ڪتاب جو نالو: سهڻل جا سينگار (لوڪ ادب شاعري)
مصنف: “عاجز” رحمت الله لاشاري , گل حسن “گل” ملڪ
ڇپائيندڙ: تنظيم فڪر و نظر سنڌ
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 12 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 4124 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 424 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب جي سهيڙ “عاجز” رحمت الله لاشاري ۽ گل حسن “گل” ملڪ جن ڪئي آهي. هي ڪتاب تنظيم فڪر و نظر سنڌ پاران سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي سهڪار سان ڇپايو ويو آهي.ٿورائتا آهيون محترم علي حسن ملاح جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي آنلائين ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪئي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • پبلشرن پاران (هڪ نظر)
  • حرف اول ؛ سينگار جو پس منظر بقلم: علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
  • مُھاڳ ؛ الله تو آ ھر...
  • مقدمو
  • پيش لفظ
  • پنهنجي پاران
  • سگهڙ ڪانفرنس 2014ع ؛ رپورٽ؛ اقبال عادل مهر
  • سدا حيات سگهڙن جي سينگار شاعري

  • لطيفي سينگار
  • جلال کٽي: سنڌي سينگار شاعري جو سرواڻ
  • علي شير جاگيراڻي
  • هدايت علي فقير رڏ
  • سگهڙ عبدالرحمان مهيسر
  • سگهڙ ٻيڙو فقير ڪنڀار
  • سگهڙ حاجي الهه بخش مڱڻ
  • محمد مريد جت
  • فقير محمد ملوڪ عباسي
  • موٽڻ جوڻيجو
  • حاجي اقبال احمد جوڻيجو
  • عبدا لله جت
  • محمد ڇٽل جت
  • عبدالقادر بروهي
  • محمد سيفل ڀٽي
  • بهار علي “بهار” ٻرڙو
  • لعل فقير ڪورار
  • محمد فقير ڪورار
  • محمد عظيم ڪلهوڙو
  • قائم الدين سهتو
  • فقير ديدار علي سيال
  • غلام حسين باجاري
  • محمد امين سنياسي
  • حال حيات سگهڙن جي سينگار شاعري ڪشمور ضلعي جا سگهڙ

  • عبدالقادر اوڳاهي
  • پنهل “پياسي”
  • ڪريم بخش ملڪ
  • مير حسن ملڪ
  • صادق علي ملڪ
  • ارصلاح باجڪاڻي
  • محبت علي لاشاري
  • گهوٽڪي ضلعي جا سگهڙ

  • خادم علي ميراڻي
  • علي حسن منگي
  • علي نواز پتافي
  • ڪريم بخش مڱڻهار
  • جمال الدين پتافي
  • سکر ضلعي جا سگهڙ

  • غلام محمد منگي
  • رميش “روشن” مينگهواڙ
  • جيڪب آباد ضلعي جا سگهڙ

  • گل حسن “گل” ملڪ
  • ڀڃل خان ٻرڙو
  • محمد نواز ٻرڙو
  • اقبال احمد “عادل” مهر
  • الهوڌايو ٻرڙو
  • قائم الدين مهر
  • غلام مصطفيٰ ٻرڙو
  • قلندر بخش ڪيهر
  • حبيب ا لله ٻرڙو
  • عبدالقادر ڪيهر
  • الله بخش سامت
  • شمس ٻرڙو
  • ڪوڙل بمبل
  • محمد اسماعيل ڪيهر
  • ارشاد احمد ڪورار
  • علي اڪبر ڪورار
  • اعجاز احمد ڪلهوڙو
  • وزير احمد چاچڙ
  • نواب علي مهر
  • شڪارپور ضلعي جا سگهڙ

  • وريام شيخ “فقير”
  • محمد قاسم ڪلوڙ
  • علي گوهر مهر
  • پٺاڻ فقير مهر
  • عبدالستار ميربحر
  • حاجي اربيلو منگي
  • عبدالستار ٽانوري
  • محمد سومر سومرو
  • هدايت ا لله ميمڻ
  • منظور احمد مهر
  • قمبر - شهدادڪوٽ ضلعي جا سگهڙ

  • محمد لقمان کوکر
  • غلام ڪبير لولائي
  • ارشاد علي عرضائي
  • گل محمد چنجڻي
  • رحيم بخش ڏهوٽ
  • مولا بخش شيدي
  • دادو ضلعي جا سگهڙ

  • امداد علي ٻٻر
  • محبوب علي ڏيپر
  • لاڙڪاڻي ضلعي جا سگهڙ

  • ممتاز علي عباسي
  • محمد مٺل جهتيال
  • غلام شبير عباسي
  • محمد صالح عباسي
  • روشن علي ڪوري
  • بخشل گاڏهي
  • غلام رسول مڱريو
  • علي گوهر خاصخيلي
  • غلام علي گاڏهي
  • الطاف حسين زهراڻي
  • محمد ماڻڪ زهراڻي
  • نثار احمد شيخ
  • حبدار علي ماڇي
  • ممتاز علي سوهو
  • رياض حسين سنديلو
  • بدر الدين ڪيهر
  • غلام اڪبر گاڏهي
  • محمد عالم مهر
  • ربنواز پريو
  • شهاب الدين بوزدار
  • نثار علي جويو
  • غلام قادر ڀٽو
  • ڏاڏو ڏتل ابڙو
  • خيرپورميرس ضلعي جا سگهڙ

  • حسين بخش رڏ
  • صوفي حيدر بخش فقير شر
  • لالڏنو “لالڻ” شر
  • فقير اعجاز علي شر
  • جيئند لنجواڻي
  • نوشهروفيروز ضلعي جا سگهڙ

  • در محمد ڪمال سولنگي
  • عبداللطيف سولنگي
  • رحمت ا لله عباسي
  • ضلع بينظير آباد (نوابشاهه) ضلعي جا سگهڙ

  • محمد جعفر لاکو
  • حاجي سومر ڀان
  • علي اصغر لاکو
  • مٽياري ضلعي جا سگهڙ

  • ممتاز امين سنياسي
  • نظير احمد ميمڻ
  • محمد ابراهيم ميمڻ
  • حيدرآباد ضلعي جا سگهڙ

  • علي اڪبر چانڊيو
  • علي بخش سومرو
  • احمد علي “اترادي” چانڊيو
  • شاهنواز “شهزور” سنڌي
  • عمرڪوٽ ضلعي جا سگهڙ

  • تاج محمد هاليپوٽو
  • ٿرپارڪر ضلعي جا سگهڙ

  • محمد قاسم راهمون
  • سانگهڙ ضلعي جا سگهڙ

  • ارباب علي ڪيريو
  • مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ سگھڙ

  • عاجز رحمت ا لله لاشاري
  • سائين بخش لاکو
  • حاجي رحيم بخش قريشي
  • الهڏنو بروهي
  • محمد جمن ڀٽي
  • محمد ايوب جوڻيجو
  • ڪراچي علائقي جا سگهڙ

  • رحمان ڏنو مهيسر
  • محمد اسماعيل پهوڙ
  • جمشيد زهراڻي
  • حاجي علي نواز وڳڻ
  • گل محمد غازي
  • صوبي بلوچستان جا سگهڙ

  • محمد اسماعيل لاشاري
  • ا لله ڏنو هانڀي
  • محمد ايوب لاشاري
  • ساٿي ۽ سونهان جن مان ڄاڻ ورتي وئي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر ڇهاسي (86) سنڌ جي لوڪ ادب سان واسطو رکندڙ اهم صنف سگهڙن جي سينگار جي بيتن تي مشتمل سهڻل جا سينگار اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جي سهيڙ “عاجز” رحمت الله لاشاري ۽ گل حسن “گل” ملڪ جن ڪئي آهي. هي ڪتاب تنظيم فڪر و نظر سنڌ پاران سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي سهڪار سان ڇپايو ويو آهي.
    ٿورائتا آهيون محترم علي حسن ملاح جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي آنلائين ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪئي. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    علمي، ادبي، اسلامي، انساني
    جدوجهد ۽ جفاڪشي ڪندڙ
    اعليَ ڪردار
    مرحوم پروفيسر اسد الله ڀٽو
    جي نانءُ
    جنهن هن جاکوڙ جو بنياد رکيو


    پبلشرن پاران (هڪ نظر)

    ماضيءَ تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته ملڪ جي ورهاڱي تائين، سنڌي توڙي انگريزي ٻولي جي ماهرن جو سنڌ جي “لوڪ ادب” ڏانهن توجهه گهٽ رهيو آهي. ان مان ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، هڪ اها ته اهي اديب يا ته سنڌ جي سگهڙن جي مجلسن کان وانجهيل رهيا، ٻي اها ته انهن ڏاهن ڏات ڌڻين جي صدري خزانن جو ڪما حقہ قدر ڪونه ڪيائون، جنهن ڪري اهي قيمتي ذخيرا قلمبند نه ٿي سگهيا ۽ آهستي آهستي انهن سگهڙن پويان اهي تاريخ، تمدن، ثقافت توڙي تهذيب سان ڀرپور گڻن ڀريا گفتا به دفن ٿي، ڀُري يا جهُري ويا. جنهن ۾ خاص طور “سينگار شاعري” جو اڻ مُلهه خزانو به ٻئي ذخيري سان گڏ ضايع ٿي ويو جنهن سبب انهن اڳوڻن اعليٰ پايئه جي وڏي انگ وارن ڏات ڌڻي استاد سگهڙ شاعرن جي نالن جو به ڪو نشان باقي نه رهيو.
    وري به جس آهي علمي ڄاڻ جي بي ڪنار بحر سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي، جنهن آمريڪا کان تعليم پرائي واپس ورڻ سان ئي، انهن ناساز گار حالتن، ذوق جي ڪمي ۽ پڙهيلن جي ڪوتاهي کي دور ڪندي سنه 1944ع کان لوڪ ادب جي تحقيق ۽ تلاش ۾ لڳي ويو، جنهن ان اعليٰ ۽ ناياب گفتن جي کوجنا ۾ سنڌ جي سگهڙن جي مشهور ماڳن ۽ دڪانن جي کنڊرن تي وڃي ڌوڙ ڌوين وانگر رک ۽ مٽيءَ جا ڍير وائريا جنهن مان سون کان به سرس ۽ قيمتي لفظن جا موتي ميڙي ڪي ٿوري انگ ۾ اڳوڻن استاد سگهڙن جو فن سالم توڙي ناقص حالت ۾ هٿ ڪري انهن جي ڪجهه شخصي ڄاڻ به سهيڙي “سينگار شاعريءَ” ۾ شايع ڪيو جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران شروع ڪيل لوڪ ادب سلسلي جو يارهون ڪتاب هو ۽ 1986ع ۾ ڇپيو.
    ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب يارهين صديءَ جي شهنشاهه سگهڙ جلال کٽي سميت سندس همعصر اٺن سگهڙن جو تحقيقي فن، تعارف سميت ڏنو آهي ۽ ان دور کان پوءِ ٻارهين صدي هجري (18 صدي عيسوي) جي پوئين اڌ ۽ تيرهين صدي هجري جي پهرين پنجويهن سالن واري دؤر جا سورنهن سيبتا سگهڙ، اتر طرف ڳڙهي ياسين، شڪارپور ۽ ٺُل، روهڙي، ميرپور ماٿيلي، اوٻاوڙي ۽ ناري طرف جا (9) نَوّ نيارا ڏات ڌڻي، وچولي ۽ لاڙ طرف جا پنج پارکو، لس ٻيلي جا ست سڄاڻ سگهڙ، ساڪري ملير جا (9) نَوّ ناميارا وينجهار، ڪوهستان ۽ ڪاڇي جا ٽي سگهڙ ڪٺا ڪرڻ بعد ورهاڱي کان پوءِ وارن (1955ع کان 1986ع) ڏات ڌڻين ۾ وري لاڙ جا ست وڏا سگهڙ، خيرپور ۽ اتر طرف جا (11) يارنهن، لاڙڪاڻي طرف جا (29) اڻٽيهه سگهڙ شامل ڪيا جيڪي مجموعي طور (124) هڪ سؤ چوويهه پارکو سگهڙ هيا جن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب “سينگار شاعري” جي زينت بڻايو.
    هن وقت جيڪو ڊاڪٽر صاحب جو ڇڏيل لوڪ ادب آهي ان هينئر تائين ڊٻون ڊانگا، کڏون ۽ کوٻا سيراب ڪري ڇڏيا آهن ۽ سندس سانڍيل ثقافتي ورثي مان صدين تائين لوڪ کي رنگ لڳندو رهندو.
    ياد رهي ته “سنڌ جو سينگار” جي نالي سان 1950ع واري ڏهاڪي ۾ به سگهڙن جي سينگار شاعري جو ڏيڍ سؤ صفحن تي هڪ ڪتاب ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي سهيڙ هيٺ شايع ٿيو هو جنهن ۾ هڪ گمنام نالي سميت ستن سگهڙن جي سينگار شاعري شايع ڪئي وئي هئي، جنهن کي ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري ٻيهر تفصيل سان پنهنجي ڪتاب ۾ شايع ڪرايو. اهڙي طرح بعد ۾ جن سگهڙن پنهنجا ڪتاب ڇپرايا تن پنهنجن ڪتابن ۾ “سينگار شاعري” جو ذخيرو شامل ڪيو آهي.
    ان سڄي صورتحال کي ڏسندي اسان پنهنجي “تنظيم فڪرو نظر سنڌ” پاران هميشه جيان هن ڀيري به تنظيم جي مرڪزي دفتر سنڌ اسلامڪ سينٽر ميناره روڊ سکر ۾ “قومي سيرت النبي صه ڪانفرنس” جي موقعي تي “سگهڙ ڪانفرنس” جو پڻ بندوبست ڪرايو جنهن ۾ سگهڙن کي سڏائڻ توڙي ڪچهريءَ جو رنگ رچائڻ ۾ سڀني عهديدارن توڙي ميمبرن پنهنجو پاڻ ملهائي ڏيکاريو.
    هن ڪچهريءَ جي خصوصيت تمام اعليٰ ۽ منفرد هئي جيڪا پهريون ڀيرو ان انداز سان ڪامياب رهي ته هن ڪچهريءَ کي ڀلاري مهيني ربيع الاول ۽ ٻنهي جهانن جي سردار جي ولادت با سعادت جي نسبت جي ڪري عام روايتي ڪچهريءَ جي ڀيٽ ۾ صرف سهڻي جي سينگار ۽ صفت وثنا تائين پابند بڻايو ويو جنهن ڏات جا جوهر ڏيکاريندڙن به مختلف ٻولين ۾ واهه جو ملهائي ڏيکاريو ۽ اسان سوچيو ته ان شاندار فن کي نه رڳو سکڻي وهواه تائين محدود رکجي پر ان جو ڪتاب ڇپرائي ايندڙ نسلن تائين ان فن کي پڄائجي ته جيئن هن محبت جي مٺاس کي اهي به چکي سگهن ۽ سرڪار دو عالم جي ثنا جو فيض ڏيهه توڙي پرڏيهه تائين به پکيڙي سگهجي، ان اٽل ارادي ۽ تنظيم جي سڀني همسفر ساٿين جي نيڪ نيتي واري فيصلي تحت سگهڙن جي “سينگار شاعري” سهيڙڻ توڙي ترتيب ڏيڻ جا جملي حقوق، سنڌ توڙي بلوچستان ۾ جاکوڙيندڙ سگهڙن جي تنظيم سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم “سلات” جي سرواڻ، نوجوان اديب ۽ عالم عاجز رحمت الله لاشاري حوالي ڪيا ويا جنهن پنهنجي رات جي اوجاڳن ۽ ڏينهن جي جفا ڪشي سان هن ٿوري وقت ۾ ڪتاب کي سهيڙي اوهان ۽ اسان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ دل ۽ دماغ جي عرق ريزي کان ڪم ورتو آهي ۽ سڀ بار پنهنجن ئي ڪلهن تي کڻي پاڻ ملهايو آهي.
    ڏٺو وڃي ته 1986ع کان هن وقت 2014ع تائين 28 سالن ۾ جيڪو “سينگار شاعري” جو فن سنڌ اندر وڌيڪ اُسري آيو آهي ان کي هڪ جنس (صنف) طور شايع ڪرائڻ ۾ ڪوبه ادارو اڳتي نه آيو آهي ۽ اسان ان ڪميءَ کي محسوس ڪندي هي ڪتاب ڇپرائي اهل علمن آڏو ڪنڌ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇو ته لوڪ ادب ڏينهون ڏينهن وڌندو ۽ ويجهندو رهي ٿو، جيڪڏهن ان جي ارتقائي عمل جي همت افزائي ڪبي ته ان ۾ اڃان به واڌارو ايندو ۽ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ اسان جو قومي ادب وڌيڪ ڪاميابي جون حدون ڪراس ڪندو ۽ اها ئي سوچ ۽ فڪر اسان جي تنظيم جي باني مرحوم پروفيسر اسد الله ڀٽو جو هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ به ان اشاعتي ڪم کي جاري رکندي اسلامي ادب جا شاهڪار ڪتاب عوام آڏو آندا.
    اسان به سندس مشن کي ان ساڳي ئي جوش جذبي ۽ همت سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن سڀني ساٿين جا جذبا جوان ۽ ارادا پختا رهندا ته هن قسم جي ڪتابن جو اشاعتي سلسلو جاري رهندو.
    آخر ۾ هن جاکوڙ ۽ جدوجهد جي بنيادي ڪردارن نواب علي مهر ميمبر CEC ۽ استاد گل حسن “گل” ملڪ ميمبر شاخ مبارڪپور کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن جي اهم محنتن هن ڪتاب کي تاريخي ۽ تحقيقي رنگ ڏنو.

    اوهان جا ٿورائتا

    پروفيسر محمد علي راڄپر
    صدر تنظيم فڪر و نظر سنڌ

    خواجا جليل احمد
    جنرل سيڪريٽري،تنظيم فڪر و نظر سنڌ


    حرف اول ؛ سينگار جو پس منظر بقلم: علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

    مغلن جي دؤر ۾ ھندوستان کي ھڪ پايدار نظام حڪومت نصيب ٿيو. اڪبر جي دؤر حڪومت ۾ ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ قريب تر تمدني لاڳاپو قائم ٿيو. ملڪ جو اقتصادي نظام سڌريو. علم ۽ فضل، حڪمت ۽ ھنر جي قدرداني ٿي. حسن جي تلاش ۽ تعريف ھڪ محبوب ترين مشغلو بنجي ويو. جيئن مصوري، موسيقي ۽ عمارت سازي حسن جي تلاش جا مظھر بنيا، تيئن شاعري، به محبوب جي حسن کي پنھنجوخاص عنوان بنايو. ھندي ٻوليءَ ۾ جيتوڻيڪ اڃان “ڀڳتي شاعري” جو د‍ؤر ھو، مگر ھاڻي ان سان گڏ نئين حسن نواز عشقيہ شاعري، “سينگار رس” جي دلچسپ نالي سان نعرو ھڻي نروار ٿي. مغليه دؤر کان اڳ جي ھندي شاعرن پڻ پنھنجي ڪلام ۾ گاھي به گاھي محبوب جي حسن ۽ سينگار جي مضمونن کي نھايت موثر نموني ۾ نباھيو ھو، مگر اڪبر بادشاھ جي دؤر حڪومت کان “سينگار رس” يا عشقيہ شاعري، ھندي شاعرن جي ذوق ۽ تخيل جو خاص عنوان بني، ۽ “ڀڳتي شاعريءَ” جي بجاءِ عام توڙي خاص جو ان ڏانھن زيادھ توجھ ٿيو.
    عشق ۽ محبت جو عنوان ۽ محبوب جي حسن ۽ سينگار جو بيان، ٻئي ھن نئين شاعريءَ لاءِ نھايت ئي مواقف زمين ۽ ميدان بنيا، جن ۾ حسن نواز شاعرن دل کولي پنھنجا ڪؤنتل ڪڏايا. ڪرپا رام پھريائين ان ڏس ۾ قدم وڌايو، مگر مڙني جو مھندار۽ ھن ميدان جو شھسوار مھاڪوي بھاري لال ھو. ھو سنبت 1660 (1603ع) ۾ گوبند پور ضلعي گواليار ۾ ڄائو، ۽ سنبت 1720 (1663ع) ۾ گذاري ويو. جيپور جي راجا جئسنگ کيس جيپور ۾ گھرائي پنھنجي درٻار جي خاص شاعرن جي صف ۾ جڳھ ڏني، ۽ جڏھن بھاري لال پنھنجي مشھور شاعرانه شاھڪار”ست سئي” کي پورو ڪيو، ته راجا جئسنگ کيس ست سؤ اشرفيون انعام طور ڏنيون. بھاري لال جو عاشقانه ڪلام ھندي شاعريءَ ۾ اُتم مڃيو ويو آھي، ۽ “سينگار رس” ۾ سندس درجو مڙني شاعرن ۾ مٿاھون تسليم ڪيو ويو آھي.
    اڪبر جي عھد جا ٻيا شاعر جن عشقيہ شاعريءَ ۾ شھرت حاصل ڪئي، سي ھي ھئا: 1) نواب عبدالرحيم خان خانان جنھن پنھنجي شاعريءَ جي ٻين تصنيفن سان گڏ “سينگار سورٺا” نالي پڻ ڪتاب لکيو، 2) فيضي، 3) گنگ، 4) تان سين، 5) سيناپتي، 6) مبارڪ جنھن جا ڪي دوھا بھاري لال جي دوھن سان مناسبت رکن ٿا، 7) بلڀدر مشر جنھن جي تصنيفن مان ھڪ “سينگار گوبرڌن” آھي. انھن کان سواءِ سنه 1631ع ۾ سندر نالي ھڪ شخص کي”ڪوي راءِ” جو خطاب ڏنو ويو، ۽ ھن شاعريءَ جي فن تي “سندر سنگار” نالي ڪتاب لکيو جنھن جو ترجمو برج ڀاشا ۾ ٿيو. عالم، سنبت 1730 ڌاري، “سنگار رس” (عشقيه شاعري) جو نالي وارو شاعر ٿيو. ھو پھريائين برھمڻ ھو پر پوءِ ھڪ رنگريزڻ جي، عشق ۾ مسلمان ٿيو، “عالم کيلي” نالي سندس ڪتاب مشھور ٿيو. 1784- 1800 سنبت ڌاري “ديوڪي نندن” نالي مشھور شاعر ٿيو جنھن جو ڪتاب “سرنگار شرتر” نھايت مقبول پيو. سنبت 1796 وڪرميءَ ڌاري، اعظم خان نالي شاعر مشھور ٿيو، جنھن جو ڪتاب “سنگار درپن” مقبول پيو. سيد عبدالجليل بلگراميءَ جي ڀاڻيجي سيد غلام نبي بلگرامي جيڪو “رس لين” جي لقب سان مشھور ٿيو، تنھن سن 1701ع ۾ “انگ درپن” ۽ سن 1730ع ۾ “رس پر ٻوڌ” نالي ڪتاب تصنيف ڪيا.

    رس جي حقيقت
    “رس” سنسڪرت زبان جو ھڪ جامع لفظ آھي جنھن جي لفظي معنى آھي “انتھائي لطف، لذت، خوشي يا مسرت”. اصطلاحي معنى موجب “رس” سنسڪرت ۾ جماليات (Aesthetics) جي دائري ۾ ھڪ خاص فلسفي جي حيثيت رکي ٿو، جنھن جو تعلق خاص طرح شاعريءَ ۽ ناٽڪ جي اسباب، اثرات ۽ علامات سان آھي. “سنسڪرت ادب جي تاريخ” جي مصنف “بيرائيڊيل ڪِيٿ” ان کي “قلبي واردات ۾ ڪيفيات جي نظريه” سان تعبير ڪيو آھي. محقق پنڊت حبيب الرحمان صاحب “رس” کي “فلسفاءِ انبساط” قرار ڏنو آھي. جئن ته ھن صاحب مستند سنسڪرت ماخذن جي تصديق سان رس تي “رس” يعني “فلسفاءِ انبساط” جي نالي سان ھڪ مستقل ڪتاب لکيو آھي. انھيءَ ڪري اسان رس جي معنى ۽ ماھيت کي واضع ڪرڻ لاءِ ھيٺ سندس تحقيقي نتيجا پيش ڪريون ٿا.
    1) مثلاً: بھار جي موسم آھي، جھڙ بادل ڇانيل آھي ۽ ھڪ حسينه نھايت ئي مٺي آواز سان ڳائي ٿي. ٻڌندڙ جيڪو ھن نظاري ۾ محو آھي، تنھن جي دل ۾ محبت پيدا ٿئي ٿي. مڙيئي ظاھري اسباب سندس محبت کي ويتر ڀڙڪائين ٿا. ان جذبي جي اثر ھيٺ کيس لڙڪ لڙي پون ٿا پريشاني پيدا ٿئي ٿي. ان بعد سندس اھا نفسياتي ڪيفيت اميد، مايوسي، جنون ۽ شڪسته دليءَ ۾ تبديل ٿئي ٿي. ھاڻي ھن منظر ۾ محبت”جذ به مستقل” آھن، بھار، بادل، حسينه ۽ راڳ ان جذبي جا “محرڪات” آھن اشڪباري ۽ سراسيمگي (واردات قلبيه کي ظاھر ڪرڻ واريون ڪيفيات) ان جذبي جا “اثرات” آھن، ۽ اميد، مايوسي، جنون ۽ شڪسته دلي “منقلبات” يعني عارضي جذبات آھن. ناٽڪ ۽ شاعريءَ ۾، محرڪات، اثرات ۽ منقلبات جي منظر (Scene) پيدا ڪرڻ سان جذبهء مستقل ۾ ھڪ غير محدود لذت، وجداني لطافت ۽ پاڪيزه روشني پيدا ٿئي ٿي، ۽ ان وقت انھيءَ جذبهء مستقل کي “رس” چئجي ٿو. اھڙيءَ طرح نو 9 مستقل جذبات، پنھنجي ارتقائي منزلن مان گذري علي الترتيب (1) عشق (2) کل (ھنسي) (3) رحم (4) غضب (5) بھادري (6) دھشت (7) نفرت (8) حيرت ۽ (9) سڪون جا “رس” بنجن ٿا، جن کي سنسڪرت ۾ (1) شرنگار رس (2) ھاس رس (3) ڪرڻ رس (4) رود رس (5) وَير رس (6) ڀيانڪ رس (7) ويٿبس رس (8) اوڀت رس ۽ (9) شانت رس چيو وڃي ٿو. مطلب ته 9 مستقل جذبن جي سببان “رس” جا به 9 قسم بنيا.
    مگر ھن فن جي استادن “رس” جي جا حقيقت سمجھائي آھي ان مان، ۽ پڻ تجربي مان، معلوم ٿئي ٿو ته رس واري لذت ھر حال ۾ ساڳي آھي: يعني ته نون رسن مان ڪنھن به ھڪ جي لذت ساڳي اھڙي آھي جھڙي باقي ٻين اٺن ۾ آھي. پنڊت وشوناٿ “ساھتيه درپن” ۾، معتبر عالمن جي سَند سان ھي نظريو پيش ڪيو آھي ته “تجربو ٻڌائي ٿو ته ھر ھڪ “رس” جو اصلي جوھر “تحير” آھي، ۽ انھيءَ ڪري ھر جاءِ “حيرت” جو ئي رس ھئڻ گھرجي.”
    1. ويد جي قولن يعني “شرتين” ۾ آتما (خدا) کي رس چيو ويو آھي جيئن ته “تيتريہ اپنشد” ۾. عقلي دليلن موجب پڻ اھو نظريو صحيح آھي، ڇاڪاڻ ته “رس” ۾ به انتھائي مسرت (آنند) آھي ۽ پڻ خدا ۾. انھيءَ ڪري “شرتيءَ) ۾ خدا کي “رس” چوڻ بلڪل صحيح آھي. ساھتي شاستر (فن شاعري) جي ڪتابن “ڪاوي پرڪاش”، “رس گنگا ڌر”، “ساھتيه درپن” وغيره مان پڻ ھن نظريي جي تائيد ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته انھن مڙني ۾ “رس” ۾ انتھائي مسرت جو ھجڻ تسليم ڪيو ويو آھي. پڻ “برھم سوتر” (ويدانت فلسفي جي پھرئين باب جو ٻارھون سوتر)، جيڪو “شرتين” تي ٻڌل آھي، ان جو مطلب به اھو آھي ته خدا ۾ انتھائي مسرت آھي، ڇاڪاڻ ته ويدن ۾ خدا لاءِ “مسرت” جو لفظ ڪثرت سان استعمال ڪيو ويو آھي. “رس” جي ھن تشريح مطابق سنسڪرت جو ھيءَ مقولو بلڪل درست آھي ته “مطالب شاعريءَ ۾، محويت ذريعي خدائي مسرت جي لطف اندوزي “رس” آھي. جڏھن (محبت، بھادري وغيره جا) عملي واقعات شاعري يا ڊراما ۾، مصنوعي محرڪات، اثرات ۽ منقلبات ذريعي، ڏسندڙ (يا پڙھندڙ ۽ ٻڌندڙ) جي آڏو پيش ڪجن ٿا، ته اھي سندس وحدت نما احساس کي جا ڳائي ھڪ قسم جو عالم محويت ۽ تحير پيدا ڪن ٿا. ان محويت جي عالم ۾ شاعرانه لٽريچر پڙھندڙن ۽ ڊرامه جي ڏسندڙن جو وجدان جنھن “مسرت رباني” مان لطف اندوز ٿئي ٿو اھو ئي “رس” آھي.
    “رس” جي معنى ۽ ماھيت بابت مٿيان ٽي نظر يا اصولي حيثيت رکن ٿا. پھرئين ۾، سنسڪرت جي جمالياتي فڪر جي دائري ۾”فن شاعري” جي ماتحت “رس” جي علمي نظريي جي تشريح ٿيل آھي، ۽ “رس” جو لفظ استعمال ٿئي ٿو. حقيقت ۾ “رس” جو پيدا ٿيڻ، “رس” جي لذت جو پيدا ٿيڻ آھي، انھيءَ ڪري مجازاً چئي سگھجي ٿو ته “رس پيدا ٿيو” سنڌيءَ ۾ چوندا ته “رس لڳو”. سنڌيءَ م اھو اصطلاح “راڳ جي رس” لاءِ استعمال ٿئي ٿو. چوندا ته “فلاڻي ڳايو ۽ واھ جو رس لڳو” يا چوندا ته “فلاڻي (ڳائيندڙ) جو رس لڳو” ساڳيءَ طرح ڪنھن به محفل جي ميٺاج ۽ سرور کان متاثر ٿي ان کي مجازاً “رس ڀري محفل” يا “رس ڀري رھاڻ” چوندا. “رس رھاڻيون” ۽ “رس راوڻا” ساڳي معنيٰ ۾ سنڌي جا عام مروج اصطلاح آھن. انھن اصطلاحن مان ظاھر آھي ته سنڌيءَ ۾، لفظ “رس” جي اصل معنى ۽ ماھيت وارو تخيل موجود آھي. ٻئي نظريي ۾ “رس” جي سمجھاڻي نفسياتي نقطه نظر کان (Psychological Interpretation) ڏني وئي آھي، جنھن جو مقصد آھي ته جيتوڻيڪ مختلف جذبات (Emotions) جي بناءِ تي “رس” کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويو آھي، مگر حقيقت ۾”رس” اھو لطف ۽ لذت وارو اصولي احساس (Sentiment) آھي، جيڪو ھر جذبي جي اثر ۽ ڪيفيت جو ماحصل آھي. (3) ٽئين نظريي جو تعلق “رس” جي حقيقي معنى سان آھي، جنھن کي ويدانت توڙي اسلامي تصوف جي روشنيءَ ۾ “ذات الاھي” سان تعبير ڪيو ويو آھي، ڇو ته “ذات الاھي” ئي لامحدود مسرت ۽ وجداني تجليءَ جو واحد سر چشمو آھي. “الله نُورُالسمٰوا تِ وَالارض” ۽ “اَللهُ جَمِيلٌ وَيُحِبُ الۡجَمَالُ.”

    سينگار رس
    مٿين وضاحت مان معلوم ٿيو ته انسان جا ) مستقل جذبات، جن جي بناءِ تي آسانيءَ خاطر”رس” جا به 9 قسم تجويز ڪيا ويا آھن، انھن مان ھڪ “شرنگاررس” آھي. “شرنگار رس” ھڪ نفسياتي ڪيفيت آھي، جنھن جي ارتقائي درجي کي عشق ۽ محبت سان تعبير ڪري سگھجي ٿو. اصل سنسڪرت نظريي موجب “شرنگ” محبت جي ديوتا “ڪامديو” جي اُڀرڻ کي چئجي ٿو. ھن جي اُڀرڻ سبب ۽ اعلى ترين ھيرو (Hero) جي رس کي عشق جو رس چئجي ٿو.
    ھندي شاعري مان مثال: ھنديءَ جو استاد شاعر ملڪ محمد جائسي (وفات1049ھ/ 1639ع)، پنھنجي مشھور نظم “پدماوت” ۾، سلطان علاؤالدين جي آڏو پدماوت راڻيءَ جو حسن جو بيان، راگھو پنڊت جي زبان ھن طرح ڪري ٿو ته،
    دير گھه چار، چار لگھه سوئي
    سبھر چار، چھون کھيني سوئي.
    (سندس بدن ۾ چار شيون ڊگھيون، چار ڇوٽيون، چار ٿلھيون (نرم) ۽ چار سنھيون آھن)
    پرتھم کيس دير گھ سر مونھين،
    اور ديرگھ اونگرين سونھين،
    ديرگھ نين، تيکھ تيتھ ديکھا،
    ديرگھ گبون کنڻھ تر ريکھا
    (يعني ته: چئن ڊگھين شين ۾ پھريان سر جا وار، ٻيون آڱريون، ٽيون اکيون، چوٿين ڳچي ۽ ان جي ھيٺان خط)
    پنھ لگھ دسن ھونھ جن ھيرا
    او لگھ کچ او ننگ جن بھيرا
    لگھ للاٽ دويج پر گاسو
    اونا نھ لگھ چندن باسو
    (ڇوٽين شين ۾، ھڪ سندس ھيرن جھڙا ڏند، ٻيو نارنگيءَ جھڙا پستان، ٽيون پھرينءَ جي چنڊ جھڙي پيشاني ۽ چوٿون چندن بوءِ دن.)
    ناسک کھين کھرک کي دھارا،
    کھين لنک جن کيھر بارا،
    کھين پيٽ جانو نه آنتا،
    کھين ادھر بدرم رنگ راتا.
    (باريڪ شين ۾، ھڪ تلوار جي ڌار مثل سندس نڪ، ٻيو چيتي کي شھ ڏيندڙ چيلھ، ٽيون لڪل پيٽ جنھن ۾ ڄڻ آنڊائي ڪين آھن، چوٿان چپ جي مرجان مثل آھن.)
    سوبھر کپول ديکھ ديکھ سوبھا
    سبھر تنب ديکھ من لوبھا
    سبھر کلائين ات بني، سبھر جنگھ گج پال
    سوره سنگار برن کي کرنھ ديوتا مال
    (ڀريل ۽ نرم شين ۾، پھريائين سندس ڀريل ڳل، ٻيو ڀريل ٻنڊڻ، ٽيون ڀريل ڪرايون، ۽ چوٿون ڀريل رانون: بدن جي سورھن سينگارن جي ديوتا به تعريف ۾ پوڄا ڪن ٿا.)
    مٿئين مثال مان ظاھر آھي ته شاعر”پدماوت” جي سورھن سھڻن عضون ۽ اندامن جي تعريف ڪئي آھي ۽ انھن کي سورھن سينگار سڏيو آھي. ھت “سورھن سينگار” جي اصطلاح جو استعمال “بدماوت” جي فطري حسن سان تعلق رکي ٿو، ڇو ته سندس “ظاھري ھار سينگار” سان شاعر جي وصف بيانيءَ جو ڪو به واسطو ڪونھي.
    ھاڻي اديبن ۽ لغت نويسن جي مٿين تحقيق، توڙي خود ھنديءَ جي استاد شاعر ملڪ محمد جائسي جي شعر مان پدماوت راڻيءَ سونھن جي تعريف وارو مثال، ثابت ڪن ٿا ته ھندي شاعريءَ ۾ “سورھن سينگارن” جي قسمن بابت ڪو متفقه طور فيصلو ڏنل نه آھي ته اھي فلاڻا فلاڻا آھن. محض سورھن جي عدد بابت ئي اتفاق آھي. ٻيو ته آيا “سورھن سينگارن” جو تعلق محض “جسماني حُسن” سان آھي، يا فقط عورت جي ظاھري ۽ مصنوعي “ھار سينگارن” سان آھي، ان بابت به ڪو متفقہ نظريو موجود ناھي. بلڪ ائين معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ باري ۾ ٻه مختلف نظريا آھن. (1) پھرئين نظريي جو اندازو: “شرنگار رس” جي محرڪ اساسي يعني “ھيروئن” جي فطري حسن کي جي 28 وڌيڪ اسباب چمڪائين ٿا، تن مان ۽ خود “پدماوت” جي حسن جي تعريف بابت ڏنل اٺاويھن اسبابن ۾ جسماني حسن توڙي ظاھري ھار سينگار شامل آھن. “پدماوت” واري بيان جو تعلق پڻ فطري حسن سان آھي، ان مان ھيءُ نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته “سنگار رس” شاعري جي اصلي سرچشمي توڙي ان جي ھڪ استاد شاعر جي تخيل موجب “سورھن سينگارن” ۾ فطري حُسن توڙي ظاھري ھار سينگار جون وصفون اچي وڃن ٿيون. (2) ٻئي نظريي جو مدار اديبن ۽ لغت نويسن جي ڪيل تحقيق تي آھي، ۽ ان تحقيق جو مدار غالباً ھندي شاعريءَ جي پوئين تڪلف ۽ تصنع واري دؤر تي آھي، جڏھن عام شاعرن “سورھن سينگار” جي بيانن کي محض عورت جي ظاھري ھارن سينگارن تائين محدود ڪري ڇڏيو.
    ھندي عشقيہ شاعري جي شروعات واري تاريخ دؤر جي واقفيت، ۽ “سينگار رس” نالي جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ “رس”، “سينگار” ۽ “سورھن سينگار” جي ايتري اصولي وضاحت بعد، اسان ھن ڳالھ کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسون، ته ھندي عشقيہ شاعريءَ جي ھن مخصوص تخيل ۽ ان جي مختلف مضمونن ۽ عنوانن جو سنڌ ۾ ڪيئن ۽ ڪيتري قدر چرچو پيدا ٿيو، ۽ انھن ۾ ھندي ۽ سنڌي تخيل جي آميزش ڪھڙي صورت اختيار ڪئي.

    “سورھن سينگار” شاعري جو سنڌ تائين پھچڻ
    سنڌ ۾ جوڳ واري شاعريءَ جو تخيل ۽ ھٽ يوگي فقيرن جا نظريا ان طبقي جي سيلاني جوڳين فقيرن جي ذريعي پھتا، “ڀڳتي شاعري” وارا نظريا صوفي تارڪن ۽ درويشن جي ذريعي رائج ٿيا، ۽ ھندي “سنگار رس” يا عشقيہ شاعريءَ جا عنوان ۽ اشعار سگھڙن ذريعي پھتا. اسان جي خيال ۾ حسن ۽ عشق جا اھي مضمون غالباً اول اول راجسٿان جي سگھڙن ڀٽن ۽ چارڻن اُتي جي راجائن، سردارن ۽ عوام جي وندر ۽ ورونھ خاطر ياد ڪيا ۽ اھڙيءَ طرح سنڌ جي سرحدي ۽ پاڙيسري رياستن، بيڪانير، جوڌپور ۽ جيسلمير ۾ انھن جو چرچو پيدا ٿيو. ان بعد “سنگار رس” شاعريءَ جا اھي دلچسپ عنوان ۽ اشعار سنڌ جي سگھڙ ڀٽن ۽ چارڻن، منچلن مڱڻھارن ۽ ٻين سجاڳ سگھڙن سنڌ ۾ رائج ڪيا. مغلن جي دؤر حڪومت ۾ “سنگار رس” شاعري عروج کي پھتي ۽ ڀائنجي ٿو ته انھيءَ دؤر جي آخر ڌاري مغل سلطنت جي ٻين صوبن ۾ به ان جو عام چرچو ٿي ويو. سنڌ ۾ ڪلھوڙن جي (ميان نورمحمد) دؤر ۾ ان جو نئون ۽ نرالو سنڌي تخيل پنھنجي عروج تي نظر اچي ٿو. ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت ۾ سنڌ ۽ ان جي مذڪور پاڙيسري رياستن، يعني بيڪانير، جوڌپور ۽ جيسلمير جي درميان نسبتاً گھاٽا سياسي ۽ تمدني تعلقات پيدا ٿيا ۽ انھيءَ ڪري غالباً سنڌ ۽ انھن رياستن جي سگھڙن جون باھمي محفلون متيون، ذھن کليا، ۽ نه فقط ھن نئين شاعرانه فن ترقي ڪئي پر ان ۾ نوان نوان نقطا پيدا ٿيا انھن ڏينھن دوران لس ٻيلي ۽ لاڙ طرف به “سينگار” شاعريءَ جو چرچو ھو، ۽ انھن اراضين مان پوءِ جلد ئي فن “سينگار” جا وڏا استاد شاعر پيدا ٿيا. بھرحال ميان نورمحمد ڪلھوڙي واري دؤر ۾ “سينگار” شاعري اھڙي ته اؤج کي پھتي جو وڏا درويش صوفي شاعر ان کان متاثر ٿيا.
    اسان جي خيال ۾ پھريائين پھريائين ھندي “سنگار رس” شاعريءَ جا عنوان ۽ اشعار سنڌ جي ٿرپارڪر واري حصي ۾ رائج ٿيا، ڇاڪاڻ ته اھو ڀاڱو، جيسلمير، جوڌپور رياستن جي علائقن سان مليل ھو ۽ انھيءَ ڀاڱي جي ڀَٽن، چارڻن ۽ سگھڙن جو راجسٿان جي سگھڙن سان زياده گھاٽو تعلق ھو. ٻيو ته انھي ڀاڱي جا سگھڙ جي سنڌي ٻوليءَ جي “ٿري- ڍاٽڪي” محاوري سان آشنا ھئا تن لاءِ ھندي اشعار سمجھڻ نسبتاٺ آسان ھئا. انھن سگھڙن جي پنھنجي طبعي شگفتگي خواه سندن مجلسن جي مخصوص رنگ رھاڻ سبب، اھي اشعار جي حسن ۽ مجاز متعلق ھئا سي انھن خاص طور ازبر ڪيا. انھي لحاظ سان پدمڻيءَ جي وصفن ۽ “سورھن سينگارن” جھڙن رنگين عنوانن سان سندن خاص دلچسپي رھي ۽ انھن بابت جوڙيل افسانن ۽ بيتن کي پنھنجي سگھڙپائيءَ جي محفلن ۽ مجلسن ذريعي عام رائج ڪيائون.
    اھو ئي سبب آھي جو اھي عنوان اڄ ڏينھن تائين سنڌ جي سگھڙن جي مارڪن جا خاص موضوع آھن. ٻيو ته انھن عنوان بابت جي اشعار ملن ٿا تن کي جي گھريءَ نگاه سان ڏسجي ٿو ته انھن ۾ سنڌي ۽ سنڌيءَ جي “ٿري- ڍاٽڪي” محاورن جا الفاظ ۽ اصطلاح ملن ٿا، جن مان اسان جي مٿئين نظريه جي تائيد ٿئي ته غالباً انھن شعرن جي روايت سنڌي ٻوليءَ جي “ٿري- ڍاٽڪي” محاوري ذريعي ئي سنڌ ۾ عام رائج ٿي: يعني ته اول اول سنڌ ۾ اھي عنوان ۽ اشعار ٿرپارڪر جي ڀٽن، چارڻن ۽ مڱڻھارن جي زباني عام رائج ٿيا.


    مُھاڳ ؛ الله تو آ ھر...

    اڄ اھو لکندي انتھائي خوشي ٿي رھي آھي ته ھڪ ڀيرو وري ڏات ڌڻين جي ڏاھپ سان ڀريل “سينگار شاعري” کي نئين سر جياري عوام آڏو آندو ويو آهي ۽ اھو اھم ڪارنامون سر انجام ڏيڻ ۾ اسلامي ادب جي آبياري ڪندڙ “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” اڳڀري ٿي آھي. ھن تنظيم جا ھونءَ ته عملي، ادبي ۽ ديني لحاظ کان عالمي توڙي مُلڪي ۽ صوبائي سطح جون ڪانفرنسون، سيمينار ۽ مذاڪرا ٿيا آھن، جن ۾ ديني اسڪالرن سميت جديد ادب جا عالم، اديب، ڏاھا ۽ ڏات ڌڻي سگھڙ شريڪ ٿيندا رھيا آھن. انھن مجموعي پروگرامن جي سٽاءَ کان پوءِ تازو تنظيم جي مرڪزي دفتر اسلامڪ سينٽر مينار روڊ سکر ۾ ڀلاري مھيني ربيع الاول شريف جي مبارڪ ڏھاڙن ۾ پاڻ ڪريمﷺ جن جي شخصيت سان منسوب “قومي سيرت النبيﷺ ڪانفرنس” جي موقعي تي ھڪ شاندار”سگھڙ ڪانفرنس” پڻ ڪو ٺائي وئي جنھن ۾ سنڌ توڙي بلوچستان کان ڪھي آيل ڏاھن ڏات ڌڻين “لوڪ ادب” جي اھم خوبصورت صنف”سينگار شاعري” پيش ڪئي.
    سگھڙائپ جي رنگ ۾ پاڻ سڳورنﷺجي ھستيءَ جي “وضحى” واري چھري ۽ “وَالليل” جي زلفن جو ذڪر ھڪ انوکي ۽ نرالي شاعري آھي، جنھن انداز سان ڏات ڌڻي سگھڙن پاران لفظن جو خوبصورت ورجاءُ ۽ ڀيٽا جو نمونو آھي، ان قسم جي شاعري دنيا جي ڪنھن به خطي ۾ ناھي.

    ڏٺو وڃي ته وقت جي وھڪري نج سنڌي ٻوليءَ جي چيرڦاڙ شروع ڪري ڇڏي آھي، جنھن سبب اسان کان اسانجي برجستي ٻوليءَ جا اصلي لفظ منسوخ ۽ متروڪ ٿيندا پيا وڃن، جنھن کي ڏسي ھانءُ ڇڄي رھيو آھي.
    اھو به ڪو وقت ھو جو اسانجا ڪُڙمي ڪاسبي نار ۽ ھُرلا ھلائي ڏاندن جا ھر ڪاھي، پوک پوکيندا ھئا ۽ نسري نروار ٿيڻ تي کانڀاڻيءَ جا پيھي مٿان ويھي ٺڪاوَ ڪڍي جھار ھڪليندا ھئا پر جڏھن کان مشيني دؤر اچي سھڙيو آھي تڏھن کان اباڻي ڪرت ۾ ڪتب ايندڙ ھزارين نج لفظ وڇوڙي جي ورلاپ ۾ اچي موڪلائيندا پيا وڃن، جنھن سبب اسان جي عوامي ٻولي غير مُرج گفتن جي ور چڙھي رھي آھي ۽ قديم ڪارائتا تُز اکر جملن مان نڪرندا پيا وڃن.
    پر ڏيھي ٻولين جي والار سبب اسانجي اُسرندڙ عُروج مند ٻوليءَ کي نپوڙي، گھوگھاٽيو پيو وڃي پر اسيمبلين ۾ پھتل اسان جا ميمبر صاحبان سڻڀي گرھ جي لالچ سبب ٻڙڪ به ٻاھر نٿا ڪڍن، اسان وٽان قديم رسم ۽ رواج وارا پراڻا سئوڻ ساٺ به ڳجھارت جو روپ ڌاريندا پيا وڃن، اسيمبلي ميمبرن سميت، اڄ جي استادن توڙي جديد ادب جي جاکوڙيندڙ اديبن جي نوجوان اولاد سامھون جڏھن پراڻي تھذيب يا ثقافت جي ڪا ڳالھ ڇڙي ٿي ته اھو ان جي اصلي حقيقت کان واقف نه ھجڻ ڪري ان جي ذري ذري بابت پڇاڻو ڪري ٿو. جيئن ڪنھن بنا سُر جي ڏنل ڳجھارت کي ڳولڻ لاءِ سيبتا سگھڙ ان ڳجھارت جا بند ۽ پاوا ڳوليندا آھن تيئن ھي نوجوان به فلحال ان ڪشمڪش ۾ گم ٿي ٿو وڃي. نئين نسل جا نوجوان ويچارا ته انھن اسڪولن ۽ ڪاليجن اندر پڙھيا ۽ ڪڙھيا آھن جن ۾ ته سنڌي ٻوليءَ جو اير نه ڀير، نالي ڪاڻ ٻه ٽي انڌا منڊا، اجايا سجايا ڪتابڙا پڙھي آئي بلا سمجھي ڪم ٽپايو، اصل ٻولي سکڻ جا اھي طريقا، لفظ معنائون، اُچار ۽ اڻانگا اکر ته سمجھيائي ڪو نه، پوءِ مادري ٻولي ڇڏي ٻي ٻوليءَ جا پڙھندڙ ته اھو به نه سمجھندا ته “رَٻ” ۽ “چٻ” ۾ ڪھڙو فرق آھي.
    ان ڳالھ کي کولڻ ضروري ٿو سمجھان ته اسان وٽ ڳجھارت جو روپ ڌاري ويل سنڌ جي ثقافت توڙي تھذيب سان لاڳاپيل سنڌ جو لباس، اوڏڪيون اوساريون، ڇپرا، لانڍيون، مَنَھَ، مَڏَ، جھوپڙا، پيھا، ڪنواٺي، ساندارا، نار، ھُرلو، ٽِڀو، کارو، مارنگ، گُنديون، ليڙو، وڃڻو، گُگھيون، مَٽَ، ماٽوڙا، دلا، گھڙا، دليون، گَڏون، ڪرمنڊل، چئونري، وٽا، وٽيون، ڪٽورا، ڪٽوريون، تاسريون، ٿالھ، ٿالھيون، ڍاڪون، پاٽ، پاٽڙو، تس، جَمني، جَمن، ٽڦڻي، ڏوئي، چمٽو، پُرڻ، ڪڙاھي، روھي، مُبري، پائُڪي، اُکري، مُھري، ويلڻ، ڇڄ، دَٻڪي، پنڊي، چوٿائي، پاٽي، ٽويو، ڪاسو، ساھمي، کٽون، کٽولا، پيڙھا، صندليون، بُجڪي، داٻڙو، ڏونڱري، صندوق، رليون، رلڪا، پٿرڻيون، کٿيون، ٽٻڻيون، ڊڳڙي، ڦُلڪا، تنجڻ، مُھن رکي، مانڌاڻي، منڌيڻو، چاڏي، دَکي، چلم، حُقو، چٺ، ٺھڪڻ، ڳٽار، ٻُچڪار، ونگار، بيگر، گھاڻا، چيچڙا، دانگي، ٿوٻي، ڪَنڍي، ٻُنڀو، سميت ھزارين لفظ آھن جن ۾ ٻوليءَ جي حُسنا ڪي سمايل آھي تن تي به لَٽ چڙھندي پئي وڃي ۽ اھي خوبصورت لفظ به موڪلائيندا پيا وڃن.
    جديد علمي دنيا جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ڪجھ ترقي پسند اديبن، پاران سگھڙن کي دھقاني ۽ اڻ ڄاڻ سڏي لوڪ ادب تي ڳنوارن، ٻڪرارن ۽ ريڍارن جي ادب جي تُھمت مڙھي، مورڳو “لوڪ ادب” کي ئي ادب تسليم نه ڪرڻ جا ھَر با ھلائي رھيا آھن. پنھنجي مُنھن ڀُڻڪا ڪرڻ وارن کي سگھڙن جي لکيل “سينگار بيت” جي معنى به سمجھ ۾ ڪا نه ايندي آھي، حالانڪ سگھڙائپ جا گفتا ڪي سؤلا ناھن، لوڪ ادب جي ھڪ ھڪ صنف لاءِ سگھڙن پاران خون پسينو ھڪ ڪري ادبي زمين کي رت مان ريج ڏيڻو پوي ٿو ته جيئن اسانجو قومي ادب سدائين سکيو ۽ ستابو رھي.
    دين کان دوري رکندڙ ان سوچ ۽ فڪر جي حامين پاڻ سدائين پرڏيھ کان آيل غزل ۽ قطعه جي قيد ۾ رھي ڪري نثر کي به آزاد نظم سڏيو آھي، کين اھا خبر به ناھي ته شعرٿيندو ئي سالم آھي جنھن ۾ قافيه ۽ رديف جي پابندي لازمي آھي، ساڳئي وقت ڪجھ جديد ادب جي ماھر سڏائيندڙن، سگھڙن کي ان ڪري به شاعر تسليم ناھي ڪيو ته انھن وٽ بحر ۽ وزن ناھي، پر مان انھن کي ٻڌائڻ گھران ٿو ته ڀٽ ڌڻيءَ جي بيتن ۾ اوھان جو ٻڌايل فاعل مفعول وارو قانون ته ڪونھي! پوءِ ان کي به شاعرن جي صف مان خارج ڪريو. ڇو ته اھو آھي ئي پنھنجي رنگ جو شاعر، سندس تعلق نسبي طرح سان الله جي آخري رسول ڪريمﷺ جي ذات سان آھي.
    مان ائينءَ چوندس ته سچل ھجي يا سامي، دلپت ھجي يا روحل، ڇاجاپد، ڇاجون ماترائون، جذبي کي ڪير روڪي؟ اندر جو آواز نڪرندو ۽ وڌندو ويو جيڪڏھن پاڻ کي بحر وزن جي قيد ۾ قابو ڪن ھا ته ايترو اثر شايد نه ھجي ھا.
    لوڪ ادب جي لاتين سان واڳيل ڏات ڌڻي سگھڙن جي لاکيڻي ۽ من مُھڻي ٻوليءَ ۾ سليس ۽ سادا، مٺا ۽ ملوڪ گُفتا ھوندا آھن، ھنن جا نماڻا سُخن به عقلمديءَ سان ڀريل ٿين ٿا. سپورنج سگھڙن جي فني اُڏام به اعلى درجي جي آھي،ڳجھارت جي ڳھيرن آڏو ڳجھارت جھل ئي ڪانه ڏئي، آئي ۽ وئي. ڏور کي ڏورڻ ڇا جو؟ آيو ۽ ويو، ڪامل ذھن ۽ يگانه خيال جي ماھرن وٽ پھاڪا به تمام پُختا ھوندا آھن. جن کي ٻوليءَ جو مغز چيو وڃي ٿو، جي کڻي سوچجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو علم حقيقت ۾ آھي ئي انھن وٽ، جن پنھنجن سينن ۾ ٻوليءَ کي تڏھن کان سانڍيو آھي جڏھن کان اڃان تائين سنڌي ٻولي ڪاغذ ۽ قلم جي وچ تي ھئي، ٻوليءَ جي صورتخطي به نه ھئي تڏھن به ھي سگھڙ ھئا جن جا نقل نظير بادشاھن جي درٻارن ۾ تمام وڏي خوش اصلوبيءَ سان پيش ڪبا ھئا جن ۾ فھم ۽ فضيلت جي جوت جَر ڪندي ھئي. پوءِ اھڙن مھمير مردن جي سينگارن سان سجايل ھي شاھڪار ڪتاب ڪنھن محققانه معيار کان گھٽ ناھي.
    ڏٺو وڃي ته ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب اسڪيم ۾ چاليھ جلد، زيب ڪتاب گھر، سنڌي ساھت گھر، مھراڻ اڪيڊمي، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، اڪادمي ادبيات يا سنڌالاجي جھڙا ادارا نالي ماتر ٻه چار ڪتاب شايع ڪرائي، نقلن ۽ ترجمن، انتخاب ۽ اقتباس جي محدود ڪتابن کي لوڪ ادب جي جامع تاريخ سمجھي بي نياز ٿي ويھي رھيا ته اسان وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آھن.
    ڄاڻايل ادارن سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي سمجھڻ کپي ته لوڪ ادب مرتب ڪرڻ جي اھا بنيادي ڪڙي ھئي. اصل ترقي ته ھاڻ ٿي آھي جو سگھڙن بابت اڻ پڙھيل واري ڇاپ ھٽي چڪي آھي ۽ لکيا پڙھيا عالم توڙي استاد سگھڙ ھن ڪڙيءَ ۾ داخل ٿيا آھن. جيڪي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ منظم تنظيمون ٺاھي ميدان تي لٿل آھن ۽ اوطاقن جي صحنن کان شروع ڪيل جدوجھد کي ادبي ادارن توڙي علمي مرڪزن جي ايوانن تائين پھچايو آھي، ڪميونيڪيشن جي جديد سھولت جو فائدو وٺندي سال، مھيني يا ھفتن جي ڪچھرين کي ڪال ڪانفرنس ذريعي ھر روز نئون رنگ رچائي ٻوليءَ ۾ جديد دؤر جا رنگ ڀرين ٿا، ھڪ خبر لاءِ صحافين پٺيان ڊوڙون پائيندڙن اڄ پاڻ صحافتي ايوانن ۾ جاءِ والاري آھي ۽ پنھنجي جاڳرتا جون پاڻ اخبارون شايع پيا ڪن. نه رڳو ايترو پر سرڪاري ادارن توڙي وس وارن ڏي نماڻيون نگاھون کڻي نھارڻ بدران پنھنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت ڪتاب پڻ ڇپرائي رھيا آھن.
    حڪومت سنڌ يا ثقافت کاتو ڪنھن موقعي تي سنڌ فيسٽيول يا سگھڙ ڪانفرنس منعقد ڪرائيندو آھي پر ھي ڏات ڌڻي ته ھاڻي “لوڪ ادب ميلا” “صوفي سگھڙ ڪانفرنسون” “روحاني سگهڙ ڪانفرنسون” صوبائي سطح جا “بين الصوبائي سگھڙ ڪنوينشن” توڙي گذاري ويل استاد سگھڙن جون ورسيون پڻ پنھنجي پيرن تي بيھي ملھائي رھيا آھن. جن پروگرامن ۾ ڪنھن اعلى ڪاموري يا وزير، مشير جي صلاحڪار جي شرڪت نه ھجڻ سبب وقتي ڪوريج يا پذيرائي نه به ملي پر تاريخي حيثيت ضرور ھوندي آھي جنھن کي ٻوليءَ جا قدردان وقت اچڻ تي سونھري اکرن ۾ ضرور لکندا.
    سنڌ سرڪار جي اڻ ميي خزاني، ثقافت کاتي جي بي پايان بجيٽ ۽ لوڪ ادب جي جاکوڙ لاءِ قائم ڪيل گورنمينٽ جي گرانٽ تي ھلندڙ ادارن جي ذميواري باوجود “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” پاران ھن ڪتاب جي اشاعت پنھنجي ڪارڪردگيءَ ۾ ھڪ بھترين باب قائم ڪرڻ سان گڏ ھي سواليا نشان به ڇڏيو آھي ته سنڌي ٻوليءَ جي محافظ ۽ لوڪ ادب جي وارث ڏات ڌڻي سگھڙن جي وارثي ۽ فني اشاعت جو ذميوار آخر ڪير آھي؟....
    “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” اسلامي ادب جي آبياري ۾ ھي نبي ڪريمﷺ جن جي تعريف سان ڀرپور”سينگارشاعري” جو لافاني ڪتاب ڇپرائي کوڙ سارن ڏاھن ڏات ڌڻين ۽ سائينءَ جي ثناگرن جون دلي دعائون ماڻيون آھن، جن ۾ خاص ڪري ھن ڪتاب ڇپجڻ جو ذريعو بنجندڙ “سگھڙ ڪانفرنس” جي انچارج استاد نواب علي مھر ۽ سندس ساڄي ٻانھن وارو ڪردار نڀائيندڙ ڀلوڙ سگھڙ ۽ “سلات” جو سچو ساٿي استاد گل حسن “گل” ملڪ به کيرون لھڻن جو ھن محنت جو سھرو سندن ئي سرن تي سجايل رھندو.
    آخر ۾ مان “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” جي صدر جناب پروفيسر محمد علي راڄپر، جنرل سيڪريٽري خواجا جليل احمد، پروفيسر لياقت علي ڀٽو، پروفيسر اصغر مجاھد مھر، ڊاڪٽر صفي الله “غزالي” ڀٽو، سميت سموري سٿ کي مبارڪ ڏيان ٿو جن ھن ڪاوش ۾ اڳڀرائي ڪري تاريخي رڪارڊ قائم ڪيو آھي. اميد ته ڏات ڌڻين جي آئينده به عزت افزائي ڪندا رھندا.


    تاريخ: 23 مارچ 2014ع
    (سلات جي سالگرهه واري ڏهاڙي) “عاجز” رحمت الله لاشاري
    باني/ مرڪزي صدر
    سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب تنظيم (سلات)
    (سنڌ بلوچستان)


    مقدمو

    سنڌي سينگار شاعريءَ جي مقدمي ۾ لفظن جي مالھا ٺاھڻ ۾ پھريون ڀيرو اکرن جي اُکيڙ دوران عاجزانا عقل کي استعمال ڪندي ھندُستان جي ھڪ مايه ناز محقق ۽ اعلى پايئه اديب ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي جي “سنڌي لوڪ رنگ” ۾ لکيل سٽن سان ان ڳالھ کي کوليان ٿو ته، ڪو وقت ھو جو سنڌي پڙھندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لفظ “لوڪ” کان ڄڻڪ اڻ واقف ھئا. ۽ اھو پورو پتو به ڪو نه ھو ته ھي لاڏا، لوليون، اوراڻا، ڪافيون، مولود، مداحون، ڏور، ڳجھارتون، ھنر، پھاڪا، پروليون، گروچيلا، سھرا، پنجڪا ۽ سينگار توڙي نڙ بيت ۽ بادشاھن جون ڪھاڻيون به ڪي لوڪ ادب آھن.
    اڄ کان پنجاھ يا سٺ سال جي وٿيءَ کي سنڀاليندي تجربو ٿيو ته “لوڪ” جو لفظ سنڌي پڙھندڙن کي سامھون آيو ۽ آھسته آھسته مرحليوار ڪتابن جي زينت بڻبو ويو ۽ خاص طور اھو سڀ ڪجھ ورھاڱي کان پوءِ ئي ٿيو آھي.
    ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ھر ادب شناس پنھنجي ٻوليءَ جي عوامي يا قومي ادب لاءِ جاکوڙيو آھي ۽ لوڪ ادب جي سھيڙ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان نالو ڳڻايو آھي پر انھن سڀني ۾ زياده “لوڪ ادب” جي کوج ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪچھريون ڪوٺائي، لوڪ ادب جا جدا جدا روپ سھيڙڻ سان گڏ ان جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ جي حوالي سان جن عالمن باقائده شروعات ڪئي تن ۾ مُحسنِ سنڌ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جا نالا سونھري اکرن ۾ درج ٿيل آھن. جن جاکوڙين ڏونگر ڏوري، رڻ پٽ روڙي، ڪَمرڪَڇي سنڌ جو چپو چپو گُھمي، سنڌي لوڪ ادب جا املھ ماڻڪ گڏ ڪيا آھن ۽ انھن جو چونڊ حصو ڇپائي ظاھر به ڪيو آھي، جنھن وسيع پيماني تي تحقيقي ڪم ڪري پاڻ ملھائڻ ۾ ھنن ھزار ڀيرا کيرون لھڻيون.
    اصل مقصد تي اچڻ کان پھرين ھڪ نظر سنڌ جي لوڪ رنگ کي ٻھڪائيندڙ ۽ بچائيندڙ ذريعي اوطاق ۾ ٿيندڙ “ڪچھريءَ” تي وجھنداسين ۽ سنڌ جي سماجڪ پسمنظر کي ڳولينداسين ته تاريخ جي ان سونھري باب جي سونھن توڙي سوڀيا کي ساريندي نيڻ اشڪبار ٿي رھيا آھن.
    اڃان جڏھن سنڌ اندر ڪڙمڪي ڪم لاءِ مشينون ايجاد نه ٿيون ھيون ۽ نه ئي وري سئنيما ڪلچر جو عروج يا ڪئبل توڙي ڊش اينٽينا پھتي ھئي، بس خلائي رفتار ذريعي ريڊيو ئي ملڪي صورتحال جي واءُ سواءُ جو ذريعو ھو، تڏھن اڃاتائين انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جو آزار نه ھو ته ان وقت ڳوٺن ۾ رھندڙ عالم لوڪن لاءِ “ڪچھري” وندر ۽ ڄاڻ جو مکيه وسيلو ھو. سنجھو پلاڻي ھرڪو ڪڙمي، ڪاسبي، ڪم ڪار کان واندو ٿي، رات جي مانيءَ جو اونو لاھي اچي ڪنھن اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا ھئا، جنھن ۾ ھڪڙا ھوندا ھئا ٻڌائڻ جا ملوڪ ته ٻيا وري سُڻڻ جا سالڪ، وچ ۾ رکيل چلم يا حُقو به ڇڪيندا ۽ ڪچھريءَ ۾ پنھنجي پنھنجي نموني جي سوکڙي به ٻڌائيندا جيئن جيئن ڪچھري پئي مچندي ھئي تيئن تيئن پيا باغ بھار ٿيندا ھئا، من ۽ تن کي ملوڪ گفتن ۽ سھڻن سُخنن توڙي سچن ٻولن سان پيا تازو ۽ توانو ڪندا ھئا ۽ ايترا ته محو ٿي ويندا ھئا جو سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ جو احساس به کين نه ھوندو ھو، ان ڪچھريءَ ۾ ٻئي ادبي ماحول سان گڏ کل ڀوڳ ۽ راڳ رنگ به ٿيندو ھو، ان ڪچھريءَ ۾ وڏا چاھي ننڍا، ٻار چاھي ٻڍا، عالم توڙي اڻ پڙھيل بلڪل سڀئي ھڪ ئي سليقي سان با ادب رھندا ھئا، ڪچھريءَ ۾ پنھنجائپ ۽ ڀائپيءَ وارو ماحول ھوندو ھو، غير دستوري طور ڪجھ به ٻڌائي سگھبو ھو، ڪچھريءَ ۾ ھنر، فن جي اظھار جي عام اجازت ھوندي ھئي، ڪچھريءَ جي فضا ۽ ماحول ايترو ته وڻندڙ ھوندو ھو جو گھڻن ڏينھن تائين ان جي ياد تازي ھوندي ھئي شريڪ سُريلا ۽ سيبتا سگھڙ پنھنجن لوڪ ادب جي لاتين ذريعي پنھنجو لوڪ ثقافتي ورثو قائم ۽ دائم رکندا پئي آيا.
    اھا به ھڪ حقيقت آھي ته جيڪو علم ۽ ادب، ڳوٺاڻن، ھارين، نارين، پورھيتن جي سيني ۾ سانڍيل ۽ سمايل آھي، اھو اسانکي ڪنھن به شھريءَ ۾ اصل ڪو نه ٿو ملي.
    ٻھراڙين ۾ رھي ڪري لوڪ ادب جا بي مثال ۽ بيشمار خزانا سينن ۾ سانڍيندڙن جي سڃاڻپ سگھڙ طور ٿيندي آھي، معنى، سٺو، سھڻو يا سليقي مند جنھن جي ڏات ۽ ڏاھپ جا گوھر نرالا ۽ نوان ھجن، جنھن جي اکرن جو اچار نج ۽ لفظن جو گھاڙيٽو وزندار توڙي خوش اصلوبيءَ وارو ھجي نون نقطن جي پلٽار جي باني کي سگھڙ سڏبو آھي.
    سگھڙ لفظ کي مختلف معنائن ۾ بيان ڪيو ويو آھي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي موجب سگھڙ سنسڪرت جي شوگھٽ مان ورتل آھي. شو+ گھٽ گھڙيندڙ- سيبتو. ٻئي معنى آھي، سؤگھڙ، معنى سوين قسمن جي گھڙت ڪرڻ وارو، سگھڙائپ جي فن کي پرکڻ مان پتو پوي ٿو ته واقعي به ان وٽ سوين گھڙون (جوڙون+تخليقون) آھن. لوڪ ادب جي رنگ ۾ سگھڙن سنڌي ٻولي کان سواءِ ڪيترين ٻولين ۾ شاعري ڪرڻ، ڳجھارتن جي ڪيترن ئي قسمن ۾ پروليون يا ٽه ڳڻا، (گروچيلو) چوڻ، ھُنر جا لاتعداد گھاڙيٽا بڻائڻ، بيت بنا نقطي، ھڪ لفظ تي واسع الشفتين (چپُ چَپَ سان نه ملي) وغيره جھڙا کوڙ سارا عنوان لوڪ ادب شاعري ۾ لکن ٿا جيڪي، “سؤگھڙ” جو دليل آھن.
    عوامي راءِ موجب سُگھڙ کي “سو ئي گھڙ” ڪرڻ وارو به چيو ويو آھي، سوئي = چونڊي، گھڙ = ٺاھڻ، جنھن جي معنى چونڊي ٺاھيندڙ ٿئي ٿو، ته سگھڙن جون ڳجھارتون ھجن يا ڏور جا بيت ان ۾ ڳجھارتن جا بند يا پاوا، توڙي ڏور بيتن ۾ ڳُجھن، لڪيل لفظن جا انبار به ڏات ڌڻين پاران ھڪ ھڪ لفظ ڪري چونڊيا ويندا آھن، ساڳيءَ ريت سينگار شاعريءَ تي “ڏھس” وارن بيتن ۾ پڻ سوئڻ کان ڪم ورتو ويندو آھي.
    سگھڙن لوڪن ۾ نئين جوت جاڳائي انھن جي زندگيءَ ۾ ڪار وھنوار جي سفر کي ڪنھن حد تائين سئولو ڪري ڇڏيو آھي. سگھڙن سنڌ جو اھم، اڻ ميو خزانو محفوظ ڪري پاڻ وٽ رکيو آھي. ان قيمتي خزاني کي ھنن نه صرف سانڍيو، سنڀاليو آھي پر وڌايو به پڻ آھي ۽ ھميشہ ان ۾ نت نوان خيال جوڙيندا رھيا آھن، ائين کڻي چئجي ته سگھڙ شاعريءَ جي ابتدائي يا پھرين منزل آھي. لوڪ ادب جي باغ جي آبياري ڪندڙ، باغبان سگھڙ آھن. ھن نوڙت ۽ نياز، سڪ ۽ محبت، فن ۽ فڪر جا ڌڻي آھن جيڪي ٻوليءَ جي ھنرمنديءَ جا ماھر سڏيا وڃن ٿا ۽ اھي لفظ اچارڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ناھي ته جيستائين اسانجا سگھڙ حيات آھن، تيستائين سنڌي لوڪ ادب کي ڪو به لوڏو لھر نه آھي.
    افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته “سلات” جي ڏھن سالن جي جدوجھد دوران ڪيل مشاھدن موجب مون ڏٺو ۽ ٻڌو ته پاڻ کي اعلى اڪابر سمجھندڙ ڪجھ نام نھاد اديبن، سگھڙن بابت رايا ڏنا ته سگھڙ شاعر ناھي ۽ سندس ڏات کي ادب نٿو چئي سگھجي. ان ڪشمڪش ۾ منھنجي کوج جاري ھوندي ھئي ته آخر ان جو مستند جواب نظر آيو.
    سگھڙائپ کي شاعريءَ کان جدا فن سڏيندڙن بابت سنڌ جو نامور محقق عبدالوحيد جتوئي پنھنجي 1998ع دوران تصنيف ڪيل ڪتاب، “سنڌي شاعري فن کان فڪر تائين”، جي صفحي نمبر 188 تي لکي ٿو ته:
    اسان وٽ ھڪ معاملو تمام گھڻي وقت کان بحث ھيٺ رھيو آھي ته “سگھڙائپ شاعري ناھي” ۽ “سگھڙائپ شاعري آھي” ڪنھن دوست چيو ته سگھڙ پائي فن آھي، جڏھن ته شاعري ڏات آھي. پر آئون ان دوست کي ٻڌائيندوھلان ته ڏات جي ڀيٽ ۾ ڏانءُ يا فن ڏکيو ھوندو آھي. ڏات ڌڻي تي”آمد” ٿيندي آ. جڏھن ته ڏانو ۾ “آوردن” ڪم ايندي آ. يعني ھڪڙي ماڻھوءَ کي ڪا ٺھيل ٺڪيل شيءِ ٿي ملي، ۽ ٻيو وري ساڳي شيءِ پاڻ ٿو پيدا ڪري. اسان اھو چڱي طرح سمجھون ٿا ته ڏات ڌڻيءَ جي نسبت ۾ ڏانءُ ڌڻي (فنڪار) جو ڪم، ڪجھ گھٽ درجي جو ھوندو آھي پر ان جو اھو مقصد ته ناھي، ته فنڪار جو ڪم ان زمري ۾ شامل نٿو ڪري سگھي. ھرگز نه! ڇو جو سگھڙ پائي جيڪڏھن نظم (شاعري) ناھي ته مشڪل سان نثر به ته ناھي نه!جيئن ته اسان ھاڻي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته سگھڙپائي ۾ منظوم خصوصيتون تمام گھڻيون ھونديون آھن، جن ۾ قافياگيري يا تُڪ بندي، رواني، لفظن جي نزاڪت انھن جي منظمي، شاعرانه سٽاءُ ۽ بيھڪ وغيره ۽ ھا رھي ڳالھ لفظي يا نظمي غنائيءَ جي جيڪڏھن سگھڙائپ، غنائيه ڳائجندڙ شاعري جي رنگين خوبين کان وانجھيل آھي ته اها بياني شاعري جي ھر خوبي سان وري سر شار ضرور آھي. ڇو جو اسان پنھنجي سگھڙ کي ڪڏھن ڪربلائي واقعي جو منظر چٽيندي ڏسندا آھيون، ته ڪڏھن پنھنجي محبوب جي واکاڻ ڪندي ڳوليندا آھيون، ڪڏھن ھوش محمد شيدي سان جنگ ۾ ھمراھ ڏسندا آھيون ته ڪڏھن وري کيس سسئي سان گڏ ڪوھياري ڳائيندي ٻڌندا آھيون. چوڻ جو مقصد اھو ته سگھڙپائي به بياني شاعري جي دائري ۾ اچي وڃي ٿي. ۽ دوستن کي اھو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته سگھڙ بياني شاعري جو روان درياھ ھوندو آھي. جيڪو ھڪ ئي وقت ڪئي قصا، عشقيه داستان ۽ الميه آھون بيان ۾ اُڻي ٿو سگھي. اھو ئي سبب آھي، جو اسانجي روايتي ڪچھرين ۾ جيڪو لطف ۽ رونق سگھڙ پيدا ڪندو آھي، اتي اسان جو شاعر خاموشيءَ کان ڪم وٺندو آھي. جنھن جي ڪري ئي سگھڙ کي ڪچھريءَ جو ڪوڏيو ۽ محفل جو مور چيو ويندو آھي. ھونءَ به ھڪ ئي وقت سوين منظوم واقعا ياد پڙھڻ انھيءَ ڳالھ جي چٽي نشاندھي ڪن ٿا ته سگھڙ شاعر به آھي ۽ سندس ڪم وري شاعرانه گڻن سان ڀرپور آھي. جيڪو ٻڌندڙ کي محظوظ ڪري ٿو ۽ مٿس اثر انگيز ٿئي ٿو. اسان وري جيڪڏھن ادب جي حوالي سان ڳالھ ڪريون ته سگھڙ اتي به مناسب لڳندو ۽ پنھنجي ڪم جي حوالي سان سورھن آنا ٺھڪندو. ڇاڪاڻ ته ادب به ٻن نمونن جو ٿيندو آھي. پوءِ اھو دنيا جي ڪھڙي به ٻولي ۽ قوم جو ادب ھجي پر ان جا ٻه نمونا ٿيندا آھن.
    1) پڙھيل لکيل طبقي سان منسلڪ ادب، جنھن کي معياري ادب ٿا چئون.
    2) گھٽ پڙھيل يا وري صفا اڻ پڙھيل طبقي سان وابسته، جنھن کي لوڪ ادب يا ماڻھن جو ادب چئبو آھي.
    ڪھڙا ماڻھو؟ جيڪي ڪنھن به زبان جي آدم شماري جو گھڻو حصو والاريندا ھجن. ڏسڻو اھو آھي ته ڪنھن به ملڪ جي آدمشماري جو گھڻو حصو ڪٿي ھوندو آھي؟ ظاھر آھي ان جي ٻھراڙين ۾، ۽ ٻھراڙين ۾ وري اڻ پڙھيلن جو انگ ڪجھ سرس ھوندو آھي. جنھن ڪري اتان جو ماڻھو/ رھاڪو خاص نه، پر عام ماڻھوئي چوڻ ۾ ايندو آھي. اھڙي طرح جڏھن ڪنھن به ملڪ جي ڪا به صنف، پوءِ ڀلي ادبي ھجي، سياسي ھجي، معاشي ھجي يا معاشرتي ھجي، جنھن کي ساڳي ملڪ جي ٻھراڙين ۾ بيحد پسند ڪيو وڃي ته اھا صنف عوامي صنف طور ڄاتي ويندي آھي. پوءِ ضروري ناھي ته اھا صنف، (شاعر، اديب، فنڪار ۽ سرمائيدار وغيره) پيدائشي يا رھائشي طور ٻھراڙيءَ سان ئي واسطو رکندڙ ھجي اھا ڪٿان جي به ٿي سگھي ٿي.ساڳي ڳالھ اسان جي سگھڙ جي به ٿي وئي، جنھن جو واسطو ٻھراڙيءَ سان ھوندو آھي. ۽ ھوندو به صفا اڻ پڙھيل يا گھٽ تعليم وارو آھي. پر ھن ۾ لوڪ ادب جون لاتعداد ۽ لامحدود خوبيون موجود ھونديون آھن. جنھن جي ڪري کيس لوڪ ادب جي پاسبان ۽ لوڪ ادب جي مصنف طور ڄاتو ويندو آھي، يا ٻين لفظن ۾ کيس (لوڪ ادب جو) اڻ ڇپيل ۽ ڳالھائيندڙ ڪتاب چيو ويندو آھي. مطلب ته جھڙي طرح معياري ادب ۾ شاعر جو مقام ھوندو آھي. اھڙي طرح لوڪ ادب ۾ سگھڙ جو به مقام آھي.
    نوجوان اديب عبدالوحيد جتوئي صاحب جي تفصيلي ۽ تحقيقي معلومات ڏيڻ کان پوءِ ھڪ نظر لوڪ ادب جي فن تي به وجھون ٿا ته ان جي شاعري جو ڏانءُ ۽ ڏاھپ جو گھاڙيٽو ڪيئن ۽ ڪھڙي طرح آھي.
    لوڪ ادب کي سمجھڻ لاءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري ڀرسان عبدالصمد چنه جي ڳوٺ جي رھواسي نوجوان ۽ تعليم يافتا سگھڙ راحب علي چني جو لکيل نج لوڪ ادب تي ٻڌل “ڏاندن جا قسم، انھن جا سجاوٽي سينگار” ۽ ڏاند گاڏيءَ سميت ڍڳن ذريعي استعمال ٿيندڙ ڪڇري، (سانھر) وغيره جو ھي بيت ڏجي ٿو جنھن مان ٻوليءَ جي حُسناڪي ۽ لوڪ ادب شاعري جو نجپڻو ظاھر ٿئي ٿو.

    “ڏاندن جا قسم، انھن جا سجاوٽي سينگار”
    جوڙي جوڙ جھان جي، آصاحب رب سڪندر
    رمز وارا ھن راڻي جوڙيا، مالڪ سڀ منظر
    انسانن مٿان آگي وڏا، رنگ لاتا رھبر
    دوستو ڪيان ٿو دل سان، ھي گفتو ٻڌو گوھر
    ته ڏاندن جون جنسون ڏاھپ سان، ڪيان ذوقئون ٿو ظاھر
    جھرا، ڪارا، بگا، ڀولا، عام ڌارين اڪابر
    نھرا، ناسي، ڳاڙھا، ڀوما، اعلى سي انٽر
    ڪڪڙا، ڪٽا، ساوا، تيلا ٻيو ڀورا وڻن بھتر
    سنڱر، چونئرا، واچين وٺائين ڪنڊا ساھ ثمر
    ٻولائن کي ٻھڪن ڏسي، ڌاريندڙ دلبر
    تاسرا، تجلا، ڪجلا ڪافي، وڌ جذبا تن جوھر
    ڏاندن کي ڏني ڏاڍي آھي، طاقت ھي تونگر
    ڀٽارا ڪم ٿا بي حد اچن، ڀائو سي ڀلر
    گاڏيءَ جڏھن گوبر، جُٽن، ڪرڙا کڻن ڪر
    ڏاند گاڏي برابر تن جي، ٺاھي قميتي ڪاريگر
    ڳن وڌائينس کرڙي، سرڙي، جھريون جان جگر
    ڪڇريون، تاڙيون، قميتي تنھن ۾، وڌس ارا اڪابر
    ٻيو طاق تنھن ۾ طاقت وارا، اٿس زور زبر
    ٿنڀريون، ڪڪريون، ڪرھو ڪيڏو، وڌو اٿس وينجھر
    جھاليون، سرائي، لار لاکيڻي، ھنيانءُ ٺار ھر ھر
    وھاڻي، منجو، پيرا پياري، وڌس مان ڀرئي ماسٽر
    ٿانڀو، ونگ ۽ ڪليون، ڪوڪا وڌ ڪوڏن منجھ ڪثر
    ڪلا، پَٽُ ۽ چِٽَ سھڻا سر رکيس لال لھر
    ڊکڻ منھنجي روح جا راڻا، جن ھيرا ٺاھيا ھر
    ڪڇريون ٺاھيئون قيمت ور ۽ سون جھڙا سانھر
    پاڃاري واھ پرينءَ ٺاھي پر وڌ ڏورڻن کي ڏر
    ھاڻي ٻڌو ھي خبر اي قربائتئو ڪونڌر
    ته شوقين ٺاھن شوق مان، ٿا عجب ناڙو انور
    ڳھ ڏاندن کي ڳانيون سَريون، اتم ٺھن اڪثر
    نٿ، رسو ۽ پنجوڙيون پياريون، زور ڀلا زيور
    جُھلون ڏاندن کي جام ٺھن، ٻيو جيءُ ٺاري جھالر
    گوبرن جو گويون رکن، سالڪ سمجھ ور
    پري پري کان پيارا اچن، ميڙي جا ماھر
    جوڙو کٽي جڏھن جنھن جو، ٽھڪيو ڪن ٽھڪر
    ڪي جُھمريون ھڻن ٿا جانبڙا، ٻڌي دھلن جا دڌڪر
    ڪي فائر ڪن فقير چئي، مانَ ڀريا معتبر
    “چنا” سب ڪو چين ٿو ڀائين، گنج ڏسي گوبر
    ڇا لکي ۽ ڇا تون لکندين، شوق منجھان شاعر
    راڻي توکي “راحب” ڏني، ڏات اٿئي ڏاتر
    پاڪ ڌڻي پرور، اٿئي اڏيو “عبدالصمد” ۾

    ساڳي طرح مٿئين بيت ۾ جھڙي طرح لوڪ ادب جو نجپڻو نظر اچي ٿو اھڙي طرح وڌيڪ سمجھائڻ خاطر راقم الحروف (عاجزلاشاري) جو لکيل “ڪُڙميءَ جي ڪِرت” سان لاڳاپيل استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جا نج لفظ ھن بيت ذريعي لکجن ٿا.

    ڪُڙميءَ جي ڪِرت
    سدائين ھجن سَرھا، سانگي منھنجا سنگھار
    ھاري سڀئي ھُنرائتا، ويڙھيچا وينجھار
    “اَلۡڪَاسِبۡ حَبِيۡبُ الله” آچيو نبي ننگدار
    ڪي ريج ڪن ڪئنالن جو، ڪي نر وھائن نار
    آڌيءَ، اسر، صبح، سانجھي، ھُرلي تي ھوشيار
    ٻيجاري واري ٻنيءَ ۾، لوٻي ڪن لڄادار
    ھر ھلائن حرفت سان، ٿا چاھ رکي چوڌار
    وڏا ڀتر وٽوھڙ سان، سي ڀورين ٿا ته ڀتار
    سڌي نه ٿئي سموري، ته پوءِ ڪيڻ جي ڪنس ڪار
    ڪوڏر کڻي کوٽائي ڪن، سي ڪلھا ھڻي ڪنڌار
    ٻاھرئين پاسي ٻنا ٻڌن، ھي ڏاھا کڻي ڏاندار
    ڪھاڙي سان ڪپي اچن، ڊنگھرن وارا ڏار
    ٻيانو کڻي ٻاھران ڏين، ڪي لوڙھو وري ڌار
    کھيڙي سان کوٽي ڪڍي، گاھ ڪن گلزار
    ڪنھن ڇاٽو ڪيو ڇر ۾، ڪنھن رونبي جي ڪئي ونگار
    فصل پوءِ فرحت سان، نسري ٿئي نروار
    اونھارو، سيارو، سرءُ، يا ھجي مند بھار
    کڻي کانڀاڻي پيھي مٿان، ھڪلن ويھي جھار
    پوءِ ته ڏاھا ڏاٽي سان، ٿا لڻي ڪن لابار
    ولِ کڻي وريام ڪن، ٻين کان وڏي ٻار
    ڳاھي ڳاھ ڳوٺاڻا، ٿا راھ وڏي ڪن تيار
    تورڻ لاءِ تڪڙو ويھي، ڪانٽي تي ڪمدار
    کڻي ڪڻا ڪُڍيءَ جا، ھاري ٿي ھوشيار
    “عاجز” ادا اھي اٿئي، ڪڙمي جا ڪردار
    صاحب رب ستار، لطف ڪَيُس “لاشاري” چئي

    ان لوڪ ادب جي خالق سگھڙن کي ھن ادب جو پاسبان يا تصنيف ڪندڙ سان گڏ “بياني شاعريءَ جو روان درياھ” سڏيندڙ نوجوان محقق عبدالوحيد جتوئي آخر ان ڳالھ کي به کولي ٿو ته ھي سٻاجھا سگھڙ پنھنجي علاقائي زبان جا ترجمان آھن ۽ سندن پڙھڻي به انھن عام ۽ سادن لفظن ۾ ھوندي آھي ته ھاڻي ان ٻوليءَ، جنھن کي اسان سنڌي ٻولي سڏيون ٿا، ان جي حقيقت کي سمجھڻ لاءِ اديبن جا رايا معلوم ڪريون.
    سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن اُلھاس نگر (ڀارت) پاران شايع ڪيل ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي جي ترتيب ڏنل ڪتاب “سنڌي لوڪ ورثو” جي مھاڳ ۾ ڀارت جو نامور ليکڪ ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ڪتاب جي صفحه نمبر 44 تي لکي ٿو ته:
    سنڌي ٻوليءَ جا اٽڪل ڇھ لھجا ليکيا ٿا وڃن. جيڪا سنڌي ٻولي، اسان سنڌي درسي ڪتابن ۾ پڙھون ٿا يا لکون ٿا، اھا ئي فقط سنڌي ٻولي ناھي پر سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا الڳ الڳ لھجا آھن.
    سنڌي زبان (ٻولي) جي لھجن (محاورن) ۾ سرو، وچولو، لاڙي، ٿري، ڪوھستاني ۽ ڪڇي نمايان آھن.
    وري انھن مان ھر ھڪ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ننڍن لھجن يا محاورن ۾ ورھايل آھي. جاگرافيائي حالتن سبب ائين ٿئي ٿو، ان کان سواءِ مختلف ھنر مندن ۽ ڪمين ڪا سبين جي اچارن ۾ گھڻو فرق ٿئي ٿو. ھر ھنر مند پنھنجي پنھنجي پيشي جي مناسبت سان ڪي انوکا لفظ ڪم آڻي ٿو، اھڙو فرق واڍن، ڪنڀارن، لوھارن ۽ موچين جي ٻولين ۾ نظر ايندو.
    ان جو مطلب ٿيو ته سنڌ ۾ جاگرافيائي حالتن مطابق ڇھ محاورا يا لھجا ته آھن ئي پر انھن محاورن، لھجن ۾ به جدا جدا پاڙن يا برادرين وٽ پنھنجا پنھنجا لفظ آھن. جئين اتر سنڌ ۾ سنڌي زبان جو لھجو ڳالھائڻ ۾ اچي ٿو ان کي سَرو يا سَرولي (سَر معنى مٿو يا مٿاھون حصو) لھجو ٿو سڏيو وڃي ۽ سنڌ جي وچ واري حصي ۾ ڳالھائڻ ۾ ايندڙ لھجو وچولو. ان نموني سنڌ جي ھيٺئين حصي يعني لاڙ ۾ لاڙي، ٿر واري حصي ۾ ٿري، ڪڇ سان لڳندڙ حدن جي رھندڙن ۾ ڪڇي ۽ ڪوھستان جي پاسي وارن حصن ۾ ڪوھستاني لھجا ڳالھايا ٿا وڃن، پر انھن سڀني محاورن يا لھجن کي گڏي سڏجي ٿو “سنڌي ٻولي” يا “سنڌي زبان”.
    ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي جي ٻڌايل معلومات کان پوءِ وري ساڳي ڳالھ کي کڻجي ته “لوڪ ادب” سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي سرجيو وڃي ٿو، جنھن کي ٻي طرح عام شاعري به ڪو ٺجي ٿو.
    سنڌ جي لوڪ ادب جي صنف تي تحقيق ڪندڙ سڄڻن، لوڪ ادب جي صنفن ۾ ڪم آندل ٻوليءَ تي به معلوماتي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي. ھن سلسلي ۾ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي تحقيق ھيٺ آندل ڪتاب “ٻيلاين جا ٻول” ۾ لکي ٿو ته:
    عام شاعري لغت جي اڻ کٽ کاڻ آھي. عام جو شاعر سر زمين سنڌ جي ھر خطي ۾ ماحول جو نيپاڄ آھي. ھُو عام فھم زبان ۽ ان جي اصطلاحن کان علاوه پنھنجي تَرَ ۽ جُوءِ جي خاص لفظن ۽ محاورن جو به ماھر آھي، جن کي ھُو پنھنجي شعر ۾ فطري طور، ان جي اصلي ۽ تحقيق خواھ اصطلاحي معنى ۾ استعمال ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح ھر ماحول ۽ ھر ڀاڱي جي شاعر پنھنجي ٻوليءَ کي شعر جي ماٽيءَ ۾ وِلوڙيو آھي ۽ ڪيترن ئي نون ۽ انوکن لفظن کي مکڻ جي ڦُٽين مثل پنھنجي کَٽي مِٺي جھڻ گڏي پارکن آڏو پيش ڪيو آھي. جيڪڏھن مُلڪ جي ھر ونھيين وِلوڙيندڙ شاعر وٽان، انھيءَ مَھي ۽ جَھڻ جي وِرڇ وٺجي ته ھوند لفظن ۽ لُغت جي گيھ مکڻ جا ڍِڳَ لڳي وڃن، ۽ اسان جي سنڌي زبان سائي، سرھي ۽ سڻڀي ٿي پوي.
    ڊاڪٽر صاحب اڳتي فرمائي ٿو ته:
    عام جا شاعر اصلي ۽ نج سنڌي ٻوليءَ جا ابا آھن. ھنن جي اِرد گِرد روز مره جي گفتگو ۾ لفظن جا وَڍ ٽُڪ ۽ اصطلاحن جي فطري گھڙ ڀڃ لڳي پئي آھي، نوان نوان محاورا ۽ الفاظ برجستہ زبانن مان نڪري، عام ڪچھرين ۾ پچي پُختا ٿي، پيا رواج ۾ اچن. ٻوليءَ جو اصلي لفظن جو قديم ذخيرو به جن ٻھراڙين ۾، جن کي شھري ھوا اڃا گندو نه ڪيو آھي، محفوظ ۽ سلامت آھي ۽ وڏڙن جي صدري دفتر ۾ سمايل آھي ۽ پُشت بپُشت موروثي طور ھلندو اچي. ھر ڪنھن فن ۽ ڌنڌي جي اطوران اوزارن، محاورن ۽ معنائن جا نج سنڌي نالا، اصلي سنڌي ڪاريگرن وٽ محفوظ ۽ مُروج آھن. لوھارن، واڍن، ڪورين، ڪنڀارن ۽ ملاحن وٽ انھن فني نالن جون فھرستون موجود آھن.
    مطلب ته سنڌ جي لوڪ ادب ۾ اھڙو ته لطف ۽ سوز سمايل ھوندو آھي، ۽ اھڙو ته رس ۽ لئي ڀريل ھوندي آھي جو ٻڌڻ واري جي دل ۽ دماغ تاثر جي انتھائي گھراين ۾ گم ٿيو وڃن، ۽ ھو پاڻ کي انھيءَ گھڙيءَ اھڙي ماحول ۾ تصور ڪرڻ لڳندو آھي، جتي فطرت پنھنجي حقيقي ۽ لافاني لباس ۾ ڳائيندي نچندي، ٽَپندي ۽ مسڪرائيندي نظر ايندي آھي.
    مٿي بيان ڪيل ڪچھريءَ جي اھميت، افاديت سميت سگھڙ جي فني مقام سگھڙ لفظ جي تشريح بعد سگھڙن جي زباني روايتن توڙي فن شاعريءَ ۾ عوامي ٻوليءَ جو استعمال ھجڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جو به ذڪر ٿيو ۽ گڏ وگڏ سگھڙن جي ٻوليءَ ۾ رواني مٺاس، نج پڻو، عوامي رنگ ۽ رونق جي اھميت بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ کان آگاھي حاصل ڪرڻ بعد سندس اڃا به قيمتي ۽ ڪارائتا گفتا پڙھنداسين پر ڊاڪٽر بلوچ سان گڏ ڪجھ ٻين اديبن سينگار شاعري جي حوالي سان ڇا بيان ڪيو آھي مختصر ۽ جامع طور سندن ڏاھپ کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم سا ھن ريت آھي:
    سينگار لفظ جي وضاحت ۾ عالمن جا مختلف رايا آيل آھن جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي ته “سينگار” يا “سنگار” پراڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي ۽ ان کي سنسڪرت ۾ شرنگار لکيو ويو آھي، شرنگ = پيار جو وڌڻ + ر = وڃڻ. يعني اھا سجاوٽ جنھن جي ڪرڻ سان من ۾ پيار وڌي ٿو شوڀا سجاوٽ، سونھن، ٺاھ ٺوھ وغيره. ڪتاب “سنڌ جو سينگار” ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ھڪ ٻئي علمي ماھر پياري لال جي لکيل ڪتاب “شر نگار شاستر” جو حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿو ته “اسان جي ديس ۾ استرين (عورتن) جا سورنھن سينگار، پراچين زماني کان ھلندا پيا اچن”.
    “سينگار جا بيت، سنڌ جي سگھڙ شاعرن چيا آھن، سي دراصل ھندي بيتن جو تتبع آھن. سنڌي شاعرن، ھندي دوھن کان متاثر ٿي، پنھنجي ماحول ۽ فضا موجب، محبوب جي سينگارن کي خوب ڳايو آھي. جيتوڻيڪ تشبيھون گھڻو ڪري ساڳيون قائم رکيون اٿن، ساڳيءَ ريت سندن بيتن ۾ ماحول جو اثر نمايان آھي. محبوب جي وڻندڙ وصفن کي پنھنجي روز مره جي عام شين سان تشبيھ ڏيئي، پنھنجي بُلند خياليءَ ۽ ذھني ذوقُ جو خاڪو پيش ڪيو اٿن.
    مطلب ته سنڌي شاعرن به ھندي شاعرن واري روش اختيار ڪئي. ھندي دوھن مان اھو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته محبوب جا سورنھن سينگار آھن. انھن سورنھن سينگارن کي وري ٻن نمونن ۾ تقسيم ڪيو اٿن.
    (الف): فطري سينگار
    (ب): مصنوعي سينگار
    (الف): فطري سينگار ۾، شاعر، محبوب جي فطري وصفن کي، پنھنجي ماحول جي شين سان ڀيٽي، محبوب جو رتبو وڌائي ٿو. انھن سينگار جي بيتن ۾، اھي ساڳيا واسينگ وار، ساڳيا ڳل، ساڳيا ڀرون، ساڳيون بادامي ۽ بيڪاني اکيون، ساڳي روشن پيشاني، آمونڪ، لعل لب، سَرُوَقد، چابڪ چيلھ جي ڪبڪ رفتاري، ٻانھن جي لوڏ، رنگت ۽ خوش پوشاڪيءَ جو ذڪر سمايل رھي ٿو. جن فطري سينگارن کي سنڌ جي ڪيترن ئي سدا ملوڪ سگھڙن خوب ڳايو آھي.
    فطري سينگار ۾ ڳاڻيٽو سڄاڻ سگھڙن “سورنھن سينگار” ڄاڻايا آھن. جن سان حُسن جون تشبيھون لڳايون اٿن. ھندي سگھڙن جا اھڙا دوھا، عام جام ان وقت اندر مُروج رھيا آھن جيڪي اڳتي ھلي سنڌ ۾ رڙھي آيا. اھڙن دوھن ۾ فطرت جون چار چار سُھڻيون شيون ورتيون ويون آھن، جن سان حُسن جون تشبيھون لڳايون اٿن.
    جيئن ھي ھنديءَ جو دوھو آھي ته:
    چار چَلوَنت، چار اُڏَنت، چار ڦُول، ڦل چار،
    اي سولھن ئي سينگار، آ ڀرن ھين اٺ چار.
    شاعر محبوب جي حُسن جون جملي سورھن وصفون بيان ڪيون آھن.
    جيئن چار چلونت: معنى ھلندڙ جانور.
    چار اُڏنت: معنى اُڏامندڙ پکي وغيره.
    چار ڦــول: مــــــــعنى گــــــــلزاري گُل.
    ڦل چار: معنى باغاتي ميوا.
    ۽ بعد ۾ وري محبوب کي وڌيڪ ٻھڪائڻ يا سندس حُسن کي دوبالا ڪرڻ لاءِ (آڀرن) زيورن جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي سندس خيال موجب اٺ + چار يعني ٻارنھن آھن.
    فطري سينگارن ۾ سنڌ جي سگھڙن جيڪي تشبيھون يا استعارا ڪَتب آندا آھن انھن مان نموني طور ھيٺين سمجھاڻي ڏجي ٿي.
    ھرڻ جھڙيون اکيون
    شينھن جھڙي پتلي ۽ لڪدار چيلھ
    گھوڙي جھڙو شانائتو ۽ ڳنڀير ناز توڙي نخرو
    ھاٿيءَ جھڙي ڌيمي، ڌيمي (ھوريان، ھوريان) لوڏ.
    (مٿيان چارئي ھلندڙ جانور بيان ٿيا)
    طوطي جھڙو، ڪُنڍو ۽ چُوپڙو نڪ.
    ڪوئل جھڙو، مٺوڳالھائڻ.
    مور جيان، سنھي ۽ ڊگھي ڳچي.
    چنبيليءَ جي گل تي، ڀيرا ڏيندڙ ڀؤنر جيان، وڻندڙ ڪارا ڀرون.
    (ھن ۾ چار اڏامندڙ پکي ڪم آيل آھن)
    گلاب جھڙا، ڳل ۽ چپ،
    سُوسَن جي گل جھڙا، ڪارا وار، گويا سنھيون ليڪون،
    ڪيسر جي گل جھڙو، نرم، نازڪ ۽ سھڻو بدن،
    ڪَنول جي گل جھڙو، سدا بھار ۽ ھُٻسان وارو چھرو
    (ھن ۾ چار گل بيان ڪيا ويا)
    ڪيلي جھڙا، نرم ھٿ، ڏاڙھونءَ جي ڪڻ جھڙا، جڙدار، ڳاڙھسرا، خوبصورت ڏند، سوپاريءَ جيان، ننڍڙي کُڙي ناريل جھڙا، چولي جي ڍڪ ۾ ڍڪيل پيارا پستان.
    (ھن ۾ ميوا بيان ڪيل آھن)
    مٿئين نموني طور ڏنل مثالي تشبيھن مان اھا ڳالھ به واضح ٿي ته اهي سڀئي وصفون فطري آھن جن کي محبوب جا سورھن سينگار ڪوٺجي ٿو.
    (ب) مصنوعي (سجاوٽي) سينگار
    ھن جو مطلب آھي ته ھٿرادو سينگار ڪرڻ، جيڪو حُسن جي اڻ کلي عيب کي به ڍڪي ۽ سون تي سُھاڳي جو ڪم پڻ ڏئي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، جي- ٽي- پلئٽس جي حوالي سان ھيٺيان سينگار ڄاڻايا آھن.
    (1) ڏندڻ
    (2) چورڻ (ڏند کي صاف ڪرڻ ۽ چلڪائڻ لاءِ پائوڊر) جيئن اڄ ڪلھ ڊنٽونڪ پاؤڊر يا ٽوٿ پيسٽ استعمال ٿئي ٿي.
    (3) اُٻٽڻ (سرنھن ۽ ترن جي تيل ۾ ڪيسو ڦل وجھي، تيل سُرھو ڪري، ڪڻڪ يا جون جي اٽي سان ملائي، بدن کي ھڻڻ لاءِ، ته جيئن ميل يا گندگي لھي وڃي) ان جي جاءِ تي اڄ ڪلھ ڪيميڪل مان تيار ڪيل بيوٽي ڪريمون استعمال ٿين ٿيون جيڪي پسارڪي وکرن جي ڀيٽ ۾ نقصان ڪار آھن.
    (4) سندور (سينڌ ڀرڻ لاءِ)
    (5) ڪيسر (ڀرن جي وچ ۾ تلڪ ڪڍڻ لاءِ)
    (6) سرمون يا ڪجل اکين ۾ پائڻ لاءِ
    (7) بِندِي ( ٽڪڙو يا آلي، نرڙتي لٽڪي)
    (8) سُرھو تيل (وارن لاءِ)
    (9) ڦڻي (ڪَنگي) (ڪنگو) وارن ڇڏائڻ يا سينڌ ڪڍڻ لاءِ
    (10) آرگجا، ڪيسر، چندن ۽ ڪافور جو چُورو يا ڪٽو، مُنھن ۽ ٻانھن کي لائڻ لاءِ
    (11) پان – زبان جي ڳاڙھاڻ لاءِ
    (12) مَسي، (ڏندن کي سھڻي ڪرڻ لاءِ ۽ عيب دور ڪرڻ لاءِ
    (13) نير (گُلي) نيرو رنگ کاڏيءَ ۾ تر بڻائڻ لاءِ
    (14) ميندي
    (15) گل جي ڪَنڍي (وارن جي چوٽيءَ ۾ ٻڌڻ لاءِ)
    (16) آ لتا، ڳاڙھو رنگ يا لاک جو رنگ، پيرن کي ڳاڙھو ڪرڻ لاءِ

    ھڪ ٻئي راوي رام گلام ڪوش انھن مٿين سينگارن کي، ھيٺيئن ريت وڌيڪ کولي لکيو آھي.
    (1) بدن جو ميل لاھڻ
    (2) ڏندڻ ڏيڻ
    (3) صاف ڪپڙا پھرڻ
    (4) ڪجل لڳائڻ
    (5) لاک جي رنگ سان ھٿ پير ڳاڙھا ڪرڻ
    (6) وار سنوارڻ
    (7) سينڌ ۾ سندور ڀرڻ
    (8) ڀرن جي وچ ۾ تلڪ ڪڍڻ
    (9) کاڏيءَ ۾ تر بنائڻ
    (10) ميندي لڳائڻ
    (11) خوشبو لڳائڻ
    (12) پان چٻاڙڻ
    (13) گلن جو ھار (وارن جي چوٽيءَ لاءِ)
    (14) ڏندن کي ڳاڙھسرو ڪرڻ
    (15) لبن کي لال ڪرڻ لاءِ سُرخي وغيره
    (16) زيور پائڻ (ڳچيءَ جو ھار) ڦُلي، والا، جھالا، نٿ، نسبيون وغيره

    مٿي بيان ڪيل دوھي ۾ اٺ چار وارو پد: سو، اٺ چار يعني ٻارھن، اشارو آھي، محبوب جي ٻارھن ڳُڻن (لڇڻن، خوبين) ڏانھن جنھن بابت مختلف محققن ھڪ جھڙي راءِ رکي آھي ته:
    (1) پيرن جون پٽيون (پايل)
    (2) چيلھڪي
    (3) چوڙيون
    (4) منڊيون
    (5) ڪنگڻ
    (6) بازو بند
    (7) ھار
    (8) ڪٺمال
    (9) بينسر بولو
    (10) ڳن (ڪن جو زيور) والا، واليون وغيره
    (11) ٽڪڙو (ڀرون جي وچ ۾)
    (12) چوٽي ڦل
    مٿي بيان ڪيل ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي راءِ کان پوءِ “سنڌي سينگار شاعري” ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب فرمائي ٿو ته:
    “شر نگار رس” جي بنيادي اڀاريندڙ (عورت) جي سھڻي ۽ سينگاريل تصوير جي ذھن نشين ڪرائڻ لاءِ، نڪته دانن ھيٺيان اٺاويھ زيور، جوان عورت جي حُسن کي چمڪائڻ لاءِ، ڪارگر قرار ڏنا آھن:
    (1) ڪيف شوق
    (2) وجد محبت
    (3) جوش محبت
    (4) رنگ ۽ روپ يعني جسماني حُسن
    (5) رَعناعي
    (6) جمال
    (7) محبوبيت
    (8) پخته ڪاري
    (9) نرمائي
    (10) ثابت قدمي
    (11) مما ثلت يعني ته اندام، لباس، زيورات ۽ محبت ڀرين ڳالھين ذريعي محبوب سان مشابھت پيدا ڪرڻ.
    (12) ادا
    (13) سينگار، يعني فطري حُسن کي چمڪائڻ خاطر ٿورو ظاھري سينگار ڪرڻ: مثلاً شفاف پاڻيءَ سان غسل ۽ بدن جي صفائي، پان سان لب ڳاڙھا ڪرڻ ۽ نرم، نازڪ ۽ صاف ڪپڙا پائڻ.
    (14) غرورِ حُسن
    (15) رنگين ڪرشما يعني ته انتھائي مرغوب شيءِ جي حاصل ٿيڻ واري خوشي سبب ذرا مُرڪ، ذرا گريه خشڪ، ذرا کل، ذرا خوف، ذرا ڪاوڙ ۽ ذرا انوکي ٿَڪ جو اظھار ڪرڻ
    (16) محويت جي ادا
    (17) جھجھڪ
    (18) گھٻراھٽ
    (19) نزاڪت
    (20) ناز
    (21) شر ميلائي
    (22) ونجھل
    (23) ڄاڻي اڻ ڄاڻائي
    (24) آس
    (25) اشتياق
    (26) ٽھڪ
    (27) ڇرڪڻ
    (28) چلولائي
    ظاھر آھي ته ھن اصلي ۽ اصولي نظريي موجب، جوانيءَ ۾ حُسن جا مٿيان چمڪائيندڙ اسباب زياده تر محبوب جي جذبات ۽ احساسات ناز و ادا جي نفسيات، مخصوص رد عمل ۽ حرڪات، حسن اطوار ۽ عادات سان تعلق رکن ٿا. محبوب جو جسماني ۽ ظاھري سينگار انھن اٺاويھ ذريعن مان فقط ٻه ذريعا آھن.
    “سينگار رس” جي استاد شاعرن، پنھنجي شعرن ۾ مجموعي طور انھن سڀني حسين ادائن ۽ دلفريبين کي بيان ڪيو، مگر سندن خاص توجھ ٻن مخصوص خوبين يعني “حُسن جسماني” ۽ “ظاھري سينگار” ڏانھن ئي مائل رھيو.
    محبوب جي جسماني حُسن جو موضوع بذات خود ڪافي ڪشادو ھو: قدقامت، شڪل شبيھ، چھري جي رونق، رفتار ۽ گفتار جي مختلف نمونن ۾ ڪيترائي مضمون مخفي ھئا، اکين جي اشارن ۾ زلفن جي پيچن ۾ ڪيترائي بيان بيتاب ھئا، ان کان سواءِ ڏندن، چپن، نڪ، پيشاني، آ ڱرين، ۽ ٻين اندامن ۾ تشبيھات جا دفتر سمايل ھئا. مطلب ته شاعرن لاءِ محض محبوب جي فطري حُسن جي تعريف جو مضمون ڪافي وسيع ھو. ان سان گڏ محبوب جي ظاھري ھارسينگار جي شامل موضوع ويتر ھن ميدان کي ڪشادو ڪيو. فطري حُسن جي گونا گون رعناين جي ته انتھا ئي ڪا نه ھئي، مگر ظاھري ھارسينگار جي قسمن کي شمار ڪرڻ نسبتاً آسان ھو، انھيءَ ڪري ھن فن جي ماھرن عورت جا جملي”سورنھن سينگار” قرار ڏنا. ان بعد “سورنھن سينگار” بذات خود ھن فن جو ھڪ خاص مضمون بنجي ويو.
    لوڪ ادب جو ماھر ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پنھنجي ڪتاب “وينجھار” ۾ لکي ٿو ته “سينگار شاعري” ذريعي سنڌ جا سگھڙ پنھنجي محبوب جي عادت ۽ اطوار، رفتار ۽ گفتار کي ڪن خاص ۽ موزون لفظن ۾ لڪائي پيش ڪندا آھن، جن جي کُلڻ سان جانب جي جلوي جِي جوت بَکندي آھي. سينگار جي بيتن ۾ تشبيھون ۽ استعارا ھوندا آھن. ۽ لفظي پوڄ ۽ نفاست به قابل تعريف ھوندي آھي، پو ان کي ڪي پنجتن پاڪ ڏانھن منسوب ڪن ته ڪي دنيوي محبوب ڏانھن.
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي “سنڌي ادب جو تاريخي جائزو” ۾ لکي ٿو ته، سينگار جي بيتن ۾ محبوب جي سونھن ۽ سينگار جي سارهه ھوندي آھي. ھنديءَ ۾ ھن صنف کي”شر نگار رس” چيو ويندو آھي. جئين ته سنڌيءَ ۾ به ھندي شاعريءَ جي معرفت ھي صنف رائج ٿي، انھيءَ ڪري سنڌي زبان جي سينگار جي بيتن ۾ به ھندي شاعريءَ جون تشبيھون آنديون ويون آھن.
    مشھور مؤلف الله بخش نظاماڻي پنھنجي ڪتاب “سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ” ۾ لکي ٿو ته، سينگار جي بيتن جي سھڻائي جو دارو مدار، سھڻين تشبيھن ۽ استعارن تي آھي، جن جي لفظي سٽاءَ ۽ پوچ قابل تعريف آھي ۽ انھن مان محبوب جي سونھن جو تجلو پيو نظر ايندو. سينگار جي بيتن ۾ در اصل مداح ۽ تعريف سمايل آھي، اھي بيت يا ڏوھيڙا ھندي “دوھن” جي تتبعي تي آھن، جي گھڻي وقت کان ھندي سگھڙن کان رڙھي سنڌ ۾ آيا ۽ سينگار جو فن مُروَج ٿيو.
    مشھور ليکڪا پروفيسر ڊاڪٽر فھميده حسين پنھنجي لکيل ڪتاب “شاھ لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ” ۾ مٿي بيان ڪيل ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ مشھور مؤلف الله بخش نظاماڻي جي ڏنل راين جي بر عڪس ھن طرح بيان ڪري ٿي ته:
    لوڪ ادب جي سلسلي ۾ جنھن صنف ۾ عورت جو ڪردارئي ان جو خاص موضوع رھيو آھي ۽ ان کانسواءِ ان صنف جو تصور به ڪري نٿو سگھجي سا آھي “سينگاربيت” جي صنف.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي تحقيق موجب اھا صنف اصل ھنديءَ مان آيل آھي. ھو انھن بيتن کي “ھندي بيتن جو تتبع سڏي ٿو ۽ لکي ٿو ته “اسان جي سنڌي شاعرن ھندي عشقيه شاعريءَ کان متاثر ٿي پنھنجي واٽ ورتي. ھندي ٻوليءَ ۾ ھن صنف کي سينگار رس (اصل ھندي شرنگار رس) چئجي ٿو”.
    ڊاڪٽر سنديلي مرحوم سان معذرت ڪندي آءُ ان خيال جي آھيان ته سينگار جا بيت اصل سنڌي صنف آھي، جا پوءِ ھندي جي ٻين علائقن ۾ پھتي ۽ ھنديءَ ۾ رائج ٿي. ھندي ٻولي ۽ ادب سنڌي ٻولي ۽ ادب کان گھڻو پوءِ جو آھي. ان ڪري قدامت جي ڪري نقل ۽ تتبع ھنديءَ وارن ڪيو ھوندو ۽ نه سنڌيءَ وارن! اھا عشقيه قسم جي شاعري ٿئي ٿي. سنڌي ۾ موجود سينگار بيتن ۾ ان ڪري ساڳيو ماحول ملي ٿو. لفظ تشبيھون، استعارا گھڻي قدر ساڳيا استعمال ڪيل آھن. ھنديءَ ۾ وڃي اتان جي روايت موجب ان ۾ گھڻي تبديلي آندي وئي ھوندي جيڪا پوءِ جي دورن ۾ وري سنڌيءَ ۾ ڦري آئي پر ان جو مزاج بدلجي ويو.
    ھن قسم جي شاعريءَ ۾ عورت جي جسماني ساخت، سندس بدني بناوت، عضون جي ننڍ وڏائي، رنگ روپ، ھلڻي، مطلب ته ھر ڪنھن ڳالھ سان واسطو پوي ٿو. ھيءَ ھنديءَ ۾ ته ذھني عياشيءَ لاءِ چيل معلوم ٿئي ٿو. ان ڪري ھن ۾ عام سنڌي شاعريءَ جو مزاج ته اصل ڪونه لڀندو جنھن ۾ عورت کي جنس جي علامت طور ڪڏھن به پيش نه ڪيو ويو آھي. عورت جي سونھن سوڀيا ۽ سينگار کي پنھنجا ماڻ ۽ ماپا ڏئي معيار مقرر ڪيا ويا آھن. جيڪا عورت انھن تي پوري آئي سا پُر ڪشش يا جنسي علامت طور مڪمل عورت سمجھبي. ھيٺ ڪجھ مثال ڏجن ٿا جن مان ظاھر ٿئي ٿو ته اصل صنف سنڌي ھوندي به عورت جو اھو تصور پوءِ جو ۽ ٻاھريون آھي نه ڪي سنڌي، لڳي ائين ٿو ته ان قسم جا شعر مختلف بياضن ۾ اچڻ جي ڪري سنڌي شاعرن جي نالي ڳڻيا ويا آھن نه ته اھي اصل ٻين شاعرن جا آھن.
    ھنس چلن، ڪدليھ جنگھ، ڪٽ ڪيھر، جم ڪھين،
    مُـــــک سِھر، کنجرنين ڪُــــــچ شري ڦل، ڪنٺنه وين.
    ھلڻ ھنجھ جھڙو، ڄنگھون ڪيوڙي جھڙيون، لسيون ۽ سڌيون، چيلھ شينھن جھڙي سنھڙي، چھرو چنڊ جھڙو، اکيون خنجر جھڙيون، ڇاتي ناريل جھڙي اڀريل ۽ اٿيل ۽ گلو ڪوئل جھڙو.
    تقريباً اھو ئي مضمون سنڌ ۾ شاعر ھن ريت پيش ڪيو آھي،
    ھنج ھلڻي، ڪَر ڪيلا، ڪٽ ڪيھر آليھر ڍار،
    چـند مُک، خنجر نيڻ، سُچ انار، ڪوئل گفتار،
    قــــد ســـــــروان، سُــــــــوڌو، نڪ آمــــي جي ڦار،
    اھي ھن اطوار جانب جا ته “جــــــــــــــمال” چئي.
    ھلڻي ھنج جھڙي، ھٿ ڪيلي جي ڦريءَ جھڙا، ڪمر شينھن جھڙي ۽ اليھر نانگ جيان ڊگھا ڪارا وار، منھن چنڊ جھڙو، اکيون خنجر جھڙيون، ڇاتي ڏاڙھونءَ وانگر، لات ڪوئل جھڙي، قد سرو کان سڌو، نڪ انب جي ڦار.
    “ھنديءَ ۾ شرنگار رس جو اشتقاق ڪبو ته: شرنگ معنى ڪام ديو (عشق جو ديوتا) جو اڀرڻ ۽ معنى وڃڻ. معنى جنھن جي ڪرڻ سان من ۾ پيار وڏي ٿو”.
    محبوب جي ھن خاص قسم جي قدرتي سونھن يا سينگار کي ساراھڻ کانسواءِ ظاھري ھارسينگار ۽ ٺاھ ٺوھ جي لاءِ به ھن قسم جي شاعري ۾ معيار مقرر ڪري ڏنا ويا آھن. جن کي “سورنھن سينگار” چيو وڃي ٿو.
    ھڪڙي سونھن جيڪا قدرتي آھي ان جا معيار به سورنھن آھن ته وري ظاھري سينگار جا به سورنھن طريقا آھن.

    نموني طور سمجھاڻيءَ خاطر گوريءَ جو سينگار بيت ڏجي ٿو؛

    حُسن عجائب رنگ رچائي، گوريءَ ڪيا گلزار گھڻا
    جھومر، ٽِڪو، چوٽيڦُل ۽، سڳين ڪيا سينگار گھڻا
    چوٽيون، بڪل، بھتر پائي ونـــگ ڪيائين وار گھڻا
    والا، واليون، جھالر، جھومڪ، دُر به پاتئين ڌار گھڻا
    بئينسر، بولو، نٿ ۽ وينڊي، ڦليءَ ڪيا ڦٿڪار گھڻا
    ڳل ڳچيءَ ڪـٺمال ۽ دھري، چمڪيا چندن ھار گھڻا
    بازو بندن، ٻانــــــھونٽن، ٿيا چوڙين جا چمڪار گھڻا
    چاندي ڇلڙو، سون جي منڊي، ھيري کاڌا ھزار گھڻا
    پير ڪـــــڙيون، پازيب پيارا، ڇيرين جا ڇمڪارگھڻا
    اھڙي طـرح ٿيا “عاجز” عاشق، سونھن مٿان سردار گھڻا
    پر جي منھنجو پرين پسن ۽ پوءِ ته ڪن ويچار گھڻا
    چون ائين سڀ چــــاھ منجھان، ھت جلوا ھن جنسار گھڻا
    خالق خـــــوبيون، خوب رکايون، پيغمبر ۾ پيار گھڻا
    “لاشاري” لــــڄادار جي آھن، چھري ۾ چــــمڪار گھڻا
    ناز ڀريئي جي نيڻن ڪيا، ھت شھنشاھ شڪار گھڻا
    تاب تجلا، ظاھر ڪـــــــيا ھئا، پڻيءَ جي پيزار گھـــــڻا
    گورين ٻڌا گفــــتي ۾، ھئا حبيب جي ھـــــٻڪار گھڻا
    ڦٽي ڪيئون ھٿيار گھــــــڻا، جانب جي ته جمال اڳيان
    منھنجي عاجزانا عقل موجب سنڌي سينگار شاعري جو تمام گھڻو ويجھڙائي سان جائزو وٺجي ٿو ته ان ۾ حضرت جلال کٽيؒ ۽ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ سميت پوئين دؤر جي سگھڙن جي سوچ لذت پرستي ۽ ذھني عياشيءَ واري ناھي جنھن جو ثبوت 20 صديءَ جي سمورن سگھڙن جي سينگار شاعري آھي، انھن سگھڙن جيڪڏھن ڪي”گوريءَ جا سينگار” چيا به آھن ته فقط ھڪ فني تشخص کي برقرار رکڻ لاءِ ته کين ان مصنوعي سينگارن کان متان ڪو اڻ ڄاڻ سَڏي، پر انھن ڏات ڌڻين عورت جي وصفي تو ڙي سجاوٽي سينگار جو گھاڙ يٽو گھڙي کيس اڳتي حقيقي محبوب جي ڀيٽ ۾ اھڙو ته مھٽو ڏنو اٿن جو عَرش کان کڻي فرش تي آندو اٿن اسان جي آقا سرورڪائنات حضرت محمد مصطفىﷺ اڳيان اھڙيون لکين بانوريون جان فدا ڪرڻ واريون ھيون پوءِ انھن جي حُسن ۽ آب و تاب ڪڏھن پاڻ ڪريمن کي ته ڪو نه موھيو.
    قرآن پاڪ جي سوره يوسف به ان ڳالھ جي گواھ آھي ته حضرت يوسف عليه السلام لاءِ بيبي زليخا مست ۽ فدا ھئي، توڙي جو ھوءَ مصر جي عزيز جي راڻي ھئي تنھن جي باوجود به حضرت يوسف عليه السلام جي پاڪ دامنيءَ جي الله پاڪ ھڪ معصوم ٻار کان گواھي ڏياري.
    ياد رھي ته مرد ۽ عورت وارو فطري ڪشش وارو جواز موجوده دؤر جي عوامي شاعرن وٽ ضرور آھي، پر سگھڙن جي سينگار جو محور ۽ مرڪز پياري پيغمبرﷺ جي ذات آھي جيڪو ھن ڪتاب جي سمورن گوريءَ جي سينگارن مان چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگھجي ٿو.
    سنڌ جي اسلام پسند ڏات ڌڻي سگھڙن وٽ اڄ به اھو تصور آھي ته ھر امڙ، ڀيڻ، نياڻي جي عزت ۽ عصمت کي بچائڻ ھڪ عزت دار معاشري جي ھر فرد جو ڪم آھي ته پوءِ ڇو ويھي ان جي عضون، اندامن کي نانگو يا نر وارڪجي، بار بار ويھي کيس فطري سونھن تان پردا ھٽائجن.
    اڄ جي بي حيائي ۽ عُرياني واري دؤر ۾ فيشني ڳائڻن پنهنجي گائڪي ۾ بازاري شاعري ڳائي، مَردن جي سماج ۾ عورت کي محض رانديڪي واري دل وندرائيندڙ ھڪ وَٿ طور پيش ڪيو آھي، پر سگھڙن وٽ ان جي لڄ، لوئي، پردو ۽ پوتي آھي جا کيس نقابن ۾ نھارڻ ۽ اڪيلو گھارڻ کان پري رھڻ جا سبق سيکاري ٿي.
    ھيءَ ته ھئي اڄ جي سگھڙن جي سوچ ۽ فڪر جو جائزو پر عشق جو ميدان وري اڃان به نرالو آھي، تاريخي عشقيا داستانن تي نظر پوي ٿي ته جذبات ۽ احساسات جي خيالات کان، مرد جي ڀيٽ ۾ ڪڏھن ڪڏھن عورت ئي بيبي زليخا وانگر حقيقي عاشق نظر اچي ٿي ۽ محبت جي ميدان ۾ عاشقيءَ جو لقب ھميشه عورت کي ئي ملندو آيو آھي، سسئي ھجي يا سھڻي، مومل ھجي يا ليلان اھڙين عاشقانه پرواز جي پنڌ تي پھتل ناريون، تمدني، معاشرتي ۽ نفسياتي لڪ لنگھي ھليون. اھو ئي سبب ھيو جو دنيا جو عظيم صوفي شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ پنھنجي عاشقانا جذبات کي عورتاڻي انداز سان بيان ڪيو آھي ۽ ان نظريه جي يقيني نمائش ٿئي ٿي ته ڄڻ نفسياتي طور عورت ئي محبت جي علمبردار ھجي. لطيف سائين لکي ٿو ته:
    سياري سيءَ (سِھ) رات ۾، جا گھڙي وسندي مينھن،
    ھـــــــلو ته پڇون سھڻي، جا ڪـــــــــر ڄاڻي نينھن،
    جـــــنھن کـــــــــي راتو ڏينھن، مــــــــيھار ئي من ۾.
    (شاھ جو رسالو: سُر ڪلياڻ آڏواڻي، داستان ٽيون، بيت- 11 سُر سُھڻي)
    سنڌ جي اڪثر “ڪافي” لکندڙ شاعرن پڻ پنھنجي عشق جي احساسن ۽ جذبن کي “مؤنث” ڪري پيش ڪيو آھي.
    ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سگھڙن وٽ وري عام عاشقن جي ڀيٽ ۾ محبت جو معيار تمام گھڻو بلند آھي، ڇو ته محبت جو مرڪز سڀني جو ساڳيو آھي جنھن کي ھي لاثاني ۽ لافاني سمجھن ٿا ۽ ھر لحاظ کان ھو پنھنجي محبوب مان بھتر ۽ ڀلائي جا اميدوار آھن، ڏات ڌڻين جي اھا يقيني اميد آھي ته اسانجو محبوب ڪڏھن بيوفائي نه ڪندو.
    لطيف سائينءَ جي چواڻي ته:
    منھنجي مداين جي، ڪل پريان پيئي،
    ڪڏھن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي،
    ساجن سڀئي، ڍڪيم ڍول ڍلائيون.
    لوڪ ادب جي تاريخ ۽ تحقيق جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ۽ ھندي شاعريءَ جو لاڳاپو، جي عنوان سان 1955ع جي مھراڻ رسالي ۾ لڳاتار ٽن قسطن واري مقالي ۾ لکي ٿو ته:
    ھنن عاشقن جي مذھب موجب محبت ۽ حجت روائي ڪانھي:
    “حُجت ھوت پنھوءَ سان مون ڪميڻيءَ ڪيھي!، (شاھ)
    “منھنجي ڇا مجال جو رکان حرف حبيب تي. (راڄن شاھ)
    “حمل” حُب جَنھِيندي تنھن نال حُج ڪيھي جو پالڻ پرت ضرور پئي”
    پر جي کڻي محبوب رنج ٿئي به کڻي، ته سچي عاشق کي خوشيءَ سان سَھڻ گھرجي! جيڪڏھن محبوب پاڻ ناتو ٽوڙي ڇڏي ته عاشق پاڻ رکيو اچي.
    ساڳئي ئي ڄاڻايل مقالي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سنڌي جي موجوده سُگھڙن جي سينگار شاعريءَ ۾ تصوف جو اثر ۽ حقيقي محبوب جو تخيل بيان ڪندي لکي ٿو ته: جھڙيءَ طرح سڄي ھندوستان لاءِ سنڌ اسلام جو پھريون دروازو بني، اھڙيءَ طرح اڳتي ھلي سنڌ جي سرزمين تصوف جو پڻ مکيه مرڪز بني، سڀ کان اول “سھروري” طريقو سنڌ مان ئي ھندُستان طرف پکڙيو، ۽ ان بعد “قادري” توڙي “نقشبندي” طريقي جا وڏا درويش ۽ روحاني بزرگ سنڌ ۾ پيدا ٿيا جن ملڪ کي پنھنجي فيض سان مالا مال ڪيو، سنڌ جي انھن خدا شناس بزرگن پنھنجي علمي توڙي عملي تبليغ ذريعي ھتي جي رھاڪن کي توحيد ۽ حق پرستيءَ جو سبق ڏيئي سندن دلين کي ھڪ مولى، ڏانھن متوجھ ڪيو، تان جو ھر ننڍو توڙي وڏو سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح توحيد جو مطلب بنجي ويو ۽ ھر ھڪ کي الاھي عشق جي گھڻي ورڇ نصيب ٿي. انھيءَ فيض جوئي اثر ھو جو سنڌ ۾ “شاعري” شروع کان ئي محض انھيءَ الاھي عشق ۽ محبت جي تبليغ جو ھڪ ذريعو بني، ۽ شاعري ۽ “درويشي” ٻئي لازم ملزوم جز بنجي ويا، جيڪڏھن ڪو شاعر ھو ته ساڳئي وقت “درويش” به ھو ۽ ھر صوفي درويش، تصوف جي اصولي نظريي موجب، “مجاز” کي حقيقت جي پُل تسليم ڪري، انسان جي محبت واري فطري جذبي کي بالآخر ھڪ مولى ڏانھن متوجھ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مشغول ھو.
    جڏھن سنڌ ۾ شاعريءَ جي شروعات ٿي تڏھن اھو اعتماد عام ٿي چڪو ھو ته حقيقي محبوب اھو خالق آھي جنھن انسان کي حسين بنائي خلقيو، ۽ انسانن ۾ انسان ڪامل ۽ مولى جو سھڻي ۾ سھڻو محبوب نَبِيﷺ آھي جنھن جو نور ۽ جمال جي ورڇ ڪائنات جي ھر شيءَ کي ملي. سنڌ جي سليم الطبح شاعرن نبيﷺ جي معياري حُسُنَ واري عقيدي ۽ تخيل کان متاثر ٿي، سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ مجازي حُسُنَ جي تعريف جو رخ به انھيءَ حقيقي ۽ معياري حُسن ڏانھن موڙيو. ھندي “سينگار رس” شاعري محض مجازي دائري ۾ محدود ھئي، مگر سنڌي سينگار شاعري مجازي منزل طئي ڪري حقيقت ڏانھن مائل ٿي”سنڌي سينگار” جي اڪثر شاعرن بطور آخري مقصد جي، نبيﷺ کي پنھنجو حقيقي محبوب ڪري ڄاتو، ۽ نبيﷺ جي سونھن کي ئي معياري حسن ڪري مڃيائون، انھيءَ نظريي ۽ خيال جي زير اثر”فن سينگار” کي عام طور “نبيﷺ جو سينگار” ڪري تسليم ڪيو ويو اڄ تائين سنڌ جي سگھڙن وٽ “سينگار” جي تعريف “نبيﷺ جو سينگار” آھي، يعني اھي بيت جن ۾ نبيﷺ جي معياري حسن کي مجازي رنگ ۾ ڳائجي.
    سنڌي سينگار شاعريءَ جي ھنر مند شاعرن ۽ سجاڳ سگھڙن جو اھو نظريو مجموعي طور صحيح آھي. ڪن شاعرن جا بيت بيشڪ خالص مجازي رنگ ۾ چيل آھن، مگر سنڌي سينگار شاعريءَ جي ھر نامور شاعر مجازي حسن جي تعريف جو رخ بالا آخر انھيءَ حقيقي محبوب ڏانھن موڙيو آھي. محبوب جي بي مثال ۽ لاثاني حسن وارو نظريو، جنھن کي مٿي بيان ڪيو ويو آھي، سو حقيقي محبوب جي حسن جي تخيل جي پيداوار آھي. سنڌي سينگار شاعريءَ جو پھريون بلند شاعر جلال کٽي، نبيﷺ تي عاشق ھو، انھيءَ ڪري ھن پنھنجي ھر بيت ۾ اھڃاڻ ڏنو آھي ته سندس محبوب جو حسن مڙني کان مٿاھون آھي. ڀٽائي صاحب به انھيءَ حقيقي محبوب جي حسن کي واکاڻيندي چوي ٿو ته”سپريان جي سونھن جو نڪو قد نه مد” غور ڪبو ته مجموعي طور سان سينگار جي اڪثر بيتن ۾ مجازي حسن جي تعريف جي ماتحت انھيءَ نظريي جا اھڃاڻ نظر ايندا.
    ڏھس جي صنف سگھڙائپ جي فن جو انوکو ڏانءُ آھي جنھن بابت سنڌ جي عالمن پڻ مختلف رايا ڏنا آھن.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو پنھنجي لکيل ڪتاب ڏھس نامي ۾ لکي ٿو ته:
    “لوڪ ادب” جون جيڪي به صنفو آھن، تن ۾ “ڏھس” کي وڏي اھميت آھي، “ڏھس” ميل آھي: ڏھ + س، جو “ڏھ” سنسڪرت جي “دَشن” مان نڪتل آھي ۽ “س” نسبتي علامت آھي: يعني ڏھن واري (صنف). اصطلاحاً: اھا صنف، جنھن ۾ ھڪ اسم جا، مختلف ٻولين مان ڏھ ھم معنى الفاظ آندل ھجن ۽ اھو پڻ ضروري آھي ته ان اسم جا، مختلف زبانن مان، ڏھ نالا ھجن، جن سان محبوب جي ڪنھن نه ڪنھن خوبي يا “وصف” کي ڀيٽي سگھجي مثلاً: محبوب جي خاص خوبي يا وصف، سندس وارن، ڀرون، اکين، ڳلن، چپن، ڏندن، ڳچي، چيلھ، وغيره ۾ سمايل رھي ٿي، جنھن ڪري انھن وصفن لاءِ شاعرن تشبيھي لفظ ڳوليا آھن. انھيءَ ڪري شاعرن، نانگ، رات، ڀؤنر، ڪڪر، ھرڻ، چنڊ، سج، کنوڻ، سونُ وغيره اسمن لاءِ، ٻين ٻولين مان، ھم معنى الفاظ ڳولي، ڏھس جي ڏاھپ ڏيکاري. جيڪڏھن بيت ۾، مختلف ٻولين جا ھم معنى الفاظ آندل آھن، پر انھن لفظن جو، محبوب جي ڪنھن به وصف يا خوبي يعني انگن ۽ عضون سان ڪو تشبيھي واسطو نه آھي ته اھو بيت “ڏھس” ۾ داخل نه آھي.
    “ڏھس” لوڪ ادب جي چِند ۽ چُونڊ جنس آھي. صاف ۽ سوئيِل جنس آھي. اھا پيچيده ۽ مضبوط مشين آھي، جا مدت کان مختلف زبانن جي ادبي زمين کي کيڙي ۽ کوٽيندي رھي ٿي، جنھن ڪري ڪيترائي انوکا الفاظ، ميدان عمل تي اچي، سنڌي لغت جي وسعت ۾ اضافو آڻيندا رھن ٿا، “ڏھس” جا الفاظ، ھونءَ جي ٽڙيل پکڙيل ۽ ويڳاڻي حالت ۾ ھجن، پر “ڏھس” ۾ اچڻ ڪري، دُريءَ جي داڻن وانگر دل ۾ جلوا وجھي رھيا آھن. “سينگار” جي بيتن کي جيڪا سونھن ۽ سوڀيا ملي آھي، سا به “ڏھس” جي ڪري! جيڪڏھن “سينگار” مان “ڏھس” جا الفاظ ڪڍي ڇڏ جن ته سينگار جيڪر ٻسو ئي ٻسو رھجي وڃي، ڇاڪاڻ ته “سينگار” جي بيتن ۾ جيڪي پياريون تشبيھون اچن ٿيون تن جو مدار ئي “ڏھس” جي لفظن تي آھي.
    “ڏھس” جو سَلو، پھريائين سرزمين سنڌ ۾ ڪنھن ھنيون ۽ ڪھڙي ھنڌ لڳو، سو قطعي طور تي فيصلو ڪرڻ مشڪل آھي. البته سگھڙن جي سينا به سينا روايات جي مدِعي نظر ڪجھ چئي سگھبو. سگھڙ جلال ڀُٽي ٻڌايو ته، “ننڍڙي لاڪون ٻڌندا ايندا آھيون ته ڏھس جي حق ۾، جلال کٽي، مڙني کان مٿاھون آھي.” ان مان ثابت ٿيو ته جلال کٽي جا ھمعصر شاعر، ھن نج سنڌي سگھڙپائي جي عظيم فن کان پوريءَ پر واقف ھئا، ليڪن سڀني جي سالاريءَ جو سھرو وري به جلال کٽي جي ئي سر تي سونھين ٿو. جلال کٽي “ڏھس” ٻڌا ھوندا ۽ ٻين شاعرن ۽ سگھڙن ٻڌا ھوندا، جن کان متاثر ٿي، ھنن به اھا ئي واٽ ورتي ھوندي، اھا نوڪ جھوڪ، خيالن جي ڏي وٺ ۽ ھڪ ٻئي کان ڪَڙ کڻڻ ۽ ميل مارڻ لاءِ، شاعرن ڪافي “ڏھس”چيو ھوندو. پر جيئن ته “ڏھس” محدود آھي محبوب جي خوبين ۽ وصفن جي تشبيھي لفظن تائين، تنھن ڪري ساڳئي “ڏھس” لاءِ مختلف قسم جا “ڏھس” ڏنائون. اھو ئي واحد سبب آھي، جو ھڪ “ڏھس” لاءِ ڪيتريون ئي مختلف پڙھڻيون موجود آھن.
    “ڏھس” جي گھري مطالعي مان معلوم ٿيندو ته آيل لفظ: عربي، فارسي، سنڌي، سرائيڪي، پراڪرت، سنسڪرت، بلوچڪي، بروھڪي، ڍاٽڪي، لاسي، ٿري ۽ سنڌ جي چوڌاري وٽ جي محاورن تائين محدود آھن.
    ان سلسلي ۾ ساڳي راءِ کي قائم رکندي، نوجوان محقق محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پنھنجي ترتيب ڏنل ڪتاب “ڪچھريءَ جا مور” جي مھاڳ ۾ ھيٺينءَ ريت تشريح ڪئي آھي.
    ڏھس/ ويھس/ ٽيھس/ چاليھس
    “ڏھس” لوڪ ادب ۾ اھڙي بيت يا ڏوھڙي کي چئجي ٿو، جنھن ۾ ڪنھن به ھڪ شئي جا ڏھ نالا ڏنا وڃن. ان وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي ذخيري ۽ سگھڙن جي ڄاڻ جي پروڙ پئجي سگھي ٿي.
    گھڻو ڪري اڻ پڙھيل سگھڙن جي ڄاڻ جي پروڙ پئجي سگھي ٿي. گھڻو ڪري اڻپڙھيل سگھڙ، جيڪڏھن کين ڪنھن ھڪ شئي جا سنڌيءَ ۾ ڏھ نالا نه ملندا ته ٻين ٻولين جھڙوڪ: عربيءَ، فارسيءَ، ھنديءَ، بلوچيءَ، پنجابيءَ ۽ سنسڪرت وغيره مان ھٿ ڪري پورت ڪري وٺندا آھن يا وري ساڳيءَ جنس /شئي جا مختلف قسم بيان ڪندا آھن. الھ بخش نظاماڻيءَ جي راءِ ۾ ڏھس جا بيت سينگار وانگي اصل ھندي دوھن بيتن جو تتبع آھن. سنڌي شاعرن ھندي دوھن کان متاثر پنھنجي فضا ۽ ماحول موجب اھي بيت ۽ ڏوھيڙا چيا ۽ ڳايا آھن.
    ڏھس ۾ محبوب جي ساراھ ۽ مختلف جانورن ۽ پکين جي نالن کان سواءِ سائينءَ جي قدرت، نبي ڪريمﷺ ۽ ٻين نبين، امامن، ولين ۽ بزگن جو شان به بيان ڪيو ويندو آھي. “ڏھس” کي “ڏھس سينگار” به سڏن. ان لحاظ سان اھو سينگار جو ھڪ قسم آھي.
    اھا صنف آھي ته تمام گھڻي آڳاٽي پر ان کي ارڙھينءَ صديءَ ۾ تمام گھڻي ھٿي ملي، جنھن جو سبب اھو آھي ته ان وقت سنڌ جي تعليمي نصاب ۾ سنڌيءَ سان گڏ مختلف ٻولين جھڙوڪ: عربيءَ ۽ فارسيءَ جا لفظ به پڙھايا ويندا ھئا. ٻارن کي درسگاھن ۾ دُوايو (ٻه وايو = ٻن معنائن وارو) ۽ سِوايو (ٽوايو = ٽن معنائن وارو) پڙھائيندا ھئا. اھڙيءَ ريت ٻار سنڌيءَ کانسواءِ وڏا ٿي ڀر پاسي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليون به ڄاڻي وٺندا ھئا.
    ھونءَ به اسلام جي ڪري عربيءَ ۽ حڪمرانن جي ڪري فارسيءَ سنڌ تي راج ڪيو آھي، تنھنڪري عام ماڻھو به انھن ٻولين جا لفظ سولائيءَ سان ڪتب آڻيندو ھو/آھي. ھن وقت به سنڌي ٻار سنڌيءَ سان گڏ عربي، اردو ۽ انگريزي ٻولي پڙھي ٿو ۽ انھن ٻولين جو اثر قبولي ٿو. اھو اثر سڄي زندگي برقرار رھي ٿو.
    اسان جا سگھڙ ھاڻي ڏهس کان اڳتي نڪري ويھس، ٽيھس ۽ چاليھس تائين وڃي پھتا آھن، جنھن تي کين جَسُ هجي. ھن ڪتاب ۾ اھڙا مثال پيش ڪيا ويا آھن.

    ھيٺ ڏھس ۽ ٻٽو ڏھس نموني خاطر پيش ڪجي ٿو.

    “ڏھس”
    گُلا لخ گوھر غازيءَ جا، وار ويتر ونگ وجھن
    فٽ فـــــياض فـــــضيلت ور جــــــا ڏسي مار مرن
    ڪاڪُل، ڪيس، ڪـاريھر کي، تفنگ تير ھڻن
    ڀڙ ڀــــــنڊا ڀاڳ ڀرئي جا، ڏسي ڀيرا ڀونگ ڏين
    زلـــــف زياده ذھـــــــب کان، ربـــــــاني رنگ ٺھن
    اڳ اڳرا اپســــــرا گيســـــــو، شــــــھر تلنگ وڻن
    جي مار سياھ کلي ميم مراقبي، ڏسي پٽ پون
    جن کي لڳا امنگ عجيبن ڪندا بيان “بحرالدين” چئي
    - بحرالدين شنباڻي

    ٻٽو ڏھس
    پٻ، پڳ، پائون، پايا، پد، پــاڪ پرينءَ جا پير
    ريٽا، رتول، رتڙا، ارتا، مڃٺ، ڀنڀا ڀلي ڀير
    ڦاز، فيٽ، چـــــــــرن، چمان، لـــــــھن من مونجهارا مير
    ڪڪا، ڪڪور، کنهنبا، جيئن ڳاڙھا ٻيرين ٻير،
    تيئن نازڪ- نتاڪ- ناز ڀرئي جا سھڻا جن جا سير
    سي “گل ملڪ” مور مٿير، جن جي آهي اُڪير عرش کي
    - گل حسن “گل” ملڪ

    “سنڌي سينگار شاعري” ۾ مشھور محقق علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏھس بابت تمام گھڻو تفصيل تحقيق سان سمجھايو آھي سندس ڏنل راءِ جيئن جو تيئن لکجي ٿي:
    “سنگار رس” لاءِ استعمال ٿيل ھندي ٻوليءَ جي لغت محض سنسڪرت ۽ ھندي محاورن تائين محدود ھئي. سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن پنھنجي “سنڌي سينگار” فن لاءِ ھڪ طرف پنھنجا انوکا سنڌي الفاظ اختيار ڪيا، ٻئي طرف “سنگار رس” شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل سنسڪرت ۽ ھندي اسمن کي پنھنجو ڪيو، ۽ ٽئين طرف وري عربي، فارسي، ۽ بلوچي وغيره ٻولين مان انوکن اسمن جو ھڪ وڏو سرمايو ھٿ ڪيو. اھڙيءَ طرح “سنڌي سينگار” شاعريءَ کي انوکي ۽ ڳوڙھي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ لاءِ پنھنجي لغت ۾ ھڪ وڏي وسعت پيدا ڪيائون، بلڪ ائين چئجي ته خاص “سنڌي سينگار” فن لاءِ ڄڻ ھيءَ نئين لغت تيار ڪيائون، جنھن ۾ سنڌي، سنسڪرت، عربي، فارسي، بلوچي، براھوئي، سرائڪي، ٿري ۽ ڍاٽڪي ٻولين جي انوکن اسمن جو سرمايو شامل ھو. مختلف ٻولين جي مطلوب اسمن جي واقفيت ۽ ڄاڻ کي سنڌ جي سگھڙن ھڪ خاص “سگھڙپائي جو فن” قرار ڏنو، جنھن کي “ڏھسنامو” ڪري سڏيائون.
    سنڌ جي موجوده سڄاڻ سگھڙن جي متفقه نظريي موجب “ڏھسنامو”سنڌي سگھڙپائي جو آ ڳاٽو فن آھي، جنھن جو مطلب آھي: لفظن جي اھا ڄاڻ ۽ بيان جو اھو نمونو جنھن ۾ “ڏھ ٻوليون ۽ ڏھ معنائون ھجن”. سندن متواتر روايت موجب “کٽي ڏھسنامي جي فن جا پھريان ڄاڻو ۽ ماھر ھئا. سنڌ جي ھن سيني-به-سيني ھلندڙ روايت مان ظاھر آھي ته ڏھسنامي جي فن جي شھرت جلال جي ڏينھن کان ٿي، سنڌي سينگار شاعريءَ جو فن به ان وقت اوج تي پھتو، انھيءَ ڪري سمجھجي ٿو ته ڏھسنامي جو فن، جنھن جي ذريعي مختلف ٻولين جي انوکن اسمن جي ڄاڻ پيدا ٿي، سنڌي سينگار شاعريءَ جي عروج لاءِ بنيادي ڏاڪو ھو.
    غالباً سنڌ جي سگھڙن “ڏھسنامي” جو نالو ان وقت فارسي تعليم جي اصطلاحن کان متاثر ٿي اختيار ڪيو. فارسي سکڻ لاءِ “دووايو”، “ٽه وايو” ۽ “ آمدنامو” مشھور اصطلاحي نالا ھئا. سنڌ جي سگھڙن جو معياري نظريو ھو گھڻي ۾ گھڻن ٻولين جا انوکا الفاظ سکڻ، انھيءَ ڪري “ٻن” يا “ٽن” جي بدلي “ڏھن” جو عدد نظر ۾ رکيائون، ۽ “ آمدنامي” جي لحاظ سان پنھنجو نئون اصطلاح “ڏھسنامو” ايجاد ڪيائون.
    سگھڙن جي ذريعي “ڏھسنامي” جا جيڪي مثال اسان تائين پھتا آھن، انھن مان معلوم ٿئي ٿو ته “ڏھسنامي” جي ڄاڻ خصوصاً “سنڌي سينگار” شاعريءَ جي خدمت واسطي پيدا ٿي. سنڌ جي سگھڙن خاص طرح انھن اسمن جا ھم معنى الفاظ ٻين ٻولين مان ڳولي ھٿ ڪيا، جن جو تعلق محبوب جي سھڻن عضون ۽ اندامن سان يا انھن جي مشابھات سان ھو. مثلاً محبوب جا وار، اکيون، ڏند، چپ، نڪ، چيلھ ۽ پير خاص طرح تعريف جي لائق ھوندا آھن، انھيءَ ڪري انھن اسمن جا ھم معنى الفاظ ٻين ٻولين مان ھٿ ڪيائون. تشبيھات جي دنيا ۾ محبوب جي حُسن، چھري جي رونق ۽ بدن جي صفائيءَ جي ڀيٽ سج، چنڊ، کنوڻ، سون وغيره سان ٿي سگھي ٿي، وارن جي ڀيٽ ڪاري رات ۽ ڪارن نانگن سان ٿي سگھي ٿي، اکين جي ڀيٽ ھرڻ جي اکين سان ٿي سگھي ٿي، ڏندن جي ڀيٽ موتين سان ٿي سگھي ٿي، لبن جي لالائي جي ڀيٽ “مينھن وساڙي” جيت ۽ لعلن وغيره سان ٿي سگھي ٿي، سندس سھڻي ھلڻي جي ڀيٽ ھاٿي، ھنجھ ۽ مور وغيره سان ٿي سگھي ٿي، سندس سنھي چيلھ جي ڀيٽ شينھن جي سنھي چيلھ سان ٿي سگھي ٿي،. انھيءَ لحاظ سان سج، چنڊ، کنوڻ، سون، مينھن وساڙي جيت، رات، نانگ، موتي، ھرڻ، ھاٿي، ھنج، مور ۽ شينھن جي اسمن جا ھم معنى الفاظ مختلف ٻولين مان ڳولي ھٿ ڪيائون، انھيءَ لاءِ ته انھن انوکن لفظن جي مؤثر ۽ موزون استعمال سان سنڌي سينگار شاعريءَ جي اسلوب بيان ۾ اھا ساڳي انوکائي ۽ ڳوڙھائي پيدا ڪري سگھن، جا کين ھنديءَ جھڙي ڌاري ٻوليءَ ۾ نظر ٿي آئي.
    اسان ھت “ڏھسنامي” جا ڪي مثال قلمبند ڪريون ٿا، انھيءَ لاءِ ته لغت جو ھي مخصوص فن، جنھن تي سنڌي سينگار شاعريءَ جي اسلوب بيان جو دارومدار آھي، ان جي ماھيت قدري معلوم ٿئي. “ڏھسنامي” جي ڄاڻ ۽ رھاڻ جا عملي مثال اسان جا سگھڙ سيني به سيني سانڍيندا پئي آيا آھن.
    آڳاٽي ۾ آڳاٽا سگھڙ جن جي ذريعي ھي مثال اسان تائين پھتا آھن، سي ھي آھن:
    1) لس ٻيلي جي سڄاڻ سگھڙ ۽ شاعر نم فقير مڱڻھار(1750/1700- 96/1893) جي روايت، جا سندس عزيز صالح محمد کان معلوم ٿي.
    2) لس ٻيلي ۽ ڪراچي طرف جا گذريل صديءَ جي نصف جا سگھڙ جن جي زباني ڪي چند: مثال آخوند عبدالرحيم “وفا” سنه 1273ھ ۾ سندس ھڪ ھٿ لکيل قلمي ڪتاب ۾ ڏنا آھن.
    3) حمل فقير لغاري جنھن پنھنجي عرصه حيات (1225 - 1296ع) ۽ ڏھسنامي جا مثال مختلف سگھڙن وٽان ٻڌا، جن کي ھن پنھنجي شعر جي قلمي بياض جي چئن پنجن صفحن ۾ تفصيل سان قلمبند ڪيو آھي. غالباً اوائلي روايتن ۾ ھر ھڪ اسم جي ھم معنى لفظن کي ھڪ منظوم مصرع ۾ پويو ويو، انھيءَ لاءِ ته اھي نالا آسانيءَ سان ياد ڪري سگھجن - البته زماني جي گذرڻ سبب ڪن اسمن جون منظوم مصراعون سلامت نه رھيون آھن.
    ھيٺيان مثال عضون جي ھم نام نالن جا آھن:

    وار = اُڳ، رَڌان، ڪيس، ڪَچ، تَرنگ، چِڪُر، وار
    شُعٰرَ، موءِ، ڦُٽ، زلف، ساجن سِر سينگار.

    اکيون = آنک، اَکيان، نيک، ڪنول، چاھ، چشم، بن، رَين
    ڀِڀ، کَنجَن، چُڀَ، کَن، اک، پِيﱡ، لوچَن دونَين.
    يا
    اَنک، اکيان، نيٽ ڪنول، نيتر، چاھ، چشم،
    چتر، چڪس(؟)، پِيﱡ، دُرگَ، لوچن(؟) کنجن، ڇَم.

    نڪ = نڪ، بيني، ڦونز، پامسَ، انف
    (ناسَڪۡ، ناسا، ناڪ، ناٿڪ، پُزم، ڦاڪ، نيف، نوز، باس، ٻامس،)

    چپ= ھونٽ، لب، شفت، چپ
    (اوشٺ، رک، ھَونٺ، اڌر، اوٺ، جوڙ، اُونٺِ، لپس،سُندانِ، شفتين،)
    ھيٺيان مثال تشبيھات وارن اسمن جي ھم نام نالن جا آھن:

    الف) ڪاري رات ۽ ڪارا نانگ جن سان محبوب جي ڪارن وارن کي تشبيھ ڏيئي سگھجي ٿي.
    رات = تُڳي، تُھاري، تامني، تَمھر، تام، تمس،
    رات، رجني، رَين، ليل، پَھپ، چنيھر، نِس
    شب، شام، شف، تامسرَ، تاڳي، پَھَنب، اَنس
    (مس، تُلھاري، نائيٽ، تامت، تُمي مَسرين، نَنۡ)

    نانگ= ڦُن، پنَيگ، ڀَوَنَگ، اَزگر،
    ڪرشن، بدويس، نانگ، وسيھر
    مار، ثَعبان، اَليھرَ، تَليھر.
    (سِنيڪ، پين، راجلا، بشيھر، اُرڳ، وينس، سَپُ، اجگر، حَيَّ ثِھۡمار، ڪوبرا، دُوشُ، سَرۡد)

    ب) سج، چنڊ، سون، ۽ کنوڻ، جن سان محبوب جي حسين منھن جي رونق کي تشبيھ ڏيئي سگھجي ٿي:
    سج = شارق، شمس، وجون، ويذا، سجبرَن،
    دِيۡ، سُرخي، ديِتاب،
    آڏت، وَرن، سج، رَڀَن، خورشيد، بانا، بانَر
    (يا بانسر؟) اَرن، آفتاب.
    (سورج، آرڪ، تَپَنۡ، آڏتون، روش، سن، رَوِ، ھورُ، ڀانُ، خاور، سُوھو، سِجبَرۡنِ، مِھر، سِراجُ)

    چنڊ = پُونو، پُنرو، پُونم، چاند، چَندورو، چنَد،
    درڳ، سَسوئو، دَڄراج، پورب، سس، مڪرند
    نوخ، قمر، ماھتاب، بدر، ماھ، ھلال، ھسندُ،
    (برڳُ، ڪرنت، پانو، شِشڌَرُ، اِندُ، سِيسُ، بدر، مُونُ، نِشاقر، مڌاشُ، پُورَن، اُماس، چَنۡ، چندرما، نوڪِ، طوبا، سن (قديم عربي)
    سون= ذَھب، سوسن، سُھُرو، ڪَنچن، سون، ڪُندَن
    فيم، وتِافر، ٿھنگو، رُچِي، طلا، رتن.
    (ڪَنڪَن، ھيم، زَرِ، سووَنۡ، خيسُنُ، جھينگن، گولڊ، ٿَنگہُ،)

    کنوڻ = برق، دامني، بِج، سمڻه، جھانڪ، چي، ڪنگور،
    کنوڻ، وڄ، بجلي، ڪروخ، ملار گھنه، چچور.
    (ترني، چمڪت، اوپسر، وتاڦر، ڌِم، چاھا، ڪَشڻَدا، ڌَچين، بيجڙي، لائيٽننگ، گروڪِ، چيھي)

    ج) ھرڻ، جنھن جي اکين سان محبوب جي اکين کي مشابھت ڏيئي سگھجي ٿي:
    اُدگَر، آھُو، کرڊبدن، ھرن، ڪُرنگھان، ڇِيل،
    جھوڪا، مِرگھ، غزاله، اَلڪه، آسھا، اسھول، نِيل.
    (چيھل، ھِنَنۡ، ھِرڻ، اَسۡڪا، ارڳنڌ، کرڊنڊڻ، نَھَلۡ، نيل، خزم، آسَڪۡ، ايڻ، چيڻ، مرگھانيڻ، ٿانگر، ڪرنگھ، ڊيئر، ڊو، فان، ھارٽ، رو، روبڪ)

    د) طوطو، جنھنجي ڪنڍي چُھنب سان محبوب جي ڪُنڍي نڪ کي تشبيھ ڏيئي سگھجي ٿي:
    ڪِيل، اُنَنگ، تيمر، بُدر، سوندله.
    (مٺُو، طوطو، ڪڪيلو، ڪونتر، چَتون، اَلبيغَا، پَپِيھر، پئرٽ، پال)

    ھ) موتي جن سان سھڻن ڏندن کي ڀيٽي سگھجي ٿو:
    تنگن، پدماوت، مرواريد، دوڏر
    تاھل، سُندر، دُر، موتي، احمر.
    (تنگو، دَڌۡسُتُ، گوھر، مڪتا، الماس، جوھر، رتن، موڪتڪ، نگين، لُؤۡ لُؤۡ، پرل، خُوارِ)

    و) ھاٿي، جنھن جي سھڻي رفتار سان محبوب جي سھڻي ھلڻي ۽ لوڏ کي ڀيٽ ڏيئي سگھجي ٿي:
    ڪُنجل، ڪُنجن، ھنوت، ھاٿي، گج، سنکرَ، غيدان
    ھستي، چنچل، ھرنو، فيل، گَنير گت گيان.
    (ڪُنچر، پيل، ڦِرَندُ، کيٿان، وَسُو، وارڻ، مَڪنو، گونٽو، پربت، مينڊل، ماتنگ، نيل، ايليفنٽ، دانا، اُسۡحَنۡ، گج لو، ھَسۡتِن، ڪُنجر، ناگ)

    ز) شينھن، جنھن جي سنھي چيلھ سان محبوب جي باريڪ ڪمر کي تشبيھ ڏيئي سگھجي ٿي:
    سنگ، ڪُنير، ڪارڌو، قيصر، لَيث، مَزار
    اَسد، چيٽا، شير، شينھن، اَينٽرَ نانءُ نروار.
    (چتره، ببر، ڪيھر، چيتو، ڪَنۡيل، لاين، ٽائيگر، ليو، لپرڊ، ڪَنٽِيرَوَ، ھَرِ، سِنگُ، خليغا، ڪينٽل، سارڌو، ضرار، پنچنک، پنچان، ھريک، مرگپ،پينتھر)
    ھن وقت اٽڪل اڍائي سون ورھين کان پوءِ به ڏھسنامي جي لغت جي انھن مثالن ۽ مصراعن جو باقي رھڻ ثابت ڪري ٿو ته جلال ۽ سندس ساٿين جي وقت ۾ ھن فن جو ڪافي چر چو ھوندو- لغت جي ھن ذوق ۽ ڄاڻ ذريعي سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن ۽ شاعرن اھي انوکا الفاظ ڄڻ پنھنجا ڪري چڏيا، ۽ انھن جي موزون ۽ مؤثر استعمال سان پنھنجي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ اھا ڳوڙھائي پيدا ڪيائون جو ان جي ڀيٽ ۾ سندن اھل وطن واسطي “سنگار رس” جي ھندي ٻوليءَ واري انوکائي ھيچ بنجي وئي، ۽ ھو ھندي “سينگار رس” جي بدران، ھاڻي ڪلي طور “سنڌي سينگار” ڏانھن متوجھ ٿيا.
    ھن ڪاميابيءَ جو سھرو يقيني طور حضرت جلال جي سر تي سونھي، جنھن پھريون دفعو “فن سينگار” کي نھايت مؤثر ۽ ڳوڙھي اسلوب بيان ۾ بھترين نموني سان نباھيو، جنھن ڪري انوکو ۽ ڳوڙھو اسلوب بيان سنڌي سينگار شاعريءَ جي ھڪ خاص خصوصيت بنجي ويو. اھا حقيقت اڳتي آندل بيتن مان پوريءَ طرح واضح ٿيندي، مگر اسلوب بيان جي ڳوڙھائيءَ کي ھت ابتدائي طور سمجھڻ لاءِ، جلال جو ھڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو:
    تَمھرَ روُپ تُرنَگ، آھن ڪنول ڪيس قريب جا
    سِھ ڳچي، قد سرو سنئون، ڪَنونتر نيف نِسنگ
    ڦوڳَرَ ڦوڳَ پِريانہَ جا، مزگان ڪيس خدنگ
    لَڪ لَيثِي، ڏَھَرَ ڪَپُور، ڀِروان ڀؤنر ڀَوَنگ
    تَنھن سُسايا سارنگ، جلوي ساڻ “جلال” چئي.
    ظاھر آھي ته لغت جي وسيع ڄاڻ کان سواءِ ھن بيت جي ڳوڙھائيءَ کي سمجھڻ مشڪل آھي. قابل ھنر مند شاعر محبوب جي حسن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته:
    1) ڪاري اونداھي رات (تمھر) مثل، محض محبوب جا ڪارا ڊگھا وار (ترنگ) ڪنول گل جھڙا نرم وار (ڪيس) آھن.
    2) سندس سھڻي ڳچي ڪونج (سھ) جھڙي، قد سنئون سروَ جھڙو، ۽ نڪ (نيف = ع. انف) طوطي (ڪئونتر) جي چنھب مثل نر وار ڪُنڍو آھي.
    3) پرينءَ جا ڳل (ڦوڳر) مينھن وساوڙي جيت (ڦوڳ) جھڙا ڳاڙھا لال، ۽ سندس پنبڻين (مزگان) جا وار (ڪيس) تيرن (خدنگ) مثل آھن.
    4) سندس ڪمر (لڪ) شينھن (ليث) جي چيلھ جھڙي سنھي، ڏند (ڏھر) اڇا ڪافور (ڪپور) جھڙا، ۽ ڀرون اھڙا ڪارا آھن جھڙا ڀونئر ۽ نانگ.
    5) بقول جلال، (ھن سڀني صفتن سھڻي سڄڻ) سندس حسن جي جلوه ساڻ سانوڻ (سارنگ) جي سھسين رنگ سونھن کي به جھڪو ڪري ڇڏيو آھي!
    جلال جي ھن بيت ۾ عربي، فارسي، سنسڪرت، ھندي ۽ سنڌي زبانن جي لغت سمايل آھي، ۽ غالباً سندس ئي ھن سِٽاءِ ذريعي سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ انوکن لفظن جو استعمال ھڪ مڃيل معيار بنجي ويو. نه فقط ايترو مگر ھن انوکي اسلوب بيان کان ھمعصر صوفي شاعر پڻ متاثر/ٿيا. ڀٽائي صاحب، جو جلال ۽ سندس ساٿين جو ھمعصر ھو، ۽ جنھن پنھنجي ذاتي فڪر ۽ طبع زاد بيان جي علاوه، ضرورت آھر ھر گل مان واس وٺي پنھنجي فڪر کي عالمگير ۽ بيان کي جامع البيان بنايو، تنھن پڻ پنھنجي ھمعصر شاعرن جي ھن نئين شاعرانه فن ۽ انوکي اسلوب بيان کي قدري پنھنجي زباني ڳايو ۽ چمڪايو.
    مثلاً: سر ڪوھياري جا ھيٺيان ٻه بيت جن ۾ عمداً انوکن عربي لفظن کي استعمال ڪيو اٿس، سي ھن معاصرانه سينگار شاعريءَ جي ڳوڙھي اسلوب بيان جو عڪس ڏيکارين ٿا:
    1) “ليل” نه جاڳئين لِک سين، ڪلي “نوم” ڪياءِ
    “قم” ٿي پھچ قريب کي، “اجلس” تو نه جڳاءِ
    مٺي! مھمانن سين ويھي رات وھاءِ
    جيلانہ ننڊ ڪياءِ، تيلانہ روز رئين ٿي راھ ۾.

    2) “اجلس” ڪري اٿيا، تنواريو توڏن
    “نوم” نوازي ان کي، مرحبا موڏن
    رڙھي رس روڏن، “اَليَومُ سِيرُو” سسئي!
    نه فقط ايترو پر خود معاصرانه سينگار شاعريءَ جي دلچسپ مضمونن کان متاثر ٿي، ڀٽائي صاحب ھيٺيون بيت بلڪل انھيءَ رنگ ۾ چيو آھي ته:
    گَنيَرَ گَت سکن، چلڻ جي چاھ پئي
    ھِنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪي لبن
    چمڪن چوڏس چنڊ جيئن وڄڙيون وھسن
    لوچن ٿيون “لطيف” چئي، پسڻ لاءِ پرين
    ڪيسر قريبن، سنباھي ساڻ ڪيا
    (سر سارنگ، داستان ٽيون)
    ھن بيت ۾ “گنيرگت” (ھاٿيءَ جي چال) ھنڊوا (ڳاڙھا مينھن وساوڙا جيت) ۽ ڪيسر (زعفران جنھن جي ڳاڙھي رنگ ۽ خوشبوءِ سان محبوب جي بدن جي لال ٻھڪندڙ رنگ ۽ ھٻڪار کي مشابھت ڏجي ٿي) خاص طرح ڏھس نامي جي لغت جا الفاظ آھن جي سينگار شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل آھن.


    تاريخ: 6- اپريل 2014ع
    (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ورسيءَ واري ڏينهن) “عاجز” رحمت الله لاشاري
    باني/ مرڪزي صدر
    سلات، (سنڌ بلوچستان)


    پيش لفظ

    سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ سگهڙ، شاعرن، استادن ۽ ليکڪن بنيادي/ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته ٻوليءَ کي پکيڙڻ ۾ شروعاتي ڪم سگهڙن، چارڻن، ڀٽن ۽ ڀانن جو ڏسڻ ۾ ايندو. اهي ڀٽ، چارڻ ۽ ڀان شاعر به هئا ته ڳائڻا به هئا. عزت منجهان انهن کي سُگهڙ به سڏيو ويندو هو. جيئن جيئن دنيا اڳتي وڌندي وئي ته مختلف شعبن ۾ ترقي ۽ ڦوٽهڙو به جاري رهيو. هڪ شعبي مان ٻيا شعبا ڦُٽي نڪتا. ڳائڻا، شاعر ۽ سُگهڙ پنهنجي الڳ سڃاڻپ سان نروار ٿيا. ٽنهي جو تمام ويجهو رشتو آهي. ڳائڻو ڪنهن شاعر جي شاعري ئي ڳائيندو. گهڻي ڀاڱي شاعر پنهنجي شاعري ڳائيندا ناهن، رُڳو تخليق ڪندا آهن يا پڙهندا يا وري جهونگاريندا آهن. جڏهن ته سُگهڙ پنهنجي تخليق پيش ڪرڻ جو سهڻو ڏانءُ رکي ٿو. سُگهڙ به شاعر يا تخليقڪار آهي، جيڪو نه رڳو پنهنجي شاعري مخصوص انداز ۾ پيش ڪندو آهي. بلڪه ٻين شاعرن/ سگهڙن جي شاعري پڙهي ڪچهريءَ ۾ چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيندو آهي. سُگهڙ ٻوليءَ تي وڌيڪ ۽ شاعر وري تخيل تي وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿو. ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. سُگهڙ جو فن ادائگي (Performance) تي وڌيڪ دارومدار رکي ٿو.
    ڪو زمانو هو جو سُگهڙن ظاهري تعليم نه هوندي به پنهنجي سيني ۾ شاعريءَ کي سانڍي زبان ذريعي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪري ٻوليءَ کي محفوظ رکيو. زماني جي ترقيءَ سان هنن همراهن به ترقي ڪئي آهي. هاڻي سگهڙائپ جي فن سان لاڳاپيل همراهه اڻ پڙهيا ناهن رهيا، تعليم حاصل ڪري نه رڳو دنيا جهان جو ادب، خبرون ۽ ڄاڻ پڙهن ٿا پر پنهنجو ڪلام پني تي پاڻ لکن ٿا. هُن زماني جي جدت کي به قبوليو آهي ته وري ٻوليءَ جي پراڻي ۽ نئين رنگ کي به پاڻ ۾ ملايو آهي. اهو سڄو اولڙ اوهان کي هن ڪتاب “سهڻل جا سينگار” ۾ نظر ايندو.
    سينگار لوڪ ادب ۾ اهڙي بيت کي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ محبوب جي سورهن سينگارن، ڳهن ڳٺن ۽ سونهن وغيره جي واکاڻ ٿيل هجي. هونءَ به سونهن ۽ سينگار شاعر توڙي سُگهڙ جي فطري ڪمزوري رهيا آهن. دنيا جو شايد ئي ڪو شاعر هُجي، جنهن محبوب جو ذڪر ته ڪيو هُجي پر سندس سينگار جو ذڪر نه ڪيو هُجي.
    سينگار ٺيٺ عشقيا صنف آهي، پوءِ اهو محبوب مجازي هُجي يا حقيقي، نبي ڪريمﷺ کي پنهنجو محبوب سمجهي سينگار ۾ ساراهيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ ان جو بنياد هندي دوها چيا وڃن ٿا. انهن دوهن کي سنڌ جي شاعرن ۽ سُگهڙن پنهنجو رنگ ڏئي سينگار بڻائي ڇڏيو. اُردوءَ ۽ هنديءَ ۾ سينگار کي سِنگهار چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنيٰ ٺاهه ٺوهه ۽ سجاوٽ آهي.
    سينگار جي بيتن ۾ تشبيهن ۽ استعارن جي اُڻت اهڙي ته من موهيندڙ هوندي آهي جو ٻُڌندڙ ۽ پڙهندڙ سرور ۾ اچي ويندو آهي ۽ اُن مان محبوب جي سونهن جو تجلو نظر ايندو آهي. سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ جيڪي محبوب جي سونهن جي باري ۾ بيت چيل آهن، انهن کي جيڪڏهن سينگار بيت سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، اهو سلسلو اڄ جي جديد شاعرن تائين هلندو اچي پيو ۽ هلندو رهندو. ان سلسلي ۾ مثال لاءِ هڪ ڪلاسيڪي ۽ هڪ جديد شعر ڏجي ٿو.
    چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرينءَ سين
    تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نِت سوجهرا
    (شاهه لطيف)

    صاف کير جيئن، جوڀن تنهنجو
    نرم مکڻ جيئن، تن من تنهنجو
    کير مکڻ سڀ سهڻي آ
    چنڊ ته آهي ڇاڇ ڇڙي وو!
    (نارائڻ شيام)
    مٿيان بيت سڌا سنوان سينگار جا بيت ته نه ٿا چئي سگهجن پر انهن ۾ محبوب جي سونهن ۽ سينگار جو ذڪر آهي. هاڻي هيٺ اهڙو بيت ڏجي ٿو، جيڪو سُگهڙ “بردي” جو آهي ۽ ان کي سينگار بيت سڏجي ٿو.
    سون ورني سُهڻي، اڌر عجب گل رنگ
    ڪيسرِ لنڪي ڪامڻي، ڪومل نين ڪُرنگ
    ناس ڪڪيلو، ڪوئل بيني، ڀرون ڀئونر ڀَوَنگ
    تَليهر وڌِ تَرنگ، ٿي بيهوش ڪِري “بردو” چئي.
    (اَڌر: چپ، ناس: نڪ، ڪڪيلو: چتون/ طوطو، بيني: آواز، ڀَوَنگ: نانگ)
    اها سون جي رنگ جهڙي آهي ۽ چپ گلاب جي گل جهڙا، نڪ طوطي جيان، آواز ڪوئل جهڙو ۽ ڀرون نانگ جهڙا اٿس.
    عورت جي سورهن سينگارن جي جيڪا ڳالهه ڪئي ويندي آهي، سگهڙن پاران انهن کي چئن حصن ۾ ورهائي ڀيٽيو ويو آهي. (1) چار چلنت (هلندڙ جانور)، (2) چار اُڏنت (اُڏندڙ پکي)، (3) چار ڦول (گل)، (4) چار ڦل (ميوا)، انهن شين جي خوبين کي عورت جي سينگار سان ڀيٽيو ويو آهي.
    چار هلندڙ: (1) مرگهه نيني (هرڻ اکي، (2) ڪيهر لڪي (شينهن جهڙي چيلهه)، (3) اَسپ (گهوڙي جهڙو ناز نخرو)، (4) رد/ هاٿي (هاٿيءَ جهڙو هلڻ)
    چار اُڏندڙ: (1) ڪڪيلو (طوطو): نڪ طوطي جهڙو، (2) ڪوئل: ڳالهائڻ ڪوئل جهڙو مٺو، (3) مور: ڳچي مور جيان ڊگهي ۽ سنهي، (4) ڀونر (ڀونئر پکي ته ناهي اڏامندڙ ڪارو جيتامڙو آهي): ڀرون ڪارا ائين هجن جيئن چمپي گل تي ڀونر.
    چار ميوا: (1) ڪيلو: هٿ ڪيلي جي ڦريءَ جهڙا نرمِ، (2) اڏار (ڏاڙهون) ڏند ڏاڙهونءَ جي داڻن جهڙا سهڻا، (3) سوپاري: کُڙي سوپاريءَ جيان ننڍڙي ۽ گول هجي، (4) ناريل: ڪامڻيءَ جي پستان سندس چوليءَ اندران ناريل وانگر لڳن.
    چار ڦول: (1) گلاب: چپ ۽ ڳل گلاب جهڙا، (2) سوسن: وار سوسن جي گل جهڙا ڪارا، (3) ڪيسر: بدن ڪيسر (گل زعفران) وانگر سدا بهار ۽ خوشبوءِ وارو، (4) ڪنول: مُنهن ڪنول جي گل جهڙو خوبصورت.
    ضروري ناهي ته هر ڪو سُگهڙ رڳو اهي ئي چار چلنت، چار اُڏنت، چار ڦول ۽ ار ڦل پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪم آڻي. پنهنجيءَ پسند مطابق تشبيهون تبديل ڪري سگهي ٿو. مٿي رڳو سمجهائڻ لاءِ نالا ڏنا ويا آهن.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي ڪتاب “لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” مان مٿيون وضاحتون ڏنيون ويون آهن هو رام گلام رام جي ڪتاب “رام لگام شبد ڪوش”، جيڪو لڪشمي وينڪٽيشور ڇاپي خاني ڪلياڻ، سنبت 1967ع ۾ ڇپرايو، جي حوالي سان عورت جا هيٺيان سورهن مجازي يا مصنوعي سينگار بيان ڪري ٿو:
    (1) بدن صاف ڪرڻ، (2) وهنجڻ، (3) صاف پوشاڪ پهرڻ، (4) ڪجل لڳائڻ، (5) لاک جي رنگ سان پير ڳاڙها ڪرڻ، (6) وار سنوارڻ، (7) سينڌ ڀرڻ، (8) نرڙ تي تلڪ ڪڍڻ، (9) ميندي لڳائڻ، (10) کاڏيءَ تي تل ڪڍڻ، (11) بدن کي خوشبوءِ لڳائڻ، (12) زيور پائڻ، (13) گلن جو هار وارن جي چوٽيءَ ۾ ويڙهڻ، (14) پان کائڻ، (15) ڏندن کي مِسي هڻڻ، (16) لبن کي لال ڪرڻ. (صفحو 143)
    اهي سڀئي سينگار هاڻي جديد طريقن سان ڪيا وڃن ٿا. پراڻا وکر به نئين انداز سان بازار مان ملن ٿا. هر خطي ۾ طور طريقا به ڪجهه مختلف آهن. جيئن هندو ڌرم ۾ تلڪ ٿئي، جڏهن ته سنڌ ۾ شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ عورتون پنهنجي طريقي سان پاڻ کي سينگارن، جنهن جي شاعر عڪاسي پڻ ڪن ٿا.
    سينگار بابت عاجز لاشاريءَ پنهنجي مقدمي ۾ تفصيل سان لکيو آهي. وڌيڪ ڄاڻ لاءِ ان جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو.
    هِن ڪتاب جو نالو به ڏاڍو سهڻو رکيو ويو آهي. جڏهن مان ريڊيو پاڪستان تي هوندو هئس ته رونا ليليٰ جي ڳايل انهن ٻولن کي اڪثر پنهنجي پروگرامن ۾ ڏاڍي چاهه سان نشر ڪندو هئس.
    سهڻل جا سينگار، وهه واهه دل کي وڻڻ ٿا.
    دل کي وڻڻ ٿا، ڏاڍا سهڻا لڳن ٿا.
    سهڻل هڪ جامع لفظ آهي هر ڪو اهو لفظ پنهنجي پنهنجي محبوب لاءِ ڪتب آڻي ٿو هن ڪتاب ۾ سگهڙن پنهنجي محبوب جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي آهي. اڪثر سگهڻن جو محبوب هن ڪائنات جو ڪارڻي حضرت محمدﷺ آهي، جنهن جي ساراهه ۾ سگهڙن وسان نه گهٽايو آهي. مجاز محبوب جي تعريف به واهه جي ڪئي وئي آهي. سونهن ۽ سينگار جون سُرڪون ڀريون ويون آهن.
    هتي مثال لاءِ “گل حسن گل” جو هڪ ٽيهس سينگار ڏجي ٿو، جنهن ۾ چنڊ جا ٽيهه نالا آهن:
    قمر، بدر، طوبا جوڙ نه اڳيان جاني،
    درڳ، ڌڄراج، مڌاشِ، نشاقر نوڪ نوراني،
    اند، هلال، هسند، سَسُ نه سڄڻ ثاني،
    چن، چندرما، چاند، بڻيو ستارن باني،
    پورن، پونم، پهلو، جڏهن سونهن ڏٺي سلطاني،
    نوخ نمايو سهڻي صورت جلوي جوت جواني،
    مڪرند، اُماس، عَجيبَ قدمين، سن، چندورو فاني،
    پونو، پانو، پنرو، چڱڙو، لعلڻ پرلا ثاني،
    مون، ماهه، مهتاب، تنهن کان سرس سڄڻ سبحاني،
    چنڊ چٽائي مرڪ مٽائي، راز هتي هو رباني،
    حَسين ويا “گل ملڪ” هٽي، ٿي حورن کي حيراني،
    خان هُجي ڪو خاني، ته به حُسن وڌ حبيب جو،

    ڪتاب شايع ڪرڻ تي ڇپائيندڙ اداري ۽ مرتب عاجز لاشاريءَ کي واڌايون ڏيان ٿو. عاجز لاشاري صاحب جون لوڪ ادب ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن. هتي سندس مختصر تعارف ڏجي ٿو.
    عاجز رحمت الله گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. هڪ ئي وقت هو مذهبي عالم، نعت خوان، مولودي، قاري، صحافي، سگهڙن جو اڳواڻ، مختلف ڪتابن جو ليکڪ، ٽي وي ڪمپيئر ۽ سلجهيل سگهڙ آهي. سندس ڄمار ته ننڍڙي آهي پر هُن ڪم وڏا ڪيا آهن. خاص ڪري سگهڙائپ جي شعبي ۾ تمام ٿورڙي عرصي ۾ هُن گهڻا ۽ معياري ڪم ڪيا آهن.
    هيءُ همراهه سگهڙن جي سُکن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو، پنهنجن سينيئر سگهڙن سان گڏ مختلف تنظيمن ۾ رهڻ کان پوءِ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) جي باني مميبرن ۾ به شامل ٿيو، هينئر ان جو مرڪزي اڳواڻ آهي. ان تنظيم جي پليٽ فارم تان هو سگهڙن لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو، سندس ديني خدمتون به جاري آهن.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب عاجز لاءِ لک ٿو ته: “سنڌ جو سگهڙ بنيادي طور مذهبي شاعر رهيو آهي. پر هن سگهڙ ۾ اعليٰ گڻن واريون سڀئي خوبيون سمايل آهن. مذهب سان گڏ ادب، صحافت، خطابت، امامت، تدريس جي ڄاڻ سميت نظم ۽ نثر به سٺي نموني سرجيندڙ آهي. هي سڀئي مڻيا جا موتي ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ملندا آهن. (رنگ رحمت الله جا، 2 129)
    دعا آهي ته سندس ڪم جي رفتار ۽ معيار جاري رهي ته جيئن خاص ڪري لوڪ ادب جي وڌ ۾ وڌ خدمت ٿي سگهي.

    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    چيئرمن
    سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي
    عبدالحق ڪئمپس، ڪراچي


    پنهنجي پاران

    ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جي ڀلاري ڀونءِ ۾ علمي ادبي ۽ ديني لحاظ کان امن پيار محبت جو درس صدين کان جاري و ساري آهي. ان ڀلاري ڀونءِ ۾ علمي ادبي توڙي ديني لحاظ کان هر ڪو پاڻ پتوڙي رهيو آهي ان سلسلي ۾ اسان جي شهر مبارڪپور جي هڪ تمام اعليٰ شخصيت مرحوم پروفيسر اسد الله ڀٽو به عالمي سطح جي اعليٰ شخصيت طور سڃاپجندڙ آهي جنهن پنهنجي شهر کان شروع ڪيل هڪ فڪري جاڳرتا کي ان مقام تي پهچايو جو وقت جي حڪومت جي اعليٰ حڪمرانن به کيس سلام ڪيو ۽ مڃتا جي ان حد تائين پهتو جو انسانيت جي خدمت جو جذبو کڻي اسلامي ادب جي آبياري ڪرڻ سميت ڏتڙيل غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي مدد جو نظريو سامهون رکندي تنظيم فڪر و نظر سنڌ جو سن 1978ع ۾ بنياد رکيو جنهن تنظيمي پليٽ فارم تان هن جو جذبو ايترو ته جدوجهد ۽ جفاڪشي وارو هيو جو ٿوري عرصي ۾ نه رڳو سنڌ پر پاڪستان اندر تمام وڏو نالو ڪمايو.
    حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ رسالي بيداري جي بياض ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پروفيسر اسدالله ڀٽو مرحوم پنهنجي ذات ۾ انجمن هو. ديني حميت جو صاحب هو، ادارا قائم ڪري، انهن کي هلائڻ جي جدوجهد ۾ پيش پيش هو، ڪتاب لکڻ، اردو ڪتابن مان ترجما ڪرڻ، ۽ پروف ريڊنگ کان وٺي ڇپائي تائين جي سمورن ڪمن ۾ مصروف رهڻ، سنڌ گير سطح جون ادبي ڪانفرنسون ڪوٺائڻ، دوستن کي گڏ ڪري کانئن نظرياتي ڪم وٺڻ جي وصفن کان بهره ور هو. پروفيسر اسدالله ولد حاجي غلام قادر ڀٽو ضلع جيڪب آباد تعلقه ٺل جي ڳوٺ مبارڪپور ۾ 15 جنوري 1944ع تي پيدا ٿيو، سندس والد محترم جي وفات حج بيت الله جي سفر دوران ٿي هئي. جيڪو اسلامي حيثيت رکندڙ ۽ مجاهد مرد هو، هن سخيءَ طور مشهوري ماڻي هئي.
    مرحوم پروفيسر اسد الله ابتدائي تعليم جو آغاز گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪنڌ ڪوٽ کان ڪيو. سال 1961ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌ ڪوٽ مان پاس ڪيو ۽ جلد ئي ساڳئي هنڌ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو. مرحوم ڀٽي صاحب جي تعليم سان نهايت گهري دلچسپي هئي. هن سروس دوران انٽر ۽ بي اي جو امتحان ڏيئي ايم. اي اسلام ڪلچر جو امتحان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو. اهڙي طرح گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ ۾ اسلامڪ ڪلچر جو ليڪچرار مقرر ٿيو.
    پاڻ سروس دوران جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهڻ بعد سکر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪندي پنهنجي ڊيوٽي جا آخري 20 سال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ پورا ڪيا.
    محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي جو قيام ۽ ان جون حاصلات
    مرحوم ڀٽي صاحب جو شروعات کان وٺي لاڙو علمي ۽ ادبي دنيا ڏانهن رهيو، جنهن ڪري علمي ۽ ادبي شوق جي تسڪين لاءِ ڪوششون ڪري، دوستن جي صلاح مشوري سان 1968ع ۾ محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي سنڌ جو بنياد وڌو. جنهن ۾ مرحوم کي بنيادي مرڪزي نائب صدر مقرر ڪيو ويو. هن اداري جي ڪاميابي لاءِ اڻٿڪ محنت ۽ سخت جدوجهد ڪيائون. نتيجي ۾ ان اداري برصغير ۾ اسلام جي فاتحاڻي آماد، غازي محمد بن قاسم جو مجاهداڻو ڪردار، يوم باب اسلام تحريڪ کي اجاگر ڪرڻ، دين جي بزرگن خاص طور شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عالمگير پيغام کي عام ڪرڻ، سنڌ جي اسلامي تشخص جي احياءِ، الحاد ۽ لادينيت جي سدباب جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان اداري انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ 55 ڪتاب شايع ڪيا، ان سان گڏوگڏ سنڌي ماهوار رسالا سنڌي ڊائجيسٽ، اديون ۽ آئينو جاري ڪيا.
    ڪتابن جي اشاعت، تصنيف ترجمه، تاليف ۽ ترتيب ۾ مرحوم ڀٽي صاحب حصو ورتو ۽ هن ڪيترائي مضمون پڻ لکيا.
    محمد بن قاسم سنڌي ادبي سوسائٽي اسلامي وحدت، ديني حميت ۽ علم و ادب جي سرپرستي ڪندي ايمان افروز ڪانفرنسون، مشاعرا ۽ مذاڪره منعقد ڪرايا، جن ۾ علم ۽ فضيلت جا پارکو، مشاهير امت، علماءِ ڪرام ۽ قومي شاعر شرڪت ڪندا رهيا. مرحوم پروفيسر اسد الله ڀٽو حيثيت نائب صدر ۽ جنرل سيڪريٽري هن اداري ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي ان کي اوج تي رسايو.
    تنظيم فڪر و نظر سنڌ جو قيام ۽ ان جون حاصلات
    1978ع ۾ مرحوم پروفيسر اسد الله ڀٽو تنظيم فڪر و نظر سنڌ جي نالي سان اسلامي، علمي، سماجي ۽ ادبي ادارو سکر ۾ قائم ڪيو ۽ ان جا باني صدر منتخب ٿيا، ان اداري انگريزي، سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ 50 قومي ۽ بين الاقوامي اهميت جا حامل اسلامي تاريخي ۽ ادبي ڪتاب سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ شايع ڪيا جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    1. رحمت اللعالمين
    2. نور الايمان
    3. محمد بن قاسم ناول
    4. وچ ايشيا جا مسلمان
    5. قوم پرستي
    6. اوجاڳو اکڙين
    7. چار يار
    8. سُندري (ناول)
    9. سرور ڪائنات
    10. داستان مجاهد
    11. آرياڻي اجاريو
    12. انقلاب جي راهه
    13. طارق بن زياد رحه
    14. داستان مجاهد
    15. عرفان لطيف
    16. مديني جو مير
    17. مٺو مرسل (سير النبي)
    18. عرب وهند عهد رسالت ۾
    19. فڪر لطيف 1985ع
    20. نيو هورائيزن (انگريزي)
    21. قرآني انقلاب جو طريقو
    22. لطيف جا لاڙتان ڀيرا
    23. حضرت خالد بن وليد
    24. قائداعظم محمد علي جناح
    25. سڙيا مٿي سچ
    26. سيڻ مٽائين سون تي
    27. فڪر لطيف 1986ع
    28. سنڌ باب اسلام
    29. حديثن جو گلدستو
    30. روشني
    31. اشتراڪيت جو آئينو
    32. الله سائين جي ڏاچي
    اردو ٻولي ۾ ڪتاب شايع ڪيا جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    33. حضرت سلمان فارسي رضه
    34. حضرت ابو عبدالرحمان عبدالله بن مسعود
    35. حضرت عثمان بن مظعون بن حبيب
    36. هندستان مين عربون کي حکومت
    37. مجله باب الاسلام کانفرنس 1985ع
    38. حضرت زبيربن العوام رضه
    39. مقد اد بن عمر ووالاسد رضه
    40. عرب و هند عهد، رسالت مين
    41. اسلام جس سي مجهي عشق هي
    42. مجله کل پاکستان لطيف کانفرنس 1985ع
    43. حضرت زيد بن حارث رضه
    44. حضرت سالم رضه
    45. خلافت راشده اور هندستان
    46. خلافت عباسيه اور هندستان
    47. مجله کل پاکستان باب الاسلام کانفرنس 1986ع
    48. حضرت زيد بن رضه
    49. حضرت حذيفه بن اليمان اور حضرت خباب رضه
    50. خلافت نبي اميه اور هندستان
    51. مجله عالمي سندي ادبي ميلو 1988ع
    52. مجله کل پاکستان لطيف کانفرنس 1988ع
    مرحوم موصوف پاڻ ڏهن ڪتابن جا ليکڪ آهن جن مان 6 پنهنجا تصنيف ٿيل ۽ 4 ترجمو ٿيل آهن. جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    53. شاهه جو پيغام
    54. عالم اسلام ۽ عصري سياست قوم پرستي
    55. سنڌ اسلام جي آغوش ۾
    56. شيخ اياز پنهنجي نظريات جي آئيني ۾
    57. ترجمون ٿيل ڪتاب
    58. انقلاب ڪيئن ايندو؟
    59. رحمت اللعالمين
    60. قرآني انقلاب جو طريقو
    61. محمد بن قاسم
    سنڌ اسلامڪ سينٽر سکر جو قيام؛
    هڪ ڪثير المقاصد، سنڌ اسلامڪ سينٽر قائم ڪيو، جيڪو سکر شهر ۾ 3 ايڪڙ وسيع رقبي تي ڦهليل آهي، هاڻي به هي مرڪز اسلامي ۽ ادبي سرگرمين جو محور ۽ نشان منزل آهي، جنهن ۾ مرڪز دعوت القرآن والسنته جي نالي سان ادارو قرآن حڪيم جي تعليم ۽ اسلام جي فڪر جي اشاعت جو فرض انجام ڏيئي رهيو آهي.
    سنڌ اسلامڪ سينٽر جو قيام، تعمير، تشڪيل ۽ ترويج ۾ مرحوم ڀٽي صاحب جو وڏو ڪردار آهي. تنظيم فڪر نظر سنڌ جي زير اهتمام مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان اهم بين الاقوامي/قومي و صوبائي ڪانفرنسون ۽ سيمينار منعقد ڪيا، جيڪي هن ريت آهن.
    اسلام اور دور جديد کا چيلنج 1978ع
    کل سندهه تعليمي کانفرنس شکارپور 1979ع
    هجره کانفرنس سکر 1981ع
    کل سندهه شاه لطيف کانفرنس لاڙکانه 1986ع
    قومي سيرت کانفرنس سکهر 1983ع
    شاد سان شام 1983ع
    عالمي سندهي ادبي ميلو کراچي 1984ع
    مسلمانون کي عظمت رفته حيدرآباد 1984ع
    بهارت کي نامور مسلمانون کي اعزاز مين ايک پر وقار تقريب سکهر 1984ع
    حضرت مولانا سعيد احمد اکبر آبادي کي اعزاز مين تقريب سکهر 1984ع
    بهارت کي دانشورون کي اعزاز مين شام لب مهران سکهر 1984ع
    يوم سردار علي شاه “ذاکر” مرحوم 1984ع
    حضرت مولانا قاضي اظهر مبارکپوري کي کتب کي تعارفي تقريب کراچي 1986ع
    معصومين کان ميلا سکهر 1986ع
    يوم قربان علي بگڻي مرحوم 1985ع
    کل سندهه معصومين کا ميلا سکهر 1987ع
    1985ع سي سالانه کل پاکستان شاهه عبداللطيف کانفرنس سکهر
    شاه لطيف عالمي کانفرنس 1986ع
    درس قرآن کي محفلين سکهر 87-1986ع
    انهن ڪانفرنس ۾ دنيا جا مشاهير اسڪالر، علماءِ ڪرام ۽ شاعرن کان علاوه وقت جي صدر، وزيراعظم، گورنر، وزيراعليٰ ۽ وزيرن شرڪت ڪري خطاب ڪيو، ان اداري مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان ساليانو (هر سال) شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس، يوم باب الاسلام ڪانفرنس ۽ قومي سيرت ڪانفرنس جو شاندار اهتمام ڪيو، پروفيسر ڀٽو صاحب ان اداري جي قيام ۽ فروغ جي لاءِ بنيادي خدمتون انجام ڏنيون.
    مسجد محمد بن قاسم اروڙ جو قيام؛
    پروفيسر اسدالله ڀٽو 1983ع ۾ ٽيون ادارو قومي ڪاميٽي براءِ تعمير نو مسجد محمد بن قاسم اروڙ کي قائم ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، ان وقت جو وفاقي مذهبي امور محترم جناب راجا ظفر الحق باني صدر ۽ پروفيسر ڀٽو باني جرنل سيڪريٽري مقرر ٿيا، ان اداري جي قيام جو مقصد برصغير جي پهرين مسلم دارالخلافه اروڙ نزد سکر جي تاريخي حيثيت کي زنده ڪرڻ اتي موجود برصغير جي ٻئي مسجد محمد بن قاسم و شريعت ڪاليج کي قائم ڪرڻ ۽ اسلام جي فاتحاڻي آمد ۽ جنوبي ايشيا ۾ وسعت جي باب کي روشن ڪرڻ هو.
    مرحوم پروفيسر ڀٽو جي ڪوشش سان وقت جي صدر، گورنر ۽ وزير اعليٰ اروڙ جو دورو ڪيو ۽ ان عظيم منصوبي جي منظوري جو اعلان ڪيو ۽ ساڍا تيرنهن ايڪڙ زمين عطيي طور ڏني، پر اڃا تائين اهو خواب ساڀيان ڪونه ماڻي سگهيو آهي.
    ان کان علاوه مرحوم ڀٽي صاحب ڪانفرنس ۽ مذاڪرن ۾ شرڪت ڪئي، ان مان ڪجهه خاص هن ريت آهن، مرحوم ڀٽي صاحب اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي زير اهتمام ڪل پاڪستان اهل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقالو پڙهيو.
    85-1984ع ۾ وزارت مذهبي امور جي زير اهتمام بين الاقوامي دانشورن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، مقالو پڙهيو، مرحوم کي 1983ع ۾ مذهبي امور طرفان قومي سيرت ڪانفرنس جو ڪارڪن مقرر ڪيو.
    ڀٽي صاحب وزارت مذهبي امور جي زير اهتمام قومي سيرت ڪانفرنس جي تقريري مقابلي ۾ 1990ع ۾ حصو ورتو ۽ صدر پاڪستان طرفان صدارتي ايوارڊ حاصل ڪيو.
    10 رمضان المبارڪ ۾ يوم باب اسلام جي اهميت جي موضوع تي ڀٽي صاحب ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي مذاڪرن ۾ حصو ورتو ۽ اسلامي فڪر جي موضوع تي ڪيتريون ئي نشري تقريرون ڪيون.
    مرحوم ڀٽي صاحب 14 سالن کان مسجد طور سينا اي ڊي سي ڪالوني سکر جو خطيب ۽ مهتمم رهيو.
    مرحوم ڀٽي صاحب جي ڪوشش سان ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاهه عبداللطيف چيئر قائم ٿي.
    مرحوم جي ڪوشش سان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو.
    تنظيم فڪر ونظر جي ڪوشش سان ڪوٽا سسٽم جي مدت ۾ وڌيڪ 10 سال وڌايو ويو.
    ڇهين کان اٺين جماعت تائين عربي زبان کي لازمي سبجيڪٽ قرار ڏنو ويو.
    عالمي سنڌي ادبي ميلو 1981ع اندرا گانڌي جي سميلين منعقده دهلي جي جواب ۾ ڪيو ويو.
    تنظيم جي ڪوشش سان سنڌ جي 36 سي ايس پي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ ڀٽي جي ڀرپور ڪوشش رهي هئي.
    مرحوم پروفيسر اسدالله ڀٽي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ ادارن کي قائم ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي، ان لاءِ ته مثبت ادارائي ملڪ ۽ ملت جي مضبوطي ۽ فڪر جي آبياري جو ڪم ڪندا آهن اڄ اهي ادارا هڪ ڇانون ڏيندڙ وڻ جيان اسلامي فڪر ۽ علم و ادب جو ڏيئو روشن ڪيون ويٺا آهن، انسان ته اچڻ وڃڻ واري شيءِ آهي پر ادارا روشن مينار جو ڪم ڏيندا رهندا آهن.
    مرحوم پروفيسر اسدالله ڀٽو صاحب 9 سيپٽمبر 1999ع ۾ دل جي بيماري سبب پمز اسپتال اسلام آباد ۾ پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ مبارڪپور تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ دفن ٿيل آهي.
    مرحوم پروفيسر اسدالله ڀٽو جسماني طور اسان کان ڌار آهي پر روحاني طور هن جون اسلامي، علمي، ادبي، سماجي ۽ تنظيمي خدمتون زنده جاويد رهنديون.
    تازو سندن جدوجهد ۽ جاکوڙ کي جاري رکڻ وارو عزم ورجائيندي تنظيم جي موجوده صدر پروفيسر محمد علي راڄپر، جنرل سيڪريٽري خواجا خليل احمد، چيئرمين پروفيسر اصغر مجاهد مهر، سائين پروفيسر لياقت علي ڀٽو، پروفيسر صفي الله غزالي “ڀٽو” پروفيسر فضل الله مهيسر ۽ ٻين اهم عهديدارن توڙي ميمبرن استاد نواب علي مهر ۽ مون تي ذميواري رکي ته قومي سيرت ڪانفرنس ۾ سگهڙن کي به سڏايو ۽ اهو پروگرام جنهن شاندار ڪاميابين سان ٿيو سا تمام تاريخي ڳالهه آهي ۽ هي ڪتاب پڻ ان ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي. جنهن ۾ علمي، ادبي توڙي ديني صلاحيتن سان ڀرپور بي لوث عالم، اديب ۽ سگهڙن جي تنظيم “سلات” جي باني مرڪزي صدر سائين عاجز رحمت الله لاشاري کيرون لهڻي جنهن بنا ڪنهن تنظيمي تضاد يا تفرقي جي هڪ سچي صوفي طور پاڻ ملهائي ڏيکاريو آهي ۽ ادبي ادارن توڙي لاڳاپيل سرڪاري ثقافت کاتي جي ذميواري باوجود “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” جو شايع ڪيل هي تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب اميد ته سڀني پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ تاريخي جاءِ والاريندو (آمين)


    سگهڙ گل حسن “گل ملڪ”
    سيڪريٽري جنرل؛ سلات
    ميمبر: تنظيم فڪر و نظر سنڌ، مبارڪپور


    سگهڙ ڪانفرنس 2014ع ؛ رپورٽ؛ اقبال عادل مهر

    سنڌ جي مذھبي اسڪالرن، اديبن، ڏاھن، سگھڙن ۽ شاعرن پاران لادينيت کي ختم ڪرڻ ۽ محبتي ميڙاڪا مچائڻ لاءِ سگھڙائپ کي عام ڪرڻ سلسلي ۾ “تنظيم فڪر و نظرسنڌ” پاران سنڌاسلامڪ سينٽرسکر ۾“سنڌ بلوچستان سگھڙ ڪانفرنس” منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سنڌ توڙي بلوچستان جي ڏوراھن علائقن مان ڏات ڌڻي شريڪ ٿيا، سگھڙن قومي سيرت ڪانفرنس جي موقعي تي ڪوٺايل “سينگارڪچھري” ۾ سگھڙائپ جي لوڪ رنگ ۾ ٻنھي جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفى ﷺ جي سيرت تي بيت ۽ نڪور شاعري پيش ڪئي، جنھن ۾ تخليقڪار سگھڙن ڪيترين ئي ٻولين جي انوکن لفظن ۾”ڏھس جا بيت” توڙي صفاتي سينگار شاعري پيش ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي “سلات” جي سرواڻ نامور اديب نوجوان محقق ۽ برک صحافي توڙي عالم ۽ قاري عاجز رحمت الله لاشاري کي خوبصورت انداز ۽ آواز سبب ٻه ڀيرا قرآن مجيد جي تلاوت ڪرائي وئي، جڏھن ته سندس ترنم ۾ پيش ڪيل “مولود ۽ مداحن” پڻ محفل کي موھي وڌو، ثقافت جي امين سگھڙن سنڌي ٽوپيون، پٽڪا ۽اجرڪ جون پوشاڪون اوڍي مذھبي ماحول ۾ سنڌ جي اصلي ثقافت جي پرچار ڪئي.
    سينگار شاعري کان سواءِ پاڻ ڪريمنﷺ جي سيرت پاڪ سان واڳيل صفاتي بيت پڙھيا جڏھن ته محبوبن ڪريمنﷺ جي معجزن ۽ اصحابن ڪرامن جي بھادري توڙي شجاعت به بيان ڪئي وئي “سنڌ بلوچستان سگھڙ ڪانفرنس” جي موقعي تي ڏات ڌڻي سگھڙن توڙي اسلامي اسڪالرن سينگار شاعري جو اصلي موجد حضرت حسان بن ثابت کي قرار ڏيندي سندس لکيل عربي ٻوليءَ ۾ سينگار شاعري پڻ پيش ڪئي ساڳئي وقت عالمن حضرت علي المرتضى شيرِخدا جي شاعري پڻ پڙھي ٻڌائي 25 جنوري 2014ع بمطابق 23 ربيع الاول 1435ھ تي منعقد ڪيل”قومي سيرت ڪانفرنس”واري تقريب کان پھريان ڪوٺايل”سنڌ بلوچستان سگھڙ ڪانفرنس” جي صدارت پاڪستان جي مشھور مذھبي اسڪالر، عالم، علم عروض جي اعلى پايئه جي شاعر ۽ ڪيترا ڀيرا ملڪ جو صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ عاشق رسول شاعر سيد گل محمد شاھ “گل” بخاري ڪئي.
    سگھڙ ڪانفرنس جي خاص مھمانن ۾”سلات” جوسرپرست اعلى ۽ اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ريجنل ڊائريڪٽر درمحمد ڪمال سولنگي، سلات جو باني ۽ مرڪزي صدر مشھور عالم، اديب ۽ صحافي عاجز رحمت الله لاشاري، سکر جو مشھور مذھبي اسڪالر ۽ عالم سعود افضل ھاليجوي سميت “تنظيم فڪر و نظر” سنڌ جي صدر پروفيسر ڊاڪٽرمحمد علي راڄپر، جنرل سيڪريٽري خواجا جليل احمد، چيئرمين پروفيسر اصغرمجاھد مھر، وائيس چيئرمين پروفيسر لياقت علي ڀٽو، سميت سنڌ جي اھم اڳواڻن فضل الله مھيسر، ڊاڪٽر صفي الله “غزالي” ڀٽو، پروفيسر محمد ابراھيم مھر، اسدالله تنيو ۽ سگھڙ ڪانفرنس جي انچارج استاد نواب علي مھر سميت سگھڙائپ جو فن ٻڌڻ لاءِ ڪيترن ئي استادن،شاگردن،پروفيسرن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن جو وڏو انگ پھتل ھو جڏھن ته “سگھڙ ڪانفرنس” جي ڪارروائي سنڌ جي ڀلوڙ سگھڙ،سينيئر استاد ۽ “سلات” جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل گل حسن “گل” ملڪ ھلائي.
    سنڌ بلوچستان سگھڙ ڪانفرنس کي صدارتي تقرير ڪندي مشھور علمي ادبي شخصيت، اسلامي اسڪالر، ھڪ سئو کان وڌيڪ شاعري جي ڪتابن جي ليکڪ توڙي علم عروض جي اعلى پائي جي شاعر پروفيسر سيد گل محمد شاھ “گل” بخاري چيو ته سکر جھڙي شھري ماحول ۾ ثقافت ۽ ٻولي جا سفير سڏائي ھن قسم جي شاندار“سنڌ بلوچستان سگھڙ ڪانفرنس” ڪوٺائڻ تي “تنظيم فڪرونظر سنڌ” کيرون لھڻيون جن حضور پاڪ صاحبِ لولاڪﷺ جي ولادت واري متبرڪ مھيني ۾ ڏات ڌڻي سگھڙن کان سينگار ٻڌرايا آھن ۽ دل تمام گھڻو باغ بھار ٿي آھي ھن چيو ته ھن ۾ ڪوبه شڪ نه آھي ته شاعر لفظن ۽ اکرن جا مھمان بڻبا آھن پر ھي ڏات ڌڻي سگھڙ جگر ۽ قلبن جا شاعر آھن، ھن چيو ته توڙي جو مان شاعر آھيان پر منھنجي محبت سگھڙن سان وڌيڪ آھي ھن چيو ته ھن وقت ملڪ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ اندر عسڪريت جي حامين جو ھُل ۽ چرچو مذھبي ماحول کي بگاڙي رھيو آھي جنھن سبب لادينيت حاوي ٿيندي پئي وڃي ۽ دھريت وڌي رھي آھي جنھن سان اسلام کي شديد خطرا آھن، جنھن کي قابو ۾ رکڻ لاءِ ھن قسم جون نج ٻوليءَ جون ڪچھريون ڪوٺائي سگھڙائپ جي مورچي تان لوڪ ادب شاعري ذريعي لادينيت کي ختم ڪري سگھجي ٿو ھن چيو ته دين ۽ وحدت جن وٽ نه آھي تن کان بيزار رھڻ ھڪ سچي عاشق رسولﷺ جو ڪم آھي ۽ ان مرحلي ۾ وحدت جي وائي، دين جو درد توڙي ٻولي سان محبت مون کي ھنن سگھڙن مان ملي آھي، ھونءَ به سگھڙ تيستائين سگھڙ ٿي نه ٿو سگھي جيستائين الله پاڪ ۽ ان جي رسولﷺ سميت اصحابن ڪرامن توڙي آل رسول جي ثنا نه ڪري.
    “سلات” جي سرپرست اعلى، لطيفيات جي ماھر ۽ اطلاعات کاتي جي اڳوڻي ريجنل ڊائريڪٽر درمحمد ڪمال سولنگي چيو ته “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” اڄ منھنجي مرحوم محسن ڀاءُ پروفيسرڊاڪٽر اسدالله ڀٽو جون يادون تازيون ڪري ڇڏيون آھن جن ھن قسم جي”سنڌ بلوچستان سگھڙ ڪانفرنس” منعقد ڪرائي سگھڙن کان سينگار پڙھايا آھن، ھن چيو ته لوڪ ادب ئي آھي جنھن ۾ محبت واري سمنڊ جون موجون آھن ۽ نج ادب آھي ھن چيو ته” تنظيم فڪرونظر سنڌ” جيڪڏھن ھڪ ڀيرو سڏ ڪندي ته اسان سئو ڀيرا جيءُ جيءُ ڪندا پھچنداسين ڇو ته تنظيم جو سڏ لوڪ ادب جي وڌاري ۽ ٻوليءَ جي بھتري لاءِ آھي، ھن چيو ته ھن”سگھڙ ڪانفرنس” ۾ سڄي سنڌ توڙي بلوچستان مان ڏات ڌڻي سڏائي ڪانفرنس جي انچارج استاد نواب علي مھر واقعي به نوابن وارو ڪم ڪيو آھي، ٻيا ماڻھو دنيا داري جا نواب پر ھي مڙس اڄ لوڪ ادب جو نواب بڻيو آھي، “سلات” جي باني ۽ مرڪزي صدر، عالم، اديب، محقق ۽ صحافي عاجز رحمت الله لاشاري چيو ته لوڪ ادب بنيادي طور عوامي ادب آھي ۽ ان کي سرجيندڙ سگھڙ سڏبا آھن ڇو ته سگھڙ اڃان تائين سنڌ جي قديم روايتن کي سيني سان سانڍيندا پيا اچن، وٽن ٻولي ۽ ثقافت سميت تھذيبي طور رھڻي ڪھڻي ۾ به ڪو فرق ناھي آيو ان ڪري سندن گُفتا گُن وارا ۽ ٻول پڪا آھن، ھن چيو ته سگھڙ کي جيڪڏھن ڪو درٻاري سڏي ٿو ته ھن ۾ ڪا به سچائي نه آھي ڇو ته ھن قسم جي دٻاري خيال جا ڪجھ ماڻھو سگھڙن جو روپ ڌاري سگھڙن ۾ شامل ٿي ويا آھن ۽ سگھڙائپ کي ڌچڪو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي باقي نج سگھڙ بنيادي طور شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو پيرو ڪار، توحيد ۽ رسالت سان گڏ وليت جي پر چار ڪندي پنھنجن ريتن، رسمن، روايتن، ٻولي ۽ ڪلچر جو ترجمان ٿئي ٿو، ھن چيو ته “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” اڄ جنھن موضوع تي”سنڌ بلوچستان سگھڙ ڪانفرنس” ڪوٺائي آھي اھو موضوع سينگار جو آھي ۽ سينگار شاعري جا اصلي موجد نبي پاڪﷺ جا اصحابي سڳورا آھن جن ٻنھي جھانن جي سردار جي ثنا پنھنجي محبوب جي سامھون ڪئي آھي ۽ انھن مان حضرت حسان بن ثابت سرفھرت آھي جنھن عربي ٻوليءَ ۾ سينگار شاعري ڪئي ۽ بعد ۾ لھجا تبديل ٿيندا ويا سنڌ جي سگھڙن وٽ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ حضرت جلال کٽي سميت ھند جي سگھڙ شاعر بھاري لال کان ٿيندي ھت پھتي آھي.
    “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” جي چيئرمين پروفيسر اصغر مجاھد مھر چيو ته “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” ھميشه ھن قسم جا پروگرام ڪرائيندي رھندي آھي جنھن لاءِ اسان کي مشھور عالم محقق ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص طور تاڪيد ڪيو ھو ۽ چيو ھو ته منھنجي خواھش آھي ته تنظيم جي پليٽ فارم تان سگھڙ ڪانفرنسون ٿينديون رھن ان ڪري اسان سگھڙن جون ڪانفرنسون اڳ به ڪرايون آھن ۽ آئينده به ڪرائيندا رھنداسين. “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” سنڌ جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي راڄپر چيو ته ھونءَ ته سنڌ جي اندر ڪيتريون ئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ مذھبي تنظيمون ڪم ڪري رھيو آھن پر “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” جو فڪر جدا گانه آھي ھي تنظيم غير سياسي ۽ غير فرقيوارانه رھي ڪري سنڌ جي ماڻھن ۾ اسلامي ادب جي پوک پوکي رھي آھي ماضيءَ ۾ به ھن تنظيم ڪيترائي عالمي سيمينار، مشاعرا ۽ سگھڙ ڪانفرنسون منعقد ڪرايون آھن، جن مان ھي ڪانفرنس به ان جي ڪڙي آھي، ھن چيو ته اڄ اسان جي تنظيمي ڪوٺ تي سنڌ بلوچستان جي ڏات ڌڻين شرڪت ڪري اسان جي قائدين جون دليون کٽي ورتيون آھن.
    ڪانفرنس جي انچارج استاد نواب علي مھر آجياڻي واري تقرير ۾ ڪھي آيل سنڌ بلوچستان جي سگھڙن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سگھڙ پائي جي فني ماھرن سان گڏ ويھي اڄ تمام گھڻي خوشي ٿي آھي ان موقعي تي پروفيسر لياقت علي ڀٽو، فضل الله مھيسر ۽ ٻين پڻ ڏات ڌڻين جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
    قومي سيرت ڪانفرنس ۾ منعقد ڪيل سگھڙ ڪانفرنس دؤران “تنظيم فڪرونظرسنڌ” جي باني پروفيسر ڊاڪٽر اسد الله ڀٽو، سلات جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ۽ شھنشاھ سگھڙ استاد بھار علي “بھار” ٻرڙو ۽ ھمايون شريف جي ڀلوڙ سگھڙ سلات جي سچي ساٿي امير بخش سڌايو جي وڇوڙي تي پنجن منٽن جي خاموشي اختيار ڪندي فاتحه پڙھي وئي، جنھن بعد اسلامي اسڪالر ۽ عالم دين مشھور شاعر سيد گل محمد شاھ “گل” بخاري سندن مغفرت لاءِ دعا گھري.
    “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” جي چيئرمين پروفيسر اصغر مجاھد مھر سنڌ بلوچستان سگھڙ ڪانفرنس جي موقعي تي سگھڙن جي لکيل سينگار شاعري جو “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” طرفان ڪتاب شايع ڪرائڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
    قومي سيرت ڪانفرنس جي موقعي تي ڪوٺايل سنڌ بلوچستان جي سگھڙن جي ڪانفرنس ۾ سينگار شاعري پيش ڪندڙ سمورن ڏات ڌڻين کي سفري سھولتن موجب انعامي داد ۽ “مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” پڻ ڏنا ويا.
    “تنظيم فڪر و نظر سنڌ” پاران منعقد ڪرايل قومي سيرت ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ بلوچستان سگھڙ ڪانفرنس جي “سينگارڪچھري” ۾ صوبي بلوچستان کان الله ڏنو ھانڀي، ڪشمور ضلعي کان پنھل پياسي ٻرڙو، جيڪب آباد ضلعي کان الله بخش سامت، ڪوڙل بمبل، محمد اسماعيل ڪيھر، شڪارپور ضلعي کان علي گوھر مھر، پٺاڻ فقير مھر، ھدايت الله ميمڻ، لاڙڪاڻي ضلعي کان شاھنواز چنه، علي گوھر خاصخيلي، ربنواز پريو، نثار احمد جويو، قمبرشھدادڪوٽ ضلعي کان ارشاد علي “عرضائي” گھوٽڪي ضلعي کان علي نواز پتافي، ڊاڪٽر خادم حسين ميراڻي، سگھڙ جمال الدين پتافي، علي حسن منگي، سکر ضلعي کان فيض محمد جسڪاڻي، محمد ايوب مھيسر، غلام محمد منگي، دادو ضلعي کان محبوب علي ڏيپر، ڄامشورو ضلعي کان عاجز رحمت الله لاشاري محمد جمن ڀٽي، غلام ڪبير لولائي، الله ڏنو بروھي، محمد ايوب جوڻيجو، حيدرآباد ضلعي کان اڪبر علي چانڊيو، علي بخش سومرو، نوشھروفيروز ضلعي مان عبداللطيف سولنگي، خيرپور ميرس ضلعي مان حسين بخش رڏ، رحمت الله خاصخيلي ۽ مير فقير چنا شرڪت ڪئي.


    سدا حيات سگهڙن جي سينگار شاعري

    لطيفي سينگار

    گَنير گَت سِکَن، چَلَڻَ جَي چَاهه پَئيَ
    هُنڊوا حيرت ۾ پئا، لالِي ڪي لَبن
    چَمڪن چَوڏس چنڊر جئن، وِڄڙيون ٿيون وِهسن
    لوچن ٿيون لطيف چئي، پسڻ لئه پرين
    ڪيسر قريبن، سانباهي ساڻُ ڪئا
    (سُر سارنگ: د-2، ب-7)

    کڻي نيڻ خُمار مان، جان ڪڻائون ناز نظر
    سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر
    تارا ڪتيون تائب ٿئا، ديکيندي دلبر
    جهڪو ٿئو جوهر، جانب جي جمال سين.
    (سُر کنڀات: د-1، ب-23)

    ناز مَجهاران نڪري، جڏ پرين ڪري ٿو پنڌ
    ڀونءِ پڻ بسم الله چئي، راهه چمي ٿي رند
    اڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حير هنڌ
    مونکي سائينءَ جو سوڳنڌ، جئن ساجن سڀنئان سهڻو.
    (برووسنڌي: د-3، ب-1)

    جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون
    عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪئائون تن
    مڙهيائون مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن
    سُونهَن رُپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن
    ڪيائين لال “لطيف” چئي، وڏا ويس ورن
    منجه مَرڪيس من، تهسوڍي سين سڱ ٿيو.
    (راڻو: د-3، ب-3)


    جلال کٽي: سنڌي سينگار شاعري جو سرواڻ

    حضرت جلال پهريون استاد شاعر هو جنهن پنهنجي انوکي تخيل ۽ جادو بياني سان “سنڌي سينگار شاعري” کي اوج تي پهچايو ۽ سنڌي شاعري جي دائري ۾ ان کي هڪ مستقل فن جي حيثيت ڏني. افسوس جو هن باڪمال شاعر ۽ درويش جي سوانح توڙي ڪلام تي وقت جي هڪ وڏي عرصي پنهنجو لٽ وجهي ڇڏيو آهي.
    جلال جي جاءِ سڪونت بابت لس ٻيلي ۽ ساڪري (ٺٽي ضلعي) جي اڪثر سگهڙن جي متفقه راءِ آهي ته هو ٺٽي ضلعي جو هو؛ منجهائن ڪن خاص معتبر راوين جي خيال ۾، هو تعلقي ميرپور ساڪري جي قديم ڳوٺ “گروڙا” جو ويٺل هو. ٻئي طرف دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي سگهڙن جي متفقه راءِ آهي ته جلال دادو ضلعي جو رهاڪو هو؛ منجهائن اڪثر جي راءِ آهي ته هو دادو تعلقي جي ڳوٺ “موندر” جو ويٺل هو، ۽ ڪن جو خيال ته هو جوهي تعلقي ۾ “ڊگهه بالا” جو رهاڪو هو. سڀني دليلن جي بناءِ تي هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته جلال غالباً دادو ضلعي ڳوٺ موندر جو رهاڪو هو.
    هي جهونو ڳوٺ، دادو شهر کان اٽڪل 6-7 ميل کن اتر، موجوده دادو ڪئنال جي ويجهو اولهه طرف واقع آهي. جلال ، “پير تُرَهي” جي مقام ۾ دفن ٿيل آهي، جو دادو شهر کان 7 ميل کن اتر ۽ ڳوٺ موندر کان اٽڪل ميل ڏيڍ اتر-اولهه، موجوده دادو ڪئنال جي لڳو لڳ الهندي طرف واقع آهي.



    (الف)
    جئن ماه ڌوئي کي ميِن، تئن مون من ڌوئي مصطفيٰ
    “قُل هُوالله اَحَدَالله”، جنهن منجهه زير ذري نه
    چارئي يار چڱا چوان يڪدل ساڻ يقين
    گهران پناه پنجن تنن جي، ڪندا ماڙ مٿي مسڪين
    ميران مَشرب ملڪ ۾ داور داڙوُ دين
    ڪج غور سندو غمگين، شاه جيلان “جلال”چئي

    1- ماه (عربي-ماءِ)= پاڻي. 2- مين= مڇي. 3-زير=گهٽتائي. 4- ماڙ= مهر. 5- ميران مشرب=ميران جو مشرب، حضرت غوث اعظم جو طريقو. ملڪ ۾=سڄي ملڪ ۾، ملڪ ۾ مشهور. 6-شاه جيلان=جيلان جو شاه، جناب حضرت عبدالقادر جيلاني رحه).

    (ب)
    روشن ٿي سڀ رات، جڏهن سپڙ ڄام سرجيو
    “آيو داڙُو دين جو” پئي وائي سڀ ڪنهن وات
    سخي ڄام سخاوت جي ٿو پلٽ ڪري پرڀات
    ڏئي ٿو جُنگ، “جلال” چئي، ڏيهن کي نت ڏات
    مير ونڊيو ميراٿ، اُڀو سوالين سڏ ڪري.

    1- سپڙ ڄام= لس ٻيلي جو سخي حاڪم سپڙ، ڪِنايي طور “حضرت نبي ڪريمﷺ” داڙوُ= واهرو، مددگار. ونڊيو= وراهيو. ميراٿ= ميراث، وارثن جو حصو).


    (ج)
    ڦَينٽي مٿي ڦُل، سُونهي سِر سردار جي
    جُنگ ساماڻي جکري، لٿو هيبت هُلُ
    مٽ نه آهي ملڪ ۾ توڪ سندس ڪو تُلُ
    اچن در عجيب جي ڪِيرتَ وارا ڪُلُ
    جَني مال نه مُلُ، تن ڏئي جنهنوار “جلال” چئي.

    (1- ڦيئنٽو= شاهي شملو، پاڳاري جي پڳ. ڦل= هيرن جواهرن سان مڙهيل گول گل، سهڻو گول گل. 2- جکرو= سخي ڄام جکرو. 3- توڪ= ٿوڪ، ڪا به شيءِ، ڪو به ٻيو. تل= برابر، هڪجهڙو، 4- ڪيرت وارا= ساراه ڪندڙ ۽ انعام وٺندڙ).

    (د)
    تَمھرَ روُپ تُرنَگ، آھن ڪنول ڪيس قريب جا
    سِھ ڳچي، قد سرو سنئون، ڪَنونتر نيف نِسنگ
    ڦوڳَرَ ڦوڳَ پِريانہَ جا، مزگان ڪيس خدنگ
    لَڪ لَيثِي، ڏَھَرَ ڪَپُور، ڀِروان ڀؤنر ڀَوَنگ
    تَنھن سُسايا سارنگ، جلوي ساڻ “جلال” چئي.

    6) ڪاري اونداھي رات (تمھر) مثل، محض محبوب جا ڪارا ڊگھا وار (ترنگ) ڪنول گل جھڙا نرم وار (ڪيس) آھن.
    7) سندس سھڻي ڳچي ڪونج (سھ) جھڙي، قد سنئون سروَ جھڙو، ۽ نڪ (نيف = ع. انف) طوطي (ڪئونتر) جي چنھب مثل نر وار ڪُنڍو آھي.
    8) پرينءَ جا ڳل (ڦوڳر) مينھن وساوڙي جيت (ڦوڳ) جھڙا ڳاڙھا لال، ۽ سندس پنبڻين (مزگان) جا وار (ڪيس) تيرن (خدنگ) مثل آھن.
    9) سندس ڪمر (لڪ) شينھن (ليث) جي چيلھ جھڙي سنھي، ڏند (ڏھر) اڇا ڪافور (ڪپور) جھڙا، ۽ ڀرون اھڙا ڪارا آھن جھڙا ڀونئر ۽ نانگ.
    10) بقول جلال، (ھن سڀني صفتن سھڻي سڄڻ) سندس حسن جي جلوه ساڻ سانوڻ (سارنگ) جي سھسين رنگ سونھن کي به جھڪو ڪري ڇڏيو آھي!


    علي شير جاگيراڻي

    علي شير ولد سرهو جاگيراڻي، اصل ويٺل دُبر (تعلقو روهڙي)، پوءِ اچي ڪَنڊڙي (تعلقو خيرپور) لڳ رهيو. سندس والد سرهو وڏو سگهڙ هو ۽ سندس ڏور جا چيل بيت مشهور آهن. علي شير وڏو سجاڳ سگهڙ هو. ڏور جو شاعر هو. هنر جو ڄاڻو هو، ۽ وڏي محبت ۽ دل وارو سگهڙ هو.
    سينگار

    محبوب آهي منهنجو، جئن اڀ ۾ ارن
    دڄراج کان وڌ ديهي دلبر، سر سڄو سوسن
    برق جئن بادل ۾ بيشڪ تيئن بدن
    ڦوڳر ڦوڳ موهيڙا تُڪما تاهل جيئن تڳن
    خزمو کن کڻي نه سگهي جي ڏسي خاص کجن
    انف ڪنڍو “علي شير” چئي موهي وجهي من
    آواز عجيبن سان ڇا ڪوئل هڻندي ڪن
    ناظرو جي نظر کان پورو رکيس پن
    جي سهڻو کڻي سِن، ته تامني ۾ تَجلو ٿئي.
    سينگار

    ساجن سَو سينگار ڪري پيزار چمي ته پري
    کجن کن، درگ دناليون، مرگهه پون مري
    دڇن صاف دهان ۾ ڏسيو ڏوڏر پون ڏري
    آڏت بيهي آڏ ڪري، جڏ کلي زينت زيب ذري
    درس کولي دري، شل ٿئي عنايت “علي شير” چئي.


    هدايت علي فقير رڏ

    هدايت علي ولد سلطان علي رِڏ، سن 1922ع ڌاري ڳوٺ سُونهارو (تعلقو روهڙي) ۾ ڄائو. ننڍي هوندي چڱي تعليم حاصل ڪيائين. فقيرن جي صحبت ۾ رهيو ۽ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيائين. روهڙي جي سگهڙ هوت فقير موچي کي استاد ڪري ورتائين. سينگار جا ڳچ بيت چيا اٿس جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا.

    سينگار

    لالِي لڳي نه لبن سين، نڪو گُل گلاب
    نه مُلهه سِريو مُستاڳ ٿيئي، تِر نه جهلي تاب
    عباسي عمر ۾ اهڙو خيال نه ڏٺو خواب
    مورهن مٽ نه ڀانيان مان اناري عناب
    قلم مس ڪتاب، ڇا حُليو لکندو هوت جو.

    سينگار

    زُلف زريدا زيب ۾ ها ڪرم ڀريا ڪاڪلَ
    گُلالڪ غازي گوهر جا ها موتي موڙ مثل
    چِلڪن چمڪن چنڊر برابر، فائق فٽ فضل
    جيڪي قطرا آب اِنِيشغَ تي، سي جوهر ساڻ جڙيل
    عنبر مُشڪ کٿوري ڇاهي، عطر کان افضل
    پگهر پيشاني پاڪ پرين جي، مچائي محفل
    ابرو اربيلي سندا ڪن تيغ مثل تجمل
    بُروان باغ بهار ۾ پيا مور رکن منزل
    ڀنڀا ڀرون ڀاڳ ڀرئي جا، ڀونر ڏِسيو ڪن ڀُل
    عِينان ڍول عجائب جون هُون نور منجهان نازل
    ڇَمان ڪوه غزال جا ها اوجر منجهه امل
    دودُڪ منهنجي دلبر جا ها ڪرڙا ريءَ ڪجلَ
    نوز به تجلي نور نوراني، چوٽيءَ سين چمڪيل
    فُوز وارو ڇا فِڪرو چئجي، مِٺوءَ جان ته مُڙيلَ
    بجلي تنهن جي ناهه برابر، هنڌين ماڳ هڪل
    جوڙ ته منهنجي جانب جا ها هيرا لعل لڳل
    دندان دُر نجف جا ها سي بلوري بادل
    دِيم سندو هيءُ دائرو، اڃان ٻيا ڪي پار پنهل
    ڏاهن چيا آهن ڏهس ۾ سينگار سوين سُهڻل
    آئون نه ڄاڻان ايترا ٻيا انگ اکر اَڻوَل
    مون ٻه ٽي لفظ ٻرو چڪا ڪيا شعر منجهان شامل
    ڪندو ٻاجهون ٻارو چل، حُبدارن سان “هدايت علي” چئي


    سگهڙ عبدالرحمان مهيسر

    سنڌ جي رياست خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ ۽ ڪيترن ئي سگهڙن جو استاد سنڌ جو مشهور سگهڙ عبدالرحمان مهيسر پهرين نومبر 1945ع تي ڄائو ۽ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس سلسلي طور پير سائين پاڳاري جي درگاهه سان خانداني روحاني رشتو هئو. ننڍپڻ کان وٺي سگهڙائپ ۽ شاعريءَ سان ڳانڍاپو هيس. سندس سگهڙائپ ۾ شروعاتي طور استاد حاجي خان مهيسر هو ۽ لوڪ ادب جي باقي سموري فن جي سکيا سنڌ جي مشهور ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ورتائين. ڪتابي دنيا ۾ پاڻ مختلف ڪتاب لکيائين ۽ ترتيب پڻ ڏنائين جن ۾ 1 “مهيسر جي مام” 2 “مهيسر جي موج” 3 “مهيسر جي مرڪ” 4 مهيسر جي مستي” 5 ڊاڪٽر بلوچ سان قرب ڀريون ڪچهريون” 6 “فقير ميانداد طارق جون روايتون” 7 “سومر جي سوچ” 8 “ضلع خيرپور جا حال حيات سگهڙ” 9 “گنيءَ جو گُن” 10 “ڏات جا ڏيئا، ۽ تاريخ ڊرٻ مهر شاهه جيلاني” شامل آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻيا ڪتاب ۽ مسودا اڻ ڇپيل موجود آهن. هن ريڊيو پروگرامن جي شروعات 1964ع کان ۽ پي ٽي وي پروگرامن جي شروعات 1975ع کان ڪئي. جڏهن ته آخري وقت ۾ ڪافي عرصي کان پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچي سينٽر تي سگهڙن جي پروگرام “سنگهار” جو ميزبان هو جڏهن ته ادبي ميدان ۾ پاڻ ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيائين، ۽ پاڻ 7 مئي 2007ع تي الله سائين کي پيارو ٿي ويو.

    سينگار

    قمر هليو ويو ڪَڪرين جڏهن پيس ناميي جي نظرَ
    وارڻ وريو ڪين ڪي رفتار ڏسي رهبرَ
    سَؤَ سَؤَ ڀيرا صدقي ڪيان ورائي وِتاڦَر
    مُشڪ عطر کي مات ڪيو پرينءَ جي ته پگهر
    ڪوئل ڪوڪ ڇڏي ڏني گفتو ٻڌي گوهرَ
    جهڙس جوڙيا ڪينڪي هوت جا همسرَ
    سائين آئي سنسار ۾، ويا مونجهارا مونجهرَ
    ڪائنات ۾ ڪثر، آهي منهنجو عجيب “عبدالرحمان” چئي.


    سگهڙ ٻيڙو فقير ڪنڀار

    ٻيڙو فقير ڪنڀار هڪ وڏو ذهين سگهڙ هو. ڏور ۽ گفتي جي ڪچهري ۾ رئيس جاڙو خان مري سندس استاد هو. 1952-1953ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس ڪچهري ۾ ڏٺو ۽ سندس ذهانت کان متاثر ٿي کيس پنهنجي قرب ۾ آندو ۽ کيس خاص طرح ڳجهارت ۽ سينگار جي ڪچهري جي ترغيب ۽ تربيت ڏني. ٻيڙي فقير ڳجهارت جي ڳولڻ ۾ وڏي ڄاڻ پيدا ڪئي ۽ سينگار جا به ڪي بيت چيائين جن مان سندس هيٺيون بيت انهن اوائلي بيتن جو يادگار آهي جن جي شروعات هن دور ۾ ٿي. ٻيڙي فقير 55 سالن کن جي عمر ۾ 2 جنوري سنه 1977ع ۾ وفات ڪئي.

    سينگار
    تيرهن پنڌرهن پاڻ ۾ جڏ درُس ڪيا دِلبر
    مَلَڪُ حُوران مُستان ٿيا، سڀ لاهوتي لشڪر
    شارق شعاع ڦِٽو ڪيو، جَڏ ڪيائون نيڪ نظر
    گنگ جو روشن گُم ٿيو، ڪيائون ڀورا کي ته بَدَر
    سينگار جي سانوڻ جا، ويا هَٽِي سڀ هيڪر
    چَرَندَن پَئِي چيخُون ڪيون، روءِ پسي رهبر
    پَرَندا پِريَن اڳيان، ڪَن وينئَتِيُون ويتَر
    ميوا ڦَلَ مان ڇا ڳڻيان، ڪن سجدا سڀ شَجَر
    ذهب اگن ضعيف ٿيا، ڪَئِي جوت جَهڪِي جَنهَور
    مَٽ نه ڀانيان محبوب جو ڪو ارض سماءَ اندر
    دوست سندي ئِي دَر، اچِي نايو ڪُلنِي ڪنڌ “ڪنڀار” چئي.


    سينگار

    حُسن ڏِنو حبيب منهنجي کي قادر پاڻ ڪمال ڪري
    روءِ رُؤ ياني راس نه آئي، موٺ چوان ڇا مثال ڪري
    اَبر اَلِيهرَ عاجز ٿيا، تَڳِي ترنگ اڳيان نه سا تال ڪري
    ڀِرُون ڀلا ٿيا ڀونرن کان ڇا حُسن اڳيان هلال ڪري
    داد ڇَم ڇپايئون اُدگر عين اڳيان اقبال ڪري
    پَسِي پَامَس پرين جو ڇا ڪيل اڳيان ته مقال ڪري
    شفق شاهي شان وڏي ڇا رنگ بدخشان لال ڪري
    درُّ دَڇَنِ دَهان ۾، ٿو سُندَر اڳِيان سوال ڪري
    مُکُ محبوب جو ميم مثل، ڇڏيئين مِين مڇي کي محال ڪري
    ڪوئل ڪنبائي گوهر گفتن تاڙو اڳيان ڇا تنوال ڪري
    سَانوَل ڳچي سِهَه کان سُهڻي مور اڳيان ڇا مجال ڪري
    قَد قَامت ڇا سرو صنوبر ڏِس خان اتي ته خيال ڪري
    بدن بي وَس ڪَئِي برق ڇڏيائين پُونَم کي پائمال ڪري
    دست چڱا منهنجي دلبر جا ويا ڀلا ٻئي سي ڀال ڪري
    لڪ ليث جي ڇا لڳي چيلاٽو ڇا چال ڪري
    رجِل ڏِسي منهنجي رانجهن جا ويا طيَر سڀئي ترحال ڪري
    هلڻ ڏسي آهن هنس هٽيا ڇا ڪُنجل ڪار ڪنگال ڪري
    سي وصف سڀئي ان نصف ڪيا، نه ڪوجوڙ اڳيان ته جمال ڪري
    سالڪ سُرتيا اڳ هئا، ڇا گويا هِيءُ گِلال ڪري

    (گِلال معنيٰ ڪنڀار، سگهڙ پنهنجي ذات ۾ سمايل ڪِرت کي تخلص طور ظاهر ڪيو آهي)


    سگهڙ حاجي الهه بخش مڱڻ

    حاجي الهه بخش ولد محمد علي مڱڻ سنه 1884ع ۾ ڄائو ۽ 1983ع ۾ وفات ڪيائين. اصل ڳوٺ گوگهاري جو ويٺل هو پر پوءِ اچي لاڙڪاڻو وسايائين. سگهڙ جلال ڀٽو سندس استاد هو. الهه بخش وٽ خاص طرح ڏور جي گهڻي ڪچهري هئي.

    سينگار

    بدن بخمل برفي پهري پرين پٽ
    هليو شوق شڪار تي شاهي پائي ڇٽ
    ڌُر مٿي ڌڙڪو ٿيو گنيرُ ڇڏيو گهٽ
    هاٿيءَ چيو هرني کي هاڻي هتئون هٽ
    ببر شير ڇپي ويا چين صفا ٿين چٽ
    ڪنجل قدم قريب لاءِ ليٽي وجهي لٽ
    قمر ڪول ڪريم جي جهري آيو جهٽ
    سن سورج سڌو نه ٿيو مرڪ تهين جي مٽ
    ڪڪر ڪيس ڪلهن تي واسينگن کي وٽ
    داناهه ڦرن درٻار تي ڳچيءَ پايو ڳٽ
    عاشق “الهه بخش” چئي محب نه مان کي مٽ
    اهو فراقي فٽ، مور نه ويندو “مڱڻ” چئي.


    محمد مريد جت

    محمد مريد ولد جڙيل خان زهراڻي جت، ڳوٺ ڏنو واهڻ تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. حاجي الله بخش مڱڻ جو صحبتي هو. 1945-1955ع کان وٺي حضرت شاهه عبداللطيف جي ميلي ۽ ٻين موقعن تي سگهڙن جي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيو. 1972ع ۾ وفات ڪيائين. ڏوڪريءَ ۾ ڪچهرين جي اڳواڻي ڪيائين ۽ ڪيترائي سگهڙ سندس ٻالڪا ٿيا، جن مان فقير محمد ملوڪ عباسي (1944ع- 1998ع) وڏو ڄاڻو سگهڙ ٿيو.

    سينگار

    زلف زوراور زيب زنجيران ڀاڏر ڀوڏ ڀونگ
    ادگر آهو عين عجيبان نرگس نين نسنگ
    وار وسهِر ور وجهن پيا واٽهڙن کي ونگ
    لبڙا ماهي مين مٿي ها ڏوڏر ڏاڙهون ڏنگ
    رنگ به رنگي هٿ حنا ۾ الڊهه نرمِي انگ
    شير ڇپي ويا ڇاتي کان ڇنا تازي گهوڙن تنگ
    هرڻ غزالي گاهه ڇڏي هو جاچن بيٺا جهنگ
    آيا فيل فراق ۾ پيا ٽيڏي مارين ٽنگ
    جان جهڄن “جت” چئي، مٺو مئينا منگ
    سون برابر سنگ، موتي ڏند “مريد” چئي.




    سينگار

    حسين منهنجو حبيب آهي جانب عجب جمال
    هرڻ مور مرڪي موهي، ماڻهو پکي مال
    شمس قمر به شرمائي ٿو پسي لبڙا لال
    مٺو مات اچي وڃن چينچل پسي چال
    جانب منهنجو “جت” چوي آ بيحد بيمثال
    ڪندو ڀلايون ڀال، آمڙني تي “مريد” چوي.

    ڏهس بيت (اکين تي)

    اکيون، اکيان، عجيب جون ناز ڀريا هن نين
    چاهه چڪس چريا ڪيا، عجب سنديرا عين
    ابرو، تبرون، تير تکيرا، فوز ساڻ ڦٽين
    نيڻ چشم ٿا نهوڙن، ڪجلين بچيا ڪين
    اطلس نرم، بدن بخمل، ماهي لبڙا مين
    اُماس، ابر، ڪيس قريبان، موهيا مير مُبين
    جي محب ڏسي مُرڪين، ته ملندو مانُ “مُريد” چوي.


    فقير محمد ملوڪ عباسي

    فقير محمد ملوڪ ولد محمد صالح عباسي، ويٺل ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو (تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو) محمد مريد زهراڻي جت سندس استاد هو جنهن جي صحبت ۾ سگهڙائپ جي ميدان ۾ قدم رکيائين پر پوءِ پنهنجي ذهن سان سگهڙ پائي جي لياقت کي گهڻو وڌايائين. ان کان سواءِ پنهنجي قرب سان سگهڙن جي ڪچهري کي وڌايائين جو ڪيترائي جوان سندس سنگت ۽ صحبت ۾ سگهڙ ٿي ساماڻا فقير محمد ملوڪ 13 ڊسمبر 1944ع ۾ ڄائو ۽ 3 جون 1998ع ۾ وفات ڪيائين سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ 1 گلشن ڏور 2 منهن مٿانهان جن جا 3 موتي مور ملوڪ جا 4 موتين مُٺ ملوڪ جي 5 موتي ماڻڪ ملوڪ جا، شامل آهن. سنڌ اندر سندس شاگرد سگهڙن جو وڏو انگ موجود آهي. سندس لکيل هر شعر جو ٻول پڪو آهي ۽ سهڻا بيت چيا اٿس. سندس سينگار جا چيل ڪي بيت هيٺ جنس طور ڏجن ٿا.

    سينگار

    صورت سيرت سڄڻين وانجهي ونجهه وڻيانِ
    لکين لطف لائق مون تي ڪهڙا ڳڻ ڳڻيانِ
    مالڪ تنهنجي مهرسين منهنجا ڀاڳ بڻيانِ
    مبارڪ تنهن مادر کي جنهن اهڙا ڄام ڄڻيانِ
    جا مٿي محب مڻيانِ، تنهن موهيو من “ملوڪ” چئي.

    سينگار

    ابرو سيف عجيب جي ڪونڌ ڪيرايا ڪوٽ
    ڪنڍو نڪ نراڙ ۾ چتونءَ چهنب چپوٽ
    ليث مزار لڪي ويا چين چريا ڪيا چوٽ
    مُرڪڻ سان محبوب جي کاڌي کنوڻن کوٽ
    هينڊل چيو هرني کي ته چئنچل ايندي چوٽ
    عاشق ڪيون اوٽ، پيا پَسن محب “ملوڪ” چئي.

    سينگار

    راز رباني رنگ رابيلي رونق روحي رات
    پٽ پٽيهر پائي پوشاڪون پوشيدي پرڀات
    تُڳي تهاري تابع تَرني تاب تهين تجلات
    نڪ نزاڪت نرگس نيني نوک نيتي نفلات
    فجر فيل فراقي ڦٽيا فرنڊ ڦرن فڪرات
    وسو وارڻ واه وڇيئل وڻ ورائن وات
    مئينڊل مڪنا مير موڙيا “ملوڪ” مرگهان مات
    پيا سهه سرو سڪرات، ٻيا ساجن سوين سٽيا.

    سينگار

    وهوا حسن حبيب جو، نه ديدن دنگ دڙيون
    شمع شوق شڪار سان وڃي لڪ لڙيون
    اتي اوت عنبير جي جت گهارن گهوٽ گهڙيون
    اليهر وار اصيلن کي ٿا وجهن ونگ وڙيون
    وڄون وسڻ آئيون سي ويتر سوز سڙيون
    ڪڏهن اڳيؤن قريب جي کوڻيون ڪونه کڙيون
    ڪوئل ڪمريون ڇڏي جهمريون وتن ٻول ٻڙيون
    هنج پکي حيران ٿيا ڪونجون قيد ڪڙيون
    ببر شير ڇپي هڻن ڇپر منجهه ڇڙيون
    پريون پسڻ آيون پر تجلي تاب تڙيون
    اکيون عاشقن جون وڃي اهڙي هنڌ اڙيون
    جانب جيءَ جڙيون، “ملوڪ” لاتيون من ۾.

    سينگار

    بئينسر بيني، لبڙا ميني، ٺهڪار ڪنگڻ ٺِهَهَ ٺَهَه
    مشڪ عطر سان موءِ مُنورَّ وار ڪري وَهَه وَهَه
    سِهه ڳچي وڌ سهڻي پئي آ ڪونجن ۾ ڪَهَه ڪَهَه
    ڪيهر ڪريا قدمن تي ڏوڙا ٿي ڏَهَه ڏَهَه
    پسي گام گجر جي پئي دل اندر دَهَه دَهَه
    ڪنجل قيصر ڪنبڻيءَ ۾ ٿي ڊيل ڪري ڊَهَه ڊَهَه
    ڪوئل ڪڇي ڪينڪي جڏ ٻول ڪيئين ٻَهَه ٻَهَه
    مٺو مئنا منگهه مڙي ڪن ڦَهَه پٽيءَ ڦَهَه ڦَههَ
    بلبل باغ بري ٿيو وئي چيهن مان چَهَه چَهَه
    پٽ پٽيهر پدمڻيون ڪيا پاٻيهن پَهَه پَهَه
    مٺل جي مَهَه مَهَه، ٿي ماري مير “ملوڪ” چئي.


    موٽڻ جوڻيجو

    سگهڙ موٽڻ ولد ڪنڍو جوڻيجو (1905-1925ع) ڳوٺ گلڻ واهڻ تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي جو، ويٺل هو. سگهڙ مريد زهراڻي جت جو صحبتي ۽ ٻالڪو هو. سندس پٽ حاجي اقبال احمد جوڻيجو پڻ ڀلوڙ سگهڙ هيو.

    سينگار

    واهه حبيبا حسن هزاري سونهين سيد سري
    دلبر جاني درشن خاطر کولي در دري
    آهو پيش عجيب ٿيا، وين ڀل ڀري
    وسو وارڻ وجهه وٺي ٿيا برن پاس بري
    فٽيا فيل فراق ۾ وين ڏيل ڏري
    چنڊ منور چهري تي جڏ آيا وار وري
    ته ونگ وسيهر وَرَ ڪڍي ويا ٻارڻ منجهه ٻري
    ڪونجن ڪنڌ نمائيو، ٿي وئي ڊبل ڍري
    ببر شير شڪي ٿيا پئي پيش پري
    جانب جي “جوڻيجو” چئي ڪا اڃا ڳالهه ڳري
    پئو “موٽڻ” ماڳ مري، ته پسين مُنهن محبوب جو.


    حاجي اقبال احمد جوڻيجو

    حاجي اقبال احمد ولد موٽڻ خان جوڻيجو، 1947 ع ۾ ڳوٺ گلڻ واهڻ، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو، فقير محمد ملوڪ عباسيءَ جي صحبت ۾ سگهڙائپ جي ذوق کي وڌايو ۽ 20 آڪٽوبر 2005ع بمطابق 16 رمضان المبارڪ 1426هه بروز جمعي تي وفات ڪيائين، سندس والد پڻ اعليٰ پائي جو سگهڙ هو پر افسوس جو پونئيرن ۾ سگهڙائپ جي سوچ نه هجڻ ڪري ٻنهي پيءُ/ پٽن جو فن دادو ڪينال ۾ دفن ٿي ويو ۽ خوشحال خاندان باوجود سندن ياد ۾ ڪابه ورسي تقريب نٿي ٿئي. کوجنا کان پوءِ سندس مجازي ڪلامن جو ڪجهه حصو مليو آهي، جيڪو مون راقم الحروف (عاجز لاشاري) وٽ محفوظ آهي.

    سينگار

    چاند چهرو چنڊ برابر، لبڙا مين مثال
    سڌو قد سرو جان، جلوو جوت جمال
    تنهن موهي من مطيع، ڪيو جر وهايم جال
    ڪارن ڪرنگ ڪهي وڌا ڪجل ريءَ ڪمال
    انف ڪُنڍو ايلچي نرگس نين نهال
    لَيث مزار لڪي ويا شيرن ڀريو شال
    گنير گام گهٽائي، ٿيو فيل ڦڪو في الحال
    “حاجي” ڪونهي حال، پسڻ ريءَ پرينءَ جي.


    عبدا لله جت

    نالو: استاد عبدالله زهراڻي جت
    ولد: ڪُنڍو خان زهراڻي
    ايڊريس: ضلعو لاڙڪاڻو، تعلقو ڏوڪري ڳوٺ ڏنو واهڻ
    سگهڙائپ ۾ استاد: استاد محمد اسماعيل چنو ويٺل ڳوٺ لاڙڪاڻي ذوالفقار باغ لڳ جيڪو پنهنجي ڳوٺ جو پيش امام پڻ ٿي رهيو ڪافي ناليوارا شاگرد پڻ پيدا ڪيائين. کوڙ سارا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پڻ مليس. ۽ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان. شاهه لطيف، قلندر شهباز جي ميلي جا پڻ پروگرام ڪيائين. هن 2003ع ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏي خدا کي پيارو ٿيو.
    سينگار

    نازڪ بدن ناز مان محبت ڪيو مرڪو
    اڀريا ڪان انبوهه تي ٿيو سيفن جان سرڪو
    پسي جلوو جانب جو پيو حيرت ۾ هرڪو
    آهو پيش عجيب جي ٿيو شيرن ۾ شرڪو
    جرڪيا جوڙ جناب جا ٿيو چاند ۾ چرڪو

    گوري جو سينگار

    جب گوري ڳهڻا ڪري ست نو منجهاران ناز
    ڇهه ڇهه ڪري “ڇٽل” چوي ته پرندا نه ٿين پرواز
    هيڊل ميڊل چئچل پيا نِمي ڪن نياز
    ڪوئل بلبل بات نه ڪري ٻڌي عمدا هي آواز
    آهو کان ودّ عين ۽ ٻيا ريجهن پيا راز
    چمڪ چنبيلي چانڊاڻ کان وڌ اڃا به انداز
    پيا ڀيرا ڏين باز جلوي مٿان “جت” چوي


    سينگار

    ديدون دُنالي دلبر جون هن ڪوئي پڇي ڪين
    آهو عين عجيب جا، ڏورئون ٿي ته ڏنگين
    بجلي کان وڌ آهي تجلي، ماهي جي مُرڪين
    مِرنگهه، مور مُحب موهيا، مُرڪڻ ساڻ مُبين
    هينڊل، مئينڊل، چيئنچل ڀي ٿا قدمن منجهه ڪرين
    فقيرن کي ته ڦٽين، اکيون اهي “عبدالله” چوي

    ڏهس بيت (هرڻ جا نالا)

    اُدگر، آهو، عين عجيبان، ڦٽيا لک فقير مٺا
    مِرگهه هلڻ محبوب جو آ، ماڳ موهيا منير مٺا
    غزل، غزالا کي ته لڳي وئي، اندر منجهه اُڪير مٺا
    هرڻ، هرڻي، چال چُڪي وئي، دل ۾ ٿي دلگير مٺا
    روبڪ، ڪِرنگ، راهه رڙهي پيا، اتي پاڻ امير مٺا
    هرنا، هرني، حيران ٿيا ساجن تي ته سُڌير مٺا
    آهن ابرو تير مٺا، عجيب جا “عبدالله” چوي


    محمد ڇٽل جت

    نالو: محمد ڇٽل زهراڻي جت
    ولد: سعيد خان زهراڻي
    ايڊريس: ضلعو لاڙڪاڻو تعلقو ڏوڪري، ڳوٺ ڏنو واهڻ
    سگهڙائپ ۾ استاد عبدالله زهراڻي جيڪو سندن والد جو ماسات هيو. هن پنج درجا تڏهن جا پاس هيو سندن ان دور جي وڏن سگهڙن ۾ شامل هيو. هڪ گهرواري، جنهن مان چار پٽ ۽ پنج نياڻيون هيون هن مان هڪ پٽ الطاف حسين سگهڙائپ ۾ سندس جو شاگرد آهي جيڪو سگهڙ ۽ شاعر پڻ آهي. ۽ ٻيا به ڪافي سارا شاگرد پيدا ڪيائين سندن کي لاتعداد ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا جن ۾ ٽي. وي. ريڊيو ۽ شاهه عبدالطيف ۽ قلندر جا پروگرام پڻ ڪيائين.

    سينگار

    جب گوري گهڻا ڪري ٻارنهن چار چاس
    پنج ست ڪري پيار سان کلي هلي خاص
    ڪئي پتنگ پچي مرن رُخ مٿان راس
    برُجَل مٿان ڀونر ڀُلي وٺن پيا واس
    ڪئي عاشق اتي پيا مري ڏين ماس
    جني اندر آس سي شرڪن ڪين “ڇٽل” چوي

    ڏهس بيت (چنڊ جا نالا)

    حُسن حبيبان هاڪ هر جاءِ، مُک مثل مهتاب
    چنڊ چوڏس کان وڌ چهرو، اُڏت آهي آفتاب
    قمر، ششدر به ٿو شرمائي بيحد بي حساب
    چاند، چندولو، پانو، پنرو، نوڙن ڪيئي نواب
    ماهه لقا کان وڌ آ سهڻو، نرمل جو ته نقاب
    چرن چمڻ سان آهي ملندو سدائين ته ثواب
    ڪيئي لکيل ڪتاب آهن شان ۾ ڇپيل “ڇٽل” چئي

    سينگار

    پسي هلڻ حبيب جو گنير ڇڏي گام
    گُنٽا غلام ٿيا صبح سانجهي شام
    ڪيئي ڏيل ڏري پيا عاشق مست مدام
    ادُگر عين عجيبان پسي ڪارڌُو ڇڏيو ڪام
    مهري مڪنا مست ٿيا، نه اچي نه آرام
    تونگر خاطر تمام، شُوخي ڇڏيائون “ڇٽل” چوي

    ڏهس بيت (وارن تي)

    زلف سياه سڄڻ جا، ورور آهن وار
    گيسو، ڪيسو، ڪش ڪري پيا، ڪيس ڪري پلٽار
    ڀِنڊان، ريڌا، بال، وکتي، ڇتڙا، تل ڇار
    مُک مهتابي، چال شرابي، حيران ڪيا هزار
    پسان دلبر جو ديدار، شوق منجهان “ڇٽل” چوي


    عبدالقادر بروهي

    سگهڙ عبدالقادر بروهي سنڌ جي مهان سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسي جي شاگردي هيٺ 1980ع کان سگهڙ ٿيو. ٽي وي ريڊيو سميت سندس آواز ۾ مولود جون ڪيئي ڪيسٽيون رليز ٿيل آهن آواز ۽ انداز ۾ ڪوئل جي ڪونجار جو عڪس سمايل هو، پاڻ مولود، سينگار، غزل، بيت ڪافي تعداد ۾ لکيائين ۽ سلات جو ابتدا کان وفادار ساٿي ۽ ميمبر رهي ڪجهه سال اڳ وفات ڪيائين.

    سينگار

    سڄڻ جي ساڻيهه ۾ سونهن مٿي سردار
    آهي وڌ عربي ڪامل ڪلنگي دار
    مدني مٺڙو مرسل مالڪ ملڪن جو مهدار
    قطاريندو ڪامل اچي “بروهي” سڀ بيڪار
    احمد آيو بخت سوايو ساجن لڌي سار
    “عبدالقادر” عربي اسان جو نور اعليٰ نروار
    ڇا تعريف ڪيان تونگر جي صَلِّ عليٰ صدبار
    اتم شان آهي ڪيو قادر رب ستار
    سوا لک انبيائن جو سڄڻ ٿيو سالار
    دلبر جو ديدار، شل مون نماڻي نصيب ٿئي.


    محمد سيفل ڀٽي

    نالو محمد سيفل
    والد شفيع محمد ڀٽي
    ڄم جي تاريخ 1921ع
    تعليم اڻ پڙهيل
    ڪرت هاري
    رهائش ڳوٺ لعل ڀٽي لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد
    سگهڙ پائي ۾ استاد استاد محمد سوايو عرف “ڪفشدوز” موچي
    وفات جي تاريخ 2001/9/15
    نوٽ: استاد محمد سيفل ڀٽي جو سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ هڪ بهترين سگهڙ سالڪ طور ڊاڪٽر بلوچ تعارف ڪرايو آهي.
    سينگار

    چهرو کلي چيهه ڇپي ڇا هي رشڪ قمرُ
    ددست گهوريان ساجن تان آڻيو عطافرُ
    ڪبڪان به قربان ٿين، نه کڻي گت گنيرُ
    چرنن تي چريو ٿئي، جي پسي پرجا پاريورُ
    ڪٽي پسي ڪرمش ۾، ٿيو بيشو ۾ ته ببرُ
    ڏوڏر به ڏري پون، جي دشن کولي دلبرُ
    کڻي کنجن خماريا، ته پوءِ اٿي نه اُدگرُ
    ڪرن ڪچ ڪُلاهه مان، جيئن اُلٽي پئي اليهرُ
    اڃان وڌ سينگار سهڻل جا، ڇا شمار ڪندو شاعرُ
    هادي پاڻ هدايت جو، بڻجي آيو ڪرم جو ته ڪڪرُ
    (وَمَا اَر سَلنٰڪَ اِلّا رَحمة لِلعَالَمِين) ٿو پاڻ چئي پرورُ
    آ اِهو يتيمن ياور، تنهن جي مان سام آهيان “سيفل” چئي

    سينگار

    ديهي پسي ڌِمَ ڇپي، ڇا هي شمس، قمرُ
    تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبرُ
    الله عالم تي ڪيو، ڪرم جو ته ڪڪرُ
    وئي روشن روءِ زمين ٿي، ڦٽو باغ بَرُ
    ڄانگا هرڻ چرن پيا، ويو ڏور ڏُڪرُ
    ڪوٽ ڪسريٰ جا ڪريا، ڏسجي شام جو ته شهرُ
    جڏهن پتو پيس پرينءَ جو، اُٿي هليو عامرُ
    آخر رَسيو اُتي، جتي هيو گهوٽ سندو گهرُ
    شهادت جو شوق مان، پيتائين سهڻل جو ساگِرُ
    هي ته وجهه وٺي ويهي رهيو ڪعبة الله جو دَرُ
    مشهور آهي ملڪن ۾، اٿس نالو بزر جمهرُ
    اهو ٻنهي جهانن جو ٻهڳڻ کي، پرور ڏنو پاورُ
    من ڪو کُلي ڀاڳ پئي، اچي پاڻ پرين انورُ
    پيو چمان پير پرينءَ جا، جي قرب ڪري قادرُ
    گهور وڃان اُنهي گهوٽ تان، ڪيان صدقي پنهنجو سِرُ
    آ اِهو يتيمن ياور، تنهن جي مان سام آهيان “سيفل” چئي


    بهار علي “بهار” ٻرڙو

    ڀلاري ڀونءِ ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي سونهاريءَ سنڌ هر دؤر ۾ مهان محققن، شاعرن، دانشورن، بزرگن، ڏاهن، صوفي راڳين ۽ سالڪ سگهڙن کي جنم ڏنو آهي، اهڙن انمول اڪابرن مان اتر سنڌ جو نالي وارو سيبتو سگهڙ ۽ صوفي راڳي استاد بهار علي “بهار” ٻرڙو پڻ هڪ هيو، جنهن ڪچهريءَ ۾ سدائين مرڪ مسڪراهٽون هجن ۽ ماڻهو يڪسو ٿي ڪنهن ڏاهي سگهڙ کان ڏاهپ ڀريا ٻول ٻڌندي اڌ رات تائين ڪانڀ ڪڍي ويٺا هجن ته سمجهو ته ان ڪچهريءَ جو مور استاد بهار علي “بهار” ٻرڙو ئي ٿي سگهي پيو. استاد بهار علي “بهار” ٻرڙو ضلعي جيڪب آباد جي لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ جمن شاهه ۾ پهرين جنوري 1950ع تي ڄائو.
    استاد بهار علي تعليم پنج درجا سنڌي پڙهيو، وڌيڪ تعليمي سهولت نه هئڻ ڪري نه پڙهي سگهيو، پر الله تعاليٰ جو پاڪ ڪلام ناظره پڙهي پُر ٿيو. ڪجهه سالن کان پوءِ استاد بهار عليءَ جو والد محترم مرحوم وزير احمد ٻرڙو ميرپور ٻرڙي جي لڳ مرزا واهه جي ڪڙ تي هڪ اڪيلو گهر جوڙي ويٺو، جتي اڄ استاد بهار علي ٻرڙي جي نالي سان هڪ ڳوٺ وجود ۾ آيل آهي.
    فرقي واريت کان وئون ويندڙ سدائين صوفين جي گيڙو ويس ۾ ملبوس استاد بهار علي ٻرڙو ضلعي شڪارپور جي مشهور درگاهه حضرت سائين ٻڍل فقير جي اڳوڻي گادي نشين شمس الدين عرف سائين شمن فقير جو هٿ ورتو طالب بڻيو.
    استاد بهار علي “بهار” ٻرڙو ننڍپڻ کان سنڌ جي مهان سگهڙ استاد محمد سيفل ڀٽي کان سگهڙ پائيءَ جا سڀ ئي گڻ ۽ گر سکيو.
    استاد محمد سيفل ڀٽي لوڪ ادب جي دنيا ۾ هڪ وڏو نانءُ رهيو آهي، جنهن جي وفات تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ خط سنڌ جي سڄاڻ سگهڙ گل حسن گل ملڪ ڏانهن لکندي چيو هو ته محمد سيفل ڀٽيءَ جي وفات سگهڙائپ جي دنيا لاءِ هڪ وڏو حادثو آهي. اُن ڏاهي سگهڙ پنهنجي ڏاهپ سان استاد بهار جي روپ ۾ هڪ اهڙو برک سگهڙ تيار ڪيو، جنهن جا ڪيترائي شاگرد نه صرف سنڌ پر واديءِ بولان بلوچستان ۾ به لوڪ ادب جون لاتيون ٻڌائيندي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن. سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) جو استاد بهار مرڪزي سينئر نائب صدر پڻ رهيو. استاد بهار علي “بهار” ٻرڙو سنڌ جو پهريون سگهڙ آهي، جنهن جي سگهڙائپ جو تحقيقي جائزو سال 1990ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگرد شمن ٻرڙي ايم اي فائينل شعبي سنڌي لاءِ مونو گراف لکي فرسٽ ڪلاس حاصل ڪيو.
    استاد بهار سنڌ جو هڪ وڏو باڪمال سگهڙ هو، جنهن جو هن وقت تائين ڪو تر ۾ برميچي نه سگهيو آهي.
    هو ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو رهيو آهي. هن جي ڏاهپ جو ذڪر سدا حيات محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي سينگار شاعريءَ ۾ به ڪيو آهي ۽ ان کان علاوه محترم عبدالله ورياهه 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل سگهڙن جي ڊائريڪٽري (حصو پهريون) ۾ پهرين سگهڙ طور پيش ڪيو آهي.
    استاد بهار جو ڪتاب “بهار جي بوند” لوڪ ادب جي سڀني صنفن تي ٻڌل آهي.
    استاد بهار علي “بهار” ٻرڙي کي مختلف ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ جيڪي مختلف موقعن تي مڃتا طور ڏنا ويا انهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو؛
    (1) مڃتا ايوارڊ 2003ع ۾ اڳوڻي ناظم ضلع جيڪب آباد مير شبير علي بجاراڻيءَ هٿان سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جي موقعي تي.
    (2) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 8 جنوري 1995ع سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جيڪب آباد جي موقعي تي، پاران ادبي سب ڪميٽي جيڪب آباد
    (3) 23 March Pakistan Day (1995) commendations Certificate by Deputy Commissioner jacobabad
    (4) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، 8 نومبر 2011ع هنڌ: در محمد ڪمال سولنگيءَ جي اوطاق ٺٺ سولنگي ضلعو نوشهروفيروز، پاران سلات
    (5) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 20 ڊسمبر 2011ع تي، هنڌ: بابو خان (عبدالقادر ٻرڙي جي اوطاق، ميرپور ٻرڙو تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد، پاران سلات
    (6) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، 5 آڪٽوبر 2013ع تي هنڌ؛ سنڌ الاجي ڄامشورو
    (7) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 8 سيپٽمبر 2012ع تي هنڌ؛ ٽيچرس ڪلب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران سلات
    (8) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 23 مارچ 2013ع تي، (استاد سگهڙ محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ)
    (9) سلات پاران سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جي موقعي تي، هنڌ؛ ميان جو ڳوٺ تعلقو خانپور ضلعو شڪارپور سنڌ.
    هن مهان استاد سگهڙ بهار علي “بهار” ٻرڙو مختلف بيمارين سبب تاريخ 17 جنوري 2014ع بمطابق 15 ربيع الاول 1435هه جمع جي رات اسُر ڌاري دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو ۽ کيس سندس ئي اوطاق جي اڱڻ تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
    سندس ڪجهه سينگار شاعريءَ جون سوکڙيون هيٺ ڏجن ٿيون:

    سينگار
    سرو قد ساجن سهڻو، ڪجليون ڪيف ڪڪور
    چلي ته چال پسن، پويان ماٺ ڪيو مور
    گهائي دليون گهور سان، ديدن ڪيادَؤر
    زلف نرگس ناز نيارا، چرن لاکي چور
    مڻ مصريون ماکيون، عطران افضل اور
    بجليون، تجليون “بهار” چئي، سڀ گهوٽ مٿان گهور
    ٻيا به شهزادا شهزور، پر هي ٻي شيءِ آ “ٻرڙو” چئي

    سينگار
    سرو قد ساجن سهڻو، زنخ زنگي زيب
    چشمِ حيات چاههِ ذڪن، سرس سونهين کان سيب
    سونهن پسي سر جهڪائي، ٿيا ڏيهه ڏاني ڏين ڏيب
    ٿي پاٻوهه پريان دهن ۾، هي رين مٽائي ريب
    سخا مان سوالي ڀريو وڃن، جهوليون پَلوَ جيب
    ڪچهين پسي ڪنڌ جهڪائن، ڇڏيو ڦُن فريب
    هي گُني غفاري غيب، آهي بي مثل “بهار” چئي

    سينگار
    سرو قد ساجن سهڻو، زلف وليل سياحي
    خد خال خمر کنجن خوني، هر دم دست حنائي
    ليث لڪي ڳل لعل گلابي، يفعلويب ارنائي
    سهه ڳچي آهو عاجز، مک ڇاهي چاند چٽائي
    بات “بهار” چئي شگر شيرين، وٽس شاهه ڦرن شيدائي
    نه ڪاباري بڻائي، اهڙي ٻي صورت “ٻرڙو” چئي

    سينگار ۾ اکين جو ڏهس

    راهه ويندا رڪجي وڃن، جي کنجن پرين کڻن
    ترشيون ترڪش نين نرالا، چشمن ساڻ چٽن
    نادر ناٿ نوائي ڪيا بردا اُتي ڀنڀن
    ڇم شرابي چاهن چئاتيون لونءَ لونءَ منجهه لڳن
    عين آئيز اکيان پسيو ماٺ لڳي مرگهن
    دولهه ڪيئي درڳن، ڪيا بردا “بهار” چئي

    سينگار

    ارن، بدر، عطافر عجيبي ٿيا حُسن منجهان هوشيار ٽئي
    اوڳ آڏو ڇا ابر اليهر صدقي سنبل سوءُ وار ٽئي
    زهرتن، زنگي، گارڊن، گوهر جي ٿيا ريڊ منجهان رخسار ٽئي
    الماس، ڪَتي، ڪَڻ اناري، نه دشمن مٽ دلدار ٽئي
    هنجهه لڪن ڪنبن ڪٻڪان، گج، گنير، گرفتار ٽئي
    پٽ وساوڙ، چيها، پاريو رپٻ چمن پيزار ٽئي
    غلمان، قصوران، سلطان هزارين، ٻهڳڻ تان ٻلهار ٽئي
    عرشي، فرشي، ڪرسي وارا، سڪن ڪارڻ ديدار ٽئي
    ٿر، بر، تر، وستيون ويران، جيڪي ٿيون گام کنئين گلزار ٽئي
    عاقل، اڪابر، سالڪ، سوين بلڪل هجن بيدار ٽئي
    پر ڇا لکي ڇا لکندا، منهنجي سڄڻ جا سينگار ٽئي
    اِنس، اَنس، اُنس، بردا “بهار” ٽئي، منهنجي ٻهڳڻ جا “ٻرڙو” چئي


    سرائڪيءَ ۾ سينگار
    جڏان، ميڏا ڍول، ڪري ڄُل ڄول، ڪران سر گهول، صدق سئو وارميان
    جٿان ڏي پير، سونهارا سير، چمان گهٽ گهير، پرين پيزار ميان
    حُسن دي هاڪ، ساري لولاڪ، ويک پيشاني پاڪ، ٿيوي بدر بيڪار ميان
    ابر و ايراني، قوس ڪماني، تني دي ثاني، نهين اند نوان اظهار ميان
    نيٽڪ ول، ڪيفي ڪجل، ڇپي شيهل، ويک چشم چمڪار ميان
    سوسن سُنبل، ڪنول ڪاڪل، گلابي گل، نهين روءِ رخسار ميان
    ٻولي جڏان ٻول، لبان ڪون چول، ڪوئل ٻهه ڪول، سڻي گفتار ميان
    خطن عنبر، مُشقِ عطر، پسيني پر هِنِ اِهي هٻڪار ميان
    پري ڪري پوش، وڃي حُوران داهوش، مٽي روءِ روش، گڏجي غبار ميان
    سدا تئين در سوالي، هان مين ڪوجهي ڪالي، ميڏي لڄ دا تون والي، مين هان گهنگهار ميان
    رووي جنهن لئه ڏينهان رات، نمي اُتان ڪل ڪائنات، ڪيا ڪريسي بيان بات، بردا هڪ “بهار” ميان

    سينگار
    سياهه اکيان صنم ديان دن رين ڪهڻ دي ڪارڪرن
    چپلا ڪرڪي چست گهنن، تير تيز تفنگي مار ڪرن
    نڪل ڪجليان وچون ڪئبر دل اُتون ڌڌڪار ڪرن
    درڳ دناليان وانگر آڪي عاشق ڪون آرپار ڪرن
    ڪيئي راهه مسافر ماريا ويندا، ڪيئي شاهه وڏي شڪار ڪرن
    سورهيه سڪندر تونگر هُوَن تنهن ڪون به سنگسار ڪرن
    بري غزال ڀڄ ڀڄ آڪي، سجده لک هزار ڪرن
    ترنيان تجلا ڇوڙ وڃن جڏان چشم سندس چمڪار ڪرن
    ڪڏان “مُو تُو قِبلَل” موج مشتاقان، ڪڏان “اَنتَ مُوتُو” اظهار ڪرن
    وڏي هوش والي بي هوش هوندن ڪيئي بردا لک “بهار” ڪرن

    ڪافي ڪلام ۾ سينگار

    ڪل نبيان دي اُتون تيڏا شهنشاهه شان هي
    ايجها ٿيا نه ڪوئي ٿيندا، تيڏا بي مثل بيان هي

    (1) روئندا رهيا آدم وقت ڪافي
    التجا ڪيتس مليس معافي
    صدقي نام محمّدصه ٿيس شافي
    تنهن اُتون به مدني مهربان هي
    (2) موسيٰ دي هَئي ربَّ نال ياري
    ويکڻ تجلا تنهن ڪيتي تياري
    ويک حُسن ڪون ڳيس هوشياري
    ٿيا هنڌ تنهين حيران هي
    (3) جڏهن مدني دي ملاقات هَئي
    ٿي ارڙهن ورهيه هڪ رات هَئي
    اِهن فرش ساري اُتون سات هَئي
    هڪ ٿيا هڪ نال، اهو ساڏا ايمان هي
    (4) جڏان حُسن يوسف هويا ظاهر
    موهيا مايان وچ شهر مصر
    هٿ ڪٽن پيان نال خنجر
    ٿي روشني تنهين چوغان هي
    (5) جڏان ظاهر ڪيتا هڪ دلبر دشن
    جهان ٿي ڳيا سارا روشن
    ظاهر ٿيا اي سڀ ڪک پن
    ٿي روشني تان آسمان هي
    (6) پاڻي اُتون پٿر تاري
    قمر آوي نال اِ‎شاري
    بذر جمعر دا نور اُجاري
    تيڏا انڌڙيان تي به احسان هي
    (7) دشر تابع بشر تابع
    حور ملائڪ شجر تابع
    سِتارَي ڪتيان قمر تابع
    تيڏا تابع هر حيوان هي
    (8) سرڪار مدينه جناب عالي
    “بهار” هئي تيڏي دردا سوالي
    مين تيڏي هان دلبر ڪو جهي ڪالي
    مين منگيا فهم فقيري دان هي

    سينگار
    سياهه اکيان صنم ديان، سيني سيفي مارن سٽ سٽ ڪي
    چست چنبان وچ چاون دلڙي، بحري باز وانگون جهٽ جهٽ ڪي
    مئي بن سدا مشتاق ڦرن، ويندا عقل خزانا لٽ لٽ ڪي
    دام داڻي مثل دام اڏن سَوَ عاشق وٺن وٽ وٽ ڪي
    تين ڪون شڪار ڪرڻ دا شوق سدا، لک مشتاق مارن گهٽ گهٽ ڪي
    ويک نظارا نوري نينان هرڻ ويندا هٽ هٽ ڪي
    تندرست تن بدن ڪون يارو زوري وڃن ڦٽ ڦٽ ڪي
    دهه دهه سيني دهڪار ڪرن وانگ گولي ڇٽ ڇٽ ڪي
    لک بردا “بهار” ٿيون ڪن قيد اندر ڪُٽ ڪُٽ ڪي

    سينگار

    اوبي مثال جمال ڪمال دا مالڪ، اڻ جڙ ديان جوڙنه ٺهه وڃ
    لولاکَ لَماَ، ارشاد سڻ آباز حرڪتان تون رهه وڃ
    مين ادنيٰ ثناگر تيڪون سڻاوان آ قول ميڏي اٿان ٻهه وڃ
    لاهه غين تون نقطا عين سمجهه اکيان ٻوٽ اٿان ڊهه وڃ
    هين زهد عبادت تقويٰ دي نهين پرور ڪون پرواهه تيڏي
    ڪنهن غار شفا وچ رو رو ڪيتي صفا هي راهه تيڏي

    ها مئين ڪوڻ ثناگر سهڻي دا فرقان حميد قرآن تون پڇ
    ڪيوين زلفين داپيا قسم کاندا، الله دي پاڪ لسان تون پڇ
    ڪيها لطف گهنڻ هي نام محمدﷺ بلال دي پاڪ زبان تون پڇ
    ڪيوين شوق ٿيوءِ شاعر بڻيه حقيقت اي حسان تون پڇ
    ڪنهن آپ دا ڀاوڻ سِکلايُئي هي ڀاوڻ نال چاهه تيڏي
    ڪنهن غار شفا وچ رو رو ڪيتي صفا هي راهه تيڏي

    ڪائنات ساري تخليق نه هَئي، تخليق تون پهلي تخليق هوا
    اي مين مين، تون، تون، بات نه هَئي اوهه رزاق دا رفيق هوا
    اي ظلم ستم جبر نه هوا او پهلي ذات شفيق هوا
    وما اَرسلنٰک ڪائنات اُتون اول رحمت عميق هوا
    ڪيون ٻوٽ اکيان ٻهه ڳئين نهين نورتي پوندي نگاهه تيڏي
    ڪنهن غار شفا وچ رو رو ڪيتي صفا هي راهه تيڏي

    هين در تي آ جيڪي جهُڪدي هن پينار سڪندر بڻ ويندي
    اُڏ عرشان تي سير ڪريندي قطري به سمندر بڻ ويندي
    هين در تون بکيا پنڻ والي لطيف، قلندر بڻ ويندي
    ڪي غوث، قطب، ابدال بڻندي، ڪي طالب تونگر بڻ ويندي
    بڻ دردا، بردا “بهار” بيوس، هي واحد بچڻ دي واهه تيڏي
    ڪنهن غار شفا وچ رو رو ڪيتي صفا هي راهه تيڏي

    ڪافي ڪلام ۾ صفاتي سينگار

    تنهنجي ثنايا مصطفيٰ صه ارض وسما هر جاءِ تي
    خود خدا راضي رهيو آ، رهبر تنهنجي راءِ تي

    (1) آيو اچڻ سان صلِ عليٰ جا عرشن تائين آواز ٿيا
    بگڙيل مقدر گنهگارن جي رازق جا اڄ راز ٿيا
    “الصلواة والسلام عليک يا رسول الله” پکين ۾ هي پرواز ٿيا
    ٿي روشني هن شمس رهبر جي انس وڪفر اونداهه تي

    (2) اتر کان آيو ٻڌڻ ۾ بَلَغَ العُلٰي بِڪَمَالِہِ
    ٿيو پڙلاءُ پڙاڏو ڏکڻ ۾، ڪشف الدجيٰ بِجَمَالِہِ
    مرحبا مشرق کان سڻڻ ۾ آيو، حَسُنَت جَمِيعُ خِصَالِہِ
    لڳا اولهه کان آواز اچڻ ۾ صَلُّو عَلَيہِ وآلِہِ
    ڪريا ڪوٽ ڪسريٰ جا هئي هئي انهي هاءِ تي

    (3) نه گهٻرايو ملڪن چيو اوهان جي آهي قسمت بڻي
    بي سهاري قافلي جو اڄ، آيو آهي ڌڻي
    هي آ رحمة اللعالمين، هجو اوهان ڪٿي به کڻي
    خود انبيائن به اُمتي ٿيڻ جي، ڪئي آ گهر گهڻي
    اڄ آتشگاهه سڀ اُجها، پيو آ پاڻي باهه تي

    (4) ڇا لکي ڇا لکندو “بهار” سندس بيان کي
    بس خدا ٿو پاڻ ڄاڻي شهنشاهه جي شان کي
    ڪل ثنا جو ڪري ڪهڙي طاقت آ انسان کي
    اڻ کٽ خزاني مان ڪجهه آءُ به چئي ٿو لست ڪرايان لسان کي
    اچي حامي ٿيندو حشر ۾، اُن کاهوڙي کاهه تي


    لعل فقير ڪورار

    نالو: استاد لعل فقير ڪورار
    پيءُ جو نالو: محمد ابراهيم
    ذات: ڪورار
    ڄم جي تاريخ 1926ع
    تعليم: پرائمري ۽ ناظره قرآن شريف پڙهيل
    ڪرت: هاري
    رهائش: پراڻو جنگو لڳ مبارڪپور تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد
    سگهڙ پائي ۾ استاد: استاد محمد سوايو “ڪفشدوز” موچي
    وفات جي تاريخ: 1.8.1996 بمطابق 15 ربيع الاول 1416 هجري
    70 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين
    نوٽ: استاد لعل ڪورار هر سال سنڌ ليول تي هڪ وڏي ڪچهري ڪرائيندو هو ۽ تاريخ مقرر هوندي هئي
    هن وٽ هڪ دفعي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به ڪچهري ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو.

    سينگار

    ساراهيان سچو ڌڻي جنهن جوڙيا زمين آسمان
    “سِرَاجاً مُنِيراَ” ٿي آيو جانب منجهه جهان
    مَازَاغَ البَصَر جو سرمو اکين ۾ رزاق پارايس رحمان
    ڪيس ڪوثر آب ۾ رتل هيس مونڍن تي مرجان
    پيشانيءَ مٿان مانگهه محبوب جي سينگاري سبحان
    عجب ابرو محراب مثل ڪوسيني ڪمان
    نوري سرخي سهڻل کي “لعل” چئي هئي لبن تي لالان
    دشمن دلبر جي کي پوش پارايا ها مالڪ مهربان
    جي هڪڙو زيب ظاهر ٿئي ته ٿئي روشن زمين آسمان
    ملڪ ٿيا مستان، حوران ڏسي حيران ٿيون

    سينگار

    جلوا جانب جا ظاهر ٿيا ملڪ مڪي کان شام
    ڪريا ڪوٽ ڪسريٰ جا اُجها آتش گاهه ٿيا خارزن کي خام
    لات منات عزيٰ پرزا ٿيا جنهن تي حيزي هڻندا ها حام
    طٰہٰ جو تاج سر تي هيس ڄائيندي لاڪون ڄام
    “والقرآن الحڪيم” اهي قادر ڪيا هيس ڪلام
    “انک لمن المرسلين” اهي آگي ڏنا هيس انعام
    “عليٰ صراط مستقيم” اهي ڪامل جا ها ڪام
    کهٰيٰعص اها مالڪ مڪي هيس مام
    پنج ئي پرين پروڙيا پرور جا پيغام
    پنج تن پاڪ امام، ڪندا ماڙ محشر ۾

    سينگار

    “بَشِيۡراً وّ نَذِيۡراً” اهي باقي ٻڌايا بيان
    گفتگا گوهر جا ٻڌي اچي عاشقن اڏيا آستان
    جنهن تي ناميو نوري نظر ڪري سي ٿين قدمن تان قربان
    مرحُومن تي مرسل دست ڌري سي ٿين جيئرا پوڙها ٻار جوان
    جا ٿي قريشي قدم گهمايا اتي ٿيا بر پٽ باغ بان
    اتي هُٻڪن عطر مشڪ عنبران، جا تون گهوٽ گهمي وڃي

    سينگار

    پٿر شجر پريون ديو دشر پيا سجدا ڪن سلام
    ڪيهر، گنير، بگهڙ، باندر ٻيا جملي جانور پيا نميو وٺن نام
    پکين ۾ پچار پرين جي پيا لڏن ٽارين لام
    ملڪ سڀ مطيع ٿيا منهنجي گوهر جا ته غلام
    ثنا سهڻل جي پوري نه ٿي سگهندي توڙي قائم ٿئي قيام
    جيڪي آهيون سيد جي سام، سي وينداسين ڪلمي ساڻ “ڪورار” چئي

    بيت (روشني قرآن پاڪ)

    خالق مالڪ ملڪ جو مولا ڪل شيءِ تي قادر آ
    محمّد مٺڙو مرسل مدني پاڪ پيغمبر آ
    سيف جلي شير علي وارث ولي صاحب صفدر آ
    آل پيغمبر لخت جگر ماهه منور شبير شبر آ
    نياڻيءَ نبي راز ربي ڪهڙي ڳالهه ڪبي جڳ جي امي اطهر آ
    پئي پنجتن پاڪ تي چادر آ ويطهر کم تطهيرا
    “بَلۡ هُوَ قُرآنٌ مَجِيۡدٌ فِيۡ لَوۡحٍ مَّحۡفُوۡظ” هولا مڪان ۾
    رب نازل نبيءَ تي ڪيو رات ستاويهين رمضان ۾
    اڳ ۾ اقراء سورت ٽيهه سيپارا قادر ڪيا آهن قرآن ۾
    جنهن ۾ وڏي سورت واحد ڪئي بقر آ بيان ۾
    ننڍي سورت ڪوثر آئي شافع نبيﷺ جي شان ۾
    آگي ڪرايو الرحمان ۾، سينگار ڪل سورتن کان مٿي

    دل قرآن جي ياسين آ حسين پڙهي نيزي تي نروار آ
    آيت الڪرسي ڪل آيتن ۾ سهڻل چيو سردار آ
    هڪ سَؤ چوڏهن سورتون قرآن ۾ اهو شاعر ڪيو شمار آ
    ڇها سي سورتان آيون مڪي جنهن جو عربي ڪيو اظهار آ
    اٺاويهه سورتون سيد تي لٿيون جڏهن مديني ۾ آيو مختيار آ
    اهو باري کنيو بار آ، جانب ڪل جهان جو

    ڇهه هزار ڇهه سَؤ ڇاهٺ قرآن ۾ اهو انداز آهي آيتن
    ٻٽيهه لک ٻارنهن هزار ڇهه سَؤ ٻاستر اهو اختلافي حساب آ حرفن
    ست منزلون چوڏهن سجدا قرآن ۾ ساري سڀ ڏجن
    هڪ سَؤ ويهه ايميون قرآن ۾ پنج روز پيون پڙهجن
    ڄڻ ڪيائين ملاقات موليٰ سان اهو حڪم آ حبيبن
    پنج سَؤ چاليهه ڪيا آهن، قادر ڪل رڪوع قرآن ۾

    ست سَوَ دفعا ڪلام الله ۾ امر آهي نماز ۽ زڪوات جو
    هڪ سَوَ پنجاهه دفعا فرقان ۾ فرمان آ خيرات جو
    پل پل پڙهو محمّدﷺ مٿان آيو حڪم صلوات جو
    دم دم درود دلبر تي پڙهو. هر ڏينهن ۽ هر رات جو
    پڙهو قرب مان ڪلام الله کي ٿئي سولو سفر سڪرات جو
    جيڪو وائي ڪندو وات جو، تنهن کي ڪس لڳندي ڪانه ڪا

    ختم ٿيو قرآن ختم النبي تي گذريو ٽيويهون سال آ
    بشري بُرقعو پرين پائي آيو ٿي مدني مثال آ
    هر هنڌ هر حال ۾ حاضر اهو تنهن جو قرب ڪمال آ
    ڪر اچي وارثي ولهين جي هيڻو جنهن جو حال آ
    ڪراءِ ديدار دلبر پنهنجو تو در سوالي “لعل” آ
    ايڏو ڀلا تنهنجو ڀال آ، قيامت تائين “ڪورار” چئي

    نوٽ:
    مٿئين بيت ۾ سگهڙ پاران ڏنل قرآن پاڪ جي سورتن، آيتن ۽ رُڪوعن سميت ذاتي حوالا سندس آهن ان سان اداري توڙي سرجيندڙن جي تحقيق جو ڪوبه واسطو نه آهي.

    سينگار

    ساراهيان سچو ڌڻي جيڪو مالڪ آ ملڪن
    عرش ڪرسي لوح قلم نور نبيءَ جي مان ٿيا چوڏهن ئي طبقن
    نبي پيدا ڪيائين نور مان سندس سهڻي ئي وصفن
    سردار سڀني جو سيد آ مٿان مڙني مرسلن
    يٰس حٰم طٰہٰ مزمل اهو مان آ محبوبن
    وشمس وليل وضُحيٰ اها واکاڻ آ وصفن
    ويُطهر ڪم تطهيرا پئي پاڪ مٿان پنجتن
    اهي سينگار سڀ ڏاتر ڏنا پيا سهڻي کي سونهن
    سونهن سڄڻ جي مان ملڪ ٿيا غلمان مليو حسن آ حورن
    جلوي جمال ڪامل جي ڪمال مان ٿيون ترنيون تجلا ڏين
    ابر بهارا مينگهه ملهارا سانوڻ وارا تن کي ويس مليو آ ڪامل منجهان ڪيسن
    ڪو سين ڪاب منبر محراب ٿيوعجب منجهان ابرن
    تير تفنگي بڙ ڇيون ڀان موهن مستان ٿيا محب منجهان مزگن
    ذوالفقار جي ڍار نوڪدار ٿي انف منجهان عجيبن
    سرخي پان لال لاکان ياقوت مرجان تن کي لالائي ملي آ منجهان لبن
    گل سورج گل رابيل گل گلاب ٿيا رهبر منجهان رخسارن
    هيرا موتي لال جواهر خاص درعدن ٿيا دلبر منجهان دشن
    عطر مشڪ انبران خوشبوءِ خستوري زعفران ٿيا پسيني منجهان پرين
    پٽ پٽيهر بافتا بخمل ٿيا ڀورل منجهان بدن
    ڪبڪ فيل هنجهه مور رفتار رهبر جي رتيءَ مان ٿا گنير گام کڻن
    ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻيان “ڪورار” چئي نه آهي حد حسابن
    سونهن سڄڻ جي سڄي سنسار ۾ سونهين ٿي سڀن
    اهي لقب سڀني کي “لعل” چئي مليا عجيب منجهان انگڙن
    ساٿ لنگهائيندو سختيءَ مان اچي وارثي ڪندو ولهين
    ڀلي اهي مومن سڀ مرڪن، جن جي ڪلمو آهي قلب ۾
    جلوي دي جاکوڙ (سرائڪي)
    جوش ڪنون هڪ ڏهاڙي ميڪون خيال آيا دل جان دي وچ
    ڪٿ مين ڪٿ ميڏا ماهي رهيس ايهين ارمان دي وچ
    پڇي ڳولڻ لڳم يارڪون زمين آسمان دي وچ
    ڳولهيندا رهندا هان دلبر ڪون جبل پهاڙ ڪوهستان دي وچ
    بردا بن ڪي رلدا وتدا هان بيابان بوستان دي وچ
    پتا نهين ميڪون ملدا پوري پاڪستان دي وچ
    نماڻي هوڪي پڇدا وتدا هان ڪوئٽه بلوچستان دي وچ
    جنهن دي خاطر رلدا وتدا هان سو رليا نه ريگستان دي وچ
    آيا نه هٿ حبيب ميڪون اصل ڪوئي ايران دي وچ
    دنيا ساري دوست ڪيتي مين ڦوليم گل گلستان دي وچ
    جڏان هٿ نه آيا حبيب ميڪون تڏان پيس گهڻي ارمان دي وچ
    خوشبوءِ آئي دل ميڏي ڪون طرف عربستان دي وچ
    ڪائنات ڪنون آواز آيا ڏيک ياسين والقرآن دي وچ
    ڏوجهان ڏيک اکيان کول اپني دل و جان دي وچ
    “اَلِانسَانَ سِرِي وَاَنَا سِرُهُ” هر هڪ دي ايمان دي وچ
    “وَفِي اَنفُسِکُم” آپ آکيندا نه پئو غير گمان دي وچ
    ونحن اقرب ويجهڙا وسدا تون ڪيون ڳولهين زمين آسمان دي وچ
    هر چيز وچ جلوا انهيندا جن بشر حيوان دي وچ
    هر سورت وچ صفت سڄڻ دي “ڪورار” آکي قرآن دي وچ
    سورت دا رک روزا اينوين جيوين رکدي هن روزي رمضان دي وچ
    پڇي لحظي اندر لعل ٿيوين ٿي مرد آ ميدان دي وچ
    (سبحان الذي اسريٰ) ظاهر هي فرقان دي وچ
    فڪان ڪاب ڪو سين اَو‘اد‘نيٰ نهين فرق اس بيان دي وچ
    احد احمد وچ پردا ٿولا نه پئو غازي ايهين غير غلطان دي وچ
    ميڪون قسم خدا دي رب رهندا بس معراج والي مهمان دي وچ

    سينگار

    اول آخر حاضر ناظر باطن هن نامور نروار ڏوهين
    لا اِلٰہَ الا الله محمّد رسول اللهﷺ هن دو جڳ دي ڏاتار ڏوهين
    احمد اتي احسان ڪيتا، سارائي جهان ڪيتا
    اسلام تي قرآن ڪيتا، نازل نبي تي نروار ڏوهين
    رهبر رسول الله هي، ابراهيم خليل الله هي
    اسماعيل ذبيح الله هي صادق هن سچار ڏوهين
    معراج والي رات هئي، عرش اتي ملاقات هئي
    مرحبا اتحيات هئي، واهه ڪيتس گفتار ڏوهين
    ڀلي اتي ڀال ڪيتا، عبدالله ڪون نهال ڪيتا
    آمنه وچون لعل ڪيتا، واهه جوڙ ڪيتس جنسار ڏوهين
    ساقيءِ ڪوثر هي، خاتون اطهر هي
    بهشت جنهين دا گهر هي، جنت دي هن مختيار ڏوهين
    آل پيغمبر هي لخت جگر هي
    شبير شبر هي، امت دي هن آڌار ڏوهين
    شاهه نجف دا شان، ويکهو، ڪربل وچ مهمان ويکهو
    جڳ ساري دا سلام ويکهو، واهه قبي هن ڪلنگيدار ڏوهين
    مصطفيٰ او مرتضيٰ، امت اتي ڪريسن شفا
    “ڪورار” هي تيڏي در دا گدا. محشر دي هن مهدار ڏوهين


    محمد فقير ڪورار

    نالو: مرحوم سگهڙ محمد فقير ڪورار
    پيءُ جو نالو: محمد ڇٽل ذات ڪورار
    ڄم جي تاريخ: جنوري 1943ع
    تعليم: پرائمري
    ڪرت: هاري
    رهائش: پراڻو جنگو لڳ مبارڪپور تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد
    سگهڙ پائي ۾ استاد: استاد لعل فقير ڪورار
    وفات: 24 جولاءِ 2013ع بمطابق 16 رمضان 1434هه
    سينگار
    جب گوري گهنا ڪري، سرس ڪري سينگار
    هڪ سِندوُر هيس سينڌ ۾، ٻيا وسيهر وترا وار
    ڀروون ڀنور جيئن، اکيون مرنگهه آچار
    ڪجل سرمي سان سونهن گهڻي، وتن کي پيون منجهه خمار
    مسي مساڳ تي مست هُئي، ڪري سرخيءَ جا سينگار
    نٿ بولو بينسر بن ۾، ڪري پئي چوءُ گلن جا چمڪار
    واليون، پنڙا، ايرنگ، نسبڙيون، منجهه جهومڪ جا جهمڪار
    ڳهڻو هيس ڳچيءَ ۾، ٻيا هس سندائي هارَ
    تعويذ، دُرَ، ڪٺمالا، من هيس مٺڙي سان منٺارَ
    منگليون، موريون، ٻانهين ٻانهن ۾، ڪنگڻ ڪلنگيدارَ
    ڇلا، ويڙهه، منڊيون، اڃان ڪري پئي لاليءَ جا للڪارَ
    ڪڙيون، پٽيون، پهذيب پيرن ۾ ٻيو جانجهر جا جهمڪار
    جتيءَ سان جاءِ اُن تي، سونهين پئي سنگهار
    انهي ٻٽيهن کان وڌ ٻهڳڻ جي جوڙي جوڙ جبارَ
    ڪيترا ڳڻي “ڪورار” چئي، ڇا شاعر ڪندو شمارُ
    ساري جهان ۾ جنسار، تنهن کان وڌ آهن منهنجي مور کي “محمد” چئي

    سينگار
    ڪونتل ڪرشن کان وڌ تجليدار ترنگ
    چهرو وڌ چمڪ سان، ڀروون ڀالا ڀنگ
    لوچن ڏسي لڪي ويا، جهوڪا منجهه جهنگ
    ناتڪ ڏسي نعت پڙهن، اڳيان اچي اُننگ
    جي دشن کلن دهن مان، اچن تانهل کي تنگ
    گيدان کي گوهر جي، وکن وڌا ها ونگ
    الڊهه کان اُچا هُيا، عجيب جا انگ
    ڪيا دلبر اڳيان دنگ، ماهه به اُتي “محمد” چئي

    سينگار
    تليهر ترنگ، وجهن ٿا ونگ، هڻن ٿا ڏنگ، موهي ڪرن ملنگ، تنهنجا پرين پڳدارا
    چنڊ جيئان چمڪار، رهن هٻڪار، جڙيل جنسار سونهن سردار، سدا سؤ وارا
    ڀروون ڀنگ، سسيا سارنگ، الڊهه انگ، موهيا ٿي مرنگهه، مٺي منٺارا
    ڪيا مشتاق، نبي جي ناڪ، ساري لولاڪ، هوت جي هاڪ، هيا هروارا
    ڀنور جي ڀڻڪ، ڪويل جي ڪڻڪ، وڄن جي وڻڪ، چهري جي چمڪ، ڪيا چمڪارا
    تانهل کي تم، گنير کي غم، مڪتا کي مرم، جوهر کي جرم، ڏنا دشن دلدارا
    هنڊول حيران، پيوند ناپان، موهيو مرجان، شفتين شان، هيا سرخ سونهارا
    دلبر دلدار، مست ڪيا مزار، هرني جيها هزار، ڀڄ ڪر بيڪار ڪيا جانب جي جهلڪارا
    لعل لاجواب، موهيو مهتاب، ڇا هي سرخاب، طله تاب، وڌ هاپٻ پيارا
    الهه ڪيس احسان، مليس فرقان، ڪيم شڪران، ٿيم دربان، تنهنجو دلدارا
    ڪهه “ڪورار” صلواة سوءُ وار ڪلمي جي ڪوڪار، پڙهه حمد هزار ته لهني غم غبارا
    “محمد” آمداحي، تنهنجو گدائي، سهڻل سدائي، ڏنئه واڌائي، ته ٿي ويا قرب قرارا


    محمد عظيم ڪلهوڙو

    سگهڙ محمد عظيم ولد حاجي خير محمد ڪلهوڙو جي پيدائش ڳوٺ جونگل تعلقه ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ 1955ع دوران ڄائو ۽ ميٽرڪ تائين پڙهيو. سگهڙ گل بهار سومرو جي صحبت ۾ 1971ع دوران سگهڙ بڻيو سندس فني ڪتاب ڪن سببن جي ڪري شايع نه ٿي سگهيو، استاد بهار علي بهار سان تنظيمي مرحلن ۾ ٻانهن ٻيلي رهي 20 جولاءِ 2010ع ۾ وفات ڪيائين، سندس فرزند اعجاز علي سگهڙن سان نينهن نڀايو اچي ٿو.

    سينگار
    زُلِفَ سِيآهَه سَڄَڻ دآ سُهِڻا وَسِيهَر وَرِڪَنَ
    مُوءِ پَسي مِحبُوبَ جآ نانگ اَچِيُ نَوَڙَنِ
    ڇتا ڇوڙي بشيهل ڀُورِي آرِگ بِه آزيون ڪَنِ
    فٽ کلن تَه ڦٽ ڪرن ڪرڙيا مَنجِهه ڪِيَسنِ
    اَلِيهَرَ، تَلِيُهَرَ عَلِيلَ ٿِيآ وآرَ ڏِسِي وِهِسَنِ
    پَسِي ڪَاڪُلَ ڪَچَ قَرِيبَ جآ رآجِلاَ ڪِينَ رَهَنِ
    پِينَ پِرِيتِ ۾ پُرِٿِيآ هيئَر پَسِي هُرِڪَنِ
    واسِينگَ پَيآ وِيچآرَ مَنجِهه ڏِسي ڀُورَلَ جِي ڀُنڊِڻنِ
    ڪُل ڪآمِلَ جِي قَدِمَنِ، ٿآ اَچِي ڪِرِنِ “عَظِيمُ” “چَئي”.


    قائم الدين سهتو

    قائم الدين ولد عبدالرشيد سهتو ويٺل ڳوٺ سهتا (ديهه پليجا، تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعو شڪارپور) سنه 1960ع ۾ ڄائو. سندس استاد محمد ملوڪ عباسي آهي جنهن جي صحبت ۾ هن سگهڙ پائي جو ذوق وڌايو سندس لوڪ ادب جي فني اشاعت هڪ ڪتاب “قائم جو ڪلام” شايع ٿي سگهيو. پاڻ ڪجهه سال اڳ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. قائم الدين هيٺيان بيت “حضرت نبيﷺ جن جي سينگار” ۾ چيا آهن ۽ سهڻا چيا آهن.

    سينگار

    سونهين پيو سرتاج نبيءَ جي لائق سر لباس
    حسن هوت حبيب جو هئو چندن کان وڌ چاس
    وڌ گهرا ڪيس ڪلهن تي جيئن ڀونر وٺن پيا واس
    جاڙا جنگي جانب جا ڪن ابرو دل اداس
    جوڙ جهنواري جانيءَ سندا ريٽا رتل راس
    مرگهان وڌ محبوب جا هئا نيڻ خماريل خاص
    سي ڪهن ڪٽاريون ساجن واريون ڪيفي ڪن نه قياس
    عاشق لک عليل ٿيا، ڪيا نظر نهوڙي ناس
    ڪيئي ڪنجل “قائم” چوي پيا هلڻ منجهه هراس
    وڌ پيارل پاس، حسن هيڪاندو گهڻو.

    سينگار

    جيئين مستي ماڪ جي خورشيد ڪري ٿو کس
    حسندار هٽي ويا تئين روپ پِريان جي رس
    گَورَيون گام نه کڻن آڏو هار پائي سي هس
    چنڊر ڪيون چانڊاڻ ڀلي سو چمڪي پيو چوڏس
    ڪڏهن نه ٿيو “قائم” چوي سونهن برابر سس
    دست حنائي جانب جائي پرور ڪيا پارس
    هڪڙي مرڪ حبيب جي سان مٽي اها مس
    سهڻي جا سينگار چيا هن ڏاهن منجهه ڏهس
    مان ڏئي نه سگهان ڏس، پرينِ سندي پار جا.

    سينگار (سرائيڪي)

    تاج “لولاڪ لما” دا برسر سونهيندا سرور ڪون
    آوڻ نال آباد ڪيتا جانب ها جهنگ جهر ڪون
    نور سڄڻ دي روشن ڪيتا گلشن ها گهر گهر ڪون
    حسن ڪريندا هوت ماهي دا شڪي شمس قمر ڪون
    خورشيد ڪنو خاص بچاوڻ ڪيتا پرور پوش ڪڪر ڪون
    هُل هلايا هاڪ حسن ديِ، پاڪ موهيا مرمر ڪون
    لطفدار لعاب ڏيندا ول شاهه شڪست شڪر ڪون
    شڪي ٿي ڳيا ڇپ اتاهين ڪينٽل ويک قمر ڪون
    سٽ ڏيندي ول جهٽ اتاهين عين افٽ ادگر ڪون
    ٽور ٽري من مور ڪريندا گرفتار گنيَر ڪون
    پاڪ پسينا پياري دا سو موهي مشڪ عنبر ڪون


    فقير ديدار علي سيال

    “سگهڙ فقير ديدار علي سيال جنهن جي پيدائش ته سال 1962ع ۾ ٿي پر مهيني جي ڪا به پڪ نه ٿي ملي سندس والد جي زباني ته ديدار سخت سرديءَ ۾ پيدا ٿيو هيو پوءِ ان ۾ ڊسمبر يا جنوري مهينو ئي گهڻي ڀاڱي شامل آهي. اسان جي پياري پيغمبر صه غربت کي گهڻي ڀاڱي پسند فرمايو آهي ۽ سندس عاشقن به غريب گهراڻي ۾ گهڻو جنم ورتو آهي. اهڙيءَ طرح ديدار سيال به پنهنجي ڪکائين گهر ۾ پنهنجي دلبر پيءُ محمد حسين سيال جي صحن تي اک پٽي ۽ هيءُ فرزند سندس والد کي ٽئين نمبر تي الله تعاليٰ عطا فرمايو. کانئس اڳ به ٻه ڀائر روشن علي ۽ عبدالمجيد سندس والد جو صحن سجائي چڪا هئا ۽ کين هڪ ڀيڻ به مولا پاڪ ڏني هئي. سندس ڀائرن ۾ ديدار آخري ڀاءُ هيو. عام چوڻي آهي ته دير آيو پر درست آيو. ان لحاظ سان ديدار ٻين ڀائرن کان ته ننڍو هيو پر اهو سگهڙ جي حيثيت ۾ مهان شخصيت بڻجي ويو.
    هن سگهڙ جو ننڍپڻ مال چارڻ ۾ گذريو ۽ جڏهن کيس پنهنجي ڳوٺ دائود ديري لڳ شاهه پنجو سلطان تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ پرائمري اسڪول اندر کيس تعليم لاءِ ڇڏيو ويو ته هن پنهنجي استاد پانڌي خان سيال وٽ صرف ٻه درجا ئي مس حاصل ڪيا. ديدار سيال وٽ 1974ع دوران سندس هڪ سگهڙ امام بخش هتار وٽن مهمان ٿيو جنهن کان هن ڳجهارت ڳولڻ جي سکيا ورتي ۽ ديدار ان کان بعد 1978ع ۾ سنڌ جي عظيم مهان سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسيءَ کان سگهڙپائيءَ جي باقي مڪمل صنفن جي سکيا حاصل ڪئي.
    فقير ديدار سيال جنهن کي پيءُ کان ته نه پر ماءُ جي والد طرفان سگهڙائپ جو ڏاج مليو، سندس نانو لوڪ ادب جي ڄاڻ رکندو هيو ۽ ان ورثي جي ادبي ملڪيت مان هن کي به حصو مليو. 1981ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ۽ 1985ع کان وٺي پاڪستان ٽيليويزن تي ادبي پروگرام شروع ڪيائين. لوڪ ادب جي پرچار ۾ “سلات” جو مرڪزي نائب صدر پڻ رهيو ۽ آخر 28 جنوري 2010ع تي وفات ڪيائين. سندس لوڪ ادب ۾ جيڪي ڪتاب ڇپيا تن ۾ “ديس وسي ديدار اسان جو” “فيصلا انصاف جا” “ڪنهن کي ڏجي دانهن” “ڪل جڳ رهندا ڪاپڙي” شامل آهن.
    هيٺ سندس چونڊ ڪلام ڏجي ٿو:

    چوڏهو سينگار (چوڏهن نالا هاٿيءَ جا)

    ڏسي هلڻ حبيب جو هُت هنڊوا پيا هرڪن
    ڪارڌو به قابو ٿيا ۽ فيل پيا ڦَرڪن
    ڪٽ لڪائن ڪينٽل پيا ۽ گونٽا نه گرڪن
    ڪيهر ڪنڌ نوائي بيٺا سَنکرَ نه سُرڪن
    ڪيٽا ڀونگ ڀُنا ٿيا نڪي چينچل پيا چُرڪن
    وسَو وارڻ ويسلا هو ٿڙڪن تي ترڪن
    مينڊل به محبوب واري ڍار ڏسيو ڍُرڪن
    پسي ٽور لڄي ٿيا، نه ادگر پيا اُرڪن
    مڪنا مست مُطيع ٿيا، هُو واٽن تان ورڪن
    دلبر سامهون “ديدار” چئي شڪي ٿي ڇرڪن
    پوءِ پيا پَرڪن، ڏسي هاٿي هلڻ حبيب جو

    سينگار

    ڏسي هلڻ حبيب جو ٿيا گنير گرفتار
    چينچل چرڻ ڇڏي ڏنو هرڻ کاڌي هار
    عين سڄڻ جا نيڻ نماڻا کنيون ڪن کجڪار
    سُونهن سدا “سيال” چئي منهنجي سڄڻ کي سينگار
    تنهن دلبر جو “ديدار” مون کي پرور پَسائج پاڻ تون

    سينگار

    اي چنڊ چوڏهينءَ رات جا تنهنجو ڇاهي تاب
    سڄڻ منهنجو “سيال” چئي جي لاهي لال نقاب
    پوءِ نه ٿي بات بچڻ جي، ٿئي سارو مُلڪ ڪباب
    حُسن منهنجي حبيب جو ناهي حد حساب
    مور مرجان موتيا نه پُڄن گُل گلاب
    رڳون تن رباب، جن ڏٺو منهن محبوب جو


    غلام حسين باجاري

    محمد زمان عرف غلام حسين جي پيدائش سنڌڙيءَ جي شهباز ۽ سيوهڻ شريف جي نگري کان اولهه پاسي هڪ ننڍڙي ڳوٺ باجارا ۾ پنهنجي مسڪين والد عبدالحليم باجاري جي ڪکائين گهر جي صحن تي 12 ڊسمبر واري سخت ترين سرد رات ۾ 1965ع دوران ٿي پاڻ عام ٻارن وانگر صرف پرائمري جي تعليم حاصل ڪري ۽ پنهنجي اباڻڪي ڪرت ۾ لڳي ويو، پاڻ پهرين جواني جي ڦوهه ۾ سنڌ جو بهترين ملهه پهلوان پڻ ٿي گذريو ۽ هن لوڪ ادب جي ميدان ۾ کيس هڪ سڄڻ دوست ۽ سگهڙ حاجي رحيم بخش قريشي جي صحبت ۾ 1980ع کان باقائدي سگهڙ بڻجي سنڌ جي مهان سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي جي شاگردي ۽ شفقت حاصل ڪيائين پاڻ ان ميدان ۾ جلال کٽي ايوارڊ، “رمزون رحمت الله جون” ايوارڊ ۽ لا تعداد مڃتا سرٽيفڪيٽ ايوارڊ حاصل ڪيا. هر صنف ۾ اعليٰ مهارت ماڻيندڙ هي سگهڙ ريلوي ملازم ۽ سلات جي ضلعي ڄامشورو جي باڊي جو صدر رهي ڪري گڙدن جي بيماري سبب 18 نومبر 2009ع بمطابق 29 ذوالقعد 30 14 هه بروز اربع سول اسپتال حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
    جنهن کي باجارا ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
    ڏهس سينگار (هاٿين جا نالا)
    ڏسي هلڻ حبيب جو ٿي هرني کي هيبت
    ڪُنجل فيل ڪَنبي ويو ڏسي حوت هلت
    وارڻ وک نه کڻن سکن گؤنٽا گنير گت
    ماريو هيو محبوب جي سنکر کي صحبت
    چئنچل چاهت چور ڪيو پسي چال چلت
    هاٿي هئنڊل هيڪاندو نياز ڪري نوڙت
    وسو وڏي واجهه مان پيا پير جهلن پربت
    تنهن ڀلاري جي “باجاري” چوي، ڇا توريان مان طاقت
    شاهه ڪندو شفقت، هو گوهر “غلام حسين” تي.


    محمد امين سنياسي

    سنڌ جي مشهور سيلاني سگهڙ استاد محمد امين سنياسي ولد جمعو خان ابڙو (پاڙو سانگرو) 1938ع دوران تعلقي وارهه جي ڳوٺ گل سانگرو ۾ ڄائو، سندس والده قرآن پاڪ جي حافظياڻي هئي ۽ پيءُ به درويش صفت صوفي ازم نيڪ نمازي توڙي راڄ ڀاڳ جو چڱو مڙس هو، محمد امين سنياسي ڏهن سالن جي عمر ۾ استاد حافظ الهڏني ڊومڪي ۽ حافظ محمد ملوڪ ڀٽي جي علمي لياقتن هيٺ قرآن پاڪ جو حافظ بڻيو ۽ 7 درجا فائنل جي تعليم پڙهي سگهيو. جنهن بعد ڪيترو ئي عرصو سندس ئي ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام پڻ رهيو، فقير سائين جو پيءُ ۽ ڏاڏو وقت جا وڏا پارکو سگهڙ هئا، پر پاڻ غلام سرور ڀٽي جي صحبت هيٺ سگهڙائپ جي فن کي اڳتي وڌايائين، گڏوگڏ طب جي علم جو جراح، سنياسي ۽ مشهور حڪيم به هو، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان طب جي علم جي ڊگري حاصل ڪيائين، سرڪار لطيف جي سُر ۾ سمايل کاهوڙين جيان گيڙو ويس پائي سالن جا سال جبل پهاڙ بر ٿر جاڳي حقيقي عشق جي منزل ماڻڻ لاءِ پيادل پنڌ ڪري نه رڳو هن صوبي سنڌ ۽ پاڪستان اندر پر ايران، تهران ۽ بغداد شريف جو سفر پڻ ڪيو، جنهن دوران جئه رام جوڳي، مصري جوڳي، کبڙ جوڳي ۽ گرونانڪ جوڳي پڻ سفر جا ساٿي هئا. سفر کان واپس اچي ضلعي دادو جي راڌڻ اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ ٻڍل لاکير ۾ روحاني رمزن جا ورد وظيفا، چلا ۽ ڏهاڪا ڪڍيائين. درگاهه سعيدي موساڻي تي به ولايت جا ورق پڙهڻ ويندو هو. پيٽ گذرڻ ڪرڻ لاءِ معاشي مرحلن کي مُنهن ڏيڻ خاطر 1987ع ڌاري لاڙ جي پاسي جهرڪ شهر جي ڀر ۾ ڳوٺ حاجي ساکاڻي ۾ يوناني دواخانو کوليائين ۽ ڪافي عرصي بعد هاڻوڪي ضلعي مٽياري جي هالا شهر کان اتر ۾ قائم پراڻي سعيد آباد ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، جنهن بعد پارس دواخانو جي نالي سان هاڻوڪي نيوسعيد آباد شهر ۾ اچي آباد ٿيو ۽ زندگي جا آخري پساهه 13 ذوالحج 1426 هه ڇنڇر ڏهاڙي پورا ڪري هن فاني دنيا مان الوداع ڪئي.
    هن وقت سندس فن ۽ فڪر کي سندس فرزند ممتاز امين سنياسي سنڀالي رهيو آهي.

    سينگار

    حُسن آڏو حبيب جي، ڇا چنڊ ڪري چانڊاڻ
    پُرزا کڻي پاڻ ڪري جي پسي سڄڻ جي سُرهاڻ
    چِلڪي ڀلي چٽو ٿي، کڻي وڏي ڪري واکاڻ
    گوهر تنهن کي گهرايو ٻهڳڻ هڻي ٻاڻ
    ڀلي سونهين ستارن ساڻ ته به عجيب وڌ “امين” چئي

    سينگار

    حُسن ڏسي حبيب جو، ٿي حورن کي حيرت
    ملائڪن کڻي ماٺ ڪئي، ٿي عالم ۾ عبرت
    سنسار جي سهڻن کان، وڌ سائينءَ جي صورت
    عاشق ڪيئي اڙجي ويا، ڏسي محب جي مورت
    لڪل ڪونهي لوڪ کان شان ڀريئي جي شهرت
    ديدار پرينءَ جو دولت، آ “امين” لاءِ عجيب جو.


    حال حيات سگهڙن جي سينگار شاعري ڪشمور ضلعي جا سگهڙ

    عبدالقادر اوڳاهي

    نالو: عبدالقادر اوڳاهي
    ولد: سکيو خان
    ڄم جي تاريخ: 4 مارچ 1970ع
    تعليم: بي. اي، بي. ايڊ، ايم. اي (سنڌي)
    فن جي ابتدا: 1990ع
    استاد: بهادر علي “بهار” ٻرڙو
    ڪرت: پرائمري استاد
    پتو: ويٺل غوثپور تعلقو ڪنڌڪوٽ، ضلعو ڪشمور

    سينگار

    سرو قد ساجن سهڻو، محبوب لب مين
    ڪٽ قريبن اهڙي جو ڪار ڌو پهچي ڪين
    جي ٻاجهارا ڪي ٻول سڻي، ٻولي ڪوئل ٻولي ٻي نه
    مٺوءَ ٺڪڙو نازڪ نيارو پر بهتر پريان بين
    آهن هزارين ٻيا به حسين، پر عجيب وڌ آ “اوڳاهي” چئي،

    سينگار

    سرو قد ساجن سهڻو آهو سندس عين
    منهن وڌ مهتاب کان، نرگس پريان نين،
    جي سُري پردو سِن تان ته روشن ٿئي رين
    چلڻ سان چينچل سندا چڪي وڃن چين،
    سسيهر سر نمائن ٿين پريشان پين،
    سڀ سهڻل اڳيان سين، اچي هڻن، “اوڳاهي” چئي.


    سينگار
    سرو قد ساجن سهڻو دندان داڻ انار،
    پر بيحد بجلي تن ۾، جيئن وڄ ڪري وسڪار،
    زلف دائري ديم تي سونهن ايئن سردار
    جيئن سورج سرنگ مان ڪڍي ڪا ڪنار
    سڀ کان سونهن زور زنخ جي ريڊ مائل رخسار
    افضل ابرو سيف سنگينون جاڙيون جلوي دار
    عين اتم ادگر کان، ريءَ ڪيفيون ڪجل ڌار
    اعليٰ پسينو عنبر کان هر هنڌ ٿئي هٻڪار،
    حسين ٻيا به هزار پر عجيب وڌ آ “اوڳاهي” چئي،

    سينگار

    ڪيس ڪارا قريب جا موءِ مينگهه ملهار
    پسي جهڙ جهڪو ٿئي زلف زيبدار
    سُرنگ سياحي ڇا پڄي توڙي آگم اڪيچار
    ابر جي آسمان ۾، سي شان نه مٽ شُعار
    جي هيئر کلن حبيب جا، ته سارنگ ڇڏي سينگار
    اُٻ نه ڀيٽن اُڳ سين، واهه جي سهڻا وار،
    ڪاڪل پسي ڪمائجي وڃن، ڪڪر ڪارو نڀار
    ڪيان ڇا تعريف ڇتن جي، جي سجايا سردار
    گيسوءِ جي گهرائيءَ مان ٿين بادل بکيادار،
    اڃا پڌرا پار، ڏيان آءُ ڪهڙا “عبدالقادر” چئي.


    پنهل “پياسي”

    نالو؛ پنهل “پياسي” ٻرڙو
    پيءُ جو نالو محمد بخش ٻرڙو
    رهائش بخشاپور
    پيدائش 1968ع
    تعلقو ڪنڌڪوٽ
    ضلعو ڪشمور
    سگهڙائپ جي شروعات 1980ع
    سگهڙائپ ۾ استاد استاد بهار علي “بهار” ٻرڙو
    تعليم پرائمري پاس
    پيشو هارپو
    مڪمل ائڊريس پوسٽ بخشاپور تعلقه ضلع ڪشمور

    سينگار

    رُخ تي سِج ريسون ڪري، ڇا ڏيان محبوب جا مِثال
    ياقوت مرجان کان وڌ لب پرينءَ جا لال
    مُور مِرگهه جهڪيو پون نه چئنچل چلن چال
    واهه دلبر جي ديم ته ڪيا قادر آهن ڪمال
    سُورج به سلام ڪري حاجت ناهي هلال
    حُورون ملائڪ حيران ٿين پسي جانب جا جمال
    ڇا شاعر شان لکي سگهندو مونکي ڇا مجال
    اِنهيءَ لالڻ لجپال، آ ڪيو “پياسي پنهل” چئي

    سينگار

    حُسن حبيب جي آڏو ڇا شمس ڪري شُعاع
    لڳي حيرت حُورن کي صدقي ڪن پيون ساهه
    هنجهه هرنا حيران ٿي آيا چُست رکي چاهه
    جي پردو پرين هٽائي نِر تئون ڪري نِگاهه
    پکي پرندا پيش پون ڏسي لالڻ جو لقاءَ
    جو ڌاجُنگ جهڪي پون قربئون ڪري ڪاهه
    اِهڙو جلوو جا بجاءَ، منهنجي پرين جو “پنهل” چئي

    سينگار

    جي دلبر کڻي ديد ڪَن دُوناليون ڌڌڪار
    پنبڻين سندا پيڪان ڪن سيني ۾ سٽڪار
    وڍن ائين وجود کي تِکي جيئن ترار
    چشمن جي چوڪن سان ٿيو هينئون ڦاڪون ڦار
    واڪا جيئن وِڄ ڪري تيئن نه پوي خبرچار
    ڪهڙا ٻُڌايان “ٻرڙو” چئي پنهل تِن جا پار
    بس کيون نيڻ خمار، سؤ دليون سوگهيون ڪري

    سينگار

    هڪ مست اکيون محبوب جون ٻيو ڪجليون ۽ ڪاريون
    ٽيون ديد شهيد ڪرڻ لاءِ تو سُرمي سان سينگاريون
    چوٿون ڏسڻ سان ڏنگي وجهن اهي نظرون نياريون
    پنجون ڦاسي پيا فِڪر ۾ تو جانب جنهن تي اُلاريون
    ڇهون ڇٽيون وتِن ڇوهه اکيون ايهي ديدان دوڌاريون
    ستون سڪ رکيون سنڀريون وتن اهي پاڪ اکيون پياريون
    اٺون ڪهڻ لاءِ ڦاسائي، تو ڄام اڏيون ڄاريون
    نائون ڪي ڦاٿا ڪي ڦٿڪن پيا، ڪن ڪيون ڪو ڪاريون
    ڏهون مُفت وڃن ماريون “پياسي” هن “پنهل” کي

    سينگار

    جي دلبر کڻي ديد سڄڻيون هي ساري
    اڏندو پکي به ڪري پوي وجهن مِرگهه کي ماري
    پٿر به پُرزا ٿئي ڇڏن ڏونگر کي ڏاري
    ڪروڙين ڪُهي وجهي، هڪ اکين جي اشاري
    موتو قبل انت موتو، ماري جياري
    “پنهل” اُهو ورد نه وساري، جنهن کي لڳي نوڪ نيڻن جي


    ڪريم بخش ملڪ

    پورو نالو؛ ڪريم بخش
    پيءُ جو نالو؛ حمزو فقير ملڪ
    ذات: ملڪ
    استاد؛ صادق علي ملڪ
    ڪِرت؛ استاد/صحافي
    ايڊريس؛ ڳوٺ ڏياڻي، پوسٽ آفيس ڪرمپور بجاراڻي تعلقه تنگواڻي، ضلع ڪشمور

    سينگار

    ڪهڙي ڪيان تعريف، مدني مٺي منٺار جي
    سهڻو سڄڻ اعليٰ اتم، آيو سڄڻ سينگار جي
    گام گوهر جي کڻي، وڃن مُشڪ عنبر هارجي
    مُرڪ جي محبوب ڪن، موتي ڪِرن مهڪار جي
    چانڊاڻ چهري جي پَسي، وڃن شمس و قمر هارجي
    “ڪريم بخش” ڪئي تعريف آ، پرور ڌڻي پاڻ يار جي
    انهي محبوب مڻيادار جي، ساراهه آ سنسار ۾.

    سينگار

    سونهن وڌ ساجن جي، آئون لکان ڇا لفظن
    قَمَرُ ڀي قربان ٿئي، منهنجي ڪامل جي قدمن
    هاٿي ڀي حيران ٿئي، جي لالڻ لو ڏ ڪن
    ڏاڙهونءَ داڻا ڏندڙا، جرڪيو ٿا جرڪن
    پسي چيلهه چهبڪ، نڪي چيتا هام هڻن
    انهيءَ ٻهڳڻ صدقي ٻاجهه سان ٿا، ٺهه پهه ڪم ٺهن
    “ڪريم بخش” ڪريمن، آهي تاري ڇڏيو تار مان

    سينگار

    ڀورل آئي ڀاڳ کليا، ٺهه پهه دل ٺري،
    آتش گاهه اجهامي ويا، پيا بت ڏري،
    ٻهڳڻ صدقي ٻڏل ٻيڙا، پيا تار منجهان تري،
    سڄڻ خاطر سنسار مان وئي، مصيبت ٽري
    جلوو پَسي جانب جو، ٿي هر دل آهي چري،
    “ڪريم بخش” ڪيئي قربان ٿيا، پسي زيب ذري،
    پيا بخت وري، مدني صدقي “ملڪ” چئي.

    سينگار

    سونهن وڌ ساجن جي، ناهي جانب جو جواب،
    اهڙو رُخ مُنهنجي رهبر جو، موهي وجهي مهتاب،
    لالاڻ پَسي لبن جي ڇا هام هڻي گلاب،
    دندان وڌ دلبر جا، ناهي موتين جو حساب،
    جي مُرڪ مور محبوب ڪن، آڏو نه اچي آفتاب،
    کارا کوهه مٺا ٿين، جي پئي لالڻ جو لُعاب،
    آ عجيب عاليجناب، منهنجو ڪامل وڌ “ڪريم بخش” چئي.

    سينگار

    سڄڻ جي سونهن سبحان الله، ناهي سنسار ۾ ثاني،
    کڻي جي نيڻ ٻئي نرمل، مٿس هر دل ٿي مستاني،
    مٺا محبوب جي مُرڪن، لَڀَڻُ سُئيءَ جو ٿي آساني،
    ڪُلهن تي جي ڪرن ڪاڪل واسينگن کي ٿي حيراني،
    “ڪريم بخش” قرب ڪامل جا، رهي ناهي پريشاني،
    ڪندو مدني مهرباني، اسان ڪمزور ڪوجهن تي.


    مير حسن ملڪ

    پورو نالو؛ مير حسن
    پيءُ جو نالو؛ عبدالڪريم
    ذات ؛ ملڪ
    تخلص؛ مير ملڪ
    استاد؛ صادق علي ملڪ
    ڪرت؛ سگهڙائپ
    ايڊريس؛ ڳوٺ ڏياڻي، پوسٽ آفيس ڪرمپور تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور

    سينگار

    ڪهڙي ڪيان سائينءَ جي، سونهن جي ساراههَ،
    بي مثل بي مثال ٺاهيو، عجيب کي الله،
    حسن ڏسي حبيب جو شرمايو آ ماههَ،
    پسي آئيز عجيب جا ڪئي هرڻن واههَ واههَ،
    نه گام کڻي گنير جي، راڻل وٺن راههَ،
    سڀني صدقي ساههَ، ڪيا “ميرحسن” محبوب تان

    سينگار

    سونهن وڌ ساجن جي، آ لالڻ لاثاني،
    چمڪار ڏسي چهري جي، شمس و قمر کي حيراني،
    پَسي نوز نرمل جو، ٿي پئرٽ کي پريشاني،
    ڪٿ جمال جانب جو، ڪٿ يوسف ڪنعاني،
    صورت منهنجي سڄڻ جي، ڪئي هر دل ديواني،
    هيءَ “ميرحسن” مهرباني ڪئي الله اسان عاصين تي.

    سينگار

    ساراهه ڪيان تنهن سائينءَ جي، جنهن جي هر جا آهي هاڪ،
    ارض و سما عجيب لئي، پرور خلقيا پاڪَ
    جنت، جوڙيئين حورون، پريون، آدمي با اخلاق،
    “مير حسن” محبوب لاءِ، مَلَڪَ ٿيا مشتاق،
    چانڊاڻ ڏسي چهري جي، پيا چنڊ کي ڀي چاڪَ،
    هاٿي به حيران ٿين، جي پير کڻن پاڪَ،
    پَسي ابرو عجيب جا، ويا تلوار جا نڪري تاڪ،
    سرها ٿيا غمناڪ، محبوبن آئي “ملڪ” چئي.

    سينگار

    صفت ڪيان تنهن سائينءَ جي، جيڪو سونهن ڀريو سردار،
    پرور سينگاريو پاڻ، بڻائي محبوب مڻيادار،
    نوخ نشا نبر نه ٿئي، جي قدم کڻي يار،
    سونهن وڌ ساجن جي آ، چئو طرف چو ڌار،
    “ميرحسن” محبوب وڌ آ، جانب جلويدار،
    ٻيڙا ڪندو پار، محشر ڏينهن “ملڪ” چئي.

    سينگار

    ساراهه ڪيان سائينءَ جي جنهن لئه جڙيو هي جهان،
    ارض و سما، حورون، پَريون، اعليٰ ٿيو انسان،
    پيار ڪري پرينءَ سان، ڏنو قادر هي قرآن،
    ٻنهي جهانن جو ٻهڳڻ کي، ڪيو هادي حڪمران،
    جي آڱر کڻي عجيب، ٿئي چنڊ قدمن ۾ قربان،
    لٿل سج به لالڻ خاطر نڪري ٿيو نشان،
    جي گام کڻي گوهر، ته ٿئي ملڪ سڄو مستان،
    “مير حسن” منهنجي محبوب جو، بيحد آهي بيان،
    جنهن جو مولا ثنا خوان، تنهن جي قربان ٿيان قدمن تان.


    صادق علي ملڪ

    نالو صادق علي ملڪ
    پيءُ جو نالو الله ڏنو
    تخلص “صادق” ملڪ
    پيدائش پهرين جون 1973ع
    استاد گل حسن گل ملڪ
    ڏس پتو ڳوٺ ڏياڻي P.O ڪرمپور تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور

    سينگار

    ڪهڙي لکان سائينءَ جي، ساراهه مان سٽن
    مهتاب منهن محبوب جو، ڀلي ڀيٽ ڪن
    پر هزارن جي هار ٿيندي، اڳيان محبوبن
    لا ل لب لا لڻ جا، آءُ چوان ڇا چپن
    موتيءَ کان وڌ دِندَان پرينءَ جا، ڏوڏر سڀ ڏرن
    ناز ڀَري جو نَوزُ ڏسي، هُتي چَتون ڪين چڳن
    تليهر ترنگ تجليون ڏين، وڌ وار ته واسينگن
    گام پَسي سڀ گنيَر هڪدم، وائڙا ٿي ته وڃن
    چهبڪ چيلهه چريا ڪيا چِيتا، نڪي هام هڻن
    شمس و قمر شرمائيا ٻيئي، اوڏو ڪين اچن
    “صادِق َ” ڪيئي صدقي ٿيا، قربان اُتي قدمن
    ڪو عاجز عجيبن، مٽ نه آهي “ملڪ” چئي.

    سينگار (ڪڙو منجهه ڪڙي)

    سڄڻ تون سهڻو، تون سهڻن جو سردار
    سردار تون سرور، تون پيغمبر پڳدار
    پڳدار تون پيشويٰ، تون مڙني جو مهدار
    مهدار تون مختيار تون، يتيمن جو يار
    يار تون دلدار تون، اڙين جو آڌار
    آڌار تون احمد صه، تون ڪامل قربدار
    قربدار تون ڪريم، تون محبوب مڻيادار
    مڻيادار تون مرسل، مان عاجز گنهگار
    گنهگار گدلو مان، عربي تنهنجي آسري.

    سينگار

    ساراهه ڪيان تنهن سائينءَ جي، جو پاڪ آهي پرور
    انسانن جي هدايت لاءِ ڪيائين پيدا پيغمبر
    نبي نيارو پرين پيارو، آيو اصلاح لاءِ انور
    سوا لک نبين جو بڻيو، سردار سائين آ صدر
    ملا ئڪ به مشتاق ٿيا، دِيم پَسي دلبر
    پَسي چهرو پرينءَ جو، موهجي پيو ته قمر
    گنيَر گام نه اڳتي کَئين، ڏنو چئينچل ڪين چڪر
    هَرڻ به حيران ٿيا، پسي آئيز جو ته اثر
    مدني آيو “ملڪ” چئي، بڻجي رحمت جو ته اَبر
    آهي گل سهڻو گوهر، جنهن جي ساراهه آهي “صادق” چئي.

    سينگار

    ساراهه ڪيان تنهن سائينءَ جي، جيڪو ضامن آ ضعيفن
    موليٰ سينگاري محبوب ڏنو، هادي پاڪ هٿن
    ٿي واهر بي واهن جي، آيو ياور يتيمن
    نڌڻڪن کي ڌڻڪو ڪيو، منهنجي محبوبن
    جانب اڳيان جن ملا ئڪ، حورون حمد پڙهن
    چنڊ آيو چيرجي، ڪامل جي قدمن
    پٿر، شجر پار پاڻيءَ جي، حڪم سان ته اچن
    سهڻي صورت دلبر جي، ڏس حورون هار وجهن
    بس سينگار پيا سِٽجن، منهنجي سڄڻ جا “صادق” چئي.

    سينگار بيت (ٻٽو ڏهس- وارن ‎۽ جهڙ جو)

    اليهر، تليهر، وسيهر، وارن سندا ونگ
    ڪِرن ڪيس ڪلهن تي، تجليدار ترنگ
    ته ملهار مينِگهه مستان ٿئي، پَسي بادل رنگ
    زلف سهڻا مشتاق موهي، هڻن ڏوران ڏنگ
    ڪَنبي ڪڪر اَبر ڪيئي، وڃن ٿا اڙٻنگ
    وار واسينگ گُلا لخ، گيسو، ڪيا مست ملنگ
    اُٻُ آگم سارنگ سُسايا ڪاڪل سهڻي سُرنگ
    آهيون سڀئي پروانا پتنگ، ان سڄڻ جا “صادق” چئي.

    سينگار

    صفت ثنا هر هر ڪيان، دلبر دلي دلدار جي
    اکڙيون اتم نازڪ جسم، آيو سڄڻ سينگارجي
    دندان موتيءَ جي مثل، ڏوڏر ڏرن ڏهڪارجي
    قدم کڻي گوهر وڻي، گهٽيون وڃن هُٻڪارجي
    ملڪن اندر آ سربسر، بس گفتگو منهنجي يارجي
    لبين لال موتي ٿا ڪِرن، تاثير آ گفتارجي
    ڪنول ڪِرن سُمبل سمن، ڪهڙي ڀيٽ ڪيان رُخسارجي
    ڏينهن رات آ، لبين لات آ، محبوب مڻيادار جي
    يادِ پرين دل ۾ سدا، آهي پچر پڳدار جي
    اچ تون اڱڻ سهڻا سڄڻ، لهه خبر لاچار جي
    ڻوڻ وڻ نه ايندو اڳ ۾ آ، درڪار آ اشعار جي
    يا خدا ڪر آس پوري، ٻهڳڻ جي ٻانهُن هارجي

    نوٽ: مٿيون صفاتي سينگار بيت صنعتي آهي، هر هڪ مصرع جو پهريون اکر ملائڻ سان سگهڙ جو نالو، ذات ۽ ڳوٺ ظاهر ٿيندو.
    نالو: صادق ملڪ، ڳوٺ: ڏياڻي


    ارصلاح باجڪاڻي

    نالو: ارصلاح
    پيءُ جو نالو: کوهدل باجڪاڻي
    تخلص: ارڏو اترادي
    جنم 17 مئي 1949ع جنم جو هنڌ ديهه گل والي، تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور
    تعليم: بي.اي، بي. ايڊ، ايم. اي (سنڌي)
    پيشو: 17 گريڊ رٽائرڊ ٽيچر 2009ع
    ڇپيل ڪتاب: 1. ميمڻ عبدالغفور سنڌي جون ادبي خدمتون (ڪاٺيواڙ ٻولي ۾ ترجمو ٿيل)،
    2. جنگ جو اعلان (مشاعرو)،
    3. ياد توکي ڪريان (شاعري)،
    4. تاريخ ۽ اسان (نثر)،
    5. ڪشمور ضلعي جي تاريخ (نثر)،
    6. ڇا تون مونکي هاري سگهندين (شاعري)
    ڪتابن ۽ رسالن ۾ مواد ڇپيل:
    السنڌ (اسلام آباد)،
    وينجهار ماهوار رسالو پريت پبليڪيشن ڪنڌڪوٽ،
    تنگواڻي رسالو، اسان جا اديب انسان جا شاعر
    ڪتاب ميمڻ عبدالغفور
    سنڌ جون سڀئي اخبارون ۾ ڪافي ڇپيو

    صفاتي سينگار

    دل چيو لک شعر شاعر دلربا دلدار تي،
    ڇا لکي ڇاتي لکان، ڇا ڇا لکان لکان سرڪار تي.

    ويچار ۾ اڙجي ويس، ايڏا پنا آڻيان ڪٿان،
    مس ڪريان سارو سمنڊ پر جي لکان هڪ وار تي.

    مرڪ موهڻ تي لکان، گفتار خوش کيڪار تي،
    پيار جي مهڪار تي، لکجي انهيءَ آڌار تي.

    ها، هي ساري زندگي لکجي ته لکجي بندگي،
    ڇا خبر ڪيئي ڪتاب، لکبا صرف سينگار تي.

    اک جي اڻي واهه وا وڻي، ٻيو ڇا لکان دل جا ڌڻي،
    ها اگر لکجي کڻي، درشن اتم ديدار تي.

    هوش ويو بيهوش ٿي، لک ميم تي مئنوش ٿي،
    “ارڏا” قلم ۾ جوش ٿي، لک قرب تي ڪردار تي.


    محبت علي لاشاري

    محبت علي لاشاري جو تعلق بخشاپور شهر ضلع ڪشمور سان آهي، سنڌ جي سريلي سگهڙ استاد بهار علي “بهار” ٻرڙو جي صحبت ۾ سگهڙائپ جو فن سکيو، هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪچهريون ڪري رهيو آهي.
    سينگار
    سرو وڪد ساجن سهڻو سڄڻ جا سينگار
    سينڌ سجايل سهڻي جي واهه زلف زريدار
    جي ڪِرن ڪچ ڪلاهه تان ڪڪر ڪن قطار
    سورج ڀِي ڍڪجي وڃي، ٿين مينگهه ملهار
    خزان ڀي ختم ٿئي برسن باغ بهار
    گُل ڦل ٽهڪن ٽاريون، ڪن چنبيليون چمڪار
    زيب ڀري زلفن جا ڪهڙا ٻڌايان پار
    انهيءَ عجيب جي آڌار، آهيون مڙيئي “محبت” چئي

    سينگار
    هڪ حسِين ڏٺم حُسن جي ناز ڀري نِگر
    گهمي پئي گهور سين کڻي ڪونج وانگي ڪر
    مور وانگر ٽور ڪري مَوهي ڪي مرد مخر
    بِدڪ جئان بار بار بيهي چڪور جيئن چڪر
    پٻ پير ايئن کڻي پئون رتا پاري ور
    ٻانهن ٻيڙو هٿ ڪري حملا ڪري هر هر
    پرين برابر مور نه ڀانيان ڀلين تابي ڪري تر
    اِنهي ڀلي سندي ڀر ملي مون کي “محبت” چئي

    سينگار
    حسن منهنجي حضور جو آ ناميو نشابر
    شمس آڏو شرمائجي ڏسي تارا ڪتيون قمر
    حوران پريون حيران ٿيون، توڙي جِنّ بشر
    سڀ ملڪن جا سهڻا عرب عجم ايران توڙي ملڪ مِصر
    چوڏنهن طبق روشنا ٿيو زري ديم کوليو دلبر
    سوئِي ستت لڀِي پئي امان آمنه جي گهر
    هرڻ منڊوا هلي نڪري آيا ناهر
    پکي ڀي اُڏامڻ لڳا چمڪيلا چاسينگر
    سرڻ ڳيرا چڳڻ لڳا واهه وهان ڪري وَلر
    مور مِينا مِٺُو ڪونجن کنيا ڪر
    سونهن ڏني سيد کي پاڪ ڌڻي پرور
    پياسو آهيان پنجتن جو محبت ثناگر
    پاڻ ڏيندو پاکر هِن عيبن ڀري اُڀري کي

    سينگار
    سونهن ته منهنجي ساجن جي آ عجب عاليشان
    حوران پريون حيران ٿين، گوهر اڳيان گلمان
    دٿان ڀلا دلبر جا مرڪ موتي ڇا مرجان
    گلن کان وڌ گهِرا لبڙن جي لالان
    مُک آڏو محبوب جي قمر بيهي ڪانَ
    حسن وڌ حبيب جو، ڇا ڪجي بات بيان
    ڪهڙِي طاقت انسان کي جنهن جو خالق ثنا خان
    آهن لکين احسان اسان مڙين تي “محبت” چئي.

    سينگار
    حُسن منهنجي حبيب جو آ نوراني نروار
    جي پردو هٽائي پرين ٿئي چوڏنهن طبق چمڪار
    رات منجهان روشن ٿئي جڏهن مُرڪ ڪئي منٺار
    سرڻ ڳيرا ڳٽڪن پيا چتُونئن ڪئي چونگار
    بُلبُل آيا باغن تي، ڪوئل ڪري ڪُوڪار
    هَنجهه مور هلي آيا ڪرڻ دلبر جو ديدار
    شينهن هاٿي پسڻ لاءِ آيا هرڻ ڪهِي هزار
    “محبت” پنهنجي محبوب جا ڪهڙا ڏسيان پار
    اِنهيءَ عربي جي آڌار لکين آهن “لاشاري” چئي.


    گهوٽڪي ضلعي جا سگهڙ

    خادم علي ميراڻي

    نالو: خادم علي ميراڻي
    پي جو نالو: شاهنواز ميراڻي
    رهائش: ڳوٺ پهنجو لڳ وسطي عنايت شاهه
    پيدائش: 1.8.1971
    تعلقو: گهوٽڪي
    ضلع: گهوٽڪي
    سگهڙائپ جي شروعات: 1985ع
    سگهڙائپ ۾ استاد: استاد بهار علي ٻرڙو
    تعليم: مئٽرڪ
    پيشو: دڪاندار

    سينگار

    مُنهن وڌ مهتاب، لَب گلاب ڪاڪل ڪام ڪارا
    ڇيهل ڇَم عين اُتم سونهن سراسر سارا
    بامس بهتر نوخ ويتر پرين وڌ پيارا
    ڪوئل گفتار ٻولي ٻار ٻهڳڻ ٻول ٻاجهارا
    ڳاڙها ڳل لال مِثل ڄڻ چا سينگر چمڪارا
    موتي ڏند اَناري پيوند، ڪن کنوڻ جيئان کِجڪارا
    ابرو سيف ڪجليون ڪيف کڻي ته مِٽجن مونجهارا
    هَٿ حنائي ڇا لڳي لالائي ڏين راحت رحمت وارا
    بدن بخمل اڃا افضل جانب جيءُ جيارا
    چيلهه چا بڪ سَروَ بيهڪ ٿيا شير شرم سارا
    هر نو هنجهه حيرت منجهه وير اڳيان ويچارا
    “خادم” کوڙ نه ڪوئي جوڙ ٿين پُر پينارا
    اُتي ڳچي پاءِ ڳارا ته ملئه مَهت “ميراڻي” چئي

    سينگار

    سڄڻ سهڻو سَڀن ۾ منهن وڌ مهتاب کان
    جبل جليو جوش انهي تو نَگر سندي تاب کان
    لعاب لالڻ جو کوهه پيو ٿيو مِٺو ڪوثر آب کان
    گنير گت ڦٽي ڪن حبيبن جي حجاب کان
    آ حَسين حد حساب کان، خوبصورت “خادم” چئي


    علي حسن منگي

    نالو علي حسن
    پيءُ جو نالو عبدالقادر منگي
    پيدائش: 6 جنوري 1963ع
    تعليم پنج درجا
    رهائش: مومل جي ماڙي ماٿيلو ضلعو گهوٽڪي

    بنا نقطي وارو بيت

    مرسل مولا محمدﷺ مڪو آ عالم ۾ اعليٰ
    سرس سهڻو سواءَ لک آ آدم ۾ اعليٰ
    مرڪ مور حور هاڪ آهر دم ۾ اعليٰ
    گوهر گام گل گدام آ آدم ۾ اعليٰ
    وس واهه گهر گهر آ مرهم ۾ اعليٰ
    هر سهارو سهڻو آ ڪرم ۾ اعليٰ
    حال محرم حال ۾ آروح رحم ۾ اعليٰ
    “منگي” مام سو آسام دم دم ۾ اعليٰ
    ساڻ ڪرم ڪر سردار وهه ورم ۾ اعليٰ
    سو احمد ارم اعليٰ “علي حسن” چئي

    سينگار

    شهباز حسن آ حملو ڪيو هو زلف زورآور زنگي سان
    ٺاهه ٺاهو ڪا ٺاهي ڇڏيائين ڪرڙي دار ڪنگي سان
    ڪيفي ڪمانا مجگان ڀالا چارئي طرف چورنگيءَ سان
    پوءِ شمشير اٿيا ها شور ڪري کڻي جوڙ جنگاور جنگي سان
    هوڏانهن سامهون ڪيائين سيني تي آيا تير تکا مان تُفنگيءَ سان
    بس رڳ رڳ مان رڙنڪتي جڏهن گڏي نوڪ ڪٽاري ننگي سان
    بي مثالي بار پيڙو تيز رفتار هو تنگي سان
    هيڻو سمجهي حال ونڊيائين مشڪل ويل “منگي” سان
    ايڏي اک اُمنگيءَ سان، ڪيائين عاجز “علي حسن” چئي.

    هڪ نقطي وارو بيت

    ناز نرالو نرمل جو آ نروار عجب
    منهن منور ماهه مجال سو آ اسرار عجب
    سونهن سلالو سرس ساجن هر وار عجب
    سس صنوبر سرها گل گلاب گلزار عجب
    مور مرگهان هام نه هڻن ڪن نه ڪو ڪردار عجب
    ساجن سهڻو سرس صنم جانب جا جنسار عجب
    مرسل محمد مولا مڪو اعليٰ سو اظهار عجب
    مومن “منگي” دعائون هر هر روضو جنهن جو رازدار عجب
    دلبر دادلو آ دل جو مالڪ صنم دلدار عجب
    “عرب عجم ۾ اعليٰ افضل سهڻو سو سردارُ عجب
    ننگ رکندو نگدار عجب، جو اعليٰ “علي حسن” چئي


    علي نواز پتافي

    نالو: سگهڙ علي نواز پتافي
    پيءُ جو نالو: ڏهر خان پتافي
    تخلص: مجاهد
    تعليم: پرائمري
    سگهڙائپ ۾ استاد: والد ڏهر خان پتافي
    بقايا سکيا ڏيندڙ استاد: وريام فقير شيخ
    ڄم جي تاريخ: 1953ع
    سگهڙائپ جي شروعات: 1973ع
    پتو پوسٽ آفيس: سرحد (سنڌ)
    ضلعو ۽ تعلقو: گهوٽڪي

    سينگار

    سک ٿيو سڀ سڻائي سردار محمدﷺ جي ڪري
    هر ڪو ٿو موجون ماڻي منٺار محمدﷺ جي ڪري

    مٿي احمد هتي محمدﷺ مخلوق ۾ مختيار ڪيائين
    قرآن ۾ آيتون آڻي ابرار محمدﷺ جي ڪري

    ظاهر ۾ نبي کان اڳ ڏڪار هو دنيا ۾
    پرور ڪيو پاڻ آ وسڪار محمدﷺ جي ڪري

    ڪافور جا لبڙا رکي جبرائيل پيو جاڳائي
    جو عرشئون پيو براق آڻي مختيار محمدﷺ جي ڪري

    سينگار

    حسن وارا هزارين پر نبي سردار زنده باد
    هيءَ سينگاريل مليو آهي مٺو منٺار زنده باد

    ڪئي جلدي سڄڻ سائين معراج جي تياري آ
    جتي بوراق آ حاضر ڪيڏي سواري پياري آ
    عرشن تي قدم تنهنجا هيءَ جتي به شان واري آ
    تر جي نه پردي رهي اُهو ديدار زنده باد

    آيو چنڊ هتي چيرجي تنهنجي ارشاد اشاري سان
    الف جو ڪيائين اظهار ڪيڏو هئس پيار پياري سان
    عيد جو ڏينهن ڀري سڏڪا ڪيو هيئن وڙ ويچاري سان
    اگهاڙن کي ڪرائي عيدون يتيمن يار زنده باد

    ڪيائين قرب ڪي ڪافي، ته ٿي پيا کير ٻڪرين ۾
    ڪيڏي هيس سڪ سيني ۾ لڪائي پيو نانگ ٽڪرين ۾
    جيڪڏهن ڪا ڪل ڪلهن ڪيري لڳي ڄڻ چنڊ ڪڪرن ۾
    ڪارا وار وڌ ڪاريهر اُهي وار زنده آباد

    هڪڙي مرڪ مٺڙي جي ڪٽجي رات ڪاري ٿي
    بکيا هرڻ چرڻ پئي ويا باغن ۾ بهاري ٿي
    مليو محبوب آ اهڙو “علي نواز” چئي بهاري ٿي
    ڏٺيون ماڙيون مصر جون ماڻهن اهي چمڪار زنده آباد


    ڪريم بخش مڱڻهار

    ادبي نانءُ ساقي
    پورو نانءُ ڪريم بخش
    والد گل فقير مڱڻهار
    سڃاڻپ سگهڙ سالڪ شاعر
    ڄمڻ جي تاريخ 7 فيبروري 1953ع
    ڄمڻ جو هنڌ ناناڙي ڳوٺ گهوٽاڙئو ضلع جيسلمير هندُستان
    هاڻوڪو پتو گهوٽڪي تعلقه خان ڳڙهه شريف ڳوٺ کٽڻهارو
    تعليمي لياقتون پنج سنڌي قرآن شريف ۽ ٻولي ڍاٽي
    استاد گل فقير بابا سائين، استاد احمد خان لغاري
    صفاتي سينگار
    رخ تان نقاب نوري هو جو کڻي هٽائي
    ڪتيون قطب تارا قمر وڃن ڪمائي

    ڪڪرن ۾ ڪين لڪندي، سج جي صفا سهائي
    زور ظاهر ناهي آسمان جي ڪا اڇائي
    ٿئي ظاهر زلف ان جو ته شمس وڃي شرمائي

    اُڀرندي ۽ لهندي هر هڪ چنڊ ڏٺو آ
    چوڏس جو چمڪار چنڊ چؤطرف چٽو آ
    ان کي آڱر جي اشاري وڌو ڪيرائي

    جنهن جو نور ظاهر دو جهان ۾ ٿي پيو
    قرآن ۾ گواهي چٽو عنوان ٿي پيو
    ٿيو قرب “ڪريم بخش” تي ويو ڪافي ڪمائي.
    سينگار

    بي مثال آ محمدﷺ اهڙو مثال ناهي
    مگر مهتاب آ منور اهڙو حلال ناهي

    جنهن در جي غلامي حورو ملڪ ڏئي
    شاهدي آدم، عيسيٰ عرش فلق ڏئي
    تنهن ذات جي مٿان ڪا ذات نه آ
    موسيٰ کي تجلي هڪ پيو پلڪ ڏئي
    ارڙهه سال اتي هو اهڙو وصال ناهي

    جنهن جي جِنّ و بشر به ڪن پيا غلامي
    اتي شيوڪ ۽ شجر به ڪن پيا سلامي
    اتي بي زبان، زبان سان ڳالهائين پيا
    انسان ڇا؟ پر پٿر به ڪن پيا ڪلامي
    هت حُسن پنهنجو ڀيٽي اهڙو هلال ناهي

    ڪٿي ڪري پيو روحن جي رهنمائي
    وري آدم ۽ حوا جو ٿيو وسيلو واهي
    انبيائن جو اقصيٰ تي وڃي امام بڻيو
    آهي راز رهبري ٻئي ڪل نه آ ڪائي
    هت آمنه جي لال جهڙو ڪو اهڙو لال ناهي

    گداگر ٿي وڃان هيڪر مديني ماهه منور ڏي
    پرهائون پار ڪري مولا سڄڻ سردار سرور ڏي
    ڏسان نيلون نڪري دم، دم روضي عطر سامهون
    هجي صلوات چپڙن تي پوءِ پڄاڻي ٿئي پرور ڏي
    ڪري جي قرب “ڪريم بخش” تي ڪو اهڙو ڪمال ناهي

    سينگار (نظم)

    محمدﷺ آئي سارو سنسار چمڪيو
    ٽڙيا گل گلابي گلزار چمڪيو

    زمين چمڪي، آسمان چمڪيو
    مڪان کان لامڪان چمڪيو
    پوءِ پورو سارو جنسار چمڪيو
    چنڊ جو پوءِ چمڪار چمڪيو

    عيسيٰ به چمڪيو ته آدم به چمڪيو
    لوح محفوظ جو قلم به چمڪيو
    نثر به چمڪيو ته نظم به چمڪيو
    چنڊ جو پوءِ چمڪار چمڪيو

    ستارو به چمڪيو برج بار به چمڪيو
    ڪتيون، قطب قرار چمڪيو
    لڪيو باطل، نج نروار چمڪيو
    ڪعبو ۽ عرفات حج هر وار چمڪيو
    ٺري دل مومن جي ٿڌڪار چمڪيو

    قرب “ڪريم بخش” تي ٿيو، قربدار چمڪيو
    اهو ڏينهن سومر وار چمڪيو
    عربيءَ جي اچڻ جو سال سارو، سالار چمڪيو
    تنهنجو ۽ منهنجو هي پار چمڪيو
    سڪا وڻ ٿيا ساوا ۽ ڇو جو بهار چمڪيو


    جمال الدين پتافي

    حاجي جمال الدين پتافي جي پيدائش 1962ع دوران ڳوٺ لعل پتافي ۾ ٿي قرآن پاڪ جي ناظران تعليم پڙهيل هن سگهڙ کي ڪچهرين مان ذوق جاڳيو پهريان الغوزو پڻ وڄايائين جنهن ۾ استاد بهرام فقير پتافي هيس سال 1981ع دوران حج جي سعادت ماڻيائين هن وقت اباڻي ڪرت سان هوندي سگهڙائپ سان سلهاڙيل آهي.
    عبدالله دي گهر احمد آيا مليان واهه وڌايان
    ڏک ڏور ڏولاوا ٿيڙا پيان کلن ساريان مايان
    روشن نور نروار ٿيا پيان چمڪن سڀئي جائيان
    خالق خلقيا مڪي دي وچ پڇي ٿيان سڀ سڻايان
    تڏهن مليان ڀال ڀلايان، جانب آئي “جمال الدين” آکي

    محبوب مرڪي ماه لقا ته بادل برسي پون باري
    رنگ رسيلا سجي وڃن سانوڻ سنگ سوناري
    کنوڻيون ڇا ڪجن جڏهن نرمل نرت نهاري
    سيرت صورت سهڻي سائينءَ جي آخاوند خود سينگاري
    اها باري پاڻ بڻائي، منهنجي جانب جي “جمال الدين” چئي

    باري پاڻ بڻايو رهبر رکيو راز
    ڳجهي ڳالهه ڳالهائي ڳجهيو ڪيائين آغاز
    ماهي مڪائين ماهه لقا پرور ڪري پرواز
    سائين سڀن جو سردار ٿيو انوکو انداز
    ظاهر ويئي ظلمات، منهنجي جانب آئي “جمال الدين” چئي


    سکر ضلعي جا سگهڙ

    غلام محمد منگي

    نالو؛ غلام محمد “مسافر”
    پيءَ جو نالو؛ محمد ڇتل منگي
    پيدائش؛ 1954ع
    تعليم؛ پرائمري چار درجا
    سگهڙائپ ۾ استاد؛ الاهي بخش سومرو ۽ والد محمد ڇتل منگي
    سگهڙائپ شروعات؛ 1966ع
    مڪمل ايڊريس؛ روهڙي شريف محله ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه حاصل شاهه ڪالوني روهڙي تعلقه روهڙي ضلعو سکر

    سينگار

    سرون سنبل جي خوشبوءِ سهلا صفن تان صدقي
    سهه ڪارپيءَ ۾ چڪرن ڪاڪل ڪڙن تان صدقي

    سن، مون، منهن مشابهه نه ڪئنچن مقابلي ۾
    اڳ اهلي پون چن ڪڪرن جي قافلي ۾
    ٿيا ماهه پارا قربان خالص خدن تان صدقي

    بر بانگ جي بناوٽ جوزاچندر جي ديهي
    پيڪان مست مزگان واٽو رهن ٿا ويهي
    ڇيهل ويا ڇم ڇپائي کيئي کنجن تان صدقي

    غمرن جا غولچا پڻ مرڪيا مڳل مٿانهون
    مشڪ و عنبر کٿوري جهلڪيا مٺل مٿانهون
    ڪوڪب شهاب شامل، سوسن سنن تان صدقي

    پاٻوهه ساڻ پيارا نازڪ اگر نهارن
    قند شير غنچا گفتا ٻوليون مٺيون ٻڌارن
    مرجان لعل احمر لائق لبن تان صدقي

    اوهر سي عام آهن يد يار جا سخا ۾
    بسيار باب برڪت محمد مٺو وفا ۾
    ايپل انار، آڙو، زيب و ذقن تان صدقي

    ايليفنٽ، هنج، هرنا، نٽ ناز ناز ڇاهي
    ڪبڪان ڪرن ٿيون ڪوءِ گت گام انداز ڇاهي
    ڪپنجر، ڪپوت، ڪونتر، پپيهل پٻن تان صدقي

    طيبہ، عروض، جي پڻ ملي ڀونءِ ته ڀاڳ ڀانيان
    محمد جي آ غلامي سرمو اکين ۾ پايان
    محبوب هي “مسافر” تنهنجي صحن تان صدقي

    سينگار

    مهتاب جي شڪل ۾ چمڪيو شباب تنهنجو
    هر گل ۾ خوشبوءِ تنهنجي، معطر لعاب تنهنجو

    ڪيفي، ڪنول ڪٽوريون، نيتر کڻي نهاريو
    مرڪن، سي منش مرده داور دليون اجاريو
    سيد ۽ سيف رحمٰن خاور خطاب تنهنجو

    مک ماههِ تابان آڏو جهوڪا جبين جهڪائن
    ڪينٽل، ڪَنير، ڪرشن، قدمن ۾ سر سمائن
    آ مد تي خود خدا ڪيو انور آداب تنهنجو

    ديهي آ قاف قرآن ڪچ ليلته القدر پڻ
    ترنڪتا نازور ۽ پنبڙيون ته ولفجر ڄڻ
    بربانگ بسم الله هيون مزمل نقاب تنهنجو

    رابيل رس ڀريا ڇا موتين جان ٻول ٻولين
    مرجان دُر مرن ٿا لب لعل خاص کولين
    قند شير شهد کان وڌ گفتو گلاب تنهنجو

    ڪومل ڪُراچَ انگڙا ٿم ٿام گتِ گهمڻ جي
    هنج لات کي نه آئي اهڙي ڪا پر هلڻ جي
    حُسُنِ حَسِين تون آن ناهي جواب تنهنجو

    تنهنجي طفيلي مرسل هر دهر ۾ پيو دم آ
    شجر، بشر، بحر ۾ اول تنهنجو اسم آ
    ڪائنات ڪل جو ڪارڻ هڪڙو حجاب تنهنجو

    آدم کان عيسيٰ تائين آيا اهي اشارا
    ٿيا بردا بل يقينن يوسف هجن يا دارا
    “مسافر منگي” به سنڌ ۾ ڪامل ڪِلاب تنهنجو

    صفاتي سينگار

    ڇا نقطي نظم جو شان لکن، افلاڪ مٿان انوار اتم
    جتي طور سان محمدي نور مليو ٿيو عينن جو سينگار اتم

    ڇا حمد ثنا جي بات ڪجي آ خلق جي خالق ساراهيو
    ياسين مزمل طٰہٰ جو آ تاج نبيﷺ کي پارايو
    جوهر جهڪو ٿيو چنڊ سندو حسن اڳيان هن هارايو
    ٿيا پاڄي پرَ جا اَبَرَ سڀئي شمس اتي پڻ شرمايو
    سڄو حسن نَبيﷺ جو حاضر آ پئي هر هنڌ هلي هٻڪار اتم

    هليو فرش ڇڏي جڏهن عرش طرف مليو تحفي کي اطهر تي ڇا
    مليون مون جهڙن لاءِ معافيون هيون ٿيو راضي پاڻ تي پاڻ خدا
    مهمان اهڙو هو مالڪ جو ٻيا پيغمبر ڪل بردا ٿيا
    اتي غير وڇوٽي ڪون رهي سامهون صدق جا سجدا ٿيا
    جڏهن نور سان نوري پيوند ٿيو ٿي عجب اها کيڪار اتم

    هن پياري نبيﷺ جي صدقي ۾ ٿيا ڏت ڏهوڻي ڏات ملي
    شيطاني چرخي ڊاهڻ لئه اها خالق کان خيرات ملي
    بت عامر جا جنهن ڊهه ڊهه ڪيا تنهن وقت اچڻُ پرڀات ملي
    آيو ڀاڱي محمدﷺ مير مٺو اها سائين کان سوغات ملي
    سرڪار اڳيان ڀل سخت هجي، ڏيندو پاند پناهه پڳدار اتم

    آ امڙ حليمان نالو مٺو ٿي، مرسل جي هيءَ دائي هئي
    هي جوڙيو جمال هو پاڻ خدا، رڳو نالي ۾ هيءَ آئي هئي
    جتي قدم رکن اتي خير ٿين، اها وڻن ٽڻن ۾ وائي هئي
    جتي ڪلمي جو پيو دور هلي، نڪي نفرت ٽانگي ڄائي هئي
    مون پنهنجي ڪنن سان عام ٻڌا، ڪن ٻول مٺا ٻڪرار اتم

    جنهن تي به نبيءَ جو راز ٿئي، الحاج سي مفتي مان ٿين
    خيالي به نظر جي نوري ٿي، سي عالم حفظ قرآن ٿين
    جتي قدم سڳورا خاص کڻن، اهي جنت جا عنوان ٿين
    برٿر به سو بهشت ٿئي، سا عام اچي سهڪار اتم

    تنهنجو نام ناموس وڌايو خدا، تنهنجي عزت جو انداز نه آ
    جو راز نه مخفي ڄاڻين ٿو، سو راز خدا جو انداز نه آ
    خود خالق جي تخليق جو ڪو، تنهنجي نالي ريءَ آغاز نه آ
    جنهن ۾ نه درودن جي وائي، سا نماز نياز نماز نه آ
    عرشن جي مٿان به صلواتن جي، عام هلي گفتار اُتم

    پرين پارت ٿي هن ٻانهي جي، تنهنجو “منگي” “مسافر” مداحي آ
    شل فيض سان دل ٽمٽار ڪرين، هي گولو تنهنجو گدائي آ
    تنهنجو “غلام محمد” سڏجان ٿو اها بخت ئي راند رچائي آ
    ٿين ٻول قبول عقيدت جا، اسان اها آس لڳائي آ
    تڏهن عمر سڄيءَ جو عهد ڪيم، تنهنجا آءٌ به ڪندس اذڪار اتم

    صفاتي سينگار

    حسن اطهر هي بي انت آ سوين سينگار حد ناهي
    حسينن کان حسين دلبر سهڻو سردار حد ناهي

    سروَ کان سونهن ۾ سرسي هي ذلف پاڪ پيچاورَ
    نهري سرمائي، سڳنڌر ڏسي قدمين پيا ڪريهرَ
    هوا جي لوڏ تي لچڪيا ته ويا واسجي جهنگ جهرَ
    کڻي جنت ۾ حوران ويون مڙني مانگ جا معطرَ
    نزاڪتدار سي ڪومل، مشڪ مهڪار حد ناهي

    ڏسي پرين جي پيشاني ڇڏي چنڊ به چٽائي ويو
    ٿي پيو شرم ۾ ڳاڙهو جلوي ۾ هٽائي ويو
    ڪري سو پاڻ تي پرزا جوانيءَ کي لٽائي ويو
    دنيا جا سون ٻيا ڌاتو ڪري ريزا وهائي ويو
    بهشت باغ ارم کان وڌ چمڪ چمڪار حد ناهي

    پنبڻين جي پاڪ پهري مان اٿي عين جَي بجلي
    سڙي هي سج ٽڪرا ٿئي، سَٺي نه طور ڪا تجلي
    هتي خود خدا جو نور آيو بڻجي ڪيف جي ڪجلي
    وڏائي وحده جي اچي هن سونهن ۾ سجلي
    جڳت ۾ جوڙ جنگاور ابرو اسرار حد ناهي

    نزاڪتدار سونڪ آ رنگين رخسار گلالي
    ڏسي لب پاڪ سي احمر ٽٽي گل ويا ڇڏي ٽالي
    ڇو جو اڪمل آهي جلوو هي ٻيو حسن سڀ مثالي
    خوشبودار سڀ ٻوٽا ٿيا خاص هي خالي
    ڪنول قربان ٿيا هتڙي گل و گلزار حد ناهي

    دنيا جا موتي سڀ سهڻا اچن دندان آڏو دُرَ
    حضرت حسن جي حملي ۾ وڃن ڏاريون ڪري ڏوڏرَ
    کُلي ستر اگر هڪڙو ٿين نوري اچي نوڪرَ
    وڃائن هوش سڀ حورون کلن جنت سندا ڪي درَ
    سوين يوسف اچي هر هر ٿين پينار حد ناهي

    سندي صورت ڏسڻ جو خيال جڏهن ٿيو پاڪ پرور کي
    صاحب ثقلين جي والي پيدا ڪيئين سهڻي سرور کي
    ڏسي تصوير پنهنجي سائي ڪيئين آداب انور کي
    صَلُو عَليه جو تحفو ڏنائين محب منور کي
    سڳوري نور سان اهڙي هلي گفتار حد ناهي

    ٿيان راهي مديني ڏي جاڳي اندر ۾ الفت آ
    چمان سا چائٺ چشمن سان مڪمل سا محبت آ
    ڀلي هو بدعتي سمجهن پر عشق جي عقيدت آ
    “غلام محمد” جي بخشش به هتان ٿيندي حقيقت آ
    جنت جو اهو آ در ٿين ديدار حد ناهي

    صفاتي سينگار

    بتن ۾ پئي ڊهه ڊهه جو آيا سڳورا ڀسم ٿيا ها باطل وڃي خير ٿيا
    ڪٽيون ظلمتون ٿيو جو روشن مقدر آيو اهڙو عادل وڃي خير ٿيا

    ڀلارن جي ڀاڱي ۾ آيا سي آخري يتيمن کي يا ور هي مولا ملايو
    انڌن جي اکين ۾ روان ٿي هي رونق نظر ۾ تني کي نظر نو رآيو
    امڙ آمنا جي ڇني ۾ ها سهرا فرشتن اچي گهر هو تنهن سجايو
    ابليس جو تخت تالان ٿي ويو ڀڳو ڪيئن غافل وڃي خير ٿيا

    لکان لک ٿي مبارڪ دائي حليمان ههڙو چنڊ جهولي ۾ تو ڪيئن جهلايو
    نوري نظر جا اشارا ٿيا غيبي ٿيو بخت تنهنجو سڀن کان سوايو
    نٻل جسم ڏاچيون ۽ ٻڪريون ٿيون سوکيون ڪڪر رحمتن جو مٿن تن جي آيو
    اڃايل اکين اهڙيون عيدان ڪيون جي ٿيا قرب قائل وڃي خير ٿيا

    سڳورن انبيائن جي خوابن جا بهتر برابر سي پورا هي تعبير ٿي ويا
    آيون عرش وارن جو فوجون فرش تي عرب جا اهي انگ اڪثير ٿي ويا
    امن جو علمبر هي اهڙو اچي ويو ذرا ظلم جا هي سڀ زنجير ٿي ويا
    پکين جي ها لاتن ۾ ترنم ترانا ٿيا مست مائل وڃي خير ٿيا

    بري دور ۾ ڪئي ڀلائي جا مولا رني پئي شرافت جا ڳوڙها سڪا اڄ
    ڪلفت جا ٻيڙا سي ٻوڙيا محمدﷺ رڳو رهزنيءَ جا هي چارا چڪا اڄ
    ڦٽي باک سچ جي ڪمبيو ڪوڙ ڪينو پٽيا هي ته وحشت جا ٻوٽا پڪا اڄ
    هي سرهاڻ ساهن ۾ آئي اچانڪ ٿيا هِزّ حاصل وڃي خير ٿيا

    خدا جي خزانن جو وارث وسيلو نوري نعمتن کي ورهائي سگهي ٿو
    گهري جنهن جي دل تي ڪري راڄ مرسل ڪفر جي قلعي کي اُڏائي سگهي ٿو
    ڪرم جي نظر اڄ به ڪنهن تي ڪري جي سو مديني ۾ ماڻهو گهرائي سگهي ٿو
    جڏا جيءَ جنهن جا سنواري سجائي جرڪائي جاهل وڃي خير ٿيا

    ثنائن جو صاحب سڳورو سدائين ڪندو آهي اڄ به عطائون اسان لئه
    مخاطب ٿيو معراج تي هو خدا سان ڪيائين ٿي ڪيڏيون صدائون اسان لئه
    “مسافر” اسان جو آ رهبر وسيلو ڪندو آهي اڄ به شفائون اسان لئه
    اميدن سان جهوليون هزارين ڀري ٿو ڪري سرها سائل وڃي خير ٿيا


    رميش “روشن” مينگهواڙ

    نالو: رميش
    تخلص: روشن
    پيءُ جو نالو: پريم داس
    ذات: مينگهواڙ
    پيدائش: 22 نومبر 1974ع بروز اربع
    تعليم: پرائمري
    سگهڙائپ جي شروعات: ننڍپڻ کان
    استاد: تيجومل (سندس ڏاڏو)
    راڻو فقير (مينگهواڙ)
    ڪِرت: مزدوري (موچي)
    پتو: ڳوٺ رائچند مينگهواڙ شهر سنگرار لڳ روهڙي ضلع سکر سنڌ

    صفاتي سينگار

    شاهي آ شان تنهنجو، انبياءَ ڪن سلام تنهنجو
    سائين تون سُهڻو آ، سهڻن ۾ نشانبر نام تنهنجو

    عرش هلو آواز آيو، جبريل اچي جُودئون جاڳايو
    مالڪ آ مهربان گهرايو، اَقصيٰ مسجد ۾ احمد صه آيو
    آدم عه، عيسيٰ عه کي حڪم ٿيو، عربي بڻبو امام تنهنجو

    ان ۾ هو اسرار الا هي، ڏٺي اوهان عرش تي ساري خدائي
    هئي اوهان جي هر ڪنهن وائي، تنهنجي ڪري ٿي سڀ جي سَڻائي،
    عرشن تي وئي جنت سجائي، ڪثرت سان هو ڪلام تنهنجو

    ارڙهن ورهين جي رات هئي، رب سان تنهنجي ملاقات هئي
    حُورن، پرين ۾ هي نعت هئي، اعليٰ تنهنجي درجات هئي
    عاشق ۽ معشوق سَندو، رَف رَف تي هو نظام تنهنجو

    سينٽ، سُرمان، مَٽ نه ڀانيان، ڪهڙي طاقت تعريف ڳايان
    ويٺو روهڙيءَ لڳ “سنگرار” ۾ آهيان، دلبر تنهنجي در ٿو دانهيان
    مِهر نظر “ميگهواڙ” تي ڪر ڪا، “رميش” کي گهرجي انعام تنهنجو.


    جيڪب آباد ضلعي جا سگهڙ

    گل حسن “گل” ملڪ

    سگهڙ گل حسن “گل” ملڪ ولد الهوڌايو ملڪ ويٺل مبارڪپور تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد جنم 01-09-1967ع تعليم بي ايس سي، بي ايڊ ۽ ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس ناظره قرآن شريف پڙهيل، پيشو انگريزي استاد، هن وقت 16 اسڪيل ۾ ايڇ ايس ٽي طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور ۾ هڪ باڪمال محنتي ۽ جفاڪش قابل استاد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، گل حسن “گل” ملڪ سگهڙائپ جي دنيا ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. 1983ع کان وٺي هن وقت تائين پي ٽي وي ۽ ڪيترن ئي چئنلن تي پروگرام ڪندو رهيو آهي. هن 1980ع ۾ قابل استاد محمد سيفل ڀٽيءَ کان سگهڙائپ جو ڳانو ٻڌرايو ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ پير پاتو ستت ئي استاد جي وفات کان پوءِ هن پاڻ کي اڌورو سمجهندي سگهڙائپ جا وڌيڪ گُر سکڻ لاءِ استاد محمد سيفل ڀٽيءَ جي پهرئين ۽ مڃيل شاگرد سگهڙ بهار علي بهار “ٻرڙو” کان سگهڙائپ جو ڳانو ٻڌرايو. گل ملڪ پڙهيل ڪڙهيل هئڻ ڪري ٿوري عرصي ۾ سگهڙائپ جون سڀئي منزلون طئي ڪري استاد سگهڙن ۾ ليکجڻ لڳو. هن جا ڪيترائي شاگرد سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڏات جا ڏيئا ٻاري قوم کي روشن ڪري رهيا آهن. هو سدائين لوڪ ادب جي دنيا ۾ سرگرم نظر ايندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو رات جو مٺڙي ننڊ ڦٽائي موبائيل تي ڪانفرنس ڪال ذريعي سنڌ بلوچستان جي سگهڙن کي پاڻ ۾ ملائي ڏور- ڳجهارت ڏهس ۽ ٻين کوڙ سارين لوڪ ادب جي لاتين مان لطف اندوز ٿيندو آهي ۽ پنهنجي شاگردن کي به ان موبائيل سروس ذريعي سگهڙائپ جي سکيا ڏيندو آهي.
    گل حسن “گل” ملڪ جا لوڪ ادب جي مهان ليکڪ مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان به خط و ڪتابت ذريعي رابطا رهندا هئا. هن وقت به ڊاڪٽر صاحب جا هن ڏانهن لکيل خط وٽس موجود آهن. جيڪي هن تازو 5 آڪٽوبر2013ع تي سلات پاران سنڌ الاجي ڄامشوري ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ياد ۾ سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي سندس پٽ حوالي ڪيا.
    گل حسن “گل” ملڪ هڪ ڪتاب (Book of pronunciation) اُچارن جي ڪتاب جو به مصنف آهي جنهن کي پسند ڪندي ڊاڪٽر صاحب ساراهه جو ڳو هن ڏانهن خط لکيو.
    گل حسن “گل” ملڪ واديءِ مهراڻ جي ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندو رهيو آهي.
    هن جو تعارف ۽ شاعري جن ڪتابن ۾ ڇپي آهي، تن جا نالا هن ريت آهن:
    1. سوچن جي سرهاڻ (سنڌ جي ناميارن شاعرن جو چونڊ ڪلام) مرتب: غلام مصطفيٰ “مشتاق” ميمڻ (مهراڻ اڪيڊمي)
    2 سگهڙن جي ڊائريڪٽري، حصو پهريون 1991ع مرتب: عبدالله ورياهه سنڌي ادبي بورڊ
    3. سنڌي شاعري فن کان فڪر تائين (عبدالوحيد جتوئي 1998ع)
    4. سنڌي شاعريءَ جي مختصر تاريخ (ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري) ڇپايل مهراڻ اڪيڊمي 1999ع.
    5. ڪچهريءَ جا مور: ثقافت کاتو
    6. سهڻل جا سينگار: تنظيم فڪر و نظر، سنڌ
    اڄ ڪلهه سنڌ بلوچستان جي نمائنده تنظيم سنڌ سگهڙ سنگت لوڪ ادب ويلفيئر تنظيم (سلات) جو هو مرڪزي سيڪريٽري جنرل آهي.
    گل حسن “گل” ملڪ کي ايوارڊ ۽ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ جيڪي مختلف موقعن تي مڃتا طور ڏنا ويا تن جو تفصيل هن ريت آهي.
    (1) مڃتا ايوارڊ 2003ع ۾ اڳوڻي ناظم ضلع جيڪب آباد مير شبير علي بجاراڻيءَ هٿاران سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جي موقعي تي.
    (2) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 8 جنوري 1995ع سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جيڪب آباد جي موقعي تي پاران: ادبي سب ڪميٽي جيڪب آباد
    (3) 23 March Pakistan Day (1995) commendations Certificate by Alamuddin Bullo Deputy Commissioner jacobabad
    (4) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 8 نومبر 2011ع هنڌ: در محمد ڪمال سولنگيءَ جي اوطاق ٺٺ سولنگي ضلعو نوشهروفيروز، پاران سلات.
    (5) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 20 ڊسمبر 2011ع هنڌ: عبدالقادر عرف بابو خان ٻرڙو جي اوطاق ميرپور ٻرڙو تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد، پاران سلات، سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي.
    (6) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 08 سيپٽمبر 2012ع هنڌ؛ ٽيچر ڪلب سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، پاران؛ سلات سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي.
    (7) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 23 مارچ 2013ع، استاد سگهڙ محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، سلات پاران؛ (سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جي موقعي تي) هنڌ؛ ميان جو ڳوٺ تعلقو خان پور ضلعو شڪارپور سنڌ.
    (8) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 05 آڪٽوبر 2013ع هنڌ؛ سنڌ الاجي ڄام شورو، سلات پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ سنڌ بلوچستان لوڪ ادب ميلي جي موقعي تي.
    (9) بين الصوبائي سگهڙ ڪنوينشن “استاد بهار علي “بهار” ٻرڙو جي چاليهي تي” استاد بهار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پهرين مارچ 2014ع.

    صفاتي سينگار

    جِتِ باغِ عدن، سهڻو چمن، وڻ پيا وڻن، ڪنول ڪرن
    گل ٿا کلن سوسن، سمن، تن ۾ نبيﷺ جو نور آ
    وه! هي حُسن ظهور آ عاشق جتي غفور آ

    عربي انور صه، سهڻو سرور، تنهن جو پگهر مُلڪين مشهور،
    سُرهو اثر ڇاهي عنبر هٻڪار سان حضور آ
    وه! هي حُسن ظهور آ عاشق جتي غفور آ

    شارو ڪري، سج ٿو وري، پٿر تري، پاڻي ڀري
    قمر ڏري، ڪيڏو پري، ڏس دور آ
    وه! هي حُسن ظهور آ عاشق جتي غفور آ

    آ، دل ۾ جهلي، ڏکڙن ڇلي، نورِ تجلي، پسايو ولي
    ٻُهاريان هلي، تنهن جي ڳلي، مون ڪِئي چمڻ منظور آ
    وه! هي حُسن ظهور آ عاشق جتي غفور آ

    سُهڻن ۾ سر، تون آن اُپر، نوري نظر ڪوجهن تي ڪر
    عيبن ۾ تر، آهيان مگر، محبت تنهنجي ڀرپور آ
    وه! هي حُسن ظهور آ عاشق جتي غفور آ

    دلبر ڌڻي، ويو آ وڻي، پيرن پڻي، چمندس کڻي
    دل جي اَڻي، تنهن سان بڻي، من ملڪ جو وهلور آ
    وه! هي حُسن ظهور آ عاشق جتي غفور آ

    اي نازڪ نرم، جام آ جرم، ڪرڪو ڪرم، “گُل” تي گرم
    ٿيءُ ناصنم، تنهنجي اُتم، معافي ڏيڻ مشهور آ
    وه! هي حُسن ظهور آ عاشق جتي غفور آ

    بنا نقطي صفاتي سينگار
    ڪُل عالم ۾ اعليٰ آ اطهر، سردار محمّد صليّ الله
    سَوَ سلام موڪلڻ سو مرڪُ آ، هروار محمّد صليّ الله
    سهڻو سدا اعليَ اسم، لڪدار محمّد صليّ الله
    ڪَمِ سُرهاڻ عطر سو آ ادا، مهڪار محمّد صليّ الله
    واه! واروڻڻ سهڻا سُهڻ، سوهار محمّد صليّ الله
    مِهر احمد مِهروه! دلدار محمّد صليّ الله
    مھر وارا وسڻ ڪارا ڪڪر، ملهار محمّد صليّ الله
    حملو ڪرڻ اسلام لاءِ للڪار محمّد صليّ الله
    روح ساهه ۾ سڪ سرس آ، سالار محمّد صليّ الله
    “گل ملڪ” سو مسرور ڪر، لهه سار محمّد صليّ الله

    صفاتي سينگار

    اول نام الله جو، جنهن جوڙيو جڳ جبار ڏس
    نرمل سهڻو نبي ڏنائين. سونهن ڀريو سردار ڏس.
    انبيائن جو امام آيو، قادر ڪرايو قرار ڏس
    وٺا مينهن وڏ ڦڙا، مُلڪ ٿيا ملهار ڏس
    سنسار سڄي ۾ سُرهاڻ پکڙي، حبيب آئي هٻڪار ڏس،
    جهان سارو سبز ٿيو، برٿيا بهار ڏس
    هر خطي ۾ خوشي پکڙي، غم لٿا غمٽار ڏس،
    پکي پکڻ پاڻ ۾، ڪن ٽارن ۾ ٽهڪار ڏس
    قيامت تائين ڪين کُٽندا، سڄڻ جا سينگار ڏس
    بس باري کڻندو بار ڏس، گنهگارن جا “گل حسن” چئي.

    انگريزي لفظن ۾ سينگار بيت

    هيئر واه! حبيب جا هيڊ ۾ هٻڪن
    خستوري خوشبوءِ هئي ڪامل جي ڪيسن،
    سرس سون کان وڌ زيب هيو زلفن،
    باري برو وِ بناؤ سان وڌ گولڊ ۽ گلن،
    سڄڻ سدائين سهڻا، سن مون کي موهن،
    لئشز منهنجي لعلڻ جون سونهن ۾ سُهن،
    هلي آيون حورون، پنبلن تي پرڪن،
    آئيز منهنجي عربيءَ جون، ٺاهو ڪيون ٺهن،
    نوز ڏسي نرمل جو، هُتِ چَتون ڪين چُڳن،
    لپس لعل لعلڻ جا، مهر مان مرڪن،
    سُٺي سونهن سهڻل جي، آءٌ چوان ڇا چپن،
    مِهر ڀري مائوٿ ۾، ٽيٿ پيا ٽهڪن،
    هينڊس منهنجي هاديءَ جي، اُجاريو عاشقن،
    فيضياب فيٽ سان، بهاريون ٿيون برن،
    ڏاها لفظ ڏهس ۾، ٿا چونڊي بيت لکن،
    آءٌ به چوڏنهن الفاظ انگلش جا سمايا سٽن،
    سنڌ ۾ سينگار سڄڻ جا، ٿا سگهڙ روز پڙهن،
    “گل ملڪ” ٺيڪ ٺرن، ڪري ثنا سائينءَ جي،

    چؤسٽو شانِ مصطفيٰﷺ
    تهذيب نه گهرجي ٻي ڪائي، آ تهذيب مديني واري جي
    ڇو ڀٽڪين ٿو گمراهه نه ٿيءُ، وٺ واٽ پيغمبر پياري جي،
    قرآن حديث هدايت آ، دستور اسان کي عربيءَ جو،
    هينئن هار نه هرگز پوءِ ٿيندي، آ سوڀ نبيﷺ سوڀاري جي
    صفاتي سينگار
    ساراهه ڪريان تنهن سائينءَ جي، جو آهي پاڪ ڌڻي
    نبيﷺ پئدا ڪيائين نور مان، ٿي خوشي آهي گهڻي،
    ڪُنُ چوڻ سان ڪائنات ساري، بلڪل پوءِ بڻي.
    جنهن لاءِ آخر زمان آيو، ساوئي امت گوءِ کڻي
    ڇو ته آهي موليٰ جي محبوب سان، اڻيءَ منجهه اَڻي
    اڳ به رحمت جي ڪائنات ۾، ڪا ڪريل هئي ته ڪڻي،
    پوءِ ته پلٽيو نور پرهه ڦٽيءَ جو، وهه واهه ويو ته وڻي،
    سڄڻ جي سرهاڻ پوءِ ملڪن منجهه مڻي
    عطر پاڪ عجيب کي، ڇڏيا هادي پاڻ هڻي
    سرمو نوري سڄڻ کي، هُئي ڏنل اڳ ڦڻي
    پيا پسي گل ڇڻي منهنجي گوهر اڳيان “گل حسن” چئي.

    سينگار ۾ سون جو ڏهس
    سون برابر سڄڻ جي ڪڏهن ڪين ڪندن،
    سوسن، سُهرو، چلڪي، چمڪي بهتر پرين بدن،
    فيم، ٿنگهُ، سونهن سلالي ختم ڪيو خيسن،
    طلا، عطافر، رنگ ڦٽايو، محب اچي ويو من،
    وري نه ڪوئي وتافر ويجهو، هتي مست مگن،
    ٻڌ “گل ملڪ” ڪري ڪن، آهي حُسن وڌ حبيب جو،

    ڏهه نالا سون جا:
    سون، سُهرو، سوسن، طلا، عطافر، ڪندن، فيم، وتافر، ٿنگہ، خيسن

    سينگار ۾ وارن جو ڏهس
    سائين منهنجي جي سونهن سلالي سونهن ڀريا سردار سُٺا سينگار سُٺا
    مُشڪ انبر کي مجال نه ڪائي، پگهر پرين هٻڪار سُٺا سينگار سٺا،
    ڪنڍڙا ڪارا ڪيس ڪُلهن تي، واسينگن وڌ وار سُٺا سينگار سُٺا،
    رڌان پسي رهبر جا ٿا ڀنور ڪن ڀڻڪار سُٺا سينگار سُٺا
    واه! ٺهن وارث کي پيا، گل گيسو گلزار سُٺا سينگار سٺا،
    مينگهه وڌ محبوب جا هي، موءِ موهن منٺار سُٺا سينگار سُٺا
    زلف سنواريل سينڌ سُهين پئي، پرينءَ جا ٻڌ پار سُٺا سينگار سُٺا
    ڦٽ فيضي فهميدي جا پاڻ جوڙيا يا جبار سُٺا سينگار سُٺا
    اُڳ اعليٰ عجيب کي هي، رب ڏنا ڏاتار سُٺا سينگار سُٺا
    ڪاڪل ڪچ ڪٽونب پيارا، پهريون نمبر پڳدار سُٺا سينگار سُٺا
    “گل ملڪ” ٿيا نصيب ڀلا، ڪندا ڪين ڪڏهن هوڌار سُٺا سينگار سُٺا
    وارن جا ڏهه نالا:
    وار، ڪيس، رڌان، گيسو، موءِ، زنو، ڦٽ، اُڳ، ڪاڪل، ڪچ، ڪٽونب

    “سينگار ۾ هاٿيءَ جو ڏهس”
    ناز منجهاران نڪري جڏهن هوت هلي،
    ته هاٿي، هرنهه، هنوت، هستن، چينچل ڪي مَ چلي
    ٽري ٽور جڏهن مور، مٿان ڀونءِ ڀلي،
    ته گج، گنير، گجلو، ويو پاڻ پلي
    وسو وارڻ وارث اڳيان، ڪهڙي ٽور ٽلي،
    جي لائي ڳلي ساڻ ڳلي، ته لهن غم “گل حسن” چئي،
    هاٿيءَ جا ڏهه نالا:
    هاٿي، هرنهه، هنوت، هستن، چينچل، گج، گنير، گجلو، وسو، وارڻ

    “سينگار ۾ پيرن ۽ ڳاڙهي رنگ جو ٻٽو ڏهس”
    پٻ، پڳ، پائون، پايه، پد، پاڪ پرين جا پير،
    ريٽا، رتول، رتڙا، ارتا، مڃٺ، ڀنڀا ڀلي ڀير،
    ڦاز، فيٽ، چرن چمان، لهن من مونجهارا مير،
    ڪڪا، ڪڪور، کنهنبا، جيئن ڳاڙها ٻيرن ٻير،
    تيئن نازڪ نتاڪ ناز ڀرئي جا، سُهڻا جن جا سير،
    سي “گل ملڪ” مور مٿير، جن جي آهي اُڪير عرش کي.
    (1) پيرن جا ڏهه نالا:
    پٻ، پڳ، پائون، پايه، پد، پير، ڦاز، فيٽ، چرن، نتاڪ،
    (2) ڳاڙهي رنگ جا ڏهه نالا:
    ريٽا، رتول، رتڙا، ارتا، مڃٺ، ڀنڀا، ڪڪا، ڪڪور،کنهنبا، ڳاڙها،
    “سينگار ۾ منهن مبارڪ ۽ چنڊ جو ٻٽو ڏهس”
    منهن، مک، منهنڏو، مونُ، سرس سونهين کان سَسُ
    جي اِشارو ڪري عجيب ته مڪرند، مُونُ، مڌاش گڙي وٺي گس،
    روءِ رخ روشن رهبر جو، ڇا چاند، چندرما، چَسُ،
    پسي چهرو ديم دلبر جو، ٿيو عاشق اِنس، اُنس، اَنسُ،
    پونو، پونم، پنرو، پد پريان جي، ڏاهن جو آ ڏسُ،
    ڪري قمر قدم قريبن جي ۾، وڃڻ لاءِ ٿو وس،
    وَجہٌ، فيس، فرحت دل جي لاهي قلوبان ڪَسُ،
    اهڙو پاڪ پرين تون پس، ته لاهئي غم “گل حسن” چئي،
    منهن مبارڪ جا ڏهه نالا:
    منهن، مک، منهنڏو، مونُ، روءِ، رُخُ، چهرو، ديم، وَجہٌ، فيس،
    چنڊ جا ڏهه نالا:
    سَسُ، مڪرند، مُونُ، مڌاش، چاند، چندرما، پونو، پونم، پنرو، قمر

    “سينگار ۾ ٻٽوڏَهسُ چيلهه مبارڪ ۽ شينهن جو”
    صُلبَ، سِرَنُ، سِنگُ، پسي لاين، ليث، لڙي
    ڪيهر، قيصر، ڪارڌو، ڪَنيل، ڪَمِ ڪڙي،
    چيلهه، چين، ويسٽ، مُخ، اتم ببرشير بڙي،
    ڪٽ، ڪمر، لڪ، لعلڻ پسي اينٽر عشق اڙي
    آهي جلدي جيءُ جڙي، ڇڏيو گوهر منهنجو “گل حسن” چئي
    (1) ڏهه نالا چيلهه مبارڪ جا:
    صلب، سرن، ڪڙي، چيلهه، چين، ويسٽ، مُخ ڪٽ، ڪمر، لڪ
    (2) ڏهه نالا شينهن جا:
    ڪيهر، قيصر، ڪارڌو، ڪنيل، لاين، ليث، اينٽر، سنگ، شير، ببر

    “سينگار ۾ اکين ۽ هرڻ جو ٻٽو ڏهس”
    چاهه، چشم، چڀ، درڳ اکيون دَلَ،
    ادگر، اسهول، آسها، پسي نه بيٺو پل،
    بن، بصر، کن، خماريل ڪاريون ريءَ ڪجل،
    نيل، ٿانگر، نينِ نمايا، پيس قريبن ڪل،
    ڪرنگ، مرگهه، اَلَڪ، آهو، جهوڪا ڏني جهل،
    ڏاهن چيا ڏهس ڏاڍا، آهن ڀلئون ڀل،
    هي به شاهه قبولي شل، ته لهن غم “گل حسن” چئي
    (1) اکين جا ڏهه نالا:
    چاهه، چشم، چڀ، درڳ، اکيون، دل، بن، بصر، کن، نين،
    (2) هرڻ جا ڏهه نالا:
    ادگر، اسهول، آسها، نيل، ٿانگر، ڪرنگ، مرگهه،اَلَڪ، آهو، جهوڪا،
    “سينگار ۾ نڪ مبارڪ ۽ طوطي جو ٻٽو ڏهس”
    ڪيل، ڪڪيلو، ڪونتر، تيمر، ٻولي پيو اڄ ٻاتو،
    ٻامُس، پامَس، پُزمُ، پسي، تنهن پيچ پرينءَ سان پاتو،
    ڦونز، نوز، نَڪُ، ناڪُ ڏسي، ٿيو البيغا آتو،
    انف، باس، نيف پرينءَ جي مِٺُو چَتونءَ کي چاتو،
    پئرٽ، پپيهر، طوطي، عشق لعلڻ سان لاتو،
    ڪئي “گل ملڪ” ثنا ڇا مان تو، آهي حُسن وڌ حبيب جو
    ڏهه نالا طوطي جا:
    ڪيل، ڪڪيلو، ڪونتر، پپيهر، پئرٽ، البيغا، طوطو، چَتون، تيمر، مٺو
    ڏهه نالا نڪ مبارڪ جا:
    نڪ، نيف، نوز، ناڪ، انف، ٻامُس، پامَسُ، پُزم، باس، ڦونز،
    سينگار ۾ سج جو ويهس
    ارن، عارق، آڏت، آهي تيز تکيرو تابُ،
    حُسن پسي هاديءَ جو ويو دي سُسي ديتاب
    سج، سوهو، سورج ايندو ڇا اڳيان آفتاب،
    خورشيد، خاور خاموش، ناهي جانب جو ته جواب،
    روش، رڀن، رَوِ ڇڏي ڏي شارق شمس شباب،
    جي پرين پيارو پري ڪري نرمل سائين نقابُ،
    ته ورن ويزا وجون ٿئي ڪامل اڳيان ڪباب،
    پر ويو بچائي بانر کي ڏئي ڪڪر واهه! وهابُ،
    “گل ملڪ” سڄي سنسار ۾ آ، لعلڻ لاجوابُ،
    بس ناهي حد حسابُ، آهي حُسن وڌ حبيب جو،
    سج جا ويهه نالا:
    سج، سورج، سوهو، روش، رڀن، رَوِ، ارن، عارق، آفتاب، آڏت، شمس، شارق، ورن، ويزا، وجون، خورشيد، خاور، دي، ديتاب، بانر،

    سينگار
    چنڊ جو ٽيهس
    قمر، بدر، طوبا جوڙ نه اڳيان جاني،
    درڳ، ڌڄراج، مڌاشِ، نشاقر نوڪ نوراني،
    اند، هلال، هسند، سَسُ نه سڄڻ ثاني،
    چن، چندرما، چاند، بڻيو ستارن باني،
    پورن، پونم، پهلو، جڏهن سونهن ڏٺي سلطاني،
    نوخ نمايو سهڻي صورت جلوي جوت جواني،
    مڪرند، اُماس، عَجيبَ قدمين، سن، چندورو فاني،
    پونو، پانو، پنرو، چڱڙو، لعلڻ پرلا ثاني،
    مون، ماهه، مهتاب، تنهن کان سرس سڄڻ سبحاني،
    چنڊ چٽائي مرڪ مٽائي، راز هتي هو رباني،
    حَسين ويا “گل ملڪ” هٽي، ٿي حورن کي حيراني،
    خان هُجي ڪو خاني، ته به حُسن وڌ حبيب جو،

    چنڊ جا ٽيهه نالا:

    چنڊ، چاند، چندورو، چن، چندرما، پانو، پونو، پنرو، پورن، پونم، پهلو، نوخ، نشاقر، نوڪ، مون، ماهه، مهتاب، مڪرند، مڌاش، اُماس، اِند، هلال، هسند، درڳ، ڌڄراج، طوبا، سن، سس، قمر، بدر

    ڏهس بيت (سج جا نالا)

    اڌر، افضل، پاڪ پَلڪان، مُک مَرڪي مورُ
    بنڀَ بهتر، ڏند ڏاڙهون، شَم کڻي شهزور
    ته دي، ديتاب، دلبر اڳيان حُسن هٽائي هور
    نڪي تاب، آفتاب ڪري، شارق، شمس، شور
    سجَ، سُوهي، سورِج ڪيو، دلبر پسي دؤر
    ڀان، ڀلو ڀلن کان، پر عجيب اڃان اور
    اهڙي گهوٽ مٿاران گهور، وڃان مڙئي ڀيرا “ملڪ” چئي

    نوٽ: ڄاڻايل ڏهس جي بيت ۾ لکيل سج جا 10 نالا
    (1) دي (2) ديتاب (3) آفتاب (4) شارق (5) شمس (6) سج (7) سُوهو (8) هورُ (9) ڀانُ (10) سورجُ

    ڏهس بيت (کنوڻ جا نالا)
    ترني، تاب، تجلي بيشڪ، هن کان هوتُ حَسينُ
    بَرقَ، بجلي، وڄ، وتاڦر، ڪنگُور، پُڄي ڪِينَ
    لعل گلابي لبڙن تي، ٿي مست مڇي مِين
    جڏهن جلوو جانب جو ٿيو، ظاهر منجهه زمين
    چيهه، چچور، چاها، کِنوڻ اُت کلي نه
    ٿي ڌر تي سهڻي سين، گوهر آئي “گل حسن” چئي

    نوٽ: ڄاڻايل ڏهس جي بيت ۾ لکيل کنوڻ جا 10 نالا
    1 ترني 2 برق 3 بجلي 4 وِڄ 5 وتاڦر 6 ڪنگور 7 چيهه 8 چچور 9 چاها 10 کنوڻ


    ڀڃل خان ٻرڙو

    نالو؛ ڀڃل خان
    پيءُ جو نالو: مصري خان
    ذات؛ ٻرڙو
    ڄمڻ جي تاريخ؛ 1927ع
    تعليم؛ پرائمري
    سگهڙائپ ۾ استاد؛ محمد صيفل ڀٽي
    ڪرت؛ زمينداري
    هنڌ؛ ڳوٺ ڀڃل خان ٻرڙو پوسٽ ميرپور ٻرڙو تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد، سنڌ
    (هي سگهڙ ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي سجاڳ، سگهڙن استاد لعل ڪورار، سگهڙ سوايو موچي عرف “ڪفش دوز” سگهڙ محمد سيفل ڀٽي سان ڪچهريون ڪندڙ ڪچهريءَ جو مور آهي هن دور ۾ جهونن ڏات ڌڻين ۾ هي آخري سگهڙ آهي جيڪو 87 سالن جي ڄمار ۾ به ڪچهرين ۾ وندرلايو ويٺو آهي.)

    سينگار بيت

    سڄڻ کي سينگار، پرور پارايا پاڻ
    ماذاغ البصر جو سرمون، سائين سڄو سرهاڻ
    پُختا پيچ پَپِيهر ڪيا، ٻڌي رهبر جي رهاڻ
    وَسُو وِک وساري، مڃي عجيب اڳيان آڻ
    ڪَٽِ ڪيسر وڌ، وري لبن جي لالاڻ
    صورت يوسف ڇا پُڄي، هت خاصيتن جي کاڻ
    ٻيلي ٿيءُ ٻهڳڻ جو، “ٻرڙا” منزل ماڻ
    سوچي ڪر سڃاڻ، اٿئي ڀورل ڀلو “ڀڃل” چئي


    محمد نواز ٻرڙو

    نالو؛ محمد نواز “اداسي”
    پيءُ جو نالو؛ محمد موسيٰ
    ذات؛ ٻرڙو
    ڄم جي تاريخ؛ 1-11-1971ع
    تعليم؛ پرائمري
    ڪرت؛ مزدوري
    سگهڙائپ ۾ استاد؛ بهار علي “بهار” ٻرڙو
    پتو؛ ڳوٺ شير خان ٻرڙو پوسٽ ۽ تعلقو ٺُل، ضلع جيڪب آباد

    سينگار

    سڄڻ کي سينگار، اصل مليل هئا اڳ جا
    ڪجليون ڪيفي، ريءَ ڪجل، اکيون مينگهه ملهار
    جاڙيون ڀروون جانب جون، پسيو ڀنور ڪن ڀڻڪار
    مُکُ مهتابئون اڳرو، ڏاڙهون ڏند انار
    ڪڪر ڪيس ڪُلهن تي، وڌ واسينگن وار
    لالائي وڌ لبن جي، گلن کان گلزار
    مور ڏسي ٽور سکيا، رهبر کان رفتار
    آواز عجيبن جي سان، ڇا ڪوئل ڪري ڪُوڪار
    پريون چُمن چاهه مان، پيون پيرن جي پيزار
    صلواتون سهڻل تي، حورون پڙهن هزار
    آهن وڌ “اُداسي” چئي، اڃان پرينءَ جا ڪي پار
    بس سونهن سونهين سردار، منهنجي ٻهڳڻ کي “ٻرڙو” چئي


    اقبال احمد “عادل” مهر

    نالو؛ اقبال احمد
    تخلص؛ عادل
    پيءُ جو نالو؛ وزير احمد ذات مهر
    ڄم جي تاريخ؛ 25-03-1982ع
    تعليم؛ ايم اي (‏‏M.A) بي ايڊ (B-Ed)
    رهائش؛ ڳوٺ مبارڪ پور تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد
    ڪرت؛ وائرليس آپريٽر (سنڌ پوليس)
    سگهڙپائيءَ ۾ استاد؛ گل حسن “گل” ملڪ
    صنفون؛ ڳجهارت-پهاڪو-سينگار-ڏور-ٽڳڻو وغيره
    ميل ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ 20 ڊسمبر 2011ع تي لوڪ ادب مڃتا سرٽيفڪيٽ تنظيم سلات پاران
    هنڌ؛ عبدالقادر عرف بابو خان جي اوطاق ميرپور ٻرڙو تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد
    23 مارچ 2013ع تي استاد سگهڙ محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سلات پاران
    هنڌ؛ سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جي موقعي تي ميان جو ڳوٺ تعلقه خان پور ضلع شڪارپور
    25 جنوري 2014ع بمطابق 24 ربيع الال 1435 هجري تي مڃتا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پاران؛ تنظيم فڪر و نظر سنڌ
    پهرين مارچ 2014ع تي بين الصوبائي سگهڙ ڪنويشن جي موقعي تي بهار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ
    هنڌ؛ ڳوٺ بهار علي ٻرڙو تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد پاران سلات
    ايڊريس؛ برانچ پوسٽ آفيس مبارڪ پور وايه شڪارپور سنڌ

    سينگار

    ساجن سهڻو سڀن کان نڪي چمڪي چنڊ
    مٺا ٻول محب جا، کير ماکي کنڊ
    سنن سونهن سلالي، نڪي ددست صاف سمنڊ
    آهو عين عجيب ڏسي، ڦري جيئن جنڊ
    ڇا هرنو هلندو حبيب سان، جي ڀيٽيان ته ڀريان ڏنڊ
    محبت وارو منڊ، لڳو عاشقن کي “عادل” چئي

    سينگار

    ساجن سهڻو سڀن کان، سونهين نڪي سوسن
    اِند به آيو ادب ۾، جلوو ڇڏي جوڀن
    نڪي تاب ترني ڪري، نڪي روب رتن
    اچي مات ملهار ڳڙهه کي، جي مرڪي منهنجو من
    انف اعليٰ البيغا کان، آهادي هاڪ حُسن
    ڪير هڻندو ڪن، منهنجي عجيب سان “عادل” چئي

    سينگار

    ساجن سهڻو سڀن کان، ڪيئن هيءُ پڄي هورُ
    هستن هلي نه حبيب اڳيان، مور نه ڀيٽيان مورُ
    زور زنخ سونهن سهڻي، گهمي ته گنير گهورُ
    قيصر، ڪسريٰ، ڪونگرا، سڀ ڀڄي ٿيا ڀورُ
    شيهل ڇپيو اک ڏسي، ڇَپي جيئن چورُ
    اڄ ٿيو غاريبن تي غور، عجيب آئي “عادل” چئي.



    سينگار

    ساجن سهڻو سڀن کان، سونهن سڄڻ جي سُڻ
    سرو، صنوبر، سائينءَ سان، قد نه ڀيٽيان وڻ
    مٺا ٻول مٺو تنهنجا، پر هام نه هتڙي هڻ
    عرشن، فرشن عيد ان ڪيون، ٿيو عجيب جو ته اچڻ
    سج چنڊ کان وڌ چهرو، سهڻو مڙني مور مکڻ
    ڄام سندو ڄمڻ، ٿيو عاَلمَ لاءِ “عادل” چئي

    سينگار

    ڍساجن سهڻو سڀن کان، مُنهِن نه مون مٽ
    پگهر ڦڙي پرينءَ جي، ڪيا ڪيئي عطر چٽ
    موتي ڏند محبوب جا، اعليٰ سونهن اَکُٽُ
    بدن سڄو بخمل، ڇا پڄندو تنهن سان پٽ
    عشق رکي عربيءَ سان، کوڙ خوشيون کٽ
    اُن گهوٽ سندو گهٽ، اصل نه ڇڏبو “عادل” چئي


    الهوڌايو ٻرڙو

    نالو؛ الهوڌايو
    پيءُ جو نالو: لڌو خان
    ذات؛ ٻرڙو
    ڪرت؛ دڪانداري
    تعليم؛ پرائمري
    سگهڙائپ ۾ استاد؛ ڀڃل خان ٻرڙو
    پتو؛ شهيد الله بخش ڪالوني ٺل ضلع جيڪب آباد

    سينگار

    چنڊ ڪرين چوڏهين چانڊوڪي، ته ٿئي روشن روءِ زمين
    تنهنجو اثر اُتڙي، ٻيو ڪا ٿي آهي ڪين
    جي ذرو ظاهر ڪيو، هاتڪ منهنجي حَسين
    ته فرش، عرش، چوڏهن طبق چمڪين
    ڪيئي نوازيا ناز ڀريئي، مون جهڙا مسڪين
    راهه ويندن کي رحمة اللعالمين، اڏي ڇڏيو “الهوڌايو” چئي.


    قائم الدين مهر

    نالو؛ قائم الدين
    پيءُ جو نالو: گل محمد
    ذات؛ مهر
    پيدائش؛ 1963ع
    ڪرت؛ هارپو
    سگهڙائپ جي شروعات؛ 1987ع
    سگهڙائپ ۾ استاد؛ لعل فقير ڪورار
    پتوـ ڳوٺ حمزو مهر لڳ مبارڪ پور، تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد

    سينگار

    اول نانءُ الله جو، پوءِ پرين پڳدار عجب
    نور نبيﷺ نروار ٿيو، سهڻن جو سردار عجب
    کِنوڻ ڪين کنوين هاڻي، ٿيو چوطرف چمڪار عجب
    حسين ويا هار مڃي، آيو سهڻو ڪري سينگار عجب
    محب مور مڙني کان، آهي جانب جلويدار عجب
    اويس جهڙا ڪيئي عاشق، هي ٿئي پرينءَ سندو پار عجب
    آيو گهر گهوٽ حليمان جي، محب مٺو منٺار عجب
    اهڙي پاڪ عربيءَ تان، گهوريان پنهنجو گهر ٻار عجب
    آهي آس اندر ۾، ڪرائيندو “قائم” کي قرار عجب
    ٿيندو شافي شفادار عجب، محشر ڏينهن “مهر” چئي


    غلام مصطفيٰ ٻرڙو

    نالو غلام مصطفيٰ
    تخلص مشتاق
    پيءُ جو نالو محمد مراد
    ذات ٻرڙو
    ڄم جي تاريخ 01-12-1972ع
    تعليم ايم-اي-بي-ايڊ
    ڪرت گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچر
    رهائش پوسٽ آفيس حاجي ماڻڪ ٻرڙو تعلقه ٺل ضلعو جيڪب آباد
    سگهڙ پائيءَ ۾ استاد استاد بهار علي “بهار” ٻرڙو
    صنفون جن ۾ طبع آزمائي ڪئي لوڪ شاعريءَ جون سڀئي صنفون
    مليل ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ لوڪ ادب مڃتا سرٽيفڪيٽ پاران سنڌ هارس ۽ ڪئٽل شو جيڪب آباد 1995ع، سلات پاران؛ ميرپور ٻرڙو جيڪب آباد، استاد بهار ۽ استاد محمد سيفل ايوارڊ سرٽيفڪيٽ

    سينگار

    گل گوهر نڪرن گفتار مان، جي ٻولي ٻاجهه منجهان ٻاجهارو
    کلي کوڙ خوش ڪري، لاهي من تان مونجهارو
    لعل لب لاکيڻا، سهڻو سونهين سونهارو
    پاڪ پير پٽ تي رکي، ڪري ڀونءِ ڀلي ڀلارو
    جاني جرڪايو جهان کي، آيو يار يتيمن يارو
    آهي پرين منهنجو پيارو، جنهن جو مٽ نه ڪوئي “مشتاق” چئي

    سينگار

    لولاڪ ۾ ساراهه سونهن جي وه واه وائي وات
    عرشي، فرشي سڀ پڙهن، نوري ناري نعت
    ان سڄڻ جي سونهن جي ڇا ڪيان بيان بات
    وار ونگن واسينگن جيئان، کائي مار به ويو مات
    مٿي سهڻو مڙني کان، ڪامل منجهه ڪائنات
    آهي طلب هر ڪنهن تات، اهڙي مورجي “مشتاق” چئي

    سينگار

    محب مليو مَنُ، جنهن جو شاهي آهي شانُ
    هڪ لک چوويهه هزار نبين کان ڪيس مالڪ مٿي مانُ
    عجيب مهابي آهي ٿيو، اعليٰ هي انسانُ
    سڀ ڪتابن جو سردار مليو، ڪامل کي قرآنُ
    اُن حبيب جي حُسن جو، ڇا ڪيان بات بيانُ
    ٿيا حَسين سڀيئي حيران، هي مور ڏسي “مشتاق” چئي


    قلندر بخش ڪيهر

    نالو؛ قلندر بخش ڪيهر
    ولد جو نالو؛ جمعدار علي محمد ڪيهر
    ويٺل ڳوٺ؛ جلال واه جمعدار علي محمد ڪيهر ضلعو جيڪب آباد تعلقو ٺل.
    پيدائش جي تاريخ؛ 04-01-1964ع
    تعليم؛ پنج درجا پاس
    سگهڙائپ جي باقاعدي سکيا حاصل ڪرڻ لاءِ مرحوم استاد لعل فقير ڪورار کان پرايائين.

    بنا نقطي سينگار

    اول احد الله واحد وحده موليٰ مدد مدام
    احمد محمد مرسل دلدار دلوارو اعليٰ امام
    سرور سردار، سرواڻ سرس سرڪار سؤ سلام
    عامل ڪامل گوهر گل ڪل سلسلو ڪام
    مهر مالڪ صدر سالڪ درود آ هر دم حڪم احڪام
    حور ملائڪ سهرا ساراهه لال لاحد لام
    ماهه مور مرسل اعليٰ اسم اسلام
    ملڪ سارو ڪامل ڪاڻ عالم عوام
    لااله الاالله محمد الرسول الله ڪرارو ڪلام
    سائل آ “ڪيهر” اصل عام، ڪر ڪو ڪرم ڪامل


    حبيب ا لله ٻرڙو

    حبيب الله ولد بهار علي ٻرڙو
    ڄم جي تاريخ 1995/3/8
    تعليم انٽر سائنس جو شاگرد
    ڪرت شاگرد
    رهائش: ڳوٺ بهار علي ٻرڙو لڳ ميرپور ٻرڙو تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد
    مليل ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽييفڪيٽ؛
    (1) سلات پاران لوڪ ادب مڃتا سرٽيفڪيٽ 2011 ۾ هنڌ ميرپور ٻرڙو ضلع جيڪب آباد
    (2) ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 23 مارچ 2013ع استاد سگهڙ محمد سيفل ڀٽي يادگار ايوارڊ سرٽيفڪيٽ سلات پاران (سنڌ بلوچستان سگهڙ ڪنوينشن جي موقعي تي) هنڌ: ميان صاحب تعلقه خانپور ضلع شڪارپور سنڌ
    (3) پهرين مارچ 2014ع تي بين الصوبائي سگهڙ ڪنوينشن جي موقعي تي بهار ٻرڙو ايوارڊ سرٽيفڪيٽ
    هنڌ: ڳوٺ بهار علي ٻرڙو تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد

    سينگار

    عرشن فرشن عيدان ڪيون، ٿيو جانبَ جلوو جڳ ۾
    سِجُ، سَسُ سلامي ٿيا، اهڙو عجيب نه آيو اڳ ۾
    سَوا لک سهڻا سڀئي نبي، پر ٿين پرين پڳدار پڳ ۾
    ڪچ، ڪٽونب ڪارا چمڪن، نڪي چمڪ اُها اُڀڍڳ ۾
    اُن عجيب لاءِ عالم جون، ديدان هيون دڳ ۾
    اُهو وارث پنهنجي وڳ ۾، نيندو هڙني کي “حبيب الله” چئي.

    سينگار

    صورت سهڻي سڄڻ جي، ڳل گلابي گُلَ
    سدائين سونهن سرمائي، قريب کي ڪاڪُلَ
    هلڻ پسي حبيب جو، مٽي چال اها چينچل
    آئي مات مرنگهن کي، جڏهن دلبر کنيا دل
    سڀ نازڪ عضوا ناز ڀرئي جا، جانبَ جانِ جڙيل
    ٿيا هاڙهي وه واه هُلَ، ڏسي هادي منهنجو “حبيب الله” چئي


    عبدالقادر ڪيهر

    نالو عبدالقادر
    تخلص عاشق
    پيءُ جو نالو محمد فاضل
    ذات ڪيهر
    ڄم جي تاريخ 1954-4-5
    تعليم پرائمري
    ڪرت حڪمت
    رهائش ڳوٺ جلال پور p/o مبارڪ پور تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد
    سگهڙ پائي ۾ استاد لعل فقير ڪورار
    ايڊريس معرفت گل حسن “گل” ملڪ پوسٽ آفيس مبارڪپور وايه شڪارپور

    سينگار
    تامڻي ۾ تجلو ٿيو جيئن باران ۾ بجلي
    جي مشڪي منهنجو محبوب ته راءُ نه رهي رجلي
    جيئن طور سڙي خاڪ ٿيو ۽ تاءُ نه جهليائين تجلي
    تيئن ٻئي جهان ٻري وڃن کڻي ڪامل اک ڪجلي
    اهو “عبدالقادر” ازلي آهي حسن منهنجي حبيب جو

    سينگار

    تامڻيءَ ۾ تجلو ٿيو جيئن بجلي منجهه باران
    جي مشڪي منهنجو محبوب، ٿين روشن زمين آسمان
    اکيون ڏسي عجيب جون هرڻ ٿيا حيران
    گلاب کان سهڻي آهي لبن جي لعلان
    خوشبوءِ وڌ گهڻي آ ناهي عطر مشق عنبران
    موتي ويا ڪل مات ڪري پسي دلبر جا دندان
    رحمت عالم جي ٿي آيا جملي ئي جهان
    آهن محب جا مٿي مان ڪهڙا لکان “ڪيهر” چوي


    الله بخش سامت

    نالو؛ الله بخش سامت
    پيءُ جو نالو؛ فقير محمد سامت
    رهائشِ ڳوٺ ٿرڙي لڳ ميرپور ٻرڙو
    پئدائش؛ 06-08-1960 (ميرپور ۾)
    تعلقو؛ ٺل
    ضلعو؛ جيڪب آباد
    سگهڙائپ جي شروعات؛ 1981 ۾
    سگهڙائپ ۾ استاد؛ استاد بهار علي ٻرڙو
    تعليمِ پنج درجا
    پيشو؛ هارپو
    مڪمل ائڊريس؛ C/O عبدالرحمان ٻرڙو پوسٽ آفيس ميرپور ٻرڙو تعلقه ٺل ضلعو جيڪب آباد

    سينگار

    چوڏس ئي چمڪار، جي دشن دلبر کولي
    ته شارڪ شعاع ڇڏي، اچي ابر اولي
    وڻندڙ ٻولي وارث ڏنس مٺا ٻول ٻولي
    بج بشيهر سنمبل سرها چرن مٿان چولي
    هونٽن هنڊول لال لالائي رنگ وڌائين رولي
    ڪينٽل ڪمال لعل لڪي ڇا تور سگهان تولي
    ڪو نتر ڪوڙڪي، انف اڳرو ٽهڪي حسن ٽولي
    آءُ ڳڻ ڏٺم ڳولي، پر آهن مٿي “الله بخش” چئي

    سينگار

    ڪن فيڪون ڪائنات کان اڳ ۾ محب هي مختيار هو
    صورت سيرت صفت سهرايل، سهڻن جو سردار هو
    ميرن مندن ڇورن ڇٽ، پهريون آيو پڳدار هو
    سونهن وصف سندءِ مان والي هي سينگاريو سنسار هو
    روءِ رخسار رتيءَ مان هي گلشن بڻيو گلزار هو
    عامر، اوڪاشه، عاشق بڻجي ڪيو ڀنور جيئن ڀڻڪار هو
    اڙين اٻو جهن، ادلن گدلن جو باري کنيو بار هو
    هو اول نالو اظهار هو، ٻيو ڪجهه اڄ ٿيو “الله بخش” چئي

    سينگار

    دشن کولي دلبر، ته رين مٽائي روءِ
    اڏنت، چلنت اٿي جاکوڙن پنهنجي جوءِ
    ترنگ سياهه تمهر مات اچن موءِ
    پس پگهر افضل اعليٰ خطن کان خوشبوءِ
    جهڙو سڄڻ سوءِ به سوءِ، اهڙو اڳ نه آيو “الله بخش” چئي

    سينگار

    دشن کولي دلبر، ته روءِ مٽائي رات
    ماکيان ٻولي مٺي، ڇا لنوين ڪوئل لات
    ڏهرا نار داڻا نه مَٽُ ٿين مر جات
    پُرڻ پٺيان پرينءَ جي، طائوسن سکڻ تات
    مالڪ پنهنجي محب لاءِ جوڙي ڪُل ڪائنات
    عرشي ڇا فرشي، پڙهن سائينءَ تي صلوات
    ٿي ذاڪر خود ذات، ڪري ثنا “سامت” چئي

    سينگار

    دشن کولي دلبر ته روءِ مٽائي رين
    ترنگ ڪارا تامني پڄن ڇا پين
    وک وير ڪواز ڪما چئنچل ڪيا چين
    ڏڪار جا ڏيهه مان، ڀورل لاٿا بين
    پوءِ پينارا پر ٿيا، سوالي هڻي سين
    جيڪي لڳا لالڻ لين، سي سرها “سامت” چئي


    شمس ٻرڙو

    نالو؛ شمن “شمس”
    پيءُ جو نالو؛ اعتبار
    ذات؛ ٻرڙو
    تعليم؛ ايم اي سنڌي
    تاريخ پيدائش؛ 18-10-1962
    شاعريءَ جو استاد؛ استاد بهار علي بهار ٻرڙو
    ايڊريسَ‎؛ محمد حيات ٻرڙو يونين ڪائونسل ميرپور ٻرڙو تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد
    نوٽ؛ شمس ٻرڙو نثر توڙي نظم ٻنهي ۾ لکيو آهي
    هن محترم مرحوم استاد بهار علي “بهار” ٻرڙو جي لوڪ شاعري جو تحقيقي جائزو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پيش ڪيو ۽ ايم اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس حاصل ڪيائين

    سينگار

    اڻ ڳڻيا اڳي هئا، ساجن کي سينگار
    ڀروون ٿيون ڀالا هڻن، ڪسجن عاشق پيا انبار
    ڏسي مک محبوب جو، چنڊ ڦري چوڌار
    لب لعل لعلڻ جا، وڌ ڏاڙهون ڏند انار
    زينت زيب زلفن زور واسينگ کان وار
    مون “شمس” پرينءَ جا پار ٻڌايان ڪهڙا “ٻرڙو” چئي

    سينگار

    واهه گل گجري ۾ هو جانب جوڙ جمال
    پنبڻيون پاڪ اکيون اعليٰ خاصو خمار خيال
    صورت سفري سڄڻ جي جنهن جو مٽ نه ڪو مثال
    ڏند ڏاڙهون موتين مالها منجهه ڪريم ڪمال
    اڃان وڌ احوال، آهي ٻهڳڻ جو “ٻرڙو” چئي

    سينگار

    صورت سفري سڄڻ جي زلف زيب زري
    لکندڙ لکن لکي نه سگهن، سائين سونهن سرسري
    ڏند ڏاڙهونءَ داڻا ڏسي، ٿا مرجان پون مري
    واسينگ جهڙي وارن جي هيءَ خبر ٻڌ کري
    اُمالڪ عاشقن کي، وجهن ونگ وري
    شمس حُسن شعاءَ تي، ٿي چاهت دل چري
    ڇا پڄندي حور پري، منهنجي ٻهڳڻ سان “ٻرڙو” چئي

    سينگار

    جانب جي جمال جا، ٿيا هر هنڌ هوڪارا
    پسي ڪيس قريب جا، ڪاريهر ڪن ڪنارا
    اکيون آهن عجيب جون، سدا مينگهه ملهارا
    پيشاني وڌ پاني کان، سورج سُسن ستارا
    “شمس” شعاءُ سارا، ٻهڳڻ مٽ نه “ٻرڙو” چئي


    ڪوڙل بمبل

    نالو ڪوڙو
    پيءُ جو نالو مولا بخش
    ذات بمبل
    ڄمڻ جي تاريخ 1968-01-01
    تعليم بي اي ((B.A
    ڪِرت پرائمري استاد
    رهائش ڳوٺ ڀورو بمبل لڳ مبارڪپور تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد
    سگهڙ پائي ۾ استاد استاد گل حسن “گل” ملڪ

    سينگار

    لائق لعل بي مثال، ٽلڻ ٽور ٽري
    ڏسي مينڊل ڏاهي کي پيو قدمن منجهه ڪري
    پونو چيري پرين آندو، توڙي ڪيڏو پنڌ پري
    ڪڪر سونهن ڪَم ٿئي اڳيان زلف زيب زري
    سورج سُهين نه سائين اڳيان ويل سج وري
    مون ڏٺم ڌيان ڌري، ته ڪامل وڌ آ “ڪوڙل” چئي

    سينگار

    سرخ سهڻيون سرمائي اکيون پاڪ عجيب جون
    نين نيتر افضل آئيز ڪامل سهڻي قريب جون
    عين اُتم اعليٰ سائين، تجليدار طبيب جون
    ڀروون ڀالا ڀليون سهڻيون، محب مٺي مجيب جون
    قمر لهي قدم چمي، ٻڌ نراليون ڳالهيون نصيب جون
    هڙن کان حبيب جون، وڌ ڪهاڻيون آهن “ڪوڙل” چئي

    سينگار

    سرس سرهاڻ صنوبر کان، ڪامل پوري قد
    پاڪ پيشاني پرينءَ جي تي، خاصا ٺهن خد
    رڌان پسي رهبر جا ٿيا، ارڳ اليهر اڌ
    اطهر آقا عجيب اسان جو، پاڪ پرين جا پد
    بس ڪونهي حساب حد، ڪامل جي “ڪوڙل” چئي

    سينگار

    صفت سچي سبحان دي، سو سڀ ڪنون ستار اُتي
    ويکو پرين پيارا هي، محب مٺا منٺار اُتي
    ڳيا معراج ماڻڻ مدني، سيد سچا سردار اُتي
    احد احمد پيچ پختا، مرسل ها مختيار اُتي
    التحيات عربي آک، اهو ڪيتا اظهار اُتي
    “فَڪَانَ ڪَابَ قَوسَينَ اَو اَدنٰي” اهي ساري اسرار اُتي
    ساري ڪائنات ڪنون سهڻي نل ڪيتا پرور ڌڻي پيار اُتي
    اُهو عربي سانون اڻ گهريا دلبر مليا دلدار اُتي
    پڙهو صلوات صبح، شام تنهن پيغمبر پڳدار اُتي
    ڪو جهي “ڪوڙل” تي به قرب ٿئي جو “بمبل” ها بدڪار اُتي

    سينگار

    پاڪ پٽاڪ پرين پيارا واهه وڻن وار
    درڳ دنا ليون دلبر سهڻيون سرس سدا سينگار
    ڪيفي اک ڪامل جي کان هرڻ کائي ويا هار
    رين رجني روشن ٿي وئي مرڪ ڪئي منٺار
    سهڻي چيلهه سڄڻ جي ڏس موهيا لک مزار
    گنير گام کڻي نه سگهن جي سائين هلن سردار
    ٻڌي ٻولي ٻهڳڻ جي ڪئي ڪوئل نه ڪوڪار
    بس پهريون نمبر پار، آهن ڪامل جا ته “ڪوڙل” چئي


    محمد اسماعيل ڪيهر

    نالو محمد اسماعيل
    ولد داد محمد
    ذات ڪيهر
    ويٺل ڳوٺ پنهل ڪيهر ضلع جيڪب آباد تعلقه ٺل
    ائڊريس مبارڪپور يوسي بلوچ آباد
    پيدائش 8.8.1946
    پرائمري اسڪول ۾ داخلا جي تاريخ 1951ع
    پرائمري اسڪول مان چار درجا پاس ڪيا ان کان بعد ۾ عربي قرآن پاڪ جو درس ان کان بعد سگهڙائپ جو شوق لڳو، پراڻو جنگو ۾ استاد لعل ڪورار وڏو شاعر، اديب، سنڌي، عربي جو عالم هو، ان کان سکيا ورتي.

    سينگار

    جي ڪُنڍڙا ڪيس ڪامل جا خوشبودار کلن
    ڪڪر اتي ڪنبي وڃن زيب ڏسي زلفن
    ڦول اتي ڦڪا ٿيا فوراَ ڏسي ڦٽن
    ڪارا ڪچ قريب جا ڪونئرا ها ته ڪلهن
    اُڳن اڳيان ڪير اچي نه ترنيون تجلا ڏين
    وار ورايل وليل کان وڌ ڏسي وسيهر وٺجن
    خورشيد اتي خجل ٿيو پسي موءِ محبوبن
    هلال ڏسي حيران ٿيو تائب ٿيو طرغن
    گهرا گيسوءِ گلڙن کان وڌ موتي منجهه مرڪن
    ڪيترا ڳڻيا “ڪيهر” چوي ڪونتل مٺا قربن
    ناهي حد حسابن انوار جي “اسماعيل” چوي

    سينگار

    شمس قمر ڪنبي ويا پسي زيب زلفن
    اڳ آلا عجيب جا اَليهر جان اُٽلن
    ڪاڪل ڪيس قيمتي دائودي دام وجهن
    ڪَوسين ڪمان ڪم ٿي پسي پير ڀروِن
    آهُو کان وڌ عين عجيب جا نرگس گل نمن
    ڪونتر کان وڌ ڪُنڊو ڪامل جو انف عجيبن
    آڌر سهڻا گل گلابي لا لي هي لبن
    درشن پسي دلبر جا ڏوڏر پيا ڏرن
    ديهي ڏسي ڌم ڇپي سورج گل پيا سُسن
    عطر مشڪ کان وڌ پسينو آ پرين
    هلڻ ڏسي حبيب جو گنير گام سکن
    پٻ پاريور پرينءَ جا جتي اندر جرڪن
    ڪارڌو هنج حبيب سان ڇا حورون هام هڻن
    ڪهڙا ڳڻي “ڪيهر” چوي ناهي حد حسابن
    جي محبوب مٺا مرڪن ته وڃي اونداهي “اسماعيل” چوي

    سينگار ڏهس

    زلف ظاهر زيب ڀريان زريدار ميان
    ڪاڪل ڪيس قيمتي قرب ڀريا قربدار ميان
    اُڳ اعليٰ عجيب جا اُچا افضل انوار ميان
    ترنگ تليهر تاب تکيرا وڌ تجليدار ميان
    موءِ موهي مست ڪيو محب منٺار ميان
    گيسوءِ گهرا گوهر جا گل و گلزار ميان
    سي ڪي ڪچ قريب جا ڪارا ڪلنگيدار ميان
    لکين معجزا لک هزار ميان
    آهن عجيب جا “اسماعيل” چوي

    سينگار بيت هڪ نقطي وارو

    رب رحمان اعليٰ احسان سونهن سلطان آ بسم الله
    ظاهر ظهور حاضر حضور محب مخمور آ بسم الله
    رُخ انور ماه مُنور بلڪل بهر آ بسم الله
    نور نر وار باغ بهار گل گلزار آ بسم الله
    الف اڪبر راز رهبر دلربا دلبر آ بسم الله
    جلوو جلال حسن جمال ڪرم ڪمال آ بسم الله
    ناز نرمل باوفا بهرل مان مزمل آ بسم الله
    حد نه حساب نور نواب لالڻ لاجواب آ بسم الله
    آخر زمان لاحد لا مڪان محب مهربان آ بسم الله
    نور نامدار اعليٰ انوار باوفا بردبار آ بسم الله
    نرالو ناز عجب آواز رب راز آ بسم الله
    نور نظر با خبر سدا صبر آ بسم الله
    اعليٰ اعظم سونهن صمند نور مجسم آ بسم الله
    نور نازل اعليٰ افضل مان مزمل آ بسم الله
    “اسماعيل” چوي سبحان الله نور محمّد رسول الله آ بسم الله
    سينگار بيت بنا نقطي وارو
    اول الله احد اعليٰ احمد اطهر آ محمدﷺ
    مور مالڪ ملوڪ ماهه مک مطهر آ محمدﷺ
    مرسل مولا مِهِرَ مدام مُرِڪَ سرور آ محمدﷺ
    سردار سارو سالڪ سد اسهارو سرور آ محمدﷺ
    صالح سالم سڪ سدا سرهو سورهه صدر آ محمدﷺ
    رس راهه ور واهه سڪ ساهه ڪر ڪرم ڪڪر محمدﷺ
    عامل عالم علم عطا اعليٰ عطر آ محمدﷺ
    ڪارا ڪاڪل ڪلام ڪامل، ڪڪر آ محمدﷺ
    گهرا گل گلا لال گلال گل گوهر آ محمدﷺ
    اصل اول اڪمل “اسماعيل” چوي اطهر آ محمدﷺ


    ارشاد احمد ڪورار

    ارشاد احمد ولد عبدالنبي ڪورار سنڌ جي ڀلوڙ سگهڙ استاد گل حسن “گل” ملڪ جي شاگردي هيٺ سگهڙائپ سکيو، سندس ڪرت هارپو آهي ۽ ڳوٺ علي اڪبر ڪورار ۾ مبارڪپور ڀرسان ضلع جيڪب آباد ۾ رهي ٿو.

    سينگار

    سهڻا گهڻا سنسار ۾، پر سائين وڌ سڀن
    آهو عين ڏسي، لڪن منجهه لِڪَنِ
    ڏسي جاڙيون ڀروون ڀليون ڀنور ڀيرا ڪن
    هر نو هلي ڪين ڪي، جڏهن ڄام ڄُلن
    سهڻا وار سرمائي وڪڙ واسينگن
    عرشي فرشي عشق ۾ پل پل درود پڙهن
    گوهر حسين گلن، عجيب آهي “ارشاد” چئي


    علي اڪبر ڪورار

    نالو علي اڪبر ولد ابوالخير ذات ڪورار ويٺل ڳوٺ علي اڪبر ڪورار نزد مبارڪپور تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد پرائمري استاد آهي، تعليم ايم، اي پوليٽيڪل سائنس اٿس، سگهڙائپ جي فن جي سکيا پنهنجي چاچي استاد لعل فقير ڪورار کان ورتائين جيڪو اتر سنڌ جو مشهور سگهڙ هو.

    سينگار

    سَروَ قَدُ ساجن سهڻو، ناهي محب جو مثال ڪو
    ڀيٽ ۾ ڇا بيهندو، حبيب اڳيان هلال ڪو،
    عاشقن ڏسي عيدون ڪيون، ڄڻ اچي ويو شوال ڪو
    جي سائين خاص کِلن، اچي کنوڻن لاءِ زوال ڪو
    هينڊل ڏسي حبيب کي، چلي نه ساڳي چال ڪو
    هڪ مُرڪ محبوب جي مان، ٿي ظاهر يمن شام شِمال ڪو
    پگهر پرين جي سان ڏيان، عنبر جو ڇا مثال ڪو
    نه آهي جانب جهڙو جمال ڪو، ڪائنات ۾ “ڪورار” چئي


    اعجاز احمد ڪلهوڙو

    نالو اعجاز احمد ولد محمد عظيم ڪلهوڙو
    تعليم بي اي (B.A)
    ڪرت (درزي)
    سگهڙ پائي ۾ استاد: مرحوم سگهڙ محمد عظيم ڪلهوڙو
    ايڊريس: ويٺل ڳوٺ جونگل تعلقه ٺل
    ضلع جيڪب آباد
    ڄمڻ جي تاريخ 5.3.1981

    سينگار

    موتين وڌ منهنجا پرين، جي گوهر ڪن گفتار
    هيرا لعل هزارين، ڇا جوڙ ڀرن جنسار
    مرڪ وڌ محبوب جي، ڪندي کنوڻ ڪون خلقار
    دنگ هن دلبر جا، وري پنبڻن سندا پار
    رحمت ڀريا رهبر جي هٿڙا کڻي هيڪار
    سُڪا به ساوا ٿين ڪري گل گلزار
    وه واه اهڙي وير تان صدقي ٿيان صد بار
    لڪ پسي لعلڻ جو ٻيو پنبڻن سندا پار


    وزير احمد چاچڙ

    نالو وزير احمد ولد غلام محمد ذات چاچڙ ويٺل ڳوٺ حاجي ميهار شر لڳ مبارڪپور تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد ۾ ڄائو، جڏهن ته تعليم ميٽرڪ اٿس، فن جي شروعات 1992ع کان ڪيائين سندس فن جو استاد بهار علي “بهار ٻرڙو” آهي، جنهن کان سگهڙائپ جون پنج ئي صنفون سکيو. جنهن ۾ هي هيٺ ڏنل سينگار جو بيت شامل آهي.

    سينگار

    سهڻا گهڻا سنسار ۾، پرين پهريون نمبر
    پگهر پاڪ پرين جو نه پڄي مشڪ عنبر
    گنير گام نه کڻندو جيئن سهڻو گهمي سرور
    سينگاريندڙ سائينءَ کي آ پاڻ ڌڻي پرور
    اهو وارث اسان جو “وزير” چئي آهي ڇٽ ڇپر
    ٿي شافي شفادار ڪندو موچارو محشر
    ان دلبر سندو در، ڪڏهن ڇڏبو ڪينڪي


    نواب علي مهر

    نالو نواب علي
    پيءُ جو نالو عطا محمد
    ذات مهر
    پيدائش 1944ع 06.08
    سگهڙائپ جي شروعات سلات تنظيم جي سگهڙن کان متاثر ٿي 2013ع ۾
    سگهڙائپ جا استاد بهار علي ٻرڙو، گل حسن گل ملڪ، عاجز لاشاري
    تعليم بي اي
    تنظيم سان واسطو ميمبر سلات جو، تنظيم فڪرو نظر سنڌ
    مڪمل ائڊريس ڳوٺ مبارڪپور وايه شڪارپور سنڌ، تعلقو ٺل ضلعو جيڪب آباد

    سينگار

    جناب مصطفيٰ جي حُسُن، جو جلوو جهانن ۾
    حجر توڙي شجر اندر، زمينن آسمانن ۾
    آيو بهار ۾ آقا، ٽڙيا گل گلستانن ۾
    بنا سُرمي اکيون ڪاريون، تکا تبرو ڪمانن ۾
    عجب لالاڻ لبڙن جي، پو آئي آهي پانن ۾
    ها روشن ڏند ڏاڙهونءَ کان، چمڪ جنهن جي چوغانن ۾
    سندن صورت ۽ سيرت ۾، ناهي ثاني انسانن ۾
    محمدﷺ جو اسم گونجي پيو اڄ ڀي آزانن ۾
    آهي صَلِّ عليٰ وائي مَلَڪ، ماڻهن، حيوانن ۾
    لکي “نواب علي” ڇا ڇا، ناهي طاقت زبانن ۾
    سمورن ثنا خوانن ۾، ڪندو هوماڙ “مهر” تي


    شڪارپور ضلعي جا سگهڙ

    وريام شيخ “فقير”

    وريام فقير ولد الهيار شيخ، ويٺل ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو، تعلقو خانپور ضلعو شڪارپور ۾سال 1943ع ۾ پيدا ٿيو اسڪول جي تعليم مئٽرڪ اٿس، “سينگار” ۽ “ڏهس” جو شاعر آهي مرحوم حاجي فقير مهيسر جي صحبت ۾ سگهڙپائي جو ذوق پرايائين. “سچ ۽ سونهن وريام جي ورونهه” سميت سندس “وريام فقير جو رسالو” جي نالي سان ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن. موجوده دؤر ۾ ڀلوڙ سگهڙن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس چيل ڪي بيت (چونڊ سٽن سان) هيٺ ڏجن ٿا. (سينگار شاعري تان کنيل)

    سينگار

    جب گوري گهنا ڪري سيلا سِر سنگين
    هاٿي هنجهه حيران ٿيا چيٽا پسي چِين
    تنگ دهن، موتين دٻلي، منڊي مثل مِين
    لال گلابي لبن مٿان بولو سونهه بين
    پن پوشاڪون گلبدن تي عجب روءِ رنگين
    سڀني سهڻن سٿ ۾ اهڙا سونهن امين
    ٻيو جوڙ نه ٺهي جاني سان ظاهر سر زمين
    لا مثالي مورت صورت مٺا محب مهين
    جي اهڙي حُسن حسين، تن تان فدا سر “فقير” چوي.

    سينگار

    جب گوري گهنا ڪري چونڪا پورا چار
    ٻه ڇڪا ٻيا هڻي وينگس جنهين وار
    تيل ڦليل تازا ڪري نڪري جڏهن نار
    “فئشن” عجب “فقير” چوي مشڪ “ميڪ-اپ” مار!
    ڪنگي ڦيري، ڪيس ڪيري، ٻئي ڪاري ڪجل ڌار
    ڪپڙا زيور قيمتي ڪري ڀلي اها بار بار
    پر مٽ نه ڀايان محبوب جي پڻي سندي پيزار
    “وريام” ورق وسار، ريءَ عشق عجيب جي.


    محمد قاسم ڪلوڙ

    1963ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ جهلي ڪلواڙي، تعلقه لکي، ضلع شڪارپور جي هڪ غريب گهراڻي ۾، هن سلڇڻي سگهڙ جنم ورتو جنهن جو اڳتي هلي، سگهڙ پائيءَ جي فن ۾ ، محمد قاسم ولد محمد بچل ڪلوڙ طور نالو روشن ٿيو، سگهڙ پائيءَ جي فن ۾ استاد محمد پنجل شيخ جي شفقت هيٺ رهي گهڻو ڪجهه پرايائين ۽ پنهنجي گهرو مسئلن کان سواءِ سگهڙائپ طرف گهڻو ڌيان ڏنائين. سڄي سنڌ جي سگهڙن سان ڪچهريون ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي استاد جو نالو روشن ڪيائين. سندس لکيل لوڪ ادب شاعري جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ (1) ٻاجهارا ٻول قاسم جا (2) جنهن جو عشق الله سان (3) سنسار جا سينگار (4) سولي ڪرستار (5) ڏاهپ ڀريا ڏس (6) سونهن وطن جي (7) قرب ڪڻا قاسم جا شامل آهن.

    سينگار بيت

    هلڻ پسي حبيب جو هاٿي ٿيا حيران
    گنج گنير، گونٽا، سنکر چيو سبحان
    طائوس تونگر تي ٿيا مور گهڻو مستان
    ڪاڪل، ڪيس قيمتي قياس ڪن ڪان
    وجهي ور واسينگ جيان سوگها ڪن سلطان.
    آهو عين عجيب جا وسائن تيرن جا طوفان
    نرمل سندي نور جا ڇا ڪندو ڪو بات بيان
    تنهن عربيءَ جا احسان، آهن ڪائنات تي “ڪلوڙ” چئي.

    گوري جو بيت

    پنج، يارهن پدمڻيءَ کي ٿا سينگار سونهن
    تڙ، تيل ڦليل، ڦڻيون ٿيون ٺاهوڪيءَ ٺهن
    ڦيري کڻي فقير چئي ڪنگوريون ڪاڪلن
    ته اليهر کان اتامرو ظاهر زيب زلفن
    پسي ڪاراڻ ڪيسن جي ڪنگيون ڪُرِ ڪرن
    گهري وڌ گلاب کان لالائي ته لبن
    ڪجل بنا ڪيفي اکيون عاشق ڪيئي ڪهن
    عجب اعليٰ اثر آهي ناز سندي نيڻن
    پهري پوشاڪون پٽ جون لعلون لال لڳن
    ته ادگر اچي ات وري پيرن منجهه پون
    ڪنگڻ، چوڙيون ڪارائيءَ ۾ ٻانهوٽا ٻهڪن
    ڪيئي عاشق “قاسم” چوي وٺي واٽ ويهن
    اهڙيون سهڻيون سڄڻ آڏو ڪٺيون لک ڪجن
    مُور نه ٿينديون ماڳهين مٽ سي محبوبن
    پسي حسن حبيب جو ڪري پون قدمن
    اهڙن عجيبن، موهي من مطيع ڪيو.


    علي گوهر مهر

    نالو علي گوهر مهر
    پيءُ جو نالو دوست محمد مهر
    رهائش شڪارپور شهر
    تعلقو ڳڙهي ياسين
    ضلعو شڪارپور
    سگهڙائپ ۾ استاد مرحوم استاد محمد پنجل شيخ ڳوٺ جندو ديرو لڳ مدئجي
    تعليم پرائمري
    پيشو پوليس ۾ ملازمت بعد رٽائرڊ
    مڪمل ايڊريس مسند پور محله عبدالرزاق گهٽي واڳوڻودر شڪارپور

    سينگار بيت
    (ڏهس وارن تي)


    “ڪاڪُل”، “ڪيس” قريب جا وڌ ڪڪرن کان ڪارا
    “بال”، “هيئر” ڀلي جا سونهن ۾ سرس سارا
    ڀؤنرن ڀلجي “ڀِنڊڙن” تي اچي رکيا ها آرا
    “لوڻا” پسي لا لڻ جا هنيان، نينهن ۾ نانگن نعرا
    “ڇَتا” زُلف شوقينن تي “وار” ڪرن پيا وارا
    ڪيا “چوٽن” بند چارا، اسان جهڙن جا “علي گوهر” چئي.

    سينگار

    مرڪ مٺي محبوب جي، رونق بخشي رات
    چمڪي هڪ سان چنڊ جي ڏسو مَٽي ڪيئن ڏات
    روءِ زمين تتي روشنيءَ جي تيز هلي تجلات
    بجلي سج کي بَندَ پيا، بلڪل نه ڪَيئون بات
    سونهن مٿي آ ساجن جي، سڀني لاءِ سوغات
    حُسن وارن کي حبيب هن ئي “مهر” ڏني آ مات
    ڪو لنوين نه سگهيو لات، عجيب آڏو “علي گوهر چئي.

    سينگار

    عين منهنجي عجيب جا، جڏهن ڪيفي کڻن ڪَرَ
    ته موهي من محبوب اصلي، ڍولڻ نه ڏئي ڍَرَ
    شمس به گهٽ شم کان، اڃان ڪامل جون ته ڪثر
    جهڪن اڳيان جانب جي ڪيئي سورهيه سِڪندر
    دان گهُرن پيا دلبر کان، اچي پير پيغمبر
    تنهن جي اهڙي خاص خبر، آهي عالم ۾ “علي گوهر” چئي.

    سينگار

    دندان آڏو دلبر جي موتين ناهي مجال
    لال لبن جي لالائيءَ، مٽيا گل گِلال
    ڀلي بيهڪ ڀروَن جي هارايو ته هلال
    پُڇ پاڪ پسيني پيارل جي جا، عَطرن کان احوال
    ڪيئن هڪ گهڙيءَ ۾ هارائي، راهي ٿيا رهوال
    ڳڻ ڳالهائڻ ڳاڻو جي، ڪوئل لئه ڪيا ڪال
    مَئينا، مِٺُو، بُلبُل، بس ڪئي، ٻڌي مورَ مقال
    هلڻ ڏسي حبيب جو، ٿيا هيڻا هاٿين حال
    ڏٺا ڪامل جا ته ڪمال، عشق وارن “علي گوهر” چئي.

    سينگار بيت

    وار وارن جي وار ڪري ڏنا واسينگن کي وڍ
    ڏسي لوڏ لعلڻ جي آيا ڪنجل ڪيهر ڪَڍ
    ڏنا “مهر” ماندن کي ڏاهي مٺي ڏَڍَ
    جن کي عجيب ڏني اڍ، سي بڻيا گل “گوهر” چئي.


    پٺاڻ فقير مهر

    نالو: پٺاڻ فقير مهر
    پيءُ جو نالو: غلام حيدر مهر
    ڄم جي تاريخ: 6 اپريل 1972ع
    تعليم: بي. اي
    سگهڙائپ جي شروعات: 1989ع
    سگهڙائپ ۾ استاد: استاد محمد بچل شيخ
    ائڊريس: ڳوٺ ۽ پوسٽ آفيس رُڪ، تعلقو لکي غلام شاهه، ضلعو شڪارپور

    ڏهس اکين تي

    “اکيون”، “آئيز” عجيب جون، عاشقن لئه عيد
    “کوندر”، “کجن” کسن دل، دلبرڪن جي ديد
    “عين”، “نين”، “چشم”، “کَنّ “ ڪيا کوڙ خريد
    ڪيئن پيئن کائن “پٺاڻ” چئي، جي ڪيا “ڇم” شهيد
    ملائي “نيڻ” مريد، ڪن رستي ويندڙ راهه جا.

    ڏهس بيت (هاٿين جا نالا)

    هلڻ هوت حبيب جي سان ڇا هئينڊل هام هڻي
    “گج”، “گنيَر”، گوهر اڳيان صبح شام ڇڻي
    “وسع”، “وارڻ”، “هُرنو” هاٿي ڪيئن “گونٽو” گام کڻي
    “ايليفينٽ” کان عجيب جي آ مٿي مام مڻي
    پيا “سَنکر” سام سهڻي، ڏسي پنڌ “پٺاڻ” چئي.

    ڏهس بيت (اُٺن جا نالا)

    مٺي محبوب منور جو، وڏو مالڪ ڪيو آ مان
    سيرت صورت ۾ سهڻو، سائين سهڻن جو سلطان
    مرڪي مور مٺڙي ڪيا، ماڻهو مَلَڪَ مستان
    حُسن پسي حبيب جو، حيوان به ٿيا حيران
    هڪ “اٺ” به هيو انهن ۾، پرينءَ لاءِ پريشان
    “توڏو”، “ميو” تڪي پيو، ڌري دل ۾ ڌيان
    “چانگو”، “ڪنواٺ” چري نه پيو، ڏس عاشق جو ايمان
    “ڪرهو” به چوي پيو ڪامل ڏسان، جو آ نبي نگهبان
    “گورو”، “مهري” گوندر ۾ پيو، غريب ڪري گذران
    “ڏاگهي” تي هڪ ڏينهن ٿيو، مدني مٺو مهربان
    بهاري ڪرايائين “بودي” کي، ڏس شهنشاهه جو شان
    اهو عربي اسان تي به احسان، پنهنجو ڪندو “پٺاڻ” چئي.


    سينگار
    واهه حليمان ڀاڳ تنهنجا نور مليُئي ناز ڪر
    گود ۾ گوهر کڻي اڄ ڀاڳ جو آغاز ڪر
    دائپي ۾ ڪير پُڄندو اڄ اهو آواز ڪر
    هيٺ ڌرتي تي هلڻ ڇا، اڄ مٿي پرواز ڪر
    هي حبيب ڪبريا اڙين جو آڌار ٿي
    جنهن جي صَدقي جڳ جُڙيو آ سو مليو سردار ٿي

    لاههِ سيني ساڻ سائڻ هي يتيمن يار کڻ
    ٻار ٻيا نه ڳولهه امان، هيءُ ئي من جو ٺار کڻ
    بخت تنهنجو اڄ وريو آهي، هيئين جو هار کڻ
    ڪير بيهي سونهن ۾ سو نور هي نروار کڻ
    دو جهان جو دلربا هي سونهن ۽ سينگار ٿي
    جنهن جي صدقي جڳ جڙيو آ، سو مليو سردار ٿي

    مرحبا توکي چون ٿا گل، ٻوٽا، گاهه به
    موسمون، پل پهر، راتيون، سال، ڏينهن ۽ ماهه به
    چنڊ، تارا، جيت، پٿر، سج سمورا ساهه به
    مور، پريون، جِنّ، ملڪ ۽ رندَ رستا راهه به
    مِهِر ڪري مولا ڏنو مريضن جو مختيار ٿي
    جنهن جي صدقي جڳ جڙيو آ، سو مليو سردار ٿي

    ڏينهن ڏکڙن جا ختم ٿيا، سک جو سامان ڏِس
    صدقي هن سهڻي سڄڻ جي، عامَ تي احسان ڏِس
    ڇا ته مولا آ وڌايو مرتبو ۽ مان ڏِس
    سڀ خوشين سان ڍائجي ويا، اِنس ۽ حيوان ڏِس
    ڀرجَهلو بيڪارڙن جو هي نبي ننگدار ٿي
    جنهن جي صدقي جڳ جڙيو آ، سو مليو سردار ٿي

    عرش تي به اڄ تنهنجو هاڪ هوڪو هُل آ
    سو مليُئي سهڻو جنهن جو مٽ نه ڪوئي مُلهه آ
    ڪارڻي ڪائنات جو محبوب هي مُرسل آ
    “پٺاڻ” ڇا پورو جهانُ، هن سهڻي وٽ سائل آ
    هي ولهن جو واهرو ۽ يتيمن يار ٿي
    جنهن جي صدقي جڳ جڙيو آ، سو مليو سردار ٿي.



    صفاتي سينگار


    هي راز خدائي رحم ته ڏس، ڇا شان ڪيائين محمد صه جو
    هر پاڪ ڪتاب ۾ پهريون ڏس، بيان ڪيائين محمد صه جو
    جبريل کي آڻي جڳ اندر، دربان ڪيائين محمد صه جو
    هر شيءِ سان تابع هي ته ڏسو، قرآن ڪيائين محمد صه جو
    بيان ڪجي ڪو ڪيئن ڀلا، هت ڪنهن به حوال جو ڪم ناهي
    آ شان انوکو احمد صه جو، هت ڪنهن به مثال جو ڪم ناهي

    حضرت يوسف حُسن سندو هت جلوو جڳ ۾ جام ڪيو
    هُن هٿ وڍايا هيڪر بس وڌ ان کان ڪهڙو ڪام ڪيو
    هت انور جنهن ڏي اک کنئين ان پيش اهو پيغام ڪيو
    مري پُٽ ويا ته گهور ٿيا پر اڳ ۾ هي انتظام ڪيو
    ايئن عاشق ٻيو ڪري ڪير ڀلا ، هت ڪنهن به ڪمال جو ڪم ناهي
    آ شان انوکو احمد صه جو، هت ڪنهن به مثال جو ڪم ناهي

    هر شيءِ جي مٿان، هت حاڪم ٿي حڪم هلايا سُليمان عه نبي
    هوا به جنهن جو حڪم مڃي، تنهن جي شان جي ڪهڙي ڳالهه ڪبي
    پر هو چوي ته هن جو ڪم ٿئي ۽ عربيءَ تي ڏس راض ربي
    هت چوڻ سوا بهِ سهڻل ڏي ٿي کوهه اچن پيا تار تبي
    رڳو آمد ٿئي منهنجي آقا جي، باقي ڪنهن به سوال جو ڪم ناهي
    آ شان انوکو احمد صه جو، هت ڪنهن به مثال جو ڪم ناهي

    جُتيءَ سان موسيٰ عه طُور مٿان اچ، ڪين اِهو آواز آيو
    هي پاڪ جبل آ منهنجا پرين، هي پرور کان رنگ راز آيو
    پر عرش مٿي به عربي ڏِس، نعلين پائي ڪندو ناز آيو
    تون مالڪ آن مٺا مرضيءَ جو، هي اَللهُ کان اعزاز آيو
    ڳڻ ڳورا آهن ڳائڻ کان، هت ڪنهن به قوال جو ڪم ناهي
    آ شان انوکو احمد صه جو، هت ڪنهن به مثال جو ڪم ناهي

    منهنجي عقل جي انتها يار ٿي وئي، اڃا شان حضور جو اڳتي آ
    نالو لکرايم ٻه ٽي لفظ لکي، بيان حضور جو اڳتي آ
    “پٺاڻ” لاهي ڪيئن ٿورا سگهان، احسان حضور جو اڳتي آ
    ڇا دارا سڪندر پڄندا هت، دربان حضور جو اڳتي آ
    بس پنهنجو مٽ آ پاڻ پرين، ڪنهن به جوڙ جمال جو ڪم ناهي
    آ شان انوکو احمد صه جو، هت ڪنهن به مثال جو ڪم ناهي.


    عبدالستار ميربحر

    نالو: عبدالستار ميربحر
    پيءُ جو نالو: غلام رسول ميربحر
    ڄم جي تاريخ: جنوري 1969ع
    تعليم: بي. اي
    سگهڙائپ جي شروعات: 1985ع
    فن جو استاد: وريام فقير شيخ
    پيشو: استاد
    ائڊريس: ڳوٺ غلام رسول ميربحر پوسٽ ڪرمپور تعلقو خانپور، ضلعو شڪارپور

    سينگار

    هئي مهل مٺي، اها پرهه ڦٽي، ٿي ذات ڪٺي، گنهگارن سان ويچارن سان،
    آيو نور هتي، هي حضور هتي، ٿيو ظهور هتي، سينگارن سان، هٻڪارن سان
    سردار سڀن، مڃو نور نبن، ديدار ٿين، جهلڪارن سان، چمڪارن سان
    ربيع الاول، بيحد ڀريل، رحمت رچيل، ملهارن سان، به بهارن سان
    تنهن کي تاج مليو، معراج مليو، ڏکين ڏاج مليو، گفتارن سان، پر پيارن سان
    ٿيا ڀاڳ ڀلا، مٺا ماڳ ڀلا، لکي لاڳ ڀلا، سو ڀارن سان، سونهارن سان
    پيا جڳ جهڪي، ڪئي ياريڪي، مِٺي مهر مڪي، ڪلهه وارن سان، اڄ وارن سان
    ڪعبو پاڪ ٿيو، افلاڪ ٿيو، هر چاڪ ٿيو، پيزارن سان، پڪ پيارن سان
    پڪا پار ڏنا، “ستار” ڏنا، سي غفار ڏنا، تن پارن سان، سيپارن سان

    سينگار

    ساراهيان سچو ڌڻي، جيڪو مالڪ آ ملڪن
    موڪليائين مير مرسل کي، آڌار جو اڙين
    آستاني عجيب جي تي، پيا جڳ جهڪن
    ماڻهو ملڪ مستان ٿيا، مُلُڪُ ڏسي مرڪن
    عرش فرش تابع تنهن جي، سردار آ سڀن
    آمد آ عجيب جي، جرڪايو جڳن
    چنڊ لٿو چير جي، ٿا ڪيئي ڪهاڻيون ڪن
    موهيو مرڪ پرين جي، ٿا تابع سڀ ٿين
    ڏنگن کي ڏيکاريا، معجزا محبوبن
    پٿر تري پار ڏانهن، اوچا پيا ته اچن
    پاڇو نه ٺهيو پياري جو، ظاهر زمينن
    گفتار ٻڌي گوهر جي، ڪوئلون نا ڪوڪن
    سوجهرو ٿيو “ستار”چئي، جانب پيا جرڪن
    ڪاروڪفر ڪٽجي ويو پيا ڪلمو پاڪ پڙهن
    اڃان وڌ آهن، پر مون ماٺ ڪئي “ميربحر” چئي.

    ٻولين جو سينگار

    مرگهه اکيون محبوب تنهنجون، عجب جن ۾ اسرار
    مازاغ البصر جو، ڪجلي ڪيف قرار
    عيدن کان وڌ عيد ڀانيان، درگن جو ديدار
    آنکه اکيان آئيز آهن، نيڻ نوراني نروار
    عين الستي اربيلا جن ۾، خوبان خوب خمار
    چيرون چشمن چريو ڪيو، ويو دل کسي دلدار
    ڇم کنيائين ته ڇاتيءَ تي، ڇرين ڪيو ڇلڪار
    من مست ٿيو “ميربحر” چئي، جڏهن ڪيو وار پنبڻن جي وار
    ڏين کن پيغام خوشيءَ جو، ڪري اشارن ۾ اقرار
    بس حج اڪبري حاصل ٿيو، مليو جڏهن منٺار
    ڳائي احسان “عبدالستار”، ثنا ساري عمر سڄڻ جي

    سينگار

    ڪامل ته ڏٺا هوندءِ اڪمل کي ڏسڻ سک
    جميل ڏٺا هوندءِ، اجمل کي ڏسڻ سک

    ويس وڳا ويتر دنيا ۾ هزارا
    پٽ پٽيهر پائن بخمل به آهن بارا
    محبوب جيڪي پهري، مزّمل کي ڏسڻ سک

    وَنَفختُ فِيہِ مِن روحي ڏسڻ ساهه کي سوچي
    پائي جيءَ اندر ۾ جهاتي لهه لال کي لوچي
    هاديءَ سندي هيڏي هلچل کي ڏسڻ سک

    ملڪ آ مؤلا جو ۽ منصور به زياده
    ڦٽيل ڦٽ فيراقي، چڪچور به زياده
    ٻيا ڪوس ڏٺا هوندءِ ڪربل کي ڏسڻ سک

    انا احمّد بلا ميمي هيڪڙائي حق
    “ستار” آ سڄڻ جي نه شان ۾ ڪو شڪ
    رهبر جي ان رمز ۽ لعل کي ڏسڻ سک

    سينگار

    آيو سڀن جو سردار، سو آ مدني مختيار
    ويا گندايون ۽ گوڙ، ٻڌا محبت اچي موڙ
    جوڙي جاني اهڙي جوڙ، ڪئي تونگر اچي توڙ
    آيو اکڙين جو ٺار، سو آمدني مختيار سو مدني آ مختيار
    آيو آخر ۾ امام، ٿيو پورو هت پيغام
    اهو نبين جو نظام، اٿس نوانوي نام
    آيو ڪامل ڪلنگي دار، سو آمدني مختيار سو مدني آ مختيار
    ڪريا ڪفر جا ڪوٽ، هڪ چشمن جي چوٽ
    ڪيئي گهائي وڌا گهوٽ، آهي عجيبن جي اوٽ
    آيو اڙين جو آڌار، سو آمدني مختيار سو مدني آ مختيار
    وهه محبوبي معراج، ٿيو طٰہٰ جو تاج
    ڏسو ڪامل جو ڪاج، ڏنو ڏاتر هو ڏاج
    ٿيو دوبدو ديدار، سو آمدني مختيار سو مدني آ مختيار
    ڏسي رهبر اهڙي راهه، ٻڌي سهڻي جي صلاح
    جيڪي هليا همراهه، نه ٿيا گوهر گمراهه
    رکيل اهڙو اسرار، سو آمدني مختيار سو مدني آ مختيار
    کليا ديدارن جا در، ڏٺا ملائڪن منظر
    تن جي پوري ڪئي پرور جا آس هن اندر
    مليو مڙني جو مهندار، سو آمدني مختيار سو مدني آ مختيار
    ڪيا عاشقن الغار، ٿيا سهنج ۽ سُڪار
    ڪئي مزمل مهڪار، لٿا اهنج ۽ آزار
    مليو سائين آ “ستار”، سو آمدني مختيار سو مدني آ مختيار


    حاجي اربيلو منگي

    نالو: حاجي اربيلو منگي ولد عبدالستار
    ڄم جي تاريخ: 1964ع
    تعليم: پرائمري
    رهائش ميان صاحب
    سگهڙ پائيءَ ۾ استاد: گل حسن “گل” ملڪ
    صنفون جن ۾ طبع آزمائي ڪئي: لوڪ شاعري جون سڀئي صنفون
    ايڊريس: پوسٽ آفيس ميان صاحب تعلقه خانپور ضلع شڪارپور سنڌ

    سينگار

    آخر نبي اسان جو آ، ڪيو الله سائين احسان
    سونهن جنهن جي سبحان الله، ٿيون حوران پريون حيران
    بال بادل بيهڪ سهڻي، جن جو بهتر بالا بيان
    چشم چڱا چيڻ کان، ڪيئن باڻون ڀيٽيان بان
    محبت ۾ مارن ٿيون، ابرو ڄڻ ڪمان
    جنهن جو شاهي آهي شان، اهو عجيب مليو “اربيلو” چئي

    سينگار

    سهڻا گهڻا سنسار ۾، پر پِرَ سين ڪين پڄن
    هرڻ اک هرگز نه چوان، ڏسي ٿانگر ڪين ٿهرن
    دانا گهمي دنگ ڪيو، نڪي پيل پڄن
    حوران ڪرن قدمن ۾، هيئن جي هوت هلن
    مُرجها گل گلاب جا، ڏسي رُعب رخسارن
    منهنجي ڪامل جي قدمن، ڪيو اعليٰ عرش “اربيلو” چئي


    عبدالستار ٽانوري

    نالو: عبدالستار ولد پٺاڻ ذات ٽانوري
    ڄم جي تاريخ 1947ع
    تعليم: اڻ پڙهيل
    رهائش: ميان صاحب
    سگهڙ پائيءَ ۾ استاد: استاد محمد سيفل ڀٽي کان 1968ع ۾ ڳانو ٻڌايو
    صنفون جن ۾ طبع آزمائي ڪئي: لوڪ ادب جون سڀئي صنفون
    ايڊريس: ميان صاحب تعلقه خانپور ضلع شڪارپور سنڌ

    سينگار

    چهرو چاس چنڊ کان، نه پُڄي گل گُلابُ
    ڀالا ڀروون ڀورل جون، ڄڻ مسجد جو محرابُ
    زنخ زيب ذقن، ڪيا برهه وارا بيتابُ
    ماکيءَ کان مٺو گهڻو، لالڻ جو ته لُعابُ
    ترني ختم تجلو ڪري، جي ناميو کولي نقابُ
    جلوو پسان جانيءَ جو، ٿيان قرب منجهه ڪبابُ
    آهي آس “عبدالستار” چئي، ڏسان خاص خوابُ
    ڪندو لالڻ لاجوابُ، هن ٽولي کي به “ٽانوري” چئي

    سينگار

    چهرو چاس چنڊ کان ڪڪر ڪيس ڪارا
    ڏوڏر ڏريا ڏند ڏسي، ددست سچارا
    چيلهه سنهڙي چيتي کان، واهه پرين پيارا
    هاٿي هلڻ ڇڏي ڏئي، جي گهمن سائين سارا
    برق وڃي بند ٿي، جي مرڪن مان وارا
    ڏسي هونٺ هنڊول، ويا ڪري ڪنارا
    نڪي هام حسين هڻندا، ڏسي سائين سوڀارا
    پسي عين “عبدالستار” چئي، ويا چيل ڇڏي چارا
    ڪندا ڀلايون ڀلارا، هن ٽولي سميت “ٽانوري” چئي


    محمد سومر سومرو

    شڪارپور سان تعلق رکندڙ محمد سومر سومرو ولد جواڻ سومرو 4-9-1949ع تي ڄائو چاليهن سالن کان هن فن سان نڀائيندو پيو اچي سگهڙائپ ۾ سندس استاد فقير محمد ملوڪ عباسي آهي.
    ڪيل پروگرامن ۾ پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، ڪي ٽي اين، مهراڻ ٽي وي، آواز ٽي وي، سنڌ ثقافت کاتي جي ترتيب ڏنل قلندر شهباز ميلي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي، سچل سائينءَ جي ميلي سميت سوين پروگرام شامل آهن.
    سندس ڪلام ادبي رسالن، اخبارن وغيره ۾ شايع ٿيو آهي. هن استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ سميت مختلف ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ماڻيا آهن. هيٺ سندس اهڙو شعر ڏجي ٿو جنهن جي پڙهڻ سان چپ چپ سان نه ملندو.

    سينگار

    ڪڪر ڪيس ڪلهن تي، سرس گهڻا سارنگ
    اُڳَ اليهر کان اڳرا تليهر تيز تارنگ
    نيٺ ناٿ نهوڙيا آهو ادگر جاچن جهنگ
    گهرا گهاوَ غزالن ٿيا ڪُڇيا ڪين ڪرنگهه
    ظاهر ذري زينت آئي، رجني ڇڏيا رنگ
    چاند چند وري چلڪو ڇڏيو چاسينگر چهنگ
    ڪٽ ڪَنيل ڪيريا ڪارڌو الڊه کان وڌ انگ
    تنهن ننگيءَ تي هن ننگ، ساري جڳ جا “سومر” چئي.


    هدايت ا لله ميمڻ

    نالو هدايت الله ميمڻ
    پيءُ جو نالو رحمت الله ميمڻ
    رهائش ڳوٺ رڪ
    تعلقو لکي
    ضلعو شڪارپور
    سگهڙائپ ۾ استاد اُستاد وريام فقير شيخ
    تعليم ست درجا پاس
    پيشو مزدوري
    مڪمل ايڊريس پوسٽ آفيس ۽ ڳوٺ رڪ تعلقه لکي ضلع شڪارپور
    سگهڙائپ جي شروعات 1990ع

    سينگار بيت

    آهو نين عجيب جا وڌ واسينگن کان وار
    هاٿي هنڌ مٽي ويا، ڏسي رهبر جي رفتار
    ڪوئل مَئينا ڪومايا، ٻُڌي گوهر جي گُفتار
    پاڪ پسيني پيارل جي، ڪيا مُشڪ عَنبر تي مار
    سونهن سوائي ساجن جي، هت هر ڪنهن کاڌي هارَ
    ڏسي سهڻل جا سينگار، ٻڌا هڙني هٿ “هدايت الله” چئي.
    ٻٽو ڏهس وارن ۽ راتين تي
    “تُڳي”، “تِهاري”، “تامَنيءَ” کي هيئر چيو هَٽُ
    “بال”، “وارن” کان ڀلي جي “نائيٽ” ڪيو نَٽُ
    “رات”، “رجني”، “رَين” نه ٿي “موءِ”، “مينڍن” جو مَٽُ
    “ڪَاڪُل”، “ڪَيس”، “ڪَچ” وڌو “ لَيل”، “شَبّ “ کي لَٽُ
    ڏسي “ڇتي”، “زلف” جو ڇٽ، هارايو “تام” “هدايت الله” چئي.

    گوريءَ جو سينگار

    قدرت واري ڪيڏا ڏنا عورت کي ته انعام
    چار چلنت چِڪائي وڌا، گوريءَ جي هڪ گام
    هرڻ، هاٿي، ترني، ڪيهر، لادي لڳس لام
    اُڏنت چار اڳيان ان جي ڪن پيا سُري سلام
    مور، هنج، ڪوئل، ڪونج، ڌاڳي ڦاٿس دام
    چار ئي ڦل ڦڪا ڪيا ڪامڻ جي ته ڪلام
    انب، انار، صوف سهڻا، ناريلن جا نام
    گوءِ هارائي گلن چئني، مُنهن مهتابي مام
    رابيل، گلاب، چنبيلي، سوسن پيڙس سام
    ٻارنهن ٻيا به ٻٽا ڪري، شوقئون صبح شام
    مِسي، مُساڳ، ميندي ڀل جُودئون ڪري جام
    صابڻ، سينٽ، سُرها، ڀلي عطر هاري عام
    سُرخي، ڪَجل، سُرما، سينڌيون، ڪري مُنڌ مدام
    ڪِريم، پونڊر، لاکون لک هڻي تيل تمام
    نظر هڪ سان نهاري پوءِ ڪري گهوٽ غلام
    پر عجيب آڏو اسان جي، هڪ نه هليس هام
    ڏسي نرمل جا ته نظام، کاڌئين هار “هدايت الله” چئي.

    گوريءَ جو سينگار

    جب گوري ڳهڻا ڪري هڻي ٻه ڇڪا ٻيهار
    سندري سجائي ثابت نَوَ، سَتّ نار
    سندر سينڌ ۾ سرخ ٽڪو ٻي ڪاري ڪجل ڍار
    مِسي مُساڳ ميندي ٻيو لا لي لبن لار
    چوڙيون، چندن، ٻورو ٻانهن تي پائوڊر جي پار
    ڪنگو هڻي ڪيسن کي ڪرائي ڪاريهر واري ڪار
    تڙ تيل ڦليل ڪري سورنهن جي روز سنوار
    ڪپڙا، زيور قيمتي ڪري، هڻي چونڪا ٻيا چار
    گل، ميوا، گهور ڪجن جي ڦٽي ٿين ڦار
    چلنت چار چڪي وڃن اُڏنت ڪين آڌار
    انهن سورنهن ٻارنهن سينگارن سان ڪا بانوري بيهار
    ان پَدمڻي کان پڻي مٿي پرينءَ جي جا پايان بار بار
    جنهن جي نسبت ئي ناهي ساڻ پاڪ پيزار
    عرش سِڪيو ان مٽيءَ لاءِ هُيَس دلبر جي درڪار
    حبدار کي “هدايت الله” چئي، طلب هئي تار
    مدني صدقي مولا ڪندو، پرور ٻيڙا پار
    وِير اوکيءَ وار، ڪندو مِهر گهڻي “ميمڻ” چئي.

    صفاتي سينگار

    ثابت ٿئي ٿو سهڻا ٺهيو جاني جهان تو لئه
    آدم کان اڳ ۽ اڄ تائين سارو سامان تو لئه

    حوران، پريون، ملا ئڪ، مخلوق ساري مالڪ
    پيدا ڪيا پيارا، خاص تو لئه خالق
    جنت، جهنم جا داروغا مالڪ رضوان تو لئه

    جن و بشر جڳ ۾ الله آندا آهن
    عبادت کان اهي ڪيا وارث واندا ناهن
    ثنا ڪري ٿو سڀ ڪو ٿي پيو ثنا خوان تو لئه

    هي سڀ زمينون آسمان تو لئه ستار سِٽيا
    ٻوٽن ۾ گل ۽ انهن ۾ وڻندڙ رنگ چِٽيا
    هي پکي، پرندا، پوپٽ، گلزار گلستان تو لئه

    مڃڻو پوندو سڀ کي آ شان تنهنجو شاهي
    خدا به ڏني آ توکي، بيشڪ بادشاهي
    مليو هادي “هدايت الله” کي ۽ ڪعبو قرآن تو لئه.


    منظور احمد مهر

    نالو؛ منظور احمد مهر
    پيءُ جو نالو؛ شير محمد مهر
    پيدائش: 1969ع
    سگهڙائپ ۾ استاد؛ مرحوم استاد محمد پنجل شيخ ۽ استاد غلام محمد منگي
    تعليم؛ پرائمري
    ايڊريس؛ پوسٽ ۽ ڳوٺ رڪ تعلقه لکي ضلعو شڪارپور

    صفاتي سنيگار

    محمد نه ٿئي ها وسيلو اسان جو خدا وٽ اسان جي شفاعت نه ٿئي ها
    تيمن جو حامي نه ٿئي ها جي مرسل اسان تي ته ڪا به عنايت نه ٿئي ها
    ڪلمو نبيءَ جي سعادت ملي نه ته قبول ڪا به عبادت نه ٿئي ها
    سڄي سونهن سوڀيا حسن محمدي آ ملڪن حورن ۾ نزاڪت نه ٿئي ها
    عجب عشق عربيءَ جي موهي وڌا جي قطب غوث سارا جماعت نه ٿئي ها
    لکين لک ڀلايون مان تنهنجو هان امتي اي شافي ڪا منهنجي شناخت نه ٿئي ها
    “منظور” مهر تي اَٿَوَ قرب ڪافي، ٻي ڪا اهڙي ڪامل قيادت نه ٿئي ها

    صفاتي سينگار

    محمد جو آيو سرهاڻ ٿي وئي، ٿيا دنيا جي حسينن جا سينگار چٽ
    اٻوجهن جي آڌر وسيلو اچي ويو، يتيمن جا ٿي ويا ويچار چٽ

    محمد جي محبت وسيلو ولهين جو ڪرم جي نظر اڄ به جاري رهي ٿي
    ڪدورت رکي جنهن مٺي مصطفيٰ سان قسمت ۾ ڪاري ڪئنچي وهي ٿي
    سي برباد باري ڪري دربدر سي سڀ ٿيا اغيار چٽ

    برن ۾ بهاري قدم جت رکيائون سي آباد ٿي ويا
    ساوڪ ٿي ساري نبيءَ جي طفيلي سراسر سڀ شادباد ٿي ويا
    ٿيا سکيا مال ماڻهو ٿيا سر هايون سرسبز ٿيا ڏڪار چٽ

    گذر ٿي هوا جو مديني مان جڏهن ماحول ۾ خوشگواري اچي وئي
    خوشتر هوائون گهليون گهر گهر ۾ برابر سا بهتر بهاري اچي وئي
    ٿيا مات معطر خوشبوءِ جون کاڻيون ۽ مهڪار چٽ

    دست شفا جنهن جي حق ۾ کنيائون تن تي آ نوري برسات ٿي وئي
    نوازي نماڻا ڇڏيا ڪيئي مرسل انهن تي عجب سان اعنايات ٿي وئي
    سڳورن جي صدقي سنوڻ ٿيا ستابا عربي ڪيا سي آزار چٽ

    “منظور” تي ٿيون محمد جي صدقي الله جون سڀ عطائون رسيليون
    قبولي ٿو قادر گهرئون رزق روزي سراسر سيد صدائون رسيليون
    مگن “مهر” آهي “مولائي” رڪن ۾ ڪڌا ٿيا سي ڪردار چٽ

    صفاتي سينگار

    سهڻن جو سهڻو تون سردار آهين
    مٺو مُحب ماهي تون منٺار آهين

    روئندن کي رهبر خوشي ڏئي کلائين
    پيءُ ماءُ سان پٽڙا مٺا تون ملائين
    ويل سج واپس وري تون ورائين
    قادر جي قدرت جو تون اختيار آهين

    وڻ ٽڻ ٻوٽا توڏي لڙيا پئي
    پٿرن به توتي ڪلما پڙهيا پئي
    ابوجهل پارا ساڙ ۾ سڙيا پئي
    ويرن سان به ويهي ڪندو پيار آهين

    کڻي نيڻ خاصا جنهن ڏي نهارين
    انهيءَ کي ان جاءِ بيشڪ بيهارين
    مرضي جو مالڪ تون مهندار آهين

    ثنا تنهنجي سائين سگهان ڪهڙي ڳائي
    نالو ڳڻايم ٻٽي لفظ ٺاهي
    ويٺو مهر “منظور” آ ڳچيءَ ڳارو پائي
    منهنجي مقدر جو آڌار آهين


    قمبر - شهدادڪوٽ ضلعي جا سگهڙ

    محمد لقمان کوکر

    محمد لقمان ولد محرم علي کوکر، ڳوٺ غلام مصطفيٰ کوکر (لڳ نصيرآباد، ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ سنه 1949ع ۾ ڄائو.
    فقير محمد ملوڪ عباسي جي صحبت ۾ سگهڙپائي جو ذوق وڌايائين، لوڪ ادب جي فني مڃتا ۾ کوڙ سارا ايوارڊ ماڻيندڙ هي سگهڙ فني اشاعت ۾ پنهنجي استاد محمد ملوڪ عباسي سان ٻن ڪتابن (1) گلشن ڏور (2) منهن مٿانها جن جا ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيو جڏهن ته سندس جدا شاعريءَ جي ڪتابن ۾ 1 لاتيون سُڻ لقمان جون ۽ 2 لال ڪڻا لقمان جا شايع ٿيا آهن.

    سينگار

    اتي اوت عنبير جي جت دلبر ڪيا ديرا
    سڙيل ڦُلَ سالن جا، ٿيا جلوي سان جيرا
    اجرا گل عجيب ڪيا، اڄ مهڪن پيا ميرا
    ڪونجن ڪنڌ نمائيو ڦرڪيو ڏين ڦيرا
    پالِيَر پيش پرين جي ڇڏي ڳوٺ ويا ڳيرا
    ڀنڀا ڀرون ڀونگ برابر ڀئنور ڏين ڀيرا
    چميا چيهن چاهه منجهاران پٽيرين پيرا
    اڳ اليهر، عجيب جا عمدا اُتيرا
    خود خوشئون “کوکر” چئي ڇڏي آهو ويا ايرا
    ڇال ڀري شيرا، پئي لک ڪريا “لقمان” چئي.

    سينگار

    صورت سهڻي سورنهن ٻارنهن انگن تي اڙڪيا
    ڪڪر ڪيس ڪلهن تي، ٿي ڦول وانگي ڦڙڪيا
    ادگر عين عجيب جا جڏ ڪوٽ مٿي ڪڙڪيا
    هينڊل هاٿي حملي ۾ هڪ ٺوڪر سان ٺڙڪيا
    دهشت وئي سڀ ديون مان، خالي ٿي کڙڪيا
    چڙهن شمان شڪار تي، ڄڻ باز وڏا ڀڙڪيا
    هرڻ هنج هراس ۾ پئي ٿر مٿي ٿڙڪيا
    شيرن ڇاتي شرمائي، وڃي جبل ۾ جڙڪيا
    بلبل ڪوئل ڪنڌ نمائي، ٻول ٻڌي ٻڙڪيا
    اهڙي عين اشاري سان، ڌڙ سسيون ڌڙڪيا
    پئي لامن ۾ لڙڪيا، لکين سِرَ “لقمان” چئي.

    سينگار

    منهن وڌ مهتاب کان، جوهر ويا جهٽجي
    هيڏي حسن بازار ۾ ٿيا سامهون ويا سٽجي
    جرڪيا جوڙ جناب جتي ات لعل ويا لٽجي
    موتي ڏند محبوب جا چاسينگر چٽجي
    رجني رنگ ڇڏي ڏنو وئي مرڪڻ سان مٽجي
    لٿو لعاب لبن تان ويو ن کستوريون کٽجي
    مڻ کٿوريون مشڪ جا شيشا ويا ڇٽجي
    نرگس ناز نظر سان ٻيا گوهر ويا گهٽجي
    پسي قدم ڪنجل ڪيڏا هاٿي ويا هٽجي
    ڪرنگا مرنگا ڪونج برابر ڪنڌ وين ڪٽجي
    لکن جا “لقمان” چئي هت پير ويا پٽجي
    ويندڙ ڪريا وٽجي، پسي عين عجيب جا


    غلام ڪبير لولائي

    سگهڙ غلام ڪبير ولد مزار خان بليدي پاڙو لولائي 1945ع ۾ گهر پنهنجا لڳ بهادر ڀنڊ تعلقه سجاول جوڻيجو ضلع قمبر شهداد ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، ڪن اڻٽر سببن ڪري پرائمري تعليم حاصل ڪري ڪين سگهيو ناظره قرآن پاڪ سينٽر جيل لاڙڪاڻي ۾ استاد نصير احمد جلباڻي کان حاصل ڪيائين، جڏهن ته والد مزار خان به سٺو سگهڙ هيو ان ڪچهرين دوران عشق لڳو ۽ استاد محمد مٺل مهر مرحوم رتوديرو واري کان باقاعده سکيا حاصل ڪري سگهڙ ٿيو، هن وقت سگهڙائپ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهي. سندس فن جو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي وسائل نه هئڻ ڪري ڇپرائي نه سگهيو آهي. استاد ۾ سهپ، محبت، اخلاقيات جون لاتعداد خوبيون آهن ان ڪري هن جا سنڌ ۾ لاتعداد شاگرد پڻ آهن. جن مان هڪڙو ڀلوڙ سگهڙ استاد ارشاد علي عرضائي به آهي. اولاد ۾ هڪ پٽ سگهڙ شهيد نظير احمد هيو، جيڪو روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو ۽ سٺو سگهڙ هيو. (2) نياڻيون پڻ آهن موجوده رهائش ڄامشورو ۾ آهي.

    سينگار

    جب گوري گهنا ڪري ڀل نَوَ ست هار هلي،
    پائي ڪنگڻ، ڪٺمال، ڪڙيون بينسر، بولو بلي،
    ڪوڪا، ُڦليون، ڪيتريون ۽ ٻيو ڇلڙا ڀل ڇلي
    جهومڪ، جهالا، جهالر پائي وڃي مينديءَ هٿ ملي
    بخمل پهري بدن تي ڀل ڪنهن ٽيلي ساڻ ٽلي
    پر هلت ڏسي منهنجي حبيب جي وڃي پاڻ “لولائي” پلي
    ڇا جهلڪ سگهندي جهلي، منهنجي حوت حضور جي

    تعارف بيت

    ظاهر توکي ذات ٻڌايان آهيان هڪ انسان
    ضلع قمبر شهدا ڪوٽ تعلقه سجاول جوڻيجو خان
    ڀنڊن سندي ڀر ۾ آويهڪ سندو وٿان،
    ٻيو نور شاه نبي شاه منهنجي پاڙي ۾ آهن جنگ جوان
    مزار منهنجو بابو جنهن شاه وڌايو آشان
    آءُ اڻ پڙهيو ڪو انگ نه ڄاڻان ٿيو آ مالڪ مهربان
    احمد، محمّدصه، مرسل، مدني ڏنائين نبي نگهبان
    نازل ٿيو نور ڀرئي تي فيض ڀريو فرقان
    پڙهي اسان پورو ڪري آندوسين ته ايمان
    هي بليدي “ڪبير” بيان، شمار ٻڌايو آ شعر ۾

    صفات بيت

    سج نه ڪوئي چنڊ هو نه ڪي جڙيل هيو هي جهان
    نه ڌرتي پکڙيل ڌر کان نه اڏيل هيو آسمان
    نه ملائڪ هيا مخلوق ۾ نه وري آدم هيو ڪو انسان
    پيغمبر اڳ ۾ پيدا هيو جنهن جو شهنشاهي شان
    پوءِ ڪائنات جوڙي ڪٺي ڪري کڻي چٽيائين چوغان
    هڪ پنهنجو عشق پورو ڪيائين ٻيو اسان امت تي ڪيائين احسان
    وري ارڙهن ورهه گڏ الله سان وڃي ٿيو مالڪ جو مهمان
    التحيات جي کيڪار ٿي جڏهن خاص پهتو خان
    شان انهيءَ ۾ شاهد آ قادر جو ته قرآن
    فڪان ڪاب قوسين اوادنيٰ هيءَ صورت ٻڌ سبحان،
    آءٌ ڳڻي ڳڻيندس ڪيترو، ڪيو آ باري تعاليٰ بيان
    باقي جيت جرند پکي پرند سڀ آهن حوت مٿان حيران
    هادي حڪمران، ڪري ڏنائين قيامت تائين “ڪبير” چئي

    سينگار

    سگهڙ سالڪ سُرتيا آهن سڀئي سمجهدار
    ڪن وٽ پروليون ڪن وٽ پهاڪا ڪي هنر ۾ هوشيار
    ڪي ڳڻي ڳوليندا ڳجهارتون ڪري ووڙ وينجهار
    ڪي ڏاها ڏور ڏهس چون ڪي صفاتي سينگار
    لکين وصف منهنجي لالڻ جا ڇا شاعر ڪن شمار
    جا دماغ منهنجي دوڙ ڪئي سي ته ٻڌ پرين سندا پار
    اوچتو منهنجي عجيب جا جي ورنهه کلن وار
    ته هيءَ ڪائنات اچي وڃي ڪُرمش ۾ ڍڪجي وڃيس ڍار
    ڀرون باغ بناوت، جيئن تيز تکي تلوار
    ڏسي نڪ نزاڪت منهنجي نرمل جي مٺوءَ کاڌي مار
    ڪُنگو، ريٽن، ڪنڌ نمايا ڏسي چپن جي چمڪار
    پگهر پيشاني پرين جي، ڪئي هنڌين ماڳين هٻڪار
    سوا لک کان سوائي مليل آ سونهن ساجن سردار
    لوڏ ڏسي منهنجي لالڻ جي ويا هاٿي کائي هار
    ماکي مصري کان مٺي آ گوهر سندي گفتار
    جنهن جي پئي ڪن “ڪبير” چوي سي هزارين بنيا حبدار
    پيا پيش پرين جي ٻڍا جوان توڙي ٻار
    انهي محبت ۾ محو ٿي ورتم دامن سچي دلدار
    اڻپڙهيي تي عربي صدقي کڻي ڪريم ڪيا ڪلتار
    ان ڪلمي جي آڌار، ويندا سون لنگهي لڪ “لولائي” چئي

    گوري جو سينگار

    جب گوري گهنا ڪري سورنهن ڪري سينگار،
    ڪنگي کڻي ڪائي تي ڀلي ورائي بيهي وار
    پوني سڳي پيار مان رکي ڪانٽن جي ته قطار
    ٻيو نٿ بولا نڪ ۾ پائي هسي ڳچي هار
    جهالا جهومڪ جهالر پائي ڪري ڇوه وڏا ڇمڪار
    پر هلت منهنجي حبيب جي جيئن بهتر مند بهار
    هتي هنياءُ ٺارن حبدار، هوءَ ڪري اچي قدمن منجهه “ڪبير” چوي.

    سينگار

    وڌ ڪارا ڪڪر ڪيس قريب جا جي ڇلڙا هيئن ڇڙن.
    ته اليهر تليهر سپ سَسِيهَرَ ڪرن اچي ڪامِل جي قدمن
    پسي موءِ مينڊال محبوب جا وڃن وات پٽجي واسينگن
    ڀؤنر ڀنڀا ڀورل جا جي جاڙا هيئن جهلن
    ته اُڳ اتمڙا واڇرا ڪرن پدم وڃي پيرن،
    سُڪائڻ لاءِ سڄڻ جي ڇتڙا هيئن ڇنڊن،
    ته ڄڻ ڪاريهر ڪلهن تي پيا ڦڻ ڪڍي ڦِرن،
    جنهن جي ڪئي آ قادر تعريف قرآن ۾ تنهن جي ڇا ڳاڻو ڳڻ ڳڻن،
    پر پوءِ به عاشق، سگهڙ، سالڪ پيا سوين ثنا ڪن،
    تڏهن ته مون تي محبوبن، ڪيا هن ڪافي قرب “ڪبير” چوي

    ڏهس سينگار (راتين جا نالا)

    هتي حسن جي حد ڪٿي آ جو ليکڪ ليک لکن
    باقي عقيدي مند عقيدت سان پيا سگهڙ ثنا ڪن
    ٿي سُئي هٿان گُم سانئڻ کان تڏهن محب پيا مرڪن
    ماڙيون ملڪ مصر جون پيون ڏورانهون ڏسجن،
    هي چرندا پرندا لهي پيا پٽ تي پيا حسن ڏسي هرکن
    ٿي روءِ زمين روشن پسي جلوو جانبن
    هي رجني رخ مٽي وئي ڇا چنڊ ستارا چمڪن
    ليل پنهنجي لام کڻي وئي جڏهن ٿي تبسم طبيبن
    شب ڇرڪ وڏا ڀريا، پسي تجلو تاب پرين
    تڳي تلهاري تڪڙي وئي نه ڏٺي رين اتي راجن
    وئي ترت مٽجي تامني نه آئي نائيٽ نگاهن
    ڀنڀ رڀن روءِ مٽي وئي نه ٿي رات اتي روشن
    اهڙا لک “لولائي” چوي ڪيا معجزا محبوبن
    تنهن ڪامل جي قدمن، هجان قيامت ڏينهن “ڪبير” چئي


    ارشاد علي عرضائي

    ارشاد علي عرضائي ولد حبيب الله “حبيب” مڱڻهار شهر عرضي ڀٽو تعلقه سجاول جوڻيجو ضلع قمبر شهدادڪوٽ، ۾ 2 اپريل 1965ع دوران ڄائو، تعليم انٽر، پيشو P.S.T گورنمينٽ ملازم، سندس بابو سائين به سگهڙ هيو جنهن جو فن ۽ ذڪر ڪتاب “گڏيل گُل گلاب جا”۾ موجود آهي، يعني خانداني سگهڙائپ سان واسطو آهي، سندس باقي فن دوران استاد غلام قمبر المعروف ڪبير بليدي، (لولائي) جي فن ۽ شخصيت تمام گهڻو متاثر ڪيو جنهن کي باقاعدي استاد قبول ڪري فن جي دنيا ۾ وک وڌائي.

    تعارفي بيت

    سٺي سنگت ۽ سگهڙن جو نوڪر خدمتگار آهيان
    وڏن جي عزت ۽ ننڍن سان ڪندو پيار آهيان،
    سڪ وارن کي سچيءَ دل سان کلي ڪندو کيڪار آهيان
    عرضيءَ ڀٽي جي ڪري مان عرضائي سڏائيندو بار بار آهيان
    قمبر شهدادڪوٽ ضلعي سان مان سرشار آهيان
    تعلقي سجاول جوڻيجي سان مان سچار آهيان
    پٽ حبيب الله “حبيب” نشانبر نروار آهيان،
    نالو ارشاد علي ۽ ذات جو مڱڻهار آهيان،
    استاد ڪبير جو به مان گهڻو شڪر گذار آهيان،
    تڏهن ڏور ڳجهارت هنر پهاڪا پڙهندو سهڻي مٿان سينگار آهيان
    ان ڪري سامهون اچي ساري محفل سان مان ڪندو السلام عليڪم جو اظهار آهيان.

    سينگار صفاتي

    ڪيان تعريف ڇا تنهنجي تون ته الله جو دلدار آن سائين
    هر نبي جو تون پرين سالار ۽ سردار آن سائين

    تنهنجي ڪري الله سائين ڪُلُ خلقي ڪائنات آ.
    وڻ ٽڻ پکي پرندا بادل ڪڪر برسات آ
    اشرف المخلوقات انسان ٻيو جيت جانور جنات آ
    جنهن جي ثنا کي خدا سرس ڪيو سو ڪامل ڪلنگيدار آن سائين

    تنهنجي اچڻ سان اي پرين ڌاريو به پنهنجو ٿي ويو
    مشڪل کان مشڪل مسئلو به سڄڻ سهنجو ٿي ويو
    ڪيڏو به ڪٽو ڪافر هو توبهه سان تنهنجو ٿي ويو
    تون شفقت ڀريو شهنشاه مٺڙو مهندار آن سائين،

    تنهنجي ڪري قرآن نازل ٿيو آ
    تنهنجي ڪري دين ههڙو حاصل ٿيو آ
    تنهنجي ڪري برباد هي باطل ٿيو آ
    هر پيغمبر جو اي پيارا پرين تون پڳدار آن سائين

    بيشڪ براين جي تو پاڙ پٽي آ،
    اها تار تونگر تو ڪفر جي ته ڪٽي آ
    ختم ڪئي خاص طرح تو هو ڏين جي هڪ هٽي آ
    جنهن چوڏهن طبقن چانڊوڪي ڪئي سو روشن مينار آن سائين

    تنهنجي رحمت جا رهنما درياءَ وهن ٿا،
    هڪ لهظي ۾ لکين گناه لهن ٿا
    تڏهن ته حبشي جيان هزارين ايذاءَ سهن ٿا،
    گنهگارن جو گهڻو، عربي! اکين ٺار آن سائين،

    ڪيڏو ته بدڪارن جو بالا بخت بينظير آ،
    الله تعاليٰ توجهڙو ڏنو دلبر دلپذير آ،
    ڇو نه مان شڪران ڪيان جو تنهنجي الفت ڪيو اسير آ،
    تابع آهيان تنهنجو سڄڻ جو تون محب مٺو منٺار آن سائين

    التجا “عرضائي” جي منظور ڪرين تون
    پرين پنهنجي در کان نه دور ڪرين تون،
    پنهنجي غلامي ۾ غلام کي مشهور ڪرين تون،
    ڪرين عنايت “ارشاد” تي ته تون بلڪل با اختيار آن سائين

    سينگار صفاتي

    يا محمّد مصطفيٰﷺ هر جاءِ هلي تنهنجو بيان
    ڪهڙي طاقت زبان کي جو تنهنجي ڪري ثناءَ
    اول صفت اوهان جي قادر ڪئي قرآن ۾
    طٰهٰ مزمل لاٿيون شافي اوهان جي شان ۾
    الحمد کان والناس تائين اوهان جي ئي عزت آن ۾.
    روزي نماز حج زڪوات ڪلمي ۽ آذان ۾،
    محراب ۾ منبر مناري مسجد جي ميدان ۾
    مطلب واکاڻ تنهنجي آ دلبر روان دوان

    بر پٽ باغن ۾ باتيون، تنهنجون لنون پيا لاتيون
    ٻوڙيون هجن يا ٻاتيون، ظاهر سڀئي ذاتيون،
    توتي پڙهن صلواتون، ننڊ جاڳ ۾ چون نعتون
    ڏاتر ڏنيون ٿن ڏاتيون، تن ۾ اوهانجون تاتيون
    تنهنجي جهلڪ پسڻ لاءِ جانب سائين جيت جرند پائن جهاتيون
    هر پکي پکڻ کي پيارا پرين ٿو ٻوليون ڪندي مان به ٻڌان

    ڪوئل سندي ڪوڪار ۾، ٻا ٻيهي جي پڪار ۾
    جهرڪين واري جهونگار ۾، طوطن جي تنوار ۾
    هر موسم ۽ ملهار ۾، چيٽ ڪتي ۽ بهار ۾
    ڇنڇر آچر سومار ۾ هر ڏينهن ۽ هر وار ۾
    رات واندي ناه ڪا، پئي گذري اوهانکي پڪار ۾،
    تنهنجي واکاڻ واحد ڪئي آ اڻکٽ صفا عيان.

    جهڙ بادل برسات ۾، کنوڻن سندي تجلات ۾،
    هر ماڙي ۽ محلات ۾، جبل ٻيلي جهنگلات ۾
    معجزي ڪرامات ۾، هر قوم ۽ هر ذات ۾
    مصروف تنهنجي نعت ۾، اسر آڌي پر ڀات ۾،
    وجود واندو ناهي ڪو آ سدائين تنهنجي صلوات ۾،
    ڪانهي تارازي ڪا هتي جو مٺڙا تنهنجي صفت مَيان

    هر مؤمن جي من ۾، جانور ملائڪ جن ۾
    ڪڙڪاٽ پاڻي ڪُن ۾، ڪُمي ڪڇون واڳن ۾،
    آ سڪ سدائين سينن ۾، شاعرن ۽ سگهڙن ۾،
    ٿا بيان ڪن بيتن ۾، نعت سينگار ۽ ڏهسن ۾.
    تنهنجو شان اتم سائينءَ ڪيو سوا لک نبين ۾،
    تنهنجي امتي ٿيڻ لاءِ اڳيان نبي دعائون گهرندا ويا.

    تنهنجي رحمت نيڪ نرالي آ، تنهنجي سخاوت سهڻا سلالي آ،
    تنهنجي محبت مٺڙا مثالي آ، تڏهن ته “ارشاد” تو در سوالي آ،
    ائين مديني پهچڻ محالي آ، جيسين تنهنجي ڀال سندي نه ڀالي آ،
    هتي بره ڪئي بدحالي آ ٻي “عرضائي” جي نه ڪا اعمالي آ،
    تون سهڻو نبي سرتاج پرين تڏهن ته ڪامل چئي مون قوالي آ،
    قربان تنهنجي قدمن تان مٺا مان مسڪين ڇو نه ٿيان.

    سرائڪي زبان ۾ سينگار

    ڪيا تعريف ڪران سهڻي سرور دي جنهن دا افضل اعليٰ شان اي
    جنهن دي ڪيتي رب ني جوڙِيا جملي ڪل جهان اي.

    سڀ نبيان دا بڻ سلطان آيا، اسان امت تي ڪرڻ احسان آيا
    ڪمزور قافلي دا ڪاروان آيا ٻوليندڙ اسان ڏي قرآن آيا،
    عزت احترام سڻاوڻ اسانڏي آيا فيض ڀريا فرقان اي،

    امام الانبياءَ تي ختم المرسلين هي، شافع محشر تي سيد الثقلين هي
    قرت العين تي راحت العاشقين هي نان محمّد صه تي لقب صادق امين هي،
    ڪانهي طاقت زبان و قلم ڪون بيحد باليٰ بيان اي،

    والضحيٰ واليل دا قسم چاوي، نيڪي ڪرڻ وچ من ڪونه پيا ڍاوي
    حضرت موسيٰ نان پيا طور تي الاوي، اپڻي محبوب ڪونه پيا عرش منگواوي
    اٺاره سال رهيا اٿان موليٰ ميزبان تي محبوب مهمان اي

    مزمل مدثر دي پاندا پوشاڪ اي، مالڪ ڪوثر تي والي لولاڪ اي بلند بالا برتر عربي دا اخلاق اي، پکي جيت انسان هجر شجر مشتاق اي عطر مشڪ عمبر بي آڪي، منگدي اٿان دان اي،

    جڏان سمجهه آئي سڻيا مين نان اي، تڏاڪون رکيا مين حبيب وچ هان اي
    محبوب منور ميڏا شافي ڇپر ڇان اي، “عرضائي” احمد دا سگهڙ ثنا خوان اي
    ديدار درشن جي ٿي وڃي، پڇي “ارشاد” تي ٻهون احسان اي

    سينگار

    انبيائن جا امام تو تي صلواتون سلام رسول رهبر تون آن
    نور منور خدا جو دلبر ظهور اظهار ظاهر تون آن

    آيو اسلام توتي، الله جو ڪلام توتي، وري مٺو نام تو تي
    تون راحم رکوال، لوڪ لڄپال، هڏ ڏوکي هر حال
    تون بر تر بالا عظيم اعليٰ توتي نوا نوي نالا
    اول آخر تون آن، انبيائن.......

    تون مزمل ۽ مدثر، تنهنجي هٿ ڪوثر،
    تنهنجي گفتگو مؤثر ٻڌي تنهنجو ڪلام،
    ٿيو هر هڪ غلام تنهنجو مٿاهون مقام
    وئين معراج تون، منير سراج تون، ٺاهيو سماج تون
    ڪندڙ دلين تي اثر تون آن انبيائن......

    تون حَسنَين جو نانو، خاطر تنهنجي خزانو هي ڪائنات ڪارخانو
    تون احمد عربي، جن و بشر جو نبي، توتي راَض آ ربي
    پنجئي رڪن پورا ٿين، توکي مومن مڃن
    جو ڪرم ڪڪر تون آن، انبيائن......

    بينظير بات تنهنجي، مولا سان ملاقات تنهنجي، افضل درجات تنهنجي
    تون آقاءِ نامدار، سردارن سردار، تون احسن با اختيار
    معصوم تون، مخدوم تون، عالم العلوم تون،
    اجمل اڪمل اطهر تون آن، انبيائن.....

    انبيائن اختتام توتي، عاشق عوام توتي هي نازل نظام توتي،
    حبيب تون طبيب تون، قريب تون، خاصو خطيب تون
    مڪو مدينو تنهنجو هر هڪ مهينو تنهنجو خدائي خزينو تنهنجو
    شافع محشر تون آ، انبيائن.......

    هيءَ ساري خدائي، خدا تو لئه بنائي، تنهنجي سڪ سوائي، سيني اندر سمائي
    مٺا محب ماهي تون ولهين جو واهي، تنهنجو شان شاهي
    هن بشر کان بهتر تون آن، انبيائن........

    تنهنجا ٿورا، سائين سمورا اسين اڌورا، ڇنا ڇورا،
    تنهنجا ڪرم، آهن، اتم، سهڻا صنم، ڏوري ڏٺم
    تون رحمت اللعالمين، سيد الثقلين، محب المساڪين
    هردم هر هر تون آن، انبيائن،.......

    سدا ذڪر تنهنجو ڪري هجرو شجر تنهنجو، جن و بشر تنهنجو ڪري پاڪ پرور تنهنجو
    تنهنجي ثنا، پئي ڪري دنيا نه پون پورا پنا، اسين ته ڪوجها ڪنا
    لکئون ڇا طاقت نه ڪا، اي ماهِ لقا
    بس “عرضائي” آڌرتون آن.

    سينگار بنا نقطي

    مرسل ملوڪ سدا مُدا سهڻو سرور سردار آ،
    عالم آسرو اصل ادا احمد وارو هر وار آ،
    مُحمّدُالرَّسول اللهﷺ دائم ما ڪ معطر مَهَڪار آ،
    گڻ گهڻا گوهر سدا ڪس کائڻ ڪردار آ،
    لَکَ لَکَ گهمرا دورد و سلام موڪلڻ حڪم الله سرڪار آ،
    دلدار ڪمال مددگار آ، اول و الوداع وار “عرضائي” ادا.

    همسر مَ ڪو مرسل، اڪرم اطهر مُحَمَّدُﷺ آ،
    گل گوهر گهڻو ڪَمِ آ سهڻو سراسر مُحَمَّدُﷺ آ،
    راحم رکوال محد لحد، و در گهر مُحَمَّدُﷺ آ،
    آهم سهارو مرسل وارو اصل آهر مُحَمَّدُﷺ آ،
    ڪل عالم سرا ڪامل ڪرم ڪڪر مُحَمَّدُﷺ آ،
    سوا سهڻل مَ ڪو ڪَمُ آ اسم دل هر هر مُحَمَّدُﷺ آ،
    مڪمل عمر ساراه لِکُ، مگر اعليٰ امر مُحَمَّدُﷺ آ،
    موڪل درود و سلام صد وار مُسلم، سهڻو سرور مُحمَّدُﷺ آ،
    دلدار دلاور مُحَمّدُﷺ آ، آ سهڻل سام “عرضائي” الا.

    سينگار

    سونهن منهنجي سڄڻ جي آ سڀ نبين کان سلالي
    عاشق احمد ڄام تي آهي مخلوق سڄي متوالي
    ڪيئي رنڱجي ويا رهبر وٽان، جي آيا سڄڻ درسوالي
    تن مان تور ڪري تڪ ٿو ڪيان اها خاص خبر في الحالي
    رڳو پگهرُ ڦڙِيءَ مان پُرُ ٿي ويا نه ته خوشبوءِ کان هيا خالي
    ٿين عنايت عربيءَ جي جو ملي مفت وئي اٿن مالي
    گلاب گونٽو ست گلو، آئي کٽڻهار وٽ خوشحالي
    موتي مکڙيا، موتيو، مُگرو ٿي نرگس ناز بوءِ نرالي
    ارنا، مريم، عباسي، طاهل تڪما، مٽائي چندن انالي چالي
    چمپا، چنبيلي، ٺوٺا، ٺامل ٿي رابيل، راڻيءَ جي رکوالي
    زنگي، زعفران، رتن جوت، کيرو، حقيقو ٿيا ڪنول گل ڪمالي
    سورج، انار، شرم ٻوٽي جي ناهي ڪا “ارشاد علي” ايصالي
    بَسِ ان ڀورل جي آ ڀالي، هن عالم سڄي تي “عرضائي” چوي

    سينگار

    راوي هن راڄ ۾ ٿا رهن هر هنڌ هزار،
    جن ڪئي آ صفت سهڻي جي وقت هر وار،
    مون به ٻه ٽي لفظ ٻاتڙا ڪيا هن شعر ۾ شمار،
    ڀلي ڪو سامهون اچي سڄڻ جي سورنهن ڪري سينگار
    ته مدهوش ٿي منٽ ۾ ڪرندو هيٺ وڃي هيڪار
    ڇو ته سهڻا منهنجي سڄڻ جا آهن زلف زريدار
    ڪاڪل ڪيس ڪارا وڌ رجني کان وار،
    پيشاني پرين جي ڏي چنڊ کان وڌ چمڪار،
    رُخ انور تان هٽي پردو ته ڇُپي چيءَ شاهڪار
    پسي عين عجيب جا هرڻن کاڌي هار
    سياه ابرو سهڻل جا ڇا پڄن ابر بهار
    اک ڇنڀڻ به ائين لڳي ڄڻ کنوڻ ڪري کجڪار
    نڪ سهڻو نرمل آ شبيهه ۾ شاندار،
    ڇا چهنب چتون آ ثاني نوز سردار
    هلڻ ڏسي حبيب جو ڇڏيا ايليفنٽ الغار
    گينور هينڊل گينڊل وڃي فيل ڪيا ڦهڪار
    هرني ڏٺي هلت ته روڪي هاٿي پنهنجي رفتار
    وارڻ وسو ويرم ۾ ڇڏيا چينچل اتي چار
    مان ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻيان پرين سندا پار
    ڇو ته ثنا منهنجي ساجن جي ڪئي جهان کان اڳ جبار
    آهيون عربيءَ جي آڌار، اسان سڀ “عرضائي” چوي

    ڏهس سينگار (رات جا 10 نالا)

    احسان الله جا الاهي آهن ڇا شعر ۾ ڪجن شمار
    هڪ ته ڪيائين امتي عربي گهوٽ جو ٻيو نور، صحت، عزت، عظمت ڌار
    ڪري رب عنايت راڄ تي ڏنائين پيغمبرن جو پڳدار
    ڇا ڀيٽ ڪجي نه برابر آ چوڏس ماه چمڪار
    ربيع الاول ۾ رهبر آيو جڏهن ٻارنهن سومر وار
    ته آمد وقت عجيبن جي نه هئي ڪا تامني رجني تار
    نه نظر اتي نائيٽ آئي نه تُڳي هئي ڪا تُلهيار
    پسي روشن رخ رهبر جو ٿي ڀنڀ رڀن بيڪار
    لمحا مٽي ليل وئي کائي هڪدم حُسن کان هار
    ٿيو تجلو تاب پرين جو جڏهن نور اُتي نروار
    ته ويو رات منجهان ڏينهن ٿي نه رهي اونده انڌوڪار
    شيءِ ڪنهن نه شب ڏٺي جي هيا سنسار ۾ سهدار
    جيت پکي جانور ٿيا هر روزي لاءِ هوشيار
    ويا ڏک ڏولاوا ڏوجهرا ٿيا سڄڻ آئي سڪار
    اول آخر آڌار آ، اسان کي به احمد ڄام جو “عرضائي” چوي.
    ٻٽو ڏهس (وارن ۽ نانگن جا نالا)
    ڪريا ڪاڪل ڪارا ڪلهن تي ڄڻ نڪتا قبضي مان ڪاريهر
    واڇرا تليهر وسيهر ڇا پڄن سپ سسيهر
    نه مٽ ڪوبرا موءِ محبوب جي جي کولي ٻهڳڻ وار ٻيهر
    ڇتا شاهي ڇڙي پون ته نه پڄن واسينگن جا ور
    ڀنڀا ڀوئنر ڀورل جا ڏسي نه آيا آڏو اليهر
    پسي ڪڪڙال ڪٽونب ڪامل جا ڇا اُڳ ڪن اُلر
    هر کائي ڇڏين ٿا حقيقت ۾ آهن زلف ڇلڙا زيبا ور
    وجهي دام دلبر، آ”عرضائي” کي اسير ڪيو.


    گل محمد چنجڻي

    نالو: گل محمد
    پيءُ جو نالو: فقير دريا خان
    ذات: چنجڻي
    پيدائش: پهرين جنوري 1971ع
    تعليم: چار درجا
    پيشو: مزدوري
    سگهڙائپ جي شروعات: 1990ع
    استاد: محمد لقمان کوکر
    ڪتاب: گفتا گُل “گل محمد” جا
    پتو: ڳوٺ ميان داد چنجڻي لڳ نصيرآباد ضلعو قمبر شهداد ڪوٽ

    سينگار ڏهس (وارن تي)

    پَسي مُوءِ محبوب جا نه ڪاريهر کڻن ڪِرِ
    ڏسي ڪاڪل ڪلهن تي واسينگن ڪڍيا وَرَ
    وارن دل تي وار ڪيا هيڪاندا ته هر هر
    زلفن جَي زنجير کان بچي ڇا بَشرَ
    قلمن قابو ڪيو ٿيو عاشقن تي ئي اثر
    ڇلڙا ڇتڙا ونگ وجهن پيا سامهون سَرا سَرَ
    گيسو ڏسي گس تي ڇڏيو پرواز پاليهر
    بَمڀا ڀؤنر بدن تي پيا چليو ڏين چَڪرَ
    ڏسي ڪمال ڪيسن جو وڃي ڏُنٽي لِڪَي ڏر
    سياهه به سوگها ٿِيڙا فيراڪُنَ منجهه فِڪِر
    ڦُٺَهَن جِي ڦڙ ڦڙ تي ڪُٺا ڪا شيگر
    بس ڪجي ڇا ذِڪِر انهن چَيڙا ڪَن جو “چنجڻي” چئي

    سينگار ڏهس (اکين تي سرائڪي)

    اکيان تيڏيان وڌ تير تکيان هِن واهه جو ڪرينديان وار پرين
    اعز اِشاري نه اڌ ڪرينديان ڪيئي ڌڙ سِسِي ڪان ڌار پرين
    اِسَترگيان دي هن تير وڏي ڪيا سگهڙ ڪري ته شُمار پرين
    ڪيفيان دا ڪيا ڪمال ڏسان واهه جوڙي جوڙ جبار پرين
    هي عَينان دا انصاف وڏا رُڳا هني ڪُهڻ والي ڪار پرين
    ڏک ته اڳي ئي ڏاڍي هن ول ديدان ڏکائي ڌار پرين
    ڇَمان انهان شينهن جهڪائي هي هرڻان کاڌي هار پرين
    کن برابر خون ڪريندي طرح طرح تقرار پرين
    ڪجليان هِنَ ڪيس ڪتي بيٺي مارِن بازار پرين
    انهي اک وچ جنهن اک گهتي اُو وَل نه ويندا ٻيهار پرين
    سڀ مرضيان دا مختيار پرين اَي ڏَي چاڪ نه ڏي “چنجڻي” آکي


    رحيم بخش ڏهوٽ

    رحيم بخش ڏهوٽ سندس والد ڌڻي بخش ڏهوٽ جي گهر ۾ 29-02-1969ع تي ڳوٺ گهو گهاري تعلقي قمبر علي خان ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو. هُن ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ شاعري شروع ڪئي. هُن اڄ تائين جيترو لکيو آهي، ان بابت سندس چوڻ آهي ته “اٽڪل ڇهه ست ڪتاب ٿي ويندا انهن مان هڪ ڪتاب چونڊي ڇپرائڻ لاءِ تيار ڪيو آهي. جيڪو سُتت ئي ڇپجي ويندو.”
    هو سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي به فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو، سندس پهريون پروگرام پاڪستان ٽيليويزن تي 1984ع ۾ ٿيو، ان کان پوءِ 1985ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پنهنجو فن پيش ڪيائين.
    هن فن جي تربيت پنهنجي والد صاحب کانسواءِ نالي واري سگهڙ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کان پڻ ورتي. سندس پيءُ ڌڻي بخش ڏهوٽ پنهنجيءَ اوطاق تي ڪچهريون ڪرائيندو آهي، جتي سنڌ جا ڀلوڙ سگهڙ اچي گڏ ٿيندا آهن. انهن ڪچهرين به رحيم بخش جي وڏي تربيت ڪئي. پنهنجيءَ محنت ۽ والد صاحب جي دعائن سان وڏو نالو ڪڍيو اٿائين کيس مڃتا ۾ مختلف ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو؛
    (1) تنظيم فڪرو نظر سنڌ پاران پاڪستان جي صدر هٿان شيلڊ 1986ع
    (2) پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ايوارڊ
    (3) قلندر شهباز ايوارڊ
    (4) استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ
    (5) سهڻي ميهار ايوارڊ
    (6) ٻيڙو فقير ڪنڀار ايوارڊ
    رحيم بخش ڏهوٽ جي ڏات مان چونڊ سينگار شاعري ڏجي ٿي.

    سينگار

    صورت پاڪ سڄڻ جي، ڪيو ديو مٿان داءُ
    مرڪڻ ساڻ محبوب جي، سن سڪي ويو ساءُ
    سورج سائين سردار کان، ڪري بادل منجهه بچاءُ
    شمس گهڻو ششدر ٿيو، تجلو نه آڻي تاءُ
    خُديءَ ساڻ خورشيد تون، اڀري مٿي نه آءُ
    لڪوارن عجيب کان، ڏهوٽ ڪري ڏهڪاءُ
    سامهون سج سختيءَ سان، روشن ڪري رانڀاءُ
    مٿان پاڪ محبوب جي، نه واڪا ڪري واءُ
    تون به اهڙي در مٿي آءُ، ته لڳئي رنگ “رحيم بخش” چئي

    سينگار جو بيت (تجنيس حرفي)

    هرجا هاڪ حسن جي، ٿي هير هلي هولي
    مرڪڻ ساڻ محبوب جي، ڪئي چيهاڙين چولي
    دُرّ عَدن دل پاڪ ڪئي، مون جڏي جي جهولي
    پر اڃان ديد اتامري، خاص پرين کولي
    آهو عين عجيب جي، رمزن دل رولي
    رنگا رنگي باغ برنگي، بلبل ٿي وئي ڀولي
    چتون مئنا چاند چڪوري، ٻاٻيهن ٻولي
    ڏوڏر ڏاڙهون “ڏهوٽ” چوي، گوهر مان گهولي
    وس وسيهر ويچارا ٿي، ٿي گنير ويا گولي
    ڍرڪي ويئي ڍولي، اها رات به “رحيم بخش” چئي


    مولا بخش شيدي

    سگهڙ مولا بخش ولد علي شير شيدي جي پيدائش 1964ع ۾ ٿي سگهڙائپ جو فن مشهور سگهڙ غلام قادر ڀٽو جي صحبت ۾ اچي سکيائين، پاڻ پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪري ٿو. هن وقت لالو رائنڪ تعلقه وارهه ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي.

    سينگار

    آيو عربي نه هيس ڪا ڪمي سينگار ۾
    سر وقد را تنهنجو حسن تکو آ تلوار کان
    خاص کنوڻن بس ڪئي تو دادلي دلدار کان
    ڪارا ڪيس تنهنجا ڪاريهرن وَر هنيا وار کان
    عين نين عجيب آهن وڌ جوڙ جنسار کان
    چپ تنهن جا چين پرين نڪ نازڪي نروار کان
    منهن مک مهتاب جو سو ڀاڱي گلو گلزار کان
    خوبي خوب مليس هميشه پرين جي پار کان
    حوران حيران ٿيون اتي تنهنجي دلبر ديدار کان
    عربي منهنجو عرض اگهايو پارس ڪيم پڪار کان
    ملندي معافي مولا بخش محب مٺي منٺار کان
    قربائتي قربدار کان ٿيندي شفا شيدي چوي.


    دادو ضلعي جا سگهڙ

    امداد علي ٻٻر

    امداد علي ولد غلام حيدر ٻٻر ڳوٺ آدم خان ٻٻر ۾ 2 فيبروري 1955ع ڌاري ڄائو پاڻ ننڍي عمر کان سگهڙ پائي جي ميدان ۾ آيو سندس استاد سگهڙ حاجي خدا بخش مشوري جنهن جي سگهڙائپ جا سبق 1975ع ۾ پرايائين، لوڪ ادب جي سمورين صنفن تي عبور حاصل ڪندڙ هن سگهڙ ٽي وي ۽ ريڊيو تي پاڻ مڃائڻ کان سواءِ کوڙ سارا ايوارڊ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن. اڄ ڪلهه ٻٻر محلو خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ رهي ٿو.

    سينگار بنا نقطي

    آءُ احمد مور مرسل محمد مهدار،
    ڪر ڪو ڪرم ڪامل ڪاهه ڪر ڪلدار،
    عود عطر احمدا دل دام ۾ دلدار،
    رس رسول الله ڪر رحم سالڪ سو سردار
    ڪر آمد اعليٰ وار اهو ڪو وار
    اهو اعليٰ اسرار آءُ محمد مددگار
    لعل اها للڪار “امداد” آ امدا اهو

    سينگار

    مهر ڪر مالڪ مون تي جو محب اٿئي منٺار سڄڻ
    جوڙ ڪري تنهن جانب کي سڀ سائين ڏنا سينگار سڄڻ،
    جو نامور نورالهديٰ سونبي ڪيئي نروار سڄڻ.
    حق حامد، حاشر، حبيب حامي ٿي هڪ وار سڄڻ.
    حُجت حجازي هاشميءَ سو حريص ٿي هموار سڄڻ.
    حٰمٓ حبيب هادي ڏئي هروار سڄڻ
    تنهن تاج ڌڻي تونگر جا آهيون طالب گهڻا طلبگار سڄڻ.
    قائم ڪليمُ قاسمُ قريشيءَ داع دلبر جو دلدار سڄڻ
    صادِقُ سابِقُ سراج سو سيد آ سردار سڄڻ،
    جوادُ جاني خاتم خليل ڪئي خطيب جي کيڪار سڄڻ،
    نور نبي ناطِقُ، ناصر، نظير خاطر نهار سڄڻ
    لائق ناهيان لطف ٿئي، مون بيحد آهيان بدڪار سڄڻ.
    جو بارُ، بُرهانُ، باطِنُ، بشيرُ جو بيشڪ آ بردبار سڄڻ
    رحم ڪر رئوف واعظ ڪري وريام سو ويچار سڄڻ
    آ وَليُ، اُميُ، عامِرُ، امام، اول، آخر عجيب آ اظهار سڄڻ،
    شهيدُ شيع، شاف، شڪور، توڪل، طٰهٰ جي آتار سڄڻ.
    احمد، عربي، عزيز، عالم، ياسين، يتيمُ يقيني آ يار سڄڻ
    مُبينُ، مَهدي، منقيءٰ، مُطهر، منصور ڪئي مومن هٿ مُهار سڄڻ
    منيرُ، مزمل، مُدثِرُ، مصطفيٰ، مرتضيٰ ڪيئي مڙني سو مختيار سڄڻ.
    مُحلل محرمُ، مُڪيءَ، مُبلغُ آمدني سو ميهار سڄڻ.
    اسان اڙين جو “امداد” چوي اِهو عجب آ آڌار سڄڻ
    سنگت سوڌو سلامي ٿيان، تنهن دلبر جي دربار سڄڻ
    بُراين ۾ ڀرپور آهيون، اسين بندا سڀ بيڪار سڄڻ.
    تون پرور پالڻهار سڄڻ، ڪر ٻيڙو پار “ٻٻر” جو

    سينگار

    ساراهه ڪجي تنهن سائين جي جو آ پاڪ ڌڻي پرور
    ڪري محمد مڪائين اسان اڙين جي آڌر
    عربي ڄام اصل کان هي ڇورن جو ته ڇپر
    ڇا عقل اِتي ڪم ڪري سوچ ڪجي سراسر
    ڇا شان عربي ڄام جو ڪري بندو بات بشر
    حيرت ۾ حوران پيون ٻيا جن ۽ جيت جناور
    اچڻ ساڻ عجيب جي ٿئي نازڪ جي ته نظر
    تجليءَ سان طور تي ٿيو هو موسيٰ به منتظر
    وري حضرت آدم جو ٿيو بهشت وڃڻ ٻيهر
    مليس معافي محب خاطر جو ٺريس جان جگر
    حضرت نوح نبي لاءِ نروار ٿيو، بيحد هُوته بحر
    يعقوب کي يُوسف مليو ٿيس اکين جو ته اُجر
    حضرت ايوب کي عطا ٿيو، هو واقعي واهه صبر
    اول عيسيٰ نبي ويوپينگهي ۾ ڪري بات بهتر
    حضرت يونس پيٽ مڇيءَ ۾ پيو پڪاري هِن پر
    هاڻ مدد مرسل مڙني ڪامل اچي ڪاڪر
    سڀ سڻايون صاحب ڪيون اجهو ڏئي انور
    طفيلي تنهن تاجدار جي ٿيندو موچارو محشر
    ٻهونُ ٻاجهون “ٻٻر” چوي هِن عجيب جون انڇر
    ڪندو ماڙ مسڪينن تي ڪو وريام ڏئي وَر
    جنهن لڳاسين لام لالڻ جي سو ڪندو مور مهر
    اسين گدلا گداگر آهيون تنهن عجيب جا “امداد” چوي

    سينگار

    ٿلهه؛ حسن وارا هلي آيا ڪٺا ٿي ڪل قطارن ۾
    مگر محبوب هُت منهنجو هيو پردن پيارن ۾

    متو ميلو حسينن جو سري بازار حد ٿي وئي
    ڪٺا ٿي ڪل ڪري آيا سڀئي سينگار حد ٿي وئي
    ٺهي سي ٺيڪ ٿي بيٺا ترتئون تيار حد ٿي وئي
    ڪانه هئي ڪا ڪمي ڪنهن ۾ وڌيو وهنوار حد ٿي وئي
    پاڻهي پئجي ويا سڀئي سودائن جي سيپارن ۾

    جي کڄي هئين خان جو پئي هاڪو نقاب نوراني،
    ته سُڪائي ها ستارن کي ۽ فلڪن کي فريشاني،
    اهو اچڻ به افضل آ آيو جئين منهنجي جو جاني،
    جلي ها طور جان جهان ڦنا ٿئي ها صفا فاني،
    اهو پاور ٿئي پياري کي هلايو جنهن هزارن ۾

    ڏسي محبوب منهنجي کي حسن وارا چپ ٿي ويا
    نوح نبي ۽ يونس يعقوب يوسف پارا چپ ٿي ويا
    آدم کان وٺي عيسيٰ تائين سليمان سارا چپ ٿي ويا
    جهڪيا جڏ سج ۽ چنڊ ڀي سڀ ستارا چپ ٿي ويا
    محبت جي ميخ لڳي وَيَن تن من جي ڪاتارن ۾

    هيبت مان هڙئي هلي ڪري ڪلام جهڪي پيا
    پياري تي پڙهي صلوات سلام جهڪي پيا
    وٺي هو ويهي رهيا ته مزمل نام جهڪي پيا
    هر ويلي اسر آڌي صبح شام جهڪي پيا
    اسم اهو پچائي هو ويهي رهيا ويچارن ۾

    ڪرم ٿيو آ قيامت تائين قرب ڪمائي وينداسين
    نازڪ نور نرمل سان نينهن نڀائي وينداسين
    “ٻٻر” ٻاجهه ٻهڳڻ جي آ ٻول ٻڌائي وينداسين
    انشاءَ الله “امداد” چوي اسين آڳ اُجهائي وينداسين
    خوش ٿيو خير پورائي چوي هونداسين حبدارن ۾

    سينگار

    قربان ٿياهي قمر يارو، نال اشاري آياهي،
    مُرڪ ڪيتي محبوب جڏهن ته رين ڀي روپ مٽايا هي

    ڇوهه چون ڇلڙي مارن ولڙي سرمائي سرڪار ڏٺم
    اي جاڙي ابرو جانب دي سيفي سي سٽڪار ڏٺم
    چشم نشيلي چاوڻ نال ول پنبڻيان پهريدار ڏٺم
    ڪر پُر پيالي پيار چون ڏيندا ترت اهي سي تيار ڏٺم
    جڏان ديدان مليا دلبر نان ته هوش مُئين ڪنون موڪلايا هي

    خاشا خشم خان ميڏي دا افضل جوڙ جبار ڪيتا
    ول عاشق گل عباسي ڪون چا لعل لبان لاچار ڪيتا
    زيب زرا سن ظاهر ٿيا وڃ دڌ درين دڌڪار ڪيتا
    نان چارا چليا چنڊ دا يارو چهري چا چمڪار ڪيتا
    موسيٰ نبي مدهوش جو ٿي اڳيان پردهه هڪ هٽايا هي

    دست مبارڪ دلبر دي دربار داتا دي ويندي هن
    اڙيان اهن اٻوجهان دي ڪل معاف خطا ڪر ويندي هن.
    راهه رليان ڪون رسدا رهبر ڏي پيار پرين ته پليندي هن
    منظور ڪريندا سڀ ڪجهه مولا جڏ عربي آپ اليندي هن
    بدن ميڏا ڀرپور ٿيا مئين جشن جام منايا هي

    ڪر ٻاجهه “ٻٻر” تي واحد لڳ جي ول پووي
    افضل اي “امداد” ٿيوي جو هيڪر هوت هل پووي
    اڱڻ ڀي آباد ٿيون، جو ماهي مئين نال مل پووي
    قربان ٿيو ان تنها قد مان تون جو بخت شفا دا کل پووي
    رحم ٿيوي ريجهپو رائي اتي جنهن پاند ڳچي ڳل پايا هي


    محبوب علي ڏيپر

    نالو محبوب علي عرف محبوب ڏيپر
    پيءُ جو نالو محمد صادق ڏيپر
    جنم جو هنڌ ڳوٺ قادر بخش ڏيپر
    جنم جي تاريخ 14 آگسٽ 1947ع
    ڪاروبار هارپو
    شاعري جي شروعات 1980ع
    تعليم سنڌي پنج درجا پاس
    ادبي استاد مرحوم استاد اسحاق راهي
    ڇپيل ڪتاب 1. مٺا ٻول محبوب جا
    2. پنهنجي شاعري پنهنجو رنگ
    اڻ ڇپيل ڪتاب ڏهن کان ٻارهن تائين ٿيندا
    ايڊريس محبوب علي محبوب ڏيپر پوسٽ آفيس ميهڙ ضلع دادو

    سينگار بيت (ڏهس - اُٺن جا نالا)

    ڪرهي پسڻ ڪريم لئه، ڪنواٽ ڪيون ڪيهون
    ڍاٽي، ڍول حبيب لئه، واهه جو ڪيون ويهون
    مهري مست محبوب لئه، رڙي ڪيون ريهون
    گورو، توڏو، تات ۾ پيا گڏ اچن گيهون
    چاهه مان ليڙي، چانگي چيو، بودي ڪيئن بيهون
    پوءِ روڏي ڪيون ريهون، “ڏيپر” تنهن جي ڏسڻ لئه.

    صفاتي سينگار

    پَسي حُسن حبيب جو، هڙني کاڌي هار ميان
    مُرڪي محبوب سنواري رکيا، ڪارا ڪُلهن تي وار ميان
    ڏسڻ سان ڪري مست وڌا، مُرسل، ٻڍا ٻار ميان
    سونهن پرينءَ جي تي سُگهڙن آهن، سوين لکيا سينگار ميان
    هلڻ، مرڪڻ حبيب جي، حيران ڪيا ته هزار ميان
    ادلن، گدلن کي به آهن، خوب پنهل ڏنا پيار ميان
    عين عُقابي عجيب جون، ڀؤنر ڀِرون تلوار ميان
    ڏندڙا موتي مرجان تنهن جا، لب لال منٺار رُخسار ميان
    مولا ڏئي ڇڏيا مٺل کي، آهن سڀئي اختيار ميان
    محشر جي ڏينهن مدني لهندو، سڏي سڀ جي سار ميان
    چوڏس چنڊ کان چمڪي رهيا، وڌ پُنهل جا پيزار ميان
    سِر سُوڌا ڪجن صدقي، تنهن تان سارا هي سنسار ميان
    ڪهڙا ڏَسي ڪهڙا ڏسيان، توکي پُنهل جا پار ميان
    ڏاتر ڪرائيندو “محبوب ڏيپر” کي دم دم تنهنجا ديدار ميان.

    صفاتي سينگار

    نازڪ عين عجيب جي، ڪيئي ڪيا قِيسَ
    نٿو ڪير ڪري سگهي رابيل، به ان سان رِيسَ
    نماڻيون نهارڻ سان، ٿيون سوين ڪِيرن سِيسَ
    “محبوب” ناهي دنيا ۾، ڪو جوڙ تن جو جِيس
    اکين عين اليس، ڪيئي مست ڪري ڇڏيا.

    صفاتي سينگار

    مُرڪڻ ساڻ مست ڪري، وڌو محب مٺي منٺار عجب
    دلبر جي ديدن ۾ مون، ڏٺو اهڙو هو اسرار عجب
    ڪارا ڪلهن تي ڪيري رکيائين، واسينگ جهڙا وار عجب
    اکڙيون عين عجيب پرينءَ جون، نور ڀريون نروار عجب
    ڍايو ڍاپن، ڪين پرينءَ مان، عين عجب رُخسار عجب
    قدم قدم قربان ٿيان، کائي مور، هئينڊل ويا هار عجب
    چري ٿي پئي چاهه سندن ۾، نور پسي هڪ نار عجب
    لبڙا لال گلابي ۽، ڀؤنر ڀِرون تلوار عجب
    شمس، قمر به ٿي شڪي پيا، پَسي دلبر جو ديدار عجب
    سڀني وصفين سهڻو آقا، سوا لک جو سردار عجب
    ادلا، گدلا پنهنجي بلي سڀ کڻندو پرين پڳدار عجب
    ڪونه ڇڏيندو ڪنهن کي اڙيو، آهي ننگي ننگدار عجب
    ڇپر ڇورن جو ئي چوان مان، آهي يتيمن يار عجب
    درود و صلواتون، دلبر تي مان، ڇو نه پڙهان بار بار عجب
    بيشڪ سُهڻو حبيب هڙني کان، جوڙ ڪئي ته جبار عجب
    ماکي مصري کان وڌ مٺي، تنهن گوهر جي گُفتار عجب
    “محبوب ڏيپر” جهڙا ماڻهو حيران ڪيا ته هزار عجب.


    لاڙڪاڻي ضلعي جا سگهڙ

    ممتاز علي عباسي

    محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي ترتيب ڏنل ڪتاب ڪچهريءَ جا مور ۾ عباسي صاحب پنهنجي باري ۾ لکي ٿو ته: “منهنجو والد صاحب فقير محمد ملوڪ عباسي جيڪو سوين سگهڙن جو استاد هيو، ان جو هڪڙو پروگرام نوان جتوئين ۾ رکيل هيو، مان سندس شاگرد فقير محمد حسين شر وٽ ترسيل هيس، اتي سندس شاگرد رحمت الله عباسي وٺڻ آيو پوءِ اتان محمد حسين ۽ رحمت الله عباسي گڏجي آياسين.”
    “نوان جتوئين ۾ حاجن جانوريءَ وٽ پهتاسين ان جي والد صاحب سگهڙ گور جانوريءَ جي ورسي هئي ان پروگرام ۾ منهنجو والد صاحب اچڻو هيو، جيڪو نه اچي سگهيو. ان پروگرام جي صدارت مونکي ڏنائون ۽ پوءِ محمد حسين شر ۽ رحمت الله عباسيءَ چيو ته تون ڪجهه نه ڪجهه ٻڌاءِ. ان ڏينهن مون کي وڏو صدمو رسيو ته آئون آئينده جنهن به اسٽيج تي ايندس ته سگهڙ هوندس، پوءِ پنهنجي والد صاحب استاد محمد ملوڪ عباسيءَ کان سکيا ورتم، اهو 79 وارو دور هيو، ان کان پوءِ بابا پاڻ سان مونکي پروگرامن ۾ ساڻ وٺي ويندو هيو، پوءِ چاهي اهي پروگرام سرڪاري يا غير سرڪاري هجن، 1998ع ۾ والد صاحب بيمار ٿي پيو، سال جي پهرئين مهيني ۾ سندس طبيعت خراب ٿي پئي. ڇهه مهينا اسپتالن جا چڪر ڪاٽڻا پيا. آخر رات جو يارنهن لڳي 55 منٽن تي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. ان جي وفات کان پوءِ مونکي ڏاڍن ڏکين مرحلن مان گذرڻو پيو، سندس ڪجهه شاگردن وڏيون تڪليفون ڏنيون جن جي نالن کان ماڻهو ڪجهه با خبر آهن، منهنجي والد صاحب جي دعا هميشه مون سان گڏ آهي.” ان جي دعا سان مونکي ڪافي ايوارڊ مليا آهن.
    (1) ايران جي سفارت خاني پاران ڪراچيءَ ۾ ايوارڊ مليو،
    (2) سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي طرفان حضور سائينءَ جي شان جو ايوارڊ مليو، ٻئي ايوارڊ حضور سائينءَ جي شان ۾ مليا،
    (3) جلال کٽي ايوارڊ مليو،
    (4) قلندر شهباز شيلڊ ملي،
    (5) ان کان پوءِ ڪلهوڙا تنظيم جو ايوارڊ مليو.
    (6) پوءِ تنوير عباسي ايوارڊ مليو.
    (7) ان کان پوءِ قلندر شهباز ايوارڊ مليو.
    (8) 2011ع ۾ پاڪستان ليول تي P.T.V ايوارڊ مليو.
    (9) 2008ع ۾ دعوا اڪيڊمي اسلام آباد وارن ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏنو.
    (10) 2009ع ۾ ڪلهوڙا تنظيم پاران تاج پوشي ڪرائي وئي.
    (11) 2013ع ۾ سگهڙ فقير عبدالرحمان ايوارڊ ڏنو ويو.
    ان کان سواءِ سرٽيفڪيٽن جو ڪوبه اندازو ناهي.
    سگهڙ پائيءَ جي صنفن جي ڄاڻ رکان ٿو، سگهڙائپ جو مواد ٻن ڪتابن جيترو ٿيندو، وسيلا نه هجڻ ڪري ڪتاب نه ڇپرائي سگهيو آهيان. “لوڪ ادب جي حوالي سان چند سٽون:

    سينگار (سرائيڪي)

    قسم خدا دي سڄڻ اسان ڏي محبوب کاندا مهماني نت نشاني
    والي مئڏي ويڙهي آندا ڪهڙي ڪران قرباني مين مستاني
    لک لک صدقي ٿيوان جو عجب ڪيتي احسان در جاني
    شان مئڏا “ممتاز” هويا جڏان پسيم پاڪ پيشاني گوهر فيشاني
    راز ايجها رحمان ڪيتا وهوا صورت پاڪ سبحاني قسم رباني
    نام سڄڻ دا ورد وظيفا ول ول ذڪر رباني حمد حقاني
    ڪيهي وصف ڪران سو وار لکان سائين دلبر دان دشاني برحق باني
    وار وسيهر ڪندم ڪالي ابرو صنف ايراني ڪان ڪماني
    اکيان آهو ڀروان ڀالا! لبڙا لاک لاثاني مست جواني
    مٽ انهن دي نه ملدي ڪوئي حسن ماه ڪنعاني جگ وچ جاني


    محمد مٺل جهتيال

    سڄاڻ سگهڙ محمد مٺل جهتيال جي پيدائش ڳوٺ گاجي جهتيال ۾ تاريخ 7 جنوري سال 1959ع ۾ پنهنجي بابي علي نواز خان جهتيال جي ڪکائين صحن تي ٿي. پاڻ پرائمريءَ کان ئي وڌيڪ ذهين ۽ هوشيار رهيو. اڳتي هلي مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين.
    پاڻ 22 سالن جي عمر ۾ سنڌ جي سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسيءَ جي صحبت حاصل ڪيائين ۽ فيض سان فيضياب ٿي سگهڙائپ جي ميدان ۾ آيو ۽ پنهنجي استاد سان بربحر شهر توڙي ٻهراڙيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڪچهريون ڪيائين، سندس سگهڙائپ جي سفر ۾ سنڌ، سرحد (خيبرپختونخوا) پنجاب ۽ بلوچستان سميت ڀلي پار يعني مڪي پاڪ مديني شريف ۾ حقيقي محبوب جي حاضريءَ دوران به گڏ رهيو.
    پاڻ سگهڙ پائيءَ جي ميدان ۾ ڪيترائي وڏا ايوارڊ جن ۾ شهباز ايوارڊ، جلال کٽي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، سگا ايوارڊ، استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ، سميت ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيا اٿائين سندس پهريون ڪتاب (مٺل ماڳ وسن) 375 صفحن تي مشتمل سال 2000ع ۾ ڇپيو ان سواءِ سندس شاعري ۽ لوڪ ادب تي مشتمل ڪتاب (مٺا ٻول مٺل جا) ۽ انقلاب سان ڀريل قومي ڪتاب (ڪنڌ ڏنائون قوم تي) ڪن اڻٽر سببن ڪري شايع نه ٿي سگهيا.

    سينگار

    ڪارا قيس ڪلهن تي، ڀونرن لاتي ڀاڄ
    ڇنڀڻ شمشيرن، دهشت ۾ ڌڄراڄ
    ماڻهو ماس “مٺل” چوي، ٿي کنوڻ تنين کاڄ
    لاکيڻن جي لاڄ، جيئاري جيءُ “جهتيال” چوي.


    غلام شبير عباسي

    استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي پٽ غلام شبير کي سگهڙائپ جي سُتي گهر مان ئي پياري وئي، جتي هو 27-8-1973ع تي ڄائو، سگهڙائپ جي گهاٽن وڻن جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ غلام شبير کي ريڊيي، ٽي ويءَ ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ وڃڻ ۾ ڪابه ڏکيائي پيش نه آئي، هُن جي فن جي آبياري ٿيندي رهي. هُن کي مڃتا ۾ ڪيترائي ايوارڊ به ملي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي.
    جلال کٽي رحه ايوارڊ، شاعر شيرل باڊاهي ايوارڊ، قلندر شهباز ميلا ڪاميٽي جو بهترين سگهڙ سرٽيفڪيٽ، استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ، ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ ۽ ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ شامل آهن.

    ڏهس سينگار (اُٺ جا ڏهه نالا)

    پسي حُسن حبيب جو، اٺڙن جهليا اڳ
    ڪيمل ڪنڌ جهڪايو، جمل جلي جڳ
    توڏي تانگهه پرين جي، ڊوڙي ورتا دڳ
    نيش، گورا گسن تي ڪي ڍاٽي بڻيا ڍڳ
    مهري، ميا مڳ، پيا ڀرن ڇرڪ “شبير” چئي


    محمد صالح عباسي

    محمد صالح عباسي ولد غلام سرور عباسي 20-7-1977ع تي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، سگهڙائپ ۾ سندس استاد فقير محمد ملوڪ عباسي هو، سگهڙائپ ۾ 23 سالن کان مٿي عرصو گذاريو اٿائين، ريڊيي پاڪستان، پي ٽي وي، سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي وي ۽ سنڌ ثقافت کاتي جي ترتيب ڏنل مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺي چڪو آهي.

    سينگار

    وهوا حسن حبيب جو، ساري جڳ سرهاڻ
    مرڪڻ ساڻ محبوب جي، ٿي چوڌاري چانڊاڻ
    ماڻهن جنن ملائڪن ۾، هلي وڻ ٽڻ ۾ واکاڻ
    چاسينگر جيئان چمڪو ٿيو ڄڻ ٽري هلي ٽانڊاڻ
    تن کي ڪهڙي ڪاڻ، جن کي سڄڻ مليو “صالح” چئي


    روشن علي ڪوري

    روشن پيرل ڪوريءَ جي گهر ۾ 1962ع ۾ ڳوٺ بابل جروار ڏوڪريءَ ۾ اک کولي. هو پرائمري پاس آهي. مزدوري ڪري پيٽ پالي ٿو. سگهڙائپ ۾ سندس استاد محمد ملوڪ عباسي آهي، 35 سالن کان سندس سگهڙائپ جاري آهي. هو سڄيءَ سنڌ ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. مختلف تنظيمن پاران سرٽيفڪيٽ ۽ گولڊ ميڊل، شيلڊون ۽ ايوارڊ مليل اٿس، ٽي وي ۽ ريڊيي جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو رهي ٿو. سندس چواڻي هزارن جي انگ ۾ شعر لکيل اٿس، جن ۾ نعت، ڪافيون، غزل، آزاد نظم، سينگار، ڳجهارت، ڏٺ پرولي، ڏور بيت، هُنر، گرچيلو، اخلاقي بيت، پهاڪا عشقيه شعر، ڏهس ۽ ٽيهه اکري وغيره اچي وڃي ٿي.
    سينگار ساڳي لفظ سان

    سهڻي سانول صبح سويرو سونهن پسائي ساجن
    سرو سورج سامهون سڄڻي سرڪن سهڻاسن
    پٻ پاليهر پيش پاٻيهاپوپٽ پڄرن پن
    مرگها مينڊل مور مٺوئڙا موهيا ماهي من
    ڪاٿي ڪرنا ڪاٿي ڪوئل ڪاڏي ڪري ڪن
    جانب جلوي جهڄن جاني جنگ جوڙي جوڀن
    چاند چندورو چورُ چَچَورون چاهت چريا چن
    تڳي ترني تابع تجمل تيز تڙپائي تن
    رات رهي “روشن” راڻي رنگ رچايا

    ڏهس سينگار (اکين جا نالا)

    نور پرينءَ جي ناٿ نوايا اهڙو اکين هو ته اثر
    آئيز جي اشاري سان اچي اڳيان ڪريو ادگر
    نيڻ نماڻاعين کڻي پيو آهن تي انور
    نظر پهرئين سان نازڪ نهوڙي ويو مرگهن کي منور
    چشم چائي چٽ ڪري ويو ديدن سان دلبر
    کن خماري خاص کنيائين ڪيو هرڻن حل حشر
    شمع ساڻ شڪاري ڪري پيو سونهن ڀريو سرور
    ڪيفي ڪن پيون “ڪوري” چئي ڪجل ريءَ قهر
    ٿي زندگي زهر، جڏهن مٽيئين رُخ “روشن” چئي


    بخشل گاڏهي

    نالو؛ بخشل
    پيءُ جو نالو: بهادر
    ذات؛ گاڏهي
    ڄم جي تاريخ؛ 1960ع
    سگهڙائپ جو فن؛ ڏور ڳجهارت ڏٺ پرولي هنر گرچيلو هر فن
    سگهڙائپ ۾ استاد؛ پنهل گاڏهي
    هنڌ؛ ضلعو لاڙڪاڻو تعلقو ڏوڪري، نزد نادرا آفيس ڏوڪري

    سينگار

    لال گلابي لبڙا تنهنجا جيئن گلابي گل
    مٽ نه ڀانيان مرسل جي ڪائنات سڄي ۾ ڪُل
    ڪوئل ڪڇي ڪينڪي ڪي نه بات ڪري بلبل
    ثنا وڏي سردار جي ڇا ڀاءُ ٻڌائي “بخشل”
    سوناز ڀريو نرمل، ڪندو قرب ڪوجهن تي


    غلام رسول مڱريو

    غلام رسول جو تخلص “غلام” پيءُ جو نالو ميان فيض محمد مڱريو ۽ ڳوٺ ڪانپور تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو آهي. هُن ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ 1954ع ۾ جنم ورتو. پنج درجن تائين تعليم پرايائين، غربت سبب اڳتي نه پڙهي سگهيو. سگهڙ پائيءَ جو شوق ته کيس ننڍ پڻ کان هيو پر باقاعدي 1969ع کان شروعات پنهنجي پيءُ ۽ ناني شيخ محمد کان متاثر ٿي ڪيائين.
    ڀلوڙ سگهڙ فقير محمد ملوڪ عباسي کان متاثر ٿي شاگرديءَ جو سڳو ٻڌرايائين، اٽڪل هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿائين، ريڊيي، ٽي ويءَ تي فن پيش ڪري چڪو آهي. سندس ڳچ مواد ڪتابي صورت ۾ اچڻ لاءِ آتو آهي.

    سينگار

    هڪ عجب رنگ عجيب جو، ٻيو آهوءَ کان وڌ عين
    نرگس ناز ڇڏي ڏنو، ڏسي نازڪ جا هي نين
    وار واسينگن کان وڌ، وهواه، سُرِڪن پيا سين
    ڏني تجلي تيز تکي آ، واحد بي وِڄُ کين
    تنهن به تاب ڇڏي ڏنو هو، اوڏي مهل اُتينِ
    کولي جڏهن لبڙا لالي، محب پيو مرڪين
    ته ڇڏي چنڊ چاندني، وئي رنگ مٽي رين
    اٿي منهنجو محب مٿين، ٻيا ڪل آهن گهٽ “غلام” چئي

    سينگار

    جهڙو سڄڻ سهڻو سائين اُهڙا اٿس انگ
    وار واسينگن کان وڌ وهه واهه وجهن پيا ونگ
    ڀرون برسيل باغ برابر ڏور هڻن پيا ڏنگ
    اکين جي اشاري سان پئي مارين مير ملنگ
    جي مُرڪي پيو محبوب مٺو ته رات مٽي پئي رنگ
    ڇڏي شور ٿيا گهور پوءِ الاهي اڙ ٻنگ
    ٿيا عاشق لک پتنگ منهنجي گوهر مٿان “غلام” چئي.

    سينگار

    ٻڌل وار تنهنجي مٿي تان مٺا، خدا جو قسم جي کُلي ٿاپون
    ڪري نانگ ڪارا هي ماڻهون سڀئي، ڏسي ڀنڊ تنهنجا ڀُلي ٿا پون
    مڃي منٿ “غلام” منڱري جي مٺڙا، بنا پردي ٻاهر نه اچجان وري
    ڏسي سُونهن تنهنجي او ماهِ لقا، ڪئي راهه ويندا رُلي ٿا پون


    علي گوهر خاصخيلي

    بيت ۾ تعارف

    بسم الله جي برڪت سان، ٿو ڪريان بات بيان پرين
    تعارف ٻڌايان توهان کي، ٿو دوست ڌريو ڪجهه ڌيان پرين
    “علي گوهر” آ منهنجو نالو، غريباڻو گذران پرين
    والد وارث “غلام حيدر” آ بابا جُنگ جوان پرين
    خاصي ذات “خاصخيلي”، آ خدمت ۾ هان خان پرين
    “عباسي” استاد آ منهنجو، “ملوڪ” مير مهان پرين
    پوسٽ تعلقو “ڏوڪري”، آهي شهر منهنجو ذيشان پرين
    ضلعو منهنجو سهڻو سارو، “لاڙڪاڻو” لامڪان پرين
    هيءَ ڏات ڏني آ ڏاتر مون کي، سائين پاڪ سُبحان پرين
    ثنا ڪندو آهيان پاڪ پنجتن جي، مون تي آهن مهربان پرين
    اُهي ننگي نگهبان پرين، لاهيندا گم “گوهر” چئي.

    سينگار بيت

    ساجن صورت سَرس سلالي، فٽيا لک فقير
    بدن بخمل بالا بهتر، معطر مُوءِ منير
    ڪَرن ڦَل کان ڪيل ڪثر ٿيا، ماريا تو مهمير
    گوري گم ٿي، گوهر چئي، سرس ڀليري سير
    سُرکَنڊ سُوئي سَرها ڪيا، مَلي مُشڪ عَنبير
    هرڻ، مور، حيرت ۾، ببر، بيک، بَهير
    ڏيل ڏهيسر ڏونگر ڏڪيا، ڪيا زيب ظهير
    دلبر تنهنجي درشن جي، آ اندر منجهه اُڪير
    مون جهڙا محتاج پيا، ورن لک وزير
    مڙي توڏي مير، ٿا اچن کوڙ “خاصخيلي” چئي.

    سينگار بيت

    تون سڄڻ، تون سهڻو، نه محب تنهنجي ڪو مَٽُ
    مِرگهن کي محبوب تنهنجي، چشمن ڪيو چَٽُ
    اليهر تليهر، تڙپن پيا، جڏ ورائي وارن ڏئي وَٽُ
    گهمڻ تنهنجي گهوٽ گنوايا، ٿيو فيلن اندر ڦَٽُ
    ثاني نه سڄڻ ڀائيان، ڀلي پهري اچي ڪو پَٽُ
    صبح شام سهڻا ٿو، “گوهر” نهاري گَهٽُ
    نٿي قلب تان ڪَٽُ، خان آئي “خاصخيلي” چئي.

    سينگار بيت

    وهه واهه حُسن حبيب جو، ديد ٺاري درشن
    دارا سڪندر دلبر جي ٿا، قدمن منجهه ڪِرن
    جِنّ، ملا ئڪ، جانب آڏو، سئو سئو ڀيرا ڪن
    پيزار پرينءَ جي پيرن جي، حوران چاهه چُمن
    شمس، قمر به شان ڀريي جي، جهلڪ ڇا ته جهلن
    رين وڃي ٿي رنگ مٽي، جيئن محبوب ٿا مُرڪن
    دَشن منهنجي دلبر جا، عُمدا عميقن
    لبڙا پسيو لالڻ جا، ڇڏي گهرائي گُلن
    ڪَاڪُل ڏسي ڪريم جا، ناز ڇڏيو نانگن
    ڏِسيو مدني مُرسل اڳيان، سورهه سِرُ سَٽن
    هئينڊل، مئينڊل، هلت پسي، پيا هُتي شير ڇُپن
    ٻولي ٻُڌي ٻهڳڻ واري، بُلبُل ڇا ٻولن
    ڏنو آهي ڏاتر ڪيڏو، حُسن حبيبن
    “علي گوهر” تن عجيبن جا چارا پئي چُمجن
    شفا جا هٿ شان ڀريا، رهبر شال رکن
    “خاصخيلي” لک خادم ٿا، پرينءَ در پلجن
    آهي جن جو پيار پنجن، اهي اُڏيا عرش عظيم کان.

    سينگار بيت

    سڄڻ تنهنجي سونهن جي، جي ظاهر ڪري ذري
    لڳي حيرت حُسن وارن کي، پون ڏيل ڏري
    هنج، مور، هٽن، ٽُٽَن، مَڪنا پون مري
    گَنيَر، گؤٽا، گام ڇڏي ڀَوَنگ پون ڀُري
    زلف سياهه سڄڻ جا پيا، ڍولڻ مٿان ڍري
    ڇا ڪاريهر ڪَرَ کڻن، وارث اڳيان وري
    کولي منهنجي “خاصخيلي” چئي آ دَانَههَ دل دري
    لکي سينگار سُهڻي تي، ويندس توڙ تري
    اعمال ڪونهي اصلي مون ۾ آهي، اڳيان ڳالهه ڳري
    پرينءَ جي ته پيرن تي، اچي پوي حُور پري
    جاڪئي چاهه چري، سا گهٽ نه ٿيندي “گوهر” چئي.

    سينگار بيت

    صفت ثنا سڀ سائين جي، ڪيا پيدا پالڻهار
    سڀئي زمينون آسمان، ٻيا گل ڏسو گلزار
    گل ڦُل، ٻوٽا، ٽهڪن ٽاريون، واحد جي وڻڪار
    نديون، نارا، جبل، جايون، جوڙيا پاڻ جبار
    مال متارا، پکي پيارا، سڀ آگي جي اختيار
    آئي احمد صه، ڄام جي ٿي حورن ڇنا هار
    عرشن فرشن عربيءَ خاطر، سڀني ڪيا سينگار
    ايڏا قرب اسان تي، ڪيَڙا سائينءَ رب ستار
    ٻانهيون ٻانها، چون روزانا، لاٿا غم غفار
    حمد ٻڌائن، نعتون ڳائن، وادين تي وينجهار
    بُرا بيگانا، ڇاني ڇانان، پاڻ کنيا پڳدار
    “خاصخيلي” خادم کوڙ ڏٺا، مون مانجهيءَ در منٺار
    ادلن، گدلن، مون پارن جي سام کنئي سردار
    “گوهر” غم هزار، لالڻ آئي لهي ويا.


    غلام علي گاڏهي

    غلام علي ولد اميد علي گاڏهي جي پيدائش 1945ع دوران ٿي پاڻ 1980ع کان وٺي سگهڙائپ جي صف ۾ شامل ٿيو، استاد محمد ملوڪ عباسي ۽ محمد مٺل جهتيال جي شاگردي ماڻيندڙ ۽ پرائمري پاس هن سگهڙ پي ٽي وي پروگرامن سميت لاتعداد ڪچهريون ڪيون آهن ۽ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ماڻيا آهن، سگهڙ پائي ۾ ڪافيون ڏور ڳجهارت، سينگار بيت لکيا اٿائين. ضلع لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ويهڙ لڳ پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ آباد آهي.

    سينگار
    وهوا حسن حبيب جو ڏاهيون ڏين ڏس
    حورون پريون حيران ٿيون اتم سونهن سرس
    جبل جايون جرڪايون سڀ جانب کي آ جس
    اڪنڊ عربي ڄام جي “گاڏهي” وٺايو گس
    سڄي حياتي سڪندو وتان هاڻي پانهه کڻي پس
    مون ۾ عيب اتامرا تونگر ڪرترس
    مڙئي اسين مير اوهان جي وارث آهيون وس
    تنهنجي چاهت چس، ڏنا گنج “غلام علي” چوي


    الطاف حسين زهراڻي

    نالو؛ الطاف حسين زهراڻي جت
    پيءُ جو نالو؛ محمد ڇٽل زهراڻي
    ايڊريس؛ ضلعو لاڙڪاڻو، تعلقو ڏوڪري، واديءَ مهراڻ موئن جي دڙي جي ڪُک مان جنم وٺي 7 جنوري 1986ع ۾ ڳوٺ ڏني واهڻ ۾ پيدا ٿيو.
    سگهڙائپ والد طرفان ورثي ۾ مليس. پاڻ هڪ بهترين سگهڙ ۽ شاعر پڻ آهي شاعرن جي دنيا ۾ لوڪل فنڪارن ڪافي سارو ڳايو اٿس. جان پروڊڪشن، ڏوڪري به سندن ۽ هن جي پياري دوست راحب جي آهي نوجوان ڀلوڙ سگهڙن ۾ خواني جي جذبن ۾ وڏو نالو ڪمايو اٿس.
    پاڻ ريڊيو، ٽي وي ۽ شاهه لطيف قلندر ۽ ٻين ڪافي سارا پروگرام به ڪري چڪو آهي ۽ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ پڻ لاتعداد ماڻي چڪو آهي.

    ڏهس (رات جا ڏهه نالا)
    جئين ڪاري آهي رات ائين ڪيس عجيب جا ڪارا
    لڳي تامت تلهاري جيئن ڪارو ابر بهارا
    تمي پهپ تامني مس زلف سياهه سارا
    رات رين رجني ۾ ٿا چمڪن چنڊ ستارا
    مرڪ پسي محبوب جي ٿي ليل هڻي لامارا
    ڪلهن مٿان ڪريل آهن وارن جا هي ڄارا
    جيڪي ايندا ٿيندا ويندا دڙ سِسِين کان ڌارا
    پوءِ به ٽري ڪن ٽارا، عاشق اهي “الطاف” چئي.

    سينگار ڏهس سج تي
    حسن منهنجي حبيب جي هر هنڌ آهي هاڪ
    نيڻ کڻي ٿو ناز منجهان ٿا طائوس جا نڪرن تاڪ
    شارڪه شمس شعاءَ ڇڏي ڏسي پسينو ٿو پاڪ
    سج سن سورج چڙهي ڍولڻ جي جيَ ڍاڪ
    آفتاب آڏت عجيب ڪري خنن سان ٿو خاڪ
    هَور پهرپ هٽائي وڃي ڇم سان ٿو شواڪ
    ديدار ڪن ٿا دلبر جو هڙئي سڀ حيراڪ
    دُک درد سڀئي دور ڪري چاهت ۾ ٿو چاڪ
    لالڻ ساري لو لاڪ، جو هڪ عجيب آهي “الطاف” چئي

    ڏهس سج جا ڏهه نالا
    ٿو شمس قمر بي شرمائي جڏهن عجيب کڻي ٿو اک
    اکيون اکيان عين اسرگي لوچن ڪيئي لک
    نيڻ نشيلا نيڻ نماڻا ڪيا چريا عاشق مُک
    چشمن جا ته نستر لڳا تبرو تُفنگيون تک
    چاهه چُڪس چريا ڪيا دُرگ ڏين ٿا دُکَ
    ڪَوَل ڪجليون ڪُهي وڌا نه وجهڻ ڏين وک
    ٿو رحمت ڏئي رک، آئيز اکيون “الطاف” چئي

    ڏهس شينهن جا نالا
    پسي هلڻ حبيب جو ٿا “سنگهه” ٿين سُڪ
    “شينهن” “شير” ڇال ڏيئي ڪري “ليس” وڃن لڪ
    ڪينٽل ڪَنيل ڪارڌو ڪيهر ڊوڙي ڀرن ڊُڪ
    مزار “ببر” ٻيلائي ڏسي “چيتن” کي پئي چڪ
    ٿا تير لڳن تُڪ، اکڙين سان “الطاف” چوي.

    هاٿين تي ڏهس
    پسي هلڻ حبيب جو ٿا جهڪن سڀ جوهر
    چَرن چُمڻ لاءِ چينچل آيا ناگ ٿيا نوڪر
    ماتنگ مينڊل مڪنا کي لڳي مُحبت ۾ ته مُهر
    وسو وارڻ هاٿي هينڊل جهڪيا دلبر جي اچي در
    گونٽا گجُ غلام ٿيا گت پسي گنير
    قدمن ۾ ڪريا اچي فيل وئي سڀ فر
    ايليفينٽ آيا “الطاف” ڇڏي ڀورل خاطر بر
    سٽيائون اچي سِرَ جانب آڏو “جت” چوي.

    گوري جو غزل
    ائين لڳو پئي راهه ۾ هل چل جيان
    ٿي سونهن جي مورت اچي غزل جيان

    ڪو عجوبو آ ڏٺو اک کي کڻي
    ائين لڳي پئي تاج ڪا محل جيان

    روپ سهڻي ڪا سسئي هير جو
    ڪاڪ جي مالڪ لڳي مومل جيان

    آواز جي انداز ۾ اسرار هو
    آيو ٻڌڻ ۾ ڪونج ڪا ڪوئل جيان

    ڪا کٿوري مشڪ جي سرهاڻ هئي
    ائين لڳي پئي ڄڻ گلابي گل جيان

    ڪا پري “الطاف” چئي لٿي عرش تان
    ها زمين تي پيرڙا بخمل جيان


    محمد ماڻڪ زهراڻي

    نالو؛ محمد ماڻڪ زهراڻي جت
    پيءُ جو نالوـ محمد مريد زهراڻي جت
    ايڊريس؛ ضلعو لا‎ڙڪاڻو، تعلقو ڏوڪري ڳوٺ ڏنو واهڻ
    ايوارڊ؛ استاد محمد ملوڪ 2014ع ۾ مليس.
    لاتعداد ايوارڊ سرٽيفڪيٽ مليا. جن مان ريڊيو، ٽي وي جا پروگرام ڪيا. سندن کي سگهڙائپ والد محمد مريد طرفان ورثي ۾ ملي. پاڻ کي هڪ گهر واري ۽ سندس هڪ نياڻي اٿس. تعليم پنج درجا ۽ قرآن جو حافظ آهي. ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام پڻ آهي.

    ڏهس بيت
    (راتين جا نالا)


    آهن ڪيس قريب جا جيئن ڪاري آهي رات
    تمي، پهپ تامني ۾ ٿي تڳيءَ منجهه تجلات
    رجني، رين، راهه مٽي وئي، مُرڪڻ سان ٿي مات
    تامس، تلهياري، ليل، لڏي وئي بلبل ڇڏي بات
    ازلئون آهي عجيب جي تن اندر ۾ تات
    روح ۾ راحات، ملي محب منجهاران “ماڻڪ” چوي

    سينگار

    زلف سياهه سڄڻ جا، ور ور هڻن ونگ
    ڪر کڻي پيا ڪاريهر، ڏاڍا هڻن ڏنگ
    ڪيفي مخمور خن خوماريل، مرنگهه عجب عين انگ
    ڪجلين، تجلين ڪيئي ڪُٺا، هڻي تير تُفنگ
    لال گلابي لبڙن تي ٿيا ماڻهو مست ملنگ
    داناءَ ڦاٿا دام منجهاران، پسي ڍولڻ ڍنگ
    پچن ڪيئي پتنگ، محبت ۾ ته “ماڻڪ” چوي

    سينگار

    حُسن حبيبان آهي هر جاءِ چوڏس وڌ چانڊاڻ
    عطر عنبير جي آهي خوشبوءِ ساجن منجهه سُرهاڻ
    ڀلجي ڀئونر ڀيراڪن، پسي لبڙن جي لالاڻ
    اکيون عين عجيب آهن ٻئي پارا ڄڻ ٻاڻ
    عاقل عقابر عليل ٿيا، سارا سڀ سڄاڻ
    ماکيءَ کي به آهي مليل محبوبي ته مٺاڻ
    ليل به هنيا لامارا ڏسي مُحب سندي مُرڪاڻ
    ڏني ڏاتر اٿس ڏاڻ، محبت جي ته “ماڻڪ” چوي

    صفاتي سينگار

    آهوءَ کان وڌ عجيب جا، نيڻ نشا نبر
    گهائي وڌا گهوٽ گهڻا، نرمل جي ته نظر
    چشمن چاهه ڏيکاري، هئو ڪيرا يو ته قمر
    موتيءَ کان وڌ مهڪايا دَشن منهنجي دلبر
    چنڊ ويو چمڪ ڇڏي، ڏسي پٻ پيغمبر
    محبوبن جا مُوءِ پسي، ڪئي آزي اليهر
    مست ڪيا “ماڻڪ” چوي جانب جي جو هر
    ارض و سما ۾ آقا آهي، ڪُلني کان ته ڪسر
    ماڙ منجهه محشر، جانب ڪندو “جت” تي

    صفاتي سينگار

    سونهن منهنجي ساجن جي، نينهن ۾ آ نروار
    جانِب جي ته جلوي آڏو، هڙني کاڌي هار،
    هلڻ ساڻ حبيب جي، ملي مرگهن کي مار،
    جبريل وانگر وريام جا، پَريُن چميا پيزار،
    موهيو مخلوقات کي جانب جي جنسار،
    عجيب جي ته اچڻ تي، هئا گلن ڪيا گلزار
    ڪريا ڪوٽ ڪُفر جا، جڏ آيو نبي ننگدار
    “ماڻڪ” منهنجي محبوب جا، عجب هُيا اسرار
    پاڪ آ پالڻهار، جانب مُڪو، “جت” چوي


    نثار احمد شيخ

    نثار احمد “نماڻو” ولد محرم علي شيخ جي پيدائش 1985ع دوران ڳوٺ عبدالصمد تنيو شهر آريجا ضلع لاڙڪاڻي ۾ ٿي، پاڻ پرائمري کان پوءِ صرف اٺين جماعت پاس ڪيائين ۽ سگهڙ استاد محمد مٺل جهتيال جي شاگردي هيٺ سگهڙائپ ۾ پير پاتائين ٽي وي ريڊيو سميت ڪيتريون ئي ڪچهريون ڪري چڪو آهي ۽ سگهڙ پائي جي صنفن ۾ ڏور بيت، ڳجهارت، سينگار ۽ هنر جو ڄاڻو نگر آهي.

    سينگار

    اکيون منهنجي عجيب جون ڪجل ريءَ ڪاريون
    آهو اُدگر عين پسي زياده ڪن زاريون
    پنبڙين جي پيڪان سان وينجهر ڪيئي واريون
    ڪنڍن ڪڪورين سان ڇا ناز ڪنديون ناريون
    ڪيهر شينهن ڪنبي ويا چورنگ جي چاريون
    دهليا ات دلير ڪيئي پسي بانورين جون باريون
    شاهي دليون “شيخ” چوي حسينن هاريون
    لٽي چين چريو ڪيائون جي “نثار” نهاريون
    تونگر جي تاريون، تن کي لچي ناهي لوڪ ۾


    حبدار علي ماڇي

    حبدار علي ماڇي سن 1982ع دوران موهن جو دڙو ڀرسان ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ پنهنجي والد سگهڙ اميد علي ماڇي جي ڪکائين گهر ۾ پيدا ٿيو سگهڙائپ کيس ورثي ۾ ملي ۽ پرائمري جا به رڳو ٻه درجا پڙهيل آهي سگهڙ ڪچهرين ۾ جذباتي انداز ۾ شعر پيش ڪندو آهي.

    سينگار بيت

    ڪارا ڪيس قريب جا ورور ڏين وار،
    اچي ڪير آڏو جي سامهون ٿئي سرڪار
    مٺڙو ٻولڻ محبوب جو گهائي پئي گفتار
    چاسينگر کي چاهه لڳو چاهه پسي چمڪار،
    هيڏو حسن حبيب کي قادر ڏنو ڪلتار،
    ڀليل ڪن ڀيٽون هت ڀيٽ آهي بيڪار
    آئي احمد ڄام جي ملڪين وڏي مهڪار
    ساجن لهندو سار مسڪينن جي “ماڇي” چوي.


    ممتاز علي سوهو

    ممتاز علي ولد محمد حسين سوهو 1956ع دوران موهن جو دڙو ڳوٺ بچو سوهو ۾ ڄائو ۽ ٻهراڙيءَ جي عام رواج مطابق صرف پرائمري جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ استاد سگهڙ محمد مٺل جهتيال جي شاگردي هيٺ 1990ع کان وٺي سگهڙائپ جو ميدان ملهائي رهيو آهي پاڻ لوڪ ادب ۾ سينگار سان گڏ ڪافيون گهڻي تعداد ۾ لکيون اٿائين.

    سينگار بيت (ڪڙو منجهه ڪڙي)

    و هوا حسن حبيب جو معشوق ناهن مٽ،
    مٽ نه ڪيان محبوب جي توڙي پهري اچن پٽ،
    پٽ پٽيهر پرينءَ اڳيان لال به ٿي ويا لٽ،
    لٽ لهي پيا دلين جا ڍوليا ڍڪڻ ڍٽ،
    ڍٽ ڇڏي سب دلبر آڏو وريا وارث وٽ،
    وٽ وارڻ وهوا ملي “سوهو” ساهه کي سٽ،
    سٽ لڳي جا سيني اندر شوق پهرايم ڇٽ،
    ڇٽ ڇانو شهنشاهه ڪئي هيڻن مٿان هٽ،
    هٽ هيڏي حسن وارا، نينهن وڌا ٿئي نٽ،
    نٽ لڳا ڪي پٽ پيا، وري خان ويهاريا کٽ
    کٽ تي ويٺا مزا ماڻين “ممتاز” نه ڄاڻن ڄٽ،
    ڄٽ ساڻ ڄمار اجائي ويهڻ ڪامل ڪٽ،
    ڪٽ قلب تان لالڻ لاٿي بخت کُلي پيا ڀٽ،


    رياض حسين سنديلو

    رياض حسين ولد رحيم بخش سنديلو ڳوٺ حڪيم سنديلو تعلقي ڏوڪري ۾ پهرين جنوري 1967ع ۾ ڄائو سگهڙ استاد محمد مٺل جهتيال کان متاثر ٿي 1998ع دوران سگهڙ بڻيو پاڻ ڪافيون ۽ بيت اڪثر تعداد ۾ لکيا اٿائين ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ايوارڊ ماڻي چڪو آهي.

    سينگار بيت
    زلف سياهه سڄڻ جا سهڻا آهن بي انداز
    ٻولڻ ٻاجهاري جو وڌ ڇا ڪونجون ڪوڪن ڪاز
    هرڻ مور مهري مئينا عاشق گل اياز
    نوري چهري ناٿ نهوڙيا نِمي پڙهن نماز
    اکيون عين عجيب جون بحري سٽن باز
    مونکي هن محبوب جي آ رمز لڳي وئي “رياض”
    شعر لکڻ مان ڇا جو ڄاڻان سڪ وڄايم ساز
    عاشق آهون ڪن پيا دانهون آيا عمر دراز
    اُهي کٽي ويا جن تي جانب رهبر جو ٿيو راز
    تنهن ننگي مٿان ناز، مون کي سدائين آهي “سنديلو” چوي.


    بدر الدين ڪيهر

    نالو: بدر الدين
    والد جو نالو: داد محمد
    ذات: ڪيهر
    پيدائش: 01 سيپٽمبر 1960ع
    فن جي شروعات: 1981ع
    استاد: صوفي خير محمد “خيرل”، لعل فقير ڪورار
    ڇپيل ڪتاب: معصوم چهرو مست اکيون
    ائڊريس: ڳوٺ ۽ پوسٽ ڪيهر، تعلقو ۽ ضلعو لاڙڪاڻو

    سينگار

    ڪاڪُل ڪيس قريب کي سُرمائي سُهن ڀُونر ڀُلن نيڻ ٺرن
    ڇَتا ڇوڙي وارو ڪوڙي خم خم کِنڊرن دليون ڌڙڪن عاشق ڦٿڪن
    گِيسو گُهنڊيدار هيئر مثل هار پروانا پَسن سرڙو ڏين
    اُڍليو اَليهر تُرنگ تليهر تجليو تجلن پيار وارن جا ميڙا مچن
    لب لعل گُلابي نيڻ شرابي مٺڙا مُرڪن ڪونجان ڪرڪن ڪبوتر ڦڙڪن
    سهڻو گهوٽ گُهمي “بَدّر” قدمَ چُمي “ڪيهر” هُٻڪار ٿين عامر پارا اچن

    سينگار

    سهڻي سندي سونهن جو ملندو ڪونه مثال
    جس هجي تن جانيئڙن کي جن لالڻ پسيو لال
    حبيبن سندي حُب ۾ هيڻا ٿيڙم حال
    ٻي وائي ناهي وات ۾ رُڳو خاوند سندا هن خيال
    جي ديدار ٿئي دلبر جو “ڪيهر” ٿين قرب ڪمال
    جي اگهجي هي سوال ته ڀلايون ٿينديون “بدر” چوي

    سينگار

    زيب وندا هن زلف سڄڻ جا ڇا ترنيون تجلن نيڻ ٺرن بسم الله
    الهير تليهر ٿا راجُل روح کي ريهن نيڻ ٺرن بسم الله
    واسينگن جا ورَّ وجهي ٿا ڦُن اُتي ڦڙڪن نيڻ ٺرن بسم الله
    پيَّن پسي پرينءَ جا ٿا ڀونر ڀُلن نيڻ ٺرن بسم الله
    جيت پکي به ڪيئي ٿا نميو نانءَ وٺن نيڻ ٺرن بسم الله
    جن ملائڪ حوران پريون به دلبر دلبر ڪن نيڻ ٺرن بسم الله
    انسان ڪيئي ٿا عشق منجهان آستانا اڏن نيڻ ٺرن بسم الله
    “بدّر” پارا ڪيئي ٿا سڪ منجهان سينگار لکن نيڻ ٺرن بسم الله

    سينگار

    اڄ چيم قلم کڻي لکان ڪجهه مصطفيٰﷺ جي مان ۾
    ناهي همسر ڪو هتي هِنَ جڳ جَهانَ ۾
    عرش تي دعوت جهلي مولا مصطفيٰﷺ جي مان ۾
    هِنَ بجمل بَدن جي بوءِ آ اڄ تائين عربُستان ۾
    ڇا لکي ڇا لکندين اي شاعر جي خوبيون آهن خان ۾
    اسم احمد جو ٻُڌي ٿيون “بدّر” سريران اُڀرن جان ۾
    پاس ڪرائيندو قيامت ڏينهن عجيب امتحان ۾
    پوءِ عربيءَ امان ۾ ڪلمي سان ڇُٽي ويندا “ڪيهر” چوي


    غلام اڪبر گاڏهي

    ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر باڊهه سان واسطو رکندڙ غلام اڪبر گاڏهي سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ شرڪت ڪندو رهي ٿو، هو الهڏني جي گهر ۾ 1964-01-01ع تي ڄائو، ٽيهن سالن کان هن فن ۾ آهي، سندس استاد محمد ملوڪ عباسي آهي. هن مختلف ٽي وي چينلن کان سواءِ ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غير سرڪاري پروگرامن ۾ حصو پڻ ورتو آهي. هن مختلف صنفن تي پنهنجو ڪلام چيو آهي. هتي سندس هڪ ڏهس جو بيت ڏجي ٿو:

    ڏهس (وارن جا ڏهه نالا)

    ڪارا ڪيس ڪلهن تي، پيا وٽ ڏين وسيهر
    ونگ وشيهل وري پيا، کنيا ڪاريهرن ڪر
    ڀونگ ڀينڊا بدن تي، ڄڻ سُرڪي پيا سسيهر
    ترنگ، تليهر تجلو ڏيئي، ٿا اڍلي پون اليهر
    اهڙي رنگ “اڪبر” پئي ڪُٺا گهوٽ “گاڏهي” چوي


    محمد عالم مهر

    سگهڙ محمد عالم مهر ولد محمد جيئل مهر، ولد محمد جمن مهر اصل ويٺل مسو ديرو تعلقه رتو ديرو ضلع لاڙڪاڻو سندس ننڍپڻ ۾ سندس والد هجرت ڪري اچي نئون ديرو ۾ قيام پذير ٿيو هن پرائمري تعليم نئون ديرو ۾ حاصل ڪئي سندس بابو ۽ ڏاڏو به سگهڙ هئا. سگهڙ محمد جمن صرف ڳجهارت جو سگهڙ هو ۽ سندس پيءُ محمد جيئل ڏور ڳجهارت جو سگهڙ هو ۽ سانوڻ فقير جا بيت به چوندو هو ۽ ان وقت جي مشهور معروف سگهڙن عبدالحڪيم منگي ۽ همزه علي لوهر سان ڪچهريون ڪندو رهندو هو ۽ محمد عالم کانئس ڪجهه سکي نه سگهيو کيس ننڍپڻ ۾ ئي سگهڙائپ سکڻ جو شوق ٿيو جا ان وقت دونهين دکي تنهن روشنيءَ جو روپ (1964ع) کان نئون ديري ۾ ٿيندڙ ڪچهرين جي رونق ڏسي حاصل ڪيو ۽ ان وقت جي بهترين سگهڙ امداد علي بلوچ ولد نواب علي بلوچ ڳوٺ ڦلپوٽه نزد نئون ديرو تعلقه رتو ديرو ضلع لاڙڪاڻو جي خدمت ۾ عرض ڪيو جنهن کيس دلداري ڏيئي همت افزائي ڪرائي ۽ سگهڙائپ جي سکيا ڏني ۽ پاڻ سندس لاءِ هيئن ٿو چوي ته؛
    قرب ڪري امدا لاشاري سگهڙائپ جي صنف سيکاري ڏٺ پرولي مام موچاري ڏور ڏيڻ جي ڏات ڏياري ڪافي قطع ۽ ڪلام تنهن جي عظمت کي سلام ۽ سگهڙ محمد عالم مهر عروضي شاعريءَ تي به طبع آزمائي ڪئي جنهن ۾ سندس رهبري قاضي مقصود احمد صاحب جن ڪرڻ فرمائي.
    پاڻ 1995ع ۾ نئون ديرو ڇڏي اچي وزير آباد تعلقه لکي ضلع شڪارپور ۾ ويٺو. هن فقير هڪ ڪتاب به ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر غربت جي ڪري ڇپرائي نه سگهيو سندس ڪتاب پروف ۽ بٽر جي مرحلي مان نڪري چڪو آهي.

    سينگار

    حب گوري گهنا ڪري چار چونڪه چوڌار
    ڇلو منڊي ويڙهه وينگس کي ٺهي هٿ پنجو هيڪار
    ٻاهيون ٺهن ٻاهن ۾ ۽ نٿ نڪ نروار
    سر ٽِڪو ۽ سَري سونهين زيب وڏي جنسار
    پٽ پٽيور پائي بدن تي ڳچيءَ هس هار
    ته ڪيئي مستان مهريءَ مٿان ٿين سالڪ سيرت دار
    اڃان وڌ “عالم” چوي آهن سهڻل جا سينگار
    جي يقين نه اچئي يار ته ڏس منهن جو محب “مهر” چئي.

    سينگار

    هي ولڙا ڇلڙا وار جني تي ڀونر پيا ڀلجن
    سي ڀنڀا ڪيس ڪلهن تي پيا جانب جي جرڪن
    جي ڇتا ڇوڙي مٿان موڙي هيڪر هوت هلن
    ته زلف سياه پسي پرينءَ جا نانگ پيا نون
    اڃان الاهي “عالم” چئي آهن وصفون وريامنَ
    هڪ نڪ نزاڪت ناز ڀرئي جو آ نازڪ وچ نيڻن
    ٻيو ٻئي عين عجيب جا ٿا ماريو وجهن مرگهن
    ڏاڍي راحت روح کي ٿي ڏئي گلزاري گلڙن
    پر گلاب کان به گوهر جي وڌ لالي آهي لبن
    هلڻ پسي حبيب جو ڪنڌ ڍاريو هيٺ هاٿين
    مور به اتان ٽور پرائي پسي هلڻ حبيبن
    کڻي قدم ڪريمن، اچي سهن سرها ڪيا

    سينگار

    آهي احمد ڄام جي ثنا ڪئي ستار
    ڪوڙئين ڪلام الله ۾ قسم کنيا ڪلتار
    وليل چئي واحد به وصف ٻڌائي وار
    سي چهڪن چاسينگر وڌ چوڻا ڪڪر ڪارو نڀار
    سرنگ مٿان سورج جي لڳن گيسو گهنڍي دار
    ريڌا رخسار رهبر تي پيا ائين ٿين اظهار
    “خَرَّ مُوسيٰ سَعِقَا” جيئن نور ٿيو نروار
    تيئن رحمت ڀريا راڻل آهن زلف زريدار
    موءِ مينڍا “مهر” چئي موهيو وجهن منٺار
    هيئر مٿان حبيب جي ٿا سڀ لکن سينگار
    شل وصفون لکندي وينجهار اچي موت “عالم” چئي


    ربنواز پريو

    نالو ربنواز پريو
    پيءُ جو نالو گنهور علي
    رهائش رتوديرو
    تعلقو رتوديرو
    ضلعو لاڙڪاڻو
    سگهڙائپ ۾ استاد اُستاد هادي بخش چنو
    تعليم انٽر پاس
    پيشو دڪانداري
    مڪمل ايڊريس تعلقه رتوديرو، ضلع لاڙڪاڻو پوسٽ آفيس رتوديرو

    سينگار بيت (سرائڪي)

    مُک مُنور، محبوب ميڏي دا، هر ساهه سڪدا گُفتار ڪَنون
    وسيهر، وسو ونگ ڏنگ مارن، هر وار مٿي ور وار ڪَنون
    گنيَر گت مت کسِي، هر روز اُنهان دي رفتار ڪَنون
    مشتاق اُتي ول ول ڦِردي، ها اسير عجب اسرار ڪَنون
    ڪجليان، ڪيفي، ڪڪوريل ڪاليان، تاب تکا تلوار ڪَنون
    شمس، قمر بي چمڪ چليا، ميٽيا لالي دي للڪار ڪَنون
    هر رنگ وچ رنگ بُو، اِنهان دي، ڳيا هوش سارا هُٻڪار ڪَنون
    پس پسيني رنگ رچايا، ٿيا مسلمان سڀ منٺار ڪَنون
    خوشبو، عنبر، معطر وڌ ٿيا، گل چمن گلزار ڪَنون
    هر سائل ڪون خيرات ملي، حُسن دي حاڪم سرڪار ڪَنون
    هرڪار اتي لاچار ٿئي، سرس سُهڻا سينگار ڪَنون
    روز “ربنواز” ڪون طلب انُهان دي، ياري انهين يار ڪَنون
    نصيب ساڏا نرمل ڪري، هي لاچار دل ديدار ڪَنون.

    سينگار

    ظاهر ضِيا ڪعبي جي زيارت. سُرور اهڙو ثواب ناهي
    سُهڻي صورت حُسن تابان، جاني جَهلڪَ جواب ناهي

    مُک مُنور ماههِ لقا، لب لال عجب، ڳچيءَ ڳاني، ڳل ڳاڙها، خَدَ خال عجب
    قد قامت، بينسر بيني، چلوت چال عجب، چُپ چئنچل، چاهت مَٽي، رفتار اهڙي حساب ناهي.

    بند ڪمند، زلف زيبان، ڪڪر ڪار عجب، نيڻ نشيلا چشم آهو، اکين ڍار عجب
    ڏند ڏاڙهون، مَرجان موتي، رُخسار عجب، ڪَينسَر، ڪَينفر، عنبر ادنيٰ، مٽ ڪوئي عناب ناهي.

    عام تي عنايت تنهنجي، دراز دست شفا عجب، ڪارساز قدرت سان، آ والي وفا عجب
    ڏک ۾ گڏ ڏکوئين سان، ساري جهان تي سخا عجب، سوايو تون ئي ساڻيهه ۾، نواب اهڙو ناياب ناهي.

    پوشاڪ پروَري، نازڪ انگ نروار عجب، خُوبان خُلق ۾ خوبتر ڪردار عجب
    چئني دفترن ۾ تنهنجي، ثنا گُفتار عجب، بالا نشين تون بلندين تي، جنهن ۾ نه صفت ڪتاب ناهي.

    دل دهن ۾ دؤر تنهنجو، پريت تنهنجي پيار عجب، هر چيز عيان تي تنهنجي رضا، جوڙ وڏي جنسار عجب
    تون راضي “ربنواز” چئي، تنهنجو راز الستي اظهار عجب، ولايت والي، تون آن آلي، اهڙو عالي جناب ناهي.

    صفاتي سينگار

    اعليٰ صورت عجب تنهنجي، دلدار اهڙي جو ڇا چئجي
    جُڙيل جوڙ جانب تنهنجي، قربدار اهڙي جو ڇا چئجي

    ريشم کان وڌيڪ ڪَزين انگڙا تنهنجا نرم، ڪرين نظر نرمل جنهن تي، ٿئي تنهن تي ڪرم
    پرين تنهنجو پسينو اهڙو، عطر جي حد ٿي وئي، گذرين جنهن به گهٽيءَ سان، هُٻڪار اهڙي جو ڇا چئجي

    چمڪ تنهنجي چپڙن جي، ڪُجا ماکي، ڪُجا مصري، ٻولڻ سان وياسين ٻڌجي، هر ڳالهه وئي وسري
    مِٺُو- مينا، بُلبُل ڪري ڇا بات، ڳالهائڻ جي حد ٿي وئي، گُفتار اهڙي جو ڇا چئجي

    ڪيئي گَرديده دان لئه حبيب تو پار هليا، ڏسي سونهن ساجن تنهنجي، دوش تي ڪيئي دَهليا
    يوسف، زُليخان ڇا، پريون هر هنڌ، حورن جي حد ٿي وئي، سونهن سردار اهڙي جو ڇا چئجي

    نادر نزاڪت نرمل تنهنجي، آن، بان عجب تنهنجو، وٺين رستو رَند ڪوئي، ڪن سلام سڀ تنهنجو
    هلي ڇا هنج ۽ هاٿي، هلڻ جي حد ٿي وئي، رفتار اهڙي جو ڇا چئجي

    نقش تنهنجو نرمل آهي، هر سُو تنهنجي حڪومت، آهي رهبر “ربنواز” تنهنجو، ڏي دعا ايمان جي دولت
    پڻي پارس ٿئي دارون، دوا جي حد ٿي وئي، بڻي آڌار اهڙي جو ڇا چئجي.

    سينگار بيت

    صفت ڪيان ٿو سهڻي جي، آ محب مٺو منٺار
    سِر ساجن سَندو سُهڻو، وهه واهه هو واڌار
    وار وڪوڙيل وسيهر وڌ بيشتر ها بهار
    گونچه گوش گوهر جا، خاص خوشبودار
    مُک مهتاب مُنور جو، موڊو هو ملهار
    عين وڌ آهو کان هُيون بُروان بيشمار
    موهن من مزگان، پيون ڪڪر ڪارونڀار
    انف اعليٰ وچ تي، پنرو هو پڳدار
    دَهن پورو دلبر جو، موُن هو مزيدار
    لب لال گلابي گهرا، جوڙها جنسار
    سن سهڻي ساجن جا، جُڙيل جا جهنوار
    گردن ڪفا ڪامل جو، شفاف شيشدار
    مَرفق دوش محبوب جا، برتر ها بسيار
    شفاف شڪم، ناف نامي جو اعليٰ هو آبدار
    اندام اعليٰ پُشت پرينءَ جي، سِرن سُهڻي سنوار
    ناخن نامي نور جا، ها نازڪ دست دوار
    قد قامت ڪامل جو، جوڙيو هو جبار
    رجل راڻي رهبر جا، ها قدم قربدار
    سبع سَمٰوات سِڪ ۾، هئا ڪري قُرب ڪلتار
    اول عشق الله ڪري، پوءِ نظارو ڪيو نروار
    جبريل موڪلي جانب ڏي پيو الله ڪري انتظار
    عيسيٰؑ، موسيٰؑ، جهڙا احمدﷺ اڳيان هئا خاص خدمتگار
    ڪفش لاٿي ڪامل پئي ته حڪم ٿيس هڪ وار
    ته جُتي نه لاهه جانب منهنجا، توکي عجيب آ اختيار
    ٿي پوري آس آسمانن جي، حبيب آئي هيڪار
    پرينءَ آئي پري ٿيو پردو، ٿيو دوبدو ديدار
    ارڙهن ورهيه جي هڪ رات هئي، محبت ڪئي مختيار
    حورون حيرت ۾ پيون، جلوو پسي جنسار
    ڪُلئي وڻ قلم ڪجن، ته به سِٽبو نه سينگار
    ڪوڙين قُلزم، مس ڪري وري ڪجي ويچار
    ته به پورو نه ٿيندو، پرينءَ جو هي سارو سماچار
    ڇا سگهُڙ سِٽي سِٽون، شاعر ڪندو شمار
    ٿيندو رهبر راضي “ربنواز” چئي ويندو غم غُبار
    پرين ڪري پار، ڏياريندو مهلت مڙني کي.


    شهاب الدين بوزدار

    نالو شهاب الدين
    پي جو نالو عبدالغفور بوزدار
    ذات بوزدار
    ڄم جي تاريخ 1986ع
    ادبي سڃاڻپ سگهڙ
    ادبي استاد شاهنواز چنو
    فن جي شروعات 2004
    ائڊريس: ڳوٺ محمد هاشم بوزدار ضلعو لاڙڪاڻو تعلقو رتوديرو

    صفاتي بيت

    قُدرت تان قربان وڃان، جهن محمّد مٺڙو شاهه مُڪو
    نورئون پيد انبي ڪري تنهن وِلهين جي آ واهه مُڪو
    ٿي پيو ڪال ڪفر لاءِ جڏهن ربّ رسول الله مُڪو
    سهڻو سو ايو سَرس سينگاريل ٺاهي تنهن آ ٺاهه مُڪو
    جهَر جهنگ ٿي وئي سُبحان الله جو احمد مير الله مُڪو
    سَڀ نبين تي سُهڻل آهي مالڪ شهنشاهه مڪو
    خالق پنهنجي خدائيءَ ۾ آ دلبر اهڙو داناهه مڪو
    لهي وئي لوڙ خوشي ٿي کوڙ ربّ ڏسيندڙ راهه مڪو
    قرب ڪروڙين قادر جا جنهن هيڻن جو همراهه مڪو
    بيشڪ برابر “بوزدار” ربّ چاهيندڙن جو چاهه مڪو
    قرآن ۾ پاڻ ڪريمن جو ڪري سچي ڌڻي ساراهه مڪو
    شڪر آهي “شهاب الدين” چئي ٿيندو محمّد ضامن
    ڪندو ڀلايون قيامت ڏينهن وير اهڙو ويساهه مڪو

    سينگار

    حُسنَ ته منهنجي حَبيب جو وڌ چوڏهين چانڊاڻ
    جِنّ، مَلَڪَ، حوران پريون ڇڏيائين موهي مرڪڻ ساڻ
    صورت سيرت سڄڻ جي ڇا ته لبن تي لالاڻ
    پرينءَ جي ته پسيني ۾ ڄڻ خوشبوءِ جي کاڻ
    نبيءَ جي نور تجلي سان ٿيا ساوڪ ۾ سُرهاڻ
    عربي جي آمَد سان ٿيا بُتُ ڀُري ڄڻ ڀاڻ
    سَوا لک نبين جو سيد هي اعليٰ ٿيو اڳواڻ
    الله گهرايس عرش تي رکيا پريَن قدم پاڻ
    اَرڙهن ورهن جي هڪ رات ٿي پئي مزو ماڻيائين ماڻ
    پو لهي منهنجي لالڻ اچي ڄام ڏني ڄاڻ
    مٺو مير مُرسَل ٿيو اٻوجهن اڳواڻ
    ماکيءَ کان وڌ محبوب جي آ محبت منجهه مٺاڻ
    ڇا لکي ڇا چوان مان ته اڃان آهيان اَڻڄاڻ
    قادر خُود قرآن ۾ ڪئي وير جي واکاڻ
    شال محشر ويل موريءَ تي منهنجو سيد ڪري سڃاڻ
    ته ٿيندي رُوح رهاڻ، اِن شاهه سان “شهاب الدين” چئي

    سينگار

    تون نبي نور نرمل تون سردار سَڀ جو
    پرين پاڪ پيغمبر تون پڳدار سَڀ جو
    تون دلدارِ دلربا تون اکين ٺار سڀِ جو
    توتي راضي رهبر تون رسول آهين
    سڀ ڪنهنجي دلين ۾ مقبول آهين
    ڪيان ڳالهه ڪهڙي اڃان اور سائين
    مُنهنجا مُحب مُرسل مٺا مُور سائين

    سومر وار سڄڻ آئين تنهنجي آ مَدُ مرحبا
    حورن پَريَنِ سهرا ڳايا عربي احمد مرحبا
    خدا چيو محبوب توکي يا محمّد مرحبا
    ربّ توکي گهرايو سُهڻي عرش تي
    ضعيفن جو ضامن ٿي آئين فرش تي
    گهوٽ ٿيائين گهڙيءَ گهڙيءَ گهور سائين
    منهنجا محب مرسل مٺا مور سائين

    تنهنجي حُسن حيرت جو آ جلوو هر جاءِ تي
    جبل جهنگل ٻيلائن ۽ ارض و سماءَ تي
    پکي پرندا جيت جڻيا سهڻا تنهنجي ساءِ تي
    اِهڙو توکي حُسن ڪيو عطا پاڪ پرور
    تنهنجي نور تجلي سان اي منهنجا دلبر
    ڪفر جا ڪري بُت ٿيا ڀُور سائين
    منهنجا محب مرسل مٺا مُور سائين

    توسان راضي ربّ پاڪ تون محبوب خدا جو
    تنهنجي پاڪ پوشاڪ تون محبوب خدا جو
    تون مالِڪِ لولاڪ تون محبوب خدا جو
    تون سوا لک نبين جو سرواڻ آقا
    اُمت جو به آهين تون اڳواڻ آقا
    تون سهڻو تون سڄڻ تون شهزور سائين
    منهنجا محب مرسل مٺا مُور سائين

    حق سچ جي ڏسيندڙ تون آهين راهه راڻا
    غريبن يتيمن جو به تون ئي چاهه راڻا
    ثنا ڪئي آ تنهنجي خُود الله راڻا
    توتي پاڪ ڪلمون ۽ قرآن نازل
    توتي ختم آهي هي جهان منزل
    ٿيو راس تولئه هي دنيا دؤر سائين
    منهنجا محب مرسل مٺا مُور سائين

    شان تنهنجو “شهاب الدين” چئي آ بيمثال برابر
    سج چنڊ ڪتيون تارا عربي تنهنجي آڌر
    جِنُ مَلَڪُ به جهڪي پيا هي دلدار تو در
    “بوزدار” جي ڀورل آ پرين توکي پارت
    حشر ويل حامي ٿي ڪراءِ پنهنجي زيارت
    منهنجي هيڻي حال تي ڪجان غور سائين
    منهنجا محب مرسل مٺا مُور سائين

    سينگار

    واهه واهه مالڪ تو آ خلقيو سونهن ڀريو سنسار عجب
    ٻيو مير مڪو تو مرسل آ، هي پنهل پرين پڳدار عجب
    جلد جانب جي جلوي ساڻ موسم ٿيا ملهار عجب
    ٿي آ سڄي ڪائنات ۾ ساجن، سُهڻن جو سالار عجب
    ڇا ته ڪئي ساراهه تو مولا، لالڻ جي لک وار عجب
    بي مثل آ نه مٽ تنهن جو، اِهڙو آ قربدار عجب
    حُسنَ ته هرهنڌ هوت پرينءَ جي هر هنڌ آ هاڪار عجب
    آتاب تکو سندو نو ر تجلي آههِ اِها اَنوار عجب
    ماڻهو مَلڪ جِنُ حوران پريون سڀ چون سردار عجب
    پکي پرندا جيت جڻيا پڙهن صلواتون صَدبار عجب
    ذڪر ٿيل قرآن ۾ زياده نبيءَ جو نروار عجب
    عربي اَحمّد ڄام اَچي ٿيو اَڙين جو آ ڌار عجب
    شال “شهاب الدين” شاهه به منهنجو سڄڻ لهندو سار عجب
    ٿيندا بهاريون بهار عجب پسي حُسن حبيب جو.


    نثار علي جويو

    سگهڙ نثار علي جويو جو تعلق شهر رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي سان آهي ننڍپڻ کان سگهڙائپ سان وابستگي رکندڙ هي سگهڙ اڄ ڪلهه سنڌ توڙِي بلوچستان ۾ شاندار ڪچهريون ڪري رهيو آهي.

    سينگار بيت

    وڏا وَڙَ واليءَ جا جنهن مُڪو محب مَڪي
    جي حبيب جي حُسن جي حقيقت ڪيان حَقِي
    ته تارا ڪتيون تائب ٿين ٿئي شمس قمر به شڪي
    نه چمڪو رهي چانڊاڻ ۾ انڊلٺ به اُڪِي
    مور نه اهڙي ٽور سکن وڃن رستي ويندڙ به رُڪِي
    هنس هنج حيران ٿين وڃي سَنکَر به اُت سُڪِي
    هي قدرت پنهنجي ڪمال سان آ ظاهر ذات مُڪي
    مون ۾ جام عيب هئا “جويو” چئي.هيءَ ڍولڻ اچي ڍڪي
    اهو “نثار” ڇڏيندو نڪي غازي گنهگارن کي.

    سينگار

    سڄڻ منهنجو سپرين نرمل آ نجيب
    حسي دل کسي پيو هوت منهنجو حبيب
    لعلي وڌ لبن جي اُلڊهه انگ عجيب
    هتي حسن جي ٿي حد وئي ڇا ڪري بات قريب
    نوازيندو نماڻا هي گنهگار غريب
    نيارو ٿيو نصيب مليو نرمل اهڙو “نثار” چئي

    سينگار

    وڏا وڙ واليءَ جا جنهن مُڪو محب منٺار
    سڄڻ منهنجو سپرين آ هوت ڳلي جو هار
    ڇا تعريف ڪيان تونگر جي هئا زلف زريدار
    ڪاڪل ڪيس قيمتي هئس نرڙ مٿي نروار
    مونکي ڇا مجال ايڏي ٿو ڄاڻي ڄاڻڻ هار
    مقدر مٽي من جو پرين ڏيندو پيار
    آهيون ان جي آڌار جهان ۾ “جويو” چوي


    غلام قادر ڀٽو

    استاد سگهڙ غلام قادر ولد محمد عثمان ذات ڀٽو، ڳوٺ ميرپور ڀٽو (سردار ممتاز علي ڀٽو جو ڳوٺ) تعلقه رتو ديرو ۾ 20 جنوري 1930ع ۾ ڄائو. 1942ع واري ٻوڏ کان پوءِ لڏي اچي نئون ديرو تعلقه رتو ديرو ضلع لاڙڪاڻي ۾ رهائش اختيار ڪئي. ان دؤر جي فائينل پاس ڪري ٻيلي کاتي پوليس ۾ ڪانسٽيبل طور ڀرتي ٿيو 25 سال نوڪري ڪري رٽائر ٿيو. سگهڙائپ جي شروعات ٻوڏ دوران بند ٿي ميرپورخاص ڀٽا ڀرسان مٿانهين سمجهي ٻوڏ ستايل اچي ويٺا اتي مختلف مڪتبه فڪر جا ماڻهو هئا. جن ۾ ڪي راڳي، ڪي چنگ وڄائيندڙ، ڪي الغوزو وڄائيندڙ ته ڪي وري ڳجهارتون ڏيڻ وارا به اتي ڪچهري ڪرڻ لڳا، اتان پوءِ استاد کي به شوق ٿيو ته اڳتي هلي تمام ڏاهن ۽ مهان سگهڙن ۾ ڳڻجڻ لڳو ۽ بعد ۾ سگهڙائپ جي نئون ديرو ۾ يونيورسٽي شروع ڪيائين ۽ ڪيترائي سگهڙ لاڀ حاصل ڪري نالي وارا بنجي ويا، استاد جي آواز ۾ ايترو ته اثر ۽ پڙهڻ جو انداز هوندو هيو جو لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت محسوس نه ٿيندي هئي. ان ڪري ڪنهن ظالم، حاسد حسد ڪري سُڌر کارايو جنهنڪري استاد جي آواز تي تمام گهڻو اثر ٿيو، اڄ به استاد کي فن پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ تڪليف ٿيندي آ، سندس چوڻ مطابق ته محمد ملوڪ عباسي کي ايڏي عروج تي پهچائڻ ۾ سندس جو هٿ هيو. اڄ به محله سڪندر آباد نئون ديرو ۾ رهائش پذير آهي. سندس کي اولاد ۾ ٻه پٽ 1. نياز علي 2. اعجاز علي آهن.

    سينگار حضورﷺ جن جي شان اقدس ۾

    منهن مثل مهتاب جي آ زيب وڏو زلفن
    سي واسينگن جيان وريو تليهر جان تجلن
    وڌ آ هو عين عجيب جا ٻيو ڀيرو وڏو ڀِروَن،
    نڪ نزاڪت نور جو آ منهن سر مَحبوبن،
    جيئن ڳاڙها ڳوڙها گل گلاب جا تيئن لعلي آهي لبن،
    موتي ڏند مرجان جان جيئن چوڏس ۾ چلڪن
    رين به روءِ مٽي وڃي، جڏهن مور اتي مرڪن
    شمس شعاع نه ڪري جڏي جاني جاءِ کڻن
    سورج صنوبر ڇا موتيا نه مرڪن
    نازبوءِ نارنگي نرگس ڇا پر ٽانگر نه ٽمڪن
    رنبي زيبور زعفران ڇا، چينچل نه چلڪن
    جلوو ڏسي منهنجي جانب جو روه ڇڏيو روبهن
    پرندا به لهي پيا پٽ تي حسن ڏسي پيا هرڪن
    اليهر، وليهر، سپ، سسيهر به نه سرڪن
    شعاع ڏسي شمع جو فيل پيا ڦرڪن
    شينهن به ٿئي ششدر، ببر پيا ڀرڪن
    ڪلٽي اچي ويا ڪرمش ۾ پيهه گهڻو پيا دهڪن
    ماٺ لڳي ملائڪن کي حيرت پسي حورن
    اهي پار پرين جا “ڀُٽي” کان ڪيئن ڀلجن
    جو آهن گلزاري جهڙا غلام قادر چوي.

    سينگار

    وڌ ڪارا ڪڪر ڪيس قريب جا جهُڙ جي جهامو جهام
    جي تر جيترو تجلو ٿئي ته تڳي تلهياري تامني ليل کڻي وڃي لام
    چمڪار ڏسي چوڏس ۾ شرڪ ڀري پئي شام
    ماڙيو ميم مصر جون اتي ڏٺيون عام
    جي ساجن سندا سين جا جانب کولي جام
    ته تجمل طائوسي تخت جا به ٺلها ٿي وڃن ٺام
    پونو پانو پنرو سج سورج به سجدو ڪن سلام
    گهڻ ڏسي منهنجي گوهر جو ڇا هاٿي هڻڻدو هام
    هينڊل،مينڊل، گينڊل، گينور نه کڻي گام.
    لائن به لرزي ٿئي شينهن به ششدر ببر بيهي وڃي لڳي ليس لغام
    ڪرن ڪارڌو قيصرو ڪري قدمن تي دسجي پوي دام
    هت حسن جي حد ناهي منهنجي هوت سان اها ملڪ جي مخفي آهي مام
    حسن وارا به حيران ٿي بنجي ويا گوهر جا ته غلام
    اسان به لڙهه لڳاهيو لعلڻ جي تنهن سهڻل جي آهيون سام
    جو لٿا هن غم غلام قادر چئي


    ڏاڏو ڏتل ابڙو

    سگهڙ ڏاڏي ڏتل ابڙي جي پيدائش شهر مدئجي ضلعي شڪارپور ۾ ٿي، پاڻ ڪافي عرصو سعودي عربيه ۾ روزگار سانگي رهيو، جنهن کان بعد هن وقت الله آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي. سگهڙائپ ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي اٿس.سنڌ لوڪ ادب شاعري جو ڪتاب “توکي آ منهنجو سلام سائين” شايع ٿي چڪو آهي.

    ڏهس (مزدور جا نالا)
    پورهيت ڪري پورهيو، ٿو جَرڪائي جهانُ،
    مزدور ڪري محنت ٿو ملڪي وڌائي مانُ،
    ڪاسب جو ڪائنات ۾ آ شرافت شانُ،
    پلي دار پوڙهو، يا جوڌو هجي جُوانُ،
    دائم رڪني قائم، محنت ڪش مردانُ،
    سَبي سدائين خوش رهي، اعليٰ هي انسانُ،
    عمال جو الاهي باري آهي بَيانُ،
    قوليءَ جو ڪم ڏسو ٿو گڻي سگهارو سامانُ،
    ڪاميءَ جو ڪردار تي آ مالڪ مهربانُ،
    حمالي کي الله ٿو داتا ڏيئي دانُ،
    “ڏاڏا ڏتل” ڏانُ، مِلّيُسِ ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾.

    ڏهس (پاڻيءَ جا نالا)
    جيءُ آئين ڀلي آئين، پاني، پاڻي پيءُ،
    وهنجي سهنجي صفا صاف سُٿرو ٿيءُ،
    ماني کائي ڍَءُ ڪر، آف به اٿئي هيءُ،
    آب وهي ٿو الاهي، نه وٽر رکي ريءُ،
    مويا مالڪ ڏنو جو آهي رب سميعُ،
    ديرُ بيرُ هيڪاندو اُبَ جام جميعُ،
    بحر ڀر ۾ بيهُه، “ڏاڏا ڏتل” ڏيهه ۾.


    خيرپورميرس ضلعي جا سگهڙ

    حسين بخش رڏ

    نالو حسين بخش
    پيءُ جو نالو هدايت علي
    ذات رِڏ
    پيدائش پهرين فيبروري 1960ع
    استاد سندس والد
    سگهڙائپ جي شروعات ننڍپڻ کان
    پتو نارو ريگستان ضلع خيرپور ميرس

    ڏهس بيت (وارن تي)

    سَن محبوبن کوليا وار خوشبودار
    زلف زور مٺڙا مور بال بُوءِ بهار،
    معطر موءِ کولي خوشبوءِ ساجن جا سينگار
    ڪاڪل ڪارا حُسن وارا وينجهر جا سي وار
    گيسوءِ گوهر گهَرا مِلي گُلن کي گلزار،
    ڪنيش ڪارا حسين وارا جي کڻي نيڻ نِهار
    هي ڏهه نالا ڏهس ۾ وارن جا وينجهار
    ڪر نه شڪ ڪر تن پڪ ڏس روهڙي بازار
    انهيءَ حَسين جا حبدار، آهن هزارين “حسين” بخش چئي


    صوفي حيدر بخش فقير شر

    پهرين جنوري جنم 1943ع ۾ ڳوٺ مينگهو فقير شر تعلقه ٺري ميرواهه ضلع خيرپور ۾ سندس استاد مرحوم مغفور فقير قادر بخش راڄپر هُيس سنڌي ست پڙهي پوءِ انگريزي پڙهيائين 1962ع اپريل ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ فيل ٿيو، غربت سبب سپليمينٽ نه ڪري سگهيو ۽ ڪڙمت ڪيائين جيڪا اڄ تائين سندس هلندي اچي سگهڙائپ تعليم هلندي 1955ع کان تيرهن سالن جي عمر ۾ ئي شروع ڪيائين ناظران قرآن شريف پڻ پڙهيل آهي 1962ع ۾ ئي ذڪر الاهيءَ لاءِ فقير سائين مهدي شاهه شاهه پور جهانيان کان طلب ورتائين

    سينگار

    ابرو ابر عجيب دي هن قرب ونڊيان لاءِ ڪان ڏونهين
    سي ته نال اوشاقان لڙدي چهٽ پٽ ڪر تيز ترين طوفان ڏونهين
    هوش ڪنون بيهوش ٿيون، جڏان پهس لڳن پيڪان ڏونهين
    نينان ڪجليان ڏيون تجليان، ٿيون عاشق ويک مستان ڏونهين
    ويکڻ نال لٽيندن جهٽ پٽ عاشق دي جند جان ڏونهين
    فوز فياضي فقره فائض شير فلڪ شاهان ڏونهين
    رخ انور رخسار رحيمي وڌ خاصان تون خوبان ڏونهين
    ويک مشتاق مدهوش ٿيندي هن صورت دي سلطان ڏونهين
    لَب لاثاني ڪن جلواني ٿيون هوش عقل حيران ڏونهين
    کيوي ڦردي خون دي خاطر لب اهي لاثان ڏونهين
    دُردندان ڪون ويکهه لڄائي موتي تي مرجان ڏونهين
    تجلي جنهان دي طبق چوڏنهن ڪيتا روشن زمين آسمان ڏونهين
    سُڻ سوال “صوفي” دا قبر حشر وچ ڏيسن، علي نبي ته امان ڏونهين

    سينگار

    هزارين هن دنيا ۾ هن حسن وارا هزارن ۾
    ڏسن محبوب مرن هيڪر ته رهن بيهي خمارن ۾

    نظر هيڪر نهاري ڪن ته وڃن سي قرب ۾ ڪڙجي
    نه ڦيرن ڪنڌ پوءِ ڪاڏي، نظر کُپُ ڪن نظارن ۾

    هلڻ قاعت پسن هيڪر رهن پو دنگ سي دل ۾
    چلڻ چارو چُڪي تن جو رهن بيهي قطارن ۾

    سڄڻ ٻولي ٻڌن هيڪر وڃي تن گفتگو وسري
    ڪري لب بند رهن بيهي تڪن بيهي اشارن ۾

    جڏهن مرڪي سندم دلبر وڃن سڀ مست ٿي مئي ۾
    طلب دنيا توڙي عقبيٰ نه اچي تن جي آثارن ۾

    خماريل نيڻ کڻي دلبر نظر هيڪر ڪري تن ڏي
    ته حواس هڙني ختم ٿين سڀ رهي ناهوش هوشيارن ۾

    نوازش جي ٿئي ڪنهن تي، ڀلي هجي ڇو نه ڪو ڪوجهو
    سو چمڪي چنڊ چوڏهينءَ جيان، نه چمڪ اهڙي ستارن ۾

    ڇڏي دشمن دغا جيڪو، اچي جي پيش پريَن پئي
    ته ڪري معافي خطائون سڀ لِکن سو لسٽ پيارن ۾

    سدا سڪ سوز ۾ “صوفي” پرين توکي پڪاري ٿو
    غلامن جي غلامن سان لکو نالو شمارن ۾.

    مارواڙي ٻولي

    ابُرُ بسيو بالم اُٿپت سر ٻيک سٽيو ساڌن
    سنتن ستسنگيون ڪيون بن ڀو ڳيو برهمنن
    جل امرت جوڙ جميعت ٿيو کک چاڪ پرسَن
    ساڌو سر سٽ هٿ جوڙ ٻيک ڪري دولهه دا درشن
    اِندُرُ شِڪَرِ آوڻ نه دي ملهار رهي محبن
    اڀوانُ اُبڊوڳيو ڏِمَ ميٽا ڏوٿيئڙن
    راشپتي منتري پيا ڀورل ڀڄن پڙهن
    پرک سري پارکند کي ٻيجهو ڪي نه ٻُجهن
    هرڻا ڪس هڄي ويا اچي سٽڪا سنگهه وجهن
    اندرشن درشن اِڻڪو اڻڪو چئي انمول ڏئي اُنهن
    شڪر چندرماهه ارٿ بيرم شهه شهه سينگار ڪرشن
    ته به مٽ نه هوڳيو محبوب دا گوهر گلزار گلشن
    جانب جڳت ۾ آرو ڳيو کُکُ لاتو لاهوتن
    شهجئون شميجان ۾ ڪنداسين دولهه دا درشن
    ڪلتاري ڪرمن سڀ سُهَه ٿيندا “صوفي” چوي

    سينگار
    (انگريزي لفظن ۾)


    سر آءِ ايم سينگ سڪ منجهان پويم پاسيبل
    وئي سي ان سنڌي ٽه اٽ سينگار آف سانول
    هيئر آف ماءِ حبيبس هيا بيشڪ بيوٽيفل
    گولڊ گلٽرس گئون ٿيا پَسي گيسو گوهر گل
    آءِ رو ماءِ عجيس هُيا بوَ کان وڌ بيٺل
    پئرٽ رهيو پوئتي نوز پسي نرمل
    هنڊوا حيرت ۾ پيا سي سموٿ لپس سهڻل
    ٽيٿ پسي ويا ٽِنڊُ ڇڏي ڊائمنڊ ٿيا ته ڊٺل
    ڪنورزيشن هرڊ آف ماءِ ڪاملس ڪين ڪُڇيا ڪوئل
    لعلڻ لُڪُ ٽه ائنيمي ڪري جانب جنهن مهل
    ته شوخي اُن جي شيم ۾ رهي مور مٽيل
    ڪيئن ڏس گاڊ گڏي ڇڏيو ڪلائوڊ اپ ٽه ڪامل
    نائيٽ به ڪيم ائز ڊي وين ڊڊ سرور سمائل
    اسٽينڊ اَپ آل ائنيملس جا ئي منجهه جهنگل
    ڪال ڪري اسٽون اچن اپ رِوَر ٽه راڻل
    فنگر اپ سان فوراَ اچي مُون ڪَرَ محفل
    فرينڊس آل فقير چئي هُئا ڳڻن منجهه ڳُتل
    مي ول ڊو اَوَرِ ڪيئر دئٽ ڪامل، سختين ۾ “صوفي” چوي

    سينگار

    زلف زور آور زيب سان هئا ظاهر زينتدار ميان
    پسي پاڪ پيشاني پريئن سندي وڌي پريت وارن جو پيار ميان
    ابرو البيلا ته عجيب جا پسي عشق ٿئي اظهار ميان
    نين نوراني ناز ڀريا پسي نينهن ٿئي نروار ميان
    فِڪرو پسي فُزَ وارو پيا ڦاسن ڦيريدار ميان
    لب لاهوتي لعل لاکيڻا لائق لعليدار ميان
    دُر دُٿان دلبر پسي پئي ديهيءَ ۾ دهڪار ميان
    ويو عقل ته افلاطون کئون پسي عينن سي انوار ميان
    دارا سڪندر در گداگر دُرسُ خاطر ديدار ميان
    ورنهه خاطر وُسعت آهر ويهي ڪيم ويچار ميان
    ته ڪونه ڏٺم ڪائنات اندر ڪامل جهڙو قربدار ميان
    هادي “حيدر بخش” ڪندو آه بيحد بدين جو بار ميان
    اَنا وَعلي مِنَ النّورُ وَاحِدُ آهه عربيءَ جو اقرار ميان
    اُهو سيّد آهه سردار ميان، هن ساٿ سڄي جو “صوفي” چئي

    سينگار

    ڪيون مهربانيون مالڪ محمّد مير ڏئي منور
    ٿيو ٿيندو نه ٻيو اهڙو اصل هي نور آه انور

    اچڻ سان جلد عربيءَ جي بهاريا باغ باغيچا
    وئي رحمت مٿان ملڪن سڪل جهر جهنگ ساوا ٿيا
    وٺا بادل ڪڪر رحمت ڀڄي ويا زور زحمت جا
    ٿيا ڏک ڏور مٿان ڏوٿين سڪايل هاجي رحمت جا
    عنايتون ٿيون خاطر عربيءَ اچڻ سان آمنه جي گهر

    ڪري پيا ڪوٽ ڪسريٰ جا ڪفر ڪاٽا ويا مٽجي
    ڪندا ها جي ظلم زورا تنين جا لوڙهه ويا لٽجي
    هلان هيڻن ڪندڙ سڀني سنديون پاڙون وَيون پٽجي
    ڏڪاريا ڏيهه جا ڏائڻ ويا سنگدل سڀئي مٽجي
    ظلمَ جُهڙ رات ڪاريءَ مان صبح صادق ڪيو سرور

    اگر جي چنڊ کي چئي ڏئي ته هلي حب مان اچي هڪدم
    ڀلي هجي پنڌ پدمين ڪوهه، ڪري نادير ايندي دم
    وڃي پل ۾ موتي پوئتي ڪري تسليم سين سرخم
    لاٿو جنهن چنڊ اشاري سان ڏسيو ٻيو ڪو بني آدم
    سڄڻ معجز نما آهي سندس ٻيو ڪونه آ همسر

    سندو پريَنِ پسينو ڏس عطر عنبر کي طاقت ناهه
    مليو قطرو هو مائيءَ کي چون ساڏي سڀئي وهه واهه
    پسي خوشبوءِ ڪستوري لاٿي سڀني ڪُفر ڪُلاهه
    عطر عنبر کي عاجز ڪيو پگهر پرين سبحان الله
    عطر کي پاڪ عربيءَ ڄام ڪيو محبوب آ مُعطر

    چوان ڇا شان دَرَ اطهر ملڪ نوري سندس نوڪر
    بڻيا درزي ته ڪي دايا ڏين ڊُيوٽي پيا هر هر
    سندس بوراق منزل لاءِ سواري پئي مڪي پرور
    چوين ٿو مان نبيءَ جهڙو ذرا ڪجهه ڌيان دل ۾ ڌر
    هيو ڪڪر رحمت اُپر مرسل مٿان پنهنجي ته ظاهر ڪر

    زباني راز جون ڳالهيون ڪري ڪجهه مان ٻڌايان ڇا
    ڪري هٿ ساڻ ڪم جيڪو ته خدا ڪِنَ الله چئي رَمَا
    وَمَا يَنطِقُ عَنِ الهَوا اِن هُوَ اِلا وَحيٌ يُوحَا
    جنهين جو شان جي ڀايان سندس ثاني نه ٻيو ڪو آ
    نبي معجز نما آهي نه ٿيءُ همسر شرم ڪو ڪر

    اچن در تي سوالي جي ته ڏئي صاحب سخا بڻجي
    شفاعت ڪاڻ جي آيا ته ويا صاحب شفا بڻجي
    وفائيءَ لاءِ جنهن سڏيو ته بيٺو صاحب وفا بڻجي
    بڻيو دشمن سندس جيڪو ويو سو خود خفا بڻجي
    خدا هٿ ٻئي وڍيا اُن جا وجهي ڪنڌ ۾ رسو کاٻر

    سدا سڪ ۾ رهي “صوفي” گدا پينو سڄڻ تو در
    هر دم دل ۾ اهلبيت جي محبت فرض آه مقرر
    مدح منقبت مون هر دم، آهي شيوو ناهيان شاعر
    شرح شاعري ملي مون دان چڙهي جيئن وير سمنڊ اندر،
    ڪڏهن سوالي نه ويو خالي اهڙو لڄپال آهي، پنجتن در


    لالڏنو “لالڻ” شر

    نالو لالڏنو “لالڻ” شر
    پيءُ جو نالو قادر بخش
    پيدائش 8-3-1972ع
    تعليم ايم اي سنڌي
    پيشو سرڪاري ملازمت
    سگهڙائپ جي شروعات ننڍپڻ کان
    استاد صوفي حيدر بخش شر /لال بخش ٻرڙو
    ڇپيل ڪتاب لالڻ جي لوچ
    مليل ايوارڊ سچل سرمست ايوارڊ ۽ لاتعداد مڃتا سرٽيفڪيٽ
    پتو ڳوٺ مينگهو فقير شر محله زنوار موج علي شر تعلقه ٺري ميرواهه ضلعو خيرپور ميرس

    سينگار ٽيهس (ٽيهه نالا چنڊ جا)

    ٿئين صدقي پيدا سائينءَ جي مون ماهه مهتاب
    هسند هلا ل حسن جي ناهي حد حساب
    قمر طوبا بدر نشا قر ٿا نمن لک نواب
    درڳ دڄراڄ مَداش تو جهڙا بيحد لک بيتاب
    نوڪ نوخ اندر عجيب جي ثنا لک ثواب
    هڪ زُلف زرو ظاهر ڪري جاني اگر جناب
    چن چندر مان چاند تو جهڙا ڪهي ٿين ڪباب
    پانَوَ پونا، پنرا، توکان وڌ لا لڻ لاجواب
    چندورا چگڙا چمن ۾، بيحد بالا حسن باب
    سَسُ شڪر ڪر شانائتي جو صدقي ڏنئي وِتُ وهاب
    پورن پهلو پونم پرين جو، تونگر وڏو تاب
    آهي عالم کان مٿي آقا عزت مآب
    “لالڻ” لاجواب آهي ڪامل هن ڪائنات.

    صفاتي سينگار

    خود مُصَوَر ٿئي عاشق اها تصوير ڇا هوندي
    انهيءَ تصوير کي سجدو اها تقدير ڇا هوندي

    سڀئي انمول تصويرون انهيءَ تصوير لاءِ ٺاهيون
    محبت سان ڪيل جيڪا اها تدبير ڇا هوندي

    مئا زنده پڙهن ڪلما يتيمن يار جي ياري
    ڏئي دلدار دلداري، گهڙي اڪثير ڇا هوندي

    هڪڙي حُسن واري لاءِ هُتي ڀي هٿ وڍيا هيڏا
    حُسن خيرات ۾ مليس اها جاگير ڇا هوندي

    سڀئي تشبيهون گهٽ آهن ڏيان تشبيهه مان ڪهڙي
    طٰہٰ يٰسين ۾ “لا لڻ” اها تفسير ڇا هوندي

    سينگار

    اچڻ سان عين اِبرو چِمڪِيا چؤطرف چانڊاڻ ٿي
    ٿي لڄپال لالائي لبن جي لال موتي لَرِزِيا لالاڻ ٿي
    دَهَنَ موتي دلربا جن سون کي سونهن بخشي سون جي سڃاڻ ٿي
    سرڪار جي سونهن ڏسندي واحد جي آ واکاڻ ٿي
    قُرب ٿيو ڪريم جو ڪائنات ڪامل ڪاڻ ٿي
    شناس جي شناخت ٿي لڄ جي “لالڻ” ڄمڻ سان ڄاڻ ٿي

    سينگار

    ٿي آمد اوهان جي آقا، ايمان جي خبر پئي
    انسان آيو ڇالاءِ، انسان جي خبر پئي

    صَفي الله کي هٿن سان يِدُ الله ڇو بڻايو
    انتطام ٿيو اچڻ جو، اعلان جي خبر پئي

    ميم سان ٿئين احمد صه، اصلي تون احد آهين
    انسان تي خدا جي، احسان جي خبر پئي

    تنهنجي حسن جي صدقي ٿيا ڪوڙين حسين پيدا
    ٿي دلبر دوا دکن جي، درمان جي خبر پئي

    صورت سڀن کان سهڻي سيرت سُبحان الله آ
    سرواڻ ساٿ جو تون سلطان جي خبر پئي

    لا اِله ٿيو لازم “لالڻ” اوهان جي لاري
    ڪائنات ۾ ڪلن کي، قرآن جي خبر پئي.

    سينگار

    هجي جنهن جو خدا طالب، اهو مطلوب ڇا هوندو
    ثناگر ڀي هجي خالق، اهو ڪَشَفَ الدُّجيٰ هوندو

    لِواءِلحَمِدَ جو سايو، ثَنا يٰسين مُزمل سان
    هتي حيران لک يوسف، اهو بحري سخا هوندو

    گُهمي جنهن فرش تي، دلبر قسم ان جا کڻي خالق
    پرين سو پاڪ پرور جو مٺو، ماهي لقا هوندو

    اَحَدُ هو پاڻ خود آهي پاتائين مِيمَ جو بُرقعو
    بشر جيڪو چوي ان کي عقل تنهن جو خطا هوندو

    پنهنجي صورت پسڻ کانپوءِ ٿيو آ پاڻ تي عاشق
    ايئن ٿيو نور جو جَلوو اهو نورالهُديٰ هوندو


    فقير اعجاز علي شر

    نالو فقير اعجاز علي
    پيءُ جو نالو محمد عارف فقير شر
    رهائش ڳوٺ مينگهو فقير شر تعلقه ٺري ميرواهه ضلع خيرپور ميرس سنڌ
    پيدائش 1939ع
    شروعاتي تعليم به پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ سندن پَڙ ڏاڏو فقير غلام حيدر گودڙيه جي درگاهه به ان ئي ڳوٺ ۾ آهي، پاڻ ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعري ۽ سگهڙائپ جي فن سان وابسته رهيا آهن. اڃا تائين به ڪچهرين تي ڪَهي وڃڻ جو شوق اٿن. سندس کي ست پٽ آهن. وڏو پٽ استاد قلب علي شر هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي ۽ پنجون نمبر فرزند امانت علي شر CSS آفيسر FBR ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور آهي ۽ سندس سڀئي فرزند سرڪاري نوڪرين ۾ آهن.
    سندس شاعري ۾ سينگار، هنر بيت، ڏهس، ڪلام، مناقبه ڏور بيت ۽ ڳجهارت وغيره موجود آهن.

    سينگار

    ڀَلي آئين ڀلا پرين، تنهنجي صورت سلطاني
    ڏسي زلف زريدار زيب سان، لٿي هينئڙي حيراني
    عين ڏسي انوار تنهنجا، ٿيا مرگهه ڀي مستاني
    انف ڏسي ته عجيب تنهنجو ٿيا چَتون چرياني
    دندان دُرَ دلبر جا، نه لڳي موتي مرجاني
    ڳالهائڻ تنهنجو ڳُڻن ڀريو، لڳي ڪوئل کي ڪاني
    چال تنهنجي چڪچور ڪيا، ٿيا هنجهه ڀي حيراني
    ناهي طاقت ڇا چوان، تنهنجي وصفن جي واني
    ڪيو اچڻ احساني، اڱڻ منهنجي ته “اعجاز” چئي

    سينگار

    ساراهيان سچو ڌڻي، جيڪو مالڪ آهي مُلڪن
    جوڙيائين ته جهان ۾، جيڪو صوبو آهِ سَڀن
    صفت ڪيان تنهن سرور جي، جو همراهه آ هيڻن
    صوبي تنهن سلطان کي، ٿا آهُوڏن ڏين
    سِڪن پيا سيد لئه، توڙي نبي نورانِن
    سوين صلواتون سيد تي، ٿا پريت مان ته پڙهن
    عرشئون چنڊ آئيو، ساڻ حڪم حَبيبن
    جيڪي چون سينگار سرور جا، سي ڏک ئي ڪين ڏِسن
    صدقي تنهن سيد جي، ٿيون حُورون هار ٻَڌن
    اميد گهڻي آه “اعجاز” کي، شَل ڪامل قرب ڪن
    جيڪي ايمان تي اچن، سي هوندا شال حضور ۾.

    سينگار

    ساراهيان سچو ڌڻي، جيڪو پاڪ آهي پَرور
    پاڪ ڌڻيءَ پيدا ڪيو، نُور نبي اَنور
    زلف گهڻا ٿس زيب ڀريا، ٿو قسم کڻي قادر
    نَينَ ته نوري ناز ڀريا، اٿس راضي ٿيو رهبر
    اَنف چوان ڇا عجيب جو، ٿيو شڪي شمس قمر
    پر مقرر ڪيو محبوب تي، هيو قادر پاڻ ڪڪر
    نَت سِج ته سُسي ها سيگهه ۾، جلد پَسي جوهر
    نعلين ته نوري نرمل جي، ٿي عرش جو اوجر
    نور جو قدر نور ڄاڻي ڇا ڪندو بيان بَشر
    آهي پرين حُسنَ پرور، عجيب منهنجو “اعجاز” چئي.

    سينگار

    اي ماه لَقا، ڏي تون وفا، شافي شفا، ٿين ڪي نفعا، آهين اَڙين آڌار تون
    پينو گدا، آهيون بنده، تو دَر سندا، رهون مُرڪندا،
    آهين سُهڻن سَندو سردار تون........

    آيو جبرائيل حڪم رب پاڪ تي، محبوب آ افلاڪ تي
    سَواري سَندءِ بُراق ٿي، هُئي صلوات هر هڪ وات تي
    اچي دلبر ڪراءِ ديدار تون......

    صَهَنَ ۾ آيو شير هو، اُن کي وينڊو مليو اُن وير هو
    هَٿ طعام ۾ ٻيو ڪير هو، ڦندُ نڪي ٻيو ڦير هو
    آهين دلبر دِلي دلدار تون....

    مُرسل هيو ملاقات ۾، ارڙهن ورهه هُئا رات ۾
    مخلوق ڪُل هئي نعت ۾، سج، چنڊ، سِتارا سانت ۾
    آئين بخشائي گنهگار تون......

    کُليو سَتُر، هڪڙو اگر، روشناءِ زر، ٿيو جهنگ ۽ جهَر
    اهڙو ڏيب مون دل ڏيار تون........

    آهين اُتم، ڪر ڪو ڪرم، ڀيمو ڀرم، لڄ ۽ شرم
    ڍَڪ ڏئي مون ڍار تون.....

    پئي هان ڇَڻي، هڪڙي ڄَڻي، ڄاڻي ڌڻي سڪ آ گهڻي
    ريءَ محبت نه مار تون.....

    ڪري دانهون دل، ترسي ته تِل، محبوب مِل، خوشين سان کِل
    ڏي پيارا پنهنجو پيار تون.......

    “اعجاز علي” ڳولي ڳلي، تو در هلي، جهولي جَهلي
    تنهن کي پيالو پرت مان پيار تون.....

    سينگار

    ساراهيان سچو ڌڻي جنهن جوڙيو هيءُ جهان
    پيدا ڪيئن پنهنجي نور مان، صوبو سو سلطان
    جيڪو ڪري اطاعت اُن جي، سو آهي جُنگ جوان
    چَڪور توکي ٿو چوان ٻُڌ ادا تون عنوان
    چاهه رکيو تو چنڊ سان ڪيئه مَن گهڻو مَستان
    راتيان ڏينهان روح کي ڪيئه پريت پريشان
    پَر اتان ڦَل نه مِلندءِ فائدو، ڌري ڏس تون ڌيان
    اهڙي حُب رک تون هوت سان، جيڪو صورت جو سُبحان
    بي وارثن جو وارث آهي، ضعيفن جو ته زمان
    مَک نه مُور لِڱن تي ويهي، اهو آ ناميي جو نِشان
    سج چنڊ جي سوجهري ۾، پاڇو ٿِئي نه پريان
    حُسن جنهن جو حوران ڏسي، آ هن اُڀيون منجهه آسمان
    آيو دلبر سندي دَر تي، ڇڏي شاهي سليمان
    عيسيٰ چوٿين عرش تي بيٺو درشن لئه دربان
    ارڙهن ورهيه الله سان ڪيئين محفل وڏي مان
    “لَولَاڪَ لَمَا خُلَقةُ الاَفلَاڪَ” جو اٿس، مالڪ مهربان
    ڪندو اُمت تي احسان، عجيب اسان جو “اعجاز” چئي.


    جيئند لنجواڻي

    نالو جيئند
    پيءُ جو نالو مهوال لنجواڻي
    پيدائش 1965ع
    تعلقو ٺري ميرواهه
    ضلعو خيرپور ميرس
    سگهڙائپ ۾ استاد صوفي حيدر بخش/لالڏنو شر
    تعليم پرائمري
    پيشو هاري
    مڪمل ايڊريس ڳوٺ ننڍو تارڪو تعلقو ٺري ميرواهه ضلعو خيرپورميرس

    سينگار

    حُسُن منهنجي حبيب جو، جلوو آهي جمال عجب
    قادر رکيا ڪيترا، ڪريم منجهه ڪمال عجب
    چهرو سهڻو چنڊ کان، هت نه پڄي هلال عجب
    نور نشانبر آهي اعليٰ، ڇا ترني ڪندي تال عجب
    ڪفش سان ڪامل عرش گهميو، گل گوهر جا ته گلال عجب
    مان ڏيان ڪهڙا مثال عجب، آهي جانب وڌ “جيئند” چئي.


    نوشهروفيروز ضلعي جا سگهڙ

    در محمد ڪمال سولنگي

    نالو؛ در محمد
    تخلص؛ ڪمال
    پيءُ جو نالو: محمد موسيٰ
    ذات؛ سولنگي
    ڄمڻ جي تاريخ؛ 08-07-1947ع
    تعليم؛ ماسٽرس (‏‏‏M.A) جنرلزم
    ادبي استاد؛ محمد ابراهيم مائل سولنگي (سندس ڀاءُ)
    شايع ٿيل ڪتاب؛ سمن سرڪار (سوانح حيات)، ڪرامتون
    مليل ايوارڊ؛ لاڙ جو لال (1979ع) ڀٽائي ايوارڊ (2002ع)
    پيشو؛ اطلاعات کاتي جو ريجنل ڊائريڪٽر ٿي رٽائرڊ (2007ع)
    ڌنڌو؛ زمينداري
    هنڌ؛ ڳوٺ ٺٺ سولنگي لڳ دليپوٽا ضلعو نوشهرو فيروز، سنڌ

    کنوڻ جو ڏهس بيت

    چاها، چِيهي، چَچُورَکي، مُحب ڪرائي مات
    بَرق، بَجلي، بِيجڙي، سِمڻه آئي سانت
    مُرڪ مَٿي ملهار ڳڙهه کان، نڪي چِمڪَت جي چمڪات
    دامني چمڪي دنگ ڪيو، آيو ڪامل جڏهن ڪائنات
    دَشن کولي دلبر، ڪئي روشن ڪاري رات
    جانب آيو جهان ۾، پرهه ڦُٽي پرڀات
    شب روز راضي رهبر سان، بهتر بڻي بات
    “درمحمد” درود پڙهون، نرمل مٿان نعت
    ٿي صلوات وائي وات، جڏهن سڄڻ آيو “سولنگي” چئي


    عبداللطيف سولنگي

    نالو: عبداللطيف
    تخلص: عبد
    پيءُ جو نالو: محمد قاسم
    ذات؛ سولنگي
    ڄمڻ جي تاريخ؛ 3-5-1967ع
    تعليم؛ ماسٽر آف آرٽ (M.A) سنڌي
    سگهڙائپ جي شروعات؛ 2002ع
    ادبي استاد؛ عاجز رحمت الله لاشاري
    پيشو؛ صحافت (سرڪاري ملازم)
    پتو؛ ڳوٺ ڪوڙي جاڀاڻ لڳ مٺياڻي ضلعو نوشهرو فيروز سنڌ

    سينگار بيت

    سهڻل جا سينگار، پرور ڪيا ها پڌرا
    حورن کان وڌ حُسن ۾، جانب جلويدار
    شمس، قمر کي شُعاع ڏنو، خود پرينءَ جي پيزار
    مڪنا، مينڊل، موهجي پيا، ڏسي راڻل جي رفتار
    ڪامل اڳيان ڪار ڌو، ويو مستي ڇڏي مزار
    اُدگر، آهُو ڇڏايا ڪيئي، ننگ رکي ننگدار
    نيف نشانبر تيمر کان وڌ، ڪوئل کان گفتار
    ڪنگور به وڃي ڪم ٿي، جڏ مُرڪ ڪري منٺار
    موتي ۽ مرجان کان وڌ، لُوءَ لُوءَ هن لڄادار
    محشر منجهه مختيار، سار لهندو “سولنگي” چئي


    رحمت ا لله عباسي

    ڪانڌڙا ڪالوني موري ۾ رهندڙ ۽ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جو شاگرد نالي وارو سگهڙ رحمت الله عباسي ولد ڳهڻو خان عباسي 1950ع ڌاري ڄائو . هُن سگهڙائپ جي شروعات ويهن سالن جي ڄمار ۾ 1970ع ڌاري ڪئي. ساهتي پرڳڻي سان واسطو رکندڙ هن سگهڙ ۾ به ڪيتريون ئي خوبيون آهن. مهمان نواز، خوش خلقي ۽ يارويسي وغيره سندس خوبين ۾ شامل آهن. سندس ڪلام ۾ به ساهتي پرڳڻي جي نج سنڌي ٻولي، پهاڪا ۽ چوڻيون وغيره سيبتائيءَ سان ڪم آندل آهن. هُن لوڪ شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جهڙوڪ؛ گفتا، نصيحت جا بيت، معجزا، مناظرا، بنا نقطي بيت، ٽيهه اکريون ڏهس ۽ چاليهس به چيا آهن. سندس لوڪ ادب شاعريءَ جو هڪ ڪتاب “رهاڻ رحمت الله جي” پڻ ڇپيل اٿس.

    سينگار بيت (وارن جا نالا)

    زلف ڪارا ڪاڪل قهر ڇا هوءِ مينڍا منگ،
    ڪچ ڪٽونب ريڍان قطط گهنڊيدار گيسو گنگ،
    ڪيچ ترنگ تلوار ڪي ڪرال ڪيس وجهن ونگ،
    ڇتا ڄنڊڙا ريکن ويشان ڍول نرالا ڍنگ،
    ڄونڊا ٻونگر ڪڪر ڪتت اڳ بال ڀنڀا انگ،
    جميعته المڪت هيئر بج ٻيهر هڻڻ ٻنگ،
    چرنن جي چاهه تي پوءِ چري پيا چنگ،
    ونگڙا ويڙهيل گهنڊڙا گهائن سر تي سونا سنگ،
    سياهي نه پڄي سنسار جي ڏين ڏيکاري ڏنگ،
    “رحمت الله” چئي رنگ، ٻيا اصل نه ڏٺم “عباسي” چئي.

    سينگار (نالا اکين جا)

    اکين الري عاشقن جي ڪيا سيني تي سٽڪا
    آئيز استر نئيتر ڊيلا نه گهورن ڪئي گهٽڪا
    نين ديدون نيڻ تارا ڪيالوچن درگ لٽڪا،
    اڳيان اگ چتر چڪس ڪئي چشم دل چٽڪا
    خوندر گيهه بهر ڇم جي مور نه ڪوئي مٽڪا،
    ڪجليون ڪيف ڪڪوريون ٿيون ڪهي ڪن ڪٽڪا
    ڪڙ ڪيا ڪان ڪارين جا پئي جهري دل جهٽڪا
    خنجر ڀالا خن کوڙي ڪن الاهي سر اٽڪا،
    عين ناکن ناز نهوڙي ڪيا ڀو ڀورين ڀٽڪا
    بانوري باداميون بلوريون ڪن هينئن ۾ هٽڪا
    شرميليون شوق شڪار لاءِ ٿيون زوريءَ ڪن زٽڪا
    چاهه سک چين ڦٽايو پيا ڏيل منهنجي ڏُٽڪا
    پوش مٿان پاڪائيءَ جو ڪئي خن خجن کٽڪا.
    ڪجل ريءَ ڪهي ويون ملي واهه مون کي وٽڪا،
    ڏاهن چيو ڏهس ۾ مون ڄاڻ ڪهڙي ڄٽڪا،
    اهڙيءَ ريت “رحمت الله” چئي، ڪيا ٻن اکين ٻٽڪا
    ناز ڪري نٽڪا، ويون اهڙي انگ “عباسي” چئي.


    ضلع بينظير آباد (نوابشاهه) ضلعي جا سگهڙ

    محمد جعفر لاکو

    محمد جعفر ولد محمد بچل لاکو جي پيدائش 1964ع دوران قاضي احمد ڀرسان ضلع بينظير آباد (نواب شاهه) ۾ ڳوٺ حاجي نور شاهه ۾ ٿي پاڻ 1980ع کان سگهڙائپ سان واڳيل آهي سگهڙپائي ۾ کيس استاد متارو خان واڍو آهي ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻي چڪو آهي ۽ هر صنف تي لکيو اٿائين.

    ڏهس سينگار

    آهن وڌ واسينگن کان تنهنجا زلف زوراور،
    عجب چال اکين جي ٿيون ڪيرائين قمر
    خشم کوڙ ڪرائيا عاشق سڀ سٻر،
    لالون ڀڳيون لبڙا ڏسي ڇڏي پڙپچر،
    موهيو لات لسان جي مَلَڪَ، جن، بشر،
    چميا هٿ حورن هئا رکي نوکن تي نظر،
    ڀلا ڀاڳ ڀونءِ جا جت رجل ڏنا رهبر،
    هلي فيض فتاح جي رنڱي دنيا سڀ دهر،
    لکي “لاکو” ڇا سگهي جوڳو ناهي “جعفر”
    قلم ساڻ قادر، فرمائي ثنافرقان ۾.


    حاجي سومر ڀان

    حاجي سومر خان ولد محمد خان ڀان 1929ع شهر قاضي احمد جي اباڻي گهر ۾ ڄائو پاڻ استاد متاري واڍي کان متاثر ٿي 1970ع ۾ سگهڙ بڻيو هر صنف تي لکيو اٿائين پاڻ هڪ غريب پورهيت هاري آهي.

    سينگار جو بيت

    مٺڙو مير منهنجو آ سهڻو سڀني سرس،
    گل گلاب گلڙن کي به آهي راڻي ڪرائي رس،
    جنهن کي پياري، پِڪَّ پرين ته لهي قلب تان ڪس،
    پسڻ خاطر پيغمبر به ڪن پيا وير لاءِ وس،
    “سومر” سڪ وڏي من ڪو تونگر پوي ترس،
    وٺ “ڀان” اهڙو گس، جو ٿئي ميلو محبوب سان.


    علي اصغر لاکو

    علي اصغر ولد حاجي خان لاکو جي پيدائش 1970ع دوران ضلع بينظير آباد (نواب شاهه) جي شهر قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ مير محمد لاکو ۾ ٿي استاد جعفر خان لاکو کان متاثر ٿي پاڻ سگهڙائپ جي ميدان ۾ آيو 1988ع کان وٺي سگهڙ ڪچهريون ڪري رهيو آهي. پاڻ پنهنجي برادري جو اڳواڻ ۽ چڱو مڙس آهي ۽ سگهڙائپ جي ميدان ۾ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ايوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي.

    گوريءَ جو سينگار

    جڏهن گوري گهڻا ڪري سرس وڏا سينگار
    پئي پائي پوشاڪون پٽ جون ۽ چوکا چندن هار،
    بخمل ويس بدن تي ٻيا واري واسينگن وڌ وار
    کنيون نيڻ خمار مان پئي ڪري شونق شڪار
    ڪنڌ نمائن ڪيترا پيا انهيءَ درتي دنيا دار،
    بانور ڪيو حسن تي پئي ڏاڍي ڏئي ڏيکار
    هن جون ديدون دو ناليءَ جيئن ڪن سيني منجهه سٽڪار
    پر مورئون نه مٽ ڀائيان آهي سونهن وڌ سردار
    جڏهن نرمل کولي نقاب ٿين چئو طرف چمڪار،
    توڙي حسين هجن لک هزار تب عجيب وڌ “اصغر” چئي


    مٽياري ضلعي جا سگهڙ

    ممتاز امين سنياسي

    ممتاز امين سنياسي ولد محمد امين ابڙو سنياسي ڳوٺ گل سانگرو ۾ سن 1969ع ۾ ڄائو 1988ع کان سگهڙائپ جي رنگ ۾ رتل آهي، سندس والد محمد امين سنياسي کان سگهڙائپ ورثي ۾ ملي سلات تنظيم کي منظم ڪرڻ ۾ هن سگهڙ جو تمام اهم ڪارنامو آهي، سندس پيشي جي لحاظ کان حڪمت ورثي ۾ ملي اڄڪلهه نيو سعيد آباد شهر ضلعي مٽياري ۾ حڪمت ڪري ٻچڙن جو پيٽ پالي ٿو.

    سينگار (سرائيڪي)

    ويکهه ڪي چهرا يار سڄڻ دا، ڪيئي سهڻي ڪنڌ نماون تي شرماون
    سهڻل اڳون ڪيئي سهڻي، ادب نال الاون تي شرماون
    ويک مکڙا محب ميڏي دا، موتي ڀي مُرجهاون تي شرماون
    ٻولي سُڻ ڪر ٻهڳڻ دي، نا طوطي چهنب چلاون تي شرماون
    ڪيا ٽور ڪريسن مور ماهي دي، شيهل ڀي ڇپ جاون تي شرماون
    سورج قمر سانول اڳون، نه تاري تاب ڏکاون تي شرماون
    ويک ڪي نئينان ناز ڀريئي ديان، نه ڪُڙيان ڪجل پاون تي شرماون
    حوران پريان سڀ “سنياسي” نوڪر نام سڏاون تي شرماون

    سينگار

    حسن وارا قسم تنهنجو، منهنجو ايمان بس تون آن
    مذهب دين سڀ سارو، منهنجو قرآن بس تون آن

    سوا تنهنجي سڄڻ سائين، عبادت به اڌوري آ
    صبح، سانجهي توکي سجدو، بنا سجدي نه پوري آ
    محبت به ملي توکان، رحمت به ملي توکان، جنت به ملي توکان
    تون هر شيءَ جو آهين مالڪ، ڪمي نه آهي تو وٽ، عزت به ملي توکان
    جنهن کي چاهين اڏين ان کي، وڏو مهربان بس تون آن

    جنهن ۾ نالو تنهنجو ناهي، ضايع سارو ذڪر چئبو
    ابتدا ئي اوهان کان ٿئي، اهو ڪم امر چئبو
    ايئن آهون، وڏيون دانهون، اثر دعائون ڪنديون ڪهڙو، بنا محبوب محبت جي
    نفل ڇا ڪبا نيتي، سوا سهڻي جي صحبت جي
    اندر واري ئي ڪعبي ۾ منهنجو آذان بس تون آن

    چاهي دل ٿي پرين پيارا، هميشه گڏ هجان توسان
    عنايت جي اگر ٿي پئي، اها سائين مٺا مون سان
    ته ٿي نوڪر تنهنجي در منهنجا دلبر، مرڻ تائين گذاريندس
    تنهنجون راهون، تنهنجا رستا، اکين سان پيو ٻهاريندس
    اعليٰ چيز آهين پر سڄو سبحان بس تون آن

    چئي “ممتاز” منهنجو آن، حُسن وارا سهارو تون
    حُسن سان گڏ آهين تون، پرين ڪيڏو نه پيارو تون
    نرالو ناز آ تنهنجو، نئون انداز آ تنهنجو، مٺو آواز آ تنهنجو
    هر تعريف آ تنهنجي، ڀريل بياض آ تنهنجو
    “سنياسيءَ” جو سهڻا سائين وجد وجدان بس تون آن

    گوريءَ جو سينگار

    سهڻين کي سينگار گهڻا، پيا چوڙيلن کي چلڪن
    ڪيوٽيون، ڪوشڪيون، ڀلي ڪوڏيون پائن ڪن
    والا، جهالا، جهومڪ، جهاجهر ڪيو جهلڪن
    نسبيون، پنڙا، پوپٽ، پاپڙين تي پلڪن
    چوٽيءَ ڦل، چاهه مان پيون، سڳين تي سٽڪن
    ريشم پَٽ، سڳڙا سُٽ، گُجرون سي گل ڪن
    مٿا مٿي مينديءَ ڏئي، سينڌ سي سرڪن
    هڻي مساڳ، مَسي سُرخي، چڱا سي چَپ ڪن
    سهسين ڪن سينگار ڀلا، ٻيو شؤق سان ڇٽڪن
    دهريون، هار هزارن جا، پيا لُڪيءَ تي لٽڪن
    بُولو بئينسر، بانوريون، نازڪ سي نٿ ڪن
    هيرا ڦليون، لونگ پايو، مُهريون پيون مُرڪن
    هسبيون، رسيون رنگين پائي، ڳچيءَ ۾ ڳٽڪن
    ڪنگڻ، ڪڙيون، ڪٺ مالون، نه موراهون مَٽ ڪن
    ڇلا، منڊيون، ويڙهه واهه واهه، چيچن تي چِٽڪن
    جورا ڍڪي جپاني، ڀلي جوڀن تي جهٽڪن
    سُرمو پائي سرهيون ٿي، ٻيو تيل مَکي تِلڪن
    عطر، خستوري، مُشڪ مڻين، نه بوءِ کان بس ڪن
    سرتين سندي ساٿ ۾، ڪونڌر پيا ڪسڪن
    جي محبوب اچي محفل ۾، ته کايو هار اُتي هٽڪن
    ويچارين سڀ وسري وڃي، پيون ڀڙن ۾ ڀٽڪن
    سورنهن ئي سينگار ڪري، کڻي ڪجل سان ڪٽڪن
    اعليٰ منهنجي عجيب لاءِ، سهڻيون پوءِ سڏڪن
    واٽن تي ويهن، سڄڻ لاءِ “سنياسي” چئي.


    نظير احمد ميمڻ

    نظير احمد ولد ستار ڏني ميمڻ جو بنيادي تعلق مٽياري تعلقي جي ديهه ابڙيجاڻيءَ ۾ قائم ڳوٺ گل وسيءَ سان آهي جتي پاڻ 1964ع ۾ ڄائو هو پرائمريءَ جا پنج درجا ويجهي ڳوٺ ماڪن شاهه جي وسيءَ ۾ پڙهيائين ۽ پوءِ هارپي جي ڪم ۾ مائٽن جو هٿ ونڊائڻ لڳو. 80 واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيل بدامنيءَ ڪري 1983ع ۾ سڄي ڳوٺ لڏ پلاڻ ڪري ٻيا ٿاڪ وسائڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙيءَ طرح ڳوٺ جي اڪثر آبادي مٽياريءَ جي پوليس اسٽيشن ويجهو ميمڻ ڪالوني ٻڌي اچي ويٺي. ڳوٺ ۾ سندس خاندان گهڻي قدر زراعت پيشه هو. پر شهر ۾ اچڻ بعد واپار وڙي ۾ به لڳي ويو. خود نظير احمد ۽ سندس ڪي ڀائر ٺيڪيداريءَ جي ڪم سان لاڳاپجي ويا. نظير احمد ميمڻ جو والد ستار ڏنو ولد گل محمد ميمڻ پاڻ به سگهڙ هو. هڪ لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته لوڪ ادب سان سندس دلچسپي موروثي آهي. پر هن باقاعدي لوڪ ادب تي طبع آزمائي 1993ع ۾ شروع ڪئي، جڏهن سندس واسطو يارمحمد ٻگهئي سان ٿيو، جيڪو سنڌ جو مشهور سگهڙ آهي ۽ جنهن جي صحبت کيس لوڪ ادب جي صنفن تي باقاعدي طبع آزمائي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
    نظير احمد ميمڻ ميڊيا جي مختلف ذريعن جهڙوڪ؛ ريڊيو، ٽي ويءَ تي پنهنجو فن پيش ڪري چڪو آهي ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ به سندس شاعري ڇپجندي رهندي آهي. پاڻ لوڪ ادب جي حوالي سان به ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهڻو متحرڪ رهيو آهي سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم سلات قائم ڪندڙ بنيادي ماڻهن منجهان هڪ آهي.
    فن جي حوالي سان کيس ڪافي ايوارڊ ۽ شيلڊون پڻ ملي چڪيون آهن، جهڙوڪ؛ دولهه دريا خان ايوارڊ، سگهڙ محمد امين سنياسي ايوارڊ، مٽياري مددگار فورم ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ. هن لوڪ ادب جي صنفن مان خاص طور تي سينگار شاعري، ڳجهارت، نصيحت، پهاڪن وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي سندس هڪ ڪتاب “صدين جي سوغات” ڇپجي چڪو آهي. هن ڏور بيتن تي مشتمل هڪ ڪتاب ڌار مرتب ڪيو آهي، جيڪو پڻ جلد ئي ميدان ۾ آندو ويندو.

    سينگار

    ڪاڪل ڇڏي ڪلهن تان جي وير ورائي وار
    ته زلف سياه سڄڻ اڳيان ڇا ڪڪر ڪندا ڪار
    ڇنڊي جي ڇوه مان ته نانگ نه ٿين نروار
    تند زلف تاب اڳيان بجليون سڀ بيڪار
    اليهر تليهر عجيب اڳيان گرگ ٿين سڀ غار
    “ميمڻ” مٽ نه محبوب جو ڀل لڏن لک هزار
    جا “نظير” ڪيم نهار مثل نه ڏٺم محبوب جو

    سينگار

    چڪور ايڏو چنڊ تي تو چريا رکيو چاهه
    ڏسي هن حُسن کي سڪي ويو ٿئي ساهه
    ڀنڀو ليو رهين بر ۾ رليا ڇڏي راهه
    ڏسين جي محبوب منهنجو ته واتان نڪرئي واهه
    جي ٻاهتر مان ٻاجهارو کولي هڪ پلاهه
    ته اڀري نه وري اُڀ تي نه تک بچيس تاءُ
    نه ڳاڻيٽو رهي ڳول ۾ نه ڏينهن هفتا ماهه
    جا “نظير” ڪيم نگاهه، پر مثل نه هو محبوب جو

    سينگار (ڏهس هاٿين جا نالا)

    هلڻ ڏسي حبيب جو ٿيا چينچل سڀئي چور
    هاٿي هنڌَ مٽائي دهلي ويا سڀ دُور
    گنير گس ڇڏي ماڳ نه وريا مور
    گيدان مان گُوهه وئي سنکر ڇڏيو سور
    ڪُنجل ڪن کڙا ڪيا هرني ٿيو هور
    فلڪ وئي فيل مان گج نه چريو گور
    مڪني ماٺ ۾ ٽل وڃائي ٽور
    “ميمڻ” مڙيا سڀ مور هلڻ ڏسي حبيب جو

    سينگارصفاتي

    سهڻي منهنجي سردار جو ناهي جوڙ جهان ۾
    حورون پريون حيران ٿيون غلغلو غُلمان ۾
    سائين خود صلوات پڙهي سهڻي نبيءَ جي شان ۾
    قصو منهنجي ڪامل جو قادر ڏنو قرآن ۾
    سيرت صورت سهڻي سڀ خوبيون ڀليون خان ۾
    ابر ڪڪر اجهي ويا جلوو پسي جوان ۾
    پانو پُونو پُنرو ۽ چنڊ ڪريو چوگان ۾
    ويو جلوو پکڙي جوءِ ۾ ٿي بهاري بستان ۾
    ڪبڪ ڊيل ڪنبي وئي جي محب گهمي ميدان ۾
    مور هاٿي مات ٿين نه جوتِ رهي جان ۾
    پير مبارڪ پرين رکي واري ڪنهن ويران ۾
    ته ٿين باغ بهاريون گل ڦل گلستان ۾
    لکي ڇا لکان نه آهي زور ايڏو زبان ۾
    مولا مارج “ميمڻ” کي عربيءَ جي ايوان ۾
    تو سگهه وڏي سبحان ۾، آهيان نياز مند “نظير” چئي.

    سينگار صفاتي

    جاچي ڏٺم جهان آ سهڻل جي سينگار تي پهرو
    حورون پريون هر حسينن جو سڄڻ سردار تي پهرو
    جو وڻڪ وڄن ڀي ڏنو دلبر جي ديدار تي پهرو
    ڪيفي ڪاريون ڪنڍيون ڍولڻ جي ڍار تي پهرو
    لبن جي لالاڻ ڏنو لبي مينار تي پهرو
    منهن ۾ محبوب جو ڏندن جي ڏهڪار تي پهرو
    چؤطرف چمڪار ڄڻ درن جو دلدار تي پهرو
    جتي پير رکيو پرينءَ ان پيزار تي پهرو
    ڀؤنري ڏسي پٽ تي درس ڏنو درٻار تي پهرو
    ڪيسر ڪري پٽ پئي هاپوش جو منهن انوار تي پهرو
    “نظير” نرمل نڪري ناز مان ته لڳي بازار تي پهرو
    “ميمڻ” مالڪ ڏنو محبوب لاءِ سڄي سنسار تي پهرو

    سينگار (ڏهس اُٺن جا نالا)

    اچڻ ٿيو عجيب جو ته ليڙن ڇڏيا لڪ
    بودلا بار ڇڏي واري واريئون نه وک
    مستي وئي مهرين مان چانگن نه وڌا چڪ
    اٺ بيٺا ۽ عجيب اڳيان بار ڇڏي بيهڪ
    ڍاٽِن ڊاوکان مور نه چري مڪ
    روڏا کوڙي گوڏا ڍاري ڪيئون ڍڪ
    گورن گاهه ڇڏي ڪئي وير اڳيان وِهڪ
    “نظير” ڪنواٺ ڪنڌ نمائي ڏٺي جانب جي جهلڪ
    جنهن پرين منهنجي پِڪ، هئا کارا کوه مٺا ڪيا


    محمد ابراهيم ميمڻ

    محمد ابراهيم ميمڻ ولد محمد موسيٰ ميمڻ جي پيدائش 1970ع ۾ ٿي، پاڻ پرائمري تائين تعليم حاصل ڪيائين، پاڻ فن جي شروعات 1990ع کان سنڌ جي سريلي سگهڙ يار محمد ٻگهيي جي استادي هيٺ ڪيائين. اڄڪلهه ڪوٽ سهيل اڪبر شاهه لڳ مٽياري شهر ۾ پنهنجي ڪرت سان لڳل آهي.

    صفاتي سينگار

    تنهنجو نالو پيارو، اسم پاڪ آهي
    تنهنجي نانءُ پيارا، هي لولاڪ آهي

    تون هر ڪنهن جو رهبر، تون سردار آهين
    تون مختيار ڪُل جو، تون مَهدار آهين
    خدا جي ته رحمت جو، وسڪار آهين
    سعيدن جي محفل جو، سينگار آهين
    ٻيلا ئن، ٻنين جو، تون ٻهڪار آهين
    مڪي جون ماڙيون، مدينو به تو لئه
    منهنجو ساهه سَنڌُ سَنڌُ، هي سينو به تو لئه
    تون ۾ مُهرِ نَبوّت ۽ ميثاق آهي

    تنهنجي آئي عربي، ختم ٿي اونداهي
    بچيو ڪونه ڪُنگرو، بچي ڀِت نه ڪائي
    قيصر ۾ قِهري مچي وئي تباهي
    اها باهه احمد صه، تو پيارا اُجهائي
    بُت ڀور ٿِيَڙا، ٿي پَئي سُهائي
    تون منهنجي دِل جو دلبر، دلدار آهين
    تون ئي نور نرمل، تون ننگدار آهين
    پهريل توکي پيارا، هي پوشاڪ آهي.

    ڪٿي چنڊ چيريُئي، آڱر جي اشاري
    ڪٿي سج واپس ڪيئي، وَاري وَاري
    ڪٿي پٿر پاڻيءَ مان، ڇڏيئي تاري تاري
    ڪٿي نانگ نڪري پيو تو لئه نهاري
    سُڪل ٿُڙ ٿيو سائو، سو تنهنجي سهاري
    تون مير مُرسل، تون مَهدار آهين
    غريبن، يتيمن جو غمخوار آهين
    تنهنجو عَجب اعليٰ سائين اخلاق آهي.

    هي “عاجز ابراهيم” پيو تو لئه پُڪاري
    سدائين پيو سِڪ مان، سڄڻ توکي ساري
    غمن ۽ ڏکن ۾ پيو راتيون ڏينهن گهاري
    اکين مان هي عاصي پيو لڙڪ هاري
    مسڪين هيءُ “ميمڻ” ، لڳو تنهنجي لاري
    تون ڄام احمد صه، تون علمدار آهين
    تون ئي شان شوڪت جو، شهڪار آهين
    تنهنجي عرش تي ٿي، اوطاق آهي.


    حيدرآباد ضلعي جا سگهڙ

    علي اڪبر چانڊيو

    نالو علي اڪبر چانڊيو تخلص اداسي
    پيءُ جو نالو خير محمد چانڊيو
    پيدائش 1968ع
    فن جي شروعات 2005ع
    استاد غلام ڪبير لولائي ۽ عاجز رحمت الله لاشاري
    ائڊريس لطيف آباد نمبر 4 حيدرآباد

    سينگار بيت (ڏهس - اُٺن جا نالا)

    ڏسي مِير مُرسل کي، ليڙن ڇڏي لُر
    راهه مَٽي راڻل جي، ڪَر هَن کنيا ڪَر
    گؤنرن گس مٽائيا، ويا پوئتي هٽي پانگر
    مَهرين مان مستي وئي، وسريا اُٺن کان اوڳر
    مَيَن مُنهن موڙيا، ويو ڏانگهن منجهان ڏر
    روڏن ڪري راڙيون، جهُڪايا ساجن آڏو سِر
    سُڃاڻي عربيءَ کي “اڪبر”، ڪِريا ڪنواٽ ڪُلئي قدمن تي.

    سينگار بيت (ڏهس - هاٿين جا نالا)

    هلڻ ڏسي منهنجي حبيب جو، مڃي هاٿي، هئينڊل هار
    چئينچل چُرڻ ڇڏيو، ڏسي راڻل جي رفتار
    سَنکر سِر نوائيا، ڏٺئون جڏهن عربيءَ جا اسرار
    ڪُنجل ڪنڌ جهُڪايا، جڏهن نرمل ڪئي نِهار
    گيدن گس مٽائيا، ايندي محب ڏسي منٺار
    گَنيَر، گورَ ڪن کڙا ڪيا، ٻڌي گوهر جي گُفتار
    جڏهن سُڃاتائون سردار، “اڪبر” ڪريا مئنڊل ڪُل قدمن تي.

    سينگار بيت (ڏهس - راتين جا نالا)

    جنهن ۾ آمد ٿي وئي آقا جي، سا بيحد ڀلاري هُئي رات عَجب
    ٻارهين ربيع الاول جي رَجنِيءَ ۾، بَرسي رحمت جي برسات عَجب
    حورون، پريون به جُهومڻ لڳيون، پَيا اُنس مٿان اثرات عَجب
    جنهن شَف جانب جو جلوو ٿيو، سي لَيلَ جا هُئا لمحات عَجب
    مَٽي رَين جي رونق، بُتن به ڪري سجدا پڙهيا ڪلمات عَجب
    چؤٻول پئجي ويا چِيهن ۾، پوءِ پرهه ڦٽي پرڀات عَجب
    پَهپَ پَسي پرينءَ کي، پڙهي سائينءَ تي صلوات عَجب
    تِنهن سَٻ مٿان مان صدقي ٿيان، آيو عربي ٿيا انعامات عَجب
    اُن تَرنِي، تمسر ۾ شان وارو، مليو مُحب ته ٿي سوغات عَجب
    “چانڊيا اڪبر” نبي نِروار ٿيو، ڪُل روشن ٿي ڪائنات عَجب

    گوريءَ جو سينگار

    جب گوري گهنا ڪري، هلي سورهن ئي سينگار
    پائي نٿ، نسبيون، جُهومڪ، جهالا، هيرن جا ڪي هار
    ڇلڙا، پنڙا، ڪنگڻ، ڪڙيون، وري دُهري پائي ڌار
    بڪل، بُولو، بئنسر ۽ ٻيون چُوڙيون چمڪيدار
    ڪٺمال، ڪو ڪو، لونگ، ليلم ڪري ڪجل جي ڍار
    پهري بخمل، ريشم بدن تي، ڪري ڇم ڇم هلي ڇمڪار
    پر هلڻ ڏسي منهنجي حبيب جو، ٿيندس هوش عقل گم غار
    آهي سونهن سڄڻ جي تار، “اڪبر” هيءَ ڇا جهلڪ سگهندي جهلي.

    صفاتي سينگار بيت

    ڏٺم جاچي دنيا، خدا جو قسم آ
    حُسن منهنجي سهڻي، سڄڻ تي ختم آ

    ڪچهريءَ ۾ حَسينن جي، جي ڳالهه چُري پئي
    محمدﷺ جو نالو ٿو زُبان تي سُري پئي
    ٻُڌي صِفت سڄڻ جي، ٿو ويندڙ به وَري پئي
    هي جگر جيرا منهنجا، ٿي دل به منهنجي ٺري پئي
    جهڙو سڄڻ سُهڻو، تهڙو ئي اِسم آ

    لڳن ايئن پيا ڪارا، ڪاڪُل ڪُلهن تي
    جيئن نانگ واسينگ، هُجن ڪنهن پهرن تي
    ڏين ڀؤنر ڀيرا، پيا ڀُلجي ڳلن تي
    سَمجهي گُل گلابي، پيا گڏ ٿين لبن تي
    ڪري ڪم نٿو هوش، ڀؤنرن جو به گم آ

    اکيون ڪاريون ڪجليون، ڪجل ڍار کان وڌ
    ڀِرون جاڙا جاڙا، ٻئي تلوار کان وڌ
    دَندان، هيري، موتي، جهنوار کان وڌ
    ناهي ڪو حُسن ۾ حَسين يار کان وڌ
    سُونهن منهنجي سڄڻ جي اعليٰ اُتم آ


    گلاب جيئن گلن، گلزارن جي وچ ۾
    جيئن چنڊ چمڪي، ستارن جي وچ ۾
    حبيب تيئن آهي حُسن وارن جي وچ ۾
    پري کان آ پڌرو، هَزارن جي وچ ۾
    منهنجو ٻين سُهڻن کان، نرالو صنم آ

    منهنجو مُحب اهڙو منٺار آهي
    نبين سڀني جو سردار آهي
    اٻوجهن جو “اڪبر” چئي آڌار آهي
    غريبن جو “چانڊيا” هي غمٽار آهي
    تون اُمتي آ ان جو، توکي ڪهڙو غم آ.

    صفاتي سينگار بيت

    حبيب تنهنجي حُسن جي، هاڪ هلي پئي پيارا
    سڄڻ تنهنجي سونهن ڏسي، پيا شرمائن چنڊ تارا
    حورون، پريون حيران ٿيون ۽ مَلَڪَ سڀئي موچارا
    هزارين حسينن اچي اڳيان، پوءِ مٺا مڃي هار آ
    مڙني چيو سبحان الله، هي ته سُهڻن جو سردار آ
    ڏجان محشر منجهه سهارا، “چانڊيو اڪبر” اوهان جي آسري.


    علي بخش سومرو

    نالو علي بخش
    پيءُ جو نالو قلندر بخش
    پيدائش 1946ع
    سگهڙائپ جي شروعات 1980ع
    استاد غلام قادر ڀٽو
    ائڊريس شاهه لطيف ڪالوني ڪاري موري حيدرآباد

    سينگار بيت

    امڙ جي گهر آقا آيو، جانب آ جنهن رات
    حورن، ملائڪن، حبيب تي سڪ مان پڙهي صلوات
    اچڻ سان عَجيب جي، تکا ٿيا تجلات
    جيجل ڏٺا جانب آئي، مصر جا محلات
    روشن ٿي وئي رهبر آئي، ڪُلئي هي ڪائنات
    ڪِريا ڪوٽ ڪِسريٰ جا، جڏ پرهه ڦٽي پرڀات
    آقا آئي جڳ ۾ اُٺي، رحمت جي برسات
    درود و سلام، ثنا جي ٿي هر ڪنهن وائي وات
    ڪنهن مولود پڙهيا مُرسل جا، ڪنهن نينهئون پڙهي نعت
    “علي بخش” الله ڏنا، پنهنجي دلبر کي درجات
    پوءِ باريءَ بابرڪات، لطف ڪيو هِن لوڪ تي.

    سينگار بيت

    حُسن منهنجي حبيب جو، ظاهر زينتدار
    مٽ نه ڀانيان محبوب جو، ڪو ڪروڙين ڪري سينگار
    صورت منهنجي سائينءَ جي، آ محب مڻيادار
    حقيقت ۾ حق آهي، دلبر جو ديدار
    “وَضُّحيٰ” چهرو وريام جو، واسينگ کان وڌ وار
    سوا لک نبين جو، پرين آهي پڳدار
    گهمي جن گهٽين ۾، ٿيئي هنڌين ماڳين هُٻڪار
    چَرنَ جنهن جا چاهت ڀريا، کڻي خوشبوءِ دار
    هلت ڏسي حبيب جي، مِرگهن کاڌِي مار
    ملائڪ، جِنّ، ماڻهو پيا ڪن، پرينءَ جي پچار
    “علي بخش” اصل کان، آ ٻانهيءَ سندو ٻار
    يتيمن جو يار، ڪندو ماڙ محشر ۾.


    احمد علي “اترادي” چانڊيو

    نالو احمد علي تخلص اترادي
    پيءُ جو نالو محمد پڃل چانڊيو
    پيدائش 1966ع
    فن جي شروعات 2005ع
    استاد عاجز رحمت الله لاشاري
    ائڊريس حسين آباد ڪالوني حيدرآباد

    صفاتي سينگار

    ڪير ٿو پهچي سگهي، مصطفيٰﷺ جي شان کي
    مالڪ پنهنجي محبوب لاءِ، جوڙيو هِن جهان کي
    ڇا ڪري سگهندس بيان، نه طاقت آ زُبان کي
    خود خُدا ڪئي آ ثنا، پڙهي ڏس قرآن کي
    عرش تي مولا گهُرايو، صاحبِ سُلطان کي
    ڏنئين انعام اُمت لاءِ، رُوبرو مهمان کي
    موٽي اچي مُرسل ڪيو، عام هن اعلان کي
    پنج وقت نمازون پڙهي، راضي ڪيو رحمان کي
    لاهي نه سگهبو “احمد علي”، الله جي احسان کي.

    صفاتي سينگار

    سونهن منهنجي سڄڻ جيءَ جو ڏيهن ۾ ڏهڪار آ
    ڀلي توهان ڀيٽي ڏسو، ڀلو ڪنهن جو يار آ

    حسين ٻيا به کوڙ آهن حُسن جا پرور
    ڪري هار سينگار پاڻ کي ٺاهن پيا هر هر
    وري کولي وار ڪُلهن تي، رکن ڪارا ڪاريهر
    ته به مَٽ نه منهنجي محبوب جو، ڀلي سونا پائن پَر
    منهنجو ته جانب سڀني سهڻن جو سردار آ

    شيرين لاءِ فرهادَ ڪيئن پهاڙ وڌو ڏاري
    رانجهن به ڇڏيو هير خاطر تخت وساري
    مصر جي مايُن ڪٽيا هٿ، يوسف ڏي نهاري
    پر جن ڏي ڏٺو مُرڪي محبوب منهنجي پياري
    ته گهر ٻار به گهوري مٿان سِرُ به ڪيو نثار آ

    ڳئُن، مينهن، ٻڪرين جا، ڇونه سچا هجن مکڻ
    انب، انگور، ڪيلا، هجي ڏاڙهونءَ جي ڪا ڪَڻ
    کنڊ، ماکي، مصري، ڀلي ميڙي ڪجن مکڻ
    پر ڪندا ڪهڙي همسري منهنجي سهڻي ساڻ سڄڻ
    مڙني کان مٺي لالڻ جي لَب سَندي لغار آ

    هاٿين جي هلڻ جي آ سُهڻي،ٽور ٻڌي ڇڏ
    پکين ۾ هلندو لاڏ سان آ، مور ٻڌي ڇڏ
    هرڻيءَ جو هلڻ سڀ کان سُهڻو، زور ٻڌي ڇڏ
    پر ڪيان پرينءَ جي قدمن تان سڀئي، گهور ٻڌي ڇڏ
    منهنجي دلبر جي اڳيان کاڌي هڙني هار آ

    سَرِنهن، مَٽر، مُند تي ڀلي ڦُولارجي بيهن
    رابيل، چنبيلي، موتيو، ڪيئي ڪَٺا گُل ڪجن
    عطر، عَنبير، ڇونه سوين سُرها تيل هجن
    پوءِ به منهنجي پرينءَ جي نه پسيني ساڻ پُڄن
    جن گهٽين ۾ منهنجو گوهر گهُمي، تن گهٽين ۾ هُٻڪار آ

    مُرڪي جڏهن منهنجو سُهڻو سڄڻ ڳالهائي
    بُلبُل ۽ ڪوئِلون به ڇڏين ڪنڌ جهڪائي
    چنڊ، تارا ڪَتيون، قُطب، پيو سج به شرمائي
    اهڙو دنيا ۾ ڪنهن جو دلبر آهي ته ٻڌائي
    “احمد علي چانڊيا” مستان ٿيا، جن به ڪيو ديدار آ.

    صفاتي سينگار

    حُسن ۾ وڌ حَسينن کان، محمد مصطفيٰﷺ آهي
    سوين سينگار ڪن سُهڻا، مِٺي جو مَٽ ڪو ناهي
    ڀلي هي شمس ڪڍي شاخون، پوءِ به لالڻ کان لهرائي
    اشارو جي ڪري آقا، وجهي قمر به ڪيرائي
    لڀِي ٿي سُئي پوي ليڪن، مُرڪي جي مُرسل ڳالهائي
    هَٽي جي ٿو وڃي پردو، ڦُٽي پرڀات پئي آهي
    پيو چؤٻول چِيهَن ۾، ٿيو اڄ رات کي ڇا هي
    حڪم جبرئيل کي آيو، جلدي پردي کي ويو ٺاهي
    چوان ٿو چاهه مان “چانڊيا” گهڙي ڪا گهوٽ گهُرائي
    ڪيان ديدار دلبر جو “احمد علي” آس اِها آهي.

    گوريءَ جو سينگار

    نينگر جڏهن نڪري، ڪري سڀ سينگار
    رنگ گلابي گهرو ڪري، ڪجل جي ڪا ڍار
    چوٽو سندس چيلهه تي، ورائي هلي وار
    بيهڪ اهڙي ڀِروَن جي، جيئن تيز تکي تلوار
    لال گلابي لبڙا، ڏند، موتين جي قطار
    بخمل پهري بدن تي، هيرا لک هزار
    سون سندا سڳڙا، وري چوڙيون چمڪدار
    چهرو سندس چنڊ جهڙو، خاشا نيڻ خُمار
    سنگتي نه ڪوئي ساڻ هُجيس، ڪرولا هيٺان ڪار
    اک کڻي جي اوچتو، ته ڪِرن ڪيئي ڪنڌار
    “چانڊيا” هلي چاهه مان، ته ٿي بند وڃي بازار
    مَٽ نه سمجهي ڪنهن ماڻهوءَ کي، هن دنيا ۾ هر وار
    پر جي سونهن ڏسي منهنجي سائينءَ جي، ٿي هوش ويندس گُم غار
    “احمد علي” چوي انهيءَ کان، ويندا وسري سڀ سينگار
    پوءِ ڇني پنهنجا هار، ڪرندي پريم جي قدمن تي.


    شاهنواز “شهزور” سنڌي

    نالو: شاهنواز
    پيءُ جو نالو: سانوڻ خان بهراڻي
    پيدائش: 3 جون 1985ع
    هنڌ: ڳوٺ هوتخان بهراڻي
    پرائمري تعليم: 1990ع کان شروع بعد ازمڊل مئٽرڪ تائين هاءِ اسڪول نوان جتوئي ۾ پڙهيائين، دوران مڊل تعيلم س.ا.س. جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو ۽ روزاني برسات ڪراچي اخبار ۽ پندرنهن روزه سائين اخبار ۾ پڻ اسپيشل صحافت ڪندي ڪالم، ڪهاڻيون ناوليٽ ۽ شاعري پڻ لکندو رهيو، مئٽرڪ کان پو ءِمزيد خرچ نه هئڻ سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏيائين ۽ مزدوري ڪندي رازڪي هنر جي سکيا بعد رازڪو ڪم ڪندو رهيو.
    سگهڙائپ ۾ پهرين وک سن 2012ع ۾ کنيائين.
    پهريون پروگرام ڪوٽڙي ۾ جشن عيد ميلاد النبي ڪرڻ سان گڏ ڪيئي ٽي وي، ريڊيو پروگرام ٿيل ۽ سٺي ڪارڪردگي جا ايوارڊ مليل استاد علي اڪبر اداسي چانڊيو کان باقاعده سکيا وٺندي سگهڙائپ جي هنر ۾ شاعري لکندڙ
    شاعري ۾ استاد، حافظ محمد بخش خاصخيلي، نماڻو سنڌي، گدا حسين خاصخيلي، سادات ساگر جعفري، سيد راشد علي شاهه مورائي.
    نثر ۽ نظم جي ٻن ڪتابن جو مواد هجڻ باوجود غربت سبب سندس ڪتاب نه ڇپجي سگهيا آهن.
    موجوده رهائش حيدراباد لطيف آباد نمبر 4، عيل آباد ڪالوني، نزد درياهه بند، نور مسجد.

    صفاتي سينگار

    سُهڻو آ سيد منهنجو محمدﷺ، عرش فرش هي بات آ
    حسن ته دنگ آ دلبر تي ٻي وائي نه ڪنهنکي وات آ
    محبوب خاطر خالق خَلقي ڪُل هي ڪائنات آ
    عرش تي عربيءَ ساڻ ڪئي رب روبرو ملاقات آ
    جانب آيو جهان ۾ سا 12 ربيع الاول جي رات آ
    اُٺي رحبت رب جي پوءِ پرهه ڦُٽي پرڀات آ
    جن، ملائڪ، حورن، پرين پڙهي سائينءَ تي صلوات آ
    پڙهيو ڪلمو پاڻ پيغمبر تي عُزيٰ لات ۽ منات آ
    “شهزور” ڏسان وڃي ملڪ مدينو، رڳو تن ۾ اهائي تات آ

    صفاتي سينگار

    محمدﷺ مير مرسل جي ٿو شعر شروع ڪيان شان ۾
    ڇا صفت ڪيان مان سيد جي ناهي طاقت منهنجي زبان ۾
    ڪجهه سٽون سينگا رجون ٿو شامل ڪيان هن باب ۾
    تعريف تنهن تنونگر جي ڪئي قادر پاڻ قرآن ۾
    ڪُل نبين کان نرالو، محمدﷺ مِٺو آ مان ۾
    آهي يوسفؓ کان به وڌ سونهن منهنجي سلطان ۾
    ڪريا ڪوٽ ڪفار جا، جڏهن جانب آيو جهان ۾
    سهارو بي سهارن جو بڻيو عربي عربستان ۾
    عمل ڪونهن آسرو آهي جانب گهوٽ جوان ۾
    “شهزور” ڪندو شفائت محشر سندس ميدان ۾.


    عمرڪوٽ ضلعي جا سگهڙ

    تاج محمد هاليپوٽو

    نالو تاج محمد
    والد محمد هاشم
    ذات هاليپوٽو
    جنم 10 سيپٽمبر 1956ع
    ڌنڌو زمينداري
    شاعري ۾ استاد نامور شاعر اديب ۽ محقق محمد عمر معمور يوسفاڻي
    شاعريءَ جي شروعات 14 چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ 1970ع کان
    پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سيد صالح محمد شاهه سان گڏ ڪافي پروگرام ڪيل اٿس. شاعريءَ ۾ غزل، ڪافيون، نظم ۽ گيت لکيل آهن.
    سندس سگهڙ پائي جي هر صنف تي طبع آزمائي ٿيل آهي، پر سرڪاري طرح ڪو به ايوارڊ اڃان تائين ڪونه مليو آهي.
    هن سگهڙ جي ذاتي ڪتب خاني ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن، سنڌ جي شهنشاهه شاعر ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۽ سنڌ جي لوڪ ادب سان عشق جي حد تائين لڳاءُ اٿس، جيئي ايف ايم 88 ميرپورخاص تان هفتيوار پروگرام سَرهاهُون سنگهار جي پليٽ فارم تان سنڌ جي لوڪ ادب سنڌ جي ثقافت تهذيب ۽ باڪمال شاعرن ۽ سگهڙن جي ڪلام کي اجاگر ڪندو رهندو آهي. سڄي سنڌ ۾ شاعر اديب ۽ سگهڙ دوست رکندڙ هن ڏات ڌڻيءَ جي ڪلام جو ڪو مجموعو اڃا نه ڇپيو آهي.

    سينگار

    جلوي اڳيان جانبَ جي ڪوڙيين ڪَنڌَ جُهڪن
    نه ٿيا جوڙ جُتيءَ جو سهڻا جي سَڏجن
    آهي آڏت اِند ۾ پَرتو و پِريَن
    “تاجن” سونهن سندن، جَر ڪايو جهان کي

    سينگار

    صورت سُهڻا سُپرين، ڏيههَ سَندن ڏاني
    سُجهي نٿو سَنسار ۾، سڄڻَ جو ثاني
    سَهسين ڪري سوجهرا جَلوي سان جاني
    خَلقَ ساري خُلقَ سان ڪَيئين موهي مستاني
    مُک پَسي محبوبَ جو، ٿي دلڙي ديواني
    ٿي ڪوڙيين قرباني، “تاجن” پنهنجي پرين تان

    سينگار

    آڏو حُسنَ حبيبَ جي، لکين لالَ لُڇن
    سهڻا ساري ڏيههَ جا، مَٽ نه محبوبن
    حورون هَٿَ ادب جا ٻانهين جيئن ٻَڌَن
    پَريون پيَر پرِينءَ جا، چشمن ساڻ چُمن
    تارا ڪَتيون قُطبَ ٿا، جَلوي ساڻ جُهڪن
    مُوءِ پَسي محبوبَ جا، واسينگ پيا وَٽجن
    سونهن گُلَ گلابَ کان، لالا يون لَبن
    اعليٰ آههِ عَنبير کان، پسَينو پرِين
    صدقي سِرَ ڪجن اهڙن عجيبن تان

    سينگار

    موهي گهڻو من کي، ٿي مورت محبوبن
    ذهب زيب ڇڏي ويو، پَسي سونهن سندي سَڄڻن
    سَنکر وساري سُرتِ کي، جڏهن جاني ٽورَ ٽِلن
    دَندان منهنجي دِلبرَ جا، وَڌ موتين مَر جانن
    آهُو عينَ عجيبَ جا، چقمق جينئن چُهٽن
    ڪارا ڪيسَ قريبَ جا، ٿا ڪُلهن ڪَرُ کڻن
    سَوين دَرَ تي دوست جي، ٿا جلوو پَسيو جُهڪن
    “تاجن” تابَ پرِينءَ جي، وڌو حيرت هزارن
    سينگارَ ڪيا سُهڻن، پَر گوهرُ گوءِ کڻي ويو

    سينگار

    سونهن سندم سردار جي، آهي ڪُل ڪَمال
    صورتَ منهنجي سڄڻ جي، بي شڪ بي مثال
    ڪَمر آهِس ڪيسري، نوري نيڻَ نِهال
    ڪثر ننهنَ ڪنگوءَ کان، لبڙا موتي لال
    جلوي ساڻ جنابَ جي، ٿا جُهڪن جُهڙ جُهڙال
    ترني تجلا تائب ٿيا، بَرق ٿي بيحال
    خِجل، ڪَبڪ طائوس ٿيا، چنچل پَسي چَال
    مدهوشي ٿي مُرگهن کي، هاٿين ويا حال
    پُهچڻ ڪنهن جو پِرينَءَ سان، مُشڪل آههِ مَحال
    “تاج” سندنَ تعريف جي، مون کي ناههِ مَجال
    اوريان ڇا احوال، ساجن سندي سونهنَ جو

    سينگار

    صورت منهنجي سڄڻ جي، لاشڪ لاجواب
    هِڪڙا جَلوا جوڀن جا، ٻيو حُسن بي حساب
    پَسان نٿو پرِينءَ جي جَلون جو جواب
    هاري بازي حُسنَ جي، محبَ کان مهِتاب
    دلبرَ ديوانا ڪيا، نازن ساڻ نواب
    پَسي لالي لَبن جي، ٿيا مورهين ماتِ گلاب
    اکيون قهر قريبَ جون، نرگس نيم خواب
    ڳولين وِگههَ وِڙهڻ جا، ارڏيون وڌ عُقاب
    غضبناڪ غَمزن جو، ٿو “تاجن” ماري تاب
    نازڪ يارَ نِقاب، کولي ڪُٺو خلق کي

    سينگار

    کڻي جڏهن خُمارَ مان، ٿو نازڪ نيڻ ڪُرنگ
    ته ماريو مشتاقن کي، وِجهن تيز تفنگ
    دلبرَ جي ديدارَ کان، دَانههَ رهيا دنگ
    کڻن گوءِ گلن کان، راڻل سندا رنگ
    مَر مَر کان موچارا ٿيا، عجيبن جا انگ
    پَسيو سونهنَ سڄڻَ جي، سِڪنَ ٿا سارنگَ
    ترني اڳيان تابَ جي، ڇپي گهِڙ يو گنگ
    هلڻ ساڻ حبيبَ جي مات ٿيا ماتنگ
    اُرگَ پيا افسوس ۾، “تاجن” پَسي ترنگ
    پَچن مثل پتنگ، محبتي محبوب لئه


    ٿرپارڪر ضلعي جا سگهڙ

    محمد قاسم راهمون

    نالو؛ محمد قاسم
    تخلص؛ “پياسي”
    پيءُ جو نالو؛ ڪمال الدين
    ذات؛ راهمون
    ڄم جي تاريخ؛ 6-6-1961ع
    تعليم؛ انٽر
    ڪرت؛ پرائمري استاد
    سگهڙائپ جي شروعات؛ 1980ع
    فني استاد؛ سگهڙ محمد صادق ٿهيم
    شايع ٿيل ڪتاب ؛ 1، پيار پڪاري (ناول) 2، پياسي جو پيغام، 3، عمر مارئي (داستان) 4، سورٺ راءِ ڏياج (داستان) 5، شاهه جو گنج (حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي 8 هزار بيتن جو گڏيل رسالو، ڇپيل/اڻ ڇپيل بيت) (6) ذڪر غوث العالمين (7) ذڪر غوث ملتاني، (8) نوري ڄام تماچي (داستان) (9) مومل راڻو (10) پدمڻي جو پيار هوٿل پري (11) شيطان جي تاريخ (12) سسئي پنهون (13) ليلان چنيسر (14) سڏونت شارنگا (15) ٻارنهن تقريرون (سنڌي)
    پتو؛ ڳوٺ ساڪري، تعلقو ڇاڇرو ضلعو ٿرپارڪر

    سينگار

    ساراه واه سبحان تنهنجي، جو محب مليو منٺار اُتي
    دل گهرئي تنهن دوست جو، دلبر ٿيو ديدار اُتي
    حسن حبيبي تاج محبوبي، سونهن ڀريو سينگار اُتي
    تارا ڪتيون تائب ٿيا، ڏسي دل گهريو دلدار اُتي
    چنڊ چوڌاري سج سوين، صورت پرين سردار اُتي
    شمس قمر ٻئي شامل ناهن، جلوي ۾ جهلڪار اُتي
    کنوڻين کيل بند ڪيا، تجلو پَسي تنوار اُتي
    وڄڙيون ڪڙڪو ڪو نه ڪن، سهڻو پَسي سردار اُتي
    بادل وسڻ بند ڪيا، گوهر ٻڌي گُفتار اُتي
    حورون هزارين حيران حُسن تي، جوڙ ڏسي جنسار اُتي
    ملائڪ، مڙيا محبوب اڳيان، ڏسي صاحب جي سَرڪار اُتي
    آسمان کُليا عجيب لاءِ، آيو قادر جو قربدار اُتي
    ديدار لاءِ تنهن دوست گهرايو،پاڻ آ پالڻهار اُتي
    عاشق معشوق پاڻ ۾، ڪئي گوهر جي گُفتار اُتي
    ڪروڙين ڪَرم لکين لائق، عجيب ڏنا اَختيار اُتي
    هزارين هر موده، سوين سخائون، بخشيائين بيشمار اُتي
    سڀني پرين سرتاج ڪيائين، پياري کي پڳدار اُتي
    لِکي ڏنائين لوَلاڪ سمورو، محبوب ڪيائين مُختيار اُتي
    راز رُوحي قُرب قريبي، ونڊيائون وينجهار اُتي
    پِرينءَ پَچاريو پِريَن سان، ڳُجهه مِڙيوئي غمٽار اُتي
    سڪ صاحبي حُب حبيبي، همراز هئا هڪوار اُتي
    لوح ڪُرسي قلم سڀيئي، هٿ حَبيبن هيڪار اُتي
    لَولاڪَ لَما خَلقَتَ الافلاڪَ، پرينءَ ٻُڌي پُڪار اُتي
    عرش عظيمي، راز رحيمي، مليو دلبر کي ديدار اُتي
    ڪنهن نه پَروڙيو پِرينءَ کي، عجب رنگ اُپٽار اُتي
    قرب ڪيا قريبن سان، راز منجهائون رازدار اُتي
    ڳاڻو حرف ڳڻيندين ڪهڙا، هَهڙا لقب هزار اُتي
    عقل ويو اُت اوجهون ٿي، عشق ڏسي اَنوار اُتي
    مِڙنان ويئي مَت مُنجهي، ٿيا سامهون ڪئين سينگار اُتي
    ڇا لکي مان ڇا لکان، وس نه هليو وِيچار اُتي
    قلم طاقت ناهي ڪا، ٿيو لکڻ تي لاچار اُتي
    “قاسم” ڪروڙين ڪرم مڃان، ايندو هادي مون حُبدار اُتي
    “راهُما” روئي رب ريجهايان، شل سهڻو مِلائي سردار اُتي
    آسرو اٿم الله ۾، اڳيان اڙيَن ايندو آڌار اُتي
    قرب ڪندو ڪِلتار اُتي، ديدار ٿيندو تنهن دوست جو

    “سينگار ڏهس” (اکين جا نالا)

    ديدار ڪري دلبر جو، چاه منجهان چهرو ڏسان
    اکيون ڪجل ڪاريون، دُرگ پرين دهرو ڏسان
    ڪول نَين قصر منجهان، آب پرين آبرو ڏسان
    دُرگ پرين ديدار منجهان لوچن پرين لهرو ڏسان
    اُڳ مون عجيب سندا، نيتر نين نهرو ڏسان
    چاهه چُشم چاهه منجهان مُک محبوب مهرو ڏسان
    چَکس پرين چؤطرف کنجن پرين خوبرو ڏسان
    ڇم پرين ڇوه منجهان، ڇايل ڇابرو ڏسان
    نيڻن پرين نينهن اُجاريو، شوخ منجهان شوخرو ڏسان
    “قاسم” ڪجل ڇا لڳي، قهر منجهان قهرو ڏسان
    محبوب ماهرو ڏسان، مرگهه جيان محبوب منهنجو

    سينگار

    ماهه مٺي محبوب کي، ماه لقا منٺار چوان
    دل گهُرئي تنهن دلبر کي، دل وٽان دلدار چوان
    وار وِسيهَر تار تَليهَر سونهن سارنگ سينگار چوان
    ڦڻ ڦوٽاري، پيئڻ پوٽاري، تيرتفنگ تلوار چوان
    پِيُ دُرگ نَينَ مِرگهه، ڪَيسر نام قَرار چوان
    چَڪور چنڊ جلال مَنڊ، شمس ڪِروڙين شرمسار چوان
    ڪُونج جيئن ڪَر کڻيو، گوهر پرين گُفتار چوان
    سَهسين سارنگ، واهوا ورنگ، پياس پرين پَروار چوان
    کِنوڻين تجلو وِڄيان ڪَڙڪو، ادب گهڻي اختيار چوان
    لَيل انڌاري اَبراوڪاري، پَهه رُخ پرين رُخسار چوان
    سوين سودائي، بره بيماري، درد پرين ديدار چوان
    پوري پياس، کاڌ کَپاس، هيڪر هزارين حُبدار چوان
    جَهلڪ پرين ڪي پَلڪ پرين، پازي خوب پينار چوان
    نعل پرينءَ جي نينهن اُجاريو، ڪيڏو قرب پرين ڪِلتار چوان
    حُسن حبيبي، ديدار طبيبي ٻُڪيون سڀ ٻاجهار چوان
    صُورت پرين سڪ اندر ۾، جوڙ نه پرين جنسار چوان
    واهوا رنگ رچايو رازق، هر هنڌ پرين هُٻڪار چوان
    قربان پرين جي قدمن تان، سونهن سچي سردار چوان
    “راهمون” نه پرکي راز انهيءَ کي، بندو مان بيڪار چوان
    “قاسم” ڪروڙين قربان پرينءَ تان، سر صدقي سَؤوار چوان
    قصو مان قربدار چوان، محبوب منهنجي ماه لقا جو

    سينگار “چنڊحسندار”

    واه سڄڻ تنهنجي ساراهه ڪريان، ماه لقا منٺار واه
    چنڊ ڪيتري چمڪ ڏيکاري، حُسن پرين هٻڪارواه
    قمر ڪروڙين ڪر کڻن، گوهر پرين گفتار واه
    ماه محبوب ماه لقا، سهڻو سندم سينگار واه
    ڌَڄراج ڪئين دلبر اڳيان دم نه دميا دلدار واه
    ششدر ويا شوق ڇڏي، اِندُ پرين اُپٽار واه
    پانو پرين پاور نه جهلي، پهه رُخ پرين رُخسار واه
    چَڪور مست ڪيا چاند تي، دلبر پرين ديدار واه
    پَنرو پرين تجلي ڏسي، تيز تکي تلوار واه
    چاهه منجهان چهرو ڏسي پونو پرين پروار واه
    ڇا لکي مان ڇا لکان، سندم پرين سينگار واه
    اُوءِ پرين رُوءِ ڏسان، “راهما” اهو رازدار واه
    محبوب ماه لقا منٺار واه، مٺڙو آهي مون پرين


    سانگهڙ ضلعي جا سگهڙ

    ارباب علي ڪيريو

    فقير ارباب علي “احقر” ولد محمد صديق ڪيريو ضلع سانگهڙ جي شهر شهدادپور ڀرسان ڳوٺ ملا حرمت ۾ سنه 1956ع ڌاري ڄائو پاڻ عالم فاضل ۽ سندس اولاد به عالم ۽ نيڪ گهراڻو آهي سنڌ جي ناليواري سگهڙ استاد محمد شريف ڏاهري جي شاگردن ۾ هي اول شاگرد آهن، پاڻ 1992ع کان وٺي سگهڙ پائي سان باقائدي واڳيل سگهڙ پائي جي هر گفتي ۽ صنف جي ڄاڻ رکندڙ هن سگهڙ جو سوين بيتن ۽ ڏور ڳجهارت جي لوڪ ادب شاعري جو اڻ ڇپيل مسودو موجود آهي پي ٽي وي ۽ ريڊيو تي پاڻ مڃائي چڪو آهي. پيرسنيءَ جا پساهه صوم و صلواة ۽ مسجد توڙي مدرسي ۾ ديني ڄاڻ ڏئي پورا ڪري رهيو آهي، سندس فرزند مولوي رجب علي بهترين عالم آهي.

    سينگار

    دنيا جا رهبر خدا جا دلبر، عجيب انور عجيب تون هين
    سڀ کان افضل اعليٰ اڪمل نوري نرمل نجيب تون هين

    صفي الله ڪو، نجي الله ٿيو، خليل الله ڪو، ذبيح الله ٿيو
    ڪليم الله ڪو روح الله ٿيو، مگر نه ڪوئي حبيب الله ٿيو
    حبيب رب جو حبيب سڀ جو حبيب سهڻا حبيب تون هين

    اي عظمت وارا عظيم تون هين، قادر کان پوءِ قديم تون هين
    فائق مفڪر فهيم تون هين، عرش معليٰ تي مقيم تون هين
    ڪٿي اَرني لن تراني ڪٿي قوسين کان قريب تون هين

    سدا فيض ونڊ جي فياض تو وٽ، وجه ڪائنات ناهي ناز تو وٽ
    ڏسي سراپا نياز تو وٽ اچي جهڪيو اياز تو وٽ
    سردار نبي اي عابد زاهد مالڪ ڏي سدا منيب تون هين

    حورن کي موهيو شباب تنهنجي نواب جهڪيا باب تنهنجي
    ڪل مرض مٽائيا لعاب تنهنجي ڪئين ورايا خطاب تنهنجي
    خطيب ٻيا ڀي خطاب ڪن پيا، خطيبن جو ڀي خطيب تون هين

    ڪئين مريض آيا مرض جا ماريل، بلال جهڙا گهائن گهايل
    دل دکي ۽ سور ستايل ڪڪر غمن جا تن تي ڇانيل
    ويڄن ڇڏيو جن کي واري. تن طبيعت طبيب تون هين

    ڪئين محبت ۾ مخمور ڪيا تو، درد تنيئن جا دور ڪيا تو
    سينان پر مسرور ڪيا تو. خالي گهر ڀرپور ڪيا تو
    ٻيا در ڇڏي جي تو در آيا، حبيب تن جو حسيب تون هين

    “ارباب” آهي غلام تنهنجو هردم چوي پيو ڪلام تنهنجو
    ورد جنهن کي سلام تنهنجو، شان اتم آ عام تنهنجو
    هر حال ۾ هر جاءِ هر هنڌ راحم دنيا جو اعليٰ اديب تون هين


    مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ سگھڙ

    عاجز رحمت ا لله لاشاري

    نالو: مير رحمت الله
    تخلص: عاجز (آڪاش)
    ولد: فقير شاهنواز لاشاري
    پيدائش جي تاريخ: 2 جنوري 1982ع بمطابق 22 ذوالحج 1403 هه بروز ڇنڇر.
    هنڌ: ڳوٺ حاجي مير محمد لاشاري (ڌامراهه واهه لڳ) پوسٽ فريد آباد تعلقه ميهڙ ضلع دادو (قبائلي تڪرار سبب اتان سال 1986ع دوران لڏپلاڻ ڪئي)
    پرائمري جي ابتدا: اپريل 1987ع گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ ٻنڊي تعلقو ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻو (ماستر مرحوم غلام قادر ساريو، محمد امين منگي، بگي شريف)
    قرآن پاڪ ناظره: پرائمري دوران پڙهي پورو ڪيو (استاد مولوي محمد صالح لاکو)
    قرآت ۽ تجويد: مدرسه محمدي نورالهديٰ، ڳوٺ برادي ساريه (هي مدرسو ڌاڙيلن جي خوف سبب بڙدي محله باڊهه شهر ۾ منتقل ڪيو ويو)
    استاد: حافظ محمد بخشل چنه
    نڪاح؛ طالب علمي جي زماني ۾ 23 اپريل 1992ع ۾ شادي 2 مئي 1999ع دوران دادو شهر ۾ ٿي. ٻن نياڻين ۽ فرزند محمد حسان (پيدائش 28 سيپٽمبر 2010ع) جو اولاد آهي. (هڪ فرزند محمد صبغت الله دل ۾ سوراخ سبب 6 مهينن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو.)
    انگري ۾ داخلا: سيپٽمبر 1994ع هاءِ اسڪول موئن جو دڙو تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو.
    تعليم: مئٽرڪ تائين/ ايم. اي اسلامڪ
    ديني تعليم جي ڄاڻ: مدرسه جامعه غفاريه الله آباد شريف ڪنڊيارو ضلعو نوشهروفيروز سنڌ. (مولوي/ عالم/ اديب)
    شاعري جي شروعات: طالب علمي جي زماني کان سنه 1990ع
    سگهڙائپ ۾ پهريون قدم: سنه 1997ع ۾ سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي رحه سان ملڻ کان پوءِ
    سگهڙائپ جو پهريون پروگرام: حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي ۾ 1997ع. دروان سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت.

    صحافت جي ابتدا:
    1998ع اخبار روزانه الک حيدرآباد (200 سئو کان وڌيڪ ڪالم ۽ مضمون لکيل) هن وقت سلسليوار “سگهڙ سماچار” جو باني چيف ايڊيٽر ۽ پروگرام ڊائريڪٽر، مهراڻ ٽي وي، باني جنرل سيڪريٽري، نيشنل پريس ڪلب ڄامشورو مولود پڙهڻ جي شروعات ننڍپڻ کان سمجهه ۽ شعور ايندي.

    امامت ۽ خطابت:
    1997ع مدينه مسجد نيو ليبر ڪالوني ڪوٽڙي کان پوءِ 19 جولاءِ 1998ع ڳوٺ ڪرن خان شورو حيدرآباد ۽ جنوري 2002ع کان نوراني مسجد ايم سي پي واپڊا ڪالوني ڄامشورو ۾ ۽ 23 آگسٽ 2008ع کان هن وقت تائين ڳوٺ ڪرن خان شورو ۾ امامت ۽ خطابت جاري.

    پي ٽي وي تي پروگرام؛
    ڪچهري پروگرام 15 جنوري 2004ع
    سنڌي نامون
    لوڪ ادبي محفل جون 2004ع
    (سنڌ ٽي وي تي پهريون پروگرام اپريل 2005ع تي رڪارڊ ٿيو.)
    مهراڻ ٽي وي تي شروعات کان ئي ثقافتي ۽ ديني پروگرامن جو ميزبان ۽ ڊائريڪٽر 500 کان وڌيڪ پروگرام نشر ٿيل.

    ريڊيو تي پروگرام:
    ريڊيون حيدرآباد تي سيد صالح محمد شاهه سان گڏ پهريون پروگرام (سون ورني ڌرتي) 3 نومبر 2004ع.

    لوڪ ادب شاعري جا شايع ٿيل ڪتاب؛
    (1) رحمت جا خزانا ڀاڱو اول نومبر 1999ع
    (2) رحمت جا خزانا ٻيو نومبر 2000ع
    (3) رحمت جا خزانا ٽيون اپريل 2001ع
    (4) رحمت جا خزانا چوٿون، آڪٽوبر 2002ع
    (5) رحمت جا خزانا پنجون فيبروري 2003ع
    (6) ڇهون “رمزون رحمت الله جون” سيپٽمبر 2003ع
    (7) رحمت جا خزانا ستون ڀاڱون مارچ 2004ع
    (8) “رنگ رحمت الله جا” (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا) 2005ع
    (9) “مولود ۽ مداحون” 2007ع ۾ شايع ٿيا.

    ترتيب ڏنل ڪتاب؛
    (1) ديس وسي ديدار اسان جو
    (2) فيصلا انصاف جا،
    (3) دلبر جو ديدار
    (4) آهون احمد حسن جون
    (5) السفر (اردو ۾)
    (6) سلات جي سگهڙن جي ڊائريڪٽري
    (7) مٺا ٻول محبوب جا
    (8) پنهنجو رنگ پنهنجي شاعري
    (9) محبت جا موتي
    (10) محبت جي منزل
    (11) مٽيءَ جي خوشبوءَ
    (12) سهڻل جا سينگار.
    لکيل ڪالم ۽ مضمون 200 سئو کان وڌيڪ سوال، بختور، الک، ڪاوش، عبرت، لاشار، سنڌ لائن، سوڀ. جيجل، سُڪار، هلال پاڪستان، عوامي آواز، مهراڻ سميت ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل.
    ذاتي اخبار سگهڙ سماچار نومبر 2005ع کان شايع ڪئي.

    مولودن جون شايع ٿيل آڊيو ۽ وڊيو سي ڊي:
    (1) مولود ۽ مداحون A.A پاران نومبر 2000ع،
    (2) منظر پيارو مدينو آ جنوري 2001ع
    (3) ناز پروڊڪشن پاران، ڏسان شهر مدينو آڪٽوبر 2002ع
    (4) مديني وارو منظر ڊسمبر 2002ع
    (5) هتي رهڻ نٿي دل چاهي اپريل 2003ع
    (6) مديني جا گهوٽ سيپٽمبر 2003ع
    (7) منقبت سڄڻ سائين آڪٽوبر 2003ع
    (8) وڊيو سي ڊي جون 2004ع
    (9) منقبت غوث اعظم نومبر 2004ع ۾ رليز ڪيون ويون
    جڏهن ته مهراڻ سينٽر سکر سميت عظيمي پروڊڪشن ڄامشورو 2 واليم وڊيو سي ڊي ۾ رليز ڪيا.

    مليل ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ؛
    (1) تقريري مقابلي ۾ پوزيشن کڻڻ تي مرشدن ڪريمن حضرت سڄڻ سائين مدظله العالي، جن هٿان پهريون انعام ايوارڊ 21 مارچ 1996ع ۾ مليو،
    (2) دولهه دريا خان ايوارڊ مارچ 1998ع ۾ مليو،
    (3) معلم ۽ مدرس جو ايوارڊ 2 سپٽمبر 1999ع ۾ مليو،
    (4) لاشاري تنظيم ايوارڊ 19 آڪٽوبر 1999ع ۾ مليو.
    (5) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هٿان استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ 28 فيبروي 2000ع ۾ مليو.
    (6) حضرت جلال شاهه ايوارڊ سرٽيفڪيٽ تاجل بيوس هٿان 18 ڊسمبر 2002ع
    (7) رمزون رحمت الله جون ايوارڊ، وزير ثقافت شبير احمد قائمي جي هٿان 13 آڪٽوبر 2003ع ۾ مليو،
    (8) دولهه دريا خان ايوارڊ، مڪلي ٺٽو ۾ 13 اپريل 2003ع ۾ مليو.
    (9) آواز ۽ انداز ايوارڊ 18 جون 2003ع تي مليو.
    (10) بهترين ليکڪ ۽ مرتب جو “لاشار ايوارڊ” 19 آڪتوبر 2005ع شاهنواز ڀٽو لئبريري لاڙڪاڻي ۾ مليو.
    (11) سلات پاران “سڄاڻ سگهڙ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” 30 آڪٽوبر 2004ع تي مٺياڻي ۾ مليو.
    (12) سلات پاران “لوڪ ادب ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” 19 ڊسمبر 2004ع اڏيرو لعل ۾ مليو.
    (13) سلات پاران “استاد محمد ملوڪ عباسي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” 27 ڊسمبر 2004ع ڄامشورو ۾ مليو.
    (14) سلات پاران “عزت فقير ايوارڊ سرٽيفڪيٽ” 29 جنوري 2005ع ڳوٺ بٺوسن ۾.
    (15) حضرت قلندر شهباز جي ميلي ۾ سال 2003ع ۾ صوبائي ايوارڊ شهباز ايوارڊ پڻ حاصل ٿيو.
    (16) ميلاد النبي ايوارڊ پهرين مئي 2005ع (مرڪزي اهلسنت جماعت پاران)
    (17) عشق رسول ايوارڊ 28 مئي 2005ع تي ڄامشورو ۾ مليو.
    نوٽ: رهيل ايوارڊن ۾ اڪادمي ادبيات، بزم روح رهاڻ سميت لاتعداد ايوارڊ توڙي سرٽيفڪيٽ شامل آهن.

    ڏهس (سج جا نالا) سرائڪي
    ڪيا سينگار سڄڻ دا آکان، جلوه مئين جنسار نبيﷺ دا،
    شمس اٿان ڪيا شعاعُ ڪريسي، چئو کا هي چمڪار نبيﷺ دا،
    روش دي روشني ڪَم ٿي پي، جي ٿيوي اظهار نبيﷺ دا،
    سج سائين دي سڏ تي آيا، جڏ هويا اسرار نبيﷺ دا،
    ورن فٽاوي چين پيا اپڻا، ڪيتس جڏ ديدار نبيﷺ دا،
    خم هويا خورشيد جڏاهين، نور ڏٺس نروار نبيﷺ دا،
    مهتاب اڳون آفتاب ڪيا هي، هي حليه حشمتدار نبيﷺ دا،
    آڏت ٿيا ڪمزور اٿاهين، ڏٺس جو ڏهڪار نبيﷺ دا،
    هي ڏينهن دا روشن ٿيا عارق پر ڏونهين تي اختيار نبيﷺ دا،
    سورج ڪيها ماڻ ڪري، خود جنهن ڪون گهرجي پيار نبيﷺ دا
    بانا بڻ ديوانا ڳيا، پيا پيار گهري هر وار نبيﷺ دا
    ايجهي ڪيا مئين مثال ٻڌاوان، ڪيها شعر ڪران شمار نبيﷺ دا
    اي “عاجز رحمت الله” آکي هي عاشق خلقڻهار نبيﷺ دا.

    ڏهه نالا سج جا:
    شمس، روشن، سج، ورن، خورشيد، آفتاب، آڏت، عارق، سورج، بانا.
    سينگار صفاتي
    حبيب تنهنجي حسن جي هر هنڌ آهي هاڪ
    دلبر تولئه هر دل ۾ چاهت جا هن چاڪ
    سهڻا تولئه سڪن ٿا هي ٿر اسان جا ٿاڪ
    عجيب آءُ اڱڻ تي دير نه ڪر دمناڪ
    پير گهمائي پاڪ اجار اڱڻ “عاجز” چوي

    ڏهس (اکين جا نالا)
    عين عجيب کڻي ٿو جاڏي، تاڏي نوان نظارا آهن
    نين ڪري بي چين ڇڏ يا هت ڪيئي دردن وارا آهن
    چشم چراغ کان زياده روشن، وهوا جا وسڪارا آهن
    ديد پسي اڄ دُرگ دلبر، ٿي ويا مست هزارا آهن
    کنجن جاڏي خوب کنيائين، جر وهيا تن جارا آهن
    ڇم سندي ڇمڪار تي مليا، بي چارن کي چارا آهن
    نيٽ سان ڪنهن جي ڀيٽ نه آهي، محبت جا هي مارا آهن
    کَنّ کنيائين خوب جنهين ڏي، تنهن جا بخت ڀلارا آهن
    نيڻ گهڻو نروار جي ٿي پيا، سي سمجهو سوڀارا آهن
    “عاجز” اک سان عربي سائين، ڏٺا ڏيهه هي سارا آهن.

    ڏهه نالا اکين جا:
    عين، نين، چشم، دُرڳ، کنجن، ڇم، نيٽ، کن، نيڻ، اک.

    سينگار بيت (چپ چپ سان نه ملي)
    اُڳ اليهر کان وڌ سهڻا، سارنگ نيڻ سڄڻ جا آهن،
    رُوءِ ته وهوا، راڻل جو آ، سج سوين تنهن آڏو ڇاهن
    دُر دشن جي تجلين آڏو، قُوس قُزح ۽ ڪو رخ ڇاهن
    گوهر جا ته گلال ڏسي، هت حورون سڄڻ جا سهرا ڳائن
    “عاجز” جهڙا لک “لاشاري” سائينءَ جا سگدر ٿا سڏائن.


    ڏهس (نانگن جا نالا)
    اڳ چمڪيلا عجيب جا، ڏسي واسينگ ڏين پيا ور،
    مانگهه ته محبن مُوءِ مٿان، پسي نانگ بڻيا نوڪر
    ريڌا پسي رجنيون ڪنبن، ڇا تاڻي تليهر
    پُننگ پريشان ٿئي، جڏ زلف ٿين ظاهر
    ڦوڪون وسريون ڦُن کان، ڏسي جانب جا جوهر
    ڀونگ ڀڄي ويو ڀَوَ کان، جڏ راهه هليو رهبر
    مزگان ڏسي محبوب جون، ڪئي آزي اليهر،
    ساجن جي سينگار اڳيان، ٿيو ور ور وسيهر
    جڏ ڪيس ڪُلهن تي ڪيرايا، هُت دلين جي دلبر
    ته وڄون نڪتيون وارن مان، ڪوبرا نه کنيو ڪر
    سڪ ستايو سَپَ کي پيو ڪري پرينءَ جي ته پچر
    هي نِمي بڻيا نوڪر، سڀ “عاجز” منهنجي عجيب جا.

    ڏهه نالا نانگن جا:
    نانگ، تليهر، پُننگ، ڦن، ڀونگ، اليهر، وسيهر، ڪوبرا، سپ، واسينگ.

    سينگار بيت (بنا نقطي)
    دُر دَسَ دلدار هئا، ڪاڪُل ڪارا وار،
    مُک ماهه مَحَمَّدَ ﷺ مرسل، حور و ملڪ لئه هار،
    صدر سهڻو آ سدا، سرهو سو سردار،
    گلال اطلس گوهر گام، آ الله هُو اسرار
    رک هر هر دل هموار، صَلِ وَسَلَّمَ ساهه ۾.

    سينگار
    صورت منهنجي سڄڻ جي، آ سهڻي زور سڀن،
    ڪاراڻ پسي ڪيسن جي، ڪيئي رجنيون ريسان ڪن
    هلال منهنجي حبيب اڳيان، ڪريو اچي قدمن
    شمس به ويو شرمائجي، جڏ مرڪ ڪئي محبن
    گام پسي منهنجي گوهر جي، ڪيئي ڇيهل پيا ڇرڪن
    سينگ ته منهنجي سائينءَ جا، پيا مستن کي موهن
    مزگان منهنجي محبوب جون، چوان لالي ڇا لبن
    دشن منهنجي دلبر جا، وڌ موتين کان مهڪن
    رحنسار پسي راڻل جا، هت حيرت ڪئي حورن
    نعلين سان نرمل عرش هليو، ٻئي گلال پيا ته گهمن
    ثُمَ دنيٰ فَتَدَليٰ جو، هئو سير ڪيو سڄڻن
    فڪان ڪاب ڪوسين واري، ملاقات ڪئي مِٺڙن
    آئون شان تنهن جو شعرن، ۾ لکان ڇا “لاشاري” چئي.

    سينگار صفاتي
    حبيب تنهنجو حسن جڳ ۾ جلويدار
    تنهنجي آهي تجلي چمن ۾ چوڌار
    لالي تنهنجي لبن جي، ڪيو گلن ۾ گلزار
    ڏسان نه ٿو ڏيهه ۾ مٽ تنهنجو منٺار
    “لاشاري” آ لوڪ ۾ اوهان جي آڌار
    دلي تون دلدار، راڻا “رحمت الله” جو

    بيت (پکين جا نالا)
    آقا جڏهين عرب اندر پيا آمد کڻي اچن،
    جن ملائڪ ماڻهن سان گڏ پچار ڪئي پکين
    ڪٻريون ڪانگا ڪاٺ ڪٽيئڙا لاتيون پيا لنون
    ڳجهون ڳيرا ڇڏي آکيرا تات تنوارون ڪن
    مئينا مٺو مور پکيئڙا ڳيچ پيا ڳائن
    ڪانئر ڪوئل ڪونج ڪبوتر آڙيون پيون اڏن
    هيڙها هنجهه پکين سان گڏجي جهرڪ پيا جهومن
    ڪڪڙ ڪازبه ڪعبي آڏو نيرڳ پيا ته نمن
    چانهه چڪور ۽ چاهه ڏيکاري ڊيلون پيون ڊڪن
    خوشيون پسي خوب انهن کان کاڄ نه پيا کاڄن
    لوڪ اندر “لاشاري” چئي ٿي ثنا پڙهي سڀن
    باز توڙي بدڪن، جهڪي سرجهڪائيا

    سينگار صفاتي
    حبيب تنهنجي حسن جا وڻن ۾ ڀي واڪا
    حورون پريون حيرت پيون واهه جو پرين پاڪ آ
    سڀ ڪنهن چيو سبحان الله ٿي محبن لئه مشتاقا
    تائب تارا قمر ڪتيون شمس به شرم ناڪ آ
    چنڊ به تنهنجي چاهه اندر ۾ فارون ٿيو هو فاڪا
    صورت سوين يوسف جهڙيون مٽ نه ڪيان مان ڪا
    نوريون ڀوريون ناز نڪوريون کوڙ ٻڌاسين خاڪا
    گل ڦل گئونٽا مور مشوريون هلي گهڻي هاڪ آ
    لعلڻ هن “لاشاري” کي تنهنجي لونءُ اندر ۾ لاڪا
    عربي منهنجا آقا، تون رهبر “رحمت الله” جو.

    صفاتي سينگار
    سهڻو منهنجو زور سڀن کان، سڀني جو سردار چوان،
    جهڙي صورت، تهڙي سيرت، جوڙي جوڙ جبار چوان،
    بڻجي آيو بيشڪ آهي، عالم لئه آڌار چوان
    دنيا جن کي ڌڪا ڏئي، هي تن جو مددگار چوان.
    امڙ، ابي کان زياده چاهي، ڇو نه يتيمن يار چوان
    بشري صورت پردي ۾ آ، نور سڄو نروار چوان
    آدم کان اڳ جنهن جا جلوه، چمن اندر چوڌار چوان
    پاڪ پسيني جي خوشبوءِ وڌ. هڙني کان هٻڪار چوان
    آب لعاب سان کوهه کٽو ڪيو، مٺو آ مهدار چوان
    قدم ڪريمن جا ٿي رکيو، سا جاءِ سعادت دار چوان
    عاشق خود الله جنهين جو، پاڻ آ پالڻ هار چوان
    ان کان وڌ ٻيو، “عاجز” ڪهڙو، شعر ڪري شمار چوان

    سينگار صفاتي
    حبيب ڪيا هزارين حسن تنهنجي حيران
    پکي پاهڻ لکين لعلڻ جن توڙي انسان
    نرمل تنهنجي نعلين مٿان ڪيئي ٿيا مستان
    هر ڪو تنهنجي حب رکي زمين توڙي آسمان
    هي “لاشاري” ڇا لکي تنهنجو شانائتو آ شان
    “عاجز” تنهنجي الفت جو ڇا ڪري بات بيان
    مدني تنهنجي مان ۾ آ نازل ٿيو قرآن
    آندو اوهان تي عاشقن اڻ ڏٺي ايمان
    قرب تنهنجي ۾ ڪيئي ڪسي ٿيا قربان
    جن گهوري توتان جان، سي موجون ماڻيندا محشر ۾

    سينگار صفاتي
    حبيب تنهنجي حسن جو ڪيڏو نه آهي ڪمال
    مڙني کي موهي وڌو آ جانب تنهنجي جمال
    تنهنجي ڪهڙي تشبيح ڏيان جا ملڻ آهي محال
    رب توکي راڻا ڪيو آ لوڪن جو لڄپال
    سونهن نه ملندي تو سوا تون لعلن جو آن لعل
    الله تنهنجو عاشق آ ذاتي ذوالجلال
    “لاشاري” جو به لوڪ ۾ سڄڻ اٿئي سوال
    دلبر گهراءِ در تي هيڻا ٿيا هت حال
    اکڙين ۾ عربي آهي جر اوهان لئه جال
    ڀلا ڪر ڪي ڀال ته مري “عاجز” مديني ۾

    سينگار صفاتي
    شان ته شهنشاهه جو جڳ اندر آ جام
    توريت، انجيل، زبور ۾ الله ٻڌايو عام
    ته اولاد ابراهيم جيءَ کي عطا ڪندس انعام
    پوءِ جنهن مان پيدا ڪندس احمد عربي ڄام
    اڻ کٽ ان جا عاشق ٿيندا مانجهي مرد مُدام
    وڻ پکي سڀ جانور پڻ جهڪي ڪندس سلام
    هڻندو ڪو نه حُسن جي ٻيو اڳيان هن جي حام
    نرمل سندو نام، ٿيو “لاشاري” تڏ لوڪ ۾

    گوريءَ جا سجاوٽي سينگار
    جڏ سهڻي سڀ سينگار ڪري، تان مستن کي ماري
    واڪا ٿين وهوا جا، جي پاڻ صنم سينگاري،
    بئينسر بولو، نٿ، واليون ۽ جهومڪ جهولاري
    ڪڙيون، ڪٺمالا، ٻانهونٽا پائي ني بول نهاري،
    دُهري، ٽِڪ، چوٽي ڦل، ۽ سڳيون سنواري
    پايل پائي پير ۾ پئي بهادر بيهاري
    منڊيون ڇلا، بازوبند، ڪن چمڪ چوڌاري،
    پئي جنهن جي ناز انداز تي نه ڪنهن کي کيڪاري
    اڃان به اٿس ڪيئي زيور، ڪهڙا ڪيان شماري
    پر جي پسي منهنجي پرينءَ کي، هيءَ وينگس هڪ واري،
    ته هار سينگار هڙئي ڇڏي، وڃي وساري
    انهيءَ مهل “عاجز” چئي، پئي پنهل پناري،
    پوءِ هارون سڀ هاري، لڄپال اڳيان “لاشاري” چئي

    گوريءَ جو وصفي سينگار (سرائڪي)
    حُسن عجائب رنگ نرالا، گوري دا سينگار عجب،
    چمڪار عجب، رفتار عجب، هر گفتي دي گفتار عجب
    اڳان اُليهر وانگي لايا، ڏيهه اندر ڏهڪار عجب
    مُک تي واهه پئي مانگهه ٺهي، ڄڻ تيز تليهر تار عجب
    جلوه جوت جبين دا وهوا، لايا جنهن جنسار عجب
    سينگ صنم دي واهه جو وڻدي، جوڙي جوڙ جبار عجب
    نين ڏونهين بيچين ڪرن، هي ڇَمان دِي ڇمڪار عجب
    مُزگان دي نال مار ڇُڙيندي، نينهن واليان نون نار عجب
    انف دي نال ڪڪيهل ڪَردا، ريسان هي هروار عجب
    لب لال گلاب ذَهب اُکان، هي شهد ڪنون وڌ لار عجب
    دلدار دي دُر دشن چمڪن، ڄڻ دَهَنُ دي چوڪيدار عجب
    رُحنسار تي غَبغَب بڻ بيٺي، ڪرماه نون شرمسار عجب
    زَنَخ دا ظاهر جلوا ٿيا پئي مستان دي وچ مار عجب
    هي حَسين هَڪي طائوَس مثل، ڪري آهو نل تڪرار عجب
    انار مثل ڏون شير دورنگي، ڪردي مرد شڪار عجب
    دوزان ڪرن حيران انهان وچ، الهه رکيا اسرار عجب
    سَٽ ڇڙيندي ڪَٽ ڪرنگ نون، حُليه حشمتدار عجب
    ڪونئر انگشتان ٻارنهن ئي ٻهڪن مُنڊيان مڻيا دار عجب
    چرنان چور ڪيتي هن ڪيئي، عاشق بي اختيار عجب
    هر انگ دي سهڻي رنگ ڏٺم، هن ظاهر زينتدار عجب
    اي “عاجز رحمت الله” ڪري ڪيا شعر اندر شمار عجب
    هن گوري دي سينگار ڪيهي هي ماهه لقا منٺار عجب
    رهي نام نشان نه گوري دا، جي محب ڪري مسڪار عجب

    ڪلام پاڪ جي الفاظن ۾ سينگاريل بيت

    اِنَّا فَتَحنَا واري “ف” ۾ فتح جو نيشان تون
    يٰس واري “ي” اندر سڀني سندو سلطان تون
    اَلَم تَرَ واري نظر ۾ برڪتون بيان تون
    سير سُبحَانَ الذِي وارو مٺا مهمان تون
    قَابَ ۽ قَوسَين منجهه، مرتبو ۽ مان تون
    عَبدِه مَا اَوحَيٰ وارو شهنشاهي شانُ تون
    نيڻ مَازَاغَ البَصَرَ، جلوو اُهو جانان تون
    نَ جو نقطو مٺا آن ظاهري زبان تون
    وَضُّحيٰ چهر و چوان، آن شاهي شمعدان تون
    واه جا وَلّيلِ وارا زلف ٿئي ذيشان تون
    سينو لَڪَ صَدَرڪَ سندو مڙني تي مهربان تون
    طٰحهٰ وارو تاج ور ۽ عَلَّمَ الاِنسَانُ تون
    اِنا اَعطَينٰڪَ وارو بحربي پايان تون
    قُل هُوَ الله اَحَدَ جو آئين کڻي اعلان تون
    وَمَا اَر سَلنٰڪَ بڻجي جملي آئين جهان تون
    وَلَسَوفَ جو اقرار تو سان نُزولَ قرآن تون
    شان لآ اُقسِم اوهان جو جيءَ سندو جانان تون
    لاشاري “عاجز” سندو، آن دين ۽ ايمان تون

    سينگار

    سڄو سنسار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي
    محبت پيار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي

    فَلَڪَ توڙي مَلَڪَ سارا، نشا نبر ٿيا نبيءَ آئي
    سهڻو سينگار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي

    زمين توڙي زمن سارو، آهي چمڪيو چمن سارو
    هي ڪاروبار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي

    جمعو سردار ڏينهن جو، مگر سومر سڳورو آ
    اهو ڀي وار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي

    ستارن چنڊ ۽ سج ۾، جيڪا هي روشني آهي
    اهو چمڪار جوڙيو آ، خدا محبوب جي صدقي

    لکڻ جي ڏات ڏئي “لاشاري”، “عاجز” کي ڪيو شاعر
    مون ڀي هي ٻول ٻاجهارا، ٻڌا محبوب جي صدقي

    ڪافيءَ ۾ سينگار
    ڪنهن جي حُسن تي شيدا پنج اٺ ڏهه
    تنهنجي موهي ڇڏيا گفتار لکين
    ڪنهن جي سينڌ سٺي ڪنهن جاڳل چپ نڪ
    تنهنجي چهري ۾ انوار لکين

    تنهنجي مرڪڻ جو ڪو مٽ ڪونهي
    تنهنجي مُرڪ تي مَلَڪَ به شيدا هن
    مٺا تنهنجي مقابل ڪو ڪونهي
    هت حورون مڃي ويون هار لکين

    گهٽ يوسفي حسن به ڪونه هيو
    پر تنهنجي صورت ٻي شيءِ آ
    هُتي صرف زليخان ديو اني
    تنهنجي تاب موهيا سردار لکين

    ڀلي مشڪ عنبر، دنيا جا عطر
    گل ڪُل ڪائنات جا، آڻي ڪو
    تنهنجي پاڪ پسيني جي خوشبوءِ
    هت لائي ڇڏيا هٻڪار لکين

    ڪنهن جو هلڻ سٺو ڪنهن جو ملڻ سٺو
    ڪنهن جا نيڻ ته ڪو آواز مٺو
    آ هر ڪنهن وٽ ڪا هڪ خوبي
    تو ۾ خوبين جا انبار لکين

    ڪمزور قلم کي ڇا طاقت
    هي لفظ لکي “لاشاري” ڇا
    رب پاڪ ڪلام پنهنجي ۾ ونڊيا
    محبوب تنهنجا ويچار لکين

    ڪافيءَ ۾ صفاتي سينگار
    جيئن سهڻا نبي تنهنجو نانءُ مٺو،
    تيئن تنهنجي نعت پياري آ
    جيئن شان ڀريا تنهنجو شان اتم،
    تيئن تنهنجي ذات پياري آ

    پائي طٰحهٰ وارو تاج پرين،
    تو ماڻيو آ معراج پرين
    ڏنو مالڪ جنهن ۾ مانُ توکي،
    سا سڀ کان رات پياري آ

    تنهنجي وُضُحٰي واري پيشاني،
    جنهن تي ساري دنيا آ ديواني
    آ حڪم خدا خود جنهن جو ڏنو،
    سائين سا صلوات پياري آ

    وليل جا زلف سجايا ٿئي،
    مزمل جي چادر تو پاتي
    لامڪان تي مالڪ سان جا ڪئي،
    هُئي سا ملاقات پياري آ

    تنهنجي شهر جا مالڪ قسم کڻي
    ڪونه پگهر سان پڄندا مشڪ مڻين
    رَبَ تنهنجي صدقي جڳ جوڙي،
    خلقي ڪائنات پياري آ

    ڇا “عاجز رحمت الله” لکي
    تنهنجي صدقي ملي آ ڏات مونکي
    جا وڻن تي ويهي پکي لنون
    سا ذڪر جي لات پياري آ


    سائين بخش لاکو

    فقير سائين بخش ولد گل محمد لاکو جي پيدائش سنه 1947ع دوران ڳوٺ بٺو تعلقه مانجهد ضلع ڄامشورو ۾ ٿي پاڻ پرائمري جا پنج درجا پاس ڪري استاد سگهڙ عزت فقير لاکو ۽ مهان سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي جي شاگردي هيٺ سنه 1967ع ۾ سگهڙ ٿيو، سگهڙ پائي ۾ ڏور ڳجهارت، هنر، پهاڪو، پرولي، گفتو، آجيان جي بيتن سميت سڀني صنفن جي ڄاڻ رکي ٿو.

    ڏهس سينگار

    دلبر تنهنجا دست دلاور رمزن منجهه رڱين
    مڪنا مرنگهه مطيع ٿيا آڏو محب مبين
    مرڪڻ ساڻ مشاهدو ويتر ٿين نگين،
    ڪونڌر ڪٺا قرب ۾ مهري محب مهين
    سڄڻ تنهنجي “سائين بخش” چئي سهڻي سينڌ سنگين
    اچي گهر امين ڪيو لطف “لالو” چئي.

    سينگار

    هيڏو حسن حبيب جو هر جاءِ دل هسي،
    سڄڻ جي “سائين بخش” چوي کڻن مڪنا مومسي،
    ڪنجل قدم قريب جي چئنچل چاڪ چسي،
    هنج هاٿي هلت کان پيا فيل فسي،
    پسي پير پرينءَ جا ڪئي گينر گام گسي،
    ڏاهو ڏور ڏسي پئي لک ڪيريائين “لاکو” چئي.


    حاجي رحيم بخش قريشي

    حاجي رحيم بخش ولد عبدالله قريشي جي پيدائش سنه 1948ع دوران سندس اباڻي ڳوٺ سيوهڻ کان اڀرندي پاسي سنڌو درياهه جي ڀر ۾ آباد ڪيٽي قادر بخش شاهه ضلع نواب شاهه بينظير آباد ۾ ٿي. سندس والد مسڪيني حال ۾ به کيس ڳوٺ پير خدا ڏنو شاهه پرائمري اسڪول ۾ پرائمري تائين پڙهايو ۽ ڪافي عرصي کان پوءِ 1975ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو ۾ سرڪاري ملازمت ملڻ سبب اتان هجرت ڪري هميشه لاءِ اتي ئي رهائش اختيار ڪئي. پاڻ سنه 1966ع کان وٺي ادب ۾ پير پاتائين. استاد محمد خان قريشي ۽ سنڌ جي سدا حيات سگهڙ استاد فقير محمد ملوڪ عباسي جي صحبت کيس سگهڙ بڻايو.
    سندس کي (“رمزون رحمت الله جون” ايوارڊ) استاد محمد ملوڪ عباسي ميڊل، لوڪ ادب ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ماڻي چڪو آهي. پي ٽي وي ۽ ريڊيو تي کوڙ سارا پروگرام ڪيا اٿائين، سگهڙائپ جي سڀني صنفن جو ماهر آهي.

    سينگار
    ڏسي قيس قريب جا، ويا ڪنبي ڪاريهر،
    تلنگ تليهر تاب ڇڏي ويا، ڪين کيائون ڪر،
    ڀونگ ڀڄنگ ڀرڪي بيٺا، آڏو ڏئي اوڍر،
    اڳ اليهر سپ سسيهر، پيا ڪن پچر،
    ته واسينگن کان وارن جا، وڌ واهه واهه آهن ور،
    اهڙا انگ عجيب کي، ڏنا ڏاهي کي ڏاتر،
    آ ڪُلني منجهه ڪسر، منهنجو راڻو “رحيم بخش” چوي.


    الهڏنو بروهي

    الهڏنو تخلص ادنيٰ ولد عبدالرحمان بروهي ڳوٺ ڀورل ضلعي نوابشاهه ۾ 1976ع ڌاري ڄائو استاد شاعر شوڪت علي ۽ سگهڙ محمد مٺل جهتيال جي شاگردي هيٺ 1995ع کان شاعري جي ميدان ۾ آيو پرائمري تعليم نه هجڻ باوجود قلبي شاعر آهي پاڻ ڪافيون، ڪلام ۽ بيت لکيا اٿائين. اڄ ڪلهه ڳوٺ پر باجدي ڄامشورو ۾ رهي ٿو لوهارڪي ڪرت سان رُڌل آهي.

    صفاتي سينگار

    چنڊ چوڏهينءَ رات جا، تون هام نه ايڏي هڻ
    قمر وڃين ڪومائجي، جڏ سامهون اچئي سڄڻ
    تون سونهين رڳو ستارن سان، توکي ڌڻيءَ ڏنو آ ڌڻ
    پرينءَ جي پيشانيءَ جهڙو، تو ۾ لڀي نٿو لڇڻ
    خورشيد ويندين خَم ٿي، ڏسي محبوب جو مُرڪڻ
    بدر رهين بيحال سدا، ڏسي گهوٽ سندو گهُمڻ
    هلال اچين حيرت ۾، جي ٿيُئي پرينءَ جو پهچڻ
    ته عشق لڳئي آقا جو، تون نينهئون لڳين نچڻ
    محبوبن تي مستان ٿي، تون مورهون لڳين مرڻ
    پوءِ “بروهي” چئي بچڻ، تنهنجو اصل نه ٿيندو “الهڏنو” چئي.

    صفاتي سينگار

    ساجن تنهنجي سُونهن ڏسي، مستان هزارين ٿي پيا هِن
    مُحبت تنهنجي ڪيئي موهيا، حيران هزارين ٿي پيا هِن

    تون سُهڻن جو سردار آهين، تون محب مِٺو منٺار آهين
    ڇا شان لکان، تنهنجو مان لکان، داستان هزارين ٿي پيا هِن

    تنهنجي زُلفن جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان، مان ڇا ته چئي ڇا بيان ڪيان
    هتي اَليهر، تَليهر، سَپّ اچي، دربان هزارين ٿي پيا هِن

    تنهنجي پيرن جي پيزار چُمان، هڪ وار نه پر سئو وار چُمان
    تو مهرِ نظر آ مون تي ڪئي، احسان هزارين ٿي پيا هِن

    مان تنهنجو مٺا نوڪر آهيان، تون منهنجو دلي دلبر آهين
    هڪ خادم مان نه آهيان پيارا، سلطان هزارين ٿي پيا هِن

    هر جاءِ آهي سُرهاڻ تنهنجي، ٻي ڳالهه ناهي واکاڻ تنهنجي
    هِت جِنّ، ملا ئڪ، حورون اچي، قربان هزارين ٿي پيا هِن

    الله ڪيو هِن “الهڏني” تي، قُرب ڪيائين ڪوجهي ڪِني تي
    “بروهيءَ” جا سڀ بار لهي ويا، مون جهڙا ڪيئي مهمان هزارين ٿي پيا هِن.

    صفاتي سينگار

    تون ڪامل، تون اڪمل، تون نوري نور نشان
    حبيب تنهنجي حُسن مٿان، هر ڪو آ حيران
    زُلف تنهنجا زريدار ۽ مست ڪن مزگان
    چاهت تنهنجي چهري سان آ، پاڻ رکي رحمان
    لالاڻ تنهنجي لبن جي، ڪيئي مُحب ڪيا مستان
    تجلو پَسي تاب تُنهنجي جو، قمر به ٿيو قُربان
    شمس به شعاع ڇڏي ڏنو، تنهنجي مُحب ڏسي مُسڪان
    گوهر تنهنجي گام پَسي، حيران رهيا حيوان
    مدني تنهنجي مان ۾، ڇا “بروهي” ڪندو بيان
    هي “الهڏنو” احسان، ڳڻي ڳڻيندو ڪيترا.


    محمد جمن ڀٽي

    نالو محمد جمن ڀٽي
    پيءُ جو نالو شاهي خان ڀٽي
    فن جي شروعات 2000ع
    فن ۾ استاد فقير ديدار علي سيال
    پيدائش جي تاريخ 01/01/1968
    ائڊريس ڳوٺ پير باجدي لڳ سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي فيز-II ڄامشورو
    ايوارڊ؛ علڻ فقير ايوارڊ، سگا ايوارڊ ۽ ڪيترائي سرٽيفڪيٽ پي ٽي وي، ڪي ٽي اين، مهراڻ ٽي وي، آواز ٽي وي، ريڊيو پاڪستان لعل قلندر، ڀٽائي گهوٽ سگهڙ سيمينار ۾ شموليت

    سينگار

    صدق سونهن تنهنجي سهڻا سونهن وارا
    تجل تجليون تائب ڪتيون قُطب تارا
    ڏسي چنڊ سورج شمع شرم سارا
    بلب لائيٽ بجليون لِڪي ڪن گذارا
    جهڪي جهاتيون پائين يڪي عشق وارا
    ملي ديد دلبر لهن من مونجهارا
    لکن ۾ آ لڄپال لڄادار پڌرو
    سهارو سڀني جو سدائين سڳورو
    جڏهين زيب زينت زلف ٿو سنواري
    ته لَيلَةَ القَدر به سڄڻ ڏي نهاري
    ڀرون ڀؤنر جاڙا ڪڪر جيئن ڪناري
    انڊ لٺ رنگن کي به رڱيو رَنگ ڏياري

    سينگار شعر

    تنهنجي سونهن تي ڪن پتنگ هي پچارون،
    هي نوراني آ چهرو ٻرن لاٽ لارون
    ڏسڻ لاءِ حيران پريون ڪن قطارون
    هي بيوس بندن جون توکي ٿئي پڪارون،
    گلابي گلن ۾ آ لالاڻ ڪنهن جي،
    سڀني گلن ۾ آ، ڳاڙهاڻ تنهنجي،
    سڀني نبين جو سردار تون آن،
    جنت جو وارث مختيار تون آن،
    محبوب تون آن، منٺار تون آن،
    باغن ۾ خوشبو، گلزار تون آن،
    مبارڪ چهري تان پردا جي هٽندا،
    سوين چنڊ چمڪن پورا ڪين پوندا.

    کلن زلف تنهنجا ڪڪر ڪارا ٿيندا،
    قمر شمس ڪتيون تارا ڍڪجي ويندا،
    وراڪا واسينگن سُري سپ پوندا،
    اليهر تلهير ڪاريهر به چوندا،
    سڄڻ وار پنهنجا قابُو ڪري ڇڏ،
    پهريدار چهري کان پاسي ڪري ڇڏ،
    ته ملي ديد دلبر ديدار ٿئي ڪو،
    چُمان پنيون پيرن پيزار ٿئي ڪو،
    کلي دل جي مکڙي اظهار ٿئي ڪو،
    جي اکين جا اشارا الار ٿيندا،
    سوين چنڊ چمڪن پورا ڪين پوندا.

    مٺا مور مرڪين ته ماڻو ٿو ماري،
    لبِ لِوز مکڻ چاڻو ٿو ماري،
    تون آن لال هيرو داڻو ٿو ماري،
    منهنجو محب مٺڙو راڻو ٿو ماري،
    تنهنجي سونهن ساڻ آباديون آهن،
    مٺا مٽ دنيا جون نه شهزاديون آهن،
    ڀلي ڪو سنواري پنهنجي سينڌ ساري،
    ڪنگا تيل ڦڻيون ڪجل کي به ڏيکاري،
    ساوا پيلا سنهڙا ڳاڙها ويس واري،
    جهالا ۽ جهومڪ ڇلا ڇير ڌاري،
    جي کڻي نيڻ نازڪ ته ڪِري قدمِ چوندا،
    سوين چنڊ چمڪن پورا ڪين پوندا.

    نظر ناز وارا اکيون ماڻڪ موتي،
    پنبڻيون پري کان ڏسن پيا لاهوتي،
    اکين سان ڪهين ٿو ڪنبي پئي ٿي ڪاتي،
    هي عاشق ڏسن ٿا پائي توڏي جهاتي،
    سڄي عمر سهڻا درشن تنهنجو ٿئي،
    کٽي هي حياتي ته ڄمڻ پنهنجو ٿئي،
    ڏٺو روبرو جنهن به توکي جاني،
    اصحاب ٿي ويا تنهنجي مهرباني،
    مٺا مٽ ناهي تنهنجو ڪوبه ثاني،
    عرش فلڪ تي تنهنجي خان خاني،
    جي ناخن پيرن جا ذرو ظاهر ٿيندا،
    سوين چنڊ چمڪن پورا ڪين پوندا

    مَلَڪَ جنّ ماڻهو به حيران آهن،
    دندان چمڪن ته شمعدان ڇاهن،
    گولا لائيٽ بجليون اڳيان ڪجهه به ناهن،
    هي چوڏس چانڊوڪيون چڪور ناهن،
    ملي يار مٺڙا ته عيدن ۾ عيدون،
    ملي وڃن توسان ديدن ۾ ديدون،
    دنيا جا حسين ڪَٺي ٿين سمورا،
    ڀلي پائن چاندي سونا لال هيرا،
    دعويٰ سان چوان ٿو تنهنجي مٽ ڪير آ،
    سُجهي ڪونه سائين هي پٿر تي لڪير آ،
    دشمن به دلبر ايئن تولاءِ چوندا،
    سوين چنڊ چمڪن پورا ڪين پوندا.

    جڏهن وئين تون جاني عرش فلڪ تي،
    احسان ٿي ويا سموري خلق تي،
    پکي پٿر ماڻهو جنَ مَلَڪَ تي،
    خوش ٿيون پريون سڀ تنهنجي جهلڪ تي،
    ڏني توکي دعوت اهڙي ميزبان آ،
    کٽو ناهي ان جو صدين کان سامان آ،
    جڏهن آئين جاني ٿي دنيا چمن آ،
    سڪل باغ ساوا مرڪيو پَنُ پَنُ آ،
    پگهر منجهه خوشبو پورو گلبدن آ،
    توتان گهور سائين هي “ڀٽي جمن” آ،
    ڀٽي هڪ جمن ڇا سڀئي گهور ٿيندا،
    سوين چنڊ چمڪن پورا ڪين پوندا.

    سينگار

    صدق سونهن تنهنجي سهڻا سونهن وارا
    تجل تجليون تاب ڪتيون قطب تارا
    ڏسي چند سورج شمع شرم سارا
    جهڪي جهاتيون پائن يڪي عشق وارا
    ملي ويو دلبر لهن من مونجهارا

    لکن ۾ آ لڄپال لڄادار پڌرو
    سهارو سڀن جو سدائين سڳورو

    جڏهن زيب زينت زلف ٿو سنواري
    ته ليلة القدر سڄڻ ڏي نهاريا
    اٺاويهين اُٽيهين پرينءَ جي پناري
    ڀرون ڀؤر جاڙا ڪڪر جيئن ڪناري
    انڊلٺ رنگن کي رنڱيو رنگ ڏياري

    عجب وار ور ور رکيا رت سياهي
    مٺو حرف سهڻو مٺو ميم ماهي
    بلغ العُليٰ بِڪَمالہٖ

    جڏهن نيٺ نازڪ خماريل کڻين ٿو
    خدا جي خدائي کي ڏاڍو وڻين ٿو
    جبرائيل جلدي عماڻي ڌڻي ٿو
    امت جون اميدون سنڀاري ڳڻين ٿو
    امت جون اميدون سنڀاري ڳڻين ٿو
    فلڪ تِي ڦهلائي اک جي هڻين ٿو
    ته صلواة سورج پڙهي سڻين ٿو

    مٺا مور مرڪين ته طور تي تجلي
    اهو طور نور آ اکين عرف ڪجلي

    مسيحا به عيسا اهو شان تولاءِ
    يوسف ۽ دائود سليمان تولاءِ
    جنت جا جلوه پريشان تولاءِ
    جڙيو جڳ جائي گلستان تولاءِ
    نازل ٿي آيو هي قرآن تولاءِ
    آدم کي سجدو ايمان تولاءِ

    خاتم النبي شان تولاءِ جدا هي
    ملڪ جنت ماڻهو به توتان فدا هي
    کشف دُجا بِجمالہٖ

    لبن لال لالي مليو رنگ هنائي
    خدا خوب ٺاهيو خصوص اوهان کي
    ڪيو ناز ربّ آ نهاري توهان کي
    تهان پوءِ مبارڪ ڏنائين دنيا کي
    رحمة تي رحمت ڏنائين اسان کي
    ڏنئين ورد پنهنجي اسان جي زبان کي
    ته پڙهون پرت واري درود و ثنا کي

    هي صورت به پاڻ آ آئينو به پاڻ آ
    سمندر به پاڻ آ سفينو به پاڻ آ

    کڻين عين اکڙيون چوري جيئن چپن کي
    ته لالئي لبن جي حاصل گلن کي
    خدا خود خالق سارهائيو حُسن کي
    پرين پَر پرين لاءِ وڇائن وارن کي
    چمڻ چاهه مان ڏي پرين شل پيرن کي
    ملڪ تي فلڪ تي ڏسن پيا وڳن کي

    ته درشن دوباره ٿيندو الاهي
    وري عرش تي ئي ايندو محب ماهي
    حسنة جميع خِصالہٖ

    اگر پردو پاسي پرين ٿيندو پرور
    مصر جي ماڙين ۾ شمع رهندو گهر گهر
    حجابن کي هاڻي هٽائي جي سرور
    دنيا پوري روشن دورؤن دلي در
    جڙيا جڳ ۾ جائي جانب لاءِ منظر
    حيران ٿيا حسن تي اولهه کان اوڀر

    تنهنجو شان اعليٰ پرور ڪيو آ
    جهانن لاءِ جانب رحمة بڻيو آ
    دنيا پوري دلڪش حُسن جو جمال آ
    مصور آ مولا، مصور ڪمال آ
    ڀٽي هن “جمن” جو سڄڻ کي سوال آ
    امت آسري ۾ بخشين بيحال آ
    حسينن جا حاڪم ته تنهنجو مثال آ
    جڙيو جڳ تنهنجي ڪري هي بحال آ

    قسم تنهنجو تولاءِ کنيو خود خدا هي
    پڙهي پاڻ پرور درودُ ثنا هي.
    صلو عليہ وآلہٖ


    محمد ايوب جوڻيجو

    محمد ايوب ولد محمد پڃل جوڻيجي جو جنم 18 جنوري 1965ع تي خيرپور ناٿن شاهه تعلقي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ بچو واهڻ ۾ ٿيو. ابن ڏاڏن کان پورهيت طبقي سان واسطو رهيو اٿن، پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺڙي شهمير واهڻ مان پرايائين، جڏهن ته مئٽرڪ 1981ع ۾ ٻورڙي هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. انٽر موجوده استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان 1984ع ۾، جڏهن ته ايم ايس سي (فزڪس) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1993ع ۾ ورتائين.
    پاڻ سال 2000ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيائين سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم ۽ بزم روح رهاڻ ۾ پنهنجين سمورين توانائين سان بهرو وٺندو رهي ٿو ۽ هن وقت سنڌي ادبي سنگت سان به ٻانهن ٻيلي آهي.
    محمد ايوب جوڻيجو سعيد پور ٿيٻا ڊگري ڪاليج، استاد بخاري ڊگري ڪاليج ۽ ڊگري ڪاليج ٺٽي ۾ ڪانٽريڪٽ بنياد تي سالن جا سال ليڪچرار رهيو پر ڪنهن به ڀوتار جو مٿي تي هٿ نه هجڻ سبب مستقل نه ٿي سگهيو، تعليم کاتي مان نيڪاليءَ کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ هڪ سال لاءِ پروف ريڊري به ڪيائين. موجوده وقت ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ پروف ريڊر طور ڪم ڪري رهيو آهي.

    سينگار بيت

    سُهڻن کان وڌ سهڻو آ، محب مٺو منٺار
    مٽ نه ڀانيان محبوب جو، ڪو ڪروڙين ڪري سينگار
    ماکيون، مصريون مڻين هجن، تنهن کان وڌ گوهر جي گُفتار
    مُک مَهتابي، سُونهن سَلالي، زُلف زينتدار
    خاوند خلقيو حبيب لاءِ، هي سارو سنسار
    حورون، پريون، جِنّ، ملائڪ، گهور وڃن صدبار
    هِن ڪامل قُربدار، ڪيا احسان “ايوب” تي.

    سينگار بيت

    سُهڻي صورت، زُلف زينت، ڪامل قُربدار
    هيڻن حامي، عِلم الهامي، نبين جو سردار
    عِلم اعليٰ، خُلق بالا، نوراني نروار
    قُرب ڪمال، جوت جمال، هادي آ حقدار
    دين جو دلدار، رحمت بڻجي آيو عالم لاءِ “ايوب” چئي.


    ڪراچي علائقي جا سگهڙ

    رحمان ڏنو مهيسر

    نالو: رحمان ڏنو
    پيءُ جو نالو: خاوند ڏنو مهيسر
    ڄم جي تاريخ: 2 جنوري 1982ع
    تعليم: ايم. اي انگلش، ايل ايل بي، ايل ايل ايم
    فن جي شروعات: ننڍپڻ کان
    سگهڙائپ: خانداني ورثي ۾ ملي
    ايڊريس: جوهر ڪامپليڪس، ڪراچي

    سينگار

    منهن ڏسي محبوب جو جيئن مرجان موتي ڪن مستي
    لعل ياقتو جي نه لوهه لڳي، ويا ڇڏي واهڻ وستي
    حسن ڏسي هيرن پنهنجي هڙ وڃائي هستي
    سون اتي سر نوايو سونهن ڏسي پنهنجي سستي
    ڊائمنڊ ويو ڍرو ٿي، سونهن سهائي سختي
    ڪوهلٽ ويو ڪومائجي، نه تاب رهيس ڪو تختي،
    اليمينيم اڌو اڌ ٿيو نه ٻي راهه مليس ڪا رستي
    چمڪو ٿيو چوڌاري، نه ڪيو ٻو کوٽ رهيو خستي
    آ “رحمان” روز الستي، جنهن جو ذڪر زمين آسمان تي.
    سينگار
    خوني خنجر خون ڪرن پر نڪ جي نزاڪت مٿي
    نانگ ڏنگن بي سانگ انهن کان زلفن جي زيارت مٿي
    ڳاڙها ڳوڙها ڳل گلابي، لبڙن لطافت مٿي
    “رحمان” رحمت آ مٿي، روءِ زمين تي رب جي.

    سينگار

    مستان حورون قربان ٿيون، حيران سڄڻ سينگارن سان
    ڪي قرب ڪُٺا محبت مُٺا، سؤ ڪجلين جي ڪردارن سان
    آواز عجيبن راز وڏا، انداز عجب اسرارن سان
    ڪامل قدم کڄن ٿا مور مرن ٿا، نور نزاڪت نيارن سان
    لال لبن جي لالي ڪمالي، وڌ چنڊ سندي چمڪارن سان
    ات اوشاق مڙيا مشتاق مڙئي، شم شم جي ڇمڪارن سان
    واري واري تي وارن سان، هن رمزون “رحمان ڏنا” روءِ ۾

    سينگار

    جانب اڳيان جواهرن، جرڪڻ کان ڪئي جدائي
    شمس و قمر شعاع ڇڏي ويا شرم ۾ شيدائي
    هلڻ ڏسي حبيب جو، ڪئي هاٿين حد حدائي
    آهو ڏسن عين عجيب جا، ڪن آزي ادائي
    دندان پسي دلربا جا، نه ٿي ديدن دنڌائي
    سُر سڀئي سانت پيا، جڏ ٻهڳڻ ٻولي ٻڌائي
    سانپ کان نه سُرڻ ٿيو وڌ سونهن زلفن جي سڏائي
    رهي ڪيئن مير مُدائي، انهيءَ روح “رحمان ڏنو” چئي.


    محمد اسماعيل پهوڙ

    محمد اسماعيل پهوڙ نالي وارو سگهڙ آهي، ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي فن جو مظاهرو ڪندو رهي ٿو، اصل ٺل ضلعي جيڪب آباد جو ويٺل آهي پر هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.

    ڏهس جو بيت اکين تي

    سهڻيون اکيون سڄڻين ڪڪوريل ڪاريون
    ڇم ڇاتيءَ تي آنکهين اُلاريون
    آئيز اِسترغين ٻارڻ ويا ٻاريون
    چاهه چشمن چُور ڪيا پُرڪش پياريُون
    نين وجهي ناڪيليون وڃن ڪونڌر قطاريون
    عَين عُقابي اسماعيل چئي وتن ڌاڙي خاطر ڌاريون
    لحظي منجهه لُٽيون وڃن خَن عمر کاريون
    نيڻ نهاريون ويا پاڳل بڻايون “پهوڙ” چئي

    سهڻيون اکيون

    سهڻيون اکيون سڄڻين، ڪجل جني ڪاتيون
    وڌ تاب تلوار کان، وتن پنبڻين ۾ پاتيون
    نهوڙيون ناز سين، هو لنؤَ وڃن لاتيون
    اڙيون دليون “اسماعيل” چوي، رهن اٺئي پهر آتيون
    روئن سڄيون راتيون، هڪ پهر نه وانديون “پهوڙ” چئي.


    جمشيد زهراڻي

    نالو: جمشيد
    ولد: حاجي شفيع محمد
    ذات: زهراڻي
    ڄم جي تاريخ: 1988ع
    تعليم: مئٽرڪ
    سگهڙائپ جي شروعات: 2002ع
    ادبي استاد: محمد ڇٽل جت ۽ قومي شاعر نواز زنئور
    ڪرت: درزي
    ايڊريس: ڳوٺ حاجي خان زهراڻي گُگهر ڦاٽڪ تعلقو گهوڙا ٻاري ملير ڪراچي

    سينگار

    مُرڪڻ ساڻ محب جي، ٿي تُڳيءَ ۾ تجلات
    رات، رين رُخ مٽايو، ٿي عجب سندي عبرات
    مٺو، مئينا، مات ٿيا، بُلبُل ڇڏي بات
    عرشئون، ازلئون آهي ملي، ساجن کي سوغات
    شمس قمر به شعاع ڇڏيو رُخ پسي رات
    رڳ رڳ ۾ راحات، ٿئي جانب ڏٺي “جمشيد” چئي

    ڏهس بيت (نانگن جا نالا)

    بني مانگهه بنائي آهي، ڍولڻ عجب ڍار
    اليهر جيان اُڍڙي پيا، ڪاڪُل ڪارا وار
    ڦڻ کڻي پيا ڦهلائن سَسِيهر سهه مار
    ڪوبرا، ڪاريهر، ڦُن ڦُليهر، وارن جو آ ڄار
    سانپ، سينڪ، سهڻا سرتي، ڇتڙا گيسو ڇار
    سُرخ رنگيرو ساجن منهنجو، محب مٺو منٺار
    اچي قلب منجهه قرار، جانب ڏٺي “جمشيد” چوي


    حاجي علي نواز وڳڻ

    سگهڙ حاجي علي نواز وڳڻ (سنه 1943ع) ۾ ضلع لاڙڪاڻي تعلقي وارهه جي شهر محبوب خان وڳڻ لڳ عالي کبڙ رئيس ڪريم ڏني وڳڻ جي ڳوٺ ۾ حاجي خان وڳڻ جي گهر ۾ ڄائو. ان وقت حاجي علي نواز سنڌي چار درجا پاس ڪري سگهيا. حاجي علي نواز کي يارهن ڀيرا حج جي سعادت ۽ پنجويهه ڀيرا عمري جي سعادت نصيب ٿي. سندس مرشد پاڪ سيد محمد جيئل شاهه آهي. حاجي علي نواز شاعري 74-1973ع ڌاري کان شروع ڪئي، هن وقت هڪ وڏو سگهڙ اهي ۽ هينئر “وڳڻ جا ويچار” ڪتاب پڻ شايع ڪرايو اٿس. اڄڪلهه روزگار سانگي مواڇ ڳوٺ ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي.

    سينگار

    جوڙ ناهي ڪو جانب، جو جنهن سان جيءَ جڙيا،
    محبت جي ميدان ۾، ڪيئي ڪونڌ ڪڙيا،
    “وڳڻ” چئي هو وصال جون، چاڙهيون سڀ چڙيا،
    وحدت منجهه وڙيا، ٿا عيدون ڪن علي نواز چئي.

    سينگار

    برسي رُت بَسنت جي فريا ڦوهه ڦلار،
    مندائتي مينهن سان ٿيا گل مڙيئي گلزار،
    رسي راحت روح کي ٿيا چنبيلي چوڌار،
    خيري ساڻ خوشين ۾ ٿيا پٽين پُر پنهوار،
    ڪيلي ڪوڻين ڪرني تڪمي تن تبار،
    مکڙي ميڙي مينهن مان گل ڪيا گنجار،
    ساوڻ کان اڳ سنجري موتئي مينگهه ملهار،
    رابيلي هئا رڃ ۾ سورج ڪيا سينگار،
    نرگس نازبون نسري پئي طوطن منجهه تنوار،
    سنبل ساهه سٽيو لالئو منجهه لِغار،
    ٽانگڙ ٽاريون ٽليون بي حد بات بهار،
    وڳڻ واهه وَڻي پٻڻ پاڻي تار،
    ڪنول واهه وَڻي پٻڻ پاڻي تار،
    ڪنول پنهنجي قرب سان آ دل کسي دلدار،
    گهرو گل گلاب جو ٿو ناز ڪري نروار،
    مُگريو جن مزار، “علي نوياز” ٿيا سي اوڏڙا.


    گل محمد غازي

    ڏهس سينگار
    تُڳي ۾ تجلو ٿيو ترني کان وڌ تاب
    تمي تامت ميس مٽي لاٿو نور نقاب
    ليل پهپ اُنس ڇا خاص ٿي ويو خواب
    رين رجني روشن ٿي بڻيو بيحد باب
    سئي اتي ساڻن جي لڌي لاجواب
    واهه واهه حسن حبيب جو ڪونهي حد حساب
    هي معجزو محبوب جو لکيو قرب ڪتاب
    ثنا ڪرڻ سهڻي جي سدائين آ ثواب
    آڻي ڪوثر آب گوهر ڏيندو “گل محمد” چئي.


    ڏهس سينگار
    تُڳيءَ ۾ تجلو ٿيو محب پيو مرڪي
    زلفن سندي زيب تي سپَ وڃن سرڪي
    ديهه ڏسي دهليا وڃن شير چيتا ڇرڪي
    ڪٽ قيصر کان ڪسر ڪونهين ببر بيٺو ڀرڪي
    لئس مزار ڪيل ڪار ڌوڪئيٽل پيو ڪرڪي
    ڪيهر ڪنڌ ڇڏي هليو چوري ويو چرڪي
    مور مرنگهه هنج ڇا هرڻ بيٺا هرڪي
    مونکي سڪ سندي سرڪي گوهر ڏني “گل محمد” چئي.


    صوبي بلوچستان جا سگهڙ

    محمد اسماعيل لاشاري

    نالو؛ محمد اسماعيل لاشاري
    پيءُ جو نالو: عطر خان لاشاري
    ڄمڻ جي تاريخ؛ 1960ع
    تعليم؛ پرائمري
    سگهڙائپ ۾ استاد؛ محمد صيفل ڀٽي
    هنڌ؛ ڳوٺ سردار خان لاشاري پوسٽ حير الدين تعلقو جهٽ پٽ ضلعو جعفر آباد صوبه بلوچستان

    صفاتي سينگار

    ساري دنيا جي سونهن کان آهي سائينءَ جو سينگار اتم
    شمس کان به ته اتم اعليٰ نور نبي نروار اتم
    قمر پڄي ڪيئن ڪريم سان آ جانب جلويدار اتم
    لالي پسي آ لبڙن جي پوءِ گلن ڪيو گلزار اتم
    ماگهه پسي محبوبن جي پوءِ نانگ نه ٿيا نروار اتم
    حورن ٿي هت هر هر چُميا پٻ سندا پيزار اتم
    صدقي منهنجي سائينءَ جي ٿيا جنت ۾ جنسار اتم
    آقا “اسماعيل” چوي ڪيو پرور سان آ پيار اتم
    نبوت آخر ٿي آختم، لڄپال مٿان “لاشاري” چئي

    سينگار

    سڀني کان سرس آهي جاني منهنجو جناب
    محبوبن جي مُک مٿان موهيو آ ماهتاب
    چهر و ڏسڻ چنڊ کان وڌ، سائينءَ جو آ ثواب
    حُسن ۾ حَسين آهي لالڻ لاجواب
    جانب جي ته جمال جو ناهي حد حساب
    “اسماعيل” چوي عذاب، مڙني تان ٽاريندو محشر ۾


    ا لله ڏنو هانڀي

    نالو؛ الله ڏنو
    پيءُ جو نالو: ميهارخان
    ذات؛ هانڀي
    ڄمڻ جي تاريخ؛1945ع
    تعليم؛ پرائمري
    سگهڙائپ ۾ استاد؛گل حسن “گل” ملڪ
    هنڌ؛ ڳوٺ مير انور خان ڪنڊراڻي لڳ صحبتپور ضلعو صحبتپور بلوچستان

    صفاتي سينگار

    ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان رب ستار
    پيار مان پرور ڪيو نور نبي نروار
    رحمت اللعالمين آيو ڪامل قربدار
    سڪ مان صلواتون پڙهو سيد تي سئو وار
    اَجهو آيو اُمت جو اڙين سندو آڌار
    ڪل نبين جو نبي آ پانهه نبي پڳدار
    زلف جنهن جا زيب ڀريا وڌ واسينگن کان وار
    پرين منهنجي پٻ رکيا هلي هر هنڌ تي هٻڪار
    اچي سونهن ڀرئي سردار، احسان ڪيا “الهڏنو” چئي

    سينگار

    ساراهيان سچو ڌڻي ساراهيان رب رحمان
    مُڪائين مير مرسل کي ڪري عاجزن احسان
    نرمل تي نازل ڪيو، قادر پنهنجو قرآن
    ساراهه سيد جي پاڻ ڪئي، آفائق منجهه فرقان
    اڙين اٻوجهن جو عربي، آيو ٿي ضمان
    مولا مُڪو مير مرسل کي جنهن جو شاهي آهي شان
    چهرو وڌ چنڊ کان آ محب مٺو مهربان
    گام سهڻي گنير کان، ڏسي ٿيا هاٿي حيران
    اک چيروين عجيب جي، وڌ موتيءَ کان دندان
    نَ و القلم ۾ آ ظاهر منجهه زبان
    محب اچي مهربان، احسان ڪيا “الهڏنو” چئي

    سينگار

    ساراهيان سچو ڌڻي ساراهيان رازق ربُ
    مولا موڪليو محبوب کي قادر ڪري قُربُ
    سدا صلواتون پڙهو سيد تي سڪ منجها ران سڀ
    ابرو تنهن جا اتم اعليٰ لعل گلابي لب
    آهن منهنجي عجيب جون اکڙيون يار عجب
    سج چنڊ کان سهڻو سائين، مير مُرسل مُحب
    پڄندا ڇا پرينءَ سان ڪنهن گوريءَ جا غب غب
    يٰس، طٰهٰ، مزمل مليس لاجواب لقب
    قادر سيکاريو قرآن ۾، هن عجيب جو ته ادب
    هن سائينءَ جي ته سبب، عالم جڙيو “الهڏنو” چئي


    محمد ايوب لاشاري

    نالو: محمد ايوب تخلص اُداسي
    پيءُ جو نالو: نواب خان ذات لاشاري
    ڄم جي تاريخ: 1979/05/14
    تعليم: بي اي
    ڪرت: ڊاڪٽر، رهائش: جهٽ پٽ تعلقه ديره الهيار ضلع جعفر آباد بلوچستان
    سگهڙ پائي ۾ استاد: گل حسن “گل” ملڪ
    صنفون جن ۾ طبع آزمائي ڪئي: لوڪ شاعري جون سڀئي صنفون،
    ايڊريس: جهٽ پٽ تعلقه ديره الهيار ضلع جعفر آباد بلوچستان

    سينگار

    ڪامل هن ڪائنات ۾، عجيب اعليٰ انور
    اند، الماس، آڏت، کان، گهڻو سهڻو سرور
    سڀئي، پڙهو صلوات سيد تي، ٿو پاڻ پڙهي پرور
    چمڪ چانڊاڻ چؤ طرف ٿئي، جي مرڪ ڪري منور
    ترني تباهه تجلو ٿئي، جي دشن کولي دلبر
    چشم ڏسي چريو ٿيو، عجيب اڳيان اُدگر
    نڪي گام کڻندو گنير، آقا ساڻ “ايوب” چئي

    سينگار

    ڪامل هن ڪائنات ۾، آ سهڻن جو سردارُ
    نه ڪي گل گلاب جا، ڪن حبيب اڳيان هٻڪارُ
    نه چمڪي چنڊ گهڻو، نه کنوڻ ڪري کجڪارُ
    اچي مات موتين کي، جي دٿان کولي دلدارُ
    ڄمڻ ساڻ ڄام جي، هي سينگاريو سنسارُ
    اُنَ ڪامل اچي قرار، ڪرايو اٻوجهن کي “ايوب” چئي.


    ساٿي ۽ سونهان جن مان ڄاڻ ورتي وئي

    1. شاهه جو رسالو، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
    2. سنڌي سينگار شاعري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    3. سنڌ جو سينگار، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    4. ڪچهريءَ جا مور، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    5. سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو، ولي محمد طاهرزادو
    6. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
    7. ڳجهارتون، ڪلاڌر متوا (ڀارت)
    8. سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ، الله بخش نظاماڻي
    9. ٻيلائن جا ٻول، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    10. سنڌي لوڪ ادب، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي (ڀارت)
    11. شاهه لطيف جي شاعري ۾ عورت جو روپ، ڊاڪٽر فهميده حسين
    12. سڀا جو سينگار، سوڀراج هاسارام آڏواڻي
    13. سنڌي ادب جي سُرهاڻ، پروفيسر زيب ڀٽي
    14. سڳنڌ، عبدالحسين شاهه موسوي/ وڌيل شاهه موسوي/ محمد ابراهيم/ محمد بچل عباسي
    15. لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    16. ڏهس نامون، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    17. وينجهار، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
    18. سنڌي لوڪ رنگ، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
    19. سنڌي لوڪ سياحت، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي
    20. لوڪ سنسڪرتي، لکمي کلاڻي
    21. ٽماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ
    22. سنڌي فوڪ لور، ڄيٺو لولواڻي
    23. سلات جي سگهڙن جي ڊائريڪٽري، عاجز رحمت الله/ ممتاز امين سنياسي
    24. رنگ رحمت الله جا (لوڪ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا)، عاجز رحمت الله لاشاري
    25. رمزون رحمت الله جون، عاجز رحمت الله لاشاري
    26. ماهوار بيداري حيدرآباد، محمد موسيٰ ڀٽو
    27. سلسليوار سگهڙ سماچار اخبار، عاجز رحمت الله لاشاري
    28. سنڌي لوڪ ورثو، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي (ڀارت)
    29. سنڌي شاعري فن کان فڪر تائين، عبدالوحيد جتوئي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259696
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386684
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ