ڪتاب جو نالو: ڳالهيون پيٽ ورن ۾(ڀاڱو ٻيون)
مصنف: سلطانه وقاصي
ڇپائيندڙ: امبر پبليڪيشنز
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 255 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 175 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • زندگيءَ جي عڪاسي – سلطانه وقاصي
  • منهنجي ڀيڻ سلطانه وقاصي
  • وجود جي سچائي ۽ ڏکن جو گهر
  • ڳالهيون پيٽ ورن ۾

  • سياسي وفاداريون ۽ قول عمل جو تضاد
  • سنڌ جا ادارا ۽ اديبن جو ڪردار ۽ محبتون
  • هيءَ دنيا، انسان ۽ ملندڙ آزمائشون
  • حق بخشرائڻ ۽ ڪارو ڪاري ڪري مارڻ وارا مسئلا
  • جن وٽ جُهڳي به ڪانه هئي، انهن ڪليم ۾ محل حاصل ڪيا
  • مزاحمتي جنگ ۽ سنڌي اديب جو ڪردار
  • انڌي قانون جا انڌا محافظ
  • عجب وچان ڏندين آڱريون
  • موسيقي جا من کي موهيندڙ آواز
  • سنڌين جي تعليم جي تباهيءَ ۽ ان جا ذميدار
  • قصو شاهن ۽ ڪرسين جو
  • سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ ۽ نوجوانن جون ذميواريون
  • سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ ان جا مول متا
  • ڪاپي جي خاتمي لاءِ گڏيل اپائن جي ضرورت
  • ڪالم نگاري، موضوع ۽ ساٿياڻين جي ڪاوڙ
  • پراڻي ٽهيءَ جا اديب ۽ نئين ٽهيءَ جا رويا
  • بينظير ڀٽو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ميلو
  • سنڌي ادبي سنگت، اديب ۽ بي ادب
  • گلابن جي گلن جهڙي ثريا
  • بينظير جا ويچار ۽ بيروزگاري
  • پاڪستان عالمي يتيم خانو ۽ نشي جي لعنت
  • سنڌ جي مالڪيءَ جا دعويدار ...؟
  • جذبن جا رشتا، احساسن جي جنگ
  • هدايت بلوچ ۽ جدائيءَ جو داغ
  • اعليٰ تعليم جا درسگاهه
  • سنڌ جي تاريخ ۾ نئون باب لکرائڻ جي ڪوشش
  • نه چوڻ جهڙيون ڳالهيون، نه سلڻ جهڙا ڏک
  • سماج، مرد ۽ عورت
  • رت ۾ ٻڏل پوپريون ۽ تتل ڌرتي
  • سنڌ جو مسئلو، ادارا ۽ قلم ڌڻي
  • آخرڪار اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
  • شيخ اياز موهن جي دڙي جيان خاموش ٿي ويو
  • اديب ۽ ان جي قلم جي طاقت
  • ڪراچيءَ جي صدر بازار ۾ منهنجي دنيا
  • اسان ۾ سهپ جو مادو
  • سنڌ ملڪ ۾ آيل خراب ريتون رسمون
  • سوچيو ۽ سوچيو
  • ڇا سڄي سنڌ کي “نو گو ايريا” بڻايو ويندو؟
  • موت اگر قسمت آهي ته وڙهي مرجي
  • هر انسان هڪ ڪهاڻي آ
  • قصو هڪ خط جو
  • اُتم انسانيت يا مذهب؟
  • ڪراچيءَ جو ڪيڏارو
  • سر عام هر بات چوندا رهياسين
  • سوڀي گيانچنداڻي کي مليل “ڪمال فن ايوارڊ”
  • شهزادن جي موٽ
  • اڄ جو سنڌي ڪٿي بيٺو آهي؟
  • گهرو ويڙهه ڏانهن ويندڙ حالتون
  • ماسڪ پهريل چهرن کي بي نقاب ڪيو!
  • تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي
  • سگا جو ادا مظهر ميمڻ
  • آپا شمس عباسي: هڪ مثالي ڪردار
  • اڄ جي سياست جا اسم ۽ ضمير
  • سنڌ يونيورسٽيءَ جو تعليمي ماحول ۽ مسئلا
  • ڏکايل ڪردار
  • هڪ سسئيءَ ٻيا سُور
  • ڏاڍو جيون ۽ ڏکن جون واٽون
  • شعور جي منزل
  • پيار ۽ نصيب
  • منهنجو لاش ۽ مان
  • رستي تي پيل هڪ مرڪ ۽ چمڪ
  • امر جليل ڏانهن لکيل هڪ خط
  • طارق عالم کي نه مرڻ گهرجي
  • ناول زينت - ٽي وي ۽ اسان

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    سڀ حق ۽ واسطا ليکڪا وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ڳالهيون پيٽ ورن ۾
    (سياسي، تاريخي، تنقيدي، ادبي ڪالمن جو مجموعو)
    (ڀاڱو ٻيون)

    ليکڪا: سلطانه وقاصي

    ڪمپوزنگ ۽ پيج ميڪنگ
    سنگم پبليڪيشنس
    سچل ڳوٺ، ڪراچي

    پبلشر
    امبر پبليڪيشنز، ڪراچي
    فون: 03343615403
    Email:amberpublication805@gmail.com

    پرنٽر: ڪيو پرنٽرز

    ٽائٽل: عبدالحسين ميراڻي

    ڇاپو پهريون: اپريل 2015ع

    قيمت: 300/ روپيا


    ارپنا

    پنهنجي مٺڙي ڀاءُ
    نادر وڪو
    جي نانءُ
    جيڪو جدا ته ٿي ويو آهي
    پر اڄ تائين
    وسريو نه آهي
    دل جي اندر
    هڪ ڪنڊ ۾
    گهر ٺاهيو ويٺو آهي

    سلطانه وقاصي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (164) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ ، ڀاڱو : ٻيو“ شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصيءَ جي ڪالمن جو مجموعو آهي.
    هن ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي
    هي ڪتاب امبر پبليڪيشن ڪراچي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ميڊم سلطانه وقاصيءَ جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. ٿورا ڪرم الاهي چنا جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    ڳالهيون پيٽ ورن ۾ .....

    ڏاڍو ڏکيو آهي پاڻ تي ۽ پنهنجين لکڻين تي لکڻ. بحرحال وري به اندر جو احوال اورڻ ضروري ٿي پيو آهي .... هيءَ جيڪا اڪرم سلطانه وقاصي آهي نه، ان جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. جنم کان وٺي شعور واري زندگي ٽنڊوآدم شهر ۾ گذاريائين.....
    منهنجو بابا سائين خانصاحب عبد الحق وڪو، جيڪي پاڻ ميهڙ شهر جا هئا، انهن اچي ٽنڊو آدم وسايو. منهنجو خاندان وڏيرڪو نه پر زمينداري خاندان آهي. بابا سائين جن هڪ محنتي ۽ ايماندار زميندار هو. اُنهن کي ڪتاب ۽ اخبارون پڙهڻ جو بي حد چاهه هوندو هو. پنهنجي تر ۾ خوشحال ۽ عزت وارو انسان هو. اُنهن ۾ وڏماڻهپي، غرور يا وري ڪنهن کي هيٺاهون سمجهڻ وارو سڀاءُ موجود نه هو. مون کي ڪتاب ۽ اخبار هٿ ۾ ڏيڻ وارو بابا سائين هو......
    اسان جي گهر ۾ اسان ڀينرن تي اُهي سڀ پابنديون هونديون هيون، جيڪي هڪ وڏگهراڻي ۾ هونديون آهن. ها، پر اُن سان گڏوگڏ بابا سائين اسان کي ذهني آزادي ڏني ۽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ تعاون ڪيو ۽ همت افزائي ڪئي. بابا سائين جن جو چوڻ هوندو هو ته ڪم ۽ محنت سڀ کان وڏي عبادت آهي. ڪيترا نوڪر چاڪر هوندي به بابا سائين جن پنهنجو ڪم پاڻ ڪندا هئا. اسان ڀينرن مان اگر ڪير ڪنهن ڪم واريءَ کان پاڻي به گهرندي هئي ته هو سخت ناراض ٿيندا هئا. وڌيڪ ڇا لکان، علم دوست، غريب پرور بابا سائين ڪيترن گهرن جي مالي مدد ڪندو هو. اُنهن جي ڏک سک جو ساٿي هوندو هو. خير جا ڪم ائين ڪندو هو جو هڪ هٿ سان ڏئي ته ٻئي هٿ کي خبر ئي نه پوڻ ڏيندو هو.......
    منهنجي امان، جيجل حميده بيگم هڪ باهمت، سچي، اندر جي اُجري هوندي هئي. هوءَ ڪا به ڳالهه دل ۾ رکي نه سگهندي هئي. سٺي ڳالهه هجي يا اختلافي مسئلو، هوءَ هر ڳالهه منهن تي چئي ڏيندي هئي. گهر جي چوديواري ۾ رهندڙ منهنجي امان جيجي، پنهنجي وقت جي وڏي عالم ۽ تعليمي ماهر علامه علي خان ابڙي جي وڏي ۽ پياري ڌيءَ هئي. ان سچ کان به ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي ته پئسو ۽ شان شوڪت اسان جي معاشري ۾ وڏي اهميت رکندا آهن. اُن جي باوجود به اها وڏي سچائي آهي ته سڀ ڪجهه هوندي به سنڌي عورت ڌيءَ، ماءُ ۽ زال جي روپ ۾ گهڻو ڪجهه سهي ۽ ڀوڳي ٿي. منهنجي امان جيجي هڪ بربادر ۽ غم کي ٽارڻ واري عورت هئي. خير جي ڪمن ۾ هٿ ڪونه روڪيندي هئي، دل جي ڪُشادي، هر ايندڙ ويندڙ کي مان ۽ عزت ڏيڻ واري هئي...... مان پنهنجي ننڍپڻ ۾ امان کي ريڊيو تي اباڻن جا گيت ٻڌندي روئندي ڏٺو ۽ وڏي ڄمار ۾ چندر ۽ ٻين جا گانا ٻڌندي هنجون هاريندي ڏٺو.....
    منهنجو ننڍو ڀاءُ نادر وڪو ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو. هي هڪ وڏو سانحو ۽ ڏک هو اسان جي خاندان لاءِ. نادر سائين پنهنجي طبعيت ۾ مست انسان هو. بي پرواهه ۽ دوستن جو دوست هو. بي حد ذهين ۽ سٻاجهو انسان هو. اُن جي گهرواري عظميٰ بروهي آپا گلجان بروهي جي ڌيءَ هئي. حيدرآباد ۾ رهندڙ صدر جا بروهي هڪ سٺي حيثيت رکن ٿا. منهن جي ڀاءُ جي وفات کانپوءِ منهن جي ڀاڀي عظميٰ کي ڪينسر ٿي پيو ۽ اُها به گذاري ويئي. نادر سائين کي چار ڌيئرون آهن. وڃڻ کان اڳ هڪ ماءُ پنهنجن نياڻين کي ڪي سمجهاڻيون ڏيندي آهي. ڪيترين سمجهاڻين سان گڏ منهنجي ڀاڀي عظميٰ پنهنجي نياڻين کي اها سمجهاڻي به ڏني ته پنهنجي ا مان جيجي (ڏاڏي) جهڙا بهادر ۽ باهمت ٿجو ته پوءِ دنيا ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو. بس اهڙي ئي هئي منهنجي امان جيجي..........
    ابي امان وٽ گهر جي ماحول ۾ بابا سائين سان گڏوگڏ منهنجا ڀائر به اسان ڀيڻن جو ساٿ ڏيندا هئا. ادبي دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ پوءِ اڳتي وڌڻ ۾ منهنجا ڀائر گهڻو تعاون ڪندا هئا. منهنجو وڏو ڀاءُ لا لا سڪندر حيات وڪو جنهن کي اسان سڀ لا لا سائين چوندا آهيون، منهنجي زندگي ٺاهڻ ۽ ادبي دنيا ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي.. منهنجو ڀاءُ لا لا سائين پڪوسنڌي ۽ سنڌين سان پيار ڪرڻ وارو آهي. لا لا سائين هر انسان سان پيار ۽ تعاون ڪندو آهي پر سنڌي ماڻهن جي مدد ڪرڻ اُنهن کي اڳتي وڌائڻ ۾ هو ڪا به ڪمي نه ڇڏيندو آهي. منهنجي بابا سائينءَ جو مان شان، لا لا سائين ۽ ٻين ڀائرن جي دوستي ۽ ناماچاري هميشه منهنجو مانُ وڌايو آهي. مان اڪرم سلطانه وقاصي آهيان اهو سبق دل سان ياد اٿم. عورت ۽ ماءُ به آهيان پر مان اهو ڪڏهن به نه وساريو آهي ته مان به ڪنهن جي ڌيءَ ۽ ڀيڻ آهيان..... مون هميشه لکيو آهي ته آزادي ۽ ڇڙواڳيءَ ۾ وڏو فرق آهي. هڪ نياڻي جنهن کي جيتري به گهر جي ماحول ۾ آزادي ملي ٿي. جڏهن اُها انهن حد بندين ۾ رهي ٿي ته پوءِ آهستي آهستي سڀ رستا ۽ واٽون پاڻ ئي کُلنديون وينديون آهن. پوءِ اهڙو وقت به ايندو آهي جو اُها ٿوري آزادي هڪ وڏي ڪينواس ۽ تبديل ٿي ويندي آهي.....
    هاڻ ڏاڏاڻي طرف هڪ وڏو عزت وارو نالو ۽ شخصيت منهنجي پڦيءَ جو پٽ ۽ ڀيڻويو ڊاڪٽر مٺل وقاصي سالن کان وٺي آمريڪا ۾ رهي ٿو پر لڳندو اٿم ته اُن جو روح سنڌ جي گهٽين ۾ گهمندو رهندو آهي. ادا مٺل وقاصي به سنڌ مٿان قربان ٿيڻ وارو انسان آهي. آمريڪا ۾ ويندڙ ڪيترا سنڌي سندس مهمان هوندا آهن. اُنهن اُت امريڪا ۾ هڪ وڏو ادارو سنڌ جي نالي پٺيان کوليو آهي. ادا مٺل وقاصي جڏهن به پاڪستان ايندو آهي ته هت ان جو دعوتون ٿينديون آهن. اُنهن ۾ مون کي به دعوت ملندي آهي.
    چڱي طرح ياد اٿم هڪ دفعو حسين شاهه راشديءَ جي گهر دعوت هئي، اُت حسين شاهه راشدي مون کي ڏاڍي پيار سان چوڻ لڳو ته توهان وقاصي منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهيو. هت توهان ويٺا سنڌ سنڌ ڪريو ۽ قلم جي جنگ وڙهيو ۽ هوڏانهن آمريڪا ۾ ڊاڪٽر مٺل وقاصي هڪ نئين سنڌ ٺاهيو ويٺو آهي.
    هاڻ مان اچان ٿي پنهنجي زندگيءَ ڏانهن جيڪا گذري ويئي....ڪيئن گذري جيڪڏهن اُن جو ويهي حساب ڪتاب ڪندس ته پوءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو....ها ائين ضرور چوندس ته مون اها ڪوشش ضرور ڪئي آهي ته مان بهتر ۽ سٺي زندگي گذاريان. اُن ڪوشش ۾ مان ڪامياب به ٿي آهيان. ڪيترا سال اڳ مون هڪ فيصلو ڪيو ته سلطانه تو وٽ نه اکيون آهن نه ڪن ۽ نه وري زبان آهي. اهو سڀ ڪجهه سوچي مان پنهنجي زندگيءَ ۾ برداشت جي حد تائين هر ڳالهه صبر سان درگذر ڪئي آهي. ها باقي ڪي اهڙيون ڳالهيون جيڪي برداشت ڪرڻ جهڙيون نه هيون ته اُن لاءِ وڙهي به ضرور هوندس... ها سائين مون کي ٻه ٻار آهن. روماسه ۽ امر. اُنهن کي سٺي تعليم ۽ سٺو ماحول ڏنو اٿم. اُنهن کي سٺو انسان ٺاهڻ جي به ڪوشش ڪئي اٿم. سرڪاري نوڪري ڪئي اٿم. مون کي پئسي جو قدر آهي ڏهه هزار هجن يا ڏهه رُپيا، بي مقصد خرچ نه ڪندي آهيان. زندگيءَ جي شروعاتي دور ۾ ڪتاب گهڻا پڙهيا اٿم. هاڻ پڙهڻ جو وقت گهٽ ٿو ملي. ها پر جيڪو به سٺو ڪتاب هوندو آهي اُن کي ضرور پڙهندي آهيان. لکڻ سان تعلق اڃان تائين نڀائيندي پئي اچان. گهٽ لکان پئي، لکڻ منهنجي ضرورت آهي نه لکندس ته مري ويندس. ماڻهن جو خيال آهي ته مان گهڻو لکيو آهي. اُن وقت مان سوچيندي آهيان ته اگر منهنجي زندگي ايتري مصروف نه هجي ها مون کي ڪير دال ماني کارائڻ وارو هجي ها ۽ مان ڪمرو بند ڪري سُک سان لکندي پڙهندي هجان ها ته ڪيترو نه گهڻو لکان ها.... اهو سڀ ڪجهه منهنجي لاءِ خواب آهي سک ۽ سڪون ۾ مان ڪجهه به نه لکي سگهان ها.....حقيقت ته اها آهي ته مان ماڻهن جي هجوم ۾، گوڙ شور ۾ هُل هنگامي ۾ ڏکن سورن ۾ خوشين جي پلن ۾ انسانن جي وچ ۾ ويهي انسانن جي اندر جون ڳالهيون ڪيون اٿم. دنيا جي ڪنڊن ڀري واٽ، نٽهڻ اُس ۾ هلندڙ پنهنجي وجود جي همدرد ۽ دوست به مان پاڻ آهيان.
    مان خوش قسمت آهيان ته مون کي سٺا دوست ۽ همدرد مليا آهن. اُنهن ۾ خيرالنساءِ جعفري، تنوير جوڻيجو، فهميده حُسين، انيس رحمان، مهتاب راشدي، نسرين جوڻيجو، قمر شهباز، ادي ارشاد قمر، ڊاڪٽر سليمان شيخ، انيس گهانگهرو، الطاف شيخ، افروز عاربي، سحر امداد، امداد حُسيني، هدايت بلوچ، انور پيرزادو ۽ ستار پيرزادو آهن. انهن کان علاوه ٻيا به لاتعداد نالا آهن جن کي ڏسي اکيون ۽ دل ٺرندي آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا منهنجو اُستاد ۽ رهبر رهيو آهي ۽ علي احمد بروهي صاحب مون تي شفيق ۽ مهربان رهيا آهن.
    مان مضبوط ارادن ۽ اعصابي قوت جي مالڪ آهيان پر وري به انسان آهيان. منهنجا ٻئي ٻار منهنجي زندگي آهن. اُنهن جي آڱر وٺي مون زندگي گذاري آهي. اڄ به منهنجي ڌيءَ صبح سان مون کي فون ڪندي آهي ۽ رات جو فون ڪري گڏ نائيٽ چوندي آهي. (ننڍپڻ کان عادت اٿس) منهنجو پٽ امر مخدوم مون سان گهر ۾ آهي اُن جو آواز هر وقت پيڇو ڪندو رهندو آهي. منهنجيون اکيون کلنديون ۽ بند ٿينديون آهن انهن جي آوازن ۽ وجود پٺيان. هي پيار جو موهه ڏاڍو ڏکيو آهي پر وري به هن موهه مان پاڻ کي ٿورو هٽائڻو پوندو ڇو ته آئيندهه وقت ڏکيو آهي.....
    هيءَ ڪٿا مون لکي آهي. مان ڪجهه به نه لکڻ چاهيو پئي. منهنجي دل جي خواهش هئي ته مان شاهه عبداللطيف جا هي ٻه شعر لکان ها جن ۾ منهنجي جيون جو سڄو پيغام آهي. لڳندو اٿم پر يقين اٿم ته شاهه عبداللطيف هي شعر منهنجي لاءِ ئي لکيا هوندا...
    (1) جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام....
    (2) هڪ سسئي ٻيار سور، ويا پٽيدا پاڻ ۾

    سلطانه وقاصي
    مارچ 2015


    زندگيءَ جي عڪاسي – سلطانه وقاصي

    هدايت بلوچ

    زندگيءَ جي عڪاسي – سلطانه وقاصي

    سال 1970ع جي ڪنهن مهيني ۾ تاج بلوچ مون کان سوجھري رسالي لاءِ انٽرويو ورتو هو. تڏهن منهنجي عمر شايد پنجويهه – ڇويهه سال هوندي. اُهو انٽرويو ڏيندي به ڪيترا سال گذري ويا آهن. اُن انٽرويو ۾ مون پنهنجي پسند جا جيڪي شاعر ڳڻايا هئا، تن ۾ ٻين سان گڏ سلطانه وقاصيءَ جونالو به مون کنيو هو. تڏهن شايد مون سلطانه وقاصي کي ڏٺو به ڪونه هو. ائين ئي سندس ڪلا تي غيب تي ايمان آندو هيم. اڄ هيترا سال گذرڻ کانپوءِ به منهنجي راءِ ساڳي آهي. فرق اهو آهي ته تڏهن اڻ ڏٺي تي ايمان آندو هئم هينئر سلطانه وقاصي منهنجي قريبي دوستن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي. هي رشتو هڪ طرفو نه آهي سلطانه پنهنجي هڪ مضمون ۾ جيڪي پنهنجا قريبي دوست ڳڻايا آهن اُنهن ۾ منهنجو نالو به شامل آهي. سلطانه جيڪي پنهنجا ٻيا دوست ڳڻايا آهن انهن ۾ اڪثريت منهنجي دوستن جي به آهي. انهي لسٽ ۾ ڪنهن کي منهنجي دوستيءَ تي اعتراض آهي ته اعتراض داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ اڃا اڳتي پئي آهي.
    جڏهن مون سلطانه وقاصيءَ جو نالو پنهنجي انٽرويو ۾ کنيو هو ته اُن وقت سندس حيثيت هڪ نثراڻي نظم جي بهترين شاعرا جي حوالي سان هئي پوءِ اڳتي هلي سندس زندگيءَ جا اڪيچار پهلو منهنجي نظر مان گذريا، هوءَ هڪ متحرڪ، باغي، غير مصلحت پسند، محنتي، اورچ ۽ بهترين سيرت جي مالڪ ثابت ٿي. هوءَ شاعرا هجڻ سان گڏوگڏ ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار به آهي، سلطانه وقاصي خوددار ۽ ارڏي آهي. هوءَ اهڙي لبرل ۽ انقلابي عورت آهي جنهن جو پهريون ڪمٽمينٽ پنهنجو گهر ۽ پنهنجا ٻچا آهن، جن کي پالڻ، پڙهائڻ ۽ هڪ عزت ڀرئي مقام تي پهچائڻ هن اڪيلي خوددار ۽ باعزت عورت جي اعليٰ ڪردار جو ثبوت آهي. هوءَ اهڙي لبرل ۽ پروگريسو به نه آهي جنهن کي ڇڙواڳ يا دربدر جو نالو ڏئي سگهجي. سندس ساٿياڻيون ڏسو مهتاب راشدي، فهميده حسين، انيس رحمان انيس گهانگهرو، تنوير جوڻيجو، خيرالنساءِ جعفري ۽ ٻيون اُهي سڀ لبرل ۽ ترقي پسند شخصيتون آهن جن جو پهريون ڪمٽمينٽ پنهنجو گهر پوءِ معاشرو، سنڌ ۽ انسانيت آهي.
    سلطانه وقاصي پنهنجو گهر ڪيئن هلايو؟ پنهنجا ٻچا ڪيئن پاليا ۽ پڙهيا آهن هوءَ ڪهڙين ڏکين حالتن مان گذري ڪامياب ٿي آهي سا سندس ويجهن دوستن کانسواءِ عام ماڻهوءَ کي خبر نه هوندي..... هجي به ڇو؟ هوءَ پاڻ به پسند نه ڪندي آهي ته ڪو سندس گهريلو پسمنظر تي قلم کڻي، سندس مثال ڀٽ ڌڻيءَ جي انهيءَ بيت وانگر آهي.
    نهائين کان نيهن، سک منهنجا سپرين
    سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
    سچ پڇو ته جن آزمائشن مان هوءَ جدوجهد ڪري اُڪري پار پئي آهي سا جدوجهد مثالي آهي ۽ اهڙا مثال سنڌ ۾ ورلي ملندا. ڀٽائي صاحب چيو آهي.
    مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اُڀا ائين چون متان پاند پسائين.
    پر هيءَ اُها عورت آهي جنهن کي ٻَڌي ٻار ۾ اُڇلايو ويو پر هوءَ پاند پسائڻ کان سواءِ ٻاهر نڪري آئي آهي..... سلطانه وقاصي، جيئن مون چيو هڪ پوري تحريڪ جو نالو آهي. هوءَ مصلحت پسند هڪ گهڙيءَ لاءِ به ناهي ٿي تنهنڪري هن گهڻا ڏک ڏٺا آهن. پر ڏک ۽ سک زندگيءَ جي ڪيفتين جا ئي نالا آهن. هو نه ڏکن ۾ ڏاڍي مايوس ٿيندي آهي ۽ نه وري سکن ۾ آپي کان ٻاهر نڪري ويندي آهي. هوءَ متوازن شخصيت جي مالڪ آهي. ڏکن سکن ۾ سالم رهڻ ئي اعليٰ ڪردار جو اهڃاڻ هوندو آهي.
    ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ
    شهر ۾ ڪڏهن ڪٿي ڪا تقريب ٿيندي ته اڪثر فون ڪندي ادا توهان اچو ٿا يا نه.....ائين ڪيترن ئي ادبي موقعن تي اسان پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪندا آهيون ۽ ويچار ونڊيندا آهيون.
    سنڌي ادبي بورڊ بچايو واري تحريڪ ۾ جنهن جي اڳواڻي نورالهديٰ شاهه پئي ڪئي. تنهن ۾ ڪراچيءَ کان مان اڪثر ويندو هوس. ڪڏهن شمشير الحيدري به هوندو هو. عورتن مان صرف سلطانه وقاصي هئي جيڪا مونسان گڏ هلندي هئي پوءِ اسان جهنڊا کڻي حيدرآباد جي روڊن تي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻن ۾ گڏ هوندا هئاسين.
    سلطانه وقاصي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي به شروع کان سرگرم رڪن رهي آهي وچ ۾سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۾ ڪافي سالن کان تعطل رهيو. جڏهن ادبي سنگت ٻيهر سرگرم ٿي ته وري سلطانه اسان سان گڏ ادبي ڪچهرين ۾ هوندي هئي. سچ ته اهو آهي ته جنهن ادبي ميڙ ۽ گڏجاڻي ۾ سلطانه وقاصي نه هوندي آهي اُها ڄڻ ته ٻُسي پئي لڳندي آهي.
    مون کي ويندي ويندي هڪ ڳالهه ياد اچي وئي ته اها به لکي ڇڏيان سال 1996ع ۾ جڏهن منهنجي بدلي سنگاپور ٿي هئي تڏهن مون کي ادبي حلقن پاران کوڙ دعوتون مليون هيون. سڀ کان پهرين دعوت مهتاب راشدي پنهنجي گهر ۾ ڪئي هئي. سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۽ حيدرآباد مان منهنجي ڀاءُ عنايت بلوچ ڀرپور دعوتون ڪيون، جيڪي منهنجي دل تي اُڪريل آهن. پر مان سلطانه وقاصي ۽ انيس گهانگهرو جي اُن دعوت کي ڪيئن ٿو وساري سگهان. جڏهن اُهي ٻئي ڄڻيون مٺائيءَ جا دٻا ۽ ڪجهه تحفا کڻي منهنجي گهر آيون هيون. منهنجي گهر ۾ منهنجي ٻچن جي وچ ۾ ويهي ڪري چيو هئائون ته ادا توهان سنگاپور وڃي رهيا آهيو. ٻين توهان کي دعوتن ۾ گهرايو آهي اسان پاڻ دعوت کڻي توهانجي گهر آيا آهيون. اسان اڄ به دوست آهيون، اڳ به هئاسين، سڀاڻي به رهنداسين، سلطانه سان منهنجا رشتا اڻ ٽٽ آهن.


    منهنجي ڀيڻ سلطانه وقاصي

    ارشاد قمر

    منهنجي ڀيڻ سلطانه وقاصي

    سلطانه وقاصي سان منهنجي پهرين ملاقات 1988ع ۾ اُن وقت ٿي هئي جڏهن منهنجي رهائشگاهه تي آل سنڌ وومن ايسوسيئشن جو پايو وڌو ويو. ڪراچيءَ جي ڇڙوڇڙ ٿيل ڪٽبن کي گڏ ڪري، هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي تنظيم جي ضرورت هئي جيڪا خالص عورتن جي هجي، اُها تنظيم پيڙيل ۽ جبر جي هيٺ آيل عورتن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري اُنهن ۾ سجاڳي پيدا ڪري سگهي. اُن وقت ڪراچيءَ جي حالتن کي ڏسي ڪري اهو ضروري ٿي پيو هو ته عورتن جي هڪ مضبوط تنظيم هجي، جت عورتن کي گڏ ڪجي ۽ اُنهن ۾ شعور پيدا ڪجي. اُنهن ڳالهين کي نظر ۾ رکي “اسوا” جو بنياد رکيو ويو. حيدرآباد ۾ لساني هنگامن جي دوران ٿيل خون ريزي اڄ به هر سنڌيءَ کي ياد آهي. پنهنجي گهرن مان لوڌيل سنڌين کي حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جي پراڻي ڪيمپس ۾ پناهه ڏني ويئي هئي. سخت سردي، بک بيماري اُنهن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو. مٿان ڪرفيو هجڻ ڪري هو يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ محصور ٿي ويا هئا. اهڙين مصيبتن جي گهڙين ۾ اُها سلطانه ئي هئي جيڪا ٻين عورتن سان گڏجي ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويئي هئي ۽ ڪرفيو ۽ گولين جي وچ مان لنگهي راشن، دوائون، گرم ڪپڙا ۽ گرم شالون اُت پهچائي آئي هئي.
    سلطانه ۾ مون جيڪا اهم ڳالهه نوٽ ڪئي ته هوءَ باهمت ۽ بي ڊپي هوندي هئي. هر سڏ تي ليبڪ چوڻ واري سلطانه پنهنجي گهريلو ذميدارين ۽ نوڪري هوندي به قومي فرض ۾ حصو وٺڻ کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو. گرمي هجي يا سردي سلطانه هر هنڌ حاضر ٿيندي هئي ۽ ڀرپور طريقي سان ڪم ڪار اُڪلائڻ ۾ مدد ڪندي هئي. ايسوسيئيشن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ به سلطانه گهڻو تعاون ڪيو. سلطانه صاف دل، سچي ڳالهه منهن تي چوڻ واري ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان ڪانه جهڪي. جڏهن اسوا تنظيم مصلحتن جو شڪار ٿي پوين پساهن کي پهتي وري اسان سڀني عورتن گڏجي مارئي فورم جو بنياد وڌو. سلطانه هن سفر ۾ اسان جو ڏهه سال ڀرپور ساٿ ڏنو. هن پليٽ فارم تان ڪيئي سيمينار، ليڪچر ۽ ٻيا ڪيترا سماجي ڪم اسان ڪرايا جن ۾ سلطانه عادت موجب سڀ کان اڳري ۽ ڪم ڪرڻ واري هوندي هئي.
    مون سان سلطانه جو هڪ محبت وارو ساٿ به رهيو آهي. جيون جي اُن ساٿ ۾ اسان هڪ ڀرپور وقت گذاريو آهي. ياد اٿم جڏهن ڪراچيءَ ۾ لساني فساد ٿيا ۽ ڪافي سنڌي ڪٽنبن وڃي منگهو پير ۾ وڃي پناهه ورتي هئي سطانه پنهنجي عادت موجود سڀ کان اڳيرو ٿي اُنهن ڏتڙيل ڪٽنبن وٽ وڃي پهتي، اُن ڏينهن سخت گرميءَ ۾ جوڙيا بازار مان رشيده قريشيءَ سان گڏجي هڪ ڏينهن جي اندر راشن ۽ ضرورت جون ٻيون شيون خريد ڪري اُن ئي ڏينهن پريشان حال ماڻهن ۾ وڃي ورهايون. ٺٽي ۾ باهه لڳي ته سلطانه مدد ڪرڻ لاءِ پهچي ويئي. اهڙا ٻيا ڪيترا مثال آهن جن ۾ سلطانه ڀرپور حصو ورتو.
    سلطانه هڪ سٺي اديبه ۽ شاعره به آهي. ادب ۾ اُن جي پنهنجي هڪ حيثيت آهي، پر جهڙي طرح اُن سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو آهي. اُن جو سبب به اهو ٿي سگهي ٿو ته هوءَ حساس دل رکندڙ شاعره ۽ ڪالم نويس به آهي. هوءَ پروگرامن ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرض به خوش اسلوبي سان نڀائيندي آهي. مارئي فورم جي پليٽ فارم تان جيڪي به فنڪشن ٿيا هميشه سلطانه انائوسمينٽ جا فرض پاڻ انجام ڏيندي هئي سنڌي گهراڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڏسي سندس چهرو خوشيءَ ۾ پيو مهڪندو هو.
    مارئي فورم جي روايت آهي ته ان پاران هر سال نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ عورتن توڙي مردن کي سونا تمغا ڏنا ويندا آهن. اُنهن پروگرامن جون تياريون وڏي پيماني تي ڪيون وينديون آهن. سلطانه اُنهن سڀني پروگرامن ۾ ڀرپور حصو وٺندي آهي. فنڪشن واري ڏينهن اسان ٿڪجي چور ٿي اچي اسٽيج تي ويهنداهئاسين ته سلطانه هشاش بشاش تيار ٿي اچي اسٽيج تي انائونسمينٽ ڪندي هئي. اهڙن موقعن تي سندس چهري تي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. سلطانه جي خدمتن جو اعتراف ڪندي 1994ع ۾ مارئي فورم پاران ميڊل ڏيڻ واري ڪاميٽيءَ سلطانه وقاصيءَ جو نالو چونڊيو. اهڙي طرح کيس 1994 ۾ مارئي فورم طرفان گولڊ ميڊل جو ايوارڊ ڏنو ويو.
    قومي فرضن سان گڏوگڏ سلطانه پنهنجيون گهرو ذمينداريون به خوش اصلوبيءَ سان انجام ڏنيون آهن. پنهنجن ٻارن کي ڪڏهن به احساس نه ڏياريائين ته ڪو پاڻ ايترو مصروف زندگي گذاري ٿي. ماشالله سندس ٻار اعليٰ تعليم يافته ۽ سٺا شهري آهن. مان خوش قسمت آهيان جو ڪراچي جهڙي شهر ۾ تنظيمن جي ڪمن ۾ مون کي سلطانه جو ساٿ رهيو.

    عوامي آواز- 20 مئي 2003ع


    وجود جي سچائي ۽ ڏکن جو گهر

    وجود جي سچائي ۽ ڏکن جو گهر

    بوري بازار ۾ خريداري ڪندي اوچتو هڪ چهري تي نظر پيم، ڪمزور هڙٻاٽيل، پر قدمن ۾ تيزي ۽ ڦڙتي، مون کي اهو چهرو ڄاتل سڃاتل لڳو پر ذهن جي تختيءَ تي نالو نه پيو اڀري، ائين پيو لڳي ڄڻ تمام قريب رهندڙ هستي آهي سو مان به پنهنجي خريداري وساري اُن جي پويان پويان هلڻ لڳس. مون کي ڏاڍي بيزاري پئي ٿي. پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ به پئي آيم، آخر هيءَ آهي ڪير؟ آخر مون کان رهيو نه ٿيو، وڃي اڳ ورتومانس، هجت ڪري پڇيو مانس مون کي سڃاڻين ٿي؟ هن جي منهن تي مرڪ تري آئي، ڏاڍي قرب مان اڳتي وڌي منهنجي ٻانهن هٿ سان پڪڙي چوڻ لڳي سلطانه آهين نه، ڏس تو ته مون کي سڃاتو پر مان به تو کي سڃاڻي ويس.....هاڻ مان کيس ڇا ٻڌايان ته مون کي سندس نالو به ياد نه ٿو اچي. هاڻ اسان ڪچهري ڪندا بازار جا چڪر لڳائيندا رهياسين، پراڻيون ڳالهيون ڪندي اوچتو منهنجي ذهن ۾ ٺڪاءُ ٿيو اڙي هيءَ گلشن آهي. هاڻ مان پريشان ٿي ويس ڇو ته پنهنجي زماني ۾ گلشن ڪا هروڀرو سهڻي ڪانه هوندي، هئي پر سندس منهن ۾ اهڙي ته مڻيا هوندي هئي. سندس چهرو ايڏو ته وڻندڙ هوندو هو جو جڏهن هوءَ هلڪو به تيار ٿيندي هئي ته سهڻين کي به شهه ڏيئي ڇڏيندي هئي. منهن تي سدائين مرڪ وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندڙ، گلشن جو سڀاءُ به ڏاڍو سٺو هوندو هو. زبيده ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙن جي وندر هوندي هئي گلشن......سڀني کي ڪم اچڻ واري، وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندڙ گلشن اڄ اهڙي ٿي ويئي آهي. جو سڃاپجي ئي ڪانه پئي. اُتان ٿورو گڏ گهمي اسان هڪ ٻئي کي پنهنجون ايڊريسون ۽ فون نمبر ڏيئي گهر روانيون ٿيون سين، هاڻ اسان واندڪائي مهل فون تي ڪچهري ڪندا هئاسين. منهنجي زندگي ۽ حالتن جي باري ۾ هوءَ گهڻو ڄاڻندي هئي ۽ مان بلڪل اڻ ڄاڻ هيس ان جي زندگي جي حوالي سان جڏهن هوءَ منهنجي ذاتي زندگي جي حوالي سان ڳالهائي پنهنجا رايا ڏيندي هئي، همدردي جو اظهار ڪندي هئي ته مون کي ڏاڍو خراب لڳندو هو. مان کيس جواب ۾ اهو سمجهائيندي هيس ته راڻي اسان جهڙا فرد پنهنجو وارتائون ڪنهن کان لڪائي نه سگهندا آهن. پر اهو ته سوچ ته مان هڪ زندگي گذاريان پئي. زندگي ڏکي آهي، ان جي باوجود اسان ڪر کڻي مان شان سان هلون ٿا. پنهنجي پروان جي ڏنل ڏکن ۽ معاشري جا ڏنپ کائي وري به هڪ واٽ ٺاهي، جيون ۾ جدوجهد ڪريون پيا، اڳتي وڌون پيا، اسان کي ڪنهن جي همدردي جي ضروري نه آهي. هڪ فرد جي حوالي سان، سٺي نوڪري، گهر ۽ ٻچا گهڻو ڪجهه ئي آهي اسان جي زندگيءَ ۾، بي مقصد زندگي ته اسانجي به ڪانهي.....هڪ دفعو ڳالهين ڪندي هڪ خاص موضوع وٺي مونسان بحث ڪيائين. مون کي ان جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. هوءَ پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌائڻ بدران منهنجي ٽوهه ۾ لڳي وئي منهنجي زندگيءَ جي تلخين بابت هروڀرو پڇڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. مان کيس انهن ڳالهين جو جواب ڏاڍي ڌيمي انداز ۾ ڏيندي هئس. هڪ دفعو هڪ ڏاڍو خطرناڪ سوال ڪري ويهي رهي. مان کيس جواب نه ڏيئي سگهيس ۽ چيومانس ته شاهه جو شعر پڙهيو اٿئي.
    “جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏاوس ڪيام”
    لڳندو اٿم ته شاهه اهو شعر منهنجي لاءِ ئي لکيو آهي. منهنجي دل چاهيندي آهي ته اها شاهه لطيف جي سٽ ڪنهن کان لکرائي، پنهنجي گهرجي ٻاهران لڳرائي ڇڏيان پوءَ ڪير به مون کان اهڙا اونڌا سوال جواب نه پڇي جهڙا تون پڇندي آهين......منهنجي لهجي جي تبديلي ان محسوس ڪئي چوڻ لڳي تو کي خراب ٿو لڳي جو مان اهڙيون ڳالهيون تو کان پڇان ٿي؟ جواب ۾ چيومانس تلخ ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ اهو نه ٿي سوچين ته اسان جهڙيون عورٿون هن معاشري ۾ رهي ڪري هڪ سٺي زندگي گذارين پيون. سٺيون ڳالهيون ڪر مونسان، مون کان پڇ ته هن دنيا جي اجگر ۾ جڏهن ڪنهن وٽان به چڱائيءَ جي اميد نه آهي ته پوءِ پنهنجي زندگي ڪيئن گذارجي؟ زندگي جو اهڙو ڪهڙو ڏک آهي جيڪو مون نه ڏٺو آهي؟ ڪنهن وقت ۾ ته معاشي طرح به ڪمزور رهيس. انسان جيترو سهي سگهي اوترا غم ۽ زخم مون پرايا آهن. ڪي ڳالهيون ڪرڻ جون، نه ٻڌائڻ جون اندر ۾ ناسور وانگر گهر ڪيل هونديون آهن. ڪي ڳالهيون، پر وري به هيءَ زندگي پنهنجي آهي. ڀل ٻيو ڪير ڪجهه نه ڏي، پر ماڻهو پنهنجو پاڻ سان ته سچو هجي، پنهنجو پاڻ سان همدردي هجي. اُن سچائي ۽ همدرديءَ جي ڪري ئي زندگي گذارڻ سولي ٿي پوندي آهي. اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون اسان فون تي ڪندا رهندا هئاسين ڪڏهن ڪڏهن مون کي گلشن ذهني مريض لڳندي هئي. سندس ذهن پازيٽو ڳالهيون ڪرڻ بدران نيگيٽو سوچون رکندو هو....مان ڏاڍي صبر تحميل سان سندس اهي ڳالهيون ٻڌندي هيس.
    هڪ ڏينهن اوچتو اچي نڪتي منهنجي گهر، مان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. سندس خير عافيت پڇي کانئس خبرون چارون وٺڻ لڳس، گلشن مون کي ذهني مريض سان گڏوگڏ بيمار به لڳندي هئي اڄ به هوءَ ٿڪل ۽ پريشان پئي لڳي، ڳالهين ڪندي وري اچي پنهنجي رڳ تي پهتي. هڪ ڳالهه جو جواب صحيح ڏجان، هوءَ سوال ڪري ويٺي. چيو مانس خطرناڪ ۽ ذاتي سوال نه ڪجان..... پڇيائين مونکان، تون ايترو کلين ڳالهائين ڪيئن ٿي؟
    مان حيران ٿي ويس ان سوال تي، کيس چيم هي ڪهڙو سوال آهي. اڙي سائين کلڻ ۽ کائڻ ته منهنجو حق آهي ۽ منهنجي هٿ وس آهي.... ڀلا اسان وٽ کلڻ ڳالهائڻ کانسواءِ رهيو به ڇا آهي.....؟ هڪدم سنجيده ٿي ويئي. چوڻ لڳي ته تون ٻڌاءِ يا نه ٻڌاءِ پر مان ايترو ڪجهه منهنجي باري ۾ ڄاڻان ٿي جيتري تو کي پاڻ کي به خبر نه هوندي، منهنجو تنهنجن ڪن مائٽن ۽ دوستن سان تعلق آهي، ايترا ڏينهن تو سان فون تي ڳالهائيندي رهي آهيان تو کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم پر سمجهي نه سگهي آهيان. هاڻ تون مون کي صرف منهنجي پڇيل ان سوال جو جواب ڏي ته تون ايترو کلين ڳالهائين ڪيئن ٿي.....!
    هاڻ صفا پريشان ٿي ويس. سو فيصد ان ڳالهه تي سوچڻ شروع ڪيم ته گلشن جي دماغ تي ٺلهو اثر ڪونهي، پر هوءَ سچ پچ بيمار آهي. هاڻ مان سندس ڳالهين کي درگذر ڪري، موضوع مٽائڻ لڳيس. . . . ڀلا تون به ته کلين پئي، تون به ته مون کان وڌيڪ ڳالهائين پئي، ڀلا تون ئي ٻڌاءِ ته تون ائين ڇو پئي ڪرين؟ منهنجو اهو چوڻ جي دير هئي گلشن اکين ۾ ڳوڙها آڻي سڏڪا ڀري منهنجي هنج ۾ ليٽي پئي . . . . . ڪيتري دير تائين هوءَ روئندي رهي. سندس روئڻ ڏک سان ڀريل هو. جڏهن هوءَ روئي روئي ٿڪي ته پاڻ ئي اٿي ويٺي. ائين لڳو ڄڻ ان پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪيو هجي، ان دوران، نه ئي مون کيس آٿت ڏني ۽ نه وري روئڻ جو سبب پڇيو مانس، عجيب قسم جو ماحول ٿي ويو هو. مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مان کانئس روئڻ جو سبب ڪيئن پڇان. . . . . ؟ جيئن جبل ڦاٽندو آهي ائين گلشن ڦاٽ کائي ويٺي. چوڻ لڳي مان جو تنهنجو مٿو کائيندي هئس فون تي، توکان عجيب سوال پڇندي هئس. ان جو به هڪ سبب هو، ته تو مون کان ڪڏهن پڇيو ئي ڪو نه ته گلشن تنهنجي زندگي ڪهڙي آهي؟ خوش به آهين يا نه . . . .!
    مان کيس چيو ته مان هروڀرو ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ ۾ دخل اندازي نه ڪندي آهيان. ڪنهن کي وڻي نه وڻي، ذاتي زندگيءَ جي ٽوهه ۾ وڃڻ ڪا چڱي ڳالهه ته نه آهي. پوءِ جو هن پنهنجو قصو شروع ڪيو ۽ بغير ڪنهن فل اسٽاپ جي هوءَ ڳالهائيندي رهي. پنهنجي زندگيءَ جي ڪتاب جو هر ورق ان پڙهي ٻڌايو. جڏهن سڀ ڳالهيون ڪري ٿڪي ته پوءِ مون کي چيائين هاڻ ٻڌاءِ ته مان جيئري ڪيئن رهان؟ راتين جو ننڊ به نه ٿي اچي. صحت جواب ڏئي ويئي آهي. طبيعت ۾ ڪاوڙ ۽ تيزي گهڻي اچي ويئي آهي. سال ٿيا آهن جو پيٽ ڀري ماني نه کاڌي اٿم. جڏهن توسان مليس سوچيم ته تو کان ئي ڪجهه حاصل ڪري سگهان ته زندگي ڪيئن گذارجي . ..؟
    ان جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي حال في الحال مون کي به ماٺ وٺي ويئي. مان ڪنهن کي آٿت ڏيڻ لاءِ لفظن جي چونڊ نه ڪري سگهندي آهيان. اهڙين حالتن ۾ مان خاموش رهڻ ئي بهتر سمجهندي آهيان. منهنجي اها خاموشي منهنجي وجود لاءِ چڱي نه هوندي آهي. ان حالت ۾ مان پرايا ڏک پنهنجي وجود ۾ اوتي ڇڏيندي آهيان، مان جيڪا پنهنجي وجود کي به اڃان سنڀالي دنيا سان مقابلي ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهندي آهيان، اهڙا ڪردار ڏسي، اهڙيون ڳالهيون ٻڌي اڃان به جيءُ جهري پوندو آهي، اسان جي معاشري ۾ ذهني تبديلي اڃان گهٽ آئي آهي. اڻ پڙهيل اٻوجهه عورتن جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي پر هڪ پڙهيل لکيل عورت، ڪمائيندڙ، مرد جي ٻانهن ٻيلي عورت به اڃا تائين عدم تحفظ جو شڪار آهي. عورت چاهي پڙهيل هجي چاهي اڻ پڙهيل، فطرتن اها عورت ئي آهي، هوءَ مرد جو ساٿ توجهه ۽ پيار محبت چاهي ٿي. ان ساٿ ۽ پيار جي عيوض جبلن جيڏا غم به کڻي ٿي وڃي، جڏهن ان کي توجهه نه ٿي ملي ته ڪک به ان کي بار ٿو لڳي. مان ته سوچيان ٿي ته اسان وٽ جنهن به ماڻهوءَ سان ملندؤ، ان جي ڪهاڻي ٻڌبي، ان جي اندر ۾ جهاتي پائبي ته هر ڪو هڪ ڪهاڻي آهي.
    هاڻ اهو سوچجي ته دنيا ۾ سک شانتي ڪٿي آهي؟
    اهو سڀ ڪجهه پنهنجي وجود ۾ آهي. هي جيڪو پنهنجو وجود آهي ان سان پيار ڪجي، پنهنجي وجود سان همدردي ڪجي. جڏهن اسان پاڻ سان محبت ڪرڻ لڳنداسين ته پوءِ يقينن دنيا جي ڪيترن سورن کان ڇٽي پونداسين . . . .
    آچر 14 نومبر 1993ع


    ڳالهيون پيٽ ورن ۾

    سياسي وفاداريون ۽ قول عمل جو تضاد

    حالتون خير سان ٺاهوڪيون ٿي ويون آهن. سياسي وايو منڊل ۾ به جيڪو تحرڪ هو ان ۾ به ڪافي ماٺائي اچي ويئي آهي. هاڻ سڀ ڪنهن جون نگاهون حڪومت ڏانهن آهن. هاڻ ته سائين عرف عام هن حڪومت کي سنڌين جي حڪومت چيو پيو وڃي جڏهن به ڪنهن ٻي صوبي جو سياستدان سربراهه ٿيندو آهي تڏهن ڪا به اهڙي ڳالهه نه چئي ويندي آهي. ها پر سنڌ ۾ اهو جملو ضرور دهرائبو آهي ته سنڌين جي حڪومت آهي. چوڻ لاءِ بيشڪ فخر جو باعث آهي سنڌي قوم جي لاءِ ته ٻه دفعا ملڪ جي سربراهه ٿيڻ واري عورت سنڌياڻي آهي. اها ڳالهه به وسارڻ جي نه آهي ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي ان دور جون گهٽ وڌايون پنهنجي جاءِ تي ان جي باوجود ڪيترين سٺين ڳالهين سان گڏ اها به ڳالهه آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي جهڙو دلير ۽ ڪامياب سياستدان هن ڌرتي تي پيدا ٿي ئي ڪو نه سگهيو آهي ملڪ جي تاريخ ۾ اهو مثال ٻي ڪا به حڪومت پيش نه ڪري سگهي آهي جو سڄي پاڪستان ۾ پارٽي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري بغير ڪنهن جي تعاون جي بغير ڪنهن ٻي پارٽي جي سهاري تي حڪومت ٺاهجي اها ڪاميابي صرف ۽ صرف ڀٽي صاحب کي ئي ملي ڀٽو صاحب واحد شخصيت هئي جنهن پنهنجي سحر انگيز شخصيت جي حصار ۾ سڄي پاڪستان کي قابو ڪيو. اڄ به سنڌ جي ماڻهن کان ڀٽي صاحب جو قضيو وسريو ڪونهي مان اڄ به ڀٽي صاحب جي تصوير کي غور سان ڏسي نه سگهندي آهيان دل ۾ هڪ درد اڀرندو آهي ساه ۾ مونجهه ٿيندي آهي.
    ڀٽي صاحب سان سياسي اختلاف رکڻ وارا پر پٺ ڇا به چون پر هڪ ميز تي ويهي ڳالهين ڪرڻ مهل، بحث ڪرڻ مهل ڀٽي صاحب کي قائل نه ڪري سگهندا هئا. ڀٽي صاحب جا آخري ڏينهن پنجاب ۾ گذريا ۽ جڏهن سندس بي جان جسم سنڌ ڌرتي تي پڳو ان حوالي کي نطر ۾ رکي سندن اها سوچ پيدا ٿي ته ڇو ته ڀٽو سنڌي هو ان ڪري ان کي ان حال ۾ پهچايو ويو هو. مٿان وري سياسي وابستگين جي ڪري ڀٽي جي نالي پٺيان سنڌين مٿان ظلم ڪيا ويا. انهن سنڌين کي اڃا وڌيڪ پختو ڪيو.
    هن حقيقت کان به ته انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌ جو عام ماڻهو شروع کان وٺي ڀٽي صاحب جو وفادار رهيو ۽ ان جي نالي پٺيان اکيون ٻوٽي ووٽ ڏيندو رهيو ها پر هتان جو سياستدان جيڪو جاگيردار ۽ سرمائيدار آهي ان ڪنهن حد تائين پنهنجون واٽون ضرور مٽايون آهن سنڌ جا اهي وڏا نالا جن ڀٽي جي زماني ۾ به پنهنجا پيٽ ڀريا، ڀٽي کان پوءِ وفاداريون قائم نه رکي سگهيا ۽ مختلف حڪومتن ۾ عهدا ماڻيندا رهيا. مان اها ڳالهه به چوڻ جي جرئت ڪندس ۽ ان حقيقت کان انڪار به نه ڪندس ته ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب ۽ سرحد جا پيپلز پارٽي جا اهم رڪن وڪامجي نه سگهيا. سنڌ ۾ اڪثريت ۽ ٻين صوبن ۾ چند سياستدان هئا جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو باقي ٻيا تڪليفن ۾ به رهي وفادار رهيا اهڙن وفادارن ۾ سردار فاروق لغاري جو نالو سر فهرست آهي. فاروق لغاري هن وقت اسان جي ملڪ جو صدر آهي مون کي گهڻي ڄاڻ ته نه آهي پر خبر اٿم ته پيپلز پارٽي جي شروعاتي دور کان وٺي هن مهل تائين ان ڀٽي صاحب سان ڪيل قول پاڙيو آهي ۽ پنهنجي ضمير جو سودو ڪين ڪيائين. صدارت جي ڪرسي ماڻي ڪالهه هو ڀٽو صاحب جي مزار تي حاضري به ڏيئي آيو آهي. ڪن اخبارن هاءِ گهوڙا ڪئي آهي ته صدر کي غير جانبدار رهڻ گهرجي ها ان ڪري ان کي ڀٽي صاحب جي مزار تي نه وڃڻ کپي ها . . . . . پر اهو ڪيئن ممڪن هو؟ هن اهو عهدو ماڻيو ئي ان وفادارين جي عيوض آهي، پنهنجي قول ۽ عمل جي سچائي جي ڪري آهي. هاڻ جو هو ائين نه ڪري ها ته پاڻ سان پاڻ چڱو نه ڪري ها. (هن ڪتاب جي ڇپجڻ وقت اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته فاروق لغاري، بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪري پيپلز پارٽيءَ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ۽ هو به وڪامجي ويو.)
    منهنجو اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان وٽ سياستدان خاص ڪري ڪرسي پٺيان گهڻو ٿو وڪامجي تڪليفون به سهي نه ٿو سگهي جهٽ واٽ مٽائي ٿو ڇڏي. حقيقت ۾ هئڻ ائين گهرجي ته جنهن پارٽي سان وابستگي هجي ۽ ان پارٽي جي نالي پٺيان اسيمبلين ۾ سيٽون حاصل ٿيون ڪجن. اگر اهو ميمبر اختلاف راءِ رکي ٿو ته سڀ کان پهرين ان کي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفا ڏيڻ گهرجي اها ڳالهه ته بلڪل غلط آهي جيڪا اسان جي ملڪ ۾ ٿيندي رهي آهي. ته نوٽن ۽ ڪرسين جي عيوض وفاداريون مٽائجن اهو خوفناڪ دور ڄام صادق علي جي زماني ۾ ته کلم کلا عروج تي پهچي ويو هو پڙهيل لکيل ماڻهو ته ڇڏيو پر عام اڻ پڙهيل ماڻهو به ان ڳالهه کي سمجهيو پئي ته اهو سڀ غلط پيو ٿئي.
    پاڪستان ۾ ڪهڙي به پارٽي هجي ڪهڙو به نالو هجي اگر ان پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل نمائندو پارٽي مٽائي ٿو ته سڀ کان پهرين ان جي چونڊيل نمائندي واري حيثيت ختم ٿيڻ گهرجي . . . . . ضروري آهي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙو سخت قانون پاس ڪيو وڃي ائين ڪرڻ سان اسان جي ملڪ ۾ ناڻي جي سياست ۽ ڪرسي جي سياست جو خاتمو ٿي ويندو.
    گذريل پنجن سالن ۾ جيڪي ٽي اليڪشنون ٿيون آهن ان ۾ ڪا به پارٽي واضح اڪثريت حاصل ڪري حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ نه آئي آهي ٿوري اڪثريت کڻڻ واري پارٽي کي آزاد اميدوارن ۽ ننڍن سياسي ۽ لساني گروهن جو محتاج ٿيڻو ٿو پوي. ان سودي بازي ۾ حڪومت ته ملي وڃي ٿي پر ان حڪومت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي وعدا ڪيا ٿا وڃن پئسو لٽايو ٿو وڃي من پسند وزارتون ڏنيون ٿيون وڃن. اهڙن سببن جي ڪري حڪومت جا بنياد ڪمزور ٿي ٿا وڃن. اٺاسي واري اليڪشن جو مثال ڏئي سگهجي ٿو جنهن ۾ پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان تعاون ڪري جيڪا حڪومت ٺاهي ان جو انجام ڇا ٿيو ؟ سائين ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ڊپٽي ڪمشنر انهن جي مرضي جا، چيف سيڪريٽري انهن جي مرضي جو، پوليس جا آءِ جي، ڊي آءِ جي انهن جا ماڻهو، اسپيڪر کان وٺي اهم وزارتون انهن جي حوالي مطلب ته ڪراچي حيدرآباد ته سڄي انهن جي هئي پر ٻيون اهم وزارتون ڏيئي سڄي سنڌ جي واڳ انهن کي ملي ان ۾ انهن اهڙي ته تباهي مچائي جو اڃا تائين انهن جي ڪيل غلط فيصلن جو اثر انهن شعبن ۾ موجود آهي اصل تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو هو سنڌ جي تعليمي نظام کي. هي ماڻهو جيڪي بليڪ ميلنگ جي سياست جا عادي آهن سي ڪيئن ٿا مڙن – هاڻ وري اهي لاٽون اهي چگهه، حالانڪه پنهنجن اعمالن ۽ دهشتگردين جي ڪري اها طاقت نه رهي اٿن ته به سائين جن چون ته اسان حمايت ته غير مشروط ڪئي آهي، پر هاڻي اسان جا هي شرط آهن . . . . سائين منهنجا جڏهن تعاون غير مشروط آهن ته باقي شرط ڇا جا . . . . ؟ هاڻ وري انهن کي سنڌ جي سڄي واڳ ٿي کپي بهانو اٿن شهري ۽ ٻهراڙي جي نمائندگي جو مون کي ڏاڍي حيرت لڳندي آهي جڏهن اخبارن ۾ خاص ڪري اردو اخبارن ۾ هن قسم جا بيان پڙهندي آهيان ته سائين سنڌ ۾ امن قائم تڏهن ٿيندو جڏهن ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏبو سنڌ جون حالتون تڏهن سڌرنديون جڏهن ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪبو وغيره وغيره.
    ڀلا جيڪڏهن ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ نه ٿي اچي سگهي ته ڪهڙي قيامت ايندي . . .؟ مصلحت پسند ٿي هن حڪومت کي آتش فشان تي نه ويهڻ گهرجي سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ جي زور تي هي جا حڪومت ٺهي آهي هاڻ ان ۾ ڪي به پراڻيون غلطيون نه دهرائڻ کپن. هي مسئلو به تمام اهم آهي جنهن ۾ حڪومت اهو اعلان ڪيو آهي ته گذريل حڪومت جن ماڻهن کي بيروزگار ڪيو هو، نوڪريون کسيون هيون انهن کي واپس نوڪريون ملنديون اهو اعلان تمام وقتائتو ۽ اهم آهي ڇو ته ڪنهن کان روزگار کسڻ ڪنهن به حڪومت جي لاءِ چڱو ڪونهي هڪ ٻي ڳالهه ان اعلان جي تسلسل ۾ جيڪا حڪومت ڪئي آهي اها اها آهي ته گذريل حڪومت جيڪي نوڪريون ڏنيون آهن انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي ۽ ڄام ۽ شاهه جي حڪومت جي دوران ڏنل ملازمتون ختم ڪيون وينديون سائين منهنجا اهو اعلان ڪجهه چڱو ڪو نه ٿو لڳي ته توهان به هڪ پاسي ماڻهن کي نوڪريون ڏيو ۽ ٻئي پاسي انهن کان روزگار کسيو. يقين ڪريو جڏهن به ڪو ضرورتمند نوڪري جي تلاش ۾ نڪرندو آهي ته اها ڳالهه نه سوچيندو آهي ته ڪنهن جي حڪومت آهي ۽ ڪير نوڪرين جو مالڪ آهي .هڪ سج ٻه پاڇا وانگر ڪڏهن ڪنهن جو دور آهي ڪڏهن ڪنهن جو دور آهي. نوڪري حاصل ڪندڙ غريب ضروتمند جي هٿ مان ڳڀو کسڻ ڪا چڱي ڳالهه نه آهي.
    ٿيڻ ته ائين کپي ته فراخدلانه جذبو رکي گذريل حڪومتن ۾ حاصل ڪندڙ نوڪرين کي ختم نه ڪري اڃا وڌيڪ بيروزگارن کي روزگار سان لڳايو وڃي. آخر اها ڳالهه ڪٿي وڃي حد ڪندي جو هر ايندڙ حڪومت پوئين حڪومتن جي ڪيل ڪمن کي خراب چئي پاڻ کي بهتر چوائيندي هي جيڪو اعلان ٿيو آهي تنهن ويچارن غريبن جي مٿان پريشانيون آڻي ڇڏيون آهن. مهرباني ڪري هن غلط عمل کي موجوده حڪومت کي ٻنجو ڏيڻ گهرجي وڏي دل رکي هي فيصلو ڪجي ته اسان ڪنهن کي به بيروزگار نه ڪنداسين پر جن کان روزگار کسيو ويو آهي انهن کي نوڪرين تي بحال ڪنداسين. اهڙي اعلان سان غريب ويچارن ۾ نئون ساهه پوندو ۽ اها روايت جيڪا اسان وٽ پئجي چڪي آهي ته نئين حڪومت گذريل حڪومت ۾ ڏنل نوڪريون ختم ڪندي آهي اها روايت ختم ٿي ويندي.
    هي ڪجهه ڳالهيون ۽ ان سان گڏ ٻيون به ڪيتريون اهم ڳالهيون آهن جن کي صحيح ڪرڻ لاءِ حڪومت کي وڏي دل رکڻ گهرجي ان غلط رستي تي ڪيل غلط فيصلن جو بهرحال اثر عوام تي ٿو پوي هاڻ عوام اهو نه رهيو آهي جيڪو پهرين هو هاڻ هر ڪو ماڻهو بنيادي ضرورتن ۽ حقن جي پورائو چاهي ٿو هاڻ اهو فرض آهي حڪومت جو ته هو ڪنهن حد تائين اهي بنيادي حق ۽ ضرورتون پوريون ٿي ڪري.

    آچر 05 ڊسمبر 1993ع


    سنڌ جا ادارا ۽ اديبن جو ڪردار ۽ محبتون

    سنڌي اديبن جي ڪردار تي اڄ تائين الائجي ڪيترو ئي لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي. سنڌ جون حالتون جڏهن به ڪنهن انتهائي خطرناڪ موڙ تي اچي وينديون آهن. ان ويل اسان جا ئي ڪي سڄاڻ ۽ ڄاڻ رکندڙ ماڻهو اديب جي ڪردار جي وٺ پڪڙ ڪندا آهن. اسان جو سنڌي اديب اُن جو ڪردار ڪهڙو رهيو آهي ۽ ان کي ڇا ڪرڻ گهرجي اهي سڀ سوال گردش ڪندا رهندا آهن.
    سنڌي ادب جو ڏات ڌڻي قلم ذريعي پنهنجي سڃاڻ رکي ٿو. هو قلم جو پورهيو گهٽ کائي ٿو ان کي ضرورت صرف ان ڳالهه جي هوندي آهي ته هو ڇا ٿو لکي، ڪنهن جي لاءِ ٿو لکي، ۽ ڪير آهي جيڪو پڙهي اُن کي مڃتا ٿو ڏئي.....اديب جي ڪمزوري اها آهي ته پڙهندڙ ان کي ڪيتري موٽ ڏين ٿا. هو پنهنجي پڙهندڙن تائين ڪيتريون سچيون حقيقتون پهچائي سگهي ٿو. اڄ جي هن تيز دنيا ۾ هر ڪا ڳالهه لکيل ڪتاب وانگر آهي، اُن ڪري ئي لکندڙ به رومال ۾ ويڙهي لکڻ بدران سڌي سنئين ڳالهه ڪري ٿو. هر لکندڙ جي راءِ ۽ سوچ پنهنجي هوندي آهي. اُن ڪري مان ۽ مون سان گڏ ٻين ڪيترن اديبن پنهنجي راين جو، نظرين جو کلي طور اظهار ڪيو آهي. هڪ اهڙي کليل اظهار ۽ راءِ جن جي حوالي سان ڪن پڙهندڙن مون تي تنقيد به ڪئي پر ٿوري ئي وقت ۾ حالتون اهڙيون ٿي ويون جو منهنجي ڪيل ڳالهين جي ثابتي ملي ۽ اهميت وڌي، اها راءِ اِها آهي ته......” جيئن ته هيءَ سڄي سنڌ سنڌين جي آهي ان ڪري سنڌ ۾ قائم ٿيل ادارا ۽ حڪومتون به اسان جون آهن”.....ان ڪري سنڌ جي مفاد ۾ ادارن ۽ حڪومتن سان تعاون ڪجي نوان ادارا ٺاهجن ۽ جيڪي ادارا صحيح ڪم نه ٿا ڪن ته بجاءِ انهن کي نندڻ ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ جي انهن ۾ اندر گهڙي، انهن تي حق ڄمائي انهن جي اصلاح ڪجي. اسان وٽ جڏهن به اديب ادارن ۽ حڪومتن سان تعاون ڪندو آهي ته وٺ پڪڙ شروع ٿي ويندي آهي فلاڻو حڪومت جو چمچو آهي، فلاڻو ويڪاڻو آهي، ڌرتيءَ جو غدار آهي وغيره وغيره. بس اهڙي قسم جون سوچون ۽ عمل رکي اسان پاڻ کي تباهه ڪيو ۽ اسان جا ادارا به غلط قسم جي ماڻهن جي هٿن ۾ تباهه ۽ برباد ٿيندا رهيا. اسان جا اديب جيڪي تعاون نه ڪرڻ چاهيندا آهن. باقي انهن جو عمل اهو رهيو آهي ته رستن ۽ روڊن تي نعري بازي ڪجي، اخبارن ۾ مذمتي بيان ڪڍي هاءِ گهوڙا ڪجي، اهڙي اديبن جو ڪردار قابل مذمت آهي ڇو ته جڏهن اهي اديب پاڻ کي ادارن ۽ حڪومتن کان مٿانهون سمجهي تعاون نه ٿا ڪن ته پوءِ انهن کي تنقيد ڪرڻ جو حق به ڪونهي......مان ڪيترائي دفعا لکي چڪي آهيان ته اُن سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ته ڄام جي حڪومت آهي يا مظفر شاهه جي يا وري پيپلز پارٽيءَ جي. سنڌ جو گورنر جهانداد هجي يا جنرل رحيمداد، مزو ته تڏهن آهي جڏهن اهڙن ماڻهن وٽان پنهنجي قوم جي مفادن ۾ ڪو ڀلو ڪم ڪرائي وڃجي، ڇو ته حڪومتن ۾ ويٺل سربراهه پنهنجي کيسي مان ڪو احسان ڪو نه ٿا ڪن. انهن جو فرض آهي ته هو اسان جي حقن جي حفاظت ڪن ۽ اسان پاڻ حق رکي انهن کي پنهنجي حقن جو احساس ڏياريون. سائين منهنجا سنڌ ۾ قائم ٿيل ڪيترن ادارن جي تاريخ اوهان ياد ڪندو ته توهان حيران پريشان ٿي ويندا. اُهي ادارا ڪهڙن دورن ۾ ٺهيا؟ انهن ادارجي جي ٺاهڻ ۾ ڪهڙن ماڻهن ۽ حڪومتن توهان سان تعاون ڪيو هو سڀ ڪجهه ياد ڪري حيرت وچان اوهان کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هڪ اديب کي لکڻ مهل وسيع نظر ۽ وڏي نظر رکي حقيقتون بيان ڪرڻ گهرجن. سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد جو پبلڪ اسڪول وغيره انهن ٺاهيندڙن ۾ ڪهڙيون حڪومتون ۽ ڪهڙا ماڻهو هئا اُها پراڻي ڳالهه کڻي ڇڏي به ڏجي. ڇو ته اُن دور ۾ قوم پرستي ۽ نفرت جو رجحان ايترو نه هو. پر موجوده ويجهڙائي وارين حالتن ۽ حڪومتن مان اسان کي ڇا مليو آهي. اهي تلخ حقيقتون سامهون رکبيون ته حيرت جي انتهانه رهندي......اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل نه آهي ته ضياءُ الحق جي ڏاڍ ۽ قهر جي زماني ۾ جڏهن سنڌين مٿان قيامت ٽٽل هئي ۽ سنڌين وڃي ڪنڊون وسايون هيون. اُن حڪومت وٽ وڃڻ ۽ ڳالهائڻ تمام خراب سمجهيو ويندو هو. اُن زماني ۾ ڇا ٿيو جو ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي طرفان ۽ ڪن اديبن طرفان اُن حڪومت کان اڳ جي حڪومت کان وٺي اها ڪوشش رهي ته ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه لطيف چيئر قائم ڪئي وڃي. ضياءُ الحق جي زماني کان اڳ جي حڪومتن اُن مطالبي ڏي ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو هو. اُن زماني ۾ هڪ تنظيم هوندي هئي “فڪر نظر” جي نالي سان اڄ به اها تنظيم موجود آهي ۽ هڪ رسالو “بيداري” به انهن طرفان نڪرندو آهي. ان تنظيم جي تعاون سان ڪجهه استادن ۽ اديبن جو وفد اُن وقت جي حڪومت سان مليو ۽ مطالبا پيش ڪيا. اُن ئي دور ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف چيئر قائم ٿي ۽ اُن جو بجيٽ به مقرر ٿيو. هاڻ سائين اڃان به ويجهڙائي وارو دور ڄام صادق عليءَ جو دور. ڄام صادق عليءَ طبعيت جي لحاظ سان بادشاهه ماڻهو هو. دوستيون نڀائڻ جو ماهر هو ته دشمنن جا ترا ڪڍڻ ۾ به ڪين ڪيٻائيندو هو. ڄام دور نالي ماڻهو چوندا آهن ته جيڪو چيف منسٽر هائوس ويو سو هٿين خالي واپس نه آيو. ان ڄام صادق علي جي دور ۾ سنڌ لينگويج اٿارٽي قائم ٿي.......اها اسان سنڌين جي پنهنجي ڪوتاهي آهي ته اسان پنهنجي مفاد لاءِ پنهنجي قوم جي مفاد لاءِ اُن ماڻهوءَ مان فائدو ڇو نه ورتو؟ جڏهن ٻين قومن پاڻ کي ڀري ڇڏيو. ڀلا ڄام صادق علي پنهنجي هڙان وڙان ته ڪونه پئي ڏنو. اهو عوام جو پئسو، عوام جي حڪومت جو پئسو هو، ان تي اسان جو به ته حق هو...... جڏهن اسان پاڻ پنهنجا حق نه سڃاڻينداسين ته پوءِ ڪير اچي اسان کي، اسان جي گهر اچي درکڙڪائي ڏئي ويندو ڇا؟........اها اسان جي ڪوتاهي آ ته ان دور ۾ سنڌي ڪامورن ۽ سنڌي اديبن انفرادي فائدا حاصل ڪيا پر پنهنجي قوم ۽ ڌرتي لاءِ ڪنهن ڪجهه به نه ڪيو......
    هڪ ٻي اهم ڳالهه ته حڪومتون اينديون وينديون رهنديون آهن هي سڀ حڪومتون ملڪ ۾ ٺهيل ادارن ۽ اتان جي ڪامورن جون محتاج هونديون آهن. جڏهن اهڙن اهم ادرن ۾ اسان جا ماڻهو نه هوندا ته پوءِ سنڌ جي مفاد جا ڪم ٿيڻ به ڏکيا ٿي پوندا. اُن ڪري ادارن ۾ پنهنجا پير ڄمائڻ تمام ضروري آهن. اسان وٽ ذهنيت اها آهي ته سنڌي اديب ڪنگلو آهي، بکيو آهي. بي روزگار آهي، ته سائين عظيم آهي. اگر اهو ئي اديب ڪامورو ٿي وڃي ۽ ڪنهن چڱي نوڪري تي پهچي ٿو وڃي ته معنيٰ اهو غدار ۽ مفاد پرست آهي. سائين منهنجا اسان اهو ڇو نه ٿا سوچيون ته سرڪاري نوڪريءَ جون هزار مجبوريون آهن. انهن مجبورين ۾ رهي هڪ باشعور سنڌي پنهنجي ماڻهن جي مفاد لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ته ضرور ڪندو پر اسان وٽ ذهينت اها آهي ته ڪات ڪهڙا کنيون پيا هلون اديب ڪاموري ۽ ٻين سنڌي ڪامورن پٺيان جيڪي ڪرسين تي ويٺل ٻه چار ڄڻا آهن انهن جا به ترا ڪڍڻ ۾ پورا آهيون.
    جيئن ته منهنجي ۽ ٻين ڪيترن جي اها سوچ آهي ته سنڌ جي ماڻهن جي مفاد ۾ ڪير گهرائي يا ڪنهن وٽ هلي وڃڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي. هاڻ مان سلسلو ڳنڍيان ٿي تازو ٿيندڙ حڪومت ۽ اديبن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات سان، هيءَ جيڪا تازو ويهن اديبن جي، وڏي وزير عبدالله شاهه سان ملاقات شيخ اياز جي سربراهيءَ ۾ ٿي آهي. هاڻ اُن تي ٿوري نظر وجهڻي آهي. جيئن ته موجوده حڪومت سنڌ کان وٺي مرڪز تائين عرف عام سنڌين جي حڪومت آهي ان ڪري اسان کي ان مان لک اميدون آهن. اهي اميدون رکڻ به گهرجن ڇو ته آخر هيءَ حڪومت سنڌين جي ووٽ جي طاقت تي قائم ٿي آهي. ان جي معنيٰ ته سنڌي عام ماڻهوءَ کان وٺي پڙهيل لکيل ۽ دانشورن اديبن هن حڪومت کي ووٽ ڏنو آهي.... سنڌي سڀ اخبارون بغير ڪنهن وڌاءُ جي اليڪشنن جي ڏينهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جون ترجمان اخبارون ٿي پون ٿيون. اها ڳالهه فطري آهي ڇو ته هتان جو عوام جيڪو نظريو رکندو اها ئي اخباري ميڊيا جي پاليسي رهندي. ها باقي اها ڳالهه الڳ آهي ته وقت به وقت ملڪ جي حڪمرانن جي غلط روش تي تنقيد ڪرڻ ۽ سنڌ جي مفاد خلاف ڪم ڪرڻ کان روڪڻ ۽ اهڙن حالتن جا اگر نتيجا ظاهر ڪرڻ به ضروري آهي. ان ڪري اسان جا لکندڙ ۽ اديب بجاءِ ثنا خوانيءَ جي تنقيدي رويو به اختيار ڪندا آهن. اهو تنقيدي رويو اختيار ڪرڻ ڪا دشمني ڪونهي پر ڀلائي آهي. حقيقت ته اها آهي ته اسان وٽ جاگيرداري ۽ وڏيرڪي نظام جو ڪنٽرول اڃا نه ٽٽو آهي. ان ڪري اهي جاگيردار ۽ وڏيرا جيڪي اڃا گهڻو پڙهيل ۽ باشعور نه آهن. اُهي سرڪاري ڪامورن جا سلامي هوندا آهن. وقت به وقت پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ سلاميون ڀري، ڪڪڙ، گيهه ۽ ان جون ڳوڻيون نه صرف وڏن ڪامورن پرتڪ جي صوبيدار کي به خوش رکڻ لاءِ ڏيندا آهن، پوءِ ٿيندو ڇا آهي؟ اُهي ئي جاگيردار ۽ وڏيرا پنهنجي تڪ مان اليڪشنون کٽي، وزارت جون سيٽون حاصل ڪري انهن سڀني ڪامورن جا وڏڙا صاحب ٿي پوندا آهن. اهي ڪامورا جن وٽ هو بغير ٽائيم جي ۽ هٿين خالي حاضري نه ڏيندا هئا اُهي ئي ڪامورا هاڻ انهن جا محتاج ۽حڪم جا بندا ٿي پوندا آهن...... ڪامورن جو حلقو پڙهيل لکيل هوندو آهي انهن ۾ ڪي اديب ۽ دانشور به هوندا آهن. هاڻ اسان جي معاشري جي هن ٻٽي نظرياتي ماحول ۾ اسان جو اديب ڪامورو ڪهڙي حال ۾ ڀوڳنائون ڀوڳي ٿو. ڪهڙين حالتن ۾ گذارو ڪري ٿو. آخر ان ڳالهه جو اهو حل به ته نه آهي ته نوڪريون ڇڏي رهيل ڪيل بادشاهي به ٻين جي حوالي ڪري ڇڏجي .....پنهنجا پير پختا ڪرڻ بجاءِ پٺ جي واٽ وٺجي.
    هر چونڊجي آيل حڪومت اديبن ۽ دانشورن جي تعاون جي محتاج هوندي آهي. هاڻ تازو اديبن ۽ حڪومت جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڇا رهيو ڇا واپريو ٿورو ان تي نظر رکڻي آهي. هيءَ ويهن ڄڻن جو ادبي وفد جيڪو ملاقات لاءِ ويو هو انهن ۾ ڪي اهڙا اديب به شامل هئا جن ادب ۾ هڪ سٽ به ناهي لکي...... رسالا ڪڍڻ، آرٽسٽ ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي پنهنجي فيلڊ ۾ يقينن انهن جا وڏا نالا آهن پر جڏهن ادب ۽ اديبن جو حوالو ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ ادب جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ ضروري ٿي ٿو پوي. فهميده مون کي فون تي ٻڌايو ته کيس دعوت ملي آهي ته اديبن ۽ ادبي مسئلن تي حڪومت سان ڳالهائڻو آهي. فهميده کي اها ڳالهه پريشان ڪري رهي هئي ته ڪير ڪير اديب وڃي رهيا آهن اهو معلوم هئڻ گهرجي ۽ ملاقات کان پهرين پاڻ ۾ گڏجي هڪ ايجنڊا تيار ڪري پوءِ ڳالهائجي. مان به فهميده کي چيو ته وڃجان ضروري پر اهو ضرور معلوم ڪجان ته هن ملاقات جو بندوبست ڪهڙن ماڻهن ڪيو آهي. ڇو ته ان سان وڏو فرق پوي ٿو. اسان جا ڪي همدرد اديبن کي اڳتي وڌائي پوءِ انهن جي حوالي سان ذاتي مفاد حاصل ڪندا آهن ۽ ذاتي دشمنيون نڀائيندا آهن.......ان ملاقات کان پوءِ منهنجي فهميده سان ڪيترا ڏينهن ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي باقي اخبارن جي حوالي سان خبرون ملنديون رهيون....سائين منهنجا ڪن کي اعتراض آهي ته اديب ڇو ويا حڪومت وٽ، ڪن کي اهو فڪر آهي ته فلاڻن فلاڻن اديبن کي دعوت ڇو نه ڏني ويئي. حيدرآباد جي اخبارن جي پنهنجي هاءِ گهوڙا ته ڪراچيءَ جي اخبارن جي پنهنجي هاءِ گهوڙا، ڪن کي “ابڙا” گهڻا نظر آيا ته ڪن کي اهي ماڻهو نظر آيا جيڪي ايڏا وڏا اديب ته ناهن جن جي اهڙي اهم ملاقات ۾ چونڊ ڪئي وڃي پهرين ڏينهن جيڪا اخبار ۾ رپورٽنگ آئي تنهن ته ماڳهين ڇرڪائي ڇڏيو.
    انهن خبرن جي حوالي سان جيڪا ڳالهه سڀ کان ڪمزور نظر آئي ته اديبن جو هوم ورڪ ۽ ٽيبل ورڪ بلڪل ٿيل ڪونه هو. فيڪٽس ۽ فگرس ڪنهن اديب وٽ ڪونه هئا.صرف ڳالهين هيون. توهان سوچيو ته سهي ته جڏهن اُت ادارن جي باري ۾ ڳالهائڻو هو ته باقاعدگي سان لکت ۾ انهن ادارن جي ڪمن ۽ عملن جي حوالي سان ڳالهيون لکي ثبوتن سان پيش ڪيون وڃن ها. هن ملاقات جي خبر انهن اديبن کي چار ڏينهن کن اڳ ئي هئي. ڪرڻ ائين کپي ها ته سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيٽس ۽ ٻين اديبن سان ملي سڀني جي راءِ وٺي هڪ ايجنڊا ٺاهي پوءِ ات وڃڻ کپي ها. لينگويج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ يونيورسٽي اسان جا اهم ادارا آهن. سنڌ جي ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان سنڌي ماڻهن جي جذباتي وابستگي آهي هنن ادارن سان. اسان جي ادب ۾ ڪي ماڻهو وڏا داناءُ هوندا آهن، پر ضروري ناهي ته اُنهن ۾ اها قابليت هجي ته هو ڪي ادارا هلائي سگهن. اهڙي طريقي سان وضاحت طلب ڪري اداري جي ڪارڪردگي جي باري ۾ وضاحت سان ٻڌائڻ ضروري هو. سنڌالاجي اسان جي سنڌ جي سونهن جو ڇٽ آهي. اُن کي ٺاهڻ، وڌائڻ، سينگارڻ ۾ هڪ شخص جو نالو وڌ ۾ وڌ ايندو. اهو آهي ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مون کي ياد آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي شروعاتي زماني کان وٺي جڏهن اسان اسڪول ڪاليج ۾ پڙهندا هئاسين سنڌ الاجي جو نالو ۽ ڪم اخبارن جي وسيلي پيا پڙهندا هئاسين. ان دور ۾ سنڌ جون ڪيتريون ئي ميونسپالٽيون، يونين ڪائونسلون ۽ سرندي وارا ماڻهو سنڌالاجيءَ کي امداد ڏيندا هئا، انهن امدادن جو ذڪر اخبارن ۾ به ايندو هو. اها الانا صاحب جي ئي خوبي هئي جنهن صرف گورنمينٽ جي پئسي تي نه ڀاڙيو پر ماڻهن ۾ وڃي انهن کان پئسا ۽ ڪتاب وٺي سنڌالاجيءَ کي ٺاهيو. ان زماني ۾ سنڌالاجي طرفان ڪتاب به ڇپجندا هئا. پوءِ ڇا ٿيو الانا صاحب جي وڃڻ کانپوءِ سنڌالاجي ۾ بجاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي اُن ٺهيل ٺڪيل سنڌالاجي کي به اسان نه سنڀالي سگهياسين. حالتون اهي وڃي رهيون آهن جو سنڌلاجيءَ مان قيمتي ڪتاب ۽ قيمتي شيون چوري ٿي وڃي پرڏيهه پهتيون آهن. اهو ئي الانا صاحب هاڻ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر آهي. هاڻ جڏهن ڪو يونيورسٽي جو ماڻهو ملندو آهي ۽ يونيورسٽي جي بهتر معيار ۽ ڊسپلين جي ڳالهه ڪندو آهي ته سچ پڇو ته دل خوش ٿيندي آهي. مس مس وڃي سنڌ يونيورسٽي ۾ ساهه پيو آهي ته الانا صاحب کي هٽائڻ جون ڳالهيون ٿين پيون. سائين منهنجا مون کي پنهنجي سنڌي ماڻهن جي اها فطرت قطعي سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته جيڪي ادارا صحيح ڪم ڪن پيا ته به انهن جي پٺيان ۽ جيڪي ادارا ڪم نه ٿا ڪن انهن جي به پويان. مطلب ته اختلاف ڪرڻ ضروري آهي. اگر ڪي چڱايون آهن ته به وڏي دل سان اُن کي قبول ڪرڻ گهرجي. حميد سنڌيءَ ته آخر وڃي خيرپور يونيورسٽي کي سنڀاليو آهي. جيڪي ادارا ڪن ماڻهن جي ڪري صحيح ڪم ڪن پيا انهن کي اتان هٽائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي..... سنڌي ادبي بورڊ اُن جا ته وڏا مسئلا آهن. ڇا لکي ڇا لکجي هڪ ڳالهه جيڪا مان ڪريان ٿي سا هڪ وڏو لطيفو به آهي (ته الميو به آهي)سائين منهنجا ادبي بورڊ کي جيڪي پئسا ملن ٿا سي سڀ اُتان جي اسٽاف جي پگهارن ۾ سڄي سال ۾ پورا ٿي وڃن ٿا. سوُ سوا سُو ماڻهو روزگار سان آهن بجيٽ ايتري ٿي ملي جو مس وڃي پگهارون ٿيون پوريون ٿين، يا وري اڙيو ٿڙيو ڪم ٿو ٿئي، باقي جيڪي وڏن ڪمن جون اميدون جيڪي ادبي بورڊ ۾ آهن سي ڪٿان پوريون ٿين؟ هن اداري جي بجيٽ وڌائي وڃي يا وري اداري جي اسٽاف کي گهٽايو وڃي. ڪي ته حل ڪي ته تجويزون پيش ڪيون وڃن ها. ها باقي ادبي بورڊ جيئن هلي پيو تيئن هلڻ ڏيوس، اکيون کڻي بند ڪري ڇڏيو. سائين ڳالهيون نڪرن پيون چيم ڪالهه فهميده کي ڏاڍي وڏي مائي ٿي ويئي آهين، ڪن کي ٿي نوڪرين ۾ آڻين ته ڪن کي ٿي نوڪرين مان ڪڍين، هاڻ سائين توهان جي حڪم سان حميد، الانا، شمشير وغيره وغيره سڀ ويندا ۽ امرجليل، مهتاب راشدي، حسين شاهه راشدي ۽ شوڪت شورو ايندا، هوءَ ويچاري پريشان اڃان وڌيڪ مان پئي پريشان ڪريانس. چيائين ته اُن ملاقات کان پوءِ جيڪا ڪاميٽي ٺهي آهي، نه ته اڃان ان جي ميٽنگ ٿي آهي نه وري ڪو بيان نڪتو آهي، هن جمعي تي شيخ اياز جي گهر ميٽنگ ٿيڻي آهي خبر نه آهي ڪير آهي جيڪو اهڙا بيان پيو ڪڍي. اصل مسئلو ته آهي امر جليل جو. امر جليل جيڪو سالن کان جلاوطن ٿيو اسلام آباد ۾ پيو جيون گهاري ان جي نانءُ خبر ڇپي آهي ته امر جليل ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ٿئي پيو ۽ ان جي ان سلسلي ۾ ٽي ڏينهن اڳ عبدالله شاهه سان ملاقات به ٿي چڪي آهي. اها ڳالهه ته صحيح آهي ته امر جليل گذريل ڪجهه ڏينهن ڪراچي ۾ هو پر ان جو ڪهڙو حال هو سو اچو ته مان ئي ٻڌايان.
    خبر ڏيڻ واري کي ان ڳالهه جي داد ڏئي سگهجي ٿي ته ان کي اها خبر ته پئجي ويئي هئي ته امر جليل ڪراچي ۾ آهي سو خبر ٺاهڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪيائين....هاڻ اچو ته مان اوهان کي صحيح خبر ٿي ٻڌايان، امر جليل ڪنهن ڪم سانگي ڪراچي آيل هو جڏهن واپس ويو پئي ته ايئرپورٽ تي دل جي تڪليف ٿي پيس ان کي ايمبولينس ۾ وجهي هت ڪارڊيو ويسڪيولر ۾ داخل ڪيو ويو، جت هو پورا ٽي ڏينهن داخل هو. جڏهن طبعيت ٿوري بهتر ٿيس ته دوستن ۽ مائٽن کيس جهاز ۾ چاڙهي اسلام آباد روانو ڪيو. اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن جڏهن اخبارون پڙهندي هن خبر تي نظر پيس ته اصل ڇرڪ نڪري ويس. وري دل کي هٿ ڏيئي ويهي رهيو. ڪيائين فون پنهنجي هڪ گهري دوست کي (ان ئي دوست مون کي اها ڳالهه ٻڌائي آهي) ته هي ڇا پيو ٿئي سڀاڻي واري اخبار ۾ ترديد ڇپرائي ڇڏ. دوست مشورو ڏنس ته سائين ڇو ٿا اهڙين ڳالهين کي اهميت ڏيو ترديد جي ڪهڙي ضرورت آهي.....هيءَ ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ مونکي دلي رنج ٿيو آهي. ڀلا اها ڪيتري نه اخلاق کان ڪريل حرڪت آهي ته توهان بغير ڪنهن جي پڇڻ جي راءِ وٺڻ جي اُن جو نالو استعمال ڪريو. هي سڀ لڪل دشمن جيڪي هڏ ڏوکي ٿين ٿا، انهن جو اهڙو عمل ڪيترو نه تڪليف ده آهي. اسان جو هيڏو مهان اديب ٽي ڏينهن بيمار اسپتال ۾ رهيو ته اخبار ۾ خبر ڪين ڇپي پر ان کي عهدي ڏيڻ واري خبر اخبار ۾ ڇپجي ويئي. ٽن ڏينهن جو انگ ته ساڳيو آهي. پر اهو جليل انهن ٽن ڏينهن ۾ اُن عبدالله شاهه سان نه پر الله ۽ فرشتن سان ڪچهريون پئي ڪيون، جن رحم ڪري اسان کي امر جليل موٽائي ڏنو. جيڪڏهن اسلام آباد ۾ اها خبر پڙهندي ڇرڪ ڀريندي جي دل ٽٽي پوي ها امر جليل جي. (الله نه ڪري) ته ڪٿان آڻيون ها اسان وسن جهڙي هن املهه ماڻڪ کي......
    ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي هڪ پروگرام ۾ مان بيٺي امر جليل سان ڳالهايو ته ممتاز مرزا مون کان ڪو سوال ڪيو ته مان چيومانس ته ادا توهان جي پروگرامن ۾ ايندي ئي ان ڪري آهيان جو امر جليل ايندو آهي. امر جليل سان ملاقات ٿي ويندي آهي. اها ڳالهه ٻڌي امر جليل ڏاڍي پيار سان منهن جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ ٽهڪ ڏيئي کلي پيو، مون کي زندگيءَ جون سڀ راحتون، خوشيون ۽ محبتون ملي ويون. اڙي سائين منهنجا هي اهڙا وجود آهن جو دڳ وٺي اسان اڳتي وڌيا آهيون. انهن جي قدمن جا نشان اسان جي رهبري ٿا ڪن. خدا جي واسطي رحم ڪيو هنن ماڻهن تي هاڻ وڌيڪ مان ڇا لکان منهنجي هن طويل ڪالم کي ٿورو به هيئين سان ته هنڊاءِ پوءِ ڄڻ ته مون سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو.

    آچر 18 ڊسمبر 1993ع


    هيءَ دنيا، انسان ۽ ملندڙ آزمائشون

    زندگي جون انيڪ ڳالهيون ڪندي ڄڻ ته هانءُ ئي هلڪو ٿي پوندو آهي. زندگي جي خوبصورتين، بدصورتين، ڏکن سکن جون ڳالهيون ڪرڻ سان ئي زندگي آسان ٿيو پوي. ڪي ڳالهيون ڪندي ٽهڪ نڪرندا آهن ته ڪن ڳالهين جي اورڻ سان پنبڻ ڀڄِي پوندا آهن. وقت ۽ حالتون انسان کي ڪيترن ئي موڙن تي وٺي ٿيون وڃن. ڪيتريون ڳالهيون، نه ڪرڻ جون نه سلڻ جون، پر جي ملي وڃي ڪو پنهنجو ته پوءِ دفتر کليو وڃن. سچ پچ لکندڙ سان هڪ وڏي ويڌن اها به آهي ته هو دنيا جا سور سنڀالي يا پنهنجا . . . . . . هڪ لکندڙ به ته هن معاشري ۾ رهندڙ هڪ فرد آهي. هڪ احساس ۽ ڏات رکندڙ فرد جي حوالي سان، ٻٽيون ڀوڳنائون ٿو ڀوڳي. پاڻ تي ٿيندڙ ڀوڳنائون هڪ ته هو لکي نه ٿو سگهي. اگر لکي به ٿو ته حوالا ٻين جا ٿو ڏئي ۽ ڪردارن جا نالا به ٿو مٽائي. ايترو ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به اگر ڪير ان لکت کي سمجهي وڃي ته هي ڪنهن لاءِ لکي وئي آهي پوءِ سائين بس مصيبت . . . . . لکندڙ جو بج بج پٽيو ٿو وڃي. اهو ڪيڏو نه ظلم آهي ته دنيا جون ڳالهيون لکو، پرايا سور پٽيو پر پنهنجي ڳالهه نه ڪيو، پنهنجا سور نه سليو، پنهنجو هانو کولي ڪنهن کي نه ڏيکاريو.
    هي احساس ڀريو هانو ڏکن سان ڀريل دل آخر ڪنهن وٽ نه آهي. هڪ سج ۽ ٻه پاڇا جي چواڻي، هر انسان جي جيون ۾ لاهيون چاڙهيون آهن. ڪهڙو به انسان هجي، ڪيتري به اوج تي هجي، ڪيترو به خوش هجي پر اها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته هن غم نه ڏٺا آهن . . . . . هي دنيا ۽ ان ۾ رهندڙ انسان آهن ئي غم ۽ تڪليف ۾، حقارت ۽ بغاوت ۽ ڌڪار ۾ . . . . . پنهنجي سمجهه، عمل، سان ئي آسانيون ۽ خوشيون حاصل ڪري سگهبيون آهن. تڪليفون ۽ غم ته ڳچي ۾ پيا هوندا آهن . . . . . خوشيون ته دروازن تي دستڪ ڏيڻ بنا ئي لنگهيو ٿيون وڃن. ها ڪي خوش قسمت آهن، جن جي درن تي خوشيون ۽ پاڻ لنگهي ٿيون اچن. رهاڻ باقي ڇا کپي انهن کي . . . . . گهڻا انسان ويچارا ته خوشين، سڪون ۽ آرام جي پٺيان ڊوڙندا ٿا وتن، انهن جو دڳ وٺي انهن خوشين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تڏهن ٿو مسين مسين انهن کي ڪجهه حاصل ٿئي . . . . . .
    هي زندگي جيڪا هڪ دفعو ملي ٿي. هن زندگي ۾ هڪ هٿين پيرين سالم شعور رکندڙ مڪمل انسان، پنهنجي لاءِ عميق گهراين مان به موتي چونڊي ايندو آهي. زندگي جي وهندڙ وهڪري ۾ موتين وانگر وکريل هي سڀ سوچون ۽ احساس، انسان کي ڪڏهن بلندين تي کنيو وڃن ته ڪڏهن وري سنئون سڌو اچي پٽ تي ڪيرائين. هي سوچون ۽ آئينده زندگي سکي گذارڻ جا منصوبا ئي سهارو آهن ڪيترين زندگين جا. هن جهان ۾ انسان ويچارو جيڪو هن دنيا ۾ اچڻ ئي نه ٿو چاهي . . . . . هٿين خالي رڙيون واڪا ڪندو احتجاج ڪندو، جڏهن هو اچي ويندو آهي هن دنيا ۾، ته پوءِ هن دنيا جا رنگ روپ پسي اصل اهڙو موهجي ويندو آهي جو پوءِ هن دنيا کي ڇڏي وڃڻ وارو تصور ئي هن لاءِ هيبت ناڪ ۽ ڏکوئيندڙ هوندو آهي.
    انسان ويچارو هن دنيا ۾ نه اچڻ ۾ راضي نه وڃڻ ۾ راضي . .. ڪيترو به پوڙهو هوندو سو بيماريون هوندس. آس پاس وارا پنهنجا پرايا سڀ بيزار هوندس ته به هو جيئڻ چاهيندو آهي. مري هي دنيا ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو مرحلو آهي . . . . . ها ڪي ماڻهو وقت کان اڳ مري ويندا آهن يا وري پاڻ کي ماري ڇڏيندا آهن. اهو قسم آهي اهڙن انسانن جو، جن ۾ قوت برداشت گهٽ هوندي آهي. زندگي گذارڻ جا معاشي وسيلا، پيار محبت ۽ پنهنجائپ انهن کي گهٽ ميسر هوندي آهي. هو زندگي جي وهڪري ۾ بي همت ٿي ڊهي پوندا آهن. زندگي جي اجهاڳ سمنڊ ۾ مرڻ وارن کان جيئڻ وارا گهڻا. ان ڪري ڳالهه به ڪجي جيئڻ وارن جي . . . . . . زندگي گذارڻ ۽ سڪون آرام واري زندگي گذارڻ هر ڪو چاهيندو آهي پر چاهڻ ۽ نه چاهڻ سان ڇا حاصل؟ انسان اڪيلو پنهنجي سوچن مطابق حالتن سان مقابلو ڪري سگهي ٿو، پر اڪثر ٻين جي چوڻ ۾ احترامن پنهنجي زندگي اهڙي طريقي سان نه ٿو گذاري سگهي، جهڙي هو گذارڻ چاهيندو آهي. . . . . . . حالتون اهو ٻڌائين ٿيون ته ڪو به انسان تنها زندگي گذاري ئي نه ٿو سگهي. انسان جا انسان سان تعلقات، حق ۽ واسطا پنهنجو گهر، مٽ مائٽ، اوڙو پاڙو، ويندي هن وسيع دنيا تائين انسان هڪ ڳنڍ ۾ ٻڌو پيو آهي. هاڻ اها ڳالهه ظاهر آهي ته انسان ئي انسان جو ويري ۽ دوست آهي انسان پنهنجي عقل سمجهه سان ئي زندگي گذاري اهو ثابت ڪري سگهي ٿو ته دنيا ۾ دوست همدرد گهڻا آهن ۽ ڏکوئيندڙ گهٽ . . . . برداشت ۽ درگذر جو مادو نه صرف انسان کي سڪون ٿو ڏئي پر سندس زندگي به آسان بڻائي ٿو ڇڏي. . . . . موت هڪ اٽل حقيقت آهي، موت معنيٰ هن دنيا مان هميشه لاءِ پنهنجن پيارن کان جدا ٿي وڃڻ، دنيا ته اڳ کان اڳري ٿي پئي هلندي، صرف اهو هڪ انسان هن دنيا کان جدا ٿي وڃي ٿو . . . . ان ڪري اگر ان پنهنجي قول عمل سان سٺي زندگي گذاري هوندي . . . . چئن ماڻهن کي ڪم آيو هوندو ته پوءِ دنيا ۾ ڪجهه عرصي تائين نالو هميشه لاءِ لکجي ويندو آهي. هو ماڻهو هن فاني دنيا ۾ به لافاني ٿي ويندا آهن . . . جڏهن ته مري وڃڻو آهي، هن دنيا کي ڇڏڻو ئي آهي ته پوءِ هي جهڳڙا فساد ڇا جي لاءِ . . . .؟ اڄ ڪلهه پنهنجائپ ۽ محبت رهي ناهي. ڪو به ڪنهن جي ذميداري کڻڻ لاءِ تيار ناهي. دوستي ۽ رشتيداري ته ڇڏيو، پر هڪ ابي امان جي اولاد ۾ به پيار محبت ۽ احساس ذميداري ناهي رهي. هڪ لکندڙ پنهنجي قلم جي حوالي سان امين ٿي انسان جي ڏکن ۽ ڪوتاهين جو ذڪر ڪري ٿو ته پڙهندڙ اهو سمجهن ٿا ته شايد اهي سڀ ڳالهيون ۽ واقعا لکندڙ جا پنهنجا آهن. لکندڙ هميشه واقعا پنهنجي ذات سان، ڪي حوالا ڏيئي لکندو آهي. اهڙي طرح سان مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته شايد اهي سڀ ڳالهيون ۽ واقعا لکندڙ جا پنهنجا آهن. لکندڙ هميشه واقعا پنهنجي ذات سان، ڪي حوالا ڏيئي لکندو آهي. اهڙي طرح سان مسئلا پيدا ٿي پوندا آهن. ائين به ٿي سگهي ٿو ته لکندڙ پنهنجا مسئلا، ٻين جا حوالا ڏيئي لکندو هجي ۽ اهڙي طرح پنهنجي اندر جي باهه ڪڍندو هجي. ڪي لکندڙ سڌو سنئون پنهنجون حالتون ۽ وارتائون لکي ڇڏيندا آهن. اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مقصد اهو نه هوندو آهي ته ڪو پڙهندڙن جون همدرديون حاصل ڪجن يا وري ويچارو ئي ويهجي . . . . مان ته ڇا پر هر سمجهدار ماڻهو اها ڳالهه دعويٰ سان چئي سگهي ٿو ته هر کلندڙ چهري جي پٺيان سوين غم هوندا آهن. . . . . هر خوشحال ماڻهو جي جدوجهد ۾ ايترا ڪيترا مرحلا به آيا هوندا جو ان جو جيئڻ ئي عذاب هوندو آهي. . . . طعام ۽ ست رڇيون کائڻ وارن به اهڙو وقت ضرور ڏٺو هوندو جو اهي رکي ٽڪر کائڻ لاءِ به محتاج هجن . . . .
    دراصل انسان پنهنجي زندگي جي حالتن کي لکڻ سان ٻين انسانن جي همت افزائي ٿئي ٿي. هي دنيا ڪر کڻي مان شان سان زندگي گذارڻ وارن جي آهي، خوش ٿي، ڪر کڻي، جبلن جيڏن غمن کي پوئتي اڇلي خوش ٿي گذارڻ وارن جي هيءَ دنيا آهي. پنهنجي تڪليفن تي پنهنجي ڪاميابي جي ڏاڪڻ ٺاهي هلندڙن جي هيءَ دنيا آهي. ڏکائتو ٿي ويچارو ٿي ويهڻ وارا هن دنيا جي هُل ۾ چيڀاٽجي ويندا آهن، عزت ۽ احترام وڃائي ويهندا آهن. جيئڻ جو احوال جيئڻ وارن کان پڇو، “جلائي پاڻ کي” رک به ڇڏي آ جن اڏائي.

    آچر،اپريل 1994ع


    حق بخشرائڻ ۽ ڪارو ڪاري ڪري مارڻ وارا مسئلا

    اسان جي سنڌ ملڪ جي پوئتي پيل معاشري ۾ اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون آهن جيڪي اڃا تائين تسلسل سان قائم آهن. انهن ڳالهين ۾ ريتن رسمن جي حوالي سان سٺيون ۽ خراب ڳالهيون ٻئي موجود آهن. اسان جي معاشري ۾ چؤ طرف ايترا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي ڏکوئيندڙ آهن. انهن مسئلن ۽ حالتن جي ڪري اڄ دنيا اسان کي ڪَرڙي نگاهه سان ڏسي پئي.
    سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪن واقعن جو دنيا ۾ ذڪر ٿئي پيو. انسان جي عالمي حقن جون تنظيمون کوجنا ڪن پيون. ايترو گهڻو ذڪر ٿيو آهي ۽ اسان جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي. اسان جيڪي سنڌ واسي آهيون پنهنجي ماضي جو ذڪر وڏي فخر سان ڪندا آهيون، مستقبل جا منصوبا ٺاهيندا آهيون مگر حال ۾ جيڪو اسان جو عمل هوندو آهي اهو اسان کي ماضي ۽ مستقبل کان پري ڪيو بيٺو آهي. تازو هڪ مضمون پڙهيو هوم جنهن ۾ لکندڙ اهو لکيو آهي ته “مان موهن جي دڙي جي رهواسين کي سنڌي ڪو نه ٿو سمجهان. سبب صرف اهو آهي ته اگر اهي سنڌي هئا ۽ موهن جو دڙو به سنڌ ۾ آهي ته پوءِ آخر اهي ڪهڙيون حالتون هيون جن جي ڪري اسان جي موجوده حالت ان موهن جي دڙي جي ماحول کان ابتڙ آهي. مان ان مضمون نگار جي ڳالهه تي متفق آهيان. يقينن اهو عبرت ۽ عجب جو مقام آهي جو نه صرف موهن جو دڙو ۽ ٺٽو پر ٻيا اسان جا پراڻا شهر ۽ کنڊر، اسان جو ادب ۽ تاريخ جن جي عظمت تي اسان کي ناز آهي. اهي عظمتون اهي حالتون ڪاڏي گم ٿي ويون؟
    حافظ ارشد انڍڙ هڪ هنڌ هيءَ روايت ٻڌائي هئي ته حضور صلعم جي درٻار ۾ ڪي ماڻهو پنهنجي لباس ۽ هلت چلت ۾ مختلف نظر آيا ته ات ويٺل ماڻهن حضور صلعم کان پڇيو ته هي ڪير آهن؟ جواب ۾ حضور صلعم چيو ته هي“سنڌ ملڪ جا سنڌي آهن ۽ علم هنر وارا آهن.”
    اهو علم هنر آخر ڪاڏي گم ٿي ويو؟ اسان پنهنجي آس پاس نظر ڦيرايون ته اڃان به اسان وٽ هن ترقي يافته ايٽمي ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ دور ۾ تعليم جو ريشو تمام گهٽ آهي. هڪ صدي کن اڳ ته حالتون اڃا به وڌيڪ خراب هيون. رڳو پنجاهه سال اڳ پاڪستان ٺهڻ مهل جيڪي هتان جون حالتون هيون، تڏهن ته ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙ اڃا تائين اسان کي اهو طعنو ڏيندا آهن ته هو سڀ پڙهيل لکيل هئا ان ڪري انهن اچي ملڪ سنڀاليو. باقي هن ملڪ پاڪستان ۾ خاص ڪري انهن جو اشارو سنڌين ڏي هوندو آهي ته سڀ جاهل ۽ ڄٽ هئا. انهن کي تهذيب سيکاري ئي انهن پناهگيرن آهي. جذبات ۾ اچي اسان ڇا چئون يا وري پناهگير ڇا ٿا چون، پر اها به حقيقت آهي ته اهو سڀ ڪجهه صحيح نه آهي ته اسان سڀ سنڌي صفا ويل هئاسين ۽ هت آيل سڀ پناهگير تعليم يافته ۽ مهذب هئا . . . . . هو پنهنجي وڏائي ۾ کڻي ڇا به چون پر حقيقتون اسان کان لڪل نه آهن. اسان جا وڏا جيڪو ڪجهه انهن جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن اهي سچايون به لڪائي ۽ ختم نه ٿيون ڪري سگهجن . . . . بهرحال اسان کي پنهنجو پاڻ کي ڏسڻو ۽ پرکڻو آهي، اسان سڀ سنڌي هن سنڌ ملڪ جا رهواسي اڄ ٻن ڳالهين جي ڪري دنيا جي نظرن ۾ آهيون. حيرت وچان دنيا وارا اسان کي تڪي رهيا آهن. پڇائون ڪري رهيا آهن ته اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ ڪڏهن کان ٿئي پيو ۽ هاڻ ڪيتري حد تائين اهي ڳالهيون اسان ۾ موجود آهن.
    اهي ٻه مسئلا آهن. قرآن سان حق بخشائڻ ۽ ڪارو ڪاري ڪري مارڻ، قرآن سان حق بخشائڻ ٻين لفظن ۾ قرآن شريف جي حوالي پنهنجي زندگي ڪري خاموشي سان زندگي گذارڻ، اهو سڀ ڪجهه اسان وٽ ڪڏهن کان ٿئي پيو، ان جي ڪهڙي تاريخ آهي. ان لاءِ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. بهرحال اهو چئي سگهجي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه اسان وٽ جهالت جي ڪري، علم جي ڪميءَ جي ڪري ئي ٿيو آهي. مان سمجهان ٿي ته اهڙن واقعن جي ابتدا اسان جي سنڌ ۾ گهڻو پراڻي نه آهي.
    هن سنڌ ملڪ تي مختلف حاڪمن جو ڪاهون ۽ حڪمرانيون، انهن جي اثر جي ڪري به هتان جو ماحول مٽجندو رهيو آهي. هونءَ به اسان وٽ نياڻين جون شاديون ننڍي عمر ۾ ڪرائي قرض لاهبو هو، نياڻي کي گهر ۾ ويهارڻ گناهه تصور ڪيو ويندو هو. اسان جي مذهب ۾ ستر پوشي جي ته تاڪيد ڪئي ويئي آهي، پر اهو ڪٿي به چيل نه آهي ته عورتن کي برقعا پارائي ڪوٽن ۾ قيد ڪيو وڃي، انهن جا بنيادي حق کسي انهن جون شاديون به نه ڪرايون وڃن. عام طرح سان اسان جي معاشري ۾ عورت ۽ مرد محنت ڪش رهيا آهن. اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آهي. زراعت جي ڪمن ۾ پوري قوت ۽ محنت گهرجي ٿي ان ڪري اسان جو اهو محنت ڪش طبقو انهن برقن ۽ قيد خانن کان آزاد آهي. باقي رهيو خوشحال پئسي وارو طبقو . . . . هاڻ انهن ۾ ئي اهي سڀ غلط قسم جون روايتون ۽ واقعن جي گهڻائي آهي . . . . ٿورو تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان اهو معلوم ٿيندو ته جڏهن برضعير ۾ مغل بادشاهن جي حڪومت هوندي هئي ان ئي زماني ۾ ريتن رسمن ۽ پابندين جو رواج گهڻو پيو، خاص ڪري اورنگ زيب عالمگير جي زماني ۾ ماحول ڪافي مٽيل آهي. اورنگ زيب عالمگير انتها پسند ۽ ڪٽر مسلمان هو. ان پنهنجي ڌيئن کي پردي ۾ ويهاريو ۽ محلن ۾ قيد ڪيو. ان پنهنجي ڌيئن جي شادي به ڪا نه ڪرائي، جيئن ته حڪمرانن جي عمل جو عوام تي گهرو اثر ٿيندو آهي. ان ڪري ننڍي کنڊ ۾ سنڌ کي ملائي اسان جي خوشحال طبقي اهي سڀ رسمون پنهنجيون ڪيون. اهڙي غلط قسمن جو رواج اڃا تائين اسان وٽ موجود آهي ۽ انهن رواجن جا خراب نتيجا اڃان تائين اسان ڀوڳيون پيا هي هڪ تحقيق طلب مسئلو آهي. اسان جي ريسرچ ڪندڙ اسڪالرن کي هن ڳالهه ڏي توجهه ضرور ڪرڻ گهرجي.
    هاڻ جيئن ته مان مٿي ٻن اهم مسئلن، حق بخشائڻ ۽ ڪارو ڪاري ڪري مارائڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ان جو حق بخشائڻ وارو مسئلو ڪي قدر گهٽ ٿي ويو آهي. ممڪن آهي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ واقعو ٿيندو هجي ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪي سال صدين کان جيڪا اسان وٽ ريت هئي سان تقريبن ختم ٿي چڪي آهي.
    هاڻ سائين ڪارو ڪاري ڪري مارڻ وارو سسٽم اسان وٽ موجود آهي. نه صرف موجود آهي پر اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي اچڻ بجاءِ واڌارو ٿي رهيو آهي. اخبارن ۾ تقريبن روزانو اهڙن واقعن جو ذڪر اچي ٿو. اهڙن واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ سان جيڪي ڳالهيون سامهون اچن ٿيون. سي به عجب جهڙيون آهن. ڏٺو اهو ويو آهي ته اهڙن واقعن ۾ ذاتي دشمنيون، جائيداد جا جهڳڙا ۽ جنسي مسئلا گهڻا آهن. ياد ٿو اچيم هڪ واقعو جنهن ۾ هڪ ڀاءُ پنهنجي گگدام ڀيڻ کي سوٽ سان ڪاري ڪري ٻنهي کي ماري وڌو. خبر اها پئي ته اهو اڪيلو سوٽ جائيداد ۾ حصيدار هو، تنهن ڪري نه صرف ان کي مارايائين پر گڏوگڏ غريب ڀيڻ جو به سر کنيائين. هڪ عورت ته مون کي اهو ٻڌايو ته ٻهراڙي ۾ گڏيل گهر، انهن ۾ لوڙها ۽ اڱڻ گڏ هوندا آهن يا وري ويجهو ويجهو هوندا آهن. اسان جون نياڻيون جڏهن وڏيون ٿينديون آهن يا وري اسان جي گهر ۾ جيڪي نُنهرون هونديون آهن رات جي وقت چاهي انهن کي اڃ لڳي يا حاجت محسوس ٿئي هو اصل پنهنجي ڪمري يا اڱڻ کان ٻاهر نه نڪرنديون آهن، ڇو ته ڪمهلي مهل اٿڻ سان يڪدم ڪاري ڪري ماري ڇڏيندا آهن. شڪ ڪرڻ ۽ بهتان هڻڻ ته سڀ کان آسان آهي اسان جي معاشري ۾.
    ٻيو جيڪو اهم مسئلو آهي جنس جي حوالي سان. گهر ۾ پرڻيل يا ڪنواري جي پٺيان ڪو نه ڪو مرد لڳو وتندو. لفٽ ڪرايائين ۽ ٺهي وئي ته ٺيڪ نه ته ڪاري ڪري ماريندس. خاص ڪري ڏير ڀاڄائين کي ڪاري ڪري ماريندا آهن. اها ويچاري بي گناهه ته مارجي ويندي آهي پر گڏوگڏ ڳالهه پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن بي گناهه مرد کي ماري ڇڏيندا آهن. اڪثر ڏير پنهنجي ڀاڄاين تي بري نظر رکندا آهن ۽ غيرت ۾ اچي مڙس نه پر اهو ڏير پنهنجي تمنا پوري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڀاڄائي کي ماري ڇڏيندو آهي. اهڙي ئي هڪ واقعي جي تفصيل سان ڄاڻ پئي اٿم. لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڏير ڀاڄائي کي مارڻ جا سانباها ڪيا. ڇو ته سندس ڀاڄائي وٺ نه پئي ڏيس. ڀاڄايس کي به کڻڪ پئجي ويئي. سا وٺي ڀڳي ڳوٺ جي ٻاهران هڪ قبرستان ۾ وڃي پناهه ورتائين. رات وچ ۾ ئي کيس ڳولهي ورتائون ۽ ان کي ماري وڌائون. گڏوگڏ هڪ غريب مائٽ ڇوڪرو جيڪو گهر ۾ ايندو ويندو هو ان کي به ماري وڌائون . . . . ان عورت کي به مڙس نه پر ڏير ماريو.
    واقعن تي ويهي لکجي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪجي ته خطرناڪ حالتون سامهون اچن ٿيون. اهڙن واقعن ۾ ڪمي ان ڪري نه آئي آهي ڇو ته اسان وٽ اڳتي وڌي حقيقتون ٻڌائڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي. پوليس جو ڪردار به صحيح نه رهيو آهي. عدالتي ڪارواين ۾ به غلط بياني کان ڪم ورتو ٿو وڃي. اوستائين اهڙن واقعن ۾ ڪمي نه ا يندي جيستائين صحيح معنيٰ ۾ سچ ثابت ڪري مجرمن کي سزا نه ملندي.
    اسان جي قانون ۾ هڪ اهڙي شق رکجي جنهن ۾ شڪ جي بنياد تي مارڻ لاءِ سهولتون نه هجن پر انهن کي قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، جڏهن ته ملڪ ۾ قانوني ادارا آهن. ته بجاءِ ڪارو ڪاري مارڻ جي عدالت کان رجوع ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ اهڙي طريقي سان هڪ ڌڪ ۾ ماري ڇڏڻ واري رواج ۾ ڪمي اچي وڃي.
    قانون ۾ ان ڳالهه جي به سزا رکي وڃي ته اهڙي طرح سان اگر ڪير قتل ڪندو. قانون هٿ ۾ کڻندو ته ان کي سخت سزا ملندي. ممڪن ٿي سگهي ته عمر قيد ۽ ڦاسي جي سزا مقرر ڪئي وڃي، ائين ڪرڻ سان قتل ڪندڙ ٻه چار سال سزا ڪاٽي بالم ٿي ڪو نه گهمندو. جيستائين ڪي سخت قاعدا قانون لاڳو نه ٿيندا تيستائين اهڙن واقعن ۾ ڪمي نه ايندي. پاڻ روزانو هڪ خبر جي جاءِ تي ڏهه خبرون ڇپجنديون.
    آچر 9 جنوري 1994ع


    جن وٽ جُهڳي به ڪانه هئي، انهن ڪليم ۾ محل حاصل ڪيا

    آخر اهو وقت به اچي ويو جنهن جو پڙاڏو ڪيترن سالن کان ٻڌڻ ۾ پئي آيو. اندر ئي اندر سڀ ڪم ٿيا پئي، کلم کلا هي سڀ ڳالهيون ٿيون پئي. هاڻ ته جيڪو رهيل نور هو سو به ظاهر ٿيو. سو سائين تازو ٿيل اهو علان ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي. ۽ هڪ حصو سون جي ٿالهيءَ ۾ وجهي پناهگيرن جي حوالي ڪيو وڃي ڇو ته هي وارث آهن هن ملڪ جا، هن ملڪ کي ٺاهڻ وارا به ته اهي ئي آهن. مٿان وري هنن ويچارن اٻوجهن مٿان ظلم ۽ قهر جا پهاڙ ڪريا پيا آهن نه ته کين ڪي نوڪريون آهن. نه وري گهر گهاٽ ويچارا پيٽ بکيا انگ اگهاڙا آهن. مظلوم حق پرست پيا مارجن. هنن ويچارن بندوق ته پري جي ڳالهه ڪڏهن ڏنڊو به هٿ ۾ ڪين کنيو آهي حالتن کان مجبور ٿي هنن گگدامن اهڙو اعلان ڪيو آهي. هاڻ الڳ صوبي جي گهر ان ڪري ڪئي اٿن جتي هو ويچارا ڪجهه وقت سڪون ۽ آرام سان گذاري سگهن.
    اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون اسان روز ٻڌون ۽ پڙهون پيا. هيءَ جيڪا سنڌ آهي نه ڪينجهر کان ڪياماڙي تائين ان تي سدائين ڳجهن جا لامارا آهن، آهي جو سڻڀو علائقو، امن پسند ۽ محبت ڪرڻ وارن جو مسڪن.....سنڌ ۽ سنڌي لازم ۽ ملزوم آهن ڪيتريون ئي ظالم ۽ قهار قومون ۽ گروهه هت آيا، ڪيترائي پرڏيهي واپار سانگي يا وري مذهبي پرچارن لاءِ هت آيا ته اهي سڀ هتي جا ئي ٿي ويا. لڳي ٿو سنڌ جي ڌرتيءَ انهن ماڻهن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون جيڪي هت اچي هن ڌرتي واسين جهڙا ٿي ويا. الائجي ڪيترين ولايتن جا ماڻهو الائجي ته ڪهڙيون ذاتيون سڀ هت جذب ٿي ويون، نالو رهيو ته صرف سنڌ ۽ سنڌين جو. هيءُ سنڌ ملڪ پنهنجي مخصوص شناخت رکندي مختلف دورن مان گذرندي اڄ پاڪستان جي چئن صوبن مان هڪ صوبو آهي. هتان جي ٻولي، هتان جي تهذيب تمدن ٻين صوبن جي مقابلي ۾ ترقي يافته ۽ مضبوط آهي. جڏهن اهو زمانو به آيو ته “فارسي گهوڙي چاڙهسي” ته به سنڌي ٻوليءَ کي ڪير ختم ڪري نه سگهيو. ان کانپوءِ انگريزن جو دور ته سنڌي ٻولي ۽ ادب جو سونهري دور رهيو آهي. انگريز فراخ دل هئا. انهن پنهنجي ٻوليءَ کي هت ضرور رائج ڪيو پر سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي ڪين گهٽايو. انهن سنڌي ٻوليءَ جي الف ب ٺاهي، سنڌي ادب کي ميڙي چونڊي تحقيقون ڪرائي ادبي حيثيت ۾ شاهوڪار ڪري ڇڏيو..........

    ٿيندو به ائين آهي، ڪا به قوم يا گروهه ٻي ٻولي ۽ ادب سان نفرت نه ٿو ڪري سگهي. جيتريون گهڻيون ٻوليون سکجن ۽ ڳالهائجن اهو ته پاڻ چڱو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هن دنيا جي تختي تي سڀ ڪم اونڌا ٿيا آهن. انهن غلط فيصلن جا نتيجا هاڻ هتان جا سڀ رهواسي ڀوڳين پيا. سڀ کان پهريون غلط فيصلو اهو ٿيو ته هڪ ننڍڙو گروهه جنهن کي پنهنجي ڌرتيءَ تان انهن جي غلط اعمالن جي ڪري لوڌيو ويو هو، انهن کي صرف سنڌ ۾ پناهه ڏني ويئي. ٿيڻ ته ائين کپي ها ته انهن کي پاڪستان جي سڀني علائقن ۾ ورهايو وڃي ها. پر ٻين صوبن انهن کي پاڻ وٽ گهڙڻ ئي ڪونه ڏنو ۽ هو لوڌجي ڌڪجي اچي سنڌ ۾ رهيا.......ٻيو ڪاپاري ڌڪ اهو لڳو جو هن اقليتي گروهه جي زبان کي هتان جي قومي زبان قرار ڏنو ويو. ان فيصلي جو اثر اهو ٿيو جو هاڻ ائين ٿو لڳي ته اردو زبان الله جي زبان آهي ان ڪري ٻين زبانن وارا اگر پنهنجي زبان جي تحفظ لاءِ ڪجهه چون ٿا ته اصل ڪات ڪهاڙا کڄي ٿا وڃن، ڪفر ۽ غداري جا القاب ملڻ شروع ٿي ٿا وڃن. اردو زبان جي قومي زبان ٿيڻ سان ٻيون زبانون هت ختم ٿي وڃڻ کپڻ ڇو ته پاڪستان اسلام لاءِ نه پر هڪ اقليتي گروهه ۽ ان جي زبان لاءِ ٺهيو هو. ڪيتري نه اها غلط ڳالهه آهي حالانڪ پاڪستان جي آئين ۽ قانون ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه لکيل نه آهي. اسان جو ملڪ پاڪستان ڪو ائين هڪ منٽ ۾ ڪونه ٺهيو آهي. ان جي ٺهڻ ۾ نه صرف وقت لڳو آهي پر قاعدن قانونن جي پوئواري به ٿي آهي. هت سنڌ اسيمبلي 1937ع ۾ سڀ کان پهريائين پاڪستان ٺاهڻ جي قرارداد منظور ٿي. ان کان پوءِ لاهور ۾ 23 مارچ 1940ع تي پاڪستان جي قرارداد منظور ٿي. قائداعظم سنڌ جو رهواسي جنهن هيءَ آزاديءَ جي تحريڪ ڀرپور نموني ۾ هلائي ۽ آزادي ڏياري. علامه اقبال پنجاب جي علائقي سيالڪوٽ جو رهواسي جنهن پاڪستان جو تصور ڏنو......مسلم ليگ جو بنياد رکڻ وارو نواب سليم الله بنگال جو رهواسي هو. جڏهن اهو سڀ ڪجهه پاڪستان ٺهڻ لاءِ ڪيو پئي ويو ان وقت هندستان جا رهواسي هندو توڙي مسلمان ڪانگريس جي جهوليءَ ۾ پيا هئا ۽ اکنڊ ڀارت جا نعرا هڻي رهيا هئا. انهن جو مفاد ۽ تحريڪ گڏيل هئي اهي صرف انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ تي متفق هئا....... جڏهن پاڪستان ٺهڻ جو اعلان ٿيو ته نه رڳو سنڌ اسيمبلي پر پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جون اسيمبليون رضاڪارانه طور قراردادون پاس ڪري هن ملڪ پاڪستان ۾ گڏجڻ لاءِ متفق ٿيون هيون. قبائلي علائقن جي جرگن ويهي ڪري فيصلا ڪيا ته مسلمانن جو ملڪ ٺهڻ گهرجي ۽ ان ۾ گڏجي رهڻ گهرجي. هي پاڪستان قائدي قانون جي پوئواريءَ کان پوءِ ٺهي وجود ۾ آيو.
    جيڪڏهن ان وقت جون اسيمبليون ۽ جرگا متفق ٿي پاڪستان ۾ شامل نه ٿين ها ته ڇا پاڪستان ٺهي وڃي ها.....؟ دنيا جون حالتون پيون مٽجنديون آهن. اڄ جيڪڏهن حالتون ناسازگار ٿي پيون آهن ۽ هي چار صوبا جن کي پاڪستان چيو ٿو وڃي اگر هي پاڻ ۾ گڏجي رهي نه ٿا سگهن ته هو آئين ۾ ترميم ڪري ان فيصلي کي بدلي به سگهن ٿا. جيڪو فيصلو پاڪستان ٺهڻ جو محرڪ ٿيو هو. رضاڪارانه طور هي چار صوبا پاڻ ۾ گڏيا هئا ۽ هاڻ هو آئين جو حق استعمال ڪري الڳ به ٿي سگهن ٿا. اها ته ٿي پاڪستان جي ٺهڻ وقت قاعدي قانون جي ڳالهه خدا نه ڪري جو ڪڏهن اهڙو وقت اچي جو اهڙيون حالتون پيدا ٿين. خدا کڻي نه به چاهي پر اسان بندن جا افعال به نه چڱا هجن. هاڻ هت هڪ نفسياتي جنگ پئي هلي. پاڪستان جي چئني صوبن جي رهواسين جي قربانين کي وساري ان ڳالهه تي زور ڏنو ٿو وڃي ته پاڪستان ٺاهڻ وارا اهي هندستاني مسلمان هئا. ات انهن هندستان ۾ ويهي ڪري پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳايا هئا. انهن نعرن جي اثر جي ڪري پاڪستان ٺهي ويو، ٺهڻ ته معمولي ڳالهه آهي لڳي ائين ٿو ته جهڙي طرح الله سائين ڪُن فيڪون چئي هيءَ دنيا خلقي هئي اهڙي طرح هندستان جي رهواسين جڏهن پاڪستان زندهه آباد جا نعرا لڳايا هئا ته پوءِ زمين ڦاٽي پئي ۽ ڌماڪي سان هي پاڪستان ٺهي ويو. لڳي ائين ٿو 1947ع کان اڳ هت ڪجهه به ڪين هو. پاڻي برپٽ ۽ ويرانيون هيون ۽ پاڪستان زندهه آباد جي نعري لڳائڻ سان هن زمين مان گڙ گڙ جا آواز ڪڍندي سڄو پاڪستان ان مان نڪري ٻاهر ٿيو. سائين حقيقتن کان انحرافي ان حد تائين ڪئي ويئي جو قائداعظم جو چوڻ آهي ته “اسان پاڪستان رت جو هڪ ڦڙو وهائڻ کان بغير حاصل ڪيو آهي. هاڻ هت اهو حال آهي ته هر وقت بيان بازي جاري آهي ته اسان قربانيون ڏيئي، جانين جو نذرانو ڏيئي پاڪستان ٺاهيو آهي. پاڪستان جي ٺهڻ جي اعلان کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي پاڪستان جي آزاديءَ سان ملائي نه ٿو سگهجي. اصل ۾ جيڪا دهشت گردي ٿي. سا لڏپلاڻ مهل ٿي. ان لڏپلاڻ مهل جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو تحريڪ پاڪستان سان ڪوبه تعلق نه آهي. منهنجي خيال ۾ جهڙي طرح هت سنڌ ۽ بنگال ۾ هندستان مان آيل گروه جو ڪردار منفي رهيو آهي، اهي صرف نفرت جو پرچار ڪرڻ، تعصب ڦهلائڻ، قتل ۽ خونريزي ڪرڻ ۾ هوشيار آهن، ات به انهن هندستان جي هندن سان اهڙو رويو رکيو هوندو. ان ڪري لڏپلاڻ مهل هندو مسلم فساد ٿيا. اٿندي ويهندي اهو احسان جتايو ويندو آهي ته اسين ڪهڙي طريقي سان هت پاڪستان پڳا هئاسين جو اهو به سوچڻ ضروري آهي ته هن پاڪستان انهن هندستاني گروهه کي ڇا ڏنو؟.......سائين اهو به ٻڌندا آهيون ته هت پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ ڪي به ڪين هو. انهن قيمتي گهر گهاٽ حاصل ڪيا اُهي شيون هت موجود هيون تڏهن ته انهن کي مليون. اهو ته پاڪستان جي تاريخ جو سياه ترين باب آهي ته هندستان مان ايندڙن ڪوڙن ڪليمن جي وسيلي هت سڀ ڪجهه حاصل ڪيو چاهي هندستان ۾ رهڻ لاءِ انهن وٽ جهڳي به ڪانه هئي. سڪي مانيءَ تي مرچن جي چٽڻي کائڻ وارا اڄ چون ٿا ته اسان وٽ ته حويليون هيون باغ باغيچا هئا.
    تحريڪ پاڪستان جي تاريخ جڏهن پڙهندا آهيون ته ان ۾ اهو ٻڌايل هوندو آهي ته هندستان جا هندو مسلمانن تي ظلم ڪندا هئا. اتان جي مسلمانن کي ڪي به بنيادي حق مليل نه هئا. ڏاڍن سورن ۾ هئا اتان جا مسلمان. پر سائين هاڻ تاريخي کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هاڻ ته پناهگير اهو چون ٿا ته اهي ته ڏاڍا خوشحال هئا هتان جي چئني صوبن خاص طرح سنڌ جي ماڻهن جي حالت ڏاڍي ابتر هئي ان ڪري انهن قربانيون ڏيئي پاڪستان ٺاهيو. اهڙي انڌير نگري ڪنهن ڏٺي ڪنهن ٻڌي هت سنڌ ۾ مسلمان ۽ هندو اهڙي خراب حالت ۾ ته نه هئا، زمينن ۽ جاگيرداري نظام تي مسلمانن جو قبضو هو. هندو پڙهيل لکيل هوندا هئا يا وري واپاري ۽ هٽ واڻيا هوندا آهن. هتان جا هندو ڊڄڻا ۽ امن پسند هوندا هئا ۽ آهن، هو هروڀرو نه ڪنهن سان وڙهن نه وچڙن، سنڌ ۾ خوشحالي ۽ پيار محبت هوندو هو. ان ڪري ئي ڪڏهن به سنڌ ۾ هندو مسلمان فساد ڪين ٿيا. پاڻ هاڻ هنن پناهگيرن جي اچڻ کانپوءِ حالتون خراب ٿيون آهن جنهن جي ڪري هتان جا هندو عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن. هندستان ۾ ڪجهه ٿو ٿئي ته هت هندن جون مال ملڪيتون تباهه ٿيون ٿين، اڳ ته ائين ڪونه هوندو هو. هندو مسلمان جو جهيڙو ته پري جي ڳالهه هت سني ۽ شيعا به پاڻ ۾ محبت سان رهندا هئا. پاڻ ۾ مٽي مائٽي ڪندا هئا. هاڻ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شيعا ۽ سني جو تفرقو به تمام گهڻو وڌي ويو آهي. اهي سڀ خراب سوچون نفرتن جي پچار هندستان مان ايندڙ گروه جي ڪري ئي ٿي آهي جيئن ته هي گروهه سنڌ ۾ گهڻي تعداد ۾ آيو ان ڪري انهن سنڌ جي شهرن تي پنهنجو قبضو ڄمائي ڇڏيو. اتان جي خوشحالين، آرام کي انهن پنهنجو ڪيو. عبرت جو مقام آهي ته اهي ماڻهو جيڪي نه اَن اُپائين، نه ڀاڄيون اپائين، انهن جو پيٽ به ڀريل آهي ته کيسا به ڀريل آهن. تضاد آهي اسان وٽ شهري ۽ ٻهراڙي جي ماحول ۾، شهري ماحول ۾ پلجندڙ هن گروهه جو پيٽ ايڏو آڦرجي پيو آهي جو عقل سمجهه جواب ڏيئي ويئي اٿن. سڀ ڪجهه هوندي به محرومين ۽ مظلوميت جون ڳالهيون ڪن ٿا. معمولي مثال کڻي وٺجن. هت ڪراچي يا حيدرآباد ۾ جڏهن به ڪنهن سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن ۾ ريفريڊم ٿو ٿئي ته هن گروهه جا ماڻهو تمام وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿين ٿا معنيٰ ته شهرن ۾ نوڪريون ۽ واپار تي انهن جو قبضو آهي. ان جي باوجود به هنن جي هاءِ گهوڙا آهي ته اسان وٽ ڪجهه به ڪونهي. شايد هو چاهين ٿا ۽ هاڻ ته سچ پچ انهن اعلان به ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ جي شهرن مان ٻيون سڀ قومون هليون وڃن ۽ هي بادشاهه ٿي ويهي رهن دراصل اهو سڀ ڪجهه ڀريل پيٽ جو نخرو آهي. پاڪستان صرف سنڌ ۾ ڪونهي پاڪستان چئن صوبن تي مشتمل آهي. اگر هو ويچارا مظلوم هت ظلمن ۾ آهن ته هو هتان هليا وڃن، وڃي ڪا پاڪستان جي ٻي ڪنڊ وسائين جت انهن کي هتان کان وڌيڪ حق ملن. جيڪڏهن بقول انهن جي ته هو پاڪستان ٺاهڻ وارا آهن ته پوءِ رڳو سنڌ پاڪستان ڪونهي هاڻ سنڌ جا رهواسي تنگ ٿي پيا آهن انهن جو اهو رينگٽ ٻڌي ته اسان توهان کي ٺاهيو آ.... اسان توهان کي تهذيب سيکاري آ ...وغيره وغيره هاڻ هو هتان هليا وڃن ٻين صوبن ۾ ۽ اتان جي رهواسين کي اهو ئي رينگٽ ٻڌائين ته اسان اوهان کي ٺاهيو آهي. هن ڳالهه جي سچائي هاڻ ظاهر آهي ته بنگلاديش ٺهڻ ۾ هروڀرو سياسي حالتون ايتريون ذميدار نه رهيون آهي. دراصل ات به بهار مان آيل ۽ ٻين علائقن مان آيل گروهن بنگالين جو ائين ئي رت پيتو هوندو. اهڙي ئي نفرت پرچار ڪئي هوندي جنهن سبب جي ڪري ئي بنگلاديش ٺهي ويو. هاڻ سائين اهي قاتل رهزن بهاري اتي جي ڪيمپن ۾ ويٺا آهن سي محب وطن پاڪستان آهن. جڏهن حساب ڪتاب جو وقت آيو ته بنگال ۾ مشرقي پاڪستان ۾ انهن جي ڪا به حصيداري ڪانه نڪتي. هاڻ پيون ڪوششون ٿين ته انهن کي موجوده پاڪستان ۾ آندو وڃي. اهڙي طرح هاڻ جڏهن پناهگيرن الڳ صوبي جي گهر ڪئي آهي ۽ چيو اٿن ته اڌ توهان جو اڌ اسان جو. ڪير انهن بي عقلن کان اهو ته پڇي ته ڪهڙو اڌ توهان جو آهي.....؟ هي سموري سنڌ سنڌين جي آهي قرب ۽ پيار سان رهو ته سڀ ڪجهه توهان جو جيڪڏهن ڪيو حساب ڪتاب ته سائين اڌ ته ڇا هت توهان جو هت ڪجهه به ڪونهي......جهڙي طرح بنگلاديش مان بهاري وڃي ڪيمپن ۾ پهتا آهن ۽ جيڪڏهن هت حالتون بنگلاديش وانگر خراب ٿيون ته پوءِ توهان ڪاڏي ويندؤ؟ ڪنهن کي اپيلون ڪندو ته هو توهان کي قبول ڪن.......؟ پيار محبت ۽ اسلامي ناتي جي تند سڀن کي ڳنڍيو ويٺي آهي. جيڪڏهن اها تند ٽٽي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڪاڏي ويندا اهي سڀ پناهگير؟ ڇا واپس هندستان ويندا؟
    ڳالهه مختصر ته هاڻ هر ڳالهه جي انتها ٿي ويئي آهي. فوج جي ڪاروائي مهل جيڪو ڪجهه ظاهر ٿيو ۽ ثبوت به مليا پر انهن جي خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. ان سبب جي ڪري هي ظالم ۽ دهشتگرد اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هت عدالتن جي فيصلن تي به عمل نه ٿو ڪيو وڃي. اشتهاري ملزم سينو تاڻي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٿا اچن. حڪومت صرف بيان بازين ۾ پوري آهي عملن ڪجهه به نه ٿي ڪري. اخبارون هنن پناهيگرن کان ڊڄن ٿيون. سياسي ليڊرن جو خيال آهي ته پناهگيرن سان مفاهمت رکي وڃي. انهن کي اهميت ڏني وڃي. اسان سڀ ذهني طور ايترا پست ٿي ويا آهيون. جو ظالم خلاف ڪا به ڪاروائي نه ٿا ڪيون ۽ بليڪ ميلر سينو تاڻي هر قسم جي دهشتگردي ڪري رهيا آهن. هڪ ڳالهه واضح آهي ته سنڌ سنڌين جي آهي. هت جنهن کي به رهڻو آهي سنڌي ٿي ڪري رهڻو آهي. سنڌين کي به هاڻ اک پٽڻ گهرجي، پاڻ ۾ متحد ٿي هن دهشتگردي جي خلاف محاذ قائم ڪجي. هاڻ هر ڳالهه جي انتها ٿي وئي آهي. هاڻي درگذر ڪرڻ جو وقت نه رهيو آهي. اسان جي اديبن، دانشورن ۽ سياسي ليڊرن کي جلد از جلد هڪ گڏيل اجلاس گهرائي پاڻ ۾ گڏ ٿي، هڪ آواز ٿي اجتماعي فيصلا ڪرڻ کپڻ جيئن ظالمن کي خبر پوي ته سنڌ ڪا لاوارث نه آهي. اسان سنڌين کي گهٽ ۾ گهٽ هن وقت متحد ٿيڻ کپي. ياد رکو ته اسان جي ٿوري به ڪوتاهي اسان کي وڃي هڪ وڏي آڙاهه ۾ ڪيرائيندي ۽ اسان جي قوم جا ماڻهو اسان جي ڪوتاهين کي صدين تائين معاف نه ڪري سگهندا.

    آچر 27 فيبروي 1994ع


    مزاحمتي جنگ ۽ سنڌي اديب جو ڪردار

    اديب جي ڪردار ۽ حالت تي مان ڪافي ڪالم لکي چڪي آهيان. سنڌي اديب ڪهڙيون ڀوڳنائون ڀوڳي ٿو ۽ معاشري ۾ ان جي ڪيتري اهميت آهي اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل نه آهي. ها وري به ان ڳالهه کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ته اسان جي معاشري ۾ هن وقت به جيڪا ٿوري گهڻي مزاحمتي جنگ جاري آهي ان ۾ اديب جي قلم جو گهڻو ساٿ رهيو آهي سنڌي اديبن جي اڪثريت باشعور آهي ۽ ان اڃا ڪنهن به حڪمران آڏو هٿيار ڦٽا ڪين ڪيا آهن.
    هر حڪومت چاهي ان جا حڪمران به هجن اهي اديبن، دانشورن ۽ صحافين جو تعاون چاهيندا آهن. هي سڀ جيڪي قلم جي حرمت جا محافظ آهن انهن مان ڪي اڏول به آهن ته ڪي وڪاميل ۽ بي ضمير به آهن. پر اهو چوڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي ته سنڌي اديبن ۾ وڪامجي ويل بي حس ضميرن جو تعداد هروڀرو گهڻو ڪونهي. جڏهن به ڪو ڏکيو وقت ايندو آهي ته عوام جون نگاهون اديبن ڏانهن کڄيل هونديون آهن جڏهن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا آهن ملڪ جا سياست دان، جاگيردار ۽ وڏيرا ته عوام اهو چاهيندو آهي ته اهو ٻڏل ٻيڙو سنڌي اديب تاري پار اڪاريندا. اهڙين حالتن ۾ سنڌي اديب جو ڪردار تمام نازڪ هوندو آهي. سنڌي اديب جون سوچون، لکڻيون ۽ عمل اهڙي دور ۾ قابل تعريف به هوندا آهن ته قابل تنقيد به هوندا آهن مان سمجهان ٿي ته سنڌي اديب خوش قسمت آهي. جو هو عوام جي دلين ۾ رهي ٿو، عوام جي نظرن ۾ رهي ٿو ۽ عوام جي جذباتي وابستگي به هوندي آهي اديبن سان، اڄڪلهه شعور گهڻو اچي ويو آهي. ڪيڏو به وڏو اديب هجي ان ڪيتريون ئي جذباتي ۽ انقلابي ڳالهيون ڪيون هجن ان جو ادب ۾ ڪيڏو وڏو مقام هجي پر ان جي ٿوري به ڪوتاهي اڄ ڪلهه نظر انداز نه ٿي ڪئي وڃي. اهڙي طريقي سان هي سڀ ادبي ۽ ثقافتي ادارا جيڪي وجود ۾ آهن انهن سان به اوتري ئي محبت ۽ وابستگي هوندي آهي عام ماڻهن جي. هي ادبي ۽ ثقافتي ادارا سياسي ادارانه آهن جهڙي طرح حڪومتون مٽجنديون آهن ته سڄي ملڪ ۾ ٻائيتال مچي ويندو آهي، ڌوم ڌڙاڪ وڏي پئماني تي آفيسرن جي مٽ سٽ ٿيندي رهندي آهي. هر ڪو وزير هرڪو سيڪريٽري پنهنجي پسند جا آفيسر رکڻ چاهيندو آهي. اها تبديلي حڪومتي ادارن جا سربراهه ۽ ٻيا ملازم پنهنجي ادبي پورهئي ۽ ڄاڻ تي اهي عهدا حاصل ڪندا آهن. اهو به ضروري نه آهي ته هر ڪو وڏو اديب ۽ دانشور ادارن جو سٺو سربراهه ثابت ٿي سگهي ٿو.
    اهڙن سببن جي ڪري اها ڳالهه واضح آهي ته اسان جا ڪيترائي وڏا اديب، سٺا ايڊمنسٽريٽر ثابت نه ٿيا آهن. شيخ اياز اسان جو وڏو شاعر آهي پر سندس سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ٿيڻ وارو دور اڃا به ڪنهن کان ڪونه وسريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان وڏو دانشور آهي. ان جي ادبي پورهئي ۽ ڪاوشن سنڌي ادب کي مالامال ڪيو آهي. پر سنڌي لينگويج اٿارٽي ۾ اچڻ کانپوءِ ان اهو ڪجهه نه ڪيو جيڪو کيس ڪرڻ کپندو هو. مٿان وري جڏهن تعليم واري وزارت حاصل ڪيائين ته اڃا وڌيڪ تنقيد جو نشانو بڻيو. ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اديب جو مقام تمام مٿانهون آهي. ان جون ادب ۾ ڪيل خدمتون قابل تعريف هونديون آهن پر سندن قول ۽ فعل جو تضاد ماڻهن جي دلين ۾ گهاءُ وجهي ڇڏيندو آهي. ڪي ماڻهو ائين به چوندا آهن ته جنهن وڏي اديب جو اميج خراب ڪرڻو هجي، ان جو ٻيڙو ٻوڙڻو هجي ان کي ڪنهن ادبي ۽ ثقافتي اداري جو سربراهه ٺاهيو وڃي. بهرحال انهن ادارن کي اديبن ۽ سجاڳ ماڻهن کي ئي هلائڻو آهي. اسان وٽ سنڌي اديبن ۾ به گروهه بندي ۽ نظرياتي اختلاف به گهڻا آهن. مذهبي عالمن ۽ دانشورن جو اثر به گهڻو آهي. سڀ ڪجهه هوندي به سڀ اديب ان ڳالهه تي متفق آهن ته هي سڀ ادبي ۽ ثقافتي ادارا سنڌين جا آهن ان ڪري انهن ادارن ۾ اهڙا ماڻهو اچن جيڪي اختلاقي مسئلن جو شڪار نه هجن ۽ سڀني جا قابل قبول هجن اهڙن اديبن کي مڪمل اختيار ۽ آزادي هجي. اهڙن ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جو هڪ وڏو مسئلو اهو به آهي ته هو سڀ ادارا ٺهي ته وڃن ٿا پر حڪومت طرفان انهن کي بجٽ گهڻو نه ٿو ملي ان ڪري به اهي ادارا صحيح طريقي سان ڪم نه ٿا ڪن. ماڻهن جون اميدون ۽ سوچون تمام وڏيون آهن انهن ادارن ۾. ان ڪري جڏهن صحيحي نموني ۾ ڪم نه ٿو ٿئي ته هو دل برداشت ٿي وڃن ٿا ۽ تنقيدي رويو اختيار ڪن ٿا.
    هڪ اهم ڳالهه جنهن تي سڀ اديب متفق آهن ته سنڌي اديبن جي هڪ ڪميٽي ٺاهي وڃي جن ۾ اسان جا وڏا اديب ۽ نوجوان شامل هجن ۽ اها ئي ڪميٽي اديبن جي حوالي سان هر مسئلي کي حل ڪرڻ جي جوابدار هجي. ان سلسلي ۾ ڪافي ڪجهه لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي پر اڃا تائين عملي پيش رفت نه ٿي سگهي آهي. اهي اسان اديبن جون ڪوتاهيون ۽ غلطيون آهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿي نه سگهيا آهيون تازو عبدالله شاهه سان اديبن جي ملاقات کانپوءِ به هڪ ڪاميٽي ٺهي هئي ٿورو گهڻو دل کي آسرو ٿي پيو هو ته شايد هن ڪميٽي ٺهڻ سبب حڪومت ۽ اديبن جي وچ ۾ جيڪو تعلق قائم ٿيو آهي ان سان ڪجهه مسئلا حل ٿي سگهن. پر خبر ناهي ان ڪميٽي جو ڇا حشر ٿيو؟ حڪومتي ادارن کي ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي ته ثقافتي ۽ ادبي ادارن جي باري ۾ هو سياسي فيصلا ڪري پنهنجن خاص ماڻهن کي ٿاڦڻ کان پرهيز ڪن، خاص طرح جڏهن ڪنهن اداري ۾ سربراهه مقرر ڪيو ٿو وڃي ته وڏن اديبن کان مختلف ادبي ادارن کان راءِ وٺڻ تمام ضروري هوندي آهي. اسان وٽ ادبي ۽ ثقافتي ادارا مختلف نوعيت جا آهن جيئن ته ادبي بورڊ ان ۾ اهو اديب هجي جيڪو نه صرف اديب هجي پر گڏوگڏ سٺو ايڊمنسٽريٽر به هجي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو سربراهه اديب نه به هجي ته به تعليمي ماهر ضرور هجي. سنڌالاجي جي لاءِ اهو اديب هجي جيڪو سنڌ جي ثقافتي ۽ عملي ڄاڻ ۾ ڀڙ هجي. لئنگويج اٿارٽي لاءِ ته اهو اديب موزون ٿي سگهي ٿو جنهن کي ٻولي جي لسانيات جي باري ۾ اٿارٽي هجي، هو ٻولي جي باري ۾ ڄاڻ رکندو هجي. هاڻ توهان پاڻ پنهنجي دل تي هٿ رکي وڏي نظر سان فيصلو ڪيو ته اسان جي ادارن ۾ ڪيتري حد تائين صحيح ماڻهو آهن.......؟
    صرف ڪرسي حاصل ڪرڻ ۽ ادارن جو سربراهه ٿي ويهڻ مسئلي جو حل نه آهي........اها حقيقت به آهي ته اسان جا وڏا اديب جيڪي قابل ۽ لائق آهن ڌرتي جي ماڻهن سان انهن جي سچي محبت آهي هو سڀ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت ڪم ڪري سگهن ٿا. پر موجوده حالتن کان دل برداشت ٿي پنهنجا پلئه ڇنڊي پري ٿي بيٺا آهن. ممڪن آهي ته هو پنهنجي جاءِ تي صحيح به هجن پر جڏهن حالتون بگڙجن ٿيون ادارا تباهه ٿا ٿين ته پوءِ اهڙا سچا ماڻهو اڳتي وڌي نه ايندا، نه ڪير هوندو جو هن ٻڏل ٻيڙي کي تاريندو آخر هي سڀ ماڻهو اڳتي وڌي نه ايندا ته پوءِ مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟ ماحول ڪيئن سڌرندو؟ مون کي ذاتي طور خبر آهي ته هنن ماڻهن کان راءِ ورتي ويندي آهي. اڳتي وڌي اچڻ لاءِ انهن کي چيو ويندو آهي پر هو ناڪار ڪندا آهن... پوءِ جڏهن مون جهڙا چريا ماڻهو جذباتي ۾ اچي حڪومت جي ماڻهن سان بحث ڪندا آهن ته فلاڻو ڪي فلاڻو ان ڪرسي لائق نه آهي ته پوءِ اهي ڪامورا مون کان سوال ڪندا آهن ته توهان ٻڌايو ته توهان وٽ ڪهڙو نعم البدل آهي ته مان ٻه چار نالا رواني سان کڻي ويندي آهيان ته مون کي ٻڌايو ويندو آهي ته اهي سڀ ناڪار ڪيو ويٺا آهن. جڏهن اهڙا ڀلا ماڻهو ناڪار ڪندا آهن پوءِ ٿيندي آهي قرعه اندازي. توهان ته ڄاڻو ته قرعه اندازي آهي نصيبن جو کيڏ ان ۾ سون به هوندو آهي ته ڪچ به هوندو آهي پر هاءِ ڙي قسمت اسان جي ادارن جي سون رهجي وڃي ڪچ مٿي چڙهيو اچي.....!!
    هاڻ ڳالهه کي مختصر ڪري وري به هٿ ادب جا ٻڌي سنڌي اديبن کي عرض ڪرڻو آهي ته انهن کي هڪ اديبن جي نمائده ڪاميٽي ٺاهڻ کپي ان ڪميٽي کي جوابدار ٺاهيو وڃي ته هو اديبن جي مسئلن ۽ هنن ثقافتي ۽ ادبي ادارن جي مسئلن تي حڪومت سان توڙي ٻين حڪومتي ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچي. حڪومت کي به اها ڄاڻ هجي ته هو اديبن جي راءِ کان بغير جيڪو به قدم کڻندي سو قابل قبول نه هوندو. شاهه لطيف به ته چيو آهي
    پاڻهي ايندم هوت، پر آءُ ڪجهه اڳ ڀري ٽيان
    اهو ئي شاهه لطيف وارو هوت پنهل اسانکي يقينن ملندو پر جيستائين اسان پاڻ ۾ گڏ نه ٿينداسين متحد نه ٿينداسين، گڏ قدم نه کڻنداسين، نه ته پوءِ اهڙو ئي حال رهندو جو سنڌ جو، اسان جي مستقبل جو فيصلو رڳو قوعه اندازي تي پيو ٿيندو سون جهڙا ماڻهو انڪار پيا ڪندا ۽ ڪَچ اسان جي ڳچي جو هار ٿي پوندو.... سوچيو ته سهي ڪوته فيصلو ڪريو ته آخر ڪيستائين ائين ٿيندو رهندو....؟

    آچر 13 مارچ 1994ع


    انڌي قانون جا انڌا محافظ

    اُهي ملڪ ئي مضبوط ٿيندا آهن ۽ اُنهن ملڪن ۾ امن قائم ٿيندو آهي. جت قانون جي پوئواري سختي سان ڪبي آهي. ملڪ جو آئين ۽ قانون اتان جي رهواسين کي تحفظ مهيا ڪندو آهي. جڏهن قانون ۽ قانوني ادارا بي بس ٿي ويندا آهن تڏهن ملڪ جون حالتون تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي وينديون آهن. اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جو حال به اهڙو آهي.
    دهشتگردي ۽ بدامني تمام گهڻي ٿي ويئي آهي پر ملڪ جي پوليس توڙي فوج ۽ قانوني ادارا بي بس آهن. ڌاڙا چوريون، اغوائون، عورتن جون بي حرمتون، مطلب ته هرقسم جي دهشتگردي ٿئي ٿي. پر مجرم ايترا ته ڏاڍا آهن جو انهن تي ڪنهن جي همت ئي نه آهي هٿ وجهڻ جي جڏهن به لساني هنگاما يا وري ايم ڪيو ايم جي تحت هڙتالون ٿيون آهن تڏهن هر علائقي ۾ خوفناڪ هٿيارن سان زبردست فائرنگ ڪري ڏهڪاءُ ڦهلايو ٿو وڃي. انهن هٿيارن جي زور تي شهر جو پورو ڪاروباربند ڪيو ٿو وڃي. ڏٺل وائٺل دهشتگرد سڀ ڪجهه ڪن ٿا پر قانون جا محافظ اکيون بند ڪري ڇڏين ٿا ۽ اخبارون پنهنجي خبر ۾ صرف اهو لکن ٿيون “نامعلوم گروهن جي فائرنگ” يا وري نامعلوم حمله آورن جي فائرنگ ۽ دهشتگردي خاص ڪري اردو اخبارن کي ايتري همت نه آهي ته هو واضح نموني اهڙن دهشتگردن جي باري ۾ ٻڌائين ته اهي ڪير هئا ڪهڙي پارٽيءَ سان تعلق رکن ٿا؟ ها باقي ڪو سنڌي گرفتار ٿئي ٿو يا وري دهشتگردي ۾ ماريو وڃي ٿو ته ان جو مڪمل اتو پتو ان شهر جي نالي جي حوالي سان ڇپيو وڃي ٿو. هاڻ هيڏا سارا خطرناڪ هٿيار جيڪي اسان جي ملڪ ۾ ايترا عام ٿي ويا آهن جو شاديءَ جو موقعو هجي نئين سال جو جشن هجي بس گولين جي برسات پئي پوي. اهي سڀ هٿيار جيڪڏهن ملڪ ۾ لساني هنگامن وقت نڪرن ٿا سوچيو ته سهي اُن وقت ڪيتري خون ريزي ٿيندي آهي.
    چوڻ لاءِ ته وڏيون وڏيون ڳالهيون اسان جون سڀ حڪومتون ڪنديون رهنديون آهن پر عملن هن وقت تائين ڪنهن به حڪومت ڪجهه به نه ڪيو آهي. پاڻ دهشتگردن جي سردارن کي راضي رکڻ ۽ انهن جا بيجا مطالبا هر وقت مڃيا ٿا وڃن. معنيٰ اسان جو قانون ۽ عدالتون به اسان جي سياسي حالتن جي اختيار ۾ آهن. ڪير ڪيڏو به وڏو مجرم آهي اگر حڪومت سان تعاون ٿو ڪري ته نه صرف سندس جرمن جي پرده پوشي ڪئي ٿي وڃي پر اُن کي وزارت جي ڪُرسي به ملي ٿي وڃي. ٻئي پاسي ڪو سياست دان شريف آهي، سندس دامن ڏوهن ۽ گناهن کان پاڪ آهي پر هو حڪومت سان تعاون نه ٿو ڪري ۽ وقت به وقت حڪومت تي تنقيد ٿو ڪري. اُن تي وڏا وڏا جرم مڙهيا ويندا آهن. هر طرح سان اُن شريف ماڻهو کي تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. انهن ئي عدالتن ۾ اُن جي خلاف مختلف قسمن جا ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن. اهي سڀ ڪيس ڪوڙا ۽ جڙتو هوندا آهن اُن جي باوجود به باقاعدي شنوايون ٿينديون آهن ۽ شاهد به موجود هوندا آهن.
    هڪ اهم ڳالهه جنهن جي باري ۾ مان اڪثر سوچيو آهي. اُها ڳالهه ته جڏهن به ڪنهن وڏي مجرم کي هر قسم جي ڪيس کان آزاد ڪرڻ چاهيندي آهي حڪومت ته پهرين هڪ زبردست قسم جو ايشو ٺاهي هڪ وڏو ڊرامو رچائي ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته هن وڏي مجرم کي سندس ڪئي جي سزا ضرور ملندي. هفتو کن اخبارن ۾ دل ڏاريندڙ خطرناڪ خبرون اينديون رهنديون آهن. پوءِ وري اوچتو ئي اوچتو ماٺائي اچي ويندي آهي. پوءِ آهستي آهستي انهن ئي عدالتن مان اُهي شخص با عزت ٿي نڪري ويندا آهن ۽ هي اٻوجهه عوام رڳو سوچيندو رهندو آهي ته سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو. اڄ ڪلهه عرفان مروت واري ڪيس جو به اهو حال آهي. عرفان مروت جي ظلمن ۽ قهر جي وڏي ڊگهي هسٽري آهي هن نه صرف هن ملڪ مان ڪروڙين رپيا ڪمايا آهن. پر سوين ماڻهو مارايا آهن ۽ ڪيترن عورتن جون سياسي بنيادن تي بي حرمتون ڪيون آهن. اُن جي ڪيس کي به ڪجهه ڏينهن اڳ وڏي پيماني تي کنيو ويو هو. هاڻي ٿوري گهڻي خبر اچي وڃي ٿي پر اهو زور ناهي رهيو. ٻڌو اٿئون ته صدر اسحاق هن حڪومت کي چيو آهي ته نواز شريف کي ڪڍڻ ۽ توهان جي اچڻ ۾ مون اوهان جي گهڻي مدد ڪئي آهي. ان جي عيوض گهٽ ۾ گهٽ منهنجي اولاد کي تنگ نه ڪبو وڃي ۽ اهي عدالتي ڪا روايون ختم ڪيون وڃن. هاڻ سائين ڏسجو ويٺا اُن سڄي ڊرامي جو انت وڃي اهو بيهندو ته ڪجهه عرصي کان پوءِ عرفان مروت هر قسم جي ڪيسن مان باعزت بري ٿي ويندو ۽ هن ئي ملڪ پاڪستان ۾ سينو تاڻي پيو هلندو. جڏهن به ڪنهن سياسي مجرم کي آزاد ڪرڻو هوندو آهي ته پوءِ اهڙي قسم جي ڊرامي واري عدالتي ڪارروائي هلائي ويندي آهي. هاڻ ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ آهي ئي ڪو نه ته اسان جون عدالتون، قانوني ادارا به حڪومت وٽ يرغمال ٿيل آهن.
    هاڻ اهڙي حالتن ۾ ملڪ ۾ امن ۽ خوشحالي ڪيئن ايندي؟ غريب ۽ محنت ڪش عوام کي ڪڏهن تحفظ ملندو؟
    اڄ ڪلهه وري سنڌ جون حالتون بگڙيل آهن. دهشتگرديءَ جو ڏهڪاءُ ڦهليل آهي. حڪومت وڏيون وڏيون ڳالهيون پئي ٿي ڪري پر عملن کليل موڪل مليل آهي هنن دهشتگردن کي. اندر ئي اندر ڳالهيون پيون هلن هنن ظالمن کي راضي رکڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. حڪومت جا اهم نمائندا لنڊن جا چڪر پيا هڻن. هر قسم جون آڇون ۽ نوازشون مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر هو سڀ پنهنجي اُن مخصوص جڳهه تي بيٺا آهن. اصل چُرن ئي نه ٿا. انهن کي خبر آهي ته حڪومت ضرور انهن جا مطالبا مڃي اڄ يا سڀاڻ گوڏا ضرور ٽيڪندي. هڪ ڳالهه جو شڪ اچي سڀني ۾ جاڳيو آهي ته هو جو شميم احمد حڪومت ۾ داخل ٿي صحت واري وزارت حاصل ڪري ويٺو آهي. اهو سچ پچ انهن جو موڪليل ايجنٽ هجي. ڇو ته يڪدم پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيل نادر مگسي سان واقعو لڳي ٿو ته ڄاڻي ٻجهي ڪرايو ويو آهي. ان ڳالهه جي حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته وڏيون وڏيون حڪومتون صرف ان ڪري تباهه ٿيون جو انهن ۾ اهي ماڻهو اچي ويا جيڪي انهن جي مخالف ڌر جا هئا ۽ اهڙا ماڻهو انهن جي وچ ۾ ويهي همدرد ٿي بنيادون ڪمزور ڪرڻ لڳا هئا.
    هر ڪو چاهي ٿو ته سنڌ ڌرتيءَ تي امن هجي. هي افراتفري هي موت جي راند ڪنهن کي به ڪانه ٿئي وڻي. جڏهن ڪو به بيگناهه مارجي ٿو ته هر ڪنهن کي ڏک پهچي ٿو. هيءَ ڪهڙي سياست آهي جو پنهنجا ماڻهو مارائي پوءِ هاءِ گهوڙا ڪجي، دهشتگردي ڪجي ۽ حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. اسان جي عدالتن جو اهو حال آهي جو هو ڪنهن جرم ۾ ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ جو آرڊر ڪڍي ٿي ته اهو بيان ٿو اچي ته مجرم روپوش آهي. اُن روپوش مجرم کي وري اشتهاري مجرم قرار ڏنو ٿو وڃي، حيرت ۽ عجب ته اُن ڳالهه تي آهي ته اشتهاري مجرم اسان جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سينو تاڻي ڏند شيڪي اسان جي حڪومتي ادارن سان ڪچهريون پيا ڪندا آهن، اهي سڀ خبرون اخبارن ۾ اينديون آهن ۽ گڏوگڏ اها به خبر هوندي آهي. ته فلاڻا ڪي فلاڻا اشتهاري مجرم آهن ۽ پوليس انهن کي هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي.
    هاڻ ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ اکيون کڻي بند ڪجن، ڪن کڻي بند ڪجن جيڪو جيئن ٿئي پيو سو جاري ۽ ساري رهي. اُهو ڏينهن به پري ڪونهي جڏهن هو لنڊن وارو ماڻهو عدالتن مان پاڻ کي آجو ڪري دهلن ۽ شرناين جي گوڙ ۾ هت ڪراچيءَ جي رستن تي لانگ مارچ ڪندو. اُن وقت هيءَ ڪراچي اسان جي ڪراچي نه هوندي، ڪنهن ٻئي نالي سان فتح ڪيل علائقو هوندو ۽ اسان توهان سڀ الائجي ڪٿي هونداسين....... ؟؟؟

    سومر 21 مارچ 1994ع


    عجب وچان ڏندين آڱريون

    هڪ دفعو لکيو هوم ته اسان جا پڙهندڙ اها توقع رکن ٿا ته اديب ۽ ليکڪ بندوقون ۽ ڪلاشن ڪوفون کڻي رستن تي نڪري اچن ۽ سنڌ جي آجپي ۽ امن لاءِ قلم جي جنگ نه پر ميداني جنگ ۾ گهڙي مقابلو ڪن. ها سائين اسان جي پڙهندڙن جي اها خواهش ته پوري ڪا نه ٿي اديب قلم ڇڏي ڪلاشنڪوف ته ڪونه کنئي، ها باقي ان جي ابتڙ اسان جا اديب ظاهر ظهور قلم جي حرمت کي نيلام ڪري ڏنڊا، کڻي، گاريون ڏيندا ذاتي حملا ڪندا ميدان جنگ ۾ داخل ٿي ويا آهن. اهو جنگ جو ميدان آهي سنڌي ادبي بورڊ جنهن ۾ اسان جي مهان اديبن جا اڇا ڪارا پڌرا پيا ٿين. هاڻ حالتون اهڙيون ٿيون آهن جو اسان جو پڙهندڙ ان حقيقت کي ڄاڻي ويو آهي ته هن وقت اسان جا اديب ۽ دانشور آسمان جي بلندين ۾ اڏامن پيا. خلائن ۾ پنهنجا گهر ٺاهيو ويٺا آهن. انهن جو وجود تمام مٿاهون ٿي ويو آهي. انا پرستي ۽ خود پسندي وڌي ويئي آهي. هاڻ انهن کي ٻيا زمين جا رهواسي هيچ ۽ ڪمتر نظر اچي رهيا آهن. هو غرور، وڏماڻهپي ۽ تڪبر جي انڌجي گهوڙي تي سوار ٿي هوائن ۾ لفظن ۽ گارين جون تلوارون هلائي پنهنجي مهانتا تي ٺپو پيا هئن.
    سڄي دنيا جي تاريخ توڙي سنڌ جي تاريخ ۾ اها ڳالهه توهان کي ضرور نظر ايندي ته هت اديبن تباهيون به آنديون آهن. آخر قاضي قاضن به ته ڪنهن حد تائين ذميدار آهي مخدوم بلال جي شهادت جو..... سڀني وقت جي عالمن، اديبن، مذهبي اڳواڻن کي ڪڏهن ڪڏهن ضرورت محسوس ٿيندي آهي وڳوڙ ۽ فساد جي. هي سڀ ڪجهه ان ويل ٿيندو آهي. جڏهن سڀ مهان اديب خود پرستي ۽ انا پرستي ۾ ڦاسجي ويندا آهن....ڏسون ته سهي! عجب کائون!! حيرانيءَ وچان ڏندين آنڱريون آڻيون ته اسان جي سنڌ ملڪ جا هي ڏاها ۽ اديب ان وقت ڪجهه نه ڪري سگهيا، جڏهن لساني هنگامن ۾ گهر گهاٽ تباهه ٿيا، عورتن جون عزتون خراب ٿيون، نوجوانن جا لاشا هر گهر ۾ پڳا. حيدرآباد شهر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. سنڌ اقتصادي توڙي سماجي طور تي تباهه ٿي چڪي هئي. ان ويل هي سڀ ڏاها ماٺ هئا انهن جو قلم انهن جون سوچون منجمند ٿي ويون هيون. ان خطرناڪ ماحول ۾ ڪير به اڳتي ڪين وڌيو. ڪنهن به ڌر جلسا جلوس ڪين ڪڍيا. نه نعري بازي ٿي ۽ نه وري ڪي مذمتي بيان جاري ٿيا. جت اسان جي اديبن کي قلم جي جنگ سان گڏ سر جي بازي لڳائڻ کپي ها ات اهي سڀ ڪانئر ٿي بند گهرن ۾ ويٺا هئا. باقي هاڻ بي مقصد، هڪ ٻئي تي هلان ڪري تماشو مچائي رکيو اٿن.....سنڌ جا ادبي ۽ ثقافتي ادارا سنڌين جي سڃاڻپ آهن. ان سان هر سنڌيءَ جي جذباتي وابستگي آهي. اهي سڀ ادارا اسان جي ٻولي ۽ ثقافت جي ويرين جي نظرن ۾ به چڙهيل آهن. هنن ادارن کي ٻين ادارن جي بنسبت بجيٽ به گهٽ ملندي آهي....هي سڀ اهم مسئلا هونءَ ئي موجود آهن، رهيل نور اسان پاڻ ڪڍي رهيا آهيون. صرف سنڌي ادبي بورڊ جو حال خراب نه آهي پر ٻيا ادارا به پوين پساهن ۾ آهن....سڀني بورڊن ۽ ادارن جون حالتون ته شروع کان وٺي صحيح نه رهيون آهن پر ٻٻڻ ٻاري ويو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ محبوب سروري......جيڪڏهن ادبي بورڊ جو اڳيون سيڪريٽري محبوب سروري انٽرويو ۾ گهٽ وڌ ڳالهيون نه ڪري ها ته هوند هيءَ باهه ئي ڪانه ٻري ها.....اُن باهه جي مچ جو تو مون به محسوس ڪيو. اخبارن ۾ بيان پڙهي ڪري مون کي به جوش آيو. جڏهن ادبي بورڊ بچايو ڪميٽي حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ته مان به اُت وڃي پهتس. حالانڪ ڪنهن به مون کي اُت وڃڻ لاءِ ڪين چيو هو. مان پاڻ سوچيو ته اهڙن انٽروين جي مذمت ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن حيدرآباد واري جلسي ۾ ويس ته ڏاڍي مايوسي ٿي. اخبارن ۾ جيڪي خبرون هيون ان مان ته ائين پئي لڳو ته تمام وڏو احتجاج ٿيڻ وارو آهي، پر اُت ڪجهه به ته ڪين هو....اُهي ٻه ٽي نالي وارا اديب جيڪي هن انٽرويو جي حوالي سان يا ادبي بورڊ جي حوالي سان لاڳاپيل هئا، صرف اهي موجود هئا. اخبارن ۾ پڙهي جيئن مان ويئي هئس تئين ٻه ٽي اديب ڪراچيءَ مان آيا هئا. باقي پنجاهه کن يونيورسٽي جا شاگرد ۽ شاگردن جي تنظيمن جا ميمبر هئا. بس ٻيو مڙيو ئي خبر....حيدرآباد سنڌي اديبن جي حوالي سان تمام وڏو شهر آهي. اُت عورت اديبائن جو تعداد به گهڻو آهي، پر انهن مان ڪوبه ته ڪونه هو ات. ان مايوسيءَ جو اظهار اُت موجود هڪ اديبه سان ڪيم کيس چيم مان ڪراچيءَ کان هلي هت آئي آهيان ۽ تون پنهنجي شهر ۾ ڪيڏي نه اڪيلي آهين جو ٻه چار ساٿي ۽ ساٿياڻيون به گڏ ڪري نه سگهي آهين. واپسي مهل مان ٻن نوجوان شاعرن سان به ڏاڍو بحث ڪيو، کين چيم ته جڏهن اديبن وٽان توهان کي سهڪار ملڻ جي اميد نه هئي ته پوءِ جلسو منعقد ڇو ڪيو.......؟ هو ٻئي ڄڻا سور ٻڌائيندا رهيا ته حيدرآباد ۾ اديبن جا الائجي ڪيترا گروهه آهن. سڀ ڪو پنهنجو ناني ڳوٺڙو ٺاهيو ويٺو آهي وغيره وغيره بهرحال مان هن جلسي مان ڏاڍي مايوس موٽيس ته اخبارن ۾ ايتري بيان بازيءَ کان پوءِ به ڪجهه هڙ حاصل ڪين ٿيو. ٻئي ڏينهن اخبارون پڙهي منهنجي دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويا. اخبارن ۾ لکيل هو ته تمام وڏو ۽ ڪامياب جلسو ٿيو آهي. مان جيڪا اُتان جي اکين ڏٺي شاهد هيس اخباري خبرن تي دل ۾ ماتم ڪرڻ لڳس. پوءِ اهڙي طرح سان هي ادبي بورڊ بچايو ڪميٽي بيان بازي ذريعي طاقت وٺندي ويئي. آخر وڃي اهو ڪجهه ٿيو جو طالب الموليٰ مرحوم استعيفيٰ ڏني، محبوب سروري به ويو هليو ۽ پوءِ اها ڪرسي امداد حسينيءَ کي ملي. هن سلسلي ۾ جڏهن مون حيدرآباد جي اديبائن سان ڳالهايو ته اهي سڀ منهنجي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ ڪري ناراض هيون. هڪ ڄڻيءَ ته مون کي ڪاوڙ مان چيو ته تون به ڪُرسي جي دعويدار آهين ڇا؟ مان جواب ۾ چيو مون کي ڪهڙي ضرورت آهي، مان پاڻ اوڻويهين گريڊ ۾ آهيان (اسان ماستر ماڻهو هميشه پنهنجو گريڊ ٻڌائيندا آهيون). چيائين هت ڪجهه به نه اٿئي، هتان جي اديبن جي سياست ۾ نه ڦاس. سڄو چڪر ڪرسيءَ جو اٿئي. هاڻ گهر ويٺل اديب به ڪمائڻ جي موڊ ۾ ٿيا آهن. ڪڏهن ٿا چون ته اسان کي صوبائيءَ ۽ قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ٿي کپي، هاڻ وري ڪجهه نه ورين ته ادبي بورڊ جي ڪرسين پٺيان آهن.
    پر سائين هاڻ اها ڪرسي ملي ويئي امداد حسيني کي، توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته سنڌ ۾ ڪُرسي سيدن جي جاگير آهي. وزير اعليٰ جي ڪرسي هجي يا وري ڪنهن اداري جي حصي ۾ ضرور سيدن کي ايندي آهي، سو سائين هي سنهڙو ۽ سيپڪڙو شاعر اچي ڪُرسي تي ويٺو. هاڻ هي سيد شاعر ۽ سنهڙو، ڪرسي وري موڪري سو هي سيد ان ۾ ڪيئن ماپي، ڪرسيءَ پويان وري سحر امداد ٽهڪ ڏيئي پئي کلي ۽ پجيرو ۾ پئي گهمي. سو هاڻ ته ڳالهه برداشت کان مٿي هئي نه......
    وري هلچل شروع ٿي ته اهو سيد شاعر ان بورڊ بچايو ڪميٽي جو چونڊيل نه آهي ان ڪري قبول نه آهي. ماڻهو چون پيا ته بورڊ بچايو وارن ته پنهنجو پاڻ ۾ عهدا ۽ ڪرسيون ورهائي ڇڏيون هيون. سو سائين هاڻ هي سيد سڳورو شاعر ڳورو ٿي پيو وري، اها ئي هاءِ گهوڙا شروع ٿي ويئي. هاڻ ٻيا به اديب ۽ شاعر ان ۾ متحرڪ ٿي ويا ته خير سان هي جهيڙو نبري وڃي. خير سان مظفر حسين شاهه جي دور ۾ سڀني متفق ٿي شمشيرالحيدري کي چونڊيو ۽ بورڊ بچايو ڪميٽي وارا سڀ ئي سڀ پنهنجن پيارن سوڌو گورننگ باڊي جا ميمبر ٿي ويا ۽ انهن جا سڀ مطالبا پورا ٿيا.
    ان وقت مان ۽ مونسان گڏ ٻيا ڪيترا اديب ۽ شاعر جڏهن ڪٿي گڏيا هئاسين ته پاڻ ۾ ڪافي بحث مباحثو ٿيندو هو. مان هميشه ......۽ ٻيا اديب به ان ڳالهه تي متفق هوندا هئا ته اصولي طور بورڊ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي سو غلط ٿيو آهي. ڀلا جيڪڏهن پرڀو ناشاد پنهنجي هٿ اکرين استعيفا ڏني آهي ته پوءِ ان کي ٻيهر رکڻ جو ڪو جواز نه آهي. جنهن کي پنهنجي نوڪريءَ جي پرواهه هوندي آهي، اهي اهڙا جذباتي ڪم ڪونه ڪندا آهن. (ناشاد پاڻ ان ڳالهه جي ترديد ڪندو آهي پر مون کي پڪن ماڻهن اهو ٻڌايو آهي ته انهن ريڪارڊ ۾ ناشاد جي ڏنل استعيفا ڏٺي آهي). طارق عالم کي ڇو ڀلا هڪدم ايڏو وڏو گريڊ ڏنو وڃي؟ صرف ان ڪري ته هو ۽ بيمار آهي.....؟ (منهن جي هن ڳالهه کي ذاتي حوالي سان نه پر اصولي نظر سان ڏٺو وڃي) سرڪاري نوڪري ۾ قائدي قانون مطابق پروموشن ملندا آهن. ڪن اديبن کي انهن جي لکڻين جي عيوض ڪو انعام اڪرام ملندو آهي ته ان جو نوڪريءَ سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. هي ٻئي مسئلا جيڪي زور شور سان کنيا ويا. سي بنيادي طور غلط هئا. وري به شابس آهي انهن کي جن اهي مطالبا مڃيا.
    مان سمجهان ٿي ته هاڻ ته ائين ٿيڻ کپي ته شيخ اياز جيئن ته مهان شاعر آهي اڄ جي دور جو، ان کي سنڌ جو وزير اعليٰ مقرر ڪرڻ گهرجي، امر جليل سينئر وزير ۽ سراج الحق ۽ تنوير عباسي بلترتيب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ٿي وڃن.
    ان کانپوءِ مڪمل ڪابينه اديبن جي حوالي ڪئي وڃي. ان مان ڪجهه وزارتون ليکڪائن کي به ڏيڻ کپن. جيئن ته صحت جو کاتو ڊاڪٽر فهميده حسين کي، نوجوانن جا مسئلا ۽ رانديون سحر امداد کي، قانون ۽ ناڻو حوالي ڪجي تنوير جوڻيجي کي ۽ تعليم جو کاتو ته ماڳهين حوالي ڪجي نورالهديٰ شاهه جي، ڇو ته اڄ ئي خبر پڙهي اٿم ته ادبي بورڊ کي ثقافت جي کاتي مان الڳ ڪري تعليمي کاتي ۾ ملايو ويو آهي. مون کان ڪير پڇي ته مان ته ثقافت کاتي جي وزير ٿيڻ چاهيندس. آرسي رسالي وارن ته هو نئين منهن جي لاءِ پيشنگوئي ڪئي آهي ته مان ممتاز مرزا جي جاءِ تي ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل ٿيندس. سو ڀلا مان ڊئريڪٽر جنرل ڇو ٿيان؟ وزير ڇو نه ٿيان؟ باقي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ٿيڻ جي مان دعويدار نه ٿي، ٿي سگهان ڇو ته مان حميد آخوند کان ڏاڍو ڊڄندي آهيان.
    ٻيون ڪامورڪي نوڪريون جن ۾ سي ايس ايس جو امتحان ڏبو آهي، اُت اسان جي سنڌي اديبن کي پنهنجون ڪاوشون ڏيکاري نوڪري حاصل ڪرڻ جون سهولتون مهيا هئڻ کپن. هروڀرو هي ڏکيا امتحان ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي............؟
    ڏسو ته سهي ته مان ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتي آهيان مان ته ڳالهه ڪئي پئي ادبي بورڊ جي جنهن ۾ هاڻ وڏو گهوٽالو اچي ويو آهي، اخباري بيانن ذريعي ڏاڙهي پٽ ۽ ڄنداپٽ لڳي پئي آهي، ڳالهه وڃي عدالتن تائين پهتي آهي. ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کان اڳريون آهن، اخبارن ۽ رسالن ۾ ساوا ڪارا ۽ نيرا بيان پيا اچن.
    هرڪنهن وٽ اهو ئي سوال آهي ته سڀ ڇا پيو ٿئي؟
    هي سڀ اسان جا اديب مان شان وارا انهن جي ذات جي حوالي سان ڪا به ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. يقينن هو سچا ۽ کرا آهن. انهن جون نيتون صاف آهن. گهٽ ۾ گهٽ هي سنڌ ڌرتيءَ جا رهواسي ڪڏهن به اها توقع نه ٿا رکي سگهن ته انهن وٽان ڪو هاڃو رسندو. هن ڌرتي واسين کي اهو سڀ ڪجهه چوڻ ۽ سوچڻ جي باوجود به ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته هي سڀ اديب ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويا آهن ۽ هڪ ٻئي تي غليظ قسم جون هلائون ڪن پيا، آخر هو سڀ ائين ڇو پيا ڪن، سنڌ جون حالتون، سنڌ جي سڀني ادارن جون حالتون خراب ئي آهن صرف سنڌي اديب بورڊ کي محاذ جنگ ڇو بنايو ويو آهي؟ اڄ ئي خبر پڙهي اٿم ته ادبي بورڊ کي ثقافت کاتي مان هٽائي تعليم کاتي ۾ ملايو ويو آهي. اڳ به ادبي بورڊ تعليم کاتي ۾ هو. تعليم کاتو هڪ وڏو کاتو آهي. هن کان اڳ ۾ ادبي بورڊ ۾ تعليم کاتي طرفان به زيادتيون ٿيون آهن. خاص ڪري ايم اي جليل جي زماني ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو سو وسارڻ جهڙو نه آهي. هاڻ ڪرڻ ائين کپي ته هن سڀني بورڊن کي ۽ ادارن کي ملائي هڪ گڏيل محافظ قائم ڪري انهن جي الڳ حيثيت ٺاهي وڃي. باقي تعليمي کاتي ۾ ادبي بورڊ جو هلڻ مشڪل آهي.
    هنن حالتن کي ڏسي ۽ پڙهي هر ڪنهن جي دل ڏکي رهي آهي. ڪنهن هڪ ڌر کي تنقيد جو نشان نه ٿو بنائي سگهجي. ٻنهي ڌرين وٽ هڪ ٻئي لاءِ سهپ جو مادو نه رهيو آهي. هاڻ ان ۾ خود پسندي زور وٺي ويئي آهي. هاڻ ادبي بورڊ سان ڪنهن جي همدردي نه رهي آهي هاڻ هي ذاتيات جي جنگ آهي.
    هي سڀ اخباري بيان، مضمون، انٽرويو سامهون رکي اسان جي سڃاڻ ۽ همدرد اديبن کي اڳتي وڌي ڪجهه ڪرڻ گهرجي. هاڻ هي گند وڌڻ نه گهرجي. هڪ گڏيل ميٽنگ گهرائي انهن ۾ هنن ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي جي سامهون ويهاري انهن جو شڪوه شڪايتون ٻڌڻ کپن. جنهن به ڌر کان زيادتي ٿي آهي ان کي ان جو جوابدار ٺاهيو وڃي. ان ميٽنگ جي سڄي ڪاروائي باقاعدگي سان اخبارن ۾ اچڻ کپي اسان وٽ سياسي ليڊرن، ڪامورن، هونئن به باهه ٻاري ڏني آهي. اديبن جي غلط عمل کي بلڪل درگذر نه ڪرڻ گهرجي. اسان جيڪڏهن محاذ جنگ ۾ آخري مورچي کي به هارائي ڇڏينداسين ته پوءِ يقينن اسان تباهه ٿي وينداسين. هي آخري مورچو آهي اديبن جو قلم ڪارن جو.
    هن ڪالم جي شروع ۾ ئي ادبي بورڊ جي هسٽري ٻڌائي آهي. ان سڄي هسٽري کي سامهون رکي اديبن جي قول عمل کي سامهون رکي فيصلا ڪرڻا پوندا. اهڙن ادارن ۾ غلط ڳالهين جي تائيد نه ڪرڻ گهرجي. اداري جي بهتريءَ لاءِ سوچجي. ادارا اهميت رکندا آهن.شخصيتون ثانوي حيثيت رکنديون آهن. جڏهن ادارن مٿان شخصيتون حاوي ٿي وينديون آهن تڏهن ئي هي ادارا تباهه ٿيندا آهن. ادارا ۽ شخصيتون تنقيد کان بالاتر نه هونديون آهن پر اُت اناپرستيءَ ۽ ذاتيات جو دخل نه هئڻ گهرجي. هونئن به ڪم ڪرڻ وارا صاف نيتن وارا ماڻهو پٺ ورائي نه ڏسندا آهن. هو نيڪيءَ جا سٺائيءَ جا گل نڇاور ڪندا اڳتي وڌندا ويندا آهن. نوان رستا ٺاهي روشنيون وکيريندارهندا آهن. اهو ئي اديب جو بنيادي ڪردار هئڻ گهرجي. جيڪو به اديب پنهنجي ذات ۾ وڪوڙجي بيهي ٿو وڃي معنيٰ ان پنهنجي برباديءَ کي پاڻ سڏيو آهي. خدا جي واسطي اديب هنن ادارن تي رحم ڪن. گڏوگڏ پنهنجي عزت، مان ۽ شان کي به داءُ تي نه لڳائين.

    جمعو 8 اپريل 1994ع


    موسيقي جا من کي موهيندڙ آواز

    تخليق انسان بذات خود هن ڌرتي جو خوبصورت رنگن روپن سان ڀريل هڪ اهڙو ته خوبصورت وجود آهي، جنهن ۾ هر شيءِ سان گڏ هڪ ترنگ ۽ ترنم به آهي. انسان جو ذهن ۽ وجود موسيقي جي ترنم ۾ مزو وٺي مدهوش ٿي ٿو وڃي. موسيقي جيڪا هوا ۾، پاڻي جي لهرن ۾، وڻن ٽڻن ۾، پکي پکڻن ٻهراڙي جي ماحول ۽ شهر جي شور ۾ مطلب ته موسيقي هر هنڌ موجود آهي. موسيقي جو تعلق آواز سان آهي. جت به آواز موجود آهي ات موسيقي پنهنجي روپ ۾ موجود هوندي آهي چوندا ڪين آهن ته ڪن جو روئڻ به راحت ته ڪن جو کلڻ به خواري. هي غم ۽ خوشي هي روئڻ ۽ کلڻ انسان جي وجود ۾ ڀريل آهي. خوشي جي احساس ۾ انسان سرشار ٿي نچڻ لڳندو آهي. خوشي ۾ ڀريل گيت ان ويل انسان جي جذبن جا ترجمان ٿي ويندا آهن. ڏک ۽ غم جي وقت به انسان ڪجهه نه ڪجهه پيو چوندو آهي انسان جي اندر جي اونهائين مان غم سان ڀريل شعر ۽ گيت پيا نڪرندا آهن. وڇوڙي جا آلاپ پيا دل کي تڙپائيندا، منجهند ويل گرم لڪ ۾ ڪوئل جي ڪوڪڻ جو به هڪ پنهنجو مزو آهي. بهار جي مند ۾ رنگ به رنگي گلن ڦلن جي خوشبوئن ۾ بلبل جو چهڪڻ به من موهي ڇڏيندو آهي. رات جي وقت اڱڻ ۾ بستري تي اڌ ننڊ ۽ جاڳ ۾ تڏن جي آواز جو مزو گهڻن ئي ورتو هوندو . . . . . مطلب ته هن سڄي ڪائنات ۾ موسيقي پکڙي پيئي آهي. موسيقي انسان جي جذبن جو اظهار آهي. اهڙو اظهار ڪري انسان پاڻ کي سڪون ۽ راحت پهچائي ٿو. موسيقي جي تاريخ تمام پراڻي آهي. انسان جي پهرين آواز سان گڏ ئي موسيقي جنم ورتو آهي.
    سنڌ ۾ موسيقي ڪيترن ئي قسمن جي آهي. هڪ ٿڌي ۽ مٺي ته ٻي ڌوم ڌڙاڪي ۽ شور واري، ٿڌي ۽ مٺي موسيقي رات جي وقت خاموشي ۾ اوطاقن، اوتارن، گهرن جي اڱڻ ۾ مزو ڏيندي آهي. ڌوم ڌڙاڪي واري موسيقي، شادي جي موقعن تي، ميلن ملاکڙن تي ۽ اوليائن جي مزارن تي ڌمال جي صورت ۾ موجود هوندي آهي. ننڍي کنڊ جي موسيقي خاص طرح سنڌ جي موسيقي ۽ راڳ جو هڪ پنهنجو الڳ انداز آهي. پراڻي ۾ پراڻي شاعري به کڻندؤ ته ان ۾ به رڌم ۽ لئي هوندي آهي. سنڌي قديم ۽ صوفياڻو ڪلام سرتار ۾ ڳايو ويندو آهي ڪن عالمن ۽ شاعرن ته پاڻ ئي پنهنجي شاعري لاءِ نوان ساز ايجاد ڪيا شاهه لطيف جو نالو انهن ۾ سر فهرست آهي جنهن پڻ مختلف ساز ايجاد ڪيا. سنڌ جي موسيقي تي ٻاهرين موسيقي جو اثر به گهڻو آهي پر ان هوندي به سنڌ جي پنهنجي هڪ مخصوص موسيقي آهي جنهن کي اڄ تائين اسان جا ڳائڻا جياريندا پيا اچن. ڀٽ فقيرن جو به وڏو هٿ آهي. اسان جي موسيقي جي ترقي ۾ ڀٽ فقير جيڪي پنهنجي پيٽ گذارڻ لاءِ ڳائيندا وڄائيندا هئا، ڪي ته شاعر، به هئا پاڻ ئي ڪهاڻيون ۽ قصا شاعري جي روپ ۾ لکي ڳائيندا ۽ وڄائيندا هئا. انهن جا لکيل ۽ ڳايل قصا ڪي معمولي نه هئا ڇو ته ڀٽ فقير گهڻو ڪري اکين سان ڏٺل واقعا، مختلف جنگيون، سخي ۽ ظالم بادشاهن جون ڳالهيون، عشق محبت جا قصا سڀ ڳائي وڄائي هڪ هنڌ جي خبر ٻئي هنڌ پهچائيندا هئا. اهڙي طرح سان انهن ڀَٽ فقيرن سنڌ جي تاريخ لکي آهي. زباني طور اسان وٽ پهچندڙ سنڌ جي تاريخ ۾ ڀٽ فقيرن جو وڏو هٿ رهيو آهي ڳائڻ ۽ وڄائڻ انسان جي خوشي ۽ غم جو اظهار آهي. سنڌ ۾ موسيقي جو رواج ڳائڻ وڄائڻ جو رواج تمام گهڻو ۽ تمام پراڻو آهي. سنڌ جي راڳ ۾ صوفياڻو رنگ به تمام گهڻو آهي مزارن تي ان رنگ جو روپ ضرور نظر ايندو آهي شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جا فقير هڪ مخصوص انداز ۾ ڳائيندا ۽ وڄائيندا آهن ميلن ملاکڙن جي موقعي تي اهڙو راڳ ڏاڍو مزو ڏيندو آهي.
    اڄ جي دور ۾ موسيقي تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي ٻين ٻولين ۽ علائقن جي موسيقي به اثر انداز ٿي آهي اڄ ڪلهه مختلف تنظيمن طرفان ڪرايل پروگرامن ۾ چاهي اهي پروگرام ادبي هجن يا سماجي، موسيقي جو پروگرام ضرور شامل هوندو آهي ان موسيقي جي پروگرامن ۾ ماڻهو شوق سان ايندا آهن سنڌي ڳائڻن جون ڪيسٽون به گهڻي تعداد ۾ وڪامجنديون آهن. ڪجهه سالن کان وٺي سنڌي موسيقي ۾ تمام گهڻيون خرابيون اچي ويون آهن ڇو ته نون اڻ ڄاڻ ڳائڻن ائين ڪيو آهي جو اردو پنجابي جي گانن جي موسيقي تي سنڌي ۾ گانا ڳايا آهن. انهن مان ڪي گانا ته هو بهو ترجمو آهن اهڙين غلط ڳالهين جي ڪري سنڌي موسيقي تي خراب اثر پيو آهي. ڪن ڪيسٽن ۾ ته الفاظ به خراب استعمال ٿيل آهي موسيقي جو آواز تمام وڏو ۽ ناڪاره شاعري ۾ اهي ڪيسٽون بسن ۽ انهن جي اڏن، ريلوي اسٽيشن ۽ ٻهراڙي جي هوٽلن ۾ تمام گهڻي پيماني تي وڄنديون آهن. عشق عاشقي جون، محبوب جي حسين ادائن ۽ ارڏاين جون ڳالهيون کليل الفاظن ۾ اهڙن ڪيسٽن ۾ هونديون آهن. غريب اڻ پڙهيل نوجوان کي اُنهن ڪيسٽن ذهني بيمار ڪري ڇڏيو آهي. اسان هت شهرن ۾ مچايل محفلن ۾ انقلابي ۽ سنڌ جي ڏکن دردن جي حوالي سان ڪيل شاعري تي به خوب مزو وٺندا آهيون. اها شاعري جنهن تي ماتم ڪرڻ جون ڳالهيون هونديون آهن ات اسان مدهوش ٿي تاڙيون وڄائيندا آهيون ۽ انقلابي گيتن ۾ سنڌي ماحول جي عڪاسي ڏاڍي ڏک مان ڪئي وئي آهي. اسان جا ٻڌندڙ تيز موسيقي جي رڌم ۾ مدهوش ٿي تاڙيون وڄائي جهومندا پيا آهن. منهنجي هڪ دوست جيڪا آمريڪا مان آئي اچڻ شرط هن ٻائيتال ٻاري ڏنو، چوي مون کي جلال چانڊئي جي ڪيسٽ ٻڌڻي آهي. سڀني کي ڏاڍي حيرت ٿي ته معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته کيس مذاق ۾ ڪنهن ات آمريڪا ۾ ٻڌايو ته سنڌ ۾ جلال چانڊيي نالي هڪ گلوڪار پيدا ٿيو آهي جيڪو ڏاڍو مشهور ٿيو آهي. ان جون ايڏيون ته گهڻيون ڪيسٽون آيون آهن جو اصل مائيڪل جيڪسن سان مقابلو ڪيو بيٺو آهي. ان ويچاري ان مذاق کي صحيح سمجهو ۽ هت جلال چانڊيي جي پئي ڳولا ڪري دراصل اهڙن ڳائڻن ۽ نقل ڪيل موسيقي اسان جي ماڻهن کي ذهني طور بيمار ڪري ڇڏيو آهي. وڏي آواز ۾ موسيقي، رڙيون ۽ شاعري کي هاڻ ماڻهو پسند ڪرڻ لڳا آهن. ڪو نالي وارو ٺاهوڪو گلوڪار ڳائيندو ته ماڻهو بور پيا ٿيندا آهن ۽ ڌوم ڌڙاڪي ۾ سڀ خوش آهن. انهن سببن جي ڪري توهان ڏسو ته ڪيترائي نالي وارا فنڪار جن پنهنجي آواز ۽ سٺي شاعري جي ڪري نالو ۽ عزت ڪمائي هاڻ اهي به پنهنجو اسٽائيل بدلائي رهيا آهن تازو مثال ان ۾ عابده پروين جو آهي ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته عابده پروين هڪ وڏي گلوڪار آهي محفل ۾ ماڻهن کي موهيو ڇڏي پر هاڻ اها عابده پروين نه رهي آهي جڏهن کان وٺي اسلام آباد ۾ قدم ڄمايا اٿائين تڏهن کان هن پنهنجو اصلوڪو من موهيندڙ انداز مٽائي ڇڏيو آهي هاڻ ته سائين شروع کان وٺي آخر تائين بس علي علي دم علي علي آهي ۽ الله هو الله هو آهي. اصلوڪو انداز ڇڏي عابده پروين نصرت فتح علي خان وارو قوالي وارو انداز اپنايو آهي ائين ڪرڻ سان عابده پروين ڪجهه عرصي تائين دولت ته جام گڏ ڪري ويندي پر سندس ڳائڻ ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجو اثر ڇڏي ويندو عابده جي اصلوڪي انداز ۾ زندگي هئي هاڻ رڳو وڏي آواز سان مدهوشي آهي اڳ عابده پروين جي گيتن ٻڌڻ سان ذهن جا دروازا کلي ويندا هئا جسم مان سيسڙاٽ پيا نڪرندا هئا. هاڻ ته علي علي ۽ الله هو الله هو جي ورد ۾ مدهوشي واري ننڊ پئي ايندي آهي. خبر ته ناهي ڇو اهڙا فنڪار پنهنجو انت پاڻ ئي آڻيندا آهن ۽ موسيقي جو ٻيڙو غرق ڪندا رهندا آهن اها ڳالهه اڃا به سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته وري به انهن کي انعام اڪرام ۽ ميڊل ملندا رهندا آهن. شايد قدر شناس به ذوق وڃائي ويٺا آهن.
    آچر 10 اپريل 1994ع


    سنڌين جي تعليم جي تباهيءَ ۽ ان جا ذميدار

    مئي ۽ جون جا مهينا سڄي سنڌ ۾ مئٽرڪ بورڊ ۽ انٽر بورڊ جي امتحانن جي ڪري اهميت رکن ٿا. هي امتحان نه صرف ٻارن جا هوندا آهن، پر گڏوگڏ والدين به ان ۾ ايترا ته پريشان ٿي ويندا آهن، جو لڳندو آهي ته ٻار امتحان ڪو نه پيا ڏين، پر وڏا وري نئين سر پڙهن پيا. والدين جون اهي پريشانيون مختلف نوعيت جون هونديون آهن. ڪي والدين ان ڪري پريشان هوندا آهن ته انهن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي محنت جي ڪمائي مان سٺن اسڪولن ۾ پڙهايو آهي. ٻار ڪوچنگ سينٽر به ويا آهن ۽ گهر ۾ به ٽيوشنيون رکيون اٿن. هاڻ باقي اهڙن محنتي ٻارن جو امتحان ۾ ڪهڙو حشر ٿيندو ان لاءِ ته اهي دعا ئي گهري سگهن ٿا ته ڪنهن اهڙي استاد جي هٿ پيپر اچي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ محنت جي مطابق مارڪون صحيح ڏي. والدين ان ڪري پريشان هوندا آهن ته اهي ڪهڙي بورڊ مان ٻارن کي امتحان ڏيارين ڇو ته وڏن شهرن خاص ڪري ڪراچي ۾ مارڪون سٺيون ڪو نه ٿيون ملن، ان ڪري ٻئي ڪنهن بورڊ مان امتحان ڏيارجي، جيئن مارڪون سٺيون ملن انهن سٺين مارڪن کي حاصل ڪرڻ جا طريقا به جام آهن. ڪي والدين ان ڪري پريشان هوندا آهن جو انهن جو اولاد سٺن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهڻ کان پوءِ به محنت نه ٿو ڪري ان ڪري هو بورڊن جي اهڙي ماڻهن جي تلاش ۾ هوندا آهن جيڪي انهن کان لکين رپيا وٺي انهن جي ٻارن کي سٺن نمبرن ۾ پاس ڪن. اڃا به الائجي ٻيون ڪيتريون پريشانيون آهن والدين کي! انهن سڀني پريشانين کي لکي نه ٿو سگهجي پر هڪ ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته اسان جو تعليمي نظام، اسان جا استاد، اسان جا والدين تعليم کي واپار بڻائي ويٺا آهن. وڏن شهرن ۾ وري به سٺا تعليمي ادارا آهن. پڙهائي جي به سختي آهي باقي سنڌ جي ٻين بورڊن جو جيڪو حال آهي سو اسان کان ڳجهو ڪونهي. اڳ به هڪ ڪالم ۾ مان لکي چڪي آهيان ۽ هاڻ وري ان ڳالهه کي ورجايان ٿي ته سکر بورڊ ۽ حيدرآباد بورڊ جي مئٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن جي رزلٽ تي نظر وڌي وڃي ته اها ڳالهه ظاهر ٿي پوندي ته پوزيشون کڻندڙن جو تعلق سنڌي استادن سان آهي، انهن ۾ هڪ ته انهن جو پنهنجو اولاد آهي ۽ ٻيا وري ڀائيٽا ڀاڻيجا آهن. ڪيترن سالن کان اهو ڌنڌو انهن ٻنهي بورڊن ۾ جاري آهي پر اڃا تائين بورڊن جي نگهبانن ان سلسلي ۾ ڪي سخت اپاءَ ڪين ورتا آهن. اسان جي سنڌ ۾ تعليمي ماحول اهڙو رهيو آهي جو ڊگري حاصل ڪرڻ تمام آسان ٿي پئي آهي. محنت کان بغير، ڏنڊي جي زور تي، ڪاپي جي زور تي هت سڀ ڪجهه ٿي وڃي ٿو. هت ڪراچي ۾ تعليمي ادارا به سٺا آهن ۽ تعليم جو معيار به بهتر آهي پر ڏٺو اهو ويو آهي ته جن ڏينهن رات محنت ڪئي انهن کي مارڪون ڪين ٿيون ملن. اهو نه ٿو چئي سگهجي ته هت ڪراچي ۾ ڪاپي نه ٿي ٿئي. يقينن ڪاپي ٿئي ٿي پر ايڏي وڏي پيماني تي نه ٿي ٿئي، جيڪا اسان وٽ ٻين بورڊن ۾ ٿئي ٿي. هت محنت ڪرڻ وارا به آهن ته ڪاپي ڪرڻ وارا به آهن. پر هت محنت ڪرڻ جو نتيجو گهٽ ٿو ملي. خاص ڪري سنڌين سان ته ويڌن آهي. اسان سنڌين جي هيءَ فطرت به عجيب آهي جو نالي پٺيان ذات ضرور لکندا آهن ان ڪري به نقصان پرائيندا آهيون. مئٽرڪ تائين ته اڃا به پرواه ناهي پر انٽر سائنس جي رزلٽ هر بورڊ لاءِ وڏي اهميت واري هوندي آهي، انهن رزلٽن تي سڄي مستقبل جو دارومدار هوندا آهن. ٻڌو اٿئون ته ٿيندو ائين آهي ته ات رزلٽ ڪڍڻ مهل، پيپر جاچڻ مهل حساب ڪتاب رکيو ويندو آهي ته ڪيتريون ميڊيڪل جون سيٽون آهن، ڪيتريون انجنيئرنگ جون سيٽون آهن. ان حساب ڪتاب کان پوءِ وڏو ڪاروبار هلندو آهي. هلندي پڄندي وارا ۽ پئسي وارا ماڻهو پنهنجو ڪم ڪڍائي ويندا آهن. ڇا هت افسوس جي ڳالهه نه آهي ته هت وڪامجي ٿو، هت پنهنجي ضمير جي قيمت لڳائي ٿو سو استاد ئي آهي . . . . !!! هنن سڀني حالتن ۽ ظلمن جو ذميوار استاد ئي آهي. هڪ محنتي ٻار جو مستقل تباهه به استاد ڪري ٿو ۽ هڪ نڪمي لاپرواهه ٻار کي آسمان جي بلندين تي پهچائڻ وارو به استاد ئي آهي. . . . . استاد پنهنجو رتبو پاڻ وڃايو آهي. هاڻ هو ڪيئن ٿو ٻارن جي صحيح تعليم تربيت ڪري سگهي؟ جي شاگرد نه پڙهڻ چاهي، ڪيڏو به ڏاڍو هجي پر اگر استاد سچو ۽ محنتي آهي ۽ تعليمي ادارن جا قاعدا قانون به سخت آهن ته پوءِ شاگرد مجبور ٿي پوندو پڙهڻ لاءِ . . . . . اسان وٽ تعليم جو ٻيڙو ٻڏو ئي ان ڪري آهي جو استاد توجهه نه ٿو ڏي ۽ شاگرد لاپرواهه ٿي ٿو وڃي. منهنجو جڏهن به سنڌ جي شهرن ڳوٺن ۾ وڃڻ ٿيندو آهي ته اتان جي رهواسين کان تعليم بابت پڇا ڪندي آهيان ته خبر پوندي آهي ته شاگردن کي ڪڏهن به ڪاليج ۾ پريڪٽيڪل ڪو نه ڪرايو ويندو آهي. ڇوڪريون ته ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ کان پوءِ ڪاليج وينديون ئي ڪو نه آهن، ڇو ته انهن کي ات ڪير پڙهائڻ وارو ئي نه هوندو آهي. ليڪچرار نوڪريون وٺي ننڍن شهرن ۾ رهڻ بجاءِ سڀ ڪو وڏن شهرن ۾ ڊيپوٽيشن تي هليا اچن، جت ضرور آهي ات هڪ به استاد نه هوندو آهي ۽ ٻين هنڌ ضرورت کان وڌيڪ استاد ڀريا پيا آهن.
    ڪاپي ڪلچر جيڪو اسان وٽ سالن کان وٺي جاري آهي اهو اڃا به زور وٺندو پيو وڃي. هاڻ ته فيشن ٿي پيو آهي ته سکر بورڊ يا حيدرآباد بورڊ مان امتحان ڏيئي پنهنجي مرضي جون مارڪون کڻي پوءِ وري هت ڪراچي مان ڊوميسائيل ٺهرائي داخلائون وٺجن . . . . . گذريل سال ڪراچي بورڊ ۾ پوزيشن کڻندڙ جون مارڪون 85 سيڪڙو هيون ۽ ٻين بورڊن ۾ 92 سيڪڙو تي پوزيشون هيون. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ايل ايم سي، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج ۾ 80 سيڪڙو کان مٿي ويو. داخلا وقت ۽ هت ڪراچي ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۽ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج جي داخلائن جي لسٽ ۾ پهرين ويهن داخلا وٺڻ وارو جو تعلق حيدرآباد ۽ سکر بورڊ سان آهي ڪراچي بورڊ جي پهرين نمبر حاصل ڪندڙ جو نمبر انهن کان پوءِ ٿو اچي. مون کي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي آخر ايتريون مارڪون ملي ڪيئن ٿيون وڃن، کڻي جذبات ۾ اچي سنڌيت جي زور تي ڪير ائين به چوي ته ڀلا وري به اهي سڀ سنڌي آهن. پر سائين منهنجا اهو سوچڻ گهرجي ته اسان جي مسئلن جو حل غلط طريقا نه هجڻ گهرجي. پنهنجي ڄاڻ ۽ لياقت تي جڏهن منزلون مارجن ان وقت ئي خوشي ٿيندي آهي.
    تعليم بنيادي سنڌو آهي قومن جي ترقي جو، تعليم اسان کي ڄاڻ ۽ شعور ڏئي ٿي. اسان جي تعليمي ادارن ۾ ملندڙ تعليم، اتان جي شاگردن جو رويو ان قابل آهي جو اڳتي وڌي ٻين قومن ۽ گروهن سان مقابلو ڪري سگهن؟ مقابلي جي ميدان ۾ جڏهن اسان جا شاگرد پوئتي رهجي ويندا آهن ته اسان رڙيون ڪندا آهيون، هنڀوڇون هڻندا آهيون ته اسان جي نوجوانن کي روزگار نه ٿو ملي. ان وقت اسان پنهنجي دل تي هٿ رکي امين ٿي اهو فيصلو ڇو نه ٿا ڪيون ته هي سڀ نوجوان ان قابل آهن ته مقابلي جي ميدان ۾ ڪامياب رهن . . . . .؟ هي ڪوٽا سسٽم، هي ڪاپي ڪلچر هي ڌعونس دڙڪا ئي آهن جنهن جي ڪري ٿورو گهڻو سنڌي ماڻهو نظر پيو اچي پر آخر ڪيستائين ائين ٿيندو رهندو؟ اسان ڪيستائين ڪچن بنيادن تي محل تعمير ڪندا وتنداسين، اهڙا محل جيڪي اڳتي هلي هڪ ڦوڪ سان اڏامي ويندا. ڪراچي به اسان جي آهي ڪراچي جا تعليمي ادارا به اسان جا آهن پر ان ويل ڪيتري نه دل کي راحت ملندي جڏهن اسان جا شاگرد پنهنجي صلاحيت تي ٻين شاگردن تي سبقت حاصل ڪندا. باقي اهڙي طريقي سان چور دروازن سان اچڻ ڪنهن به شعور واري ماڻهوءَ کي ڪيئن وڻندو. اخبارن ۾ بيان بازي اڳتي هلي داخلا پاليسي اڃا به سخت ٿي وڃي. جهڙي ڪراچي جي انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ اهو قانون هن سال کان لاڳو ڪيو ويو آهي ته آئينده هنن ادارن ۾ انهن شاگردن کي داخلا ملندي، جن ڪراچي بورڊ مان انٽر ڪئي هوندي. اهو ساڳو قانون ميڊيڪل ڪاليج ۾ به لاڳو ٿي سگهي ٿو. مان ته سمجهان ٿي ته اهو پاڻ چڱو آهي ڇو ته ائين ڪرڻ سان جيڪو اندرون سنڌ جي بورڊن ۾ امتحان ڏيڻ جو رواج پيو آهي، تنهن ۾ ڪمي ايندي.
    هاڻ ٿيندڙ امتحانن ۾ تمام گهڻي سختي جي ضرورت آهي ان سختي لاءِ سخت قاعدا قانون به جوڙڻا پوندا. اسان جو موجوده نسل جيڪو پڙهڻ کان سواءِ ڊگريون حاصل ڪرڻ ٿو چاهي، اهي استاد جن علم کي واپار بنايو آهي ۽ اهي والدين جي پنهنجي اولاد کي غلط طريقن سان مٿي آڻڻ چاهين ٿا انهن سڀني کي سزا ملڻ گهرجي ان سزا لاءِ صرف سختي جي ضرورت آهي. بورڊن جي رزلٽن مهل سخت چيڪنگ جي ضرورت آهي. جنهن شاگرد کي گهڻيون مارڪون ملن ٿيون ته ان جو پيپر مختلف استادن کان چيڪ ڪرائجي، هٿ اکرن جي به شاهدي وٺجي هت ته حال اهو آ ته شاگرد گهر ۾ ستو پيو آهي ۽ پيسن تي خريد ڪيل ماڻهو وڃي ٿا پيپر ڏيئي اچن. هاڻ خدا جي واسطي هن قوم کي سڌارڻ لاءِ غلط طريقن جي تائيد نه ڪرڻ گهرجي. تعليم ئي اهو معيار ۽ سنڌو آهي جنهن جي ڪري قومون ترقي ڪنديون آهن، الله جو واسطو اٿو ته تعليم کي ڪاروبار نه ٺاهيو، غلط طريقي سان تعليم حاصل ڪندڙ نوجوانن ۾ شعور نالي ماتر به ڪو نه هوندو آهي. اچو ته گڏجي هنن سڀني غلط رستن ۽ چوواٽن کي پنهنجي بهتر عمل سان بند ڪري ڇڏيون، اهڙيون نيون واٽون ٺاهيون جيڪي اسان جي قوم جي نوجوانن کي ترقي جي بلندين تائين وٺي وڃن.
    آچر 15 مئي 1994ع


    قصو شاهن ۽ ڪرسين جو

    هوءَ منهنجي جيڏي نه آهي، نه مونسان گڏ پڙهي آهي، نه وري ڪا ننڍپڻ جي ساٿياڻي آهي. بس اوچتو ئي- ڪٿ نظر اچي ويئي. واٽ ويندي ملي ويئي. ڪي انسان الائجي ڇو پنهنجين خوبين ۽ خامين سان گڏ وڻندا آهن. دل چاهيندي آهي ته ان جي صحبت ۾ رهجي، ان سان ڪچهري ڪجي جڏهن انسان ذهني ۽ جسماني پورهيو گهڻو ڪندو آهي. دنيا جي نفسانفسي ۾ جوابدارين جا بوج کڻي ٿڪڻ بعد ڪنهن جي دل چاهيندي آهي ته ڪنهن سان ڪچهري ڪجي ڪو اهڙو انسان هجي جنهن سان ڪي پل دل کولي ڳالهائي. اهڙين ئي شخصيتن مان اها آهي جنهن سان ڳالهائڻ لاءِ منهن جي دل گهرندي آهي. پر منهنجي ڳالهه ٻولهه ان سان سواءِ بحث مباحثي جي ٿيندي ئي ڪانهي. جڏهن به ڪا خبر پڙهندي آهيان يا ڳالهه ٻڌندي آهيان ته هڪدم کيس فون ڪندي آهيان. ممڪن آهي ته هوءَ منهنجي ان عادت مان عاجز هجي! نه ڳالهائڻ چاهيندي هجي ته به آءُ ان سان تمام گهڻو بحث ڪندي آهيان، هوءَ مون کي چوندي آهي ته اها ڳالهه کيس سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته مان هر ڳالهه جي کيس جوابدار بنائي ڇو ڳالهائيندي آهيان، مان کيس چوندي آهيان ته ڀلا تون جوابدار نه آهين ته ڀلا ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي ۽ ائين مان هن سان ڪافي بحث ڪندي آهيان، حالانڪ هوءَ ٿوري رکي ۽ ڳالهائڻ جي کهري آهي، ان جي باوجود به مان سندس پيڇو نه ڇڏيندي آهيان. ان ڏينهن پڇيومانس ته ڀلا شمشير الحيدري، ڪورٽ مان جيڪو اسٽي آرڊر ورتو آهي. ته پوءِ هاڻ ان جو ڇا ٿيندو؟ جواب ڏنائين مان ته ڪا اديب ڪونه آهيان جو مون کان ٿي پڇين. مون کي پاڻ تو ٻڌاءِ ته اهو دنگل ڪٿ وڃي دنگ ڪندو؟......مان چيو مانس مون کي اديب نه چوندي ڪر. هاڻ ته مون کي شرم ٿو اچي. جواب ۾ هن چيو ته توهان سڀ پنهنجن اديبن کي ڏاڍو مان ڏيندا آهيو پر انهن جي قول ۽ عمل جو تضاد ڏٺو اٿئي.........؟ مان چيو سچ ٿي چوين اسان پنهنجي مهان اديبن کي مان ڏيئي اينٽيڪس (Antiques) ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ هو سڀ عجائب گهر ۾ رکڻ جي قابل آهن....هوءَ کلي پئي چيائين ڊپ نه ٿو لڳي الائجي ڇا ڇا چوندي ۽ لکندي رهندي آهين. مان چيو ته قلم ۽ اخلاقي قدر جنهن حد تائين اجازت ڏين ٿا مان لکان ٿي ورنه دل ۾ ته الائجي ڇا ڇا ڀريل اٿم......
    ها پر هڪ ڳالهه ته شمشير الحيدري جي ڪورٽ ۾ وڃڻ سان ڪجهه فائدو ضرور ٿيندو، اهو فائدو اهو هوندو ته هاڻ کلي طرح اهي سڀ جوابدار سامهون ايندا جيڪي اسان جي هنن ادارن جي تباهي جو بنياد بڻيا آهن. ان پڇيو اهو ور ڪيئن؟ جواب ۾ چيو ڪورٽ سڳوري ۾ ادبي بورڊ جي سڄي تاريخ دهرائي ويندي. هڪ هڪ ڳالهه واضح ٿيندي. شمشيرالحيدري اسٽي آرڊر ان ڪري ورتو آهي ته ان ميٽنگ ۾ ان کي ڪڍي ٻاهر ڪن ها، اها ته پاڻ چڱي ڳالهه آهي جو ٽيبل جي چوگرد ويهي هڪ ٻئي کي الزام ڏجن ان کان بهتر آهي ته ڪورٽ جي وسيلي هنن ادارن جي سربراهن جا اڇا ڪارا پڌرا ڪجن ڪنهن ڪيترا ڦاڙها ماريا آهن ڪنهن ڪيترا اجايا ۽ سجايا ڪم ڪيا آهن. سڀ ڪجهه کلي سامهون ايندو، مان سمجهان ٿي ته چيئرمين ادبي بورڊ ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن لاءِ ته هي بهترين موقعو آهي. اهڙو موقعو وري انهن کي ڪين ملندو.......مون کي ان اڃا به وڌيڪ جذبات ۾ آندو چيائين ڀلا هڪ ٻي ڳالهه ته ٻڌاءِ ته غالب ۽ اقبال اڪيڊمي يا اردو بورڊ ۾ ڪو سنڌي اديب کنيو ويو آهي؟ حالانڪ سنڌي اديب، اردو زبان ۽ ادب کان چڱي طرح واقف آهن. ان منهنجي ڳالهه جي جواب ۾ چيو ته هاڻ رڙيون ڪرڻ مان ڇا حاصل، هن ماڻهن کان ڪم وٺو انهن تي ڪرڙي نظر رکو، حيرت مان چيو مانس ته چري ته ڪانه ٿي آهين ڀلا ٽوه پوکي انبن جي خواهش ڪرڻ سان انب ملي پوندا ڇا؟ هي ادارا جادوءَ جو گهر ته ناهن جت جادو جي ڇڙي تي ڪم ٿيندا. هي ماڻهو ڪيئن برداشت ڪيون جڏهن ته ويچاري نواز علي شوق کي به برداشت نه پيو ڪيو وڃي، ان جي به ڪيتري نه مخالفت ٿي آهي. نواز علي شوق وري به اديب ۽ ڪتابن جو خالق آهي ان جي به مخالفت ٿئي پئي. ها باقي هي وچ ۾ الله بخش شاهه بخاري الائجي ڪٿان اچي ويو؟ ان جي ادب سان ڪهڙي واسطيداري؟ جواب ۾ ان چيو ته تون پاڻ ئي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته سنڌ ۾ ڪرسي سيدن جي جاگير آهي. وزير اعليٰ جي ڪرسي هجي يا وري ادارن جي ملندي وري به سيدن کي. تو کي شايد خبر نه آهي ته اسان جو وزير اعليٰ گهرو دوست آهي، الله بخش شاهه بخاري جو. حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن تي انهن جون جام ڪچهريون ٿينديون هيو، آخر دوستي به ته نڀائڻ لاءِ هوندي آهي. مون کي ياد آيو ته جڏهن ڊاڪٽر اياز قادري کي وقت کان اڳ ۾ هٽايو ويو هو تڏهن ڇا ٿيو هو؟
    وائيس چانسلر کان وٺي سينڊيڪٽ جي ميمبرن به ته ان عمل جي مخالفت ڪئي پر ڇا ٿيو، گورنر صاحب ڊائريڪٽ نوٽيفڪيشن ڪڍيو. ائين ڪرڻ سان گورنرصاحب پنهنجي چاليهه سان پراڻي دوستي نڀائي هئي. مان ٿورو ڏک مان چيو. گهڙي کانپوءِ هن ٿورو ڪاوڙ ۽ رکي نموني ۾ چيو، “تون ته صفا چري آهين. هروڀرو ٿي پنهنجو دماغ کپائين ۽ سڙين پڄرين، ڀلا تو کي ڪير ٿو چوي ته اهي خبرون رک. صبح سان اخبارون به نه پڙهندي ڪر ماڳهين وٺندي ئي نه ڪر. اخبارون هڪ ته هروڀرو جو خرچ مٿان وري ڊپريشن به ٿئي ٿو. اخبارن جو ذڪر نڪرندي مان چيو ته اخبارن ۾ ته خبرن سان گڏ تبصرا، مضمون ۽ ڪالم به پيا ڇپجن انهن ۾ صرف هڪ ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته هر اداري ۾ اهڙا ماڻهو آهن پر اهي پنهنجي ٺيڪ جاءِ تي نه آهن آخر اسان وٽ صحيح جاءِ تي صحيح ماڻهو ڇو نه ٿا رکيا وڃن. صرف ذاتي دوستيون نڀائڻ ۽ سيدن کي ورسائڻ سان هي ادارا تباهه نه ٿيندا ته باقي ڇا ٿيندو؟ هاڻ مان ٿورو گنڀيرو ٿي ويس ۽ چيو مانس ته هاڻ هڪ فيصلو مان به ٿي ڪريان. هاڻ مون کي پاڻ مٽائڻو پوندو ان لاءِ مون وٽ جائز دليل به آهن جيئن ته مان سلطانه وقاصي آهيان، ٻڌو اٿم ته اسان حضرت زيد بن وقاص جي اولاد مان آهيون مٿان وري اهم ڳالهه ته ٻن مخدوم ٻارن جي مان ماءُ به آهيان سو هاڻ ڇو نه مان پاڻ کي “سيد” چوائڻ شروع ڪيان. ڏس نه منهنجي نالي پٺيان “سيد” لفظ ڪيترو نه ٺهي ٿو “سيد سلطانه وقاصي” مون کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو ۽ هوءَ به کلي ويٺي. گهٽ ۾ گهٽ سيد ٿيڻ سان منهنجون لڪل صلاحيتون ظاهر ٿي پونديون. سچ ته اهو آته ماستري ۾ رکيو ڇا آهي؟ نه آهي ڪا بجيٽ نه سٺي پگهار نه وري پجيرو گاڏي. ٿي سگهي ٿو ائين ڪرڻ سان مون کي به ڪا لاٽ صاحبي ملي وڃي ۽ مان به هڪ جمپ سان ڪنهن اداري جي سربراهه ٿي وڃان......منهنجي ڳالهه ٻڌي هوءِ کلندي رهي پوءِ چوڻ لڳي متان ائين ڪيو اٿئي! جهان وارا پٿر هڻندئي ۽ جيئڻ ڪونه ڏيندئي. چيم ڇو پٿر هڻندا ڇو جيئڻ ڪونه ڏيندا. مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ ان چيو صرف ڏوهه جي ڳالهه ٿي ڪرين مان ته سمجهان ٿي ته ائين ڪرڻ سان تون سنگسار نه ٿي وڃي. هاڻ مان ٿورو ماٺ ٿي ويس، کيس ڪو جواب نه ڏنم منهنجي خاموشي تي هوءَ چوڻ لڳي، “تڏهن ته چوان ٿي ته دماغ نه کپاءِ! چپ ڪري ويهه جيڪو ڪجهه به ٿئي پيو، ٿيڻ ڏي اکيون کڻي بند ڪري ڇڏي”.
    هي ڳالهه ڪندي مان کيس هڪ واقعو ٻڌايو ۽ چيومانس ته اهو واقعو منهنجي ذهن جي پولارن مان ڪڏهن به ڪين نڪرندو. هي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن مان حيدرآباد جي زبيده ڪاليج فسٽ ايئر پڙهندي هيس ۽ هاسٽل ۾ رهندي هيس. ان وقت مان ڏاڍي اٻوجهه ۽ گگدام هوندي هئس. ڪتابن سان ته عشق هوندو هو پر ٻاهر جي دنيا جي خبر گهٽ هوندي هيم. اردو به منهنجي بس ڪم ٽپائڻ واري هوندي هئي. هاسٽل جي ڇوڪرين کي مهيني پندرهين ڏينهن آپا شمع عباسي ٽيچر ساڻ ڏيئي ريشم گلي ۾ شاپنگ لاءِ موڪليندي هئي. هڪ دفعو ڇا ٿيو جو مونسان گڏ ڇوڪرين وٺي زور سان رڙيون ڪيون “ار ڀٽا! وه يکو ڀٽا ان زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت هئي. مان حيراني وچان چوطرف پئي ڏسان ته ڀٽو صاحب هتي ريشم گلي ۾ ڇا پيو ڪري ۽ منهنجيون اکيون پيون ڀٽي صاحب کي ڳولهين وري جو ڏسان ته هو سڀ سنگن کي ڀٽا پيون چون. ات مون کي خبر پئي ته اردو ۾ سنگن کي ڀٽا چئبو آهي هاڻ هن واقعي جو تسلسل ڪجهه عرصو اڳ واري واقعي سان جوڙيان ٿي حالانڪ هاڻ مان اوهڙي گگدام ڪين رهي آهيان ته به ان واقعي مون کي پريشان ڪري ڇڏيو ته هت ڪراچي ۾ پروگرام ۾ ويس، ات ڳالهين ڪندي سڀني جي وات ۾ بيبي صاحبه جو ذڪر هجي، نالي وٺڻ بجاءِ اهي سڀ بيبي صاحبه پيا چون، مان وري عقل جي گهٽ سوچڻ لڳس شايد بيبي صاحبه (بينظير ڀٽو) هن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ پيئي اچي، ڏاڍي خوشي مان پڇيم ڪڏهن ٿي اچي بينظير؟ جنهن کان پڇيم، تنهن حيرت مان منهنجو منهن تڪيندي چيو بينظير صاحبه ته ڪونه ٿي اچي. مان چيو توهان جو هن مهل چئو پيا ته بيبي صاحبه اچڻ واري آهي. هاڻ انهن مون کي وضاحت سان ٻڌايو ته اسان بيبي صاحبه بينظير نه پر بيبي صاحبه (.............) جو ذڪر پيا ڪريون مان ڪم عقل جڏي ڪندُ ذهن، مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهيس ۽ سوچيندي رهيس. اسان ڪيترا به ترقي پسند ڇو نه ٿي وڃون معاشري جي هر زيادتي تي لکي عام ڪهاڻيون ۽ ڊراما ڇو نه لکون، مذمت ڪيون، اسان جي معاشري جي ننڍ وڏاين ۽ وڇوٽين جي ۽ هر انسان کي برابري جو درجو ٿا ڏيون پر اسان پنهنجي ذات جي حوالي سان ان حصار مان پاڻ کي ڪڍي نه ٿا سگهون، جن عملن کي رد ڪرڻ لاءِ ٻين کي تاڪيد ڪيون ٿا اهي عمل ئي اسان جي سڃاڻپ هوندا آهن.
    هن جو منهنجي اها ڳالهه ٻڌي ته جوش ۾ ڀرسان رکيل ٽيبل ڪلاڪ کڻي مون مٿان حملا آور ٿي. مان پاڻ کي بچائيندي چيو هي ڇا پئي ڪرين، ڇو ٿي مون کي مارين؟ چيائين ائين لکڻ ۽ ڳالهائڻ سان بجاءِ تون جو ٻين هٿان مرين مان ڇو نه تو کي ماريان...........؟ هوءِ جوش ۾ اڳتي وڌي ته مان ان جي هٿن مان وال ڪلاڪ کسي پيار مان روڪيندي چيو مون کي مارڻ مان ڇا ملندو ۽ هروڀرو وڃي جيل ۾ پوندينءَ حالتون اهڙيون آهن جو ڪجهه عرصي کانپوءِ نه صرف مان پر مون جهڙا الائجي ڪيترا ٻيا واڦي واڦي چريا ٿيندا يا مرندا. ڇو ته هت رستن تي ايڏا ته انڌير آهن ايترا ته ڪنڊا وڇايل آهن جو اسان جون اکيون ڪجهه به ڪين ٿيون ڏسن ۽ جسم زخمن سان چور آهي، هاڻ ٻڌاءِ اسان مريلن کي ماري تون پاڻ کي گنگهار ڇو ٿي ڪرين؟ ان ويل اسان ٻنهي جا هٿ هٿن ۾ هئا، پر ان جي باوجود به اسان اڪيلا تنها هئاسين. اکين ۾ اسان جي هڪ سوال هو. الائجي ڪڏهن اسان جي وجود جي تنهائي ختم ٿيندي. الائجي ڪڏهن اسان هنن انڌيرن مان ٻاهر نڪرنداسين. الائجي ڪڏهن ايندو اهو روشن ڏينهن...الائجي ايندو به الائجي نه......؟

    آچر 24 اپريل 1994ع


    سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ ۽ نوجوانن جون ذميواريون

    ادارا ٺاهڻ ۽ انهن کي هلائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، جيڪي ماڻهو جذبي جي تحت نيڪ نيتيءَ سان ادارا ٺاهيندا آهن، تن جو انهن ادارن سان جذباتي ۽ دلي لڳاءُ هوندو آهي، جڏهن به ادارا ٺهندا آهن تڏهن جيڪي ٺاهڻ وارا هوندا آهن، وجود وجهڻ وارا هوندا آهن انهن ادارن جي سربراهن ۽ ٻين تنظيمي ڪارڪنن جي چونڊ ڪبي آهي.
    ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن اهڙا ادارا مضبوط ٿي ويندا آهن ته پوءِ ات اليڪشنون ٿينديون آهن. اليڪشنون انهن ادارن جي آئين ۽ منشور مطابق ٿينديون آهن. ادارا ۽ تنظيمون ماڻهو ٺاهيندا آهن. ادارا ماڻهو هلائيندا آهن. ڪن حالتن ۾ اهي ماڻهو ٺهيل ٺڪيل ادارن ۽ تنظيمن کي پنهنجي انا ۽ ذاتي پسند جي ڪري تباهه به ڪري ڇڏيندا آهن، جڏهن تنظيمن جي مٿان شخصيتون حاوي ٿي وينديون آهن تڏهن اهڙا ادارا ۽ تنظيمون تباهه ٿي وينديون آهن. هڪ ادنيٰ ڪارڪن کان وٺي سربراهن تائين هڪ گڏيل محنت ۽ ڪوشش هوندي آهي، جنهن جي ڪري ئي بنياد مضبوط ٿيندو آهي، جڏهن به ڪي شخصيتون ذاتي فيصلا ۽ ذاتي سوچون تنظيمن جي مٿان مڙهڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. تڏهن ئي اختلاف اڀرندا آهن. اهو به سچ آهي ته ادارا ۽ تنظيمون ٺهنديون وڌنديون ۽ ويجهنديون آهن. پئسي سان، جڏهن به ڪو ادارو وجود ۾ ايندو آهي ته ان جي ميمبرشپ جي في ۽ ٻين مختلف طريقن سان اها ڪوشش ڪبي آهي ته ان تنظيم يا اداري جي بجيٽ وڌي، ڇو ته پئسو بنياد هوندو آهي ترقي جو، تنظيمون ۽ ادارا پئسي کان سواءِ هلي ڪو نه سگهندا آهن ۽ نه ڪو ڪم ڪري سگهندا آهن. ان ڳالهه ۾ به اختلاف جي گنجائش نه آهي ته پئسو، ادارا ٺاهيندو آهي ته انهن پئسن جي ڪري ئي ادارا ۽ تنظيمون تباهه به ٿينديون آهن. نالو وٺڻ جي ضرورت نه آهي پر گهڻن ماڻهن کي ڄاڻ هوندي ته هت ڪراچيءَ ۾ ٺهندڙ ڪجهه عورتن جون تنظيمون ۽ ٻيا سماجي ادارا صرف ان ڪري اختلافن جو شڪار ٿي ويا، ڇو ته ات پئسي جو مسئلو پيدا ٿي ويو هو. انهن تنظيمن پنهنجن پئسن خرچ ڪرڻ جو صحيح حساب ڪتاب ڪو نه رکيو هو، ان ڪري اختلافي مسئلا اڀريا هئا.
    سنڌي ادبي سنگت سنڌي اديبن جي پراڻي سنگت آهي. هن سنگت جو پايو وجهندڙ اسان جي بزرگ اديبن مان ڪي ته گذاري ويا آهن، پر گهڻو تعداد اڃا به زندهه آهي، دعا آهي ته هو وڏي ڄمار ماڻين. پر جيستائين مان ادبي سنگت جي باري ۾ پڙهيو ۽ ٻڌو آهي ته ان مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته ان دور ۾ اديبن ادبي سنگت جو بنياد ان ڪري وڌو ته ات ادب جي حوالي سان سنڌي اديبن ۽ نوجوانن جي نه صرف قلمي پر ذهني تربيت به ڪجي. ادبي سنگت ۾ رڳو اديب ڪو نه ويندا هئا پر ات شريڪ ٿيڻ وارن ٻڌندڙ جو به چڱو چوکو تعداد به هوندو هو، جن جو ادب سان ڪو به واسطو نه هوندو هو. ان جو مثال هئين پيش ڪري سگهجي ٿو ته جڏهن به ڪو ڊاڪٽر انجنيئر، واپاري ۽ ڪامورو توهان کي سٺو ورتاءُ ٿو ڏئي. سنڌ جي مسئلن تي اوهان سان ڳالهائي ٿو، اوهان سان تعاون ڪري ٿو ته ضرور انهن جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ادبي سنگت سان رهيو هوندو. سنڌي ادبي سنگت اديبن ۽ ادب دوستن جو اهڙو ڪو هڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو آهي. ادبي سنگت جي کوري مان پڪل اديبن ۽ ادب دوستن جي ڪا ڪمي نه آهي. ادبي سنگت ۾ سڀ ڪو اچي سگهي ٿو. اها هڪ درس گاهه آهي، جتي ماڻهو گهڻو ڪجهه پرائي ٿو. اسان جا وڏا مهان اديب هن ادبي سنگت ۾ اچي پنهنجي شاعري ۽ افسانا پڙهي شديد تنقيد جو شڪار ٿيا هئا. هڪ بزرگ اديب مون کي هڪ دفعو ٻڌايو ته هو ادبي سنگت ۾ پنهنجون بهترين تخليقون کڻي ويندا هئا ۽ اتي هنن تي ايتري ته تنقيد ٿيندي هئي جو لڳندو هو ته اسان ڪا تخليق نه لکي آهي، پر ڪو جرم ڪيو اٿئون. فرق صرف اهو آهي ته ات تنقيد ڪرڻ وارا ۽ تنقيد سهڻ وارا وڏي دل جا مالڪ هئا. تنقيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
    هاڻ وري سنڌي ادبي سنگت جون مرڪزي اليڪشنون ڪراچيءَ ۾ ٿين پيو. اخبارن ۾ پڙهيم. گهڻائي وڏا نالا لائين ۾ سيڪريٽري جنرل لاءِ بيٺا آهن. اسان جي لاءِ اهي سڀ شخصيتون قابل احترام آهن. خبر نه آهي ڇو منهنجي دل ۾ اها خواهش اڀري آهي ته ڪاش هڪ گڏيل فيصلو ڪري اهڙن ماڻهن کي بيهارجي ها جيڪي سڀني وٽ قابل قبول هجن ها. هي ڇڙوڇڙ ٿي مرڪزي اليڪشن ۾ سياست گهڻي حاوي ٿي ويندي آهي. ٻه چار نالا ڇڏي سڀني اديبن جي ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي يا سياستدان سان تعلق هوندو آهي. مان سمجهان ٿي ته اها ڳالهه چڱي نه آهي. اديب ته صرف اديب هوندو آهي. ان جي ڪمٽمينٽ، ان جو سوچون، ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي ڏک سک سان ٻڌل هجن، اديب پنهنجي قلم، سوچن ۽ عمل سان سچو هجي باقي هي سياسي وايو منڊل ته پيو بدلجندو آهي. ڪڏهن سج چوٽيءَ تي ته ڪڏهن وري اوندهه انڌوڪار – انهن حالتن ۾ ڏات ڌڻي ئي رهبر ٿي سگهي ٿو.
    سنڌي ادبي سنگت منهجي لاءِ هڪ مقدس ادارو آهي. هن اداري ۾ اختلاف ۽ ڪوتاهيون نه ٿيڻ کپن. اسان ۾ هڪ وڏي ڪمزوري اها به آهي ته مون ڏٺو آهي ته ٻين قومن ۽ گروهن جا ماڻهو جڏهن به باشعور ٿيندا آهن ته پوءِ هو عملي ڪم ڪندا آهن. اڃا وڌيڪ پرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر اسان وٽ ادبي سنگت هجي يا وري ٻيا ادارا هجن ات چونڊجي اچڻ وارا پاڻ کي اصل ايڏو عظيم ۽ معتبر سمجهندا آهن جو ٻيا سڀ انهن کي هيٺاهان ۽ “ننڍڙا” لڳندا آهن. بجاءِ ان جي ته پنهنجن ساٿين ۽ همدردن جي راين سان تنظيم جي جوڙجڪ ڪجي. هو پنهنجا ذاتي فيصلا مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مخصوص سوچون رکندڙ ماڻهو ۽ ڪي سندن پسند واريون شخصيتون انهن لاءِ معتبر ۽ قابل احترام هونديون آهن. باقي ٻين لاءِ انهن وٽ جيڪا ڪسوٽي هوندي آهي ان ۾ فلاڻو غدار آهي، فلاڻو سنڌي آهي ته ڇا ٿيو آهي ته ڪامورو؟ پنهنجي ڪسوٽي تي پنهنجي سوچن تي اهڙا وڏا فيصلا ڪندا آهن، جيڪي اسان جي قوم کي ڪاپاري ڌڪ هڻندا آهن.
    سنڌي ادبي سنگت هڪ وڏي تنظيم آهي. هن وقت ٿيندڙ اليڪشنون وڏي اهميت واريون آهن. اڄ ڪلهه چوطرف سنڌي اديب پنهنجي قول عمل جي تضاد جي ڪري سخت تنقيد جو شڪار آهن. هن وقت ادبي سنگت جا سرواڻ ۽ اليڪشن ۾ بيهندڙن جو تعلق نوجوان نسل سان آهي. هنن نوجوانن کي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هي جيڪي ست ڄڻا اليڪشن ۾ بيٺل آهن سي سڀ پنهنجي ليکي سٺا اديب ۽ سٺا انسان آهن. ان وقت وڌيڪ خوشي ٿيندي جو بغير ڪنهن سياسي پارٽي ۽ سياسي ليڊرن جي آشيرواد سان هيءَ اليڪشن وڙهن. ڇو ته سنڌي ادبي سنگت سياسي تنظيم نه آهي. ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته هر سوچ رکندڙ ماڻهو جو ذهني رجحان ڪنهن نه ڪنهن پارٽي ڏي هجڻ گهرجي جو هو بغير ڪنهن رک رکاءُ جي دل سان پنهنجي آس پاس جي سياسي وايومنڊل تي تنقيد به ڪري ته تعريف به ڪري ۽ ان کي سمجهي.
    اسان جا وڏا ادارا هونئن سياست جي ڪري تباهه ٿي چڪا آهن. هاڻ هي نوجوان، جيڪي نئون رت ۽ جوش آهن، انهن کي پنهنجي عمل جي سچائيءَ سان نه صرف ادبي سنگت کي مضبوط ڪرڻو آهي پر اڳتي هلي سڀني وڏن ادارن کي به سنڀالڻو آهي. اتان اختلافي مسئلا ختم ڪرائڻا آهن. آئنده لاءِ پروگرام ٺاهڻا آهن. نئين باڊي جيڪا چونڊجي اچي ان کي عرض آهي ته سڀ کان پهريائين انهن کي اديبن جي هڪ تنظيم ادبي سنگت جي گرائونڊ تي قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪا اديبن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي جوابدار هجي.حڪومت سان ڳالهائڻو هجي. حڪومت مان ڪي ڪم ڪرائڻا هجن صرف ۽ صرف اها اديبن جي تنظيم ان ڳالهه جي جوابدار هجي. هي ڇڙوڇڙ ٿي اديب جيڪي حڪومت سان ملاقات ڪن ٿا ان مان ڪجهه به کڙتيل ڪو نه ٿو نڪري. هڪ ٻي اهم ڳالهه ته اسان جي سنڌي ادبي سنگت معاشي طور ڏاڍي ڪمزور آهي. اسان کي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته پئسي کان سواءِ تنظيمون نه ٿيون هلي سگهن. ان سلسلي ۾ هر هڪ وسيلي سان ادبي سنگت کي معاشي طور مضبوط ڪجي. بنياد پڪو ڪرڻ لاءِ ادبي سنگت کي پنهنجو گهر هجي جت هر ڪو اچي آسيس وٺي.
    اسان کي ادبي سنگت کي ايڏو مضبوط ۽ وڏو ڪرڻ گهرجي جو ان ۾ اسان وٽ آڊيٽوريم، لائبريريون ۽ ريسرچ جا ادارا به هجن. ادب سان ڳانڍاپيل هر هڪ شيءِ اسان وٽ هجي. هي تمام وڏيون ڳالهيون آهن. ڪير سوچيندو ته اهي ڳالهيون چريائپ جهڙيون آهن، پر مان سمجهان ٿي ته پهرين قدم کڻڻ سان اسان کي منزل ملي سگهي ٿي. ايترو جلدي اهو سڀ ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي. ممڪن آهي ته آئينده ويهن پنجويهن سالن ۾ وڃي هن خواب جي تعبير ملي.
    هاڻ ڏسون ته ڪير هن ميدان ۾ کٽي اچي واڳ ٿو سنڀالي ادبي سنگت جي؟ جيڪو به اچي ان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل ٿيڻ وڏي ذميداري آهي. خاص ڪري اڄ جي حالتن ۾ ته هي سخت آزمائش آهي. لک اميدون آهن اسان کي هنن نوجوانن ۾ جيڪي اڳتي وڌي هن گڏيل ۽ مايوس ماحول ۾ روشن ڪرڻا ٿي اڀرندا . . . . . . !
    سومر 3 مئي 1994ع


    سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ ان جا مول متا

    سائين منهنجا سالن کان وٺي سنڌ جي ڳچيءَ ۾ هڪ رسو ٻڌو پيو آهي. ڪڏهن پنهنجا ڪڏهن پراوا سڀ ڪو ان ۾ هٿ وجهو ويٺو آهي. جانورن کان به بدتر سلوڪ ٿيندو رهيو آهي، هن سنڌ ۽ سنڌي قوم سان . . . . .هت رهندڙ هي سڀ اسان جا سنڌي ڏاڍي فخر ۽ جذبي سان چوندا آهن، انهن کي پنهنجي ٻولي پنهنجي ثقافت ۽ هن ڌرتيءَ سان ڏاڍو پيار آهي. وقت اچڻ تي هو هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هونئن به هيءَ سون ورني ڌرتي ٻانهون وکيري سڀني آيلن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏيئي پنهنجي هنج ۾ ويهاري ساهه سان سانڍي جوان ٿي ڪري. اها ڳالهه آهي ته هن ڌرتيءَ جا ڄاوا ۽ آيل غير، پنهنجي قول عمل جي تضاد جي ڪري ڪيترو نقصان پهچائي رهيا آهن هن ڌرتي کي . . .
    هيءَ سنڌ ڌرتي جيڪا اسان جي آهي. اسان وڏي واڪ ان سان محبتن جون دعوائون ڪري حق ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. پر اسان ڪڏهن پاڻ تي اها نظر وڌي آهي ته اسان جي قول ۽ عمل جي تضاد، اسان جي هروڀرو جي ليڊري، اسان جي هن سکڻي نعري بازي مان، هن ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کي ڇا پلئه پيو آهي؟ اسان سنڌي هن ڌرتيءَ جا وارث (نالي ماتر ئي سهي) جڏهن ليڊر آهيون ته ڪڏهن به هڪ هنڌ گڏ ٿي نه سگهندا آهيون . . . . . اديب ۽ دانشور آهيون ته هڪ ٻئي جي کل لاهڻ ۾ پورا آهيون . . . . اسيمبلي ۾ ويٺل حڪمران آهيون ته سائين اسان کان اهو وسريو ٿو وڃي ته اسان ڪٿان کان ووٽ وٺي هن اسيمبلي جي سيٽن ۽ وزارتن تائين پڳا آهيون . . . . . مطلب ته سائين سڀني جي اکين تي کوپا چڙهيل آهن . . . . . سنڌي ڪامورو به ور کنجي هڪ ٻئي پٺيان ڪاهي پوندو آهي. ڪن ڪامورن جي خوابن ۾ اهڙا کاتا هوندا آهن، جن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي نادان همدردن کي استعمال ڪندا آهن. پوءِ ته سائين اخبارن ۾ خبرون هونديون آهن. انهن اخبارن جون ڪٽنگس اسلام آباد تائين پهچنديون آهن. اسلام آباد وارا صاحب وري ان تي ريمارڪس لکي انڪوائريءَ لاءِ واپس موڪليندا آهن. پوءِ وري هت ڪراچيءَ ۾ اهي رديءَ جي ٽوڪريءَ جي حوالي ٿي وينديون آهن. اسان جا چڱا خاصا نوجوان بجاءِ پنهنجيون صلاحيتون صحي طريقي سان استعمال ڪن. اهڙن بي جا مقصدن پٺيان وقت پيا وڃائيندا آهن. بس هڪ خواهش دل ۾ هوندي اٿن من ڪو ڍارو صحيح لڳي وڃي، من خوابن جي تعمير ملي پوي ته پوءِ بس سائين پنجئي آڱريون گيهه ۾.
    هي سڀ ڳالهيون ذهن ۾ رکي اسان پنهنجي آس پاس نظر وجھنداسين ته اهو معلوم ٿيندو ته بجاءِ ڪو چڱو ڪم ڪرڻ جي، اسان جا سڀ سڄاڻ ماڻهو ور کنجي هڪ ٻئي جي پٺيان لڳا وتن. بس موقعي جي تلاش ۾ آهن ته ڪهڙي طريقي سان ڪنهن جا ترا ڪڍجن. اهو وايو منڊل اسان جي سنڌ ۾ سالن کان منڊيو پيو آهي. اتفاق سان ڪي اميد جا ڪرڻا اڀرن به ٿا ته اسان پنهنجي ناداني ۽ نه سهپ جي ڪري ان مان فائدو حاصل ڪري نه ٿا سگهون. الائجي ڪيتريون بادشاهيون آيون ۽ ويون پر نه سڌريو ته اسان جي سنڌ واسين جو نصيب نه سڌريو. اهو به ته نه ٿو چئي سگهجي ته ڪو اسان سنڌي اصل اک ٻوٽ ڪيو ويٺا آهيون. سائين منهنجا بيان بازيءَ جي ذريعي، پنهنجيون الڳ الڳ پارٽيون ٺاهي، ادبي گروهه بنديون ڪري سڀ ڪو پنهنجن پوئلڳن سان الڳ ڪُنو چاڙهيو ويٺو آهي. هنن سڀني جو چوڻ آهي ته هو سنڌ ڌرتي ماتا سان پيار ڪن ٿا. پر اهڙو پيار ڪهڙي ڪم جو جنهن سان هڙ نه حاصل . . . . .
    سڀ کان وڏي اهم ڳالهه ته ٻڌي ۽ ايڪو اسان ۾ ڪونهي. اسان جا هي سڀ سياسي ليڊر چاهي اهي قومپرست هجن يا وفاق پرست. هڪ ٻئي کان پيا ڇرڪندا آهن. قوم پرستيءَ جي تاريخ تي نظر وجھو ته ڇا مليو آهي اسان کي اهڙين تحريڪن مان؟ ها هڪ فرق پيو آهي ته قوم پرستن مان ڪن وڃي ڌاڙيلن جا ٽولا ٺاهيا ۽ انسانن جي ڀنگ جو واپار شروع ڪيائون. مان هاڻ به چوان ٿي ۽ اڳي به لکي چڪي آهيان ته اسان جي سنڌ ۾ انسانن جو اغوا ۽ ڀنگ جو ڪاروبار اسان جي پڙهيل لکيل ڌاڙيلن شروع ڪيو آهي. جيڪو هاڻ تمام وڌي ويو آهي. وفاق پرست ته وري اهڙا جو ووٽ وٺڻ مهل ته سائين پنهنجن علائقن ۾ گهٽين جا در کڙڪائيندا وتندا آهن. اليڪشنون کٽي حڪومتن ۾ ويهي انهن جو اهو حال رهيو آهي ته سنڌين تي اک ئي ڪانه ٿي ٻڏين. سنڌي مرن يا ڪسن يا سنڌ جا اهم مسئلا هوندا ته ڪڇندا ئي ڪو نه.پيا چوندا ته اسان وفاق پرست آهيون. سنڌ جي مسئلن جون ڳالهيون ڪري اسان قوم پرست ڪو نه ٿينداسون. ڪو ته هجي ته انهن کان اهو پڇي ته توهان کي ڇو ٿو هٽڪاءُ ٿئي؟ اهڙا جي آهيو ته پوءِ اتان اليڪشن ئي نه وڙهو......
    هنن سڀني ليڊرن کي جڏهن اهو چئبو ته سائين جڏهن سنڌ جو مفاد گڏيل آهي ته پوءِ اوهان سڀ الڳ ڇو آهيو ......؟ ڏاڍي فراخ دليءَ سان ان ڳالهه کي تسليم ڪندا ته اسان سڀ گڏ آهيون پر مان انهن وٽ ڪو نه ويندس. باقي فلاڻا ڪي فلاڻا ڀل مون وٽ اچن اکين تي .... چوندا هڪ وڏي ڪانفرنس ٿا کڻي ڪوٺايون جت سڀني کي ڪوٺ ڏني ويندي. جڏهن دعوت ملندي ٻين کي ته اهي چوندا ته اسان ڇو وڃون. اهڙي ڪانفرنس ته اسان به ڪوٺائي سگهون ٿا. وغيره وغيره. ... اسان جا ڏاها ۽ اديب گروهه بندي، انا پرستي ۽ خود پرستيءَ جو شڪار آهن. هاڻ اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي اهم مسئلم جو حل ملي ته ڪيئن ملي؟ ....
    جڏهن ايوب خان جي زماني ۾ سنڌي ٻولي شهرن مان ختم ڪئي وئي هئي. سنڌي ميڊم اسڪول بند ڪيا ويا هئا. ان ويل اسان سڀ ستا پيا هياسين. ڪنهن به ٻڙڪ ٻاهر ڪانه ڪڍي نه ئي وري ڪو وڏو احتجاج ٿيو. جڏهن هوش ۾ آياسين ته ڪافي دير ٿي چڪي هئي. 1972ع ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو بل پيش ڪيو ويو هو ته ان جي خلاف ايتري ته هنگاما آرائي ٿي جو اسان جي حڪمرانن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. شهرن ۾ بي واجبي سنڌي ماريا ويا. اهڙين حالتن ۾ ڪن سڄڻن اها ڪوشش ڪئي ته سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جهڙو ادارو قائم ڪجي جنهن جا مول متا ۽ مقصد مٿانهان هجن. ان جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري زبان، ادارن جي زبان، عدالتن جي زبان بنايو وڃي. اهڙيءَ طرح سان آهستي آهستي سنڌي ٻوليءَ کي سندس جائز حق ڏياري ان جون بنيادون مضبوط ڪيون وڃن. ان سلسلي ۾ اها خبر آهي ته اسان جو سنڌي لسانيات جو ماهر ۽ همدرد ۽ ڏاهي سائين سراج الحق ميمڻ کي ڪم ڏنو ويو. ان جيڪو ان سلسلي ۾ ڪم ڪيو، جيڪو بل تيار ڪيو ان ۾ سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف سنڌ پر بين الاقوامي طور تي به ترقي يافته بنائڻو هو. هي بل ان وقت حالتن جي ڪري پيش نه ڪيو ويو. ان کان پوءِ يارهن سال مارشل لا جو دور رهيو. ان دور ۾ ۽ بعد ۾ ايندڙ حڪومتن کي اها همت ئي ڪانه ٿي ته لينگويج اٿارٽيءَ جو بل اسيمبليءَ ۾ پاس ڪري سگهن. آخر اها همت ڄام صادق علي مرحوم ڏيکاري ۽ اهو بل اسيمبليءَ مان پاس ٿيو ...... سائين منهنجا سراج الحق صاحب جي ٺاهيل هن بل کي گذريل چئن سالن جي عرصي ۾ ڪهڙيءَ طرح سان تباهه ڪيو ويو آهي، اهو اسان کان ڳجھو ڪونهي. نا اهل ماڻهو، ناتجربيڪار ماڻهو ۽ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجن گذريل ڪمن جي حوالي سان هن ڪرسيءَ تي وڃي ويٺا انهن ڪيو ڇا آهي؟ سراج صاحب جي هيڏي وڏي پروجيڪٽ کي صرف اشاعتي گهر بنايو ويو آهي. اسان جي ٻولي اسان جي ثقافت جي ترقيءَ لاءِ هي هڪ کليل ميدان آهي، جنهن کي اسان پنهنجي نادانيءَ جي ڪري تباهه ڪري رهيا آهيون. هڪ عرض آهي ته سراج صاحب کي ڇو ته لينگويج اٿارٽيءَ وارو سڄو بل ان ٺاهيو آهي، مهرباني ڪري هڪ احسان ڪري ته هو هڪ مضمون لکي اسان اڻ ڄاڻن کي اهو ٻڌائي ته لينگويج اٿارٽيءَ جا اصل مول متا ڪهڙا آهن؟ ان کان پوءِ پڙهندڙ پاڻ هي فيصلو ڪندا ته هن اداري ۾ ڪهڙن ماڻهن جو هجڻ کپي ۽ ڪهڙا ماڻهو ات بار ٿي پيا آهن . . . .

    آچر 5 جون 1994ع


    ڪاپي جي خاتمي لاءِ گڏيل اپائن جي ضرورت

    اسان وٽ اڄ ڪلهه ڪاپي ڪلچر جي خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي ويئي آهي. روز اخبارن ۾ مختلف قسم جون خبرون پيا پڙهون. شاگردن به گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو، ڪن شهرن ۾ ته ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن پيپر ڦاڙي احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. انهن جو اهو چون آهي ته جڏهن اسان کي پڙهايو ئي ڪونه ويو آهي ته پوءِ باقي سختي ڇاجي؟ هي سختي خاص ڪري انهن شاگردن لاءِ آهي جن جو ڪو سفارشي ڪونهي يا وري انهن استادن ۽ بورڊ جي عملدارن کي پئسا ڪونه کارايا آهن. باقي اهي شاگرد جن جو واسطو تڪ جي زميندارن ڪامورن، استادن ۽ بورڊ جي عملدارن جي ٻارن ۽ واسطيدارن سان آهي انهن وري به سهولت سان ڪاپي ڪئي آهي. ڪن شهرن ۾ ته شاگردن گوڙ صرف ان سبب جي ڪري ئي ڪيو آهي. سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي صحيح آهن پر هت اهو ٿو سوال اڀري ته ڇا انهن سببن جي ڪري ڪاپي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.....؟ مسئلي جو حل اهو ته نه آهي. هي ٻارهن پندرهن سال پراڻو ڪاپي ڪلچرائين سولائي سان ته ختم ڪين ٿيندو. هن ڀيري جيڪا ٿوري گهڻي سختي ڪئي ويئي آهي ان مان سمجهان ٿي ته هي اڃا ابتدائي قدم آهي. اسان جو معاشرو هيٺان کان وٺي مٿان تائين بگڙيل آهن ان بگاڙ ۾ پنهنجون ڪوتاهيون ۽ سياسي حالتون ڪافي حد تائين ذميوار آهن. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته حالتون اهڙيون وڃي ٿيون آهن جو اسان جي تعليمي ادارن ۾ استادن پڙهائڻ ۽ شاگردن پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي. پڙهيل لکيل سمجهدار والدين به اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. سڀ ڪنهن جو ايمان اهو هو ته ڪاپي ڪري، پئسا خرچ ڪري پنهنجي اولاد کي پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا وٺائڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اهڙي طرح ڄاڻي ٻجهي سنڌ ۾ تعليمي نظام کي تباهه ڪيو ويو آهي. هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڪاليج ۾ نوڪرين جون جايون خالي ٿينديون آهن. ته سڀ ڪو اها ليڪچر شپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان وقت انهن جا خيال ڏاڍا اوچا هوندا آهن. سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ جي ڪاليج ۾ نوڪري حاصل ڪري ڇڏيندا. ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ اتان هو نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پهرين ته ڪندا بدلي جي ڪوشش اها نه ٿي ته پوءِ ڊيپوٽيشن تي پنهنجي مرضي واري ڪاليج ۾ هليا ويندا آهن. اهڙي سسٽم ۾ اهو نقصان ٿيندو آهي. ته سنڌ جا ڪيترائي ڪاليج اهڙا آهن جت پڙهائڻ لاءِ ليڪچرار ڪونه آهن ۽ وري ڪن ڪاليجن ۾ ضرورت کان وڌيڪ اسٽاف ڀريو پيو آهي. هڪ ٻه پيرڊ وٺي نالي ماتر حاضري ڀرائي سڀ ڪو پيو پگهار کڻي هن ڊيپوٽيشن واري نظام به اسان جي تعليم جو گهڻو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. اسان جي حڪومت کي سڀ کان پهرين تعليمي ادارن ۾ ڊيپوٽيشن جو نظام بلڪل ختم ڪرڻ کپي. مان ته اها راءِ به حڪومت کي ڏيندس ته استاد جو پيشو ۽ رتبو تمام مٿاهون آهي. پنهنجي گهرجي ماحول کان ٻاهر نڪري ٻار جيڪو ڪجهه پرائي ٿو اهو پنهنجي استادن ۽ تعليمي ادارن مان پرائي ٿو. ان ڪري صرف ڊگريون ڏسي نوڪريون ڏيڻ جو رواج ختم ٿيڻ گهرجي تعليمي ڄاڻ ۽ قابليت کان علاوه استاد جي شخصيت ۽ ٻيا اخلاقي ۽ نفيساتي پهلو به نظر ۾ رکڻ گهرجن هي جيڪي اسان وٽ سفارش تي ڊگريون حاصل ڪري، سفارش تي نوڪريون حاصل ڪرڻ وارا استاد ڪهڙا بهتر شاگرد ڏئي سگهندا قوم کي. منهنجو اهو ايمان آهي ته استاد صحيح نموني ۾ پڙهائي ۽ اسان جي تعليمي ادارن ۾ سهولتون ۽ ماحول سٺو هجي ته شاگرد ڪابه ارڏائي نه ڪري سگهندو. شاگرد صرف ان ڪري پڙهائي کان باغي ٿيو آهي جو ان لاءِ پڙهائڻ وارو سمجهائڻ وارو سختي ڪرڻ وارو استاد هاڻ نه رهيو آهي.
    هن سال ته ڪاپي ڪرڻ وارن تي سختي ٿي آهي پر هاڻ آئينده لاءِ جڏهن نئون سال شروع ٿئي ته اسان جي تعليمي کاتي کي وڏا اهم فيصلا ڪرڻ کپندا. هڪ ته هو هر ڪاليج ۾ استادن جي پورائي ڪن، هي ڊيپوٽيشن جو نظام ختم ڪري سڀني استادن کي واپس پنهنجي ادارن ڏي موڪلڻ گهرجي. تعليمي سهولتون جن ۾ پريڪٽيڪل ڪرائڻ جو بندوبست ۽ سٺيون لائيبريون ڪاليجن ۾ قائم ڪرڻ کپن. هر ڪاليج ۾ استادن کان هر ٽئين مهيني رپورٽ حاصل ڪئي وڃي جنهن ۾ اهو ڏيکاريل هجي ته استادن ڪيترو ڪورس پورو ڪيو آهي ۽ استادن جي حاضري ڪيتري آهي. جن شاگردن جي حاضري گهٽ هجي انهن کي ڪاليج مان ڪڍي ڇڏڻ کپي. اهڙي طرح سان اڌ سال ۽ بورڊ جي امتحانن کان اڳ ۾ پريليم (ڪچو امتحان) وٺڻ کپن. اهي تجويزون پڙهي شايد توهان کي کل اچي وڃي پر مان اوهان کي اها ڳالهه يقين سان چوان ٿي ته ڇو ته اسان جو استاد پڙهائي نه ٿو شاگرد پڙهي نه ٿو ان ڪري وري ٻيهر تعليمي ماحول ڏيڻ لاءِ اسان کي اهڙا قدم کڻڻا پوندا. هت ڪراچي ۾ ته ڪيترن سالن کان وٺي اهڙا امتحان ۽ ٽيسٽون ٿينديون رهنديون آهن ڪاليجن ۾.
    اسان جي يونيورسٽين جو وري به جيڪو حال آهي اهو به کل مسخري وارو آهي.اتان جا وائيس چانيسلرنه صرف اپيلون ڪن ٿا ته بابا پڙهو، جهيڙا نبيرائڻ، جيڪي استادن ۽ شاگردن جا هوندا آهن. پنهنجو وقت پيا ضايع ڪندا آهن. انهن ادارن ۾ وائيس چانيسلر ڪابه اهميت ڪانه ٿا رکن. اڄ جيڪي انهن ڪرسين تي ويٺا آهن، سڀاڻي اهي نه هوندا. يونيورسٽين جا اصل مالڪ ۽ مهندار ته اتان جا استاد آهن. مان انهن استادن کان اهو پڇان ٿي ته يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترائي ڊپارٽمينٽ آهن اتي انهن جي پنهنجي بادشاهي آهي. ان بادشاهيءَ ۾ انهن ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته انهن کي سنڌ جي نوجوانن جي علمي ڄاڻ وڌائڻي آهي. انهن کي معياري تعليم ڏيڻي آهي جو جڏهن هو يونيورسٽين مان ڊگريون وٺي نوڪريون حاصل ڪن . . . . . . يونيورسٽي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڊپارٽمينٽ آهن. انهن ڊپارٽمينٽن جا والي وارث اتان جا استاد ۽ چيئرمين هوندا آهن. جيڪڏهن اسان جا استاد پنهنجي پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو ماحول سڌاري رکن ته هوند يونيورسٽي ۾ ڪوبه مسئلو پيدا ڪو نه ٿئي. يونيورسٽين ۾ تعليمي ماحول ٺاهڻ ، ات شاگردن کي سڌارڻ جا اصل ذميوار ته استاد ئي آهن ڇو ته انهن جو تعداد هزارن ۾ آهي. هڪ ڄڻو وائيس چانيسلر ڪا به اهميت ڪانه ٿو رکي. وائيس چانيسلر جو ڪم ته انتظامي امور سنڀالڻ آهي.
    اڃان ڪالهه جي ڳالهه آهي مان ۽ فهميده هڪ گڏجاڻيءَ ۾ وياسين اتي اسان جي هڪ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانيسلر به موجود هو. جيئن ته منهنجو ۽ فهميده جو تعلق سنڌي ڊپارٽمينٽ سان آهي ان ڪري ان پنهنجي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جون ڳالهيون ٻڌايون. ان ٻڌايو ته هڪ دفعو سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ايم اي فائنل جي لاءِ واءِ واءِ جو امتحان هلي رهيو هو، ڪمري ۾ شاگردن سان گڏ ٻيا ڪيترائي غير وابسته ماڻهو به ويٺا هئا، پڇا ڪئي ويئي ته اهي ڇو آيا آهن ته اتان جي چيئرمين انهن جو پاسو کڻندي چيو، سائين هي منهنجا پنهنجا آهن ائين ويٺا آهن. چڱو ڀلا اهي ويٺا هجن هاڻ ڪيو امتحان شروع. شاگردن کان پڇيو ويو ته شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ڪير هئا ۽ اهي ڪٿان جا رهواسي هئا. شاگردن کڻي ماٺ ڪئي. هڪ شاگرد کي اها خبر هئي ته اهي شاعر آهن. ان جواب ۾ ٻڌايو ته شاهه لطيف شاعر هو ۽ ضلع نواب شاهه جو رهاڪو هو. باقي سچل سرمست جي ڪا ڄاڻ ڪانه هئن. اتي اسان سان گڏ علي احمد بروهي صاحب جن به ويٺا هئا. انهن کلي چيو ته سائين شڪر ڪر ته اها ته خبراٿن ته شاهه لطيف شاعر آهي اهو به ٿي سگهيو ٿي ته جواب ۾ چون ها ته شاهه لطيف نوابشاهه ضلع جو ڊکڻ هو..... ٻيون الائجي ڪيتريون دل کي ڏکوئيندڙ ڳالهيون ان ٻڌايون جيڪي مان نه ٿي لکي سگهان. مان ان وائيس چانسلر کان پڇيو ته ادا توهان وٽ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ جيڪي استاد آهن اهي ته نالي وارا نوجوان شاعر آهن. انهن مان ڪي نالي وارا اديب آهن اهي ائين ڪيئن ٿا ڪن؟ ات ويٺل سڀني ان ڳالهه جي تائيد ڪئي ته اسان وٽ بنيادي طور استاد رهيو ئي نه آهي. هو پاڻ ارپڻ واري جذبي سان اهو ڪم نه ٿا ڪن جيڪو انهن کي ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ بي حسي، لاپرواهي ۽ جذباتيت گهڻي اچي ويئي آهي. هڪ ٻي مزيدار ڳالهه اوهان کي ٻڌايان. انعام شيخ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ بيٺو هو ۽ پوءِ هٿ کڻي ويو. مان کانئس پڇيو ته ادا ڇو همت ڪونه ساريئي؟ جواب ۾ ٻڌايائين ته سنڌي ادبي سگنت جون جيڪي شاخون آهن ۽ اتان جا جيڪي عهديدار آهن. اهي اديب ته آهن ئي ڪونه، ڪجهه عرصو اڳ ڪجهه اهڙين شاخن کي ادبي سنگت جي ميمبر شپ ڏني ويئي جيڪي هڪ سياسي پارٽي جون ذيلي تنظميون هيون. گڏوگڏ هي عجب جهڙي ڳالهه ٻڌايائين ته هاڻوڪي اليڪشن ڪميشن ۾ انور پيرزادي جو نالو به هو. سو ڇا ٿيو جو ادبي سنگت جي هڪ شاخ جي سيڪريٽري انور پيرزادي کي خط لکيو ان ۾ هن انور پيرزادي جو نالو “عنور” لکيو. سو جن سيڪريٽرين جا اهڙا حال آهن ته هاڻ اسان جهڙا ماڻهو ڪهڙي منهن سان هنن وٽ وڃن ۽ وڃي ووٽ گهرن. هي سڀ جيڪي ڳالهيون مون اڄوڪي ڪالم ۾ لکيون آهن ڪيتريون نه ڏکوئيندڙ آهن. هي ڪيڏو نه وڏو الميو آهي اسان جي قوم جو ته اسان ڪٿ به ڪنهن به هڪ پاسي کان سڌريل ڪونه آهيون. هن سڄي الميئي جو بنياد ڪارج اسان جي تعليم آهي. هاڻ اها تعليم اسان وٽ تباهه ٿي چڪي آهي. هاڻ نئين سر اسان کي پهرين ڏاڪي کان سفر شروع ڪرڻو آهي. هڪ سٺي ڳالهه اها آهي جنهن جو ذڪر تازو ڊاڪٽر عالماڻي ڪيو آهي. ڊاڪٽر عالماڻي چيو آهي ته آئينده ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائون مارڪن تي نه ڏنيون وينديون پرٽيسٽون ورتيون وينديون. مان سمجهان ٿي ته ائين ڪرڻ هاڻ ضروري ٿي پيو آهي. اهڙي طريقي سان ڪاپي ڪلچر کي گهٽائي سگهبو. هاڻ شاگرد به سوچيندو ته ان کي بهتر مستقبل لاءِ پڙهڻو پوندو. ٻه سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته منهنجي ڪاليج، سينٽ جوزف ڪاليج جي ڇوڪري جنهن انٽر ۾ پهريون نمبر کنيو هو، سا آغا خان جي ٽيسٽ ۾ رهجي ويئي هئي. هڪ سٺي ڳالهه هنن صرف انهن شاگردن کي داخلا ڏني آهي. جن ڪراچي بورڊ مان انٽر جو امتحان ڏنو آهي. اهڙي طريقي سان اهو سسٽم به ختم ٿي ويندو ته ٻين بورڊن مان ڪاپي ڪري هت داخلائون وٺجن. ائين ڪرڻ سان شهرن ۾ رهندڙ سنڌين جي اولاد کي وڏو ڌڪ رسي ٿو ته پڙهي محنت ڪري به داخلائون نه ٿا حاصل ڪري سگهن ۽ ڪاپي جي ڪري ٻين بورڊن جا شاگرد داخلائون حاصل ڪري وڃن ٿا. تعليمي نظام جا هي ايترا ته منجهيل مسئلا آهن جن کي سلجهائڻ لاءِ وقت کپي.
    ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ جي شروعات ته ٿي چڪي آهي. پر اسان جي ڄاڻو ۽ همدردن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته هاڻ سختي ڪرڻ کانپوءِ شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا بهتر موقعا ڏنا وڃن. جڏهن شاگرد پڙهندو محنت ڪندو ته پوءِ هو پاڻ ئي ڪاپي ڪونه ڪندو. ان سلسلي ۾ اسان جا تعليمي ماهر اڳتي وڌن ۽ تعليم جي بهتري لاءِ بهترين منصوبا ٺاهي ان تي عمل ڪن. اسان کي ڪڏهن به اهو نه وسارڻ گهرجي ته تعليم ئي اهو بنيادي ڏاڪو آهي، جنهن تي قدم رکي اسان منزل حاصل ڪري سگهنداسين.

    آچر 12 جون 1994ع


    ڪالم نگاري، موضوع ۽ ساٿياڻين جي ڪاوڙ

    دنيا ۾ سولي ۾ سولو ڪم آهي لکڻ. لکڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اسان جي چؤ طرف الائجي ڪيترا موضوع ۽ ڪهاڻيون وکريون پيون آهن. جن کي ٿورو به لکڻ جو ڏانءُ آهي اهو پنهنجي چؤطرف کان ڪيترائي موضوع کڻي ڪهاڻيون، افسانه لکي ٿو ۽ سونهن پسي شاعري به ڪري ٿو. لکندڙ اهڙين حالتن ۾ ڪردارن جي وارتائن ۾ مرچ مصالحا وجهي پنهنجي سوچن مطابق ان کي خوبصورت بڻائيندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن حقيقي ڪردارن کي ڏسي ان لکندڙ جي قلم کي داد ڏيڻو پوندو آهي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۽ لکڻ هڪ اديب جو بنيادي حق آهي. اسان جو پڙهندڙ خشڪ لکڻين کي گهٽ پسند ڪندو آهي ۽ وڌايل ڳالهه مرچ مصالحا وجهي ڪيل ڳالهه پڙهندڙ کي به موهيو وجهي.
    ادب برائي ادب، ادب برائي زندگي، سماجي ادب، سياسي ادب ۽ خيالي قصا ڪهاڻيون انهن سڀني دورن مان اسان جو ادب گذري چڪو آهي. هر هڪ دور جي پنهنجي ضرورت آهي. ان ضرورت جي پورائي اديب پنهنجي قلم جي زور تي ڪئي آهي. مان هر دور جي ادب کي اهميت ڏيندي آهيان. ڪنهن به لکڻي کي رد ڪري نه سگهندي آهيان. سياسي حالتن ۽ نعريبازي جو ٺپو هڻي مان ان دور جي حقيقتن کان انڪار ڪري نه سگهندي آهيان اديب جو لکڻيون ان دور جي عڪاسي ڪنديون آهن اهو هڪ تاريخي سچ آهي ته اسان جو ادب ۽ اسان جي معاشري جو وايو منڊل ڪهڙين ڪهڙين حالتن مان گذري چڪو آهي.
    سائين منهنجا اڄ جو ماحول گذريل ماحول کان ٿورو مختلف آهي. اڄ جي ماحول ۾ خيالي قصا ڪهاڻيون پڙهندڙ پسند نه ٿو ڪري، حقيقت تي ٻڌل لکتون ئي پڙهندڙن کي وڻن ٿيون. مطلب اهو ته اڄ ڪلهه سنئون سڌو سچ چوڻ ۽ لکڻ جو زمانو آهي. رومال ۾ ويڙهي ڪرڻ واريون ڳالهيون اڻ سڌيون ڳالهيون ڪرڻ جو زمانو اڄ نه رهيو آهي. اسان جو پڙهندڙ ڪافي باشعور ٿي چڪو آهي پريس ميڊيا، وڊيو ميڊيا، ٽي وي ۽ ڊش اينٽينا سڄي دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. ڍڳ ڪتابن پڙهڻ سان به اڄ ڪلهه اوترو حاصل نه ٿو ٿئي جيترو هڪ ٽي وي جي هڪ ڪلاڪ جي ناليج واري، ريسرچ ڪيل پروگرام مان حاصل ٿئي ٿو. پر وري به دنيا ڀل ڪيتري کان ڪيتري ويجهي ٿي ويئي هجي، فاسٽ ميڊيا جو ڀل اسان جي معاشري تي گهڻو اثر هجي ان جي باوجود ڪتاب جي اهميت ۽ اخباري دنيا جي اهميت گهٽجي نه سگهي آهي. ان ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اسان جو اڄ جو نسل ڪتاب پڙهڻ کان ٿورو هٽي ويو آهي. ها پر وري به ڪن پڙهندڙن وٽ ڪتاب ۽ اخبار جي اهميت آهي.
    اخبار جي دنيا ڏاڍي عجيب دنيا آهي. ان جو مزو ان جي اهميت گهٽي ڪانهي پر وڌي آهي. اخبار جي هڪ ڏينهن جي موڪل به تڪليف ده هوندي آهي. ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ته اسان دنيا کان ڪٽجي ويا آهيون. خبر وارن صفحي سان گڏوگڏ ايڊيٽوريل صفحي ۾ به پڙهندڙن جي دلچسپي وڌيل آهي. ايڊيٽوريل صفحي ۾ ڪافي شيون هونديون آهن، پر هڪ شيءِ جنهن جو ذڪر مان ڪندس اهو آهي ڪالم نگاري . ڪالم نگاري جو گهڻو چرچو ان ويل ٿيو جڏهن سراج الحق هلال پاڪستان سنڀالي ۽ امر جليل ڪالم لکڻ شروع ڪيا. ڪالمن جي دنيا ڪافي پراڻي آهي پر ان ۾ نواڻ جيڪا آئي سا ان دور ۾ آئي خاص ڪري ادبي لڏي جي ماڻهن جيڪي ڪالم لکيا سي صحافتي ميدان ۾ مختلف نوعيت جا هئا ۽ آهن.
    منهنجي اڳيان اگر ڪالم لفظ جي معنيٰ ڪڍي وڃي ته، سمجهان ٿي ته اها آهي ڪرنٽ افيئر جيڪو واقعو جنهن وقت ٿئي ٿو ان جو فوري رد عمل ئي ڪالمن جي زندگي آهي. مان به ته شاعره هئس ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا هيم پر اوچتو ئي اوچتو انور پيرزادي ۽ امداد اوڍي جي چوڻ تي ڪالم لکڻ شروع ڪيم. منهنجي ڪالم جو عنوان “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” به انور پيرزادي جو ئي چونڊيل آهي هر ڪنهن لکندڙ جو هڪ ڏانءُ هوندو آهي. هڪ طريقو هوندو آهي مون کي لفاظي يا لفظن جي هيرڦير ڪا نه ايندي آهي. ان ڪري منهنجي ڪالمن ۾ سنئين سڌي ڳالهه ڪيل هوندي آهي. مان لسانيات جي ماهر نه آهيان ۽ نه وري مان ڏکين لفظن جي چونڊ ڪندي آهيا. سنئين سڌي عام زبان ۾ مون ڪالم لکڻ شروع ڪيا. هاڻ اهو فيصلو پڙهندڙ ئي ڪري سگهن ٿا ته مان ڪالمن لکڻ ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿي آهيان ۽ ادبي صحافتي دنيا ۾ هنن ڪالمن جي ڪيتري اهميت آهي. ها پر اڄ جو مسئلو اهو آهي ته ڪالمن جي حوالي سان ماڻهو مون کان ڏاڍا ناراض آهن. خاص ڪري ادبي لڏي جا ماڻهو مون کان ڪاوڙيل آهن ۽ هو پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪن ٿا. مان ڪيترائي ڪالم سياست تي به لکيا آهن. سياستدانن جي ڪردار تي مون کلي طور لکيو انهن جي قول عمل جي تضاد کي مون کليل نموني سان ننديو آهي. جڏهن اسان جي ادبي سماجي ادارن جون حالتون بگڙيون ۽ مون انهن حالتن تي لکيو ته “مهان” لفظ ئي اسان کي منجهائي وڌو آهي جڏهن به اهو لفظ مان ٻڌندي آهيان ته مون کي مونجهه ٿيندي آهي اسان ته اهو ئي ٻڌندا آيا آهيون ته علم ادب جي واٽ جا پانڌيئڙا ڪيترا به ڏاها ڇو نه ٿي وڃن پر وري به هو علم ادب جي دنيا جا شاگرد ئي هوندا آهن. ڇو ته وقت پوڻ سان،حقيقتون کلڻ سان، مشاهدا حاصل ڪرڻ سان اها خبر پوندي آهي، ته علم ادب جي وسيع سمنڊ ۾ ته اڃا اسان پير مس پسائي سگهيا آهيون ترڻ ۽ پار اڪرڻ ته اڃا پري جي ڳالهه آهي. اها غلطي به اسان جي آهي اسان پنهنجي اديبن کي ۽ ڪيترن اديبن پنهنجو پاڻ کي مهان بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻ جڏهن انهن اديبن جي قول عمل جو تضاد سامهون ٿو اچي ۽ پوءِ انهن تي ڪجهه لکجي ٿو ته پوءِ ناراضگيون سهڻيون ٿيون پون.
    منهنجي ڪالمن ۾ لکيل ڳالهيون منهنجي ذهن جون گهڙيل نه هونديون آهن. جيڪو ڪجهه اسان جي ادبي ۽ سماجي ادارن ۾، ادبي سنگت ۾ ۽ اديبن جي لکڻين ۾ موجود آهي اهو مان لکان ٿي. هڪ مثال ئي وٺو جڏهن ادبي بورڊ جي سينڊيڪيٽ جي ميٽنگ ۾ يا وري ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو اهو سڀ ڪجهه هوا وانگر ڦهلجي ٿو وڃي. هر ڪنهن جي زبان تي اهي ڳالهيون آهن. منهنجو ڏوهه صرف اهو آهي ته مان اهي سڀ ڳالهيون لکي ڇڏيندي آهيان. هڪ شخص جڏهن اخباري بيانن ذريعي هاءِ گهوڙا ڪري ٿو ته بچايوڙي ادارا بچايو ۽ اهو شخص جڏهن ڪرسي تي وڃي ويهي ٿو ته ان مهل ان جو جيڪو ڪردار هوندو آهي اگر سلطانه وقاصي ان ڪردار کي وائکو ڪيو ته معنيٰ اها ڏوهيدار آهي. باقي ادارن جي ستياناس اهي ڏاها ۽ مهان اديب ويٺا ڪن ته اهي گنهگار ڪين آهن. ان ڳالهه کي ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته جڏهن به ڪي قومون سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڪري تباهي جي ڪناري تي پهچي وينديون آهن ان ويل ان محاظ تي اديبن جو، ڏاهن جو هڪ اهڙو مورچو قائم هوندو آهي جيڪي قلم جي ذريعي شعور پيدا ڪري مسئلن جو حل ٻڌائيندا آهن. ان ويل تباهه حال قومن ۾ به نئين زندگي اچي ويندي آهي. هڪ سجاڳ ۽ باشعور اديب پنهنجي قلم ۽ علم جي ذريعي رستي تي وڇايل ڪنڊا صاف ڪندو آهي ۽ انڌيرا هٽائي روشنيون ڦهلائيندو آهي.
    سياستدان ۽ مفاد پرست ماڻهو وقت سر پنهنجي ضمير جو سودو ڪندا رهندا آهن، پر جڏهن اديبن جو ڪردار ئي صحي نه رهي ته باقي اهڙي قوم وٽ ڇا وڃي بچندو؟ توهان يقين ڪيو ته مون لاءِ اهو ڪو خوشي جو ڪارڻ نه آهي ته مان پنهنجي ساٿين ۽ ساٿياڻين تي ڪجهه لکان . . . . . هڪ ذهني پيڙا ۽ اذيت مان مون کي گذرڻو پوندو آهي. مان ڏاڍو محتاط ٿي لکڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. اهي سڀ حقيقتون لکڻ مهل مان انهن ساٿين جي ڪا گهٽتائي ڪو نه ڪندي آهيان. مان هميشه انهن کي مان وارا ۽ پنهنجا پيارا ڪري لکيو آهي ان جي باوجود به مان انسان آهيان ڪن هنڌن تي مان غلط آهيان يا مون ڪا ڪوتاهي ڪئي آهي. ته ان جو جواب لکي سگهجي ٿو. صرف اهو چوڻ ته سلطانه اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿي لکي؟ مسئلي جو حل نه آهي. اهم مسئلو ته اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڇو پيو ٿئي . . . . . ڪن محفلن ۾ ويهي اهو چوڻ ڪافي نه آهي ته اهو سڀ ڪجهه نه لکڻ گهرجي. خدا جي واسطي ايتري همت ڌاريو جو اهو ڪجهه چوڻ جي جرعت ڪريو ته اسان جا اديب ۽ ڏاها هي سڀ ڪجهه ڇا پيا ڪن. اڄ ڪلهه ڪا به ڳالهه لڪي ڪا نه ٿي سگهي، اڃا ته ايتريون ڳالهيون آهن جو قلم جي حرمت اجازت ئي نه ٿي ڏي ته اهو سڀ ڪجهه لکي ڇڏجي.
    پرايا ڏنل ڏنڀ وسري سگهن ٿا پر پنهنجي ٿوري ڪوتاهي به بخش نه ٿي ڪري سگهجي. مان جيڪو ڪجهه لکيو آ مان مڃان ٿي ته مون لکيو آهي. ڪنهن فرضي نالي سان مون ڪجهه ڪو نه لکيو آهي. مان پنهنجي لکيل هڪ هڪ سٽ جي جوابدار آهيان، اها جوابداري قبول ڪندي، مان اهو چوندس ته مان اڳ به لکيو آهي. هاڻ به لکندس. دوستيون پنهنجائپ يقينن اهم آهن پر هن تباهه حال قوم جي مفاد کان مٿي ڪجهه به نه آهي. مان سڀني مان وارين هستين کي عزت ڏني آهي، صرف غلط ڳالهين جي نشاندهي ڪئي اٿم منهنجي ڪيترن ئي ڪالمن تي جوابي ڪالم ڇپيا آهن انهن سڀني جوابن جو مون احترام ڪيو آهي.
    جڏهن کان وٺي هوش سنڀاليو اٿم مان لکان پئي، ڪي وڏا شاهڪار تخليق ڪين ڪيا اٿم جو مان به “مهان” ٿي وڃان. مان ته اڃان به ادب جي پهرين درجي جي ڪچي شاگردياڻي آهيان. لکڻ منهنجو جياپو آهي نه لکندس ته مري ويندس. مان هن ڌرتي جي جيتن جڻين، پکين، وڻن، ٻوٽن، هوائن، انسانن سڀني سان پيار ڪيو آهي اهو پيار ئي مون کي اهو حق ڏئي ٿو ته مان اهو سڀ ڪجهه لکان جيڪو هن وايو منڊل ۾ منڊجي پيو. ها باقي اکيون ٻوٽي ڪن بند ڪري مان ويهي نه ٿي سگهان.

    آچر 10 جولاءِ 1994ع


    پراڻي ٽهيءَ جا اديب ۽ نئين ٽهيءَ جا رويا

    تازو فهميده حسين جو هڪ مضمون پڙهيم. ان ۾ هن ان ڳالهه جو احساس ڏياريو آهي ته وقت گذرڻ سان اديبن کي وساري ٿو ڇڏجي. اهي اديب جيڪي مسلسل لکي رهيا آهن اهي ياد رهجي ٿا وڃن باقي اهي اديب جن تمام سٺو ۽ گهڻو لکيو پر هاڻ اهي نه ٿا لکن ته انهن کي خاص ڪري اسان جي نئين ٽهي بلڪل ڪو نه ٿي سڃاڻي. ان جنهن واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. اهو منهنجي سامهون ٿيو هو ۽ مان ات ڪافي شرمندي به ٿي هئس منهنجي شرمندگي صرف ان ڪري هئي ته اسان جا نوجوان اديب ۽ پڙهندڙ صرف انهن کي ياد رکن ٿا جن کي انهن موجوده وقت ۾ پڙهيو آ. گهڻو پراڻو ادب ته ٺهيو پر پنج ست سال اڳ جو ادب ۽ اديب انهن لاءِ اجنبي ٿي ٿا پون. اها حقيقت آهي ته جڏهن به ڪو نئين مان لکندو آهي ته ان کي اهو مشورو ڏنو ويندو آهي ته لکڻ سان گڏ سٺو ادب پڙهڻ تمام ضروري آهي. ڏٺو ويو آهي ته ضروري نه آهي جنهن کي لکڻ جو ڏانءُ هجي اهو ئي اديب پڙهي، سٺا ناليج وارا ڪتاب پڙهي. اسان جي آس پاس ايترا ڪيترا وجود آهن جيڪي ڪتابن جا ڪيڙا آهن هر قسم جو ڪتاب اهي پڙهندا آهن، پر پاڻ لکي نه ڄاڻندا آهن. اهو به ٻڌو اٿئون ته چار ڪتاب پڙهي ڊگريون حاصل ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، مطالعو وسيع ڪرڻ سان ئي ڄاڻ وڌي ٿي ۽ پختگي اچي ٿي.
    ياد اٿم اهو ڏينهن جڏهن فقير محمد لاشاري جي ياد ۾ هڪ پروگرام هو ات مان فهميده کي چيو ته اهو ڏينهن به ايندو جڏهن ڪي ماڻهو اسان کي به ائين ياد ڪندا. جواب ۾ فهميده چيو ماٺ ڪري ويهه تو کي مون کي ڪير ڪو نه ياد ڪندو بس رڳو وقت سان عزت رهجي اچي. آهي به ته اهو سچ ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري؟ جيڪي چلهه تي دل تي. جيڪي اُسريا سي وسريا. جڏهن اسان جي ماڻهن جي اها حالت آهي جو ٻه چار سال به ڪنهن کي ياد نه ٿا رکي سگهن اُهي شخصيتون جيڪي پنهنجي قلم جي ذريعي جدوجهد جي ذريعي تاريخ جو حصو ٿي سگهن ٿيون انهن کي پنهنجي ذهن تا، دل جي ورقن تان ميساري ڇڏيون ٿا. گذريل مهيني جي ئي ڳالهه آهي حيدربخش جتوئي جي ورسي به خاموشي سان گذري ويئي. حيدر بخش جتوئي هڪ سٺو اديب ۽ پنهنجي مقصد لاءِ جان ۽ مال جي بازي لڳائڻ وارو هڪ سچو شخص هو. پراڻي ڳالهه ڪانهي ستر ۾ گذاري ويو. اڄ هي شخص اسان کي ياد ڪونهي. هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته “جيئي سنڌ” نظم جو خالق به حيدر بخش جتوئي آهي. حيدر بخش جتوئي جهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن انهن جي زندگي جي جدوجهد پيغام هوندي آهي آئينده انهن ئي واٽن تي ويندڙ انسانن جي. اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي طارق اشرف گذاري ويو هڪ سٺو اديب ۽ سهڻي رسالي جو خالق آهي طارق اشرف. ان پنهنجي سڄي زندگي ادب جي خدمت ۾ گذاري، موٽ ۾ اسان وٽان ان کي ڇا مليو آهي . . . .؟ استاد بخاري جهڙو شاعر جنهن هن ڌرتي تي سنڌ جو جهنڊو کوڙيو ۽ پنهنجا پير پختا ڪري وڏي واڪ چوندو رهيو اهو سڀ ڪجهه منهنجو آ. ظالم جيڪڏهن مون کي ماريندين ته منهنجا رت ڦڙا به هن ڌرتي تي ڪرندا. مرندس ته قبر به منهنجي هت ٺهندي. ان شاعر جو اسان ڪهڙو قدر ڪيو آهي؟ فقير محمد لاشاري جاڳو اخبار ۽ عوامي آواز جي ذريعي پنهنجي قلم جي طاقت ڏيکاريندو رهيو. موقعي مهل سان سندس لکيل آيڊيٽوريل وقت حڪومت کي به ڌوڏي ڇڏيندا هئا. ڪهڙو اسان مان ڏنو آهي فقير محمد لاشاري کي . . . . . ؟ ڪيترا نالا وٺي ڪيترا وٺجن جيڪي به اسان کان ڏور ٿا ٿين اسان جي دلين تان ميسارجي ٿا وڃن.
    هڪ ٻي ڳالهه ته اسان پنهنجن پراڻن زنده اديبن جو به قدر ڪو نه ٿا ڪيون. جيڪي اديب پنهنجي قول فعل ۾ تضاد آڻين ٿا. يقينن انهن جي وٺ ڪجي پر اهي اديب جن جو ڪردار مضبوط ۽ عمل سهي آهي ته پوءِ اسان انهن کي تنقيد جو نشانو ڇو ٿا بنايون؟ اسان جا پراڻا وڏا اديب ۽ ڪهاڻيڪار جيڪي هاڻ اگر نه ٿا لکن ته ان جو اهو مطلب نه آهي ته ان اديب جي لکيل لکڻين کي اسان ڪنڊم ڪري ڇڏيو. اهو ڪو هروڀرو جو شرط ته نه آهي ته انهن جي ويهي بي عزتي ڪجي . . . . . ستر جي ڏهاڪي ۾ بي انداز شاعرائون، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا. انهن وقت حالتن مطابق سٺو به لکيو. هاڻ انهن مان گهڻا نه ٿا لکن پر جڏهن به سنڌي ادب جي تاريخ لکي ويندي ته انهن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ تاريخ اڻ پوري رهجي ويندي آهي. هنن حالتن تي به نظر رکڻ گهرجي، ته ڪي اديب اهڙا هوندا آهن جيڪي مسلسل لکندا آهن. ڪي اديب حالتن جي پيداوار هوندا آهن، ڏکيا وقت ۽ ناموافق حالتون انهن کي مجبور ڪنديون آهن ته هو لکن. پوءِ ٿيندو اهو آهي ته اهي اديب ان مختصر دور ۾ شاهڪار تخليق ڪري ڇڏيندا آهن. انهن جون لکڻيون دل تي نقش ٿي وينديون آهن پوءِ اوچتو ئي اوچتو هو لکڻ ڇڏي ڏيندا آهن. حالتون مٽجڻ سان انهن جي وجود ۾ جذباديت ۽ هيجاني ڪيفيت لکڻ تي مجبور ڪندي هئي سا ماٺ ٿي ويندي آهي ته هو به لکڻ ڇڏي ڏيندا آهن. جيجي زرينه بلوچ هڪ سٺي ڳائڻي آهي پر ان “جيجي” جهڙي ڪهاڻي لکي پاڻ کي سٺين ڪهاڻيڪارن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. خيرالنساء جعفري جنهن جي لاءِ مان چوندي آهيان ته هوءَ سنڌي ادب ۾ اسان عورت ليکڪائن جي سربراهي ڪري ٿي ان به ته هروڀرو گهڻو ڪو نه لکيو آهي. جمال ابڙو جنهن کي اسان افساني جو ابو چئون ٿا ۽ سندس ڪهاڻيون زنده ڪردارن جو شاهڪار ڪهاڻيون آهن. ان به ته صرف ٻارهن ڪهاڻيون لکيون آهن. اهڙي طرح سان سراج، آغا سليم، تنوير عباسي، حميد سنڌي انهن سڀنن لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. لکڻ ڇڏي ڏيڻ سان اسان انهن جي اهميت نه ٿا گهٽائي سگهون. اهي سڀ ماڻهو پنهنجي ليکي هڪ الڳ ڪردار نڀائين پيا، گهڻو ڪجهه ڪن پيا انهن سڀني ان دور ۾ لکيو، جڏهن لکڻ ۽ رسالا ڇپائڻ تمام ڏکيو ڪم هو هاڻ ته گهڻو ڪجهه لکڻ جي آزادي آهي. پر پراڻو دور ڏاڍو سخت دور هو. ها باقي رهيو امر جليل جيڪو مسلسل لکي پيو، بقول امر جليل جي ته مان پيدائشي اديب آهيان لکڻ کان سواءِ رهي ڪين سگهندس. بخت زور آهن امر جليل جا جو سنڌ ڇڏي وڃي اسلام آباد وسائي اٿس، جيڪڏهن هجي ها هت ڪراچي يا حيدرآباد ۾ ته پوءِ اهڙو ته حشر ٿئيس ها جهڙو اسان جي حميد سنڌي ۽ قمر شهباز ۽ ٻين اديبن جو ٿئي پيو. اديب اهو به ڪامورو اديب اسان جي ماڻهن کي ڪٿي ٿو هضم ٿئي. هاءِ گهوڙا ته ڪندا آهيون ته اسان جا سنڌي چڱين نوڪرين ۾ ڪو نه آهن پر جيڪي آهن تن مان جيڪي اديب ڪامورا آهن انهن جو جيڪو حشر اسان ڪيون پيا سو به لڪل ڪونهي.
    منهنجا پيارا سنڌيو قدر ڪيو هنن پنهنجي اديبن جو جيڪي جيئرا ويٺا آهن. مرڻ کان پوءِ ماتم ڪرڻ ۽ سيمينار ڪرائڻ مان فائدو؟ يقينن انهن اديبن کي به بخش نه ڪيو جيڪي ڪوتاهيون ڪن ٿا. غلطين جي نشاندهي ڪرڻ به ضروري آهي پر، جن مان لهڻو انهن کي مان ڏيڻو پوندو. نوجوان ٽهي کي اها گذارش ڪرڻي آهي ته مهرباني ڪري سنڌي ادب توڙي دنيا جو ادب پڙهو. پڙهڻ کان سواءِ سٺو نه لکي سگهبو آهي. هي ڪالم ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ اوهان کي هڪ لطيفي جهڙي حقيقت ٻڌائڻ گهران ٿي. هي جو اسان جا نوجوان اديب اسٽيج تي بيهي وڏن اديبن کي تنقيد جو نشانو بنائين ٿا انهن کي انهن جي ٽهي جو عڪس ڏيکارڻ چاهيان ٿي. اسان جي هڪ يونيورسٽي آهي، ات هڪ سنڌي ڊپارٽمينٽ آهي. اهو ڊپارٽمينٽ هر سال هڪ پروگرام ڪندو آهي. جنهن ۾ اهي شاگرد اچي گڏ ٿيندا آهن جيڪي سنڌي ادب ۾ ايم اي پيا ڪن. انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مان سڃاڻان ڇو ته انهن مان ڪي اديب به آهن. سو سائين منهنجا تازو انهن جيڪو پروگرام ڪيو ان ۾ ڇا ٿيو جو پروگرام جي ميزبان جنهن پروگرام هلايو پئي تنهن ڪن خوبصورت شعرن جي چونڊ ڪئي ۽ مختلف مهمانن ۽ تقرير ڪندڙ کي شعر پڙهي مٿي گهرائي رهي هئي. جڏهن مهمان خصوصي جو وارو آيو تڏهن ان جيڪو شعر پڙهيو تنهن ته سڄو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيو. ان مهمان خصوصي لاءِ هي شعر پڙهيو
    “هي منهن ڏيئي ٻن، تون وهه کائي نه مرين”
    هاڻي ته سائين توهان سوچي سگهو ٿا ته ان پروگرام ۾ ان مهمان خصوصي جو ڪهڙو حشر ٿيو هوندو . . . .!!! اها ڳالهه لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جا هي شاگرد جيڪي شاعر ۽ اديب به آهن. سنڌي ادب ۾ ايم اي پيا ڪن. آئينده هلي اهي ڪاليجن ۾ پڙهائيندا. ايم اي جي ليول تائين پهچڻ کان پوءِ انهن جو هي حال آهي ته پوءِ اڳتي هلي هو ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندا. انهي سببن جي ڪري منهنجو عرض آهي نئين ٽهي جي اديب ۽ شاعرن کي ته خدا جي واسطي وڏن اديبن تي تنقيد ڪرڻ کان پهرين توهان پاڻ کي ته سڌاريو. علم ۽ ڄاڻ وڌايو گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ڪري ڏيکاريو جيڪو ٻيا ڪري ويا آهن.
    آچر 17 جولاءِ 1994ع


    بينظير ڀٽو ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ميلو

    گذريل مهيني جي ٻاويهين تاريخ تي حيدرآباد جي نيشنل سينٽر ۾ شاهه لطيف تي هڪ پروگرام هو جنهن جي صدارت حميد سنڌي ڪري رهيو هو. پنهنجي تقرير جي آخر ۾ هن ٻڌايو ته ميلي جا ڪارڊ سڀني اديبن ۽ دانشورن کي پوسٽ ڪيا ويا آهن. مان ات هٿ جي اشاري سان چيو مون کي ته ڪارڊ ڪو نه مليو آهي . . . . . حميد سنڌي يڪدم چيو، سلطانه توهان جو ڪارڊ ڪراچيءَ واري ائڊريس تي موڪليو ويو آهي. ڀلا توهان کي ڪارڊ ڪيئن نه موڪلبو . . . . .؟ توهان کي اگر ڪارڊ نه مليو ته يقين ڄاڻو ته منهنجا ٻه چار ماڻهو سسپينڊ ٿي ويندا . . . . .؟ اهو ايڏو وڏو مان توڙي لفظن ۾ ئي سهي حميد سنڌي مون کي ڏنو ڇو ته اسان پنهنجي وڏن اديبن کي ان کان به وڌيڪ مان ڏنو آهي . . . . . هاڻ حميد سنڌي چيو ته جيئن ته توهان هن مهل حيدرآباد ۾ آهيو سو مان سڀاڻي ئي اوهان جي لاءِ ڪارڊ ڪمشنر جي آفيس مان ڪڍرائي ٿو وٺان. هاڻ ته ميلي ۾ ڇنڇر وارو هڪ ڏينهن هو. هاڻ اهو طئي ٿيو ته حميد سنڌي ڪارڊ ادي ممتاز ڀٽو جي گهر پهچائيندو جتان اسان کي ڪارڊ کڻڻا پوندا. ڇنڇر واري ڏينهن سحر امداد مون وٽ سڄو ڏينهن رهڻ آئي. ورهين کان پوءِ اسان دل کولي ڪچهري ڪئي. مون پنهنجي ڪاليج وارو زمانو اڃان به نه وساريو آهي. مان زميندار گهر جي ۽ سخت مزاج ڀائرن جي ڀيڻ هئس. مون کي ڪنهن ادبي پروگرام يا فنڪشن ۾ وڃڻ ته وڏي ڳالهه پر پنهنجين ساهيڙين جي گهر وڃڻ جي اجازت به گهٽ هوندي هئي. ان زماني ۾ سڀ اديب ساهيڙيون منهنجي گهر اينديون هيون. سحر مون وٽ سڀ کان گهڻو ايندي هئي.
    سو سائين آچر تي ميلو هو. حيدرآباد شهر جون تعليم کاتي جون عورتون وڏي تعداد ۾ ميلي جي پهرين ڏينهن ضرور وينديون آهن ۽ اديبن جو به وڏو تعداد ويندو آهي. مون کي تمام گهڻين ساٿياڻين چيو گڏجي هلڻ لاءِ پر مان ادي ممتاز ڀٽو سان پروگرام ٺاهيو. ان ڏينهن سحر مون کي چيو ته سلطانه اسان جو پروگرام به آهي وڃڻ جو تون ته اسان سان به گڏ هلي سگهين ٿي. بهرحال مسئلو ڪارڊ جو هو جيڪو اڃان مون کي هٿ ۾ نه مليو هو، شام ڌاري ادي ممتاز فون ڪري ٻڌايو ته ڪارڊ ان وٽ پهچي ويا آهن. مون ان کي ٻڌايو ته منهنجي وڃڻ جو پروگرام سحر ۽ ادا امداد سان آهي. سحر به مون کي اهو چيو هو ته جيڪڏهن تو کي ڪارڊ مليو ته سڀاڻي هلنداسين نه ته ادبي پروگرام ۾ ته بهرحال وڃڻو آهي. . . . اهڙي طريقي سان منهنجو پروگرام پڪو ٿي ويو . . . . .
    ٻئي ڏينهن صبح جو ڪارڊ جي ٽائيم موجب اسان صبح جو نائين وڳي شاهه لطيف جي نگريءَ ۾ پهچي وياسين. بي نظير ڀٽو جي اچڻ ڪري ڪارڊ جي چيڪنگ ۾ ڪافي سختي هئي. هڪ عجيب نفسيات آهي اسان سنڌين جي جيڪا ات به نظر آئي. ات بيٺل ماڻهن اسان سان اردو ۾ ڳالهايو اسان کي سنڌيءَ ۾ جواب ڏيئي ٻڌائڻو پيو ته اسان سنڌي آهيون. وقت تي پهچڻ سان اسان کي سٺي جاءِ ملي وئي ۽ دير سان آيلن کي ڪافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو گرمي به ڏاڍي هئي. ماڻهن جا به هشام هئا، هونئن ميلي تي به بي انداز رش ٿيندي آهي پر بينظير جي اچڻ ڪري پوليس ۽ ڪامورن جو تعداد به گهڻو هو.
    شاهه سائين اسان سڀني جو شاعر آهي. ات وڃڻ سان روح سان روح کي هڪ قسم جي راحت ملندي آهي. ميلي جي ڏينهن ۾ مزار تائين پهچڻ ۽ حاضري ڀرڻ عورتن لاءِ ممڪن ڪونهي. اسان جهڙن جي ته دلچسپي اها هوندي آهي ته ڪافي شخصيتن سان ملاقات ٿي ويندي آهي. گرميءَ جو شدت سان احساس ان ويل گهٽيو پئي جڏهن اهڙين شخصيتن سان ڪچهريون ٿيون جن ڪارڻ دل پئي سڪندي آهي. هيڏن وڏن پروگرامن ۾ معمولي ڪوتاهيون درگذر ڪري سگهجن ٿيون ٿورو اسان ۾ سهپ جو مادو هئڻ گهرجي. هڪ ڳالهه جيڪا چڱي هئي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي پنهنجي جاءِ تان نه اٿاريو ويو ۽ خاص ماڻهو جيڪي بينظير صاحب سان گڏ آيا تن کي اڳيان ڇڏيل جاءِ تي صوفا رکائي ويهاريو ويو.
    ڀٽ ڌڻيءَ جو ميلو عام ميلن کان مختلف هوندو آهي. اڪثر هن ميلي جو افتتاح وڏين شخصيتن کان ڪرايو ويندو آهي. ان ڪري سڄي انتظامي مشينري ۽ ڪامورا الرٽ ٿي ويندا آهن. يقينن توهان سڀني کي ياد هوندو ته اٺاسي جي اليڪشن کان پوءِ بينظير صاحبه ائين ئي ڀٽائيءَ جي ميلي تي آئي هئي. ان وقت اليڪشن کان پوءِ ماڻهن ۾ تمام گهڻو جوش هو ۽ بينظير صاحبه جي اچڻ ڪري ات تمام گهڻي رش هئي ۽ ڏاڍا جذباتي منظر به نظر آيا هئا. ڀٽائيءَ جي درگاهه تي ائين وڃي ڀٽائيءَ جو مان حاصل ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. يقينن بينظير صاحبه اسان جي ملڪ جي سربراهه آهي، هوءَ اسان سنڌين جي ووٽ تي ئي حڪومت ڪري پئي. سياسي طور اسان ڪيترا به اختلاف ۽ تنقيدون حڪمران جماعت تي ڪري سگهون ٿا. پر ائين ڀٽ ڌڻيءَ تي اچڻ، لطيف ايوارڊ حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي هٿ سان گنج رسالي جي مهورت ڪرڻ اهو به ته حڪمراني واري عزت کان وڏو مان آهي. سو سائين اهو مان شان ڀٽ جي درگاهه تي ئي حاصل ٿي سگهي ٿو ڇو ته ڀٽ ڌڻي سنڌين جي دلين جو شهنشاهه آهي سو هن ڀٽ جي درگاهه تي هيءَ بادشاهي تقريب ٿي گذري.
    هڪ ڏينهن اڳ ۾ بينظير صاحبه جي پڦي گذاري ويئي هئي، گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته شايد اها ڪو نه ايندي. ان ويل مان سوچيو بينظير اهڙو بهترين موقعو وڃائيندي ڪو نه آخر هوءَ به عقلمند عورت آهي بينظير صاحبه ات جيڪا تقرير ڪئي ان تي الڳ لکي سگهجي ٿو. هت مان اهو مسئلو کڻندس ته هن پروگرام کان پوءِ سنڌي اخبارن ڇا لکيو آهي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ظاهر ڪيون آهن. ڪي ڪي مضمون ڏاڍا چڱا ۽ ڪارائتا آهن. تعميري تنقيد ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي. ها پر ڏسڻ ۽ پڙهڻ ۾ اهو آيو آهي ته اڪثر اهڙا ڪالم ۽ مضمون ڇپيا آهن جن ۾ جذباتي تنقيد گهڻي آهي. سڀ کان پهرين اهم ڳالهه آهي ڪامورن تي ڦٽ لعنت . . . . . سائين منهنجا جڏهن مان ڀٽ جي ميدان ۾ ويٺي هيس ۽ چؤ طرف سنڌي ماڻهن کي ڏسي ڪري اندر ۾ خوشي پئي ٿي. ياد ٿو اچيم هڪ دفعو آپا امينا خميساڻي چيو هو ته “ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن توهان وٽ ڪو چڱو ڪامورو ۽ سرڪاري ملازم سنڌي نظر نه ايندو” آپا امينا خميساڻيءَ جي اها ڳالهه ان ويل مون کي دل ۾ اچي لڳي جڏهن مون سنڌي سرڪار ملازم ڏٺا. ان جي باوجود به ڪيڏي نه بيروزگاري آهي. اهو سڀ ڪجهه اسان کان لڪل نه آهي. هو سڀ سرڪاري ملازم جن کي ڪامورو عام زبان ۾ چيو ٿو وڃي تن ۾ ڪيترا اديب، دانشور، باشعور سي. ايس. پي آفيسر آهن. انهن جي قول ۽ عمل تي تنقيدي نظر وجهي سگهجي ٿي پر هروڀرو انهن پويان ڪات ڪهاڙا کڻڻ ڪيتري حد تائين صحي آهي. سترهين گريڊ کان وٺي ايڪهين گريڊ تائين سڀني کي ڪامورو چئي سگهجي ٿو. ڀلا ڀٽ جي ميلي تي جت لکين سنڌي آيا ته هزار کن سنڌي ڪامورا برداشت ڇو نه ٿا ٿين . . . .؟ آخر سنڌ جي نوڪرين تي سنڌي نه هوندا ته ڀلا ڇا ٿيندو؟ هڪ ته سنڌي نوڪرين ۾ آهن به گهٽ مٿان وري اسان ۾ سهپ ڪونهي ڀلا جيڪڏهن ڪامورو ٿيڻ ڪا خراب ڳالهه آهي ته اسان جي اخبارن کي به هروڀرو جي هاءِ گهوڙا ڪري انگ اکر پيش نه ڪرڻ گهرجن ته سنڌي ماڻهو ڪيترا نه گهٽ آهن سرڪاري ملازمت ۾. هاڻ اخبارن کي اسان جي لکندڙ کي اهو مشورو ڏيڻ کپي ته رهيل کهيل سنڌي ڪامورا استعيفائون ڏيئي وڃي گهر ويهن. بک مرن. اجتماعي خودڪشيون ڪن ته چڱي ڳالهه آهي.
    هاڻ ٿوري نظر ميلي تي. ننڍين ننڍين ڳالهين کي درگذر ڪري اچو ته وڏيون ڳالهيون ڪيون. پهرين اهم ڳالهه لطيف جي مزار تي لطيف کي ئي وساريو ويو آهي . . . . افتتاحي تقريب ۾ سواءِ زرينه بلوچ جي ڪنهن به شاهه لطيف جو ڪلام نه ڳايو . . . . . اها به خبر پئي آهي ته ٻه راتيون جيڪو عام وڏو پروگرام ٿيو هو موسيقيءَ جو ان ۾ به شاهه لطيف کي گهٽ ڳايو ويو. سرائيڪي شاعرن جا ڪلام ۽ قوم پرستي جا گيت ڳايا ويا. اها ڳالهه صحيح نه آهي. مان سمجهان ٿي ته ان ڳالهه تي سختيءَ سان عمل هئڻ گهرجي ته شاهه لطيف جي ميلي تي صرف شاهه لطيف جو ئي ڪلام ڳايو وڃي. ٻي اهم ڳالهه ته اهڙن پروگرامن ۾ اديبن ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن جي ڪميونيڪيشن گهٽ آهي. مڃيوسين ته ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارا همت وارا آهن. پر انهن کي اديبن کي اهميت ڏيڻ گهرجي خاص ڪري نوجوان اديبن جون ڪميٽيون ٺاهي انهن کي اڳتي وڌايو وڃي. ڪلچر وارا ۽ اديب هڪ ٻئي جي تعاون ڪرڻ کان سواءِ اڻپورا آهن. ذهني هم آهنگي جي ڪميءَ جي ڪري ڪافي شڪايتون آهن. ان سلسلي ۾ ڪلچر وارن کي اڳتي وڌڻ گهرجي. اديبن ۽ اسان جي باشعور طبقي کي به سوچڻ گهرجي ته هي سنڌ جا سڀ ادارا اسان جا آهن. مضبوط ادارا ئي اسان جي سڃاڻپ ۽ ترقي لاءِ ضروري آهن.
    آچر 7 آگسٽ 1994ع


    سنڌي ادبي سنگت، اديب ۽ بي ادب

    ڪراچي ادبي سنگت گذريل ڪيترن سالن کان بحران جو شڪار آهي. اختلافي مسئلا ۽ انهن تي ڏي وٺ اوهان سڀ اخبارن ذريعي پڙهو پيا. هر اختلاف کليل نموني سان اسان جي اڳيان موجود آهن. هن سال مرڪزي اليڪشن ۾ به ڪافي گهما گهمي هئي ۽ ڪراچي شاخ جون چونڊون ته ٻه ڀيرا هن سال ۾ ٿيون آهن. اسان جي دماغ ۾ هڪ وڏي هوا ڀريل آهي اها هوا اها آهي ته سنڌي ادبي سنگت هڪ وڏو ادارو آهي ۽ ان جون شاخون سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن. هي ايشيا ۾ سڀ کان وڏي اديبن جي تنظيم آهي وغيره وغيره هاڻ اها هوا اسان کي دماغ مان ڪڍڻي پوندي. مختلف ڪاغذي تنظيمون ٺاهي انهن تي بوتا ويهاري اسان هن سنگت کي وڏي تنظيم نه ٿا چئي سگهون. سنڌي ادبي سنگت جي يقينن اهميت ۽ نالو آهي. پر ات ڪم ڪيترو پيو ٿئي. اها ئي ڳالهه آهي سوچڻ جي . . . . . . اسان وٽ ادبي سنگت جون ڪيتريون شاخون آهن جن کي سياسي بنيادن تي ٺاهيو ويو ۽ ميمبرشپ ڏني ويئي ٻي اهم ڳالهه، اها آهي ته اليڪشن کٽڻ لاءِ بي ادبن کي اديبن جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي ميمبر ٺاهيو ويو. ادل سومرو جيڪو ادبي سنگت تي پي ايڇ ڊي پيو ڪري ان هڪ سال ۾ ڪيترو ڪم ڪيو؟ ڪيترو ڪم ان کي ڪرڻ ڏنو ويو؟ گذريل ڏهن پندرهن سالن جو رڪارڊ ڇا آهي؟ ڪهڙا ڪاغذ پٽ حفاظت ۾ رکيل آهن؟ پئسي جي خرچ جو حساب ڪيترو آهي؟ تاج جويي، ادل سومري کي ڇا ڏنو؟ ادل سومري شمس سومري کي ڇا ڏنو؟ هيءَ ته اڃا تازي ڳالهه آهي.
    سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ان لاءِ مثال اهو پيش ڪري سگهجي ٿو ته تاج جويو جڏهن سيڪريٽري جنرل هوندو هو ته هر وقت پنهنجي نالي سان اهو عهدو ضرور لکندو هو. اخبار ۾ ڪا خبر هجي يا وري ڪو مضمون هجي تاج جويي جو حوالو سيڪريٽري جنرل سان ئي هوندو هو. جڏهن تاج جويو سيڪريٽري جنرل نه رهيو ته وري ان لکڻ شروع ڪيو تاج جويو سابق سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت “ان مان اهو معلوم ٿيو ته ادبي سنگت سان وابستگي ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، هاڻ هت سوال اهو ٿو اڀري ته ايڏي اهم وابستگيءَ تي ڪهڙي قسم جا اديب ايندا رهيا آهن؟ انهن ڪيترو ڪم ڪيو آهي؟
    سنڌي ادبي سنگت هڪ پراڻي تنظيم آهي ان کي ٺاهيندڙن ۾ ڪن جو انتقال ٿي چڪو آهي ۽ ڪافي اڃان تائين حيات به آهن. مان سمجهان ٿي ته شمشير الحيدري، نورالدين سرڪي، شيخ اياز، فتاح ملڪ ۽ ٻيا ڪيترا آهن جيڪي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙن مان آهن. ان کان پوءِ هڪدم هڪ وڏو قافلو آهي اديبن جو جن ۾ امر جليل، سراج، آغا سليم، حميد سنڌي، تنوير عباسي، امداد حسيني، تاج بلوچ ۽ ٻيا ڪيترائي اديب آهن جيڪي سنڌي ادبي سنگت سان وابسته رهيا آهن، هنن کان پوءِ واري ٽهيءَ سان اسان اديبن جو گروپ وابسته آهي ۽ هاڻ وري آخر ۾ بلڪل نئون اچڻ وارو گروپ آهي.
    اهڙي طرح سان اسان ادبي سنگت جي دور کي چئن پنجن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا. اسان خوش قسمت آهيون جو اسان جي ادبي سنگت جو هڪ تسلسل جڙيل آهي. ان جي باوجود به افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي ادبي سنگت بجاءِ ترقي جي تباهه ٿي رهي آهي . . . . .
    پراڻن اديبن کان وٺي نئين ٽهيءَ تائين اسان جي اديبن ۾ ذهني هم آهنگي ۽ ڪميونيڪيشن گهٽ ٿي ويو آهي. اسان جا پراڻا اديب پنهنجي عزت بچائڻ ۾ پورا آهن. نئين ٽهي وارا جذباتي ۽ هيجاني ڪيفيت جو شڪار آهن. وچين دور وارا اديب ٻنهي جي وچ ۾ پيسجن پيا. مار به پيا کائين . . . . هاڻ هن ادبي سنگت کي بچائڻ لاءِ ۽ فعال ڪرڻ لاءِ هنن سڀني کي گڏجي سوچڻو ۽ عمل ڪرڻو پوندو.
    ان حقيقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته جيترو اخبارن ۾ اچي پيو ان کان وڌيڪ اختلاف موجود آهن. اڃان ته ادب سنگت معاشي طور خوشحال نه آهي، وڏو ڪو بئنڪ بيلنس ڪو نه اٿس ان جي باوجود به ڏسو ته سهي ڪجهه هزارن لاءِ ڏاڙهي پٽ لڳي پئي آهي. تنظيمن لاءِ پئسو تمام ضروري هوندو آهي. ڇو نه اسان جي سنڌي ادبي سنگت خوشحال ٿي وڃي، لکن جو بجيٽ ان وٽ هجي، وڏا وڏا پروگرام ۽ پروجيڪٽ ان جي هٿ هيٺ هلن پر ڇا اسان جو اهو خواب، خواب ئي رهندو . . . ؟ اسان سڀ ايترا ڪري چڪا آهيون جو ٽڪي پيسي تي هڪ ٻئي سان وڙهڻ ۾ پورا آهيون.
    ادبي سنگت جون شيون به سنڀالي نه ٿا سگهون. ذمينداريءَ جو احساس اسان وٽ نه آهي. مارئي فورم طرفان هڪ سائونڊ سسٽم مون ئي وڃي ڪراچي شاخ ادبي سنگت کي ڏنو هو. ٻه سال اڳ جيڪي اليڪشنون ٿيون هيون ته ات مون کي به گهرايو ويو هو. اتي ان سائونڊ سسٽم جو مسئلو اٿاريو ويو ته هو الائجي ڪنهن وٽ آهي وغيره وغيره. بهرحال ان وقت منهنجي ڳالهائڻ سان ڪي ڌريون ڏاڍيون ناراض ٿيون پر خوشيءَ جي ڳالهه اها هئي ته سائونڊ سسٽم ملي ويو جيڪو نئين انتظاميه جي حوالي ڪيو ويو. هاڻ وري خبر پئي آهي ته سائونڊ سسٽم چوري ٿي ويو آهي. ٻئي ڌريون هڪ ٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن. مان ڪنهن به ڌُرتي تي الزام رکڻ نه ٿي چاهيان. مان انهن کان اهو پڇڻ چاهيان ٿي ته توهان سڀئي سجاڳ سمجهدار ۽ همدرد آهيو ته پوءِ هي سڀ ڪجهه ڇا پيو ٿئي. هاڻ پنهنجيون غلطيون لڪائڻ لاءِ ٻئي ڌريون يا وري ڪيتريون ڌريون هڪ ٻئي تي الزام تراشيءَ ۾ پوريون آهن. ڏک ته اهو آهي ته هر ڌر پاڻ کي صحي ۽ سچو ظاهر ڪرڻ ۾ پوري آهي. ادبي سنگت هڪ تربيت گاهه آهي جت هر ڪو اچي سگهي ٿو. اديب ۽ ادب دوستن جا ميڙاڪا ات ٿيندا رهيا آهن. ڪي ماڻهو ادب پڙهندڙ هوندا آهن. انهن کي ادبي ڪتاب پڙهڻ ۽ ان تي بحث ڪرڻ جو ڏانءُ هوندو آهي پر هو لکي ڪجهه به نه سگهندا آهن. اسان انهن کي ادب دوست چئي سگهون ٿا. اهي سڀ به ادبي سنگت ۾ ايندا رهيا آهن. ها پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي اٽل آهي ته ادبي سنگت اديبن جي سنگت آهي. ان جو سربراهه ان جا ميمبر ان کي هلائڻ جا زميندار اديب ۽ صرف اديب ئي هوندا آهن.
    هاڻ توهان ٿورو امين ٿي دل تي هٿ رکي اهو فيصلو ڪيو ته اسان جي ادبي سنگت ۾ ڪيترا اديب آهن؟ جيترو گهرو ويندو اوتريون ئي مايوسيون ملنديون سچ ٻڌايان ته اسان جي ادبي سنگت جي تباهيءَ جو ڪارڻ ئي اهو آهي ته ات هاڻ اديب گهٽجي ويا آهن ۽ بي ادب اچي ويا آهن.
    تازو ڪراچي شاخ جي وري اليڪشن ٿي آهي. ورڪنگ ڪميٽيءَ ۾ جن فارم ڀريو آهي. انهن جا نالا پڙهيم ته منهن مٿو پٽڻ تي دل چاهيم – جڏهن اڃان فارم ڀريا ويا ۽ اليڪشن ڪا نه ٿي هئي ته مون سوچيو هو ته مان ضرور ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ ويندس ۽ ات سخت احتجاج ڪندس – پر مينهن پوڻ ڪري مان وڃي نه سگهيس. ان دوران مان پندرنهن ڏينهن لاءِ حيدرآباد به هلي ويس. چونڊون ته ٿي ويون آهن پر ان خانه پريءَ تي به ڏاڍو افسوس ٿيو اٿم.
    ادبي سنگت جي هڪ شخصيت ڀٽ جي ميلي تي ملي ۽ هاڻ ان سان فون تي به تفصيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي. مان ان کي چيو ته منهنجي دل پئي چاهيو ته مان ات ادبي سنگت ۾ اچان ۽ اهي سڀ فارم ڦاڙي ڦٽي ڪيان جن کي توهان اديب نه هوندي به ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو. جواب هو ته جيڪو اديب نه آهي اهو ادبي سنگت جو عهديدار ۽ ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ته وڏي ڳالهه عام ميمبر به نه ٿو ٿي سگهي. ان مون کان پڇيو ته توهان ادبي سنگت جو آئين پڙهيو آهي. مان جواب ۾ چيو ته مون ته بلڪل ڪو نه پڙهيو آهي. ان شخصيت جي چوڻ مطابق هڪ ٻن صفحن جو آئين آهي. ان ۾ ڪنهن به ڳالهه جي وضاحت نه آهي ان ۾ هر قسم جي ڇوٽ ڏنل آهي ته هر ڪو ادبي سنگت جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. مان حيران آهيان اها ڳالهه ٻڌي ته ادبي سنگت جو آئين ايترو ڪمزور آهي؟ اها به ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته ان وقت حالتن مطابق آئين ٺاهيو ويو هجي. ان وقت جي اديبن جو نيتون وڌيڪ واضح هيون، نه ته ايترا سياسي اثر هئا نه وري گروهه بنديون هيون. ڀلا آئين آسماني صحيفو ته نه آهي جو ان کي ٿو بدلائي سگهجي. مضبوط آئين تحت ڪم ٿيندڙ تي ڪير به تنقيد نه ٿو ڪري سگهي. جڏهن آئين ۽ قانون ڪمزور هوندو آهي تڏهن ئي اختلاف وڌندا آهن.
    هاڻ شمس سومرو ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل آهي. هو هڪ پڙهيل لکيل ۽ سڄاڻ اديب آهي ان مان اها اميد رکي سگهجي ٿي نه هو پراڻن اديبن ۽ نون اديبن جي ڪاميٽي ٺاهي، جنهن ۾ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي. اڄ جي دؤر ۽ ضرورتن مطابق آئين ٺاهيو وڃي سڀ کان اهم ڳالهه جيڪا ان ۾ رکي وڃي سا ميمبرشپ لاءِ سختي. ميمبر ٿيڻ لاءِ هر شاخ ۾ ٽن ڄڻن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي. جيڪا ميمبر جو فارم ڀرڻ واري جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ته اهو اديب آهي به يا نه . . . جيڪو ڪجهه لکيو اٿس اهو اوترو معياري آهي جو هو ميمبر ٿي سگهي. اسان کي ميمبر ڪرڻ لاءِ هڪ حد رکڻي پوندي. هڪ ٻيو مسئلو به آهي. اسان وٽ اڄ ڪلهه ڪافي سنڌي اخبارون نڪتيون آهن جن ۾ ڪيترائي سڃاڻ صحافي ڪم پيا ڪن. يقينن اهي پنهنجي فيلڊ جا بادشاهه آهن پر وري به صحافي ۽ اديب ۾ به اسان کي فرق رکڻو پوندو. ڪي آرٽسٽ آهن ڪي وري سماجي ڪارڪن آهن جيڪي پنهنجيون تنظيمون ٺاهي وڏا وڏا فنڪشن ڪندا آهن، پر اهي اديب نه آهن. پر افسوس انهن جو به ادبي سنگت تي ڪنٽرول آهي. ان جو مثال تازو ٿيل چونڊن ۾ ڏيئي سگهجي ٿو ته هڪ زال مڙس ٻئي ڪراچي ادبي سنگت جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جا ميمبر ٿيا آهن. زال ادبي دنيا جي الف کان به واقف ڪونهي ۽ سندس مڙس هڪ سماجي ڪارڪن آهي جيڪو مختلف قسم جا پروگرام ڪرائيندو رهندو آهي. هاڻ هن ڪوتاهيءَ جو ذميوار ڪنهن کي بنائي ٿو سگهجي؟
    مان وري به چوان ٿي ادبي سنگت هڪ تربيت گاهه آهي. جنهن ۾ ذهني تربيت ٿئي ٿي، شعور ۽ ڄاڻ جي واڌ ٿئي ٿي. ات هر ڪو اچي سگهي ٿو پر هر ڪو ميمبر نه ٿو ٿي سگهي، هر ڪو اليڪشن ڪو نه ٿو وڙهي سگهي. اليڪشن ۾ اهو عهدن ۽ ورڪنگ ڪميٽيءَ لاءِ به هڪ قانون جوڙڻو پوندو. اليڪشن ۾ بيهندڙن جي ادبي قدبت سان گڏوگڏ اهو به ڏسڻ ضروري آهي ته اهو شخص ادبي سنگت جو ڪيترن سالن کان ميمبر آهي، ڪيتري خدمت ڪئي اٿس ادبي سنگت جي. اليڪشن کٽڻ لاءِ ميمبرن جو تعداد وڌائڻ وارو رجحان ختم ٿي وڃي. اهڙن نالي ماتر اديبن جي ادبي سنگت سان دلي وابستگي نه هوندي آهي. اهي صرف اليڪشن جي ڏينهن ۾ نظر ايندا آهن . . . آئينده سال جڏهن اليڪشنون ٿين انهن ۾ نئين آئين مطابق مرڪز توڙي شاخن ۾ پراڻيون ميمبرشپون ختم ڪري نيون ميمبرشيون ڪرڻ گهرجن. يقينن هڪ نئون آئين ٺاهي ۽ پوءِ ان تي عمل درآمد ڪرائڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون اينديون. ان سلسلي ۾ مان شمس سومري کي اهو چوندس ته هڪ دفعو قانون ۽ آئين مطابق سختي ڪرڻ سان آئينده جي لاءِ مشڪلاتون گهٽجي وينديون. هڪ مخصوص گروه يا ٽولو جيڪو پنهنجي مفاد لاءِ هروڀرو تنظيمن ۾ گهڙي پوندو آهي نام نهاد جا ادبي سرٽيفڪيٽ کڻي، انهن مان جان ڇڏائڻي پوندي. شمس سومرو صاحب جيڪڏهن توهان جي ڏهه ڄڻا مخالفت ڪندا ته سؤ ڄڻا اوهان سان تعاون به ڪندا. ان ڪري مهرباني ڪريو توهان جلد از جلد عملي قدم کڻو ڇو ته هاڻ باقي ٿورو وقت وڃي بچيو آهي. اسان کي پنهنجي قوم جي آخري بچاءُ بند جيڪو اديبن جو آهي ان کي بچائڻو پوندو. جيڪڏهن هي بچاءُ بند جنهن ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ اهو ٽٽي پيو ته پوءِ ڪجهه به ڪين بچندو.

    آچر 14 آگسٽ 1994ع


    گلابن جي گلن جهڙي ثريا

    ڪيڏن ڏينهن کان ٻڌو هئم ته ثريا سول اسپتال جي ڪينسر واري وارڊ ۾ داخل آهي روز بروز سندس طبيعت بگڙجندي پئي ويئي مون ۾ همٿ ئي نه پئي ٿئي ته مان کيس وڃي ڏسي اچان، اهڙين حالتن ۾ عذاب ۾ ورتل هڪ چوويهن ورهين جي ڇوڪري کي ڏسڻ لاءِ به دل گردو گهرجي. مان ته ايڏي همت واري به نه آهيان، ٻڌل ڳالهيون ئي مون کي ڏکوئينديون آهن. ڏسڻ کان پوءِ ته اهڙا وجود دل تي نقش ٿي ويندا آهن. وسارڻ سان به نه وسرندا آهن. سو مان به همٿ نه پئي ساري وڃڻ جي، پر آخر وڃڻو به پيم جڏهن خبر پيم ته هاڻ ڊاڪٽرن صفا جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ۽ ان جا مائٽ هڪ ٻه ڏينهن ۾ ان کي ڳوٺ کڻي وڃڻ وارا هئا. هاڻ ته مون تي ضروري ٿي پيو وڃڻ، ڇو ته ايڏو پري ڳوٺ وڃڻ مون لاءِ ممڪن نه هو سو نه چاهيندي به اهو ڏک پنهنجي وجود ۾ اوتڻ لاءِ مان سول اسپتال ويس.
    مان جڏهن ات ويس ته ثريا جي بيڊ جي مٿان ڪيترائي گلاب جا گل پيا هئا. پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اڄ ثريا خواهش ظاهر ڪئي ته ان کي گلاب جا گل آڻي ڏيو. سندس ڀاءُ گل وٺي آيو جيڪي ان جي ڀرسان پيا هئا. موت جي قريب ثريا هئي سندس وجود به سسُي ويو هو. هي بيماري به عجيب اهي اندران ته وجود کي جهوري ٿي ته ٻاهران به اصليت مٽائي ٿي ڇڏي حالانڪ ثريا ڪافي قدراور هوندي پر هن مهل ڪمزور ٿي سُسي ٻار جهڙي ٿي ويئي هئي.
    سول اسپتال جو ڪينسر وارڊ وڃڻ ۽ مريض کي ڏسڻ لاءِ به همت گهرجي ٻار، جوان، پوڙها، سهڻيون عورتون هن موذي مرض ۾ مبتلا آهن ۽ انهن سڀني کي خبر آهي ته اسان سڀ آهستي آهستي موت ڏانهن وڃي رهيا آهيون ڪينسر وارڊ ۾ اچي هر سوچ جو انت موت آهي، تصور موت آهي، بس سڀ ڪجهه فنا آهي ثريا جي ماءُ مون سان ويهي ثريا جون ڳالهيون ڪرڻ لڳي هاڻ ان روئڻ ڇڏي ڏنو هو يا روئي روئي ڳوڙها سڪي ويا هئس هاڻ ته ان وٽ ڳالهيون هيون صرف ڳالهيون اسان جي معاشري ۾ خاص ڪري ان ماحول ۾ جت تعليم گهٽ آهي ۽ مرد جي برتري تمام گهڻي آهي ات عورت لاءِ وڏا مسئلا آهن. عورت اهڙي ماحول ۾ ماءُ هجي، ڌيءُ هجي يا وري زال هجي، بس ان کي زندگي گذارڻي آهي، ٻين جي حالن سان ٻين جي وجود سان ثريا جي ماءُ به ڪا پر سڪون زندگي ڪين گذاري هئي. ثريا جو والد تمام سخت مزاج ۽ ظالم انسان آهي. ثريا جي ماءُ خاموش طبعيت ۽ نماڻي آهي ان ڪري گذارو ٿي ويو. هونئن به عورت مرد جون زيادتيون ان ڪري به برداشت ڪندي آهي جو هو ٻارن جي ماءُ هوندي آهي. هن جو جيئڻ ٻارن لاءِ هوندو آهي هو ٻارن جي ڪري ئي سڀ ڪجهه سهندي آهي ته هو وڏا ٿيندا ته امڙ کي سک ڏيندا اهڙي ماحول ۾ پلجندڙ اولاد تي به سٺا اثر ڪين پوندا آهن. پٽ ارڏا پي جهڙا ۽ نياڻيون نماڻيون ٿي وينديون آهن مائرن جهڙيون وري سڱابندي به پنهنجن ۾ ڪئي ويندي آهي. اهڙي طرح اها عورت يا نياڻي ان ماحول ۾ نڪري ئي ڪونه ٿي سگهي انهن ظلمن ۽ زيادتين جي عادي ٿي وڃي ٿي. هڪ ڌيءُ جيڪا ننڍي هوندي کان ئي ماءُ تي ظلم ٿيندا ڏسي ٿي جڏهن ان تي به اهڙا ظلم ٿين ٿا ته هو ذهني طور پهرين ئي تيار هوندي آهي.
    ثريا جا ڀائر به پيءُ جهڙا ارڏا هئا صرف ننڍو ڀاءُ طبعيت جو حليم هو. ان ڪري ان کي چريو ۽ بيڪار سمجهيو ويندو هو اهوئي ڀاءُ پنهنجي ماءُ سان گڏ ثريا وٽ اسپتال ۾ رهندو هو. ان مهل ان ڀاءُ ثريا کي گل آڻي ڏنا هئا ۽ ثريا گلن جي خوشبو ۾ ستي پئي هئي ثريا جي ڪمزور جسم تي نمايان هيون سندس اکيون. هو هر آيل کي صرف گهوري گهوري ڏسي رهي هئي ڪنهن ڪنهن وقت سندس چهري تي ڪا مسڪراهٽ آئي پئي ته اها به مايوسي واري هئي. جيتري دير مان ات ويٺي هئس ثريا جي ماءُ ڳالهائيندي رهي هاڻ ان وٽ ڳالهيون ئي ته وڃي رهيون هيون ڊاڪٽر جواب ڏيئي چڪا هئا، هاڻ ثريا کي واپس ڳوٺ وٺي وڃڻو هو، هاڻ ان جي زندگي هڪ هفتي جي آهي يا هڪ مهيني جي خبر ڪانهي. اتان جڏهن مان واپس آيس ته دل تي بار وڌي ويم مون کي ثريا تي ٿيل سڀني وارتائن جي خبر هئي ثريا جو مڙس سندس سوٽ آهي پڙهيل گهٽ آهي پر جواني جي ارڏائي گهڻي اٿس هي مرد ان ماحول جي پيدائش آهن جت عورت جي ڪا اهميت ئي نه آهي. ڏينهن جو عورت نوڪرياڻي آهي ۽ رات جو ضرورت آهي. بس ان کان وڌيڪ ان جي ڪا حيثيت ئي نه آهي. اهڙي ماحول ۾ ڳالهه ڳالهه تي زال کي مارڻ خراب نه سمجهيو ويندو آهي. ڀينرون به ڀائرن جا موچڙا کائينديون آهن حد ته اها آهي ته جوان پٽ معمولي ڳالهه تي ماءُ کي به ڪٽي رکندا آهن ثريا اهڙي ئي حالتن جو شڪار هئي. ثريا پنهنجي مڙس سان اڄ جي ماحول مطابق قرب ۽ پنهنجائپ سان هلڻ چاهيندي هئي. اڄ ڪلهه ٽي وي جي ڪري به گهرن ۾ ويٺل نياڻين کي به ڪافي سمجهه اچي ويئي آهي هونئن به عورت جي فطرت آهي ته پاڻ وڻائڻ جي. عمر به ننڍي البيلي سو ثريا ٿورو هار سينگار به ڪندي هئي، ڳالهه ڳالهه ۾ مڙس سان قرب وچان هجت به ڪندي هئي ته صاف سٿري به هوندي هئي پر سندس ارڏو مڙس ڪٿان ٿو سندس قدر ڪري. اهي ڳالهيون ان کي بلڪل ڪونه وڻنديون هيون ڪجهه ڏينهن ته خوش رهيو پوءِ ثريا تي هٿ کڻڻ شروع ڪيائين. پهرين ته ڳالهه ڌڪ چنبي تائين هوندي هئي آخر پوءِ ايتري وڌي جو ڪڏهن ڪڏهن ته هو ثريا کي ايترو ته ماريندو هو جو ثريا غش ٿي ڪري پوندي هئي جڏهن ثريا تڪليف وچان زمين تي ڪري پوندي هئي ته هو بوٽ سان سندس چيلهه وٽ ٿڏا هڻندو هو.
    ثريا هاڻ ٿورو بيمار رهڻ لڳي چيلهه جي ۽ پيٽ جي سور جي شڪايت ڪرڻ لڳي ڪڏهن ٿورو سور ته ڪڏهن گهڻو سور مڙيئي دوا ڦڪي کائي پئي وقت ٽاريندي هئي. مڙس جي اها عادت مارڻ واري بدلجي نه سگهي ۽ ثريا جهرندي ويئي جڏهن ثريا کي ٻار ڄائو ته هو اڃا وڌيڪ لاغر ٿي ويئي وڃي کٽ ورتائين اڄ ڪلهه مڙس کي به صحت مند زالون، خدمت گذار زالون گهرجن سو اهڙي حالت ثريا لاءِ پريشان ڪندڙ هئي.
    وري به هوءَ وسان ڪونه گهٽائيندي هئي رڙهي جهري مڙيئي گهر جو ڪم ڪار پئي ڪندي هئي آخر هڪ ڏينهن هو صفا ڊهي پيئي. کيس حيدرآباد وٺي آيا جت خبر پئي ته سندس پيٽ ۾ ڪينسر آهي. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته سندس پيٽ ۾ زخم هئا جيڪي مناسب علاج نه هئڻ ڪري بگڙجي ڪينسر جي صورت وٺي ويا آهن اسان ٻڌو ته سڀني ان ڳالهه تي سوچيو ته ثريا جو مڙس جڏهن کيس بيدردي سان ماريندو هو خاص ڪري جڏهن هو زمين تي ڪري پوندو هئي ۽ هو بوٽ سان زور زور سان ٿڌا هڻندو هوس انهن ٿڏن جي ڪري ئي زخم ٿيا هوندا جيڪي بگڙجي ڪينسر ٿي پيا.
    هاڻ ثريا مري چڪي آهي. گلاب جي گلن جهڙي ثريا. گلاب جي گلن سان پيار ڪندڙ ثريا مٽي ۾ دفن آهي. هڪ انسان ٻئي انسان جي زيادتين جو شڪار ٿي فنا ٿو ٿي وڃي پر تاريخ دهرائجندي ٿي رهي. هاڻ ٻڌون پيا ته ثريا جي مڙس جي شادي ثريا جي ڀيڻ سان ڪرڻ چاهين پيا ڇو ته مسئلو ٻار جو آهي سڀ ڪو چوي ٿو ماسي گهر ۾ ايندي ته ٻار جي پرورش چڱي ٿيندي. ثريا جي ماءُ ۽ ڀيڻ ٻئي پريشان آهن. اُهي هي رشتو نه ٿا ڪرڻ چاهين ثريا جي ماءُ پنهنجي مڙس ۽ پٽن کي ڏاڍو سمجهايو آهي ته هڪ ته ظلم ۾ مري ويئي ٻي کي ته اوڙاه ۾ نه وجهو، پر هو سڀ ايترا ته بي حس آهن جو انهن کي ڪو احساس ئي ڪونهي انهن جي اڳيان عورت چاهي اها ماءُ هجي يا ڀيڻ يا وري زال بي زرر حيثيت آهن. پير جي جتي آهي، جسم جي مير آهي. هن ترقي يافته زماني ۾ اسان جي سنڌ ۾ ايترا ڪيترائي گهر آهن جيڪي انسانيت ۽ شعور کان خالي آهن پيار ۽ احساس جي ڪمي شعور جي ڪمي علم جي نه هجڻ ڪري ئي گهڻي آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ علم جو ريشو سڀ کان گهٽ آهي. اسان وٽ اوستائين تبديلي نه ايندي جيستائين گهر گهر تعليم نه پهچندي. ان ڪري اسان کي سڀ کان وڌيڪ تعليم جي سڌاري ڏانهن توجه ڏيڻ گهرجي.

    آچر 11 سيپٽمبر 1994ع


    بينظير جا ويچار ۽ بيروزگاري

    ڀٽ شاهه جي ميلي ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جيڪا تقرير ڪئي ان مان ڪجهه ڳالهيون مان لکان ٿي. محترمه اهو چيو ته اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري گهڻي آهي، وسيلا گهٽ آهن. ان جي باوجود به حڪومت اها ڪوشش ڪري پئي ته جيئن بيروزگاري گهٽجي ۽ پڙهيل لکيل نوجوان نوڪرين ۾ اچن. ان اها ڳالهه وضاحت سان چئي ته جڏهن اسان گذريل دفعي حڪومت ۾ آياسين ته اسان پيپلز پارٽي جي انهن ڪارڪنن کي نوڪريون ڏنيون جن ڪوڙا کاڌا، جيل سٺا ۽ قربانيون ڏنيون. ان وقت اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو . پوءِ چاهي اهو صحيح هو يا غلط. باقي اڄ جو ماحول مختلف آهي اڄ ڪلهه ميرٽ جو زمانو آهي، مقابلي جو زمانو آهي مان چاهيان ٿي ته هتان جا نوجوان مقابلي ۾ اچن ۽ روزگار حاصل ڪن، رشوت ۽ سفارش اڄ ڪلهه نه هئڻ گهرجي. محترمه بينظير صاحبه هٿ ٻڌي چيو ته “منهنجا ڀائرو پنهنجي هن ڀيڻ وٽ توهان سفارش لاءِ نه اچو” ان وڌيڪ اهو به چيو ته اڄ ڪلهه سڀڪو سرڪاري نوڪري گهري ٿو. اڄ جو نوجوان پندرهن سون واري سرڪاري نوڪري ڪرڻ چاهيندو پر پرائيويٽ چار هزارن واري نوڪري ۾ وڃڻ پسند نه ڪندو. ان زور ڏيندي ٻڌايو ته اڄ ڪلهه گهڻا سرڪاري ادارا پرائيويٽ ٿين پيا پرائيويٽ ادارن ۾ پگهارون سٺيون ملن ٿيون. محترمه مثال ڏيندي چيو ته جڏهن توهان پنهنجي جاءِ تان هٽي ٿا وڃو تڏهن نه ٻيا ان تي قابض ٿين ٿا. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن جو مثال ڏيندي ان چيو ته توهان لاءِ اهي شهر به پرديس آهن توهان ات وڃڻ نه ٿا چاهيو تڏهن ته ات ٻين جو قبضو ٿي ويو آهي. توهان نوڪريون نه ڪندؤ ته ان جاءِ تي بنگالي بهاري، برمي ۽ هندستاني اچي ويندا. محترمه پرائيويٽ سيڪٽر جا ڪيترائي مثال ٻڌايا جن مان ٻه اهم هئا. ڄامشوري ۾ نئون بجلي ٿرمل هائوس ۽ ٿر ۾ نڪرندڙ ڪوئلي ۽ ٻين معدنيات تي ملندڙ نوڪريون. ان وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ نوڪريون حاصل ڪندڙن کي ٽريننگ مفت ۾ ڏني ويندي آهي نوڪريون هزارن جي تعداد ۾ آهن پرائيويٽ آهن ته ڇا ٿيو ان سلسلي ۾ ان ئي وقت محترمه اشارو ڪري واسطيدار عملدارن کي حڪم ڪيو ته هاڻي جو هاڻي هتي ئي جيڪو نالو لکائڻ چاهي اهو لکائي ان جي تعليم ڪهڙي به هوندي اسان ان کي مفت ٽريننگ ڏياري ان نوڪري جي قابل ڪنداسين.
    اهڙيون ٻيون اهم ڳالهيون محترمه ڪيون. سنڌ جي حالتن کان اسان جي حڪومت نا آشنا نه آهي. گهڻيون ڪوتاهيون اسان جي وزيرن ۽ سرڪاري عملدارن جون ته آهن پر اسان کي پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائڻ گهرجي. اهڙيون ڪيتريون ڪوتاهيون آهن جن جي ڪري اسان پوئتي رهجي ويا آهيون. هڪ ته پرديس واري ڳالهه ڏاڍي ڏکي آهي. ٻين قومن جا ماڻهو اڪيلا محنت ڪري ولايت مان به ڪمائي لکا پتي ٿي ويندا آهن اسان وٽ هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ تائين به پرديس ٿي ويندو آهي. اسان چاهيندا آهيون ته پنهنجي ڳوٺ ۾ اصل پنهنجي گهرجي سامهون روزگار ملي ته ٺيڪ ورنه هوٽلن تي ويٺا چانهيون پي پنهنجو قيمتي وقت زيان ڪندا آهيون ٻي اهم ڳالهه ته کپي ته سرڪاري نوڪري پرائيويٽ ڪير ڪندو . . . . . پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ ماستري ڪرڻ سولي آهي. پوليس جي نوڪري لاءِ پيا واجهائيندا باقي ٻين ادارن ڏانهن وڃڻ پسند نه ڪندا، فوجي نوڪري ۾ ڪيتريون نه سهولتون آهن پر ماءُ جا لاڏلا پٽ ڪٿ ٿا سختيون سهي سگهن، ٽريننگ حاصل ڪري سگهن. . . .؟
    ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته ڪجهه تبديلي آئي آهي. پر اها تبديلي ايڏي وڏي نه آهي. جنهن سان اسان جي ماڻهن ۾ خوشحالي اچي. اڄ کان پندرنهن ويهه سال اڳ ڪراچي شهر ۾ سنڌي گهٽ نظر ايندا هئا. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نوڪرين سانگي رهندا هئا باقي زميندار ۽ وڏيرا انهن جا نوجوان پٽ پنهنجي دولت ۽ گاڏين جو شان شوڪت ڏيکاريندا هئا. طارق روڊ ۽ ايلفي تي ائين بيٺا هوندا هئا جو گگ پئي ڳڙندي هئن، جهڙين تهڙين شڪلين پويان به هزارين لکين رپيا قربان ڪري ڇڏيندا هئا اسان جا وڏا ٻڌائيندا آهن ته ان وقت سنڌين لاءِ تصور ڪراچي ۾ اهو هوندو هو ته يا ته سنڌي ڀوڪ ڄٽ ۽ جاهل آهن يا وري عياش، بدمعاش ۽ ڌاڙيل آهن.
    وقت ۽ حالتن ڦيرو کاڌو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي حڪومت آئي ۽ اسان جو وچولو پڙهيل لکيل طبقو شهرن ۾ آيو ۽ نوڪريون ڪرڻ لڳو سنڌي جيڪي هڪ عجوبو هوندا هئا ٻين لاءِ انهن ۾ هن وچولي طبقي اچي جاءِ والاري ۽ آهستي آهستي سنڌي وڌندا ويا ۽ هر هنڌ نظر آيا. ماحول جي پنهنجائپ ۽ سياسي حالتون به سنڌين ۾ شهرن ڏانهن اچڻ جا سبب بڻبا، جيئن ته ڀٽي صاحب جي حڪومت يا وري اڄ ڪلهه بينظير جي حڪومت عرف عام ۾ سنڌين جي حڪومت چئي ويندي آهي. اها سوچ ۽ اهو حق سنڌين لاءِ رستا کوليندو ويو ڪراچي شهر هونئن به ته سنڌين جو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪي حالتون پيدا ٿيون ۽ ڌاريا شهرن ۾ اچي قبضو ڪري ويٺا شهري سهولتن ۽ روزگار تي هو پنهنجو حق سمجهڻ لڳا هاڻ به حالتون اهڙيون ئي آهن ڌارين ملڪن مان آيل مسلماني جو ٺپو هڻي هت حقداري ڄمايو ويٺا آهن پر اندرون سنڌ مان ايندڙ سنڌي هت برداشت نه ٿا ٿين.
    ان حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو ته هت ايندڙ هر ڌارين کي سنڌ دل ۾ جاءِ ڏئي ٿي. بهرحال سنڌ سنڌين جي آهي. اسان کي به هاڻ اکيون کولي پنهنجي عمل سان برتري ثابت ڪرڻي پوندي. اها برتري تڏهن ثابت ٿيندي جڏهن اسان چئني طرف هر قسم جي روزگار ۾ گهڙي پونداسين ڪو به ڪم ڪرڻ ۾ عيب ڪو نه سمجهنداسين هر سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن ۾ نوڪريون اسان کي ڪرڻ کپن اڄ ڪلهه پرائيويٽ سيڪٽر ۾ به نوڪرين جو ڪافي تحفظ آهي. هروڀرو ٿوري گهڻي ڳالهه تي ڪير ڪنهن کي ڪڍي ڪو نه ٿو سگهي، هاڻ آهستي آهستي گورنمينٽ جا ادارا به پرائيويٽ ٿيندا پيا وڃن ڇو ته اسان جا گورنمينٽ جا ادارا تباهه ٿي چڪا آهن. اسان وٽ سرڪاري نوڪري معنيٰ عياشي آهي ڪير نظر رکڻ وارو ڪونهي، ڪير ڪم ڪرڻ نه ٿو چاهي. پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪرڻو پوندو آهي وقت حساب ڪتاب سان ڏيڻو پوندو آهي محنت ڪرڻ ۾ به ته ڪو عيب ڪونهي محنت سان ئي انسان ڪامياب ٿي سگهي ٿو. محنت سان ئي انسان ترقي ڪري سگهي ٿو. اچو ته گڏجي سنڌ جي وسيلن ۽ روزگار کي پنهنجو ڪيون ۽ پنهنجي محنت سان پنهنجو مستقبل روشن ڪيون ۽ هن سنڌ کي گل گلزار ڪيون.
    آچر 18 سيپٽمبر 1994ع


    پاڪستان عالمي يتيم خانو ۽ نشي جي لعنت

    اسان جو ملڪ پاڪستان هڪ بين الاقوامي يتيم خانو آهي. مسلمان هجڻ جي ڪري جنهن کي ٿو وڻي سو هيڏانهن منهن کنيو ٿو اچي. هي ملڪ اسلام جي نالي پٺيان ٺهيو آهي، صرف اصل رهواسين جو هن ملڪ تي حق ڪونهي، باقي جنهن کي ٿو وڻي سو هت اچيو ٿو وڃي ۽ هڪ مڪمل شهري واريون سهولتون انهن کي ملي وڃن ٿيون. ڪنهن به قوم کي ذهني طرح مفلوج ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. جڏهن به ڪي حڪمران پنهنجي اعمالن جي ڪري حڪمراني ڪرڻ ۾ مشڪلات محسوس ڪندا آهن ته اهي پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ذهني طور لاغر ڪري ڇڏيندا آهن ڇو ته قومن ۾ آيل شعور حڪمرانن جا تختا ڪڍي ڇڏيندو آهي.
    اسان جو هي ملڪ ڪيترن ئي ڏکين مرحلن مان گذريو آهي. ان ڪري هن ملڪ جون حالتون خراب ٿينديون رهن ٿيون. اسان جي ملڪ جون سياسي حالتون مارشل لا وارو دؤر، آس پاس جي ملڪن جون بگڙيل حالتون هن ملڪ تي اثر انداز ٿي رهيون آهن. جيئن ته ڀرپاسي جا گهڻا ملڪ مسلمان ملڪ آهن، انڪري اتي جي به سياسي ۽ سماجي تبديلين جو اثر اسان جي ملڪ تي پيو آهي. سياسي تبديلين جي ڪري ڪن ماڻهن کي پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو آهي. اهڙي ڀاڄ کاڌل ماڻهن جو رخ اسان جي پاڪستان طرف هوندو آهي. پاڪستان ۾ وري ڪو اهڙو سخت قانون ئي ڪونهي جو اهڙن آيلن کي روڪي سگهي. گهڻن ئي ملڪن جي بگڙيل حالتن جو اسان جي ملڪ تي اثر پيو آهي. پر جڏهن افغانستان جون حالتون بگڙيون ته ان جو تمام گهڻو اثر اسان جي ملڪ تي پيو، افغانستان مان لکين ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ آيا ۽ هر هنڌ ٽڙي پکڙي ويا. شروع ۾ ته ائين لڳندو هو ته اهي موٽي ويندا، پر آهستي آهستي انهن اسان جي ملڪ ۾ پير پختا ڪيا. نالي ۾ ته اهي هئا پنهنجو ملڪ ڇڏي ايندڙ پناهگير جن کي حالتن جي سڌرڻ کان پوءِ واپس موٽي وڃڻو هو، پر ائين نه ٿيو. حالتون سالن تائين خراب رهيون ۽ هي افغاني جيڪي نالي ۾ پناهگير هئا، پر حقيقت ۾ ڏاڍا دولت مند هئا. انهن هتي مال ملڪيتون ٺاهڻ شروع ڪيون هنن افغانين جي اچڻ کان پوءِ ٻه ڳالهيون عام جام ٻڌڻ ۾ آيون، هڪ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ ٻيو منشيات جو واپار.
    افغانستان ۽ ان سان ويجھن پاڪستاني علائقن ۾ اهڙي پوک تمام گهڻي ٿيندي آهي، جنهن مان مختلف قسم جون نشي واريون شيون ٺهنديون آهن. پاڪستان جي ڪن سرحدي علائقن ۾ نشي واري پوک گهڻي ٿيندي آهي ۽ ان جو ڪاروبار به کليل ٿيندو آهي، پاڪستان جي اندروني حصن ۾ ان نشي جو واپار هوندو ته هو پر ايترو گهڻو نه هوندو هو. ان جو سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته اهو نشي جو سامان افغانستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي وسيلي ٻاهران ئي ٻاهران ولايت راونو ٿي ويندو هو. افغانستان جي جنگ کان پوءِ سرحدي علائقن ۾ ڇڪتاڻ ۽ سرحدن جي بند ٿيڻ کان پوءِ انهن سڀني براين اندرون پاڪستان اچڻ شروع ڪيو. افغانين جو واپار ئي هوندو آهي هٿيار ٺاهي وڪڻڻ ۽ نشي جو ڪاروبار ڪرڻ. ان ڪري جڏهن افغاني اسان جي ملڪ ۾ ٽڙي پکڙي ويا ته اسان وٽ موجود نشي جي واپارين کي به وڏي طاقت ملي. اهي ٻئي گڏجي اهو ڪاروبار ڪرڻ لڳا. افغاني پيسي وارا ۽ خوشحال آهن ان ڪري انهن کي ڪاروبار هلائڻ ۾ ڏکيائي ڪا نه ٿي. اهڙين حالتن جي ڪري ئي اسان جي ملڪ ۾ هر گهر ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ منشيات جو واپار پهچي ويو.
    هاڻ پاڪستان جو وڏو پورٽ ڪراچي آهي. ڪراچيءَ تائين پهچڻ لاءِ انهن سڀني براين کي ذري گهٽ سڄي پاڪستان مان لنگهڻو ٿي پيو. افغانين ۽ ٻين پاڪستانين هت ڪراچيءَ ۾ هوائي توڙي سمنڊ وسيلي اهو ڪاروبار شروع ڪيو آهي. انهن سببن جي ڪري هيءَ برائي سڄي پاڪستان ۾ ڦهلجي ويئي آهي ۽ هٿيارن جو نماءُ ۽ نشي جو واپار کلم کلا ۽ عام جام ٿيڻ لڳو آهي. هٿيار سستا ملڻ لڳا ۽ هيرئين، چرس ۽ ٻيون نشي آور شيون گهرن ۾ پهچي خاندان جا خاندان تباهه ڪرڻ لڳيون. سياسي حالتون، ذهني دٻاءُ، مايوسيون ۽ بيروزگاري اهڙين حالتن ان کي اڃان به خراب ڪيو آهي. تعليمي ادارن ۾ نوجوانن کي تعليم کان باغي ڪرڻ لاءِ انهن کي پهرين هٿيار ڏنا ويا ۽ پوءِ انهن کي نشي جو عادي بڻائي انهن جي قوت ۽ همت کي پسپا ڪيو ويو. اسڪولن جي ٻاهران ٻارڙن کي کاڌي جون شيون وڪڻڻ وارن به اهو ڪڌو ڪم شروع ڪيو ۽ آهستي آهستي ٻارڙن جي وجود ۾ اهو زهر اوتيندا ويا. هڪ واقعو ته منهنجي پنهنجي دوستي وارن ۾ ٿيو. هڪ ننڍڙي ٻارڙي موڪل مهل هڪ ريڙهي واري کان سوپاريون ورتيون ۽ گهر رواني ٿي. رستي ۾ ان پنهنجي گاڏي ۾ هڪ سوپاري کاڌي، کائڻ سان ئي بيهوش ٿي ويئي، ٻه ڏينهن لاڳيتا هوءَ اسپتال ۾ بيهوش رهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ان ڪنهن نشي آور شيءِ جو وڏو ڊوز کاڌو آهي. هوءَ ويچاري ڇوڪري هوش ۾ اچڻ کان پوءِ ڪيترا ڏينهن موڳائپ واري حالت ۾ رهي. اهڙا ڪيترائي واقعا آهن جن ۾ ڇوڪرا دوستن وٽان ان عادت جو شڪار ٿين ٿا. اهڙا ڪيترا واقعا اسان توهان ڏسون پيا. غريبن وٽ ته اهڙين عادتن جوشڪار تعداد تمام گهڻو آهي پر وچولو طبقو به ان ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي.
    هن نشي جي عادت گهڻا گهر بربادڪيا آهن. گهڻن ئي نوجوانن کي ناڪاره بنايو آهي. ڪيترين مائرن جا لال، ڪيترين زالن جا مڙس ۽ ٻچن جا پيئر هن عادت جو شڪار ٿي دين ۽ دنيا وڃائي چڪا آهن. ڪن حالتن ۾ ته غريب گهرن جون توڙي خوشحال گهرن جون ڇوڪريون به ان عادت جون شڪار ٿيون آهن. هن بري عادت جي ڪري هو سڀ غلط راهه ڏي هليون ٿيون وڃن ۽ نه صرف پنهنجي خاندان جي بيعزتي ٿيون ڪرائين، پر پنهنجي زندگي به مختلف طريقن سان برباد ڪريو ڇڏين ٿيون. نشو آهي فراريت ، نشو آهي دنيا کان لاتعلقي، شروع ۾ ڪي انسان پنهنجي مسئلن کان، پنهنجي پريشانين کان فرار حاصل ڪرڻ جي بهاني نشو ڪن ٿا. آخر ان جا عادي ٿي وڃن ٿا. هن عادت گهرن جا گهر تباهه برباد ڪري ڇڏيا آهن. هاڻ رڳو شهرن جي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. ننڍا شهر، ڳوٺ ۽ واهڻ به هاڻ وڪوڙجي ويا آهن. اسان جي ٻهراڙيءَ جو مرد گهڻو ڪري ڪم جو ٽوٽي ۽ هڏ ڀڳل آهي. عورتون ويچاريون، محنت مزوري ڪري، ڀرت ٽوپو ڪري پيون گذارو ڪنديون آهن. مٿان وري نشي جي عادت ڪري انهن جا مرد ظالم ٿي پيا آهن. هو پاڻ ته ڪو نه ٿا ڪمائين پر عورتن جي ڪمائي به نشي ۾ برباد ڪيو ڇڏين. هن نشي جو واپار واچوڙي وانگر اسان جي ملڪ کي ورائي ويوآهي. هي ڪاروبار وڏن دولت مندن جو آهي. قانون جا رکوالا بي وس آهن. اکيون ٻوٽي ويٺا آهن. وڏن ماڻهن جا هٿ ڊگها ۽ مضبوط آهن ۽ قانون ڪمزور آهي. ان ڪري اهڙن ماڻهن ۾ ڪير به هٿ وجھي نه ٿو سگهي. ها باقي ڇاپي دوران ڪي ڪارندا گرفتار ٿين ٿا ته انهن جي ڪا حيثيت ئي ڪا نه هوندي آهي. اهي ته بي زرر مهرا آهن جيڪي دولت حاصل ڪرڻ جي سونهري خوابن ۾ جڪڙجي ات پهچن ٿا ۽ پوءِ قانون جي ور چڙهي سڄي زندگي زندان ۾ گذارين ٿا. انهن کي ته اڳ پٺ جي خبر ئي ڪانه هوندي آهي. هو ته صرف حڪم جا بندا هوندا آهن.
    هڪ سروري مطابق 1993-1994ع ۾ پاڪستاني قوم اٺ ارب روپين جا سگريٽ پي وئي آهي. هن وقت پاڪستان ۾ 31 لک ماڻهو منشيات جو استعمال ڪن ٿا. اهي روزانو 23 ڪروڙ روپين جي منشيات پي وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ ڪيل ڪوششون بلڪل ناڪاره آهن. منشيات تي ڪنٽرول ڪرڻ وارا ادار، نارڪوٽيڪس، ايڪسائز ۽ ٻيون ايجنسيون جن جي حوالي هن برائيءَ جي روڪ ٿام آهي، اهي ڇا ڪري رهيا آهن؟ ڪروڙين روپين جي انهن جي بجيٽ آهي، اهي سڀ پيسا ڪاڏي ٿا وڃن؟ پرڏيهي ملڪن جون اين جي اوز وغيره هن سلسلي ۾ مدد ڪري رهيون آهن، اهي پيسا به ڪاڏي ٿا وڃن؟ اسان جي ملڪ ۾ منشيات جو ڪاروبار بجاءِ گهٽجڻ جي روز بروز وڌي رهيو آهي.
    مطلب ته هن منشيات جو ڪلچر اسان جي ملڪ تي حاوي ٿي ويو آهي. اسان جي موجوده ٽهي ايندڙ ٽهي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي. هاڻ اسان کي هن منشيات جي ڪلچر خلاف نفسياتي ۽ اخلاقي جنگ وڙهڻي پوندي. هاڻ منشيات جي عادي شخص کي ان جي حالت تي ڇڏي ناهي ڏيڻو. ان کي انهن حالتن مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو. نه صرف منشيات واپرائڻ وارن کي سڌارڻو پوندو، پر صحتمند نوجوانن کي به هن عادت کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. ان نفسياتي اخلاقي جهاد ۾ اسان کي پنهنجي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو. اها ڄاڻ ڏيڻي پوندي ته منشيات واپرائڻ سان نه صرف صحت تباهه ٿي ٿئي پر اهو ماڻهو دين ۽ دنيا کان لاتعلق ٿي موت جي وادي ڏي آهستي آهستي وڃڻ لڳي ٿو. هڪ فرد جي خراب ٿيڻ جو اثر هڪ خاندان تي پوي ٿو. انسان جي زندگي ڏاڍي قيمتي آهي. اها زندگي هڪ دفعو ملي ٿي. هن دنيا ۾ اچي هڪ سٺي ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي. هيءَ دنيا ڏاڍي خوبصورت آهي، جيڪڏهن سٺي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته ڪيترا نه پيار ڪرڻ وارا وجود آهن جن وٽان محبتن جو هڳاءُ ملي ٿو. نشي جي حالت ۾ انسان دنيا کان لاتعلق ٿي هنن سڀني وجودن ۽ راحتن کان به لاتعلق ٿي وڃي ٿو.
    اڄ دنيا ڪيتري نه ترقي ڪئي آهي. ايٽم ۽ ڪمپيوٽر جو زمانو آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا سڄي دنيا کي پاڻ ۾ گڏي ڇڏيو آهي. اڄ دنيا جي هر ڪنڊ جي خبر سيڪنڊن ۽ منٽن ۾ پکڙجي ٿي وڃي. منشيات خلاف ٻاهرين ملڪن ۾ وڏا جامع قدم کنيا ويا آهن. اسان جي ملڪ ۾ به معمولي قسم جي چرپر ٿي آهي. پريس ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا يعني ريڊيو ۽ ٽي وي جي وسيلي پروگرام ۽ ڊراما ڏيکاري هن بري عادت جو المناڪ انجام ڏيکاريو وڃي ٿو. حقيقت ۾ اسان جي ملڪ ۾ جيڪي به قدم کنيا ويا آهن سي اڻ پورا آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پريس هڪ وڏي طاقت آهي. ان طاقت وسيلي صرف سطحي ڊراما ڏيکارڻ سان هن مسئلي جو حل حاصل نه ٿيندو. در اصل اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ان عادت خلاف نفسياتي جنگ وڙهڻي پوندي. ان ۾ اهو شخص جيڪو منشيات جو عادي آهي ۽ پنهنجي زندگي برباد ڪري رهيو آهي، ان کي آس پاس جي حالتن ۾ مايوسيون ڏيکارڻيون ناهن. ان کي پيار محبت جا رستا، زندگيءَ جا روشن ڪرڻا ڏيکارڻا پوندا ته جيئن هو پاڻ پنهنجي وجود ۾ تبديلي آڻي. پنهنجي اندر جي مئل طاقت کي نئين سر جياري. پاڻ کي پاڻ سڌارڻ جي ڪوشش ڪري. ان حالت ۾ آس پاس جون سازگار حالتون مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. انسان بهرحال خطا جو گهر آهي، ڪو به انسان پيدائشي چور، ڊاڪو ۽ نشئي ڪو نه ٿو ٿئي. حالتون ۽ غلط قسم جو ماحول ان کي خراب ڪري ٿو.
    هر انسان جي وجود ۾ اگر شيطان آهي ته ان کان وڌيڪ اثرائتو فرشتو به موجود آهي. هر انسان جي وجود ۾ چڱايون گھڻيون ۽ برايون ٿوريون ٿينديون آهن. حالتن جي تحت برايون سٺاين تي حاوي ٿي وينديون آهن. ان ڪري اندر ۾ ويٺل سٺي انسان کي جيئارڻ ۾ ٿوري دير لڳندي آهن. سڀ کان پهرين گهر جا فرد پيار محبت ۽ سختيءَ سان ان کي سمجھائين. ان جي زندگي ۽ صحت جي جيڪا بربادي آهي ان جي ڄاڻ ڏين. ان شخص کي اهو احساس ڏيارين ته تون اسان جو وجود آهين. تنهنجي بربادي اسان جي بربادي آهي. ان شخص کي جيڪڏهن ڪي ذهني، جسماني يا معاشي مسئلا آهن ته انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. ان جي دوستن ۽ اچ وڃ تي به نظر رکجي. ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينرون توڙي گهر واري يا گهر وارو اهڙي فرد کي درگذر نه ڪري. اهڙو ماحول پيدا ڪجي جو اهو شخص پنهنجي خاندان جي ڄار مان نڪرڻ چاهي ته ته به نڪري نه سگهي. وجود جي اهميت سان ذهن کلي ٿو. پيار محبت سان عادتون مٽجن ٿيون. ٿوري توجهه به مئل ماڻهوءَ کي جياري سگهي ٿي. هاڻ اسان توهان سڀني کي نرالا ۽ نوان قدم کڻڻا پوندا. هن منشيات جي خلاف ان حقيقت کان انڪار ناهي تي اسان جو معاشرو منشيات جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي. پر هاڻ هن حقيقت کي ڏسڻو آهي ته اسان پنهنجي موجوده نسل ۽ آئينده نسل کي هن لعنت مان ڪيئن ٿا بچائي سگهون.

    آچر 19 آڪٽوبر 1994ع


    سنڌ جي مالڪيءَ جا دعويدار ...؟

    آخر اهو وقت اچي ويو جنهن جو اندزو ڪيترن سالن کان ٿي چڪو هو. اندر ئي اندر سڀ ڪم ٿيندا رهيا. کلم کلا ڳالهيون ٿينديون رهيون هاڻ باقي رهيل نور به نروار ٿي پيو آهي. سو سائين ٻڌون پيا اوهان ۽ اسان ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي. هڪ حصو سون جي ٿالهه ۾ رکي پناهگيرن جي حوالي ڪيو وڃي ڇو جو هو وارث آهن هن سنڌ جا......!!!
    هن ملڪ کي ٺاهڻ وارا به ته پنهاگيرئي آهن.....انهن ويچارن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪري پيا آهن. ويچارا مظلوم حق پرست ناحق ماريا پيا وڃن. انهن ويچارن کي نه ته نوڪريون آهن نه وري ڪي گهر آهن. هي ويچارا مظلوم بندوق ته پري جي ڳالهه آهي انهن ته ڪڏهن ڏنڊو به هٿ ۾ ڪونه کنيو آهي. حالتن ۽ ظلمن کان مجبور ٿي انهن الڳ صوبي جو اعلان ڪيو آهي.... ٿورو سوچيو ته سهي ايتريون ڪيتريون ڳالهيون بيان بازيون ٿين پيون. هيءَ جيڪا سنڌ جي ڌرتي آهي ڪارونجهر کان ڪياماڙيءَ تائين ان تي ٻاهرين جا حملا ٿيندا رهيا آهن. هيءَ سنڌ امن پسند ۽ محبت ڪرڻ وارن جو مسڪن ۽ خوشحال علائقو رهيو آهن...... ڪيترائي ظالم ۽ قهار گروهه هت آيا. ڪيترائي پرديسي واپار جي بهاني ۽ ڪيترائي عالم مذهب جي پرچار ڪرڻ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيا ۽ اهي سڀ هتان جا رهواسي ٿي ويا. هت جذب ٿي ويا. سنڌ پنهنجي مخصوص شناخت سان مختلف دورن ۾ گذرندي، اڄ پاڪستان جي چار صوبن مان هڪ صوبو آهي. هتان جي ٻولي ادبي لحاظ کان مالامال ۽ پنهنجي تهذيب ۽ تمندن رکندڙ هي صوبو آهي.
    اڄ ڪلهه سنڌ جون حالتون آتش فشان کان گهٽ نه آهن. هٿ سان ان آتش فشان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. انتها ته اها آهي ته سڀ حقيقتون کلڻ کان پوءِ به اک ٻوٽ جو تماشو جاري آهي. حڪومت ڪمزور آهي بليڪ ميلر طاقتور آهن شهرن جو امن امان بگاڙي رت جي راند کيڏڻ کان پوءِ به ظالم پاڻ کي مظلوم چورائي پيو. اخبارون انهن جي هٿ ۾ آهن هر قسم جا بيان ڇپجن پيا. غداري ۽ ڌمڪين جا بيان جاري ٿيڻ اهڙن ماڻهن لاءِ اسان جي ملڪ ۾ ڪوبه قانون ڪونهي، سڀ حڪومتون ۽ حساس ادارا انهن خلاف ڪابه سخت ڪاروائي ڪين ٿا ڪن. هڪ قسم جي نفسياتي جنگ جاري آهي جنهن ۾ ڪيترائي ڄڻا اهو چوڻ ۾ پورا آهن ته“سنڌ جو مسئلو سياسي ڳالهين سان ئي حل ٿي سگهي ٿو” معنيٰ اها ٿي ته ظالمن قاتلن ۽ دهشت گردن جي آڏو گوڏا کوڙي انهن کي سائين سائين ڪري ڪرسيءَ تي ويهاري عزت ۽ مان ڏيئي هٿ جوڙي انهن کي عرض ڪجي ته مهرباني ڪري توهان هڪ ٻئي کي مارڻ بند ڪريو. شهر ۾ فائرنگ ۽ لوٽ مارنه ڪيو توهان اسان جا مائي باپ آهيو. سنڌ جون اهم وزارتون، اسپيڪر جي ڪرسي گورنر جي جاءِ ۽ شهرن جي سڄي انتظاميه توهان جي حوالي آهي ڇو ته توهان آسمان مان لهي آيا آهيو توهان ٻن شهرن ۾ اليڪشنون کٽيون آهن ان ڪري توهان سڄي سنڌ جا وارث آهيو. انسان ته صرف توهان ئي آهيو. باقي سڄي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي جانور آهن. توهان جي ڏنڊي هيٺان رهڻ انهن جي مجبوري آهي، وغيره وغيره.........يقين ڪريو ته حالتون اهڙيون آهن جو ائين ئي ٿيندو ڇو ته اسان سنڌي ڪمزور آهيون، پاڻ ۾ ٻڌي ناهي هڪ هنڌ ويهي ڪي فيصلا نه ٿا ڪري سگهون. اسان جو عوام عدم تحفظ جو شڪار آهي. سياسي ليڊر ٽڪي پيسي تي پنهنجو ضمير وڪڻي ويٺا آهن ۽ اسان جو اديب مصلحت پسند ٿي پيو آهي، هيڏي جو بيان بازي ٿي آهي هيڏا سيمينار پيا ٿين لنڊن ۽ آمريڪا ۾ الڳ صوبي لاءِ جلسا پيا ٿين پر هت سنڌ ۾ سڀ ڪو ستو پيو آهي.. ٿيڻ ته ائين کپي ها ته هن اعلان خلاف هڪ مضبوط گڏيل قوم کڻي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪرائجن ها حڪومت توڙي دهشت گردن کي سخت سبق ڏيارجي ها پر ٿيو ڇا آهي؟ ڪجهه به ڪين ٿيو آهي سواءِ ان جي ته اخبارن ۾ آهي ته صرف سنڌي اخبارن ۾ بيان ڇپيا آهن. اڄ اخبار ۾ پڙهيو اٿم ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي نمائندگي اڻ پوري آهي ۽ سواءِ جذباتي ڳالهين جي ات به ڪجهه ڪونه ٿيو آهي. اسان جي اسيمبليءَ ۾ اڃا ڪابه تحريڪ پيش ڪونه ڪئي ويئي آهي. ويتر الڳ صوبي جي اعلان ڪرڻ کانپوءِ حڪومت ۽ دهشت گرد اڃا وڌيڪ ويجهو اچي ويا آهن ۽ ڪامياب مذاڪرات پيا ٿين......
    سائين منهنجا اسان جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي ته ٻڌون پيا ته سنڌي سڀ غدار آهن، ڪافر آهي ۽ “را جا ايجنٽ آهن” اهڙن الزامن کي وڌائڻ ۾ اردو پريس جو گهڻو هٿ آهي. جڏهن کان پاڪستان ٺهيو آهي بغير ثبوت جي اهڙا الزام لڳن پيا. مگر هاڻ جيڪي ڳالهيون ظاهر ٿيون آهن ان ۾ سڀ ڪجهه ابتو ٿي پيو آهي. هاڻ ته جناح پوري ۽ اردو ديش جا منصوبا ظاهر ٿيا آهن. اڄ ڪلهه ته ثبوت ملي ويا آهن ته ڪير را جا ايجنٽ آهن، هي سڀ ثبوت اسان جي ملڪ پاڪستان جي فوج حاصل ڪيا آهن. اهي سڀ ثبوت اسان جي سنڌي پريس ڪيترا سال اڳ ظاهر ڪيا هئا دهشت گردن جا منصوبا، تقشا ۽ پلان اخبارن ڇاپيا هئا. هي سڀ منصوبا ڪي لڪيل ڪونه هئا مگر سياسي مصلحتن ۽ دٻاءُ جي تحت اهڙين ڳالهين کي درگذر ڪيو ويو. انهن سببن جي ڪري هي دهشت گرد حاوي ٿيندا ويا. انهن ڪوبه ڪم لڪي ڪونه ڪيو. انسانن کي مارڻ، انسانن کي زندهه ساڙڻ، نوجوان ۽ ٻارڙين جون عزتون پائمال ڪرڻ هي سڀ ته معمول جون ڳالهيون آهن. حد ته اها آهي ته پيغمبريءَ جي دعويٰ ڪئي ويئي. ڪعبه شريف ۾ اچي وحي اچڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي. مسجدن جي پٿرن ۽ پتن مٿان جعلي تصويرون ڇاپي غلط قسم جي پروپيگنڊا ڪئي ويئي. اسان جي ملڪ جا مذهبي اڳواڻ جيڪي ٿوري گهڻي ڳالهه تي وٺي شور مچائيندا آهن سي سڀ به چپ هئا.
    سنڌ حڪومت کان وٺي مرڪز تائين سڀ انهن جي مٺي ۾ هئا رات ڏينهن حاضريون ڏنيون وينديون هيون. حڪومت جا اهم فيصلا نوڪريون ڏيڻ سڀ انهن جي هٿ ۾ هو ان وقت به ڇا حالت هئي. هاڻ جون حالتون ڪهڙيون آهن؟ فرق ته ڪجهه به نه آيو آهي اهو ئي قتل غارت اهو ئي عدم تحفظ سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته هي سڀ ڪير پيو ڪرائي. سنڌ جي تاريخ جي ورقن ۾ به اهو سچ لکجي ويو آهي. ته سنڌ جي شهرن مان ڳوٺن ڏي لاش ويندا رهيا. ويچارا وارث شهر ۾ اڪيلا رهندڙ نوڪري ڪندڙن نوجوانن کي ڳولهيندا رهيا. حيدرآباد ۾ ته قيامت هئي. سنڌين کي پنهنجا صديون پراڻا علائقا خالي ڪرڻا پيا. سنڌين وڃي نيون وستيون وسايون. پر اها حقيقت اها سچائي ڪنهن کي به نظر ڪانه آئي ۽ حيدرآباد شهر واضح ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو حالتون بد کان بدتر ٿينديون ويون ۽ اسان جا حڪمران ننڊ ۾ ستل هئا اوچتو خبر ناهي ڪيئن ڇرڪ ڀري سڀ سجاڳ ٿيا. حڪومت ۽ فوج ٻئي تحريڪ ۾ اچي ويا. اهڙا اهڙا راز کليا جو سڀني کي يقين هو ته هاڻ هي ظالم بچي نه سگهندا. سڀ کان اهم ڳالهه ٽارچر سيلن جي هئي جت فوجين پاڻ وڃي ڇاپا هنيا هئا....پر جهڙي طرح هي معجزو رونما ٿيو اهڙي ئي تيزيءَ سان ان ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا. آخر ٿيو به ائين حقيقتون لڪايون ويون، ماحول وري سازگار ٿيندو ويو. انهن ئي ظالمن سان ڀاڪر پائي حڪومت وارا ملڻ لڳا. عيب ثواب لڪائڻ لاءِ هڪ ڊائلاگ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ آيو ته هنن ۾ سڀ دهشتگرد ڪين آهن ٿوراڪي گهڻا ماڻهو هر هڪ تنظيم ۾ هوندا آهن، ڪاش ڪير انهن کان اهو ته پڇي ته اي حڪمرانو اسان جا رکوالو ائين ڪرڻ سان ڇا سنڌ جون حالتون سڌري سگهيون آهن......؟ڇا توهان دهشت گردن کي گرفتار ڪري سگهيا آهيو.....؟ قتل خونريزيءَ ۾ ڪا ڪمي آئي آهي......؟ اگر نه ته پوءِ اها مصلحت پسندي ڇا لاءِ.....؟ ڇا هن ملڪ جو قانون ۽ حڪمران ايترا ڪمزور آهن جو ظالمن کي انهن جي ڪئي جي سزا به نه ٿا ڏئي سگهن؟ هن مصلحت ۽ غلط فيصلن ئي ته حالتون وڌيڪ بگاڙيون آهن. هميشه غلط فيصلا ڪيا ويا آهن.
    غلط فيصلن جي ابتدا پاڪستان ٺهڻ سان ئي شروع ٿي ويئي پهرين غلط فيصلو ته هندستان مان آيلن جي وڏي تعداد کي صرف سنڌ ۾ رهايو ويو حالانڪ انهن کي چئني صوبن ۾ موڪليو وڃي ها. ٻي اهم ڳالهه ته اردوءَ کي قومي ٻولي بنايو ويو. رابطي جي زبان ته اردو ضرور ٿي سگهي ٿي پر جهڙي طرح صوبن مٿان ان کي زوريءَ مڙهيو ويو ان سان حالتون خراب ٿيون. خاص ڪري سنڌ ۾ ان جو اثر چڱو نه پيو. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌي ادبي ۽ تعليمي لحاظ سان هڪ مالا مال ٻولي آهي ۽ هيءَ ٻولي سالن تائين سنڌ جي سرڪاري زبان رهي چڪي آهي، سنڌ جي ماڻهن جڏهن پنهنجي ٻوليءَ کي بچائڻ چاهيو ته ان کي به غداريءَ سان ملايو ويو. محسوس ايئن ٿيندو آهي ته اردو الله جي زبان آهي. ان جي خلاف ڪجهه چوڻ ڪفر آهي. اردوءَ جي اچڻ کان پوءِ ٻين زبانن کي ختم ٿي وڃڻ گهرجي. لڳي ائين ٿو ته پاڪستان اسلام لاءِ نه پر اردو زبان ۽ پنهاگيرن لاءِ ئي ٺهيو هو. دنيا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو غلط روايت وڌي ويئي جو ٻاهران ايندڙ جي ٻوليءَ کي ايڏي اهميت ملي. حالانڪ ائين نه ٿيندو آهي ٻاهران ايندڙن کي ان ڌرتي تي جزب ٿي وڃڻو پوندو آهي. هندستان مان ايندڙن اهو چاهيو ته هتان جا رهواسي پنهنجي اصليت ۽ زبان وساري انهن جي رنگ ۾ رنگجي وڃن.
    هي پاڪستان به ڪو اک ڇنڀڻ سان ڪين ٺهيو آهي. سالن جي جدوجهد ۽ قائدي قانون مطابق هي ملڪ ٺهيو آهي. سنڌ اسيمبلي سڀ کان پهرين قراراد پاڪستان منظور ڪرائي قائدا عظم سنڌ جو رهواسي هو. تصور پاڪستان ڏيڻ وارو علام اقبال پنجاب جي علائقي سيالڪوٽ جو رهاڪو هو. مسلم ليگ جو بنياد نواب سليم الله خان جيڪو بنگالي هو بنگال ۾ وڌو ان وقت جڏهن هنن سڀني علائقن ۾ هڪ مسلمان رياست جي قيام جون ڪوششون ٿي رهيون هيون هندستان جا مسلمان ڪانگريس ۾ رهي کنڊ ڀارت جا نعرا هڻي رهيا هئا. هندستان جي هندن ۽ مسلمانن جي تحريڪ گڏيل هئي. اهي صرف انگريزن جي خلاف هئا ڪافي عرصي کان پوءِ هندستان جا مسلمان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستانن جي اسيمبلين ۽ جرگن قرارداون پاس ڪري هن پاڪستان ۾ شامل ٿيا. هي ملڪ پاڪستان ۾ شامل نه ٿين ها ته پاڪستان به وجود ۾ اچي نه سگهي ها. هي سڀ لکڻ جو مطلب صرف اهو آهي ته ڪنهن اقليتي گروهه هي پاڪستان ڪونه ٺاهيو آهي هي پاڪستان هنن صوبن جي صورت ۾ ائين ئي موجود هو صرف هڪ اعلان ڪرڻ سان هو گڏجي هڪ ٿي پيا.
    هاڻ سائين هندستان مان آيل اقليتي گروه ائين ٿو سمجهي ته هت ويراني هئي. ڪجهه به ڪونه هو جڏهن انهن هندستان ۾ وڃي پاڪستان زندهه باهه جا نعرا لڳايا ته هت انهن نعرن جي گونج ۾ زمين ڦاٽي پئي ۽ موجوده پاڪستان زمين اندران گڙ گڙ ڪندو ٻاهر نڪري آيو. قائد اعظم جا تاريخي الفاظ آهي جنهن ۾ ان هو چيو آهي ته “اسان پاڪستان هڪ ڦڙو رت وهائڻ کان بغير حاصل ڪيو آهي.” مگر هت چيو ٿو وڃي ته انهن قرابانيون ڏنيون آهن. پاڪستان جي اعلان ٿيڻ کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو هو ان کي پاڪستان سان ڇو ٿا ملائين..... هندو مسلم فساد هڪ جذباتي رد عمل هو. ان جو تحريڪ پاڪستان سان ڪو به تعلق ڪونهي. آخر هن ڌرتيءَ اهڙن لوڌيل ماڻهن کي سوين سک به ته ڏنا آهن. شهر، عاليشان گهر، سٺا تعليمي ادارا سڀ خوشحاليون انهن کي مليون هيءَ ڪيڏي نه تلخ حقيقت آهي ته جيڪي ان جو ڪڻو ڪونه پوکين جيڪي ڀاڄيون ڪونه پوکين، انهن جي پيٽ ڀريل آهي ۽ ويچارا محنت ڪش سنڌي اڄ به انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا آهن. اهي سڀ ڪوتاهيون اسان جون پنهنجون آهن اسان ۾ ٻڌي ڪانهي صحيح عمل ڪونهي صرف لفاظي آهي جذباديت آهي. اسان وٽ هر حڪومت ڪمزور رهي آهي ۽ قانوني ادارا بي بس آهن. اهڙين حالتن ۾ ڇا ملندو سواءِ بربادي ۽ تباهيءَ جي.
    اڄ به وقت ناهي ويو. هاڻ به گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ ضرورت آهي اسان جي سنڌين جي ٻڌيءَ جي ۽ حڪومت جي سختيءَ جي جيڪڏهن هاڻ همت ڪري قانوني طور هن دهشت گرديءَ کي نه روڪيو ويو ته هي جيڪي “آڌا تمهارا ۽ آڌا همارا” جا نعرا لڳائين پيا. انهن تي غداريءَ جا ڪيس ٺاهي قانوني چاره جوئي نه ڪبي ته پوءِ حالتون ڪڏهن به نه سڌرنديون صرف هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هي ملڪ پاڪستان جيڪو چئن صوبن تي ٻڌل آهي ات انتشار ڦهلائيندڙن. دهشت گردن ظالمن جي خلاف قانوني جنگ وڙهجي ۽ انهن کي انت تي پهچائجي. هاڻ اک ٻوٽ، درگذر ۽ سياسي مصلحتن جو وقت نه رهيو آهي. صرف سختي ڪجي. صرف سختي ڪجي.

    آچر 30 آڪٽوبر 1994ع


    جذبن جا رشتا، احساسن جي جنگ

    مان هن کي غور سان ڏسندي رهيس. هوءَ پنهنجي هنج ۾ معذور پوٽيءَ کي سمهاري بوتل سان کير پياري رهي هئي. هن جي نگاهن ۾ پيار ۽ محبت جي انتها هئي. کيس غور سان ڏسندي ڏسندي منهنجي اکين ۾ به آلاڻ اچي ويئي هاڻ مان خوشيءَ سان ان مٿان نگاهون هٽائي محفل ۾ ويٺلن ۽ سهرا ڳائيندڙن کي ڏسندي رهيس.
    اهو موقعو منهنجي ماروٽ جي شاديءَ جو هو ۽ مان ان شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ هئس، مان جڏهن به لاڙڪاڻي پنهنجي ناناڻي ويندي آهيان ته سڀني جي محبت جو مرڪز هوندي آهيان. ڏاڍو پيار ملندو اٿم، خاص ڪري سانگين جي ڳوٺ مان آيل سانگياڻيون پنهنجن ڌيئن پٽن کي چونديون آهن اها اٿو ادي حميده جي ڌيءُ جنهن جون اخبارن ۾ تصويرون اينديون آهن ۽ ٽي وي ۾ به ايندي آهي. انهن وٽ منهنجيون اخبار ۾ ڇپيل سڀ تصويرون موجود آهن. هو ڏاڍي فخر سان ٻڌائينديون آهن ته هاڻ انهن جون ڌيون پٽ سڀ پڙهن پيا. تعليم جي اهميت هاڻ انهن وٽ گهڻي آهي. هو سڀ مون کان مشورا گهرنديون آهن ته اهي پنهنجي اولاد کي ڇا پڙهائين ڪهڙيون نوڪريون ڪرائين. انهن لاءِ مان ڏاڍي عقلمند هوندي آهيان ڇو ته منهنجا فوٽو اخبارن ۾ ڇپجندا آهن ۽ ٽي وي ۾ به ايندي آهيان. ڪيتري نه معصوميت آهي اڃا تائين هنن ماڻهن ۾. تعليم جو شعور ڏسي منهنجي دل کي به اطمينان ايندو آهي. انهن جون ڳالهيون ۽ منصوبا ٻڌي منهنجي دل مضبوط ٿيندي آهي. پر هن ڀيري سڀ ڪجهه هوندي به منهنجي دل کي اطمينان نه هو. منهنجون نگاهون منهنجون سوچون صرف هڪ ڪردار تائين محدود هيون.
    اهو ڪردار منهنجي لاءِ ڪو نئون ڪين هو سدائين ان سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي. هوءَ منهنجي پري جي مائٽياڻيءَ جي سس آهي. غير خاندان مان آهي. ان ڪري مان ان جي روداد کان واقف ڪو نه هيس. ها پر ظلم ڪيو مون سان منهنجي ماروٽ. رات جو سمهڻ وقت سڄي ڪهاڻي پيرائتي ٻڌائي مون کي جهوري ڇڏيائين ۽ مان صبح کان وٺي ان کي ڏسڻ ۽ ڏڪڻ ۾ پوري هيس. هي اهي ڪردار آهن، هن دنيا جا جن کي هن دنيا مان ڪجهه به نه ملندو آهي پر وري به هو هن دنيا ۾ خوش رهي پنهنجي پيار توجهه نڇاور ڪندا رهندا آهن. هاڻ هن ڪردار جو مرڪز ان جي پوٽي آهي، جيڪا پيدائشي معذور آهي. منهنجي ذهن ۾ رات وري پوري ڪٿا فلم وانگر پئي هلي ۽ مان شاديءَ جي مزن کان ڏور هئس. عجيب وارداتون گذريون آهن هن مٿان. سندس ابي امان کي اولاد ڪين بچندو هو. صحي سالم ٻار ڄمڻ کان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مري ويندو هو. ڪي عجيب رسمون موجود آهن اسان جي معاشري ۾، وهم به ڪڏهن ڪڏهن رستا ٺاهي ڇڏيندا آهن، سو ڇا ٿيو جڏهن هي ڄائي ته ڄمڻ سان ئي پڻس کڻي وڃي پنهنجي ڀاءُ جي هنج ۾ وڌي ۽ ان کي چيائين اڄ کان وٺي هيءَ تنهنجي نهن آهي. هاڻ هن جو خرچ بار تو تي آهي. تنهنو ڏنل ئي کائيندي پيئندي . . . . . ائين ڪرڻ سان هن کي زندگي ملي ويئي. رهندي ته پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ هئي پر ان جون ضرورتون ان جو چاچو پوريون ڪندو هو. ٻه ٽي سال جڏهن گذريا ۽ وهم وسوسا گهٽيا ته ماءُ پيءُ ان جي مٿان پنهنجي سڄي چاهت ۽ پيار قربان ڪيو. ضرورت کان وڌيڪ ان جو خيال رکندا هئا. اهڙي ڪهڙي خواهش آهي جيڪا ان جي پوري نه ٿي هجي ابي امان ته ان جي تريءَ مٿان بهشت به ٺاهي ڇڏيو هو. آسمان مان تارا لاهي ان جي جهول ڀري هئي.
    وقت پنهنجي رفتار سان گذريو. هوءَ هاڻ جوان خوبصورت هئي. ماءُ پيءُ جي لاڏلي هئي پنهنجي سوٽ جي مڱ هئي. حالتون هميشه هڪ جهڙيون نه ٿيون رهن ان جو سوٽ وڏو ٿي سڌريو ڪو نه. نه ڪا چڱي تعليم حاصل ڪيائين نه هو ڪنهن روزگار ۾، ان جي باوجود به چاچو چاچي هن تي پنهنجو حق رکندا هئا ۽ شاديءَ لاءِ زور ڀريندا هئا. هن جي ماءُ پيءُ کي ڏاڍو فڪر هوندو هو مستقبل جو. ڪجهه پنهنجي سوچ سان ڪجهه ماڻهن جي سمجهائڻ سان ته اگر ڇوڪرو سڌريل ڪونهي ته مائٽي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. انهن به کڻي ناڪار ڪئي. انهن جي ناڪار سان خاندان ۾ ٻائيتال مچي ويو. چاچي ۽ سوٽ عزت ۽ غيرت جو معاملو ڪري ورتو، چيائون اسان جي ڇوڪري جي مڱ ٻئي هنڌ ڪٿي پرڻجي ڪين سگهندي. هن جي ننڍپڻ کان سوٽ جو نالو پاڻ گڏ ٻڌو هو. ان جي دل ۾ ان لاءِ چاهت به هئي پر ان جي خراب عادتن جي ڪري هوءَ به مجبور هئي. آخر ڪن چڱن جي چوڻ سان ٻنهي خاندانن کي سمجهايو ويو. ڇوڪري کي حيدرآباد شهر ۾ چئو چوان ڪري نوڪري ڏياري الڳ گهر وٺي رهايو ويو. آخر اهڙي طرح سان هوءَ وڃي پنهنجي سوٽ جي ڪنوار ٿي ۽ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد وسائي ويٺي. چوندا آهن ته پڪي گهڙي ڪنا ڪٿان ٿا پون. سوٽس جون عادتون ته ڪو نه سڌريون، الٽو اهو ضد ۾ اچي ويو ۽ سڀ حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو هن ويچاريءَ گهڻو ئي پنهنجو گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر وريو ڪجهه به ڪين. سال اندر سندس سوٽ اتي حيدرآباد ۾ ئي ٻئي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري هن کي ڳوٺ موڪلي ڇڏيو.
    هي ڏک هن لاءِ هن جي والدين لاءِ تمام وڏو هو. هاڻ ته هن کي هڪ پٽ به ڄائو جيڪو هن جا ماءُ پيءُ پاليندا هئا. انهن ويچارن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هن جي ٻي شادي ٿي وڃي پر هن نه مڃيو. هنن جو پنهنجي ڳوٺ ۾ ويڙهو هوندو هو جت هو پنهنجن سوٽن ماساتن جي ٻارن کي پئي سنڀاليندي هئي ۽ هن جو پٽ وري ٻيا پيا سنڀاليندا هئا. ڪجهه عرصي کان پوءِ ان جا والدين گذاري ويا ۽ هن جي پٽ جو بار سندس مائٽن کنيو، اهڙي طرح وقت گذرندو ويو. هن جو پٽ اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو اچي جوان ٿيو ان جي شادي منهنجي مائٽن ۾ ٿي آهي. منهنجي مائٽياڻي پڙهيل لکيل هڪ سٺي نوڪريءَ ۾ آهي. ٻئي زال مڙس جيئن ته نوڪري ڪندا آهن ان ڪري ماءُ هاڻ پنهنجي پٽ سان رهندي آهي ۽ ان جا ٻار پاليندي آهي. سڄو گهر سنڀاليندي آهي.
    گهر جي ڀاتين کي خبر ئي ناهي ته گهر ڪيئن پيو هلي گهر ۾ ڇا پيو ٿئي. سڄي گهر جو بار کنيو ويٺي آهي. پاڻ نهن ۽ پٽ کي پلنگ تي ماني کارائيندي آهي ته ويچارا نوڪريءَ تان ٿڪجي اچن ٿا، خدا جي ڪرڻي ته سندس نهن کي هڪ ڌيءُ معذور ڄائي جنهن جو مٿو ننڍو ۽ جسم ڪمزور آهي. هاڻ اها ئي ٻار ان جي محبت ۽ توجهه جو مرڪز آهي. سندس توجهه سان اهو ٻار هاڻ چئن سالن جو ٿي چڪو آهي. ان کي هلڻ سيکاريائين ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين ان جي هڪ هڪ ادا تان قربان پئي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اندر مان ڪي اڌما ٻاهر نڪرندا اٿس ته چوندي آهي ته مون کي ڇا مليو هن دنيا ۾ اچي. جيتري ابي امان جي لاڏلي هيس اوترا گهڻا سور ڏٺم هي تنهائي ۽ اڪيلائپ جنهن ۾ دل چاهيندي آهي ته ڪو پنهنجو هجي جنهن سان دل جو حال اورجي جيڪو همدرد ۽ هڏڏوکي هجي پر ڪير آ ڪير به ته ڪونهي.
    ڪيتري نه سچي ۽ تلخ حقيقت آهي ته انسان دنيا ۾ ڪيترو به اڪيلو آهي. هر عمر ۾ انسان کي هڪ سهاري جي ضرورت هوندي آهي. اهڙو سهارو جنهن کي اندر ۾ ويهارجي جنهن کي اندر اڪيري ڏيکارجي. اولاد جي به پنهنجي زندگي هوندي آهي پنهنجون خواهشون هوندو آهن. اولاد جي طرفان کڻي ڪيترائي سک ڇو نه ملن پر هڪ ساٿي هڪ همدرد جي ضرورت هر عمر ۾ هوندي آهي، مرڻ گهڙيءَ تائين هوندي آهي. ڪيترائي خوشنصيب آهن اهي وجود جيڪي محبتن چاهتن جي ساٿ ۾ زندگي گذاري انهن ئي پيار ڪندڙن جي هٿن ۾ دم ڏيندا آهن. اهي ٻئي ڪانڌي هوندا آهن. اهي ئي مٽيءَ جا ٻڪ ڀري مٿان وجهندا آهن. پر سوال اهو آهي ته اهڙا خوش نصيب ڪيترا آهن؟ شايد آڱرين تي ڳڻڻ جي برابر مس هجن.
    آچر 6 نومبر 1994ع


    هدايت بلوچ ۽ جدائيءَ جو داغ

    ان ڏينهن هدايت بلوچ فون ڪري چيو، ادي ڪا خبر اٿو . . .؟ پڇيومانس ڪهڙي؟ چيائين وڃانءِ پيو توهان سڀني کي جدائيءَ جو داغ ڏيئي. مون کان کل نڪري ويئي چيومانس ڪاڏي ٿا وڃو. جدائيءَ جو داغ ڏيئي؟ پوءِ تفصيل سان ٻڌايائين ته سندس ٽرانسفر ٽن سالن لاءِ سنگاپور ٿي ويئي آهي. چيومانس ڀلا کڻي نه وڃو ڌيمي آواز ۾ چيائين وڃڻو ته آهي ٽن سالن لاءِ پيو وڃان. مان ٿورو آٿت ڏيندي چيومانس ڪا ڳالهه ڪانهي اک ڇنڀ ۾ ٽي سال گذري ويندا. ماشاءالله ولايت پيا وڃو خوب گهمجو ڦرجو، بس هت ادبي دنيا ۾ اوهان جي ڪمي محسوس ٿيندي. هڪدم چيائين ڇو ادي مان ته اڪيلو ڪو نه ٿيندس. هيءَ زمين هتي جا دوست عزيز هتان جو ماحول ڇڏيو پيو وڃا. ات وڃي پاڻ لاءِ ٿورو ڪي گهڻو ماحول ٺاهي وٺندس پر هتان واري ڪمي ڪڏهن به پوري ڪا نه ٿيندي.
    سچ چيو پئي هدايت بلوچ ڪٿ به هليو وڃجي پنهنجن ماڻهن جي ڪمي ۽ ڌرتيءَ جي خوشبو ٻئي هنڌ ملي ئي نه ٿي سگهي خاص ڪري ادبي جُڳ جو ماڻهو جنهن جي ڪمٽمينٽ ماڻهن سان ڌرتيءَ سان هوندي آهي ۽ اهو ڪن مجبورين تحت ڌرتي ڇڏي وڃي ته ان لاءِ ذهني پيڙا جو سبب ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ سنڌ ۾ ادبي جُڳ جي ماڻهوءَ کي هڪ ٻي دنيا جي مخلوق سمجهيو ويندو آهي. ايتريون ته توقعات ان مان رکيون وينديو آهن جو زندگي جا پهريان ڪيترا خوبصورت سال ادبي دنيا جي حوالي ڪري پاڻ کي سرخرو پيو ڪندو آهي. وقت جي ويڙاهند ۾ ساٿ پيو ڏيندو آهي اوچتو زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو اسٽيج ايندو آهي جو ان جي تيز قدمن ۾ ماٺائي اچي ويندي آهي ۽ هو پويان مڙي ڏسندو آهي ته هو ڪيترو نه اڳيان نڪري آيو آهي ۽ سندس ذميندارن جو وقت ڪيترو نه پٺتي رهجي ويو آهي. ننڍا ٻار وڏا ٿي ويا آهن. نياڻيون ۽ پٽ ڪاليجن ۾ پهچي ويا آهن. هر ڪا نگاهه ان کي خاموش احتجاج ڪندي نظر ايندي آهي. ان ويل اديب کي اهو محسوس ٿيندو آهي ته ڌرتيءَ واسين جو بار هيڏا سال کڻي هو ڪو نه ٿڪو آهي. پر پنهنجي آس پاس رهندڙن تي نظر وجهڻ سان هو ٿڪجي پيو آهي. هاڻ هو سوچيندو آهي پنهنجن لاءِ هاڻ اديب صحي معنيٰ ۾ پريڪٽيڪل لائيف ۾ اچي ويندو آهي. ڪجهه ڪمائڻ ڪجهه ڪرڻ جي بارن هيٺ اچي ويندو آهي.
    پنهنجي آس پاس ٿورو نظر وجهبي ته خبر پوندي ته اسان جا ڪيترائي وڏا اديب پنهنجي عروج جي زماني ۾ ادبي دنيا کان ڪناره ڪش ٿي ويا ۽ معاشي مسئلن ۾ ڦاسي ويا. ڪن وڃي وڏيون نوڪريون حاصل ڪيون ڪن پنهنجا ڪاروبار وڌايا، ڪن وڃي وڪالت ڪئي، اسان وٽ هاءِ گهوڙا مچي ويئي، فلاڻو وڪامجي ويو، فلاڻو حڪومت جو ايجنٽ آهي، فلاڻو غدار آهي وغيره وغيره. اهڙيون جذباتي قسم جون ڳالهيون اسان جا نوجوان پنهنجن لکتن ۾ ۽ تقريرن ۾ ظاهر ڪندا رهندا آهن مان هميشه اهڙن روين کي ننديو آهي. هي هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ هڪ عمر ۾ اچي انسان ورهائجي ٿو وڃي. هو ادب کان ڪناره ڪش ته ٿو ٿئي پر هاڻ ٻين ساٿين ۽ ضرورتن کي وقت ڏئي ٿو. جيڪي اديب ٿورين چڱين نوڪرين ۾ آهن ته هو اڃا وڌيڪ ترقي ڪن ٿا. ان ترقيءَ کي اسان وٽ تمام خراب نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. خبر نه آهي ڇو اسان وٽ اديب ڪنهن چڱي نوڪريءَ ۾ برداشت نه ٿيندو آهي. اديب بيمار آهي، بدحال آهي، بکيو آهي ته عظيم آهي، جيڪڏهن خوشحال آهي چڱي نوڪريءَ ۾ آهي ته معنيٰ وڪامجي ويو.
    اسان کي هن حقيقت کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته اديب لکڻ پڙهڻ کان سواءِ رهي ڪو نه سگهندو آهي. ادبي ماحول کان سواءِ رهي ڪو نه سگهندو آهي. ادبي ماحول کان سواءِ جي ڪو نه سگهندو. پر وقت پوڻ سان اها جذباديت ۽ تحرڪ ٿورو گهٽجي ٿو وڃي. اهو هڪ فطري عمل آهي جنهن ۾ هڪڙا ويندا آهن ته ٻيا ان جي جاءِ سنڀاليندا آهن هن معاشري جو هر مورچو پنهنجي جاءِ تي اهم آهي پويان ايندڙن لاءِ واٽ ڇڏڻي پوندي آهي. اسان وٽ اهڙي عمل کي ننديو ويندو آهي. تنقيدي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. اديب کي ٻئي جهان جي مخلوق سمجهيو ويندو آهي. حالانڪه اديب ايترو جهريل هوندو آهي جو هوند هڪ ڦوڪ سان اڏامي وڃي دنيا ۾ ڪيڏو ئي جهنم ڇو نه هجي پر هڪ ڏات رکندڙ حساس اديب پنهنجي وجود ۾ سڙي ۽ پڄري ٿو ان جو ڪنهن وٽ احساس آهي؟ اديب آسماني مخلوق نه آهي هڪ عام انسان آهي، هن سماج ۾ ڦاٿل هڪ عام انسان، مان ته الائجي ڪاڏي وڃي پهتس ڳالهه ته ڪئي سون پئي هدايت بلوچ جي جيڪو اسان سڀني کي جدائيءَ جو داغ ڏنو پيو وڃي اسان جي ادب ۾ هدايت بلوچ جي جيڪا جاءِ آهي ان لاءِ ڪجهه چوڻ ۽ لکڻ جي ضرورت نه آهي. گهڻين خوبين سان گڏ هو هڪ سٺو دوست ۽ همدرد پڻ آهي. ضروري نه آهي ته هو ڪن مسئلن جو شڪارهجي اسان وٽان کل خوشيءَ سان موڪلايو پيو وڃي، پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ پنهنجن ٻچن جي بهتر زندگيءَ لاءِ اها اميد اسان کي رکڻ گهرجي ته هدايت بلوچ پنهنجي ڏات جي حوالي سان اسان کي نه وساريندو پرديس به رهي هي ادبي تعلق قائم رکندو ايندو. پنهنجا مشاهدا نئين زماني جون ڳالهيون اسان کي ٻڌائيندو رهندو. هڪ خوش قسمتي به آهي هدايت بلوچ جي ته هو هڪ اهڙي ماحول مان ٻاهر نڪريو پيو وڃي. جت هڪ اديب کي مايوسيءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪين پيو ملي، سنڌ ۾ قتل خونريزي عليحدگيءَ جون ڳالهيون ادبي سنگت جي بدحالي ۽ بربادي ۽ سياست ۾ جيڪا اک ٻوٽ آهي اها سچ پچ هڪ اديب کي ذهني مريض بنائڻ لاءِ ڪافي آهي الائجي ڇا ٿيڻو آهي؟ اهڙي حالتن ۾ پري رهي گهٽ ۾ گهٽ هدايت ان ذهني پيڙا کان ته بچيل هوندو.
    هڪ ڳالهه ٻڌائيندي هلان ته منهنجي هدايت بلوچ جي گهر وارن سان چڱي ڳالهه ٻولهه آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سندس زال کي چيم ڇو ٿا وڃڻ ڏيوس پرديس ۾. چيائون نه ٿو مڃي. مان انهن کي چيو اڪيلو نه موڪليوس توهان سڀ به گڏجي وڃوس. کلندي ان جي زال چيو هاڻ اسان کي هدايت مان ڪو ڊپ ڪونهي اهو اعتماد اٿئون ته ٻاهر شادي ڪو نه ڪندو. اها اعتماد واري ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي. ان جي زال اهو به چيو ته زندگي ته سٺي گذاري آهي. اسان کي ڏاڍا سک ڏنا آهن هدايت، پر هڪ شڪايت آهي ته اسان پنهنجو گهر ٺاهي نه سگهيا آهيون. ڏسو ادا عنايت ڪهڙو نه سٺو بنگلو ٺهرايو آهي. هاڻ اسان کي به هڪ گهر کپي، ان ڪري ئي ته اسان کيس وڃڻ ڏيون پيا جو ايترو ڪمائي اچي جو اسان کي هڪ گهر ٺهرائي ڏئي.
    ها سائين هڪ گهر کپي هدايت جي گهر وارن کي هدايت ڪٿ وڪاميو نه آهي، حڪومتن مان فائدا حاصل ڪين ڪيا اٿس. ڄاڻي واڻي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کان پري وڃي رهيو آهي. پنهنجي گهر وارن لاءِ هڪ گهر ٺاهڻ واسطي اديب ڌرتيءَ تي حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪندي سڄي زندگي گذاري ٿو. وڏي واڪ چوي ته سڄي ڌرتي منهنجي آهي مان وارث آهيان هن ڌرتيءَ جو ان جي باوجود به اديب کي پنهنجي لاءِ پنهنجن ٻچن لاءِ ان ئي ڌرتيءَ تي هڪ گهر گهرجي. مرڻ کان پوءِ ٻه فوٽ زمين هونئين ملندي، جيئري ڪنهن اديب جي گهر وارن کي ڇپر ڇانو ملي وڃي ته ان کان وڌيڪ ڪهڙي سٺي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.
    نوٽ: هي مقالو سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ پاران 9 نومبر تي ٿيل هدايت بلوچ سان رهاڻ ۾ پڙهيو ويو.

    سومر 14 نومبر 1994ع


    اعليٰ تعليم جا درسگاهه

    موت جو راڪاس سڄي شهر ۾ ڇڙواڳ ٿيو پيو هلي ڪنهن جي به کيس جهل پل ڪانهي، روز ٻارڙا، جوان، پوڙها ۽ عورتون گولين جو کاڄ ٿي رهيا آهن. لٽ مار، چوريون ڌاڙا سڀ ڪجهه هميشه کان وڌيڪ پيو ٿئي. فوج پوليس حڪومت ڪنهن جي به هٿان هيءَ دهشتگردي ختم ٿي نه سگهي آهي مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي. اسڪولن ۽ ڪاليجن تي حملا، بمن جا اطلاع، کلي عام هٿيارن جي نمائش، گهرن جي مٿان مورچا، گهرن کي ساڙڻ، انسانن کي زنده جلائڻ، اغوا ۽ ٽارچر سيل، گولين سان پرڻ ٿيل لاش . . . . هن انڌير نگريءَ ۾ ڪير سچ چوي. سڀ پيا هڪ ٻئي جا عيب ڍڪين، سياسي مصلحتن جي اک ٻوٽ لڳي پئي آهي. سڀ چون ٿا ته هندستان پيو ڪرائي. “را” جا ايجنٽ ڪاهي آيا آهن سڀ خون فساد ٻاهريان ماڻهو ڪرائي رهيا آهن. هتان جا رهندڙ ته، سڀ محب وطن مسلمان آهن، وغيره وغيره اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ پڙهي ذهن سوچيندو آهي ته الله سائين ٿورو گهڻو عقل ذهن ته سڀني کي ڏنو آهي ڀلا پوءِ ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته گهر گهر ۾ ايجنٽ پکڙجي ويا آهن؟ جڏهن ته هت دوبدو مقابلا پيا ٿين. گهرن جي مٿان مورچا بندي آهي. مخصوص علائقن تي قبضا آهن ۽ ۽ ۽ . . . . . پر وات تي هت رکڻو ٿو پوي. سوچن کي سرد ڪرڻو ٿو پوي اچو ته گڏجي اسان به اهو راڳ ڳايون ته “اسان سڀ مسلمان ڀائر آهيون. هڪ ٻئي سان کير کنڊ آهيون هڪ ٻئي جي ڏکن سکن جا ساٿي آهيون. اها ڳالهه ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو اسان هڪ ٻئي جا ويري آهيون اهي ته ڪي ٽيان آهن. خبر نه آهي ڪير آهن؟ ڪجهه نه سوچو اکيون بند ڪري ڇڏيو، ڪن ٻوٽي ڇڏيو، هڪ ئي آواز ڪڍو ڪجهه به ته ڪونهي، سڀ ٺيڪ آهي. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو آخر اسان جي حڪمرانن وٽ آهني هٿ جو آهن هن اهڙي ئي ماحول ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ گذريل چوڏهن سالن طويل عرصي کان پوءِ دهشتگرديءَ جو وڏو مظاهروٿيو آهي . . . . . مڇريل نوجوانن يونيورسٽيءَ کي تهس نهس ڪري ڇڏيو آهي. يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي بيان موجب ڪروڙن روپين جو نقصان ٿيو آهي وهاب صاحب اهو به چيو آهي ته يونيورسٽي جا شاگرد يقينن هن دهشتگرديءَ جا ذميندار آهن ان ڪري شاگرد تنظيمن جي ارڙهن نمائنده ڪارڪنن کي يونورسٽيءَ مان ريسٽيڪيٽ ڪيو ويندو. گڏوگڏ وهاب صاحب اهو به چيو آهي ته هن دهشت گرديءَ ۾ ٻاهر جا نوجوان جن جو يونيورسٽيءَ سان ڪو به تعلق نه آهي اُهي به ذميدار آهن.
    سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته، ڪراچي يونيورسٽي جهڙي اهم اداري ۾ ايڏي وڏي پيماني تي تباهيءَ جا ذميدار صرف شاگرد ڪيئن ٿا ٿي سگهن. يقينن يونيورسٽيءَ کان ٻاهر وارا جيڪي هن ملڪ ۾ امن نه ٿا چاهين تن هنن شاگردن جي جذبات جو فائدو وٺي هيڏي وڏي تباهي آندي آهي. گذريل سالن جي هنگامن ۾ يونيورسٽيءَ کي ايترو نقصان نه ٿيو آهي جيڪو ان هڪ ڏينهن ۾ ٿيو آهي. شاگرد طبقو نوجوان ۽ جذباتي آهي انهن جي جذبات کي استعمال ڪرڻ ۾ دير ڪا نه لڳندي آهي. ٻاهر جا ماڻهو به ته ڪي آسمان مان لهي ڪو نه آيا هوندا. يقينن انهن جو تعلق انهن جماعتن سان ئي هوندو جن جون شاخون يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۾ آهن انهن ۾ جميعت، ايم ڪيو ايم ۽ پنجاپي اسٽوڊنٽس فيڊريشن اهم جماعتون آهن، ها باقي سنڌين جي ڪا به تنظيم يا جماعت اتي مضبوط نه آهي، ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ات سالن کان رائج تعليمي پاليسي اهڙي آهي جنهن ۾ سنڌين کي داخلائون گهٽ ملنديون آهن. اهي سنڌي جن کي ٻين ڊپارٽمينٽن ۾ داخلا نه ٿي ملي بس مجبورن سنڌي شعبي ۾ اچن ٿا. پنهنجي شوق سان اچڻ وارن جو تعداد ٻه چار مس هوندو آهي. اهڙن سنڌين جو تعداد سڄي يونيورسٽيءَ ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. اصل جهيڙو شروع ٿيو هو ته، فيون وڌايون ويون آهن ۽ تعليمي پاليسيءَ ۾ تبديلي آندي ويئي آهي. اهڙي تعليمي پاليسيءَ جي ڪجهه ڄاڻ اخبارن ۾ پڙهي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ڇو ته، هن نئين تعليمي پاليسيءَ ۾ سنڌي شاگردن کي ڪافي فائدو رسڻ جي اميد آهي. پر ان ويل مان ڏاڍي حيران ٿيس جڏهن سنڌي شاگردن به پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته نئين تعليمي پاليسيءَ کي سمجهڻ کان سواءِ اسان جا سنڌي شاگرد انهن هٿان استعمال ٿيا جن ڪڏهن به سنڌين جو ڀلو ڪو نه چاهيو آهي.
    وهاب صاحب هڪ سٺو ايڊمنسٽريٽر آهي. هو ڪراچي يونيورسٽيءَ کي صرف ڪراچي واسين جي نه پر سڄي سنڌ جي يونيورسٽي سمجهي ٿو. ان جون پاليسيون کليل واضح ۽ بيباڪ آهن اهڙن کنيل قدمن جي ڪري ئي ته ان جي اڳيان ايڏي وڏي دهشت گرديءَ جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. يونيورسٽي ڪاليج بهرحال تعليمي ادارا آهن، ڪنهن جي خانگي اوطاق يا ڊرائنگ روم ڪونهن . يونيورسٽي وارن جي هيءَ شڪايت جائز آهي ته ڪي شاگرد سياسي بنيادن تي هاسٽلن جي ڪمرن تي سالن کان وٺي قبضو ڪيو ويٺا آهن ۽ انهن کي چوڻ آکڻ وارو ڪير آهي ئي ڪو نه. اهڙين غلط ڳالهين جي ڪو به باشعور انسان تائيد نه ٿو ڪري سگهي. هن سڄي ڪارروائيءَ ۾ جت ٻيون غير سنڌي تنظيمون هونديون ته اتي ڪي سنڌي شاگرد به اهڙا هوندا. هڪ غلط ڳالهه جي تائيد نه ٿي ڪري سگهجي ته هاسٽلن مان سنڌي شاگردن کي به ٻين سان گڏ ڪڍيو ويو آهي. غلط ڳالهين جي حمايت ڪرڻ به ناداني آهي. اسان جي سنڌ ملڪ جي تباهيءَ جو وڏو ڪارڻ به اهو آهي ته اسان تعليمي ادارن کي سياسي ميدان ٺاهي ڇڏيو آهي. هر سياسي پارٽيءَ جا ڇاڙتا شاگرد ٿيڻ کان پوءِ هاسٽلن جا ڪمرا حاصل ڪري ڏهن پندرنهن سالن کان ات رهيا پيا آهن. سنڌ يونيورسٽي توڙي خيرپور يونيورستي ميڊيڪل ڪاليج توڙي انجنيئرنگ ڪاليج سڀني جو حال ساڳيو آهي. هر هنڌ ڪو ڪار لڳي پئي آهي هڪ اصول وارو پابندي رکڻ وارو علم جي آگاهي ڏيڻ وارو تعليمي سربراهه جهڙو ادارن ۾ بار ٿي پوندو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ استادن ۽ شاگردن جون هڙتالون هڪ ٻئي تي الزام خيرپور يونيورسٽي ۾ ڏوڪڙ ڪلچر ۽ مٿان وري وائيس چانسلر جي مٿان الزام هي سڀ ڇا آهي؟ هي سڀ ڪجهه سمجهه کان مٿي آهي. هي سڀ ڇا آهي؟ هي سڀ ڪجهه سمجهه کان مٿي آهي. آخر هي ڪهڙو کورو پيو پچي؟ ۽ الائجي ڪڏهن ڦاٽندو. هاڻ وري ڳالهه ڪجي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي مقصد چوڻ جو اهو آهي ته اسان جا نوجوان جذبات کان پاسو ڪري ٿورو عقل کان ڪم وٺن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ آيل تعليمي تبديليون يقينن اسان جي قوم لاءِ فائديمند ٿينديون.
    ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اسان جو اهو حال ته سنڌي شعبو به مڙيئي پيو هلي. پروفيسر اياز قادري ريٽائرڊ ٿي چڪو آهي. هاڻ شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ جو ڪم پيو ڪري. ڊاڪٽر نواز علي شوق، سنڌي لينگويج اٿارٽي ڏانهن هليو ويو. سليم ميمڻ لاءِ به ٻڌون پيا ته، کيس اگر موقعو مليو ته هو به ڪنهن ٻئي هنڌ ڊيپوٽيشن تي هليو ويندو. فهميده حسين کي به مختلف هنڌن تان آڇون اچي رهيو آهن سو چيو ته سهي جيڪڏهن اهي سڀ به هليا ويا ته باقي سنڌي شعبي ۾ بچندو ڇا؟
    ٻيا استاد به سٺا هوندا آهن پر جيئن ته، يونيورسٽيءَ جي سطح تي ايم اي، بي اي آنرز ۽ ايم فل جي سطح تي تعليم ڏني ويندي آهي ته اتي تعليم جي ماهرن جو هجڻ ضروري آهي. سنڌي شعبو هونئن به دشمنن جي نظرن ۾ آهي. پر اسان کي اهي ڪوتاهيون نه ڪرڻ گهرجن جنهن سان اسان پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو هڻون. شاهه لطيف چيئر جو حال به ڪو چڱو ڪونهي. ٻين ادارن وانگر ات به ڪو خاص ڪم ڪو نه ٿيو آهي. هيترن سالن ۾ هن اداري اهڙو ڪو ڪم نه ڪري ڏيکاريو آهي جنهن کي مثال ڪري پيش ڪري سگهجي حالانڪه هن کي ڪافي بجيٽ به ملي چڪي آهي ۽ تازو گورنر محمود هارون به ڪافي رقم امداد ۾ ڏني آهي. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته لطيف چيئر ۾ ڪافي سڄاڻ ۽ همدرد ماڻهو ڪرسين تي ويٺا آهن، انهن کي اهو پئسو اهڙي طريقي سان استعمال ڪرڻ گهرجي جنهن مان اداري جي ساک وڌي ۽ ان ساک کي ان تعميري عمل کي اڳتي ڪري پنهنجي حڪومت کان اڃا وڌيڪ بجيٽ حاصل ڪجي اهڙي طريقي سان اسان جا هي ادارا اڃا به گهڻي ترقي ڪري سگهن ٿا.
    سائين منهنجا هي سڄي سنڌ ڪياماڙيءَ کان وٺي ڪارونجهر تائين اسان جي آهي. هي سڀ تعليمي ادارا اسان جا آهن اسان کي پنهنجي قابليت ۽ ذهانت جي زور تي هنن ادارن ۾ حاوي ٿي وڃڻو پوندو. مقابلو ڪري پاڻ کي مڃائڻو پوندو ان لاءِ اسان کي صرف ۽ صرف ابتدا کان ئي سٺي تعليم حاصل ڪرڻي پوندي. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسان لاءِ ڪاميابيءَ جا دروازا پنهنجو پاڻ کلي ويندا. ڇو ته قابليت تي حاصل ڪيل ڊگري اسان کي ڪڏهن به دوکو ڪو نه ڏيندي. هي ڪاپي ڪلچر هي ڏوڪڙ ڪلچر، هي سفارشون غلط قسم جا سهارا آهن، وقتي سهارا آهن جن سان اسان کي اڳتي هلي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. اچو ته گڏجي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي آئينده نسل لاءِ علم جون مشعلون روشن ڪيون ۽ پنهنجي علم ۽ قابليت سان بند دروازا کولي ڇڏيون.

    ڇنڇر 16 ڊسمبر 1994ع


    سنڌ جي تاريخ ۾ نئون باب لکرائڻ جي ڪوشش

    ڪي تاريخون حالتن مطابق لکيل هونديون آهن. ڪن تاريخن کي لکرايو ويندو آهي. ڪي تاريخون اهڙيون هونديون آهن جنهن کي گڏ ڪري ڇنڊڇاڻ ڪري ليکڪ ۽ دانشور سهڙيندا ۽ جوڙيندا آهن. سنڌ جي تاريخ ۽ روايتن کي وقت ۽ ڪافي حد تائين ميساري ڇڏيو آهي. اڃا تائين موهن جي دڙي جي ٻوليءَ کي پڙهيو نه ويو آهي. ان ٻوليءَ کي پڙهڻ کانپوءِ جيڪي حقيقتون ظاهر ٿينديون سي تاريخ جو سنهري بابت هونديون. وري به شابس آهي سنڌ جي ڀٽ فقيرن، مڱڻهارن ۽ انهن عورتن کي جيڪي شادين مرادين ۾ ڳائينديون وڄائينديون هيون. هي سڀ ذريعا آهن جن سنڌ جي پراڻن ۽ قديم کان قديم قصن ڪهاڻين ۽ روايتن کي زندهه رکيو.
    سنڌ جي ماڻهو جي اها فطرت رهي آهي ته هن بي جا ڪنهن به حاڪم يا وڏي ماڻهوءَ جي مداح سرائي نه ڪئي آهي. ها باقي وقت جي نيڪ انسانن، سخي حڪمرانن، عشق ۽ محبت جي قصن، جنگين ۽ انهن جنگين ۾ حصو وٺندڙ جوڌن جي سورهيائي هنن ڳايو وڄايو. اهو هڪ ذريعو هو، انهن ڀَٽ فقيرن ۽ مڱڻهارن جي پيٽ قوت جو. انهن ويچارن کي ته اها خبر ئي نه هئي ته هو نسل درنسل انهن قصن ڪهاڻين کي منتقل ڪري سنڌي قوم ۽ ادب مٿان ڪيڏو نه وڏو احساس پيا ڪن. گهرن ۾ شادين مرادين ۾ ڳائڻ واريون عورتون ڳيچن ۾ جيڪو ڪجهه چونديون رهيون سا به هڪ تاريخ آهي. ٻڌو اٿئون ته هو جمالي جي خالق به هڪ عورت آهي اُن عورت اُن (جمال) نالي ماڻهوءَ جي ساراهه ڪئي جيڪو ڏاڍو بهادر طاقتور ۽ وڏي ڊيل ڊول جو مالڪ هو. هو بهادر انسان ڪٿان وڏي ميل ماري آيو هو ۽ ان جي آڌرڀاءُ جي لاءِ هي جمالو ڳايو ويو.
    ابوالحسن جي سنڌي ۾ موجوده رسم الخط جي وجود کان اڳ واري جيڪا تاريخ آهي اها اسان کي اهڙي طرح ملي ٿي. ٻڌو اٿئون ته جڏهن هو ڀَٽ فقير قصا کڻندا هئا ته اُهي قصا راتين جو ن راتيون ڪين کٽندا هئا. هو ڳالهه سان ڳالهه ڳنڍيندا ۽ ڪڙي سان ڪڙو ملائي ڪهاڻي قصن کي خوبصورت بنائيندا هئا. هي ڀَٽ فقير ملڪن جا ملڪ پيا گهمندا هئا. هو اکين ڏٺل واقعن کي قصن جي صورت ۾ بيان ڪندا هئا. سنڌ جا هي ڀَٽ فقير اُن کانپوءِ مورخ ۽ تاريخ دان، دانشور، اديب قدرشناس هئا. سچ ۽ ڪوڙ واري وٿي کي هو سمجهندا هئا. ان ڪري ئي هيءُ به تاريخ جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي ته قاضي قاضن جهڙو ماڻهو جنهن حضرت مخدوم بلاول جي شهادت ۾ وڏو حصو ورتو. ان جي ان عمل کي تاريخدانن ننديو ضرور آهي، پر ان جي ادبي پورهئي جي مان مرتبي کي ڪين گهٽايو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي تاريخ قاضي قاضن جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري آهي.
    سنڌ ۾ لکيل سڀ تاريخون پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳندو آهي ته هيءَ ولين، اوليائن، عالمن ۽ هنر جي ماهرن جي ڌرتي هئي. هتان جا رهندڙ اعليٰ ظرف وارا، محنت ڪندڙ هئا، هو مذهبي مت ڀيد جا قائل نه هئا. نه ڪو نسلي تفاوت هو نه وري پاڻ ۾ ڪا نفرت. هر آيل چاهي هو ڪٿان به آيو، ڪير به هو، جڏهن هو هت اچي رهيو ته بس هتان جو ئي ٿي ويو. عجيب ڪشش آهي هن ڌرتيءَ ۾ جيڪا پراون کي به پنهنجو ڪريو ڇڏي. هر ٻاهران ايندڙ هن ڌرتيءَ جو حق ائين ادا ڪندا رهيا. جو هو سڀ سنڌ جي تاريخ ۾ امر ٿي ويا. ڌارين ايندڙن هتان جي تهذيب ۽ ٻولي کي پنهنجو ڪيو ۽ هو هتان جي رهواسين جهڙا ٿي ويا.
    وقت بدليو، حالتون بدليون، آيا ڌڪجي نوان ماڻهو اصل ڪاهجي پيا هن ڌرتيءَ تي. هتان جي رهواسين ساڳيون روايتون قائم رکي. پنهنجو پرايو مال اسباب جايون جڳهون اُنهن جي حوالي ڪيون. هتان جا اٻوجهه ماڻهو انهيءَ ۾ ئي خوش هئا ته هي سڀ اسان جا مسلمين ڀائر آهن. هنن ويچارن کي پنهنجن گهرن مان تڙيو ويو آهي. انهن لاءِ انهن جي ابن ڏاڏن جي زمين تنگ ٿي ويئي هئي. مذهبي توڙي سماجي طور انهن کي ڪي به حق ڪونه هئا. انهن جا گهر انهن جون عزتون محفوظ نه هيون. انهن آيلن جي اچڻ کان اڳ ئي هتان جي رهندڙ اديبن، دانشورن ۽ سياستدانن انهن جي لاءِ قلمي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. ان جدوجهد جو مقصد اهو ئي هو ته انهن ويچارن کي سندن ئي ڌرتيءَ تي هڪ ملڪ ٺاهي ڏنو وڃي. سڀ کان پهريائين هت سنڌ ۾ هڪ قرارداد پاس ڪئي ويئي. ان کانپوءِ لاهوري واري قرارداد پاس ٿي. هت اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته انهن قراردادن ۾ اها ڳالهه ڪٿي به لکيل نه آهي ته اهي پناهگير هت سنڌ ۾ اچي رهن، پر هو سڀ هت اچي نڪتا، اهڙا ته غريب هئا جو لٽو به تن تي ڪونه هئين. رکي سکي کائڻ تي هريل، اُهي جيڪي کليل آسمان ۾ ويهي حاجتون ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته اصل شرم ته اکين ۾ آهي، اُنهن کي ملي ويا هت سڀ سک، اُهي محل ملي وين جيڪي هتان جا رهواسي ڇڏي ويا هئا. اُنهن گهرن جون زمينون ۽ ڀتيون ائين چمڪنديون هيون ڄڻ ته آئينو هجي. تاريخ ۾ پهريون دفعو هتان جي رهواسين هڪ وڏي غلطي ڪئي. ان غلطيءَ جو حساب ڪتاب اڄ تائين هتان جا رهواسي ڏين پيا. اها غلطي اها هئي ته هميشه جڏهن ڪو ڌاريو هت ايندو هو ته هتان جي رهواسين جهڙو ٿي ويندو هو. هاڻ پهريون دفعو ائين ٿيو جو هو جيستائين هو هن ڌرتيءَ کي پنهنجو ڪن. هتان جا رهواسي پاڻ مٽائي انهن جي تلقيد ڪرڻ لڳا. انهن جي گهرن مان شاديون ڪيائون. پنهنجي ٻولي ڇڏيائون ۽ پنهنجي تهذيب کان پاسيرا ٿي ويا، انهن کي ايڏي اهميت ڏنائون جو هو مٿان حاوي ٿي ويا.
    ڪجهه خوبيون به هيون انهن ۾ هڪ محنت ۽ ٻيو چاپلوسي. انهيءَ محنت ۽ چاپلوسي جي ڏاڪڻ تي هو چڙهندا ويا ۽ آخر آسمان جي بلندين تي پهچي ويا. سائين منهنجا هاڻ وري اصل تاريخ جي جاءِ اهي آيل هڪ نئين تاريخ لکن پيا. انهن جو چوڻ آهي ته اسان شروع کان وٺي ئي خوشحال هئاسين. هو حويلين وارا ۽ نوڪري وارا هئا علم وارا ۽ وڏا آفيسر انهن منجهه ئي هئا. انهن ته وڏو احسان ڪيو آهي سنڌ جي ماڻهن مٿان، ڇو ته هتان جا رهواسي ظلمن ۽ قهرن ۾ هئا. اُن ڪري انهن ويچارن قربانيون ڏيئي هي ملڪ ٺاهيو. آزادي ڏياري. پوءِ هو قرب جا پير ڀري هت آيا. انهن هتان جي رهواسين کي تهذيب ۽ رهڻ ڪهڻ سيکاريو. هي ملڪ ٺاهيو انهن آهي ۽ انهن لاءِ ئي ٺهيو آهي.
    هاڻ ڪير انهن کي اهو ته ٻڌائي ته سنڌ ملڪ جيڪو اڳ ۾ ئي موجود هو امن ۽ شانتي وارو هو. هت ڪڏهن به ڪو فساد ڪونه ٿيو. هو ڪهڙي منهن سان اهو احسان رکي چون ٿا ته اسان قربانيون ڏنيون. ڪير انهن کان اهو ته پڇي ته توهان پنهنجي تحفظ بچاءَ لاءِ هت آيا. هت اچي ان جي عيوض سک حاصل ڪيو. هي ملڪ اسلام جي نالي پٺيان ٺهيو آهي. ان وقت اهڙو ڪوبه قانون ڪونه هو ته هڪ غير قوم جي غير زبان کي هتان جي قومي ٻولي ٺاهيو وڃي. اهو فيصلو به غلط هو. هاڻ حال وڃي اهو بيٺو آهي ته هتان جي علائقن جا ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪن ٿا، ان جي بقا لاءِ جهدوجهد ڪن ٿا ته يڪدم فتوائون جاري ٿي ٿيون وڃن ۽ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ملڻ شروع ٿي ٿا وڃن.
    هي غلطيون ۽ ڪوتاهيون بهرحال سنڌ جي رهواسين جون آهن جن کي اسلام جي نالي پٺيان بليڪ ميل ڪيو ويو. هو اگر عقل کان ڪم وٺي ها ته اڄ جون حالتون مختلف هجن ها. اڄ جي نوجوان ٽهيءَ کي هي حالتون اڳئين نسل جي غلطين عيوض مليون آهن ڪاش اسان جا وڏا اهڙيون غلطيون نه ڪن ها.

    آچر 25 ڊسمبر 1994ع


    نه چوڻ جهڙيون ڳالهيون، نه سلڻ جهڙا ڏک

    خير النساءِ جعفري مستقبل بيمار رهي ٿي. دل جي تڪليف ۽ شگر جي بيماري ته سالن کان اٿس، پر تازو هوءَ گهڻو بيمار ٿي پئي. ٻڌو هوم ته دماغ تي اثر ٿي پيو اٿس. مٿان وري سندس والد انتقال ڪري ويو سو، مان کيس فون ڪيو. انهن ڏينهن ۾ مان ڪنهن ڪم سانگي هڪ ٻن ڏينهن لاءِ حيدرآباد ويل هئس. تنوير جوڻيجو مون کي خير النساءِ جي حالت تفصيل سان ٻڌائي اڃا وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو. مان خير النساءِ کي فون ڪيو ۽ کيس چيم ته مان هن وقت توهان وٽ اچان پئي. يڪدم سوال ڪيائين ڇو ٿي اچين . . . . .؟ مان جواب ۾ چيو توهان جو والد گذاري ويو آهي، سو ان ڪري توهان وٽ اچڻ چاهيان ٿي. يڪدم سوال ڪيائين تو کي ڪنهن ٻڌايو . . . چيم شايد ڪنهن اخبار ۾ پڙهيم، ادبي سنگت طرفان تعزيتي بيان ڇپيل هو . . . يڪدم سخت لهجي ۾ چيائين اخبارن جو نالو منهنجي اڳيان نه وٺ، ٿورو گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيائين اخبارن منهنجي بابا جي خبر ڪو نه ڇاپي . . . . الائجي ڇا ڇا هو چوندي رهي. مان کيس وري چيو ته مان اوهان جي گهر اچان پئي پوءِ ويهي ٿا ڳالهيون ڪيون. تمام رکي نموني ۾ چيائين ته تنهنجي اچڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. بابو مري ويو ڳالهه ختم ٿي ويئي. مون کي ڪنهن جي به همدرديءَ جي ضرورت نه آهي. ائين چئي فون بند ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ مون همت ڪو نه ساري ته سندس گهر وڃان.
    ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي خير النساءِ سان ملاقات ٿي. اسلام آباد ۾ اديبن جي ڪانفرنس ۾ اسان سان گڏ هلي پئي. حيدرآباد جون ڪافي اديبائون هيون، انهن ۾ مهتاب محبوب، سحر امداد، تنوير جوڻيجو ۽ ٻيون هيون. مان فهميده کي خير النساءِ جي باري ۾ ٻڌائي چڪي هيس. اسان ٻئي ڄڻيون گڏ بيٺيون هيوسين ته خيرو امالڪ اڳتي وڌي اسان وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي. توهان ٻنهين کي ڇا ٿيو آهي. منهنجو بابو مري ويو مان چري ٿي پيس ته به وهان منهنجي سار ئي نه لڌي. مان ڏاڍي محبت مان ڀاڪر پائي چيومانس، ادي خيرو مان ته اوهان وٽ آيس پئي پر اوهان ئي منع ڪري ڇڏيو.
    مان کيس تفصيل سان ٻڌايو هوءَ اصل نه مڃي چوي ته ائين وري ڪيئن هوندو. وري پاڻ ئي چوي ته دماغ تي اثر ٿي پيو هوم ان ڪري شايد ياد نه ٿو اچيم. مان ته ڏاڍو محتاط لفظن ۾ ڪن سان خيرو جي طبيعت جي ڳالهه ڪئي هوندم، پر مون کي اسلام آباد ۾ اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ته ادي خيرو پاڻ ئي سڀني کي ٻڌايو پئي ته مان چري ٿي پئي هيس هاڻ مڙيئي ڪجهه بهتر آهيان.
    اها ئي خير النساءِ جعفري جيون جي ويڙهاند ۾ ڪڏهن هارائي ٿي ڪڏهن کٽي ٿي. مان هميشه اهو چوندي آهيان ته سنڌي اديبائن ۾ خيرالنساءِ جعفريءَ جو پهريون نمبر آهي. طرز تحرير، موضوع، سوچ، ٻوليءَ سڀني ۾ هوءَ پهريون نمبر آهي. سندس مجموعو “تخليق جو موت” هڪ شاهڪار افسانن جو مجموعو آهي. ان کان علاوه سندس لکيل مضمون ۽ تقريرون به وسارڻ جهڙيون نه آهن. سچ پچ بغير ڪنهن اختلاف جي هوءَ سنڌي ادب جي “ليڊنگ وومين” آهي.
    ها سائين اها ئي اسان جي ادي خيرو وقت ۽ حالتن سان جهيڙيندي پيئي اچي. جبلن جيڏين تڪليفن اڳيان ڪڏهن هٿيار ٿي ڦٽا ڪري ته ڪڏهن وري پار اڪري ٿي وڃي. منهنجي ادي خيروءَ سان محبت سالن کان وٺي آهي. موڪلن ۾ جڏهن به حيدرآباد ويندي آهيان ته هڪ سڄو ڏينهن ادي خيرو وٽ وڃي ٽڪندي آهيان. مان ادي خيرو جي طبيعت جي ڪيترن رنگن روپن کان واقف آهيان منهنجي هميشه اها خواهش رهي آهي ته مان ان تي هڪ ڀرپور دلي جذبات سان ڀريل ڪالم لکان، ان ڪالم ۾ اهو سڄو سچ لکي وڃان جيڪو مون خيرالنساءِ جعفري ۾ ڏٺو آهي. پر چاهيندي به مان نه لکي سگهي آهيان. هڪ دفعو ته کائنس اجازت به گهريم چيومانس ادي خيرو مون کي اجازت ڏي ته مان تنهنجي شخصيت تي ڪجهه لکان، هڪدم پڇيائين ته ڇا لکنديئن . . . ؟ چيومانس اهو ڪجهه جيڪو مون اوهان ۾ ڏٺو آهي، جواب ۾ چيائين ڪنهن جهليو اٿئي ڀلي لک. چيومانس اگر سچو پچو سچ لکيم ته اوهان به ناراض ٿي ويندو. ڇو ته ڪي ڳالهيون نه لکڻ جهڙيون هونديون آهن نه ٻڌائڻ جهڙيون. پر منهنجي دل چاهي ٿي ته مان جڳ کي ٻڌايان ته ادي خيرو ڇا آهي. ڇا پئي ڀوڳي، ان ڪري اوهان جي اجازت جي ضرورت اٿم. چيائين جيڪو کپئي سو وڃي لک اها تو واري عوامي آواز اخبار مان پڙهندي به ڪو نه آهيان.
    ادي خيرو جي اجازت ملڻ کان پوءِ به مان اديءَ خيرو تي ڪجهه به نه لکي سگهي آهيان. مان انهن پيڙائن، ڏنڀن، ڏکن ۽ وارتائن جي عيني شاهد آهيان جيڪو اديءَ خيرو مٿان گذري چڪا آهن. سندس چيل ڳالهين کي لکڻ جي به مون ۾ همت نه آهي. اهو وقت به ياد اٿم جڏهن سندس ڌيءَ صائمه ننڍڙي هئي ۽ پاڻ ان ويل پلصراط اُڪري پار ٿي هئي. اسان ٻئي سڄو ڏينهن گڏ هئاسين. ادي خيروءَ ڏک مان هر ڳالهه مون کي ٻڌائي. سندس ٻڌايل ان سچ ۾ ڪيتريون نه پيڙائون هيون. هوءَ ڳالهائيندي رهي مستقل ڳالهائيندي رهي. پنهنجي وجود جو زهر منهنجي وجود ۾ اوتيندي رهي. ان ڏينهن منهنجي لاءِ سندس ماءُ پلو پچايو هو. اسان گڏجي اهو پلو کاڌو هو. ٻئي سال جڏهن حيدرآباد ويس ته سندس ماءُ گذاري چڪي هئي. مان وري وٽس سڄو ڏينهن ٽڪڻ ويس. اهي ئي ماءُ جون ڳالهيون. بار بار مون کي ياد ڏياريندي رهي ته امان پلو ڪهڙو نه سٺو پچايو هو. (اڄ تائين به ان پلي جو ذڪر ضرور ڪندي آهي) ماءُ جي ڪمي سندس وجود ۾ اڪيلائپ پيدا ڪري ڇڏي. الاهي ڳالهيون نه لکڻ جهڙيون ڪندي رهي. هڪ ڳالهه جيڪا مان لکي سگهان ٿي. مون کي چيائين امان جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي ڳالهه ٻڌڻ وارو گهر ۾ ڪو به ڪونهي. سڄو ڏينهن امان سان يونيورسٽيءَ جون ڳالهيون ڪندي هيس هاڻ ڪنهن سان ڪيان . . . ؟ ان وقت حيدرآباد ۾ تاج بلوچ جي ڪتاب جي مهورت هئي. ادي خيرو تي تازو دل جو دورو به پئجي چڪو هو ۽ شگر به هاءِ ليول جي هيس ۽ پاڻ ات جيڪو ڪجهه پڙهيائين اصل ٻڌندڙ کلي کلي کيرا ٿي پيا. عجيب انداز آهي سندس لکڻين جو، وڏا وڏا طنز وڏيون وڏيون ڳالهيون هوءَ کل ڀوڳ ۾ ڪري ويندي آهي. ان وقت جڏهن مون اهو ڏٺو ته بيمار لاغر ادي خيرو سڀني کي کلائي پئي ته مان چيومانس ته ادي قلم اسان وٽ سڀ کان وڏي طاقت آهي. اسان قلم جي ذريعي پنهنجي اندر جا اڌما ۽ تلخيون ٻاهر ڪڍندا آهيون توهان اهو ڇو ٿا ڪيو. پنهنجي وجود ۾ تلخيون لڪائي ٻين کي پيا کلايو. مهرباني ڪري پنهنجي وجود سان همدردي ڪيو. ان پروگرام جي ٻئي ڏينهن تنوير جوڻيجي منهنجي دعوت ڪئي ان ۾ ڪافي سنگتياڻيون سڏايائين. ات ادي خيرو منهنجي هنج ۾ ڪنڌ رکي سڏڪي پئي، چيائين امڙ کي مرڻو هو ته مون کي به وٺيو وڃي ها مان پاڻ کي ڏاڍو هيڪلو پئي محسوس ڪيان. ان ويل مون کي امر جليل جا لکيل ماءُ ڏي خط ياد اچي ويا. سوچيم ارڏن، وکريل وجودن جي ڪمزوري ماءَ ئي هوندي آهي.
    ها سائين ادي خير کي مون اُن ويل به ٽٽندي ڏٺو جڏهن خواه مخواه سندس پروموشن روڪيو ويو هو. هر مسئلي کي هوءَ ڏاڍي جذبات سان پنهنجي دل تي رکندي آهي. اهڙي طرح سان پاڻ کي جهوريندي به رهندي آهي. هن قلم ۽ ڏات جي راڻيءَ کي مون ان ويل به ڏٺو جڏهن مهتاب محبوب جي ڪتاب جي مهورت تي هڪ سخت تقرير ڪرڻ کان پوءِ ات ويهي ڪين سگهي ۽ هلي ويئي. ٻئي ڏينهن کلندي ٻڌايائين ته، ڏاڍي وٺ ڪريم ها مهتاب محبوب ان ڪري هلي آيس.
    اهي ڪيترائي انيڪ روپ آهن اديءَ خيرو جا. ڪي ڳالهيون نه لکڻ جون نه ٻڌائڻ جون دلين جا دفتر بند ڪرڻا پوندا آهن. اهو ڪجهه ته مان لکي ئي نه ٿي سگهان جيڪو مان لکڻ چاهيان ٿي. ادي خيرو ڪجهه سالن کان ڏاڍين ذميندارين هيٺ هئي. سندس والد ٺيڪ نه رهندو هو. عمر وڏي ۽ بيمار به هو سڄي پڄي رات ڪو نه سمهندو هو. ڏاڍي خدمت ڪئي ان پنهنجي پيءُ جي. ڪجهه مهينا اڳ مون سندس طبيعت ۽ ڳالهيون ٿوريون مٽيل ۽ منجهيل ڏٺيون. تنوير کي چيم ته ادي خيروءَ کي سمجھايو متان پاڻ نه بيمار ٿي پوي. ٿيو به ائين، آهستي آهستي بي آرامي ۽ ذميوارين جي ڪري ادي خيرو جهرندي رهي. آخر والد جي مرڻ کان پوءِ اها خبر وڏي خبر هئي جيڪا نه ته ڪنهن اخبار ۾ ڇپي نه وري ڪنهن ان کي اهميت ڏني. اها خبر ادي خيرو پاڻ سڀني کي ٻڌائيندي آهي ته سندس دماغ تي اثر ٿي پيو آهي.
    ادي خيروءَ جي جهيڙيندڙ ارڏي طبيعت وري کيس اُڪاري پار ڪيو آهي. هاڻ هوءَ ڪافي بهتر آهي. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته آرام ڪرڻ سان ۽ ماحول بدلجڻ سان ادي خيرو بلڪل ٺيڪ ٿي ويندي.
    ادي خيرو پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال پنهنجي والدين جي خدمت ۾ گذاري ڇڏيا. هوءَ ان گهر جي حصار مان نڪري ئي ڪا نه سگهي آهي سڀ ڪو چوندو آهي ته ادي خيرو والدين جي خدمت ڪري جيئري جنت ڪمائي آهي. پر ڪير ٿو ڄاڻي ته ان جنت جي عيوض ان پنهنجي زندگيءَ جو ڪيترو ٻليدان ڏنو آهي؟ مرڻ کان پوءِ ڀل ادي خيروءَ کي جنت ملي ويندي، پر هن پنهنجي زندگيءَ جا خوبصورت سال ذميندارين جي بوجهه هيٺ گذاريا آهن اُهي ڪير کيس موٽائي ڏيندو . . . ؟
    هاڻ وري ادي خيرو اڪيلي آهي. ڪير به هن جون ڳالهيون ٻڌڻ وارو ڪونهي. اها تنهائي کيس ماءُ جي هنج ۾ لولين ۾ ملي آهي. ادي خيرو ته هڪ وڏو مثال آهي. پر جيڪڏهن اسان اها ڏسنداسين ته ان دور جون جيڪي به ليکڪائون آهن اهي سڀ پنهنجي ليکي هڪ ڪهاڻي آهن. زندگيءَ سان جهيڙيندڙ هڪ وڏي ڪهاڻي – قلم جي مهانتا جيترو انهن کي مان ڏنو آهي اوترو ئي معاشري انهن کي ڏکويو آهي مرڻ کان پوءِ اخبارن ۾ ڇپيل تعزيتي بيان، ٽيجهي، چاليهي ۽ ٻارهي تي ٿيندڙ ادبي محفلون بي معنيٰ آهن جڏهن ته اهو فرد ان ئي معاشري ۾ ڏکي زندگي گذاري ٿو. مان چاهيندي به اهو ڪجهه نه لکي سگهي آهيان جيڪو مان لکڻ چاهيان پئي حقيقت ۾ اسان جي ليکڪن ۽ ليکڪائن کي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ گهرجي. ان مان اهو فائدو ٿيندو ته پڙهندڙن کي اها خبر پوندي ته انهن جي سامهون کلندڙ ڳالهائيندڙ وجود جي اصل زندگي ڇا آهي . . . ؟ انهن پنهنجي زندگي ڪهڙي نموني سان تڪليون سهي ٺاهي آهي. جبلن جيڏين، تڪليفن کي ڌڪي پوئتي ڪرڻ ۽ پوءِ زندگي گذارڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. ادي خيرو جهڙا وجود ڀريا پيا آهن هوءَ اڪيلي نه آهي. ڪاش هوءَ پنهنجي وجود جي اڪيلائپ کي ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪري. پاڻ سان وڙهڻ، جهيڙڻ ڇڏي ڏي. پاڻ کي ان حصار مان ٻاهر ڪڍي اچي، جنهن ڪري ان کي تڪليفون ڏسڻيون پيون آهن.
    آچر 15 جنوري 1995ع


    سماج، مرد ۽ عورت

    ٻن ٽن هفتن جي غير حاضريءَ کان پوءِ حاضر ٿي آهيان. منهنجي غير حاضري ممڪن آهي ته منهنجي پڙهندڙن کي محسوس ٿي هجي يا ممڪن آهي بلڪل محسوس نه ٿي هجي، پر يقين ڪيو نه لکڻ سان منهنجي پنهنجي وجود ۾ هڪ قسم جي ڪمي رهجي ويندي آهي. جيئڻ کائڻ پيئڻ ۽ ٻيا زندگيءَ جا وهنوار ضروري آهن اهڙي طرح لکڻ به منهنجي هڪ ضرورت آهي. ڪالمن جي هيءَ دنيا به هڪ عجيب دنيا آهي، جنهن ۾ پنهنجي لاءِ، پنهنجي ساٿين لاءِ ،آسپاس لاءِ، سڀ ڪجهه لکڻو پوندو آهي. ڪي ڪالم خود بخود لکجي ويندا آهن، ڪي ڪالم دل جي باهه ٻاهر ڪڍندا آهن. ڪن ڪالمن کي لکڻ ۾ بيچيني ۽ پيڙا محسوس ٿيندي آهي، ڪيترن ڏينهن جي سوچن کان پوءِ هڪ ڪالم لکجي تيار ٿيندو آهي. اهڙن بيچيني ۽ پيڙا وارن ڪالمن ۾ ڏاڍو محتاط ٿيڻو پوندو آهي، منهنجي اها عادت آهي ته، مان جيترو پنهنجي لاءِ سچ لکان ٿي اوترو ٻين لاءِ سچ لکڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان.

    ڪيترائي موضوع آهن جن تي لکيو ويو آهي ۽ لکي سگهجي ٿو، خاص ڪري عورتن جا مسئلا اسان جي سماجي مسئلن ۾ سر فهرست آهن، ان ڪري انهن جي مسئلي تي لکيو وڃي ٿو. مان سمجهان ٿي ته عورتن جي مسئلن تي لکڻ لاءِ جيترو عورتن کي انهن جي حقن جي باري ۾ باشعور ڪيو وڃي، ان کان وڌيڪ اسان کي شعور هن معاشري جي مرد کي ڏيڻو آهي.
    عورت جا سڀ روپ ۽ مرد جا سڀ روپ هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. ائين چوڻ ته عورت مرد کان سواءِ رهي سگهي ٿي يا وري مرد کي عورت جي ڪا به پرواهه نه رکڻ گهرجي، اهي سڀ ڳالهيون بيڪار آهن، حقيقت کان پري آهن، انهن سطحي ڳالهين تي بحث ڪرڻ اجايو آهي، حقيقت ته اها آهي ته عورت ۽ مرد جو ناتو، پيار جو احساس جو هڪ جذباتي تعلق آهي. فرق صرف اهو آهي ته عورت پنهنجي پيار جي اظهار ڪندي آهي ۽ مرد ان اظهار ۾ به ڪنجوسيءَ کان ڪم وٺندو آهن. اسان جي سماجي ڍانچي ۾ مرد عورت تي حق رکي حڪمراني ڪري ٿو. ان ويل اها ڳالهه سوچجي ته مرد حق ۽ حڪمراني ان لاءِ رکي ٿو ڇو ته هو ان عورت کي پنهنجو سمجهي ٿو. عورت جو اهو روپ ڪهڙو به هجي چاهي ماءُ جو هجي، ڀيڻ جو هجي يا وري زال جو، مرد ڀاءُ آهي، پيءُ آهي يا وري گهر وارو، هو عورت کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ان تي حڪمراني ڪري ٿو. اعتراض صرف ان ڳالهه تي آهي ته ان حڪمراني ۾ پيار به هئڻ گهرجي. ان پيار جي احساس جي کوٽ آهي، اسان جي معاشري ۾ ان ڪري اڄ ڪلهه عورتون ۽ مرد هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا آهن، برابريءَ جون دعوائون ٿين پيون، حقن جي پائماليءَ جو ڳالهيون ٿين پيون. اڄ ڪلهه جي تيز رفتار دنيا ۾ حقَ صرف اهي نه آهن ته عورت کي پيٽ ۽ لٽو ٿو گهرجي. شعور جو اچڻ ۽ ان کان پنهنجي وجود جو احساس محسوس ڪرڻ ئي اصل ڳالهه آهي. هاڻ عورت ڪمتر ۽ هيٺاهين رهي نه ٿي سگهي. هوءَ چاهي ٿي ته مرد نه صرف ان جون ضرورتون پوريون ڪري، پر توجهه ۽ پيار به ڏي. هوءَ مرد جي ساٿي ٿي ڪري، اقتصادي توڙي معاشي طور مددگار ثابت ٿئي ٿي. عورت اهو به چاهي ٿي ته هوءَ به ٻاهر جي دنيا ۾ نڪري، تعليم حاصل ڪري، نوڪري ڪري، اهو ئي عورت جو روپ آهي، جيڪو اڃان تائين اسان جي سنڌي معاشري ۾ مرد وٽ قابل قبول نه آهي. شهرن ۾ تبديلي آئي آهي پر جيئن ته گهڻي مخلوق ٻهراڙين ۾ رهي ٿي، اُن ڪري اُت ذهني تبديلي ۽ سجاڳي گهٽ آئي آهي.

    اڄ مان مرد ۽ عورت جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ڪيان پئي، اُن جو هڪ اهو به سبب آهي جو ڪالهه گوئٽي انسٽيٽيوٽ ۾ سعيده گذدر جو لکيل ۽ مشتاق گذدر جو پروڊيوس ٿيل هڪ ڊاڪومينٽري ڊرامو ڏٺوسين. سعيده گذدر جو اردو ادب ۾ چڱو مٿڀرو نالو آهي. ٻئي زال مڙس تمام ذهين ۽ کليل دماغ جا ماڻهو آهن. هن هي ڊرامو ڪراچيءَ جي هڪ تنظيم جيڪا عورت وڪيلن تي مشتمل آهي ۽ رشيده پٽيل انهن جي سربراهه آهي، انهن لاءِ ٺاهيو آهي، هي سڀ وڪيل عورتون انهن مظلوم عورتن جي مدد ڪنديون آهن، جيڪي مردن جي ڏاڍاين جو شڪار آهن.
    ڏٺو وڃي ته شهر جي پڙهيل لکيل عورت به هروڀرو ايتري طاقتور نه آهي، جو مرد جي سامهون اچي سگهي، جيڪا به عورت مقابلي ۾ آئي، ان پنهنجو ئي نقصان ڪيو آهي. جڏهن ته مرد ۽ عورت هڪ ٻئي جي ضرورت آهن ته پوءِ اهي غلط ڳالهيون، غلط فيصلا، جيڪي گهرن کي تباه ڪن ٿا انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي. هي ڊرامو به اهڙي ئي قسم جو، حقيقت تي ٻڌل هو. ڊرامي جو نالو آهي “گرهستن”. معنيٰ گهريلو عورت، هڪ اعليٰ تعليم يافته پڙهيل لکيل عورت جڏهن گهر جي ڪمن ۽ ٻارن ۾ ڦاسي وڃي ٿي ته پوءِ ٻاهر جي دنيا ۾ ان جو مرد ڇا ٿو ڪري؟ ضروري نه آهي ته مرد ڪجهه ڪري، پر جيڪڏهن مرد ڪجهه ڪري ٿو ته اتي به ذميوار اها ٻي عورت آهي، جيڪا ڄاڻي واڻي ان مرد کي ڄار ۾ ڦاسائي ٿي. مرد کي ٻي عورت نه ملي ته هوند گهر تباه ئي نه ٿين. جڏهن اها ٻي عورت پنهنجا پير سنڀالي غلطي ڪرڻ کان بچي وڃي ٿي ته هڪ گهر ۽ ٻچا تباه ٿيڻ کان بچي ٿا وڃن. هن ڊرامي جو اهم موڙ اهو ئي هو جڏهن مرد شادي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٻي عورت ان سان شادي ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪري ۽ ان کي موٽي واپس پنهنجي ماڳ تي اچڻو ٿو پوي. هن ڊرامي ۾ عورت کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ته جذبات ۾ اچي پنهنجو گهر نه ڇڏي وڃڻ گهرجي. اگر گهر عورت جي نالي آهي ته ان جا ڪاغذ ۽ زيور پنهنجي تحفظ لاءِ عورت کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ کپن. مرد جيڪي ٻاهر ڪمائن ٿا ۽ عورت کي نوڪري ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏين انهن کي ان ڳالهه جو بانور هوندو آهي ته اهي پنهنجي زال کي ڪمائي کارائين پيا ۽ هوءَ گهر ۾ عيش پئي ڪري. هن ڊرامي ۾ ان ڳالهه کي محسوس ڪرايو ويو آهي ته اگر مرد ٻاهر نوڪري ڪري ٿو ته عورت گهر جو پورو نظام هلائي ٿي. اگر پڙهيل لکيل آهي ته ٻارن کي هوم ورڪ توجهه سان ڪرائي ٿي. اگر عورت اهو ڪم نه ڪري ته مرد کي هزارين روپيه نوڪرن مٿان خرچ ڪرڻا پوندا آهن. هڪ مرد نوڪر کي ته پگهار ڏئي سگهي ٿو، پر ان عورت جو احساس ڇو نه ٿو ڪري جيڪا سندس گهر کي ٺاهيو ۽ سنگاريو ويٺي آهي، موٽ ۾ هوءَ نوٽ ڪو نه ٿي گهري، پر ٻه لفظ پيار ۽ احساس جا ٿي گهري.
    جنهن وقت اسان اهو ڊرامو پئي ڏٺو ان ويل ڪافي کل ڀوڳ ۽ تنقيدي جملا اتي ويهندڙ جي وات مان ٻڌڻ ۾ آيا، ڪن پڙهيل لکيل اديب عورتن ته يڪدم چيو ته مرد اگر غلط ڪم ٿو ڪري ته عورت کي گهر ٻار ڦٽي ڪري هليو وڃڻ کپي، ڇو ته جڏهن ٻار ڳچيءَ ۾ پوندس ته ڏينهن جا تارا نظر ايندس. ات گهڻو تعداد اردو اديب ۽ اديباڻين جو هو. هڪ معروف اديبه ته ائين چيو ته مان ته وڙهي پوندي آهيان پنهنجي مڙس سان ته تون اهو سڀ ڇو نه ٿو ڪرين جيڪو مان ڪيان ٿي، ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي مون سان، مان به ته تو جهڙي انسان آهيان . . . . وغيره وغيره.
    مان اهڙين ڳالهين کي جذباتي نوعيت سان ڏسندي آهيان، جذبات ۾ پيار هجي ته جبل به کڻڻ ۾ آسان ٿيو پون ۽ جت پيار نه آهي ته ات ڪک به بار ٿيو پوي . . . . عورت توڙي مرد جي مجبوري ٻار هوندا آهن. مرد وري به ٻارن کان سواءِ رهي سگهي ٿو. ٻارن کي وساري سگهي ٿو. پر عورت پنهنجا ٻار ڇڏي نه ٿي سگهي. هزارن ۾ ڪا عورت اهڙو قدم کڻندي آهي ته ان کي سٺي نظر سان نه ڏٺو ويندو آهي.
    عورت کي برابري حاصل ڪرڻ جو حق آهي، پر ڪنهن ٻي عورت جو گهر ڦٽائڻ جو حق نه آهي. آخر مرد جيڪا ٻي شادي ڪري ٿو سا ڪنهن رڍ، ٻڪريءَ سان نه ٿو ڪري، هڪ عورت سان ئي ڪري ٿو. افسوس ته ان ويل ٿيندو آهي جڏهن لکيل پڙهيل لکيل ڇوڪري اهڙو قدم کڻندي آهي. ياد ٿو اچيم مان ۽ سحر امداد ڀٽ جي ميلي تي ويل هئاسين ته هڪ معروف اديب پنهنجي ڊاڪٽر زال سان ملاقات ڪرائي. ان اديب جي هڪ زال سان مان ملي چڪي هيس، جيڪا ڪراچيءَ ۾ رهندي آهي، پهرين زال جيڪا ان جي ٻارن جي ماءُ آهي، ڳوٺ ۾ رهندي آهي. هيءَ ٽين زال سا به ڊاڪٽرياڻي! حيرت مان منهنجو وات ڦاٽي ويو. سحر امداد کي چيم افسوس ان ڳالهه جو ڪو نه اٿم ته هن شخص ٽي شاديون ڪيون آهن. حيران صرف ان ڪري آهيان ته ٽي عورتون هن کي ملي ويون . . ..! مون کي ان اديب تي ڪاوڙ نه آئي پر ان ڊاڪٽرياڻي کي ڏسي منهنجي وجود ۾ نفرت اڀري آئي.
    شادي ڪرڻ ڪو گناهه ڪونهي. عورت ۽ مرد کي اهو سڀ حق مليل آهن، مگر هروڀرو شاديون ڪري پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. مشتاق - سعيده جو هي ڊرامو لائق تحسين آهي، هن ۾ جذبات کان وڌيڪ حقيقت نگاري ٿيل آهي. اهڙا ڊراما سنڌي زبان ۾ به ٺهڻ کپن ۽ ڳوٺن، واهڻن ۾ انهن ڊرامن کي ڏيکاريو وڃي ته هوند ڏاڍو سٺو ٿئي.
    اسان قلم جي حوالي سان گهڻو ڪجهه لکون ٿا. پر ان ڳالهه کي نه وسارڻ گهرجي ته اسان جو معاشرو صدين جي ريتن ۽ رسمن ۾ قيد ٿيل آهي. انهن ريتن رسمن ۽ غلط ڳالهين کان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان جي معاشري جي فردن جا ذهن تبديل ٿين. جيستائين ذهن تبديل نه ٿيندو، اوستائين اسان وٽ ڪا به تبديلي نه ايندي. ريڊيو، ٽي وي، فلم جي اثر کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. هيءَ هڪ تيز ميڊيا آهي، جيڪا سڌو سنئون ذهنن تي اثر ڪري ٿي. اهڙن ڊرامن جي اسان وٽ تمام گهڻي ضرورت آهي.

    آچر 19 فيبروري 1995ع


    رت ۾ ٻڏل پوپريون ۽ تتل ڌرتي

    منهنجا سنڌ واسيو، منهنجا پيارا ديس واسيو، توهان ته قصا ٻڌا هوندا، شهزادن ۽ شهزادين جا، جنن ڀوتن، ديون پرين جا، پرستان جي رهواسين جا، سنڌوءَ جي مٽي ۾ ڀريل محبت ڀريل قصن جا، شاهه لطيف جي ارڏين سورمين جا، الائجي ڪيترا قصا وکريا پيا آهن، محبتن جا، احساسن جا. جذبن جا، سڀ قصا ٻڌا هوندا ڪين وساريا هوندؤ.
    اچو ته مان اوهان کي قصو ٻڌايان ٻن پوپرين جو !!!!!!!!
    هن ڪائنات جي وکريل گلستان جي هڪ ڪنڊ جون هي ٻه پوپريون، سنڌ ڌرتيءَ جون سنڌو ماتا جي وهندڙ ڪناري جي ڀرسان رهندڙ، ٻه ننڍڙيون، ڏاڍيون سهڻيون، گلاب جهڙن گلن ۽ چنبيليءَ جهڙي مهڪ واريون هي سنڌوءَ جي هڪ وستيءَ ۾ رهندڙ ٻه پوپريون.
    اچو ته مان اوهان کي قصو ٻڌايان انهن ٻن پوپرين جو، سنڌ ملڪ جي هڪ وستي جنهن جو نالو چون ٿا قمبر آهي، هن قمبر شهر ۽ آسپاس ۾ رهندڙ ڪيتريون پوپريون آهن. هن ويهين صديءَ جون، شعور واريون سمجهدار هي سڀ پوپريون ۽ پر منهنجا پيارا سنڌ واسي.
    هي جي ٻه پوپريون اڄ، نالو انهن جو گلشاد ۽ شاهجان. سوين ميل پري رهندڙ هي ٻارڙيون الائجي ڪير، الائجي ڪٿان جون، هيءُ ننڍڙيون سندر سياڻيون، هڪ رات اوچتو ئي اوچتو الائجي ڪٿان اڏري اچي منهنجي هنج ۾ ويٺيون آهن.
    رت ۾ ٻڏل، حيرت وچان اکيون ڦاٽل، ڏند ڀڪوڙيل، وار کليل، مون کي ننڊ مان جاڳائي انڌيري رات جو اچي منهنجي هنج ۾ ويٺيون آهن هي ٻه ننڍڙيون پوپريون.
    منهنجون ڪمزور لاغر ٻانهون انهن کي پنهنجي حصار ۾ پڪڙي ويٺيون آهن، مان کين ڀاڪرن ۾ ڀري دنيا وارن کان لڪائڻ چاهيان ٿي.
    هو ٻئي منهنجي هنج ۾ ويٺل، منهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ ڦاٿل منهنجي ڇاتيءَ سان چنبڙيل آهن. رت ۾ ٻڏل مٿي اگهاڙيون پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري، منهنجي چهري ۾ نظر وجهي مسلسل تڪي رهيون آهن.
    انهن جي اهڙي حالت ۽ انهن جي ڏسڻ جي انداز انهن جي ننڍڙي وجود منهنجي وجود کي ٽوڙي ڀور ڪري ڇڏيو آهي، ان مهل لڳيم ٿو ته مان هڪ عورت جيڪا هڪ ماءُ به آهيان. لڳيم ٿو ته ازل کان وٺي هنن سڀني پوپرين جي ماءُ به آهيان. ڪنهن به دور ۾ پنهنجو وجود هن بار کان پاڻ ڇڏائي نه سگهيو آهي مان هي رت ڀريل وجودن جو بار کڻندي رهي آهيان.
    مان جيڪا پاڻ به هڪ ماءُ آهيان.
    پنهنجي اندر جي وجود ۾ ساهه کڻندڙ چرندڙ پرندڙ وجود کي جنم ڏيڻ جي اذيت سهڻ واري ماءُ آهيان. انهن جا رت ۾ ٻڏل وجود کڻڻ واري ماءُ آهيان.
    هي زنجيرن جيان جڙيل درد جو سفر ڪٿ به ختم نه ٿيو آهي مان ان درد جي صليب تي ٽنگي پئي آهيان. اهو درد، اهو تخليق جو درد جڏهن اهي پوپريون جنم وٺن ٿيون، چون ٿا ان درد ۽ تخليق جي جنم واري وقت ۾ ڌرتي به وات، کوليندي آهي ته قبر به سڏ ڪندي آهي.
    لڳي ائين ٿو ته قبر جي سڏ جو پڙاڏو به اڃا ختم نه ٿيندو آهي ان تخليق جي وجود ۾ اچڻ واري درد جو احساس به اڃان موجود هوندو آهي ته وري اوچتو اهي پوپريون، رت ۾ ٻڏل پوپريون، رات جي اونداهيءَ ۾ اوچتو، اچي هنج ۾ ويهنديون آهن، رت ۾ ٻڏل، حيراني وچان اکيون ڦاٽل هي ويچاريون پوپريون.
    هي ننڍڙيون منهنجيون گلشاد ۽ شاهجهان.
    جيڪي پنهنجا درد ڀريا وجود کڻي، منهنجي اندر ۾ گهڙي آيون آهن، انهن نه ڪي ڪجهه ڳالهايو آهي ۽ نه وري پنهنجو درد ٻڌايو آهي، پر اسان کي درد جي خبر آهي ۽ درد جي سمجهڻ جي طاقت آهي اهو درد جيڪو اکين مان چهري مان ڇلڪي پوندو آهي. اڄ هي ٻه ننڍڙيون پويريون جن جو نالو آهي گلشاد ۽ شاهجان، منهنجي هنج ۾ ويهي ڪري.
    منهنجي ٻانهن جي گهيري ۾ پاڻ لڪائي هڪ ڌڪ سان پنهنجو سڄو درد منهنجي وجود ۾ اوتي ويون آهن. مان درد وچان اڀ ڏي منهن ڪري رڙيون ڪري روئان ٿي منهنجا هٿ جيڪي هنن پوپرين جي رت سان ڀرجي ويا آهن. مان انهن رت ڀريل هٿن سان منهن مٿو پٽيان ٿي، ڌرتيءَ مان مٽيءَ جا ٻڪ پري پنهنجي مٿان وجهان ٿي. اڄ ته ڪير مون کان پڇي ته، ڌرتي ڪيئن تپندي آهي، اڄ ته ڪير مون کان پڇي ته آسمان ڪيئن ڦاٽندو آهي، هن تخليق جي درد جي صحرا جو سفر ڪيڏو نه درد ناڪ ۽ اڻ کٽندڙ آهي مان جيڪا پاڻ به هڪ ماءُ آهيان.
    هر دور ۾ روپ هٽائي نون نالن سان هنن پوپرين کي سنڀاليندي پئي اچان اڄ وري پنهنجو فرض نڀائيندي گلشاد ۽ شاهجان کي هنج ۾ ويهاريو ويٺي آهيان هي فرض جو طوق جيڪو منهنجو ڳچيءَ ۾ پيل آهي.
    اهو غلاميءَ جو طوق، شعور جي رستي ۾ وڇايل ڪنهن جو عذاب، منهنجي نصيب ۾ لکيل آهي، ان ڪري مون کي ڀوڳڻو آهي.
    هن فرض ۽ حقن جي وٿيءَ کي مان وساري ڪين سگهي آهيان.
    مان هڪ عورت، هڪ ڀيڻ، هڪ ڌيءُ جي حوالي سان حقن جي پائمالي ڏٺي آهي ته فرضن جي رکوالي به ڪئي آهي. مان جيڪا هن معاشري جي باشعور پڙهيل لکيل ماءُ ۽ عورت آهيان ڪيڏي نه بي وس ۽ ڪمزور آهيان!
    ڪنهن به ظالم، وحشيءَ درندي کي ڳچيءَ کان وٺي ڪين ٿي سگهان نه ئي هنن قانون جي رکوالن کي آئينو ڏيکاري سچ جي رستي تي آڻي ٿي سگهان مان هن انڌي ٻوڙي بي وس قانون ۾ ڪو اهڙو روشن قانون ٺاهڻ جي جرئت به نه ٿي ڪري سگهان.
    جنهن قانون ۾ صرف هڪ سوال جو جواب هجي.
    آخر هي حق ڪنهن ڏنو آهي هنن وحشي درندن کي جيڪي پوپرين کي رت ۾ ڳاڙهو ڪري ڇڏين ٿا؟..
    انا، نفس ۽ ملڪيت پٺيان آخر ڪيتريون پوپريون ائين تباهه ٿينديون رهنديون شڪ، گمان، شعور جي آگاهي ۽ بنيادي جذباتي حق آخر هنن پوپرين جا جرم ڇو ٿيندا رهيا آهن. هنن رت ۾ ٻڏل پوپرين جن جي ڪنن ۾ ڄمڻ وقت آذان جو آواز وڌو ويو.
    ڪهڙي قانون تحت ان اذان جي نماز جو حق کسيو ويو آهي. مان اڄ دنيا جي سڄي قانونن کي ٿڏي هنن پوپرين کي هنج ۾ کڻي هن ڪائنات جا سڀ جذبا، محبتون ۽ انسانيت کڻي هن پوپرين کي شهادت جو ڳاڙهو وڳو پهرائي، اهو سوچي قبر داخل ڪيان ٿي ته بي ڏوهي ۽ شهيدن کي نه ته ڪفن جي ضرورت هوندي آهي نه وري جنازي نماز جي.

    آچر 26 مارچ 1994ع


    سنڌ جو مسئلو، ادارا ۽ قلم ڌڻي

    هڪ دفعو لکيو هوم ته ڪي ڳالهيون نه ڪرڻ جهڙيون، نه سلڻ جهڙيون، پر جي ملي وڃي ڪو پنهنجو ته دلين جا دفتر کليو وڃن. پر هاڻ ائين لڳي پيو ته هيءَ دلين جا دفتر آهستي آهستي بند ڪرڻا پوندا. اڄ مهيني کان پوءِ ڪالم لکيو اٿم، ڪالم نه لکڻ جو ڪو به سبب نه آهي. مان ته شايد انهن لکندڙن مان آهيان. جن جي ضرورت آهي لکڻ. نه لکڻ سان ذهن ۾ هڪ بار وجود ۾ هڪ بيچيني اچي ويندي آهي. هن اسان جي معاشري ۾ موضوعن جي به کوٽ نه آهي. ان جي باوجود به مون ڪالم لکڻ ۾ جيڪا سستي ڪئي، ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟ ڪجهه عرصي کان مان شدت سان ان سوال تي سوچڻ شروع ڪيو آهي. جيترو گهڻو مان سوچيان ٿي اوتري منهنجي وجود ۾ مونجهه وڌي ٿي. مان هڪ ننڍڙي جيتامڙي، اديبن جي قطار ۾ بيٺل آخري فرد آهيان. مون کي ڪا خوش فهمي ناهي ته مون ڪي شاهڪار تخليق ڪيا آهن ۽ نه وري مون کي اها اميد آهي ته مون کي ڪير ياد رکندو. بس سڀ ڪو وقت جو ساٿي آهي. چوندا ڪين آهن “جيڪي چُلهه تي سي دل تي، جيڪي اُسريا سي وسريا” پر وري به ننڍڙي جيتامڙي اديب ئي سهي پر آهيان ته هن ڌرتيءَ جي ليکڪا. هڪ حساس ۽ پنهنجي وجود ۾ پيار محبت رکندڙ ليکڪا، جنهن پنهنجي وجود جي گهرائيءَ سان هن ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين سان پيار ڪيو آهي. جيڪو ڪجهه به منهنجي اندر ۾ هو جيڪو ڪجهه به مون کي هن ڌرتي وٽان مليو، مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو اهو سڀ ڪجهه لکي ڇڏيم. ان ڳالهه جي خوشي ۽ فخر اٿم ته موٽ ۾ به مون کي ڏاڍي عزت ۽ پيار مليو آهي.
    هن نه ڪرڻ جهڙي نه سلڻ جهڙي ماحول ۾ الائجي ڪيترا ارڏا وجود آهن. جنهن پنهنجي قلم جي طاقت سان ايترو سچ لکيو آهي، ايتريون حقيقتون بيان ڪيون آهن جن کي پڙهڻ سان ئي هنياءُ ڌڪيو وڃي ٿو.
    هڪ دفعو هڪ اردو اديب، سنڌي ادب تي ڳالهائيندي چيو هو ته “سنڌي ادب ۾ تحرڪ آهي زندگي آهي. سنڌي ادب جو هڪ وڏو مزاحمتي ڪردار آهي، سچائي آهي. حقيقت پسندي آهي” اهو سڀ ڪجهه غلط به ناهي، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جا رهواسي هر دور ۾ ڏچن ۾ رهيا آهن. مسئلن جا، تڪليفن جا ڍڳ آهن، جن جي مٿان اهي گذريا آهن. ڪيتريون ئي قومون سنڌ ڌرتيءَ جي ڪشش تي ڇڪجي هت آيون، انهن به وڏا مسئلا پيدا ڪيا. صديون پراڻي ادب کان وٺي موجوده ادب تائين هڪ نظر وجهبي ته سنڌي ادب ڄڻ محاذ جنگ تي بيٺو، قلم جي تلوار سان وڙهندو رهيو آهي. اڄ جيڪو هڪ سوال هڪ بيچيني منهنجي وجود ۾ اڀري آهي اها ڪيترن ئي اديبن جي وجود ۾ اڀري هوندي. يقينن هي سوال اسان کي مايوسين کان سواءِ ڪجهه به نه ٿو ڏي. اديب اهو ڪجهه لکندو آهي، جيڪو ان کي آس پاس جي ماحول مان ملندو آهي. سچ ته اهو آهي ته ڪو به اديب اهو ڪجهه لکي ئي نه سگهيو آهي. جيڪو ڪجهه اسان جي وايو منڊل ۾ آهي. حقيقتون لکڻ مهل لکندڙ کي محتاط طريقي سان لکڻو پوي ٿو. ان جي باوجود به ڪيتريون سچايون اديب ۽ صحافي کولي نروار ڪيو ويٺا آهن. اخباري دنيا ۾ جڏهن کان وٺي اديبن لکڻ شروع ڪيو ته هڪ شعور جي روشني چئني طرف ڦهلجي ويئي. اخبار هر گهر ۾ ايندي آهي. اخبار هر ڪو پڙهندو آهي. ان ڪري ئي رسالن جي ذريعي جيڪا ڳالهه مهينن کان پوءِ پڙهندڙ کي ملي، اخبار جي ذريعي يڪدم ملي ٿي ۽ اثر انداز به ٿئي ٿي. اخبارن ۾ لکڻ جي ڪري ڪيترن اديبن ۽ صحافين، سياستدانن، اسان جا ثقافتي ادارا، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ادارن تي فوري طور لکيو ۽ ان جو رد عمل به ايندو رهيو. اهو هڪ صحتمند رجحان هو، پر ان جا ڪجهه خراب نتيجا به سامهون آيا ۽ ڪجهه سچيون حقيقتون به ظاهر ٿي پيون، خراب نتيجا اهي هئا ته اسان ۾ سهپ جو مادو نه آهي. تنقيد کي ذاتيات ڏانهن گهلي وڃن ٿا، جلد ناراض ٿي ٿا وڃون. اهي حقيقتون به ظاهر ٿيون، جن سان اسان جي سياست راند بنجي ويئي آهي ۽ ادارا ۽ ادبي سنگتن جي تباهيءَ جا ڪارج به ظاهر ٿي ويا.
    ڪيترن وڏن اديبن سان گڏوگڏ انهن سڀني مسئلن تي مون به لکيو پر حاصل ڇا ٿيو؟ اهو ئي سوال اڄ به موجود آهي ته هڪ لکندڙ جڏهن لکي ٿو پڙهندڙ کي حقيقتون ٻڌائي شعور جي آگاهي به ڏئي ٿو ته موٽ ۾ ان کي ڇا ٿو ملي؟ اڄ مان اهو سوچيان ٿي ته شايد اهو گناهه ئي آهي. جنهن ۾ اسان اٻوجهه ماڻهن کي شعور جي روشني ڏيئي اچي پل صراط تي بيهاري ٿا ڇڏيون. پر اسان وٽ رهبري ڪا به ڪانهي، تبديلي ڪا به ناهي اچڻي ۽ معاشرو اڃا به وڌيڪ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، هڪ طرف اديب آهي، جيڪو لکي ٿو. ٻئي پاسي باشعور عوام آهي، جنهن ۾ جذبو آهي، پر وچ ۾ هڪ وڏي کاهي آهي. ان کاهيءَ ۾ صرف تباهي ۽ موت آهي، انڌيرن جو رقص آهي. اديب صحتمند تبديلي، معاشري جي ڀلائيءَ لاءِ لکي ٿو، پر نه ته تبديلي اچي ٿي ۽ نه وري معاشري ۾ ڪا ڀلائي اچي ٿي. صرف اهو ئي انسان ڪامياب آهي، جيڪو کاهيءَ جي وچ ۾ بيهي انڌيرن جا کوپا چاڙهي، ضمير جا سودا ڪري، سفارشن جي ڏاڪڻ تي چڙهي پنهنجو اگهه لڳائين ٿا. ان وقت وري اهو سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته لکڻ مان ڪهڙو فائدو، عوام کي شعور ڏيڻ مان ڇا حاصل؟ ٿيڻو ته اهو ئي آهي جيڪو صدين کان ٿيندو رهيو آهي.
    هوش سنڀاليو اٿئون ته ٻڌندا پيا اچون سنڌ کي بچائڻو آهي، سنڌ کي جيئارڻو آهي، ڏکيا وقت آهن، اديب لکندو رهيو، سجاڳ ڪندو رهيو، مسئلن جي نشاندهي ڪندو رهيو، دشمنن جي نشاندهي ڪندو رهيو پر وري به اهو ئي سوال سامهون ٿو اچي ته ڇا حاصل ٿيو؟ بجاءِ ان جي ته اسان جا قدم زمين ۾ پختا ٿين. اڃا وڌيڪ زمين اسان جي پيرن هيٺان گسڪندي پئي وڃي، ادارا بچايو، بچائڻ ته ٺهيو پر ادارن تي تالا لڳندا پيا وڃن نه ٿا ڪجهه لکون ته ڏوهي آهيون ڪجهه لکون ٿا ته گنهگار آهيون، جن کي آئيڊيل ٺاهي سٺو سمجهي اڳتي ٿا وڌايون، اهي ئي پنهنجي عمل سان نراس ڪن ٿا. الميو ته اهو آهي ته اسان وٽ آهن ته سڀ ڀلا ماڻهو پر ڪو به پنهنجي جاءِ تي فٽ ڪونهي. هيءَ آفيسري ڪرسي ۽ پيجرو گاڏي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀڪو پريشان آهي. صرف تازو مثال وٺو سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جا ٻه ڀلا ماڻهو، انهن مان هڪ فارسيءَ جو ماهر آهي ته ٻيو وري ريڊيي جو ريٽائرڊ آفيسر آهي. هي ٻئي يقينن پنهنجي فيلڊ جا ماهر هوندا. پر سنڌي ٻوليءَ سان انهن جو ڪو به واسطو نه آهي پر ان جي باوجود ٻئي ڪرسيءَ تي ويٺا آهن، ادبي بورڊ کي ته ماڳهين تالو لڳي ويو آهي. سينيٽر صاحب پنهنجي مصروفيتن ۾ پورو آهي، شمشير الحيدري وڃي اخبار ۾ پناهه ورتي آهي. رسالو ڪو به ڪو نه ڇپيو. ادبي ڪم سڀ ختم آهي. ها باقي مهيني سر پگهار سڀ ڪنهن کي کپي ٿي. يقين ڪريو هاڻ ته وڏا وڏا بت ڪرندي ڏسي رهيا آهيون.
    اهي ئي سڀ سوال آهن جيڪي اڄ منهنجي ذهن ۾ آهن، جن مونکي پريشان ڪيو آهي. ان ڪري ئي ته مان اڄ ڪلهه قلم هٿ ۾ کڻي، اهو سوچيندي آهيان ته لکڻ مان ڪهڙو فائدو؟ ڇو لکان؟ وغيره وغيره، نا اميدي نراسائي اڄ ڪلهه ته اڃا وڌيڪ تنگ ڪيو آهي. جڏهن شهرن ۾ ٿيندڙ دهشت گردي ڏسون ٿا. موت جو رقص جاري آهي پر ظالم قاتل تي هٿ وجهڻ وارو ڪير به ڪونهي. اڄ ڪراچي کي الڳ ڪري صوبو بنائڻ جون تياريون ٿين پيون. سنڌ اسيمبليءَ ۾ ويهي ميمبر چون ٿا ته اسان کي ڪراچيءَ ۾ الڳ اسيمبلي کپي. موت جي رقص سان گڏوگڏ غداري ۽ ملڪ ٽوڙڻ، الڳ صوبي ٺاهڻ جون ڳالهيون ٿين پيون. پر انهن ماڻهن کي سزا ڏيڻ وارو قانون اسان جي ملڪ ۾ آهي ئي ڪو نه. سڀ ڪنهن جي وات ۾ مڱ آهن. يقين ڪريو جنهن وقت اسيمبليءَ ۾ ويهي انهن الڳ اسيمبليءَ جي ڳالهه ڪئي ته اهو هڪ اهڙو بهترين موقعو هو جنهن سان اسان جي اسيمبليءَ جا ميمبر هڪ قرارداد پيش ڪري انهن کي حقيقت جو آئينو ڏيکاري پئي سگهيا، اها هئي ته سنڌ هڪ ئي آهي. جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به موجود هئي. هتي اسيمبليءَ ۾ قانون پاس ڪري پاڪستان ٺهڻ ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جون قراردادون پيش ڪيون ويون هيون. پاڪستان ڪو آسمان مان ٺهي ڪو نه لٿو هو. پر موجود چئن صوبن جي رضا خوشيءَ سان ٺهيو هو. اڄ هي سڀ اسيمبليون اهو حق محفوظ رکن ٿيون ته جهڙي طرح انهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي قرارداد پيش ڪئي ته اڄ وري ڪنهن به هڪ قرارداد جي ذريعي هو الڳ به ٿي سگهن ٿا. چارئي صوبا پنهنجي اصل حيثيت ۾ واپس به اچي سگهن ٿا. جن کي هت رهڻو آهي ته رهي، ناهي رهڻو ته واپس هليا وڃن. ٻيو به وري پاڪستان صرف سنڌ ۾ ته ڪونهي، جن کي سنڌ ۾ ناهي رهڻو، اهي هليا وڃن ٻين صوبن ۾، پر ڪير به ته ڪو نه ٿو ڪڇي. اردو ۽ انگريزي اخبارون باقاعدگيءَ سان ڪم ۾ رڌل آهن. هي ماڻهو حڪومت کي به آڱرين تي نچايو ويٺا آهن. انهن پنهنجو ڄار ايترو ته مضبوط ڪيو آهي جو هاڻوڪي دور ۾ به حڪومتي نمائندن کي ڪٿ به سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو آهي. يقين ڪريو ته اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن هو ڪراچي اسان کان کسي وٺندا ۽ اسان صرف ڳالهيون ڪرڻ ۾ پورا رهنداسين. اڄ ڪلهه حيدرآباد جي ڳالهه هو ان ڪري نه ٿا ڪن جو ات انهن جي پاليسي ڪامياب ڪا نه ويئي آهي. انهن منصوبي تحت حيدرآباد سنڌين کان خالي ته ڪرائي پر ان ڳالهه جو خيال نه ڪيائون ته سنڌين کي بجاءِ ڄامشوري ۽ هاءِ وي ڏي ڌڪڻ سان هو مٿين پاسي سنڌين کي ڌڪين ها. هاڻ قاسم آباد نسيم نگر کان وٺي ڄامشوري تائين ڪيترا سنڌين جا علائقا ٺهي ويا آهن. جنهن جي ڪري حيدرآباد چئني پاسن کان وڪوڙجي ويئي آهي.
    هت وري منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال اڀرندو آهي ته ڇا ڪنهن هڪ فرد به سنڌ جي دل ڪراچيءَ جي وارثن سنڌين کان پڇيو به آهي، ته توهان ڪراچي الڳ ڪري ڏيندو به يا نه؟ سوال ڪرڻ وارو سوال ان ڪري به نه ٿو ڪري ته سنڌي هونئين ستل ۽ بي همت آهن، پڇڻ مان فائدو.
    منهنجا پيارا سنڌيو اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اڄ ڪلهه دل کي بيچين ڪيون ويٺيون آهن. ذهن پريشان آهي. ڪجهه به لکڻ تي دل نه ٿي ٿئي، ادارا به بچي پوندا، ٻولي به بچي پوندي، سنڌي به بچي پوندا، پر جي اسان سنڌ کي بچائي سگهياسين. اڄ جو وڏو مسئلو وجود جو مسئلو آهي، بقا جو مسئلو آهي.
    مون کي ياد ٿو اچي ته ون يونٽ جي ٽٽڻ کان اڳ، حيدرآباد ۾ سنڌي اديبن جو هڪ وڏو جلسو نڪتو هو. ان جلوس ۾ ٻڌي ۽ طاقت ون يونٽ ۾ ڏار وجهي ڇڏيا ۽ حڪومت جون اکيون به کلي ويون، ان وقت اها ڳالهه ظاهر ٿي پئي ته ادبي لڏو، شعور وارو لڏو، وڏي طاقت رکي ٿو. اڃا به وقت ڪو نه ويو آهي. هاڻ به اسان گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا. اوهان کي خبر هوندي ته علي احمد بروهي صاحب، جلد ئي هڪ اديبن جي وڏي گڏجاڻي ڪوٺائي رهيو آهي، منهنجي تجويز آهي بروهي صاحب کي ته مهرباني ڪري سڀ کان پهرين ات ڪراچيءَ جي مسئلي کي کڻي، حڪومتي ادارن ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن سان ملڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهجي جيڪا سنڌين جي مسئلي کي زوردار نموني ۾ کڻي ان کان علاوه هنن سڀني ادارن جي سربراهن کي به ات گهرايو وڃي ۽ ادارن جي بهتريءَ لاءِ انهن کي چيو وڃي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ لاءِ به اسان جي نوجوانن کي ڏاڍيون شڪايتون آهن ۽ وري ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن کي به ڪي غلط فهميون آهن. اهي سڀ به ختم ڪرڻ گهرجن.
    مگر منهنجا سائين سڀ کان اهم مسئلو آهي بقا جي وجود جو، اديب، شعور وارو لڏو، آخري مورچو آهي هن جنگ جو. يقين ڪريو چوءُ طرف مايوسيءَ کان پوءِ به سڀني جون اکيون کڄنديون آهن قلم جي وارثن ڏي. ڏسون هي قلم جا وارث ڇا ٿا ڪن؟

    سومر 24 اپريل 1995ع


    آخرڪار اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

    هن ڌرتيءَ تي رت جي راند سالن کان جاري آهي. لڳي ٿو هاڻ آخري مرحلي ۾ آهي. اها خوني راند، هي وڍيل عضوا ۽ لاش، آهون، فرياد، رڙيون اڀ پيون ڏارين. ڏينهن جو سج جي تپش ۽ رات جو ڳاڙهو آسمان اڃان وڌيڪ اهڃاڻ ڏيئي رهيو آهي ته الائجي ڪيترا جيون هن دهشتگردي جو کاڄ ٿيندا. انسانيت جي نظر سان هي وهندڙ رت، هي ٿيندڙ ظلم ڪو پرايو ڪو نه ٿو لڳي. هر خبر جيءَ کي جهوري ٿي. هر تصوير وجود کي بيچين ڪري ڇڏي ٿي. ڪو به انسان هن دهشتگرديءَ مان خوش ڪونهي. هي انسانيت جو رشتو ڏاڍو وسيع آهي. ان ۾ اڇا، ڪارا، بندرا ۽ ڊگها هر قسم جا انسان اچي وڃن ٿا. دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ ان جو کاڄ ٿيندڙ ماڻهو اجنبي هوندي به درد ڏيئي وڃن ٿا. پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته جيڪو چئني طرف کان دهشتگرديءَ جو وايو منڊل منڊيل آهي ان کي نظر انداز ڪجي، ڏينهن رات ڪهڙي عذاب ۾ گذرن ٿا. ڄڻ ته واريءَ جي انتظار ۾ ويٺا آهيون. ڪجهه هفتن کان ڪالم نه لکڻ جو سبب به اها ئي بيچيني آهي. هيءَ اندر جي بيچيني گهڻو ڪجهه ڳولهيندي آهي. موٽ ۾ جڏهن نراسائي ملندي آهي ته ان ويل دل چاهيندي آهي ته ماڻهن جي چهرن مٿان ماسڪ لاهي انهن جون اصل شڪليون ڪڍي نروار ڪجن. انهن جي قول ۽ عمل جي تضاد کي وائکو ڪجي. ڏکئي وقت تي ٻرن ۾ لڪندڙ ۽ سکئي وقت ۾ مفاد حاصل ڪرڻ وارن کي پڌري پٽ آڻجي. ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ٿيندو اهو ئي جيڪو ٿيڻو آهي.
    “رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا.”
    اڄ ڪلهه ڪيترائي سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا. انهن مان هڪ اهم سوال آهي ته ڇا هي سڀ ڪجهه اسان لاءِ نئون آهي؟ ڇا اسان کي ڄاڻ هئي ته هنن سڀني ڳالهين جو انت ڇا ٿيندو؟ مان سمجهان ٿي ته اسان وٽ ڪو به اهڙو اڻڄاڻ ڪونهي. حالتون پنهنجي ليکي ڏس ڏيئي رهيون آهن. ان جي باوجود به هيءَ لاپرواهي هيءَ بي حسي، هيءَ اک ٻوٽ ڇا جي لاءِ آهي؟ مان اهو ڪڏهن به نه چوندس ۽ دهشتگرديءَ کي روڪڻ لاءِ دهشتگردي ئي ڪرڻ گهرجي. پر اهو به صحي نه آهي ته ماٺ ڪري وڃي ويهجي. ٻانهن سيراندي ڪري سمهي رهجي. اوچتو گوليءَ جي ٺڪاءُ تي اکيون کولي ابتو سبتو بيان ڏيئي وري سمهي رهجي. هنن بيانن ۾ اهو چيل هجي ته منزلون قوت اراديءَ سان حاصل ٿينديون آهن. دشمن ڪمزور هوندو آهي، دهشتگردي جٽاءُ نه ڪندي آهي. هونئن به اسان جي شهري ڀائرن جيڪي شريف نفس آهن. ڪڏهن به الڳ صوبي جي ڳالهه نه ڪئي آهي. انهن ڪڏهن به جناح پور جا نقشا ڪو نه ٺاهيا آهن. اهو سڀ ناٽڪ موجوده حڪومت جو آهي وغيره وغيره. منهنجا پيارا سنڌيو اهڙا ۽ اهڙي قسم جا ڪيترائي بيان پڙهي اندر ۾ باهه ٻري پوندي آهي. ان باهه ۽ بيچينيءَ وچان چيم پنهنجي هڪ ساٿياڻيءَ کي ته “منهنجي دل ٿي چاهي ته هنن جهڙن سڀني ليڊرن کي رسيءَ سان ٻڌي پهرين ته ڏجين ڏاڍي مار پوءِ سوئي سان انهن جو وات سبي ڇڏجي.”
    منهنجي ساٿياڻي حيرت ۽ ڊپ مان مون کي چيو ته زبان مان اهڙا لفظ ته ڪڍيا اٿئي پر لکي نه ڇڏجان. جواب ۾ چيم ڊڄان ٿي ڇا انهن کان !!! انهن جا وجود، سنڌ جي وجود کان اهم نه آهن. مان ته پنهنجي پاران ڪجهه ڪو نه ٿي چوان، اهي جيڪي بيان بازي لڳايو ويٺا آهن اهي حوالا ٿي ڏيان ته اهڙو گند ڳالهائڻ کان ماٺ چڱي آهي. انهن جا اهي بيان سڄي سنڌ واسين به پڙهيا هوندا يقينن انهن جي وجود ۾ به اهڙي ئي نفرت ۽ حقارت اڀري هوندي.
    منهنجا سنڌ واسيو هي ڪيڏو وڏو نه الميو آهي ته اسان هن مهل جيڪو ڪجهه لوڙيون پيا انهن جا ذميندار به اسا جا پنهنجا آهن. اهي نام نهاد همدرد جيڪي صحي وقت تي غلط بيان ڪڍي مسئلن کي اڃان به وڌائيندا آهن. هو ان ۾ خوش آهن ته اردو اخبارن ۽ اردو اديب ۽ ڪالم نويس انهن جا اهي غلط قسم جا بيان پڙهي ڪالم لکن ٿا، مضمون لکن ٿا ۽ اهو محسوس ڪرائين ٿا ته سنڌي بي غيرت ۽ بي همت آهن. هو سنڌ جي ورهاست ۾ خوش آهن. انهن جا ضمير سُتل آهن. انهن جي هٿ ۾ امن جو ڪشتو آهي. هو ويچارا سنڌين جا لاش کڻي به اڃان پريشان ڪو نه ٿيا آهن هو ته اڃان به امن جي خيرات پيا گهرن. هو ته ڏاڍي پيار ۽ پنهنجائپ مان چون ٿا ته اسان هنن مظلوم ڀائرن کي جيڪي حق پرست آهن ۽ موجوده حڪومت جي ظلم جو شڪار آهن انهن کي دل ۾ جايون ڏيون ٿا. هو ويچارا مظلوم سنڌ ۾ اسان جا برابر حصيدار آهن. منهنجا پيارا سنڌ واسيو وري به مان اوهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته هي سڀ ڪجهه مان پنهنجي طرفان ڪو نه پئي لکان. هي حوالا ته مان سنڌي اردو اخبارن مان ڏيان پئي.
    سائين منهنجا اچو ته ٿورو سوچيون سمجهون ته هن مسئلي کي اسان جي همدرد سنڌ ڏوکي ليڊرن کي ڀل نظر نه ايندو هجي پر هاڻ عام اڻ پڙهيل ماڻهو به اهو سمجهي چڪو آهي ته هاڻ اسان جي سنڌ مٿان ڏکي ۾ ڏکيو وقت آيو آهي. اڄ جو هي ڏکيو وقت ڪيترا سال اڳ اسان کي وارننگ ڏيندو رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ کي اسڪولن مان ختم ڪرڻ، ون يونٽ جو ٺهڻ، ڪوٽا سسٽم ۽ ايم ڪيو ايم جو وجود ۾ اچڻ اهي سڀ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جن اسان کي هن حال ۾ پهچايو آهي. سنڌ ۾ تعليمي نظام کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو ۽ پوءِ ڪوٽا سسٽم جي نالي سان خيرات ڏني ويئي. ڏٺو اهو ويو آهي ته هن ڪوٽا سسٽم مان سنڌين کي ڪو خاص فائدو به ڪو نه پهتو آهي. نظر وجهجي ته الائجي ڪيتريون ڳالهيون آهن جن اسان کي موجوده حالتن تائين پهچايو آهي. هنن حالتن سان مقابلو ڪرڻ صرف حڪومت جي ذميداري نه آهي پر سنڌ جي عام ماڻهوءَ کان وٺي سياستدان، اديب، دانشور سڀ ملي ڪري گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا.
    هن ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته پيپلز پارٽي وارا به هنن حالتن جا ڪنهن حد تائين ذميندار آهن. حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ عزيز آباد جا چڪر لڳائڻ انهن جون سڀ جائز نا جائز ڳالهيون مڃڻ جي گنهگار اسان جي حڪومت آهي. پيپلز پارٽي نواز شريف، ڄام صادق علي، غلام مصطفيٰ جتوئي کان وٺي معين قريشي جي حڪومت تائين سڀ ذميندار آهن هن دهشتگرديءَ جا. ضياءَالحق ۽ غوث علي شاهه ته جنم ڏنو هو هنن کي جيڪي هاڻ ڌرتيءَ جا ناسور ٿي ويا آهن. اسان جا قوم پرست ليڊر، اديب دانشور ڪير به پاڻ کي گهنگهاريءَ واري کاتي کان آجو نه ٿو ڪري سگهي. پيپلز پارٽي وارن حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ، قوم پرستن پنهنجي ذاتي مفاد ۽ پيپلز پارٽيءَ سان دشمني نڀائڻ لاءِ، اديب ۽ دانشور انسانيت جي حوالي سان ته ويچار ڪاڏي ويندا آخر هن ڌرتيءَ وارن جهڙا ٿي ويندا وغيره وغيره . . . هنن سڀني ڪوتاهين جو نتيجو هي نڪتو آهي ته هو هڪ معمولي گروهه سڀني کي آڱرين تي نچائي رهيو آهي. هنن دهشتگرد خونين وٽ ايترا ته هٿيار آهن جو حڪومتي ادارا به انهن جي آڏو بي وس ٿي پيا آهن. پريس وارا انهن کان ڊڄن ٿا. سون جي حساب سان ماڻهو ماري، مال ملڪيتون تباهه ڪري هو پاڻ کي مظلوم سڏائين ٿا. حد ته اها آهي ته سڀ ڪنهن جو زور اهو آهي ته ان مهان دهشتگرد کي مان ڏنو وڃي ان کي سامهون عزت سان ڪرسيءَ تي ويهاري ان کي عرض ڪيو وڃي ته مهرباني ڪري هيءَ قتل خونريزي بند ڪر، اسان تنهنجا خادم آهيون، تنهنجو حڪم مڃينداسين، تون ته صرف ڪراچي حيدرآباد جي ڳالهه ٿو ڪرين، اسان سڄي سنڌ تنهنجي قدمن تي رکڻ چاهيون ٿا. منهنجا سنڌ واسيو سوچيو ته سهي، ڏسو ته سهي، نه صرف اپوزيشن پر اخبارن ۾ ڇپندڙ اردو اديب، دانشور ۽ صحافين جا ڪالم ۽ مضمون صرف ان ڳالهه تي زور ڏيئي رهيا آهن ته ڳالهيون ڪيو، سياسي حل تلاش ڪيو. يقينن ڳالهين ڪرڻ سان ئي مسئلا حل ٿيندا آهن پر هت ڪراچيءِ جو مسئلو وڌيڪ ڏکيو آهي ڇو ته هت دهشتگردي بجاءِ گهٽجڻ جي روز بروز وڌي رهي آهي. حڪومت جي ٺاهيل ڪا به ڪاميٽي انهن کي قبول نه آهي هو چاهين ٿا ته حڪومت جا اهم نمائندا لنڊن ۾ وڃن ان ظالم جي اڳيان پيش پون ۽ هو ظالم چانهن جو هڪ ڪوپ پياري سڀ مسئلا حل ڪري ڇڏيندو. معنيٰ هيڏن انسانن جي رت جي قيمت چانهن جو ڪوپ آهي . . . پوءِ هو ظالم شخص وري اهي طعنا ڏيڻ شروع ڪندو جڏهن نئين قسم جي دهشتگردي ڪندو ته مون وٽ لنڊن توهان ڇو آيا هئا . . . ؟ اڄ به ته اها ئي ڳالهه ورجائي پئي وڃي ته فلاڻا ڪي فلاڻا اسان وٽ عزيز آباد ڇو آيا هئا. مان پنهنجي هن ڪالم ۾ ڪا به نئين ڳالهه ڪا نه ڪئي آهي. انهن ڳالهين کان واقف سڀڪو آهي. هن وقت جي جيڪا اهم تقاضا آهي ته اسان سنڌين کي هن مهل ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    ڇا دهشتگرديءَ جو مقابلو دهشتگرديءَ سان ڪجي؟ ڇا صرف ٺلها بيان ويهي ڪڍجن؟ هن دهشتگرديءَ ۾ ڪيترائي سنڌي ماريا ويا آهن. ڇا اسان کي پنهنجو تحفظ ڪرڻ گهرجي يا وري واري جو ويهي انتظار ڪجي؟ دهشتگرديءَ جو مقابلو اسان سنڌي دهشتگرديءَ سان بلڪل نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته اسان وٽ نه ايترا هٿيار آهن نه وري حوصلو ها باقي بيان ڪڍڻ جا اسان هوشيار آهيون ان ۾ ڪمي نه اچڻ گهرجي.جيڪي اسان جا جوان مرن پيا انهن کي وڏي دل سان مٽيءَ حوالي ڪرڻ گهرجي ڇو ته مرڻ کان پوءِ به آخر سنڌ جي مٽي انهن کي ملي آهي. ها باقي واري جي انتظار ۾ ويٺل اسان جهڙا ڪي ماڻهو اهڙي موت کي قبول نه ٿا ڪرڻ چاهين انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    سچ پڇو ڏاڍي نااميدي ۽ اڪيلائپ آهي. پنهنجي حڪومت هوندي پنهنجي سنڌ ۾ اسان سنڌي ڪيڏا نه اڪيلا آهيون. وڙهي نه ٿا سگهون پر پنهنجي وارثي ۽ حقداري به نه ٿا ڏيکاري سگهون. منهنجي دل چاهي ٿي ته سڀ سنڌي هٿين خالي گهرن مان نڪرن، نه صرف اسان جي ملڪ پر سڄيءَ دنيا کي اهو ٻڌائين ته اچو اسان سان حساب ڪتاب ڪيو. عدالتن ۾ هلو، جرگا ويهاريو ۽ اقوام متحده تائين هلو ۽ اسان کي صرف هڪ سوال جو جواب ڏيو ته “پاڪستان ٺهڻ وقت اسان ڪنهن به معاهدي ۾ سنڌ جي شهرن تان هٿ ڪو نه کنيو هو، پاڪستان صرف سنڌ ۾ ڪو نه ٺهيو هو. جڏهن سنڌ آهي ئي سنڌين جي ته پوءِ هي خونريزي ۽ دهشتگردي ڇا لاءِ . . . .؟ جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته سنڌ ۾ هو خوش نه آهن ته اهي ٻين صوبن ۾ هليا وڃن ڇو ته اهي صوبا به پاڪستان ۾ آهن. سنڌي ماڻهو ڪنهن به حالت ۾ سنڌ جي تقسيم ڪو نه چاهيندا. جڏهن بنگلاديش ٺهيو هو ته خبر پئي ته جن بنگالين کي غدار ۽ خراب چيو ويو اهي ئي وارث نڪتا بنگلاديش جا، جن الشمس، البدر جهڙيون تنظيمون ٺاهيون ۽ دهشتگردي ڪئي، اهي وڃي ڪيمپن ۾ ويٺا. حساب ڪتاب مهل ٻاهران آيل ماڻهن جي ڪا به حقداري ڪا نه نڪتي. هت اگر حالتون خراب ٿينديون ته پوءِ ڪيمپن ۾ ڪير وڃي رهندو؟ هنن نادان انسانن کي اهو ٻڌائجي ته اسان جو تعلق پيار ۽ احساس جو آهي. جڏهن اهو ٽٽي ويو ته ڪجهه به نه رهندو. سواءِ خون ريزيءَ جي. مان هن مهل سڀني سنڌ دوست قوم پرست تنظيمن، اديبن ۽ دانشورن کي اپيل ڪندس ته خدا جي واسطي صرف بيان نه ڪڍو ڪجهه عملي طرح به ڪري ڏيکاريو. هڪ هنڌ گڏ ٿيو آئيندي جي لاءِ ڪي منصوبا ٺاهيو. توهان جو اڄ جو دشمن ڏاڍو ظالم آهي. هو پيار جي احساس جي زبان سمجهڻ وارو نه آهي. مقابلو نه ٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي قوم لاءِ ڪي بچاءُ جا طريقا ڳوليو. جنهن سان اسان پنهنجي نوجوانن جون زندگيون به بچائي سگهون ته پنهنجي سنڌ کي به بچائي سگهون. اسان کي صرف اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته “سنڌ اسان جي آهي. صرف اسان جي” جڏهن اسان هڪ هنڌ تي گڏ ٿي ويهنداسين ۽ هن فيصلي تي عمل ڪنداسين ته يقين ڪيو ته اسان جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. اچو ته گڏجي هڪ فيصلو ڪيون صرف هڪ فيصلو ته “سنڌ اسان جي آهي صرف اسانجي”.
    سومر 3 جولاءِ –1995ع


    شيخ اياز موهن جي دڙي جيان خاموش ٿي ويو

    هن بند دري جي شيشي ۾ جو هي گلدان رکيو آ
    تون روز وڃين ٿو ملڪ اگهين
    هن بند دري جي شيشي تان
    پر گل گل جي ڪا گهوري ڏٺئي؟
    هي گل گل ڪانهي اک آهي
    جا بند دري جي شيشي مان ڏور ڏسي ٿي ڀونرن
    هن بند دري جي شيشي مان هي گلدان پيو بي جان لڳي
    تون کولي ڇڏ هي بند دري
    ڇا هير لڳي پئي ماڪ ڀري (شيخ اياز)

    اڄ موهن جي دڙي ۾ خاموشي ڦهليل آهي، چرندڙ پرندڙ شهر ائين ڏيک ڏئي رهيو آهي ڄڻ ته هت ڪو بني بشر ئي ڪونهي. هو ڏسو موهن جي دڙي جي ناچڻي ان پنهنجا گهنگهرو لاهي ڦٽا ڪيا آهن وڏي پوڄاري پنهنجي ويڙهيل ستارن واري اجرڪ لاهي ڇڏي آهي. اها عورت جنهن پنهنجي محنت ڪش ور کي زمينن تي ڪم ڪندي ڏٺو هو ۽ ان عورت زمين تي پکڙيل ساوڪ ۽ رنگ برنگي گلن جون ٻاريون ڏسي انهن رنگن کي ملائي پنهنجي ور لاءِ رلهي ٺاهي هئي. اڄ اها عورت ان رلهي کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهي آهي. ان عقلمند جنهن پنهنجي خيالن موجب آسمان مان تارا لاهي پنهنجي وني کي اجرڪ جي شڪل ۾ پهرايا هئا اڄ هو ڏک وچان آسمان ڏي ڪو نه نهاري رهيو آهي. اڄ موهن جي دڙي جي اوطاقن ۾ وڇايل چوپڙ رانديون. شطرنج جا مهر ائين ٿي پيا آهن سڀ ڪو اداسي وچان ڳل تي هٿ رکيو ويٺو آهي. ان اداسي جو سڄو تسلسل هڪ خبر پٺيان آهي جنهن سڄي سنڌ کي اداس ۽ ڏکايتو ڪري ڇڏيو آهي. هن مهل مون کي مهتاب راشدي ٻڌايو ته اڄ رات شيخ اياز گذاري ويو. سڄي جسم مان ٿڌا سيسراٽ نڪري ويا.
    گذريل ڏينهن به ته اداسي ۾ گذريو هو درشهوار سيد جي خبر ٻڌي، اڄ هن ڌرتي تي هيڏو وڏو هاڃو موت برحق مرڻو آ اسان سڀني کي، هي جسماني موت جڏهن ايندو آهي ته هٿين خالي موٽي نه ويندو آهي. گهاءُ ڏيئي جدايون ڏيئي پيارن کي پيارن کان وڇوڙي هليو ويندو آهي. سڀ ڪنهن کي اها ئي وائي ۾ هوندي آهي.... فلاڻو مري ويو هيءَ دنيا ڇڏي ويو. فنا جي رستي جو مسافر بقا جي منزل تي پهچي ويو....موت اهڙي جدائي آهي جنهن ۾ مرڪندڙ مهڪندڙ چهرا جيون جي جدوجهد جا ارڏا ماڻهو اوچتو پئي اوچتو ماٺ ٿي ويندا آهن. انهن جي هيءُ خاموشي سندن وجود سان گڏ زمين جي تهن ۾ دٻجيو فنا ٿيو مٽي سان گڏ مٽي ٿي وڃي. ڪيڏا ارڏا جاه جلال وارا ۽ معصوم پيار کڻي جو اکيون ٻوٽين ته پوءِ پويان کڻي رڙيون واڪا ڪجن. چاهي لک حيلا وسيلا هلائجن. پر ماٺ جي رستي جا راهي نه اکيون کولي ڏسن ۽ نه وري چپ چورين، انسان جي بي وسي جي انتها آهي. ان ويل عقل سمجهه منطقون، فلسفه ڪجهه به ڪين ٿا ڪم اچن. اهڙي ئي واٽ تي هليو ويو آهي، منهنجو توهان جي سڄي سنڌ جو شيخ اياز، ٿوري دير اڳ خبر ملي اٿم ته شيخ اياز هاڻ اسان جي وچ ۾ نه رهيو آهي. زندگي جي چو واٽي تي موت سان وڙهندي خاموش ٿي ويو آهي. ماما جمال ابڙي سان هن مهل ڳالهايم ان ٻڌايو ته شيخ اياز چوندو هو ته مان جلدي ڪونه مرندس، موت جڏهن مون وٽ ايندو آهي ته ان کي دڙڪو ڏيئي موٽائي ڇڏيندو آهيان ڇو ته مون کي گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. مون وٽ وڃڻ جي فرصت نه آهي. پر ڇا اڄ رات شيخ اياز کي موت وٽ وڃڻ جي فرصت ملي ويئي..؟
    وجود جي جنگ سڀ کان وڏي خطرناڪ جنگ هوندي آهي. اها جنگ گهڻو ڪري ڏات جا ڌڻي ئي وڙهندا آهن ان ڪري ئي انهن جو وجود ڀرندو ۽ ساٿ ڇڏيندو ويندو آهي. هن جنگ ۾ وڙهندي وڙهندي آخرڪار وجود کي هٿيار ڦٽي ڪرڻا پوندا آهن. اڄ شيخ اياز نه ته موت کي دڙڪو ڏنو نه ڪاوڙ ڪئي. خاموشي سان ان سان گڏ هليو ويو. ياد اٿم اهو ڏينهن جڏهن شيخ اياز مون کي فون ڪري چيو ته طارق اشرف شيخ اياز نمبر پيو ڪڍي سلطانه تون به ڪجهه لکي ڏي. مان حيران ٿيندي چيو “سائين مان توهان تي ڪجهه لکان... اهو ڪيئن ممڪن آهي. جواب ۾ چيائين اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي سلطانه مان سمجهان ٿو ته تون ئي مون تي بهتر ۽ سٺو لکي سگهين ٿي.....مون کي لڳندو آهي ته تون کي تمام چڱي طرح پڙهيو آهي......طارق اشرف مون کي چوي ها ته شايد مان پنهنجي عقل سمجهه اهو ڪا ڪچي پڪي شي لکان وٺان ها. پر شيخ اياز پاڻ فون ڪري ڄڻ ته مون تي ظلم ڪري ڇڏيو هو. سندس چيل لفظ مون لاءِ ڄڻ ته ڊيل پروموشن هئا. طارق اشرف به مون کي تاڪيد ڪئي. هاڻ ته مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا لکان. شيخ اياز وري هن ڪري چيو مان صفا شرمندي ٿي ويس چيم سائين مان اوهان تي ڪجهه به نه ٿي لکي سگهان، مون کي توهان معافي ڏيو. اڄ شيخ اياز جي مرتئي تي هي سڀ ڪجهه لکندي مون کي پنهنجي اوڻائي جو شدت سان احساس آهي. شيخ اياز جنهن اڌ صدي کان وڌيڪ ادب جي دنيا ۾ حڪمراني ڪئي. اڄ رات اسپتال جي ڪمري ۾ الائجي ڇا سوچيندو هليو ويو. ڪجهه ته لکڻ چاهيندو هوندو. ڇا سوچيندو هوندو؟ ڪاش شيخ اياز سڀ ڪجهه لکي ڇڏي ويو هجي جيڪو ان جي اندر ۾ هو. پنهنجو اندر کولي ڇڏي. هن ڌرتي واسين اڳيان جيڪي بيقدرا ۽ مئلن جي پٺيان ماتم ڪرڻ وارا آهن. شيخ اياز جو هڪ دور هو ان دور ۾ اسان جهڙن ننڍڙن اديبن ان جون تخليقون پڙهي جنم ورتو. سچ پڇو ته مان ادب ۾ جنم ئي شيخ اياز جا ڪتاب پڙهي ورتو آهي. هن مهمان انسان جي لکيل هڪ هڪ سٽ پنهنجي جاءِ تي هڪ جذبو ۽ پيغام رکي ٿي، سندس شروعاتي دور جذبن ۽ جولانن جو دور هو. جنهن ۾ مون جهڙا ڪيترائي اديب ان راهه جا راهي ٿي پيا. ڏکيو دور سنڌ ۾ جنهن ۾ پنهنجي وجود جي ختم ٿيڻ جو احساس هو. شيخ اياز وجوديت جو احساس ڏياريو. سندس لکيل گيت ۽ نظم ذهني انقلاب جو اوسر ٿي پيا. سنڌيت جو احساس وجود جو احساس، ڌرتي جو احساس، سنڌ جي رهندڙ انسانن ۽ جيتن جڻن وڻن ٽڻن کي به ٿي پيو، سنڌ جو اهو سڄو دور ويندي اڄ تائين سنڌ واسين سک جو ساهه نه کنيو. اوچتو ئي اوچتو شيخ اياز جون سوچون مٽجي ويون. ان اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون جنهن مان معلوم پئي ٿيو ته پنهنجي سڄي ادبي جدوجهد تان شيخ اياز هٿ کڻي ويو آهي. چئني طرفن کان بيان بازي شروع ٿي ويئي ته اياز پنهنجي فلسفي کان ڦري ويو آهي. پنهنجي ڪيل شاعري تان هٿ کڻي ويو آهي.وغيره وغيره پنهنجا پيارا سنڌ واسيو الزام هڻن ته سولو آهي پر ٿورو پنهنجي دل تي هٿ رکو ته اسان سنڌ واسين جا جهڙا حال آهن جهڙا عمل آهن ان مان سواءِ نااميدين ۽ نراسائين کانسواءِ ڇا ملندو رهيو آهي.
    اهڙي حالتن ۾ جڏهن هڪ ڏات جو ڌڻي جنهن پنهنجي قلم جي جنگ وڙهي هجي اهو هٿيار ڦٽا نه ڪندو ته باقي ڇا ڪندو ۽ شايد سنڌ جي تاريخ هر دور ۾ اهڙي بي وسي انڌيرن جو شڪار ٿي آهي. تڏهن ته شاهه ۽ سچل کان ويندي شيخ اياز تائين پنهنجي تخليق کي ساڙڻ وسارڻ ۽ بي عمل چوڻ ڪا وڏي ڳالهه نه رهي آهي مان الائجي ڇا لکي رهي آهيان ۽ خبر نه آهي ڇا لکڻ چاهيان ٿي. سڀ اختلافي ڳالهيون ڇڏي هن دور ۾ منٽ منٽ ۾ مليل نراسايون ڇڏي اڄ مان ان مهان انسان لاءِ سوچي رهي آهيان جيڪو هن صدي جو سنڌي ادب جو سڀ کان مهان اديب ۽ ويڙهاڪ رهيو آهي، جيڪو نراسائي وچان پنهنجي تخليق پنهنجي سوچن پنهنجي شاهڪارن تان هٿ کڻي رهيو آهي جنهن کي موٽ ۾ سنڌ جي آزادي، سنڌ جي خوشحالي سنڌ ڌرتي ان امن امان ۽ سڪون جي ڪاراه نظر نه آئي اڄ اهو انسان پنهنجا خواب پنهنجا خيال اميدون آسرا کڻي هليو ويو آهي. اسان هاڻ پٺيان روئنداسين واڪا ڪنداسين اخبارن ۾ بيان بازي ڪنداسين پر عملن ان خواب جي تعمبير تي پهچڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين جيڪو شيخ اياز ڏسي ويو آهي ۽ ٻيا ڪيترا اديب ۽ شاعر ڏسن پيا.
    اڱارو 30 ڊسمبر 1998ع


    اديب ۽ ان جي قلم جي طاقت

    اڄ ڪلهه جي ماحول جو تصور ڪري ئي دل ۾ مونجهه ٿي ٿئي. اسان جي چئني طرف جيڪو معاشرو جڙي اسان جي سامهون اچي رهيو آهي ان ۾ سواءِ مايوسي ۽ نراسائي جي ڪجهه به نه آهي. هن دنيا جي معاشري ۾ سائنسي ۽ سماجي ترقي جيتري گهڻي ٿي آهي اوترو ئي انسان ذهني سستيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. مطلب پرستي وڌي ويئي آهي ۽ احساسن ۽ جذبن ۾ ڪمي اچي ويئي آهي. اهڙي گهُٽ واري ماحول ۾ اميدن جو آسون رکڻ ڪجهه مشڪل ٿي پيو آهي حالانڪه سڀ چوندا آهن ته مايوسي گناهه آهي گهٽ ۾ گهٽ اديبن کي ڪڏهن به مايوسين جون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن اديبن کي مايوسين جي ماحول ۾ به روشن پيغام ڏيڻ گهرجي.
    مان ان منطق کي اڄ تائين نه سمجهي سگهي آهيان ته اديبن کي اهڙين حالتن ۾ ڪيئن پر اميد رهڻ گهرجي؟ اديب به ته اوهڙي دل، اوهڙو دماغ ۽ اهڙو ئي وجود هوندو آهي جيڪو ٻين انسانن جو هوندو آهي. ڏسجي ته اديب هڪ لحاظ کان ته وڌيڪ حساس هوندو آهي. ان تي آس پاس جون حالتون وڌيڪ اثر انداز ٿينديون آهن. ان ڪري اديب پرُ اميد به جلد ٿيندو آهي ته مايوس به جلد ٿيندو آهي.
    ماحول ۾ ڪيتري به مايوسي هجي ته به ات صرف هڪ ننڍڙو روشني جي اميد جو ڪرڻو هجي ته اديب ان روشني ۽ اميد جو سهارو وٺي آئينده جي روشن مستقبل لاءِ پرُ اميد ٿي سگهي ٿو پر جڏهن حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي وڃن ته پوءِ سوچون سرد ٿي وينديون آهن، دل سست ٿي ويندي ۽ قلم خاموش ٿي ويندو آهي. اهڙين حالتن ۾ هڪ اديب کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    اهو ئي سوال اڄ ڪلهه مان پنهنجو پاڻ کان پڇندي آهيان ۽ ان جو جواب هن وايومنڊل ۾ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. ڪافي ڪجهه لکيو اٿم. معاشي، سماجي، علمي ۽ سياسي ڪالم لکيا اٿم. سماج جي چڱائين کي ساراهيو اٿم ۽ براين کي ننديو اٿم پر هاڻ ڪجهه به لکڻ تي دل نه ٿي چاهي. پنهنجي طبيعت تي جبر ڪري زور زبردستي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان. ڪارڻ ڪيترا به ٿي سگهن ٿا.
    بنيادي ڪارڻ جيڪي دل کي ڇهي ويندا آهن ۽ جڏهن اهو نظر ايندو آهي ته ڏاڍ جبر ۽ ظلم جي انتها ٿي ويندي آهي جڏهن قومون بي همت ٿي، بي وس ٿي، هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏينديون آهن. جڏهن هر واٽ بند هوندي آهي. هر چواٽي تي واسينگ وات هوندا آهن ته ان وقت اهو چئي اديبن کي مان ڏنو ويندو آهي انهن کي اڳتي وڌايو ويندو آهي ته قلم ها صرف قلم جي طاقت سان ئي روشني جي لاٽ اُڀري سگهي ٿي. قلم جي ذريعي سڀ درد ۽ مشڪلاتون ختم ٿي وينديون آهن. قلم ئي آهي جنهن جي وسيلي وڏن وڏن ڪوٽن ۾ ڏار پئجي ويندا آهن. زندانن جا در کلي ويندا آهن. هي اديب جو قلم ئي آخري حوصلو ۽ وسيلو هوندو آهي ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف اهو سڀ ڳالهيون چوڻ ۾ ته ڏاڍيون سوليون آهن پر عملن ڏاڍيون ڏکيون آهن. سڄو بار اديب ۽ ان جي قلم تي وجهي ٿو ڇڏيو وڃي. منهنجي ته سمجهه کان ٻاهر آهي، اها ڳالهه ته قومن جي بي حسي، زوال، معاشري جي تباهي وقت هڪ ويچارو اديب ڇا ٿو ڪري سگهي. معاشري جي بي حسي، سياسي ۽ سماجي حالتن جي خرابي، قانوني ادارن ۾ ڪٺ پتلين وارين راندين ۾ هڪ اديب ڪهڙو ڪردار ادا ٿو ڪري سگهي؟ ان وقت جڏهن سياسي حالتون ابتر هجن، دهشتگردي عروج تي هجي مهانگائي جو اجگر وات ڦاڙيو بيٺو هجي. ان وقت اهو اديب ڇا ٿو ڪري سگهي جيڪو پاڻ خود به انهن حالتن جو شڪار هجي.
    اسان جي هن ملڪ جون حالتون بجاءِ بهتر ٿيڻ جي بدتر ٿينديون ٿيون وڃن. هر ايندڙ نئين ماڻهو جون ٻيون ڳالهيون ٻڌي دل تي ٿورو ڇنڊو پوي ٿو، ڪجهه اميدون ڪي آسرا اڀري پون ٿا پر پوءِ اڳتي هلي اهي ئي لاٽون اهي ئي چگهه واري ڳالهه وڃي بيهي ٿي . . . . ٻڌو اٿئون ته انسان جو ذهن ٻن حالتن ۾ گهڻو سوچيندو ۽ پريشان رهندو آهي. هڪ حالت اها جڏهن پيٽ ڀريل هوندو آهي. ٻي حالت اها جڏهن پيٽ خالي هوندو آهي. ڀريل پيٽ وارا اڃا به گهڻو حاصل ڪرڻ لاءِ غلط رستا اختيار ڪندا آهن ۽ خالي پيٽ وارا پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ غلط رستي ڏانهن هليا ويندا آهن. پوءِ ٿيندو ڇا آهي ته ملڪ ۾ چوريون، ڌاڙا ۽ دهشتگردي وڌي ويندي آهي. پئسي وارن ماڻهن جي ڪيل ڏوهن کي انهن جو پئسو بچاءُ ڏيندو آهي ۽ غريب ويچارو جڏهن غلط ڪمن جي ڄار ۾ ڦاسندو آهي ته پوءِ يا ته جيل ملندو اٿس يا وري گوليءَ جو کاڄ ٿي ويندو آهي. اڃا ڪي ٽيان اهڙا به آهن جيڪي مقابلي ڪرڻ جي همت نه ٿا رکن پنهنجي پيارن کي بکيو ۽ پريشان نه ٿا ڏسي سگهن. اهي وري خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏيندا آهن.
    ڪيترن سالن کان وٺي اهڙو وهنوار اسان جي چؤطرف آهي ۽ اڃا تائين ان ۾ ڪا تبديلي ڪا نه آئي آهي. اڄ ڪلهه هر انسان پريشان آهي، گهُرجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ بي حال آهي، مهانگائي روز بروز وڌندي پئي وڃي، رپئي جو ملهه ڪرندو پيو وڃي. روزگار ميسر نه آهي، وري جن وٽ روزگار آهي ته انهن کان روزگار کسيو پيو وڃي. هن وايو منڊل جو هي مختصر خاڪو پيش ڪرڻ کان پوءِ ان سوال جو جوا ڪير ڏيندو ته اديب ۽ اديب جو قلم ڇا ٿو ڪري سگهي. جڏهن ته اديب خود به انهن حالتن جو شڪار آهي . . . قلم جي بک پوري ڪرڻ لاءِ پيٽ جو ڀريل هجڻ ضرور آهي، جيڪڏهن اديب کي هڪ انسان ڪري سمجهيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته اديب کان وڌيڪ ڪا قابل رحم هستي آهي ئي ڪو نه ڇو ته پيٽ جي بک سان گڏ شعور ۽ سوچن جا ڏنڀ به برداشت ڪري ٿو.
    اربع 22 نومبر 2000ع


    ڪراچيءَ جي صدر بازار ۾ منهنجي دنيا

    ڪالهوڪو واقعو اڃان دل تي بار ڪيو بيٺو آهي انسان به الائي جي ڪهڙي مٽي جو ٺهيل آهي ڪڏهن ته وڏا وڏا واقعا به ياد نه رهندا آهن ۽ وري ڪڏهن معمولي ڳالهه به دل ۾ پيهي ويندي آهي. ڪالهه واري ڳالهه جو ذڪر اجهو ائين آهي ته اڄ ڪلهه کان بي اي ۽ بي ايس سي جا امتحان هلي رهيا آهن. امتحانن جو ٽائيم منجهند جو ٻين کان پنجين وڳي تائين آهي. صبح جو پڙهائي ٿيندي آهي ۽ منجهند جو جنهن ڏينهن پيپر ۾ ڊيوٽي هوندي آهي ته پوءِ اهو سڄو ڏينهن ڪاليج ۾ رهڻو پوندو آهي سو ڪالهه صبح جو ڪلاس هئا ۽ منجهند جو ڊيوٽي ڪرڻي هئي . . . . . پيپر شروع ٿيڻ کان پهرين ڪجهه وقت جي واندڪائي ملندي آهي سو اسان سڀ ٽيچرس جن جي پيپر ۾ ڊيوٽي هوندي آهي گڏجي ماني کائيندا آهيون ۽ ڪچهري ڪندا آهيون. ڪجهه ٽيچرس ته گهر مان کاڌو کڻي اينديون آهي ڪي وري پاسي وارين بيڪرين ۽ هوٽلن مان کائڻ جون شيون گهرائينديون آهن. منهنجو ڪاليج صدر جي علائقي ۾ آهي ان ڪري مان گهر مان ڪجهه به پچائي ڪو نه ايندي آهيان. بيڪري مان ڊبل روٽي، بسڪٽ ۽ ڪجهه فروٽ وٺي ويندي آهيان سو ڪالهه به جڏهن اسان کائي بس ڪيو ته سڀ ڪنهن پنهنجيون بچايل شيون پرس ۾ رکي ڇڏيون. شام جو پنجين بجي پيپر ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن مان بس ۾ وڃي چڙهيس. ويهڻ کان پوءِ ڏٺم ته منهنجي ڀر ۾ ويٺل پوڙهي عورت بس جي دري مان ڪيلن واري کي ٻه روپيا ڏيئي ڪيلا گهري رهي آهي. ڪيلن وارو ٻن روپين جي عيوض کيس هڪ ڪيلو ڏيئي رهيو هو. هوءَ ويچاري پوڙهي ان سان بحث ڪري رهي هئي ته مون کي ٻن روپين ۾ ٻه ڪيلا ڏي. ڪيلي واري ان کي ٻه ڪيلا ڪو نه ڏنا مجبور ٿي هڪ ڪيلو وٺي هوءَ کائڻ لڳي. بس جي هلڻ کان پوءِ ان مون ڏي نهاريندي چيو ته صدر ۾ ته ڏهن ٻارن روپين ۾ درجن ڪيلا ملندا آهن ڏس ته سهي هن ڪيلي واري مون کي ٻن روپين ۾ هڪ ڪيلو ڏنو. ڪيلو کائي پيٽ ۾ ساهه پيو اٿم ڇو ته اڄ گهر ۾ منجهند جي ماني ڪا نه کاڌي اٿم. ان پُوڙهي عورت جي ان ڳالهه منهنجو اندر جهوري وڌو. ان ويل منهنجي پرس ۾ رکيل ٿيلهي ۾ ٿوري ڊبل روٽي، بسڪوٽ ۽ چار ڪيلا هئا. مان اها ٿيلهي پرس مان ڪڍي ان عورت کي ڏيندي چيو ته اگر توکي خراب نه لڳي ته هي ڪجهه شيون آهن مون وٽ کائڻ جون . . . . . ٿيلهي منهنجي هٿ مان وٺي ان کولي ڏٺي ان ڪراڙي عورت جي منهن ۾ رونق اچي ويئي. ٿيلهي مان ڪيلا ڪڍي ان ويل کائي ڇڏيائين. باقي ٻيون شيون ٿيلهيءَ ۾ رکندي چيائين ته مان ڪلفٽن ۾ هڪ پارسي جي گهر ان جو ٻار سنڀاليندي آهيان. ٻئي زال مڙس ڊاڪٽر آهن. اهي هليا ويندا آهن ته رات جو ٻارهين هڪ وڳي موٽندا آهن. هن مهل مان ات ويندس ته وڃي چانهه ٺاهيندس. ان چانهه سان هيءَ ڊبل روٽي ۽ بسڪوٽ کائي ڇڏيندس. . . . . ان عورت جي ڳالهه منهنجو اندر ڪوري کوکلو ڪري ڇڏيو. رب العالمين جي ان شان ۾ اسان جي ڪهڙي جرئت آه جو ڪجهه چئون جڏهن ته ان جو پنهنجو اهو چوڻ آهي ته منهنجي مرضي ڪنهن کي گهڻو ڏيان، ڪنهن کي ٿورو، ڪنهن کي محتاج بڻايان يا ڪنهن کي بکيو رکان اُهي سڀ آزمائشون آهن سچ پچ دنيا ته اهڙي آهي جو ڪن جو گهڻي مان پيٽ ڪو نه ٿو ڀرجي ته ڪير وري ٿوري لاءِ به سڪندو رهندو آهي.
    هي دنيا مجبورين جو گهر آهي جت انسان کي پنهنجيون مجبوريون لڪائي عزت سان جيون گذارڻو پوي ٿو. ڪراچيءَ ۾ صدر جو علائقو ته ڄڻ منهنجو پنهنجو علائقو آهي صدر جي سينٽ جوزف ڪاليج ۾ مان سالن کان پڙهايان ٿي پئي. هتان جي هر گهٽي هر رستي جي مان واقف آهيان هن صدر جي علائقي ۾ بوري، ڪرسچن، پارسي گهڻا رهندا آهن هن علائقي ۾ مشهور نالي وارا اسڪول ۽ ڪاليج آهن. صدر جو سي آءِ اي سينٽر به ڪاليج جي ڀر ۾ آهي. واسطيداري نه هوندي سالن کان وٺي اهڙا چهرا روز نظر ايندا آهن جن ۾ ڄڻ ته پنهنجائپ هوندي آهي. سالن کان وٺي هنن روڊن تي ويٺل فقير، ٺيلهن وارا دڪاندار اهي سڀ اهڙا ڪردار آهن جن کي يا ته مان روز ڏسندي آهيان، پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن سان به روز روز ملاقات ڪو نه ٿيندي پر هي علائقو جت روز ۽ روزگار لاءِ اچڻو پوي ته ڄڻ ته پنهنجو نگر آهي.
    هت مان ٻارن کي وڏو ۽ وڏن کي پوڙهو ٿيندي ڏٺو آهي. ياد اٿم ان پارسي جي جواني جيڪو هاڻ پوڙهو ٿي چڪو آهي ڪيترا سال اڳ اهو پارسي چاليهن سالن کن جو هو پر لڳندو پنجويهه ٽيهه جو مس هو، پارسي سهڻا هوندا آهن. ان سان گڏ انهن ۾ صفائي ۽ نفاست به گهڻي هوندي آهي. پنهنجي کاڌي پيتي ۽ صحت جو هو گهڻو خيال رکندا آهن. مهينو اڳ جي ڳالهه آهي اهو پارسي مون کي نظر آيو ظاهر آهي هو مون کي اڪثر نظر ايندو آهي پر منهنجي ان سان ڪڏهن به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. ان ڏينهن اوچتو هو مون ڏي وڌي آيو منهنجي سامهون بيهي ان مون کي چيو مجهي پانچ روپي چاهئي، مان حيران پريشان ٿيڻ بجاءِ ان کي پنج رپيا ڪڍي ڏنا. مان حيران ان ڪري نه ٿيندي آهيان جو اڄ ڪلهه جي پوڙهن جون جيڪي حالتون ۽ اولاد طرفان جيڪي انهن کي عذاب ۽ تنهايون ملي رهيون آهن اهڙين حالتن انهن کي اڪيلو پريشان ۽ محتاج ڪري ڇڏيو آهي سو مان به ان پوڙهي پارسي کي پئسا ڏئي ان جي پٺيان ويس ته ڏسان ته هو ڪاڏي ٿو وڃي. ٿورو اڳتي هلي ڏٺم ته ڪڇي جماعت خانه واري اسڪول جي ٻاهران ڦٽ پاٿ تي ويٺل شي وڪڻندڙ کان شيءِ وٺي کائي رهيو هو. ان ويل هو مون کي ننڍڙو ۽ بکايل ٻار لڳو. اڄ به مان پارسي کي ڏسندي آهيان هو منهنجي ڀرسان لنگهي ويندو آهي. ٿڪل، ٽٽل، بيمار ۽ پريشان ان ويل منهنجي دل جو ڇا حال هوندو آهي اهو ٻڌائڻ کان مٿي آهي. منهنجي ذهن ۾ سوچن جا انبار هوندا آهن جيئن ته هڪ محاورو آهي “پرائي تڏي تي سور پنهنجا” سو مون کي به ڪي پنهنجا پيارا ياد اچي ويندا آهن جيڪي تنهاين جو شڪار ٿي هاڻي دنيا مان گذر ڪري ويا. ان ويل مان اهو به سوچيندي آهيان ته منهنجو آئينده ڪهڙو حال ٿيندو؟ ڪنهن مان به اميد آسرو رکڻ اجايو آهي، اسان جو هي معاشرو تمام گهڻي بي حسي جو شڪار ٿي ويو آهي. هن نفسانفسي جي ماحول ۾ جت ڪير به ڪنهن جو ڪونهي ات اسان به پنهنجي وجود جا همدرد نه رهيا آهيون. زندگي جي وٺ پڪڙ ايتري آهي جو وقت به نه ٿو ملي ته ڪڏهن ويهي سوچجي ته اسان به انسان آهيون هڪ انسان جي ناتي فرضن جي پورائي ڪرڻ کان پوءِ اسان جا حق ڪير ادا ڪندو؟ سچ پچ ته ڏاڍو ڏکيو زمانو اچي ويو آهي. ڊپ ٿو لڳي پنهنجي آس پاس جي ماحول کي ڏسي.
    اربع 29 نومبر 2000ع


    اسان ۾ سهپ جو مادو

    اسان ۾ سهپ جو مادو ڪيترو آهي؟ اسان تنقيد ڪيتري حد تائين برداشت ڪري سگهون ٿا؟ پاڻ تي ڪيل تنقيد ٻڌي ۽ پڙهي اسان جو رد عمل ڪهڙو هوندو آهي؟ اسان جذباتي ٿي ان تي ڪاوڙجي، پنهنجي انا جو مسئلو ٺاهيندا آهيون. يا وري ڪيل تنقيد تي غور فڪر ڪري جذباتي حدن ۾ رهي پاڻ ۾ بهتري پيدا ڪندا آهيون. اهي سڀ اهڙا سوال آهن جن جو جواب اسان سڀني وٽ آهي به ۽ ناهي به. اسان پاڻ جڏهن ڪنهن جي ذات ۽ تحريرن تي تنقيد ڪندا آهيون ته ان وقت اهو حق رکندا آهيون ته تنقيد کان بالاتر ڪير به ناهي پر جڏهن اسان جي ذات يا تحرير يا وري ڪنهن تنظيم جي حوالي سان جنهن سان اسان جو تعلق آهي ڪير ڪجهه لکندو آهي ۽ تنقيد ڪندو آهي ته اسان ان کي نه صرف پنهنجي انا جو مسئلو ٺاهيندا آهيون. پر انهن تنظيمن ۽ ادارن کي به اُن ۾ گهلي ايندا آهيون.
    اڄ ڪلهه ماحول به ڪجهه اهڙو آهي جو ڪنهن جو به ڪيل عمل يا وري ڪنهن جي سوچ لڪي ڪانه ٿي سگهي. جيڪا ڳالهه وڻي ٿي يا وري جيڪا ڳالهه نه وڻي ان جو اظهار کليل نموني ۾ هئڻ گهرجي. ها فرق صرف اهو آهي ته جذباتيت مان نڪري تعميري سوچ رکي ان تي لکيو ۽ سوچيو وڃي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.....
    اڄ ڪلهه اسان وٽ سهپ جو مادو گهٽ ۽ جذباديت جو مادو گهڻو آهي. مان سمجهان ٿي ته هڪ سٺي لکندڙ کي پنهنجي راءِ ۽ سوچ سوچي سمجهي ۽ توري تڪي ڏيڻ گهرجي. ادبي لڏي جون ته پنهنجون حدبنديون ۽ مجبوريون آهن. خاص طرح پڙهندڙ اهڙين حالتن مان مايوس ٿئي ٿو. اسان جي پڙهندڙن وٽ شعور تمام گهڻو آهي. اهي ايترو ڄاڻن ۽ سمجهن ٿا جيڪو شايد ڍڳ ڪتاب پڙهي لکندڙ به شايد نه ٿو ڄاڻي سگهي. اڄ وڃو ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ جهنگلن ۾ اڻ پڙهيل مزور هارين وٽ، وڃو ڪلارڪن ۽ ماسترن وٽ آهي سڀ توهان سان ادب ۽ سياست جي حوالي سان ايترو ته وزن دار ڳالهائيندا ۽ بحث ڪندا جو توهان حيران ٿي ويندا ته انهن وٽ ايتري ڄاڻ ۽ شعور ڪٿان آيو......يقين ڄاڻو اسان وٽ شعور، ڄاڻ جذبن جي گهڻائي آهي. پر صحيح واٽ جي خبر نه آهي. هڪ صحيح ۽ صاف سٿري دڳ تي وٺي وڃڻ وارو رهبر اڃا نه مليو آهي سياسي ليڊرن جي عمل ۽ ڪردار ته هونئين مايوسيون ڦهلايون آهن. باقي رهيو ادبي لڏو اهو به جڏهن پاڻ ۾ بي مقصد بحث مباحثي کي وٺي ويهندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
    اسان جا ڌرتيءَ واسي ان پلصراط تي بيٺا آهن، جت هاڻ درگذر جي گنجائش نه رهي آهي. اسان جي ڌرتي واسين گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ ڀوڳيو آهي. اسان جي وطن ۽ ڌرتيءَ جون حالتون وقت پوڻ سان اڃا وڌيڪ خراب ٿينديون پيون ٿيون وڃن. گذريل سالن کان ويندي اڄ تائين هيڏي وڏي دهشتگرديءَ جو تسلسل، قتل عام ۽ حالتن جي بگڙڻڻ جو اسان کي گهڻو احساس هئڻ گهرجي. اهڙين حالتن خلاف ٻڌي ڪري پاڻ ۾ اتحاد رکڻ گهرجي. وجود ۾ ڏنل ڏنڀ نه وسارڻ گهرجن، گڏوگڏ چڱن جون ڪيل چڱايون به نه وسارڻ گهرجن.
    هميشه ٻڌندا رهيا آهيون سنڌي مهمان نواز آهن. وڏي دل جا آهن. ان هڪ خوبيءَ جي ڪري هميشه برباد ۽ بي حال رهيا آهن. ايندڙ ويندڙ جي پيرن هيٺان چيڀاٽيا ويا آهن. هڪ ته پاڻ ۾ احساس ذميداري نه رهي آهي ٻيو وري ٻين جي ڳالهه پويان جهٽ پئجي ويندا آهيون. هاڻ ان عمل ۽ اصول کي مٽائڻو پوندو. ڇو ته اسان جي سامهون بيٺل اسان کي ڌرتيءَ جي دڳ کان هٽائڻ وارا ڪي معمولي ذهنيت جا ماڻهو نه آهن. ياد رکڻ گهرجي ته اسان پهرين پنهنجي ڌرتيءَ تي پير مضبوطيءَ سان رکي حق زمين جي دعويٰ ڪري پوءِ ڪنهن ٻئي سان دوستيءَ جو هٿ وڌايون. دوستيءَ وارو هٿ وڌائڻ کان اڳ ۾ ضروري آهي ته شخص جي گذريل ڪردار ۽ عمل کي ڏسجي. زبان مان نڪتل لفظ ۽ غلط کنيل غلط قدم بربادي ڏانهن وڃڻ آهي. مون کي ته اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هيڏي بربادي کان پوءِ به اسان ۾ سمجهه ۽ عقل ڇو نه آيو آهي. چوندا آهن هڪ چپ هزار بلائون ۽ آفتون ٽاريندي آهي. اگر اسان کي ڳالهائڻ نه ٿو اچي ته پوءِ اهو بهتر نه آهي ته اسان چپ رهون. چپ رهڻ سان گهٽ ۾ گهٽ اسان پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ جاگناهگار ته نه ٿينداسين.
    اڄ ڪلهه مان حيران آهيان ته ڇا ته الطاف حسين چانهه جو ڪوپ پياري هڪ تقرير ڪئي ۽ وري ان پٺيان بيان بازي جو سلسلو جاري ٿيو آهي. جيڪڏهن ڳالهائڻ نه ٿو اچي ته چپ رهڻ ۾ ڪهڙي تڪليف آهي. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته هو سنڌ ڌرتي جو وفادار ثابت ٿئي ته پوءِ ٺيڪ آ پر سنڌين کي به هروڀرو ڪنهن جي تقرير پٺيان ائين آپي مان ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي. جو اڳلو اهو سمجهي ته سنڌي قوم چرين ۽ ڀوڪن سان ڀريل آهي ان جي مٿي تي رڳو هٿ گهمائڻ جي دير آهي ته پوءِ پڇ لوڏايندا پويان ڀڳا ايندا آهن......
    اربع 17 جنوري 2001ع


    سنڌ ملڪ ۾ آيل خراب ريتون رسمون

    اسان جي سنڌ ملڪ جي پوئتي پيل معاشري ۾ اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون آهن جيڪي اڃا تائين قائم آهن. انهن ۾ ريتن رسمن جي حوالي سان سٺيون ۽ خراب ڳالهيون ٻئي موجود آهن. اسان جي معاشري ۾ ايترا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي ڏکوئيندڙ آهن. انهن مسئلن جي ڪري اڄ دنيا اسان کي ڪرڙي نگاهه سان پئي ڏسان. سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪن واقعن جو دنيا ۾ ذڪر پيو ٿئي. انساني حقن جون عالمي تنظيمون کوجنا پيون ڪن. . . . . . اسان جيڪي سنڌ واسي آهيون پنهنجي ماضيءَ جو ذڪر وڏي فخر سان ڪندا آهيون. مستقبل جا منصوبا ٺاهيندا آهيون پر حال ۾ جيڪو اسان جو عمل هوندو آهي اهو اسان کي ماضي ۽ مستقبل کان پري ڪيو بيٺو آهي.
    ڪجهه عرصو اڳ هڪ مضمون پڙهيو هو، جنهن ۾ لکندڙ لکيو هو ته “مان موهن جي دڙي جي رهواسين کي سنڌي ڪو نه ٿو سمجهان. سبب صرف اهو آهي ته جيڪڏهن اهي سنڌي هئا ته پوءِ آخر اهي ڪهڙيون حالتون هيون جن جي ڪري سنڌين جي حالت موهن جي دڙي جي ماحول کان ابتڙ آهي”، مان ان مضمون نگار جي ڳالهه سان متفق آهيان. يقينن اهو عبرت جو مقام آهي ته جت سنڌين سنڌ ملڪ، علم، ادب تي حڪمراني ڪئي جنهن سياسي ادبي تاريخ تي سنڌ واسين کي ناز آهي اهي عظمتون ۽ حالتون ڪاڏي گم ٿي ويون آهن . . . . .؟ اسان وٽ اڄ به تعليم جو ريشو تمام گهٽ آهي اسان سڀ سنڌي هن سنڌ ملڪ جا رهواسي اڄ ٻن ڳالهين جي ڪري دنيا جي نظرن ۾ گهڻو آهيون حيرت وچان دنيا وارا اسان کي ڏسي رهيا آهن. اهي ٻه مسئلا آهن حق بخشائڻ ۽ ڪاروڪاري ڪرڻ مارڻ، حق بخشائڻ جو سلسلو ڪڏهن کان شروع ٿيو ان لاءِ ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. بهرحال ائين چئي سگهجي ٿو ته اهو سڀ ڪجهه اسان وٽ جهالت جي ڪري ئي ٿيندو رهيو آهي. هن سنڌ ملڪ تي مختلف وقتن تي ڪاهون ۽ حڪمرانيون ٿينديون رهيون آهن. اصل ۾ ته سنڌ ملڪ ۾ نياڻين جون شاديون ننڍي عمر ۾ ڪيون وينديون هيون اسان جي مذهب ۾ ستر پوشيءَ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي پر اهو ڪٿي به لکيل ڪونهي ته عورتن کي برقعا پارائي ڪوٽن ۾ قيد ڪيو وڃي. اسان جي سنڌي معاشري ۾ عورت ۽ مرد محنت ڪش رهيا آهن. اسان جو ملڪ زرعي ملڪ آهي ان ڪري اسان جو محنت ڪش طبقو انهن برقعن ۽ قيدخانن کان آزاد رهيو آهي . . . . . ها هاڻ باقي رهيو خوشحال پئسي وارو طبقو دراصل غلط روايتن جو رواج به ان طبقي جي ڪري ئي گهڻو وڌيو آهي .
    تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته جڏهن برصغير تي مغل بادشاهن جي حڪومت هوندي هئي ان زماني ۾ ئي عورتن تي پابنديون گهڻيون پيون. خاص ڪري اورنگ زيب عالمگير جي زماني ۾ هو انتها پسند ۽ ڪٽر مسلمان هو. ان حڪمران پنهنجي ڌيئن کي پردي ۾ ويهاريو ۽ محلن ۾ قيد ڪيو ان پنهنجن ڌيئرن جون شاديون به ڪو نه ڪرايون. حڪمرانن جي عمل جو عام ماڻهن تي اثر گهڻو ٿيندو آهي ان ڪري ننڍي کنڊ جي خوشحال طبقي انهن ڳالهين کي پنهنجو ڪيو. انهن خرابين جا نتيجا اڄ تائين اسان ڀوڳيون پيا. . . . . مان مٿي ٻن ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو حق بخشائڻ ۽ ڪاروڪاريءَ ڪري مارڻ . . . . حق بخشائڻ واريون ڳالهيون ته هاڻ تمام گهٽ آهن، ها باقي ڪاروڪاري ڪري مارڻ ۾ بجاءِ ڪمي اچڻ جي گهڻائي اچي ويئي آهي. انهن واقعن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ سان جيڪي ڳالهيون سامهون اچن پيون سي به عجب جهڙيون آهن. ڏٺو ويو آهي ته اهڙن واقعن ۾ ذاتي دشمنيون، جائيداد جا جهڳڙا ۽ جنسي مسئلا گهڻا آهن ياد اٿم هڪ واقعو جنهن ۾ هڪ ڀاءُ پنهنجي گگدام ڀيڻ کي سوٽ سان ڪاروڪاري ڪري ماريو اصل ڳالهه اها هئي ته اهو سوٽ جائيداد ۾ وارث هو. ان ڪري نه صرف سوٽ کي ماريائين پر گڏوگڏ غريب ڀيڻ جو سر به کنيائين. هڪ غريب عورت مون کي اهو ٻڌايو ته ٻهراڙيءَ ۾ گڏيل گهر هوندا آهن. انهن ۾ اڱڻ ۽ انهن جا لوڙها به گڏيل هوندا آهن. گهرجي عورتن کي رات جي وقت اڃ لڳي يا حاجت محسوس ٿئي ته هو اصل پنهنجي گهر کان ٻاهر نه نڪرنديون آهن ڇو ته رات جي مهل نڪرڻ سان بهتان هڻي انهن کي ڪاري ڪري ماريو ويندو آهي. هڪ اهم مسئلو اسان وٽ جنسي به رهيو آهي پرڻيل هجي يا ڪنواري ڪو نه ڪو مرد ان جي پٺيان هوندو آهي. لفٽ ڪرايائين ٺهي ويئي ته ٺيڪ نه ته ڪاري ڪري ماريندس. ڏير به ڀاڄاين کي ڪاري ڪري ماريندا آهن. هڪ اهڙي واقعي جي ڄاڻ اٿم لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ڏير ڀاڄائيءَ کي مارڻ جي تياري ڪئي ڇو ته اها لفٽ نه پئي ڪرائيس. ڀاڄائيءَ کي خبر پئجي وئي سا وٺي ڀڳي ڳوٺ جي ٻاهران هڪ قبرستان ۾ وڃي پناهه ورتائين. رات وچ ۾ ئي ان کي ڳولهي ماري وڌائون. گڏوگڏ هڪ غريب مائٽ ڇُوڪري کي به ڪارو ڪري ماريائون، انهن سڀني واقعن تي جيڪي ڪاروڪاري جي حوالي سان ٿين پيا ڇنڊڇاڻ ڪبي ته خطرناڪ حالتون سامهون اچن ٿيون. اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي ان ڪري نه آئي آهي جو ڪير به اڳتي وڌي سچائي ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. پوليس جو ڪردا ر به صحي نه آهي ۽ عدالتي ڪارواين ۾ به غلط بيانيءَ کان ڪم ورتو ٿو وڃي.
    اهڙن ڪُڌن واقعن ۾ اوستائين ڪمي نه ا يندي جيستائين مجرمن کي سزا نه ملندي اسان جي ملڪ جي قانون ۾ اها شق هجي جنهن مطابق اهڙين واقعن کي هٿ ۾ کڻي قتل جي اجازت نه هئڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪير اهڙي عمل جو جوابدار ٿئي ٿو ته پوليس ۽ عدالت صرف ان جي بيان جي پابند نه رهي پر چڱي طرح ان جي ڇنڊڇاڻ ڪري ۽ مجرم کي ان جي ڪيل ڏوهه جي سزا ملڻ گهرجي. اڄ ڪلهه ٿورو گهڻو ان معاملي کي کنيو ويو آهي. خاص ڪري پوليس کي هدايتون ڏنيون ويون آهن. ته اهي رپورٽ لکن ۽ تحقيق ڪن. صحيح معنيٰ ۾ مجرم کي سزا ملڻ جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ ان طريقه ڪار ۾ ڪمي ايندي جنهن ڪري راهه گناهه ڪن ٻن بيگناهن کي هڪ ڌڪ سان ماري ڇڏيو ويندو آهي. ان جرم جي سخت سزا مقرر ڪئي وڃي قتل جو بدلو ڦاسي يا عمر قيد هئڻ گهرجي جيڪڏهن اسان وٽ قانون جي سختي اچي ويئي ته پوءِ خود بخود اهڙن واقعن ۾ ڪمي اچي ويندي. ڪي به بي گناهه ماريا ڪين ويندا ڪو به شخص ڪنهن کي ماري ٻه ٽي سال جيل ڪاٽي بالم ٿي زندگي ڪو نه گذاريندو. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته جذباتي مسئلا جذباتن سان ته نه عقل سمجهه ۽ قانون مطابق نبيريا وڃن. مجرم کي سندس ڪيل جرم جي سزا ضرور ملڻ کپي ان سزا ملڻ جي ڪري ئي اهڙين خراب حالتن ۾ ڪمي اچي سگهي ٿي.
    اربع 24 جنوري 2001ع


    سوچيو ۽ سوچيو

    قومن جي سڃاڻپ ٻن ڳالهين سان ٿيندي آهي. هڪ انهن جي ڌرتي جت هو رهن ٿا ۽ ٻيو ته هو جيڪا ٻولي ڳالهائين ٿا. جيڪي قومون پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌڪجي ويون يا جن قومن پنهنجي ٻوليءَ کي ڇڏي ڏنو آهي. اهي قومون تباهه ۽ برباد ٿي ويون. سنڌي قوم انهن خوش قسمت قومن مان آهي جنهن کي پنهنجي ڌرتي به آهي ته ٻولي به آهي. ڌرتي به اهڙي ڌرتي جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو ٻولي به اهڙي ٻولي جنهن جي تاريخ صدين تائين ڦهليل آهي. سنڌ جي ڌرتي ۽ اتان جا رهواسي صدين کان وٺي سڄاڻ، علم وارا ۽ محنتي رهيا آهن. موهن جي دڙي جي حقيقت کان وٺي ويندي اڄ تائين ٿوري گهري نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سنڌ مٿان ڇانيل هي ڪارا ڪڪر، هي افراتفري، هي علم ۽ شعور جي گهٽتائي هي خوامخواه جون ابتيون سبتيون ڳالهيون گذريل ٻن ٽن صدين کان وٺي آهن. بجاءِ ان جي جو ان ۾ گهٽتائي اچي روز بروز اضافو ٿيندو رهيو آهي. اسان جي سنڌي قوم جو پنهنجو بچاءُ ڪري، مزاحمت ڪري يا وري شيطاني قوتن سان مقابلو ڪري پر ائين نه ٿي رهيو آهي. هيءَ قوم نه صرف ٻاهران ايندڙن جا موچڙا کائي رهي آهي پر اندروني طور ٻڌي نه هجڻ جي ڪري هيءَ قوم آهستي آهستي هڪ ڌٻڻ ۾ ڌٻجي رهي آهي.
    هيءَ محنتي علم ۽ شعور واري قوم آخر هي تباهيءَ جي ڪناري تي ڇو ۽ ڪيئن پهتي. ان سوال جا ڪيترائي جواب ٿي سگهن ٿا. پر هڪ مضبوط ۽ سمجهڻ وارو جواب هي آهي ته هيءَ سنڌي قوم دل جي کوٽي نه آهي ۽ نيت جي صاف ۽ معصوم آهي ان ڪري ئي هن قوم کي هر ڌارين نقصان پهچايو آهي.
    پري نه وڃو اڄ پنجاه سال کن اڳ هتان جي سنڌي ماڻهو پاڪستان ٺهڻ ۾ سنڌ صوبي جون سرحدون ٻاهران ايندڙن لاءِ کولي ڇڏيون ۽ پنهنجون دليون ۽ اکين جو سرحدون به وڃائي ڇڏيون. بس سائين اها ئي وائي وات ۾ هئي ته اسان جا مسلمين ڀائر ويچارا سٽجي ڪٽجي آيا آهن ات هندستان ۾ انهن جون جانيون محفوظ نه هيون ۽ نه وري عزتون.
    ان وقت جذبات ۾ اچي ڪيڏيون نه وڏيون ڪوتاهيون ڪيون. ڪيڏا نه غلط فيصلا ڪيا سنڌي قوم اسان جا وڏا مسلماني واري جذبات جي وهڪري ۾ هي سڀ ڪجهه وساري ويٺا ته ٻاهران آيل گروهه سنڌ فتح ڪو نه ڪئي هئي هو ته پناه وٺڻ آيا هئا حڪومت ڪرڻ نه آيا هئا. پرا سان جا وڏا جن لاءِ مان لکي چڪي آهيان ته نيت جا صاف ۽ معصوم هئا انهن جذبات ۾ اچي غلط فيصلا ڪيا. انهن نه صرف آيلن کي گهر ۽ زمينون ڏنيون پر پنهنجي تهذيب ۽ ٻوليءَ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. انهن ڌارين آيلن جي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻايو ويو. انهن جا شاعر اديب قومي شاعر ٿي ويا ۽ هتان جا رهواسي مقامي رهواسي چوائڻ لڳا. اها ايڏي وڏي ڪوتاهي سنڌين جي آهي جنهن جو ڪو حساب ئي ڪونهي. بنگالين ۾ وري به عقل هو انهن يڪدم هاءِ گهوڙا ڪئي ۽ پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب جو حق وڙهي وٺي ويهي رهيا.
    حد ته اها آهي ته جيڪي هت رهڻ آيا اهي مالڪ ٿي ويا ۽ هتان جا رهواسي ڪمزور ٿي ڌتارجي ويا. صرف هڪ مثال ڏسجي ته اچرج جهڙي ڳالهه آهي ته موجوده پاڪستان چئن صوبن تي ٻڌل آهي ۽ اهي بهاري جيڪي بنگلاديش جي ڪئمپن ۾ رهن پيا انهن هي پاڪستان ڏٺو به نه آهي. انهن کي اها به خبر نه آهي ته هتان جون گهٽيون ۽ هتان جا شهر ڪهڙا آهن؟ هتان جي زمين جي خوشبو هتان جي هواءِ پاڻيءَ ۾ ڪهڙي لذت آهي، هو ڪجهه به نه ٿا ڄاڻن ته به هو سڀ بهاري محب وطن ۽ پاڪستاني آهن ۽ موجوده پاڪستان جي چئن صوبن مان ڪي باشعور ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ تهذيب جي ڳالهه ڪن ٿا ته انهن کي غدار ڪوٺيو ٿو وڃي.
    پاڪستان جيڪو چئن صوبن تي ٻڌل آهي انهن ۾ سنڌ اهو واحد صوبو آهي جنهن جي ٻولي، تهذيب سڀني کان مٿڀري ۽ تاريخي آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت ٻاهران ايندڙ اسان جا ڀائر سنڌ ۾ ئي گهڻي تعداد ۾ آباد آهن. جيڪڏهن ان وقت هو پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ورهائجي وڃن ها ته ايترو مسئلو نه ٿئي ها. هنن ٻاهران ايندڙن کي سڄي پاڪستان سان ڪا به دلچسپي نه آهي. انهن لاءِ پاڪستان صرف سنڌ آهي ۽ سنڌ ۾ به صرف ڪراچي، حيدرآباد، سکر انهن لاءِ پاڪستان آهي. صرف انهن علائقن جا رهواسي صرف انسان، پڙهيل لکيل ۽ تهذيب وارا آهن، باقي ٻيا رهواسي ٿرڊ ڊگري وارا ماڻهو آهن. ياد اٿم ته 1991ع ۾ رياض ٽاٽا صاحب جيڪو پنجاب جو سرمائيدار آهي ان آل پاڪستان پنجابي اتحاد جي عيد ملن پارٽيءَ ۾ چيو هو ته پنجابين کي پنهنجي گهر ۾ پنجابي ڳالهائڻ کپي ڇو ته پنهنجي مادري زبان ۾ ئي انسان پنهنجي دل جي صحيح ترجماني ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻه پنجابي اردو ۾ ڳالهائين ٿا ته معنيٰ هو غلط بياني کان ڪم وٺن پيا ۽ اها غلط بياني ڪوڙ برابر آهي. ان اهو به چيو هو جيڪي پنجابي گهرن ۾ اردو ڳالهائين ٿا سي پنجابي قوم جا غدار آهي.
    بس پوءِ ته سائين هاءِ گهوڙا مچي ويئي هئي ته رياض ٽاٽا غدار آهي ان قومي زبان جي بي عزتي ڪئي آهي ان تي ڪيس هلايو وڃي. جوابي بيان ۾ رياض ٽاٽا ۽ نذير ڪهوٽا اصل وڻ وڄائي ڇڏيا هئا. انهن چيو هو ته پنجابين جي زبان پنجابي آهي اردو نه . . . . پناهگيرن جو بيان ست ڪروڙ پنجابين جي توهين آهي. اردو کي ڇڏڻ يا اردو کي پنهنجو ڪرڻ پنجابين جو داخلي معاملو آهي ان ۾ ٻئي ڪنهن کي دخل اندازي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. انهن وڌيڪ اهو به چيو هو ته غداريءَ جو مقدمو انهن ماڻهن تي هلايو وڃي جيڪي سالن کان وٺي پاڪستان جي اصل زبانن جو استحصال ۽ قتل ڪرڻ ۾ پورا آهن اهڙن جوابن کان پوءِ چئني طرف ماٺار ٿي ويئي ڪنهن کي ڪجهه به چوڻ جي همت نه ٿي.
    اسان سنڌين جو حال وري ڪهڙو آهي مٺي به ماٺ مُٺي به ماٺ.
    صحيح ڳالهه چوڻ ۽ صحيح فيصلي ڪرڻ جي اسان ۾ قوت نه آهي. رڙيون واڪا ته گهڻا ڪندا آهيون پر عملن ڪجهه به نه ڪندا آهن. هاڻ اڄ ڪلهه جي حالتن تي ئي نظر وجهو ته هوند شرمندگي کان ڪنڌ ئي جهڪي ٿو وڃي. افسوس ته اهو آهي ته اسان ڪنهن به دور ۾ سڌري ڪو نه ٿا سگهون. اڄ ڪلهه جي حالتن تي گهري نظر وجهڻ کان پوءِ ايندڙ جيڪي طوفان اهي ڪنهن کي به نظر نه ٿا اچن. اسان جي وڏن غلطيون ڪيون پر معصوميت ۾ اڄ اسان پنهنجي پير تي پاڻ سوچي سمجهي ڪهاڙا هڻي رهيا آهيون.
    هن وايو منڊل ۾ جيڪو منڊ منڊجي رهيو آهي ان تي ڪنهن سوچيو آهي؟ ڪنهنجو ڌيان ويو آهي؟ اچو ته مان پنهنجي ننڍڙي سوچ ۾ آيل هڪ ڳالهه اوهان کي ٻڌائي ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪيان. اڄ ڪلهه بلدياتي اليڪشن جو دور آهي. سنڌ کي ٻاويهن ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي جت اهي چونڊون ٿينديون ۽ ڪراچي شهر جي پنجن ئي ضلعن کي ملائي هڪ ضلعو ۾ ورهايو ويو آهي جت اهي چونڊون ٿينديون ۽ ڪراچي شهر جي پنجن ئي ضلعن کي ملائي هڪ ضلعو ٺاهي. چونڊون ڪرايو وينديون. هاڻي توهان اهو سوچيو ته جڏهن اندرون سنڌ ٻاويهن ننڍن ضلعن ۾ ورهايل هوندي ۽ ڪراچي هڪ ضلعو هوندو ته پوءِ سڄي سنڌ جي واڳ ڪنهن جي هٿ ۾ هوندي؟ گڏوگڏ شهري حڪومت ٺاهڻ جو به منصوبو آهي. شهري حڪومت وڏن شهرن ۾ هوندي معنيٰ جيڪا حڪومت سنڌ تي راڄ ڪندي ان حڪومت کي هلائڻ وارا ڪير هوندا؟
    هوڏانهن وري پنجاب بلوچستان ۽ سرحد ۾ به اهڙي ورهاست سان اليڪشنون ڪرايون وينديون. جيئن ته لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا وڏا شهر آهن انهن جون شهري حڪومتون ٺهنديون جڏهن هي سڀ حڪومتون ٺهي وينديون ان بعد جيڪا حالت سامهون ايندي ان مطابق جيڪو ملڪ جو وڏو شهر هوندو ان کي ئي سڀ فيصلا ڪرڻ جي قوت ڏني ويندي.
    جيئن اڄ ڪلهه پنجاب وڏو صوبو آهي. هاڻ وڏن شهرن جي مقابلي ۾ اچي حڪومتن جي ورهاست ٿيندي. ان ورهاست ۾ جيڪو حڪومت جي ڀڳداريءَ جو تاج جنهن کي ملندو سان هوندي ڪراچي . . . . ڇو ته بهرحال اڄ تائين ڪراچي آباديءَ جي حساب سان پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي هن سڄي بلدياتي نظام ۾ پنجاب جي وڏ ماڻهپي کي ٽوڙي ڇڏيو ويندو ۽ ڪراچي اڳ کان اڳري ٿي ويندي. هاڻ هن تسلسل جو انت اهو ٿيندو ته ڪراچي پنهنجي اڪثريتي بنياد تي بلدياتي اليڪشن ۾ وڌ سيٽون کڻي مٿاهين ٿيندي. باقي رهيل سنڌ ٻاويهن ضلعن ۾ ورهائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي. انهن ورهايل ٽڪرن کي ايتري طاقت ئي ڪا نه هوندي ته هو ڪجهه چئي سگهن. هاڻ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان ڪراچيءَ جا حڪمران واڳ ڌڻي هوندا! جيڪي پنهنجي اڪثريت جي زور تي سڀني تي حڪمراني ڪندا؟
    سچ پڇو ته مان پنهنجي طرفان ڪجهه به نه ٿي چوان صرف اوهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته هت ڇا پيو ٿئي. 1971ع جي آئين کي ٽوڙڻ جي ڳالهه پاڪستان جي ٻن نظرين واري ڳالهه، سنڌ سان ڀائيچاري واري ڳالهه. هٿ ٻڌي معافي وٺڻ واري ڳالهه، اجرڪ پائي شادي ڪرڻي واري ڳالهه سوچيو ته سهي هي سڀ ڇا پيو ٿئي.
    هڪ ڳالهه جنهن تي منهنجو ايمان آهي ته جن قومن جي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجون پاڙون آهن انهن مان خطرو ڪو نه هوندو آهي.
    ملڪيت تي ته ٻه ڀائر پاڻ ۾ وڙهندا آهن. آخر وڙهي پاڻ ۾ ٺهي به ويندا آهن پر توهان ان ڳالهه تي ضرور سوچيو ته اسان پنجاب کي سرحد کي يا بلوچستان کي پنهنجو دشمن قرار ڏيئي بيان بازيون پيا ڪيون وڙهون پيا اها ويڙهه به چڱي پر ان وقت اسان جو ڇا ٿيندو جڏهن اسان جي سنڌ ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندي ۽ اسان ڪنهن سان ڳالهائڻ ۽ ڪنهن سان وڙهڻ جي طاقت ۾ به نه هونداسين.
    مان پنهنجي پاران ڪجهه به نه ٿي چوان صرف توهان کي اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ڪريان ته سنڌ کي ٽڪرا ڪري حڪمراني ڪندڙن جو منصوبو ۽ انهن جا خواب توهان سڀ سنڌي پورو ٿيڻ ڏيندؤ؟ ڇا توهان بلدياتي اليڪشنون ۽ شهري حڪومتون ٺهڻ ڏيندا؟ سوچيو ۽ سوچيو.

    اربع 24 جنوري 2001ع


    ڇا سڄي سنڌ کي “نو گو ايريا” بڻايو ويندو؟

    اڄ جي مٺڙي سنڌ جي حالت . . .!!! سوچون ته عذاب، ڪڇون ته گنهگار، عمل ڪيون ته سزاوار، آخر هي نه کٽڻ وارو عذاب ڪڏهن ختم ٿيندو؟
    جيئن ته منهنجي سڃاڻپ سنڌ ۽ سنڌيءَ جي ڪري آهي ان ڪري اهو منهنجو بنيادي حق آهي ته مان پنهنجي وجود جي سڃاڻپ جيڪا سنڌ جي حوالي سان آهي ان کي برقرار رکان، ان جي حق لاءِ ڳالهايان ۽ ان جي حق لاءِ وڙهان.
    سچ پڇو ته اڄ ڪلهه منهنجي دل سڀني سان وڙهڻ چاهي ٿي. اهي سڀ پنهنجا پراوا، جيڪي اڄ ڪلهه مختلف روين ۾ ظاهر ٿيا آهن. انهن پنهنجي منهن تي ماسڪ چاڙهي ڇڏيا آهن. هٿ ۾ قرآن ۽ ڪڇ ۾ ڇريون کنيون پيا هلن. پراوا ته پراوا آهن پر پنهنجن به هڻي سنڌ جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. عجيب حيرانيءَ ۾ وجهندڙ وايو منڊل آهي. جيڪو اڄ جي حالتن ۾ اسان جي سامهون آهي.
    سنڌ جي ڌرتي ان وقت ضرور خوشقسمت هئي جڏهن ان جا نگهبان، سچا کرا ۽ جان قربان ڪرڻ وارا هئا. اڄ جي سنڌ بدنصيب سنڌ آهي جت ان جا پنهنجا مفاد پرست، ٽڪي ٽڪي تي وڪامجندڙ، ڌارين پٺيان هلڻ وارا پنهنجي قلم جي حرمت جو سودو ڪرڻ وارا بي ضمير آهن. مٿان وري اهي ڌاريا جيڪي پنجاهه سال اڳ هت نازل ٿيا. انهن نه سنڌ کي پنهنجو سمجهيو نه سنڌ واسين کي. شروع کان وٺي انهن جو اهو رويو رهيو ته هو پڙهيل لکيل، اعليٰ ۽ افضل آهن. هو ڌڪجي ۽ لوڌجي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ نه آيا آهن پر پاڪستان انهن ٺاهيو آهي. سنڌ انهن فتح ڪئي آهي انهن جي روين مان ائين لڳندو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد هو بغل ۾ رکي هندستان مان کڻي آيا. سنڌ جا ماڻهو جاهل ڄٽ هئا هو وڻن تي رهندا هئا ۽ پتن جا ڪپڙا پائيندا هئا. انهن هت اچي هتان جي ماڻهن کي رهڻ ڪرڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ اخلاق تميز سيکاري آهي.
    سنڌ واسين پنهنجين چڱاين جي عيوض هميشه انهن کي پنهنجو سمجهيو ۽ اهميت ڏني. پاڪستان ٺهڻ واري شروعاتي دور ۾ اهو جذبو ته هي اسان جا مسلمان ڀائر آهن سنڌ واسين کڻي پنهنجيون اکيون ٻوٽيون، پاڪستان ٺهڻ جي ڪجهه سالن کان پوءِ سنڌ جي باشعور ماڻهن جڏهن اهو ڏٺو ته سنڌ ۽ سنڌ جا وسيلا اسان جي هٿن مان نڪرندا ٿا وڃن ته انهن گڏجي هڪ تحريڪ هلائي. اها تحريڪ سٺ جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿي ۽ ستر جي ڏهاڪي ۾ وڃي عروج تي پهتي. اهو دور سنڌ جي سجاڳيءَ جو دور هو.
    مان هت اهو ڪو نه ٻڌائينديس ته ان دور ۾ ڇا ڇا ٿيو. ڪهڙا ظلم ٿيا ڪيترا جيل ڀريا ڪيترا ڪونڌر ڪسيا ۽ ڪهڙا ويل وهيا . . . . ان دور ۾ سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي اڪيلا، پنهنجي ٻوليءَ کان وانجهيل ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ نوڪرين کان ڪٽجي ويا هئا.
    ڏٺو ويو آهي ته دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي ته جيڪي به فرد يا قومون ڪنهن ملڪ ۾ وڃي رهنديون آهن ته اهي ان ملڪ جي قانون مطابق اتان جي رهواسين جهڙيون ٿي وينديون آهن. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ سنڌ ۾ اچڻ وارا الڳ سان هڪ “ناني ويڙهو” ٺاهي ويهي رهيا حالانڪه سنڌ جي اها تاريخ آهي ته هت الائجي ڪيتريون قومون ٻاهران آيون ۽ سنڌ واسين جهڙيون ٿي ويون. خود شاهه لطيف جيڪو اسان سنڌين جو روحاني مرشد آهي انهيءَ جا وڏا به ٻاهران آيا. هت غلطي اسان جي وڏڙن جي به آهي جيڪي پنهنجي صاف نيت جي ڪري غلط فيصلا ڪري ويا. بنگالي اسان کان سو درجا بهتر آهن جن پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرايو. هو پيٽ بکيا ۽ اڌ اگهاڙا هئا پر انهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ ملڪ جي اهميت جو اندازو هو.
    سنڌين ته پنهنجي هٿ وس ڪين گهٽايو. ڌارين مان شاديون ڪيائون. پنهنجي ٻولي ڇڏيائون مطلب ته انهن هر طريقي سان ڌارين کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر موٽ ۾ ڇا مليو. سنڌين جي هيڏي پنهنجائپ جي باوجود هو سنڌين کان پري ٿي بيٺا. سجاڳي واري دور ۾ سنڌين ٿورو هوش سنڀاليو ته انهن لاءِ سورن جا سامان ۽ دردن جا دڪان کلي ويا.
    غداريءَ جا ليبل لڳي ويا، ذوالفقار علي ڀٽي جي زماني ۾ جڏهن ٻوليءَ وارو بل پاس ٿيو ته ڌاريا کلي سامهون اچي ويا. انهن جا پڙهيل لکيل دانشور ڪامورا سڀ هڪ پاسي ٿي بيٺا. انهن جو اهو چوڻ هو ته اسان هت حاڪم ٿي آيا آهيون. هتان جو سڀ ڪجهه اسان جو آهي. پاڪستان ٺاهيو ئي اسان آهي. انهن کي ڪير به اها ڳالهه سمجهائي نه سگهيو ته قائداعظم سنڌ جو هو. علامه اقبال پنجاب جو هو. مسلم ليگ بنگال ۾ ٺهي جڏهن هندستان جا مسلمان ڪانگريس جي جهوليءَ ۾ لڏيا پئي ۽ اکنڊ ڀارت جو سوچي رهيا هئا ته ان وقت ٻين حصن جا مسلمان نه صرف انگريز سرڪار جي خلاف پر مسلمانن جي لاءِ هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ ۾ مشغول هئا. انهن کي اها ڳالهه به ڪير سمجهائي نه سگهيو ته جڏهن پاڪستان ٺهيو هو ته ان وقت فيصلو ٿيو هو ته اڪثريت واري مسلمانن جي علائقي ۾ پاڪستان ۽ اڪثريتي هندن واري علائقن ۾ هندستان ٺهندو ۽ اهي حڪومتون پنهنجي اقليتن کي تحفظ ڏينديون. هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن کي هندستان ۾ ئي اقليتي حيثيت ۾ رهڻو هو. جڏهن پاڪستان ٺهي ويو ۽ ان وقت تائين به ان ڳالهه جو ڪو امڪان نه هو ته هندستان مان ڪي ايڏي تعداد ۾ مسلمان پاڪستان ۾ ايندا. جڏهن هندستان ۽ پنجاب جي علائقن ۾ هنگاما شروع ٿيا سالن جون نفرتون اڀري آيون. ان وٺ وٺان جي ماحول ۾ مسلمانن پاڪستان جو رخ ڪيو. قانوني طور انهن کي پاڪستان ۾ اچڻ جو ڪو به حق ڪو نه هو پر وري به هو پاڪستان ۾ آيا. هتان جي مسلمانن اخلاقن انهن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون. هي اهڙا هندستاني مسلمان هئا جن جو هندستان ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويو هو. ان ڪري انهن ڀڄي اچي پاڪستان ۾ پناهه ورتي ان ڪري هو پناهگير چوائڻ لڳا. سنڌ ۾ پناهه وٺندڙ هنن پناهگيرن کي سنڌين پنهنجي وات جو گرهه به ڪڍي کارايو. انهن کي تمام گهڻي عزت ڏنائون.
    پاڪستان ٺهڻ جي ڪجهه سالن کان پوءِ جيڪي حالتون ظاهر ٿيون ته هي ڌاريا نه صرف سنڌ ۽ سنڌ واسين تي حاوي ٿي ويا پر انهن جو رويو سنڌين سان مٽجي چڪو هو. سنڌين جي مهمان نوازي ۽ محبت انهن سنڌين جي جاهليت سمجهيو. هت مان اها ڳالهه دعويٰ سان چونديس ته سنڌين ۽ مهاجرن ۾ جيڪو ويڇو پيو ان جا ذميوار سنڌي نه پر مهاجر پاڻ آهن.
    ان کان پوءِ سجاڳيءَ جي تحريڪ، ون يونٽ جو ٽٽڻ، ٻوليءَ وارا هنگاما ويندي اٺاسي کان وٺي هن وقت تائين سنڌ جون حالتون ڪڏهن به ٺيڪ نه رهيون آهن. سنڌ ۾ انهن ٻنهين ڌرين جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ ٿيندو رهيو آهي. اها ڳالهه به چوڻ اجائي آهي ته سڀ مهاجر خراب آهن يا وري سنڌي سڀ سدورا آهن. گهٽ وڌايون سڀني ۾ آهن پر مهاجرن ۾ اڪثريت اهڙي آهي جيڪا پاڻ کي سنڌين کان ڌار ڪري حڪمراني وارو رويو اختيار ڪري ويٺي آهي. هاڻ مان اڄ ڪلهه جي حالتن مطابق ڳالهه ڪندس. ڪراچي سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر آهي. پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته ڪراچي سنڌ جو اڪيلو شهر آهي . . . . . مهاجرن جي پارٽي ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ڪاميابي حاصل ڪئي. ظاهر ڳالهه آهي ته انهن جي اڪثريت به انهن ٻنهي شهرن ۾ آهي. هي ٻئي شهر سنڌ جا شهر آهن. هاڻ سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا سنڌ ۾ فقط اهي ٻه شهر آهن؟ هنن ٻن شهرن کان علاوه سڄي سنڌ ديهي، ڪچي ريگستاني ۽ مٽيءَ جو ڍير آهي؟ سنڌ ۾ ٻيا به وڏا شهر آهن جيئن ته سکر، شڪارپور، لاڙڪاڻو، خيرپور ميرس، جيڪب آباد، نوابشاهه، دادو وغيره. اڃا ٻيا ننڍا شهر جن کي به توهان ديهي نه ٿا چئي سگهو انهن ۾ ٽنڊو آدم، شهدادپور، نوشهروفيروز، مورو، هالا، ڪنڌڪوٽ، ميهڙ وغيره سوين شهر آهن ۽ اهي سڀ سنڌ جا شهري علائقا آهن. هي ايم ڪيو ايم وارا هڪڙو رينگٽ کنيو ويٺا آهن. انهن جتان اليڪشن کٽي آهي جت هو رهن ٿا اهي شهر آهن باقي سڀ جهنگل ۽ بيابان آهن.
    ايم ڪيو ايم وارن جي سياست ۾ سنڌ ۽ سنڌين جو ته تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پر ٻيون قومون به هنن جي عذاب کان بچيل نه آهن. اٺاسي کان وٺي هن مهل تائين سنڌ برباد ٿيندي رهي آهي. هي اهي ماڻهو آهي جيڪي موت جي سياست ڪن ٿا. ٻين قومن جي ماڻهن کي ماريو اٿن ۽ پنهنجن ماڻهن کي ماري انهن جي لاشن مٿان به سياست کيڏي اٿن. سنڌ واسين جي سياست به صحيح نه رهي آهي. پاڻ ۾ وڙهندا رهيا آهيون. ٽٽندا رهيا آهيون. اسان پنهنجي سنڌ پاڻ پنهنجي هٿن مان وڃائي ڇڏي آهي.
    اسان سنڌي غيرت وارا ۽ پڪا پاڪستاني آهيون ان ڪري پيپلز پارٽي هميشه هتان کٽندي رهي آهي. هت مان اها ڳالهه ضرور چوندس ته سنڌين کي پڪي پاڪستاني هجڻ جي به سزا ملندي رهي آهي. جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهيندي آهي ته سنڌ جي مسئلن کي وساري ڇڏيندي آهي. جڏهن انهن کي سنڌ جي مسئلن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ چئبو آهي ته چوندا آهن اسان علائقائي سياست ڪو نه ٿا ڪيون اسان وفاقي آهيون. ڪير انهن کي اهو سمجهائي ته هي وفاق به ته هنن علائقن مان ئي ته ٺهيو آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان به ته توهان کي ووٽ مليا آهن جهڙي طرح شهري ۽ ديهي علائقا اهڙي طرح وفاقي ۽ علائقائي سياست سمجهه کان ٻاهر آهي.
    هيءَ جا مون ايڏي وڏي تمهيد ورتي آهي اها ان لاءِ ته ٻه ڏهاڙا اڳ اها خبر اخبار ۾ پڙهيم ته لانڍيءَ جي علائقي ۾ گوڙ فساد دوران هڪ نوجوان کي گوليون هڻي ماريو ويو پوءِ ان جو لاش هڪ اسڪول جي ڇت تي رکي ساڙي رک ڪيو ويو. ان خبر منهنجو جيءُ جهوري ڇڏيو.
    سائين منهنجا توهان کي خبر آهي ته وزيراعظم جي اليڪشن کان اڳ ۾ هڪ خبر آئي هئي ته نوگوايريا علائقا خالي ڪرائڻا آهن. ان ڪري اتي ڪاروائي شروع ٿي. اها ڪاروائي شروع به ٿي ۽ ختم ٿي اندر جي ڳالهه ته خدا ڄاڻي پر اڄ وري عادت موجب ايم ڪيو ايم وارن حڪومت جو تعاون ختم ڪري ڇڏيو آهي.
    انهن سڀني ڳالهين جي توهان کي خبر هوندي. ها باقي منهنجي اندر ۾ جيڪا ڳالهه آهي سا مان توهان سان اورڻ چاهيان ٿي. منهنجا سنڌ واسيو سياسي پارٽيون ٺهنديون ۽ ٽٽنديون رهنديون آهن. اختلافن جو شڪار ٿينديون رهنديون آهن. پيپلز پارٽيءَ جا الائجي ڪيترا ڌڙا آهن. مسلم ليگ جا الائجي ڪيترا ڌڙا آهن. سياست ۾ جيڪو رسي سو وڃيو ٿو پارٽي ٺاهي. تازو فيصل صالح حيات ضمير جو فيصلو چورائي ڏنڊي جي زور تي پارٽي ٺاهي ڪنڌ مٿي کنيو پيو هلي ۽ پيپلز پارٽيءَ وارا رڳو منٿن ۾ پورا آهن ته يار اسان جو ڀاءُ آهين اسان کي ووٽ ڏجان. حقيقت به اها آهي ته اخلاقن ڪير ڪنهن کي ڪجهه به ٿو ڪري سگهي پر هي ڇا؟ اها ڪهڙي سياست آهي جو ايم ڪيو ايم وارا چاهين ٿا ته انهن جو مخالف ڌڙو ايم ڪيو ايم حقيقي صفا نيست نابود ٿي وڃي. حڪومت انهن کي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ڏئي ۽ هو هڪ ڌڪ سان نوگو ايريا جو بهانو ڪري سڀني کي ختم ڪري ڇڏين.
    منهنجا سنڌ واسيو توهان سوچيو ته جيڪو شخص پنهنجي ڀائرن جي اختلافن کي نه ٿو برداشت ڪري سگهي سو اسان جو توهان جو سڄڻ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ الطاف حسين ۽ ٻيا سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي سڄي سنڌ ۾ پنهنجا ماڻهو اليڪشن ۾ بيهاري ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳرا آهن. ڇا انهن جا اندر به اهڙا صاف آهن؟ ڇا انهن وٽ ٽوپي ۽ اجرڪ جي حرمت آهي؟ ڇا انهن وٽ سنڌين لاءِ پيار ۽ احساس آهي؟
    گذريل ٽن سالن کان وٺي روز اخبارن ۾ هڪ نه پر ڪيتريون خبرون اينديون رهيون ته انهن جا هزارين ماڻهو جيلن مان آزاد ٿيندا رهيا آهن. وڏا وڏا قاتل دهشتگرد آزاد ٿي چڪا آهن. اردو يونيورسٽيءَ جو بل پاس ٿي چڪو آهي. هاڻ انهن ماڻهن کي سنڌ جي حڪمراني ڏيڻي آهي. سنڌ جي وزارت اعليٰ جي تخت تي انهن کي ويهارڻو آهي.
    هاڻ وڌيڪ مون کي ڪجهه به ناهي لکڻو صرف اهو چوڻو آهي ته ڊڄو ان ڏينهن کان منهنجا پيارا سنڌ واسيو جڏهن سڄي سنڌ نوگو ايريا ٿي ويندي ۽ توهان مٿان يلغار ٿيندي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ وارا سنڌ جا وارث ڪي ٻيا هوندا.
    توهان سڀ ٽٽي ۽ ڀري ويندؤ ياد رکجو ته هاڻ ٻيهر نه ته جي ايم سيد ڄمندو، نه وري حيدر بخش جتوئي موٽي ايندو. نه شيخ اياز هت آهي ۽ نه وري هن ڌرتيءَ تي ڪو ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ٿيندو برابر جهيڙو ناهي ڪرڻو. هت سڀني کي گڏ رهڻو آهي پر پنهنجي حق وارثي ٻين جي حوالي ناهي ڪرڻي. سنڌ سنڌين جي آهي. سنڌ جا وارث اهي سنڌي آهن جيڪي ٽوپي ۽ اجرڪ ڪنهن مطلب لاءِ نه پائيندا آهن.
    آچر 01 ڊسمبر 2002ع


    موت اگر قسمت آهي ته وڙهي مرجي

    ٻانهن کان جهلي ڇڪي ان کي بيهاريم، هن پٺ ورائي مون کي ڏٺو هو حيران پريشان ٿي. ڪڏهن مون ڏانهن ته ڪڏهن منهنجي هٿ ڏانهن نهارڻ لڳو. شايد ان کي اها توقع نه هئي ته ڪو مون جهڙي جيتامڙي به ان جي راهه روڪي سگهي ٿي. هن زور ڏئي هٿ کي ڇڏائڻ چاهيو پر ڇڏائي نه سگهيو، مان به هڪ ٽڪ ان کي گهوريندي رهيس. هي بي چين ٿي زور لڳائي پنهنجي ٻانهن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو پر ڪوشش جي باوجود به هو منهنجي هٿ مان پنهنجي ٻانهن ڇڏائي نه سگهيو. هو ته حيرانيءَ وچان چپ ۽ پريشان هو ۽ مان پريشانيءَ وچان ان کي گهوريندي رهيس. منهنجي رُڪ جهڙي طاقتور هٿ ۾ هاڻ ان جي ٻانهن ڏڪي رهي هئي. هو اجگر هو ۽ مان جيتامڙي، ان جي باوجود به هو مون سان اکيون ملائي نه پئي سگهيو. منهنجون گهوريندڙ اکيون ان جي وجود جي ڏارن ۾ اندر تائين ليئا پائي رهيو هيون.
    هو ڪانئر هو، هو گيدي هو، هو وڪاميل هو. هو غدار هو، ان وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪونه هو. ماحول به ته عجيب هو، چئني طرف پکڙيل خاموشي، تتل اس، راهه ۾ وڇايل ڪنڊا، خبر نه آهي ڇا ڇا هو، جن مٿان مان هلي ڪري هن تائين پهتي هئس. هو پنهنجو هٿ ڇڏائي نه پئي سگهيو. ان ڪري ماٺ ڪري هڪ هنڌ بيهي رهيو. مان پنهنجو ٻيو هٿ ان جي ڪلهي تي رکيو، ان پنهنجون اکيون جهڪائي هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن ڪري ڇڏيون. اُن وقت مان پهريون دفعو ان کي مخاطب ٿي چيو، تون هيٺ ڌرتيءَ ڏانهن نه ڏس ڇو ته هن ڌرتيءَ جو گنهگار آهين. اُن هڪدم اکيون مٿي کنيون، مون ڏانهن نهارڻ بجاءِ ٻئي پاسي ڏسڻ لڳو. ان ٻئي پاسي گوڙ گهمسان لڳو پيو هو. ڌرتي واسي پريشان حال، مٿي ۽ پيرن اگهاڙا، ٻارن ٻچن، نياڻين سياڻين سان گڏ تتل اس ۾ بکيا اڃيا بيٺا هئا. هو شخص اهڙو هيبت ناڪ منظر ڏسي نه سگهيو، هڪدم اکيون ڦيرائي ٻئي طرف ڏسڻ لڳو، اهو طرف هو جت ڪڪر ڪارونڀار هئا، وسڪارو ۽ وڄ هئي. جت انن جا انبار هئا.ا ت پيٽ ڀريل محلن جا رهواسي هئا هي اهو ئي طرف هو جتان هو ان مهل ڀڄي نڪتو هو، انهن هن کي ڊوڙائي ڪڍيو هو يا وري جان بچائي ڀڳو هو ان جي خبر مون کي ڪانه هئي. هي انهن وٽان ڀڄي نڪتو هو. جن وٽ ان وطن وڪيو هو، انهن سان وفاداريءَ جا وچن ڪري انهن جي خالي جهول ۾ سڀ ڪجهه وجهي ڇڏيو هئائين. پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جو لٽو لاهي پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جي رهواسين کي بي سهارو ڪري انهن جي اڳيان گوڏا ٽيڪيا هئائين. جيڪي هن ڌرتيءَ جا ويري، کاٽ هڻندڙ، رت پيئندڙ ڄورون هئا. پاڻ کي سرخرو ڪرائڻ لاءِ پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ، ڪاغذن مٿان ليڪا پائي، سڀ ڪجهه ويرين وٽ وڃائي اڄ هو اتان پنهنجي جان بچائي ڀڳو آهي. مان ڪافي وقت کان ان جي انتظار ۾ بيٺي هئيس. مون کي اهو يقين هو ته هو ضرور منهن ۾ موچڙو کائي واپس ورندو. مون کي ان جي واپس ورڻ جو يقين ان ڪري به هو ته جيڪي ڌرتيءَ جا غدار هوندا آهن تاريخ شاهد آهي ته انهن ڪڏهن به عزت جي زندگي ڪونه ماڻي آهي. ڪيترائي اهڙا تاريخي واقعا ٿي گذريا آهن. هڪ اهڙو ئي واقعو ياد ٿو اچيم ته هڪ وطن جي غدار دشمنن سان ملي ڪري قلعي جا دروازا کولي ڇڏيا هئا. اهو قلعو ۽ ان جا دروازا ايترا ته مضبوط هئا جو دشمن سالن تائين ان کي فتح نه ڪري سگهيو هو. صرف هڪ شخص جي غداريءَ جي ڪري ان قلعي جا دروازا کلي ويا ۽ دشمن فتحياب ٿيو. فتح جي جشن کانپوءِ جڏهن فاتح قوم درٻار ۾ ويهي مفتوح قوم لاءِ سزائون تجويز ڪري رهي هئي ته ان فاتح قوم ٻين سڀني کي ته جيل ۾ اندر وڌو پر ان غدار کي موت جي سزا ڏني. هو غدار ته پريشان ٿي ويو، پنهنجي وفاداري جو احساس ڏياري انهن ڪيل واعدا ياد ڏياريائين. ان فاتح قوم جي سربراهه جواب ڏنو ته هي جيڪي پنهنجي قوم جا سرفروش ۽ جان نثار آهن مون کي انهن مان ايترو خطرو نه آهي جيترو تو مان آهي ڇو ته جڏهن تون پنهنجن سان غداري ڪري سگهين ٿو ته اسان سان وفادار ڪيئن رهندين. تو ن ته ٽڪن تي وڪاميل بي ضمير آهين ان ڪري تنهنجي سزا موت آهي.
    سو اهو واقعو ۽ ٻيا ڪيترائي واقعا منهنجي ذهن ۾ هئا. ان ڪري مان ان واٽ تي بيهي ان جو انتظار ڪري رهي هئس جتان هو ويو هو. اڄ هو اتان موت کائي جان بچائي ڀڳو هو ۽ مان ان جو هٿ پڪڙي ان جي راهه روڪي بيٺي هئيس.
    مون وٽ به ته ڪجهه ڪونه هو، مان مٿي اگهاڙي، پيرين اگهاڙي زخمي رتورت ٿيل آهيان بکايل ۽ اڃايل آهيان. هو ۽ مان اڄ هڪ ٻئي جي سامهون بيٺا آهيون. هن وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي ۽ مون وٽ بيشمار سوال آهن. جن جو جواب مان ان کان ٻڌڻ پئي چاهيو.
    مان سڪل نڙيءَ کي ڳيت ڏيئي آلو ڪري هن کان پهريون سوال ڪيو. توهان ائين ڇو ڪيو؟ هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
    مون ٻيو سوال ڪيو توهان کي ائين ڪرڻ جو حق ڪنهن ڏنو؟ هن جواب ڪونه ڏنو.
    مان وري پڇيو، پنهنجي ڌرتيءَ پنهنجن ماڻهن مٿان قانون قائدن جا ڪوڙا پنجوڙ ٺاهي انهن کي برباد ڪرڻ جو حق توهان کي ڪنهن ڏنو؟ جواب ڪونه مليو.
    هاڻ هو پنهنجي بچاءُ لاءِ ان طرف ڏسڻ لڳو جنهن ڪنڊ ۾ ڪي اهڙا وجود بيٺا هئا. جيڪي جن کي صرف اهو ڏک هو ته اسان به ته هن ڊوڙ ۾ شريڪ هئاسين. آخر هن شخص ۾ اهڙي ڪهڙي خوبي هئي جو اسان کان اڳ نڪري ويو. هي شخص به انهن گنهگارن جي ٽولي مان هو جيڪو وقت جي ڊوڙ ۾ کٽي ويو هو، هو سڀ گنهگار اڄ پاڻ کي سپوت چورائي ان شخص ڏي اڱر کڻي رهيا هئا. گنهگارن جو به ته ٽولو هوندو آهي. بس انهن مان ڪو هڪ اڳ ڪڍي ويندو آهي ۽ مان ان اڳ ڪڍي ويندڙ شخص جو هٿ پڪڙي بيٺي هئس مان نرڙ تي گهنڊ وجهي تيز نظرن سان ان ٽولي ڏانهن نهارڻ لڳيس. هو منهن پڪو ڪري ڪنڌ مٿي کڻي مون کي چوڻ لڳا اسان ته ڌرتيءَ جا وفادار ۽ قومپرست آهيون. اسان جي جدوجهد جي ته هڪ تاريخ آهي اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي اڃا وڌيڪ اچرج آيو. پر انهن جي اکين ۾ ڪوبه شرم ڪونه هو. هو ته هن موقعي مان به فائدو وٺڻ جي چڪرن ۾ هئا.
    هن تتل زمين تي عجب ماحول هو، هاڻ مون ان شخص جو هٿ ڇڏي ڏنو ڇو ته مون محسوس ڪيو ته ان کي پڪڙڻ مان ڪو به فائدو ناهي. هي شخص جاڏي به ويندو پنهنجي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳيندو.
    هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟مون کي ان ڳالهه تي سوچڻو هو. مان ڊوڙندي انهن اڌ اگهاڙن، بيٽ بکين، ڌرتيءَ جي وارثن ڏي ويس. انهن جي اکين منهنجي اکين کي سڃاتو، اسان جي اکين ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيغام هو.
    ٻڌو ٻڌو ڪن کولي ٻڌو، اڃا به وقت ناهي ويو، همت ڌاريو، چئني طرف يلغار ڪريو، چيڀاٽي ڇڏيو. انهن کي جيڪي اوهان جي واٽ ۾ اچن، جيڪڏهن قسمت ۾ موت لکيل آهي ته پوءِ ائين بي همت ٿي مرڻ کان بهتر آهي ته وڙهي مرجي ڪنهن هڪ غدار جي ڪيل فيصلن جو سڄي قوم ڇو لوڙي؟ اچو نڪرو، واٽن تي پکڙي وڃو. ڌرتيءَ تي “حق وارثي” جو نعرو لڳائي رستا روڪ ڪيو. پليون بند ڪريو. ريلون بيهاري ڇڏيو. شهرن ڳوٺن واهڻن ۾ پکڙي وڃو. هڪ مان هزار، لک ڪروڙ ٿي وڃو. دشمن جي ڳچيءَ ۾ وڃي هٿ وجهو ان کي اهو ٻڌايو ته اسان ئي هن ڌرتي جا اصل وارث آهيون، توهان جي قلمن سان لکيل قانون ۽ توهان جي ڏنل ظلمن ۽ قهرن سان حقيقت مٽجي نه سگهندي. پر منهنجا سائين جڏهن ڪو اهڙو وقت اچي (لڳي ٿو ته اهڙو وقت پري ڪونهي) اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکارجو، تاريخ ۾ امر ٿي وڃجو.

    ڇنڇر28 مئي 2005ع


    هر انسان هڪ ڪهاڻي آ

    اڪثر مان سوچيندي آهيان ته هن دنيا ۾ اچي انسان ويچارو ايترا حساب ڇو ٿو ڏئي؟ عجيب آهي هيءَ زندگي، انسان نه هن دنيا ۾ اچڻ لاءِ راضي هوندو آهي ۽ نه وري وڃڻ لاءِ راضي هوندو آهي. زندگي ڪيتري به ڏکي هجي ته به هر ڪو انسان جيئڻ چاهي ٿو. ڪوبه انسان مرڻ نه چاهيندو آهي ان جي باوجود به ته موت اڻٽر آهي. مرڻو آهي اسان سڀني کي. پرڪي ڪي موت اهڙا هوندا آهن جيڪي جيءَ کي جهوري ويندا آهن. ذهن سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي ته اهڙا ري کٽيءَ جا موت، ڏک ڏيندڙ جدايون ڇو ٿينديون آهن. خبر نه آهي ان ۾ رب جي ڪهڙي رضا آهي.........
    تازي ڳالهه آهي منهنجي ڀائيٽي ساد جي اسڪول جي ٽيچر جيڪا صرف ٽيهن سالن جي آهي اها ڪينسر جهڙي موذي مرض جي ڪري اسپتال ۾ داخل آهي. اٿس به پيٽ جو ڪينسر، آهي به آخري اسٽيج ۾ هوءَ اسڪول جي ٻارن جي پسنديده ٽيچر هئي. سڀ ٻار ڏکارا ٿي پيا آهن. ٻارن جي ڪومل دل ۾ ان ٽيچر لاءِ محبت ۽ همدردي اڃا به وڌي وئي آهي. اسڪول وارن ٿوري ڪوشش ڪئي ته اسڪول مان ئي ٻه لک رپيا جمع ٿي ويا. ان ويچاري منهنجي ڀاڀيءَ جو هٿ پڪڙي ڏاڍي ڏک مان چيو ته توهان به منهنجي لاءِ ڪجهه ڪريو، مان مرڻ نٿي چاهيان.
    ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ خبر پئي ته هوءَ مري وئي. هوءَ ٽيهن سالن جي خوبصورت ڇوڪري هئي. وڏا ڊگها وار رنگ روپ جي به سهڻي، هاڻ هوءَ مٽيءَ سان گڏ مٽي ٿي وئي آهي. ان جي وفات ڪرڻ کانپوءِ جن ڳالهين جي خبر پئي آهي ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهن، خبر پئي آهي ته هوءِ پنهنجي گهر کي سنڀاليندي هئي. گهر ۾ پوڙها ماءُ پيءُ ۽ هڪ اپاهج ڀيڻ هئي جيڪا هڪ حادثي ۾ اپاهج ٿي وئي. ٻه ڀائر به هئس جن کي ننڍي پيماني تي ڪاروبار کولي ڏنو هئائين.
    ٻڌو اٿم ته هوءَ صبح جو سوير گهر مان نڪرندي هئي ۽ رات جو ڏهين وڳي گهر پهچندي هئي. اسڪول بند ٿيڻ کانپوءِ هوءَ ٻارن جي گهرن ۾ وڃي ٽيوشن ڏيندي هئي. رات جو جڏهن گهر پهچندي هئي ته پوءِ ان ويل هوءَ پوڙهي ماءُ پيءُ ۽ اپاهج ڀيڻ لاءِ ماني پچائيندي هئي. انهن کي ماني کارائي انهن جي ٽهل ٽڪور ڪري صاف سٿرو ڪري انهن کي سمهاريندي هئي. اتان واندي ٿي هوءَ گهر جو ڪم ڪار ڪندي هئي ٻئي ڏينهن لاءِ ناشتي جو انتظام ۽ منجهند جي ماني پچائي رکندي هئي. هڪ ڀاءُ جي شادي ٿيل هئي پر اها ڀاڄائي گهر ڀاتين ۾ ڪا به دلچسپي ڪانه رکندي هئي. ڀائرن کي صرف پئسن جي گهرج هوندي هئي. مختلف بهانا ڪري مجبوريون ٻڌائي ڀيڻ کان پئسا وٺندا رهندا هئا.
    ائين ئي هوءَ ويچاري زندگيءَ جو گاڏو گهليندي رهي. رات جي پچايل ماني ٻئي ڏينهن هوءَ منجهند جو کائيندي هئي. سڪل ٺوٺ پاروٿي ماني جنهن کي کائڻ به هڪ مسئلو هوندو هو. هوءَ مڙيئي پيٽ ڀرڻ لاءِ کائيندي هئي. سندس ساٿي ٽيچر ٻڌائين پيون ته اسان ان کي سمجهائيندا هئاسين ته ڪجهه ته پنهنجي صحت جو خيال رک. جيءُ آهي ته جهان آهي. پر هوءَ ويچاري ڇا ڪري. سندس زندگي ئي اهڙي هئي. ڪجه عرصي کان هوءَ پيٽ جي سور جي شڪايت ڪندي هئي ڪا نه ڪا پيٽ جي سور جي گوري کائي سور کي پئي گهٽائيندي هئي. ان ويچاريءَ کي ته خبر ئي ڪانه هئي ته ان جي پيٽ ۾ ڪهڙي بيماري پئي سرجي.
    جڏهن تڪليف گهڻي وڌي ويس ۽ ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرايائين ته خبر پيس ته هوءَ ڪينسر جي مرض ۾ وٺجي چڪي آهي. هاڻ بيماري ان اسٽيج تي آهي جو دوا ۽ دعا ٻئي بيڪار آهن. هاڻ هوءَ مري چڪي آهي. هن دنيا جي انهن وجودن مان اها هڪ اهڙو وجود هئي. جنهن کي اها به خبر نه هئي ته خوشي ۽ سڪون ڇا هوندو آهي. پيار محبت ڪهڙي شئي آهي. غربت ۾ هوءَ ذميندارين جا بوجهه کڻندي رهي. هوءَ ڊفينس جهڙي علائقي جي هڪ مشهور اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي ۽ ان ئي علائقي جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائيندي هئي. جن گهرن ۾ پڙهائڻ ويندي هئي اهي ڪڏهن به ان کان چانهه پاڻيءَ جو ڪونه پڇندا هئا. سڄي ڏينهن جي دماغي ۽ جسماني ٿڪاوٽ کانپوءِ وري گهر جو ڪم ۽ بي سڪوني، مان سوچيندي آهيان، زندگيءَ جا مختصر ٽيهه سال به ان ڪيڏا نه ڏکيا گذاريا هوندا. ان جو ته هڪ پل به سال برابر هوندو.
    هوءَ ويچاري اسان جي هن بي حس معاشري جو ڪو اڪيلو ڪردار نه آهي. اهڙا ڪيترا ڪردار اسان جي آس پاس ڀريا پيا آهن. صرف ويجهو وڃي ڏسبو ته ڏکن جا دفتر کليل ملن ٿا. اهڙا ڪيترائي وجود آهن. جيڪي هن دنيا ۾ بس ايندا آهن ۽ ويندا آهن. انهن وٽ پنهنجي لاءِ وقت ڪونه هوندو آهي. پنهنجي وجود جي يادگيري ڪونه هوندي آهي.
    مان سوچيندي آهيان ته انهن ته ڪي گناهه به ڪونه ڪيا هوندا. آخر الله به اهڙن بندن کان ڪهڙا حساب گهرندو ڪي درد دلين ۾ گهر ڪري وٺندا آهن. اسان جي هن دنيا ۾ انسان ويچارو ڪيترو ڀوڳي پيو. ان لاءِ ڪنهن جي دل کي کولي ڏسو ڪنهن جي ويجهو ته وڃي ڏسو ته خبر پوندي ته هر انسان هڪ ڪهاڻي آهي.

    جمعو 3 جون 2005ع


    قصو هڪ خط جو

    ڪجهه ڏينهن کان وٺي مان سڪينه گاد کي ياد پئي ڪيو، مون کي ان لاءِ پريشاني به هئي ۽ دل سان دعا پئي ڪيم ته الله ڪري هوءَ چڱيءَ ڀلي هجي، ڪراچيءَ ۾ اچي سڪينه مون سان فون تي ضرور ڳالهائيندي آهي پر ڪيترائي دفعا ان مون کي لاڙڪاڻي مان به فون ڪيو آهي. هاڻي جو مهيني کان مٿي ٿي ويو ۽ مون کي سڪينه جي ڪا خبر چار ئي نه هئي سو ڪنهن ڪنهن وقت ان جي ياد دل ۾ اڀرندي هئي ته پريشاني به ٿيندي هئي هاڻ گذريل هفتي سڪينه مون سان فون تي ڳالهايو. ٻڌايائين ته هاڻي ان جي طبيعت ڪافي بهتر آهي. ڊاڪٽر جو ٽائيم دير سان ڏنل هو ان ڪري هوءَ ڪراچي مهيني ڏيڍ کان پوءِ آئي آهي، ان پنهنجي طبيعت بابت ٻڌايو ته منهنجي دل کي سڪون مليو.
    سڪينه گاد هڪ سٺي شاعره آهي، هوءَ ڪافي عرصي کان سورمي ۽ ادبي صفحي ۾ لکندي رهندي آهي. پاڻ ڊاڪٽر آهي ۽ سندس گهر وارو به ڊاڪٽر آهي. پاڻ اسپيشلائيزيشن پئي ڪيائين ته اوچتو سندس طبيعت خراب ٿي وئي. حادثو به اهڙو جو نظر خراب ٿي ويئي. ڊاڪٽرن جي مطابق هي اکين جي نه پر دماغ ۾ ڪجهه آهي جنهن جي اثر ڪري نظر تي اثر پيو آهي. هاڻ ته سڪينه ڊاڪٽر کان علاج پئي ڪرائي ڪڏهن مايوس هوندي هئي ته ڪڏهن پرُ اميد.
    سڪينه ۽ سڪينه جهڙيون ڪيتريون ٻيون اديبائون ۽ ڀينرون ادبي صفحي جي حوالي سان ۽ سورمي صفحو جڏهن مان سنڀاليندي هئس ته مون کي خط لکنديون هيون اهڙا ڪيترا خط مون سنڀالي رکيا آهن. اسان جي سنڌ ۾ سنڌي نياڻي ڪيترن مشڪلاتن ۾ آهي ان جو احساس انهن جي خطن مان لڳندو هو. ڪي ڀينرون مون کي پنهنجا مسئلا ۽ ڏک لکي راءِ گهرنديون هيون ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي. ڪي ته اهڙيون هونديون هيون جيڪي مون کي لکنديون هيون ته اسان جو ڀاءُ يا اسان جو والد توهان جا ڪالم پڙهندا آهن ۽ توهان کي پسند ڪندا آهن. مهرباني ڪري اسان جي ڀاءُ کي يا والد کي اسان جي باري ۾ ڪا سمجهاڻي ڏيو جيئن هو اسان جون ڳالهيون سمجهن. سچ ٿيندو به ائين هو، پهريائين ته مان اهو سوچيندي هئس ته ڪنهن جي ذاتي گهريلو مسئلن ۾ دخل اندازي ضروري نه آهي پر ڪن اهم حالتن ۾ جڏهن مان اهڙو ڪو قدم کڻندي هئس ته مون کي ڏاڍي سٺي موٽ ملندي هئي الائجي ڪيترا درديلا مسئلن سان ڀريل خط اڄ به مون مون وٽ محفوظ آهن. ٿر کان وٺي جيڪب آباد، شڪارپور کان وٺي ڪنڌ ڪوٽ تائين اهي سڀ خطن ۾ لکيل ڳالهيون منهنجي ذهن جي پولارن ۾ دفن آهن. جڏهن به ڪنهن مسئلن تي جيڪي سماجي، اخلاقي يا اقتصادي هوندا آهن ته اهي سڀ خطن ۾ لکيل ڳالهيون منهنجي ذهن ۾ اڀري اينديون آهن ۽ پوءِ مون کي لکڻ سولو ٿي پوندو آهي. انسان انسان جو کاڄ آهي هر انسان ٻئي انسان جو محتاج آهي. هن دنيا ۾ ڪوبه اسان اڪيلو زندگي نٿو گذاري سگهي. بند ڪمرن ۾ ويهي لکڻ يا چانڊوڪين راتين ۾ ويهي سوچڻ کان بهتر آهي ته انسان جي جيون ۾ جهاتي پائي. هڪ ٻئي جو ايترو ويجهو اچي وڃجي جو اڳلو توهان کي پنهنجو سمجهي توهان کي پنهنجي اندر جو احوال ٻڌائي. سچ ته اندر جو حال اورڻ سان اڌ سور ختم ٿي ويندا آهن. ان ڪري اڄ مان وڌيڪ ڪجهه لکڻ کان بهتر ڊاڪٽر سڪينه گاد جو هي خط توهان جي پڙهڻ لاءِ رکان ٿي ۽ اوهان پڙهندڙن کي به عرض ڪيان ٿي ته اهڙين باهمت ڇوڪرين جي همت افزائي ڪيو دعا ڪريو، ڇو ته دعا ۾ وڏي تاثير آهي، خبر ناهي رب ڪنهن جي ٿو ٻڌي، پر اسان بندي کي هڪ ٻئي جي اندر جي ڳالهه ضرور ٻڌڻ گهرجي.
    خط
    ڀيڻ سلطانه!
    اوهان لاءِ ڪجهه دل جون ڳالهيون
    2003ع جا سج سڀ اونداهيون پاڻ سان گڏ کڻي وڃ، اڄ جي مان جبلن جي لڪن ۾ تو کي ويندو نه ڏٺو ته مان مايوس نه آهيان. مان جي اڄ رستي ويندي سرنهن جا پيلا گل نه ڏسي سگهيم ته پرواهه نه آهي، مون کي پنهنجي خدا تي يقين آهي ته مان پنهنجي سهڻي ڪائنات کي وري پنهنجي ٻنهي اکين سان ڏسي ۽ پسي سگهنديس ۽ نئين نڪور سج کي پوري آب و تاب سان چمڪندو ڏسنديس. انهن پيارن ماڻهن کي جن مون سان پيار ڪيو آهي ۽ جن سان مان پيار ڪيو آهي. پنهنجي مٺڙي امڙ کي جيڪا مون کي نه ڏسي پڇندي آهي ته سمهي ڇو پئي آهي. بيمار آهي ڇا؟ ان پياري ماما (گل) کي جيڪو پنهنجي وات جو گرهه به مون ڪاڻ بچائي رکندو آهي. ان پياري پڦيءَ کي جيڪا جڏهن به ڪراچي ويندي آهيان ته روئيندي آهي ۽ هاڻ به پڪ اٿم پنهنجن وڏن اکرن وارو وسيلو (قرآن شريف) پڙهي مون ڪاڻ خيريت جون دعائون گهرندي هوندي. اسان جو ڀاءُ جڏهن اسان کان ناراض ٿي ويندو آهي ته اسان سڀ ڀاءُ ڀينر چوندا آهيون. قيامت ڪاري ٿي. ان پنهنجون نمازون وڌائي ڇڏيون هونديون ۽ منهنجي پياري ڀاڄائي جڏهن مون کي بيڊ تي ڏسندي آهي ته سندس سمنڊ جهڙين اکين ۾ لڙڪ تري ايندا آهن ۽ پوءِ هو نه روئي سگهندي آ، ته ڪمري مان هلي ويندي آهي.
    منهنجي ڀاءُ نيسم پارس مون کي بيمار ڏسي سندس بولتي بند ٿي ويندي آهي ۽ وري منهنجو محبوب مڙس جڏهن بيمار ٿيندي آهيان ته ڳالهائڻ ۽ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏيندو آهي. انهن ٻنهي صاحبن جو خيال آهي ته مان پاڻ کي پاڻ بيمار ٿي ڪيان، منهنجي پياري وڏي ڀيڻ ۽ سندس گهر وارو منهنجي بيمار ٿيڻ تي اٻاڻڪا ٿي ويندا آهن. منهنجو ننڍڙو لطيف جڏهن 12:00 وڳي اچي لاڏ مان چوندو آهي باجي چانهه پيئون ۽ مان دير ڪنديس رڙ ڪندو کير ۾ ڪرڙي ڪري پيئي، ان وقت مان ڊوڙنديس، اي منهنجا مالڪ مون ڪاڻ زندگي جا سڀ رنگ خوبصوت ۽ سهڻا آهن. منهنجون ڳوٺاڻيون جن جو سهارو ته خدا آهي پر مان هنن لاءِ آسرو، اميد ضرور آهيان جيڪي مون کي نه پسي اٻاڻڪيون هونديون. اي منهنجا مالڪ مون کي منهنجي خوبصورتي بخش، منهنجو محبوب مڙس جنهن جو خيال آهي ته مون کي نظر لڳي آهي. هو به سي ايس ايس جو امتحان ڏيڻ ويو آهي.
    او پرين! مون ڪاڻ برقعو نه آڻجو. برقعي پائڻ کان اڳ اسان جي اکين کي نظر لڳي چڪي آهي. هر اهو ماڻهو خوبصورت آهي. جنهن کي ٻه هٿ ٻه پير ۽ ٻه اکيون آهن. اي منهنجا خدا منهنجي خوبصورتي واپس ڪر، مون کي منهنجي خوبصورتي بخش.
    ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد
    ڇنڇر 11 جون 2005ع


    اُتم انسانيت يا مذهب؟

    سڀ کان آسان ۽ سولو آهي ڪنهن جي دل کي ڏکائڻ . . . سڀ کان ڏکيو ۽ برداشت کان ٻاهر ٿي پوندو آهي. ڪنهن کي سکيو ستابو خوشحال ڏسڻ . . . انسان فطرتن تنگ نظر ۽ تنگ دل آهي. وڏيون ڳالهيون ڪرڻ وارا پيار محبت جا سبق ڏيڻ وارا به ڪڏهن ڪڏهن اهڙا رويا اختيار ڪندا آهن، جو حيرت لڳندي آهي . . . . .
    مولانا عبدالستار ايڌي ڪيتري نه صحيح ڳالهه چئي آهي ته، “انسانيت پهرين وجود ۾ آئي آهي ۽ مذهب جو بنياد پوءِ پيو آهي. ڪيتري نه وڏي ڳالهه ڪئي آهي مولانا ايڌي . . . . صحيح به ته اهو ئي آهي ته انسانن کي انسان جي ويجهو آڻڻ ۽ انسان کي انسانن جي بنيادي حقن جو احساس ڏيارڻ لاءِ ئي مذهب جو بنياد پيو. جيڪڏهن انسان نه هجي ها ته هنن مذهبن ۽ اخلاقي پرچارن جي ضرورت ئي نه پوي ها. دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ هي ناتا رشتا ڏاڍا اهم ٿي ٿا وڃن، انسان جو انسان سان تعلق ۽ وري هن ڌرتي واسين جو پالڻهار سان تعلق . . . ڇو ته پالڻهار ته سڀ ڪجهه ڏسي ٿو، وڏيون وڏيون مدايون ميٽي پنهنجي رحم ۽ شفقت سان پنهنجن بندن کي نوازيندو رهندو آهي. . . . ها پر هن دنيا ۾ جيڪو انسان سان انسان جو رشتو آهي ان ۾ انسان ايتري ته نفرت کان ڪم وٺي ٿو جو ڪڏهن ڪڏهن انسانيت تان به دل کڄي وڃي ٿي.”
    انسان جو انسان سان تعلق محبت ۽ احساس جو آهي.هڪ ٻئي جي جذبي جو قدر ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي ڪم اچڻ ئي سڀ کان وڏي خدمت آهي. زبان سان نه ڪنهن کي ڏکوئجي ۽ پنهنجي عمل سان ڪنهن جون واٽون روڪي ڪنڊا نه وڇائجن . . . . .
    بنيادي طور اهم شيءِ آهي انسان جو انسان سان تعلق انهيءَ تعلق کي سمجهائڻ لاءِ ئي ڪيترا مذهب وجود ۾ آيا . . . . .
    پنهنجي گهر جي چؤديواري کان وٺي پنهجي شهر ملڪ دنيا هيءَ هڪ رشتي ۾ ٻڌل آهي. هي سڀ انسان ۽ جيڪڏهن هر انسان ان پنهنجي ننڍڙي يونٽ جي اطراف جنهن کي گهر چيو ٿو وڃي، پاڻ کي خوش رکي ۽ هڪ پرسڪون زندگي کي گذاري. پوءِ ان جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجن عزيزن ۽ آس پاس رهندڙن سان به سٺو رويو اختيار ڪري . . . . .پر ڏٺو اهو ويو آهي ته پنهنجي گهر ۾ سڪون رکڻ وارا، آس پاس، مٽ مائٽن جي روين کان پريشان هوندا آهن . . . . ڪيتراماڻهو ته وري اهڙا هوندا آهن، جو اهي سک سان ويهي نه سگهندا آهن . . . . انهن جي فطرت ۾ اهڙي هلچل هوندي آهي جو هو هر وقت ٻين جي ٽوهه ۾ لڳا پيا هوندا آهن. ٻين جي کائڻ پيئڻ اٿڻ ويهڻ، گهمڻ، ڦرڻ ۽ سڀ انهن جي نظر ۾ هوندو آهي. انهن کي پاڻ کي ڇا ڪرڻ گهرجي. ان ڳالهه تي ڪير به نه سوچيندو آهي. باقي ٻين جي ڪڍ هو پڪي نظرداري ڪندا رهندا آهن.
    ڪي انسان خاموش طبع ۽ پاڻ ۾ گم هوندا آهن، اهي نه ڪنهن جي معاملي ۾ دخل اندازي ڪندا آهن ۽ نه وري اهو چاهيندا آهن ته انهن جي معاملن ۾ به ڪو دخل اندازي ڪري . . . . اهڙن ماڻهن جي پٺيان به وٺ لڳل هوندي آهي. مختلف القابن سان انهن کي نوازيو ويندو آهي، جنهن ۾ وڏو ماڻهو ۽ پاڻ کي ڪنهن جي به برابر نه سمجهڻ وغيره.
    ڪي انسان ته فطرتن اهڙا ته پيارا هوندا آهن، جو هر وقت سڀ ڪنهن جي ڏک سک ۾ حاضر رهندا آهن. تو سڏيو يا مون سڏيو حاضر . . . . . هن سان گڏ وڃڻو آهي، هن سان گڏ بيهڻو آهي، هر وقت هر ڪم لاءِ حاضر اهڙن، نيڪ فطرت انسانن کي وري اٻوجهه ۽ بي عقل جا القاب نوازيا ويندا آهن. سامهون تعريف ڪري ڪم ڪڍي پرپٺ گلا ڪئي ويندي آهي.
    ها سائين! ڪجهه اهڙا انسان به آهن، جن کي دنيا ڊڄندي به آهي ته احترام به ڪندي آهي. اهي اِهي ماڻهو آهن جن وٽ دولت جي گهڻائي آهي. هو پنهنجي وڏ ماڻهپي ۾ ڪنهن کي به ليکي ۾ نه آڻيندا آهن. پاڻ جهڙو ڪنهن کي به نه سمجهندا آهن. انسانن کي هو دولت جي ترازيءَ ۾ توريندا آهن. ايندڙ ويندڙ کي مان ڏيڻ به انهن کي ڪو نه اچي . . . . . ها باقي پاڻ جهڙن ۽ پاڻ کان وڏن ماڻهن وٽ هو خوش هوندا آهن . . . . اهڙن ماڻهن وٽان ڪا عزت ڪا نه ملندي آهي. ان جي باوجود به انهن ماڻهن وٽ وڃڻ انهن سان ملڻ ۾ سڀ فخر محسوس ڪندو آهي . . . . دولت جي گهڻائي ۽ شان شوڪت انهن جي رکي طبيعت ۽ عيبن کي به ڍڪيو ڇڏي. اهو به ضروري نه آهي ته هر دولتمند ماڻهو اهڙو هجي . . . . فطرتن ڪي ماڻهو اهڙا سٺا هوندا آهن جو چاهي هو دولتمند هجن، چاهي غريب، انهن جي طبيعت هر هنڌ انهن کي عزت ۽ مان ڏياريندي رهندي آهي . . .
    دولت جي معيار تي رشتن ناتن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي، عريب مائٽ چاهي اُها سڳي ڀيڻ يا ڀاءُ هجي ته به وچ ۾ سنڌو رکيو ويندو آهي. معاشري جي اڻ برابري ۽ احساس محبت جي کوٽ اڄ ڪلهه هر ڪنهن کي ذهني عذاب ڏيو ويٺي آهي . . .. هن گهماگهمي واري ماحول ۾ جت سڀ ڪو نوڪريءَ سانگي پيٽ قوت جي پٺيان لڳو پيو آهي. ذهني طور پريشان اڄ جو انسان جنهن وٽ وقت ئي ڪونهي آس پاس نظر وجهڻ يا سوچڻ جو اهڙو انسان غلط قسم جون ڳالهيون ٻڌي ذهني سڪون به حاصل نه هجي ته پوءِ ڀلا ڇو نه هو ڊپريشن، السر ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿيندو . . ..؟ انسان کي جسماني پورهيو ۽ ڪم نه ٿڪائيندو آهي. ڪم انسان جي صحت لاءِ تمام ضروري آهي. ڪم ڪندڙ انسان چست ۽ چالاڪ هوندو آهي. ها باقي ضرورت کان وڌيڪ ڪم ان سان گڏ ذهني پريشانيون ۽ مسئلا انسان کي ٿڪايو ڇڏين.
    اهڙن ماڻهن جي چهري مان وقت کان اڳ ۾ ئي زندگيءَ کان بيزاري پئي بکندي آهي . . . اڄ ڪلهه انسان ئي ان کي منجهائي ويٺو آهي. ذهني تڪليفون ڏيئي ٿڪائي ويٺو آهي. زبان مان ڏنل ڏک ۽ عمل مان پهچايل تڪليفون انسان کي بي وس ۽ لاچار ڪيو ڇڏين. دنيا ته ٺهيو پر پنهنجي وجود مان به مزو نڪريو وڃي. ان ويل مان سوچيندي آهيان ته ڀلا انسان سک جي خوشين جي خواهش ڇو ڪري؟ مان ۽ عزت ڇو گهري؟ جڏهن ته خبر آهي ته هن دنيا مان ڪجهه به ناهي ملڻو . . . . ها هڪ سک ملندو آهي. جيڪو نو مهينا ماءُ جي پيٽ ۾ انسان هوندو آهي يا وري مري قبر ۾ داخل ٿيندو آهي، باقي وچ واري گذاريل وقت ۾ جو جيڪو جيون انسان دنيا ۾ گهاري ٿو، هو پنهنجي وس پاڻ کي خوش رکي، سڪون ڏئي . . . .
    آچر 26 جون 2005ع


    ڪراچيءَ جو ڪيڏارو

    جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته اسان لاءِ ڪراچي عجيب وڻندڙ شهر هوندو هو، منهنجي ننڍپڻ واري ڪراچي اڄ به مون کي ياد آهي. ٽنڊو آدم جهڙي شهر مان جڏهن ڪراچي ايندي هئس ته لڳندو هو ته گوڙ گهمسان ۾ اچي ويئي آهيان. امڙ اسان جي اسان کي ڪار ۾ ويهاري بوري بازار ۽ جامع ڪلاٿ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ خريداري ڪرڻ ۾ مشغول هوندي هئي.مان اڪثر ڪار جي دريءَ مان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو سامهون دڪاندارن ۽ گراهڪن جي ڏي وٺ ۽ ريڙهي وارن کي تڪيندي رهندي هئس. اهو زندگيءَ جو وهنوار مون کي ڏاڍو وڻندو هو. ان وقت ڪنهن اڇي چمڙي واري کي ڏسندي هئس. مان ان وقت انهن جي قوميت جو اندازو ته نه ڪري سگهندي هئس پر مون لاءِ سڀ اڇا انگريز هوندا هئا. انهن کي ڏسي اصل اکيون ڦاٽي وينديون هيون حيرانيءَ وچان انهن کي ۽ انهن جي لباس کي ڏسندي رهندي هئس ننڍپڻ ۾ مان ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته هن ڪراچيءَ ۾ اچي مون کي رهڻو پوندو، جڏهن مان هت مستقل رهڻ لڳس، پنهنجي روز رزق جي لاءِ مون کي ڪپڙا مارڪيٽن کان وٺي گوشت ۽ مڇي مارڪيٽن تائين پنڌ ڪرڻا پيا. ان وقت مون کي محسوس ٿيو ته ڪار جي دريءَ مان ويهي ڏسڻ ۽ پنهنجن پيرن سان پنڌ ڪري هنن رستن بازارن ۾ ذري ذري جي شي لاءِ دڪاندارن سان بحث ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو آهي.
    ڪيترو نه پرايو آ مون هت اچي. هت ڪير ڪنهن جو ڪونهي هر ڪو پنهنجو پاڻ ۾ مست آهي. ڪنهن کي به ڪنهن جي ڏکن ۽ سکن جي پرواهه ناهي. هيءَ ڪراچي جت خود غرضي۽ بي ايماني جي بازار چوٽ تي چڙهيل آهي. هت پئسو جام آهي هت ڪير به بکيو ڪو نه سمهندو آهي ۽ نه وري بکيو اٿندو آهي. هت سڀ ڪو وقت سان ساٿ ڏيو بيٺو آهي. وقت گذريو وڃي. پر ڪم پورا نه ٿا ٿين. اوورٽائيم، اوور ٽائيم، اڃان به اوور ٽائيم، ڏسندي ڏسندي خالي پلاٽن تي عاليشان عمارتون ٺهيو وڃن. وڏن ماڻهن جي ڇا ڳالهه ڪجي هتان جو مزدور به روزانه برياني کائيندو آهي. مصيبت ته صرف اسان جهڙن مڊل ڪلاس ماڻهن لاءِ آهي. جيڪي گهر جي ضرورتن ۽ اڇن لٽن لاءِ پريشان آهن.
    ها سائين مون ڳالهه ڪئي پئي ڪراچيءَ جي جت پئسو آهي. روزگار آهي، ان ڪري هر ڪو چاهي ٿو ته مان ڪراچيءَ ۾ هجان هت اچڻ کان پوءِ ڪير به هتان وڃڻ نه ٿو چاهي هيءَ ڪراچي آهي سائين هت سڀ ڪجهه آهي پر محبت ناهي همدردي ناهي. ڇا اسان جي وڏن جي وقت ۾ اهڙي هئي ڪراچي؟
    شهر آباد ٿيندا آهن ماڻهن سان معاشري جي نيڪي بديءَ جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ماڻهن جي اعمالن سان. وڏا ٻڌائيندا آهن خود ڪتابن ۾ به پڙهيو اٿئون ته هي شهر هڪ صاف سٿرو شهر هوندو هو. هتان جا رستا صبح سان صاف پاڻيءَ سان ڌوپجندا هئا. هت ننڍي وڏي جي عزت هوندي هئي. هر مذهب ۽ هر ٻولي ڳالهائڻ واري کي برابري جو حق مليل هو. سنڌ مدرسي ۽ اين جي وي اسڪول کان علاوه سينٽ جوزف ۽ سينٽ پيٽرڪ اسڪول جيڪي تقريبن ٻه سؤ سال پراڻا ڪانوينٽ اسڪول آهن. گرامر اسڪول، ماما پارسي اسڪول، بي وي ايس اسڪول، ڊي جي سائنس ڪاليج، اين اي ڊي، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج يونيورسٽي، ايس ايم لا ڪاليج ۽ ٻيا ڪيترا ادارا آهن جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جا آهن. هي اهي تعليمي ادارا آهن جن ۾ اڄ به داخلا وٺڻ مشڪل آهي. انهن جي ڊگري جو معيار ايترو اعليٰ آهي جو اڄ به سڄي دنيا ۾ انهن جي مڃتا آهي. هي صاف سٿرو محبتن وارو شهر جيڪو تعليم جو ڳڙهه هو. هت اعليٰ پايه جا استاد هئا ته اعليٰ پايه جا شاگرد به هئا.
    هاڻ ڀلا پراڻيون ڳالهيون ڪيتريون دهرائجن مطلب ته ڪراچي مان وارن، محبت ڪندڙ ماڻهن سان آباد هئي وقت مٽجڻ سان حالتون بدليون ماڻهو بدليا، آباديون وڌيون، دلين مان محبتون گهٽيون، ضرورتون وڌيون ائين هلندي گهمندي ماڻهن سان گڏ اچي بيٺي آهي چوواٽي تي، چار رستا هڪ ڪراچي، هر ڪو چوي ڪراچي منهنجي آهي مون ٺاهيو آ ڪراچي ءَ کي هيڏن وارثن هوندي به اڪيلي، برباد، رت ۾ ٻڏل بيمار ڪراچي اڄ ڪلهه وٺ وٺان هن ڳالهه جي آهي ته ڪراچي ڪنهن جي آهي. ڪن آيلن جي انداز مان خبر پوي ٿي ته هو ڪراچي بغل ۾ وجهي کڻي آيا هئا. يا وري انگريزن ۽ هندن انهن کي ڪراچي ڏاج ۾ ڏني هئي.
    لڳي ٿو ڪراچي هتان جا ماڻهن ۽ انهن جي گناهن جا بار کڻي ٿڪجي پئي آهي. هاڻ ڪراچي به لوڏن ۾ آهي. هي بمن جا ڌماڪا، گولين لڳل لاش، هڪ موبائيل پٺيان جوانن جا خون، ٻورين ۾ مليل لاش، چوريون ڌاڙا، مطلب ته سوچ جي حد به اوستائين نه ٿي پڄي سگهي جيترا ڪيس ۽ ڪلور ٿين پيا هن ڪراچي ۾.
    تازو بوري بازار جي اقبال بوڪ ڊپو وٽان خريداري پئي ڪيم ته ات هڪ ڪرسچن جوڙو به بيٺو هو. انهن جا ٻه ننڍا ٻار رڳو پاڻ ۾ پئي وڙهيا. انهن جي ماءُ گهڙي گهڙي انهن کي ڇڏائي پئي. آخر هڪ ٻار ٻئي ٻار کي چڪ هڻي ڪڍيو. ٻارن جي ماءُ ٻارن کي ڪاوڙ مان چيو:
    You are biting your brother like Muslims
    مان حيرانيءَ سان ان مائي کي ڏٺو، مون کي ائين حيرانگيءَ ۾ ڏسي ان مائيءَ اڃا به پڪو منهن ڪري چيو:
    That is true not only in Pakistan but all over the world Muslims are fighting with each other.
    مان ڪو به جواب ڪو نه ڏنو خاموشيءَ سان اتان هلي آيس.
    ها سائين هي ڪراچي آهي. ڪراچي به ته سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ حصو آهي. ٺاهڻ ۽ بگاڙڻ وارا به هتان جا ماڻهو آهن. هاڻ محاصرو ڪجي انهن ماڻهن جو، هت ڪراچي ۾ رهندڙ انسان جيڪي مختلف ٻوليون ۽ مذهب رکندڙ آهن. انهن جي لاءِ ضروري آهي ته انهن کي اهو سمجهائجي ته جنهن زمين جي ٽڪري تي توهان گهر اڏي ويهو ٿا. جنهن زمين تي توهان ساهه کڻو ٿا، ان زمين جي پيٽ مان پيدا ٿيل اناج کائو ٿا، ان زمين تي وهندڙ پاڻي پيو ٿا، ته ڇا ان ڌرتي جو اهو حق ناهي ته هو انهن کان حق وفاداري گهري. حق وفاداري اها هوندي آهي ته ان زمين کي پنهنجو سمجهڻ اتان جي ٻولي ڳالهائڻ، ان ڌرتيءَ جي تهذيب ۽ ثقافت کي پنهنجو سمجهڻ، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اڄ سٺ سال گذرڻ کان پوءِ به ڪي ماڻهو اڃان پاڻ کي مهاجر ٿا سمجهن حيرت جهڙي ڳالهه آهي اڄ 2008ع ۾ هندستان مان ايندڙ ڪو به شخص جيڪو سوٽيٽ بوٽيٽ ۽ خوشحال آهي ڪراچي ايئرپورٽ تي لهي ٿو ته چوي ٿو ته مان مهاجر آهيان. اهو ئي شخص جڏهن هندستان مان ڪنهن ٻئي ملڪ آمريڪا، لنڊن، ڪئناڊا، آسٽريليا وڃي ٿو ته هو مهاجر نه آهي. پاڻ کي مهاجر سڏائڻ وارا جيڪي ڪراچي جهڙي شهر ۾ اعليٰ سهولتون حاصل ڪري اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري بهترين نوڪري حاصل ڪري مقابلو ٿو ڪري انهن سان نفرت ٿو ڪري انهن سان جنهن جي حقن مٿان هو قبضو ڄمايو ويٺو آ. هڪ محاورو آهي ته هڪ ته خالي پيٽ جو مسئلو هوندو آ ۽ هڪ ڀري پيٽ جو نخرو هوندو آ. سڀ ڳالهيون ڪري هاڻ ڳالهه ڪرڻي آهي دل جي. هن سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ سنڌين جي دل هاڻ پنهنجو آواز وڃائي چڪي آهي. دردن جي پٺيان جيڪي درد مليا آهن سي سک جو ساهه نه ٿا کڻڻ ڏين. سنڌ هاڻ شهيدن جي ڌرتي ٿي ويئي آهي. سنڌ جون راڻيون، سنڌ جا راڻا، ڪونڌر ڪُسجندا رهيا اسان لاش کڻندا رهياسين. تازو جڏهن سنڌ جي راڻي رُسي موڪلائي وئي اهو درد سڀني دردن کان وڏو هو. گذريل پنجن سالن جي حڪومت ۾ سنڌين مٿان ٿيل زيادتيون ناقابل برداشت هيون معاشي طور، سماجي طور ۽ جوانن کي وڃائي لاچار ٿي ويهي رهيا آهيون. ڇو ته گذريل پنجن سالن ۾ جيڪي اسان مٿان ويٺا هئا انهن سان گڏ ويٺل اسان جا سنڌي نمائندا بي ضمير جانور هئا. گذريل سٺ سال ئي ڏکيا سنڌ واسين لاءِ پر گذريل پنج ڏهه سال ته قيامت جا ٽانڊا هئا.
    مٿان وري سنڌ راڻي جي موڪلاڻي ناقابل برداشت هئي. ان سنڌ راڻيءَ جي ٽيجهي تي اعلان ڪيو ويو ته اسان سنڌ راڻيءَ جي خون جو حساب عوام جي طاقت ۽ ووٽ ذريعي وٺنداسين. ويچارا اٻوجهه سنڌي روشني جي هڪ لاٽ پٺيان ڪاهي پيا. ٺاهي ڇڏيون بي تاج بادشاهه، سک جو ساهه کنيو سنڌ واسين. هتان جي سنڌين جي ذهن ۾ ڪا بغاوت يا انتقام نه آهي، هو صرف پنهنجي حق وارثي چاهين ٿا. جن کي انهن بي تاج بادشاهه بنايو آهي. انهن مان هو هڪ اميد رکن ٿا ته اسان کي هن ڌرتيءَ تي پير ڄمائڻ ڏيو، سامهون واري ڌر کي اهو احساس پيدا ڪرڻو آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ هڪ آهي جيڪو سنڌي سڏائي ان جي سنڌ آهي جن قومن جون پاڙون پاتال ۾ هونديون آهن ۽ هو ڌرتيءَ جا وفادار هوندا آهن اهي هڪ لفظ ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندا آهن. اسفند يار ولي ڪهڙي نه سٺي ڳالهه چئي آهي ته “مصلحت ۽ بيعزتي ۾ ڪو به فرق نه آهي.”
    اسان ڪجهه ڪو نه ٿا گهرون، اسان ڪجهه ڪو نه ٿا چئون صرف انهن جي ووٽ جو احترام ڪيو وڃي. اهي ووٽ جن بي تاج بادشاهه بنايا آهن. انهن بي تاج بادشاهن کي ايترو ته مضبوط بنايو آهي جو انهن کي ڪنهن به سهاري جي ضرورت نه آهي. اڄ چيو پيو وڃي ته پراڻيون ڳالهيون؟ وساريون گڏجي هلون. هت سوال اهو آهي ته ڇو وساريون پراڻيون ڳالهيون، جيستائين ظلم جو هٿ نه روڪبو، جيستائين پنهنجي حق وارثي نه ڏيکاربي اوستائين هن ڪراچي ۾ امن قائم نه ٿيندو. اهو فلسفو ئي غلط آهي ته امن قائم ڪرڻ لاءِ گڏجي هلڻ ضروري آهي. درگذر ڪرڻ باهه مٿان مٽي وجهي دٻائڻ، خاموشيءَ سان تماشبين ٿي بيهڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. پاڻ ۾ ڳالهائي گڏجي ويهي مسئلن جو حل ڳولهجي. ظالمن جي ظلمن کي لڪائجي نه، صرف ڪرسي اقتدار لاءِ مصلحت پسندي وارو رويو اختيار نه ڪجي. ياد رکجو اڄ به وقت آهي ڪجهه ڪرڻ جو نه ته اُهي حالتون پري نه آهن جڏهن انارڪي ڦهلجندي، گهٽي گهٽي ۾ ماڻهو هٿيار کڻي پنهنجي بچاءُ جي جنگ وڙهندا اهڙي خونريزي ٿيندي جو تاريخ ۾ مثال لکجي ويندا.

    جمعو 28 مارچ 2008ع


    سر عام هر بات چوندا رهياسين

    سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
    سر عام هر بات چوندا رهياسين،
    اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو، دٻايو
    اسين رات کي رات چوندا رهياسين.

    (شمشير الحيدري)
    شمشير الحيدري هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ جنم وٺي اڄ جي ايڪويهين صديءَ جي ظالم دور جي سفر تائين ڇا ٿا ته سمجهو شمشير الحيدري جهڙي ناز ڪڙي نماڻي، ارڏي، ماڻهوءَ زندگي سولي ڪو نه گذاري هوندي.
    شمشير الحيدري انهن اديبن مان هڪ آهي جن کي پڙهي مون جهڙن ڪيترن اديبن لکڻ شروع ڪيو، اکيون بند ڪري هليا وڃون ان دور ۾ جيڪو مون نه ڏٺو آ، شايد توهان مان ڪيترن ان دور جا قصا ٻڌا هوندا. سنڌ جي تاريخ، جيڪا اديبن جي حوالي سان لکي ويئي آهي يا وري ٻڌي ويئي آهي، ان دور ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو ، رشيد آخوند، ثميره زرين، رشيد ڀٽي، امر جليل، حميد سنڌي، غلام رباني، نسيم کرل ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا نالا آهن جن ان دور ۾ قلم کي هٿيار بڻائي سنڌ ۽ سنڌين جي بقا لاءِ جنگ جوٽي.
    ڪنهن به شخصيت تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ سولو ڪم نه آهي. خاص ڪري ادبي شخصيت تي لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اسان وٽ سنڌي اديب هونئن ڏچن ۾ هوندو آهي. آس پاس جون نراسايون ڏيندڙ ماحول اديب جي وجود ۾ بيچيني پيدا ڪندو آهي. ڪجهه اديب جهڙو ڪر شمشير الحيدري فطرتن ارڏا هوندا آهن. پاڻمرادو بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ڦٽي ڪري تحريڪ پيدا ڪندا آهن. انهن جي وجود جي بيچيني انهن جي لکڻين ۾ موجود هوندي آهي. هروڀرو پنهنجو پاڻ کي پتنگن جيان اچي آڳ ۾ وجهندا آهن.

    مال موهي نه سگهيو، ڪاڪ کان جهلجهي نه سگهيا.
    ڇال ڇورين جا لنگهي، ڪاپڙي وڌندا ئي رهيا،
    مون کي اڄ شاهه ڀٽائيءَ جي وري ياد آئي،
    پنهنجي مومل سان ملڻ جي آ وري اڄ وائي.

    (شمشير الحيدري)
    هڪ خوبي جيڪا سنڌي اديبن جي فطرت ۾ شامل آهي اها آهي سنڌ ۽ سنڌ واسين سان محبت ۽ ڌرتيءَ جو درد. هي ڌرتيءَ جو درد اسان سنڌ واسين کي نصيب ۾ مليل آهي. ان درد جي صليب تي ٽنگيل ڪيترائي اديب سالن کان وٺي متحرڪ آهن. اهڙن ئي اديبن مان هڪ جو نالو آهي شمشير الحيدري.
    ڪٿي آهي شمشير جو چنگ چوري،
    زمانو ته ڀلجي ويو چارڻ جون ڳالهيون.
    سنڌي اديبن جي ڪردار تي اڄ تائين ڪيترن لکيو آهي. سنڌ جون حالتون جڏهن به ڪنهن انتهائي خطرناڪ موڙ تي اچي وينديون آهن ان ويل اسان مان ئي ڪي سڄاڻ ماڻهو اديبن جي ڪردار جي وٺ پڪڙ ڪندا آهن. سائين منهنجا مڃيوسين ته سنڌي اديب گنهگار آهي. هن اديب قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي گيت لکيا، انقلابي افسانا لکيا، انهن اديبن وڏو گناهه هي آهي ته انهن سنڌي قوم کي سجاڳيءَ جو سبق ڏنو. هي اديب جو قلم جي تلوار سان سچ جي پلصراط تي هليا آهن. نه صرف پاڻ هليا آهن پر هن اٻوجهه قوم کي ڇڪي اچي پلصراط تي بيهاريو آهي.
    “شمشير” جڏهن عزت و ذلت ٿي خدا جي هٿ ۾.
    ڇو ڪنهن سان شڪايت ٿئي ڇو ڪنهن سان گلا مون کي.
    سنڌي ادبي سنگت (جنهن سان شمشير الحيدري جو بنيادي واسطو آهي) جي تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم مان پيدا ٿي اڳتي وڌندڙ اديب نه صرف پنهنجي خاندان پر سنڌ جي عوام جي به گڏيل ملڪيت آهن.
    سنڌ جي ڌرتي جو هڪ عجيب مزاج آهي. ڏٺو وڃي ته قاضي قاضن جهڙو اديب جنهن مخدوم بلاول جي شهادت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان جي ادبي پورهئي کي ادبي دنيا ۾ رد ڪرڻ جي جرئت ڪير به نه ڪري سگهيو آهي. اڄ به سنڌ جي ادبي تاريخ قاضي قاضن جي ذڪر کان سواءِ اڻپوري آهي. سنڌ جو اديب سالن کان وٺي ڌرتي ۽ ٻوليءَ جي حصار ۾ جڪڙيل رهيو آهي. ان سبب جي ڪري ئي اسان جي ادبي تاريخ ۾ مزاحمتي ادب جو حصو گهڻو رهيو آهي. مزاجن سنڌي جنگجو ويڙهاڪ ۽ تحريڪن هلائڻ ۾ هميشه اڳڀرا رهيا آهن. رهبر سچا هجن باقي سنڌي قوم هر وقت قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندي آهي. سنڌ جو سياستدان ڪرسيءَ جي عيوض وڪامجندو رهيو ۽ سنڌي اديب مزاحمتي جنگ وڙهندو رهيو. ون يونٽ جي پوين پساهن ۾ اديبن طرفان نڪتل حيدرآباد ۾ وڏو جلوس، اديبن جون بک هڙتالون، ڪتابن ۽ رسالن تي پابنديون، اديبن کي جيلن حوالي ڪرڻ اها اڃا ڪلهه جي ڳالهه آهي.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شيخ اياز پنهنجي شاعري ۽ نثر جي ذريعي احساس ڏياري ٿو، سائين جي ايم سيد پاڪستان جي نفي ڪري ڪيترائي ڪتاب لکي ٿو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين نظر بند رهي ٿو، هڪ قافلو آهي جنهن ۾ شمشير الحيدري، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، طارق اشرف جي سهڻي ۾ لکيل ايڊيٽوريل ۽ ٻيو مواد، اها ئي سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي جي ادبي ويڙهاند آهي جنهن سنڌي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو.
    هن هيڏي ساري تمهيد جو مقصد آهي ته اڄ هي شخص جنهن جو نالو شمشير الحيدري آهي هو ان دور کان وٺي اڄ جي دور تائين جو اکين ڏٺو شاهد آهي. هو نه صرف ادبي ويڙهه وڙهيو آهي پر جسماني طور به تڪليفون سٺيون اٿس. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تي پنهنجي ساٿين سميت جيڪو شمشير الحيدر جو ڪردار آهي سو ذڪر ڪرڻ يا ساراهه ڪرڻ کان مٿاهون آهي.
    هي اسان جو ڏاهو جيڪو اسان سڀني لاءِ قابل احترام آهي ۽ اها به مون کي خبر آحي ته هو ان دور بابت ڪجهه تاريخ به لکي رهيو آهي اميد اٿم ته اهي تاريخي حقيقتون ڪتابي صورت ۾ سنڌين آڏو جلد اينديون.




    انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالهه آهي.
    اڃا وقت کي پيئي ڳولي سچائي وڏي ڳالجهه آهي.

    شمشير الحيدري
    شمشير الحيدري جي شعرن جي چونڊ مان ڪو نه ڪنديس. مهراڻ رسالي ۽ هلال پاڪستان اخبار ۾ ڪيل ڪم جي ساراهه ڪو نه ڪنديس. ان جي عظمت جا قصا ڪو نه ٻڌائيندس صرف اهو چوڻ ڪافي آهي ته شمشير الحيدري سنڌي ادب جي تاريخ ۽ جدوجهد جو هڪ باب بڻجي ويو آهي.
    اڄ اسان کي اهو به ياد رکڻو آهي ته شمشير الحيدري کي موٽ ۾ اسان سنڌين وٽان ڇا مليو آهي؟ جيڪڏهن حساب ڪتاب ڪيو ته پوءِ شمشير پنهنجا اڇا ڪپڙا ڇنڊي پري بيهي اسان کي ڏسي پيو مرڪندو ۽ اسان پنهنجا ناقدري وارا جهول لڪائڻ جي باوجود به لڪائي نه سگهنداسين هڪ شڪايت عام آهي ته اسان پنهنجن نالي وارن، جدوجهد ڪرڻ وارو جو قدر ڪو نه ٿا ڪريون. سچ پچ اهو وڏو سچ آهي اڃا هفتو کن اڳ ۾ قمر شهباز جي ورسي هئي اسان ان کي ياد نه ڪيو. هاڻ ته اسان مئلن جا ماتمي به نه رهيا آهيون. الله شمشير کي وڏي ڄمار عطا ڪري خوش رهي.
    مان تو کي ٻڌايان ٿو “ضيا” درد جو قصو،
    هٿ تو کي ٻڌي يار مان فرياد ڪيان ٿو،
    تون ياد ڪرين يا نه ڪرين ياد ڪريان ٿو.
    اسان سڄاڻ اديبن کي هڪ اهڙي پوک پوکڻي پوندي، جنهن ۾ اسان ۽ اسان جو ايندڙ نسل پنهنجي مهان ڪردارن کي ياد رکي. ياد رکڻ لاءِ انهن جي مڃتا، انهن جي ڪردار جا سڀئي پهلو سامهون رکڻا پوندا. اڄ شمشير الحيدري ۽ ٻيا ڪيترائي اديب اسان سان گڏ آهن اسان کي کپي ته انهن کي پڙهون، انهن کي ٻڌون. انهن جي ڳالهين تي عمل ڪريون. جيڪي اسان وٽان هليا ويا آهن انهن جا ڏهاڙا ملهائي انهن کي مڃتا ڏيون. جيڪڏهن ائين اسان نه ڪيو، ته پوءِ سليٽ تي لکيل اکرن وانگرن هڪ لمحي ۾ اسان ميسارجي وينداسين.
    ڇنڇر 19 مئي 2012ع


    سوڀي گيانچنداڻي کي مليل “ڪمال فن ايوارڊ”

    ادب جي معنيٰ ڪڍڻ يا ان جي ويڪر، ڊيگهه ۽ پکيڙ ڪڍڻ ادب جي توهين آهي يا وري چڱائي؟ ادب جيڪو انسانن وٽان تخليق ٿئي ٿو. ادب جيڪو انسان پنهنجن مشاهدن تجربن ۽ دنيا کي ڏسي لکي ٿو. ان جي تورتڪ، اديب جي ٻولي، ان جو مشاهدو، ان جي لکڻ جو ڏانءُ ته هو ان موضوع کي ڪيتري حد تائين نڀائي سگهيو آهي. اهڙي تورتڪ ته ڪري سگهجي ٿي پر ادب جي ويڪر ۽ پکيڙ اهو نئون فلسفو جيڪو هاڻ ٻڌڻ ۾ پيو اچي سو سمجهه کان ٻاهر آهي. هڪ اديب جي لکڻين، ان جي سماجي خدمتن، ان جي عملي جدوجهد سڀ ان جي حصي ۾ ايندي آهي. اڄ جي زماني ۾ يا اڄ کان پنجاهه سال اڳ به ايترو شعور پيدا ٿي چڪو هو ته هڪ سجاڳ اديب جيڪو شعور رکي ٿو اهو لکڻ سان گڏوگڏ عملي جدوجهد به ڪندو هو. ان عملي جدوجهد ۾ سماجي ڪمن سان وابستگي، سياسي شعور ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي اهم ۽ ٻرندڙ مسئلن کي کڻڻ ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ. ان جدوجهد ۾ تڪليفون سهڻ جيل وڃڻ سڀ ڪجهه شامل آهي. دنيا جي تواريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته دنيا جو بهترين ادب جيلن ۾ بندش ۾ ۽ آمريت جي دور ۾ لکيو ويو آهي. اديب جو ڪم بندوق کڻڻ ڪو نه هوندو آهي. اديب جو ڪم اڱر وٺي دڳ ڏيکارڻ هوندو آهي. غلط ۽ صحيح جي وڇوٽيءَ کي واضح ڪرڻو هوندو آهي. اڄ جي حالتن جو سڀاڻي ڪهڙو اثر پوندو ان لاءِ پنهنجي ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻو هوندو آهي. اهڙن قلم ڌڻين کي ڏک ڏورڻا پوندا اهن. تڪليفون سهڻيون پونديون آهن. هو پنهنجي قلم جي حرمت ڄاڻندا آهن. قلم جي طاقت کي سمجهندا آهن. ان ڪري تڪليفن جي اوجهڙ ۾ وڃي پوندا آهن سڄي زندگي گهر ٻار وساري پنهنجي ڌرتي پنهنجي ماڻهن جي مشڪلاتن کي کڻي هلندا آهن. جو هو پاڻ هڪ تواريخ بنجي ويندا آهن. هڪ عمر ۾ پهچڻ کان پوءِ هو هڪ آدرشي ڪردار ٿي ويندا آهن، انهن جي ڳالهين کي ٻڌڻ ۾ مزو ايندو آهي اهڙا آدرشي ڪردار ڪتابن ۾ سبق طور پڙهايا ويندا آهن. هڪ مثال ڪري انهن کي پيش ڪيو ويندو آهي. ته جيئن ايندڙ نسل به اهڙن ماڻهن جي عملن تي عمل ڪري. اهڙن ئي ڪيترن لکن هزارن انسانن مان جيڪي دنيا ۾ پکڙيا پيا آهن ڪي زندهه به آهن انهن مان هڪ انسان آهي نالو اٿس “سوڀو گيانچنداڻي”.
    سوڀو گيانچنداڻي هڪ نانءُ آهي جدوجهد جو. اڄ هو عمر جي ان حد ۾ آهي جو هيءَ هيڏي وڏي خوشي ۽ اعزاز به ان کي ايترو خوش نه ڪيو هوندو جيترو خوش اسان آهيون. اسان به صرف ان ڪري خوش آهيون جو اهو اعزاز هڪ ارڏي، جانثار، جدوجهد ڪرڻ واري سنڌيءَ کي مليو آهي. سوڀوگيانچنداڻي سنڌ جي ڌرتيءَ جو اهو ڪردار آهي جنهن پنهنجي سڄي زندگي انسانن لاءِ ارپي ڇڏي. جيل سختيون برداشت ڪيائين. عمل، علم ۽ ادب جي ذريعي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيائين. هي جيڪو “ڪمال فن ايوارڊ” آهي سو ان انسان کي ڏنو ويندو آهي جنهن قلمي ۽ عملي جدوجهد ڪئي هجي. ضرور ججن جي ڪا ڪميٽي ويٺي هوندي جنهن ڪيترن نالن مان هن جو نالو چونڊيو هوندو.
    جڏهن مون اها خبر پڙهي ته دل ۾ خوشي ٿي ۽ شڪر ڪيم ته اسان جا جبل جيڏا اونچا انسان جيڪي ڪنهن کي نظر به نه ايندا آهن شڪر آ ته انهن مان ڪنهن هڪ تي نظر عنايت ته پئي !!!!!!
    اسان سنڌي ماڻهن برسات جي هڪ ڦڙي، سمنڊ جي هڪ لهر يا وري ٻاجهه واري رکيل هڪ هٿ تي خوش ٿي ويندا آهيون پر اها معمولي خوشي به ٻين کان برداشت ڪانه ٿي ٿئي. سوڀي گيانچنداڻي صاحب کي “ڪمال فن ايوارڊ” جو ملڻ به ڪمال ٿي ويو. پهرين ته هلڪي ڦلڪي ڇو پڇو شروع ٿي. ان کان پوءِ اڪيڊمي آف ليٽر جي هڪ پروگرام ۾ کلي طرح سان گروپنگ ٿي جنهن ۾ سوڀي صاحب کي مليل اعزاز تي سخت تنقيد ٿي. اهو سوال به اٿاريو ويو ته سوڀي صاحب ايترو ڪجهه ڪيو ئي نه آهي جو ان کي اهو ايوارڊ ملي. حد ته ڪئي آهي جميل الدين عاليءَ، هن پنهنجي ڪالم ۾ (جيڪو آچر جي ڏينهن جنگ اخبار ۾ ڇپندو آهي). پنهنجي خيالن جو اظهار اهڙي طرح ڪيو آهي جو مان حيران ٿي ويئي آهيان. مون کي خبر آهي ته جميل الدين عالي جي سوچ ڇا آهي. ان جو ڪهڙي سياسي پارٽي سان جذباتي لڳاءُ آهي پر هڪ اديب جي هڪ سوچ هڪ ذهنيت هوندي آهي. ان سوچ ۾ اديب پنهنجي اندر جي اظهار کي اهڙي طرح لکندو آهي جو گهٽ ۾ گهٽ قلم جي حرمت، انسانيت جي تقاضا هڪ اديب کي ان حد بندين ۾ رکندي آهي جو هو اختلاف ضرور ڪري پر ان ۾ نفرت ۽ تعصب جا اظهار نه ڪري.
    جميل الدين عاليءَ پنهنجي ڪالم ۾ پهرين ته سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ادبي شخصيت کي توريو تڪيو آهي. اهو به لکيو اٿس ته ٻين زبانن ۾ ته ايترو ڪجهه ترجمو اسان کي پڙهڻ لاءِ نه مليو آهي ان ڪري سوڀي جي ادبي معيار کان هو اڻ ڄاڻ آهي. مختصر ته عالي صاحب هن ڪمال فن جي ايوارڊ جي لائق سوڀي کي سمجهي ئي نه ٿو. اڳتي هلي هن صاحب پنهنجي ڪالم ۾ هن ايوارڊ جو پسمنظر پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ اها حقيقت موجود آهي ته اردو ادب کان علاوه ڪنهن ٻئي ٻوليءَ جي اديب کي اهو انعام نه مليو آهي. ان ڪري عالي صاحب جذباتي طور ان ايوارڊ تي اردو ادب وارن جو حق بيان ڪيو آهي. هو صاحب ان سوچ جو آهي ته ڇو ته اڄ تائين اهو ايوارڊ ٻي ڪنهن ٻولي وارن کي نه مليو آهي. سو هاڻي ڇو مليو آهي. اهو ايوارڊ هاڻي به ڪنهن اردو ٻولي جي دانشور ۽ اديب کي ملڻ کپي ها. پنهنجي اهڙن جذباتن جو اظهار ڪرڻ کانپوءِ ان اڪيڊمي آف ليٽرس کي اهو مشورو ڏنو آهي ته اهو ڪمال فن ايوارڊ صرف اردو زبان لاءِ رکيو وڃي ۽ ٻيا اهڙا ايوارڊ شروع ڪيا وڃن جيڪي ٻين علائقائي ٻولين کي به ڏنا وڃن.
    منهنجا پيارا سنڌ واسيو! مان صرف سوڀي صاحب جي ايوارڊ ملڻ کانپوءِ جو ٿورو پس منظر لکيو آهي. اڃان ڪيترين جاين تي ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون ۽ رايا ڇپيا هوندا جيڪي مون نه پڙهيا آهن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن پاڪستان ۾ اسان سنڌين جي حيثيت ڇا آهي؟ پهرين ڳالهه ته اسان پاڻ سڀ ڪجهه ٻين جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٿورو بچيل سچيل ٽڪر اسان کان کسجي ويو آهي. هاڻ خيرات ۾ يا غلطي ۾ سنڌين کي ڪجهه ملي وڃي ٿو ته اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. هت سڀن سوالن جي پٺيان هڪ عجب (!) جي نشاني آهي. اها عجب جي نشاني سڀني کي حيران ٿي ڪري ڇڏي ته سنڌي اديب ۽ دانشورن کي به اهڙا ايوارڊ ملي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن ملن ٿا ته ڇو ٿا ملن؟ هي هڪ مثال نه آهي اهڙا هزارين مثال آهن جت مختلف جاين تي سنڌين کي ڌڪي انهن کي “ڊي گريڊ” ڪري هڪ ڪنڊ ۾ بيهاريو ويو آهي. الائي ڇا ڇا ٿي چڪو آهي. اڃان به الائي ڇا ڇا ٿيندو. اڄ سنڌ ۽ سنڌي سڀ يرغمال ٿيل آهن. هت مان اهو به ضرور سوچيندي آهيان ته اهڙين حالتن جا جوابدار ڇا صرف ڌاريا آهن؟ هر ذي شعور ۽ هڏ ڏوکي سنڌي جنهن جي سنڌ جي حالتن تي گهري نظر آهي ان جي ذهن ۾ هڪ عذاب آهي هڪ پيڙا آهي. اها ان ڪري آهي جو اسان سنڌي پاڻ پنهنجا دشمن آهيون. اسان پاڻ پنهنجي سنڌ مان هٿ ڪڍيا آهن. اڄ جو سنڌي ايترو ته بيغرت آهي جو بي گناهه ماءُ ڀيڻن کي ڪاري ڪري ماريندو آهي. معمولي ڳالهين تي گوليون هلائي ڪونڌر ڪيرائي ڇڏيندو آهي پر هيڏي وڏي سنڌ جيڪا اسان جي جيجل آهي. جيڪا هاڻ اسان جي هٿن مان نڪري ويئي آهي ان لاءِ ڪا رڙ واڪو ڪونهي. ڪا لهر لوڏو ڪونهي. اسان جا ڪجهه قومپرست، ڌاڙيل، چور، گهرن، پلاٽن تي قبضي ڪرڻ وارا، سنڌي سياستدان کٽين هڪڙين پارٽين جي ٽڪيٽ تي پوءِ وڪڙ ڏئي سيٽون مٽائي ڪجهه پسئن خاطر پنهنجو ٽڪو ملهه ڪيو ڇڏين. اڄ سنڌين کي نوڪريون ڪونه ٿيون ملن. ڄامشوري جي سڀني يونيورسٽين جي ڊگرين وارن کي انٽروين ۾ طنزه طور چيو ويندو آهي. آپ ني “جان ڇوڙو” يونيورسٽي سي ڊگري لي هي، آپ کو تو يهان اپلائي نه ڪرنا چاهيي.
    هفتو اڳ سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ جي مسئلن تي احتجاج ٿيو آهي. اها به چڱي ڳالهه آهي. ان کان علاوه ڪيترين جاين تي سنڌين سان ڪيل ڏاڍاين جن ۾ روزگار، پگهارون، پاڻي، سوهڪڙو ٻيا انيڪ مسئلا جن تي ڪافي احتجاج ٿئي پيو. انهن سڀني ڳالهين جا اثر صاحب اقتدار وارن تي ان ڪري نه ٿو پوي جو هو ڄاڻن ٿا ته هڪ ڌڪ سان سنڌي کي ويهاري سگهجي ٿو. هڪ هڏي ڏيئي سنڌين کي خريد ڪري سگهجي ٿو اڄ ڪلهه ميڊيا جو زمانو آهي جت ننڍي ۾ ننڍو مسئلو به کڻجي ته وڏو ٿي ويندو آهي. ته کڻجي ته قيامتون به ڪنهن کي نظر نه ٿيون اچن. توهان سوچيو ته صرف سنڌي ٽي وي چينل يا سنڌي اخبارون ٿورو گهڻو ان بابت ٻڌائين ٿيون پر اهي هستيون جن تائين اهو آواز پهچڻ گهرجي انهي تائين نه ٿو پهچي ڇو ته سنڌي ٽي وي چينل به اسان ڏسون. سنڌي اخبارون به اسان پڙهون ٻي ڪا به ميڊيا ڪجهه به نه ٿي ٻڌائي معنيٰ ته هڪ سسئي ٻيا سور ويا پٽيندا پاڻ ۾.
    ڇنڇر 10 سيپٽمبر 2005ع


    شهزادن جي موٽ

    ڪجهه سال اڳ هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته هي اسان جا وڏا شهر جتي هاڻ راڪاس گهمي ويو آهي. اڳ آکاڻين ۾ پڙهندا هئاسين ته راڪاس اماوس جي رات جو ٻاهر نڪرندو هو، جهڙو ڪارو پاڻ، تهڙي ڪاري رات، چنڊ ستارا به لڪيل، هٿ کي ڏسي نه هٿ، اهو راڪاس ڪنهن به ويجهي ڳوٺ تي حمله آور ٿيندو هو، ڪيترن کي ماري کائي ويندو هو، باقي بچيل ان ڳوٺ جا رهواسي اهو ڳوٺ خالي ڪري هليا ويندا هئا، ڪجهه وقت کان پوءِ ڪنهن ملڪ جو بهادر شهزادو اتان اچي لنگهندو آهي، ڇا ڏسي ته گهر سامان سان ڀريل پيا آهن، ڪلن ۽ رسين تي ڪپڙا ٽنگيا پيا آهن، صرف انساني مخلوق ات موجود ڪونهي، اهو شهزادو ڀر واري ڳوٺ ۾ پهچي ٿو ته پڇا ڪرڻ تي خبر پويس ٿي ته هڪ راڪاس آهي، جنهن جي ڪري هي ڳوٺ ويران ٿيو آهي، اهو بهادر شهزادو پوئتي موٽي ٿو، پنهنجي ساٿين جي مدد سان ان راڪاس جو انت آڻي ٿو.
    هيءَ ته ٿي هڪ پراڻي ڪهاڻي. هن ڪهاڻيءَ جي پس منظر کي سامهون رکي اسان ڏسون ٿا ته اسان جي وڏن شهرن ۾ هڪ نه پر هزارين راڪاس آهن، هو نه ڏينهن ٿا ڏسن نه رات، هو انسانن کي مارين ٿا، هي جيڪي رهزن، ظالم خوني راڪاس آهن، اهي ڪنهن کان به ڪو نه ٿا ڊڄن، اسان کي، توهان کي ۽ هنن وڏن آقائن سڀني کي خبر آهي ته هو ڪير آهن، سڀ چپ آهن، ٻڌي ڪونهي، هر ماڻهو ڊنل آهي ڄڻ ته واريءَ جي انتظار ۾ آهي ته ڪڏهن ٿو ڪات ان جو ڪنڌ ڪوري.
    هو راڪاس ٽوپي اجرڪ پائي رت جي راند کيڏن پيا ، هن ڌرتيءَ جا ڊنل لاوارث انسان شايد انتظار ۾ آهن ڪنهن شهزادي جي لاءِ، جيڪو ايندو ۽ سڀ سُور لاهي ويندو، ڪڏهن ايندو اهو شهزادو؟؟ ڪنهن زور سان مون کي چئيو شهزادا به ماڻهو ڏسي موٽ کائيندا آهن، هن ڌرتيءَ جا رهواسي ٻانهن سيراندي ڪيو ستا پيا آهن، شاعر ۽ اديب پاڻ ڪو نه ٿا جاڳن پر شاهه لطيف کي ٿا سڏ ڪن “جاڳ ڀٽائي گهوٽ سنڌڙي ٿي تو کي سڏي” ڏتڙيل، بک ۽ بيروزگاري جي مسئلن ۾ ڦاٿل عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن مان آسرو لاهي ويٺا آهن، هن ڌرتيءَ جا ماڻهو مسئلن جا ماتمي آهن، ان انتظار ۾ آهن ته ڀٽائي، سچل سرمست، دودو، دريا خان ۽ مخدوم بلاول پنهنجي آخري آرام گاهن مان نڪري اچي انهن جي مدد ڪندا.
    هيءَ وقت جي ويڙهاند گذريل ويهن سالن کان وٺي هن ڌرتيءَ تي جاري آهي، مون جهڙا ڪي چريا جڏهن ڪجهه لکن يا تقريرن ۾ رڙيون ڪري ڌرتي واسين جو حال ٻڌائين ٿا ته اڳيان جواب ملندو هو ته “ادي سلطانه سچ ڳالهائي ٿي پر آهي ڏاڍي جذباتي”، ان وقت منهنجي دل چوندي آهي ته انهن کي چوان اندر سورن سان ڀريو پيو آهي، اندر جو درد آهي، جيڪو سک سان ويهڻ نه ٿو ڏئي، مان ڪجهه عرصي تائين ماٺ ٿي ويس.
    هاڻ ويجهڙ ۾ اوچتو منهنجي نظر پئي ۽ ڏٺم ته هندستان جي عجائب گهر ۾ رکيل هوءَ موهن جي دڙي جي ناچڻي گهنگهرو ٻڌي سفر جي تياري پئي ڪري، موهن جي دڙي جي مهانَ پوڄاريءَ جنهن ڪيترا سال اڳ پنهنجي مٿي تان ٽوپي ۽ جسم تان اجرڪ لاهي ڦٽي ڪئي هئي، اڄ اهو وڏو مهان پوڄاري ٽوپي اجرڪ پايو پنهنجي پوئلڳن سان گڏ موهن جي دڙي جي وڏي عبادت گاهه جي صفائي پيو ڪرائي، سڀني پوئلڳن کي حڪم پيو ڏئي ته موهن جي دڙي جي وڏي حوض ۾ تازو پاڻي ڀريو وڃي ۽ اڄ کان پوءِ موهن جي دڙي جو ڪو به کوهه سڪل نه هجي.
    هي سڀ اهي حقيقتون آهن جن کي منهنجون اکيون پري پري تائين ڏسي رهيون آهن.
    مان ڏسان پئي شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي حُجري مان ٻاهر نڪري مسجد ۾ اچي ويٺو آهي، هٿ ۾ پنهنجي عصا اٿس ۽ سامهون راڳي راڳ پيا ڳائين، ڀٽائي صاحب جي چئني طرف ماڻهن جو هجوم ويٺو آهي، انهن مان ٿورن کي مان سڃاڻان ٿي، گهڻا منهنجي لاءِ اجنبي آهن، هن سڄي هجوم ۾ هڪ ڳالهه جي هڪجهڙائي هئي، اها هئي خوشي ۽ چپن تي مسڪراهٽ.
    مان به پير پير ۾ ڏيئي خاموشيءَ سان ان محفل ۾ گهڙي ويس، عجب محفل آهي، نه ڪنهن ڏٺي نه ڪنهن ٻڌي، مان ڪمزور ڊنل هيسيل ڏڪندڙ قدمن سان اندر وڃي خاموشيءَ سان هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيس، هت سڀ ويٺل عزت، مان شان وارا، علم ادب ۽ سياست سان واڳيل سڀ ويٺا هئا، جن جي اڪثريت کي مان سڃاڻي نه سگهيس ، مان اکيون مٿي کڻي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏٺم ته علامه دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، علامه علي خان ابڙو، مخدوم نوح، مخدوم بلاول، محمد يعقوب ميمڻ، عبدالله شاهه، شاهه سائينءَ جو پيارو تمر فقير، مير عبدالحسين سانگي وغيره ويٺا هئا.
    هن هجوم ۾ مان ماڻهن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي رهيس، ڪجهه شخصيتن کان علاوه اڪثريت منهنجي لاءِ اجنبي هئي، ها ان ڳالهه جي خبر مون کي ضرور هئي ته هنن جي اولادن يا واسطيدارن جن نمائندگي ڪئي آهي سنڌين جي، اڄ هو هن ڌرتيءَ تي پير ڄمائي حق وارثي ڏيکارين پيا، مان آهستي آهستي سرندي علامه علي خان ابڙي جي ڀرسان وڃي ويٺس، علي خان ابڙي منهنجي مٿي تي هٿ رکي علامه دائود پوٽي کي چيو ته سائين مان جڏهن ڪراچيءَ ۾ مسلم آباد واري بنگلي ۾ توهان سان ملڻ ايندو هوس ته مون سان منهنجون ٻه نياڻيون به گڏ هونديون هيون، هيءَ ڇوڪر منهنجي وڏي نياڻيءَ جي ڌيءَ آهي، مون کي حيرت به ٿي ۽ خوشي به ٿي ته منهنجي ناني مون کي سڃاڻي ورتو آهي، مان نانا سائينءَ جو هٿ وٺي مرزا قليچ بيگ ڏي اشارو ڪري چيو ته نانا سائين اوهان کي خبر آهي ته هن ڌرتيءَ تي “مرزا” ۽ ان جا ٻيا ساٿي ڇا پيا ڪن؟ نانا سائين يڪدم چيو ها ها اسان کي خبر آهي، هي جيڪي به ماڻهو ڏسين پئي اهي انهن جا وڏا آهن، ٻيا وري ڌرتيءَ جا هڏ ڏوکي ۽ علم ادب وارا آهن، مان نانا سائين کان پڇيو ته توهان سڀ هت ڇو گڏ ٿيا آهيو؟ نانا سائينءَ چيو جهڙي طرح اسان هت جمع آهيون اوهڙي طرح سان ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي هنن سڀني جو اولاد پهريون دفعو هڪ هنڌ جمع ٿيو آهي. پوءِ آڱر جي آشاري سان چيائين هو پري پري ڏس هن ڌرتي جي وڏي شهر ۾ جيڪي ماڻهو جمع آهن. اسان جي نظر انهن تي آهي.
    مرزا قليچ بيگ جي منهن ۾ مسڪراهٽ بجاءِ پريشاني هئي، هٿ کڻي دعا پئي پڙهيائين، مون “مرزا” صاحب جي باري ۾ پڇڻ چاهيو ته ان هٿ جي اشاري سان مون کي چپ رهڻ لاءِ چيو. هاڻ مان ڏاڍي ادب سان اکيون مٿي ڪري شاهه لطيف ڀٽائيءَ کي ڏٺو، منهنجي اکين ۾ هڪ سوال هو، هاڻ ڇا ٿيندو؟ شاهه
    سائين جي اکين ۾ به جواب هو، ثابت قدم رهندا، اڳتي وڌندا ته ڪامياب ٿيندا، پٺ ورائي ڏسندا ته پٿر جا ٿي ويندا، پوءِ حضرت نوح جهڙو طوفان ايندو جنهن ۾ پاڻي نه پر رت هوندو.
    مان ڊڄي ويس، ڊوڙ پائي اتان ٻاهر نڪتيس، مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر هيءَ ڪهڙي راند آهي، هي سڀ ڪجهه ناٽڪ آهي يا حقيقت، ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته هن ڌرتي تي موهن جي دڙي واري ناچڻي وري رقص ڪري، مهان پڄاري وري ٻيهر ٽوپي ۽ اجرڪ پائي وڏين اميدن سان عبادت جي خوشين جي تياري پوري ڪري سگهندو؟؟
    اوچتو هڪ اجنبيءَ منهنجو هٿ پڪڙي مون کي روڪي ڇڏيو، چيائين ايترو خوش نه ٿي، صفا چري پئي لڳين. هت هيٺ سڀ شطرنج جا مهرا آهن، هنن سڀني جي ڏور ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي، ان ئي هنن کي ٿوري اجازت ڏني آهي ته پنهنجي ناراضگي ڏيکاريو، ڏسجانءِ ويٺي اهو وقت پري ڪونهي جو هي سڀ مير جعفر غدار ٿي، هٿ مٿي کڻي جي حضور ڪري ڏنل ڪاغذن تي صحيح ڪري ايندا. اڃا اڳتي وڌيس ته ٻيو آواز آيو، هي راڪاس برڙ باڪاس ته ڌاريو آهي، پر هي سڀ جن کي تون پنهنجو ٿي سمجهين، اميدون ٿي رکين، اهي سڀ مفاهمت جي پاليسي تي عمل ڪري تو وٽان لنگهي ويندا. انهن مان جيڪي ارڏا ۽ ثابت قدم هوندا، اهي فنا ٿي ويندا. مان ڏک مان چيو مون وٽ زندگي جي اهميت آهي، مان سڀني جي زندگي چاهيان ٿي، هنن مان ڪو هڪ به مري پيو ته مان به مري وينديس، پر اهي ڪيئن زندگي گذاريندا، جيڪي بعد ۾ جيئرا رهندا؟ ڇا انهن جو ضمير، ڌرتي ماءُ جي وفاداري، پنهنجي اٻوجهه ماڻهن جي لاچاري ۽ بي وقتي موتن کي برداشت ڪري سگهندا؟ اڄ انهن مان رستا روڪ ڪندس، اڄ اسان کي ناٽڪ نه پر حقيقتون کپن.
    مان انهن کي شاهه لطيف جو پيغام ٻڌائينديس. ثابت قدم رهو، اڳتي وڌو، پٺ ورائي ڏسندوءَ ته پٿر جا ٿي ويندؤ. مان انهن کي اهو به ٻڌائينديس ته مرڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي، مرزا جيئن جيئري ئي گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.
    زندگي، خوشي، سک، روزگار، حق وارثي اڄ ڌرتيءَ وارن کي کپن.
    اڱارو 18 آڪٽوبر 2011ع


    اڄ جو سنڌي ڪٿي بيٺو آهي؟

    پٺ ورائي ڏسڻ سان پنڊ پهڻ ٿيڻ جو خطرو آهي، سامهون ته وري ايڏي باهه الا، اجگر ۽ واسينگ نانگ آهن. جو اهڙين حالتن ۾ پاڻ بچائڻ زندگيءَ لاءِ وجود جي جدوجهد ڪرڻ تمام ڏکيو ٿي پيو آهي. اهو توهان مون کان ۽ مون جهڙن ڪيترن جيتا مڙو وجود رکڻ وارن کان پڇي سگهو ٿا.
    خبرون زماني جون کوڙ، اڄ ڪالهه زمانو به آهي خبرن جو اليڪٽرانڪ ميڊيا، اخبارون پوريون نه ٿيون پون، فيس بڪ، يوٽيوب ڄڻ ته دنيا مٺ ۾ اچي وئي آهي. اخبارن جا پنا ڀرجيو وڃن، خبرون رهجو وڃن. ٽي وي چينلن جا پروگرام موضوعن جي اڻ پورائي جو احساس ڏيارين ٿا. ڳالهائيندڙ موضوعن تي ڳالهائڻ پوروئي نه ٿا ڪن ته ٽائيم ختم ٿي وڃي. چئني طرف نفسانفسي ۽ اڻ پورائيءَ جو احساس ٿو ٿئي.
    مان سوچيندي آهيان.....سوچڻ منهنجو حق آهي. اهو واحد حق آهي جيڪو مون کان ڪير به نه ٿو کسي سگهي. مان سوچيندي آهيان ان ڪري عذابن ۾ آهيان. گهُٽ ٻوسٽ ۽ نراسائيءَ واري هن ماحول ۾ پنهنجن سوچن کي ڪاغذ تي لکڻ اڄ مون کي ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي..... مان ڪا ڊڄڻي يا ڪائنر ڪونه آهيان پر ها اڪيلائپ جو احساس وجود ۾ پيدا ٿي ويو آهي. لکان؟ ڀلا ڇا لکان؟ ڪهڙي نئين ڳالهه لکان؟ ماضيءَ جون ڳالهيون ڪيان، حال جا سور پٽيان يا وري مستقبل جون ڳالهيون ڪيان؟ هاڻ سوال اهو آهي ته ڇو لکان؟ ڇو ته منهن جي ۽ مون جهڙن لکندڙن جي لکڻ سان فرق ته ڪونه پيو آهي. ڪالهه جا سور اڄ جا ناسور ٿي پيا آهن. ڪجهه به ته نه بدليو آهي.....اڃان به حالتون بد کان بد ٿي تر ويون آهن. لڳيم ٿو ته منهنجيون لکڻيون ڪير به ڪونه پڙهندو. منهنجي اندر جي اڌمن کي ڪابه موٽ ڪانه ملندي، پڙهندڙ پاڻ مون تي کلندا چري مائي سالن کان وٺي ساڳيون ڳالهيون لکي پاڻ به پريشان پئي ٿئي ۽ اسان کي به پئي پريشان ڪري.
    اسان جهڙن لکندڙن کي ڀري گولي هڻجي، وچ چونڪ تي سنگسار ڪري ڇڏجي! ڇو ته اسان اهڙا ظالم آهيون جو اٻوجهه ماڻهن کي لکڻين جي ذريعي باشعور ڪري مشڪلاتن جي واٽ تي اچي بيهاريندا آهيون. اُنهن مشڪل واٽن تي قوم جي رهبري ڪندڙ رهبر ايڏو ته گندو ڪردار ادا ڪندا آهن. جو هو ماڻهن کي راهه ۾ رولي وجهندا آهن.
    راهه ۾ رلندڙ ماڻهو ڌڪا ٿاٻا کائي وري وڃي اوڙاهه ۾ ڪرندا آهن ۽ اسان وري انهن کي اڱر کان وٺي اٿارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، ها پر حالتون نه مٽجنديون آهن اونداهيون ڪونه کٽنديون آهن. حالت ته اها آهي ته اڄ اسان ات به ڪونه بيٺا آهيون جتان هليا هئاسين!!!! وري به مان مجبور آهيان ۽ لکان پئي. هيڏي هجوم ۾ مان اڄ به اڪيلي آهيان چئني طرف گوڙ گهمسان، هل هنگامو لڳو پيو آهي. هاءِ هاءِ واءِ واءِ لڳي پئي آهي. پيٽرول مهانگو معنيٰ سڀ ڪجهه مهانگو، ڪير به پڇڻ وارو ڪونهي، امير امير تر ٿي ويو آهي ۽ غريب کي هڪ ويلو پيٽ ڀري ماني ڪانه ٿي ملي.
    چئني طرف موت جي راند آهي. انسان کي مارڻ سڀ کان سولو ڪم آهي. خودڪشيون، باهه ڏئي پاڻ کي ساڙڻ پنهنجي هٿن سان ٻچا ڪهڻ سڀ ڪجهه ٿئي پيو. اهڙي دردن پٺيان دانهون ڪرڻ، لکڻ بي معنيٰ ٿي پيو آهي.
    دنيا آباد هوندي آهي انسانن سان هن هيڏي وڏي دنيا ۾ هڪ زمين جو ٽڪر آهي جنهن تي اسان رهون ٿا. ان ڪري اسان دنيا سان گڏ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي گهر ۽ پنهنجي وجود جي ڳالهه پهرين ڪنداسين. هيءَ ڌرتيءَ جنهن جو نالو سنڌ آهي. اسان لکندڙن ڌرتيءَ جو حق ڪيتري قدر نڀايو آهي؟ هن ڌرتي واسين کي شعور ڏئي اسان انهن کي منجهائي ته ڪونه ماريو آهي؟ اڄ هن سنڌ ڌرتي ۾ سنڌي ماڻهو ڪٿي بيٺو آهي؟ انهن سڀني سوالن جو جواب ڳولهڻ لاءِ اسان سڀني سنڌين کي سوچڻو پوندو.
    اڄ جو سنڌي ڪٿي بيٺو آهي؟ ڇا اڄ جي سنڌيءَ جي پيرن هيٺان ان جي سنڌ ڌرتي آهي؟ ڇا اڄ انهن جي ٻُڪن ۾ سنڌوءَ جو پاڻي آهي؟ ڇا سنڌين جي ٻولي ۽ تهذيب محفوظ آهي؟ ڇا سنڌ جا شهر ڳوٺ، وڻ ٽڻ، جبل ريگستان سنڌين وٽ آهن؟ جواب ڪنهن وٽ آهي؟ خبر ناهي؟
    ها باقي سنڌ جا رهبر، سنڌ جا ليڊر، سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ وارا ٽڪي ٽڪي ٽي وڪامجڻ وارا بي حس، سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ وارا ڪنڌ مٿي کڻي اوهان جي سامهون بيٺا آهن. مان مايوسي ۽ نراسائي جي ڳالهه ڪونه ٿي ڪريان مان اوهان کي منهن مٿو پٽڻ لاءِ ڪونه ٿي چوان. صرف هڪ عرض آهي....اکيون کوليو، پنهنجن ۽ پراون کي سڃاڻو، پنهنجي ڌرتي تي ثابت قدم رهي “حق ڌرتي” ۽ “حق وارثي” وڙهي وٺو، پاڻ نه وڙهو پر دشمن تي وار ڪيو چاهي اهو دشمن سنڌي ڳالهائڻ وارو ئي ڇو نه هجي. تعليم حاصل ڪريو. پنهنجا ادارا سنڀاليو. توهان کي سياست چمڪائڻ وارن ڪوڙن پٺيان ڪونهي هلڻو، ٻين تي ڀاڙڻ وارن ڪوڙن پٺيان ڪونهي هلڻو، ٻين تي ڀاڙڻ بدران پاڻ اڳتي وڌڻو پوندو..... اڄ به اسان نه سوچيو ته پوءِ لڳي ٿو هاڻ اڻ ٿيڻيون به ٿي پونديون ۽ اسان وٽ ڪجهه به ڪونه بچندو.

    اربع 19 سيپٽمبر 2012ع


    گهرو ويڙهه ڏانهن ويندڙ حالتون

    الله سائين به جڏهن حساب ڪتاب نه ٿو رکي ته پوءِ هي دنيا وارا ايترا بي تاب ڇو آهن؟مختلف قومن مٿان الله سائين لک کان وڌيڪ پيغمبر موڪليا. قرآن حديث ۾ قومن جو ذڪر ملي ٿو. قوم لفظ جي تشريح آهي ته اهي انسان جيڪي هڪ مخصوص خطي ۾ رهن ٿا. انهن جي ٻولي، تهذيب، اٿڻ ويهڻ جو وهنوار هڪ جهڙو آهي اها هڪ قوم چورائيندي آهي. هن هيڏي وڏي دنيا ۾ هزارين قومون آهن. انهن جا پنهنجا ملڪ پنهنجون ٻوليون ۽ سڃاڻپ آهي. هن ننڍڙي ڪالم ۾ مان وڌيڪ تفصيل نه ٿي لکي سگهان. هڪ محاورو آهي. “جتان جو ديس اتان جو ويس” معنيٰ جنهن زمين جي خطي ۾ توهان رهو ٿا توهان کي ان جهڙو ئي ٿيڻو پوندو آهي. مطلب ته توهان ڪير به آهيو، ڪٿان به آيا آهيو پر جڏهن ان ديس جي ڌرتيءَ تي قدم رکيو، ان زمين جو ان کاڌو، پاڻي پيتو ته پوءِ اوهان تي لازم آهي ته توهان به ان سان وفاداري نڀايو.
    اڄڪلهه هڪ وڏو بحث هلي پيو ته قوم ۽ قوم پرستي ڇا آهي ۽ ان جا پيمانا ڪهڙا آهن. سنڌي ماڻهو دعويٰ ٿا ڪن ته هو هڪ قوم آهن ۽ انهن جي تهذيب پنج هزار سال پراڻي آهي. هاڻي ضروري نه آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هر سنڌيءَ جا وڏا پنج هزار سال پهرين هت آيا هوندا. اهو ڪنهن حد تائين صحيح آهي ته اصل ۾ موهن جي دڙي وارين قومن کان هت ٻاهران آيلن جو تعداد گهڻو آهي. هن خطي زمين تي سنڌ اهو صوبو آهي جيڪو قومن جو گذرگاهه رهيو آهي. مختلف قومون هت جنگ ڪرڻ يا امن حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ اينديون رهيون آهن. پاڪستان ٺهڻ وقت ۽ اڃا تائين ڌارين جي اچڻ جو سلسلو بند نه ٿيو آهي. چڱو ڀلا مڃون ٿا ته هت سنڌ ۾ ڪي سنڌي پنج هزار سال پراڻا ٿا رهن. ڪي پنج سو سال پراڻا، ته ڪي وري پنجاهه سال پراڻا آهن.
    هت سوال نئين ۽ پراڻي جو نه آهي. اهم سوال اهو آهي ته ڪنهن هن ڌرتيءَ کي پنهنجو سمجهيو آهي؟ ڪير اچي هت سنڌ واسي ٿي ويو آهي؟ ڪنهن نمڪ حلالي ڪئي آهي؟ ڪنهن غداري ڪئي آهي ۽ ڌرتيءَ سان دغا ڪئي آهي؟
    چوڏهن سو سال پهرين اسلام سنڌ ۾ آيو، اسلام کان اڳ ۾ رهندڙ اسلام کان بعد ۾ ايندڙ چاهي اهي ٻه سو سال اڳ ۾ آيا يا وري پنجاهه سال اڳ سنڌ ۾ آيا؟ جيڪڏهن هو چون ٿا ته سنڌ اسان جي ڌرتي آهي ۽ اسان جي تاريخ پنج هزار سال پراڻي آهي. ان جو مطلب ته اهوئي آهي ته هو سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجو سمجهي حق وفاداري نڀائي ان تاريخ کي پنهنجو سمجهن ٿا جيڪا پنج هزار سال پراڻي آهي.
    مصر، يونان ۽ ٻين قديم تاريخي ملڪن ۾ به ضروري نه آهي ته ات رهندڙ سڀ قديمي رهواسي هوندا. انسان جي اها تاريخ رهي آهي ته هو حالتن مطابق لڏپلاڻ ڪندو رهيو آهي مقصد جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جا رهواسي نوان پراڻا جيڪڏهن دعويٰ ڪن ٿا ته اسان جي تاريخ پنج هزار سال پراڻي آهي ۽ اسان هن ڌرتيءَ جا وارث آهيون ته انهن جي انهن جذبن ۾ وفاداري نمڪ حلالي ۽ ڌرتيءَ سان پيار آهي.
    سنڌ هڪ پاڪ ڌرتي آهي، هتان جا رهواسي پاڻ کي سنڌي سڏائيندا آهن ان ڪري هو هڪ سنڌي قوم آهن لفظ قوم مان قوم پرستي جو لفظ نڪري ٿو، قوم پرستي جي لفظي معنيٰ آهي پنهنجي قوم سان وفاداري.
    1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو ان وقت صرف ٻن صوبن ۾ پاڪستان ٺهيو هو، هڪ پنجاب جنهن جا ٻه حصا ٿيا ٻيو سنڌ. مان وري اوهان کي ورجائي ياد ڏياريان ٿي ته جڏهن 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو ان وقت صرف سنڌ ۽ پنجاب جا حصا ان ۾ شامل هئا. خيبرپختون خواهه (سرحد) هڪ سال پوءِ جرڳي ۾ فيصلو ڪيو ۽ هو پاڪستان ۾ شامل ٿيا. بلوچستان ته ڏيڍ سال کان پوءِ قائداعظم جي محنتن جي عيوض جنهن ۾ خان آف قلات قائداعظم کي عزت ڏيئي سون ۾ توريو هو پاڪستان ۾ شامل ٿيو.
    بلوچستان وارا پاڪستان سان شامل ٿيڻ جا مخالف هئا. هو پنهنجي جداگانه حيثيت رکڻ پيا چاهين. بلوچستان جو وڏن بلوچي توڙي پختون رهنمائن جو اهو خيال هو ته جيڪڏهن اسلامي ملڪ جو نالو آهي ته پوءِ ڇو نه ايران، افغانستان ۽ بلوچستان سڀ هڪ ملڪ ٿي وڃي. اصل حقيقت ۾ ته هو پنهنجي اصل شناخت وڃائڻ نه پيا چاهين. مان ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته ان وقت قلات ۾ تعليم جو ريشو سئو سيڪڙو هو ۽ صحت جون سهولتون هر ڪنهن کي مفت ۾ ميسر هيون سڄو بلوچستان خوشحال هو سواءِ هڪ ٻن علائقن جي.
    هن وقت بلوچستان کي ڇا مليو آ پاڪستان ۾ شامل ٿي؟ سزا طور سڀني اهم بلوچ رهنمائن کي ماري فنا ڪري ظلم جي تاريخ لکي ويئي. اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوءِ هاڻ بلوچستان هٿ مٿي ڪري بيٺو آهي ۽ وڏي واڪ چئي ٿو ته اسان کي پاڪستان سان ناهي رهڻو، تاريخ جي اها به وڏي سچائي آهي ته هن خطي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي حصي قلات ۾ باقاعدي اسيمبليون موجود هيو ۽ انهن ۾ چونڊيل نمائندا ويٺا هئا. بلوچستان جي قلات اسيمبلي پاڪستان جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي.
    سنڌ کي ڇا مليو؟ سنڌ جي قرارداد پاس ڪرڻ واري سائين جي ايم سيد سڄي زندگي نظر بنديءَ ۾ گذاري، سنڌ جي وسيلن، تعليمي ادارن تي قبضا ٿي ويا. سنڌي ٻولي ختم ڪئي ويئي. سنڌين جي سڃاڻپ ختم ڪئي ويئي.
    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان کي ڇا مليو؟ بربادي، خونريزي، ها ته مان ڳالهه پئي ڪئي ته قومن مان قوم پرستي جنم وٺندي آهي اڄڪلهه مان ڏسان پئي ته لفظ قوم پرستي ڄڻ ته گار ٿي پيئي آهي هاڻ تازو سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ٿيندڙ قانون کانپوءِ سنڌ سڄي باهه جو ڀنڀٽ ٿي پيئي آهي. هن مهل پريشان، بدحال جيڪو سنڌي آهي اهي سڀ پيپلز پارٽي جا ووٽر آهن. پيپلزپارٽي سڄي سنڌ مان کٽي ٿي ۽ اڄ سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي. پيپلزپارٽي وارن کي اهو احساس نه آهي ته انهن پنهنجو ڪيترو وڏو نقصان ڪيو آهي. گهٽ وڌ پيا ڳالهائين قومپرستن کي هاڻ سوچيون ٿا ته قوم پرست ڪير آهي؟ هر سنڌي قوم پرست آهي، هر پنجابي، پٺاڻ، بلوچ سڀ قوم پرست آهن. حيراني جي ڳالهه ته اها آهي ته مهاجر جن کي پنهنجي ڌرتي به نه آهي اهي به قوم ۽ قوم پرست آهن.
    شاباش آهي پيپلزپارٽي وارن کي جن سنڌ وڪڻي ڇڏي. هي هڪ اهڙي سازش آهي جنهن ۾ نقصان صرف پيپلزپارٽي کي ئي ملندو. لياريءَ ۾ آپريشن ڪرائي ات پنهنجي سيٽ وڃائي چڪا آهن سنڌ ۾ هيءَ جيڪا باهه ٻري پئي ان ۾ اڳتي هلي نقصان سنڌين جو ئي ٿيندو توهان ڏسو ته سهي اچرج کائو. حيران پريشان ٿي سوچيو اڄ ايم ڪيو ايم وارا پنهنجو بل پاس ڪرائي اسيمبلي ۾ چپ هئا هاڻ به چپ آهن ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته هي بل هڪ ڇپيل ٽڪرو آهي. اصل بل جيڪو ايم ڪيو ايم وٽ آهي. پيپلز پارٽي جي ميمبرن جي صحيح سان آهي اهو ته پيپلزپارٽي وارن به ڪونه پڙهيو آهي. پيپلزپارٽي وارن کي حڪم هو ته بس صحيح ڪرڻي آهي.
    توهان کي حيراني ڪا نه ٿي ٿئي، منهن مٿو ڇو نه ٿا پٽيو، ايم ڪيو ايم وارا چپ آهن جيڪي وڙهن پيا، هڪ ٻئي تي الزام پيا هڻن، گاريون پيا ڏين اهي ٻئي ڌريون سنڌي آهن ها منهنجا سائين اڄ سنڌي پاڻ ۾ وڙهي مئا آهن.
    هاڻ ٿوري مستقبل جي ڳالهه ڪجي، هن جهيڙي مان سنڌ ۽ سنڌ واسين جو ڪيترو نقصان ٿيندو؟ توهان تصور به نه ٿا ڪري سگهو آئينده سنڌ جو نقشو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ پپيلزپارٽي هي بل پاس ڪري ته صرف پنهنجي پير تي ڪهاڙي هئين آهي پر سڄي سنڌ جو مستقبل تباهه ڪري ڇڏيو اٿس.
    هاڻ سنڌ جا ووٽ ورهائجي ويندا. اليڪشن ۾ ٻيون پارٽيون سيٽون کڻي وينديون. هاڻي سنڌ ۾ اڪثريت ۾ اُڀري ايندي وڏي ۾ وڏي پارٽي ايم ڪيو ايم پوءِ هي ٽڪر ٽڪر ٿيل ورهايل سنڌ جون سيٽون کٽڻ وارا ايم ڪيو ايم سان ٺاهه ڪندا، گورنر ته انهن جو آهي هاڻ وزير اعليٰ کان وٺي حڪومت انهن جي هوندي. ڊڄو ان وقت کان توهان جو ڇا حشر ٿيڻ وارو آهي؟ اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل سنڌين جي هن غلط فيصلن جو اثر سنڌ تي ڏاڍا ڏک ۽ ڏمر آڻيندو.
    هاڻ سنڌ ۽ سنڌ واسي ڪنڊن جي ول ۾ وڪوڙجي ويا آهن. وڙهو، وڙهو، سنڌيو پاڻ ۾ وڙهو، ٻيو ڪير جو ماريندو ته بهتر آهي پاڻ ئي پاڻ کي ماريو.
    اڄ جيڪي سنڌي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، ڏکيو آهي. ڏمر آ، ڏاڍا آ، ظلم آ، پرڇا ڪيون ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهن پيون ٻئي سنڌي، وچ ۾ فائدو ڪنهن جو؟
    هن مهل نظر اچي ويو ته سنڌ جو ڇا حشر ٿيڻ وارو آهي؟ خيرپور ۾ نفيسه شاهه جي جلسي تي فائرنگ ۾ ست ماڻهو مري ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. خيرپور جو پوليس آفيسر چوي ٿو هيءَ ذاتي دشمني آهي ملزم سڃاتا ويا آهن. پڪڙيا به ويندا.
    ڪراچيءَ اندر ڪلفٽن ۾ امن مارچ ٿيو آهي ۽ ان ڏينهن به ڪراچيءَ ۾ پندرنهن ماڻهو مارجي چڪا آهن خيرپور ۾ خبر پئجي وئي ته ملزم ڪير آهن ڪراچي ۾ هزارين ماڻهن جي قاتلن جيڪي اڄ تائين “نامعلوم” آهن اهي ڪڏهن معلوم ٿيندا؟ اهي ڪڏهن سڃاتا ويندا؟ توهان يقين ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪيوليءَ کي هٿ ۾ کڻي پڇندو ته هتان جا قاتل ڪير آهن ته اها به اوهان کي رڙيون ڪري ٻڌائيندا ته قاتل ڪير آهن ڇو ته اها ويچاري به هاڻ رت ۾ هلي نه ٿي سگهي. ناهي خبر، ناهي خبر ته صرف حڪمرانن کي ناهي خبر ته قاتل ڪير آهن؟ انسان ته ڇڏيو جيت جڻيا، پکي، هوا، وڻ ٽڻ شاهد آهن ڪراچيءَ جي خونريزيءَ جا. ڪاش انهن بي جانن کي زبان ملي وڃي ۽ هتان جا زبان وارا انسان پاڻيءَ جي ڍڪ ۾ وڃي ٻڏي مرن.
    اربع 10 آڪٽوبر 2012ع


    ماسڪ پهريل چهرن کي بي نقاب ڪيو!

    ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو چئني طرف هلچل، گوڙ، گهمسان ۽ تحريڪ هوندو آهي پر پنهنجي وجود ۾ پنهنجي اندر ۾ ايتري ته خاموشي هوندي آهي. ايڏو ته جمود طاري ٿي ويندو آهي جو هيڏا گوڙ گهمسان به هڪ قسم جو ناٽڪ، ڪوڙ جو ٽڪسات ۽ ڏيکاءُ ڏيندا آهن. ان ويل وجود ۾ ماٺائي اچي ويندي آهي. ان ماٺائيءَ جو سبب صرف اهو هوندو آهي ته هن ڪوڙي ٽڪساٽ ۾ سچ ۽ حق جي ڳالهه ڪيئن ڪجي؟ ڪيئن هن ڪوڙ جي ٽڪساٽ جي ڪردارن جي منهن تي چڙهيل هي ڪوڙا هبتناڪ ماسڪ لاهي هن جڳ کي انهن جي اصل شڪل ڏيکارجي جيڪا انهن جي چهرن تي چاڙهيل ماسڪن کان به وڌيڪ مڪروه ۽ ڀيانڪ آهي.
    فراريت وجود ۾ تڏهن جنم وٺندي آهي جڏهن چئن طرفن کان مايوسي ۽ نراسائي ملندي آهي. اڄ ڪلهه منهنجي دل به چاهيندي آهي ته اکيون ٻوٽي ڇڏيان، ڪنن ۾ ڪپهه وجھي ڇڏيان ته جيئن جيڪو ٿئي پيو ان کي ان حالت ۾ ڇڏي ڏجي. ها پر وري به اها منافقت نه ٿي ٿئي. اندر ۾ هڪ آواز اڀرندو آهي ۽ اها سوچ ڏيندو آهي ته ڏسو ، پرکيو انهن حالتن کي آئينده تاريخ جي ورقن ۾ لکي وڃو سڀني کي ٻڌائي وڃو ته اسان سنڌ جي ان تلخ، خوني، بي حسي ۽ بي ضميري جي دور جا شاهد آهيون. اسان جي اڳيان اهو سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو ۽ اسان ڪجهه به ڪري نه سگهياسين. اسان گناهگار آهيون ان دور جا جو مصلحتن تحت پنهنجي بچاءَ خاطر اسان خاموش ٿي وياسين. جت اسان جي خون جي ضرورت هئي ات اسان پاڻي به وهائي نه سگهياسين. ان خوني دور جي خوني جنگ جي ميدان ۾ اسان مقابلو ته نه ڪيو، پر مزاحمت به نه ڪئي. پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ جي بقا لاءِ ڪي تدبيرون به نه ڪيون. ٽڪي ٽڪي، پئسي پئسي تي وڪاميل هن قوم جي مهندارن کي ڪجهه به ڪري نه سگهياسين.
    انهن پنهنجي ڌرتيءَ کي، ڌرتي واسين کي وڪڻي ڪري ڪاپاري ڌڪ هنيو، انهن مَهان دانشورن، دانائن ۽ ڏاهن کي به ڪجهه نه ڪري سگهياسين جن پنهنجي ڌرتي واسين کي صحي واٽ نه ڏيکاري. وڏن وڏن فائيو اسٽار هوٽلن ۾ تقريرون ڪري ۽ پنهنجي قلم جي ذريعي سطحي ڳالهيون ڪري ماضيءَ جي عظمتن جا قصا ٻڌائي، سنڌ جي ماڻهن کي امن پسند ۽ محبت ڪندڙ چوائي، حال جي نزاڪتن کان ناواقف ڪيو. مستقبل جي اونداهين کان لاپرواهه ڪيو. ڌرتي واسين جي وجود ۾ اٿندڙ جذبن ۽ جنون کي ٿڦڪي ڏيئي سمهاري ڇڏيو.
    اها به ته چريائپ آهي ته اسان ويهي ائين چئون ته سنڌ جي تاريخ اها آهي ته اسان مهمان نواز آهيون ان ڪري مهمان کڻي ڪري اسان کي ماري به وجھن ته اسان کي ان تي اف ناهي چوڻو. چوندا آهن ته سنڌي ڪڏهن وڙهيا ناهن. حالانڪه سنڌ جو حالتون هميشه اهڙيون رهيون آهن جو سنڌي پنهنجي بقا لاءِ وڙهندا رهيا آهن. مان دعويٰ سان چوان ٿي ته سنڌ ۽ سنڌين جي اها تاريخ نه رهي آهي. سنڌ جي ڌرتي دل ۾ جايون ڏنيون آهن انهن کي جن ان جو قدر ڪيو. ڌڪي ٻاهر ڪڍيو انهن ماڻهن کي جن هت خون ۽ فساد برپا ڪيو.
    آخر هيءَ ڌرتي ڪيسيتائين اسان جو تحفظ ڪندي. جڏهن ته اسان پنهنجي هٿ سان ان جي قدر ۽ اهميت وڃائي ويٺا آهيون. ڊڄڻ کپي اسان سڀني کي ته ڪن غدار ڌرتي واسين جي غلط اعمالن جي ڪري هيءَ ڌرتي اسان کي ڌڪي ٻاهر ڪڍي نه ڇڏي.
    اسان جا ڏاها جيڪي ڳالهيون ڪندا آهن جيڪي رستا ۽ واٽون ڏسيندا آهن. هن ڏتڙيل ۽ بي حال قوم کي خوابن جي دنيا جو سير ڪرائيندا آهن. ان وقت اسان جهڙن ننڍڙن ماڻهن جي دل ۽ دماغ مان ٺڪاءُ نڪري ويندا آهن اديب ته محبت ۽ امن جا پيامبر هوندا آهن پر اها منافقت اديب کي نه ڪرڻ کپي ته هو سچ کي سچ نه چوي ۽ ڪوڙ جا ٽڪساٽ ٽوڙي نه سگهي. اهڙين حالتن ۾ اديب امن جو پيامبر آهي. هو اهڙو سبق نه ڏئي. مان سمجهان ٿي اديب جي لکڻين ۾ ايتري سگهه هجي جو هو پڙهندڙن کي اهو پيغام ڏيئي سگهي ته پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار کڻڻ ۽ جنگ جوٽڻ ۾ ڪابه خرابي نه آهي. اڳرائي نه ڪجي پر جي ڪو حملي آور ٿئي ته مقابلي ڪرڻ جي قوت ۽ همٿ هئڻ گهرجي. تاريخن جا وڏا فيصلا ۽ بقا لاءِ جنگيون بندوق جي نوڪن تي ئي ٿيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن زهر کي زهر سان ختم ڪبو آهي. قومن جي بقا ۽ امن لاءِ اهم فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. اهي فيصلا ڪير ڪندو؟ هن ڏتڙيل ماڻهن جي مٿان ڪير هٿ رکندو؟ ڇا اهڙن رهبرن ۽ قوم جي ليڊرن پويان هلڻو پوندو جن وڏا نعرا ته هنيا پر صحيح واٽ نه ڏيکاري. سنڌ جي نعري پويان نوجوانن کي باغي ۽ بي راهه روي جو شڪار ڪيو ويو، نوجوانن کي هٿيار ڏيئي پڙهائيءَ کان پري ڪيو ويو، تعليمي ادارا تباهه ڪيا ويا. پنهنجي ذاتي مقصد لاءِ نوجوانن کي استعمال ڪيو ويو، ڌاڙا هڻايا ويا، چوريون ڪرايون ويون. انسانن جي اغوا ۽ ڀنگ جو ڪاروبار ڪرايو ويو.
    ان حقيقت کان به ڪير انڪار نه ڪندو ته جڏهن ڪو ماڻهو اغوا ٿيندو آهي ته ان جا وارث ڪيترن اعليٰ مرتبه قوم جي رفيقن هڏ ڏوکين ۽ همدردن جي اوطاقن ۾ مدد لاءِ ويندا آهن. انهن ئي قوم جي مهندارن ۽ رهبرن جي تعاون سان ڀنگ ڀري يا نه ڀري اغوا ٿيل ماڻهو هٿ ڪبو آهي.
    منهنجون سوچون، منهنجو وجود فراريت جي راهه تڏهن ڳوليندو آهي. جڏهن چوطرف ڪوڙ جو ٽڪساٽ ۽ بي راهه روي جو وايو منڊل منڊجي ويندو آهي دل چاهيندي آهي ته اهڙن ماڻهن کي سرعام بڇڙو ڪجي يا وري پنهنجي عزت بچائي اکيون ٻوٽي ۽ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏجي.
    ڪجهه به ٿيڻو ناهي، ڪجهه به نه ٿيندو....اوستائين ڪجهه به نه ٿيندو جيستائين اسان جا ڏاها وقت جي نزاڪت نه سمجهندا ۽ قوم جي صحيح تربيت نه ڪندا.
    ڪاش اهو ڏينهن اچي جو قلم ۾ اها سگهه اچي جو هن ڪوڙ جي ٽڪساٽ جي ڪردارن جي منهن تي چڙهيل ڪوڙا هيبت ناڪ ماسڪ لاهي هن قوم جي ماڻهن کي انهن جي اصل شڪل ڏيکارجي جيڪا انهن جي چهرن تي چاڙهيل ماسڪن کان به وڌيڪ مڪرو ۽ ڀيانڪ آهي.
    اربع 24 آڪٽوبر 2012ع


    تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي

    سوچن جي حد ختم ٿي وڃي ٿي. ڳالهيون ختم ٿي وڃن ٿيون. جڏهن اسان پنهنجي سنڌ بابت سوچون ۽ ڳالهايون ٿا. سچ پڇو ته مان نراس نه آهيان. پر روشنيءَ جا ڪرڻا ڏاڍا پري آهن. منزل ڏاڍي ڏکي آهي، مان ۽ مون سان گڏ، اسان سڀ ان منزل جا راهي ان روشني تائين پهچي سگهنداسين؟ منزل ڏي ويندڙ اسان جا هي سڀ همسفر انهن جا پيرا گڏ آهن؟ انهن جي هڪ قطار آهي؟ ڇا اهو ممڪن آهي ته ان قطار ۾ بيٺل سڀ منزل تائين پهچڻ مهل گڏ هوندا يا وري اڌ واٽ کان ڪنڊ پاسي کان ڪڏهن اهو چئي ته جدوجهد ته هلي پئي جي مان هٽي ويس ته ڪهڙو فرق پوندو. ائين هڪ هڪ ٿي هٽڻ سان منزل تائين پهچڻ نه صرف ڏکيو ٿي پوي ٿو پر اڳتي وڌڻ وارا به مايوس ٿي بيهي رهن ته ڇا فائدو؟ پوءِ هڪ ٻئي تي الزام هڻي پنهنجا پلو ڇنڊي سڀڪو پري ٿي بيهي ۽ ائين چوي ته مان ته چڱو هئس، مان ته ڪوشش ڪئي پر ساٿي ساٿ نڀائي نه سگهيا. جڏهن کان وٺي هوش سنڀاليو اٿم ٻڌان پئي سنڌ سورن ۾ آهي، سنڌي ڏکيارا ۽ ويچارا آهن، وغيره وغيره اڄ به اسان ات بيٺا آهيون، جتان هليا هئاسين، هيءَ فطرت آهي انسان جي ته هو پاڻ کي نه ڏسندا آهن، پر ٻين کي ميارون ڏيندا آهن، ڇا سنڌين کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته ٻين کي ميارون ڏيڻ کان پهرين پنهنجي ڪوتاهين، غلطين ۽ گناهن کي ڏسن، چڱائيءَ جي شروعات عمل جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪبي آهي، هڪڙو ننڍڙو مثال پيش ڪيان ٿي ته سنڌ ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول وڏن شهرن ۾ تقريبن ختم ٿي ويا آهن. سوال اهو آهي ته اسڪول موجود آهن، پر سنڌين پاڻ ات سنڌي پڙهڻ ڇڏي ڏني آهي، ڇا اسان پنهنجن ٻارن کي سنڌي اسڪولن ۾ پڙهايون ٿا؟ اڙي منهنجا سائين اسڪول ته ٻارن سان هلندا آهن، اگر سنڌي پڙهڻ وارا ٻار ئي نه هوندا ته ان اسڪول جي در ديوارن جو ڪهڙو ڏوهه؟ اسان جي سنڌ جي سياست هلي ٿي پئسي تي ۽ ذاتي اثر تي، ان ڪري ڇا به ٿي پوي ٽڪيٽ ملڻ کان پوءِ اهو با اثر شخص جنهن جو پنهنجو حلقو ۽ ذات برادري، دوستي ياري آهي، اهو هر صورت ۾ کٽي ويندو، اڄ ڪلهه اسان جا ڪجهه سنڌي ڏاڍي وڏي خوش فهميءَ ۾ مبتلا آهن، ته سنڌ ۾ ڪا وڏي اٿل پٿل ٿيندي، منهن جي راءِ مطابق ساڳيان لاٽون، ساڳيا چُگهه. اسان قلم ڪار ڏات ڌڻي ۽ ٻيا باشعور سياستدان جيڪي صحي ۽ غلط جي ڄاڻ رکن ٿا، ظاهر آهي اديب قلم کڻي سگهي ٿو پر بندوق نه ٿو کڻي سگهي، جيڪي باشعور سياستدان آهن اهي پنهنجي ضمير مطابق اسيمبليءَ ۾ ويهي فيصلا ڪن ۽ هڪ اهڙو پريشر گروپ ٺاهين جو اسان جا نمائندا، بيروڪريٽس ۽ ٻيا جيڪي سنڌ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ويٺا آهن، انهن جي عمل تي نظر رکي سختي سان انهن جي رستا روڪ ڪن، سنڌ جو باشعور طبقو وڙهي نه ٿو سگهي، پر سختيءَ سان حساب ڪتاب وٺي سگهي ٿو، هاڻ سنڌ ۾ اهڙو باشعور طبقو ٺهي چڪو آهي، هن طبقي ۾ صرف اديب، دانشور ناهن پر وڪيل، بيروڪريٽس ايجوڪيشن وارن کان وٺي عام غريب اٻوجهه ماڻهو به شامل آهي.
    اڄ ڪلهه دڪاندارن، ريڙهي وارن عام مزورن کي به ايتري ڄاڻ آهي جو انهن جون ڳالهيون ٻڌي حيراني ٿيندي آهي، شعور علم جو محتاج ڪو نه هوندو آهي، شعور اسان پنهنجي آس پاس حالتن ڏکن ڏوجهرن ۾ به حاصل ڪري وٺندا آهيون.
    هاڻ هن شعور کي هن ڏکئي مرحلي ۾ ڪيئن استعمال ڪجي؟ اهو به سوچڻ گهرجي. ڌاريان دشمن نه صرف عقل وارا آهن، پر طاقتور به آهن، انهن سنڌ جي ماڻهن جي ڪمزورين کي پڪڙي ان تي پير رکيو آهي، اسان جا سنڌي جيڪي هڏ ڏوکي آهن، اهي به عقل وارا ۽ طاقتور آهن، سنڌين جي باشعور ماڻهن ۾ طاقت جي دهشتگردي نه آهي، هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته هن مهل جيڪو هڪ وايو منڊل سنڌ ۾ ٺهي چڪو آهي، سڀني کي ان ۾ لک اميدون آهن. پر ڇا سنڌي هي وايو منڊل قائم رکي سگهندا؟ ڪا ويساهه گهاتي ته ڪا نه ٿيندي؟ پئسن تي يا سيٽن جي لالچ ۾ ته ڪو نه وڪامندا؟ ڪي مفاد پرست ٽولا پنهنجو مفاد وٺي ٻاهر ٿي وڃن ٿا ته اسان کي ذهني طور اهڙين ڳالهين لاءِ به تيار رهڻ گهرجي، ها ضروري اهو آ ته اوستائين ڪنهن تي الزام نه هڻجي، جيستائين مڪمل ثبوت نه هجن، مڪمل ثبوت ملڻ کان پوءِ انهن سان اهڙي ڪجي جو ٻين لاءِ عبرت جو مقام ٿي وڃن (سماجي ۽ اقتصادي ۽ قلم ذريعي) هاڻ سنڌ ۽ سنڌي ڪا به ويساهه گهاتي برداشت نه ڪري سگهندا، اهو سڀ ڪجهه مان پنهنجي ذاتي مشاهدي تي چوان ٿي جو ان جو تازو مثال بئريسٽر ضمير گهمرو آهي، ان جي لکيل مضمون پٺيان جيڪا وٺ پڪڙ ٿي ۽ ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ مهل جيڪا هاءِ گهوڙا ٿي ته هو اڪيلو ڇو ويو، هن کان پڇي ها، هن سان ڳالهائي ها، مطلب ته گهمرو صاحب غلط آهي، هاڻ جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس وجهڻ کان پوءِ واهه واهه لڳي پئي آهي ضمير گهمرو صاحب کي فيس بوڪ ۽ ٻي ميڊيا تي مبارڪون پيون ملن، ان ڪري ئي مان چوان ٿي ته سنڌين کي سمجهداري جو ثبوت ڏيڻ کپي، ڪي فيصلا اجتماعي هوندي به انفرادي ٿي پوندا آهن ۽ ڪي فيصلا انفرادي هوندي به اجتماعي ٿي پوندا آهن، مان ضمير گهمري کي تاج ڪو نه ٿي پارايان نه ڪو اهو ٿي چوان ته ڪو هن اصل جبل به جهاڳيو آهي، صرف هڪ ڳالهه آهي، هن پنهنجي عقل سمجهه مطابق وقت جي نزاڪت سمجهي هليو ويو سپريم ڪورٽ. هاڻ هن هڪ قانوني در کولي ڇڏيو آهي، هاڻ اسان جي قانوندانن کي ملي ڪري اها قانوني جنگ وڙهڻ کپي، اديب قلم ڪار کان ويندي عام ماڻهو پنهنجي حساب ڪتاب سان منزل ڏي وڌڻ جي ڪوشش ڪري.
    ڪاميابي تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن هر فرد پنهنجي عمل جي شمع ٻاري قافلي ۾ شامل ٿيندو، هاڻي اهو وقت ناهي رهيو جو هڪ رهبر، هڪ شمع ٻارڻ واري جي پٺيان هٿ لوڏي هلندا رهون هاڻ هٿ لوڏڻ جو زمانو نه آهي، هٿ مٿي کڻڻ جو زمانو آهي، هن ڇا ڪيو، هو ڇا پيو ڪري، اهو سڀ ڪجهه ڏسڻو آهي، پر مان ڇا پيو ڪريان؟ پنهنجي اندر جي آواز کي به ٻڌڻو پوندو، سنڌي وڻ وڻ ڪاٺي لڳا پيا آهن، انهن کي گڏ ڪرڻ ۽ گڏجي وٺي هلڻ ڪو آسان نه آهي. ان ڪري ضروري آهي ته ڪير چوي نه چوي اسان کي فرد جي حيثيت سان ذميداريءَ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، هزار سياسي، ادبي اختلاف هوندي به ڌرتي ماءُ جي لاءِ پنهنجي آئينده نسل جي ڀلائي لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، مون کي يقين آهي، مون کي وڏيون اميدون آهن ڇو جو اڄ جو سنڌي هوشيار ٿي ويو آهي، شل اها هوشياري هو صحيح راهه تي سچن رهبرن جي نگراني ۾ هلي پار پوي.
    اميدون آهن، اميدون آهن، لک اميدون آهن، ها پر جي هي اميدون هاڻ پوريون نه ٿيون ته پوءِ تاريخ اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
    اربع 14 نومبر 2012ع


    سگا جو ادا مظهر ميمڻ

    سنڌ ڌرتي جي اها بدنصيبي آهي ته ان جا هونهار مخلص ۽ ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو جلد هن دنيا مان هليا ٿا وڃن. اهي انسان جن هن ڌرتي کي نقصان پهچايو جن ذاتي فائدا حاصل ڪيا اهي اڄ به خوش ۽ اڳڀرا آهن سمجهه ۾ نه اچڻ وارو آهي هي زندگي جو وهنوار . . . وڏا چئي ويا آهن ته ڪن ماڻهن جو جيئڻ ان ڪري ضروري هوندو آهي جو اهي ٻين ڪارڻ جيئرا هوندا آهن. دنيا ۾ ڪو به انسان فرشتو ٿي ئي نه ٿو سگهي صرف انسان ٿيڻ ئي ڪافي آهي.. اهڙن انسانن ۾ هڪ انسان هو (آهي) ادا مظهر ميمڻ (پروفيسر مظهر الدين ميمڻ)
    ڪالهه صبح جو اخبار ۾ خبر پڙهڻ سان وجود ئي لڏي ويو يقين ئي نه پئي آيو ته ادا مظهر به ان راهه ڏي روانو ٿي ويو آهي جتان ڪو به نه موٽندو آهي. اچو ته گڏجي ان شخص لاءِ ٻه ڳوڙها ڳاڙيون ان جي مغفرت لاءِ دعا گهرون جيڪو ڪالهه اسان سان گڏ هو ۽ اڄ جدا ٿي ويو آهي.
    مظهر ميمڻ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڄڻ ته هڪ نالو آهي. اڄ سگا پنهنجي مخلص ۽ باني ڪارڪن کي وڃائي ويٺي آهي. مظهر ميمڻ جيڪو بنيادي طور استاد ۽ سگا جي حوالي سان ڄاتل سڃاتل شخصيت هو. سگا جي آفيس ۾ توڙي ٻين ڪمن ۾ سڄي سنڌ ۾ روشن تارا اسڪول، صحت جو ڪيمپون لڳائڻ، سچل ڪانفرنس ۽ وقت به وقت سگا طرفان ڪرايل پروگرام ان ڪري ئي ڪامياب ٿيندا رهيا جو ان ۾ مظهر ميمڻ جهڙا ڪارڪن موجود هئا. ڪا به تنظيم يا ادارو ماڻهن جي گڏيل جدوجهد سان ئي ڪاميابيون حاصل ڪندو آهي. سگا خوش قسمت ادارو آهي جنهن کي مظهر ميمڻ جهڙا مخلص ڪارڪن مليا جڏهن به ڪا تنظيم يا ادارو ٺهندو آهي ته ان نئين اداري کي اهي ماڻهو ئي صحيح طرح سان هلائي سگهندا آهن جيڪي شروعات ۾ ان ۾ هوندا آهن. سگا اڄ وڏي تنظيم آهي پر شروع جي زماني ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ کي جيڪي ساٿي مليا جن ڏينهن رات ڪري سگا کي مٿي پڄايو ان ۾ سر فهرست نالو ادا مظهر ميمڻ جو آهي.
    جهڙي طرح هڪ ماءُ ٻار کي جنم ڏيئي سورن سان پالي وڏو ڪندي اهڙي طرح تنظيمن جا بنيادي ڪارڪن به مخلص ۽ بي لوث ڪم ڪرڻ وارا هوندا آهن. سورن سان، سختين سان، پابندين ۾ رهي ڪري سگا جو نالو زنده رکڻ وارا ڪارڪن، ڪم ڪرڻ وارن ڪارڪنن مان هڪ ادا مظهر ميمڻ به هو.
    ٺهيل ٺڪيل تنظيمن جا وارث گهڻا پيدا ٿي پوندا آهن. تنقيد ڪرڻ وارن جي کوٽ به ڪانهي. حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ به سڀ ڪو تيار هوندو آهي. پر اهي راتيون اهي ڏينهن، اهي جهڙالا، اهي ٽاڪ منجهندون، پنهنجي هڙان وڙان پئسا خرچ ڪري وقت سيڙائي تنظيمن کي پروان چڙهائڻ وارا ماڻهو جڏهن ائين چپ چاپ وقت کان اڳ ۾ هليا ٿا وڃن ته انهن جي احساسن، جذبن جو حساب ڪير ڏيندو؟
    ڪا به تنظيم ۽ ادارو جڏهن وجود ۾ ايندو آهي ان ۾ شروع واري دور جا ساٿي ان تنظيم سان جذباتي طور وابستگي رکندا آهن. وقت پوڻ سان نوان ماڻهو جذبا کڻي تنظيمن ۾ ايندا آهن انهن مان ڪي ڪل وقتي ته ڪي جزوي ڪم ڪندا آهن. هر ذهن ۽ هر سوچ رکندڙ ماڻهو تنظيم ۾ ايندا ويندا رهندا آهن پر اداري کي وجود ۾ آڻڻ وارا چاهيندا آهن ته ان اداري سان ڪنهن به طريقي سان انهن جي وابستگي قائم رهندي اچي اهڙن ڪن سبب جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ادارن کي سخت تنقيد جو شڪار ٿيڻو پوندو آهي.
    منهنجي خيال موجب ته ادارن ٺاهڻ وارن ڪارڪنن کي ادارو نه ڇڏڻ کپي پر پاڻ سان گڏ نون ماڻهن کي کي کڻي ڪم ڪرڻ کپي. سگا سنڌ جو هڪ وڏو ادارو آهي ان ۾ ان وقت جهول آيو، ڪوتاهيون ٿيون، ماڻهن جون آڱريون کڄيون جڏهن ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ مظهر ميمڻ جهڙا ماڻهو اداري مان پاسيرا ٿي ويا. هي ٻئي ٻين اداري ۾ ڪم ڪندا رهيا پر واڳون ٻين جي حوالي ڪري ويا. اڄ سگا جي ڪارڪنن لاءِ ڏک جي گهڙي آهي گڏوگڏ سنڌ واسين لاءِ به الميو آهي ته هڪ سٺو ۽ نيڪ انسان هيءَ دنيا ڇڏي هليو ويو. سگا کي مظهر ميمڻ پنهنجي زندگي جو بهترين وقت ڏنو. خدمت ڪئي. هاڻ ڏسون ته سگا مظهر ميمڻ کي ڇا ٿي ڏئي ڪيئن ٿي ان کي ياد رکي.

    ڇنڇر 7 آڪٽوبر 2000ع


    آپا شمس عباسي: هڪ مثالي ڪردار

    اڄ مان ياد ڪندس ۽ اوهان کي به ياد ڪرائيندس ان هستيءَ کي جيڪا هزارن ڇوڪرين جي علم جي دنيا ۾ رهبر آهي. ياد ٿو اچيم اهو زمانو جڏهن مان ٽنڊي آدم شهر جي شاهه عبدالطيف هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي. هاڻ مون کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي زبيده ڪاليج ۾ ئي داخلا ڏياري ويئي. ان ڪاليج ۾ منهنجي وڏي ڀيڻ منور سلطانه به پڙهندي هئي ۽ هوءَ به زبيده ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندي هئي ۽ مون کي به ان هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ موڪليو ويو.
    امان بابا وارا ته مون کي ڇڏي ويا پر مون جهڙي ڇوڪري، جيڪا گهر کان ٻاهر مائٽن کان سواءِ ڪانه رهي هئي. ان کي اها پهرين رات هاسٽل ۾ گذارڻ ڏکي ٿي پئي، روئڻ جو شروع ڪيم ته بس ئي نه پئي ڪريان. منهنجي ڪمري ۾ ٽي ڇوڪريون پهرين کان موجود هيون. انهن مون کي ڏاڍو پرچايو پر مان ماٺ ئي نه ڪريان، آپا شمس عباسيءَ مون کي ٻانهن کان ورتو ۽ وٺي آئي پنهنجي بنگلي تي. پنهنجي بيڊروم ۾ اچي مون کي چيائين هاڻ هت سمهي پوءِ سمجهه ته مان تنهنجي ماءُ آهيان. هوءَ مون کي مختلف واقعا ٻڌائيندي رهي. سمجهاڻي ڏيندي رهي . هاڻ مان روئڻ بند ڪيو ۽ شرمنده به ٿيس. ڇو ته اڌ رات گذري چڪي هئي ۽ منهنجي ڪري هيترا سارا ماڻهو پريشان هئا. مان آپا شمس عباسيءَ کان اجازت گهري ته مان ڪمري ۾ وڃڻ چاهيان ٿي. ان مون کان واعدو ورتو ته مان روئندس ڪانه ۽ جنهن مقصد لاءِ علم حاصل ڪرڻ آئي آهيان اوڏانهن توجهه ڏيندس. هوءَ پاڻ مون کي ڪمري تائين ڇڏڻ آئي.. مان اڄ ان آپا شمس عباسيءَ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿي جنهن جون شاگردياڻيون سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن ۽ وڏن عهدن تي ويٺل آهن. آپا شمس عباسي مشهور ادبي ۽ سياسي گهراڻي مان هئي. اڪبر قاضي صاحب سندن ڀاءُ هو، سندس گهرواري جو نالو محسن عباسي هو، آپا شمس عباسيءَ کي ٻه ڌيون ۽ هڪ پٽ هو. مان جڏهن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ان وقت سندن ٻئي ڌيون ميڊيڪل اسٽوڊنٽ هيون ۽ سندس پٽ عقيل ڏهن ٻارهن سالن جو هو جيڪو اسڪول مان موٽي ڪاليج جي گرائونڊ ۾ سائيڪل پيو هلائيندو هو.
    زبيده ڪاليج هڪ وڏو ڪاليج هو، ان ۾ سائنس آرٽس ۽ هوم اڪانامڪس جا شعبا هئا. بي اي ۽ بي ايس سي تائين نياڻين جي مڪمل پڙهائي هوندي هئي. هاسٽل جي سهولت جي ڪري پري پري جون ڇوڪريون هت پڙهنديون هيون. پنجاب ۽ بلوچستان جون به کوڙ ساريون ڇوڪريون هاسٽل ۾ رهنديون هيون. هيڏو وڏو ڪاليج، هزارين شاگردياڻيون ٻه سئو کن استاد انهن کي سنڀالڻ، انهن جي مزاج مطابق هلڻ ڪو سولو ڪم نه هوندو، پر آپا شمس عباسي جي ڏاهپ، سمجهداري ۽ دورانديشي سڀني کي خوش ڪري ويٺي هئي.
    حيدرآباد هڪ اهڙو شهر آهي جنهن ۾ هر خاندان هڪ ٻئي کي سڃاڻي ٿو، آپا شمس عباسي پاڻ ته هڪ خوشحال ۽ پڙهيل لکيل خاندان سان تعلق رکندي هئي پر ات ٻيون پڙهائيندڙ استادياڻيون به گهڻو ڪري حيدرآباد جي نامي گرامي گهرن سان تعلق رکنديون هيون. پاڻ ۾ پنهنجائپ هين. ويجهڙايون هين پر ڪاليج ۾ آپا شمس عباسي انهن لاءِ هڪ سخت ڊسپلين تي هلڻ واري پرنسپال هئي. آپا شمس عباسيءَ جون ڪيتريون خوبيون بيان ڪري ڪيتريون ڪجن اهو ممڪن نه آهي. هڪ شاگرد جي حيثيت سان منهنجو واسطو آپا شمس عباسيءَ سان هڪ سال به نه رهيو، منهنجي وڏي ڀيڻ منور سلطانه ٻن سالن کان وٺي هاسٽل ۾ رهندي هئي. ان ڪري پهرين کان ئي هاسٽل ۾ منهنجو اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. جڏهن مان هاسٽل ۾ رهڻ لڳس ته مان نوٽ ڪيو ته ڪيتريون اهڙيون شاگردياڻيون آهن جن کان ڪاليج جي فيس نه ورتي ويندي هئي. ڪجهه شاگردياڻيون هاسٽل ۾ اهڙيون به هيون جن جي في، رهائش کاڌو پيتو سڀ فري هو. بس آپا شمس عباسي اهو چوندي هئي ڇوڪريون پڙهو، علم حاصل ڪريو، علم بنا زندگي ڪجهه به نه آهي.
    بس پوءِ جلدي الائجي ڪهڙو وايول منڊل ڦريو جو هڪ ڪوڙي واقعي کي سياسي رنگ ڏيئي لساني بنيادن تي آپا شمس کي ڪاليج جي پرنسپل شپ تان هٽايو ويو، ان کان پوءِ هوءَ ڊائريڪٽر آف ڪاليجز ۽ ٻين مختلف عهدن تي رهي ۽ رٽائرڊ ٿي.
    آپا شمس عباسيءَ سان اسان جا گهر وارا واسطا به هئا. ان جو بنگلو اسان جي ڇهين نمبر لطيف آباد جي ڀرسان هوندو هو. آپا شمس عباسي هڪ ماهر تعليمدان ۽ هڪ سٺي ماءُ به هئي. توهان کي شايد يقين نه اچي ته هوءَ هزارين ڇوڪرين کي نالو وٺي سڏ ڪندي هئي ۽ انهن جي گهرن ۽ خاندان جي به ڄاڻ رکندي هئي. آپا شمس عباسي هڪ باهمت عورت هئي. جڏهن سندس گهر وارو محسن عباسي گذاري ويو تڏهن کان چپ ٿي ويئي ۽ آلين اکين سان سڀني جي تعزيت پئي ورتائين. ها مان ڳوڙها وهندي ڏٺا، زارو قطار روئندي ڏٺو، آپا شمس عباسي کي جڏهن سندس جوان پٽ، عقيل عباسي گذاري ويو، اڄ به آپا شمس جا اکر منهنجي ڪنن ۾ پڙاڏو ٿي گونجندا آهن. ان ويل مان پنهنجي والده سان گڏ سندن بنگلي تي ويٺي هئس. “بس آپا شمس عباسي اهو پئي چيو ته جڏهن محسن عباسي گذاري ويو تڏهن منهنجون ڌيون يتيم ڪونه ٿيون، اڄ عقيل جي وڃڻ کانپوءِ سچ پچ منهنجون ڌيون يتيم ٿي ويون آهن.”
    وڏو ڏک، وڏو سانحو هو آپا شمس عباسيءَ جي پٽ عقيل عباسيءَ جو جوانيءَ ۾ موت، پر وقت پوڻ سان هيءَ باهمت عورت ان ڏک مان به پاڻ کي ڪڍي ويئي. پنهنجي زندگي وري علم جي جوت جلائڻ ۾ مصروف ڪري ڇڏيائين. آپا شمس عباسي پنهنجي پٽ جي نالي سان قاسم آباد ۾ اسڪول کوليو. ان کان علاوه ٻيا اسڪول ۽ سماجي ادارا کوليائين. زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين جڏهن ته هوءَ ڪيترائي سال ويل چيئر تي هوندي هئي ته به پنهنجي اسڪول ۽ ٻين ادارن کي پنهنجي نظر داريءَ ۾ هلائيندي هئي.
    مان جڏهن به حيدرآباد واري گهر ويندي هئس ته مان ۽ امان گڏجي آپا شمس عباسيءَ سان ملڻ ويندا هئاسين. پاڻ ڏاڍو خوش ٿيندي هئي ۽ پنهنجي زندگيءَ جو ڏک سک پئي سليندي هئي.
    آپا شمس عباسيءَ کي گذاري به ٽي سال ٿي ويا آهن. اڄ مان پنهنجي استاد، رهبر، هڪ بهترين عورت ۽ هڪ بهترين تعليمي ماهر کي ياد ڪري کيس سلام پيش ڪريان ٿي.
    اڄ مان سنڌين کي آپا شمس وارو پيغام ۽ سوچ ٻڌائڻ چاهيان ٿي “علم حاصل ڪريو، پنهنجا تعليمي ادارا بچايو، سٺا استاد پيدا ڪريو، بهترين ۽ قابل شاگرد پيدا ڪريو”. اسان کي هڪ شمس عباسي نه پر ڪيتريون ٻيون قابل استاد کپن. اسان جي سنڌ جو تعليمي نظام تباهه ٿي چڪو آهي. عملي قدم ڪوبه ڪونهي رڳو آهن لفظي ڳالهيون ڪرپٽ، سياستدان، ڪرپٽ بيورو ڪريٽ ۽ فيس بوڪ جهڙن عالمن ۽ دانشورن اسان جي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي تي گند ڦٽي ڪرڻ کان بهتر آهي ته اچو ته اسان پاڻ پنهنجا عيب گناهه معاف ڪريون ۽ پنهنجا گندا لٽا ڌوئي صاف ڪريون.

    اربع 5 سيپٽمبر 2012ع


    اڄ جي سياست جا اسم ۽ ضمير

    هن زندگيءَ ۾ انسان پنهنجو پاڻ کان ڪيترا ئي سوال ۽ جواب ڪندو رهندو آهي. اندر جي سوالن ۽ جوابن جو حساب ڪتاب به اندر ۾ دفن هوندو آهي. هڪ حساس سجاڳ لکندڙ يا پڙهندڙ جيڪڏهن پنهنجي اندر جا حساب ڪتاب ٻاهر اوريندو ته هو پاڻ سنگسار ٿي ويندو. سچ ڳالهائڻ پٺيان ڪيترائي ارڏا ماڻهو وڙهي وڙهي وقت کان اڳ ۾ ختم ٿي ويا. جن پنهنجو اندر نه اوريو سي به جهري ۽ ختم ٿي ويا.
    اهو نه آهي ته ڪو سرويچن جي کوٽ آهي پر اسان جي آس پاس چئني طرف جيڪو وايو منڊل سالن کان منڊجي رهيو آهي سو، سومل جي ڪاڪ محل کان گهٽ ڪونهي. فرق صرف اهو آهي ته جڏهن مومل محل جي دريءَ مان ديدار ڪرائيندي هئي ته سوين طالب دولت جا انبار کڻي ڪاڪ محل ۾ ڪاهي پوندا هئا. ڪاڪ محل کي اُڪاري مومل تائين پهچڻ ڪو آسان ڪونه هوندو هو. رستي ۾ ور وڪڙ به هئا. شينهن جون گجوڙون، ڪلن جا ڪڙڪا، ناتر جون رمزون ۽ لوڏ، طلسمي حوض کان وٺي سُٽ جي کٽولن تائين هڪ وڏو مرحلو متوالا پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪري به مومل کي هٿ نه ڪري سگهيا. اوچتو ئي اوچتو راڻو الائجي ڪٿان آيو ۽ مومل جا سڀ منڊ ٽوڙي سچي کٽولي تي بالم ٿي ويهي رهيو. مومل جو مثال انڪري ڏنم ته اڳ جوان سورما حاڪم سردار پاڻ سان دولت ۽ دنيا کڻي نڪرندا هئا. مومل کي ماڻڻ لاءِ، پر سائين منهنجا هاڻ ائين نه آهي.
    اڄ اسان ترقي يافته ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ زماني جا رهواسي آهيون اڄ به مومل دريءَ کان بيٺي آهي پنهنجو ديدار پئي ڪرائي، پر حالتون ٿوريون ابتيون ٿي ويون آهن. اڄ جو ڪاڪ محل ڪو جادوئي محل نه آهي. ات ڪي ور وڪڙ نه آهن پر گلم غاليچا وڇايا پيا آهن. اڄ مومل کي ماڻڻ لاءِ مال دنيا کڻي وڃڻ جو شرط نه آهي ڇو ته مال دنيا جا انبار ته اڄ جي ڪاڪ محل جي ور وڪڙن ۾ ڀريا پيا آهن صرف ضمير جو فيصلو ڪريو. ڪاڪ محل ۾ گهڙو ته ايتري ته دولت آهي جو انسان کڻي به نه سگهي. اڄ ڪاڪ محل جي ديوان خاني ۾ ست کٽولا آهن پر انهن ۾ ڪو به فريب ڪونه آهي. سڀ کٽولا گلم، غاليچن وهاڻن عطر عنبرن سان سرها لڳا پيا آهن جت بالم ٿي ويهڻ وارن جي ڪمي ڪانهي ڏسو ته لائين لڳي پئي آهي. ضمير جي فيصلي کي نعرو بڻائي جيڪي آيا سي اگهيا. خبر نه آهي ته ڪٿ وڃي ماٺ ٿيندي.
    هاڻ سائين ڳالهه ڪجي ضمير جي. گرامر ۾ ضمير اسم جي جاءِ تي ڪم ايندو آهي. نالي جي سڃاڻپ ختم ٿي ويندي آهي. صرف اشارو وڃي رهندو آهي. هاڻ پنهنجي شخصيت، پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجو وجود وڃائي ضمير پٺيان لڳي ڪاڪ محل ۾ دولت جي انبارن تي ويهڻ وارا تون، مان، هو اهي سڀ يا ضمير به ته اسان مان ئي آهن.
    شروع ۾ لکيو اٿم ته اندر جا سوال جواب ڏاڍو تنگ ڪندا آهن ڇو ته انهن جو سلڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو. پڇيو ڪنهن ته اوهان اسان جي اسمن کي ضمير جي لالچ ڏيئي اغوا پيا ڪريو. جواب مليو توهان جا اسم ڪي ارڙهن سالن جون دوشيزائون ته نه آهن جو اسان انهن کي اغوا ڪنداسين. اهو سوال ۽ ان جو جواب ٻڌي ڪري منهنجي اندر ۾ غيرت وچان سوال اڀري آيو. ڇا ضمير جو فيصلو ڪرڻ وارا اسم ارڙهن سالن جو دوشيزائون آهن؟ همت اٿو ته ارڙهن سالن جي دوشيزائن ۾ هٿ وجهي ته ڏيکاريو..... قيامت اچي ويندي سرنهن جي داڻن وانگر پيسجي ويندو.
    وري سوال اڀريو ته هي سڀ جوان آهن. سورما آهن، عقل وارا آهن تڏهن ته ضمير جو فيصلو ڪري اسم بدران ضمير ٿيا آهن، مون انهن سڀني سورمن جون تصويرون ڏٺيون، غور ڪيم، سوچيم ته آخرهي ڪهڙا سورما آهن. غور ڪيو ۽ ڪندي رهيس ۽ منهنجي اندر ۾ سوالن پٺيان سوال اڀرندا رهيا هڪ هڪ جي شڪل چتائي ڏٺم. دل ۾ سوچيم سورما ۽ وريام ته جن دڳن تي بيهندا آهن اتان ته موت به انهن کي هٽائي نه سگهندو آهي. وقت جي ويڙهاند ۾ جيڪڏهن هو مرندا به آهن ته ان دڳ تي پنهنجو رت ڇڏي ڳاڙهن اکرن ۾ پنهنجو اسم يعني پنهنجو نالو لکي ويندا آهن. تاريخ اهڙن ماڻهن کي انهن جي اسمن پٺيان ياد ڪندي آهي انهن جو ڪو به ضميري نالو نه هوندو آهي.
    جيڪي اسم آهن ۽ ضمير ٿيا آهن اُهي دوشيزائون به نه آهن ، سورما به نه آهن. ڀلا هي آهن ڪير، آهن ڇا؟ آهن ته اسان مان ۽ توهان مان، آهن به اڄ جي دور مان جت اسان ترقي يافته ۽ عقل واري زماني ۾ رهون ٿا.
    جڏهن ڳالهه اچي ٿي زماني جي ته هڪ پراڻي زماني جي هڪ ڪهاڻي ياد اچي وئي آهي. پڙهيو اٿم ته هڪ بادشاهه ٻئي بادشاهه تي حملو ڪرڻ ويو. ڪيترا ئي ڏينهن قلعي تي گهيرو ڪري ويٺو پر فتح حاصل نه ٿيس. قلعي جا دروازا ۽ فصيلون مضبوط هيون. دروازن جا نگهبان سچا ۽ جان نثار هئا. هاڻ حملي آوارن ٻيا طريقا استعمال ڪيا، ڪن اسمن کي ضمير ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيائون. دولت دنيا جو آڇون ڏيئي انهن کي ضمير جو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيائون. ڪجهه ماڻهن جي ٽٽڻ سان قلعي جون فصيلون لُڏي ويون. بند دروازا کلي ويا. حملي آور فاتح ٿي اندر داخل ٿيا ۽ قلعي تي قبضو ٿي ويو. جڏهن حملي وارا پورو قبضو ڪري تخت نشين ٿيا ته انهن قلعي وارن کي سزائون ڏيڻ شروع ڪيون. انهن قلعي جي وفادارن کي ته جيل ۾ وڌو پر اهي اسم جيڪي ضمير ٿيا انهن کي موت جي سزا ڏنائون. هاڻ ته هي ضمير حيران پريشان ٿي ويا پنهنجي وفاداري جا واعدا ياد ڏيارڻ لڳا ته اسان توهان جي مدد نه ڪريون ها ته هن قلعي جا مضبوط دورازا به نه کلن ها. حملو ڪندڙن جواب ۾ چيو ته اهو سچ آهي ته توهان جي ڪري ئي اسان حڪمران ٿيا آهيون پر ياد رکجو جڏهن توهان پنهنجا وفادار نه رهيا آهيون ته اسان جا وفادار ڪيئن رهندؤ!
    وقت وڏو ظالم آهي. هيءَ دنيا مقافات عمل آهي. هتان جو عوام ڀلي چريو کريو هجي پر سڃاڻي سڀني کي ٿو. پنهنجن عملن جي سزا هرڪو ئي ڀوڳيندو پر ڪن غلط فيصلن جي ڪري اسان جي ڌرتي ۽ اسان جي ماڻهن جو جيڪو نقصان ٿئي ٿو ان جو ازالو صدين تائين ناهي ٿيڻو.

    اربع 25 ڊسمبر 2002ع


    سنڌ يونيورسٽيءَ جو تعليمي ماحول ۽ مسئلا

    ڪجهه ڏينهن اڳ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو هڪ کليل خط ڇپيو هو، جنهن ۾ ان سنڌ يونيورسٽي جي حالتن تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب وضاحت سان اهي ڳالهيون لکيون آهن، جنهن جي ڪري اڄ ڪلهه اسان جا تعليمي ادارا تباهيءَ جي ڪناري تي پهچي ويا آهن. اهو خط پڙهي دل ڏکائتي ٿي. ان خط کان پهرين سيد مظفر حسين شاهه وائيس چانيسلر مهراڻ يونيورسٽي جو خط به ڇپجي چڪو آهي. اهي ٻئي خط اسان جي يونيورسٽين جي ماحول جي بدحاليءَ جي مڪمل تصوير پيش ڪري رهيا آهن. ان خط جي جواب ۾ شاگردن جا خط به ڇپجي چڪا آهن. ٻنهي پاسن جا خط ۽ جواب پڙهي جيڪا صورتحال سامهون آئي آهي سا تمام خوفناڪ آهي. الانا صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماحول جون جيڪي ڳالهيون لکيون آهن ۽ ان جي جواب ۾ ايندڙ شاگردن جا خط ان ڳالهه جي تائيد ڪن ٿا. الانا صاحب جو خط پڙهي جيڪا دل کي تڪليف پهتي، ان کان وڌيڪ تڪليف شاگردن جا جواب پڙهي ٿي.
    جواب ۾ لکيل خطن ۾ شاگردن الانا صاحب جي ڪيل ڳالهين کي رد نه ڪيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ انهن ڳالهين کي وڌيڪ وضاحت سان ٻڌايو آهي ته صرف شاگرد خراب نه آهي. اتان جي انتظاميه ۽ استادن جو به ٻيڙو ٻڏل آهي، هاڻ ٻنهي خطن جا ڪجهه ٽڪرا اوهان به پڙهو.
    1. الانا صاحب لکيو آهي ته شاگرد چندا خوري ڪن ٿا. شاگرد چون ٿا ته انتظاميا به ته گهوٻيون هڻي ٿي.
    2. شاگرد تنظيمون ڏنڊي جي زور تي داخله جون سيٽون وٺن ٿيون ته استاد ۽ سرڪار وٽ وزير مشير به ته پنهنجي ڪوٽا رکيو ويٺا آهن.
    3. سيلف فنانسنگ اسڪيم يونيورسٽي لاءِ صحيح نه آهي. ان جي باوجود شاگرد، استاد ۽ حڪمران ان کي جاري رکندا پيا اچن. ان ۾ به انهن ٽنهي ڌرين جو مفاد شامل آهي.
    4. شاگرد تنظيمن جا سربراهه هاسٽل جي ڪمرن تي ناجائز قبضا ڪيو ويٺا آهن ۽ پنهنجي مائٽن ۽ ڪمين ڪار ايندڙن کي به ات رهايو ويٺا آهن. ڀلا اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي جيڪي شاگرد پڙهڻ اچن ٿا سي هاسٽلن جي بجاءِ ٻئي ڪنهن هنڌ به رهي سگهن ٿا. يونيورسٽي وارا به ته ڪم عقل آهن. انهن کي نيون هاسٽلون ٺاهڻ کپن.
    5. شاگرد ليڊر يونيورسٽيءَ جي ڪينٽن تان نه صرف پاڻ پر پنهنجي مهمانن کي به کارائين ٿا. ان سلسلي ۾ هڪ شاگرد لکيو آهي ته اهي شاگرد ويچارا ڇا ڪن ڇو ته انهن وٽ ايترو پئسو ئي ڪونهي ۽ ڪمين ڪاري انهن وٽ سڀڪو ايندو رهندو آهي. هاڻ اهو ته سنڌين جي شان جي خلاف آهي ته مهمان کي ماني نه کارائجي. هاڻ ڀلا اهي مهمان ڪينٽن تان ماني نه کائيندا ته ڀلا ڪٿان کائيندا. (سوال هت اهو ٿو اڀري ته ڇا ڪينٽين واري وٽ قارون جو خزانو آهي) ان وٽ ڪنهن جو لهڻو ليکو آهي؟
    6. شاگرد چون ٿا ته انتظاميا شاگردن جي جائز مسئلن تي بلڪل ڌيان ڪونه ٿي ڏئي ۽ انتظاميا ٿي چوي ته ليڊر انتظاميا کي ڏنڊي جي زور تي غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا.
    7. انتظاميا چوي ٿي ته شاگرد جلسن جلوسن لاءِ زبردستي بسون کڻي ٿا وڃن. شاگرد چون ٿا ته اهي ساڳيون بسون ۽ ايمبولينسون يونيورسٽيءَ جا اسٽاف پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آڻين ٿا.
    هي ڪجهه ڳالهيون آهن جيڪي مون نوٽ ڪيون آهن. اوهان جي پڙهڻ لاءِ. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جا عيب ثواب ظاهر ڪيا آهن. هنن ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي الزامن کي رد ڪرڻ جي بجاءِ اهو چيو آهي ته توهان ائين پيا ڪريو جيڪڏهن اسان ڪيو ته ڇا ٿي پيو.
    ڳالهه شروع ٿي اتان جڏهن چوٿين مارچ تي تقريرون ڪندي ڪن سياسي ليڊرن اهو چيو ته سنڌ يونيورسٽي مان فوج ۽ پوليس کي هٽايو وڃي ته هو شاگردن کي چوندا ته هو هٿيار ڦٽا ڪري پڙهائي شروع ڪن. هت اهو ٿو سوال اڀري ته ڇا هنن شاگردن انهن ليڊرن جي چوڻ تي ئي هٿيار کنيا آهن. جو انهن جي حڪم تي ڦٽي ڪري پڙهائي شروع ڪن؟ هت اهو ٿو سوال اڀري ته ڇا هنن شاگردن انهن ليڊرن جي چوڻ تي ئي هٿيار کنيا آهن. جو انهن جي حڪم تي ڦٽي به ڪندا؟ حق ۽ حقداري آخر ڪن بنيادن تي رکيل هوندي آهي. ٻيو سوال اهو ذهن ۾ اڀري ٿو ته ڇا فوج ۽ پوليس جي اچڻ کان اڳ ۾ يونيورسٽيءَ ۾ اهي سڀ حالتون موجود ڪين هيون.....؟ ڇا يونيورسٽي هنن سڀني عيبن ثوابن کان آجي هئي.....؟ هي جو اسان جا سياسي ليڊر چون ٿا ته يونيورسٽيءَ مان فوج ۽ پوليس هٽايو ته اسان هنن شاگردن کي حڪم ڪنداسين ته هٿيار ڦٽا ڪيو. اهي ليڊر ان شرط سان اها ڳالهه ڇو ٿا ڪن. هو ائين ڇو نه ٿا چون ته “شاگردو توهان هٿيار ڦٽا ڪيو، تعليم تي ڌيان ڏيان ڏيو ۽ پنهنجي مقدس تعليمي ادارن ۾ اهڙو ماحول ٺاهيو جو هي هٿيار بند پهريدار پاڻ ئي بيزار ٿي هتان هليا وڃن.”
    تعليم بنيادي سنڌو آهي، قومن جي ترقيءَ جو. ان ڪري آسماني صحيفن پيغمبرن، عالمن، اڪابرن تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. تعليم انسان کي شعور ڏي ٿي. پر اڄ ڪلهه روزگار حاصل ڪرڻ جو وسيلو به تعليم آهي. مقابلي جي ميدان ۾ جڏهن اسان جا شاگرد پوئتي رهجي ويندا آهن ته اسان رڙيون ڪندا آهيون. هنڀوڇيون هڻندا آهيون ته اسان جي نوجوانن کي روزگار نه ٿو ملي، ان وقت اسان پنهنجي دل تي هٿ رکي امين ٿي اهو فيصلو ڇو نه ٿا ڪيون ته هي نوجوان قابل آهي ته مقابلي جي ميدان ۾ ڪامياب رهي.....؟
    هي ڪوٽا سسٽم، هي ڪاپي ڪلچر هي ڌونس دڙڪا ئي آهن، جنهن جي ڪري ٿورو گهڻو سنڌي ماڻهو نظر پيو اچي. پر آخر ڪيستائين ائين ٿيندو رهندو.......؟ اسان جا شاگرد نه ٿا پڙهن ته استاد به ته انهن کي نه ٿا پڙهائين ته پوءِ اسان جي هنن تعليمي ادارن جو حشر ته ائين ئي ٿيڻو آهي. ڏوهه رڳو شاگردن جو به نه آهي، اسان جا استاد به پنهنجي پيشي سان مخلص نه رهيا آهن. مٿان وري سفارش ۽ ڪاپي ڪلچر به ٻيڙو ٻوڙيو آهي. توهان سنڌ جي بورڊن ۽ يونيورسٽي جي رزلٽن تي نظر وجهندو ته معلوم ٿيندو ته پوزيشن ۽ سٺيون مارڪون کڻڻ وارن جو تعلق استادن سان هوندو آهي. انهن مان ڪي انهن جو اولاد يا ڀائيٽا ڀاڻيجا وغيره هوندا آهن. شاگرد اگر تعليم کان باغي ٿيو آهي ته استاد به علم جو ويڪاڻو ٿيو آهي.
    هڪ اهم ڳالهه جيڪا هڪ شاگرد پنهنجي خط ۾ لکي آهي. ان لکيو آهي ته الانا صاحب اخبار جي ذريعي هي ڳالهيون ڇو لکيون آهن. بجاءِ لکڻ جي الانا صاحب شاگردن کي پاڻ وٽ سڏائي انهن کي سمجهائي ها. يونيورسٽيءَ جا راز ائين کولڻ ڪا چڱي ڳالهه نه آهي. مان ڳالهه سان اختلاف ڪيان ٿي. اسان جا تعليمي ادارا تباهه ۽ استاد شاگرد مفلوج ٿي ويا آهن. عيب ڍڪڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو. هونئن به ته ڪا شيءِ لڪل ته نه آهي. انهن حالتن کان هرڪو واقف آهي. حقيقتن کي درگذر ڪرڻ يا انهن تي پردو وجهڻ وڏي ناداني ۽ دشمني ڪرڻ جي برابر آهي.
    هي حالتون جن کان اسان ٿورو واقف هئاسين هاڻ الانا صاحب ۽ شاگردن جي خطن انهن حالتن کي اڃا وڌيڪ واضح ڪيو آهي. هاڻ اهو چئي سگهجي ٿو ته اسان جا تعليمي ادارا برباد ٿي چڪا آهن، انهي بربادي ۾ استاد، شاگرد ۽ انظاميا سڀ ٻڌل آهن. هاڻ هنن حالتن کي نندڻ جي يا ماتم ڪرڻ بجاءِ اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته هاڻ هي سڀ حالتون ڪيئن سڌاري ٿيون سگهجن.......؟
    هن ايٽمي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ جڏهن هڪ بٽڻ دٻائڻ سان سڄي دنيا جي خبر پئجي رهي آهي ان ويل اسان جون حالتون اسان کي بجاءِ اڳتي وڌڻ جي پوئتي ڌڪي رهيون آهن. هاڻ جيڪي به ماڻهو ان حالتن جا ذميوار آهن. انهن کي ئي هي حالتون سڌارڻيون پونديون. اسان جي استادن ۽ شاگردن کي ملي ڪري هڪ فيصلو ڪرڻو پوندو. اهو هڪ اهم فيصلو آهي ته “استاد پڙهائڻ شروع ڪن ۽ شاگرد پڙهڻ شروع ڪن. بس ٻيو ڪجهه به ته ناهي ڪرڻو. پوءِ توهان ڏسجو ته صرف ان هڪ ڪيل فيصلي سان ئي ڪيئن نه ٿو ماحول مٽجي......سڀ حقيقتون ۽ سچايون اسان جي اڳيان کلي نروار ٿي پونديون. ان هڪ فيصلي سان نه صرف اسان زمين جي وسعتن پر آسمان جي بلندين تائين پهچي وينداسين. ان هڪ فيصلي سان اسان جي ترقيءَ جا سڀ دروازا کلي ويندا. اچو ته گڏجي هڪ قدم کڻون هڪ فيصلو ڪيون.
    “استادن کي پڙهائڻو آهي ۽ شاگردن کي پڙهڻو آهي”.
    هلال پاڪستان 17 اپريل 1994ع


    ڏکايل ڪردار

    حنيفان کي ڏسي ڪري ۽ جن حالتن ۾ هوءَ وڪوڙيل آهي مون کي ادي اشرف ياد اچي ويئي. الاهي سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن اسان به ننڍڙا هئاسين. ادي اشرف اسان جي ڳوٺ جي هئي. کيس ٻه ڌيون ۽ ٻه پٽ هوندا هئا. هڪ ڀاءُ هوس جيڪو پوليس ۾ ننڍو صوبيدار هو. ادي اشرف اسان جي معاشري جي ان ڏاڍ جو شڪار هئي جنهن لاءِ اڄ تائين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اهڙن مسئلن جو حل اسان وٽ ڪهڙو آهي..... ادي اشرف جي جڏهن شادي ٿي هئي ته سندس گهوٽ کي بدي ۾ سڱ ڪونه هو ۽ نه وري هو ايڏو تونگر هو جو پئسا ڏي. سو نڪاح مهل کائنس ٻه پيٽ لکرائي ورتا ويا. هي اهو طريقو آهي، جنهن ۾ پهريان ٻه ٻار جيڪي ڄمندا آهن، انهن تي حق ۽ وارثي ناناڻن جي هوندي آهي. پهرين ٻن ٻارن ۾ هڪ ڌيءُ ۽ هڪ پٽ هو. هاڻ سائين ان مسئلي تي گهر ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو. ادي اشرف جي ماءُ چوڻ لڳي ته اسان پٽ کي ڇا ڪنداسين. پرايو مُٽ پرائي پيڙهي وري ٽڪا خرچ ڪري ان کي ڪٿان پرڻائينداسين. هي بي ملهيو بيڪار پٽ اسان جي ڪهڙي ڪم جو، اسان کي ٻي به ڌيءُ کپي. اشرف جي مڙس جو چوڻ اهو هو ته توهان کي اسان پهريان ٻه ٻار ڏيڻا ڪيا هئا. هاڻ توهان جو نصيب...... ها باقي جيڪي ٻيا ٻار ڄمندا انهن تي توهان جو ڪوبه حق نه هوندو، ائين جهيڙن جي دوران ادي اشرف کي وري ٻيا به ٻار ڄاوا، جنهن ۾ آخري واري ڌيءُ هئي. ان ڌيءَ جي ڄمڻ سان جهيڙا اڃا به وڌي ويا. ادي اشرف انهن مسئلن ۾ ڏاڍي منجهيل رهندي هئي. کيس پنهنجي ڀاءُ جو فڪر به هوندو هو ته ان جي به شادي ڪرائڻي آهي. هوءَ پنهنجي وڏي ڌيءُ جو عيوضو ڏيئي ڀاءُ جي شادي ڪرائڻ لاءِ تيار هئي. پر کيس سندس ماءُ جي ان ڳالهه کان اعتراض هو ته هوءَ ٻي ڌيءَ به انهن کي ڏيئي ڇڏي ۽ ماڻس ان کي به ٽڪن جي عيوض وڪڻي ڇڏي. هن جو خيال هو ته اڳتي هلي اها ڌيءَ بدي ۾ ڏيئي پنهنجي پٽن کي پرڻائيندي. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته ادي اشرف جي ماءُ ٻنهي ڇوڪرين جي چڱيءَ طرح پرگهور لهندي هئي. سندس ڪپڙي لٽي ۽ کاڌي پيتي جو خيال رکندي هئي پر ٻيا. جيڪي ٻه پٽ هئا اهي کيس ڏٺي ڪين وڻندا هئا. سندس اهم ڊائلاگ جيڪو هر وقت سندس واٽ تي هوندو هو. “بي مُلهيا ٽڪو ڪونه لهن ۽ ان پاڻيءَ تي بار” وڃو نڪرو منهنجي گهر مان. هاڻ مان اوهان کي اهو ٻڌايان ته ادي اشرف وارن جو تعلق لاڙڪاڻي ۽ دادو جي وچ واري هڪ ڳوٺ سان هو. انهن علائقن ۾ اڃا به نياڻيون ٽڪن تي وڪامجنديون آهن يا وري بدي تي رشتا ٿيندا آهن. جنهن وٽ ٽڪا يا بدي لاءِ رشتو نه هوندو آهي. ات پيٽ لکرائي وٺبو آهي. انهن علائقن ۾ پُٽ بي ملها ۽ ڌيون قيمتي هونديون آهن. نياڻيون ڄمڻ سان اُت باقاعدگيءَ سان خوشيون ملهائبيون آهن.
    سو سائين چوندا آهن ته بندي جي من ۾ هڪڙي الله جي من ۾ ٻي، ادي اشرف جي وڏي ڌيءُ اڳتي هلي رنگ روپ ۾ ڪافي سهڻي نڪتي پر خدا جي قدرت جنهن ڌيءَ تي گهڻا جهيڙا هئا، اها گونگي ۽ ٻوڙي نڪري پئي. هاڻ ته ادي اشرف ٻٽن سورن ۾ پئجي ويئي. سندس ماءُ جو رويو ناقابل برداشت ٿي ويو. ان دوران منهنجي امان ڪوششش ڪري هڪ سٺي گهر مان مئٽرڪ پاس ڇوڪري سان ادي اشرف جي ڀاءُ جي شادي ڪرائي ڇڏي. ادي اشرف جو ڀاءُ جيئن ته پوليس ۾ ننڍو صوبيدار هو، ان ڪري پئسو به چڱو هوس ۽ هاڻ جو پڙهيل لکيل شهر جي ڇوڪري ان کي ملي ويئي ته هو هڪ خوشحال زندگي گذارڻ لڳو. امان اسان جي هاڻ ادي اشرف جي ماءُ کي سمجهائيندي هئي ته هاڻ گهپي ڇڏ ته اشرف وڃي پنهنجي ساهرن ۾. هاڻ هو به ڪا بيزار ويٺي هئي. سو ادي اشرف جي وڏي ڌيءَ پاڻ وٽ رهائي باقي ٻين ٻارن سان گڏ ان کي ساهرين ڏياري موڪليائين. ادي اشرف سالن کان پوءِ جڏهن ساهرين گهر پير پاتو ته ساهرن به ڪو ان جو چڱو آڌرڀاءُ نه ڪيو. هاڻ ات به ان جي زندگي زهر هئي. هاڻ ته ان جي زندگيءَ جو رهيو سهيو آسرو ۽ اميد به ختم ٿي ويئي. ان پنهنجي مسئلي جو حل اهو ڳولهيو جو هڪ رات هُن ڳوٺ جي کوهه ۾ ٽپو ڏنو. اهڙي طرح هن ڏکن ڀري زندگيءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.....
    ادي اشرف جي روئداد مون کي ان ڪري ياد آئي ته اهڙو ساڳيو واقعو وري منهنجي سامهون آيو آهيو. اهڙا واقعا اسان وٽ اتر طرف جام ٿيندا آهن. سو هن ڀيري عيد تي جو حيدرآباد ويس ته امان جن پنهنجي بنگلي جو پٺيون سرونٽ ڪوارٽر هڪ خاندان کي ڏنو آهي. اُهي ات رهندا به آهن ۽ امان جن وٽ گهر جو ڪم به ڪندا آهن، ات ادي اشرف جهڙو ڪردار آهي پر نالو اٿس حنيفان، حنيفان اڃا پندرهن سالن جي مس آهي. کيس هڪ ٻن سالن جي ۽ ٻي ڇهن مهينن جي ڌيءُ آهي. ان کي به سندس ماءُ پيءُ زوريءَ گهر ۾ ٽڪايو ويٺا آهن. هت مسئلو اهو آهي ته حنيفان جي شادي ڀاءُ جي بدي ۾ ٿي آهي، پر سندس ڀاڄائي ۽ ڀاءُ جو پاڻ ۾ ٺاهه نه ٿيو آهي ۽ سندس ڀاڄائي وڃي مائٽن ۾ ويٺي آهي ۽ واپس نه ٿي اچڻ چاهي. ان ڪري حنيفان کي به سندس مائٽ پنهنجي گهر وٺي آيا آهن. هاڻ ڏاڍا جهڳڙا پيا ٿين. حنيفان جي ماءُ چوي ٿي ته جيڪڏهن منهنجي ننهن واپس نه ٿي اچي ته بدي ۾ مون کي حنيفان جون ٻئي ڌيئون ڏنيون وڃن، حنيفان جو مڙس ان ڳالهه تي راضي ڪونهي. هو پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر پنهنجون نياڻيون بدي ۾ نه ٿو ڏيڻ چاهي. هو اڄڪلهه جو پڙهيل نوجوان آهي، وڪالت پيو پڙهي. ان جو چوڻ آهي ته جهڙي پيڙا ۾ اسان ڀوڳيون پيا اها پيڙا اولاد ڇو ڀوڳي. ان حنيفان کي اهو به چيو ته منهنجي ڀيڻ تنهنجي ڀاءُ سان نه ٿي ٺهي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه اسان ته پاڻ ۾ ٺهيل آهيون. مان ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ٿو ڪريان، ات تون منهنجو ساٿ ڏجانءِ. پر حنيفان ۾ ايتري همت نه آهي ته هوءَ ڪورٽ ۾ ماءُ پيءُ جي برخلاف ٿي بيهي........
    جنهن ڏينهن مان حيدرآباد ويس ٽاڪ منجهند جو ٻاهر پٺين پاسي حنيفان جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون. اسان درين مان ڏٺو ته حنيفان جو ڀاءُ ڏاڍي بي درديءَ سان ان کي ماري رهيو آهي. هوءَ ڀڄڻ جي ڪوشش پئي ڪري ته جيئن اسان جي گهر ۾ اندر گهڙي پاڻ بچائي سگهي. پر سندس بي رحم ڀاءُ کيس چوٽيءَ کان وٺي گهلي گهلي ماري رهيو هو. اهو حال ڏسي اسان ٻاهر وڃي حنيفان کي بچايو ۽ ان کي اندر گهر ۾ وٺي آياسين. اُت حنيفان جي ماءُ کي به گهرايوسين ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي. ماڻس ڏاڍي آڪڙ مان چيو “جيجان ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي، ڀاءُ ماريو ته ڇا ٿي پيو ڀائر ته پيا ماريندا آهن”، هاڻ اسان سڀني کي به ڏاڍي ڪاوڙ آئي. منهنجي ماءُ ته ڏاڍي سخت لهجي ۾ حنيفان جي ماءُ کي ڳالهاؤ ڏنا. مون کي به ان جي باري ۾ ٻڌايو ويو مان چيو، ته ڀلا توهان ضد ۾ هن کي رهايو ويٺا آهيو نه ٿي وڻيوَ ته ڇڏيوس ته وڃي پنهنجي مڙس وٽ، جهڙا هت موچڙا اهڙا هُت موچڙا وري به هوندي ته پنهنجي گهر ۾ - ات حنيفان ڏک مان ڪڇي ويٺي، مون کي هاشم ٿوروئي ماريندو آهي. ڏاڍو قرب اٿس مونسان. مان ٿڪجي ڪم ڪري سمهي پوندي آهيان ته پاڻ ٻاهران ايندو آهي ته مون کي ماني ڪارڻ ڪين اٿاريندو آهي. پنهنجي ڀيڻن کي چوندو آهي ته مون کي ماني ڏيو. هن جي ننڊ نه ڦٽايو. ان مون کي اهو به چيو هو ته ڪورٽ ۾ منهنجي ٿي نه ته مان وڃي ٻي شادي ڪندو مانءَ. هاڻ ڇهون مهينو ٿيو آهي ته ان جي ڪا خبر ئي ڪانهي ڏک مان حنيفان روئي ويٺي. وڌيڪ چوڻ لڳي هت ته سڄو ڏينهن مون کي ٿا ڇڙٻين. ڏٺوَ نه ادي ڪيئن نه ڀائر مون کي ماريندا آهن، هاڻ مان هنن وٽ ڪونه رهندس. حنيفان جي ماءُ گهڻا ور وڪڙ ڳالهين ۾ ڏنا، پر جيئن ته حنيفان کي تازو مار ملي هئي ۽ هوءَ جوش ۾ هئي، سو ان هر ڳالهه کي رد پئي ڪيو. اهو به چيائين مون واري ڀاڄائي ته ڪانه موٽندي باقي منهنجي زندگي ڇو زهر ڪئي اٿو. اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي اسان حنيفان جي ماءُ تي زور رکيو ته سدا ملوڪ ڌيءَ اٿئي اڃا ته عمر به ننڍڙي اٿس ڇو ٿي ان جي زندگي برباد ڪرين، ها باقي حنيفان جو مڙس ڌيون نه ٿو ڏي ته پئسا وٺي ڇڏ. حنيفان جي ماءُ جوش مان چيو مون وارو پٽ پنهنجي زال کي طلاق ڪونه ڏيندو. ڀلي پئي سڙي مري ۽ پونس ڪيئان. مان ان کي سمجهايو ته چري اڄ ڪلهه سڀ ڪنهن کي زندگي گذارڻ جي آزادي آهي. تو واري ننهن اگر عدالت ۾ وئي ته ٻه شنواين ۾ پنهنجي جان ڇڏائي ويندي. هاڻ اهي قانون ڪونه رهيا آهن ته عورت سڄي زندگي مرد جا عذاب ڀوڳي. هاڻ ته حنيفان جي ماءُ جون اکيون کلي ويون. چوڻ لڳي سچ ٿي چوين امان عورتون ڪورٽن ۾ وڃي مڙسن کان طلاق وٺي سگهن ٿيون، آئي پوءِ مٺيس منهنجي پٽ جو ڇا ٿيندو. اسان ان کي سمجهايو ته پٽ جي پرواه نه ڪر ڌيءَ جو سوچ جيڪا خوامخواه ظلم ۾ اچي ويئي آهي. ان ويل منهنجي ننڍي ڀيڻ ادي اشرف وارو واقعو ٻڌايس ۽ چيائين ته توهان ماءُ پيءُ اولاد سان قرب ڪونه ٿا ڪيو ضد ٿا پڄايو ڏسجان هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو ادي اشرف وانگر حنيفان به وڃي کوه ۾ ٽپو ڏيندي پوءِ ويٺا روئندؤ پر ورندو ڪجهه به ڪين.
    ايترو ڪجهه سمجهائڻ کانپوءِ به مان محسوس ڪيو ته اسان جو ايترو ڳالهائڻ بيڪار آهي ڇو ته ضد ۽ انا جو مسئلو آهي....ڏوڪڙ، بدي جو سڱ ۽ پيٽ لکي وٺڻ اهي اهڙا مسئلا آهن، جن لاءِ اسان جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻو آهي. انهن کي هي ٻڌائڻو آهي ته ڌيءَ هجي يا پٽ ٻئي اولاد خدا جي نعمت آهن. ٻئي انمول آهن. ڀريل ۽ سڪون وارو گهر اهو آهي جنهن ۾ عورت گهر جي مالڪياڻي ۽ مرد زمينداري کڻڻ وارو هجي. جت ڏوڪڙن جو ڪاروبار هوندو، اُت محبت جي ڳنڍ ٻڌجي ڪين سگهجندي.
    هلال پاڪستان 17 جولاءِ 1994ع


    هڪ سسئيءَ ٻيا سُور

    پيڙائن ۾ وڇڙيل ڏکن جي رستي تي هلندڙ ڪي جيون ائين زندگي گذاريندا آهن جو هڪ سسئي ٻيا سور..... واري ڳالهه ياد اچي ويندي آهي. اهڙو ئي نصيب آندو هو منهنجي جيڏل فرخنده......ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن حيدرآباد ويس ته خبر پئي ته فرخنده مري ويئي آهي. هوءَ منهنجي ڪاليج جي زماني جي ساٿياڻي هئي. لطيف آباد ۾ اسان جي گهر جي سامهون واري گهٽيءَ ۾ سندس گهر هو. منهنجي ان سان پهرين ملاقات رستي تي ٿي هئي. هوءَ رڪشا جي انتظار ۾ بيٺي هئي ۽ جڏهن منهنجي گاڏي اتان لنگهي ته ڪاليج جو يونيفارم سڃاڻي مون کيس پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهاريو هڪ ئي ڪاليج ۾ پڙهڻ جي ڪري اسان ٻئي پاڻ ۾ گهرا ٿي وياسين. هاڻ مان ان کي سندس گهر مان کڻندي ۽ ڇڏيندي هيس. فرخنده جو تعلق پنجاب سان هو. هوءَ اهڙي مڊل ڪلاس گهراڻي جي ڇوڪري هئي جيڪو اڃا تائين ريتن، رسمن جو قائل هو. هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڌيءُ ۽ ٻن ڀائرن جي ڀيڻ هئي.
    آخر اهو وقت به آيو جو مان اچي ڪراچي وسائي ۽ فرخنده به شادي ڪري فيصل آباد هلي ويئي هاڻ سالن تائين اسان جي ملاقات ڪانه ٿيندي هئي. مائٽن جي گهر مان ٿوري گهڻي خبر چار پوندي رهندي هئي. هاڻ جو ان جي مرڻ جي خبر ٻڌم ته ويس ان جي گهر ۾، سندس پوڙهي ماءُ صدمي کان بي حال هئي ۽ پيءُ ٿورو عرصو اڳ مري چڪو هو. ات جيڪا حقيقت جي خبر پئي ته منهنجو هيانءُ ته مٺ ۾ اچي ويو. اسان جهڙا جيون جيڪي پنهنجا سور سنڀاليو دنيا جي هن هُل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ آهن. ان وقت ٻين جا سور ٻڌي لڳندو آهي ته زندگي ۽ دنيا ته اسان تي ڏاڍي مهربان آهي، ڪن انسانن کي ته هيءَ زندگي سورن کانسواءِ ڪجهه به نه ٿي ڏي. فرخنده جي شادي پنهنجي برادري ۾ ٿي هئي. فيصل آباد ۾ سندس گهر واري جو ڪاروبار هوندو هو. هو به ٽن ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو. انهن ٽنهين جي اڃا شادي ڪانه ٿي هئي. ماءُ ۽ ڀينرون ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان فرخنده کي پرڻائي وٺي ويون. فرخنده شڪل جي سهڻي ۽ پڙهيل لکيل سمجهدار هئي. سندس گهر وارو ڏاڍو گهرندو هوس، گهر جي ڪم ڪار ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ هوءَ ساهرن سان تعاون ڪندي هئي. گهڻي کان گهڻو ڪم ڪري سس ۽ نڻائن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. شروع ۾ ته اها ڳالهه ساهرن کي ڏاڍي وڻي، هر ايندڙ ويندڙ جي اڳيان ساراهه پئي ٿيندي هئي. ڪجهه عرصي کانپوءِ سندس ساهرن رخ مٽائڻ شروع ڪيو. سندس نڻائون جن جي اڃا شادي نه ٿي هئي فرخنده جي گهر ۾ اهميت برداشت نه ڪري سگهيون. انهن اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته فرخنده گهر ۽ مڙس تي قبضو ڪري هنن جو حق کسڻ ٿي چاهي. ان ساڙ ۽ حسد جي ڪري انهن فرخنده سان نفرت جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. آهستي آهستي گهر جو ماحول بگڙجڻ شروع ٿيو، جنهن گهر ۾ پهرين پيار ۽ سڪون هو هاڻ اُت جهيڙا ٿيڻ شروع ٿي ويا.
    وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو ۽ ڏينهن سالن ۾ مٽجندو رهيا. هاڻ فرخنده ٽن ٻارن جي ماءُ ٿي ويئي. گهر جي ماحول ۾ بي سڪوني هئي. سندس گهر وارو بيزار ٿي اڪثر وقت گهر کان ٻاهر گذاريندو هو. هو به ايترو مجبور ٿي پيو جو نه پنهنجي ڀيڻن کي سمجهائي پيو سگهي ۽ نه وري فرخنده کي خوش رکي پئي سگهيو. وقت پوڻ سان فرخنده جي به قوت برداشت گهٽجي ويئي ان به پنهنجي حق لاءِ وات کولڻ شروع ڪيو. انهن لفظن جي ڏي وٺ جي ڪري گهر جو ماحول تمام گهڻو خراب ٿي چڪو هو. فرخنده پرديس ۾ پنهنجي گهر ۾ اولاد هوندي به اڪيلي ٿي پيئي. سڄي گهر ۽ سندس گهرواري جي مٿان سس نڻانون حاوي ٿي ويون. فرخنده سمجهدار هئي. هوءَ پنهنجي ڏکن جو ذڪر پنهنجي مائٽن سان به ڪونه ڪندي هئي. اڪيلي اڪيلي سڀ ڀوڳنائون پنهنجي مٿان پئي ڀوڳيندي هئي. هاڻ هوءَ بيمار رهڻ لڳي. طبيعت ۾ بيزاري ۽ چڙ وڌي ويئي هيس.
    هڪ ڏينهن گهر ۾ وڏو جهيڙو ٿيو، فرخنده جون نڻانون ۽ سس ان ڳالهه تي اچي بيٺيون ته فرخنده کي طلاق ڏياري وڃي..... فرخنده جي گهر واري به دير ئي ڪانه ڪئي. ڀيڻن ۽ ماءُ مان ته جان نه پيو ڇڏائي سگهي. باقي رهي زال تنهن کي هونئن به ٽي دفعا هاڪار ڪري پنهنجي ڪري سگهجي ٿو ته وري ٽي دفعا ناڪار ڪري ان کي زندگيءَ کان ڪڍي ڦٽي ڪري سگهجي ٿو. اهو حق مذهب ۽ معاشري مرد کي ڏنو آهي. اهو حق استعمال ڪري پنهنجا ٻار فرخنده کان کسي ريل گاڏي جي حيدرآباد جي ٽڪيٽ وٺي فرخنده جي گهر واري ان کي روانو ڪري ڇڏيو.......
    هاڻ فرخنده مائٽن وٽ هئي، غم کان بي حال ٿي چڪي هئي، گهر جو تباهه ٿيڻ ۽ ٻارن جي جدائي کيس ذهني مريض بڻائي ڇڏيو. هاڻ ان تي دورا پوڻ لڳا. ان دوران سندس والد به انتقال ڪري ويو. سال کن اهڙين حالتن ۾ گذري ويو. فرخنده سڀ ڪجهه برداشت ڪيو. پر ٻارن جي جدائي برداشت نه ڪري سگهي هر وقت ٻارن کي ياد ڪري روئندي هئي. ڊاڪٽر چوندا هئا ته ٻارن سان ملڻ کان پوءِ فرخنده بهتر ٿي سگهي ٿي. سندس ساهرا ٻارن کي فرخنده ڏي حيدرآباد موڪلڻ نه پيا چاهين. مجبور ٿي ڀائرن ۽ اهو فيصلو ڪيو ته فرخنده کي فيصل آباد وٺي وڃي ڪنهن مائٽ جي گهر ۾ رهجي ۽ اُت فرخنده سان ٻارن جي ملاقات ڪرائجي.
    جنهن ڏينهن شام جو ڀائر فرخنده سان گڏ فيصل آباد پهتا ان رات ڇا ٿيو جو جنهن گهر ۾ فرخنده اچي رهي هئي سو سندس ساهرن جي گهر ڀرسان هو. اڌ رات مهل فرخنده اڪيلي ٻاهر نڪتي ۽ وڃي ساهرن جو در کڙڪايائين. سندس نڻان دروازو کوليو. فرخنده کيس ڏاڍو ليلايو هڪ نظر ٻارن کي ڏسڻ لاءِ منٿون ڪيائين پر سندن نڻان ملڻ نه ڏنو ۽ چيائين صبح جو ملجانءِ. ائين چئي هوءَ دروازو بند ڪري هلي ويئي. فرخنده به اُت بند دروازي وٽ ويهي رهي. تان جو اچي ٻانگن جو ٽائيم ٿيو. ان پاڙي جو مولوي مسجد ڏانهن ويندي ان گهٽيءَ مان اچي لنگهيو. فرخنده کي ائين ويٺل ڏسي ساري حقيقت معلوم ڪيائين ۽ ان کي وڃي گهر ڇڏي آيو.
    هي مولوي چڱو ماڻهو هو. ٻئي ڏينهن ان صبح سان فرخنده جي مڙس کي پاڻ وٽ گهرايو پاڙي جا چار چڱا به گڏ ڪيائين. فرخنده جي گهر واري کان اها راءِ ورتائون ته ڇا تون فرخنده سان ٻيهر نڪاح ڪندين. هو به گهرجي ماحول کان بيزار هو. ٻارن جي پالڻ جو به مسئلو هو سو هو راضي ٿي ويو. هونئن به ٻارن کي ماءُ کانسواءِ ڪير ٿو پالي سگهي. اها راءِ فرخنده ۽ ان جي ڀائرن اڳيان به رکي ويئي. فرخنده پنهنجي ٻارن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هئي......پر هاڻ مذهب جون به ڪي حدبنديون آهن. ان ڪري پاڙي جي هڪ نوجوان کي فرخنده سان نڪاح ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو. پروگرام اهو رٿيو ويو ته اڄ شام جو ان نوجوان سان فرخنده جو نڪاح ڪري رخصت ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن اهو نوجوان طلاق ڏئي ان کانپوءِ عدت جو مدو پورو ڪري ٻيهر فرخنده جو نڪاح سندس گهر واري سان پڙهايو وڃي. مولوي صاحب سڀ ذميداري پاڻ تي کنئي. پنهنجي گهر مان نڪاح ڪري فرخنده رخصت ڪيائين ان ويل فرخنده پٿر جي ڀت وانگر هئي. خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه ڏسندي ۽ برداشت ڪندي ويئي.....ٻئي ڏينهن صبح سان اها خبر ڦهلجي ويئي ته رات فرخنده گذاري ويئي. اهڙي طرح فيصل آباد ۾ جت فرخنده جو گهر آباد ٿي نه سگهيو اُت مستقل قبر جي جاءِ ملي ويس.
    اهو سڀ ڪجهه ٻڌي ڪري مان سوچيو ته فرخنده ڪيڏو نه عذاب سٺو هوندو.....پنهنجي ٻچن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو گهر آباد ڪرڻ لاءِ هڪ پرائي مرد کي به پنهنجي زندگيءَ ۾ آڻڻ لاءِ راضي ٿي ويئي. ان جي باوجود به جيئري پنهنجي ٻارن جو منهن ڏسي ڪانه سگهي.....هيترو وقت ٻارن جي جدائي برداشت ڪري ويئي. پر ٻارن سان ملڻ لاءِ جنهن ڏکئي وقت مان هوءَ گذري نڪاح کانپوءِ اهو هڪ ڏينهن جو عذاب سندس موت جو ڪارڻ بڻيو....فطري طور هر انسان چاهي اُهو مرد هجي يا عورت. شاديءَ جو ملاپ خوشين جو ملاپ هوندو آهي.....مرد ۽ عورت جو ساٿ، محبت جو رشتو ۽ گهر جو سڪون انسان کي خوشيون ڏيئي ٿو. ان کانپوءِ حالتون اهڙيون ٿي وڃن. جهڙيون فرخنده جون ٿي ويون.ان وقت ٻارن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ اهڙي قرباني ڏيڻ جو وقتي طور پنهنجو پاڻ کي غير مرد جي حوالي ڪرڻ هڪ غير تمند عورت لاءِ موت جو ڪارڻ ئي ٿي سگهي ٿو...... ان ڪري ئي شايد فرخنده مري ويئي.
    هلال پاڪستان 11 جولاءِ 1994ع


    ڏاڍو جيون ۽ ڏکن جون واٽون

    اڄ وقت ۽ حالتن ان کي بي وس ڪري ڇڏيو آهي. ڪو وقت هو جڏهن سڀ ڪنهن جي وات ۾ ان جو نالو هوندو هو. پنهنجي وقت جي نالي واري هستي اڄ موت جي قريب وڃي پهتي آهي. کيس ڪيتريون ئي بيماريون وڪوڙي ويون آهن. سندس اصل بيماري آهي تنهائي، سڄي زندگي هوءَ تنها رهي آهي. ڪو ٿورو وقت ان جي زندگيءَ ۾ ڪير آيو هو. هو ائين آيو جو وڃڻ کان پوءِ زندگيءَ جون سڀ خوشيون ۽ راحتون ان کان کسي ويو – سندس عروج جي زماني ۾ مان به کيس ڏٺو هو. گهڻو ڳالهائيندڙ هر وقت ٽهڪ ڏيندڙ رخسانه جنهن جي صحبت ۾ هو ڪو خوش ٿيندو هو.
    هوءَ زبيده ڪاليج جي هاسٽل ۾ ڪمري نمبر ڏهه ۾ رهندي هئي. ان وقت منهنجي وڏي ڀيڻ ڪاليج جي پهرين سال ۾ داخلا ورتي هئي، جڏهن به اسان ڀيڻ سان ملڻ هاسٽل ۾ ويندا هئاسين ته سڀ کان پهرين رخسانه ئي اچي اسان سان ملندي هئي. ان جي نظر انهن کاڌي جي شين تي به هوندي هئي جيڪا اسان آڻيندا هئاسين. هوءَ حجت ڪري امان کي چوندي هئي ماسي منهنجو حصو ڪٿي آهي. امان چوندي هئي ته پٽ هي سڀ ڪجهه اوهان سڀن لاءِ آندو اٿم. هڪ دفعو جڏهن اسان آياسين تي هوءَ ستي پئي هئي. پوءِ اها ڳالهه اسان جي ڀيڻ ٻڌائي ته رخسانه ڏاڍي ناراض ٿي ته مون کي اٿاريو ڇو ڪين. منهنجا گهر وارا ته ڏاڍو پري ٿا رهن. غريب آهن ان ڪري اچن به گهٽ ٿا، ماسي جن ايندا آهن ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن مان زبيده ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته اتفاق سان مون کي رخسانه سان گڏ ڏهين نمبر ڪمري ۾ جاءِ ملي، ان زماني ۾ هوءَ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ايم. اي ڪري رهي هئي. رخسانه سان گڏ رهڻ کان پوءِ مان ڏٺو ته، هر وقت ٽهڪ ڏيندڙ سڀني کي ڪم ايندڙ رخسانه رات جي تنهاين ۾ سڏڪا ڀري روئندي هئي ڪمري جي دري جيڪا جبل جي پاسي کلندي هئي، اتي بيٺي آسمان ڏانهن ڏسندي رهندي هئي.
    هڪ رات مان اُٿي سندس خاموشيءَ کي ٽوڙيو. کيس کلي ٽوڪ ۾ چيم ادي رخسانه آسمان ۾ تارا پئي ڳڻين ڇا؟ هوءَ ڇرڪ ڀري مون ڏي ڏسڻ لڳي – ڪائنات جون سڀ ويرانيون، ڏک ۽ پيڙائون مون سندس اکين ۾ ڏٺيون. ان ويل هوءَ عادت موجب کلي ڪا نه ۽ نه وري موٽ ۾ مون کي ڪو جواب ڏنائين خاموشيءَ سان وڃي پنهنجي پلنگ تي سمهي رهي. هاڻي منهنجي رخسانه ۾ دلچسپي وڌي ويئي. ان دوران هڪ وڏو انڪشاف مون تي ٿيو. هوءَ هڪ سٺي ليکڪا به هئي ۽ نالو مٽائي لکندي هئي. ادب سان منهنجي به دلچسپي هوندي هئي. ٻي اها ڳالهه جيڪا مون کي معلوم ٿي ته رخسانه يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي باوجود زبيده ڪاليج جي هاسٽل ۾ ان ڪري رهندي هئي جو آپا شمس عباسي ان جي مدد ڪندي هئي. ميس جي ماني ۽ ڪپڙن ڌورائڻ جو بل کانئن ڪين ورتو ويندو هو. آهستي آهستي اسان پاڻ ۾ ويجهو ٿيندا وياسين، مان سنڌي ادبي ڪتاب ۽ رسالا وٺندي هئس. هوءَ انهن کي شوق سان پڙهندي هئي. هڪ دفعو مون کي چيائين ته ڪاش تون مون جيتري هجين ها. شروع کان وٺي مون سان گڏ رهين ها ته مان ڪيترا نه ڪتاب پڙهي ڇڏيان ها. اهي ڪتاب جن کي مان چاهيندي به خريد ڪري نه ٿي سگهان – هوءَ سٺو لکندي هئي، شاعري به ڪندي هئي ته ڪهاڻيون به لکندي هئي. ستر واري ڏهاڪي ۾ ان تمام گهڻو لکيو. معياري ۽ نالي وارن رسالن ۾ سندس لکڻيون ڇپجنديون هيون.
    ٻن سالن کان پوءِ ايم. اي ڪري هوءَ هلي ويئي ۽ وري نظر نه آئي. سندس لکڻيون ڪيترن سالن تائين پڙهڻ لاءِ ملنديون رهيون. هڪ ڳالهه جو مون کي شدت سان احساس ٿيندو هو ته ان جي شروع وارين لکڻين ۾ زندگي هوندي هئي ۽ هاڻ سندس لکڻين ۾ مايوسيون، نراسايون ۽ شڪايتون هونديون هيون، سندس لکيل ڪي شيون ته مون کي پريشان ڪري ڇڏينديون هيون. شدت سان دل چاهيندي هئي ته رخسانه ڪٿي ملي وڃي ته کانئس سندس لکڻين ۾ پيڙائن ۽ ڏکن جو سبب پڇان پر هوءَ مون کي ڪٿ به نظر نه آئي. آهستي آهستي سندس لکڻيون به نظر نه اچڻ لڳيون. هن دنيا جي وهڪري ۾ جيڪو الڳ ٿي ويو ڄڻ ته دل تان لهي ويو. وقت جا قافلا پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان رهندا آهن. ڪير ٿو ڪنهن کي ياد ڪري، ڪير ٿو ڪنهن کي ڳولهي. ڪنهن ادبي پروگرام ۾ ڪڏهن ڪن محفل ۾ سندس نالو هڪ ليکڪا طور ياد ڪيو ويندو هو. ان ويل رخسانه جي تصوير منهنجي ذهن ۾ اڀرندي هئي ۽ مان سوچيندي هيس الائجي ڪٿي ڪهڙي حال ۾ هوندي رخسانه . . . . .
    مهينو کن اڳ هڪ معجزو رونما ٿيو. رخسانه مون وٽ پاڻ هلي آئي. کيس اها خبر نه هئي ته مان اها ئي اڪرم سلطانه آهيان، جيڪا هاسٽل ۾ ان سان گڏ ڪمري ۾ رهندي هئس. هوءَ ته سلطانه وقاصي سان ملڻ آئي هئي. ان وقت رخسانه سان گڏ هڪ اوڻيهن ويهن سالن جي ڇوڪري به هئي. مان هڪ نظر ۾ رخسانه کي سڃاتو هوءَ به مون کي سڃاڻي ويئي. جيتري سڪ منهنجي دل ۾ ان لاءِ هئي اهڙي ئي سڪ سان هوءَ مون سان ملي. اسان ڪيتري دير تائين پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا رهياسين. ائين پئي لڳو ته زبيده ڪاليج جي هاسٽل جي ڪمري نمبر ڏهين وارو ماحول ۽ وقت موٽي آيو آهي. هاڻ رخسانه ۾ اها زندگي ۽ ٽهڪ ڪين رهيا هئا ڪمزور ۽ لاغر پئي لڳي اهو به محسوس ڪيم ته معاشي طور به خوشحال نه آهي. مان گهڻو ڪجهه ان کان پڇڻ پئي چاهيو پر ڇو ته هوءَ مون کان عمر ۽ پڙهائيءَ ۾ وڏي هئي ۽ هو شروع کان وٺي هڪ حد رکندي هئي. انهن سببن جي ڪري چاهيندي به مان کانئس سندس ذات متعلق ڪجهه به پڇي ڪين سگهيس. ساڻس گڏ ڇوڪري سندس ڌيءَ هئي. مان کانئس اچڻ جو سبب پڇيو ته مرڪي چوڻ لڳي. سٺا ڪالم ٿي لکين دل چاهيو تو سان ملان ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي ائڊريس ڏئي هلي وئي. رخسانه هاڻ مون کي بيچين ڪري ويئي ۽ مان به وقت ڪڍي وڃي سندس گهر ڳولهي لڌو جيڪو ڪراچيءَ ۾ اهڙي هنڌ هو جت زندگيءَ جون سهولتون گهٽ هيون. رخسانا مون کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. ڪيتري دير تائين منهنجا هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي ويٺي. سندس ڌيءَ ان ويل گهر ۾ ڪا نه هئي ٻڌايائين ته پاڙي ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي. ان ويل مان کانئس پڇيو تون ڇا ڪندي آهين ۽ تنهنجو گهر وارو ڇا ڪندو آهي. جواب ڏيڻ مهل سندس چهري تي نفرت اڀري آئي. ڪرڀ مان چيائين نه پڇ انهن جو جيڪي اڪيلو ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا. منهنجي دل کي جهٻو آيو. کيس چيم اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون. ڪير مري وڃي يا ڇڏي ڀڄي وڃي فرق ڪهڙو ٿو پوي . . . . .
    هوءَ حيرت مان مون کي ڏسڻ لڳي. پوءِ اسان پاڻ ۾ زندگيءَ جي ڏکن سکن جون ڳالهيون ڪيون پهرين ته هوءَ ڳالهائيندي پاڻ کي ڏاڍو مضبوط محسوس ڪرائي پئي پر پوءِ هوءَ جهري پئي ۽ سڏڪا ڀرڻ لڳي. پاڻ ٻڌايائين ته سندس شادي سؤٽ سان ٿي، جيئن ته هوءَ ايم. اي پاس هئي ۽ سندس سؤٽ مئٽرڪ مس ڪئي هئي پر مائٽن شادي ڪرائي ڇڏي. گهر ۾ گهڻي خوشحالي به ڪا نه هئي، ان وقت سنڌي پڙهائڻ لاءِ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ڪافي ضرورت هئي ان چاهيو پئي ته نوڪري ڪري پر سندس گهر وارو عجيب خيالن جو هوندو هو. هوءَ ان جو گهڻو خيال رکندي هئي پر لڳندو ائين هو ته هوءَ ان کي وڻي ئي ڪا نه ٿي. سندس لکڻ پڙهڻ تي هو سخت ناراض ٿيندو هو. سڀني اديب ۽ اديبائن کي گهٽ وڌ چوندو هو. ان مون کي ڏاڍا عذاب ڏنا سڀ صبر سان سٺم ته به ڇڏي هليو ويو. پوءِ هيءَ ڌيءَ ڄائي ۽ مان ڀائرن جي در تي محتاج هيس، ان وقت وري نوڪري ڪرڻ چاهيم ته ڀائرن نه ڪرڻ ڏني. اهو ڏاڍو ڏکيو وقت هو. وقت ۽ حالتون مٽيون ته سرڪاري نوڪريءَ جي عمر به گذري چڪي هئي. منهنجي ذميدارين مان ڀائر به هٿ ڪڍي ويا. هاڻ هت هڪ ريڊي ميڊ سلائيءَ ڪرڻ جي اداري ۾ ڪم ڪندي آهيان. اڳ سلائي ڪندي هيس هاڻ سپروائيزر آهيان . . . . .
    مان کانئس پڇيو ته آخر تنهنجو گهر وارو توسان ڪهڙو ظلم ڪندو هو. چيائين هڪ معمولي مثال ئي وٺ جڏهن به مان باٿ روم ۾ ويندي هيس ته هو ٻاهران ڪڙو ڏيئي بتي بند ڪري ڇڏيندو هو. مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ باٿ روم ۾ بند رهندي هيس ۽ ٻاهر سڀ پيا چوندا هئا ڇو بند ڪيو اٿئي، ڀلا کوليس کڻي ۽ پوءِ سڀني جا ٽهڪ هوندا هئا. مان انڌاري ۾ خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه ٻڌندي رهندي هيس ۽ پوءِ باٿ روم وڃڻ کان پئي ڊڄندي هيس. ان ڏک مان چيو سلطانه مان اڄ به اهو محسوس ڪندي آهيان ته باٿ روم جي ڪنڊ ۾ انڌيري ۾ مان ويٺي آهيان ۽ ڪاڪروچ، ماڪوڙا منهنجي جسم تي پيا هلن. ائين چئي هوءَ سڏڪا ڀري روئندي رهي. مان کيس آٿت ڏني ۽ پڇيومانس ته تو آخر مون کي ڪيئن ڳولهي لڌو. چيائين تنهنجا ڪالم پڙهندي آهيان. هاڻ مان بيمار ٿي رهان خبر نه آهي ڪيڏي مهل مري وڃان سو پنهنجي ڌيءَ کي هٿيڪو ڪرڻ چاهيان ٿي. تون ڪا هن لاءِ مائٽي ڏس جتي هيءَ وڃي سکي ٿئي. . . . اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي منهنجو اندر جهري پيو مان سوچيندي رهيس ته سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي واريون اديبائون جن ان دور ۾ تمام سٺو لکي پاڻ کي مڃرايو، انهن مان ڪيتريون خوش آهن؟ هر ڪا پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪهاڻي آهي. جدوجهد تڪليف ۽ مقابلي ڪري جيئڻ واري ڪهاڻي.
    هلال پاڪستان 31 جولائي 1994ع


    شعور جي منزل

    مان هڪ اهڙي تنظيم ۾ ويٺي هيس جت سنڌ مان ڪافي سڄاڻ ماڻهو ويٺا هئا. ان تنظيم جي مان به ميمبر آهيان. ڪافي دفعا گڏجي ڪم ڪيو اٿئون. هن ڀيري مون ات هڪ نئون چهرو ڏٺو. هوءَ ڏاڍي اٻوجهه هئي ۽ پياري هئي ۽ هيسيل ويٺي هئي. جت گهڻا مرد هجن ۽ هڪ ٻه عورت هجي ته هروڀرو به بيچيني ٿيندي آهي. شايد هوءَ نئين هئي ان ماحول ۾ تڏهن ايترو پريشان ويٺي هئي. مان هلي ويس ان سان ملڻ لاءِ، ان جو ڀاءُ به ات ان سان گڏ هو. ڳالهين دوران ان مون کي حيرت ۽ عجب مان هڪ حيران ڪُن واقعو ٻڌايو، (هي واقعو ان لاءِ حيران ڪُن هو) ان ٻڌايو ته ادي اسان سڀ هت هوٽل ۾ رهيل آهيون، مون سان گڏ هڪ ٻي ساٿياڻي به ڪمري ۾ رهيل آهي. مان ته اڃا نئين آهيان ان ڪري گهٽ ٿي ڪنهن کي سڃاڻان. منهنجي ساٿياڻي سڀني کي سڃاڻندي آهي. ان ڪري هوءَ سڀني سان ڳالهائيندي به آهي. ڪالهه رات پروگرام ختم ٿيڻ کان پوءِ اسان رات جي ماني کائي بيٺا هئاسين ۽ منهنجي ساٿياڻي (جيڪا پاڻ سٺي اديبه آهي) سڀني سان ڳالهائي پئي، مان ته ات ماٺ ڪيو بيٺي هيس، ات بيٺل هڪ ماڻهو ٻه ٽي دفعا مون کان منهنجو نالو ۽ مان ڪٿان آئي آهيان پڇيو. هر بار مون ان کي جواب ڏنو. آخر جڏهن هو نه مڙيو ۽ وري پڇيائين ته مان چيومانس اوهان مون کان بار بار منهنجو نالو ڇو ٿا پڇو؟ ان جواب ۾ چيو ته مون کان اوهان جو نالو وسريو ٿو وڃي اُن جو رويو ۽ ڳالهائڻ جو انداز سٺو نه هو. ٿورو همت ڪري ان کي چيم اوهان جو منهنجي نالي ۾ ڇا وڃي، ڇو ٿا پڇو گهڙي گهڙي منهنجو نالو. ائين چئي مان اتان هلي ويس ۽ گهٻراهٽ ۾ وڃي لفٽ ۾ چڙهيس. جيئن مان پنهنجي ڀاءُ جي ڪمري ڏانهن وڃان ۽ ان کي سڀ ڪجهه ٻڌايان. لفٽ ۾ چڙهڻ کان پوءِ الائجي ڪهڙو بٽڻ دٻايم، جڏهن لفٽ کلي ته خبر پئي ته مان هوٽل جي آخري منزل تي بيٺي هيس. هاڻ ته مان صفا پريشان ٿي ويس، اُت ڪجهه انگريز عورتون ۽ مرد بيٺا هئا، مون کي ته ڪا خاص انگريزي به ڪا نه پئي آئي، مڙيئي ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيم ته اهي سمجهي ويا ته مان ڀلجي پئي آهيان، سو انهن هوٽل جي هڪ ماڻهوءَ کي سڏيو جنهن مون کي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ فلاڻي نمبر ڪمري ۾ رهندو آهي ۽ اهو ماڻهو مون کي ڀاءُ جي ڪمري تائين ڇڏي ويو. مون کي ته ڏاڍو روئڻ پي آيو، ڀاءُ کي چيم ته مان هت ڪو نه رهندس، مون کي ڀيڻ جي گهر ڇڏي اچ. سو ادي رات مان پنهنجي ڀيڻ وٽ ويس هاڻ اتان پئي اچان. ان جڏهن اها حيرت ناڪ خبر ٻڌائي ته مان به اهڙو ئي حيرانيءَ مان پڇيومانس ته اهو آهي ڪير ٿورو مون کي ڏيکار ته سهي ان مون کي اشارو ڪري ٻڌايو ته فلاڻو آهي، جنهن شخص ڏانهن ان اشارو ڪيو اهو منهنجي اڳيان چڱو معتبر ماڻهو آهي. هاڻ ته مان سچ پچ حيران ٿي ويس، ان شخص مان مون کي اها اميد نه هئي. جنهن وقت ان ڇوڪريءَ مون کي اهو سڄو قصو ٻڌايو پئي ان ويل به ان تي گهٻراهٽ طاري هئي ۽ اکين ۾ هلڪي آلاڻ هئي.
    ان ويل منهنجي ذهن ۾ الائجي ڪيترا خيال آيا ۽ ويا پئي، مان ٿورو ڳالهه کي ٺاهڻ لاءِ ان ڇوڪريءَ کي سمجهائيندي چيو ته ڪير نالو ٿو پڇي ته ان ۾ گهٻرائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي. تو کي بجاءِ گهٻرائڻ جي نرمائي سان ان شخص کي چئين ها ته ادا هڪ ته ٻه ٽي دفعا نالو ٻڌايو اٿمانو اگر ياد نه ٿو اچيو ته ذهن تي زور نه ڏيو. ڀلا توهان کي ضرورت ڪهڙي آهي، منهنجي نالي ياد رکڻ جي ٿوري سختيءَ سان ان شخص سان ڳالهائين ها، ان کي اهو احساس ئي نه ڏيارين ها ته ڪو تون ان جي رويي کان پريشان ٿي آهيان. چوڻ لاءِ مان چئي ويس پر اها حقيقت آهي ته پهريون دفعو گهر کان ٻاهر نڪري ماحول ۾ اچڻ بذات خود هڪ وڏو مرحلو آهي. گهڻن سٺن ماڻهن جي وچ ۾ هڪ انسان جو رويو تڪليف ده ٿي پوندو آهي. مايوس ڪندو آهي ۽ رستا روڪيندو آهي. مان اڪثر اهو چوندي آهيان ته اسان عورتن جي سجاڳي ۽ حقن لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيون ٿا. عورت کي حقن جي آشنائي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. پر حقيقت ته اها آهي ته جيستائين اسان جي معاشري ۾ مرد جو ذهن نه مٽجندو اوستائين ڪا به تبديلي ڪا نه ايندي، اسان جي مشرقي ماحول ۾ عورت قدم قدم تي مرد جي محتاج آهي، مرد جي تعاون ۽ سرپرستيءَ کان سواءِ عورت ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. شعور جي سجاڳيءَ جي ضرورت عورت سان گڏ مرد کي به آهي هي جيڪي نياڻيون گهرن مان ٻاهر نڪرن ٿيون انهن کي ٿوريون ڳالهيون به نراس ڪري ٿيون ڇڏين.
    اسان جي گهرن جو ماحول منجهيل ۽ ٻوساٽيل هوندو آهي. خاص ڪري اهڙا گهر جت مائر ۽ پيئر گهٽ پڙهيل آهن. ات ٻاهر جي دنيا جي تربيت ڪجهه گهٽ ملندي آهي. اهڙن گهرن ۾ اولاد کي اهو چيو ويندو آهي ته ٻاهر جي دنيا ڏاڍي خراب آهي. ماڻهو ڏاڍا خراب آهن وغيره وغيره. ان ويل اهو ڪين سمجهايو ويندو آهي ته ٻاهر جي دنيا کان ڪناره ڪش ٿي رهي ڪو نه ٿو سگهجي. گهر جي دنيا ۾ رهي ڪري ٻاهر جي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت مڃائڻي پوندي آهي. هيءُ دنيا جيتري خراب آهي، ان کان وڌيڪ سٺي به آهي. جيئن ته هن ڇوڪريءَ کي به هيترن سارن ماڻهن جي وچ ۾ هڪ شخص سان شڪايت هئي ته ٻين کوڙ سارن ڀائرن ۽ بزرگن کيس نياڻي ۽ ڀيڻ ڪري سمجهيو هوندو هڪ شخص جي ڪري نه ته دنيا ڇڏي سگهجي ٿي نه وري پنهنجو مستقبل داءُ تي لڳائي سگهجي ٿو. اسان جي سنڌي ماحول ۾ شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ اسان نياڻين کي گهڻي آزادي نه ٿا ڏئي سگهون. ماحول جون پابنديون اخلاق جون قدرون ۽ ريتون رسمون اسان جي مٿان حاوي آهن. اها چڱي ڳالهه به آهي. اولاد ۾ ڌيءَ هجي يا پٽ هڪ عمر تائين ان جي رهبري ڪرڻ ضروري آهي. آزادي ۽ ڇڙواڳي ٻه لفظ آهن جن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. آزاديءَ جي معنيٰ آهي ته توهان پنهنجي باري ۾ سوچيو، خواب ڏسو، خواهشن جو اظهار ڪيو، پنهنجي وڏن جي رهبريءَ سان منزل تلاش ڪيو، ڇڙواڳي برباديءَ جو ٻيو نالو آهي. اولاد کي آزادي ڏئي ان جون بيجا خواهشون پوريون ڪري، انهن کي جام پئسو ڏئي دنيا جي ڪوسائي ۽ ٿڌائي کان واقف نه رکبو ته اهڙو اولاد وڃي تڪليفن جي اوجهڙ ۾ پوندو آهي.
    ان ڳالهه تي ضرور سوچڻ گهرجي ته اسان وٽ هونئن عورتن ۽ نياڻين کي گهڻي آزادي نه ملندي آهي. اگر ڪي نياڻيون ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ اها وقت جي ضرورت به آهي ۽ سٺي ماحول ۾ اچڻ چاهين ٿيون اهڙو ماحول جت سماجي ڪم ٿين ٿا، ادبي ۽ صحافتي ميڙا مچن ٿا ته ات اهڙين ڇوڪرين جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي، گڏجي ڪم ڪرڻ سان ئي اسان وٽ ترقي ٿي سگهي ٿي. جيستائين عورتون اسان جي معاشري ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون اوستائين اسان دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه ٿا هلي سگهون.
    اسان وٽ سنڌي عورت محنت ڪش آهي، ٻهراڙين ۾ هوءَ پنهنجي مرد سان ٻنين ۾ ڪم ڪري ٿي گاهه ڪري ٿي، ڪاٺيون گڏ ڪري ٿي غريب عورتون پئسي وارن وٽ پورهيت ٿي ڪم ڪن ٿيون، ڏينهن رات ٿورن پئسن يا وري پيٽ ۽ لٽي تي ڪم ڪن ٿيون. ان کان مٿي ٿورو طبقو جيڪو ماستر ۽ ڪلرڪ آهن، انهن جون عورتون برقعا پائينديون آهن، سڄو ڏينهن ڳوٺ راڄ ۾ پيون گهمنديون پر ڪم ڪرڻ کان ڀڄنديون آهن، سبڻ ڀرڻ به نه چاهينديون آهن. اسان وٽ انهن سفيد پوش نياڻين ۽ عورتن جي به ڪمي ڪانهي، جيڪي گهر ويٺي ڀرت ڀري، رليون ٺاهي ۽ اڳٺ ٺاهي معاشي طور پنهنجي مردن جون ساٿياڻيون آهن، اهي سڀ ڳالهيون به پنهنجي جاءِ تي، صحيح آهن پر اسان وٽ عورت کي ذهني آزادي، علم حاصل ڪرڻ جي آزادي گهٽ آهي. ضروري نه آهي ته علم حاصل ڪري نوڪريون ڪجن، هڪ پڙهيل لکيل عورت هڪ بهتر زال ۽ بهتر ماءُ به ته هوندي آهي. ڀلا پڙهائي ڪري نوڪري ڪرڻ ۾ به ڪهڙو هرج آهي. اڄ ڪلهه مهانگائيءَ جو دور آهي، مقابلي جو دور آهي. بهتر مستقبل حاصل ڪرڻ لاءِ پيٽ ۽ اجهو حاصل ڪرڻ لاءِ پئسي جي ضرورت آهي. اهو پئسو عورت ۽ مرد گڏجي ڪمائي پاڻ وٽ خوشحالي آڻي سگهن ٿا.
    عورتون ۽ نياڻيون جڏهن ٻاهر نڪرن ٿيون ته انهن کي تحفظ ۽ عزت ملڻ گهرجي اڳتي وڌڻ لاءِ انهن کي ماحول ٺاهي ڏجي. سنڌ ملڪ جي اها ريت ته نياڻين کي مان ڏيڻو آهي، عزت ڏيڻي آهي، اها روايت قائم رکڻ گهرجي. عورتن ۽ نياڻين کي به همت وارو ۽ بردبار ٿيڻ گهرجي. ٿوري ڳالهه تي مايوس ۽ نراس نه ٿيڻ گهرجي. بهرحال هي دنيا آهي، جيڪا اجگر وانگر وات ڦاڙيو ويٺي آهي، ويرن لهرن وانگر ڪُن پئي هڻي. هت بهرحال پاڻ کي سنڀالڻو آهي ۽ سنڀالي اڳتي قدم وڌائي منزل حاصل ڪرڻي آهي. شعور جي منزل علم جي منزل حقن جي منزل.
    هلال پاڪستان 11 ڊسمبر 1994ع


    پيار ۽ نصيب

    ان ڏينهن جڏهن ڪيترن سالن کان پوءِ فوزيه سان مليس، پنهنجي چئن ٻارن ۽ مڙس سان خوشحال گذاري پيئي. وڏي ڌيءَ ته هاڻ تيرهن سالن جي اچي ٿي اٿس. پنهنجي گهر ۾ خوش آهي ۽ مڙس ۽ ٻارن ۾ ساهه اٿس. مڙس به اصل اهڙو مليو اٿس جو اول گھور پيو مٿان ويندو اٿس.
    فوزيه سان ملڻ مهل اهو سڄو پراڻو وقت منهنجي ذهن ۾ اڀري آيو، جڏهن فوزيه پنهنجي گهر ۾ ٻائيتال ٻاري ڏنو هو. ان گهر سان منهنجو گهرو ناتو هو. فوزيه ۽ ان جي ٻين ڀينرن سان منهنجي گهري دوستي هئي. فوزيه جي گهر جو ماحول اسانجي گهر کان مختلف هو. منهنجي گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته هوندو هو اسان کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي ڪنهن حد تائين آزادي هوندي هئي، پر فوزيه ۽ جميله جي گهر جو ماحول تمام سخت هو. تعليم حاصل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه، پر گهر مان نڪرڻ جي به انهن کي اجازت نه هوندي هئي. انهن جو والد ۽ ڀائر تمام سخت مزاج جا هوندا هئا. گهر جي ٻاهران نوڪر چوڪيدارن وانگر ويٺا هوندا هئا. گهر ۾ ايندڙ عورتن جون رپورٽون به گهر جي مردن کي ملنديون هيون ته اڄ گهر ۾ ڪير آيو ڪير ويو. گهر ۾ فون هوندو هو پر گهر تي نياڻين کي فون کڻڻ جي اجازت نه هوندي هئي. ڀاڄايون يا نوڪر فون کڻندا هئا.اهڙي سخت ماحول ۾ هي ڀينرون سخت بيزاريءَ واري زندگي گذارينديون هيون. گهر جا مرد جڏهن شهر کان ٻاهر ويندا هئا ته پوءِ هو پنهنجي ڀاڄاين جي منٿ ميڙ ڪري، ٻاهر ويٺل نوڪرن کي خرچيون ڏيئي پوءِ هيون گهمنديون ڦرنديون. ريشم گليءَ مان شاپنگ به ڪنديون هيون ته سئنيما ۾ ميٽني شو به ڏسنديون هيون. هي زمانو اٺهتر ڌاري جو آهي، ان زماني ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌيت زورن تي هئي. هنن ڀينرن کي به وقتي جوش تحت سنڌي ادب پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان ادب دوستيءَ جي ڪري فوزيه جي فون تي واقفيت اهڙي ئي ادب دوست سان ٿي ويئي. هو ٻئي لڪ چوريءَ فون تي ڳالهائيندا هئا. گهر جي ماحول جي سختيءَ کان بيزاري ۽ تنهائيءَ واري ماحول ۾ فوزيه کي ڄڻ ته واٽ ملي ويئي. فوزيه ته ان شخص کي ڏٺو به ڪو نه هو. هاڻ ته فون تي ڳالهه ٻولهه ايتري وڌي ويئي جو هڪ ٻئي سان ملڻ ناممڪن ٿي پيو. ملڻ جون واٽون سڀ بند هيون. هڪ رستو جيڪو کليل هو ته اهو ادب دوست فوزيه لاءِ رشتو موڪلي ۽ منظور ڪرڻ يا نه ڪرڻ گهر جي مردن جي هٿ ۾ هو. فوزيه جو وڏو ڀاءُ سخت مزاج هئڻ سان گڏوگڏ ان اصول جو به قائل هو ته گهر ۾ ويٺل ڀينرن جو چڱن هنڌن تي جلد از جلد شاديون ڪري بوجهه لاهي ڇڏجي. هي وڏ گهراڻو گهر هو. پئسي ۽ عزت جي ڪا ڪمي ڪانه هين. هي ادب دوست وچولي طبقي جو لکيل پڙهيل نوجوان هو. ان همت ڪري رشتو موڪليو. ڀينرن گڏجي ان رشتي جي ڏاڍي حمايت ڪئي، ڇو ته ان ڇوڪري ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي ڪافي گنجائش هئي. گهر جي مردن ان رشتي تي کڻي ها ڪئي. ان ڏينهن فوزيه ڏاڍي خوش هئي. اصل انگ انگ پئي ٽڙيس. جميله مون کي فون ڪري ٻڌايو ته فوزيه جي رشتي جي ڳالهه سڀني کي وڻي آهي. جميله فون تي مزاق ڪندي چوڻ لڳي ته خبر اٿئي فوزيه کي اسان سڀني گڏجي رسو وجھي کٽ سان ٻڌي ڇڏيو آهي.
    حيران ٿي پڇيم ته ڇو؟
    چيائين ته متان وسن جهڙي ڀيڻ خوشيءَ مان اڏامي وئي ته پوءِ ڪٿان موٽندي. رشتي جي ڳالهه هاڻ وڃي مـڱڻيءَ تائين پهتي. مڱڻي کان هڪ ڏينهن اڳ رات جو جميله مون کي فون تي ٻڌايو ته اڄ اسان جي گهر ۾ ڏاڍو وڏو دنگل ٿيو آهي ۽ ادا رشتي کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
    جميله تفصيل سان ٻڌايو ته اسان جي ڀاڄائيءَ کي ڪٿان خبر پئجي ويئي آهي ته فوزيه فون تي ڳالهائيندي هئي ۽ هي رشتو ان جي پسند جو آهي. بس پوءِ ادا رشتو ختم ڪري ڇڏيو.
    هن واقعي کان پوءِ فوزيه اصل آپي مان ٻاهر نڪري ويئي. ڀيڻن سمجھايس ته مردن سان منهن نه اٽڪاءِ، پر هوءَ پنهنجي حق لاءِ گوڙ ڪرڻ ۽ وڙهڻ لڳي. هڪ دفعي مون کي فون تي ٻڌايائين ته مان ادا سان ڏاڍو وڙهيس. ان به مون کي ڏاڍو ماريو آهي. هوءَ جوش ۾ الائي ڇا ڇا چوندي رهي ۽ مان کيس سمجھائيندي رهيس. ان کان پوءِ جلد ئي فوزيه جي شادي سندس هڪ مائٽ سان ٿي ويئي ۽ هوءَ پنهنجي گهر واري سان حيدرآباد مان پري هلي ويئي، شادي ٿيڻ مهل ان اهوئي پئي چيو ته مان وري ڪڏهن به ابي امان جي در تي موٽي ڪين اينديس. هت مون تي ظلم ٿيو آهي.
    فوزيه جي مائٽن سان ارڏائي ٿورو وقت به ڪانه هلي. سندس ڀاءُ هڪ ڀيرو بيمار ٿيو ته سک ئي ڪو نه آيس، وٺي ڀڳي مائٽن جي گهر ۽ پنهنجي باءُ کي ڀاڪر پائي اوڇگارون ڏيئي رُني هئي. عورت جي فطرت به عجيب آهي نه سمجھڻ جي نه سمجھائڻ جي!
    ها ته سائين ڳالهه پئي ڪيم ته هاڻ جڏهن فوزيه سان ملاقات جميله جي گهر ٿي، ان وقت اسان پاڻ ۾ گڏجي ڪچهري پئي ڪئي. پرسڪون ۽ خوش فوزيه مون کي ڏاڍو وڻي پئي. ڳالهيون ڪندي مان فوزيه کان مذاق ۾ پڇيو ته ڪڏهن توکي اهو شخص ياد ايندو آهي جنهن جي ڪارڻ ايڏا فساد ڪيا هئا. منهنجي ڳالهه ڪرڻ سان ئي فوزيه جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته ياد ته انهن کي ڪبو آهي، جيڪي وسري ويا هجن. مان ته هڪ پل به ان کي وساري نه سگهي آهيان. ان ڏک مان ٻڌايو ته خبر اٿئي شروع ۾ مون وارو گهر وارو مونکي ڏٺو ڪين وڻندو هو. مون ڪڏهن به سندس پيار جو جواب پيار ۾ ڪو نه ڏنو. پر هي منهنجي پٺيان فدا هوندو هو. جڏهن مون کي پهريون ٻار ڄائو ته مون ۾ وڏي تبديلي اچي ويئي ۽ منهنجي طبيعت جي ارڏائي به گهٽجي وئي. هاڻ هي شخص مون کي وڻڻ لڳو. ڳالهيون ڪندي پريان ويٺل پنهنجي مڙس ڏي اشارو ڪندي مون کي چيائين ته، خبر اٿئي سلطانه هي شخص جيڪو منهنجي چئن ٻارن جو پيءُ آهي مون کي ڏاڍو پيارو آهي. مٿي ۾ سور به پوندو اٿس ته منهنجو ساهه نڪري ويندو آهي. منهنجو ساهه ۽ منهنجو وجود ان سان ڳنڍيل آهي. خواهش اٿم ته مران ته ان جي هنج ۾ مران ۽ هو پنهنجي هٿن سان مونکي قبر ۾ لاهي مٿان مٽي وجھي ......مان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيان. هو منهنجو سائين آهي ۽ مان ان جي ٻانهي آهيان. پر خبر اٿئي سلطانه، هن جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ چوڻ لڳي جڏهن به تنهاين جي ڪنهن پلن ۾ هو شخص مون کي ياد ايندو آهي ته منهنجو ساهه منجھي پوندو آهي...... جيئڻ تان ارواهه کڄي ويندو اٿم. شدت سان ان کي ياد ڪندي آهيان. ڪمي محسوس ٿيندي اٿم ان شخص جي جيڪو مون کي ياد به ڪندو هوندو الائجي نه ........؟
    فوزيه کي ٻڌايم ته تازو حيدرآباد ۾ هڪ ادبي پروگرام ۾ ان کي ڏٺم، سچ پچ ان ويل مون کي تون ياد اچي وئين. فوزيه وڌيڪ پڇيو ته ڪيئن هو .....؟
    مان چيو اهڙو ئي آهي جهڙو پهرين هو. فوزيه چيو ته ڇا تون يقين ڪندينءَ ته مان ان شخص کي ڪڏهن به ناهي ڏٺو، مون کي ته خبر ئي ناهي ته ان جي شڪل ڪهڙي آهي. ...
    مان حيران ٿي فوزيه کي ڏٺو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي. اُن ٻڌايو ته بس فون تي ڳالهائيندا هئاسون. هڪ دفعو هڪ هنڌ ملاقات ٿي به هئي پر ڊپ ۽ شرم وچان اکيون مٿي کڻي ان کي ڏٺو ئي ڪونه .......
    فوزيه ۽ ان جهڙا ڪردار اسان جي معاشري ۾ ڀريا پيا آهن. هي اهڙا ڪردار آهن جيڪي سمجھوتو ڪري پيار ورهائي ڇڏيندا آهن. نه ملندو آهي ته هنن کي پنهنجي حصي جو پيار نه ملندو آهي. اهو پيار جيڪو انهن جي دلين ۾ پروان چڙهندو آهي، پر نصيبن ۾ لکيل نه هوندو آهي...
    عجيب شيءِ آهي هي نصب! جنهن جي اڳيان سڀ هٿيار ڦٽا ڪرڻ ٿا پون.

    هلال پاڪستان 13 مارچ 1994ع


    منهنجو لاش ۽ مان

    ويٺي پور پچايم، الائجي ڇا ڇا ويٺي سوچيم ڀلا سوچ کي به ڪير ٿو روڪي سگهي سو مان به سوچ اڳيان سڀ هٿيار ڦٽا ڪري سوچڻ شروع ڪري ڏنم زندگي ۽ موت جي باري ۾ ويٺي سوچيم....... اوچتو خيال آيو ته ڇا آءُ جيئري به آهيان؟ يا نه؟ غور سان پاڻ کي ڏٺم پنهنجي چوطرف ڏٺم منهنجي ڳاٽي تي ته ڄڻ ته ڪنهن ڪهاڙي هڻي ڪڍي ڇو جو مان ته جيئري ڪان هئس.....مان ته ڪافي وقت اڳ مري چڪي هئس، حيرت ۾ پئجي ويس ته جڏهن مون کي مري وئي ڪافي عرصو ٿي چڪو آهي. ته پوءِ مون کي دفن ڇو ڪين ڪيو ويو آهي......دنيا جي لاپرواهي تي تمام گهڻو ڏک ٿيم ......رنيس، تمام گهڻو رنيس، پنهنجي لاش تي پيار وچان هٿڙا گهمايم......دل ۾ سوچيو دنيا اگر وساري ڇڏيو آهي ته مان پاڻ انهن کي ياد ڪرائي پنهنجي لاش جي پورڻ جو بندوست ڪيان. چيلهه کي هٿ ڏيئي ٿڌو ساهه ڀري اٿيس.... ٻه قدم به مس کنيم ته اوچتو خيال آيو، آخر مان هنن کي ڇو چوان؟.... دنيا کي خبر آهي ته مان مري چڪي آهيان.....ايندي ويندي منهن جي لاش کي ڏسندا آهن ان وقت انهن کي ڪو احساس نه ٿيو ته هاڻ ڪيئن ٿيندو. مان وري پوئتي ٿي ساڳي جاءِ تي ويهي رهيس.....
    هاڻي مان ڇا ڪريان؟ منهنجو دماغ سوچي سوچي ٿڪجي پيو...... مان اڪيلي هيڏو ڳرو لاش، لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه کپي. قبر جي جاءِ ڳولهجي......زمين کوٽجي، وڏي ڳالهه ته قبرستان به هتان کان گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ٻه ميل پري....... مان اڪيلي لاش کي اوڏانهن ڪيئن کڻي وينديس؟ کيسي ۾ هٿ وڌم ته پنج رپيا نڪري آيا، ٽڙي پيس......خوشي وچان، لاش کي ڀاڪر پاتم کيس چيم هاڻي تو کي دفن ڪرڻ ڏکيو نه آهي مان لاش کي اتي ڇڏي ڊڪ پائي چوراهي تي وڃي بيٺس، ڪارون موٽرون ۽ رڪشائون پئي لنگهيون. ڪنهن وقت ڪا رڪشا خالي آئي پئي پر مان رڪشا کي ڇا ڪريان ها، منهنجو هيڏو وڏو لاش رڪشا ۾ ڪيئن ٿي اچي سگهيو. مون کي ته ٽئڪسي (ڪار) جي ضرورت هئي...... ٻه ٽي ڪلاڪ ته بيٺي رهيس پوءِ ڏٺم ته سامهون ٽيڪسي آئي پئي. هٿ مٿي ڪيم ته ٽئڪسي اچي منهنجي ڀر ۾ بيٺي. جيستائين ٽيڪسي وارو سوال جواب ڪري مان جلدي در کولي ٽيڪسي ۾ ويهي رهيس. ڊرائيور پڇيو ڪاڏي هلان؟ چيومانس ته سامهون گهٽي ۾ هل مون کي “پاڻ” کي کڻڻو آهي...... ڊرائيور “پاڻ” مان ڪجهه ٻيو مطلب ورتو ۽ ڏند ڪڍي چيائين پوءِ ڪاڏي هلندو......؟ ڪاوڙ ته ڏاڍي آيم مون کي تڪڙ، هي ويٺو سوال جواب ڪري. ڏاڍيان چيو مانس “قبرستان”. اڇا اڇا قبرستان جي ڀرسان جيڪا نئين ڪالوني ٺهي آهي اوڏانهن هلندا......؟ عجيب خرمغز ماڻهو آهي. مون کي ڪالوني ٻالوني ۾ ڪونه وڃڻو آهي قبرستان ڏانهن وڃڻو آهي. چڱو چڱو قبرستان ئي سهي ڊرائيور شايد مون کي چري سمجهيو هو مان ٽيڪسي کي لاش وٽ بيهاري هيٺ لهي لاش کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر لاش کڻي نه سگهيس. ڊرائيور کي چيم تون منهنجي مدد ڪراءِ......ڊرائيور پڇيو هي ڇا آهي؟ منهنجو لاش آهي ٻيو ڇا آهي. مون جواب ڏنو. اسان گاڏين ۾ لاش ڪونه کڻندا آهيون. ڇو؟ مون حيرت مان پڇيو. جواب ۾ ڊرائيور چيو ته، ان ڪري جو اُن گاڏيءَ تي تباهي ايندي آهي. ڊرائيور کي عاجزي مان چيم ته هي منهنجو لاش آهي، ٻئي ڪنهن جو نه آهي مان تو کي يقين ڏياريان ٿي ته تنهنجي گاڏي تي ڪا به تباهي ڪانه ايندي.......
    منهنجي عاجزي تي ڊرائيور کي ڪجهه رحم ته آيو پر وري به پنهنجي مجبوري ٻڌايائين ته هي گاڏي منهنجي مالڪ جي هجي ها ته هي لاش ضرور کڻان ها. پر هيءَ گاڏي منهنجي پنهنجي آهي مون پئسا خرچ ڪري ورتي آهي ائين چئي هو ٽيڪسي ۾ ويهي روانو ٿي ويو...... مان وري مٿي کي هٿ ڏيئي لاش جي ڀرسان ويهي رهيس، اوچتو خيال آيم ته منهنجي پاڙي وارن وٽ هڪ ڍڳي گاڏي آهي....انهن کان گهري ڏسان من اهي ڏين. پاڙي وارن وٽ ويس انهن کي سڄي حقيقت ٻڌايم منهنجي مرڻ تي انهن افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تعزيت ڪيائون. ڍڳي گاڏي به يڪدم ڏنائون. مان انهن کي به وٺي آيس ڇو جو لاش ڳرو هو ۽ مان اڪيلي هئس.... اسان سڀني گڏجي لاش کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر لاش چريو ئي ڪونه.........سڄو پاڙو آيو تان جو سڄو شهر گڏ ٿي ويو پر لاش ڪونه کڄيو......ان وقت مون کي خبر پئي ته منهنجو لاش مون کان به وڌيڪ ضديرو آهي. مجبور ٿي سڀ هليا ويا ۽ مان ساڳي طرح مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهيس. اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته ڪير منهنجي پٺي تي پيار وچان هٿ گهمائي رهيو آهي........ڇرڪ ڀري ڏٺم ته منهنجو لاش مون کي پيار ڀريل نظرن سان ڏسي رهيو هو. مون ڏک مان پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو. لاش چيو ڏاڍو فڪر اٿئي مون کي دفن ڪرڻ جو........ مون ڪجهه به جواب ڪونه ڏنو. لاش مشڪندي چيو اهي پنج رپيا مون کي ڏئي ڇڏ مان پاڻهي قبرستان پهچي ويندس.....پنجن رپين کي تون ڇا ڪندين....؟ مون حيرت مان پڇيو. لاش وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ زور سان چيائين پنج رپيا.....اڙي مان پنجن رپين مان پنهنجي لاءِ نئون جسم ۽ نئون جوڀن خريد ڪري سگهان ٿو. مون ماٺڙي ڪري پنج رپيا لاش جي تري تي رکيا. پنجن رپين کي وٺي لاش کي اهڙو ته جوش آيو جو ڀڙڪو ڏيئي مون کي ڀاڪر ۾ کڻي وٺي جو ڊڪ پاتائين ته سڌو قبرستان ۾.......

    عوامي آواز آچر 24 جولائي 1994ع


    رستي تي پيل هڪ مرڪ ۽ چمڪ

    ڪراچيءَ ۾ صدر جي علائقي ۾ جيتري گهڻي ٽريفڪ آهي اوترا گهڻا ماڻهو آهن. ريڙهن وارا، خوانچن وارا اڌ رستي کي بلاڪ ڪيو ويٺا آهن. صدر جو علائقو مصروف ترين علائقو آهي. اهو شهر کي ڄڻ ته پاڻ ۾ ڳنڍيو ويٺو آهي. ڪراچيءَ جي ڪهڙي به حصي ۾ وڃو ته توهان کي صدر مان سواري ملي ويندي. وڏيون بسون، ڪوچون مطلب ته صدر جو علائقو ڪراچيءَ شهر جو اهو حصو آهي جت گهڻي ٽريفڪ هوندي به ماڻهو رستن تي ائين هلندا آهن ڄڻ ته پنهنجي گهر جي لان ۾ گهمي رهيا آهن. هن علائقي ۾ اوهان کي هر قوم جا ماڻهو ملندا. هن علائقي ۾ اصلي کان وٺي نقلي تائين هر شيءِ موجود آهي. شيون وڪڻڻ وارا ايڏا ته هوشيار آهن جو نقلي مال ائين توهان جي مٿي ۾ هڻي ويندا جو ان ويل توهان سمجهندؤ ته توهان تمام بهترين شيءِ خريد ڪئي آهي. گهر اچڻ ۽ استعمال کان پوءِ جڏهن توهان کي اصل حقيقت جي خبر پوندي ته توهان کي ته ٿرڊ ڪلاس ڪوالٽي جي شيءِ ملي آهي جيڪا گهر ۾ هلي ئي ڪا نه ٿي ۽ پوءِ توهان پريشان ٿي واپس صدر ڏي ويندؤ ته دڪان وارو توهان کي سڃاڻڻ کان به انڪار ڪندو. جيڪڏهن سڃاتائين ته به چوندو ته هنن مشيني شين جي ڪا به گارنٽي ڪانهي توهان خريد ڪري دڪان کان ٻاهر نڪتو ته هاڻ توهان پاڻ ڄاڻو توهان جو نصيب.
    ان اهڙي نفسا نفسيءَ جي ماحول ۾ ات ڪي اهڙا ڪردار به آهن جن جو وجود جيءَ کي جنجهوڙي وجهندو آهي. هوءَ الائجي ڪير آهي؟! نالو به خبر ناهي ڇا اٿس، اپاهج آهي، سٿرن ڀر سرڪندي آهي ۽ هٿن سان هلندي آهي. روز رستي تي منهنجي سامهون ايندي آهي. يونائيٽيڊ بيڪري جي پاسي واري گهٽي مان، مان جڏهن به گذرندي آهيان ته هوءَ ات مون کي نظر ايندي آهي. هوءَ مون کي ڏسندي ئي سڌي ٿي ويهندي آهي. منهن تي مسڪراهٽ ۽ اکين ۾ چمڪ هوندي اٿس. رنگ سانورو اٿس (ٿي سگهي ٿو ڪنهن زماني ۾ اصل ۾ اڇي ئي هجي) مهانڊو سهڻو، اکيون وڏيون اٿس. مان ان کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري لنگهي ويندي هئس. سچ پچ ته منهنجي دل ۾ ايتري همت به ڪا نه هوندي هئي جو ان کي ڏسان. لنگهندي هڪ نظر منهنجي ان تي پوندي هئي ۽ پوءِ مان ڪنڌ جهڪائي ان جي ڀرسان لنگهي ويندي آهيان. هوءَ به روزانو مون کي ڏسي اڀي ٿي ويهي رهندي آهي. ۽ مان اکيون جهڪائي لنگهي ويندي آهيان. مان روزانو اتان لنگهندي آهيان ڇو ته منهنجي ڪاليج ڏي ويندڙ رستو اهو ئي آهي.
    هڪ ڏينهن اوچتو ان منهنجي چولي جي پلوَ کي جهلي مون کي بيهاري ڇڏيو، منهنجو سڄو وجود ڏڪي ويو، هوءَ ويٺل هئي ۽ مان بيٺل هيس. ان منهن تي پنهنجي مخصوص مسڪراهٽ آڻي مون کي چيو “باجي اسلام عليڪم”، مان ان کي وعليڪم السلام چيو. ان مون کان اردوءَ ۾ پڇيو، “توهان جاب تي وڃي رهيا آهيو؟ توهان پڙهائيندا آهيو”، مان ڪنڌ لوڏي ها ڪئي. ان جواب ۾ چيو مون کي به لڳي رهيو هو ته اوهان ماسترياڻي آهيو. جنهن وجود کي مان روز ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري لنگهي ويندي هيس، جنهن وجود کي ڏسڻ جي مون کي همت ڪا نه هئي ان ڏينهن ان مون کي بيهاري ڇڏيو. هوءَ فقيرياڻي آهي. ان علائقي جا سڀ دڪاندار، ريڙهي وارا، فٽ پاٿ تي ويهي ڪاروبار ڪرڻ وارا سڀ ان کي سڃاڻين. سڀني سان کل ڀوڳ ڪندي ڳالهائيندي رهندي آهي. مان پرس مان ڪجهه پئسا ڪڍي ان کي ڏنا ۽ چيومانس ته مان سامهون واري ڪاليج ۾ پڙهائيندي آهيان ان ڪري مان روز هتان لنگهندي آهيان.
    بس اهو هڪ دفعو منهنجي مختصر ڳالهه ٻولهه ان سان ٿي اڄ به هوءَ ات آهي ۽ مان به اتان لنگهندي آهيان. هڪ ٻئي کي صرف ڏسندا آهيون، مسڪرائي خاموشي سان لنگهي ويندا آهيون، هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي آهي ته هوءَ ان وقت تائين مون کي ڏسندي رهندي آهي جيستائين مان ان گهٽيءَ مان لنگهي هلي وڃان.
    هوءَ الائجي ڪير، مان به ان لاءِ اجنبي! پر منهنجي اندر ۾ ان لاءِ هڪ جذبو آهي، هڪ پنهنجائپ آهي. مان ان جذبي کي ڪهڙو نانءُ ڏيان؟ شايد هي درد جو رشتو آهي هي منهنجي دل جو اهو درد آهي جيڪو شايد ئي ڪير محسوس ڪري، هي صدر جو علائقو ڏينهن ۾ هزارين ماڻهو اتان لنگهن ٿا، هزارين ماڻهو هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا. هر قسم جا انسان آهن، ڪي چور، ڪي بشني، ڪي عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڌڪڻ وارا لنگهندي هروڀرو ڪلهو هڻي هلڻ وارا، هر قسم جي انسانن ۾ هوءَ به هڪ انسان آهي ان وٽ به دل آهي جذبا آهن. اسان جهڙو دماغ آهي، رت به هڪ جهڙو آهي هوءَ به گهڻو ڪجهه سوچيندي هوندي. ان جي دل ۾ به الائجي ڪيترا درد هوندا. هوءَ به سڄو ڏينهن گذاري رات جو جنهن ڪنڊ ۾ وڃي سمجهندي هوندي ته اکين جي مٿان ٻانهن رکي پنهنجي زندگيءَ تي سوچي ضرور لڙڪ ڳاڙيندي هوندي. اهو سڀ ڪجهه مان ان لاءِ سوچيندي آهيان، منهنجي دل مان ان لاءِ دعا به نڪرندي آهي، اسان سڀ هڪ ٻئي جي دعائن جا محتاج آهيون. هوءَ هڪ زنده وجود آهي ۽ اصل ۾ زندگيءَ جي ئي اهميت آهي.
    زندگيءَ جي اهميت ان ڪري اهم آهي جو جڏهن مان ڏٺو آهي ته جڏهن به ڪي پريشانيون ۽ ڏک ملندا آهن ته حال في الحال جيءَ جهري پوندو آهي ۽ مان پاڻ کي اهو آٿت ڏئي سنڀالي وٺندي آهيان ته زنده انسان آهيان، ان ڪري ئي ته زندگيءَ جا مسئلا آهن. مرڻ کان پوءِ ڪهڙا ليکا، ڪهڙا چوکا . . . مان پنهنجن ٻارن کي، دوستن کي اهو ئي چوندي آهيان ته پنهنجي چؤ طرف ڏسو ڪيترا جوان خوبصورت انسان مرن پيا، ماريا وڃن پيا، بس هڻ کڻ لڳو پيو آهي زندگي ته آهي ئي جدوجهد جو نالو، زندگي آهي ته خوشيون به آهن ته تڪليفون به آهن. اهڙي طرح سان جڏهن ان فقيرياڻي جهڙا ڪردار منهنجي سامهون ايندا آهن منهنجي اندر ۾ گهر ڪري ويندا آهن ته اڃا به مون کي جيئڻ جو حوصلو ملندو آهي جيڪو به انسان جت به آهي جيئن به آهي بس زنده رهي ۽ خوش رهي. هن سسٽم ۾ جيڪي ڪميون ڪوتاهيون آهن انهن کي ختم ڪري اهڙن ڪردارن کي اڳيان آڻي انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپي، ڪي ادارا هجن جت اهڙن محتاجن کي ڇپر ڇانو ملي، انهن جي اکين جي چمڪ ۽ منهن تي مسڪراهٽ قائم رهي.

    عوامي آواز آچر 10 جولاءِ 2005ع


    امر جليل ڏانهن لکيل هڪ خط

    جڏهن لکڻ پڙهڻ شروع ڪيوسين ته ادب ۾ ڪيترائي اسان جا رهبر هئا جن کي ڏٺو ئي ڪونه هو پر انهن جون لکڻيون پڙهي مون جهڙي ڇوڪريءَ هڪ واٽ ٺاهي ۽ منزل ڏانهن وک کڻندي رهي. ڪيترا واڏا نالا آهن، انهن مان هڪ نالو آهي “امرجليل” جو مان امر جليل کي اُن وقت پڙهيو ، جڏهن مان اڄان ميٽرڪ به پاس ڪو نه ڪئي هئي. مان ميٽرڪ ۾ هيس ته “روح رهاڻ” رسالو بند ٿي چڪو هو. روح رهاڻ جا ڪيترا ئي پرچا بابا جن وٽ محفوظ هئا. جڏهن روح رهاڻ جا پرچا پڙهيم، ان وقت سهڻي رسالي جو عروج هو. ائين سمجھو کڻي ته آڱر کان وٺي ڪنهن چيو ته لک توکي لکڻ گهرجي ٿورو گهڻو ته مان لکندي هيس پر اصل شروعات لکڻ جي ان دور کان ٿي.
    ته ها سائين اڄ مان ڳالهه ڪريان ٿي “امر جليل” جي. امر جليل اسان سڀني جي گڏيل ملڪيت آهي. امر جليل کي پڙهي، امر جليل کي ڏسي، روح کي راحت ايندي آهي. اهڙيءَ طرح اهي شخصيتون اسان جون رهبر ٿي وينديون آهن،. الاهي سال اڳ ۾ شايد 1987ع ۾ مون امرجليل کي اسلام آباد ۾ هڪ خط لکيو. ان خط جو هن جواب به ڏنو. اڄ منهنجي دل چاهي ته توهان کي اهو خط پڙهايان. اچو ته خط پڙهون:
    منهنجا پيارا ڀاءُ امرجليل،
    وقت ۽ حالتن پٽاندر مان ڪيترو عرصو لکڻ ۽ پڙهڻ کان پري رهي آهيان. مان ڪتاب خريد ڪري نه ٿي سگهان. ڪڏهن ڪو ڪتاب ملي پوندو آهي ته ان جو هڪ هڪ پنو پڙهندي آهيان. پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي آدم ۾ ڪتاب پڙهندي آهيان، ڇو ته اتي بابا سائين هر سنڌي ڪتاب خريد ڪندو آهي. هاڻ جڏهين مان عيد تي ٽنڊو آدم وئي هيس ته برسات رسالي ۾ اوهان جو انٽرويو پڙهيم، ورهيه ٿي ويا آهن اوهان کي ڏٺي. هڪ دفعو اسلام آباد ۾ اوهان سان ڪجهه گهڙين جي ملاقات ٿي هئي. مون کي ايتري يادگيري آهي ته اوهان جي چهري تي انيڪ ڪارا وار هئا، يقين ڪريو ته منهنجي ذهن ۾ اڄ به اهو امر جليل آهي جنهن جي تصوير سهڻي رسالي جي امر جليل نمبر تي ڇپيل آهي.
    بس سائين مان ڪيتري دير تائين اوهان جي تصوير کي ڏسندي رهيس. ڏک ٿيم ڏاڍو“هاءِ امر جليل به ڪراڙو ٿي ويو” (ها جيڪڏهن اڇا وار ڪراڙپ جي نشاني هجن) اوهان جون روشن روشن اکيون چشمي جي اندر ڪيتريون نه عجيب ۽ اوپريون پيون لڳن. اوهان کي ڪاوڙ ته نه لڳي مان اوهان کي ڪراڙو پئي چوان؟ توهان ته پنهنجي انٽرويو ۾ به چئي چڪا آهيو ته آئون ٻڍو ٿي ويو آهيان!! امر جليل صاحب اوهان کي ڪاوڙ نه اچڻ گهرجي. در اصل هي منهنجي جذبن جو اظهار آهي هڪ پڙهندڙ جي حوالي سان آهي مان اوهان جي ڪتابن جي هر سٽ کي ورائي ورائي پڙهيو آهي. اوهان برسات رسالي جي ڪور واري تصوير ۾ ڪيترا نه گريس فل پيا لڳو، ان جي باوجود به مونکي ڏک ڏئي ويا آهيو. اندر انٽرويو پڙهيم ته اڃان به جيءُ جھري پيو. ماڻهو اوهان جا افسانا پڙهندا آهن ۽ چوندا آهن امر جليل ته طنز مزاح جو ماهر آهي ۽ مان اوهان جا افسانا پڙهي پنهنجي وجود ۾ اوتيل زهر محسوس ڪندي آهيان....... اڄ سوچيان ٿي ته ايڏو زهر ڪڍڻ کان پوءِ به اوهان اڃان تائين اڪيلا آهيو جو اوهان کي پنهنجو لکڻ به اوپرو لڳندو آهي. گهٽ ڪنهن سان ملندا آهيو. سوشل زندگي ختم ڪري ڇڏي اٿو، بقول اوهان جي، اڳ اوهان اهڙا نه هوندا هئا، اڳ اوهان محفلون مچائيندا هئا، دوستن جا دوست هئا!!!
    هاڻي ائين ڀلا ڇو؟ اڇن وارن سان ماڻهو ٻڍو نه ٿيندو آهي. ڀلي توهان جي اڇي ڏاڙهي هجي يا وري اڇا وار، مان اوهان کي ٻڍو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان. سائين امرجليل صاحب ڪتابن جي دنيا ۾ پاڻ کي گم ڪري انسانن کي پاڻ کان پري نه ڪريو. مڃون ٿا ته اوهان پنهنجن ڪتابن جي حوالي سان ماڻهن جي وچ ۾ آهيو....... پر هڪ انسان جي حوالي سان اوهان اڪيلا آهيو يا وري پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو ٿا...... دنيا جا ڏک اوهان پاڻ ۾ اوتي ويٺا آهيو ۽ مون اوهان جو ڏک هن انٽرويو جي حوالي سان پاڻ ۾ اوتيو آهي..... امر جليل صاحب اهو سچ آهي ته موٽ ۾ اسان کي ڪجهه به نه مليو آهي، پر توهان گهڻو ڪجهه ڏنو ۽ ڀوڳيو آهي. هن ڌرتي وارن سان گڏ جيون گهاريندي گهٽ ۾ گهٽ مون اهو محسوس ڪيو آهي ته هيءَ دنيا اسان کي ڪيترو به ڏکوئي، ڪيترو به روئاڙي، پر وري به ڪڏهن ڪڏهن کلڻ اسان جو حق آهي.... ان ڪري مان چوان ٿي ته کلندا ڪريو. دل جي گهراين سان کلندا ڪريو، ڇو ته کلڻ کان سواءِ اسان وٽ رکيو ئي ڇا آهي.
    تازو حيدرآباد ۾ خيرالنساءِ جعفريءَ، تاج بلوچ جي ڪتاب جي مهورت ۾ پنهنجو مضمون پڙهيو بس چئني طرفان ٽهڪ هئا. مان کليس پئي هڪ هڪ لفظ تي واهه واهه هئي. ان وقت خيرالنساءِ جعفري جو ڇا حال هو؟ اهو به مان محسوس ڪيو. شگر ڪنٽرول کان ٻاهر جسم ڏڪيس پيو. بيمار پريشان خيرالنساءِ سڀني کي کلائي پئي.
    جڏهن اسٽيج تان هيٺ لهي آئي ته مون چيومانس ته خيرو چري تون ته سڀ خوشيون لکيو ٻاهر ڪڍيو ڇڏين. باقي غم پاڻ ۾ ڀريو ويٺي آهين. ان وقت تائين تون خوش رهي نه سگهندينءَ جيستائين پنهنجو ڏک ٻاهر نه ڪڍندينءَ ...... ٻه چار ڏينهن کان پوءِ تنوير جوڻيجي جي گهر خيرالنساءِ جعفريءَ لڙڪ لاڙيندي چيو. منهنجي ماءُ مون سان جٺ ڪري وئي آهي. ان کي مرڻو هو ته گڏ مون کي به وٺي وڃي ها. ماءُ جي مري وڃڻ کان پوءِ مان ڏاڍي اڪيلي ٿي پيئي آهيان. مون چيومانس خيرو اسان پيار اڇلائيندا رهندا آهيون بي مقصد ڪجهه به نه ملندو آهي پر واٽ مٽائڻ جي همت ڪو نه ڪندا آهيون. ماءُ جو پيار ئي سچو پيار آهي پر اسان زندگيءَ ۾ ان جو قدر نه ڪندا آهيون.
    امر جليل صاحب، ان وقت مون کي اوهان جا لکيل ماءُ ڏي خط ۽ ٻيا افسانا ياد اچي ويا جن ۾ ماءُ جو ذڪر ٿيل آهي “سمجهيم ارڏن ماڻهن جي ڪمزوري ماءُ ئي هوندي آهي”.
    سائين امر جليل، اوهان پنهنجين لکڻين ۾ ڪيترو نه زهر ٻاهر ڪڍيو آهي ته به لڳي ٿو اڃان به ڀريا پيا آهيو. . . . هيڪلائيءَ جي احساس اوهان کي اهو احساس ڏياريو آهي ته توهان اڪيلا آهيو. . . . ڪجهه پاڻ تي رحم ڪريو . . . . ماڻهن سان گڏ رهندا ڪريو . . . . گهڻو نه ڀلا, ٿورو پر دل سان کلندا ڪريو . . . . اگر اوهان کي ڪجهه ٿي پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
    مان هڪ پڙهندڙ جي حوالي سان حق رکي اوهان کي هي خط لکيو آهي، هي جيڪو ڪجهه مون لکيو آهي سڀ ڳالهيون مون اوهان جي انٽرويو ۾ پڙهيون ۽ محسوس ڪيون آهن. اهڙيون ڳالهيون اوهان نه ڪيو ها ته مان اوهان جي در تي دستڪ ڏيڻ جي جرئت نه ڪيان ها.
    سلطانه وقاصي
    جواب
    منهنجي ڀيڻ سلطانه
    دعائون ۽ دعائون
    جڏهن کان آيو آهيان، تڏهن کان اوهان جو خط سامهون ميز تي رکيو آهي، ڏسندو آهيان، روزانو ڏسندو آهيان پر جواب ۾ ڪجهه به لکي نه سگهيو آهيان.
    ها پوڙهو ٿي ويو آهيان، گذريل نومبر ۾ پورن پنجاهه سالن جو ٿيو آهيان. منهن ورائي ڏسان ٿو ته هرڪا ڳالهه ڪالهوڪي ڳالهه. . . . ۽ هر ڪو واقعو ڪالهوڪو واقعو محسوس ٿئي ٿو. ان دوران عجيب تجربي مان گذريو آهيان. جسم، تصور ۽ تخيل جي ڊوڙ ۾ تخليقي ۽ عمل سان ڀرپور ساٿ ڏيڻ جهڙو نه رهيو آهي. عمر جو انگ جسم کي کائيندو آهي ۽ تخيل ۽ تصور کي اڳ کان اڳرو ڪندو آهي، اڳ سڄي سڄي رات لکي سگهندو هوس. هينئر چاهڻ جي باوجود به رات جو هڪ ٻين لڳي کان وڌيڪ اوجاڳو ڪري نه ٿو سگهان. بس ائين ئي آهي. ان عمل کي قبول ڪرڻو آهي.
    دعائون ۽ سلام
    اوهان جو ڀاءُ
    امر جليل
    (نوٽ وري به معافي جو طلبگار آهيان جو تمام دير سان اوهان جي قربائتي خط جو جواب لکي رهيو آهيان. دل ۾ نه ڪجو، لڳيم ٿو جواب لکڻ جي باوجود به اوهان جي خط جو جواب لکي نه سگهيو آهيان.)

    عوامي آواز 29 آگسٽ 2012ع


    طارق عالم کي نه مرڻ گهرجي

    مرڻو آ اسان سڀني کي. اسان کان اڳ ڪيترائي دانشور اديب، شاعر سڀ مري ويا. هڪ ڏينهن ايندو ته اسان به ماضي ۾ دفن هونداسين. موت اڻٽر آهي ته پوءِ جيئڻ لاءِ جدوجهد ڇو؟ اسان هڪ انسان کي جنم ڏيئي هڪ موت کي ڇو ٿا جنم ڏيون. فنا، فنا، سڀ ڪجهه فنا. ته به اسان جيئڻ چاهيون ٿا. ها! اسان جيئڻ چاهيون ٿا.
    جيئڻ اسان جو حق آ. هيءَ دنيا، هن دنيا جون خوبصورتيون، هن دنيا جون بدصورتون، هيءَ زمين، هي آسمان، هيءَ هوا، هي وڻ ۽ ٻوٽا. ڌرتيءَ کان آڪاش تائين هر وکريل شيءِ اسان لاءِ آهي. اسان کي ان مان واس وٺڻو آهي. هت محبت ڪرڻي آهي، محبت وٺڻي آهي، مرڻو آهي سڀ ڪنهن کي، پر هڪ ڀرپور زندگي ماڻي. اها زندگي اسان جو حق آ جيڪا قدرت اسان کي ڏني آهي.
    پر هاءِ هاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ان زندگيءَ جي وچ ۾ ليڪ اچي ويندي آهي. گهڻو ڪري اهي ماڻهو ان ليڪ وچ ۾ ايندا آهن جيڪي جيئڻ چاهيندا آهن. يا اهي جن جو جيئڻ ضروري هوندو آهي ڪن ٻين لاءِ. ڪن ماڻهن جو جيئڻ ان ڪري به ضروري هوندو آهي جو هو تخليقڪار هوندا آهن. انهن جو دماغ، انهن جو قلم، انهن جون سوچون، سڄي انساني وجود لاءِ هونديون آهن. هي دماغ ۽ قلم جنهن کان هرڪو پيو پاسيرو ٿيندو آهي. قلم هلي ته انقلاب اچي وڃن، قلم هلي ته قومن جون قسمتون مٽجيو وڃن. قلم هلي ته وڏا وڏا ڏونگر ڏريو پون. ذهن ۽ قلم ته ڪيترائي آهن پر مان ذڪر ڪنديس ان جو جيڪو ذهن حساس، مٽيءَ جي خوشبوءِ وارن جذبن، ڌرتيءَ سان پيارڪندڙ امنگن واري انسان جو آهي.
    ذهنَ ڪيترن ئي انسانن جا، پر انهن سڀني انسانن جي وچ ۾ هڪ انسان آهي. ڏٺو ڪو نه اٿم، پر خبر اٿم نوجوان آهي. سڄي وجود ۾ ٽهڪيل رت اٿس. نون جذبن سان خوبصورت سوچون کڻي هو هليو آهي هن ڌرتيءَ تي. مان سمجھان ٿي ته توهان يقينن ان کي سڃاڻي ويا هوندا، اهو آهي اسان جو ، توهان سڀني جو طارق عالم.
    طارق هڪ ليکڪ آهي، پنهنجي قلم ۽ جذبن سان سچو. مان سمجھان ٿي ته ڪَنڊن واري هن ڌرتيءَ تي هلندي هلندي هن جا پير زخمي ٿيا هوندا ته ان جي ڪا پرواهه نه ڪئي هوندائين. سندس آسپاس، پنهنجن پراين سڀني ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن کي ڏکويو هوندو، پر هو سڀني کان هٽي ڪري ڪڏهن کلندو هو ته ڪڏهن روئندو هو. سڀني جي وچ مان ته ڪڏهن پاسي کان پنهنجي واٽ ٺاهي هلندو هوندو، ڇو ته ٽهڪندڙ رت آهي ان جي وجود ۾.
    اڄ طارق جي ٽهڪندڙ رت ۾ الائجي ڇا ڇا پيو ٿئي. ٽي وي اسٽيشن تي ڀاءُ قيس جڏهن اهو ٻڌايو ته طارق جون ٻئي بڪيون خراب ٿي پيون آهن ته عجيب سنگهرام مچي ويو هو منهنجي وجود ۾. ان رات سڄي رات ننڊ نه آيم. طارق کي نه ڏٺو هئم، پر ان هوندي به سندس شڪل منهنجي اکين آڏو ڦرندي رهي. ڇا طارق مري ويندو؟ نه، ان کي نه مرڻ گهرجي. علاج ممڪن آهي. طارق کي بچائي سگهجي ٿو. بيدل مسرور کي چيم ته مان طارق سان ملڻ چاهيان ٿي. ڏسي وٺي طارق جي گهر جي ڳولا ڪيم پر هٿ نه آيو. سميع بلوچ طارق جي فون جو نمبر ڏنو. ڳالهايم طارق سان. مون کي ان جي آواز مان لڳو ئي ڪو نه ته هو ڪو بيمار آ. ٻڌايومانس ته مان سندس گهر ڳولي نه سگهي آهيان. چيائين اسان مان ڪو توکي وٺڻ اچي. چيومانس ته نه مان پاڻ تو وٽ اينديس. ان دوران طارق سان ملاقات ٿي لطيف ڪانفرنس جي موسيقيءَ واري محفل ۾. هڪ منٽ ڏٺم ۽ ڳالهايم طارق سان. بس وري اچي بيٺس پلصراط تي.
    سوچيندي رهيس عجب جهڙو نصيب آ اسان سڀني سنڌي اديبن جو. اسان جو هر هڪ سجاڳ ۽ حساس اديب ڌڪا پيو کائي، بکون پيو ڪاٽي، ذهني اذيتون پيو سهي يا وري طارق وانگر هر هفتي مشين ۾ پيو آ.
    شاهه لطيف به ڪا ڀوڳا ڀوڳي هوندي. هن به ته پنهنجي جذبن جو قتل عام ٿيندي ڏٺو هوندو. ڪيترين ئي اذيتن مان گذريو هوندو، تڏهن ته خواهش ظاهر ڪئي هوندائين ته هو عام ماڻهن وانگر ڇو ڪين آهي؟ تڏهن ته شاهه لطيف بي اختيار چيو آهي ته:
    الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن.
    ڀلا هن ڌرتيءَ جي ڏاهن ۽ ڏاهين جو نصيب ڪڏهن بدلجندو؟ ڪڏهن انهن کي پنهنجن جذبن جي موٽ ملندي؟ هن ڌرتيءَ جا رهندڙ ڪڏهن ان جو قدر ڪندا؟ هيءَ ڌرتي اٻوجھن جي ڌرتي ته ناهي. هتان جو هر جيوُ اعليٰ سوچ رکي ٿو. مان انهن سڀني کي چوان ٿي ته:
    منهنجا پيارا سنڌ واسيو اچو ته گڏجي طارق جي زندگي بچايون. توهان چوندؤ ته الائجي ڪيترا روز پيا مرن، جوان، سهڻا، پر سنڌ واسيو، ڪي ري کٽيءَ جا موت به ٿيندا آهن. طارق به اهڙي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. اسان کي کپي ته اسان انهن سڀني طارقن جون زندگيون بچائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيون، جيڪي ري کٽيءَ مري ٿا وڃن. سنڌ واسيو اچو ته شروعات ڪريون هن طارق کان. طارق جي بيماريءَ جو علاج آهي. اسان سنڌين هڪ هڪ روپيو به ڏنو ته گهڻو ڪجهه ٿي پوندو. مان سنڌ جي زميندار، هاري، استاد، شاگرد، مزدور، ڪلارڪ ، ڪامورن، سنڌ جي چورن ڌاڙيلن، هر هڪ کي چوان ٿي ته طارق کي بچائي وٺو. متان دير ڪئي اٿو. متان طارق هليو وڃي.
    هي جذبو اوهان ۾ جاڳيو ته نه صرف طارق بچي پوندو، پر اسان ڪنهن به ٻئي طارق کي مرڻ نه ڏينداسين.
    اسان کي ڪٿان ته شروعات ڪرڻي آهي. اچو ته گڏجي طارق وٽان شروعات ڪريون. اچو ته گڏجي هن تخليقڪار کي بچائي وٺون.

    هلال پاڪستان - خميس 25 جون 1978ع


    ناول زينت - ٽي وي ۽ اسان

    منهنجو ڪنڌ شرم کان جهڪيل آهي. مان هڪ پوئتي پيل قوم جي فرد آهيان، جنهن جو نه ماضي هو نه حال آهي ۽ نه وري مستقبل. هيءُ ڪنڌ اُن وقت جهڪندو آهي جڏهن ماڻهو مون کان مختلف سوال ڪندا آهن ۽ مان انهن کي ڪجهه به جواب ڏيئي نه سگهندي آهيان. اگر جواب ڏيندي آهيان يا وضاحتون ڪندي آهيان ته اهي جواب ۽ وضاحتون خالي دٻي وانگر کڙڪنديون رهنديون آهن. اڄ ڪلهه مان هر هفتي هڪ عذاب ۽ پيڙا مان گذران پيئي. مان استاد آهيان ڪاليج جي ڇوڪرين کي پڙهائيندي آهيان. انٽر ۽ بي اي جي پهرين سال کي زينت ناول ڪيترن سالن کان پڙهائيندي پيئي اچان. مرزا قليچ بيگ جي ان ناول جو هر ڪردار، هر سٽ منهنجي ذهن ۾ ڄڻ ته ڇپيل ۽ ڪهاڻي برزبان ياد آهي.
    ها پرهيءَ ڪهڙي زينت آهي؟ ڪهڙا ڪردار آهن؟ انهن کي مرزا صاحب تخليق نه ڪيو آهي. ناول جي پهرين قسط ڏٺم حيران ٿي ويس. رمضان وڪيل جنهن جو ناول ۾ صرف ايترو ذڪر آ ته ان جو زينت جو سڱ گهريو هو. پر هو شادي شده هو ۽ گڏوگڏ گهٽ ذات جو به هو ۽ هاڻ پڙهي لکي وڪيل ٿيو هو ۽ ان چاهيو پئي ته ڪنهن وڏ گهراڻي مان شادي ڪري هو به عزت وارو لکيجي. پر هي ڇا؟ ٽي وي جي ڊرامي ۾ ته هو فلمي ولين لڳو ويٺو آهي. ان ڪردار کي ظالم مڙس قاتل ۽ مغرور مجرم ڏيکاريو ويو آهي ۽ چوٿين قسط ۾ به عام رواجي ٿرڊ ڪلاس فلمن جي ولين وانگر اوچتو وري ظاهر ٿي پيو آهي. مان ڪراچي ٽي وي وارن کان پڇان ٿي ته اوهان کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته توهان مرزا قليچ بيگ جي هڪ خاموش ڪردار کي ائين خراب ڪري پيش ڪريو.
    هاڻ ڏسو وري زينت جي ماءُ مائي شهربانو کي، ناول ۾ هوءَ هڪ باهمت عورت آهي، جنهن پنهنجي عقلمند مڙس جون روايتون قائم رکيون آهن. پنهنجيون ضرورتون محدود ڪري پاڻ کي قرض کان آجو رکيو آهي. ناول ۾ زينت جو گهر ايئن آهي ڄڻ جنت. جتي غربت هوندي به اندر جو اندر سلائي ٽوپو ڪري ائين گذران ڪنديون هيون جو ٻاهر جي ماڻهن کي خبر ئي نه پوندي هئي ته سرائي فتح خان جي مرڻ کانپوءِ اهي عورتون گهر جو ڪارخانو ڪيئن پيون هلائين.
    پر هت ٽي وي تي زينت ڄڻ ته ڏکن ۾ ڀري پيئي آهي ۽ مائي شهربانو کي پريشان حال گهڻ ڳالهائي ماءُ ڏيکاريو ويو آهي جيڪا سڄو ڏينهن پئي رڙيون ڪري ۽ مٿو ٻڌي پيئي روئي. پنهنجي مرحيات مڙس کي پيئي گهٽ وڌ ڳالهائي ته ڇو سرائيءَ پنهنجي ڌيءُ کي تعليم ڏني. مان ٽي وي وارن کان پڇان ٿي ته اوهان کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته اوهان مائي شهربانو جي ڪردار سان اهڙو ظلم ڪريو. هاڻ اچو علي رضا جي ڪردار تي. ناول ۾ هڪ نوجوان ڇوڪرو آهي، حامد علي کان ٻه ٽي سال وڏو ڇو ته هڪ ئي اسڪول ۾ هيٺ مٿي ڪلاسن ۾ پڙهيا آهن، ٽي وي ۾ علي رضا اٺٽيهن سالن جو ڏيکاريو ويو آهي جنهن کي هر وقت اهو احساس آهي ته مان عمر جو وڏو آهيان ۽ زينت مون کان ننڍي آهي. زينت ان کي آٿت ڏيندي رهندي آهي ته ان فرق جي وٽس ڪا اهميت نه آهي. هاڻ مان وري ٽي وي وران کان اهو پڇان ٿي ته اوهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو ته توهان علي رضا جي عمر ايڏي وڏي ڪري ڇڏيو؟
    هاڻي اچو مامي الهداد جي ڪردار تي. ناول ۾ صرف ائين لکيل آهي ته زينت جو هڪ مامو آهي، ان کي هڪ نوجوان پٽ آهي جيڪو گونگو آهي ۽ اُن کي هڪ چئن سالن جي ڌيءَ آهي. مائي شهربانو جي خواهش هئي ته زينت جي شادي مامي الهداد جي پٽ سان ٿئي ۽ مامي الهداد جي ڌيءَ جڏهن وڏي ٿيندي ته اها حامد عليءَ جي ڪنوار ٿيندي. مان حيران ٿي ويئي آهيان ٽي وي وارن جي جادوگريءَ تي، ڇو ته انهن مامي الهداد جي جوان پٽ کي چئن سالن جو ۽ چئن سالن جي ڌيءَ کي جوان ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ مان ٽي وي وارن کان اهو پڇان ٿي ته توهان کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته توهان اها جادوگري ڪندا رهو؟
    هاڻ ٿا اچون مائي جان بيبيءَ جي ڪردار تي، هوءَ هڪ سمجهدار ۽ سلجهيل عورت آهي. هن ناول جي ڪنهن به صفحي تي، ڪنهن به اکر ۾ پنهنجيون اکيون ڪونه وڃايون آهن هوءَ مرڻ گهڙيءَ تائين دنيا ڏسندي رهي. هاڻ مان ٽي وي وارن کان اهو ٿي پڇان ته اوهان کي ڪنهن حق ڏنو آهي ته توهان هڪ سنئين سيبتي ڪردار کي انڌو ڪري ڇڏيو؟
    ناول ۾ هيبت خان کي زينت حصي ۾ ملندي آهي ۽ هو ان کي پنهنجي گهر ۾ آڻي ٿو جتي هن جي زال ۽ ماءُ اڳ ۾ ئي موجود آهن. اهي عورتون زينت جي مدد ڪن ٿيون ۽ انهي ڏينهن زينت کي گهر مان ڀڄي وڃڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. ناول ۾ زينت هڪ رات به هبيت خان جي گهر نه ٿي رهي (ڇو ته هيبت خان کيس اسر ويل گهر ۾ آندو هو) ٽي وي ڊرامي ۾ هيبت خان جي گهر ۾ هڪ ڇمڪ ڇلو اڳ ۾ ئي موجود آهي ۽ زينت هيبت خان کي ٿرڊ ڪلاس ڊائلاگن جي ڄار ۾ ڦاسائي ٿي ۽ ان کي احساس ڏياري ٿي ته تون منهنجو ڀاءُ آهين ۽ فلمي ڪهاڻين وانگر هيبت خان پنهنجي جان زينت جي مٿان قربان ڪري ٿو. هاڻ مان ٽي وي وارن کان اهو پڇان ٿي ته اوهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو ته توهان ايتريون گهڻيون راتيون ۽ ڏينهن زينت کي هيبت خان جي قبضي ۾ رکو ۽ هڪ زندهه ڪردار کي گولين وسيلي مارائي ڇڏيو؟
    هاڻ اچو زينت جي ڪردار تي ٽي وي جي ڊرامي ۾ لڳي ٿو ته زينت ڄاپندي ئي سورن ۾ هئي، گهر ۾ رينگٽ، علم کي مصيبت سمجهڻ، پنهنجي ماءُ جون نادانيون برداشت ڪرڻ، علي رضا وٽ عمر جو تفاوت، ناول ۾ ته زينت کي پٽ، ڀڄ شهر ۾ ڄمندو آهي. صفوران ۽ فضل محمد لاڙڪ جي گهر ۾ ۽ آخر تائين اهو پٽ زينت سان هوندو آهي. هت ٽي وي ۾ مهاڻن جي گهر ۾ ئي هن کي پٽ ڄمندو آهي ۽ اهو اتي ڇڏي پوءِ هيبت خان جي قبضي ۾ ويندي آهي ۽ اهو پٽ وري علي رضا وٽ پهچي ويندو آهي. مان ٽي وارن کان اهو پڇان ٿي ته اوهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو جو توهان زينت کي ايترو جلد ماءُ بڻائي ڇڏيو ۽ کانئس سندس پٽ به جدا ڪري ڇڏيو؟
    علي رضا جي ٻي زال بمبئي جي هئي ۽ اها باتميز ۽ اخلاق واري هئي جنهن علي رضا کي هڪ ڌيءَ به ڄڻي ڏني هئي ۽ ٻئي ٻار جي ڄمڻ سان پاڻ به مري ويئي ته ٻيو ٻار به مري ويو. ٽي وي جي ڊرامي ۾ علي رضا جي ٻي زال هڪ بداخلاق ۽ بدتميز عورت ڏيکاري ويئي آهي. هوءَ گهر ۾ جهنم ٻاريو ويٺي آهي. اولاد به ڪونه اٿس ۽ اولاد لاءِ دوائون پيئي ڪري. جادو ٽوڻا ٿي ڪري ته جيئن هن جي سسُ مري وڃي. مان ٽي وي وارن کان ڇا پڇي ڇا پڇان؟ هاڻ انيڪ سوال آهن سڀني سجاڳ سمجهدار ماڻهن کان. خبر اٿم ته اسان عظيم تهذيب جا باني آهيون. غيور، غيرت ۽ شان وارا آهيون. اسان جي هڪ تاريخ آهي جيڪا موهن جي دڙي تائين وڃي ٿي پهچي. سنڌ جون تاريخون پڙهندي آهيان ته فخر سان ڳاٽ اوچو ٿي ويندو اٿم. سوچيندي آهيان. “اول به سنڌ هئي آخر به سنڌ رهندي.” منهنجو ننڍپڻ ننڍن شهرن ۾ گذريو آهي ٻنيءَ تي ويندي هئس ته هارين ۽ هارياڻين جي وات مان عجيب گفتا ٻڌندي هئس. ڳالهه ڳالهه ۾ اصطلاح ۽ محاورا استعمال ڪرڻ، شاهه جي شاعري جيڪا انهن پڙهي نه هئي ته به انهن جي دلين تي اڪريل هئي. شاهه جا شعر ائين ڳالهه ڳالهه ڪندي استعمال ڪندا هئا ڄڻ ته شاهه انهن جي ڏکن سکن ۾ انهن سان گڏ هو. ڦٽيون چونڊڻ واريون عورتون، گهر ۾ ٿانو ٻهارو ڪندڙ عورتون، اوڙي پاڙي جون وچولي طبقي واريون عورتون ۽ مرد، نماز روزي جون پابند عورتون خاندان جون وڏيون عقل واريون عورتون ۽ مائي حبل ۽ جمل جيڪي ٻئي ڪراڙيون لاڙڪاڻي مان اسان وٽ اينديون هيون. انهن جي ڪا به ڪهاڻي ختم نه ٿيندي هئي. رات جو ڇت تي اونداهيءَ ۾ جڏهن هو ڪهاڻيون ٻڌائينديون هيون ته اسان جي اڳيان فلم پيئي هلندي هئي.
    ڪيڏا نه سچا ڪردار اسان جي اڳيان آيا ۽ ختم ٿي ويا. ڪي اوڻايون، ڪي برايون، ڪي ظلم، ڪي زياتيون اُهي به ٿيندي ڏٺيوسين ڪي وڏن کان ٻڌيوسين ته سنڌ ۾ هيئن به ٿيندو هو.
    منهنجو ذهن هميشه انهن اوڻاين ۽ چڱاين جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪندو هو. انهيءَ ڀيٽ ۾ هميشه چڱايون گهڻيون ٿي وينديون هيون ۽ مان انهن اوڻاين کي پاسيرو رکي انهن چڱاين جي واٽ تي هلندي هئس. ان وقت سوچيندي هئس ته مان ڪيڏي نه خوش قسمت آهيان جو مون هن ڌرتيءَ تي جنم ورتو آهي. نشاندهي ڪئي هوندم انهن براين کي، ننديو هوندو انهن ڳالهين کي، جيڪي اسان ۾ نه هئڻ کپن.
    پر هي ڇا؟ اسان هن ويهن صديءَ جي آخر ۾ هن ائٽمي دور ۾ جت جيئڻ به جنجال آهي. هت پيٽ قوت لاءِ هرڪو پيو پاڻ پتوڙي، جت اڄ هڪ زال پالڻ به مسئلو آهي، جي اڄ ٻچن کي سٺي تعليم ڏيارڻ مسئلو آ، اڄ اسان وٽ غريب ايترو غريب آ جو کائڻ لاءِ رکو اٽو ڪو نه اٿس، وچولو طبقو معاشري جي نفسا نفسي ۾ زالين مڙسين ڪم ۾ رڌل آ ته به پورت نه آهي. هتان جو خوش حال طبقو به بينڪن جي قرضن ۾ ڪارو لڳو پيو آ، ڇو ته پاڻي ڪونهي آبادي گهٽ ٿي ٿئي. مطلب ته سنڌ جو هر طبقو سواءِ سياستدانن جي جن پنهنجو ضمير به وڪڻي ڇڏيو آ، باقي ٻيا سڀ جيون جي ڊوڙ ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻن انهيءَ سڄي اونداهيءَ واري ماحول ۾ جڏهن اسان جي بقا به خطري ۾ آهي ته اسان ڇا پيا ڪيون؟
    ٽي وي هڪ ميڊيا آهي ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي ته ات اسان اهڙي قسم جا ڊراما ڏيندا آهيون جن سان صرف ٽن ڳالهين جو پرچار ٿيندو آهي، سنڌي ظالم آهن، سنڌي ڌاڙيل آهن ۽ سنڌي ڀوڪ آهن.
    مڃون ٿا ته هر قوم ۾ اوڻايون هونديون آهن پر جهڙي طرح اسان ٽي وي جي ذريعي ڊراما پيش ڪري اهي اوڻايون ڏيکاريندا آهيون جيڪي ڪي صديون ڪي ورهيه اڳ اسان ۾ موجود هيون. هاڻ اهي اسان ۾ موجود ناهن. اسان جو ڊرامو شروع ٿيندو ته محسوس ٿيندو ته اسان بڇڙا آهيون، بڇڙا هئاسين ۽ بڇڙا رهنداسين.
    مان اوهان سڀني پڙهندڙن کان اهو پڇڻ چاهيان ٿي ته ڇاهيءَ عزت ۽ مان واري ڌرتي ۽ ان ڌرتي جا پيارا ايترا خراب هئا ۽ آهن جيئن انهن کي پيش ڪيو وڃي ٿو؟
    اهي قومون جن جي ڪا تاريخ نه آهي، اهي مهذب قومون ناهن. انهن جا ڪي اخلاقي قدر به نه رهيا آهن.ان جي باوجود به هو پاڻ کي اهڙو ته ڪري پيش ڪن ٿا ڄڻ ته انهن جهڙو هن ڪائنات ۾ ڪو آهي ئي ڪونه. انهن جي تاريخ بدمعاشين ۽ سفاڪين سان ڀريل آهي ته به هو پاڻ کي مسڪين ۽ با اخلاق ڪري پيش ڪن ٿا ۽ اسان جا لکندڙ اهي اوڻايون جيڪي اڄ اسان وٽ موجود نه آهن، انهن کي اهڙي طرح پيش ڪندا آهن جو هرڪو اهو سوال ڪندو آهي ته توهان اهڙا آهيو ڇا؟ توهان وٽ ائين ٿيندو آهي ڇا؟
    اهڙا هاڃا هن ڀنڀور ۾ هاڻي نه ٿيڻ کپن، سوچڻ سمجهڻ گهرجي. هٿ سان پاڻ لاءِ جهنم نه ٻارجي.
    هاڻ مان وري ٿي ذڪر ڪيان زينت ناول جو. هي ظلم زينت ناول تي ٿيو آهي. سو برداشت کان ٻاهر آهي. ڪهاڻي کي بدلائي ان ۾ ڪمتر ۽ ذليل ڊائلاگ وجهي اسان جي دلين کي ڏکويو ويو آهي. مان هن ليکڪ جي حوالي سان احتجاج ٿي ڪيان ته هن ڊرامي جي آخري قسط بلڪل پيش نه ڪئي وڃي ۽ ٻيهر صحيح طريقي سان هن ناول جي ڊرامائي تشڪيل ڏيئي پيش ڪيو وڃي. ناول کي ڊرامائي تشڪيل ڏيڻ لاءِ ڪجهه تبديليون ڪبيون آهن ۽ اهي ضروري به هونديون آهن پر اهڙي طرح ناول جو ٻيڙو غرق نه ڪبو آهي.
    مان مرزا صاحب جي وارثن کان پڇان ٿي ته ڇا توهان جو اهو فرض نه هو ته توهان ناول جي ڪيل ڊرامائي تشڪيل کي پڙهو ها ۽ ضرور احتجاج ڪيو ها؟
    جهريل جيءَ کي اها به خبر اٿم ته ڪجهه نه ورندو. آخري قسط به ٿي ويندي. منهنجو ڪنڌ جهڪيل رهندو. سوالن جا پڙاڏا گونجندا رهندا. توهان اهڙا آهيو ڇا؟ توهان وٽ ائين ٿيندو آ ڇا؟

    هلال پاڪستان آچر 14 آڪٽوبر 1998ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 347295
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 143227
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ