ڪتاب جو نالو: علامه آءِ آءِ قاضي (شخصيت ۽ چونڊ تقريرون )
مصنف: محمد يوسف شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 12 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 615 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 423 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
جڏهن به سنڌ ۾ تعليم جو ذڪر نڪرندو ته سنڌ جي محسن شخصيت علامه آءِ آءِ قاضي جو ذڪر ضرور نڪرندو. محترم محمد يوسف شيخ پاران علامه صاحب جي شخصيت بابت مضمونن ۽ تقريرن جي سهيڙ ڪري ان کي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ڪتاب ”علامه آءِ آءِ قاضي“ (شخصيت ۽ چونڊ تقريرون)، سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • علامه آءِ آءِ قاضي رحه هڪ عجيب شخصيت ۽ عظيم مفڪر : پروفيسر علي نواز جتوئي
  • ١٨-آل سنڌ ادبي ڪانفرنس : صدارتي خطبو
  • ڪاميابي جي راهه
  • سنڌ يونيورسٽي : (حضرت علامه آءِ آءِ قاضي صاحب مد ظلله العالي جن جون ٻه تقريرون)
  • محبت جي ضرورت
  • سنڌي ٻولي، ان جي بقا ۽ بچاءُ
  • علم ادب
  • ادب ۽ زندگي
  • نئين نسل جي نالي،آخري پيغام
  • سجاڳيءَ جو قرآني آواز

  • علامه آءِ آءِ قاضي رحه هڪ عجيب شخصيت ۽ عظيم مفڪر : پروفيسر علي نواز جتوئي

    علامه آءِ- آءِ قاضي جن جو سڄو نالو امداد علي ولد امام علي قاضي هو. سندن ولادت حيدرآباد شهر ۾ سن 1886ع ۾ ٿي. ڪن جو رايو آهي ته سندن ولادت سن 1889ع ۾ ٿي. سندن وڏا انصاري خاندان مان هئا، جي اصل دادو ضلع جي پاٽ شهر جا رهاڪو هئا. پراڻي زماني کان وٺي پاٽ جو شهر عالمن ۽ اوليائن کان مشهور آهي. علامه صاحب جن جو والد ميان امام علي قاضي روينيو کاتي ۾ سرڪاري نوڪري سبب پاٽ مان لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيو، جتي سيٺ محمد حافظ جي گهران شادي ڪيائين. علامه قاضي صاحب جن جي ولادت اتان ٿي.
    قاضي صاحب جن جو خاندان علمي فضيلت جو علمبردار هو، تنهن ڪري قاضي صاحب جن جي تربيت به عمدي نموني ۾ ٿي. سندن تعليم لاءِ کين اسڪول ۾ داخل ته ڪيو ويو پر پنهنجي جاءِ تي کين آخوند عبدالعزيز نالي هڪ فضيلت ڀرئي شخص جي حوالي ڪيو ويو، جنهن کان سنڌي، فارسي، علم رياضي، جاگرافي، قرآن پڙهڻ ۽ فقهه جا ابتدائي سبق پڙهيائون. قاضي صاحب جن پنهنجي ابتدائي استاد آخوند صاحب جي فضيلت کي ڏاڍو ساراهيندا هئا ۽ چوندا هئا ته اسان گهڻو ڪري سندن نگراني هيٺ هوندا هئاسون، بعد ۾ جڏهن اسڪول ۾ داخل ٿياسون، تڏهن ته آخوند صاحب ڇڏي ايندو ۽ اتان وٺي ايندو هو، پوءِ اوطاق تي سارو وقت سندن نظر ۽ تربيت هيٺ رهبو هو.
    قاضي صاحب جن کي ننڍپڻ ۾ ئي روزي نماز جو پابند ڪيو ويو ۽ يارنهن ورهين جي عمر ۾ کين روحاني تعليم خاطر نقشبندي طريقي ۾ داخل ڪيو ويو ۽ کين باقاعدي ذڪر خفي ۽ مراقبو ڪرايو ويندو هو. اهو مراقبو ۽ ذڪر روزانو ڪلاڪن تائين ڪيو ويندو هو. هڪ دفعي مون کانئن پڇيو ته سائين، مراقبي ۾ اوهان کي ڇا ڏسڻ ۾ ايندو هو. جواب ۾ فرمايائون: وليم جيمس (William James) پنهنجي ڪتاب ”Varieties of Religious Experiences“ ۾ جيڪي لکيو آهي، اهو ڏسڻ ۾ ايندو هو. پاڻ فرمائيندا هئا ته ننڍپڻ ۾ ذڪر ۽ مراقبا ڪڏهن به نه ڪيا وڃن. اها اُها وهي آهي جڏهن حواس ترقي ڪن ٿا ۽ عقل جي ابتدا ٿئي ٿي. جيستائين انفرادي شخصيت جي تعمير تڪميل تي نه پهتي آهي تيستائين مراقبا ڪرڻ مفيد نه آهن. خود جي تڪميل کان پوءِ ئي مراقبي جي ضرورت آهي. ”موتوا قبل ان تموتوا “ جي صحيح مهل ان وقت شروع ٿئي ٿي. دنيا جو ڪوبه فيلسوف يا نبي اهڙو ڪونه ٿي گذريو آهي جنهن ڪجهه وقت لاءِ دنيا کان الڳ ٿلڳ ٿي مراقبن جون منزلون طئي نه ڪيون هجن. علامه صاحب جن اهي مراقبن جون منزلون پوءِ وڏي هوندي طئي ڪيون، جڏهن سڀني علوم کي پڙهي، انهن جي اصولن کان باخبر ٿيا. مون کي ڪيترائي دفعا فرمايائون ته: ”جيستائين هنن ظاهري اکين پنهنجو ڪم پورو نه ڪيو آهي تيستائين کين ٻوٽي اندر ۾ جهاتي پائڻ يعني مراقبو ڪرڻ فطرتي اصول جي خلاف آهي، فطرت ايئن ڪرڻ نه ڏيندي، بلڪ مجبور ڪندي ته اکيون کولي ظاهري دنيا کي ڏسجي. جڏهن انهن جو ڪم پورو ٿيندو تڏهن اهي پاڻيهي ظاهري دنيا کان منهن موڙينديون ۽ بند ٿينديون.“
    فطرت جي انهيءَ اصول موجب جناب قاضي صاحب جن جا ننڍپڻ جا مراقبا بند ٿي ويا ۽ ظاهري علم کي لڳي ويا. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ وري اچي قاضي صاحب جن کي ويراڳ لڳو، سو ڀڄي وڃي جوڳين سان مليا، جن سان اٽڪل ڇهه مهينا گذاريائون، مگر پوءِ وري اچي پڙهڻ کي لڳا. هيءَ خبر علامه صاحب جن پاڻ مون کي ٻڌائي. ستت ئي بي اي ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه هليا ويا. پهرئين سال ۾ جيڪي ڪتاب درسي طور رکيل هئا، سي سندن اڳيئي مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ پڙهيل هئا، سو سمجهيائون ته علم حاصل ڪرڻ جي بجاءِ وقت ضايع ٿيندو. وقت جي ضايع ٿيڻ جو احساس قاضي صاحب جن کي ان وقت کان ئي هو. اهو احساس بيدار زندگي جي اهم نشاني آهي، سو قاضي صاحب جن علي ڳڙهه ڇڏي ولايت هليا ويا ۽ مختلف علومن ۾ داخلائون ورتائون. مون کي ٻڌايائون ته: ”مختلف علومن ۾ داخلائون ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪونه ورتم، مگر حق کي ڳولهڻ، سمجهڻ ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ ورتم. فقط قانون ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيم، تنهن ڪري بئريسٽري ڪيم. انهيءَ وقت ۾ به کين روحاني بي چيني رهندي هئي. فرمايائون ته انهيءَ بي چيني جي حل تلاش ڪرڻ لاءِ ديوان حافظ مان فال ڪڍيم ۽ هيءَ سٽ نڪتي:
    مان مريدانِ خدائيم، خدا رہبر ما است.
    بس، ان وقت کان وٺي پنهنجي رب جو در نه ڇڏيم ۽ اُن کا ئي رهبري پنندو رهيس. الله تعاليٰ منهنجي رهبري ڪندو رهيو. قرآن پاڪ کي ٻنهي هٿن سان چنبڙي پيس ۽ ان جي احڪامن تي سختيءَ سان پابند ٿيڻ لڳس. نماز پنجن ئي وقتن تي باقاعدي پڙهندو هوس، ايتريقدر جو ڪنهن وقت کي نه گسائڻ خاطر هڪ گني خرچ ڪري به وقت تي گهر اچي نماز پڙهندو هوس. اتي مون پڇيومان ته: ”سائين، اڄڪلهه اسين توهان کي سانجهيءَ جي نماز پڙهندي ڪونه ٿا ڏسون.“ فرمايائون ته: ”ابا، هاڻي ٻيپهري ۽ ٽيپهري گڏي پڙهندو آهيان ۽ سانجهي ۽ سومهڻي جي نماز به گڏي پڙهندو آهيان، پر اهڙن وقتن تي جڏهن هڪ نماز جو آخرين وقت هوندو آهي ۽ ٻيءَ نماز جو اول وقت. اسان جي فقيهن جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ۽ آءُ به ذاتي طرح سان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته ايئن ڪري سگهجي ٿو.“
    علم ۾ ترقي خاطر فرمايائون ته جذبي سان آءٌ ”رب زدني علما“ دعا ۾ پڙهندو هوس، ڇو ته خود خدا تعاليٰ اها دعا پنهنجي رسول الله (ﷺ) جن کي سيکاري. هر مسلمان کي اها دعا پنڻ گهرجي ته علم ۾ ترقي ڪري. مطلب ته قاضي صاحب جن ذاتي جدوجهد سان گڏ دعائن جي ذريعي رب پاڪ کان توفيق به حاصل ڪندا رهيا. لنڊن ۾ جن پروفيسرن کان تعليم حاصل ڪيائون، تن مان اڪثر ڊاڪٽر هابهائوس (Dr. Hob house) ۽ ڊاڪٽر ٿامس آرنلڊ (Dr. Thomas Arnold) جو نالو دهرائيندا هئا. ڊاڪٽر ٿامس آرنلڊ وٽ علامه اقبال مرحوم به تعليم وٺندو هو. علامه اقبال مرحوم لاءِ هڪ دفعي چيائون ته اقبال جڏهن لنڊن آيو ته ابتدا ۾ ڇڙواڳ هو مگر پوءِ مثنوي جو مٿس ايترو ته اثر ٿيو جو بلڪل بدلجي ويو ۽ نهايت نيڪ شخص ٿي پيو. قاضي صاحب لنڊن ۾ هڪ مصري استاد شيخ گوما کان عربيءَ ۾ تعليم ورتي ۽ اسلام جي باري ۾ ساڻس خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي. ان باري ۾ هڪ دفعي چيائون ته شيخ گوما اهو چوڻ کان بالآخر رهي نه سگهيو ته ”قاضي صاحب مون کان عربي سکي ۽ آءٌ کانئس اسلام سکيس.“ اسلام سکڻ ۾ قاضي صاحب جن ڪنهن به انساني استاد کان مدد ڪانه ورتي. اها مدد موليٰ پاڪ کان ئي گهرندا رهيا.
    سنه 1921ع ۾ قاضي صاحب جن واپس سنڌ آيا. ولايت ۾ سندن شادي هڪ جرمن خاتون محترمه ايلسا سان ٿي، جنهن کي اسان علامه صاحب جا شاگرد مدر (Mother) ڪري سڏيندا هئاسون. اها هڪ نهايت فضيلت ڀري خاتون هئي. سندن باري ۾ هڪ دفعي فرمايائون ته ”هن مون کي بنايو ۽ مون هن کي بنايو.“ ٻئي هڪ طبيعت هئا، فرق فقط هيءُ هو ته مدر لطيف فنن جي مالڪياڻي هئي ۽ قاضي صاحب جن ”علامه“ هئا. مدر، قاضي صاحب جن کان پري گهڻو وقت رهي نه سگهندي هئي. لاچار ڊيوٽيءَ وارو وقت سندن دوري برداشت ڪندي هئي. شل نه علامه صاحب جن جي طبيعت ٿورڙو به ناساز ٿئي، پوءِ ڪنهن کي به علامه صاحب جن سان ملڻ نه ڏيندي هئي. چاڪائيءَ ۾ به کين گهڻو ڳالهائڻ نه ڏيندي هئي ۽ اسان کي چوندي هئي ته توهان به نه ڳالهايو ته کين ڳالهائڻ کان وقفو ملي.
    سنڌ ۾ واپس ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ٽنڊي محمد خان ۾ ۽ ڪجهه وقت خيرپور رياست ۾ جج ٿي رهيا. جتان دستبردار ٿيا. ان جو سبب مون کي هيءُ ٻڌايائون ته هڪ ڪيس ۾ هزهائينس مير علينواز خان جو ڪو ماڻهو ڦاٿل هو، جنهن جي باري ۾ اڻ سڌيءَ طرح مير صاحب منهنجي ڪنن تي ڪنهن جي معرفت سفارش جهڙي ڳالهه آندي، جا مون کان برداشت نه ٿي ۽ هڪدم استعيفا ڏنم. مير صاحب کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ مون کي دوستن کان چوارايائين، خود به چيائين ته استعيفا واپس وٺان مگر مون نه مڃيو. مون بيجا بالادستي ۽ اصولن جي پائمالي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو آهي. رب تعاليٰ جي غلامي کان پوءِ ٻئي جي غلامي قبول ڪرڻ شرڪ آهي. قاضي صاحب جن مير صاحب مرحوم جن جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته مروت ۽ فضيلت جو صاحب هو ۽ خانداني شرافت جو مجسمو.
    استعيفا کان پوءِ قاضي صاحب جن وري ولايت هليا ويا، جتي علمي، ادبي، درسي ۽ تبليغي مشغوليون اختيار ڪيائون. 1924ع ۾ کين انگلينڊ جي پوئٽري سوسائٽي (Poetry Society) جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ 1929ع ۾ فلاسافيڪل سوسائٽي جو تاحيات ميمبر مقرر ڪيو ويو. ستت ئي سنڌ ۾ آيا ۽ اچي وڪالت شروع ڪيائون، مگر اهو ڌنڌو کين نه وڻيو ۽ عمر ڀر لاءِ ڇڏي ڏنائون. ڪيسن کي ٺاهڻ لاءِ سچ سان گڏ ڪوڙ جي ملاوٽ ڪرڻ سندن طبيعت ۽ ديني جذبي برداشت نه ڪيو. پاڻ فرمائيندا هئا ته مومن اهو ڌنڌو اختيار ڪري نٿو سگهي. اهوئي سبب آهي جو اي- ڪي بروهيءَ کي انهيءَ ڌنڌي اختيار ڪرڻ کان منع ڪئي هئائون. مسٽر بروهي کي جڏهن سنڌ مدرسي ۾ ماستري ڪرڻ لاءِ ٻه سؤ رپيا پگهار نه ڏني ويئي ۽ ان جي بجاءِ هڪ سؤ پنجاهه رپيا ان وقت جي تعليم جي وزير کيس ڏيڻا ڪيا، تڏهن لاچار وڃي وڪالت ڪيائين ۽ علامه صاحب جن کي عرض ڪيائين ته ”فادر! (ابا جان)، قدرت مون کي ٽيچر (استاد) ٿيڻ نٿي ڏئي ۽ وڪيل ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي.، پوءِ قاضي صاحب جن به کڻي ماٺ ڪئي. قدرت جو عجيب ڪرشمو آهي جو مسٽر بروهي کي الله تعاليٰ وڪالت ۾ اهڙو ته بلند مقام عطا ڪيو آهي، جو کيس ڪيسن ۾ ڪوڙ جي سهاري جي ضرورت ئي نه رهي آهي. ”جهڙي نيت تهڙي مراد.“
    وڪالت کي ترڪ ڪرڻ کان پوءِ قاضي صاحب جن وري ولايت هليا ويا ۽ اُتي وڃي تبليغ جو ڪم هٿ ۾ کنيائون، ايسٽ اينڊ لنڊن ۾ مسجد قائم ڪيائون ۽ ان کي ئي تبليغ جو مرڪز بنايائون. ان ڪم ۾ جيڪي مسلمان ساڻن شامل ٿيا تن کي جماعت جي صورت ڏيئي، ان تي ”جمعيت المسلمين“ نالو رکيائون. سندن تبليغ نوجوان مسلمان شاگردن کي بيدار ڪيو، جن مان گهڻا مصري ۽ هندستاني هئا. ان وقت جي مصري حڪومت سندن تبليغي خدمتن جو اعتراف ڪيو ۽ کين مالي امداد جي آڇ به ڪئي، جا پاڻ رد ڪيائون. اها ڳالهه قاضي صاحب جن پاڻ مون سان ڪئي هئي. سندن طبيعت نهايت خوددار هئي، ان ڪري ٻين جي امداد کان هميشه بي نياز رهندي هئي. ان باري ۾ پاڻ نهايت متوڪل هئا. روزگار جي ڳڻتيءَ به ڪڏهن کين بيچين ڪونه ڪيو. حلال جي ڪمائيءَ کي ديني فرض سمجهندا هئا ۽ فضول خرچيءَ کي ديني ڏوهه. حلال جي ڪمائيءَ خاطر قاضي صاحب جن لنڊن ۾ بئنڪ جي نوڪري به ڪندا هئا. هڪ دفعي پاڻ فرمايائون ته انهيءَ نوڪريءَ خاطر اڪائونٽنسي ۽ مئنيجري ۾ وڏو امتحان اعزاز سان پاس ڪيم. مگر سندن طبيعت جو لاڙو مسلمانن ۾ بيداري آڻڻ ڏانهن هو. تعليم ۽ تبليغ اِهي سندن محبوب مشغلا هئا. فرمائيندا هئا ته رسولِ خدا (ﷺ) جن جي فرمودي موجب فقط ٻن قسمن جا ماڻهو ڪارآمد آهن: هڪڙا معلم يعني استاد ۽ ٻيا متعلم يعني شاگرد، باقي ٻيا خس و خاشاڪ آهن.
    تبليغ جي سلسلي ۾ قاضي صاحب جن هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو آهي ”Adventures of the Brown Girl in Her Search of God“ يعني ”خدا جي تلاش ۾ ڀُوري ڇوڪريءَ جون مهمات“. ان ڪتاب ولايت ۾ خواهه هت قاضي صاحب جن جو نالو پيدا ڪيو. قاضي صاحب جن اهو ڪتاب برنارڊشا جي ڪتاب ”خدا جي تلاش ۾ ڪاري ڇوڪريءَ جون مهمات“ جي جواب ۾ لکيو. برنارڊشا جي ڪتاب کان اڳ اهڙي قسم جو ڪتاب ”خدا جي تلاش ۾ اڇي ڇوڪريءَ جون مهمات“ اڳي ئي ڇپجي چڪو هو. برنارڊشا پنهنجي ڪتاب ۾ سڀني مذهبن تي سخت تنقيد ڪئي هئي ۽ اهو ڏيکاريو هئائين ته ڪيئن ڪاري ڇوڪريءَ سڀني مذهبن کي بيڪار ڏسي آخرڪار سوشلزم اختيار ڪيو. قاضي صاحب جن هن ڳالهه کي ثابت ڪيو ته ڪيئن دين انسان جي فطري تقاضا ۽ ترقي لاءِ لازمي پئي رهيو آهي ۽ انساني ارتقا مطابق دين به ارتقا ڪئي آهي، تان جو رسول الله ﷺ جن جي وقت ۾ ڪامل ٿيو. قاضي صاحب ان ڳالهه کي به ثابت ڪيو ته ڪيئن يورپي ۽ عالمي برادري اسلامي تعليمات کان متاثر ٿي آهي وغيره. حقيقت هن ريت آهي ته جيڪڏهن اسان جو نوجوان طبقو انهيءَ ڪتاب کي سمجهي هضم ڪري وٺي ته انسانذات جو رهبر ٿي سگهي ٿو.
    سنه 1937ع ۾ قاضي صاحب جن وري واپس سنڌ ۾ آيا، جڏهن مون ڊي- جي سنڌ ڪاليج ۾ بي. اي جي پهرئين سال ۾ داخلا ورتي. ان وقت ۾ اسان مسلمان شاگردن لاءِ ايل- ڊبليو مسلم هاسٽل هئي، جنهن کي هاڻي جناح ڪورٽس سڏين ٿا. ان هاسٽل ۾ هڪ ننڍڙي مسجد آهي جنهن ۾ اسان نماز پڙهندا هئاسون. مون کي چِٽي يادگيري آهي ته هاسٽل جو ماحول ڏاڍو سٺو هوندو هو ۽ ان ۾ رهندي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ان وقت ۾ هاسٽل جي وچئين هال ۾ تقريرون ۽ جلسا ٿيندا هئا. هاسٽل ۾ جيڪي شاگرد رهندا هئا، تن مان ڪن جا نالا هي آهن: مسٽر اي- ڪي بروهي، قاضي فيض محمد، قاضي احمد محمد، حمزو خان قريشي، عبدالرحيم ميمڻ، الله داد خان شجرا، غلام مصطفيٰ شاهه، منڱڻ خان ٽالپر، مسٽر فضل الاهي انصاري، شير محمد بلوچ، مخدوم عبدالوالي وغيره. منهنجا جيڪي هم ڪلاسي هئا تن مان ڪن جا نالا هي آهن؛ سيد قطب علي شاهه، شفيع محمد ميمڻ، محمد اشرف ميمڻ، گل محمد شيخ، حافظ گل محمد، علي محمد سمون، شمس الدين شاهه وغيره. پڙهائيءَ جي ٻئي ٽرم ۾ هڪ ڏينهن هاسٽل ۾ ڏاڍي چوپچو ٿي ته اسلام جو وڏو اسڪالر لنڊن کان آيو آهي، سنڌي آهي، اصل پاٽ جو ويٺل آهي، اهو ايندڙ جمعي تي مسجد ۾ نماز پڙهائيندو، سندس گهرواري جرمن منڊم آهي. آءُ تصوف جو دلدادو هوس ۽ نقشبندي سلسلي ۾ داخل هوس، حضرت خواجه محمد حسن جان جن جو مريد هوس. جڏهن جمعي جو ڏينهن آيو ته منجهند ٿي ته ڏٺم ته شهر جا ڪيترائي معزز ماڻهو موٽرن تي چڙهي نماز پڙهڻ آيا. مان تعجب ۾ پئجي ويس، ساري مسجد ڀرجي ويئي. جڏهن قاضي صاحب جن آيا ته اول ٿورو وقت مراقبي ۾ ويهي پوءِ سنت پڙهيائون ۽ ان بعد وري مراقبي واري حالت ۾ ويهي رهيا. اهو ڏسي آءٌ ڏاڍو متاثر ٿيس. ان کان پوءِ آچر جي ڏينهن به قاضي صاحب جن جي گهر ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ ڪيترن ئي شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، جن کي پاڻ خطاب فرمايائون. ان وقت کان وٺي قاضي صاحب جن سان منهنجو گهاٽو رابطو رهيو.
    انهيءَ زماني ۾ هڪ دفعي مون خلاصگي ۾ کين عرض ڪيو ته: ”سائين، قرآن شريف ۾ لکيل آهي ته ذڪر ڪرڻ سان قلب کي اطمينان حاصل ٿئي ٿو، مگر مون کي حاصل نٿو ٿئي، سو ڇو؟“ فرمايائون ته: ”ابا، قلب جو ڪم ئي آهي خدا تعاليٰ کي ياد ڪرڻ. اسان قلب کي ذڪر ته ڪرايون ٿا، مگر حواس ۽ عضوا جيڪي قلب جا نوڪر آهن، سي گناهه جا ڪم ڪن ٿا، اکيون بُري نظر رکن ٿيون، زبان گلا غيبت ڪري ٿي ۽ گارگند ڪڍي ٿي، ڪَن بريون ڳالهيون ٻڌن ٿا، دماغ بريون ڳالهيون سوچي ٿو. پوءِ اهڙيءَ حالت ۾ قلب کي اطمينان ڪٿان حاصل ٿيندو؟ قلب ۽ قالب جي وچ ۾ موافقت آهي ئي ڪانه، جيستائين ٻنهي جي وچ ۾ موافقت نه ٿيندي ۽ ٺاهه نه ٿيندو تيستائين اطمينان حاصل نه ٿيندو. پنهنجن ڪمن تي نظر ڌرجي ته بدن جا عضوا خدا تعاليٰ جو ڪم ڪن ٿا يا نه. اهي خدا تعاليٰ جي حڪمن تي هلندا ته پوءِ خودبخود قلب خدا تعاليٰ جو ذڪر ڪندو ۽ ان مان مزو ماڻيندو.“ ان بعد قاضي صاحب جن مون کي هدايت ڪئي ته هر رات ڪجهه وقت لاءِ تارن ۽ آسمان کي ڏسان، روزانو باغيچي ۾ وڃي گل ٻوٽا ڏسي عبرت وٺان ۽ هر شيءِ کي ڏسي قادر جي قدرت کي ڌيان ۾ ڌريان. مون ايئن ڪرڻ شروع ڪيو ته ٿوري ئي عرصي اندر قلبي اطمينان محسوس ڪرڻ لڳس. ستت ئي ساليانو امتحان ٿيو، جنهن بعد ڳوٺ هليو آيس. ٻئي سال منهنجو جهوناڳڙهه وڃڻ ٿيو، تنهن ڪري قاضي صاحب جن کان منهنجو رهڻ دور ٿيو، مگر خطن ذريعي رابطو رهندو آيو ۽ جڏهن جڏهن به ڪراچيءَ وڃي رهڻ جو موقعو ملندو هوم تڏهن سندن خدمت ۾ ويندو هوس ۽ کانئن مستفيض ٿيندو هوس.
    ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ علامه قاضي صاحب جن وري ولايت ويا جتي به ساڻن خط و ڪتابت ٿيندي رهي. انهيءَ وچ ۾ مون سندن خدمت ۾ عرض لکي موڪليو ته زندگي جي حقيقت بابت آءٌ سوال عرض رکندو رهان ۽ پاڻ ان جو جواب سنڌيءَ ۾ ڏيندا رهن، جيئن بعد ۾ اهي خط ڪتابي صورت وٺن. پاڻ اها تجويز قبول فرمايائون ۽ سلسلو جاري ٿيو. اهڙي سلسلي جي پهرئين خط جي جواب ۾ جيڪي لکيائون سو هيٺين ريت آهي:
    بسم الله
    تو چشم بستی و گفتی کہ اين جهاں خوابست
    کشای چشم کہ اين خواب خواب بيدارست.

    سعادتمندا- وعليڪم السلام ورحمته الله وبرڪاته. اوهان جي خط کي آئي ڪجهه عرصو ٿي ويو آهي، مگر طبيعت جي نابرابري سبب سندس جواب ۾ تاخير ٿي، معاف ڪندا.
    اوهان سوال ڪيو ته زندگيءَ جو مقصد ۽ منتها ڇا آهي؟ ظاهر آهي ته مقصد ۽ منتها جي تفحص ڪرڻ کان اڳ زندگي کي خود سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي: جي زندگي جي حقيقت کان وقوف پئجي وڃي ته ازخود سندس مقصد ۽ منتها پڌري ٿي پوندي. جيئن سرورِ دو عالم (ﷺ) اشارو ڪيو هو ته: ”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“ بهر وجوه، بهرحال ”نفس“ کي سمجهڻ جي ڪوشش پهرين لازمي آهي.
    نفس يا زندگي جي سمجهڻ لاءِ ساري دنيا پئي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اڃا تائين ڪندي رهي ٿي. جيڪي به لکيو پيو وڃي، جيڪي چيو پيو وڃي، جيڪي به ڪيو پيو وڃي، سو سڀ انهيءَ ليکي آهي.
    صرف اهو نه پر جيڪي به غلطيون مقصد سمجهڻ ۾ واقع ٿيون آهن، تن جو سبب زندگي جي غلط فهمي ئي آهي.
    ان کان اڳ ته اسين زندگي بابت سوچ ويچار ڪريون، اهو بهتر ٿيندو ته سوال جي اهميت کان واقف ٿيون. انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ ۾ بهترين انسان، جن لاءِ اسان کي نهايت عزت آهي، قاصر رهيا آهن. هڪ ئي مثال ڪافي آهي جو ”يڪ مشت نمونه خروار“ جو ڪم ڏيندو.
    شمس الدين حافظ، صاحبِ ديوان کان ڪير واقف نه هوندو ۽ انهيءَ شخصيت لاءِ ڪهڙي سمجهدار انسان کي عزت نه هوندي؟ اهو ڪهڙو داناءُ پڙهندڙ هوندو جنهن کي رت جا ڳوڙها نه ڳاڙايا هوندائين؟ ايراني شاعرن جو سردار، غزل نويسن جو ڇٽ، حافظِ قرآن، لسان الغيب، عربي شعر ۽ زبان جو ماهر. جنهن لاءِ ديوان جي پهرين سٽ شاهد آهي. اها سٽ هزارن عربن کي به معلوم آهي ته اصل يزيد بن معاويه جي چيل آهي، صرف هيتري تبديل سان ته يزيد چيو آهي: ”ادر کاسا و ناولها الايا ايها الساقي“ ۽ حافظ سڳوري ڦيرائي چيو آهي ته ”الايا ايها الساقي ادر کاسا و ناولها.“
    حافظ، قرآن جي عزت ۽ حجت جو اعتراف خود ديوان ۾ هن طرح ٿو ڪري:
    ہرچہ کردم ہمہ از دولتِ قرآن کردم.

    بهرحال، جنهن وقت هن ساڳي سوال بابت دماغ سوزي ٿو ڪري ته هن نتيجي تي ٿو پهچي:
    کس نمی داند کہ منزل مقصود کجاست
    اين قدر ہست کہ بانگ جرسی می آيد.

    وري دوباره انهيءَ غير وقوف جي معذرت هن طرح ٿو ڪري:
    عيان نشد کہ چرا آمدم کجا بودم،
    دريغ دارد کہ غافل ز کار خويشنم.

    ڪم از ڪم هي ڳالهه ته ظاهر آهي ته ٽيٽ پويس ٿي ته زندگي بغير مقصد نه آهي. ڪو ته مقصد آهي ۽ ارمان اٿس ته نه ڄاڻڻ سبب:
    ”غافل ز کار خويشنم.“
    اوهان جو سوال به آهي ته مقصد ڇا آهي؟ اهڙا به گهڻا انسان آهن جي شروع کان چون ٿا ته مقصد آهي ئي ڪونه. هو اهڙو تفحص ڪرڻ ئي اجايو ٿا سمجهن. مون کي هڪ نهايت تعليم يافته ۽ باوقار شخص ياد ٿو اچي ۽ هو به مسلمان، جو چوندو هو ته ساري زندگي جو مقصد آهي ئي ڪونه. زندگي هڪ راڪيٽ مثل آهي (سنڌي نالو مون کي هينئر ياد نٿو اچي.) ”هوائي“ سوسڙي ڏيک ڪري اجهامي ويندي، ٻيو غرض آهي ئي ڪونه.
    اهڙن مسلمان معترضن جي جواب ۾ بهتر ايئن ٿيندو ته قرآن پاڪ کان پڇون ته ڪهڙو ٿو جواب ڏئي؟ پهرين پهرين پڇي ٿو ته ”افحسبتم انما خلقناکم عبثا“ (ڇا، توهان کي گمان آهي ته توهان کي اجايو خلقيو اٿئون؟) وري پڙهندڙن کي مصلحت ٿي اچي ته چئو ته ”ربنا ماخلقت ھٰذا باطلا“ (اي اسان جا رب، تو هن کي باطل ڪري نه خلقيو آهي) وري دوباره محڪم ٿو ڪري پنهنجي راءِ کي، ”ماخلقنا السماء والارض لاعبين“ (اسان آسمانن ۽ زمين کي راند لاءِ نه خلقيو آهي) حتاڪ ظاهر اظهر ٿو ڪري هن ڪلام سان ته ”وما خلقنا ھما الا بالحق“ (انهن کي نه خلقيو ويو آهي مگر حق ساڻ.)
    هاڻ جيڪي ماڻهو پاڻ کي مسلمان ٿا سڏائين، تن لاءِ هڪ يقيني شروع ته مهيا آهي جيڪڏهن پاڻ کي مومن سمجهن ٿا ته مفروضي طور (Hypothetically) هنن تي لازم آهي ته فرض ڪن ته آهي ڪو مقصد ضرور.
    پر انهيءَ کان سواءِ منهنجو بني نوع انسان کي عرض آهي ته عزيزو، جيڪڏهن توهان کي شڪ آهي ته مقصد آهي ئي ڪونه ته هڪ عرض اسان جو اوهان کي آهي، سو هي ته ڪوبه ڪم، فعل يا عمل بغير مقصد جي ڪري ڏيکاريو. جي اهو معجزو اوهان کان سرزد ٿيو ته اسان مقصد تي ايمان آڻڻ کان هڪ ئي بس ڪئي. خاص ڪري اوهان پنهنجي ڪلاس ۾ يا سوسائٽي ۾ طلبا گڏ ڪري کين استدعا ڪريو ته ڪوبه ڪم يا حرڪت بغير مقصد جي ڪري ڏيکارين.
    جيڪڏهن انسان پنج منٽ ويچار ڪندو ته مٿس عيان ٿي ويندو ته ڪنهن بني نوع انسان کي ڪوبه ڪم سواءِ مقصد جي ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. جي ٻيو مقصد سندس فعل لاءِ نه هوندو ته هي هوندو ته ”آءٌ بي مقصد ڪم ڪريان“ اهو خود مقصد ٿي پوندو.
    انهيءَ کان اڳ جو اسين اڳتي وڌون يا زندگيءَ بابت زياده سوچ ويچار ڪريون، مقصد جي حقيقت سمجهڻ جي ڪوشش به ڪريون. اها آزمائش پاڻ تي ڪرڻ لازمي آهي. ڪو مرد عاقل ۽ بالغ اهو معجزو ڪري ڏيکاري ته ڪوبه ڪم يا حرڪت بغير مقصد ڪري ته اسان توبه ڪئي. زياده آئينده انشاءَالله تعاليٰ والسلام- حقير عفي عنه.
    ٻن ٽن خطن بعد مون کين لکي موڪليو ته هڪ بزرگ کان معلوم ٿيو اٿم ته جيڪو علم ٻاهرين حواسن ذريعي حاصل ٿئي ٿو سو دل ۾ جاءِ نشين نٿو ٿئي، مگر جيڪو علم اندر مان حاصل ٿئي ٿو سو قائم رهي ٿو وغيره.. منهنجي ايتري لکڻ تي اهو طريقو بند ڪري ڇڏيائون ۽ لکيائون ته تو ابتدا ۾ ئي اعتراض ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، تنهن ڪري وڌيڪ لکڻ بيسود آهي. اگرچه اهو سلسلو بند ٿيو، مگر ٻي خط و ڪتابت ٿيندي رهي ۽ ڪيترن ئي سوالن جا جواب ملندا رهيا.
    1951ع ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽي جا وائيس چانسلر ٿي آيا. ستت ئي سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ٿي آئي ۽ پڙهائي جا شعبا کوليا ويا. 1953ع ۾ 2 مارچ تي مان اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ يونيورسٽيءَ ۾ شامل ٿيس، تڏهن کان وٺي علامه صاحب جن سان نهايت قريبي تعلق رهيو. سندن جمعي وار ۽ ٻين موقعن تي تقريرن ٻڌڻ جو وجهه مليو ۽ ذاتي طرح سان به کانئن علمي فيض ملندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ کانئن جيڪي پرايم، سو هيٺين ريت آهي:
    دين بابت سندن چوڻ هو ته دين هڪ ئي رهيو آهي، جنهن مختلف دور طئي ڪيا آهن. دنيا ۾ ”اديان“ ڪونهن، جيئن عام ماڻهو سمجهن ٿا. جيئن جيئن انسان ذات ترقي ڪندي ويئي تيئن تيئن نين ضرورتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قدرت جي طرفان سندس تعليم ۽ تربيت ۾ به تبديلي ايندي ويئي. جيڪي شخص اها تعليم ڏيندا رهيا، تن کي”نبي“ يعني نئين خبر ڏيندڙ سڏجي ٿو. پهريون نبي فقط پاڻ لاءِ رهبر هو، سندس نبوت فقط سندس ذات تائين محدود هئي. پوءِ جيئن انسانذات ويئي وڌندي ۽ پکڙندي، تيئن نبوت جو دائرو شخصي ذات کان وڌي خاندان تائين، پوءِ قبيلي تائين ۽ پوءِ قوم تائين ٿيو. اوائل ۾ خاندان ۽ قبيلا گهومو هئا، پر پوءِ قوم جي حيثيت ۾ دريائن جي ڪنارن تي ويهي شهري زندگي بسر ڪرڻ لڳا. عين ان وقت آريائي تهذيبون اڀريون ۽ کين شريعتون يعني معاشرتي زندگي بسر ڪرڻ جا قاعدا قانون مليا، جهڙوڪ حضرت موسيٰ (عليه السلام) جي شريعت. جڏهن شريعتون پنهنجو ڪم ڪري چڪيون، تڏهن اهڙا نبي آيا، جن انسان جي روحاني زندگي کي زور وٺايو ۽ نفس جي اندروني تهذيب تي زور ڏنو، ڇو ته قومون فردن ۽ شخصن مان ٺهن ٿيون، جيڪي درست رهيا ته قومون به درست رهنديون ۽ بقا حاصل ڪنديون نه ته خراب ٿي ختم ٿي وينديون. اهڙن نبين تقويٰ کي وڌيڪ زور وٺايو، حضرت عيسيٰ اهڙن نبين مان هو. اهڙن نبين جي تعليم کي ”طريقت“ به چئي سگهجي ٿو. آخر ۾ اهڙو نبي (ﷺ) آيو، جنهن جي تعليم ۾ انسانن جو شخصي ۽ سماجي سڌارو سمايل آهي. اها هڪ اهڙي جامع تعليم آهي جنهن ۾ زندگيءَ جا سڀ پهلو سمائجي وڃن ٿا. اهڙيءَ طرح دين اچي ڪامل ٿيو ۽ ساري انسان ذات لاءِ آيو. ان کان اڳ دين ڪامل ڪونه هو، پر تڪميل جي راهه تي هو. اهوئي سبب آهي جو اڳ ڪنهن به نبي پنهنجي ديني تعليم کي ڪو خاص نالو ڪونه ڏنو، پر سندس پوئلڳن نبيءَ جي نالي پٺيان ان جي ذاتي خصوصيت پٺيان مذهب کي نالو ڏنو جهڙوڪ يهوديت، مسيحيت وغيره. جڏهن دين ڪامل ٿيو تڏهن خود الله تعاليٰ ان جو نالو ”اسلام“ رکيو، يعني خدائي حڪمن ۽ قانونن کي تسليم ڪرڻ. انهيءَ ”اسلام“ جي نالي جو تعلق، آخري نبي ڪريم (ﷺ) جي ذاتي خواه صفاتي نالي سان ڪونه آهي. اسان ”مسلمان“ يا ”مسلم“ آهيون ۽ نه ”محمدي.“ اهو به معنيٰ خيز معاملو آهي ته اڳين نبين جي ڏنل تعليم اصلوڪي رنگ ۾ محفوظ رهي نه سگهي آهي ۽ آخري وحي واري لکيت اڄ تائين پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ محفوظ آهي.
    ايئن انساني زندگيءَ جي ارتقا سان گڏ ديني ارتقا واقع ٿي آهي. هاڻي سوال هيءُ ٿو اُٿي ته اسلام کان پوءِ دين جي ارتقا ڇو نٿي ٿئي؟ ان باري ۾ علامه صاحب جن جو ارشاد هو ته تڪميل کان پوءِ ارتقا ڇا جي؟ ارتقا تڪميل لاءِ آهي ۽ نه ان کان پوءِ. انسان جو بدن ڄمڻ کان پوءِ قد ۾ واڌ کائي ٿو ۽ بالغ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن واڌ کائي بس ڪري ٿو تڏهن قد ۾ اضافو نٿو ٿئي. جيترو قد بلوغت وقت ٿي بس ٿئي ٿو، اهوئي عمر جي آخر تائين رهي ٿو. دين به ايئن ارتقا ڪري جڏهن تڪميل کي پهتو تڏهن انهيءَ حالت ۾ آخر تائين رهندو. اهو ئي سبب آهي جو مدني مرسل (ﷺ) کان پوءِ ڪوبه نبي نه آيو ۽ نه ايندو. جيڪڏهن ڪو دعويٰ ڪندو ته ڪوڙو ثابت ٿيندو ۽ ذليل ٿي ختم ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو قرآن پاڪ کان پوءِ اهڙو ديني ڪتاب انسان ذات کي نه ملي سگهيو آهي ۽ نه وري ملندو. انسان ذات جي هن آخرين دور ۾ سندس رهبري جو ڪامل ڪتاب فقط قرآن پاڪ آهي. ان جي اندر سمجهايل خدائي قانون کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ جيڪڏهن ڪنهن انساني سماج ڪو ٻيو رويو اختيار ڪيو ته سندس راهه ۾ ڪئين رڪاوٽون اينديون. اهو مطلب آهي قرآن پاڪ جي هن آيت جو ته الله تعاليٰ وٽ مقبول دين فقط ”اسلام“ آهي، جنهن کي ڇڏي جيڪڏهن ڪنهن به ٻيو ”دين“ يا فيصلو اختيار ڪيو ته قبول نه ڪيو ويندو. (ان الدین عنداللہ الاسلام)
    دين اسلام جي ارتقا کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اڳين مذهبي اڳواڻن جي ڪتابن جو علمي جائزو ۽ مطالعو ڪيو وڃي، ۽ تهذيبن جي تاريخ پڙهجي. قرآن پاڪ، دنيا جي تاريخ ۾ جيڪو انقلاب آندو آهي تنهن کان هر مسلمان کي واقف هجڻ لازمي آهي. انساني زندگيءَ جو ڪوبه اهڙو شعبو ڪونهي جنهن ۾ قرآني تعليم انقلاب نه آندو هجي، مثلاً علم حاصل ڪرڻ هر انسان لاءِ لازمي نه هو. هندن ۾ علم جي هڪ هٽي برهمڻن جي هٿ ۾ هئي، ڪرستانن ۾ بائبل پڙهڻ، پاڙهڻ، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ صرف پادرين جي حوالي هو. يهودين ۾ علم رابين جي قبضي ۾ هو. اسلام هر مرد ۽ عورت لاءِ علم حاصل ڪرڻ فرض ٻڌايو. قرآن پاڪ ئي اُهو ديني ڪتاب آهي، جنهن مشاهدي ۽ تجربي کي ”علم“ جو ذريعو ٻڌايو ۽ باقي معلومات کي ”ظن“ يعني گمان قرار ڏنو. اڄڪلهه ماڻهن ”معلومات“ کي ”علم“ ڪري ورتو آهي، جا هڪ وڏي ڀل آهي. قرآني تعليم ئي سائنسون پيدا ڪيون. (ان ڳالهه جي تصديق فرانس جي جڳ مشهور عالم برفالٽ پنهنجي ڪتاب ”Making of Humanity“ ۾ ڪئي آهي.) اڳي فلسفو هو، جنهن جو بنياد گمان تي هو ۽ نه علم تي.
    پڙهڻ سان گڏ لکڻ ۽ بيان ڪرڻ کي به اهميت ڏني ويئي. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو تعليم عام ٿي، سوين ڪتاب لکيا ويا ۽ وڏيون وڏيون ذاتي لئبرريون وجود ۾ آيون. ڪتاب- دوستي انهيءَ حد کي پهتي جو يورپي ماڻهو مسلمانن لاءِ چوڻ لڳا ته کين ”ڪتابي جنون“ (Bibliomania) آهي. مسلمانن يونيورسٽيون قائم ڪيون جن کي ”جامعه“ سڏيو ويندو هو. ”جامعه“ لفظ جو ترجمو ”يونيورسٽي“ ٿي يورپ ۾ رائج ٿيو. مسلمانن جي يونيورسٽين کان اڳ ”يونيورسٽي“ لفظ وجود ۾ ئي ڪونه آيو هو.
    جيئن علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي، تيئن حلال جو کاڌو کائڻ به هر مسلمان تي فرض آهي ۽ ان کان سواءِ ڪابه عبادت قبول ڪانه پوندي. هيءُ اهڙو تصور آهي جو اسلام کان سواءِ ٻين رائج مذهبن ۾ ملڻ مشڪل آهي. اهو ئي سبب آهي جو مسلمان عام پيشه ور به ٿيا. اسلام کان اڳ پيشه ور کي نيچ تصور ڪيو ويندو هو ۽ هيءُ تصور عام هو ته پيشه ور يعني ڪاسبي ماڻهو ڪڏهن به بااخلاق ٿي نٿو سگهي.
    تعليم بابت علامه صاحب جن جو چوڻ هو ته قرآن پاڪ موجب تعليم جو مقصد آهي ماڻهن کي جهالت (ظلمات) مان ڪڍي روشني (نور) ۾ آڻڻ. جهالت ۽ روشني نسبتي لفظ آهن. جيڪو علم ٻار لاءِ نور آهي سو بالغ لاءِ جهل آهي. جيڪو علم عام آدمي لاءِ نور ٿيندو سو عالم لاءِ جهل ٿيندو، جيڪو علم اڄ نور آهي سو وڌيڪ کوجنا ۽ تحقيق بعد آئيندي جهل ٿيندو. اهڙيءَ طرح علم جا درجا آهن. هيٺئين درجي جو علم مٿئين درجي جي علم جي ڀيٽ ۾ جهل معلوم ٿيندو ۽ مٿئين درجي جو علم هيٺئين درجي جي علم جي ڀيٽ ۾ نور معلوم ٿيندو. ان ڪري لازمي آهي ته انسان علم ۾ ترقي ڪندو رهي. تعليمي نصاب به ايئن ٺاهڻ گهرجي. معصوم ٻار جي تعليم محض تربيت تائين محدود هئڻ گهرجي. ان کان پوءِ ننڍن ٻارن جي تعليم اهڙي هئڻ گهرجي جو تربيت سان گڏ سندن حواس ترقي ڪندا رهن. وڏڙن ٻارن جي تعليم جو مقصد ذهني ترقي سان گڏ نفس جي تهذيب هئڻ گهرجي، بالغن جي تعليم جو مقصد اصولن جي ڳولا ڦولها هئڻ گهرجي. يونيورسٽي تعليم جو مقصد مختلف علومن (Sciences) جي اصولن کي ربط ڏيئي اها ڪُليت، جامعيت ۽ سالميت هئڻ گهرجي جا زندگي جي راز کولي ظاهر ڪري. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪوڪبي طبعيات (Astros- Physics) کان تحقيق شروع ڪجي، پوءِ عام طبعيات کي، ان بعد علم ڪيميا کي، ان بعد علم حيات کي، ان بعد نفسيات کي سندس سڀني پهلوئن ۾ مطالع ڪجي. سائنسون حقيقت جي دائري جو فقط ايترو قطر يا حصو ظاهر ڪن ٿيون، باقي حصو سندن پهچ کان پري آهي. جڏهن ايترو حصو معلوم ٿي ويو ته پوءِ علم رياضي ۽ فلسفي جي ذريعي حقيقت جو باقي حصو، جيڪو غيب جي پردي ۾ آهي، معلوم ٿي ويندو. حقيقت کي معلوم ڪرڻ جو اهو طريقو قرآن پاڪ جو ڏسيل آهي، جو ان جي نزول کان اڳ نامعلوم هو.
    علامه صاحب جن جو چوڻ هو ته حقيقت کي معلوم ڪرڻ جو هڪ ٻيو طريقو به آهي، جو اسلام کان اڳ رائج هو ۽ اهو هيءُ هو ته بالغ ٿيڻ کان پوءِ انسان دنيا کي ترڪ ڪري گوشه نشين ٿي ويهي، اکيون ڪن وغيره حواس بند ڪري پنهنجي اندر ۾ مراقب ٿي ويهي ۽ تيستائين انهيءَ رويي کي نه ڇڏي جيستائينڪ حقيقت مٿس منڪشف نه ٿئي. هيءُ هڪ ڏکيو ۽ نهايت دشوار طريقو آهي جنهن کي عوام اختيار ڪري نٿو سگهي ۽ هزارن مان ڪو هڪڙو ان کي نباهي سگهندو. وڏي ڳالهه ته پوءِ به پڪ ناهي ته مٿس صحيح حقيقت کلي ظاهر ٿيندي يا نه. ازانسواءِ اصل حقيقت ظاهر ٿيڻ کان اڳ ڪئين دلفريب نفسياتي وارداتون ظاهر ٿين ٿيون، جن ۾ ڦاسي پوڻ جو به قوي امڪان آهي. انبياءَ انهيءَ طريقي سان حقيقت کان واقف ٿيا. اهي پنهنجي ارادي سان انهيءَ راهه ۾ ڪونه آيا، بلڪ الله تعاليٰ خودبخود کين ڪشش ڪري هن راهه تي آندو ۽ ڪامياب بنائي خاص پيغام سان کين ماڻهن ڏانهن موڪليو.
    نبين کان سواءِ ڪي ٻيا ٿورڙا انسان به انهيءَ راهه کان حقيقت شناس ٿيا، مگر ڪيترا ٻيا گمراهه ٿي ويا. اها رهبانيت جي راهه آهي جنهن لاءِ قرآن شريف ۾ آيل آهي ته حضرت عيسيٰ جي پوئلڳن پنهنجي ارادي سان انهيءَ راهه کي اختيار ڪيو ته خدا تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ڪن، پوءِ ڪي ٿورڙا انهيءَ راهه کي طئي ڪري سگهيا ۽ باقي گهڻا ڀٽڪي ويا. اسلام اهڙي رهبانيت کان پري رهڻ جي تلقين ڪري ٿو. ٿوري عرصي لاءِ دنيوي ڪمن ڪارين کان ڪناره ڪشي ڪرڻ جي اجازت اسلام ڏني آهي، جيئن اعتڪاف ۾ ويهڻ لاءِ تاڪيد ٿيل آهي.
    حقيقت کي پائڻ لاءِ قرآن شريف هيءُ طريقو ڏسيو آهي ته سوسائٽي يعني سماج ۾ اهڙيءَ طرح سان رهجي جو الله تعاليٰ جي مقرر ڪيل حدن کان ٻاهر نه وڃجي، اها شريعت آهي. اڳين قومن جي تاريخ کي ڏسجي ته ڪهڙن سببن ڪري اهي قومون تباهه ٿيون. قرآن پاڪ اهڙن اسبابن جي نشاندهي ڪئي آهي. ڪائنات جي ڪل شين کي ”الله تعاليٰ جون آيتون“ ڪري ڏسجي، انهن آيتن کي اول ”آفاق“ ۾ ۽ پوءِ ”انفس“ ۾ مطالع ڪجي ۽ انهن تي غور فڪر ڪري انهن ۾ جيڪو خدائي قانون ڪارفرما آهي تنهن کي معلوم ڪجي. دنيا جي تاريخ کي مطالع ڪري ارتقا جا اصول معلوم ڪجن. جڏهن ظاهري حواس ۽ عقل ترقي ڪري ڪمال حاصل ڪندا تڏهن باطني حواس ۽ اعليٰ عقل خودبخود پيدا ٿيندا. پوءِ ٻيون اکيون ۽ ٻيا ڪن وغيره ملندا جن جي ذريعي اصل حقيقت حاصل ڪري سگهبي ۽ زندگي جا سڀ مرحلا حل ٿي ويندا جن کي منطقي طريقي سان سمجهائي سگهبو. ايئن اهي حقيقتون جيڪي ايمان طور قبول ڪيون وڃن ٿيون، سي دليلن جي ذريعي علمي طرح سان ظاهر ٿي پون ٿيون ۽ شڪ شبهي جي ڪابه گنجائش نه ٿي رهي. هيءُ اهو طريقو آهي جنهن تي جمهور انسان هلي سگهن ٿا ۽ اها ئي اسلام جي خصوصيت آهي.
    هن طريقي بابت هڪ دفعي مون سندن خدمت ۾ عرض رکيو ته: ”فادر (بابا سائين)، هيءَ راهه ته تمام وڏي پيئي ڏسجي. ڪير ويهي ايترا علم پڙهندو ۽ ايڏي جستجو ڪندو؟“ پاڻ فرمايائون ته: ”راه است برو گرچ دور است.“ ”سو ڪوهه ولو ته به دڳ ڀلو. دڳ ڇڏي وچيون واٽون وٺبيون ته وڃي اوجهڙ ۾ پئبو.“
    سندن اهو به چوڻ هو ته عمل بذات خود ڪابه اهميت نٿو رکي. ڏسڻو هيءُ آهي ته عمل جي پٺيان نيت ڪهڙي آهي. جيڪڏهن نيت ٺيڪ آهي ته ان جي بناءَ تي عمل به ٺيڪ آهي، جيڪڏهن نيت صحيح نه آهي ته پوءِ عمل به درست ناهي، بلڪ عمل کان بهتر نيت آهي. ان ڪري رسول خدا (ﷺ) جن فرمايو ته: ”نيت المؤمن احسن من عملہ“ يعني مومن جي نيت سندس عمل کان ڀلي آهي. جيڪو ڪم نيت کان سواءِ ڪجي ٿو تنهن کي ڪابه اهميت ڪانهي. ان ڪري نماز کان اڳ نيت ڪجي ٿي، وضوءَ جي به نيت ڪجي ٿي. مسلمانن تي فرض آهي ته پنهنجن نيتن کي درست ڪن ۽ هر ڪم خدا ڪارڻ ڪن، ان ڪري الله تعاليٰ پنهنجي رسول ڪريم (ﷺ) کي فرمايو ته: ”چئو ته منهنجي نماز، منهنجي عبادت، منهنجو مرڻ ۽ منهنجو جيئڻ سڀ الله رب العالمين لاءِ آهي جنهن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي، ان لاءِ مون کي امر ٿيو آهي ته تسليم ڪندڙن ۾ اول آهيان.“ صحيح مسلماني ايئن حاصل ٿئي ٿي ۽ نه ٻئي طرح. جو ڪم ارادي سان ڪجي ٿو تنهن جو اسان جي روحانيت تي اثر پوي ٿو ۽ جيڪو ڪم محض عادت طور ڪجي ٿو، پوءِ نماز ئي ڇو نه هجي، سو اسان جي روحانيت کي خراب ڪري ٿو.
    رسول الله (ﷺ) جن جي ذاتِ گرامي بنسبت قاضي صاحب جن جو چوڻ هو ته پاڻ انسان ذات لاءِ ”سراج منير“ آهن. سندن پکيڙيل روشني جي طفيل اڄ انسان ذات علم ۽ اعليٰ قدرن سان مالامال آهي. پاڻ پيدا نه ٿين ها ته انسان ذات جهالت جي جمود مان ڪڏهن به نڪري نه سگهي ها. سچل سرمست ڪاليج ۾ عيد ميلاد النبي جي موقعي تي فرمايائون ”لولا ک لما خلقت الا فلاک“ حقيقت آهي، جيڪڏهن الله تعاليٰ کين پيدا ڪرڻ جو ارادو نه رکي ها ته هيءَ ڪائنات بلڪل پيدا نه ٿئي ها. خدائي خلقت جو ڪمال انسان ۾ آهي ۽ انسان جو ڪمال سندن ذات گرامي آهي. ڪوبه انسان جيڪڏهن ڪمال حاصل ڪرڻ گهري ته سندن پيروي ڪري ۽ انهيءَ ”سراج منير“ کي هٿ ڪري حقيقت ڏانهن هلي، انهيءَ ”نور“ کان سواءِ صراط مستقيم تي هلي نه سگهندو. انهيءَ موقعي کان پوءِ مون کانئن خلاصگيءَ ۾ پڇيو ته: ”فادر، آءٌ انهيءَ نڪتي کي سمجهي نه سگهيو آهيان ته جيڪڏهن الله تعاليٰ رسول الله (ﷺ) جن کي پيدا نه ڪري ها ته ڪائنات کي پيدا نه ڪري ها.“ جواب ۾ فرمايائون ته: ”هڪ نقاش هڪ مطلوب نقش کي پيدا ڪرڻ گهري ٿو، ان لاءِ ٻئي ساري سامان جهڙوڪ ڪاغذ، رنگ، قلم، برش وغيره کي موجود ڪري ٿو. انهن شين کي موجود ڪرڻ بذات خود ڪو نقاش جو مقصد ڪونهي. جيڪڏهن نقاش مطلوب نقش کي پيدا ڪرڻ نه گهري ها ته انهن شين کي جيڪر موجود ئي نه ڪري ها. بلڪل ايئن الله تعاليٰ جيڪڏهن محمد مصطفيٰ (ﷺ) جن کي پيدا نه ڪري ها ته هن ساري ڪائنات کي ڪونه خلقي ها. ڪنهن شاعر سچ چيو آهي ته:
    بعد از خدا بزرگ توئي قصه مختصر.
    علم ادب جي باري ۾ سندن ارشاد هو ته ان کي محض ادب چوڻ غلط آهي. علم ادب اهو علم آهي جو اسان کي ”مؤدب“ بنائي ٿو. اهو علم انساني شخصيت کي گهڙي، ٺپي، ٺيڪ ڪري ٿو ۽ بهتر انسان بنائي ٿو. علم ادب جي تخليق جو دارومدار انساني دل يا قلب تي آهي. قلب جي جيڪا ڪيفيت هوندي، انهيءَ مطابق علم ادب جي تخليق ٿيندي. قلب جي ترقيءَ جو دارومدار وري تفڪر تي آهي. انساني قلب تفڪر جي ذريعي جيڪي ڪجهه حاصل ڪري ان کي هضم ڪيو هوندو ايتري قدر سندس ”بيان“ ۾ ظاهر ٿيندو. تفڪر جا مکيه ميدان آهن ڪائنات ۽ زندگي.
    شاعري بنسبت سندن چوڻ هو ته اها ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. هڪ اها جا پُنر حڪمت هوندي آهي ۽ اها نبوت جو جزو آهي ۽ ٻي اها جا اخلاق کي بگاڙيندي آهي، اهڙي قسم جي شاعري بگڙيل شخصيت جي پيداوار هوندي آهي، اها قومن کي تباهه ڪندي آهي جنهن جهڙي تباهي بم ڪري نٿا سگهن.
    زندگي بنسبت سندن چوڻ هو ته محض کائڻ پيئڻ ۽ عيش عشرت ڪرڻ زندگي ناهي. دراصل عيش عشرت زندگي کي تباهه ڪري ٿي. اها حيواني زندگي آهي جنهن جو مقصد آهي جنس (Species) کي قائم ڪرڻ. زندگي جي بنيادي نشاني حس (Sense) آهي جو حواسن جي ذريعي پيدا ٿئي ٿو. ظاهري حواس ڪل پنج آهن: ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ ۽ ڇُهڻ جو. ابتدا ۾ هڪ حواس هو ڇهڻ جو، جنهن مان پوءِ ٻيا حواس پيدا ٿيا. جيتوڻيڪ انسان جا باطني حواس به ايئن پيدا ٿين ٿا، مگر انهن جي ترقي ۾ انساني ڪوشش کي وڏو دخل آهي.
    زندگيءَ بنسبت سندن اهو به چوڻ هو ته ان جا ڪئين مرحلا آهن. ٽي مرحلا ته اسان جي اکين اڳيان آهن: هڪ نباتاتي، ٻيو حيواني ۽ ٽيون انساني. خود انساني زندگي اول پهريان ٻه مرحلا دهرائي ٿي. انسان ماءُ جي پيٽ ۾ اول نباتاتي مرحلو طئي ڪري پوءِ حيواني مرحلي ۾ اچي ٿو. ڄمڻ کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين حيواني مرحلي ۾ هوندو آهي. ان کانپوءِ آهستي آهستي انساني زندگي غور و فڪر واري شروع ٿئي ٿي. انهيءَ زندگيءَ مان ئي اعليٰ روحاني زندگي پيدا ٿئي ٿي. اول اول انساني ”شخصيت“ يا ”پاڻپڻي“ جي تڪميل ٿيڻ گهرجي ۽ ان کان پوءِ انساني ”پاڻپڻو“ الله تعاليٰ جي ذات اڳيان پاڻ کي جهڪائي ۽ قربان ڪري. ايئن انسان ڪامل ٿئي ٿو. انساني معراج اتي آهي، ٻاراڻي وهي ۾ انسان جون حواسي قوتون ترقي ڪري تڪميل تي پهچڻ گهرجن، ان بعد عقل جي ۽ آخر ۾ روحانيت جي تڪميل ٿيڻ گهرجي. عقل جي ذريعي جڏهن انسان معلوم ڪري ته ڪل ڪائنات هڪ ئي شيءِ آهي، پنهنجي اندر وحدت رکي ٿي ۽ ان وحدت اندر ڪئين ننڍيون وحدتون سمايل آهن جي جدا جدا شين جي نمائندگي ڪن ٿيون تڏهن چئبو ته ان انسان جي شخصيت تڪميل ڪئي. اهڙي شخصيت وحدت اندر ڪثرت پائي ٿي ۽ ان کي ”حق حقيقي هيڪڙو“ محسوس ڪري ٿي. ان مرحلي کان اڳ انسان کي ’خود ضابطو‘ (Self Control) ڪرڻو آهي. ان کان سواءِ شخصيت جي تعمير ٿيندي ئي ڪانه. خود ضابطي جو ٻيو نالو ”تقويٰ“ آهي. اها تقويٰ وري مقصد حيات سان وابستو آهي. جيڪڏهن مقصد حيات ناهي ته خود ضابطو ڇو ڪجي؟ اڄڪلهه ڪيترائي ماڻهو چوندا آهن ته: ”اخلاق جي ضرورت آهي، مذهب جي ضرورت ناهي.“ هو هيترو نٿا سوچين ته اخلاق ٻڌائي ٿو ته: ”زندگي ڪيئن بسر ڪجي“، مگر مذهب ٻڌائي ٿو ته: ”زندگي ڇا جي لاءِ بسر ڪجي.“ مذهب ئي زندگي جو مقصد ٻڌائي ٿو، جنهن کان سواءِ اخلاق بي معنيٰ آهي. مذهب لاءِ وري رباني رهبر يعني نبيءَ جي ضرورت آهي.
    اها فطرتي ڳالهه آهي ته هر ٻار وڌي وڏو ٿيڻ گهري ٿو ۽ جلد ئي وڏو ٿيڻ گهري ٿو، مگر ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته اڪثر عمر رسيده ماڻهو، جوان، نوجوان يا بلڪ ٻارڙا ٿيڻ گهرن ٿا ۽ چوندا آهن ته ٻاراڻي زندگي ڪهڙي نه ڀلي زندگي آهي: اهڙو اظهار هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته هنن زندگي اجائي وڃائي آهي. جيڪڏهن آنو يا بيضو هميشه لاءِ بيضو رهي ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ اهو ئي نه، ته اهو آنو ڪِنو ٿي ويو آهي! پوءِ اهڙي آني کي ڪير پاڻ وٽ رکندو؟ اهو آنو اڇلائي ڦِٽي ڪرڻ جي لائق آهي.
    اهي آهن مکيه اعليٰ افڪار، جيڪي مون علامه صاحب جن کان حاصل ڪيا آهن، جن جي تائيد سندن تصنيفن مان ملي سگهي ٿي. ٻيا به ڪئين نُڪتا آهن جن کي جڳهه جي تنگي سبب پيش نٿو ڪجي.
    سندن شخصيت به عجيب هئي. نهايت خوددار ۽ خليق هئا. اسلامي روايتن ۽ قدرن جا مجسما هئا. جڏهن پاڻ وائيس چانسلر هئا ته سندن آفيس ۾ سرڪاري ڪاغذن سان گڏ خانگي ڪاغذ به هوندا هئا. پنهنجا ذاتي خط خانگي ڪاغذ تي لکندا هئا ۽ سرڪاري ڪاغذ ڪم نه آڻيندا هئا. هڪ دفعي هڪ پٽيوالي کين عرض ڪيو ته ”سائين پگهار مان پوري نٿي پوي.“ هڪدم کين احساس ٿيو. محدود بجيٽ کي مدنظر رکندي پنهنجي پگهار گهٽائي ڇڏيائون ۽ پٽيوالن جون پگهارون وڌائي ڇڏيائون. جيڪڏهن ڪو وٽن ملڻ ايندو هو ته هلڻ وقت کيس پاڻ در تي ڇڏڻ ايندا هئا. سندن چهرو مبارڪ يا مسڪرائيندو هو، يا تفڪر ۾ غرق نظر ايندو هو يا ڪڏهن ڪڏهن غصي ۾ ايندو هو. پاڻ ڪڏهن به ٽهڪ ڏيئي نه کليا ۽ نه وري کين اوٻاسي ڏيندي اسان ڏٺو هو. حساس طبيعت هئڻ سبب کين غصو به جلد ايندو هو جو کين بيمار ڪري وجهندو هو. ان باري ۾ هڪ دفعي مون کين عرض ڪيو ته: ”قبلا، ماڻهو چون ٿا ته علامه صاحب کي غصو نه اچي ته چڱو.“ فرمايائون ته: ”ابا، تارازيون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن: هڪ پسارين (Grocer's) واريون ۽ ٻيون دواسازن(Chemist's) جون دواسازن جون تارازيون نهايت لطيف هونديون آهن ۽ ڪاوَن اندر بند هونديون آهن. اهي اهڙيون ته حساس هونديون آهن جو انهن جي جيڪڏهن هڪ پُڙ ۾ وار به وجهبو ته اهو پُڙ جهڪي پوندو ۽ تارازي ۾ چرپر اچي ويندي. ان جي اُبتڙ پساري يا دڪاندار جي تارازي اهو احساس نه ڏيکاريندي. احساس لطافت جي نشاني آهي، جا شيءِ جيتري وڌيڪ لطيف هوندي اوتري وڌيڪ حساس ٿيندي.
    پاڻ وقت جا نهايت پابند هوندا هئا. ڪٿي به مقرر وقت کان هڪ منٽ به پوءِ نه ايندا هئا. هڪ دفعي سينيٽ جي ميٽنگ ۾ تعليم کاتي جو وزير دير سان آيو. اُکين تي کڻي کنيائونس ۽ چيائون ته: ”وزير صاحب کي خبر آهي ته ”وزارت“ خدائي بار آهي ۽ نه ماڻهن تي رعب رکڻ جو عهدو.“ سچ چوڻ ۾ پاڻ بيپرواهه هوندا هئا ۽ ڪنهن جي وڏماڻهپائي کان مرعوب نه هوندا هئا.
    منجهن ايمانداري ۽ ديانتداري به ڪمال درجي جي هوندي هئي. ڪنهن زماني ۾ مرڪزي حڪومت وٽان سائنس لئبارٽري خريد ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي کي پيسا مليا. اتفاق سان انهيءَ وقت پاڻ موڪل وٺي ولايت وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. سنڊيڪيٽ رزوليوشن ذريعي علامه صاحب جن کي لئبارٽري خريد ڪرڻ جو اختيار ڏنو. علامه صاحب جن گهٽ پيسن ۾ وڌيڪ سامان خريد ڪري آيا.
    انهيءَ سامان خريد ڪرڻ لاءِ سنڊيڪيٽ جي رزوليوشن موجب علامه صاحب جي ٽي اي بل جا پيسا اٽڪل روءِ پنج يا ست هزار رپيا ٿيا، جن جي وٺڻ کان علامه صاحب جن انڪار ڪيو ۽ چيو ته ”مون ازخود ولايت وڃڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ سنڊيڪيٽ پوءِ مون کي سامان خريد ڪرڻ لاءِ چيو، تنهن ڪري آءٌ انهيءَ ٽي اي بل جو حقدار نه آهيان. خدا تعاليٰ منهنجي نيت کان واقف آهي. آءٌ الله تعاليٰ کي ڌوڪو ڏيئي نٿو سگهان.“ عين انهيءَ زماني ۾ هڪ شام جو پنهنجي بنگلي تي مون کي چيائون ته: ”ابا، هڪ شخص مون وٽ آيو ۽ چيائين ته جڏهن به توهان کي ولايت وڃڻو هجي ته يونيورسٽي جو ڪو نڪو ڪم ڳولهي لهو ۽ انهيءَ بهاني ولايت ويندا ڪريو. ٻيا وائيس چانسلر به ايئن ڪن پيا، اوهان بها يئن ڪريو، پيسو بچي پوندو. ابا، هي آهن ماڻهن جاافعال، هيترو نٿا سمجهن ته ماڻهن کي ته ڌوڪو ڏيئي سگهجي ٿو، مگر الله کي ته ڌوڪو ڏيئي نٿو سگهجي. هي ماڻهو آئنده جي زندگي کان بيخبر آهن نه ته جيڪر ايئن ڇو چون؟ افسوس ٿو ٿئي سندن حال تي.“
    گرماڻي صاحب جڏهن گورنر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي جو چانسلر، تڏهن پهريون دفعو سندس اچڻ ٿيو. سندس استقبال لاءِ سڀ آفيسر اسٽيشن تي پهتا مگر علامه صاحب جن ڪونه ويا ۽ بعد ۾ وقت وٺي کيس سرڪٽ ڪائوس ۾ مليا. علامه صاحب جن جي هميشه اها روش رهي. گرماڻي صاحب به قدر شناس هو ۽ علامه صاحب جن جو نهايت گرويدو هو. ڪڏهن به چانسلري جو رعب علامه صاحب تي نه رکيائين. هڪ دفعي سينيٽ جي ميٽنگ ٿي جنهن جي صدارت گرماڻي صاحب ڪئي. منڍ ۾ علامه صاحب بجيٽ پيش ڪئي جا پاس ڪئي ويئي. ان بعد جڏهن سندن ذاتي سوال آيو تڏهن چانسلر صاحب کي هيئن چئي پاڻ سينيٽ هال ڇڏي نڪري ويا ته: ”هاڻي منهنجو ذاتي سوال آهي، تنهن ڪري منهنجو اخلاق مون کي اجازت نٿو ڏئي ته مان موجود هجان. ڀل ميمبر آزاديءَ سان پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪري سگهن.“ گرماڻي صاحب سندن انهيءَ رويي کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ ميمبرن کي چيائين ته: ”انهيءَ کان اڳ ته نيئن وائيس چانسلر جي تقرري جو سوال هٿ ۾ کڻجي، آءٌ اهو معلوم ڪرڻ گهران ٿو ته گهڻا ميمبر چاهين ٿا ته موجوده وائيس چانسلر جو ٽرم يعني مدو وڌايو وڃي يا نه. منهنجي نظر ۾ جهڙس وائيس چانسلر يونيورسٽي کي ٻيو ملي ڪونه سگهندو.“ بس ايترو چئي کڻي ووٽ ورتائين ۽ بحث مباحثي کي اٿڻ ئي نه ڏنائين. ڪجهه ميمبرن گهڻو ئي چاهيو ته ايجنڊا موجب نئين وائيس چانسلر جي تقرري لاءِ تقريرن جي اجازت ملي، مگر گرماڻي صاحب چيو ته: ”اهو سوال پوءِ اٿندو جڏهن سينيٽ جا ميمبر اول اهو طئي ڪن ته موجوده وائيس چانسلر جو مدو وڌايو وڃي.“ نهايت ڪثرت راءِ سان علامه صاحب جن جو ٽرم وڌايو ويو.
    علامه صاحب جن دعوتن تي به اڪثر ڪونه ويندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته: ”ابا، ڪم جون ڳالهيون ٿين ته وڃجي، باقي دستور موجب وڃي شريڪ ٿجي ۽ وقت وڃائجي، تنهن مان فائدو ڪهڙو؟ اٽلو وقت جو نقصان. الله تعاليٰ وٽ منٽ منٽ جو به حساب ڏبو.“
    علامه صاحب جن مراقبي جا به پابند هئا، روزانو عبادت سان گڏ مراقبو به ڪندا هئا. ان ڳالهه جو پتو مدر جي وفات کان پوءِ پيو. ان کان اڳ هڪ ٻه دفعا ايئن اظهار ڪيو هئائون ته: ”ابا، مراقبي ۾ ويٺو هوس ته ڏٺم ته....“ مدر جي وفات کان پوءِ اسان عرض ڪيس ته: ”فادر، اوهان اڪيلا ٿا رهو، اٻاڻڪائي محسوس ڪندا هوندؤ. اجازت ڏيو ته اسان مان ڪو واري وٽي سان اوهان جي خدمت ۾ رهي.“ جواب ۾ فرمايائون ته: ”ابا، جڏهن اڪيلو هوندو آهيان تڏهن مون کي اها صحبت نصيب هوندي آهي جنهن جو اوهان گمان به ڪري نٿا سگهو. آءٌ اڪيلو نه هوندو آهيان.“ علامه صاحب جن کي اڪيلائپ ۾ ڪهڙا مشاهدا ٿيندا هئا، تن جو ڪوبه ذڪر نه ڪندا هئا. مون ڪيترائي دفعا کانئن پڇيو پر پاڻ هيئن چئي ٽاري ڇڏيندا هئا ته: ”ابا، جيستائين هنن اکين کان پورو ڪم نه ورتو اٿوَ تيستائين اندر جي اکين جي ڳالهه ئي نه ڪريو.“ هڪ دفعي پوين ڏينهن ۾ سندن نوڪر کان پڇيم ته: ”صاحب ڇا ويٺو ڪري؟“ چيائين ته: ”ميم صاحب جي مرڻ کان پوءِ صاحب مون کي اجازت ڏني آهي ته جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ملڻ اچي ته ڀل اندر ڪمري ۾ هليو ايندو ڪر ۽ اطلاع ڏيندو ڪر. اڳي صاحب جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. سو جڏهن به اندر ويندو آهيان ته، ڏسندو آهيان ته صاهب اکيون ٻوٽيو، ڪنڌ هيٺ ڪيو، ڪعبي جي طرف منهن ڪيو ويٺو هوندو آهي. ميم صاحب جو غم کيس ڏاڍو آهي.“ کيس ڪهڙي خبر ته قاضي صاحب جن جو ايئن ڪرڻ غم سببان هو يا مراقبي ڪري. انهيءَ وقت ۾ ڊاڪٽر قاضي نبي بخش کي ۽ مسٽر شفيع محمد ميمڻ کي هڪ دفعي چيائون ته: ”اکيون بند ڪري اندر ۾ متوجهه ٿي ڏسو ته ڇا ٿا ڏسو؟“ منهنجي باري ۾ چيائون ته: ”جتوئي، ايراني پير صاحب ڏانهن پيو وڃي، اسان کان ته اها راهه پڇيئي نٿو.“ انهن ڏينهن هڪ دفعي فرمايائون ته: ”اوهان هٿ پير ۽ اهو بدن ناهيو. اوهان چوندا آهيو ته ”هي منهنجو ڪتاب آهي“، ان مان ظاهر آهي ته اوهان ڪتاب ناهيو. ساڳي طرح سان اوهان چئو ٿا ته ”هي منهنجو بدن آهي.“ ان مان ثابت ٿو ٿئي ته توهان ”بدن ناهيو“، تنهن ڪري توهان جي حقيقت انهيءَ بدن کان ٻي آهي. اها مادي جي هر تصور کان نرالي آهي. اها تڏهن توهان معلوم ڪري سگهندا، جڏهن پنهنجي بدن کان الڳ محسوس ڪندا.“
    علامه صاحب جن کي فقط هڪ تمنا هئي جا پوري ٿي نه سگهي. چوندا هئا ته: ”ابا، علم خاطر مون وٽ ڪير به ڪونه آيو. افسوس جو منهنجي علم جو ڪوبه وارث ٿي نه سگهيو. مون چاهيو ٿي ته ڪي ٻه ٽي اهڙا شخص تيار ٿين جن جي آءٌ رهبري ڪري اهو ڪجهه ڏيان جو مون وٽ آهي.“ هڪ دفعي مون عرض ڪيو ته: ”قبلا، ”برائون گرل“ جو ٻيو حصو لکو. هاڻي نه، ته آئيندي وارو نسل ان مان فائدو وٺندو. امام غزالي، شاهه ولي الله وغيره ڪتاب لکي ويا، اسان انهن مان هاڻي فائدو پيا وٺون.“ فرمايائون ته ”هڪ لحاط کان ”ڪييوئل پيپس ائٽ صوفيه“ (Casual Peeps at Sophia) ان جو پورائو ڪري ٿو. چاهيم ٿي ته برائون گرل جي روزانه زندگي بسر جي نموني پيش ڪريان. اوهان ۾ صرف بروهي آهي جنهن کي ٿورڙو ڪجهه ٻين کان وڌيڪ مون مان حاصل ٿيو آهي، پر اهو به اڃان ٻار آهي. اڃا گهڻو ڪجهه گهرجيس. چاهيم ٿي ته ڪجهه وقت لاءِ وڪالت ڇڏي مون وٽ وهي ته کيس ”علم“ ڏيان. کيس ايترو پيسو الله ڏنو آهي جو ڪجهه وقت لاءِ اها مشغولي ڇڏي سگهي ٿو، مگر نٿو ڇڏي. بس ابا، اسان کان جو ڪجهه ٿيو سو ڪيوسون، مگر ٻين کي ڏيئي نه سگهيس. ڪي لکيتون لکي ڇڏيون اٿم. خبر ناهي ته انهن کي ڪو هضم به ڪري سگهندو يا نه. سرِدست برائون گرل ۽ صوفيه رهبريءَ لاءِ ڪافي آهن.“
    آخرين ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ جمعي جي ڏينهن فرمايائون ته: ”هر شيءِ کي روح آهي، چاهي اها جاندار هجي يا بيجان، ان جو باقي رهندڙ ”قدر“ (Surviving value) سندس روح آهي. اهو مٿاهين زندگي لاءِ ”بنياد“ (Basis) بنجي ٿو.... شيطان اوهان لاءِ آزمائش آهي. سندس آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو ته فلاح اٿوَ ورنه ڪري پوندؤ ۽ ٽوٽو پائيندو. آخر ۾ جيڪو پنهنجو ذاتي مشاهدو لکي ڇڏيو اٿن سو هي آهي:
    ”مون کي ٻڌايو ويو آهي. آءٌ پاڻ نٿو ڳالهايان. الهام (Inspiration) روح سان احساس جي ذريعي سڌي پهچ، جنهن ۾ نفس يا قلب (Psychi) کي ڪوبه دخل ڪونهي. اهو ائين آهي جيئن ڪنهن شيءِ کي مٿان ئي ڏسجي ۽ رستي جو وچ ۾ ڪوبه ڌيان نه رهي، حقيقت کي ڳولهڻ کان سواءِ معرفت پائجي، صفتن جي ذريعي تلاش نه ڪجي ۽ سڌوسنئون ديدار حاصل ٿئي. هڪ معنيٰ ۾ ته ”من لدنا علما“ ايئن ڏٺو ويو جنهن ۾ صفتن جو ڪوبه پتو ڪونه پيو، ڪثرت جي سمونڊ ۾ الڳ حيثيت ۾ غير شخصي حيثيت ۾ نه، مگر ”حسين“ کي ادراڪ جي ذريعي معلوم ڪيو ويو. هو ”حسين“ ئي (Beautiful) آهي.
    انهيءَ ”حسين“ کي صفتن کان سواءِ قلب جي تجزياتي طريقي کان سواءِ سڃاڻي وٺ. ”ما رایت شیئا واللہ ورایت اللہ فیہ“ (ترجمو: ڪابه شيءِ ڪانه ڏٺم، مگر ان ۾ الله کي ڏٺم.) اهو جيڪو جدا جدا شيءِ کي وحدت ۾ ملائي ٿو. ”واللہ جمیل ویحب الجمال“ (ترجمو: خدا جميل ۽ حسين آهي ۽ حُسن کي محبوب رکي ٿو). تنهن ڪري ڪثرت کي ڌيان ۾ آڻڻ کان اڳ وحدت کي محسوس ڪر. لطيف مادي ڪائناتي ادراڪ کي پاتو آهي، جنهن کي ان (مادي) ”حسن“ سڏيو. مادي (Matter) نفس يا قلب (Mind) جي ذريعي کان سواءِ روح جو ادراڪ ڪيو. اهو (روح)، مادي کي استعمال نٿو ڪري ۽ ان هوندي به ”حسن“ جي ادراڪ کي ٻيهر پيدا ڪري ٿو.“
    اها هئي عجيب شخصيت، جا انوکو علمي خزانو ڇڏي، پنهنجي ارادي سان وڃي، پنهنجي مالڪ سان 13 اپريل 1968ع تي ملي.


    ١٨-آل سنڌ ادبي ڪانفرنس : صدارتي خطبو

    ١٨-آل سنڌ ادبي ڪانفرنس
    حيدرآباد،سنڌ: ٣١ مئي-١ جون١٩٣٤ع
    صدارتي خطبو ٣١ مئي ١٩٣٤ع

    بسم الله الرحمان الرحيم
    سُبۡحٰنَہٗ وَ تَعٰلٰی عَمَّا یَقُوۡلُوۡنَ عُلُوًّا کَبِیۡرًا ﴿۴۳﴾ تُسَبِّحُ لَہُ السَّمٰوٰتُ السَّبۡعُ وَ الۡاَرۡضُ وَ مَنۡ فِیۡہِنَّ ؕ وَ اِنۡ مِّنۡ شَیۡءٍ اِلَّا یُسَبِّحُ بِحَمۡدِہٖ وَلٰکِنۡ لَّا تَفۡقَہُوۡنَ تَسۡبِیۡحَہُمۡ ؕ اِنَّہٗ کَانَ حَلِیۡمًا غَفُوۡرًا ﴿۴۴﴾ (بني اسرائيل-٤٣،٤٤)
    قَالَ اللھ تَعالیٰ:
    یٰۤاَیُّہَا النَّبِیُّ اِنَّاۤ اَرۡسَلۡنٰکَ شَاہِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ نَذِیۡرًا ﴿ۙ۴۵﴾ وَّ دَاعِیًا اِلَی اللّٰہِ بِاِذۡنِہٖ وَ سِرَاجًا مُّنِیۡرًا ﴿۴۶﴾ (الاحزاب-٤٥، ٤٦)
    وَ فِی الۡاَرۡضِ اٰیٰتٌ لِّلۡمُوۡقِنِیۡنَ ﴿ۙ۲۰﴾ وَ فِیۡۤ اَنۡفُسِکُمۡ ؕ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ ﴿۲۱﴾(الذٰريٰت-٢٠، ٢١)
    حاضرين ڪرام!
    آئون هن ڪانفرنس جي مڙني منتظمين جو عموماً، ۽ جناب مخدوم محمد زمان صاحب جو خصوصاً شڪرگذار آهيان جن مون کي اڄ اوهان صاحبن سان چئن ڳالهين ڪرڻ جو موقعو ڏنو.
    جيتري قدر مون کي ياد آهي، ته پهريون ڀيرو هن ادبي ڪانفرنس جي دادو واري اجلاس جي موقعي تي مون پنهنجي موڪليل صدارتي تقرير ۾ لکيو هو ته: فلسفيانه مسئلن، يا ڳوڙهن ادبي بحثن ۽ نظرين جي وضاحت ئي بي سود آهي. گذريل ڇهن ستن سالن جي تجربي مان آئون ڪم از ڪم انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته اسان جي جلسن ۽ ڪانفرنسن جو حال بلڪل ”نشستند و گفتند و برخاستند“ وارو وڃي رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڳوڙهين ڳالهين ڪرڻ مان نڪي هڙ نڪي حاصل!

    ڪلچر
    هي اسان جون ڪانفرنسون، خرچ ۽ انتظام تڏهين سجايا چئبا جڏهن اسان پنهنجي ”علم ادب“ کي ڪا عملي ترقي ڏئي سگهنداسون. انهيءَ ڪري وڏن خيالن ۽ خوابن جي بدران بهتر ٿيندو ته پنهنجي وس آهر ٿورو ئي ٿورو پر ڪو عملي قدم کڻون، جئن اسان وري پنهنجي انهيءَ ”ادب“ کي حاصل ڪري سگهون جو اسان بلڪل وڃائي ويٺا آهيون. اڄ ڪلهه جي محاوري ۾ ادب وڃائڻ جي معني آهي ”بي تهذيب“ ٿيڻ، ڇاڪاڻ ته ”ادب“ جي اصلي معني آهي ”لطافت“، ”تهذيب“ يا ”شائستگي“. هن زماني ۾ جنهن شيءِ کي ”ڪلچر“(Culture) چيو ٿو وڃي، ان لفظ جي معني آهي ”حراثت“ يا ”تهذيب“. ”تهذيب، ”هَذب“ مان نڪتل آهي جنهن جي معني آهي ”سنوارڻ“. ماڻهوءَ کي ”مهذب“ يا ”ڪلچر وارو“ (Cultured) بنجڻ لاءِ مسلسل سوڌ سنوار جي ضرورت آهي. خود زمين جي ”ڪلچر“ جو مدار به پهريائين جهنگ ڪڍڻ، پوءِ هر ڏيڻ، پوءِ ٻج ڇٽڻ، پوءِ پاڻي ڏيڻ، پوءِ سلن جي نگهباني ڪرڻ وغيره تي آهي. ساڳيءَ طرح انسان جي ”ادب“ يا ”ڪلچر“ جو مدار به تربيت، تاديب ۽ تعليم تي آهي. جئن ٻني صاف ڪرڻ ۽ ٻج ڇٽڻ کانسواءِ فصل جي اميد اجائي آهي، تئن تربيت، تاديب ۽ تعليم کانسواءِ ”ادب“ جو پيدا ٿيڻ مشڪل آهي.
    ہر کس عمل نکرد عنايت اميد داشت
    دانہ نگرد ابلہ دخل، انتظار کرد!

    تاديب
    ”تاديب“ جو مقصد آهي گهڙجڻ، ۽ اصلاح واري رندي سان ڇلجي سنئون سوڌو ٿيڻ. جئن واڍو اڻ گهڙيي ڪاٺ جي ٽڪر کي واهولي، رندي ۽ روات جي مهميزن سان هڪ خوبصورت شڪل ڏئي ٿو، تئن انساني ٻار به والدين ۽ استادن جي تنبيهن ۽ زماني جي لوڏن ۽ گردشن ۾ گسڻ پيسبڻ واري ”تاديب“ بعد وڃي ڪنهن مهذب ۽ شائسته شخصيت جو مالڪ بنجي ٿو. اهي مهميزون ۽ تلخ تجربا ئي کيس ماڻهو بڻائين ٿا.
    سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾
    وسايم وڏ ڦڙا مٿي ماڙيءَ مينهن،
    واجهائي وصال کي ٿيس تهوارون تئين،
    نيَرُ منهنجي نينهن، اجاري اڇو ڪيو.
    مطلب ته ”ادب“ جي واڌاري لاءِ ”علم ادب“ کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته تربيت، تاديب ۽تعليم بنا ”ادب“ واري منزل کي پهچڻ محال آهي.
    اسان مٿي چئي آيا آهيون ته ”ذڪر“ ئي اها زرخيز زمين آهي جنهن ۾ ”شعر“ توڙي ”فڪر“ جا سلا انگورجن ٿا، ڇاڪاڻ ته ذڪر جي معني آهي ”حافظو“ يا ”يادگيري“ جنهن ۾ ”تخيل“ ۽ ”تخليق“ جو راز سمايل آهي. اها حقيقت نه صرف فرد واحد سان تعلق رکي ٿي پر جماعت، قبيلي، قوم بلڪ پوري بني نوع انسان سان لاڳو آهي. فرد واحد جي حافظي جو سرمايو سندس ذاتي يادداشت تي منحصر آهي، پر قوم جي حافظي کي سڏجي ٿو ”تاريخ“. علمِ تاريخ کي زنده رکڻ ڄڻ قوم جي حافظي کي زنده رکڻ جي برابر آهي.

    تاريخ ۽ علم ادب
    ڪنهن قوم جي تاريخ جو گم ٿي وڃڻ ڪنهن شخص جي حافظي ختم ٿي وڃڻ جي برابر آهي. ”نسليت“ جي اعتبار سان ڪنهن به گروه جي تاريخ ان گروه جي نظرين ، جذبن ۽ احساسن ذريعي زنده رهي ٿي، پر نفسياتي توڙي ظاهري لحاظ سان اها ڳالهين ۽ ڪهاڻين، نقلن ۽ نظيرن رستي محفوظ رهي ٿي، جيڪي ان گروه ۾ رائج آهن. اهي آکاڻيون ۽ ٽوٽڪا ساڳئي وقت ”علم ادب“ جو هڪ اهم حصو آهن. انهيءَ لحاظ سان، جيڪڏهن ”علم ادب“ کي جيارڻو آهي ته پوءِ ضروري آهي ته قومي يادداشت جو اهو سرمايو هر حالت ۾ محفوظ ڪيو وڃي.
    هاڻي سوال آهي ته انهيءَ ڏس ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ ڪهڙيءَ ريت ميدان سنوارجي جئن اهڙي قسم جي ”اعليٰ ادب“ کي فروغ ملي جو حقيقي معنيٰ ۾ ”خُلق“ يا قومي مزاج جي برابر هجي، بلڪ قومي ”اخلاق“ ۽ قومي ”روح“ جو آئينو بنجي. ان لاءِ منهنجو جواب ساڳيو آهي جيڪو قرآن شريف ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي ته، پنهنجي تاريخي سرمائي کي ڳولي هٿ ڪري ان کي قلمبند ڪريو.
    اسان مان هر هڪ لکيو پڙهيو، جنهن ۾ ذرا ڪجهه لياقت آهي، انهيءَ ڪم ۾ حصو وٺي سگهي ٿو. شايد اسان مان ڪو چوي ته، ”پر سائين! اهو ڪم ته عالمن ۽ مورخن جو آهي. اسان اهو ڪم ڪيئن ڪري سگهنداسون؟“ هيٺئين عملي اشاري مان اميد ته هن قسم جي شڪ شبهي جي تلافي ٿي سگهندي.
    وتائي فقير جو نالو اوهان مان گهڻن ئي ٻڌو هوندو، پر ويٺلن مان ڪو اهڙو به آهي جنهن وتائي جا نقل، جيڪي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشهور آهن، تن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي؟ بيجا نه ٿيندو، جيڪڏهن آءٌ هن موقعي تي وتائي جا فقط ٻه نقل نموني طور بيان ڪريان، جئن معلوم ٿي سگهي ته انهن نقلن ۾ نه صرف اسان لاءِ سبق سمايل آهن پر جيڪر سڄي دنيا جي ملڪن جا ماڻهو انهن مان سبق حاصل ڪري سگهن ٿا.
    چون ٿا ته هڪ ڀيري وتايو ڪنهن پاسيري پيچري سان اڪيلي سر پئي ويو ۽ سندس بوڇڻ جي پلاند ۾ هڪ ڪلدار رپيو ٻڌل هو. خيال آيس ته متان هن اڪيلي واٽ تي ڪو چور نه گڏجي وڃي، جو نه رڳو کانئس رپيو ڦري پر هڻي کيس به ڦٽي وجهي، سو ڇا ڪيائين جو رپيو ڇوڙي کڻي گس جي ڀرسان بيٺل اڪ جي پاڙ ۾ رکيائين ۽ پوءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيندي چيائين: ”اي ڌڻي منهنجا! چڱو جو هن جزا مان جند ڇڏايئي. هاڻي هٿين خالي کي ڊپ ڪونهي! نڪي هڙ ۾ ڪي هوندو، نه ڪير ڦريندو.“ ائين چئي اٿي پنڌ پيو. ڪجهه وقت گذري ويو ۽ واءُ لڳڻ سببان رپئي مٿان مٽيءَ جو تهه وري ويو. هڪ ڏينهن ڪو مسافر ساڳئي گس تان اچي لنگهيو، قضا حاجت لاءِ اچي انهيءَ اڪ جي پاڙ ۾ ويٺو. رپئي واري جاءِ تي جو پاڻيٺ پئي سو مٽي لهي ويئي ۽ هيٺان ڪلدار چمڪڻ لڳو. بنا هٻڪ جي هن يار به جهٽ ڪري کڻي هٿ ۾ کنيو. ڀانيائين ته اهو اڪيلو رپيو ڪونه هوندو پر اتي پڪ ڪو خزانو پوريل آهي، سو سنڀري وڃي مزور وٺي آيو ۽ اچي کوٽائڻ شروع ڪيائين. چوڌاري کڏون لڳي ويون ۽ اڪ پاڙن سوڌو ڪڍي کڻي ٻاهر ڪيائين، پر هئا ڪاريءَ وارا ڪک، سو ملين ڪي به ڪين. نيٺ سور پٽي ڪڪ ٿي روانا ٿيا. هڪ ٻن ڏينهن بعد وتايو به وري ساڳئي انهيءَ گس تان اچي لنگهيو. ڏسي ته مار! چوڌاري کڏون لڳيون پيون آهن ۽ اڪ پاڙ سوڌو ٻاهر پيو سڪي. اتي ٻئي هٿ مٿي کڻي چيائين ته: ”شڪر اٿئي اي منهنجا موليٰ جيڪڏهن آئون انهيءَ رپئي مان جند نه ڇڏايان ها ته مون سان به ساڳي انهيءَ اڪ واري ڪار ٿئي ها.“
    دوستو! جيڪڏهن هي نقل ڪو ويهي ٺاهي ته ڪر شاعرن کي به شهه ڏيئي ڇڏي. سوچيندڙن لاءِ هن نقل ۾ ڪهڙو نه قيمتي سبق سمايل آهي! ٻيو نقل هن طرح آهي:
    چون ٿا ته وتايو ڏسي ته هڪ گهورڙيو پيو گدرا وڪڻي. کيس رڳو چار پئسا ڳنڍ ۾ هئا، سي ڪڍي ڏنائينس ۽ گهورڙيئي کيس هڪ چڱو ٺاهوڪو گدرو کڻي ڏنو. وتائي ڏٺو ته گهر ۾ ماڻهو گهڻا آهن ۽ هن هڪ گدري مان پورت ئي ڪانه ٿيندي، پر هڪ پئسو به وٽس ڪونه هو، سو ويچار ڪيائين ته گهورڙئي جي آڏو گدرن جو ڍڳ لڳو پيو آهي سوال ڪريانس ته من هڪڙو کڻي ڏئي. اهو سوچي چيائينس ته: ”هڙ ۾ پئسو ڪونه اٿم جو ٻيو گدرو وٺان، پر پويان آڪهه وڏي آهي ۽ هن گدري مان ته کين ڦار ڦار به ڪانه ايندي. سو سائينءَ جي نالي تي ٿو توکي سوال ڪريان ته نام خدا انهيءَ موليٰ جي محابي هڪڙو ٻيو گدرو ڏيار!“ گهورڙيو ڪجهه ويرمِ ته ڪاوڙ وچان گهور ڪري ڏانهنس نهارڻ لڳو ۽ آخر خفا ٿي ڪُسندي مسندي هڪ اهڙو ڪنو ڦٿل گدرو هٿ ڪيائين جو ڀانيائين ته ڪوبه ڪونه وٺندو، سو کڻي وتائي فقير جي هٿن ۾ هنيائين. وتائي هي لقاءُ ڏسي، گدرو تريءَ تي رکي کڻي مٿي کنيو، ۽ ڳوڙهن ڀريل اکيون آسمان ڏي کڻندي چيائين ته ”اي الله! ماڻهن وٽ تنهنجو قدر اجهو اهو آهي! تنهنجي نانءُ ۽ نالي تي اجهو هيءُ مليو اٿم. ڏسان ٿو ته ماڻهن وٽ تنهنجي نالي کان چئن پئسن جو مان مڙيو ئي مٿي آهي.“
    عزيزو! اوهان هن نقل مان شايد هڪ چرچو ڪري ڀانيو پر عقلمندن لاءِ هي نقل عقل جي موتين سان ڀريل آهي. هنن ٻن نقلن جهڙا سوين نقل سنڌ ۾ رائج آهن پر اوهان مان ڪنهن انهن کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ اسان جڏهن به وتائي جو نالو ٻڌون ته رڳو کلون ٿا ۽ بس! سچ چيو اٿن ته:
    قدرِ زر زرگر بداند، قدر جوهر جوهري
    اهو ڪو وڏو تاريخي مسئلو ڪونهي جنهن کي سمجهڻ ۽ لکڻ ۾ ڪا ڏکيائي ٿيندي. اهي عام مقبول نقل ۽ نظير آهن. ڇا انهن کي گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ به ڪو مشڪل ڪم آهي؟

    سوانح نگاري
    آئون هڪ ٻي تجويز به اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو. سچ پڇو ته ڪي بهترين ڪتاب جن کي مون نهايت ئي ذوق سان پڙهڻ چاهيو آهي، سي ڪن شخصن جا پنهنجو پاڻ بابت لکيل دستاويز آهن. انهن شخصيتن ۾ وڏين توڙي ننڍين حيثيتن وارا ماڻهو شامل آهن. ڀل کڻي ڪو افلاطون هجي يا ڪو عام غريب هاري، جيڪر هو پاڻ ويهي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي ته ان جهڙو دلچسپ بيان ٻيو ٿي نه ٿو سگهي، بشرطيڪ هو پنهنجو پاڻ سان سچو ٿئي ۽ بنا ڪنهن هٻڪ جي، ته ماڻهو کيس برو يا ڀلو چوندا، ايمانداري سان ويهي پنهنجو پاڻ بيان ڪري. محض سچائيءَ ۽ ايمانداري هن ڪم لاءِ درڪار آهن. آخرڪار ”من اَنم که من دانم“، ته پوءِ ڊپ ڪهڙو ته ماڻهو ڇا چوندا ته فلاڻو اهڙو ڪي اهڙو هو!
    ٻئي طرف ائين ڀانئڻ ته آئون ڪو وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان ۽ متان منهنجي وڏ ماڻهپيءَ ۾ ڪو خلل پوي، اهو خود کي ٺڳڻ جي برابر آهي. حقيقت هيءَ آهي ته اسان مان گهڻن جي حالت ڄڻ هڪ اڻ ڄاول ٻارڙي جهڙي آهي. عاقل بالغ ٿيڻ ته خير، پر ڄڻ ته اڃا ڄاوا ئي ڪين آهيون. ڄاپندي ڄام ڪوبه ڪونهي. محض جسماني طور ڄمڻ ۽ وڏو ٿيڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ ذهن جو ڄمڻ ۽ سمجهه جو سلو اڀرڻ ٻي ڳالهه آهي. ”بزرگي بعقل است نه به سال“. ڀل حياتي ختم ٿي وڃي پر جي سمجهه جو سلو نه اسريو ته ڪنهن به شيءِ جي حقيقت جي خبر ئي ڪانه پوندي. شاهه صاحب چوي ٿو ته:
    ”ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي.“

    هاڻي جيڪڏهن ”سئيءَ جي وصفن“ کي سمجهڻ لاءِ به ٻيهر ڄاپڻ جي ضرورت آهي، ته هن ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ ته سوين، هزارين حياتيون کپن!
    انهيءَ لاءِ ڪم از ڪم ايترو ٿي سگهي ٿو ته هرشخص پنهنجي حياتي جي حڪايتن کي لکي، ته من ٻين لاءِ اهي ڪارآمد ٿي سگهن. اهڙي طرح هر شخص ٻين سون هزارين حياتين جي تجربي مان سبق حاصل ڪري سگهي ٿو. غور ڪريو ته هڪ ٻار لاءِ اها ڪهڙي نه دلچسپ ڪهاڻي ٿيندي ته اڪثر ٻارڙا ڇا ڪندا، ۽ ڪن خاص موقعن تي ڪيئن اٿندا وهندا آهن. خود عاقل بالغ لاءِ به پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي ۾ ڪيترو نه سبق سمايل آهي. من پنهنجي ننڍڙائي محسوس ڪري! حقيقت ۾ انسان جيترو پنهنجي ننڍڙائي محسوس ڪندو اوترو خدا جي وڏائي کان آگاهه ٿيندو. ڇا اسان مان هر هڪ پنهنجي ڪهاڻي نه ٿو لکي سگهي؟
    ڪرڻو صرف هي آهي ته واندڪائي ۾ قلم کڻي، نهايت ئي سچائي سان پنهنجو ٻاروتڻ ياد ڪري، ويهي ان جو بيان لکون ته اسان ان وقت ڇا هئاسين؟ اسان جو اٿڻ ويهڻ ڪهڙي نموني سان هو؟ اسان کي ڇا ڇا وڻندو هو ۽ ڇا ڇا نه وڻندو هو؟ اسان کي ڪنهن سان پيار هو ۽ ڪنهن سان نفرت هئي؟ مطلب ته بنا ڪنهن اڊڪي جي، ته ماڻهو اسان کي ڇا ڪري سمجهندا، اسين نهايت ايمانداريءَ سان ويهي پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي لکون. منهنجي استدعا آهي ته اوهان مان هر هڪ اها ڪوشش ڪري. جي اسان جي سڀني پڙهيلن نهايت سچائيءَ سان پنهنجي سوانح لکڻ شروع ڪئي ته آئون اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته اسان مان ڪيترائي فقط انهيءَ سوانح لکڻ سان مصنفن جي صف ۾ شمار ٿيندا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪن جا قلمي داستان اهڙا ته معياري ڪتاب بنجي پون جو انهن جهڙا ڪي ورلي ليکيا ويا هجن. سينٽ آگسٽين (St.Augustine)، روسو (Rousseau)، گوئٽي (Goethe)، گانڌي مڙني ائين ڪيو ۽ ٻيا به سو اهڙا نڪرندا: ڪن مصورن پنهنجون تصويرون ڪڍيون ۽ سَوَن وري پنهنجون سوانح عمريون لکيون.

    صداقت جو معيار
    پر آئون اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته اسان جي سوانح ۾ ٻاروتڻ وارا باب فطري جذبن ۽ احساسن سان لبريز هئڻ سببان پڙهڻ ۾ نهايت دلپذير ٿيندا. البته ايترو سو ضروري آهي ته تحرير ۾ سچائي ۽ محض سچائي جو معيار برقرار رکيو وڃي. ڇو ته ”صداقت“ نه صرف ”سوانح نگاري“، پر ”شاعري“ توڙي ”علم ادب“ جو روح آهي. ”ڪوڙ“ ۽ ”علم ادب“ جو پاڻ ۾ کوڙو ئي نه ٿو لڳي: اهي ٻئي متضاد شيون آهن. محض ”حق“ ئي ”علم“ ۽ ”ادب“ ٻنهي جي ”واٽ“ توڙي ”منزل مقصود“ آهي. بلڪ: ”سرِ دين صدقِ مقال، اَکلِ حلال.“
    صداقت، تاريخ جو روح آهي ۽ انهيءَ ”صدق“ کانسواءِ ”فن لطيف“ (Art) جي ايجاد به امرِ محال آهي ۽ ”علم ادب“ جو اسرڻ به ناممڪن آهي. افسوس جو هن پوئين دؤر ۾ ”قوميت“ (Nationalism) جي تنگ نظريي ۽ ”قومي حڪومتن“ جي قيام جيڪي رجحانات پيدا ڪيا آهن تن تاريخي حقيقتن کي محض ”قوميت“ جي عارضي ۽ محدود مطلبن خاطر مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ انهن حرڪتن سببان ”فنونِ لطيفه“ توڙي اعليٰ ”علم ادب“ جون بلڪل جڙون ڪٽجي ويون آهن.

    “شعائرالله”
    اسلام ۾ ”تاريخي تحقيق“ ديني فرضن ۾ شامل آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخي نشان ”شعائرالله“ مان آهن جن کي ڳولڻ ۽ برقرار رکڻ هر مسلمان جو فرض آهي. ڀل ته يورپ وارا سندن ”رنگ“، ”نسل“ ۽ ”قوميت“ وارن مخصوص نظرين جي پرورش خاطر، تاريخي حقيقتن کي لڪائڻ ۽ من گهڙت قصن کي رائج ڪرڻ ۾ هڪٻئي سان هوڏون هڻن. اهو شغل کين ئي نيبهه هجي!پر حقيقت کي لڪائڻ حماقت آهي ڇاڪاڻ ته اها هميشه لاءِ لڪي ڪانه سگهندي. عارضي طور ڀلي کڻي ڪو ڪوڙ هُلائي، پر آخرڪار سچ پڌرو ٿي پوندو. مثال طور ڏسو ته يورپ وارن پاڻ کي نج ”آريائي نسل“ مان ثابت ڪرڻ لاءِ انساني نوع ۽ نسل بابت ڪهڙا نه عجيب ۽ غريب نظريا گهڙيا ۽ ڪئَن نه تاريخ تي پردي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي! پر فقط ملڪن، ماڻهن ۽ شهرن جي نالن، مثلا ”ايران“، افغانستان جي”آريانا“، بلوچستان جي ”آري“، قديم ايران جي شهر ”اردبيل“، سنڌ جي بندر ”ديبل“ وغيره قديم نالن لارڊ ڪرزن (Curzon) ۽ ٻين جي دليلن ۽ دعوائن جي قلعي کولي وڌي ۽ ثابت ڪيو ته موجوده ايران، افغانستان، بلوچستان وارو خطو ئي آرين جو قديم ماڳ آهي. قديم شهر ۽ کنڊرات ته ڇڏيو، پر فقط اسم ۽ نالا به وڏا تاريخي نشان آهن ۽ تاريخي حقيقت تي شاهد آهن. هر هڪ نالو هڪ تاريخي حقيقت جو حامل ۽ محافظ آهي، ۽ ان کي بدلائڻ ڄڻ تاريخي حقيقت کي مٽائڻ جي برابر آهي. انهيءَ هوندي به عجب جي ڳالهه آهي جو محض ڪن شخصن يا جماعتن جي خوشنودي خاطر يا ”قوميت“ جي تنگ نظريي جي زير اثر تاريخي نشان توڙي نالا مٽايا ٿا وڃن. ”فريئر هال“ کي ”لياقت هال“ سڏڻ، ”رام باغ “ کي ”آرام باغ“ بنائڻ يا ميونسپل گارڊن کي ”داس گارڊن“ چوڻ ڄڻ تاريخي حقيقتن سان راند ڪرڻ آهي. فطرت طرفان اهڙي حرڪت ڪڏهين به معاف ٿي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته اهو گناهه خود ”حق“ ۽ ”روح اقدس“ جي خلاف آهي. مسلمانن جي شايان شان ناهي جو نالا ڦيرائن ۽ تاريخ جا نشان ميسارين. تاريخ جا نشان، خدا جا نشان آهن ۽ انهيءَ ڪري آثار صناديد مٽائڻ ڪفر آهي.
    ساڳيءَ طرح شخصِ واحد جي سوانح جا سچا نشان نهايت اهم حقيقتن جا رازدان آهن، جن جي محافظت سان ئي سوانح نگاري جو حق ادا ٿي سگهي ٿو. جڙتو ڳالهيون ۽ مصنوعي اضافا جي اسين ڀانيون ٿا ته اسان جي حياتين جي بابن کي رنگين بنائين ٿا، سي درحقيقت ان کي هڪ ڪوري قصي ۾ تبديل ڪن ٿا. ٻئي طرف انساني ڪوتاهين ۽ خطائن جا سچا بيان هزارين اکين ۾ ڳوڙها آڻيندا. اسين پنهنجن ڪن سچن واقعن بيان ڪرڻ سان پنهنجي وقعت وڃائي نه ٿا سگهون. اهي سچا بيان وري به اهو ئي ثابت ڪندا ته ماڻهو ايترو بلند به ٿي سگهي ٿو جو خود کي وساري ويهي! ”وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئو“ وارو شرط جيتري قدر عبادت سان لاڳو آهي اوترو ئي تحرير سان به لاڳو سمجهڻ کپي.
    مطلب ته وسيع معنيٰ ۾ تاريخي جستجو ذريعي جنهن ۾ سوانح نگاري، قبائلي ۽ قومي تاريخ توڙي جماعت ۽ گروهه جا ڪارناما اچي وڃن ٿا، علم ادب لاءِ ايترو ته گهڻو مواد گڏ ٿيندو جو جلدن جا جلد ڀرجي ويندا ۽ هڪ نه پر ڪيئي مطبع ان کي صاف ڪرڻ ۽ شايع ڪرائڻ ۾ مشغول رهندا.
    آخر ۾ وري به منهنجي استدعا آهي ته ٻيءَ ڪانفرنس کان اڳ اسان ڪم از ڪم انهن ٻن تجويزن تي عمل ڪريون، جن کي اسين مٿي بيان ڪري آيا آهيون. وڏن خيالن ۽ خوابن جي بجاءِ جيڪڏهن اسان انهن ٻن آسان تجويزن تي عمل ڪيو، ته به مون کي يقين آهي ته اسان مان ڪيترائي مصنف بنجي پوندا ۽ سندن قلمي ڪارناما اهڙو ته قيمتي مواد مهيا ڪري وجهندا جو وڏن فيلسوفن توڙي سائنسدانن جي مطالعي لاءِ مفيد ثابت ٿيندا.
    ڌڻي تعاليٰ اسان کي عملي قدم کڻڻ جي توفيق ڏئي.

    سنڌ يونيورسٽي،حيدرآباد سنڌ
    31 مئي، 1958ع


    ڪاميابي جي راهه

    ڪاميابي جي راهه

    (سنڌ يونيورسٽي جي عملي کي عيد الفطر جي موقعي تي ڪيل تقرير)

    لائق ساٿيو ۽ معزز رفيقو!
    جيڪڏهن آئون ڀلجان نه ٿو، ته اڄ هن نموني ۾ اٽڪل پنجن مهينن کانپوءِ وري پاڻ ۾ گڏجي رهيا آهيون. نئين سال جي تقريب بعد هن طرح خوشگوار فضا ۾ هي پنهنجي قسم جو پهريون اجتماع پيو معلوم ٿئي. اڄ ڪي نوان مهانڊا به هت نظراچن ٿا ۽ ائين ٿو ڀانئجي ته اسان جي برادري ۾ ڪافي واڌارو ٿيو آهي. شايد اسان جي نون رفيقن لاءِ هي مجلس سندن زندگيءَ جو هڪ نئون تجربو هجي!
    اسان کي هن نموني ۾ گڏ ڪرڻ جو باعث عيد آهي، جا وري وري پيئي موٽي اچي. ”عيد“ جي معنيٰ ئي آهي ”اها، جا وري موٽي اچي.“ سو هفتو کن گذرڻ کانپوءِ به اڄ اسان وٽ وري موٽي آئي آهي!
    بيشڪ عيد جي ته اسان کي گهڻي ڪجهه طلب رهي ٿي، مگر روزن جي به ڪنهن کي يادگيري آهي؟ روزن ۾ آهي ته وڏي تڪيلف، مگر جڏهن به عيد موٽي اچي ٿي تڏهين اسان کي ”وري پاڻ ۾ ملائڻ“ سان گڏ، روزن ۽ قرباني جي به ضرور يادگيري ڏياري ٿي.
    هونئن به ”روزو“ خشڪي، بک ۽ تسيه آڻيندڙ آهي ۽ عيد ۾ آهن مزا، کاڌا ۽ خوشيون، تنهن ڪري عيد هر ڪنهن کي پيئي وڻي، پر روزن سان گهڻن جي پوي ئي ڪانه. ڪنهن به پابنديءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تمام ٿورا تيار هوندا آهن. روزي جو ته مفهوم ئي آهي بندش يا روڪ: سمورين نفساني خواهشن ۽ طلبن تي پابندي جو نالو آهي ”روزو“. جنهن اهي پابنديون خوشيءَ سان اختيار ڪيون تنهن لاءِ آهي عيد ۽ عيد به اها عيد، جا وري وري پيئي ايندي!
    غور ڪيو ته انسان ذات نه، پر ساري ڪائنات پابندي مان ڦل پائي ٿي.
    اسان مان سڀ کان اول اهڙي بندش حضرت آدم ۽ حوا عليهما السلام تي عائد ٿي، جڏهين کين امر ٿيو: ” لا تقربا هذاہ الشجرة “. يعني ٻنهي لاءِ حڪم آيو ته فلاڻي وڻ جي ويجهو نه وڃو!
    مقصد هو ته کين سندن خواهشن تي ضابطو رکڻ سيکاريو وڃي.
    جيڪڏهين اسان حڪيم ڪامل جي فقط ان هڪ حڪم جي حقيقت سمجهي پنهنجي خواهشن تي ضابطو ڪرڻ سکون ته ڪامياب زندگيءَ لاءِ اهو هڪ عمل ئي ڪافي آهي. نه فقط ايترو پر زندگي جو بنياد ئي آهي تقويٰ. جڏهين اسين اهو ئي پوري طرح پروڙي نه ٿا سگهون ته اسان لاءِ ڇا چڱو ۽ ڇا مَٺو آهي، تڏهين اسان لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي جو بنا ڪنهن رهنمائي جي پنهنجي لاءِ ڪا به نئين راهه متعين ڪري سگهون؟ بهتر اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي عليم ۽ حڪيم خالق جي حڪمن جي اکيون پوري پابندي ڪريون، جنهن ۾ اسان سڀني جي چڱائي آهي ۽ اها ئي سچي ”انسانيت“ آهي.
    پنهنجي پالڻهار جي حڪم عدولي ڪرڻ ڪري اڄ انسان حيوان جي سطح کان به هيٺ ڪري چڪو آهي. ڪتي جهڙو حيوان به پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ کان ٻاهر نه ٿو وڃي. ان کي جڏهين وقتن تي کائڻ سيکارجي ٿو ته هو فقط انهن مقرر وقتن تي کائي ٿو، پر اسان مان ڪيترا اهڙا شخص آهن جي هميشه پيا کائين. کائڻ کانسواءِ هنن کي ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونهي، تڏهين به ”انسان“ پيا ليکجن!
    کائڻ پيئڻ تي بندش سيکارڻ وارو رمضان المبارڪ الوداع ڪري ويو، پر افسوس اسان ان جو ڪما حقه قدر نه ڪيو. البته ”عيد“ ملهائڻ جو حق پوريءَ طرح سان ادا ڪيوسين، ڇاڪاڻ ته عيد اسان جي کائڻ پيئڻ تي ڪابه بندش نه ٿي وجهي ۽ انهيءَ ڪري اها اسان ڌام ڌوم سان ملهائي!
    دوستو! محض کائڻ پيئڻ ۽ خوشيون ڪرڻ ئي زندگي ناهي، اها ڪا ٻي زندگي آهي جا ”خيراً وابقي“ جي صفت سان موصوف آهي. انهيءَ زندگيءَ جو مدار، مقصد متعين ڪرڻ ۽ ان مقصد کي بلند پايه تي پهچائڻ تي منحصر آهي. انسان ”اشرف المخلوقات“ ٿيو ئي تڏهين، جڏهين هن پنهنجي زندگي جو ڪو مقصد مقرر ڪيو ۽ انهيءَ جي حصول لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. جنهن جي معنيٰ ته هي زندگي وقف ڪري نئين زندگي دستياب ڪئي!
    اسان مان هر هڪ جي آڏو ڪونه ڪو ”مقصد“ هئڻ گهرجي، جنهن ڏي ان وقت تائين اسان هر حال ۾ وڌندا رهون، جيستائين اسان اُهو احسن طريقي سان حاصل ڪريون. هر ڳالهه جو مقصد هوندو آهي ۽ ڪابه بي مقصد ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي آهي. ٿئي به ڪيئن، جو ان جو ڪو نتيجو نڪرڻو ئي نه هوندو آهي!
    مثلاً اسان سڀ هتي هڪ اداري ۾ ڪم ڪريون ٿا. آخر ڇا لاءِ؟ اسان جو ڪو ته مقصد هوندو، يا بس ائين ئي پيا اچون ۽ وڃون! اسان جي آڏو يقيناً هڪ عظيم الشان مقصد آهي ۽ اسين هڪ آهني عزم سان ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ همه تن مصروف آهيون.
    البته، اسين ۽ توهين سڀ پنهنجي پنهنجي نموني ۾ پيا ڪم ڪريون. هر هڪ کي پنهنجي انفراديت وساري هڪ مقصد لاءِ، هڪ مرڪزي خيال جي ماتحت ڪم ڪرڻو آهي. جيڪڏهين ان جماعتي نظريي جي بجاءِ اسان مان هر هڪ ائين سمجهڻ شروع ڪري ته آئون ته محض پٽيوالو آهيان، يا فقط ڪلارڪ آهيان، يا فقط رجسٽرار آهيان، يا فقط وائيس چانسلر آهيان، ته ڪم بنهه هلي نه سگهندو. اسين سڀئي هڪ ساڳي مشين جا پرزا آهيون ۽ سڀني کي گڏجي هڪ ئي مهم کي سر ڪرڻو ۽ هڪ ئي مقصد حاصل ڪرڻو آهي.
    جنهن وقت اسان جي گڏيل ڪوششن سان ڪاميابي اسان جا قدم چمندي، تڏهين اسان پنهنجي صالح عملن جي انعام جا مستحق ٿينداسون. اهڙو انعام هربامقصد ڪم ڪندڙ کي فطرتي طور عطا ٿيندو آهي، پوءِ ڀل ان جو ڪم کڻي ڪيترو به خسيس ۽ معمولي هجي. اهو ملازم جو پنهنجي ڊيوٽي بخوبي ادا ڪري ٿو، سو پنهنجي فرض ناشناس آقا کان هزار بار بهتر آهي. پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي نه ڪندڙ هڪ ڪلارڪ الله جي نزديڪ پنهنجي وڏي کان وڏي آفيسر کان به وڌيڪ معزز ۽ قابل احترام هستي آهي.!
    دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته ڪيترائي معمولي حيثيت رکندڙ ماڻهو پنهنجي فرض شناسي سببان اعليٰ ترين عهدن تي وڃي پهتا، انهن کي ائين فطرت جي هن اٽل قانون جي پابندي ڪرڻ جو خوشگوار انعام ملي چڪو .
    ارمان فقط اهو آهي جو اڄ اسان وٽان اسلامي روايات ختم ٿينديون ٿيون وڃن. صحيح اسلامي معاشرت اها هئي جو هڪ جيد عالم، پنهنجي معاش جو نمونو پاڻ ڳولي ڪڍيو ٿي ۽ هزارها اهڙا هئا جن ڪوري يا موچي يا ڌوٻي جو ڌنڌو اختيار ڪيو. اها ئي معاشرت هئي جنهن ۾ هڪ شيدي غلام هڪ طرف ۽ ”طائوس الحرمين“ ٻئي طرف، ممڪن ٿي سگهيو ٿي.
    عطار حلاج، سقه بجاج اسانجن بهترين هستين مان آهن. توهان سڀني مان وڌيڪ عزت جو مستحق اهو آهي، جو زياده نيڪي ڪندڙ آهي. ”ان اکرمکم عنداللھ اتقیٰ کم.“
    نيڪيءَ جو مفهوم اهو آهي ته سپرد ڪيل ڪم بخوبي ادا ڪجي، پوءِ کڻي اهو ڪيترو به خسيس يا اعليٰ هجي. چاهي اُهو ڌوٻي جو هجي يا بادشاهه جو هجي، پٽيوالي جو هجي يا وائيس چانسلر جو هجي. عزت ۽ احترام جي لائق اهو شخص آهي، جو پنهنجو ڪم پابندي ۽ لياقت سان پورو ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪو چئي ٿو ته ”آئون ته فقط هڪ معمولي ڪلارڪ آهيان ۽ آئون وڌيڪ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“ ته هو غلطيءَ تي آهي. حقيقت ۾ هو هڪ نهايت ڪارگر رڪن آهي. بشرطيڪ هو پنهنجو فرض سڃاڻي ۽ سمجهي ته آئون هن مشينري جو هڪ اهڙو ضروري پرزو آهيان، جنهن کانسواءِ جيڪر ڪوبه ڪم هلي نه سگهي.
    اڄ ڏسو ته ملڪ جي حالت چوڌاري ڇا لڳي پئي آهي! آهي ڪا انسانيت؟ هر هنڌ وٺ پڪڙ، ڦرمار لڳي پئي آهي. ننڍو خواه وڏو ڪوبه ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. بجلي واري کي ڪنهن ڪم لاءِ وٺي اچو ته هو ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ جي بدران ٺڳي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ چاهيندو ته ڪجهه ناجائز نفعو ڪمائي. ساڳيءَ طرح سان توهان جنهن شخص کي ملڪ جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ پنهنجو حاڪم مقرر ڪريو، سو به جي ڪا ٺڳي ڪري ڪجهه ناجائز نفعو ڪمائڻ جي ڪوشش ڪري، ته پوءِ ٻنهي ٺڳن ۾ تفاوت ڪهڙو رهيو؟ جهڙو بجليءَ وارو ٺڳ، تهڙو حاڪم ٺڳ. ساڳي طرح سان جيڪڏهين شاهه به ٻين کان پئسا وٺي گذاري ته گدا ۽ شاهه جي وچ ۾ تفاوت ڪهڙو رهيو!
    بنيادي نقطو اهو ئي آهي ته اسان مان جو به جنهن ڪم تي مامور آهي، ڀنگيءَ کان وٺي ويندي بادشاهه تائين، سو ان سپرد ڪيل ڪم کي سهڻي نموني سرانجام ڏي. تيستائين ڪوبه عزت ۽ احترام جي لائق نه آهي جيسين هو پنهنجو ڪم سچائي، خلوص ۽ صلاحيت سان نه ٿو ڪري. ڪنهن بادشاهه به ڪنهن وقت بدديانتي ڪئي يا پنهنجي نااهليءَ ڪري ڪنهن فرض جي ادائگي ۾ ڪوتاهي ڪئي ته ان مهل هو انهيءَ ڀنگيءَ کان به بدتر آهي جو پنهنجو ڪم صفائي ۽ سچائي سان بخوبي ڪري ڄاڻي ٿو.
    انهيءَ مقصد خاطر ئي مسلمان مرد تي حلال جي روزي جي ڳولا فرض ٿي”طلب الحلال فریضۃُ علیٰ کل مسلم “، يعني ته هر مسلمان تي فرض آهي ته هو حلال ڪمائي جي تلاش ڪري. حلال جي ڪمائي اُها آهي جا پنهنجي صلاحيت مطابق سچائيءَ سان ڪمائجي.
    ساٿيو! اچو ته سڀ گڏجي مٿئين اعليٰ ارشاد جي روشني ۾ پنهنجي هن ننڍي اداري کي، هڪ اهڙي مثالي درسگاهه بنايون جا پاڪستان ته ڇا، بلڪ دنيا کي چئلينج ڪري چئي ته ”هتي ڪوبه اهڙو شخص نه آهي، جو پاڻ کي فقط پٽيوالو يا فقط ڪلارڪ يا فقط آفيسر سمجهي ٿو. اسين سڀ ساٿي آهيون جي گڏجي هڪ گهر جي ڀاتين جيان، هڪ مقصد جي ماتحت، فقط الله جي خوشنودي لاءِ ڪم ڪريون ٿا.“
    اچو ته هڪ دفعو گڏجي دنيا اڳيان دعويٰ ڪريون ته ”هن اداري اندر ڪوبه اهڙو غيرجوابدار شخص ناهي، جو بنا مقصد جي ڪم ڪندو هجي، ڪوبه اهڙو خود غرض ناهي جو هن اداري جي بلند مقصدن بدران پنهنجي ذاتي مقصد جي پوري ڪرڻ ۾ مشغول هجي، ڪوبه اهڙو سست ۽ ڪاهل نه آهي جو پنهنجي صلاحيت ۽ لياقت کان گهٽ ڪم ڪندو هجي، ۽ ڪوبه اهڙو بدنيت ناهي جو حلال جي ڪمائي ڪرڻ بدران حرام جي ڪمائي جو خواهان هجي.“ جيڪڏهن اسان پنهنجي انهيءَ دعويٰ کي عملي طرح ثابت ڪري ڏيکاريو ته انشاءَ الله مدد الاهي اسان سان ضرور شامل رهندي ۽ اسان فطرت جي ان انعام جا مستحق ٿينداسون جو فرض شناس ۽ ورچ انسانن کي اَوس ملڻو آهي.
    يونيورسٽي جو مقصد آهي ”علم جامعه کي عام ڪرڻ“، اهومقصد اسان فقط مٿئين طريقي سان پورو ڪري سگهنداسون ۽ تڏهين ئي صحيح معنيٰ ۾ ”استاد“ سڏيا وينداسون. ائين ڪرڻ کانپوءِ ڏسندؤ ته پاڪستان جون ٻيون يونيورسٽيون به اسان جي تقليد ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪنديون!
    اوهان کي گهرجي ته جيڪي ڪجهه ڪريو محض الله واسطي ڪريو. پوءِ ڏسو ته دنيا ۾ توهان جو ادارو ڪهڙي نه بلند مقام تي پهچي ٿو. جيڪي ڪجهه خدا واسطي ڪيو سو عبادت ۾ شمار ٿيندو. هڪ ڏينهن حضرت عمر رضه خطاب ڪري رهيو هو ته آذان جي آواز جو پڙلاءُ پيو. هڪ بدوي عرض ڪيو ته ”يا اميرالمومنين! توهان نوجوان آهيو ۽ توهان جون صلاحيتون اڃا جوان آهن. توهان جا جذبات زندهه ۽ عزائم بلند آهن، جن جي ذريعي توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا. رپين ۽ پئسن جو ڀوت پنهنجي دماغن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ اهڙي نموني ۾ ڪم نه ڪريو جو ائين معلوم ٿئي ته ڄڻ توهان جي زندگيءَ جو مقصد ئي پئسو ڪمائڻ آهي. اهڙي قسم جا سمورا وسوسا ۽ خدشا دلين مان خارج ڪرڻ کانپوءِ ئي توهان پنهنجي يونيورسٽي کي دنيا جي اڳيان هڪ صحيح نظريو رکندڙ علمي اداري جي حيثيت سان پيش ڪري سگهندا. مگر انهيءَ لاءِ اهو به ضروري آهي ته اوهان سڀني جو هڪ ٻئي سان اهڙو رس ۽ تعاون هجي، جهڙو مشين جي پرزن جو هڪ ٻئي سان هوندو آهي. جي ائين ٿيو ته پوءِ يقين رکو ته جلد يا دير سان ڪاميابي توهان جا قدم چمندي ۽ توهان ان ”مقام محمود“ کي پهچندا، جنهن جي حاصل ڪرڻ جي هر انسان کي فطري خواهش هوندي آهي.
    شال خدا اسان کي نيڪ ۽ صالح ڪري!

    السلام علڪيم و خدا حافظ!

    سنڌ يونيورسٽي جي عملي کي عيدالفطر جي تقريب
    منعقد 30 مئي 1955ع تي خطاب


    سنڌ يونيورسٽي : (حضرت علامه آءِ آءِ قاضي صاحب مد ظلله العالي جن جون ٻه تقريرون)

    (نوٽِ سنڌ يونيورسٽي جي تشڪيل ۽ تعمير، اهل علم حضرات لاءِ توجهه طلب مسئلو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ابتدا، جنهن سطح تي ڪئي وئي اها ڪنهن کان ڳجهي نه آهي. سندس بسم الله جي رسم ڪراچي ۾ ٿي، ان جو پهريون وائيس چانسلر پروفيسر ابوبڪر حليم ٿيو. ان وقت سندس فني ۽ علمي حيثيت هڪ امتحان وٺندڙ بورڊ جيتري مس هئي. سندس ان معيار کي اڳيان رکي حضرت علامه آءِ آءِ قاضي صاحب مدظله العاليٰ کي سرڪار پاران پيشڪش ڪئي وئي ته سنڌ يونيورسٽي جي تعمير ۽ تڪميل جي سلسلي ۾ 26 اپريل تي مڪمل تجويز پيش ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ گورنمينٽ 2 ڪروڙ روپيه فوراً مهيا ڪري ڏيندي.
    چنانچه حضرت علامه صاحب جن يارهن ڪاليجن تي مشتمل نئين ڪيمپس ۽ ٽائون شپ جي مفصل تجويز، تعميرات سميت 26 اپريل 1951ع تي پهچائي ڏني.
    ارباب حل و عقد جي دلچسپي کي مدنظر رکي ”ڇهن ڏينهن جي اندر“ معمولي فرنيچر ۽ چار هزار ڪتابن کي ٽرڪن ۾ وجهي يونيورسٽي کي ڪراچيءَ مان سهيڙي حيدرآباد آندو ويو. هڪ هاءِ اسڪول ۾ اچي ٽپڙ ٽاڙي لاٿا ويا. ڪراچي مان آيل نووارد ماڻهن جي آبادڪاري لاءِ ڪوبه اهڙو قدم نه کنيو ويو، لاچار کين هاءِ اسڪول ۾ ئي پناهگير ٿي رهڻو پيو.
    علامه صاحب ان نوڪاشته ٻوٽي کي پنهنجي بصيرت ۽ حڪمت جي سرچشمن سان پاڻي ڏنو، پاليو ۽ وڏو ڪيو. اڄ اهو ٻوٽو شجر طيبه بڻجي چڪو آهي. تعمير جي سلسلي ۾ اول فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن جو انتظام ڪيو ويو ۽ منتظمن ۽ پروفيسرن لاءِ ماسٽر آف ايڊيوڪيشن جي ڊگري وٺڻ لازم قرار ڏنو ويو ۽ ثانوي ماسترن جي تربيت لاءِ ”بيچلر آف ٽيچنگ“ ۽ ٽيچرز ڊپلوما جا ڪورس پڻ شروع ڪيا ويا. ان طرح فني ۽ تعليمي تحقيق لاءِ ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن جي ڊگري پڻ شروع ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ 54-1951ع تائين پندرهن محڪما مڪمل ڪيا ويا، جن ۾ انگريزي، سنڌي، اردو، عربي، فارسي، جنرل هسٽري، پوليٽيڪل سائنس، معاشيات، رياضي، فلسفه ۽ نفسيات اچي وڃن ٿا.
    ان کانپوءِ سائنس متعلق ليبارٽري لاءِ خود علامه صاحب جن يورپ وڃي اهو ساز و سامان هٿ ڪيو، جو پاڪستان جي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ موجود ڪين آهي. ان سلسلي ۾ اها ڳالهه خيال ۾ رکڻ جهڙي آهي ته اهو سامان لکين رپين جو هو پر علامه صاحب جن نهايت سستي ۾ هٿ ڪيو ۽ پنهنجي سفر جو خرچ پاڻ تي هموار ڪيو ۽ هڪ پائي به ڪانه ورتي. اهڙي اپٽار جو مثال ڪنهن ٻئي هنڌ مشڪل سان ملي سگهندو!
    ان سلسلي ۾ يونيورسٽي لاءِ جديد ۽ فني حيثيت واري آٽوميٽڪ پريس قائم ڪري يونيورسٽي کي طباعت جي سلسلي ۾ لکين رپين جي خرچ کان بچايو ويو. اهڙي پريس به پاڪستان ۾ گهٽ نظر ايندي.
    لئبرري جي سلسلي ۾ حضرت علامه صاحب جن خاص توجهه ڏنو ۽ فقط چئن هزارن واري ڪتب خاني کي وڌائي ”ستاويهه هزار“ تائين پهچايو ۽ ”هڪ سؤ“ نادر مخطوطا پڻ هٿ ڪيا ويا.
    شاگردن جو انگ پڻ وڌايو ويو جنهن جو تفصيل هي آهي.
    سال طالب العلم ملحقه ڪاليج ملحقه هاءِ اسڪول
    1951ع 2762 6 36
    1955ع 5864 17 59
    ان سلسلي ۾ هنري ڪورس شروع ڪيو ويو جو به قابل توجهه آهي.
    علامه صاحب يونيورسٽي جي استادن لاءِ هڪ ڪيفي ٽيريا، يونين هال، ڊسپنسري، غيرملڪي شاگردن ۽ عالمن لاءِ هڪ هاسٽل ٺهرائڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿيا.
    پنهنجي ڪئمپس ۽ ٽائون شپ لاءِ پڻ علامه صاحب جن جرمن انجنيئرن جي مشوري سان نقشا ٺهرايا، جن ۾ سموري يونيورسٽي، علوم ۽ فنون جا مختلف شعبا، رهائش، جايون،ميدان ۾ هوائي پرواز جا سڀ سهنج ۽ ذريعا مدنظر رکيا ويا.
    علامه صاحب جن پڙهڻ ۽ پاڙهڻ سان گڏ استادن ۽ شاگردن جي ذهني تعمير ۽ اخلاقي تطهير لاءِ پڻ بصيرت افروز خطابن جو سلسلو شروع ڪيو جو نهايت مفيد، ثمر آور ۽ اثر انگيز ثابت ٿيو. ڪاش! سندن سارا خطبا جمع ڪري مختلف زبانن ۾ شايع ڪيا وڃن!
    اڄ سنڌ يونيورسٽي پنهنجي صوري ۽ معنوي حيثيت سان واقعي يونيورسٽي بڻجي چڪي آهي ۽ محض امتحان وٺندڙ بورڊ نه رهي آهي.
    (غلام محمد گرامي)
    جناب والا
    خواتين ۽ حضرات
    سائين _ اوهان کي پنهنجي يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ تي خوش آمديد ڪرڻ ۾ اسين پنهنجي عزت افزائي سمجهون ٿا. ڪنهن به ماڻهو جي سندس موجودگيءَ ۾ تعريف ڪرڻ مون لاءِ اصل کان وٺي اڻ وڻندڙ رهي آهي، پر آءٌ نهايت خلوص سان چئي سگهان ٿو ته گذريل ٻارهن مهينن جي عرصي اندر جنهن ۾ اوهان هن اعليٰ منصب تي فائز رهيا آهيو، اوهين هڪ مثالي چانسلر جو نمونو بڻجي رهيا آهيو. آءٌ انهيءَ ڳالهه تي خاص طرح زور ڏئي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ کي نئين هجڻ جي حيثيت ۾ اهڙن مفيد اجتماعن ۽ مثالي عهديدارن جي گهڻي ضرورت آهي، جي اسان جي پٺيان ايندڙن لاءِ رهنمائي ڪن.
    جناب والا ۽ نوان سينيٽر، شايد هن حقيقت کان واقف نه به هجن ته اپريل 1951ع ۾ جڏهن مون چارج ورتي هئي، تڏهن هي يونيورسٽي هڪ طرح جو ”امتحان وٺندڙ بورڊ“ هو. بهرحال منهنجي اچڻ تي مون کي خاطريءَ سان ٻڌايو ويو ۽ پڪ ڏياري ويئي ته جيڪڏهن آءٌ اپريل کان اڳ ۾ حيدرآباد ۾ نئين يونيورسٽي ٽائون شپ لاءِ حڪومت اڳيان هڪ جامع تجويز پيش ڪندس ته ٻن ڪروڙ رپين جي فياضانه گرانٽ منظور ڪئي ويندي ۽ اها رقم انهيءَ سال جي بجيٽ ۾ ئي سنڌ گورنمينٽ طرفان مهيا ڪئي ويندي.
    اسان جي حڪومت طرفان اهڙو اشارو، درحقيقت، ڏاڍو همت افزا هو ۽ مون سڀني نموني جي سهولتن سان آراسته يارهن ڪاليجن تي مشتمل نئين ڪئمپس ۽ ٽائون شپ جي تفصيلي تجويزن مرتب ڪرڻ جو تڪليف ده ڪم پنهنجي مٿان هموار ڪيو. انهيءَ تجويز ۾ اهي سڀ خصوصيتون موجود هيون جي لفظ ”يونيورسٽي“ جي تاريخ ۽ ان جي مسلمه بنياد جي روشني ۾ هڪ اهڙي جامع يونيورسٽي ۾ موجود هئڻ گهربيون هيون، ان کان سواءِ جئين ته آءٌ ڪن سالن کان وٺي فنون لطيفه ۽ خاص ڪري عمارت سازيءَ جي فن جي مطالعي ۾ دلچسپي وٺندو هوس، ان ڪري منهنجي ذهن اندر هن باري ۾ ڪي خاص پختا خيال سمايل هئا ته يونيورسٽي ڪئمپس ۽ ٽائون شپ جا بنياد، جي واقعي اهڙن نالن سان منسوب ٿيڻ جي لائق هجن، ڪهڙي نموني ۾ رکيا وڃن ۽ جنهن نموني ۾ عمارتون اڏيون وڃن، سو اهڙو هجي، جو اسان جي ثقافتي ورثي جو مثال پيش ڪري ۽ پنهنجي رنگارنگي حسن جي پڻ نمائندگي ڪري.
    اهڙا خيال دل ۾ رکي مون رات ڏينهن محنت ڪري يارهن ڪاليجن تي مشتمل يونيورسٽي ڪئمپس جي هڪ تفصلي تجويز ٺاهي، جا سنڌ گورنمينٽ ڏانهن پوري وقت اندر، يعني 26 اپريل 1951ع تي، موڪلي ويئي. ان وقت توقع هئي ته حڪومت جي طرفان ضروري پئسي جي فياضانه پيشڪش کي عمل ۾ آندو ويندو ۽ ان کان پوءِ پاڪستان ۾ اسان وٽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙي يونيورسٽي هوندي جا اسان جي پنهنجي ثقافت ۽ عمارت سازيءَ، اسان جي تعليمي نظريات ۽ نئين تعليمي فضا جي عڪاسي ڪندي.
    نئين يونيورسٽي ٽائون شپ لاءِ خود سرڪاري حلقن ۾ به ايڏو گهڻو شوق موجود هو، جو اسان کي ڪراچي واري وسيع عمارت کي ڇڏي هڪدم حيدرآباد ڏانهن منتقل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو. چنانچه اسان مذڪوره پلان ڪرڻ کان فقط ڇهه ڏينهن پوءِ ڪراچي کي خيرباد چئي، ٿورو گهڻو فرنيچر ۽ لئبريري جا چار هزار کن ڪتاب ٿورن ٽرڪن ۾ وجهي حيدرآباد لاءِ نڪري پياسون. حيدرآباد پهچڻ تي اسان کي مهرباني طور هيءَ عمارت ڏني وئي، جنهن ۾ اڄ اوهين ويٺا آهيو ۽ جا اصل کان وٺي هڪ هاءِ اسڪول جي جاءِ هئي ۽ ان مان اسان کي هڪ يونيورسٽي بنائڻ جو حڪم ڏنو ويو. اسان کي پنهنجي دفتري عملي جي رهائش لاءِ شهر ۾ ٻيون جايون هٿ ڪرڻيون هيون، پر هڪ گهر کان سواءِ، جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ جي وڏين ڪوششن سان مهيا ٿيو، تنهن تي يونيورسٽي رجسٽرار قابض ٿيو، ٻي ڪابه جاءِ اسان کي هٿ نه اچي سگهي. خود ڊپٽي رجسٽرار ۽ سپرنٽينڊنٽ کي به يونيورسٽي عمارت اندر پناهه وٺڻي پئي. بهرحال، مون هن اداري کي محض ”امتحان وٺندڙ اداري“ جي درجي کان ڪڍي هڪ رهائشي، تعليمي يونيورسٽي جي اعليٰ منصب تي فائز ڪرڻ جو عزم ڪيو هو ته جئين اها ملڪ جي انتهائي ضروري تعليمي ضروريات کي سرانجام ڪري سگهي. چنانچه، ”پهرين ضرورت“ پهرين جي اصول تي عمل ڪندي، ٽيچنگ ڊپارٽمينٽ جي بنياد وجهڻ لاءِ فوري اقدامات کنيا. هن حقيقت کان آگاهه هوندي ته ملڪ جي سڀ کان پهرين ضرورت، قابل ماسترن ۽ پروفيسرن جي تربيت هئي، مون فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن جي انتظام ڪرڻ سان ابتدا ڪئي. سن 1951-52ع کان وٺي تعليمي ادارن جي منتظمن ۽ پروفيسرن جي تربيت لاءِ خاص طرح ماسٽر آف ايڊيوڪيشن جي ڊگري جي ابتدا ڪئي. ثانوي ماسترن جي تربيت لاءِ سن 54-1953ع کان وٺي ”بيچلر آف ٽيچنگ“ ۽ ”ٽيچرز ڊپلوما“ جا ڪورس شروع ڪيا ويا. ساڳئي وقت، تعليمي ميدان ۾ تحقيقاتي ڪم ڪندڙن جي تربيت لاءِ ”ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن“ جي ڊگري شروع ڪئي وئي. تعليم جي شعبي کان پوءِ منهنجي خيال ۾ ٻيو نمبر اهميت شعبهء دينيات، اسلامي تاريخ ۽ اسلامي ثقافت کي هئي، جن جو ان کان پوءِ فوري طور بنياد وڌو ويو. ان کان پوءِ آرٽس واري طرف جا سڀ ئي شعبا قائم ڪيا ويا. انهن ۾ انگريزي، سنڌي، اردو، عربي، فارسي، جنرل هسٽري، پوليٽيڪل سائنس، معاشيات، رياضي، فلسفه ۽ نفسيات جا شعبا پڻ شامل هئا. اهڙيءَ طرح 54-1951ع جي پهرين ٽن سالن جي دوران، پندرهن مختلف شعبن جي قائم ٿيڻ سان، ايڊيوڪيشن ۽ آرٽس جون ٻه فئڪلٽيون مڪمل ڪيون ويون.
    مون کي وڏي ۾ وڏو هن ڳالهه جو فڪر رهندو آيو آهي ته اڄ ڏينهن تائين مان ڪن ٻين قديم خواهه جديد ٻولين جي پڙهائڻ لاءِ ڪي قابل عالم نه آڻي سگهيو آهيان. جن ماڻهن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”چين“ وڃڻ جو سبق ڏنو ويو هو، تن کي پنهنجي گهريلو يونيورسٽيءَ ۾ سنسڪرت ، لاطيني، يوناني ۽ چينائي جهڙيون قديم، ۽ فرينچ، جرمن، اطالوي ۽ هسپانوي وغيره جهڙيون انتهائي اهم جديد ٻوليون ضرور رائج ڪرڻ گهرجن. پر اهو مسئلو مستقبل لاءِ ملتوي رکيو ويو آهي.
    ايڊيوڪيشن ۽ آرٽس فئڪلٽين جي تنظيم کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ اهميت وارو ڪم، جو مون گذريل سال کان وٺي پنهنجي سامهون رکيو، سو سائنس جي تعليم شروع ڪرڻ جو هو، يعني فطرت کي اهڙي فطرت جي وسيلي فطرت جي مالڪ تائين سڌيءَ طرح رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ يورپ روانو ٿيس. ڇاڪاڻ ته يونيورسٽيءَ جي ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري حالت سبب بچت ۽ ڪفايت شعاري جو اصول، اسان لاءِ زندگيءَ ۽ موت جي سوال واري حيثيت رکندو آيو آهي. خدا جي فضل و ڪرم سان، ڪن غيرملڪي ڪمپنين سان شخصي تعلقات جي ڪري، آءٌ سائنس جو سڄو ساز و سامان اهڙن اگهن تي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس جي اڄ تائين پاڪستان جي ٻئي ڪنهن به اداري کي شايد نه آڇيا ويا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح، هن غريب اداري جا هزارين رپيا تعليمي ترقي ۽ تعمير لاءِ بچي ويا. ضروري ساز و سامان دستياب ڪرڻ بعد، گذريل سال جي آخر ڌاري، سائنس جي شعبي کي کولڻ لاءِ شروعات ڪئي وئي. هن وقت تائين فزڪس، ڪيمسٽري، زولاجي، فشريز، باٽني، ائسٽرانامي ۽ جيئالاجي جا شعبا کولجي چڪا آهن ۽ اهڙيءَ طرح سائنس فئڪلٽي مڪمل ٿي ويئي آهي. انهيءَ فئڪلٽي کي وڌيڪ طاقتور بنائڻ جو ڪم اڃا تائين باقي آهي پر ايترو چئي سگهجي ٿو ته ان جا بنياد مضبوط پيڙهه تي پئجي ويا آهن.
    گذريل چئن سالن جي دوران ايڊيوڪيشن، آرٽس ۽ سائنس فئڪلٽين جي قيام لاءِ اسان جي جدوجهد ۾ انتهائي اهم مسئلو، جيڪو اسان کي درپيش آيو، سو ٽيچنگ اسٽاف لاءِ رهائشي جاين ڳولڻ جو هو، جن کي اهڙين نوڪرين کي قبول ڪرڻ، يا سندن محڪمن کي تعمير ڪرڻ جي سخت محنت لاءِ، تيسين ڪشش نه پئي ٿي سگهي، جيسين کين رهائشي ڪوارٽر مهيا ڪرڻ لاءِ جوڳو انتظام نه ڪيو ويو هو. اسان پئسو پئسو ڪري ڪافي رقم بچائي. هر ممڪن ذريعي مان جيڪي ذرو پرزو ملي سگهيو، تنهن جي مدد سان هن ئي خطي جي اندر تعليمي خواهه دفتري عملي لاءِ خاصيرا رهائشي ڪوارٽر تعمير ڪرايا آهن.
    اسان جي حيدرآباد اچڻ کان اڳ ڇپائي جي ڪم تي خرچ ڪيل رقمن جي بلن تي نگاهه وجهندي، مون ڏٺو ته يونيورسٽي هر سال ڇپائي جي ڪمن تي ٽيهن کان چاليهه هزار رپين جي رقم خرچ ڪري رهي هئي. ان جي باوجود يونيورسٽي اهڙي حالت ۾ ڪو ننڍو نصابي ڪتاب به شايع نه ٿي ڪري سگهي، جڏهن اهو بازار ۾ موجود نه هجي، نه وري اها ڪو طبعزاد ڪتاب يا ڪو ”ٿيسز“ ڇاپي ٿي سگهي. چنانچه هڪ ڇاپخاني جي عمارت تعمير ڪرائي ويئي ۽ پريس جي مشينري گهٽ ۾ گهٽ اگهن تي خريد ڪئي ويئي ته جئين يونيورسٽي پنهنجي اسٽيشنري پاڻ ڇاپي سگهي، امتحانن جي پيپرن جي خفيه رهڻ جي خاطري ٿي سگهي، سستن اگهن تي وڪرو ڪرڻ لاءِ ضروري گهربل نصابي ڪتاب ڇپجي سگهن ۽ سائنٽيفڪ رسالا ۽ تحقيقاتي نوعيت جا ڪتاب شايع ٿي سگهن، جي يونيورسٽي جي اداري سان گڏوگڏ سڄي ملڪ جي تحسين ۽ نيڪ ناميءَ جو باعث بڻجي سگهندا.
    غيرملڪي مٽاسٽا واري ناڻي تي بندش هئڻ ڪري سماجي ۽ فطري سائنس تي لکيل سٺن ڪتابن جي درآمد جي راهه ۾ ڪافي حد تائين رڪاوٽون حائل هيون، ان ڪري نه فقط پڙهائيءَ جو ڪم رڪجي ٿي پيو پر خود طالب علمن لاءِ پڻ وڏيون دشواريون پيدا ٿي پيون. چنانچه، مون هڪدم يونيورسٽي بڪ ڊيپو قائم ڪيو، ته جئين يونيورسٽي لئبريري عملي جي ميمبرن ۽ طالب علمن جي برادريءَ کي نصابي ۽ حوالن وارا اهم ڪتاب مهيا ٿي سگهن.
    مون يونيورسٽي لئبرريءَ جي تعمير تي خاص ڌيان ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ سٺي لئبرري کان سواءِ، نه اعليٰ پيماني تي پڙهائي ۽ نه وري ڪو تحقيقاتي ڪم ڪڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو. اسين ڪراچي کان هت فقط چار هزار ڪتابن سان آيا هئاسون. انهيءَ ظاهر ظهور ڪميءَ مون کي ان وقت تائين آرام سان ويهڻ نه ڏنو، جيسين مون پنهنجي محدود مالي وسيلن جي حدود اندر آهستي آهستي سڀئي اهم ڪتاب گهرائي ورتا. خدا جي مهرباني سان اسين اڄ تائين ستاويهه هزار ڪتاب هٿ ڪرڻ ۾ ڪيامياب ٿيا آهيون، جن ۾ هڪ سؤ نادر مخطوطا به شامل آهن.
    طالب علمن ۽ يونيورسٽي سان ملحقه ادارن جو تعداد به جئين پوءِ تيئن وڌي ويو آهي، جئين هيٺ ڄاڻايل انگن اکرن مان واضح آهي:
    سال طالب العلم ملحقه ڪاليجن جو تعداد ملحقه هاءِ اسڪول
    1951ع 2762 6 36
    1955ع 5864 17 59
    طالب علمن جي آباديءَ ۾ انهيءَ عظيم اضافي، شاگردن جي بهبود ۽ ڀلائيءَ ۽ سندن ٺاهه جي متعلق مسئلا پيدا ڪيا آهن، جي ڪافي پئسن ۾ هٿ ۾ نه هئڻ ڪري اڃا تائين حل طلب آهن، پر اسان سڀني کان وڌيڪ تعليمي ضرورتن کي ڪڏهن به نظرانداز ڪونه ڪيو آهي، جن ۾ پڙهائي جي مهارت ۽ تعليم جا اعليٰ معياري مسئلا به شامل آهن. مئٽرڪ کان وٺي ڊاڪٽريءَ جي ڪلاسن تائين نصابن تي مڪمل طور نظرثاني ڪئي وئي آهي ۽ انهن ۾ عام ۽ خصوصي تعليم جي گنجائش پيدا ڪرڻ لاءِ کين نئين سر زوردار ۽ قوتمند بنايو ويو آهي. اسان جي تعليمي سرشتي جي هنري پهلو کي طاقتور بڻائڻ جي راهه ۾ ميٽرڪ جي سطح تائين هنري تعليم ۽ استادن جي تربيتي ڪورسن ۾ هنري رهبري جي ڪورسن کي شامل ڪرڻ، قابل غور ڪاميابيون آهن.
    مرڪزي حڪومت وٽان مليل فياضانه امداد سان اسين پنهنجي شاگردن لاءِ ڪيفي ٽيريا ۽ هڪ يونين هال کان علاوه اهڙن غيرملڪي مهمانن، عالمن ۽ شاگردن لاءِ هڪ هاسٽل به تعمير ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، جي وقت بوقت يونيورسٽي ۾ اچن ٿا.
    پنهنجن شاگردن جي راندين روندين لاءِ موزون جاءِ هٿ ڪرڻ واسطي، اسان مقامي فوجي آفيسرن کي عرض ڪيو، جن مهرباني ڪري يونيورسٽي جي موجوده عمارت جي پاسي ۾ زمين جو هڪ ٽڪر راند جي ميدان طور ڏنو آهي.
    اسان جا سڀئي ملازم، تعليمي خواه دفتري عملي تي، پگهارن جي اهڙن اسڪيلن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جي پاڪستان جي ٻي هر يونيورسٽيءَ ۾ ملندڙ اسڪيلن کان نسبتاً گهٽ آهن. تازو مٿن وڌندڙ قيمتن ۽ پاڪستاني رپئي جي قيمت گهٽجڻ سبب ٻه طرفو دٻاءُ پئجي ويو. اهڙين حالتن ۾ انهن کي پنهنجو پورائو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيو ۽ ساڻن ئي علاج معالج جو ڳاٽي ڀڳو خرچ برداشت ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. چنانچه اسان ملازمن ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ هڪ ڊسپينسري کولي آهي، جتي سندن علاج مفت ٿئي ٿو ۽ ساڳئي وقت اسان انهن لاءِ ”فائدو نه نقصان“ جي بنياد تي هڪ فيئر پرائيس اسٽور به کوليو آهي.
    اهو سڀ ڪجهه يونيورسٽي جي تعليمي ۽ رهائشي پهلوئن جي ابتدا ڪرڻ ۽ انهن کي اهڙيءَ طرح جوڙڻ جي مقصد سان ڪيو ويو آهي ته جئين جڏهن هڪ اهڙي مڪمل رهائشي يونيورسٽي هئڻ جو اسان جو خواب سچو ثابت ٿئي، جنهن کي پنهنجو ڪئمپس ۽ ٽائون شپ هجي، (جنهن لاءِ زمين حاصل ڪئي وئي آهي ۽ نقشا پڻ تيار ڪرايا ويا آهن) ۽ جنهن ۾ نه فقط نباتاتي ۽ حيواناتي تجربن لاءِ پنهنجا باغ هجن، پر جنهن ۾ سائنسي تحقيقات لاءِ ليبارٽريون ۽ فضائي پرواز جا انتظام به مڪمل هجن، تڏهن اسان هن ابتدائي نوعيت جي خاڪي کي مڪمل تصوير ۾ بدلي سگهون ٿا.
    اسان جي خيال ۾ يونيورسٽي هڪ اهڙي جاءِ نه آهي، جتي ڊگرين حاصل ڪرڻ لاءِ وڃجي ۽ ڊگريون نوڪرين هٿ ڪرڻ واسطي ورتيون وڃن، پر اها هڪ اهڙو ادارو آهي، جتي قرآني تعليم جو اصل مقصد حاصل ٿئي، ۽ جتي شاگردن کي ”عالمي تعليم“ مهيا ڪئي وڃي ۽ زندگيءَ جي صحيح ۽ حقيقي نظريي جي تحت نظرياتي ۽ تنگ نظري ۽ حد کان زياده مخصوصيت جون بدعتون ۽ برايون ڪڍي سگهجن.
    مون پنهنجي عملي کي هميشه هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته يونيورسٽي جي معنيٰ، تعليمي ۽ دفتري عملي ۾ نظرين ۽ مقصدن جو اشتراڪ ۽ سڀني جي خيالن ۾ غيرمبهم ۽ واضح مقصد موجود هئڻ جي آهي. اهو سڀ ڪجهه اسان جي هم آهنگي تي دارومدار رکي ٿو ۽ آئون ڪنهن به خوشامد کانسواءِ ايترو چئي سگهان ٿو ته يونيورسٽي ۾ منهنجي رضاڪارن مان ذري گهٽ هر هڪ ڄڻي دل و جان سان انهن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ موکيو آهي ۽ جيڪڏهن مقصد جي اها پاڪائي ۽ فڪر جي يڪجهتي ائين قائم رهي ته پوءِ منهنجي دل ۾ ذري برابر به شڪ ڪونهي ته خدا جي فضل و ڪرم سان اسين اهو مقصد ضرور حاصل ڪنداسون جيڪو اسان پنهنجي سامهون رکيو آهي.
    آخر ۾ آئون جناب والا ۽ پنهنجي نون سينيٽرن کي درخواست ڪندس ته اوهين اسان کي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾، جنهن جو واسطو هڪ اداري يا صوبي يا هڪ ملڪ سان نه پر سڄي مسلم دنيا سان آهي، پنهنجي وس آهر مدد ڪندا.

    آءِ آءِ قاضي
    وائيس چانسلر
    يونيورسٽي آف سنڌ
    1955-9-4


    محبت جي ضرورت

    هيءَ تقرير دلپذير، هن دور جي عظيم شخصيت، حضرت علامه آءِ آءِ قاضي مدظله العاليٰ جي آهي، جا پاڻ 15 فيبروري 1954ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هڪ عظيم علمي اجتماع ۾ ڪيائون. اها تقرير پروفيسر ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، صدر شعبه فارسي، سنڌ يونيورسٽي، جي ڪيل تقرير تي هڪ علمي ۽ فڪري ڇنڊڇاڻ جي حيثيت رکي ٿي، اميد ته ناظرين، هن دانشمندانه ۽ اصلاحي تقرير مان روحاني ۽ اخلاقي حظ حاصل ڪندا. اها تقرير محترم مقبول احمد ڀٽي ايم اي، جي قلمبند ڪيل آهي. (ادارو)

    خواتين ۽ حضرات
    جيڪڏهن هينئر آئون اوهان کي پنهنجي دوست، پروفيسر قاضيءَ جي تقرير متعلق، پنهنجي تاثرات بيان ڪرڻ لاءِ چوان ته پوءِ اوهان ايمانداريءَ سان ٻڌايو ته جيڪر ائين نه چئو ته پروفيسر صاحب، محبت بابت ڪا نئين ڳالهه ته ڪئي ڪانه. انهيءَ الفت، قرب ۽ ڪشش جا وعظ اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪافي ٻڌندا پئي آيا آهيون. هن تقرير جي ردعمل طور يقيناً توهان ائين چئو ته اسان ”زندگيءَ جي انهيءَ اهم جذبي“ بابت هزار بار ٻڌو آهي. ٻڌو ته برابر آهي، پر آءٌ پڇندس ته توهان ڪڏهن اتفاق سان عملي ۽ ارادي طور ان کي استعمال به ڪيو آهي؟
    حالانڪ اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن اهو جذبو ڪائنات جي ڪاروبار جاري رکڻ لاءِ ڪارفرما نه هجي، ته انسان هوند انهيءَ هڪ جذبي جي ڪري، ٻي هر ڪا زحمت گوارا ڪرڻ خوشيءَ سان برداشت نه ڪري ها!
    انگلينڊ جي بادشاهه يا راڻي جي سواريءَ جي نظاري ڏسڻ لاءِ انگريزن کي اٺ، ڏهه ڪلاڪ اڳواٽ وڃي ڪنهن گوشائتي هنڌ تي بيهڻو پوندو آهي ته جئين ويجهڙو ديدار ڪري سگهن.
    اها آرزو، اها خواهش، اها طلب ۽ اهو جذبو آهي، جنهن کي ”زندگيءَ جو اهم جزو“ سڏيو وڃي ٿو، اسان جي زندگيءَ ۾ ڪيترا اهڙا مختلف پهلو آهن، جن ۾ اسان ان جو اظهار ڪريون ٿا.
    غزاليءَ اڳئين وقت جي مسلمانن جي عبادت جي جذبي جو نقشو چٽيو آهي ته جمعي نماز واري آذان کان اڳ، صبح ساڻ، احڪام الاهيءَ جي ادائگي لاءِ سڀ ڪم ڪاريون سيڙائي سڀ کان اول اچي اڳين صف ۾ ويهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ته جئين خطيب جو خطبو آسانيءَ سان ٻڌي سگهن. خطبي ۽ نماز کانپوءِ به ڪيترو وقت تسبيح ۽ تحليل ۾ محو ۽ مشغول رهندا هئا، جنهن مان انهن کي روحاني لذت حاصل ٿيندي هئي. اهي ماڻهو، پنهنجي ان جذبي جي تسڪين لاءِ پنهنجون ٻيون سموريون خواهشون قربان ڪري ڇڏيندا هئا.
    ان جي برعڪس اڄ اها حالت آهي جو اسان سڀ کان پوءِ اچي پوئين رڪعت جي رڪوع ۾ پهچڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، ته جئين هڪ اهڙي خواهش جي پورائي گهڻو وقت نه وٺي، جنهن سان اسان جي دلچسپي گهٽ آهي. اسان اڄ پنهنجي هر نفساني خواهش جا غلام آهيون.
    مٿئين مثال ڏيڻ مان منهنجي مراد محض اهو ثابت ڪرڻ آهي ته اسان جون خواهشون ۽ جذبات، وقت بوقت بدلبا رهن ٿا، جنهن جي نتيجي طور اسان مان انتظام ۽ يڪرنگي نڪري چڪا آهن. اڄ پيءُ جو پٽ سان، ڀاءُ جو ڀاءُ سان، ڀيڻ جو ڀيڻ سان اختلاف آهي.
    هاڻي محبت ۽ الفت پيدا ٿئي ته ڪيئن؟ شايد اهو جذبو هن وقت عنقا ٿي چڪو آهي، جنهن جو نالو ته سڀني ٻڌو آهي، پر آهي ڇا، سو ڪنهن کي به پتو يا پروڙ نه آهي.
    خبر نٿي پوي ته عدم توازن ۽ عدم تعاون جي اهڙي عالم ۾ اسان جو نظامِ زندگي ڪئين برقرار رهي سگهندو، جڏهن ته ڪوبه معمولي جزو به پاڻ ۾ ڪشش ۽ يگانگت نه هئڻ ڪري زنده نه ٿو رهي سگهي، تڏهن هيڏي ساري سنسار جو انتظام بغير ڪنهن توازن ۽ اصول جي ڪئين هلي سگهندو؟
    انتظام فقط اتحاد ۽ اتفاق ڪرڻ سان قائم رکي سگهجي ٿو ۽ ظاهر آهي ته ان قسم جي جماعتبنديءَ لاءِ سڀ کان اڳ، الفت جو عنصر پيدا ڪرڻو آهي، جنهن جي ڪشش ڪري هر چيز جا مختلف اجزاء ڪشجي ۽ ڇڪجي اچي هڪٻئي ۾ گڏجن ٿا ۽ ان کان پوءِ منجهائن هڪ بلڪل نئين شي نڪري نروار ٿي ٿئي. انهيءَ نئين شي جي نروار ٿيڻ بعد اسان کي انهن چيزن جي زندگيءَ جو يقين ٿئي ٿو. ان نئين شيءِ کي اسان ”جمعيت“ ڪوٺي سگهون ٿا. جمعيت يعني مختلف جزن جو گڏجي ڪنهن نئين شيءِ ٺاهڻ جو اصول. اهو اصول ڪائنات جي تمام عناصر سان هڪ جهڙو لاڳو آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات سان گڏ، انسان ذات سان به اهو شرط لاڳو آهي ته جيسين انهن مان هر هڪ پنهنجي جدا جدا جزن کي گڏي اتفاق ڪري، پاڻ کي وڌيڪ پسنديده شيءِ يا زياده مضبوط نظام نه پيدا ڪيو آهي، تيسين انهن جو صفحهء هستيءَ تان ميٽجي وڃڻ، بلڪل لازمي امر آهي.
    ساڳئي اصول مطابق انسانن ۾ ”آدميت“ پيدا ٿيڻ کان پوءِ جڏهن منجهن ”اجتماعيت“ جو روح جاڳي اٿي ٿو، تڏهن انسانيت جو ضمير زنده ٿيو پوي، جو انهن جي مجموعي مفاد لاءِ هميشه برسر پيڪار رهي ٿو. اهڙيءَ طرح اتحاد مان انتظام ۽ انتظام مان زندگيءَ جا چشما ڦٽي نڪرن ٿا، جي مرده جسمن ۾ به جان وجهيو ڇڏين.
    ان جي برعڪس بي اعتماديءَ ۽ بي اتفاقيءَ، عدم تعاون ۽ انتشار ڪري ايتري ئي تباهي ۽ بربادي ايندي آهي، جيتري اتفاق ۽ اتحاد ڪري انسان ذات جي تعمير ۽ ترقي ٿيندي آهي، يا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.
    انسان جو مرده جسم، ان اصول جو زنده مثال آهي. زندگي يعني اتحاد ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ هڪ عضوي جو ٻئي سان تعاون ٽٽيو پوي. پوءِ سَنڌُ، سَنڌَ کان ۽ جزو، جزي کان جدا ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    اسان چوندا آهيون ته مرده جسم مان بدبوءِ ٿي نڪري. اها بدبوءِ ڇا آهي؟ مرده جسم جي منتشر ٿيل باريڪ جزن مان جڏهن الفت جو انگ ختم ٿيو، تڏهن هو پنهنجي اجتماع کان عليحده ٿي، اسان جي سِنگهڻ جي حس تائين پهچن ٿا ۽ اسان بدبوءِ محسوس ڪريون ٿا. حالانڪ ساڳيا جزا هر زنده جسم ۾ به موجود آهن، پر جسم سان سندن گَهَري تعلق ۽ تعاون هئڻ ڪري ان کان اڳ هو عليحده ٿي اسان تائين نه ٿي پهتا. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اها فقط اتحاد ۽ اتفاق جي برڪت هئي، جنهن زنده جسم ۾ بدبوءِ نه ٿي پيدا ٿيڻ ڏني. اهو ڪو ڪتابي علم ناهي. اها برڪت ان جذبهء الفت جي آهي، جو اسان جي احساس کي جاڳائي ٿو. روءِ زمين تي ڪابه شي ان جي ڪشش کان سواءِ پنهنجو وجود برقرار رکي نه ٿي سگهي.
    جئين اڳ چيو ويو آهي ته مرده جسم مان الفتي انگ نڪرڻ ۽ باهمي اتحاد ختم ٿيڻ کان پوءِ ان ۾ بدبوءِ پيدا ٿيو پوي، بلڪل ساڳي حالت، نسل انسانيءَ سان لاڳو آهي.
    هر ڪٽنب، قبيلي يا قوم جي باهمي محبت ختم ٿيڻ کانپوءِ ان مان جذبو ۽ جان نڪري ٿا وڃن. ان کان پوءِ لازم آهي ته منجهن ”انتشار ۽ بدبوءِ“ پيدا ٿين. ڇاڪاڻ جو منجهن زندگيءَ جو اهم ترين جزو، باقي نه رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ”انصاف“ يا ڪنهن به ٻي چڱي خصلت جي طاقت ان کي مرده ٿيڻ کان بچائي نٿي سگهي.
    اسان کي پنهنجي قوم جي مجموعي نموني ۾ مذمت ڪرڻ جي بجاءِ، انفرادي طور پاڻ کي به ڏوهه ڏئي پاڻ مان خودپسندي ۽ خودغرضيءَ واريون خواهشون ڪڍڻ گهرجن. اسان کي پنهنجي جان سان محبت ڪرڻ جي بجاءِ، ٻين کي گُهرڻ ۽ انهن سان تعاون ڪرڻ گهرجي.
    هن وقت هيءَ حالت آهي جو اسان مان هر هڪ پاڻ کي پسند ڪرڻ، ۽ پاڻ کي پوڄڻ ۾ پورو آهي. عملي دنيا ۾، ڪنهن ٻئي سان، اسان جو بيغرضانه تعلق رهيو ئي نه آهي. جيڪڏهن ڪو الفت يا محبت جو ڪڏهن ڪو اکر کڻي ٻڌي ٿو ته سمجهي ٿو ته اهو فقط پَريِن ۽ جنن جي آکاڻيءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جو هن عملي دنيا سان ڪوبه واسطو نه آهي. بقول مرزا حيرت: ”پاڻ کي پوڄڻ کان بهتر آهي ته اسان بُتن جي پرستش شروع ڪريون!“
    شاهه لطيف جو خيال آهي ته جن ”جُنگَن“ سچ پچ ذاتي غرض کي ترڪ ڪيو آهي ۽ جن الله سان دل لڳائي آهي، انهن سان ملڻ به وڏي سعادت آهي.
    مون سي ڏٺا ماءُ، جن هو ڏٺو پرين کي
    رهي اچجي راتڙي، تن جنگن سندي جاءِ
    جنهن معاشري ۾ ايڏو ڏڦيڙ هجي جو ڀاءُ، ڀاءُ کي نه سهي سگهي، ان جو جلد کان جلد خاتمو ٿيڻ بيحد ضروري ۽ لازمي آهي.
    قدرت جو هر قانون پنهنجي جاءِ تي اٽل ۽ ناقابلِ درگذر آهي؛ جنهن کان عالم جي مخلوقات جو ڪوبه جزو انحراف ۽ روگرداني نه ٿو ڪري سگهي. ان قانون مطابق ڪنهن به بَني بشر، توڙي ڪنهن ٻي مخلوق کي باهمي الفت جي قانون ٽوڙڻ بعد خطء زمين تي رهڻ جو حق نه ٿو رهي. جڏهن ان قسم جي تخريب بدران تعمير ڪئي وڃي ٿي، تڏهن ته قدرت به ان لاءِ اهڙو انعام عطا ڪري ٿي.
    اسان ڏٺو ته هڪ غليظ ڦُڙو، جڏهن جسمِ انساني جي ٻين جزن سان اشتراڪ عمل ڪري ٿو، تڏهن پورن نَون مهينن ۽ ڏهن ڏينهن بعد ان ۾ به زندگي پيدا ٿيو پوي.
    ساڳئي وقت، مرده جسم جا جزا، جڏهن منجهانئن جان نڪريو وڃي، تڏهن هڪٻئي کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن ۽ جيڪڏهن ميت جلد زمين اندر دفن نه ڪري ڇڏجي ته جيڪر سندس هڪ هڪ جزو ٻئي کان عليحده ٿي ڦاٽي پوي.
    بعينه اها حالت اسان انسانن ۽ پنهنجي سوسائٽيءَ سان لاڳو رهي ٿي. جيڪڏهن اسان کي زندهه رهڻو آهي ته پوءِ لازمي طور تي، هڪٻئي سان تعاون ڪرڻو آهي. انهيءَ ۾ اسان جي پنهنجي مرضيءَ جو ڪوبه دخل نه ٿو رهي، ڇا لاءِ ته جيڪڏهن زبان سان اسان ”انسان ذات“ کي هڪ ”انسان ڪبير“ ڪري ڪوٺيون ۽ ڪائنات کي ”شيخ الاڪبر“ سان تشبيهه ڏيڻ جي تبليغ ڪئي ته ان مان عملي طور تي ڪوبه مطلب بارآور نه ٿيندو. ان جي بجاءِ اسان کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو آهي ته ”عدم تعاون“ جي عام فضا ۾ اسان ايندڙ تباهيءَ ۽ موت کان ڪئين پاڻ بچايون. ٻيءَ صورت ۾ ظاهر آهي ته اسان کي فقط هن دنيا جي هر حسين شي ۽ فنڪارانه شاهڪار تان دستبردار ٿيڻو پوندو، جي سمورا لطيف جذبن جي پيداوار آهن، بلڪ جلد کان جلد هن صفحهء هستيءَ تان ميٽجي وڃڻ لاءِ آماده ٿيڻو پوندو، ”خس ڪم جهان پاڪ“.
    جا شيءِ قدرت جي ڪنهن اٽل قانون مطابق عمل پذير ٿيڻي آهي، اها پنهنجي مقرر وقت تي ضرور ايندي ۽ ٿي رهندي. ان کان بچڻ جي فقط هڪ صورت آهي، ته اسان مان هر هڪ انفرادي طور سوچي ته آءٌ بذات خود ڪيئن ان اصول جي پابندي ڪريان. ٻئي جي خواهشن ۽ طبعي لاڙن ۾ ڪنهن جي دست اندازي ڪرڻ جو ڪوبه ضرور ناهي. هر هڪ کي پنهنجو نقطهء نظر آهي.
    مُهاڻيءَ کي جيڪڏهن مڇيءَ جي کِکاڻ مان فرحت اچي ٿي ته ان کي موتيا گُل آڇڻ مان ڪهڙو سود؟ پنهنجي طبيعت مطابق هر ڪو پنهنجي ذوق جي تڪميل ڪري، ليڪن قدرت جي انهن بنيادي اصولن کان ڪنهن به صورت ۾ روگرداني نه ڪري، جيڪي اسان جي زندگيءَ جو ”اهم جزو“ آهي. انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ”موت“ سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش آهي ته پوءِ کيس ان سان به ملڻ جي موڪل هئڻ گهرجي.
    اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪابه ذليل خواهش، هر شخص لاءِ پنهنجي سرشرم جو باعث هئڻ گهرجي. دنيا جي هيترين حَسين شين مان جڏهن هن کي ڪابه پسند ڪرڻ جي اجازت آهي، ۽ پوءِ به هو پاڻ لاءِ ڪا خراب شي پسند ڪري ٿو ته پوءِ اها سندس قسمت!
    اصل ۾ قوم جي ماڻهن جي خواهش کي ئي ”تهذيب“ڪوٺيو وڃي ٿو. پنهنجي پسند اسان کي جتي ”بهترين انسان“ بڻائي سگهي ٿي، اتي ”بدترين حيوان“ بنجڻ جو پڻ ان مان هرمهل امڪان آهي.


    سنڌي ٻولي، ان جي بقا ۽ بچاءُ

    هن کان اڳ مون برادران وطن جي آڏو هن نڪتي کي بار بار پئي دهرايو آهي ته هر ٻيءَ شي وانگر، ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌارو فطرت جي قانونن مطابق عمل ۾ اچي ٿو، ۽ ان جي تباهي به قانونِ فطرت مطابق آهي. ان حقيقت لاءِ جيڪڏهن ڪنهن ثابتيءَ جي ضرورت آهي ته پوءِ قرآن حڪيم جا هي الفاظ هڪ قطعي ثبوت سمجهڻ گهرجن.
    ”لِکُل قوم اجل. اذا جاء اجلهم لايستاخرون ساعته ولا يستقدمون“ (هر قوم لاءِ هڪ مقرر وقت آهي، جڏهن سندن اهو وقت اچي ٿو، تڏهين نڪي هڪ گهڙي دير ڪن ٿيون، نڪي جلدي).
    هر شي جي بقا جو دارومدار ان جي صلاحيت ۽ صالحيت تي آهي. يعني ته هن ڳالهه تي آهي ته ان ۾ زندگي پيدا ڪندڙ عمل باقي ڪيتري قدر وڃي بچيو آهي. ڪنهن به شيءِ ۾ جيڪڏهن تخليق جي قوت باقي نه رهي آهي، ته اها زندهه رهي نٿي سگهي. بس، يا واڌارو آهي يا موت.
    زبان جو مسئلو سماجي شعور تي ٻڌل آهي. ظاهر آهي ته جيستائين هڪ کان زياده ماڻهو نه هوندا، تيستائين گفتگو واري ٻولي پيدا ٿي ڪانه سگهندي. ٻين لفظن ۾ ٻوليءَ جي اُسرڻ لاءِ سماج جو هجڻ ضروري آهي، فقط هڪ ماڻهوءَ جي وس کان هيءَ ڳالهه ٻاهر آهي. انسان فطري طور ”سماجي“ آهي، ڇو ته بغير سماجي اجتماع جي، هو ”انسان“ بنجي نه ٿو سگهي. بقول قرآن حڪيم، ”خلق الانسان علمہ البيان۔“ اجتماعي زندگي جي هيءَ فطري تقاضا آهي ته انسان کي بيان جي قوت هجي، ڇاڪاڻ ته تبادلهء خيالات هڪ لازمي ضرورت آهي. انهيءَ ڪري ئي قوم جي اجتماعي زندگي ٻوليءَ کي تشڪيل ڏئي ٿي، يا ان کي ترقي وٺائي ٿي ۽ ان کي باقي رکي ٿي. جيڪڏهن اهي ضرورتون باقي نه ٿيون رهن ته ٻوليءَ جو باقي رهڻ به بي معنيٰ آهي.
    سنڌي ٻوليءَ کي بهترين ماحول هوندي به گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ورهيه ٺهڻ ۾ لڳا آهن. ان جي تشڪيل ۽ ترقي هڪ اهڙي خطي ۾ ٿي، جو اقتصادي لحاظ کان ٻاهر جو محتاج نه هو، ۽ هتي جي زندگيءَ جون ضرورتون خود هتي جي باشندن جي هٿان پوريون ٿي ٿيون. مثلاً، دنيا جا ڪي ڀاڱا ڪپهه پيدا ڪن ٿا، ڪي چانور پيدا ڪن ٿا، ته ڪي ڪڻڪ اُپائين ٿا، مگر سنڌ اهي سڀئي اپائي ٿي. انهيءَ ڪري قديم وقت کان وٺي اقتصادي طور سنڌ پنهنجو پاڻ مڪمل ۽ خودڪافي ڀاڱو ٿي رهي آهي.
    تقريباً تيرهن سؤ سال اڳ سنڌ کي تهذيب ۽ تمدن جو تڪميلي پيغام ٻاهران پهتو، جنهن بعد هن ملڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ان کي اڳتي وڌايو ۽ ان جو ڦل حاصل ڪيو. اهو سڀ ڪجهه سنڌ اهڙيءَ ته خوش اسلوبيءَ سان ڪيو، جنهن جو مثال هتي جو ڪو ٻيو ملڪ پيش ئي نه ٿو ڪري سگهي. انهيءَ حاصلات جو نتيجو هڪ طرف ”لطيف“ ۽ سندس پيغام آهي ته ٻئي طرف سنڌي ٻولي جا هزارين پهاڪا آهن، جن جي رمزن ۽ اشارن ۾ دانائي لڪل آهي ۽ جي دنيا جي مهذب ترين ٻولين جي پهاڪن جي ڀيٽ ۾ هڪ امتيازي درجو رکن ٿا.
    تقريباً ڏيڍ سؤ سال اڳ، سنڌي ٻولي توڙي سنڌ جا باشندا هر نڪتي کان دنيا ۾ آباد هئا. وڏي ۾ وڏا شاعر، عالم، گرامر جا ماهر ۽ لغت نويس هن ننڍڙيءَ ايراضيءَ مان شمار ڪيا ويندا هئا. فقط پوين ڏيڍ سؤ سالن ۾ ئي ڌارين جي غلاميءَ سببان سنڌ جي ترقي ختم ٿي چڪي آهي. هاڻي اهو اوهان جي همت ۽ حوصلي تي منحصر آهي جو اوهين سنڌ جي زندگي ۽ اجتماعي خوبين کي وري نئين سر جياريو ۽ سنڌ جي باشندن ۾ فڪر، عمل ۽ مقصد جي وحدت ۽ يگانگي پيدا ڪريو، ڇو ته انهيءَ وحدت ۽ يگانگيءَ کانسواءِ ڪنهن قوم يا ٻوليءَ جو اُسرڻ محال آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت آهي. ڀائرو، سنڌي ٻولي فقط ايستائين زنده رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زنده آهيو، ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو. حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل زنده ناهي، مگر اهي، جي ٻه سؤ ورهيه اڳ جيئرا هئا، تن خاطر پئي پساهه کڻي. سنڌ انهن جي نيڪين سببان تڳي رهي آهي، نه ڪي اسان جي عملن ڪري. جڏهين اوهين پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي فڪر ۽ قوتِ تخليق ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ جي بدران محض جسم بنجي ويندا، تڏهين، قانونِ فطرت مطابق، نه توهين رهندا، نه توهان جي ٻولي! ڪوبه سياستدان يا داناءُ انهيءَ حالت ۾ اوهان کي جياري نه سگهندو ۽ ازلي آواز ايندو ته ”ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي!“ ”فبعداللقوم الظالمين.“
    شال ڌڻي تعاليٰ اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري! آمين.

    سورهين سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ڏانهن پيغام


    علم ادب

    گذريل چاليهه سال سفر ۾ رهڻ سبب، مون کي پنهنجي مادري زبان جو استعمال گهٽ رهيو آهي. انهيءَ سبب مون کان فصاحت ۽ بلاغت جي توقع ڪرڻ بيجا ٿيندي. منهنجو ارادو فقط هيءَ آهي ته پنهنجا مقصد ۽ خيالات توهان تائين پهچائي سگهان. جيڪڏهن انهيءَ ارادي ۾ ڪامياب ٿيس ته مون کي ڏکيري ٿيڻ جو ڪو واجبي سبب ڪونهي. ڇا لاءِ ته زبان جو غرض ئي اهو آهي ته اسان پنهنجا خيالات ۽ معنيٰ ٻين بني نوع انسانن تائين پهچائي سگهون. ڏيڍ سال کان جئين ولايت مان آيو آهيان، تئين ”ادب“ لفظ جو استعمال سراسر غلط طرح پئي ٻڌو اٿم ۽ خود ”ادب“ جي استعمال جا موقعا تمام ٿورا نظر چڙهيا اٿم. جڏهين ڪوبه اصطلاح يا لفظ غلط معنيٰ ۾ ڪم اچڻ شروع ٿئي ٿو، تڏهن ان جو اثر ڪم ۾ آڻيندڙن تي ضرور پنهنجو نتيجو پيدا ڪري ٿو.
    هينئر عام طور سان ”ادب“ جي معنيٰ ادب نه ٿي سمجهي وڃي. جيڪڏهن چئجي ٿو ته فلاڻو ڏاڍو ”اديب“ آهي ته انهيءَ سمجهڻ جي بجاءِ ته هن ۾ لطف ۽ لطافت، طبع، زيب ۽ زينت افعال موجود آهن، ائين ٿو سمجهڻ ۾ اچي ته هو ڪنهن به قسم جي ڪتاب لکڻ تي حاوي ٿيو آهي. اهو ”ادب“ لفظ جو سراسر غلط استعمال آهي.
    ”علم ادب“ جو لفظ جڏهن عربن پيدا ڪيو ته يورپ انهيءَ جي معنيٰ پنهنجي لاءِ ” ”Elegant Literature يا””Polite Literature يا ””Belles Letters مقرر ڪئي. مطلب اهو هو ته اهو علم ۽ اها تحرير جا ادب، لطافت طبع، زيب ۽ زينت عمل ڏانهن اشارو ڪري ۽ انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري. اهو عربن جو ڪم هو ته يورپ کي سيکارين ته نشاني تاديب جي اها آهي ته انسان جي طبيعت ۾لطف ۽ لطافت، زينت ۽ نزاڪت پيدا ٿئي. انهيءَ جو هڪ تاريخي مثال توهان وٽ موجود آهي. ڊيوڪ آف چيسٽر فيلڊ کان سندس پٽ جو پئرس ۾ تعليم وٺڻ ويو آهي، سو ٿو پڇي ته ”خاص طرح ڇا سکان؟“ تنهن کي جواب ۾ لکي ٿو ته ”Learn Graces, ”Graces, Graces ٽي دفعا هڪڙي کي لفظ دهرائڻ، سو عربي نموني ڏانهن انگشت نمائي ڪري ٿو. Graces اکر جامع لفظ آهي جنهن مان سموري علم ادب جي معنيٰ پيدا ٿئي ٿي.
    گذريل سال جڏهن مون کي دادوءَ جي ادبي سوسائٽيءَ جي صدارت جو موقعو مليو، تڏهين مون ”ادب“ جو اشتقاق ٻڌايو هو ته اهو ”دب“ لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”سرڻ ۽ پٽ تي ريڙهيون پائڻ“ (To creep and crawl) ننڍڙي ريڙهين ڏيندڙ ٻار لاءِ به ڪم اچي ٿو. ”ادب“ لفظ جي معنيٰ آهي انهيءَ ريڙهين ڏيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ. قرآن اهو معنيٰ خيز اکر هن طرح ادا ڪيو آهي: ”ثم سواڪ رجلا“- جانور جيڪو پيرن تي ٿو هلي تنهن کي سنئون ڪري بيهارڻ ته هن جي نظر آسمان تائين پهچي. هن معنيٰ ۾ به اهو لفظ ڪم ۾ اچي سگهي ٿو ته ”حيوان مان ماڻهو ڪرڻ.“ سنڌي اصطلاح موجب مطلب ٿيندس ”اڻ گهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻي سنئون سڌو ڪرڻ.“ اهو ئي غرض هو جو ڪالهوڻي ڪالهه استاد، اديب مقرر ٿيندا هئا ته ٻار جڏهن ڇهن ستن ورهين کان وڏو ٿئي ته هن جي تاديب شروع ٿئي. تاديب کانسواءِ تعليم بي سود آهي. انهيءَ ڳالهه ڪندي حافظ جي هڪ سهڻي سٽ ياد ٿي اچيم:
    حافظا علم و ادب ورز، کہ در مجلس شاه
    ہرکہ را نيست ادب، لائق صحبت نہ بود.
    ۽ اقبال جون سٽون به ياد ڪرڻ جي لائق آهن:
    دیں سراپا سوختن اندر طلب،
    انتهايش عشق، آغازش ادب.
    آبروي گل و زرنگ و بوءِ اوست،
    بے ادب بے رنگ و بو بے آبروست.
    نوجوانی را چو بينم نے ادب،
    روز من ساريک می گرددچو شب.
    ”اديب بي ادب“ سو اهڙو ئي مضحڪه خيز معاملو آهي جهڙو آهي ”شاعر بي شعور.“ ”شعر“ لفظ جي معنيٰ عربي ۾ آهي ”ڄاڻڻ“. انگريزي ترجمو ان جو ٿيندو ””Perceive. شاعر جي لاءِ انگريزي لفظ آهي ” Poet“ ”.”Poetيوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي””Maker. جيڪڏهن انهيءَ لفظ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو ”صنعت گر.“ يا وري انهيءَ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيو””Craftsman. يورپ ۾ هينئر جيڪڏهن ڪو شعر تتبع تي ويهي ٺاهي ته پاڻ کي کلڻ هارڪو ڪندو، ڇا لاءِ ته ائين سمجهيو ٿو وڃي ته جي شاعر پنهنجي دل مان بغير ڪوشش جي ڪا نئين معنيٰ نه پيدا ڪئي ته بي جان شعر بيڪار آهي. جنهن قوم صنعت گريءَ کي پهرين شعر سڏيو هو سا هينئر شعر جي حقيقت کي پهچي وئي آهي. جيتوڻيڪ ”شعر“ واسطي سندس ڪم آندل لفظ اڃا غلط آهي، ۽ جن وٽ صحيح لفظ مستعمل هو، تن وٽ هن وقت غلط استعمال آهي. اتي به حافظ اسان جي حمايت ٿو ڪري ۽ انهيءَ مسئلي تي روشني ٿو وجهي:
    آنرا که خواندي استاد، گربنگري بتحقيق
    صنعت گريست اما، طبع روان نه دارد.
    هتي هو ”صنعت گر“ ۽ ”شاعر“ جي معنيٰ کي متعين ٿو ڪري.
    شاعر ته ٺهيو پر حقيقي انسان جي مقام جو غرض به اهو آهي، جئين اقبال چيو آهي:
    حيات چيست جهان را اسير جان کردن.

    ””It is the soul that body makes؛ ۽ اسان وٽ عروض ۽ قافيي کان سواءِ شعر جي ٻين حقيقتن جو خيال به ڪونه ٿو ڪيو وڃي، ڄڻ ته اهي ضروري آهن ئي ڪونه: بمصداق هن جي ته ”هلي نه هلي وٺ رينگٽ کي.“ انهيءَ ڪري اسان جا شاعر اقبال جي مقولي جي زد ۾ اچن ٿا:
    حيات چيست جهان را اسيرِ جان کردن،
    تو خود اسير جهاني، کجا تواني کرد؟

    هاڻي اسين انهيءَ نتيجي تي پهتاسين ته جئين اسان جو علم ”ادب“ جي خوشبوءِ کان خالي آهي، تئين اسان جو شعر بي شعور آهي. ”شعور“ جي معنيٰ آهي ”ڄاڻ.“ عربيءَ ۾ ”ليت شعري!“ جي معنيٰ آهي ”ڪاش آءٌ ڄاڻان!“ اسان جي شعر گوين ۾ ته معنيٰ جو خيال ئي ڪونهي نه وري دل منجهان ڪو آلاپ ٿو نڪرين. تتبع تي صنعت گري ڪرڻ، انهيءَ کي شعر چيو ٿو وڃي. حقيقت اها آهي ته جيستائين قلب جي خون منجهان اکر ڳاڙها ٿي نه نڪرن ۽ خود بخود بغير ڪوشش جي زبان تائين نه پهچن ۽ آلاپڻ اهڙو بي خبريءَ جو هجي جهڙو قمري يا بلبل جو سرود، تيستائين ان کي شعر چئي ڪونه سگهبو. سانگيءَ ويچاري، جنهن پنهنجي پڇاڙيءَ جي جاءِ اسان جي شاهه جي پيرن وٽ مقرر ڪئي، تنهن ڇا چيو آهي:
    ”جو ترنم ٿو ڪريان سو ٿو ڪريان مستيءَ ۾.“

    ڏک ته اهو آهي ته اسان وٽ اهي مست رهيا ئي ڪونه.
    ‘‘افسوس! کز قبیلئہ مجبوں کسے نہ ماند’’

    اسان جو شاهه، اسان لاءِ سند ڪافي ۽ شافي آهي. ڪڏهن شاه به تتبع تي شعر لکيا؟ جئين قرآن جي دعويٰ آهي ته مون جهڙيون ڏهه آيتون پيدا ڪري ڪونه سگهندو، تئين آءٌ به دعويٰ سان ناظرين کي چوان ٿو ته جي ههڙيون ٽي سٽون ڪنهن منجهان پيدا ٿين، ته سڄيءَ سنڌ کي کيس مبارڪ ڏيڻ جو موقعو پيدا ٿيندو:
    ”وريتيون ورو،آءٌ نه ورندي ور ري،
    جڏي هن جبل جو تانگهيندس ترو،
    جتن ساڻ ذرو، نينهن نبيرو نه ٿيو.“
    يا هي ٻه سٽون ئي:
    ”جوڳيئڙا جهان ۾ نوري ۽ ناري،
    ٻري جن ٻاري،آءٌ نه جئيندي اُن ري.“
    مون کي اوهين معاف ڪندو، جيڪڏهن آءٌ ائين چوڻ جي جرئت ڪريان ته اسان جو شاه والا جاه اڃان هڪ اهو موتي آهي جو سپ ۾ بند آهي ۽ جنهن کي اڃا هٿ لائڻ جي به طاقت ڪنهن کي ڪانه ٿي آهي. مون تي اعتبار ڪندو جيڪڏهن چوان ته انهن پوين ٻن سٽن تي ڪتاب لکي سگهجي ٿو ۽ عميق معنائون منجهس آهن ۽ انهن قرآني معنائن تي انگشت نمائي ٿو ڪري، جي جيڪر ظاهر ٿين ته ڪنهن به اونداهي دل جي منور ٿيڻ لاءِ ڪافي آهن! هتي جيڪر سرسري ذڪر ڪريان ته به هڪ ڪلاڪ لڳي وڃيم. اهو آهي انهن ٻن سٽن جو احوال، جن ۾ عوام الناس سواءِ لفظن جي ٻي ڪا زياده معنيٰ ڏسي ئي ڪونه ٿو.
    هندستان ۽ پاڪستان جي موسيقي جي به اها حالت آهي. چار هزار ورهيه اڳ ڪن سگهڙن چار راڳ ۽ راڳڻيون ٺاهيون، سي اڃا تائين رائج آهن ۽ ڪنهن کي جرئت نه ٿي آهي ته انهن ۾ اضافو ڪري. تخليق جو در ئي بند آهي. شعر ۽ موسيقي ٻئي هڪڙيءَ طرح القاء تي منحصر آهن ۽ دل سان تعلق رکن ٿا. آهون يا خون ڀريا الفاظ ڪا معنيٰ پيدا ڪن، تنهن کي موسيقي ۽ شعر ٿو چئجي. يورپي موسيقي، يورپ کي عربن وٽان حاصل ٿي. سورهين صديءَ تائين انهيءَ کي وٺيو آيا. پوءِ ڪن اٽالين ڪجهه انهيءَ ۾ ڪمي پيشي ڪري پنهنجي يگانگي جو ثبوت ڏنو. پر اهو باخ لاءِ ڇڏيو ويو ته پوري طرح ان ۾ جدت آڻي. باخ ۽ اسان جو شاه ڪم و بيش هڪڙي ئي سال ۾ پيدا ٿيا، ۽ سندن وفات جو زمانو به هڪ ٻئي سان نهايت ويجهو آهي. باخ کان وٺي اڄ تائين، يورپ ۾ تخليقي موسيقي ايتري ترقي ڪئي آهي، جو اڄ مس مس سڃاڻي ٿو سگهجي ته انهيءَ جو بنياد عربن جيڪو مادو يورپ ۾ آندو انهيءَ تي پيل آهي. انهيءَ کي چئبو آهي جدت ۽ تخليق. هندستان ۾ مجدد پيدا ئي نه ٿو ٿئي. عربن ساري هاڻوڪي دنيا کي عروض ۽ شعر جو قانون ڏنو. ايران کي به ايترو جيترو يورپ کي. جنهن علم شعر ۽ علم موسيقي کي Romantic ٿو سڏجي، سا سموري عربن جي پيدائش آهي. پر رڳو ظاهر ۽ جسم کي وٺي ويهڻ ۽ معنيٰ جو خيال نه ڪرڻ، سو اهي قلب ۽ زبان کي جدا ڪرڻ، قرآني نالش ”يقولون بالستهم ما ليس في قلوبهم“ سا هن سان به ايترو ئي لازم ۽ لاڳو آهي جيترو ڪنهن منافق سان. زبان کي دل جو رفيق هئڻ جڳائي، خاص ڪري شاعر لاءِ ۽ ڪلام فطرت، دل منجهان پيدا ٿو ٿئي، جئن اقبال ٿو چوي:
    خدا اگر دلِ فطرت شناس دے تجھ کو
    سکوت لالہ و گل سے کلام پیداکر۔

    باقي سمورو حقيقت کان بعيد ۽ ڏيکاءُ آهي.
    هڪڙي هڪڙي لفظ جي غلط استعمال سبب قوم، جا اها زبان استعمال ٿي ڪري، تنهن کي ڪيترو نقصان ٿو پهچي، تنهن جو هيءَ ثبوت آهي ته محض هڪ لفظ جو اسان جي نهايت محبوب شاعر اقبال هڪ يورپي تخيل جي ترجماني ڪندي ڪم ۾ آندو، ڪيترو نقصان ڪيو آهي تنهن جو اندازو اوهين ڪري ئي نه ٿا سگهو. اهو لفظ آهي ”خودي“ جو اڄ هر ڪنهن ٻار جي وات ۾ آهي، ڇا لاءِ ته اقبال ان جو استعمال ڪيو. ڪيتريون به ”رموز بي خودي“ اقبال لکي پر جيترو نقصان لفظ ”خوديءَ“ جي استعمال ڪيو، خاص ڪري جوانن کي، تنهن جي تلافي ٿي نٿي سگهي. حقيقت هيءَ آهي ته هن انهيءَ منزل کي ”خودي“ سڏيو جا منزل ”خوديءَ“ ۽ ”بي خوديءَ“ ٻنهي کان مٿاهين آهي. محض غلط لفظ جي استعمال، ۽ سندس سمجهه جي چوڪ کان هيترو نقصان ٿيو. ”خودي“ جي معنيٰ جيڪڏهن محض ”پاڻ“ ئي ڪري وٺجي ته اسان جو شاهه هر حالت ۾ هوند ان کان جند آزاد ڪرائڻ جي مصلحت ٿو ڏئي:
    جي مون پڙهيا پاڻ لئي سيئي سيل ٿيام،
    پاڻان پاسي ٿي.
    جني ڀانيو پاڻ، سي آراڻيان اوري رهيون.
    وڃائي وجود، تهان پوءِ تڪبير چئو.
    خود اقبال جوانن کي ٿو صلاح ڏئي ته وقت آيو آهي خوديءَ کي ڇڏي خدا ڏانهن لاڙو ڪيو. سندس بهتر غزل، انهن ڏينهن جو جڏهن فلسفو نه پر شعر سندس طبيعت جو معيار هو، تڏهن ٿو چوي:
    میں جبھی تک تھا کہ تیری جلوہ پیرائی نہ تھی
    جو نمودِ حق سے مٹ جاتا ہے وہ باطل ہوں میں

    انهيءَ غزل کي شروع ٿو ڪري، ڏاڍي هڪڙيءَ سهڻي سٽ سان:
    سختیاں کرتا ہوں دل پر غیر سے غافل ہوں میں
    ہائے کیا اچھی کہی ظالم ہوں میں جاہل ہوں میں

    اڄ ”خودي“ جي معنيٰ ٿي ورتي وڃي اها ساڳي جنهن جو ابليس اظهار ڪيو هو، جڏهن چيو هئائين ته ”انا خير منه“. خود غرضي، خود خيالي، غرور، تڪبر، انهن مڙني کي اڄ ”خودي“ سمجهيو ٿو وڃي ۽ جڏهن اقبال جهڙي ماڻهو مصلحت ڏني ته انهيءَ خودي کي پيدا ڪر، جڏهن طبيعت حيواني ۾ شروع کان اها موجود ئي ڪانهي ته پوءِ پڙهندڙن جي ڪهڙي گت ٿي هوندي، سا توهين پاڻ تصور ڪري سگهو ٿا. صرف انسان نه پر حيوان به انهيءَ خوديءَ ۾ ڀريل آهن. شاهه صاحب جي سٽ انهيءَ تي انگشت نمائي ٿي ڪري:
    ”عالم آئون ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري.“

    مرض جيڪڏهن ڪو آهي ته اهو آهي ته پاڻ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ موجود ئي نه سمجهي. جيتري قدر آءٌ اقبال جو واقف آهيان ۽ ساڻس صحبت رهي اٿم، هن جنهن حالت ۽ منزل انسانيءَ بابت ذڪر ڪرڻ ٿي گهريو، تنهن کي ”خودي“ لفظ ڪنهن به صورت ۾ ظاهر ڪري نه ٿو سگهي. ”خودي“ لفظ اسان جي زبان ۾ حقارت جي معنيٰ سان ڪم آيل آهي. جا منزل اقبال پيش ڪرڻ ٿو گهري، انهيءَ حالت کي قرآن ”فرديت“ يا ”شخصيت“ جي لفظ سان ادا ٿو ڪري ۽ جيڪڏهن پارسي لفظ ڪم ۾ آڻڻو هجي ته ويجهي کان ويجهو مون کي جيڪو هينئر سجهي ٿو اچي سو ”يگانگي“ آهي. پر ”يگانگيءَ“ ۽ ”خوديءَ“ جي وچ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. خود ”فرد“ لفظ اقبال هن طرح ڪم ٿو آڻي:
    ‘‘فرد قائم ربط ملت سے ہے تنہا کچھ نہیں’’

    هاڻي جڏهن ”فرد“ خود ئي ”ربط ملت“ کانسواءِ ڪجهه نه آهي تڏهين ”خودي“ ڇا ٿي چوي! پر زياده تر سندس غلط اصطلاح چونڊڻ جو ثبوت ”خودي“ لفظ جي هن استعمال مان ملي ٿو. ”خودي ازبي خودي آيد پديد.“ هن مان صاف ظاهر آهي ته سندس ضمير ڪنهن ٻي معنيٰ کي پيو ڳولي، جا خوديءَ ۽ بيخوديءَ ٻنهي کان ٻاهر آهي. جا خوديءَ ۽ بيخوديءَ ٻنهي تي حاوي آهي. ڇا لاءِ ته خودي ۽ بيخودي هڪٻئي کان متضاد آهن، پوءِ خودي وري بيخودي مان ڪئين پيدا ٿيندي؟ سوانح حيات لکندڙ هن جو استفسار هن طرح ٿو ڪري:
    ‘‘انفرادی حالت میں خودی بلکل خودمختار مطلق العنان اور سراپا غرور ہوجاتی ہے، لیکن جماعت میں شامل ہوکر یہ تمام اخلاق رذیلہ بدل جاتے ہیں۔’’
    هاڻي، هن مان ٻي ڪهڙي معنيٰ ڪري سگهجي ٿي سواءِ هن جي ته خودي اخلاق رذيله جو بنياد آهي ۽ هينئر اهو ثابت ٿيندو ٿو وڃي. جن انهيءَ لفظ جي استعمال کي سمجهيو آهي تن ۾ اهي مڙيئي اخلاق رذيله پيدا ٿيندا ٿا وڃن. اقبال وري به پنهنجو پاڻ فيصلو ٿو ڪري:
    ‘‘در جماعت خود شکن گردد خودی،
    تاز گل برگ چمن گرد خودی’’

    هاڻي، جڏهن خود شڪن ٿيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ٿي وڃي ۽ سندس سڄي لڱي هئڻ کي نقصانڪار تصور ڪيو ٿو وڃي ته پوءِ کيس طاقت ڏئي آسمان تائين پهچائڻ ۾ ڪهڙو فائدو؟ پر خود وري اهي دوائون جيڪي ڳوليون اٿس خوديءَ جي علاج ڪرڻ لاءِ يعني جماعت ۽ ملت، تن ئي کان نااميد ٿي پاڻ کي هن طرح سان ادا ٿو ڪري.
    ‘‘دلی برکف نھادم دلبری نیست،
    متاع داشتم غارت گری نیست،
    درون سینئہ من منزل گیر،
    مسلمانی ز من تنہا تری نیست۔’’

    اها شهادت اقبال جي صحيح آهي ۽ اچي ٿي انهيءَ فرديت تي بيهي، جنهن جو قرآن ذڪر ڪيو هو ته قيامت جي ڏينهن سڀئي فرد جي حالت ۾ ايندا، جنهن لاءِ هئين به چيو ويو هو:
    ”لا تزر وازرته وزر اخريٰ“
    انهيءَ صورت ۾ اسان جي ناقص خيال ۾ ٿو اچي ته جڏهن انهيءَ منزل انسانيءَ جو اسم بامسميٰ ڳوليو ٿي ويو تڏهن بهترين اکر اهو ئي ٿي مليو جو قرآن ئي ڪم ۾ آندو. يعني ”فرديت“ يا ”شخصيت“_ هروڀرو ته پارسي لفظ ”يگانگي“ جنهن کي انگريزيءَ ۾ Uniqueness چيو ٿو وڃي. هي سمورو اسان ذڪر انهيءَ ڪري ڪيو ته هڪ لفظ جو غلط استعمال انسان کي ڪيترا واهڻ ٿو ولوڙائي. اڄ اسان جو ”ادب“ ۽ ”شعر“ به انهيءَ طرح سان غلط استعمال ۾ ڪم ٿا اچن ۽ انهيءَ جو اثر جو قوم تي ٿو پوي ۽ پيو آهي تنهن جو اوهين تصور ئي ڪري نه ٿا سگهو. اسان جو خاص عرض آهي ته وري انهن کي انهيءَ معنيٰ ۾ ڪم آڻيو جا هنن جي حقيقي معنيٰ آهي ۽ نوجوان جي ”ادب“ جي لفظ حقيقي معنيٰ کان بي بهره آهن ۽ جن کي بشهادت اقبال، ڏسڻ سان ”روزمي گرد د چوشب“ سي وري آداب سکن، ۽ سندن آبائن ۽ اجدادن تي عيان ٿئي ته استاد، اديب ڪو ضروري شخص هو، ۽ استادن تي عيان ٿئي ته هر تعليم کان اڳ تاديب لازم آهي ۽ تعليم، تاديب کانسواءِ اهڙي آهي جهڙي گندي پيالي ۾ صاف پاڻي وجهي توقع ڪرڻ ته اهو پيئڻ جي لائق رهندو يا منجهانئس ڪو نيڪ مطلب پورو ٿيندو:
    ‘‘این خیال است و محال است و جنون۔’’

    علامه آءِ آءِ قاضي


    ادب ۽ زندگي

    اڄ هتي خاص طور هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪندس ته هي جو ”لکڻ“ تي ادب ۽ شاعري جو هيڏو سارو اٺسٺو ٻڌو ويو آهي اهو ”لکڻ“ دراصل آهي ڇا ۽ انسان کي ڇا لاءِ ضرورت درپيش اچي ٿي!
    سنڌي به آخر انسان آهن، انهن جو هيترو لکيو آهي، تنهن لاءِ هنن شابس ته بيشڪ لهڻي پر اهو به ڪڏهن سوچيو اٿن ته لکون ڇا؟
    ”لکڻ“ دراصل اسان جي جذبات جي اظهار جو هڪ ذريعو آهي، جنهن وسيلي کي لکڻ يا ڳالهائڻ سان ساري مخلوقات استعمال ڪري ٿي. جانور ڳالهائين ٿا. توهان گهوڙي جي ”هڻڪار“ نه ٻڌي آهي؟ هو به پنهنجي نموني پنهنجي خواهش جو اظهار ڪري ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن جو آواز ۽ ٻولي ٻئي نموني جي آهي ۽ اها اسان نه ٿا سمجهي سگهون. هڪ شاعر انهيءَ ڪري چيو آهي ته ”ڏسو ته گهوڙو ڪهڙو نه شاندار جانور آهي پر انهيءَ تي جيترو افسوس ڪجي اوترو ٿورو، هو غريب ڳالهائي نه ٿو سگهي ۽ نطق جي ڏات کان محروم آهي.“
    انسان”حيوان ناطق“ آهي يعني ڳالهائيندڙ ساهه وارو. کيس ڳالهائڻ جي ڏات ٻين حيوانن کان ممتاز بڻائي ٿي ۽ اها گويائي جي طاقت آهي جنهن کيس صحيح معنيٰ ۾ انسان بنايو آهي.
    بنيادي طور فقط ٻه اکرا اشتقاق آهن جن مان پوءِ ٻيا آواز ۽ الفاظ جڙندا ويا. لفظن مان ٻوليون ٺهيون جي وڌنديون ويجهنديون هن وقت دنيا جي هزارها مختلف زبانن تي مشتمل آهن. مصيبت اها جو هاڻي انهن زبانن جي درجي بندي ڪري انسان انهيءَ تي جهڳڙڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته ڪنهن جي زبان وڌيڪ ممتاز آهي.
    نه ٿا سمجهن ته هر زبان جو بنياد ۽ اصول اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي جذبات جو اظهار موزون نموني ۾ ڪري سگهون ۽ انهيءَ تي ئي اڪتفا ڪريون، ڇاڪاڻ ته قدرت اسان کي نطق جي ڏات ڏئي ٻين حيوانن کان ممتاز ڪيو آهي ۽ انهيءَ ڪري ڇو جانور وانگر فقط هڪٻئي سان جهڳڙندا رهون.
    قرآن شريف ۾ آهي ته ”الرحمان علم القرآن خلق الانسان علمہ البيان“
    انسان جي تخليق بعد سڀ کان اول ان کي ”بيان“ سيکاريو ويو، جنهن کي اسان ”زبان“ يا ”نطق“ جو نالو ڏيون ٿا. ان نعمتِ عظميٰ عنايت ٿيڻ بعد ئي انسان ”حيوانِ ناطق“ ٿيو ۽ منجهس پرجهڻ جي پروڙ پيدا ٿي. انهيءَ لائق ٿيو ته جئين سمجهي ۽ محسوس ڪري ڪجهه ڳالهائي ۽ ڪجهه لکي سگهي.
    پر جيڪڏهن هن قدرت جي ڪتاب مان ڪجهه به نه پڙهيو ۽ پروڙيو ته پوءِ لکندو ڇا ۽ ڳالهائيندو ڇا؟
    ظاهر آهي ته ”لکڻ“ لاءِ سڀ کان اول ضرورت پڙهڻ جي آهي. پڙهڻيون آهن فطرت جون اُهي ”آيتون“ جن ۾ قدرت جا سمورا راز پنهان آهن. انهن آيتن يا نشانين جي پروڙ کانسواءِ اسان ۾ ڪابه سمجهه يا پرجهه پيدا ٿي نٿي سگهي، جنهن مان اسان جو احساس جاڳي ۽ اهو نطق ذريعي پنهنجي اظهار جي ضرورت محسوس ڪري.
    آرسيءَ ۾ عڪس فقط انهي شيءِ جو نظر ايندو جا ان جي اڳيان هوندي آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن اسان ڪنهن ڳالهه کي ٻڌو يا پڙهيو نه هوندو ته ردعمل طور اسان ڪجهه به چئي يا لکي نه سگهنداسين!
    ڪلامِ الاهي ۾ قدرت جي انهن ڪمالن کي نظرانداز ڪندڙن کي ”گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا“ سڏيو ويو آهي، جي سڀ ڪجهه اڳيان هوندي به نه ٿا ڏسن!
    جيسين اسين انهن قدرتي ڪرشمن جي مشاهدي ماڻڻ لائق نه ٿيا آهيون، تيسين اسان کي ڪوبه حق ناهي، جو پنهنجي زبان يا ٻوليءَ جي بهتري يا برتريءَ لاءِ ڪنهن سان برسر پيڪار ٿي سگهون، ڇاڪاڻ ته اصل ۾ دنيا جي سمورين زبانن جو ماخذ هڪ هئڻ ڪري سندن هڪٻئي سان نهايت گهاٽو ۽ گهرو تعلق آهي ۽ اهي هڪٻئي ۾ اهڙي طرح جڪڙيل آهن جهڙيون زنجيرجون ڪڙيون!
    آءٌ هتي هڪ مثال ڏئي ان اختلاف کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. ”ديبل“ اکر توهان سڀني ٻڌو آهي بلڪ ڪيترا دفعا ٻڌو ۽ عرب تاريخ نويسن جي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي. توهان مان ڪنهن اها تحقيقات به ڪئي آهي ته اهو ”ديبل“ آهي ڇا؟ ڪنهن ماڻهو جو نالو آهي يا جانور جو، آخر هڪ شهر تي اهو نالو ڇو رکيو ويو. توهان ڪڏهن اهڙي زحمت گوارا ڪرڻ جي ضرورت نه سمجهي هوندي.
    اسان کي ”هي تنهنجو“، ”هي منهنجو“ انهيءَ تان جهڳڙڻ کان فرصت هجي ته انهن مسئلن تي سوچيون. سڀ ڪو پنهنجي قبضي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ غلطان آهي، اهو نه ٿو سمجهي ته (ان الارض لله) زمين الله جي آهي. ڪنهن جي پيءُ ڏاڏي جو ورثو ناهي. بهرحال آءٌ ”ديبل“ اکر جو ذڪر ڪري رهيو هوس ته اهو ڪئين نه مختلف زبانن جي هڪٻئي سان وابسته هئڻ جو مثال پيش ڪري ٿو.
    ”ديبل“ دراصل آهي ”ديو، بيل“. ديو معنيٰ ڌڻي ۽ بيل معنيٰ شهر، يعني ”خدائي شهر“.
    اهو دراصل سنسڪرت لفظ سڏجي ٿو. پر پهلويءَ ۾ ڪم آيل آهي. فارس جي هڪ شهر جو نالو آهي ”آرد بيل“. آرد معنيٰ لشڪر، بيل معنيٰ شهر، يعني ”لشڪري شهر“. اردو به انهيءَ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي لشڪري زبان. ”ارد“ جرمن زبان ۾ لشڪر کانسواءِ موت جي ديوتا جو به نالو آهي.
    اهو بيل يا ويل فرينچ زبان ۾ به ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندڙ آهي جتي ويل يا (Villa) سڏيندا آهن شهر کي ۽ گهر کي. قديم آرين زبان ۾ ”بيل“ ساڳيءَ معنيٰ ۾ سڏيو ويندو آهي.
    ”ديول“ اکر جو به اهڙو ئي مطلب آهي جهڙو ”ديبل“ جو، يعني ”الله جو گهر“ يا عبادت گاهه.
    انگريزي ۾ ديو ڦري ٿيو ”ڊيو“ (Dieu)، يعني خدا . جئين ته ان مان روشني جي معنيٰ نڪري ٿي، انهيءَ ڪري جڏهن مون عربي ۾ اهڙي اکر جي ڳولا ڪئي تڏهن معلوم ٿيو ته ”ضيا“ ساڳيءَ معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو، ”ديا“ يا ”ضيا“ تفاوت ٿورو آهي. پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ اهو ساڳيو اکر ”ضيا“ ڦري ٿيو ”ڏيا“ جيڪي اسان کي روشني ڏين ٿا.
    ساڳي طرح آريا لفظ مان آريائي ۽ پوءِ آرياڻي ٿيو، جو اسان جو شاهه عبداللطيف ڪيترن هنڌن تي پنهنجي هيري ”پنهون“ لاءِ استعمال ڪيو آهي.
    انهيءَ سموري تفصيل پيش ڪرڻ مان منهنجو مطلب آهي ته دنيا جون سڀ زبانون هڪٻئي ۾ اهڙيون جڪڙيل ۽ جڙيل آهن جو اهي هڪ لڙهي ۾ پوتل موتين وانگر معلوم ٿين ٿيون جن تي جهڳڙڻ اجايو آهي.
    اسان سڀني کي فقط پنهنجو ويل وکر سنڀالي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جئين قدرت جي ڪارخاني مان ڪا نئين شيءِ ايجاد ڪريون، ڪو نئون راز پروڙيون ۽ اهو فقط غور ۽ فڪر سان مطالعو ڪرڻ بعد معلوم ٿي سگهي ٿو. شاعرن، مصنفن، مصورن ۽ ٻين فنڪارن وانگر اسان کي ڪا اهڙي نئين شيءِ ايجاد ڪري دنيا اڳيان آڻڻ گهرجي جا انهن جون اکيون خيره ڪري ڇڏي ۽ سڀ ڪو چئي ته بيشڪ جدت طرازي آهي!
    جئين ته اسان فقط آرسيءَ وانگر ڪنهن عمل جي ردعمل طور ان جو اهو ئي عڪس ڏيکاري سگهون ٿا جو پهريون اسان ڏٺو هجي، انهيءَ ڪري ضرورت فقط پڙهڻ، ڏسڻ، پرجهڻ ۽ پروڙڻ جي آهي.
    اسان جون جيڪڏهن اکيون بند ۽ ڪن ٻوڙا هوندا ته ڇا ڏسنداسين ۽ ڇا ٻڌنداسين جو پوءِ دنيا کي ڏيکاريون ۽ ٻڌايون؟ بقول لطيف”جيڪي ڏٺو هو مون، اديون اوهان نه ڏٺو.“
    مصنف يا مصور جيڪي ڪجهه پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو ۽ ان ڪري منجهس جيڪو احساس پيدا ٿئي ٿو ان جي سهڻن اکرن يا رنگن ۾ ادائگي ڪري ٿو. ان احساس جو ردعمل جڏهن اسين ڪنهن تحرير يا تصوير ۾ ڏسون ٿا تڏهن خودبخود زبان مان واهه واهه نڪريو وڃي!
    ساڳي ڳالهه ڪارلائل (Carlyle) پنهنجي هڪ شعر ۾ چئي آهي ته ”خدا جي خدائي ساري سونهري ستارن سان سينگاريل آهي پر اسان نه ٿا ڏسي سگهون. جڏهن ڪو مصور ان نيلي آسمان جو نقش ڪڍي اسان اڳيان آڻي ٿو جنهن ۾ سونهري ستارا جگمگ جهلڪي رهيا هوندا آهن تڏهن اسان جو وات ڦاٽيو وڃي ته مار! هي ته آسمان آهي!“
    سبب اهو آهي ته اسان جي مشاهدي جو دائرو محدود آهي، انهيءَ ڪري اسان کي هيڏي ساري ڪائنات ۾ ڪجهه به نظر نه ٿو اچي، پر مصور جڏهن ان مان ڪنهن حسين حصي جي تصوير ڪشي ڪري اچي ٿو تڏهين اسان اهو حسن معلوم ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا.
    سچو شاعر ۽ اديب آهي ئي اهو جنهن کي اهڙي مشاهدي ماڻڻ جي الاهي ڏات مليل آهي، باقي جيڪڏهن فقط نقالي ڪبي رهبي ته ان مان ڪجهه به ورڻو ناهي. اهو ٿيو: ”هلي نه هلي، وٺ رينگٽ کي.“ سو رينگٽ پيو هلندو پر اهڙي ڪنهن تصنيف يا تاليف کي ادب يا شاعري سڏي نه ٿو سگهجي. زندهه جاويد تحرير يا تصنيف اها آهي جا قدرت جي ڪنهن نئين راز کي عيان ڪندي هجي. اهڙي فطري شاعري اسان جي احساسات کي جاڳائي ، جذبات اٿاري ڇڏيندي آهي. اهڙي شاعري سنڌ اندر فقط شاهه لطيف پيش ڪئي جا لکڻ بجاءِ اندر جي اٿل سان آيل آهي. اها شاعري ڪنهن به وقت مري نه ٿي سگهي ۽ هميشه لاءِ امر رهندي.
    مون لطيف جو هڪ بيت پنهنجي تقرير ۾ بار بار پئي دهرايو آهي ته:
    الا ائين م هوءِ، جئين آئون مران بند ۾،
    جسو زنجيرن ۾ راتو ڏينهان روءِ
    پهرين وڃان لوءِ پوءِ، مر پڄنم ڏينهڙا.
    ڏسو ته انهن ٽن سٽن ۾ ڪيڏو اٿاهه سبق سمايل آهي. ساڳي ڳالهه گوئٽي چئي آهي ته: ”قدرت جي هيڏي ڪائنات ۾ آءٌ حيران آهيان ته ڪيڏانهن وڃان، ڇا ڪريان. چوڌاري اونداهي آهي ۽ آئون سمجهي نه ٿو سگهان ته ڪٿي آهيان، ڇو آيس؟ آخر مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟“.
    زندگي جو مقصد يا راز حيات هٿ ڪرڻ لاءِ اسان کي اهڙن شعرن مان وڏي هٿي ملي ٿي. جيڪڏهن اسان اهو هڪ مسئلو به نه سلجهائي سگهياسين ته ڏينهن پٺيان راتيون ۽ راتين پٺيان ڏينهن گذرندا ويندا ۽ اسين ٻاٽ اونداهي ۾ جنهن بنديخاني ۾ بند آهيون انهيءَ ۾ پيا هونداسين! هر روز ٻڌون ٿا ته اڄ فلاڻو انتقال ڪري ويو پر اهو نه ٿا معلوم ڪريون ته اهو فلاڻو منتقل ڪٿي ٿيو ۽ آخر هڪ ڏينهن اسان کي به هلڻو آهي.
    جيڪڏهن لطيف جي مٿين سبق مان مليل مام ملي، انهيءَ تي ٿورو سوچيون ته اسان ۾ اهو احساس ضرور جاڳندو ته: ”الا ! ائين م هوءِ، جئين آئون مران بند ۾!“
    ائين نه ٿئي جو آءٌ جنهن حالت ۾ قيد ٿي هتي آيس انهي ۾ ئي لاڏاڻو ڪري وڃان. آخر ڇو آيس؟ منهنجي اچڻ جو ضرور ڪو مقصد هوندو. آيا اهو مون پورو به ڪيو يا نه؟
    ممڪن آهي ته انهيءَ لؤن لڳڻ بعد اسان کي ان ”بند“ بابت ڪجهه معلومات ملي پوي ۽ اسان قرآن شريف جي انهي زمري ۾ نه اچي سگهون جن بابت چيل آهي ته: ”ختم الله عليٰ قلوبهم وعليٰ سمعهم وعليٰ ابصارهم غشاوة ولهم عذاب اليم.“
    انهيءَ خوف ڪري شاهه لطيف هتي ئي ٿو ڪوڪاري ته ”جسو زنجيرن ۾ راتون ڏينهان روءِ“. روڄ آهي جنهن شيءِ لاءِ سا ميسر نه ٿي ٿئي. موت هر وقت اسان کي شڪار ڪرڻ لاءِ واجهه وجهي رهيو آهي، ليڪن اسان بلڪل بي خبر آهيون.
    شاعر اهو جو اسان کي اهڙي ٻوجهه وجهي. فنڪار فقط انهيءَ کي چئي سگهجي ٿو جنهن جي شاهڪار ۾ ڪانه ڪا ندرت ۽ جدت طرازي هجي ۽ آرسيءَ وانگر هر شيءِ جو عڪس ان جي ڪلام مان صاف ۽ شفاف نظر اچي.
    اها معلومات جا اسان کي عذاب الاهي کان نجات ڏيارڻ لاءِ معاون ثابت ٿي سگهي ۽ جا زنجيرن مان آزاد ڪرائي. اهڙي ادب، حسن، شاعري يا مصوري کي ئي فنڪاري سڏي سگهجي ٿو.
    انهيءَ ڄاڻ لاءِ اسان کي ”بيان“ سيکاريو ويو. اسان تي واجب آهي ته جيڪي پڙهون يا ڄاڻون اهو ٻين کي ٻڌايون ۽ روشني ڦهلايون. هتي حالت اها آهي جو پنجن سالن اندر ڪوبه اهڙو نئون ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جنهن ۾ طبع زاد ۽ فطري احساسات سمايل هجن.
    هونئن به اها انسان جي عادت آهي ته هو جڏهن ڪا نئين شيءِ ڏسندو آهي تڏهن ڊوڙي ٻئي کي ٻڌائيندو آهي ته ”ادا! سج لهڻ جو منظر ته ڏس ڪهڙو نه سهڻو ٿو ڀاسي.“ اهو ئي اندروني احساس آهي جو ردعمل طور ٻين ۾ به پاڻ جهڙو جذبو پيدا ڪرڻ گهري ٿو نه ته سج لهڻ ۽ اڀرڻ جا نظارا سڀ ڪو پيو ڏسي. اسان جي ذهني يا روحاني دنيا جي به اهڙي ئي حالت آهي، جتي ڪجهه معلوم ٿيڻ بعد اهو ٻين تائين پهچائڻ ۽ ٻيو دفعو مشاهدي ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي پر جيڪڏهن ڪا شيءِ معلوم ئي نه ڪبي ته ڏيکاربو ڇا؟ جيسين ”احساس“ پيدا نه ٿيو آهي تيسين اسان جو ڏسڻ ۽ مطالعو ڪرڻ سمورو بيسود آهي.
    شاهه لطيف جو ڪوبه بيت پڙهو.اندر اجاريندو ويندو.
    سڪي جان ستياس، تان سڪ سمهڻ نه ڏي
    جاڳي ستيس جن لئه، سي آيا تان نه اٿياس
    ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي.
    جيستائين سنڌ جي ادب ۽ شعر ۾ اهڙي لطافت ۽ ميٺاج موجود آهي تيسين ان جو فنا ٿيڻ ناممڪن آهي.
    جنهن وقت اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ اهڙو تاثير ۽ زندگي پيدا ڪئي تنهن وقت دنيا جا اديب مجبور ٿيندا سنڌي سکڻ لاءِ. هينئر جو اسان کين سنڌي سکڻ لاءِ چئون ٿا، پوءِ کين اسان کي هزار منٿون ڪرڻيون پونديون ته سنڌي سکاريو. مون پنهنجي هڪ غيرسنڌي اديب دوست کي چيو هو ته توهان جيستائين سنڌي سکي شاهه جو مطالعو نه ڪيو آهي تيستائين توهان جي ادبي معلومات نامڪمل آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن وقت اسان ڪلامِ لطيف جو ترجمو ڪري توهان کي ٻڌايون ٿا تنهن وقت ان مان اها لطافت، نزاڪت ۽ نهٺائي نڪريو وڃي. مثال طور دنيا جي ڪابه ٻي زبان هن سٽ جي مفهوم جي ادائگي کان قاصر آهي:
    ڏري ۽ ڏاري، سٽ سورن جي سسئي
    پيائي پنهونءَ ڏي، نرمل نهاري
    لالڻ جي لطيف چئي، سونهن ستي ساري،
    پريتڻون پاري، مارگ ۾ منڌ مئي!
    مون اهڙيون چار سٽون ڪنهن به علم ادب ۾ نه پڙهيون آهن. مون عربي سکي فقط قرآن سمجهڻ لاءِ. جرمني پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم فقط گوئٽي سمجهڻ لاءِ. ڪنهن انگريز، آمريڪن يا جرمن لاءِ اهو ڪافي نه آهي ڇا ته سنڌي سکي لطيف پڙهڻ لاءِ. ڪاش! اڄ به اسان ۾ سچي سونهن ۽ سچائي جي پروڙ پئي ۽ اسان اصل ۽ نقل ۾ تفاوت معلوم ڪري سگهون. جنهن وقت اسان ائين ڪيو تنهن وقت دنيا اسان جا قدم چمڻ لاءِ تيار ٿي ويندي. شرط فقط هي آهي ته اسان قدرت جي ڪائنات جو صحيح صورت ۾ مشاهدو ماڻي سگهون. ساري خدائي انهن ”آيتن“ سان سٿي پئي آهي.
    ”ان في خلق السماوات و الارض والختلاف اليل والنهار لايات الاولي الالباب“
    جنهن وقت اسان کي انهن قدرتي نشانين پرجهڻ جي پروڙ پئي تنهن وقت اسان پاڻ کي ”حيوانِ ناطق“ سڏائي سگهون ٿا ۽ نه ان کان اڳ.
    ڇو نه اڄ کان ئي ان ڏس۾ ڪوشش ڪرڻ شروع ڪري ڏيون؟

    خدا حافظ


    نئين نسل جي نالي،آخري پيغام

    (ربيع الاول جي اهميت ۽ رسول ڪريم ﷺه جي ظهور قدسي صفات متعلق، سنڌ جي برگزيده بزرگ حضرت علامه آءِ آءِ قاضي رحمت الله عليه نهايت دردمندي ۽ جگرسوزيءَ سان هن دؤر جي انسانن کي پيغام ڏنو آهي).

    منهنجي دل جي آرزو آهي ته جيڪر اسان جي نئين نسل کي 12 ربيع الاول جي اهميت جي خبر پوي، پر مون کي يقين آهي ته اسان جو نئون نسل بي خبر آهي. اسان جو نئون نسل چوڌاري گهڻو ئي هُل هنگامو ڏسي پسي ٿو، پر انهيءَ جي باوجود اڃا ننڊ ۾ آهي. هلي چلي به ننڊ ۾ ٿو، گوڙ گهمسان ۽ شور غوغاءُ جي پٺيان پاڻ به اکيون ٻوٽي ننڊ ۾ هلندو رهي ٿو. بدقسمتيءَ سان ان جي برعڪس ٻيو ڪجهه ٿي به ته نه ٿو سگهي، ڇو ته دنيا ۾ ”سچ“ سان محبت ڪرڻ وارو ڪونه رهيو آهي، ”عزت ۽ آبرو“ جي جاءِ ”سياست ۽ حرفت“ اچي والاري آهي، جيڪي ٻين لفظن ۾ ٺڳيءَ ۽ دولاب جا نالا آهن. انهيءَ قسم جي نقطه نگاهه ۽ عمل کي ”پاليسي“ سڏيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ”پاليسي“ جو اخلاق سان ڪو واسطو ڪونهي! ڪي به اصول ان سان لاڳو ٿي نه ٿا سگهن، سواءِ ان حالت جي جو اهي اصول به ٺڳيءَ ۽ دولاب جا هجن! جڏهن اهو آهي ماحول ۽ اهڙا آهن اسان جا معتبر بزرگ ۽ رهبر ته پوءِ نئين نسل مان آخر ڪهڙي اميد رکجي؟ اسان جي نئين نسل کي تعليم ته برابر ملي ٿي پر ”طاغوتي“ اسڪولن ۾، جن جو ڪم آهي روشنائيءَ مان ڪڍي اونداهي ڏي نِيڻ. ظاهر آهي ته اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي نئين نسل مان اها اميد رکڻ به اجائي آهي ته هو پنهنجي تاريخ جي صحيح ڄاڻ رکندو. (صحيح تاريخ لکڻ جو ڪم ته پري رهيو) پر مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن تاريخ لکي ويئي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ رواجي انسائيڪلوپيڊيا جيترا جلد رڳو ان حقيقت کي کولي بيان ڪرڻ لاءِ لکيا ويندا ته انهيءَ سڳوري سال جي”12 ربيع الاول“ کان اڳ دنيا جي حالت ڪهڙي هئي ۽ پوءِ ڪهڙي بيٺي؟
    اشارتاً چئجي ته يوناني رياستن جي حالت اها هئي ته نالي ۾ عوامي جمهوريتون هيون، پر سندن آدمشماري جو نوي سيڪڙو ماڻهو غلام هئا، يا وري ٻاهريان هئا. ”شهريت“ جا حق رڳو ڏهه سيڪڙو ماڻهن کي مليل هئا.
    ارسطو، جو مڙني منجهه وڏو هو، تنهن جو به چوڻ اهو هو ته ”پورهيت ماڻهو اخلاق وارو ٿي نه ٿو سگهي!..“ ۽ غلامن جو طبقو انساني سماج لاءِ تمام ضروري آهي!.“
    هوڏانهن ”روم“ ۾ ڪميءَ ۽ ڪاسبيءَ کي اجازت نه هئي ته عبادتگاهه ۾ داخل ٿي سگهي! هيڏانهن هت خود پنهنجي زماني ۾ اسان ”شودر ۽ وئش“ جي ڪهڙي حالت ڏٺي، سو ياد اٿئون. عيسائي پادري ته هميشه عيسيٰ عليه السلام جي پوئلڳن کي تلقين ڪندا رهيا ته ”متان انجيل کي هٿ لاتو اٿو!“ هنن غريبن کي انجيل پڙهڻ جي اجازت به ڪانه هئي، ۽ نه وري سوچ ويچار ڪرڻ جي. اهي ڪم پادرين جي بلي هئا. هنن کي هر اها ڳالهه قبول ڪرڻي هئي جا پادري کين ٻڌائي. عقل ۽ سائنس کي مذهب جو دشمن سمجهيو ٿي ويو، (اڃا به سمجهيو پيو وڃي)، هر ڪنهن کي پنهنجو مذهب پيارو هو، چي:”منهنجو دين سچو، ٻيو سڀ ڪجهه ڪوڙ.“
    جڏهن اها هئي دنيا جي حالت، تڏهن حڪم آيو ”فڪ رقبه“ ”زنجيرون ٽوڙيو!“ اتان نڪتو اصول، ”مساوات، اخوت ۽ عدل“ جو. اعلان ٿيو ته ”الڪاسب حبيب الله“، ”پورهيت خدا جو دوست آهي.“ دين لاءِ ارشاد ٿيو ته دين ۾ ”منهنجو ۽ تنهنجو“ آهي ئي ڪونه! دين فقط خدا جو آهي. اوهان جو پهريون فرض آهي ”فڪر ڪرڻ“، ان کان پوءِ اوهانجو ٻيو فرض آهي ”علم جي تلاش ڪرڻ ۽ جيڪي اوهان کي تلاش ۾ ملي تنهن جو اڀياس ڪرڻ.“ ”علم پرائڻ سڀني مردن ۽ زالن جو عام فرض آهي.“ ”اوهان جي سوچ ويچار جي ساعت سالن جي عباد ت کان افضل آهي.“ ”سچ ۽ علم جي جستجو ئي صحيح جهاد آهي.“ ”عقل ۽ علم خدا جون وڏيون نعمتون آهن.“ اهو آهي تت آخري پيغام جو جيڪو اسان وٽ پهتو. پر پوءِ ان تي عمل ڪرڻو هو، رڳو ان جو وظيفو پڙهڻو نه هو.
    چنانچه پهرين مسلمانن ان جي حرف به حرف پيروي ڪئي. نتيجو اهو نڪتو ته هنن دنيا کي الٽ پلٽ ڪري ڇڏيو. آخر اهي ننڊ جي آغوش ۾ هليا ويا. سندن پويان جن واٽ ورتي تن ”مسلماني“ جو نالو رکيو، نيت دنيا جي حاصلات پٺيان هئن. پوءِ سرءُ آئي ۽ وڻن تي هڪڙو پن به نالي نشان طور نه رهيو!
    اهو ڏسي دنيا جي ٻين قومن اک پٽي. پر هنن کي حقيقي حياتي سان دلچسپي ڪانه هئي، کين فقط دنيا درڪار هئي. جڏهن ساوا ٿيا تڏهن اها حرڪت ڪيائون جو ڄاڻي ٻجهي پنهنجي دنيوي سڌاري ۽ ترقي جي اصل ماخذ تي پردو وڌائون ته جئين چئي سگهن ته جيڪي ڪجهه اسان کي حاصل آهي، سو ڪٿان اڌارو ڪونه ورتو اٿئون! آخر ٿيو ائين ته خود سندن ماڻهن ۽ آئينده نسلن کي پتو ڪونه پيو ته عدالت جو ذريعو ڪهڙو هو. نتيجو اهو نڪتو ته سڄي دنيا ۾ اوندهه! جتي ڪٿي حياتي جي بيحرمتي! ڪنهن کي پتو ڪونه ٿو پوي ته زندگيءَ جو اصل مقصد ڪهڙو ؟ تنهن ڪري هر ڪو فقط حيواني حس جي پورائي پيو ڪري. هاڻي علاج ڪهڙو آهي سو ڀلي ته ڏاها ماڻهو سوچين. پاڻ کي سنڌيءَ جو هڪ پهاڪو ياد ٿو پوي: ”هٿ جي ڪئي جو نڪو ويڄ نه طبيب“. اڄوڪا مسلمان نه رڳو ننڊ ۾ هلن چلن ٿا پر جئين ته اکيون پوريل اٿن، ان ڪري اوڏانهن ئي رخ رکن ٿا، جتان گوڙ ۽ شور اچي ٿو. کين ٻيو ڪو رخ ۽ رستو سجهي ئي ڪونه ٿو! پر پوءِ ڪير ويهي پاڻ کي ٻڌائي ته اهو عالي مرتبه ڪيرهو، جنهن سڀ ڪجهه اسان جي جهان ۾ آندو؟

    علامه آءِ آءِ قاضي


    سجاڳيءَ جو قرآني آواز

    حضرت علامه آءِ آءِ قاضي صاحب مدظله جو هي مضمون، روزانه اخبار ”سنڌ زميندار“، سکر، جي ڊسمبر 1920ع واريءَ ڪنهن اشاعت ۾ شايع ٿيو هو. علامه صاحب جا افڪار عاليه افاديت جي حيثيت سان امر ۽ سداحيات آهن. جيتوڻيڪ، هن دور ۾ به ان مضمون مان اها ئي بصيرت ۽ افاديت حاصل ٿي سگهي ٿي، جا عالمي ادب جي هر زنده جاويد تحرير ۾ موجود آهي.(ادارو)

    ڀائرو، جاڳو، پر براءِ خدا ڪَرَ ٿورا موڙيو!
    جاڳائيندڙ ڏانهن ڇڙهيون ڪين هڻو!

    هنن ڏينهن ۾ ”جاڳو! جاڳو!“ جو آواز هر گوشي کان اچي رهيو آهي. اهڙيءَ وسعت سان اهو آواز زماني جي شروع کان اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به ڪونه آيو. انهيءَ ۾ ذرو به شڪ نه آهي ته سُتلن ۾ چرپر جي اڻهوند آهي، موت جهڙي ننڊ ڇانيل آهي، پر هن ۾ به گمان ڪرڻ اجايو آهي ته پوريءَ جاڳ جا نشان اڃا ناپيد آهن، ۽ بلڪل نمايان نه آهن. انهيءَ کان اڳ جو اسين پڙهندڙن کي ثابت ڪري ڏيکاريون ته پوري جاڳ اڃا پري آهي، اسين انهن اسبابن جو ڪجهه ذڪر ڪرڻ مناسب ٿا ڄاڻون، جي به اُٿارڻ جا اُپاءُ هئا، پر جن سببن سندن خواب تي اهڙو اثر وڌو، جهڙو بعض ڏاڍي نينڊيءَ کي آهستي ٽنگ منڻ ڪندو آهي. يعني ته هيڪاري ڏاڍي ننڊ. نه ته جيڪر پوين تاريخن جي چنڊ جو شعاع جو پڇاڙيءَ رات جي انڌيري کي دفع ڪرڻ لاءِ نمايان ٿيو هو، سو ئي اسان کي جاڳائڻ لاءِ ڪافي هو، پر تنهن رڳو ايترو اٿاريو جو ڪپڙو منهن تي ورائي وري سمهي رهياسون. گهڻائي ترورا انهيءَ چشمھ روشن جا سدا اسان جي اکين ڏانهن آيا ته ”فاعتبروا يا اولي الابصار“، پر ٻوٽيل اکيون ڪهڙي عبرت وٺن!.
    فطرت کي گهڻن نمونن جون اپيلون ياد آهن. ساڳئي پهر ۾، جڏهن اکين نه ڏٺو ته ڪنن کي اپيل ٿي. چيچڙي جي لات ۽ قمريءَ جو آلاپ به مئلن دليلن ۽ ستلن روحن جي جاڳائڻ جي علاجن منجهان آهن: قمرين آلاپيو ۽ چيچڙن لنوڻ سان گهٽ ئي ڪانه ڪئي، پر ان مرڳو ئي اسان جي ننڊ گهري ڪئي. تڏهن وري به هڪ ڏورانهون آواز پرڀات جي انڌيري مان آيو: ”الصلوة خير من النوم!“ پر ٻُڌي ڪير ٿو؟ عربي زبان، ڪنهن سمجهي، ڪنهن نه سمجهي. تڏهن وري فطرت ساڳي ڳالهه سنڌيءَ ۾ اُچاري:
    ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري؛
    صبح جو سهاڳ، ننڊن ڪندي نه ملي

    (لطيف).
    پر فطرت کي ڦوٽ به ڪنهن ڪانه ڪئي !
    “اَمْ تَحْسَبُ اَنَّ اَكْثَرَہُمْ یَسْمَعُوۡنَ اَوْ یَعْقِلُوۡنَؕ اِنْ ہُمْ اِلَّا کَالْاَنْعَامِ بَلْ ہُمْ اَضَلُّ سَبِیۡلًا” (الفرقان-44).
    (يا ته تون خيال ڪرين ٿو ته انهن مان گهڻا ٻڌن ٿا يا سمجهن ٿا، اهي رڳو ڍورن وانگر آهن بلڪ رستو انهن کان گهڻو پري آهي.)
    جڏهن سڀئي اٿارڻ جا اُپاءَ بيڪار رهجي ويا ته پوءِ، بقول، ”حافظ“، ڇا باقي رهيو پر ”ڏنڀڻ“:
    ”بصوتِ بلبل و قمري اگر ننوشي مي،
    علاج ڪي ڪنمت آخر الدواءِ الڪي“

    (حافظ)
    پر ان کان به وڏي زور وارو آواز آيو.
    ” فَسَوْفَ یَاۡتِیۡہِمْ اَنۡۢبٰٓؤُا مَا کَانُوۡا بِہٖ یَسْتَہۡزِءُوۡنَ ﴿۵﴾“ (الانعام-5).
    (پوءِ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون پيا ڪن تنهن جون خبرون وٽن اينديون.)
    مگر، انهيءَ درميان ۾، دنيا جي ٻئي گوشي ۾، هن آخر الوقت شب جي چنڊ جي ڪِرڻن جي روشنائيءَ، اونداهيءَ رات جي ستلن تي ٻئي طور اثر ڪيو: جيئن هنن جون اکيون ڪِرڻن جي شعاع کوليون، تيئن وري پوريون ئي ڪين! ايتري دلچسپي وٺي رهيا هئا، جو نزديڪيءَ وارا پنهنجا سنها تارا به ڏسڻ ۽ ساراهڻ لڳا. هڪ کي ”صبح جو تارو“ سڏڻ لڳا، ۽ هن جيڪا روشني ڪئي تنهن جو به داد ڏيڻ لڳا. بت پرستيءَ جا باقي نشان اڃا سندن دامنگير هئا، سي ڊاهڻ لڳا. مذهبي ڏِنگن پيچرن کي سڌاري سنئون ڪرڻ لڳا. جيئن، چار صديون هن کان اڳ،
    “وَ رَہۡبَانِیَّۃَۨابْتَدَعُوۡہَا مَا کَتَبْنٰہَا عَلَیۡہِمْ “.(الحديد-27)
    (۽ گوشه نشيني پاڻ ٺاهي هئائون، اها اسان مٿن فرض نه ڪئي هئي).
    جي آواز کي پروڙي، مڙهيون ڊهرائي، مڙهين ۾ ويهندڙن کي لڏايو؛ ڪيتريون ديوليون، تن بت پرستي ڇڏي؛ ”چرچُن“ مان ”چيپلون“ ٺاهي، هيڪڙائيءَ جي اصول کي هم آغوش ڪيو؛ ۽ هرڪا ڪنڊ جنهن تي روشنائي پيئي هئي، تنهن کي سمجهڻ ۽ پيرو ٿيڻ ۾ جهد ڪيو.
    پهريون روشنائيءَ جو زبردست ڪِرڻو جنهن سندن اونداهي منور ڪئي، سو هو ”طلب العلم فريضہ ۽ عليٰ ڪل مسلم و مسلمة“. فريڊرڪ ٻئي جي ملڪ، هوڏانهن بيڪن، ابيلار، ۽ سڊ ۽ بوڪيشو جي ڳوٺاين، ابن رشد ۽ بوعلي سينا کي سيني سان لاتو؛ ۽ ٻه صديون هن کان اڳ، اول الذڪر ملڪ ۾ هرهڪ ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ تي تعليم جووٺڻ لازمي ۽ ضروري ٺهرايو ويو. ايستائين جو هڪ به بي علم ماڻهوءَ جو ملڻ ناممڪن رهيو. پر، جن انهيءَ پيالي مان پيتو هو، تن کي ڪفايت ڪٿي ٿي ٿئي؟
    ” وَ قُلۡ رَّبِّ زِدْنِیۡ عِلْمًا ﴿۱۱۴﴾“ (طٰھٰ-114).
    (۽ چؤ ته اي منهنجا پاليندڙ! منهنجو علم زياده ڪر!)
    جي حڪم جي دل و جان سان گهر ڪرڻ لڳا، ۽ منجهانئن هزارين،
    ” فَانۡتَشِرُوۡا فِی الْاَرْضِ وَ ابْتَغُوۡا مِنۡ فَضْلِ اللہِ“ (جمعھ-10).
    (زمين ۾ پکڙجي وڃو، ۽ الله جو فضل گهرو)
    جو فائدو وٺي، دنيا جي چوگرد پکڙجي پيا. هوڏانهن سندن ملڪي تسلط ۽ تمدن، جو هڪ شخص جي خاص مرضيءَ تي منحصر هو، تنهن کي،
    ”وَ اَمْرُہُمْ شُورٰی بَیۡنَہُمْ “ (شوريٰ-38). (۽ سندن ڪم پاڻ صلاح مشوري سان آهي)
    پڙهي تبدل ڏيڻ شروع ڪيائون. مصلحت ڪرڻ لاءِ پارليمنٽون گڏ ٿيون. هن وقت يهودين جو ستائڻ اڃا برپا هو، ۽ ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ هڪٻئي کي ساڙيندا هئا، پر آسمان مان آواز آيو
    ” لَاۤ اِكْرَاہَ فِی الدِّیۡنِ۟ۙ“(البقره-256) (دين (مڃائڻ) ۾ ڪا زبردستي نه آهي)
    ۽ وري زياده غصي ڀريل آواز آيو
    ”اَفَاَنۡتَ تُكْرِہُ النَّاسَ حَتّٰی یَكُوۡنُوۡا مُؤْمِنِیۡنَ ﴿۹۹﴾“ (يونس-99).
    (ڇا پوءِ تون ماڻهن تي زبردستي ڪندين ته اهي مسلمان ٿين.)
    ٻڌندي ئي، زبانن مذهب جي آزاديءَ جي صدا کڙي ڪئي.
    جيڪي گهرين ويٺا هئا، تن وري
    ” وَاٰتَی الْمَالَ عَلٰی حُبِّہٖ ذَوِی الْقُرْبٰی وَ الْیتٰمٰی وَ الْمَسٰکِیۡنَ وَ ابْنَ السَّبِیۡلِۙ وَالسَّآئِلِیۡنَ وَ فِی الرِّقَابِۚ“ (البقره-177).
    (۽ الله سان محبت ڪري ان قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ۽ گردنن (آزاد ڪرائڻ) ۾ مال ڏنو)
    کي چِت ڏنو، ۽ جلد ئي اسپتالون، مسافرخانا، غريب-گهر، آرفنيج (يتيم خانا) سوَن جي تعداد ۾ ٺهي ويا. پر انهيءَ وچ ۾ هڪ قوم، جا هينئر بفضلِ خدا شاهوڪار هئي، تنهن پروڙيو ته هڪ ٻانهي کي آجي ڪرڻ جو ڇا ثواب آهي؛ ۽ ”فَكُّ رَقَبَۃٍ“ (البلد ۱۲) (ٻانهي کي آزاد ڪرائڻو آهي) جو آواز ڪن لائي، نه فقط پنهنجا پر ساريءَ دنيا جا ٻانها آزاد ڪرايا. سڀني قومن، خمر ۽ ميسر جي مطابق:
    ”فِیۡہِمَاۤ اِثْمٌ کَبِیۡرٌ وَّ مَنَافِعُ لِلنَّاسِ۫ وَ اِثْمُہُمَاۤ اَكْبَرُ مِنۡ نَّفْعِہِمَاؕ“ (البقره-219).
    (انهن ٻنهين ۾ وڏو گناهه آهي ۽ ماڻهن لاءِ (ڪجهه) فائدا به آهن. ۽ انهن ٻنهين جو گناهه سندن فائدي کان گهڻو وڏو آهي.)
    پڙهي، ”ٽيمپرنس سوسائٽيون“ برپا ڪيون؛ ۽ منجهائن هڪڙيءَ، جهونن آوازن جي مخالفت سهي به، قانون جاري ڪيو ته شراب اصل ٺاهڻ، وڪڻڻ ۽ پيئڻ بند رهي. هن ڳالهه جي پوري بيان بابت ڪتاب گهرجن. نه اسان جو غرض آهي ته هنن قومن ساري روشنيءَ جو فائدو ورتو، يا اڌ به سمجهيو، جنهن جي ڏيکارڻ لاءِ هيءَ روشني ڪامل ۽ ڪافي هئي؛ نه وري اسان جو مطلب آهي ته سڀ، جي انهيءَ روشنيءَ مان مستفيد ٿيا آهن، سي انهن احوالن کان واقف آهن، يا شڪر گذار آهن. هرگز نه. جي گهڻن ڏسي آمنا ڪئي آهي، ته ڪيترا اکيون ٻُوٽي ناسپاس به رهيا آهن؛ پر ته به هيتري قدر هنن فائدو ورتو آهي، جنهن جو ذڪر ڪيو ويو جيڪي قومون پهريون چونڊيون ويون هيون، تن تي هي خطاب لازم آهي:
    ”فَاَمْلَیۡتُ لِلَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا ثُمَّ اَخَذْتُہُمْ۟ فَکَیۡفَ کَانَ عِقَابِ ﴿۳۲﴾“ (الرعد-32).
    (ڪافرن کي ڍر ڏنيم (ان کان) پوءِ کين پڪڙيم، پوءِ منهنجي سزا ڪيئن هئي؟)
    ذاتيرا مسلمان اسين آهيون، پر ”اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنۡدَ اللہِ اَتْقٰكُمْؕ“ (الحجرات-13). (اوهان مان زياده چڱو الله وٽ اهو آهي جيڪو اوهان مان ڏاڍو پرهيزگار آهي).
    – جي صاف سنڌيءَ ۾ چئجي، ته
    ”ڏات نه آهي ذات تي، جيڪو وهي سو لهي“ (لطيف) .
    قومون، جي اسان کي جاڳائڻ آيون آهن، ۽ جن اسان جاگهڙا ڀريا آهن،تن فقط ڏهين پتيءَ تي عمل ڪيو آهي، پر انجام آهي
    ” نِعْمَ اَجْرُ الْعٰمِلِیۡنَ ﴿۵۸﴾٭ۖ“ (عنڪبوت-58)
    (اهو (انهن) عمل ڪرڻ وارن جو بدلو چڱو آهي)
    ۽ اسان جي ” صُمٌّۢ بُكْمٌ عُمْیٌ فَہُمْ لَا یَرْجِعُوۡنَۙ﴿۱۸﴾“ (البقره-18). (ٻوڙا آهن گونگا آهن انڌا آهن پوءِ اهي باز نه ايندا) جي حالت ڪري، اُهو قديم دڙڪو – ”وَ اِنۡ تَتَوَلَّوْا یَسْتَبْدِلْ قَوْمًا غَیۡرَكُمْۙ ثُمَّ لَا یَكُوۡنُوۡۤا اَمْثَالَكُمْ٪﴿۳۸﴾ “ (محمد-38) (۽ جيڪڏهن اوهين ڦرندؤ ته اوهان کانسواءِ ٻي قوم کي اوهان جي جاءِ تي آڻيندو پوءِ هو اوهان جهڙا (تنگدل) نه هوندا) اچي نازل ٿيو؛ پر صد شڪر فطرت جا ته ”فَسَوْفَ یَاۡتِیۡہِمْ اَنۡۢبٰٓؤُا مَا کَانُوۡا بِہٖ یَسْتَہۡزِءُوۡنَ ﴿۵﴾“ (الانعام-5) (پوءِ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون پيا ڪن تنهن جون خبرون وٽن اينديون) به اچي سهڙيو. اسان جي نه جاڳڻ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت، هن کان زياده، ته جيئن نٻينڊي اُٿارڻ واري کي بد ڳالهائيندا آهن ۽ ڪَرَن موڙيندي ٻانهون ٽنگون هڻندا آهن، تيئن پيا ڪريون! نه وري جاڳائيندڙن ڪو سخت رستو اختيار ڪيو آهي. اهو سندن دشمنَ به، جي منصف ٿيندا ته، قبول ڪندا ته نرم کان نرم رستو جاڳائڻ جو اختيار ڪيواٿن. پر مباحثي لاءِ کڻي فرض ڪجي ته هن سَرسامِي ننڊ مان جاڳائڻ، لاءِ جاڳن کي ضرور ٿيو آهي، ”حافظ“ جي صلاح مطابق ۽ حديث شريف موجب، ڏنڀ ڏيڻ جو، يا نشتر کڻي سِير ڇوڙڻ جو، ته به جاڳائڻ لاءِ
    ”دهم مزد بفصاد تا زند نشتر“ (سعدي).
    هتي مزد ته مزد جي ماڳ، پر اٽلو ئي بد الفاظ ۽ لتون! اسان جي ننڊ جو انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت؟ تڏهن، ڀائرو، جاڳو! ڪَرَ به گهڻا موڙياسون، اُٿي، يڪبارگي منهن ڌوئي، روئي کلي، جاڳن کي به چئو ته ”اوهان جي ڀلائي!“
    جنهن وقت اسان ائين ڪيو، تنهن وقت اسان جو جاڳڻ مسلم الثبوت ٿيو. ان کان اڳ صاحب کين صاف ٿا چون ته اسين غير هوشياريءَ جي حالت ۾ آهيون. هٿ جي ڪنگڻ کي آئيني جي ضرورت آهي ئي ڪانه. فقط هڪ حالت ۾ جاڳڻ ناسپاتي لهڻي: سا هيءَ، ته اسان کي اڃا به موتمار ننڊ پسند هجي ۽ جاڳڻ ناپسند- هيءَ صدين جي ننڊ! جي ائين آهي، ته اطوار اڳي ئي اهڙيءَ طرح پيا انگشت نمائي ڪن: تڏهن ”بسم الا بليس“، اچو ته سمهون، جيسين اسرافيل جو آواز اسان کي اٿاري! پر، انهيءَ ننڊ جا خواب به ڪي ابليس پاران ڏاڍا مڙس جهليندا.“
    - جيڪر هوند جاڳو، ته ڏسو ته ”جاڳن“ اُهو ڪي توهان وٽ آندو آهي، جو خمار چڙهڻ کان اڳ اوهان پاڻ ڏسي پنهنجو ڪيو هو!

    علامه آءِ آءِ قاضي
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 346559
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 143001
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ