄ ڏينهن تائين دنيا ان ڳالهه ڪري اسان کي گاريون ڏئي ٿي ته توهان گورن رنگ ۽ قوميت جي بنياد تي انسان ذات سان ظلم ڪيو.“
    ان ئي ميٽنگ ۾ يا شايد برطانيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾، سکن جي ان جهازي سفر جي ڳالهه نڪتي ته ڪئناڊا جي هڪ گوري، سکن جي ان ائڊوينچر کي سراسر بي وقوفي قرار ڏيندي چيو ته هر ڳالهه مڃائڻ جو ڪو طريقو ٿيندو آهي. ڪئناڊا جي حڪومت جيڪڏهن انڊيا جي رهاڪن لاءِ ڪئناڊا ۾ اچڻ لاءِ دروازا بند ڪيا ته ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته بنا سوچي سمجهي ڀاڙا ڀري، جهاز ڪاهي، ڌارئين ۽ ڏورانهين ملڪ ۾ پهچي اتي جي اميگريشن پوليس تي پٿر بازي ڪجي ۽ هر حال ۾ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ کپي. جهاز وارن کي بندرگاهه ۾ گهڙڻ جي اجازت وٺي پوءِ پنهنجي وطن مان لنگر کڻڻ کپي. هي ڪهڙو طريقو هو ڪئناڊا جي قانون جو مقابلو ڪرڻ جو؟ ۽ پوءِ هن ان سلسلي ۾ سکن جو هڪ چرچو ٻڌايو:
    ”هڪ سک کان پڇيو ويو ته تون شينهن کي ماري سگهين ٿو؟“
    ”جي ها!“ هن وراڻيو، ”ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي.“
    ”ڪيئن ڀلا؟“ هن کان پڇيو ويو.
    ”جنگل ۾ وڃي آئون زهر کائي ويهي رهندس. جيئن ئي شينهن مون کي کائيندو ته هو به مري ويندو.“ سک ٻڌايو.
    سو هتي به سکن ان قسم جو طريقو استعمال ڪيو، جنهن ۾ پاڻ به مئا ٻين کي به بدنام ڪيائون.
    بهرحال اهو انگريزن ۽ ڪئناڊا جي گورن جو Point of view آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هو Port Permission جو رواج ۽ ڪٿي هو Port Control؟ ماڻهو پئي آيا ويا. گورا يورپي ته جنهن بندرگاهه ۾ آيا ٿي ان تي قبضو ڪري ويهي ٿي رهيا. ڇو جو هنن وٽ بندوقون ۽ بم هئا. اسين ايشيائي ۽ آفريقي ٽيڪنيڪلي پٺتي هئاسين. ان ڪري تڏهن (۽ اڄ به) بيروزگاري ۽ بک کي منهن ڏيڻ لاءِ دردر پورهئي لاءِ ٿي وياسين ته به اسان کي ڪنهن قبول نٿي ڪيو ۽ اسان جي هر ڳالهه تي ٺٺولي ڪئي ويئي ٿي ۽ هر ڪم کي نِنديو ويو ٿي.


    سکن جي بدنصيب سفر تي نئين فلم


    هندستان ۾ پيدا ٿيندڙ، ڪئناڊا جو پاسپورٽ رکندڙ اڄ جي دنيا جي مشهور فلم ڊائريڪٽر ۽ ڪهاڻي لکندڙ ديپا مهتا لاءِ لکي چڪو آهيان ته هوءَ 1914ع ۾ ڪئناڊا جي سفر تي سکن جي نڪتل جپاني جهاز Komagata- Maru (جنهن جو سکن نئون نالو گرو نانڪ جهاز رکيو هو) تي فلم ٺاهي رهي آهي، جنهن فلم جو نالو هن Exclusion رکيو آهي. ديپا هن فلم لاءِ مشهور انڊين ائڪٽر اميتاڀ بچن، جان ابراهام، سيما بسواس، ڪبير بيدي ۽ برطانيا جو مشهور ائڪٽر ٽيرينس اسٽئمپ چونڊيو آهي. هن فلم جي ميوزڪ اي. آر رحمان ڪمپوز ڪندو. هن فلم جي ڪهاڻي ڪوما گاتا جهاز جي بدنصيب سفر تي ٻڌل آهي. اهو بدنام واقعو مغرب جي گورن جي ايشيا جي ڪارن لاءِ نفرت جي جذبي جي پت وائکي ٿو ڪري ته ڪيئن ڪئناڊا ۽ آمريڪا وارن پنهنجي ملڪ ۾ ايشيا جي ماڻهن کي اچڻ کان روڪڻ لاءِ ”روڪٿام جا قانون“ (Exlusion Laws) ٺاهيا. شايد انهن Exclusion جي قانونن تان ئي هن فلم جو اهو نالو رکيو ويو آهي.
    جان ابراهام انڊيا جو ڪرسچن آهي، جيڪو پهرين ماڊل طور مشهور ٿيو هاڻ بالي ووڊ جو ائڪٽر آهي. سندس گذريل سال جي فلم ڪرم جو احوال مون پنهنجي انڊيا واري سفر نامي ”دهلي جو درشن“ ۾ ڏنو آهي، جنهن کي دهليءَ ۾ ڏسڻ جو موقعو مليو. جان ابراهام جو پيءُ سائوٿ انڊيا جو مليالي ڳالهائڻ وارو ”سينٽ ٿامس“ آهي ۽ ماءُ ”فيروزه ايراني“ ممبئي جي ايراني ڪميونٽيءَ جي پارسي (Zoroastrian) آهي. پارسي ٻاهرين قوم سان شادي نه ڪندا آهن. ٿامس جو فيروزه سان عشق ٿيو ۽ ماٽٽن کان لڪي ٻنهي ڄڻن بقول سنڌي اخبارن جي، ”پيار جو پرڻو“ ڪيو، ٻنهي جا مائٽ ساڻن پهرين ٻار جان (John) جي ڄمڻ تائين ناراض رهيا. جان ابراهام جو ڄمڻ وقت نالو فرحان رکيو ويو پر پيءُ کيس ”جان“ سڏڻ لڳو ۽ اهو نالو مشهور ٿي ويو. پاڻ ممبئي مان MBA ڪيائين. سندس پهرين انڊين فلم ”جسم“ آهي. ويجهڙائيءَ واريون فلمون: ڌوم، گرم مصالحا ۽ ٽئڪسي نمبر 9211 آهن. ان کان علاوه سندس رليز ٿيل فلمون آهن: بابل، ڪابل ايڪسپريس، سلام عشق، A Tribute to Love. سندس مڱڻو بالي ووڊ جي هڪ اداڪاره بپاشا باسو سان ٿي چڪو آهي.
    سکن جي جهاز ڪوما گاتو تي ديپا مهتا جي ايندڙ فلم Exclusion ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا سيما بسواس اها آهي، جيڪا 1994ع جي انڊين فلم Bandit Queen ۾ ڦولن ديوي ٿي هئي ۽ کيس 1996ع جو بهترين اداڪارا جو نيشنل فلم ايوارڊ مليو هو. سيما بسواس کي ديپا مهتا جي فلم Water ۾ پڻ بهترين ائڪٽريس جو Genie Award ملي چڪو آهي، جنهن فلم ۾ هن شڪنتلا جو رول ادا ڪيو آهي.
    Exclusion فلم ۾ ديپا مهتا، بين الاقوامي ناموس جو انڊين اداڪار ڪبير بيدي به آڻي پيئي، جنهن جي ڪجهه فلمن ۽ ٽي وي سيريز کان مغرب (يورپ ۽ آمريڪا) جا ماڻهو پڻ واقف آهن، جيئن ته جيمس بانڊ جي فلم Octopussy ۾ ڪبير بيديءَ ”گوبندا“ جو رول ادا ڪيو آهي. ٽي وي سيريل Sandokan ۾ شنڊوڪان جا رول ۽ The Bold & Beautiful ۾ هو شهزادو عمر رشيد ٿيو آهي.
    ڪبير بيدي ممبئي جي هڪ پنجابي سک فئملي ۾ 1946ع ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ، بعد ۾، ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. ڪبير بيديءَ جون گهٽ ۾ گهٽ ٽي زالون ۽ ڪيترائي ٻار آهن، سندس هڪ زال ته ڊانسر پروتيما هئي، جنهن مان ڌيءَ پوجا انڊين فلمن ۾ ائڪٽريس رهڻ بعد هاڻ اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکي ٿي. ان زال مان ٻيو ٻار سڌارٿ نالي پٽ آهي، جيڪو هتي آمريڪا جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو پر ذهني طرح ڊسٽرب هجڻ ڪري 1997ع ۾ (ڇهويهه ورهين جي ڄمار ۾) خودڪشي ڪري ڇڏي.
    جيئن ئي ڪبير جي پروتيما سان اڻ بڻت شروع ٿي ته هن جا پروين بابيءَ سان ويجها تعلقات شروع ٿي ويا. سندن شادي نه ٿي. ان بعد هن جي شادي برطانيا جي هڪ فيشن ڊيزائينر عورت سوسا همفيريءَ سان ٿي. هيءَ شادي اڳتي هلي طلاق جي صورت ۾ ختم ٿي. ان بعد ڪبير جي شادي مشهور ٽي وي ۽ ريڊيو ڪمپيئر نِڪيءَ سان ٿي. ان دور ۾ هو ٻئي ڌار ڌار مختلف ملڪن ۽ شهرن جا سير ڪندا رهيا ۽ ٻنهي اهو سوچي ته اهڙي شاديءَ مان ڪهڙو فائدو، هڪ ٻئي جي رضامندي سان هميشه لاءِ الڳ ٿي ويا.
    ڪبير بيدي سٺ کن هندي فلمن ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي. ڪچي ڌاڳي، منزلين اور ڀي هين، خون ڀري مانگ، سندس مشهور فلمن مان آهن. هن فيروز خان جي فلم يلگار ۾ مافيا جي شهنشاهه (Don) جو به رول ادا ڪيو آهي. منهنجي دلپسند اداڪارن مان هو هڪ آهي. هاڻ ڏسجي ته سکن جي جهاز جي بدنصيب سفر واري فلم Exclusion ۾ هو اميتاڀ بچن ۽ جان ابراهام سان ڪيئن ٿو اداڪاري ڪري ۽ ديپا مهتا به هيستائين پنهنجين فلمن ارٿ، فائر يا واٽر ۾ رڳو پنهنجي اباڻي وطن انڊيا جي سماجي مسئلن جي اپٽار ڪري مغرب ۾ انڊيا ۽ انڊيا جي رهاڪن کي خوار ڪيو آهي. هاڻ ڏسجي ته هن نئين فلم Exclusion ۾ هوءَ ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي گورن کي خوار ڪري ٿي يا نه جن تعصب کان ڪم وٺندي اهڙا ظالم قانون ٺاهيا، جن جي هيٺ سندن ڀائيبند ته يورپ کان لڏي ڪئناڊا اچي سگهيا ٿي پر ننڍي کنڊ جي غريب بيروزگارن کي پورهئي ۽ مزوريءَ لاءِ اچڻ تي پابندي لڳي ٿي.
    اهو لکڻ رهجي ويو ته هن فلم Exclusion جا گانا جاويد اختر لکيا آهن ۽ ميوزڪ اي آر رحمان جي آهي. جاويد اختر انڊيا جي مشهور اردو شاعر جان نثار اختر جو پٽ ۽ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا شبانا عاظمي جو مڙس آهي. شبانا کان اڳ جاويد اختر جي شادي هندي فلمن جي ڪهاڻي نويس ”هني ايراني“ سان ٿي هئي، جنهن مان کيس ٻه ٻار فرحان اختر، فلم ڊائريڪٽر ۽ زويا اختر آهن.
    فلم جو ميوزڪ ڊائريڪٽر اي آر رحمان (الله رکيو رحمان) اڄ ڪلهه نه فقط انڊيا ۾ پر سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. پاڻ سائوٿ انڊيا جي شهر چينائي(مدراس) ۾ 1967ع ۾ دليپ ڪمار جي نالي سان ڄائو. پاڻ مليالم فلمن جي ڪمپوزر سيکر مڌاليار جو اڪيلو پٽ آهي.
    اي. آر رحمان جا سڄي دنيا ۾ هڪ سئو ملين کان مٿي رڪارڊ ۽ ٻه سئو ملين کان مٿي ڪئسٽ وڪرو ٿي چُڪا آهن ۽ بقول ڊيلي ٽيليگراف جي اي آر رحمان ايشيا جو موزرٿ آهي. ڪيترا کيس Mozart Prom Madras به سڏين. کيس انڊيا حڪومت طرفان پدما شري ايوارڊ به ملي چڪو آهي.


    Water فلم جي تياري انڊيا بدران سري لنڪا ۾ ٿي

    انڊيا ڄائي ۽ هاڻ ڪئناڊا جي رهاڪو ديپا مهتا جيتوڻيڪ ڏهاڪو کن فلمون به نه ٺاهيون آهن پر هن جو بين الاقوامي فلمي دنيا ۾ وڏو نالو آهي. هن کي سڀ کان گهڻو مشهور سندس هندي فلم Water ڪيو، جيڪا نه فقط اعليٰ قسم جي فلم مڃي وڃي ٿي پر ان فلم ٺهڻ تي جيڪو انڊيا ۾ سياسي طرح گوڙ گهمسان ٿيو، ان سڄي دنيا جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو. انڊيا جي سياستدانن ۽ ٻاون پنڊتن کي ديپا سان اها شڪايت آهي ته هوءَ ڪئناڊا کان هلي ملي انڊيا ۾ انهن عنوانن تي فلمون ٺاهي ٿي، جنهن سان انڊيا جي بدنامي ٿئي. هوءَ انڊيا جون خراب ڳالهيون مغرب ۾ وڪڻي پئسو ڪمائڻ ۽ مغرب کي خوش ڪرڻ چاهي ٿي. هي ائين آهي، جيئن پاڻ وٽ ڪيترا ”سنڌ ۾ قرآن سان شاديءَ“ ۽ ”ڪارو ڪاريءَ“ تي حد کان وڌيڪ ڪتاب ۽ ڊاڪومينٽري فلمون ٺاهي سنڌ ۾ ۽ سنڌين کي خوار ڪري رهيا آهن. مڃيون ٿا ته اهي برائيون اسان جي معاشري ۾ آهن پر انهن کي ملڪ ۾ قاعدو قانون ٺاهي ان کي ختم ڪرڻ بدران ٻاهرين دنيا ۾ اهڙو Image ڏيڻ، ڄڻ ته اهو ڪم روز روز ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ پيو ٿئي. ان قسم جون برايون يا ان کان به وڌيڪ ڇا اڄ جي هن دور ۾ مغرب ۾ نه آهن؟ سو ديپا مهتا به پنهنجن پهرين ٻن فلمن Fire ۽ ِEarth ۾ ان قسم جون ڪهاڻيون ڏنيون آهن. فائر فلم ۾ ٻه مڊل ڪلاس عورتون جن کي پنهنجن مڙسن طرفان جنسي ڌيان نٿو ملي، اهي هڪ ٻئي جي ويجهو اچي پيار جي گرمائش جي لذت وٺن ٿيون. هاڻ انڊيا جهڙي مشرقي معاشري ۾ جتي عوام اڃان Kiss کي به سئنيما جي پڙدي تي قبول نٿو ڪري اتي Lisbanism جا نظارا ڏيکارڻ سان ظاهر آهي پبلڪ ۾ گوڙ مچندو. تتل عوام ان سئنيما کي ئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ هن فلم (فائر) جو پهريون شو هليو هو.
    ۽ هاڻ فلم Water ۾ 1930ع جي بيواهه (Widow) عورتن جي ڪهاڻي آهي. انهن ڏينهن ۾ ۽ اڄ به، ڪيتريون ئي هندو وڌوا عورتون، جن جا مڙس مريو وڃن ٿا، انهن کي رن زالن جي گهرن (Widow Houses) ۾ زبردستي اماڻيو وڃي ٿو. مڙس بنا هو بيڪار سمجهيون وڃن ٿيون. پوءِ اتي ڪي خيرات جي ماني تي گذر ڪن ٿيون ته ڪي لڪچوريءَ رنڊيون ٿي گذر سفر ڪن. ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکي ديپا هيءَ فلم “Water” ٺاهڻ شروع ڪئي جنهن جي Location انڊيا جي پاڪ شهر بنارس (جنهن جو نئون نالو واراناسي آهي) ۾ رکي ويئي جتي اڄ به گنگا جي ڪناري تي ڪجهه آشرم (Widow Houses) آهن، جن مان هڪ ”مير گهاٽ“ تي ڳنپٿي نالي آهي، جيڪو هن فلم جي شوٽنگ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.
    واٽر فلم جي شوٽنگ لاءِ سن 2000ع ۾ سڀ اداڪار ۽ ٽيڪنيشن عملو بنارس (واراناسي) پهچي ويو، حڪومت کان به اجازت ملي ويئي هئي پر پوءِ شوٽنگ شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 2000 کن Protestors وڏو هنگامو مچايو ۽ پٿراءُ ڪيو. فلم جا سمورا سيٽ ڀڃي گنگا ۾ لوڙهي ڇڏيا. ڏينهن ٻن بعد وري شوٽنگ جي تياري ڪئي ويئي ته وري مظاهرا شروع ٿي ويا. ٻاون پنڊتن سان گڏ ملڪ جي ڪجهه سياسي پارٽين به، خاص ڪري BJP (ڀارتيا جنتا پارٽي) ۽ VHU (وشوا هندو پرشاد) وارن وڏو ٻائيتال مچايو. ايتريقدر جو هڪ همراهه ٻيڙيءَ کي وچ درياهه (گنگا) ۾ آڻي پاڻ کي وڏي بار واري پٿر سان ٻڌي درياهه ۾ ٽپو ڏيئي خودڪشي ڪرڻ کان اڳ اهو اعلان ڪيو ته هو ديپا مهتا جي هن فلم Water جي خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. هن فلم جي آسٽريلين ڪئميرا اسسٽنٽ جئسمين (Jasmine Yuen Carrucan) جنهن سان هتي آمريڪا ۾ واٽر فلم جي شو تي ملاقات ٿي، ان ٻڌايو ته بعد ۾ هنن کي خبر پيئي ته اها خودڪشي به هڪ ڊرامو هو، جنهن ۾ هن کي بچايو ويو. بلڪه درياهه ۾ ٽپو ڏيڻ بعد پاڻ کي ٻڌل رسو کولي ٻئي پاسي کان نڪري ويو ۽ اهو همراهه اهڙي موقعن تي پئسا وٺي ان قسم جا اسسٽنٽ ڪندو آهي ۽ اهو هن جو خودڪشيءَ جو ڇهون ڀيرو هو.
    جئسمين ٻڌايو ته ”مٿين سياسي پارٽين کي حڪومت کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ خاطر ان فلم جي شوٽنگ بند ڪرائڻي هئي. هنن ديپا ۽ اسان ڪم ڪرڻ وارن کي به مارڻ جا دڙڪا ڏنا. حڪومت به مجبور ٿي پيئي ۽ اسان کي چيو ته چپڙي ڪري جتان آيا آهيو، اوڏانهن هليا وڃو. ديپا ته بس ٿي ويئي جو هوءَ ان فلم لاءِ الهه تلهه گروي رکي وڏي اٽالي سان هتي پهتي هئي، بهرحال اسان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. هن فلم ۾ شبانا عاظمي ۽ ننديتا داس بيواه عورتن جا اهم رول ادا ڪري رهيون هيون. ايتري قدر جو شبانا مٿي تي پاڪي به ڏياري ڇڏي جو مڙس مري ويل عورتون ٺوڙهه ڪرائي هنن لاوارث گهرن Widow Houses) ۾ رهن ٿيون. بهرحال فلم نه ٺهي اسين ڪئناڊا واپس موٽي آياسين.“
    هاڻ جيڪا واٽر فلم هلي رهي آهي ۽ جنهن جي هلڻ جي شروعات هتي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي سئنيما هالن ۾ ڪئي ويئي آهي، ان جي شوٽنگ انڊيا ۾ نه پر سري لنڪا ۾ ٿي. ٽي سال کن فند گڏ ڪرڻ بعد ديپا ماٺ مٺوڙيءَ ۾ هيءَ فلم 2003ع ۾ سري لنڪا ۾ شروع ڪئي. ايتري قدر جو متان ڪنهن کي شڪ ٿئي ۽ وري گوڙ مچي، ديپا هن فلم (Water) جي شوٽنگ River Moon جي نالي سان شروع ڪئي ۽ پهريان وارن اداڪارن: ٺوڙهي شبانا عاظمي، ننديتا داس ۽ اڪشي ڪمار بدران نوان رکيا. انهن ۾ هڪ ته اٺ سالن جي سارالا نالي ڪنوار آهي، جنهن جي پوڙهي مڙس مرڻ تي کيس نڀاڳو سمجهي، ٺوڙهو ڪري آشرم ۾ آندو ويو آهي، جتي بيواه زالن کي زندگيءَ جا باقي ڏينهن گذارڻا پون ٿا. سارالا سري لنڪا جي ڇوڪري آهي، فلم ۾ اردو (هندي) ڊائلاگ هن پاران ٻئي ڳالهايا آهن، جو هوءَ هنديءَ کان اڻ واقف آهي. هن کان علاوه چوڏهن ٻيون زالون جيڪي هن جهوني، ڊٺل ۽ ننڍي آشرم ۾ رهن ٿيون. آشرم هلائڻ واري مڌومتي(مانوراما) نالي ٿلهي، ڦيڦي ۽ ستر سالن جي هڪ پوڙهي آهي، جنهن جو ساٿي گلابي نالي هڪ کدڙو آهي، جيڪو عورتن جي دلالي به ڪري ٿو. ان سان گڏ هو مڌومتيءَ کي نشي پتيءَ لاءِ روزانو گانجو ۽ اوڙي پاڙي جي گلا مهيا ڪري ٿو. ٻئي ڄڻا گڏجي ڪلياني (ليزا راءِ) کي رنڊيءَ طور هلائين ٿا، جنهن مان آشرم جو خرچ پکو پڻ نڪري ٿو. ڪلياني سڀ ۾ سهڻي آهي ۽ هن جا وار ڪوڙي کيس ٺوڙهو پڻ نه ڪيو ويو آهي. هوءَ سارالا وانگر ننڍي آئي هئي ته هن کي ان وقت کان زوريءَ ان ڳالهه تي آندو ويو هو. ليزا راءِ پڻ ديپا وانگر ڪئناڊين آهي، جيڪا پهرين فئشن ماڊل هئي ۽ پوءِ انڊين جي فلمي دنيا بالي وڊ ۾ آئي. پاڻ ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ ننڍي ٿي وڏي ٿي. سندس پيءُ ڪلڪتي جو بنگالي آهي ۽ ماءُ پولنڊ جي آهي. ليزاراءِ انڊين چئنل Zee Tv تان هڪ شو Beauty Mantra پڻ ڪري ٿي. نصرت فتح علي خان جي ”آفرين“ واري وڊيو ۾ پڻ ليزا آهي.
    ٻين بيواه عورتن سان گڏ فلم ائڪٽريس سيما بسواس پڻ آهي، جنهن جو نالو شڪنتلا آهي. شڪنتلا ڏسڻ ۾ سهڻي آهي پر سندس سخت طبيعت ڪري مڌو متي هن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ٿي ڏئي. هوءَ هندو ڌرم تي سخت پابند ڏيکاري ويئي آهي، جيڪا ٻائي جون ئي ڳالهيون ٻڌندي رهي ٿي. ڪلڀوشن خربندا هن فلم ۾ ٻائو ٿيو آهي. هڪ ڏينهن ڪليانيءَ جي ملاقات هڪ خوبصورت ۽ امير گهر جي جوان نارائڻ (جان ابراهام) سان ٿئي ٿي. ٻنهي جي پهرين ملاقات ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيار جي ڇڪ ٿئي ٿي. پر ڪلياني هن کي سمجهائي ٿي ته هوءَ وڌوا (Widow) آهي، جنهن سان ڳالهائڻ سان به اڳلو گنهگار ٿيو پوي پر نارائڻ هر صورت ۾ ڪليانيءَ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو جو هو هن کي سچي دل سان چاهي ٿو. ڪلياني به پنهنجي وس کان ٻاهر آهي، جو هن جي دل ۾ به نارائڻ لاءِ بي پناهه پيار آهي. هوءَ ان راز جي ڳالهه سڀ کان ننڍي ۽ ٺوڙهي ٿيل وڌوا سارالا سان ڪري ٿي، جنهن جو فلم ۾ ”چوئيا“ نالو آهي. هوءَ اهو راز دل ۾ رکڻ جي گهڻيئي ڪوشش ڪريٿي پر هڪ رات آشرم هلائيندڙ ٿلهي عورت مڌو متي جي اسپنج جهڙين ٽنگن کي زور ڏيندي هوءَ اها ڳالهه هن سان ڪري ويهي ٿي.
    مڌومتيءَ جي هٿن جا ڄڻ ته طوطا اڏامي وڃن ٿا. ڪلياني جو شادي ڪري آشرم ڇڏي وڃڻ سان ڪمائي هڪ طرف بند ٿي ويندي ته ڌرم جي خواري الڳ ٿيندي ته هڪ وڌوا آشرم مان ڀڄي وڃي شادي ڪئي. هوءَ ڪاوڙ مان ڪئنچي کڻي ڪليانيءَ وٽ پهچي ٿي ۽ سندس ڊگهن وارن جون چڳون ڪٽيو ڇڏي. جيئن هوءَ سهڻي نه لڳي.
    ڪلياني ڪٽيل وارن سان نارائڻ سان ملي ٿي. نارائڻ سندس وارن ڪتريل مٿي تي آڱريون ڦيري هن جي ڪنن ۾ ڀڻڪي ٿو ته هو هن صورت ۾ به هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
    ڪلياني نارائڻ سان گڏ هن جي ماءُ پيءُ جي گهر ڏي رواني ٿئي ٿي. گهر جي ويجهو پهچي دروازي کي ڏسي هوءَ سڃاڻي وڃي ٿي ته اهو گهر ڪنهنجو آهي. پڪ لاءِ هوءَ نارائڻ کان سندس پيءُ جو نالو پڇي ٿي. نالو ٻڌڻ تي هوءَ مايوس ٿي وڃي ٿي. هوءَ اڳتي وڌي گهر ۾ گهڙڻ بدران پٺتي موٽي ٿي.
    خبر پيئي ته نارائڻ جو پيءُ ڪليانيءَ کي رنڊيءَ طور استعمال ڪندو رهيو آهي. ڪلياني ڏک ۽ صدمي مان پاڻ کي گنگا ۾ ٻوڙي ڇڏي ٿي. مايوسيءَ جي صورت ۾ نارائڻ پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏي مهاتما گانڌيءَ جو وڃي ٻالڪو ٿئي ٿو. جنهن وقت نارائڻ مهاتما وٽ وڃڻ لاءِ ٽرين ۾ چڙهي رهيو آهي ان وقت شڪنتلا آشرم جي ننڍي عمر جي ڇوڪري ”چوئيا“ وٺي اچي ٿي ۽ نارائڻ کي منٿ ڪري ٿي ته هن کي پاڻ سان مهاتما وٽ وٺي وڃ جيئن هوءَ اتي حفاظت ۾ رهي، ٻي صورت ۾ هتي هن کي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائڻ لاءِ رنڊي بڻايو ويندو.
    بهرحال هيءَ فلم Water)) اڃا انڊيا ۾ نه هلي آهي پر 2005ع جي شروع وارن مهينن کان ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو (جتي انڊيا ۽ پاڪستان جي رهاڪن جي تمام وڏي آدمشماري آهي) ۽ هتي آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ ڏيکاري پيئي وڃي. آرٽ، اداڪاري ۽ ٿيم جي خيال کان هيءَ فلم تمام مٿڀري سمجهي وڃي ٿي ۽ ڪيترن جي ته اها راءِ آهي ته بنگالي ڊائريڪٽر ستيجت راءِ جي فلم ”پٿر پانچالي“ بعد ديپا مهتا جي هيءَ فلم “Water” هڪ بهترين آرٽ مووي آهي.


    ڪجهه آمريڪا جي ويزائن بابت

    ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جي ”ٽڪيٽ“ ۽ اتي رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ ”پئسي“ کان علاوه ٻه شيون ٻيون به ضروري آهن. هڪ ”پاسپورٽ“ ۽ ٻي ”ويزا“، پاسپورٽ جيڪو ملڪ جي صدر طرفان شهريءَ کي ملي ٿو، جيڪو هڪ سٺي شهري ۽ ان ملڪ جي Citizen هجڻ جو ثبوت آهي. ان ڪري پاسپورٽ ٺهرائڻ وقت ملڪي شناختي ڪارڊ ڏيکارڻ سان گڏ پوليس رپورٽ به حاصل ڪئي وڃي ٿي. ويزا ان ملڪ طرفان اجازت نامو آهي، جيڪو توهان گهمڻ وڃي رهيا آهيو. ويزا توهان کي پنهنجي ملڪ ۾ موجود ان ڌارئين ملڪ جو قونصل خانو يا سفارت خانو ڏئي ٿو ته توهان ڀلي هنن جي ملڪ ڏي روانا ٿيو. هو توهان کي ويزا ڏيڻ لاءِ هنن جي طيءِ ٿيل قانون ۽ جاچ مطابق توهان کان انهن ڊاڪومينٽس جي گهر ڪن ٿا، جيئن ته پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ سان گڏ توهان جو اصل (Original) برٿ سرٽيفڪيٽ، جنهن وٽ توهان نوڪري ڪريو ٿا ان طرفان اجازت نامون يا گئرنٽي، توهان جي پگهار جي سلپ، سرڪاري نوڪري ۾ آهيو ته حڪومت طرفان ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت، توهان جي بئنڪ جي سال کن جي Statement ته ان ۾ سڄو سال ڪٿان ۽ ڪيترا پئسا آيا ۽ ڪيترا خرچ ٿيا ۽ هن وقت جڏهن توهان ٻاهر وڃڻ جو (گهمڻ، پڙهڻ، علاج لاءِ وڃڻ جو ارادو ڪيو ٿا ته ڪيترو بئلنس آهي، ۽ جيڪڏهن توهان ان ڌارئين ملڪ ۾ نوڪريءَ لاءِ وڃي رهيا آهيو ته ان فرم يا ڪمپنيءَ طرفان نوڪري ڏيڻ جو ليٽر وغيره وغيره. پوءِ اهي ڪاغذ پٽ ڏسي جڏهن ان ڌارئين ملڪ جو سفارتخانو مطمئن ٿئي ٿو ته توهان کي سندس ملڪ ڏي روانو ٿيڻ لاءِ ويزا ڏئي ٿو. يعني توهان جي پاسپورٽ تي ويزا جو ٺپو يا Sticker هڻي ڏئي ٿو. هتي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته توڙي کڻي توهان گهربل سڀ ڊاڪيومينٽس (ڪاغذ پٽ) ڏيکاريو پر ڪنهن به ملڪ جو سفارتخانو يا قونصل خانو ٻڌل نه آهي ته توهان کي ويزا ڏئي. هو ڪنهن به ڳالهه يا خيال کان توهان کي سندس ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو. ڇو جو هڪ ڌارئين ماڻهوءَ کي ٻئي جي ملڪ ۾ وڃڻ جو حق نه آهي. اها هڪ سهوليت، مهرباني، Good Will يا خوشي آهي، جيڪا ڌاريون ملڪ ڏئي ٿو. توهان کي جيڪڏهن صحيح پاسپورٽ آهي. يعني توهان پنهنجي ملڪ جا قانوني شهري آهيو ته توهان پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ جو ته حق رکي سگهو ٿا پر ٻئي جي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ توهان ڪو به زور زبردستي نٿا ڪري سگهو. مثال طور اڄ ڪلهه بينظير صاحبا پاڪستان کان ٻاهر هلي ويئي آهي. هن کي واپس پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته حڪومت کي جيڪڏهن هن جي خلاف شڪايت آهي ته هن ڪي غير قانوني ڪم ڪيا آهن ته هن جي پنهنجي ڌرتي تي قدم رکڻ بعد قانون جي دائري اندر ڪيس هلائي سگهي ٿي.
    ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ويزا لاءِ جمع ڪرايل ضروري ڪاغذن باوجود ڪن کي ويزا ڏني وڃي ٿي ته ڪن کي انڪار ڪيو وڃي ٿو. اهو ائين به ٿي سگهي ٿو (يعني هي هڪ مثال آهي) ته سفارتخاني وارن کي شڪ هجي ته هن يا هن همراهه جيڪو بئنڪ بئلنس ڏيکاريو آهي، اهو صحيح نه آهي. سندس پئسا نه هجن، ويزا حاصل ڪرڻ خاطر ڪنهن کان اڌارا وٺي جمع ڪيا اٿس.
    يا فلاڻو شاگرد جيڪو اعليٰ تعليم جي ويزا جي گهر ڪري رهيو آهي، ان جي نيت مان لڳي ٿو، يا شڪ پوي ٿو ته هو يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي پڙهندو ڪو نه پر وڃي نوڪري ڪندو. يا ساڳي فئملي مان وڏي عمر ۽ شادي شده همراهه کي گهمڻ لاءِ ويزا ڏني وڃي ٿي پر هڪ نوجوان کي انڪار ڪيو وڃي ٿو. شايد اهو سوچي ان نوجوان کي ويزا نٿي ڏني وڃي ته هو گهمڻ جو بهانو ڪري اتي وڃي واپس نه ايندو. يا گهمڻ جي بهاني سان اتي پهچي ان ملڪ ۾ هميشه رهڻ خاطر ڪنهن ڪاري ڪوجهي يا پوڙهي پڪيءَ سان شادي رچائيندو ۽ پوءِ ان شاديءَ جو آخر ۾ اهو وڃي نتيجو نڪرندو ته هو پاسپورٽ حاصل ڪري زال کي طلاق ڏيئي رلائي ڇڏيندو جيڪا پوءِ ملڪ ۽ قوم لاءِ سماجي مسئلو ٿي پوندي، وغيره وغيره. بهرحال ڪنهن به سبب ڪري ڌارئين ملڪ جو سفارتخانو ويزا لاءِ انڪار ڪري سگهي ٿو ۽ هن لاءِ اهو به ضروري ناهي ته هو اهو سبب ٻڌائي.
    آئون ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتي هڪ ملئي اميگريشن جو آفيسر منهنجو دوست هو، جنهن جي ڊيوٽي ”ٿائيلينڊ- ملائيشيا“ بارڊر تي هئي. انهن ڏينهن ۾ ويزا ڌارئين ملڪ جي بارڊر يا ايئرپورٽ تي ئي ملندي هئي. اسان ٽڪيٽ وٺي ٽوڪيو يا ڪوالالمپور پهچي ويندا هئاسين ۽ پوءِ اتي ايئرپورٽ تي ويزا جو ٺپو لڳندو هو. سو اسان وارو دوست ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي بارڊر واري ريلوي اسٽيشن تي اميگريشن پوليس آفيسر هو. هن ٻڌايو ته ٻاهتر اهڙيون ڳالهيون آهن، جن بابت اسان کي ڪنهن ايندڙ مسافر ۾ پڪ يا شڪ هجڻ تي هنن کي ويزا لاءِ انڪار ڪري سگهون ٿا. ان لاءِ اسان کي ضروري ناهي ته مسافر کي سبب ٻڌايون ته اسان کي شڪ آهي ته تنهنجي اچڻ ڪري اسان جي ملڪ کي فائدي بدران نقصان پوندو. يا ڪو ٻيو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. مون چيو مانس ته تڏهن به هن کي ٻڌائڻ ته کپي. هن وراڻيو ته ڊپلو مئسي ان ۾ ئي آهي ته سبب نه ٻڌايو وڃي. بهرحال اسان جو پنهنجو ملڪ آهي، جنهن کي چاهينداسين، ان کي اچڻ جي اجازت ڏينداسين. هڪ ڏينهن ٿائيلينڊ کان پئسينجر ٽرين پهتي ته آئون به اتي ان دوست وٽ هوس. مون چيو مانس ته ”جن مسافرن کي تون ملائيشيا ۾ داخلا لاءِ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪرين انهن کي اهو سبب ڀلي نه ٻڌاءِ پر اڄ ٻن ٽن همراهن بابت مون کي ته ٻڌاءِ ته مون کي ڪجهه آئيڊيا ٿئي.“ هن مون کي جيڪي ٻه چار Case ٻڌايا انهن ۾ ٻه ٿائي ڇوڪريون هيون، جن لاءِ هن چيو ته ”هو ڪي امير نه آهن جو هنن جي ان ڳالهه تي يقين ڪجي ته هو ملائيشيا گهمڻ چاهين ٿيون. هنن جي ملائيشيا ۾ اچڻ ڪري ملائيشيا جي ڪمائيءَ ۾ اضافو نه ٿيندو پر هو ملائيشيا ۾ بدپيشي لاءِ اچي اسانجي ملڪ جو پئسو هڪ طرف کڻي وڃڻ چاهين ٿيون ته سماجي مسئلا ٻئي طرف پيدا ٿي سگهن ٿا.“ اهڙيءَ طرح هڪ چيني همراهه کي ويزا لاءِ انڪار ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ دوست ٻڌايو ته هن جي اڳهين اسان وٽ ڪرمنل رپورٽ پهتي آهي. اسان هن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخل ڪرڻ جو Risk نٿا کڻڻ چاهيون.
    بهرحال اهي ڳالهيون لکڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته آمريڪا لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ توڙي کڻي توهان سڀ ڪاغذ پٽ ڏيکاريو پر تنهن هوندي به هو ڪنهن به ڳالهه جي بنياد تي (پوءِ ان جو کڻي حقيقت سان واسطو نه هجي) هو توهان کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري سگهن ٿا. هڪ عام ماڻهوءَ کي ته ڇا وڏي سرڪاري ڪاموري يا وزير کي به انڪار ڪري سگهن ٿا. انڊيا ۾ هوس ته اتي جي هڪ اهم وزير کي آمريڪا وارن ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه انڊيا جي اخبارن ۾ به آئي پر ان کي اتي جي عوام نارمل ورتو. اسان جي ملڪ جي هڪ وزير جي ڌارئين ملڪ ۾ ڪسٽم چيڪنگ ٿي ته هن کي اها به بي عزتي محسوس ٿي. ان ئي ڪري اڄ هن عنوان تي لکي رهيو آهيان ته جيئن پڙهندڙن کي خبر پوي ته اهي هر ملڪ جا پنهنجا قانون آهن، ان ۾ منهن مٿو پٽڻ جي ضرورت ناهي. ڇو جو جنهن جو ملڪ ان جي ئي ڳالهه هلندي، جنهن جو گهر ان جي ئي ڳالهه هلندي ۽ اسان کي نه گار گند ڪرڻ کپي ۽ نه ذهني طرح پريشان ٿيڻ کپي.
    ويزا ۽ پاسپورٽ لاءِ هميشه صحيح معلومات ڏجي
    هڪ ٻي ضروري ڳالهه. ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ جي ويزا اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ان ملڪ جو سفارتخانو يا قونصل خانو ڏئي ٿو، جيئن جپان جي ويزا اسلام آباد ۾ جپان جي سفارتخاني کان وٺي سگهجي ٿي يا ڪراچي، لاهور ۽ ڪوئيٽا مان جتي جپان جا قونصل خانا آهن ۽ جپان جو قونصلر ويزا جاري ڪري ٿو. اهڙي طرح آمريڪا جي ويزا آهي، پر هاڻ قونصل خاني بدران اسلام آباد ۾ موجود سفارتخاني مان ملي ٿي. بهرحال ڌارئين ملڪ جي سفير يا قونصلر کان مليل ويزا بعد صحيح معني ۾ ويزا اها آهي، جيڪا ڌارئين ملڪ جي هوائي اڏي تي پهچڻ تي اميگريشن پوليس جو عملو ڏئي ٿو. مثال طور اسلام آباد وارو آمريڪي سفارت خانو توهان کي آمريڪا ۾ وڃڻ جي پنجن سالن لاءِ ويزا ڏئي ٿو پر ان جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته توهان کي پنجن سالن لاءِ آمريڪا ۾ رهڻ جي موڪل ملي ويئي. هرگز نه! آمريڪا ۾ توهان فقط ايترو مدو رهي سگهو ٿا، جنهن جي اجازت توهان کي نيو يارڪ، لاس اينجلس يا ڪنهن ٻئي آمريڪي هوائي اڏي تي توهانجي پهچڻ تي اتي موجود اميگريشن پوليس ڏيندي ۽ اهو فيصلو اميگريشن وارا ڪن ٿا ته توهان کي ٽي مهينا رهڻ ڏين يا ڇهه مهينا. هو چاهين ته هڪ ڏينهن جي به اجازت نه ڏين ۽ توهان ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري نٿا سگهو ۽ انهيءَ پيرين ٻي فلائيٽ ۾ توهان کي پنهنجي ملڪ موٽڻو پوي.
    منهنجي هڪ سڃاڻي جي ڌيءَ جي شادي هڪ آمريڪا ۾ رهندڙ سان ٿي. هوءَ اتي وڃي هن وٽ رهڻ لاءِ گهمڻ جي بهاني تي ويزا وٺي جڏهن نيو يارڪ ايئرپورٽ تي پهتي ته هن کي آمريڪا ۾ گهڙڻ لاءِ پاسپورٽ تي Entry جو ٺپو نه هڻي ڏنائون ۽ هن کي پنهنجي ملڪ موٽڻو پيو، جيتوڻيڪ هن وٽ پنجن سالن جي ويزا هئي. ڪهڙي سبب ڪري نيو يارڪ ايئرپورٽ جي اميگريشن پوليس آمريڪا ۾ رهڻ نه ڏنو، ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي ۽ نه هنن ٻڌايو. پر هن ڇوڪريءَ ٻڌايو ته ٻن ڳالهين ڪري هنن کي شڪ پئجي ويو هجي ته آئون گهمڻ جي بهاني اتي پنهنجي مڙس وٽ رهي پونديس. هڪ ته هنن منهنجي بئگ ۾ شاديءَ جا ڪپڙا ۽ ڳهه ڳٺا ڏسي اندازو لڳايو هوندو جو ڪيتريون ئي ڇوڪريون اهو طريقو اختيار ڪري آمريڪا پهچي رهيون هيون ۽ ٻي ڳالهه ته هنن کي پاڪستان ۾ ئي انٽيليجنس پوليس ذريعي معلوم ٿي ويو هجي ته منهنجي شادي نيو يارڪ ۾ پڙهندڙ همراهه سان ٿي آهي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ اتي جي يونيورسٽيءَ مان موڪل ڪري لاهور آيو هو.
    بهرحال آمريڪا جي هوائي اڏي تي پهچي، توهان وٽ سفارتخاني کان مليل ويزا جي هجڻ جي باوجود ائين به ٿي سگهي ٿو ته توهان کي آمريڪا ۾ رهڻ کان روڪيو وڃي ۽ اميگريشن پوليس توهان کي هڪ ڏينهن جي به ويزا نه ڏئي. جيئن آمريڪا بابت هن کان اڳ واري سفرنامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ لکي آيو آهيان ته ڪراچيءَ کان مون سان گڏ سفر ڪندڙ هڪ نوجوان کي نيو يارڪ جي هوائي اڏي تان ئي وطن ورائي ڇڏيائون، جيتوڻيڪ هن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي ويزا هئي ۽ سال ڏيڍ آمريڪا ۾ گذاري چڪو هو. اميگريشن پوليس پاڻ ته سبب ٻڌائڻ کان گريز ڪئي پر هن شاگرد ٻڌايو ته هن کي شڪ ٿو پوي ته پوليس کي خبر پئجي ويئي ته آئون تعليم جي بهاني سان نوڪري پيو ڪريان ۽ يونيورسٽيءَ کان گسائيندو رهان ٿو.“ ويجهڙائيءَ ۾ ان شاگرد جو هڪ سڃاڻو مليو، تنهن ان بابت پنهنجو خيال ٻڌايو ته پوليس کي ان ڳالهه مان شڪ پئجي ويو ته هو هڪ غريب شاگرد ٿي هر ٽئين چوٿين مهيني ڪيئن موڪلون ڪري ملڪ وڃي اچي ٿو.
    ان ئي ڏينهن، اسان جي ئي جهاز ۾ سفر ڪري نيو يارڪ ايئرپورٽ تي پهتل هڪ همراهه کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو جو هن پوليس جي سوالن جا صحيح جواب نه ڏنا. هن ڪجهه انفارميشن لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کان هتي جي پوليس ڀلي ڀت واقف هئي.
    اهو به ٻڌائيندو هلان ته ويزا لاءِ جيڪا ڳالهه توهان درخواستي فارمن تي لکي موڪليو ٿا يا اسلام آباد ۾ انٽرويو تي ٻڌايو ٿا، اها ذري پرزي جي خبر جتي ڪٿي پئجيو وڃي. اڳ ۾ ته ماڻهن اهي به ٺڳيون ڪيون جو جعلي ويزائن ۽ پاسپورٽن تي آمريڪا يا يورپ پهچي ويا ٿي. يا ٻي جي پاسپورٽ تي پنهنجو فوٽو چنبڙائي ڌارئين ملڪ ۾ پهچي ويا ٿي پر هاڻ اهي ڳالهيون ناممڪن آهن جو هڪ ته پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ Readable ٿي پيا آهن، يعني مشين ۾ پاسپورٽ وجهڻ سان ڪمپيوٽر جي اسڪرين (مانيٽر) تي توهان بابت سڄي انفارميشن لکجيو وڃي. توهان جي آڱرين جا نشان، ويندي اکين جي تارن جي به خبر پئجيو وڃي ته اهي پاسپورٽ ۾ درج ٿيل معلومات، مسافر جي آڱرين ۽ اکين جي تارن جي Print سان ملن ٿا يا نه. ۽ ٻي ڳالهه ته ڪمپيوٽر سسٽم On Line هجڻ ڪري اها معلومات جيڪا توهان فارمن ۾ لکي آهي يا انٽرويو ۾ ٻڌائي يا پوليس ۽ Intelligence کان هنن حاصل ڪئي اها هر ايئرپورٽ، ۽ بندرگاهه تي ڪمپيوٽر کولڻ سان توهان جي نالي اڳيان مليو وڃي. مثال طور آمريڪا جي ويزا جي درخواست واري فارم تي نه فقط ماءُ پيءُ ۽ ٻارن جا نالا لکڻا پون ٿا پر ڀائر ڀينرن جا پڻ ۽ انهن جي ڄم جي تاريخ پڻ. هاڻ مثال طور مون کان ڪنهن جو نالو يا ڄم جي تاريخ ڄاڻي واڻي يا بيخياليءَ ۾ رهجي ويئي يا غلط لکجي ويئي ته اها به هڪ قسم جي ”غلط ڄاڻ“ مهيا ڪرڻ هيٺ منهنجي ويزا جي عمل کي نقصان پهچائي سگهي ٿي ۽ منهنجي ڀاءُ يا ڀيڻ به جي ويزا لاءِ apply ڪيو آهي ۽ هن جي ڏنل معلومات ۽ منهنجي ۾ فرق به نقصان پهچائي سگهي ٿو. ڇو ته ڪمپيوٽر سسٽم آن لائين هجڻ ڪري هو آسانيءَ سان منهنجي فارم تي ڏنل منهنجي مائٽن جي پوزيشن معلوم ڪري سگهن ٿا ته انهن کي به آمريڪا جي ويزا يا پاسپورٽ آهي يا نه ۽ انهن پاڻ لاءِ، مون لاءِ ۽ ٻين مائٽن لاءِ ڪهڙي معلومات ڏني آهي. بهرحال آمريڪا توڙي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪٿي به غلط معلومات نه ڏجي. نائن اليون کان اڳ ته يورپ توڙي آمريڪا ۾، ڪيترا غير قانوني طرح آيل ماڻهو بنا پاسپورٽ جي به پيا هلندا هئا. ورلي ڪو چوڏهين چنڊ ڪنهن واٽهڙوءَ کان سندس ملڪ يا سفر جي ڪاغذن جو پڇيو ويو ٿي پر هاڻ ڪڏهن ڪڏهن ريلوي اسٽيسن، هوئي اڏن، پارڪن يا ٻين هنڌن تي اوچتي پڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ اها فقط اسان مسلمانن يا پاڪستانين کان نه پر هر هڪ کان، ۽ توهان جي قانوني طرح آيل آهيو ۽ ڪنهن به ڏوهه ۾ Involve نه آهيو ته پوءِ توهان کي ڪو به فڪر نه هئڻ کپي. آمريڪا يا يورپ جي ملڪن کي کڻي اسان نادانيءَ ۾ ڪافرن جو ملڪ سڏيون پر هتي جي پوليس راڻيپور، گمبٽ يا ڏهرڪي، گهوٽڪي جهڙي ظالم نه آهي. پر ڪيترن واقعن ۾ اسان جو ماڻهو غلط معلومات ڏيڻ ڪري سزا جو حقدار ٿيو وڃي. ان سلسلي ۾ پنهنجي گذريل سفر نامي ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اسان جي مسجد (نيو جرسي جي اوڪ ٽِري روڊ واري) جو امام، جيڪو آمريڪا جي انٽيليجنس (FBI) ۾ ڪم ڪري ٿو، اسان نمازين کي جمع نماز جي خطبي ۾ ٻڌايو هو ته پوليس جي سوال ڪرڻ تي اسان کي ان جو صحيح جواب ڏيڻ کپي ۽ جي هن جي انگريزي سمجهه ۾ نه اچي ته پنهنجي ماڻهوءَ کي سڏائي ان جي اڳيان جواب ڏجي يا حڪومت طرفان مهيا ڪيل وڪيل جي معرفت جواب ٻڌائجن ۽ جيڪا صحيح ڄاڻ هجي اها ئي ڏجي. هن ٻڌايو ته ڪيترا دفعا ڪنهن ڏوهه جي شڪ ۾ پوليس جڏهن پڇا ڪري ٿي ۽ مشڪوڪ ماڻهوءَ کي ڪورٽ تائين پهچائي ٿي ته اتي خبر پوي ٿي ته ان ماڻهوءَ کي ان ڏوهه ڪري نه پر پاڻ بابت غلط معلومات ڏيڻ ڪري ڪوڙ جي سزا ۾ ٽي هفتا جيل ملي ويو.
    ٻاهرن ملڪن ڏي ويندڙن لاءِ هتي اها به سهڻي صلاح لکندو هلان ته پنهنجي پاسپورٽ تي ويزا لڳرائڻ وقت پنهنجي پاسپورٽ جي مدي ختم ٿيڻ جي تاريخ (Expiry Date) ضرور ڏسندا ڪريو. جيڪڏهن ان جي ختم ٿيڻ ۾ ڪو هڪ سال يا ان کان گهٽ بچيو آهي ته بهتر اهو ئي آهي ته پنهنجي ئي ملڪ مان نئون پاسپورٽ ٺهرائي ان تي ويزا لڳرايو. مثال طور آمريڪا، ڪئناڊا يا ٻين ڪيترن ملڪن جي ويزا يڪي پنجن سالن جي ملي ٿي. سال گذرڻ بعد توهان کي نئون پاسپورٽ ٺهرائڻو پوندو. پوءِ پراڻي پاسپورٽ جي پچر ڇڏڻ بدران توهان کي اهو به نئين سان گڏ کڻي هلڻو پوندو جو ويزا ان پراڻي تي لڳل آهي. ٻي ڳالهه ته توهان ان ڌارئين ملڪ ۾ تعليم يا بزنيس جي خيال کان ٻه ٽي سالن لاءِ رهڻ ٿا وڃو ته معنيٰ پرديس ۾ توهان کي نئون پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ ڊوڙڻو هڪ طرف پوندو ته خرچ ٻئي طرف ڪرڻو پوندو، جو ٻاهرين ملڪن ۾ انهن ڪمن جون فيون تمام ڳريون آهن، چاهي اسان جي ملڪ جو سفارتخانو هجي ۽ ڪي ملڪ اهڙا آهن جن ۾ جتي توهان کي رهڻو پوي ٿو ان کان گاديءَ وارو شهر جتي توهان جي ملڪ جو سفارتخانو آهي، ايترو پري آهي، جيئن ڪراچيءَ کان اسلام آباد ۽ اتي پهچڻ ۾ سفر جو خرچ ۽ ٻه ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهڻ جو خرچ پاسپورٽ في کان به ڏهوڻو ويهوڻو ٿيو وڃي. مون سان به هڪ دفعو اهڙي جٺ ٿي چڪي آهي، جڏهن پنهنجي جهازي سبجيڪٽ ”مئرين انجنيئرنگ“ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ مالمو(سئيڊن) ويو هوس. هيستائين ته جهاز هلائي ٻين ملڪن ۾ ويندو رهيس ٿي، جنهن سفر لاءِ CDC جو بڪ ڪافي آهي ۽ اهو Renew به نٿو ڪرائڻو پوي. پر هاڻ جڏهن پاسپورٽ تي ٽن سالن جي سئيڊن جي ويزا لڳرائي پوسٽ گريجوئيشن لاءِ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽيءَ ۾ اچي داخلا ورتم ته خبر پيئي ته منهنجي پاسپورٽ جو مدو ختم ٿيڻ تي آهي. ڪراچي مان نڪرڻ وقت هن ۾ ڪي اٺ نو مهينا رهيل هئا، جيڪي اچي ختم ٿيا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ سيمسٽر جا امتحان به هئا ۽ اسان جي يونيورسٽي جتي آئون رهيل هوس اها جنهن شهر مالمو ۾ هئي، اهو سمجهو ته ڪراچي وانگر هو ۽ پاسپورٽ لاءِ مون کي سئيڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم وڃڻو پيو، جيڪو ايترو پري هو جيترو لاهور. بهرحال ڪراچي ۾ جي اها ڳالهه ڌيان ۾ اچي وڃي ها ته هزار سوا روپين ۾ نئون پاسپورٽ ٺهرائي نڪران ها پر هاڻ سئيڊن ۾ ڪيترو وقت ۽ پئسو خرچ ڪرڻو پيو- اهو سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني اندازو لڳائي سگهن ٿا.


    “Immigrant” ۽ “Non Immigrant” ويزا

    دنيا جي ملڪن جا لکين ماڻهو هر سال آمريڪا گهمڻ اچن ٿا. ٻيا وري هتي هميشه لاءِ رهڻ لاءِ اچن ٿا. ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي آمريڪا ۾ اچڻ کان اڳ ويزا وٺڻي پوي ٿي، جيڪي ٻن قسمن جون آهن. هڪ Non – Immigrant ويزا جيڪا ٿوري وقت لاءِ ٿئي ٿي. يعني انهن ماڻهن لاءِ جيڪي آمريڪا ۾ گهمڻ لاءِ اچن ٿا يا واپار وڙي، تعليم حاصل ڪرڻ يا علاج خاطر اچن ٿا. ٻي Immigrant ويزا سڏجي ٿي، جيڪا آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهڻ لاءِ هوندي آهي. مثال طور آمريڪا جو پاسپورٽ رکندڙ ڪا ڇوڪري (يا ڇوڪرو) ڪنهن ڌارئين ملڪ مان شادي ٿو ڪري ته ان جي مڙس (يا زال) کي آمريڪا ۾ هميشه رهڻ لاءِ جيڪا ويزا ملندي اها Immigrant سڏجي ٿي.
    Immigrant ويزا ملڻ واري کي گهڻو ڪري ڇهن مهينن جو مدو ڏنو ويندو آهي ته هو ان اندر آمريڪا جي ڪنهن به هوائي اڏي تي پهچي پنهنجي پهچ جي رپورٽ درج ڪرائي. ان بعد هن کي مهيني کان ڇهن هفتن اندر ٽپال ذريعي سندس ٻڌايل آمريڪا ۾ رهائش جي ائڊريس تي کيس گرين ڪارڊ ملي ويندو آهي. ان سان گڏ سوشل سڪيورٽيءَ جو نمبر پڻ. يعني هاڻ هو هميشه لاءِ آمريڪا ۾ رهي سگهي ٿو، نوڪري ڪري سگهي ٿو وغيره وغيره. گرين ڪارڊ وارو به ساڳي حيثيت رکي ٿو، جيڪا پاسپورٽ رکندڙ جي آهي. سواءِ ووٽ ڏيڻ جي. ووٽ فقط اهو ڏئي سگهي ٿو، جنهن وٽ آمريڪا جو پاسپورٽ آهي. بهرحال ٽن چئن سالن بعد گرين ڪارڊ واري کي پاسپورٽ مليو وڃي، جنهن بعد هو چاهي ته پنهنجي ماءُ پيءُ کي آمريڪا جي Immigrant ويزا ڏياري سگهي ٿو، جيڪا ڪجهه سال اڳ کيس ملي هئي. نه فقط ماءُ پيءُ کي پر پنهنجن مڙني انهن ڀاءُ ڀيڻن کي جن جي عمر 18 سالن کان گهٽ آهي.
    ان ريت آمريڪا ۾ ڪيترائي خاندانن جا خاندان رهيل آهن. خاص ڪري انهن جا وڏا خاندان آهن، جيڪي چاليهه پنجاهه سال اڳ آيا ڇو ته اڳ ۾ آمريڪا ۾ اچڻ اهڙو ڪو ڏکيو نه هو- خاص ڪري ڪئناڊا ۾ ته گذريل صديءَ جي آخر تائين بيحد آسان هو. اڄ به جيتوڻيڪ Immigrant ويزا جو ملڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ۽ هر سال آمريڪا جي حڪومت هڪ مقرر انگ کي آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ Immigrant ويزا ڏئي ٿي پر ان ”تعداد“ سان آمريڪا ۾ رهندڙن جي فئملي جو تعلق ناهي. آمريڪا ۾ رهندڙ کي آمريڪا جو پاسپورٽ ملڻ سان هو پنهنجي زال (۽ جي عورت آهي ته پنهنجو مڙس)، ماءُ پيءُ ۽ 18 سالن جي عمر تائين جي غير شادي شده ڀائر ڀينرن کي گهرائي سگهي ٿو/ سگهي ٿي. آمريڪا جي ويزا بابت حڪومتي پاليسيءَ جو ان ڳالهه ڏي گهڻو Emphasis رهي ٿو ته مائٽ مٽ (فئملي) هڪ ٻئي سان گڏ رهن ته بهتر.
    مائٽن مٽن کان علاوه Immigrant ويزا جن کي ملي سگهي ٿي، ان ۾ هڪ ته اهڙي قسم جا هنرمند اچي وڃن ٿا جيڪي آمريڪا ۾ گهٽ يا اڻ لڀ هجن، بقول آمريڪا حڪومت جي اهي پورهيت جن ۾ Extraordinary ability هجي، ڪن خاص سبجيڪٽن جا پروفيسر، ڪن خاص بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر، ماهر سائنسدان، بين الاقوامي ڪمپنين جا سربراهه يا Executives هجن يا ڪن خاص (Outstanding) ڪمن جي کوجنا ڪندڙ هجن. ان کان علاوه Immigrant ويزا انهن کي به ملي سگهي ٿي، جيڪي وڏا سرمائيدار ۽ ڪارخانن جا مالڪ هجن ۽ هو آمريڪا ۾ اچي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملين ڊالر (يعني گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ڪروڙ رپيا) اهڙي واپار ۾ لڳائين جنهن ۾ هو گهٽ ۾ گهٽ ڏهه آمريڪي شهرين کي روزگار مهيا ڪري سگهن. ياد رهي ته هتي جي حڪومت طرفان گهٽ کان گهٽ مزدور يا پورهيت جو ماهانو پگهار ٻه هزار ڊالرن (يعني هڪ لک ويهه هزار رپين) کان مٿي مقرر ٿيل آهي. بهرحال انهن ڳالهين جي سانچي ۾ ڪو ٺهڪي اچي ٿو ته هن کي Immigrant ويزا ملي سگهي ٿي. يعني هن کي گرين ڪارڊ ملي سگهي ٿو. پر اهو آهي ته انهن Catagories لاءِ جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته هر سال هڪ تعداد مقرر ٿيل آهي. ان کان مٿي Immigrant ويزا نٿي ڏني وڃي. پر ان انگ جو تعلق مائٽن ذريعي Immigrant ويزا حاصل ڪرڻ وارن سان ناهي. اهي ڀلي هر سال ڪيترا به ٿي وڃن. بس اهو آهي ته آمريڪا جو شهري ٿي ويل يعني پاسپورٽ ملڻ تي هو پنهنجي زال، ٻارن، ماءُ پيءُ کي گهرائڻ لاءِ صحيح ۽ سمورا ڪاغذ حڪومت جي واسطيدار کاتي کي جمع ڪرائي جهڙوڪ پنهنجي ڪمائي، ڪمائي جو ذريعو، هر سال پياريل ٽئڪس وغيره جن مان حڪومت اندازو لڳائي سگهي ته آمريڪا ۾ پنهنجا مائٽ گهرائڻ واري جي ايتري ڪمائي ۽ رهائش لاءِ گهر وغيره آهي، جتي هو رهي سگهن ۽ هنن جو گذر سفر ٿي سگهي.
    بهرحال پنهنجن مائٽن (زال، ٻارن، ماءُ پيءُ وغيره) کي گهرائڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو وڪيل جي في افورڊ ڪري سگهي ٿو ته ان ذريعي ڪرائي ته هن لاءِ بهتر آهي جو هو ان ڪم جا ڄاڻو ٿين ٿا ۽ صحيح طرح رهنمائي ڪري سگهن ٿا ۽ فارمن ڀرڻ ۾ غلطيءَ جو امڪان گهٽ رهي ٿو. پر ايترو آهي ته اهو وڪيل يا صلاحڪار سوچي سمجهي ڪرڻ کپي، ڇو ته هتي آمريڪا توڙي پنهنجي وطن ۾ ڪيترائي اهڙا آهن. جيڪي ”پنهنجو پنهنجو“ ڪري پنهنجن جي ئي ٻيڙي ٻوڙين ٿا ۽ پئسو ڦرين ٿا.
    هاڻ پاڻ ڪجهه احوال Non Immigrant ويزائن جو ڪنداسين. ”نان اميگرنٽ“ ويزا ۾ ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ کي آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي. ٽن مهينن کان چئن پنجن سالن تائين جيتري مدي جي هن کي اجازت ملي ٿي هو اوتري وقت کان مٿي نٿو رهي سگهي. ڪن خاص حالتن ۾ (تعليم، علاج وغيره ۾) درخواست ڏيڻ تي هن جي ويزا جو مدو ٽن چئن مهينن لاءِ Extend ڪيو وڃي ٿو.
    نان اميگرنٽ ويزا جا ڪيترائي قسم آهن، جهڙوڪ وزيٽر ويزا (گهمڻ جي ويزا)، اڪيڊمڪ ويزا (تعليم حاصل ڪرڻ جي ويزا) جيڪي شاگرد آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪن ٿا، انهن لاءِ عارضي طور ڪم ڪرڻ (Temporary work) ويزا، ڌارين ملڪن جي سفارتخانن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري آفيسرن (Foreign Government officials) ويزا، وغيره وغيره.
    آمريڪا ۾ سڀ کان گهڻا ماڻهو گهمڻ لاءِ يعني Visitor ويزا تي اچن ٿا، جيڪا ”ٽوئرسٽ ويزا“ به سڏجي ٿي ۽ اها پرمٽ (ويزا) سڀ ۾ آسانيءَ سان حاصل ٿيندڙ آهي. هن ويزا تي آمريڪا ۾ ايندڙ کي مهينو، ٽي مهينا يا ڇهه مهينا رهڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي. هيءَ ويزا فقط گهمڻ ڦرڻ ۽ مائٽن دوستن سان ملڻ لاءِ ٿئي ٿي. هن ويزا تي ڪنهن کي به آمريڪا ۾ اچي نوڪري يا ڪو Job ڪرڻ جي قانوني موڪل نه آهي. اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو هن ويزا (ٽوئرسٽ ويزا) تي هتي آمريڪا يا دنيا جي ٻين ملڪن خاص ڪري جپان، ۽ ملائيشيا ۾ به مون ڏٺو آهي ته ڪنهن دڪان، پيٽرول پمپ يا هوٽل وغيره تي نوڪري يا مزدوري ڪن ٿا، جيڪو ڪم غير قانوني آهي ۽ ان ڏوهه ۾ ڪيترا سزائون ڪاٽيندا رهن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن ملڪن ۾ انهن دڪانن يا هوٽلن جا هم وطني مالڪ اهڙي غير قانوني ڪم لاءِ همٿ افزائي ڪن ٿا جو هنن کي آمريڪي شهري (پاسپورٽ يا گرين ڪارڊ رکندڙ) کان هي ٽوئرسٽ يا اسٽوڊنٽ ويزا وارو سستو پوي ٿو جو هو گهٽ پگهار ۽ بنا سهوليتن جي ڪم ڪري ٿو ۽ هر وقت پوليس کان ڊڄندو رهي ٿو. ان ڪري مالڪ کان گهڻي پگهار يا موڪل جي گهر ڪرڻ بدران ان کان هيسيل ئي رهي ٿو.
    هن قسم جون Non Imigrant ويزائون جاري ڪرڻ وقت، آمريڪا يا ان جهڙي سکي ستابي ملڪ جي، هميشه اها قانوني سوچ (Presumption) هوندي آهي ته ويزا لاءِ درخواست ڏيندڙ هر ٽوئرسٽ هنن جي ملڪ ۾ هميشه لاءِ رهڻ جي خيال سان اچي ٿو. ان ڪري ويزا گهرندڙ هر ٽوئرسٽ کي ان سوچ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. درخواست وارن فارمن ۾ توڙي انٽرويو ۾ پڇيل سوالن جي جواب ۾ هن کي ٻڌائڻو پوي ٿو ته هن کي پنهنجي ملڪ ۾ گهر، ڪاروبار، مائٽ مٽ ۽ بئنڪ بئلنس آهي، جن کي هو ڇڏڻ نٿو چاهي. هو ته فقط هڪ مختصر عرصي لاءِ ڌاريون ملڪ گهمڻ لاءِ وڃي رهيو آهي يا پنهنجي ڪنهن بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ يا بزنيس جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ روانو ٿي رهيو آهي.


    ايف ويزا، ايل ويزا، J ويزا، ايڇ ويزا وغيره......

    آمريڪا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ اچي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جا شاگرد اچن ٿا. تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪجهه عرصو رهڻ لاءِ اجازت واري ويزا جو نالو F-1 (ايف ون) آهي. اڳ ۾ ته ائين هوندو هو ته ماڻهو ٽوئرسٽ ويزا (B-Visitors) تي آمريڪا ۾ اچي هيڏانهن هوڏانهن جي يونيورسٽين جو جائزو وٺي پوءِ اتي ئي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي آمريڪي حڪومت کان ”ايف ون“ يعني اسٽوڊنٽ ويزا حاصل ڪندا هئا. ڪن ته وري ٽن يا ڇهن مهينن جي ٽوئرسٽ ويزا تي اچي آمريڪا ۾ لڪ چوريءَ ڪا نه ڪا نوڪري يا پورهيو ڪيو ٿي. ويزا جو مدو ختم ٿيڻ تي جهڙي تهڙي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي، اسٽوڊنٽ ويزا تي ٽي چار سال ٻيا به رهي پيا ٿي. دل چوندي هين ته ڪڏهن ڪڏهن يونيورسٽي ويندا هئا نه ته ڪو نه ڪو جاب ڪندا رهيا ٿي. پڙهائي نه ڪرڻ ڪري نه ڊگري حاصل ڪري سگهندا هئا ۽ نه آمريڪا جي پچر ڇڏيندا هئا ويندا هئا اسٽوڊنٽ ويزا جو مدو Extend ڪرائيندا. ٺڙڪو قسم جي يونيورسٽين کي سيمسٽر جي في حاصل ڪرڻ سان واسطو! ڪو نڀاڳو پڙهي يا نه پڙهي! بلڪ اهڙن شاگردن جي ايف ون ويزا وڌائڻ لاءِ يونيورسٽي وارا شاگردن کي حڪومت لاءِ Recommendation جو ليٽر به ڏيندا رهيا ٿي. پر هاڻ اهو سلسلو بند ٿي چڪو آهي. ڪو به ٽوئرسٽ آمريڪا ۾ ٽوئرسٽ “B” ويزا تي اچڻ بعد ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ٽوئرسٽ ويزا کي ايف ون ويزا ۾ بدلرائي نٿو سگهي. آمريڪا گهمندي هن کي ڪنهن يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو ٿي پيو آهي ته هن کي پنهنجي وطن موٽي اتان ان يونيورسٽِيءَ ۾ انٽرنيٽ يا پوسٽ ذريعي داخلا وٺي پوءِ اسٽوڊنٽ ويزا (F-1) لاءِ اپلاءِ ڪري ايف ون ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ڀاڳ آزمائي.
    ٻي ڳالهه ته اڳ ۾ تعليمي ادارن ۾ حاظ جو گهڻو مسئلو نه هو. ڪيترائي شاگرد يونيورسٽين ۾ داخلا وٺي پرائيويٽ جاب ڪندا رهيا ٿي. هينئر به يونيورسٽين کي انهن جي حاظر يا غير حاظر رهڻ جي پرواهه ناهي پر هتي جي سڪيورٽي ۽ پوليس کاتو اهڙن فراڊي شاگردن جو Track رکي ٿو ۽ ثبوت ملڻ تي هنن جي نه فقط ويزا ڪئنسل ڪئي وڃي ٿي پر آئندي لاءِ ٻي ڪا ويزا حاصل ڪرڻ به هن لاءِ مسئلو ٿيو پوي. ساڳي وقت آمريڪا جي حڪومت هتي جي تعليمي ادارن کي به نظر ۾ رکي ٿي ته ڪهڙا صحيح آهن ڇو جو F-1 ويزا لاءِ اپلاءِ ڪرڻ کان اڳ هڪ ته شاگرد کي ان تعليمي اداري ۾ Full Time Academic رجسٽري (Enrollment) ڪرائڻ ضروري آهي ۽ ٻيو ته هو فقط ان تعليمي اداري (اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي) ۾ داخلا وٺي سگهي ٿو جيڪو آمريڪا جي اميگريشن واري اداري USCIS طرفان Approve ٿيل هجي.
    هڪ اهڙي عارضي (Non Immigrant) ويزا ٿئي ٿي، جنهن ۾ توهان آمريڪا ۾ اچي نوڪري يا جاب ڪري سگهو ٿا اها ايڇ (H) ويزا سڏجي ٿي. اها ويزا خاص قسم جي پروفيشنل لاءِ ٿئي ٿي. مثال طور ڪنهن آمريڪن جي ڪا اسپتال آهي يا ڪمپيوٽر ٺاهڻ جي فئڪٽري آهي، جيڪا تمام سٺي پئي هلي، جنهن جي ثابتي اهو ٽئڪس آهي، جيڪو هو حڪومت کي هر سال ڏئي ٿو. هن کي ڄاڻو نرس يا هوشيار ڪمپيوٽر انجنيئرن جي ضرورت آهي. اهڙي اسپتال يا فئڪٽريءَ جو آمريڪن مالڪ چاهي ته انڊيا يا پاڪستان مان يا ڪنهن ٻئي ملڪ مان نرسون يا ڪمپيوٽر انجنيئر هڪ سال يا ٻن ٽن سالن لاءِ پنهنجي اداري لاءِ گهرائي سگهي ٿو. اهڙي قسم جا Employ آمريڪا ۾ ايڇ ويزا تي اچن ٿا.
    اهڙيءَ طرح هڪ J- Visa آهي، جنهن جي آڌار تي آمريڪا جا ماڻهو، ڊاڪٽرن انجنيئرن سميت جپان، جرمني يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سال، ٻن يا ٽن لاءِ وڃي سگهن ٿا ۽ انهن جي بدلي ۾ ان ملڪ جا اوترا ماڻهو اوتري عرصي لاءِ آمريڪا اچي سگهن ٿا. اها Exchange Visitor ويزا پڻ سڏجي ٿي.
    آمريڪا ۾ ڪجهه ماڻهو (L-1 Visa) تي به اچن ٿا. ايل ون ويزا تي ملٽي نيشنل ڪمپنيون جن جي هيڊ آفيس يا برانچ آفيس آمريڪا ۾ آهي، ان جا مٿين ليول جا مئنيجر يا اهم آڦيسر “L-1” ويزا تي هڪ ملڪ جي آفيس مان بدلي ٿي ٻي ۾ اچي سگهن ٿا. جيئن PIA هوائي ڪمپنيءَ يا نيسلي کير جي ڪمپنين جا آفيسر بدلي ٿي آمريڪا وڃن ٿا، جتي هو جيڪو وقت رهن ٿا اهو ايل ون ويزا تي رهن ٿا.
    اهڙيءَ طرح مختلف ڳالهين ۽ نوعيت جي ڪمن لاءِ آمريڪا ۾ سال ٻن لاءِ اچڻ لاءِ ويزائون ملن ٿيون، جيڪي مٿين ويزائن کان علاوه ٻيون آهن: ڪي ون ويزا، Q ويزا، E-1 ۽ E-2 ويزا، او ون ويزا ۽ TN ويزا (جيڪا ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو وارن لاءِ آهي)، وغيره وغيره.
    ڪي اهڙا به ملڪ آهن، جن جي رهاڪن کي آمريڪا ۾ ٽي مهينا رهڻ لاءِ ڪنهن به ويزا جي ضرورت ناهي. هو جڏهن چاهين هوائي جهاز جي ٽڪيٽ خريد ڪري اچي نيو يارڪ جي هوائي اڏي تي لهن ۽ اميگريشن آفيسر کي پنهنجي ملڪ جي فقط پاسپورٽ جي جهلڪ ڏيکاري ٻاهر نڪري اچن. دنيا ۾ اهڙا 27 ملڪ آهن، جن ۾ جپان، آسٽريليا، جرمني، فرانس، انگلينڊ جهڙا ملڪ ته آهن پر سنگاپور به آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهه جو ڏينهن هو جڏهن 1970ع واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جهاز کي سنگاپور وٺي وڃبو هو ته اسان جي آفيس جا سنگاپوري نمائندا اسان کي سنگاپور جي چورن ٺڳن کان خبردار ڪندا هئا. ويندي بسين تي به سنگاپور جي چئني زبانن ۾ لکيل هوندو هو ته جيب ڪترن کان خبردار رهو. جواري شرابي، رنڊيون کنڊيون سنگاپور ۾ جتي ڪٿي نظر اينديون هيون ۽ اسان پاڪستاني سڌريل ملڪن جا سمجهيا ويندا هئاسين. ظاهر آهي تعليم، ٽيڪنالاجي، امن امان فيلڊ ۾ اسان مٿڀرا هئاسين. آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ آمريڪي سفارتخاني ۾ به وڃڻ جي ضرورت نه هوندي هئي، جهاز جي بئري هٿان پنهنجي فئملي(جيڪا جهاز تي گڏ هلندي هئي) جا پاسپورٽ موڪلبا هئا ته پنجن سالن جي Multiple ويزا لڳجي ايندي هئي. اڄ اسان دنيا جي نظرن ۾ جهڙا چور ٿي پيا آهيون. معمولي Visitor ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪيترا جتن ڪرڻا ٿا پون ۽ هوڏانهن سنگاپور جهڙو ملڪ هر فيلڊ ۾ ايڏو اڳيان نڪري ويو آهي جو يورپ جو ملڪ ٿو لڳي ۽ هن جي رهاڪن کي آمريڪا وڃڻ لاءِ ويزا جي به ضرورت ناهي جو آمريڪا سمجهي ٿو ته سنگاپور جي ماڻهن لاءِ آمريڪا کان وڌيڪ پنهنجي ملڪ ۾ سک آهن. سنگاپور جا ماڻهو جتي وڃن ٿا، اتي امن امان سان رهن ٿا، چوريون ۽ ڌاڙا نٿا هڻن، ٺڳيون ۽ ناجائز ڌنڌا نٿا ڪن. ساڳي وقت اڄ هنن جي ملڪ ۾ به ڪو وڃي ٿو ته سڪون محسوس ڪري ٿو. سنگاپور جهڙي ٻيٽ تي جتي ڪجهه نه آهي. نه پوک نه ڌاتو. ويندي پيئڻ لاءِ پاڻي به نه آهي. پر اتي جي حاڪمن ۽ سياستدانن هن ملڪ ۾ اهڙي ته تعليمي ادارن ۽ ڪارخانن جي ڄار وڇائي ڇڏي، اهڙو ته امن امان ۽ سفر، صحت ۽ انصاف جون سهولتون مهيا ڪري ڇڏيون آهن جو ڪيترا آمريڪن به سنگاپور ۾ نوڪري يا بزنيس ڪندي پنهنجي خوش نصيبي سمجهن ٿا.
    بهرحال هتي اسان سفري ضرورتن ۾ ويزا بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين جيئن هڪ عام ماڻهوءَ کي ڄاڻ ٿي سگهي ته ويزا ڇا ٿئي ٿي ۽ آمريڪا اچڻ لاءِ ڪهڙي ڪهڙي ويزا جي ضرورت پوي ٿي. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڌارئين ملڪ ۾ ويزا مطابق رهڻ کپي يعني جيترا ڏينهن رهڻ جي اجازت (ويزا) هجي اوترائي رهڻ کپن، جيڪڏهن ڪنهن مجبوريءَ ڪري ڪجهه ڏينهن وڌيڪ رهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته ان سلسلي ۾ اڳواٽ واسطي واري کاتي کي درخواست ڏيئي پنهنجي ويزا Extend ڪرائي پوءِ سڪون سان رهجي ۽ عزت سان ڌارئين ملڪ جي هوائي اڏي تان وطن ورجي. هوڏانهن آمريڪا ڏي ايندڙ هر وزيٽر کي اڄ ڪلهه پنجن سالن جي وزٽ ويزا جو اسٽڪر اسلام آباد جي آمريڪي سفارتخاني مان لڳي ملي ٿو پر آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ ڪيتري مدي جي اجازت ملي ٿي اها ايئرپورٽ تي پهچڻ تي ڊيوٽي تي مقرر اميگريشن آفيسر ٻڌائي ٿو ۽ ان جو ٺپو هڪ اڇي رنگ جي ننڍڙي فارم تي هڻي ڏئي ٿو، جيئن توهان کي هر وقت ڌيان ۾ رهي ته ويزا ڪڏهن ختم پيئي ٿئي ۽ ان کان اڳ توهان ڌڏارين جي هن ملڪ مان پنهنجي وطن روانا ٿي وڃو.
    هن اڇي رنگ جي ڪارڊ جو نالو Arrival-Departure ڪارڊ آهي، جيڪو Form I-94 به سڏجي ٿو. اهو فارم گهڻو ڪري اميگريشن آفيسر ئي توهان کي ڏيڻ وقت توهان جي پاسپورٽ سان Staple ڪريو ڇڏي، جيئن پاسپورٽ سان گڏ حفاظت ۾ رهي. ان کي هميشه قابو رکجي جو موٽڻ وقت ايئرپورٽ تي ڏيڻو پوي ٿو. اهو ڪارڊ هوم لئنڊ سڪيورٽي، ڪسٽمس ۽ بارڊر پروٽيڪشن واري ڊپارٽمينٽ طرفان هوندو آهي، جنهن تي درج ڪيو ويندو آهي ته توهان ڪهڙي ويزا هيٺ آمريڪا آيا آهيو ۽ گهڻن ڏينهن لاءِ رهي سگهو ٿا.


    شل نه ڪو ڌارئين ملڪ ۾ بيمار ٿئي

    ڌارئين ملڪ ڏي ويندڙ مسافرن لاءِ (خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي آمريڪا گهمڻ يا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا) هتي ڪجهه ڳالهيون پرديس ۾ صحت ۽ دوادرمل بابت پڻ لکندو هلان. اسان جو ملڪ توڙي کڻي غريب آهي، اسپتالن ۾ انڌير لڳو پيو آهي، پر تڏهن به انڌين منڊين بيمارين جي علاج لاءِ دڪان تان گوريون وٺي پاڻ ئي علاج ڪريو وٺون يا ڪو نه ڪو پاڙي اوڙي يا مٽي مائٽيءَ ۾ اهڙو ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر يا نرس دائي مليو وڃي، جنهن کان مفت ۾ به علاج بابت صلاح وٺي سگهجي ٿي پر دنيا جي هنن امير ترين ملڪن ۾ چاهي ناروي سئيڊن هجي، جپان ڪوريا هجي، جرمني فرانس هجي يا انگلينڊ اسپين- شل نه ڪو مسافر بيمار ٿئي. معمولي دوا به هن کي ڪنگال بنايو ڇڏي. ڊاڪٽرن، دوائن ۽ اسپتالن جا خرچ آسمان سان ڳالهيون ٿا ڪن ۽ آمريڪا ۾ ته هيڪاندي باهه پئي ٻري. اسان جي ملڪ ۾ ته ڪيترين ئي بيمارين جي دوا ڊاڪٽر کي بنا ڏيکارڻ جي خريد ڪري سگهجي ٿي پر آمريڪا ۾ هر دوا جي ڳري قيمت هڪ طرف آهي ته ٻئي طرف اها تيسين نٿي ملي سگهي، جيسين ڊاڪٽر نه لکي ڏئي ۽ ان بابت چرچي طور پنهنجي شروعاتي سفرنامي“ جاني ته جهاز“ ۾ لکي چڪو آهيان ته آمريڪا ۾ مٿي جي يا ڪن جي سور جهڙي معمولي بيماريءَ جي علاج لاءِ گورين جي شيشي يا ڦڙن (Drops) جي شيشي ڇهين ڊالرين ملي ٿي ۽ اها خريد ڪرڻ لاءِ سٺ ڊالر ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ جي في ڏئي ان کان دوا خريد ڪرڻ لاءِ نسخو (prescription) وٺڻو پوي ٿو. ان بنا دوا نٿي ملي.
    جيڪي ماڻهو آمريڪا جا شهري آهن، انهن جي علاج جي خرچ جو جيتوڻيڪ وڏو حصو انهن جي انشوئرنس ڪمپني ڀري ٿي، تنهن هوندي به ويهه سيڪڙو خرچ (Co Pay) ۽ Deductible خرچ (جنهن کي Excess به سڏجي ٿو) اهو ايترو گهڻو ٿئي ٿو جو اسان جا ڪيترائي ننڍين نوڪرين وارا پاڪستاني توڙي انڊين آمريڪا بدران پنهنجي وطن وڃي آپريشنون ۽ علاج ڪرائين ٿا. Deductible اها رقم آهي، جيڪا هر صورت ۾ علاج ڪرائڻ واري کي ڏيڻي پوي ٿي. مثال طور ڪنهن جي علاج تي خرچ ستر ڊالر ٿو اچي ته مقرر ڪيل Deductible رقم 50 ڊالر ته بيمار کي پاڻ ڏيڻا آهن باقي 20 ڊالرن مان مقرر ڪيل Co- Pay مطابق 80 سيڪڙو انشورنس ڪمپني ڀريندي يعني 16 ڊالر ۽ مريض 20 سيڪڙو يعني 4 ڊالر ڀريندو. مثال طور ڪنهن جو هلندي پير ترڪي ٿو وڃي ۽ ٻانهن يا ٽنگ جو فرئڪچر ٿيو ٿو پوي ۽ علاج تي خرچ ڏهه هزار ڊالر يعني ڇهه لک رپيا ٿو اچي (جيڪو آمريڪا جي حساب سان تمام گهٽ آهي) ته ان مان پنجاهه ڊالرن کان علاوه باقي جو ويهه سيڪڙو به مريض پاڻ ڏيندو. يعني مريض کي انشورنس هوندي جيڪو ڪجهه حصو پنهنجي کيسي مان ڏيڻو پوندو سو به هڪ لک ويهه هزار رپيا ڀرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ڪو هتي جو شهري نه آهي ۽ هو هتي گهمڻ لاءِ آيو آهي ته اها سڄي رقم کيس ڀرڻي پيئي.
    هتي جا منهنجا دوست ٻڌائين ٿا ته گذريل سال هتي هڪ سنڌ جو وڏيرو گهمڻ لاءِ آيو. هن کي دل جي تڪليف ٿي پيئي. هتي جي همراهن کيس سهڻي صلاح ڏني ته سائين گهمڻ کي هڻو کڏ ۾ اڄ ئي ٽڪيٽ وٺي وطن واپس هليا وڃو ۽ اتي وڃي علاج ڪرايو. پر هو نه رڳو ترسي پيو پر اتي آمريڪا ۾ ئي دل جي آپريشن ڪرائڻ ۾ هن پنهنجي خوش نصيبي ٿي سمجهي. هن سمجهيو ته خرچ اچي اچي ڪيترو ايندو، جيڪو ايندو اهو ڀربو. پر لئه خراب نه ڪبي. آپريشن ٿي. ڪو هفتو اڌ اسپتال ۾ مس رهڻو پيو. خبر پيئي ته بل آيو فقط پنجاهه هزار ڊالر معني ٽيهه لک رپيا اهو ٻڌي علاج بعد صحتيابي حاصل ڪندڙ وڏيري کي ماڳهين وري هارٽ اٽئڪ ٿي ٿيو. سندس مائٽن مٽن ۽ دوستن ڦوڙي ڪري کيس قرض ڏنو. بٽئيءَ جا پئسا کڻي ته هو آمريڪا جي سير لاءِ نڪتو هو. دوستن ۽ مائٽن جو قرض چڪائڻ لاءِ هن کي وطن موٽي پنهنجيون زمينون وڪڻڻيون پيون.
    سو يارو آمريڪا جهڙا ملڪ گهمڻ ۾ جتي تفريح ۽ تجربو آهي اتي اهو گهمڻ ڦرڻ عذاب ۽ بدبختي ٿيو پوي، جيڪڏهن الله نه ڪري ته ڪو مسافر بيمار ٿي پوي يا زخمي ٿي پوي! سچي ڳالهه ۽ سهڻي صلاح ته اها آهي ته اڄ جون حالتون اهڙيون ٿي پيون آهن جو ڪنهن کي نوڪري روزگار جي مجبوري نه هجي يا مائٽن مٽن سان ملڻ ضروري نه هجي ته پنهنجي وطن ۾ پنهنجي گهر ۾ ئي سکيو ستابو ويٺو هجي. ٻاهر جي دنيا معلوم ڪرڻ جو شوق ٿئي ته ڊسڪوري، نئشنل جاگرافڪ يا Travel جهڙو ٽي وي چئنل کولي ويهي ڏسجي. اها ئي شيءَ اڄ ڪلهه ”ڪم خرچ بالا نشين“ سمجهي وڃي ٿي.
    هونءَ هن پاسي يا ههڙن مهانگن ملڪن ڏي سفر ڪرڻ ضروري ٿي پوي ته اهڙي صورت ۾ پنهنجي ملڪ مان ضرورت جون ڪجهه دوائون پاڻ سان کڻي نڪرڻ ڪا خراب Idea ناهي. انهن ضروري دوائن ۾ هڪ ته اهي اچي وڃن ٿيون، جيڪي ڪن بيمارين ڪري هر روز کائڻيون پون ٿيون جهڙوڪ بلڊ پريشر Diabities, دل جو مرض، ٿايورائيڊ وغيره جون گوريون. ٻيون مٿي جي سور، پيٽ جي سور، قبضي، دستن جهڙين بيمارين لاءِ، جن جي ڪنهن وقت به ضرورت پئجي سگهي ٿي. انهن دوائن جي بهتر لسٽ توهان کي پنهنجو فئملي ڊاڪٽر ٻڌائي سگهي ٿو ۽ بهتر ٿيندو ان هڪ ئي ڊاڪٽر کان سندس ليٽر هيڊ واري پئڊ تي اهي دوائون لکرائي، اهو پنو پاڻ سان کڻي نڪرو. ان تي هو اهو لکي ڏيندو ته توهان هي دوائون واپرايو ٿا ۽ توهان لاءِ ضروري آهن. اهو احتياط خاطر پاڻ سان کڻڻ ان ڪري ضروري آهي جو ڪن ايئرپورٽن تي ڪسٽم آفيسر ڊاڪٽر جي ليٽر بنا دوائون کڻڻ نٿا ڏين. ڪوشش ڪري ڪا به دوا يا رڌ پچاءُ جو مصلو پائوڊر جي صورت ، بنا Seal ٿيل دٻي يا ٿيلهيءَ ۾ نه کڻجي. ڇو جو ڪنهن هوائي اڏي تي ڪنهن ڪنهن ڪسٽم آفيسر جي دماغ ۾ اها ڳالهه اچي سگهي ٿي ته لفافي ۾ ويڙهيل، پيٺل هيڊ جيڪا توهان رڌ پچاءَ لاءِ کنئي آهي يا توهان پنهنجي ڳوٺ جي درگاهه شريف جي موالي مجاور کان شوڪاريل مٿي جي علاج لاءِ خاڪ شفا کنئي آهي، ان جو واسطو ڪنهن نشي پتي واري شيءَ سان آهي. مڃان ٿو ته يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ انصاف ملي ٿو ۽ جيسين ثبوت نه ملن، تيسين عرب ملڪن وانگر ڌارئين کي (خاص ڪري اهو پاڪستان، بنگلاديش جهڙي غريب ملڪ جو آهي ته) يڪدم جيلن ۾ نٿا موڪلين پر جيسين هنن کي پڪ ٿئي ته هيءَ ڪا چرس، گانجي، هيروئن، راڪيٽ جهڙي شيءِ ناهي ۽ اڄ به سنڌ جي ڏورانهن ڳوٺن، چنبڙ، قمبر، ٻني، ڇني، راڄو خاناڻي ۽ ميانداد چنجڻيءَ ۾ ڪيترا ماڻهو مٿي جي سور يا وائي سور جو علاج پير جي درگاهه جي ٻهاريل مٽيءَ سان ٿا ڪن، تيسين تيرهن ڪلاڪ سفر ڪري آيل مسافر جو وڌيڪ انتظار ڪرڻ يا قطار ۾ بيهڻ ۾ سر هليو وڃي. هڪ دفعي ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي، پنجاب جي ڪنهن ٻهراڙيءَ واري ڳوٺ جي ماءُ، پنهنجي ٿڃ تي ٻار سميت جهلجي پيئي. ڊئنمارڪ ۾ پنجاب جي ٻهراڙيءَ پاسي جا ڪيترائي پورهيت ۽ مزدور سالن کان رهن ٿا، جيڪي پنهنجي وطن وڃڻ وقت يا موٽڻ تي ڪوپن هيگن جي هوائي اڏي تي لهن ٿا. مون انهن ڏينهن ۾ ڀر واري ملڪ سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو جي يونيورسٽيءَ مان مئرين انجنيئرنگ سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن پئي ڪئي. مالمو وڃڻ لاءِ اسان کي به ڪوپن هيگن ايئرپورٽ تي لهڻو پوندو هو (ان بعد ٻيڙيءَ ذريعي سمنڊ جو ٽڪرو ٽپي ٻئي پار مالمو هليا ويندا هئاسين) هن عورت وٽ اڳڙيءَ جي ٽڪري ۾ پيٺل ڦوٽا (الاچي) ٻڌل هئي ۽ بقول ان عورت جي (جيڪا انگريزيءَ کان به اڻ واقف هئي ۽ رڳو پنجابي ڳالهائي رهي هئي) هن کي سندس پاڙي واريءَ اهي پيٺل ڦوٽا ٻار کي مصريءَ سان ملائي چَٽائڻ لاءِ ڏنا هئا ته جيئن هن نئين ٻار جو تارُو (ڪاڪڙو) مضبوط رهي پر جيسين ڪسٽم پوليس جي عملي تي ڳالهه سمجهه ۾ اچي تيسين هن اڪيلي سفر ڪندڙ عورت کي ڪافي خوف ۽ هراس ڇانيل رهيو. اهڙن موقعن تي جيسين پڪ ٿئي ته هوءَ ڏوهاري ناهي مون ڏٺو آهي ته هر ڪو ڀڄيو پري ٿيو وڃي. خاص ڪري جي الزام هيٺ آيل پاڪستاني آهي ته! ڇو جو حق جي ڳالهه ڪجي ته اسان پاڪستاني سڄي دنيا ۾ سخت بدنام ٿي پيا آهيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ڏهن پاڪستانين ۾ ڪو هڪڙو صحيح معنيٰ ۾ پاڪستاني هوندو ۽ نو ڄڻن ۾ ڪو برمي هوندو ته ڪو بنگالي، ڪو افغاني هوندو ته ڪو تامل پر دنيا ته انهن کي پاڪستاني ئي سڏيندي جو هو ڪنهن طرح پاڪستان جو پاسپورٽ حاصل ڪري سفر ڪري رهيا آهن. هنن کي پاڪستان جي شهريت ۽ پاسپورٽ ڪهڙي ريت حڪومت طرفان ملي ويو. ان کي روڪڻ لاءِ اسان جي حڪومت کي سختي ڪرڻ کپي ۽ اپاءَ وٺڻ کپن.


    مسافرن لاءِ انشوئرنس پاليسيون

    دنيا جا ڪيترائي امير ملڪ آهن، جن ۾ پنهنجن شهرين لاءِ دوائن ۽ ڊاڪٽر جي فين جو ڪجهه حصو اتي جي حڪومت ڏئي ٿي ، جيئن سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ ڏندن ۽ اکين جي علاج کي ڇڏي باقي بيمارين جي علاج جو ڪافي خرچ اتي جو سوشل ڊپارٽمينٽ ڏئي ٿو. پر آمريڪا ۾ ٿوري عرصي لاءِ ويندڙ مسافرن توڙي Immigrant ويزا تي هميشه آمريڪا ۾ رهڻ وارن لاءِ يادداشت طور اهو لکندو هلان ته آمريڪا ۾ دوا درمل لاءِ حڪومت ڪجهه به نٿي ڏئي. آمريڪا جو ان بابت صاف ۽ چٽو قانون آهي ته
    “… The US does not have socialized medicine. All costs of health care are paid by the patient.”
    ۽ جيئن شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته دوا درمل ۽ علاج لاءِ هر هڪ کي هيلٿ انشورنس پاليسي خريد ڪرڻي پوي ٿي ۽ انشورنس ڪمپني اهو ئي چاهي ٿي ته دوا درمل ۽ ڊاڪٽر جي فين تي جيڪو خرچ اچي اهو پهرين توهان پنهنجي کيسي مان ادا ڪيو ۽ پوءِ انشورنس ڪمپنيءَ کان Claim ڪريو جيڪا Deductible رقم ۽ توهان جي حصي جو Co- Pay ڪٽي باقي پئسا توهان کي جلدي جلدي ته به ٻن ٽن مهينن بعد ڏئي ٿي.
    آمريڪا جي Non- Immigrant ويزا تي اچڻ وارا- يعني سياح، شاگرد، نوڪرين وارا وغيره، جيڪڏهن افورڊ ڪري سگهن ته آمريڪا پهچي پنهنجو پاڻ کي صحت جي معاملي ۾ ضرور انشورنس ڪرائين. آمريڪا جون جيڪي وڏيون ۽ نالي واريون انشورنس ڪمپنيون آهن، اهي رڳو آمريڪا جا شهري ۽ گرين ڪارڊ وارن کي (يعني Immigrant ويزا وارن کي) انشورنس ڪن ٿيون. بهرحال ٻيون ننڍيون ننڍيون ڪمپنيون آهن، جيڪي ٽوئرسٽن کي انشوئر ڪن ٿيون. پر اهي به وڏي عمر جي سياحن کي انشوئرنس ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿيون ۽ ٻين کي به انشوئر ڪندي شرط شروط وجهن ٿيون، جهڙوڪ اهڙيون بيماريون جيڪي ٽوئرسٽ کي پهرين آهن، انهن جي ڪري هنن کي ڪو نقصان ٿي پيو ته هو ٻڌل نه رهندا، وغيره، غوطا خوري، جبلن تي چڙهڻ، جانورن جي شڪار لاءِ جنگلن ۾ وڃڻ يا ٻي ڪنهن اهڙي شوق پٺيان ٽوئرسٽ کي نقصان رسندو ته ان جي به هي انشورنس ڪمپنيون ذميواري نه کڻن. مطلب ته انشورنس ڪرائڻ بعد، ڪجهه ٿيڻ تي به، انشورنس ڪمپنين کان ڪجهه هڙ حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ڪيترين حالتن ۾ هنن سان قانوني جنگ وڙهڻ لاءِ وڪيل ئي ڪرڻو پوي ٿو. معنيٰ ان لاءِ فالتو وقت ۽ وڌيڪ پئسو هجي. ڇو ته اها به ڳالهه آهي ته آمريڪا ۾ انشورنس ڪمپنين کي ڦرڻ لاءِ جتي ٺڳ موجود آهن. اتي ٽپتائي ۽ واندا وڪيل به ڪنهن نه ڪنهن هڪ ڌر جو فائدو ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪميشن حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن، جيئن اڄ ڪلهه وڪيلن جي هڪ ڪمپني طرفان اخبار ۾ اشتهار ايندو رهي ٿو ته توهان کي ڪنهن پاڙي واري جي ڪتي ڏاڙهيو ته ناهي؟ اسان توهان پاران ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. توهان کي اڳواٽ في ڏيڻ جي به ضرورت ناهي. توهان کي جڏهن ڪتي جي مالڪ کان ٻڪ ناڻي جا وٺي ڏينداسين ته پوءِ ان مان ڪميشن (جيڪا گهڻو ڪري ويهه سيڪڙو ورتي وڃي ٿي) ڏجائو.
    اهو اشتهار پڙهي واشنگٽن ۾ رهندڙ اسان جو ڳوٺائي نجم ميمڻ مون کي سندس فلئٽ تي هچڻ واري لفٽ ۾ ڪتي سان گڏ چڙهندڙ آمريڪن عورت کان پري پري ٿي بيهڻ کان هميشه جهليندو هو. چوندو هو: ”سائين ڪتي جو توهان فڪر ئي نه ڪريو. آئون ته هر وقت ان اميد سان هوندو آهيان ته ڪڏهن ڪتي جو دماغ خراب ٿئي ۽ منهنجي ٽنگ ۾ ڄاڙي وجهي ته مالڪياڻيءَ کان پنجاهه هزار ڊالر (ٽيهه لک رپيا) حاصل ڪريان.“ ياد رهي ته هتي ڪتي پالڻ واري کي پنهنجي ڪتي کي هر وقت ڪنٽرول ۾ رکڻو پوي ٿو. سندس ڀونڪڻ تي پاڙيوارو پوليس کي شڪايت ڪري سگهي ٿو. ويندي ننڊ ڊسٽرب ڪرڻ تي مالڪ کي ڏنڊ ڏيڻو پئجيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪتي ڪنهن کي چڪ هنيو ته مالڪ جو سر ويو ۽ چڪ لڳڻ واري جي ڄڻ ته لاٽري نڪتي.
    انشورنس ڪمپنين، وڪيلن ۽ ٺڳ ماڻهن جون، هتي آمريڪا ۾، عجيب عجيب ڳالهيون ٻڌبيون آهن. ڪي ته عجيب کل جهڙيون هونديون آهن. هڪ مزيدار ڳالهه جيڪا اڄ ئي ٻڌي اٿم پڙهندرن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي لکي رهيو آهيان. ۽ اهڙيون ڳالهيون هتي آمريڪا ۾ ئي ٿي سگهن ٿيون.
    ٽيڪساز رياست جي شهر ڊالاس جي هڪ وڪيل هڪ خاص قسم جي مهانگن سگارن جي دٻي ورتي ۽ پنهنجين ٻين شين سان گڏ باهه جي بچاءَ خاطر ڪنهن انشوئرنس ڪمپنيءَ وٽ انشوئر ڪيا.
    اڃا مهينو به نه ٿيو ته هن پنهنجا قيمتي سگار روزانو هڪ هڪ ڪري ڦوڪي پوءِ انشوئرنس ڪمپنيءَ کان انهن جي رقم وصول ڪرڻ لاءِ آيو. دٻليءَ ۾ بند اهي قيمتي 24 سگار هن 15000 ڊالرن (نو لک رپين) ۾ انشوئر ڪرايا هئا.
    ڪليم ۾، وڪيل اهو بيان ڏنو ته هن جا قيمتي سگار ننڍڙين ننڍڙين باهين ۾ سڙي رک ٿي ويا. ظاهر آهي انشوئرنس ڪمپنيءَ ان سبب ڪري، سگارن جي ختم ٿي وڃڻ جو ڪليم، ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ڇو جو اهي سگار وڪيل صاحب نارمل طريقي سان ڇڪي مزو ماڻيو هو.
    توهان کي يقين نه ايندو، وڪيل صاحب ٺوڪي کڻي ڪيس ڪيو... جج وڪيل جي فائدي ۾ Judgement ڏني ۽ وڪيل ڪيس کٽي ويو.
    جج Ruling ڏيندي وقت انشورنس ڪمپنيءَ جي جيتوڻيڪ اها ڳالهه مڃي ته اهو ڪليم ڪرڻ جوڳو ناهي. پر بهرحال وڪيل انشوئرنس ڪمپنيءَ کان پاليسي خريد ڪئي، جنهن ۾ انشوئرنس ڪمپنيءَ هن جي سگارن جي وارنٽي کنئي ۽ هن ڪمپنيءَ سگارن کي خاص طور باهه کان بچائڻ جي گئرنٽي مهيا ڪئي هئي.
    هيٺين ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف مٿين ڪورٽ (هاءِ ڪورٽ) ۾ اپيل ڪرڻ پٺيان پئسو ۽ وقت وڃائڻ بدران انشوئرنس ڪمپنيءَ جج جي حڪم جي پوئواري ڪئي ۽ وڪيل صاحب کي سندس سگريٽ سڙڻ جو ڪليم پنڌرهن هزار ڊالر ڀري ڏنو.
    ۽ هاڻ هن ڪهاڻيءَ جو باقي ۽ بهترين حصو.
    انشوئرنس ڪمپنيءَ کان وڪيل ڪليم جو چيڪ وٺي جيئن ئي ڪئش ڪرايو ته انشوئرنس ڪمپنيءَ پوليس ۾ رپورٽ درج ڪرائي وڪيل صاحب کي ان ڏوهه ۾ ٻڌرايو ته هو چوويهه ڀيرا Arson (آتش گردي) ڪري چڪو آهي. ڪنهن جي گهر يا ملڪيت کي باهه ڏيڻ کي Arson سڏجي ٿو.
    ڪورٽ ۾ جڏهن ڪيس هليو ته انشوئرنس ڪمپنيءَ انهن چوويهن ”باهين“ جي ثبوت ۾ ادا ڪيل انشوئرنس ڪليم ۽ گذريل ڪيس جي Testimony هن جي خلاف ڏيکاري. وڪيل کي جج صاحب مجرم قرار ڏنو. اهو ان ڪري جو هن ڄاڻي واڻي انشوئرنس ٿيل ملڪيت کي باهه ڏني. هن ڏوهه جي سزا ۾ هن کي چوويهه هزار ڊالر ڀرڻا پيا ۽ چويهه مهينا جيل ڪاٽڻو پيو.
    ڪن ڪن هوائي اڏن تي انشوئرنس ڪمپنين وارا هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ وارن مسافرن کي اڏام جي سلامتي خلاف انشوئرنس وڪڻندا نظر اچن ٿا. ان انشوئرنس کي دراصل “Flight Accident Insurance” سڏجي ٿو، جيڪا جهاز جي حادثي ٿيڻ تي فوتيءَ جي وارثن کي انشوئرنس جي رقم جيڪا، اڄ ڪلهه ويهه ٽيهه لکن کان پنجاهه لک آهي، ڏني وڃي ٿي. يا گهٽ ۾ گهٽ ڏيڻ جو وعدو ڪيو وڃي ٿو. بهرحال ههڙي انشوئرنس مان وڏي خوشحالي نصيب ٿئي ٿي. يعني انشوئرنس ڪمپنيءَ کي.
    توهان پاڻ سوچيو ته هر هوائي جهاز ۾ ٽي چار سئو مسافر چڙهن ٿا، انهن مان جيڪڏهن هڪ سئو مسافر به هڪ هڪ هزار رپين جو پريميم ڏيئي ڏهه ڏهه لکن واري انشوئرنس خريد ڪن ته هڪ اڏام ۾ انشوئرنس ڪمپنيءَ جي کيسي ۾ في الحال هڪ لک رپيا ته اچي ويو ۽ ڪراچيءَ جهڙي منڊي ٽنڊي ايئرپورٽ تان جيڪڏهن چوويهه ڪلاڪن ۾ پنجاهه اڏامون به وڃن ٿيون ته معنيٰ انشوئرنس ڪمپنيءَ جي ڪمائي روزانو اڌ ڪروڙرپيا ۽ مهيني جي ٽيهن ڏينهن ۾ 15 ڪروڙ رپيا ٿيا ۽ سال ۾ پوڻا ٻه ارب رپيا کن ٿيا ۽ هاڻ ٻڌايو ته سال ۾ ڪيترا هوائي جهاز آهن، جيڪي ڪراچي يا ڪنهن ٻئي هڪ ايئرپورٽ تان اڏامڻ بعد حادثي جو شڪار ٿين ٿا؟ پر جي سراسري هڪ جهاز سال ۾ تباهه ٿو ٿئي ۽ سڀ مسافر مريو ٿا وڃن ته به انشوئرنس ڪمپنيءَ کي ڏهه لکن جي حساب سان هڪ سئو ماڻهن کي فقط ڏهه ڪروڙ رپيا ڏيڻا پيا. باقي بچت سندن کيسي ۾.
    سچي ڳالهه ته اها آهي ته حادثي بعد ڪمپنيءَ مان اهي پئسا ڪڍڻ لاءِ به سندن وارثن کي ڪمپنيءَ پويان مهينا ڊوڙڻا پون ٿا. رسيدون ڏيکاريو Affidavit لکرائي اچو، حقيقي وارث ڪهڙا آهن ۽ کين قانون موجب ڪيترو حصو ملڻ کپي، ڪورٽ مان لکرائي اچو... وغيره وغيره.
    1969ع يا 1970ع ۾ مون به اسپين جي هڪ ڪَناري ٻيٽ لاس پاماس کان لنڊن هوائي جهاز رستي سفر ڪيو هو. آئون بيمار ٿي پيو هوس سو اسان جو پاڻيءَ وارو جهاز هن ٻيٽ جي هڪ اسپتال ۾ مون کي لاهي انگلينڊ روانو ٿي ويو هو. مهيني سوا بعد هاڻ پنهنجو جهاز Join ڪرڻ لاءِ اسپين جي هڪ هوائي ڪمپني Iberia جي هوائي جهاز ۾ لنڊن وڃي رهيو هوس. لاس پاماس جي هوائي اڏي تي ”فلائيٽ ائڪسيڊنٽ انشوئرنس“ وڪامي رهيون هيون، مون سان گڏ سفر ۾ هن ٻيٽ جو رهاڪو منهنجو هم عمر، هندو سنڌي پڻ هو. هن جي صلاح سان اسان ڏهه ڏهه آمريڪن ڊالر ڏيئي پاليسي خريد ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ڊالر پاڪستان جي چئن رپين برابر هو. ۽ حادثي جي صورت ۾ رسيد تي انشوئرنس ڪمپنيءَ جي طرفان پنج هزار ڊالر ملڻ جو واعدو درج ٿيل هو. جڏهن جهاز اڏاڻو ۽ اڌ کان وڌيڪ سفر ڪري چڪو ته مون سان گڏ سفر ڪندڙ هن اسپيني هندو سنڌيءَ چيو ته جهاز جو حادثو نه ئي ٿئي ته سٺو جو حادثي بعد هي انشوئرنس جا پئسا پاڻ کي ملندا ئي ڪونه.
    ”ظاهر آهي پاڻ کي ڪيئن ملندا؟“ مون چيو مانس، ”پاڻ ته حادثي ۾ الله کي ئي پيارا ٿي وينداسين.“
    ”ها.“ هن کلندي چيو،“ پر افسوس جو انشوئرنس جا پئسا پنهنجن مائٽن کي به نه ملندا.“
    ”اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون پڇيو.
    ”اهو ان ڪري جو هنن ٺڳن کان انشوئرنس وصول ڪرڻ لاءِ نه پنهنجن مائٽن کي خبر آهي ۽ نه هنن وٽ رسيد.“
    سو اهڙي طرح ڪيترا انشوئرنس جا ڪم ڪڏهن ڪڏهن فقط پنهنجي دل کي خوش رکڻ جا سانگ ثابت ٿين ٿا.
    ٽريول ايجنٽ جن کان توهان ٽڪيٽ خريد ڪريو ٿا اهي ڪڏهن ڪڏهن ”ٽريول پروٽيڪشن پلانس“ يا Trip Cancellation Insurance به وڪڻن ٿا. اهي انهن پاليسين تي توهان کي سفر جو خرچ ڀري ڏين ٿا، جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري توهان کي وئڪيشن ختم ڪرڻي پوي يا جنهن ڪم لاءِ وڃو پيا اهو پورو ڪرڻ بنا موٽڻو پوي ۽ اهي سبب مختلف ٿي سگهن ٿا، جيئن ته حادثو، يا وڏي ڪا بيماري يا ڪو ٻيو. پر ياد رهي ته اهي انشوئرنس پاليسيون توهان جي علاج يا دوا درمل کي Cover نٿيون ڪن.
    جيڪڏهن توهان اهڙي ڪنهن انشوئرنس پاليسيءَ جي ڳولا ۾ آهيو جيڪا سفر دوران پرديس ۾ توهان جي دوا درمل، علاج ۽ آپريشن وغيره جو ذمو کڻي ۽ ان تي آيل خرچ جو وڏو حصو توهان کي ڀري ڏئي ته اها پاليسي International Medical Insurance آهي. ان قسم جي پاليسي توهان جي سفر دوران يا ولايت ۾ رهڻ دوران هر اگهائي جي علاج، دوا درمل، ڊاڪٽرن جي فين ۽ اسپتال ۾ رهائش جي خرچ جي پوئواري ڪري ٿي. پر ان قسم جون انشوئرنس پاليسيون ايڏيون ته مهانگيون آهن جو ڪڏهن ڪڏهن توهان جي هوائي جهاز جي ڀاڙي کان به وڌيڪ پريميم ڏيڻو پوي ٿو. خاص ڪري جي مسافر جي عمر 45- 40 کان مٿي آهي، جسماني طرح ڪمزور آهي ۽ ڊائبٽيز ۽ بلڊ پريشر جهڙيون پراڻيون بيماريون اٿس.


    نيو جرسي اسپتال ۾ پرڪاش سان ملاقات

    جولاءِ تي نيو جرسي جي سينٽ پيٽرس يونيورسٽي اسپتال ۾ احسن ۽ ايمان جن کي ننڍو ڀاءُ ابيان ڄائو. ٻه سال اڳ جڏهن جپان ۾ آفرين ڄائي هئي تڏهن به آئون اتي هوس. احسن، ايمان، آفرين ۽ هاڻ ابيان منهنجي وڏي ڌيءَ مريم (جيجل) جا ٻار آهن، هو گذريل ڏهه ٻارهن سالن کان جپان ۾ رهن ٿا. سندس مڙس مشتاق ميمڻ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد مهراڻ يونيورسٽي مان انجنيئرنگ B.E ڪئي ۽ ان بعد انگلينڊ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ بعد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ جاب ڪري رهيو هو ته کيس پي ايڇ ڊي لاءِ هيرو شيما يونيورسٽيءَ مان اسڪالر ملي ۽ انجنيئرنگ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ بعد اتي ئي ڪوڪورا شهر ۾ جپان حڪومت جي نوڪري ملي ويس. اٺ ڏهه سال اها نوڪري ڪرڻ بعد هاڻ يونائيٽيڊ نئشنس ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. سندس پوسٽنگ نيو يارڪ (آمريڪا) يا جنيوا (سئٽزرلينڊ) ۾ هئڻ بدران جپان جي هڪ تاريخي شهر ڪيوٽو ۾ رکي ويئي آهي.
    اسان جي هتي اچڻ ڪري ۽ ٻارن کي اسڪول کان موڪل هجڻ ڪري مريم ٻارن سميت جپان کان هيڏانهن نيو جرسي هلي آئي، جتي منهنجي ٻي ڌيءَ مارئي رهي ٿي، جنهن جو گهر وارو ثمير وسطڙو گذريل ڏهه کن سالن کان هتي آمريڪا ۾ پنهنجو پرائيويٽ بزنيس ٿو ڪري.
    ٻار جي اطلاع ملڻ تي سينٽ پيٽرس اسپتال پهتس، جيڪا نيو جرسي جي Middlesex واري علائقي جي نيو برنسوِڪ شهر ۾ بلڪل ايسٽن ايوينيو وٽ آهي، جتي پارڪ بوليورڊ وارو رستو ٿو اچي لڳي. Easton ايونيو جي ٻئي پاسي نيو جرسيءَ جي (بلڪ سڄي آمريڪا جي) مشهور يونيورسٽين مان هڪ رٽگرز يونيورسٽي آهي، جنهن جي اتر ۾ Huntington اسٽريٽ جي ٻئي پاسي هتي جو هڪ خوبصورت پارڪ Buccleuch پارڪ آهي.
    نئين ڄاول ٻار جي ڪن ۾ ٻانگ ڏئي ابيان نالو رکيو ويو، جنهن نالي بابت پهرين کان سوچي فيصلو ڪيو ويو هو ۽ جنهن نالي لاءِ هن اسپتال جي مسلمان ليڊي ڊاڪٽر فاطمه جهان Suggestion ڏني هئي. ڊاڪٽر فاطمه شام ملڪ جي رهاڪو آهي. سندس والدين گهڻو گهڻو اڳ ملڪي سياسي جهيڙن جهٽن مان جان آزاد ڪرائي هتي آمريڪا ۾ اچي پناهه ورتي هئي. ڊاڪٽر فاطمه هتي ئي ڄائي يا شايد تمام ننڍي هئي ته هتي آئي ۽ سندس سموري تعليم آمريڪا جي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان آهي.
    لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جيڏي هن سينٽ پيٽر يونيورسٽي هاسپيٽل ۾ فاطمه کان علاوه ٻيا به ڪجهه ايشيائي (خاص ڪري لبناني ۽ مصري نرسون) ۽ آفريڪا جا ماڻهو نظر اچي رهيا هئا. جن ۾ گهڻو تعداد شاگردن جو هو يا اسان وانگر مريض سان ملڻ وارن جو. اسپتال مان موٽڻ وقت ٻي ماڙ تي ٺهيل رسيپشن تي هاڻ رات جي ڊيوٽي وارو آفيسر هتي جي گوري آمريڪن بدران ايشيا جو همراهه ويٺل هو. هيستائين جيڪي ڪجهه ايشيائي نظر آيا هئا، اهي منهن مهانڊي مان عرب ٿي لڳا يا وري چيني ۽ ويٽنامي. هي همراهه اسان جي پنهنجي ننڍي کنڊ جو همراهه لڳي رهيو هو. ٿي سگهي ٿو هندستان جي ڪنهن اتراهين صوبي جو هجي جو بنگالين ۽ مدراسين وانگر گهڻو ڪارو ۽ سنهڙو نه هو. يا وري پاڪستاني هجي. اڄ ڪلهه ته آمريڪا ۾ پاڪستاني به جتي ڪٿي نظر اچن ٿا ۽ کين ڏسڻ سان اها حيرت نٿي ٿئي جيڪا اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ واري آمريڪا ۾ اسان کي ٿيندي هئي. سٺ جي آخري ۽ ستر جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن اسان کي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهن ۾ جهاز هلائڻو پوندو هو ته پورٽ آرٿر، گيلوسٽن، چارلسٽن، سوانا، Tampa، بئٽن روج ۽ جئڪسن وائيل جهڙن بندرگاهن ۾ ته ڪڏهن به ڪو پاڪستاني نظر نه آيو پر هاڻ ڏسان پيو ته اهڙن ننڍن شهرن ۾ به لاهور ۽ ڪراچيءَ جهڙن وڏن شهرن جا ماڻهو ته ڇا سنڌ جي ڳوٺن ماتلي، ٽنڊو جان محمد، ڀريا، قاضي احمد، ڪوٽ غلام محمد ۽ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وليد ۽ قمبر جي ميتلو ڳوٺ جا به نظر پيا اچن. ۽ مون کي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ بس ۾ ويندي ڪنهن هنڌ پاڻ جهڙو مهانڊو نظر اچي ويندو هو ته بس مان لهي، ٻي بس ۾ ان هنڌ پهچي همراهه کي ڳولبو هو ته ويو ڪيڏانهن. خبر چار وٺجيس ته هتي آمريڪا ڪيئن پهتو. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا هيڪاندو ڏورانهون ڏيهه سمجهيو ويو ٿي. نه ايڏيون هوائي جهازن جون اڏامون هيون نه اڄ جهڙو ٽيليفون سسٽم ۽ خبرون ڏيندڙ ٽي وي چئنل. يورپ ۽ انگلينڊ ۾ ئي اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي کوڙ نوڪريون پئي مليون، ڪنهن جو مٿو ڦريو آهي جو هيڏانهن ڪَهي اچي ڪو پاڪستاني ته ڇا انڊين نظر ايندو هو ته ان سان به وڏي حب ۽ Curiosity مان ملبو هو. حال احوال وٺبو هو. پر هاڻ اها ڳالهه ئي نه رهي آهي ۽ هي انڊين يا پاڪستاني مهانڊو جيڪو سامهون نظر اچي رهيو هو، ان کي مون سان ۽ مون کي هن سان ملڻ يا هڪ ٻئي کان احوال وٺڻ جي ڪا به دلچسپي پيدا نه ٿي رهي هئي پر ٻار جي برٿ سرٽيفڪيٽ ٺهرائڻ لاءِ هن ڪجهه فارم ماءُ کان صحيح ڪرائڻ لاءِ اسان کي ڏنا، جيڪي منهنجي زال کڻي واپس ڌيءَ ڏي ويئي، تيسين آئون اتي ئي آجيان واري ڊيسڪ وٽ بيهي رهيس ۽ همراهه کي ٻڌايم ته آئون ان ٻار جو نانو آهيان. عيسائي آهيو؟“ هن پڇيو.
    ”نه مسلمان،“ وراڻيم، ”پر مون کي خبر آهي ته هيءَ اسپتال عيسائي مشنرين (تبليغين) جي آهي.“
    ۽ پوءِ وقت پاس ڪرڻ لاءِ سندس ملڪ پڇيم.
    ”هاڻ ته آمريڪن آهيان، پر ڄائس ۽ وڏو انڊيا ۾ ٿيس.“
    نه سکن واري پڳڙي ۽ ڏارهي هئس ۽ نه وري پنجابين ۽ ڪشميرين وانگر گهڻو اڇو هو. منهنجي شڪ موجب گجراتي ٿي لڳو.
    ”گجراتي آهيو؟“ مون پڇيو مانس.
    ”نه. سنڌي آهيان.“ هن وراڻيو.
    ”سنڌي ڳالهائي سگهو ٿا يا نه؟“ مون پڇيو.
    ”ها. گهر ۾ پيءُ سان سنڌي ڳالهايان. باقي زال ۽ ٻارن کي نٿي اچي.“
    هن ٻڌايو ته سندس نالو پرڪاش کيئاني آهي ۽ حيدرآباد جي مشهور بزنيس مئن ڪندن مل کيئانيءَ جو پوٽو آهي. سندس والد ڀڳوانداس هتي ئي نيو جرسي ۾ ساڻس گڏ رهي ٿو، جتي سندس ميرپوري زال ۽ ڌيءَ پٽ پڻ رهن.
    پرڪاش ٻڌايو ته پاڻ ٽن ڀيڻن جو اڪيلو ڀاءُ آهي. سندس هڪڙي ڀيڻ ميڪسيڪو ۾ رهي ٿي، هڪڙي ڏکڻ ڪوريا ۽ هڪ انڊيا جي بندرگاهه واري شهر واشاڪا پتنام ۾ رهي ٿي. مون کانئس سندس پيءُ ڀڳوانداس ساڻ ملڻ جو پڇيو. هن ٻڌايو ته هو ڪافي پوڙهو آهي ۽ بيمار پڻ رهي ٿو پر هن کي هڪ سنڌي ليکڪ سان ملي خوشي ٿيندي جو هن وٽ اڄ به انڊيا کان سنڌي اخبارون ۽ رسالا ايندا رهن ٿا، جن کي پڙهي هو خوش ٿئي ٿو. اسان ڀائر ڀيڻون سنڌي فقط ڳالهائي سگهون ٿا پر پڙهڻ نٿي اچي.
    پرڪاش کان سندس گهر جو فون نمبر وٺي اسان اسپتال مان نڪتاسين ۽ ٻئي ڏينهن ئي فون ڪري ڀڳوانداس کان مون ملڻ جو پڇيو ۽ سندس رضامندي تي مون پڪو پهه ڪيو ته جيئن ئي واندڪائي ملندي ته ڀڳوانداس کيئانيءَ سان ضرور ملندس.
    اسپتال ان بعد به ٻه دفعا مون کي وڃڻو پيو ۽ پرڪاش کي سندس پيءُ لاءِ ٻه ڪتاب پڻ ڏنم. هڪ دفعي ساڻس گڏ ويٺل مهمان سان ملرائي پرڪاش ٻڌايو ته هن همراهه جو ڏاڏو ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه پڻ انڊيا جي اهم شخصيت ٿي گذرريو آهي. هنن ڪافي وقت فجي ٻيٽ تي گذاريو آهي، جتي هن جو ڏاڏو انڊيا طرفان هاءِ ڪمشنر هوندو هو.
    مون هنن کي چيو ته هيءَ دنيا ڪيتري ته ننڍڙي آهي ۽ اها ڪيڏي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه سان منهنجي اسي واري ڏهي ۾ ٻه دفعا سنگاپور ۾ ملاقات ٿي هئي.
    ملائيشيا ۾ 1983ع کان 1991ع واري عرصي ۾ نوڪري دوران مون کي پڻ منهنجي ٻين ساٿين وانگر، اڃا به ڪنهن نئين ۽ دلچسپ هنڌ تي نوڪري ڪرڻ جي جستجو هر وقت لڳي رهي ٿي. منهنجا ڪيترا ساٿي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر، خاص ڪري انڊين ۽ يورپي، ملائيشيا ڇڏي برونائي، سنگاپور، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ هليا ويا هئا. مون کي جيستائين پسند جي نوڪري نه ملي، تيسين هر وقت فجي ٻيٽ جا خواب ڏسندو رهيس ۽ پوءِ هڪ دفعو جڏهن اتي جي هڪ ٻيٽ SUVA تي موجود نيول اڪيڊميءَ ۾ نوڪري ملي ته مُنجهي پيس ته ملائيشيا ڇڏي اوڏانهن وڃان يا ملائيشيا ۾ ئي رهي پوان جو مون لاءِ ملائيشيا به هڪ بهترين جاءِ هئي، جنهن جي ساوڪ، ٻارهوئي مينهن، کنوڻ ۽ گجگوڙ مون لاءِ سونهن ۽ ساز هئا.
    انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ سنڌي ڪلب ۾ جتي سنڌي هندن جو مندر به هو ٿر پارڪر جو بيحد پڙهيل ڳڙهيل، دنيا ۽ پنهنجي ڌرم جي معلومات رکندڙ ۽ هر انسان جو ڀلو گهرندڙ پنڊت مهاراجن هال شرما رهيو ٿي، جنهن سان منهنجي سنگاپور وڃڻ تي اڪثر ملاقات ٿيندي هئي. ملائيشيا ۽ سنگاپور جي وچ ۾ فقط سنڌو نديءَ جي پيٽ جيڏو ويڪرو سمنڊ آهي ۽ هي ٻه ملڪ Causeway (پل ۽ ريل رستي ڳنڍيل آهن) . مهاراج واري هن مندر ۾ جتي مڪاني سنگاپور جا ۽ سنڌ هنڌ جا ماڻهو ايندا هئا، اتي بالي ۽ پئسفڪ سمنڊ جي هن ٻيٽ فجيءَ جا انڊين پڻ ايندا هئا. هنن جو پنهنجي وطن انڊيا وڃڻ يا موٽڻ وقت هتان سنگاپور مان لنگهه ۽ Stoppage ٿئي ٿو. مهاراج نهال شرما مون کي فجي وڃڻ لاءِ نه فقط پنهنجا ذاتي مشورا ڏنا (جن جو احوال سنگاپور واري سفر نامي ”سنگاپور ٿو سڏ ڪري“ ۾ ڏنو آهي.) پر سنگاپور ايندڙ فجيءَ جي ڪجهه اهم شخصيتن سان پڻ ملايو. انهن مان هڪ ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه پڻ هو جنهن جي شخصيت مون کي بيحد متاثر ڪيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هينئر سندس پوٽي (يا ڏهٽي- جو انگريزيءَ ۾ گرانڊسَن لفظ ٻنهي جي نمائندگي ڪري ٿو) جي ملاقات تي سندس ذڪر ڪڍي ويٺا آهيون.
    ڪئپٽن ڀڳوانداس سرڪاري ڪاموري کان علاوه سٺو اديب پڻ هو. سندس ٻه چار ڪتاب بيحد مشهور آهن، جهڙوڪ:
    Indian Tea
    My Father’s Fiji
    هن هندي زبان ۾ به ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان ”اجالي اپني يادون ڪي“ ٻين به ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
    ڪيپٽن ڀڳوان سنگهه آگري جي جاٽ فئملي ۾ 1916ع ۾ ڄائو. هن آگري جي اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي ۽ اتي جي ئي ڪاليج مان 1940ع ۾ ايم اي ڪئي. ان کان پوءِ ٻي وڏي لڙائي (World War) شروع ٿيڻ تي هن کي انگريزن جي فوج ۾ ڪميشن ملي.
    جنگ ختم ٿيڻ تي هن کي الهه آباد جو اسسٽنٽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. 1948ع ۾ بلند شهر جو ڪليڪٽر ۽ ان بعد راءِ بريليءَ جو ڊپٽي ڪمشنر بنيو. ان بعد مختلف نوڪرين تي رهيو، خاص ڪري 1957ع ۾ڪلڪتي ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ 1964ع ۾ دهليءَ جو ڪمشنر ٿيو ۽ پوءِ آخر ۾ فجي ۾ انڊيا طرفان سفير (هاءِ ڪمشنر) ٿي رهيو، جتي سندس پيءُ بيري سنگهه پڻ انگريزن جي حڪومت ۾ سرڪاري آفيسر هو. ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه فجيءَ ۾ انڊيا لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ انڊيا جي ماڻهن ۽ ملڪ کي معاشي توڙي سماجي طرح وڏا فائدا رسايا. فجيءَ جي نيول اڪيڊمي جو پرنسپال ۽ منهنجو هم عمر مسٽر ناتاني سڪا نائيوئلو جنهن سئيڊن جي ساڳي يونيورسٽيءَ مان پوسٽ گريجوئيشن ڪئي، اهو پڻ ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه جي تعريف ڪندو هو. هن فجيءَ کي پنهنجو ٻيو وطن ٿي سمجهيو، جتي سندس پيءُ به زندگيءَ جا ڪيترائي سال گذاريا، تڏهن ته هن فجيءَ تي لکيل ڪتاب جو نالو منهنجي پيءُ جي ڌرتي (My Father’s Land Fiji) رکيو. مون وٽ جيڪا هن ڪتاب جي ڪاپي آهي. اها 1984ع وارو دهلي جو ڇاپو آهي، جيڪو Tamavua Enterprise وارن جو ڇاپو آهي ۽ مون سنگاپور مان ورتو هو.
    نيو جرسي جي هن اسپتال ۾ آيل هن نوجوان مهمان ٻڌايو ته سندس گرانڊ فادر 1995ع ۾ ديهانت ڪري ويو ۽ هي ڳالهيون پڙهندڙن لاءِ هن وقت قلمبند ڪرڻ دوران فجي ۾ هڪ دوست سان ڳالهه ٻولهه ڪندي خبر پئي آهي ته ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه جو وڏو پٽ اجيه سنگهه جيڪو 1989ع ۽ 1990ع ۾ انڊيا حڪومت ۾ ريلويز جو وزير هو، ان کي ٻه سال کن اڳ 2004ع ۾ پروفيسر آءِ ايس چوهاڻ جي جاءِ تي فجيءَ جو سفير ڪري رکيو ويو آهي. هڪ ٻي ڳالهه ته اجيه سنگهه ۽ ڪئپٽن ڀڳوان سنگهه جا پڙ ڏاڏا تڙ ڏاڏا رام چندر ۽ پدم ڪمار فجي ۾ سن 1885ع ۾ Indian Indentured System هيٺ مزدور ٿي آيا هئا. ان سسٽم بابت ڪجهه احوال اڳتي هلي ڪنداسين ته ڪيئن انگريزن ظاهري طرح ته غلاميءَ تي بندش وڌي پر هن سسٽم هيٺ هو پنهنجين ڏورانهين بيٺڪن (Colonies) ۾ ننڍي کنڊ جي غريب پورهيتن کان نيم غلاميءَ واري حيثيت جو ڪم وٺندا هئا. وجي سنگهه پاڻ فجيءَ ۾ ئي ڄائو ۽ اتي جي ئي مڪاني انڊين ڇوڪريءَ سان شادي ڪيائين. وجي سنگهه جو ڏاڏو بيري سنگهه به فجيءَ ۾ ڄائو هو. بهرحال هاڻ پاڻ نيو جرسيءَ ۾ رهندڙ سنڌي هندو فئملي کيئاني جي احوال تي واپس اچون ٿا، جنهن جي شروع ڪرڻ تي هي ڳالهيون نڪري پيون.


    سنڌي هندن جو ٻاهرين دنيا سان تعلق

    بهرحال هتي اسان نيو جرسي آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي هندو پرڪاش کيئاني جي پتا ڀڳوان داس جي ڳالهه ڪريون، جنهن سان اڃا تائين ته ملاقات نه ٿي سگهي آهي، جو هاڻ منهنجو نيو جرسي بدران ميريلئنڊ، ورجينا ۽ پينسلوانيا ۾ رهڻ پيو ٿئي پر ايترو آهي ته فون رستي منهنجيون هن سان ڪافي خبرون چارون ٿيون آهن، جن ۾ ڪجهه ڳالهيون پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي لکي رهيو آهيان:
    ڀڳوانداس 1932ع ۾ حيدرآباد ۾ سيٺ ڪندن مل کيئاني جي گهر ۾ جنم ورتو.
    اسين حيدرآباد جا رهواسي هئاسين. 1949ع ۾ سنڌ ڇڏيسين.
    پٽ، ڌيئون ۽ انهن جو اولاد سنڌي ڳالهائي ٿو پر پڙهي رڳو آئون سگهان ٿو.
    اسين ڀائيبند آهيون.
    حيدرآباد ۾ اسان جي پيءُ سيٺ ڪندن مل جا لوه جا ڪارخانا (Rolling Mills) هيون، سڄي سنڌ ۾ مال سپلاءِ ڪندا هئاسين.
    حيدرآباد ۾ اسان جو ڪارخانو ڦليلي وٽ گرو ننگر روڊ تي هو. هڪ ڪنڊ تي تولا رام گرلس اسڪول هو ته ٻي ڪنڊ تي اسان جو ڪارخانو.
    ريزڪي وڪري (Retail) جو دڪان ميان فقير جي پڙ ۾ هو.
    سڄي سنڌ ۾ جيڪي نار هلندا هئا، انهن جو لوهي سامان اسان جي ڪارخاني مان Supply ٿيندو هو. ائگريڪلچر مِلن (Mills) ۾ توڙي سنڌ جي جننگ فئڪٽرين ۾ اسان جي ڪارخاني مان لوهي پٽيون ۽ ٻيو مال ويندو هو.
    ان وقت جو ڪليڪٽر مير چنداڻي، وزير ايوب خان کهڙو، الاهي بخش ۽ ٻيا وڏا وڏا ماڻهو بابا (سيٺ ڪندن مل) کي سڃاڻندا هئا ۽ اسان وٽ گهمڻ ايندا هئا.
    ٽنڊو ڄام، ٽنڊوالهيار، نواب شاهه ۽ ٻين پاسي جا سيٺيون سيئومل، آسو مل ۽ اجواڻي وارا اسان کان سامان وٺندا هئا.
    اجواڻي سيٺيون اڃا به سنڌ ۾ رهن ٿيون.
    حيدرآباد ۾ اسان جي ڪارخاني جو نالو ”ڪندن مل هيرانند لوهي“ هو.
    سنڌ ڇڏڻ بعد ڏاڍو دربدر ٿياسين. منهنجي ان وقت عمر سورهن سترهن سال هئي. پتا سان گڏ ڪڏهن گانڌيڌام، ڪڏهن احمد آباد ته ڪڏهن بڙودا ڪيترائي سال دربدر رلندا رهياسين. ان بعد بمبئي اچي رولنگ مِل کوليسين. پر ڀائو ڏاڍو نقصان ٿيو.
    ڇو؟
    مزدورن جي ڪري، روز هنگاما، روز هڙتالون. آخر فئڪٽري بند ڪرڻي پيئي.
    ان بعد مدراس ۾ اچي چار پنج ڪپڙي جا دڪان کوليم. اتي (مدراس ۾) منهنجو ڀيڻويو نارائن داس اڳهين رهيو ٿي. ان وڏي مدد ڪئي.
    مدراس ۾ چاليهه سال کن ڪپڙي جا دڪان هلائي پوءِ هيڏانهن آمريڪا(USA) ۾ آيس. آئون USA 1993ع ۾ آيس پر منهنجو پٽ پرڪاش ان کان اڳ 1988ع ۾ آيو.
    پٽ ۽ ننهن نوڪري ڪن. سڄو ڏينهن گهر ۾ اڪيلو هوندو آهيان. گهڻو هلي چلي نٿو سگهان. ڪمزور رهان ٿو، جو پنجهتر سالن کي اچي پڳو آهيان.
    سنڌي ڪتاب پڙهڻ تي دل چوندي آهي. انڊيا کان ڪڏهن ايندا آهن، جيڪي پڙهي نيو جرسي جي ساڌو واسواڻي سينٽر موڪليندو آهيان.
    کيئاني سنڌي هندن جي اهڙِ ذات آهي، جيڪا توهان گهٽ ٻڌي هجي. مون کي انهيءَ ذات جي هندن جا دڪان جبرالٽر ۾ سجهن ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو نيو جرسي جي اسپتال ۾ مليل همراهه پرڪاش کيئاني ورا انهن کي نه سڃاڻندا هجن، جو هي ته هاڻ پنڌرهن کن سال ٿيا آهن جو هندستان کان لڏي هيڏانهن آمريڪا آيا آهن پر جبرالٽر وارا کيئاني ته ٽيهه چاليهه سالن کان جبرالٽر ۾ رهن ٿا، جيڪو ”جبل الطارق“ به سڏيو وڃي ٿو ۽ هي جيتوڻيڪ اسپين جو حصو آهي، پر مٿس حڪومت ۽ اثر رسوخ انگريزن جو رهيو. جبرالٽر ۾ رهندڙ کيئاني ذات وارن سنڌي هندن جو بزنيس، سئٽزرلينڊ جون واچون ۽ اعليٰ ۽ برانڊيڊ قسم جا زيور آهن. سندن ٽي دڪان جبرالٽر شهر جي مين اسٽريٽ تي آهن ۽ هڪ جبرالٽر ايئر پورٽ جي ڊپارچر لائونج ۾. هي ملڪ ڊيوٽي فري هجڻ ڪري هتي جي دڪاندارن جو ڪافي وڪرو ٿئي ٿو.
    هونءَ هي کيئاني پنهنجي نک کيئامل کان ڇڪين ٿا جنهن جو وڏو پٽ پوهُو مل هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو گهڻو اڳ سنڌ ڇڏي بزنيس خاطر ولايت روانو ٿي ويو هو ۽ ”پوهو مل برادرس“ نالي پنهنجي ڪمپني کولي هئائين. ديوان ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جي 1946ع ۾ لکيل ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ مطابق ته 1869ع ۾ جيئن ئي سئيز ڪئنال کليو ۽ يورپ کان ايندڙ اسٽيمر (پاڻيءَ جا جهاز) بمبئي اچڻ شروع ٿيا ته کيئا (جنهن تان سندس اولاد جي کيئاني ذات شروع ٿي) جو هي وڏو پٽ پوهو مل ولد کيئامل پنهنجي ”پوهو مل برادرس ڪمپنيءَ“ جي طرفان پاڻيءَ جي جهاز ۾ قاهري (مصر) ۽ يورپ روانو ٿي ويو. هن ٻين سنڌي واپارين وانگر وڪري لاءِ سنڌ ۽ هند جون مختلف شيون پاڻ سان کنيون. پرديس ۾ هنن بيحد سادگيءَ سان زندگي گذاري ۽ پاڻ سان آندل مال جو وڪرو ڪندا رهيا. ڪجهه سال پرديس ۾ خريد و فروخت ۽ پئسو ميڙڻ بعد جڏهن حيدرآبد موٽيو ته سندس خوشحاليءَ جون خبرون سندس دوستن ۽ مائٽن ۾ پکڙجي ويون ۽ ٻيا به هن جي نقش قدم تي ٻاهر نڪري پيا.
    ٽن سنڌي فرمن کي شروعاتي (Pioneer) ڪمپنيون مڃيو وڃي ٿو. جيڪي سڀ کان اڳ ديس ڇڏي پرديس ويون، انهن مان ميشرز پوهومل برادرس هڪ آهي ۽ باقي ٻه هيون، ميشرز ڌنومل چيلا رام ۽ ميشرز واسيامل آسومل. پوءِ ته آهستي آهستي ويو تعداد وڌندو. ڏکڻ آمريڪا ۾ به پوهو مل وارا شروعاتي واپاري مڃيا وڃن ٿا. هي چيني، ويٽنامي ۽ جپاني قومون جيڪي اڄ نظر اچن ٿيون، اهي مڙيئي گهڻو گهڻو پوءِ بزنيس خاطر گهر کان ٻاهر نڪتا. سنڌي ورڪي ائسوسيئيشن 1918ع ۾ ٺهي، جنهن جو پهريون صدر مکي هرڪشن داس ٻارهن سالن تائين رهيو. ديوان ڀيرو مل 1947ع ۾ جيڪي انگ اکر گڏ ڪيا، ان مطابق انهن ڏينهن ۾ ٻاهر رهندڙ سنڌ ورڪي ڀائيبندن هر سال ٻن کان اڍائي ڪروڙ رپيا حيدرآباد موڪليا ٿي. ان کان علاوه دنيا ۾ پکڙيل شڪارپوري سنڌي هندو واپارين شڪارپور الڳ پئسو موڪليو ٿي.
    شروعات ۾ پوهو مل حيدرآباد جي گهٽين ۾ ريشمي رومال وڪڻندو هو. هو ضرور شڪل صورت ۾ پرڪشش ۽ همت وارو هوندو ، تڏهن ته انگريزن جو هن ڌيان ڇڪايو ۽ انگريز مصر وٺي آيس، جتي اچي هن غاليچا وڪيا. جبرالٽر وارا کيئاني ٻڌائيندا هئا ته پوهو مل کي ٿامس ڪڪ ڪمپنيءَ وارن پاڻ سان گڏ ڀائيوار ڪرڻ جي آڇ ڏني پر پوهو مل قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
    پوهو مل جو نارائن داس نالي هڪ پٽ هو، جنهنجي زال جو نالو ڦلواري هو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته بيحد سهڻي ۽ سفيد رنگ جي هئي ۽ اها پهرين سنڌي عورت چئي وڃي ٿي، جيڪا بزنيس ٽرپ تي پنهنجي مڙس سان گڏ ويندي ايندي رهي.


    انڊين انڊينچر سسٽم

    اڄ ڪلهه جنهن به ملڪ ۾ وڃجيٿو چاهي هي ڏورانهون ملڪ آمريڪا هجي يا انگلينڊ، موسم جي لحاظ کان خراب ملڪ ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ هجي يا آفريڪا جو نئروبي، ڪمپالا يا ڊڪار، وڻج واپار کان بهترين ملڪ شنگهائي ۽ سنگاپور هجي يا هانگ ڪانگ دبئي، جتي ڪٿي توهان کي هم وطني ۽ هم زبان نظر ايندا، جيڪي پنهنجي مرضيءَ سان انهن ملڪن ۾ گهمڻ، تعليم، علاج يا نوڪري ۽ بزنيس لاءِ آيل هوندا.
    1970ع جي شروعات ۾ جڏهن جهاز هلائي پهريون دفعو ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن ملڪن ۾ پهتاسين ته اتي جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ اسان جي ملڪ جي پنجابي، پٺاڻن ۽ سنڌي هندن کي انهن ملڪن جون مڪاني زبانون ڳالهائيندو ۽ اتي جي ڪلچر سان مانوس ڏسي حيرت لڳي. پوءِ خبر پيئي ته هي ماڻهو هنن پَٽن تي پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ جا رهاڪو آهن، جڏهن ننڍي کنڊ تي انگريزن (برطانيا وارن) جي حڪومت هئي.
    انگلينڊ وارن کي، جتي جتي هنن جي حڪومت هئي، ،اتي هنن کي امن امان قائم رکڻ ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ پوليس ۽ فوج جي ضرورت هئي، جنهن لاءِ هنن ننڍي کنڊ جي گورکن، پٺاڻن ۽ پنجابين کي هتي آندو ٿي. پاڪستان ٿيڻ وقت هي ملڪ ڪي ايڏا امير يا ترقي يافته نه ئئا. انهن کان ته صد بار انڊيا ۽ پاڪستان خوشحال هو. موسم ۽ کاڌي خوراڪ ۾ به ته تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ به. پر ڀاڙي ۽ ٻين تڪليفن ڪري ڪيترا ننڍي کنڊ جا هتي نوڪريون ڪندڙ گهٽ پگهار وارا غريب پنهنجي وطن موٽي نه سگهيا ۽ هنن مڇرن ۽ مليريائي ملڪن، مينهونڳي ۽ گهٽ سهولتن وارن ملڪن جي حالتن سان سمجهوتو ڪري ويهي رهيا. اهو ته الله ڀلو ڪري لي ڪئان يو ۽ محمد مهاتير جهڙن مرد مجاهدن جو جن آزاديءَ بعد حالت خراب ڪرڻ بدران انهن ملڪن ۽ ماڻهن جي قسمت سڌاري ڇڏي.
    بهرحال جتي جتي انگريزن جي حڪومت هئي، اتي پوليس ۽ فوج ۾ اسان جي ملڪ جا پنجابي ۽ پٺاڻ، رهيا ٿي ۽ دڪانن ۽ واپار وڙي کي هلائڻ لاءِ اسان جا سنڌي هندو رهيا ٿي. بزنيس لاءِ امن امان ۽ انصاف ضروري آهي، ڪميونيڪيشن ۽ رستا ضروري آهن. انگريز جتي به رهيا ٿي انهن اهڙين ڳالهين کي ترجيح ڏني ٿي ۽ سنڌي هندن دل کولي اتي پئسو لڳايو ٿي.
    هڪڙا ٻيا ملڪ، جهڙوڪ ڏکڻ آمريڪا ۾ سري نام، جئميڪا ٽرنيڊاڊ يا هندي سمنڊ ۾ موريشس ۽ سيشلز ٻيٽ يا ڏکڻ پيسفڪ سمنڊ ۾ فجي ۽ ٽونگا جهڙا ٻيٽ آهن، جتي پڻ جام انڊين ملن ٿا ۽ پڇڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته هنن جا وڏا پڙ ڏاڏا تڙ ڏاڏا تمام گهڻو اڳ، سمجهو ته ڪي هڪ سؤ سال کن اڳ، غربت ڪري پنهنجو وطن (هندستان) ڇڏي روزگار لاءِ هتي اچي مزدوريون ۽ پورهيا ڪيائون. هنن جي آمريڪا ۾ آيل، انهن کان به اڳ آفريڪا جي شيدي پورهيتن کان ڪجهه مختلف پوزيشن سمجهي وڃڻ کپي.
    آمريڪا جي ڌرتيءَ تي جڏهن يورپ جي قومن جو قبضو ٿيو ته هنن اتي جي گهاٽن جهنگلن کي وڍرائڻ ۽ ڍنگ جي پوک ڪرائڻ لاءِ آفريڪا کان شيدي آندا جن کي هو غلامن طور وٺي ايندا هئا. ڪي سال هي بزنيس هلندو رهيو. هڪڙا آفريڪا جي ملڪن تي حڪومت ڪرڻ وارا يورپي ٻيا هنن جا مڪاني ڪمدار، گڏجي جانورن وانگر مڪاني ماڻهن (شيدين) کي جهليندا هئا ۽ گهرن مان چورائي غلامن جي بازارين ۾ ٻاهران آيل سوداگرن کي وڪڻندا هئا، جيڪي وهٽن وانگر هنن جو قد بت ۽ عمر ڏسي اگهه چُڪائيندا هئا ۽ پوءِ انهن رڍن ٻڪرين ۽ ڍڳن کان جيڪي چوپائي مال جي جهازن تي آسٽريليا کان عرب ملڪن ڏي نيا وڃن ٿا، انهن کان به خراب حالت ۾ انهن شيدي غلامن کي پاڻيءَ جي جهازن رستي آمريڪا پهچايو ٿي. بک، اُڃ ۽ سفر جي ڏکائين ڪري ڪيترن جو رستي تي موت ٿي ويو ٿي ۽ ڪيترين حالتن ۾ ته کاڌي جو خرچ بچائڻ ۽ باقي بچيلن کي آمريڪا جي ڪناري تائين صحيح حالت ۾ پڄائڻ لاءِ مري ويلن جو گوشت انهن کي کارايو ويو ٿي. آمريڪا پهچي هنن غلامن جو وري نيلام عام ٿيو ٿي ۽ ڳري اگهه تي وڪڻي سفر جو ۽ ٻيو خرچ ڪڍيو وويو ٿي. اڄ جيڪي آمريڪا ۾ توهان کي شيدي نظر اچن ٿا، انهن مان گهڻي ڀاڱي انهن مجبور ۽ مظلوم آفريڪي شيدي غلامن جو اولاد آهن. غلامن جي وڪري مان نه فقط يورپي قومن پر عربن به چڱو ڪمايو ۽ هر هڪ کي وڏو چشڪو لڳل هو ۽ شيدي غلام نه فقط آمريڪا روانا ڪيا ويا ٿي پر سنڌ ۾ ميرن جي درٻار ۽ حويلين لاءِ ۽ ترڪيءَ جي حرمسرائن لاءِ وڪرو ڪيو ويو ٿي. آخر هن انساني وڪري کي ٻنجو به انگريزن ڏياريو. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح ڪافي حد تائين ان واپار تي بندش وڌي ويئي.
    1834ع ۾ غلامن جي وڪري تي ته بندش وڌي ويئي پر نيون نيون ڪالونيون حاصل ڪندڙ انگريز، فرينچ ۽ ٻيون يورپي قومون انهن کي ڪيئن ٺاهين. سري نام ۽ فجي جهڙن ٻيٽن تي ڪمند جهڙي ڏکي پوک کان مڪاني ماڻهو نه ڄاڻو هئا ۽ نه هنرمند، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ رٻڙ جي پوک لاءِ ته ڏکڻ هندستان جي تاملن جي ئي ضرورت هئي.سو اهڙين ڏکين پوکين ۽ پورهين لاءِ هندستان مان مزور آڻن لاءِ Indian Indenture Labour Law ٺاهيو ويو، جنهن موجب ننڍي کنڊ جي غريب ماڻهن سان ڪلڪتي مان جهاز ڀري فجي، ماريشس، سيچلز ويندي سري نام ڏکڻ آمريڪي ڪالونين ۾ موڪليا ويا ٿي، جن مزدورن نيم غلاميءَ جي حالتن ۾ انگريز ۽ يورپي Planters (جاگيردارن) وٽ ڪم ڪيو ٿي.
    انڊين Indenture سسٽم موجب اهي انڊين، جيڪي انگريزن فرينچن يا ٻين يورپي قبضي هيٺ ٻيٽن يا ملڪن ۾ مزدوري لاءِ ويا ٿي، انهن کي جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ مئجسٽريٽ جي آفيس ۾ حاضر ٿيڻو پيو ٿي ۽ قسم نامي هيٺ ڊڪليئر ڪرڻو پيو ٿي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو ملڪ ڇڏي پرديس پورهئي لاءِ وڃن پيا. پورهيتن کي مالڪ جي نمائندي سان پنج سال نوڪري ڪرڻ جو Contract ڪرڻو پيو ٿي ته هو ان کان اڳ نه موٽندا ۽ هو آچر کان علاوه هفتي جا باقي ڇهه ڏينهن هر روز نو ڪلاڪ زمين کيڙڻ، پوکڻ ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪم (جيئن ته چيچڙن ۾ ڪمند کي نپوڙي ڳڙ ٺاهڻ يا رولر مِلز ۾ رٻڙ جا پترا ٺاهڻ، جن کي سولائيءَ سان ايڪسپورٽ ڪيووڃي ٿو) ڪندا. هنن کي ماهانو پگهار اٺ رپيا ملندو هو ۽ ان سان گڏ راشن جو سامان پڻ ڏنو ويو ٿي.
    هنن پورهيتن کي انڊيا موٽي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ۽ پنجن سالن بدران ڏهه سال مزدوري ڪرڻ لاءِ همٿائڻ خاطر هر مزدور کي ڏهه سال پورا ڪرڻ تي زمين ٽڪرو ۽ ڪجهه رقم وڌيڪ ڏني ويئي ٿي ته جيئن هو ٽڪي پوي ۽ پنهنجو ٻني ٻارو به ڪندو رهي. شادي شده مزدورن کي پنهنجي زال سان گڏ اچڻ جي به موڪل ڏني ويئي ٿي، جيئن گهڻي کان گهڻا پورهيت ۽ هاري ناري پنهنجو ملڪ انڊيا ڇڏي انگريز ۽ يورپين جي حڪومت هيٺ هلندڙ ڏورانهن ڏيهن ۾ هلي ڪم ڪن. ايتريقدر جو اهي مزدور جن کي هڪ کان وڌيڪ زالون هيون، انهن کي پنهنجيون مڙيئي زالون پاڻ سان وٺي هلڻ جي اجازت ڏني ويئي. اهڙيءَ طرح ڪيترائي غريب ۽ بي روزگار پنهنجو ۽ ٻچن ٻارن جو پيٽ پالڻ لاءِ دنيا جي مختلف ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ ويندا رهيا. کين هندستان مان کڻي وڃڻ لاءِ پهرين ڪلڪتي بندرگاهه کان جهاز روانا ٿيندا هئا پر پوءِ مزدورن جو تعداد وڌڻ تي مدراس ۽ بمبئي بندرگاهن کان به جهاز هلڻ لڳا.
    غلامن جي وڪري تي 1834ع ۾ بندش پوڻ بعد هي جيڪو Indian Indenture System شروع ٿيو جيڪو 1920ع تائين هليو ۽ ننڍي کنڊ جا ڪيترائي پورهيت ۽ مزدور ڌارين ۽ ڏورانهن ملڪن ۾ ٽِڪي پيا. هڪ رپورٽ موجب انڊيا کان رڳو موريشس ساڍا چار لک ماڻهو ويا. اهڙيءَ طرح سري نام (ڏکڻ آمريڪا) اڍائي لک، ٽرنيڊاد (جنهن ۾ وي. سي نائيپال جهڙي ليکڪ جا وڏا به اچي وڃن ٿا) ڏيڍ لک، جئميڪا چار لک، ناتال ڏکڻ آفريڪا ٻه لک، فجي هڪ لک کن (جن ۾ اڄ جي انڊين هاءِ ڪمشنر وجي سنگهه جو پڙ ڏاڏو ۽ تڙ ڏاڏو رام چندر ۽ پڌم ڪمار به اچي وڃي ٿو)، سيشلز ست هزار، ممباسا، زئنزيبار وغيره 32 هزار... ۽ اهڙي طرح ٻين ملڪن ۽ ٻيٽن ڏي ننڍي کنڊ جي ماڻهن پنهنجي ڌرم ڀومي ڇڏي وڃي پرديس جا ڪک وسايا.


    ورجينيا، مئري لئنڊ ۽ پينسلوانيا ۾ رستو ٺهيو ئي ڪونه حادثا ڇا ٿين.......

    حيدرآباد جي اعجاز شيخ ۽ خيرپور جي عرفان جماڻيءَ سان منهنجي ملاقات واشنگٽن ۾ ملهايل سنڌي شام ۾ ٿي. اعجاز (ڄم جي تاريخ 3 ڊسمبر 1966) منهنجي دوست ۽ هاڻ مائٽ رفيق شيخ جو وڏو پٽ آهي. هو ڪجهه سالن کان پنهنجي زال ۽ ٻارن سان هتي آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ پئٽرول پمپن جو ڪاروبار اٿس. اعجاز وارن سان منهنجي مائٽي ان ريت آهي جو اسان جو ننڍو ڀاءُ آفتاب جيڪو ڪئناڊا رهي ٿو ان جي زال شبانا اعجاز جي سئوٽ ۽ سندس ننڍي چاچي حاجي سليمان شيخ جي ڌيءَ آهي. اعجاز سان اسان جا ٻه رشتا ٻيا به آهن، هڪ ته اعجاز جي والده اسان جي ڀاءُ جهڙي دوست اقبال ترڪ جي ماسات ٿئي ۽ اعجاز جي زال سُهڻي (اصل نالو شائسته) منهنجي ڀاڻيجي ثمير وسطڙو جي سئوٽ آهي. منهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ ۽ ثمير جو والد ڪئپٽن بشير وسطڙو ۽ سهڻي جو والد شهاب وسطڙو سڳا ڀائر آهن ۽ سندن اصل ڳوٺ نوشهري فيروز ضلعي جو مچڙ نالي آهي.
    مون کي اها خبر هئي ته اعجاز شيخ آمريڪا جي رياست جارجيا يا فلوريڊا ۾ آهي پر مون اهو expect نه پئي ڪيو ته هو اتان هلي ملي هيڏانهن واشنگٽن، هيءَ سنڌي شام ملهائڻ لاءِ ايندو. فنڪشن واري هال ۾ گهڙيس ته هو سامهون ئي پنهنجي هن خيرپور جي دوست عرفان جماڻي سان گڏ ويٺو هو. بلڪه آيل مهمانن ۾ (پاڪستاني مهمانن ۾) هي ٻه ڄڻا ئي هئا، جيڪي مقرر وقت موجب هال ۾ پهچي ويا هئا. ٻيا هتي جا گورا آمريڪي مهمان هئا، جيڪي ڪارڊ تي لکيل وقت پڙهي ان موجب پهچي ويا هئا، جو هو اسان وانگر غير Punctual نه آهن.
    اعجاز وڏي سڪ سان مليو ۽ ٻڌائين ته هو هتي ويجهو ميريلينڊ رياست جي سلور اسپرنگ واري علائقي ۾ شفٽ ٿيو آهي، جيڪو هتان واشنگٽن کان ڪلاڪ جي Drive تي مس آهي. ”اڄ آئون ورجينا پنهنجي هن دوست عرفان سان ملڻ آيس ته خبر پئي ته واشنگٽن ۾ ڪو سنڌين جو فنڪشن هلي رهيو آهي سو ٻئي ڄڻا هيڏانهن هليا آياسين.“ اعجاز ٻڌايو ۽ هن مون کي واشنگٽن ۾ رهڻ بدران پاڻ وٽ هلڻ لاءِ چيو.
    ”آئون هتي ڇڙهن جي فليٽ ۾ وڌيڪ آرام ۽ آزادي محسوس ڪندس، جتي اسان جي ڳوٺ جو پاڙيسري نجم ميمڻ به رهيل آهي“ مون اعجاز کي ٻڌايو ۽ واعدو ڪيو مانس ته هن دفعي نه ته ٻئي دفعي هڪ ڏينهن لاءِ هلي اچي تنهنجو گهر به ڏسبو.
    هن پاسي کان اڻ واقفڪارن لاءِ ايترو لکندو هلان ته واشنگٽن ۽ ورجينا رياست جي پوزيشن ائين آهي، جيئن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي يا ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي. واشنگٽن اسلام آباد وانگر آمريڪا جو فيڊرل ڪئپيٽل يعني گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ جيئن اسلام آباد پاڪستان جي باقي صوبن جي مقابلي ۾ ننڍڙو آهي يا ڪئالالمپور (ملائيشيا جو فيڊرل ڪئپيٽل) ملائيشيا جي تيرهن رياستن جي مقابلي ۾ ننڍڙو آهي، تيئن هي واشنگٽن شهر جو علائقو آمريڪا جي پنجاهه رياستن جي مقابلي ۾ بيحد ننڍڙو آهي. ايتري قدر جو واشنگٽن جي فيڊرل آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ هتي واشنگٽن ۾ رهڻ بدران ڀر وارين رياستن ورجينيا، ميريلئنڊ وغيره ۾ رهن ٿا. ڪيتريون ئي آفيسون جيڪي واشنگٽن ۾ هجڻ کپن، جاءِ جي کوٽ يا ڳرين مسواڙين ڪري ورجينا رياست ۾ آهن، جيڪا واشنگٽن وٽان وهندڙ پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻئي ڪناري کان شروع ٿئي ٿي. هڪ ٻي ڳالهه ته واشنگٽن نالي آمريڪا ۾ رياست به آهي جيڪا آمريڪا جي بلڪل ٻئي ڇيڙي تي پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهي. مونجهاري کان بچڻ لاءِ آمريڪا جي هن گادي واري شهر واشنگٽن سان گڏ DC اکر به لڳايا وڃن ٿا يعني هي گادي وارو شهر واشنگٽن ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا آهي.
    اعجاز مون سان ملڻ وقت پنهنجي هن ورجينيا واري دوست عرفان جماڻيءَ سان هي چئي ملايو ته هي چاچا الطاف آهي، پاڪستان کان آيو آهي. عرفان مون سان هٿ ملائي پاسي تي لاتعلقي واري نموني سان بيٺو رهيو ۽ اعجاز سان ڪجهه منٽ خبرون ڪري آئون اڳيان هليو آيس، جتي منهنجي ڳوٺائي نجم ميمڻ ۽ ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر منور لغاريءَ مون کي ٻين سان ملائڻ ٿي چاهيو. منهنجي دل چاهيو پئي ته اعجاز جي دوست عرفان جماڻيءَ کان پڇان ته هو ڪٿي اسان جي دوستن ۽ ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽن شوڪت جماڻي، اقبال جماڻي يا ائڊمرل بخت علي جماڻيءَ مان به ڪنهن کي سڃاڻي يا نه پر جيئن ته هو به خاموش هو ۽ ٻي ڳالهه ته پڙهائي، نوڪرين ۽ ڌنڌن جي ڪري هر ذات جا ماڻهو سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ملن ٿا. ايتريقدر جو هتي آمريڪا ۾ ئي کڻي پڇ ته ڏاهري يا ناريجا يا سومرا سڃاڻو ته ٻڌائڻ وارو يڪدم سوال ڪندو ته ڪهڙا ناريجا؟ يا ڪهڙا مغل؟ هيوسٽن وارا، نيو يارڪ وارا يا ڪئليفورنيا وارا؟ سو ٿي سگهي ٿو هي عرفان جماڻي سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيڻ بعد هيڏانهن هليو آيو هجي.
    فنڪشن اڃان شروع نه ٿيو هو ۽ اڳيان ويٺلن سان مون ڪا ٿوري دير ڪچهري ڪئي هوندي ته ڏسان ته اعجاز شيخ ۽ عرفان جماڻي مون ڏي پيا اچن.
    ”چاچا عرفان توهان سان ملڻ ٿو چاهي“ اعجاز چيو. مون هڪ دفعو وري عرفان سان هٿ ملايو.“ خير ته آهي؟ آئون جنهن وقت هن هال ۾ گهڙيو هوس ته پهرين توهان سان ئي ملاقات ٿي هئي.“ مون کلندي عرفان کي چيو.
    ان وقت مون سمجهيو ته توهان فقط اعجاز جا انڪل آهيو. مون کي اها خبر نه پيئي ته توهان اهي الطاف شيخ آهيو جيڪو ليکڪ آهي ۽ جنهن جون لکڻيون آئون شوق سان پڙهان ٿو. پليز معاف ڪجو مون توهان کي نه سڃاتو. عرفان ايترو ته شرمساري سان چوڻ لڳو ڄڻ هن کان واقعي ڪا غلطي ٿي هجي ۽ آئون دل ئي دل ۾ اهو محسوس ڪري خوش ٿيڻ لڳس ته ٻيلي اديبن ۽ شاعرن جي به ڪي عزت ڪرڻ وارا آهن. اڃان ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي ۽ عرفان جماڻي ته ڪو منهنجو (بلڪه منهنجي لکڻين جو) سچو عاشق ٿي لڳو جو ان وقت کان وٺي فنڪشن جي آخر تائين ۽ پوءِ به مون کي ٽيليفون تي پاڻ وٽ گهمڻ لاءِ دعوت ڏيندو رهيو.
    ”انشاء الله ويڪ اينڊ تي ڏسنداسين.“ مون کيس فون تي چيو ٿي. ڪيترا اهڙا هوندا آهن جيڪي تڪلف طور هڪ دفعو ضرور چوندا آهن ۽ پوءِ ڳالهه وسري ويندي اٿن پر هتي مون کي ڳالهه وسري ويئي ٿي پر عرفان جماڻيءَ کي هرگز نه.
    ”سائين توهان رڳو حڪم ڪريو ته آئون اچي توهان کي واشنگٽن مان وٺي وڃان.“
    ”نه .نه . آئون ئي هليو ايندس. اڃا ته هتي ئي آهيان ڪجهه ڏينهن بعد ڏسون ٿا. ڀلا توهان واندا ڪهڙي ڏينهن تي ۽ ڪنهن وقت هوندا آهيو؟“، مون پڇيو.
    ”سائين منهنجي واند ڪائيءَ جو فڪر نه ڪريو. منهنجو جاب اهڙو آهي جو توهان خاطر آئون ڪنهن وقت به موڪل ڪري سگهان ٿو.“
    ”پر يار تون اجائي تڪليف نه ڪر هتي منهنجا ڪجهه پيٽارو جا مون وانگر واندا ۽ پوڙها ڪلاس ميٽ آهن، جن سان آئون پيو چڪر هڻان.“ مون عرفان کي چيو.
    ”نه سائين مون لاءِ تڪليف نه پر خوشيءَ جي ڳالهه آهي.“
    عرفان جي خلوص نيتي کي داد ٿو ڏجي جو هو ور ور ڏيئي مون کي فون ڪندو رهيو ۽ هر دفعي منهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جي ڳالهه ٻڌائيندو رهيو ٿي ته توهان فلاڻي ملڪ جي فلاڻي ڳالهه واه جي لکي آهي، توهان جي فلاڻي ڪتاب واري هيءَ ڳالهه مون پنهنجن اڙدو ۽ پنجابي ڳالهائڻ وارن دوستن کي به ٻڌائي آهي. ۽ فلاڻي ڳالهه.........“
    آئون دل ۾ سوچڻ لڳس ته چڱو جو عرفان جماڻيءَ جهڙو ڪو پرستار شروع ۾ نه مليو نه ته ليکڪن جو هي قدر ڏسي آئون جهاز هلائڻ يا ڪا ٻي نوڪري ڪرڻ بدران سفرناما ئي لکندو رهان ها. پر اها به ڳالهه آهي ته جي جهاز نه هلايان ها، ملائيشيا، جپان ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ نوڪري نه ڪريان ها ته پوءِ سفرناما ڪيئن لکي سگهان ها.
    واشنگٽن ۾ پهريون دفعو هفتو ٻه رهي چپڙي ڪري نيو جرسي موٽي اچي عرفان کي فون ڪيم ته هاڻ ته ڳوٺان اچي نڪتو آهيان.
    ”سائين مڙيئي خير آهي. بالٽيمور ۽ فلڊلفيا ته ايندو رهان ٿو، اتان نيو جرسي آهي ئي ڪيترو پري. رڳو حڪم ڪريو ته توهان کي اتان وٺي اچان ۽ پنهنجي رياست ورجينيا ۽ اعجاز شيخ جي ميريلئنڊ توهان کي گهمايان“ عرفان هڪ دفعو وري وڏي خلوص ۽ پيار مان چيو. فون تي خبرون چارون ڪرڻ دوران اها به خبر پئجي ويئي ته عرفان ڪو ڌاريون نه پر اسان جي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ جو به ويجهو مائٽ آهي. ساڳي وقت گهر (نيو جرسي) پهچڻ تي گهر جي سڀني ڀاتين اهو ئي چيو ته واشنگٽن ۾ هوندي مون کي سهڻي (اعجاز شيخ جي زال شائسته وسطڙو) وارن جي گهر ضرور وڃڻ کتو ٿي، جيئن حيدرآباد ۾ سهڻي جا ماءُ پيءُ (پروين ۽ شهاب وسطڙو) پڇن ته اسان جي ڌيءَ سان مليا ئو ته انهن کي ڪهڙو جواب ڏجي. ان بعد هفتي ٻن کانپوءِ جيئن ئي منهنجو واشنگٽن وڃڻ جو وري پروگرام ٺهيو ته مون يڪدم عرفان کي فون ڪيو ته يار هن دفعي تو سان ۽ اعجاز سان ضرورملبو.
    ”اعجاز به مون کي اهو ئي پئي چيو ته الطاف اچي ته وٺي اچجانس“ عرفان ٻڌايو ۽ اسان هڪ ڏينهن مقرر ڪيو ته عرفان ان ڏينهن تي صبح جو مون کي واشنگٽن مان وٺي هلندو.
    ڪجه ڏينهن بعد آئون واشنگٽن آيس. پروگرام موجب صبح جو پوري نائين وڳي عرفان جماڻي ۽ ان سان گڏ اعجاز شيخ به هو، مون کي وٺڻ لاءِ واشنگٽن جي ڏکڻ اوڀر واري علائقي جي ستين گهٽيءَ ۾ آيا، جتي L’Enfant پلازا واري ميٽرو اسٽيشن ڀرسان فلئٽ ۾ ترسيل هئس.
    ”ڪريو خبر ٻئي اچي نڪتا آهيو“، مون خاص اعجاز کي چيو جيڪو ڪافي پري کان آيو هو. عرفان جماڻي ته وري به هتي ويجهو پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻئي ڪناري تي ورجينا رياست ۾ ٿي رهيو. ”توهان اجائي تڪيلف ڪئي آئون عرفان جماڻيءَ سان هليو اچان ها.“
    ”تڪليف بلڪل ناهي،“ اعجاز شيخ چيو، ”منهنجو پنهنجو به هن پاسي ڪم هو ۽ هونئن به هتي آمريڪا ۾ ڊرائيونگ ايڏو نٿي ٿڪائي. هن ٻن رياستن کي پار اڪرڻ ڄڻ ته روز جي ڪمن ۾ شامل آهي.“
    اعجاز جي اها ڳالهه حقيقت تي مبني آهي. آمريڪا ۾ هر هڪ کي ڏاڍي ڊرائيونگ ڪرڻي پوي ٿي. گهر کان آفيس، گهر کان دڪان، گهر کان اسڪول، گهر کان دوستن جي گهر ۽ هر شيءِ ڏور اوڀر جي ملڪن (سنگاپور،هانگ ڪانگ، جپان وغيره) وانگر هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ ڳتيل هجڻ بدران ميلن جي پنڌ تي آهي. ڪو توهان کي چوي ٿو ته هن جو گهر ويجهو آهي ته به راڻيپور گمبٽ جيتري فاصلي تي هوندو ۽ نه وري آمريڪا ۾ اسان جي ملڪ وانگر يا ملائيشيا، ٽوڪيو، لنڊن، اسٽاڪهوم وانگر بس سروس آهي. هيڏي وڏي آمريڪا جي صرف ڪجهه شهرن (نيويارڪ، واشنگٽن، بالٽيمور، سئن فرانسسڪو) ۾ بس سروس آهي سابه شهر جي محدود علائقي اندر. هرهڪ پنهنجي گاڏيءَ ۾ سوار نظر ايندو ۽ هر شي فاصلي تي هجڻ ڪري رستن تي پنڌ ته ڪو ورلي نظر اچي ٿو تڏهن ته هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته آمريڪا ۾ هر وقت رستن تي ايتريون ته موٽر ڪارون نظر اچن ٿيون جو لڳي ٿو ته گهر ۾ ته ڄڻ ڪو آمريڪن رهي ئي ڪونه ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پل مٿان يا ڪنهن مٿاهين ليلول تان رستن ڏي نظر ڪبي ته نظر کٽڻ تائين ڪارن جون چار چار يا ڇهه ڇهه ۽ ڪٿي ته اٺ اٺ قطارون اينديون ۽ وينديون نظر پيون اينديون ۽ اهي ڪارون ائين لڳنديون آهن ، ڄڻ ماڪوڙن جون اڻ کٽندڙ قطارون هجن.
    بهرحال آمريڪا جي ڊرائيونگ جي هڪ ڳالهه آهي ته آمريڪا ۾ قاعدو قانون سخت آهي، رستا ويڪرا ۽ بهترين آهن، گاڏي هلائيندڙن جي سهولت لاءِ جتي ڪٿي روڊ ۽ ايندڙ شهرن، ساهي وٺڻ لاءِ هوٽلن ۽ هاءِ وي تان لهي مقرر exit ڏي رخ ڪرڻ لاءِ چٽا ۽ وڏا بورڊ لڳل آهن، جيڪي ڪار هلائيندڙ کي هر وقت خبردار ڪندا رهن ٿا ۽ ممڪن خطري جو چتاءُ ڏيندا رهن ٿا. ان ڪري آمريڪا ۾ ڊرائيونگ ٿڪائڻ واري هجڻ بدران وڻندڙ ۽ مزيدار لڳي ٿي. ان کان علاوه هتي جي رستن تي هلندڙ ڪارون به هڪ کان هڪ اعليٰ، مضبوط، وڏيون ۽ طاقتور آهن. جپان ۾ ڏهه سال کن اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ دوران خبر نه پئي پر هتي آمريڪا ۾ اچي خبر پوي ٿي ته جپان ايڏيون وڏيون ۽ نموني نموني جون ڪارون به ٺاهي ٿو. ظاهرآهي هوڏانهن جپان توڙي ڏور مشرق جي ٻين ملڪن ڏي نه آهن آمريڪا جهڙا رستا ۽ نه ماڻهن وٽ پئسو جو اهڙيون ڪارون afford ڪري سگهن.
    عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته قاعدي قانون ۽ ان تي سختيءَ سان عمل هجڻ ڪري هر هڪ پنهنجي ليڪ اندر تيز رفتار سان گاڏي هلائيندو رهي ٿو ۽ حادثو ڪو ورلي ٿئي ٿو.
    ”۽ جڏهن ٿئي ٿو“، اعجاز چيو، ”ته به ڊرائيور کي خبر نٿي پوي.“
    ”بلڪل صحيح ٿوچوين“ مون اعجاز جي ڳالهه سمجهي مرڪيو. باوجود سخت قانون جي ڪڏهن ڪڏهن ڪو نشي جي حالت، يا موبائيل فون تي ڳالهائڻ دوران غلطي ڪري ٿو وجهي، يا ٽائر برسٽ ٿيو ٿو پوي ته پوءِ گاڏيءَ يا ان جي هلائڻ واري کي ٿوري گهڻي رهنڊ يا dent نٿو لڳي. هڪ ٻئي پويان تيز رفتار گاڏين ڪري، غلطي ڪرڻ واري جي گاڏيءَ سان گڏ درجن کن ٻيون گاڏيون به چپجيو ۽ چيڀاٽجيو، Scrap ٿيو وڃن ۽ انهن ۾ ويٺل ڪو ورلي بچي ٿو جيڪو پنهنجي ڀڳل هڏ گڏ جي دانهن ڪري سگهي.
    بهرحال مسلمان آمريڪا ۾ به آهن پر هتي شايد اسان جهڙا تعميري ڪمن جو پئسو ڦٻائڻ وارا وزير، رشوت کائيندڙ انجنيئر ۽ ڪميشن وٺڻ وارا ٺيڪيدار نه آهن نه ته هتي آمريڪا ۾ به سنڌ جي ڳوٺن جهڙا رستا هجن جيڪي مينهن جي پهرئين وسڪاري تي ئي تباهه ٿيو وڃن ۽ انهن مٿان هلندڙ ڪارن جي ستيا ناس ٿيو وڃي. اڳئين دور جي حڪومت جي هڪ وزير وڏي فخر سان پئي ٻڌايو ته هن ٽي ڪروڙ چاليهه لکن جي لاڳت سان جيڪو هن پنهنجي تر جي علائقي ۾ رستو ٺهرايو ان تي اڄ تائين ڪو حادثو ته ڇا پر ڪنهن ڪار کي هلندي جهانڪو (لوڏو) به نه آيو آهي ۽ پوءِ هو پنهنجا اڻ Scale ٿيل هئڊا ڏند ڪڍي کلڻ لڳو.
    محفل ۾ ويٺل ان جهڙي ٻئي بشني عوامي نمائندي ڳجهارت سمجهي اسان کي چيو ته ”هي ڀوتار صحيح ٿو چوي. اڍائي ڪروڙ پاڻ رکيا هئائين، باقي پئسو انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن حصا پتيون ڪيو، رستو ٺهيو ئي ڪونه حادثا وري ڇا تي ٿين.“
    رياستن جي ماءُ- ورجينيا
    واشنگٽن جو شهر ڇڏڻ لاءِ عرفان ستين گهٽيءَ جي ڏاکڻي ڇيڙي تان Maine ايونيو تي آيو، جنهن تي ميل ٻه اڳيان هلي چوڏهين گهٽيءَ واري روڊ وٽان ڦري پوٽومئڪ ندي اڪري ٻئي پاسي ورجينا رياست پهچڻ لاءِ آئرلينڊ وليمس پل تي چڙهيو. واشنگٽن شهر جي مختلف هنڌن تان ورجينيا رياست وڃڻ لاءِ وچ ۾ وهندڙ پوٽو مئڪ ندي لتاڙڻي پوي ٿي ۽ جيئن سنڌو نديءَ مٿان سکر بئراج، مورو دادو پل، ڄامشورو واري بئراج، ڪوٽڙي برج وغيره آهن، تيئن پوٽو مئڪ نديءَ مٿان به ڪيتريون ئي پليون آهن، جهڙوڪ: فرانسز اسڪاٽ ڪي برج، ٿيوڊور روزويلٽ برج، آرلنگٽن ميموريل پل، جارج مئسن پل، Rocheambeau برج وغيره. اهي پليون هتي جي اهم ماڻهن نالي آهن ۽ واشنگٽن ڊي سي سڄي آمريڪا جي گاديءَ جو شهر هجڻ ڪري سڄي آمريڪا USA جي رياستن جي نالن تان هتي جي رستن جا نالا آهن، جيئن ته وائيٽ هائوس وٽان لنگهندڙ پينسلوانيا ۽ نيويارڪ ايوينيو، يونين اسٽيشن وٽ اچي لڳندڙ مئساچوسيٽس، لوزيانا ۽ ڀر ۾ نيوجرسي ايوينيو. Dupont سرڪل وٽ اچي ملندڙ ڪنيڪٽيڪٽ، هئمپشائر ۽ ٿورو اڳيان پاسن کان وهندڙ فلوريڊا ۽ روڊي آئلنڊ ايونيو، وغيره. اعجاز شيخ ٻڌايو ته هُن هِن ئي هفتي مئريلينڊ مان شفٽ ٿي پينسلوانيا ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي.
    ”خير ته آهي؟ آئون آمريڪا اچي رهيو هوس ته تنهنجي سَسُ (پروين) ٻڌايو ته توهان آمريڪا جي رياست اوهيو OHIO ۾ رهو ٿا. مهينو کن اڳ جڏهن سنڌي شام ۾ ملاقات ٿي ته توهان ٻڌايو ته مئريلينڊ جي علائقي سلور اسپرنگ ۾ رهون ٿا ۽ هاڻ وري پينسلوانيا شفٽ ٿي ويا آهيون.“
    ”سائين بلڪل صحيح ٿا چئو“ اعجاز کلندي چيو“ ۽ هاڻ انشاء الله اتي ئي رهنداسين جو اهو گهر خريد ڪيو اٿئون“
    ”۽ پهرين وارن گهرن ۾ مسواڙ نه ڏيڻ ڪري مالڪ مڪان لوڌي پئي ڪڍيو ڇا؟“ مون چرچي طور چيو.
    ”ڳالهه اها آهي چاچا“ اعجاز چيو، ”مون ڄاڻي واڻي هيستائين گهر نه پئي ورتو. ٿئي ڇا ٿو جو گهر خريد ڪرڻ کانپوءِ ماڻهو ڄڻ ته ان رياست سان ٻڌجيو وڃي ۽ پوءِ ٻين سٺن هنڌن جي ڳولا ڪرڻ بدران فقط پنهنجي گهر جي چوڌاري محدود ٿيو وڃي. ان ڪري آئون گذريل ٽي سال کن مختلف رياستن ۾ رهي بزنيس جو جائزو وٺندو رهيس. هاڻ فائنلي هتي پينسلوانيا ۾ ٻه کن پئٽرول پمپ ورتا اٿم ۽ گهر به انهن جي ئي ويجهو ورتو اٿم، جيئن اچڻ وڃڻ ۾ مون کي سهولت ٿئي. ٻارن جو اسڪول به رستي تي آهي، ڪم تي وڃڻ وقت ٻارن کي اسڪول ڇڏيندو ويندو آهيان. رڌ پچاءُ جو ڪم لاهي پوءِ زال کين موڪل مهل اسڪول مان وٺندي ايندي آهي.“
    ”چئبو ته هينئر پاڻ سڌو پينسلوانيا رياست هلنداسين“ مون اعجاز کي چيو. اهڙي خبر هجي ها ته نيوجرسيءَ کان هڪ سئو ڊالرن جي ٽڪيٽ وٺي هتي واشنگٽن اچڻ بدران چاليهه ڊالرن جي ٽڪيٽ وٺي رستي تي فلڊلفيا (پينسلوانيا رياست جو وڏو شهر، بندرگاهه ۽ ريلوي اسٽيشن) تي لهي پوان ها، جتان پوءِ اڌ ڪلاڪ اندر گرين ڪئسل پهچي وڃون ها، جتي تو گهر ورتو آهي.“
    ”پر ريل جي سفر ۾ اهو مزو ناهي جيڪو باءِ روڊ پاڻ ٻهراڙي وارو علائقو وٺيو ٿا هلون“ عرفان جماڻيءَ چيو ”چاچا هتي ٿوري دير منهنجي فليٽ تي هلي پوءِ اعجاز کي سندس پراڻي واري گهر (مئريلينڊ) ۾ لاهيون ٿا، جتي سندس پڪ اپ گاڏي بيٺل آهي، جنهن ۾ هو باقي بچيل سامان ڀري پنهنجي نئين گهر ڏي هلندو ۽ پاڻ هن گاڏيءَ ۾ هلنداسين.“
    اسين ڪڏهوڪو پوٽو مئڪ ندي ٽپي ورجينيا رياست جي رستن تي هلي رهيا هئاسين. اسان کي هن رياست جي اليگزنڊرا Alexandria علائقي ۾ وڃڻو هو، جتي عرفان ٻڌايو ته هو ٻن ٻين دوستن سان مسواڙ جي هڪ فليٽ ۾ رهي ٿو. هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته آمريڪا USA ۾ ورجينيا نالي ٻه رياستون آهن ۽ ٻئي هڪٻئي جي ڀرسان آهن. هڪ هيءَ پوٽو مئڪ نديءَ جي هن پار واري جتي هن وقت اسين ڊرائيو ڪري رهيا آهيون ۽ ٻي هن رياست ورجينيا جي کاٻي پاسي ۾ يعني اولهه ۾ ورجينيا رياست آهي، جيڪا ويسٽ ورجينيا West Virginia سڏجي. هتي هر رياست جو پيار جو به نالو آهي، جيئن نيو جرسي رياست Garden State سڏجي ٿي، تيئن ويسٽ ورجينيا رياست Mountaion رياست سڏجي ٿي (۽ ورجينيا رياست Old Dominian State سڏجي ٿي).
    ويسٽ ورجينيا رياست جي چوڌاري جيڪي رياستون آهن، اهي هن ريت آهن: اتر ۾ پينسلوانيا، اتر اولهه واري ڪنڊ کان اوهيو، بلڪل اولهه ۾ ڪنٽڪي، اتر اوڀر ڪنڊ کان مئريلينڊ ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ کان ورجينيا رياست. ڪجهه حصن کان پوٽو مئڪ ندي ۽ اوهيو ندي به بارڊر ٺاهي ٿي. ويسٽ ورجينيا سڄي جابلو رياست آهي. هر هنڌ جبل ئي جبل نظر اچن ٿا. آمريڪا جون مشهور اپالا چيان جابلو قطارون (Appalachian Ranges) به هن رياست ۾ آهن شايد ان ڪري هن رياست جو Nickname جابلو رياست پئجي ويو آهي. سندس گاديءَ وارو شهر چارلسٽن آهي ۽ اهو ئي هن رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي نه ته آمريڪا جي گهڻين تڻين رياستن جي گاديءَ جا شهر ننڍا رکيا ويا آهن، جيئن نيويارڪ رياست جو نيويارڪ شهر هجڻ بدران Albany آهي، مئريلينڊ جو بالٽيمور بدرانAnnapolis آهي، ٽيڪساز جو هيوسٽن بدران آسٽن آهي ۽ لوزيانا جو نيو اوورلينس بجاءِ بئٽن روج آهي، وغير.
    چارلسٽن کان علاوه هنٽنگٽن، پارڪرس برگ، فيئر مانٽ ڪلارڪس برگ پڻ ويسٽ ورجينيا رياست جا وڏا ۽ مشهور شهر آهن. هن رياست ۾ ويانا Vienna نالي پڻ هڪ ننڍڙو شهر آهي، جنهن جي آدمشماري ڪا ٻارهن هزار مس آهي. اڄ ڪلهه Bubble نالي فلم هلي رهي آهي، جنهن جوڪجهه حصو ته اوهيو رياست جي شهر Belpre ۾ فلمايل آهي، باقي هن رياست جي مٿين شهر پارڪرس برگ ۾. ائين ته هڪ پراڻي فلم 1971ع جي Fools Parade ۽ 1991 جي The Silence of Lambs به هن رياست ۾ فلمايل آهي. اعجاز شيخ جيڪو ٽي وي ۽ فلمن جو به شوقين لڳي ٿو، تنهن ٻڌايو ته We Are Marshall نالي فلم اچي رهي آهي، جيڪا هنٽنگٽن شهر ۾ فلمائي ويئي آهي ۽ جنهن ۾ ان شهر جي مشهور يونيورسٽي ”مارشل يونيورسٽي“ جو پس منظر ڏنل آهي. اعجاز ٻڌايو ته شروع وارا ٻه چار مهينا هو ويسٽ ورجينيا جي هن شهر هنٽنگٽن ۾ پڻ رهي ويو آهي. ويسٽ ورجينيا ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي نه هجڻ ڪري اسان جو ڪڏهن به هتي جهاز ذريعي اچڻ نه ٿيو. ڀر واري رياست ورجينيا جي بندرگاهه نور فوڪ Norfolk ڪيترائي دفعا جهاز کي وٺي ايندا هئاسين. اتان پوءِ ڊگهي موڪل تي اوهيو يا ڪنٽڪي رياستن جا شهر باءِ روڊ گهمڻ ويندا هئاسين ته هميشه ويسٽ ورجينيا مان لنگهه ٿيندو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ويسٽ ورجينيا جا قدرتي نظارا ڏسڻ وٽان آهن. هيءَ جابلو رياست ضرور آهي پر هتي جا جبل لڪي ۽ کير ٿر جبلن جهڙا ٺوڙها ۽ سنسان نه آهن پر سئٽزرلينڊ جي جبلن Alps جهڙا سر سبز ۽ خوبصورت آهن، ان ڪري هن جابلو رياست کي ”آمريڪا جو سئٽزرلينڊ“ پڻ سڏين ٿا. ان کان علاوه هن رياست جو هڪ ٻيو غير سرڪاري نالو Panhandle State پڻ آهي يعني ڪڻڇي Frying Pan جو هٿو. ”ويسٽ ورجينا“ جي نقشي کي ڏسندائو ته اهو بلڪل رڌ پچاءَ جي ڪنهن ديڳڙي Pan جي هئنڊل جهڙو توهان کي نظر ايندو.
    اعجاز شيخ ٻڌايو ته ”ويسٽ ورجينيا“ رياست لاءِ چون ٿا ته اها ”ورجينيا“ رياست جو ئي حصو هئي پوءِ آمريڪين سول جنگ ۾ اها الڳ ٿي ۽ 20 جون 1863ع تي رياستن جي يونين ۾ USA سان داخل ٿي. ان ڪري ويسٽ ورجينيا رياست ۾ اڄ تائين اهو ڏينهن 20 جون موڪل ڪيو وڃي ٿو.
    دراصل گهڻو اڳ نه فقط ويسٽ ورجينيا ۽ ”ورجينيا“ رياست پاڻ هڪ ئي رياست هيون پر اها ان کان به گهڻو وڏي هئي پوءِ ان جو ڪو حصو ڪينٽڪي رياست ٿي ويو ۽ ڪو انڊيانا سڏجڻ لڳو ته ڪو الينوس Illinois رياست ٿي ويو ۽ آخر ۾ ان جو هڪ حصو ”ويسٽ ورجينيا“ رياست ٿي ويو. ان ڪري هيءَ ورجينيا رياستن جي ماءُ“ (مدر آف اسٽيٽس) به سڏجي ٿي ۽ عرفان جماڻيءَ جي چواڻي سندس رياست (يعني هيءَ ورجينيا رياست جنهن جي اليگزئنڊريا شهر ۾ هو رهي ٿو) آمريڪاجي صدرن جي ماءُ پڻ سڏجي ٿي.
    عرفان جماڻي بلڪل صحيح آهي جو ”ورجينيا“ رياست آمريڪا جي اٺن صدرن (جارج واشنگٽن، ٿامس جيفرسن، جيمس مئڊيسن، جيمس مونرو، وليم هينري هئريسن، جان ٽيلر، ذڪاري ٽيلر ۽ وڊرو ولسن) جي جنم ڀومي آهي. ايترا گهڻا صدر ٻي ڪنهن به رياست ۾ نه ڄاوا. ان ڪري ورجينيا Mother of Presidents به سڏجي ٿي.
    هڪ بيحد خوبصورت علائقي ۾ پهچي عرفان ڪار جي رفتار گهٽ ڪئي.
    ”منهنجي خيال ۾ تنهنجو شهر اليگزئنڊريا اچي ويو” مون عرفان جماڻي کي چيو.
    ”اهو به ويجهو ئي آهي. آئون توهان کي ورجينيا جو هڪ خوبصورت ۽ ماڊرن علائقو Crystal City ڏيکارڻ لاءِ گاڏيءَ کي هيڏانهن موڙي آيو آهيان.“ عرفان چيو. مون نقشو ڪڍي هن علائقي جي Location ڏٺي.ورجينيا رياست جي آرلنگٽن ڪائونٽي جي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ ۽ واشنگٽن جي ٻهراڙي وارو هي علائقو جيڪو هينئرڪرسٽل سٽي سڏجي ٿو، رونالڊ ريگن واشنگٽن نيشنل ائير پورٽ جي اولهه ۾ سڏ پنڌ تي آهي. اڄ کان پنجٽيهه سال کن اڳ جڏهن اسان جو جهاز هن رياست ورجينيا جي بندرگاهه نور فوڪ Norfolk ۾ اچي لنگر ڪيرائيندو هو، تڏهن هي ڪرسٽل سٽي وارو علائقو ڪراچي جو سائيٽ وارو علائقو يا ڪوالالمپور جي جالان ڪلانگ لاما واري علائقي جهڙو هوندو هو. نور فوڪ کان واشنگٽن باءِ روڊ وڃڻ وقت آرلنگٽن ڪائونٽي جي هن علائقي مان ٿيندو واشنگٽن پهچبو هو. هتي رڳو ڪارخانا، ملون ڪاٺ چيرڻ جا آرا، جنڪ يارڊ ۽ سستي اگهه واريون هوٽلون، موٽلون ۽ گهٽ مسواڙ وارا بي تربيت ۽ سادي ڪنسٽرڪشن جا گهر هوندا هئا. ننڍي ڇت وارا واهيات نالن ۽ نيان سائين وارا بار ۽ ڊسڪوٿي هوندا هئا، جن جي اڳيان هتي جا ڪارا شيدي ٽرڪ ڊرائيور ۽ ڌڪي جا مزور، هسپانوي ڳاڙهي ناسي رنگن وارن شيڊن وارين عورتن سان سگريٽن جا سوٽا هڻندي يا بيئرجي ٺونٺ جيڏي بوتل پيئندي نظر ايندا هئا ۽ هاڻ ٽوڪيو جي شنجوڪو واري علائقي جو هي علائقو Magnified Version لڳي ٿو. چوڌاري وڏيون عمارتون ۽ ڪامپليڪس، ماڊرن ۽ هاءِ ٽيڪ قسم جون آفيسون، سهڻيون ۽ سيبائتيون هوٽلون، پڪچر ڪارڊ جهڙا سهڻا ۽ سليقي وارا پارڪ ۽ رستن تي وڻڪار، ۽ سامهون واشنگٽن جو نظارو هڪ طرف ته ٻئي طرف پينٽاگان جي عمارت، ميٽرول ريل اسٽيشن، نيشنل ايئر پورٽ! عرفان آهستي آهستي ڪار هلائيندو ويو. هڪ روڊ تان ٿي ٻئي تي ۽ پوءِ ٽئي تي. هڪ اڻ کٽندڙ هوٽلن جو سلسلو- بين الاقوامي ۽ مڪاني مشهوري جون هوٽلون. آئون هڪ هڪ جا نالا پڙهڻ شروع ڪريان ٿو ۽ ان سان گڏ دنيا جي مشهور ڪمپنين جي آفيسن ٻاهران انهن جا نالا پڻ پڙهان ٿو...... Booz Allen ۽ هئملٽن ڪمپني ..........Litton لاڪ هيڊ مارٽن .....يو ايس ايئرويز ڪمپني.....ڊي بوئنگ ڪمپني............. وغيره وغيره.
    هن ڪرسٽل سٽيءَ لاءِ عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته فقط هتي پنجاهه کان مٿي ته هوٽلون آهن. مارڪيٽون، سپر اسٽور ۽ ڪيتريون ريسٽورنٽون انڊر گرائونڊ هجڻ ڪري سخت سيءَ، مينهوڳي ۽ برف باري جهڙي موسم ۾ به هتي ميلو متل رهي ٿو.
    ” هن ماڊرن ۽ سهڻي شهر جو نالو ڪرسٽل سٽي هتي جي پهرين وڏي عمارت ڪرسٽل هائوس تان پيو ، “ عرفان جماڻيءَ ٻڌايو، ”چون ٿا ته ان عمارت جي لابيءَ ۾ هڪ وڏو ۽ چمڪندڙ ڪرسٽل شانڊلير به رکيو ويو هو، جيڪو هر لنگهندڙ جي نگاهن جو مرڪز رهيو ٿي. ان بعد ٻيون جيڪي عمارتون ٺهنديون ويون، انهن جا نالا به Crystal سان رکيا ويا،جيئن ته ڪرسٽل گيٽ وي، ڪرسٽل ٽاور، ڪرسٽل اسڪائر، ڪرسٽل مال.... وغيره وغيره. روڊ جي سڀني دڪانن جا نالا ڪرسٽل ٿي ويا ۽ هي نئون اڀرندڙ امير ملڪ ڪرسٽل سٽي جي نالي سان سڏجڻ لڳو.“
    واشنگٽن ڊي سي جي سامهون، پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻئي پار، ورجينيا رياست جي Arlington ڪائونٽي جي هن ننڍڙي، پر گهرن آفيسن، دڪانن ۽ هوٽلن جي معيار کان بيحد شاهوڪار وستي Crystal city جي آدم شماري ڪا ڇهه هزار مس آهي پر هر روز سومر کان جمعي تائين هتي سٺ هزار ماڻهو ڪم لاءِ اچن ٿا، جيڪي مختلف آفيسن ۽ هوٽلن ۾ ڪم ڪن ٿا. ڪرسٽل سٽي کي پنهنجي ريلوي اسٽيشن به آهي، جتي واشنگٽن جي ميٽرو (بلو ۽ Yellow لائينون) ۽ ورجينيا ريلوي ايڪسپريس جون گاڏيون پڻ اچن ٿيون.


    انقلاب آمريڪا ۽ خيرپور جو عرفان جماڻي

    عرفان جماڻي منهنجي ڪري ڪجهه دير ڪرسٽل سٽي ۾ پنهنجي ڪارس کي ڦيرائي پوءِ پنهنجي فليٽ ڏي اليگزئنڊرا ڏي رخ ڪيو. اليگزئنڊرا ورجينيا رياست جي مشهور شهرن مان هڪ آهي. جيئن کڻي چئجي ته سنڌ صوبي جو حيدرآباد يا سکر شهر، ورجينيا رياست ايراضي توڙي آدمشماريءَ ۾ ايڏي وڏي ناهي جيڏي ٽيڪساز (جيڪاالاسڪا بعد ٻيو نمبر وڏي رياست آهي ۽ سندس پکيڙ ٻه لک ستر هزار چورس ميل آهي) يا ڪئليفورنيا (هڪ لک چوهٺ هزار چورس ميل) يا مونٽانا (ڏيڍ لک چورس ميل جيڪا پاڪستان جي اڌ جيتري ٿي) ۽ لوزيانا (جيڪا ذري گهٽ سنڌ صوبي جيڏي 51 هزار کن چورس ميل) آهي. ورجينيا آمريڪا USA جي پنجاهه رياستن مان پنجٽيهون نمبر وڏي آهي ۽ سندس پکيڙ 43 هزار چورس ميل آهي. سندس وڏو شهر ۽ بندرگاهه نور فوڪ آهي پر گاديءَ جو شهر رچمنڊ آهي. هن رياست (ورجينيا) جا ڪجهه ٻيا شهر هن ريت آهن: بيڊ فورڊ، هوپ ويل، مارٽنس وائيل، هئمٽن، فيئر فئڪس، فالس چرچ، لنچ برگ Roanoke، ڊئن وائيل ۽ واشنگٽن ۽ ورجينيا جي وچ ۾ بائونڊريءَ جو ڪم ڏيندڙ پوٽو مئڪ ندي جي ڪناري وٽ ارلنگٽن ۽ اليگزئنڊرا.
    هن رياست تي Virginia نالو انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ اول تان پيو جيڪا Virgin Queen به سڏبي هئي، جو هن شادي نه ڪئي هئي. شروع ۾ جن انگريزن انگلينڊ ڇڏي هيڏانهن آمريڪا جي نئين کنڊ ڏي رخ ڪيو، اهي هن علائقي ۾ Settle ٿيندا ويا ۽ هي علائقو ورجينيا سڏجڻ لڳو پر جيئن شروع ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته جيئن اڳ زماني ۾ سنڌ جي پکيڙ گهڻي هئي ۽ نه فقط ملتان سنڌ ۾ اچي ويو ٿي پر بلوچستان جا پڻ ڪجهه حصا سنڌ سان شامل هئا. تيئن هن رياست ورجينيا ۾ نه فقط ڀر واري رياست West Virginia شامل هئي پر ڪينٽڪي، انڊيانا، اليناس رياستن جا حصا پڻ ورجينيا رياست ۾ اچي ويا ٿي. اڄ جي ورجينيا رياست جي اتر ۾ ويسٽ ورجينيا، مئريلينڊ ۽ پوٽو مئڪ نديءَ جي ٻئي پار ”ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا“ (يعني واشنگٽن) آهي، اوڀر ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ خليج چيزاپيڪ آهي ۽ اسان جا جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي هن خليج Chesapeake جي منهن وٽ Norfolk بندرگاهه ۾ اچن ٿا يا وري وڌيڪ خليج ۾ گهڙي بالٽيمور ۽ فلڊلفيا جهڙن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿين ٿا. بهرحال ورجينيا رياست جي ڏکڻ واري بارڊر وٽ نارٿ ڪئرولينا ۽ ٽينيسي Tennessee رياستون آهن ته اولهه ۾ ڪينٽڪي ۽ ويسٽ ورجينيا جو ڪجهه حصو.
    ورجينيا آمريڪا جي تيرهن رياستن مان هڪ آهي، جن گڏجي هتي جي تاريخي انقلاب آمريڪا American Revolution ۾ برطانيا جي حڪومت خلاف جنگ وڙهي.
    آمريڪا ۾ رهڻ دوران توهان کي ڪيتريون ئي ڳالهيون American Revolution جي حوالي سان ٻڌڻ ۾ اينديون. هتي ٻه ٽي سٽون ان آمريڪين انقلاب بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته اهو ڇا آهي.
    ڪولمبس جڏهن آمريڪا پهچڻ جو رستو ۽ اتي جي سرسبز زمين بابت يورپ جي ماڻهن کي خبر ٻڌائي ته يورپ جا ڪيترائي ملڪ جيڪي جهاز سازي ۽ جهاز رانيءَ ۾ ڀڙ هئا اهي آمريڪا جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ مال ميڙڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو موڪلڻ لڳا. ڪيتريون ته اهڙيون به ڪمپنيون نڪري پيون جن ماڻهن جو پئسو Invest ڪرڻ لاءِ جهاز ٺهرائي آمريڪا موڪليا ٿي ۽ اتان جيڪو ڦرلٽ يا بزنيس مان پئسو ڪمائجي آيو ٿي ان جون حصا پتيون ٿيون ٿي. يورپ جي مختلف ملڪن جا ماڻهو آمريڪا جي مختلف حصن ۾ Settle ٿيڻ لڳا. ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ آمريڪا ۾ پورچو گالين ۽ اسپيني ماڻهن جو قبضو هو. اتر آمريڪا کنڊ ۾ ڪئناڊا ۽ USA جي زمين تي فرينچ ۽ انگريزن جو قبضو ٿيو. وچ وچ ۾ ڪجهه حصن ۾ ڊچ ۽ جرمن به پير ڄمائيندا ويا. ڪي ڪمائي پنهنجي ملڪ مال کڻي ٿي ويا ته ڪي آمريڪا ۾ ئي رهي پيا جتي وڏو پئسو ۽ مال دولت ٺاهڻ لڳا، جنهن جو ڪجهه حصو هنن کي پنهنجين حڪومتن کي ٽئڪس طور ڏيڻو پيو ٿي. ان معاملي ۾ فرانس ۽ انگلينڊ وارن باهه ٻاري ڏني هئي ته گهڻي کان گهڻو ٽئڪس ڏيو. شروع جا سال ته اهو ڪم بنا رنڊڪ جي هلندو رهيو پر پوءِ آخر آمريڪا ۾ رهندڙن اهو ئي سوچيو ته اسان جو هاڻ مرڻ جيئڻ هتي ئي آهي ۽ اسان جي اباڻي حڪومتن سان ڪهڙي ڪَتي ڪهڙو خريف! آهستي آهستي ٿي هو برطانيا توڙي فرانس جي حڪومتن کي آڱوٺو ڏيکارڻ لڳا. پوءِ فرانس ته ٿڌو ٿيندو ويو پر برطانيا حڪومت 1763ع ڌاري آمريڪا ۾ رهندڙن تي جيئن ئي ٽئڪس وڌايا ته هنن انهن ٽئڪسن کي غير قانوني قرار ڏيئي ڀرڻ کان انڪار ڪيو ۽ آمريڪين Revolution جي شروعات هتان شروع ٿئي ٿي. آمريڪا ۾ رهندڙ انگريزن (جيڪي هاڻ آمريڪن ئي ٿيا) بوسٽن ۾ پنهنجي اصلي حڪومت (برطانيا) خلاف مظاهرا ڪيا، جنهن جي جواب ۾ برطانيا وارن فوج موڪلي. آمريڪا ۾ رهندڙ به چر پر ۾ اچي ويا ۽ 1775ع ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ فرينچ حڪومت انگريزن خلاف آمريڪين جي مدد ڪئي. 1776ع ۾ تيرهن رياستن ملي خود مختياريءَ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجو ملڪ USA ٺاهيو. برطانيا وارن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته انهن پنهنجي ملڪ جي انگريزن کي جي هاڻ پرڏيهه ۾ بالم ٿي آمريڪن ٿي ويا هئا، انهن کي کلا هڻجن پر ڪامياب ٿي نه سگهيا. برطانيا طرفان آيل فوج جي ٻن وڏن جٿن مان هڪ 1777ع ۾ سارا توگا ۾ Capture ٿي ويو ۽ ٻيو 1781ع ۾ يارڪ ٽائون ۾ آڻ مڃي. برطانيا حڪومت جي وڏي خواري ٿي ۽ امن لاءِ 1783ع ۾ Treaty of Paris ٺاهي ويئي، جنهن ۾ برطانيا کي اهو قبول ڪرڻو پيو ته يونائيٽيڊ اسٽيس هڪ خود مختيار قوم ۽ ملڪ آهي، جنهن جون حدون اتر ۾ ڪئناڊا سان ۽ ڏکڻ ۾ اسپين جي قبضي واري رياست فلوريڊا سان ۽ اولهه ۾ مسي سپي نديءَ سان ملن ٿيون سو آمريڪا لاءِ American Revolution ۽ Treaty of Paris اهم شيون آهن، جن بعد آمريڪا هڪ الڳ ملڪ جي حيثيت سان وجود ۾ آيو ۽ پوءِ ٻيون رياستون به هن سان ملنديون ويون. اڄ هي ملڪ پنجاهه ملڪن يا رياستن جو هڪ گلدستو آهي.
    اسان کي ڪرسٽل سٽي ۽ آرلنگٽن ڪائونٽي جون ڪجهه اهم عمارتون جهڙوڪ آمريڪا جي ڊفينس ڊپارٽمينٽ جي عمارت پينٽاگان ڏسڻ ۾ دير ٿي ويئي نه ته جنهن علائقي (اليگزئنڊرا) ۾ عرفان جماڻي رهي ٿو اهو شهر واشنگٽن کان، جتان هنن مون کي کنيو هو، ڪو ڏهه ڪلو ميٽر مس آهي. واشنگٽن کان ويجهو هجڻ ڪري هتي گهڻا تڻا اهي رهن ٿا، جيڪي واشنگٽن جي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسن ۽ ٻين ادارن، اسٽورن ۽ هوٽلن ۾ ڪم ڪن ٿا. آهي ته هتي به رهائش تمام گهڻي مهانگي جو عرفان جي هڪ ڪمري واري فليٽ جي مسواڙ به 800 کن ڊالر (اڌ لک رپيا) ٿئي ٿي جيڪي هو پاڻ ۾ ٽي دوست ڦوڙي ڪن پر تڏهن به واشنگٽن کان سستو ٿيو. ”هاڻ آئون مئريلئنڊ يا پينسلوانيا رياست جي ڪنهن ٻهراڙي واري علائقي ۾ پنهنجو گهر وٺي رهڻ چاهيان ٿو.“ عرفان ٻڌايو.
    عرفان کي ٽي ٻار آهن. وڏو عُمر ٻارهن کن سالن جو ٿيندو ان بعد ٻه ڌيئون صالحا ۽ شافعا آهن. هنن جو اصل ڳوٺ خيرپور آهي پر پڙهائيءَ خاطر سندس ٻار حيدرآباد ۾ رهن ٿا، جتي سندس 76 سالن جو والد صاحب ۽ سهرو پڻ رهن ٿا.عرفان جي شادي 1990ع ڌاري عزيز الله جماڻي صاحب جي گهران صائمه سان ٿي. عزيز الله حيدرآباد جي اسٽيشن برانچ واري يو بي ايل ۾ ڪافي عرصو مئنيجر ٿي رهيو.
    عرفان جماڻي سائين جان محمد جماڻي صاحب جو ننڍو ۽ چوٿون نمبر فرزند آهي. سندس ٻيا ڀائر ضياءُ الدين ڳاڙهي موري (نوشهروفيروز)، ظهير جيڪو خيرپور ۽ حيدرآباد ۾ ۽ خورشيد سکر ۾ رهي ٿو.
    خان محمد جماڻي سکر وارو ۽ سندس ڀائر لعل بخش جماڻي ۽ ڌڻي بخش جماڻي عرفان جا سڳا چاچا ٿين. عرفان جي ڄم جي تاريخ پهرين آگسٽ 1969ع آهي. پاڻ ارڙهن اوڻهين سالن جو هو ته 1988ع ۾ هتي آمريڪا ۾ اچي رهيو.
    ”عرفان تون پير جي ڳوٺ کان هتي پينسلوانيا پهتين ڪيئن؟“ مون عرفان کان پڇيو.
    ”مون کي منهنجي چاچي جي پٽ آمريڪا ۾ اچڻ لاءِ شوق ڏياريو،“
    عرفان ٻڌايو، ”منهنجي چاچي خان محمد جي ٻن پٽن امتياز ۽ اشفاق مان امتياز گوڪل ڪمپنيءَ جي جهازن تي هو ۽ هن جو جهاز آمريڪا ايندو ويندو رهيو ٿي. هن اهو ئي جائزو لڳايو ته آمريڪا پري صحيح پر اهڙو ملڪ آهي جتي هر انسان کي محنت جو صحيح طرح اجورو ملي ٿو، جتي مستقبل آهي ۽ هو آمريڪا ۾ اچي Settle ٿيو. تن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ اچڻ يا رهڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو. سو آئون به ٽڪيٽ ڀري هليو آيس ۽ روزگار خاطر مختلف جابس ڪندو رهيس. اڄ ڪلهه هڪ دوست جي بزنيس کي Look after ڪريان ٿو.“
    اسان عرفان جماڻيءَ جي شهر اليگزئنڊرا ۾ گهڻو نه ترسياسين. عرفان گهڻو ئي چانهه يا ڪافي پيئڻ لاءِ زور ڀريو پر اهو ئي فيصلو ٿيو ته وقت بچائجي ۽ اعجاز شيخ جي گهر (پينسلوانيا) پهچڻ دوران رستي تي جتي ساهي پٽبي اتي کڻي چانهه پيئبي. هن وقت عرفان جي فليٽ تي اچڻ جو مقصد اهو هو جو اتان اعجاز شيخ جو ڪجهه سامان کڻڻو هو، خاص ڪري گوشت ۽ ڪجهه مصالحا جيڪي هتي ۽ واشنگٽن ۾ سولائيءَ سان مليو وڃن ٿا.
    ”دراصل واشنگٽن ۾ مسلمان ملڪن جا سفارتخانا ۽ ٻيا ادارا هجڻ ڪري هتي جي ڪيترن ئي دڪانن تي حلال گوشت مليو وڃي.“ عرفان ٻڌايو، ”اعجاز هاڻ شفٽ ڪيو آهي ۽ جيسين پنهنجي آس پاس ڪو حلال گوشت جو دڪان ڳولي، مون هن جي لاءِ هتان حلال گوشت وٺي فريزر ۾ رکي ڇڏيو هو.
    آمريڪا ۾ حلال ۽ حرام کاڌي جو مسئلو
    ڪو زمانو هو جو آمريڪا، يورپ توڙي جپان پاسي رهندڙ مسلمانن لاءِ حلال شيءِ حاصل ڪرڻ وڏو مسئلو هوندو هو. حلال مان مراد فقط گوشت نه پر ٻيون شيون پڻ جهڙوڪ ڪيڪ، چاڪيلٽ، آئيس ڪريم، جيلي ۽ ويندي ٽَٿ پيسٽ وغيره ڇو جو انهن شين ۾ ڪانه ڪا شيءِ اهڙي ٿئي ٿي، جيڪا ان شيءِ کي مسلمانن لاءِ حرام ڪري ٿي، جيئين ته Lard (چرٻي) جيڪا ڊبل روٽي ۽ ڪيڪن ۾ عام ٿئي ٿي، جنهن جو واسطو سوئر سان آهي ۽ اهڙي طرح ٻيون شيون پر هاڻ جتي ڪٿي انهن شين جو نعم البدل مليو وڃي، پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اها حلال شيءِ عام کان ڪجهه مهانگي ملي ٿي پر مليو ضرور وڃي ٿي. اهو ان ڪري جو هينئر جتي ڪٿي مسلمانن جو تعداد تمام گهڻو آهي ۽ بزنيس خاطر اهڙين شين جي وڪري لاءِ نه فقط مسلمانن دڪان کوليا آهن(خاص ڪري انڊيا، پاڪستان، ترڪي، لبنان ۽ فلسطين جي مسلمانن) پر مڪاني آمريڪن گورن ۽ سکن ۽ هندن پڻ دڪان کوليا آهن، جن تي ٻين شين کان علاوه حلال گوشت پڻ ملي ٿو، جنهن جي ذبيحا لاءِ هنن ننڍي کنڊ يا مصر جي مسلمان ڪاسائين کي رکيو آهي. نيويارڪ ۽ نيو جرسي کان واشنگٽن ۽ ورجينيا تائين توهان کي هن قسم جي نالن وارا دڪان نظر ايندا، جن جي ٻاهران ”حلال“ جو لفظ به لکيل ڏسڻ ۾ ايندو.
    اپنا بازار
    ساران فوڊ مارڪيٽ
    اورينٽ فوڊس
    اسپائيس (مصالحا) مارڪيٽ
    انڊوپاڪ بازار
    حلال ميٽ ائنڊ مصالحا
    دانه بازار
    ڪابل مارڪيٽ
    سبزي منڊي
    ويندي ڪيترا دڪان ۽ هوٽلون جن جي نالن مان لڳي ٿو ته هندن جون آهن پر انهن تي به حلال کاڌو ملي ٿو، جيئن ته روي ڪباب ريسٽورنٽ، بمبئي فوڊ ائنڊ گفٽس وغيره، انڊيا مني مارڪيٽ، تاج گروسري، مهاراجا........وغيره وغيره.
    هنن ملڪن ۾ توڙي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ ٿائيلينڊ جهڙن ملڪن ۾ ڪو به اسان جي ملڪ وانگر دڪان تي يا گهر جي اڱڻ تي ٻڪري يا رڍ ڍڳي ڪهي نٿو سگهي.يورپ، جپان توڙي آمريڪا ۾ ڪوس جو ڪم فقط سرڪاري طرح مقرر ڪيل ذبيحا خانن Slaughter Houses ۾ ئي ٿئي ٿو ۽ پوءِ مارڪيٽ ۾ دڪانن تي کڄي اچي ٿو. ماڻهو ڪلو گرامن جي حساب سان وٺن ٿا يا ڪڏهن ٻه يا وڌيڪ دوست گڏجي سڄي ٻڪري يا رڍ جو گوشت حصا پتيون ڪن. 1960ع واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن آءٌ پهريون دفعو آمريڪا آيو هوس ته انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ نه ايتريون مسجدون هيون نه مسلمان هئا. (نيويارڪ ۾ ٽي مسجدون هيون اڄ ٻن سون کان مٿي آهن) انهن ڏينهن ۾ حلال شيون ملڻ جي ڏکيائي ڪري کاڌي پيتي جو وڏو مسئلو رهندو هو. اسان جو جهاز نيويارڪ يا هيوسٽن ۾ پهچڻ تي انهن ڏينهن ۾ اتي رهندڙ منهنجا سنڌي دوست ڏاڍو خوش ٿيندا هئا، جو هنن کي جهاز تي مهمانن جي حيثيت ۾ مفت ماني ملندي هئي ۽ هر وقت مختلف پاڪستاني ڊش کائڻ لاءِ ملندا هئا ۽ هو بي ڊپا ٿي هر شيءِ کائيندا هئا جو اسان جي پاڪستاني جهازن تي هر شيءِ حلال ئي استعمال ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آئون هنن وٽ شهر ۾ وڃي رهندو هوس ته پوءِ بشير مغل، نور احمد نظاماڻي، يوسف ڏاهري يا جهڏي جو مير مبارڪ ٽالپر پري پري کان ڪنهن يهوديءَ جي دڪان تان يا هن جي گهران گوشت وٺي ايندا هئا، جيڪو ڪوشر Kosher سڏبو هو، جيئن اسان مسلمانن جو ذبح ڪيل گوشت حلال سڏجي ٿو. انهن ڏينهن ۾ اهو چيو ويو ٿي (۽ اڃا به ڪيترن ملڪن ۾ رهندڙ مسلمان چون ٿا) ته يهودي الله جو نالو وٺي ٻڪري، رڍ يا ڳئون ذبح ڪن ٿا پر هاڻ ڏسان پيو ته اڄڪلهه هتي آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان ”ڪوشر“ کي ”حلال“ نٿا سمجهن جو هنن جو اهو چوڻ آهي ته مسلمان جڏهن ڪنهن جانور کي ذبح ڪري ٿو ته تڪبير پڙهي ٿو ۽ هر جانور تي سير وجهڻ مهل ”بسم الله، الله اڪبر“ چوي ٿو. يهودي به جانورن کي مسلمانن وانگر ڪهن ٿا پر هو هر جانور تي تڪبير هڻڻ بدران فقط هڪ دفعو، جڏهن سلاٽر هائوس ۾ گهڙن ٿا، ته پڙهن ٿا.
    ڪوشر Kosher يهودين جو هيبرو زبان جي لفظ ڪاشر Kasher مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”صحيح“ Fit،. ڊپارٽمينٽل اسٽورن ۾ کاڌي جي ڪيترين ئي شين تي توهان کي ”ڪوشر“ لفظ لکيل نظر ايندو، جيڪو يهودين جي مذهبي اصولن مطابق هنن جي کائڻ لاءِ صحيح Proper آهي پر بقول هتي جي مولوين جي جيڪڏهن ڪنهن شيءِ تي ڪوشر لکيل آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اهو حلال آهي.
    هتي آمريڪا ۾ ٿلهي ليکي هيٺيون شيون حرام سمجهيون وڃن ٿيون، جيڪي هر مسلمان Avoid ڪري ٿو.
    سوئر
    ڪنهن جو به رت
    چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانور ۽ پکي
    تقريبن سڀئي نانگ بلائون ۽ جيت جڻيا
    مردار جانور
    اهي حلال جانور جيڪي اسلامي طرح ذبح نه ڪيل آهن
    وائين Ethyle Alcohal ۽ هر قسم جا Spirits
    ڪجهه ڳالهيون جن لاءِ هتي هر مسلمان کي ڌيان ڌرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو.
    جيڪا به شيءِ خريد ڪريو ان جي ليبل تي Ingredients ضرور ڏسندا ڪيو. ان بنا هرگز خريد نه ڪريو. جيڪڏهن انهن ۾ ڪو به اهڙو حرام جو جزو موجود آهي ته اها شيءِ هرگز خريد نه ڪريو.
    ڪڏهن به سپر مارڪيٽ مان ڪنهن به قسم جو گوشت، قيمون يا ڪواب نه خريد ڪريو. ان قسم جون شيون ”حلال ميٽ اسٽور“ تان وٺو.
    فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽ جهڙوڪ مئڪڊونالڊ، برگر ڪنگ، پيزا هٽ، ڪينٽڪي، فرائيڊ چڪن KFC وغيره تي کائڻ کان گريز ڪريو. سندن چوڻ موجب سندن ڪجهه شيون کڻي حرام نه هجن پر بهتر آهي ته اهڙن هنڌن تي کائڻ کان پاڻ کي بچائجي.
    هيٺيون شيون خريد ڪرڻ وقت بيحد خبردار رهڻ کپي جو ڪڏهن ڪڏهن انهن ۾ ڪو هڪ يا ٻه Ingredients اهڙا شامل ٿيل هوندا آهن، جن ڪري اها شيءِ مسلمان لاءِ حرام ٿيو وڃي، جيئن ته ڪجهه سوپ، پوءِ ڀلي کڻي ڪارن سوپ هجي پر ڪن هوٽلن ۾ ان ۾ گوشت جا ننڍا ٽڪر پڻ وڌا وڃن ٿا يا ڪيڪ ۽ بيڪري جا بسڪيٽ جن ۾ جانورن جي چرٻي ٿي سگهي ٿي، چاڪليٽ، آئيس ڪريم يا ڌورو جنهن ۾ مرم (شراب) يا جانورن جي هڏن مان ٺهيل جيلي Gelatin يا ٻيو ڪو حرام Ingredients ٿي سگهي ٿو. بهرحال ڪابه اهڙي شيءِ خريد ڪرڻ وقت مسلمانن کي انهن جي ليبل تي جانچڻ کپي ته ان ۾ ڪهڙا Ingredient شامل آهن. هتي جي اسلامي ائسوسيئيشن ۽ اسلامڪ سينٽرن طرفان وقت به وقت اهڙن Products ۽ Ingredientsجي لسٽ شايع ٿيندي رهي ٿي، جن کان مسلمانن کي پرهيز ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. انهن مان ڪجهه Ingredients هن ريت آهن.
    الڪوحل-شراب
    Animal Shortening -جانورن جي چڪنائي جنهن سان ڊبل روٽي ۽ ڪيڪن کي چمڪ ڏيڻ خاطر، انهن مٿان، هن سان مکُ ڏنو وڃي ٿو.
    Animal Fat- جانورن جي چرٻي (هونءَ حلال جانورن جي چرٻي اسان جي ملڪ ۾ کاڌي وڃي ٿي جو اهي جانور اسان وٽ اسلامي طريقي سان ذبح ڪيا وڃن ٿا پر هتي آمريڪا ۾ ڪنهن ڪيڪ، چاڪليٽ يا فراءِ ٿيل Nuts بادامن، کاڄن جي لفافن يا دٻن تي Animal Fat لکيل آهي ته توڙي کڻي ٻڪري، رڍ يا ڪنهن ٻئي حلال جانور جي چرٻي هجي پر جيئن ته اهو جانور هتي اسلامي طرح ذبح ٿيل ناهي، ان ڪري ان Gredient واري شيءِ کائڻ لاءِ مسلمانن کي منع ٿيل آهي.
    Bacon- سوئر جي گوشت جي ڪابه شيءِ
    Broth- يخني، جيڪڏهن Animal Broth لکيل آهي ته ان شيءِ کان پرهيز ڪجي.
    Enzymes - جيڪڏهن Microbial Enzymes لکيل آهي ته پوءِ صحيح آهي پر رڳو Enzymes لکيل آهي ته پوءِ اها شڪ جي ڳالهه آهي جو اهي ڪنهن جانور مان به نڪتل ٿي سگهن ٿا.
    Ethanol
    Ethoyle Alcohal
    Gelatin- هيءَ شيءِ جانورن جي هڏين مان ٺاهي وڃي ٿي ۽ ان جو استعمال اڪثر جيلين ۾ ٿئي ٿو.
    Gin جن جيڪو شراب جو قسم آهي، ڪيترين ئي بيڪري جي شين ۽ بار بيڪيو ۾ استعمال ٿئي ٿو.
    هئم Ham
    L-Gysteine جيڪڏهن انسانن جي وارن مان نڪتل آهي ته ان لاءِ حرام جي فتويٰ مليل آهي.
    Lard- جانورن جي چرٻي خاص ڪري سوئر جي.
    Lipase- جانورن مان نڪتل خامرو واري شي کان پرهيز ڪجي.
    Pepsin
    Rennet- هيءَ شيءِ جيڪا ڪيترن ئي کاڌن ۾ بيڪريءَ جي شين ۾ استعمال ٿئي ٿي، جيڪڏهن ڀاڄين ۽ ٻوٽن Plants مان نڪتل آهي يا Microbial يا Synthetic آهي ته اها حرام ناهي پر Rennet جيڪڏهن جانور يا ڪنهن کير پيئندڙ ڦر جي پيٽ مان نڪتل آهي ته پوءِ حرام قرار ڏني ويئي آهي.
    Rum- شراب جو قسم
    Stock (جانورن جي اوٻاريل هڏين مان نڪتل Ingredient Wine شراب
    Tallow- سخت قسم جي چرٻي ۽ گودو جيڪو اڪثر جانورن جي نرين مان ڪڍيو وڃي ٿو، جنهن مان صابڻ ۽ ميڻ بتيون به ٺهن ٿيون.
    Vanilla extract /Flavour
    Whey
    بهرحال مٿيون اهڙيون شيون Ingredients آهن، جن کان مسلمانن کي سختيءَ سان پرهيز ڪرڻ کپي. هتي جي ملڪن ۾ دڪانن تي وڪامندڙ هر شيءِ خريد ڪري کائي نٿي سگهجي. هر شيءِ چاهي ڪيڪ بسڪيٽن جو پئڪيٽ هجي يا پٽاٽو چپس، مڪاني قانون مطابق ان جي ٻاهرين دٻي يا لفافي Wrapper تي لڳل ليبل تي Ingredients جا نالا پڙهڻ کپن ته ان شيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا استعمال ٿيل آهن. ڪيتريون اهڙيون شيون آهن، جيڪي يهودي ۽ هندو به مذهب جي خيال کان استعمال نٿا ڪن. ڪيترين شين ۾ ته انساني عضوا يا انسان جون خارج ڪيل شيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. جيئن 1980ع واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ته اتي Oil of Ulay نالي هڪ ڪريم تي وڏو گوڙ مچي ويو هو. خبر پيئي ته ملائيشيا جون ڇوڪريون جيڪي پنهنجي سونهن وڌائڻ لاءِ سڀ کان گهڻي ڪريم ”آئل آف اُلي“ استعمال ڪن ٿيون ان ۾ اهم Ingredient عورت جي ”عور“ Placenta جنهن کي ملئي ”عوري“ سڏين ٿا، آهي. اها پڻ ماڻهن کي خبر پئجي ويئي ته سنگاپور جي جنرل اسپتال ۾ في عور هڪ ڊالر ۾ خريد ڪئي وڃي ٿي ۽ هن ڪريم جي گهڻي کپت ڪري انگلينڊ بدران سنگاپور ۾ ئي ٺاهي وڃي ٿي. بهرحال ان تي مذهبي ماڻهن ۽ سائنسدانن جا ڪافي بحث هلندا رهيا، جن جو تفصيل ملائيشيا جي سفر نامي واري ڪتاب ۾ ڏئي چڪو آهيان. سو اهڙي قسم جي شين Products بابت هتي جون مڪاني اسلامي جماعتون هتي رهندڙ مسلمان کي اخبارن، انٽرنيٽ ۽ اسلامڪ سينٽرن ذريعي ٻڌائينديون رهن ٿيون ته ڪهڙيون شيون حلال آهن ۽ ڪهڙيون حرام. واشنگٽن مان نڪرندڙ هڪ اسلامي اخبار جي گذريل جمعي واري پرچي ۾ پڙهيل ڪجهه معلوماتي سوال هن وقت ياد اچي رهيا آهن، جن مان پنهنجي ملڪ ۾ پڙهندڙن کي Idea ٿي سگهندي ته هتي آمريڪا ۾ رهندڙ مسلمان روزمره جي استعمال جي شين بابت معلومات يا مونجهارن جو جواب هتي جي علمائن کان پڇندا رهن ٿا. نموني خاطر ٻه ٽي سوال هن ريت آهن.
    سوال: هتي (آمريڪا) ۾ ملندڙ ڪيترين هار سينگار Cosmetics جي شين ۾ Urea نالي هڪ Ingredient استعمال ٿئي ٿو، اهي شيون جن ۾ يوريا استعمال ٿئي ٿو، حلال آهن يا حرام؟
    جواب: يوريا هڪ ڪيميڪل ڪمپائونڊ آهي، جيڪو Synthetic به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن جانورن جي Urine مان به حاصل ڪري سگهجي ٿو. Synthetic (يعني هٿرادو ٺهيل) يوريا واريون شيون استعمال ڪري سگهجن ٿيون پر جانورن جي پيشاب مان ڪڍيل يوريا نجس (پليد) آهي. ڪيمسٽري (سائنس) کان اڻ واقف پڙهندڙ Synthetic (هٿرادو) ۽ قدرتي طرح حاصل ڪيل شين کي هن مثال مان سمجهي سگهن ٿا ته کنڊ يا ڳڙ ڪاربن، آڪسيجن ۽ هئڊروجن جي مقرر جزن جو نالو آهي. هاڻ توهان چاهي اها کنڊ ڪمند کي نپوڙي حاصل ڪيو يا ڪاربن، هئڊروجن ۽ آڪسيجن جا مقرر جزا ملائي Synthetic طريقي سان کنڊ ٺاهيو.
    سوال: ڇا اهي سڀ پنيرن Cheese جا قسم جن ۾ rennet مليل آهي، حرام آهن؟ ملائيشيا ۾ ڪيترائي پنيرن جا قسم وڪامن ٿا (ويندي ڪرئفٽ ڪمپنيءَ جو چيز) ۽ ڪجهه ۾ ته ليبل مطابق rennet به پيل آهي پر ملائيشيا جي واسطيدار کاتي طرفان ان تي ”حلال“ جو ٺپو لڳل آهي.
    جواب: هر اهو پنير جنهن ۾ Rennet استعمال ٿيل آهي حرام ناهي. جيڪڏهن ڪنهن حلال ۽ اسلامي طرح ذبح ٿيل جانور جو Rennet استعمال ٿيل آهي ته اهڙو پنير يا ڪا ٻي شيءِ کائي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن ملائيشيا وارن ان کي حلال قرار ڏنو آهي ته اهو ضرور صحيح هوندو.
    سوال: آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جو هڪ پاڪستاني دوست چوي ٿو ته اهو صابڻ جنهن جي ٺهڻ ۾ سوئر جي چرٻي استعمال ٿئي ٿي اهومسلمان استعمال ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ هو ڪراچيءَ جي دارل افتدا جي مفتي رشيد احمد جي ڏنل فتويٰ جو حوالو ڏئي ٿو.
    جواب: اسان کي ان بابت ڪا خاطري ناهي ته مفتي رشيد ان سلسلي ۾ ڪا فتويٰ ڏني آهي. بهرحال ان قسم جو سوال هن کان اڳ به پڇيو ويو آهي، جنهن جو جواب توهان جامعيه بنوريا، ڪراچي وارن جي ويب سائيٽ http:/www.binoria.org/q&a/ تي پڙهي سگهو ٿا.


    دين ڌرم ۽ اخلاقيات کي ڇڏڻ جا نتيجا

    عرفان جماڻي جنهن سان گڏ حيدرآباد جو اعجاز شيخ به هو ۽ هو مون کي واشنگٽن مان کڻي اعجاز شيخ جي گهر هلي رهيو هو سو رستي تي پنهنجي رياست ورجينيا مان ٿيندو هليو، جتان هن اعجاز لاءِ ورتل حلال گوشت پنهنجي فليٽ تان کنيو.
    ”منهنجي خيال ۾ ورجينيا رياست جي ڪرسٽل سٽي، پينٽاگان ۽ تنهنجي رهائش واري شهر اليگزئنڊرا جو چڱو ديدار ٿي ويو. هاڻ اڳتي جي منزل ڏي پنڌ ڇڪجي.“ مون پوٽو مئڪ نديءَ جي الهندي ڪناري تي اڏيل هن جهوني شهر جي اوچين عمارتن ۽ وچ وچ ۾ ٺهيل پارڪن ڏي نگاهه ڊوڙائيندي عرفان جماڻيءَ کي چيو. هن شهر جو اليگزئنڊريا نالو هڪ جهوني جهازي ڪئپٽن فلپ اليگزئنڊرا (ڄم جو سال 1704ع وفات 1753ع) تان پيو، جيڪو هتي اچڻ تي اڄ واري ڊيوڪ اسٽريٽ وٽ اچي رهيو هو.عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته هتي جا ماڻهو چون ٿا ته هي شهر 1828ع کان 1836ع تائين دنيا جي بدنام بزنيس ”غلامي“ Slavery کان مشهور رهيو. آفريڪا کان آندل غريب شيدين جو هتي غلامن طور وڪرو ٿيندو هو ۽ هتان آمريڪا جي ٻين رياستن ڏي کين موڪليو ويو ٿي. غلامن کي زنجيرن ۾ ٻڌي سوگهو رکڻ واري عمارت کي بعد ۾ هن رياست جو جيل خانو مقرر ڪيو ويو.
    1870ع ۾ اليگزئنڊريا شهر کي خود مختيار ڪائونٽي بنايو ويو ۽ پوءِ اڳتي هلي 1920ع ۾ هن جي هڪ حصي کي آرلنگٽن ڪائونٽي قرار ڏنو ويو. جيڪا اتر ۾ آهي. اليگزئنڊرا جي ڏکڻ ۾ هن رياست ورجينيا جي هڪ ٻي مشهورڪائونٽي فيئر فئڪس آهي. هتان نڪرڻ وقت ڪجهه گهٽين ۽ عمارتن جا نالا آئون جلدي جلدي پنهنجي ڪاپيءَ تي لکندو ويس. ڪنگ اسٽريٽ، ڪامن ويلٿ ايوينيو، ڊيوڪ اسٽريٽ، مارڪيٽ اسڪائر، سينٽ اسٽيفن اسڪول، ورجينا ڪامن ويلٿ يونيورسٽي، لٽل ٿيٽر، واشنگٽن ميموريل وغيره. ايڊسل (Edsal) روڊ تان لنگهڻ وقت اداره دعوت و ارشاد (Idara Dawat-o-Irshad) جو بورڊ نظر آيو ۽ Hume ايوينيو تان لنگهڻ وقت هڪ عمارت جي ٻاهران Islamic Circle of North America جو بورڊ پڻ ڏسڻ ۾ آيو.
    عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته نائن اليون کانپوءِ جتي آمريڪا طرفان مسلمانن تي سختي ٿي آهي اتي ڪيترائي آمريڪن گورا توڙي هتي جا شيدي، اسلام بابت پڙهي مسلمان ٿيندا وڃن جن جو اندازو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مسجدن، اسلامڪ سينٽرن، اسلامي تعليمي درسگاهن ۽ اسلامي ائسوسيئيشن مان لڳائي سگهجي ٿو.
    ”هتي رهي دين بابت معلومات ۽ نماز روزي جو پابند تون ڪيئن ٿئين؟“ مون عرفان کان پڇيو.
    ”مون سان گڏ رهندڙ ٻه پنجابي دوست بيحد نيڪ ۽ پرهيز گار قسم جا آهن، جيڪي ويندي تبليغ تي به وڃن ٿا. انهن جي صحبت ۾ رهي مون کان به جيڪو وقت پڄي ٿو مسجد ۾ نماز پڙهان ٿو نه ته گهر ۾ يا رستي يا آفيس ۾ پڙهان ٿو “ عرفان ٻڌايو.
    ”جمعي نماز ڪٿي پڙهو؟“ مون پڇيو.
    ”آئون پنهنجن دوستن سان گڏ ڀر واري شهر ”فالس چرچ“ ۾ جمعي نماز لاءِ ويندو آهيان،“ عرفان ٻڌايو، ” Falls Church شهر جي Row Street ۾ دار الهجره مسجد ۾ جمعي نماز سوا هڪ بجي ٿئي ٿي. اتي اسلامي ڪتابن جو دڪان پڻ آهي، جتان مختلف عالمن جا ڪتاب خريد ڪندا آهيون. مون کي ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ڪڏهن ڪڏهن Spring field شهر ڏي هليا ويندا آهيون، جتي جي ڪامرس اسٽريٽ تي دارالهديٰ نالي مسجد آهي، جتي هڪ بجي خطبو شروع ٿئي ٿو ۽ ڏيڍ بجي نماز دارالهديٰ ۾ هر روز شام جو پنجين کان اٺين تائين درس (واعظ) پڻ ٿئي ٿو ۽ هر عمر جا ماڻهو ٻڌڻ لاءِ اچي سگهن ٿا.“
    ورجينيا رياست ۾ رهندڙ پيٽارو جي ڪجهه دوستن، ٻڌايو ته اسپرنگ فيلڊ شهر جي هن دارالهديٰ ۾ ٻارن جو اسڪول پڻ آهي، جتي هنن جا ٻار آچر ڏينهن اسلامي تعليم حاصل ڪن ٿا. ان قسم جا Sunday Schools جتي ڪٿي نظر اچن ٿا، جتي مسلمانن جا ٻار اسلام بابت معلومات حاصل ڪن ٿا. ظاهر آهي ته آمريڪا جي اسڪولن ۾ اسان جي ملڪ جي اسڪولن وانگر دينيات جو سبجيڪٽ نٿو پڙهايو وڃي، پوءِ اهي والدين جيڪي چاهين ٿا ته هنن جا ٻار مغرب جي سوسائٽيءَ ۾ رهي به پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر جي ڄاڻ رکن، اهي پنهنجي آرام واري ڏينهن تي ٿوري تڪليف وٺي پنهنجن ٻارن کي ههڙن Sunday اسڪولن ۾ ٽن چئن ڪلاڪن لاءِ ڇڏيو وڃن ٿا. ان بابت نيو جرسي جي فلڪ شير، بالٽيمور جي ڊاڪٽر منور عباسي، نيو يارڪ جي ڊاڪٽر رمضان انڙ ۽ ٻين به ٻڌايو ته هو آچر واري ڏينهن تي پنهنجن ٻارن کي ويجهي واري اسلامڪ سينٽر ۾ وٺي وڃن ٿا. اهڙي طرح نيو جرسي ۾ رهندڙ گهوٽڪي جي رميش ٿارواڻيءَ، ڪولوروڊو جي ڪنڊياري واري پروفيسر رامچند ۽ ڪئليوفورنيا ۾ رهندڙ پيٽارو جي ببيڪشن ٻڌايو ته آچر ڏينهن هو پنهنجن ٻارن کي هندو مت جي ڄاڻ لاءِ وسواڻي سينٽر ۾ يا ڪنهن ويجهي مندر ۾ وٺيو وڃن ٿا. اهڙين ڳالهين لاءِ نه هتي جي حڪومت طرفان جهل پل آهي ۽ نه مڪاني گورا ماڻهو خراب سمجهن ٿا، ٻين لفظن ۾ هتي هر ڳالهه جي آزادي آهي. ڪنهن کي به ڪنهن ڳالهه لاءِ جهل پل ناهي. جيستائين ڪو به ماڻهو دنگو فساد نٿو ڪري يا عوام ۽ پبلڪ پراپرٽيءَ کي نقصان نٿو رسائي، هن کي ڪو جهلي نٿو سگهي.
    اعجاز شيخ ٻڌايو ته مئريلئنڊ رياست، جتان هو شفٽ ٿي ويو آهي ۽ جتي هن وقت اسان سندس باقي رهيل سامان کڻڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون اتي پڻ نه فقط هندن ۽ سکن جا مندر ۽ ٽڪاڻا آهن پر مسلمانن ويندي شيعن، سنين، احمدين جون مسجدون آهن. احمدين جي هڪ اهڙي جامع مسجد (بيت رحمان) اعجاز جي هن پراڻي واري گهر واري علائقي Silver Spring ۾ آهي. ان جو احوال ڪٿي ٻئي هنڌ ڪنداسين جتي مون کي قاضي احمد جو هڪ پيٽارين دوست سميع جادرن وٺي هليو هو، جيڪو گذريل ويهن سالن کان هتي آمريڪا ۾ رهي ٿو.
    مئريلئنڊ رياست جي ڪجهه اهم مسجدن جا نالا جن بابت اعجاز کي ڄاڻ هئي ۽ مون کي لکرائين هن ريت آهن:
    روٽ 108 تي Ellicott نالي شهر ۾ دار التقويٰ نالي مسجد (فون نمبر 5711-997-410)
    گئٿرس برگ شهر ۾ اسلامڪ سينٽر آف مئريلئنڊ، جيڪو وڊ فيلڊ روڊ تي آهي (فون نمبر 9440-840-301)
    لائريل نالي شهر جي Contee روڊ تي اسلامڪ ڪميونٽي آف Lourd (فون نمبر 5484-317-301)
    پوٽو مئڪ شهر جي Montrose Rd روڊ تي اسلامڪ ايڊيوڪيشن سينٽر IEC (فون نمبر 2070-340-301)
    بالٽيمور شهر ۾ جوني ڪيڪ روڊ تي مسجد راحما ۽ Islamic Cantre of Baltimore. جتي ٻارن لاءِ اسلامي تعليم جو اسڪول به آهي (فون نمبر 4869-747-410 ۽ اسڪول جو نمبر 0921-719-410)
    مئريلئنڊ رياست جي هن شهر بالٽيمور ۾ (جيڪو رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر ۽ بندرگاهه آهي، جتي اسان کي 35 سال کن اڳ پاڻي جي جهاز کي ڪيترائي دفعا وٺي اچڻ ٿيو، ان ۾) انهن ڏينهن ۾ ڪنهن خاص مسجد جو نه ٻڌڻ ۾ آيو ۽ نه گس پنڌ تي نظر آئي ٿي ۽ جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته تن ڏينهن ۾ هتي اسان جي ملڪن جا مسلمان به تمام گهٽ نظر آيا ٿي. عراق، مصر، لبنان ۽ ٻين عرب ملڪن جا مسلمان ته ڪي ورلي نظر آيا ٿي پر هينئر 35 کن سالن بعد جڏهن هيڏانهن آيو آهيان ۽ بالٽيمور به ٻه ڄار دفعا ٽرين ۾ يا رميش ٿارواڻيءَ سان گڏ هن جي ڪار ۾ اچڻ ٿيو آهي ته هن شهر جي ڪيترن ئي هنڌن تان لنگهندي مسجدون نظر آيون آهن جهڙوڪ نارٿ ايوينيو تي مسجد الصفات، مارٽن لٿر ڪنگ ايوينيو تي مسجد تقويٰ النور ۽ بالٽيمور ۾ هڪ رستي جو نالو Islamic Way روڊ به آهي، جنهن تي مسجد الحق آهي، وغيره وغيره.
    بالٽيمور جي سلور اسپرنگ شهر ۾ جتي گڊ هوپ روڊ تي احمدين جي مسجد بيت رحمان آهي، ان شهر جي نيو هئمپ شائر روڊ تي مسلم ڪميونٽي سينٽر پڻ آهي، جتي سنڊي اسڪول ۽ قرآن پڙهائڻ جو بندوبست پڻ آهي. ان جو فون نمبر 3454-384-301 آهي. اهڙي طرح لنهام شهر جي Lanham Severn روڊ تي مسلم ائسوسيئيشن ڪميونٽي سينٽر پڻ آهي، جنهن جو فون نمبر 4942-459-301 آهي.
    آمريڪا ۾ ڪيترائي اهڙا آهن، جيڪي آمريڪا جهڙي مغربي دنيا ۾ رهڻ ضرور پسند ڪن ٿا پر ساڳئي وقت هو پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر کان بيگانو ڪرڻ به نٿا چاهين، انهن مان حيدرآباد جو هي اعجاز شيخ ۽ خيرپور جو عرفان جماڻي آهي، جن سان هن وقت ورجينيا رياست لتاڙي مئريلئينڊ رياست جي سلور اسپرنگ ڪائونٽيءَ ڏي وڃي رهيو آهيان. عرفان ٻڌايو ته اسڪولي تعليم سان گڏ هن جا ٻار گهر ۾ قرآن پڻ پڙهن ٿا. ان معاملي ۾ ٻارن جي ماءُ پڻ سخت آهي ته ٻارن کي ننڍي هوندي کان مذهبي تعليم ڏني وڃي. مذهب اسان کي سٺيون ڳالهيون ٿو سيکاري، نيڪ ٿي هلڻ جي تلقين ٿو ڪري.
    ”آئون پڻ انهي خيال جو آهيان،“ اعجاز چيو، ”ٻار ڪجهه وڏا ٿيڻ تي آئون کين ڪجهه سال پاڪستان ۾ رکندس جيئن هو ديني تعليم حاصل ڪري سگهن.اهو مون زال کي چيو آهي ته پوءِ اهو هوائي جهاز جي ڀاڙن جو خرچ ڪري سال ۾ ٻه دفعا آئون پيو پاڪستان گهمڻ ايندس ۽ ٻه دفعا موڪلن ۾ تون پئي هيڏانهن آمريڪا اچجانءِ جيسين ٻار وڏا ٿين ۽ پنهنجي مذهبي ۽ اخلاقي قدرن کي پسند ڪن ۽ انهن تي پختا رهن.“
    I think there is a sense in it مون وراڻيو.
    ”هتي ٽي چار سال رهڻ جي تجربي مان مون اهو حاصل ڪيو آهي.“ اعجاز شيخ ٻڌايو”ته آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ اهي ڪامياب ٿا رهن جن جي ٻارن کي مذهبي تعليم ۽ مشرقي اخلاق جي ڄاڻ آهي. ٻيا ٻار هتي جي رنگينين ۾ توائي ٿيو وڃن ۽ پوءِ والدين به پريشانين ۾ گذارين ٿا.“
    اعجاز سندس پاڙي ۾ رهندڙ هڪ بنگلاديش جي مسلمان پروفيسر جو احوال ٻڌايو (جنهن جهڙا ڪيترائي مثال ملندا) ته هن جو هڪ غريب فئملي سان تعلق آهي پر محنتي هجڻ ڪري ۽ پڙهائي ۾ هوشيار ٿيڻ ڪري هن کي هر وقت اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرون ملنديون رهيون. آمريڪا مان Ph.D ڪرڻ بعد هن کي هتي ئي وڏي نوڪري ملي ويئي ۽ هن پنهنجن ٻارن کي به ان ئي وقت هتي آمريڪا ۾ گهرائي ورتو. جيتوڻيڪ پاڻ نيڪ طبيعت جو انسان آهي پر ڪجهه نوڪريءَ ۾ مشغول هجڻ ڪري ۽ ڪجهه سستيءَ ۽ بي ڌيانيءَ ڪري هن پنهنجن ٻارن تي ڌيان نه ڏنو. ٻار پنهنجي مذهب ۽ ڪلچر کان بي خبر رهي هتي جي ٻارن سان گڏ آزاد گهمڻ لڳا ۽ خاص ڪري هنن جي سنگت اهڙن سان ٿي پيئي، جن کي پڙهڻ جو به شوق نه هو. اڄ هن جا ٻار ارڙهن سالن کان وڏا آهن، يعني مائٽن جي چئي مڃڻ کان آزاد آهن. هنن کي نه مذهب جو فڪر آهي نه ماءُ پيءُ جو خيال. هنن لاءِ شراب، ڊانس، گرل فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ جو چڪر سڀ ڪجهه آهي. ”آئون سندس پاڙي ۾ اچي رهيس“ اعجاز ٻڌايو ”ته پروفيسر صاحب اکين ۾ ڳوڙها آڻي پنهنجن ٻارن جو ٻڌايو ته نه هنن کي اسان پوڙهن جي عزت آهي ۽ نه پڙهائيءَ جو فڪر اسان جا ته ڄڻ ٻئي جهان هليا ويا. ڇوڪرا ته ٺهيو پر ڇوري به چوي ٿي ته ڊيڊي دس از ماءِ لائيف! توهان پنهنجي زندگي گذاري چڪائو. هاڻ کين ڪير سمجهائي ته غيرت ۽ اخلاق به ڪا شيءِ آهي. آئون نواکلي جهڙي ڳوٺ جو غريب ٿي ڪري به اعليٰ تعليم حاصل ڪري سٺي نوڪري ڪريان پيو. توهان آمريڪا جهڙي شهر ۾ هر سک مهيا هوندي به پڙهي نه سگهيا آهيو ۽ توهان جو مستقبل ڪنهن هوٽل يا دڪان ۾ مزور ٿي ڪم ڪرڻ آهي يا ٽرڪ ڊرائيور يا ڪلينر ٿي لوفرن وانگر رلڻو آهي......“
    اعجاز شيخ ٻڌايو ته پروفيسر صاحب کي ڏاڍو ڏک آهي ته هن جا ٻار هن جي هٿن مان نڪري ويا، جنهن ۾ هو پنهنجي ئي غلطي تسليم ڪري ٿو ته هن ڪچيءَ ۾ ڌيان نه ڏنو، ”ٻيو نه ته هنن جو ننڍي هوندي مذهب ڏي لاڙو ڪريان ها ته گهٽ ۾ گهٽ هنن کي اڄ پنهنجن وڏن لاءِ پيار ۽ عزت هجي ها. پنهنجو مستقبل تباهه نه ڪن ها. شراب نوشي ۽ آواره گردي جهڙين عادتن ۾ نه ڦاسن ها... وغيره وغيره..........“ بهرحال اسان جي ملڪ جي به ڪيترن ماڻهن جا هن ملڪ ۾ اسن قسم جا يا ان سان ملندڙ جلندڙ مسئلا آهن. هڪ ڳالهه هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو، بلڪه اها غلط فهمي دور ڪرڻ چاهيان ٿو،جيڪا اسان جي ماڻهن کي اڪثر آهي ته آمريڪا يا يورپ ۾ رهندڙ هر گوري جي فئملي ۾ هن جا ٻار شراب پيئن ٿا، نشو ڪن ٿا، مائٽن ۽ وڏن جي عزت نٿا ڪن. نه. اها ڳالهه هرگز ناهي. سٺا ۽ خراب ماڻهو جتي ڪٿي آهن. هتي آمريڪا ۾ به ڪيتريون ئي اهڙيون فئمليون آهن، جيڪي مٿين شين کي خراب سمجهن ٿيون. هنن جا ٻار اخلاق جي دائري ۾ رهن ٿا. والدين ۽ پاڙيسرين جي عزت ڪن ٿا. ڇو جو هڪ سٺو عيسائي يا سٺو يهودي به شراب ۽ نشي جهڙين شين کي اوترو ئي خراب سمجهي ٿو، جيترو هڪ سچو مسلمان. اهو مائٽن تي مدار رکي ٿو ته هو پنهنجي اولاد جي سنگت تي نظر رکن. ڇو جو ڪيترا ٻار برن جي سنگت ۾ رهي برا ٿيو وڃن ۽ ان خيال کان آمريڪا يا يورپ ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ به ماڻهو خراب ٿيو وڃن ۽ نه فقط وڏن شهرن ۾ پر ننڍن ڳوٺن ۾ به. اسان جي شهر هالا جي هڪ ٻهراڙي واري ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿيو، جتي اڄ کان پنجاهه سال اڳ ٻيڙي پيئڻ به عيب ۽ علت سمجهيو ويو ٿي. ماڻهن گهرن ۾ يا دڪانن ۾ لڪي حُقو پيئندا هئا. گذريل سال ان ڳوٺ ۾ ويس ته اهومعلوم ڪري افسوس ٿيو ته ڳوٺ جا نوجوان جيڪي هارپو يا مزوري ٿا ڪن، انهن جو سڄو پئسو نشي ۾ وڃي ٿو هو. ان تي فخر ٿا ڪن. اسان وٽ ڪم ڪندڙ همراهه کي چيم ته شراب ته هڪ مهانگي شيءِ آهي، اهو ڪيئن ٿا افوڊ ڪريو؟
    هن ٻڌايو ته اهو اتي ڳوٺ ۾ ئي ٻٻر جي ڇوڏن مان ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو صحت لاءِ تمام نقصانڪار آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي پيئڻ ڪري موت به ٿئي ٿو.


    آمريڪا گهمڻو آهي ته ايڪسپريس وي کان پاسو ڪريو

    اسان ورجينيا رياست کان ڀر واري مئريلينڊ رياست وڃڻ لاءِ 495 انٽر اسٽيٽ فري وي ورتو هو. آمريڪا ۾ هڪڙا هاءِ وي آهن، جيڪي فقط ان رياست جي مختلف شهرن کي ڳنڍين ٿا، ٻيا جيڪي انٽر اسٽيٽ سڏجن ٿا، اهي هڪ رياست کان ٻيءَ ۾ ۽ ٻيءَ کان ٽيءَ ۾ وٺيو وڃن. هتي جو انٽر اسٽيٽ هاءِ وي سسٽم ”ايڪسپريس ويز“ پڻ سڏجي ٿو. رستن جو هي سسٽم نه فقط آمريڪا جا وڏا وڏا شهر ڳنڍي ٿو پر هي رستا ڪيترن شهرن جي وچ (مرڪز) جنهن کي آمريڪا ۾ ڊائون ٽائون سڏين، مان پڻ گذرن ٿا. هي هاءِ ويز جيڪي هڪ رياست کان نڪريو ٻيءَ ۾ وڃيو پهچن اهي انٽر اسٽيٽ ايڪس ايڪس“ يا ٺلهو I-XX پڻ سڏجن ٿا. ڪڏهن IH-XX يعني انٽر اسٽيٽ ايڪس پڻ سڏجن ٿا. تقريبن سڀني انٽراسٽيٽ رستن تي Exit نمبر به ٿين، جيئن تيز رفتار گاڏي هلائيندڙ ڊرائيور اڳواٽ خبردار ٿي وڃي ته هن جو Exit نمبر اچڻ وارو آهي ۽ رستي جي وچ يا کاٻي واري قطار مان نڪري ساڄيءَ ۾ اچي وڃي جيئن اهو Exit نمبر اچڻ تي هاءِ وي ڇڏي ان تي لڙي پوي. ياد رهي ته آمريڪا ۾ رائيٽ هئنڊ ڊرائيو آهي. اسان جي ملڪ پاڪستان، انگلينڊ ۽ انگلينڊ سان واسطو رکندڙ ملڪن ملائيشيا، سنگاپور، ڪينيا، آسٽريليا وغيره وغيره ۾ ليفٽ هئنڊ ڊرائيو آهي.
    سڄي آمريڪا ۾ نيشنل ۽ انٽر اسٽيٽ هاءِ ويز جي ڄار وڇايل آهي. سڀ کان گهڻو استعمال ۾ ايندڙ رستو 405 فري وي آهي، جيڪو ڪئليفورنيا جي Seal Beaeh علائقي مان لنگهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمس اخبار ۾ آيو هو ته گذريل سال هن رستي تان روزانو سراسري چار لک گاڏين جو گذر ٿيو. ۽ سڀ کان گهٽ تعداد ۾ گاڏيون روزانو ٻه هراز کن انٽر اسٽيٽ 95 جي ان Section تان هليون، جيڪا Maine رياست جي هولٽن واري علائقي جي اتر مان لنگهي ٿو.
    هونءَ جتي هي هاءِ وي، سپر هائي يا ايڪسپريس هاءِ وي ٺهڻ ڪري ڊرائيونگ ۾ آساني ٿي پئي آهي ۽ هڪ شهر کان ٻي شهر تائين پهچڻ ۾ گهٽ وقت لڳي ٿو، اتي مولا جو ملڪ ڏسڻ جا موقعا گهٽجي ويا آهن.توهان رڳو حيدرآباد کان ڪراچي هاءِ وي ذريعي سفر ڪريو ته توهان کي ڇا ٿو نظر اچي؟ ڪجهه به نه! ان جي مقابلي ۾ ٺٽي وارو رستو وٺي وڃڻ سان ڪيترائي ڳوٺ، ٻهراڙيون، فصل باغ، رستو ٽپيندڙ ماڻهو، وهٽ ۽ قدرتي نظارا پسڻ جا موقعا ملن ٿا. ملائيشيا ۾ جڏهن به منهنجو ڪو دوست ڪوالالمپور ايندو هو ته هن کي پنهنجي شهر ملاڪا (جتي جي نيول اڪيڊمي سان منهنجو واسطو هوندو هو) وٺي اچڻ لاءِ نئين ٺهيل هاءِ وي بدران پراڻي نيشنل روڊ تان وٺي ايندو هوس، جيڪو نانگ وانگر ور وڪڙ کائيندو مختلف ڳوٺن، شهرن، ٻنين ٻارن ۽ سمنڊ جي ڪنارن کي ڇهندو، ندين ۽ کاهين تان ٽپندو ملاڪا پهچندو هو ۽ ان رستي ذريعي اچڻ تي منهنجو ڪجهه لٽر پئٽرول وڌيڪ ضرور سڙندو هو ۽ وقت جي حساب سان ڪلاڪ کن وڌيڪ ضايع ٿيندو هو پر آيل مهمان کي ملاڪا پهچڻ تائين ملائيشيا بابت وڏي Idea ٿي ويندي هئي جو رستي تي ڪي چينين جا ڳوٺ آيا ٿي ته ڪي ملئي ماڻهن جا جيڪي گهرن ۽ عبادت گاهن (مندرن ۽ مسجدن) ڪري پنهنجي پنهنجي نموني جا ٿين ٿا، ڪي ڳوٺ مڪس نموني جا ڏسڻ جو موقعو مليو ٿي، جنهن ۾ چيني ۽ ملئي ماڻهن سان گڏ انڊين به نظر آيا ٿي ۽ اسان جي ملڪ کان آيل مهمان جيڪي گهڻو تڻو اتر انڊيا جي ماڻهن، زبانن (هندي، پنجابي، گجراتي) ۽ کاڌن کان وقف آهن، تن هي سنهڙا، ڪارا ۽ گوڏن وٽان مٿي مڙيل ڌوتيءَ وارن سائوٿ انڊين کي ڏسي تعجب لڳندو هو، جن فقط تامل، مليالم، ڪانڊا ۽ تيلگو زبان سمجهي ٿي. انهن جي هوٽلن تي ڪيلي جي پن تي ڀت ۽ فش هيڊ جو تکن مصالحن وارو ٻوڙ کائي حيرت ٿيندي هئي. ٻهراڙين مان لنگهندي وقت ڪٿي گاڏي بيهاري Palm جا وڻ ۽ ان جو کجور جهڙو ڦل ٿي ڏٺو ته ڪٿي ميلن ۾ رٻڙ جا وڻ ۽ انهن جي ٿڙن مان نڪرندو کير ٿي ڏٺو، جيڪو تامل عورتن ٺڪر جي ڪُپين ۾ گڏ ڪري هٿ سان هلندڙ رولر ذريعي رٻڙ Latex جون چادرون ٿي ٺاهيون. ڪٿي ڪنهن ڪنهن ڳوٺ ۾ رستي جي ڪناري تي لڳندڙ Pasar Malam (اسان جي جمعي يا اتوار بازار جهڙي بازار) ۾ بيهي مرتباڪ (قيمي ۾ تريل اڦراٽو) يا مڪئي جو سنگ ٿي کاڌو. ڪٽي ڪنهن هاٿيءَ جي رستي تي بيهڻ ڪري ڏهه پندرهن منٽ ٽرئفڪ جام ٿي ٿي ويئي ته ڪٿي ڪنهن شاديءَ جي ڄڃ گذرڻ ڪري ترسڻو ٿي پيو ۽ يادگار خاطر مهمان کي گهوٽ ڪنوار سان گڏ بيهاري فوٽو ڪڍڻو ٿي پيو. بهرحال اهي سڀ مزا هاءِ ويز ۽ ايڪسپريس وي تي ڪٿي؟ انهن مٿاهن، ويڪرن رستن تي جتي هر هڪ سئو کان مٿي رفتار ۾ لڳاتار هلندو رهي ٿو وڌ ۾ وڌ ڪنهن پئٽرول پمپ وٽ بيهاري ڪافي يا چانهه پي سگهجي ٿو ۽ ان پمپ اسٽيشن جي واش روم استعمال ڪري سگهجي ٿي. هنن سپر هاءِ ويز ۽ ايڪسپريس ويز رستن ڊرائيور لاءِ کڻي سولائي ڪئي آهي پر ان سان گڏ باقي ويٺل سفرڪ ندڙن لاءِ بوريت جو سامان مهيا ڪيو آهي، جيڪي سڄي سفر ۾ فقط ۽ فقط ڏامر جي سليٽي رستي تي نڪتل سفيد رنگ جا Dash ۽ لائينون ڏسي سگهن ٿا. شايد ان بوريت جي ئي نشاندهي جان اسٽين بيڪ پنهنجي هڪ سفر نامي:Travels with Charley ۾ ڪئي آهي.......
    “When we get these thruways across the whole country as we will and must, it will be possible to drive from New York to California without seeing a single thing.”
    ۽ اهڙن ئي خيالن جوا ظهار چارلس ڪورالٽ پنهنجي بائيو گرافي A life On the Road ۾ ڪيو آهي.......
    “The interstate highway system is a wonderful thing. It makes it possible to go from coast to coast with out seeing anything or meeting anybody. If the United States interests you, stay off the interstates.”
    چارلس ڪُورالٽ جو واسطو آمريڪا جو ٽي وي چئنل CBS سان هو. پاڻ انعام يافته جرنلسٽ هو ۽ ورجينيا جي ڏکڻ پاسي واري رياست نارٿ ڪئرولينا جو رهاڪو هو.پاڻ 1934ع ۾ ڄائو هو ۽ 1997ع ۾ گذاري ويو. چون ٿا ته جان اسٽين بيڪ ۽ ڪُورالٽ سٺا دوست هئا. ڪورالٽ جيتوڻيڪ جاب خاطر واشنگٽن ۾ رهيو پر هن پنهنجو وطن نارٿ ڪئرولينا کي به نه وساريو. سندس هڪ ڪتاب جو ته نالو ئي آهي. North Carolina is My Home
    بهرحال ورجينا کان مئريلئنڊ رياست اچڻ لاءِ عرفان جماڻيءَ اندريان رستا وٺڻ بدران هتي جو مشهور هاءِ وي 495 انٽر اسٽيٽ فري وي اختيار ڪيو. I-495 رستو مئريلينڊ کي ملائي ٿو ۽ واشنگٽن جي آس پاس روڊ وارو حصو Capital Beltway به سڏجي ٿو. اسان کي ورجينيا مان مئريلئنڊ وڃڻ لاءِ وچ ۾ وهندڙ پوٽو مئڪ ندي ٽپڻي هئي، جنهن لاءِ هن پاسي ٻه پليون ٺهيل آهن. هڪ آمريڪن ليجئن ميموريل برج جيڪا ڪئبن جان برج به سڏجي ٿي. اسان ٻي پل ذريعي پوٽو مئڪ ندي ٽپياسين جنهن جو نالو Woodrow Wilson ميموريل برج آهي، جيڪا ورجينيا رياست جي اليگزئنڊرا سٽيءَ کي مئريلينڊ جي پرنس جارج ڪائونٽي سان ملائي ٿي. هن پل مٿان انٽر اسٽيٽ هاءِ وي 495 ۽ 95 لنگهن ٿا. هيءَ پل 1961ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي ۽ هن پل بابت اها ڳالهه مشهور آهي ته جنهن ڏينهن تي (يعني 28 ڊسمبر 1961ع تي ) هن پل جو افتتاح صدر وڊرو ولسن جي بيواهه زال ايڊٿ کي ڪرڻو هو، ان ڏينهن هوءِ گذاري ويئي. هيءَ پل پوڻا ٻه ڪلو ميٽر کن ڊگهي آهي ۽ مٿانئس هڪ ئي وقت گاڏين جون ڇهه قطارون اچي وڃي سگهن ٿيون. هن پل کي bascule نموني جي رکيو ويو آهي، جيئن ان هيٺان وڏا جهاز به لنگهي واشنگٽن وڃي سگهن. هن مٿان لنگهندي اسان کي ٽرئفڪ ڪافي جئم ملي. عرفان ٻڌايو ته هن پل مٿان روزانو اڍائي لک کن گاڏيون گذرن ٿيون ۽ عنقريب هن پل کي اتاهون ۽ ويڪرو ڪرڻ جون خبرون ٻڌي رهيا آهيون.
    هيءَ پل آمريڪا جي اٺاويهين صدر ووڊرو ولسن جي نالي سان آهي، جيڪو 1856 ۾ ڄائو ۽ 1924ع ۾ وفات ڪيائين پاڻ 1912ع ۾ آمريڪا جو صدر ٿيو. ان کان اڳ نيو جرسي رياست جو گورنر هو. صدر ولسن جي هڪ ڳالهه جنهن کي کل جوڳي چئي سگهجي ٿو ته هو ملڪ جي ڪمن ڪارين ۽ پريشانين جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ روزانو سراسري ٻه اڍائي ڪلاڪ ڪار ۾ سير ڪندو هو بقول سندس.to relax and loosen my nind from the problems before me..
    اها ڳالهه مون کي پهريون دفعو 1969ع ۾ پنهنجي سينيئر انجنيئر سعيد چوڌريءَ کان پئي. انهن ڏينهن ۾ رات جو چئين کان صبح جو اٺين تائين جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي هن سان گڏ منهنجي هوندي هئي. هو ڪولمبو مان ورتل سوپارين جي ڪاتر سان کيسو ڀري ڊيوٽي تي ايندو هو ۽ پوءِ جنهن ڏينهن جهاز جي انجڻ گهڻا مسئلا ڪندي هئي، ان ڏينهن هو گهڻيون سوپاريون کائيندون هو. سوپاريون کائڻ جو سبب پڇڻ تي مٿين آمريڪي صدر جو مثال ڏيئي چوندو هو. ”آئون هن نڀاڳي انجڻ ۽ ائٽلانٽڪ جي خراب سمنڊ ڪري پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ سوپاريون کان ٿو.“
    بهرحال اها حقيقت آهي ته آمريڪا جي هن صدر Wilson Woodrow آمريڪا ۾ موٽر گاڏين ۽ هاءِ وي ٺاهڻ جي تمام گهڻي وڪالت ڪئي ۽ ملائيشيا جي اڳوڻي صدر مهاتير وانگر ان ڳالهه ۾ يقين رکيو ٿي ته ملڪ ۽ ماڻهن جي ترقي تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رستن جي ڄار وڇايل هوندي. 1916ع ۾ ان بابت ولسن جو ڪيل اهو اعلان مشهور آهي ته:
    “My interest in good roods is…….to bind Communities together and open trade, so that it will flow with absolute freedom and facility.”
    پوٽو مئڪ نديءَ مٿان اڏيل وڊرو ولسن پل ٽپڻ کان اڳ ورجينا پاسي ٽائسن ڪارنر بابت اعجاز شيخ ٻڌايو ته اهو علائقو ڪمپيوٽر مارڪيٽ کان مشهور آهي. پل ٽپڻ بعد اسين مئريلئنڊ رياست جي اني ارونڊل Anne Arundel ڪائونٽي ۾ پهچي وياسين، جنهن ۾ مئريلئنڊ رياست جو گاديءَ وارو شهر Annapolis آهي. اني ارونڊل عورت جو نالو آهي، جيڪا باليٽيمور جي ٻي بائرن Caecilius Calvert جي زال هئي ۽ سندس تعلق ڪارن وال انگلينڊ جي ارونڊل فئملي سان هو ۽ ٿامس ارونڊل جي ڌيءَ هئي. سندس شادي 1627ع ۾ ٿي هئي ۽ هن ڪائونٽيءَ تي سندس نالو، سندس وفات کان هڪ سال پوءِ 1650ع ۾ رکيو ويو.
    ”اني ارونڊل“ ڪائونٽي ڪراس ڪرڻ بعد اسين مونٽگو ميري ڪائونٽي ۾ پهچي وياسين جنهن ۾ سلور اسپرنگ علائقو اچي ٿو، جتي اسان سان گڏ هلندڙ اعجاز شيخ جو هن کان اڳ تائين مسواڙ تي ورتل گهر هو. جنهن مان هاڻ پينسلوانيا رياست شفٽ ٿي ويو آهي. هن وقت هو هتان پنهنجو باقي ڪجهه رهيل سامان ۽ ڪار کڻڻ لاءِ هلي رهيو هو.


    ڊان بريڊ جا ڪنا چٻاڙيان.....

    سلور اسپرنگ ۾ اسان گهڻو وقت نه ترسياسين، اعجاز کي سندس پراڻي گهر تي لاٿوسين ته هو پنهنجي ڪار ۽ باقي ڪجهه بچيل سامان کڻي اسان کي فالو ڪري. اسان Wheaten پلازا مال وٽان نڪري 270 انٽرا اسٽيٽ فري وي ورتو، جنهن ذريعي اسان کي ڀر واري رياست پينسلوانيا پهچڻو هو. I-270 اڳتي هلي هاءِ وي نمبر 70 ۾ Merge ٿي ويو، جنهن تي اسان منو ڪلاڪ کن اڳيان هلندا رهياسين.
    جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته هنن هاءِ ويز Express ways تي هلڻ مهل ڪا تبديلي نظر نٿي اچي. سڄي واٽ ساڳيو ڏامر جو رستو ۽ زوڪاٽ ڪندڙ گاڏيون نظر اچن ٿيون. ساڳيو نظارو ڏسي ڏسي بوريت به ٿي پئي، انگلش لٽريچر جي پيرڊن واريون اٻاسيون به آيون پي ۽ رکي رکي ننڊ جو جهوٽو به اچي ويو ٿي. اک کلڻ تي يڪدم عرفان سان ڪا انڌي منڊي ڳالهه ڪيم ٿي يا پڇيم ٿي. پنهنجي معلومات وڌائڻ لاءِ نه پر عرفان کي جاڳائي رکڻ لاءِ جو ائين نه ٿئي جوماٺ مٺوڙي ۾ ڊرائيو ڪرڻ ۾ هن جي به اک لڳي وڃي ۽ ههڙي رستي تي ۽ هن رفتار سان، الله خير ڪري، پل کن جي بي خيالي ۾ خبر ناهي ڪيترين گاڏين ۽ گهرن جي تباهي ٿيو وڃي.
    هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويل گاڏيون به هڪ ٻئي مان ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ بدران ويلڊنگ يا گئس ڪٽنگ ذريعي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڌار ڪيون وڃن ٿيون! رکي رکي عرفان کي ڪنهن فون ڪيو ٿي ته خوشي ٿي ٿي ۽ مون سڪون سان پنهنجي اڌ ننڊ اڌ سجاڳ واري حالت قائم رکي ٿي جو پڪ هيم ته فون تي هلندڙ ڳالهه ٻولهه هن کي مون وانگر جهوٽا کائڻ کان بچائيندي. هڪ هنڌ اک کولي ساڄي کاٻي ڏٺم ته پري پري تائين نيري آسمان هيٺ چهچ سائي رنگ جي پوک ڏاڍي دل ڌتاريندڙ لڳي.
    ”ڪمند جي پوک آهي؟“ مون عرفان کان پڇيو.
    ”نه مڪئي جي آهي،“ عرفان ٻڌايو ”ڇا ته ڀلو فصل آهي. فوٽو ڪڍبو؟“
    ”فوٽو ته ڪڍون يا نه، ڪجهه گهڙيون کڻي ترس ته ٽنگ ڊگهي ڪيون. آئون ته ورجينا ۽ مئريلئنڊ ۾ به هيٺ نه لٿو هوس.“
    ”بلڪل بلڪل،“ عرفان چيو، ”ان ڪري ته آئون هر وقت چانهه يا ڪافي لاءِ به پڇان پيو ته توهان ها ڪريو ته آئون به پيئان.“
    عرفان پنهنجي ڪار کي وچئين قطار مان ڪڍي ساڄي پاسي واري قطار اختيار ڪئي ۽ جيئن ئي ڪو Exit آيو ته هن هاءِ وي ڇڏي ساڄي مڙندڙ رستو اختيار ڪيو، جنهن اسان کي هتي جي گهٽ ويڪرن رستن يعني نيشنل هاءِ وي تي آڻي پهچايو، جنهن جي ٻنهي پاسي رستي جي ڪپرن سان گڏ ٻنيون ٻارا ۽ آباديون ۽ ڪارخانا هئا. عرفان جماڻيءَ ٻڌايو ته هو، هونءَ به هتان لنگهندي، هنن ڳوٺن ۽ کيتن مان ڀاڄي ڀتي وٺڻ لاءِ ترسندو آهي، سو هاڻ هن ان مڪئي جي پوک ۽ ان اڳيان ڪجهه ننڍڙن دڪانن (يعني هتي جي حساب سان ننڍڙا) ۽ پئٽرول پمپ واري هنڌ تي اچي گاڏي بيهاري. پئٽرول جي ضرورت نه هئي پر پئٽرول پمپ سان لاڳاپيل دڪان تان هڪ پنهنجي لاءِ هڪ منهنجي لاءِ پيپسي جي بوتل ۽ Doritos نالي ٽارٽيلا چپس جو ٻارهن آئونس وارو پئڪيٽ ورتو. آمريڪا جون ڪجهه عجيب ڳالهيون، هڪ هنڌ ٻڌايون اٿم ته سڄي دنيا ۾ لائيٽ ٻارڻ لاءِ سئچ کي مٿان کي هيٺ ڪبو آهي پر هتي هيٺان کان مٿي ڪجي ٿو. دنيا جي ملڪن ۾ Left Hand ڊرائيور آهي ۽ هتي آمريڪا ۾ ! Right Hand دنيا ۾ ڪڏهوڪو ميلن بدران ڪلو ميٽر ٿي ويا پر هتي اڃا اهي ميل پيا هلن. اهڙي طرح وزن جي ماپ لاءِ ٽوڪيو، لنڊن ۽ پئرس ۾ ته ڪلو گرام استعمال ٿين ئي ٿين ٿا پر کڏڙو، ٺل، دڙو ۽ پڊعيدن جهڙن ڳوٺن ۾ به پاءَ، سير ۽ مڻ بدران ڪلو گرام ۾ ئي تور ڪئي وڃي ٿي پر هتي هڪ آمريڪا آهي، جتي اڃا تائين آئونسن ۾ وزن ٿئي ٿو. هي چپس چيز يعني پنير ۾ Bake ٿيل پٽئٽو چپس هيون، جنهن جي لفافي تي Ingredients کان علاوه ڪئلوريون ۽ پروٽين لکيل هو ته هنن ۾ ڪيتري وئٽمن اي موجود آهي ۽ ڪيتري وئٽمن سي، ڪئلشيم، ٿيامن، آئرن، فاسفورس وغيره. هڪ ڪنڊ تي Date Of expiry لکيل هو، يعني ان تاريخ تائين هي چپس صحيح رهنديون ان بعد ڪمپنيءَ جي ذميواري نه آهي. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي آمريڪا ۾ هر کاڌي جي شيءِ جي لفافي جي ٻاهران لکيل رهن ٿيون پر هن لفافي مون کي هڪ Quotation ڏي ڌيان ڇڪرايو، جيڪا وڏن اکرن ۾ لکيل هئي ته هي چپس کائڻ ۾ حتمندي آهي جي نقطي جي وڪالت ڪئي ٿي جيڪا ڊاڪٽر ڪينٿ ڪوپر جي چيل آهي. عرفان کي چيم ته هاڻ اهو ڊاڪٽر ڪينٿ آهي ته الائي ڪهڙي ميڊيڪل يونيورسٽي يا اسپتال سان وابسته اهو نه لکيو اٿن. سندس نالي هيٺان فقط لکيل آهي Fitness and wellness expert بهرحال ڪوٽيشن به هتي لکندو هلان:
    “Fitness is a journey, not a destination. It must be continued for the rest of your life.”
    گاڏي پارڪ ڪري عرفان جماڻي ۽ آئون مڪئي جي پوک جو ڪنارو ڪنارو ڏيئي هلڻ لڳاسين. اسان چپس به کائيندا رهياسين، ڳالهيون به ڪندا رهياسين ته ساڳئي وقت ڪچڙي مڪئي جي چهچ سائي فصل جي دلڪش نظاري مان به مزو وٺندا رهياسين. مڪئي ۾ سنگ اچي ويا هئا پر اڃا ايڏو بالغ نه ٿيا هئا جو انهن جا کوندا ٻاهر نڪرڻ شروع ٿين. عرفان کي چيم ته آمريڪا جون ٽي شيون منهنجيون شروع کان فئوريٽ رهيون آهن. هڪ آئيس ڪريم ۽ ان بعد مڪئي جا سنگ (جن کي هتي آمريڪا ۾ ”ڪارن“ سڏين ٿا) ۽ ٽي بوهي مڱ (جنهن کي گرائونڊنٽس به سڏين پر عام طرح سڄي دنيا ۾ پي نٽ Peanuts سڏجن) هينئر ته اسان وٽ به چڱي خاصي مٺي ۽ نرم مڪئي ٿئي ٿي پر اڄ کان پنجٽيهه سال کن اڳ جڏهن پهريون دفعو آمريڪا آيو هوس ته هتي آمريڪا ۾ ٿي، سٺي ۽ سستي مڪئي (Sweet Corn) ۽ Peanuts ڏسي حيرت ٿيندي هئي. اهڙي طرح ٻيون به شيون هيون جهڙوڪ گدرو، ڇانهين، پپئيو، ڪيلو وغيره جن جي سعودي عرب، ملائيشيا ۽ فلپين جهڙن ملڪن ۾ ته بيحد بهترين جنس نظر آئي ٿي پر اسان وٽ هرگز نه. اسان جي ملڪ ۾ ڇانهين به وٺبي هئي ته پڪ نه هوندي هئي ته اندران اڇي نڪرندي (يعني اڻ پڪل) يا ڳاڙهي ۽ جي ڳاڙهي هوندي هئي ته ضروري ناهي ته مٺي به هجي ۽ هر صورت ۾ ان جو ٻج تمام وڏو هوندو هو، جنهن جو هڪ هڪ ڪڻ ڪڍڻ بنا کائي نه سگهبي هئي ۽ ان ڇانهينءَ جي کل به ٿلهي هوندي هئي.
    ان وقت جون ڇانهيون ۽ گدرا گهڻو ڪري وهٽن حوالي ئي ٿيندا هئا پر هاڻ اسان وٽ به هر قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو اعليٰ جنس جو ٿيڻ لڳو آهي لاءِ ويندي چيري ۽ اسٽابيري به ايتري پوکي وڃي ٿي جو مارڪيٽ ۾ وڪامڻ لاءِ اچي ٿي. نه ته 1960ع جي آخري وارن سالن ۾ هتي جا بهترين ۽ مٺا سنگ ڏسي پنهنجي والد کي هيوسٽن، فلڊلفيا، نيو اوورلينس ۽ نيويارڪ وغيره مان لکيل خطن ۾ هتي جي عمارتن ۽ ماڻهن بابت لکڻ بدران هتي جي مڪئي جي واکاڻ لکندو هوس ۽ پنهنجي والد کان جيڪو ائگلريڪلچر جو شاگرد رهيو هو ۽ هتان آمريڪا مان (ڪارنيل يونيورسٽي اٿيڪا مان) ائگريڪلچر سائنس ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي هئي، اهو ئي سوال ڪندو هوس ته هتي جي مڪئي ايڏي سٺي ڇو آهي؟ ۽ جواب ۾ هو ٻڌائيندو هو ته اهو ان ڪري آهي جو آمريڪا وارا نه فقط انڊسٽري ۾ پر ائنمل هسبنڊري ۽ ائگريڪلچر ۾ به اسان کان گهڻو اڳيان آهن ۽ هنن ان تي کوجنائون ۽ تجربا ڪري نيون نيون جنسون پيدا ڪيون آ هن. ان کان علاوه موسم ۽ زمين (Soil) جي به ڳالهه آهي، جنهن مطابق اسان وٽ ۽ انڊيا ۾ جيئن انب جي جنس بهترين ٿئي ٿي.
    ”آمريڪا ۾ جيڪي مڪئي جا سنگ کائون ٿا،“ والد صاحب (مرحوم گل محمد شيخ) لکيو هو، ”اهي عام مڪئي Maize (جنهن جو لاطيني نالو Zea Maus آهي) جا سنگ نه آهن پر مٺي مڪئي Sweet Corn جا سنگ آهن، جنهن کي Etzcorn يا Sugar corn به سڏيو وڃي ٿو ۽ عام مڪئي Zea mays جي hybridized ورائٽي آهي، جنهن لاءِ سٺو Soil جنهن ۾ Potassium جي کوٽ نه هجي، هلڪي ٿڌي موسم، گهڻي روشني، قدرتي Pollination ۽ سٺي Fertility سان گڏوگڏ وڏي سنڀال جي ضرورت آهي، جو هن کي جيتن Insects کان علاوه مختلف جانورن کان بچائڻ ضروري آهي.
    مون کي ياد آهي ته اڄ کان اڌ صدي کن اڳ 1955ع ڌاري جڏهن اسان ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته والد صاحب هر موڪل واري ڏينهن تي ٻني تي وٺي هلندو هو ۽ پوک بابت سمجهائيندو هو. اسان جي ٻني ۽ باغ جيتوڻيڪ نيشنل هاءِ وي تي آهي، جتي رستي تان هلندڙ ٽرئفڪ ۽ تن ڏينهن ۾ ٽنڊوآدم کان پڊعيدن تائين هلندڙ ريل گاڏيءَ جا آواز ٿيندا رهندا هئا پر تڏهن به ڪيترن ئي قسمن جا سهڻا پکي، تتر ۽ جانور نظر ايندا هئا. ڪيترائي دفعا سوئر، گدڙ ۽ نانگن جهڙا جانور ۽ بلائون مون پاڻ ڏٺيون. اڄ ڪانگ ڪٻر ۽ انبن جي موسم ۾ ديسي سائي چتونءَ کان علاوه ڪو پکي نظر نٿو اچي، سانڍي ۽ اڏوهيءَ کان علاوه ٻي ڪا چرندڙ شيءِ نظر نٿي اچي. ڪجهه ماڻهن سندن موت آندو ڪجهه جيت مار دوائن Pesticide جو شڪار ٿي ويا. بهرحال منهنجي زور ڀرڻ ته والد صاحب مون کي هيوسٽن (ٽيڪساز) جي هڪ مارڪيٽ مان مڪئيءَ جو ٻج آڻڻ لاءِ چيو ، جيڪو ٻنيءَ تي هڪ ننڍڙي پلاٽ ۾ پوکيو ويو ۽ تمام سٺو ڦوٽاڙو ۽ سنگ ٿيا پر پوءِ انهن سنگن جي ٻج مان ٻيو ڀيرو سٺو سنگ نه اڀريو. هڪ ته ڪيڙي لڳڻ ڪري ۽ ٻيو رات جو سوئرن ۽ ڏينهن جو ڀر وارن ڳوٺن جي ڇوڪرن کان ڀاڄيون پوکيندڙ باگڙي ئي بيزار ٿي پيا نه ته منهنجو خواب شايد پينسلوانيا جي هن ساوڪ جهڙو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ فون تي پنهنجي زميندار پيٽارين دوست غلام حسين چانڊيو کي سهڻي صلاح ڏنم ته ”يار ڳالهه ٻڌ زيتونن ۽ گلاب جي گلن پوکڻ کان مڪئي Sweet Corn ڇو نٿو پوکين؟“
    ”ڪهڙيون ويٺا ڳالهيون ڪريو“ هن وراڻيو هو، ”اهي شيون جن لاءِ ٿوري پاڻيءَ جي ضرورت آهي، اهي ئي نٿا پوکي سگهون سو اها مٺي مڪئي پوکي سگهنداسين“
    سندس اها ڳالهه ٻڌي ڪانگ ۽ لولي جي مزاحيه ڳالهه ياد آئي ته وڻ تي ويٺل ڪانگ کي هيٺان لنگهندڙ هڪ اخباري نمائندي گهوري ڏٺو ته ڪانگ ٺهه پهه چيس ته تون سوچيندو هوندين ته آئون ڪنهن هاريءَ جي ٻار کان مٺي مانيءَ جو لولو کسي آيو آهيان ۽ ويٺو کان. ٻئي درجي جي ڪتاب ۾ ڏنل اها ڪهاڻي مون به پڙهي آهي پر تنهنجي اطلاع لاءِ اهو به ٻڌايان ته گذريل برسات ۾ ڪڻڪ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، باقي بچيل سچيل سنگن جو لابارو شروع نه ٿيو آهي، سرڪار ڪڻڪ جو اگهه اڃا مقرر نه ڪيو آهي، هاري ته ڇا پر زميندار جا ٻار به ڪڻڪ جي لولي لاءِ پيا سڪن. آئون به مٺي مانيءَ جو لولو نه پر ڊان بريڊ جا سڪل ڪنا ويٺو چٻاڙيان.......“
    سو غلام حسين چانڊيو کي به گهڻو ئي سمجهايم ته مڪئي جو اگهه سٺو آهي حيدرآباد ۾ کليل مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي فرائيڊ چڪن واريون ريسٽورنٽُن توکان خريد ڪري وينديون پر هن جي اها ئي ڳالهه ته درياهه ۾ پاڻي آهي ڪٿي........


    مڪئي جي سنگن جون مزيدار ڳالهيون

    پينسلوانيا جي هن مڪئي جي پوک جو اسي سالن کن جو پوڙهو مالڪ پڻ اتي موجود هو. گوري آئرش انگريز اسان کي سرهي منهن سان کيڪاريو. ويتر جو عرفان ٻڌايس ته آئون اخباري نمائندو آهيان ته هن اڃان به وڏي دل سان آڌر ڀاءُ ڪيو. هونءَ هتي ولايت ۾ ڪنهن کي ڪنهن لاءِ وقت ناهي. هر هڪ پنهنجي ڪمن ۾ مشغول آهي پر هر انسان ڪجهه گهڙيون آرام ڪرڻ چاهي ٿو، ڪجهه گهڙيون ڪنهن ڄاتل يا اڻچاتل سان ڪچهري ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هي گهڙيون ڪي شايد اهي هيون، جنهن ۾ هن انگريز به چاهيو ٿي ته ڪنهن سان ڳالهائجي ٻولهائجي. هن ته اهو به اسان کان نه پڇيو ته اسان جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي. اهو به اسان ئي چيس (خبر ناهي اجايو يا سجايو) ته اسان ايشين آهيون، پاڪستان جا. ڪيترن هنڌن تي ڪيترا ماڻهو پاڪستان جو نالو ٻڌي ڇرڪجيو وڃن. ظاهر آهي ڪجهه حقيقتن ڪري ڪجهه بين الاقوامي ميڊيا جي دشمني ڪري پاڪستان جي خراب خبرن کي شاهه سرخيون ڏيئي بدنام ڪيو وڃي ٿو ته اڄ هتي بم ڦاٽو اڄ هتي خونريزي ٿي. اڄ هتي عورتن سان ظلم ٿيو، اڄ هتي ٻار اغوا ٿي ويا........ وغيره وغيره. پر لڳو ٿي ته واشنگٽن، بالٽيمور ۽ فلڊلفيا جهڙن دنيا جي وڏن ۽ ماڊرن شهرن جي ويجهو، پر ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهندڙ هن پوڙهي مارٽن بيڪر کي پنهنجي پوک کان علاوه اخبار يا ٽي وي تان خبر نامون ٻڌڻ جهڙي شوق لاءِ واندڪائي ڪانهي، جو هن کي پاڪستان جي صحيح طرح جاگرافيائي بيهڪ جي به خبر نه هئي.
    ”اڇا ته توهان ايشين آهيو! گڊ! ايشين سٺا ماڻهو ٿين ٿا“ هن چيو ”منهنجي ننهن به توهان جي پاڙيسري ملڪ جي آهي.“
    ”انڊيا جي ؟“ اسان پڇيس.
    ”نه ويٽنام جي.“ هن وراڻيو.
    ”چاچا! اٽ از ٽو فار اوي فرام پاڪستان“ عرفان جماڻيءَ ٺهه پهه ٻڌايس. ”گڊ!“ چاچي وراڻيو ۽ پوءِ چيو ”مون کي فقط انڊيا جي ڄاڻ آهي.“
    ”ته بس ان سان ئي اسان جو ملڪ بارڊر ٺاهي ٿو.“ مون ٻڌايو مانس.
    ”چاچي“ هڪ دفعو وري ”گڊ“ چيو. ڳوٺ جي هن پر سڪون ”هاري-ڪم-زميندار“ پوڙهي ۽ پر سڪون انسان لاءِ هر شيءِ گڊ هئي. کيس چئون ها ته پاڪستان ۾ بم پيا ڦاٽن ته به چوي ها گڊ. توهان جي صدر بش عراق ۽ افغانستان ۾ باهه ٻاري ڏني آهي تڏهن به چوي ها گڊ. توهان جي ڊگهين عمارتن جي ڪرڻ جو الزام توهان جي حڪومت مسلمانن ۽ عربن تي پيئي هڻي، تڏهن به چوي ها ”گڊ“ ...........! اسان اهو ئي سوچيون ٿا ته هر آمريڪن کي دنيا جي سياست، بزنيس، سائنس وغيره جي ڄاڻ آهي پر ائين ناهي. ڪيترا هن جهوني جهڙا، دنيا جهان کان پري پنهنجي ڪرت ۾ ئي رڌل آهن. هو پنهنجي نموني جي زندگي سرهائيءَ سان گذاري رهيا آهن. ان ۾ ڪابه حيرت جي ڳالهه ناهي. اسان وٽ به ڪيترائي ماڻهو ويندي پڙهيل ڳڙهيل ملندا جن کي اها ئي خبر نه هوندي ته سلوئڊور يا اڪيڊور ڪٿي آهن. بهاما برمودا يا ڪيوبا جئميڪا جهڙا ملڪ ڪٿي آهن.......؟
    پوڙهي زميندار – جيڪو شاهه لطيف جي وڻجاري (جهاز جي ڪئپٽن، مالڪ ۽ واپاريءَ) وانگر زميندار به هو ته هاري به ته مال جو واپاري يعني Three in One هو ٻڌايو ته هن جو ڏاڏو آئرلينڊ کان هتي آمريڪا ۾ لڏي آيو ۽ پوک ڪرڻ سندن فئملي بزنيس آهي.
    ”مڪئي کان علاوه ٻي ڪهڙي پوک ڪريو؟“ مون پڇيو.
    ”اسان جي سڄي فئمليءَ جو اهو ئي ڌنڌو آهي. وڏن به هتي اچي مڪئي جي پوک شروع ڪئي ۽ اسان ۽ اسان جو اولاد، زالون مرد سڀ ان ۾ Involve آهيون.“
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي پوڙهو آئرش (هاڻ آمريڪن) مسٽر مارٽن جاگرافي يا دنيا جي حالا حاظره کان کڻي ايترو وقفڪار نه هو پر پنهنجي فيلڊ- ”مڪئي جي پوک“ ۽ ان جي ڪاروبار ۾ ايڪسپرٽ هو ۽ تمام گهڻو ايڪسپرٽ هو. ڏهه منٽ کن واڪ ڪرڻ جي بهاني آئون ڪار مان لٿو هوس پر مارٽن صاحب جي مڪئي بابت دلچسپ ۽ معلوماتي خبرن ۾ اڌ ڪلاڪ کان به مٿي لڳي ويو، جنهن مان ڪجهه وقت مڪئي جو فصل- سنگ ۽ ڪانا ڏسڻ ۾ ته اڌ ٽائيم سندس موبائيل ڪئبن ۾ ڪافي پيئندي. جنهن لوهي ڪئبن ۾ هڪ ننڍڙي ڪمري سان گڏ اٽيچڊ باٿ روم ۽ ڪچن پڻ هو، ساڻس ڪيل خبرون تفصيل سان لکڻ بدران فقط ڪجهه ڳالهيون ۽ نقطا پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ معلومات لاءِ لکي رهيو آهيان.
    مڪئي Maize جو اصل ملڪ وچ آمريڪا آهي، جتان پوءِ اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ملڪن ۾ مشهور ٿي، جنهن بعد سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويئي.
    مڪئي جو تعلق گاهه واري فئملي سان آهي، سو دراصل مڪئي ڀاڄي واري گروپ ۾ نه آهي. بلڪه اناج Grain آهي. Sweet Corn جنهن کي اسان ڀاڄي طور کائون ٿا سفيد يا پيلي رنگ جا ٿين ٿا، باقي قسمن جي سنگن جا ڪڻا Kernels نارنگي، ڳاڙهي، برائون، بلو، پرپل ويندي ڪاري رنگ جا به ٿين.
    سراسري طور هر سنگ ۾ اٽڪل 16 قطارن ۾ 800 کن ڪڻا ٿين.
    آمريڪا ۾ تمام گهڻي مڪئي پوکي وڃي ٿي، جنهن مان ڏهه سيڪڙو کاڌي طور استعمال ٿئي ٿي، جيئن ته Cereals (ڪارن فليڪس وغيره)، پاپ ڪارن، مڪئي جو اٽو (مختلف ٻوڙن ۽ بيڪري جي شين ۾) ۽ مٺاين ۾، 50 سيڪڙو جانورن ۽ ڪڪڙين جي فيڊ ۾ استعمال ٿئي ٿي ۽ باقي مختلف تيلن، ٻارڻن Fuels، شربتن (ڪوڪاڪولا جهڙن) اسٽارچن ويندي شرابن (وسڪي وغيره) ۾ استعمال ٿئي ٿي.
    ويهين صدي جي شروع وارن سالن ۾ مڪئيءَ مان ٺهيل ڪارن فليڪس ايڏو ته مشهور ٿيا، جو فقط مشيگان رياست جي Battle Creek واري علائقي ۾ ڪارن فليڪس ٺاهڻ جون چاليهن کان مٿي ڪمپنيون هيون.
    دنيا ۾ جيتري مڪئي جي کپت ٿئي ٿي، ان جي سمجهو ته اڌ کان وڌيڪ پوک هتي آمريڪا ۾ ٿئي ٿي. آمريڪا ۾ مڪئي جن رياستن ۾ گهڻي پوکي وڃي ٿي، اهي آهن: آئووا، اليناس، انڊيانا، اوهيو، مسوري، ڪنساس، نيبراسڪا، سائوٿ ڊڪوتا ۽ منيسوٽا. اهي سڀ رياستون هڪ ٻئي سان مليل آهن ۽ اهو ڌرتيءَ جو ٽڪرو Corn Belt سڏجي ٿو.
    آمريڪا بعد گهڻي مڪئي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل ۾ پوکي وڃي ٿي ۽ ان بعد روس ۽ ميڪسيڪو آهي.
    پيلي رنگ جي مڪئيءَ ۾ مئگنيشيم گهڻو آهي ۽ صحت لاءِ سٺي آهي. مڪئي جو تيل به جسم لاءِ سٺو آهي، خاص ڪري آنڊي جي لاءِ. مڪئيءَ جا اهي سنگ خريد ڪرڻ کپن، جنهن جا ٻاهريان پن Husks چهچ ساوا ۽ تازا هجن ۽ ڪڻن Kernels سان ڀريل هجن ۽ جيترو ٿي سگهي جلد رڌي کائجن يا ريفريجريٽر ۾ رکجن ڇو جو مڪئيءَ جي سنگن جي اها خاصيت آهي ته پٽجڻ بعد سنگن ۾ موجود شگر آهستي آهستي Starch ۾ بدلجڻ شروع ٿئي ٿي. ان ڪري پٽجڻ بعد مڪئي جو سنگ جيترو جلد کائجي اوترو بهتر. ننڍن ۽ڪچڙن سنگن کي ته ڪچو (رڌڻ بنا) به کائي سگهجي ٿو.
    ڪيترن ملڪن ۾ مڪئي Staple Food آهي پر ڪڻڪ يا چانورن جي ڀيٽ ۾ مڪئيءَ ۾ گهڻيون پروٽين ۽ منرل نه آهن. رڳو مڪئي کائڻ سان Pellegra ٿي سگهي ٿي جيڪا Niacin جي کوٽ آهي. ميڪسيڪو جتي مڪئي تمام گهڻي کاڌي وڃي ٿي، هن بيماري کان بچڻ لاءِ مڪئي کي Lime Water ۾ رڌيو وڃي ٿو.
    سٺي مڪئيءَ جون ٽي خاص جنسون Genetic Background موجب آهن: نارمل مٺي (SU)، Sugary Enhancer جيڪا SE سڏجي ۽ سپر سوئيٽ (Sh2).
    آڳاٽين پاڇاٽين جنسن مطابق به مڪئي جون ٽي جنسون آهن Sundance-1 هن جي تيار ٿيڻ ۾ 69 ڏينهن لڳن ٿا.
    2-Tuxedo: هن ۾ 75 ڏينهن لڳن ٿا.
    3-Incredible: هن ۾ 83 ڏينهن لڳن ٿا.
    ”توهان ڪهڙي جنس لڳائي آهي؟“ مون پينسلوانيا جي هن زميندار Cum هاري، مسٽر مارٽن کان پڇيو.
    ”مون ٽئي لڳايون آهن.“ هن ٻڌايو
    ”ڪهڙي خيال کان؟“ مون پڇيو.
    ”ان ڪري ته جيئن منهنجو مال ڊگهي عرصي لاءِ مارڪيٽ ۾ Supply ٿيندو رهي. مارڪيٽ ريٽ مال جي گهرج ۽ مهيا ڪرڻ (Demand & Supply) موجب لهندي چڙهندي رهي ٿي، جنهن مان مون کي فائدو رسي سگهي. پهرين جنس 69 ڏينهن بعد تيار ٿيندي ۽ مارڪيٽ ۾ مال پهچائڻ ۾ هفتو ڏيڍ لڳي ٿو ۽ جيئن ئي پهرين جنس ختم ٿيندي ته ٻي تيار ٿي ويندي ۽ ٻي جي پوري ٿيڻ تي ٽي اچي ويندي.
    ”اسان وٽ پکي، مرون ۽ ٻيا جانور مڪئيءَ جا دشمن آهن. هتي آمريڪا ۾ ڪو ان قسم جو مسئلو؟“ مون هن آمريڪن زميندار کان پڇيو.
    ”اسان وٽ به ساڳيا پکين جا مسئلا آهن. جانورن مان سڀ کان گهڻو Raccoons تنگ ٿا ڪن.“
    رئڪون رات جو گهمندڙ ڦرندڙ جانور آهي، جيئن چمڙو آهي يا چٻرو پکي. هي ٻلي کان ڪجهه وڏو جانور آهي، جيڪو جنگلن ۾ به گذارو ڪري سگهي ٿو ته شهرن ۾ به. ڪانگن وانگر نقصان به پهچائي ٿو ته گند ڪچرو به ڪري ٿو.سندس پويان پير ماڻهن وانگر فلئٽ فٽ آهن ۽ سندس آڱوٺا نرالي ڊيزائين جا آهن،جن سان هو دٻن جا ڍڪ، ويندي بند ٿيل دروازا کوليو وڃي.
    رئڪون اصل آمريڪا (ڏکڻ ڪئناڊا ۽ USA) جو جانور آهي جنهن کي Fur خاطر (سندس بُجن واري کل جي ڪري) جرمني ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ويهين صديءَ ۾ آندو ويو. هاڻ اتي جي ماڻهن جا به تڙ تپائي ڇڏيا اٿس. گهر جي ٻاهر دٻن ۾ رکيل ڪچرو ته ڪڍي ڇڏيندو آهي پر ٻلي ۽ ننڍڙي ڪتي جهڙن جانورن کي به کايو ڇڏي. کيس توهان Omnivorous جانور چئي سگهو ٿا. يعني ڀاڄيون ۽ ميوا به کايو وڃي ته گوشت مڇي به کايو وڃي. کيس چاليهه ڏند ٿين ٿا، جيڪي چيريندڙ ڦاڙيندڙ جانورن وانگر ڪجهه ڪجهه تکا به ٿين ته گاهه کائيندڙ جانورن وانگر به ٿين ۽ سندس هاضمو به ان مطابق آهي جو بادام، اخروٽ، ٻير، جيت جڻيا، بيضا، ڪڪڙيون ويندي پکي، بلا ۽ پونگڙا به کايو وڃي. اهڙي طرح هو مڪئي جي سنگن جو به عاشق آهي ۽ ٻهراڙيءَ ۾ به نظر اچي ٿو ته ٽورنٽو جهڙن شهرن ۾ به. سو مڪئي جي سنگن جي هن زميندار جي اها ڳالهه بجا هئي ته رات جو نڪرندڙ جانور Nocturnal Mammal رئڪون هن لاءِ چڱي باهه ٿو ٻاري.
    ڏينهن جو ننڊون ڪندڙ ۽ رات جو ڳوٺاڻن توڙي شهرين جي گهرن مان شيون چوري ڪندڙ هي جانور raccoon هتي جي ڪلچر ۾ ڌاڙيل به سڏيو وڃي ٿو. هتي جي ٻارن جي آکاڻين جي ڪتاب ۾ هن جانور بابت هڪ مشهور شعر آهي ته:
    If I were a raccoon,
    I would sleep until half past noon,
    I would hang out in the trunks of trees,
    And do what ever I please.
    I would rummage through the trash cans,
    Making all sorts of noise, me and my boys,
    We take what ever we want, because we are bandits And if we saw sameone coming, we’d take the loot and split.
    وغيره وغيره.....
    ”پوءِ ڀلا هنن جانورن (رئڪونن) کي ڪيئن ڀڄايو؟“ مون پڇيو مانس.
    ”کين ڀڄائڻ جا ڪيترائي طريقا آهن پر ڪو اهو سوچي ته منهنجي پوک جو هڪ به سنگ رئڪون جي پيٽ ۾ نه وڃي اها ڳالهه ناممڪن آهي ڇو ته رئڪون بيحد چالاڪ ۽ ذهين جانور آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو جهر جهنگلن ۾ توڙي وڏن شهرن ۾ پيٽ ڀري پنهنجو بچاءُ ڪريو ويٺو آهي.“
    مارٽن مون کي پنهنجي پوکي جي چوڌاري لڳايل ٻه اليڪٽرڪ تارون ڏيکاريون جن مان هڪ زمين کان 4 انچ مٿي لڳل هئي ته ٻي 12 انچ مٿي. ”سنگ جيئن ئي وڏا ٿين ٿا ته رات جي وقت هنن تارن ۾ اليڪٽرڪ ڪرنٽ آن رکندا آهيون ته جيئن هيءَ قوم، جيڪا چورن وانگر اسان جي مڪئي کي چٽ ڪري ٿي، اهي پاڻ چٽ ٿي وڃي.“ مارٽن ٻڌايو.
    مڪئي جي مٺن سنگن Sweet Corn ۾ صحت جي لحاظ کان هي شيون گهڻيون آهن:
    فائيبر
    Niacin
    Folate
    وئٽمن اي
    ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته Folate عورت جي Neural –tube واري ڄم جون خاميون دور ڪري ٿو ۽ دل جي بيمارين ۽ Stroke جي رسڪ ۾ گهتائي آڻي ٿو. فائبر قبضيءَ کان بچائي ٿو.
    پاڻي ۾ سنگ اوٻارڻ مهل لوڻ هرگز نه وجهجي جو لوڻ وجهڻ سان ان جا ڪَڻ ويتر سخت ٿيو پون.
    سنگ جون خاصيتون برقرار رکڻ لاءِ هن کي فريز ڪري ڇڏجي
    موڪلائڻ کان اڳ مسٽر مارٽن پنهنجي ڪئبن ۾ ويهاري ڪافي پياري جنهن جي سامهون واري ڀت تي هن فصل (مڪئي) جي لاباري تي لکيل ڪنهن جو شعر لڳل هو. ٿي سگهي ٿو سندس ئي ڪنهن پٽ، ڌي يا پوٽي پوٽيءَ جو لکيل هجي ته هن فصل جي لاباري ۾ گهر جي سڀني ڀاتين کي وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي.
    The Corn Harvest
    The cron harvest is hard working
    The mother and father and little girl are tired,
    They work hard on piling the corn
    Their hands stay sticky working all day…….
    مڪئي جي سنگن بابت ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پهاڪا مشهور آهن. هن پاسي ايندڙ موسم جو اندازو مڪئي جي سنگن مٿان چڙهيل husks مان به لڳايو وڃي ٿو. چوڻي مشهور آهي ته
    If corn husks are thicker than usual, a cold winter is ahead.
    يعني سنگ جي مٿان چڙهيل پن جنهن سال توهان کي ٿلها نظر اچن معنيٰ ان سال سيارو سخت اچڻ وارو آهي ۽ سيءَ کان بچاءَ لاءِ توهان به ٿلهن ڪوٽن ۽ سئيٽرن جو بندوبست ڪريو.
    مڪئي جي سنگن بابت هڪ آفريڪن چوڻي پڻ آهي، جيڪا نائيجيريا ۾ مشهور آهي.
    A man does not wander far from where his corn is roasting.


    ڊاڪٽر عزت قاضي ۽ محمد بخش سميجو

    اسان هڪ دفعو وري روٽ 70 تي هئاسين جتان پوءِ چاليهه کن ميلن بعد 81 North روٽ تي آياسين. ان دوران عرفان گاڏي به هلائيندو رهيو ته رکي رکي ايندڙ فون جا به جواب ڏيندو رهيو. وقت پاس ڪرڻ لاءِ آئون به کانئس پڇندو هليس ته ڪنهن جو فون هو، ڇا ٿو ڪري. هڪ ٻه همراهه منهنجا به سڃاتا نڪتا جن لاءِ کيس سلام ڏيڻ لاءِ چيومانس. انهن مان هڪ ڊاڪٽر عزت قاضي هو، جنهن واشنگٽن رياست کان عرفان کي فون ڪيو هو. هو عرفان جو هم عمر ۽ دوست آهي. عرفان ٻڌايو ته آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪرڻ وارا شروع جا ڪجهه هفتا يا مهينا ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن، جيسين ڪا نوڪري يا job ملي ۽ پنهنجي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪجي تيسين ڪٿي رهجي. ”اهڙي صورت ۾ عزت قاضي نه فقط منهنجي پر اعجاز شيخ جي به ڏاڍي مدد ڪئي.“ عرفان ٻڌايو.
    ڊاڪٽر عزت قاضي منهنجي والد صاحب جي هم عمر ۽ پياري دوست مرحوم قاضي محمد شريف جو ننڍو فرزند آهي. منهنجو والد صاحب مرحوم گل محمد شيخ جڏهن ڊپٽي ڪمشنر هوندو هو ته قاضي شريف صاحب پوليس جو ايس پي هو پر سندن دوستي نوڪري جي ڪري نه پر هم خيال ۽ تبيلغ جماعت سان واسطو هجڻ ڪري هوندي هئي. هو اڪثر تبليغ لاءِ گڏ گڏ نڪرندا هئا. قاضي صاحب جو 55 سالن جي ڄمار ۾ 1975ع ۾ دل جي دوري ڪي اوچتو انتقال ٿي ويو ان وقت پاڻ Narcotic Control Board جا ريجنل ڊائريڪٽر هئا ۽ ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد جي ڊي بلاڪ ۾ رهندا هئا. ڀر ۾ ئي (بلاڪ سي) ۾ اسان جو گهر هوندو هو. آئون ڪراچي هوندو هوس يا منهنجو جهاز ڪراچي جي بندرگاهه ۾ ايندو هو ته آئون ساڻن هميشه ملڻ ويندو هوس. قاضي صاحب هڪ نيڪ، نمازي، فقير منش پوليس آفيسر هو. هونءَ به نصرپور جي هنن قاضين جو خاندان سندن بزرگي ۽ ديني علم ڪري وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سندن والد صاحب (يعني ڊاڪٽر عزت جي ڏاڏي) جو نالو قاضي محمد سائل هو. ڊاڪٽر عزت جو والد صاحب قاضي شريف ڇهه ڀاءُ ڀيڻن ۾ سڀ کان وڏو هو. ان بعد سندن ڀيڻ جيڪا قاضي بچل صاحب جي گهر آهي. ان بعد سندن اڪيلو ڀاءُ غلام دستگير آهي. غلام دستگير صاحب ۽ قاضي محمد بچل صاحب سال ڏيڍ اڳ، هڪ ٻئي پويان، هي فاني جهان ڇڏي ويا. پاڻ پڻ قاضي شريف وانگر پنج وقت نمازي هئا ۽ منهنجي ساڻن آخر تائين ڊفينس سوسائٽي جي فيز فور جي مسجد شفقت ۾ ملاقات ٿيندي رهي جتي اڄ ڪلهه سندن اولاد ۽ ناٺي انجنيئر محمد پرويز عالماڻي صاحب ۽ ان جي گهر جا ڀاتي باقاعدگي سان نماز تي اچن ٿا.
    غلام دستگير صاحب سنڌ جي اهم شخصيت غلام محمد شاهواڻي جي گهران شادي ڪئي. شاهواڻي صاحب جو شاهه لطيف جو رسالو سليس سنڌي ۾ ترجمو بيحد مشهور آهي، پاڻ نورمحمد هاءِ اسڪول جا پهريان پرنسپال هئا. غلام دستگير قاضي صاحب کي چار پٽ آفتاب، الطاف، افتخار ۽ وقار آهن ۽ هڪ نياڻي آهي، جنهن جي 1992ع ۾ پنهنجي سئوٽ ڊاڪٽر عزت سان شادي ٿي ۽ کين ڪومل ۽ نرمل نالي ٻه نياڻيون آهن. قاضي شريف صاحب جي باقي ٽن ڀيڻن (يعني ڊاڪٽر عزت جي پڦين) مان هڪ جي شادي تعلقي پنوعاقل جي غلام نبي ڪلور صاحب سان ٿي. ڪلور صاحب ائگريڪلچر جي ڪنهن سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ ڊي آهي ۽ اڄ ڪلهه ٽنڊو ڄام ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري ٿو. ٻي ڀيڻ جي شادي نصرپور جي قاضي عبدالواحد سان ٿي پاڻ ايڪسائيز کاتي ۾ هوندو هو ۽ ننڍي ڀيڻ قاضي احمد جي زميندار ۽ سياستدان سيد شاهه محمد شاهه جي گهر واري آهي.
    ڊاڪٽر عزت قاضيءَ جي ٻن وڏن ڀائرن: عزيز الله ۽ خليل الرحمان سان ڪراچي ۾ پيٽارين ائسوسيئيشن جي دعوتن ۾ اڪثرملاقات ٿيندي رهندي آهي جو هي ٻه ڀائر مون وانگر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڙهيا آهن. عزيز الله PIA جو پراڻو پائلٽ آهي ۽ سندس شادي سندس پيءُ جي سئوٽ قاضي محمد بچل جي گهران ٿي آهي. خليل الرحمان فارين سروس ۾ آهي. اڪثر اسلام آباد ۾ هوندو آهي يا آذر بائيجان جهڙن ملڪن ۾. يعني هن جو تعلق سفارتخانن سان رهي ٿو. سندس شادي PIA جي مرحوم بشير قاضي جي ڀيڻ سان ٿي، جنهن جي گهر ۾ سندن وڏي ڀيڻ هئي. پائلٽ عزيز الله ۽ سيڪريٽري خليل الرحمان کان هڪ وڏو ڀاءُ حبيب الله به آهي، جنهن جي شادي سينيٽر قاضي عبدالميجد جي ڀاءُ قاضي عبدالعزيز جي گهران ٿي آهي.
    ڊاڪٽر عزت ڊاڪٽري جي تعليم لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. پاڻ 1989ع واري بئچ جو هو جن سال 1991ع ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي. هائوس جاب کان پوءِ پاڻ ڪجهه سال PIA ۾ ڊاڪٽر ٿي رهڻ بعد ٻارن سميت هيڏانهن آمريڪا هليو آيو آهي.
    عرفان جماڻيءَ سان گڏ، آمريڪا جي مئريلئنڊ رياست کان پينسلوانيا رياست جي هن سفر ۾ عرفان وٽ جيڪي فون ايندا رهيا انهن مان هڪ نيو جرسي کان مقبول ڏاهري (نواب شاهه جي ڊاڪٽر ڏاهري جي فرزند) جو پڻ هو، جنهن پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور پروڊيوسر محمد بخش سميجو جي اوچتي وفات جي ڏکوئيندڙ خبر ٻڌائي. ڏاهريءَ کي اها خبر محمد بخش سميجو جي ڀيڻوئي، دادو جي ابراهيم چنا صاحب کان پئي، جيڪو هتي آمريڪا ۾ هن جي پاڙي واري شهر ايڊيسن ۾ ئي رهي ٿو.
    محمد بخش سميجو سنڌي ڊرامن ۾ هدايتڪاريءَ جي حوالي سان هڪ اهڙو نالو آهي، جنهن کي ڏسندڙ ڪڏهن به وساري نه سگهندا. محمد بخش سميجو سان منهنجي پهرين ملاقات استاد بخاريءَ جي معرفت اڄ کان چاليهه سال کن اڳ دادوءَ ۾ ٿي. دادوءَ ۾ سندن گهر اسان جي ماسي (مظهر حسين گهلو) وارن جي گهر ڀرسان هوندو هو. بعد ۾ ٽي وي اسٽيشن تي ڪنهن ادبي يا جهاز رانيءَ جي پروگرام ۾ حصو وٺڻ لاءِ منهنجو وڃڻ ٿيندو هو ته هارون رند ۽ محمد بخش سميجو صاحب جن وٽ ڪجهه گهڙين لاءِ ضرور ترسندو هوس. هو هر وقت پنهنجي ڪم ۾ مشغول نظر ايندا هئا ۽ هنن هر ڊرامو وڏي چاهه ۽ محنت سان مڪمل ڪيو ٿي.
    محمد بخش سميجو صاحب تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ ”ٻٽ سرائي“ ۾ جنم ورتو. پاڻ شروع وارن سالن ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري ٽيچر ٿي رهيو. سن 1973ع کان 1974ع دوران ضلعي دادو ۾ وڪالت به ڪيائين. ايم اي انگلش ڪرڻ کانپوءِ انگريزي ادب ۽ خاص طور تي شيڪسپيئر جي ڊرامن کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. شايد ان ئي ڪري PTV تي نوڪري ورتائين ۽ پروڊيوسر ٿيڻ کانپوءِ هن اهي ڊراما پروڊيوس ڪرڻ شروع ڪيا، جن کيس يادگار حيثيت ڏياري. محمد بخش PTV تان سڀ کان پهرين مرحوم شوڪت ڪيهر جو لکيل ڊرامو ”گُهٽ“ جون هدايتون ڏنيون، جڏهن ته سندس ڪئريئر جو آخري اڙدو ڊرامو ”جيت“ ۽ آخري سنڌي ڊرامو ”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه“ هو. جيڪو ڊاڪٽر محمود مغل جو لکيل آهي.
    مرحوم محمد بخش سميجو پي ٽي وي تي 16 سنڌي سيريل ۽ 11 اردو سيريل پروڊيوس ڪيا. سندس محنتن سبب پي ٽي وي جا ڪيترائي ايوارڊ هن جي ڊرامن کنيا.
    1996ع ۾ پي ٽي وي طرفان جرمنيءَ ۾ ٿيل ڊراما فيسٽيول ۾ سندس سنڌي ڊرامي ”غلام“ ۽ اردو ڊرامي ”نوري ڄام تماچي“ کي تعريفي سند ڏني ويئي. محمد بخش ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جي شوق ۾ پي ٽي وي تي نوڪري ڪئي هئي ۽ امر جليل جي لکيل ڊرامي ”هيڪل جندڙيءَ“ ۾ به ڪم ڪيو هئائين. ان ڊرامي ۾ ساڻس گڏ اداڪاره بينا مسرور ۽ مرحوم اداڪار يوسف عليءَ به ڪم ڪيو هو. هن هڪ ڀيري پنهنجي ڪم جي حوالي سان ڳالهائيندي ٻڌايو هو ته هو سکڻ لاءِ ڪري روزانو هڪ انگريزي فلم ڏسي ٿو. خاص ڪري ڊيوڊ لينز ۽ وليم وائلر جي.
    محمد بخش سميجي جا جيڪي ڊراما بيحد پاپيولر ٿيا انهن ۾ جيت، ڪنهن ڪنهن ماڻهوءُ منجهه کان علاوه نوري ڄام تماچي، سمجهوتا، غلام، روش، زينت، سوال، آئينو، جياپو، ڪونج، تلاش، انتها، سنهري لوگ، گامو سچار، روپ هزار، اڪيلو ماڻهو، ڄاتل اڻ ڄاتل پڻ آهي. پاڻ نوڪريءَ جو وڏو عرصو ڪراچي سينٽر تي گذاريو. سندس آئيڊيل اداڪار وحيد مراد هو. هن جي هر ڊرامي ۾ مخصوص اداڪار ۽ اداڪارائون نظر ايندا هئا، جن مان ڪيترائي هن پاڻ متعارف ڪرايا جيئن ته نسرين ناز، قيصر خان، قمر النساءَ هڪڙو، احمد ميمڻ، شگفته ڀٽو، بشارت عباسي، خالد تنيو، رابعيه نورين ۽ ٻيا ڪيترائي.


    آمريڪا ۾ ڊرائيونگ ۽ سهڻيءَ جي ڪهاڻي

    اسان پينسلوانيا رياست ۾ گهڙڻ بعد exit 1 ذريعي هاءِ وي ڇڏي هيٺين رستن تي آياسين ۽ هتان اسان کي گرين ڪئسل پهچڻ ۾ دير نه لڳي، جتي اسان کي اعجاز شيخ جي گهر پهچڻو هو. اعجاز مئريلينڊ رياست کان جيتوڻيڪ اسان کانپوءِ نڪتو هو پر جيئن ته اسان مڪئي جي پوک ڏسڻ لاءِ منو ڪلاڪ کن رستي تي ترسي پيا هئاسين، ان ڪري اعجاز اسان کان گهڻو اڳ نڪري ويو ۽ هاڻ گهر پهچي منجهند جي ماني لاءِ اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. اسان جي پهچڻ سان هن پنهنجو هي خريد ڪيل گهر جو هڪ هڪ ڪمرو ڏيکارڻ شروع ڪيو. تيسين سندس زال جيڪا صبح کان اڪيلي سر ماني تيار ڪري رهي هئي سان کائڻ لاءِ ٽيبل تي رکڻ لڳي. آمريڪا جي گهرن ۽ رهائش بابت هتي هڪ ٻه ڳالهيون پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکي رهيو آهيان.
    آمريڪا ۾ ٻيا کڻي مزا هجن پر هر هڪ کي نوڪري ۽ گهر جو پورهيو پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. ايشيائي ملڪن وارا ”نوڪر چاڪر رکڻ وارا مزا“ نه آهن. اسان جي ملڪ ۾ ته ماڻهن جو هيڪاندو دماغ خراب ٿيل آهي. هڪ ٻار کي به نوڪر بوٽ کڻي پيو ڏيندو بلڪه پارائيندو. ٻهاري ۽ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ لاءِ ماسي هوندي. ڪار جي صفائي ۽ هلائڻ لاءِ ڊرائيور هوندو پر يورپ، جپان توڙي هيڏانهن آمريڪا ۾ وڏا وڏا آفيسر ۽ امير گهرن ۾ به هر ڪو پنهنجو ڪم پاڻ ٿو ڪري. رڌ پچاءَ کان ٿانو ۽ ڪپڙا ڌوئڻ، گهر جي صفائي، ٻارن کي تيار ڪرڻ وغيره وغيره. پوءِ ڪنهن ڪم ۾ عورت کي مرد مدد ڪرائيندو نظر ايندو ته ڪنهن ۾ مرد کي عورت. ڪيترن گهرن ۾ ته نوڪري به نه فقط مرد پر زال به ڪري ۽ ڪيترا مرد (هتي جا آمريڪن يا ڪيترا اسان جا ديسي پڻ) گهر جي وڌندڙ خرچ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه ٻه نوڪريون به ڪن.
    ٻي ڳالهه ته هتي آمريڪا ۾ اسلام آباد وانگر سخت موسم ٿئي يعني تمام گهڻي سردي ۽ اونهاري ۾ گرمي. ان ڪري هر گهر ۾ Heating System ۽ ايئر ڪنڊيشنر ضروري ٿي پيو آهي.
    هتي جي گهرن جي ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته هتي آمريڪا جي گهرن ۾ اسان وانگر (يا يورپ جي ملڪن وانگر) هر ڪمري سان گڏ اٽيچڊ باٿ روم نه ٿئي. ڪيترن ٻن يا ٽن ڪمرن وارن گهرن ۾ به فقط هڪ باٿ روم آهن. جپان ۾ به ائين آهي پر اتي ته زمين جي کوٽ ڪري اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي.
    اعجاز شيخ جو گهر شهري گهرن جيان ڳتيل علائقي ۾ نه آهي پر ٻهراڙي Country Side واري نموني جو کليل گهر آهي، جنهن جي چوڌاري ڪيتري ئي Space ڇڏيل آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته آمريڪا ۾ ڪي ڪي هنڌ قدرتي سونهن ۾ ايڏو ته خوشحال آهن جو ڇا ڳالهه ڪجي. هي گهر به اهڙي ئي سهڻي نظاري واري علائقي ۾ آهي. گهر جي اڳئين پاسي توڙي پٺئين پاسي بيهي نظر ٿي ڪيم ته حد نگاهه تائين ساوڪ ئي ساوڪ نظرآئي ٿي. چوڌاري خوبصورت پنن وارا وڻ ۽ گلن وارا ٻوٽا ۽ پري پري تائين جيڪي جبل نظر اچن ٿا سي به ملائيشيا وانگر ساوڪ سان ڀريل آهن. هر گهر جي پويان وڏو ڪورٽ يارڊ آهي جتي ڪجهه گهر وارن پينگهون هڻي ڇڏيون آهن، جن ۾ سندن ٻار لڏي رهيا هئا. ڪن گهرن جا ٻار سائيڪلون هلائي رهيا هئا ته ڪي بئڊمنٽن کيڏي رهيا هئا. اعجاز کي ٽي نياڻيون آهن، جن مان وڏي اقراءَ ڪلاس ون ۾ وڃي ٿي. ٻي مرڪ نالي هاڻ ڪي جي ٽائيپ اسڪول ۾ وڃڻ شروع ڪيو آهي ۽ ٽين اريبا اڃا ننڍي آهي ۽ سڄو ڏينهن ماءُ سهڻي سان گڏ رهي ٿي. سهڻيءَ ٻڌايو ته اقراءَ ۽ مرڪ جا جدا جدا اسڪول آهن، جن کي صبح جو ڪڏهن پاڻ ته ڪڏهن اعجاز اسڪول ڇڏي ايندو آهي. ”باقي موڪل مهل کين آئون وٺي اچان.“ سهڻيءَ ٻڌايو، ”ويندي وقت يا واپسي تي گهر جي لاءِ گهربل سامان جي خريداري به آئون ڪريان جو اعجاز صبح جو پنهنجي بزنيس پويان نڪري ٿو ته شام جو ٿڪجي موٽي ٿو.“
    ”پوءِ ڀلا گاڏي هلايو وڃين؟“ مون پڇيو.
    ”اها اچڻ سان سکيس جو آمريڪا ۾ ان بنا گذارو ناهي.“ سهڻي ٻڌايو، ”ڇو جو هتي پنهنجي ملڪن وانگر بس جو سسٽم ناهي. ٽئڪسي فقط مجبوريءَ ۾ ڪري سگهجي ٿي. هتي هر ڪم لاءِ پنهنجي ڪار ڪڍڻي پوي ٿي. هر ڀاتيءَ لاءِ پنهنجي ڪار هجڻ ضروري آهي.“
    سهڻي جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ۽ آمريڪا ڏي ويندڙن جي معلومات لاءِ مون ڄاڻي واڻي ورجائي آهي ته هنن ملڪن ۾ هڪ ته انگريزي زبان جو اچڻ ضروري آهي ۽ آمريڪا پهچڻ کان اڳ هو پنهنجي ملڪ مان جيتري قدر ٿي سگهيس ته ڳالهائڻ جي به پرئڪٽس ڪري اچي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، ڪنهن کي نٿي اچي ته هتي اچي آخر ته هو سکي وڃي ٿو پر جيترو جلد هو سکي وٺندو يا جيترو پهرين کان واقف هوندو اوترو هن لاءِ بهتر آهي. اهڙي طرح گاڏي هلائڻ آهي. ڪيترا ماڻهو پنهنجي ملڪ مان سکي اچن ٿا ۽ پوءِ هتي معمولي ڪلاسز اٽينڊ ڪري ڊرائيونگ جو ٽيسٽ ڏيئي ڊرائيونگ جو لائسنس وٺن ٿا. ڪي ماڻهو پنهنجي ملڪ مان انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائي اچن ٿا ۽ هتي آمريڪا ۾ پهچڻ سان ان لائسنس تي في الحال ڊرائيونگ ڪندا رهن ٿا، جيسين هتي جو امتحان ڏيئي لوڪل ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪن. پر اهڙن ماڻهن جي چتاءَ لاءِ هتي اهو پڻ لکندس ته هو آمريڪا جي ان رياست، جنهن ۾ هو رهڻ جو ارادو رکن ٿا، اتي رهندڙ پنهنجي دوست يا آفيس يا يونيورسٽي وارن کان خط ذريعي ضرور پڇي وٺن ته اتي پاڪستان مان ٺهرايل انٽر نيشنل ڊرائيونگ لائسنس کي قبول ڪن ٿا يا نه. ڇو جو ڪي ڪي قانون آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ مختلف آهن. اهو ئي حال ٻين ملڪن جو آهي. ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته اتي انڊيا جا ماڻهو انڊيا مان ٺهرايل انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس استعمال ڪندا هئا پر اسان جي ملڪ جو قبول نه ڪيو ويندو هو، جنهن لاءِ هومختلف سبب ٻڌائيندا هئا ته پاڪستان حڪومت سان ميوچل ائگريمينٽ ناهي ۽ ٻيو ته پاڪستان ۾ ڊرائيونگ جو صحيح طرح لکت ۾ ۽ پريڪٽيڪل امتحان وٺڻ بنا ڊرائيونگ لائسنس ڏنو وڃي ٿو....... وغيره
    بهرحال آمريڪا ۾ ايندڙ ڪيترائي پاڪستاني پاڻ سان پاڪستان مان انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائي اچن ٿا.
    پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽر نيشنل ڊرائيونگ لائسنس ٺهي ملڻ جي سهوليت موجود آهي. ڪراچي ۾ انهن جي مين آفيس ڪلفٽن تي آهي ۽ انٽرنيشنل ڊرائيونگ لائسنس لاءِ هيٺيان ڪاغذ هجڻ ضروري آهن.
    1. پاڪستان جي لوڪل ڊرائيونگ لائسنس جي ڪاپي
    2. ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ- جو مقرر في (هڪ سئو رپيا کن) ڏئي، اتي جي ڊاڪٽر کان ٺهرائي سگهجي ٿو.
    3. شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي.
    4. پاسپورٽ جي ڪاپي، ويزا سميت (ويزا بنا ڊرائيونگ لائسنس نٿو ملي سگهي).
    5. لائسنس جي مقرر في.
    جن کي ڊرائيونگ نٿي اچي، اهي هتي آمريڪا ۾ اچي ڊرائيونگ سکڻ جا ڪلاس اٽينڊ ڪن ۽ پوءِ لکت جو ۽ گاڏي هلائڻ جو امتحان ڏين. جتي جتي پاڪستاني رهن ٿا، اتي پاڪستانين جا به ڪيترائي ڊرائيونگ اسڪول آهن، جن جا اشتهار هتان آمريڪا مان نڪرندڙ (۽ مفت ۾ ورهائجندڙ) اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. جيئن ڪو ڳوٺ جو ماڻهو ڪراچي جهڙي شهر جي ٽريفڪ ڏسي هراسجي وڃي ٿوو، تيئن اسان جو حال هتي آمريڪا ۾ پهچي ٿئي ٿو، جنهن جو احوال هن کان اڳ واري سفرنامي (نيو هالا کان نيويارڪ) ۾ لکي چڪو آهيان ته، هتي جي نيويارڪ جهڙن شهرن جي ٽرئفڪ، هيٺ مٿي وهندڙ رستا، پليون ۽ سمنڊ هيٺان سرنگهون ڏسي، ڪجهه ڏينهن لاءِ دماغ چڪرائجيو وڃي ته هتي ماڻهو ڪيئن ٿا گاڏي هلائين، پر آخر هتي انڙپور، ٻڍاپور جو رهاڪو ڊاڪٽر رمضان ۽ هالا جي سندس زال ڊاڪٽر ليليٰ ڪيريو به ته ڪار هلائي پيئي. پيالوءِ جو عاشق علي لاکو، گهوٽڪي جو رميش ٿارواڻي ۽ محرابپور بيءَ پارا نور النساءَ گهانگهرو به ته گاڏي هلائين پيون.
    ”ڀلا آمريڪا ۾ گاڏي هلائڻ ڪيئن ٿي لڳي؟“ مون شائسته (سهڻيءَ) کان پڇيو.
    ”پهرين، ڏينهن گهٻراهٽ محسوس ٿئي ٿي ۽ پوءِ احساس ٿئي ٿو ته هتي گاڏي هلائڻ سڀ ۾ سولو ڪم آهي، جو هتي هر ڪو قاعدي قانون مطابق هلي ٿو. قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ تي وڏا ڏنڊ آهن ۽ ڏوهارين کي جهلڻ لاءِ پوليس ۽ ڳجهن هنڌن تي ڪئميرائون لڳل آهن ان ڪري هرڪو ڊپ ۾ رهي ٿو ۽ قانون طرفان مقرر حد تائين تيز رفتار گاڏي هلائي ٿو پر فضيلت سان هلائي ٿو ۽ پنهنجي Lane ۾ هلائي ٿو ۽ ٻئي کي ڊسٽرب نٿو ڪري.“
    سهڻيءَ اسان لاءِ ۽ الباني (نيويارڪ) کان ايندڙ اعجاز جي ڀيڻ انيلا، ڀيڻوئي ڊاڪٽر نذير ميمڻ ۽ ان جي ٻارن لاءِ ٻه ٻوڙ، چانور ۽ ماني پچائي ورتي هئي،جيڪا هتي اڪيلي سر رهندڙ عورت لاءِ وڏي ڳالهه آهي، جو هن کي گهر جي صفائي به پاڻ ٿي ڪرڻي پوي، ٻارن جي ديک ڀال به کيس ڪرڻي ٿي پوي ۽ نوڪرياڻي، ڊرائيور يا ڪم واري ڇوڪري جي نه هجڻ ڪري مارڪيٽ مان سيڌو سامان، رڌ پچاءُ ۽ ٿانو به کيس ڌوئڻا پون ٿا. ان کان علاوه ٻارن کي هوم ورڪ ڪرائڻ، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ استري ڪرڻ جهڙا ڪم به هن کي ئي اڪيلي سر ڪرڻا پون ٿا ۽ هيءَ نه فقط ”سهڻيءَ“ جي ڪهاڻي آهي پر آمريڪا ۾ رهندڙ هر عورت جي ڪهاڻي آهي. پر هي گهرو ڪمن جون ڳالهيون سهڻيءَ جي حوالي سان ان ڪري کڻي ويٺو آهيان جو هتي آمريڪا ۾ جن به عورتن سان ملاقات ٿي. خاص ڪري پنهنجي وطن جي عورتن سان، انهن ۾ سهڻي سڀ ۾ ننڍي آهي. ان عمر جي حساب سان ٻار به گهڻا اٿس ۽ ٻهراڙي جي علائقي ۾ رهڻ ڪري کيس ڀڄ ڍڪ به گهڻي ڪرڻي پوي ٿي. سو اسان جي ملڪ کان هيڏانهن آمريڪا ايندڙ اهي عورتون جيڪي گهڻي ڪم ۽ محنت جون عادي نه آهن اهي ههڙن مثالن مان Inspiration حاصل ڪري سگهن ۽ هنن لاءِ هتي مردن وانگر ڪم ڪرڻو پوي ٿو. بلڪه غور سان تجزيو ڪيو وڃي ته آمريڪا ۾ نوڪري ڪندڙ مرد کان وڌيڪ گهريلو عورت ڪم ڪري ٿي. مرد ته ڇنڇر ۽ آچر موڪل ڪري ٿو عورت ته اهي ڏينهن به رڌ پچاءُ ڪري ٿي، ٻارن جو خيال ڪري ٿي ۽ گهر جي صفائي ڪري ٿي، تڏهن ته آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيتريون ئي عورتون اهو آواز بلند ڪري رهيون آهن ته هر مرد کي پنهنجي پگهار جو اڌ زال کي ڏيڻ کپي. بهرحال عورت جي وڌندڙ ڪم ۽ جوابداريءَ کي ڏسي هتي رهندڙ اسان جا ديسي مرد پنهنجو پاڻ کي پتي ديوتا سمجهڻ جو ڀوت ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هن پار ئي ڇڏي اچن ٿا ۽ هتي سڌا ٿي پنهنجين زالن کي ڪپڙا ڌوئڻ ۾ به مدد ڪن ٿا ته ٿانو به ڌوئن ٿا ته ٻارن کي تيار ڪري اسڪول به وٺي هلن ٿا، ڇو جو سندن گهر واريون هندو ڌرم جون گهڻن هٿن واريون ديويون نه آهن جو صبح جو اٿي هڪ هٿ سان پنهنجن مڙسن ۽ ٻارن لاءِ نيرن تيار ڪري ڏين ته ٻئي هٿ سان استري ڪن، ٽئي سان ٻارن کي تيار ڪن ۽ چوٿين سان گاڏي اسٽارٽ ڪري رکن جيئن اها سياري جي ٿڌ ۾ هلي سگهي.


    پورهئي کي عيب نه سمجهڻ وارو آمريڪا ۾ ڪامياب رهندو

    ٿوري دير بعد ڊاڪٽر نذير ميمڻ ۽ سندس فيملي نيويارڪ کان پهچي ويا ۽ اسان ماني شروع ڪئي. مانيءَ تي پپئي سان گڏ انب به هئا، جن لاءِ اعجاز ٻڌايو ته هتي آمريڪا ۾ انڊيا کان باءِ ايئر اچن ٿا ۽ انڊيا وارن جي سٺي ڪمائي ٿئي ٿي. بهرحال اها ڪا حيرت جهڙي ڳالهه ناهي ته اسان پاڪستانين جا ته انب، صوف ۽ ڪينو جهڙا ميوا پاڙي جي عرب ملڪن ۾ به ڪاميابيءَ سان وڪرو نٿا ٿين. انڊيا وارن جي هر شيءَ آمريڪا ۽ ڪئناڊا جهڙن ڏورانهن ڏيهن ۾ به پهچيو وڃي ۽ اسان جي ديسي ماڻهن سان گڏ مڪاني گورا به خريد ڪن ٿا. بقول هڪ پاڪستاني دڪاندار جي هو انڊيا جون شيون ان ڪري پنهنجي دڪان تي وڪري لاءِ رکي ٿو جو اهي بهتر جنس جون آهن، وقت تي پهچيو وڃن، قيمت مناسب اٿن ۽ گريڊنگ مطابق آهن. يعني دٻي ۾ جهڙي شيءَ مٿي نظر اچي ٿي اهڙي هيٺ تري ۾ آهي، انڊيا جو ڌارين ملڪن ۾ واپار وڌائڻ ۽ ملڪ لاءِ غير ملڪي ناڻين ڪمائڻ ۾ انڊيا جي حڪومت، اتي جا واپاري، اتي جون هوائي ڪمپنيون ۽ سفارتخانا سڀ Co-ordinate ڪن ٿا.
    سهڻيءَ ٻڌايو ته ”2002ع ۾ هتي آمريڪا اچڻ بعد وري پاڪستان نه وئي آهيان. هن سال پاسپورٽ ملڻ تي وينديس.“ اعجاز وانگر سندس زال سهڻي وارن سان به منهنجو نه فقط مائٽي وارو ناتو آهي پر ان کان به دوستي جو پراڻو آهي. سهڻي ۽ سندس ڀاءُ ڀيڻ: شجاع، شمسه (هاڻ آسٽريليا ۾) فيصل، فرخ (هاڻ آسٽريليا ۾) فهد ۽ سنڌو منهنجي ڀاڻيجن، ثمير، ضمير، افشان ۽ عائشه جا سڳا سئوٽ ٿين. سهڻي جي والد شهاب وسطڙو سان منهنجي پهرين ملاقات 1960ع ۾ ٿي، جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ مئٽرڪ ڪلاس ۾ هوس ۽ موڪلن ۾ آئون سندس وڏي ڀاءُ ۽ منهنجي ڪلاس ميٽ بشير وسطڙو سان ملڻ لاءِ سندن ڳوٺ مچڙ (تعلقو ۽ ضلعو نوشهروفيروز) آيو هوس. ان وقت شهاب ڇهين ڪلاس ۾ هو. سندن والد صاحب ڊاڪٽر فقير محمد وسطڙو نوشهري فيروز جو سول سرجن هو ۽ هن کان وڌيڪ، سنڌ جي ماڻهن هنن جي مامي محمد بچل وسطڙو کي سڃاتو ٿي، جيڪو هڪ بهترين ملهه ٿي گذريو آهي ۽ سنڌ جو هر ملاکڙو هن بنا نامڪمل سمجهيو ويو ٿي.
    ڊاڪٽر فقير محمد وسطڙو کي ٻارهن ٻار آهن. سڀ ۾ وڏي ڌيءَ مريم (جنهن کي ممل سڏيندا هئا) جنهن جي اڳتي هلي، شادي پنهنجي سئوٽ ۽ سنڌ جي مشهور ۽ کلمک شخصيت ۽ بئنڪر نثار وسطڙو سان ٿي. ان بعد دين محمد ۽ قمر دين آهن، جيڪي سڄي عمر ٽيچنگ سان وابسته رهيا ۽ نواب شاهه ۽ نوشهري ضلعي جا ڪيترائي اهم آفيسر سندن شاگرد رهي چڪا آهن.
    ان بعد ڪئپٽن بشير اسان جو هم عمر ۽ ڪلاس ميٽ آهي ۽ هينئر مون وانگر PNSC مان رٽائرمينٽ ورتي اٿس، جتي کانئس پوءِ وارو ڀاءُ جمال وسطڙو پڻ نوڪري ڪري ٿو. جمال بعد سهڻيءَ جو ڀاءُ شهاب آهي، جنهن 1972ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄام شورو مان سول انجنيئرنگ ۾ BE ڪئي. شهاب بعد ڀيڻ اميرزادي (ڪريم داد سنديلو جي گهر واري) آهي ۽ ان بعد نظام، نياز، جميلا ۽ سڀ ۾ آخري ۽ ننڍو ڊاڪٽر گل منير آهي، جنهن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر، ايل ايم سي مان MBBS ۽ وڌيڪ تعليم انگلينڊ مان حاصل ڪئي ۽ حيدرآباد ۾ اکين جو ڊاڪٽر eye specialist آهي. هتي آمريڪا ۾ رهندڙ فلڪ شير ۽ سلطان لغاري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ ڊاڪٽر گل منير جا ڪلاس ميٽ هئا. گل منير جي شادي اسان جي هڪ پيٽارو جي ڪلاس ميٽ ۽ ڊينٽل سرجن ڊاڪٽر رضا شيخ جي ڀاڻيجي رابعه سان ٿي آهي ۽ کيس چار ٻار آهن. رمشا، شهام، رائنا ۽ هاڻ سال کن ٿيندو ته ڌيءَ ڄائي اٿن.
    شهاب جي شادي پنهنجي ڳوٺ نوشهروفيروز مان انوقت جي مشهور جج معسو خان ٽڳڙ جي ڌيءَ ۽ اڄڪلهه جي وڪيل اشفاق ٽڳڙ جي ڀيڻ پروين سان 1975 ۾ ٿي. شهاب وارن سان منهنجي اڪثر فيملي جي شادين مرادين ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي، خاص ڪري جڏهن منهنجو جهاز پاڪستان جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ايندو آهي يا حيدرآباد فيروز ميمڻ جي دڪان ”نيو فيلڊس“ تي نسيم نگر وڃڻ ٿيندو آهي ته شهاب جن وٽ به ليئو ضرور پائيندو آهيان. سهڻي سترهن کن سالن جي هئي ته 1996ع ۾ سندس شادي ادا رفيق شيخ جي وڏي پٽ اعجاز سان حيدرآباد ۾ ٿي. هو حيدرآباد ۾ ئي رهيل هئا، جتي اعجاز پنهنجو اباڻو ڪاروبار زمينداري ۽ ان سان لڳاپيل بزنيس سنڀاليو ٿي ۽ پوءِ ڪجهه سالن کانپوءِ اوچتو ٻڌوسين ته اعجاز ٻارن سميت آمريڪا هليو ويو آهي. ۽ هاڻ جڏهن مانيءَ تي ويٺا هئاسين ته مون کانئس هتي اچڻ بابت پڇيو.
    ”چاچا مون کي آمريڪا اچڻ جو شروع کان شوق هو،“ اعجاز ٻڌايو، ”آئون پهريون دفعو، شادي کان اڳ، 1994ع ۾ USA وزٽ ويزا تي آيس. ان بعد آمريڪا ۾ رهائش لاءِ لاٽري نڪتي ۽ 2001ع ۾ ٻارن سميت هتي اچي رهائش اختيار ڪيم.“
    اعجاز ٻڌايو ته لاٽري دراصل سندس زال سهڻيءَ نالي نڪتي هئي.”آمريڪا جي لاءِ Immigrant Visa جي لاٽريءَ جو جيئن ئي اعلان ٿيو ته مون انٽرنيٽ تان ان جو فارم ڪڍي ان جون ڪيتريون ئي ڪاپيون ٺهرائي پنهنجي، پنهنجي زال ۽ اسان ٻنهي جي اٽڪل ويهه کن مائٽن لاءِ ڀريو. ٻئي ڪنهن کي به شوق نه هو. مون به سوچيو ته قسمت ته آزمائي ڏسجي ۽ سهڻي ڀاڳ واري چئبي جو ان جو ڪُڻو نڪري آيو. ٻيو ڪنهن جو به نه نڪتو ۽ جيئن ته زال يا مڙس مان ڪنهن جو به فارم نڪرڻ تي ٻيو به وڃي سگهي ٿو سو آٽو ميٽيڪلي اسان ٻنهي کي هتي لڏي اچڻ جي ويزا ۽ گرين ڪارڊ ملي ويو. هن وقت ٽن سالن کان مٿي مدو ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن وقت به اسان کي هتي جو پاسپورٽ به ملي ويندو ۽ اسان هتي ووٽ ڏيڻ جا به اهل ٿي وينداسين.“
    ”آمريڪا اچڻ تي پهرين ڪٿي رهئين؟“ مون پڇيو.
    ”آئون USA آيس ته پهرين ورجينيا ۾ رهيس، جتي منهنجو دوست عزت قاضي رهيو ٿي. هن منهنجي لاءِ پنهنجي پاڙي ۾ اڳواٽ مسواڙ تي گهر وٺي ڇڏيو. هتي عرفان جماڻي به اتي ئي رهيو ٿي ۽ ان ڏينهن کان دوست اٿم. عزت قاضي ان کانپوءِ واشنگٽن رياست هليو ويو.
    ”ڀلا هتي آمريڪا پهچي روزگار لاءِ ڇا ڪئي؟“ مون پڇيو.
    ”آمريڪا اچي پهرين سال کن هڪ ڊپارٽمينٽ اسٽور تي ڪم ڪيم ۽ پوءِ ٻه سال کن ٻين مارڪيٽن ۾ ڪم ڪيم، جنهن مان ڪجهه عرصو فاسٽ فوڊ ريسٽورنٽ ۾، بئنڪ تي، اسٽيٽ ايجنسي ۾ ڪم ڪيم. مون جلدي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ نٿي چاهيو، جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ منهنجو بزنيس Setup هو ۽ ان تجربي جي آڌار تي آئون هتي شروع ڪري سگهيس ٿي پر مون تڪڙ ڪرڻ نٿي چاهي. مختلف هنڌن تي هڪ ورڪر جي حيثيت سان رهي ڪم سکڻ سان گڏ هتي جي بزنيس ۽ مارڪيٽ جي ڄاڻ وٺندو رهيس. بئنڪن وارن سان ملي انهن جي معلومات حاصل ڪيم ته قرض تي پراپرٽي ڪيئن حاصل ڪجي، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سامان ڪيئن گهرائجي، جاين ۽ پلاٽن جي خريد و فروخت ڪرڻ وارن وٽ نوڪري ڪري ان دنيا جي خبر چار لهندو رهيس ته ڪو پئٽرول پمپ يا ريسٽورنٽ خريد ڪريان ته ڪهڙي هنڌ تي خريد ڪجي، جيئن اهو سولائيءَ سان هلي سگهي. ائين ته شيدين جي پاڙن ۾ دڪانن جو اگهه گهٽ آهي ۽ اتي دڪان هلن به ٿا جو هتي جا ڪارا صحت جو خيال ڪرڻ بدران سڄو ڏينهن چٽو ڪندا رهن ٿا. ڪنهن جاب ۾ هجن يا بيروزگاري جي حالت ۾، سرڪار کان سوشل (خيرات) ۾ مليل پئسو پاڙي جي دڪان تي خرچ ڪندا رهن ٿا پر اهڙن هنڌن تي دڪان يا ريسٽورنٽ هلائڻ سولو ڪم ناهي. جو هتي جي ڪارن (آفريقي) آمريڪن جي ڪميونٽين ۾ ڪرائيم جو گراف تمام مٿانهون آهي.“
    اعجاز ٻڌايو ته جڏهن هو واپار جي خيال کان مختلف ڳالهين ۾ ڀڙ ٿيو ته پوءِ هن پئٽرول پمپ خريد ڪيو.
    ”گهر نه ورتئي؟“ مون چيو مانس.
    ”نه چاچا. منهنجو اصول آهي ته پهرين بزنيس ڄمائي پوءِ گهر وٺجي. جي پهرين گهر وٺبو ته پوءِ پري ڪا بزنيس Opporturity ڏسڻ بدران، ڳولا گهر جي ارد گرد ئي محدود ٿي وڃي ٿي.“ اعجاز وراڻيو.
    اعجاز جي اها ڳالهه Point شروع ۾ به واضح ڪري چڪو آهيان. اعجاز جي ڪجهه ٻين ڳالهين جو تت جيڪو هتي (آمريڪا ۾) ايندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ دلچسپ ۽ معلوماتي ثابت ٿي سگهي ٿو هن ريت آهي.
    هتي آئون آيس ته سڀ ڪجهه وساري آيس ته آئون ڪو زميندار آهيان. وڏو ماڻهو آهيان. ڪالهه تائين پنهنجي ملڪ ۾ منهنجي ڪم ڪار لاءِ نوڪر چاڪر هئا پر هتي اچڻ سان نوڪر ٿي ڪم ڪيم. سکڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻو پوي ٿو. ٽي سال کن ٻين وٽ پورهيو ڪرڻ ۽ هر هڪ شي ۽ سسٽم کي چڱيءَ طرح سمجهڻ بعد پنهنجو ڌنڌو شروع ڪيم.
    هتي اهو ماڻهو ڪامياب ويندو جيڪو محنتي آهي ۽ پورهيو ڪرڻ کي عيب نٿو سمجهي.
    بزنيس ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. بزنيس کان اڻ واقف ڪيترا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته بزنيس لاءِ فقط پئسو Capital هجڻ ضروري آهي. ان چڪر ۾ پنهنجي ملڪ ۾ به اسان جي ڪيترن سنڌي مسلمانن نوڪريون ڇڏي ڌنڌو شروع ڪيو پر ڪري نه سگهيا.
    ڪارن جي مقابلي ۾ هتي جا گورا وڌيڪ ايماندار، وعدي جا پڪا ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ سٺا آهن. اهڙي طرح هتي جي عرب واپارين کان انڊيا پاڪستان جا گجراتي ۽ ميمڻ بهتر آهن.
    حيدرآباد جو اعجاز شيخ ۽ شهدادپور جو ڊاڪٽر نذير
    اعجاز شيخ جي فيملي لاءِ ٻه چار سٽون لکڻ بي محل نه ٿيندو ۽ سندس مائٽن مٽن جا نالا ياد ٿي ويندا، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن مون کان به وسريو وڃن. منهنجي خيال ۾ حيدرآباد جو شايد ئي ڪو رهاڪو هجي، جيڪو اعجاز شيخ جي والد صاحب ۽ چاچن کي نه سڃاڻندو هجي. اعجاز جا وڏا سعيد آباد جا آهن، ان ڪري حيدرآباد ۾ هنن کي ”سعيدآبادي شيخ“ به سڏيو وڃي ٿو ۽ سندن زمينون ۽ باغ اڃان تائين سعيد آباد ۾ آهن.
    اعجاز جو ڏاڏو محمد صديق شيخ صاحب اڄ کان اڌ صدي کان اڳ سعيد آباد مان لڏي هيرآباد حيدرآباد ۾ اچي رهيو. کين ٽي پٽ: محمد رفيق (اعجاز جو والد)، حاجي فيض محمد، حاجي سليمان ۽ هڪ ڏيءَ ستابي هئي. جن جو اولاد هن ريت آهي:
    1. حاجي رفيق شيخ جي پهرين گهر واري محترمه رقيه مان فقط هڪ ٻار بشير شيخ نالي آهي. ٻي زال مان کين چار پٽ (اعجاز، خالد، جمال جنهن جي شادي مٽياري جي غلام رسول جي ڌيءَ سندس شيخ سان ٿي آهي ۽ عمران) ۽ چار نياڻيون (شاهينا جنهن جي شادي سندس پڦاٽ عبدالرحمان سان ٿي، رضوانا جنهن جو گهوٽ منير صاحب پي ٽي سي ايل ۾ آهي، فرحانا جيڪا ڊپٽي ڪمشنر انڪم ٽئڪس شفقت ڪيهر جي زال آهي ۽ سڀ ۾ ننڍي انيلا جيڪا هتي آمريڪا ۾ رهي ٿي ۽ هن وقت پنهنجي مڙس ڊاڪٽر نذير ميمڻ سان گڏ نيويارڪ کان هتي پينسلوانيا رياست جي گرين ڪئسل شهر ۾ پنهنجي ڀاءُ اعجاز وٽ گهمڻ لاءِ آئي آهي.)
    2. حاجي فيض محمد جي گهر واري ۽ حاجي رفيق شيخ جي ٻي گهر واري ڀيڻون به ٿين ان ڪري هنن ڀائرن جو اولاد سئوٽ به ٿئي ته ماسات به. حاجي فيض محمد کي هڪ پٽ (ڊاڪٽر فياض جنهن جي شادي رخسانا سان ٿي آهي) ۽ چار ڌيئرون آهن (وڏي ڌيءَ رضيه واپڊا جي چيف انجنيئر عبدالقادر شيخ جي زال آهي، ٻيو نمبر ڌيءَ فوزيا آهي. ان بعد شازيا آهي، جيڪا پڻ هتي آمريڪا جي رياست مشيگان ۾ رهي ٿي، سندس مڙس ڊاڪٽر خالد ڏيپلائي ميمڻ ڊينٽل سرجن آهي ۽ ننڍي ڌيءَ نازيا جي شادي سندس مامي جي پٽ نديم سان ٿي آهي.)
    3. حاجي سليمان سڀ ۾ ننڍو ڀاءُ آهي، جنهن کي ٽي ٻار آهن. وڏو اشفاق آهي، جنهن جي شادي اسان جي سکر جي دوست حاجي يار محمد گهمرو جي گهران ٿي آهي. ان بعد شبانا آهي، جيڪا منهنجي ننڍي ڀاءُ آفتاب جي زال آهي، جيڪي پنهنجن ٽن ٻارن، ياسر، عامر ۽ عمار سان گڏ ٽورنٽو ڪئناڊا ۾ رهن ٿا. ان بعد ننڍو پٽ امتياز آهي. اعجاز شيخ کي هڪ ئي پڦي ستابي (شفي محمد صاحب جي گهر واري) آهي، جنهن جو وڏو پٽ عبدالغفور آهي. ان بعد شاهينا جو مڙس عبدالرحمان ۽ پوءِ عبدالجبار آهي، جنهن بعد شميم آهي، جنهن جي شادي سعيد آباد جي شمس الدين شيخ سان ٿي آهي ۽ ان بعد نسيم آهي.
    اعجاز شيخ جي ڀيڻوئي ڊاڪٽر نذير ميمڻ سان منهنجي ملاقات هتي اعجاز جي گهر (پينسلوانيا رياست جي هڪ ننڍڙي ٽائون گرين ڪئسل) ۾ پهريون دفعو ٿي ۽ جيتوڻيڪ هيءَ ملاقات ايترو مختصر رهي جو عام حالتن ۾ شايد هتي ان جو ذڪر نه اچي سگهي ها پر منهنجي نظرن ۾ ڊاڪٽر نذير ميمڻ صاحب هڪ بيحد نيڪ انسان، ذهين شاگرد ۽ محنتي ڊاڪٽر، غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ وارو ۽ وڏي عهدي تي هجڻ جي باوجود تمام گهڻو humble ۽ بااخلاق ماڻهو آهي. هن بابت ۽ هن جي دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالهين جو هتي احوال نه لکڻ ناانصافي ٿيندي.
    ڊاڪٽر نذير ميمڻ نه فقط ڊاڪٽري پڙهيل آهي پر هتي Practice به ڪري ٿو. منهنجو مطلب آهي ته هن جو هتي ڪم به اهوآهي، يعني مريض ڏسڻ ۽ انهن جو علاج ڪرڻ. اهو ان ڪري لکي رهيو آهيان ته اسان جي پاسي جي ملڪن جا هتي آمريڪا ۾ ڊاڪٽر ته ڪيترائي آهن پر گهڻائي (خاص ڪري اسان جي ملڪن جي) ڊاڪٽرن جي اهڙي آهي جن کان کڻي پڇ ته ڪهڙي اسپتال ۾ ڪم ڪريو ٿا ته وراڻيندا اسان فلاڻي سب وي اسٽيشن تي سئنڊ وچ وڪڻون ٿا، يا فلاڻي اسٽور تي سيلز مئن آهيون يا ٽئڪسي ٿا هلايون.......... وغيره وغيره. بهرحال هتي آمريڪا ۾ ڪنهن به قسم جو پورهيو ڪري حق حلال جي روزي ڪمائڻ ڪو عيب نٿو سمجهيو وڃي ۽ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي به اڪٽر انجنيئر هتي بزنيس ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿيا آهن. هو ڪنهن اسٽور يا ريسٽورنٽ ۾ ڪم ڪري، پئسو بچائي اها ريسٽورنٽ، اسٽور يا پئٽرول پمپ خريد ڪري، ان کي پهرين کان بهتر نموني سان هلائي رهيا آهن. سو اها ڪا خراب ڳالهه ناهي ته ڊاڪٽر ٿي ڪري ڊاڪٽري بدران ڪو ٻيو پورهيو ڪجي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کان پڇڻ تي اڳلي کي embarrassment ٿيو پوي. هينئر به ايندي وقت عرفان کي سخت زڪام هو ۽ هتي پهچڻ سان جڏهن اعجاز پنهنجي ڀيڻوئي نذير سان ملائڻ وقت ڊاڪٽر نذير چئي تعارف ڪرايو ته مون کي هڪ وارو دل ۾ آيو ته هن سان عرفان جي زڪام جي ڳالهه ڪري دوا لاءِ چوان پر اڄاتو خوف محسوس ڪري چپ ٿي ويس ته ڪاٿي اهو جواب نه ملي ته آئون ڊاڪٽر MBBS ضرور آهيان پر گذريل ڇهن سالن کان فلاڻي ڪمپنيءَ ۾ اسٽور ڪيپر آهيان. بهرحال مانيءَ کانپوءِ چانهه لاءِ جيئن ئي ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺاسين ته اعجاز ڊاڪٽر نذير کان دوا لاءِ پڇيو ۽ آئون سمجهي ويس ته اعجاز جي ننڍي ڀيڻ انيلا جو گهوٽ نه فقط ڊاڪٽري امتحان پاس ڪيو آهي پر هتي آمريڪا ۾ پنهنجي پروفيشن جي پرئڪٽس به ڪري ٿو ۽ پوءِ اهو به معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر نذير LMC مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد هتان آمريڪا مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي ۽ MD ڊگري حاصل ڪئي، جيڪا هتي وڏي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي.
    ڊاڪٽر نذير ميمڻ ميڊيڪل جي ٻن برانچن جو Specialist (ماهر) آهي: هڪ انٽرنل ميڊيسن ۽ ٻي جيريا ٽرڪس (Geriatrics).
    جيرياٽرڪس ميڊيڪل سائنس جي اها برانچ آهي، جيڪا پيريءَ (ٻڍاپي) جي بيمارين جي بچاءَ ۽ علاج بابت آهي. اسان جي ملڪ ۾ هن برانچ جا ڄاڻو ڊاڪٽر ورلي ڪي هجن جو هڪ ته اسان جي ملڪ ۾ وڏي عمر جا ماڻهو گهٽ آهن ۽ جيڪي آهن ته انهن کي اهو شعور ۽ سهوليت ناهي جو هو پيريءَ جي بيماريءَ جي ماهر ڊاڪٽر (جيراٽريشن) وٽ پهچن. ايتري قدر جو ڪنهن کي ذيابطيس (ڊائبٽيز) يا ساهه جي تڪليف ٿي ٿئي ته به هو هڪ عام ڊاڪٽر MBBS وٽ پهچي ٿو يا وڌ ۾ وڌ شهرن ۾ ڪو پئسي وارو آهي ته هو وڌيڪ پڙهيل فزيشن FRCP يا FCPS ٽائيپ وٽ پهچي ٿو.
    جيرا ٽريشن اهو ڊاڪٽرآهي، جيڪو 65 سالن کان مٿي واري عمر جي ماڻهن جي بيمارين جي جانچ ۽ علاج ڪري، جيئن پيڊيا ٽريشن Pediatrician يعني ٻارن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر ٻارن کي ڏسي ٿو. جيرياٽريشن يوناني لفظ geron معنيٰ پوڙهو ماڻهو ۽ iatros معنيٰ ڇٽائيندڙ، تبيب healer.
    جيراٽريشن ڪنهن کي به موت کان نٿو بچائي سگهي پر هو گهٽ ۾ گهٽ بيمار پوڙهي کي جيڪو نه فقط جسماني طرح ڪمزور آهي پر سماجي طرح بيوس ۽ اڪيلو آهي، ان کي سندس هڪ يا وڌيڪ بيمارين جي پيڙا کان بچائي سگهي ٿو يا دوائن ۽ دلاسن ذريعي ان درد کي ڪجهه گهٽائي سگهي ٿو.
    بقول هڪ سئيڊن جي هڪ جيراٽريشن جي:
    Our goal is to maximize the patient’s ability to be as independent as possible”
    سئيڊن جهڙا ملڪ جتي صحت جو وڏو خيال رکيو وڃي ٿو، جتي آب هوا ۽ کاڌو پيتو هائيجن جي بهترين اصولن تي ملي ٿو، اتي ماڻهن جون عمرون تمام وڏيون ٿين ٿيون. آئون جڏهن اتي جي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس ته بسين توڙي پارڪن ۽ گهرن جي ڌڪين تي ڪيترائي سئو کان مٿي عمر وارا نظر ايندا هئا. اسان جي ملڪن ۾ جتي ماڻهوءَ جي سراسري Average عمر پنجاهه سال کن مس آهي، اتي وڏي عمر جون دعائون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ سئيڊن جي پوڙهن سان ڪڏهن خبر چار ڪندو هوس ته هو ان وڏي عمر کي نعمت نه پر مصيبت ئي سمجهندا هئا. مون واري بلڊنگ ۾ رهندڙ هڪ اهڙي پوڙهي پنهنجي ڀيٽ اسان جي ملڪ جي ماڻهن سان ڪندي چيو:”ڏس! توهان جي ملڪ ۾ عام طرح ماڻهو سٺ، ستر يا وڌ ۾ وڌ اسي سالن جي ڄمار ماڻي ٿو ۽ ان عمر تائين هن کي وڌ ۾ وڌ شگر، بلڊ پريشر، Prostate gland يا موتيو پاڻي جهڙيون بيماريون ٿين ٿيون.
    ان ۾ڪو شڪ ناهي ته سئيڊن ۾ وڏي عمر وارا پوڙها هڪ طرف ڪمزوريءَ ڪري پنهنجو ڪم پاڻ نه ڪري سگهندا هئا ته ٻئي طرف هڪ ئي وقت هنن کي ڪيتريون ئي بيماريون هونديون هيون. ان مٿان وڏو عذاب اهو هوندو هو جو هنن جو اولاد پنهنجن ئي جهنجهٽن ۽ نوڪرين چاڪرين ۾ اهڙو ته مشغول رهيو ٿي جو کين مهيني ۾ هڪ دفعو به مشڪل سان وقت مليو ٿي جو کڻي پنهنجي پوڙهي پيءُ يا ڏاڏي سان اچي همدردي ڪري. پوءِ جيراٽريشن جهڙا ڊاڪٽر ئي هنن جو ابو امان آهن، جيڪي سندن جسماني بيمارين ۽ ذهني مونجهارن جون ڳالهيون ٻڌي سندن علاج ڪن ٿا ۽ کين شديد ڊپريشن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. بقول هڪ جيراٽريشن جي:
    “Geriatric practice is about helping patients make the transitions to later life as easy and meaningful as possible.”
    هڪ جيرياٽريشن (پوڙهن جي بيمارين جو معالج/ماهر) ٿيڻ لاءِ هن کي پهرين انٽرنل ميڊيسن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻي پوي ٿي.
    ”آمريڪا ۾ اهي فزيشن جيريا ٽريشن ٿي سگهن ٿا،“ ڊاڪٽر نذير ٻڌايو، ”جيڪي آمريڪا مان MD يا DO ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ٽي سال انٽرنل ميڊيسن ۾ مڪمل طرح هائوس جاب Residency Training حاصل ڪن ٿا. ان بعد ٻه سال وڌيڪ ڪنهن Subspeciality ۾ فيلو شپ ٽريننگ حاصل ڪرڻي پوي ٿي.“
    وڏي عمر جون مختلف بيماريون آهن جن مان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پوڙهن ماڻهن کي ٿي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر نذير ميمڻ انهن بيمارين مان وري ڊائبٽيز ۽ ٿولهه (Obesity) ۾ وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو. هو انهن بيمارين جي جاچ ۽ علاج جو وڏو ماهر مڃيو وڃي ٿو.
    ڊاڪٽر نذير ميمڻ کان علاوه ڪجهه ٻين به ڊاڪٽرن سان ملاقات ٿي جيڪي انٽرنل ميڊيسن ۾ ماهر آهن، جيئن ته جهانگارا باجارا جي مرحوم وڏيري عبداليقين ترڪ جا پوٽا ۽ دلشاد ترڪ صاحب جا ننڍا فرزند ڊاڪٽر اعجاز ۽ ڊاڪٽر اشفاق جيڪي آمريڪا جي اتراهين رياست مشيگان رياست ۾ رهن ٿا، انهن مان ڊاڪٽر اعجاز Gastroantology جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ ڊاڪٽر اشفاق دل جي بيماري Cardiology جو اسپيشلسٽ آهي ۽ مشيگان رياست جي ڀر واري رياست انڊيانا ۾ رهي ٿو. ان کان علاوه ڊاڪٽر مٺل وقاصي ۽ ٻيا آهن.
    ڊاڪٽر نذير ميمڻ صاحب ايم ايس، MD ۽ FACP آهي ۽ اڄڪلهه الباني ميڊيڪل ڪاليج، الباني شهر (نيويارڪ) ۾ ميڊيسن جو پروفيسر آهي. پاڻ آمريڪن ڪاليج آف فزيشن جو ڊسٽرڪٽ پريزيڊنٽ هجڻ کان علاوه هيٺيون ذميواريون پڻ سنڀالي ٿو.
    Prevention Coordinator/Medical Consultant, VISN.2
    President, Medical staff, VAMC Albany: New York.
    مشغول زندگيءَ جي باوجود ڊاڪٽر نذير ميمڻ هر هفتي، آچر ڏينهن ٻه ڪلاڪ کن پاڪستان کان مريضن جي لکيل اي ميل (خطن) جا جواب لکي ٿو ۽ انهن جي مسئلن مطابق هدايتون ۽ دوائون واپرائڻ جون صلاحون ڏئي ٿو. ”اهو مون تي فرض ٿو ٿئي ته جنهن ملڪ سان منهنجو واسطو آهي،“ ڊاڪٽر نذير ٻڌايو، ”ان جي عوام لاءِ ڪجهه وقت ڪڍي انهن جون پريشانيون دور ڪرڻ ۾ مدد ڪريان.“
    ڊاڪٽر نذير سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ هيٺين اي ميل ايڊريس ۽ فون نمبر آهن:
    Nazir.memon@med.va.gov
    فون نمبر:8506-383-518-001
    فئڪس نمبر: 8511-383-518-001


    پنهنجي قبر چمچي سان نه کوٽيو........

    ڊاڪٽر نذير نه فقط انٽرنيٽ ذريعي پنهنجي ملڪ جي مريضن کي مفت مشورو ڏئي ٿو پر فون ذريعي پڻ. اڄ ڪلهه پاڪستان مان آمريڪا فون ڪرڻ، سستو ٿي پوڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺاڻا جيڪي انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر کان اڻ واقف آهن، اهي ڊاڪٽر صاحب سان فون ذريعي پنهنجي اوکن جو حال سلين ٿا. هڪ اهڙو ئي فون شهدادپور کان ڊاڪٽر صاحب ڏي ان وقت آيو جيڪو لڳو ٿي ته ڊاڪٽر صاحب کان پهرين به پنهنجي علاج بابت صلاح مشورو وٺندو رهيو آهي جو ڊاڪٽر هن کي اڃان به وڌيڪ وزن (ٿولهه) گهٽائڻ لاءِ چئي رهيو هو.
    فون رکڻ بعد ڊاڪٽر ٻڌايو ته هي هڪ دڪاندار جو فون هو، جنهن کي ننڍي عمر ۾ ذيابطيس (Diabetese) بيماري ٿي پيئي آهي، جنهن جو وڏو سبب سڄو ڏينهن دڪان تي هڪ هنڌ وهڻ ڪري، جسم جي چر پر exercise نه ٿيڻ ۽ گهڻو کائڻ ڪري هيڪاندي ٿولهه آهي.
    ”اڄڪلهه جي ماڊرن دور ۽ سوسائٽيءَ ۾ انسان جي صحت جو وڏو دشمن ٿولهه Obesity ٿي پيئي آهي.“ ڊاڪٽر نذير ميمڻ ٻڌايو، ”ڪنهن کي توهان شل وڏي عمر ماڻين، جهڙي دعا ڏيو ٿا ته ان سان گڏ کيس اها به تاڪيد ڪريو ته گهٽ کاءُ ۽ گهڻي نه ته ٿوري سهي، پر ڪسرت ضرور ڪر.“
    ڊاڪٽر ميمڻ ٻڌايو ته ٿولهه نه فقط پاڻ هڪ بيماري آهي پر ڪيترين ئي بيمارين جي پاڙ آهي، جيئن ته ذيابطيس، بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول ۽ هائيپر لپيڊيميا وغيره. ”اڄڪلهه ٿولهه ائين وڌي رهي آهي، ڄڻ اها ڪا وچڙندڙ بيماري هجي. آئون ته پنهنجن مائٽن، دوستن ۽ مريضن کي اهائي التجا ڪندو آهيان ته پنهنجي لاءِ نه ته پنهنجي اولاد خاطر پنهنجو خيال ڪريو. وقت کان اڳ هن جهان مان نه هليا وڃو. گهڻو کائڻ خودڪشي برابر آهي. پنهنجو پاڻ کي پنهنجي هٿن سان نه ماريو. بک ٿي لڳي ته کائو ضرور پر ڪجهه گهٽ کائو ۽ سڻڀن ۽ مٺن طعامن کان گريز ڪريو ۽ پنهنجو پاڻ کي ٿولهه کان بچايو. هو ڇا چوندا آهن ته ”جيئڻ خاطر کائو ۽ نه کائڻ خاطر جيئو“ Eat to live, not live to eat..
    ”ڊاڪٽر صاحب، اسان جي ملڪ ۾ ته کڻي عوام نه ايترو پڙهيل آهي ۽ نه هن ۾ ايتري awareness آهي،“ مون چيو، ”پر هتي آمريڪا ۾ جتي تقريبن هر ماڻهو تعليم يافته آهي، اتي به ڏسان پيو ته ٿولهه عام ٿي پيئي آهي.“
    ”بلڪل صحيح ٿا چئو،“ ڊاڪٽر ميمڻ وراڻيو، ”بلڪه سڀ کان گهڻو اڇو منهن ته آمريڪين جو ٿيو آهي. ماڊرن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ سڀ کان گهڻا ٿلها ماڻهو آمريڪا ۾ آهن. تازن انگن اکرن موجب آمريڪا جي آدمشماريءَ جو ٽيون حصو ٿولهه Obesity جو شڪار آهي، جنهن جو وڏو سبب خوشحالي آهي، جنهن ڪري هو گهڻو کائين ٿا. آئون ته اهڙن مريضن کي نصيحتن دوران ڪڏهن ڪڏهن دڙڪا به ڏيندو آهيان ته
    You are digging your graves with knife & fork
    توهان ڪانٽي ڇريءَ ذريعي پنهنجي قبر کوٽي رهيا آهيو يعني گهڻو کائي توهان پنهنجي عمر گهٽائي رهيا آهيو.“
    هونءَ ڪو زمانو هو جو ٿولهه خوشحالي ۽ سونهن جي نشاني سمجهيو ويو ٿي. اڄ به آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ جتي ڏڪار جون حالتون آهن، ٿلهي متاري ماڻهوءَ کي شان شوڪت ۽ پئسي وارو ماڻهو سمجهيو وڃي ٿو. قلو پطره جهڙيون ماضيءَ جون سونهن جون راڻيون يا ويندي رُبين Rubens جهڙن سورهين سترهين صدي جي آرٽسٽن جون شاهڪار تصويرون ڏسندائو ته توهان کي هر عورت ٿلهي متاري نظر ايندي. ماضي بعيد ڇا گذريل صديءَ جي ٽئي حصي تائين ڏسندائو ته پنهنجي فلمي انڊسٽري جون هيروئنيون توڙي ڳائڻيون هيوي ويٽ نظر اينديون. بلڪه ٿلهو هجڻ ئي سندن هيروئن هجڻ جو ثبوت سمجهيو ويو ٿي ته هو اعليٰ رتبي تي آهن. پئسو جام پيو ملين، خوشحال آهن. گهٽ پگهار واريون، جسماني طرح ڏٻريون ۽ سڪل ايڪسٽرا ئي هونديون هيون.
    اڄ جي مغربي ڪلچر ۾ ٿلهي عورت گهٽ ڪشش جو باعث سمجهي وڃي ٿي ۽ ٿلهو ماڻهو سست ۽ نڪمو سمجهيو وڃي ٿو. اسڪول ۾ به ٿلهن ٻارن تي ٽوڪون ۽ چرچا ڪيا وڃن ٿا. ويندي ڪارٽونن وارين فلمن ۾ مزاحيه ڪردار ٿلها ٺاهيا وڃن ٿا.
    ”آمريڪا ۾ ٿولهه جو مرض ايترو ته وڌندو وڃي“، ڊاڪٽر نذير ٻڌايو ”جو هاڻ تازين رپورٽن موجب آمريڪا ۾ سڀ کان گهڻو موت سموڪنگ جي جاءِ تي ٿولهه Obesity ورتو آهي. آمريڪا ۾ ٿولهه نمبر ون پبلڪ هيلٿ پرابلم آهي.“
    چون ٿا ته ٻي جنگ عظيم کانپوءِ 1960ع تائين هڪ عام ماڻهوءَ جي تور ٿوري گهڻي ضرور وڌي پر بي ڊولي حد تائين ٿلهو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٿي ٿيو ۽ پوءِ 1980ع کان هيل تائين ٿولهه جي رفتار ايتري ته وڌي آهي جو جتي وڃ اتي محسوس ٿئي ٿو ۽ هتي جي هيلٿ کاتي لاءِ پريشاني پيدا ٿي پئي آهي.
    ”ان جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟“ مون معلوم ڪرڻ ٿي چاهيو.
    ”اهم ترين ته اهي ئي آهن، جن مان پهريون Overeating شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان،“ ڊاڪٽر نذير ٻڌايو، ”ٻئي نمبر تي کاڌي جي اگهن جي مقابلي ۾ ماڻهن جي ڪمائي (پگهار)، گهڻو وڌي ويا آهن. مارڪيٽنگ جي طريقن به ماڻهن کي گهڻو ۽ بي فائدي واريون شيون کائڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي. 1980ع تائين ٽڪين چاڪليٽن، جنڪ کاڌن ۽ بارن جي ٻين شين جي اشتهار بازيءَ تي بندش هئي. ريگن جي حڪومت ۾ اهابندش لاٿي ويئي. پنهنجي ملڪ ۾ به اهو ئي حال آهي. هونءَ ڳڙاري (بسري) جهڙي مٺي شيءِ به سياري ۾ کائبي هئي. ڪڏهن ميلي ملاکڙي تي وڃبو هو يا عيد برات ٿيندي هئي ته ٻارن لاءِ مٺائي وٺبي هئي. آئيس ڪريم، ڪوڪا ڪولائون، چاڪليٽ ٽافين جهڙيون ته شيون هونديون ئي ڪونه هيون پر هاڻ اهي سڀ نه فقط گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رکيون آهن پر انهن جي اشتهار بازي به پئي ٿئي، جنهن کي ڏسي هر ٻار کائڻ لاءِ تيسو ڪري ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو نه فقط هتي آمريڪا ۾ پر پنهنجي ايشيائي ملڪن ۾ به وڏن توڙي ٻارن ۾ ڊائبٽيز جهڙو موذي مرض وڃي وڌندو. ان تي وڏي خرابي اها جو ٽي وي جي انيڪ چئنل کلڻ ڪري ۽ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر عام ٿيڻ ڪري ننڍو توڙي وڏو راند کيڏڻ يا واڪ ڪرڻ بدران هڪ هنڌ ويٺو آهي. ان کان علاوه برگر، چيز، فرينچ فرائيز جهڙا جنڪ فڊ (ٿولهه پيدا ڪندڙ ۽ رکيل کاڌا) جيڪي نرم ۽ سوادي هجڻ ڪري کائڻ ۾ سٺا لڳن ٿا پر صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، جو وڃي فئشن وڌندو ۽ جتي ڪٿي اهڙو مال سپلاءِ ڪندڙ فاسٽ فوڊ شاپ وڌندا وڃن.“
    ڊاڪٽر نذير جو اهو ئي رايو آهي ته ذبابطيس جهڙي بيماري جيڪا خاموش خوني Silent Killer به سڏي وڃي ٿي، جيڪا جسم جي مختلف عضون (گردن، اکين، پيرن، دل وغيره) کي ناڪاره بڻائي انسان کي تباهه ڪري ٿي، اها توڙي کڻي موروثي طرح Hereditary هجي يا ذهني پريشانين باعث پر ان بيماريءَ جو وڏو سبب گهڻو ۽ روغني ۽ مٺاڻ وارا کاڌا کائڻ ۽ ڪسرت نه ڪرڻ آهي. اسان کي ياد رکڻ کپي ته گهٽ کائڻ ۽ سادي کائڻ ۾ صحت آهي.
    ڊاڪٽر نذير بابت هتي اهو لکڻ رهجي ويو ته پاڻ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ شهدادپور مان حاصل ڪئي. انٽر حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي مان ڪرڻ بعد MBBS جي ڊگري LMC ڄامشوري مان ڪئي. ان بعد وڌيڪ تعليم هتي آمريڪا ۾ حاصل ڪئي ۽ هتي ئي نوڪري ڪن ٿا. پاڻ مرحوم حاجي قاسم ميمڻ صاحب جا وڏا فرزند آهن ۽ سندس ٻه ننڍا ڀائر مشتاق ميمڻ ۽ انيل ميمڻ جن پڻ هتي آمريڪا جي ڏاکڻي رياست فلوريڊا ۾ آهن ۽ مختلف بزنيس ڪن ٿا.
    ايل ايم سي ۾ سندس ڪلاس ميٽن ۽ دوستن مان ڊاڪٽر وسيم نيازي هتي ٽيڪساز ۾ نيورو لاجسٽ آهي، ڊاڪٽر رضوان مگسي اسلام آباد ۾ آهي ۽ ڊاڪٽر شاهه زمان عباسي هتي آمريڪا ۾ پرئڪٽس ٿو ڪري. ڊاڪٽر نذير ميمڻ جو هڪ ٻيو ڊاڪٽر دوست قيصر هتي اوڪلوهاما ۾ Internist آهي. سندس ان دوست جي ويجهڙائيءَ ۾ دل جي آپريشن ٿي آهي.
    ڊاڪٽر نذير 1992ع ۾ آمريڪا ۾ آيو. پاڻ Maimonides ميڊيڪل سينٽر، نيويارڪ مان انٽرميڊيسن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ جيريا ٽرڪس ۾ فيلوشپ ڪرڻ لاءِ الباني ميڊيڪل ڪاليج ۾ آيو، جتي هو اڄڪلهه ميڊيسن جو پروفيسر آهي.
    ڊاڪٽر نذير ميمڻ 1961ع ۾ شهدادپور ۾ ڄائو. پاڻ اڃا ڇهين ڪلاس ۾ هو ته سندس والد صاحب (حاجي محمد قاسم ميمڻ صاحٻ) 1973ع ۾ گذاري ويو. کيس ۽ سندس ننڍي ڀاءُ انيل ۽ ڀيڻن کي سندس وڏي ڀاءُ مشتاق ميمڻ پيءُ وانگر پاليو ۽ پڙهايو. مشتاق نه فقط کيس پر ڀيڻن کي به ڊاڪٽري پڙهائي جن مان هڪڙي ڀيڻ ڊاڪٽر فرزانا مديني پاڪ ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ ٻي ڊاڪٽر ريحان هتي آمريڪا ۾ آهي. مشتاق ميمڻ صاحب پڻ هتي آمريڪا جي ڏاکڻي رياست فلوريڊا ۾ رهي ٿو، جتي هن سان گڏ ننڍو ڀاءُ انيل ميمڻ پڻ بزنيس ڪري ٿو.
    ڊاڪٽر نذير ميمڻ جي شادي 1996ع ۾ حيدرآباد ۾ حاجي رفيق شيخ جي ڌيءَ انيلا سان ٿي. کيس ٻه ٻار زريض (Zurez) ۽ مالي (Mali) آهن.
    ڊاڪٽر نذير ميمڻ ٻُڌايو ته هو جڏهن آمريڪا ۾ آيو هو هن کي هتي جي residency حاصل ڪرڻ لاءِ نيويارڪ ۾ رهندڙ سندس دوستن ڊاڪٽر علي ابڙو ۽ ڊاڪٽر نور راڄپر رهنمائي ۽ مدد ڪئي.
    ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا ۽ آمريڪن جا مسئلا
    اعجاز جي گهر (پينسلوانيا رياست جي شهر گرين ڪئسل) ۾ ڪچهري ڪندي شام ٿي ويئي. اعجاز رات جي ماني کائي، پوءِ وڃڻ لاءِ ضد ڪري رهيو هو. نيٺ اعجاز کي چيم ته ڳالهه ٻڌ: هڪ ته دير سان لنچ ڪئي اٿئون ۽ ٻيو ته ايڏي هيوي لنچ ڪئي اٿئون جو صحت جي اصولن موجب اسان کي ٻه ڏينهن فقط چانهه ۾ ٻه پاپا ٻوڙي کائڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه نه کائڻ کپي. اها ئي ڳالهه ته ڊاڪٽر نذير سمجهائيندو رهيو ته اسان ايشين (جن ۾ پاڻ سنڌي به اچي وياسين) مائٽن مٽن ۽ مهمانن جو خيال رکڻ خاطر هنن کي هلڪو کارائي صحت مندر رکڻ بدران هنن کي ويتر ڳرا ڳرا کاڌا کارائي بيمار ڪندا آهيون.
    ”پر چاچا هي ته پنهنجو پراڻو ڪلچر آهي ته مهمان جي سٺي ماني ٽڪيءَ سان آجيان ڪجي.“ اعجاز چيو.
    ”بلڪل صحيح ٿو چوين،“ وراڻيومانس، ”پر اهو سڀ ڪجهه تڏهن هو جڏهن ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي ايجاد نه ٿيو هو. جڏهن مهمان پيرين پنڌ ايندو هو يا اٺ ۽ گهوڙي تي. هن کي رستي تي سڄي واٽ کائڻ لاءِ چپس ۽ Peanut ۽ ڪوڪ بدران ٺلهو پاڻي به مشڪل سان نصيب ٿيندو هو ۽ هينئرمردن کان اهي پنڌ هليا ويا ۽ عورتن کان جند،. ان ڪري ڊاڪٽر نذير جي نصيحت تي عمل ڪري گهٽ کائجي گهڻو پنڌ ڪجي.“
    شام جا ڇهه کن اچي ٿيا هئا. اعجاز کي چيم ته هاڻ گهڻيئي خبرون چارون ٿيون. بس جلدي جلدي چانهه پيار ته عرفان جماڻي ۽ آئون پنڌ کي ڇڪيون. مئريلئينڊ ۽ ورجينيا رياستون اڪري واشنگٽن پهچڻو آهي، جتي نائين بجي پروفيسر جاويد ڀٽو سان ملڻو آهي. پينسلوانيا ۾ اعجاز شيخ وٽ اسين فقط ميڊيسن ۽ ڊاڪٽرن جون ڳالهيون نه ڪندا رهياسين پر دنيا جهان جا ٻيا به ڪوڙ ڪٽيندا رهياسين. اتي ڪيل هڪ ٻه مزيدار ڳالهيون جيڪي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي لکڻ بور ثابت نه ٿينديون. هڪ ته اسان واشنگٽن ڊي سي تي بحث ڪيو ته انهن اکرن D.C جو مطلب ته ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا آهي پر آخر اهو ڪولمبيا آهي ڇا. اها ڪهڙي ڪولمبيا آهي، جنهن جو واشنگٽن ضلعو آهي؟
    مون ٻڌايو مان ته اسان جڏهن به آمريڪا ايندا هئاسين ته ان تي بحث ڪندا هئاسين، مڪاني ماڻهن کان پڇندا هئاسين ته اهي به نه ٻڌائي سگهندا هئا.
    اعجاز شيخ چيو ته هو به ان بابت سوچيندو رهندو هو. پوءِ هڪ دفعي UDC (يونيورسٽي) جي پروفيسر ٻڌايو ته ڪولمبيا آمريڪا يعني USA جو شاعراڻو نالو آهي.
    ”جيئن پاڻ سنڌ کي ”سنڌڙي“ سڏيون ٿا، تيئن شروع جي ڏينهن ۾ هتي جا ماڻهو هن ملڪ کي ڪولمبيا سڏيندا هئا.“ اعجاز ٻڌايو، ”ويهين صديءَ جي شروع تائين به هن ملڪ کي پيار مان ڪولمبيا سڏيو ويو ٿي. اڄ به هن ملڪ بابت هڪ مشهور راڳ Columbia, Gem of Ocean ڪڏهن ڪڏهن ڳايو وڃي ٿو ۽ آمريڪا جو پراڻو قومي ترانو Hail Columbia هاڻ وائيس پريزيڊنٽ لاءِ وڄايو وڃي ٿو. آمريڪا USA بدران ”ڪولمبيا“ لفظ اڃا تائين ڪيترين ئي شين ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيئن ته ڪولمبيا براڊ ڪاسٽنگ سسٽم، ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ، ڪولمبيا پڪچرس ۽ ويندي اسپيس شٽل ڪولمبيا.“
    ڪولمبيا لفظ آمريڪا جي ڳولڻ واري ڪرسٽافر ڪولمبس جي نالي مان ٺاهيو ويو آهي، جيئن انگريز پنهنجي ملڪ کي برطانيا Britannia جهڙي مونث نالي سان سڏين ٿا ۽ اطالوي پنهنجي ملڪ اٽليءَ کي Italia Tarrita سڏين ٿا ۽ فرينچ فرانس کي Marianne سڏين ٿا. ٻين لفظن ۾ ڪولمبيا لفظ آمريڪن جو نعم البدل آهي.
    ڪجهه دير سنڌ جي سياست جون ڳالهيون ڪرڻ بعد هتي آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي پاڪستانين جون ڳالهيون اچي نڪتيون ته هنن کي هڪ مشرقي ڪلچر مان هتي مغربي ڪلچر ۾ اچڻ سان ڪهڙيون تبديليون محسوس ٿين ٿيون ۽ هنن کي پنهنجي ۽ هتي جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون پسند ۽ ناپسند آهن. ان سلسلي ۾ عرفان جماڻيءَ يا شايد اعجاز شيخ هڪ دلچسپ چرچو ٻڌايو.......
    هڪ آمريڪن ۽ هڪ ديسي (يعني اسان جي ننڍي کنڊ جو، جيڪو پاڪستاني، انڊين، بنگلاديشي يا سريلنڪن به ٿي سگهي ٿو) ڪنهن بار (مئه خاني) ۾ پيگ مٿان پيگ چاڙهي رهيا هئا. ڪجهه دير بعد اسان جي ديسيءَ غمگين لهجي ۾ پنهنجي آمريڪن دوست کي چيو: ”توکي خبر آهي ته منهنجا والدين مون تي زور آڻي رهيا آهن ته آئون هڪ اهڙي ڇوڪري سان شادي ڪريان جيڪا گهرو قسم جي ڳوٺاڻي ڇوڪري آهي، جنهن سان آئون هڪ دفعو به نه مليو آهيان. اسانوٽ ان کي Arranged مئريج سڏيون ٿا. آئون اهڙي ڇوڪريءَ سان هرگز شادي ڪرڻ نٿو چاهيان، جنهن سان منهنجو پيار ناهي......... مون هنن کي صاف صاف چيو آهي ته آئون شادي ڪندس ته Love مئريج ڪندس، نه ته ائين ئي ڀلو آهيان. هاڻ ماڳهين مون لاءِ گهرو مسئلن جا جبل ڪري پيا آهن.“
    آمريڪن همراهه ٿڌو ساهه کڻي چيو:
    ”جيڪڏهن تون Love marriage (پيار جي پرڻي) جي ڳالهه ٿو ڪرين ته مهرباني ڪري منهنجي ڪهاڻي غور سان ٻڌ...........منهنجو هڪ عورت سان عشق ٿي ويو، جيڪا پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ٽي سال کن مون سان ڊيٽنگ ڪندي رهي. ان بعد اسان جي شادي ٿي، ڪجهه سالن بعد، منهنجي پيءُ جو منهنجي ويڳيءَ ڌي يعني منهنجي زال جي پهرين مڙس مان ڌيءَ، سان عشق ٿي ويو. اهڙي ريت منهنجو پيءُ منهنجو ناٺي ٿي ويو ۽ آئون پنهنجي پيءُ جو سهرو ٿي پيس. منهنجي ويڳي ڌيءَ منهنجي ماءُ ٿي پيئي ۽ منهنجي زال ان حساب سان منهنجي ناني ٿي پيئي.
    مون لاءِ مونجهارا ۽ مسئلا هيڪاندا وڌي ويا، جڏهن مون کي پٽ ڄائو. منهنجو پٽ منهنجي پيءُ جو سالو ٿيو اهڙي طرح هو منهنجو مامو ٿيو.
    حالتون اڃان به وڌيڪ مونجهاري واريون ٿي پيون، جڏهن منهنجي پيءُ کي پٽ ڄائو. هاڻ منهنجي پيءُ جو پٽ يعني ٻين لفظن ۾ منهنجو ڀاءُ منهنجو ڏهٽو به ٿيو. اهڙي طرح آئون پنهنجي پاڻ جو نانو به ٿي پيو آهيان ته ڏوهٽو به..........
    ۽ تون چوين ٿو ته تنهنجي مٿان گهرو مسئلن جا جبل ڪري پيا آهن........ گو مي اي بريڪ.......... مون کي ساهي پٽڻ ڏي.....
    اسان چانهه جو اڌ گابرو ڪوپ پي اٿي کڙا ٿياسين.
    ”سائين ڪجهه دير ته وهو اڃا ته سج به نه لٿو آهي.“ اعجاز مون کي ۽ پنهنجي دوست عرفان جماڻيءَ کي ڌار ڌار چيو.
    ”هاڻ کلي موڪلايون........وڃڻو آهي بيحد ڏور........“ مون اعجاز شيخ ۽ ڊاڪٽر نذير کي چيو.


    هالا جو ڊاڪٽر گلاب ۽ سکر جي ڊاڪٽر شفيعت جماڻي

    اعجاز شيخ جو شهر گرين ڪئسل آمريڪا جي پينسلوانيا رياست جي فرئنڪلن ڪائونٽي ۾ آهي. سان فرئنڪلن ڪائونٽي ان بعد پينسلوانيا رياست ڇڏي مئريلئنڊ رياست ۾ داخل ٿياسين، اهي ئي ساڳيا هاءِ وي ۽ ساڳيا رستا وٺي ورڻ جي ڪئسين........ 81 نارٿ، 70 ويسٽ، فريڊرڪ، 270 نارٿ/ سائوٿ، ڊيوي روڊ، Morrtrose روڊ، راڪ وائيل، River روڊ، ڪلارا بارٽن، Gallows روڊ، براڊ راڪ روڊ.. ........ مئريلئنڊ کان ورجينيا رياست ۽ ان بعد واشنگٽن ڊي سي. ........
    واپسي جي سفر تي اسان ڊاڪٽر گلاب ۽ ان جي فئملي جي ئي ڳالهه ڪندا آياسين. هيءَ اها فيملي آهي، جنهن سان منهنجو به واسطو چئي سگهجي ٿو ته عرفان جماڻيءَ جو به. سنڌ جو ته شايد ئي ڪو ڊاڪٽر هجي جو هنن کي نه سڃاڻندو هجي.
    مرحوم ڊاڪٽر گلاب (ڄم جي تاريخ 1938ع) اسان جي ڳوٺ هالا بلڪه اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. مون کان ست سال کن وڏو هو جو آئون جڏهن پرائمري اسڪول مان چار درجا پڙهي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ پهرين درجي ۾ داخل ٿيس ته ڊاڪٽر گلاب وارن جو گروپ مئٽرڪ پاس ڪري فرسٽ ايئر ۾ داخلا وٺي رهيو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪلاس سسٽم اڃا شروع نه ٿيو هو. پرائمري اسڪول جا چار درجا پڙهي پوءِ انگريزي اسڪول ۾ داخلا وٺبي هئي، جتي پهرين درجي Standard کان ستين درجي تائين پڙهبو هو. ستون درجو مئٽرڪ هوندو هو. ڊاڪٽر گلاب جي وڏي ڀيڻ جو پٽ شفي محمد منهنجو ڪلاس ميٽ هو.
    اڄ آئون انهن ڏينهن جي تعليم کي اڄ جي اسڪولن سان ڀيٽ ٿو ڪريان ته هالا جهڙي ننڍڙي ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ جيتوڻيڪ ان وقت ڪي ماڊرن Audio visual Aids نه هئا، ماستر صاحب کي فقط ڪاري بورڊ ۽ اڇي چاڪ ذريعي شاگردن کي پڙهائڻو پيو ٿي پر هڪ طرف استادن پنهنجو فرض سچائي سان نڀايو ٿي ته ٻئي طرف سلڇڻا شاگرد هئا. ڊاڪٽر گلاب (اصل نالو محمد ميمڻ ولد اسحاق ميمڻ پر گهر، گهٽي توڙي اسڪول ۾ گلاب سڏبو هو) ۽ سندس ڪلاس ميٽ، اڳتي هلي قابل پروفيسر، پرنسپال، ڊاڪٽر، بئنڪر ۽ انجنيئر ٿيا، جن مان هنوقت به مون کي ڪيترن جا نالا ياد آهن:
    مسعود ارباب (چيف انجنيئر)، منور ارباب (UBL جو پريزيڊنٽ)، الهه ڏنو شيخ (تعليم کاتو)، رسول بخش ابڙو (ڊپٽي ڪمشنر)، ڊاڪٽر حسن ميمڻ (گولڊ ميڊلسٽ ۽ LMC جو پرنسپال، سندس زال ڊاڪٽر عذرا ميمڻ به PMC جي پرنسپال ٿي)، پروفيسر الهه بچايو پاٽولي، پروفيسر عبدالقدوس علوي (وائيس چانسلر NED)، ڊاڪٽر عبدالرحمان (وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي)، آخوند شفي محمد مجاور، شوڪت ابڙو، محمد يو، احمد جپاني، نورمحمد گاجڻي ميمڻ، ولي محمد شيخ، ولي محمد آخوند، يعقوب ميمڻ........ ڪهڙن جا نالا کڻي ڪهڙن جا کڻجن جن نه فقط پاڻ تعليم حاصل ڪئي پر ڳوٺ ۾ رهي پنهنجي اولاد کي به تعليم ڏياري، جن نه فقط سول سروس ۾ پر فوج ۾ به نالو پيدا ڪيو. گذريل صديءَ جو مسلمان سنڌي گهر ڇڏڻ ۽ خاص ڪري فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان سست رهيو آهي يا کيس بڻايو ويو آهي پر اسان جي ننڍڙي ڳوٺ هالا جا فوج ۾ به ڪيترائي ملندا ۽ ڊاڪٽر گلاب جي ڪلاس ميٽن جا ڀائيٽيا ڀاڻيجا (الطاف ارباب، نورمحمد ميمڻ وغيره) برگيڊيئر پوسٽ تائين پهچي ويا آهن.
    ڊاڪٽر محمد (گلاب) 1955ع ۾ هالا مان مئٽرڪ، حيدرآباد گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي مان 1957ع ۾ انٽر ۽ 1962 ڌاري LMC مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي. 1964ع ڌاري سندس شادي سندس LMC جي ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر شفيعت جماڻي سان ٿي.
    ڊاڪٽر شفيعت جماڻي جو تعلق سکر جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل فيملي سان آهي. سندس والد صاحب مير محمد جماڻي سنڌ حڪومت ۾ انجنيئر هو. ڊاڪٽر شفيعت سندس ننڍي ۽ پنجن پٽن (رستم، شبير، ضمير، منير ۽ نظير) بعد اڪيلي ڌيءَ هئي. منهنجي هالا ڳوٺ جي ڪري نه فقط ڊاڪٽر گلاب وارن سان ڄاڻ سڃاڻ رهي آهي پر ڊاڪٽر شفيعت جي فيمليءَ سان پڻ 1960ع کان ويجهڙائي رهي آهي، جو ڊاڪٽر صاحبه جو هڪ ڪزن شوڪت جماڻي منهنجو ڪلاس ميٽ هو ۽ سندن والد صاحب جا منهنجي والد سان دوستاڻا تعلق هئا ۽ شوڪت جماڻيءَ جي ڪري ڊاڪٽر صاحبه جي ٻن ڀائرن شبير جماڻي ۽ منير جماڻيءَ سان پڻ دوستي رهي. ڊاڪٽر صاحبه جي مڱڻي وقت به اتفاق سان آئون خيرپور ۾ شوڪت جماڻيءَ وٽ رهيل هوس ۽ شاديءَ وقت هالا ۾ هوس. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءَ شادي هالا جي گولڊن event هئي.
    شادي بعد ڊاڪٽر محمد (گلاب) ۽ ڊاڪٽر شفيعت مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪندا رهيا. خيرپور، لاڙڪاڻو، سکر، ٺري ميرواهه، ڪنڊيارو، پنوعاقل وغيره. کين چار ٻار ٿيا وڏو فاروق ان بعد فواد، فيصل ۽ آخري فراز. فاروق ۽ فراز لاس اينجلس ۾ رهن ٿا، جتي سندن ڪمپيوٽر ۽ سافٽ ويئر جو بزنيس آهي. فيصل ڪراچي ۾ پنهنجي مامي نظير ۽ مامي سلميٰ سان گڏ رهي ٿو، جيڪا سندس والد ڊاڪٽر گلاب جي ڀيڻ هجڻ ڪري پڦي به ٿئي.
    زندگيءَ جا آخري ڏينهن فيصل جا والدين ۽ ڀاءُ فواد پڻ لاس اينجلس ۾ هئا. 9 آڪٽوبر 1996ع تي ڊاڪٽر شفيعت ڪئنسر جي بيماري ۾ وفات ڪئي. دفن لاءِ سندس لاش کي ڪراچي آندو ويو. آئون انهن ڏينهن ۾ پاڪستان هوس. پنهنجي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻي سان گڏ عذر خواهي لاءِ اسين ڊاڪٽر گلاب جي گهر آياسين. سندس شاديءَ بعد ساڻس منهنجي هيءَ پهرين ملاقات هئي. ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجي ساٿيءَ جي وڇوڙي اهڙو صدمو رسايو جو دل جو مرض وٺي ويٺو. هو سٺ واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ هوته 21 آڪٽوبر 2000ع تي سندس دل جي اوچتي بيهڻ Heart Attack ڪري هيءَ فاني دنيا ڇڏي پنهنجي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو.
    ڊاڪٽر صاحب زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. سندن وفات جي ڏکوئيندڙ خبر مون کي فون ذريعي اقبال ترڪ ٻڌائي، جنهن جو گهر ڊاڪٽر صاحب جي گهر سامهون آهي. آئون انهن ڏينهن ۾ پنهنجن جهازي دوستن وٽ ملائيشيا آيو هوس. انهن ڏينهن ۾ ڏور اوڀر جي لڳندڙ قهريلي طوفاني Typhoon xangasane ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ راڱا ڪري رکيا هئا. سخت تيز هوائون ۽ سامونڊي وڏيون ويرون فلپين جي ڪناري وارن ڳوٺن کي تباهه ڪري رهيون هيون. طوفان جي اک جيتوڻيڪ ملائيشيا (ڪوالالمپور) کان پري هئي پر تڏهن به ان جي اثر ڪري ملائيشيا ۾ ڏينهن رات بارش هلي رهي هئي ۽ جتي ملائيشيا جو عوام وسڪاري جو مزو وٺي رهيو هو اتي منهنجا جهازي دوست جن جا جهاز طوفان واري سامونڊي علائقي ۾ تڳي رهيا هئا، سخت پريشان هئا ۽ اها اهڙي ئي هڪ آڪٽوبر جي 31 تاريخ هئي، جڏهن ان ٽائفون (طوفان) جو ڀرپور اثر راڪاس وانگر سامونڊي دنيا جي ماڻهن ۽ انهن جي بتيلن کي ڳڙڪائي رهيو هو. مون اهو سوچيو به ڪونه ٿي ته ان جو ٻک جهاز ۽ سمنڊ جي دنيا سان واسطو رکندڙ ته ٿيندا پر اهو اسان جي ڊاڪٽر گلاب جي ڏکويل ڪٽنب کي وڌيڪ جهوري ويندو. پيءُ جي ڪفن دفن جون رسمون پوريون ڪرڻ لاءِ لاس اينجلس کان ڪراچي آيل سندس پٽ افواد واپس آمريڪا ويندي تائيپي (تائيوان) هوائي حادثي جو شڪار ٿي ويندو. ڪنهن ٿي سوچيو ته سنگارپور ايئر لائينس SIA جي بدنصيب فلائيٽ SQ006 جي مسافرن مان هڪ اسان جي ڳوٺائي ڊاڪٽر گلاب جو فرزند افواد ميمڻ به هوندو، جنهن جي انتظار ۾ سندس زال ۽ ٻه ٻار ۽ ڀائر فاروق ۽ فراز لاس اينجلس ايئر پورٽ تي راهون نهاري رهيا هوندا.


    فلائيٽ SQ006 بابت ڪجهه سٽون

    سنگاپور جيتوڻيڪ هڪ ٻيٽ نما ملڪ آهي پر هتي جا ماڻهو پنهنجي هر شيءِ صحيح رکڻ ۾ دنيا ۾ مشهور آهن. هتي جي حڪومت جو نظام ڏسو، تعليمي ادارا ڏسو، ايڪانامي جو سسٽم ڏسو هو هر شيءِ ايمانداري ۽ محنت سان ڪن ٿا، جيئن سندن ملڪ سنگارپور خوش حال هڪ طرف رهي ۽ ٻئي طرف هنن جي بدنامي نه ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور دنيا جي صاف سٿرن ملڪن مان آهي، بلڪه Mr.Clean سڏيو وڃي ٿو. سندن ريلوي جو نظام ۽ ميڊيڪل سهولتون اهڙيون آهن جو يورپ ۽ آمريڪا جا به سنگاپور کي مڃين ٿا. سنگاپور جو بندرگاهه توڙي جهاز دنيا ۾ بهترين سڏيا وڃن ٿا. اهڙي طرح هن ملڪ جو هوائي اڏو ۽ هوائي ڪمپني ”سنگارپور انٽرنيشنل ايئر لائينس“ SIA جا هوائي جهاز آهن، جن جو وقت جي پابندي تي هلڻ، صفائي ۽ سهوليت، سڀ کان وڏي ڳالهه سيفٽي جي خيال کان دنيا ۾ best آهن. سندن هن 400-474 جمبو جيٽ جو تائيوان جي هوائي اڏي چيانگ ڪائي شيڪ تي حادثو 28 سالن ۾ پهريون حادثو هو نه ته هوائي جهاز جي انجڻ جي ٽيڪنيڪل غلطين کان انساني ڪوتاهين Human Error تائين هن هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهازن جو ڪڏهن به حادثو نه ٿيو، ان ڪري ويندي ملائيشيا، ٿائيلينڊ، فلپين ۽ انڊونيشيا جهڙن پاڙيسري ملڪن جا ماڻهو به پنهنجي ايئرلائين جي هوائي جهازن ۾ سفر ڪرڻ بدران سنگارپور جي هوائي جهازن کي ترجيح ڏين ٿا. سنگاپور جي هن بدنصيب اڏام جنهن ۾ 160 کن مسافر ۽ 20 عملي جا ماڻهو هئا، کي هلائڻ لاءِ ٽي پائلٽ هئا: 43 سالن جو فونگ چي ڪونگ، 38 سالن جو لطيف ڪائرانو ۽ 40 سالن جو خينگ ۽ ٽئي قابل پائلٽ هئا، جو هنن کي ان هوائي جهاز کي دنيا جي پٺئين پاسي (يعني پئسفڪ سمنڊ پار ڪرائي) آمريڪا جي اولهه واري رياست ڪئليفورنيا جي لاس اينجلس هوائي اڏي تي وٺي وڃڻو هو ۽ رستي تي سواءِ هونولولو (هوائي ٻيٽ جي هوائي اڏي) جي باقي سفر سمنڊ جي مٿان ڪرڻو هو. يعني جيڪڏهن رستي تي جهاز خراب ٿي پوي ته ڪٿي به لهي نٿو سگهي ۽ ائين به نه هو ته ڪي پائلٽ تائيوان جي هن اڏي کان اڻ واقف هئا. هو ڪيتري عرصي کان هفتي جي هن ساڳي ڏينهن ۽ وقت تي سنگارپور جي SIA ڪمپني جي جمبو جهاز کي سنگارپور کان تائيپي (تائيوان) ۽ تائيپي کان لاس اينجلس ۽ اتان واپس سنگارپور وٺي آيا ويا پئي پر ان ڏينهن ان هوائي جهاز ۽ ان ۾ سفر ڪندڙ مسافرن جي اجل جي قضا اچي بيٺي هئي جو حالتون اهڙيون پيدا ٿي پيون جو دنيا جو هي بدنام حادثو ٿي پيو، جيڪو ٿوري ڌيان ڏيڻ سان ٽري سگهيو ٿي. هن حادثي لاءِ Human Error يعني انساني غلطي جي عمل دخل کي وڌيڪ سمجهيو وڃي ٿو، جنهن جو ڏوهه ڪي جهاز جي پائلٽن تي هڻن ٿا ته ڪي هوائي اڏي جي عملي تي جن جهاز جي پائلٽن جي صحيح طرح رهنمائي نه ڪئي ۽ اهي سڀ ڳالهيون موسم جي خرابيءَ ڪري پيدا ٿيون.
    انهن ڏينهن ۾ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ لڳندڙ طوفان xangsane Typhoon جو اثر ان وقت پوري جوش سان تائيوان ۾ شروع ٿيو جڏهن سنگاپور جي هن اڏام جو تائيوان ڇڏي لاس اينجلس لاءِ اڏامڻ جو وقت ويجهو ٿي رهيو هو. هن اڏام ۾ سڀ کان گهڻا مسافر تائيوان جا (55 کن) هئا ۽ ٻئي نمبر تي آمريڪا جا 47، سنگاپور جا 11 ڄڻا، ميڪسيڪو جا 8، ملائيشيا جا به 8، انڊيا جا 11، نيوزيلينڊ، ٿائيلينڊ، جپان، ويٽنام، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن جا پڻ هڪ ٻه هئا ۽ انهن ۾ اسان جي ڳوٺ جي ڊاڪٽر گلاب جو پٽ افواد هو، جيڪو پنهنجي پيءُ جي پٿر ي ڏهو گذاري هاڻ هن اڏام ذريعي واپس لاس اينجلس وڃي رهيو هو جتي سندس گهر ٻار هو، جتي سندس بزنيس هو. فاروق ڪراچي کان سنگارپور پهتو، جتان هن سنگاپور ايئر لائينس جي هن اڏام SQ006 واري هوائي جهاز ذريعي سفر جي پهرين منزل تائيوان پهتوهو. ڪجهه دير تائيوان ۾ ترسڻ بعد جهاز کي رات جو يارهين وڳي (لوڪل ٽائيم 31 آڪٽوبر 2000ع) تائيوان ايئر پورٽ ڇڏنو هو.
    جنهن وقت جهاز کي تائيوان جو هوائي اڏو ڇڏڻو هو، ان وقت بارش ۽ طوفاني هوائون پوري اوج تي هيون. هوائي اڏي جي آفيس جي چوڻ مطابق ان وقت ڪراس Winds جي رفتار 50 kph جي لڳ ڀڳ هئي. دنيا جي ڪجهه هوائي اڏن ويندي آمريڪا ۾ به اهو قانون آهي ته اهڙي خراب موسم ۾ هوائي اڏو بند ڪيو وڃي ٿو ۽ هوائي اڏي جي عملي طرفان هوائي جهاز جي اڏام تي پابندي وڌي وڃي ٿي پر دنيا جا ڪيترائي ملڪ آهن، جن ۾ تائيوان به هڪ آهي، جتي اهو Option جهاز جي پائلٽ کي مليل آهي ته خراب موسم ۾ جيڪر هو ست ساهي سگهي ٿو ته ڀلي نڪري پر جي نه ته ترسي پوي جيسين موسم بهتر محسوس ڪري (جنهن ڳالهه لاءِ هن کي آفيس طرفان نه داد نه دڙڪو ڏنو ويندو) پر اڄڪلهه ڪمرشل اڏامن جو پاڻ ۾ مقابلو هجڻ ڪري، پئسينجرن جو شيڊيول خراب ٿيڻ ڪري ۽ هوائي اڏي تي ٽريفڪ جئم ۽ delay جي ڊپ کان ۽ ڪجهه ڪجهه پائلٽن جي پنهنجي پڪي اعتماد ڪري هنن ههڙي موسم ۽ visibility ۾ تائيوان جو هوائي اڏو ڇڏي لاس اينجلس، وقت تي پهچڻ لاءِ، مقرر ڊپارچر ٽائيم تي نڪرڻ ۾ وڌيڪ بهتري سمجهي.Visibility لاءِ چيو وڃي ٿو ته 500 ميٽر به ڪا مس هئي، يعني سامهون اڌ ميل جي فاصلي تي ٻرندڙ بلب به نظر نٿي آيو.
    تائيپي جي هن ”چيانگ ڪائي شيڪ“ ايئر پورٽ تي جهازن جي اڏامڻ Take off لاءِ ٻه رن وي آهن، جن تان اسپيڊ ۾ جهاز ڊوڙي مٿي چڙهي ٿو. هي ٻئي رستا Run ways هڪ ٻئي جي ڀرسان Parallel آهن، يعني ٻئي اتر-ڏکڻ وهن ٿا. بهرحال اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي، ڪيترن ئي ايئرپورٽن جا رن وي Parallel ٺهيل آهن. هتي منجهائيندڙ ڳالهه البت اها آهي ته هنن رستن runways جا نالا هڪ جهڙا لڳن ٿا، جيئن ته هڪ O5L آهي ۽ ٻئي جو نالو O5R آهي. ڪنٽرول ٽاور وارن جو چوڻ آهي ته هنن پائلٽ کي O5L واري رن وي تان ٽيڪ آف ڪرڻ لاءِ چيو. پوءِ ٿي سگهي ٿو پائلٽ صحيح نه سمجهيو هجي يا اڻ چٽي روشني ۾ هن جي نظر جيئن ئي O5R لکيل بورڊ تي پيئي ته هن ان کي ئي صحيح رستو سمجهي، ان تي ڌوڪي ويو، جيڪو ميل ڏيڍ اڳيان مرمت هيٺ هو ۽ جنهن کي ٺاهڻ لاءِ هيوي گاڏيون، ٽرڪون، ٽراليون ۽ ڪرينون بيٺيون هيون. پائلٽ ٽيڪ آف ڪرڻ لاءِ جيئن ئي جهاز کي تيز رفتار ۾ ڪاهيو، ڪرينن سان لڳي ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ سچي جهاز کي باهين جا مچ وڪوڙي ويا. ظاهر آهي لهڻ وقت کڻي تيل Fuel گهٽ به هجي پر هن وقت ته جهاز روانو ٿي رهيو هو سو به هڪ وڏي سفر تي، دنيا جي ٻي ڪنڊ ڏي. سو تيل سان جهاز جون ٽئنڪون ٽٻ هيون. هن حادثي ۾ 70 مسافر ۽ چار عملي جا ماڻهو سڙي ويا، اهڙا 80 کن زخمي ٿيا. جهاز ائين ٽٽو جيئن ڪو بم ڦاٽي ۽ ٽٽڻ بعد کيس باهه وڪوڙي ويئي. هاءِ آڪٽين پئٽرول جي اهڙي باهه جيڪا سخت مينهن ۾ به ڪا دير ڄڀين سان ٻرندي رهي.
    تائيوان جي تائيپي ايئر پورٽ CKS (چيانگ ڪائي شيڪ ايئر پورٽ) تي سنگاپور جي SQ006 اڏام جي هن جمبو جيٽ جي حادثي بعد اخبارن، رسالن ۽ انٽر نيٽ تي عام ماڻهن توڙي Aviation(هوائي جهازن جي دنيا) سان واسطو رکندڙن جو وڏي عرصي تائين بحث مباحثو هلندو رهيو. ڪنهن ٿي سوچيو ته سنگاپور ايئر لائينس جهڙي هوائي ڪمپني جيڪا هيستائين ايشيا جي نه پر دنيا جي باحفاظت Safest ڪمپني سڏي وئي ٿي، جيڪا ڪمائيءَ جي لحاظ کان، مسافرن سان ڀريل اڏامن کان، وقت جي پابندي کان ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه سلامتيءَ جي خيال کان ٽاپ جي ڪمپني هئي، ان جا تجربيڪار پائلٽ جن جي اڏام جو مدو يارهن هزار ڪلاڪن کان به مٿي ٿي ٿيو، جيڪي ڏهه دفعا هن ايئر پورٽ تي پنهنجا جهاز لاهي ۽ چاڙهي چڪا هئا، اهي اهڙيون غلطيون ڪري وهندا، جيڪي آسانيءَ سان avoid به ٿي سگهيون ٿي. ڪٿي ائين ته نه آهي ته غرور انسان کي پٽ تي ڪيرائي ٿو! هو ڇا چوندا آهن ته ”تڪبر ڪنڌ ڀر“ Titanic (ٽائٽئنڪ) پاڻي واري جهاز سان به اهوئي ته حشر ٿيو هو. وڏي خرچ سان جڏهن ٽائٽئنڪ جهاز ٺهي راس ٿيو هو ته ان جي ٺاهيندڙ انجنيئرن وڏي واڪ اهو Claim ڪيوهو ته Cork Can sink Titatic Cannot يعني بوتل جو ٻوڄ (جيڪو Cork جهڙي هلڪي ترين ڪاٺ مان ٺهي ٿو ۽ ڪيڏو به زور لڳائڻ تي پاڻي اندر نٿو وڃي ۽ پاڻيءَ مٿان ترندو رهي ٿو) اهو ٻڏي سگهي ٿو پر ٽائٽئنڪ هرگز نه. ۽ واقعي هنن جي ڳالهه ته صحيح هئي. قدرت سڀ کان پهرين هنن جي دماغ ۾ اها idea وڌي ۽ هنن مالڪن کان وڏو خرچ ڪرائي هن جهاز ۾ Ballast ٽانڪيون ٺاهيون جيئن امير ترين ماڻهن لاءِ جن سهڻن جهازن ۾ دنيا جو سير به ڪرڻ چاهيو ٿي ساڳي وقت جهاز ٻڏڻ ۽ مرڻ جو خوف به پنهنجي دماغ ۾ سوار ڪرڻ نٿي چاهيو، پر سڪون سفر ٿي سگهي. دنيا جو هي پهريون جهاز ٺهيو هو، جنهن کي واقعي جي اونڌو ڪري سمنڊ ۾ ٽٻي ڏيارجي ته به ٻاهر نڪري اچي. گولي يا توب جو گولو ته ڇا بم هڻجي ته به جهاز جي ان هنڌ تي سوراخ ٿي پوندو ۽ اهو حصو سمنڊ جي پاڻيءَ سان ضرور ڀرجي ويندو پر جهاز هرگز نه ٻڏندو. ان کان علاوه هر جهاز وانگر هن جهاز تي مسافرن مطابق ٻيڙيون Life Boats پڻ موجود هيون، جن ۾ چڙهي هر مسافر پنهنجي جان بچائي سگهيو ٿي ۽ بقول سنڌي شاعر ۽ سوجهرو رسالي جي ايڊيٽر، تاج بلوچ جي، موت کي آڱوٺو ڏيکاري سگهيو ٿي پر هو ڇا چوندا آهن ته رٿون سڀ رهن، اڻ رٿون آڏو اچن، سمنڊ ۾ ترندڙ برف جي ڇپ، ٽائيٽئنڪ جهاز جي پاسي کي اهڙو ته رهڙي ويئي جو لوهي جهاز جو سڄو پاسو نڪري ويو ۽ جهاز يڪدم ٻڏي ويو. مسافرن کي ٻيڙين ۾ چڙهي جان بچائڻ جو به وقت نه مليو ۽ جن کي مليو انهن کي اها خبر نه پئجي سگهي ته ٻيڙيون آهن ڪٿي؟ ڇو جو جهاز ۾ چڙهڻ وقت هر هڪ ايڏو حد کان وڌيڪ پر اعتماد هو ته جهاز نه ٻڏندو؟ جو هنن اهو به نه ڪيو ته ٻيڙيون کڻي ڏسجن.
    اهڙي طرح، سنگاپور ايئر لائينس جي ايم ڊي (چيئرمئن) مسٽر چيانگ جيڪو ائڪٽر به رهي چڪو آهي، سابق پروفيسر آف مئٿيمئٽڪس ۽ 1984ع کان سنگارپور جي هن ايئر لائين جو ايم ڊي آهي، نيوزيلينڊ ۾ تقرير ڪندي چيو ته اسان جي ڪمپني ڪمائي توڙي سلامتيءَ ۾ هميشه اڳيان اڳيان رهندي. پورن چئن ڏينهن بعد، ٽانءَ ڀريو سومبر چيانگ 82 مسافرن جي فيملين کان معافي وٺندو نظر آيو. هي مسافر سنگاپور ايئر لائينس جي بدنصيب اڏام SQ006 جا هئا، جيڪي اجل جو شڪار ٿي ويا. ”منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪا اهڙي قباحت ناهي جو اسان حقيقتن کي لڪايون“. چيانگ چيو ”اهي اسان جا ئي پائلٽ هئا. اهو اسان جو ئي جهاز هو. هن کي ان رن وي تي نه وڃڻ کتو ٿي. هن حادثي جي جوابداري اسان پنهنجي سر تي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“
    سنگاپور جي هوائي ڪمپنيءَ پهرين اهو مڃڻ کان گريز ڪئي ته هنن جو جهاز غلط رن وي تي هليو ويو هو پر پوءِ جيئن ئي تائيوان وارن ان ڳالهه جا ثبوت پيش ڪيا ته سنگاپور ڪمپنيءَ جي چيئرمئن مسٽر چيانگ پنهنجي جهاز جي پائلٽ جي غلطي قبول ڪئي ته هو واقعي ان رستي ڏي هليو ويو هو، جتي موت هنن جي اوسيئڙي ۾ هو. ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ هاڻ سينيئر وزير لي ڪئان يو قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جو جهنڊو بلند ڪرڻ واري هوائي ڪمپني SIA جي جهاز جي حادثي مان سبق حاصل ڪرڻ کپي. هن وڌيڪ چيو ته :
    “We can be demoralized or we can, let over come, let’s press on, make sure it doesn’t happen again.”
    سنگاپور ايئر ڪمپني انهي وقت هر مسافر کي پنهنجي طرفان 25000 ڊالر ڏنا ۽ ان بعد وفات ڪري ويل هر هڪ مسافر جي وارثن کي چار لک ڊالر Compensation طور ڏنا. جيتوڻيڪ بين الاقوامي قانون مطابق جيڪو Warsaw Convention ۾ فيصلو ڪيو ويو هو، هر مسافر جي وارثن کي فقط 75000 ڊالر ڏيڻا هئا. ان کان علاوه زخمي مسافرن جي علاج ۽ اسپتالن ۾ رهڻ جو سڄو خرچ سنگاپور جي قومي هوائي ڪمپنيءَ ڀري ڏنو. جيتوڻيڪ مسٽر چيانگ اهو به چيو ته هن حادثي ۾ ٻيون ڳالهيون Factors به شامل ٿي سگهن ٿا. ”ڀلا اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ههڙا قابل ۽ تجريبڪار پائلٽ اهڙي معمولي غلطي ڪري ويهن جيڪا هڪ نئون ۽ سيکڙاٽ پائلٽ به نٿو ڪري.“
    بهرحال ڪنهنجو به ڏوهه هجي، ان پويان ڇا به ڳجها هٿ يا ڳالهيون هجن، جن جا ننگ هن حادثي ۾ هميشه لاءِ هن جهان مان هليا ويا، انهن لاءِ ته ڄڻ قيامت ٿي ۽ هي ڏک ۽ صدمو وڏي عرصي تائين هنن جي دلين تي کاٽ هڻندو رهندو.
    اسان جي ڳوٺ هالا جي ڊاڪٽر محمد (گلاب) ۽ سکر جي ڊاڪٽرياڻي شفيعت جماڻيءَ جي سهڻي پٽ افواد جو لاش کڻڻ لاءِ آلين اکين سان سندس مامي جو پٽ ڊئوڊ تائيوان آيو. لاس اينجلس (آمريڪا) جتي افواد ميمڻ ۽ سندس فيملي رهي ٿي، اتي سندس مامي ضمير جماڻي جو پٽ ڊئوڊ پڻ رهيو ٿي. هو لاس اينجلس کان تائيپي (تائيوان) پهتو ۽ افواد جي لاش کي پاڪستان آڻڻ بدران واپس لاس اينجلس ڪفن دفن لاءِ کڻي آيو، جتي مرحوم جي گهر واري ۽ ٻه ٻار رهن ٿا ۽ پيءُ وانگر هو به آمريڪن سٽيزن آهن.


    واشنگٽن ڇڏيندي ڇڏيندي

    واشنگٽن (آمريڪا جي گادي واري شهر) ۾ منهنجو ٽي چار دفعا (هر ڀيري هفتو يا ڏهه ڏينهن کن) منور جي فلئٽ ۾ رهڻ ٿيو پر ساڻس ملاقات هفتي ۾ ڪو هڪ ڏينهن مس ٿي ٿي سو به صبح جي وقت نيرن تي. هن جو گهڻو وقت آفيس ۾ يا وائيٽ هائوس اڳيان مظاهرن ۾ يا ڪئپيٽل بلڊنگ ۾ ڪانگريس مين ۽ سينيٽرن سان ملندي ٿيو ٿي يا وري يڪو هفي ٻن لاءِ ڪئناڊا گم هوندو هو. جتي سندس انسٽيٽيوٽ جي برانچ آفيس کلي آهي. منور هر دفعي معافين جا ڍڳ وٺندو هو ته هو مون کي ڪيڏانهن نه گهمائڻ وٺي ويو آهي ۽ نه وري مون کي انٽرويو ڏيڻ لاءِ وقت ڪڍي سگهيو آهي. پر سچ اهو آهي ته منور جو ڪمرو منهنجي لکڻ پڙهڻ لاءِ ideal هو جتي جهاز جي ڪئبن وانگر مون کي ڪنهن به ڊسٽرب نٿي ڪيو ۽ آمريڪا جي سفرنامي جو وڏو حصو اتي لکي ورتم.
    آخري دفعو واشنگٽن آيس ته هڪ ڏينهن صبح ساڻ منور مون کي گهمائڻ لاءِ وٺي هلڻ جو اعلان ڪيو. ”سائين معاف ڪجو. توهان به ڇا سوچيندا ته آئون توهان کي هڪ ڏينهن به واشنگٽن کان ٻاهر وٺي نه هليو آهيان.“
    ”اها توهان جي مهرباني آهي جو مونکي آزاد ڇڏيو اَٿوَ ۽ هيڏانهن هوڏانهن رلايو نٿا.“ مون کلندي چيومانس.
    ”تڏهن به توهان کي بالٽيمور يا فلڊلفيا گهمائي اچان.“ منور چيو.
    ”توهان تڪلف نه ڪريو ۽ پنهنجي ڪم سان رهو. مون لاءِ گهمڻ کان وڌيڪ لکڻ آهي جنهن لاءِ هتي سڪون وارو ماحول آهي.“
    ”نه. اڄ توهان کي هر صوت ۾ گهمائڻ وٺي ٿو هلان. آفيس مان به موڪل ڪئي اٿم. ڪئناڊا کان حميرا رحمان آيل آهي. ان کي به سڏايو اٿم. اجهو ته آئي. گهڻو پري نٿا هلون هتي ڀرواري رياست ورجينيا ۾ هلون ٿا.“ منور چيو ۽ آئون ڪجهه جواب ڏيان ان کان اڳ هن پڇيوِ: ”توهان ڪڏهن غارون ڏٺيون آهن؟“
    ”ها يار.“ مون وراڻيومانس، ”ملائشيا ۾ ته جيڪو به مهمان ايندو هو ان کي اتي جي باتو غار ۾ وٺي ويندو هوس. جپان ۾ فڪوشيمان جون ابوڪومان غارون، انگلنڊ جون ووڪي هول غارون. . . . هر غار ۾ مون کي ٻه شيون نظر آين. هڪ آمريڪن ۽ ٻيو چمڙا ۽ انهن جون پولڙيون ۽ مُٽ جي ڌپ!“
    ”پر هي جيڪي غارون ڏيکارڻ لاءِ هلان ٿو انهن ۾ آمريڪن ته جام نظر ايندا پر نه چمڙا هوندا ۽ نه انهن جي ڌپ.“ منور چيو.
    ”بهرحال ڊرائيونگ دوران توسان ۽ حميرا سان به خبر چار ٿي ويندي هتي تنهنجي فلئٽ ۾ رهندي به تنهنجو نه منهن ٿو ڏسجي نه خبر چار ٿي ٿئي.“ مون چيومانس.
    ايتري ۾ حميرا در جو بيل وڄايو ۽ اسان پنهنجا سفري ٿيلها کڻي ٻاهر نڪتاسين. هونءَ ته هي غارون ڏسڻ لاءِ آئون ڪنجهندو ۽ ڪرڪندو نڪتس ته اونداهيون ۽ چمڙن جي بدبوءِ واريون غارون ڏسي بور هڪ طرف ٿبو ته وقت ۽ پيٽرول جو زيان ٻئي طرف ٿيندو پر اتي پهچي خبر پئي ته منور اسان کي هڪ عام غارون نه پر دنيا جون قديمي ۽ بيحد مشهور Luray غارون ڏيکارڻ آيو آهي جن کي ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو آمريڪا جي هن رياست ورجينيا ۾ هلي اچن ٿا. مون به هنن غارن بابت ڳالهيون ۽ تصويرون اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ پنهنجي والد صاحب گل محمد شيخ کان ٻڌيون ۽ ڏٺيون جڏهن هو 1955ع ڌاري ائگريڪلچر سائنس ۾ آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ بعد واشنگٽن، ورجينيا ۽ ٽيڪساز ۾ ڪجهه عرصو رهي وطن وريا هئا ۽ آئون پنجين ڪلاس ۾ هوس. مون کي اڄ به ياد آهي ته آئون ڪيڏي غور ۽ حيرت مان پنهنجي پيءُ جي واتان هنن زمين دوز (Under ground) غارن جي قدرتي ٿنڀن stalactites ۽ Stalagmites جي ٺهڻ (formation) بابت ٻڌندو هوس. اڳتي هلي نه فقط مئٽرڪ ۾ آپشنل سبجيڪٽ جاگرافي کنيم پر مئرين اڪيڊمي ۾ پڻ جاگرافي منهنجو دلپسند سبجيڪٽ رهيو. ان دوران هڪ دفعي نئشنل جاگرافڪ مئگزين ۾ پڻ هنن غارن Luray Cavern تي ڪيترن ئي رنگين تصويرن سميت مضمون ڇپيو هو.
    ان ڏينهن اسين صبح ساڻ منور جي واشنگٽن جي ڏکڻ اولهه SW جي ستين گهٽي واري فليٽ مان L’Enfant Plaza وٽان نڪتاسين. سفر جي سلامتي جي دعا بعد اها به دعا گهريسين ته هيءَ گريس پيرڊ ۾ هلندڙ منور جي جهوني جڳ جي ڪار جنهن جي انجڻ جي آواز مان لڳندو آهي ته آخري پساهن ۾ آهي ۽ باقي سندس ڍانچي_ چيسز، مڊگارڊ، بمپر، دروازن ۽ ٻين عضون جي ڪنجهڪي مان ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ شاهه جي شعر جي سٽ ”جانب منهنجي جيءَ کي آزار جا انواع“ پئي ورجائي، اسان کي اڳتي وٺي ته وڃي پئي پر شل اهڙي ئي سلامتيءَ سان واپس به پهچائي. انجنير يعني انجڻين جي واقفيت هجڻ ناتي اهو وڏو ذهني عذاب رهي ٿو ۽ جتي عام ماڻهو ڀڳل ۽ گئرنٽي ختم ڪارن ۽ بسين ۾ به سڪون سان سفر ڪري وڃن ٿا اتي مشينن جي سرسراهٽ ۽ اڻ پسند آوازن جي ڄاڻو مستري، مڪينڪ توڙي انجنيئر کي اهو سفر موت جي گولي جو سفر لڳي ٿو. ۽ اهڙي ڪار ۾ ويهي اسان کي منور اڃان به وڌيڪ ڊيڄاري ڇڏيو جڏهن هن اعلان ڪيو ته هو نه فقط اسانکي لوري غارون ڏيکاريندو پر شينندوح (Shenandoah) نئشنل پارڪ به وٺي هلندو جيڪو سطح سمنڊ کان خبر ناهي ڪيترا هزار فوٽ مٿي آهي. مون ٽيڏي اک سان حميرا ڏي ڏٺو، جنهن جي چهري تي پڻ منور جي ان ٽارزن ٽائيپ جملي ٻڌڻ بعد ٽينشن جون ريکائون اڀري آيون. آئون چپ ٿي ويس ۽ خاطري سمجهيم ته منور جيڪڏهن ان قسم جو هرڪيولس واري ڪم جي شروعات ڪئي ته مون کان اڳ حميرا هن کي ان کي منع ڪندي ۽ کيس خودڪشي ڪرڻ جو ڪو ٻيو سولو طريقو ٻڌائيندي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسان مسافرن ۽ عزت ماب مهمانن کي سر جو سانگو لاهڻو نه پوي. مون انهن ڳالهين تان ڌيان هٽائڻ خاطر دريءَ مان واشنگٽن جون عمارتون ۽ رستا ڏسڻ سان گڏ انهن جا نالا به لکڻ لڳس:
    _ جيفر سن ميموريل
    _ هولوڪاسٽ ميوزيم
    _ آمريڪا جو ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ
    _ ڪانسٽيٽيوشنل ايونيو
    _ پينسلوانيا ايوينيو
    _ هوٽل ولرڊ (حميرا ٻڌايو ته هن هوٽل جي لابيءَ مان لفظ Lobbyst جڙيو آهي.)
    _ هوٽل واشنگٽن. . .
    ٻه لفظ جيفرسن ميموريل تي لکڻ بي محل نه ٿيندو. واشنگٽن جي جيفرسن ميموريل عمارت آمريڪا جي ٽئين صدر ٿامس جيفرسن جي نالي منسوب ٿيل آهي. هيءَ عمارت واشنگٽن وٽان لنگهندڙ پوٽومئڪ نديءَ جي ڪناري تي اولهه پوٽو مئڪ پارڪ ۾ ٺهيل آهي. 1930ع تائين واشنگٽن ۾ فقط ٻن آمريڪي صدرن ابراهام لنڪن ۽ جارج واشنگٽن جا يادگار ٺهيل هئا. پوءِ ان وقت جي صدر فرئنڪلن روزويلٽ سوچيو ته هڪ ٻيو يادگار ٿامس جيفرسن نالي به هجڻ کپي سو 1934ع ۾ ڪانگريس مان ان جي منظوري حاصل ڪيائين ۽ 13 اپريل 1943ع تي جيفرسن جي 200 يوم پيدائش جي موقعي تي عوام لاءِ کوليو ويو. هيءَ يادگار عمارت جنهن پارڪ ۾ ٺهيل آهي اهو جپان جي ”چيري“ وڻن کان به مشهور آهي. جيڪي 1912ع ۾ پوکيا ويا هئا، جيڪي جپان جي بادشاهه آمريڪا جي عوام کي تحفي طور موڪليا هئا.
    يورپ جي يهودين سان جيڪي 1933ع کان (جڏهن جرمني جي نازي پارٽي جو ليڊر اڊولف هٽلر حڪومت ۾ آيو) اسرائيل جي کلڻ تائين، ظلم ٿيا انهن جي ڀوائتي يادگيرين لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ Holocaust ميوزيم ٺهيل آهن جيئن ته هالينڊ جي شهر ائمسٽرڊام ۾ ”دي ائني فرئنڪ هائوس“، برلن جرمني ۾ “The Memorial to the Murdered Jews of Europe” بيلجم ۾ ”دي جيوز ميوزيم آف ڊپورٽينشن“، وغيره. اهڙِي طرح واشنگٽن شهر ۾ نئشنل مال وٽ 14 ۽ 15 گهٽي SW جي وچ ۾ ”هولوڪاسٽ ميموريل ميوزيم“ آهي.
    اسلام آباد جي Constitution ايوينيو وانگر آمريڪا جي هن گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي جو ساڳي نالي وارو ايوينيو پڻ اهم روڊ آهي جيڪو U.S. Capital واري عمارت جي اتر ۾ اوڀر کان اولهه طرف وهي ٿو. هن روڊ تي هفتي جا سمورا ڏينهن گهڻي ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان رهي ٿي. قومي ڏينهن تي هن روڊ تي پريڊ ٿئي ٿي.
    منور ٻڌايو ته واشنگٽن جي هن روڊ يعني ڪانسٽيٽيوشن ايونيو جو اصل نالو ”نارٿ B اسٽريٽ“ هو. ڪيترن اهم ماڻهن جا جنازا پڻ هن روڊ تان کنيا ويندا آهن. آمريڪا جي صدر رونالڊ ريگن جو جنازو پڻ دفن ڪرڻ کان اڳ هن روڊ تان جلوس جي صورت ۾ گذريو هو. توهان واشنگٽن ۾ گهمڻ جي لاءِ آيا آهيو ته اکيون پوري هن روڊ Constitution Avenue تي هليا اچو. توهان کي گهمڻ ڦرڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون ملنديون. جن مان ڪجهه هن ريت آهن: نئشنل گئلري آف آرٽس، ويٽنام Veterans ميموريل، ڪيترائي سمٿسونين ميوزيم، لنڪن ميموريل، نئشنل اڪيڊمي آف سائنس، ڪانسٽيٽيوشن گارڊنس وغيره وغيره. مزي جي ڳالهه اها آهي ته واشنگٽن جا ڪيترائي ميوزيم، پارڪ، ميموريل، آرٽ گئلريون عوام لاءِ مفت آهن يعني ڪابه ٽڪيٽ ناهي ۽ توهان فوٽا به ڪڍي سگهو ٿا.
    Constitution ايوينيو وانگر واشنگٽن جو پينسلوانيا ايوينيو پڻ هڪ اهم روڊ آهي جيڪو وائيٽ هائوس ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڪئپيٽال کي ملائي ٿو. وائيٽ هائوس آمريڪا جي صدر جو 1800 کان سرڪاري رهائش گاهه آهي. آمريڪا جو هر صدر هن گهر ۾ رهي ٿو. يونائيٽيڊ اسٽيٽس ڪئپيٽال يا فقط The Capitol واشنگٽن جي اها عمارت آهي جتي آمريڪا جي چونڊيل نمائندن (ڪانگريس مين) ۽ سينيٽرن جي گڏجاڻي جا هال آهن هن عمارت جو سنگ بنياد 1793ع ۾ رکيو ويو هو. ياد رهي ته برطانيا وارن جڏهن آمريڪن سان 1812ع ۾ جنگ جوٽي هئي ته ان ۾ برطانيا وارن هن عمارت کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو هو.
    Pennsylvania ايونيو کي آمريڪا جي Main Street به سڏجي ٿو ۽ اهم ڏينهن تي هن روڊ تان پڻ جلسا جلوس ۽ پريڊون گذرن ٿيون. ٽرئفڪ جي لحاظ کان پڻ هي رستو اهم آهي. جتان ڪيتريون ئي بسون ۽ ريل گاڏيون لنگهن ٿيون. هي رستو ست ميل کن ڊگهو ٿيندو ۽ واشنگٽن کان اڳتي مئري لئنڊ رياست ۾ به هليو وڃي ۽ هاءِ وي Maryland Route 4 ٿيو وڃي. پينسلوانيا ايونيو واشنگٽن جي شروع وارن چند رستن مان هڪ آهي. 1862 کان 1962ع تائين هن روڊ تي ٽرامون هلنديون هيون جيئن ڪراچيءَ ۾ 1960ع تائين سعيد منزل کان بولٽن مارڪيٽ تائين ٽرامون هلنديون هيون. اهي ٽرامون بعد ۾ جيتوڻيڪ انجڻ تي هلڻ لڳيون پر ان کان اڳ انهن کي گهوڙا ڇڪيندا هئا.
    1995ع ۾ جڏهن اوڪلاهوما سٽي بمبارمينٽ ٿي هئي ته هن رستي جو ڪجهه حصو جيڪو وائيٽ هائوس اڳيان لنگهي ٿو ان تان سوارين جو گذر بند ڪيو ويو هو. بهرحال پيدل ۽ سائيڪل سوار لنگهي سگهيا ٿي. يارهين سيپٽمبر 2001ع کان پوءِ ته اهو ٽڪرو هميشھ لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ ٽرئفڪ کي H اسٽريٽ ۽ ڪانسٽيٽيوشن ايونيو ڏي موڙيو وڃي ٿو.
    مٿئين پينسلوانيا ايوينيو تي جيڪا ميٽرو سينٽر اسٽيشن آهي ان کان ٻه ڪلاڪ اڳتي هتي جي تاريخي ۽ آرامده هوٽل ولرڊ انٽرڪانٽيننٽل هوٽل آهي. بس سمجهو ته وائيٽ هائوس ۽ نئشنل مال کان برابر جي فاصلي تي آهي. هيءَ هوٽل هينري ولرڊ 1850ع ۾ ٺهرائي جنهن جو پهرين فقط ولرڊ هوٽل Willard Hotel نالو هو. بعد ۾ مالڪن هن هوٽل جا شيئر 1946ع ۾ وڪيا ۽ صحيح انتظام نه رکڻ ڪري 1968ع ۾ بند ڪئي وئي ۽ ويهن سالن بعد ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل نون ڀائيوارن جي انتظام هيٺ هيءَ هوٽل وري شروع ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ هن جي نالي سان گڏ انٽرڪانٽيننٽل به ڳنڍيو ويو آهي. هن هوٽل ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون رهيون. جپان جا آمريڪا ڏي ايندڙ پهريان ٽي سفير پنهنجن ستر کن ساٿين سان گڏ هن هوٽل ۾ رهيا هئا ۽ هنن جو اهو چوڻ هو ته هن هوٽل جا ڪمرا آمريڪا جي اسٽيٽ سيڪريٽري جي گهر کان به وڌيڪ سهڻا ۽ آرام وارا آهن. اها 1860ع جي ڳالهه آهي. جڏهن جپان کان پهريون دفعو سرڪاري عملدار آمريڪا ۾ آيا هئا. هو انهن ڏانهن ۾ پنهنجي قومي لباس مطابق پاڻ سان سکن وانگر خنجر کڻي هلندا هئا. هنن کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي آمريڪن شام جي وقت هن هوٽل اڳيان اچي بيهندا هئا.
    واشنگٽن جي هن پراڻي هوٽل Willard لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ۾ آمريڪا جو هر هڪ صدر رهيو آهي يا گهٽ ۾ گهٽ ڪا ڪانفرنس اٽينڊ ڪئي آهي. ان ڪري هن هوٽل کي “The residence of Presidents” به سڏجي ٿو. هن هوٽل جي 16 کن فنڪشن هالن کان علاوه ”رائونڊ رابن بار“ ۽ لابي تمام مشهور رهي آهي. حميرا رحمان وانگر ڪيترن ئي جو چوڻ آهي ته انگريزي جو لفظ Lobbying هن هوٽل جي لابيءَ مان جڙيو آهي جتي ملڪ جا هوشيار ماڻهو پنهنجا ڪم منظور ڪرائڻ ۽ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ان وقت جي صدر يوليسز گرانٽ سان هن هوٽل جي لابيءَ ۾ اچي ملندا هئا. بهرحال ان ۾ ڪا گهڻي سچائي نظر نٿي اچي. ٿي سگهي ٿو اهو لفظ هن هوٽل بعد مشهور ٿيو هجي پر انگريزي زبان جو فعل To lobby هن هوٽل ٺهڻ کان اڳ جي ڪتابن ۾ نظر اچي ٿو.
    مارٽن لٿر جي مشهور تقرير I have a Dream هن ولرڊ هوٽل جي ڪمري ۾ رهڻ دوران 1963ع ۾ لکي. هن هوٽل ۾ مارڪ ٽوئن، چارلس ڊڪنس، والٽ وٽمن، ايملي ڊڪنس، جنرل ٽام ٿمب، سئموئل مورس، هئري هودني ۽ ڊيوڪ آف ونڊسر جهڙا ماڻهو به رهي ويا آهن.


    حميرا ۽ منور سان شهر جا چڪر

    منور ٻڌايو ته اسين ٻن ڪلاڪن اندر Luray غارن وٽ پهچي وينداسين. اسان سان گڏ غارون ڏسڻ لاءِ هلندڙ حميرا شايد اعتراض ۾ ڪجهه چوڻ واري هئي پر ان کان اڳ منور پنهنجي جملي ۾ واڌارو ڪيو: ”يعني منهنجي ڪار ۾ هونءَ ته ڪلاڪ سوا ۾ به پهچي سگهجي ٿو.“
    ”اها ڳالهه ڪر.“ حميرا چيو، ”آئون ته هميشھ واشنگٽن کان نڪرندي آهيان ته سوا ڪلاڪ ۾ پهچي ويندي آهيان.“
    ”پوءِ ته توهان اجايو منهنجي ڪري پيا هلو.“ مون چيومان.
    ”نه اها ڳالهه ناهي“، منور ۽ حميرا ٻنهي خاطري ڏني، ”غارون ڏسڻ ته هڪ بهانو آهي. بس هڪ آئوٽنگ ۽ ڪچهري به ٿي ويندي.“
    ”ها اها ڳالهه آهي“، مون وراڻيومان، ”گهر ۽ آفيس ۾ ته هر هڪ ايڏو بزي ٿيو وڃي جو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ جي فرصت نٿي ملي. منهنجي خوش نصيبي آهي جو اڄ واشنگٽن ۽ ورجينيا جي رستن تي توهان جهڙن intellectuals سان سفر ڪري رهيو آهيان.
    حميرا رحمان پروفيشن جي لحاظ کان آرڪيٽيڪٽ آهي هوءَ ڪجهه سالن کان ڪئناڊا ۾ رهي ٿي ۽ آمريڪا ۾ منور لغاري جي قائم ڪيل ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ جي ڪئناڊا جي برانچ جي سرپرست آهي. حميرا جو سنڌ جي بيحد پڙهيل ڳڙهيل فئملي سان تعلق آهي. حميرا لاءِ پنهنجي آمريڪا جي پهرين سفرنامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته هوءَ حسن علي عبدالرحمان جي ڌيءَ ۽ نجما رحمان ۽ غزالا رحمان جي ڀيڻ آهي. پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبر شيري رحمان پڻ سندن ڀيڻ آهي، پر ٻي ماءُ صبيحا مان آهي. صبيحا جو اصل ڳوٺ ڪانپور هو جتان هوءَ هندستان جي ورهاڱي وقت 1947ع ۾ ڪراچي لڏي آئي هئي. صبيحا جو ڀاءُ حميرا جي پيءُ حسن علي عبدالرحمان وٽ ليگل اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيو. صبيحا ايس ايم لا ڪاليج ۾ شام وارن ڪلاسن ۾ داخلا ورتي هئي. جتي حسن علي عبدالرحمان صاحب پرنسپال هو ۽ ساڳي وقت آئيني قانون جو پروفيسر پڻ هو. حميرا جي ماءُ يعني حسن علي عبدالرحمان جي ٻي زال جو نالو صغرا شيخ هو. صغرا ڀاونداس آڏواڻيءَ جي ڌيءَ هئي جيڪو مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو غلام محممد شيخ رکيائين. حميرا جي ناني ذواليخا مسلمان پيدا ٿي، پر هن جا وڏا جيڪي مسلمان ٿيا هئا اهي ڪرپلاڻي هئا. حميرا جي ناني، ڀاونداس آڏواڻي (غلام محمد شيخ) جي والده ۽ ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جي زال غلام فاطمه ڀيڻون ٿين جنهن جو ذڪر غلام فاطمه پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ”شيخياڻيءَ جي ڊائري“ ۾ پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر شمس الدين جو والد پڻ آڏواڻي هو ۽ سندس نالو گرمکداس هو.
    ڊاڪٽر شمس الدين شيخ کي غلام فاطمه مان ٻه پٽ ۽ پنج ڌيئون ٿيون. پٽن ۾ وڏو ڊاڪٽر ضياءُ الدين شيخ هو جنهن جو هڪ پٽ سراج شيخ اسان جو پيٽارو ۾ ڪلاس ميٽ هو ۽ هاڻ سئي گئس کاتي مان رٽائرڊ ٿيو آهي. ٻيو پٽ نجم شيخ فارين سيڪريٽري آهي ۽ هتي واشنگٽن ۾ پاڪستان جو سفير به رهي چڪوآهي. سندس ٻيا ٻار ڊاڪٽر عذرا، ڊاڪٽر نظام، ڊاڪٽر اعجاز وغيره آهن.
    ڊاڪٽر شمس جو ٻيو پٽ سعيد شيخ هو. ڌيئن ۾ هڪ مريم هئي، جنهن جي شادي عبدالله آخوند سان ٿي، جنهن جو اولاد اقبال آخوند، ڊاڪٽر فيروز آخوند، رشيده، حميده ۽ خورشيد جن آهن. ٻي ڌيءَ عائشه شيخ، ٽين ڌيءَ بيگم خديجه دائود پوٽو، چوٿين آمنا ۽ پنجين خورشيد آهي.
    حميرا رحمان يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا (برڪلي) جي گرئجوئٽ پڻ آهي ۽ اڄ ڪلهه ٽورنٽو جي يارڪ يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئشن پئي ڪري. ساڳي وقت پاڻ آرڪيٽيڪٽ انجنيئر پڻ آهي.
    ڪيترن پڙهندڙن، ويندي منهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي اها خبر نه هجي ته حميرا رحمان (يا پيپلز پارٽي جي شيري رحمان) جي ڏاڏي پڙڏاڏي جو تعلق هالا سان آهي. حميرا جا وڏا جڏهن عراق ڇڏي سعودي عرب مان ٿيندا هيٺ سنڌ ملتان طرف آيا ته حميرا جي پڙڏاڏي شفي محمد هالا جي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري اتي ئي رهائش اختيار ڪئي. کيس ٻه پٽ عبدالجبار ۽ عبدالرحمان ٿيا. عبدالرحمان بئريسٽر ۽ ڪراچيءَ جو ميئر به ٿيو.
    عبدالرحمان کي به ٻه پٽ ٿيا. هڪ طفيل علي جنهن جي شادي ڊاڪٽر ساران (افروز) سان ٿي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ سنڌ جي پهرين گائناڪالاجسٽ هئي. کين ڪو اولاد نه ٿيو پر هن ٻه ڇوڪريون نپايون. هڪ پنهنجي زال ڊاڪٽر ساران جي ڀيڻ زينت جيڪا اسان جي دوست ۽ سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري اقبال زبيديءَ جي زال آهي ۽ ٻي ڊاڪٽر ساران جي ڀاڻيجي نيلوفر نپائي جنهن جي شادي اقبال زبيديءَ جي سوٽ (جميل زبيدي جي ڀاءَ) عابد زبيدي سان ٿي.
    پنهنجي ساڄي پاسي جي دريءَ مان ٻاهر ڏسان ٿو. منور جي ڪار ڍڳو پير پيران ڪندي هڪ سگنل وٽان چُري وري ٻي سگنل وٽ اچي گوڏا کوڙيا آهن. حميرا چيس، ”Luray غارن ۽ Shenandoah پارڪ تائين تون ئي پنهنجي ڪار ڊرائيو ڪري هل باقي واپسي تي آئون هلائينديس جو توکي شارٽ ڪٽن جي خبر نٿي پوي.“
    ”ڏهن سالن کان واشنگٽن ۾ رهان ٿو.“ منور وراڻيس، ”رستن جي خبر ڇونه هوندم پر الطاف کي گهمائڻ بهاني واشنگٽن جا ڦيرا پيو ڪريان. بس هينئر ئي ٻاهر ٿا نڪرون.“
    دريءَ مان نظر ايندڙ عمارتن ۽ رستن جا نالا وري لکان ٿو ته جيئن ڪڏهن اهي نالا ٻڌان ته چئي سگهان ته انهن گهٽين مان لنگهي چڪو آهيان.
    _ هوٽل واشنگٽن پلازه
    _ اولڊ ايبٽ گرل
    _ ووڊ ورڊ بلڊنگ
    _ واٽر گيٽ هوٽل
    حميرا ٻڌايو ته ان هوٽل جو تعلق صدر نڪسن جي مشهور اسڪينڊل سان آهي. واشنگٽن پلازه هوٽل وٽ ٿامس سرڪل نالي چوراهو اچي ٿو، جتي واشنگٽن جي چوڏهين گهٽي، مساچوسيٽ ايوينيو، M اسٽريٽ ۽ Vermont ايوينيو اچيو ٿا ملن. هن رائونڊ ابائوٽ وٽان ڦرندي ٻيون به ڪيتريون ئي هوٽلون نظر آيون. هاليڊي ان هوٽل، بيسٽ ويسٽرن، موريسن ڪلارڪ هوٽل، مئڊيسن هوٽل وغيره وغيره. واشنگٽن آمريڪا جي گاديءَ وارو شهر هجڻ ڪري نه فقط ڌارين ملڪن کان هتي ماڻهو اچن ٿا پر آمريڪا جي ٻين رياستن کان به اچن ٿا. ان ڪري اسلام آباد، دهلي يا کڻي چئجي ته ٽوڪيو ۽ ڪوالالمپور وانگر هتي ڪيتريون ئي هوٽلون آهن. ڪي ڪي ساڳي نالي واريون هڪ کان به وڌيڪ هوٽلون آهن جيئن هاليڊي ان هوٽل نه فقط هتي ٿامس سرڪل ۾ آهي پر جارج ٽائون ۽ روڊي آئلنڊ ايوينيو تي به آهي ان ڪري واشنگٽن، نيويارڪ، لاس اينجلس ويندي ٽوڪيو، لنڊن ۽ پئرس جهڙن وڏن شهرن ۾ ڪنهن جي ائڊريس خاطر فقط ڪنهن هوٽل جو نالو ياد رکڻ ضروري ناهي پر روڊ ۽ ڀرواري گهٽيءَ جو نالو ياد رکجي ۽ واشنگٽن جهڙي شهر ۾ تي گهٽيءَ جي نالي سان گڏ طرف به ته SW ڏکڻ اولهه ۾ آهي يا ڏکڻ اوڀر ۾. اتر اولهه ۾ آهي يا اتر اوڀر ۾. مثال طور ستين گهٽي SW آهي ته NW به. اهڙي طرح L, K يا M نالي گهٽي SW به آهي ته SE به آهي ۽ اهي اکرن واريون گهٽيون ته NW آهن ته NE به آهن. يعني هڪ ئي نالي واريون چار گهٽيون ٿيون.
    اولڊ ايبٽ گرل واشنگٽن جي پنڌرهين گهٽيءَ ۾ ڊپارٽمينٽ آف ٽريزي جي ڀر ۾ آهي جيڪا 1856ع ۾ ٺهي هئي. وائيٽ هائوس جي ويجهو هجڻ ڪري سندس وڏي اهميت آهي. جتي ڪيترائي سياستدان، وڪيل، سيڪريٽري ۽ ڪارخانيدار اچن ٿا. چون ٿا ته آمريڪا جي صدرن: گرانٽ، ڪليولئنڊ، هارڊنگ ۽ ٿيوڊور روزويلٽ جي هيءَ دلپسند هوٽل هئي.
    هن ريسٽورنٽ ڀرسان H اسٽريٽ NW تي ووڊ ورڊ بلڊنگ نظر آئي هئي جيڪا مون مٿي لکي آهي. هيءَ يارهن ماڙ بلڊنگ 1911ع ۾ واشنگٽن جي هڪ واپاري سئموئل ووڊ ورڊ ٺهرائي هئي ۽ کيس تاريخي حيثيت حاصل آهي. هن بلڊنگ ۾ ڪيترن ئي ادارن ۽ ڪمپنين جون آفيسون آهن. جهڙوڪ نئشنل آرگنائيزيشن فار وومين (NOW)، The Hill اخبار جي آفيس جنهن ۾ آمريڪا جي ڪانگريس جون خبرون اچن ٿيون. US –Ukraine فائونڊيشن آفيس، واشنگٽن منٿلي مئگزين آفيس وغيره وغيره.
    سن ٽرسٽ بئنڪس هتي جي پراڻين بئنڪن مان آهي جن 1891ع کان ڪم شروع ڪيو. سڄي آمريڪا ۾ Sun Trust بئنڪن جون ٻه هزار کن برانچون آهن.
    واٽرگيٽ هوٽل ورجينيا ايوينيو تي نظر آئي هئي. هوٽل سان گڏ فلئٽ ۽ آفيسون به آهن جيڪي واٽر گيٽ ڪامپليڪس سڏجن ٿا 1967ع ۾ ٺهيا. هتي ئي واٽرگيٽ اسڪينڊل جنم ورتو جنهن جي آخر آمريڪا جي صدر رچرڊنڪسن جي استعيفا سان ٿي. هن ڪامپليڪس جي اوڀر کان نيو هئمپشائر ايوينيو آهي ۽ ڏکڻ کان F اسٽريٽ وهي ٿي. هن بلڊنگ جي ڀر ۾ ئي ڪينيڊي سينٽر ۽ سعودي عرب جو سفارتخانو آهي. سندس ويجهو واري ميٽرو اسٽيشن Foggy Bottom Gum آهي. واٽرگيٽ هوٽل جا مالڪاڻا حقوق اڄڪلهه جارج واشنگٽن يونيورسٽي وارن وٽ آهن.
    هونءَ آمريڪا جي گاديءَ وارو هي شهر واشنگٽن به نيويارڪ، لنڊن ۽ ٽوڪيو وانگر گهمڻ وٽان آهي. يعني هنن شهرن ۾ ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ وٽان آهن ۽ اهي هڪ ٻئي جي ايڏو ته ويجهو آهن جو هڪ کان ٻي هنڌ تائين ڪنهن ٽئڪسي يا ڪار واري جي ڪاڻ ڪڍڻ بنا ماڻهو پنڌ وڃي سگهي ٿو. وڌ ۾ وڌ هڪ ڊالر يا هڪ سو يين ڏيئي بس ۾ پهچي سگهي ٿو. واشنگٽن جون ڪجهه گهمڻ وٽان جايون لکي رهيو آهيان جيڪي توهان ڪنهن خانگي ٽوئر يا سرڪاري وزٽ تي ٻن يا ٽن ڏينهن لاءِ به آيا آهيو ته ڏسي سگهو ٿا. انهن ۾ وائيٽ هائوس آهي. هتي جي اسيمبلي بلڊنگ The Capitol آهي. ان جي ويجهو لنڪن ميموريل آهي جيڪو آمريڪا جي سورهين صدر ابراهام لنڪن جي ياد ۾ آهي. اها سفيد رنگ جي پٿر جي ڪلاسڪ ڊيزائن جي بلڊنگ آهي. جيڪا يونان جي Parthenon سان ڪافي ملي ٿي. اها 1922ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي.
    ٿورو ئي اڳيان واشنگٽن مانومينٽ آهي جنهن جو منارو 555 فوٽ اتاهون آهي ۽ لنڪن ميموريل ۽ دي ڪئپيٽال جي وچ ۾ آهي. اهو 1884ع ۾ ٺهي راس ٿيو هو. هتي جي سپريم ڪورٽ واري بلڊنگ به ڏسڻ وٽان آهي ۽ ٽوئرسٽ وڏي شوق سان هن اڳيان تصويرون ڪڍائيندي نظر اچن ٿا.
    آمريڪا جيڪا اڻپوري لڙائي ويٽنام ۾ وڙهي ۽ پنهنجا ڪيترائي ماڻهو مارائڻ بعد باقي ماڻهو وٺي واپس ڀڳا ان جي ياد ۾ Veitnam Velenan’s Memorial آهي جنهن جي ڀت تي انهن سپاهين جا نالا اڪريل آهن جيڪي هن جنگ ۾ مارجي ويا. جيفرسن ميموريل ۽ هولوڪاسٽ ميموريل ميوزيم جي ته پاڻ ڳالهه ڪري چڪا آهيون. انهن کان علاوه واشنگٽن ۾ هيٺيون عمارتون پڻ ڏسڻ وٽان آهن.
    _ واشنگٽن نئشنل ڪئٿيڊرل
    _ سمٿسونين ڪئسل
    _ يونين اسٽيٽس
    _ لائبرري آف ڪانگريس، جيڪا 1897ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ منجهس دنيا جي مختلف زبانن جا لکين ڪتاب موجود آهن ۽ مون کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته منهنجا ستر واري ڏهي جا سنڌيءَ ۾ لکيل سمورا سفرنامه نه فقط هن لئبريري ۾ موجود آهن پر انهن جا ڪئٽلاگ نمبر ۽ رجسٽريشن پڻ ٿيل آهي.
    _ لائبريري آف ڪانگريس کان علاوه G اسٽريٽ NW تي مارٽن لٿرڪنگ لائبرري ۽ E ڪئپيٽال اسٽريٽ SE تي شيڪسپيئر لائبرري پڻ آهي جتي توهان دنيا جون اخبارون ۽ رسالا پڙهي سگهو ٿا.
    _ جيڪڏهن توهان جو تعليم سان واسطو آهي ته توهان گهمڻ خاطر جارج ٽائون يونيورسٽي، جارج واشنگٽن يونيورسٽي، هارورڊ يونيورسٽي، Gallandet ڪاليج ۽ يونائيٽيڊ نيشن نيول آبزروئٽري به وڃي سگهو ٿا.


    خوف خيال خطرا، ٽنهي ترڪ ڏيج

    واشنگٽن ۾ رهندڙ منور جيڪو مون کي ۽ ڪئناڊا کان آيل حميرا رحمان کي ورجينيا رياست جون مشهرو غارون Luray Caverns ۽ شينن دوح نئشنل پارڪ ڏيکارڻ لاءِ پاڻ سان وٺيو پئي هليو، تنهن جي ڪار نيٺ ڪنهن پل تان پوٽومئڪ درياه ٽپيو ۽ اسان جي واشنگٽن ڊي سي جي ٽرئفڪ ۽ سگنلن سان ڀريل گهٽين ۽ شاهراهن مان جان ڇٽي. حميرا چيو ته هاڻ پاڻ ورجينيا رياست ۾ آهيون. اسڪاٽ هوٽل کانپوءِ منور پنهنجي آثار قديمه واري ڪار کي Glebb Road تي موڙيو.
    ”اسين پاڪستاني هن روڊ کي جليبي روڊ سڏيندا آهيون.“ منور ٻڌايو.
    اتي ئي جليبي روڊ تي ڪنهن سرڪاري کاتي طرفان اشتهاري بورڊ لڳل هو.
    “We Salute to our brave soldiers”
    اهو پڙهي حميرا ٽهڪ ڏنو. ”اها آهي ٽرڙپائي جي به حد. صاف Complex ٿو ظاهر ٿئي. معنيٰ اسان جا سولجر بهادر نه آهن.“
    ”ڪيئن ڀلا!؟“ مون پڇيو.
    ”جيئن اسان وٽ لکها روپيا خرچ ڪري سرڪار وزيراعظم يا گورنر ۽ وزيراعليٰ جون اخبارن ۾ تصويرون ڏيندي آهي ۽ انهن جي هيٺان هوندو آهي ته هنن جي دور ۾ هي هي ترقياتي ڪم ٿيڻا آهن.“ ۽ عوام سمجهي ويندو آهي ته ڪم آڱوٺو ٿيندا رڳو خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي تعريف ڪرائڻ سان مقصد آهي.
    منور کان پڇيم ته سندس ڳوٺ ڪهڙو آهي ”ڪٿي دادو يا لاڙڪاڻي پاسي جو ته نه آهين؟“
    ”نه.“
    ”ڇا ٽنڊو آدم، اڏيرو لعل يا شهدادپور جو؟“ مون پڇيو.
    ”حيدرآباد پاسي هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، نالو اٿس ڳوٺ بخشو لغاري.“
    ”واه جو نالو ٻڌائي“، مون کلندي منور کي چيو، ”گذريل هفتي آئون بالٽيمور اعجاز ابڙو، ڊاڪٽر منور عباسي ۽ غلام مصطفيٰ پلهه جن وٽ هوس. مون هنن کي چيو هو ته آئون پنهنجي آمريڪا جي سفرنامي جي هڪ ڪتاب جي نالي ۾ سندن ياد تازي ڪرڻ لاءِ بالٽيمور ضرور ڏيندس. هاڻ تنهنجي ڳوٺ جو نالو ٻڌي ڌيان ۾ آيو آهي ته ان ڪتاب جو نالو ”ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور“ رکجي جيئن KTN تان هڪ پروگرام ايندو آهي جنهن جو نالو ”واهي پانڌي کان واشنگٽن“ آهي.
    ”لڳي ٿو ڳوٺ بخشو لغاري جو نالو توهان اڄ پهريون دفعو ٻڌو آهي.“ حميرا پڇيو.
    ”نه نه، هر گز نه“، وراڻي ڏنيمانس، ”بخشو لغاري نه فقط منور جو ڳوٺ آهي پر اسان جي پيٽارو جي هڪ ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر خالد لغاري جو به ڳوٺ آهي ۽ اسان اٺين ڪلاس ۾ (1958ع) ۾ هن ڳوٺ جو نالو خالد لغاريءَ واتان ٻڌو. ان بعد اسان جي هڪ ڪزن انجنيئر عرض محمد شيخ جي 1967ع ڌاري شادي ٿي ته هن جي زال ڊاڪٽر مهرالنساءَ لغاري پڻ هن ڳوٺ جو ذڪر ڪندي هئي جنهن جي وڏن جو هن ڳوٺ سان واسطو هو.“
    انجنيئر منور لغاري25 آڪٽوبر 1964ع تي ڳوٺ بخشو لغاري ۾ محمد علي لغاري صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو. منور جي والد صاحب جي اها وڏي ڳالهه آهي ته هو هڪ پورهيت ۽ هاري ٿي ڪري، شاهه جو سڄو رسالو برزبان ياد اٿس ۽ هن پنهنجي هن ننڍي پٽ منور کي پڻ ننڍي عمر ۾ ئي ياد ڪرائي ڇڏيو. منور پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي ان بعد هو حيدرآباد ۾ حسين بخش لغاري جي گهر ۾ اچي رهيو ۽ 1981ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ مسلم ڪاليج مان 1983ع ۾ انٽر ڪئي. ان بعد هن مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو ۾ داخلا ورتي جتي هو 1984ع کان 1989ع تائين رهي. BE جي ڊگري حاصل ڪئي. آمريڪا ۾ سندس اچڻ 1993ع ۾ ٿيو جتي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين.
    منور ٻڌايو ته ٽنڊي قيصر جو شوڪت نظاماڻي، سن جو زين شاهه، نواب شاهه جو جمال مصطفيٰ شاهه، سانگهڙ جو ڪليم وساڻ ۽ ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر اسماعيل ميمڻ سندس سٺن دوستن مان آهن جن کي هو اڪثر ياد ڪندو رهي ٿو.
    ”۽ ٽيچرن مان ڪن خاص جا نالا؟“ مون منور کان پڇيو.
    ”نور محمد هاءِ اسڪول جو هڪ ٽيچر مرحوم غلام حسين بالادي ڏاڍو ياد ايندو اٿم“، منور ٻڌايو، ”اهڙي طرح مسلم ڪاليج ۾ مئٿس پڙهائڻ وارو مسٽر قيصر رضا، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج جو مولوي علي اڪبر ميمڻ (چيف انجنيئر محمد هاشم ميمڻ جو ڀاڻيجو) ۽ وائيس چانسلر عبدالرحمان ميمڻ صاحب منهنجي نظرن ۾ تمام گهڻو dedicated استاد هئا.“
    منور ٻڌايو ته آمريڪا مان IT ۾ ماسٽرس ڪرڻ بعد کيس آمريڪا ۾ تمام سٺي پگهار واري نوڪري به ملي سگهي ٿي ۽ هو پئسو ڪمائي موجود حالتن کان بهتر حالتن ۾ رهي سگهيو ٿي. ”پر منهنجن دوستن ۽ منهنجو پڻ، اهو فيصلو رهيو ته آئون پنهنجن ماڻهن جي ڏک دردن لاءِ ڪجهه ڪريان. جيڪو دوستن طرفان اڀرو سڀرو مليم ان ۾ راضي رهي خوش گذاريان ۽ ڪو Creative ڪم ڪندو رهان. آئون ان راءِ جو آهيان ته Creativity ۾ غربت نه هجي. پئسي ڏوڪڙ ۾ غربت هجي ته ڀلي هجي.“
    حميرا کي مخاطب ٿي چيم ”ڪالهه واشنگٽن جي نيشنل ميوزيم ۾ ويندي ڏسان ته ان جي ٻاهران پارڪ ۾ هڪ وڻ هيٺان هڪ همراهه ڪڪڙين جا وڏا پوسٽر ٽنگي ايندڙ ويندڙ کي ڪجهه بروشر ڏئي رهيو هو جن ۾ ڪڪڙين کي نه کائڻ لاءِ عوام کي التجا ڪيل هئي ته هنن غريب پکين تي ڪجهه ڪَهل ڪيو. انهن کي ڇو ٿا کائو. انهن بدران ڀاڄيون کائو. ان سان گڏ پاڻ مائيڪ ذريعي تقرير به ڪري رهيو هو ته ڪڪڙين کان جيئڻ جو حق نه کسيو وغيره. . . اتي هڪ اسان جي شڪل جو ايشين اچي لنگهيو. تنهن کان پڇيم ته هيءَ فلم ڪير آهي؟
    ”ههڙا Lone Soldier توکي آمريڪا ۾ ڪيترائي ملندا جيڪي اڪيلي سر ڪنهن ساهه واري جي جان بچائڻ جي حق ۾ جدوجهد ڪندا رهن ٿا.“ هن ٻڌايو.
    ”پوءِ هنن جي ڪو ڳالهه ٻڌي به ٿو يا نه؟“ مون پڇيو مانس.
    ”بس اهو تون پاڻ ڏسين پيو ته هرڪو ڪن لاٽار ڪري گذريو وڃي. اڄ گرمي آهي سو کانئس اهي ٿلهي پني وارا بروشر پڙهڻ لاءِ نه پر پاڻ کي وڃڻو هڻڻ لاءِ وٺيو پيا وڃن.“ هن ٻڌايو.
    حميرا کي چيم ته هي منور درويش به مون کي هڪ اهڙو ”اڪيلو سپاهي“ لڳي ٿو جيڪو پنهنجي منهن اڪيلو ئي اڪيلو وائيٽ هائوس اڳيان دنيا ۾ ظلم بند ڪرڻ لاءِ رڙيون ڪندو رهي ٿو.“
    ”سائين ڳالهه هيءَ آهي.“ منور وراڻيو، ”ڪو منهنجي يا منهنجي ڪاز جي مدد ڪري ٿو ته ٺيڪ آهي نه ته بقول ٽئگور جي ڦۆیۑ غڵڌ ڷێ غڵڌ إڦڵإ غڵڌ. . . ضروري ناهي ته هر هڪ منهنجي هر قدم کي ساراهي يا مون کي مدد ڪري. اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اڳلو به ان Process مان نڪتو هجي جنهن مان منهنجو وجود گذريو آهي. هن به اها تڙپ، سڪ، ڏک، بي وطني، ڪوڙن الزامن جي چپيٽ محسوس ڪئي هجي جنهن مان مون کي بنا ڏوهه جي ڀوڳڻو پيو يا اڃا ڀوڳي رهيو آهيان. پري کان بيهي ماڻهو هر قسم جو رايو رکي سگهي ٿو پر صحيح جي خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن ڪنهن جو ڪنهن سان ويجهو واسطو پوي ٿو. شاهه لطيف جو شعر آهي:
    جي هيان هوت پنهون سين مون جيان ملاقات
    ته هوند ٻانهن وجهي وات ريهون ڪيو رڃ ۾.“
    ان ڏينهن سفر دوران منور سان ڪيل ڳالهيون يا منور جي ڏنل ڪجهه جوابن جو تت هن ريت آهي:
    _ اهو سڏائڻ اهم نه آهي ته اسين سنڌي آهيون. اهو اهم آهي ته اسين بهترين انسان آهيون. اسين دنيا کي بهترين انسان ٿي ڏيکاريون.
    _ انساني حقن کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪرڻ جا ڪيترائي طاقتور ادارا ۽ حڪومتون آهن. انهن کي اسان پنهنجن ظلمن کان آگاهه ڪريون.
    _ اسين اهو نٿا چاهيون ته مهاجر، پنجابي ۽ ٻين جا حق غضب ڪري اسان کي سهولتون ۽ سک ڏيو. بلڪ انهن جي حقن کي به بچايو. انهن ۾ به مظلوم ۽ ڏکويل آهن ۽ هنن جا ۽ اسان جا ڏک ڪي جدا نوعيت ۽ رنگ جا نه آهن. ظلم بس ظلم آهي جنهن مان هنن کي به نجات ڏياري وڃي پر ساڳي وقت اسان سنڌين کي به ڌيان ۾ رکيو وڃي جيڪي هر دور ۾ ظلم جي گهاڻي ۾ نپوڙبا رهيا آهن. ظالمن سان مقابلو نٿا ڪري سگهو ته انهن جي خلاف گهٽ ۾ گهٽ آواز ته اٿاريو پوءِ اهي ظالم جيڪي اسان جو رت ست چوسين ٿا کڻي اسان جا پنهنجا هجن يا پراوا. توهان ٻين مظلوم قومن کي حقن ڏيارڻ لاءِ وڙهو ٿا پر ساڳي وقت اسان جو به خيال ڪريو. جن کي نه نوڪريون آهن ۽ نه پاڻي آهي. جن جي ٻچن کي نه تعليم لاءِ سنوان سبتا اسڪول آهن ۽ نه بيمارين جي علاج لاءِ دوائن ۽ ڊاڪٽرن سان ڀرپور اسپتالون.
    _ هڪ نيڪ انسان کي پنهنجي پراون ڏنڊا هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. هن جي بچڻ جي ڪا اميد نه رهي. اڳتي وڌي هن جي مدد ڪرڻ بدران سڀ تماشو ڏسندا رهيا. ان وقت هڪ جهرڪي چهنب ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو کڻي اچي هن جي وات تي رکيو. زخمن کان چُور انسان جهرڪيءَ جي ان ادا تي هن کي نماڻين نگاهن سان ڏسي چيو: ”تنهنجي ان ڦڙي ڦڙي پاڻي مان آئون بچي ته نه سگهندس.“
    جهرڪيءَ وراڻيو: ”آئون سمجهان ٿي پر گهٽ ۾ گهٽ آئون اهو ته احساس ڏياري سگهان ٿي ته توسان ظلم ٿيو آهي ۽ ان ظلم ۾ هنن ظالمن سان گڏ نه آهيان.“
    _ اسان ملڪ کان ٻاهر جيڪي سنڌي رهون ٿا، هندو توڙي مسلمان، شيعا توڙي سني، غريب توڙي امير اسان لاءِ ڪلچرل Unity پڻ ضروري آهي. سياسي طرح هڪ ٿيڻ ضروري ناهي پر Our Cultural Unity is important
    _ آئون چاهيان ٿو ته UNO جهڙي اداري ۾ اسان جي نمائندگي هجي ۽ اسان سان ٿيندڙ ظلمن کان دنيا واقف ٿئي.
    ”How Can you do that“ مون پڇيومانس.
    ڪئناڊا جي وزيراعظم کان سندس ملڪ ۾ فرينچن ۽ انگريزن جي مسئلن حل ڪرڻ جي حام ڀرڻ تي جڏهن پڇيو ويو ته How will you solve this problem ته هن وراڻيو هو ته Just watch me سو آئون به هن وقت توهان کي ساڳيو جواب ڏيڻ چاهيندس ته جسٽ واچ مي.
    _ خيرپور جي ڊاڪٽر تنوير عباسي جو پٽ سرمد ۽ هن جي ڪنوار انڊين بنگال جي هندو ڇوڪري رنڪودت (جيڪا انگريزي ۽ بنگالي جي شاعره پڻ آهي ۽ هاڻ سنڌي به Fluently ڳالهائي ٿي.) جڏهن هتي آمريڪا ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا هئا ته هڪ ڏينهن هنن سان گڏ نيويارڪ جي گهٽين ۾ ڦرندي، UNO جي عمارت وٽ بيهي مون کين چيو هو ته هڪ ڏينهن آئون هن بلڊنگ ۾ هوندس ۽ پنهنجي وطن جو نالو روشن ڪندس.
    ”How Come?“ سرمد پڇيو هو.
    جواب ۾ مون هن کي اهو ئي چيو هو ته Just wait & watch
    _ ”مون کي لڳي ٿو ته تون سياستدان ٿيڻ چاهين ٿو؟“ مون چيو.
    ”نه هرگز نه. I don’t want to be a politician سياستدان جي اک اقتدار تي هوندي آهي. جيڪڏهن ڪجهه ٿيڻ به چاهيان ٿو ته Statesman ٿيڻ چاهيان ٿو، اسڪالر ٿيڻ چاهيان ٿو. . . “
    _ ”ڪيترن سماجي، سياسي ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ تحريڪن موجب ڇا توهان به مسئلن جو حل هنگاما، هڙتالون ۽ بائيڪاٽ چاهيو ٿا؟“ مون پڇيو.
    ”هرگز نه“، منور وراڻيو، ”آئون ان جي خلاف آهيان ته اسان جو نوجوان نسل پڙهائيون ڇڏي، بائڪاٽون ڪري ۽ سياستدانن جي ور چڙهي هنن جو هٿيو (tool) بڻجي، مون هڪ مضمون لکيو هو ’بائڪاٽ جي بائڪاٽ ڪريو.‘ يعني هنگاما ۽ اسٽرائيڪون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نقصان نه ڪريو. مون نوجوان جي سوچ ۾ تبديلي آڻڻ چاهي ٿي ته تعليم حاصل ڪريو. تعليم کان منهن هرگز نه موڙيو. مائوزي تنگ جو هڪ قول آهي ته دشمن اسان تي ان وقت حاوي ٿئي ٿو جڏهن هن کي اسان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي.
    _ ”ٽي ڳالهيون ضروري آهن“، منور چيو، ”هڪ ڪردار، ٻيو عمل ۽ ٽيون نظريو.“
    انهن مان ڪنهن به هڪ ڳالهه جي کوٽ آهي ته قصو اڳتي هلي نه سگهندو Equation پوري ٿي نه سگهندي. ڪير کڻي پاڻ کي ڪيترو به لڪائي هن جي اوڻائي ظاهر ٿيو پوي. آئون جيڪي ڪجهه ڪريان پيو اهو ڪنهن کان لڪل ناهي. آئون هر شيءِ سوچي سمجهي ايمانداري ۽ محنت سان ڪري رهيو آهيان. هو ڇا چوندا آهن ته ”هٿ ڪنگڻ کي آرسيءَ جي ڪهڙي ضرورت“. منهنجو پورهيو سڀني جي نگاهن اڳيان آهي. اسان جي ڪنهن سان دشمني يا نفرت ناهي. پرويز مشرف به ڪو چڱو ڪم ڪري ٿو ته اسان يڪدم هن کي ساراهيون ٿا. اسان ڪنهن ماڻهو يا ملڪ کي نقصان نٿا رسائڻ چاهيون. اسان لاءِ مهاجر توڙي پنجابي به انسان آهن. هنن مان ڪو اسان جي ماڻهن سان سٺو هلن ٿا ته ته اسين هن جي واکاڻ ڪريون ٿا.
    _ اسين پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي مضبوط، خوشحال ۽ مانَ وارو ڏسڻ چاهيون ٿا. اسان وٽ ڪو مال ۽ ملڪيت ناهي. اسين پنهنجي سوچ ذريعي پنهنجي ملڪ جي فريم ورڪ ۾ رهي ڏتڙيل ماڻهن جي حقن جي گهر ڪرڻ چاهيون ٿا. شاهه لطيف جو بيت آهي ته:
    ”بک وڌائون بگري، جوڳي ڪندا جڃ
    طلب نه رکن طعام جي اوتيو پين اڃ
    سامي جهاڳي سڃ وڃي وسنديءَ کي ويجهو ٿيا. . . “
    انسانن جي حقن کان علاوه توهان جو ڪو ٻيو به Object آهي؟
    _ اسان ماحوليات جا حق پڻ گهرون ٿا. اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ Environment جي وڃي ٻيڙي ٻڏندي. ڪنهن کي ڪو احساس ئي ناهي. پاڻي ۽ هوا جي گدلائپ کان علاوه ماڻهو وتن رستن جا وڻ به ڪپيندا. ڪنهن کي ڪو احساس ناهي.
    ”ان سلسلي ۾ ماڻهن ۾ شعور ڪيئن پئدا ڪجي؟“ مون پڇيو.
    ”منهنجي نظر ۾ ماڻهن ۾ ان جو احساس ۽ شعور پيدا ڪرڻ جا ڪجهه اپاءَ هن ريت وٺي سگهجن ٿا.“ منور ٻڌايو، ”اهي آهن. . .
    1. Advocracy
    2. Education
    3. Activism
    ان کي ٿري اي فارمولا سڏين ٿا. ائڊووڪرئسي ۾ سيمينار، ورڪشاپ، ڪانفرنسون وغيره اچي وڃن ٿيون جن ذريعي اسان عوام کي سجاڳ ڪري سگهون ٿا. ٻيو طريقو تعليم آهي ۽ ٽيون ۽ آخري Activism آهي جنهن ۾ مظاهرا، Vigiliance, Rallies, Protest وغيره اچي وڃن ٿا.
    _ ”ڀلا توهان جي ڪم کي، جيڪو توهان کڻي نيڪ نيتيءَ سان ڪري رهيا آهيو، پنهنجا ۽ پراوا شڪ جي نگاهه سان به ڏسندا هوندا؟“
    ”اها ڪهڙي تنظيم آهي جنهن کي شڪ جي نگاهه سان نٿو ڏٺو وڃي، خاص ڪري اوائلي دور ۾ جڏهن اڃان نتيجا ظاهر نه ٿيا آهن يا ٿي به رهيا هجن پر ان رفتار سان نه جنهن جي اميد عوام رکي ويٺو هجي. ڪيترائي پنهنجا پڻ منهنجي نيت تي شڪ ڪندا هوندا يا هنن کي منهنجين صلاحيتن تي ڀروسو نه هجي.
    ڪنهن کي ائين چوان
    ته مون کي ماريو سڄڻين
    بهرحال اُکرين ۾ جن مٿا وڌا اهي مهرين کان ڇا ڊڄندا، اهڙين ڳالهين ۾ ته چوڌاري تڪليفون، ڊپ، خوف، وهم ۽ وسوسا ته رهن ئي رهن ٿا. جن جي پرواهه نه ڪندي اڳتي وڌڻو پوي ٿو.
    خوف خيال خطرا ٽنهي ترڪ ڏيج
    ماڻهو کڻي ڇا به چون پر آئون هڪ نيڪيءَ جو ڪم ڪري رهيو آهيان ۽ My objects are very clear
    ورجينيا رياست ۽ وڏيري شاهنواز جوڻيجي جي ياد
    آمريڪا جي ورجينيا رياست جون مشهورن غارون Luray ڏسڻ لاءِ اسين هاڻ ورجينيا رياست ۾ پهچي ويا هئاسين ۽ هڪ پٺيان ٻيو ڳوٺڙو لتاڙيندا وياسين. ظاهر آهي هن ماڊرن دنيا جا ڳوٺ به اسلام آباد جي سهڻن حصن کان بهتر آهن. البت ملائشيا ۽ انڊيا جي نون اڏيل شهرن جهڙا چئي سگهجن ٿا. منور ۽ حميرا جيڪي مون سان گڏ هن ڪار ۾ موجود هئا انهن سان خبرون چارون ڪرڻ دوران رکي رکي آئون گذرندڙ شهرن، رستن ۽ عمارتن جا نالا پڻ لکندو ويس جيئن سڀاڻي ڪٿي هن رياست جو نقشو ڏسان ته ان مٿان آڱر ڦيري چئي سگهان ته آئون هتان هتان هن ڌرتيءَ مٿان پڻ لنگهيو هوس رڳو ائٽلانٽڪ، پئسفڪ يا عربي سمنڊ مٿان نه هليو آهيان.
    N. Quincy Street
    Sacomaore Street
    فالس چرچ
    مانا ساس
    Gainsvile
    Dumfries
    Leesburg
    The Plains
    فالس چرچ (Falls Church) ورجينيا رياست جو ڪافي وڏو شهر آهي جيتوڻيڪ آدمشماري ڪا ويهه هزار به نه اٿس. آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن جي ويجهو هجڻ ڪري ڪيترائي سرڪاري ڪامورا، پرائيويٽ ڪمپنين جا آفيسر ۽ بزنيس مين جن جو واشنگٽن ۾ ڪاروبار آهي اهي ورجينيا جي هن شهر ۾ رهن ٿا. واشنگٽن ۾ ڪم ڪندڙ اسان جا ڪيترائي پاڪستاني پڻ هتي رهن ٿا. واشنگٽن ويندڙن لاءِ هتي هڪ ڳالهه لکڻ بي محل نه ٿيندي ته واشنگٽن جي ميٽرو سب وي (ريل گاڏي) جون ٻه ريلوي اسٽيشنون آهن جن جو نالو ”فالس چرچ“ آهي پر ان مان هڪ جو به واسطو هن فالس چرچ سان نه آهي. انهن مان هڪ آرلنگٽن ڪائونٽي ۾ ٻي Fairfax ڪائونٽي ۾ آهي.
    اهڙي طرح ورجينيا رياست جي هڪ ٻئي شهر Manassas مان به لنگهياسين. شهر وٽان لنگهڻ وقت هڪ خوبصورت پارڪ به نظر آيو جنهن لاءِ منور ٻڌايو ته ان جو نالو ماناساس پارڪ آهي. تاريخ جي شاگردن کي خبر هوندي ته آمريڪن سول جنگ جي پهرين لڙائي 1861ع ۾ ۽ ٻي 1862ع ۾ لڳي جيڪي لڙائيون Battle of Bull Run سڏجن ٿيون ۽ هتي لڳيون. ورجينيا جو هي شهر انٽرنيٽ جي حوالي سان به دنيا ۾ مشهور آهي جو هتي پهريون وائيڊ اسڪيل (BPL) Broadband over power lines لڳايو ويو آهي.
    هن رياست جي هڪ ٻئي ڳوٺ Gainsville مان پڻ لنگهه ٿيو جنهن جي چون ٿا ته آدمشماري ڪا ڇهه هزار کن مس آهي يعني اسان جي ٿاڻي بولا خان يا ڇاڇري جي به ان کان گهڻي آدمشماري آهي. اوڻهين صدي جي پهرين اڌ ۾ جڏهن Fauquier ۽ اليگزينڊرا ٽرن پائيڪ (هائي وي) تي ريل گاڏيون گهوڙا ڇڪيندا هئا ته هي ڳوٺ گهوڙن جي ساهي پٽڻ لاءِ هوندو هو ۽ ريل گاڏين کي ڇڪڻ لاءِ هڪڙا گهوڙا ڪڍي ٻيا جوٽيا ويندا هئا.
    انهن ڳوٺن ۽ شهرن کان علاوه ليزبگ مان پڻ لنگهه ٿيو. ورجينيا رياست جو هي تاريخي شهر واشنگٽن ڊي سي کان پورا چاليهه ميل آهي. هي شهر آمريڪا جي آرمي جي هڪ مشهور جنرل رابرٽ ايڊورڊ لي نالي ٻڌل آهي. رابرٽ لي جو پيءُ هينري لي به فوج ۾ جنرل هو ۽ هن رياست ورجينيا جو گورنر پڻ رهيو. هنن جو اصل نسل اسڪاٽلينڊ جو آهي.
    آخر ۾ هڪ تمام ننڍڙي ڳوٺ The Plains مان به لنگهياسين. هي ٽائون ورجينيا جي Fauqiuier ڪائونٽي ۾ آهي.
    واشنگٽن ڇڏڻ ۽ پوٽومئڪ ندي ٽپڻ بعد اسان ماٺ‎ مٺوڙي ۾ سفر ڪندا آياسين. رستي تان منور مڪسڊ Nuts جون چار پنج پڙيون ورتيون هيون سي کائيندا هلياسين. يعني آءٌ ۽ حميرا. منور جا ٻئي هٿ ڊرائيونگ ويل تي هئا. رکي رکي ڪنهن جو فون ٿي آيو ته منور ان سان ڳالهايو ٿي. آمريڪا ۾ ڊرائيونگ وقت فون هٿ ۾ کڻي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي سو ڊرائيونگ وارو ڪن ۾ پلگ وجهي گاڏي هلائي جيئن ڪنهن جو فون اچي ته هٿن جي چرپر بنا فون ٻڌي ۽ ڳالهائي سگهي.
    منهنجي خيال ۾ فالس چرچ شهر ڇڏي ماناساس يا گينس وائيل پهچڻ وارا هئاسين ته منور جي فون جي گهنٽي وڳي. منور ”هيلو“ ڪري مون کي چيو ”تنهنجو ڀاڻيجو مشتاق آهي.“
    ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ ڪنهن سيمينار جي سلسلي ۾ پنهنجي نوڪري واري شهر ڪيوٽو (جپان) کان هفتو کن اڳ ملائشيا آيو هو جنهن بعد موٽڻ وارو هو ته سندس والد ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ کيس هالا کان فون ڪيو ته سندس هڪ دوست جيڪو اسان لاءِ پڻ هڪ اهم شخصيت آهي، وڏيرو شاهنواز جوڻيجو علاج لاءِ سنگاپور پهتل آهي تون جپان موٽڻ بدران ٻه ٽي ڏينهن سنگاپور ترسي هن جو حال احوال ٻڌاءِ.
    ڊاڪٽر مشتاق مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ منور لغاريءَ جو ڪلاس ميٽ هو ۽ ٻنهي گڏ BE ڊگري حاصل ڪئي ۽ منور سان منهنجي واقفيت به منهنجي هن ڀاڻيجي مشتاق ذريعي ٿي هئي، مشتاق ٻن ڏينهن کان شاهنواز جوڻيجو بابت مون کي يا منور کي ٻڌائيندو رهيو ته هو اڃا ICU ۾ آهي. اميد ته ڏينهن ٻن ۾ بهتر ٿي ويندو پر اڄ وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي وفات جو ٻڌي اسان سڀني کي ڏاڍو افسوس ٿيو. مون منور کان فون وٺي يڪدم حسن مجتبيٰ ۽ ڊاڪٽر مٺل وقاصيءَ کي ان ڏک واري خبر کان آگاهه ڪيو. منور ڪا دير ماٺ ئي ماٺ ۾ ڊرائيو ڪندي آخر ٿڌو ساهه کنيو جنهن سندس اندر جي اڌمن ۽ پيڙا جي عڪاسي ڪئي ۽ پوءِ چپ چوريا: ”وڏيرو شاهه نواز جوڻيجو ڇا ته ڪلاسڪ وڏيرو هو! هو هڪ سچو ۽ کرو ماڻهو ۽ سنڌ جي ثقافتي روايتن جو امين هو. هن پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ ڪنهن جي به ڪاڻ نه ڪڍي. هن ڪڏهن به پنهنجن اصولن ۽ اعليٰ آدرشن تان هٿ نه کنيو.“
    حميرا مون ڏي نهاريو.
    ”صحيح ٿو منور چوي“، مون حميرا جي ان عجيب Look جي موٽ ۾ وراڻيو، ”اڄ ڪلهه وڏيرو ماٽيلي ماءُ وانگر ظلم، ڪروڌ ۽ ناانصافي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو پر هي سنڌ جو فرزند وڏيرو شاهه نواز جوڻيجو پيار ۽ محبت جو مجسمو غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد، انصاف پسند ۽ وڏو دلير انسان هو.“
    آئون سنڌ جي ڪيترن ئي وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ سردارن سان پنهنجي وطن ۾ يا مختلف ولايتن ۾ مليو آهيان منهن تي هر هڪ جي تعريف پئي ٿيندي آهي پر وڏيرو شاهنواز اهو وڏيرو آهي. جنهن جي اديب شاعرن کان سياستدان، اخباري رپورٽرن کان سرڪاري عملدار، غريب ڳوٺاڻن کان پئسي وارا سيٺيون تعريف ڪن ٿا. کيس ٻين وڏيرن جي لسٽ کان ڌار ان ڪري نٿو ڪيو وڃي جو هو تمام وڏي جاگير جومالڪ هو (جيتوڻيڪ زمين ته هن وٽ تمام گهٽ هئي) پر هو بيحد انصاف پسند وڏيرو هو. هن جا فيصلا حق ۽ انصاف تي ٻڌل هوندا هئا. اسان وارو سنڌي اديب عبدالقادر جوڻيجو هن وڏيري لاءِ چوندو آهي ته ”شاهنواز سنڌ جو فري اسٽائل ۽ دلير وڏيرو آهي، جنهن جا فيصلا سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن.“ هي اهو ماڻهو هو جنهن سان ڪنهن جا ڪيترائي اختلاف سهي، پر هر ماڻهو سندس احترام ڪندو هو ۽ سندس فيصلي کي مڃڻ لاءِ پابند هوندو هو. سنڌ جي ثقافتي تاڃي پيٽي ۾ وڏيرا فيصلا ته ڪندا ئي آهن پر جوڻيجي صاحب جا فيصلا، سنڌ جي تاريخ ۾ انصاف ۽ حق جو نهايت اعليٰ مثال آهن.
    سال ڏيڍ کن اڳ سئيڊن يا شايد ناروي جي هڪ اتراهين ڳو‎ٺ ۾ سنڌ جي هڪ عورت پنهنجي ننڍڙي ٻارڙي سان ملي جيڪا پنهنجي تر جي وڏيري جي ظلمن کان جان بچائي پنهنجي مڙس سميت Scandinavia جي هن ٻيٽ نما برفاني ڳوٺ ۾ اچي پناهه ورتو هو. ”انساني حقن جو بچاءُ ڪندڙ هڪ بين الاقوامي اداري منهنجي جان بچائي نه ته مون کي ۽ منهنجي مڙس کي ڪارو ڪاري جي چڪر ۾ پنهنجا ئي ماري ڇڏين ها.“ هن ٻڌايو. ڳوٺاڻي ٿي ڪري هوءَ چڱو پڙهيل ڳڙهيل لڳي ٿي. منهنجي ڪنهن سوال تي هن واهه جو جواب ڏنو ته ”سنڌ ۾ کاڌي پيتي جي نه پر انصاف جي بک آهي.“ منهنجي خيال ۾ هن جي ڳالهه ۾ صداقت آهي، وزن آهي. اسان وٽ انصاف ناهي ان ڪري امن امان به نه آهي (شايد)! اهڙي انصاف ڏياريندڙن جي سخت کوٽ ۾ وڏيري شاهنواز جهڙو ماڻهو ڪيترن غريبن، بي واهن، بي پهچن جي لاءِ وڏي اميد هو. هڪ دفعي پنهنجي ڳوٺائي سپريم ڪورٽ جي وڪيل عبداللطيف انصاري کي ڳوٺ ويندو ڏسي سبب پڇيم. ”مون سان ۽ منهنجي پٽ سان ٿيل ناانصافين جي فيصلي لاءِ وڏيري شاهنواز وٽ پيو وڃان. هو هر اربع تي فيصلن لاءِ هالا ايندو آهي.“ هن ٻڌايو.
    ”يار لطيف تون پاڻ وڪيل ٿي ڪري ۽ ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سڄي عمر ملڪ جي ڪورٽن ۾ گذاريندي پنهنجي لاءِ حق گهرڻ ۽ جائز فيصلي لاءِ سنڌ جي هڪ وڏيري وٽ پيو وڃين. ڇا توکي ملڪ جي ڪورٽن تي ڀروسو ناهي؟“ مون پڇيومانس.
    ”آهي پر مونکي شاهنواز وٽان اڇت انصاف ملندو. منهنجي مخالف ڌر کڻي ڪيڏي به طاقتور هجي پر هو بنا ڪنهن اثر رسوخ جي، بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي فيصلو صحيح ماڻهوءَ جي حق ۾ ڪندو.“
    وڏيري شاهنواز جوڻيجي سان جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي ملاقاتون هالا جي مخدوم هائوس ۾ مخدوم طالب الموليٰ وٽ ٿيون پر شاهنواز کي مون جهڙن سان صحيح معنيٰ ۾ متعارف طارق اشرف (سهڻي جي ايڊيٽر) ڪرايو جنهن هن وڏيري سان گڏ جيل ڪاٽيو ۽ پنهنجي جيل جي ڊائري ۾ وڏيري جو احوال لکيو. جئه پرڪاش موراڻي عبرت اخبار جو مشهور ڪالم نويس وڏيري شاهنواز لاءِ چوندو هو ته. . . شاهنواز جوڻيجو جرڳن ۾ وهي ٿو ته سندس شخصيت جو ڍنگ ئي نرالو ٿيو وڃي. سندس تز ۽ تيز سوال جوابدارن توڙي فريادين جون متيون منجهائي کين سچ اوڳاڇڻ تي مجبور ڪريو ڇڏين. هو ورهين کان اٽڪيل مامرا جيڪي سٽ جي ڦوري وانگر منجهي پوندا آهن، چپٽي وڄائي حل ڪري کير ۽ پاڻي ڌار ڪري ڏئي ٿو. سندس آڏو ويٺل جوابدار سندس سوالن جي طوفان ۾ گهيرجي ڪنهن مشين وانگر حقيقتون بيان ڪرڻ لڳن ٿا. . . . سندس فيصلا اهڙا ٿين ٿا جو هر ڪو واهه واهه ڪري اٿي ٿو. هن ڪيئي ويڙها آباد ڪيا آهن، ڪيترن ئي رٺلن کي ڀاڪرون پارائي کير کنڊ ڪيو، هزارين چوريون ۽ ٺڳيون موٽايون آهن. اتر جا ڍنگ سردار جڏهن سوين ماڻهو ماريندڙ قبيلائي تڪرار جي جرڳن ۾ پاڻ کي فيصلي کان قاصر سمجهن ٿا ته هو فيصلي لاءِ شاهنواز جوڻيجي کي ئي سڏائين ٿا ۽ هو راڄن جا راڄ ورهائيندڙ جهيڙا ختم ڪرائي موٽي ٿو.
    وڏيرو شاهنواز جوڻيجو 1932ع ۾ سنجر خان جوڻيجي جي گهر ۾ ٽنڊو آدم ڀرسان سندس نالي واري ڳوٺ سنجر خان جوڻيجو ۾ ڄائو. شاهنواز جوڻيجو کي تر جا ماڻهو تڏهن کان سڃاڻڻ لڳا جڏهن برٽش دور ۾ حرن خلاف انگريز حڪومت جي وٺ پڪڙ هلي رهي هئي ان ۾ 1946ع ۾ سنجرخان جوڻيجو جي وڏي فرزند شاهنواز جوڻيجو کي 14 سالن جي ڄمار ۾ حرن کي پناهه ڏيڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري 8 مهينا جيل ڏنو ويو. ان وقت ۾ هي علائقو ضلعي نواب شاهه ۾ هوندو هو تڏهن هن پوري تر تي ڪنڊياري جي خان بهادر وساڻ ۽ ٻيراڻي جي جان محمد خان مري ۽ علي محمد خان مري وارن جي سياست جي ڌاڪ ويٺل هئي. 1947ع ۾ شاهنواز جي والد وفات ڪئي ان وقت سندس عمر 15 سال هئي.
    شاهنواز جوڻيجو صاحب پنهنجي سياسي سفر جو آغاز 1962ع ۾ ڪيو جڏهن پاڻ بي ڊي اليڪشن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر بڻيو. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جڏهن پيپلز پارٽي ٺاهي رهيو هو، ان وقت هالا جي مخدوم امين فهيم سان دوستي جي ڪري هو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. هو ڀٽو دور ۾ 1975ع کان 1977ع تائين جيل ۾ رهيو. ضيا جي مارشل لا ۾ کيس ڀٽو مٿان شاهدي ڏيڻ لاءِ زور ڀريو ويو. انڪار ڪرڻ تي کيس جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ هن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پڻ جيل ڀوڳيو. 1988ع جي عام چونڊن ۾ پ پ پ ٽڪيٽ تي هن ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي شڪست ڏيئي پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۽ پاڻ بلديات جو مملڪتي وزير بڻيو. هن شخص لاءِ چيو وڃي ٿو ته وزير هوندي به هن ڪڏهن به پوليس جو پروٽوڪول نه ورتو. پاڻ ڪڏهن به شوبازي ۽ پبلسٽي جو قائل نه هو. جڏهن ڄام صادق علي وڏو وزير ٿيو ته هن مٿس زور ڀريو ته هو پ پ ڇڏي سندس ساٿ ڏئي. انڪار ڪرڻ تي کيس ڏيڍ سال جيل ۾ قيد رکيو ويو.
    ڪاوش اخبار ۾ لکندڙ صادق ابڙو هڪ دفعو ٻڌايو ته جنهن وقت ڄام صادق علي بيمار هو ۽ آخري پساهن ۾ هو ان وقت کيس جيل مان رهائي ملي ته هو محترما بينظير ڀٽو وٽ ويو ۽ کانئس ڄام صادق علي سان ملڻ جي اجازت گهري. محترما کيس اجازت ضرور ڏني پر ان شرط تي ته موٽي اچي اهو ٻڌائي ته ڄام صادق علي بچندو يا مري ويندو. وڏيري شاهنواز ٻڌايو ته هو جڏهن ڄام صادق علي جي ڊفينس واري گهر پهتو ته ڄام صادق علي جي سيرانديءَ کان پير صاحب پاڳارو ويٺل هو. جڏهن ڄام صادق علي جي شاهنواز جوڻيجو تي نظر پيئي ته ڄام صادق جي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان ڀاڪرن ۾ اچي ويا ته پير صاحب به اٿي بيٺو ۽ شاهنواز کي چيو ته وڏيرا مان توهان سان ملڻ لاءِ ڪافي دير کان بيٺو آهيان پر توهان جو ڏوهه ناهي ٻئي جوڻيجا آهيو.
    وڏيري شاهنواز جوڻيجي ڀٽو صاحب جي دور کان وٺي مشرف دور تائين جيل ڪاٽيا. هن پنهنجي سياسي زندگي جو تمام گهڻو عرصو پيپلز پارٽي کي ڏنو پر پ پ قيادت 1993ع واري دور ۾ کيس قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ نه ڏني. جڏهن سينيٽ جي ٽڪيٽ جو مرحلو آيو ته عبدالله شاهه وزير اعليٰ کيس سينيٽر بدران صلاحڪار بڻجڻ جو چيو ته شاهه نواز جوڻيجي وراڻيو ته صلاحڪار ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناهي. جيڪڏهن توهان کي صلاح وٺڻي آهي ته آئون ڳوٺ ويٺو آهيان فون تي صلاح وٺي ڇڏجو. پاڻ مختلف جيلن ۾ نواب خير بخش مري، ولي خان، اجمل خٽڪ، حاصل بزنجو، بزن بزنجو، شيرباز مزاري، فاروق لغاري، غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز ڀٽو، عبدالواحد آريسر، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، شهيد فاضل راهو، اسماعيل اڌيجو، ۽ شهيد محمد علي هنڱورو ۽ ٻين ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سان جيل ۾ گڏ گذاريو.
    وڏيرو شاهنواز وفاقي پارٽين ۾ هوندي به سدائين سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي. وفاقي وزير هوندي به هر سال سائين جي ايم سيد جي سالگره تي ساڻس ملڻ ويندو رهيو. بقول صادق ابڙو جي هو سنڌ جي ڪلچر ۽ سياست جو هڪ نرالو ڪردار هو. هن سنڌ ۾ بلوچ سردارن سان دوستيون هجڻ باوجود ڄاموٽ برادري جو خيال رکيو. هن پنهنجي جواني ۾ ڪڪڙن، رڇن، ڪتن ۽ بازن جا شوق ڪيا ۽ آخر ۾ گهوڙن جو خفت ڪيو. سنڌ جو شايد ڪو ميلو شاهنواز جي گهوڙن جي ٽاپن کان بچيل هجي. هو سنڌ جي هر ميلي ۾ ويندو هو.
    وڏيري شاهنواز جوڻيجو جي حال احوال ڪرڻ دوران جڏهن ڪيترن ڪالم نويس ۽ اديبن جو حوالو ڏنو اٿم اتي مرحوم فقير محمد لاشاري جي ان اداري جو هتي ذڪر ڪرڻ بي محل نه ٿيندو جيڪو وڏيري شاهنواز سان گڏ سندس اولاد تي ٿيندڙ سختين جي سلسلي ۾ آهي. وڏيري شاهنواز سان گڏ هن جي پٽن به جيل ڀوڳيا. هڪ دفعي جڏهن اڳوڻي ايم اين اي ۽ شاهنواز جي پٽ محمد خان جوڻيجي کي شراب پيئڻ جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو هو ته ان تي جاڳو جي ايڊيٽر فقير محمد لاشاري سخت ايڊيٽوريل لکي ڄام صادق عليءَ کي اها ميار ڏني هئي ته ايڏي وڏي پياڪ ڄام صادق عليءَ کي اهو نٿو سونهين ته هو پنهنجي مخالفن کي شراب پيئڻ جي ڏوهه ۾ جيل ڏياري.


    شيناندوه نيشنل پارڪ ۽ ڀَنگ پيتل هرڻ

    آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۽ ڀرواري رياست ورجينيا ۾ ڏسڻ لاءِ ڪيتريون ئي شيون آهن. توهان جو جيڪڏهن انهن هنڌن تي ٽن چئن ڏينهن کان وڌيڪ رهڻ ٿئي ته ورجينيا جو نيشنل پارڪ Shenandoah ۽ Luray غارون ضرور ڏسجن. آئون به مهينو کن واشنگٽن ۾ رهڻ دوران نه نه ڪندو رهيس پر چڱو جو منور لغاري ۽ حميرا رحمان سان هتي اچي نڪتس ۽ دل بهار بهار ٿي ويئي. هونءَ ته آمريڪا خوبصورت پارڪن سان ڀريو پيو آهي. ايتري قدر جو نيويارڪ جو سينٽرل پارڪ به دنيا جي مشهور ۽ وڏن پارڪن مان هڪ آهي. پر هن پارڪ جي بيوٽي اها آهي جو سطح سمنڊ کان اٽڪل چار هزار کن فٽ مٿاهون آهي ۽ مختلف جبلن جي قطارن مان گذري ٿو. مٿاهين Alttitude تي هجڻ ڪري اونهاري جي مهينن ۾ به هتي جو سفر فرحت وارو ٿو رهي. جيئن ڪوالالمپور ۾ گنتنگ هائي لئنڊس ڏي ويندي ٿڌڪار رهي ٿي. ساوڪ سان ڀريل جبلن ۽جنگل جهڙي گهاٽي پارڪ مان گذر لاءِ 1939ع کان بيحد سٺو هاءِ وي ٺهيل آهي. جيڪو Skyline Drive سڏجي ٿي ۽ اٽڪل 105 ميل کن ڊگهو رستو آهي. اسان روٽ 55 ذريعي پارڪ جي داخل ٿيڻ واري هنڌ فرنٽ رايل وٽ پهتاسين جتان پارڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي. اتي ئي آمريڪن هاءِ وي روٽ 340 سائوٿ پڻ اچي ملي ٿي. ٿورو ئي اڳيان ٽي ميل کن هلڻ بعد جبل جي چوٽيءَ وٽ هڪ اهڙِي هنڌ تي اچي بيٺاسين جتان هيٺ سڄي ماٿريءَ جو نظارو ٿيو ٿي. اتي ئي شيناندوه ندي به وهي ٿي. دراصل هن ساوڪ سان جهنجهيل پارڪ ۽ ان جي پسگردائي ۾ گهاٽي ٻيلي جو وڏو سبب سٺي Soil سان گڏ هر وقت مينهوڳي جي موسم ۽ پاڻيءَ سان ڀريل نديون آهن. هنن جبلن جي وچان جيڪو هي 105 ميل کن ڊگهو رستو (Skyline Drive) ٿو لنگهي ان جي پاسن کان ڏٺم ته راڪ فش گئپ تائين ڪيتريون ئي نديون نظر آيون جن مان ڪجهه وڏيون ۽ مشهور هن ريت آهن: رئپاهناڪ ندي، جارڊن ندي، رش ندي، Covington ندي، ٿارنٽن ندي، هزل ندي، Hughes ندي، رابن سن ندي، Rose ندي، سائوٿ ندي، مومئنس ندي، Doyles ندي. . . . نديون ۽ نديون! ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻجن. . . . ايتريون ته ملائيشيا ۾ به نه آهن ۽ اسان وٽ ڪراچي کان حيدرآباد تائين جي هڪ سو ميلن جي پٽي ۾ زمين آباد ڪرڻ لاءِ نديون ته ڇا پاڻي پيئڻ لاءِ مٽڪا به ڪنهن ڪنهن هوٽل تي نظر ٿا اچن. ماشا الله جيڪا هڪ ندي اٿئون ان جو به اهو وڃي حال ٿيو آهي جو سياري جي موسم ۾ سندس پيٽ تي ڪرن شورو ڳوٺ جا ٻار ڪرڪيٽ پيا کيڏن.
    اسان رکي رکي انهن هنڌن تي لهي ٿي پياسين جتي ڪا ريسٽورنٽ ٺهيل هئي يا جتي بيهي هيٺ ماٿري جو نظارو ڪري سگهياسين ٿي. اهڙن گهاٽن ۽ اتاهن جنگلن ۾ هوا ۾ عجيب سرهاڻ ۽ سڳنڌ ٿئي ٿي. سرد موسم ڪري سواءِ پوپٽن ۽ پکين جي ڪوبه جيت جڻيو نه هو نه ته ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جي موسم ۾ مڇرن ۽ ٻين ڏنگيندڙ جيتن جي مصيبت اهڙو ائڊوينچر ڪرڻ نه ڏيندي هئي. هڪ هاڪس بل جبل جي چوٽي وٽ هڪ ريسٽورنٽ ۾ اچي پيزا ۽ آئيس ڪريم کاڌيسين هي هنڌ Byrd Visitor Centre سڏجي ٿو ۽ سامونڊي سطح کان چار هزار فٽ مٿانهون آهي. هن پارڪ ۽ هن اتاهين رستي تان هلندي جتي مزو اچي رهيو هو اتي رکي رکي رستو وڃائڻ جو ڊپ پڻ ٿي رهيو هو پر پوءِ ڪنهن سامهون ايندڙ گاڏي واري کان پڇي ٿي ورتوسين يا ڪو اهڙو بورڊ نظر اچي ويو ٿي جنهن تي ان علائقي ۽ رستن جو نقشو ۽ ڄاڻ هئي ۽ پوءِ لهي ان بورڊ اڳيان فوٽو به ڪڍاياسين ٿي جيئن سند رهي ته اسان هن هنڌ آيا آهيون. هن سڄي علائقي ۾ ڪيترائي جانور ۽ پکي رهن ٿا ۽ جيئن سئيڊن جي ٻيلن مان لنگهڻ وقت رين ڊيئر نظر اچن ٿا تيئن هتي هرڻ جام آهن. هرڻن کان علاوه رڇ (ڪارا وارا) باب ڪئٽ ۽ ٻيا جانور به آهن پر اسان کي رکي رکي ڪنهن وڻ يا ٻوڙهي پويان ڪو هرڻ نظر اچي ويو ٿي. منهنجي خيال ۾ Lewis جبل واري ريسٽورنٽ ۾ ڪافي پي جيئن ئي ميل ڏيڍ اڳيان هلياسين ته هڪ هرڻ گهاٽن وڻن مان نڪري اچي وچ رستي تي بيٺو. ماڻهو هرڻ جي شڪار لاءِ بلوچستان جي جبلن ۾ سڄو ڏينهن خوار پيا ٿيندا آهن ۽ هتي اسان جي سامهون پڪي رستي تي هرڻ بيٺو هو. منور ڪار کي بريڪ هڻي بيهاريو. ورجينيا ۾ رهندڙ خيرپور جي عرفان جماڻيءَ ٻڌايو هو ته هڪ رات هو گهر پئي موٽيو ته ورجينيا جي ڪنهن جنگل واري علائقي ۾ هڪ هرڻ سندس ڪار سان اچي ٽڪرايو. کيس اهڙو ڌڪ لڳو جو اٿي نه سگهيو. ”پوءِ توهان ڇا ڪيو؟“ مون پڇيو هئومانس.
    ”اسان ٻه دوست هئاسين“، هن ٻڌايو، ”هرڻ کي ڇڪي ڪار جي ڊڪيءَ ۾ وڌوسين ۽ پوءِ گهر اچي سير وجهي سندس گوشت سان ڊيپ فريزر ڀري ڇڏيوسين ۽ سڄو هفتو کائيندا رهياسين.“
    پر هن وقت منور جي ڪار ۾ ٽئي سوار جانورن يا پکين جي شڪار جي ته خلاف هئاسين پر انهن وڏيرن جي به خلاف هئاسين جيڪي وزيرن، فوجين ۽ عربن کي دعوت ڏئي سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکين جو شڪار ڪرائين ٿا. نه ته روڊ تي بيٺل ههڙي سڻائي شڪار لاءِ ڪنهن بندوق جي به ضرورت نه هئي. بريڪ هڻڻ بدران کيس ڪار ٽڪرايون ها ته اتي ئي ڍيري ٿي پوي ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته منور جي ڪار الائي ايتري دٻ سهي سگهي ها يا نه. هرڻ کي ٿي سگهي ٿو اثر نه ٿئي ماڳهين ڪار ڍيري ٿي پوي ها ۽ اسان روه ۾ ته نه پر Lewis جبل جي ٽي هزار کن فٽن جي بلنديءَ تي سواريءَ لاءِ واجهائيندا رهون ها.
    هونءَ هن پارڪ ۾ ڪنهن به پکي يا جانور کي مارڻ جي اجازت ناهي. بلڪ هي پارڪ شيناندوه ٺاهيو ئي ان لاءِ ويو آهي ته هن ۾ جيڪي به قدرتي شيون آهن گاهه ٻوٽن کان وڻ ٽڻ پکي پکڻ کان جانور جيتامڙا حفاظت سان رهي سگهن. انهيءَ ڪري هن پارڪ ۾ ايندڙن لاءِ جتي ڪٿي سختي سان چتاءَ لکيل آهن ته هن پارڪ ۾ ڪوبه بندوق پستول نه کڻي اچي. ڪنهن کي به پڪنڪ ملهائڻ دوران باهه ٻارڻ جي اجازت ناهي. سگريٽ اڇلڻ کان اڳ ان کي چڱي طرح وسايو. جنگل ۾ هلندڙ جانورن کي ڪوبه کاڌو نه ڏيو. رستن تان هلندڙ ڪيترائي جانور جيتوڻيڪ پالتو لڳن ٿا پر اهي جهنگلي آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن ۾ ڪي وچڙندڙ بيماريون هجن ۽ توهان کي لڳي وڃن. وڻ ٽڻ ۽ گل ٻوٽا فقط ديدار لاءِ آهن انهن کي نه پٽيو ۽ نه نقصان رسايو. پاڻ سان گڏ جيڪڏهن ڪتو آڻيو ٿا ته ان کي رسي ذريعي سوگهو رکو يا ڪار ۾ اندر رهڻ ڏيو جيئن هو هلندڙ چلندڙ سهن ۽ سانڍن جهڙن جانورن کي نه ماري.
    بهرحال اهي اهڙا قاعدا قانون آهن جيڪي دنيا ۾ جتي ڪٿي هلن ٿا ويندي انڊيا ۾ به. تڏهن ته اتي جو تاج محل يا الورا اجنتا جون غارون نه ڏسو ته دهلي جو لوڌي ۽ نهرو پارڪ نه ڏسو سالن بعد به ساڳي حالت ۾ آهي. انهن جي حالت حيدرآباد جي قلعي يا مڪلي جي قبرستان جهڙي نه ٿي آهي.
    هونءَ پڙهندڙن کي اها ڳالهه ضرور نوٽ ڪرڻ کپي ته ههڙن مٿاهن هنڌن تي چاهي اونهاري جي گرم موسم ۾ وڃڻ ٿئي ته به پاڻ سان لوئي، سئيٽر يا ڪوٽ ضرور کڻي نڪرجي ڇو ته جبلن جي آب هوا بدلجندي دير نٿي لڳي ۽ رات ته هر صورت ۾ ٿڌي ٿئي ٿي.
    اهو لکڻ رهجي ويو ته شيناندوه نيشنل پارڪ ۾ جنهن وقت اسان کي سامهون وچ رستي تي هرڻ نظر آيو ته منور گاڏي بيهاري خوشي وچان ٽارزن ٽائيپ رڙ ڪري مون کي ان هرڻ جو فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو. ”خالد هاشماڻي هميشھ چوندو آهي ته آئون هرڻ نظر اچڻ جو ڪوڙ ٿو ڳالهايان.“
    ”ڳالهه ٻڌ،“ مون وراڻيو مانس، ”ائين فقط هرڻ جو فوٽو ڪڍڻ تي خالد هاشماڻي جنهن شخص جو نالو آهي ڪڏهن به اعتبار نه ڪندو.“
    ”ڇو ڀلا؟“ حميرا چيو
    ”هيئن ٿو ڪريان، مون کين چيو، ”آئون ڪار مان لهي ڪار جي پٺيان فوٽو ڪڍان ٿو. تون دريءَ مان منهن ڪڍ جيئن توسان گڏ هرڻ جو فوٽو اچي.“
    ڪئميرا کڻي ڪار مان لٿس. مون سمجهيو هرڻ ڀڄي ويندو پر هو متين جو موڙهيل، ڀنگ پياڪ وانگر پريشان بيٺو رهيو ۽ مون فوٽو ڪڍي ورتومانس.


    لوري غارون ۽ ابراهيم منشي

    ورجينيا رياست جو Shenandoah نيشنل پارڪ گهمڻ بعد اسان Luray Caves (لوري جون غارون) ڏسڻ وياسين. هنن غارن تي هي نالو هتي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي Luray تان پيو جيڪو هاءِ وي 211 جي Exit 264 تي آهي ۽ هن نيشنل پارڪ مان لنگهندڙ مشهور رستو اسڪاءِ لائين ڊرائيو جي اولهه ۾ 9 کن ميلن جي فاصلي تي آهي. هتي غارون ڪافي وڏيون ۽ صاف سٿريون آهن ۽ ٽوئرسٽ کي هڪ ڪلاڪ جي ٽوئر دوران ٻه ميل کن گهمائين ٿا. اندر لائيٽ جو سٺو بندوست آهي ۽ هوا پڻ فريش آهي ۽ ملائشيا جي باتو غارن وانگر چمڙن جي بدبوءِ ۽ پوڄارين طرفان ڇڏيل ڪن ڪچرو نه آهي. هي غارون گهمڻ لاءِ في ماڻهو جي 18 ڊالر ٽڪيٽ آهي ۽ روزانو صبح جو 9 بجي کان ڇهين اندر ڏسي سگهجن ٿيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هنن غارن ۾ هزارين سال پراڻا ٺهيل Stalactites، Stalagmites ۽ ڪالم آهن. اهي شيون ڇا آهن ۽ غارن ۾ ڪيئن ٺهن ٿيون ان بابت احوال اڳتي هلي ٿا ڪريون.
    هي غارون جيڪي هزارين سال پراڻيون آهن انهن جي ڄاڻ 1878ع ۾ ڀرواري ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ فوٽو گرافر ۽ هڪ لوهه ۽ ٽِن جي ڪم ڪندڙ کي پيئي. هنن ڏٺو ته زمين ۾ ٺهيل هڪ سوراخ مان ڪافي پريشر سان ٿڌي هوا نڪري رهي هئي. هنن گڏجي پنج ڪلاڪ کان کوٽائي ڪئي جنهن ۾ ايترو ويڪرو سوراخ کوٽي سگهيا جنهن مان ماڻهو اندر گهڙي سگهي. ان ۾ پهريون ماڻهو جيڪو گهڙيو اهو ائنڊريو ڪئمپ بيل فوٽو گرافر هو ۽ هن کي جيڪو پهريون ٿمڀ (Column) نظرآيو. ان جو نالو آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. اڄ هنن غارن کي هر سال پنج لک کن ملڪي ۽ غير ملڪي ٽوئرسٽ ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ قدرت جي هن ڪرشمي جي واکاڻ ڪن ٿا ۽ بقول هڪ انگريز ٽوئرسٽ جي:
    . . . . For more than 125 years, luray caverns has been renowned as one of the world’s most spectacular natural wonders. A world of magic and majesty, still as morvelously beautiful as described in the newspapers headlines over a century ago.
    هن غار جا خوبصورت اسٽالئڪٽائيٽ ۽ اسٽالئگمائيٽ ڏسڻ وٽان آهن. جيڪي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي مان ٺهڻ ۾ هزارين سال وٺن ٿا. غارون ڪيترن ئي قسمن جون ٿين ٿيون. ڪي جبلن تي مٿاهين ليول تي ٿين ٿيون جيئن غار حرا آهي، جتي اسان جو نبي ڪريم صلعم وحي نازل ٿيڻ کان اڳ پاڻ غور و فڪر ڪندا هئا ۽ جتي قرآن شريف جي پهرين آيت نازل ٿي. هي هڪ ننڍڙي غار آهي جتان سامهون ڪعبھ الله تي بينظر پوي ٿي ۽ روشني به اچي ٿي جيتوڻيڪ دنيا جي ڪيترين غارن ۾ سج جي روشني بلڪل نٿي پهچي. ڪي غارون جيتوڻيڪ جبلن ۾ ٿين ٿيون پر انهن جا منهن گرائونڊ ليول تي ٿين ٿا. اهڙي ئي هڪ غار جو احوال قرآن مجيد جي ڪهف سورې ۾ آهي. ڪي غارون سمنڊ اندر به ٿين ٿيون جيڪي Sea Caves سڏجن ۽ ڪي Rock Shelters ۽ Grottos به سڏجن. ڪي غارون ڌرتي هيٺ به ٿين جيئن هيءَ ورجينيا رياست جي وڏي ۾ وڏي غار ”لوري“ (Luray) آهي. بهرحال ڪي غارون سخت پٿر جون ٿين ٿيون ۽ اهي شروع کان آخر تائين خال (Void) رهن. انهن ۾ چاهي هيٺ پاڻي بيٺل هجي يا مٿان پاڻي ٽمندو رهي تڏهن به ڪجهه نٿو ٿئي. وڌ ۾ وڌ جتي پاڻي ٽمندو رهي ٿو اتي سوين سالن بعد گرائونڊ تي پور (erosion) ٿي وڃي. جبل نور (جنهن تي غار حرا آهي) اهو به ڪجهه اهڙن ئي سخت ۽ نهرن (Solid) پٿرن جو آهي. جن حاجين يا عمري لاءِ ويندڙن هن جبل تي چڙهي چوٽيءَ تي ٺهيل هن مبارڪ غار جو اندريون حصو ڏٺو هوندو انهن کي ڄاڻ هوندي ته اها اڄ به اهڙي ئي حالت ۾ آهي. صدين جي هوائن، سج جي ڪرڻن يا موسم جي تبديلين ۽ مينهن طوفانن هن کي ذرو به نه ڳاريو آهي نه ڊاهيو آهي. اهو ان ڪري جو هن جبل (نور) جو پٿر گرانائيٽ (Granitic Rocks) جو ٺهيل آهي. جنهن تي عربستان جهڙي سخت موسم به اثر نٿي ڪري سگهي ۽ جيئن هيرن لاءِ چيو ويندو آهي ته:
    Diamonds are for ever.
    تيئن هن قسم جي پٿرن لاءِ چيو وڃي ٿو
    Granitic rocks are for ever.
    اهڙي طرح مڪي پاسي جو جبل ثور آهي جنهن ۾ اها مشهور غار آهي جنهن ۾ حضور اڪرم صلعم جن هجرت جي موقعي تي قيام فرمايو هو. اهڙن ئي پٿرن واري هڪ ٻي غار جيڪا لاهوت لامڪان (بلوچستان) ۾ آهي جنهن کي 1964ع ۾ جناب علي نواز وفائي، عبدالقادر پاٽولي، مخدوم عباسي ۽ والد صاحب (گل محمد شيخ) سان گڏ مون کي ڏسڻ جو موقعو مليو هو. هن غار جو منهن تمام سوڙهو ۽ اڻانگي هنڌ تي آهي، منجهس پاڻيءَ جي سم (Seepage) به ٿيو پئي پر ڪنهن به پٿر ۾ ڳار يا پورائي (holes) نظر نه آيا. يعني ان پٿر ۾ ڪوبه چن (Lime) جهڙو نرم ڪيميڪل مليل نه هو. چوڌاري گرانائيٽ جهڙو سخت پٿر هو. انهن غارن جي ڇت تي يا فرش تي اسٽالئڪٽا ئيٽ يا اسٽالئگمائيٽ جهڙي Formation نه هئي. باقي هي Luray جهڙيون غارون چن واري پٿر Lime Stone جون آهن جن تي مينهن جي يا ڪنهن ٻي پاڻيءَ جو وڏو اثر ٿو ٿئي. خاص ڪري ان پاڻيءَ جو جنهن ۾ تيزابيت موجود آهي. هن قسم جون غارون جيڪي Sedimentary Rocks به سڏجن ٿيون ان جي پٿر ۾ هڪ ڌاتو ڪئلسائيٽ به ٿئي ٿو جنهن کي ڪيميسٽري جي زبان ۾ ڪئلشم ڪاربونيٽ سڏجي ٿو. مينهن جو پاڻي هن ڪيميڪل سان مڪس ٿي غارن جي ڇتين تان جڏهن ٽيپو ٽيپو ٿي سِمي ٿو ته ان ۾ موجود پاڻي هيٺ ڪريو پوي پر ڪئلسائيٽ ۽ ان سان مليل ٻيا ڌاتو ڇت تي ڇلي وانگر چنبڙيو وڃن ٿوري دير کان پوءِ وري ٻيو ڦڙو ٽمي ٿو جنهن مان پڻ ساڳيو ڌاتو پهرين ڇلي جي هيٺان ٻيو ڇلي ٺاهي ترسيو پوي. ائين هڪ ٻئي پويان سنها ڇلا ٺهندا وڃن ۽ ڇت تان هڪ گول ڇلن جي لٺ (شربت پيئڻ واري Straw وانگر) هيٺ ايندي رهي ٿي. بلڪ ڇت کان هيٺ لڙڪندڙ اهڙيون لٺيون (Stalactite) جن جا سوراخ بند نٿا ٿين اهي سڏجن ئي ”سوڊا اسٽرا اسٽالئڪٽائيٽ“. ڇت ته لڙڪندڙ هنن لڙهين مان ڪن جا هيٺيان سوراخ بند ٿيو وڃن ۽ پوءِ اهي سوڊا اسٽرا (Soda straw) بدران Cone شڪل جون ٿين. بهرحال ڇت تان لڙڪندڙ هر قسم جي ڇلن جون هي لڙهيون Stalactite سڏجن ٿيون. Calcite سان مليل هي ڦڙا ڇت ۾ لڙڪيل لڙهي ٺاهيندا جڏهن هيٺ ڪرن ٿا ته هيٺ زمين تي به ڇت جهڙا ڇلا ڇلا ٺهندا وڃن ۽ انهن زميني ڇلن جي لٺ کي Stalagmite سڏجي ٿو . ڇت وارين لڙهين ۽ زمين تي ٺهيل لٺين جا مٿيان انگريزي نالا هڪ ٻئي سان ڪافي ملن ٿا. مون کي ياد ٿو اچي ته انٽر سائنس ۾ جاگرافي جو آپشنل سبجيڪٽ پڙهائڻ وارو اسان جو پروفيسر مرحوم طارق مصطفيٰ صاحب اسان کي چوندو هو ته اهي نالا ياد رکڻ لاءِ انهن ۾ موجود C ۽ G جا اکر ياد رکو. جنهن نالي ۾ سي آهي (يعني Stalactite) ان جو واسطو C يعني Ceiling (ڇت) سان آهي ۽ جنهن اکر ۾ G آهي يعني Stalagmite ان جو واسطو G يعني گرائونڊ سان آهي.
    ڪن ڪن غارن ۾ (جيئن ورجينيا رياست جي هن غار ۾) اهي ڪئلسائيٽ جون لڙهيون ۽ لٺيون ايڏيون ته وڏيون ٿيو وڃن جو هڪ ٻئي سان ملي هڪڙو يڪو ٿنڀ ٺاهين ٿيون. غارن ۾ ٺهيل اهڙي ٿنڀ جو جاگرافيائي نالو ”ڪالم“ آهي. هنن Luray غارن ۾ اهڙو ئي هڪ ڪالم Empress Column تمام خوبصورت آهي ۽ قدرت جي تعريف ڪندي نٿو رهجي سگهجي. اهڙي طرح ڪجهه اسٽالئڪٽائيٽ ۽ اسٽالئگمائيٽ بيحد خوبصورت آهن جن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ڏسڻ سان عقل چرخ ٿيو وڃي. اهڙن مان ڪجهه جا هنن Luray غارن جي انتظاميا وارن نالا به رکيا آهن، جهڙوڪ:
    Titanias’Veil جيڪا بلڪل سفيد رنگ جي شفاف ڇلن جي لڙهي آهي.
    Frozen Fountain هي بيحد ڳرو ۽ وڏو سفيد رنگ جي چادر يا پڙدي جهڙو فلو اسٽون آهي جيڪو زمين تي ٺهي پيو آهي.
    Stalacpipe Organ چئن کن ايڪڙن تي ڪجهه ڇت واريون لڙهيون يعني اسٽالئڪٽائيٽ هڪ ٻئي جي ڀرسان ائين ٺهي ويون آهن جن مان هارمونيم وانگر سريلا آواز ٿا نڪرن.
    Giant هال ۾ هڪ سڀ کان ڊگهو ۽ خوبصورت ٻٽو ڪالم آهي جنهن جي ڊيگهه 47 فوٽ آهي.
    منهنجا اهي پڙهندڙ جن جو جاگرافي ۽ ڪيمسٽري جهڙن سبجيڪٽن سان واسطو نه رهيو آهي انهن جي دلچسپي لاءِ هتي ڪجهه ڳالهين جي سمجهاڻي لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
    ڪئلسائيٽ يا ڪئلشم ڪاربونيٽ جنهن مان هي ڇت واريون ڇلن جون لڙهيون Stalactite يا فرش تي لٺيون Stalagmite ٺهن ٿيون پنهنجي نج حالت ۾ سچي موتي (Pearl) وانگر سفيد ۽ شفاف ٿين ٿيون جيئن مٿي ذڪر ڪيل فروزن فائونٽِن آهي جيڪو نج ڪئلسائيٽ جو Stalagmite آهي.
    ڪئلسائيٽ (ڪئلشم ڪاربونيٽ) مان ٺهيل هي سڀ شيون ٽاڪئون ٿين ٿيون ۽زور ڏيڻ سان ٽڙڪي پون ٿيون جيئن سچا موتي Pearl کي مترڪو هڻڻ سان ڇيتيون ڇيتيون ٿيو وڃي. هتي اهو به لکندو هلان ته غارن ۾ ٺهيل هي شيون، سچا موتي، سپون (Shells) ۽ ڪوڏ، ويندي Snail جيت جو مٿيون تهه (Shell) ۽ بيضن (Eggs) جا ٻاهريان ڇلڪا سڀ هڪ ئي شيءِ ڪئلشم ڪاربونيٽ آهي. جپان واري ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ان ۾ ڪا ميڊيڪل حقيقت ناهي ته سچن موتين ۾ ڪا شهواني يا جسماني طاقت آهي. توهان ڪلفٽن تي سمنڊ جي ڪناري تي پيل ڍير سپن مان هڪ سپ (Shell) جو حمام دستي ۾ چورو ڪريو ۽ ٻيو سچي موتيءَ جو چورو ڪريو. ڳالهه ساڳي آهي. ٻنهي ۾ ساڳيو ڪيميڪل آهي. سچن موتين ۾ طاقت، شباب، جواني جو نعرو فقط وهم آهي جيئن ملائيشيا، هانگ ڪانگ، ۽ چين پاسي جا چيني گينڊي (Rhinoceros) جي سِڱَ جي پائوڊر لاءِ چون ٿا جيڪو سائنسي يا ميڊيڪل ريسرچ مطابق وارن جو Compress ٿيل ڇڳو آهي.
    هتي اهو به لکڻ چاهيان ٿو ته اهي ڇت واريون ڇلن جون لڙهيون Stalactite يا Stalagmites ڪي پنجاهه يا سو سال ۾ نٿيون ٺهن پر انهن جي ٺهڻ ۾ هزارين سال لڳيو وڃن. هنن غارن جون مون ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍيون آهن. پر خبر ناهي اخبار وارا يا ڪتاب جا پبلشر انهن مان ڪا ڇپين يا نه. بهرحال جن وٽ ڪمپيوٽر آهي اهي هن ويب سائيٽ تي انهن غار وارن جي انتظاميا طرفان ڏنل ڪجهه تصويرون ڏسي سگهن ٿا.
    www.luraycaverns.com
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي غارون ۽ انهن ۾ هزارين سالن جي عرصي مان ٺهيل عجيب ۽ خوبصورت شيون ڏسي ماڻهو سراپجيو وڃي. نيويارڪ ٽائيمس اخبار جو نمائندو اليگزينڊر برانڊ پهريون سفرنامو لکندڙ آهي جنهن هنن غارن Luray caves جو سير ڪيو. اٽڪل سو سال کن اڳ جي سفرنامي ۾ هن هنن غارن بابت لکيو آهي ته:
    “It’s a magnificent cave. The most beautiful I’verseen.
    Trying to compare this cave to other would be like
    Comparing New York City to the Town of Luray.”
    انسئڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ هنن غارن بابت ڏيڍ صفحو کن ڏنل آهي. رسل گرني جيڪو ليکڪ ۽ Explorers ڪلب جو صدر به رهي چڪو آهي ان پنهنجي ڪتاب ”ڊسڪوري آف لُوري ڪئورن، ورجينيا“ ۾ لکيو آهي ته:
    “Luray Caverns remains a tribute to the courage and vision of explorers who will persevere to seek out secrets of our world. In an imperfect human world it is reassuring that the discovery of these men of vision has been preserved for the enjoymet of this and succeeding generations.”
    لُوري غارن مان نڪرڻ وقت سج اچي لٿو هو. ان ڏينهن اسانجو شايد آخري گروپ هو. نڪرڻ واري دروازي وٽ هڪ ننڍڙو سووينيئر شاپ ۽ چانهه ڪافيءَ جي ريسٽورنٽ هئي. اسان به اتي ئي چانهه پيئڻ چاهي ٿي پر هڪ ته رش ڪري ۽ ٻيو ته ههڙن خاص هنڌن تي هر شيءِ مهانگي ٿئي ٿي. سو اسان ميل ٻه اوڀر ۾ Luray ڳوٺ ۾ اچي چانهه پيتي. حميرا ٻڌايو ته هي ڳوٺ جيتوڻيڪ ننڍو آهي پر هنن غارن ڪري مشهور آهي. انکان علاوه آمريڪا جي وئلي بيس بال ليگ جي Luray Wranglers جو ڳوٺ آهي. يوگي بيئر ڪارٽونن جو خالق پڻ هن ڳوٺ جو آهي جنهن جي ياد ۾ هتي Yogi Bear’s Gellystone پارڪ آهي. ڳوٺ مان نڪرڻ وقت لوري هاءِ اسڪول جي عمارت ۽ Page news اخبار جي آفيس پڻ نظر آئي.
    ڪار منور پئي هلائي پر ٿڪل اسين ٻه حميرا رحمان ۽ آئون هوس جو رکي رکي اٻاسيون به آيون پئي.
    ”ڪر خبر منور! ننڊ ته ڪانه ٿي اچي؟“ مون پڇيومانس.
    ”منهنجو فڪر ئي نه ڪريو توهان ڀلي سمهي رهو“ منور وراڻيو.
    ”نه منهنجا سائين ائين ته اسان به نه ڪنداسين“، مون چيومانس.
    ”جهوٽو لڳندي ڪا دير ٿي ٿئي. گهٽ ۾ گهٽ اسان مان هڪ ڄڻو سمهي ته ٻيو توسان ڳالهائيندو هلي.“
    ”ڪنهن جي به ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي آئون ٿو ڪئسٽ ٻڌان.“ منور اعلان ڪيو. منور ٻه ٽي ڪئسٽ مٽائيندي آخر هڪ کي هلڻ ڏنو.
    مون رات گنجي ۾ گجندي ڪيڏا سنڌوءَ جا سرواڻ ڏٺا
    ٿي ٻهڪيا منهن ۽ ٻانن ٻر، مون ٻلواڻن هٿ ٻاڻ ڏٺا
    هت ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀڙڪا ها ۽ ڪانن جا ڪيئن ڪڙڪا ها
    هت گونج متل هئي گولين جي، ۽ ٽڪر ٽولين ٽولين جي
    ڏيئي منهان منهن مهاڏا ٿي، ڄڻ سانَ وڙهيا ڪي پاڏا ٿي
    هن ڀر کان ڀاڳيان ڀونيان ها، ۽ اڳيان چور اڀونيا ها
    مون جنگ اندر ڪئين جوڌا جاني، سورهيه پٽ سڄاڻ ڏٺا
    . . . . هي ابراهيم منشي پاڻ هو، جيڪو ڪنهن محفل ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائي رهيو هو. ڇا ته سندس آواز ۽ ان ۾ جوش ۽ للڪار هئي. اسان جي ننڊ ته پهرين سٽ تي ئي هلي ويئي. ”ابا منور متان ان ڪئسٽ کي بند ڪيو اٿئي.“ حميره رڙ ڪئي، ”اسان ننڊ تان هٿ کنيو.“
    . . . . هي آزادي جو جهيڙو هو ۽ ڀائر ڀائر ڀيڙو هو،
    هڪ غدارن جو ٽولو هو، جنهن ننگ نسل ۾ رولو هو،
    سو ڌاڙيلن سان هو ڌر بنيو، ۽ سنڌ لاءِ سورن سر بنيو،
    هئا لعنت سان منهن لال سندن، ڇا ويهي ڪريان مان ڳالهه سندن،
    ان ڪڙم جي قاتل ٽولي جا مون پيلا منهن خود پاڻ ڏٺا. . . !!
    مون ابراهيم منشي جي شاعري پهريون دفعو اڄ کان ويهارو سال اڳ سئيڊن جي شهر مالمو ۾ وزير سومري وٽ ٻڌي هئي، جڏهن آئون اتي جي يونيورسٽي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ ۾ هوس. اڄ اسان جو هي پيارو شاعر هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. ابراهيم منشي هڪ مزاحمتي شاعر هو، جنهن پنهنجي ڌرتيءَ تي تبديليءَ جي چاهنا رکي. هو ڌرتيءَ وارن لاءِ حوصلي، همت، سرت، ساڃاهه، جرئت ۽ جدوجهد جو سبب بڻيو رهيو.
    جنگ جنگ جنگ آ، منهنجي توسان جنگ آ
    پليت پير ڪر پري، هيءَ ڌرتي منهنجو ننگ آ
    ابراهيم منشي جي جيڪڏهن شاعري پڙهندائو ته ان ۾ هن جي زندگيءَ جو مقصد چٽي طرح نظر ايندو. هو ڏوٿي ماڻهن جو همدرد، وڏيري، سرمائيدار جو چٽو دشمن نظر ايندو. سندس شاعري سنڌي قوم لاءِ اتهاس جي اهميت رکي ٿي. هو عام ماڻهن جو آواز هو. اڄ جڏهن ورجينيا رياست جي رستن تي اسان جي گاڏي صحيح رستو وٺي وڃي رهي آهي، ته اسين ابراهيم منشي کي پنهنجو گيت ترنم سان پڙهندو ٻڌي گم ٿي ويا آهيون. سندس شاعريءَ ڪيڏو ته بيقرار ڪري وڌو آهي.
    ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسون
    سرنهن پيلا جهليندي گل، تڏهن کيتن ۾ ملنداسون. . . !
    اتر جا واءُ جڏهن ورندا، اڇا سر، ڪانهه سنگ ڪڍندا،
    لهنديون ڪونجون جتي ڪڻڪي، انهن ڪيٽين ۾ ملنداسون.
    ڇڏي درياءُ ويندو دهشت، بنائي ٻيٽ ٻيلاٽيون
    چڙهي تڏهن ناءُ ننڍڙيءَ تي، انهن ٻيٽن ۾ ملنداسون.
    ”منور واهه جو ڪئسٽ هٿ ڪيو اٿئي. ڪٿان گهرايئي؟“ مون پڇيومانس.
    ”مون کي به ٽالپر ٻڌڻ لاءِ ڏنو آهي.“ منور وراڻيو.
    ”ڪهڙي ٽالپر؟ طلعت ٽالپر؟ شاهد ٽالپر؟“ مون پڇيو.
    ”شاهد ڏنو آهي پر آهي توهان جي ڳوٺائي سليم عرساڻيءَ جو.“
    ”چڱو هاڻ ڳالهه ٻڌ.“ مون چيو، ”ڪنهن جو به هجي مون کي اهو ٽيپ ڪرائي ڏي.“
    منشي محمد ابراهيم 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنهاڻ سومرو، تعلقو ٽنڊو محمدخان ۾ جنم ورتو هو.
    ڪنهن جي ٿي هت ذات وڪامي، ڪنهن جي ٿي هت ڏات وڪامي
    ڪنهن جي ٿي هت بات وڪامي، ڪنهن جي ٿي هت رات وڪامي
    هيڏي وڪري ۾ جو نه وڪاڻو، تنهن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو
    جهڙو ماڻهو تهڙو ناڻو، هر ڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو
    جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو، سوئي ماڻهو موتيءَ داڻو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471171
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188583
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ