ڪتاب جو نالو: آئينا ۽ عڪس
مصنف: ذوالفقار سيال
ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن، لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 5123 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 186 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”آئينا ۽ عڪس“ نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار ذوالفقار سيال جي ڪالمن جو موجموعو آهي.

هي ڪتاب چانڊوڪي پبليڪيشن، لاڙڪاڻو/ ڪراچي پاران 2015ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپرايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • انتساب
  • ٻه اکر
  • ڪاش مان اڃان وڌيڪ سچ لکي سگهان
  • مهاڳ
  • هَزارين سَچ
  • ڪالم

  • واهه جو ڪم ٿيو
  • ڀينڊو
  • مسجدن مان جوتا گم
  • الله خوش يا صاحب خوش!؟
  • هڪڙو هو نصرت حسين ابڙو!؟
  • گوسڙو استاد ۽ منشي گيري
  • رشوت، ايڪسٽرا سروس چارج
  • شري واجپائي ۽ لاهوري عطيه
  • سگريٽ-هلال ۽ مردانه قوت
  • محمود صديقي، سنڌي ۽ ساڙ
  • اچو ته ڪوڙ تي قلم 144 هڻون
  • پير پاڳارو ۽ گورنر سنڌ
  • وڏا ماڻهو وڏيون ڳالهيون
  • قصو هڪ کودڙي جو
  • اڪبر جسڪاڻي جو موت بي حسيءَ جي انتها
  • ڪڙي حقيقت سرائڪي اديب جو خط
  • سنڌ، سرائڪي ۽ پنجاب
  • ايماندار ليکڪ جو انعام ۽ ادبي ڪاريگر
  • استاد بخاري، شخصيت ۽ شاعري
  • سنڌي ماڻهو ۽ ايڪهين صدي
  • شيخ اياز، سالگرهه ۽ ورسي
  • علڻ فقير
  • ڇا هي به ڪا ايجنڊا آهي
  • ڌاڙيل، پوليس ۽ صحافي
  • ناصر مورائي، کليل دل جو ماڻهو
  • ڀاڙي جا دانشور ۽ انصاف ڀريو سماج
  • ماسٽر فيروز گل ۽ ٻيا موسيقار
  • صرف هڪ ڪردار گهرجي
  • کدڙا، اسيمبلي ۽ عوام
  • رشوت ٽوڙ يا رشوت خور کاتو
  • ذاتين ۽ ڳوٺن ۾ ورهايل ماڻهو
  • تحقيق ۾ تخليق نه هئڻ گهرجي
  • شاهده پروين ۽ راڳ
  • اين جي اوز، مغرب ۽ اسان
  • پليٽون، صحافي ۽ ملان!
  • هڪ ليجنڊ جو وڇوڙو! (هارون رند)
  • جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ ملائيشيا جو گم ٿيل جهاز
  • عوام سڌري وڃي
  • ايشيا. موروثيت ۽ عوام
  • سنڌيءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ عملي اڳڀرائي گهرجي
  • هن رويي کي ڪهڙو نانءُ ڏجي
  • قومي ٻولين جا حق
  • تنقيد کان ڪير به مٿانهون نه هجڻ گهرجي
  • سائين حسين شاهه راشدي
  • ايم ايڇ پنهور ۽ ادارن جي بي حسي
  • احمد خان مدهوش جي سالگره ۽ جوهيءَ جي گرمي
  • هڪ ليجنڊ فنڪار، انور سولنگي
  • گورک هل، سنڌي ۽ انگريزيءَ وارو سفر
  • فلورنس، مڪلي ۽ ماڻهو
  • سنڌ جي عاشق نورالدين سرڪيءَ جو وڇوڙو
  • سچل جو ميلو، ڪجهه نواڻ ۽ ڪجهه دل ڏکائيندڙ ڳالهيون
  • مشتاق ڀڙڳڙي جو وڇوڙو
  • اسلام آباد ۽ ادبي ڪانفرنس
  • ڏوڪري جو ٽرانسفارمر ۽ چيٽرن جي دنيا
  • سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي
  • محمد هاشم ميمڻ
  • ڪُتي جو چڪ
  • چوڌري، سنڌ ۽ ڊوميسائيل
  • اديب ۽ اختلاف
  • ڳالهيون تنهنجين ڳالهين جون
  • ڀينڊو منهنجو جگري
  • ناشاد
  • انصاف
  • مولوين جا ڪم
  • عوامي ڪچهري
  • سنڌي اديبن جو وفد ۽ سي ايم هائوس
  • ٻه ڪهاڻيون، ٻه واقعا
  • پتاشو ۽ مان
  • تعليم کاتي ۾ ”لکي لکانو، پڙهي الانو“ وارو ڪلچر
  • مت جو منجهيل
  • سنڌي ٻولي ۽ رومن لپي
  • پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ننڍا ڊيم
  • عابد مظهر ۽ افوسناڪ مذاق
  • ٻيهر چئي سگهجي ٿو ته: اچو ته سچ ڳالهايون
  • آزاد شاعري، اظهار ۽ رمضان
  • ڪرسي ۽ انسان
  • ببليءَ کان باليءَ تائين اسان ڪاڏي پيا وڃون
  • قصو هڪ نانگ جو
  • نقلي طبيب دوائون ۽ زالن جا ستايل
  • ڇا اسان ايمانداريءَ سان لکون ٿا؟
  • سامونڊي طوفان، سرڪار، عوام ۽ اڳواڻ
  • ٽي ڪهاڻيون، ٽي ڪردار
  • ڪتو صاحب
  • اُداسي ۽ اُٻاڪڻو
  • هڪ ڪهاڻي، هڪ واقعو
  • ٻه ڪهاڻيون، ٻه واقعا
  • جلال جون سائيزون
  • رت جو مينهن
  • ٻڪري، مان ۽ رِڍ
  • نصير مرزا، تاج صحرائي
  • قسم جو سوال
  • راڪاس جو ڦيرو
  • پنهنجي نسل کي بچايو
  • ميلا ڪلچر
  • ڊاڪٽر ۽ سوسائيٽي
  • الطاف شيخ ۽ عربستان
  • وفاداري، مسلمان ملڪ ۽ ايريل شيرون
  • ڪاش! ٿر به ڪنهن کي نظر اچي
  • پي آر تي هلندڙ دنيا
  • حد جو تڪرار
  • گامون سچار_پريتم ڪوڙو
  • ماستر جي مار، گهران نڪتل ٻار
  • احساس، گڏهه، اٺ ۽ سنڌ
  • سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ ماڻهن جي بي حسي
  • دش ڪش جو دؤر
  • رٻڙ جون ڪرڙيون، نانگ ۽ ڇتا ڪتا
  • اها سنڌ ڪٿي آهي؟
  • کدڙا فقير ۽ باب وولمر
  • ايزي لوڊ ۽ ايزي لوڌ
  • هور وي آگي
  • مس ڪال
  • ذوالفقار سيال جا ڇپيل ڪتاب
  • MP3 سنڌي سي ڊي

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (162) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”آئينا ۽ عڪس“ نامياري شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار ذوالفقار سيال جي ڪالمن جو موجموعو آهي.

    هي ڪتاب چانڊوڪي پبليڪيشن، لاڙڪاڻو/ ڪراچي پاران 2015ع ۾ ساحل پرنٽرز وٽان ڇپرايو ويو. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر ذوالفقار سيال صاحب جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني، ٿورا مور ساگر جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    پنهنجي
    امڙ
    جي نالي
    جنهن جي دعا هئي ته مان
    پنهنجي خاندان ۾ وڌيڪ پڙهيل ۽ لکيل هجان


    ٻه اکر

    هو آيو ۽ محفل جو رنگ ئي بدلجي ويو. وڏا وڏا ٽهڪ، ڳالهه مان ڳالهه، بحث، تڪرار، تاڙا، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ دليل، انڪار، اقرار، ڀريون ڀاڪر، واهه ڇا ته رنگ هوندو آهي. ڪڏهن افق جهڙي اڇي اُجري، روشنيءَ جو ڏيک ته ڪڏهن شفقتن جي لادائي پرهه جهڙي پوشاڪ پاتل گلشن جيان رنگ دبو ۾ وهنتل، ٽهڪن جو ٽوڪريون ساڻ کڻي گهمندڙ سهڻي من مهڻي شخصيت جو مالڪ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. سواءِ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي، سندس ڪتاب آئني ۽ عڪس ۾ سندس سڀ رنگ شامل آهن. هو گهڻ پاسائين شخصيت جتي آهي اتي سونهين، هو پنهنجي ذات ۾ بلڪل يَڪتَا عام کان بلڪل اُبتڙ، پنهنجي هئڻ جو ڀرپور احساس ڏياريندڙ، سهڻو، سيبتو ۽ سڀائتو ملوڪ ماڻهو دوستن جو دوست ۽ دشمن جي هانوَ ۾ ڪنڊي جيان چڀندڙ ۽ اهي سڀ عڪس هن ڪتاب ۾ واضح نموني نظر اچن ٿا. ڪيتري نه پياري ڳالهه ڪئي اٿس ته جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائڻ تي پابندي نٿي لڳائي سگهجي ته پوءِ سچ کي هميشه هميشه ختم ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوڙ ۽ سٺي ڪوڙ ڳالهائڻ تي انعام مقرر ڪيو وڃي، اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ته ڪرڻ گهرجي، مقصد ته هن سماج کي جيڪي بيماريون لڳل آهن. انهن جو علاج ڪرڻ گهرجي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جيڪي سوال بي باڪي سان اُٿاريا آهن. انهن جو اڄ تائين جواب نه ملي سگهيو آهي. اڄ به اسان جي اڳيان اهي سوال ئي بڻيل آهن. سواءِ ان جي ته اسان وٽ هاڻي ڪوڙ ڳالهائڻ تي انعام ضرور ملڻ شروع ٿيا آهن. تنقيد ڪنهن به معاشري ۾ صحت مند هجڻ جو ثبوت هجي ٿي، پر اسان وٽ تنقيد جي معنيٰ دشمني پاڻڻ آهي، حالانڪ تنقيد کان ڪير به مٿانهون نه هجڻ گهرجي- اسان کي اڳتي وڌڻ لاءِ پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ سنجيده پڻ ٿيڻو پوندو.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي جهڙِ آهي اُٿڻي ويهڻي تهڙي اٿس لکت پڻ وڻندڙ ۽ اڇوتي، ڪڏهن پيار جي پالوٽ ڏيندڙ گيت، غزل، وايون ته ڪڏهن کرا، ڪڙا ۽ سچ جهڙا ڪالم، ڪنهن دوست جو خاڪو هجي يا تاثر سندس ٻولي، لهجو ۽ انداز بيان بلڪل نئون نرالو ۽ وڻندڙ، ڇهندڙ، کلڻي ۾ سانوڻي جي سنڌو جيان گجگوڙ ۽ شور به نظر ايندو ته مٺڙي شگفته پُر تاثير شائستگي پڻ سندس گيت، غزل، غنايه سان پر لڳندا آهن. ۽ ٻارن لاءِ سندس ڪيل شاعري پڻ قابل ديد آهي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي ڪالم رشوت ٽوڙ يا رشوت خور کاتو، انتهائي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي هڪ سچ لکيو آهي. اسان کي گهرجي ته ان جو نئين سر جائزو وٺون ۽ اهڙا ڪردار واضح ڪريون ۽ اهڙي اداري کي انهن کان پاڪ ڪريون. هن وقت اسان جو عام ماڻهو ته ڇا هر ماڻهو پريشان آهي ته دانهن ڏيون ته ڪنهن کي؟ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي ڪلم کي اهڙن موضوعن لاءِ کنيو آهي جيڪي اسان جي معاشري ۾ ناسوز جي شڪل اختيار ڪري ويل آهن اهي رشوت خوري کان ويندي ڪنهن ادبي هڪ هٽي تائينم هر موضوع سان بهتر طريقي سان نڀاه ڪيو آهي. ڪيئن اسان جا مولوي اسان جي معاشري ۾ خوف ڦهلائي ڪڏهن مسجد لاءِ چندا گڏ ڪن ٿا ته وري ڪلام پاڪ جا ڊپ پيدا ڪري پنهنجو ڪاروبار ڪن ٿان جيڪي نه صرف ايمان وڪڻن ٿا. پر اهي سڄي سماج کي بدنام پڻ ڪري رهيا آهن.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هن سماج ۾ اسان جي چوڌاري جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ڏاڍي خوبصورت انداز سان اُن ۾ رنگ ڀريا آهن، ۽ انهن آفيسرن لاءِ به خوب لکيو اٿس جيڪي داٻا ڪن ٿا ۽ وري اهي ڪيئن ٻين جي آڏو آزيون نيازيون ڪن ٿا اين جي اوز (NGO’S) تي به خوب لکيو اٿس.
    منجهس سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ محبت دل ۾ دريا شاهه وانگر آهي. ڪڏهن سوڀي سان رس رهاڻيون ۽ ڪڏهن گورک هل اسٽيشن جا موج مزا پيو ڪندو آهي ته ڪڏهن سنڌي ادب سان بي انتها پيار جو اظهار ڪندي نون ۽ پراڻن شاعرن تي خاڪا ۽ سندس تحريرون ڪتابي صورت ۾ ڏيئي، پيو ڇورائي ڪڏهن ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي ادب جي خدمت پيو ڪري ڪڏهن ڊاڪٽري جي پيشي سان منسلڪ ٿي مريضن جي فلاح ۽ بعبود لاءِ جاکوڙ پيو ڪري. جتي به هوندو آهي سندس نالو نرالو ۽ مٿانهون هوندو آهي سندس ڪم ڪرڻ جو انداز نرالو آهي جيڪو عام ماڻهوءَ کان بلڪل مختلف آهي. سندس ان نرالي انداز ئي کيس ممتاز ڪيو آهي. ان جي مضمونن ۽ ڪالمن جا عنوان ئي ٻڌائن پيا ته هي ڇا ٿو سوچي، ڇا ٿو چاهي، ۽ ان لاءِ هو ڪنهن رک رکاءُ کان ڪم ڪونه ٿو وٺي. پر پنهنجي ڳالهه ڪرڻ ۾ سندس قلم بلڪل به جنش نٿيِ کائي
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال بلڪل صحيح پيو چوي ته اسان واقعي به ورسيون ملهائيندڙ قوم آهيون، بلڪل اسان ته ان کي باقاعدگيءَ سان ڪاروبار پڻ بڻائي ڇڏيو آهي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارن لاءِ به خوب لکيو آهي. جتي جيڪڏهن ڪير هڪ سٽ چورائي ته اسان ان کي ادبِ چور چئون ٿا. پر جيڪڏهن ”سٽون“ چورائي ته ان کي محقق جو نالو ڏنو پيو وڃي. انصاف جي عنوان هيٺ ڪالم ڏاڍو خوبصورت لکيل آهي، اهو ته اڄ به اسان جون اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريل آهن ته فلاڻي شهر م هوٽل واري چانهه جا پئسه گهريا. سرڪاري وردي پهريل کان ماني جا پئسه گهريا پوءِ ته ان جو خير ڪونهي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي هر عنوان تي لکڻ لاءِ ڪتاب لکڻ گهرجن. جيڪي اسان جي معاشري ۾ براين جي نشاندهي هن ڪئي آهي سي اڄ تائين جيئن جو تيئن آهن.
    اسان جي دعا آهي ته هو هميشه لکندو رهي ۽ خوب لکندو رهي، سندس قلم جون تکيون مٺيون ڳالهيون اسان جي ادب جو دامن ڀرينديون آهن ۽ قوم جي گنج ۾ گوهرن جو اضافو ٿيندو رهي.

    مشتاق ڪلوڙ
    نوابشاهه
    2015-02-09


    ڪاش مان اڃان وڌيڪ سچ لکي سگهان

    1972ع کان مون اخبارن ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. هن وقت تائين هزارن جي تعداد ۾ ڇپيل ڪالم موجود آهن ۽تقريبن سڀني سنڌي اخبارن ۾ سالن تائين ڪالم لکيا اٿم.
    ڪنهن دوست صلاح ڏني ته اهي ڪالم چونڊي ڇپايان. جڏهن چونڊ ڪرڻ ويٺس ته ڏاڍو ڏکيو لڳو ته ڪهڙو کڻان؟ ۽ ڪهڙو ڇڏيان!
    بهرحال جيتوڻيڪ مان چونڊ سان به انصاف ڪري نه سگهيو آهيان. پر هي ڪجهه ڪالم به هيڏو وڏو ڪتاب ٿي ويو آهي. جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    منهنجي خواهش هُئيءَ ته ان جو مهاڳ جناب رسول بخش پليجو لکي. مان يوسف سنڌي ۽ مور ساگر جڏهن سائين جي گهر ڪتاب جي ڊمي کڻي وياسين، جنهن کي ڏسي پليجي صاحب تبصرا به ڪيا ۽ واعدو ڪيو ته هو ٽن ڏينهن کانپوءِ مهاڳ لکي ڏيندو ۽ اها ڊيوٽي يوسف سنڌي صاحب تي رکي وئي ته هو پليجو صاحب کان مهاڳ گڏ ڪري. پوءِ ٻه دفعا يوسف سنڌي، پليجو صاحب وٽ ويو پليجو صاحب، کيس سڀاڻي اچڻ لاءِ چيو. ۽ جڏهن يوسف سنڌي صاحب، ان سڀاڻي ويو ته جواب مليو، يار! مان بيمار آهيان نٿو لکي سگهان.
    اسان حيران ٿياسين ته پليجي صاحب کي ڏاڍي دير کان پوءِ ياد آيو ته هو بيمار آهي!؟ ان کان اڳ کيس بيماري جي خبر نه هئي.الله کيس شفا ڏيندو. پليجي صاحب جو ٺيڪ ٿيڻ ضروري آهي.
    بهرحال مان انهن سڀني دوستن جو ٿورائتو آهيان جن ٻه لفظ لکيا.
    ڪالمن ۾ ڇپجڻ جي تاريخ پڻ ڏني وئي آهي. پر اوهان کي محسوس ٿيندو ته ويهه ۽ پنجويهه سال اڳ جا لکيل هي ڪالم، اڄ جا لکيل ٿا لڳن جو هتان جون حالتون اڄ به ساڳيون آهن دنيا بدلجي وئي آهي. اسان جا حال ۽ پرڪار اڄ به ساڳيا آهن.

    ذوالفقار سيال


    مهاڳ

    ڪالهه اڄ ۽ سڀاڻي جا آئينا ۽ عڪس

    نالي وارو هندستاني صحافي ڪلديپ نيئر گذريل چالهيارو سالن کان Between the lines جي عنوان سان لکندو پيو اچي، سندس اهو ڪالم گذريل ڪيترن ئي سالن کان 80 اخبارن ۽ 14 زبانن ۾ هندستان، پاڪستان، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا ۽ سعودي عرب جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ترجمو ٿي ڇپجندو آهي. ڪلديپ نيئر پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته وٽس پنهنجو هر لکيل ڪالم محفوظ آهي ۽ هن سال وار ڪالمن جا جلد ٻڌائي رکيا آهن.
    ڪالم نويسي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪالم نگار ڪنهن پابنديءَ کانسواءِ هر موضوع تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهي ٿو. ڇا ادب، ڇا سياست، ڇا سماجي مسئلا، ذاتي يادگيريون، ڪتابي قصا، ڪرنٽ اشوز.
    جيتوڻيڪ اخباري ڪالم جي عمر رڳو هڪ ڏينهن هجي ٿي، ٻي ڏينهن اهو ماضيءَ جو قصو ۽ حصو بنجيو وڃي ٿي. پر اُن ڪالم ۾ جنهن موضوع تي خيال آرائي ڪيل هوندي آهي، ان جي پنهنجي اهميت ضرور هوندي آهي. خشونت سنگهه جا ڪيترائي ڪتاب سندس ڪالمن جي سهيڙ تي ٻڌل آهن. پاڻ وٽ به اردوءَ ۾ انتظار حسين، مستنصر حسين تارڙ ۽ ڪشر ناهيد جا ڪيترائي ڪتاب ۽ خود امر جليل جا ڪيترائي ڪتاب سندس لکيل اخباري ڪالمن جي سهيڙ تي ٻڌل آهن. اهي ڪالم جنهن دور ۾ ۽ جن حالتن ۾ لکيا ويا هئا. اهي اُن دور جا آئينا ۽ عڪس آهن. ۽ انهن کي پڙهڻ سان اُن دور جون حالتون آئيني جيان اچيو سامهون ٿيو بيهن.
    سنڌيءَ ۾ ڪالم نويسي ڪڏهن شروع ٿي ۽ شروعاتي ڪالم ڪنهن لکيا، اُن لاءِ اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته جڏهن کان سنڌي زبان ۾ اخبارون ۽ رسالا ڇپجڻ شروع ٿيا ته اهو سلسلو به جاري ٿيو. منهنجي خيال ۾ شروعاتي ڪالم انشائيه ننڍن ننڍن مضمونن کي ئي چئي سگهون ٿا. پرمانند ميوارام جوت اخبار ۾ جيڪي ننڍا ننڍا اصلاحي ۽ سماجي مضمون لکيا، اهي هڪ لحاظ کان ڪالم ئي هئا. جوت اخبار 1896ع ۾ جاري ٿي. ان حساب سان سنڌيءَ ۾ ڪالم نويسي مضمون/ نويس جي عمر هڪ صدي کان به وڌيڪ آهي. ”گل ڦل“ جيڪو پرمانند ميوارام جي اهڙن ننڍن ننڍن ڪالمن/ مضمونن جو مجموعو آهي، سو هڪ لحاظ کان ڪالمن جو مجموعو ئي چئي سگهجي ٿو.
    هي ڪتاب ”آئينا ۽ عڪس“ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪالمن جو مجموعو آهي. ذوالفقار نه رڳو سٺو شاعر آهي ۽ سندس شاعريءَ جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن. پر هڪ سٺو نثر نويس به آهي. سندس نثري جوهر سندس لکيل اخباري ڪالمن ۾ نظر اچن ٿا. ذوالفقار سيال گذريل ٽيهارو سالن کان به وڌيڪ عرصي کان ”آئينا ۽ عڪس“ جي عنوان سان مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو پيو اچي. سندس اهي ڪالم، هلال پاڪستان، عبرت سنڌ، خادمِ وطن، خبرون، عوامي آواز ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا آهن.
    ذوالفقار سيال ڪو پروفيشنل صحافي يا ڪالم نويس ڪونهي جو هر هفتي ڪالم لکڻ سندس مجبوري هجي، ذوالفقار سيال ڪنهن پروفيشنل مجبوريءَ تحت ڪالم نه لکيا آهن. هن جيڪي به اخباري ڪالم لکيا آهن، اهي دل جي آواز تي، پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ لکيا آهن. انهن ڪالم لکڻ جو مقصد فقط اهوئي آهي ته سنڌ توڙي ملڪ ۽ دنيا ۾ جيڪو ڪجهه وهي واپري پيو، انهيءَ بابت پڙهندڙن کي پنهنجي راءِ کان واقف ڪجي. سندس ڪالم ڳالهه کي اختصار سان بيان ڪرڻ جو بهترين نمونو آهن.
    ذوالفقار سيال جا ڪالم هزارن جي تعداد ۾ آهن. ۽ هي ڪتاب ”آئينا ۽ عڪس“ انهن هزارين ڪالمن مان چونڊ ڪالمن جو مجموعو آهي.
    ذوالفقار سيال جي ڪالمن کي پاڻ موضوعي لحاظ کان ٽن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا.
    1. اهي ڪالم جيڪي ڪنهن واقعي کان متاثر ٿي لکيا ويا آهن ۽ انهيءَ واقعي تي پنهنجي راءِ زني ڪئي ويئي آهي ۽ يا وري ڪن ۾ ادبي ۽ سياسي معاملن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويئي آهي.
    2. اهي ڪالم جيڪي سندس سفري ۽ ٻين ساروڻين تي ٻڌل آهن.
    3. اهي ڪالم، جن جو موضوع ڪي شخصيتون آهن. جن جي گذاري وڃڻ تي شردا نجيلون پيش ڪيون ويون آهن ۽ انهن شرڌانجيلن ۾ انهن شخصيتن سان پنهنجي گهاريل گهڙين جون ساروڻيون سارڻ سان گڏ، ڪيترن ئي اهم واقعن کي به رڪارڊ تي آندو ويو آهي.
    ذوالفقار سيال جي هنن ڪالمن ۾ ڪيترائي ڪردار به تخليق ڪيا ويا آهن، ۽ انهن جي واتان ڪڙو سچ چورايو ويو آهي. جيئن ”ڀينڊو“. ذوالفقار سيال جو اهو ڪردار ڀينڊو، گامون سچار آهي، جيڪو بظاهر ته سادو سودو ڪردار آهي، پر پنهنجي سادگيءَ ۾ وڏا سچ چيو ڏي. ڀينڊي کي پاڻ، امر جليل جي ڪردار ”چينو“ يا امر لعل هنگوراڻيءَ جي ڪردار ”ادو عبدالرحمان“ سان ڀيٽي سگهون ٿا.
    ذوالفقارسيال جي هنن ڪالمن کي پڙهبو ته ائين لڳندو ته لکيڪ جن معاملن ۽ مسئلن بابت خيال آرائي ڪئي آهي، اهي اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن، پر پاڻ وٽ- جيئن سندس هڪ ڪالم جو عنوان آهي ”گوسڙو اُستاد ۽ منشي گيري“ اهو ڪالم روزاني هلال پاڪستان جي 13 فيبروري 1999ع جي اشاعت ۾ ڇپيو هو. پندرهن سال گذري ويا آهن انهن ڳالهين کي، جن جي نشاندهي اُن ڪالم ۾ ڪئي ويئي آهي پر ڪجهه به ته نه بدليو آهي. اڄ به سنڌ جي تعليم جي ٻڏل ٻيڙيءَ کي تارڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ اُستادن جي هڪ حصي جي گوسڙو هئڻ، منشي گيري ۽ ڪمداري ڪرڻ تي وڏو هُل مَتل آهي. پر عملي طور تي بس اهو رڳو هُل ئي آهي. مختلف حڪومتن جا وزير ۽ عملدار رڳو نون نون تجربن ڪرڻ ۽ پاڻ کي ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهن. باقي اصل مرض جو علاج ڪير به نٿو ڪري، جنهن جي تشخيص به ٿيل آهي.
    ذوالفقار سيال جي هڪ ڪالم جو عنوان آهي ”رشوت ايڪسٽرا سروس چارج“، ڪالم جو عنوان ئي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو. رشوت هاڻ واقعي به ايڪسٽرا سروس چارج بنجي ويئي آهي ۽ بدقسمتي سان جيترو تحفظ اُن ايڪسٽرا سروس چارج کي حاصل آهي، اوترو تحفظ ته ”زندگي“ کي به حاصل ڪونهي. ۽ وري ستم ظريفي اها آهي ته رشوت جهڙي بڇڙي ڪم کي ”هذامن فضل ربي “ جهڙو خوبصورت نالو ڏنو وڃي ٿو. رشوت جنهن لاءِ حديث نبوي آهي ته، ”رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻئي جهنمي آهن“ ۽ رشوت وڌائڻ ۾ جت ٻيا سبب آهن، اُت رشوٽ ٽوڙ کاتي جو به وڏو ڪردار آهي، جيڪو رشوت وٺڻ جي عيوض ”رشوت“ کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. ذوالفقار سيال ان جو ذڪر پنهنجي هڪ ٻي ڪالم، ”رشوت ٽوڙ يا رشوت خور کاتو“ ۾ ڪيو آهي.
    ذوالفقار سيال جي هنن ڪالمن ۾ سنڌي سماج جي ڪيترن ئي نازڪ، حساس پر اهم اشوز تي خيال آرائي ڪئي وئي آهي ۽ انهن کي ڇيڙيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سندس هڪ ڪالم ”ذاتين ۽ ڳوٺن ۾ ورهايل ماڻهو“ ڏاڍي اهميت وارو آهي. اسانجي اها ڪيڏي نه بدقسمتي آهي ته پاڻ وٽ هڪ قوم جي تصور کي سگهارو ڪرڻ جي بدران، ذات، برادري ۽ قبائلي تصور کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. ۽ ڳالهه اُتي وڃي پهتي آهي. ته ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل همراهه پنهنجي برادري يا قبيلي جي سرداري کي وڏي اهميت ڏين ٿا. ان سلسلي ۾ تازو هڪ پارٽيءَ جي چيئرمين پاران پنهنجي قبيلي جي سرداريءَ جي وڏي فخر سان پڳ پائڻ حيرت ۾ وجهندڙ عمل آهي. نه رڳو اهو پر مون ته اهو به ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترائي ليکڪ، شاعر ۽ صحافي پڻ ذات برادري ۽ قبائلي پليٽ فارمن جو حصو بنجندي ۽ فخر ٿا محسوس ڪن. اهو شعور آهي يا ٻي شعوري، فيصلو ڪرڻ ڪو اوکو به ڪونهي.
    ذوالفقار سيال جي هنن ڪالمن ۾ ڪيترن ئي اهڙن واقعن جو ذڪر پڻ ٿيل آهي، جن مان هڪ اڌ جو آئون پڻ اکين ڏٺو شاهد آهيان. ذوالفقار سيال اهڙن واقعن تي نهايت بي باڪي ۽ صاف گوئيءَ سان لکيو آهي. جيئن سندس ڪالم ”سچل جو ميلو، ڪجهه نواڻ ۽ ڪجهه دل ڏکوئيندڙ ڳالهيون“ آهي. ليکڪ ان ڪالم ۾ جن ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي. اهي سڀ منهنجي اکين جي اڳيان ٿيون، ڇاڪاڻ ته اهو هيستائين منهنجي زندگيءَ جو پهريون موقعو هو، جو مون سچل جي ميلي ۽ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مون کي پڻ ڊائريڪٽر جنرل پاران مقالي پڙهڻ جي دعوت مليل هئي، پر اُتي ڇا ٿيو؟ اسين پهتاسين ته ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ اسين دعوتيل ئي نه هجون. وچان ئي ٻيا ماڻهو، ذوالفقار سيال ان ڪالم ۾ ثقافت کاتي جي عملدارن جي سازشي ڪردار ۽ سازشن کي وائکو ڪيو آهي. ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون رڪارڊ تي آڻي ڇڏيون آهن:
    ذوالفقار سيال جي ڪالمن تي جيڪڏهن ٿورو ٿورو لکجي ته به گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ذوالفقار سيال ڪيترن ئي ڪالمن ۾ ٿورن لفظن ۾ ڏيون ڳالهيون بيان- ڪري ڇڏيون آهن. سندس هڪ ڪالم ”اچو ته ڪوڙ تي قلم 144 هڻون“ ۾ اسان جي سماج ۾ ”ڪوڙ“ جي واهپي تي ڏاڍو دلچسپ تبصرو ڪيو ويو آهي. ۽ ڪوڙ تي قلم 144 هڻڻ جو گُهر ڪئي آهي. ان ڪالم ۾ ذوالفقار سيال لکي ٿو.
    ”جيڏو وڏو ڪوڙ، اوڏو وڏو بيان اسان جي سماج ۾ باقاعدگي سان ڪوڙ جا کاتا پڻ کليل آهن، يعني صوبيدار، تپيدار، مختيارڪار، اتي صرف حڪم ڪيو ڇا ڪرڻون آهي. هنن جو ڄڻ ته سچ سان ڪو پراڻو وير آهي.“
    ذوالفقار سيال، جا هي ڪالم پڙهندي، ڪيترن ئي يارن ۽ پيارن جي يادن جون ويرون منهنجي من ۾ ڇوليون هڻڻ لڳيون، جن جي وڇوڙي تي ذوالفقار سيال کين شرڌا نجيلون پيش ڪيون آهن. اڄ اهي دوست اسان سان جسماني طرح گڏ نه آهي، پر ڪالهه اسين گڏ هئاسين.
    ذوالفقار سيال جي هي ڪالم ڪالهه (ماضي) جا لکيل آهن، پر اهي اڄ جا به ڪالم آهن ته سڀاڻيءَ جا به، ۽ اهائي هنن ڪالمن جي وڏي خوبي آهي.
    يوسف سنڌي
    حيدرآباد- يارهين جنوري 2015ع


    هَزارين سَچ

    آئون هڪ ماڻهپي واري دوست ۽ دوستن سان دوستيون نڀائڻ واري دوست جي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن جو نالو ادب جي دُنيا ۾ ذوالفقار سيال آهي، جيڪو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. جنهن جو ماڻهپو ۽ دوستي مون لاءِ سُک چين جي وڻ جي ڇانوَ مثل آهي، پر ٻين کوڙ دوستن لاءِ به آهي.
    اِهو ماڻهپو مون ذوالفقار سيال ۾ ضرور ڏِٺو آهي، ها ائين به آهي ته ڪجهه منهنجي ڳالهه سان سهمت نه به هوندا، ڇو ته هڪ شخص سڀني لاءِ پرفيڪٽ نٿو ٿي سگهي.
    ذوالفقار سيال هڪ اهڙو مٺڙو ماڻهو آهي، جنهن کي مون جتي ڏِٺو آهي اُتي هن پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪري نيون منزلون طئه ڪيون آهن. پوءِ اِها سندس آفيسري جي دُنيا هُجي يا ادب جي دنيا هُجي! اها شاعري هجي يا ڪالم نگاري هُجي، ٻاراڻو ادب هجي يا ڪنهن سٿ جي سرواڻي هجي، هُو آفيسر به خوب آهي ته اديب به خوب آهي. ذوالفقار پنهنجي اندر ۾ نفرتون نه پاليندو آهي. انهن کي ڪڍي ٻاهر ميدان تي رکندو آهي، ۽ سامهون چئي ڏيندو آهي، ان ڪري ڊپلوميسي دوستن کي شايد گهٽ وڻندو هُجي. مون هن سان گڏ زندگيءَ جا گهڻا سال گُذاريا آهن ان ڪري سندس اُنهن سُٺين وصفن تي جي لکڻ ويهندس ته ڪيترن ئي پنن جا پيٽ ڀرجي ويندا.
    کوڙ ڪهاڻيون ذوالفقار جي ڪالمن ۾ توهانکي ملنديون جيڪي هڪ ئي وقت سنڌ جا درد به آهن ته سفرنامن جهڙا لوازمات به آهن. جن کي پڙهي گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو. توڙي جو ڪجهه ڪالم 3 ڏهاڪا اڳي جا لکيل آهن. پر پوءِ به ايئن ٿو لڳي ته اسان اڃان ان ئي جاءِ تي بيٺا آهيون ۽ اُن گهاڻي ۾ وهندڙ ڍڳي جيان اتي گول پيا ڦِرون، جيڪي پنڌ ته سڄو ڏينهن ڪندو آهي. پر هوندو اُتي جو اُتي آهي.
    آئون پياري ذوالفقار سيال کي ”آئينا ۽ عڪس“ ڪتاب ۾ دليري سان سچ لِکڻ تي داد ڏيان ٿو، سندس لِکڻيون جن ۾ پڙهڻ واري لاءِ گهڻو ڪُجهه مواد آهي، رڳو ڪتاب کي پڙهڻ جي ضرورت آهي ۽ پڙهڻ کانپوءِ همت ۽ جُريئت سان سچ چوڻ جي ضرورت آهي.

    رضا ڏاهري
    25 فيبروري 2015


    ڪالم

    واهه جو ڪم ٿيو

    گهڻو وقت اڳئي مون سعادت حسين منٽوءَ جي هڪ ڪهاڻي پڙهي هئي، جنهن ۾ هڪ سائيڪل مڪينڪ پنهنجي دڪان ٻاهران ٽٽل شيشا ٿي وکرايا، جئين سائيڪلن جا پنچر گهڻا ٿين ۽ هن جي دڪانداري وڌي.
    اهو طريقو هلي پوءِ پراڻو ٿيو. پر اسان جي مولوي صاحبن جا ڏنل زائچا ۽ ”ٽيڻا ڦيڻا“ اڄ به قائم ۽ دائم آهن.
    اوهان اڪثر دڪانن تي شيشي ۾ مڙاهيل زائچا ڏٺا هوندا جيڪي شايد روزگار ۾ برڪت لاءِ هوندا آهن.پوءِ اها ”برڪت“ کڻي ڪهڙي به هجي، اهڙو دائرو هينئر تمام گهڻو مقبول ۽ عام آهي.
    گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ دوست سان گڏجي هڪ ڊاڪٽر جي دڪان تي، (جنهن کي تهذيب يافته طور ”ڪلينڪ“ چيو ويندو آهي) وڃڻ ٿيو.
    ڊاڪٽر صاحب جي ڪلينڪ تي روزگار وڌائڻ وارو اهو ساڳيو زائچو ڏسي ڪنهن حد تائين حيراني ٿي، ڇو جو ان کان اڳ اهڙا زائچا صرف پرچون جي دڪانن تي لڳل هوندا هئا، مونکي ان سڄي قصي ۾ صرف هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. اها هيءَ ته هڪ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر کي ان روزگار واري زائچي جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ٻيو ته اهڙو روزگار جنهن ۾ هڪ لاءِ اهنج ۽ مصيبت هجي ۽ ٻئي لاءِ مزو ۽ روزگار- لڳي ٿو ته اسان جا عقيدا يا ته صحيح ڪونهن يا وري انتهائي ڪچا آهن. جو اسين انهن انگن اکرن ۾ اٽڪيا پيا آهيون جو ٻاهر نڪري نٿا سگهون، هن سماج جو ان کان وڌيڪ ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو!!
    اهو ساڳيو ئي حال اسان جي سماج ۾ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ دوستن جو آهي.
    قصو ڪوتاهه، مون وٽ هڪڙو دوست آيو چيائين ”يار پريشان آهيان“
    پڇيم ”ڇا ٿيو“ چيائين ”اڄ ڪا خبر ڪانهي، ڪا اهم خبر اخبار لاءِ گهرجي“
    اڃان همراهه چانهه ئي پيتي پئي ته هڪ فون آيو شهر ۾ هنگامو، چار ماڻهو ماريا ويا، ڪيترائي زخمي!
    همراهه رڙ ڪري ڪرسي تان اُٿي بيٺو.
    چيائين! ”واهه جو ڪم ٿيو، منهنجي خبر ٺهي“ ۽ پوءِ تفصيل وٺندو رهيو ۽ خوش ٿيندو رهيو.
    اڳي ٻڌاندا هئاسين ته ”مروئان موت، ملوڪان شڪار“ سو ڳالهه وڃي ساڳي ٿي.
    دنيا بدلي، هر شيءَ بدلي- نه بدليو ته اسان جي ماڻهو جو مزاج، ۽ انداز!
    (روزانه عبرت حيدرآباد، 15 اپريل 1989ع)


    ڀينڊو

    ڀينڊو، منهنجو جاني يار آهي، هن جي ڳالهين ۾ ڪڏهن ڪڏهن انتهائي بيباڪي ۽ گهرائي هوندي آهي. ته وري ڪڏهن ڪڏهن معصوميت ۽ بي خبري. مان هن جي ڳالهين تي اڪثر کلندو آهيان، پر سندس سڀني ڳالهيون کلي لنوائڻ جهڙيون ناهن.
    گذريل هفتي هو لطيف سائين جي عرس جي موقعي تي سنڌ سرڪار طرفان ڪيل صوبائي موڪل تي بيحد خوش هيو، سندس خوشي جو اهو عالم هيو، جو پاڻ ٻه ڪوپ کير پتي چانهه جا گهرايائين ۽ شايد گهڻي وقت کان پوءِ بل ڀريو هئائين. هونئين ڀينڊو بل جي معاملي ۾، اسان جي ڪيترن ئي سياستدانن وانگر محتياط آهي، محتياط اسان جا اديب، شاعر ۽ اخبار نويس به آهن. جي وڏين ڳالهين ۽ المين تي ڪن ٽار ڪندا آهن، ۽ ننڍين ڳالهين کي ڳالهوڙو بڻائي پيش ڪندا آهن، جو انهي سان انهن جي ادب ۽ صحافت جي ڪري قومي واڌ ايندي آهي، ان واڌ جي ڪري هو پنهنجي ۽ تاريخي حوالن جو گريبان پڪڙي، دامن تار تار ڪندا آهن. مون ڳالهه ڀينڊي جي پئي ڪئي، ته ان کي شاهه لطيف جي ڏهاڙي تي سنڌ ۾ عام موڪل جي اعلان تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. ۽ هن جي دل چيو ته هو سنڌ سرڪار جي ان قدم جي ساراهه ڪري، جنهن سا ڪيتري ئي وقت کان پوءِ وڃي ماڻهن جي مطالبي هڻي هنڌ ڪيو، ۽ رڪارڊ جي مطابق لطيف ڏهاڙي ضلعي، ڊويزنل ۽ هاڻي صوبائي ليول تائين ته پهتو.
    پر ڀينڊي جي ان سوال وري مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو، مون تمام گهڻو سوچيو پر ان جو صحيح جواب اڃان تائين نه مليو آهي. ڀينڊي پُڇيو سنڌ سرڪار عام موڪل ڪئي پئي، ادارا بند ٿيا، سنڌي اخبارن تي هڪ ڏينهن موڪل ڪئي ، پوءِ ڪراچي مان نڪرندڙ اردو اخبارو ڇا سنڌ کان الڳ آهن؟ يا انهي جا پڙهندڙ، لطيف جي ٻولي جا ڳالهائيندڙ ڪونهن؟ هو سنڌ ۾ نٿيون کپن؟ جيڪڏهن انهي جو جواب مثبت آهي ته پوءِ اردو اخبارن ڀٽائي جي ڏهاڙي ۽ عام موڪل جي ڏينهن تي، يا پوءِ پنهنجيون آفيسون ۽ اخبارون هڪ ڏينهن لاءِ بند ڇو نه ڪيون؟؟
    ڀينڊي جي اِن سوال جو جيئن ته سنئون سڌو مونسان تعلق ڪونهي، ان ڪري ان جو جواب مان ڪيئن ٿو ڏئي سگهان، نه ئي وري مون کي ککر ۾ کڙو هڻڻ جي هرڀرو ڪو شوق ئي آهي. پر سوال طلب ڳالهين جو جواب ملڻ گهرجي، ورنه ائين ئي بدگمان ٿيڻ ۽ ڪڙهڻ جو ڪو به فائدو ڪونهي. مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ٿي سگهي ٿو اوهان مان ڪيترن کي سمجهه ۾ آئي هجي؟!
    (روزانه عبرت حيدرآباد، 29 ڊسمبر 1989ع)


    مسجدن مان جوتا گم

    اوهان به جڏهن مسجد شريف ۾ نماز ڪاڻ داخل ٿيندا هوندا. مون کي پڪ آهي پنهنجا جوتا لاهي هٿ ۾ کڻي مسجد اندر ڪنهن ڪنڊ پاسي يا وري سجدي واري جاءِ سامهون ضرور رکندا هوندا ۽ نماز پڙهي وري ساڳيا جوتا ڪڇ ۾ يا هٿ ۾ کڻي واپس ايندا هوندا. مان مسجد ۾ وڃن وقت ان سڄي ڪمال کي انتهائي ڏک ۽ رنج سان ڏسندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي جو مسجد ۾ سجدي وقت جوتي سان وڃي نرڙ گسندو آهي.
    ان سڄي مسئلي ۾ بحث ان تي ناهي ته ڪهڙي شيءِ جائز آهي ۽ ڪهڙي ناجائز؟ پر ڳالهه اها آهي ته اهڙي نموني سان مسجد جي مصلحي تي، نکن تي ۽ سجدي واري جاءِ تي جوتا رکڻ ڪهڙي چڱي ڳاهه آهي ۽ اهو سڄو مسئلو نهايت اهميت وارو آهي. جو مسجد ۾ کلم کلايو جوتا رکيا ٿا وڃن. شايد اسان جي ديندار مولوين جو ان ڏس ۾ ڪو جواب بهتر هجي پر اها ڳالهه اسان جي هن سماجي پستي کي ظاهر ڪري ٿي ته اسان 10 روپين واري جتي به نٿا ڇڏيون سو به مسجد مان. ذاتي طور ائين مون به هڪ اڌ دفعا جتي وڃائي آهي پر آخر ڪار ان جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي. جيڪو ماڻهو مسجد ۾ اچي ٿوسو پڪ سان ديندار ۽ نيڪ هوندو. پوءِ اهو به جي نئون جوڙو جتي جو کڻي ڦٻائي مٽائي ته ان کي ڇا چئجي؟ ڀلا جي جوتا هروڀرو مسجد ۾ کڻي اچڻا آهن ته پوءِ هر مسجد ۾ هڪ ڪنڊ يا پاسو جوتن لاءِ مخصوص ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ اهو مذهبي اخلاقي ۽ سماجي پستيءَ جو هڪ وڏو مثال ۽ زوال آهي. جنهن تي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي. منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته مديني منورا ۽ حرم پاڪ ۾ به جوتا گم ٿين ٿا. پر اهي ٻهاري ڏيڻ وقت کنيا وڃن ٿا ۽ پوءِ ڍڳ ڪري رکيا ويندا آهن. هاڻي 10 روپين جي ڪري ان ڍڳ مان ڳولهڻ جي بدران گهڻو ڪري ماڻهو ٻاهران جوتا خريد ڪن ٿا. اتي ويٺل ٻي دوست چيس ته پوءِ يار! قرباني جي گوشت وانگر اهي جوتا به افغان پناهگيرن کي ڇو نه ٿا ڏين. انهيءَ جي وڏي مدد ٿيندي. ان اتي پهرئين وراڻيو.
    انهن وٽ پنهنجا ئي کوڙ آهن ۽ هو پاڻ انهن جا وڏا ماهر آهن.
    بهرحال اهو هڪ اهم مسئلو آهي جنهن جو حل ڳولهڻ گهرجي ۽ مسلمانن کي ان وڏي داغ کان بچڻ گهرجي.
    (روزانه عبرت حيدرآباد آچر 20 جولاءِ 1989ع)


    الله خوش يا صاحب خوش!؟

    صبح جو روزي رکڻ لاءِ اٿي ٿو. کيسي ۾ هٿ وجهي ٿو، ڪل اٺ سئو پندرهن رپيا نڪرن ٿا. سوچي ٿو ته اڄ ڇا وٺي؟ ذهن ۾ ڪيلا وٺڻ جو خيال اچيس ٿو. رمضان جو مهينو آهي، ڪيلا خراب ٿي وڃن ٿا نقصان ٿئي ٿو، دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي آٿت ڏئي ٿو. صوف تمام مهانگا آهن. پوءِ ڀلا ڇا ڪجي”ائين ڪندي چپ ٿي وڃي ٿو سندس زال صدوري چوي ٿي:
    ”ڇا ٿيو اٿئي . چپ ٿي ويو آهين؟“ ”سوچيان ٿو ته اڄ ڇا وٺان؟“ ورندي ڏئيس ٿو.
    ”نارنگيون وٺ، ڪجهه روزي ڇوڙڻ لاءِ کڻي به اچجان،“ صدوري صلاح ڏئيس ٿي.
    چڱو ٺيڪ آهي.” خوش ٿئي ٿو. ڄڻ ڪو وڏو مسئلو حل ٿيو هجيس.
    ”هي ڏس سڀاڳي تپي پئي آهي. صدوري ننڍي ڌيءَ کڻي اچي ٿي ۽ هي هن جي مٿي تي هٿ لائي چوي ٿي.
    هي ته بٺ ٿي ٻري.
    ”ڀلا ڪجهه پئسا ڏي ته ڊاڪٽر کان دوا وٺي اچان.“
    نه..... نه الله رحم ڪندو. اڳ ئي پئسا گهٽ آهن. تون اڳوڻي بخار واري ڦڪي ڏينس. نه ته شام جو ڊاڪٽر ڏي وٺي هلنداسينس. اڄ ڪو پهريون دفعو بيمار ٿوري ٿئي آهي. ”زال کي دلاسو ڏيندي ۽ تيار ٿيندي مارڪيٽ لاءِ اٿي ٿو. خدا بخش هڪ غريب گهورڙيو آهي. هو اڳ ئي دانهين ٿو ته مهانگ آهي. سندس پوري نٿي پوي جو گهر ۾ اڪثر ڪونه ڪو بيمار به رهي ٿو. ۽ هن مهانگائي ۾، سندس سودو جيڪو اڳ ختم ٿيندو آهي. اڄڪلهه اڪثر بچي پوي ٿو ۽ هي صبح جو گهر مان اسر ويل نڪري وڃي ٿو. جيڪو سانجهيءَ جو واپس اچي ٿو. رمضان جو مهينو هونئين هن لاءِ ڏکيو آهي جو وزني گاڏو ۽ واڪا، هوڪا، کيس ٿڪائي ٿا وجهن. ٻيو وري هر ماڻهو سان کيس ڳالهائڻو ٿو پوي خدا بخش جڏهن مارڪيٽ ۾ پهچي ٿو ته هن کي اڄ ته نارنگييون به روز کان وڌيڪ مهانگيون ٿيون ملن. هو دلال کي چوي ٿو.
    ”اڄ ته پئسا به گهٽ آهن؟“
    ”گهڻا اٿئي“ دلال پُڇيس ٿو.
    ”اٺ سئو!“
    !”بس“ دلال کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿي.
    ”ان مان ڇا ٿيندو“
    ”ڀلا اڄ نارنگيون ئي ڏئي.“
    ”نارنگيون ته اڄ وڌيڪ مهانگيون آهن، جو جنس چڱي آهي“ دلال چويس ٿو.
    پوءِ ڀلا ڪجهه رکت ڪر.“ سوال ڪري ٿو.
    ”چڱو هيئن ڪر، چوويهن سئو جو مال کڻ، ٻيا سڀاڻي ڏجانءِ.“ هو رکت لاءِ راضي ٿئي ٿو.
    ”هي ته مهانگيون پونديون.“ دانهي ٿو.
    ”شئي سٺي اٿئي. ماڻهو کڻي ويندئي- روزن جو مهينو آهي. بسم الله ڪر“ ۽ هو هن کي نارنگين جو پيتيون ڏئي ٿو، جيڪي سوزڪي تي کڻائي، مارڪيٽ کڻي اچي ٿو، ۽ گاڏي تائين اچي، گاڏو ٻاهر ڪڍي ٿو. پوءِ نارنگيون پيتين مان ڪڍي صاف ڪندي ريڙهي تي رکي بازار اچي ٿو. بازار پهچي ٿو ته هر طرف مهانگ آهي. هن کي پنهنجي گهر ۾ پيل هي نارنگيون پنجين روپين جي منافعي سان ان جو اگهه رکي ٿو، جنهن ۾ سوزڪي جو ڀاڙو، ڪي ايم سي جو ڀتو ۽ مقامي پوليس جو حساب ڪتاب به شامل آهي. جيڪو سڀ روز جو معمول آهن. هڻي هڻي ٻه پيتيون کپن ٿيون ۽ باقي بچيون پيون آهن. اوچتو روزي ڇوڙڻ کان اڳ هڪ سوٽ بوٽ ۾ ”صاحب“ ايندي ئي چويس ٿو.
    تون نارنگيون مهانگيون ڇو ٿو وڪڻي؟“
    ”صاحب، هي سٺو سودو اول نمبر مال آهي. هي ڏسو مونکي هي پيتي گهر ۾ هيتري ۾ پئي آهي“ هو رسيد ڪڍي اڳيان رکي ٿو.
    پوءِ هي وڃي گهر ۾ وڪڻ. هتي هن بها ۾ نه وڪڻ“ سوٽيل صاحب چويس ٿو.
    ”بابا سائين مان غريب آهيان نقصان ۾ ڪيئن وڪڻان. هي مال اول نمبرآهي. بس مان واپس گهر وڃان ٿو، سائين معافي ڏيو“
    ”اڙي تون هر هر اول نمبر، اول نمبر ڇو ٿو چوين؟“ ۽ پوءَ حڪم ڪري ٿو ته رول 43 تحت هن کي ٻه ڏينهن قيد جي سزا ٻڌائي ٿو ۽ ٻئي پاسي وڃي ٿو، پوءِ ٻن ٽن ڏينهن جي سزا جو وسڪارو ٿئي ٿو. ۽ پوليس جا عملدار کين ڳچين کان وٺي موبائلن ۾ وجهندا ٿا وڃن. جيئن ڪڪڙيون پڃرن ۾ وجهبيون آهن.
    ”خدا بخش دانهين ٿو ته منهنجو مال ۽ گاڏو خدا جي واسطي بخش ڪيو. معافي ڏيو مان غريب آهيان. ٻارڙو بيمار آهي.......“
    پوليس وارا چون ٿا ته ”مال لاءِ اسان جو ويٺا آهيون.“
    پوءِ اهو ”صاحب“ پنهنجي گاڏي ۾ ويهي ڊرائيور کي چوي ٿو.
    ”گهٽ ۾ گهٽ اڄ ته صاحب خوش ٿيو هوندو، سدائين چوي ٿو ته ڪا ڪارڪردگي نٿو ڏيکارين. اڄ ڪيئن ٿو ڀانئين؟“
    ”سائين واهه جو ڪم ڪيو اٿو!“ ڊرائيور کيس مبارڪباد ڏئي ٿو.
    ۽ خدا بخش جي زال رات جو ٻار ڊاڪٽر ڏي کڻي وڃي ٿي. جيڪو کيس اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو مشورو ڏئي ٿو. ۽ هو اوڌر وٺي ان جو علاج ڪرائي ٿي.
    اسان ”صاحٻ“ کي خوش ڪرڻ جي جتن ۾، الله تعاليٰ کي خوش ڪرڻ وساري ويهون ٿا. اهي ”صاحب“ خوش ٿيندي به خوش نه ٿيندا آهن ۽ الله سائين جيڪڏهن خوش ٿئي، ته پوءِ ان جو ڪو جواب ئي ڪونهي. ته وري ٻئي پاسي ساڳي قسم جو صاحب، قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾، مڇي مارڪيٽ جي ٺيڪيدار جي چوڻ تي ٻن ملاحن محمد بخش ۽ ذوالفقار کي سئو رپين بجاءِ پنجاهه رپين ۾ مڇي وڪڻڻ تي چالان ڪري لاڪ اپ ڪري ٿو.
    (روزانه هلالِ پاڪستان ڪراچي، 2 جنوري 1988ع)


    هڪڙو هو نصرت حسين ابڙو!؟

    اوهان لوڪ ڪهاڻيون پڙهيون هونديون، انهي سڀني جي شروعات انهن جملن سان هوندي آهي ته ”هڪڙو هو بادشاهه، بادشاهه پاڻ الله، پر هن زمين جو بادشاهه، بادشاهه سلامت جو نالو... هوندو هو وغيره وغيره،“ ان حساب سان اسان جو دوست نصرت حسين ابڙو به انفارميشن ڊپارٽمينٽ جو چاليهه سال بادشاهه رهيو آهي۽ اهو به ان دور ۾ جڏهن اپر سنڌ ۾ هن جو ثاني ئي نه هو. هو آفيسر ڪئين رهيو؟ ها خبر کاڌن (کاتن) کي، باقي ماڻهو سٺو، سريلو، ڏسڻو وائسڻو آهي. نصرت حسين ابڙي کي به پنهنجي ماضي سٺي طرح ياد آهي.جو سڀني بادشاهن کي ماضي ياد هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن گڏبو آهي ته ماضيءَ جا اهي سارا جهروڪا کولي ڇڏيندو آهي، انهن ۾ گلاب، ياسمين ۽ ٻيا ڪي ئي گل پنهنجي سموري خوشبو سميت ٽڙيل پکڙيل محسوس ٿيندا آهن. هونئن به جن جو ماضي بهترين ۽ ڀلو هجي، انهن کي اهو حق آهي ته هو پنهنجو حسين ماضي سارين، باقي جن جي قسمت ۾ اونداهي، ڪاراڻ، ڪڙاڻ هجي، انهن کي پنهنجو ماضي ياد ڪرڻ جو ڪو به حق ڪونهي، جو اها نصيب ۽ ڀاڳ جي ڳالهه آهي. نصرت حسين ابڙو کي سٺيون حالتون ۽ ڀلو وقت مليو آهي. ان ڪري هن جو واسطو به سٺن ماڻهن سان رهيو آهي. هونئن به انسان جي زندگيءَ پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگيان آهي، بڙڪيو آيو ۽ ڦان، ياد رهي ٿو ته اهو کل مک ۽ ڀلائي وارو وقت .نصرت حسين ابڙو بيشڪ ”جي دار“ شخص ۽ ڀلو ماڻهو آهي. صاف صاف ڳالهه جو حامي ۽ وڏو خفتي- کيس اچي اهو به خفت ٿيو آهي ته هو سنڌ جا ڪالم نگار نالي هڪ ڪتاب جوڙي رهيو آهي. جنهن ۾ پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي، پنهنجي نوعيت جي هڪ انوکو ۽ نرالو ڪتاب ترتيب ڏنو اٿائين، منهنجي حساب سان ڇپجي ويو هوندو. يا آيو ڪي آيو، هونئن به نصرت ته نصرت فتح علي جو به نالو آهي، جيڪو ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو ماهر آهي. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته هڪ نصرت ڀٽي صاحب وٽ، هڪ حاجي عبدالله هارون وٽ ۽ هڪ نصرت فتح علي خان جي حصي ۾ هئي. اهڙي ملندڙ جلندڙ نصرت، نصرت حسين ابڙو جي بخت ۾ به آهي، پر ڪافي ڏينهن کان اسان کي هڪ نصرت منجهائين وڌو، ڪجهه ڏينهن کان مير نصرت ابڙو نالي سان مضمون اچڻ لڳا. اسان کي اچي شڪ ورايو ته هاڻي پنهنجي نصرت حسين ابڙي جو به ڪوئي حيثي يا ثاني پيدا ٿيو آهي، جيئن ڪجهه عرصو اڳ عبدالقادر جوڻيجي جو ثاني پيدا ٿيو هو. جو اڳتي هلي عبدالقادر جوڻيجو جونئير ٿي ويو. اهڙو سلسلو مون سان به ٿيو هو. پوءِ خبر ناهي يڪدم منهنجو ڪائونٽر پارٽ به چپ ٿي ويو.
    ورنه اتي به ”جونيئر“ جو بٽڻ لڳائڻو پوي ها. سو اسان جي سوچ ان وقت ٽرن کاڌو جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ اخبارن ۾ تصويرون ڇپيون دراصل اهو مير نصرت حسين ابڙو، پنهنجو ئي نصرت حسين ابڙو آهي، جيڪو نوڪري مان خير سان پنهنجي مرضي سان وقت پورو ڪري جان ڇڏائي، بذات خود بقلم خود پاڻ ئي مير نصرت ابڙو ٿيو آهي، جيئن ته ابڙي صاحب سان اسان جا خوشگوار تعلقات آهن. ان ڪري ان اوچتو ”مير“ ٿيڻ جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو، جنهن جي ڪري سرگردان آهيون. هونئن به مير بلندي کي يا اوچائي کي چيو وڃي ٿو. جبل کي به مير چون، جيئن ڪانسي جبل کي ”ڪانسي مير“ يعنيٰ ڪشمير چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ترڪيءَ ۾ ازمير آهي. اسان وٽ بلوچستان ۾ سردارن ۽ وڏيرن کي به مير چيو وڃي ٿو ته وري سنڌ ۾ ٽالپرن کي به مير چيو ويندو آهي. اسان کي اُن تي ڪوئي اعتراض ڪونهي ته مير نصرت حسين ابڙو مير نه چورائي، بسم الله سيد سڏائي ته به جي بسم الله- اڃا وڌيڪ پروموشن ٿيندس. بلا شڪ هو صحافت جو مير آهي. ان لاءِ اسان سوچيو ته هڪ کيس هڪ ننڍڙو فنڪشن ڪرائي، کيس مير جو خطاب ڏيون ٿا. جو هينئر رٽائرمينٽ کان پوءِ کيس ڪنهن نه ڪنهن قافلي جو مير ٿيڻو آهي. اسان جون اکيون ٿڌيون ۽ دل خوش ٿيندي جو مير نصرت حسين ابڙو باقاعدي بلندي تي هوندو، اها ٻي ڳالهه آهي ته مير ۽ ميراڻو شوق ٻه الڳ شيون آهن. وڌيڪ مير ڪاروان صحافت، مير نصرت ابڙي کي خبر هوندي ته سٺ سالا نوڪري ڪرڻ کانپوءِ اوچتو اوچتو مير سڏائڻ جو خيال ڪئين ۽ ڪٿان آيو؟؟؟
    ٻڌائجو ضرور منهنجا سائين، جيئن سدائين اسان وٽ اوچتو جلال، اوچتو ڦوٽو پيدا ٿيو آهي هي اوچتو ”مير“ ڪهڙي سر مان نڪتو. جيڪڏهن سعودي عرب ۾ ڪو دوست اٿس ته ان پاران ايندڙ خط ۾ لکيل هوندو.
    ”السيد مير نصرت حسين ابڙو“
    اسان پاران مير ٿيڻ تي مبارڪباد قبول ڪندا جو اها خبر اوهانکي سٺ سالن کانپوءِ پئي.
    (روزانه هلالِ پاڪستان ڪراچي، 30 جنوري 1999ع)


    گوسڙو استاد ۽ منشي گيري

    اسان سڀئي ان بٺيءَ مان پچي نڪتا آهيون، جنهن بٺي ۾ صبح سويل اسڪول لائين لڳائي، هٿن ۾ رول يا لڪڻ جا ڏنا ٺاهي ۽ واندڪائي وقت ماسترن جي گهر جو ڪم ڪار ڪندي، جنهن ۾ پاڻي ڀرڻ، گهر جو سيڌو وٺڻ، ماني کڻي اچڻ وغيره شامل آهن پڙهائڻ وارو پيشو بلاشڪ پيغمبري پيشو آهي، پر سنڌ ۾ جنهن نموني ان پيشي کي هڪ باقاعدگيءَ سان ”پيشو“ بڻايو ويو آهي جو اختر جانوري ءَ کي ”پيڙهه“ عنوان تحت ڪهاڻي لکڻي پئي.
    اسانجي تعليمي شعبي ۾ پرائمري اسڪول جي معلم کي ”ماستر“ سيڪنڊري کي ”ٽيچر“ ۽ باقي اڳتي ”استاد“ چيو وڃي ٿو. هونئن ته استاد ڪاريگر ۽ ڊرائيور کي به چيو ويندو آهي. پر سنڌ جي سرموڙ شاعر استاد بخاري اُن لفظ کي جيڪو مان ۽ مرتبو بخشيو ان سان هاڻي پڙهائي واري شعبي سان لاڳاپيل هر ماڻهو استاد آهي. پوءِ ان سان استاد جي ڀل ته معنيٰ ۽ مفهوم تبديل ٿي وڃي. پر اهي آهن وڏا استاد جو انهن جي استادي ظاهر پئي ٿيندي آهي.تازو سرڪار کي اها صلاح جنهن به ڏني. پر واهه جي صلاح هئي. ته استادن جي به لائين لڳائي انهن جي به ”پي ٽي“ ڪرائي وڃي. خبر ناهي اهو ڪارنامو به اسان جي مانواري ميڊم مهتاب جي دور ۾ سرانجام ٿيڻو هو. بهرحال ڪم ڀلو آهي ان ڪري ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي . جو اسان ان کي چڱائي ٿا سمجهون. دراصل گوسڙو استاد ، جيڪي تعليم ۾ ته ڪوٽا سسٽم جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن پر اهي پنهنجي ڪوٽا کي برقرار رکيو ٿا اچن. جو انهن کي نوڪريون ”مقامي ڪوٽا“ تحت مليون آهن ۽ اهي پنهنجن آقائن جي ”منشي گيري“ ڪندي، ذاتي خدمت ڪندي سرڪاري اسڪولن مان پگهار کڻي به اسڪول مان موڪل ڪن ٿا ۽ لڳاتار غير حاضر رهن ٿا. پر اتي اُهي محنتي استاد به آهن. جن سان هي نظام هلي ٿو. پر اهي ٿورا آهن.
    اها به هڪ حقيقت آهي ته اسان جي ڳوٺن ۾ تعليم جو ڪو نظام ئي ڪونهي، يعني اهي ئي شاگرد اڃا به گهرو ڪو ڪم ڪن ٿا، دلا ڀرين ٿا، تڏن ۽ ڀتين تي ويهي، اسڪول جو وقت پورو ڪري گهر موٽن ٿا. ڳوٺ ۾ شادي ٿي ته اها به اسڪول جي عمارت ۾ ۽ پوءِ ڊگهي موڪل، مينهن پوي ته اسڪول بند، ڪنهن جي خيرات يا صدقو هجي ته به اسڪول بند، استاد شهر وڃي يا بيمار ٿي ته به اسڪول بند، ڪوٽا سسٽم جي خلاف ڳالهائيندڙ اهي تنظيمون ۽ معتبر ڪاش سنڌ جي اسڪولن ۽ تعليمي ادارن کان به واقف هجن. جن کي خبر پوي ته گرامر ۽ سينٽ مائيڪل اسڪولن ۾ ويندڙ انهن شاگردن ۽ بک ۾ اسڪول ايندڙ، ٿڌ ۽ گرمي ۾ پنڌ ڪندڙ انهن شاگردن جي اسان جي ملڪ ۾ رائج تعليمي سهوليتن جو ڪهڙو فرق آهي. پوءِ به وڏن وڏن اسڪولن جي شاگرد جو نمبر اڳڀرو اچي ٿو. ذهن سڀ وٽ آهي. پر ان کي استعمال ڪرڻ جو پنهنجو پنهنجو رستو آهي. اهڙي حالتن ۾ جيڪڏهن اسان جو استاد پنهنجون سماجي ذميواريون نٿو نڀائي ته اهو هن معاشري، سماج ۽ قوم تي ظلم آهي، ۽ گوسڙو ماسترن کي پنهنجي قوم جو بهترين نسل ضايع ڪرڻ ۽ هڪ خاص ماڻهو جي خوشامد ۽ منشي گيري ڪندي اهو سوچڻ گهرجي ته ان سان نقصان ڪنهن جو ٿو ٿئي؟ ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، ته جيڪو ماڻهو ڪجهه به نه ڪري سگهي. اهو گهٽ ۾ گهٽ ماستر يا اخباري خاطو ته ٿي سگهي ٿو.حالانڪ اهي ٻئي شعبا ذهانت چاهن ٿا.
    اسان ڳالهه پئي ڪئي تعليم کاتي جي ان گوسڙو استادن جي جن جون اڄڪلهه لائينون لڳل آهن. جانچ پڙتال جاري آهي. ۽ وٺ وٺان لڳي پئي آهي. پر خدشو اهو آهي ته ان عمل ۾ ڪٿي ايئن ته نه ٿيندو ته سرڪار جي حاضري ڀريندڙ ڌُر، پنهنجو منشي رهائي وڃي ۽ سابق ڌُر ان بهاني سان ماڻهو ڪڍرائي، وري پنهنجن منشين جو اگهه نه وڌائي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته به اها تعليم جي خدمت ڪانهي ۽ خدمت جي نالي ۾ اهو قدم انتهائي نقصانڪار ٿيندو.
    چڱائي جي شروعات ٿي چڪي آهي ته پوءِ اها سڀني مصلحتن کان پاڪ ۽ نيڪي واري راهه تي هلڻ گهرجي. ان سان تعليمي شعبي جي وڏي خدمت ٿيندي. هڪ خدمت اها به ٿيڻ گهرجي ته سنڌ جي اسڪولن جي به سار لهڻ گهرجي ۽ انهن جا به دورا ڪرڻ گهرجن، قومي ۽ ٻين الاقوامي ادارن کي به اهڙي حالت زار کان باخبر رکڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو ڪم صحيح سمت ۾ ٿيو ته اها وڏي خدمت چئبي
    (روزانه هِلال پاڪستان 13 فيبروري 1999ع)


    رشوت، ايڪسٽرا سروس چارج

    ڪجهه وقت اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪنهن وڪيل پٽيشن داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته رشوت کي، ”ايڪسٽرا سروس چارج“ جو نالو ڏيئي، ان کي جائز قرار ڏنو وڃي.
    وڪيل صاحب جي ان پٽيشن جو تاحال ڪهڙو فيصلو ٿيو؟ ان جي خبر ٺاهي، باقي اسان کي ان تي ضرور سوچڻ گهرجي ته ماڻهو آخر رشوت ڇو ٿا وٺن؟ باوجود ان جي ته وٺندڙ ۽ ڏيندڙ ٻئي جهنمي آهن. اسلام ۾ رشوت وٺندڙ ۽ ڏيندڙ کي جهنمي چيو ويو آهي. ۽ ٻنهي کي هڪ جيترو گنهگار قرار ڏنو ويو آهي پر اڄ ڏينهن تائين پڪڙيا وٺندڙ ئي آهن. اڄ ڏينهن تائين رشوت ڏيندڙ نه پڪڙيو ويو، ان جي پويان ڪهڙو فلسفو آهي؟ ان جي ڄاڻ قانوندان ئي ڏيئي سگهن ٿا، پر سنئون سڌو ۽ صاف طور ڪميشن ڏيندڙ، رشوت ڏيندڙ ئي آهن. پوءِ به هن وقت تائين سڀ ڪيس ڪميشن وٺندڙن تي ٺهيا ۽ هليا آهن. ۽ ڪميشن ڏيندڙ جا بيان به شامل آهن. جيڪي ان زمري ۾ شايد نه ايندا هوندا؟حالانڪ گناهه ڏي راغب ڪرڻ به گناهه آهي. هاڻي ٿڌي دل سان سوچيو ته رشوت وٺڻ ضروري آهي يا نه؟ هڪ سترهين ۽ ارڙهين گريڊ جي آفيسر جي پگهار آهي ست هزار ۽ نو هزار. سورنهن سئو گهر جي مسواڙ ۽ اڍائي سئو ڀاڙو، پهرين جون 94 ع کانپوءِ جنهن نموني سان ملڪ ۾ مهانگائي وڌي آهي، پر سرڪاري ملازم جي پگهار اڃان ساڳي آهي ۽ ان سلسلي ۾ به ڪا هڪڙي پاليسي ڪونهي. يعني هرڀرو گريڊ جو تعويذ ڳچي ۾ ٻڌل ڪونهي، پوليس ۽ روينيو کاتي جي ملازمن ۽ آفيسر کي گهر جي سهولت به آهي. اسان وٽ ارڙهين گريڊ جي آفيسر کي ٻن هزارن کان به گهٽ پئسا گهر لاءِ ملن ٿا. جڏهن ته اڻويهين گريڊ وارن لاءِ اڍائي هزار روپيا آهن! هاڻي خبر ناهي هن مسواڙ تي ڪا جهوپڙي به ملندي هجي يا نه؟
    ڇا اها ڪنهن کي خبر ناهي؟ ننڍي ملازن کان وٺي وڏي آفيسر تائين، آهي ڪو اهڙو جيڪو پگهار جي حساب سان گهر جي بجيٽ ٺاهي ڏي! ننڍن ملازمن جي پگهار ٽي هزار تائين يا ان کان به گهٽ آهي. يعني سئو روپيا روز هاڻي ان ۾ گهرجي مسواڙ، بجلي، گيس، کاڌي خوارڪ، ڪپڙا، ٻارن جو اسڪول، بيماري بڙي، مهمان ۽ اُٿ ويهه، سئو روپين جو اڄڪلهه جي دور ۾ ڪهڙو ملهه آهي؟ پوءِ پيٽ پوڄا، گذر سفر لاءِ آخر ماڻهو ڇا ڪن؟ پرائيوٽ سيڪٽر ۾ ته اڃان به برو حال آهي. جتي هڪ ماڻهو جي مرضيءَ تحت نوڪري ڪرڻي ٿي پوي. سڄي دنيا ۾ پورهيت ۽ پورهئي لاءِ هر وقت ڪم آهي، پر اسان وٽ پارٽ ٽائيم جو ڄڻ تصور ئي ڪونهي. مس مس وڃي ڪو هڪ اڌ جاب ملي ٿيو. هتي ماڻهو گهڻا آهن يا ڪم محدود، ان ڪري پنهنجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جي پورت لاءِ دوا درمل لاءِ ماڻهو ڇا ڪن؟ يعني پورهيو ڪرڻ لاءِ به ڪو ڪم ڪونهي، ٻارن جا ڪتاب ۽ دوائون ايڏيون ته مهانگيون آهن جو هڪ معمولي يا وڏو ملازم به پنهنجي پگهار مان پنهنجو گذر سفر ڪري نٿو سگهي. ۽ شايد ان جو اهو به سبب هجي ته هتي نانصافي ۽ سوشل ڪرائيم، گهڻو ٿيندو ٿو وڃي جو پئسو ڏيئي اوهان هر شيءَ خريد ڪري سگهو ٿا. ضرورتون ايتريون ته وڌي ويون آهن. جو انسان جو ضمير گهرجن تحت دٻجي ويو آهي. ۽ چمڪ لاءِ واجهائي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر ڪنهن جو ملهه، ڪم جي حساب ڪتاب سان آهي.
    اهڙي صورتحال نه صرف سوسائٽي لاءِ گنڀير آهي پر انسان جي بنيادي ڍانچي کي مفلوج ڪري رهي آهي، جنهن سان انصاف، سچائي ۽ حق جو گلو گهٽجي رهيو آهي. سرڪار پنهنجي آمدني وڌائڻ جي ڪري پگهار تي به انڪم ٽيڪس اوڳاڙي رهي آهي جيڪا به زيادتي آهي. اسان کي هر طرف کان ٿڌي دل سان سوچڻ گهرجي ۽ حقيقت پسندانه پاليسيون جوڙي، سماج مان رشوت، اقربا پروري ۽ بي ايماني جي پاڙ پٽڻ گهرجي، جنهن سان هڪ آئيڊيل سوسائيٽي جو وجود قائم ڪري سگهجي ٿو. يعني رشوت نه چاهڻ ۽ وٺڻ جي باوجود به ماڻهو مجبور آهي ته هو ڪجهه نه ڪجهه ڪري، جو هتي ته خيرات به نٿي ملي. ان لاءِ بنيادي ضرورتن جو اڀياس ڪرڻ ۽ ان کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن حقيقت پسندانه پاليسيون نه ٺهيون ته پوءِ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل ان پٽيشن جي عرضداشت تي غور ڪرڻو پوندو. يا وري بي ايماني، ٺڳي، ۽ خردبرد کي وڌڻ کان روڪي نٿو سگهجي. ان لاءِ اسان جون دعائون آهن ته حق ۽ انصاف ڀريو هڪ ڀرپور معاشرو قائم ٿئي جتي ڪوبه ڪنهن جو محتاج نه هجي، ڪو به بنيادي ضرورتن لاءِ ڏوهه نه ڪري. ڪو به وقت ۽ حالتن جي گهاڻي ۾ نه پيڙ هجي بهرحال پاليسي سازن ۽ سازباز ڪرڻ وارن کي انسان کي انسان سمجهڻ گهرجي
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 20 فيبروري 1999ع)


    شري واجپائي ۽ لاهوري عطيه

    تازو ڀارت جو وزير اعظم شري اٽل بهاري واجپائي، پاڪستان جي دوري تي هتي آيو. سندس جنهن نموني سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. اُهو ته سندس ملڪ ۾ به نه ٿيو هوندو. ٻنهي پاسن کان سنئون سڌو ٽي وي تي پروگرام ڏنو ويو ۽ ٻنهي طرفن کان ٽي وي ته جنهن نموني جو رايو تبصرو، ڪامينٽري پيش ڪئي وئي. ان ۾ نه صرف جذبات ڀري پئي وئي. پر ان سڄي ڪم ڪٿا ۾، هڪ اميد ۽ آس هئي ته ٻني پاڙيسري ملڪ، هڪ نئين باب جي شروعات ڪري رهيا آهن، هونئن به دنيا ۾ جنگ ۽ جدل جو خاتمو هميشه ٽيبل تي ٿيو آهي. پاڪستان ۽ هندوستان وچ ۾ به جيڪي جنگيون ٿيون آهن. انهن جي پڄاڻي وڃي جنگ بنديءَ تي ٿي آهي ۽ پنجاهه سالن جي هن دشمنيءَ جو آخر ڪار انت اچڻو هو، جيڪو ڳالهه ٻولهه سان ئي ايندو. سڄي دنيا ۾ ائين ٿيو. يورپ هاڻي پهرين ۽ ٻي عالمي جنگن کي وساري هڪ سڪي (ڪرنسيءَ) ۾ ڳنڍجي ويو آهي. جاپان ۽ آمريڪا وچ ۾ هيروشيما ۽ ناگا ساڪيءَ جو حوالو، ڪيترن ئي سماجي ۽ امدادي سمجهوتن وچ ۾ دٻجي ويو آهي. ان سان گڏو گڏ ڪيترن ئي ملڪن جو ورهاڱو ٿيو جنهن ۾ چيڪو سلاويڪيا ۽ روس شامل آهن ته وري ٻئي پاسي جرمني، ديوار برلن کي ڊاهي هڪ ٿئي وئي آهي.
    پاڪستان ۽ هندوستان وچ ۾ فرق رڳو دين ۽ مذهب جو آهي، باقي ٽپڙ ساڳيا آهن، پر اهو فرق ته چين-آمريڪا انگلينڊ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان ڳنڍي سگهجي ٿو . جنهن سان اسان جا تعلق سٺا ۽ بهتر آهن. پوءِ رڳو مذهب جي آڌار تي اسان هندستان سان تعلق بگاڙي رکون ته اها ڪا واڌو پوائنٽ ڪانهي، هندستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي.
    جيڪڏهن ان سان چڱا ناتا آهن ته اهو ٻنهي ملڪن لاءِ سٺو سؤنڻ آهي جو ڀلي ٻئي ملڪ ڪهڙي به دعويٰ ڪن، پر آهن غريب. هونئن به پاڪستان کي ڏکئي وقت ۾ مسلمان ملڪن ڪهڙيون پڳون ٻڌايو آهن؟ جو اسان ٻين کي مياريون ڏيون. اسان جي پاڙيسري مسلمان ملڪن جو مثال سڀني جي سامهون آهي. ان حد تائين ته دبئي. ڪويت ۽ عمان ۾ هندوستانين کي جيڪي سهوليتون آهن اهي پاڪستانين جي نصيب ۾ ممڪن ئي ڪونهن. ان کانسواءِ يورپ، آمريڪا، آفريڪا ۾ هندستاني وڌيڪ رعاتيون حاصل ڪن ٿا.پر اسان جا اُهي دوست يار ۽ مددگار ملڪ، اسان جي مقابلي ۾ هندوستان ڏانهن وڌيڪ جهڪيل آهن. ان ڪري اسان پراڻي دشمني پالڻ جي چڪر ۾، پنهنجو سڄو ڌيان هٿيار خريدڻ، جنگي تياريون ڪرڻ ڏانهن ڪيو آهي. جيڪو موجودهه حالتن ۾ ضروري به آهي پر جيڪڏهن اسان پنهنجا سرحدي ۽ سياسي اختلاف ڪنهن نبيري ڏانهن آندا ته اسان جو اقتصادي ڍانچو نه صرف بهتر ٿيندو. پر هن ملڪ جي ترقي لاءِ پڻ ضروري آهي. هونئن به سائنس ۽ ڊش اسان کي هڪ ٻئي جي گهر ۾ آندو آهي. فلم، آرٽ ۽ موسيقي اسان کي ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ شايد اهو احساس شري اٽل بهاري واجپائيءَ کي به آهي جو اهو پنهنجي وفد ۾ انهن شعبن سان لاڳاپيل شخصيتون وٺي آيو آهي. هونئن به فن، علم ۽ دانش جي ڪا سرحد ناهي ٿيندي. پر ڀارت جي هن ڪنواري وزير اعظم کي لاهور جي خاتون 37 سالا عطيه شمشاد کيس مشروط شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي، عطيه شمشاد 1992ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. عطيه شمشاد ناول نگار آهي ۽ ٽي وي لاءِ ڊراما پڻ لکيا اٿس. لاهور جي عطيه کي واجپائي وڻي ٿو. پر کيس ڪشمير جي به ڳڻتي آهي ته اهو مسئلو حل ٿئي. اها خبر ناهي ته ٻنهي کي باهمي مذاڪرات جو موقعو مليو يا نه؟ شري واجپائي خاتون جي ان خالص ۽ نج لاهوري آڇ مان فيضياب ٿيندو يا نه؟ پر لڳي ٿو ته لاهورين شري واجپائي جي عمر ۽ صحت کان بي پرواهه ٿي. هن سان مٽي مائٽي تائين لاڳاپو رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا بس ڊپلوميسيءَ جي آڙ ۾، هڪ نئون لاڙو آهي، شايد لاهور جي عطيه کي، ڀارتي پريڊ ۾ شري واجپائي جي ٿڙڻ جو احساس ٿيو هجي. جو هن عمر ۾ شريءَ وٽ ڇا هوندو شاديءَ لاءِ؟ بهرحال لاهور جي عطيا کي شاباش هجي، جنهن آفر ڪئي. پڇڻ ته فرض آهي نه! باقي اسان کي ٻنهي ملڪن ۾ سٺن ناتن تي خوشي ٿيندي، جو ايندڙ نسل ڪنهن به جنگ ۽ جدل کان محفوظ رهندو، ۽ ملڪ پنهنجا وسيلا ڀلائي لاءِ وقف ڪندو. هونئن به اهڙو رستو شروع ٿي چڪو آهي، ڏسون ته دهليءَ جي عطيا يا گوبي يا شمشاد به اسان جي وفد لاءِ اهڙو ڪو جذبو رکي ٿي يا نه؟ اها خبر اڳتي پوندي؟؟؟
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 27 فيبروري 1999ع)


    سگريٽ-هلال ۽ مردانه قوت

    بوسٽن يونيورسٽي اسڪول آف ميڊيسن هونئن ته آمريڪا جي شهر بوسٽن جو وڏو تعليمي ادارو آهي. پر ان نالي سان لنڊن ۾ پڻ هڪ اسڪول آهي. جنهن جي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ سان مردانه طاقت متاثر ٿئي ٿي. محققن دعويٰ ڪئي آهي ته سگريٽ ڇڪڻ سان رت سڙي ٿو، جنهن سبب جسم جا خاص عضوا شڪار ٿين ٿا ۽ چڱو خاصو مرد نامرد ٿيو وڃي. پوءِ سگريٽ ڇڪڻ سان مردانه خواهش گهٽجي وڃي ٿي. جيڪا ماڻهو کي مڪمل نامرد ڪري سگهي ٿي. اهڙي خبر ”هِلال پاڪستان“ ۾ باڪس ۾ ڇپي آهي، مان ڪافي وقت کان اهو سوچي رهيو آهيان ته ان خبر مان ڳڻتي ڪنهن کي ٿي آهي؟ ٻيو ته اهميت خبر جي آهي يا ان جي اثرن جي؟ جو عوام جي ڀلي خاطر ان کي خاص ڪارو ڪري ڇپيو ويو آهي. بهرحال ڪنهن جو ڀلو ٿئي يا نه: پڙهندڙن جو ڀلو ضرور ٿيندو، جو اڳ رڳو ايترو پڙهندا هئا ته سگريٽ ڇڪڻ سان ڦڦڙن جو ڪينسر ٿئي ٿو يا سيني جون ۽ ساهه جون بيماريون اُٿلي پون ٿيون. اهڙا لفظ ٻڌي ٻڌي دونهون ڦوڪيندڙن کي بر زبان ياد ٿي ويا آهن. وچ ۾ دلين جي بيمارين جو به جهوٽو آيو”پر ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سگريٽ جو ڪش ڏيکاري، ان جي لذت ۽ قوت کان آگاهي ڏني وئي. جيئن ماڻهو ان ڏانهن وڌيڪ راغب ٿين، چوڻ وارا چون ٿا ته سگريٽ جي قيمت هونئن ته مهانگي ٿئي ٿي. پر ان تي ايڊورٽائيزمنٽ جو خرچ لڳائي ان کي مهانگو ڪيو ويو آهي. ڇو جو وزارت صحت اڌ ساهه ماڻهو جو اڳ ئي ڪڍي ڇڏيو آهي ته سگريٽ ڇڪڻ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. خبردار وزارت صحت ان جي باوجود سگريٽ پيئڻ وارا پئين ٿا. حالانڪ سگريٽ ڇڪبو آهي. ڦوڪبو آهي. پر پوءِ به چون ٿا سگريٽ پيئڻ. ان جي پٺيان ڪهڙو منطق آهي. اها وري ٻئي تحقيق ٿيندي يا ايندي جلدي ايندي. باقي ”هلال پاڪستان“ جي هي خبر به هڪ خبر آهي.ڇا سچ ٻڌايو هي خبر پڙهي، اسان جي صحافين ۽ دوستن سگريٽ جو ڪو ڊوز گهٽايو آهي؟ جي نه ته پوءِ خبر جو ڪهڙو فائدو! جن ڊوز گهٽايو اهو هٿ مٿي کڻن .شاباش!!!!
    پر اسان وٽ به هڪڙو ادارو آهي. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن (پي-ايم-اي) جنهن هڪ پاڻيءَ کي صحت بخش ۽ ٻئي پاسي منع حمل ٽڪين کي فائدي مند قرار ڏنو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سگريٽ پيدا ڪندڙ ادارا جڏهن ساڻس مذاڪرات ڪندا ۽ سگريٽ جي ڪش جا اُهي سڀ فائدا کين ٻڌائيندا جيڪي هو ميڊيا تي ٻڌائي رهيا آهن. ته پوءِ پي-ايم-اي يا ڪا ٻي ميڊيڪل ايسوسيئيشن اهو اعلان ڪندي ته اها خبر غلط آهي. سگريٽ ڇڪڻ سان ته اصل مردانگي قوت وڌي ٿي ۽ ٻار به جلدي مرد ٿي وڃن ٿا پوءِ هو تحقيق ڪندا، ۽ هر پيڪٽ تي هڪ مهر هڻندا، جنهن جي پويان ڪي ئي مهرون هونديون. اسان جي ملڪ ۾ اوهان هر ڪم ۽ تحقيق پنهنجي مرضيءَ سان ڪرائي سگهو ٿا. اوهان ڪنهن وڪيل سان ملو. اهو اوهان کي قانون جا اُهي نقطا ٻڌائيندو، جو اوهان حيران ٿي ويندا ۽ سوچيندا ته گهڻو سگريٽ ڇڪڻ سان ڪيترائي عرف عام ”خصه“ ٻار ڄڻي سگهن ٿا. اهو نقطا تيار ڪري، اوهان کي ڪيس کٽي به ڏيکاريندو. اوهان ڪنهن مولوي صاحب جي ويجهو وڃو. هو سگريٽ نوشي کي اسلام جي خلاف نه چوندو (منهنجي معلومات موجب اڃا تائين اهڙي ڪا فتويٰ ناهي آئي) ۽ ان مان به ڪو نه ڪو ثواب جو فلسفو ڳولهي لهندو ڇا ڊاڪٽر، وڪيلن ۽ مولوين کان اڃا به ڪي وڏا گرناري آهن؟ ۽ معتبر!!
    سگريٽ ڪمپنيون جن وٽ الله جو ڏنو ٻنو سڀ ڪجهه آهي. اُهي جيڪڏهن چاهن ۽ پڪ سان چاهيندا ته اهو سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. پوءِ پنهنجي ”هِلال پاڪستان“ ۾ باڪس ۾ ڇپندڙ ان خبر جو ڪهڙو توڙ هوندو اهو ڪير ٻڌائيندو؟؟؟
    ڀلي ڪو به نه ٻڌائي پر اها حقيقت آهي ته سگريٽ ڇڪڻ جو ڪو به فائدو ڪونهي، ۽ سڄي دنيا ۾ اُن خلاف هڪ ڀرپور مهم هلائي پئي وڃي. ڪاش! اسان وٽ به ان پاسي ڏانهن ڪم ٿئي، جنهن سان اسان جو آئندو ۽ نئون نسل هڪ صحتمند ۽ هشاش بشاش هجي، بيمارين کان آجو نسل هجي.
    (روازنه هِلال پاڪستان ڇنڇر 13 مارچ 1999ع(


    محمود صديقي، سنڌي ۽ ساڙ

    گذريل ڏينهن پاڪستان ثيليوزن ڪراچي سينٽر طرفان ڀارت کان آيل مشهور شاعر جاويد اختر ۽ سندس گهر واري منفرد ادڪاره شبانه اعظمي سان هڪ پروگرام رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي ڪمپئيرنگ انور مقصود ڪئي.انور مقصود پاڪستان ۾ ڪمپئيرنگ جي حوالي سان هڪ وڏو نالو آهي. پر پهريون ڀيرو ، هو جاويد اختر ۽ شبانه اعظمي جي آڏو ڄڻ ته وائـڙو پئي لڳو. ۽ ٻنهي جا جواب تيز، تُز ۽ عالماڻه هئا. اهو رنگ ڏسي وڏي خوشي ٿي ته ٽئيلنٽ بهرحال ٽئيلنٽ آهي. پوءِ اهو ڪٿي به هجي ۽ ڪهڙو به هجي. اهو پروگرام هلڻ کانپوءِ خبر پوندي ته قابل ماڻهو پنهنجي مهڪ ۽ سڃاڻپ رکي ٿو ۽ ان پروگرام لاءِ ٽي وي جس لهڻي. ان کان اڳ دليپ ڪمار جڏهن پاڪستان آيو هو ته ان جي رڪارڊنگ به ڪئي ويئي هئي. ۽ پنهنجي نوعيت جو اهو پروگرام به لاجواب هو. جيڪڏهن اهڙا ئي پروگرام ٿيندا رهن ته به هڪ ٻئي جي خيالن کان آگاهي ٿيندي رهندي. هونئن به شاعر، اديب ۽ اداڪار جي هٿ ۾ رڳو قلم ۽ پرفارمنس آهي.توپ، ٽيئنڪ ۽ ميزائيل ڪونهي. اها ٻيءَ ڳالهه آهي ته انهن هٿيارن کان خطرناڪ هٿيار قلم جو آهي. شرط اهو آهي ته ڪو اها ڳالهه محسوس ڪري. مون ڳالهه پئي ڪئي شبانه اعظمي ۽ جاويد اختر جي ان پروگرام ۾ ٽي ويءَ جا مشهور ۽ مخصوص ادڪار، شاعر، اديب، موسيقار، ڳائڻا ۽ نشرو اشاعت واري شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو پڻ شامل هئا. مان ۽ اردو شاعر ۽ اديب مهر وجداني به گڏ هئاسين.پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ اسان جي اديبن ۽ شاعرن جو هڪ وڏو تعداد شبانه اعظمي ۽ جاويد اختر سان تصويرون ڪڍائڻ جي جستجو ۾ هو ۽ انهن اتي موجود فوٽو گرافرن کي ميڙون منٿون پئي ڪيون. جن ۾ بشريٰ انصاري، مشي خان، شگفته اعجاز، شفيع محمد شاهه، گلاب چانڊيو، اسلم اعجاز ۽ ٻيا ڪيترائي اداڪار شامل هئا. جن فضيله قاضي ۽ قيصر خان نظاماڻيءَ کي پئي چيو ته هو تصويرون ڪڍن، جو ٻئي پنهنجي ذاتي ڪئميرا کڻي آيا هئا ۽ فوٽو گرافي ڪري رهيا هئا. ان وقت فضيله قاضي ۽ قيصر خان نظاماڻي مذاق ۾ چئي رهيا هئا ته هڪ تصوير هڪ هزار رپين جي آهي. هونئن به مٿين ماڻهن لاءِ هزار ڪا اهميت ڪو نه ٿو رکي. پر جيئن تي هيءُ تصوير هڪ يادگار تصوير هئي ان ڪري اُن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي ان جو ڪو اندازو اهو هو ته پروگرام جي اسسٽنٽ پروڊيوسر امجد شاهه کي اداڪاره مشي خان جاءِ ئي نه پئبي ڏي. جنهن تي پروگرام جي پروڊيوسر کي مشي خان کي چوڻو پيو ته اڃا تصويرن مان ڍؤ نه ٿيو اٿئي؟ هن کي به جاءِ ڏي بهرحال اهو ذوق شوق فطري هو. ان ئي موقعي تي مهروجداني حيرت جو اظهار ڪري رهيو هو ته ” هو اداڪار جن سان تصويرون ڪڍائڻ لاءِ ملڪ آتو آهي. اهي ٻين سان تصويرن لاءِ ڪيڏا آتا آهن؟ ڪراچي مان نڪرندڙ هڪ رسالي ”ينگ جنريشن“ جو مان (اعزازي) ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر هئس ۽ مهر وجداني ان جو ايڊيٽر هو. ان ڪري هو مونسان گهرو به آهي. پر ان جا ٻيا ريمارڪس هتي ڏيئي نٿا سگهجن. ان موقعي تي اداڪار محمود صديقي جيڪو ڪيتري وقت کان ڏسي رهيو هو، منهنجي ويجهو آيو ۽ چيائين: ” ڊاڪٽر صاحب! هي تقريب ته اداڪارن جي آهي، اوهان ڪيئن آيا؟ ٺڙڪ هڻڻ!“
    مون هن جي منهن ڏي ڏٺو. ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته هي تقريب محمود صديقيءَ جي گهر ٿيندڙ هجي ۽ ان کي حسينه معين، نياز احمد، لال محمد اقبال، مهدي حسن، مهر وجداني ۽ ٻيا ڪيترائي شعبن سان مشهور ماڻهو نظر نه آيا يا هن جي اکين تي ڪو ساڙ، تيسو ۽ غبار چڙهي ويو هو. ۽ ٻيو ته محمود صديقي ڪير ٿيندو آهي. ٽي وي سينٽر جي سرڪاري پروگرام ۾ اچڻ تي روڪڻ وارو؟ ڇا لاءِ ته اها هن جي ذميواري ئي ڪانهي؟ جنهن گهرايو، ڇا اهو محمود صديقيءَ کان پڇي گهرائڻ جو پابند آهي؟ مون حيرت مان ڏٺو ته محمود صديقي جي ان ساڙ، حسد ۽ تيسي جو مطلب ڪهڙو آهي؟ منهنجي اچڻ سان هن جي ڪهڙي حق تلفي ٿي. هن کي مان ئي هڪ غير موزون ماڻهو لڳس. جڏهن ته مان هن جي رياڪاري واري انداز جو ماڻهو ئي ناهيان. مون ڏٺو ته ان وقت مهروجداني جي اکين ۾ پڻ هڪ وڏو طوفان هو، جنهن مون کي چيو يار! وڏو اداڪار ٿيڻ ۽ وڏو انسان ٿيڻ اُهي به الڳ ڳالهيون آهن. مون کي خبر نه هئي ته محمود صديقي ايترو..... ۽ نيچ آهي. ”کيس چيم هي سنڌي آهي. ان ڪري شايد اهو ان جو بنيادي حق آهي. مهروجداني چيو ته ”اداڪار نه پر رياڪار آهي.“ بهرحال محمود صديقي جتي به هجي ۽ خوش هجي.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 3 اپريل 1999ع)


    اچو ته ڪوڙ تي قلم 144 هڻون

    ڪوڙ مهذب معاشري ۾ هڪ وڏي برائي جو نالو آهي ۽ مسلمانن وٽ ان کي انتهائي برو ڪوٺيو ويو آهي، ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ کي منافق چيو ويو آهي. ان جي جاءِ جهنم جو ترو مقرر ڪئي وئي آهي يعني جهنم جو به برو حصو، جهنم بذات خود هڪ بري ۽ عبرت گاهه جو نالو آهي، جتي انسان کي سندس اعمالن ۽ ڏوهن تحت رکيو وڃي ٿو. پر منافق لاءِ ان جهنم جو به ترو رکيل آهي. ان هوندي به اسان جي هن سماج ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ هڪ فيشن، ريت ۽ رواج ٿي ويو آهي. زندگيءَ جي روزانه ڪاروهنوار ۾ اسان خبر ناهي ڪيترائي دانستا ۽ غير دانستا ڪوڙ ڳالهايون ٿا. اسان اهو به محسوس ڪريون ٿا. ته ڪوڙ برائي جي پاڙ آهي، ۽ اسان جيڪڏهن برائي جي پاڙ وڍيون ته هوند برائيءَ جي پيداوار، وڌاءُ ۽ ان کي عام ڪرڻ کان روڪي سگهون ٿا، اخبار کان وٺي واپار تائين، ڪوڙ ئي ڪوڙ ڀريو پيو آهي. اسان جي پوليس، وڪيل، شاهد (گواهه) سڀ ڄڻ ته ان ڪم جي فيڪٽري آهن ۽ عدالتن کي به ان کي ڌر بڻائيو وڃي ٿو. حالانڪ عدالتن ۾ شاهد، شاهديون ڦيرائيندا رهن ٿا. پر اڄ تائين ڪنهن به اهڙي گواهه کي سزا نه لڳي آهي. جنهن هڪ ڪورٽ ۾ هڪڙي ۽ ٻي ڪورٽ ۾ ٻي شاهدي ڏني آهي. اسان جو واپار ڪوڙ سان ڀريو پيو آهي. هت ڪوالٽيءَ تي ڪوڙ، قيمت تي ڪوڙ، وڪري تي ڪوڙ مطلب تي هر ڪم ته ڪوڙ آهي. هن صديءَ ۾ اسان جي سياست به عجيب ٿي ويئي آهي. يعني جيڏو وڏو ڪوڙ هڻو، اوڏو وڏو بيان، اڄ هڪ، سڀان ٻيو قيمت نه وڌندي، سڀان وڌائي وئي. ڇا ڪجي جو حالتن ائين ڪيو. سوال اهو آهي ته اهي حالتون ڪنهن پيدا ڪيون؟ ڇو پيدا ڪيون؟ ڀلا انهن کي روڪيو ڇو نه ويو؟ ان جو جواب ڪونهي. دنيا ۾ تيل جو اگهه گهٽجي ته پرواهه ناهي، پر جيڪڏهن وڌيو ته وڌي ويو، گيهه، چانهه جو اگهه وڌيو ته ليبل تي مارڪر سان لکجي ويو، ۽ پاڻمرادو وڌيل اگهه چارج به ٿي ويو، پر ان جي برعڪس جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شيءَ جو اگهه گهٽيو ته چيو ويو، هي سامان اڳوڻي اگهه ته آيو آهي. نئون مال اچي ته گهٽ اگهه ڏينداسين، هن تي جيڪو اگهه لکيل آهي، اهو ادا ڪرڻو پوندو.
    اسان جي سماج ۾ ته باقاعدگيءَ سان ڪوڙ جا کاتا پڻ کليل آهي، يعني صوبيدار، تپيدار، مختيارڪار، اتي صرف حڪم ڪيو ڇا ڪرڻو آهي. هنن جو ڄڻ ته سچ سان ڪو پراڻو وير آهي. حقيقت جي بلڪل ابتڙ، بس رڳو حڪم ٿئي. پوءِ اهو حڪم يا ته مٿان کان هجي يا وري ڪڙڪ پني جي خوشبوءِ سان. تعليم ۽استادن جو به ڪم هاڻي ڪاپيءَ کان وڌي، ٽيبيوليشن تائين پهتو آهي، نمبر هٿ جا، اکر پرايا، سچ ڇا آهي؟ الله ڄاڻي، باقي ملڪ مڙئي مٺائي آهي.
    اسان جي ملڪ ۾ جلسي، جلوس، تقرير، تحرير، هٿيارن جي کڻڻ، ڪڻڪ جي چرپر، لائوڊ اسپيڪرن جي استعمال تي قلم 144 هر وقت تيار آهي، ۽ ٻارنهن مهينا تقريبن لاڳو به رهي ٿو. پر ڇا هڪ اڌ مهيني لاءِ ان کي ڪوڙ چوڻ، ڳالهائڻ، لکي ڇاپڻ تي لڳائي سگهجي ٿو؟ اهو ڪم هن سماج ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيندو ۽ سماجي بهتري جي جوڙجڪ لاءِ پڻ ڪارآمد ٿيندو جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ تيل ۽ بجليءَ جو اگهه، بجيٽ ۾ مهانگائي، گئس ۾ واڌارو، ڊالر جو اگهه، ٽيڪس جو وچور ۽ نظام ۽ واڌو نوڪري مان نيڪالي، ايڊهاڪ ملازمن جي پڪي ۽ بحالي اسيمبليءَ ۾ روز نوان نوان بيان ۽ سياسي ٽوڙ ڦوڙ جهڙا ڪيترائي اهم ۽ بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. اوهان همت ڪريو آزمائي ڏسو هڪ دفعو ته پنهنجا اختيار لاڳو ڪيو. پر شايد ائين نه ٿي سگهي. جو قلم 144 جو استعمال چڱائيءَ جي واڌاري لاءِ نه پر برائي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. حالانڪ قلم 144 جو حڪم ايس.ڊي.ايم کان وٺي هوم سيڪريٽري يا اڃا به مٿي سرڪار نافذ ڪري سگهجي ٿي، پر اهو حڪم ڪوڙ ڳالهائڻ تي لاڳو شايد نه ٿي سگهي ڪو هتي سچ ڳالهائڻ ته بذات خود هڪ ممنوع امر آهي، جنهن سان سڄو انتظامي نظام هيٺ مٿي ٿي سگهي ٿو. ڇا ڀلا ائين ٿي سگهي ٿو ته سچ کي هميشه هميشه ختم ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوڙ ۽ سٺي ڪوڙ ڳالهائڻ تي انعام مقرر ڪيو وڃي؟؟ اسان کي ڪجهه نه ڪجهه ته ڪرڻ گهرجي.!!!
    (روزانه هِلال پاڪستا ڇنڇر 15 مئي 1999ع)


    پير پاڳارو ۽ گورنر سنڌ

    ”زرداري تي تشدد ننڍن صوبن لاءِ پيغام هو ته حڪمران ڪجهه به ڪري سگهن ٿيا. پنجاب وفاق خلاف سازش ڪري رهيو آهي. مان ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جي جيمخاني ۾ ”انتهائي محب وطن ماڻهو“ سان ملي چڪو آهيان. انهن جو چوڻ آهي ته سنڌ اسان تي بار آهي. اسان کي سنڌ جي ضرورت ناهي. حڪمرانن جو انجام ڀٽي جهڙو ٿيندو. سنڌ وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. بلوچستان تمام پري آهي. سرحد جي ڪائي اهميت ناهي. نواز شريف صاحب ئي پنجاب بئنڪ پنجاب ٽي وي ۽ پنجابي نسل پرستي جا نعرا لڳايا هئا. سنڌ جي ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي ته ون يونٽ بڻجڻ کان اڳ انهن جي ڪهڙي حالت هئي. ۽ اڄ ڪهڙي حالت آهي؟ ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي بچت واري بجيٽ پيش ٿيندي هئي.ننڍا صوبا پريشان آهن ته اهي وفاق جا برابر جا حصيدار آهن. يا اهي پنجاب جون ڪالونيون آهن، هاڻي ايئٽمي پنجاب کي سنڌ بلوچستان ۽ سرحد جي ضرورت نه آهي. ”هي جملا ڪنهن سنڌي قومپرست اڳواڻ جا نه آهن. جو اهي اهڙا جملا چئي نٿا سگهن. سچ چوڻ جي جرئت هجڻ گهرجي نه ئي هي جملا جناب سردار عطا الله مينگل جا آهن، نه هي جملا خان عبدالولي خان جا به ناهن. محترما بينظير ۽ الطاف ڀائي به ائين نه چيو آهي، هي جملا 5 جون واري ”عوام“ اخبار جون سُرخيون آهن. يعني ليڊ نيوز آهي. جيڪا سرعام جي ايڇ ڪيو جو حصو سڏائيندڙ جنرل ضياءِ جي ريفرينڊم کان وٺي وزير اعظم ڏيڻ تائين ان جي همدرد، قبلا پير صاحب پاڳارو جو بيان آهي. پير صاحب پاڳاري هن وقت تائين ۽ اڃا تائين وفاقي سياست ڪئي آهي، ۽ ڪري رهيو آهي. پير صاحب جا هونئن ته بيان ستارن جا حال ۽ کلائيندڙ هوندا آهن، پر پهريون ڀيرو پير صاحب جو اهڙو بيان ٻڌائي ٿو ته هن کي اهڙيون عجيب ۽ غريب ڳالهيون ڪرڻ تي، ڪا شاباشي نه ملندي نه ئي سندس انهن ڳالهين تي کيس ڪو عالم چوندو. کيس عالم محسوس ڪرائڻ لاءِ علم جو سهارو وٺڻو پوندو. ڀٽي صاحب کي به ايڪهٺ سالن کانپوءِ ياد آيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ”سنڌي ٻولي سمجهه ۾ نه آئي آهي“ ان کان اڳ هي بزرگ ڪٿي هو؟؟ اسان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان علمي اختلاف رکندي به هرڀرو اُن جي وڪالت نٿا ڪيون پر رات جو ننڊ مان اٿندي، صبح جو آئيني کي ڀلو برو چوڻ سان، آئيني جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ اسان کيس گذارش ڪنداسين ته هو پنهنجي علمي/ تعليمي/ ادبي قابليت کي ثابت ڪرڻ لاءِ انهن شعبن ۾ ڪم ڪري ۽ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي. جو ان لاءِ ڪنهن عمر، رُتبي، عهدي جو هجڻ ضروري نه آهي، بس علم سان چاهه ۽ جستجو هجڻ لازمي آهي. باقي هن عمر ۾ اهڙيون ڳالهيون ڪا چڱي ڳالهه نه آهي. کيس ذاتي پسند ۽ ناپسند جو حق برابر حاصل آهي. پر ٻين کي نيچ ۽ جاهل چوڻ ۽ سمجهڻ ڪنهن به ماڻهوءَ جو بنيادي حق ڪونهي. پر پڪ سان کيس ڪو دلي رنج رسيو آهي. جنهن نج وفاقي سياست ڪندڙ ۽ سنڌ جي روحاني پيشوا کي اهڙي بيان ڏيڻ تي مجبور ڪيو آهي. اسان نه ئي بيان جي متن تي ڪو بحث ڪرڻ ٿا چاهيون ۽ نه ئي ان جي ڇنڊڇاڻ ڪنداسين. جو هي بيان بذات خود هڪ وڏي وضاحت آهي. جنهن ۾ ”انتهائي محب وطن حضرات“ جو ذڪر آهي. پڪ سان جن شخصن کي پير صاحب محب وطن چيو آهي اهي بنا ڪنهن شڪ جي محب وطن هوندا.
    اهڙو هڪڙو ٻيو واقعو به آهي ته، سنڌ جو گورنر تمام شريف ۽ غير سياسي ماڻهو آهي. نه صرف ايترو پر هي صاحب ته رٽائرڊ جنرل ۽ گورنر ٿيڻ کان اڳ لاهور جو ڪور ڪمانڊر به هو ۽ هي سنڌ ۾ واحد اڳواڻ آهي، جيڪو غير متنازعه آهي. تازو قائد اعظم محمد علي جناح تي ٺهندڙ انگريزي فلم ”جناح“ کي گورنر هائوس ۾ هلايو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر صاحب چيو ته قائد اعظم سنڌ جو گورنر جنرل هو. ۽ گورنر هائوس ۾ رهيو پر هن فلم ۾ پنجاب جو گورنر هائوس فلمايو ويو. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهربو هو ته قائد جي زندگيءَ تي ٺهندڙ ان فلم ۾ حقيقي طور سنڌ جو گورنر هائوس فلمايو وڃي ها. ان موقعي تي اخبارن ۾ گورنر صاحب جو جيڪو جملو ڇپيو ته ”پنجاب کي ڇا ٿو چئي سگهجي“ اهي لفظ به وفاق جي علامت ۽ سنڌ جي گورنر صاحب جا آهن. جيڪي هن پنهنجي سادگيءَ وچان چيا آهن ۽ اخبارن ڇپيا آهن، گورنر صاحب جي به اها وڏي سچائي آهي. حالانڪ فلم ۾ ڪراچي جو ڪيتريون ئي جايون فلمايون ويون آهن.
    فلم جو يونٽ جڏهن هتي آيو ته گورنر هائوس سنڌ ۾ حقيقت جو ربنگ ڀرڻ لاءِ ان جي رڪارڊنگ تي سگهي پئي. جيڪا نه ٿي ته ڇو نه ٿي؟
    بهرحال اسان ٻنهي بيانن بابت بنا ڪنهن تبصري جي اها ڳالهه ضرور ڪنداسين ته اسان جي محب وطني تي ڪو شڪ نٿو ڪري سگهي. پر جيڪڏهن ڪو اهو محسوس ڪري ٿو ته ان جي احساس کي محسوس ڪيو وڃي. ۽ بس. جو ڪي ڪي ڳالهيون بذات خود هڪ وڏي ڳالهه هونديون آهن. ساڳي طرح سان اسان کي ملڪ دشمنيءَ جو هڪ واقعو ٻڌايو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ صحافي نجم سيٺي کي هندستان ۾ هڪ ليڪچر۾ پاڪستان کي ناڪام رياست سڏڻ ۽ چوڻ تي ان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کي آءِ ايس آءِ جي حوالي ڪيو ويو. پوءِ ٽي وي تي مذاڪرن، تبصرن ۽ سرڪاري درٻاري صحافين کان چورايو ويو. ته نجم سيٺي ملڪ سان غداري ڪئي آهي. هن ملڪ جي خلاف ڳالهايو آهي. پاڪستان دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. ميڊيا ۽ سرڪاري مشينري مسلسل اهو چوندي رهي. هن جي اُن ليڪچر جا ٽُڪرا ڏيکاريا ويا. پڙهي ٻڌايا ويا. پوءِ آءِ ايس آءِ هن کي ”وائيٽ“ ڪري ڇڏيو، ۽ بري ڪري ڇڏيو ته اسان جي ذهن ۾ اهو سوال اٿيو ته سرڪاري مشينري، ميڊيا ۽ سرڪاري درٻاري ماڻهن کان جيڪو ڪجهه چورايو ۽ ڏيکاريو ويو ڇا اهو سڀ ڪجه غلط هو؟ يا اسان جنهن کي به چاهيون، جتي به چاهيون ۽ جڏهن به چاهيون غدار چئي سگهون ٿا، پاسو ڦيرائي ان کي وري ساڳي وقت محب وطن به بڻائي سگهون ٿا. حساس دل رکندڙ ماڻهو اهو سوچين ٿا ته ڇا هي سرڪار جي ڪا پاليسي آهي يا ضمير جي سچائي؟ ان سوچ ۽ سوال جو اڀرڻ به هڪ فطري ڳالهه آهي.
    ڊاڪٽر بلوچ، غوث بخش ڀٽي ۽ فتويٰ
    سڄي دنيا ۾ هاڻي ”شارٽ ڪٽ“ جو رواج عام ٿيندو ٿو وڃي. يعني هڪ ڌڪ هڻو ۽ پنهنجو مقصد حاصل ڪيو. پوءِ ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن جان جو جوکو به کڻڻو ٿو پوي ته ڪڏهن خواري به، جو ماڻهو شرط رکي خبر ناهي ته ڇا ڇا کائن ٿا ۽ ڇا ڇا نه پيئن ٿا. جنهن ۾ گاسليٽ گوگائي مرچ وغيره شامل آهن. پر وري ڪي ڪي ماڻهو اهي گوگائي مرچ ۽ گاسليٽ بجاءِ پاڻ کائڻ ۽ پيئڻ جي ٻين کي کارائين ۽ پيئارين ٿا. سنڌ ۾ اهو رواج وري عام آهي. راتو رات شهرت حاصل ڪرڻ تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي. اوهان رات ڇا، هڪ پل ۾ وڏا ماڻهو عالم، فنڪار ۽ ٻيا ”ڪار“ ٿي وڃو. پر ٻين کي مرچ نه هڻو ۽ تيل نه وجهو. اها نه ئي ڪا سٺي روايت آهي ۽ نه ئي سٺي ڳالهه ماڻهو وڏو پنهنجي ڪم ۽ علم سان ٿيندو آهي. وڏي عمر رکڻ ڪو مطلب هرڀرو ائين به نه آهي.ته ان کانپوءِ عقل دنگ ٿي ويو. عمر سان وڏائي ڪڏهن ڪڏهن ايندي به آهي. پر عمر جي بزرگي ۽ عملي بزرگيءَ ۾ وڏو فرق آهي.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. علمي حلقن ۾ هميشه متضاد رهيو آهي. ۽ هن جي پرپٺ مرحوم عبدالڪريم سنديلو ۽ الهداد خان چغتائي هميشه چوندا رهيا آهن ته لوڪ ڪهاڻيون ڊاڪٽر بلوچ کي اسان ٻڌايون، چونڊي ڏنيون پوءِ ڊاڪٽر بلوچ هن پنهنجي نالي ۾ سهيڙي سنڌي لوڪ ڪهاڻيون نالي پنهنجا ڪتاب مرتب ڪيا آهن. پر ٻئي حضرات جڏهن زنده هئا ته ڪنهن به اها ڳالهه لکي نه ڇپائي صرف اسان سان ماڻهن سان ملڻ وارن سان ادبي حلقن ۾ ڪندا هئا. ٿي سگهي ٿو اُهي سچ به چوندا هجن پر انهن جي برعڪس انهن ڊاڪٽر بلوچ کان پنهنجا ذاتي فائدا به حاصل ڪيا. اها به هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. يعني اوهان ڪا شيءَ لکي ، کپائي ڇڏي ان کانپوءِ اوهان واءِ واءِ ڪندا وتو. ته اهو به ٺيڪ ڪونهي. اسان جي ڪيترين ئي اديبن ۽ شاعرن جا اهڙا مثال آهن. جن مختلف ماڻهن ادارن کي پئسن تي پنهنجون تخليقون لکي، ڏنيون. ۽ انهن جڏهن پنهنجن نالي سان مروج شرطن مطابق آهي ڇپايون ڳارايون پڙهيون. پوءِ انهن جي مشهوري ڏسي، وري اهي حضرات جاڳي پيا. ته اها شيءَ اسان جي آهي ان جا ٻه مثال شيخ اياز صاحب ۽ سائل آزاد آهن، سائل آزاد، ڪومل رضوي، کان پئسا وٺي ”پربت سي اوچا هي“ وارو ڪلام هن کي ڏنو ۽ وري پوءِ جاڳي پيو. بهرحال اهڙا ڪيترائي مثال آهن. مون پاڻ ڪيترن جي مدد ڪئي آهي. هاڻي ڪا شرارت ڪانهي. پر تازو 15 مئي جي سنڌي اخبار ۾، سکر جي جهوني استاد غوث بخش ڀٽي، پنهنجي انٽرويو ۾ اهو انڪشاف ڪيو آهي. ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي اڃا سنڌي ٻولي سمجهه ۾ نه آئي آهي. اها انتهائي غير اهم ۽ جاهليانه ڳالهه آهي. استاد غوث بخش ڀٽي جو پنهنجو ادب ۽ موسيقيءَ ۾ ڪهڙو نالو آهي؟ ڇا هن کي شاعر، ادب ۽ ماهر موسيقي چيو ويو آهي. گذريل 25 سالن کان مان ادب ۽ موسيقيءَ جي فيلڊ سان لاڳاپيل آهيان. مون ان ماهر استاد جو نالو ان ليول تي محسوس نه ڪيو آهي. پر ها اخباري هشي يا صحافتي ٽيڪر به ٿي سگهي ٿو. جنهن ايڪهٺ سالن جي عمر کي پهتل هڪ سنجيده ۽ بزرگ شخص کان اهڙيون ڳالهيون چورايون آهن. واهه استاد غوث بخش.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 19 جون 1999ع)


    وڏا ماڻهو وڏيون ڳالهيون

    هونئن ته ماڻهن جا گهڻائي طبقا ۽ ڪلاس ٿين ٿا. جنهن ۾ وري گهڻن قسمن جا ماڻهو موجود هوندا آهن. ۽ هر طبقي کي ان جي حيثيت مطابق موقعا ۽ فائدا ملندا آهن پر اسان وٽ عام طور تي هڪ ته تمام وڏا ماڻهو ۽ ٻيا غريب مسڪين ماڻهو آهن. وڏا اُهي جن وٽ طاقت آهي ۽ مسڪين اُهي جي جيئڻ جي ڪوشش ڪندي به ڏوهاري آهن. ان جي پڪڙ ۽ جڪڙ جڏهن به ڇاهجي. ۽ جتي به ڇاهجي. ڪري سگهجي ٿي. ان جو جيئن ته بيڪ گرائونڊ بنا ڪنهن گرائونڊ جو هوندو آهي. ان ڪري انهن کي جيئڻ، چوڻ، لکڻ، هلڻ، کلڻ ۽ حد ته روئڻ ۾ به احتياط ڪرڻ گهرجي، جي نه ڪندا ته پوءِ هو پنهنجي مستقبل ۽ رهڻي جا ذميوار پاڻ هوندا. جو ان ۾ رسڪ ٿي سگهي ٿي. اسان جي ملڪ جي وڏن ماڻهن جي پنهنجي مرضي آهي. ته جيئن وڻين تيئن چون. پر غريب عوام جو آسرو ۽ اجهو اسان جون عدالتون آهن. جن جي دروازي تي هنن کي انصاف ملي ٿو.ان ئي آسري ۾ هو سماجي ۽ طاقتور حالتن ۽ قوتن آڏو اچن ٿا.انهن جو زور سهي به جيئن ٿا، انصاف لاءِ چيو ويندو آهي. ته انصاف اهو جو نظر ايندو هجي هاڻي انصاف ڪيئن نظر ايندو آهي. اها به سڀني کي خبر هوندي. پوءِ ڪن کي نظر نه ايندو ته ڪن کي ايندي به نظر نه ايندو آهي. اهو سوال اهڙو آهي. جنهن جو جواب هوندي به ڪو جواب ڪونهي. اڳي اسان جي ملڪ ۾ عدالتن ۽ انصاف تي تبصرا نه ٿيندا هئا. يا نه ٿيڻ ڏبا هئا. پر هينئر تبصرا ٿين به ٿا. ۽ ڇپجن به ٿا. ۽ ماڻهو فيصلي تي سرعام راءِ به ڏين ٿا. پر جيئن ته راءِ ڏيندڙ وڏا ماڻهو آهن. ان ڪري انهن کي شايد اهڙيون رعايتون حاصل هونديون. باقي جي ڪو اسان پارو اهڙو رايو ڏي ته پڪ سان سرويو، بهرحال تبصرو ڪندڙن ۽ رايو ڏيندڙن وٽ پڪ سان ڪو اهڙو جواز آهي.تڏهن ئي ته اهي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا. ۽ انهن جي اهميت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي. پوءِ انهن جي ان اهميت ۾ سندن ذاتي ۽ قانوني حيثيت جو ٻه عمل دخل آهي.
    سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جناب سجاد علي شاهه صاحب جو 18 مئي تي هڪ اخبار ۾ انٽرويو ڇپيو آهي. جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي. ته سرڪار عدليا وچ ۾ ورڪنگ رليشن ٿي آهي. جنهن جو مثال تازا عدالتي فيصلا آهن. جن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت وارو ڪيس آهي. بيان ڏيندڙ جيئن ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس رهيو آهي. ان ڪري ان کي ”ورڪنگ رليشن“ جو مطلب سمجهه ۾ اچي ويو هوندو. اسان کي ڪهڙي خبر ته ورڪنگ رليشن شپ ڇا ٿيندي آهي؟ گهٽ ۾ گهٽ ڪو ڪم عقلن کي اهو ٻڌائي! وري 19 مئي تي روزاني عوامي آواز ۾ اصغر خان جو بيان ڇپيو آهي ته سپريم ڪورٽ ملڪ جون پاڙون لوڏي ڇڏيون آهن. پنجاهه سالن جي تاريخ ۾ اهڙو الميو نه ٿيو آهي. مون کي سخت ڏک رسيو آهي. ۽ نا انصافي تي کلي طرح ڳالهائي رهيو آهيان. اصغر خان صاحب خبر ناهي ڇا کي ”ناانصافي“ چيو آهي. اٻوجهه عوام کي شايد اها به ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي وري 21 مئي تي جنگ مئگزين ۾ اڳوڻو هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي جج جناب فخرالدين جي ابرهيم جو انٽرويو ڇپيو آهي. هن چيو آهي ته سياسي مقدمن عدليه کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي بار ۾ اها ڳالهه کليل طور ڪئي وڃي ٿي. ته فلاڻو جج ڪرپٽ آهي. ۽ فلاڻو جج ۽ وڪيل مليل آهن. ڀٽي صاحب کي سازش تحت ماريو ويو آهي. جو عالمي طاقتون مارڻ چاهن پيون. ۽ اها شيءَ جنرل ضياءِ کي سوٽ پئي ڪري.
    اهي رايا عام ماڻهن جا نه پر قانون ڄاڻندڙن ۽ تشريح ڪندڙن، اعليٰ عدالتن جي اڳوڻن ججن جا آهن ۽ ملڪ جي دفاعي ماهرن ۽ سياستدان جا اهي رايا جيڪڏهن ڪنهن هلڪي سلڪي صحافي اديب يا مبصر جا هجن ها ته خبر ناهي ان لاءِ ڪيتري جرئت نظر اچي ٿي. پر جيئن ته اهي بيان به وڏن ماڻهن جا آهن. جن کي شايد اهي سهولتون هجن. جن جو هو اظهار ڪري رهيا آهن. ۽ پڪ سان انهن جي ڳالهين ۾ وزن هوندو. ۽ انهن جي راين کي يڪسير نظر انداز به ڪري نٿو سگهجي. باقي سوچڻ ۽ هنڊائڻ هڪ الڳ سوال آهي. اسان ۽ اسان جهڙا ڪروڙين ماڻهو اڄ به ان آس ۾ آهن. ته عدالتن مان انصاف ملندو. حالانڪ هتي انصاف ملڻ لاءِ دير ٿئي ٿي. ۽ لڳ ڀڳ هڪ ڪيس عام عدالتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج سال ۽ وڌ عرصو وٺي ٿو. جنهن جو اظهار سرڪاري اڳواڻ ۽ حاڪم ڪندا رهن ٿا. پو پنج سال لوڙي لوڙي جيڪو فيصلو ٿئي ٿو.ان جو رد عمل ڪهڙو هوندو؟ ان جواب ته ڪو اُن ڌُر کان پُڇي جن جا رُلي رُلي جوتا ئي گسي ويا آهن. ۽ سڀئي ڪم ڪار رُلن ٿا جو وڪيلن جون فيون، منشين جون خرچيون ۽ پيش ڪارن جون حاضريون چڱي ڀلي ماڻهو کي گسائي ٿيون ڇڏين.نه صرف گسائي پر ٿڪائي به وجهن ٿيون تازو 20 مئي جي اخبارن ۾ 1990ع ۾ آءِ ايس آءِ طرفان رقم ورهائڻ واري معاملي ۾ ڪوئي فيصلو نه ڏيندي چيو ويو ته هي ”ماضي جو قصو“ آهي جيڪو عدالت جي سماعت جي اختيار ۾ ناهي. ان لاءِ ڪو ٻيو فورم ٿي سگهي ٿو.
    جيئن ته اسان ننڍا ماڻهو آهيون. ان ڪري اسان کي هر ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. باقي وڏا ماڻهو ڀلي نه سمجهن ۽ بيان ڏين. باقي اسان کي خبر ناهي ته 15 جون تي عوام اخبار ۾ هيڊنگ سان ڇپيل سپريم ڪورٽ آڏو صحافي شاهد اورڪزئي جي ان بيان تي داد ڏيون يا افسوس جو اظهار ڪيون؟ ان سوچ ۽ ٻڏتر ۾ منجهيل آهيون. جنهن ۾ هن سپريم ڪورٽ ۾ حملي واري ڪيس تي نظر ثانيءَ جي درخواست پيش ڪندي چيو ته چيف جسٽس صاحب ڇهن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي عدالتي منصبي تان فارغ ٿي رهيو آهي. مان اوهان کي گلن جو هار ڏيندس. پر اوهان وڃڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ جي ڳچيءَ ۾ جيڪو جوتن جو هار وڌو آهي اهو لاهي وڃو. اسان ان ڳالهه کي وري ورجايون ٿا.ته اسان ننڍا ماڻهون آهيون. ان ڪري اسان کي هر ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي باقي وڏا ماڻهو ڀلي نه سمجهن انهن جي مرضي آهي.
    پنهنجي ملڪ ۾ پوليس جو عام ماڻهن سان ”حسن اخلاق“ ۽ ان جو رويو هينئر ڳجهو ڪونهي ۽ ان جو شڪار گهڻو ڪري شريف شهري ئي ٿيا آهن. جو ڌاڙيلن ۽ بدمعاشن سان هنن جي ياري به هينئر لڪل ڪانهي. جنهن جو مثال خود پوليس ان الزام تحت نڪتل ڪيترائي ماڻهو موجود آهن. اسان سڄي پوليس ذات کي ان ۾ شامل نٿا ڪيون. يقينن انهن ۾ چار چڱا به هوندا پر افسوس اهو آهي ته چڱن جو تعداد وڃي چار رهيو آهي. ان جا به ڪيترائي سماجي ۽ سياسي سبب آهن. جو هر دور ۾ پوليس کي مخالفن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي. هتي پوليس سروس آهي. خدمت نه- حالانڪ سڄي دنيا ۾ پوليس سروس (خدمت) جو نالو آهي. پر اسان وٽ اها نوڪري آهي. اسان وٽ به حاڪمانه پوليس جي حوالي سان کوڙ خبرون ۽ ڳالهيون آهن. ۽ سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”چورن مٿان مور“ سو قدرت جو پنهنجو نظام آهي غريبن مسڪين جون ڪڏهن ڪڏهن آهون ۽ دانهون به اگهجن ٿيون.
    ٽريفڪ پوليس به هڪ نرالو کاتو آهي. يعني هنن وٽ نه ئي ته لٺ ۽ باٺو. نه ٿئي توپ ۽ بندوق پوءِ به واردات ۾ سڀ کان اڳرا آهن. ٽريفڪ سپاهي، جمعدار، عملدار يا آفيسر جي ڪنهن مسڪين ٽرڪ، ٽيڪسي، ٽئنڪر، اسڪوٽر يا ڪار واري تي نظر پوي. اصل قانون قاعدا ڀڃڪڙيون ٻڌايا ويندا: انهن جي سزا به تجويز ڪئي ويندي ۽ اڃان به جنهن ڏهه پندرهن رپيا نه ڏنا ته پوءِ بدتميزي جو هڪ وڏو طوفان گارگند وغيره ته هنن جي وات ۾ آهي. وري به شڪر آهي ته انهن وٽ لٺ هٿيار ڪونهي ۽ نه ئي ڪو قلم هنن جي هٿ وس آهي. ٻيو ته هنن جو اگهه به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه رپيا ۽ وڌ ۾ وڌ پنجاهه رپيا آهي. جنهن جو مظاهرو ڪڏهن ڪڏهن ڪوچ ڊرائيور پنهنجي ڪنڊيڪٽر کي اهو چئي ڪندو آهي ته ”هڻيس ويهه رپيا منهن تي“۽ پوءِ ڪانسٽيل صاحب خوش ٿي چوندو آهي. ”ڪجهه ته خيال ڪر.“
    ٽريفڪ پوليس جو اهو ڪار وهنوار سرعام ۽ سڀني جي سامهون آهي. جو هر ايندڙ ويندڙ کين پئسا وٺي کيسي ۾ وجهندي ڏسندو آهي. ۽ توهان ڪنهن به ٽريفڪ واري جي تلاشي وٺو ته ان جي کيسي مان گهنجيل پراڻا پنجن ۽ ڏهن رپين جا ڪيترائي نوٽ ملندا. جن جي پوءِ ورهاست ڪئي ويندي آهي. پر اسان جو قانون ان ڪم تي خاموش بلڪل چپ آهي. ان کي ڄڻ ته خبر ئي ڪانهي.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 26 جون 1999ع)


    قصو هڪ کودڙي جو

    انسان جو گڏهن سان تعلق تمام پراڻو آهي. چون ٿا ته ٻئي هڪ ٻئي جا ساٿي آهن. شايد اهو سبب آهي جو سنڌي لوڪ ڪهاڻين ۾ ڪاٺير جو قصو بنا گڏهه جي اڻپورو ۽ اڌورو آهي. ڪاٺير گڏهن جي وجود ڪري ئي پنهنجو ڪم ڪري ٿو. ان ڪري انسان گڏهه به پالي ٿو ۽ انهن جي سار سنڀال به لهي ٿو. اها خبر ناهي ته لوڪ ڪهاڻين ۾ اهو لکيل آهي. به يا نه ته–گڏهه به انسان پالي ٿو ۽ انهن کان به ڪم وٺي ٿو؟ آخر گڏهه به ته ساهه وارو آهي. بهرحال انسان ۽ گڏهه جو ساٿ جاري آهي. اسان وٽ انسان پرور گڏهه ۽ گڏهه پرور انسان پڪ سان هوندا. تڏهن ئي ته دنيا جو هي ڪاروهنوار هلي ٿو.اڳي گڏهه مان سڀ ڪم وٺبا هئا. جيڪي هينئر انسان کان ورتا وڃن ٿا. خبر ناهي ان کي ڇا چئون ته انسان ترقي ڪئي آهي يا گڏهن؟ بهرحال ترقي ضرور ٿي آهي. ۽ ٻنهي لاءِ آهي دراصل گڏهه جو اهو قصو ان ريت ياد آيو ۽ اهميت اختيار ڪري ويو جو گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ جڏهن پرائمري ماسترن ۽ ماسترياڻين احتجاجي مظاهرو پئي ڪيو ته ان وقت ننڍڙو کودڙو مظاهرين منجهه ڪاهي پيو جنهن ڪري مظاهرين ۾ ٽاهه پئجي ويو. جڏهن انهي کدڙي کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.تڏهن اِن اٽون هڻڻ شروع ڪيون.
    سوال اهو آهي ته پريس ڪلب ۾ مظاهرا روزانا پيا ٿين. پر ڪنهن به کدڙي جو ان ۾ اچڻ هي پهريون ڀيرو آهي. ۽ اهو به ماستر ۽ ماسترياڻين جي جلوس ۾. ان.... ۾ ڇرڪڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته هي کودڙو گڏهه جي ڪنهن عالم جو ڦر هجي- جنهن کي اها خبر پئجي ويئي. هوندي ته اڄوڪو مظاهرو پنهنجن ماسترن جو آهي. ان ڪري انهن علم جي چاهه ۾ ڪجهه سکڻ آيو هجي. يا پڙهڻ چاهيندو هجي جو سرڪس ۾ گهوڙا، ڪُتا ٻلا، رڇ ڀولا ۽ شينهن پڙهايا وڃن ٿا. ته پوءِ گڏهه جي ڦر کي اها ريس نٿي اچي سگهي؟ اهو به ٿي سگهي ٿو. ته هن کي پريس ڪلب ۾ موڪليو ويو هجي ۽ اُتان جو واءُ سواءِ لهي آءُ، ته اسان جا صحافي پريس ڪلبن ۾ ان جلسي جلوس جي رپورٽنگ ڪيئن ٿا ڪن ۽ انهن جون دلچسپيون ۽ مصروفتيون ڪهڙيون آهن؟ ٿي ته اهو به سگهي ٿو ته هن کوتي کي گڏهن ان خيال کان موڪليو هجي ته انهن جو واءُ سواءِ ورتو وڃي.جو جيڪڏهن ان لاءِ ڪنهن گڏهه کي موڪليو وڃي ها ته گڏهه پوءِ وڌيڪ ڊسٽرب ٿئي ها ۽ مطلوبا نتيجا شايد صحيح طرح حاصل نه ڪري سگهي ها. جيئن ته هي کوتو هو ۽ انڊر ٽرينگ هوندو. ان ڪري هن کي ته ڪنهن به پاسي کان ڪا ميار ڪونه هوندي جو پڇاڙي ۾ چيو ويندو ته ويچارو کودڙو هو. اسان کي جلوس ۾ کوتي جي اچڻ تي ڪا حيراني ناهي ٿي. پر حيراني اُن تي ٿي آهي. ته جڏهن هن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هن اٽون هڻڻ شروع ڪيون. جنهن مان ان ڳالهه جي پڪ ٿي. ته هي برابر کوتو آهي. جو اڄڪلهه ويس مٽائي ڪو به اچي سگهي ٿو. پر اصليت ان جي سڃاڻپ ڪرائي ٿي. اسان جي هن دنيا ۾ ته ڊزني ورلڊ کان وٺي پيرس جي ڊزني لينڊ تائين ۽ ڪراچي ۾ ئي مختلف لباسن ۽ جانورن جي روپ ۾ ماڻهو ڪم ڪن ٿا. جيڪي اصل جانورن جي نالي ۾، اهو سڀ ڪجهه ڪن ٿا جيڪي آهي جانور ڪڏهن ڪڏهن انسانن جي اسٽائيل ۾ ڪن ٿا. مشهور واقعو اُهي ته جانورن جي ڪنهن باغ ۾ ڀولو مري ويو ان جو پوش ماڻهو پائي جڏهن شينهن جي پڃري ۾ ويو ته شينهن چيو. خيال ڪجانءِ مان به ائين ئي آهيان. هونئن ته اهو قصو به وڏو آهي. پر هتي هن جا تفصيل مزو نه ڪندا. ۽ اڳي دور ۾ خود اسان جا بادشاهه چمڙا پوش پائي، راڄ جو حال احوال وٺندا هئا ۽ رايو معلوم ڪندا هئا ته سلطنت ڪيئن پئي هلي. جيڪو هينئر ڪم اسان جا خبر رسان ادارا پيا ڪن.
    هونئن به هتي گڏهن ۽ کوتن جا ڪيترائي قصا عام آهن. جن مان هڪ ٻيو قصو مشهور آهي. ته هڪ دفعي هڪ همراهه پنهنجي گڏهه تي اچي چڙهيو. هڻي ان کي گُڏي وڌائين گڏهه به اچي بيزار ٿيو اچي ٽاپي ڏنائين گهر جي ڀرسان مسجد هئي. گڏهه ان ۾ گهڙي پيو- ملان جو گڏهه کي مسجد ۾ ڏٺو (گڏهه جي اصلي روپ ۾) ته چڙي پيو ته پويان هن جي مالڪ کان پڇيو ويو. ته ائين ڇو ٿيو؟ هن ويچاري پريشانيءَ ۾ اچي هٿ ٻڌي، معافي ورتي- چيائين. سائين مان غريب آهيان. مسڪين آهيان. گڏهه اچي گَهُه ڪيو. سو ان کي ٻه ٽي سوٽيون وهائي ڪڍيم رسو ڇڏائي هتي آيو آهي. بابا سائين! هي گڏهه آهي. بي سمجهه آهي، تڏهن ئي ته آيو. ڀلا مان ڪڏهن توهان جي مسجد ۾ آيو آهيان؟ هن کي گڏهه سمجهي معاف ڪيو.
    سو هي کوتو به ماسترن۽ ماسترياڻين جي جلوس ۾ اچي ويو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته هن کي به ڪنهن ڊُڪائي ڪڍيو يا يا ڀڄايو هجي ان ڪري هن کي به کوتو سمجهي معاف ڪيو وڃِي.هونئن به ڪٿي ڪٿي ڪڏهن ماستر شاگردن کان ۽ ڪڏهن شاگرد ماسترن کان ڀلجي به اسڪول ۾ نه ملندا آهن جو استاد ايندا آهن ته شاگر ويندا آهن. پوءِ جيڪڏهن ڀل وچان ڪو کوتو اچي ٿو ته ان تي ناراض ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ کوتو آخر کوتو ئي ته آهي. ان تي ڪهڙي ميار!! باقي ماستر بادشاهه آهن.

    هڪ ٻيو ادبي فراڊ
    سنڌ جي مهمان شاعر ۽ س ا س مرڪز جي ايڊوائيزري ڪاميٽيءَ جي صلاحڪار ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي ايڊوائيزر مانواري تاجل بيوس، سهيوڳ فائونڊيشن ممبئي ڀارت طرفان مليل نارائڻ شيام ۽ ايوارڊ آف گريٽ پوئٽ جي خوشيءَ ۾ الهاس نگرجي ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن جي وير جي اڻ وسرندڙ ٿورن سان رمپا پلازه ۾ هڪ شام جو انتظام ڪيو ويو آهي. توهان کي دل جي گهرائين سان شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي. عابد مظهر سهڪاري سيڪريٽري س ا س ڪراچي پروگرام 26 جون خميس ڏينهن شام جو 5 وڳي طعام رات جو 8 وڳي.
    مٿيون سڄو متن ان دعوت نامي جو آهي، جيڪو تاجل بيوس پاڻ ڇپرائي س ا س جي حوالي ڪيو. ۽ هڪ هزار رپيا ڀت جي بندوبسنت لاءِ ايڊوانس طور ڏنا. اسان في الحال ڪارڊ جي جملن، اکرن ۽ لفظن جي متن تي بحث نٿا ڪريو پر هن ڪارڊ ۾ ”سنڌ جو مهان شاعر“ لکيو ويو آهي. جنهن لاءِ صدارت ڪندڙ شمشير الحيدري چيو ته هن ۾ وضاحت ٿيڻ گهرجي جو سنڌ جو مهان شاعر شاهه لطيف آهي. سچل سرمست ٻيا به شاعر هن لسٽ ۾ آهن. يا نه؟ شيخ اياز کي به مهمان چيو ٿو وڃي. ان ڪري تاجل بيوس هندستان جي سهيواڳ فائونڊيشن اهو اعزاز ڪيئن ڏنو ان جي وضاحت ڪارڊ ۾ ڄاڻايل ”ليکڪ“ ۽ سماجي ڪارڪن شري جي وير چيو ته مان ليکڪ ناهيان. باقي سماجي خدمتگار ضرور آهيان. اسان تاجل کي ”گريٽ پوائيٽ آف سنڌ“ جو نه پر چونڊ شاعر جو ايوراڊ ڏنو. ان کان اڳ سنڌ مان تنوير عباسي ۽ ٻين کي اهو ايوارڊ ڏنو ويو ۽ هي ايوارڊ 1994ع ۾ ڏنو ويو هو. مان هر سال سنڌ ۾ ٻه ٽي دفعا ايندو آهيان. هينئر هي ايوارڊ ڏنو ويو ته کڻي آيس. سوال اهو ٿو ٿئي ته هي ايوارڊ ڏيڻ وارا ادارا نه ادبين جا ادارا آهن. نه ئي جج ڪي برک شاعر آهن. ٻيو ته چونڊ شاعر جو ايوارڊ ۽ گريٽ پوئٽ آف سنڌ جي ايوارڊ ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، چونڊ شاعر جي همت افزائي چڱي ڳالهه آهي. ڪن اديبن اهو به خدشو ڏيکاريو آهي. ته هي ايوارڊ ڪراچي مان ٺهرايو ويو آهي. ۽ گريٽ شاعر جي شوق ۾ هي سڄو رنگ رچايو ويو. جنهن جي خوشي ۾ طعام جو پڻ بندوبنست ڪيو ويو آهي. ته جيئن ڀت جي سڏ تي ڪو چڱو ڪم ٿئي. پر اڄوڪا اديب سڄاڻ به آهن ۽ ذميدار به ان ڪري اهو مهانتا وارو شو جنهن کي هڪ وڏو ادبي فراڊ چئي سگهجي ٿو. سواءِ پاڻ پڏائڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪجهه به نه آهي. ان کي نه صرف سڀني محسوس ڪيو پر شاعر جي دوستن هدايت بلوچ، غفار تبسم، رمضان نول، رزاق سهتي ۽ ٻين ڪيترن ئي شرڪت ئي نه ڪئي. غفار تبسم به دير سان پهتو ۽ نه ڳالهايائين جيڪڏهن اهڙن هٿ ٺوڪي، ادبي ادارن طرفان ايوارڊ ڪنهن ماڻهو کي مهان شاعر ڪن ها ته خبر ناهي اسان وٽ ڪيترائي مهان شاعر پيدا ٿي چڪا هجن ها. مان ذاتي طور تي غفار تبسم لاءِ چئي سگهان ٿو. ته جيڪڏهن هو چاهي ته عالمي عظيم شاعر ٿي سگهي ٿو. پر سڄي دنيا ۾ سنڌين جون تنظيمون سان ورلڊ سنڌي ڪانگريس، آسٽريليا، ڪئناڊا، فرانس، بيليجم، دبئي، انڊيا ۽ يورپ مان ان جي وير کان وڌيڪ آهن. سنجيده ۽ نالي وارا ماڻهو ايوارڊ ڏئي سگهن. پر هن جو سنڌي ادب تي اهو وڏو احسان آهي. به ته هو ائين نٿو ڪري، تاجل جو حال اهو آهي. ته شاهه لطيف يونيورسٽي جو ايڊوائيزر لکيو اٿن. جيڪا نوڪري آهي. ڪو اعزاز ناهي. نه صرف ايترو پر هي ساگر لياروي ۽ ٻين قلمي، نقلي نالن تي اديبن، شاعرن جو پڳون لاهيندو وتندو آهي ۽ پاڻ تي مضمون لکي، ميان مٺو ٿي عظيم ۽ مهان پيو سڏائي، عابد مظهر ٻڌايو آهي ته کيس چيو ويو آهي. ته هو تاج جي حق ۾ اخبارن ۾ مضمون لکي کيس اهو به ٻڌايو ويو آهي. ته اهڙو سلسلو جلد شروع ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي ماڻهن کي مبارڪباد پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.
    اسان هر طرح خوش آهيون. پر اهڙن ادبي فراڊن کي پڻ وائکو ڪرڻ گهرجي، هي مسئلو ڪنهن شخص جي ذات جو نه ، پر هڪ ادبي مسئلو آهي. جنهن کي خواهشن جي گهوڙن تي چڙهي حل ڪري نٿو سگهجي. مٿي ڪارڊ جو متن ۽ گڏجاڻيءَ ۾ تقريرون بذات خود هڪ وڏي وضاحت آهي. شايد ان ڪري ئي اخبارن ۾ رپوٽون نه ڏنيون ويون.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر10 جولاءِ 1999ع)


    اڪبر جسڪاڻي جو موت بي حسيءَ جي انتها

    ادب جي نالي ۾ ڪافي عرصي کان جيڪا لُٽ مار ۽ ڌاڙا لڳا آهن. ماضيءَ ۾ ان جو مثال نٿو ملي ۽ ڪن ماڻهن جي اها روش ڏسي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته اديب هجڻ هينئر (ڪن ماڻهن لاءِ) امير ترين پيشو آهي. اسان وٽ وڏا وڏا ڪامورا سٺ سالن کان پوءِ رٽائر ٿين ٿا، پر هن منافعي بخش ڌنڌي جي شروعات ئي، سٺ سالن کان پوءِ ٿئي ٿي. يعني سٺ سال ته نوڪري جي موج ۽ پوءِ تا عمر- ان کان وڌيڪ رعايتون ۽ مراعتون اسان ان تي به حيران آهيون ته ميان حميد سنڌي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضيا رانا وڪيل بدعنواني جي رٽ داخل ڪئي آهي. جڏهن ته ميان غلام رباني آگري لاءِ گهڻيون ڪهاڻيون آهن. جيئن ته ٻنهي حضرات سان منهنجي پراڻي نياز مندي آهي ۽ ماشااللهء ٻنهي جو رڪارڊ محفوظ آهي. ان ڪري ان تي تفصيل ڪنهن ٻئي دفعي. اسان کي حيراني ۽ پريشاني ان تي آهي. ته رسالي گل ڦل جو ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻي پراسرار ۽ حيرت انگيز طور وفات ڪري ويو آهي. جنهن لاءِ سندس دوستن ۽ امان (ماءُ) جو چوڻ آهي ته ان کي ماريو ويو آهي. طارق عالم جي مضمون ۾ هن کي بورڊ جي سيڪريٽري اڪيڊمي آف ليٽرس جي باني ۽ جنرل معين الدين حيدر جي دور ۾ قائم ٿيندڙ ”دانشور فورم“ ۽ سڄي عمر سنڌي ادبي بورڊ جي ڏاج ۾ آيل سيڪريٽري ميان غلام رباني آگري لاءِ لکيو ويو آهي ته کيس موڪل ڏيندي چيو ته وڃ ۽ مڪمل ٺيڪ ٿي اچ. اڪبر جسڪاڻي کي چيو وڃي ٿو. ٽي بي هئي ۽ ان موڪل ۾ هن جي پگهار روڪي ويئي. هن کي ميڊيڪل الائونس ۽ ميڊيڪل سهولتيون نه ڏنيون ويون. ته اسان جا اُهي صاحب پجارو ۽ ڪوسٽرن تي سير ڪندي، وڏي پگهار ۽ ٻيون مراعتون وٺندي حيدرآباد کان ٻاهر ايندي ويندي ”ٽي اي“ ۽ ”ڊي اي“ جا ڌڪ هڻندي، پنهنجا ۽ پنهنجن عزيزن جا ڪتاب سرڪاري ادارن مان ڇپائيندي، اهو وساري ٿا ويهن ته هڪ مسڪين ۽ بيمار اديب ۽ سندن ادارن ۾ ملازمن کي ميڊيڪل جو سهوليتون ۽ دوائن جو خرچ ڪٿان ايندو؟ بجاءِ ان جي ته هن کي پگهار ڏني وڃي، هن جي پگهار بند ڪري هن کي موت طرف ڌڪي ڇڏجي ٿو. ۽ خوشامندي ۽ مالشي ماڻهو، جي ماضيءَ مان ٻه چار شعر چوڻ ڪهاڻيون لکي تاحيات ادبي ادارن تي قابض ٿي ويٺا آهن. جيڪي نه صرف نوجوان ماڻهن لاءِ رستي روڪ آهن. پر هو ادارن کي کوکلو پڻ ڪري رهيا آهن. اڳلو پرڀو ناشاد هاڻي نفيس احمد ناشاد ٿي اهو وساري ويٺو آهي. ته اڪبر جسڪاڻي جي موت جو ٻڌي هن اداري جا سڀئي ماڻهو ان جي گهرسرڪاري گاڏيءَ ۾ وڃي رهيا آهن ته هو پنهنجي آفيس ۾ ويٺو آهي. ۽ نٿو هلي. (طارق عالم مطابق) ڇا پنهنجي هڪ ساٿي ۽ ڪوليگ لاءِ ايتري تڪليف به نٿي ڪري سگهجي؟؟ باقي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ اداري ۾ ان جي جنازي نماز ۽ گڏجاڻي ڪرڻ سواءِ پاڻ پڏائڻ ۽ منافقي جو ڪجهه به نه آهي. ڇا اڃا ضمير نالي شيءَ موجود آهي؟؟ گذريل ڏينهن سنڌ ادبي بورڊ کي پاليندڙ ۽ تاتيندڙ اداري جي سيڪريٽري جناب حميد آخوند جو بيان ڇپيو آهي. ته ادبي بورڊ کي ختم ڪري، رائيٽرس گلڊ ٺاهي وڃي ۽ جناب محمد ابرهيم جو ئي جي اڳواڻي ۾ هلندڙ ان اداري ۾ جيڪا ڀينگ ڪئي وئي آهي ان جو آخر ذميدار ڪير آهي اسان جا ليڊر ۽ شاعر واهه واهه ڪندي يا جي حضوري ڪندي بس نٿا ڪن. اڪبر جسڪاڻي جي موت جي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي غريب پوينئرن سان همدردي طور انهن جي مدد ڪئي وڃي ۽ ذميدارن کان پڇاڻو ڪيو وڃي؟
    ڪي پنهنجي تعصب ۾ ايماندارانه فرض به وساري ويٺا آهن ته انهن کي ان خوشامندي ڪئمپ مان نڪري حق سچ جي راهه تي اچڻ ۽ لکڻ گهرجي. پر افسوس ته ائين نٿو ڪيو وڃي. جو گهڻن کي ڪتاب جو مهاڳ لکائڻ وقت ”عظيم“ جو رتبو مليو آهي ۽ ملڻو آهي. شهرت جي بک ڇا بک آهي. اها بک جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ، پنهنجو آئيندو ۽ پنهنجو نسل به کائي وڃي ٿو.
    اڪبر جسڪاڻي سان دير سان ملڻ تي شعر چوندو هيس، ”لڪ لڪاڻي، سرمي داڻي، گم ٿي ويو اڪبر جسڪاڻي“ پوءِ جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي چوندو هيو. اڙي! اهو شعر ڪهڙو آ ٻڌاءِ! پوءِ مان ٻڌائيندو هو مانس. اڪبر جسڪاڻي معصوم ماڻهو ۽ ذميدار اديب هو. منهنجي هن سان ويهن سالن جي واقفيت ۽ نياز مندي هئي. ڪافي وقت اڳ مان ادبي بورڊ ويو هيس. هن سان ڪچهري ڪيم. هميشه چوندو هيو ته گل ڦل لاٰ لک هر دفعي کيس چوندو هيس. پر سستيءَ ڪري ڪڏهن شعر موڪليندو هو مانس، ڪڏهن نه- جڏهن به وڃبو هو. ڪا نه ڪا کل جي ڳالهه ڪندو هو. سندس ڪچهري ۾ ويهبو هو ته ٽهڪ ڏبا هئا. ۽ هميشه گاڏيءَ تائين ڇڏڻ ايندو هو. مونکي اها خبر هئي ته هن جا سڀني سان سٺا تعلقات هئا. هو وڙهڻ جهڙو ماڻهو ئي نه هو. منهنجي ٻاراڻي ڪتاب جي مهورت وقت هميشه پاڻ چوندو هيو ته مان ضرور پڙهندس. اڪبر جسڪاڻي دل جو نرم ۽ طبعيت جو راجا هو. هن ان سنڌي ادبي بورڊ لاءِ 25 سال جوانيءَ جا ڏنا، جنهن بعد ۾ هن کي سندس علاج لاءِ پگهار ۽ کائڻ لاءِ دوا به نه ڏني وئي. جڏهن ته ان جي عالم حاڪمن خبر ناهي کيس وڪڻي سڪڻي الائي ڪٿي پهچايو آهي. جو هن ميڙي چونڊي به ڪڍائي ورتي. سندس امڙ صابل خاتون جو بيان ۽ طارق عالم ابڙي جو مضمون ان لاءِ ڪافي آهي. ته هن کي ماريو ويو آهي (يا شهيد ڪيو ويو آهي) اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌالاجي مانيڻو اوٺو ڳيهي ويئي ۽ سنڌي ادبي بورڊ اڪبر جسڪاڻي ماري ڇڏيو. خبر ناهي الائي جي ڇو اسان جا ضمير به مري ويا آهن. اسان هينئر ته شايد مرده قوم به ناهيون.
    اڪبر جسڪاڻي جي موت تي مان ڏاڍو دکي آهيان. خبر ناهي اسان اڃان اهڙا ڪيترا نوجوان اديب ائين ظلم ڪري مارينداسين اهو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي ۽ ان اداري جي لالچي ۽ خودغرض قاتل انسانن کي سوچڻ گهرجي ته هو پنهنجي پيٽ خاطر، قوم جو اهڙو نقصان ڪيستائين ڪندا؟ پنهنجو چلهو ٻارڻ لاءِ ٻين جو چلهو ۽ آسرو ڪيستائين وسائيندا رهندا؟
    اڪبر جسڪاڻي جي موت جي جانچ ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي غريب پونئرين سان همدردي طور انهن جي مدد ڪئي وڃي ۽ ذميدارن کان پڇاڻو ڪيو وڃي؟؟ مو نکي خبر نه هئي ڪو ان شعر ۾ به ڪا ترميم ڪرڻي پوندي، پر هينئر مان ان پنهنجي شعر ۾ ترميم ڪري رهيو آهيان. اسان وٽ ترميم رڳو آئين ۾ ڪرڻ جو رواج آهي. ”بي حس بورڊ جي هي آ ڪهاڻي گم ڪيو ويو اڪبر جسڪاڻي ۽ ها اڪبر جسڪاڻيءَ کي اسان سڀني کان گم ڪيو ويو آهي.

    ڦير ڦار کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
    مان نه ڪو دانشور آهيان، نه ئي ڪو اعليٰ دماغ لکاري. بس ابتا سبتا ڦڏا سڌا لفظ لکي. مڙئي ماڻهن جو وقت ٿا وڃائيون ۽ پڙهندڙن جو مٿون ٿا کائون. مون کي اهو به احساس آهي ته منهنجي هينڊ رائيٽينگ ڪا سٺي ڪانهي، بس جڏا تيڏا الفاظ لکي مڙئي دل جي ڳالهه پهچائي رهيا آهيون، پر آنجهاني موهن ڪلپنا ۽ مرحوم طارق اشرف ۽ ٻين ڪيترن ئي برک اديبن جي هينڊ رائيٽنگ ڏسي لکڻ پڙهڻ تي دل ٻڌجي ٿي. پوءِ جيڪڏهن ڪو قابل ۽ عالم سب ايڊيٽري ۽ پروف ريڊر جيڪو محض پيٽ پالڻ لاءِ اهڙي اهم ۽ حساس جاءِ تي ويهي. ڪيئن پڙهيل لکيل ماڻهن جي خيال کي پنهنجي مخصوص سوچ ۽ لاڙي ڏانهن وٺي وڃي ته اها ڪا چڱي ڳالهه ڪونهي. جنهن ماڻهو جو جيڪو خيال آهي، ان کي ان جي اظهار جو حق ڏيو. ان ۾ پنهنجي بيمار ۽ بي ترتيب ذهن جو پيوند نه هڻو. پوءِ ڀلي اُن تي ڪهڙي به واهه واهه ملي. يا ڪا ملامت اچي. بهرحال پنهنجو خيال رهڻ ڏنو وڃي ته بهتر آهي. گذريل هفتي منهنجي ڪالم به ”گڏجي سڏجي“ بجاءِ قابل پروف ريڊر ”سنڌ جي“ لفظ مٽائي پنهنجي وڏي قابليت جو مظاهرو ڪيو آهي. کيس گذارش آهي ته ڪنهن پڙهيل لکيل ماڻهن جي لفظن سان هٿ چراند ڪرڻ بند ڪري. پنهنجي خيالن جو پاڻ اظهار ڪري ته بهتر آهي.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 21 آگسٽ 1999ع)


    ڪڙي حقيقت سرائڪي اديب جو خط

    جناب ارشاد احمد حقاني، پنهنجي ڪالم، ”حرف تمنا“ ۾، سرائڪي زبان ۽ پنجابي زبان جو بحث ڇيڙيو آهي. ان سلسلي ۾ سندس بحث کي سنڌ جي پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون ٿا. جيئن مختلف ماڻهن جا رايا ۽ خيال پڙهن، اڄ ان سلسلي ۾ هڪ سرائڪي بزرگ جناب سيد انيس شاهه جيلاني جو ڇپيل خط ڏئي رهيا آهيون. هن خط جو متن بذات خود هڪ وڏي وضاحت آهي. سيد انيس شاهه جيلاني سرائڪي ادب جو وڏو نالو آهي. ”پنجاب جو الميو اهو آهي. هن جي وات ۾ زبان، هٿن ۾ قلم ۽ پريس جو هڪ وڏو حصو هنن جي هٿن ۾ آهي. اقتدار تي قبضو الڳ. اسان گونگا ۽ ٻوڙا ماڻهو ، بي اختيار ۽ لاوارث ان هوندي به ڪنهن حد تائين زندگي ڏانهن، ڊٻجندي دٻجندي پنهنجي هجڻ جو ذڪر به ڪريون ٿا. هاڻي اسين لک دفعا اهو چوندا رهون ته بهاولپور عظيم صوبي سرائڪي ملتان شريف، ڊيرا غازي خان، بهاولپور يادگار طور باقي آهي. ۽ هو سرائڪن گويا ان تي صبر ئي ڪيو هو. جنهن جو الحاق باضابطه تحريري طور تي پنجاب سان نه پر پاڪستان سان هو. بهاولپور پاڪستان سان ائين ئي گڏيو. جيئن صوبو سنڌ، بلوچستان، صوبو سرحد، صوبو پنجاب هو يا آهي. بهاولپور ته روز اول کان صوبو آهي. بلوچستان کي صوبائي حيثيت به مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي مرهون منت هئي.بنگالين کي دٻائڻ لاءِ غالبن نوڪر شاهي ان طرح سان لاهور جي تحريڪ تي ون يونٽ جو لوٽو ٻڌو. توهان جي ايم سيد جو عدالتي بيان ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ پڙهيو هوندو، ان ۾ ون يونٽ ڇو بڻيو، ان جو سڄو تفصيل آهي خدا جي ڪري ون يونٽ ٺٽو، صوبا بحال ٿيا. بهاولپور غائب، محمود علي قصوري فرمايو. گريٽر پنجاب لاءِ ضروري آهي. ته بهاولپور کي پنجاب ۾ ضم ڪيو وڃي. ان حد تائين ته مولانا غلام رسول مهر به ان صف جو نڪتو، مون ان کي لکيو هو ته اگر هندو پنجابي، سک، پنجابي ۽ مسلمان پنجابي جي هٿان پنجاب کي بحال ڪرايو وڃي. نه ته سرائيڪين کي پنجابي بڻائڻ جي در تي آيا آهيون. ليڪن مولانا مهر ۽ سالڪ انهي اڪابرن مان آهن جن نواب بهاولپور تي قصيدا لکي لکي اهڙي طرح شيشي ۾ لاٿو، جيئن بهاولپور ۾ نهري نظام ٺهيو. ان سان گڏ پنجابين جو سيلاب به در تي آيو.. اها حرڪت بهاولپور ۾ به ڪرائي وئي. احتجاج ٿيا ۽ هو بچي نڪتا. مون اهو پئي چيو ته اڄ تائين ڪنهن لاهوري (پنجابي لکڻ تي ڊپ ٿو ٿئي) زرداري جهڙو هوشيار نه ٿئي. اخبار نويس، جيڪي وڏي طمطراق سان رڪارڊ جي درستيءَ لاءِ لکندا رهندا آهن، اهو نه لکيو آهي ته بهاولپور هڪ صوبو هو. ان شر مان خير جو اهو پهلو نڪتو ته آيا سرائڪي پنهنجي فطري سرحد تائين پهتا. ۽ هاڻي سڀئي ملي پنهنجي بحالي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. جنهن کي پنجابي پنجاب جي ورهاست جو نالو ڏئي ٿو. بحال ٿيڻ ۽ ورهائڻ جو فرق هو نٿو ڄاڻي؟ بلڪل ڄاڻي ٿو. ليڪن هر ڳالهه تي اصرار اهو آهي ته هي پنجاب آهي. هي ته پنجابي آهي. جي ايم سيد کان وڏو قوم پرست ته نواز شريف آهي ۽ اسان چئون ٿا ته اهڙو ٿيڻ مبارڪ آهي. ليڪن جاڳ سرائڪي جاڳ جي نعري تي اعتراض ڇو؟
    اوهان پنجابي آهيون. توهان جاڳ پنجابي جاڳ جا نعرا هنيا. ڪنهن جهليو آهي صرف نعرو ئي نه ، پر اقتدار جي بل بوتي تي صدين کان آباد پنجابي جيڪي سنڌي، پختون، بلوچ، بڻجي چڪا آهن. نواز شريف ان وستين ۾ بحيثيت وزير اعظم هي تبديلي ڪري سگهي ٿو. ته توهان جو قبلو ۽ ڪعبو لاهور آهي ۽ اتي وزير اعظم نهري پاڻيءَ جا چور پڪڙي ٿو ۽ پاڻي جوهب جي جانچ پڙتال ڪندي. ٽي وي فلمون ٺهرائي هلائي ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو چوي ته ”را“ جو ايجنٽ، واگها کان ايندڙ ويندڙ معتبر، کوکراپار کان گذرندڙ وطن دشمن، ته اهو ڪهڙو پئمانو آهي. پاڪستان ۾ شموليت اسان جي سڃاڻپ ئي ختم ڪري ڇڏي.ڇا اسان اهڙي پاڪستان لاءِ خوش گمان ٿي سگهون ٿا. توهان الڳ صوبي لاءِ سوال ۽ جواب ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. توهان ڪڏهن غور فرمايو آهي ته هڪ منصوبي تحت اردو ڳالهائيندڙ کي پنجاب ۾ ٽڪڻ ئي نه ڏنو ويو. ريل، بحري جهاز، هوائي جهاز، سنڌ تي نازل ٿيڻ لڳا ته ان جو مطلب اهو ڪڏهن ٿيو ته يو پي کي سنڌ ۾ سمايو وڃي. مهانڊرا ڊسگهن ۾ لکيو آهي. پنجابي جتي ويندو آهي ڪجهه ڏينهن ۾ چئي اُٿندو آهي. ته اسان اُتي ويا آهيون هاڻي هي ڌرتي پنجاب آهي. پنجابي ڌرتي آهي. گذريل ڏينهن نواز شريف سنڌي ۽ پنجابي زبان کي هڪ زبان قرار ته ڏئي رهيو آهي، پنهنجي تقرير ۾ انگلينڊ ۾ جيڪو پنجابي ڀريو پيو آهي. ۽ پارليامينٽ جا ميمبر به ٿين ٿا. ته ڇا اڳتي هلي انگلينڊ جو نالو پنجاب ٿيندو.يو پي ته جتي آهي. اتي آهي. ان کان ڪير ٿو انڪار ڪري هاڻي ڪراچيءَ کي يو پي بڻائڻ به هڪ منصوبي تحت آهي. جنهن ۾ جنرل ضياءِ اڳيان اڳيان هو.
    سنڌين جو ٽوڙ هن کي ان ۾ نطر آيو ته اردو حضرات کي غير سنڌي بڻائي. انهن جي سرپرستي ڪئي وڃي. محاذ آرايون ڪرايون ويون ۽ سنڌ جي ورهاست جي ريت وڌي. صوبي جي بنيادن ۾ ماڻهن، فرزند زمين( زمين جو پٽ) هجڻ جو شرط اول آهي. سنڌ ۽ سرائڪي تي جيڪا 1947ع ۾ يلغار ٿي ۽ هر ڪنهن کي پناهه ڏني وئي. اهڙي طرح سان سنڌ ۽ سرائڪيءَ کي نيست نابود ڪرڻ پنجاب گرديءَ جو چٽو مثال آهي. طريقو آهي ڪوٽا سسٽم- هي شهري آهي. هي ڳوٺاڻو آهي. حالانڪ اهي ٻئي سنڌي هئا. سنڌي آهن، سنڌ ۾ رهڻ وارا سڀئي سنڌي آهي. جيڪڏهن اتفاق سان اردو ڳالهائڻ وارا سر لڪائڻ آيا ته ان جو اهو مطلب ناهي ته يو پي. يا سنڌ جي ورهاست- اهڙي طرح مسلسل اهو چوڻ ته خواجا فريد پنجابي شاعر آهي.ڀلا جيڪڏهن سرائڪي پنجابي آهن. ته ريڊيو ۽ ٽي وي تان ان کي عام ڇو نٿو ڪيو وڃي. ٻيو ته ٺهيو پر پنجابي ادبي بورڊ جو هڪ آهي. آصف خان، جنهن خواجا فريد جو مشهور ديوان، ”ديوان فريد“ اکيا غلام فريد ني جي عنوان سان ڇپايو. ديوان غالب، ديوانِ غالب جي ئي نالي سان ڇپيو اها ئي روايت هندي ۽ گجراتي ۾ به آهي. ”اکيا اسدالله غالب ني“ جنهن ذهينيت جي عڪاسي ڪندو اها سامهون آهي. ڪراچيءَ ۾ هڪ نهايت معتبر اديب ۽ صحافي نالو به لکي ٿو ڇڏيان، منهنجو دل گهريو آهي شڪيل عادل زادا، جنهن جا تعلقات مولانا ڪوڪب نوراني، سان بي پناهه آهن. ان بي پناهه ذهنيت ۾ اهو عنصر به شامل هو ته ڏسو هتان جا 50 ٿاڻا آهن 48 ايڇ ايس او پنجابي آهن. ۽ دنيا جا ڪم ته پوندا ئي رهندا آهن نه،هي سڀ ڪجهه ون يونٽ جي آڙ ۾ ٿيو. ڪراچيءَ ۾ عام پوليس کان سواءِ ٽريفڪ جو هر سپاهي پنجابي آهي. غضب اهو آهي ته هر رٽائرڊ فوجي زرعي زمين سرائڪي ۽ سنڌ ۾ ڦٻائڻ ٿو چاهي ۽ مقامي ماڻهو ٽڪ ٽڪ ديدم، دم نه ڪشيدم جي تصوير آهي. هڪ جنرل مسلسل سنڌ ۾ ڪور ڪمانڊر آهي. هاڻي هتان کان اڙهن ويهه ميل پري سنڌ جو زميندار آهي. ۽ مون خود ڏٺو آهي ته انهن جو چوڪيدار مقامي شريفن جون پڳڙيون لاهيندو ٿو وتي. هو پنهنجي پسند ۽ ناپسند جو ايس ايڇ او بدلي ڪرائي ٿو. ائين پئسن سان وڙهندڙ لڙڪندو ٿو وتي. فوجي اڪثريت پنجابي آهي. بنگالين ڪڏهن به پاڪستان جو ڪراچي فتح ڪرڻ لاءِ 22 گريڊ جو آفيسر موڪليو ويو آهي،، جو گهر ۾ اي ايس آئي هو. ڪراچي ۾ ڊي آئي جي آهي. ڇا پوري سنڌ ۾ ڪو هڪ به اهڙو ناهي. جيڪو ڪراچي ۽ سنڌ کي سنڀالي سگهي. ڍاڪا کي فتح ڪرڻ وقت به سڀني کي فوجي وردي پارائي موڪليو ويو هو، ويندي ٽپاليءَ تائين ڀٽي کي لٽڪائڻ وارا چار ئي جج ڪير هئا؟باقي بچيل ٽنهي ته آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هيو. هاڻي زرداري جي ٺڪائي بنا سبب ڪنهن جي هٿان پئي ٿئي مان ته پنجابين کي پنجابي ٿيڻ تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اسان اهو به ڏٺو ته سردار محترم اڪبر بگٽي پنهنجي مادري زبان ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ رڪنيت جو قسم کنيو ته اعجاز الحق ”واڪ آئوٽ“ ڪري ويو هو. جيڪو حق پنجابيءَ کي آهي. اهو اڪبر بگٽي ۽ سرائڪي پختون کي به ملڻ گهرجي اسان ڪي وجود جي نفي ڪرڻ ۾، پنجاب جي تعمير مضمر ناهي. لاهور پاڪستان جي محسنن جون گهڻيون ڳالهيون بگاڙيندڙ آهي. ليڪن ننڍي وات سان ڪڏهن نواب بهاولپور سر صادق محمد خان عباسي جو نالو نٿو وٺي. جيڪو به صرف جناح صاحب جو پر فاطما جناح جو به قدردان هو. پاڪستان جو خيرخواهه، انگريز ته سڀني رياستن کي چيو ويو ته پاڪستان سان گڏجو ته گڏجو، ۽ جي هندستان سان رهڻو آهي ته رهو. جيڪڏهن آزاد رهڻ چاهيو ٿا ته ان جي به اجازت آهي. ليڪن سر صادق محمد پاڪستان ۾ سڄي دنيا جي چڱن جي ياد ۾ ڏينهن ملهايا وڃن ٿا. ٽپال جون يادگار ٽڪليون جاري ڪيو وڃن ٿيون. پُڇيو وڃي ته نواب بهاولپور ۽ خواجا فريد کان سواءِ. پنجاهه قصا ٻيا به آهن. ڇا ڇا لکان؟ جيڪڏهن پنجابين جو اهو اندا ز رهيو ته اسان وکري وينداسون . ذهني هم آهنگي نالي جي حد تائين به ڪانهي. ان لاءِ پنجاب پٺاڻ کي پٺاڻ نٿو مڃي سرائڪي کي پنجابي بنائڻ تي ڇڪ ٻڌي بيهڻو آهي. سنڌين کي اردو، ٻين لفظن ۾، مهاجر قومي موومينٽ تحت رڳڙو ڏيڻ، ٻروچن جي پُٺي تي ٻڌجي ذرا گودار کي صحتياب ٿيڻ ڏيو. باقي سيد انيس شاهه جيلاني جي خط جو عنوان ”تلخ نوائي“ ڏنو ويو آهي. هن جو جواب مشهور پنجابي دانشور جناب شفقت تنوير مرزا ڏنو آهي. جنهن ۾ پڪ سنڌي زبان سنڌ ۽ سنڌي ادبين جا حوالا آهن، جنهن تاريخي واقعا بيان ڪيا آهن. سندس خط، جيڪو پڻ حقاني صاحب جي ڪالم ۾ ڇپيل آهي. ايندڙ ڪالم ۾ پيش ڪيو ويندو..
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 11 سيپٽمبر 1999ع)


    سنڌ، سرائڪي ۽ پنجاب

    گذريل هفتي سرائڪي ٻولي ۽ صوبي لاءِ محترم ارشاد احمد حقاني جي ڪالم ”حرف تمنا“ ۾ سيد انيس شاهه جيلاني صاحب سرائڪي جو وڏو عالم ۽ نثر نويس آهي. جنهن جي جواب ۾ ساڳئي ڪالم ۾ جناب شفقت تنوير مرزا جو جواب ڇپيو آهي. جنهن ۾ پڻ تاريخي حوالا ڏنا ويا آهن. پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ ان جو متن پيش ڪجي ٿو. ”جيئن ته خط تمام طويل آهي. غير اهم سٽون ڪاٽجن ٿيون. جيلاني صاحب لکيو آهي ته پنجاب پٺاڻ کي نٿو مڃي پر هو سرائڪيءَ کي پنجابي بڻائڻ تي بضد آهي.“
    قطع نظر ان جي ته ڪهڙا سرائڪي ۽ پٺاڻ ان پنجاب سان اتحاد ڪري، سنڌيءَ کي برطرف ڪرائي ويا. اهو پنجاب اسان جو ناهي. پنجاب جي غريب عوام جو ناهي. ان پنجاب سان سرائڪين ۽ پٺاڻن اتحاد ئي ڇو ڪيو هيو؟ هي هڪ سوال آهي. جنهن تي غور ڪرڻ گهرجي جيڪو صوفين جي زبان ۽ فڪر کي به وصل ڪرڻ بجاءِ فضل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهن ٿا ۽ اهي نٿا ڄاڻن ته بربادي جو، بي انصافي جو فرق ۽ امتياز جا اهل ۽ ذميدار مٿيون طبقو ٿيندو آهي. جيڪو پنهنجي طبقي سان ئي وفادار هوندا آهن. ۽ هو هاڻي اصل سوال سرائڪيءَ کي پنجابي بڻائڻ جو آهي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ ٽيڪنيڪل اصلاحات ته استعمال نه ڪندس البت سرائڪي ڪالمن جا نڪتا ۽ نظريات پيش خدمت آهي. ڊاڪٽر مهر عبدالخالق سرائڪيءَ شاعري جي ديباچي ۾ لکيو آهي: جيڪڏهن تاريخي حقيقتن جي روشنيءَ ۾ ڏنو وڃي. ته پنجابي مغربي پاڪستان جي ڪنهن به علائقي جي زبان ڪانهي. پنهنجي خالص شڪل ۾ بار دو آب جي مٿي حصي سرهند ۽ جهلم جي وچ وارن ضلعن (امرتسر، جالندر، فيروز پور، لڌيانه حصار ۽ انباله جي زبان آهي.
    سوال هي آهي ته اهي ضلعا ته مشرقي پنجاب ۽ هريانه جا آهن. جيڪو پنجاب باقي بچيو آهي. ان ۾ جيڪڏهن پنجابي ناهي ته پوءِ ڪهڙي زبان ڪهڙي نالي سان سڏبي؟
    هڪ ٻئي سرائڪي عالم جناب بشير احمد ظامي، سرائڪي ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن جو ذڪر، ڪتاب ”سرائڪي زبان جي ارتقا“ ۾ ۽ جناب سيد نور علي شاهه ضامن حسينيءَ ”معارف سرائڪي“ ۾ سرائڪي زبان ۽ وطن تمدن جي حوالي سان ضلع وار تفصيل ڏنا آهن. جنهن مطابق اڄ به مغربي پاڪستان جي اڪثريت اها ئي زبان (سرائڪي) آهي. هي بلي شاهه جي قصور، ماڌو لعل حسين جي لاهور، پير مهر علي شاهه جي گولڙه کان شروع ٿي. ڪوهه سليمان جي اندر تائين دوره بولان جي ڍاڍر ۽ ڪوه کير ٿر جي اريا لسبيلي ۾ وادي حسبه جي تعلقي دريجن تائين ڳالهائي ٿي وڃي. وڌيڪ وضاحت ته ضلع ميان والي، مظفر ڳڙهه، ديره غازي خان، بهاولپور، رحيم يار خان، ديره اسماعيل خان، جيڪب آباد، روهڙي، لاڙڪاڻو، کيرٿر جو وچ وارو بلوچ علائقو دادوءَ ۾ جبل کيرٿر، سيوهڻ منڇر ڍنڍ ۽ (بلوچستان جا ڪجهه علائقا) پڻ شامل آهن. ظامي صاحب جي مطابق خالص ٽڪسالي شڪل جا ضلعا بهاولپور، ملتان، بهاولپور ، رحيم يار خان، مظفر ڳڙهه، ڊيره غازي خان، ڊيره اسماعيل خان اهي علائقا جتي ان جو ڪوئي معقول الڳ نالو ناهي ميانوالي، سرگوڌا، جهنگ، ڪيمبل پور، بهاول نگر، ساهيوال، لورالائي ۽ ڍاڍو. ظامي صاحب وڌيڪ لکي ٿو. ته پري جي اثرن ۾ سڌ جا پري پري جا علائقا شامل آهن. ۽ ان معاشري ۾ سرائيڪي جا الڳ الڳ نالا آهن، جيڪي ڪشمير ۾ هندي يا گوجري پنجاب ۾ يا مغربي پنجابي، صوبه سرحد ۾ هندڪو ۽ سنڌ ۾ سرائيڪي.
    سرائيڪي ۾ شاعري جي مرتب مرحوم ڪيفي جام پوري لکي ٿو ته ملتاني کانسواءِ (سرائيڪي) جا ٻيا به گهڻا نالا آهن. ڪنهن زماني ۾ هن کي اوچي (اُچ جي حوالي سان) چوندا هئا. بهاولپور جا ماڻهن هن کي بهاولپوري ، سنڌ ۾ سرائيڪي . جاٽڪي، جگرالي، هندڪو، ديد وال به هن جا نالا آهن. علائقي کي قيد کان آزاد ڪرائڻ لاءِ بزم ثقافت جو نالو سرائيڪي مقرر ڪيو. ۽ اڄ هي زبان ان (سرائڪيءَ) سان مشهور آهي. پنجاب ۽ ملتان ۾ ڳالهائي ويندڙ زبانن جي باري ۾ تاريخ ۾ جيڪي نالا ڏنا ويا آهن. ان جي تفصيل ڏيڻ کان اڳ مهرالحق جي هڪ ٻي راءِ ملتاني جو لفظ سڀ کان پهريائين اَئين اڪبري ۾ استعمال ٿيو. ابوالفضل، هندوستان جي تيرنهن زبانن جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي، دهلوي ملتاني، مارواڙي، گجراتي، تلنگي، مرهٽي، ڪرناٽڪي، سنڌي، افغاني، بلوچستاني ڪشميري“ وڌيڪ لکي ٿو. ته هن فهرست ۾ جتي بلوچستاني جي نالي سان بلوچي زبان جو ذڪر ملي ٿو. جيڪا اڄ به ڳالهه ٻولهه جي زبان کان اڳتي ناهي وڌي. اُتي پنجابي نالي سان ڪا به زبان کان اڳتي ناهي وڌي. اتي پنجابي نالي سان ڪابه زبان ڪانهي، گويا پنجابي زبان جو لفظ جنهن لاءِ استعمال ڪيو ويو. سا اڪبر جي زبان کان به گهڻو پوءِ جو حادثو آهي. ۽ سرائيڪي ملتاني، کان به بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ مختلف زبان آهي. (ابوالفضل کان به اڳ پنجاب ۽ ملتان جي علائقن جي زبان يا زبانن جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ملي ٿو. ۽ تاريخ ۾ هي رڪارڊ موجود آهي.
    ابوالفضل کان ٻه سئو سال اڳ امير خسري، جيڪو ملتان ۾ ڳچ وقت رهيو. هندستاني زبانن جو ذڪر پنهنجي فارسي نظم ”نورسي پير“ ۾ ڪيو آهي. تقريبن هر صوبي جي پنهنجي الڳ زبان آهي. سنڌي، لاهوري، ڪشمري، ڌر سمندر، تلنگ، گجرات، مهاڙ، گوڙ، بنگال، اوڌ، دهلي ۽ ان جي پسگردائي. هي سڀئي ٻوليون هند جون آهن، جيڪي قديم زماني ۾، عام زندگيءَ ۾ باقاعدگي سان ڳالهائيون وينديون هيون. امير خسري لاهوري کي پنجابي زبان سڏيو، پر قطع نظر ان جي سرائيڪي شاعري ۾، امير خسري جي حوالي سان هڪ ذڪر غيات الدين بلبل جي صاحبزادي سلطان محمد سان گڏ امير خسرو ۽ حسن دهلوي به هتي (ملتان) آيا. شهزادو مغلن هٿان ماريو ويو. ته امير خسري هڪ درد ڀريو مرثيو لکيو. شهزادي جي مرڻ کانپوءِ امير خسري هتي وڏيون مصيبتون سٺيون. ان زماني جي ياد ۾ هن جو مشهور مصرع آهي. ”بار برسه نهاد و گفتار“ ”جل“ ملتاني زبان جو لفظ (ڄل) هلو ملتان جو ئي سهي مگر جهلم صوبو ڄمون ۽ پونڇ آزاد ڪشمير هزاراه ويندي راولپنڊي اٽڪ ۽ پشاور ۾ به لفظ ڄل، ڪنهن جي کاتي ۾ وڌو ويندو؟- امير خسري جي باري ۾ اهو به چيو ويندو آهي ته شهزادي محمد جي باري ۾ هڪ مرثيو يا قصيدو هندي يا هندو يعني پنجابيءَ ۾ به لکيو، جنهن کي وار چيو ويندو آهي. پنجاب ۾ اردو جي مصنف پروفيسر محمود شيراني، پنجابي زبان جي وسعت تي ڪافي بحث ڪيو آهي. هن جي چوڻ مطابق پنجاب صوبي جي زبان جنهن کي اڄڪلهه پنجابي چون ٿا. ان کي امير خسري لاهوري چيو آهي.
    ابوالفضل ان کي ملتاني جي نالي سان ياد ڪيو آهي. يورپ جي مورخ هن زبان کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.1 مشرقي پنجاب2 مغربي پنجاب ۽ هنن مغربي پنجاب کي (سرائيڪي) به چيو آهي. صفحو 26 ”سرائيڪي شاعري“ ڪتاب مطابق (ليکڪ مهر عبدالحق) پنجابي مغربي پنجاب جي ڪنهن به علائقي جي زبان ناهي. يعني بابا فريد کان وٺي خواجه فريد بلڪه خادم حسين خادم نوروز تائين ڪنهن به پنهنجو پاڻ کي سرائيڪي شاعر ناهي چيو. نه ئي علائقي کي ڪو نالو ڏنو آهي. بلڪ هندو چيو آهي. جن مان ڪن هندوي ۽ ڪن پنجابي چيو آهي. ليڪن برو ٿئي تعصب ۽ علائقائي ۽ لساني منافرت جي حقيقتن کي مسخ ڪرڻ کان باز نه آيا. ڪيفي جام پوري لکي ٿو.ته اڄ کان سئو سوا سئو سال اڳ طباعت ڪانپور ۽ آگره ۾ ٿي. اتي ڪاتب هن زبان کان ناواقف هئا، ان ڪري ڪتابن ۾ ڪتابت جون ايتريون ته غلطيون آهن. جو انهن کي پڙهڻ مشڪل ٿئي ٿو. ڪتابت جون غلطيون ته قديم ملتاني ادب جي روايت جو حصو بڻجي ويون آهن. انهن جي ڪهڙي شڪايت. شاهه حسين جي شاعري سرائيڪي زبان ۾ آهي. ڪابن اڻ ڄاڻائي ۾ ۽ پنجابي زبان جي حامين ڄاڻي واڻي هن جي ڪافين کي پنجابي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پوءِ ڳالهه مٽائي ٿو ۽ چئي ٿو ته انهن ڪافين کي تبديل ڪيو.. اسلم رسول پوري صديق طاهر سچل سرمست جي حيدرآباد مان ڇپيل ڪتاب ۽ ڪلام کي مٽائي وڌيڪ سرائيڪي بڻائيندا رهيا. ڪيفي جام پوري ته امام بخش شيروي جن هن مصري کي مٽائي هڻ ٻولي پنجابي جوڙ تم قصي ٻهون پراڻي کي ڦيرائي پنجابي جي بجاءِ ملتاني لفظ لکيو. جناب انيس جيلاني صاحب کي اعتراف آهي ته پنجابي ادبي بورڊ جي هڪ وڏي عالم آصف خان، خواجه فريد جو ديوان.”آکيا غلام فريد ني“ ڇپايو. جيڪو گيٽ اپ جي لحاظ کان خوبصورت ديوان آهي. ان سلسلي ۾ ”اکيان بلي شاهه“ ”آکيا سچل سرمست ني“، اکيا بابا نانڪ ني“ جهڙيون ڪتابون ڇپايون آهن. خواجه فريد پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪو ڪتاب ڇپايو هيو، ان جو نالو هن ”مثنوي معدن عشق“ رکيو هيو. هاڻي سنڌ جي هڪ عالم جي راءِ ڏسو رشيد احمد لاشاري پنهنجي ڪتاب ”سچل سرمست“ ۾ لکيو آهي ته دراصل هي (سرائيڪي) هڪ قديم گڏيل زبان آهي. جيڪا مغربي پاڪستان جي مختلف ضلعن ۾، قديم علائقن، قديم شهرن ۽ قديم قبيلن جي نالي ۽ مناسبت سان ياد ڪئي وڃي ٿي. مثال پنجاب ۾ پنجابي، لاهور ۾ لاهوري، پوٺهار ۾ پوٺهاري، ملتان ۾ ملتاني، سنڌ ۾ سرائيڪي ۽ ٻيا ڪي ئي نالا هڪ مقامي زبان لاءِ آهن صرف لب ۽ لهجي ۾ فرق آهي. مشهور سنڌي اديب غلام رباني آگرو، ڪلام شاهه لطيف ڀٽائي جي ديباچي ۾ لکي ٿو، ته وادي سنڌ جي تهذيب درياءَ سنڌ جي ڪري آهي. هندڪو (سنڌڪو) جيتوڻيڪ، ديره وال، پنجابي، سرائيڪي، ملتاني، سنڌي ۾ بيشمار گڏيل لفظ موجود آهن. جيڪي هڪ معنيٰ ۾ مريءَ جي جبلن کان وٺي ساحل سمنڊ تائين روزانو استعمال ۾ هوندا آهن. البت هر علائقي ۾ ان جي هجي ڪنهن حد تائين مٽجي وڃي ٿي. ڪيفي جام پوري، ”سرائيڪي شاعري“ ۾ ان شآعر جا اقتباس ڏنا آهن. جنهن کي خواجه فريد ياد ڪندو آهي. ان شاعر جو نالو مولوي لطف علي آهي. جيڪو ملتان جو رهواسي هيو. پهريون ملتان جي درٻار ۾ ۽ پوءِ بهاولپور ۾ نواب صاحب جي درٻار ۾ سيف الملوڪ جو قصو لکيائين، جنهن کي سفل نامو چيائين ۽ هي شعر لکيائين:
    سهڻي ديس پنجاب اتي هي پنجتن پاڪ دا سايا،
    پير بهاوالدين ميڏا، جنهن نور ظهور ڏکايا.
    مولوي لطف علي (ڄم 1941ع) ان زماني ۾ پوري پنجاب جي ڳالهه ڪئي آهي. جڏهن ته ملتان به الڳ صوبو هيو ۽ بهاولپور به مگر لطف علي جي نظر ۾ پنجاب سڀني تي محيط هيو. مولوي لطف علي پنهنجي زبان کي نه ملتاني ۽ نه سرائڪي چيو، بلڪه هندوي، هندي چيو. جن شاعرن پنهنجي زبان کي هندوي چيو انهن جا نالا آهن: عبدالڪريم (جهنگ)، مولوي لطف علي (بهاولپور) شاهه مراد (چڪوال)، ميان محمد بخش (آزاد ڪشمير)، حمل فقير (سکر)، مولوي الله جوايا (سرگوڌا)، علي حيدر (ٽوبه ٽيڪ سنگهه)، احمد يار (گجرات) جڏهن ته انهن کان به سينئر ۽ پراڻن شاعرن حافظ برخودار (حافظ آباد/سرگوڌا) پنهنجي زبان کي پنجابي جو نالو ڏنو آهي. جيڪو اورنگزيب جي دور ۾ مرزا صاحبان جو قصو لکي رهيو هو. سرائيڪي زبان مڃيندڙ ۾، خواجه فريد سرائيڪي زبان جي سڃاڻپ آهي.
    جڏهن ته بابا فريد پاڪپتن شريف کان سلطان باهو، ماڌو لال حسين، دمودر داس، مولانا عبدالله لاهوري، مولوي عبدالڪريم، علي حيدر ۽ شاهه مراد سڀني کي سرائيڪي جو شاعر ڳڻي پنهنجي ڪتابن ۾ شامل ڪيو اٿائون. مگر اصل زور خواجه فريد تي آهي. ليڪن پاڻ وساري ٿا ويهن ته خواجه فريد پاڻ کي ڪٿي به سرائيڪي يا ملتاني ناهي چيو. پر اڻ سڌي طرح پنجابي ئي چيو آهي. ڪتاب ”مقابيس الجالس“ شاهد آهي. جيڪو سندس زندگي جي آخر ڏهه ٻارنهن سالن جي مصروفيات ۽ واقعن تي آهي. هي ڪتاب رياست بهاولپور جي مولانا رڪن الدين فارسيءَ ۾ پنجن جلدن ۾ لکيو آهي. هڪ ٻئي سرائيڪي اديب مولانا الحاج ڪپتان واحد بخش سيال چشتي صابري ان جو اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي. ان ڪتاب جي صفحي 261 تي لکيل آهي. قبله عالم (يعني) حضرت خواجه نور محمد مهاروي جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته پاڻ ڪهڙي زبان ۾ ڪلام فرمائيندا هئا. حضرت خواجه فريد فرمايو، پاڻ اڪثر پنجابي زبان ڳالهائيندا هئا. جيڪا مهران شريف علائقي ۾ ڳالهائي ويندي هئي گويا رياست بهاولپور جي علائقي چشتيان وغيره ۾ خواجه فريد جي ويجهو پنجابي زبان ڳالهائي ويندي هئي. رياست بهاولپور جي علائقي چاچڙان (جتي خواجه فريد جو گهر هيو) ۾ خواجه صاحب مطابق پنجابي ڳالهائي ويندي هئي. ساڳي ڪتاب جي صفحي 503 ۾ لکيل آهي ته ”لالان جي مڙس اٺڻي کي ذبح ڪري اڇلائي ڇڏيو. ليڪن ان جو ڍانچو جنهن کي پنجابي زبان ۾ ڪرنگ چئبو آهي. هلڻ لڳو ۽ جتي جتي لالان هوندي هئي، اتي اهو وڃي پهچندو هو.“
    جاگرافي حدون مٽبيون رهنديون آهن، مگر دلين جي گڏيل ڌڙڪن کي ته نه بدلايو. نه ڪيفي جامپوري ”سرائيڪي شاعري“ ۾ بابا فريد، شاهه حسين، دمودر، مولانا عبدالله لاهوري، شاهه مراد خانپوري، مولوي عبدالڪريم کي ڪڍي سگهيو نه ئي پنجابيءَ وارا سلطان باهو. بلي شاهه، مولوي لطف علي، منشي غلام حسين گامن، خواجا فريد، علي حيدر کي پنجابي ادب مان ڪڍي سگهن ٿا. هي سڀ هڪ ئي ٿڙ مان ڦٽن واريون شاخون آهن. ظلم اهو آهي. ته زبان کي تعليم جو ذريعو نه بڻايو ويو آهي، ورنه ڪيتريون ئي مشڪلون ۽ مونجهارا دور ٿي وڃن ها.
    ڏسي محسوس ٿيو ته شروع ۾ لاهور جا رهواسي به سرائڪي ڳالهيندڙ هئا ۽ لاهور هڪ زماني ۾ ملتان جو زير اثر هو. ڊاڪٽر فقير محمد مرتب ڪليات علي حيدر تي الزام آهي. ته هن علي حيدر جي زبان بگاڙي پنجابي ڪئي آهي. ۽ اها شڪايت هر پنجابي ڪئي آهي ته سرائيڪي ڄاڻندڙ ڪئي ته سرائيڪي شاعرن جي ڪلام کي زوريءَ پنجابي ڪيو ويو آهي. مگر حيرت هن ڳالهه جي آهي.
    (روزانه هِلال پاڪستان 18 سيپٽمبر 1999ع)


    ايماندار ليکڪ جو انعام ۽ ادبي ڪاريگر

    ناول ”اي ٽرين ٽو پاڪستان“ ۽ اليسٽرينڊ ويڪلي آف انڊيا جي حوالي سان مڃتا ماڻيندڙ برک ليکڪا قرت العين حيدر جي مڙس، پوڙهي شينهن زمانن کان هڪ ئي سوچ ۽ محور تي لکندڙ برک ليکڪ خشونت سنگهه کي تازو ”سيلاب انٽرنيشنل سوشل سروس آرگنائيزيشن انڊيا“ پاران سندس ايمانداري ۽ پنهنجي لکڻين ۾ سچ ڳالهائڻ جي ساراهه ڪندي، هن کي ايوراڊ سان گڏ ڏهه لک روپيا روڪ پڻ ڏنا ويا. ۽ ”ايماندار ليکڪ“ جو اعزاز ڏنو ويو.
    خشونت سنگهه جيڪو ڳچ عرصي کان لکي رهيو آهي. هو ڪيترين ئي رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. کيس ڀارت طرفان ان جو قومي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو آهي. جيڪو هن 1984ع ۾ سکن خلاف ڪاروائيءَ ڪرڻ تي حڪومت کي واپس ڪري ڇڏيو هو ۽ پنهنجي حوالي سان ان جو حوالو ئي ختم ڪري ڇڏيو هو. حالانڪ هن تي سيڪس ۽ شراب نوشيءَ جا الزام پڻ لڳندا رهيا آهن. پر هن جي ذاتي زندگيءَ کان مٿانهون ٿي کيس پنهنجي نوعيت جو پهريون ايوراد ڏنو ويو آهي. سڄي دنيا ۾ هي شايد پهريون شخص صحافي يا اديب هجي، جنهن کي ايمانداري سان لکندي، سچ چوندي ۽ پنهنجي قلم کي خوشامد کان بچائيندي لاٺيڙو ٿيندي ۽ قصيده گوئي جي لعنت کان بچائيندي، هن سدائين حق اصول جي ڳالهه ڪئي آهي. نه صرف ڪئي آهي. پر چيو وڃي ٿو ته هن لکڻ جي لڄ به بچائي آهي. ۽ مني صديءَ تائين هن جي لکڻ وارو ڪردار ايماندارانه رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڀارت ۾ هي هڪ ئي ۽ واحد ليکڪ آهي. جنهن کي ايڏي وڏي لقب سان نوازيو ويو آهي. اهو ”ايماندار ليکڪ“ وارو ايوراڊ ڏيندڙ تنظيم پڻ هڪ مشهور تنظيم آهي. جنهن جي ساک پڻ سٺي آهي.
    ٻئي پاسي اسان جڏهن پنهنجي ليکڪن کي ڏسون ٿا. ته چون ٿا ته اسان ۾ ڪهڙو اهڙو اديب آهي. جنهن حق سچ جي ڳالهه ڪندي ثناگيريءَ کان پاسيرو ٿي. ايمانداريءَ سان هڪ مخصوص لابي جي اثرن کان پاڻ کي آجو رکيو هجي؟ ڪنهن به ماڻهو کي ايماندار ليکڪ هجڻ جو ايوراڊ، جيڪو هڪ سروي ڪندڙ اداري طرفان ڏنل هجي. دنيا ۾ بلاشڪ اعزاز آهي. هي اعزاز ”نوبل انعام“ کان به وڏو آهي. جو ڪنهن سرمائيدار جي بچيل دولت جي ورهاست جي رونگ نه، پر سچ ۽ حق جي ڳالهه ڪرڻ تي ڏنو ويو آهي. ۽ محض هڪ اتفاق آهي ته مون گذريل ڪنهن ڪالم ۾ ايمانداريءَ سان لکڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ڪاش! ان زندگي ۾ ٻين سچائين سان گڏوگڏ لکڻ ۾ به سچا هجون ۽ سماجي سياسي اختلافن جي باوجود اايمانداريءَ سان لکون ته هوند اسان هڪ وڏي خدمت ڪنداسين. مان منجهي پيو آهيان ۽ سوچيان ٿو ته اسان وٽ سنڌي ادب ۾ تمام وڏا وڏا اهل وفا، وڏا آسمان جيڏا اديب، شاعر، قلم ڪار ۽ مهمان ليکڪ موجود آهن. اسان مهان اديب ۽ نمائيندا اديب عظيم اديب ۽ وڏو اديب جا سرٽيفڪيٽ ۽ انعام روزانا پيا ورهايون. جنهن کي چاهيون مٿي کڻون ۽ جنهن کي چاهيون هيٺ ڦٽو ڪري ڇڏيون. بهرحال! جيڪي ڪجهه ڪريون ٿا. يا سرٽيفڪيٽ ورهايون ٿا. ان کي ڀلي سٺو سمجهيو وڃي يا نه. اها به اسان کي پروڙ ناهي، جو اسان اديب کي گادي نشين واري جاءِ ڏيئي رهيا آهيون. مون ڳالهه ڪئي ته مان منجهي پيو آهيان ته ڇا اسان جي انهن عظيم، مهان، نمائيدن، ۽ وڏن اديبن ۽ شاعرن مان ڪو اهڙو به آهي. جنهن کي اسان ايماندار اديب، شخص، ليکاري چئون ۽ انعام ڏيون اوهان کي جيڪڏهن اهڙو ڪو سُجهي ته ٻڌائجو ضرور.

    نقاد: اسٽيٽ ايجنٽ يا ادبي ڪاريگر
    نقاد جو ڪم، هونئن ته صحتمند تنقيد ڪرڻ آهي. جيئن تنقيد ٿيندڙ شيءَ کي اڃاوڌيڪ نکاري ۽ اُڀاري سگهجي ان جا ڱڻ نروار ڪيا وڃن. ۽ ان جون خاميون ٻڌايون وڃن ۽ جيڪي ڪوتاهيون ان شيءَ کي شاهڪار بڻائڻ لاءِ منهنجس رهجي ويل سڀ خوبصورتيون شامل ڪيو وڃن. دراصل تنقيد جو مطلب خواري نه پر چڱائي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته تنقيد ڪندڙ جي پنهنجي حيثيت ۽ شخصيت هجڻ لازمي آهي هتي ڊاڪٽر تي ڪمپائوندر ۽ انجنيئر تي دراوغو پيو تنقيد ڪري. اهو هتان جو رائج رواج ٿي ويو آهي. گهٽ ۾ گهٽ هن شعبي سان ته ايمانداري ڪئي وڃي. اسان وٽ تنقيد گهٽ ڪاريگري وڌيڪ آهي. يعني اشارو ڏيو ته ڪرڻو ڇا آهي؟ پٽڪو رکڻو آهي يا لاهڻو آهي. پوءِ اڻ کٽ دليل ۽ تاويلون وڪيلن وانگر پيا ڪيس ٺاهيندا ۽ ڊاهيندا ۽ غير منطقي ڳالهه ۽ اجائي لباڙ تي زور ڏبو.
    ڪجهه عرصو اڳ مونکي سرڪاري رهائش گاهه خالي ڪرڻي هئي. سو ان هڪ اسٽيٽ ايجنٽ شبير ڀائي جي اچي ور چڙهيس. هو مختلف جايون ڏيکاريندو رهيو. هيٺ گرائونڊ واري جاءِ يا فليٽ لاءِ چوندو رهيو. نه چڙهڻ جي تڪليف، هر شئي در تي ٻار ٻچي لاءِ سهوليت، گاڏي دروازي تي بيٺل هجي ته اکين آڏو ڊاڪ هٿو هٿ ملي، گم ئي نه ٿئي. اصل زمين پنهنجي مٿي رهڻ سان ئي ٿئي ٿي. مهمان ڳولڻ ۾ پريشان،مٿيون کڙڪو ڪري ته آواز ڪن ۾، هيٺيان الڳ رڙيون ڪن وغيره وغيره وري مٿي واري جاءِ جي تعريف ڪندي چوي ته سائين رهڻ جو مزو ڪجهه ٻيو آهي. بجلي بند ٿئي ته در دريون کولي ڇڏيو هوا گهوگهاٽ ڪندي اچي نه چوري چڪاري جي ڳڻتي نه بي پردگيءَ جو آزار اصل شور شرابي کان دور ماڻهو ڄڻ ته محفوظ ويٺو آهي. هيٺ سائين وڏو آزار آهي. ماڻهو گهٽيءَ ۾ هلي ته ان جو آواز ۽ واڪو اچي مٿي ۾ ٿو لڳي. بجلي ويئي ته ڄڻ دوزخ ۾ هيٺ وڏي کيچل آهي. ٻار راند کيڏڻ ته بال گهر ۾ ماڻهو وڙهن ته ڀتر پٿر پڻ اڱڻ ۾ هيٺ رهڻ جو سائين مزو ڪهڙو، ماڻهو رهي ته مٿي رهي مان سندس اسٽريو اسٽيٽمينٽ ٻڌي اچي بيزار ٿيندو هئس. ۽ چوندو هيومانس ته : ” شبير ڀائي! تون ته وڏو ليڊر آهي. حڪمران ٿيڻ جون سڀ خوبيون تو ۾ آهن؟ سياست ۾ ڇو نٿو اچين؟
    چوندو هيو سائين! توهان اسٽيٽ ملڪ کي چوندا آهيون نه! ۽ مان ٿيس اسٽيٽ ايجنٽ يعني ملڪ جو نمائندو.“ ۽ پوءِ پنهنجا ڦڪا ڏند ڪڍي کلندو هو. مان نمائندو ته آهيان“ ”شبير ڀائي! تو ۾ وزير ٿيڻ جو سڀ خوبيون آهن.“ کيس هوشياري تي چئي ڏيندو مانس. ”سائين! اڃا مٿي جي ڳالهه ڪر وزير ٿيڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. عرفان الله مروت ته وزير به ڪونهي. مشير آهي. پر پاروفل وزيرن کان گهڻو آهي.“ ۽ پوءِ پنهنجا ڪلها مٿي ڪري هيٺ ڪندو هيو ۽ ساڳيا ڦڪا ڏند ڪڍي کلندو هو. شبير ڀائي دلال چوڻ تي چڙندو هو.بلڪل ائين جيئن اسان جا واپاري پاڻ کي ڪميشن ايجنٽ چوائين. حالانڪ سنڌ ۾ ٻنهي کي اڃا تائين دلال چون. پر دلالي جيئن ته وڌي وئي آهي. ۽ اها ٻين ڪجهه فيلڊن ۾ وڌيڪ عام جام ٿي ويئي آهي. ان ڪري هڪڙا دلال، ڪميشن ايجنٽ ٻيا اسٽيٽ ايجنٽ هئا. اهو ڪم ادب ۾ به چالو آهي. اڄڪلهه اسان وٽ اُن کي تنقيد نگار جو نالو ڏنو ٿو وڃي. جيڪو منهنجي خيال ۾ غلط آهي. اسان وٽ ان جو نالو ”ادبي ڪاريگر“ هئڻ گهرجي. جنهن جو ڪم بلڪل اهڙو ئي آهي. جهڙو اسٽيٽ ايجنٽ ۽ ڪميشن ايجنٽ جو، کپائڻ ۽ پڏائڻ لاءِ خوبيون بيان ڪيون وڃن. اهو رواج هن وقت عام جام ۽ زورئون زور آهي. الله سائين اهڙين ادبي ڪاريگرن کي چڱي راهه ڏيکاري، باقي آسمان تي ٿڪڻ سان پنهنجي منهن ئي ٿڪ پوندي. اسان وٽ اڳ ئي گڏهن جو قصو مشهورآهي. جيڪوائين آهي. ته هڪ همراهه کي پنهنجو گڏهه کپائڻوهو، سو پڙيءَ تي اچي دلال کي ڏنائين. دلال وٺي واڪ ڏنا.ته هي اعليٰ نسل جو گڏهه آهي. جيڪو سڪندر اعظم جي لشڪر واري نسل مان آهي. هر بار کڻي سگهي ٿو. ان جو نسل اڄڪلهه اڻ لڀ ۽ قيميتي آهي. پنهنجي دور جو هي واحد تاريخي گڏهه آهي. جيڪو وڃي اڪيلو ئي بچيو آهي. مالڪ اهي ڳالهيون ٻڌي، وڃي گڏهه ۾ هٿ وڌا، چيائين ته ادا هي کپائڻو ئي ناهي. اهڙيون خوبيون اٿس ته اڳ ڇو نه ٻڌايئي. سو ادبي ڪاريگرن جو به اهو ئي حال آهي!
    (روزانه هِلال پاڪستان چنڇر 25 سيپٽمبر 1999ع)


    استاد بخاري، شخصيت ۽ شاعري

    استاد بخاري، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ۽ ايڪسپريشنلسٽ پوئٽ هو. سندس شاعري ۾، شعر جون سڀئي خوبيون، فصاحت سلاست، بلاغت ۽ تمام گهڻي موسقيت آهي. استاد جو شعر انساني احساسن ۾ ائين جذب ٿئي ٿو، جيئن واريءَ ۾ پاڻي. سندس شاعري عوامي ۽ عام آهي. ايڏي سهڻي شاعري هن دور ۾ رڳو استاد بخاريءَ جي ٿي آهي. منهنجي استاد بخاري سان پراڻي نيازمندي هئي.اڻويهه سئو پنجهتر ۽ ڇاهتر ۾، مان لاڙڪاڻي مان سلسليوار چانڊوڪي پبليڪيشن ڪڍندو هئس. ان وقت ميڊيڪل ۾ سليڪشن جو انتظار هو، لاڙڪاڻي ۾ س ا س شاخ قائم ڪري چڪو هوس، ان ڪري واندڪائي ۾ ادب جي خدمت ۾ جنبي ويس، استاد بخاريءَ سان خط و ڪتابت ۽ مشاعرن ۾ ڏيٺ ويٺ اڳ ئي هئي. سو کيس خط لکي گذارش ڪيم ته چانڊوڪيءَ لاءِ مواد موڪلي. استاد بخاري ڪجهه غزل ۽ قطعا موڪليا. جي مون هر پرچيءَ ۾ واري واري شامل ڪيا. سندس غزل جا بند مون کي اڄ تائين ياد آهن، جيڪي مون ”چانڊوڪي“ ۾ ڇپيا ۽ اهي پنهنجي هڪ عجيب اسٽائيل ۾ هئا، جيڪي روايتي غزل جي اسٽائيل کان مختلف هئا.
    ”جواني چرس جي ٻوري آ، هر ڪنهن کي ملي آهي. گهڻن ڦوڪي مزا ورتا گهڻن چُڪڙي چکي آهي.
    هي غزل پنهنجي موضوع ۾ نهايت انوکو هو. پوءِ 1979ع اڻويهه سؤ اڻاسيءَ ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري جي مئگزين سيڪريٽري طرفان هڪ ادبي ڪانفرنس ٿي، جيڪا ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ياد ۾ ادبي ڪانفرنس هئي. ۽ اها 8 جولاءِ 1979ع تي ايل ايم سي ۾ شاگرد يونين طرفان ڪوٺائي ويئي هئي. جو مان شاگرد يونين جو عهديدار هئس. ان ۾ سنڌ جا ان وقت جا لڳ ڀڳ سڀئي اديب ۽ ڏاها شامل هئا. ۽ اها ڳالهه به دعويٰ سان چئي سگهان ٿو. ته ان جهڙي ادبي ڪانفرنس وري پوءِ اڄ ڏينهن تائين نه ڪوٺائي وئي آهي. سو اُن ادبي ڪانفرنس ۾ استاد بخاري به آيو. استاد سائين کي حيدرآباد وڃڻو هو. باقي ٻين اديبن جي رهائش لاءِ دوستن جا ڪمرا خالي ڪرائي. مهمانن جي حوالي ڪيا ويا هئا ۽ جن جا به ڪمرا خالي ٿيا. ۽ رهيا. اهي منهنجي ڪمري ۾ گڏ ٿيا ۽ رهيا. جو منهنجي ڪمري ۾ گلم ۽ گاديلا هئا. مون نه پئي چاهيو ته دوستن کي تڪليف ٿئي. هڪ ته انهن جو احسان جو ڪمرا ڏنائون، ٻيو ته ٻاهر مڇرن ۾ سمهن. استاد بخاري کي رات جو دير ٿي ويئي ۽ چيائين ته مان حيدرآباد صبح جو ويندس. چيوسين بسم الله پوءِ پاڻ منهنجي ڪمري ۾ رهيا. هاڻي سوال اهو پيدا ٿيو ته هڪ کٽ تي ٻيا هيٺ. سو بخاري سائين کي چيوسين ته اوهان کٽ تي آرام ڪريو. اسين سڀئي هيٺ ٿا سمهون. چيائين ته مان ته اوچتو اچي ڪڙڪيو آهيان. مان مٿي ۽ اوهان نوجوان هيٺ نه بابا نه نيٺ منٿون ڪري کيس کٽ تي آرام ڪرڻ لاءِ راضي ڪيوسين. ان وچ ۾ رات ٻه ٽي دفعا بلب ٻريو ته مون ڏٺو ته بخاري صاحب شعر لکي رهيو آهي. مونکي جاڳيل ڏسي چيائين. بابا معاف ڪجو بس هاڻي شعر پورو ٿي ويو آهي. نه ته وسري وڃي ها. پوءِ صبح جو استاد بخاري ٻڌايو ته هي هڪ ننڍي بندي هر وقت ساڻ هوندي آهي. جڏهن به کيس آمد ٿيندي آهي. هو شعر، گيت، غزل ۽ قطعو لکي وٺندو آهي. جنهن ڪري ريل يا بس ۾ اهو ڪم گاڏي هلڻ جي آواز ۽ ردم ۾ وڌيڪ سولو ٿيندو آهي. پوءِ مون سمجهو ته استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ اها موسقيت ڪٿان ٿي اچي. جو سندس هر شعر ۾ ڀرپور ردم آهي.
    1979ع کي عالمي طور ”ٻارن جو سال“ ڪري ملهايو ويو. ان موقعي کي مون به پنهنجي هٿان وڃڻ نه ڏنو ٻارڙن لاءِ ڪتاب ”مکڙين مالها“ ڇپايو، جنهن جو مهاڳ استاد بخاري لکيو. استاد بخاري مهاڳ جي آخر ۾ لکيو. ”اٿو ڪتاب کوليو. پڙهو گنگنايو ۽ پنهنجو رايو ڏيو. استاد بخاري غريب آباد دادو ۾ اهو مهاڳ ڇپڻ کان اڳ کيس چيو ته سائين رايو ڏيو. اوهان کي ڏين يا مونکي؟ چيائين، توکي ڇو؟“ پوءِ پاڻ ڳالهه اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو ته ذوالفقار! ٻار مون کي ڏاڍا وڻندا آهن. انهن جا لفظ ٽيڙا ميڙا ۽ عجيب قسم جو مضمون مان چاهيان ٿو. ته اهڙا، مزيدار فقرا پهريائين مان پڙهان ۽ پوءِ تون. مان پوءِ اهي خط توکي ڏياري موڪلندس.“
    خبر ناهي استاد بخاريءَ کي خط مليا يا نه؟ پر مون تائين سندس پاران اهڙو ڪو به خط نه پهتو. استاد بخاري جيئن ته بنيادي طور استاد هيو. ان ڪري هو مجلسي ماڻهو هو. جتي به دعوت پهتي اُتي بخاري پهتو سندس آواز گرجدار ۽ مٺو پڻ هو. هن جي شعر پڙهڻ جو اسٽائيل، منفرد ۽ پنهنجو ۽ نرالو آهي. استاد بخاري هونئن ته کلڻو ملڻو انسان هو. پر مون کيس وڏي آواز سان رڙ ڪندي نيڻئون نير هاريندي روئيندي به ڏنو.
    دراصل مون ڪجهه عرصي لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج، اسپتال لاڙڪاڻي ۾ هائوس جاب ڪيو آهي. اُتي استاد بخاري جي پُٽ جو آپريشن ٿيو. استاد سائين آيو. ۽ پٽ کي آپريشن کانپوءِ واري حالت ۾ ڏسي روئڻ شروع ڪيائين.
    مون کيس چيو ته، استاد! اوهان هي ڇا ڪري رهيا آهيون. آپريشن تي به روئبو آهي ڇا؟ چيائين : ”ذوالفقار توکي ٻچا ڪو نهن. ان ڪري توکي ان درد جي خبر ناهي. هي پٽ جيڪو پنجويهه سال مون سان رهيو آهي. اڄ هن حالت ۾ ائين هتي ڏسي مان ڪيئن چپ رهي سگهان ٿو. مون ڏٺو ته هو وڌيڪ روئيندو رهيو. ان وقت سندس ٻيو پٽ به موجود هو. استاد کي چپ ڪرائيندي وقت لڳو. استاد بخاري لنڊن مان جڏهن آپريشن ڪرائي واپس آيو ته ان وقت سنڌ ايجوڪيشن اڪيڊمي پاران حيدرآباد جي زبيده ڪاليج ۾ ساڻس رهاڻ رچائي ويئي. ميان S.E.A (سي) جو بنيادي ۽ باني ميمبر آهيان. جيڪا محترم قاضي آصف ۽ محترم لياقت عزيز وارن ٺاهي. ۽ ان جو پهريون اجلاس مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿيو هو. ان موقعي تي استاد بخاري جي فن ۽ فڪر تي برک اديبن مقالا ۽ مضمون پڙهيا. مون به هڪ مضمون پڙهيو. جنهن ۾ استاد بخاري سان سندس فن ۽ شخصيت جي حوالي سان ڪافي حوالا هئا. استاد بخاري صدارتي تقرير ۾ مونکان منهنجي پڙهيل مقالا گهريون- کيس اوريجنل ئي ڏنم. جو بقول استاد بخاري جي ته هن تي ڪو رسالو نمبر ڪڍي رهيو آهي. هن ڪري هو چاهي ٿو ته اهو مقالو ان ۾ ضرور ڇپجي پوءِ ڇپيو يا نه؟ يا ڪاڏي ويو؟ جو استاد بخاريءَ جهڙو ماڻهو مقالو ڇپڻ لاءِ گهري ۽ مان نه ڏيان. باقي ان رهاڻ جي حوالي سان مون ان راڳ رنگ واري ڪيسٽ لوڪ فنڪار پروڊيڪشن“ جي تعاون سان ڪافي ماڻهن تائين رڪارڊ ڪري پهچائي، جنهن ۾ منظور سخيراڻي استاد بخاريءَ جا نوان ڪلام به ڳايا. جيئن ان رهاڻ جو لطف هڪ عام قاري ۽ ماڻهو به وٺي سگهي. ۽ S.E.A (سي) جي مدد سان ان ڪيسٽ کي عام ڪيو ويو. جيڪو استاد کي ڄڻ هڪ آڊيو ٽريبويٽ هو. استاد بخاري هڪ بلند پائي جو شاعر ته هو ئي. پر هڪ عالم ۽ سٻاجهو انسان به هو. مون اهو محسوس ڪيو ته استاد بخاري چوويهه ڪلاڪ شاعر هو. هو بس شاعر هو شاعر ئي هو. سندس ڪلام هر دور جو ڪلام آهي. هر دور جي شاعري آهي. ۽ جيستائين موسيقي آهي. تيستائين استاد بخاري جهونگاربو رهبو ۽ ڳائبو رهبو.
    استاد بخاري سان منهنجو خط ۽ ڪتابت به هئي هن جا ڪيترائي خط اڃان تائين مون وٽ محفوظ آهن.
    تازو 9 آڪٽوبر تي استاد بخاري جي ورسي ملهائي ويئي. خبر ناهي استاد کي اسان اهو مان ۽ مرتبو ڇو نه ڏنو آهي. جيڪو هو لهڻي. ٿيڻ ته ائين گهريو هو جو اسان جا سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارا استاد بخاري جي ياد ۾، ان کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سال ۾ هڪ دفعو ئي سهي ان جو ڏينهن ورسي ملهايون. ڇا اسان اُن لائق به ناهيون رهيا.

    سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ خدمت
    اڻويهه سؤ ٽيهتر ۾، گورنمينٽ ڪاليج (ڪاري موري) حيدرآباد ۾ داخلا ٿي. مان ان وقت ڪاليج جي مئگزين ”ڦليلي“ جو ايڊيٽر چونڊيو ويس. ان وقت ڪاليج جي مئگزين جو ايڊيٽر ٿيڻ وڏي ڳالهه هئي. جو ان جي چونڊ مضمون نويسيءَ جو مقابلو ڪرائي ڪئي ويندي هئي.جيڪو مضمون انعام کڻندو هو. ان جي ليکڪ کي ”ڦليلي“جو ايڊيٽر بڻايو ويندو هو. ۽ ان جو چيف ان وقت پروفيسر مير محمد ڀيو هوندو هو. پروفيسر ڀيو صاحب اسلامي جماعت جو حامي ۽ مان ترقي پسند لڏي جو هوندو هوس. ان وقت جرئت اخبار ڪراچيءَ جو ايڊيٽر محترم مختيار عاقل پڻ ترقي پسند لڏي ۾ هو. پروفيسر مير محمد ڀيو ذاتي طور مڙئي ڪجهه خفا خفا هوندو هو. پر مضمون ۾ جڏهن پاڻ ئي اول نمبر ڏنائين. تڏهن هن پاڻ ئي ”ڦليلي“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. ان وقت سائين غلام مصطفيٰ شاهه سنڌي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو. ڀئي صاحب چيو ته شاهه صاحب کان انٽرويو وٺي اچ ۽ ڦليلي لاءِ نياپو (ميسج) پڻ. مان سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان ملڻ لاءِ ٽائيم ورتو حيدرآباد جي نور محمد سان گڏجي آفيس پهتس. ۽ اچڻ جي موقعي تي هڪ چٺ تي لکي پيش ڪيم. ٿوري دير کان پوءِ شاهه صاحب سڏايو. مون کيس انٽرويو ۽ کيس ڦليليءَ لاءِ پيغام ڏيڻ جي گذارش ڪئي. پاڻ کي گهنٽي وڄائي سيڪريٽري کي سڏايو. پيغام ڊڪٽيٽ ڪرايو ۽ چيو ته مان مصروف آهيان. ٿوري دير کان پوءِ ماڻهو موڪل ۽ پوءِ شاهه صاحب مرڪندي چيو. بابا جيڪو پڇڻو اٿئي پُڇ.
    مون انٽرويو ڪيو ۽ پيغام وٺي واپس آيس. انٽويو مير محمد ڀئي صاحب نه ڇپيو. جو هو تعليم ۽ شاهه لطيف متعلق شاهه صاحب سان متفق نه هو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي. مون کي سائين جي بيباڪيءَ ۽ شفقت ڏاڍو متاثر ڪيو. ان کانپوءِ ڪراچي ۾ سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي طرفان مختلف ادبي سيمينار، مشاعرا ٿيندا رهيا. ۽ مون شامل ٿي سڏ ته اٽينڊ ڪيا. جنهن لاءِ سائين پروفيسر اياز قادري جو زور بار به هوندو هو. سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي شخصيت تعليم ۽ خدمت جي حوالي سان هڪ اوچيءَ ۽ اهميت واري هئي .سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي لاڏاڻي سبب پڪ سان ٻولي.’ادب ۽ تعليم جو هڪ باب اڌرو رهجي ويو آهي. هاڻي خبر ناهي ته بند پيل”سنڌ ڪواٽرلي“ ۽ ڊان ۾ ”سرونٽس آف سنڌ“ جا اڻپورا پروجيڪٽ ڪنهن جي حوالي ٿيندا. يا اهو باب هميشه لاءِ بند ٿي ويندو؟
    (روزانه هِلال پاڪستان 21 آڪٽوبر 1999ع)


    سنڌي ماڻهو ۽ ايڪهين صدي

    سنڌي ماڻهن جي تعريف ڪندي ڪندي عمر گذاري اٿئون، نه صرف لکي تعريف ڪئي آهي. پر پنهنجي هڙان وڙان، ڏيئي خدمت پڻ ڪئي اٿئون، جنهن جا ثبوت هوندي به پنهنجي منهن ميان مٺو ٿيڻ نٿو چاهيان. هونءَ به نيڪي ڪري دريا ۾ ڦٽي ڪجي ته بهتر آهي. سو ان مصداق يا وري پنهنجي انوکي طبعيت مطابق ته ڪنهن کان ڪجهه نه گهرجي. الله تعاليٰ جي مهرباني سان سڀ ڪجهه هوندي به ڪڏهن ڪنهن ”سياسي گُر“ جي درٻار ۾ نه ويا آهيون. ۽ نه ئي ڪڏهن ڪا پنهنجي گريڊ کان مٿي يا ڪنهن سڻڀي ٽڪر جي لالچ ڪئي اٿئون. جتي به پهتاسين، پنهنجي همت ۽ رڪارڊ مطابق. بهرحال اها تمهيد ان ڪري به ضروري آهي. ته جيئن ڪنهن کي آڱر کڻڻ جي تڪليف نه ٿئي. حالانڪ بدنيت ۽ بدخواهه انهن ڳالهين کي نه ڏسندا آهن. مون ڳالهه پئي ڪئي سنڌي ماڻهن جي، بدبختيءَ اهو علائقو نه هجي. جتي سنڌي گهڻائيءَ ۾ هجن اصل ڌرتي تتي پئي هوندي. ايندي ويندي ته رعب، فوشر، ٽرڙائپ ۽ هلڪائپ، هر ڪو پيو چاهيندو ته هوئي سوا سير آهي. ڀلا، ڀلي هجي. پر قصو اُتي ختم نه ٿيندو. ٻئي کي ايذائبو جي ٻيو ڪو شريف آهي. ته اصل سر ويس، مجال آهي ڪنهن جي جو جائز ۽ ناجائز فرمائشون نه مڃي. نه ته جان جي امان نه ملندس. جيڪڏهن ڪو پٽيوالو يا ڪلارڪ آهي ته اهو پنهنجي آفيس جون سڀ محروميون اچي مائٽن، دوستن ۽ پاڙيوارن مان ڪڍندو پاڙي ۾ اهو وزير اعليٰ کان گهٽ نه هوندو، پر جي اوهان اُن جي سرڪاري آفيس ۾ سندس ٽيبل تي وڃو ته اهو ٻين ۽ ڌارين آڏو پيو ٻانهون ٻڌي، ميڙ منٿون ڪري ۽ پنهنجن لاءِ نرڙ ۾ گهنج وجهي بي رخي سان ڳالهائيندو ڄڻ ڇڻي کاڌو اٿس. جيڪڏهن ڪو فائيل آيو ته پوءِ هيٺيان دٻجي ويو، ڪوشش هوندس ته پنهنجن کي فائدو گهٽ، نقصان وڌيڪ ٿئي؟ ڪو به نه بس هڪ ئي سبب ته رعب ويهي، اصل ڪو ڌاڪو ويهجي وڃي، اڳيان پويان ماڻهو چونس، واهه جو سَٽ ڪڍي اٿئيس، رڳو سکڻي لاءِ فوشر ۾ ان جي نقصان ۽ ڪاٿي جو ڪو اثر ئي نه ٿيندس، پر جي پنج روپيا کيسي ۾ وجهو پوءِ بي ايمانيءَ ۾ ايمانداريءَ جو وڏو مظاهرو ڪندو پر اڃان اڳتي جيڪڏهن ڪو اصلي صفا وڏو آفيسر آهي ته پوءِ خدا ڏي، امان دلاليءَ لاءِ حاضر ڪندو ۽ سواءِ پنهنجن جي نقصان جي هر ڪنهن کي فائدو. ڪنڌ ۾ ڪلي، ڳالهائڻ ۽ ملڻ ناممڪن ، ويو ته ڇڙٻون اصل گاريون سڄي قوم کي الٽو ڪندو پنهنجن آقائن جا جوتا چٽيندو، نوڪرين ۾ ڌاريا کڻندو ۽ پنهنجن کي دٻائيندو. ٻين جي چاپلوسي ڪندو پر جيڪڏهن کيس بدعنواني ۽ بي ايمانيءَ ڪري سيٽ تان هٽايو ويندو، ته پوءِ سنڌ سنڌي ڪندو ويندو، کيس ياد ايندو ته هو سنڌي آهي. ان ڪري کيس هٽايو ويو، غضب جي ايڪسپلائٽيشن، نڪ جي پڪائي ٻڏڻ لاءِ پاڻي گلاس به ڪافي هوندس پر ان لاءِ به غيرت هجي. گهر ۾ سنڌيءَ کانسواءِ سڀ ڪجهه ڳالهائيندو، پنهنجن ٻارن سان به پنهنجي ٻولي ۾ نه ڳالهائيندو. پنهنجا نااهل ۽ جاهل مٽ مائٽ پيو ورسائيندو. ان ۾ قوم جي خدمت ٿي وئي. اصل پهاڙ ٽٽي پيو غريب غربو ته ويچارخبر ناهي ته ڇو پيدا ٿيو آهي. انهن ۾ ٻه ڪلاس آهن، هڪ استعمال ڪندڙ ۽ ٻيو استحصال ڪندڙ. اوهان ڪنهن رڪشا ۽ ٽيڪسيءَ واري کان پُڇو اهڙو جواب ڏيندو جو دل خوش ٿي ويندي. چوندو ”ٽيهه روپيا ڀاڙو- ويهڻو اٿئي ته ويهه نه ته وٺ رستو“ يا وري ميٽر کان ويهه روپيا مٿي وٺندس. ويهه روپيا گهڻا آهن شل نه ڪنهن چيو- جواب ملندو، پوءِ گڏهه گاڏي تي گهم ڪراچي ته سٻاجهن جي وستي آهي. شانتي نگر جتي شانتيءَ کانسواءِ سڀ ڪجهه آهي.شل ڪو گهر کان ٻاهر ويو. واپسيءَ ۾ اصل دل ٺريل ۽ اکيون ٿڌيون هوندس. گهر ۾ بنا پئسي ۽ ضرورت جي مڪمل صفائي سڄي ميڙي چونڊي وئي. وري زندگي جو ميٽر اچي زيرو کان شروع ٿيندو. جيڪڏهن ڪنهن کان پُڇ تي جهيڙو شروع ، لٺيون گوليون اصل تبادلن ۾ چئين ٿو ته اسان چور آهيون. جواب ملندس سائين(مون صرف پڇو ته چوڪيدار/ دڪاندار/يا پاريسري آهين ڪنهن کي ايندي ويندي ڏٺئي ته اها وڏي خطا اصل اربعا خطا، جان ۽ عزت بچائڻ مشڪل نالو آهي. شانتي نگر، حيدرآباد جي قاسم آباد پاڻ کان پري ۽ دريا جي ٻئي پار آهي. اها خبر کاڌن کي هوندي
    شل نه ايندي ويندي نظر پوي، اصل کنهه کنها، عزت وارا اکيون هيٺ ڪيو. زهر جا ڍڪ پيئون هلندا وڃن، ته پنهنجي عزت پنهنجي هٿ ۾ آهي، ڇنڊي ڦوڪي، وري پٽڪو رکڻو آهي، جو ڪنهن نه ڏٺو ته چڱو جي ڪو دڪاندار آهي. اوهان سودو گهرو اهڙو جواب ملندو ڪونهي يا وري هيترا روپيا ڪلو وٺڻو اٿئي ته وٺ نه ته وقت ضايع نه ڪر محسوس ائين ٿيندو ڄڻ اوهان سودو نه پر سڱ گهريو آهي. دخل تي ويٺو ڄڻ صوبائي سيڪريٽري يا ڪو ڪمشنر هجي، اسٽائيل ئي نرالو، ڪهڙيون ڳالهيون لکون، ڪهڙيون ڳالهيون نه! جو پنهنجو ئي منهن آهي ۽ پنهنجو ئي.....
    ڇا ايڪويهين صديءَ ۾ اسان، ان جهالت ۽ ٽرڙپائپ سان داخل ٿينداسين؟ يا سوڪ سينس (سمجهه/شعور) ۽ ڪميونٽي ويلفئير (سٿ ساٿ جي ڀلائي) جو جذبو کڻي اينداسين؟
    اسان ماضيءَ جا مثال سامهون رکندي، جن ۾ سنڌي وزيرن جيڪو سنڌ کي نقصان رسائي، پنهنجو ڀڀ ڀريو آهي، ان جو ڪو مثال نٿو ملي، ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻون. ملڪ سڄو مٺائي آهي، هر ڪو حاتم طائي آهي، سڄي دنيا ۾ ايڪويهين صدي جي پلاننگ جاري آهي. ڇا اسان پنهنجي ديس قوم لاءِ به ڪو مجموعي طور ڪم ڪر رهيا آهيون. يا پنهنجي وحشت ۽ درندگيءَ جي تاريخ دهرائينداسين؟؟؟ بهرحال جيها جي تيها مون مارو مڃيا- چوندا رهيا آهيون ۽ رهنداسين.
    پر اسان وٽ پنهنجي نئين نسل جي ٽريننگ لاءِ ڪو به پلان ڪونهي، ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪو به روشن دڳ ناهي ڏسيو، اسان سڀئي سهڻن کاتن ۾ پئسا ڏئي يارن جي آسري ۾ پنهنجي نوجوانن لاءِ صرف ڊگريون وٺي رهيا آهيون، پر هن ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر جي صدي ۾ اسان ڪا به پلاننگ (منصوبا بندي) ناهي ڪئي. ڪميونيڪيشن جي ذريعي دنيا کي بلاشڪ هڪ ننڍڙو ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي. ۽ ان جو اثر عام ماڻهن تائين به پهتو آهي. هينئر سنڌ ۾ به ننڍڙن جهوپڙن نما هوٽل ۾ ڊش اينٽينا لڳل آهي. جيڪي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کان پل پل آگاهه آهن. ڀلي انگريزي زبان کان ناواقف هجن پر ويولائيزيشن ۾ ٿورو گهڻو محسوس ضرور ڪري رهيا آهن. هينئر زبان جي محتاجي پڻ ختم ٿي رهي آهي. سنڌ ۾ صرف سنڌي زبانن ۾ روزانو پنجٽيهه 35 اخبارون نڪرن ٿيون. ۽ اهو انگ اردو اخبارن کانپوءِ پاڪستان ۾ اخبارن جو وڏو انگ آهي، آخر اخبارون هلن ٿيون ته نڪرن ٿيون نه ۽ اخبارن ۾ جيڪا ڇپائيءَ جي ٽيڪنالاجي آهي. اها ملڪ ۾ ڪيترين ئي انگريزي ۽ اردو اخبارن کان بهتر آهي. جنهن ۾ دنيا ۾ ٿيندڙ اهم واقعا رنگين ڇپائي سان ڇاپايا وڃن ٿا. اهڙي طرح اطلاعات جا ٻيا ذريعا جن کان اسان عام ماڻهو پڻ واقف آهي. جنهن ۾ بي بي سي جون خبرون اوهان ڳوٺ ۾ وڃو، ڪراڙا ۽ جوان ريڊيا ڪنن تي لڳايو ويٺا هوندا، ان کانسواءِ طب ۽ ٻين شعبن ۾ جيڪي نيون ايجادون ٿيون آهن. انهن جو اثر ۽ فائدو عام ماڻهن تي پيوآهي. هينئر وڏن شهرن ۽ ضلعن ۾ بُڪي جي صفائيءَ جون مشينيون بنا آپريشن جي پٿريءَ جو نيڪال آهي- اُهي ڳالهيون آهن. جن جو سنئون سڌو اثر هاڻي هر ماڻهو تي پيو آهي. ۽ هر ماڻهو انهن جي فائدن کان واقف آهي. ايڪويهين صديءَ ۾ اسان جون ترجيحات ڪهڙيون آهن؟ ايڪويهين صديءَ ۾ اسان جون ضرورتون ڪهڙيون آهن؟ يا وري ايڪويهي صديءَ ۾ اسان کي سماجي ڀلائي لاءِ ڪهڙا پروگرام ۽ سڌارا ترتيب ڏيڻ گهرجن، زنده قومن ۽ زنده دل ماڻهن کي ان تي سوچڻ گهرجي ۽ ان بحث کي عام ڪرڻ گهرجي. ان سان اسان جي قومي بقا ۽ آئيندو روشن ٿي سگهندو. اميد ته اسانجا دانشور ۽ عالم ان اهم باب ڏي ڌيان ڏيندا.
    شاعر/ مضمون نگار شامل آهن هن پاسي ۽ اهڙن حقيقتن ڏانهن به ڌيان ڏنو وڃي ۽ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا سرڪاري ادارا جيڪي صرف سندن آفيسرن ۽ گهڻگهرن جا ڪتاب ڇپائي رهيا آهن. انهن کي ڪجهه پوءِ ڀلي اهو ٿورو ڪم ٿي ڇو نه هجي ڪوالٽيءَ ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهرجي شايد ائين به نه ٿي سگهي. جو ان جو شڪار هميشه سنڌي لکندڙن ئي رهيو آهي. جيڪو هميشه ٽه واٽي ۽ چؤاٽي تي بيٺو آهي.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 20 نومبر 1999ع)


    شيخ اياز، سالگرهه ۽ ورسي

    شيخ اياز جي شخصيت جيتوڻيڪ سندس خاندان سميت اختلاف جو شڪار رهي آهي، پر هن جي شاعري هميشه مٿانهين رهي آهي. ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته شيخ اياز اڻويهين صديءَ جي وڏن شاعرن مان هڪ آهي. اياز جي شاعريءَ جا جتي گهڻا ڪارناما آهن، اتي شروع شروع ۾ هن کي اهو فائدو به مليو ته نعري بازي واري شاعريءَ جو جيڪو ٻج ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ وڌو، شيخ اياز ان جو ميوو ورهايو.ان ميوي جي ميٺاج ۽ خوشبو ڪري، هي نوجوانن جو هيرو ۽ افسانوي ڪردار ٿيندو ويو. سندس شاعريءَ جو سحر هن جي ذاتي خامين کي لڪائي ڇڏيو. شيخ اياز ڪڏهن به عوامي ماڻهو نه رهيو، هو هيٺلو مغرور ۽ بي فيض هو ۽ آخر دم تائين رهيو. سواءِ پنهنجي ذاتي پروجيڪشن جي هن ڪڏهن به ڪنهن کي وقت نه ڏنو هن جيڪي ڪجهه ڪيو پنهنجي ذات لاءِ ئي ڪيو. پنهنجي ذات جي فائدي لاءِ ۽ شخصيت کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو. عوامي ۽ سماجي بهبود جو هن وٽ ڪو تصور ئي نه هو، پر ان جي برعڪس اسان جي ئي هن سماج ۾ اهڙا ڪيترائي رهبر هئا. جن پنهنجي ذات لاءِ گهٽ ۽ سماج لاءِ وڌيڪ ڪيو. انهن ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، علامه دائود پوٽو، حسام الدين راشدي ۽ ٻيا ڪيترائي عالم ۽ سڄاڻ رهبر اچي وڃن ٿا. پوءِ اهو سنڌي قوم جو وڙ آهي، جو هن سڀ ڳالهيون وساري، ٻولي لاءِ ڪيل خدمتن جي عيوض شيخ مبارڪ عليءَ کي شيخ اياز بڻايو. مان ۽ مرتبو ڏنو. ۽ هن کي اکين تي رکيو . حالانڪ اهو ساڳئي شيخ اياز هو. جنهن بري وقت ۾ پنهنجي قوم جي مدد نه ڪئي ۽ پئسن تي شاگردن ۽ اديبن جا ڪيس وڙهندو رهيو. اهو به ڳرين فين تي، ان حد تائين جو جيڪڏهن ڪنهن جا ڪجهه پئسا رهيل هوندا هئا ته چوندو هو پئسا آڻيو ته پوءِ ڪورٽ ۾ اچان. اهو دور ون يونٽ وارو دور ۽ ايوب خان وارو مارشل لائي دور هو. ان کانپوءِ ڀٽي صاحب جي دور ۾ به هن جو ڪم ساڳيو رهيو. قومي شاعر پنهنجي قوم جي غريب، بي پهچ خود سر ماڻهن لاءِ سڄي عمر پروفيشنل رهيو ان جي مقابلي ۾ سنڌ جا مٿي ذڪر ڪيل سڀئي اڳواڻ بي لوٽ رهيا. شيخ اياز جي اهڙن ”ڪارنامن“ جا اڃا به گواهه موجود آهن، جن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي فتاح ملڪ، امان الله شيخ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. جن کان هن عوام جي هڏ ڏوکي شاعر جو احوال پڇي سگهجي ٿو. هونئن ته ڪيترائي واقعا شامل آهن. پر شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿي رهيو هو. هو اُن وقت سوڀي گيانچنداڻي وٽ لاڙڪاڻي آيو. مان ۽ امان الله شيخ به موجود هئاسين. شيخ اياز چيو: ”سوڀا! ٻڌاءِ مان وائيس چانسلر ٿيان يا نه؟“ ڪامريڊ چيس: ”اياز تو پنهنجو نالو پنجاهه سالن ۾ محنت سان ٺاهيو آهي“، ”هڪ ڌڪ ۾ ڊهي ويندئي، بهتر اهو اٿئي ته وائيس چانسلر نه ٿي، تو کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي.تنهنجي پريڪٽس ڏاڍي سٺي آهي.“ ان موقعي تي امان الله شيخ چيو، شيخ صاحب! مان سکر اوهان سان ملڻ آيو هئس. اوهان ڀٽي صاحب لاءِ جيڪي لفظ چيا هئا، اهي اڃان منهنجي ڊائري ۾ لکيل آهن. ان وقت شيخ اياز فرمايو، امان! هاڻي پنهنجيون ڊائريون پوري ڇڏ“ ۽ ڪامريڊ جي گهر اسان گڏجي لنچ ڪئي هئي.پوءِ سمبارا هوٽل جتي اياز ترسيل هو، منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي چيائين! ڪامريڊ منهنجو رهبر دوست آهي. ۽ مان وي سي نه ٿيندس، پوءِ اها سڀني کي حيرانگي ٿي ته اياز ٻئي ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ويو۽ وي سي ٿي ويو، هو عهدي لاءِ ڏاڍو آتو ۽ اُتاولو هو، هن کي سڀ کان وڌيڪ جيڪا شئي اهميت واري لڳندي هئي. اُها هئي هن جي پنهنجي ذات. ٻيو واقعو به ياد آهي ته قائم علي شاهه صاحب سنڌ جو وڏو وزير هو. طارق اشرف، اديبن کي گڏ ڪري سنڌ، سنڌيءَ ٻولي ۾ سنڌ ادب جي مسئلي جي سلسلي ۾ شاهه صاحب سان هڪ وفد ملاقات لاءِ وٺي ويو. ان وقت مولا بخش چانڊيو ۽ نزهت پٺاڻ سي ايم هائوس ۾ موجود هئا. وفد ۾ شيخ اياز، غلام نبي مغل ۽ ٻيا ڪيترائي اديب موجود هئا. مان به هيس، اهو طئي ٿيو ته ڪو به اديب پنهنجو ذاتي ڪم نه چوندو، ڊسڪيشن کانپوءِ شيخ اياز پنهنجي کيسي مان درخواستون ڪڍيون ۽ قائم علي شاهه کان صحيح ڪرايائين، جنهن ۾ پٽ جي نوڪري ۽ ٻيون مراعتون شامل هيون. اها ڳالهه سڀني کي بري لڳي ۽ طارق اشرف هن کي چيو به ته اوهان سٺو نه ڪيو، پر مجال جو شيخ اياز کي ڪجهه محسوس به ٿيو هجي. ڳالهيون ته ڪيتريون ئي آهن، پر ڪهڙيون ڪري ڪهڙيون ڪجن. شيخ اياز برسات اخبار جو چيف ايڊيٽر هو. مون عبرت ۽ عوامي آواز ۾ ڪالم لکيا، انهن ۾ شيخ صاحب جون مٿيون ڳالهيون ڪن ڪالمن ۾ لکيون، ان جو انعام اهو مليو جو منهنجو نالو ”برسات“ ۾ ڇپجڻ تي ”بين“ لڳو. ان وقت مان سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي عهديدار هئس، منهنجو نالو ڪٽي ٻيا نالا ڇپبا هئا، ان وقت اخبار ۾ اسان جو دوست سڄاڻ صحافي سائين انور پيرزادو ۽ سائين بدر ابڙو به ڪم ڪندا هئا.۽ سڀ ان حڪم جي پورائي ڪندا هئا، پوءِ جڏهن محترم يوسف شاهين جيل ويو، اياز نڪري ويو ۽ سروس اسپتال ڪراچي ۾ يوسف شاهين جي فرمائش تحت مان ساڻس ملڻ ويندو هئس ته پوءِ ”برسات“ اهو نالو ڇپڻ شروع ڪيو، جنهن جو حال به ٿر جهڙو ٿيڻ لڳو، سنڌي صحافت ۾ اهڙي قسم جو هي پهريون مثال هو، شيخ اياز جڏهن رحلت ڪري ويو، تڏهن ميت کي اسپتال مان کڻي گهر پهچائڻ وارن ۾ ع غ تبسم، الطاف کيڙو، ۽ مان به شامل هئس. اهو ان ڪري جو مون کي خبر پئي ته مان ان وقت ئي مڊ ايسٽ اسپتال ڪراچي پهچي ويس، دراصل اياز سان منهنجي ڪا به ذاتي رنجش، بغض يا ڪينو نه هو، هونئن به شيخ اياز جيڏي هستي ۽ شخصيت سامهون اسان جو ڪهڙو نالو ۽ شمار!! پر پنهنجي کري شخصيت ۽ صاف گوئيءَ ڪري مون زندگيءَ ۾ گهڻيون تڪليفو ڏٺيون آهن.

    اسان جي قرآن ۾ سچ چوڻ، ڪوڙ کان بچڻ ۽ منافقي نه ڪرڻ جي بار بار هدايت آهي. هونئن به انسان کي سچ ڳالهائڻ گهرجي جيڪا روايت يورپ ۽ آمريڪا ۾ عام آهي. حالانڪ اها تعليم اسان جي آهي. اسان وري ڪوڙ کي عام ڪيو آهي. مجال آهي جو ايماندار ٿيون ۽ سچ ڳالهائيون. حد ته اها آهي جو بجاءِ پاڻ ڪجهه چئون، پنهنجي ڇاڙتن ۽ ايجنٽن ذريعي ڳالهائيندا آهيون، تازو شيخ اياز جي سالگرهه ملهائي وئي، افسوس جو شيخ اياز پنهنجي پويان وڏين نوڪرين وارا ۽ پڙهيل لکيل اولاد ڇڏيو آهي.پر ڪنهن به ان جي سالگراهه نه ملهائي.شيخ اياز هنن کي ورسائي ۽ وسائي ويو آهي، جيڪڏهن هڪ هڪ ٻار رڳو سال ۾ هڪ هزار ڪڍي، ته به هن جي سٺي سالگراهه ۽ ورسي ملهائي سگهجي ٿي.جيئن فيض احمد فيض جي ورسي سندس خاندان، خاص ڪري هن جي ڌيءَ منيزه هاشمي لاهور ۾ ملهائيندي آهي. پر افسوس اهو آهي ته شيخ اياز جا پونيئرسندس سالگراهه ۽ ورسي به پاڻ نٿا ملهائين ۽ اهو به سنڌي عوام ملهائي، جيڪو غريب پنهنجن مسئلن ۾ اڳ ئي گهڻو ڦاٿل آهي. ان هوندي به اهو ملهائي پيو. حالانڪ شيخ اياز سڄي زندگي ڪنهن سان عذر خواهي به نه ڪئي. ڏک ان جو آهي ته سندس گهر واري جيجي زرينه اياز سڄي قوم تي ڪاوڙي ويٺي آهي. حالانڪ هن قوم انهن کي مان ۽ مرتبو ئي ڏنو آهي. الله جو ڏنو هينئر هن وٽ گهڻو گنج آهي. جيڪڏهن الفرڊنوبل وانگر سڄي ملڪيت نه ئي سهي، پر شيخ اياز جي ڪمايل ۽ رکيل پئسن جو ڏهون حصو يا ان جي وياج جو اڌ حصو، ان جي نالي ۽ مڃتا تي خرچ ڪن، ته اهو شيخ اياز جي خاندان تي به حق آهي.۽ فرض به. پر جيڪڏهن شيخ اياز هنن لاءِ ڪجهه به نه ڪري ويو آهي ته هينئر سندس اولاد وڏي منزل تي آهي. پنهنجي پيءُ لاءِ پنهنجي ڪمائيءَ مان ڪجهه رقم خرچ ڪرڻ به انهن جو فرض آهي، پر لڳي ٿو سنڌي قومن جي ٻين ڊيوٽين مان هڪ اها به ڊيوٽي آهي. ته هو شيخ اياز جي سالگرهه ۽ ورسي به ملهائيندا رهن جو اُهي ئي شيخ اياز صاحب جا وارث آهن. سندس پوينئر هن جي رڳو ملڪيت ۽ لائبريري جا وارث آهن، ۽ باقي جيجي زرينه اياز کي هڪ گذارش ته سندس بيان مطابق ته ماڻهو اياز جا پنا چورائي پنهنجي نالي شايع ڪن ٿا يا ڪري رهيا آهن ته هو انهن جا نالا پڌرا ڪري جيڪي شيخ صاحب جا پنا چورائي پنهنجي نالي شايع ڪرائي رهيا آهن، آخر اها چوري هڪ اڌ ماڻهو ڪندو هوندو، سڄي قوم يا ادبي لڏو ته ان ادبي چوري ۾ شامل نه هوندو. ان ڪري هڪ ماڻهو جو ڏوهه ان جي نالي سميت شايع ڪرڻ گهرجي. رڳو الزام هڻڻ سٺي ڳالهه ڪانهي. هونئن به شيخ اياز پاڻ ڪيترا پنا پرڏيهي شاعري مان چوري ڪندي، پنهنجي نالي ۾ شايع ڪرائيندي پڪڙجي به پيو، خبر ناهي شيخ اياز جا پنا چوري ڪندڙ پڪڙجي به ٿو يا نه؟هونئن به شيخ اياز تي ڇتي تنقيد ڪندڙ اهي ئي هن جا وڏا مجاور ٿي ويٺا آهن، خبر ناهي ان کي مجاوري چئجي يا منافقي، پر شيخ صاحب جي فيملي جي ويجهو اهڙا ماڻهو موجود آهن، جن کان کين بچڻ گهرجي،
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 11 مارچ 2000ع)


    علڻ فقير

    علڻ فقير جا جيڪي ڪلام آهن، انهن جي سڃاڻپ شاعري گهٽ، علڻ فقير پاڻ هيو، ان کان ايترن ڪيترن ئي اسمن جي سڃاڻپ علڻ جي پرفارمنس هئي هو سنڌ جو واحد حقيقي ۽ فطري پرفارمر هيو. سندس ڳائڻ ۾ لفظن جي ادائيگيءَ ۽ اشارن ۾ ان جو اظهار نه صرف شاعري جو مفهوم واضح ڪندو هيو، پر ڏسڻ وارن تي هڪ انوکو سرور طاري ڪري وجهندو هيو.
    علڻ فقير پنهنجي ڳايل هڪ ڪلام تي جيتوڻيڪ خوش نه هوندو هيو. پر ان تي شرمنده به نه ٿيندو هو. علڻ فقير سڄي دنيا گهميو پر هو سعودي عرب نه ويو. عجيب اتفاق آهي.آخري ڏينهن ۾ جناب حميد آخوند هن جي مدد ڪئي، ۽ هن کي حيدرآباد مان کڻائي لياقت نيشنل اسپتال جي ايگزيڪيوٽو وارڊ ۾ داخل ڪرايو. هونئن به آخوند صاحب جي علڻ سان محبت هئي ۽ علڻ کي به کيس پنهنجو محسن چوندو هيو، جڏهن به ماڻهو آخوند صاحب تي تنقيد ڪندا هئا. ته علڻ فقير تپي باهه ٿي ويندو هو. هو آخر دم تائين اهڙو اظهار ڪندو رهيو. علڻ فقير محبتي ماڻهو هيو سچو ماڻهو هيو، هن ڪڏهن به وڏائي نه ڪئي. اوهان کيس گهرايو، پوءِ جڏهن ۽ جنهن واري تي ڳارايوس. هو فرمائشون نه ڪندو هيو، ته هن کان اڳ وارو ڏيو يا هن کان پوءِ هر وقت ايٽ يوئر ڊسپوزل. اهو ڪمال ماسٽر فيروز گل جو به هيو، آخري ڏهاڙن ۾ علڻ فقير جا مالي حالات ٺيڪ نه هئا. ان جي باوجود هڪ فقير هوندي به هن چڪر نه هنيا.
    پر علڻ جو الميو اهو به هيو ته هو مرد هيو. مرد به مڪمل مرد نه ته شايد قوم جو ڪجهه حصو هن ڏي به لڙي پئي ها. ڪو ويل وهي وڃيس ها. شمن ميرالي هن لاءِ ڪو شو نه ڪيو ۽ٻين به هزارن جي امداد جو اعلان نه ڪيو. حالانڪ علڻ فقير چار پنج ڏينهن اسپتال ۽ ان کان اڳ پنهنجي گهر بستري تي داخل هيو. جيئن ته هو مولائي ماڻهو هيو ۽ انهن سڀئي ڳالهين کان بي پرواهه قدرت ۾ هن جو وڌيڪ ويساهه هيو. هو دل جو ڏاڍو نرم هيو ۽ ٻارن وانگر جلديءَ ۾ ڊڄي به پوندو هيو ۽ روئي به ڏيندو هيو. لاڙڪاڻي ۾ هڪ مشاعرو هيو. جناح باغ ۾ ممتاز مرزا مرحوم ۽ آخوند صاحب خاص اڏام ذريعي ڪراچي کان شاعر ۽ فنڪار ان مشاعري ۾ شامل ٿيڻ لاءِ گهرايا. ان هوائي جهاز هوا جي دٻاءُ ۾ جهٽڪا کائڻ لڳو ته ان وقت جهاز ۾ علڻ فقير به هيو، اچي جو علڻ رڙيون ٿي ڪيون اصلي ٻارن وانگر رٺو پئي. الله رحم ڪيو. پر فقير سائين دل هاريو پئي هليو. علڻ فقير، فقير ضرور هيو پر دل جو بادشاهه ۽ سخي هيو ۽ ان جو فائدو ماڻهن ورتو به، فنڪشن ۾ گهرائي ڪن ڏنو، ڪن نه دعائون ڪندو رهيو. ڪڏهن ان مسئلي تي اسان هن کي ڪنهن سان جهيڙو ڪندي نه ڏٺو، نه ٻڌو شاگرد گهڻو ڪري هن کي گهرائي پوءِ دعائون وٺندا هئا ۽ واعدي جو به پڪو هوندو هيو چئي ڪري ضرور پهچندو هيو. فقيرائي لڏو ٻه ٽي روپيه ڀاڙو وٺندو هيو. اهو به علڻ جو هڪ وڏو ڪمال هيو ته هن ڪافيءَ جهڙي مقبول صنف جي دور ۾ وائي کي مقبول ڪيو. عام ڪيو ۽ ان ۾ ڳائڪيءَ جو روح ڦوڪيو. سندس آلاپ وجد ۾ آڻي ڇڏيندو هيو. علڻ فقير هڪ فطري فنڪار هيو. هو سنڌ جو واحد فنڪار هيو. علڻ فقير جي وفات سان وائي جي راڳ ۽ صنف سان گڏ اجرڪ جي اسٽائيل ۽ سنڌ جي لوڪ رنگ جو وڏو نقصان ٿيو آهي. الله کيس جنت ۾ جاءِ ڏي، جو هوئي حقيقي مالڪ ۽ دليون پرکيندڙ آهي.
    علڻ فقير جو موت، هڪ شخص جو موت ناهي، هي موت هڪ انداز جو موت آهي. علڻ فقير جو وڇوڙو سنڌي راڳ ۽ وائي جي ڳائڪيءَ جو وڇوڙو آهي. اجرڪ جي جهالردار تري جو وڇوڙو آهي. جيڪو صرف ۽ صرف علڻ فقير ئي ٻڌندو هو. سڄي سنڌ ۾ اهڙو خوبصورت جهالدار ترو سواءِ علڻ فقير جي نه ڪنهن ٻڌو ۽ نه ئي اسان ڪنهن کي ٻڌندي ڏٺو. علڻ فقير سريلي وائيءَ هو.اجرڪ هو. سنڌ هيو، هن جي موت سان صوفيانه ڪلام جو هڪ باب پورو ٿيو. علڻ فقير جي بيماري جي خبر پڙهي، جڏهن مان لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي جي ايگزيڪيوٽو وارڊ جي ڪمري نمبر 106 (هڪ سؤ ڇهه) ۾ هن جي عيادت ڪرڻ ويس، ان وقت سندس پٽ فهيم موجود هو. جنهن ٻڌايو ته هي ڪنهن سان به نٿو ڳالهائي ۽ ڪنهن کي به نٿو سڃاڻي. مون هن جي مٿي تي هٿ رکيو. ان وقت علڻ چيو ته ويهه ۽ چيائين ته مون کي کاٻي ڏاٺ ۾ سور آهي. مون هن جي پٽ فهيم ڏي ڏٺو ۽ فهيم مون ڏي ته هن ته باقاعدگيءَ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، فهيم مونکي نه پيو سڃاڻي ان ڪر هن سان پنهنجو تعارف ڪرايم ۽ چيم ته لڳي ٿو ته علڻ مونکي پنهنجي تڪليف ٿو ٻڌائي پوءِ مان ٿوري دير هن وٽ ويٺس، مونکان پوءِ فون ڪري هڪ دوست صحافي صورتحال پڇي. کيس سمورو احوال ٻڌايم.
    منهنجي علڻ فقير سان پراڻي نيازمندي هئي ۽ هو پنهنجن جيان ڀائيندو هيو.هو ڪڏهن ڪڏهن چوندو هيو هو ابا هل ته فلاڻي اقتدار جي مالڪ کي تنهنجي سفارش ڪري اچان. پر مان سدائين مرڪي مهرباني مڃيندو هيومانس. علڻ جي طبعيت ۾ مزاح ڀريل هوندو هو، گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته اسان ٽي وي اسٽيشن جي رسيپشن تي ملياسين. ان وقت سينئر سيڪيورٽي آفيسر شهاب خان نئون نئون آيو هو. هن علڻ کان پاس ٺاهڻ لاءِ نالو پڇيو. علڻ تپي باهه ٿي ويو. چيائين اڙي‘ تون مون کي سڃاڻين نٿو. نالو ٿو پڇين؟ هن چيو سائين نالو ٻڌايو ته پاس ٺاهيان. پوءِ علڻ جو وات هلڻ لڳو، ۽ مون کي چيائين ممتاز مرزا کي ٻڌايان ته گيٽ وارو نٿو ڇڏي، مون وڃي ممتاز مرزا مرحوم کي ٻڌايو. جنهن فون ڪئي ۽ معاملي کي ٽاريو.
    مان علڻ کي چوندو هئس ته سوال پڇان چوندو هو کوڙ پڇ، چوندو هيومانس ته دنيا جو اهو ماڻهو ”جيڪو پاڻي نه پيسئندو آهي؟ جواب ڏيندو هيو. علڻ فقير،
    پوءِ چوندو هيومانس ته لنڊن اچين وڃين ٿو. اها خبر گنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ ڇپراءِ چوندو هيو اهو ڪم ته ادا ممتاز يا تون ڪر. مان ڇا ڄاڻان ان رڪارڊ مان.
    علڻ فنڪشن ۾ به ڳائڻ کان اڳ تقرير شروع ڪندو هو. مون کيس گهڻو سمجهايو ۽ ان مسلسل سمجهائڻ ۽ ٽوڪڻ جي باوجود اهو ڪم ختم نه ٿي سگهيو پر ان ۾ ڪنهن حد تائين ڪمي ضرور آئي.
    علڻ فقير بلاشڪ سنڌ جي سڃاڻپ هو. هو ظاهري ۽ باطينيءَ سنڌ جو ئي حوالو هيو. هو سنڌ جي ثقافت هو، سنڌي موسيقي هو، ۽ سنڌ جو سفير هيو. هُو مان هو مان کان وٺي ٽڙي پوندا ٽارئين- تائين اهي ڪلام ڄڻ ته علڻ هئا.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 8 جولاءِ 2000ع)


    ڇا هي به ڪا ايجنڊا آهي

    اسان جي ملڪ ۾ انساني حق (هيومن رائيٽس) هڪ وڏو نعرو آهي. ڏٺو وڃي ته ليبل بهترين آهي.پر ان جي اندر جيڪو مواد آهي. ان جو ذائقو مختلف موقعن تي مختلف آهي.نيتن جو پرکيندڙ ته الله تعاليٰ آهي، پر معاملو مٿان به ڪجهه چٽي طرح نظر اچي رهيو آهي.هاڻي انساني حقن واريون تنظيمون به ڄڻ ته سياسي پارٽيون ٿي ويون آهن، بلڪل ائين جيئن سياست ۾ ٿيندو آهي. ته ليڊر جو پٽ، ڀاءُ، زال، ڌيءَ ان جي قيادت سنڀاليندي آهي، جيئن مرحوم شڪيل احمد پٺاڻ جي گهر واري هينئر انساني حقن واري تنظيم جي مڙس کانپوءِ اڳواڻ آهي. ۽ اسان جي ملڪ جو هڪ ٻي نامور وڪيله محترم عاصمه جهانگير سنڌ جي هاري تي ٿيندڙ ظلم کان نجات ڏيارڻ لاءِ پنهنجي خرچ تي هڪ اڌ چڪر لڳائي انساني حقن جي نالي ۾ ملندڙ ان سڀ ڪجهه ڳالهين جي پوئواري ڪري ٿي. هن محترم کي به سنڌ ۾ وڏيرن جا نجي جيل نظر اچن ٿا، پر اسان جي جيلن جو آئي جي صاحب جيڪو برگيڊيئر به آهي چئي ٿو ته قيدين تي جيل ۾ تشدد ڪيو وڃي ٿو. اهو ڪنهن کي به نظر نٿو اچي، جو هتي سياست جيئن ته اهو نامراد وڏيرو ئي ڪري ٿو، ڪو ڪولهي يا ڀيل صرف اهو ئي ڪري سگهي ٿو ته قرض وٺي ان کان جان ڇڏائڻ جو اهو ئي شوشو ته نجي جيلن ۾ بند آهي.ڀلا جيڪڏهن فرض ڪيو ته نجي جيل آهي.ته پوءِ سرڪار جو به ڪو فرض ٿئي ٿو، جن وٽ هينئر انساني حقن جي وزارت به آهي، بهرحال محترمه عاصمه جهانگير اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به هاري جي ڪنهن به ڪيس جي پوئواري نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ٻين انساني حقن جي معاملي ۾ باقاعدگيءَ سان اڳتي عملي طور وڌي آهي، سواءِ شوشي ڇوڙڻ جي اسان جي هاريءَ جو وڏو مئسلو زمين جي ليز (ڪچي جي) ۽ پاڻي آهي، پر هنن وٽ ٻيو ڪجهه ان ڪري به ڪونهي ته ويچارو اهو هاري يا متاثر ماڻهو ڪراچي کان لاهور تائين جي فرسٽ ڪلاس هوائي ٽڪيٽ ۽ فائيو اسٽار هوٽل ۾ طعام ۽ قيام جو خرچ ڀري ئي نٿو سگهي. ها پاڻ مس مس ٻه ويلا ماني کائي ٿو. جيڪو کائي به ٿو الائي نه؟؟ سو اهو ان گروپ کي جيئن ته ڀاڙو ڀتو نٿو ڏئي سگهجي. ان ڪري انهن انساني حقن جي پوئيواري طور اها بيان بازي ئي ڪافي آهي، جو انهن جون ڪٽنگون (Cutings) وڏو ڪم ڪن ٿيون ۽ اصلي اهوئي ڪم ڪن ٿيون .جنهن سان گلشن جو ڪاروبار هلي ٿو اسان کي جيئن ته ڪا به خبر ڪانهي، جيئن ٻيا ماڻهو اخبارون پڙهن ٿا. تيئن اسان به اخبارون پڙهون ٿا ۽ انهن اخبارن ۾ جيئن ته خبرون هونديون آهن. ان ڪري اسان مجبورن اهي خبرون به پڙهون ٿا، جن ۾ اسان جي ٻين صوبن ۾ به، نياڻين سياڻين کي ننگو ڪري نچايو وڃي ٿو، ۽ وحشت ڀريا سڀ وار ڪيا وڃن ٿا. جن جو ذڪر بار بار اخبار ۾ اچي ٿو ان حد تائين ته سؤ ٻارن جو قتل ڪيو وڃي ٿو. پر اسان جون اهي انساني حقن واريون تنظيمون چپ آهن، تازو لاهور جي ڀرسان شيخپوره جي ٿاڻي فيڪٽري ايريا جي حد برج اٽاريءِ ۾ ٻه نقاب پوش، مقامي زميندار کي اگهاڙو ڪري وڻ سان ٻڌي ان جي منهن ۾ ڪپڙو ڏئي. ان جي گهر ڀاتين جا هٿ پير ٻڌي ان جي ٻن نياڻين کي باغ ۾ وٺي زبردستي سان زيادتي ڪئي. انهن جا زيور ڦريا ۽ پئسا کسيا ۽ ڀڄي ويا، زميندار جي بيان تي پوليس ڦر ۽ حدود آرڊيننس جو مقدمو درج ڪيو. تفصيل مطابق برج اٽاري جي ڳوٺ بگيانوالا ۾ زميندار محمد امين جي گهر ۾ گذريل هفتي ٻه نقاب پوش ڊاڪو آيا. ان وقت زميندار اڱڻ ۾ سمهي رهيو هو. هنن ان جا ڪپڙا لاهي هن کي ٻڌو ۽ منهن تي ڪپِڙو ڏنو. ان کان پوءِ هن جي زال نسرين ۽ ڌيءَ (ر) کي ٻڌي پوءِ هن جي ڪنوارين ڌيئرن کي باغ ۾ وٺي زيادتي ڪئي. جڏهن زميندار جو چئن سالن جو پٽ علي رضا جاڳيو ته هو کير لاءِ روئڻ لڳو. جنهن جي دانهن تي ڀر واري گهر جي زميندار ۽ اُن جي ڀاءُ صديق ڪنڍي کولي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ انهن هن ٻڌلن کي ڇوڙيو . محمد امين جي ڀاءُ بشير احمد ۽ صديق جي پٽن منظور حسين ۽ آصف ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ايس ايس پي شيخپوره سيد سعود عزيز اهلڪارن سان ٿاڻي تي پهتو ۽ اڃان تائين جوابدار گرفتار نه ٿيا آهن، اها خبر هڪ اردو اخبار جي چوٿين آڪٽوبر واري پرچي ۾ شايع ٿي. خبر ناهي اهڙيون ڪيتريون ئي خبرون اچن ٿيون، سنڌ ۾ ته انساني حقن جي پائمالي ٿيندي ڏسندي جلوس ڪڍندڙ ۽ پريس ڪانفرنسون ڪندڙ انساني حقن جا اڳواڻ تمام جلد اتي پهتا هوندا. شروع شروع ۾ سنڌ ۾ ماڻهن کي اڻپڙهيل چيو ويو پوءِ ڌاڙيل۽ وري هاڻي نجي جيل هلائيندڙ وحشي ۽ ظالم زميندار چيو وڃي ٿو. حالانڪ اُن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ ۾ ظلم ۽ وحشي زميندار ضرور هوندا ۽ آهن. پر انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته اڄ جي زميندار جو پٽ پڙهيل لکيل ۽ اعليٰ تعليم يافته آهي. اهو انهن اڌ اکرين کان وڌيڪ قابل ۽ انساني حقن جو پاسدار آهي. جو هن جي تعليم ولايت به ٿي آهي. هو چندو ڏيڻ وارو آهي، چندو وٺڻ وارو ڪونهي ۽ چندو وٺڻ وارن کي آخر پنهنجي ڪاروبار لاءِ ڪو ته جواز گهرجي! نه هي ڪنهن مخصوص ايجنڊا تي هلندڙ ماڻهن جو کيل آهي. جو اڳ ڪميونزم جو پرچار هيو، هينئر ڪو ٻيو واعظ جاري آهي، پراڻي عادت آهي اها ائين ته نه ويندي نه باقي سڄي دنيا ۾ هتان جي ماڻهن کي ظالم ۽ وحشي سڏڻ جو رواج ختم ٿيڻ گهرجي ۽ حقيقتن کي دل سان مڃڻ گهرجي سنڌ کان علاوه هن ملڪ ۾ سرحد، بلوچستان به آهن جتي به اهو سڀ ڪجهه آهي. پڃو ته خبر پوي.
    ڏک رڳو ان ڳالهه جو آهي ته اسان جا سادڙا ماڻهو حرفتي ماڻهن جي چالن ۽ چڪرن ۾ آهن هو انهن جا اهي سڀ گر سمجهندي به پنهنجي ماڻهوءَ کي خوار ٿيندي ڏسندي خوش ٿين ٿا. وڏيرن کي گار سمجهڻ نه گهرجي . اڄ ڏينهن تائين ڪو به وڏيرو ڌاڙيل ناهي ٿيو.چور ۽ ڦرلٽ ڪندڙ ناهي رهيو ۽ اهي سڀ برايون جيڪو هڪ عام ۽ ڪرپٽ ماڻهو ڪري رهيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته اُهي ڳالهيون (وڏيرو) ۾ به هجن، پر پوءِ پنهنجو مُنهن به ڏسڻ گهرجي، جو هر ڪنهن کي گهر آئينو ته هوندو. ڳالهائڻ ۽ لکڻ کان اڳ جيڪڏهن ٿورو سوچجي ته ان ۾ نقصان ڪنهن جو آهي؟ ۽ فائدو ڪنهن جو؟ پوءِ شايد اسان پنهنجي سماجي۽ علم فرض پورو ڪيون، جيڪو بهرحال اسان کي ڪرڻ به گهرجي، مان جاهل ماڻهو ايڏن قابلن کي ڪيئن ٿو سمجهائي سگهان. پوءِ به چوڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي. ته اوهان سوچيو ضرور.
    ِ(روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر14 آڪٽوبر 2000ع)


    ڌاڙيل، پوليس ۽ صحافي

    سچ کي لڪائڻ حقيقتن تي پردو وجهڻ ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي مطلب ڏانهن ڇڪڻ جي ريت جيتوڻيڪ تمام پراڻي آهي، ۽ اهو سلسلو اڃان تائين بلڪل ان انداز سان هلندو ٿو اچي. دنيا ۾ هونئن ته انداز ۾ گهڻو ڦيرو آيو آهي، پر اسان وٽ ان پاسي ڪا به ڦير گهير نه ٿي آهي. قلم اڃان ڪن جي مٿان پيو آهي. ۽ چيچ ۾ ٻيڙي /سگريٽ جو ڇلڪاءُ پنهنجي ان روايتي بي حسي ۽ ڪن لاٽار سان جاري آهي. اسان ڀلي دنيا کي هڪ گلوبل ڳوٺ چئون.ڀلي ته مواصلات جا ذريعا گهر گهر پکڙيل هجن، ڀل ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو شور ۽ زور هجي. پر سنڌ جو روايتي قبيلائي انداز بلڪل ساڳيو آهي، يعني ڪيئي صديون اڳ وارو- ان کي ايڪويهن صدي به شايد ڪجهه ڪري نه سگهي. جو اسان جو پڙهيل لکيل طبقو به، حق سچ ۽ انصاف کان پاسيرو آهي. هو روايتي قبائلي ڪوڙهه ۾ ورتل آهي.اها سماجي ڪرپشن انسان جي شعوري اوسر روڪي ته نه سگهندي، پر ان کي ٽوڙي مروڙي پيش ضرور ڪري ٿي. ڪا به هڪ ڪوڙي خبر، هزارين لکين ذهنن ۾ سچ جي تلاش کي ڳولهڻ شروع ڪري ٿي پوءِ ڪٿي ڪي حقيقتون عام پهچ تائين اچن ٿيون ته ڪٿي اهي اوجهل به رهجي وڃن ٿيون حالانڪ پڙهيل لکيل ۽ باشعور ماڻهن جي اها علمي ۽ سماجي ذميواري آهي ته هو ماڻهن تائين سماجي براين ۽ ٺڳين کي نروار ڪن.پر اها به اسان جي وڏي بدبختي آهي ته اسان جي پرنٽ ميڊيا جو وڏو حصو، ان سماجي ڪرپشن ۾ ملوث آهي. جيڪا اڳ ڌاڙيلن ۽ پوليس وارن لاءِ مشهور هوندي هئي. يعني ڀتي خوري اندرون سنڌ ۾، ڀتي خوري جو رواج تمام پراڻو آهي. ۽ اهو هندن جي زماني کان هلندڙ آهي. ان کي زماني جي ترقي ۽ رفتار اڃا تائين متاثر ڪري نه سگهي آهي. پاڻ ان ڀتي ۾ جديد ٽيڪنڪون آيون آهن. اخبارون ۾ به ايندو آهي. ۽ حقيقت ۾ به ائين آهي ته جهنگ مان ڌاڙيل لکندا هئا. ته هيترا بوسڪيءَ جا پٽڪا، راڊو واچون، ۽ هيترا پئسا ڏئي وڃو نه ته........... ۽ نه ته يا پوءِ اهو فلاڻو اغوا ٿيندويا حملي ۾ زخمي، اها ريس اسان جي پوليس کي آئي. ان پنهنجي واردات جو طريقو تبديل ڪيو ۽ ڪنهن ڳوٺاڻي کي ڌاڙيلن جي خدمت چاڪري، ماني کارائڻ جي ڏوهه ۾ يا وري ڪڏهن ڪنهن چوري چڪاري، ڦر زبردستي يا ڪنهن جي پڪار ۾ پوءِ ڀلي اها هٿرادو ئي ڇو نه هجي. اڃا جيڪڏهن ڪو شهر آهي ته چرس، آفيم هيروئن وڪڻڻ، جوا کيڏڻ يا ڪو اڏو هلائڻ جي سهوليت جي پنهنجي فڪس رقم آهي. جنهن لاءِ منٿلي ۽ ڀتو ضروري آهي. ڏوهه جي جاچ کي خاص طرف موڙڻ جي رقم وري الڳ آهي. ڇا ڪرڻو آهي. ڪيترو ملوث ڪرڻو آهي؟ رمانڊ وٺڻو آهي. ڪسٽڊي ڪرڻي آهي؟ يا وري وائيٽ ڪري ٿاڻي تان ئي باعزت بري ڪرڻو آهي. ضمانت ڪرڻي آهي. شاهدي وڃائڻي آهي. يا 161 يا 164 تحت ان کي وڌيڪ پڪو ۽ پختو ڪرائڻو آهي. لاڪپ ۾ ڪيتريون ئي سهولتون ڏيڻيون آهن. يا ڪا مرمت ڪرڻي آهي. سڀني جو پنهنجو اگهه مقرر ٿيل آهي. بنا فريادي يا ڊائري جي ماڻهو ڪيترا ڏينهن رکڻو آهي. داٻو ڏيڻو آهي. بي عزتي يا بدنام ڪرڻو آهي. دڪاندارن کان، گاڏين وارن، کان، بس اسٽنڊن کان ۽ گهورڙين کان ڀتو وٺڻو آهي.نه ته...... نه ته پوءِ الله ڏي پناهه جو پوليس جي دشمني وڏي ڳالهه آهي.هي مملڪت خداداد پاڪستان جو سنڌ صوبو آهي. جنهن لاءِ مرحوم صدر ايوب خان جو چوڻ هيو ته منهنجو هڪ صوبيدار به ڪافي آهي. سماجي ترقيءَ سان گڏوگڏ اسان جي علم ادب ۽ اخبارن به وڏي ترقي ڪئي آهي. اندورن سنڌ ۾، اخباري کاتو صوبيدار کان گهٽ ڪونهي، ان جو ڪم به ڄڻ ته پڳڙي لاهڻ آهي. هو ڀتا خوريءَ ۾ ان صوبيدار کان به ٻه وکون اڳتي آهن.پر وري به ايڊيٽرن جي دٻ آهي. جو ٿورو گهڻو لحاظ اٿن، جو ڪٿي ڪٿي ان جي ڪمداريءَ ۾ خلل پوي ٿو. جيڪڏهن خبر رهائي ٿو ته ايڊيٽرن ان جو ڪلاس وٺي ٿو. باقي خبر ڪهڙي نموني سان اچي ٿي. اهو ان جو ڪمال آهي، اخباري نمائندن جا به ڀتا مقرر ٿيل آهن. آفيسرن کان ويندي ٿاڻن تائين ۽ وڏيرن کان ويندي سياستدانن تائين. ڇا رکڻو آهي. ڇا وڃائڻو آهي. بيان ڪهڙو لکڻو آهي. فوٽو سان ڇپائڻو آهي. يا بنا فوٽي جي. ان ۾ سرخي ڪهڙي لڳائڻي آهي. جو سڄو زور ان سرخيءَ تي آهي. جي نه ته پوءِ..... آفيسرن لاءِ اوهان خلاف خبرون آهن. شڪايتون آهن. غبن ٿيو آهي. رشوت ٿي هلي، ڊيوٽي پوري نٿي ڏني وڃي، مال مليو ته واهه واهه نه ته سڀاڻي اخبار ۾- جيڪڏهن ڪو ايڪسيڊنٽ ٿيو ته، شراب پي گاڏي پئي هلائي، ڀت تان ڪريو ته فلاڻي ڀاءُ، پيءُ، مامي ۽ چاچي ڌڪو ڏنو اٿس. اوطاق ۾ چور ٿا اچن، محفلون ٿيون مچن نه ته سڀاڻي اخبار ۾
    اخباري نمائندن سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪو رڻ ٻاري ڏنو آهي. جيڪا ڀاڙي ڀتي واري پاليسي ادا ڪئي آهي. اها ان شعبي جي ابتڙ آهي. اها ان اصول جي ڀڃڪڙي آهي. حالانڪ ڏٺو وڃي ته صحافت خدمت جو پيشو آهي. ۽ ڪافي صحافي دوست پنهنجون سماجي، اخلاقي ۽ قومي ذميواريون نڀائن ٿا، پر تمام گهٽ اهي ماڻهو آهن. جيڪي ان پيشي کي ڀتاخوري، ڪمداري ۽ فشري طور هلائن ٿا. افسوس رڳو اهو آهي. ته اهڙن ماڻهن جا هٿ مظبوط آهن. پٺ وڏي آهي. اکين ۾ پاڻي ڪونهي ۽ نڪ پڪو آهي. ڪوڙ کي ڀلي ڪهڙي به خوشبوءَ هڻو. پوش پهرايو ۽ سجايو، پر ان جي ڪوجهائپ، ڌپ ۽ ڪارپ کي ڪو لڪائي ئي نٿو سگهي.
    ڏک رڳو ان ڳالهه جو آهي ته اسان جا ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو وقت ۽ حالتن جي ان ڦيري ۾، ڀتاگيريءَ جي ور چڙهي ويا آهن. مان ڪنهن جي ڪردار ڪشي نٿو ڪرڻ چاهيان. جيوڻيڪ مون وٽ وڏا ۽ چٽا ثبوت موجود آهن. پر چڱائي جي آس رکندي دوستن کي گذارش ڪري سگهجي ٿي. ته سچ کي مجروع نه ڪيو وڃي ۽ انساني ڀلائي جائز انصاف لاءِ سڀني کي جاکوڙڻ گهرجي. جو اهو ئي عمل آهي جنهن سان انسان سڏائڻ جا حقدار ٿيون ٿا. جيڪڏهن اهو ناهي ته پوءِ اسان ۾ ۽ ڪنهن ظالم، بيدرد ۽ ٺڳ ۾ ڪو فرق نٿو رهي.
    مونکي تازو لاڙڪاڻي دوران اهو تجربو ٿيو ته اسان جا ڪيترائي صحافي دوست مختلف ادارن ۽ ماڻهن جا مقامي ڪمدار مقرر ٿيل آهي. جيڪا ڳالهه ان پيشي جي نه صرف خلاف آهي. ۽ پر ان تي هڪ داغ به آهي. مان اخبارن جي ايڊيٽرن کي گذارش ڪندس ته هو ان طرف به احستابي روايت جو مثال قائم ڪن. جو اسان سڀني کي سچ بچائڻو آهي. ۽ خدمت ڪرڻي آهي. ڪو ثبوت گهرجي ته مان حاضر آهيان.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 6 جنوري 2001ع)


    ناصر مورائي، کليل دل جو ماڻهو

    پنجهتر ڇاهتر جي ڳالهه آهي، سهڻي جي آفيس ۾ . منهنجي ناصر مورائيءَ سان پهرين ملاقات ٿي هئي ۽ طارق اشرف ناصر سان منهنجو تعارف ڪرايو هيو. پوءِ سهڻي جي آفيس ۾. طارق اشرف وٽ ناصر مورائي سان منهنجي ڪچهري ٿيندي هئي ۽ وقت ان کي ويتر گهرو ڪري ڇڏيو. شيخ سلطان ٽرسٽ جي آفيس ۾. مان اڪثر سائين علي احمد بروهيءَ سان ملڻ ويندو هيس. ايندي ويندي ناصر سان ملاقات ٿيندي هئي. ۽ رستي ۾ ئي ڪچهريءَ ٿيندي هئي ڪڏهن ڪڏهن ڪلاڪ به ٿي ويندو هيو. ادب ۽ اديبن جون ڳالهيون پُڻ ٿينديون هيون. هڪ نوجوان شاعر لاءِ دانهيندو هو. ته منهنجا پئسا کائي ويو آهي. چوندو هو ته راشن لاءِ وڏن اسٽورن ٿي وٺي هلندو هيو ۽ امپورٽِيڊ چانهه ۽ سامان وٺندو هيو. جيڪو شايد مان به نه وٺندو هجان. ڪم جي ايڊوانس به وٺندو هيو پوءِ ڪجهه ڏينهن کان ڀڄي ويندو هيو چوندو هيو ته تون ان تي ڪالم ضرور لک. مان تنهنجا ڪالم پڙهندو آهيان. اهڙا به آئينا ڏسي چوندو هيو مانس يار! مئل کي مارڻ به ته ڏوهه آهي چوندو هيو. اسان جو پيسئو محنت ۽ حق حلال جو آهي. ان جي ضايع ٿيڻ تي مون کي به ڏک ٿئي ٿو. ناصر مورائيءَ محنت جو قائل هوندو هو. هن ڪيترائي وهنوار ڪيا ۽ شيخ سلطان ٽرسٽ ۾ ڪينٽين به هلائيندو هيو ۽ ڪيترا دفعا بروهي صاحب سيد وٽان ماني گهرائيندو هيو. سندس ڪينٽين جي ماني اسان شوق سان کائيندا هئاسون. ناصر مورائيءَ سان مان حجائتو به هوندو هيس. سيد ناصر علي شاهه، ناصر مورائيءَ جي وفات تازو 29 مارچ تي رات جو يارهين وڳي، 63 سالن جي ڄمار ۾ ٿي.
    پهرين اپريل 1937ع تي مورو ۾ جنم وٺندڙ ناصر مورائي پنهنجي پرائمري تعليم مورو مان حاصل ڪئي. ۽ سنڌي فائنل 1953ع ۾ پاس ڪئي. ان کانپوءِ هن پنهنجي تعليم جاري رکي ۽ 1960ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. 1968ع ۾ هن سنڌي رسالي روح رهاڻ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. هن ون يونٽ تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ سنڌي ادبي سنگت ۾ 1956ع ۾ خادم حسين ابڙي صاحب ٻڌايو ته اسان گڏجي ڪم ڪيو.
    ناصر مورائي پوءِ پاڪستان اسٽيل جوائن ڪئي ۽ اتان رٽائر ڪيو. هن کي ذيابطس جو عارضو 1953ع کان هيو. پر هو مٺن پيشابن واري ان بميارين تي قابض رهيو. آخر سندس موت دل جي دوري ڪري ٿيو. سندس وصيعت مطابق مڪليءَ ۾ امام بارگاهه ۾ دفنايو ويو. ناصر مورائي ون يونٽ واري تحريڪ سان گڏوگڏ سنڌي ادبي سنگت سان وابسته رهيو ۽ آخر تائين ادبي لڏي سان پنهنجو ذهني ۽ جذباتي رشتو قائم رکندو پڻ آيو. ناصر مورائي سنڌي ناول ”راتيون جاڳن“ لکيو جنهن جا ٻه ڇاپا آيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ادبي محفل ۾ ملندا هئاسين ته گڏ ويهندا هئاسين پوءِ اوڀاريون لهنواريون ٿينديون هيون ۽ تبصرا ڪندي وقت گذري ويندو هيو. جڏهن به ناصر سامهون ايندو هيو ته رڙ ڪندي چوندو هيو مانس مولانا ناصر صاحب ڪهڙا حال آهن؟ رڙ ڪري چوندو رهيو”....... وجهيس يار ائين ڇو ٿو ڪرين“ ۽ مان وڏو ٽهڪ ڏيندو هئم. هڪ دفعي نذير چنا جو ذڪر نڪتو ته پاڻ ان جي حوالي سان تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيائين. ناصر جي اها خوبي هوندي هئي. ته هو کلي دل جو ماڻهو هيو. سنئون سڌو، طبعيتن تمام سادو، جڏهن به ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ ويندو جناح ڪيپ ضرور پائيندو. مان کيس چوندو هيس ته توکي سنڌي ٽوپ به سهڻو لڳندو. جواب ڏيندو هيون ساٿ ٿا نڀاهيون.
    فقيري سڀاءُ رکندڙ. مک تي مرڪ سجائي، بنا ڪنهن رعب ۽ پوز جي بلڪل عام ماڻهوءَ جيان لڳندڙ هي اسان جو دوست سچو. کرو. همدرد ۽ هڏڏوکي هيو. ٽي وي جي پروگرام لاءِ جڏهن مون کيس ٽي وي پاران دعوت ڏني ته چيائين. ياد ئي نٿا ڪن. پر مان تنهنجي پروگرام ۾ ايندس. حالانڪ مونکي ڪجهه تحفظات آهن، پر مونکي ڪنهن ادبي موضوع ٿي ڳالهراءِ.
    مون کي افسوس آهي ته هن جي اوچتي وفات تي اهو پروگرام ٿي نه سگهيو ۽ ناصر جي وفات پڻ هڪ معمو بڻجي وئي. جو خبر ۾ راشد مورائي آيو. الله ان کي حياتيءَ ڏني. شايد سيد ۽ مورائي جي ڇڪ هجي.اڄ جڏهن مان هي لفظ لکان ٿو ته، منهنجي سامهون ناصر جو کلندڙ چهرو ۽ اها رڙ منهنجي ذهن جي سامهون اچي ٿئي. ”سسه وجهيس“ ته ٻيو ڀلي چئي ائين نه ڪر...........“
    ناصر مورائيءَ زندگيءَ ۾ ڏاڍا لاها چاڙها ڏٺا. هن سڀني سان منهن ڏنو. محنت ۽ جدوجهد کي پنهنجي هٿان نه ڇڏيو ۽ مسلسل هيٺائين ۽ مٿانهين ۾ ڪم ڪندو رهيو. ناصر کي جيتوڻيڪ گهڻا ڏک مليا ۽ دوستن جون بيوفايون ياد هيون. پر هن ڪڏهن به انهن کي پنهنجي مٿان حاوي نه ڪيو ۽ مست ملنگ ٿي هر ڏک کي ٽاريندو رهيو. بيشڪ هو مولائي نيڪ ۽ ملنگ هيو. جيڪو ماڻهو هن کي نه وڻندو هيو. اُن جي فنڪشن ۾ نه ويندو هيو. گهڻي وقت کان هن لکڻ بند ڪيو هيو. ان جو سبب ٻڌائيندوهيو ته هينئر برداشت جو مادو نه رهيو آهي. ۽ لکڻ کانپوءِ ان کي ڇپائڻ لاءِ ڪو صحيح فورم ناهي. ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ادبي گڏجاڻي ۾. هو ضرور شريڪ ٿيندو هيو. جن ۾ خاص ڪري اديبن جون تعزيتي گڏجاڻيون ۽ شامون، ورسيون شامل هونديون هيون. سچ پچ مان ناصر مورائي کي وساري نه سگهندس، ڪاش کيس چوان ها ته تون به ان اديب کي معاف ڪري ڇڏ. جيڪو تنهنجا پئسا کائي ويو. سچ سچ ان وٽ اها به حقيقت آهي. ته سنڌي چوڻي مطابق ان وٽ اڄڪلهه زهر کائڻ جا پئسا به ڪونهن. ناصر مورائي کي پڪ سان ۽ پيار سان ياد ڪيو ويندو جو هو سڀ محبتون لهڻي، ڇنڇر ڏينهن 31 مارچ تي مرحوم جو ٽيجهو هيو. ان موقعي تي جيڪي اديب ۽ عالم پهتا، تن ۾ سائين علي احمد بروهي. سائين جمال ابڙو، حميد سنڌي، تاج بلوچ، خواجه سليم، هدايت بلوچ، نذير قاضي، خادم حسين ابڙو ۽ ٻيا ڪيترائي سندس مداح شامل هئا. ناصر مورائي اسان سڀني جو هڪ جيترو هيو. پر دنياداري لاءِ مرحوم جي نياڻي ڊاڪٽر مختيار شاهه سان تڏي تي تعزيت ڪئي پئي وڃي.
    (روزانه هِلال پاڪستان اڱارو 3 اپريل 2001ع)


    ڀاڙي جا دانشور ۽ انصاف ڀريو سماج

    هينئر دانشورانه به هڪ اسٽائيل ٿي ويو آهي. عورت جڏهن ڪنهن ڪم جي نٿي رهي ته پوءِ اها فيمنائين ازم ۾ اچي، مردن کي برو ڀلو، ظالم، وحشي ۽ خبر ناهي ڇاڇا ٿي چوي. اها ساڳي عورت پنهنجا اخلاقي قدر وڃائيندي ان آزادي ۽ عورت پڻي ۾ ايترو ته وڦلي ٿي، جو ان وٽ مذهبي، اخلاقي، سماجي ڏيوالپڻي کان وٺي کيس فزيالاجي ۽ بايولاجي ڪمتري جي خبر ئي نٿي پوي.عورت ڪهڙي سماج ۾ مرد کان اتم ۽ اعليٰ آهي؟ اڃان تائين اهو سماج نه جڙي سگهيو آهي.حالانڪ اسان وٽ نياڻي ست قرآن ۽ عورت لاءِ احترام موجود آهي. عورت مرد جي برابر به ڪهڙي رتبي جي ڳالهه ٿي ڪري؟ اهو به اڃا واضح نه ٿيو آهي. سستم ظريفي اها آهي. ته اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندڙ زائقون مرداڻو روپ ڌاري ته هلن ٿيون ۽ پوءِ اهڙيون ”مايون“ نه هيڏانهن جون رهن ٿيون ۽ نه ئي هوڏانهن جون. جو هي مشرق ۾ رهندي مغرب جي نه صرف فلسفي تي هلن ٿيون پر پوءِ انهن جي پويان مغرب وارا سڀئي اسٽائيل رهجي ٿا وڃن. ۽ اهو سڄو ڪمال اسان جي اين جي اوز جو آهي. جتي اسپانسر ڪيل اهي سڀ مرد دانشور به آهن جيڪي ان اپيل ۽ ٽپيل ۾ نه صرف ڪنڌ ٿا لوڏين پر هڪ بنا اسٽاپ جي اسٽيريو ٽائيب رٽيل پٽيل گفتگو ۾ ئي پورا آهن ۽ گهمي ڦري اچي ان ڪاروڪاريءَ واري جاءِ تي موٽي اچن ٿا، ڇا سنڌ ۾ ڪاروڪاريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو مسئلو ئي ڪونهي؟ اسان جي پرنٽ ميڊيا ان اشو کي اهڙو ته اڀاريو آهي. جو هاڻي سنڌ ۾ ئي وڃي اهو مسئلو رهيو آهي، باقي ملڪ ۾ خير آهي. پنجاب ۾ هي جيڪو لڄالٽ ۽ عورتون ننگيون ڪري سرعام نچايون وڃن ٿيون اهي انهن ڀاڙي جي دانشورن کي نظر ئي نٿيون اچن. جو هنن کي رڳو سنڌ ۾ ئي ان ڪم سان لڳايو ويو آهي. ، مال ڏيندڙ پنهنجي گلا ڇو ڪرائي؟ چريا ته ناهن بلوچستان ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ اهي اين جي اوز فنڊ ڏيندي به ڊڄن ٿا ته هو ماڻهو پنهنجي ائين گلا برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ هونئن اهڙا ڪرائي جا دانشور گهٽ آهن، خاص ڪري خواتين ۾ ته اٽي ۾ شايد لوڻ برابر به نه هجن، جتي وڃو، سنڌي کي رڳو ڪاروڪاريءَ ۾ گاريون ڏنيون ۽ اهي پنج دانشور گهمائي ڦرائي اچي ان موضوع تي پنهنجي ڳالهه کي کڻي اچن ٿا. پاڻي جو مسئلو هجي يا شاهه لطيف جي شاعري تي سيمينار، سچل جو ميلو هجي يا قلندر جي ورسيءَ علم و ادب جو مسئلو هجي يا ڪتابن جو مهورت، گهمي ڦري اچي سنڌ کي گاريون ملنديون. وڃي معاملو ڪارو ڪاريءَ تائين پهچندو. خبر ناهي ته ٻين خواتين کي ٻانهن ۾ رکندڙ دانشور پنهنجي خواتين جو معاملي ۾ به ايترا آذاد خيال آهن الائي جي نه؟ هي بک، بيروزگاري امن امان ۽ تعليم جي تباهي ڪنهن کي نظر ئي نٿي اچي.اسان جا دانشور جڏهن اڇي مٿي کي پهچن ٿا ۽ اهي به ڪنهن ڪم جا نٿا رهن ته پوءِ انهن ۾ به خواتين جو ايترو احترام رهي ٿو جو هو خواتين کي هن صديءَ جو هڪ گگدام ۽ مظلوم حصو سمجهن ٿا. سي پاڻ پنهنجي جوانيءَ ۾ جيڪو ڪيس ڪري آيا آهن يا انهن پنهنجي خاندان جي عورتن کي اهي ڪهڙا حق ڏنا آهن؟ جن تي فخر ڪندي انهن جا ڳاٽ اُڀا ٿيا هجن؟ هي سڄو دانشوري جو غلط استعمال آهي. ”هز ماسٽرز وائيس“ جي اشارن تي هلن ٿا، لڳي ٿو ته مور ٿو ٽلي راڻا، مور ٿو ٽلي، اهو مور چورن مٿان مور آهي، جيڪو مقرر ڪيل مليل ڀاڙي تي پيو ٽلي ۽ ٽلندو رهي ۽ اڃا به رهندو جيستائين اهو مال ملندو تيستائين مور ٽلندو، حقو پاڻي بند مور شور بند ۽ اهو مور ئي صرف مور نه آهي. پر پنهنجي علم ۽ عقل کي هڪ خاص ۽ مخصوص مقصد لاءِ استمعال ڪري ٿو. پر پنهنجن ماڻهن کي پنهنجي وات سان ائين مال وٺندا آهن، جيئن فقير صدائون هڻندا آهن. پر فرق اهو آهي ته هتي ناهي ڪرڻي ورنه..... اها شايد اسان جي بدبختي آهي جو هن اڻ گهڙيل ۽ کريل سماج ۾ موجود آهيون، جتي نه محنت مزدوريءَ جو قدر آهي نه پئسو آهي، ۽ نه عزت ڀريون اهي سڀئي سماجي ريتون ۽ قدر، جن کي اسلام مقرر ۽ پروموٽ ڪيو آهي. ۽ جن کي مغرب رواج ۾ آندو آهي. اتي انصاف سڀني سان آهي، پوءِ ڀل نه اهو ڪهڙو به خان ۽ خان خانان جو اولاد نسل يا حواري ڇو نه هجي جيتوڻيڪ ڪرپٽ سماج مان حق سچ ۽ انصاف جي طلب هڪ لطيفو ئي سهي ، پر چڱو ڪم ضرور چئبو، جو چڱائي جي اميد ڪرڻ گهرجي ۽ رکڻ گهرجي.

    قانون جي حڪمراني

    قانون جي حڪمرانيءَ سان ئي معاشرا ٺهن ٿا. انصاف سڀني لاءِ- ان گلوبل ڳوٺ ۾ اهو نعرو آهي، جيڪو سواءِ ڪجهه ملڪن جي باقي رڳو نعرو ئي آهي، هڪ دلفريب دلڪش ۽ موهيندڙ نعرو، پر جتي اهو رواج آهي اها سوسائٽي اهو سماج انسانيت سان ڀرپور ۽ آئيڊيل آهي، جنهن جون ڪيتريون ئي ڪوجهيون صورتون ان روشنيءَ ۾ پهچن ٿيو ۽ هڪ حسين ڏيک ڏين ٿيون.
    برطانيه جي وزيراعظم مسٽر ٽوني بليئر جو پٽ رات لاڪ اپ ۾ گذاري ٿو ۽ قانون مطابق ضمانت ڪرائي ٻاهر اچي ٿو، گريٽ برٽن جي وزير اعظم به ان لاءِ ڪجهه ڪري نٿو سگهي. برطانيه جي نائب وزير اعظم پرسڪاٽ هڪ هاري جي شڪايت تي ان کان پوليس جانچ ڪري رهي آهي. تازو آمريڪا جي نئين صدر جارج ڊبليو بش جي 19 سالن جي نياڻي جينا بش کي شراب جي الزام ۾ پوليس فرد جرم عائد ڪندي ڏنڊ وڌو، يعني شراب واپرائڻ تي اهو ڏنڊ آمريڪا جي صدر جي ڌيءَ تي وڌو ويو آهي.جڏهن تي پنهنجي اسلامي ملڪ ۾ ان جو قانون هوندي به تصور ڪونهي. هتي پاور ۽ اختياري واري جو مائٽ به وڏي ڳالهه آهي. پر انهن جا دوست به اعليٰ ۽ وڏين رعايتن جو حقدار آهن. اسان وٽ اهڙا ڪيترائي مثال آهن. ۽ روز پيا ٿين پوليس واري ڀلي ڪجهه به وٺي يا کڻي مجال آهي.ڪنهن کي جو ان کان رڳو سامان جا پئسا گهري. انشاءِ الله ٿاڻي تي سڀني پينڊنگ ڪيسن ۾ گهربل هوندو. بسم الله ملڪ ڊفينس جي بشير احمد سان اهڙا ڪيترا واقعا ٿيا آهن. جو هاڻي غريب اُن ڪم تي هري ويو آهي. ۽ چوندو آهي ته مان روزانو ڪجهه فقيرن کي مفت کير ڏيان ٿو. مجبورن ان کي به خير خيرات تصور ڪري ڏيندو آهيان. جو هر دفعي چيف سيڪريٽري قدوائي صاحب ڪونه آهي. اهڙي نموني سان شل نه ڪنهن موبائيل کي رستي ۾ اڳواٽ دڳ نه ملي بس اهو سمجهڻو هو ته وردي واري جي گاڏي ڏسي فورن پاسو وٺجي نه ته پوءِ؟ جسماني چهبڪن ۽ ذهني طور گارين لاءِ تيار رهڻ گهرجي. هڪ ڳالهه اڃا سمجهه ۾ نه آئي آهي. ته اسان جي پياري وردي واري پوليس گارين کان سواءِ ڪلام ڇو نه ڪندي آهي؟ صوبيدار، جمعدار کي ۽ جمعدار سپاهيءَ کي ۽ سپاهي عام ماڻهوءِ کي اهڙي نموني جي عزت افزئي ڪندو، جو وڃي ٿيا خير ۽ پوءِ سڄو اهو نزلو ترڪندو ويچاري هن گونگي، ٻوڙي ۽ انڌي سڄي اُن غريب عوام تي، جيڪو سڀئي احساس ۽ رکندي به چپ آهي ڪراچيءَ جي خاص بازارن ۽ سبزي منڊن مان پوليس وارا جهول کنيون گاريون ڏئي ٿو، جنهن لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته
    جيها جي تيها، مون مارون مڃيا.
    گذريل ڏينهن هڪ سيمينار ۾ هڪ خاتون مقرر ته ايترو به چيو ته لطيف مرد هيو ان ڪري هن عورت کي خوار ڪيو آهي ۽ الله تعاليٰ جو وجود به مذڪر آهي هن ڇا چيو ان کي دهرائڻ به وڌي بيوقوفي آهي، جو هن کي ان ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. سندس تخليقي ۽ شعوري قد ڪيترو آهي؟ يا سماجي طور ڇا ڪيو اٿائين؟ اهو عالم ٻڌائين اسان جي ڪيترن ئي عالمن مان شاهه سائينءَ جي شاعري مائنس (ڪاٽ) ڪيو ته پوءِ اُهي اڻ پورا آهن سنڌ ۾ شاهه لطيف جي شاعري ته فقيرن کي به ياد آهي ۽ ڪيترو ڪاروبار بسن، ريل گاڏين يا رستن ۾ ، شاهه سائين جا اصلي ۽ ان نالي ۾ پنهنجا ٺهيل شعر پڙهي. ڪيترو ماڻهو پنهنجو روز ڪمائن ٿا، ۽ پنن ٿا. صدقو وڃان شاهه سائين تان جو گهڻن جو اجهو ۽ آسرو به آهي. ساڳيو ڪم اسان جي دانشورن جو آهي، اهي شاهه سائين جا ڪي شعر پڙهي پنهنجي مخصوص معنيٰ سان ان جي تشريح ڪري نه صرف پنهنجو قد وڌائن ٿا. پر دانشوري ۾ وڏو نالو به ڪڍن ٿا بهرحال اسان ان تي به خوش آهيون ته انهن جي روزگار جو ڪو نه ڪو ذريعو ته آهي ۽ اهو وسيلو جيڪڏهن لطيف سائين جي شاعري هجي ته ڇا چئجي؟
    اهو ڪيڏو نه ظالم آهي ته اسان جو پڙهيل لکيل ماڻهو به سلجهيل ڪونهي، سچ نٿو ڳالهائي پنهنجي ذاتي انا جي خول ۾ بند آهي ۽ پنهنجن ذاتي مفادن جي پورائي لاءِ اهو ڪجهه ڪري ٿو جنهن کي مذهب سماج ۾ عيب چئجي ٿو ڪوڙ چئجي ٿو ۽ ناانصافي ۽ ڪرپش چئجي ٿو.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 2 جون 2001)


    ماسٽر فيروز گل ۽ ٻيا موسيقار

    سنڌي موسيقيءَ ۾ جن موسقيارن اصل خدمت ڪئي آهي ۽ سنڌي راڳ، راڳڻين ۽ تال جو گهڻو ۽ وقائتو استعمال ڪيو آهي. انهن ۾ ٻين کانسواءِ ماسٽر فيروز گل جو نالو سڀ کان اول، اڳرو ۽ سرفهرست آهي.
    سنڌي موسيقار سڀ جو سڀ ميلوڊي جا بادشاهه رهيا آهن. جن ۾ خاص ڪري غلام نبي عبدالطيف، امداد حسين،نياز حسين، غلام علي فيروز دين ۽ ٻيا شامل آهن، پر استاد فيروز گل جو رنگ ۽ انگ نرالو آهي. هن جون ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم لاءِ ترتيب ڏنل ڌنون سڀ جون سڀ مقبول عام آهن. حالانڪ مقبول هجڻ ۽ عام هجڻ الڳ الڳ ٽرم آهن، پر ماستر فيروز گل ٻنهي حصن جو بادشاهه رهيو. اهو به هڪ اتفاق آهي ته منهنجي سڀني موسيقارن سان نيازمندي رهي غلام نبي عبدالطيف ٻنهي ڀائرن سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪچهريون ٿينديون هيون. هو ان وقت ۽ هر وقت پنهنجي اوج تي هوندا هئا.انهن جا اردو ۽ سنڌي فلمن جا ڪيترائي گانا اڄ به مقبول آهن. جن ۾ خاص ”آگ ڪا دريا“ اڄ به موسيقيءَ حوالي سان مشهور آهي. عبدالطيف جي مرڻ کانپوءِ غلام نبي ڄڻ ته اڌورو رهجي ويو هيو. ان هوندي به هو جيستائين زنده رهيو ريڊيو حيدرآباد سان وابسته رهيو.نياز حسين ته ريڊيو جي موسيقيءَ ۾ ساهه وڌو هو. لوڪ ڌنن جو بادشاهه هوندو هيو. امداد حسين سنڌي فلم ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“ جي موسيقيءَ ترتيب ڏٺي، جنهن ۾ نور جهان پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ ڪلام ڳايا. امداد حسين ان وقت ٽي وي ته مقبوليت ماڻيندڙ موسيقيءَ جي رنگ ڊسڪو ۽ فاسٽ ميوزڪ ۾ به پاڻ ملهايو ۽ ميلو ڊي برقرار رکي. سندس ترتيب ڏنل ڪيترائي گيت اڄ به مقبول آهن. ان جو هڪ واقعو ياد آيو آهي ته پروگرام سنڌ سينگار لاءِ وحيد علي کان هڪ فاسٽ ميوزڪ وارو آئٽم ڪرائڻو هيو. اهو گيت منهنجو لکيل هيو، جنهن جا ٻول هيا ”هن زندگيءَ ۾ پيارا مرڪو ۽ مسڪرايو“
    وحيد علي اهو انداز ڇڏي ٿي ويو. ان جا ڪيترائي ري ٽيڪ ٿيا، جو ان وقت ٽي ويءَ تي رڪارڊنگ مونو هئي ۽ هيئنر وارو اسٽريو ۽ ٽريڪ وارو سسٽم نه هيو. آخرڪار ان ائٽم جا ٻه بند رڪارڊ ٿيا. ۽ ٽن منٽن جو اهو گيت اڄ به ريڊيو تي هلندو آهي. مون امداد حسين کي چيو هي اوهان جو رنگ ناهي ان ڪري اها ڏکيائي ٿي رهي آهي، چيائين ته مان فلمي انداز وارو ماڻهو آهيان، پر وحيد علي جو به رنگ ناهي. ان ڪري منجهي پيا آهيون.امداد حسين کي موقعا گهٽ مليا، پر هن جو ڪم به وسرڻ جهڙو ۽ وسارڻ جهڙو ناهي. غلام علي هر فن مولا هيو. هن کي فلمي موسيقيءَ تي وڏو عبور حاصل هيو ۽ هو نوشاد کي پنهنجو روحاني استاد چوندو هيو، حيدرآباد ۾ رهڻ جي دوران هن سان شام جو منهنجون ڪچهريون ٿينديون هيو. ڊاڪٽرس ڪالونيءَ مان هلي اسان هوٽل سٽي گيٽ جي لان تي ويهي چانهه پيئندا هياسين. هڪ دفعي ڪنهن رڪشا ۾ ڪا خوبصورت عورت پئي وئي، استاد غلام علي مذاق ڪندي چيو ته ”جيڪر اسان سان چانهه پيئي ته.......!! مون وراڻيو ادا اهڙا پنهنجا ڀاڳ ڪٿي!!
    ٿوري دير کان پوءِ چيائين گانو ٺهي ويو. توهان ان جا ٻول لکو.
    مون ٻول لکيا.
    روز اسان سان محب ملن
    اهڙا پنهنجا ڀاڳ ڪٿي
    سهڻا ساجن ساڻ هلن
    اهڙا پنهنجا ڀاڳ ڪٿي
    ۽ پوءِ محمد يوسف جي آواز ۾ پوري ڪيسٽ ٿي، جنهن ۾ منهنجي شاعري هئي. اُن ۾ اهو ڪلام به شامل هيو. اها به هڪ الڳ ڪهاڻي آهي ته ڪيسٽ سجاد يوسف جي آواز ۾ ٿي ڪئي سين. ٽريڪ تيار ٿيا سجاد جي طبعيت خراب ٿي ۽ وڃي نفسياتي اسپتال ۾ داخل ٿيو. پوءِ جتي سجاد جو ٽريڪ ٺيڪ هيو. اهو رکيوسين باقي آپريشن ڪري محمد يوسف کان ڪيسٽ ڪرائي سين. استاد غلام علي اُن حق ۾ نه هيو ته تعمير حسين ڳائي پر مون ئي کيس راضي ڪيو۽ پرک پروگرام ۾ تعمير حسين جي آواز ۾ پهريون ڀيرو ڪلام ”هلي آءُ هلي آءُ“ رڪارد ڪرايو، جيڪو اڄ به مقبول آهي. استاد غلام علي پرک پروگرام ڪندو هو. پوءِ اڪثر اُن لاءِ شام واري اُن ڪچهريءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪن ڌنن تي ڪلام لکرائيندو هيو. پر استاد فيروز گل جو هڪ پنهنجو انداز هيو ۽ اهو انداز جداگانو هيو. هو فقير منش انسان، پاڻ وڏو ۽ سريلو ڳائڻو به رهيو. سندس ڳايل ڪلام به اڄ مشهور آهن. هو وڏو موسيقار ته هيو ئي، پر سٺو ۽ سريلو راڳي به هيو. اها خاصيت ظفر علي خان ۾ به آهي. استاد فيروز گل سان منهنجي وڌيڪ ويجهڙائي هئي. مان هن جي گهر جي مٿي اوطاق ۾ ايندو ويندو هئس. امانت گل ۽ سلامت گل کان وٺي سندس ننڍي پٽ تائين مون کي چاچا چوندا هيا. هن جي ڀاءُ لياقت علي خان جي شاديءَ جو ڪو معاملو هيو. اُن وقت مارڪيٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او، غلام رسول جتوئي منهنجي گذارش تي هنن جي مدد ڪئي.ٽي وي جي پروگرام ”مهڪار“ ۾ اسڪرپٽ ۽ شاعري به منهنجي هوندي هئي. ان وقت استاد فيروز گل ۽ امانت گل، سينٽرل جيل ڪراچي جي گيسٽ هائوس ۾ رهندا هيا. جو منهنجي اتي نوڪري هئي. ان پروگرام جون مقبول ڌنون ۽ تقريبن سڀئي ڌنون اتي ٺهيون فيروز گل ۽ امانت گل کي مون ريڊي ميڊ ۽ هر وقت حاضر موسيقار طور ڏٺو. هنن وٽ ورائٽي ۽ سليڪشن به هئي. هنن جون ڌنون هو هڪ هڪ گيت جون ٽي ٽي ڌنون ٺاهيندا هئا، اهي ٽئي ايتريون ته خوبصورت هونديون هيون، جو انهن مان پسند ڪرڻ به هڪ وڏو مسئلو هوندو هيو. هر ڌن جو الڳ راڳ ۽ سواد هوندو هيو. ڪيترا ڀيرا جو پاڻ به منجهي پوندا هيا ۽ پوءِ گيسٽ هائوس جي ملازم همراهه قيصر کان فيصلو ڪرائيندا هيا، چوندا هيا هي عام ماڻهو آهي، هن جي پسند سڀني جي پسند هوندي.
    استاد فيروز گل جڏهن به ڪراچي ايندو هيو. مون سان ضرور ملندو هيو، پوءِ جڏهن مان سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ ايڊيشنل پوليس سرجن هوندو هيس ته استاد عيدگاهه وادي علائقي جي هوٽل پارڪ ۾ ئي رهندو هيو، جيڪو سول اسپتال ۽ منهنجي آفيس جي سامهون هيو. هو دل جو تمام نرم ۽ سٻاجهو انسان هو. هڪ دفعي آفيس ۾ ٺڪا ٺڪ ٿي فائرنگ جو آواز ٻڌي، استاد تي ايترو اثر ٿيو جو جڏهن به ايندو هيو، فون ڪري پڇندو هيو ته ”سائين! فائرنگ ته نه ٿيندي“ ۽ پوءِ پاڻ ئي کلي پوندو هو.
    عابده پروين سان آمريڪا وڃڻ کان اڳ موڪلائي ويو ۽ پوءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي هن جو لاش اسان لڙڪن سان وصول ڪيو ۽ انهن لڙڪن ۾ سنڌي موسيقيءَ جو هي تاجور بادشاهه لڙهي ويو!!!؟
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 21 نومبر 2001ع)





    ¬


    صرف هڪ ڪردار گهرجي

    جسماني طور ڪمزور. ننڍو قد ۽ اڌ عمري ارونڌتي راءِ پنهنجي حق ۽ جدوجهد لاءِ ڀارتي سپريم ڪورٽ جي هڪ ڏينهن جي لڳل سزا کائي ڏنڊ ڀري آزاد ٿي وئي هن چيو ته مان معافي نه وٺندس ۽ منهن ڏئي مقابلو ڪندس پوءِ هن ائين ئي ڪيو.
    سندس ڏوهه تمام وڏو- هن جي صوبي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ دريائن مان پاڻي روڪ. جنهن لاءِ عملي طور جدوجهد جلسا ۽ جلوس جنهن تي ڪاوڙ ان جو نتيجو توهين عدالت “نرمدا بچاءِ اندوني“ سان واسطو اروڌني راءِ جو ناول (God of small Things) ”ننڍڙين شين جو خدا کيس ان ليول تي وٺي آيو جو ان کي برطانيه جو وڏو ادبي اعزاز ”بوڪر پرائيز“ مليو ۽ هن ڪتاب جون سٺ لک (60لک) ڪاپيون وڪيون ويو آهن. ڀل ته بوڪر پرائيز نوبل پرائيز جهڙو نه هجي پر هي اعزاز به گهٽ ڪونهي ۽ سندس مضمون به ڄڻ ڪافي ماڻهن کي شعور ڏين ٿا ۽ ڪيترين جون ننڊون ڦٽائڻ ٿا. سندسن لکڻين ۾ سچائي آهي. هن 1998ع هندستان ائٽمي ڌماڪي تي به احتجاج ڪيو هو. بنگال ڄائي ارونڌتي ڪڏهن اها به دعويٰ نه ڪئي آهي. ته هوءِ پنهنجي صوبي جي وڏي ۽ مهان ليکڪا آهي. هن ائين به نه چيو آهي ته هن ادبي ۽ سماجي خدمت ڪري وڏو طوفان برپا ڪيو آهي. هن ائين به نه چيو ته ادب مون کان پوءِ دنگ آهي. هن ڪڏهن اها به دعويٰ نه ڪئي ته هن ڪو پنهنجو فرض نڀائي قوم، خطي ۽ ما ڻهن تي احسان عظيم ڪيو آهي. عيسائي مذهب سان تعلق رکندڙ هي اديبه آمريڪي اوزون ڪمپنيءَ خلاف پڻ لکيو آهي.ارونڌتي کي نه ووٽ وٺڻا آهن. نه سياسي پارٽي جو نظريو۽ منشور پيش ڪرڻو آهي. هن کي سرڪار کان به ڪا رعايت ۽ مراعات ناهي وٺڻي، نه ڪا پينشن يا وظيفي جي سوالي آهي. نه مٽ مائٽ جي نوڪري، بدلي يا پوسٽنگ ڪرائڻي آهي هو ٺيڪا به نٿي کڻي هن کي ته پئسن ۽ سڪن تي پنهنجي ماڻهن کي خوار خراب ڪرڻ لاءِڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما به ناهن لکڻا يا وري پرائي خرچ تي غير ملڪي دورا ۽ پنجن ستارن وارن هوٽلن ۾ رهائش به ناهي ڪرڻي. هي ڪنهن ڪواٽر يا هيڊ ڪواٽر جي ڳجهي ياترا يا آشيرواد جي خواهشمند به ناهي جيئن اسان وٽ سڀئي بيان ۽ مضمون اسپانسر ٿيل هوندا آهن، ظلم اهو آهي ته اوها ڏسو هتي ته ڪيترائي مڙس ماڻهو صرف گيٽ اپ ۾ مڙس آهن، جيڪي جاچڻ سان مادين کان به ويل آهن اهي ئي هاڪون ٻٽاڪون ۽ ٻاڪون هڻن ٿا، گزريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هتي به ارونڌتي وارو مسئلو آهي. اوهان اخبارون پڙهون ۽ شهرن ڳوٺن ۾ وڃو صورتحال تقريبن ساڳي آهي. سڀئي ماڻهو جن ۾ اديب، دانشور، شاعر، سياستدان سي به ساڳيا آهن بت ڪاٺ ۽ بناوت جي لحاظ کان سڀئي ارونڌتي کان وڌيڪ مظبوط آهن، پر ڳالهه آهي نيت جي آزادي جي ۽ حق سچ جي، جنهن لاءِ هروڀرو وڏي قد ڪاٺ جي به ضرورت ناهي هن سزا قبول ڪئي. پر نظرثاني واري درخواست کان انڪار ڪيو ارونڌتي راءِ جڏهن تهاڙ جيل دهليءَ مان هڪ ڏينهن جي سزا کائي ٻاهر نڪري ٿي، تڏهن سندس حمايتي ”نردا بچائيءُ اندولن“ سان لاڳاپيل ماڻهو اهي نعراهڻن ٿا ته ”انصاف مري ويو. ماڻهو زنده آهن“ ۽ جواب ملي ٿو ته مان عام ماڻهن لاءِ پنج سئو دفعا جيل وڃڻ لاءِ به تيار آهيان“
    ارونڌتي ڪا پيشه ور سياستدان به ناهي نه ئي ان کي ڪو وزير يا مشير ٿيڻو آهي نه ئي ڪنهن پارٽيءَ جي واڳ هن جي هٿ وس آهي هوءِ صرف ۽ صرف هڪ ليکڪا آهي. اها ليکڪا جيڪا ماڻهن سان گڏ آهي ماڻهن جي دلين ۾ آهي ۽ پنهنجن ماڻهن سان سچي آهي دراصل هوءَ پاڻ سان سچي آهي.
    پاڻيءَ جو مسئلو هينئر سڄي دنيا ۾ جياپي جو مسئلو آهي. اها ڪا عام يا سطحي ڳالهه ڪانهي، اڃا اڳتي ڏٺو وڃي ته خود تهذيبن جو جنم ۽ وجود خود دريائن تي ٿيو آهي.
    افسوس اهو آهي ته اسان جا ليکڪ رٽائرمينٽ کان پوءِ ته وا وا ڪندا ٿا وتن ۽ سياسي پنڊتن پويان هلندا رهن ٿا. پر پنهنجي ماڻهن لاءِ ۽ انهن جي جياپي لاءِ هو چپ ۽ خاموش آهن. اسان ڪيڏا نه منافق ۽ مفاد پرست آهيون سکڻا لاٺڙيا ۽ ٻولڙيا، ڇا اسان وٽ ارونڌتي جهڙو ڪو هڪ ڪردار به آهي؟؟؟ اها ڪيڏي نه بي حسي آهي، جو اسان وٽ وطن دوستي ۽ وطن سان پيار به پنهنجي مفادن کي سامهون رکي ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جا ڪيترا ئي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو ماسٽرز وائيس جي چوڻ تي ملڪ سان محبت جو اظهار به ڪن ٿا ۽ ان جو هوڪو به ڏين ٿا، حالانڪ وطن سان محبت ايمان جو جز آهي. ۽ جنهن جي جتي اوور پورجي ٿي ان جي ان سان محبت رهي ٿي، اها به فطري ڳالهه آهي هينئر ته وطن دوست ۽ فروش ۾ وڃي ٿورو فرق رهيو آهي.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 6 اپريل 2002)


    کدڙا، اسيمبلي ۽ عوام

    تازو هڪ سياسي واپاري پنهنجي انٽرويو ۾ اهو مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ عورتن ۽ ٽيڪنوڪريٽس جي سيٽن کان پوءِ ملڪ ۾ وچيئن جنس جو اهومطالبو مڃڻ گهرجي ته کدڙن جون به سيٽون مخصوص ڪيون وڃن.
    هونئن به کدڙا سياسي شوق ۽ شغل ۾ نه صرف مصروف آهن، پر انهن ۽ تازو انهن جي انجمن طرفان اهڙو مطالبو به ڪيو ويوي آهي. هونئن به مطالبو هر ماڻهوءَ جو ڄڻ ته فرض آهي، جڏهن هتي ٽيڪنوڪريٽس جي نالي ۾ رٽائرڊ بيورو ڪريٽس حصو وٺي سگهن ٿا ته ملڪ جي هڪ ”خاص جنس“ کي به اهو موقعو ملڻ گهرجي. هونئن به رڳو هڪ منٽ اهو سوچيو ۽ تصور ڪيو وڃي ته جيڪڏهن ڀلا کدڙا پنهنجو مخصوص ۽ خاص لباس لاهي ۽ مرداڻي ويس ۾ ٻه ڪلو مڇون يا ڏاڙهي رکرائن ۽ عورتاڻان ڪپڙا لاهن ته پوءِ اها خبر ڪنهن کي پوندي ته ڪير، ڪير آهي؟ هونئن به اسان جي هن سماج ۾ هاڻي وڃي سڃاڻپ انهن ڪپڙڻ تي ئي ته رهي آهي ۽ سوسائٽي جي عزت به ان تي ملي ٿي. ڀلي ته ڪو ڪير به هجي پر سوٽ بوت ۾ بالم بڻيو وتي. ته هر ڪو خيال ۽ لحاظ پيو ڪندو ۽ ڪو ڪهڙو به هجي جيڪڏهن عام لباس ۾ ٻاهر نڪتو ته ٽيڪسي ۽ رڪشا وارو ويهڻ به نه ڏيندس، پر جي اها لباس خاڪي يا ڪاري خاڪي هجي ته پوءِ ڳالهه ئي ٻي آهي. اصلي سلامن جو وارو هوندس ۽ ٻيون رعايتون الڳ . کدڙن جو به پنهنجو ڪلچر آهي ۽ پنهنجو جهان، ڪراچي جي سول اسپتال ۾ کدڙن جو ڪنهن مردن سان جهيڙو ٿي پيو، هاڻي اهي ميڊيڪل رپورٽ لاءِ آيا، ڊاڪٽر ايس ايم دولتاڻي سينيئر ميڊيڪو ليگل آفيسر هو، جڏهن هن نالو پڇيو ته ڪنهن نيلم، ڪنهن ريما ته ڪنهن ماڌوري پئي ٻڌايو. هن مون کان پڇيو ته ”سائين هنن جي جنس ڇا لکان؟“ چيم ته معائنو ڪر، پوءِ جڏهن هن سڀني جي سامهون معائنو ڪيو ته هڪ کان سواءِ ٻيا سڀ مرد هئا. پوءِ اهو قصو کليو ته اوهان اهو روپ ڇو ڪيو؟ ته جواب مليو. شوق ۾.
    ڏيو منهن! اهو به ڀلا ڪو شوق آهي!؟ هنن جو چوڻ اهو هو ته ان لباس ۾ هر شئي ٺهي وڃي ٿي ۽ سڀ ڪجهه ملي به وڃي ٿو. ٻئي پاسي ملڪ ۾ نوجوانن کان وٺي جوانن تائين ۽ اڌ عمر جي مردن کان وٺي بزرگن تائين طاقت جون دوائون کائڻ وارا جام ملندا ۽ گهڻي تعداد ۾ ملندا. جن جي مقبوليت جو اندازو اوهان انهن مان لڳايو ته شام وارن اخبارن کان سواءِ طاقت ۽ شباب جا ڪيترائي اشتهار روزانو اخبارن ۾ اچن ٿا. جن ۾ سنياسي بابا، وڏا حڪيم ۽ ماهر شامل آهن. جيڪي صرف اشتهار ڇپرائڻ تي لکين روپيا خرچ ڪن ٿا. جيڪي بذات خود اها شاهدي ڏين ٿا ته هو ڪمائين ٿا ته خرچ ڪن ٿا يا اهو خرچ ڪڍن ٿا، تڏهن ئي ته ڪم هلي ٿو.
    هونئن به سڄو ڪم اندر جو آهي، منهن ۽ لباس ۾ ڇا رکيو آهي؟ عادتون ۽ طبيعتون به وڏو رول ادا ڪن ٿيون. اهو ڪيڏو نه وڏو ڀوڳ آهي ته جيڪو جيئن ڏسجي ٿو، اهو ايئن آهي نه ۽ جيڪو جيئن نٿو ڏسجي، اهو ايئن آهي. جيڪو جيڪا دعوا ڪري ٿو اهو اتي ناهي بيٺو ۽ جيڪو جيڪا دعوا نٿو ڪري، اهو ان جي پاسي آهي. تازو هندستان ۾ کدڙن به جلوس ڪڍيا آهن ته انهن کي اسيمبليءَ ۾ بيهڻ ڏنو وڃي ۽ ڪامياب بڻايو وڃي. هنن پنهنجا اميدوار به آندا آهن ۽ بيهاريا آهن هاڻي ڀلا ٻن منٽن لاءِ اهو سوچجي ته اسيمبليءَ ۾ ڀلا هڪ اڌ کدڙو ويٺو هجي ته ڪهڙو نقصان آهي؟ (ٻين جي به ڪا ضمانت ۽ پڪ ته ناهي) ٻيا هلڪي تاڙي وڄائيندا آهن. هن جي تاڙين ۾ به واهه جو ردم هوندو ۽ ڳالهائڻ ۾ جيڪا نزاڪت هوندي اها به گهڻن کي متاثر ڪندي ان کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه الڳ، باقي اندر جي خبر الله سائينءَ کي ته ڪير کدڙو آهي يا ڪير مرد؟ جو اڄڪلهه ڪم هڪجهڙو نظر اچي ٿو. هونئن به نالي ۾ ڇا رکيو آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن ته شير، ڪوئي جهڙو هوندو آهي ۽ ڪڏهن .... ؟؟؟
    باقي کدڙڻ جو اسيمبليءَ ۾ ويهڻ هروڀرو ايڏو به برو ڪونهي، آخر اتي به ته ڪي ويٺا هوندا. اهو الله ڄاڻي ته ڪير مرد آهي ۽ ڪير کدڙو:؟؟ جو لباس ته ڏيکاءُ آهي!!
    (روزاني هلال پاڪستان، ڇنڇر 9 مارچ 2002ع)


    رشوت ٽوڙ يا رشوت خور کاتو

    اسان جي ملڪ ۾ ظلم اهو آهي ته هتي سوسائٽي ۽ ادارن جو ڄڻ ته ڪو فرض ئي آهي لٽ مار، ٽوڙ ڦوڙ، بي ايماني ۽ بدديانتي، هتي چڱائي جي نالي ۾ برائي پکڙجي ٿي ۽ ان تي ڪا به روڪ ٽوڪ ڪانهي. جو ڏاڍو سو گابو - يا ڏاڍي مڙس جي لٺ کي ٻه مٿا. وڻيس جيڪو وهي، جاڏي وهي نه ڪا جهل نه پل، چيڪ ۽ بيلنس جو ڄڻ ته ڪو نظام ئي ڪونهي، هر ڪو پيو پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪري. جائز گهٽ ۽ ناجائز گهڻو ۽ سرڪار جا ڏنل اهي اختيار ذاتي پسند ۽ ناپسند تي استعمال پيا ٿين. هونئن ته ان سلسلي ۾ ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا. پر هتي جيڪو رشوت ٽوڙ کاتو آهي، جنهن کي اينٽي ڪرپشن چئجي ٿو. اهو ڄڻ ته رشوت خور کاتو ٿو سڏائي. شل نه ڪو ڦاسي يا ڦاسايو وڃي، اصلي سپاهي کان ويندي جمعدار تائين ۽ جمعدار کان ويندي سب انسپيڪٽر ۽ آخر ۾ سرڪل آفيسر وٽ اچي معاملو نبيريو وڃي ٿو. ان ۾ ڪهاڻي اها آهي ته هي سمورو ڪم سرڪاري آفيسرن جي خلاف ٿئي ٿو. جنهن ۾ به هيٺاهين ملازمن جو تعداد گهڻو وڏن جو تعداد گهٽ پر آخر ڏنو پٽ ڇٽي جو، فيصلي ڪرڻ وارا با اختيار آهن. ان ڪري اهي پنهنجو فيصلو پنهنجي پتيءَ جي حساب سان ڪن ٿا.
    تازو سي ايم سي اسپتال ۾ ڊاڪٽر حافظ گلاب مورئي جي خلاف نامعلوم درخواست آئي. جنهن جي جاچ ڪرڻ هڪ سب انسپيڪٽر اچي پهتو. ميڊيڪل سپرنٽينڊٽ جي آفيس ۾. چيائين، ڊاڪٽر تي الزام آهي ته هن مال جي (پئسن) خردبرد ڪئي آهي. مون کيس چيو ته هي پئسو سرڪاري آهي. سرڪار ان جي دانهين ناهي ۽ اهو نامعلوم شخص جنهن درخواست ڪئي آهي. جنهن جي ڪا به شناخت ڪانهي ته فريادي ڪير آهي؟ ۽ اهو لڪل شخص ڪيترو اهم آهي؟ ان جي درخواست ۾ ڪهڙي سچائي آهي؟؟ اها درخواست کڻي اوهان ڪهڙي انڪوائري ڪرڻ ٿا چاهيو؟ جنهن جا ڪي تفصيل ئي ڪونهن. ٻيو ته ڪٿي خردبرد ٿيو آهي؟ نامعلوم درخواست تي ايڏي وڏي ۽ تڪڙي ڪاهه؟
    ميڊيڪل سپرنٽينڊٽ به کيس چيو ته اوهان اسان کان ڇا ٿا پڇڻ چاهيو؟ جنهن تي مذڪوره ماڻهوءَ چيو ته بس درخواست پهتل آهي. اسان ان تي جاچ ڪرڻ ٿا چاهيون ۽ تفصيل گڏ ڪرڻ ٿا چاهيون.
    مون کيس چيو ته اهڙيون درخواستون ته ڪوبه ڪنهن جي لاءِ ڪري ۽ ڪرائي سگهي ٿو. اوهان خط ملندي لٺ کڻي ٿا پهچو. بهرحال هن حافظ گلاب سان وري ڪچهريءَ جو چيو ۽ هليو ويو. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر حافظ گلاب مون کي چيو ته ان ماڻهوءَ جو ڀاءُ اسان وٽ ملازم آهي. هي ان لاءِ ڪواٽر الاٽ ڪرائڻ ٿو چاهي ۽ چوي ٿو ته توهان اسانجو ڪم ڪيو. مان توهان لاءِ سٺي رپورٽ موڪلي ڇڏيندس. مون ڊاڪٽر کي چيو ته- يار! ان ڳالهه جي ڪري ڪواٽر نه ڏيبو- باقي هنکي جيڪو ڪرڻوآهي سو ڪري.
    چيائين- منهجو ٿو سر وڃي، تون ايتري به ڪو آپريشن نٿو ڪرين- جان ڇڏاءِ.
    کيس چيم ان لاءِ وڏي صاحب سان ڳالهائبو. اهڙي نموني سان کاتي وارا روزانو دوائن جو چيرو کنيون ٿا اچن. هاڻي ڪير جواب ڏئي، شينهن جوپنهنجو منهن آهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون سلڻ جون ۽ ڪيتريون نه سلڻ جهڙيون آهن جن جي عام ڪرڻ سان چون ٿا ته سرڪاري راز فاش ٿا ٿين ۽ وري انهنجي پنهنجي سزا آهي، اهڙي طرح سان ڪراچيءَ جي سول اسپتال جي هڪ ايم ايل او. ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ميمڻ کي اينٽي ڪرپشن وارا پڪڙي ويا. سڳ سوڌو، جنهن جا اسان گواهه آهيون ته وڏو مونجهارو هي آهي ته ٻين کاتن خلاف رشوت وٺڻ تي هتي دانهن درج ڪرائي سگهو ٿا. پر هن خلاف ڪاڏي وڃو؟ هڪ مسڪين ماڻهوءَ لاءِ الله جو ئي سهارو وڃي بچي ٿو. ورنه گمنام درخواستن ۽ ڪرائي ۽ حشيءَ تي به وڏو ڪم ڪرائي سگهجي ٿو ۽ پوءِ حاضريون شنوائيون آزار بي عزتي الڳ . هر سرڪار رشوت کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏا اپاءَ ۽ ڪوششون وٺي ٿي پر معاملو ...... جهڙو آهي ئي نه ۽ نه ئي ڪجهه ٿيندي لڳي ٿو، سواءِ آسن ۽ اميدن جي رشوت ڇو ٿي وٺجي؟؟ جيڪڏهن ان لاءِ سوچجي ته بهتر آهي ۽ ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيڪو هي ڪجهه ٿئي ۽ نه- هڪ سپاهي، ڪلارڪ، پٽيوالي جي پگهار ٽن ۽ چئن هزارن وچ ۾ آهي. هاڻي ان کي زال ماءُ ۽ ٻه ٻار هجن ته پوءِ گهر جو خرچ ڪيئن هلي؟ جنهن ۾ شامل آهي گهر جي مسواڙ، گئس ۽ بجلي جو بل، ٻارن جا ڪتاب، لٽا ۽ ٽيوشن في، کاڌو پيتو ۽ ڀاڙو ڀتو، هاڻي اسان جا هي بجيٽ ماهر جيڪڏهن عوام جي خدمت ڪندي کين ان پگهار مان بجيٽ ٺاهي ٻڌائن ته انهن جا قوم تي وڏا وڙ ۽ احسان ليکبا. هتي اسان اڃا بيماري بڙي جو اڪائونٽ نٿا لکون. جو ڏٻري مال تي مڇر به گهڻا ٿا اچن. هاڻي هي گگدام ڇا ڪن؟ ڪاڏي وڃن؟ منهنجي خيال ۾ سماج ۾ چورين، براين، نشي جو وڏو سبب اهي حالتون ئي آهن. پر هرڀرو اهو ڪم رڳو غريب نٿا ڪن. سڄو ملڪ مٺائي لڳو پيو آهي. تازو هلال پاڪستان جي 7 مارچ واري اخبار ۾ ٽڪالمي خبر آهي ته 2001 دوران هڪ کرب 77 ارب 89 ڪروڙ 30 لک رپين جون مالي بيقاعدگيون ٿيون.
    اسلام آباد مان آن لائن خبر ڏني آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ملڪ ۾ مختلف وفاقي وزارتن، سرڪاري ادارن، ڊويزنن ۽ صوبن ۾ مالي بيقاعدگيون، فراڊ ۽ بدعنوانين جي 63 صفحن تي ٻڌل آڊيٽر جرنل آف پاڪستان پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ هڪ کرب ستهتر ارب اٺا اسي ڪروڙ ٽيهه لک رپين جون مالي بي قاعدگيون ۽ فراڊ سامهون آيا آهن. جنهن ۾ 836 ڪيسن جو اڀياس ڪيو ويو ۽ آڊٽ جي نشاندهي تي اٺ ارب چوويهه ڪروڙ پنجاهه لک رپيا وصول پڻ ڪيا ويا. جنهن ۾ وڌيڪ ادائيگين جي ڪري هڪ ارب ٻياسي ڪروڙ نوي لک رپين جون پڻ مالي بيقاعدگيون ظاهر ٿيون جن جي جاچ جاري آهي.
    هن حڪومت توڙي جو نيب ۽ ريب جي ذريعي ڪافي سرڪاري پئسا پڻ وصول ڪيا آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ پهريون دفعو آڊيٽر جرنل هي رپورٽ شايع نه ڪئي ويندي هئي. هونئن به اسان وٽ سرڪاري ملازم جڏهن ملين ۽ محلن جا مالڪ ٿين ٿا پوءِ سياست شروع ڪن ٿا. تڏهن اسان جي ڪنهن به اداري ۽ ؟؟؟؟ کي انهن ۾ ڪا خرابي نٿي نظر اچي، يا پندرنهن هزار پگهار وارا جڏهن گيسٽ هائوسز ۽ هوٽل هلائن ٿا تڏهن به اهي محڪمي جي نظرن ۾ نٿا اچن. اصل اهو فارمولا وڌيڪ اهم ۽ مضبوط نظر اچي ٿو يعني ڏنو پٽ چٽي جو ۽ ڇٽو پٽ سڪيلڌي جو، پوءِ هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو سڪليڌو ٿئي ٿو. جيڪا ڪاتي پراڻي تي وڃي ٿي. اها پنهنجي تي به وهي ته انصاف ٿيندو. باقي وهندڙ دريا مان سڀ ٿا پاڻي پيئن جي نٿا پيئن انهن کي به شاباسي نٿي ملي.
    (روزاني هلال پاڪستان ڇنڇر 30 مارچ 2002ع)


    ذاتين ۽ ڳوٺن ۾ ورهايل ماڻهو

    ڪو زمانو هيو ۽ اهو زمانو ڪو ماضي بعيد به ڪونهي، پر ڪجهه ڏهاڪن جي ڳالهه آهي. جڏهن مذهبن جي حوالي سان لحاظ ۽ شناخت ڪئي ويندي هئي ۽ ”مسلمان ڀائر“ جو لفظ استعمال هيٺ آندو ويندو هيو. پوءِ ان لاءِ همدردي ۽ فلاح جون ڳالهيون هونديون هيون. سوشل اسٽيڊي ۽ سماجيات جا ڪيترائي نوان چيپٽر لکيا ۽ ترتيب ڏنا ويا ۽ سڄي عالم ۾ جتي به مسلمان ڀاءُ هوندو هيو ان سان همدردي ۽ مدد ۾ نڪري پئبو هيو، جو ان لاءِ مذهب به درس ڏنو آهي ته اوهان هڪٻئي جي مدد ڪيو بنا تفريق جي.
    پوءِ وري اهو وقت به آيو ته ملڪ جي نالي ۾ ماڻهن جي مدد ڪئي وئي، سڃاڻپ شناخت جو هڪ نئون دور وجود ۾ آيو. جڏهن ٻاهر وڃبو هيو ته ملڪ جي حوالي سان ملي جيڪا خوشي ٿيندي هئي ڄڻ ته ائين لڳندو هيو ڄڻ ڪو پنهنجو مائٽ مليو آهي پرديس ۾ ديسيءَ جو ملڻ هڪ وڏي خوشي جي ڳالهه هوندي آهي. ان کانپوءِ سياست مظبوط ٿي وئي، ماڻهپو ڪمزور ٿيو. ۽ ماڻهو ورهائڻ شروع ٿيو. ان ورهاست ۾ جتي ڪيتريون ئي سياسي حرفتون هيون اُتي احساس محرومي به شامل هيو. جو هڪ پاسي سڀ ڪجهه ۽ ٻئي پاسي مسافري ۽ اجنبيت. اهو احساس انهي سياسي قلابازن نه صرف ملڪ کان ٻاهر پر ملڪ جي اندر به ڏنو جنهن ڪري ورهاست جي ان عمل ۾ واڌ ويجهه ٿيندي وئي. ان جو فائدو ۽ لاڀ وٺڻ لاءِ اڃان ان ۾ تيزي آئي ۽ ان کي هيٺين سطح تائين آندو ۽ وڌايو ويو- جن جي پويان ڪن مخصوص فردن جا ذاتي مفاد ۽ مفادن تي پردو وجهڻ ۽ انهن جي ڪمزوري کي لڪائي، وڌيڪ لٽ مار کي رائج ڪرڻ ۽ پنهنجا ذاتي مفاد وٺڻ وارو عمل شامل رهيو. ۽انهن جو فائدو انهن ”ايڪسپلائيٽرس“ کي مليو جن ذاتي مفادن جو هڪ نئون باب کوليو ۽ ورهاست جي ان هيٺيائين عمل کي هٿي ڏني. جنهن مسلمان ۽ ملڪ واري عالمگيريت کي ختم ڪري، هيٺائين سطح جي ذات ۽ ڳوٺ واري ورهاست کي جنم ڏنو. جيڪا غير فطري ۽ غير بنيادي ڳالهه آهي. يعني ماڻهن جي گهرن ڀرسان ڏنل ڀتيون به وڌيڪ اوچيون ٿي ويون. ۽ ذات جي ان ڳولها ۽ هجوم ۾ ڪيترائي اڻ ڄاڻ ڄاڻون ۽ ڪيترائي ڄاڻون اڻڄاڻ ٿي ويا. ۽ نوان ويڇا وجود ۾ آيا حرفتين ۽ چالاڪن اهو به رواج وڌو ته مذهب کي به ورهايو وڃي پوءِ انهن مذهب ۾ به ورهاست جو بنياد وڌو مذهب اندر فرقه پرستي کي به هوا ڏني وئي ۽ هڪٻئي کي جائز ناجائز کان وٺي اصلي حلال حرام جي حد تائين آندو ويو. اسلام جي عالمگيريت کي وڏو هاڃو ۽ نقصان ڏنو ويو. ٻئي پاسي واري ”نيشنلٽي“ اندر سب نيشنلٽيءَ کي جنم ڏنو ويو، جنهن جي باهه ۾ ڪيترائي ماڻهو ساڙيا ويا ۽ سڙندا رهيا ۽ انهن جو نقصان سڀني کي ۽ فائدو ڪن چند ماڻهن کي مليو. ان اڄڪلهه جيئن ته مان اندرون سنڌ ۾ آهيان ان ڪري محسوس ڪري رهيو آهيان. ته هي سياسي قلابازن هينئر سنڌ کي ذاتين، قبيلن، گروهن ۽ ڳوٺن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. ان ۾ مقامي مفاد پرست وڌيڪ فائدو وٺن ٿا. ۽ ان کي هوا به ڏين ٿا يعني فلاڻي جي ڪاڄ ۾ ، فلاڻو ذات ڀائي ۽ فلاڻو شهر واسي ايندو- فلاڻي جي جيهڙي لڙ بکيڙي ۾، فلاڻو فلاڻو ايندو جو اهو ساڳي قبيلي سان تعلق رکي ٿو. بنا ڪنهن حق ۽ انصاف جي اهڙي نموني سان سنڌ اندر- اندرون سنڌ ۾ ٻروچ ۽ سنڌيءَ جو تڪرار پڻ وڌايو پيو وڃي. ان سان گڏ سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي تضاد کي به اڀاريو پيو وڃي پر ڪو به ان کي روڪڻ لاءِ اڳيان نٿو اچي. حالانڪ اهي سڀئي حالتون ۽ رواج هتي صدين کان جيئن جو تيئن حالتن ۾ آهن ۽ اڳ انهن ۾ اها تعصب پرستيءَ واري لهر نه هوندي هئي. اڄڪلهه هڪ نئون اشو ۽ مسئلو بڻايو ۽ پيدا ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ ڪجهه ذاتي تڪرارن کي قبائلي روپ ڏنو پيو وڃي.جنهن سان ڏوهارين ۽ ڏوهن کان سواءِ هٿي ملڻ جو ٻيو ڪو به فائدو نه ملندو. سواءِ ڪن ماڻهن جا ذاتي مفاد حاصل ٿيڻ جي باقي سمورو نقصان آهي. ۽ اهو فائدو به هر ماڻهو نه پر اهي چالاڪ، شاطر ۽ رانديگر وٺن ٿا. جن جو اهو ڌنڌو آهي، هينئر بذات خود دنيا هڪ ننڍڙو ”گلوبل ڳوٺ“ ٿيندي پئي وڃي. اتي قومن ۽ ملڪن کي ذاتين ۽ ڳوٺن ۾ ورهائڻ وارو اهو عمل اڳتي جيڪا باهه لڳائيندو! اها باهه گذريل سموري باهه کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي. اڃان به وقت نه ويو آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اچو ته گڏجي ڪري مذهب، ملڪ ۽ قوم جي گڏيل خدمت ڪريون ۽ ذاتي ۽ ذاتين جي ٿيندڙ ورهاست کان بچايون (هوئن به اسان مذهب ۽ ملڪ کان ٻاهر نڪري به نٿا سگهون) جنهن جو مظاهرو سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ ٿي رهيو آهي شڪاپور اندر شيخ صاحبان جيڪو نظريو پيش ڪري رهيا آهن اهو انعام شيخ جي لکڻين جي ابتڙِ آهي ۽ شڪارپور ۾ قبائيلي تڪرار پڻ سنڌي ٻروچ تڪرار کي وڌائي ٿو حالانڪ هتان جو ٻروچ به سنڌي آهي ۽ پڪو آهي اسان جي عالمن، اڪابرن، هڏڏوکين ۽ قومي ليڊر کي هنن ٽانڊن کي وسائڻو پوندو، جيڪي ايندڙ ڪنهن وڏي ڀڀڙ جو ڏس ڏين ٿا
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 22 جون 2002 ع)


    تحقيق ۾ تخليق نه هئڻ گهرجي

    ماهوار”نئين زندگيءَ“ مضمونن جي حوالي سان انتهائي ڀرپور رهيو آهي ۽ هن دور ۾ پنج روپيا- ڄڻ ته مفت ۾ ملي وڃي ٿو. تازو سيپٽمبر واري شماري ۾ جناب محمد ابراهيم سنڌي جو مضمون ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ماڻهن جا نالا ۽ ذاتيون“ انتهائي ٻاراڻو ۽ مٿاڇر مضمون آهي. تحقيق دليل طلبيندي آهي. ٽوڙ مروڙ کي تحقيق چئي ئي نٿو سگهجي. هن مضمون ۾ محمد ابراهيم سنڌي جيڪي ڌُڪا هنيا آهن. انهن جي پويان بي علمي شامل آهي ۽ ان قسم جا مضمون ڪابه مدد فراهم نٿا ڪن. لطيف سائين جي شاعري سنڌي ماحول جي شاعري آهي. ان ۾ هن ڌرتيءَ جا سڀ ڪردار شامل آهن ۽ هجڻ به گهرجن. جن ۾ ماڳ مڪان ذاتيون ۽ نالا ريتون ۽ رسمون پهاڪا ۽ محاورا مطلب ته روزمره جي زندگي ۽ انسان جي سمورن سوچن ۽ گڻن کي انهن ۾ آڻڻ هڪ حساس ماڻهو ۽ شاعر لاءِ ضروري آهي. لطيف سائين جي شاعري سوسن، سمبل، نرگس جي شاعري ڪانهي. پر هي ماڻهن جي ڪرب حاصلات واٽن ۽ واردات ۽ داستانن جي شاعري آهي. اهو سبب آهي جو سنڌ جا سڀئي جاگرافيائي حصا لطيف کي پنهنجو شاعر چون ٿا. ۽ اها ئي شاهه سائين جي خوبي آهي. جيڪا کيس دنيا جي مڙني شاعرن کان مٿانهون ڪري ٿي ته هن پنهنجن ماڻهن جي ترجماني ڪئي آهي۽ انهن جا سمورا عڪس بيان ڪيا آهن. جنهن کي وقت جي شاعرانه تاريخ چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪونهي ۽ شاهه سائين لفظن ۾ عڪس چٽيا آهن. جنهن کي اسان لفظن جي مصوري چئي سگهون ٿا. محمد ابرهيم سنڌي صاحب، لطيف سائين جي لفظن کي نه صرف بگاڙيو آهي. پر انهن جو مفهوم به مٽايو آهي ۽ ڇڪي ڌڪي پنهنجي مطلب ڏي آندو آهي. جيڪا تمام غلط ڳالهه آهي ۽ اهو مضمون ڪيترائي مونجهارا پيدا ڪري ٿو. مثال طور مضمون نگار لکي ٿو: ”محمد“ لفظ جي معنيٰ واکاڻيل ساراهيل هن وقت محمد نالو مسلمان پاڻ تي رکن ٿا. حوالو (1) مسلمان پاڻ تي، نالي جي معنيٰ مطابق نٿا رکن. پر نبي سائين جي عقيدت ۽ برڪت طور رکن ٿا. جيئن غلام محمد، محمد دين يا محمد ابراهيم، هاڻي هن ۾ ته ٻه نالا ٿيا. ان ڪري اهو چوڻ ته شاهه سائين محمد نالو واکاڻيل يا ساراهيل وصف ڪري رکجي ٿو. صحيح ناهي. حوالو (2) طالب قصر، حالانڪ طالب تي نبي سائين جي چاچي جي ڪنيت هئي. ابو طالب هونئن طالب، طلبيندڙ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو پر محمد ابراهيم سنڌي مثال طور طالب پالاري جو نالو ڏنو آهي. خبر ناهي ته شاهه لطيف طالب پالاري جي مستقبل کي ڏسي شايد اڳواٽ متاثر ٿيو هجي!؟ يا قصر مان هن ٻئي فنڪار قصر نظاماڻي جو نالو ڇو نه لکيو جو اهو به ته ٿي سگهي ٿو . حوالو: (3) مصنف ڪلاڙ ۾ ڪلوڙ ذات پيدا ڪئي آهي. جنهن لاءِ سندس وٽس به دليل ڪونهي. بقول سندس ته ڪلواڙ ڪلاڙ مان ٿيو آهي. يا اڃان ڪنهن ٻئي لفظ مان تحقيق ڪري ها ۽ پوءِ ڪو رايو ڏئي ها. ڇو جو تاريخ تخليق ناهي ٿيندي. پر بيان ٿيندي آهي ۽ ان جي صحت کي به جاچبو آهي. حوالو: (7) ميهسرلاءِ چيو ويو آهي ته رسالي ۾ ان جي معنيٰ وڏو شاهي تلاءُ ڏني وئي آهي. پر جيئن ته هي مضمون ماڻهن ۽ ذاتين جي نالن جي عنوان سان لکيو ويو آهي. ان ڪري فاضل مصنف ان کي ميهسر مان مهيسر بڻائي ڇڏيو جيڪو درست ڪونهي. حوالو: (10) فاضل ليکڪ جو هڪ ٻيو ڪمال اهو آهي هنن ”آڳريا“جي معنيٰ ڦيرائي ان مان آگرو ايجاد ڪيو آهي ۽ سائين غلام رباني آگرو کي ان سان ملايو آهي خبر ناهي سائين غلام رباني آگرو اُن مان خوش ٿيندو يا نه، ته هو آڳڙيو آهي. حوالو: (11) لوهار حوالو 12 سونارا ذاتيون نه پرڪرت آهن ڌنڌو آهي. ان ڪري انهن ڌنڌي واري ماڻهن جون ذاتيون الڳ الڳ ٿي سگهن ٿيون. ڪي سماٽ آهن ته ڪي راجپوت ڪي بلوچ آهن ته ڪي پٺاڻ ان ڪري انهن کي ذاتين ۾ شمار ڪرڻ به ڪا دانشمندي ناهي ۽ اهڙا مثال مضمون جي عنوان سان نٿا ملن. حوالو: (14) انگريز ليکڪ لکي ٿو انگريز هڪ يورپي ذات مانواري ليکڪ کي خبر ئي ڪانهي ته پوءِ اهڙو مثال نه ڏيڻ گهرجي حوالو: (16) ناکئا جو واسطو به ڪرت سان آهي. حوالو: (18) شڪاري لاءِ ليکڪ پاڻ لکي ٿو. ته بيت جي حوالي سان شڪار ڪندڙ اڪثر خانه بدوش ماڻهو هاڻي اها ذات ڪيئن ٿي؟؟ عجيب منطق آهي ته شڪار ڪرڻ جي نسبت سان انهن جي ذات شڪاري آهي. اڪثر ٻهراڙي جا ماڻهو ڀوڳ ڪندي چون ته شڪاري اڄ ڪهڙي شڪار تي ويو هنئين جيڪڏهن اهو ڪم ائين ٿيو ته پوءِ ته سڀاڻي لباس تي به ذات ٿي سگهي ٿي. مثال شلواري، قميصي، پوتڙائي، گوڏائي سوٽائي وغيره وغيره حوالو (23) جر جي معنيٰ ڇڏي ليکڪ جروار کي ان مان جنم ڏنو آهي. جيڪو ڪنهن به لحاظ کان درست ڪونهي. حوالو: (52) مگڻو مان مگڻيجو پيدا ڪيو ويو آهي. جيڪو به درست ناهي. حوالو: (56) سائل سوالي کي چئجي ٿو. هي نه نالو آهي نه ذات اهڙي طرح مڱتو به ذات ڪانهي. هڪ شاعر تخلص رکيو آهي. پر اڄ ڏينهن تائين سائل ڪنهن نالو نه رکيو آهي. يا ان نالي رکڻ ڪو رواج ڪونهي. حوالو: (60) پارهيڙي به پکين کي چئجي ٿي. ان جو عام جام قسم اها ڪابه ذات ڪانهي حوالو: (61)ڪارايل (87) پرپٽياڻي به ڪو نالو نه آهي نه ئي ذات باقي لفظن سان ملندڙ جلندڙ لفظ ٺاهي گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي. فاضل لکيڪه کي گهرجي ته تحقيق کان اڳ پنهنجي پاران ڪا به راءِ زني ڪرڻ يا دل مان لفظ ٺاهي اهي علم ۽ ادب تي مڙهڻ ڪنهن به لحاظ کان فائديمند ناهن. ان سا عام قاري نه رڳو گمراهه ٿئي ٿو پر هو پنهنجو مفهوم پڻ وڃائي ويهي ٿو ۽ ان کي ايندڙ مضمونن ۾ وڌيڪ مبهم ۽ منجهائيندو صورتحال سان منهن ڏيڻو پئي ٿو.هونئن به تحقيق لاءِ ريفرنس ضروري آهي. فاضل ليکڪ جيڪي ريفرنس ڏنا آهن. اهي اخذ ڪيل اهي بيت آهن، جن جي معنيٰ هن پاڻ گهڙِي آهي. ڪنهن به ريفرنس ۾ اهڙا حوالا ڪونهن جي ذاتين ۽ نالي جي حوالي سان بيان ڪيا ويا آهن.
    تحقيق ۾ تخليق نه ڪرڻ گهرجي.پر انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم کي ڇنڊي وڌيڪ نروار ڪجي ڪٿي ڪٿي ائين به ٿئي ٿو ته هڪ لفظ جون اڪيچار معنائون ٿين ٿيون پوءِ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ٿي زميني ادبي ۽ تاريخي حوالن سان انهن جو ڇيد ڪجي ٿو ۽ قريب ترين، موزون ترين معنيٰ سان ان جي نسبت کي ثابت ڪجي ٿو پر هن مضمون ۾ اهڙي ڪنهن به ڳالهه جو خيال ناهي رکيو ويو، ۽ هي مضمون سواءِ مونجهاري ۽ مٿاڇري جي ڪجهه به نٿو ڏئي.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 23 نومبر 2002ع)


    شاهده پروين ۽ راڳ

    حيدرآباد جيمخانه طرفان هڪ ”محفل غزل“ جو اهتمام ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ ان ڪاميٽيءَ جو ذميوار هو. جنهن چيو ته هتي سڀ فنڪار آيا آهن. شاهده پروين نه آئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته اها اسان جي ايندڙ پروگرام ”محفل غزل“ ۾ شامل ٿئي. مون ڪراچي جي ٽي ويءَ جي ان وقت جي پروگرام مئنيجر کان شاهده پروين جو فون نمبر گهريو، جيڪو هن لاهور ٽي وي جي پروگرام مئنيجر کان ورتو ۽ پوءِ مون هن سان فون تي ڳالهايو. منهنجي شاهده پروين سان اها پهرين ڳالهه ٻولهه هئي. هن پنهنجي ائڊريس ڏني، جيڪا بادشاهي مسجد لاهور جي ڀرسان شاهي پاڙي جي هئي ۽ اسان کيس ايڊوانس طور سندس طئي ڪيل پئسا مني آرڊر ڪري موڪليا، پوءِ مون هن سان ڳالهايو ۽ سندس اچڻ جو پروگرام پڇيو. هوٽل فٽاز حيدرآباد ۾ سندس لاءِ ۽ موزيشن لاءِ به الڳ ڪمرا بڪ ڪرايا ويا ۽ هن کي فون تي به انهن جا نمبر پڻ ٻڌايا ويا.
    شاهده پروين پنهنجي ڏنل ٽائم ٽيبل مطابق آئي، مان ۽ ناز سهتو هوٽل فٽاز ۾ ان سان ملياسين مون کيس چيو ته ”سنڌي آئٽم ضرور ڳائڻو آهي. تو کي جيڪو به ياد هجي ڳاءِ!“
    چيائين:”سرائڪي ڪلام گهڻا ياد آهن. سنڌي ڪو به ڪلام ياد ڪونهي“ ڇا ڪجي؟؟“ پوءِ مون کيس ”ديپڪ راڳ هي چاهت اپني“ جي ڌن تي هڪ سنڌي ڪلام ۽ ٻيو استاد فيروز گل جو ڳايل ڪلام مرڪ ۽ مهڪ پيار هوندو آ- لکي ڏنا ۽ سندس ميوزيشن سان پاڻ ويهي ريهرسل ڪرائي. هن کي ڪلام لفظن ۽ ڌن سميت ياد ڪرايو. هن ان کان اڳ ڪڏهن به سنڌي نه ڳاتي هئي، کيس اردو الفابيٽ ۾ سنڌي لکي ڏنم، سرائڪي هجڻ ڪري هن کي لفظن جي اچار ۾ ڪابه رڪاوٽ محسوس نه ٿي ۽ پوءِ هن ٿوري گهڻي لفظي چڪن سان ساڳي راڳن ۾ اهي ڪلام ڳايا، جيڪي تمام گهڻا پسند ڪيا ويا.
    شاهده پروين حيدرآباد جي جيمخانه جي ماحول کان ڏاڍي متاثر ٿي ۽ هن کي ڀرپور داد پڻ مليو. ان کان پوءِ منهنجي بدلي ڪراچي ٿي! پر شاهده پروين سان فون تي گفتگو جاري رهي. ڪڏهن هن جو فون ايندو هو ۽ ڪڏهن مان کيس فون ڪندو هئس. هڪ دفعو هو ڪراچي ڪنهن فنڪشن ۾ آئي ته مون کي فون ڪيائين. سندس رهائش پرل ڪانٽينيٽل هوٽل ۾ هئي. منهنجي هن سان ملاقات ٿي، زور رکيائين ته پروگرام آهي گڏجي هل کين چيم هي نجي پروگرام آهي. ۽ اهو مناسب ناهي ته مان به هلان . بهرحال ان کان پوءِ مان ٻه دفعا لاهور ويس ته هن سان ملاقات ٿي. هوءِ پرل ڪانٽينيٽل لاهور ۾ مون سان ملڻ آئي ۽ پنهنجي گهر رات جي ماني جي دعوت ڏئي وئي. مان ۽ منهنجو دوست ان جي گهر وڃي ماني کاڌي، ڏاڍو سٺو بندوبست ٿيل هيو، مون کي پهريون دفعو اهو احساس ٿيو ته شاهده پروين دل جي ڏاڍي سخي آهي. هوءَ پاڻ ۽ ماسي ڏاڍي خدمت ڪئي. ماني کان پوءِ هن پنهنجي ميوزيشن اسلم خان ۽ ٻين مهمانن سان ملاقات ڪرائي جن چيو ته ”ميڊم توهان کي ڏاڍو سنڀاليندي آهي ۽ تعريف ڪندي آهي.“
    اسلم خان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ شاهده پروين سان گڏ هيو. ان ڪري ان سان عليڪ سليڪ قائم رهي. شاهده پروين کي اهو احساس هو ته هوءَ خوبصورت ناهي. پر کيس ان تي به فخر هو ته هو، جهڙي سريلي هئي هوءَ راڳ ڇيڙيندي هئي، ان وقت اهو محسوس ٿيندو هو. ڄڻ ڪو سر جو آبشار ۽ وهندو پيو وڃي. سندس آواز جو اتار چڙهاءُ ۽ ادائيگي من کي موهي وجهندي هئي. هن جا سرائڪي ڪلام سندس ماءُ زاهده پروين جون سڪون لاهيندا هئا ۽ هن کي ڪافي راڳ تي وڏو عبور حاصل هو. عبور ته هن کي ڪلاسڪ ۽ نيم ڪلاسڪ راڳن تي به هو. جيڪو قائم رهيو. شاهده پروين لاهور جي ڪيترين ئي گلوڪارائن کان وڌيڪ سريلي ۽ پختي ڳائڻي هئي. ان ڪري هو ٻڌائيندي هئي ته هتان جون سهڻيون گلوڪارائون هن کان ساڙ کائن ٿيون. جيڪو پڻ فطري عمل هو. شاهده پروين هڪ اڌ دفعو عيد تي پڻ فون ڪئي ۽ عيد مبارڪ ڏنائين. گذريل سال 14 فيبروري تي منهنجي ڀائٽن جي شادي هئي. صلاح ڪئي سين ته هن دفعي محفل موسيقيءَ ۾ لاهور جي فنڪاره زرقا کي گهرائجي. مون شاهده پروين کي فون ڪيو ۽ چيو ته مان زرقا کي سڃاڻان ئي نه . تون هن سان ڳالهائي پوءِ ٻڌا. ۽ هن ان سان ڳالهايو ۽ ان جو فون نمبر ڏنو. چيائين تون فڪر ئي نه ڪر مان ان کي ۽ ان جي سازندن کي ايڊوانس به ڏينديس. پوءِ اها تون هن جي معرفت موڪلجانءِ. پر پوءِ اسان جو پروگرام تبديل ٿيو ان کان پوءِ گذريل سال جون ۾ مان فيملي سان گڏ لاهور ويو هيس. مون شاهده پروين کي فون ڪيو. پاڻ لاهور کان ملتان وڃي رهي هئي. ۽ چيائين ته مان ٻن ڏينهن ۾ موٽي اينديس. تنهنجي فيملي کي دعوت ڏينديس. مون وٽ ماني ضرور کائو، پر ان کان اڳ اسان جو اسلام آباد جو پروگرام ٿي ويو ۽ اسان پنهنجي شيڊول کان اڳ هليا وياسين ۽ مون شرمندگيءَ کان هن ڏئي فون ئي نه ڪيو.
    شاهده پروين جو وڇوڙو هڪ سٺي فنڪاره ۽ سريلي انسان جو وڇوڙو ته آهي ئي.پر اُن سان گڏ ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ هڪ سٺي ساٿيءَ جو وڇوڙو پڻ آهي ۽ هن جي وڇوڙي جي ڪري منهنجو لاهور جي فنڪارن سان ڄڻ ته سمورو رابطو ٽٽي ويو آهي.
    شاهده پروين جي زندگي به ڏاڍي ڏکي گذري، هوءَ مون سان پنهنجا مسئلا شيئر ڪندي هئي. هن کي پنجاب جو ڪو همراه خرچ به ڏيندو هو. جيڪو هن جي فن جو وڏو مداح ۽ قدر دان هو. ڪجهه وقت اڳ هو هن کي ماڊل ٽائون ۾ شفٽ ڪرايو ويو جنهن ۾ هن جو پنهنجو تمام گهڻو خرچ آيو هو. اتي هن ٻڌايو ته هن جا ڏينهن سٺا گذري رهيا آهن.فنڪشن جي سلسلي ۾ هن کي جيڪا مناسب في ملي هوءَ هلي ويندي هئي، هيءَ واحد فنڪاره هئي جيڪا فن جي ايڏي بلندي تي هجڻ جي باوجود نخرو نه ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته مون کي پنهنجو فن پيش ڪندي ڏاڍي خوشي ٿي محسوس ٿئي. شاهده پروين تمام سادي، صاف گو ۽ ۽ فقيراڻي سڀاءَ جي هئي. هن جي موت سان راڳ جي هڪ ادا ۽ لهجو پڻ ختم ٿي ويو. نائين محرم تي ٽي وي تي هن جي موت جي خبر ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، شال الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي.
    (روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 29 مارچ 2003ع)


    اين جي اوز، مغرب ۽ اسان

    هر معاشري جا پنهنجا قدر ۽ پنهنجون روايتون آهن. جيڪي هڪ پاسي ته فيشن ٻئي پاسي بي حيائيءَ چوائن ٿيون. هڪ پاسي ريتون ته ٻئي پاسي ولگرٽي آهي. ان جو فيصلو پنهنجن رسمن، مذهبن، سماجن تحت ڪري سگهجي ٿو ۽ ڏٺو وڃي ته سڀئي پنهنجي جاءِ ته هڪ ٺوس موقف رکن ٿا. ۽ انهن جي پويان هڪ وڏو ، طويل بيڪ گرائونڊ آهي. جيڪو ڪنهن به هڪ خيال ۽ نظريي تحت رد ته ڪري سگهجي ٿو. پر ان کي مٽائي نٿو سگهجي. پر ڏٺو وري اهو ويو آهي. ته ڪجهه ماڻهو ۽ تنظيمون اهڙيون آهن. جيڪي پنهنجي نظام ۽ اثر کي عام ڪرڻ لاءِ ان جي ڦهلاءَ کي وڌائڻ لاءِ، وڏا وس ڪنديون آهن. پوءِ ڪٿي تبليغ جي نالي ۾، ڪٿي انساني حقن جي نالي ۾، ڪٿي عورتن جي- نالي ۾ جنهن کي اين جي اوز ۽ مخير حضرات تمام گهڻا فنڊ ڏيندا آهن ۽ پوءِ انهن فنڊن جي مزي ۽ موج ۾ ڪافي ”ڀاڙيتو ماڻهو“ ان پرچار کي لڳي ويندا آهن. جيڪي سندن ”هز ماسٽرس وائيس“ چوندا آهن. ۽ اهي اين جي اوز پنهنجي مقصد ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامياب به ويا آهن. پر ان جا اثر مجموعي طور اسان جي سماج تي ڪجهه ٻئي نموني سان به پيا آهن. ۽ هتي ڪجهه مغرب زده خواتين انهن اين جي اوز جي اثر ۽ چڪر ۾ اچي تمام گهڻو اڳتي ويون آهن. انهن اين جي اوز پويان گهڻو ڪري اهي ان سموري عمل کي پنهنجي ذاتي آزادي ۽ بنيادي حق جي نالي ۾ ”جسٽي فاءِ“ ڪن ٿيون. اسان کي انهن جي عملن ۽ نظرين تي هتي بحث ڪرڻو ناهي. پر ڪجهه حقيقتون پيش ڪرڻ ضروري آهن.
    تازو ايم ايس اين تي هڪ فمينز ۾ ايڪٽيوسٽ“ سان هلو هاءِ کانپوءِ مون هڪ سوال پڇيو ته تون عورتن جي آزادي جي تحريڪ ۾ ڪيستائين اڳتي وڃڻ چاهين ٿي؟ ۽ ڇا سنڌ جي عام ماڻهون مردن کي سڀ بنيادي سهولتون حاصل آهن؟ فورن جواب مليو. مان ان موڊ ۾ ناهيان ته انهن ڳالهين تي بحث ڪيان ۽ پوءِ مون کيس خدا حافظ چيو.
    هن معاشري ۾ جيڪي مغرب زده ڪجهه خواتين آهن. ڏٺو وڃي ته انهن جي زندگي ۾ جيڪي مرد آهن. اهي به ان روايت ۽ طريقي جا آهن. ۽ انهن سماج کي سواءِ ڪاڪ ٽيل پارٽين جي ٻيو ڪجهه به ناهي ڏنو.
    مان ڪراچي جي اهڙين ڪيترين خواتين کي سڃاڻان، جيڪي مادر آزادي جي پدر آزادي ۾ زندگي گذارن ٿيون. هڪ خاتون رات جو مختلف دوستن وٽ ”محفلن“ ۾ موجود هوندي آهي. ۽ چوندي آهي ته منهنجي پنهنجي مڙس سان بهترين انڊرا اسٽينڊنگ آهي، اسان ٻئي آزاد آهيون هن جي مرضي جنهن پاسي وڃي ۽ اچي ۽ منهنجي به مرضي ڪنهن کي ڪا جهل پل ڪانهي. نه وقت جو قيد نه حالتن جي پابندي؟ ۽ ٻئي سٺي زندگي گذاري رهيا آهيون. اسان جون ويڪلي سٽنگس ٿينديون آهن، ٻئي دل کولي هڪ ٻئي کي حال ٻڌائيندا آهيون ۽ ڏاڍو انجواءِ ڪندا آهيون.
    هڪ ٻئي ڪاروباري عورت جو مڙس سندس زال سان ويٺل مهمانن کي ڪمري ۾ ڊسٽرب نه ڪندو آهي. ۽ ضرورت مهل در کڙڪائي کيس ٻڌائيندو آهي. ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندو آهي. پر ڪمري اندر نه ويندو آهي. اها به پنهنجي ان مڙس کي مثالي مڙس چوندي آهي. اهڙي نموني سان وڏن شهرن ۾ ڪيتريون ئي ڇوڪريون پنهنجي ”باسن“ سان موسم ملهائڻ ڪوهه مري، اسلام آباد ۽ دبئي وغيره وينديون آهن.انهن جا ڀاتي انهن کي آفيس جو ڪم ۽ ڇوڪريون پنهنجي ڀرپور آزادي چون ٿيون ۽ انهن جا ڪيترا مظاهرا ڏسڻ ۾ آيا آهن. ڪراچي ڊفينس علائقي جي هڪ گهر ۾ نوجوان ڇوڪري جڏهن رنگ ڏيندڙ سان قرب ونڊيندي پڪڙجي پئي. ته هن پنهنجي ماءُ کي ٺهه ٺهه جواب ڏنو ته تون ڊرائيور سان گڏ هوندي آهين. ڪڏهن مون توکي ڊسٽرب ڪيو؟ جو اڄ تون مون کي ڊسٽرب ڪيو آهي. اهڙي طرح ڪيترائي مثال آهن. جيڪي هتي ڏيڻ مناسب ڪونهن. پر مان ذاتي طور ان جي خيال جو آهيان ته عورت ئي مرد کي بگاڙي ٿي. ۽ ان کان ڪيترائي سماجي ڏوهه ڪرائي ٿي. حضرت آدم جي پويان به عورت هئي. ۽ ان جي نسل پويان به عورت آهي. اسان جي مشرقي ماحول ۾ عورت مرد کي رشوت ۽ ڏوهه طرف راغب ڪري ٿي، طعنا، مهڻا مطلب ته اهو سڀ ڪجهه جنهن تحت هو گهر ڀري. چوندي سڃي مارئي مان ڦاٿي آهيان.فلاڻي ڪلارڪ.........آهي. ان جو سڄو گهر ڀريو پيو آهي. ۽ هتي ڪانو ٿا واڪا ڪن؟ يا فلاڻي جي گهر ۾ هي هي آهي. روزانو پارٽيون آهن. اسان وٽ ٽي ويلا ماني به سٺي ڪانهي. فلاڻي جي زال کي ايترا زيور ۽ مهانگا وڳا آهن. مان ذليل ٿي آهيان ڪجهه به ڪونهي هي گهرجي هو گهرجي وڃي جتان به آڻ.....!!

    ۽ پوءِ مرد حضرات اهي مهڻا ۽ طعنا سهي نيٺ آخر نه صرف رشوت کائن ٿا ۽ ٻيا سماجي ڏوهه ڪن ٿا. جن مان پوءِ انهن جي جان ئي نٿي ڇٽي اسان جو سمورو معاشرو، پئسي واري جي عزت ٿو ڪري، اهو نٿو ڏسي ته اهو پئسو آيو ڪٿان؟ بس پئسي کي سلام آهي!! حالانڪ هن ئي سماج ۾ اها ريت هوندي آهي. ته پئسي بجاءِ ماڻهوءَ جي عزت ٿيندي هئي. ۽ ان جا پنهنجا طريقا هئا پر هن اڄوڪي سماج ۾ پئسو تي واحد هڪ بيرا ميٽر آهي. جنهن سان سماجي سڄو ڍانچو ڳنڍيل آهي. ۽ چڱائي برائي جي پرک به ان پئسي جي ريل پيل تي آهي. جنهن سان دانشورن ۽ عالمن کي نه صرف خريد ڪيو وڃي ٿو. پر ان کي پنهنجو تابع ۽ غلام به بڻايو وڃي ٿو ۽ جڏهن سماج ۾ اهڙي ريت روايت بڻجي وڃي ته پوءِ سماج جو سمورو نظام ۽ ڍانچو وکري وڃي ٿو. جنهن کي جوڙڻ ۽ ميڙڻ ۾ هڪ عرصو لڳي ٿو، پوءِ اهو عرصو، ڪڏهن صديون ته ڪڏهن ڪنهن انقلاب جو روپ ڌاري اچي ٿو.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر31 مئي 2003ع )


    پليٽون، صحافي ۽ ملان!

    سنڌ ۾ اڃان به صوبيدار حاڪم آهي، اڃان به تپيدار مالڪ آهي. ۽ اڃان به انگريز بادشاهه جو جاگيرداري نظام قائم آهي. جتي سرپئنچي، سردار، پيرن مرشد، ٿاڻي جو عملدار ۽ راڄ جو چڱو مڙس، قانوني، ديواني ۽ سول معاملن ۾ نه صرف با اثر آهي. پر هو پنهنجي اٿارٽي به رکي ٿو.۽ سرڪار طرفان ان کي فيصلا پڻ موڪليا وڃن ٿا. جتي نه مڃيندڙن تي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٿي. هاڻي سوال هي آهي ته اهي فيصلا ڪهڙي بنياد تي ٿين ٿا؟ جنهن تي ڪي اختلاف به ٿي سگهن ٿا. پر ان نظام ۾ جيڪا وڏي ڳالهه آهي، اها آهي پوليس ۽ پريس جي. ياري ۽ اها ياري جيڪڏهن پائيدار آهي. ته پوءِ ڪا به شئي نظر نه ايندي ۽ هر شئي لڪي ويندي. پر ان جي ياري ۾ حساب ڪتاب ابتو ٿي ويو آهي. ته پوءِ دانهون، ڪوڪون، واڪا، رڙيون، ظلم ويل، بغداد، اصل توبهه زاري....... ۽ وڃي ڪاري ورديءَ وارو عملدار يا ته ايلازو ٿيندو يا ٽپڙ ٽيشن ته رکي هليو ويندو. وڌيڪ يا نصيب! ان ڪري پريس جي لئي جيڪا سنڌ ۾ آهي.اها ته شاهد وڏن شهرن ۾ ايڊيٽرن جي به نه هوندي، اها اسڪوٽر سوزڪي ڪار تي پريس جون اهي پليٽون ڏسندا. جيڪي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر پنهنجن گاڏين تي هڻايو ٿا وتن ۽ ساڳيو رعب تاب ۽ ڪم آهي. اسان جي ان پريس سان واڳيل حضرات جو، هڪ پنهنجو خاص ۽ مخصوص طريقو آهي.جيڪو اندرون سنڌ ۾ ڏسڻ وٽان آهي. ڇو ته اها آهي پريس جا مالڪ هاڪر حضرات به پنهنجين گاڏين تي اهي پريس جا بورڊ هينون پوليس کان راعيتون وٺندا. ايڪسائيز کان فائدا وٺندا ٿا رهن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۽ ضلعي ليول جي هيڊ ڪواٽرس ۾ ڏسو ته اهي حضرات ڪيڏي موج ۽ مستي ۾ آهن. اسان کي ان تي ڪو به اعتراض ناهي، گذارش رڳو اها ڪرڻي آهي. حق سچ جي ڳالهه ڪيو، پوءِ جي ياري ٽٽي ٿي ته ٽٽڻ ڏيو. جو اوهان جو ڪم ۽ رستو انصاف ڏانهن ۽ آگاهي طرف وڃي ٿو-جاهل ۽ ناهل ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. باقي ماڻهو ڪي ڏاڍا خراب ٿين ٿا، جيڪو اوهان جو لحاظ نٿا رکن، جيئن هلال پاڪستان ۾ خبر آئي ته موري ۾ صحافيءَ جو کيسو ڪٽجي ويو. جنهن ۾ ٻين ڪاغذن سان گڏوگڏ 840 روپيا به هئا. واقعي اها وڏي خبر آهي، ته صحافيءَ جو کيسو ڪٽجي ويو ۽ مان سمجهان ٿو. ته اهو صدين ۾ هڪ دفعو شايد ٿيو هوندو ورنه......... کيسا ته سڀني ماڻهن جا ڪٽجن ٿا. ۽ اسان جي صحافي دوستن جو ان خبر ۾ ڪيترو حصو آهي؟؟ اها ته کين چڱي طرح خبر هوندي، پر لڳي ائين ٿو ته اڃان به سوا سير آهن ۽ جوان جا پٽ آهن. اسان کيسي ڪپيندڙن کي گذارش ڪنداسين ته هو اسان جي ان برادريءَ جو خاص خيال رکن، ورنه اهو بار به ڪنهن تي پوندو؟ ۽ هتي ته باري به بار نٿا کڻن. بهرحال ان کي خبر چئبو آهي.

    ملان مرئي ماءُ
    هر ڪنهن ڪميونٽيءَ ۾ ڪجهه فرد ٿين ٿا جن تي نه صرف ماڻهو اعتبار ڪن ٿا، پر انهن تي به اعتماد ڪن ٿا ۽ اهي هڪ نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ جي سڃاڻپ ٿين ٿا. اهو رواج قبيلن کان ٿيندو رهيو آهي، پر جڏهن کان ان اڻ گهڙي انسان جڏهن مذهبيءَ ترقيءَ ڏانهن وک وڌائي، تڏهن پوءِ مذهبن جي تاريخ ڏسو ڪجهه نه ڪجهه ماڻهو ان دنيا ۾ هڪ خاص سڃاڻپ ۽ ڀروسي جهڙا ٿين ٿا، جن تي اعتماد ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي علم جي پڻ تقليد ڪئي وڃي ٿي. شروع شروع ۾ عيسائي مذهب ۾ ته ان جو هڪ وڏو مثال راهب ۽ راهبائون هونديون هيون، جن کي وري فادر به چئبو هيو، يا ”نن“ جن کي سماجي طور پاڪ سمجهيو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح هندو ڌرم ۾ به ساڌو ۽ سنت آهن، جن جو رول به اهو سمجهيو ۽ لکيو وڃي ٿو ۽ تقريبن يهودين ۽ ٻين مذهبن ۾ به اهڙا فرد ٿين ٿا. جن کي سماج سڌارڪ ڀروسي جهڙو ۽ اعتماد ڀريو سمجهيو وڃي ٿو. اسلام ۾ مولوي ۽ ملان اهو طبقو آهي. جنهن کي قابل اعتماد سمجهي ماڻهو انهن کان نهايت نازڪ شرعي مسئلا ديني سبق ۽ سماجي مونجهارا پڇن ٿا. ۽ انهن جي صلاحن تي عمل به ڪن ٿا. انهن کي خبر آهي ته اهي ڀلائي ڪندڙ ۽ رهنمائي ڪندڙ آهن. ان ڪري انهن سان نه صرف دل جون ڳالهيون پر ڪيترائي گهريلو مسئلا پڻ بيان ڪن ٿا. پر اسان وٽ وري بزرگن انهن مولوين کي پٽيو آهي. پاراتا ڏنا آهن صوفين جو ته ملان ۽ مولوي سان هڪ وڏو تڪرار هليو. اسان جا صوفي آخر ڪنهن ڳالهه تي ته هوندا جو انهن اهو جهيڙو شروع ڪيو. اهي سڀ الله لوڪ ماڻهو ۽ مسلمان هيا، روزي نماز جا پابند ۽ شرعي زندگي گذاريندڙ هئا.پوءِ آخر اهي ڪهڙا سبب هئا. جو انهن ملان ۽ مولوي جي مخالفت ڪئي؟؟ ٿي سگهي ٿو ته ان وقت جي ملان ۽ مولوي جو ڪو ته عمل ۽ ڪردار اهڙو هوندو. جيڪو انهن بزرگن جي حساب سان صحيح نه هوندو . بهرحال اُن وقت جي مولوي ۽ ملان جو ڪهڙو ڪردار رهيو؟؟ اها اُن وقت جي ڳالهه آهي. هاڻي هن سڌريل دور ۾ به ملان ۽ مولويءَ جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ ان جا هوئنن ته ڪيترائي مثال آهن، پر تازو هلال پاڪستان جي تاريخ 26 مئي واري شماري ۾ هڪ خبر ڇپي آهي، اچو ته اها خبر پڙهون.
    ”ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ ٻن مسجدن جي سربراهن ٻن معصوم نينگرن سان بدفعلي ڪئي آهي. ٻنهي مولوين کي پوليس گرفتار ڪري انهن کي چيڪ اپ لاءِ عباسي شهيد اسپتال کڻي وئي آهي. پيرائتي خير موجب ته گذريل ڏينهن گلبهار ٿاڻي جي حد ۾ واقع سفينه مسجد جي مولوي عبدالمجيد سترنهن ورهين جي غلام مرتضيٰ سان زوري زنا ڪئي آهي، جڏهن ته سرجاڻي ٽائون جي علائقي ۾ واقع الله والي مسجد جي مولوي چوڏهن ورهين جي نينگر عادل سان زوريءَ زنا ڪئي هئي. ٻنهي ڇوڪرن جي فرياد تي پوليس ڪاروائي ڪئي آهي.“
    اهي ته اهي ڪيس آهن جيڪي رپورٽ ٿيا آهن يا جن ڇوڪرن جي مرضي شامل نه آهي. پر رضا خوشي، دلاسي، دلبي ۽ وڏي ڀاڳ، عالم ٿيڻ يا ڪنهن ٻئي ڏٽي ۾ ته گهڻا ايندا هوندا. پر اهڙين مولوين جي فطرت ته ساڳي رهي هوندي يا انهن جو اهو پهريون ڪيس ته نه هوندو؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا شغل اهي بزرگ ڪيتري وقت کان ڪندا هوندا. وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڄو ڪم مسجد شريف جي اندرين حصي ۾ مولوين کي رهائش واري حجرن ۾ ٿئي ٿو. جيڪو هڪ اڃان به وڌيڪ ڏوهه آهي، هونئن ته ڏٺو اهو ويو آهي ته مولوين کي الله جو خوف گهٽ ٿئي ٿو. اسان جهڙو عام گنهگار انسان، مسجد شريف جي بي حرمتيءَ جو ته سوچي به نٿو سگهي ۽ اتان لنگهندي به احترام ڪري ٿو.
    هاڻي جنهن سماج ۾ نيڪيون ۽ ڀلائيون ورهائيندڙ جا اهي حال آهن ته پوءِ ٻين عام گنهگارن تي ڪهڙي معيار ڏيون؟؟ خبر ناهي انسان آهيون روز ڪيترائي گناهه ٿا ڪريون؟؟ ۽ هرو ڀرو اهو به ضروري ناهي ته سڀ مولوي يا گهڻا مولوي اهڙا هوندا، پر پوءِ به جيڪي اهي ڪم ڪن ٿا، اهي ان ڪيڊر لاءِ چڱا ناهن. انهن لاءِ عالمن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟؟ ان جو جواب ضروري آهي.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 14 جون 2003ع)


    هڪ ليجنڊ جو وڇوڙو! (هارون رند)

    هي 1975ع جي ڳالهه آهي. ايل ايم سي ڄامشورو جي البيروني هاسٽل ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جو پٽ ڪنعيو گيانچنداڻي به رهندو هيو ۽ ان جو ڪمرو اُن وقت اديبن، ڪامريڊن ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙ ماڻهن سان ڀريو پيو هوندو هو. ڪامريڊ سوڀي جي ناتي ۽ سنڌ ادبي سنگت جي حوالي سان ڪامريڊ ڪنعيو منهنجو گهاٽو دوست هو. ان وقت هن وٽ ريگيولر ايندڙن ۾ ڪامريڊ نظير عباسي، مير ٿيٻو، علي بابا، نبي بخش کوسو، عبدالقادر جوڻيجو، هارون رند ۽ ٻيا ڪيترائي اهم نالا اچي وڃن ٿا. جيڪي هن وقت به پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ نمبرون هيا. هارون رند سان منهنجي اتان دوستي شروع ٿي. ۽ 2002ع تائين جڏهن مان ٽي وي پروگرام ميڊيڪل فورم ڪندو هيس. ان وقت هڪ ٽماهي لاءِ منهنجو پروڊيوسر هارون رند به هيو، مون هن کي پنهنجي فن سان ۽ ٽيڪنيڪل اعتبار جي حوالي کان هڪ سچو ، کرو ۽ صاف انسان محسوس ڪيو. چيو ويندو هيو ته هارون رند ڪنهن به ايڪٽر ڪمپيئر رائيٽر مان سو سيڪڙو مطمئن نه ٿيندو هيو. پر مون ڏٺو ته هرڀرو اهڙي ڳالهه به ڪانهي. هو پنهنجي ڪم ۽ پروڊيڪشن جي حوالي سان هڪ پرفيڪٽ ماڻهو هيو .هن پنهنجي ڄمار ۾ ڪيترائي پروگرام ڪيا ۽ هر قسم جا پروگرام ڪيا، سندس آخري پروگرام ”مهراڻ ٽاڪيز“ هيو ۽ هن دنيا ۾ مڃتا ماڻي جنهن جو مثال ”دنگي منجهه دريا“ هيو. ميڊيڪل فورم لاءِ هو چوندو هيو هي تنهنجو پروگرام آهي. ڊاڪٽر نه مان نه سڃاڻان نه مون کان ايندا ۽ جيئن ته هي پروگرام اڳ ۾ هلندڙ آهي. ان ڪري ان جي اها پاليسي جاري رهڻ گهرجي ۽ پروفيسر ليول جا ماڻهو اچن ٿا. ۽ ايندا رهڻ گهرجن هن پروگرام جو سيٽ ڏاڍو خوبصورت ٺهرايو، جنهن سان انهن جي ڏيکاءَ ۾ به وڌيڪ مزو ايندو هيو. هارون رند جي زماني ۾، سندس دوست ڊاڪٽرن ڪوشش ڪئي ته هو پروگرام ۾ شامل ٿين سواءِ هڪ ڊاڪٽر جي ٻين جو اثر هن ڪڏهن به قبول نه ڪيو ٺپ جواب ڏنو محترم فريد نواز بلوچ منهنجو به پيارو دوست هيو هن پهرين مون کي چيو ته منهنجو پٽ فراز تازو ڊينٽل سرجن ٿيو آهي. ان کي به پروگرام ۾ آڻيو، کيس گذارش ڪيم ته هارون صاحب کي چئو. پوءِ هن هارون رند کي به گذارش ڪئي، جنهن ٺهه پهه جواب ڏنو ته تنهنجو پٽ نوجوان آهي ۽ هي پروگرام پروفيسر ليول جي ماڻهن جو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ مون کي مرحوم فريد نواز بلوچ جي ميار کڻڻي پئي مون محسوس ڪيو ته هارون رند ۾ ڊپلوميسي وارو طريقو ئي ڪونهي. صفا ٻروچڪو اسٽائيل، ها ته ها، جي نه ته. نه ان جي لاءِ ته هو پڙهيل لکيل ماڻهو وانگي مختصر جواب ۾ وضاحت به ڪندو هيو ۽ پوءِ جڏهن ٻئي ٽماهي ۾ اهو پروگرام ڪنهن ٻئي دوست ڏي ويو. ته هارون رند چيو ته مون کي ڏيو ته ان تي سڀ حيران ٿيا ته هي ائين ۽ اهڙي نموني جي ڊمانڊ ڪندو ئي ناهي، جو هو پنهنجن پروگرامن مان مطمئن نه ٿيندو آهي.پر لڳي ٿو ته هو هن پروگرام مان پوري طرح مطمئن آهي. ان کانپوءِ منهنجي هارون صاحب سان دوستي اڃان وڌيڪ گهري ٿي. ۽ پوءِ جڏهن مان ٻيو پروگرام ”سوال هي آهي“ ڪندو هيس ته پروگرام جي آخر ۾ يا ان کان پوري ٿيڻ بعد جڏهن فون جي گهنٽي وڄندي هئي ته اهو هارون صاحب جو فون هوندو هيو، يا ته سندس پٽ چوندو هو. ته چاچا بابا سان ڳالهايو يا وري هارون صاحب پاڻ لائين ته هوندو هيو ۽ پوءِ هو پروگرام جي تعريف ڪندو هيو، جو هي بي پرواهه قسم جو ماڻهو هيو پر هو داد ڏيڻ جو به سخي هيو ۽ ڀرپور داد ڏيندو هيو. ۽ مون ڏٺو ته تقريبن هر پروگرام تي هارون رند کان داد ملندو هيو ۽ ڏاڍو ملندو هيو مان وري اها ڳالهه پروگرام جي ڪيپٽن فيض ٻگهيو سان ڪندو هيس ته فيض صاحب به خوش ٿيندو هيو ڇو جو اسان کي خبر هئي ته هارون رند جي داد تمام وڏو داد آهي. پروگرام ۾ فيض ٻگهئي جي محنت به شامل هئي مان شهر مان رات جو دير سان ايندو هيس، ته هارون رند صاحب جو اڳ ئي نياپو هوندو هيو. يا مان به اڪثر ڪري هن سان فون تي ڪچهري ڪندو هيس جيڪا ڪڏهن ڪڏهن ڪلاڪ کن هلندي هئي.
    هارون رند سان ٽي وي پروگرام تي ڪم ڪندي، اهو محسوس ڪيم ته، هي پنهنجي فن ۾ يڪتا ۽ لاثاني آهي. هن لاءِ هر پروگرام چئلينج آهي هو هر پروگرام کي ساڳي نوعيت سان ڪرڻي ڄاڻي به پر ڪجهه سالن کان ذيابطس جي ڪري هن جي پيرن ۾ تڪليف هوندي هئي. ۽ لاڳاتار لوزموشن به، جنهن ڪري هي وڌيڪ ۽ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو پئي ويو. حالانڪ ذاتي طور هن ڪراچي جي سڀني سٺن ۽ سينئر ڊاڪٽرن سان صلاح مشورا ڪيا ۽ انهن کان علاج به ورتو ان حد تائين ته حڪيمن کان به علاج ڪرائيندو هيو.پر بيماري تي خبر ناهي ڪهڙن سببن جي ڪري مڪمل ضابطو نه آيو. ٿي سگهي ٿو ته هارون صاحب پير جي آڱوٺي جي سور جي ڪري ، واڪنگ نه ڪندو هجي يا کائڻ پيئڻ هي معاملي ۾ وڌيڪ احتياط نه ڪندو هجي يا ٻيا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. جنهن جي ڪري هن جو جيءُ ڏينهنون ڏينهن جهرندو پيو ويو. منهنجي ڪراچي مان وڃڻ کان پوءِ هڪ دفعو هن سان جڏهن ملاقات ٿي ته چيائين هاڻي ڪراچي موٽي اچ ته ڪو نئون پروگرام شروع ڪيون پر مان گذريل تقريبن ٻن سالن کان ٽي وي ته نه ويو آهيان ان ڪري ٻن سالن کان هارون رند سان منهنجي ملاقات نه ٿي سگهي، پر مان هڪ ڳالهه وڏي واڪي چئي سگهان ٿو ته هارون رند صاف ۽ کرو ماڻهو هيو، هو ڪنهن جي پرواهه ۾ به نه ڪندو هيو ۽ هر ڪنهن کي مُنهن تي چئي ڏيندو هيو پوءِ اڳلو ڀلي دل ۾ ڳالهه رکي يا نه !! ۽ ان ڪري ئي هن جا دوست گهٽ هوندا هيا ٻيو ته پنهنجي ڪم ۾ ، نه ڪا مداخلت برداشت ڪندو هيو ۽ نه ڪوالٽي تي ڪو سمجهوتو ڪندو هيو. هو هميشه نمبرون رهيو ۽ نمبرون رهڻ چاهيندو هيو، هارون رند جو وڇوڙو هڪ باهمت نه باڪردار ماڻهوءَ جو وڇوڙو ته آهي ئي، پر ٽي وي جي ٽيڪنڪ جي حوالي سان هڪ ليجنڊ جو وڇوڙو آهي. ۽ اهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن مون کي هن جي موت تي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 12 جولاءِ 2003ع)


    جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ ملائيشيا جو گم ٿيل جهاز

    ادارا اهم هوندا آهن ۽ اهم رهندا آهن، انهن ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجو مزاج ۽ ذائقو انهن ۾ ڀريندا آهن، ڪي ڪي ته ان ادارن کي پنهنجي منشا ۽ مرضيءَ مطابق هلائيندا آهن، هن جو ثبوت اوهان اکيون ڦيرائي چئني پاسي ڏسي سگهو ٿا.
    ج: افتخار محمد چوڌري جنهن نموني سان معتبر ادارو هلايو، اهو عوام جي سامهون آهي. هينئر چوڌري صاحب ته رٽائر ٿي ويو. پر ان سان گڏو گڏ اسان جا ڪيترائي اخباري رپورٽر ميڊيا تان غائب ٿي ويا ۽ گهڻا ئي ته بيروزگار به ٿي ويا، جنهن ۾ جيئو جو عبدالقيوم صديقي به شامل آهي.
    عبدالقيوم صديقيءَ جو ڪم اهو هوندو هيو ته هو افتخار چوڌري صاحب جون خبرون ۽ حال احوال عام رواجي انداز ۾ يا خصوصي طور پيش ڪري، (هتي ج: مان مراد جسٽس جي آهي، جنرل جي ناهي) ۽ صبح کان رات تائين ان جا مختلف حال احوال پيش ڪري.
    ج افتخار محمد چوڌري رٽائر ٿي ويو ته ڄڻ ان اداري جي رپورٽ ڪندڙ اهي سڀ ساڻس رٽائر ٿي ويا. جيڪي اڳئين نعرا هڻندي ڏيکاريندا هيا، چيف تنهنجا جان نثار، بي شمار بي شمار... خبر ناهي يا ڪي ٻيون مراعتون ختم ٿي ويندو هونديون، جو اڄڪلهه اهي نعرا به ائين گم ٿي ويا آهن. جيئن ٿر مان ڪڻڪ. بهرحال ادارو اڄ به قائم آهي ۽ هلي ٿو ۽ بهتر انداز ۾ هلي ٿو، پر اوهان ڏسو اهي خبرون، سرخيون، بيان ۽ خصوصي رپورٽون نٿيون هلن، جيڪي اڳ هلايون وينديون هيون يا انهن جو سامان پيدا ڪيو ويندو هيو. ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ اهي اوهان سڀ بهتر نموبي سان ڄاڻو ٿا، هن کان اڳي به صاحب رٽائر رهيا آهن، ڪنهن بليٽ پروف گاڏي نه ورتي نه گهري، ڪنهن پروٽوڪول جي تمنا نه ڪئي، حالانڪ هتي وڏا وڏا اهم ۽ معتبر ماڻهو به رهيا. هونئن ته سڀ اعليٰ، اهم ۽ معتبر آهن، پر ڪيترين ئي پنهنجو نالو ڪڍيو، حق ۽ سچ جي راهه ۾ ساٿ ڏنو، ڪن سان اختلاف به رکي سگهن ٿو، پر گهڻائي کي داد به ڏيڻ گهرجي.
    پوءِ ذهن ۾ هڪ سوال اٿي ٿو، ته هاڻي هن وقت جيتوڻيڪ تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، پر پوءِ اهي ”ٽڪر“ بيان ۽ بريڪنگ نيوز ڇو نه ٿيون هلن؟؟ جيڪي اڳ تيزي سان هلنديون هيون. ڪيترائي دوست ته انهن جا عادي ٿي ويا آهن، ۽ الڪٽريڪ ميڊيا جو اهو شور هل، هنگامو هينئر برپا ڇو نه آهي؟؟ حالانڪ هن وقت ان کان به وڌيڪ اهم ڪيس آهن، جيڪي هلن به ٿا، ماڻهن جو خيال آهي ته ج: چوڌري صاحب هي ڪجهه سياست ۾ اچڻ لاءِ پيش بندي طور سڀ ڪجهه ڪيو. ج: افتخار محمدچوڌري، برابر ڪيسن جون شنوايون ڪيون پر انهن جا ڪهڙا فيصلا ڏنا؟؟ اهي سڀ ڳالهيون رڪارڊ تي آهن، حالانڪ سندس ڊوميسائيل بلوچستان جو هيو پڙهيو حيدرآباد سنڌ ۾ ۽ رهيو اسلام آباد ۾، اسان سندس ذاتي شخصيت تي نه ٿا ڪجهه لکڻ چاهيون نه ئي ايترا قابل آهيون جو هن جي فيصلن جي ڇنڊڇاڻ ڪيون، پر اخبار ”ڊان“ ۽ ٻين اخبارن ۾ آيل ان خبر تي حيران آهيون، اسان ته سندس پٽ چوڌري ارسلان تي به بحث نٿا ڪريو. ته رٽائرمينٽ کان پوءِ هڪٻئي جج جي بنگلي ۾ رهندڙ ج: افتخار محمد چوڌري ان بگلي جي مرمت واسطي 70 ستر لک روپيا خرچ ڪرايا ۽ جيڪي سرڪار مسواڙيءَ کي ڪرائي نه ڏيندي آهي، ان جا تفصيل پڻ بيان ڪيا ويا آهن، هو جڏهن اڄ به شهر کان ٻاهر نڪري ٿو تڏهن اُن پروٽوڪول ۾ آهي، جيڪو جسٽس سيدالزمان صديقيءَ کي به ملي سگهيو ۽ ٻين رٽائرڊ معزز جسٽس صاحبان کي به نه مليو آهي. بهرحال اها ڀاڳ ۽ نصيب جي ڳالهه آهي، ج: چوڌري صاحب جا ڏنل فيصلا هينئر تاريخ جو حصو ٿي ويا آهن ۽ تاريخ ڏاڍي بي رحم آهي. اها پنهنجا فيصلا ڏيندي آهي. ۽ ڏئي رهي آهي، جو تاريخ پڙهندڙن کي خبر آهي ته تاريخ گهڻو ڪجهه لتاڙي ۽ چيڀاٽي ويندي آهي، جتي پوءِ نه ميڊيا جا ”جان نثار“ نه ئي مراعتون وٺندڙ ”بي شمار“ ڪم ايندا آهن، نه ئي ماڻهو سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا آهن، جيتوڻيڪ مستقبل ۾ هڪ سياسي پارٽي ”جسٽس پارٽي“ قائم ٿيندي ڀلي ٻين کان سڀ ڪجهه وسري وڃي پر اسان کان ڪيتريون ئي شيون اڃان به نه وسريون آهن.جن مان خاص ڪري ملائيشيا جو اهو هوائي جهاز آهي.جيڪو هن جديد دنيا ۾ جتي سيٽلائيٽ ۽ ريڊار تي هر شيءَ ملي ٿي. اتي هي هيڏو وڏو حادثو نه مليو آهي، حالانڪ ان .ئي ملائيشيا ايئرلائن ۽ دنيا جي ٻين ائيرلائينن ۾ اڏام دوران مهانگي سهي پر سيٽلائيٽ فون جي سهولت موجود هوندي آهي. نه صرف فون پر نيٽ جي به سهولت آهي جيڪڏهن هي سگنل اچن ٿا ته پوءِ جهاز جا سگنل ڇو نه مليا؟؟ ۽ اڄ ڏينهن تائين هن سڌريل ۽ ترقي يافتا ته دنيا ۾ هيڏو وڏو هوائي جهاز گم آهي ۽ معمول بڻيل آهي ايٽمي ۽ هيڊروجن دنيا ۾ هي به هڪ وڏو واقعو آهي، جيڪو ائين نظرانداز نه ٿيڻ گهرجي.
    (روزانه عوامي آوازي، سومر 14 اپريل 2014ع)


    عوام سڌري وڃي

    سنڌ تمام پياري آهي، پر ان جا سنڌي عملدار اڃان وڌيڪ پيارا ۽ سگهارا آهن. هو پنهنجن تي ڏنڊا ۽ ڌارين آڏو انڌا هوندا آهن، سنڌي عملدارن جي ڪاوڙ ۽ غصو صرف سنڌي ماڻهو تي هوندو آهي، جو انهن لاءِ شهر بند نه ٿيندا آهن، هڙتالون ۽ کڙتالون به نه ٿينديون آهن. ٻيو ته صوفين جي هن ڌرتيءَ جا ماڻهو به ڏاڍا ڀلا آهن، هو مرندي مرندي به ڪوسيءَ واءُ لڳڻ جون بد دعائون نه گهرندا آهن، سدائين درگذر ۽ وسارڻ واري ڳالهه ڪنهن پوليس مقابلي ۾ مرڻ کان پوءِ به قاتل طرفان ميڙ منٿ قافلي جي روانگي ۽ واپسي سان، سوڀ ۽ معافي، ڏين سنڌي برابر سٺي ۽ شاندار قوم آهي، سڄي دنيا جو غم ۽ الم سهي ويندي، هر ڪنهن کي معاف ڪندا آهن، پرويچار پنهنجي ڪڙم ۽ قبيلي وارو، ٿڙيو ٿاٻڙيو ڪٽي اٽڪيو ته پوءِ بس طوفان. زلزلو ۽ مارا ماري شروع. جو پنهنجي تي دٻدٻو ۽ رُعب رکڻو آهي، ڌاري اڳيان هٿ ٻڌي جهڪڻو آ هي.
    سرڪاري سنڌي ماڻهو هن دنيا جو اهو شاهڪار آهي، جنهن کي اوهان اينٽي سنڌي خمير مان ٺهيل ڀلي نه چئو، پر پڪ ڄاڻو ان مان عام سنڌي ماڻهوءَ کي ڪو به فائدو حاصل نه ٿيندو.
    سنڌ سان عشق جون ڳالهيون ڪندڙ ڪنهن نه ڪنهن جي ايجنڊا تي هلندا آهن، اسان وٽ اهڙا ئي بي شمار مثال آهن، جيڪي ڏيڻ مناسب ناهن، پر انهن ڳالهين جو مطلب اهو آهي ته عام ماڻهن جي ۽ پنهنجي خدمت ڪيو، جو اڳتي لاءِ اهو ئي هڪ سامان آهي، جيڪو ڪم ايندو. ڀلا اوهان کي رعب ۽ لئي ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪريو اسان کي ان تي به اعتراض ناهي، پر اهو داٻو ۽ دٻدٻو سڀني لاءِ هئڻ گهرجي، صرف پنهنجن لاءِ ڇو؟
    اسان اهو به مڃون ٿا ته زيادتي ڪنهن سان به نه ٿيڻ گهرجي، پر جيڪي شئي اوهان کي ٻين جي بري لڳي ٿي، اها پاڻ لاءِ به بري هئڻ گهرجي يا جيڪي ڳالهه ٻئي جي خراب آهي. اوهان ته ان کان گهٽ ۾ گهٽ بچو، اوهان پاڻ ڳُڙ کائو ۽ ٻئي کي چکڻ به نه ڏيو ته پوءِ ڀلي ان کي منافقي نه چئو، زيادتي نه چئو، عيب نه چئو پر گهٽ ۾ گهٽ ان کي ٺيڪ ته نه چئو. ائين روزانو ۽ معمول مطابق ٿي رهيو آهي، اخبارون ڀريون پيون آهن، جو ان کي ڪارڪردگي چيو وڃي ٿو، ان ڪارڪردگيءَ پريان، ڀاڙا ڀتا، سير تفريح ۽ پڪنڪ جو سامان به آهي. سرڪاري خرچ تي ڳوٺ جو سير به آهي، داٻو دٻدٻو، رعب ۽ لئه به آهي، جو ان کان پوءِ ميڙ منٿ قافلو، يارن دوستن جا ايلاز اثر رسوخ وارن جا نياپا ۽ فون مطلب تي اهو سڀ ڪجهه جنهن کان پوءِ اوهان جو مرتبو بالا ۽ بلند ۽ آل عيال ۽ اقبال جو خير ۽ دعائون جاري آفيسن ۽ ادارن جا جيڪي دورا ٿين ٿا. انهن جي پويان جيڪا فلاسافي آهي، اها ايتري ته کليل ۽ واضح آهي جو ڪنهن کي سمجهائڻ جي ضرورت ئي ناهي، مثال فلاڻو، پنهنجي فلاڻي طوفاني ۽ زلزلائي دوري تي پهتو جتي ڪجهه آفيسرن کي غير حاضر ڏسي، رڪارڊ کڻائي پنهنجي هيڊ ڪواٽر آيو ۽ غير حاضر عملي کي نوٽيس جاري جواب طلبي ۽ پوءِ نوٽ طلبي، جو هڪ لڳاتار ۽ اڻ کُٽ سلسلو جو رب کي راضي رکڻ لاءِ معافي ڏيڻ به ضروري آهي. ۽ نوٽ طلبي کانپوءِ پنهنجي روح کي به راضي رکڻو ضروري ٿو پوي، جيڪڏهن جيءُ راضي ناهي پوءِ جهان ڪهڙي ڪم جو؟؟ اهو سلسلو رواج ۽ اصلي طرح ۽ قانوني طور ڏاڍو سٺو آهي. پر سٺو اڃان ائين آهي ته اهڙو رواج مٿان کان هلڻ ۽ هجڻ گهرجي. پر مٿان کان هلندي هلندي ڪيترا دفعا اهو دور ۽ رواج ترڪي پوي ٿو. ۽ پوءِ رڳو هلندو وڃي ٿو. يعني ترڪندئي ترڪندو.
    اسان ننڍا ماڻهو چواڻي، ننڍو وات ۽ وڏيون ڳالهيون سو اسان کي ته شايد سوال پڇڻ ۽ سوچڻ جو به حق ناهي، پر انسان آهيون، خطا ٿي وڃي ٿي ڀلي سوال پڇي نه سگهون، پر سوچي ته سگهجي ٿو ۽ سوچڻ اسان سڀني جو حق آهي. حالانڪ هن سماج ۾ سوچ تي پهرا صدين کان لڳل هئا ۽ اهو سلسلو هلندو رهي ٿو پر خواب اهڙي ظالم چيز آهن، جيڪي بنا دعوت ۽ سڏ جي اچن ٿا ۽ پوءِ ڪي ياد رهن ٿا ته وري ڪي جلدي کن پل ۾ وسري به وڃن ٿا، خوابن جا پنهنجا پنهنجا نمونا ۽ انداز آهن، ڪڏهن ٿيڻون ۽ ڪڏهن اڻ ٿيڻيون ڳالهيون شامل ٿي وڃن ٿيون جو انهن تي ئي بندش يا پابندي آهي، نه خواب جي ائٽم تي سزا ڏئي سگهجي ٿي، پر خواب آوز گرين تي بندش ضرور آهي، جنهن کي ٻين ٻولين ۾ گولي چوندا آهن. ياد رهي گولي ۽ گوري ٻئي خطرناڪ آهن، هاڻي گورين جون تمام گهڻيون معنائون آهن. ۽ گولين جون به، ڳالهه علم جي آهي. جنهن کي جيتري ڄاڻ آهي اهو اترو ئي ان کي ڇڪي سگهي ٿو، جو اسان وٽ هر شئي ڇڪي وڃي ٿي ۽ ڇڪبي رهي ٿي مون ڳالهه پئي ڪئي خوابن ۽ سوچڻ جي ۽ انهن طوفاني دورن ۽ زلزلن جي جنهن کانپوءِ ويچارا ماڻهو مختلف ڪم ڪارين جي ڪري يا بيماري بڙيءَ جي ڪري آفيسن مان ڪجهه گهڙيون ليٽ ٿين ٿا، جنهن ڪري انهن کي نوٽيس ڏئي پوءِ هيڊڪواٽرن جا جيڪي ڌڪا ٿاٻا کائڻا پون ٿا، ڪاش اهي ٽوئري ۽ دورائي عملدارن، انهن کان باخبر هجن، هونئن به هتي سزا منٽن ۾ ملي ٿي، پر جزا ۽ ڇوٽڪارو وڏي مرحلي مان گذري ٿو جيڪڏهن ڪا ڪورٽ ڪنهن قيديءَ کي سزا ٻڌائي ٿي ته پوءِ جيل پهچڻ وقت فوري طور ان تي عمل ڪيو وڃي ٿو. ان جو انتظار نٿو ڪيو وڃي ته اهو آرڊر لکت ۾ اچي. پر جيڪڏهن ڪنهن کي رهائي، آزادي ضمانت ملي ٿي ته پوءِ ان جي واسطيدار فورم کان تصديق ڪرائي وڃي ٿي ۽ ان جو دورانيو اڃان وڌايو وڃي ٿو، سواءِ ان شرط جي ته جيڪڏهن باباءِ قوم جو لحاظ ڪجي جيڪو ٻنهي صورتن ۾ جائز آهي.
    اسان انتهائي عام، ننڍا ۽ صفا معمولي ماڻهو اهو سوال نه ٿا ڪري سگهون ته وزير، امير، ڪبير ۽ اهي سيڪريٽري پاڻ وقت تي اچن ٿا؟؟ ڪو اهڙو به آهي جيڪو انهن کي به چيڪ ڪري ۽ نوٽيس ڏئي ڪيترين وزيرن کي ته اها خبرئي ناهي ته ان جي آفيس ڪٿي آهي!! جو اهو چوويهه ڪلاڪ پنهنجي خدمت واري ڪم ۾ مصروف هوندا آهن محڪمن جا سيڪريٽري ته ٿين ئي بادشاهه، بادشاهن کان ڪير پڇي واٽر ڪينن ۽ پوليس جون لٺيون کائيندڙ عوام سڌري وڃي، يا وري مفاهمتي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪنهن اهم ماڻهو، ميمبر يا پارٽيءَ کي اڳيان ڪندي پاڻ بچائن يا وري اڃان سولو ڪم اهو ويزا سسٽم آهي جيڪو نه صرف اوهان جي پٺ ڀرائي به ڪندو ۽ اوهان کي هر بيماريءَ لاچاريءَ کان بچائيندي اڳتي ايندو.
    اوهان جون ماضيءَ ۾ ڪيل غلطيون ڏنل گاريون الزام بهتان ۽ اهو سڀ ڪجهه ايئن معاف تي وسري وڃي ٿو، جيئن اسان جا سياسي اتحاد ٺهندا ۽ جاري رهندا آهن.
    ماڻهن کي هاڻي سوچڻ، محنت ڪرڻ ۽ ڳولهڻ بجاءِ ڪنهن نه ڪنهن وس واري جي مدد وٺڻي پوندي، جو ماشاالله سنڌ ۾ ٻئي شيءَ وڌي هجي يا نه!! هتي ايجنٽ ڪميشن ايجنٽ ۽ پي رول تي هلندڙ هر قسم جا جوان موجود آهن ان لاءِ عوام کي سڌري وڃڻ گهرجي.
    (روزانه عوامي آواز ڪراچي، سومر 7 اپريل 2014ع)


    ايشيا. موروثيت ۽ عوام

    ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ فن ۽ سياست موروئي طور هليا ۽ وڌيا آهن، حالانڪ سياست موروثي طور بادشاهن وٽ رهي آهي، نسل در نسل اها، ان فرد يا خاندان وٽ رهي آهي پوءِ سماجي ڦير جي ڪري دنيا مان بادشاهت جي خاتمي ڪري، مختلف نظامن واري هن سماج ۾، سياست اڄڪلهه ”انڊسٽري“ ٿي وئي آهي ان کان اڳ فلم انڊسٽري هئي، جتي فن جو واپار ٿيندو هيو، اڄ هتي سياست انڊسٽري آهي، جتي اقتدار جو واپار ٿئي ٿو، شايد اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو هينئر سياست ۾ پنهنجو سرمايو لڳائن ٿا ۽ پنهنجي پسند جي ماڻهن ۽ پارٽين تي سيڙپ ڪن ٿا، جنهن کي سياسي چندو چيو وڃي ٿو. اقتدار ملڻ کان پوءِ انهن سيڙپ ڪارن کي منافعي سان پنهنجي سيڙپ واپسي ڪئي وڃي ٿي. جيڪا ايم پي اي. ايم اين اي، سينيٽر، ڪنهن اداري جو چيئرمين، ڪنهن محڪمي جو اعليٰ آفيسر، جج، اٽارني، ڪارپوريشن جو مالڪ، ٽي وي ۽ اخبارن لاءِ سرڪاري اشتهارن جو درياءُ پلاٽ. پرمنٽ، سرڪاري قرض. يا پوءِ وري کنيل قرضن جي معافي رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪانٽريڪٽ، وڏا ٺيڪا، مٽن مائٽن کي اعليٰ عهدا ۽ نوڪريون ٻاهرين ملڪ جا دورا سهولتون مطلب ته جيڪو جتي اهي، اهو اتي پلجي ۽ وڌي پيو جو سيڙپ ڪار کي خبر آهي ته ان جي سيڙپ جو ”واڌو منافعو“ ڪٿان اچڻوآهي ۽ کيس ڪٿان فائدو ٿيندو؟
    ان ڪري ئي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ گهڻي وقت کان سياسي خاندان جهموريت جي نالي ۾ اڀريا ۽ ڦهلجي ويا، اسان هتي ان جا سبب بيان نه ٿا ڪريون نه ئي ان موضوع تي وڌيڪ بحث ٿا ڪريون، پر ٿلهي ليکي ان کي بيان ڪرڻ جو مطلب رڳو اهو آهي ته اسان جي شعور يا لاشعور ۾ ڪٿي ڪنهن ڪنڊ پاسي بادشاهي شهنشاهي جو پرتو موجود آهي ۽ ماڻهن ۾ جنهن کي سياسي طور ”عوام“ چيو وڃي ٿو، انهن به خانداني ورهاست يا موروثيت کي قبول ڪيو آهي، ان ڪري هينئر سياست، نظرين ۽ اصولن بجاءِ خانداني اثرن هيٺ قائم آهي، سڌريل ۽ وڏن ملڪن ۾ ته اڃان تائين ٻئي پاسا هلن ٿا، برطانيا ۾ بادشاهت به آهي ته جهموريت به اِهڙي ئي نموني سان جپان، ٿائيلينڊ ۾ به ٻئي نظام هلن ٿا ۽ هلي رهيا آهن.
    اسان جي هن سڄي خطي ۾ خانداني سياست پنهنجي عروج تي آهي، تمام گهڻا مثال موجود آهن، جن مان ڪجهه پيش ڪجن ٿا، سريلنڪا ۾، بنڊرا نائيڪي ماءُ ڌيءُ وزير اعظم رهيا، نهرو ۽ ان جي ڌيءُ اندرا ۽ پوءِ ان جو پٽ راجيو، هينئر ننهن سونيا جي هندستان ۾ حڪومت رهي، بنگلاديش جيڪو اڃان پنهنجي ارتقائي مرحلن ۾ آهي. اتي به شيخ مجيب جي ڌيءُ حسينه واجد وزير اعظم ۽ ضياالرحمان جي زال خالده ضيا وزيراعظم رهي. پاڪستان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو پوءِ آصف علي زرداري ۽ نواز شريف ۽ ان جو ڀاءُ شهباز شريف اقتدار ۾ آهن. اهڙي نموني سان سياسي پارٽيون پڻ هڪ خاندان وٽ موجود آهن، مولانا مفتي محمود جي پٽ مولانا فضل الرحمان، خان غفار خان جي پٽ خان ولي خان ۽ هاڻي ان جي پٽ اسفند يار ولي، پنهنجو ”اٺوڳ“ وٺڻ لاءِ هينئر خان ولي خان جي گهر واري بيگم نسيم ولي خان پڻ هڪ ڌڙو ٺاهيو آهي. جنهن ۾ هاڻي طوفان شامل ٿيو آهي، ڪجهه وقت کان پوءِ زلزلو به شامل ٿي ويندو.
    سنڌ ۽ بلوچستان جو ته مثال ڪهڙو ڏجي؟ اتي ته سياست آهي ئي گهراڻي ۽ اها به ملڪيت وانگر منتقل ٿيندي رهي آهي، درگاهون ۽ مدرسا ته هتي آهن ئي موروئي ۽ ذاتي عقيدا ۽ ملڪيتون سياست جو اهو سيڪ اقتداري جنرلن تائين به پهتو جتي انهن وٽ به خانداني طور سياست شامل ٿي وئي، اصغر خان جو پٽ عمر اصغر ضياءِ جو پٽ اعجاز الحق، اختر عبدالرحمان جو پٽ همايون اختر وغيره وغيره ان وهڪري ۾ وهي آيا.
    هونئن به پاڪستان ۾ سياسي نرسري وڌيڪ ڦهلجندڙ ۽ پيداوار ڏيندڙ رهي آهي، هتي ته هر پارٽيءَ ۾ هر عهديدار پنهنجي پارٽي ٺاهي، يا جنهن کي به اخباري ۽ اشتهاري شوق آهي. ان پارٽي ٺاهي بيان بازي ۽ جڳ راضيءَ تي گذارو ڪندي پاڻ کي زنده رکيو آهي، جو هتي بنا ورڪرن، فنڊن ۽ آفيسن جي به سوين سياسي پارٽيون هلن پيون، نه صرف هلن پيون پر اليڪشن مهمن ۾ حصو وٺن پيون ۽ پوءِ حصو پتي ملڻ کان پوءِ هٿ کڻي حمايت جو اعلان به ڪن پيون.
    هونئن به اسان سائوٿ ايسٽ ايشيا کي ڇڏي جيڪڏهن اڃان به اڳتي وڃون ته دنيا جو صوبيدار چوائيندڙ آمريڪا ۾ به ڪجهه وقت کان اهو رواج رائج آهي، ”بُش“ ۽ ”ڪلٽو“ وٽ به ته ساڳي ڪار آهي. سينئر بش ۽ جونئير بش آمريڪا جا صدر ٿيا، ڪلنٽن جي گهر واري هيلري ڪلنٽن آمريڪا جي پرڏيهي وزير (اسٽيٽ سيڪريٽري) رهي ۽ اهو سڀ ڪجهه به ”جهموريت“ جي نالي تي ۽ نظام ۾ ٿئي پيو، اهڙي طرح سان هتي فن ۾ ته اهو رواج ڪافي دير کان آهي. ته پيءُ ايڪٽر ته پٽ ۽ ڌيءَ به ايڪٽر پيءُ ڳائڻو ته پٽ ۽ ڌيءُ به ڳائڻي نه صرف اهي ڳائڻا پر پوءِ خاندان ان پاسي، پيءُ اديب يا شاعر، ته پٽ به وڃي گادي وسائي، جيڪڏهن پيءُ واپاري تي پٽ واپاريءَ، پيءُ ڊاڪٽر ته پٽ به ڊاڪٽر،، پيءُ انجنئير ته پٽ به انجنئير پيءُ استاد ته پٽ به استاد پيءُ ميڪنڪ ته پٽ به مڪينڪ ملطب ته اها خواهش ۽ ڪوشش ڪئي ويندي آهي پوءِ ته ڪٿي ان تي عمل ٿيو ته ڪٿي وري اولاد جي ”نڪمي“ هئڻ ڪري ايئن نه به ٿي سگهيو هوندو.
    چوڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان جي هن خطي ۽ سماج ۾، خانداني ڌنڌو ۽ ڪم ڪار کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي ۽ ڏني وڃي ٿي، مان سمجهان ٿو ته ان جا ٻه سبب آهن. هڪ ته اسان پنهنجي خانداني ورثي ۽ ڪرت مان نڪرڻ نٿا چاهيون ٻيو ته سائنٽيفڪلي جواب آهي ته انسان جي نسل ۾ ”جينس“ جي ڪري اها شيءَ منتقل ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري نه چاهيندي به ائين ٿي رهيو آهي ۽ ٿيندو.
    ان ڪري ان جي جواز کي قبولڻ ۾ ڀلي ڪنهن کي اعتراض به هجي پر موروثي ورهاست کان بچڻ مشڪل آهي، ان جا اڃان وڌيڪ نقصان به آهن، ته هتي ڪيتريون ”بيماريون“ پڻ موروثي ورهاست ۾ ملن ٿيون ۽ هيڏي وڏي ترقي ڪيل سائنس به ان کي بچائي نه ٿي سگهي، سواءِ انهن سببن جي ته اوهان پنهنجيون خانداني شاديون، کاڌا تبديل ڪيو، جيڪو گهڻن جاين تي ممڪن ڪو نهي. ها ممڪن صرف اهو آهي ته اوهان ڀلي جيڪو وڻي ڪيو، پر عوام لاءِ ڪيو ۽ انهن جي ڀلي لاءِ سوچيو ڇا اهو ڪافي ناهي ته اوها حاڪم آهيو ۽ حاڪم ئي رهندئو؟
    (روزانه عوامي آواز ڪراچي، سومر 31 مارچ 2014ع)


    سنڌيءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ عملي اڳڀرائي گهرجي

    21 فيبروري کي گڏيل قومن طرفان سڄي دنيا ۾ ”مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن“ طور ملهايو ويندو آهي، سڄي دنيا ۾ ان ڏينهن تي ”مادري ٻولين“ کي اهميت ڏيڻ خاطر ميڙاڪا ڪيا ويا، ڪانفرنسون ۽ سيمينار ٿيا. ريليون نڪتيون ۽ ”مادري ٻولين“ جي اهميت تي ڳالهايو ويو،
    سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ۽ پنجاب ۾ انسٽيٽيوٽ آف پنجابي ٻولي ۽ ڪلچر طرفان ان ڏينهن کي ملهايو ويو جنهن جون خبرون سوشل ميڊيا تي تصويرن سميت موجود آهن، ٿي سگهي ٿو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به اهڙا جلسا ٿيا هجن، پر جيئن ته سوشل ميڊيا تي اهي رپورٽ نه ٿيا آهن ان ڪري ان لاءِ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.
    هر قوم پنهنجي مادريءَ ٻولي سان پيار ڪري ٿي سنڌي ته ان کي اڃان به وڌيڪ چاهن ٿا. سنڌ ۾ ٻولي ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان هڪ متفق موقف آهي. ڀلي ڪهڙي به پارٽي هجي اُهي ٻولي ۽ لولي سان پيار ڪن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ چوڻ جي حد تائين ته ائين ئي آهي.
    سنڌي ادبي سنگت طرفان هلايل ان هلچل ۾ هر ڊويزن هيڊ ڪوارٽرن ۾ ريليون نڪتيون، سيمينار ٿيا ۽ عالمي مادري ٻولين جي ڏينهن جي حوالي سان هڪ ”سيليبريشن“ جو اظهار ٿيو، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جا عهديدار ميمبر ته حاضر ٿيا ئي ٿيا، پر سنڌ جون ڪجهه سُڄاڻ ڌريون ذميوار ۽ سنڌيءَ ٻولي سان محبت ڪندڙ اديب، ڏاها ۽ دانشور پڻ انهن ۾ شامل ٿيا.
    مان ڪيترائي دفعا، اها گذارش ڪري آيو آهيان ۽ منهنجي اها گذارش جاري آهي ته سنڌي ٻولي رڳو سنڌي اديبن جي ٻولي يا زبان ناهي، پر هي سنڌي قوم ۽ ڌرتيءَ جي ٻولي آهي، جيڪا سڀني جي هڪجهڙي ۽ هڪ جيتري آهي. گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ ”عالمي ڏينهن“ جي حوالي سان ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو سڀ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ وارا ان ۾ شريڪ ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪن ها ۽ محسوس ڪرائن ها ته هي ٻولي رڳو سنڌي ماڻهن جي محبت جو مظهر آهي.
    پر حقيقت ۾ ڇا اهڙو تاثر اُڀري آيو؟؟ هاڻي جي سچ ٿا ڳالهايون ته پوءِ پٿرن جو وسڪارو بهتر آهي، ڇا سنڌيءَ ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ تي ڪنهن سنڌيءَ کي اعتراض آهي؟؟ مان پڪ سان چوان ٿو ته نه- پوءِ سنڌي ڳالهائيندڙ سياستدان، اديب، شاعر واپاري، وڪيل، اخباري، مالڪ، ۽ چئنل سربراهه ان ۾ شامل ڇو نه ٿيا؟؟؟ سواءِ ڪجهه دوستن جي ۽ سياسي ليڊرن جي جن جي به ٻيو يا ٽيون نمبر قيادت مان ماڻهو آيا؟ ان حد تائين ته قوم پرست جماعتن جا سربراهه پڻ شامل نه ٿيا. حالانڪ هر ڊويزن ۾ يڪجهتي طور گڏجاڻي هئي ۽ ٿي. جڏهن ته هو پنهنجي سياسي ايجنڊائين ۽ سياسي مظاهرن ۾ خود به نفس نفيس پاڻ شريڪ ٿيندا رهيا آهن. ڀلا ادبي سنگت ، غريبن، بي پهچن ۽ مسڪينن جو فورم ئي سهي. هو پنهنجي طرفان پڻ اهڙو اظهار ۽ يڪجهتيءَ جو پيغام ڏئي پئي سگهيا، جيڪو نياپو سڄي دنيا ۾ نه ويو- ڇا اسان پنهنجي ٻولي ۽ سنڌي قوم کي پنهنجي مقصدن ۽ مطالبن لاءِ استعمال ڪرڻ کانپوءِ ٻيو ڪجهه به نٿا ڪري سگهون؟؟ حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻين ۾ سنڌ جا قوم پرست ۽ سماجي اڳواڻ يا ته پاڻ شريڪ ٿيا يا وري انهن جا عيوضي آيا، پر افسوس ان تي ٿيو ته ڪراچيءَ ۾ عوام جا نامي گرامي، اڳواڻ، اديب، شاعر، صحافي، سياستدان سماجي ڪارڪن، وڪيل، استاد شريڪ نه ٿيا. سواءِ انهن دوستن ۽ تنظيمن جي جن اهڙو اهتمام ڪيو هيو ۽ انهن پاڻ نڀايو.
    ڪراچيءَ ۾ پنهنجي مفادن ۽ مقصدن لاءِ سنڌ، سنڌ ڪندڙ ۽ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ڀاڙا ڀتا وٺندڙ انهن اديبن به شرڪت نه ڪئي، جيڪي محض ان ڪري زنده آهن ته انهن کي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نمائندگي ڏني وڃي. انهن کي سنڌي ٻولي ۽ ان حوالي سان اعليٰ انعام ۽ اعزاز ڏنا وڃن. سرڪاري پروگرامن ۾ نمائندگي ڏني وڃي. ۽ سرڪاري ادارن جا ڪتاب انهن کان ترجمو ڪرائي ڇپايا وڃن.هو هونئن ته غير سرڪاري پروگرامن ۾ شامل ان ڪري نه ٿيندا آهن، ڇو ته انهن جو جواب هوندو آهي. ته ”بيمار آهيون“ جيڪڏهن سرڪاري ڀاڙو ۽ ڀتو کين ڏنو وڃي ته پوءِ هو پاڻ کڻائي پروگرامن ۾ پهچندا آهن ۽ سنڌي ٻولي اديب جي نالي تي هو رڙيون دانهون واڪا ۽ ڪوڪون پڻ ڪندا آهن، وري پوءِ پنهنجن حوارين کي اشارا ڏئي ممڻ به مچائيندا آهن پر سنڌي ادب، ٻولي جي بقا ۽ واڌاري لاءِ هو ڪجهه به ناهن ڪندا جنهن مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته انهن جو لکڻ پنهنجي شناخت بجاءِ ڪمرشل بنيادن تي آهي. هو سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون پنهنجي فائدن لاءِ لکن ٿا. اسان ان رويي کي ڪهڙي محبت جو نالو ڏيون؟؟ هي ته هڪ طرفي به محبت ناهي؟؟ هونئن به اسان وٽ تاريخ حوارين، حاشين، برادرين کان لکائي وئي آهي. هاڻي ته تاريخ به درٻاري ٿي وئي آهي.
    وري ظلم اهو ته جڏهن پاڻ ۾ ويهن ٿا ته پوءِ سڄي دنيا کي برو ۽ پاڻ کي عظيم، چوائن ٿا، اسان سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻولي سان محبت ڪندڙن کي سواءِ شاباش جي ٻيو ڪجهه نٿا ڏئي سگهون. بس هڪ ڳالهه چئي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن ان تي طوفان اُٿي ته پوءِ ان ساڳي سنڌي ادبي سنگت سنڌ تي 22 سال قبضو ڪندڙ سنڌ جا اُهي ذميوار ٻڌاين ٿا ته ڇا سنڌي ٻولي علم ۽ ادب جي ذميواري رڳو سنڌي ادبي سنگت تي آهي؟؟ يا اهو هڪ اهم قومي مسئلو آهي، جنهن جي ذميواري سڀني سنڌي ڳالهائيندڙن تي نه آهي؟ پوءِ ڀلي ان جو تعلق ڪنهن سان به هجي جو اها پڪ آهي ته سنڌي ادبي سنگت سياسي فورم ناهي ۽ ان ۾ سنڌ جا سمورا سياسي فورم ۽ پارٽيون موجود آهن، مان ذاتي طور ڪنهن جا نالا ان ڪري به نٿو لکان جو پوءِ ان کي ”پرسنل“ ورتو ويندو،پر ٻولي ۽ ادب جو هڪ عام رواجي ماڻهو ۽ پيار ڪندڙ جي حيثيت ۾ اهو ضرور چوندس ته ٻولي اسان جي ماءُ آهي ۽ اسان سڀني کي ان سان هڪ جيترو ۽ هڪجهڙو پيار ڪرڻ گهرجي علم ۽ ادب کي ٻولي ۽ ڪلچر کي سڀني ماپن ۽ تعصبن کان پري رکي ان سان نه صرف پيار ڪرڻ گهرجي، پر ان کي پنهنجي ذاتي گروهي ۽ سياسي مفادن کان مٿي ٿي سوچڻ گهرجي.
    (روزانه عوامي آواز ڪراچي، اربع 26 فيبروري 2014ع)


    هن رويي کي ڪهڙو نانءُ ڏجي

    ڪميونزم ۽ سوشل ازم دراصل اقتصادي ۽ سماجي بهتري جا نظام آهن. پر روس جي ٽٽڻ کانپوءِ اهي وکري ويا. نه صرف روس پر ان نظام جي ٻين ملڪن ۾ جن رومانيا به شامل آهي. اُتي ان جو جيڪو ردعمل ٿيو ان ڄڻ ته هڪ باب کي ئي ختم ڪري ڇڏيو.
    برصغير ۾ ڪميونزم ۽ سوشل ازم جو هڪ وڏو چرچو ٿيو جتي ”ڪامريڊي“ لڏو نروار ٿيو، سنڌ ۾ اهو اڃان وڌيڪ مقبول رهيو، ان جي ردعمل طور وري انهن جي مقابلي ۾ ”ملان ازم“ به مضبوط ٿيو، هڪ پاسي ”ڪامريڊ“ ته وري ٻئي پاسي ”مولوي“ اها ڇڪتاڻ سماج ۽ سوسائٽي کان ٿيندي اچي ادب تائين پهتي جو ماسڪو اشاعتي اداري پنهنجي ٻولين ۾ ڪتاب ڇپيا ۽ اهي مفت ۾ هڪ خط لکڻ جي صورت ۾، سڀني تائين پهچندا هئا، جن ۾ ميڪسم گورڪي، دوستو وسڪي، پوشڪن ٽالسٽا ۽ ٻين اديبن جا ناول، شاعري ۽ ڪهاڻي شامل هيون.
    ان وقت صورتحال اها هوندي هئي ته ڪامريڊن کي روس ۽ مُلن کي آمريڪا فنڊ ڏيندو هيو۽ اهو سلسلو روس جي ٽٽڻ تائين جاري رهيو، هندستان ۾ ترقي پسنديءَ زور ورتو، سنڌ ۾ به ان جا اثر آيا. هڪ مونجهارو ضرور ٿيو ته ڪميونزم کي ڪن حلقن طرفان اقتصادي ۽ سماجي نظرئي بجاءِ ”لاديني“ نظريو چيو. حالانڪ ائين نه هيو نه ڪنهن ڪتاب ۾ اهو چيو ويو آهي، پر ”ملان ازم“ جي حامين ان نقطي تي زور ڏنو ۽ پروپيگنڊا ڪئي، جنهن جي ردعمل طور ڪجهه ماڻهن ڪجهه اهڙيون ڳالهيون لکيون، جيڪي اُن زمري ۾ آيون ٿي سنڌ ۾ ”صوفي ازم“ بذات خود هڪ وڏي ترقي پسند تحريڪ هئي. ۽ مذهبي انتهاپسندي جي مقابلي ۾ ان ۾ اعتدال پسندي ۽ اسلام واري نرمي سمايل هئي، جنهن ۾ سنڌ جي صوفي شاعرن جو وڏو عمل دخل آهي، ”جو کيڙي سو کائي“ جو نعرو به سنڌ ۾ لڳو، پر اسان جي ڪجهه اديبن پنهنجي لکڻين ۽ شاعريءَ ۾ جيئن ته مذهب کان بغاوت ڪندي ڪجهه اهڙيون شيون لکيون، جن ”لادين“ وارين ڳالهين کي هوا ڏني. ان ۾ شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر نعيم دريشاڻي سان گڏ ڪجهه ٻيان به شامل هيا.
    بهرحال شيخ اياز آخر ۾ ”دعائون“ لکيون ۽ ڊاڪٽر نعيم دريشاڻي پنهنجو ذهني توازن برقرار رکي نه سگهيو. ذهني توازن ته بنگالي شاعر نذر السلام به برقرار رکي نه سگهيو هيو، پر ان جا ٻيا سبب هيا. ڪميونزم جو هيئنر خاتمو ٿيو. ته وري ان جو ردعمل ڪو ٻيو نڪتو، پر اها به هڪ حقيقت آهي ته جيڪي به ڪامريڊ مسلمان ٿي پيدا ٿيا اُهي مسلمان ٿي مئا ۽ جيڪي هندو ڪامريڊ هندو ٿي پيدا ٿيا اُهي هندو ٿي مئا، ڪنهن مسلمان اها وصعيت نه ڪئي. ته ان کي ساڙيو وڃي نه ئي ڪنهن هندو اها وصعيت ڪئي. ته ان کي پوريو وڃي. اهي سڀئي پنهنجي نظرن جي بجاءِ پنهنجي پيدائشي مذهبن ڏانهن ويا، جڏهن ته اهو ڳالهيون ڪجهه ٻيون ڪندا آهن. هونئن به اسان سڀني کي مذهب پيدائشي طور ورثي ۾ مليو آهي، جيڪو مسلمان جي گهر ۾ پيدا ٿيو اهو مسلم، جو هندو جي گهر ۾ پيدا ٿيو، اهو هندو ۽ عيسائيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو، اهو عيسائيءَ وغيره وغيره تمام گهٽ ماڻهن پنهنجي مرضيءَ جو مذهب اختيار ڪيو آهي. ورنه اهو مذهب هر ڪنهن کي ميراث ۾ مليو آهي.
    تازو سائين امر جليل، پنهنجي ڪلاس روم ۾ اهو اعتراف ڪيو هو ته:” هو گوتم ٻڌ جو ڀڪشو آهي“ ۽ امر جليل گوتم ٻڌ کان وڌيڪ متاثر آهي. ضرور هن اهو سڀ ڪجهه گهڻي سوچ ۽ ويچار کانپوءِ چيو هوندو، هاڻي مذهب مٽائي ٿو يا نه؟؟ ان جو به کيس برملا اظهار ڪرڻ گهرجي جو هو گوتم ٻڌ جو ڀڪشو چوائڻ پسند ڪري ٿو. اها ڳالهه به ضرور ڪبي ۽ کيس داد ڏبوته هو منافقي نٿو ڪري، هو پنهنجن خواهشن ۽ عقيدن جو اظهار ڪري ٿو، جنهن جي کيس آزادي آهي ۽ آزادي هئڻ به گهرجي. ورنه اسان وٽ ته محض هندستان جي ويزي جي آسري ۾ دوست وينا شرنگيءَ جو سئوٽ سڏائي هندوستان گهمي آيو ۽ هتي اچي اهو مضمون به لکيائين ته: ” مان وينا شرنگيءَ جو سوٽ سڏائي هندوستان گهمي آيس“ ٻيا دوست ويزا جي آسري ۾ هتي ايندڙ دوستن جي خوشامند ڪندي، دل ئي دل ۾ کين چوندا هوندا ته، منهنجي نالي پويان به ”داس“ ”مل“ يا ”ڪمار “ اٿئي. ڀلا يوسف خان جيڪڏهن ”دليپ ڪمار“ چوائي ٿو ته هنن ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ ان جي مقابلي ۾، سائين امر جليل، خبر ناهي اڳتي عبدالجليل قاضي ٿي رهندو يا سندس نالي ۾ جليل جي جاءِ تي ڪو ٻيو اکر ايندو. اهو فيصلو به کيس ئي ڪرڻو آهي، پر مان سمجهان ٿو ته ٻڌازم سان يڪهتي جي اظهار لاءِ جيڪڏهن اڃان همت ڪندو ته وڌيڪ صاف ٿي پوندو جو اسان ڄاڻون ٿا ته امر سائين منافق ناهي.
    هونئن به يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ گذريل ڏينهن، ڀورو ڀيل لاءِ هڪ مشاعرو ڪوٺايو ويو. هڪ ڳالهه واضح ڪندو هلان ته ڀورو ڀيل جي لاش سان ٿيل زيادتيءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ٿو ۽ اسان سڀني کي به اها مذمت ڪرڻ گهرجي حالانڪ سنڌ ۾ قبيلن ۽ پاڙن جا به الڳ قبرستان آهن، اهڙي طرح سان سڄي دنيا ۾ عيسائين جا ۽ مسلمانن جا الڳ الڳ قبرستان آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته ماڻهو پنهنجي پيار واري جانور کي به قبرستان ۾ پوري ايندا آهن. سنڌ ۾ اهو رواج به عام آهي. ان ڪري ڀوري ڀيل سان ٿيل زيادتي، انساني قدرن جي خلاف آهي. جيڪا نه ٿيڻ گهرجي. باقي يڪجهتيءَ جو جيڪو مظاهرو ڪيو ويو اها پڻ هڪ شاندار روايت آهي انهن سڀني واقعن ۽ حالتن کي ڏسي، انگريز کي داد ڏيڻو پوي ٿو ته انهن رٽائرمينٽ جي عمر 60 سال ڇو مقرر ڪئي؟؟ جو کين خبر هئي ته 60 سالن کان پوءِ ماڻهو آرام پسند ٿئي ٿو ان ڪري سٺ سالن تائين خير خوبيءَ سان پنهنجي ڪم ڪار ڪرڻ کانپوءِ وڃي آرام ڪري.
    سنڌ جا ماڻهو صوفين جا پوئلڳ آهن، هر ڳالهه ۽ زيادتي ڪجهه وقت کانپوءِ وساري ڇڏي ٿو، يا ته هن جو حافظو ڪمزور آهي، يا هو تمام گهڻو دل جو سخي آهي. اهو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي.
    (روزانه عوامي آواز ڪراچي، اربع 19 فيبروري 2014ع)


    قومي ٻولين جا حق

    8 فيبروري تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن سنڌ ۽آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ طرفان ”پاڪستان ۾ قومي ٻولين جا حق ۽ انهن جا مسئلا“ جي عنوان تحت هڪ سيمينار ڪرايو ويو.
    هن سيمينار ۾ عالمي پشتو ڪانفرنس جو چيئرمين سليم راز، بلوچستان جو وڏو ليکڪ ۽ دانشور ڊاڪٽر شاهه محمد مري (جيڪو ڪن سبب جي ڪري اچي نه سگهيو، پر ان جو زبردست موڪليل مقالو، مشهور بلوچي شاعر ۽ اديب اڪيڊمي آف ليٽرس جي انعام يافته ظفر علي ظفر بلوچ پڙهيو.) پنجابي ادبي سيوڪ پنجاب جي وائيس چيئر پرسن ۽ پنجابي زبان جي وڏي شاعره بشريٰ ناز، سنڌي ادب ۽ دانش جي ٻن اهم نالن بئريسٽر ضميرگهمرو، جامي چانڊيو ۽ مسلم شميم شرڪت ڪئي اسٽيج تي پروگرام جو ميزبان ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل پڻ موجود رهيو. هن پروگرام جي خوبصورتي اها هئي ته ان ۾ جن زبانن جا نمائندا شريڪ هئا انهن دل کولي پنهنجي ٻوليءَ جي اهميت ۽ ان جا مسئلا بيان ڪيا، بئريسٽر ضمير گهمرو پاڪستان ۾ ٻولين جي قانوني پوزيشن ۽ آئين جا آرٽيڪل بيان ڪيا. جن مطابق ٻولين کي ڪهڙا حق حاصل آهن ۽ قومي ٻوليون قرار ڏنل سنڌي پشتو ، بلوچي ۽ پنجابي لاءِ پاڪستان جي آئين ۾ ڇا ڇا بيان ڪيل آهي.
    ضمير گهمرو بنگالي ٻوليءَ لاءِ هلايل تحريڪ کان پنهنجي تقرير شروع ڪئي، هن ٻوليءِ جي اهميت ۽ عالمي طور ان جا حق بيان ڪيا. سندس بيان ڪيل دليل ايترا مضبوط هيا جو سليم راز کيس چيو ته ڪاش اهي اردو ۾ بيان ڪيا ويا هجن ها ته اسان کي به ان مان فيض حاصل ٿئي ها. اردو دانشور ۽ شاعر مسلم شميم، قيام پاڪستان کان پوءِ جو منظر نامو پيش ڪيو ۽ هن ٻولين جي اهميت تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان جو قانون ٻولين کي پنهنجا سمورا حق ڏئي ٿو، ان ڪري انجمن ترقي پسند مصنفين پنهنجي چارٽر ۾ اها گهر هر دفعي دهرائي آهي ته سنڌي ، پنجابي، پشتو ۽ بلوچيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏئي، انهن کي انهن جا سمورا حق ڏنا وڃن. هن چيو ته اردو ملڪ جي رابطي واري سرڪاري زبان آهي، ان ڪري ٻين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جي حوالي سان ان جا حق سلامت رهندا ۽ ان جي حيثيت ۾ ڪو به فرق نه پوندو.
    اسان جي دانشور ۽ اديب جامي چانڊيو، مدلل بحث ڪيو. هن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا حوالا ڏنا. جن ۾ نائجيريا، انڊيا، روس وغيره شامل آهن. جن ۾ ڪيتريون زبانون قومي زبان جو درجو رکن ٿيون. جامي چانڊيو اُن تي به افسوس ڪيو ته سنڌ ۾ ڪجهه اسڪول ۽ سڀ وڏا پرائيوٽ اسڪول سنڌيءَ کي سبجيڪٽ طور نٿا پڙهائن. جن کي سنڌ جي قانون ۽ ملڪ جي قانون مطابق، سنڌ ۾ سنڌي ٻولي لازمي پڙهائڻي آهي. ان سلسلي ۾ هن چيو ته هاڻي سرڪار کي ايئن ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌيءَ ٻولي کي سنڌ ۾ لازمي طور قرار ڏنل مضمون واري حيثيت برقرار رکڻ گهرجي.
    ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ جو مقالو ظفر علي ظفر بلوچ پڙهيو، جنهن ۾ هن بلوچي ٻوليءَ کي درپيش آيل مسئلن تي ويچار ونڊيا ۽ چيو ته بلوچستان ۾ بلوچيءَ ٻوليءَ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. ان لاءِ ڊاڪٽر مري ڪيتريون ئي تجويزون پيش ڪيون، جن ۾ بلوچي زبان ۾ ٻين ٻولين جا ترجما ۽ بلوچي زبان ۽ لکڻين جا ٻين زبانن ۾ ترجمان، سائنسي ادب جو بلوچي زبان ۾ ترجمو ۽ ٻولي جي وڌاءُ ۽ ڦهلاءَ جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وڃن بلوچي زبان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ۽ اسڪولن ۾ هائير ليول تائين ان جي پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان پٺتي پيل علائقو آهي، جتي تعليم جو بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وڃن ۽ اُتي جي ٻولي جي واڌ ويجهه جا وڌيڪ ادارا قائم ڪيا وڃن پنجابي ادبي سيوڪ جي نمائنده ۽ پنجاب جي اهم شاعره جيڪا فيصل آباد مان هن پروگرام لاءِ خصوصي طور آئي هئي. بشريٰ ناز چيو ته سنڌي زبان خوشقسمت آهي. جو ان کي پنهنجي الڳ الفابيٽ آهي. پنجابي زبان ۾ اڃان اهو مسئلو حل ناهي ٿيو ۽ پنجابي ٻولي کي پنهنجي الفابيٽ ناهي، اتي شاهه مکي ۽ گر مکي جو اڃان وڏو مسئلو آهي. جو پنجابي صرف پنجاب ۾ نه، هندستان ۾ به تمام گهڻي ڳالهائي وڃي ٿي. هن چيو ته صوبن جي ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ملڻ گهرجي، جيئن پنجاب ۾ پنجاب فيئٽيول، سنڌ ۾ سنڌ فيئٽيول پيو ٿئي، تئين بلوچستان ۾ بلوچ فيئٽيول ۽ خيبرپختونواه پختون فيئٽيول ملهايو وڃي. جيئن پاڪستان جا ماڻهو پنهنجي ثقافت جا ڏينهن، ڏهاڙا ۽ ويلا ملهائي سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ چار صوبا آهن ۽ چئني صوبن جون زبانون، پنجابي، سنڌي، بلوچي ۽ پشتو قومي ٻوليون آهن. حالانڪ ان لاءِ ڪنهن کي چوڻ۽ مطالبو ئي نه ڪرڻ گهرجي. اهو ڪم ته پاڻمرادو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪي قومي ادارا آهن، جن ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس، لوڪ ورثو ۽ ٻيا اهڙا جيڪي سرڪاري خرچ تي هلي رهيا آهن. انهن کي پنجابي. سنڌي، بلوچي ۽ پشتو زبانن جا ڪتاب، ان زبان سان گڏوگڏ ڪرائي ڇپايا وڃن ۽ دنيا جي ٻولين ۾ انهن زبانن جو ادب ترجمو ڪرائي ڇپيو وڃي.جيئن دنيا اسان جي ادب کان آگاهه ٿئي. هن ان ڳالهه ته به افسوس جو اظهار ڪيو ته پنجابي ماڻهن پنهنجن گهرن ۾ اولاد سان پنجابي بجاءِ اردو ۽ انگريزي ۾ ڳالهائن ٿا. هن چيو ته پنجاب ۾ پرائمري کان وٺي هائير ايجوڪيشن تائين پنجابيءَ ۾ پڙهايو وڃي ۽ جيڪو شاگرد مادري زبان جي پرچي ۾ فيل ٿئي سواءِ سائنس جي سبجيڪٽ جي، ان کان ٻيهر امتحان ورتو وڃي ۽ کيس فيل سمجهيو وڃي. هن پنجابيءَ ٻولي جي تاريخ ۽ اهميت تي پڻ ڳالهايو.
    پشتو دانشور ۽ اديب سليم راز جيڪو پشاور مان خصوصي طور هن پروگرام لاءِ آيو. ان چيو ته پشتو زبان 5 هزار سال پراڻي آهي. خيبرپختونخواه ۾ پرائمري ليول تائين پڙهائي به وڃي ٿي، پر ان جي ترقي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پشتو پاڪستان کانسواءِ افغانستان جي به وڏي زبان آهي، پر پوءِ به عملي ۽ علمي طور اها ترقي ڪري نه سگهي آهي. هن چيو ته پشتو ادب کي دنيا تائين ڦهلائڻ گهرجي ۽ ٻين ٻولين جي ادب جو پشتو زبان ۾ ترجمو ڪرائي، پشتو ڳالهائيندڙن کي اهو به پڙهايو وڃي ته پشتو سنڌي، بلوچي، ۽ پنجابي زبانون ئي اصل ۾ مادري ٻوليون آهن، جن کي اڃا وڌيڪ مظبوط ڪيو وڃي.
    (روزانه عوامي آواز اربع 12 فيبروري 2014ع)


    تنقيد کان ڪير به مٿانهون نه هجڻ گهرجي

    اقبال جي فن فڪر ۽ اسلوب تي ٻن سئون کان وڌيڪ تنقيدي ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هر ڪنهن ليکڪ پنهنجي عملي دليلن سان انهن سڀني اسمن جو جائزو ورتو آهي. تقابلي تجزيو پيش ڪيو آهي. حالانڪ اقبال تي ”شڪوه“ جي جواب ۾ لادين ۽ دين کان ڦريل ماڻهوءَ جو الزام به لڳو، اقبال جو ”جواب شڪوه“ ڪمپوزڊ آهي. جڏهن ته ”شڪوه“ بي ساخته آهي. بهرحال فن ۽ فڪر تي بحث ٿيڻ گهرجي جنهن سان علم ۾ اضافو ۽ وسعتن ۾ واڌارو ٿئي ٿو.
    غالب جي فن ۽ فڪر تي به لڳل ڀڳ ايترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن ۾ هن جي نجيءَ زندگيءَ جو به جائزو ورتو ويو آهي. پراهو به ادب ۽ آداب جي پيرائي ۾، غالب جي ٻوليءَ تي به تنقيدي ڪتاب لکيا ويا آهن. اهڙي طرح دنيا جي هر ٻوليءَ ۽ ادب ۾ تنقيدي جائزو هڪ عام رواج ۽ معمول آهي. اهو ئي سبب آهي. جو اڄ به دنيا ۾ بهترين ادب لکجي، ڇپجي ۽ پڙهجي رهيو آهي. اردو ادب ۾ ته ٻين مادري زبانن وارن جو وڌيڪ نالو ۽ ڪم ٿيل آهي. مقبوليت ۽ پذيرائي ڪئي وئي آهي، جنهن کي هيئنر تعصب ۾ بريڪ هنيو ويو آهي. اهو سياسي ادب ڪجهه سالن کان پيدا ٿيو آهي، پاڻ ۾ اهو دم ناهي ته ٻولي جي سهاري سان ٻين کي اڳتي ته آڻبو. جڏهن ته اوهان تاريخ پڙهو ، حيران ٿيندا غالب جي ٻولي ترڪي هئي. اقبال، فيض احمد فيض، حبيب جالب، منير نيازي، حزين قادري، تنوير نقوي، محسن نقوي، پنجابي ٻوليءَ جا هيا شروع شروع ۾ سچل سرمست ۽ مير علي نواز ناز، اردو شاعريءَ کي سهارو ڏنو، جيڪي سنڌي هيا، اهڙي طرح قتيل شفائي هزاره جو هيو. احمد فراز جي زبان پشتو هئي اهڙي طرح اردو شاعريءَ کي مقبول بڻائيندڙ گهڻو ڪري اڪثريت ۾ اردو مادري زبان وارا نه هيا.
    هونئن به تنقيد فن ۽ فن پاري کي وڌيڪ موثر ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڪئي ويندو آهي. تنقيد ڪندڙ نه صرف علمي ڳالهيون ڪندو آهي. پر هو دليلن ۽ ريفرينس سان ان کي اڳتي وڌائيندي وڌيڪ ان ۾ نکار پيدا ڪندو آهي. اهو ئي هڪ شرط رهيو آهي ته انهن دليلن جان ريفرينس هجڻ گهرجن.
    سنڌي ادب جو هڪ پنهنجو انداز ۽ مزاج آهي. هتي تنقيد جو رواج ڪونهي. ٽوڪ. ٺٺولي ۽ بيجا مداخلت کي تنقيد چئجي ٿو. يعني اوهان صرف پنهنجو رايو ڏيو. ممڪن ناهي ته اوهان جي ڳالهه مڃون ۽ ڏنل صلاحن تي عمل ڪيون ورنه...... اوهان جاهل غدار، ڪافر، اينجٽ ۽ بيڪار ماڻهو آهيو. فارسي ادب ۾ رومي، سعدي، حافظ عطار، تي تنقيد ٿي آهي. انگريزيءَ ۾ شيڪسپئير، ملٽن، بائرن تي تنقيد ٿئي آهي. ڪيٽس ۽ شيليءَ تي ڪيترائي تنقيدي ڪتاب ڇپيا آهن. پوءِ اهو ڪهڙو سبب آهي جو اسانجن ڪلاسيڪل شاعرن تي تنقيد نه ٿي آهي؟؟ ان جا جيڪڏهن هي جواب ڏيجن ته
    1. انهيءَ ليول جو ڪو عالم ناهي
    2. هو دنيا جا وڏا شاعر آهن، ان ڪري انهن تي تنقيد ڪندڙ به ان رنگ ۽ انگ جا هجڻ گهرجن.
    3. اهي ڪلاسيڪل شاعر تنقيد کان مٿانهان آهن.
    4. انهن ته تنقيد ڪندڙ سنڌ دشمن، ڪافر ۽ غدار آهن.
    وري سنڌي ۾ هر شعر جون ٻه معنائون آهن. هڪ مجازي ٻي روحاني اسان کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهو ئي پڙهايو ويو آهي. شايد دنيا جي ٻين زبانن، بشمول فارسي ۾ اهو رواج ناهي ته هڪ معنيٰ روحاني ۽ هڪ مجازي آهي.جو بزرگ جيڪڏهن ڪو عشق جي ڳالهه ڪري ٿو، ته پوءِ ان کي روحاني خاني ۾ آڻڻ لازمي آهي. جو بزرگ انسان ناهي هو مجازي محبت ڪري ئي نٿو سگهي.
    هونئن به اسان وٽ جڏهن ٻه شعر، ٻه مضمون ٻه ڪالم لکڻ وارو ”دانشور“، ”عالم“ ۽ ”ڏاهو“ ٿيو ويٺو آهي. ته پوءِ اهڙا سوال ۽ ان طرح جا سوال اٿندا، جيڪڏهن ڪنهن جو مٿو ڦريو آهي. ۽ هرون ڀرون بزرگن تي تنقيد ڪرڻ ٿو چاهي ته پوءِ اهو هتان هليو وڃي. هتي فڪر ۽ فن تي تنقيد ٿي ئي نٿي سگهي. هتي قائم ”ادبي ٿاڻن“ تي، قلم وسيلي ڪنهن کي ڪيتري ”ڪٽ“ ڪڍڻي آهي. هر ڪو تيار ويٺو آهي. رڳو مٿان جو اشارو ملي، بدلي ۾ هر شئي تيار آهي.
    (روزانه عوامي آواز اربع پهرين جنور 2014ع)


    سائين حسين شاهه راشدي

    سائين حسين شاهه راشدي، سنڌ جو هڪ البيلو، نرالو ۽ سچو دوست هو. جيتوڻيڪ هو وڪيل هيو ۽ زبردست وڪيل هو، حالانڪ وڪيل معصوم نه ٿيندا آهن.پر مان داعوا سان چوان ٿو ته هو جيترو معصوم هيو، اوترو نماڻو پڻ هيو. هن ۾ ڪيتريون ئي خوبيون هيون، جيڪي سائين ۾ سٿي سٿي ڀريل هيون. سندس لکڻيون تمام سگهاريون جنهن جو مثال سندس اخباري ڪالم، ؟ڌيان طلب“ چٽو ثبوت آهي. فوٽو گرافي ۾ مست ملنگ ٿي، هر سٺي پروگرام جي پاڻ فوٽو گرافي ڪندو هو. ۽ هو جڏهن اسٽيج تي ويٺل هوندو هيو، پوءِ به هيٺ لهي فوٽوگرافي ڪري، اچي اسٽيج تي ويهي رهندو هيو. جنهن جو مثال سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان 7جنوري تي ڪراچيءَ ۾ ٿيل ٻولي ڪانفرنس جي موقعي تي سندس فوٽو گرافي سان اُن عشق جو مثال پيش ڪجي ٿو.
    سائين حسين راشديءَ ۾ پنهنجي پيءُ پير علي محمد راشدي جي ذهانت ۽ پنهنجي چاچي ۽ پرورش ڪندڙ پيءُ پير حسام الدين راشدي جي رواداري شامل هئي، هو هن وقت جو سڀ کان وڏو مهمان نواز هيو. ڪا نئين شادي ٿي يا ڪو ٻاهران مهمان اچي، ان کي پنهنجي گهر ۾ دعوت کارائيندو هو. ۽ ان دعوت جو وڏو اهتمام ڪندو هيو جنهن ۾ تمام سٺي ڊنر ۽ گڏوگڏ ميوزڪ شو. شهر جا ۽ سنڌ جا اهم ماڻهو، سائين جي دعوت ۾ گڏبا هئا. حال احوال اوريندا هئا، ميلا ٿيندا هئا، پوءِ ”بيس منٽ“ ۾ قائم لائبريري جا دورا ٿيندا هئا، سائين حسين راشديءَ وٽ پراڻين شين جو به هڪ وڏو ذخيرو هيو، هن کي ڳالهائڻ جو لاجواب فن هيو. هو کلندي کلندي اهڙي ڳالهه چئي ويندو هيو. جنهن ۾ ڪڙي سچ سان گڏوگڏ هڪ مزاحيه پهلو به هوندو هو. سندس ڳالهين ۾ هڪ لطف ۽ مزو هوندو هيو. جنهن ڪري هن جي سامهون سدائين سونهن جا سردار موجود هوندا هئا، سائين حسين راشديءَ رومان پرور شخصيت جو مالڪ هوندو هو. هو يارن جو يار ۽ پُر خلوص، مخلص دوست هوندو هيو، دوستن جي پرگهور لهڻ وارو ۽ انهن کي هميشه ياد ڪرڻ وارو، حسين شاهه راشدي پنهنجي وڏن جي نالي اڳيان پير لکرائڻ واري روايت کي ختم ڪيو. هن ڪڏهن به پير حسين شاهه راشدي نه لکيو. جيتوڻيڪ سندس وڏا، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي ”پير“ لکرائيندا هيا.پر هن هميشه حسين شاهه راشدي لکرائڻ پسند ڪيو. سياست کان وٺي ادب تائين، هن ڏنو سڀني کي، پر ورتو ڪجهه به نه، راشدي صاحب سان منهنجا چرچا ڀوڳ ٿيندا هئا. سانوڻ جي گرميءَ ۾ حڪم ٿئي ته فلاڻي جاءِ پهچ، پوءِ ڀلو ان ۾ هوندو هيو ته ڏنل ڏس پتي تي پهچي وڃجي، جو ادبي پروگرام ۾ حسين شاهه راشديءَ جو ساٿ ڏيڻو آهي. سندس اڪير جو اهو عالم هوندو هيو ته دعوت ڏنائين ته فلاڻي بجي فلاڻي جي شان ۾ ڊنر آهي. ۽ پوءِ هر هر فون ”ادا ڪٿي آهين؟“
    جواب ڏيندو هيس: ” سائين گذري وٽ پهتو آهيان“
    فون جي ٻئي پاسي کان آواز ايندو هو ”جلدي پهچ“
    وري پنجن منٽن کان پوءِ فون ”يار! ڪٿي آهين؟“
    ”قبلا سائين: خيابان بادبان تي آهيان.“
    ”جلدي اچ- سنگت ويٺي آهي. تون اڃان تائين دير ڪئي آهي“ راشدي صاحب چوندو هيو. ۽ پوءِ جڏهن گهر پهچبو هيو ته سائين اياز شاهه، سائين عادل شاهه ۽ هڪ اڌ ٻيو دوست موجود، پوءِ چوندو هيو.“ دل چئيو پئي ڪچهري ڪريون.” مان کيس چوندو هيس“ سائين! اوهان جي دل ته نوجوان آهي. ۽ اوهان ان جو ڪو راز ته ٻڌايو؟ ته ڇا ٿا کائو؟“ کلي چوندو هيو ” اها تنهنجي بدمعاشي آهي. بس ادا- جوان رهڻ گهرجي.“
    هڪ ڏينهن ڊنر کان پوءِ سائينءَ کان موڪلائڻ لاءِ کيس ڳولهيم، خبر پئي ته پاڻ لائبريري جي دوري تي آهن. ان وقت هو ماهين هيسباڻيءَ کي لائبريري ۽ ان جا تفصيل ٻڌائي رهيو هو کيس چيم ته اجازت ڏيون ته مان وڃان.
    چيائين! ” اڙي! بيهه ته هنن سان هڪ فوٽو ٿو ڪڍان ۽ “ پوءِ ماهين ۽ سبرين سان گڏجي هن پنهنجي لائبريريءَ ۾ فوٽو ڪڍيو“
    پوءِ مختلف فنڪشنن ۾ ملندو هيو يا فون تي ڳالهه ٻول ٿيندي هئي ته مان ان فوٽو جي هڪ ڪاپي لاءِ گذارش ڪندو رهيس. ته جواب ملندو رهيو. ته اها ڪاپي هزار رپئي جي آهي واهه جو فوٽو آيو آهي.“
    کيس چوندو هيس ته ٻه هزار وٺو پر فوٽو ته ڏيو.“
    پوءِ اچ ته چانهه به پي وڃ ۽ فوٽو به وٺي وڃ واهه جو فوٽو آيو اٿئي!“
    ۽ منهنجي سستي ڪري اهو فوٽو نه وٺي سگهيس. جيڪو حسين شاهه راشدي جي اک سان ورتل هيو.
    هڪ ڏينهن گهر وڃي کيس گذارش ڪيم ته ”سنڌي ادبي سنگت جي گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيون. اوهان مهمانن کي ڊنر ڏيو.“ ”هڪدم چيائين“ ٺيڪ آهي. پوءِ حڪم ڪيائين ته ريجنٽ پلازه وارن کان مينيو سيٽ ڪري. بل ٻڌا ته هلي پيمنٽ ڪريون.“ ۽ پوءِ جڏهن به ملندو هيو. چوندو هيو“ اڙي ادا ادبي منڊلي ڪڏهن ٿو مچائين؟“
    چوندو هيس ته گهرو وسيلا ته پيدا ڪريون نه . يڪدم چوندو هيو. ”مان تيار آهيان ۽ پنهنجو واعدو برقرار آهي. هاڻي ان دير جو ذميوار تون پاڻ آهين!“ سائين جو ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن ڪهڙيون بيان ڪجن؟ هڪ ڏينهن آفيس ۾ آيو. سندس هٿن ۾ ڪارڊ هيا. هوٽل ريجنٽ پلازه ۾ ” راشدي ڀائرن جي ٻئي ورسي هئي. چيائين: ” هي پروگرام تنهنجي ته بلڪل ويجهو آهي. دل چيو تنهنجي آفيس به ڏسان ۽ گڏجي چانهه به پيان“ ۽ پوءِ ڪافي دير آفيس ۾ ويٺو رهيو.
    سائين حسين شاهه راشديءَ لاءِ مان اهو چئي سگهان ٿو ته هو تمام وڏي دل جو مالڪ هيو، هن جهڙو بردبار، هڏ ڏوکي، مخلص ماڻهو، مون ويجهڙائي ۾ ڪو ڏٺو ئي ناهي. سڀني سان محبت ڪرڻ وارو ۽ ان ۾ سندس محبوب به ڪيترائي شامل آهن. جن سان هن آخري دم تائين نڀاهيو.
    ها پر مون کي افسوس رهجي ويو.
    مان قمر ڀٽي جي عيادت ڪري، واپس نيشنل ميڊيڪل سينٽر ڪالا پل ڪراچيءِ مان هيٺ لهي رهيو هئس. ته ” ڊي ڪيئر“ روم جي ٻاهران مون کي شمع ڪيريو نظر آئي. مون ان کان خيريت پڇي ته چيائين! سائين! کي ڏيکارڻ آيا آهيون طبعيت ٺيڪ نه اٿس.“ ۽ مان فوري طور اندر هليو ويس. سائين مانيٽر تي هيو. ان وقت سائين جي گهرواري بستري ڀرسان موجود هئي. چيائين!“ ادا هينئر ننڊ جون سيون هنيون اٿن. سائين کي ننڊ اچي وئي آهي.“
    مون ڏٺو ته سائين ستو پيو هيو. مون مانيٽر کي ڏٺو ۽ اتي موجود ڊاڪٽر کان پڇيو. جنهن چيو ته طبيعت بهتر آهي. پوءِ مون شمع ڪيريو کي چيو ته توهان سائين کي جڏهن ننڊ مان اٿي ته ٻڌائي ڇڏجو ۽ صبح جو مان لاڙڪاڻي لاءِ روانو ٿي ويس.جو اتي ”لاڙڪاڻو صدين کان ۽ موهن جو دڙو بچايو“ سيمينار جو بندوبست ڪرڻو هيو. ۽ مان وري راڻيپور هليو ويس. پوءِ هڪ ڏينهن لاءِ ڪراچي اچي صبح جو ٻيهر لاڙڪاڻي ويس. اتي لاڙڪاڻي صدين کان سيمينار هلندي انعام شيخ ٻڌايو ته سائين حسين شاهه راشدي ڪالهه لاڏاڻو ڪري ويو آهي. انتهائي گهڻو ڏک ٿيو. اسان سيمينار ۾ تعزيت ڪري اتي ئي تعزيتي ميڙ، سليم ڪورائيءَ جي صدارت ۾ ڪوٺايوسين. پر مون کي اها حسرت رهجي وئي ته مان سائينءَ سان ڪچهري ڪري نه سگهيس ۽ ان جي خدمت ڪري نه سگهيس. پر هڪ ڳالهه چوان ٿو ته حسين شاهه راشدي هڪ دؤر هيو، هڪ پيار هيو ۽ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن جهڙو ڪو به ڪونهي. جيڪو سڏائي ۽ اهو اهڙو ٿي ته ڏيکاري!؟ جيڪڏهن ڪو آهي ته!!؟؟
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 26 اپريل 2007ع)


    ايم ايڇ پنهور ۽ ادارن جي بي حسي

    رات جو نفيس احمد شيخ فون ڪيو ته، جناح اسپتال جي سرجيڪل آءِ سي يو ۾ سنڌ جو ڏاهو ايم ايڇ پنهور داخل آهي. سندس گهر واري اڪيلي آهي. اوهان ان جي مدد ڪريو......
    مان سرجيڪل آءَ سي يو ۾ آيس، وارڊ جي ٻاهران آپا فرزانه پنهور موجود هئي. مون کائنس معلومات ورتي ۽ وارڊ ۾ اچي پنهور صاحب جي ڪيس جي سلسلي ۾ ڊاڪٽرن سان صلاح ڪئي. ايم ايڇ پنهور صاحب کي سيني ۾ تڪليف هئي، جنهن ڪري، ساهه کڻڻ ۾ تنگي محسوس ٿي رهي هئي. ۽ هو بيهوشيءَ جي عالم ۾ هيا. ڊاڪٽرن چيو ته خطري جي ڳالهه ڪانهي. پر عمر جو تقاضو آهي. ته هن جو علاج خبرداريءَ سان ڪيو وڃي. پوءِ مون ميڊم فرزانه کي ٻڌايو ۽ سمجهايو. هن چيو ته سندس پٽ سني پنهور اچي رهيو آهي. منهنجي ان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. جنهن سان گڏ اسان جو پراڻو دوست ڊاڪٽر اعجاز ترڪ به هيو. ۽ ٻئي آمريڪا مان آيا هئا. ان وقت اسپتال ۾ جناح اسپتال جو ڊائريڪٽر پروفيسر مشهور عالم شاهه به آيو. ۽ پوءِ سني پنهور ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، پروفيسر مشهور عالم شاهه، سان گڏجي پنهور صاحب کي ڏسندا رهيا. جنهن کان پوءِ چيسٽ وارن هن کي ڪجهه دوائون ڏنيون. پر سني پنهور جو خيال هيو ته ايم ايڇ پنهور صاحب کي آغا خان اسپتال شفٽ ڪيو وڃي. پوءِ اهو فيصلو ٿيو ايمبولينس تي مريض کي آغا خان اسپتال ڪراچي شفٽ ڪيو ويو، جتي ڪجهه ڏينهن جي علاج کانپوءِ هو ٺيڪ ٿي ويو ۽ پنهنجون سرگرميون جاري رکيائين.
    منهنجي ان کان پوءِ نه ايم ايڇ پنهور صاحب سان ملاقات ٿي. ۽ نه آپا فرزانه سان ان کان اڳ رني ڪوٽ سيمينار واري موقعي تي جڏهن سڄي ملڪ مان ماهر گهرايا ويا هيا. ان وقت سڀني اها روايتي ڳالهه ڪئي، جنهن جو رني ڪوٽ جي تحقيق سان گهٽ واسطو هيو ۽ ڳالهين سان وڌيڪ، اُن موقعي تي ايم ايڇ پنهور واحد اسپيڪر هو، جنهن رني ڪوٽ متعلق ڳالهايو ۽ پنهنجون پراڻيون ڪيل ڳالهيون ورجايون.
    ايم ايڇ پنهور، گهڻ رُخي شخصيت هيو، هڪ ئي وقت آبپاشيءَ جو ماهر، زرعي ڄاڻو، تاريخدان، ٻولي ۽ تهذيب جو ڄاڻو هيو. هن وٽ پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ پختا دليل هيا ۽ هن پنهنجي زال فرزانه پنهور سان گڏجي سنڌ ۾ انب جي هڪ اهڙي جنس به تيار ڪئي جيڪا ٻارنهن مهينا انب ڏيندي. ۽ ان کانسواءِ مختلف قلمي جنسون تيار ڪيائين.
    ايم ايڇ پنهور هڪ جينيئس۽ محبتي ماڻهو هيو. جيڪو لڳاتار محنت ڪندو رهيو ۽ پنهنجي مختلف شعبن ۾ هڪ جيترو نظر ايندو رهيو. حالانڪ ان عمر جا ماڻهو، رِزروَ ٿيندا آهن. ۽ وڌيڪ گهمي ڦري نه سگهندا آهن. پر ايم ايڇ پنهور انهي سڀني کان مختلف هيو ۽ ان سڄي ڪم ڪار ۾ سندس ساٿياڻي ۽ زال فرزانه پنهور گڏو گڏ هوندي هئي. ۽ هي اولڊ ايج جوڙو هميشه نه صرف گڏ رهندو هيو. پر هڪ ٻئي سان هر وقت تجديد وفا پڻ ڪندا رهيا. ۽ اسان سڀني کي ائين محسوس ٿيندو هيو. ڄڻ هي هتي پنهنجي ملڪ ۾ نه، پر آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ موجود هجن. ايترا ويجها ۽ لائيو شايد اسان جا نوجوان به نه هجن . باقي ڪنهن ڪنهن سان ڪيترو نڀايو، هاڻي اهو ماضي ٿي ويو آهي. ميڊم فرزانه پنهور نه صرف اڪيلي ٿي وئي آهي، پر ايم ايڇ پنهور بنا اٻاڻڪي به هوندي. اسان سندس لاءِ دعاڳو آهيون،

    ادارن جي بي حسي
    سنڌ جا ڪيترائي اهم عملي ادارا بند آهن، جن کي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي. ڇا اهو هي ڪم ڪري رهيا آهن؟ هي سوال تمام اهم آهي. ايمانداريءَ ۽ فرض اهي ٻه اسم آهن جن کي اسان ڇڏي ڏنو آهي.۽ دنيا داريءَ وارا سڀ بازاري حربا استعمال ڪري ، پي آر او جي پلر تي، اسان وقت گذارو ڪري رهيا آهيون. اڳي چئبو هيو ته تاريخ ۾ ذڪر ايندو ۽ تاريخ لکي پئي ويندي پر هي جيڪا تاريخ لکرائي وڃي ٿي. اها تاريخ درٻاري تاريخ کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. جو هي تاريخ جو هڪ نئون روپ، ايجنڊائي تاريخ وجود ۾ آيو آهي. جتي تمام گهڻو برو، تمام گهڻو ڀلو لکجي ٿو. تمام گهڻي ڀلي کي تمام گهڻو برو چيو ۽ لکيو وڃي ٿو. تاريخ جو اهو ڀيانڪ روپ، اڳ ڪڏهن به نه آيو آهي جيڪو هينئر عريضي نويس تاريخدانن کان لکرايو پيو وڃي. موجوده وقت ۾ تاريخ ۾ جيڪا بدديانتي ۽ بي ايماني ٿي رهي آهي. سڄاڻ حلقن طرفان ان جي به تاريخ لکجي پئي، پوءِ ڀلي هن دور ۾ اهڙي لکڻي پذيرائي نه ماڻي ، پر سچ هميشه سرخرو ٿيندو آهي. ۽ اڳتي به ٿيندو. ان ۾ ڪنهن جي پسند يا ناپسند جي ڪا اهميت ئي ڪانهي.
    اسان جا علمي ۽ ادبي ادارا جن کي هڪ خاص مقصد لاءِ جوڙيو ويو آهي. اهي پنهنجا مقصد ڇڏي، ٻئي ڌنڌي ۾ لڳي ويا آهن. جيڪو هن جو ڪم ئي ڪونهي ڳالهيون تمام ڳريون ۽ وڏيون آهن. پر اسان ادارن جي اهميت جي پيش نظر انهن کي هلڪو ڪري پيش ڪري رهيا آهيون. جيئن انهن کي ٻيهر ياد ڏيارائي سگهون ته انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي.
    سنڌي ادبي بورڊ : سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو هڪ اهم ادارو آهي. جنهن ماضيءَ ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي. ان ۾ برابر لاها چاڙها آيا آهن، پر خبر ناهي، هن اداري جي ڪهڙي بدقسمتيءِ آهي جو هي هميشه هر دور ۾ اختلافي رهيو آهي.
    سنڌي ادبي بورڊ جا ڪيترائي مامرا آهن. پر هن اداري ۾ هڪ ”اديبن جي ڀلائيءَ جو فنڊ“ به آهي. جنهن ۾ لکين روپيا موجود آهن. هاڻي خبر ناهي، اهو ڀلائيءَ جو فنڊ ڪهڙن ماڻهن لاءِ آهي؟؟ ۽ ڪهڙن مقصدن لاءِ آهي؟؟ جو مون ٽي دفعا محترم اعجاز منگي کي خط لکيا آهن. فونون ڪيون آهن ته سنڌ جا اديب علاج لاءِ واجهائي رهيا آهن، ڌڪا کائي رهيا آهن، پر هن اداري جو ”اديبن جي ڀلائيءَ وارو فنڊ“، انهن لاءِ ڪونهي. جڏهن ته هي آخري مهينو آهي. يا اهو فنڊ واپس ٿيندو. يا پوءِ اهو ڪجهه ”خاص اديبن جي ڀلائي لاءِ ڪم ايندو پر حبيب الله سانگي، سجاولي زندگيءَ جا آخري ڏينهن تنگي ۾ گذاري رهيو آهي.خطائي ٿيٻو، بيماري جي بستري تي ناداريءَ واري حالت ۾ آهي. ڪامريڊ ڪريم، بلوچ، يورولاجي وارڊ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻي ۾ دوائن لاءِ واجهائي رهيا آهن. ۽ ٻيا ڪيترائي اديب صرف علاج لاءِ ادارن ڏانهن ڏسي رهيا آهن . پر سنڌي ادبي بورڊ “ رائيٽرس ويلفيئر فنڊ “ لڪايو ن ويٺو آھي. ۽ انهن جي صحت تي ڪو به اثر ڪونهي ، جو انهن جا پير مظبوط آهن. اڄ فونن کان هٽي ڪري عام گذارش ڪجي ٿي ته، اهي فنڊ اديبن جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪن ۽ اهي اديب جيڪي دوا وٺڻ جي به سگهه نٿا رکن، ڇا انهن کي ان فنڊ مان دوا وٺڻ جو به حق ڪونهي؟؟؟اهو اوهان جو پنهنجو ڪم آهي. اخبارون پڙهو ۽ امدادون ڏيو، ٻيا ماڻهو اوهان کي اپيلون ڇو ڪن؟ ڇا اوهان تي ڪا به ذميواري ڪونهي؟
    انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي: فاٽ وڏو ڪيو هي ادارو سنڌ جي سڃاڻپ آهي، جنهن ۾ اڳ ئي ڪافي ڪم ٿي چڪو آهي. پر ڪافي عرصيءَ کان هن اداري ۾ چپ چپات آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خانگي تنظيم سان گڏجي، سالگره يا تعزيتي ميڙاڪا ذاتي شامون ملهائڻ لاءَ هال ڏنو وڃي ٿو. ۽ سهڪار جي آسري ۾، هي ادارو سنڌ جي تهذيب، ٻولي، تمدن ۽ ادب جي حوالي سان ڏينهنو ڏينهن جي حساب سان ڪو به ڪم نه ڪري رهيو آهي. محترم شوڪت حسين شورو اسان جو ذاتي دوست آهي. پر هو صاحب هيئنر ”نوڪري“ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هتي خدمت وارو جذبو هئڻ گهرجي. مون شوڪت حسين شورو سان سنگت طرفان گڏجي ٻولي ڪانفرنس ڪرڻ پئي چاهي. هن هائوڪار ڪئي، پوءِ چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر چوي ٿو پهريائين اسان ڪانفرنس ڪريون. پوءِ ادبي سنگت ڪري. کيس گذارش ڪيم ته اسان جو پروگرام ته پهريان هيو ۽ پوءِ هن انڪار ڪيو. جنهن جي ڪري اسان کي ڪراچيءَ ۾ ڪانفرنس ڪوٺائڻي پئي. ان کانسواءِ اوهان کي اهو ٻڌي حيراني نه ٿيندي ته اسان جڏهن به ڪو پروگرام ڪندا آهيون، ان جي دعوت نامون شوڪت صاحب کي پهچائيندا آهيون، پر شوڪت حسين شورو صاحب، جڏهن به ڪو پروگرام ڪندو آهي، جيئن”سنڌ ادب جو ماضي حال ۽ مستقبل“ وارو پروگرام هيو. نه صرف سنڌي ادبي سنگت سنڌ، پر ٻين به علمي ۽ ادبي ادارن کي دعوت نه ڏني ويندي آهي. اها وڏي لسٽ آهي. تازو ساڻس مون فون ٿي ڳالهائيندي چيو ته ڇا سنڌ الاجي به ڪنهن ايجنڊا تي هلي رهي آهي؟ جو اوهان هن وقت تائين ڪڏهن به اسان کي دعوت ناهي ڏني؟ پاڻ ان جو اعتراف ڪيائين. پر هي ادارا اسان جا قومي ادارا آهن ۽ اسان جا پنهنجا ادارا آهن، ان تي اهڙيون ڪوتائيون ٿين تڏهن به خير آهي. پر سنڌ الاجيءَ کي پنهنجي اهو ڪم جاري رکڻ گهرجي، جنهن لاءِ هن جو وجود ۾ اچڻ جو مقصد آهي. ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هن جو ڦيٿو بيهاريو ويو آهي، جيڪو هلڻ گهرجي. ڳالهيون تمام گهڻيون آهن، پر پنهنجي ادارن جو هر لحاظ کان لحاظ آهي. سنڌ الاجيءَ تي جيڪي هٿ اٿن ٿا. انهن کي موقعو نه ملڻ گهرجي. ادارا ٺاهيو، پنهنجي شخصيت ۽ بيلنس نه وڌايو.
    سنڌ لئنگويج اٿارٽي: هن جو به ساڳيو حال آهي. عبدالقادر جوڻيجو غير موثر آهي؟ يا ادارو غير اهم آهي؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي، اخبارن، ڪتابن، رسالن ۽ اليڪٽرنڪ ميڊيا ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ کي مانيٽر ڪرڻ گهرجي ۽ اُن متعلق واسطيدار ادارن کي صلاحون پڻ ڏيڻ گهرجن، عبدالقادر جوڻيجو پاڻ ٻڌائي ته سندس ادارو پنهنجا مقصدي ڪم ادا ڪري رهيو آهي؟؟؟ گهٽ ۾ گهٽ ايتري ايمانداريءَ هجڻ کپي. باقي ادارن تي چڙهي سير ڪرڻ واري موسم اڃان هلي ٿي ته هلڻ ڏيوس، پاڻ ئي مٽجي ويندي.
    شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ: گذريل ڏينهن مون ڀيڻ ميڊم فهميدا حسين کي ڪنهن اهم ادبي مسئلي تي فون ڪيو ۽ پوءِ کيس گذارش ڪيم ته عالمي ڪانفرنس کانپوءِ اوهان ٻيهر تازو ٽن اديبن لاءِ ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس ۾ ڪراچي جي سينئير اديبن ۽ سنگت کي دعوت نه ڏني. ڀيڻ چيو ته: اهو ٿي ئي نٿو سگهي. مون TCS ذريعي ڏهه دعوت ناما موڪليا آهن!!
    کيس گذاريش ڪيم: ”اهو به ٿي ئي نٿو سگهي ته دعوت موڪليو ۽ نه ملي. اوهان رسيد نمبر ٻڌايو مان ڪوريئر کان اوهان کي حرجاڻو وٺي ڏيان ٿو.“
    ميڊم چيو: مان ٿوري دير کان پوءِ تصديق ڪري ٻڌايان ٿي. ۽ پوءِ ميڊم فون ڪري چيو ته، ” نه، آرڊنري ٽپال رستي دعوت ناما موڪليا ويا آهن.“
    مون چيو : ته ”اها به اوهان جي ماڻهن جي صحيح ڳالهه ناهي دعوت موڪلي ئي نه وئي آهي،“
    ۽ هن سٽن لکڻ تائين دعوت موڪلي هجي ها. ته پڪ سان ملي وڃي ها. پر ان ڳالهه جي اها اهميت ناهي. اهميت ان ڳالهه جي آهي. ته ”شاهه لطيف چيئر کي جيڪي فنڊ ملن ٿا. ڇا انهن جو رخ اڪيڊمڪ آهي؟ يا ايڊمنسٽريٽو؟ ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ تعزيتون ڪرڻ کان بهتر ناهي ته اداري ۾ پروگرام ڪري، اهي لکين روپيا، ڪتابن جي ڇپائي، قيمت جي گهٽتائي ۽ ريسرچ تي خرچ ڪيا وڃن ۽ شاهه سائين جي مختلف پهلوئن تي تحقيقاتي ڪم ڪيو وڃي. سفارشن ۽ گروهن جي ڏاڪڻ تي ڪيل پي ايڇ ڊي ٿيسز ڇپايون وڃن. ۽ اداري جي ٻين خرچن تي پڻ نظر رکي وڃي. جن جا تفصيل ڏيڻ پڻ مناسب ناهن، ۽ چيئر لاءِ مليل فنڊن تي، شاهه سائين ۽ سنڌي ادب جي مختلف صنفن لاءِ خرچ ڪيو وڃي پروف، ڪتابن جي ڇپائي، بائيڊنگ ۽ ٻين گڏيل خرچن تي پڻ نظرثاني ڪئي وڃي. ۽ ان پئسي جو چڱيءَ طرح سان حساب ڪتاب رکيو وڃي. ڏٺو اهو به ويو آهي. ته ڪتابن جي ڇپائيءَ تي جيترو به خرچ اچي ٿو، اورتو خرچ مهورت تي به ٿئي ٿو؟ ڇا مهورتي خرچ مان ٻيو ڪتاب نٿو ڇپائي سگهجي؟؟؟ يا ڪا مورڪي فنڪشن وانگر اديبن کي پنج تاري هوٽل ۾، مال تي هيرائي انهن کان ساراهه ڪرائي وڃي. ۽ گڏيل مفاد بجاءِ ذاتي ۽ گروهي فائدا ورتا وڃن. اهو جيئن ته ادارن جو ڄڻ ته ذاتي مسئلو ٿو ٿئي جو ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جا ادارا ان کي هلائيندڙ، ائين ٿا هلائين، ڄڻ هو پنهنجي ذاتي گهر کي هلائيندا اچن.
    ادارن ۾ خدمت بجاءِ جيڪو نوڪري ڪرڻ جي رواج پئجي رهيو آهي. اهو علم ۽ ادب جي ڪا به خدمت ڪري نه سگهندو. ڪيترائي وڏين ڪرسين تي ويٺل انتهائي معمولي ۽ ننڍڙا ماڻهو، ڪرسيءَ جي وقار کي به لڄائي رهيا آهن اهو ئي اسان جو الميو آهي ۽ اهڙا حادثا روز ٿين پيا.
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 10 مئي 2007ع)


    احمد خان مدهوش جي سالگره ۽ جوهيءَ جي گرمي

    ان وقت منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو مرحلو هو، جڏهن ڪراچيءَ ۾ احمد خان مدهوش حڪم ڪيو ته 28 اپريل جوهي ۾ ”سالگرهه“ ۾ اچڻو اٿئي ۽ پوءِ هن ڪجهه دوستن لاءِ ڪارڊن جو بار به رکيو. ته انهن کي پهچاءِ مون فون گهمائي ۽ واتي وڻي سڀني کي گذارش پهچائيندي کين ڪارڊ موڪليم، جن سڀني چيو ته هو ڪن مجبورين جي ڪري جوهي نٿا وڃي سگهن، هونئن به مدهوش صاحب جو اسرار ڪنهن هڪ اڌ لاءِ هو. بهرحال مون برادر اڪبر لاشاري سان رابطو قائم ڪيو. جيڪو اسلام آباد جي پُر لطف فضا ۽ پُر ڪشش ماحول ۾ مگن هو. کيس چيم يار! جوهي هلڻو آهي، ته پاڻ چيائين، منهنجو پروگرام ڪجهه ڏينهن رهڻ جو هو، پر مان 28 تاريخ صبح جو ڏهين واري فلائيٽ ۾ اچان ٿو ۽ پوءِ ڪراچي مان هلنداسين پوءِ ڪراچي مان هي قافلو منجهند جو جوهي ڏانهن روانو ٿيو.
    جوهي، سڄي دادو جو گرم ترين شهر آهي. ۽ اسان کي ان جو اندازو ان مان به ٿيو. جڏهن ستين وڳي شام جو به نلڪن مان گرم پاڻي پئي آيو. بهرحال مدهوش صاحب جي حڪم جي پوئيواري ڪندي، رات جو ساڍي ڏهين وڳي سندس سالگرهه وارو پروگرام شروع ٿيو. جيڪو ٽيڪسي گرائونڊ جوهي جي ميدان ۾ هو ۽ ان وقت ٿڌڙي هوا پڻ شروع ٿي چڪي هئي ۽ مون کي ان وقت انتهائي حيرانيءَ ٿي جڏهن سنڌ جي هن سٻاجهي ۽ سادي شاعر جي ڪارڊ ۾ ڏنل مهمانن واري لسٽ منجهان مان ۽ زيب نظاماڻي موجود هئاسون، باقي ڪل پيران دا خير. بهرحال اسان کي خوشي ٿي. جو اسان هن سٻاجهي شاعر جي ”سالگرهه“ ۾ نه صرف شامل رهياسين پر ڪيڪ ڪاٽي ان جي شروعات به ڪئي سين.
    هڪ ڳالهه جيڪا مون کي تمام ڏکي لڳي، اها هي ”انا پسندي“ احمد خان مدهوش جنهن عمر ۾ آهي. جتي به آهي ان سان اختلاف رکڻ جو ڪو به جواز ناهي، الله کيس وڏي ڄمار ڏئي پر ڇا اسين ورسيون ملهائيندڙ قوم آهيون؟ جو پنهنجن دوستن کي قدر ۽ مان به ڏئي نٿا سگهون؟ دادو ضلعو اهو خوشنصيب آهي جتي سنڌ جا تمام اهم شاعر رهيا آهن. جن جي ٻولي سادي پُراثر آهي، انهن جي هڪ وڏي لسٽ آهي، جيڪا استاد بخاري کان وٺي وفا ناٿن شاهي تائين، ميهر فقير کان وٺي احمد خان مدهوش تائين موجود آهي. جن ڌرتي، سونهن ۽ حسن جي شاعري ڪئي آهي. ۽ خوب ڪئي آهي، ان جو هيءَ ۾ ئي ڪيترا بهتر شاعر آهن، پر جن غزل کي اڃان وڌيڪ سهڻو بڻايو آهي. جنهن ۾ لياقت علي لياقت، مير لغاري، خليل عارف ۽ ٻيا شامل آهن. باقي احمد خان مدهوش ۽ عزيز ڪنگراڻي تمام گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن. هونئن به ڪاڇي ۾ سنڌ جا اهم ۽ ڀلا شاعر آهن، طالب لغاري جنهن کي ڪاڇي جو حمل ٿا چون، واهي پانڌيءَ جو شمن لاشاري ۽ ٻيا شامل آهن.
    ۽ انهن سڀني جي شاعريءَ ۾ ليارن ۽ پيرونءَ جو ذائقو موجود آهي جوهي جيڪا ٿڌي مٽيءَ جي سرزمين آهي. جنهن جا دلا ۽ مٽ اڄ به سنڌ ۾ ٿڌي پاڻي جي حوالي سان مشهور آهن پر ان مٽيءَ مان ڳوهيل ماڻهن جي محبت جهڪي نه ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جي مزاج ۾ پڻ ان مٽيءَ ۾ جهلڪ نظر اچڻ گهرجي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ احمد خان مدهوش جي ان سالگرهه واري تقريب ۾ ادبي لڏي ۾ نظر نه آئي. ۽ گهٽ ۾ گهٽ مون کي جوهي جي ”جانين“کان اها شڪايت رهجي وئي ته ڇا اسين خوشيون ڏيڻ ۽ ورهائڻ ۾ ڪنجوس آهيون؟ جوهي اچڻ وقت جڏهن مون مير حاجن پنهور کان پڇيو ته، جوهي ۽ جوهيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ته مير صاحب وراڻيو ته لهجي جي ڳالهه آهي. ته مون کيس چيو ته ان ۾ وقتي حسن جو به ذڪر آهي.جو پنهنجي وقت جي مس انڊيا رهندڙ ۽ پوءِ فلمي دنيا ۾ نالو ڪڍندڙ جوهي جو به زير، زبر ۽ پيشن سان حوالو ٿي سگهي ٿو.جنهن تي اڪبر لاشاري چيو ته حسن ئي شاعريءَ جو اتساهه آهي ۽ اهو اتساهه مون سائين احمد خان مدهوش واري سالگرهه تي شاعري ۾ ڏٺو، ڪاڇي جي شاعرن خاص ڪري دادوءِ جي شاعرن جي ٻولي ڏاڍي موسيقيت واري آهي ۽ دادوءِ جي شاعرن جي ٻي خوبي اها به آهي ته هو سنڌي ٻولي سان گڏوگڏ سرائڪي زبان ۾ به شاعري ڪن ٿا ۽ ڏاڍي سهڻي شاعري ڪن ٿا، جنهن ۾ نوجوان شاعرن جو وڏو تعداد موجود آهي.۽ ائين محسوس ٿئي ٿو. هتي ٻن ٻولين ۾ خوبصورت شاعري ڪن ٿا، جهڙي سندن شهر جي ٿڌي مٽي آهي، هونئن به جڏهن جوهيءَ جو ذڪر نڪرندو جوهيءِ جي حوالي سان ٽي شيون مشهور آهن، هڪ گرمي ٻيا ٺڪرن جا ٿانو ۽ ٽيون احمد خان مدهوش ، احمد خان مدهوش جي ان سالگرهه جي جيڪا خوبي ڏسڻ ۾ آئي، اُها هئي سڀني سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي شرڪت، جوهي پروگرام جوهي عوام اتحاد طرفان ملهايو ويو هو ۽ رات دير کان صبح تائين ماڻهو موجود رهيا، جيڪا ان ڳالهه جي گواهي آهي ته احمد خان مدهوش نه صرف جوهيءَ جو دلبرآهي. پر هو سڀني جو ساٿي آهي. هن تقريب جي حوالي سان مهر فقير، عاجز سرگاڻي، زيب نظاماڻي، عزيز ڪنگراڻي ۽ ٻين دوستن نه صرف احمد خان مدهوش کي لفطن جي ڀيٽا ڏني پر هن کي پيار جو شاعر ڪوٺيو ۽ سندس وڏي ڄمار لاءِ دعائون گهريون، ان موقعي ته احمد خان مدهوش جيڪي ڳالهيون ڪيون، اهي سڀ ”دل جون ڳالهيون“ هيون جن ۾ شڪايتون به هيون ڏوراپا به هئا ته ڪجهه ناز به هئا ۽ اهي سڀ هن عمر ۾ احمد خان مدهوش جو حق آهي پر ان سان گڏوگڏ احمد خان مدهوش کي به پنهنجو پيار عام ڪرڻ گهرجي ۽ سڀني لاءِ ڪرڻ گهرجي، مون چيو ته احمد خان مدهوش سنڌيءَ ماڻهو جي علامت آهي، سنبل آهي ۽ اوهان کي جيڪڏهن سنڌ سان ملڻو آهي ته اوهان احمد خان مدهوش سان ملو، اوهان کي سڀ روپ ۽ ذائقا ملي ويندا. ان لاءِ اسان جو فرض آهي. ته اسان احمد خان مدهوش کي سانڍيون، مدهوش صاحب مون کي دعوت ڏيڻ جڏهن ڪراچي ۾ آيو ته مون کيس گذارش ڪئي ته ڪجهه معاملا آهن جنهن ڪري مان شايد اچي نه سگهان. هن ڪجهه به نه چيو. پنو کنيو ۽ ان تي لکيو اوهان کي ضرور اچڻو آهي. شمشير الحيدري، تاجل بيوس، عبدالقادر تبسم ۽ ماهين هيسباڻيءَ کي به دعوت ڏيڻي آهي. ڪو همسفر نه آيو ۽ خبر آهي اوهان جو هجڻ ضروري آهي. مون اُن وقت هن جي مرڪندڙ منهن کي ڏٺو ۽ چيو ته مدهوش صاحب اوهان لاءِ جنت ته ڇا، دوزخ ۾ به اچڻ لاءِ تيار آهيون، جو اسان کي اها پڪ آهي ته جتي احمد خان مدهوش هوندو اهو دوزخ به جنت ٿيندو ۽ پوءِ حڪم جي پورائي ڪندي، منجهند ٽاڪ ڪراچيءَ مان هڪ ٻئي ٽاڪ لاءِ جوهي روانا ٿياسين ۽ اسان پاڻ سان دعائون کڻي احمد خان مدهوش جي سالگرهه ۾ شامل ٿياسين الله سائين کيس خضري ڄمار عطا ڪري ۽ هو سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ سنڌ لاءِ سنڌ جي حسن لاءِ ۽ عشق سلامت لاءِ اڃان به سهڻا گيت لکندو رهي جو هو لکڻ وارو آهي ۽ هن عمر ۾ سڀني فائدن ۽ رعايتن جو حقدار پڻ آهي احمد خان مدهوش کي به سڀني ساٿين کي پرچائڻ گهرجي ۽ ٻين دوستن کي به هن سان پرچڻ گهرجي،
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 3 مئي 2007ع)


    هڪ ليجنڊ فنڪار، انور سولنگي

    انور سولنگي سان منهنجي ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ نيازمندي آهي. جيڪا ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان شروع ٿي ۽ پاڪستان ٽيليويزن تائين جاري رهي. ان سڄي عرصي دوران ٿڌا ڪوسا به ٿيا هونداسين. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا پر اسان جو هڪٻئي لاءِ احترام جو رستو ۽ رشتو سدائين قائم رهيو.
    فنڪار جي عروج جو به هڪ دور ٿئي ٿو. ۽ ان کي گذارڻ کان پوءِ ان ساڳي عوام وٽ اها جاءِ نٿي رهي، جيڪا عروج واري وقت ۾ هجي ٿي. جنهن جا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا. جيئن دليپ ڪمار، هيما مالني، زيبا بيگم، بهار بيگم، سڌير، نديم وغيره وغيره فلم انڊسٽري آهي ئي گليمر سان. ۽ وري گليمر جو واسطو عمر سان رهي ٿو. جتي عمر وڌي اتي محبت گهٽي. سنڌي فنڪار، جيئن ته اڃان به سفر ۾ آهي ان ڪري اُن جو مثال ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جو سنڌ ۾ فلمي صنعت اڃان ترقي ئي نه ڪئي ته ختم ٿي وئي، ان ڪري اهو سلو پوري طرح اُسري ۽ اڀري ئي نه سگهيو.
    ٻيو سنڌي فنڪار جا ڪيترائي نفسياتي مثلا آهن، جيڪي جيئن جا تيئن رهيا آهن اسان ائين به ڏٺو ته جڏهن ڪو فنڪار عروج تي رهيو ۽ پرستار ان سان هٿ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهن ڦيري، اڌ هٿ ڏئي اڳتي هليو ويو. يا ٻين ڌارين سان انتهائي نوڙت ۽ عاجزي سان ملندو رهيو آهي ۽ پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان ملڻ وقت به لئي، رعب ۽ ٽرڙائپ کان ڪم وٺندو رهيو. هن سماج ۾ فن به هڪ برف وانگر آهي. جيڪو پگهرڻ کان پوءِ پنهنجو وجود وڃائي ويهندو آهي. ۽ آهستي آهستي ائين ٿيندو آهي. جو ان کي ضايع ڪيو ويندو آهي. اها جيتوڻيڪ فطرت ۾ شامل آهي پر اسان جي هن ملڪ ۾ ، فن ۽ فنڪار هميشه اڌورو رهي ٿو. مثال طور مهدي حسن ، پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو مقبول ۽ مشهور سنگر رهيو. جنهن جي بقول سٺ هزار گيت ڳايا آهن ۽ ان وقت فلمي گيت ڳائڻ جو گهڻي ۾ گهڻو معاضو پڻ وٺندو هيو. اڄڪلهه فيڊرل بي ايريا ڪراچيءَ جي هڪ ننڍي فليٽ ۾، انتهائيءَ بيماري جي حالت ۾ گذاري ٿو. جيڪڏهن هو ڪجهه پئسا بچائي رکي ها ته شايد ايڏو ڏکيو نه هجي ها. حالانڪ سندس پٽ سکيا ستابا آهن ۽ آمريڪا ۾ به رهن ٿا.
    مون ڳالهه پئي ڪئي انور سولنگي صاحب جي. انور سان منهنجون ملاقاتون پڻ حادثاتي طور به ٿيون.
    هڪ ڏينهن سول اسپتال ڪراچيءَ جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊيوٽي تي موجود هيس. ته ڪنهن ٻڌايو، انور سولنگي جو ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي ۽ پاڻ اسٽريچر تي آهن. اٿي وڃي کيس آٿت ڏنم ۽ جيڪا خدمت ڪرڻي هئي اها ڪيم. پٽي ڪرائي، کيس گهر موڪليم جو ان وقت هو ڏاڍو پريشان هيو. فريڪچر جي حالت ۾، کيس تمام گهڻو سور پڻ ٿي رهيو هيو.
    وقت گذري ويو. اسان جون ملاقاتون ٽي ويءَ ۽ سماجي پروگرامن ۾ ٿينديون رهيون، ان دوران منهنجو عمري تي وڃڻ ٿيو.مديني شريف ۾، ستن مسجدن وٽ زيارت ڪندي، ٻيهر انور سولنگي سان ملاقات ٿي، هي ٻي اوچتي ملاقات هئي ۽ مزو آيو. حال احوال ورتاسين ۽ پهرين سول اسپتال ۾ ٿيندڙ اوچتو ملاقات کي ياد ڪيوسين. انور سولنگي صاحب پنهنجي دوستن سان گڏ هيو ۽ مان به پنهنجي دوست سان گڏ هيس. ان ڪري ٻنهي کي وڌيڪ زيارت جي جلدي هئي. ۽ اسان موڪلايوسيون. ان کان پوءِ جناح اسپتال ۾ پڻ هن کي مون صلاح ڏني ته تون پنهنجو علاج ڪراءِ. پر اسان وٽ پرائيوٽ اسپتالن جو هڪ وڏو ڄار ۽ جادو آهي. سڀ ڪجهه هوندي به خبر ناهي ماڻهو وڏين سرڪارين اسپتالن ۾ اچڻ لاءِ تيار ڇو نه ٿا ٿين؟ حالانڪ هتان جا ڊاڪٽر ئي پرائيوٽ اسپتالن ۾ وڃن ٿا ۽ مهانگي في عيوض اتي علاج ڪن ٿا.
    تازو سينيئر ٽي وي پروڊيوسر الطاف سومرو صاحب آيو جنهن ٻڌايو ته انور سولنگيءَ جي طبعيت ناساز آهي. کيس ڏاڍي تڪليف ٿي. مون هن کي صلاح ڏني ته تون هن کي هتي وٺي اچ، خدمت ڪنداسين ۽ پوءِ هو انور سولنگي کي جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ وٺي آيو ان وقت هن جي پير ۾ پٽي ٻڌل هئي. اسان کيس (هڏي واري شعبي) آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ ڏيکاريوسين. ۽ ايمرجنسي وارڊ ۾ جڏهن ان جي زخم تا پٽي کلي ته خبر پئي ته هن کي ته گينگرين ٿي رهي آهي. مون ان وقت تائين انور کي صلاح ڏني ته تون پنهنجي صحت جو خيال رک. ۽ ان ۾ سستي نه ڪر، هي زخم هڪ ڏينهن ۾ نه ٿيو هوندو. پر ان کي هن اسٽيج تائين اچڻ ۾ به ڪافي وقت لڳو هوندو. ان تي کلي چيائين الله ڀلو ڪندو مان پنهنجو سرعلاج ڪرائيندو رهيو آهيان. پر اڄڪلهه هڪ ته علاج تمام گهڻو مهانگو آهي. پنهنجا وسيلا محدود آهن ۽ ٻيو ته ڊاڪٽر به مريض کي وقت نٿا ڏين ۽ ڌيان نٿا ڏين. پوءِ اسان هن جي ڦٽ جي صحيح نموني سان پٽي ڪرائي، کيس صلاح ڏني ته هو جناح اسپتال جي پرائيوٽ وارڊ ۾ داخل ٿئي. جتي هن جو مڪمل بندوبست ڪيو ويندو. پر ان وقت انو سولنگي انگل ڪيو ته مان آغا خان اسپتال ۾ ڏيکاريندس. ۽ پوءِ هو جناح اسپتال مان ئي آغا خان اسپتال هليو ويو پنهنجي وڌيڪ چڪاس لاءِ.
    مونکي ان تي وڌيڪ جُهوٻو آيو. جڏهن انور سولنگي ويل چيئر تي ويٺي روئي پيو هن چيو مون ته ڪنهن کي ڏکايو به ناهي. کيس دلداري ڏنم ۽ چيو ته الله مالڪ آهي. تون پرواهه ئي نه ڪر. ۽ پوءِ مون ان وقت سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت محترم شمس جعفراڻي صاحب کي فون ڪيو. پاڻ آفيس ۾ موجود نه هئا ۽ جڏهن آيا. ته جعفراڻي صاحب ”رنگ بيڪ“ ڪيو. مون کيس انور سولنگي متعلق تفصيل ٻڌايا ۽ کيس گذارش ڪئي ته جيڪڏهن اداڪار لهري صاحب جي سارسنڀال لهو ٿا. ته انور سولنگي به اوترو ئي اهم آهي. اوهان کي سندس علاج لاءِ اپيل ڪجي ٿي هن جي واهر ڪريو. هي اسان جو اثاثو آهي. ان وقت محترم شمس جعفراڻي واعدو ڪيو ۽ چيو ته جناب منظور قناسرو ڪراچيءَ کان ٻاهر آهي. هڪ اڌ ڏينهن ۾ موٽي ايندو.مان انور جي ڀرپور امداد ڪندس ۽ کيس وظيفي جا پئسا به ڏيندس. ان وقت مون انور جي موبائل تي فون ڪيو وري به سندس نياڻي کنيو. پر انور ”رنگ بيڪ“ نه ڪيو.
    تازو سنڌ جو مشهور فوٽوگرافر مريد منهنجي آفيس ۾ آيو ۽ ٻڌايائين ته کيس ثقافت کاتي کان پئسا ڏياريا آهن ۽ انور سولنگي پرائيوٽ اسپتال ۾ زير علاج آهي. مون کيس چيو ته هن کي جناح يا سول اسپتال ۾ داخلا وٺي ڏي. ورنه اهي پئسا اسپتالن جي في ۾ خرچ ٿي ويندا.
    هڪ ڏينهن ممتاز شر کي ڪنهن ڪم سان جڏهن فون ڪيم ته هن ٻڌايو. مان انور سولنگيءَ جي گهر ويٺو آهيان. انور سولنگي گذاري ويو.
    مون کي سچ پچ ان جي وفات تي گهڻو ڏک ٿيو. مان سمجهان ٿو ته انور سولنگيءَ جو وڇوڙو، هڪ ليجنڊ فنڪار جو وڇوڙو ۽ فن جو وڏو نقصان آهي. انور سولنگيءَ ڪهاڻيون به لکيون ۽ شاعري به ڪئي. سندس ڪتاب ”وٽيون وهه گاڏڙيون“ شايع ٿي چڪو آهي. ۽ ان ڪتاب ۾ منهنجا ويچار پڻ شامل آهن.
    يوسف پلازه ڪراچيءَ ۾ رهندڙ اسان جو ليجنڊ فنڪار انور سولنگي، ٻنهي پاسن هلندو رهيو. پر سندس موت تي دوستن اُها شرڪت نه ڪئي. جيڪا ڪرڻ کپندي هئي. يوسف پلازه وڃي جڏهن تڏي ته پهتس ته مون کي ڪو به فنڪار نظر نه آيو. نه ئي ٽيليويزن سان واسطو رکندڙ ڪا اهم شخصيت نظر آئي. ساڳيو ئي حال سخي حسن قبرستان ۾ هيو. جتي ڪو به سنڌي ۽ اردو فنڪار ۽ ٽيليويزن جو ماڻهو نظر نه آيو.
    انور پنهنجو وارو وڄائي ويو. پر هينئر اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته، اسين هاڻي مرده پرست قوم به نه رهيا آهيون.
    (روزانه خبرون ڪراچي ڇنڇر 5 اپريل 2008ع)


    گورک هل، سنڌي ۽ انگريزيءَ وارو سفر

    لياقت جي ڪتاب جو مهورت هيو. جوهي وياسين، اتي اڪبر لاشاري صاحب ٻڌايو ته ٻن ڏينهن لاءِ گورک تي سيمينار ڪرائڻ ٿا چاهيون، هن دعوت ڏني، مون کيس گذارش ڪئي ته ان لاءِ ڪراچي اچو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪيو. انٽرنيشنل ميڊيا کي پاڻ سان گڏ کڻو ۽ ملٽي نيشنل ميڊيا کان اسٽال هڻايو، هن کي باقاعدگي سان سيليبريٽ ڪيو. جنهن تي هن چيو ته مان ڪراچي ايندس مون کيس اها به گذارش ڪئي ته پروگرام مڪمل تيارين سان ڪيو، باقي اوهان جي مقرر ڪيل تاريخ تي مان ڪنهن ٻئي هنڌ هوندس. پوءِ هن فون ڪري ٻڌايو ته تاريخ تبديل ٿي وئي آهي. مان ڪراچي ۾ ايندس اڪبر لاشاري ڪراچيءَ آيو يا نه؟ مون سان ان جي ملاقات نه ٿي، پوءِ هڪ ڏينهن دعوت ملي ته گورک تي ٻه روزه سيمينار تاريخ 24 ۽25 مئي تي آهي. ان جو ٻه روزه پروگرام خوبصورتيءَ سان ترتيب ڏنو ويو، مان ان سلسلي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻو هليو ويس دادو مان ماني کائڻ لاءِ جڏهن هوٽل پهتاسين ته اتي سڄي ٽيم موجود هئي. اڪبر لاشاري پڻ آيو. ڳالهين ڳالهين ۾ کائنس پڇيم ته گهڻا مهمان ٿا اچن ته هن چيو 4 سو مهمانن جو بندوبست ڪيل آهي، مون کيس چيو ته ايترن مهمانن جو بندوبست ٿي سگهندو؟ ته هن چيو ته بلڪل آهي مون چيو رهائش ماني پاڻي ۽ انهن کي اُتي پهچائڻ وڏو ڪم آهي اڪبر لاشاري چيو ته سڀ بندوبست آهي اوهان اچو ۽ ڏسو مون کيس چيو ته مان هن وقت تائين جوهي تنهنجي فرمائش تي ايندو رهيو آهيا هي پهريون دفعو آهي جو پنهنجي شوق سان ايندس.
    پوءِ مان ۽ عبدالغفار تبسم لاڙڪاڻي کان جو هي آياسين ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل دادو ۾ هيو پروگرام مطابق اسان جون گاڏيون جوهي يا واهي پانڌي ۾ بيهاري فور ويل تي وڃڻو هيو جوهي ۾ لنچ ڪرائي وئي ۽ اتي ئي سائين حاڪم علي شاهه بخاري، احمد خان سهاڳ، انور ساگر ڪانڌڙو احمد خان مدهوش سان گڏوگڏ ميڊيا جي دوستن علي حسن، عاجز جمالي، الله بخش راٺوڙ، نصير اعجاز، ناز سهتو، اسحاق مڱريو ۽ ٻين سان ملاقات ٿي مونکي حڪم ڪيو ويو ته سائين حاڪم علي شاهه احمد خان سهاڳ انور ساگر کي اوهان پاڻ سان کڻو واهي پانڌي ڀرسان اسان جي ڪئمپ لڳل آهي اتي ٽي گاڏيون ۽ ماڻهو موجود آهن. اوهان کي کڻي مٿي گورک هل ويندا. الله جو آسرو ڪري واهي پانڌي آياسين خبر پئي ته اها کاور لڪ وٽ آهي. جبلن تي ڪاريون چاڙهي ان ڪئمپ تي پهتاسين جتي نه ڪا گاڏي هئي نه ڪو ميزبان، 4 وڳي جا پهتل اتي رات جا سوا ست ٿيا. ان وچ ۾ طوفان آيو مينهن وسيو ۽ ڪئمپ وارا ٽينٽ ڪري پيا ميڊيا وارن لاءِ مٿي پڄائڻ جو پروگرام ٽاپ پرارٽي تي هيو باقي سائين حاڪم علي شاهه ۽ اسان انتظار ڪري رهيا هئاسون ان وچ ۾ مون سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ دوستن کي صلاح ڏني ته پوئتي موٽي هلون پر سنگت انتظار جو چيو تان جو ساڍي ستين وڳي اڪبر لاشاري آيو ان وقت ڪئمپ ڀرسان ٺيڪيدار جي ٺهيل ڪوٺي ۾ مينهن دوران سيد حاڪم شاهه، عبدالغفار تبسم احمد خان سهاڳ راڳي غلام شبير شاهاڻي ويٺا ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ مان پنهنجي ڪار جا شيشا بند ڪري مينهن جو مزو وٺي رهيا هئاسين پوءِ اسان ٻئي به ان ڪوٺي ۾ آياسين جتي ٺيڪيدار جو بورچي ميهن ۾ پلاءُ ڪري رهيو هو رات ٿيڻ واري هئي سو هن کي مذاق ۾ احمد خان سهاڳ چيو ته يار جوهي جا ميها ته چکاءِ. همراهه ٿالهه ڀت جي آڏو اچي رکيو ان دوران احمد خان ۽ غلام شبير پنهنجي آواز ۾ ڪلام ٻڌايا مينهوڳي جي موسم ٿڌڙيون هوائون، گورک جبل جي پاڙ ۾ هنن ٻنهي جي آواز ڏاڍو لطف ڏنو غلام شبير پهريائين لنوائي رهيو هو ته هارمونيم ۽ طبلو ڪونهي پوءِ احمد خان سهاڳ جي ڳائڻ سان هن جو موڊ ٺهي ويو ۽ ٻنهيءَ موڊ سان سنڌي ۽ سرائڪي ڪالم ٻڌايا ڪلام ٻڌڻ کانپوءِ فرمائشون شروع ڪيون ۽ ائين ئي ٺيڪدارن جا ٻيا ماڻهو به گڏ ٿيندا ويا هاڻي ان ڪئمپ ۾ رڳو اسان هئاسون باقي ٻيا ڪنهن نه ڪنهن اٽڪل ۽ ٽل سان مٿي وڃي چڪا هئا. ائين ئي ٿي رهيو هو جو ٻيا ڪئمپ مان اڳتي پئي ويا ۽ ڪانه ڪا گاڏي پڪڙيو مٿي جبل پئي پهتا ان وچ ۾ حسين هارون ٽن ٻين گاڏين سان آيو سندس گاڏيون به خالي هيون هو به مٿي هليو ويو ٻين اين جي اوز جو گاڏيون پڻ بنا بريڪ جي وينديون رهيون. پيارو انعام شيخ، زيب سنڌي، نصير مرزا ۽ ڪجهه ٻيا فنڪار پڻ ڪئمپ تي پهچي چڪا هئا، اڪبر لاشاري اسان کي مٿي وڃڻ لاءِ گاڏي ڏني مون انعام شيخ کي چيو ته هل جنهن چيو ته اوهان هلو اسان اچون ٿا. مان عبدالغفار تبسم، ڊاڪٽر مشتاق ڦل جڏهن کاور لڪ تي چڙهياسين تڏهن سچ پچ ان جو چاڙهيون تمام خطرناڪ هيون جيڪڏهن ڪنهن گاڏي جي بريڪ فيل ٿي ٿئي پوءِ وارو تصور ڏاڍو ڀيانڪ آهي ۽ گاڏي چڙهي نه ٿي ته پوءِ وري لهون پيا ۽ ڌڪا ڏئي گاڏي کي مٿي چاڙهيون پيا ان وچ ۾ هڪ پراڊو ڦاسي پئي اسان انتظار ۾ کاور لڪ جي چوٽي تي ويهي رهياسين جو سلائينڊنگ ڪري رستو بند ٿي ويو هو اتي تبسم رڙ ڪئي ته هلو پوئتي هيٺ ٿا هلون چيو مانس هيڏو پنڌ ڪري پڳا آهيون مڙس ٿي همت ڪر بهرحال هن به دل ٻڌي تان جو هڪ وڏي چاڙهي آئي ۽ اسان کي جيپ مان لهڻو پيو ان وقت تبسم جي طبعيت تمام گهڻي خراب ٿي وئي صفا پيلو ٿي ويو اسان هن سان گڏ ٻه ڊاڪٽر هئاسون مان ۽ ڊاڪٽر مشتاق سو مون تڪڙ ۾ ٽڪي ڪڍي ۽ هن جي زبان جي هيٺيان ڏني ۽ ڊرائيور ڪلها ڏئي هن کي مٿي آندو ۽ گاڏي ۾ ويهاري وري الله توهار ڪئي سين جڏهن مٿي آياسين ته هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته سڀ جيپون هڪ جاءِ تي بيٺل هيون جيڪي چيو ويو ته خراب ٿي ويون آهن، هڪ جاءِ تي اهي خراب ڪيئن ٿيون سمجهه ۾ نه آيو.
    بهرحال اسان جڏهن جبل تي چڙهي رهيا هئاسين ته ان وقت حسين هارون صاحب بي بي سي وارو ادريس بختيار، علي حسن ۽ ٻيا ميڊيا جا دوست واپس وڃي رهيا هئا شايد مينهن جي ڪري يا ڪنهن ٻي سبب ڪري هو پروگرام ۾ شامل نه ٿيا ۽ پنهنجو فلائنگ ٽوئر مڪمل ڪري هليا ويا.
    گورک تي جڏهن پهتا سون ته اتي به طوفان ۽ مينهن جي ڪري لڳايل ٽينٽ اکلي ويا هيا. پر ان وقت ناز سهتو همت ڪري اسٽيج تيار ڪرائي رهيو هيو بجلي بند هئڻ ڪري جنريٽر تي ڪجهه راڊون ٻري رهيو هيون ۽ ان وقت اسان کي ڊنر ڪرائي وئي جنهن لاءِ به ويهڻ جو بندوبست ڪونه هيو پٿرن تي ويهي پلٿي ماري ماني کاڌي سين هاڻ تبسم فٽرو ٿي ويو ۽ آب حيات کڻي جيڪو هو پاڻ سان گڏ کڻندو آهي زندگي جي لطف ۾ مصروف هيو. ناز سهتو مون کي چيو ته هي جيڪو ٽولو ڏسين ٿو اهو نيگيٽو مائينڊيڊ آهي ۽ پروگرام ڦٽائڻ آيو آهي. مون کيس چيو ته ائين نه ٿيندو ۽ مان وڃي انهن سان ويهي رهيس همراهه اين جي اوز تي ناراض هيا. واهي پانڌي جا رهيا ڏهه ڄڻا هيا پوءِ ته مون انهن کي ست سريون ٻڌايون ته ڇا اوهان ڪڏهن ڪنهن کي ڪجهه ڏنو آهي؟ هي پئسا اوهان جا آهن؟ اوهان ڪير ٿيندا آهيو حساب وٺڻ وارا وغيره. همراهه چپ ٿي ويا ۽ اسان جي انهن سان دوستي ٿي وئي ضامن علي موجود هيو پر سازنده موجود نه هيا ان سان گڏ فلوٽ وارو ۽ مقامي فنڪار هيا ناز چيو ته اچو مشاعرو ٿا ڪريون ۽ هن پهريائين مون کي سڏ ڪيو پوءِ جاني ملاح ۽ نقاد ٿهيم آيو ان کانپوءِ مقامي فنڪارن ڳايو ۽ فلوٽ واري به پنهنجو وارو وڄايو ان وچ ۾ سائونڊ سسٽم ريڊي ٿيو ۽ ناز سهتي ڪي ٽي اين لاءِ رڪارڊنگ شروع ڪئي.
    گورک هل ان وقت ڪوهه مري کان وڌيڪ ٿڌو هيو گورک لاءِ چيو وڃي ٿو هي گرک مان نڪتل آهي گرک بگهڙ کي چئجي ٿو ۽ هتي بگهڙ گهڻا آهن سائين حاڪم علي شاهه ٻڌايو ته هي گورک اوچائي کي چئجي ٿو جيئن انڊيا ۾ گورک پور آهي. وغيره هن ٻڌايو ته هڪ دفعي عبدالقادر منگي صاحب کان صحافين پڇيو ته گورک جي ڇا معنيٰ آهي ته منگي صاحب چيو ته ”ٿڌي جاءِ“ بخاري صاحب چيو ته پي ڊي کي خبر ناهي ته ٻين جو ڪهڙو حال هوندو؟ ۽ اسان ان ڪري مضمون لکيا مان سمجهان ٿو ته ويهن سالن کان هن منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هي پهرين دفعو هيو جو ايڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا. ۽ اتي هن نموني جي رهاڻ به پهريون دفعو هئي جتي مقامي ماڻهن سان گڏوگڏ سڄي ميڊيا موجود هئي جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جون اهم شخصيتون موجود هيون. ۽ دنيا تائين پهريون دفعو گورک جو اهو نقشو پيش ٿيو هتي ٿڌ جو وڏو سبب اهو به هيو ته ڪوهه مري وارو جبل پٿريلو آهن ۽ هي مٽي ۽ پٿر سان گڏيل ڀرڻو جبل آهي جيڪو وڌيڪ ٿڌو آهي.گورک هل تي ٿيل ڪم انتهائي ناقص ۽ غير معياري آهي جنهن ۾ ڪميشن مافيا جو وڏو دخل آهي رستا جڳاڙي نموني سان ٺاهيا ويا آهن جن جي ڪا به پلاننگ نه ڪئي وئي آهي حالانڪ هن ڪم لاءِ انٽرنيشنل ۽ تجربيڪار انجنيئر شير شاهه واري پل وارو ڪم ڪندا. اڃا ماڻهو پهتائي ناهن ته هاڻي کان ئي روڊ ٽٽي ويا آهن گورک هل ڊولپمينٽ اٿارٽي جا سڀ ڪم جڳاڙي آهن جن جي جانچ ٿيڻ گهرجي.
    جبلن کي ٽوڙي ٺاهڻ بجاءِ جيئن جو تيئن رستا ڪڍيا ويا آهن جيڪي انتهائي خطرناڪ آهن انهن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ هروڀرو طويل ۽ غلط رستن بجاءِ پرڏيهي ماهرن جي نگراني ۾ مناسب رستا ٺاهيا وڃن جن جي لاهي ۽ چاڙهي اهڙي نموني سان رکي وڃي جو اوستائين فور ويل گاڏي بجاءِ ڪوهه مري ايبٽ آباد وانگر عام ڪارون به هلي سگهن بجلي جو انتظام پڻ ناقص آهي حالانڪ گورک تي پاڻي جو چشمو هينگڻ پڻ موجود آهي. پر ان جي به پراپر پلاننگ ناهي ڪئي وئي مٿي پاڻي پهچائڻ وارو نظام پڻ ناقص آهي جتي ننڍڙا ننڍڙا حوض ٺاهي پاڻي کي صحيح نموني سان نه آندو ويو آهي جيڪا بجيٽ رکي وئي آهي. ان جي صرف ويهه سيڪڙي جو ڪم ٿيو آهي باقي اسي سيڪڙو ڪامورن وٽ هليو ويو. گورک هل جو ڪو به ڌڻي سائين ۽ والي وارث ناهي اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه وقت اڳ پٺاڻن اچي قبضو ڪيو هتان جا پنهنجا ماڻهو پنهنجي پويان ڪات ڪهاڙا کنيو هلن ٿا پر ڌارين کان ڊڄن ٿا ۽ انهن کي ڪو به چوڻ آکڻ وارو ڪونهي.
    سنڌ جي هن اهم ۽ ٿڌي جاءِ کي باقاعدگي سان ڊولپ ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن سان نه صرف سرڪار ۽ مقامي ماڻهن کي وسيلا ميسر ٿيندا پر سنڌ کي هڪ اهم سياحتي ۽ تفريحي ماڳ پڻ ملندو ۽ ماڻهو ٻئي پاسي وڃڻ بدران هتي ايندا جنهن لاءِ زبردست پلاننگ جي ضرورت آهي پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته وليج شاد آباد جوهي پاران پهريون دفعو گورک هل کي دنيا آڏو پيش ڪيو ۽ هو ان ۾ ڪامياب پڻ ٿي ويا وڌيڪ رني ڪوٽ سيمينار وانگر سنڌ سرڪار کي پڻ هتي سيمينار منعقد ڪرائڻ گهرجي ۽ گورک جي سڄي پلاننگ کي مانيٽر پڻ ڪرڻ گهرجي ۽ گورک ڊولپمينٽ اٿارٽي جي نگراني ڪرڻ گهرجي سنڌ جي هن اڪيلي هل اسٽيشن تي ريسٽورينٽ دڪان ۽ بازارون هڻڻ گهرجن ۽ تفريح لاءِ نئين گاج کان ڪيبل ڪار ۽ کار لڪ کان پڻ ڪيبل ڪار هڻڻ گهرجي جتان ماڻهو گاڏين بجاءِ ڪيبل ڪارن ۾ گورک ڏسڻ گهمڻ ۽ سير ڪن ۽ اهو سڀ ممڪن آهي. جيڪڏهن ان ڏس ۾ پرائيوٽ سيڙپ ڪارن کي پڻ موقعو ڏنو وڃي ته هي اسپاٽ هڪ بهتر ٽوئر اسپاٽ ٿي سگهي ٿو جنهن لاءِ مقامي انتظاميه کي امن امان جا سخت اپاءُ وٺڻا پوندا ۽ گورک هل تي مستقل بنيادن تي پوليس ٿاڻو پڻ قائم ڪرڻو پوندو جيئن سياح ۽ وزيٽر بنا ڪنهن ٽينشن جي گهمي ڦري سگهن. بلڪل اهڙي ئي نموني سان منڇر ڍنڍ کي پڻ هڪ ٽوئر اسپاٽ طور ڊولپ ڪيو وڃي ۽ ٻيڙين لانچن تي اهڙي ئي نموني سان گهمايو ڦرايو وڃي سنڌ سرڪار جي سياحت کاتي کي ان ڏس ۾ ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي.
    مون ڳالهه پئي ڪئي موسيقي جي پروگرام جي جتي گهڻي دير ضامن علي پنهنجي ضامن ناز سهتي جي ڪوشش سان راڳ ڪيو. حالانڪ رات جو ايڏو سيءُ هيو جو عبدالغفار تبسم رلي ويڙهي ويهي رهيو ۽ ڪيترائي دوست ڪمبل پائي ويهي رهيا هئا ان وقت نه صرف رات ٺريل هئي پر هوائون به تيز گهلي رهيون هيون کليل پڌر ۾ ساز ۽ سنگيت من موهي رهيو هيو.
    اڌ رات کان پوءِ جڏهن اسان سمهڻ چاهيو سين پئي تڏهن ڀاءُ ذوالفقار برهماڻي اسان کي به هڪ واڙي ۾ واڙيو جتي ماڻهو مٿان ماڻهو سٿيا پيا هيا تبسم ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ مان پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ائين نه ستا هونداسين ننڊ ڇا آئي؟ پر منهنجي ڀرسان هڪ پاسي تبسم ۽ ٻئي پاسي ڪو ٻيو شاعر هو جن جا کونگهرا هٽ پري، اصلي وڏيون انجڻيون چالو هيون پوءِ ڊاڪٽر مشتاق ٻڌايو ته جيڪو اڌ ڪلاڪ مون ننڊ ڪئي ان ۾ به اهڙين مشينن جهڙو کڙڪو هيو. الله الله ڪري آخري ڏينهن ٿيو. جڏهن ٻاهر آياسين ته نه ڪو پاڻي نه ڪو ڌڻي سائين، اڪبر لاشاري ۽ ان جي ٽيم کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. سين همراهه لاءِ چيو ويو ته صبح ئي جوهي هليو ويو آهي ان وقت ڊاڪٽر حميد، نقاد ٿهيم ۽ جاني ملاح کي چيو سين ته هي اوهان جي گاڏي اسان کي هيٺ ڇڏي اچي جتي اسان جي گاڏي موجود آهي. جاني ملاح چيو ته ڪوشش ڪريون ٿا پر هي گاڏي موٽي نه ايندي اڪبر لاشاري صاحب اسان کي جبل جي چوٽي تي چاڙهي هليو ويو.
    پوءِ باباءِ قوم جي ڏسيل راهه تي ان جي تصوير ڪم آئي ۽ اسان هڪ پرائيوٽ گاڏي هٿ ڪري هيٺ لٿاسين، پوءِ ڊاڪٽر مشتاق ڦل، عبدالغفار تبسم جوهيءَ کان هڪ گاڏي ۾ دادو هليا ويا مان، نصير اعجاز، الله بخش راٺوڙ ڪراچي طرف روانا ٿياسين سيوهڻ ۾ پياري مير حاجن پنهور وٽ فريش ٿي ناشتو کائي، حيدرآباد لڏو اچي لاٿوسين.
    هن پروگرام ۾ آرگنائيزر پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي ويا پر مهمانن کي جيڪي تڪليفون آيون، اهو هڪ الڳ داستان آهي سياسي جلسي ۽ سيمينار ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو، محترم سسئي پليجو پڻ ٻڌايو ته آرگنائيزر اسان سان صحيح رابطو نه ڪيو. دعوت ڏئي وري ڪو آرڊيشن ۾ نه آيا ورنه اسان به هنن جي مدد ڪيون ها ۽ هن مقصد ۾ اسان جو حصو شامل هجي ها اها ڳالهه جڏهن مون ڀاءُ اڪبر لاشاري سان ڪئي ته هن ان جو اقرار ڪيو ۽ مڃيو ته بهرحال اها هڪ سٺي شروعات هئي جنهن کي هاڻي وڌيڪ آرگنائيز ڪرڻ گهرجي.
    (روزانه خبرون ڪراچي اربع 4 جون 2008ع)


    فلورنس، مڪلي ۽ ماڻهو

    سنڌ اها نه رهي آهي جيڪا ٻڌندا ۽ پڙهندا پيا اچون، نعريبازي، مطلب پرستي ۽ منافقانه سڪي تي هلندڙ هي دور، انسان مان سڀ نيڪيون ۽ چڱايون ڪڍندو پيو وڃي هينئر ميڊيا جي هوڪي تي قد وڌن به پيا ۽ قد ننڍا به ٿين پيا ۽ مختلف سماجي ۽ سياسي گليمر پيدا ٿي رهيو آهي، جنهن اسان کان ايمان کسيو آهي.
    صوفين جي هن سنڌ ۾ ڀلي ٻيو ڪجهه به هجي پر اندر جي اجرائي ۽ ايمان سلامت رهيو. جتي سام به ڏني ويندي هئي ته مهمان نوازي ڪري ماڻهن کي هڪ اجهو، آٿت ۽ سهارو به ملندو هيو. اوهان ڀلي ڳوٺن ۾ وڃو، پير اگهاڙا هوندا، ڪپڙا ڦاٽل هوندا، دانگيون اُبتيون ٽنگيل هونديون پر اوطاقون ضرور ملنديون ۽ دل جي وسيع اڱڻ وانگيان ڪشاديون پڻ هونديون جتي جيڪڏهن ڪو پٺاڻ ڪپڙو کپائڻ آيو ته ان کي ماني به ملندي. رهائش به ملندي ۽ ان جي حفاظت به ٿيندي، ان کان ڪو به ڪرايو يا رعايت نه ورتي ويندي، جهنگ جهر ۾ ڪو ڌڻ ايندو يا ڪو وڳ گذرندو ته ان جي حفاظت ڪئي ويندي. گاهه پٺو ۽ ٻئي خدمت پڻ ٿيندي ته مسافر آهن. سنڌ ۾ مسافرن جو قدر ۽ عزت ڪافي وقت کان انتهائي اهميت ۽ پنهنجائپ سان ڪئي ويندي آهي. گهر آئي جو قدر ۽ عزت اهڙي نموني سان ڪئي ويندي آهي. جو ڀلي پاڻ بُک مرون پر مهمان جي ٽهل ٽڪور بهترين انداز ۾ ڪئي ويندي ۽ ان جي کاڌ خوراڪ ۽ آرام جو گهڻو خيال رکيو ويندو، ان حد تائين به ته پاڻ جاڳي چونڪي ڏبي پر مسافر ۽ مهمان کي آرام ڏيو. نه صرف ايترو پر آئي وئي جي کوٽ سوٽ ۾ به مدد ڪبي، جيڪڏهن ڪو ڀاڙو/ڪرايو ڪونهي ته هتان هُتان هٿ ڪري اهو به ڏبو مهمان ڀلي ڪهڙي وقت به پهچي هر وقت کيس ماني کارائي ويندي ۽ ان جي خدمت ڪندي، هڪ وڏي خوشي محسوس ڪبي، اهو ان ڪري ته سنڌ تي صوفين جو هڪ وڏو اثر آهي. ۽ سنڌي ۾ ڀلي ڪير به هجي، ڪهڙو به هجي، اندر ۾ صوفي آهي، اهو صوفي جنهن ۾ ڪو ويڇو ڪونهي جنهن ۾ ڪا به متڀيد ڪونهي جنهن جو ڪم انسان ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي. بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي ۽ ان جي پويان سنڌ ۾ صوفين جي تعليم ۽ انهن جي فڪري اثر ضرور آهي.پوءِ ان درگذر واري اثر جي ڪري سنڌين گهڻيون تڪليفون به ڏٺيون سٺيون آهن. ڪٿي مهمان مالڪ بڻجي ويا ۽ ڪٿي انهن اصلي ڌڻين جا مختلف بهانن ۽ سازشن تحت آستان کسيا، پر هي صوفين جا پڙهايل پوءِ به الله پڄندن چئي چپ رهيا.
    هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ڀلي سنڌين کي سڀ شيون هٿ آيون هجن يا هي سڀ سکي ويا هجن پر هنن اڄ به اڃان نفرت ناهي سکي، سڪن ته سر ناهن ڏنا ۽ عزتون ناهن وڪيون شايد اهوئي سبب هجي، جو ارغونن، تاتارين کان وٺي مختلف مهم جوئن ۽ مفاد پرستن جي يلغارن ۾ اڃا به سنڌ سلامت آهي. پوِ ڀل ان ڪلچر ۽ ثقافت ۾ ملاوٽ ڇو نه هجي، ڀل ته انهن ويليوز ۾، ڏکاءَ ڇو نه هجي، پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ۽ هي ڳالهه هر شڪ کان مٿي آهي. پر گهڻائي سنڌين جي اهڙي چالاڪ ۽ چاپلوسي واري دور ۾ به ، معصوم آهي، سٻاجهي آهي ۽ نماڻائي واري حالت ۾ آهي.جيڪي سمجهن سڀ ٿا پر واتان ورائن ڪجهه به نٿا،درگذر، معاف ڪرڻ ۽ برداشت ڪرڻ وارو اهو ڪم گناهه ۽ ثواب جي ٻه واٽي تي اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي. اوهان درلنگهي وڃو. سڀ گناهه ۽ پلو معاف، دل سان معاف ۽ اوهان صاف ۽ اجرا ٿي ويندا، صوفين جي اُن سنڌ ۾ صوفي ازم تي تحقيق لاءِ جڏهن فرانس ڄائي فلورينس اچي ٿي تڏهن اسان جي تاريخ، ڪلچر ۽ مهمان نوازي دفن ٿي وڃي ٿي. هڪ محقق، اسڪالر ۽ پرڏيهي زائفان جو اسان جيڪو ”حشر“ ڪريون ٿا يا ان جو اپمان ڪريون ٿا اهو اسان کي ان سنڌ جو؛ جنهن جو مٿس ذڪر ڪري آيو آهيان، ماڻهو ئي محسوس نٿو ڪرائي سنڌ جو ڇا؟ اصل ماڻهو ئي ناهي فلورينس سان ته سنڌ ۾ آيل پٺاڻن، چورن ۽ خفتين جهڙو سلوڪ به نٿو ڪيو وڃي.پر صوفين جي عشق، علم کان متاثر ٿي، ڏيهه ڇڏي، بک ۽ ڏک ۾ مهينن جا مهينا ويهي قلمي ۽ عملي پورهيو ڪندڙ، هڪ عورت سان گهٽ ۾ گهٽ انساني سلوڪ به نٿا ڪري سگهون؟؟ فلورينس جا برابر گهڻا ڏوهه آهن، جن جي کيس سزا ڏني وئي، هڪ ته هن جي عمر ئي نه هئي، جنهن عمر ۾ عورتون پنهنجي خدمت پاڻ ڪرائينديون آهن ٻيو ته هن ڪنهن خاص ڪاموري ، پير فقير جي حجري ۽ راڄ ۾ پناهه جي درخواست نه ڪئي يا حاضري نه ڀري، فلورينس ڪنهن عامل، عالم جي سڳي ۾ نه ٻڌي وئي هن پنهنجا واسطا ۽ رابطا اصل شهرجي سوداگرن سان نه رکيا، فلورينس جو شايد اهو به ڏوهه آهي. ته هن ادبي آستانا نه وسايا هوءِ جينز ۽ پينٽ ۾ به نه گهمي، هن ڊالر، پائونڊ ۽ فرينڪ به نه ورهايا، ان جي بدلي ۾ هن سان جيڪو ٿيو آهي. اهو سٺو نه ٿيو آهي. ۽ ذميوار ماڻهن جي اهو طريقو ئي ناهي ربريت پسند ۽ بدمستن کي ائين نه ڪرڻ گهربو هو، فلورينس جي ڪيل تحقيق ڪتاب، نوٽس، ڪنهن چورايا ڌاڙيل جي ڪم جا ناهن ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اهي شيون موالين جي پڪوڙن وارن جي به ڪم جون ناهن، جو انهن ۾ مس لڳي ٿي، پر فلورينس جو ڪم، عالمن اديبن جي ڪم جو ضرور آهي، صوفي ازم تي ٿيل تحقيق جو ڪم سنڌ جي ماڻهن لاءِ پڻ اهميت رکي ٿو.
    هونئن به ته سنڌ ۾ جيڪا تحقيق ڪئي وئي آهي. يا جيڪي ٿيسز لکيون ويون آهن انهن جي پويان ڪجهه ٿيسز ۾ ڪئين ڌاڙا ۽ چوريون موجود آهن، يا وري اهي ٿيسز پي آر- ياري باشي خدمت چاڪري تحفا ۽ مال ڏئي لکرائيون ويون آهن.جن ۾ ڪن جي پويان ذاتي ۽ اسلامي ڀائر، ڪن جي پويان مڙس ۽ ڀائڙا ته وري ڪن جي پويان استاد ۽ ٻيا سهارا موجود آهن. ۽ هينئر تحقيق به ڄڻ ته مذاق ٿيندي پئي وڃي، پر ان ۾ تڪليف انهن ماڻهن کي ضرور ٿئي ٿي جيڪو پنهنجو نور نچوئي وڏي محنت ڪري تحقيق ڪن ٿا، ڀل ته انهن جو تعداد ٿورو هجي، پر آهي ضرور. اسان ڳالهه پئي ڪئي فلورينس جي ، جنهن کي هتي نه صرف ڏک مليا پر ان جي تذليل به ڪئي وئي، ۽ ان جو سمورو قلمي پورهيو چورايو ويو، فلورينس جي تڪليفن جا اهي لمحا. کيس لاءِ عذاب ڀريا ته هوندا ئي پر اسان لاءِ به هڪ وڏو ڏک ۽ تڪليف جو باعث آهن، فلورينس ويندي ويندي هئين به چيو ته ”مان پنهنجي تحقيق کي مڪلي ۾ دفن ڪيون پئي وڃان“ ڇا ان کان وڌيڪ ڪو ڏک آهي هن دنيا ۾؟؟ ڪو وڏو مهڻو آهي؟؟
    فلورينس کي شايد اها خبر ناهي ته مڪلي ۾ مدفون اسان جا جوڌا ۽ عالم به دفن آهن پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي، تي مڪلي تي هلان ڪندڙن ڪاهون ڪندڙن، ماڻهو ماريندڙن جو نسل اڃا زنده آهي. مظلوم سڀ پورجي ويا آهن. پر ظالم اڃا به زنده آهي ۽ اهي پنهنجي سمورين روايتن سان موجود آهن. فلورينس جي ٿيسز چورائجي وئي پر ان جي پيپرن مان ڄاڻ وري ڪو مانجهي مڙس پيدا ٿيو، جيڪو صوفي ازم تي تحقيق ڪري وڏو عالم ٿيندو، ڇو جو اهو سلسلو ڪافي وقت کان هلندو پيو اچي، فلورينس! اسين پنهنجن ماڻهن جي ڪري سڀني اڳيان شرمنده آهيون.
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 4 آڪٽوبر 2007ع)


    سنڌ جي عاشق نورالدين سرڪيءَ جو وڇوڙو

    نورالدين سرڪيءَ جو وڇوڙو علم، ادب ۽ دانش جو وڏو نقصان آهي. جيڪا ڳالهه بنا ڪنهن شڪ جي چئي سگهجي ٿي. ته هو سنڌ جو عاشق هيو ۽ سنڌ جو عاشق رهيو. سنڌي، فارسي، انگريزي جو وڏو ڄاڻو ۽ ماهر هيو. منهنجي ساڻس ڪيتري عرصي کان نيازمندي هئي. ۽ مون سرڪيءَ صاحب کي هر رنگ ۾ ڏٺو، ته وري کيس مصلحتن درگذر ڪندي به ڏٺو.
    نورالدين سرڪي صاحب، پنهنجي دؤر جون جيڪي ڳالهيون ڪندو هيو.انهن ۾ هن ڪڏهن به وڌاءَ کان ڪم نه ورتو. هميشه ڍڪيو پلئه پوندو هيو. سرڪي صاحب، جنهن نموني سان علم ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهيو. اهڙي نموني سان هو قومپرست سياست ۾ نشانڀر رهيو ۽ زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين اهو ڪم ڪندو رهيو. وقت جو تمام گهڻو پابند، چوندو هيو ته، سنڌين خبر ناهي ته ان نڪتي کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي. ان ڪري اسان کي اسان جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن کي جڏهن نورالدين سرڪي صاحب کي دعوت ڏيڻي پوندي هئي. تڏهن کيس گذارش ڪبي هئي ته سائين! وقت ته پنجين وڳي جو مقرر ڪيل آهي پر اوهان ڀلي ڇهين وڳي اچو. ۽ پوءِ سرڪي صاحب جڏهن ڇهين وڳي به ايندو هيو. ۽ ماڻهو اڃان ايندا رهندا هيا تڏهن بار بار اها ڳالهه ورجائيندو هيو، ته اسان کي وقت جو قدر ڪرڻ گهرجي.
    نورالدين سرڪي صاحب سان ڪيتريون يادون وابسته آهن. سنڌي ادبي سنگت جڏهن سال 2005ع ۾ ڇپيل ڪتابن تي ايوارڊ ڏنا ان کان اڳ مان سندس آفيس ۾ ويس. ۽ کيس ترجمي واري صنف جو جج ٿيڻ جي گذارش ڪيم، پاڻ فوري طور ها ڪندي چيائين! ”ڏس، مرحوم احسان بدوي جي نالي تي به، ڪنهن صنف ۾ انعام جو اعلان ڪر“، پوءِ مسلسل چوندو رهيو“ اسان احسان بدويءَ کي وساري ڇڏيو آهي. هن جو وڏيون خدمتون آهن جنهن کي ياد ڪرڻ گهرجي.“
    21 فيبروري تي ٻولين جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جڏهن پروفيسر اياز حسين قادريءَ جي ياد ۾ ٻولي ڪانفرنس ڪراچي ۾ ڪوٺائڻ جو کيس ٻڌايم، ته ڏاڍو خوش ٿيو، چيائين اياز حسين قادريءَ جو وڏو ڪم آهي. ڏاڍو نفيس ماڻهو هيو. ان کي ياد ڪري، اوهان سٺو ڪيو آهي.
    نورالدين سرڪي صاحب، اسان سان هر پروگرام ۾ گڏ هوندو هيو. ۽ اسان جي هر پروگرام ۾ سندس صلاحون شامل هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن سٺي موڊ ۾ هوندو هيو ته ساڻس مذاق به ڪبي هئي. ۽ اڪثر هو سٺي موڊ ۾ هوندو هيو.
    هڪ ڏينهن کيس چيم: ته سائين! اوهان شاعري ڇو ڇڏي ڏني؟ شڪارپور جي مٽي ته ڏاڍي زرخيز آهي.“
    چيائين: مان نثر طرف آيس ۽ وڪالت جي مصروفيتن جي ڪري ، ان پاسي ڌيان هٽي ويو.
    چيم: پڪ سان عشق نه ڪيو هوندو؟
    چيائين: سچ پچ مان ان چڪر ۾ نه آيس. پوءِ جڏهن مون ڪجهه چوڻ پئي چاهيو. ته يڪدم چيائين بدمعاشي نه ڪر.“
    هن لاقانونيت ۽ ان ڊسيپلين کان ڏاڍو خائف هيو. سندس پنهنجي زندگيءَ متعلق چوندو هيو ته مان نوڪري ڪريان ها ته بک مران ها. مان حيران ٿيندو آهيان ته هر نوڪري ڪندڙ پنهنجو ذاتي گهر به ٺاهي نه سگهندو آهي ۽ مان خوش آهيان.
    تازو مهينو کن اڳ ۾ مون کيس عرض ڪيو ته، سنڌي ادبي سنگت اوهان جي ٻڌايل واٽ ۽ سن تحت گولڊن جوبلي ملهائڻ ٿي چاهي. ته فورن چيائين ان ۾ تنهنجي سستي آهي. اهو ڪم سال اڳ ۾ ٿيڻ گهربو هيو.
    چيم:”سائين پاڻ وٽ وسيلا ڪونهن“
    چيائين: تون آفيس اچ ته صلاح ڪري ٿا وٺون. دلجاءِ ڪر.وسيلا پيدا ٿي پوندا. ۽ پوءِ مان سندس آفيس ۾ ويس. پاڻ صلاح ڏنائين ته عملي ۽ ادبي ادارن کي وچ ۾ آڻ. انهن جي مدد سان تمام سٺو پروگرام ٿي سگهي ٿو. پوءِ جڏهن دوستن کي گڏ ڪيوسين ۽ اهو فيصلو ٿيو ته آرگنائيزنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمين نورالدين سرڪي صاحب کي ڪيو وڃي. ته پاڻ چيائين پر سوڀو گيانچنداڻي ۽ محمد ابراهيم جويو مون کان سينئير آهن.“ ان موقعي تي مون ۽ شمشيرالحيدري کيس گذارش ڪئي ته اهي ٻئي وڏا ماڻهو آهن ۽ اوهان ڪراچيءَ ۾ موجود آهيو. ان ڪري اوهان جي هر وقت ضرورت محسوس ٿيندي. ته پوءِ چيائين ”جيڪا اوهان جي مرضي“ ۽ اسان ٻه اجلاس سرڪي صاحب جي آفيس ۾ ڪيا. جنهن لاءِ هو نه صرف انتظار ڪندو هيو. پر مڪمل ميزباني وارو ڪردار پڻ ادا ڪندو هيو.
    اسان جي پهرين اجلاس ۾، مختلف ڪاميٽيون ٺاهيون ويون. انهن لاءِ ميمبر ۽ چيئرمين جي چونڊ ڪئي وئي ۽ اجلاس جو وقت هنڌ ۽ تاريخ پڻ مقرر ڪئي وئي جنهن لاءِ سرڪي صاحب مون کي حڪم ڪيو ته ”اڄ پريس رليز جاري ڪر“ ۽ مون ان لاءِ سندس حڪم جي پوئواري ڪئي.
    ڪالهه تاريخ 25 سيپٽمبر تي شام جو 4 وڳي، پروگرام ڪاميٽيءَ جو اجلاس، سندس آفيس ۾ هيو. جنهن ۾ سرڪي صاحب سان گڏوگڏ شمشيرالحيدري، مظهر، جميل، ڊاڪٽر بدراڄڻ، راحت سعيد، تاج بلوچ ۽ مان هيس. ان موقعي تي سرڪي صاحب پڇيو ته صبا اڪرام ڇو نه آيو آهي؟
    کيس گذارش ڪيم! ته اهو ٻئي ڪاميٽي تي آهي، ان ڪري هن کي نه ٻڌايو ويو آهي. حڪم ٿيو ته هن کي به پروگرام ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ پوءِ هن پاڻ اسان سڀني سان سڄو پروگرام ترتيب ڏنو. ان وقت سرڪي صاحب جي هٿ ۾ سينئير ماڻهن جي هڪ لسٽ هئي. جيڪا هن ۽ شمشيرالحيدري ٺاهي هئي، جن کي گولڊن جويلي واري پروگرام ۾ ”نشان سنڌ سنگت“ ڏنو ويندو. مون کيس چيو ته ، اها لسٽ به فائنلائيز ڪيو. ته چيائين ان تي غور ويچار ڪبو، توکي تڪڙ ڪهڙي آهي؟
    برابر مونکي تڪڙ نه هئي. پر نورالدين سرڪيءَ صاحب کي به پاڻ تمام گهڻي جلدي هئي. هو ان جلدي ۾، اسان کي اها لسٽ به فائينلائيز ڪري نه ڏئي ويو. جڏهن ان اجلاس ۾ لکپڙهه وارو وقت آيو ته مون کيس چيو ته، هڪ خط انگريزيءَ ۾ ڊرافٽ ڪري ڏيو. جيڪو مان ٻين ٻولين جي اسڪالرن، اديبن ۽ دانشورن کي لکان، ته پاڻ ان وقت به ساڳيو جملو ورجايائين ته توکي تڪڙ ڪهڙي آهي؟ ايندڙ اجلاس ۾ اهو ڪم ڪنداسين. اڃان به ان وقت سرڪي صاحب تڪڙ جو اظهار ڪيو. جڏهن سندس پٽ شهاب کيس وٺڻ آيو ۽ پاڻ چوڪيدار کي چيائين ته جڏهن هي وڃن. تڏهن آفيس بند ڪجانءِ.
    ۽ اها سرڪي صاحب جي آخري ميٽنگ ۽ سندس آفيس ۾ آخري حاضري هئي. دراصل نورالدين سرڪي صاحب کي وڃڻ جي تڪڙ هئي. اڱارو ڏينهن25 سيپٽمبر تي نورالدين سرڪي صاحب جو موڊ ۽ مزاج ڏاڍو سٺو هيو. هو روزانو کان وڌيڪ کلي رهيو هيو ۽ وڌيڪ هشاش بشاش هيو. اسان کان اڳ، هو ڪنهن ميٽنگ ۾ مصروف هيو. جنهن ۾ سيد غلام شاهه، عبدالخالق جوڻيجو، عبدالحڪيم ارشد پڻ موجود هيا. بعد ۾ سيد مهر حسين شاهه به آيو سيد مهر حسين شاهه سرڪي صاحب سان گهڻو گڏ هوندو هيو. ۽ ٻيا مٿيان دوست به سندس حصو هيا.
    صبح جو جڏهن مان آفيس آيس ته ميڊم رخسانه لغاري فون تي نورالدين سرڪي جي وفات جي خبر ٻڌائي، مون کي يقين نه آيو پوءِ فورن مون عبدالخالق جوڻيجو سان فون تي ڳالهايو. جنهن ٻڌايو ته اسر وقت هو وفات ڪري ويو آهي.
    جنازي نماز کانپوءِ جڏهن سائين غلام شاهه کان تفصيل ورتم. ته خبر پئي ته سرڪي صاحب کي رات دير سان سيني ۾ تڪليف ٿي. هن گهر ڀاتين کي ننڊ مان اٿارڻ نه چاهيو. ۽ اسر وقت جڏهن پٽ اسپتال کڻائي ويس ته ڊاڪٽرن چيس ڏاڍي دير ٿي وئي آهي. هن کي رات جو ئي دل جو دورو پيو هيو. پوءِ ان وقت ئي سرڪي صاحب جو ساهه پرواز ڪري ويو. هڪ ڳالهه جيڪا رهجي وئي. اها هئي سندس. اصول پرستي، ايماداري، قومپرستي ۽ ڌرتي سان عشق.
    اڄ سنڌ جو هڪ ٻيو عاشق هليو ويو. سنڌ جي ڏاهپ، دانش، علم ۽ ادب سوڳوار آهي.
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 27 سيپٽمبر 2007ع)


    سچل جو ميلو، ڪجهه نواڻ ۽ ڪجهه دل ڏکائيندڙ ڳالهيون

    سنڌ ۾ بزرگن تي ميلا لڳندا رهن ٿا. انهن ميلن جو هڪ پنهنجو ڪلچر آهي. لڳ ڀڳ سڀئي ميلا بازارون هڪجهڙيون هونديون آهن، بلڪل اهڙي نموني سان سنڌ ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي، قلندر لعل شهباز ۽ سچل سرمست جا ميلا انتهائي اهميت رکن ٿا، ٽنهي ميلن ۾ موسيقيءَ جي محفل ۽ ادبي ڪانفرنس ٿيندي آهي، جيڪا ثقافت کاتي جي سرپرستيءَ هيٺ منعقد ٿيندي آهي.
    سچل سائين جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ گذريل پندرنهن ويهن سالن کان لڳاتار ويندو رهيو آهيان، پر هن دفعي جيڪا ڳالهه اهم هئي ۽ دل وٽان هئي. اها هيءَ ته هن سال ادبي ڪانفرنس سچل سائين جي ڀاڪر ۽ ڀر ۾، درازا ۾ ٿي. جيڪا مان سمجهان ٿو ته اسان جهڙن ڪيترن ئي پانڌيئيڙن جي دل جي ڳالهه هئي ۽ ان لاءِ وزير ثقافت ۽ سياحت محترم سسئي پليجو ۽ سيڪريٽري ثقافت محترم شمس جعفرائي جي محنت کي ساراهڻ گهرجي. درازا ۾ ادبي محفل جو ڪيف ئي نرالو آهي. ۽ اها اهين ئي ٿيڻ گهرجي.
    باقي ادبي ڪانفرنس ۾ اديبن ۽ شاعرن سان جيڪي جٺيون ڪيون ويون، اُهي سڀ دانسته طور ۽ ڄاڻي واڻي ڪنهن جي ”ايجنڊا“ تي ڪيون ويون. جيئن ثقافت کاتي پاران پهريون دفعو هي ادبي۽ موسيقيءَ جي محفل ٿي، جيڪا اڳ ۾ سچل يادگار ڪاميٽيءَ جي انتظام هيٺ ٿيندي هئي، جڏهن ته انهن جي هڪ هٽي ختم ٿي. انهن سرڪاري ڪارندن کي پنهنجي دام ۾ آندو، نااهل ۽ جاهل ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر ۽ ڊائريڪٽر ڪلچر جي هٿان پهريون ڀيرو سينيئر اديبن جي تذليل ڪئي وئي.
    ادبي ڪانفرنس ۾ مختيارڪارن، تبيدارن ۽ صوبيدارن جي مٽن ۽ مائٽن کي فرنٽ لائين ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اتي بيٺل ڪيترن ئي سينئير اديبن ۽ شاعر کي اٿاريو ويو. جنهن جو سهرو هڪ ٻئي جاهل، ڪلارڪي مان مختيارڪار ٿيندڙ جي سر تي هيو، جنهن جو اديبن ۽ شاعرن سان ڳالهائڻ جو اندازو اهڙو هيو، ڄڻ هو جوڊيشل لاڪ اپ جي دوري تي آيو هجي ۽ اُتي موجود قيدين سان ڳالهائيندو هجي انتهائي بدتميز ماڻهو هيو، شايد ان لياقت تي هو خيرپور ضلعي جو مختيارڪار ٿيو هجي.
    ٻيو جيڪو صوبيدار وارو ڪردار ادا ڪيو. اهو هيو ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر جنهن جي شخصت ۾ ڪيترائي سواليه نشان آهن، جنهن سنڌ جي اهم ۽ سينئير اديبن کي خط لکيا ته هو ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهن، جن جي رهائش، کاڌي ۽ معاوضي جو انتظام ڪيو ويندو. پر ان وقت تائين انهن اديبن کي سخت پريشاني ٿي، جڏهن مونس شيخ (شيخ اياز سنڌ جو وڏو نالو ۽ حوالو آهي، هن سان گڏ سونهي نٿو) نه صرف انهن کان مقالا نه پڙهايا پر انهن جي ڪابه پرگهور نه لڌي ۽ پنهنجي من پسند ماڻهن کان مقالا پڙهايا.
    هڪ ته، پروفيسر هدايت پريم، پروفيسر موهن لعل پريمي ضيا شاهه ۽ ٻين کان نه صرف مقالا نه پڙهايا، جيڪا محض ان ڪري ڪئي وئي ته هن ڪانفرنس کي درازا ۾ فيل ڪيو وڃي ۽ محترم پليجو ۽ شمس جعفراڻي جن جي هن آئيڊيا کي ناڪام بڻايو وڃي، مون جڏهن ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر کي چيو ته هو سينئير اديبن کي خط لکي گهرائي وري انهن سان تعدي نه ڪري ته هن اسپيڪر سنڌ اسيملبي محترم نثار کهڙو. جيڪو اسٽيج تي ويٺو هيو ۽ ان وقت محترم سسئي پليجو تقرير ڪري رهي هئي، کي وڏي واڪ رڙ ڪندي چيو ته ذوالفقار احتجاج ٿو ڪري ۽ پوءِ مون محترم نثار کهڙوکي اهو خط ڏيکاريو جنهن ۾ هن اديبن کي دعوت ڏني ۽ هتي بنا سبب پڙهڻ نه ڏنو، ساڳيو ئي ڪردار ڊائريڪٽر ڪلچر جو هيو، جيڪو ڄڻ ته ادبي ڪانفرنس جو گهٽ ”ڍڪ منشي“ جو وڌيڪ حصو هيو، ۽ هن ڪانفرنس ۾ شامل اديب ۽ شاعر شايد هن کي انسان به نه لڳندا هجن،
    مون ان کي ثقافتي کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري جي خلاف سازش سمجهيو، جو سيڪريٽري ثقافت ٻڌايو ته اسان کي مونس شيخ ٻڌايو ئي ڪونهي ته هن انهن دوستن کي به دعوت ڏني آهي. هن ڪڏهن به اهي نالا ڪنهن به ميٽنگ ۾ نه کنيا، رات جو تقريبن ساڍي ٽي وڳي تائين ادبي ڪانفرنس هلي، جيڪا ٻارهين وڳي شروع ٿي هئي. اهڙي نموني سان مشاعري جي ويهڪ تقريبن چئين وڳي شروع ٿي. جنهن جي صدارت شمشير الحيدري ڪئي. مهمان خاص ۾ احمد خان مدهوش، مير عبدالرسول مير، تاج جويو ۽ راقم الحروف هئا، هاڻي ڪلاڪ ۾ سئو شاعرن کي شعر پڙهڻوهيو، جو روزي رکڻ جو وقت هيو ۽ مسجد مان مولانا بار بار روزو رکڻ لاءِ اعلان ڪري رهيو هو.
    شمشير الحيدري ۽ مون شاعرن کي گذارش ڪئي ته هڪ شعر پڙهيو وڃي ۽ مختصر پڙهيو وڃي، جنهن کان پوءِ اها ڳالهه حيرت انگيز هئي ته سنڌ جي تمام اهم ۽ سينيئر شاعرن تقريبن هڪ سئو جي لڳ ڀڳ سوا ڪلاڪ ۾ شاعري پڙهي، سڪون سان پڙهي ۽ داد وصول ڪيو. اڄ ڏينهن تائين ٿيندڙ مشاعرن ۾ اهڙو ڊسيپلين اڳ ڪڏهن به نه هيو.
    اڳ خيرپور ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ ٻن اڳوڻن ادبي سنگت جي سيڪريٽرين ۽ سندس همنوا پنهنجا يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ حواري وٺي ايندا هيا، جيڪي شاعرن تي ٺٺوليون ۽ جملابازي ڪندا هيا، پر هن دفعي انهن جي بائيڪاٽ ۽ غير موجودگيءَ جي ڪري شاندار مشاعرو ٿيو، هونئن به اهي هر سال گوڙ ڪندا آهن. بائيڪاٽ ڪندا آهن ۽ انتظاميه کي بليڪ ميل به ڪندا آهن.
    گذريل مشاعري ۾ هنن هنگامو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شاعر خادم آءِ بي ملاح زندگي وڃائي ويٺو. هن سال به هنن ثقافت ۽ سياحت کاتي هيٺ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري خلاف نه صرف پروپيگنڊه هلائي پر پنهنجن ساٿين ۽ هڪ اڌ ٻين سميت بائيڪاٽ ڪيو ۽ شاعرن کي منع ڪندا رهيا ته هو مشاعري ۾ شريڪ نه ٿين پر هي مشاعرو انهن کان بغير وڌيڪ بهتر انداز ۾ ٿيو، ڊسيپلين هيٺ ٿيو. هن دفعي تاج جويو ۽ سرڪش سنڌيءَ جو ڪردار به بهتر هيو، جو هنن ان نام نهاد بائيڪاٽ ۾ حصو نه ورتو ۽ پروگرام جي پڄاڻي تائين موجود رهيا.
    هن دفعي اديبن ۽ شاعرن کي سوونيئر ۽ ڪتاب به نه مليا، جو انهن ٺيڪيدار کي منع ڪئي ۽ سچل يادگار ڪاميٽيءَ پاران گذريل ڪانفرنس جي موقعي تي پڙهيل مقالا ۽ رپورٽ سوونيئر نه ورهايا ويا ۽ محترم مولا بخش لاڙڪ ۽ انهن جي رنگين فوٽن واري سچل يادگار ڪاميٽي پاڻ سان گڏ سڀ ڪتاب کڻائي وئي، هي ڪتاب اديبن بجاءِ دڪاندار کي ته پڪ سان ملي ويندا. انهن جو پڇاڻو به ٿيندو؟
    سچل يادگار ڪاميٽيءَ هي همنوائن جو اهو ملبو آهي، جيڪو صرف من پسند گروپن ۽ ماڻهن کي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن لاءِ ڪم آڻبو آهي.
    بهرحال درازا ۾ ڪانفرنس ڪرڻ، مشاعرو ڪرڻ هڪ سٺو عمل ۽ سَوڻ آهي، جنهن لاءِ محترمه سسئي پليجو ۽ سائين شمس جعفراڻي تحسين لائق آهن.۽ جعفراڻي صاحب آخري دم تائين موجود رهيو، ورنه مشاعري جي پڄاڻي مختيارڪارن ۽ تپيدارن جي حوالي هوندي آهي.
    هر سال بائيڪات ڪندڙن، بليڪ ميل ڪندڙن ۽ انهن جي همنوا سچل سائينءَ جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ هن ادبي ڪانفرنس ۾ آخر ڪيستائين بائيڪاٽ ۽ بليڪ ميلنگ ڪندا رهندا؟ ۽ سچل يادگار ڪاميٽي آخر ڪيستائين ذاتي، گروهي مفادن تحت سچل سائين جي فڪر ۽ نالي کي ائين استعمال ڪندي!!
    هڪ ڳالهه ظاهر ضرور ٿي ته جيڪڏهن اهي اڳوڻا ادبي سنگت جا سيڪريٽري ۽ همنوا موجود ناهن ته نه صرف ادبي ڪانفرنس پر مشاعرو پڻ بهتر انداز ۾ ٿي سگهي ٿو؟؟ سنڌ جو ڪو به اديب ۽ شاعر هنن سان گڏ ناهي.
    (روزانه خبرون ڪراچي اربع 24 سيپٽمبر 2008ع)


    مشتاق ڀڙڳڙي جو وڇوڙو

    مشتاق نه صرف سٺو ليکڪ ۽ پبلشر هيو. پر هڪ سٺو ۽ مڪمل انسان هيو ۽ هميشه سٺو ۽ مڪمل انسان رهيو.مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي. سنڌي ادبي سنگت جي گذريل اليڪشن ۾. مون سان گڏ مشتاق بخاري به هيو. اسان حيدرآباد ويندي، دادوءِ ۾ مشتاق ڀرڳڙيءَ سان ملياسين. نهايت سٻاجهو، پرجوش ۽ همت ڀريو نوجوان هو ان کان اڳ منهنجي هن سان ملاقات نه هئي. ۽ پوءِ اها پهريئن ملاقات، اسان وچ ۾، نه صرف رابطي جو ذريعو بڻي. پر مون کي ائين محسوس ٿيندو هيو.ڄڻ مشتاق ڀرڳڙي منهنجو ڪو ذاتي حصو هجي. لاڙڪاڻي ايندي ويندئي هن سان ملاقات ٿيندي هئي. ۽ لائق ”هوٽل دادو وٽ وچ روڊ تي، ڏينهن تتي جو به هو منهنجو انتظار ڪندو هيو. جو ڪڏهن ڪڏهن دادو وارو ڦاٽڪ بند ٿي ويندو هيو. يا اتي ٽريفڪ جام ٿي ويندي هئي. پر مجال آهي جو مشتاق روڊ تان هٽي ۽ روڊ جي پاسي بيهي. نه، هو صرف منهنجو انتظار ڪندو هيو. پر ماني ۽ چانهه لاءِ پڻ زور ڀريندو هيو. پوءِ ڪڏهن ڪچهريءَ ڪرڻ لاءِ زبردستي چانهه پيئڻي پوندي هئي. ورنه همراهه هٿ مان نڪتو ويندو هيو سنڌي ادبي سنگت سان هن جو عشق هوندو هيو. گذريل چونڊن ۾ هن جو ڀرپور ساٿ رهيو. ۽ دادو ضلعي ۾ هن پنهنجي اثر رسوخ ذريعي هڪ سٺو گرائونڊ ٺاهيو. جنهن جي ڪري ڪاميابي ملي. مشتاق ڀڙڳڙي تمام گهڻو جاکوڙي شخص ۽ ڪمٽمينٽ جو پڪو هيو. ڏينهن هجي يا رات مون ڪڏهن هن جي منهن تي ٿڪاوٽ، بيزاري نه ڏٺي. دادو شاخ جي سلسلي ۾ جڏهن اختلاف ختم ڪرڻ جو وقت آيو ته سڀ کان پهريائين هن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ۽ هڪ ٻئي جو منهن نه ڏسڻ وارا اڄ هڪ ٻئي جا ساٿي ٿي ويٺا آهن. مون کي دادو جي هڪ دوست چيو ته مشتاق موم ٿي ويو آهي. مون کيس چيو اها ته سٺي ڳالهه آهي. ۽ سڀني کي مشتاق وانگر موم ٿيڻ گهرجي.
    دنيا ۾ گهڻا خوددار آهن پر هي به انهن چند ماڻهن مان هيو. جيڪو آخر دم تائين خوددار رهيو، وچ ۾ مون کيس صلاح ڏني ته تون جناح اسپتال ڪراچي هليو آءُ تنهنجو سمورو علاج منهنجي حوالي. پر بار بار چوڻ جي باوجود هو نه آيو ۽ چيائين ته مان حيدرآباد مان علاج ڪرائي رهيو آهيان. ۽ هينئر طبعيت ۾ ڪجهه بهتري محسوس ڪري رهيو آهيان. پوءِ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن هڪ دوست فون ڪيو ته مشتاق ڀڙڳڙي جو پنهنجي ڀاءُ سان اختلاف ٿي پيو آهي. جنهن هن کي لاڪپ ۾ بند ڪرايو آهي. مون اُن وقت ڊي ايس پي دادو کي فون ڪيو ۽ کيس گذارش ڪئي ته هو اسان جو حساس طبعيت دوست آهي.اوهان هن کي فوري طور آزاد ڪريو ورنه هو پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائي سگهي ٿو ۽ ان جي ذميواري اوهان تي هوندي ۽ پوءِ مون محترم ابل اداس ٻٻر کي چيو ته اوهان ڊي ايس پي سان ملو. ۽ پوءَ مون ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مشتاق کي آزاد ڪيو وڃي. آفيسرن ٻڌايو ته هن جو فريادي ٻيو نه پر سندس ڀاءُ آهي.
    مشتاق ڀڙڳڙي ادبي سنگت جو عاشق هيو. اسان شل نه ڪٿي ڪو پروگرام ڪيون هو فوري طور پهچي ويندو هو. حالانڪ هن جي مالي طاقت ٺيڪ نه هئي. ڪل سنڌ مشاعرو هجي، يا حيدآباد ۾ ڪجهه مهينا اڳ طارق اشرف جي ورسي هجي. سنڌ ٻولي ڪانفرنس هجي يا ڪو ادبي اجلاس، پوءِ حيدرآباد کان ڪراچي تائين هو شامل ٿي ويندو هيو. ۽ اجلاس اٽينڊ ڪري فوري طور هو دادو هليو ويندو هو.جو کيس اهو احساس هوندو هو ته گهر اڪيلو آهي. ورنه اسان جا ڪيترائي اديب، گهر گهاٽ ڇڏي مشاعرن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ شامل ٿيندا آهن ۽ انهن جا ٻار اخبارون پڙهي معلوم ڪندا آهن. ته سندن بابا اڄ ڪٿي آهي؟ پر مشتاق ڀڙڳڙي هڪ ذميوار شخص هيو ۽ ذميوار رهيو. هن جي ان ذميواري سندس ذهن تي ڪيترائي اثر ڇڏيا، جنهن جي ڪري هو آخري دم تائين ذهني طور منتشر رهيو.
    33 سالن جي ڄمار ۾، سندس وڇوڙو، سنڌي ادب لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. پر اسان دوستن لاءِ اڃان وڌيڪ هاڃيڪار آهي جو اسان هڪ بهترين دوست کان محروم رهجي وياسين. مشتاق ڀرڳڙي وٽ تمام خوصورت عڪس ۽ خيال هيا هن جديد سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو. جيڪو هو ڪري نه سگهيو.
    ساٿي ٻارڙا سنگت کان، سنڌي ادبي سنگت دادو سان هن پنهنجو پاڻ ملهايو. هو حساس هيو. کرو هيو، سچو هيو، ان ڪري هن منافقانه دنيا ۾ فٽ نه هيو. سچ جو ساٿي، حق جو پرچارڪ ۽ تمام سادو، جيڪو ڳالهائڻ جو ايڏو سنئون سڌو جو نه اهو ڏسي ۽ نه سوچي ته ڪير برو محسوس ڪندو ۽ ڪير ڀلو! مدعا بيان ڪرڻي آهي. ۽ بس ڪرڻي آهي، چئي ڏيو. مشتاق ڀرڳڙي جي هڪ هڪ لفظ ۾ سچ هيو. ۽ سچ به اهو بقول اياز، جو سچ مچائي مچ.
    مشتاق جا ڪتاب خاص ڪري ”لفظ نه کيڏوڻا“ ”موکي مٽ اپٽيا“ (۾ سندس شاعري) کيس تمام گهڻو مٿي ڪري بيهارين ٿا.
    سچ پچ مان هڪ مخلص ۽ جاني دوست کان محروم ٿي ويو آهيان. ۽ جڏهن هاڻ دادوءِ مان لنگهندس، تڏهن مشتاق سان نه ملي پاڻ کي اڪيلو ۽ اداس محسوس ڪندس. منهنجي به دل چاهيو هيو ته مان مشتاق جي تڏي تي ويندس. پر ڇا اُن ڀاءُ سان تعزيت ڪريان، جنهن هن کي لاڪ اپ ڪرايو؟ عذاب ڏنا؟ منهنجي دنيا جي اهڙين سڀئي ڀائرن سان احتجاج آهي ۽ مان اهڙين حالتن ۾ ڪڏهن به تعزيت نه ڪندس. ان ڪري اسان دوستن پاڻ ۾ هڪٻئي سان مشتاق جي وفات تي تعزيت ڪري ڇڏي آهي.
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ ڪراچي شاخ طرفان اهڙو گڏيل اجلاس ڪوٺايو ويو هيو. پر الائي ڇو ڪجهه اخبارن ان جي رپورٽ به نه ڇپي!!
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 26 جولاءِ 2007ع)


    اسلام آباد ۽ ادبي ڪانفرنس

    19 ۽ 20 ڊسمبر 2008ع تي اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد پاران اهل قلم ڪانفرنس ۽ عالمي صوفي سيمينار، علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ اسلام آباد جي آڊيٽوريم ۾ ٿي گذريو. ٻن ڏينهن واري ان ڪانفرنس جو جڏهن دعوت نامو پهتو. جيڪو اڪيڊمي ادبيات جي ڪراچي چيئر معرفت آيو. معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته سنڌ مان سنڌي ۽ اردوءِ جي 110 اديبن کي سڏيو ويو آهي. جنهن مان ڪل ويهارو کن مس پهتا هيا، ڪراچيءَ مان، آءُ ۽ يوسف سنڌي صاحب گڏجي 18 ڊسمبر ته روانا ٿياسين. اڪيڊمي آف ليٽرس وارن جو مهمانن لاءِ انتظام بهتر هيو. ڪراچيءَ مان ڪوڙل اسان سان لمحي لمحي رابطي ۾ هيو ۽ اسلام آباد مان مير نواز سولنگي، يوسف صاحب سان رابطي ۾ هيو، اسان جڏهن اسلام آباد پهتاسين ته زبردست مينهن وسي رهيو هيو پر جڏهن اڪيڊمي کي پهچڻ جو اطلاع ڪيوسين ته اسان کي ايڊمن آفيسر لطيف خان پاڻ وٺڻ آيو ۽ پوءِ سيمينار طرف روانا ٿياسين. جتي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ناميارا اديب، شاعر، ڪالم نگار موجود هيا.
    پهرين ڏينهن افتتاحي اجلاس وزير تعليم مير هزار خان بجاراڻيءَ جي صدارت ۾ ٿيو، افتتاحي تقريب کان پوءِ استاد حامد علي جي محفل هئي،جنهن پنجابي ۽ اردو ۾ ڪلام پيش ڪيا. ان کان پوءِ ڊنر کائي جڏهن اسلام آباد جي بليو ايريا ۾ واقع هوٽل ميرينا ۾ آياسين. تڏهن خبر پئي ته اڪيڊمي طرفان اسلام آباد جي چئن هوٽلن ۾ وفدن کي رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جن ۾ ميرنيا، سٽي، ڪيپٽل ۽ هڪ ٻيو هوٽل شامل هيو.سنڌ ۽ سرحد مان آيل وفدن کي ميرنيا هوٽل ۾ ترسايو ويو هيو. سنڌ ۾ ايندڙن مان اسان کان علاوه قمر شهباز، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، آغا سليم، آغا نور محمد پٺاڻ، ميڊم نورافراز خواجه، محمد علي پٺاڻ، مظهر ابڙو، ڄام جمالي، منظور ڪوهيار، بشير منگي، ادل سومرو، نجما خان، حميرا راحت، صبا اڪرام، جمال نقوي، راحت سعيد (جيڪو پنهنجي گهر ۾ رهيو) بابا نجمي ايس ايم حسين قريشي ۽ ٻيا شامل هيا.
    صبح جو هوٽل تان بس ۾ يونيورسٽيءَ ويندا هئاسين ۽ رات جو ڊنر کان پوءِ واپس ايندا هئاسين.20 ڊسمبر واري ڏينهن ڪل چار اجلاس ٿيا، پهرئين اجلاس جي صدارتي پئنل ۾ ڊاڪٽر ايم نظام الدين وائيس چانسلر يونيورسٽي آف گجرات، آغا سليم، ڊاڪٽر انوار احمد، عطاءُ الحق قاسمي، عطيه سيد، فخر زمان، فهميده رياض ۽ ٻيا شامل هيا.ان موقعي ته ڊاڪٽر نظام الدين طرفان ايندڙ ڪانفرنس گجرات يونيورسٽيءَ ۾ ڪوٺائڻ جي آڇ ڪئي پر سڄي ڪانفرنس کي لٽي سرائڪي اديب ڊاڪٽر انوار احمد ويو.جنهن جي تقرير ۾ ايڏو ته وڏو سچ ۽ جادو هيو جو کيس چيو ويو ته هو پوري تقرير پڙهي. جڏهن ته ٻين کي بار بار وقت جو احساس ڏياريو پئي ويو.
    ڊاڪٽر انوار احمد چيو ته اسان جو اديب سرڪار جي لائين ۾ بيهي جنهن منشي گيري جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. انهن جي اُن عملن سان لفظن جي حرمت گهٽبي ۽ ماڻهو وڪجي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ جو اديب ڪاري کي اڇو ۽ اڇي کي ڪارو ڪري رهيو آهي. سچ پچ ته ڊاڪٽر انوار جي سڄي تقرير ڇاپڻ جهڙي ۽ سانڍڻ جهڙي هئي. بهرحال جنهن به ڳالهايو علم، عقل ۽ دانش سان ڳالهايو ۽ ٻڌندڙن کي مزو پئي آيو.
    آغا سليم مختصر خطاب ۾ پنهنجا ترجمو ڪيل شاهه جا بيت پڙهيا، ٻيو اجلاس ڊاڪٽر حسين مبشر، وائيس چانسلر يونيورسٽيءَ آف هيلٿ سائنس لاهور جي مک خطاب سان شروع ٿيو. هن اجلاس ۾ صدارتي پئنل ۾ ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، فهميده رياض ۽ ٻيا شامل هيا. ڊاڪٽر حسين مبشر سائنسي طور دماغ جا ڪم بيان ڪيا، جيئن ته پاڻ سائيڪا لوجسٽ آهي، ان ڪري هن علم، عقل جو سائنسي ڇيد پيش ڪيو. کيس بلي شاهه، ماڌو لال حسين جو ڪلام ايترو ته ياد هيو جو هو بار بار اهو پڙهندو رهيو. اسان جي سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جو علم ۽ ادب سان ڄڻ ته ڪو واسطو ئي ڪونهي پر ڊاڪٽر مبشر ادب نواز هو. ڊاڪٽر مبشر جو مقالو تمام طويل ٿي ويو. جنهن ڪري هال ۾ ويٺل پنجاب جا ڪجهه اديب ڀُڻ ڀُڻ ڪري رهيا هيا.
    ٽئين نشست وزير رضا رباني، ڊاڪٽر محمود الحسن بٽ، وائس چانسلر علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ سان گڏ قمر شهباز پڻ صدارتي پئنل ۾ شامل هيو. جنهن جو عنوان هيو، ”ادب براءِ امن“ هن اجلاس ۾ فخر زمان چيو ته مون کي اڪيڊمي لاءِ پنج ڪروڙ نه، پر پنجاهه ڪروڙ گهرجن ۽ پوءِ منهنجو ڪم ڏسجو، هن رضا رباني صاحب کي سفارش لاءِ چيو، جنهن چيو ته مان صدر ۽ وزير اعظم کي گذارش ڪندس. جيئن ته انجمن ترقي پسند مصنفين جو اجلاس علام اقبال يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي جي سربراهه شاهد ڪامران جي آفيس ۾ رٿيل هيو. جنهن ۾ پاڪستان جي چئن صوبن مان ان جا عهديدار ۽ نمائيندا شامل هيا. راحت سعيد صاحب جي خاص دعوت تي مون ۽ يوسف سنڌي پڻ ان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ڪجهه رهيل عهدا عارضي طور پر ڀريا ويا ۽ انهن کي ذميواريون پڻ ڏنيون ويون جو ڪجهه عهديدار گذاري ويا هئا.اجلاس کان پوءِ واپس هال ۾ آياسين.
    چوٿون اجلاس، گهڻ ٻولين جو مشاعرو هيو، جنهن جي صدارت شهزاد احمد پڻ ڪئي ۽ اسٽيج تي ويٺلن ۾ شمشير الحيدري، فهميده رياض، اسلم گرداس پوري ۽ ٻيا موجود هيا، هر شاعر پنهنجي مادري زبان ۾ شعر پڻ پڙهيو. پشتو وارن پشتو ۾ پنجاب مان آيل پنجابيءَ ۾ ڪشميرين ڪشميريءَ ۾ سنڌ مان ڪل چار شاعر هيا، جنهن ۾ شمشير الحيدري مان ۽ محمد علي پٺاڻ پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ ۽ ادل سومرو اردوءَ ۾ شعر پڙهيو. ان وقت هال مان نعرا پڻ لڳا ته سنڌ مان آيو آهين. سنڌيءَ ۾ ڪلام پيش ڪر، پر ادل سومرو ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ اردوءَ ۾ شاعري پيش ڪئي (هال مان مليل رمارڪس نٿو لکان)
    مشاعري ۾ اسلام آباد ۽ روالپنڊي جي شاعرن کي نه پڙهايو ويو ۽ اهو ئي طئي ڪيو ويو ته هر شاعر پنهنجا چار بند پيش ڪندو ۽ جيڪڏهن نظم آهي ته ان کي مختصر ڪندو پر ڪجهه شاعرن اُن تي عمل نه ڪيو ۽ جڏهن هو ضابطي جي خلاف شاعري پڙهندا رهيا ته هال مان هوڪرا ۽ هوٽنگ پڻ ٿيندي رهي. لڳ ڀڳ هن سشاعري ۾ 90 کان سو شاعرن، ٽي شاعرائون نجمه، خانه، حميرا راحت، لاهور مان، پشاور، ڪوئيٽا، آزاد ڪشمير مان آيل مک ۽ اهم شاعرن سليم راز، افضل مراد، اباسين، مسرور جاويد، ايس ايم معين قريشي، تاج محمد، عصمت علي پٽيل، زيب النساءِ زيبي، ڊاڪٽر نرگس ۽ ٻيا شامل هيا. هن ڪانفرنس جي حوالي سان تمام اهم ۽ ڪارائتون ڳالهيون ٿيون، اديبن جا رسمي ۽ غير رسمي اجلاس ۽ ڪچهريون ٿيون، ادب جي رفتار ۽ ماڻهن جي احساسن تي ويچاريو ويو.
    هوٽل کان ڪانفرنس هال ۾ ايندي ويندي، بس ۾ تمام اهم بحث ٿيا ۽ خاص ڪري لنچ ۽ ڊنر ته ڄڻ هيو ئي ڪچهريءَ جو وقت، جڏهن مون چيو ته اهو افسوس جو مقام آهي ته سنڌيءَ زبان ۾ هينئر ڪجهه سالن کان پي ايڇ ڊي جي ڊگري هڪ مذاق ٿي وئي آهي، جيڪا يا ته ونگار تي لکائبي پئي وڃي يا اثر رسوخ استعمال ڪري ان کي قابل بڻايو پيو وڃي. ۽ اوهان ڏسون ته اهڙيون ٿيسز ريسرچ نه پر مرتب واري حيثيت رکن ٿيون ۽ مضمونن کي گڏ ڪري جلد وڌائي اُن کي ٿيسز چيو پيو وڃي. جنهن ڪري ڪيترائي اديب پنهنجون ٿيسز ڇپائڻ لاءِ ئي تيار ناهن. کير جو کير ۽ پاڻيءَ جو پاڻيءَ ٿيڻ جو خطرو آهي. جنهن سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس شعبي جي ڊين ڊاڪٽر قاسم ٻگهيئي ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سهمت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان وٽ سب اسٽينڊرڊ ڪم ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر قاسم ٻگهيئي ٻڌايو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تعليم جو ڊائريڪٽر (ڊي ئي) آهي. ڊاڪٽر آف فلاسفي ناهي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ چيو ته اڄڪلهه پي ايڇ ڊي ڊگرين جي هڪ چين شروع ٿي آهي. جنهن جو گهربل معيار ناهي. اتي محمد علي پٺاڻ رڙ ڪندي چيو ته اسان کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. هن چيو ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ وارن ڪيترن ئي شاگردن کي سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان ان ڪري جواب ڏنو جو هڪ ساس جو اڳوڻو سيڪريٽري نٿو چاهي ته اتي ٻيو ڪو به پي ايڇ ڊي هجي. هنن چيو ته هنن گهرايو ۽ پوءِءِ چيو ته اسان وٽ پروفيسر ڪونهن،
    جيڪڏهن اهڙي ڳالهه هئي ته پوءِ هن انائونس ڇو ڪيو؟ ۽ شاگردن کي گهرايو ڇو؟ بس ۾ ويٺل ادل سومرو ڏانهن اشارو ڪندي محمد علي پٺاڻ چيو ته جيڪڏهن پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر موجود ناهن ۽ ٻيا ارينج ڪري سگهجن ٿا. ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور کي هو اهڙي صلاح ڏيندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو هڪ زبردست اعلان ڪيو ته ڄام جماليءَ جو سنڌي شاعرن جو ڪيل ترجمو آرٽس فئڪلٽيءَ طرفان شايع ڪرائيندو. ان وقت ته هلندڙ بس ۾ تاڙيون وڄنديون رهيون ۽ گهڻي دير تائين وڄنديون رهيو ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو کي جڏهن 70 سالا پٺاڻ شاعر تاج محمد ”ڪس“ ڪيو ته هن چيو ته پٺاڻ ڀائي پنهنجن ڏي وڌ، اسان جي دوست کي ڇڏ ته هن ٽهڪ ڏنو ۽ چيو ته مان هن جو پراڻو عاشق آهيان.
    اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان هڪ بروچر ڏنو ويو، جنهن ۾ اڪيڊمي طرفان پاڪستان جي ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن مان سندس سهڪار ڄاڻايو ويو هيو. يوسف سنڌي صاحب چيو ته هن ۾ سنڌ جو ڪو ادارو ڪونهي. باقي ٻين صوبن جا علمي ۽ ادبي ادارا موجود آهن. ”ٽي بريڪ“ دوران مون اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد جي سربراهه فخر زمان کي چيو ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ ڄاڻايل ادارن کان وڏو ادارو آهي. ۽ اوهان جي لسٽ ۾ موجود ناهي. هن پاڻ ان تي حيرت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ائين ڇو ٿيو آهي. ۽ اهو بلڪل ٺيڪ آهي. ته ادبي سنگت وڏو ادارو آهي. پوءِ هن چيو ته تون بيهه ۽ ان وقت فخر زمان صاحب رڙ ڪندي اڪيڊمي جي هڪ آفيسر کي سڏيو ۽ چيو ته هاڻي ئي هن لسٽ ۾ اوهان سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي شامل ڪيو. جيڪا ماضيءَ ۾ زيادتي ٿي آهي، اها هاڻي نه ٿيڻ گهرجي.
    ان وقت يوسف سنڌي صاحب دوستن سان چانهه پي رهيو هيو ۽ کيس اچڻ جو اشارو ڪيم. پاڻ آيو ۽ ٻيهر ورجاءُ ڪيو ويو. يوسف صاحب کان اڪيڊمي جي آفيسر رابطي لاءِ نمبر ۽ ايڊريس پڻ ورتي، ۽ پوءِ اهو رابطو جاري رهيو. ورنه ماضيءَ ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته اسان جا اڳوڻا سيڪريٽري سنگت فورم بجاءِ پنهنجي ذاتي پي آر ٺاهي ايندا هيا. ۽ هو اڪيڊمي ليٽرس کان هوائي ٽڪيٽون، رهائش جي سهولت وٺندا رهيا ۽ ذاتي پروجيڪشن ۽ پروموشن حاصل ڪندا رهيا. ادل سومريءَ کان ڊاڪٽر تنوير عباسي تي اردوءَ ۾ ڪتاب لکرايو ويو ۽ هن کي اڄ ڏينهن تائين خاص سهولتون حاصل آهن. جڏهن هن ڪانفرنس ۾ سڀني کي ريل جو ڀاڙو ڏنو ويو. ان وقت ادل سومري کي هوائي ٽڪيٽ ڏني وئي هئي. حيرت اُن تي ٿي ته هو سنڌي اديبن کان ڪٽيل هيو. هن جي ويهڪ اٿڻي، ويهڻي ان حد تائين روم ميٽ به ڪو سنڌي نه هيو. شايد اسلام آباد ۾ ڪاميابيءَ جو اهو گر هجي، جو پنهنجن کان دور رهجي.
    اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد جي سربراهه فخر زمان جي اڪيڊمي لاءِ ڪيل منصوبه بندي جديد، ترقي پسند فڪر جي حامي آهي، ڪانفرنس اجلاسن ۾ مون تقرير ڪئي ته سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتو زبان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ۽ ان جو دائرو اسلام آباد سان گڏوگڏ صوبن ڏانهن پڻ وڌايو وڃي. ۽ پاڪستان جي قومي ٻولين ۾ سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سرائڪي کي پاڪستان جون قومي ٻوليون قرار ڏنيو وڃن. ان لاءِ فخر زمان صاحب کي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ هو جيڪڏهن چاهي ته اهڙو اعلان هڪ ڏينهن ۾ ٿي سگهي ٿو. هن ڪانفرنس ۾ به اهڙو مطالبو ڪيو ويو.
    يارنهن سالن کان پوءِ ٿيندڙ هي اهل قلم ڪانفرنس، جيتوڻيڪ بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر هيو پر ايندڙ دور ۾ ان کي اڃان وڌيڪ نمائندگيءَ سان بهتر ڪري سگهجي ٿو ۽ اهي ماڻهو جيڪي آمريت جي دور ۾ پيش پيش هيا، اڄ به اهي ساڳي جاين تي ان انداز سان موجود آهن، جهموري ۽ غير جهموري قوتن ۾ فرق هئڻ گهرجي. ابن الوقت ۽ اصول پسندن ۾ پڻ فرق هئڻ گهرجي.
    روزانه خبرون ڪراچي آچر4 جنوري 2009ع)


    ڏوڪري جو ٽرانسفارمر ۽ چيٽرن جي دنيا

    سياست ڪڏهن ڪڏهن بي رحم به ٿيندي آهي. هن جا روپ جڏهن ٻهروپ ۾ ٻڏل هوندا آهن، تڏهن محض ان خاص ۽ مخصوص ايجنڊا تي هلندي، هن جون اکيون بند ڪن بند ۽ زبان پڻ بند هوندي آهي.سڀ ڪجهه ڏسندي، محسوس ڪندي، به نه ڪجهه ڪري سگهبو آهي. ۽ نه ئي چئي سگهبو آهي، حالانڪ نه چوندي به ، سڀ ڪجهه محسوس ڪري سگهبو آهي.
    وقت ۽ حالتن سان گڏجي سياست پڻ پنهنجا رواج ۽ ريتون بدلايون آهن. هيئنر خدمت بجاءِ اها شئي به انڊسٽري ٿي وئي آهي. جتي پيداوار ۽ لاڳت جي حساب سان تڪي ۽ توري وڃي ٿي.
    ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عوام جي نالي ۽ خدمت واري اُن پاسي ۾ به عوام لاءِ هڪ آزار پيدا ڪيو وڃي ٿو. جنهن جي پويان نه چونڊجڻ جو انتقام، اڳتي جي پلاننگ، ٻئي کي ناڪام بڻائڻ جو جذبو، ساٿ نڀائڻ جي آرزو شامل هجي ٿي.
    شايد اهو سبب هجي جو مئي مهيني جي تمام تيز گرمي لڪ ۽ ٻوسٽ ۾ ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن جي بجلي بند ڪئي وئي ۽ جواز ڏنو ويو ته ٽرانسفارمر سڙي وڃي ٿو، جيڪو چائنا ۽ لاهور مان ٺهي اچي ٿو ۽ هفتن جا هفتا ۽ مهينن جا مهينا سڄي علائقي ۾ بجلي بند ڪري غريب ۽ بي پهچ عوام جي ڪو به سار لهڻ وارو نه هجي. ڪو به ٻڌڻ وارو نه هجي، ۽ آگسٽ تائين اهڙو سلسلو هلندو هجي.ته پوءِ ان کي ڇا چئجي؟؟ ستم ظريفي؟ بي رحمي؟ يا ڪو انتقام؟
    ٻئي پاسي ڪراچيءَ ۾ لوڊشيڊنگ جي ٽائيم کان هڪ ڪلاڪ وڌيڪ ته ڪو بجلي بند ڪري ڏيکاري!؟ اصل قيامت اچي ويندي روڊ بند ٽائرن کي باهيون، گاڏين تي پٿراءُ ۽ مارڪيٽون بند، حڪام ۽ اعليٰ حڪام منٽن ۾ پهتا، يقين دهانيون، معافيون، تلافيون، ميڙون منٿون پوءِ وڃي ڪا ٺاپر ٿئي ٿي. پنجاب ۾ ته ڪنهن جي اهڙي جرئت ئي ناهي. جو هفتن جا هفتا لونءَ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ بجلي بند ڪجي پر سنڌ جو ماڻهو ويچارو آهي. بي پهچ
    هيڏي وڏي آزار کان پوءِ به عوام خاموش، نمائندا، ننڊن ۾ ۽ مخالف پنهنجي پلاننگ ۽ ايندڙ پاليسن ۾ ڪامياب ته اسان هئاسون ته ائين نه هيو. هاڻي ائين آهي ته چڱو ناهي. ايندڙ وقت لاءِ اسان جو هجڻ ضروري آهي. پر حيران ڪن ڳالهه آهي ته ڪنهن به آفيسر ۽ عملدار کان پڇاڻو نه ٿيو آهي. انهن کي هٽايو يا ٿيڙيو نه ويو آهي. مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي قيامت خيز گرميءَ ۾ ڏوڪري ۽ باقراڻي جي ماڻهونءَ کي جيڪا تڪليف آئي آهي. ان جو داد، فرياد ٿيڻ گهرجي. باقي سياست وادي وارو کيل آهي، ڪڏهن ڪنهن پاسي ته وري ڪڏهن ڪنهن پاسي. عوام کي آزاريندڙن ۽ تڪليفون ڏيندڙن جو احتساب ڪير ڪندو؟ ۽ ڪڏهن ٿيندو؟ ڪو ته هن سوال جو به جواب ڏيندو.!!
    هن دنيا ۾ وڏا وڏا فنڪار موجود آهن، جيڪي پنهنجي فن وسيلي ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهن ٿا. جڏهن کان سياست روزگار جو ذريعو بڻي آهي، تڏهن کان ان جي نالي ۾ فنڪاري وڌي آهي، جنهن ارڙ بلا وانگي پنهنجا منهن مٽايا ۽ ڪڍيا آهن. ڪراچي جي دنيا ۽ ماحول سڄي ملڪ کان ۽ سڄي دنيا کان الڳ ۽ نرالو آهي، هتان جو رنگ ئي پنهنجو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ جي سواد ۾ سڀئي ذائقا موجود آهن، مٺو، کٽو، کارو، ڪوڙو ۽ ڪڏهن ڪڏهن بي سوادو به هتان جي خمير ۾ موجود آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو هتي هر ڪو ڦٻي وڃي ٿو.
    ڪراچيءَ جي ماحول ۾ چيٽرن جو هڪ وڏو باب آهي، جيڪو هر فيلڊ ۾ موجود آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي لازوال فنڪاري ۽ منهن جي بي شرمي ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪن ٿا. جيڪو ڦٻي ته ڀلو، جي نه هليو ته به ڀلو، پوءِ ڪٿي خوف، داٻو، دٻدٻو، ڌمڪي، بدتميزي، وارو تير هلائي ڪم ڪڍيو وڃي ٿو، جو گهٽ ماڻهن ۾ جرئت هجي ٿي. جيڪي مقابلو ڪن ٿا، فنڪار فيلڊ ئي اهڙي چونڊين ٿا، جنهن جي نالي ۾ ئي خوف هجي ٿو ۽ ان انداز سان ڪيترا ڪم ٿي به وڃن ٿا. جنهن کي ڪوڙيون موبائيل سمون همٿائين ٿيون ۽ ان ڌنڌي ۾ انهن ذريعي ئي سڀ بدمعاشيون ڪيو وڃن ٿيون.مان نوڪري ڪري رهيو آهيان، اڪثر ڪري اهڙن ”فنڪارن“ کي منهن به ڏيندو رهيو آهيان، مثال طور مان اسلام آباد مان فلاڻي اداري جو فلاڻو خان ٿو ڳالهايان، هي ماڻهو اچي ٿو ڪم ڪري ڇڏ، ورنه........ ڏس پنهنجو ذميوار پاڻ هوندين.
    مان فلاڻي ايجنسي جو فلاڻو آهيان، هي ڪم ڪر، تنهنجي حق ۾ سٺو هوندو.
    مان فلاڻو وزير آهيان هي منهنجو ماڻهو ٻاهر بيٺو آهي. هن جو ڪم ڪري ڪاپي هٿو هٿ ڏيو.
    مان.....ڪرنل.......ميجر........سيڪريٽري.......ليڊر.......مرڪزي اڳواڻ آهيان. بس منهنجو هي (ناجائز) ڪم ٿيڻ گهرجي، ورنه..... !؟
    جڏهن ضير جو پيئمانو لبريز ٿي ويندو آهي، تڏهن چئبو آهي ”ته سائين! هي ڪم ٿيڻ جهڙو ئي ناهي. نه ٿو ٿي سگهي، اوهان ڀلي بدلي ڪرائي ڇڏيو، پوءِ ڌمڪيون، گاريون ٻڌي فون بند ڪبي آهي. اهو ۽ اهڙو سلسلو هر ملازم سان ٿي رهيو آهي ۽ روزانو جو معمول آهي. جڏهن اهڙي ڪم ۽ عمل وارو ڪو نه قانون آهي ۽ نه ئي فورم جو جتي دانهجي، داد فرياد ٿئي پر ٻڌي، سڌي برداشت ڪري، چپ ٿي وڃبو آهي، جو ٻئي ڪا چوائيس ئي ڪانهي پر اها به هڪ حقيقت آهي. ته هي سڀ ڪجهه سول ملازمن، آفيسرن سان ٿئي ٿو. اهي پاڻ کي فني خان سڏائيندڙ ڪنهن ورديءَ واري اداري سان اهڙي ڪنهن حرڪت جو سوچي به نٿا سگهن جو انهن وٽ فوري طور ڏنڊو آهي، ٻين سان بدتميزي ڪندڙ محض هڪ ڦول واري اي ايس آءِ سان به تڪڙو ۽ تکو ڳالهائي نه سگهندا آهن. پوءِ ڀلي ڪو سيڪريٽري ليول جو آفيسر هجي. پنهنجي سياسيءِ پارٽي جي ڏڍ تي ڪارڪن خاص ڪري، انهن جي پارٽيءَ جي حڪومت ۾ جيڪا بدتيمزي، داٻو ۽ ڌمڪي ڏئي ڳالهائن ٿا، حالانڪ ڪنهن پارٽيءَ جي اها پاليسيءَ نه ٿي ٿئي پر ”ڪارڪن“ جيڪو سپر پاور آهي. اهو ڪنهن جو به محتاج ناهي، جو ان کي ئي استعمال ڪري، ڪنڌ لڻيا وڃن، مون ڳالهه پئي ڪئي ”چيٽرن جي دنيا جي“ جيڪا هر جاءِ هر فيلڊ موجود آهي. سياست کان وٺي، صنعت تائين. فن کان وٺي صحافت تائين ڊاڪٽرن کان وٺي انجنيئرن تائين، الله جي ڪرم ۽ فضل سان دنيا ڀري پئي آهي. ۽ اسان ان جو عملي مظاهرو روزانو ڏسي رهيا آهيون، جيڪڏهن مان اهڙا مثال ڏيان ته اهڙن لاءِ ٻارنهن ڪالم ته ڪاڏي به نه ويا، تازو هڪ فون آيو، همراهه رُکُو نالو وٺي چيو ته ”منهنجو ماڻهو تنهنجي آفيس جي ٻاهران بيٺو آهي، هن کي گهراءِ ۽ فوري طور ڪم ڪر.“ پڇيم ”اوهان ڪير صاحب ٿا ڳالهايو؟“
    ”مان ڪراچيءَ مان ايم اين اي سليم ٿو ڳالهايان“ جواب مليو هاڻي سائين، ڪراچيءَ جو ايم اين اي معنيٰ ته الله خير ڪري، مون ان همراه کي گهرايو، جنهن چيو ته هي ڪم اڄ ئي ڪرڻو آهي. مون کيس ٻڌايو ته اهو ممڪن ئي ڪونهي. فلاڻي جاءِ تان رپورٽ اچڻ ضروري آهي. ٿوري دير کان پوءِ وري ايم اين اي سليم جو فون آيو، ان جو نمبر ٻڌاءِ جتان رپورٽ وٺڻي آهي. هن جي آواز ۾ اڃا ڪڙڪي آئي، کيس چيم ته سول اسپتال ڪراچيءَ سان رابطو ڪري نمبر وٺو، ” تو وٽ نمبر به ڪونهي؟ ڇا ٿو ڪرين؟ ٺيڪ آ“ جواب مليو ۽ پوءِ هن ان صاحب کي فون ڪري ساڳيو رويو رکيو، الله جي قدرت سان هڪ ڏينهن ڪراچيءَ جي سياست جو هڪ خاص ماڻهو آيو، جنهن کان مون ايم اين اي سليم جو حلقو پڇيو، هن فون ڪئي ۽ چيو ته سليم نالي ته ڪراچيءَ ۾ ڪو به ايم اين اي ڪونهي، مون ان جي ٻيهر فون جو انتظار ڪيو. آخر فون آئي. کيس گذارش ڪيم ته اوهان ڪهڙي حلقي جا ايم اين اي آهيو؟
    همراهه ناراض ٿي ويو، تون اهو ڇو ٿو پڇين؟
    چيم ” ته منهنجو به ته ڪو ڪم ٿي سگهي ٿو؟ متان ڪٿي اوهان جي مدد جي ضرورت پوي.“ ٻئي پاسي کان خاموشي، ٿوري دير کانپوءِ جواب مليو، مان آزاد ڪشمير جو ايم اين اي آهيان. پوءِ هو مون ڏي فون ڪندو رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ساڳي اسٽائيل ۾ به ڳالهائيندو رهندو آهي. آزاد ڪشمير ۾ هن جي ڇا پوزيشن آهي؟ اها ڪنهن کي خبر پوندي؟
    خبر ناهي هن همراهه ڪيترن ماڻهن سان ائين ڪيو هوندو؟ خبر ناهي ته ڪهڙن رتبن جو حوالو ڏنو هوندو؟ پر ڇا اسان جي ملڪ ۾ ڪو اهڙو ضابطو ۽ قانون آهي؟ جيڪو اهڙن ماڻهن کي روڪي؟؟ ۽ ان جو فوري طور تدارڪ ڪيو وڃي!!!
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 21 آگسٽ 2008ع)


    سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي

    هن ملڪ ۾ آمريت جون پاڙون ايڏيون ته مضبوط آهن جو هتي جڏهن به جهموريت جو وارو آيو آهي. تڏهن کان ئي پردي پويان سازشون شروع ٿي وڃن ٿيون. ۽ پوءِ اقتدار کان محروم چهرا، پنهنجو اصلي ڪم شروع ڪري ڏين ٿا. ۽ ”مان نه ته ڪو ٻيو به نه“ وارو عمل شروع ڪيو وڃي ٿو. هتي آمرن جا يارنهن سال ته برداشت ڪيا وڃن ٿا. پر جهموريت جا ٻه سال به مشڪل سان هلڻ ڏنا وڃن ٿا. ۽ پردي پويان سازشون شروع ٿيو وڃن ٿيون. پوءِ ڪڏهن هٿرادو بحران پيدا ڪيا وڃن ٿا. ته وري ڪڏهن منفي ۽ زهريلي پروپينگنڊا شروع ڪئي وڃي ٿي، ڏٺو ته اهو به آهي جو عوام جي ڀلائيءَ ۽ پارٽي جي منشور بجاءِ ڪجهه ڌريون پنهنجا ذاتي فائدا ۽ پنهنجا مفاد عزيز رکن ٿيو، اهي پنهنجي چئوگردا اهڙا ماڻهو ۽ شخص ميڙين ٿيون. جيڪي محض انهن جي مفادن کي بچائين ٿا ۽ سندن ”ڪمائو پٽ“ جو درجو رکن ٿا، اهو ئي سبب آهي. جو غريب، بيوس ۽ آمرن جي دور ۾ مار کائيندڙ بي عزتو ٿيندڙ عوام اڄ به ساڳي تڪليف ۾ مبتلا آهي. انهن جي ڪو به دانهن ٻڌڻ وارو ڪونهي، ڪم ته ڀلي نه ڪريو پر داد فرياد ته ڪريو. هينئر سنڌ جو عوام جنهن بيوسيءَ ۾ مبتلا آهي، شايد ان جو احساس ڪنهن کي به نه ٿيندو هجي پر در در دانهن کڻي ويندڙ جي ڪو دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي.
    اسان جا سنڌي ڳالهائيندڙ وزير آفيسن ۾ ويهن ئي ڪو نه ٿا ۽ گهڻن پنهنجا مخصوص ۽ خفيه حجرا ٺاهي ڇڏيا آهن، سندس آفيسون ويران ۽ ڀڙڀانگ آهن، جڏهن ته متحده جا وزير نه صرف پنهنجي آفيسن ۾ اچن ٿا. پر عام ماڻهن سان به ملن ٿا. ۽ انهن جا مسئلا به حل ڪن ٿا، جن ۾ اهڙا مسئلا شامل آهن، جن جو تعلق سندس محڪمن سان به ناهي. هو اسپتال ۾ داخل مريضن جي به پر گهور لهن ٿا ۽ مدد ڪن ٿا.
    گذريل نون سالن جي دور ۾ سياستدانن، ڪامورن جو ماريل عوام اڄ به ساڳي حالت ۾ آهي، اڄ به اهي ئي آفيسر ۽ ڪامورا انهن ئي جاين تي موجود آهن. جتي هو نون سالن کان موجود آهن، ۽ اڄ به اهي ماڻهو ان عتاب جو شڪار ٿي رهيا آهن، جيئن اڳ ۾ اهو طعنو ڏئي ڌڪاريا ويندا هئا، هنن جو واسطو پيپلز پارٽيءَ سان آهي. پيپلز پارٽي خاص ڪري گذريل نون ڏهن سالن ۾ جنهن ڏاڍ ۽ ڏمر جو شڪار رهي آهي، اڄ جو ڪارڪن اڃان ڪنهن ڏڍ جي تلاش ۾ آهي. اوهان اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته نوڪريون به ”ڌن“ تي ڏنيون وڃن ٿيون، جنهن ۾ پوليس جي سپاهي ۽ پٽيوالي جهڙيون عام نوڪريون شامل آهن، خود پارٽيءَ اندر هڪڙن کي اڀاريو ۽ ٻين کي ڌڪاريو پيو وڃي، پارٽيءَ اندر گروپ بنديون پيدا ڪيون پيو وڃن. جيڪي شايد اقتدار جي اک نه ڏسندي هجي پر گذريل دور ۾ جن کي نوازيو ويو هيو، اهي اڄ به اقتدار جا مزا ماڻهو رهيا آهن.
    سنڌي وزيرن پنهنجن محڪمن جا اهي سربراهه ۽ ماڻهو رکيا آهن، جيڪي اڳوڻي دور ۾ ان دور جا خاص ماڻهو هيا. اها لسٽ پڻ طويل آهي. ان حد تائين ته علمي ۽ ادبي ادارن ۾ اهي ماڻهو مک پوسٽن تي ويٺا آهن. جن ذوالفقار علي ڀٽي ۽ محترم بينظير ڀٽو خلاف مضمون لکيا. اڄ هو وزيرن جي معرفت اقتدار ۾ ادارن جا مزا ماڻي رهيا آهن، هر دور ۾ سنڌ جو ساڃاهه وند تمام گهڻي تڪليف ۾ رهيو آهي. هن دور ۾ هو اڃا وڌيڪ پيڙا ۾ آهي جو عوامي دور ۾ به عوام جو ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي. خاص ڪري سنڌي ادب ۽ شاعر کي هڪ پلاننگ تحت حڪومت جي خلاف اڀاريو پيو وڃي ۽ قلم قبيلي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي باشعور اديب کي نظر انداز ڪندي ان کي عوامي حڪومت خلاف ڀڙڪايو پيو وڃي. ثقافت کاتي پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي ريسٽورينٽ لاءِ 88 لک روپيا امداد ته ڏني ويئي آهي. پر سنڌي اديبن جي واحد ۽ وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت کي ڪابه گرانٽ نٿي ڏني وڃي، جڏهن ته اڳوڻي حڪومت گرانٽ ڏيڻ لاءِ تيار هئي پر سنگت ڪنهن به آمر ۽ آمرن جي ويهاريل ماڻهن کان امداد وٺڻ لاءِ تيار نه هئي. هينئر سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي موجوده عوامي حڪومت خلاف اڀاريو ۽ ڀڙڪايو پيو وڃي، جنهن ۾ خود حڪومتي وزير ۽ ادارا شامل آهن.
    ان کان سواءِ جهموريت لاءِ قربانيون ڏيندڙن ۽ سختيون سهندڙ باشعور ماڻهن کي لتاڙيو پيو وڃي. اقتدار ۾ اهي سڀ شيون جائز سمجهيون وينديون آهن. پر انهن جو ردعمل ڪجهه بهتر ناهي هوندو. اڄ به ننڍڙي گريڊ وارا وڏن گريڊن جي جاين تي ويٺا آهن ۽ ڏهن سالن کان ساڳيا مزا ماڻي رهيا آهن. اسان جي وزيرن پنهنجي پسند جا دربان ۽ درٻار سجايا آهن، جن ۾ ابن الوقت ماڻهو ويٺا آهن، جيڪي واهه واهه جو ورد ڪندي انهن کي موهيندي عوام کان پري ڪري رهيا آهن، جيئن ته اقتدار جا ڪن هميشه کان ڪچا هوندا آهن، زبان تيز ۽ اکيون بند هونديون آهن. پر وقت ڪڏهن به ناهي رڪيو ۽ وهندو ويندو آهي، شيون اهي ياد رهنديون آهن، جن ۾ ڀلائي هوندي آهي، هينئر اها ڳالهه افسوس سان ڪرڻي پئي ٿي. ته سنڌ ۾ هر ضلعي حڪومت جيان پارٽيءَ جي پنهنجي ڪمان ضلعن اندر آهي. سنڌ ليول تائين اها پنهنجي مرڪزيت وڃائي رهي آهي، ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ کان وٺي هر ڪم ضلعي اندر ڪيو پيو وڃي، جنهن لاءِ هر ضلعي لاءِ وزير صاحب کي ۽ خاص ماڻهن کي ذميوار بڻايو ويو آهي. ڳالهيون گهڻيون آهن. ۽ انهن جي خبر به سڀني کي آهي پر ان تي ويچارڻ گهرجي، پارٽيءَ اندر پڻ گروهه بندي ۽ گروپ بندي قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن لاءِ هر ضلعي جي وزير صاحب کي ۽ خاص ماڻهن کي ذميوار بڻايو ويو آهي. هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته عام ماڻهن يا سنڌي ماڻهن جنهن جو تعلق به پارٽيءَ سان آهي. اهو ڪاڏي وڃي؟ ڪو اهڙو آهي جيڪو چوي ته اچ مون ڏي اچ، مان ٿو تنهنجو جائز مسئلو حل ڪريان!
    محترم شهيد بينظير ڀٽو جو رابطو سنئون سڌو عوام سان هيو. هو ڪنهن وٽ لنچ ته ڪنهن وٽ ڊنر يا ڪنهن شهر ۽ ڳوٺ ۾ عوامي جلسو ڪري اتان جي ماڻهن جي خبر چار لهندي هئي. هر ماڻهوءَ سان ملندي هئي. ۽ ڪارڪنن ۽ ورڪرن جو تمام گهڻو خيال رکندي هئي. انهن جي خبر چار وٺندي هئي. ڏکن ۽ سورن ۾ انهن جي پرگهور لهندي هئي. مان ذاتي طور ڪيترين جاين جو گواهه آهيان، لاڙڪاڻي نئين ديري ۾، عوامي ڪچهرين دوران هو عام ماڻهن سان به ملندي هئي. 18 آڪٽوبر 2007ع تي جڏهن محترم مٿان ڪارساز تي حملو ٿيو ته پاڻ سيڪيورٽي ادارن جي منع ڪرڻ باوجود جناح اسپتال ۾ زخمين سان ملڻ آئي ۽ انهن کي بند لفافي ۾ امداد به ڏئي وئي. فردن فردن هر زخميءَ وٽ پهتي، ان وقت اهو عالم ڏسڻ وٽان هيو، جڏهن هر زخمي اهو پئي چيو ته محترمه اسان ته ڇا، اسان جا ٻار ٻچا، اوهان تان قربان آهن، پوءِ محترمه وري انهن زخمي ۽ شهيد ٿيندڙن جي گهرن ۾ وئي. انهن جي ٻارن کي دلداري ڏني ۽ انهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو.
    محترمه جي وقت ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سان گڏوگڏ هر ماڻهوءَ جي عزت هئي. پر هينئر سواءِ ڪجهه ”ماڻهن“ جي ٻين کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ڪجهه پارٽيءَ جا اڳوڻ اندر گروپ بنديون ٺاهي رهيا آهن، جن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جو ان عمل سان اڳتي هلي پارٽيءَ کي تمام گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو. ۽ لڳي ٿو ته اهو ڪم به هڪ پلاننگ ۽ منصوبه بنديءَ سان ڪيو پيو وڃي. گذريل دور ۾ ڀوڳيندڙ ۽ قربانيون ڏيندڙن کي پاسيرو ڪري هر دور ۾ هلندڙن کي آڏو آندو پيو وڃي. جنهن سان هڪ تيز ۽ تکي لڪير ڇڪجي رهي آهي. هينئر اقتدار آهي، پنهنجا پراوا سڀ گڏ آهن پر آزمائش جي وقت حالتون مختلف ٿي سگهن ٿيون. سلامتي ڪائونسل جي مشير کي برطرف ڪرڻ کان پوءِ ايوان صدر جو ناخوش ٿيڻ، نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
    مخالف پنهنجي پلاننگ تحت ڪم ڪري رهيا آهن. اها ڳالهه ڪيڏي عجيب و غريب آهي ته آمرن وقت انهن ماڻهن جا وات بند هوندا آهن، جيڪي هينئر نون نعرن سان ظاهر ٿي رهيا آهن، مڊٽرم چونڊون ۽ قومي حڪومت جو مطالبو ڪري رهيا آهن، جنهن جو ڪنهن به طرح سان اخلاقي ۽ قانوني جواز ئي ناهي.
    وزير اعظم سڀني جي گڏيل اعتماد سان چونڊيو ويو آهي. صدر ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان جهموري ۽ قانوني انداز سان چونڊجي آيو آهي. جنهن وٽ اڪثريت آهي. اهو ئي حڪومت جو حقدار آهي، ته پوءِ ڪي سياسي يتيم، اهڙي قسم جو مطالبو ڪندي ڪهڙو نظام ٿاچاهين؟ اها ڪهڙي جهموريت پسندي آهي، جنهن جا نعرا ۽ دهل وڄايا پيا وڃن؟ اهي سڀئي پنهنجي آقائن جي اشاري تي هلن ٿا. جن جا چهرا نروار ۽ ظاهر آهن، اهي آمريت واري دور ۾ واهه واهه ڪن ٿا ۽ جهموريت ايندئي هڪ نئين ”ايجنڊا“ تي هلڻ لڳن ٿا، جن جي پويان اهي قوتون آهن. جيڪي ملڪ ۾ عوامي راڄ نٿيون چاهين، جو هو پارليامينٽ بجاءِ هڪ ماڻهوءِ سان رابطو ۽ ڊيل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀلو ۽ آساني محسوس ڪن ٿيون ۽ انهن جا پنهنجا سياسي ايجنڊا ان روپ ۾ وڌيڪ محفوظ ٿيڻ لڳن ٿا. انهن قوتن جا پنهنجا ماڻهو رکيل آهن، جيڪي قلابازيون کائيندي پنهنجي ڏسيل ڪرتب پيش ڪن ٿا يا عوامي طرح راڄ کي ڪمزور ڪري پنهنجا خاص ۽ نجي مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
    مڊ ٽرم چونڊون ۽ قومي حڪومت جو مطالبو ڪندڙ سڀ اهي ماڻهو آهن، جن جو پارليامينٽ سان ڪو واسطو ئي ڪونهي ۽ هو شارٽ ڪٽ طور اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ چاهين ٿا. انهن کي گهٽ ۾ گهٽ ٻئي واري انتظار ڪرڻ گهرجي، ۽ جهموريتي انداز ۾ ايندڙ چونڊون تائين خاموش ٿيڻ گهرجي پر اهو ڪير ٿو ڏسي؟ سيٽي وڃڻ تي انهن کي پنهنجو اهو ڪم ڪرڻو آهي. جن لاءِ انهن کي رکيو ۽ چيو ويو آهي. اهڙي طرح سان هي ميڊيا جو دور آهي. ان دور ۾ ميڊيا کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏاڍو آسان آهي. جو ميڊيا جو پنهنجو ملهه آهي. ڪجهه ادارن انهن جي سيٽين تي هاڻي کان ئي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ هڪٻئي کان هڪٻئي جي خلاف بيان بازي ڪرائي سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ ويڙهائي رهيا آهن ته جيئن ويڇا وڌن، الزام لڳن، گريبان ڇڪجي ۽ پوءِ سڀ لايا سجايا ٿين. اهو ڪم به تمام تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي ته وري ٻئي پاسي پاڙيسرين کان پريشر ۽ الزام لڳرائي حڪومت کي عالمي طور پريشر جي اثر ۾ آندو پيو وڃي. جنهن لاءِ ماحول ٺاهيو پيو وڃي. ۽ اهڙا اشتهار هلايا پيا وڃن ته حڪومت آهي ڪٿي؟ يعني هنن کي ملڪ اندر حڪومت نظر ئي نه ٿي اچي.
    ڪجهه ماڻهن کي خاص ڪم ڏنا ويا آهن، اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي. ته هڪڙيءَ اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين چوي ٿو ته جيڪڏهن جلد اجلاس ڪوٺايو ويو ته هو هڪ وڏي قانوني اداري جي سربراهه جي گهر آڏو احتجاج ڪندو. هاڻي هن ليول جي ذاتي عمل کي ڪهڙي نموني سان ”جسٽيفاءِ“ ڪري سگهجي ٿو؟ يا قومي ادارا پنهنجي ذاتي پسند ۽ انا جي پورائي لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا جو اُن ڪاميٽيءَ کي صرف هڪ ماڻهوءِ جي خواهشن تي هلڻ ڏنو وڃي ۽ ٻين جي راءِ جو احترام نه ڪيو وڃي ۽ انهن کي اهميت ئي نه ڏني وڃي؟
    هڪ صوبي جي حڪومت چين سان ۽ ٻين ملڪن سان، ڪهڙي حيثيت ۾ معاهدا ڪري رهي آهي؟ هو صوبي اندر پنهنجو قانون ٺاهي رهي آهي. جنهن ۾ ڪمشنرن کي بحال ڪيو ويو آهي. يعني ته هڪ ملڪ ۾ مختلف نظام آهن، هڪ صوبي ۾ هڪڙو ۽ ٻئي صوبو ۾ ٻيو، اهڙو عمل ڪيتري حد تائين درست آهي؟ ان تي سوچڻ خبر ناهي ڪنهن جو ڪم آهي؟ پر عام ماڻهوءِ جي ويچار ۾ اهڙيون ڳالهيون ضرور اچن ٿيون.
    اڳي رڳو وڏا وزير پنهنجا صلاحڪار مقرر ڪندا هيا پر هينئر صوبائي وزيرن به پنهنجا صلاحڪار مقرر ڪيا آهن. جيڪا هن نظام ۾ هڪ نئين روايت آهي. آخر اهڙي روايتن مان ڪهڙو ۽ ڪنهن کي فائدو ٿيندو؟ گذريل ڏينهن منهنجو اسلام آباد وڃڻ ٿيو. اتي ته جهان ئي ٻيو آهي. جيڪو جيئن جو تئين به نٿو لکي سگهجي جو سڀني کي خبر آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو ٽي وي چئنل بار بار اهي اشتهار هلائي رهي آهي. ته ”حڪومت آهي ڪٿي؟“ آزادانه پاليسي ڪري. هينئر هر ماڻهو آزاد آهي. هڪ ٽي ويءَ جو ميزبان، جنهن طريقي سان ڳالهائي رهيو آهي، يا جنهن جارحانه نموني سان هرڀرون تنقيد ڪري رهيو آهي. پڪ سان ان جي پويان به ڪو نه ڪو ضرور هوندو. ورنه اڻ وڻندڙ انداز ۾ ان نموني جو ڳالهائڻ اخلاق جي ضابطن جي خلاف آهي.
    اوهان غور سان ڏسو گذريل اٺن مهينن دوران پلاننگ سان وڏو ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي پويان ڪن اداران ۽ ماڻهن جون خواهشون ڪم ڪري رهيون آهن، اهو ئي سبب آهي جو ادارن اندر ۽ انهن جي ٻاهران دونهون دکايو پيو وڃي. جنهن کي ڪنهن به وقت ڦوڪ ڏئي سگهجي ٿي. ڇا هر دفعي مفاد پرست اناپرست ۽ عوام آزاريندڙ ئي ڪامياب ٿيندا؟ مختلف سياسي پارٽين جا وزير ۽ ورڪر پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. هو هڪ ٻئي خلاف جنهن مام ۾ ڳالهائن ٿا. ان جو انداز به نروار آهي، هڪڙن کي پسند جا کاتا گهرجن ته وري ٻين کي من پسند نوڪريون گهرجن، هڪڙن کي ڪارپوريشن گهرجن ته وري ٻين کي اقتدار ۾ مطلوبه مزو گهرجي. جي نه ته پوءِ نامنطور عدم اعتماد، نافرماني، عليحدگي، انهن سڀني رُخن تي سوچڻ گهرجي اڃان وقت نه ويو آهي. عالمي قوتون ۽ انهن جا مقامي پوئلڳ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، اهو چوڻ ٺيڪ ناهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي
    (روزانه خبرون ڪراچي اڱارو 20 جنوري 2009ع)


    محمد هاشم ميمڻ

    گذريل ڏينهن هن ملڪ جي هڪ سخي مرد ۽ ملنگ آفيسر سائين محمد هاشم ميمڻ سان ملاقات ٿي. سائين ڪنهن ڪم سانگي اسپتال آيو ته قرب ڪري مون وٽ به آيو. مان سائين محمد هاشم ميمڻ جو مداح آهيان. جڏهن سائين لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر هيو ۽ اتي هن کي حاتم طائي چيو ويندو هيو. اتي به هن جا دروازا عام ماڻهن لاءِ سدائين کليل هوندا هئا.
    پيرن اگهاڙا ۽ گوڏ گنجيءَ پاتل، هن جي آفيس ۽ دروازي تي بيٺل هوندا هئا ۽ انهن جا ڪم بنا ڪنهن سفارش ۽ چوڻ آکڻ جي ٿيندا هئا. ڪنهن کي نوڪري گهرجي، ڪنهن کي سلائي مشين، ڪنهن کي عمر جي حد گهٽائڻي آهي. مطلب ته جيڪو آيو ته اگهي ويو. ڪو مايوس نه ٿيو. پوءِ جيڪو اختيار يا علائقو هيو. اتي انصاف رهيو. سائين محمد هاشم ڪڏهن ڪنهن کي رلايو نه-، نه ڪنهن کي ملڻ کان سڪايو، جتي ويو اتي ماڻهن جون دعائون کٽيون ۽ انسان جي خدمت ڪئي. بنا ڪنهن مرتبي مون سائين کان پڇيو ته اڄ ڪلهه ڊپٽي ڪمشنر ته ماڻهن کان لڪندا ٿا وتن. انهن جي ملاقات ۽ ملڻ هڪ وڏو مسئلو ٿي ويو آهي. عام ماڻهو ته ڪو خوابن ۾ ٿو ڏسي. باقي ويچارن جون جتيون گسيون ٿيون وڃن. مجال آهي جو ڪو ڪامورو رڳو شرف ملاقات بخشي هر وقت ميٽنگ ۾ ويٺو آهي. رائونڊ تي ويو آهي. مهمان آيا اٿس، فلاڻي ڪم ۾ مصروف آهي، مجال آهي جو ان کانسوءِ ٻيو جواب ملي. اهي رٽيل جملا هوندا آهن، جيڪي هر وقت چيا ويندا. سائين محمد هاشم ميمڻ صاحٻ ٻڌايو ته مان ”ڊي سن“ کي چوندو آهيان ته اوهان ماڻهن جا ڪم ڪيو. خدمت ڪيو، پر هينئر ڪو آفيسر رهيو ئي ڪونهي. اسان جا ڊي سي سڄو ڏينهن ايم اين اي يا ايم پي اي وٽ ويٺا آهن، خوشامند ٿا ڪن. بدليون ڪرائڻ ۽ بدليون روڪرائڻ جي چڪر ۾ آهن. انهن کي عام ماڻهو ۽ غريب بي سهارا ماڻهو سان ڪا به دلچسپي ڪانهي. هينئر صحيح معنيءَ ۾ آفيسر رهيائي ڪونهن.
    اسان جا پوليس آفيسر ۽ عملدار ڏوهه ڪرائن ٿا. هي گهڻي ڀاڱي جيڪو ٿئي پيو.ان جا جوابدار اهئي آهن. پوليس ڏوهه بند ڪرائي ئي نٿي سگهي. جيڪي ڏوهه ڪرائن ٿا. اهي ڏوهه اڱر چاهين ته نه ٿيندا. پر اهو ڪم پوليس نه ڪندي.
    سائين ٻڌايو ته مون سکر جي هوائي اڏي تي هڪ تمام ذميدار شخصيت کي عرض ڪيو هو ته سائين! جيڪڏهن اوهان ڏوهن تي ضابطو آڻڻ چاهيو ٿا. ته پوءِ اکيون بند ڪري ڪاروائي ڪرڻي پوندي. ۽ اهو نه ڏسڻو پوندو ته ڪير ڇا هي؟ ۽ ڪير ڪنهن جو آهي.؟ بس ڏوهاري کي پڪڙڻو آهي. پوءِ اهو ڪير به هجي ۽ ڪٿان جو به هجي.
    سائين محمد هاشم ميمڻ صاحب سکر ڊيويزن جو ڪمشنر پڻ رهيو آهي انتظامي مشنري کان هو چڱي طرح واقف آهي.۽ ماڻهن کي سڃاڻي. مان هڪ عرض ڪندو هلان ته ميمڻ صاحب اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به لچ يا لوفر جو ڀر جهليو نه رهيو آهي. پاڻ ان جي خلاف رهيو آهي. اهو رڪارڊ رڳو هن جو ئي آهي. ٻيو ڪو آفيسر اهڙو ڪو نه سُجهي. اهڙا آفيسر ٻيا به هوندا، پر اسان جيڪو هن شخص کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي. اهو بيان ڪيون ٿا.
    هن جهڙو نرم، فقير ۽ ٻاجهارو شخص ورلي ڪو هوندو. هونئن ته آفيسر ٻيا به کوڙ هوندا ۽ سٺا به هوندا، پر اهڙو صاف گو ۽ سچار، شايد ڪو هجي.
    سائين محمد هاشم جو پوليس ۽ ٻين عملدارن متعلق، تجويز، يقين هڪ وڏو تجربو هوندو. ان جي روشني ۾، اسان سمجهي سگهون ٿا. ته سنڌ ۾ بدامني جا سبب ڪهڙا آهن؟ پر انتظار آهي ڪنهن اهڙي مرد مجاهد جو جيڪو سچ کي سچ چئي ۽ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي. اڄ نه ته سڀاڻ، نيٺ ته ڪو ايندو.
    جو خدا اڃان انسان مان شايد مايوس نه ٿيو آهي.
    (روزنه خادم وطن 30،31 ڊسمبر 1990ع)


    ڪُتي جو چڪ

    صحافتي دنيا ۾ نصابي طور ”خبر“ جي وصف ڪجهه ان ريت آهي ته جيڪڏهن ڪتي ماڻهن کي چڪ پاتو ته اها خبر ڪانهي پر جيڪڏهن ماڻهو ڪتي کي چڪ پاتو ته اها خبر آهي.“ يعني ڪتو، ڪتي کي چڪ پائي خبر ناهي يا ماڻهو ماڻهو کي چڪ پائي ته به خبر نه بڻي حالانڪ ڏنو وڃي. ته اسان وٽ مليل جليل سڀئي ڪم ٿين پيا هتي ڪتا ڪتين کي چڪ پائن پيا ته وري ماڻهو ماڻهن کي به چڪ پائن پيا ۽ چڪ به اهڙا جو توبهه ويچارا جانور به ايترا اُٻهرا نه آهن. جيترا هي بندا ۽ بندي جا پتر، جيئرا ته جيئرا هتي مئلن تان به ماس ڪوريا ٿا وڃن اوهان روزانو خبرن ۾ ڪيتريون ئي اوناڙيون ۽ چڪ ڏسندا هوندا. پر اهڙيون ڳالهيون شايد اسان جي ماڻهن کي وائڙو ۽ حيران نٿيون ڪن. جيترو يورپ ۽ ايشيا جي پڙهيل لکيل قومن کي پريشان ڪن ٿيون اسان وٽ پٽڪو لاهڻ، بيماني ڪرڻ ۽ لاهه ڪڍڻ هڪ رواج آهي. ان کانسواءِ اسان جو مزاج ئي نٿو ٺهي پر تازو اخباري دنيا ۾ هڪ خبر وڏي هلچل مچائي ڇڏي ته ماڻهو ڪتي جي نڪ کي چڪ پاتو، حالانڪ اسان وٽ ماڻهو قتل ٿي وڃن ٿا. ۽ قاتل گهمندا وتن ٿا، انهن کي ڪجهه نٿو ٿئي پر ڪٿي ته گگدامن چڪ پائڻ تي ماڻهو سزا ٿا کائن اها خبر هن ريت آهي. ته برطانيه جي ڏاکڻي حصي ۾ پرائٽب جي عدالت ڊيوڊ هالبس نالي هڪ 20 سالن جي نوجوان کي پنهنجي ڪتي جي نڪ تي چڪ پائڻ جي ڏوهه ۾ هڪ سئو پائونڊ ڏنڊ وڌو ڊيوڊ هالبس خلاف حيوانن سان بيرحمي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. رائل سوسائٽي جي انسپيڪٽرن شاهدي ڏني پيوس نالي ڪتي جو ڦٽيل نڪ هيو ۽ ان تي ڏندن جا نشان هيا. ڊيوڊ هالبس عدالت ۾ حاضر نه ٿيو پر هن الزام مڃيو ته هن ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته نڪ تي چڪ پائڻ ڪتي کي سزا ڏيڻ جو بهترين طريقو آهي. خبر ناهي ته اسان جي ملڪ ۾ ان طريقي تي عمل ڪيو ويندو يا نه؟ يا ڪو هتي به ڊيوڊ هالبس جهڙو جوان پيدا ٿيندو!!
    پر ماڻهن کي چڪ پون ٿا ۽ مختلف طريقن سان اهو عمل جاري آهي. ۽ اهڙا ڪم اسان جا ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا، ماڻهو ڪن پيا اهڙا ماڻهو نڪ جا اڳئي پڪا ٿين. ان ڪري انهن جي اها چنتا به پليل آهي. هتي ماڻهو ڪتن کي چڪ ته نٿا پائن باقي ڪتن تان ماڻهو وڙهن ٿا. ۽ مرن ٿا. اها خبر هن ريت آهي. ته جيڪا خبر به شايد خبر جي وصف ۾ اچي ٿي. چمبڙ ۾ ڪتن جي جهيڙي کانپوءِ ڪتن جا مالڪ پاڻ ۾ وڙهي پيا تفصيل موجب 8 ڊسمبر تي رات جو چمبڙ لڳ جاڙو ڪپري ۾ نذير جا ڪتا پاڻ ۾ وڙهي پيا جنهن تي جاڙي ڪپري جي ڪتي نذير جي ڪتي کي ڦٽي وڌو نذير کي ڪاوڙ اچي وئي نذير عزيز ۽ ارشاد سان گڏجي ڪتي جي ڦٽجڻ جو پلاند جاڙي ڪپري کان ورتو ۽ هن کي ڏنڊن ۽ ڪهاڙين سان ڦٽي وڌو يعني هتي ڪتن ماڻهو به وڙهائي وڌا، هونئن به اسان وٽ ڪبوترن ڪڪڙن ۽ ڪتن تي ويچارو انسان وڍبو رهجي ٿو ۽ جانور سان هي محبت جو هڪ عجيب و غريب مثال تازو ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي موقعي تي محترم سائين علي نواز وفائي کان ڪنهن پڇيو ته هي اوهان جانورن وارو کاتو ڏٺو آهي جنهن جي جواب وفائي صاحب هنيئن جواب ڏنو ته انسان جي گهڻي خدمت ٿي آهي هاڻي هنن بيزبانن جي به خدمت ڪيون. وفائي صاحب جا هونئن ته گهڻا نڪتا آهن پر هي نڪتو ڪجهه وڌيڪ فلسفي ۾ آهي. وفائي صاحب جو هڪ اڃان نڪتو اهم هيو ته سنڌ کي سنڌين کان بچايو مان سمجهان ٿو ته هي وڏو سچ آهي. ۽ وفائي صاحب کي داد ڏيان ٿو. شايد وفائي صاحب پاڻ سنڌي آهي.
    (روزانه خادم وطن 20-21 ڊسمبر 1990ع)


    چوڌري، سنڌ ۽ ڊوميسائيل

    گذريل هفتي ڪراچيءَ ۾، ڪنهن دوست جي معرفت، پي پي آءِ، جي هڪ چوڌري سان ملاقات ٿي، چوڌريءَ جون ڳالهيون ٻڌي ائين لڳو ته اسين ڪي وڻجارا آهيون، پنجاب ته آهي ئي انهن جو، پر سنڌ به گدڙن کاڌي آهي، يعني ڪراچي بقول ان صاحب جي ، هلي ئي چوڌرين تي ٿي، هن دعويٰ هي ڪئي ته هتي اهو ڪجهه ٿيندو، جيڪو اسين چاهينداسين مون چيو ته، پنجين قوميتن جا داعي به ائين ٿا چون، آخر سنڌيءَ ماڻهو سان اهو عذاب ڇو آهي؟ جو انهن جي پنهنجي ڌرتي به ان هن جي پنهنجي ناهي، اها به اوهان ۽ اوهان جهڙن ٻين جي هٿ لڳي وئي آهي، چوڌري ميان جوان هيو، سو جذباتي ٿي ويو چيائين ڪراچيءَ ۾ ئي منهنجو اڪيلي جو چئن پنجن لکن جو ڏهاڙيءَ جو واپار هلي ٿو، جتان منهنجي چڱي خاص بچت ٿئي ٿي.
    چيو مانس، ڀلا انڪم ٽيڪس گهڻي ڏيندو آهين؟
    چيائين، انڪم ٽيڪس ته گهٽ ڏيندو آهيان، باقي انڪم ٽيڪس وارن کي ٽُڪر ضرور وجهندو آهيان ۽ ڪراچيءَ جو سڄو واپار ائين ئي هلي ٿو، نه صرف مان ائين ڪيان ٿو، پر پوري ڪراچي ئي اهڙو وهنوار ڪري ٿي هتي ماڻهو پنهنجا گهر، بئنڪ بيلنس ۽ گاڏين جي فڪر ۾ آهن، جيڪڏهن هتي ايمانداريءَ وارو وهنوار ۽ واپار هلي ته پوءِ هي پلازا، اسڪيمون ۾ گاڏيون نه هلن، نه ئي وڌن، توهان جائزو وٺو، ته هتي انهن شين جي واڌ توهان کي گهڻي، تڪڙي ۽ وڌيڪ نظر ايندي.
    مونکي چوڌري وڻيو نه پئي، پر هن جي ڳالهين ۾ سچائي ۽ حقيقت هئي. ۽ هو پنجابي فلمن وانگيان ڀڙڪون ماري رهيو هو، هو پنهنجي اهڙن فتوحات تي مرڪي رهيو هو. ان وقت مونکي ڪراچي جي لياري، ملير ۽ ٻين قديم علائقن جو خيال آيو، جيڪي اڃا ساڳي حال ۾ آهن چوڌري چيو ته ڪراچي ۾ اسان ننڍو پنجاب آباد ڪيو آهي، هي مني پاڪستان نه، پر ننڍو پنجاب آهي مون کي ويتر اها حيرت به لڳي، ته هن منهنجي سامهون اهو سڀ ڪجهه بنا ڌڙڪ ۽ بي پرواهيءَ جي چيو ٿي مون ان وقت ان چوڌريءَ کي سندس ۽ سندس همراهن جي ڪردار، ڪمائيءَ جا ذريعا ۽ ٺڳيءَ جا طريقا پئي ٻڌايا، ته انهن جو اهڙو ڪردار ڏاڍو ڀيانڪ آهي جو اصلي وارثن کي هو ائين ٿا محسوس ڪن چوڌري کي چڙ لڳي ۽ هن سنڌي ڪامورن کي خوب گاريون ڏنيون ۽ چيائين اهڙا ڪامورا رڳو پنهنجا ڀڀ ٿا ڀرين ۽ پنهنجي صوبي جي خلاف ٿا ڪم ڪن هو سنڌ، سنڌي ۽ ان احساس محرومي جو فائدو وٺي نوڪريون وٺن ٿا، ۽ پوءِ بي غيرت ٿين ٿا.
    ان وقت چوڌري جذباتي ٿي ويو ۽ مون کي هڪ چئلينج ڏنائين، مان ان چئلينج قبول ڪرڻ کان مجبور آهيان، جو پڪ نه اٿم پنهنجي ديس جي جاين تي ۽ هتي رهندڙ ڌاري ئي دلال تي،
    چوڌريءَ جي چئلينج لاءِ اڄ هن ڪالم ۾ مان سنڌ جي سپوتن کان مدد گهرڻ ٿو چاهيان ۽ انهن جي خاطري ٿو چاهيان.
    ديس، ڌرتي، قوم ۽ قوم پرستي جي رانديگرن، بازيگرن ۾ واپارين کان هڪ سوال آهي، هڪ شرط آهي، هڪ چئلينج آهي، جيڪو چوڌري مون کي ڏنو آهي مان سڀني کي ٿو ڏيان ته منهنجي مدد ڪريو.
    مسئلو به اسان جو آهي، يعني منهن به پنهنجو ۽ موچڙو.....، پر دوستو مان هارائي ويٺو آهيان، هي منهنجو اڪيلي جو مسئلي ناهي، پر منهنجي وجود، قوم ۽ ڌرتيءَ جو مسئلو آهي. ان ۾ منهنجو ساٿ ڏيو.
    چوڌري جو چوڻ آهي ته، تون، سنڌ جي جنهن به ضلعي جو چوين مان ڊوميسائيل ٺهرائي ٿو ڏيانءِ يا وري تون هيڏي ساري پنجاب مان. ڪٿان به ڊوميسائيل ٺهرائي ڏي.يا پنج لک روپيا انعام وٺو يا ڏيو، مان چوڌري جي ان چئلنج کي قبول ڪيان يا نه؟ هيڏي ساري سنڌ مان، آهي ڪو اهڙو، جيڪو خاطري ڏياري ته هتي ڪوڙو ڊوميسائيل نٿو ٺهي سگهي يا ڪو آهي اهڙو جيڪو دعويٰ سان چئي سگهي ته هو سنڌي ماڻهوءِ جو پنجاب مان ڊوميسائيل ٺهرا ڏيندو!
    دوستو! مان منجهي پيو آهيان مان بي دلي ٿي پيو آهيان ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کي ڦرندو ۽ پاڻ کي ڪِرندو محسوس ڪري رهيو آهيان، مونسان گڏ منهنجي ڌرتي به روئي رهي آهي.
    (روزانه عبرت 18 اپريل 1990ع)


    اديب ۽ اختلاف

    چوريون، ڌاڙا، ڦرون، رڳو رستن، روڊن ۽ ڳوٺن ۾ نه ٿينديون آهن، پر اهڙا ڪم، آفيسن، ادارن ۽ ڪتابن ۾ به ٿيندا آهن. ادارن ۽ آفيسن جون ٺڳيون اوهان اخبارن معرفت پڙهو پر ڪتابن جون ٺڳيون. جيڪي انتهائي خطرناڪ آهن شايد ايتريون ”وائکيون“ نه هجن، پر الله جا بندا اهڙا کوڙ آهن. جيڪي ڪتاب جا ڪتاب چوري ڪن ٿا. ۽ ويچارن غريب ۽ گمنام ليکڪن جا نالا مٽائي، پنهنجي نالي تي رکي، اسان وٽ وڏا عالم ۽ اڪابر ليکجن ٿا. هونئن ته اهڙا نالا ججها آهن، پر هڪ نالو هينئر تمام مقبول ٿيو آهي. ۽ بين العقوامي حيثيت ماڻي اٿائين، اهو آهي هن صدي جو مشهور ”ٺڳ“ ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي لاڙڪاڻوي و غفورآبادي.
    ڳالهه علم و ادب جي آهي، ان ڪري ان تي دليل به علمي ٿيندو مون ميمڻ صاحب سان اڃان تائين ملاقات نه ڪئي آهي ان ڪري ان نعمت کان محروم آهيان، پر سائين جو نالو تمام گهڻو ٻڌو اٿم، سترنهن سال اڳ، جڏهن لاڙڪاڻي جي هڪ استاد ۽ اسان جي ان وقت اسڪول ٽيچر سائين شيخ نياز احمد ”نياز“ مون کي هڪ ڪتاب ڏنو هو، ”ميان مٺو“ ان وقت مون کي هن ڪتاب جو نالو عجيب لڳو هو ۽ ٻيو ميمڻ عبدالغفور سنڌيءَ جو ڪتاب ”ميان مٺو“ دراصل هڪ وڏي واردات هئي جيڪا ميمڻ عبدالغفور سنڌي ، هن محنتي استاد سان ڪئي هئي نياز صاحب سنڌي جو استاد هيو، ان ڪري هن جيڪا محنت ڪئي ۽ سنڌي اشتقاق ۽ محاورا جيڪي ترتيب ڏنا هئا ۽ ڇپايا هئا، ميمڻ عبدالغفور انهن مان ڳچ پنهنجي نالي تي ڇپائي ڇڏيا ۽ ٻين جي غلط معنيٰ ڪڍي، پنهنجو نئون تحقيقي ڪم ڪيائين، ”ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي الهيار“ ڳالهه ٺهي نه ٺهي ميمڻ جو ڪتاب ته ٺهيو. منهنجي سانڀر ۾ ان نوعيت جي پهرين اها ادبي چوري ۽ ڦر هئي، جنهن ڪري ميمڻ عبدالغفور سنڌي ڪيترو وقت ادبي ۽ تعليمي ادارن کان روپوش رهيو. ۽ اڄ ڏينهن تائين استاد شيخ نياز احمد ”نياز“ اهو ڪتاب ”ميان مٺو“ مفت ورهائيندو پيو وتي، جو ان حوالي سان سندس مڃتا ٿي آهي.تازو ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ پارس رسالي (مئي واري پرچي) ۾ هڪ مضمون لکيو آهي، هي آهن اسان جا دانشور ۽ محقق جنهن ۾ هن ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي جي پي ايڇ ڊي ٿيسز ”اوڻويهين صديءَ جا نثر نويس“ ۾ جڙتو ڳالهايون ۽ ادبي ڪوڙ ظاهر ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ديوان ڪوڙ مل چندن مل جي ڪتاب ”اصول علم طبعي“ جي ٻولي، مواد ۽ سٽاءُ جي نه صرف غلط تحقيق ڪئي آهي، پر ان کي طب جو ڪتاب ڪوٺي، مغز، نڪ، ڪن، اکيون، دل، خارش، جيري، تري، آنڊا، بڪيون، زنانيون، مردانيون چمڙي سَنڌَن جو سور، ڦروڙيون، سوڄ ۽ بيمارين جي حوالي سان انهي جا علاج ۽ طريقا ڏنا اٿس، پرهيز ۽ غذا ٻڌائي، اٿس جڏهن ته اهي ڳالهيون ڪتاب ۾ آهن ئي نه، ۽ بقول ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ته اهو ڪتاب ”نيچرل سائنس“ تي آهي. ”طب“ تي ناهي، مان سمجهان ٿو هي پنهنجي صدي ۽ نوعيت جو وڏو الميو آهي. هاڻي ايڏو وڏو ڪوڙ ۽ ڌاڙو جيڪو علم ۽ ادب جي نالي ڪيو پيو وڃي، ۽ افسوس ته علامه قاسمي صاحب، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي کي اها خبر نه پئي، جو انهن کيس وڏي ۾ وڏي علمي ڊگري يعني پي ايڇ ڊي ڏئي ڇڏي، مان سمجهان ٿو ته ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ان ڊاڪٽر جي چڪر ۾ آهي، اهي بيماريون، علاج ۽ طريقا لکيا آهن، جيڪي اڳتي هلي کيس ڪم ايندا سنڌ يونيورسٽي اختياري وارن کي هن معاملي ۾ سنجيدگيءَ سان جاچ ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڪوڙ جي ڪري سندس ڊگري واپس وٺڻ گهرجي. جو اڳتي ڪو به اهڙو ڪم ۽ جرئت نه ڪري مامن ۽ چاچن جي معرفت علم سان ايڏو وڏو مذاق نه ٿئي ته چڱو هي ڪو معمولي ڪم ناهي، پر هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙ آهي. جنهن کي ”گينز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊ“ ۾ ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن يونيورسٽي ڪجهه نٿي ڪري ته پوءِ ائين چئبو ته اتي چوري، ٺڳي، جائز ۽ حلال آهي. ۽ انهن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي، دنيا ۾ اهڙو مثال نه ٿيندو، ان ڪري هي نئون مثال پيدا ڪيو وڃي، جيئن علم جو مان مٿانهون ٿئي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي جي شخصيت لاءِ ، سچل ڪانفرنس وقت مونکي ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ٻڌايو ۽ لکي ٿو ته هڪ ڏينهن چيم، اها غفور آباد وري ڪٿي آهي؟ ميمڻ صاحب چيو ته ، اڄ ته ڏيکاريائين، سو مون کي به شوق پيدا ٿيو. لاهوري محلي ويس ڊاڪٽر پنهنجو هڪ پلاٽ ڏيکاريو جنهن جي چوڌاري ڀت هئي،
    چيائين هي اٿئي غفورآباد.
    چيم، يار هي ته تنهنجو ننڍڙو پلاٽ آهي، جيڪو رهڻ جي قابل به نه ٿيو آهي، هي ڇا ٿو چوين!!
    چيائين، اديبن ۽ عالمن نالي پويان اڳتي هلي پاڙا مشهور ٿيندا، بهرحال منهنجي غفور آباد هي آهي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ٻڌايو ته هتي پنهنجو نئون شهر ٿو اڏڻ چاهي، ان موقعي ته وري ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي ٻڌايو ته مون سندس (ميان عبدالغفور) جو ڪتاب پڙهيو آهي جنهن جي پويان ”اقوال عبدالغفور ڏنل آهن“
    هاڻي هي سڀ ڳالهيون پڙهڻ کانپوءِ اوهان سمجهو ٿا ته ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ان قابل آهي ته کيس پي ايڇ ڊي ڏني وڃي؟ مهرباني ڪري ادب سان اهڙو مذاق بند ڪيو وڃي.
    سنڌي ادب ڪو تپيدار جو تپو ڪونهي، نه ئي ڪنهن ٿاڻي جي حد آهي جتي هڪ ماڻهو پنهنجون، من مانيون ڪندو، پر سنڌي ادب ۾ علم جو اهو آبشار آهي، جتي ڪک پن ۽ ڇپون به لڙهي وڃن ٿيون.
    ڪي محقق ته وڏي جاکوڙ ڪري، نور نچوئي پي ايڇ ڊي ڪن ٿا، پر ڪجهه ماڻهو ڪنهن هڪ جي خوشامد ڪري، هتان هتان مواد گڏ ڪري، ترتيب ڏني جيڪو ڊاڪٽريءَ جو بيج هڻن ٿا. انهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. هاڻي فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي ته ، جيڪڏهن اسان وٽ عالمن ۽ اڪابرن جو اهڙو حال آهي ۽ خودساخته دانشورن ۽ ڊاڪٽرن جو اهڙو معيار رهيو آهي ته پوءِ باقي تعليم ۽ ادب جو ڇا ٿيندو؟
    (روزانه عبرت 19 مئي 1990ع)


    ڳالهيون تنهنجين ڳالهين جون

    روزانه آفتاب جي چوٿين مئي واري شماري ۾، جناب غلام قادر سومري جون ”ابتيون سبتيون ڳالهيون“ ڇپيون آهن، سومري صاحب جيڪڏهن پنهنجي ٽائيٽل کي نڀايو آهي ۽ رڳو ابتيون سبتون ڳالهيون ڪيون آهن ته پوءِ شايد سندس نقطئه نگاهه کان ٺيڪ هجن، جو سنڌي ۾ ”ابتيون سبتيون ڳالهائڻ“ جو محاورو اڳ ئي رائج آهي پر هن قصي ۾ سبتو گهٽ، ابتو ڪجهه وڌيڪ ئي آهي. جناب سومري منهنجي هڪ خط، جيڪو مون ماهوار نئين زندگي جي اسسٽنٽ ايڊيٽر جناب شعبان بخت ڏانهن لکيو آهي.جنهن ۾ غزل جي ادبي بحث کي ڇيڙيو ويو آهي، حالانڪ اهو خط ڏيندي مون بخت صاحب کي گذارش ڪئي هئي. اهو ان جو جواب يا ادبي بحث شروع ڪرائي. پاڻ لکي، يا ”لاٺڙيئي“ کان لکرائي جو مونکي خبر هئي ته ادب ۾ به ڪيترا ”اشاري باز“ آهن. جو هي بحث ٻن ڌُرين يعني ترقي پسندن ۽ رجعت پسندن ۾ هڪ نئين ڳالهه کي جنم ڏيندو، پر ڏک اهو آهي ته جناب شعبان بخت نه جواب ڏنو، نه بحث ڪيو، نه بحث کي وڌايو. پر سندس پاران جناب غلام قادر سومري ڀرپور وڪالتي خط لکيو. جنهن ۾ وڪيلن جي ڳالهه وانگر لڳو ته به واهه واهه، نه ته به واهه واهه بهرحال جناب غلام قادر سومري کي واهه واهه گهرجي.سا ٿي يا نه؟ باقي ها ها ته ٿيندي. مون پنهنجي ان خط ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وڏن ۽ مشهور شاعرن جا حوالا ڏنا هئا، جنهن ۾ شيخ اياز، ايم ڪمل، تنوير عباسي، استاد بخاري، بشير مورياڻي، مخدوم امين فهيم ۽ ٻيا شامل هئا. ۽ مثال ڏنا ته انهن جا غزل ساڳيا آهن، ۽ ڪافي وقت کان اهڙي روايت رائج آهي. جيڪي اهم جاين تي ڇپيا پڻ آهن. جيڪي سڀ.ي شاعرن جي ميدان ۾ جناب شعبان بخت کان وڏا شاعر آهن. مزو وري اهو ته جناب غلام قادر سومري جواب ڏنو آهي. جيڪو شاعر نه آهي. نه شاعري تي پي ايڇ ڊي ڪئي اٿائين. شاعري هڪ تجربي ۽ مطالعي وارو علم آهي. جيئن ڪو به ماڻهو طب جو ڪتاب پڙهي ڊاڪٽر نٿو ٿي سگهي. نه ئي ڪو ڪيمسٽري پڙهي ڪيميا دان ٿي سگهي ٿو، باقي جناب غلام قادر سومري جو ذاتي اختيار آهي، ته جئين وڻي تبصرو ڪري. پي ايڇ ڊي مزاحيه ادب تي، لکي عالم، ۽ تبصرو ڪري شاعري تي، بحث به اهڙو جو ڏاچي هڻي ڏهه ته تو ڏو تيرنهن.
    بخت صاحب ان ڪري به رايو نه ڏنو، جو ان کي شاعري ڪندي گهڻو عرصو گذاريو آهي. پر غلام قادر سومري جيڪي هٿوڙا هنيا آهن انهن جو ڪو جواب ئي ڪونهي. لڳي ٿو ته پاڻ نئين ڪا ٿيسز ٿا لکن جو ڊاڪٽري سولي مليو وڃي، سندس اصلي ٿيسز تي بحث ٻئي دفعي- ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن همراهه کي اچي عالم ٿيڻ جو خفت ٿيو. همراهه وٺي اسلامي ڪتاب پڙهيا. ”بهشتي زيور“ به کيس هٿ اچي ويو، نئين عالم سڳوري ان مان ڪجهه ٽڪرا ڪڍيا ۽ پنهنجي استاد ڏي آيو. چيائين قبلا! هن ۾ ته هو هو به آهي. استاد ڏٺو ۽ اطمنيان سان کيس چيو اهو تنهنجو ذهني اختراج آهي. ورنه هن ۾ ته هي هي به آهي. سو جناب غلام قادر سومرو ڀل ته هو هو ڏيکاري پر ان ۾ هي هي جو به مطالعو ڪري. شاعري ڪا پي ايڇ ڊي ته ڪانهي جو هر ماڻهو چاهي ڪري سگهي ٿو. يعني ڳالهه آهي رينگٽ جي. سو سومرو صاحب جڏهن غزل جي ڳالهه لکي ٿو. ته اڳ ئي ڏنگيءَ ۾ فتوا طور لکي ٿو (جيڪو غزل ڪنهن به صورت ۾ ناهي) هونئن به اهڙيون فتوائون اڳ هڪ مخصوص طبقو جاري ڪندو هيو، اڄ ڪلهه اهڙا کوڙ ڀائي پيدا ٿيا آهن. جيڪي مون پنهنجي خط ۾ مثال ڏنا آهن. اهي نظرانداز ڪري هڪ پاسو وٺي مڙئي ڳالهوڙو بڻايو ويو آهي. جناب غلام قادر سومرو لکي ٿو. ته حقيقت هي آهي ته شعبان بخت صاحب جو آزمودو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي عمر ”هاڻي ان لاءِ عرض آهي ته علم ۽ مطالعي ۾ عمر نه ڪڇبي آهي. جناب غلام قادر سومري جا مٽ مائٽ جڏهن بيمار ٿيندا هوندا. ته آپريشن لاءِ ڳوٺ جي ڪنهن آزمود گار بزرگ بجاءِ ضرور ڪنهن ڪالهو ڪي ڇوڪري ڊاڪٽر ڏي ويندا هوندا. اتي عمر ڪم نه ايندي پر ان شعبي ۾ ڄاڻ جي ضرورت آهي. علم ۽ مطالعي ۾ ڄاڻ جو دخل آهي. ورنه عمرون ته جانورن جون به وڏيون ٿينديون آهن.
    سومرو صاحب ٻئي هنڌ لکي ٿو ”قليچ بيگ لکي ٿو ته اصطلاحي معنيٰ موجب اهو شعر جنهن ۾ پنجن کان وٺي ٻارنهن تائين بيت هجن. جي قصيدي وانگر هجن. يعني هم وزن ۽ هم قافيه ۽ پڇاڙيءَ واري بيت ۾ شاعر جو نالو يا تخلص اچي ٿو.
    ....... مهڙ بيت کي ”مطلع“ پڇاڙي کي ”مقطع“ چئجي ٿو. هاڻي اوهان پاڻ پڙهيو. ته اتي ڪٿي به ائين لکيل ڪونهي ته جنهن غزل ۾ ”مطلع“ نه هوندو ان کي غزل نٿو چئي سگهجي. ٻيو ته قليچ بيگ صاحب نج فارسي واري ماحول جي ڳالهه ڪئي آهي. شاعري (نعوذبه الله) ڪلام الاهي ته ڪونهي جنهن ۾ ترميم نٿي ٿي سگهي. ان ۾ وقت ۽ موضوع جي لحاظ کان تبديلي نٿي آڻي سگهجي؟ اها ته رجعت پسندانه سوچ آهي. هي سائنس جو دور آهي جتي تجربا ٿيندا پيا رهن غزل جڏهن عربي مان فارسي ۾ آيو ته ان ۾ به ڪيتريون ئي تبديليون آيون جنهن ۾ موضوع هئت، مصراعون شامل آهن.. پوءِ جڏهن فارسي مان سنڌيءَ ۾ آيو ته ان ۾ به تبديلي فطري آهي. ان تي هي ايڏي بخيلي ڇو؟؟ ۽ ٻيو ته لفظ اصطلاحي معنيٰ کي ڇو ٿو نظرانداز ڪيو وڃي. اڃان اڳتي جناب غلام قادر سومرو، شيخ ابراهيم خليل ۽ جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي کي ”ڪوٽ“ ڪيو آهي. پر اتي به ائين ناهي لکيل ته بنان ”مطلع“ جي غزل ٿي نٿو سگهي. اها ڳالهه سڀ کان اهم آهي.
    اڃان اڳتي هلي جناب غلام قادر سومرو صاحب ٻڌائي ٿو ته ڪامياب غزل نگار لاءِ هيٺين ڳالهين جي ڄاڻ هجڻ ضروري آهي. 1 علم عروض جي ڄاڻ 2 عروضي شاعري جو وسيع مطالعو 3 اصلاح ڪنهن استاد شاعر کان رهنمائي طور شعر ۾ ورتل اصلاح 4 طبع آزمائي (غزل جي صنف ٿي ڇپيل يا لکيل غزل جو مناسب تعداد
    مان سمجهان ٿو سندس هي معيار هن دور لاءِ ضروري ڪونهي. پر جيڪي ڳالهيون سواءِ جي شاعري تي هاڻي ڪتاب گهڻا آهن. ۽ ٻيا ذريعا پڻ لکيل آهن. پاڻ منهنجا ڪتاب پڙهي ته خبر پئجي وينديس. باقي سرٽيفڪيٽ وٺڻ پنهنجي عادت ڪانهي. ۽ سو به جناب غلام قادر سومري کان جيڪو شاعر ئي ناهي.
    آخر ۾ جناب غلام قادر سومري ۽ ٻين اهڙن عالمن کي گذارش آهي ته اوهان هر ڳالهه کي مذاق نه سمجهو ۽ مشڪري واري انداز ۾ نه وٺو. اوهان پنهنجي محدود ۽ مخصوص ڄاڻ جي ڇاپ نه هڻو ۽ فتوائن جا تير نه وسايو پر سائنسي طور مطالعو ڪيو. علم وهندڙ پاڻي آهي جنهن ۾ ڦيراءُ ۽ وڌاءُ وقت سر ڪيو وڃي ٿو.
    باقي مالڪ آهيو ”ابتيون سبتيون ڳالهيو“ ڪيو، يا بلڪل ابتيون ان کي ڪير روڪي؟ اها اوهان جو شخصي راءِ آهي. باقي ڪالم هڪ ڀيرو ضرور پڙهو ۽ ان ۾ پنهنجا محاورا ۽ ٻول ڏسو. جواب طور گلن جا هار نه ملندا پر رعايتي لفظ آهن جيڪي قبول ڪجو.مهرباني
    (روزانه آفتاب حيدرآباد، 19 مئي 1990ع)


    ڀينڊو منهنجو جگري

    ڀينڊو منهنجو جگري يار آهي. هو وڏو کڙپيل ۽ چالاڪ آهي. پر سندس انداز اهڙو آهي. جهڙوڪر کيس ڪا خبر ئي نه هجي. ۽ هو ٻين وٽان خبرون ڪڍڻ جو ماهر ليکيو ويندو آهي. اڄ ڪلهه ڀينڊو بمع پنهنجي اهل و عيال جي بُک هڙتال تي ريسرچ ڪري رهيو آهي. بک هڙتال جي طريقه ء واردات ۽ نئين انداز ۽ ان جي رنگين انجام تي، هو ڪا ٿيسز لکڻ ٿو چاهي. ٿي سگهي ٿو، موجوده طريقه ڪار تحت بک هڙتال تي به پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي. جو هت اڳ ئي بنا بک هڙتال جي سنڌيءَ ۾ اهڙا کوڙ آهن. جن کي ڊگريون ڏنيون ويون آهن. هونئن به لڳي ٿو هتي بک هڙتال جو ”فيشن“ عام ٿيندو پيو وڃي.
    ”ڀينڊي مونکان پڇيو، بک هڙتال آخر آهي ڇا“؟
    چيم، بادشاهه، توکي اڃان خبر ناهي چيائين، بک جو هڙتال سان اسان جو ڇا؟
    چيم، هي توکي ڇا ٿي ويو آهي. چيائين، ٻڌو اٿم ته بک هڙتال ۾ ماني نه کائبي آهي. باقي فروٽ، جوس، شربت، پاڻي کوڙ ....وغيره به .
    چيم، اصل اَن جي آهي. اَن آهي ته ايمان آهي.
    پڇائين، ان سڄي قصي ۾ ڀلا اَن جو ڪهڙو ڏوهه؟
    چيم، اها ڳالهه في الحال توکي سمجهه ۾ نه ايندي، ڀينڊا!
    چيائين، بسڪوٽ پيسٽري کائي سگهجن ٿيون.
    چيم، رات جو چوري ڇُپي ماني به کائي سگهجي ٿي. ۽ اڪثر کائبي آهي پڇائين، ڀلا بک هڙتال ٻاهر ويهڻ جي بجاءِ گهر ۾ ڪجي ته.؟
    چيم، اڳ ۾ تي ائين ٿيندو هيو. هينئر سائنس ترقي ڪئي آهي. ماڻهو گهرن ۾ به بکون ڪاٽن ٿا.
    پڇائين، بک هڙتال ۾ مٿان جهرڪيون ڇو ويهنديون آهن.
    چيو مانس، اهو پروموشن آهي. هينئر جهرڪي ويهڻ کان پوءِ ماڻهو پير ٿا سڏائن. اڳي ڏن ڪاري مان اڇو ٿيندو هيو. هينئر ماڻهو به اهڙا رواج وجهن ٿا.
    چيائين، ڀلا جيڪڏهن ڪا ڳجهه ويهي ته.........
    چيم، ڳجهه جي مٿان ڳجهه ڪيئن ويهندي؟
    ڏٺم ته ڀينڊي کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. هن وري پڇيو. کيس ڇڙب ڏيندي چيم، ته ڪا فضيلت وارن جي ڳالهه ڪر.
    ڀينڊي وري پڇيو. ڀلا ماڻهو بک هڙتالون ڇو ڪندا آهن.؟ چيم، اڳ انصاف خاطر، ظلم خلافِ حق لاءِ ماڻهو بک هڙتال ڪندا هئا، پر هينئر قاتل ڇڏائڻ، ماڻهو مارڻ ۽ مارائڻ لاءِ بک هڙتال پئي ٿئي.
    ڀينڊي پڇيو، پوءِ اها ته غلط آهي نه!
    چيم، تنهنجي چوڻ يا نه چوڻ سان ڇا ٿيندو؟
    نه تون ماڻهو پڪڙي سگهين ٿو، نه ٻڌي سگهين ٿو ۽ نه ئي ان کي شربت ۽ کير پيئاري سگهين ٿو. پوءِ خواهه مخواه مٿو ٿو هڻين. ويهي تماشو ڏس.
    ڀينڊي پڇيو، هيٺيون تماشو يا مٿيون.
    چيم، ٻئي ۽ اڃان ٽيون به ، جيڪو شروع نه ٿيو آهي. ۽ پردي پويان ريهرسل ۾ آهي.
    ڏٺم ته ڀينڊي جو منهن ڦڪو ٿي ويو. هن اخبار ڪڍي ۽ ڪجهه فوٽو ڏيکاريا. جنهن ۾ مردن سان گڏ ڪجهه عورتون ۽ ننڍا ٻار به بُک هڙتال تي ويٺا هئا. ڀينڊي چيو ته هي ويچارا ڏس، منهنجي دل ٿي ڏکي هونئن به سنڌي ماڻهو نياڻي ميڙ ۽ الله جي ڪلام جي انتهائي عزت به ڪندو آهي. ويچاريون نياڻيون ويٺيون آهن. هنن جي مٿان ته جهرڪيون به ڪونهن ۽ نه ئي ملڪ جي اصلي طاقت يعني سپر پاور جهڙوڪو ڌڻي سائين اٿن مطالبو به انصاف وارو، تمام مختصر آهي.
    چيم، ڀينڊا سنڌ ۾ نياڻيون ”ستن قرآن“ برابر ٿينديون آهن.
    چيائين ته پو هنن سان ماڻهو ڇو نٿا ڳالهائين جيڪي ڪاڙهي ۾ ڏينهن تتي جو، ٻاهر روڊ تي ويٺا آهن، جن وٽ نه اي سي آهي. نه ڊرپ لڳل هنن جي ڳالهه مڃڻ الڳ ڳالهه آهي، پر هنن جي مٿي تي هٿ رکڻ وارو به ڪونهي.
    چيم، سڄو سيٽن جو چڪر آهي.
    پڇائين، ڀلا هنن کي شربت پيئارڻ سان ڇا ٿيندو؟
    چيم، ڀينڊا! تون جيڪي ڳالهيون ٿو ڪرين، سي سڀ سمجهه ۾ توکي به اچن ٿيون. پوءِ ڇو ٿو اهڙا سوال پڇين؟ جن جا نه مان جواب ڏئي سگهان ٿو. ۽ نه ڪو اخيتار اٿم ته ڪيان.
    جن وٽ اختيار آهن. سي ستا پيا آهن انهن جي ننڊ خراب ڪرين يا نه، منهنجي ننڊ خراب نه ڪر، جو مونکي رات جو ٻيا به ڪم ڪرڻا آهن.
    ڏٺم ته ڀينڊو ڪاوڙجي ويو ۽ هليو ويو. جو منهنجي لاءِ اها به ڪا وڏي ڳالهه ناهي. ڀلا مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟؟
    (روزانه عبرت حيدرآباد 6 مئي 1990ع)


    ناشاد

    نفيس احمد ناشاد، نفيس آهي. پڪ اٿئون. باقي اڃان به جيڪڏهن ناشاد آهن ته الله مدد ڪندس. جو پاڻ هڪ ناشاد کي ڇا ٿا ڪري سگهون؟ باقي ماڻهو بي لوث ۽ خدمتگار آهي.
    ڪهڙو به سرڪاري يا غير سرڪاري جلسو سيمينار يا گڏجاڻي هجي دعوت ڏيڻ ڪارڊ ورهائڻ وارو ڪم هن يار جي ڳچيءَ ۾ نفيس وتندو گهر گهر ۽ در در اهي ڪارڊ ورهائيندو. پنهنجي هڙان وڙان ڀاڙا ڏئي. حڪم جي تعميل ڪندو. مان سمجهان ٿو ته ان ۾ هن کي پڪ سان سڪون ۽ سرور ملندو هوندو ۽ يقين ان ڪم جو هي ڪو به معاضو نه وٺندو هوندو ۽ نه ئي ڪو هن کي ڏيندو هوندو.
    پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪارڊ نه به مليو. يا نه ڏنو ويو ته چيو ويندو ته؟ نفيس ناشاد جي حوالي ڪم هو. خبر ناهي ان ائين ڇو ڪيو. پوءِ اهڙن ”ادبي گهاگهن“ جون ڳالهيون به هن يار جي ڳچيءَ ۾ ۽ هي وتندو پنهنجي پوزيشن واضح ڪندو هونئن به نفيس ناشاد جي ڳچ ساري زندگي مهراڻ لاءِ گذارشون ڪندي ۽ باقي حصو وضاحتون ۽ واضح ڪندي گذري آهي.
    نفيس احمد ناشاد جي خطن جي ٻولي انتهائي شائسته ۽ دل ”پذير“ هوندي آهي. هن جو واسطو نه ئي لکنو سان آهي نه ئي بنارس ڏٺو هوندائين. پر سائين لکندو ته ان ۾ پيا لفظ ”ترن“ جيڪڏهن هن جا سڀ خط ۽ گذارشون گڏ ڪيون وڃن. ته شايد هڪ رنگين داستان ٿي پوندو. انهن ۾ ايتري ته ڪونرائپ ۽ التجاءِ ملندي واه واه.
    اوهان کيس ڪو به ڪم چئو مجال آهي. جو ناڪام ٿئي يا جواب ملي. هر ڪو ڪم ٿي ويندو بس اوهان رڳو چئي ڏسوس. پر پاڻ پنهنجن ڪمن ڪارن لاءِ پيو رلي. ڪو به ڪامورو يا مهربان آفيسر سندس ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ڪو نهي. جو اسان وٽ مڊل ڪلاس جي- ماڻهو سان اهو وڏو حادثو آهي. ته هو نه ته هيٺ وڃي سگهي ٿو. نه مٿي هو صرف پنهنجي ڪلاس يا درجي وانگر وچ ۾ ٽنگيو رهي ٿو ۽ ائين هوا ۾ لڙڪندو رهي ٿو. ڪڏهن ڪنهن پاسي ته وري ڪڏهن ڪنهن طرف.
    مون ڳالهه پئي ڪئي نفيس احمد ناشاد جي ناشاد هجڻ جي سو ايڏي وڏي ”خدمت“ ۽ ”جاکوڙ“ جي باوجود اڃان تائين ناشاد آهي. ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ٿيڻ گهرجي. يا هن جي خدمت ڪري کيس شاد ڪيو وڃي.يا کيس پاڻمرادو ٿيڻ گهرجي. جو نفيس جي زندگي ۾ ”نا“ آهي به نه،
    ۽ اهڙو ماڻهو جيڪو ٻين جي خدمت، ڏک، سور ۽ ساٿ ۾ پنهنجو ذاتي ڪم ڪار ڇڏي پيو هلي. ان جو به حق آهي. ته ان کي به شاباش ڏني وڃي.
    ۽ اسان کي اميد آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن هن کي پنهنجي مهڻن ۽ ذميدارين کان بچاءِ لاءِ استعمال ڪرڻ بجاءِ کيس سندس بي لوث خدمت جي صلي ۾ حق ۽ انصاف مهيا ڪيو ويندو ۽ جائز مقام ڏنو ويندو جو هو لهڻي ٿو
    (روزانه سنڌو حيدرآباد 2-1 آڪٽوبر 1990ع)


    انصاف

    گذريل ڏينهن اخبارن ۾ پي آءِ اي طرفان هڪ عجيب اشتهار ڏنو ويو هيو ۽ جنهن ۾ مسافرن کي هوائي اڏي تي سويل پهچڻ جو سڏ هيو.
    ملڪ جي تاريخ ۾، هڪ سرڪاري اداري طرفان پنهنجي نوعيت جو هڪ عجيب و غريب نمونو هيو. اسان وٽ هتي سرڪار ۽ غير سرڪاري اڳواڻ ايندا رهيا آهن پر ڪڏهن به پي آءِ اي اهڙي تڪليف نه ڪئي آهي. پوءِ اهي ڪهڙا سبب آهن. جو ملڪ جي هن قومي ڪمپني کي مسافرن جو ايڏو اونو ٿيو. جو هڪ اڳواڻ جو استقبال جو اندازو پڻ ڪيو ويو آهي. ۽ ان جو پروگرام ٻڌايو ويو آهي. هتي اهڙي روايت ان کان اڳ ۾ ڪا به نه هئي پر هينئر لڳي ٿو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نيون روايتون جنم وٺنديون ۽ اڃا اهڙا ڪيترائي رونشا ٿيندا. پوءِ ڪڏهن اهي ڪنهن پردي جي اڳيان ته وري ڪڏهن پردي جي پويان.
    هونئن به اسان جي ملڪ ۾ سياست ذريعي قانون کي نرم ڪيو ويو آهي. ۽ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا وانگر يا وري جيڪو ڏاڍو سو گابو. ماڻهن کي خامين تي سرڪاري عملدارن کي حق سچ چوڻ جي عادت ئي ڪونهي ويچارا ڇا ڪن ان جي بدلي ۽ انهن جا ٻچا رلن ٿا.گهر ڦرن ٿا، فائيل ۽ اي سي آر جا وار ٿين ٿا. هر نئون ايندڙ هتي اڳلي کي بي ايمان چئي ٿو. ۽ اهو سلسلو هن ملڪ ۾ شروع کان وٺي جاري آهي. هتي ايمان ڄڻ اقتدار جو نالو آهي، جنهن وٽ اهو آهي اهو ايماندار ۽ سچو آهي. جي ويو ته پوءِ اهو بي ايمان ۽ ”مڪار“ آهن. اهو سلسلو به پراڻو آهي.
    پر جيڪو مزو سرڪاري ڪاموري کي آهي اهو ٻئي کي ڪٿي به نه ملندو جو هتان جو اصل ته وڏا ڪامورا بادشاهه گُر آهن اُهي ملڪ ٿا هلائن. اهي جهاز ٿا هلائن ۽ اهي ئي سڀ ڪجهه ٿا هلائن. رول انهن وٽ، قانون انهن وٽ، تجربا انهن وٽ ۽ طريقا انهن وٽ حڪومت ڪهڙي به هجي. اهي ٻارنهن ئي مهينا موج ۾، هتي ادارا به، هوائي ڪرسي ٿي ويا آهن جنهن پاسي جي هوا، سارا ان پاسي ڏي، ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ ڪجهه به ته نه !!
    جمعي24 آگسٽ تي ڪراچي ٽي وي سينٽر تان ڊرامون ”باادب باملاحضه هوشيار“ ڏيکاريو ويو. جنهن جو هڪ سين ڪجهه هئين هو ته هڪ بادشاهه پنهنجي درٻار ۾ اچي ٿو. تخت تي ويهندي درٻار وارن کان پڇي ٿو ته اڄ ڪو فريادي ڪونهي آيو؟ اتي صلاحڪار اٿي بيهي ٿو ۽ چئي ٿو ته سائين اسان جو ٽيمون سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويون آهن. جتي فريادن کي نسيت ۽ نابود ڪيو ويو آهي. بادشاهه سلامت خوش ٿئي ٿو. ۽ بادشاهي عملي کي شاباس ڏئي ٿو. اتي هڪ فريادي کي دربان وٺي اچي ٿو. بادشاهه پڇي ٿو ته هي فريادي ڇو آيو آهي؟ درٻان هن وڏو ڏوهه ڪيو آهي. بادشاهه پڇي ٿو ڪهڙو ڏوهه؟ فريادي چئي ٿو سائين مسڪين غريب آهيان شهر ۾ هڪ هوٽل اٿم اتي اوهان جا ڪارندا آيا ماني کائي ويا.
    فريادي چئي ٿو ته سائين انهن منهنجي سموري ماني کاڌي.
    بادشاهه:- سٺو.
    دربان، بادشاهه سلامت هن انهن کان پئسا گهريا آهن.
    بادشاهه ڇا صحيح آهي؟
    فريادي جي سائين
    بادشاهه:- انهن کي سرڪاري ورديون پاتل هيون؟
    فريادي:- جي سائين
    بادشاهه پوءِ توکي اها جرئت ڪئين ٿي.جو تون سرڪاري وردين پاتل اهلڪارن کان پئسا گهرين؟ پوءِ بادشاهه دربارن کي حڪم ڏئي ٿو. ته هن کي ان ڏوهه جي سخت سزا ڏني وڃي.
    فريادي گهڻو ٻاڏائي ٿو. پر دربان ڇڪي کين کڻي وڃن ٿا، اها سين سڄي ملڪ ۽ ماڻهن ڏٺي هوندي ۽ داد پڻ ڏنو هوندو.
    پر حيدرآباد ۾ اهڙيون تعديون ٽريفڪ پوليس طرفان روزانو ڪيون پيون وڃن. سرڪاري ۽ خانگي گاڏيون پڪڙي، قانون نافذ ڪندڙن جي حوالي ڪيون وڃن ٿيون گاڏيون ته بيگار ۾ آهن پر ڊرائيور لاهيو ڇڏين هاڻي جيڪڏهن ڪو غريب مسڪين وڃي ته ڪاڏي وڃي؟ دانهين تي ڪنهن وٽ؟
    ۽ ان ڏوهه ۾ جيڪي فريادي جا لاهه نڪرن ٿا اها خبر هڪ پوليس کي، ٻيو قانون کي ۽ ٽيون ان شخص کي. باقي الله ڄاڻي ۽ ان جا اهي بندا. مان سمجهان ٿو ته اهو ڪم اسان وٽ ائين ديناداستي پيو ٿئي ۽ وردي جنهن وٽ اختيار ۽ ڏنڊو آهي، اهو سڀ کان وڏو آهي.
    (روزانه عبرت حيدرآباد، 6 سيپٽمبر 1990ع)


    مولوين جا ڪم

    اسان وٽ اسان جو ملان دين جي نالي زندهه آباد ۾، جيڪو ڪجهه ڪري پيو اهو سڀني جي سامهون آهي. ظلم ته ڏسو هو سرعام جيڪو ڪم ڪري ٿو. انهي جي، نه کيس روڪ ٽوڪ آهي نه ئي ڪا رڪاوٽ، گذريل ڏينهن، هڪ مولوي صاحب جو ٽولو ڊاڪٽرس ڪالوني ۾ آيو- جن وٽ ڪلام الائي هو، هنن هر هڪ در کڙڪايو، صبح جي وقت گهڻو ڪري مرد آفيسن ۾ يا ڪاروبار جي سلسلي ۾، گهرن کان ٻاهر رهن ٿا، ان ڪري اهڙي ماڻهن لاءِ اهو وقت انتهائي قيمتي ۽ اهم ٿئي ٿو، هنن جڏهن در کڙڪايو پئي تڏهن قرآن شريف جو ذڪر پئي ڪيائون ۽ عورتن کي واسطا پئي وڌا ته هن قرآن جي صدقي، رب پاڪ سان رابطو قائم ڪيو، اوهان کي هي فائدا ٿيندا ۽ ان جي موٽائڻ سان مسلمان لاءِ اهو آخري حربو آهي ۽ اسان سڀئي قرآن شريف جو احترام ڪيون ٿا ۽ ان کي سڀ ڪجهه سمجهون ٿا، هن ڪري پئسو يا ٻي شئي اسان وٽ ڪا اهميت نٿي رکي، سو انهن جون تقريرون قسم ۽ ڊپ ويچارين عورتن کي اچي منجهايو.انهن کي انحرافي جي صورت ۾ وٺي اهڙا مثال ٻڌايائون، ته هيئن ٿي ويندو ته هونئن ٿي ويندو اڳ ۾ موٽائيندڙن سان ائين ٿيو، هونئن ٿيو!؟ عورتون ويچاريون ڇا ڪن؟ مولوين جي هٿ ۾ قرآن شريف جو هو هر ڪنهن گهر هڪ هڪ قرآن پاڪ جنهن جي مٺائي گهر کان ڊبل وصول ڪئي وئي پوءِ انهن کي اڃان به ڊيڄاريو ويو ۽ چيو ويو ته علائقي جي مسجد لاءِ پڻ اوهان کي ڪلام پاڪ وٺڻو آهي. اوهان جيڪڏهن اهو خير نه ڏيندا ته هن قرآن شريف جي برڪتن کان محروم رهندا وغيره وغيره هاڻي ويچاريون عورتون ويچاريو ڇا ڪن؟ ڇا نه ڪن؟
    بهرحال سڀني پئسا ڪڍيا اسان جي گهر وارن صرف يارنهن سئو روپيا مٺائي ڏني ۽ پاڙي واري مسجد لاءِ قرآن پاڪ حاصل ڪيا. ڀروارن پاڙي وارن به. خدا جي نالي سندس ڪلام جي صدقي، ٽي ٽي ڪلام پاڪ وصول ڪيا ۽ مولوين بي ڊپ ۽ واسطن کان پاڻ کي محفوط رکيو.
    مون هي هڪ واقعو لکيو آهي. مان سمجهان ٿو ته ان مولوين جو اهو ڪاروبار ڪافي عرصي کان سڄي ملڪ ۾ هوندو. ۽ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي هلندو هوندو اهڙي نموني سان ڪلام پاڪ جو تعارف ۽ انداز ڪنهن به نموني سان ديني ۽ اسلامي نه آهي، ملن کي ته نه خوف خدا آهي ۽ نه ئي ڪا پرواهه پر هڪ سڌي سادي ۽ عام مسلمان لاءِ اها هڪ وڏي ڳالهه آهي. ۽ اهڙي نموني سان ماڻهن کان پئسا وٺڻ، ڪهڙي نموني جي خدمت آهي؟ دراصل مسجدن جو چندو کائڻ ۽ ڪوڙيون رسيدون ڪٽي، هنن ماڻهن جو دين آهي ۽ هو پنهنجو ايمان وڪڻڻ ٿا ۽ ڪجهه مفاد پرست سڄي سماج ۾ هڪ طبقي کي بدنام ڪري رهيا آهن ان طرف سڀني کي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ اهڙين واقعن جي روڪٿام ڪرڻ گهرجي جيڪي دين سان نا مناسب نمونو رکي ماڻهن کي ڦرين پيا.
    (روزانه خادم وطن حيدرآباد، 26-25 نومبر 1990ع)


    عوامي ڪچهري

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سنڌ جي تاريخ ۾ نالو ئي هڪ شعور ۽ سجاڳي جو آهي، جنهن عام ماڻهو کي سوچ، سمجهه ۽ سياست جي هڪ نئين ۽ نرالي ڄاڻ ڏني. ۽ سنڌي ماڻهو کي هڪ قومي شعور ڏنو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوام کي ملڪ جي ڪم ۾ حصيدار ڪيو ۽ هڪ خوبصورت ڏانءُ بخشيو، هن عظيم سپوت جابر، آمر ۽ ظالم جي اڳيان آڻ نه مڃي ۽ حسيني راهه جو راهي ٿيو. اهڙِي شخص کي وسارڻ تاريخ جو ڏوهه ۽ ظلم ۽ جبر هوندو.
    شهيد ذوالفقا علي ڀٽي جي حڪومت ۾ ڪنهن به ڪامريڊ يا عوامي نمائندي کي اها همت نه هوندي هئي جو ديناداستي ڪا بي واجبي ڪري يا ڪو ظلم، نا انصافي ڪري، کيس خبر هوندي هئي،ته وزير اعظم جي عوامي ڪچهريءَ ۾ ويهڻو آهي ۽ اُتي هر ڪنهن ڳالهه جو جواب ۽ حساب ٿيندو، اتي ان ڪچهري ۾، غريب ۽ مسڪين کي اهو حق حاصل هوندو هو ته، اهي ڪابه ڳالهه، ڪابه دانهن ڏيندا هئا، ۽ دانهين ٿيندا هئا، پوءِ شهيد ڀٽو، انهن کان، ان ڪچهريءَ ۾ پڇندو هيو، اُتي سچ کي لڪائڻ ڏاڍو اوکو هوندو هيو ۽ اهو آفيسر يا عوامي نمائيندو. چپ ٿيندو هيو يا اڳتي لاءِ ائين نه ڪرڻ جي خاطريءَ ڏياريندو هيو. يا وري معافي گهرندو هيو. ڀٽو صاحب ڪنهن کي به نه بخشيندو هيو. ۽ ان جي سماجيءَ، سياسي رتبي جي پرواهه نه ڪندو هيو.
    دانهين نه ٿجو، اڳتي نه ٿيندو ۽ پوءِ واعدا ۽ اقرار ٿيندا هئا. وزير اعليٰ کان وٺي صوبيدار تائين پيا ڏڪندا هئا.
    ڀٽي صاحب جون اهڙيون عوامي ڪچهريون، تاريخ جو هڪ حصو آهن ۽ عوامي شعور جو هڪ نئون مثال آهن. لاڙڪاڻي ۾ اهڙيون ڪچهريون ٿينديون هيون. جن ۾ ڀٽو صاحب، ميرن، سيرن، گدلن سدلن ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌندو هيو ۽ ڪم ڪندو هيو. عوامي ڪچهريءَ ۾ ٿيل ڪو به آرڊر، آخري آرڊر هوندو هيو، مجال آهي جو ڪم نه ٿئي، يا ڪا دير ٿئي، لاڙڪاڻي ۾ ٿيل هڪ عوامي ميڙ ۾، ٻيڙيون ٻڌندڙ مزدورن دانهون ڪيون. ته سائين ايس پي (پوءِ اهو صاحب ڊي آءِ جي ٿيو.) گاريون ٿو ڏئي. ۽ اچڻ کان روڪي ٿو. شهيد ڀٽي صاحب ايس پي ڏانهن ڏٺو ۽ دانهين ٿيندڙ کان پڇائين ته انگريزي ڄاڻيندو آهين؟ ان عرض ڪيو ته نه سائين شهيد ڀٽي صاحب چيس ته جيئن مان چوان، اوئين چئه! پوءِ ڀٽي صاحب انگريزي ۾ چيو، ”پاور از ڪرپٽ بٽ ايبسوليٽ پاور از ايبسوليٽلي ڪرپٽ“ مزدور چيو سائين، ايس صاحب کي هدايت ڪيو. شهيد ڀٽي صاحب وراڻيو، بس سمجهي ويندو. ايس پي صاحب انگريزي سمجهي يا نه ! ڳالهه ضرور سمجهي ويو.
    لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري ۾ ڪيل ڪيترن ئي ”ڪچهرين“ ۾ وزيرن کي پڻ دڙڪا ملندا هئا. ۽ انهن عوامي ڪچهرين جي ڪري سڄي سنڌ ۾ ماڻهن لاءِ عوامي دٻاؤ هوندا هئا. مجال آهي ڪر وڏيرو يا ننڍيرو ڪنهن عام ماڻهوءَ کي تنگ ڪري يا ڪو ڪامورو ڪڙو ڪو غير قانوني قدم کڻي ڀٽي صاحب جي وقت ۾ حقدارن سان ڪڏهن ڪو ظلم نه ٿيو، نه ئي ڪنهن کي سچ ڳالهائڻ تي عام ماڻهوءَ کي وڏي واڪ شاباس ڏني ويندي هئي، جنهن سان ماڻهو ۾ حوصلو وڌندو هيو، ۽ غريب طبقو پنهنجو عرض پيش ڪندو هيو ۽ اگهجي ويندو هيو. شهيد ڀٽي صاحب جي زماني ۾ گهڻو ڪري ڪم ورڪرن ۽ سينئر ماڻهن جا ٿيندا هئا ۽ ذهين ۽ هوشيار شاگرد کي پڻ اسڪالرون ۽ نوڪريون مليون، عوامي ڪچهريءَ ۾ پهنچندو بنا سفارش جي ڪيئي ماڻهو اعليٰ عملدار ٿي ويا ۽ وڏين نوڪرين وارا پڻ- جنهن جو مثال اڄ اهي ماڻهو ويٺا آهن، جيئرا جاڳيندا ثبوت آهن. ڀٽي صاحب سياست کي هڪ نئون موڙ ۽ رستو ڏنو. ان وقت ۽ اڄوڪي وقت وٿي آهي. ماڻهو اڄ به ان وقت کي سنڀالن ۽ چاهن ٿا. جيڪڏهن اڄ به اهڙيون عوامي ڪچهريون شروع ٿين ته يقينن عوام آزاريندڙ ماڻهو ۽ نمائندا، منهن لڪائيندا، عوام خوش ٿيندو، جو ڪٿي نه ڪٿي دل جي ڳالهه چوندو ۽ ڪندو هينئر هڪ عام ماڻهو پنهنجي دانهن ڪٿي پهچائي؟ ڏس ڪو ڏانءُ؟؟؟
    (روزانه عبرت حيدرآباد، 18 مارچ 1990ع)


    سنڌي اديبن جو وفد ۽ سي ايم هائوس

    14 جنوري تي صبح جو آفيس ۾ ويٺو هيس ته طارق اشرف جو ڪراچي مان فون آيو، هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ سائين قائم علي شاهه اديبن سان ملڻ ٿو چاهي.سو منجهند جو مولا بخش چانڊيو خصوصي معاون وزير اعليٰ وٽ ماني آهي. ۽ شام جو وزير اعليٰ سان گڏجاڻي رٿيل آهي.تون هليو اچ، قادر جوڻيجو يا غلام نبي مغل سان، مون قادر جوڻيجي کي فون ڪئي، جنهن چيو ته اچ، پر ان وچ ۾ غلام نبي مغل سان رابطو ٿي ويو. جيڪو شهر ۾ هيو، مغل صاحب ٻڌايو ته قاضي خادم مون وٽ ويٺو آهي، جويو صاحب تياري ٿي ته هلون ٿا، پر تون تيار هججانءِ، پوءِ غلام نبي مغل ۽ قاضي خادم گڏ آيا، اسان ٽئي ڄڻا محمد ابراهيم جويي ڏانهن وياسين، جويو صاحب تيار ٿيو ۽ پوءِ ڪراچي جو رخ ڪيوسين. رستي تي اڄوڪي گڏجاڻي جي ضرورت، اهميت ۽ ان جي حاصل مطلب ٿي سڀني ڳالهايو، طئي ٿيو ته سائين محمد ابرهيم جويو ڳالهائيندو، پر اسان ٻئي طرف کان ٻڌڻ چاهينداسين، ڪراچي پهچڻ تي جڏهن سڀ گڏ ٿياسين، اتي عبداالقادر جوڻيجو، تاجل بيوس، ارشاد قاضي، اعجاز قريشي، مشتاق ميراڻي، ولي رام ولب، شمس صديقي ۽ طارق اشرف جنهن سڀني کي هڪ مقصد لاءِ گڏ ڪيو. اُتي جناب مولا بخش چانڊيو آيو، جنهن چيو ته ماني تي هلون، جو شيخ اياز انتظار پيو ڪري ته ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي آفيس ۾ ماني جو انتظام رٿيل هيو، اُتي شيخ اياز، ابراهيم منشي پڻ مليا، ماني کانپوءِ بحث شروع ٿيو ته اڄ ڇا ڳالهائجي ۽ وزير اعليٰ صاحب ياد ڪيو آهي. ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ سڀني گڏجي پنهنجي طرفان هڪ 26 نڪاتي چارٽس ٺاهيوسين، جن تي گڏيل بحٽ ڪيو ويو ۽ سڀني حصو ورتو، انهن مطالبن ۾ جيڪي ڳالهيون شامل هيون، سي آهن، سنڌي ٻولي اٿارٽي کي فعال بڻايو وڃي، ڌارين جي آبادڪارين کي روڪيو وڃي. غير قانوني آباد ٿيندڙن کي ڪڍيو وڃي، سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد سميت سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.1940ع جي قرار داد پاڪستان مطابق صوبن کي آزادي ڏني وڃي. سنڌي اخبارن ۽ رسالن کي سرڪاري اشتهار ڏنا وڃن ۽ انهن جي اشاعت کي همٿايو وڃي. سنڌ اسيمبليءَ ٻولي ايڪٽ تي عمل درآمد ڪيو وڃي. ڪالا باغ ڊيم ۽ ڇانوڻيون روڪيون وڃن، سنڌ کي پاڻيءَ جو جائز حصو ڏنو وڃي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول کوليا وڃن. ۽ انهن کي همٿايو وڃي. حيدرآباد جي قاسم آباد ۽ ڀٽائي نگر لاءِ خصوصي اسڪيمون ٺاهيون وڃن. جئين رستا، فون، بجلي، گيس ۽ پاڻيءَ جو انتظام ڪيو وڃي. گذريل هنگامن کي ڏسي حيدرآباد ۾ حساس علائقن ۾ پوليس چوڪيون قائم ڪيون وڃن. ڪراچيءَ جي ڳوٺن کي ڊاهڻ ۽ ميسارڻ وارو عمل فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ انهن کي مستقل بڻايو.
    سنڌ کي هتان نڪرندڙ معدنيات ۽ ٻين شين جي رائلٽي ڏني وڃي، سنڌ ۾ امن امان جو حالتون صحيح ڪرڻ گهرجن ۽ ڌاڙا ڦر ۽ وارداتون روڪڻ گهرجن سرڪاري اداري طرفان سنڌ ۾ پنجين صوبي جي اشتهار کي آئين خلاف قرار ڏئي سخت ايڪشن کنيو وڃي. سنڌي ماڻهن جي شهرن مان لڏپلاڻ کي روڪيو وڃي. تعليمي ادارن ۾ تعليمي ماحول پيدا ڪيو وڃي، انٽيليجينس نظام ۾ شاعرن ۽ اديبن خلاف رپورٽن کي رد ڪيو وڃي وغيره وغيره
    اهو به ڊرافٽ ٺهيو ۽ طئي ڪيو ويو ته شروع ۾ محمد ابراهيم جويو ڳالهائيندو، پوءِ شيخ اياز پوءِ طارق اشرف مطالبا پڙهندو. اديبن جو قافلو وزير اعليٰ هائوس روانو ٿيو، جنهن ۾ اديبن کان سواءِ محترم مولا بخش چانڊيو ۽ محترما نزهت پٺاڻ پڻ شامل هئي.
    بهرحال وزير اعليٰ صاحب آيو، جنهن سڀني سان هٿ ملايو ۽ خوش خير عافيت معلوم ڪئي.سائين قائم علي شاهه صاحب شيخ اياز کان سندس طبعيت پڇي. پوءِ رسمي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. سائين محمد ابراهيم جويي صاحب، قيام پاڪستان ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي حالتن تي هڪ تفصيلي بحث ڪيو جنهن چيو ته اديب جهموري روايتن جا امين آهن. سنڌي ماڻهو اڳ به ۽ هاڻ به اوهان جي حمايت ڪئي ۽ سنڌ جي ڪري پ پ کي مرڪز ۾ حڪومت ملي آهي اسان چاهيون ٿا پ پ پنهنجا پنج سال پورا ڪري ۽ جهموريت جي خدمت ڪري. ان ڏس ۾ اسين سڀئي اوهان سان شامل آهيون.پر سنڌي ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. جويي صاحب مدلل بحث ڪيو ۽ ويجهڙائي واريون حالتون پڻ بيان ڪيون. ان کان پوءِ شيخ اياز چيو ته شهيد ڀٽي جي قربانين اڄ جهموريت آندي آهي. ان ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي همٿ ۽ وزير اعظم پاڪستان محترم بينظير ڀٽو جي جدوجهد پڻ شامل آهي. هن چيو ته اسان ٻڌائڻ گهٽ ٻڌڻ وڌيڪ آيا آهيون، خاص طور جيڪي لساني جلسا ٿين ٿا. ان ڏس ۾ حڪومت ڪهڙا اپاءُ وٺي رهي آهي؟ اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڪراچي حيدرآباد ۾ ڪل ڪيترا دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن. ۽ انهن وٽان ڪيترا هٿيار برآمد ڪيا ويا؟ اڳتي لاءِ انهن جي روڪٿام جا ڪهڙا اپاءُ ورتا ويا آهن؟ شيخ اياز سنڌي قوم جي حالتن تي پڻ ڳالهايو.
    طارق اشرف مٿي ڄاڻايل اديبن پاران مطالبا پيش ڪيا ۽ ان جي هٿ سان لکيل ڪاپي پڻ پيش ڪئي وزير اعليٰ سنڌ سائين سيد قائم علي شاهه صاحب، چيو ته مان نه اديب آهيان، نه شاعر، نه سٺو لکي سگهان ٿو ۽ نه ئي ڳالهائي، پر سياستدان جي ناتي پنهنجي ڳالهه پهچائي سگهان ٿو، اوهان کي خبر آهي ته اسان جي اڪثريت هوندي به حڪومت دير سان ڏني وئي. ٻيا به ڪجهه مئسلا ٿيا(جيڪي سائين تفصيلي ٻڌايا) بهرحال اسان حڪومت ورتي ۽ سڄو زور امن و امان تي ڏنو. يارنهن سالن دور جي مسئلن کي هڪ لحظي ۾ نٿو ٺيڪ ڪري سگهجي. ان لاءِ وقت جي ضرورت آهي، ڪراچي جي آبادي تقريبن 20 لک يا ڪجهه وڌيڪ هوندي، دهلي جي آبادي ڪراچي کان 10 لک گهٽ آهي اسان وٽ 31 هزار پوليس آهي ۽ دهلي ۾ 50 هزار آهستي آهستي اسان تعداد وڌايون پيا ۽ هيڏي ڪراچي ۾ جتي سفارتخانا آهن. وزير آهن ۽ اهم ماڻهو آهن، 31 هزار پوليس تمام گهٽ آهي. اسان ان کي وڌايون پيا سنڌي ٻولي اٿارٽي لاءِ سراج الحق ميمڻ کي اسان سرڪاري آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي. تعليم واري صوبائي سيڪريٽري ان سان تفصيلي بحث ڪيو آهي. هاڻي ان کي توهان به چئو اڳتي وڌي، ڌارين جي آبادي لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آهيون، اسان مڃون ٿا ته اسان جو انٽيليجنس نظام صحيح ڪونهي. ان لاءِ پڻ ڪوشش ڪيون ٿا مشتاق ميراڻي چيو ته انٽيلي جنس وارا رڳو ان پاسي آهن. ته ڪهڙو اديب ڀارت جو ايجنٽ آهي، ڪهڙو ملڪ جو دشمن ۽ پوءِ ڪوڙيون رپورٽون ٿا ڏين. انهن پنهنجو اصلي ڪم وساري ڇڏيو آهي. وزير اعليٰ چيو ته اسان ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، اوهان پڻ نشاندهي ڪيو ۽ اسان جي مدد ڪيو ڪجهه جهموري قوتون، جهموريت کي نقصان پهچائي رهيون آهن ۽ ڪو نه ڪو شوشو ڇوڙيو ٿو وڃي. اسان پنهنجي وسان ماڻهن جي خدمت ڪنداسين ۽ مون اوهان جا مطالبا ٻڌا آهن ۽ انهن تي سوچي خيال ڪنداسين اوهان اڳيان اچو ۽ وڌو قلم جي ڌار تلوار ۽ نشتر کان وڌيڪ تيز آهي، اوهان قلم وارا آهيو، اوهان نشاندهي ڪيو، اسان لاءِ صلاحون ڏيو ۽ماڻهن جو شعور جاڳايو.
    ان ڪلاڪ کان مٿي جي ملاقات ڪري ، جڏهن ٻاهر نڪتاسين تڏهن سوچيوسين. اسان ڪجهه پايو به؟ جي پايو ته وڃايو به نه !! گهٽ ۾ گهٽ دل جي ڳالهه تي هن سڄي مانڊاڻ ۾ جناب مولا بخش چانڊيو جو وڏو عمل دخل هيو. هن ملاقات تي هڪ پاسي کان تنقيد جاري آهي. ماڻهن جا خدشا پنهنجي جاءِ تي! صحيح آهن.
    (روزانه عبرت 26 جنوري 1990ع)


    ٻه ڪهاڻيون، ٻه واقعا

    ٻه ڪهاڻيون، ٻه واقعا
    بريڪ
    تڪڙ ۾ فون تي نمبر ڊائل ڪندي، پريشان ٿيندي چويس ٿو.
    ”او ابا!، ڪم گڙ ٻڙ آهي.“
    ”چئه، ڇا هي؟“
    ”فلاڻي پريس بيان ڏنو آهي. اصلي جاري به ٿي ويو آهي.“
    ”ڇا چيو اٿائين“
    ”اصل اڇا ڪارا پڌرا، ثبوتن سان، فوٽو ڪاپيو به گڏ آهن.“
    ”پوءِ تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي، ڏيکار ڪو ڪارنامو.“
    ”ابا، مان ته ٻانهون، نوڪر، خادم پر.......“
    ”چڱو چڱو، فلاڻو موڪيان ٿو سڀني کي منع ڪري ڇڏ بيان نه هلڻ گهرجي.“
    ”ابا حڪم آني تنهنجو“
    ۽ فون جي رسيور کي رکندي، ٿوري دير سوچي ٿو ۽ پوءِ رسيور گهمائي چوي ٿو.
    ”ڳالهايو اٿم، مال اچي ٿو، ٿوري دير لاءِ بريڪ هڻو.“ ۽ هڪ وڏو ساهه ڀري ٿو. ڪافي دير کان پوءِ هڪ همراهه ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿو. هن جي هٿن ۾ سنڌي ٽوپيون ۽ مٺائيءَ جا دٻا آهن، داخل ٿيندي ئي چويس ٿو.
    ”ابا! فلاڻي سائين موڪليو آهي.“ ۽ دٻو هن جي ٽيبل تي رکي ٿو.
    ”پر هو مال ڪٿي آهي.“
    ”اهو گاڏي ۾ آهي. چئو ته کڻي اچان“ ”فلاڻا، وڃ گاڏيءَ مان کڻي هن جاءِ تي رک.“ ۽ هو هن واٺي سان گڏ وڃي ٿو. فون کي گهمائي ٿو.
    ”ابا! او ابا لفافو ته آهي ئي ڪونه.“ اڙي هن مال سان لفافو به گهر جئي.“
    ”ابا، اهو ته تمام ضروري آهي ۽ مان اڪيلو ناهيان. فلاڻو، توهان کي ته سڀ خبر آهي نه.“
    ”چڱو چڱو- اهو به موڪليان ٿو“
    ٻئي پاسي کان آواز اچي ٿو ۽ دل گد گد ٿيندي وڃي ٿو.
    ............ .............. ......... .......
    ”مان خادم، ٻانهون، نوڪر آهيان، فڪر ئي نه ڪيو“ ۽ هن جي منهن تي هڪ لازوال مرڪ تري اچي ٿي. فون جي گهنٽي وڄي ٿي، رسيور کڻندي ڳالهائي ٿو، ”نه سائين، شريفن تي الزام لڳائبا آهن ڇا، اسان مادر پدر واري آزادي ناهيون چاهيندا، حق سچ ۽ ضمير مطابق ڪم ڪندا آهيون. اسان جو ضمير زنده آهي ۽ زنده رهندو“ ۽ پوءِ اک هڻي فون رکي ٿو. ٿوري دير کانپوءِ محسوس ڪريان ٿو. جڏهن هو ٻاهران ٿي اچي ٿو ته موج ۾ آهي. مون ڏٺو ته هن جو منهن سڄل ڪارو ٿئي ٿو. ۽ حيران ٿيان ٿو ته، ڇا اسان شايد اڄڪلهه ڀڙ....... وڌيڪ پيدا ڪري رهيا آهيون.“
    هو منهنجو دوست به آهي ۽ پاڙيسري به آهي اڃان به ته ڊاڪٽر به آهي. اسان ننڍي لاڪون گڏ رهيا آهيون، هن جو ننڍپڻ نهايت غربت ۾ گذريو آهي. ان وقت هو وڏن ماڻهن ۽ وڏيرن کي جيءُ ڀري گاريون ڏيندو هيو. ان ڪري به شايد هن وٽ ڪجهه به نه هوندو هيو. پر هو خود سرهوندو هيو. اڄ هو شهر جي وي آءِ پي شخصيت آهي. هر آفيسر ۽ وڏو ماڻهو هن جو کاتو آهي. کيس به هڪ حقيقت ٻڌائي وڃي ٿي ۽ چيو وڃيس ٿو ته هي زيادتي آهي، ٽيليفون تي ڳالهائيندي چوي ٿو، ”تمام وڏي زيادتي آهي ۽ ان کان به وڌيڪ زيادتيون ٿيون آهن. پر مصروف آهيان، ملاقات جو وقت ڪونهي. باقي ان زيادتيءَ جو ازالو ڪيون ٿا“ هن جو هڪ ٻيو دوست سندس سخاوت لاءِ ٻڌائي ٿو ته ڪنهن زيادتيءَ ۾، ڪمشنر وٽ وٺي ويو مانس، مون ڳالهايو، هن ڪجهه به نه ڪڇيو،
    ”تون ڪجهه ڳالهايو ئي نه،“
    چيائين ”تو ڳالهايو پئي ته مون ڪنڌ لوڏيو پئي نه.“ چيم ”اهو ته ڪار جي پويان پيل رانديڪو به لوڏيندو آهي.“
    ”چيائين منهنجو گڏجي هلڻ به وڏي ڳالهه آهي.“
    ۽ ڪنڌ مٿي کڻي هليو وڃي ٿو.
    اڄ هو خود سر بجاءِ اڌ سر آهي.
    سندس هر پراڻو دوست، هينئر ان جو دوست نه رهيو آهي ۽ هر دوست سوچي ٿو. انگريز جڏهن ڪا شيءَ وٺندا هئا ته ان جو بڻ بنياد ۽ نسل به جانچيندا هئا. هينئر اڃان تائين سنڌ ۾، مالوند ماڻهو جڏهن ڍور به وٺندا آهن. تڏهن ان جو نسل به جاچيندا آهن. ته بڻيادو اهي يا نه؟ حالانڪ بڻيادي هجڻ لاءِ پئسي جو هجڻ ضروري ناهي، سنڌيءَ ۾ چوندا آهن. ته ڍئو هڪ مينهن جهلي ۽ ٻيو واڻيو.
    سو اسان جي ملڪ ۾، ماڻهو ٻين کي گاريون ته ڏيندا آهن. پنهنجو ڪم ۽ عمل نه ڏسندا آهن. ڇا جيڪو نه پڄي اهو ئي ڊاک کي کٽو چوي. يا ايمانداريءَ سان هر ڪو ٻڌائي ته اسان پاڻ ڪيڏي بيماني، دل آزاري يا دوکي بازي ٿا ڪريون؟ پوءِ به انسان آهيون. ته وڏي ڳالهه آهي. حالانڪ ايمانداريءَ جي نالي ۾ بدديانتي سچ جي نالي ۾ ڪوڙ، ڳالهايو ٿو وڃي. فيصلي ڪرڻ وارن کان وٺي، فيصلي ٻڌڻ وارن تائين، سڀني جو ڪنڌ لُڏي ٿو.
    (روزاني هلال پاڪستان ڇنڇر 18 فيبروري 2001ع)


    پتاشو ۽ مان

    پتاشو منهنجو ننڍڙو پٽ آهي ان ڪري ان کي جينٽل مين نٿو چئي سگهجي. پر هن کي جينٽل بواءِ چئجي يا نه؟؟ اهو به هڪ اهم مسئلو آهي. هونئن به اسان وٽ هر مسئلو وڌيڪ اهم هوندو آهي خاص ڪري اهو مسئلو جنهن ۾ ڪو مسئلو ئي نه هجي ۽ اهي مسئلا ئي مسئلا هوندا آهن ان ڪري اهي ڳالهيون نه ته ڪنهن کي ڏسڻ ۾ اينديون آهن ۽ نه ئي ٻڌڻ ۾، جو اهي سلڻ جهڙيون ڳالهيون به نه هونديون. پتاشو جيئن ته منهنجو ذهين پٽ آهي ۽ جينٽل بواءِ آهي ان ڪري هن جي سوالن تي نه صرف مان منجهي پوندو آهيان پر پريشان به ٿي ويندو آهيان. هن جا سڀئي سوال امتحاني پرچن وانگر ڏکيا سوال هوندا آهن ۽ اهي جڏهن سمجهه ۾ نه ايندا آهن ته انهن کي ڪورس کان ٻاهر جا سوال چيو ويندو آهي ۽ پتاشي جا تقريبن سڀئي سوال ڪورس کان ٻاهر جا هوندا آهن. مثال طور هن مون کان پڇيو ته هي اسيمبليءَ ۾ سڀئي خدمت ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سڀئي گڏجي پنهنجن پنهنجن علائقن جي ترقي، ڀلائي ۽ مسئلن کي حل ڇو نه ٿا ڪن؟ آخر اهي سڀ گڏجن ڇو نٿا؟ هاڻي ان سوال جو جواب ڪو نه ڪو ته هوندو. ۽ پڪ سان هوندو ڀلا ان جو جواب ڪير ڏيندو؟ جو بنا ڪنهن ثابتي جي صرف شڪ جي بنياد تي پنهنجي پياري پوليس ڪنهن به شهري کي هڪ سال تائين بند رکي سگهي ٿي. اهو بند حقئون آهي يا ناحقئون ان جو فيصلو هڪ سال کان پوءِ ڪورٽ ڪندي. پر ان سال جي عرصي کي اوهان ڪهڙي کاتي ۾ وجهندا؟؟ جنهن کي پوءِ ڀلي ڪورٽ سڳوري باعزت بري ڪري به ڇڏي پر پاڪستاني فلم جي پراڻي ڊائلاگ مطابق زندگي جو وڃايل سال ڪٿان ايندو!؟ جج صاحب!! ان ڪري پتاشي جي سوال جو سنئون سڌو جواب ته ممڪن ئي ڪونهي. باقي گهمائي ڦرائي ڏئي سگهجي ٿو. پوءِ اهو جتي به بيٺو. هونئن به هتي هر ڳالهه کي گهمايو ڦيرايو ويندو آهي. پتاشو جڏهن سوال ڪندو آهي ته پڪ سان مان ڪياڙي کنهندو آهيان. پتاشي مون کان سوال پڇيو ته فلاڻي کي وزير ڇو بڻايو اٿئون؟؟
    چيم، ابا مالڪن جي مرضي.
    پڇائين اهي مالڪ ڪير آهن؟
    چيم: ڪي مالڪ ظاهر ٿيندا آهن جيڪي اشارن تي هلندا آهن. پر اصل ۾ اهي ٻيا به ٿي سگهن ٿا.
    ڏٺم ته هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي.ڀلا جيڪا ڳالهه مون کي به اڃا تائين سمجهه ۾ نه آئي آهي اها هن جينٽل بواءِ کي ڪٿان سمجهه ۾ ايندي.
    ڪالهه پتاشي هڪ غير سرڪاري چئنل تي خبرون ٻڌندي ٻيهر سوال ڪيو. سوال کان اڳ خبرن جو تفصيل ضروري آهي.
    پنجاب جي وزير قانون رانا اعجاز صاحب، سکن جي ايندڙ وفد جو استقبال ڪيو ۽ انهن طرفان پاتل گلاب جي هارن ۾، اعلان ڪيو ته پاڪستان سرڪار، سکن کي شهرت ڏيڻ لاءِ تيار آهي هو رڳو خواهش ڪن ۽ انهن کي واپار جون سڀ سهولتون مهيا ڪيو وينديون. پتاشي جو سوال ڏاڍو منجهائيندو هيو، هن سوال ڪيو ته سکن ۾ ڪهڙي خوبي آهي جو هتي انهن کي شهريت ۽ واپار جون سهولتون ڏنيون وينديون؟! پتاشي ٻڌايو ته هن جي دوست جو چاچو آمريڪا ۾ رهندو آهي، ان جي ڀاءُ کي ويزا به نٿي ملي. ٻئي دوست جو پيءَ يورپ ۾ رهندو آهي، ان جي آڪهه کي به هن دفعي ويزا نه مليو. هن چيو ته هتي اسان جي شهرين کي ويزا به نٿا ملن ۽ اسان شهريت ٿا ڏيون.
    چيم: اهڙا سوال نه پڇندو ڪر. اهي سوال خطرناڪ سوال قرار ڏنا ويندا. ۽ پوءِ تنهنجو ڪچو ميڄالو ان جو بار کڻي نه سگهندو ان ڪري ماءِ ڊيئر جينٽل بواءِ تون وڃي پنهنجي ڪورس جا ڪتاب پڙهه، پڙهي پاس ڊگري وٺي پوءِ تون به ڪنهن ڪم جو نه رهه ڊگري هولڊرن کي ڪافي عرصي کان نوڪري به نٿي ملي ۽ ڊگري وارو ماڻهو مزدوري به ڪري نٿو سگهي جو هن جي مٿان ڊگري جو بار بذات خود ايڏو وڏو ٿو پوي جو اهو به ڪنهن ڪم جو نٿو رهي ۽ نه هيڏي جو نه هوڏي جو.
    مان اڃان تائين منجهي پيو آهيان ته مان پتاشي کي ڪيئن سمهجايان ته ان جا اهي ۽ اهڙا ٻيا سوال گهڻن کي صحيح جواب ڏيڻ کان منع ڪندا. پتاشو جڏهن ته اڃان ننڍو آهي ان ڪري ان جي اڃا اهڙن سوالن پڇڻ جي وهي به آهي ان ڪري ان کي روڪي نٿو سگهجي جو هت آخر وڏن ۽ ننڍن ۾ ڪجهه ته فرق هئڻ گهرجي
    (روزاني هلال پاڪستان ڇنڇر 30 نومبر 2002ع)


    تعليم کاتي ۾ ”لکي لکانو، پڙهي الانو“ وارو ڪلچر

    سنڌ جي تعليم کاتي پاران ”تعليم مفت آهي“ وارو اشتهار روزانو ميڊيا جي مختلف ذريعن تان هلي رهيو آهي. مختلف ٻولين جي اخبارن ۾ به وڏا وڏا اشتهار اچن ٿا ته ”سنڌ ۾ تعليم مفت آهي!“ هتي آئون اهو چوڻ چاهيندس ته پهرين ته اهو ٻڌايو وڃي ته سنڌ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهيا آهيون، ڇو ته ان وقت پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهڻ جو نه رواج هو ۽ نه ئي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اُهي گهٽ تعليمي معيار وارا سڪول هئا. جن ۾ ٻارڙا ڳتيا پيا آهن. سرڪاري اسڪولن جا ڪمرا ڪشادا، وڏيون راهداريون ۽ وڏا ميدان هئا، پر اها سهولت اڄ در در قائم اسڪولن ۾ ڪونهي. اڳي اسڪولن ۾ ٻارن کي گيهه جا دٻا، سڪو کير ۽ ٻيا ڪيترائي تحفا پڻ ڏنا ويندا هئا. جيئن تعليم جو ماحول جڙي ۽ معصوم ٻارن جي دلچسپيءَ پيدا ٿئي، پر هاڻي پرائيوٽ اسڪولن ۾ جنهن جا استاد ”بيروزگاريءَ کان وندر ڀلي“ واري فسلفي تي عمل ڪندي 12 سؤ رپين جي ماهوار پگهار تي نوڪري ڪري رهيا آهن، اُتي ٻارڙن کان ته في ٺيڪ ٺاڪ ورتي پئي وڃي. گڏوگڏ مخصوص برانڊ جا ڪتاب ۽ نوٽ بڪس خاص اسٽورن تان خاص يونيفارم به وٺرايا وڃن ٿا، پڙهائيءَ جو اسٽيڊرڊ ايترو ڪونهي، سواءِ چند اسڪولن جي جيڪي ڪاروبار لاءِ به، ڪنهن تعليمي پروگرام تحت قائم ڪيا ويا آهن.
    هوڏانهن سنڌ سرڪار جي اسڪولن ۾ جيڪو اسميبليءَ ميمبرن واري ڪوٽا تي عملو مقرر ڪيو ويو آهي، ان جو پڙهائڻ تي ايئن آهي جو ”لکي لکانو، پڙهي الانو“ ڪيترن جوان جي پٽن کي ته سنڌي لکڻ ئي نٿي اچي ته پوءِ اهي ڪهڙي سنڌي پڙهائيندا هوندا!؟ ٻيو ته پرائمري سسٽم ۾ ”صاحب“ امتحان وٺڻ ايندا آهن ۽ ا نهن صاحبن جي ماستر حضرات خدمت چاڪري ڪري پنهنجي مطلويه رزلٽ حاصل ڪندا آهن. اهو تعليمي نظام اڃان تائين ڪنهن کي نظر ڇو نه آيو آهي؟ ۽ ان جي سڌاري لاءِ ڪو عملي ڪم ڇو نه ٿيو آهي؟ جيڪو اهم ۽ ضروري به آهي، جيستائين اُن نظام ۾ ڪا ريڊيڪل (انقلابي) تبديلي نه ايندي. تيستائين اهو ڪم ايئن ئي جاري رهندو. پوءِ ڀلي ليبل ڪهڙو به لڳايوس، بوتل ساڳئي ئي هوندي. سنڌ ۾ پرائمري تعليمي نظام، پنهنجي ڪلائيمڪس تي پهتو آهي. سماجي طور اُن جو اڃا تائين ڪو نوٽس ناهي ورتو ويو. پر اسان جي ڳوٺ جي اسڪولن ۾ جيڪو زوال پذير تعليمي سسٽم رائج آهي. اهو شهر ۾ رهندڙ ۽ پڙهندڙ ماڻهن کي شايد نظر ئي نه اچي پر اُن جو ڪجهه وقت کانپوءِ اثر ضرور ظاهر ٿيندو ۽ اسان هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پونداسين . جتي اسان جو تعليمي اثر ۽ حاصلات ختم ٿي ويندي ۽ اسان جي ٻهراڙيءَ جو ٻار، شايد اڳتي اچي به نه سگهي جو اُن جي پڙهائيءَ جا بنياد نهايت ئي ڪمزور رهندا. جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته ان ۾ اسان جي پنهنجن ماڻهن جو هٿ هوندو. ڀلي اسان جا پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ زميندار پنهنجن ٻارن کي ڳوٺ جي اسڪولن بجاءِ شهر جي وڏن اسڪولن ۾ پڙهائيندا هجن، پر اهي به سنڌ جي آباديءَ جو ڪجهه سيڪڙو آهن. پر اڪثريت جي ٻارن کي تعليم جون اهي سڀئي سهولتون ميسر ڪونهن.جيڪي شهر جي هر ماڻهوءَ کي ميسر آهن، جنهن ڪري انهن جي مستقبل کي ڪيترائي خطرا لاحق آهن. اسان کي انهن سڀني ڳالهين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ انهن جو تدارڪ به ڪرڻ گهرجي، جيڪا ڪمي آهي اها دور به ڪرڻ گهرجي.
    مان سمجهان ٿو ته سرڪار مفت تعليم وارا اشتهار ڀلي ڏياري. پر ان سان گڏ جيڪڏهن اشتهارن جي اڌ جيتري رقم مفت ڪتاب ڏيڻ، سٺو ۽ مناسب فرنيچر وٺڻ، ٿڌي پاڻيءَ جا ڪولر هڻڻ يا بين سهولتن تي به خرچ ڪيا وڃن، ڇو ته اسان جي ڳوٺن ۾ اڃان تائين ٻار پٽ تي ويهي پڙهن ٿا. اهڙيءَ حساب سان خرچ ڪري انهن جي حالت نه صرف بهتر بڻائي سگهجي ٿي، پر ڪافي سڌاري به سگهجي ٿي. باقي رڳو اشتهار هلائڻ پاڻ پڏائڻ واري پاليسي لڳي ٿي مفت ڪتاب ضروري فرنيچر، اسڪولن جي حالت بهتر بڻائڻ تي خرچ اولين ترجيح هجي، جنهن جي اشد ضرورت آهي. مون کي جيڪو چوڻو هو سو مون چئي ڇڏيو. باقي مالڪن جي مرضيءَ
    (روزاني ڪاوش سومر 23 ڊسمبر 2002ع)


    مت جو منجهيل

    ڀينڊو گهڻن ڏينهن کانپوءِ مليو، هو ڏاڍو منجهيل ۽ اداس هيو. مون کيس ڏسندي ئي محسوس ڪيو ته اڄ پڪ سان دال ۾ ڪو ڪارو آهي. جو دال ۾ ڪاري جو ”منهن ڪاري“ سان ڪو به واسطو ڪونهي. ٻنهي ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ آهي، يعني ڪارو ۽ بس.
    مون ڀينڊي کي چتائي ڏٺو، سندس اکين ۾ شرارت ۽ شوخي هني، هونئن به ڀينڊو جڏهن منجهندو آهي. تڏهن ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيندو آهي ۽ هو وڦلڻ لڳندو آهي. هونئن به هتي رڳو ڀينڊو نه وڦلندو آهي. پر گهڻائي ليکڪ ٿيڻ جي شوق ۾ وڦلندا آهن: هو هٿن ۾ سرٽيفڪيٽ کڻي هلندا آهن، انهن وٽ عظيم، بيڪار ۽ چانهه جي ڪوپ تي شاعري جا سرٽيفڪيٽ هوندا آهن ۽ هو پنهنجو پاڻ کي وڦلڻ جو چئمپين چورائي، پنهنجو قد وڌائيندا آهن، جو انهن جو قد آئيني ۾ نظر ئي نه ايندو آهي. ۽ هو آئيني کي گاريون ڏيندا آهن، مون ڳالهه پئي ڪئي ڀينڊي جي. جنهن اوچتو اوچتو پڇيو ته ”ادا گيدي، ڀاڙيو ۽ ڪانئر ڪنهن کي چوندا آهن؟! مان منجهي پيس، سوچيم ته ڀينڊي جو سوال سياسي آهي، الائي ادبي؟؟ پوءِ هڪدم خيال آيم ته انهن جو ٻنهي سان واسطو ٿي سگهي ٿو. سياست جي اڄڪلهه مند آهي. ان ڪري ان تي بحث ٻئي دفعي جو چئي ٽاري ڇڏيم، باقي کيس ٻڌايم ته جيڪو پنهنجو نالو ظاهر نه ڪري ۽ نقلي ۽ ڪوڙي نالي ۾ لکي، ان کان وڌيڪ بزدل ۽ ڪانئر ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو!؟
    ڀينڊي چيو ته ٿي سگهي ٿو پنهنجو نالو خراب هجيس. چيم نالو ڪو به خراب ناهي ٿيندو. باقي افعال جنهن جا خراب هجن ان کي ڇا ٿو چئي سگهي. هر ڪنهن جو پنهنجو ڪردار آهي، ڀينڊي چيو ته ڳالهه سمجهه.۾ نه آئي. چيم تون به مت جو منجهيل آهين ڇا؟
    چيائين. اها مت ڪيئن منجهندي آهي.
    چيم، جيڪو ماڻهو پنهنجو نالو ڪهاڻي جي ڌاڙيل جي نالي سان لکي، ان کي ڇا چئجي؟
    چيائين، ڪيئن؟
    چيم امر لعل هنگوراڻي جي ڪهاڻي عبدالرحمان پڙهي اٿئي؟
    چيائين نه
    چيم، اهڙا ڪردار وري جاڳيا آهن ۽ پيدا ٿي رهيا آهن.
    چيائين پڪ سان ماني ڍَو تي هوندن،
    چيم، اها خبر ڪا نه اٿم، باقي ڪا ڳالهه گهٽ ضرور آهي. ڀينڊو کلي پيو ۽ سوچيم خبر ناهي هي ڇو ٿو کلي، حالانڪ مون کل جي ڪا به ڳالهه ڪانهي ڪئي ۽ مان سنجيده آهيان ڀينڊي چيو هاڻي اهو ڌاڙيل پاڻ کي ادو ٿو لکرائي.
    چيم، ته پوءِ اهو عبدالرحمان شريف ٿي پيو. جو ان جي نالي سان ادو ٿو اچي.
    ڀينڊي ڳالهه مٽائي ۽ چيائين
    هٿ ۾ سُرڪو ڇا ٿيندو آهي؟
    چيم، اهو هڪ محاورو آهي. جنهن جا مطلب گهڻا ٿي سگهن ٿا. پر ان کانسواءِ ٻيا به محاورا آهن.
    پڇائين، ان جو علاج ڪهڙو آهي؟
    چيو مانس، علاج ته بيمارين جو ٿيندو آهي؟
    پڇائين خارش به هڪ خطرناڪ بيماري آهي ڇا؟
    چيو مانس، ان جو علاج ممڪن آهي ۽ ڪنهن به ڊاڪٽر سان رابطو قائم ڪر.
    پڇائين، دماغي ڊاڪٽر، جانورن واري ڊاڪٽر يا چمڙي واري سان.
    چيم، اهو مرضي تي منحصر آهي. جو جنهن کي جيڪا تڪليف هوندي، هو ان طبيب ڏئي ويندو.
    ڏٺم، ڀينڊي جو منهن تپي باهه ٿي ويو آهي. هن جو نڪ، ڪن ۽ منهن پهريو ڳاڙهو ٿيو پوءِ ڪاوڙ مان ڪارو ٿيو ۽ هو هليو ريو
    (روزاني عبرت 19 آڪٽوبر 1990ع)


    سنڌي ٻولي ۽ رومن لپي

    اڄڪلهه اخبارن ۾ سنڌي ٻوليءَ وارو مسئلو زور شور سان جاري آهي. ان سلسلي ۾ تفصيل سان ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ حليم بروهي جا مضمون ڇپجي چڪا آهن، پويان ايندڙ ڪوڪرا به پنهنجي جاءِ تي زورئون زور آهن. بهرحال اهو ڪو عام رواجي مسئلو ڪونهي جو اُن تي ٻه لفظ تبصري طور لکي ڇڏجن، پر هي ٻولي، ادب ۽ تاريخ جو مسئلو آهي.ان ۾ ڪو ٻيو ناهي ته اسان لپي کي به مسلمان بڻائي ڇڏيو آهي. يعني ديوناگري هندي ۽ عربي مسلمان لپي آهن ۽ انگريز عيسائي وغيره. جيڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ ايئن آهي به ، ته غلط آهي، ٻوليون مذهب پيدا نه ڪنديون آهن. نه اڳ ائين ٿيو آهي ۽ نه ئي آئينده ائين ٿيندو. اِهو اُهو ساڳيو مسئلو آهي جيڪو هندستان ۾ ڪٽر مذهبي ترين عربيءَ جي جاءِ تي ديوناگريءَ کي رائج ڪرڻ پئي چاهيو آهي. حالانڪ عيسائي مذهب ۾ به ٻوليءَ جو ڪو عمل دخل ڪونهي جو اُتي جرمني، فرينچ ۽ عبراني زبانون ڏاڍيون آسوديون، ۽ ”رچ“ آهن. اسرائيل ۾ به عربي ڳالهائي وڃي ٿي. سو زبانن ۽ لپيءَ جو انهن ڳالهين سان نه ئي ڪو اڳ واسطو هيو. ۽ نه ئي هن جديد دور ۾ واسطو آهي. پر جيئن ته دنيا هينئر محدود ٿيندي پئي وڃي. ڪميونيڪيشن هڪٻئي سان سيڪنڊن ۾ ملائي ڇڏيو آهي. سورس آف ناليج يا کڻي ائين چئجي ته ڄاڻ جا وسيلا وسيع ٿي ويا آهن. انهن کي حاصل ڪرڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن جو مثال ”انٽرنيٽ“ ۽ اِي ميل“ آهن ۽ هينئر سڄو علمي، تاريخي ۽ ادبي مواد انٽرنيٽ تي منتقل ٿي رهيو آهي. هينئر ته تحقيق ۽ ريسرچ لاءِ به انٽرنيٽ استعمال ٿي رهي آهي. ان ڪري پنهنجو مواد ان سورس تائين پهچائڻو آهي، نه صرف پهچاڻو آهي، پر دنيا تائين وکرائڻو به آهي.
    هاڻي اهو ڪم ڪير ڪندو؟ ڪنهن کي ڪرڻو آهي؟ ڪيئن ڪرڻو آهي؟اهي سوال آهن، جن جا جواب لازمي ڏيڻا آهن. اها ڪنهن جي ذميواري آهي؟ ان ۾ پوڻ بدران اسان سڀني جو ڪم آهي. ته اسان پنهنجي پنهنجي ليول تي، ان ڪم کي کڻون، سنڀاليون ۽ اڳتي وڌايون جو رڳو ڊگري هولڊرن ئي سڀ ڪجهه ناهن.نه ادارن جا مالڪ، ڪارندا، ٺيڪيدار ئي ان ڪاروهنوار جا ڌڻي آهن، پر جيئن ته اهو قوم ۽ ٻوليءَ جو سوال آهي. ان ڪري ان ۾ هر ڪنهن جو هڪ جيترو حصو آهي. ۽ اُن ۾ سنجيده ٿيڻو آهي، جو هتي ڊاڪٽرن جون ڊگريون، پليٽن ۾ کڻي اسان جا اُهي گائيڊ پروفيسر، بيورو ڪريٽن کي سندس آفيسن ۾ ڏيئي اچن ٿا، جتي شهنشاهه اڪبر جو درٻار لڳل آهي، اُن تي ڪو به اختلاف ڪونهي ته بيورو ڪريٽ هئڻ ڪو ڏوهه نه آهي، ڇو اُن لاءِ ڊگري نه هجي، پر هر ڪنهن ڳالهه جو هڪ مسلم طريقو ۽ اصول آهي، اهو ڪو ٻيو سبجيڪٽ آهي. اڄ اسان کي سنڌي ٻوليءَ کي رومن لپيءَ ۾ آڻڻ وارو معاملو زير غور ڪرڻو آهي. اُن ۾ ڪو به شڪ ناهي ته موجوده لپي سان انٽرنيٽ تي منتقل نٿا ٿي سگهون. ان لاءِ اسان کي رومن انگريزيءَ ۾ لکڻو پوندو. هاڻي اصل سوال آهي، ته سنڌي زبان جي الفابيٽ وڏي آهي ۽ ان ۾ ڄ.ڏ.ڻ.ڃ،؟ ان لاءِ بهتر اهو آهي ته علمي ۽ ادبي ماڻهن کان به رايا گهرايا وڃن. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻي پوندي ته اسان کي اُن سلسلي ۾ ڪو نه ڪو سمجهوتو ڪرڻو پوندو. حالانڪ اسان کي اها به خبر آهي ته رومن انگريزيءَ ۾ شاهه لطيف، خليفي نبي بخش، آغا سليم ۽ عبدالقادر جوڻيجو کي جيئن جو تيئن نٿو ترجمو ڪري سگهجي. پر جيئن اسان ترجمو ڪرڻ وقت ڪجهه مصلحتن کان ڪم وٺون ٿا. اهو ڪم اسان کي رومن انگريزيءَ ۾ به ڪرڻو پوندو. ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسان ان کي ”سيلس سنڌي“ جو نالو ڏئي ڪم وٺون يا ”ڪامن سنڌي لينگويج“ چئون يا ڪجهه ٻيو آپشن هجي.
    باقي اهو طئي آهي ته اسان کي انٽرنيٽ تي وڃڻو آهي. ان ۾ ڪا رڪاوٽ نه هئڻ گهرجي. هينئر ايتري گنجائش ئي ناهي ته اسان رومن انگريزيءَ ۾ سنڌي لکون يا نه؟ حالانڪ اسان کي خبر آهي ته سنڌي جملن جا اُچار اُچارڻ ڏاڍا ڏکيا آهن.
    مثال طور
    • مون کي ايڏا ڏک نه ڏي.
    • ڏسون ٿا اوهان ڏي ڪڏهن وڃون.
    • ڇلو ڇا کڏ ۾ ڪري پويئي.
    ۽ اهڙا ڪيترائي جملا آهن، جيڪي رومن لپيءَ ۾ مسئلا پيدا ڪندا. جيئن اسان ادي ۽ آدي کي ساڳي طرح لکندا آهيو. مثال ادي سڀاڻي. ادي علي کي مون چيو. هاڻي ساڳيو لفظ لکيل آهي. ٻيو اکر اي (E) ۽ اي (A) رڳو اچار ۾ مختلف ٿي ويو آهي. اهڙا تفصيل تمام گهڻا آهن. ان جي باوجود ڳالهه ٻولهه واري زبان ۾ به ڪو مسئلو پيدا نه ٿيو آهي. هونئن به ٻوليءَ جو لهجو ڪو هڪ هجي. بهرحال اها به زيادتي آهي. ته فلاڻو رايو نه ڏي، جو اهو ماهر لسلنيات ناهي. هي ته عام ٻوليءَ جو مسئلو آهي، جنهن کي بدقسمتيءَ سان ڪنهن ماهر لسانيات تخليق ئي نه ڪيو آهي. ان ڪري اُن مامري جو هن معاملي ۾ ايڏو وڏو هٿ ڪونهي. هونئن به ايئن چئي نٿو سگهجي ته شاهه لطيف، سچل سائين يا ٻين شاعرن کان فلاڻو افسانه نويس گهٽ آهي ۽ هو ماستر وڏو ڪهاڻيڪار آهي جو هو ٻوليءَ جو ڊاڪٽر يا پي ايڇ ڊي هولڊر آهي.
    علم، ادب ۽ تخليق ۾ اهي حوالا احمقاڻه آهن، جو شيڪسپئير، ملٽن، ڊانٽي، افلاطون، موپاسان، ڪافڪا آرٿوڪانن ڊائل، هيمينگوي يا دوستو وسڪي ڪي ٻوليءَ جا ڊگري هولڊر، ماهر يا ڄاڻو نه هئا. پر انهن تي لکي، تحقيق ڪري، ٻيا ماهر ۽ ڊاڪٽر ٿيا آهن. جيئن لطيف، سچل ۽ ٻين اديبن تي تحقيق ڪري ماڻهو ڊاڪٽر ٿيا آهن. سنڌي ادب ۾ ائين به ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي ان ڪري اهي پنهنجي ان محسن سورس کي ڪيئن جاهل چوندا. اهو ممڪن ئي ناهي. ٻيو ته هن معاملي ۾ غور ويچار ڪري رايا، تبصرا ۽ تجويزون حاصل ڪري، تمام جلد ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي جو اسان ۾ اسان جو مستقبل آهي. ائين نه ٿئي جو تمام گهڻي دير ٿي وڃي.
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 6 مئي 2000ع)


    پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ننڍا ڊيم

    سنڌ ۾ هينئر پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي. درياهه ويران ۽ سڪي تباهه ٿي رهيو آهي. هي ڪا عام ۽ معمولي ڳالهه ڪانهي، پر سنڌ جي ترقي، بقا ۽ روزگار جو ذريعو زراعت تي آهي. ڪراچيءَ کانسواءِ زندگيءَ جو سمورو ڪاروبار زراعت تي ئي آهي جنهن سان نه صرف سنڌ جي ماڻهوءَ جو روزگار وابسته آهي، پران جو بقا ۽ مستقبل به ان سان واڳيل آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي. ته پيداوار ۽ فصل اُپائي هاري ٿو ۽ اگهه مقرر ڪو ٻيو ٿو ڪري. جڏهن ته ٻئي واپار ۾ آئين ڪونهي. خاص ڪري انڊسٽريز سائيڊ ڏي، جو جيڪو ماڻهو پيداوار ڪري ٿو اُهو ئي پنهنجي پروڊڪٽ جو اگهه پاڻ ئي مقرر ڪري ٿو.اهو سلسلو صابڻ کا وٺي ٽوٿ پيسٽ ۽ ڪپڙي کان وٺي گيهه تائين آهي. مزي جي ڳالهه ته ڪمپنيون ڀاڙا ڪرايا به پنهنجي مرضي سان مقرر ڪن ٿيون پر اَن جي سلسلي ۾ ائين ڪونهي. ڪڻڪ ۽ چانور کان وٺي سبزين تائين جا اگهه سرڪار/واپاري/دلال پاڻ مقرر ڪن ٿا، جڏهن ته سيمينٽ ۽ ڀاڻ جا اگهه به ڪارخانا مقرر ڪندا آهن. جن کانپوءِ سرڪار هيٺ مٿي ڪرڻ جو هدايتون ڏيندي آهي. پر زرعي فصل اُن کان مختلف آهن. هاري جي همدردي جي نالي ۾ زميندارن کي گارين ڏيڻ جو فيشن به عام آهي. پر انڊسٽرئيلٽس هر گار طعني ۽ عيب کان پاڪ ۽ محفوظ آهن، جو قومي پريس انهن جي هٿ ۽ مٺ ۾ آهي. هو رڳو هيٺ مٿي ۽ ڦيرڦار ڪري انڪم ٽيڪس جي نالي ۾، غلط ۽ ڪوڙي ٽيڪس جو خود ساخته لڳل ٻڌل هڪ خاص ”مقرر“ اگهه ڏين ٿا. پر زميندار ۽ هاري عجيب و غريب صورتحال ۾ آهن تپيدارن جي غلط حساب ڪتاب واري ڍل، عشر، آبياني کان وٺي مختيارڪارن ۽ ڊپٽي ڪميشنرن جي ونگار، چندا ۽ پارٽين جي نالي ۾ گهڻيون چٽيون به ڏين ٿا. ڇو ته پاڻيءَ ۾ رهي مانگر مڇ سان وير پاري نٿا سگهن ۽ مرحوم صدر ايوب خان چواڻي ته منهنجو هڪ صوبيدار ئي ڪافي آهي، بهرحال جيئن ته اهو پاڻيءَ ڪيترن ئي هنڌن تي فصل کانسواءِ پيئڻ ۽ زندگي گذارڻ جو به ذريعو آهي ان ڪري پاڻيءَ تي پاڻي واري ڳالهه به پراڻي آهي. اسان وٽ هينئر پاڻي درياءِ سان گڏوگڏ، اسان جي اکين مان به سڪندو ٿو وڃي. ۽ اکين مان پاڻيءَ جو سڪڻ ڪا چڱي ڳالهه ڪانهي، جو چپ ته اڳئي خشڪ ٿي چڪا آهن. دريا ۾ پاڻي جي هي کوٽ، هڪ عجيب صورتحال پيدا ڪري رهي آهي. چيو وڃي ٿو ته پنجاب ۾ هينئر به اتي ٻيڙيون ٿيون ٻڏن ۽ سنڌ ۾ ڪوٽڙي ۽ ڄامشورو وٽ ننڍڙا ٻارڙا درياءِ جي پيٽ ۾ ويهي، واري جو گهر ٿا ٺاهين ۽ رانديون ٿا کيڏن، جيڪا اڳ ڄڻ ته ڳالهه هئي هينئر حقيقت ٿي وئي آهي.
    ملڪ ۾ ڪيئي وڏا ۽ ننڍا ڊيم موجود آهن جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا. پوءِ انهن ۾ پاڻيءَ جو وڏو مقدار گڏ ڪيو وڃي. پر هينئر بجلي پيدا ڪرڻ جو هڪ ٻيو ذريعو آهي ۽ عام آهي، اُهو آهي ڪوئلو. ڪوئلو سنڌ ۾ عام ۽ گهڻو آهي. ان ڪري اهو به بهتر آهي ته ان کي ملڪي وسيلي لاءِ ڪتب آندو وڃي، ۽ پاڻيءَ جي متبادل طور استعمال ڪيو وڃي، ان سان هڪ ته پنهنجي ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ شئي ڪم ايندي. ٻيو ته اُن جي استعمال ۾ ڪو نقصان ناهي. اڳ ۾ ئي اهي ڊيم سرحد ۽ پنجاب ۾ ٺهيل آهن. ڪالاباغ ڊيم بذات خود هينئر هڪ اختلاف جي علامت طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن لاءِ ڪافي اعتراض آهن ۽ اهي اعتراض آبپاشي جي ماهرن جا آهن. سياستدان جا آهن ۽ عام ماڻهن جا به آهن. تازو 2 اپريل جي اخبارن ۾ خبر آئي آهي ته ملڪ ۾ پاڻي جي بحران سان منهن ڏيڻ لاءِ ننڍا ڊيم ٺاهيا ويندا. تفصيل ڪجهه هن طرح سان آهن ته واپڊا جي ماهرن ابتدائي رپورٽن تي ڪم شروع ڪيو آهي ته پنج ننڍا ڊيم ٺاهيا ويندا، جنهن لاءِ عالمي ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪن ۽ مختلف ملڪن سان سيڙپ لاءِ رابطو قائم ڪيو ويندو، جنهن لاءِ ايندڙ ٻن سالن ۾ تعمير ممڪن رپورٽ جوڙي ويندي. چيو وڃي ٿو ته سال جي سرديءَ جي موسم وڌڻ سبب مارچ تائين جبلن تي برف موجود رهي. جيڪا ڳري نه سگهي. جنهن ڪري تربيلا ۽ منگلا ڊيم ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اڌ پاڻي آيو. جڏهن ته تربيلا ڊيم جي منڍ ۾ پنج لک ٽن واري جمع ٿي چڪي آهي ۽ اٺن ڪلوميٽرن تائين واريءَ جو ٻيٽ ٺهي چڪو آهي. منگلا ڊيم ۾ به تيزيءَ سان واري اچي رهي آهي. جنهن ڪري 2008 ۾ ڊيم بجلي پيدا ڪرڻ جي قابل ئي نه رهندو ۽ 2010 ۾ ته چيو وڃي ٿو ته تربيلا ڊيم استعمال جي لائق نه رهندو. چيو وڃي ٿو ته تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ بجليءَ جي پيداوار بچائڻ جي ئي ڪري هن سال سنڌوءَ ۾ پاڻي اڌ مقدار ۾ ڇڏيو ويو آهي. اهو به چيو وڃي ٿو ته ايندڙ سال مارچ اپريل ۾ صورتحال اڃان تائين وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن خاص مقصد لاءِ اهي ڳالهيون ڪيون وينديون هجن. درياه سنڌ ۾ پاڻيءَ جي وهڪ جا ماضيءَ مطابق، تفصيل ڪجهه هن طرح سان آهن 15 مارچ تي 93 ڪروڙ 50 لک روپين جي لاڳت سان تعمير اٿيندڙ ڪوٽڙي بئراج کان پاڻيءَ جو وهڪرو مسلسل گهٽ رهيو. جڏهن ته مارچ 1992ع ۾ سنڌو درياءِ ۾ مٿين پاسي جي وهڪ 14.52 ڪيوسڪس 1994ع ۾ 2.121 ڪيوسڪس 1994ع ۾ 3858 ڪيوسڪس 1990ع ۾ 12125 ڪيوسڪس. 1996ع ۾ 8924 ڪيوسڪس 1995ع ۾ 8285 ڪيوسڪس 1998 ۾ 29839 ڪيوسڪس ٿي ۽ وهڪرو وڌيو.1999ع ۾ وري گهٽتائي ٿي ۽ 3288 ڪيوسڪس تائين پهتو جڏهن ته 2000 ۾ 3083 ڪيوسڪس 1994ع ۾ 12253 ڪيوسڪس 1993 ع ۾ 8395 ڪيوسڪس 1995ع ۾ 252.3 ڪيوسڪس تي وهڪ رهي. 1994ع کان 2000ع تائين ستن سالن ۾ سواءِ مارچ 1995ع جي ڪوٽڙي بئراج تائين پاڻيءَ جي وهڪ زيرو ڪيوسڪس رهي. پاڻي وڌيڪ ضايع ٿي سمنڊ ۾ وهڻ بابت عالمن ۽ ماهرن جا ڪهڙا دليل آهن، اهي هتي ظاهر ٿي رهيا آهن. اها ڳالهه وڏي شد مد سان چئي وڃي ٿي ته سنڌو درياءِ جو پاڻيءَ سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. جڏهن ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو هڪ ئي وسيلو آهي. يعني درياءِ جو پاڻيءَ هينئر جڏهن ننڍن ڊيمن جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو. يا ان جي ڪا تجويز آهي. ڇا اعتراض ڪندڙن جي اعتراض کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو ممڪن آهي. ته پاڻيءَ جو ذخيري جا ننڍا ڊيم سيوهڻ، ڪراچي، ٺٽو ۽ سنڌ ۾ ٻين جاين تي ٺاهيا وڃن. جن سان نه صرف انهن اعتراض ڪندڙن کي اعتراض نه ٿيندو، جو اهو پاڻيءَ پيئڻ کان علاوه ٻين ڪمن لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿو. اوهان ڀلي بجلي به پيدا ڪريو. ٻيو ته جڏهن سرحد ۽ پنجاب ۾ اڳ ئي ڊيم موجود آهن ته ملڪي ترقي لاءِ سنڌ ۾ به ڊيم هجڻ تي ڪنهن کي ڪو اعتراض نه هوندو. گهٽ ۾ گهٽ اهو ته نه چيو ويندو ته پاڻيءَ سمنڊ ۾ وهي ضايع ٿي رهيو آهي. ملڪ جي ڀلي ۽ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سوچيندڙن وٽ پڪ سان اهڙيون تجويزون هونديون پر ڀلا ياد ڏيارڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. اسان پاليسي ميڪرن کان اميدون رکون ٿا ته هو به ملڪي يڪجهتيءَ لاءِ ڪو سٺو فيصلو ڪندا.
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 8 اپريل 2000ع)


    عابد مظهر ۽ افوسناڪ مذاق

    5 مارچ تي عابد مظهر فون ڪيو ته مان تنهنجي گهر اچان ٿو. تون پنجين وڳي موجود هوندين؟ چيم: هوندس. اچ پوءِ هو سوا ڇهه وڳي پهتو. چيائين، گهر ڳولڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو. اسان گڏجي چانهه پيتي ۽ هو ستين لڳي ڌاري، واپس هليو ويو. مان کيس سڏ پنڌ تائين ڇڏڻ ويس. رات جو اٺين وڳي علي راز شر فون ڪيو. پڇائين؟ عابد توهان وٽ آيو آهي ڇا؟
    چيم: آيو هو ۽ ستين وڳي هليو ويو،
    راز پڇيو: ڪيڏانهن ويو؟
    مون چيو: گهر ئي وڃڻو هئس.
    چيائين: گهر نه پهتو آهي. ۽ ڪنهن ان جي گهر فون ڪري چيو آهي ته عابد مظهر مري ويو آهي. اسان اُن جو لاش کڻائي اچون ٿا. هن جي زال فون ڪيو ۽ چيو اٿائين ته پڇا ڳاڇا ڪري ڏي. راز جي ان خبر منهنجا ته لڱ ئي ٺاري ڇڏيا. هڪ ته هو هاڻي هاڻي مون وٽان چانهه پي نڪتو آهي. ٻيو ته ائين ايترو جلدي ڪيئن ٿي سگهي ٿو. منهنجي ٻارڙن ماني پئي کاڌي. انهن ڏک مان ماني کائڻ بند ڪئي ۽ اچي مون سان ويهي رهيا. مون عابد مظهر جي گهر فون ڪئي ته هن جو نمبر مسلسل اينگيج پئي مليو. پوءِ مون ٻيهر راز شر کي چيو ته عابد جو فون انگيج آهي، تون وڃ ۽ وڃي خبر وٺ ته معاملو ڇا آهي؟ مان انتظار ۾ آهيان. مون کي ٻڌاءِ پوءِ مون جناح ۽ سول اسپتال جي ميڊيڪو ليگل شعبي ڏي فون ڪيو. ۽ انهن کان پڇيو ته عابد نالي ڪو همراهه روڊ ٽريفڪ ايڪسيڊينٽ يا وري ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ ڌڪي ٿي آيل ڪونهي. يا ان نالي سان ڪا ڊيڊ باڊي ته ڪونهي. چيائون نه يا ان نالي سان ڪا ڊيڊ باڊي ڪونهي آئي ۽ نه ڪو ان نالي سان ايمرجنسيءَ ۾ ڪيس داخل ٿيو آهي. عباسي شهيد اسپتال مان به اهڙي رپورٽ ورتم: وري مون راز شر کي فون ڪيو ته معلوم ڪر ته ڇا ڳالهه آهي؟ ڪيئن ٿيو آهي؟ مون جناح مان فون ڪري معلوم ڪيو، اُتي ڪا به ڊيڊ باڊي يا ڌڪي ماڻهو نه آيو آهي، تو کي اها خبر ڪنهن ڏني؟ ٻيو ته اُن جي گهر وارا فون انگيج ڪيو ويٺا آهن، عابد جي گهر جو فون ئي نٿو ملي، ان جي گهر واري ڳالهايو به ناهي،
    راز چيو: اها چوي ٿي ته توهانجو نمبر نٿو ملي. حالانڪ مونکي ته مليو. شايد پزل هوندي، بهرحال مان وڃان ٿو. ۽ پوءِ هر پنجن منٽن کان پوءِ مون راز جي گهر فون پئي ڪيو ۽ خبر پئي ورتي ته ڇا ٿيو؟ راز جي گهر وارا به پريشان هئا ته راز چئي ويو آهي ته مان عابد جي گهر وڃي فون ڪندس ۽ تفصيل ٻڌائيندس، مون بار بار فون پئي ڪئي ۽ ٿي سگهي ٿو ته راز جي گهر وارا پريشان به ٿيندا هجن، پر پنهنجي خاطري ۽ پريشاني ختم ڪرڻ لاءِ مون وٽ ڪو ٻيو چارو ئي نه هيو، ته مان ڇا ڪريان. منهنجو گهر عابد مظهر جي گهر کان تمام گهڻو پري هو ۽ وچ ۾ ٻيو ڪو دوست به نه هو، جنهن کان خبر وٺان ۽ مون ڄاڻي واڻي دوستن کي بنا ڪنهن تصديق جي اهڙي خبر ڏيڻ به نٿي چاهي. جو ڪنهن به دوست جو وڇوڙو يا تڪليف ڏاڍي تڪليف ده ڳالهه ٿئي ٿي. بهرحال نوين وڳي راز شر جي گهر مسلسل فون ڪرڻ کانپوءِ خبر پئي ته راز عابد وٽ ويٺل آهي۽ خبر ڪوڙي آهي. ڪنهن شرارت ڪئي آهي حالانڪ مون راز کي چيو ته مون کي فون ڪري ٻڌائجان، پر خبر ناهي ڇو هن فون ئي نه ڪيو ۽ مون تفصيل وٺي ڇڏيا.
    ڏهين وڳي عابد مظهر جو فون آيو. هن ٻڌايو ته مان تون وٽان وڃي جڏهن گهرپهتس ته منهنجا ڀاءُ، ڀيڻون ۽ ٻيا مٽ مائٽ روئي رهيا هئا، ڏاڍو پريشان هئا. مون سمجهيو ته شايد گهر ۾ ڪجهه ٿيو آهي. مون انهن کان پڇيو ته ڇا ٿيو آهي؟ ته انهن ٻڌايو ته ڪنهن فون ڪري چيو ته عابد مظهر مري ويو آهي. اسان ان جا دوست ٿا ڳالهايون، ان جي ڊيڊ باڊي کڻي گهر اچون ٿا. ۽ پوءِ هنن فون رکي ڇڏيو. عابد مظهر ٻڌايو ته هڪ اهڙي فون اسان جي گهر ۽ خاندان ۾ قيامت پيدا ڪري ڇڏي. اهي ٻه ڪلاڪ گهر ۾ ڪهڙي اذيت ناڪ گهڙي هئي. شايد ڪو محسوس ڪري ئي نه سگهي. منهنجي گهروارن هر ماڻهوءِ کي فون ڪيو ۽ منهنجي خير خيرت وٺڻ لاءِ چيو.
    هونئن به موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ته وار جيترو به ويڇو ڪونهي ۽ ٻئي هر وقت ۽ هر پل ريل جي پڙين وانگي گڏوگڏ ئي هلن ٿا. پوءِ ڪٿي ڪٿي جنڪشن ٿئي ٿو ۽ ٻئي ملي وڃن ٿا. ۽ پوءِ الڳ لائين تي گاڏي هلڻ لڳي ٿئي. پر عابد مظهر سان جيڪو هي مذاق يا شرارت ڪئي وئي آهي، اها ڪيتري ڀيانڪ آهي. شايد مذاق ڪندڙن کي خبر به هجي، ته کين اهو پتو هئڻ گهرجي ته ميڊيڪل سائنس ۾ هڪ ٽرم آهي، ”اينا فائيلاجي شاڪ“ يعني اوچتو صدمو، جنهن ڪري ڪنهن به ماڻهوءَ جي جان وڃي سگهي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ڪو به ڊاڪٽر تڪڙ ۾ ڊيٿ جو اعلان نه ڪندو آهي. پهريان چوندو آهي ته سيرئس آهي پوءِ چوندو بچڻ مشڪل آهي ۽ پوءِ چوندو ته گذاري ويو. يعني عزيزن کي ذهني طور ان صدمي لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي. جو ڪا به تڪڙي بُري خبر ڪنهن لاءِ موت جو سبب نه ٿي سگهي ٿي.
    ڪنهن به ماڻهو سان ائين ڪرڻ وڏي دشمني آهي، هي ڪو مذاق يا ڀوڳ ڪونهي، پر افسوسناڪ پهلو آهي. ڪاش سڀاڻي انهن سان ائين ٿئي ته پوءِ ئي هو محسوس ڪري سگهن ٿا. عابد مظهر ته دشمني جهڙو ئي ڪونهي، پوءِ ايڏي بيهو دگيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟ الله ڄاڻي.
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 25 مارچ 2000ع)


    ٻيهر چئي سگهجي ٿو ته: اچو ته سچ ڳالهايون

    مون اڳ به هن ڪالم ۾ اها گذارش ڪئي هئي ته اچو ته سچ ڳالهايون. منهنجي پنهنجي ذاتي خيال مطابق اهائي هڪ واٽ آهي.جنهن سان اسان سماج کي وڌيڪ صاف ۽ شفاف بڻائي سگهون ٿا. حقيقت پسنديءَ جي شمع جلائي، ڪيتريون ئي جهالتون ختم ڪري سگهون ٿا. سچ ڳالهائڻ نه صرف ثواب آهي. پر هڪ اهم رتبو ۽ مرتبو پڻ آهي. ڇو جو ڪوڙ نالو ئي دوکي، فريب ۽ جهالت جو آهي، جنهن کان بچڻ جو هڪ ئي رستو آهي ته سچ ڳالهائجي، ان ڪري ئي مان هتي ٻيهر اها ڳالهه ورجايان ٿو ته اچو ته سچ ڳالهايون. جنهن لاءِ نه ئي ته ڪنهن پلاننگ جي ضرورت آهي. نه ئي ڪا بجيٽ لڳي ٿي ۽ نه ئي رتبي ۽ مرتبي جو ڪو چڪر آهي. سچ اسان سڀني جو آهي. ان ڪري اسان سڀني کي ئي ڳالهائڻ گهرجي، اها به هڪ حقيقت آهي ته جن سچ ڳالهايو آهي، اُهي اڳتي ويا آهن ۽ جن ڪوڙ ڪٽيو آهي. اُهي هميشه ذلتن ۾ ورتل آهن پر ڏکيائي اها آهي ته هي اسان جو سڄو شان ۽ مان دٻدٻو ۽ رعب، مشهوري ۽ ناماچاري سڄي ڪوڙ، دوکي ۽ دولاب تي ٻڌل آهي، جنهن کي سچ نه صرف ڊاهي پٽ ڪندو، پر الهه تلهه لوڙهي ويندو. ڀلي لوڙهي، لڙهڻ ڏيوس ۽ ٻيهر پنهنجي محنت ۽ محبت سان ان کي ٻڌو، جيڪڏهن اوهان ايئن ڪيو ته پڪ سان ان کي ڪا به وير يا طوفان يا سِير ڊاهي نه سگهندي. پر بهتر ته ان ڪم جي شروعات اسان جي ڏاهن کان ٿيڻ گهرجي اهو ئي چڱو آهي. اسان جا اهي ڏٽا، دهمان، سڀ اجايا آهن، ماڻهن کي خبر آهي ته اسان جو قد ڪيترو آهي ۽ عمل ڪهڙو آهي. سڀ حضور شرمي کان برداشت به ٿا ڪن، اسان سان ويڌن ته اها آهي جو ڪوڙي کي سرعام ڪوڙو به نٿا چئي سگهون، تازو خيرپور ۾ تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اتان جي اديبن شرڪت ڪئي ميان تاجل بيوس چيو ته سرمد سنڌ اسان جو ڏوهاري آهي. جيڪڏهن تنوير جي قبر خيرپور ۾ هجي ته اسان اُتي وڃي شاهه جا بيت پڙهون ها. ڳالهه ته چڱي آهي، پر ان تاجل کان اهو پڇيو وڃي ته هن ڪڏهن نسيم کرل، رشيد ڀٽي، طارق اشرف جي قبر تي وڃي قل به پڙهيا آهن؟ هلو اهي ڪهاڻيڪار آهن، شاعرن ڏي ٿا اچون، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاري، ذوالفقار راشدي، الطاف عباسي، عطا محمد حامي جي قبر تي گهڻا شعر پڙهيا اٿائين؟ گهڻا دفعا ويو آهي؟ اهي بيان بازي ۽ سستي شهرت جا هٿيار آهن. يعني منهن ته موسيٰ جهڙو......... پر ان جي برعڪس تاجل ته انصاف پسند ماڻهو ئي ناهي. تازو سچل جي ميلي تي شاهه لطيف يونيورسٽيءَ پاران سچل سائين تي پڙهيل شعرن تي جيڪي انعام ڏنا ويا، انهن ۾ جيڪا ناانصافي ۽ اقربا پروري ڪئي وئي. ان جو مثال ئي نٿو ملي. مثال طور راشد مورائي اسان جو سٺو شاعر ۽ بزرگ دوست آهي. ان جي نظم جو عنوان ئي هو.”مان صوفي“ ان کي پهريون انعام ڏنو ويون سندس نظم، سچل تي نه هو. وڏي ڳالهه ته پئسي جي خوشبو ۾ سائين به انعام قبول ڪيو حالانڪ اميد اها هئي ته هو اهو چئي انعام واپس ڪندو ته مون سچل تي شعر نه پڙهيو هو. ادا! اوهان جي مهرباني انعام ڪنهن ٻئي کي ڏيو. ٻيو انعام، ”شيطان فقير“ کي ڏنو ويو، جيڪو سگهڙ هيو، پر شايد شيطان چوائڻ جي شاباس طور انعام کيس ڏنو ويو. جو هر ڪنهن کي پنهنجي ڪميونٽي پياري هوندي آهي، ٽيون انعام اياز گل کي ڏنو ويو. جيڪو کيس پهريون نمبر ملڻ گهرجي ها. اسان هن سماج ۾ ننڍڙا ننڍڙا انصاف به ڪري نه سگهندا آهيون ۽ انصاف جي ترازيءَ ۾ لياقت ۽ عمل بدران پنهنجا ذاتي واسطا ۽ لاڳاپا توريندا آهيون. جنهن سان نه صرف ضمير تي بار ٿئي ٿو. حق ۽ سچ ۽ انصاف جي واٽ جو قتل به ٿئي ٿو ۽ اسان کلندي کلندي اهو سڀ ڪجهه پنهنجو ذاتي ۽ خانداني حق سمجهي پورو ڪندا آهيون سلطان باهوءَ جو هڪ شعر آهي
    ”عدل ڪري ته ٿر ٿر ڪنبن
    اوچيان شانان والي هو
    فضل ڪري تي بخشي جاون
    هئن جيهي منهن ڪالي هو
    اسان عدل گهرندا آهيون، پر ڪندا ناهيون ۽ اهو اُهو انصاف آهي جيڪو اسان تي فطري طور، سماجي طور فرض ڪيو ويو آهي،
    ان کانسواءِ اسان جا ڪيترائي ماڻهوءَ وٺي جو ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهن ٿا. جو الله ڏي امان! ڀلا ڪو انهن کي نه ڏسي پر ڪو ته ڏسي ٿو: هي ڪنهن ڪنهن کان لڪائيندا ۽ ڪنهن ڪنهن سان ڪوڙ هڻندا اسان جي هڪ شاعر دوست جو ڪوڙ ڄڻ ته پيشو آهي. تازو سنگت تي رعب ويهارڻ لاءِ چيائين، مون کي مشاعري جي دعوت اخبار جي مالڪ پاڻ ڏني ، ٻه دفعا فون ڪيائين، تڏهن آيو آهيان خبر پئي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي. دعوت اُن ذميدار شاعر دوست ڏني. جنهن سڀني کي ڏني، وري هڪ پروفيسر دوست وٽ فرمايائين ته منهنجي فلاڻي گاني اصل دم لاهي ڏني آهي؟ چيائين: ٽي وي تي هليو هو مون هن جي منهن ڏي ڏٺو سوچيم ڪا ڦڪائي ٿي هونديس. پر ڏٺم ته ڏاڍي مزي ۾ هو هن جي بقول سندس هي قد ڪاٺ ٺهيو ئي ان هڪ نقطي تي آهي، اهڙيون ڳالهيون ڪيتريون ئي اهڙا مثال کوڙ، مان ڪنهن تي چٿر ڪرڻ نٿو چاهيان، ڪنهن کي گهٽ ڪرڻ به نٿو چاهيان. پر هي مثال ضروري هئا، وري ڪٿي ڪڏهن جو نالو لسٽ مان هٽايو وڃي ٿو ته وري ڪٿي فرمائشي پروگرام تحت ڪنهن جو نالو شامل ڪرايو وڃي ٿو. منهنجي هن سڄي ڳالهه جو مقصد اهو آهي ته ويهن صديءَ جو آخري سال آهي، هاڻِ اڳتي اسان ايڪهين صديءَ ۾ داخل ٿيڻ وارا آهيون ڇا اهو بهتر نه ٿيندو ته اسان دوکي، فريب، ڪوڙ کي ڇڏي سچ ۽ انصاف سان هلون.ٽوڪ، چٿر ۽ گهڻي اُڀام کي ڇڏيون جيڪي لفظ اُمالڪ چئي ڏيون ٿا، ڇا اسان اهي برداشت به ڪري سگهون ٿا؟ اسان معمولي ڳالهه تي ماڻهن جي دل آزاري ڪندا آهيون. مثال فلاڻي هيئن چيو، يا فلاڻي هي فيصلو ڏنو؟ اُهو فلاڻو ڇا ڪوڙ نٿو ڳالهائي سگهي؟ ڀل سؤ ڪوڙ گڏ ڪريو ڇا هڪ سچ ڳالهائڻ وارو يا هڪ سچ ان سؤ ڪوڙن جي ڪري ڪوڙ تي ويندو؟ جيڪڏهن ائين هجي ته هي نظام ئي نه هلندو جو ڪوڙ کي ان جي در تائين پهچائڻو به پوي ٿو ۽ سچ هميشه نروار ٿئي ٿو، جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ.“
    ٻيو ته ڪوڙ ۽ سچ جي وچ ۾ ڏسڻ وارو الله آهي. ڪٿي ڪٿي ته ان وچ ۾ هڪ تمام سنهي لائين ٿئي ٿي، جيڪا ڪڏهن ڪنهن کي نظر اچي ته ڪڏهن نه، باقي ڏسڻ وارو ڏسي ٿو، پوءِ پنهنجي دل ۽ ضمير کي گواهه بڻائي. اچو ته سچ ڳالهايون انصاف ڪريون ۽ ڪوڙ ۽ سکڻي اڀام ڇڏي، حقيقت پسند ٿيون. سو اها به هڪ حقيقت آهي ته ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ آهي.
    ( روزاني هِلال پاڪستان29 جنوري 2000ع)


    آزاد شاعري، اظهار ۽ رمضان

    شاعري اظهار جو نازڪ، نفيس، پُر اثر ۽ سحر انگيز ذريعو آهي. جنهن سان لطيف ۽ حَسين احساس جي communication ٿئي ٿي، ان لاءِ ئي ته چيو ويندو آهي. ته شاعر ڪوزي ۾ سمنڊ سمائيندا آهن. جنهن مان شاعري جي وسعت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، نه صرف ايترو پر جديد ميڊيا ۾ سٺي بزنس جو ذريعو به شاعري آهي. جنهن جي اشتهارن ۾ منظوم ٻولي ۽ مختصر گيت ۾ جنهن کي ”جهنگل“ (jungale) چيو وڃي ٿو. جنهن ذريعي پروڊڪٽ کي ذهن ۾ رکڻ لاءِ ان کي عام ڪرڻ لاءِ شاعري جي انگ کي موسيقيءَ جي رنگ ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.نه صرف ايترو پر فارسيءَ زبان ۾ ته شاعري ”جز است پيغمبري“ چيو ويو آهي، جنهن ۾ شاعري جي اهميت ۽ حيثيت جو تعين ڪري سگهجي ٿي. دراصل شاعري ابلاغ ۽ تبليغ جو جاندار ذريعو رهيو آهي. شاعري جي ڪينواس تي هونئن ته گهڻا رنگ ۽ انگ آهن، پر ٿلهي ليکي هن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ پابند شاعري يا عروضي شاعري، ٻئي جديد ۽ آزاد شاعريءَ ۽ انهيءَ ٻنهي حصن ۾ وري پنهنجا الڳ خانا ۽ حصا آهن. جن ۾ جداگانه خوشبوءِ، احساس ۽ ڇهاءُ آهي. ان لاءِ اسان جي شاعريءَ جي تاريخ ۽ ان جي شروعات ۽ ڪلاسيڪل دور کي جاچڻو پوندو.عروضي شاعري اٺين صدي ۾ عربي جي عالم خليل ابن احمد، عربيءَ جي جديد ۽ قديم عروض کي گڏائي ۽ يوناني عروض جي مطالعي کانپوءِ عربي عروض ايجاد ڪيو. جنهن ۾ هن بحر ۽ قافيه جا اصول واضح ڪيا، اڳتي هلي ڏهين صديءَ ۾ احمد بن مصطفيٰ شاعري جي هئيت تي بحث ڪيو ۽ ان ۾ نواڻ آندي. جڏهن ايران ۾ عربن جو قبضو ٿيو. ته هنن فارسي شاعريءَ ۾ ٿوري تبديليءَ سان عروض رائج ڪيو. ۽ عروض جي اهو سلسلو وقت سان گڏوگڏ ٿورڙين تبديلين سان هلندو رهيو. ۽ موجوده وقت تائين پنهنجي هن جديد روپ ۾ موجود آهي.جيڪو اردوءَ کان ٿيندو، سنڌيءَ تائين پهتو ۽ موزون شاعري لاءِ ضروري ٿي ويو. سنڌيءَ شاعري ۾ وائيءَ کانسواءِ باقي صنفون مختلف ٻولين مان آيون آهن. بيت هنديءَ مان آيو آهي. هوڏانهن وري جديد ۽ آزاد شاعري لاءِ ٻئي پاسي 21 صديءَ ۾ انگريزن هن تي وڌيڪ ڪم ڪيو ۽ يوناني ۽ لاطيني شاعري مان جديديت جو انداز ورتو. انگلينڊ ۾ بلينڪ ورس کي اطالوي مان ”ارل آف سري“ رائج ڪيو. جنهن کي اوج شيڪسپيئر ۽ ملٽن ڏنو. شيڪسپيئر جا منظوم ڊراما بلينڪ ورس ۾ ئي آهن ۽ ملٽن جو ”پيراڊائينز لاسٽ“ پڻ بلينڪ ورس ۾ آهي. انگريز ادب ۾ اها صنف پنهنجي وقت ۾ نه صرف عام ٿي. پر اوج تي پڻ پهتي ۽ شاعري پنهنجي اسلوب ۽ اظهار ۾ تبديلي آندي. انگريز ادب ۾ بلينڪ ورس کانپوءِ جو رواج آيو، جنهن کي آزاد شاعري چئجي ٿو. آزاد شاعري، آزاد خيالن سان، آزاد لفظن سان نئين انداز ۽ گهاڙيٽي سان رائج ٿي وئي، دراصل آزاد شاعري، ادب جي اها نئين راهه آهي، جيڪا ادب کي هڪ نئين انقلاب ۽ پيرا ۾ وٺي وڃي ٿي. انسان جي ذهني ارتقا اڃا گهڻيون منزلون اڳتي ٽپي چڪو آهي، آزاد شاعري کي شروع شروع ۾ هاپڪسن، پيٽس، ٽي اي هلم، زور وٺرايو. جنهن کي پوءِ اذرا پائونڊ ۽ ٽي ايس ايلٽ عروج ڏنو. ادب خيالات ۽ محسوسات جا عڪس نج انداز ۾ چٽي ٿو، جيڪا وزن ۽ پابندي ۾ شايد موزون ناهي ۽ آزاد شاعريءَ ۾ ئي ممڪن آهي. آزاد شاعريءَ ۾ (Symbolism) جو استعمال، ان ۾ وڌيڪ جان ۽ اثر پيدا ڪري ٿو.انگريزي شاعري ۾ نواڻ ميفارج، رمجاؤ ۽ وليم آندي، هنن شاعري جي روايتن ۾ تجربا ڪيا ۽ اظهار جا نوان گهاڙيٽا ڏنا، جنهن جو اثر اڳتي هلي فرانسيسي ادب ورتو ۽ بادلئير ان جي انداز ۽ اسلوب کي ٿوري ڦيرڦار سان مٽايو، انگريزي ادب ۾ آزاد نظم (Free verse) جو بنياد سرٽامس برائون ۽ ميٿو ارنلئڊ جي زماني ۾ پيو، جنهن کي اڳتي وڌائڻ ۾ ايليٽ، فليج، فلنٽ جو وڏو هٿ آهي.
    سماجي حالتن جو اثر سنئون سڌو ادب تي به پوي ٿي ۽ ادب ۾ سموري ان هلچل ۽ اٿل پٿل جو اظهار پڻ شامل ٿي وڃي ٿو. پهرين مهاڀاري جنگ ۾ فاشسٽ ۽ اشتراڪيت جي جهيڙي انساني سوچ جو محور ئي تبديل ڪري ڇڏيو.جنهن جي ڪري شاعريءَ ۾ نعري بازي داخل ٿي وئي. ۽ شاعري هڪ نعري جي صورت اختيار ڪئي، ان ڪري ئي (Abrupt اوچتي اظهار آزاد نظم جو روپ ورتو، جنهن ۾ پهچ (Approch) صحيح هئڻ ۽ ان جو اثر جاپان تائين ويو ۽ اُتي هائيڪو (ٽيڙو) ايجاد ٿيو.جنهن ۾ تڪڙي واقعاتي ۽ تکي شاعري ٿيڻ لڳي.جيتوڻيڪ اُن جو اصلوب تبديل ضرور ٿيو، پر خيالات آزادانه طور پيش ٿيندا رهيا، جنهن ۾ موضوع جي ڪائي حد مقرر نه ڪئي وئي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جاپاني صنف هائيڪو سڄي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آهي، اهڙي نموني آزاد نظم پنهنجي آزاد خيالي ۽ اسلوب ڪري مقبول ٿيندو ويو، جنهن هڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي ۽ انگريزي شاعر جو هڪ گروپ ”اميجٽ“ نالي سان مشهور ٿيو، جنهن ۾ هنن هڪ بند جو ٻئي بند سان نه ملڻ واري روايت وڌي ۽ تمثيلون پيش ڪيون. هنن روايتي شاعريءَ ۾ نواڻ آندي. هونئن به نظم ۾ وزن جو شرط پوئٽري (شاعري) لاءِ ضرور ناهي. فارسي شاعري طوسي مطابق ته عبراني، سرياني ۽ قديم فارسي ۾ وزن ضروري نه هيو. وزن جي روايت عربن رائج ڪئي، آزاد قافيه ۽ رديف کانسواءِ به سٺي شاعري آهي.
    بقول مشهور مفڪر ۽ شاعر ڊرائيڊن جي:
    The great easiness of blank verse younders the
    Poet to luvraint (Drydean)
    آزاد شاعري نه صرف وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿي آهي. پر هن دور ۾ ڪافي ادبي فني تحريڪن کي جنم ڏنو، جنهن ۾ اڻوهين صديءَ ۾ خاص ڪري 1931ع ۾ تصوراتي تحريڪ يعني (اميجزم) ڪيوبزم، سوريلزم ۽ 1941ع ۾ زيورچ ۾ رازا ”دادا ازم“ شروع ڪيو. ان کانسواءِ فيوچر ازم (مستقبل تحريڪ) جا نالا سامهون آيا. گڏوگڏ هڪ لاڙو امپريشلنس ازم پڻ وجود ۾ آيو، هن سڀني لاڙن نواڻ ڏني ان مناسبت سان ڪيترن رسل کي خط لکيو، جنهن ۾ هن لکيو ته ”روايتون ٽوڙيون، سڌي ڳالهه جو انداز اختيار ڪيو. ان وقت، وقت جي سنگين ۽ غير حسين حقيقتن جي دور ۾، اها تکي ۽ ننگي سچائي ئي اصل شئي آهي..... جنهن ڪوڙ ۽ غير واسطيدار هيرا ڦيري جي هلڪي پاڇي کان به پاڻ بچايو، ادب ۾ هر شئي نظر انداز ڪري سگهجي ٿي. مگر هي ننگي ۽ تکي، سخت قدم واري سچ جو اظهار اهڙي شئي آهي جيڪا اڄ جي شاعر کي شاعر بڻائي ٿي.
    اڳتي هلي ازراپائونڊ ماڊرنزم تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ سڄي شاعريءُ جي اسٽائيل کي لوڏيو. 1943ع ۾ مشهور شاعر لارڊ بائرن مشهور فلم when we two Parted (بي وفائي) لکي مڃتا ماڻي. نه صرف بائرن، پر آمريڪي شاعرن (E.E cummings) اِي اِي ڪمينگس ۽ والٽ وٽمس ساوا پن (green leave) لکي آزاد شاعري ۽ اظهار کي هن حسين روپ ۽ خوبصورت موڙ ڏنو.
    انگريز ادب جو اثر برصغير تي پيو ۽ آزاد شاعري هتي به پنهنجي ڀرپور رنگ ، انگ ۽ اصلوب سان پهتي. اردو ادب ۾ ميراجي، ن، م، راشد، علي سردار جعفري، فهميده رياض، ڪشور ناهيد، ساره شگفته آزاد نظم جي موضوع کي وسيع ڪيو ۽ اُن ۾ شاعراڻي ڪشش برقرار رکي ۽ اسان وٽ آزاد نظم کي متعارف ڪرايو. جنهن جو اثر سنڌي ادب تي پڻ پيو. اهو به هڪ فطري اصول آهي ته جيڪا شئي جتان ايندي آهي. آزاد شاعري جيئن ته انگريز ادب مان آئي، ان ڪري اُن جو ماحول به آزاد رهيو. ۽ اُن جو مزاج ڇڙواڳ رهيو. جنهن کي ڪن حلقن ”ڇڙواڳ شاعري“ چيو ۽ مشهور ڪيو. ان ڪري ئي شروع شروع ۾ عروضي شاعرن هن صنف کي پنهنجي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو. ۽ شعر مڃڻ لاءِ ئي تيار نه هئا. جو سنڌ ۾ روايتي عروضي شاعري پنهنجي عروج تي هئي. پوءِ آهستي آهستي وقت ۽ حالتن ان شاعرانه صنف کي نه صرف رائج ڪيو پر ان ۾ نوان موضوع ۽ خيال ڏنا هئا، جنهن کي ڏسندي ئي ڏسندي سنڌيءَ ۾ شاعرن جو هڪ وڏو انگ اُٿي کڙو ٿيو. هن صنف ۾ اظهار ڪرڻ لڳو. آزاد شاعري ۾ جن سنڌي شاعرن پاڻ مڃايو، انهن ۾ گوردن محبوباڻي، هريش واسواڻي، لڇمڻ ڪومل، شمشير الحيدري، ايم، اڪمل، شيخ اياز، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ايم ايم عالماڻي، سلطانه وقاصي ۽ ٻيا ڪي ئي شاعر شامل آهن. ڪيترين ئي شاعرن جي آزاد شاعري جا مجموعا ڇپجڻ لڳا. جن کي پذيرائي ملڻ لڳي، پوءِ آزاد شاعري مان ڦري وري نثراڻو نظم آيو. جنهن کي انگريزي ۾ پروز پوئم (Prose Poem) چيو وڃي ٿو. سنڌيءَ ۾ وري ڦيرڦار ڪري نظماڻو نثر (Poem Prose) چيو وڃي ٿو. ۽ شاعرانه صنفن ۾ ان جو وجود ئي ڪونهي. لفظ ابتي سبتي ڪرڻ سان صنف نه ٺهندي. ادب ۾ نثراڻي نظم لاءِ مختلف رايا آهن. سوال اهو آهي ته جنهن جي پويان نظم آهي. اهو نظم کان ڪيئن الڳ ڪري سگهجي ٿو؟ ادب يا ته نثر ۾ آهي يا وري نظم ۾ ٻنهي جي پنهنجي الڳ الڳ ڪلاسيفڪيشن آهي. جيڪڏهن ٻنهي کي گڏائڻو آهي ته پوءِ نظم وارا اهي سڀ ظابطا نثراڻي نظم ۾ شامل آهن، جيڪي آزاد نظم جي ڊيفينشن ۾ اچن ٿا
    ”مقدما، شعر و شاعري“ ۾ اردو اديب ۽ شاعر حالي لکي ٿو ته: ”انگريزيءَ ۾ ٻه لفظ آهن. هڪ ورس ٻيو پوئٽري، اسان وٽ ٻه لفظ استعمال ۾ اچن ٿا. هڪ شعر ٻيو نظم. نظم ۾ وزن جي شرط پوئٽري لاءِ ناهي.“حالي اڳتي هلي لکي ٿو ته ”بليڪ ورس شعر جي حسن کي وڌائي ٿو، جو ٻڌڻ شرط خوشگوار محسوس ٿئي ٿو. پڙهڻ سان زبان ۾ لذت اچي ٿي. آزاد نظم قافيه ۽ رديف کانسواءِ سٺي شاعري آهي.“ اهي سڀئي خاصيتون نثراڻي نظم يا (Prose Poem) ۾ به آهن. ان ڪري نثراڻي نظم کي اسان آزاد نظم ۾ نواڻ چئي سگهون ٿا. بلڪل ائين جيئن ڪلاسيڪل انگريزي ادب ۾ ”بلينڪ ورس“ مان ”فري ورس“ جو سفر ٿيو آهي ان ڪري نثراڻي نظم کي نظم چوندي به، شاعري نه مڃڻ غير منطقي آهي. دراصل نثراڻو نظم، آزاد نظم ۾ جديديت آهي، هونئن به ادب شخصيت جو ترجمان آهي ۽ شخصيت زندگيءَ جي نمائندگي ڪري ٿي. زندگيءَ تي جيئن ته اقتصادي سماجي ۽ ٻين اثرن جو وڏو اثر ٿئي ٿو اُتي ادب ۾ نوان طريقا ۽ اظهار رائج ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي. اڳلي دور ۾ هر ڳالهه محدود هئي. هينئر موضوع جي وسعت سان گڏ صنف ۾ پڻ واڌارو آيو آهي. اڄ سائنس هر شيءَ کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. ڏينهن جا فاصلا پلن ۾ ڪٽجي رهيا آهن ۽ دنيا هڪ ”گلوبل، وليج “ٿي وئي آهي، پر انسان انسان کان دور ٿي رهيو آهي. هينئر ادب ۾ جتي سماج جا عڪس نروار آهن، اتي وقت جون سياسي حالتون ۽ شخصي قصيده گوئي بيان مان نڪري ماڻهو پنهنجي اظهار لاءِ سماجي ۽ سياسي شعور جي نمائندگي ڪري ٿو. ۽ ان نمائندگي لاءِ هو سولو ۽ سهنجو رستو وٺي ٿو، جيڪو شاعريءَ ۾ آزاد نظم ۽ نثراڻو نظم وارو اظهار آهي.
    مون هي پس منظر صرف ان لاءِ بيان ڪيو آهي ته جيئن ماضيءِ ۾ ادب ۾ اظهار جي ذريعي انهن ۾ ٿيندڙ سماجي ۽ اسلوبي تبديلين کان آگاهي حاصل ڪجي ۽ ان وقت ادبي رواجن ۽ روادارين جي ڇنڊڇاڻ ڪجي. اچو ته سائنسي ۽ ارتقا جي فطري اصول کي سامهون رکي. اڄ جي شاعري تي نظر وجهون.
    اسان جو اڄ جو شاعر فني طور کڻي ايترو اڳتي نه ويو هجي، پر هن موضوع ۽ خيال جي بُلندي کي تمام سٺو ۽ سهڻو رخ ڏنو آهي. سنڌ جي شاعري جاندار شاعري آهي. کوکلي شاعري نه آهي. سنڌي شاعرن وٽ موضوع تکا، تيز ۽ واقعائتا آهن. هو لفظن ۾ الجهڻ بجاءِ احساسن کي عام ڪن ٿا.۽ ان کي خيال جي بلنديءَ تائين کڻي وڃن ٿا. اسانجي نئين ٽهيءَ جي شاعري دونهين ورتل يا سينواريل موضوعن جي شاعري ناهي، پر هي شاعري ذاتي ۽ خارجي وارادتن جا چٽا پٽا عڪس ۽ اولڙا آهن. جيڪي انساني سماج ۽ شعور کي نه صرف جنجهوڙين ٿا، پر هڪ نئين سوچ ۽ ٿڌڙي هير جو احساس ڏيارن ٿا. جيڪا نه صرف ماحول کي تروتاز رکي ٿي، پر صاف ۽ شفاف ساهه ڀري هوا به ڏئي ٿي. اها هوا زندگيءَ ۾ آڪسيجن وارو ڪم ڪري ٿي. رمضان نول جو هي ٻيو ڪتاب آهي. سندس اڳلو ڪتاب ”جيهڻي روشني جا نظم“ پڻ آزاد شاعري تي ٻڌل آهي.جنهن ۾ 48 نظم آهن.
    ۽ رمضان نول جو نئون ڪتاب ”روح جا سجدا“ شاعراڻي اظهار جا انيڪ رنگ کڻي زندگيءَ جي ڪينواس تي، ڪي خوبصورت عڪس کڻي اچي ٿو. رمضان نول اسٽريو طور تي پاڻ کي نثراڻي نظم جو شاعر چوائي ٿو. حالانڪ اصل ۾ هو آزاد نظم ۽ آزاد شاعري ڪندڙ آهي. برک شاعر لڇمڻ ڪومل جي راءِ مطابق ”رمضان نول پنهنجي شاعريءَ ۾ رڳو تصور جي دنيا ۾ نٿو ڀٽڪي بلڪ حقيقي ڌرتي تي پنهنجا پير پختا رکي ٿو بيهي. ان جو واضح مثال هن جو نئون مجموعو ”روح جا سجدا“ آهي، جنهن مان محسوس ٿو ٿئي ته هن نه رڳو پوري شعور سان شاعري ڪئي آهي پر هو زندگيءَ جي الميي کي پڻ محسوس ڪري سگهيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ ڪجهه سياسي ۽ سماجي شعور جي جهلڪ پڻ آهي.“
    رمضان نول آزاد شاعريءَ ۾ انتهائي اهم موضوع کنيا آهن. سندس نظ۾ ”شاعر نمبر“ جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ بهترين تشبيهون ۽ استعارا آهن
    شاعر نمبر ۾
    ڪيترائي شاعر نظريا
    هڪ موذي مرض ۾ هوندي
    هير جي ڇهاءَ سان ٿي هليا
    هڪڙا ماکيءَ جي ماناري مان
    ميٺاج ماڻڻ لاءِ
    مکن جي ڏنگن جا شڪار ٿي ويا
    هڪڙا سهڻا سيبتا
    هٿ ۾ هرٻر کڻي
    شاعريءَ جا پيار بڻجي ويا
    هڪڙا انسانن جي ٿڌن جسمن تان
    لٽا لاهي
    نيضون ٺهرائي
    جڳ تي رعب ويهارڻ لڳا
    هڪڙا
    منڌل سوچ جي چوڏول تي چڙهي
    جڳ کي سنوارڻ گهرن پيا
    هڪڙا
    دنيا جي لڳل ڊگهي قطار ۾ بيهي
    ساهه کڻي
    پنهنجي منهن کلندا رهيا
    ڪي اهڙا به هئا
    جيڪي وقت جي شوريش هوائن سان اٽڪي پيا
    ڪاغذ تي وزن ٿي بيٺا
    جن کي ڪا به انڌياري
    اڏاري نه سگهي
    ***
    رمضان نول جي شاعري ۾ داخلي ۽ قلبي واردات جو حسين ڇهاءُ آهي، سندس نظم ”مان شاعر بڻجي ويس“ ان جو مثال آهي.
    مون چنڊ کي چاهيو
    چنڊ اونداهين ۾ گم ٿي ويو
    مون وڻ کان ڇانو گهري
    وڻ خزائن ۾ وڪوڙجي ويو
    مون تارن کي ڇهيو
    تارا ٽانڊا ٿي ويا
    مون دريا سان حال اوريا
    دريا بند ڀڃي شهر ٻوڙڻ لڳو
    مون سمنڊ کي ڏٺو ته
    سمنڊ طوفان آندا
    مون انسان سان پيار ڪيو ته
    انسان پٿر جا ٿي ويا
    مان منزلن ڏانهن وڌڻ لڳس ته
    مسافتون وڌي ويون
    مون وقت کي روڪيو
    وقت چيڀاٽي هليو ويو
    مان شهر ڏانهن وريس ته
    شهر گمسان جي وڙ چڙهي ويا
    پوءِ مون ماحول تي نظم رکي
    اڪيلائي ۾ نظر چوڻ ويٺس
    نظم مون کي شاعر بڻائي ڇڏيو
    ***
    رمضان نول جي شاعريءَ ۾ تمشيلون هڪ خوبصورت احساس اڀارن ٿيون. جئين هن نظر ۾:
    اي رات
    منهنجي اکين تي
    ننڊ جا هٿ ڇو ٿي رکين
    ته جئين مان ستارن جي سيج تي ويٺل
    پرينءَ جهڙو چنڊ ڏسي نه سگهان.
    يا اي چنڊ!
    مون کي تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾
    تو جهڙي ئي
    پرينءَ سان ملڻو آهي
    (رمضان نول جي شاعري ۾ وزيوئلائزيشين آهي جيڪا ماحول جي تصوير ڪشي ڪري ٿي جئين:
    اها ئي بيوس نوري آهيان
    جنهن کي تون ڪنن ۾ ستم سهڻ لاءِ اذان ڏني هئي.
    بابا چوندا آهن، نياڻي ست قرآن
    پوءِ هنئين پائمال ٿي تنهنجي نوري
    ڪنهن نه ڪڇيو
    نه ئي وقت جا حاڪم ڪڇيا
    نه ئي ايوانن ۾ ڪا هلچل
    (نظم او بابا مون کي معاف ڪجان)
    ***
    مان ڏسندو آهيان
    چرٻٽ راجا جي هيءَ نگري
    جيڪا غلام ماڻهن لاءِ
    ميٺاج جا انبار آڻي ٿي
    ۽ انهن جي اڳيان سچائيءَ کي سيني تي اگهاڙو ڪري
    ٽارچر سيل ۾
    وحشتن جي ڀيانڪ روپ کي
    خوني رقص سان
    گنگهرن جي آواز جي تال تار کي
    تڙپائيندي ٽهڪن جا پڙاڏا اُٿارين ٿا
    ۽ لاشن جا زخم قوم لاءِ
    عبرت جو سمان پيدا ڪن ٿا
    (ماءُ شفقتون نه ڪر!)
    رمضان نول جي نظمن ۾ تمام گهڻو تاثر ۽ دلپذيري آهي
    تلوار مياڻ ۾ وجهي ڇڏ
    ها ساڌو
    ڪڏهن به
    جنگ جو طبل ناهن وڄائيندا
    (نظم، تلوار مياڻ ۾)
    لفظن جا پير تڪيندڙ نوريئڙا
    ڪڏهن تو سوچيو ته جنهن وڻ تي تون ويٺو آهين
    اهو ڪيڏو وسيع آهي
    اتي تو جهڙا ڪيترائي پيٽ پالن ٿا.
    (نقاد)
    ***
    هو چادر وجهي سمهي رهي
    مان سندس پيرن جي ترين کي چميو
    هوءَ ڇرڪ ڀري جاڳي پئي
    بي اخيتاريءَ مان ڀاڪر ۾ ڀري چيائين
    سرتاج! ديوتا ايترا نيچ ناهن ٿيندا.
    ***
    ٻه لڙڪ ڪاغذ تي ڪري پيا
    کليل خط جو مفهوم غائب ٿي ويو
    ۽ مون خط ڦاڙي
    ٻه ڍڪ يادگيرين جا ڀري ڇڏيا.
    (نظم يادگيرين جا ٻه ڍڪ)
    ڪتاب ”روح جا سجدا“ ۾ رمضان نول جا ڪيترائي مختصر نظم پڻ شامل آهن. جن ۾ خوبصورت عڪس آهن. اهڙن نظمن ۾ تڙپ، ڪويتائون، تنهنجا خواب، نانگ، تصوير، پٿر جي تاريخ، ڪافر، گهاٽو، وڻ، ڪاغذ تي تشدد، لڙڪن جو وزن ۽ ٻيا ڪيترائي حسين جذبن سان دلين کي ڇهي ويندڙ خيال شامل آهن. انهن مختصر نظمن کي هنديءَ ۾ ”ڪويتائون“ چيو وڃي ٿو. جيڪي هن وٽ عام جام آهن.
    مون شروعات ۾ ڪيل شاعري جو بحث محض ان ڪري ڪيو ته جيئن آزاد شاعري جي سفر، موضوع، ڪارج جي حوالي سان رمضان نول جي تخليق جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهجي ۽ هن جي شاعريءَ کي عالمي ادب جو حوالي سان پرکي سگهجي. اوهان ڏسو ته رمضان جي شاعري ۾ جديد سنڌي شاعري ۽ نئين ٽهيءَ جي ڪيترن ئي باشعور شاعرن جي شاعريءَ وانگي. سڀ خوبيون موجود آهن، جنهن جي ڪري هن کي هڪ سلجهيل ۽ باشعور شاعر چئي سگهجي ٿو. رمضان نول جيڪڏهن پنهنجو سفر ان محنت ۾ محبت سان جاري رکيو ته سندس آئيندو هڪ خوبصورت حوالو بڻجي ويندو. ها البت هڪ ڳالهه ضرور ڪندر ته رمضان جي شاعريءَ ۾ انگريزي ۽ هندي لفظن جو استعمال هن جي عام، روزاني زندگيءَ جي مزاج ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ موجود ڪونهي، جنهن ڪري سندس شاعري سندس شخصيت کان اوپري محسوس ٿئي ٿي. ان ڪري پنهنجي نجي سوچ ۽ شاعري کي اڃان نج ڪري پر ان کي ڇنڊي ڦوڪي چمڪائڻ سان ان جي اصليت ۽ اوريجنلٽي ختم ٿي وڃي ٿي. ان کان وڌيڪ مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. جو رمضان نول هوشيار آهي. هن چالاڪي ڪري اڳ ئي ڪتاب ”روح جا سجدا“ ۾ نظم پوسٽ مارٽم“ لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو اٿائين ته:
    مون ڏٺو نقادن جي اسپتال ۾
    ميسحا ڇُرين سان
    منهنجي ڪويتائن جو
    پوسٽ مارٽم ڪري رهيا آهن
    حالانڪ اهو به سچ آهي ته پوسٽ مارٽم
    ڪرڻ منهنجي ڊيوٽيءَ ۾ شامل رهيو آهي.
    پر مان پوسٽ مارٽم ڪري رهيو آهيان
    ۽ ڪنهن حد تائين ياري به نڀائي اٿم.
    منهنجي دعا آهي ته رمضان مسلسل لکندو رهي ۽ اهڙا ڪي ئي ڪتاب تخليق ڪندو رهي.
    (رمضان نول سان رهاڻ س ا س ڪراچي طرفان خميس 21 سيپٽمبر تي (رمپا پلازه ۾) ملهائي وئي. ان موقعي تي پڙهيل صدارتي مقالو)
    (روزانه هِلال پاڪستان اڱارو 12 سيپٽمبر 1999ع )


    ڪرسي ۽ انسان

    مسلمان جڏهن هوش ۾ اچي ٿو ته هو پهريون ڀيرو ”آيت الڪرسي“ جي نالي ۾ لفظ ڪرسي ٻڌي ٿو. پوءِ جڏهن هو اڳتي پڙهي ٿو ۽ علم ۾ هٿ وجهي ٿو ته هو اڏامندڙ ڪرسي، ڦرندڙ ڪرسي ۽ هلندڙ ڪرسيءَ جون ڪهاڻيون ٻڌي ۽ پڙهي ٿو ۽ خوش ٿئي ٿو ۽ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪري ٿو. سنڌ جي ماحول ۾ منجين ۽ موڙن جو رواج ۽ ذڪر به آهي. موڙ ته هونئن مڙسن جو شان آهي.مچ تي منجيون ۽ اوطاقتن ۾ موڙا رواج ۽ ريت به آهي. ياد رکڻ گهرجي ته ان منجيءَ جي معنيٰ سنڌ ۽ پنجاب ۾ الڳ الڳ آهي ۽ منجي ٻنهي صورتن ۽ ٻنهي جاين تي ساڳي اهميت رکي ٿي. ڀل ته ان جي معنيٰ الڳ ئي ڇو نه هجي!؟ پوءِ انهن اُڏامندڙ ڪرسين جو ذڪر ڪهاڻين مان نڪري اچي چنڊ تائين پهتو ۽ جائي پائي ڪرسيون اڏامڻ لڳيون. اصل تيز رفتاري سان جيڪي زمين تان ٿينديون سيارن تائين آيون ۽ موٽي ٻيهر ماڳ پهتيون، جيڪي اڳ راڪيٽن ۽ جهازن ۾ موجود رهيون. اسان، مان سڀني ڪڏهن نه ڪڏهن انهن اڏامندڙ ڪرسين جو مزو ضرور چکيو هوندو. اهڙي ئي نموني ڪرسيون ريل گاڏي موٽر گاڏي ۽ ٻين گاڏين ۾ هلڻ لڳيون. نه صرف هلڻ لڳيون پر اصل هلڻ ڦرڻ لڳيون. اهڙي ئي طرح ڪرسيون بلڪل پنهنجي اصلي ۽ نج بناوت ۾، ٻيڙين، لانچن، سامونڊي جهازن ۾ ترڻ به لڳيون. حالانڪ اهو هڪ اهم سوال ضرور آهي ته اها ترقي ڪرسين ڪئي آهي يا ٽيڪنالاجي؟ ترقي ڀلي ڪنهن به ڪئي هجي. ۽ اثر ڪرسين تي پيو هجي. ۽ پوءِ اهي ڪرسيون ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين پيون اڏامن هلن. ڦرن، گهمن، ترن جيئن ته ڪرسي ماڻهوءَ لاءِ ئي ٺهي آهي. ان ڪري اها پاڻ سان گڏ پنهنجي سامان طور ڪو نه ڪو ماڻهو به ضرور کڻي ٿي پوءِ ڪرسي جو مٿو ڦري يا نه؟ ماڻهوءَ جو مٿو ضرور ڦري ٿو. گهٽ ۾ گهٽ اسان ته ڦرندي ڏٺو آهي. حالانڪ ڪٿي ڪٿي ۽ اڪثر ڪري اهي ڪرسيون به ڦرنديون آهن.
    جڏهن انهن ڪرسين جو اڃا ائين رواج نه هو ۽ ڪرسين اڃا ترقي به نه ڪئي هئي. تڏهن تاريخ لکي ٿي ته، هتي تخت ۽ تاج جو رواج هيو. اڃا به اڳي هڪ تختو به هيو. ان تخت ۽ تاج وارو دٻدٻو ڪرسي وٺي نه سگهي پر بهرحال ڪرسي پنهنجو نئون روپ ۽ ضرورتون ضرور ڏنيون جيڪڏهن تخت لاءِ مغلن پُٽ پيءُ جا ترا ڪڍيا ته ان ۾ تخت جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟
    سو اسان جيئن ته اڄ ڪرسيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ۽ هونئن به اسان وٽ ڪرسيءَ تي ئي لٺ لڳي پئي آهي. سياست کان وٺي ڪامورڪي پوسٽ تائين، ليڊر کان وٺي ورڪر تائين سڀئي انهيءَ ڪرسي جي پويان آهن پوءِ ڪي پنهنجي ڪرسيءَ ٿا پڪڙين ته وري ڪي ڪنهن ٻئي جي ڪرسي جهليو ويٺا آهن، يعني اڳي جيڪي جهول جليندا هئا، اڄ اهي ڪرسيون جهلي بيٺا آهن. اصل جهلي ڇا، پڪڙي بيٺا آهن. جيتوڻيڪ سڀني کي اها خبر ۽ پڪ به آهي ته اها ڪرسي ڪنهن سان رهائي نٿي ۽ نه ئي ڪنهن جو ساٿ ڏئي ٿي. اصل صفا سرڪڻي آهي. ڪڏهن سرڪائي ٿي وڃي ته وري ڪڏهن پاڻ سرڪي ٿي پوءِ اها شيءَ جيڪا بي بقا هجي ۽ بي وفا به هجي ۽ هٿ نه ايندڙ صفا هجي. اُن ڪرسي جي پويان ڀَل ته ساري دنيا هجي، پر اها الله لوڪ، نيڪ نيت ۽ نيڪ دل ماڻهن کي پاڻ ئي ملندي آهي. ۽ پنهنجي سموري روايتي ۽ غير روايتي ادا سان ظاهر ٿيندي آهي.
    سنڌ ۾ صوفين تڏن ۽ پڳن کي مان ڏنو، جنهن جي رزلٽ اها نڪتي ته ڪرسيون انهن جي پويان ڦرنديون رهيون، پر پنهنجي سڀني خوبين ۽ رعنائين جي باوجود، اُهي ڪرسيون انهن وٽ نه ڪا جاءِ ڪري سگهيون ۽ نه ئي پنهنجي جاءِ وٺي سگهيون جنهن ڪري اهي ڪرسيون مايوس ٿي ڪري، ون به پر مٿي ڪوڙن ماڻهن انهن کي ائين پڪڙيو ڄڻ ڪمزور ايمان جي ماڻهن تعويذن کي پڪڙيو هجي. جاهل ۽ ڪوراڄٽ ماڻهو ڪرسين جا غلام هوندا آهن. عالم ۽ کرا ماڻهو انهن ڪرسين کي ليکين ئي ڪونه، حالانڪ اسان وٽ ڪرسي جو رواج آهي ۽ ماڻهو هڪ دفعو شل نه ڪنهن ڪرسيءَ تي ويٺو. پوءِ تاعمر ان ڪرسي جو حوالي هوندو. مثال رٽائرڊ ڊپٽي ڪمشنر ڪا تعليم يا رتبو ناهي. پر هڪ انتظامي ڪرسي آهي. باقي اُن کان مٿي جو ذڪر ڪرڻ وڏو رسڪ آهي. جنهن لاءِ اها به پڪ نه هجي ته اها واهه واهه به ٿيندي يا نه؟
    هونئن ته ڪرسيءَ کي هر ڪنهن اهميت ڏني، پر انگريز سرڪاري ڪرسيءَ کي وڌيڪ طاقتور بڻايو ۽ هن باقاعدا ضابطا بڻايا. جنهن سان اها ڪرسيءَ اڃان وڌيڪ مظبوط ٿيندي ويئي. انگريزن جا ٿيل ڪم تمام ڀلا آهن. جن تي اسان کي سندس احسانمند ٿيڻ گهرجي. هڪ ته سنڌي الفابيٽ ٻيو ريل جو نظام ۽ ٽيون ڪم سٺ سالن کانپوءِ سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائرمنٽ.
    خبر ناهي ته انگريز سرڪار نوڪري جي مٿئين عمر سٺ سال ئي ڇو مقرر ڪئي؟ ان جا ڪيترائي جواب ٿي سگهن ٿا. پر ڳالهه اسان جهڙن عام رواجي ۽ ڪم عقل ماڻهن کي اها نه اڳ ڪڏهن سمجهه ۾ آئي آهي ۽ اميد ته نه ئي اڳتي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي.
    هونئن ته ڪيتريون ئي ڳالهيون آهي جيڪي پاڻ کي اڃا تائين سمجهه ۾ نه آيون آهن، جو انهن ۾ سمجهه نالي ڪاشيءِ هوندي ئي ناهي. جيئن اڳوڻو ڊائريڪٽر انفرميشن ميان نصرت حسين ابڙو رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ ”مير“ ٿي ويو ۽ اڄڪلهه هڪ وڏو پوسٽر نما ڪارڊ کڻيو پيو گهمي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر انفارميشن رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ هينئر هو تاحيات ڊائريڪٽر جنرل انفرميشن صحافت هائوس. سچل ڳوٺ ڪراچي ٿيو آهي اهو اُهو رتبو يا مرتبو آهي، جتان رٽائرمينٽ وٺڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، بهرحال ان ۾ اسان جو نقصان به ڪونهي. اها بيءَ ڳالهه آهي ته محترما سلطانه وقاصي اڃا تائين ناراض آهي. ته مون کيس آرٽس ڪائونسل ۾ ”مير“ لقب لاءِ سيڪنڊ ڇو ڪيو؟ هونئن به ڀلا هن ڪنهن کان پڇي ”مير“ ته نه چوايو آهي، ته وري ٻئي پاسي ميان نصرت حسين ابڙو، مونسان ناراض آهي. هن گذريل ڏينهن محترم سميع بلوچ جي آفيس ۾ چيو ته ”يار“ ڀلي دنيا مون کي ”مير“ چوي. تون نه چئو
    بهرحال انگريزن جي حڪمت ۾ ضرور ڪجهه نه ڪجهه حڪمت عملي ضرور هوندي. شايد ڪوشش ڪجي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳندي. مون ڪجهه وقت اڳ ميان نصرت حسين ابڙي کي هڪ لطيفو ٻڌايو هيو جيڪو هن ڏاڍو پسند ڪيو هو ۽ چيو هئائين ته دوستن کي اڪثر ڪري ٻڌائيندو آهيان. مان چاهيان ٿو ته اُن مان اوهان به لطف وٺو. چوڻ وارا چون ٿا ته ڪنهن پرستار مشهور ڳائڻي مختيار شيديءَ کي صلاح ڏني ته هو پنهنجي نالي پويان شيدي هٽائي قمبراڻي يا ڪو ٻيو لفظ استعمال ڪري، چوڻ وارا چون ٿا ته مختيار شيدي ٺهه پهه وراڻيو ته اسان وٽ ماڻهو اڳيان پويان ”مير“ لڳايو ٿا وتن ۽ پرواهه نٿا ڪن ۽ خوش ٿين ٿا، مون جي شيدي چوايو ته ڪهڙو گناهه ٿي پيو.
    هونئن به چوڻ وارا چون ٿا ته ميرن ۽ شيدين جو پراڻو ۽ تاريخي ساٿ آهي.
    اسان ذڪر ڪرسي جو کنيو ويٺا آهيون، پوءِ ان ڪرسي ۾ اهي سڀ ڪرسيون شامل ٿي وڃن ٿيون. حالانڪ اڄڪلهه مارڪيٽ ۾ ڪرسيون به ڏاڍيون سٺيون هلڪيون سلڪيون ۽ وزني به ملن ٿيون جن جو ملهه ساڍا ٽي سؤ کان شروع ٿئي ٿو ۽ اڳتي هلندو ۽ چڙهندو ٿو وڃي. بس پنهنجي پنهنجي پسند آهي، پر ڪرسيءَ ۾ ماپ جو خاص خيال رکڻ گهرجي ٿو ڪٿي ماڻهو وڏا ۽ ڪرسيون ننڍيون آهن. ته وري ڪٿي ڪرسيون وڏيون ۽ ماڻهو ننڊا آهن حالانڪ ڪن ملڪن ۾ هڪ جهٽڪي واري ڪرسي به آهي، الله ان کان اسان سڀني کي امان ڏئي ۽ بچائي.

    ٽي وي ايوارڊ سائل آزاد ۽ ممتاز ڪنول
    اسان جي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي شاندار روايتون رائج آهن. اُهي شاندار ان ڪري جو، هنن جي نه هجڻ سان شايد شان ۾ گٽتائي ايندي هوندي. خبر ناهي ته اسان ٻئي ڪنهن کي خوش ٿيندي ۽ خوشي ملندي نه ڏسي سگهندا آهيون. ۽ نه ئي سهي سگهندا آهيون. حالانڪ اها به سڀني کي خبر آهي ته هر ماڻهوءَ جو پنهنجو نصيب آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ نصيب انسان جي پنهنجي هٿ وس آهي. رنگ سڀئي سهڻا آهن، پر هر ماڻهوءَ جي پنهنجي پنهنجي پسند آهي. گهڻن کي ته ڪارو رنگ به وڻي ٿو ته آخر خراب رنگ ڪهڙو آهي؟ اِهو. اُهو سوال آهي جنهنجو جواب شايد ڪنهن وٽ نه هجي. پر هڪ جواب اهو به ٿي سگهي ٿو ته حسد ۽ ساڙ جو رنگ، جيڪڏهن ڪو رنگ آهي ته پوءِ پڪ سان اهو رنگ خراب آهي. ان لاءِ قرآن ۽ حديث ۾ به آيل آهي. پر انسان پنهنجي عادت ۽ فطرت کان مجبور آهي. خبر ناهي ته اها فطرت ۽ عادت اسين ايڪويهين صديءَ ۾ به کڻي هلنداسين؟؟
    گذريل ڏينهن تاريخ 3 نومبر تي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي نائين انعامي ايوارڊ جي تقريب ٿي گذري، جن کي انعام مليو انهن جو به ڀلو ۽ جن کي انعام نه مليو انهن جو به ڀلو. هونئن به اهي انعام ڪي انسان کان مٿي ناهن ۽ انهن سان نه ڪي چار چنڊ لڳن ٿا. بندو پنهنجي شخصيت سان آهي. ڀلو آهي ته ڀلو آهي گندو آهي ته ڀلي ڪيترا به انعام ملنس. ڪهڙو ٿو فرق پوي هونئن به اڄڪلهه ڪيترائي ادارا آهن، جيڪي مال ڏيو ۽ انعام وٺو جي بنياد تي ڪم ڪن ٿا. جنهن ۾ ڪراچي جا ڪيترائي سوشل ادارا ۽ تنظيمون شامل آهن، جيڪي شامون ۽ رهاڻيون به ملهائن ٿيون. خادم انسانيت اعليٰ ڪارڪردگي جا انعام به ڏين، سو ذاتي طور مان ڪنهن شڪايتي اسٽائيل جو قائل ناهيان. ڀلا جي سائل آزاد کي بهترين شاعر جو ايوارڊ مليو ته ان سان اسان جي صحت تي ڪهڙو اثر پيو؟ پر هُو مولائي خوش ٿي ويو حالانڪ سائل چيو ته هن کي فاعلاتن ۽ فاعل جي به خبر ناهي. هڪ مزي جي ڳالهه اها آهي ته ادل سومرو مان ۽ سائل آزاد گڏ ويٺاسين . سائل کي فلو هيو جيئن ته هو منهنجي ڀرسان ويٺو هو. سو لڳاتار نڇون ۽ هلڪي جهڙ ڦڙ وقفي وقفي سان هلي پئي، آخر جان جي امان پائي عرض ڪيوسين ته قبلا! رومال رکو. يا وري ٿورو ٻاهر وڃي اندروني ۽ بيروني صفائي جو انتظام ڪري اچو. ورنه اجهو اسان جو به اهو حال ٿيندو. سائل آزاد جيئن ته هر ڪنهن ڳالهه کان آزاد آهي، فورن چيائين، يار! چئين سچ ٿو. پر بس هاڻي منهنجو وارو آهي. (يعني شاعري جي ڪيٽيگري انائونس ٿيندي) مان پنهنجو ايوارڊ وٺي پوءِ هليو ويندس. ٿورو صبر ڪر مون ادل ڏي ڏٺو. ۽ ادل مون ڏي ڏسندو رهيو ته هي ڪيئن ٿو چوي ته هي ايوارڊ وٺي ويندو، پوءِ سائل ئي اسان کي ٻڌايو ته ادل ۽ سائل روشن تارا ۽ مان مهراڻ ميگ ۾ نامزد آهيون. هن کي پنهنجي انعام جي پڪ هئي ۽ خاطري پڻ حالانڪ ان کان اڳ مون کي اها خبر ڪانه هئي ته مان ڪهڙي پروگرام ۾ نامزد آهيان. بهرحال ڳالهيون ۽ انڪشاف اڃا گهڻا ٿيا. اسان سائل کي مبارڪباد ڏني، پر اسان کي خبر هئي ته ان ايوراڊ واري پروگرام جي ٻين ماڻهن، فنڪارن ۽ دل ڪارن پاران هڪ عدد ڪا روايتي موٽ به ملندي. سو ان لاءِ جنهن کي ايوراڊ نه مليو. انهن جا جذباتي بيان ڇپيا جن ۾ ممتاز ڪنول جو بهترين بيان، سندس عقل، تعليم ۽ عمل جو عظيم الشان مظاهرو ۽ نمونو آهي. ممتاز ڪنول بيان ڪري ٿي ته ”مون کي هن وقت تائين ٽي وي تي ڪم ڪندي 13 سال ٿي ويا آهن. پر مون ان وقت تائين شايد اها اداڪاري نه ڪٿي آهي. جيڪا شگفته ڀٽو ڪجهه وقت ۾ ڏيکاري آهي. ٻارڙي اداڪار کي ايوارڊ ملي پر ان جي ڀيٽ ۾ ٽي وي جي سينئر اداڪارن مون طلعت حسين، شڪيل کي فقط تعلقات جي نه هئڻ تي ايوارڊ کان پري رکيو ويو آهي. هن چيو ته انتظاميه کي کي اهو ماڻهو وڻندو آهي. جيڪو بلڪل اگهاڙو هجي. ڳالهه ممتاز ڪنول گڏهه ۽ گهوڙي جي به ڪئي آهي. بهرحال ممتاز ڪنول کان شايد ”ٽي وي ٽيمپو“ ۽ ”ٽي وي ٽائيمز“ ۾ ڏنل پنهنجا انٽرويو ۽ آمريڪا جي ڪهاڻيءَ وسري وئي هجي. پر اسان کي اڃان ياد آهي ته ۽ اسان کي اها به خبرآهي. ته هن 13 سالن ۾ ٽي وي اندر ۽ ٽي وي کان ٻاهر ڪيتري سٺي ”اداڪاري“ ڪئي آهي جو اداڪاري هن جو پيشو به آهي. اسان ممتاز ڪنول جي اها ”اداڪاري“ مختلف موقعن ۽ جاين تي ٻڌي آهي. ۽ ڏٺي به آهي ۽ اسان کي اها به خبر آهي ته پاڻ ڪل وقتي ”اداڪاره“ آهي. هاڻي انهن ٻن ”اداڪارئن“ جي اداڪاري ۾ ٽي وي جو ڪهڙو ڏوهه؟ يقينن ممتاز ۽ شگفته وچ ۾ اداڪاري جو مقابلو معمول مطابق روزانو ٿيندو هوندو.ٻئي هڪٻئي سان ملندو، کلنديون ۽ گڏبيون هونديون هڪ ٻئي کي ڄاڻينديون ۽ سڃاڻينديون به هونديون. ممتاز ڪنول کي شڪايت آهي ته تعلقات نه هئڻ ڪري کيس انعام نه مليو آهي. اهو به غلط آهي. هو 13 سالن کان ”ڪم“ ڪري ٿي جيترا هن جا تعلقات آهن شايد ئي ڪنهن جا هوندا. جو ذري گهٽ وچ ۾ هڪ نسل جوان ٿي ويو آهي. سندس اڃان اڳتي چواڻي ته انتظاميه کي اهو ماڻهو وڻندو آهي جيڪو بلڪل اگهاڙو هجي. حالانڪ ممتاز ڪنول ۾ ”اداڪاري“جو سڀ خوبيون موجود آهن. ذاتي طور مون کي به سڀ ڪجهه خبر آهي. ايوارڊ واري ڏينهن سندس لباس به ڪجهه وڌيڪ ”زنانو“ هو، ان ڪري اهڙا لفظ گهٽ ۾ گهٽ ممتاز ڪنول جي منهن تي نٿا پون. باقي ممتاز ڪنول ۽ شگفته ڀٽو وچ ۾ ڪنهن مال تي يا ڪنهن حال تي ڪو ذاتي تڪرار آهي ته اها به پنهنجي نصيبن جي ڳالهه آهي، بهرحال ٽي وي ”اداڪاريءَ تي نه ادا وريءَ تي ايوارڊ ڏيندي آهي. جي مليو ته به واهه واهه جي نه مليو به واهه واهه
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 13 نومبر1999ع)


    ببليءَ کان باليءَ تائين اسان ڪاڏي پيا وڃون

    ماشالله اڄڪلهه به حيدرآباد جو شهر ”ان“ آهي ۽ احتجاج ۾ وڏي سرخين سان ڇپجي پيو. ان چپائي جا جتي گهڻا سبب آهن، انهن مان هڪ مشهوري ارم ببلي به آهي، جيڪا وڏين وڏين ۽ شاهڪار محفلن جي حوالي سان مشهور آهي، جنهن جو کاڄ ضلعي ڪامورا به ٿي ويا. هڪ ڊپٽي ڪميشنر ته پنهنجو عهدو به وڃايو. خبر ناهي اُن سان اُن ببلي ڪهڙو ساٿ نڀاهيو. پر اڄڪلهه وري ٻين ڪامورن کي مشهور ٿيڻ ۽ ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ ان ببليءَ سميت پنج ٻيون عورتون، جن کي اخبارون ”حسينائون“ لکن ٿيون. پوليس قلم 294 ۾ چالان ڪيون آهن. قلم 294 ۾ فحش حرڪتون ڪرڻ لکيل آهي. پر انهن کي سندن گهرن مان بنا ڪنهن مرد جي فحش حرڪتون ڪندي گرفتار ڪيو ويو آهي. اهو ڪم ته قانوندان جو آهي. ته هو قلم 294 جي تشريح ڪهڙي ٿا ڪن؟ ته ڇا پنهنجي گهر مان به فحش حرڪتون ڪندي گرفتار ڪيو ويندو آهي؟ ان کان اڳ ته روڊن، رستن ۽ عام هنڌن تي اهو قلم لاڳو ٿيندو هو، جيڪو هينئر ترقي ڪندي گهرن تائين پهتو آهي. بهرحال اهو جئين ته پنهنجو موضوع ناهي. ان ڪري اسان ڳالهه پئي ڪئي سون، ببلي ۽ سندس سرتين جي، جيڪي پوليس گرفتار ڪري حيدرآباد جي وومن ٿاڻي ۾ رکيون آهن. ڳالهه ڪرڻ وارا ڪن ٿا ۽ لکڻ وارا لکن ٿا ته اصل جنگل ۾ منگل ٿي ويو. فونن جا واڄا ۽ گاڏين جا ڪڙڪاٽ بهرحال چالان ٿيل سامان جي وارث جيئن ته سرڪار آهي، ان ڪري کين فورن (وي آءِ پي) سهولتون ڏنيون ويون. انهيءَ وي آءِ پي سهولتين ۾ اهو سڀ ڪجهه شامل آهي. جيڪي وي آءِ پيءَ ۾ اچي ٿو.
    ارم ببلي جي هاڪ جو وڏو ڌاڪو ويٺل آهي. ڪجهه مهينا اڳ ٽي وي پروڊيوسر حيدرآباد سان تعلق رکندڙ هڪ اداڪار کي پنهنجي آفيس ۾ چئي رهيو هو ته يار! ببليءَ کي سنڌي ايندي آهي؟ مان کيس ڊرامن ۾ ڪم ڪرائڻ چاهيان ٿو!
    جنهنجو جواب هن هيئن ڏنو ته: آهي ته سڄو ڏينهن سنڌين وٽ پر وڌيڪ جاچ ڪري ٻڌائيندس.
    ”ڀلا ڪيئن آهي“ پروڊيوسر تجسس مان پڇيو. ”واهه جي آهي، اداڪار جواب ڏنو ۽ پنهنجا خشڪ چپ چٽيندو رهيو.
    جيڪڏهن پنهنجن پروڊيوسرن جو ايڏو اشتياق آهي. ته پوءِ خبر ناهي فلم وارن جو ڪهڙو خيال هوندو؟ جو پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ٿيڻ جون اهي سڀ خوبيون ۽ ٽئلنٽ هن ۾ موجود آهي.
    جيڪي هڪ پاڪستاني فلم لاءِ ضروري آهن. هونئن به ان کان اڳ لاهور جي اقبال جيڪا پوءِ سنڌ جي باليءَ جي نالي سان مشهور ٿي ۽ محبوب کان رسي وڃڻ جي ڪري والي خيرپور ۽ مشهور شاعر مير علي نواز ناز کي پرچائڻ لاءِ پوري ريل گاڏي ڪري لاهور وڃڻو پيو ۽ بالي مير جي هن ادا تي پڪ سان خوش ٿي. بلڪل ائين جيئن ارم ببليءَ جي فحش حرڪتون ڪرڻ تي گرفتار ٿيڻ وري ان جي سرڪار طرفان ضمانت ڪرائڻ ۾ پنهنجي ڪامورن ۽ بجارين به وسان ڪو نه گهٽايو. جن راتين جا اوجاڳا ۽ ڏينهن جا سفر ۽ ڪاغذپٽ تيار ڪري پنجن هزارن جي ضمانت تي هن کي سندس سهيلين سميت آزاد ڪرايو. چوڻ وارا چون ٿا ته پنج هزار ته ببليءَ هڪ نهار جا وٺندي آهي. پر ڀلو ٿئي پنهنجي اڳوڻي دور جي خدمت ڪاميٽي وارن جو جن ببليءَ جي خدمت ڪئي ۽ خدمت ڪاميٽين جو فرض نڀاهيو. جو اخبارن مطابق خدمت ڪاميٽيون ٻين خدمتن کانسواءِ هن خدمت ۾ به سڀ کان اڳڀريون رهيون آهن. واهه جو ڪم ڪيو آهي. خدمتي ڪاميٽي وارن. اسان کين هن عظيم الشان ڪم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيون ٿا ۽ اسان کي خبر پئي ته خدمت ڪاميٽين جو دائرو اختيار ڪيترو ۽ ڪيستائين آهي ۽ ان ۾ ڇاڇا شامل آهي؟ پر اهو دور ويو. اڄڪلهه وري اِهي ببليون شل انهن کي پناهه ڏين. اهي خدمت ڪاميٽيون اصل ۾ لٽ مار ۽ ڀتا خور مرڪز هئا.
    اسان ڪٿي وڃي بيٺا آهيون؟
    تاريخ 8 آڪٽوبر جي اخبارن ۾، پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ انوکو واقعو ٿيو آهي. ۽ ملڪ جي سڀني اخبارن ۾ اهو رپورٽ ٿيو آهي. قصو اهو آهي ته لاهور جي هڪ واپاري خالد محمود کي لاهور لڳ رام ڳڙهه مغلپور جي ڪنڊائتي بستيءَ مان ڪجهه نامعلوم فيشن ايبل عورتون اغوا ڪري کين ڪيترين ڏينهن تائين جنسي تشدد جو نشانو بنايو. جنهن کي مرداڻي قوت وڌائيندڙ ۽ نشي واريون دعوائون کارائي، پنهنجي جنسي تسڪين پوري ڪئي. رانا خالد محمود کي اهي عورتون گذريل ڏينهن ڪپڙن کان آجي حالت ۾ مغلپور واهه جي ڪناري انتهائيءَ ڪمزوريءَ جي حالت ۾ اڇلي ويون هيون. چيو وڃي ٿو. ته رانا خالد سان جوهر ٽائون لاهور ۾ ڇهن ڏينهن تائين بند رکي کيس زبردست جنسي تشدد ڪيو ويو. پوليس جي چوڻ مطابق اُن ڪيس ۾ مُلڪي ۽ غير ملڪي عورتون ملوث آهن، جيڪي جنسي بي راهه رويءَ جو شڪار آهن. جن هن کي مرداني قوت وڌائيندڙ جنسي انجڪشنون ۽ دوائن جو ايترو استعمال ڪرايو جو سندس حالت رحم جي قابل بڻجي ويئي آهي. ۽ هو هاڻ گهمڻ ڦرڻ جي قابل نه رهيو آهي. کيس نارمل ٿيڻ ۾ هفتو لڳندو!
    هن خبر جو ميڊيڪو ليگل ايسپيڪٽ ڪجهه ٻيو آهي. جو بنا ڪنهن تعاون جي اهو ڪم نٿو ٿي سگهي. پر بهرحال اهڙو ڪم ته يورپ ۾ به نه ٿيندو آهي. جيڪو هتي ٿي رهيو آهي. آخر اسان هي ڇا ڪري رهيا آهيون؟ ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ اسان يورپ جي انڌي تلقيد ۾ پنهنجي هيچ پائيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون. انهن جون چڱائيون به اسان کي نٿيون وڻن. چڱايون اسان کي پهريون ئي نه وڻنديون آهن. پر اسان گهٽ ۾ گهٽ انهن جي سچ ڳالهائڻ جي عادت، سخت محنت ۽ جفاڪشي ۽ ڪم چوريءَ کي ڇڏي پورو ڪم ڪرڻ واري عادت ڪاپي ڪيون ته بهتر آهي. جيڪڏهن ڀلا هروڀرو يورپ جي تلقيد ڪرڻي ئي آهي. باقي هي برايون ڪرڻ ۽ بدي ڦهلائڻ ڪو سٺو ڪم ته ناهي. اسان هيءَ ڪهڙي ترقي ڪئي آهي. ان جو جواب ڪير ڏيندو؟ ٻيو ته اهڙين واقعن کي اخبارن ٺاهي ٺڪي. جنهن هيجان خيزيءَ سان رپورٽ ڪري رهيون آهن، اهو به ڪو چڱو ڪم ته ڪونهي.
    ڇوڪر، ڪتو ۽ ماءُ
    مان موٽر مڪينڪ استاد فرانسس کان گاڏيءَ جي بريڪ سيٽ ڪرائي رهيو هيس. هڪ ڊسڪو نما نوجوان گاڏيءَ مان پٽي پيل ڪتي سان لٿو. هن کي فرانسس سان گڏجي شهر وڃڻو هيو. فرانسس کيس چيو ته هن گاڏي جي بريڪ مان هوا ڪڍي هلان ٿو. ڊسڪو نما همراهه سان گڏ آندل ڪتي جو رئي ۽ مٽي ڏٺي ته هو ليٿڙيون پائڻ لڳو. جو بنگلن ۾ اها شئي نه هوندي. جيئن ته ڪتو آخر ڪتو آهي. پوءِ ڀلي اهو ڪٿي جو به هجي. ڊسڪو نما نوجوان ڇوڪري ڇوڪرا ۽ اسان پارا اهو لڪاءُ ڏسندا رهيا. ڊسڪو ڇوڪري چيو ته پاڻي هوندو؟ گيراج واري جواب ڏنو ”مٽ جو آهي ٿڌو نه هوندو.“
    ڇوڪرو رئندو رهيو ۽ چوندو رهيو، ”نه مون کي ڪتو وهنجارڻو آهي. ان لاءِ پاڻي گهرجي“
    ”نه صاحب! هتي ايترو پاڻي ڪونهي. گهر وڃي وهنجاريس. گيراج جي ٻئي مستري جواب ڏنو.
    ڇوڪرو هيسيل هيو، چيائين، ” مٽي ڏسي، امان ماريندي هن ڳالهه کي اڃا اڳتي وڌائيندي چيو: ”ٽيپوءَ کي امان پاڻ پنهنجي هٿن سان وهنجاريندي آهي. هنجي بت تي مٽي ڏسي. مون کي مار ملندي.“ ۽ پوءِ ٻيهر روئڻ لڳو.
    ”صاحب، امان کي ڪهڙي خبر، هي ڪپڙو وٺ يا گاڏيءَ مان ڪڍ مٽي اگهونس ٿا“ گيراج جي ورڪر چيو.
    ”نه توهان ڇا به ڪيو امان کي خبر ضرور پوندي.“ ۽ پوءِ گاڏي اسٽارٽ ڪندي هليو ويو ۽ چيائين ته ”منهنجو ڀاءُ اچي ته ٻڌايوس ته مان پنهنجي دوست گل زيب جي گهران وهنجاري ٿو اچانس. اوهان تيار آهيو.“ ۽ پوءِ هو هليو ويو. مون ڏٺو وچ مان سينڌ نڪتل ڳلن تائين لڙڪيل وارن واري هن نوجوان کي ڪتو شايد پاڻ کان به وڌيڪ اهم ٿي لڳو. جو ان کي سندس ماءُ پاڻ وهنجاريندي آهي.
    جنهن شهر ۾ ماڻهوءَ بصر ۽ مورين وانگر وڍبا ۽ ڪٽبا هجن، اتي ڪتي جو ايڏو خيال. ڪهڙو نياپو آهي؟مون کي سمجهه ۾ نه آيو آهي، ته ڪتو سندس ماءُ وهنجاري ۽ پاڻ گل زيب وٽ وهنجارڻ ويو.
    آخر اسين ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 23 آڪٽوبر 1999ع)


    قصو هڪ نانگ جو

    28 سيپٽمبر جي هلال ۾ هڪ خبر جو سرو آهي. ته ”يونين ڪائونسل درساڻو ڇني جي رڪارڊ تي نانگ ويٺل“ جنهن جا تفصيل ڪجهه هي ريت آهن ته سموري رڪارڊ تي هڪ طاقتور نانگ جو قبضو، نانگ جي خوف کان ڪائونسل جو عملو آفيس ۾ ڪم ڪرڻ کان ڊنل آهي.
    خبر ناهي ته مٿين خبر ۾، خبر ڪيتري آهي؟ ۽ صداقت ڪيتري؟؟ پر ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اسان جي هر محڪمي ۾ اڄ ڪلهه خطرناڪ ۽ خوفناڪ نانگ ويٺا آهن. جيڪي نه صرف انهن جي رڪارڊ تي قبضو ڪيو ويٺا آهن. پر انهن جي هر واڳ، انهن جي هٿ ۾ آهي، ان ۾ هن ئي سماج جو وڏو هٿ آهي. جيڪو نانگ پالي ٿو. نپائي ٿو ۽ انهن جي باقاعدگيءَ سان پرورش پڻ ڪري ٿو. دنيا جا ماپا ۽ معيار مٽجي ويا آهن. اڳي چڱائي خوبي لکبي هئي. هينئر اها وڏي برائي ۽ بدي آهي. اسان هن معاشري ۾ ٻيو ڪجهه پيدا ڪيو هجي يا نه! پر بي ايماني، بدمعاشي ۽ حق تلفي وڌيڪ عام ڪئي آهي. هتي ويهه ڪوڙا گڏجي، هڪ سَچي کي ڪوڙو ٿا چون ۽ ثابت ٿا ڪن، ڀلا ويهن ڪوڙن ۾ سچ ڪٿي هلندو؟ پر ايترو ضروري آهي ته سچ، سچ ئي رهندو، پوءِ ڀلي ويهه ڪوڙا هجن يا ويهه لک ڪوڙا. هر رات ۽ اونداه ۾ سج اوٽ ٿيندو آهي. پر جڏهن به ظاهر ٿيندو آهي، ان جي شعاع ۽ تيک ۽ روشني ڪو به لڪائي نه سگهندو آهي. پوءِ در دريون بند ڪري ويهڻ يا اکيون بند ڪرڻ سان، سج جو وجود مٽائي نٿو سگهجي. هن سماج ۾ جيتوڻيڪ بُرائي ۽ چڱائي جو تناسب ڪو سٺو ڪونهي. پر هروڀرون ڀينگ به ڪونهي ٿي. اڳي برابرلچ، لوفر، ٺڳ ۽ ڪائنر کان پاسيرو وڃبو هو. ان جي عزت ڪانه ٿيندي هئي. نامياري گهٽ، خواري وڌيڪ هوندي هئي. پر اڄڪلهه سڄو ڪم اُن جو ابتڙ آهي. يعني جيڪو جيترو لچ، لوفر اهو ايترو ئي وڌيڪ عزتدار آهي. هن جو حرامپائي سان ڌاڪو ويٺل آهي. شريف ۽ ايماندار ڄڻ ته مس فٽ ۽ عذاب آهي. سڀئي ڪوڙا اهو گڏجي ڪري، پاڻ کي سچو ۽ سچي کي ڪوڙو سڏي چئي ۽ ثابت ڪري رهيا آهن. علائقي جا جاهل ۽ منشي نما ماڻهو، پڙهيل لکيل ۽ عالم ماڻهن کي شرافت جا سرٽيفڪيٽ ٿا ڏين اسان جي معاشري ۽ سماج ۾ شرافت جو معيار ٿي ويو آهي ۽ معتبرائپ جي نشاني.
    سرڪار بهادر ته بادشاهه آهي، جو بي ايماني ۽ الزامن ۾ ڪڍيل، تڙيل ماڻهن کي وري ساڳي جاءِ تي رکي انهن الزامن ۾ ثابتي ۽ سزا جي باوجود آجو ٿي ڪري، جو ان آجپائيءَ ۾ به گهڻو وزن آهي. اسان وزن کڻڻ جا اڳئين ئي ماهر آهيون. وڏي ڳالهه تي انهن کي اڃا وڌيڪ مان ۽ مرتبو ملي ٿو. ٿي سگهي ٿو هر شعبي ۾ ائين ٿيندو هجي پر مان هڪ شعبي کي سڃاڻان. اُهو آهي ميڊيڪو ليگل شعبو. جنهن ۾ سچ کان سواءِ باقي سڀ ڪجهه آهي. مزي جي ڳالهه ته هن شعبي ۾ سزا طور ڊاڪٽرن کي بدلي ڪيو ويندو آهي. ۽ وري ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري کين واپس ساڳي جاءِ تي آندو ويندو آهي. جيڪي ٻيهر اڃان وڌيڪ بااختيار پاور فل هوندا آهن. حد ته اها آهي ته ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کي هي شعبو ڄڻ ته ڏاج ۾ مليو هجي. يعني هنن 15-18 سال نوڪري صرف هن ئي شعبي ۾ ڪئي آهي. ڀل ڪهڙو به دور هجي، پر هو ”باباءِ قوم“ جا سفارشي آهن. هر دور ۾ هنن جو وار ونگو نه ٿيندو آهي. ۽ هو مقرر هڪ هنڌ تي هوندا آهن ته ڊيوٽيون ٻي هنڌ ڪندا آهن. اهڙِيون ڪيتريون ئي شڪايتون ذميوار ماڻهن طرفان سرڪار کي مليون، پر ٿيو ڪجهه نه . ۽ شڪايتون ڪندڙ پاڻ تڪليف ۾ آيا. هاڻي جڏهن اسان جي پنهنجي هن سڌريل سماج جو اهو حال آهي، ته پوءِ باقي ٻين تي ڪهڙي ميار رکون.!!
    اها به هڪ حقيقت آهي ته اسان ڄاڻي واڻي پاڻ پنهنجن محڪمن تي نانگ ويهاري ڇڏيا آهن، جيڪي ڦڻ ڪڍيو ويٺا آهن، اهي نانگ نه صرف نانگ آهن، پر اصلي نانگا آهن. هو مرلين ۾ ڦاسڻ وارا ناهن پر پاڻ مرلين وڄائڻ جا ڪاريگر ۽ استاد آهن. اهو جادو انهن مرلين ۾ آهي يا نانگن ۾؟ اها ڳالهه اڃان تائين سمجهه ۾ نه آئي آهي. اسان وٽ ڪوڙين ۽ بهتان بازي وارين شڪايتن تي شهر اٿن ٿا.پر حقي سچي ثبوت واري شڪايتن ۽ دانهن تي ڪو ڌيان ئي نٿو ڏي. مون جن ڊاڪٽرن جون شڪايتون ڪيون آهن ان دور ۾ بدلي ٿيا. اڄ رڪارڊ موجود آهي. پر سرڪار وٽ رڪارڊ ضايع ٿي ويو هوندو جو باباءِ قوم جي عزت ڪجهه وڌيڪ آهي. حد ته اها آهي جو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري وڪيل چئي ٿو، ته اسان خدمت ڪاميٽين ۾ فرشتا ڀرتي ڪيا آهن. ۽ وڏي واڪ چئي ٿو لڳي ٿو ته شايد ذهنن جو به ڏيوالو نڪتو آهي. فرشتا جيئن ته الله جي آڏو هوندا آهن. اهو بيان ڪو رواجي نه، پر سرڪاري پاليسي آهي اسان به اعليٰ عدالت طرفان پڇيل سوال جي جواب ۾ هاڻي خبر ناهي ته فرشتن کي رورٽ ڪيو ويو آهي؟ انهن جي تنزلي ٿي آهي؟ يا وري انسانن ترقي ڪئي آهي؟؟ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته آقائن ان کان به تيز رفتاريءَ سان ترقي ڪئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته فرشتن انسان کي به سجدو ڪيو آهي؟ اها به ٻي ڳالهه آهي ته اهو انسان جيڪڏهن نانگ ٿيڻ ٿو چاهي ته ڇا ٿو ڪري سگهجي؟
    هونئن به ڀلا اسان وٽ نانگ پالڻ تي بندش ته ناهي. ماشاالله اسان مان ڪيترائي چڱا خاصا نانگ پاليون ويٺا آهن. هو انهن کي کير به پيئارين ٿا ۽ انهن جي سار سنڀال به لهن ٿا، پر جيئن ته نانگ، نانگ آهي. ۽ پنهنجي فطرت کان مجبور آهي، ان ڪري اهو ئي ڏنگي ٿو ۽ واهه جو ڏنگي ٿو. اها به هڪ حقيقت آهي ته نانگ چوري چپي ڪڏهن ڪڏهن ڏنگي ٿو، سو به پنهنجي بچاءُ ۾ پر ماڻهو جيڪو اشرف الخلوقات به آهي. انسان به چوائي ٿو، اهو ته هر وقت ٿو ڏنگي ۽ سو به دينا داستي، مون اڳي هڪ شعر لکيو هو، جنهن جو هڪ بند آهي ته:
    ايڏو زهر نه آهي ڪنهن ۾
    جيڏو هڪ انسان ۾
    آهي زهر ڀريو پيو
    نانگ جو ڪکيل بچيو
    ماڻهوءَ جو ڏنگيل نه بچيو
    ان هوندي به هي انسان ٿو
    اعليٰ ظرف سڏائي
    وحشت کي به لڄائي“
    سو اسان ڳالهه پئي ڪي، رڪارڊ تي نانگ ويهڻ جي، ڀلا نانگ رڪارڊ تي به نه ويهي ته ڪٿي ويهي؟؟
    لڳي ٿو ته هي نانگ ڪو تمام گهڻو پڙهيل لکيل ۽ عاقل ۽ قابل نانگ آهي. جيڪو اُن رڪارڊ جي اهميت کي سمجهي ٿو، جو اسان وٽ يا ته رڪارڊ گم ڪيو ويندو آهي يا وري سڙي ويندو آهي. پر شاباس آهي هن نانگ کي جيڪو پنهنجن ابن ڏاڏن جي روايتن کي قائم رکندي. خزانن بجاءِ رڪارڊ تي ويٺو آهي. جو اڳلا نانگ خزانن تي ويهندا هئا، پر جيئن هي ڪنگلو قرضي ۽ خيراتي ملڪ، جيڪو پاڻ قسطن جي آسري ۾، پيو مال وڌائي ان جاءِ تي نانگ آخرڪار ان رڪارڊ تي ئي ويهندو. جو هر خزاني جو در اتان ئي ويندو هوندو، ان ڪري اهو رڪارڊ به وڏو خزانو آهي. جو ٺپي لڳڻ کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ پئسا ڏي. هي پنو هيرا ۽ هيرن جي کاڻ آهي، اسان منجهي پيا آهيون ته آخر داد ڪنهن کي ڏيون؟ نانگ کي يا رڪارڊ کي! يا وري....

    اعليٰ عدالتون ۽ مغل اعظم
    لاهور هاءِ ڪورٽ جي مسٽر جسٽس ڪرامت نذير ڀنڊاري هڪ ڪيس ۾ راءِ ڏيندي چيو ته پاڪستان جي اها بدقسمتي آهي ته هتي چوڻ لاءِ ته جهموريت آهي. پر هتي هر شئي آمر بڻيل آهي. تاريخ ۾ ته صرف هڪ مغل اعظم هو، اسان جي ملڪ جي گهٽي گهٽيءَ ۾ مغل اعظم موجود آهن، جنهن وٽ ڏنڊو آهي. اهو به مغل اعظم آهي جنهن وٽ وردي آهي. اهو به مغل اعظم آهي. هتي هر ڪو قانون کي تابع رکڻ ٿو چاهي، فاضل جج چيو ته ٻه ڏينهن اڳ هڪ ايس ايس پي عدالت ۾ روئندو آيو ۽ شڪايت ڪيائين ته جنهن به ڏوهيءَ کي پڪڙيان ٿو. ان کي بااثر شخصيتون ڇڏائي وڃن ٿيون. ۽ ڏوهاري کيس گاريون پڻ ڏين ٿا. هن ملڪ جو الله ئي حافظ آهي. اسين پنهنجي ملڪ سان مخلص ناهيون.
    هي ڳالهيون ڪنهن عام رواجي انسان جون نه، پر هن ملڪ جي اعليٰ عدالت جون آهن ۽ اسان تمام ننڍا حقير فقير بندا آهيون. جيڪي عدالتن ۽ مغل اعظم تي ڪهڙي راءِ ڏينداسون. اها ٻي ڳالهه آهي ته مغلن جا نشان لاهور ۽ دهلي ۾ آهن، پر انهن جون عمارتون سڄي ملڪ ۾ موجود آهن. ان لاءِ لاهور ۽ لاڙڪاڻي ۾ فرق ڪونهي.
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 9 آڪٽوبر199ع)


    نقلي طبيب دوائون ۽ زالن جا ستايل

    اسان جي ملڪ ۾ خدا جي فضل و ڪرم سان قانون موجود آهي ۽ اڄڪلهه ته اهو حرڪت ۾ آهي. قانون لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو انڌو آهي. اها ڳالهه ڪيترين ئي فلمن ۾ پڻ ڪئي ويئي آهي. ڳالهه ته فلم وارن ٻوڙي ۽ گونگي جي به ڪئي آهي، پر پاڻ اُن قانون جو جيئن ته احترام ڪندا آهيون، ان ڪري ان کي ان جي نافذ ڪندڙن کي به اها گذارش ڪيون ٿا ته هن قانون کي ٻيلهه سواري، جلسي جلوس لاءِ ته تمام گهڻو استعمال ڪيو ٿو وڃي، پر انسان جي صحت ۽ تندرستيءَ لاءِ هن جو استعمال ڄڻ ته منع ٿيل آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ”جيءُ خوش ته جهان خوش“اِهو جيءُ تڏهن خوش ٿيندو، جڏهن اُن جي سار سنڀال ڪئي ويندي ۽ صحت جا اصول ۽ ضابطا رائج ڪيا ويندا. اسان جي ملڪ ۾ حڪيمن ۽ جعلي ڊاڪٽرن جو هڪ وڏو تعداد آهي، جن وٽ نه ئي ڪا سند آهي. ۽ نه ئي انهن کي تعليمي سرٽيفڪيٽ آهن، پر ملڪ جي اخبارن ۾ ڪيتري وقت کان اشتهار ٿا اچن ۽ اسين سڀ نظرانداز ڪري رهيا آهيون. ان اشتهار جي وڪڙ ۽ چڪر ۾ اسان جا ڪيترائي سارا اٻوجهه ۽ ضرورتمند ماڻهو خبر ناهي ڪيترو نقصان کائي چڪا آهن ۽ انهن ايوارڊ يافته حڪيمن طبيبن شاطرن جا ڪٽنب جڏهن پاڻ بيمار ٿين ٿا، تڏهن هو شهر جي وڏن وڏن ڊاڪٽرن جي دروازن تي بيٺا آهن. انهن کي پنهنجا ٻچا ته پيارا آهن.پر ٻين جا ٻچا، سندن فيڪٽري ۽ تجربيگاهه ۾ تجربن هيٺ لٽ ۾ پيا لٽجن ۽ روزاني اخبارن ۾ سندن دلڪش اشتهار ۽ هٿراڌو لکيل جڙتو خط، جن ۾ هن جي تعريف هوندي آهي. بلڪل ڪوڙا ۽ سچ جي خلاف آهن. نه صرف ايترو پر هٿراڌو ليباٽرين ۽ دوائن جا اشتهار پڻ ماڻهن جي هڪ وڏي انگ کي ڀنڀلائي رهيا آهن، جن ۾ طاقت ۽ جواني جي موٽ، شباب جو دور، مٺا پيشاب ۽ بلڊ پريشر کان ڇوٽڪارو، حسن ۽ جواني جي ورهاست ۽ ٻين عضون جي نشونما ۽ سونهن، پچڪيل ڳل ۽ زنانيون تڪليفون، مطلب ته سرعام بنا ڪنهن رجسٽريشن جي ۽ تصديق جي رڳو اشتهار بازي ۾ پيا ماڻهو لُٽجن ۽ انهن کي غلط راهه ڏيکاري وڃي ٿي. جنهن ۾ سنڪي ۽ ڪارٽيسون جو آزادانه استعمال، جنهن جي نتيجي ۾ سوين بيماريون نه صرف پيدا ٿين ٿيون، پر اُن زهري دوائن ڪري ڪيترائي موت ٿيا آهن ۽ خبر ناهي اڃا ڪيترائي معصوم ۽ مسڪين ماڻهو اڃا ڦاسندا ۽ مرندا رهندا. اسان جي ملڪ ۾ جيئن ته قانون آهي ۽ هميشه حرڪت ۾ رهيو آهي. خبر ناهي هن مسئلي لاءِ قانون اڃان ڇو نه سجاڳ ٿيو آهي؟ اسان وٽ صحت کاتو، ڊرگس ليبارٽري، صوبائي ۽ وفاقي طور ڪم ڪري رهيا آهن. هتي وياگيرا جي رجسٽريشن لاءِ سوچ ۽ ويچار جاري آهي، پر موت سان قوت، شباب ۽ طاقت جي نالي ۾ رنگين اشتهار ۽ مارڪيٽينگ جي اجازت آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اداري هنن کان نه پڇيو آهي ته هنن دوائن جي رجسٽريشن ٿيل آهي يا نه؟ هنن دوائن ۾ ڇاڇا موجود آهي ۽ ڪيتري تناسب سان ؟ ان جا ردعمل ڪهڙا آهن؟ هن جو مقدار ڪيترو آهي؟ ۽ هن جي تيارين جا ذريعا ۽ جزا ڪهڙا آهن؟
    ڏک رڳو اُن ڳالهه جو آهي ته هتي حڪمت جي نالي ۾ زهر ورهايو ۽ پيئاريو پيو وڃي ۽ اسين مهذب دنيا جا رهواسي روزانو پڙهندي ڏسندي به خوش آهيون. اسان جون اخبارون رڳو پئسن وٺڻ جي چڪر ۾، انهن جي اشتهارن ڇپڻ کان اڳ وزارت صحت جي رجسٽريشن ۽ اين او سي به نٿيون ڏسن. جنهن جو قانوني طور اُن کي ڇپڻ کان اڳ جاچڻ ضروري آهي. بس هي حڪيم ۽ ڪمپنيون وڏا وڏا اشتهار ڏيئي، پريس جو منهن بند ڪريو ويٺا آهن. هو نه صرف اشتهار ٿا ڏين. پر انهن کي اخبارون پروجيڪشن ۽ پروٽيڪشن پڻ ڏيئي رهيون آهن.
    اسان جون خدمت ڪميٽيون هونئن ته گهڻائي ڇاپا ۽ ڇپاڪا هڻن ٿيون، پر ڇا هو هن بنهه انساني مسئلي ڏانهن ڌيان ڏين ٿيون؟ صحت جا ضلعي عملدار ڄڻ ته هن پاسي ڌيان ڏيڻ کي به اهميت نٿا ڏين. ته پوءِ اسان جون اعليٰ عدالتون جيڪڏهن پاڻمرادو اهو نوٽيس وٺن ته جيڪر گهڻن جو ڀلو ٿيندو ۽ ڪيترائي موت بچائي سگهبا. آهي ڪو هن مملڪت خداداد ۾ جيڪو هن خرابي کي روڪي؟ ڀلا جيڪڏهن هڪ ڪم ڀتي کان بچيو ته به خير آهي، جو مولا جو ملڪ اڳ ئي جام آهي.

    زالن جا ستايل
    خبرون ته لڳ ڀڳ سڀئي مزيدار هونديون آهن، پر ڪي ڪي خبرون واقعي مزيدار ٿينديون آهن. انهن پويان بيڪ گرائونڊ ڪجهه اهڙو هوندو آهي. جو اهي گهڻن جي دل جي ترجماني ڪنديون آهن. اسان چاهيون ٿا ته اهڙي مزيدار خبرن مان فائدو وٺو. هاڻي اهو اوهان ته ڇڏيل آهي. ته اوهان اُن مان ڪيئن ۽ ڪهڙو فائدو ٿا وٺون. تازي هڪ خبر ڇپي آهي ته بنگلاديش ۾ زالن ۽ سسن جي ستايلن پنهنجي هڪ تنظيم قائم ڪئي آهي.
    بنگلاديش جي هڪ علائقي چوڳاچا ۾ زالن ۽ پنهنجن ساهرن جي ستايلن ڪجهه مردن پنهنجي هڪ تنظيم قائم ڪري ورتي آهي. ”جمائي سميت“ نالي ان تنظيم جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته زالون توڙي سندن ساهرا انهن تي ذهني ۽ جسماني تشدد ڪن ٿا.جنهن ڪري هاڻ اهي آواز اُٿاريندا. نارمل شايع ٿيندڙ اخبارن جي رپورٽ مطابق بنگلاديش جي ان علائقي ۾ اٽڪل ٻه سو مرد پنهنجن ساهرن وٽ غلام بڻيل آهن، ڇو ته هڪ پراڻي روايت تحت انهن کي پنهنجي ڪنوار يا ساهرن جي گهر ۾ هر حالت ۾ رهڻو پوي ٿو. سترهين سيپٽمبر جي اخبار ۾ ڇپيل هن خبر اسان وٽ به ڪيترين ئي مردن ۾ پڪ سان حوصلو پيدا ڪيو هوندو. اهو حال رڳو بنگلاديش جو ناهي، پر سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ اهو رواج ڪجهه وڌيڪ آهي. اسان جي ملڪ ۾ فلمي، ميڊيا ۽ ٽي وي ريڊيو تي پڻ مرد ويچارا انهن کان به وڏيڪ ستايل آهن. بنگالي باشندن تنظيم تائين ڪم ڪيو آهي، ٿي سگهي ٿو نه ان جو اثر ڪو چڱو نڪري ۽ هتي پڻ يا ته اهڙي ڪا تنظيم ٺهي يا وري ان جي ڪا شاخ کلي، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ انهن مردن کي وڏو فائدو پوندو، جيڪي ويچارا گهر ۾ ويٺي ويٺي ٻار ريجهائڻ ۽ پرچائڻ ۾ پورا آهن يا انهن کي تيار ڪري اسڪول وٺي ۽ کڻي اچن ٿا، ڪجهه ڏينهن اڳ هتي اخبارن ۾ اها خبر به ڇپي هئي ته فلم اسٽار پنهنجي سيڪريٽري کان پيرن جون تريون مهٽائي ۽ زور ڏيارائي پنهنجو شوٽنگ دوران ٿڪ لاٿو. اسان وٽ گرين ڪارڊ جي لالچ، گهر ۽ گاڏي جي شوق ۾ ڪيل شادي يا شوبز جي جوڙن جو به حال ساڳيو آهي، پر شاباس آهي هنن جي صبر ۽ همت کي، مجال آهي جو ٻڙڪ ٻاهر ٻولين. ويچارا پاڻ لڪايو ۽ بچايو وتن جو انهن جي خيريت ئي ان ۾ آهي، ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ مڙس ڪتا ۽ ڪاريون ڌوئڻ جو به ڪم ڪندا آهن. ڪي ڪي ته جوان جا پٽ رڳو گهر ۾ رات جو دير سان ايندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ جو هڪ واقعو آهي. ته ڪا بيگم صاحبه گهر مان نڪري ويئي ۽ فون ته اعلان ڪيو. ته هو فلاڻي نمبر تي هوندي. جڏهن ضرورت پئي ته گهر ايندي. جو مڙس اڳ ئي ٻارن جي سار سنڀال حوالي هو. ٽن ڏينهن کان پوءِ بيگم صاحبه آئي. مڙس آخر ته ڀلا مڙس ٿئي ٿو. هن کان خطا ٿي. هن پڇيو ته ٽي ڏينهن ڇا پئي ڪيئي؟ مائي جي نه ڪا هم نه ڪا تم، ٺڪاءُ گلاس نرڙ ۾، چيائين: ”تون ڪير آهين منهنجي ذاتي معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ وارو؟ “ ۽ پوءِ اسپتال ۾ جوان جي پٽ کي ٽانڪا لڳا. ٻه ٽي ڏينهن بستري تي رهيو. بيگم صاحبه کي به وڏو ڏک ٿيو. ڏک اُن تي نه ته مڙس بستري داخل ٿيو. پر ڏُک اُن تي ڪجهه ڏينهن هن ٻار اسڪول ڇڏيا ۽ آندا پئي. اسان جي ملڪ ۾ چڱا خاصا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو، خبر ناهي الائي ڇو زالن جي اشارن تي نچي رهيا آهن. حالانڪ نچڻ ڪم آفيشلي انهن جي ”ٻائڙين“ جو آهي. اسان وٽ هتي اهڙا کوڙ قصا ۽ ڪهاڻيون آهن. پر ڍڪي ڀلي آهي. ورنه ڪيترائي اداڪار، قلمڪار، فنڪار، موسيقار، پروڊيوسر ۽ شاعر وڌيڪ ظاهر ٿيندا هاڻي بنگلاديش ۾ اهڙي تنظيم جي ٺهڻ، گهٽ ۾ گهٽ اُن ڳالهه جي گواهي آهي ته مرد آخر مرد آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهو به ٻڌل پٽو لاهي ٿو. ڏسڻو اهو آهي ته ان جو اثر بنگلاديش تائين محدود ٿو ٿئي يا سارڪ ۾ پڻ ان جو فيض پهچي ٿو؟؟ ۽ پنهنجي ملڪ ۾ به ان جو ڪو عام فائدو ۽ اثر نڪري ٿو؟ هونئن به ملڪ مڙيو ئي مٺائي لڳو پيو آهي. تڏهن ته ڪالهوڪا ڪنگلا اڄ جا ڪروڙپتي بلڪه ارب پتي لڳا پيا آهن، جو ان ارب ۾ ڪنهن عرب جو به عمل دخل ٿي سگهي ٿو.
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 6 آڪٽوبر 1999ع)


    ڇا اسان ايمانداريءَ سان لکون ٿا؟

    اسان جي سماج ۾ ڪرپشن جو رواج عام آهي. هر ماڻهو جيڪڏهن پنهنجو منصف پاڻ ٿئي ۽ ايمانداريءَ سان چئي ته هو ڪيترو ڪرپٽ ۽ بي ايمان آهي ۽ سچ ڳالهائي ته هوند، ان احساس ۾ ئي اسان هڪ سگهارو. سچو معاشرو ۽ خوبصورت نسل تيار ڪري سگهون ٿا. پر ڏٺو اهو ويو آهي. ته اسان ٻئي جي جنهن ڳالهه کي ناپسند ڪريون ٿا. دراصل اها اسان ۾ به موجود آهي. ۽ پوءِ به اسان اُن عمل تي ٻين کي ننديون ته اهو انصاف نه ٿيندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٺڳيءَ سان، دلبي سان يا ڪنهن ٻئي سماجي ڪرپشن ۾ ملوث آهي ته اسان فوري طور ان جي مذمت ڪريون ٿا، پر پاڻ تاريخ سان، محنت سان ۽ انصاف سان جيڪا زيادتي يا بي ايماني ڪري رهيا آهيون يا ان ۾ اسان جنهن ڪرپشن جو مظاهرو ڪيو آهي، ان لاءِ اسان کي ڇا چيو وڃي؟ تنقيد جو مطلب اهو ناهي ته هر عمل پاڻ لاءِ حلال ۽ ٻئي لاءِ حرام ۽ گناهه عظيم. اها تنقيد نه پر ڪردارڪشي ۽ دلالي آهي. اڄڪلهه ادب لکڻ ۾ جيڪا ڪرپشن رائج ٿي وئي آهي. يا جنهن بي ايمانيءَ جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، اها انهن ڪرپٽ اديب ڪامورن کان به وڏي ڪرپشن آهي ته اوهان سچ نه ڳالهايو ۽ سچ لڪايو. ڀلي شخصي ۽ ذاتي اوهان ڪنهن سان به اختلاف ڇو نه رکندا هجو. پر جڏهن اوهان لکڻ ويهو ته پورو پورو انصاف ڪريو. ۽ منصف ٿيو، ڪاريگر نه، جو اوهان جي هر لکڻي تاريخ جو هڪ باب آهي. هڪ محفوظ باب ۽ هينئر تاريخ ۾ مغلي انداز ڪونهي، نه ئي تاريخ پئسن تي لکائڻ واري رسم اڄ به رائج آهي، پر ايڪويهين صديءَ ۾ اسان جيڪڏهن تاريخي ۽ ادبي رياڪاري ڪري، حقيقتن کي مسخ ڪندي، پنهنجي ذاتي انا، پسند، گروهه بندي ۽ خوشامند ڪندي حقيقت جي ابتڙ ڪجهه چئون ٿا. ته ان سان اسان تاريخ کي ڦيرائي يا موڙي ته نٿا سگهون، پر پنهنجو منهن اڇو ضرور ڪري رهيا آهيون. ماضي قريب ۾ ڏٺو آهي ته اسان ننڍن ننڍن ٽولن ۽ گروپن ۾ ورهائجي ويا آهيون، ۽ پنهنجي ان ٽولي کي بچائڻ لاءِ ان کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لاءِ اسان ٿوم کي زعفران ۽ گلاب کي ڪوئلو بڻائي رهيا آهيون. پنهنجن ويجهن جي تعريف ڪندي، هڪ عجيب درجابندي ڪري رهيا آهيون. توهان ڪنهن به اديب جو انٽرويو پڙهو، ٻڌو ڏسو، هو صرف پنهنجن انهن دوستن جا نالا کڻندو ته فلاڻي کان وٺي فلاڻي تائين يعني وچ غائب ۽ اُن فلاڻي کي ويهه سال ٿيا آهن ته لکڻ ئي بند، يا فلاڻي تائين، جنهن ڪجهه به نه ڪيو، پر ياري ملهائجي ويئي، جو وري به هن کي نالا کڻڻا آهن. اديب ڪي ريل جا دٻا ته ناهن، جو مُنهن کان پُڇڙيءَ تائين ڪنٽيونٽي ليکبي، پر هر لکندڙ جي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ آهي. دراصل ادب جو اهو ٽرم ئي غلط آهن. اوهان دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ڏسو، ته اتي فلاڻو فلاڻو مطلب ته نالا آهن. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جا اهي نام نهاد نقاد ۽ اديب سڄو ڏينهن خوشامند ڪندي، پنهنجي آقا جي نوڪري نڀائيندي. پيا بيان پريسن ۾ پهچائين ۽ پروف ريڊنگ ڪندا وتن هاڻي اهي ئي فيصلا ٿا ڪن ته ڪير سگهارو ٿو لکي ۽ ڪير ڀلو آهي. ٻئي پاسي وري اڃان ڪجهه سوايا وفادار جڏهن حالتن ۽ واقعن جو ذڪر ڪن ٿا. ته هو صرف پنهنجي پسند کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تاريخ کي ختم ڪن ٿا. مان سمجهان ٿو ته هڪ اديب جي اها وڏي ۾ وڏي ڪرپشن آهي. ۽ تاريخي ڪرپشن آهي، ته هو تاريخ ۽ واقعن کي پنهنجي مرضيءَ ڏانهن وٺي وڃي ۽ واقعن، حالتن ۽ ڪردارن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي جو هڪ تاريخي گناهه ڪروڙين ذاتي گناهن کان به بدتر آهي.
    افسوس اهو آهي ته ان طرف اسان جو نئون نسل ڪجهه وڌيڪ مائل آهي. ان جا هونئن ته گهڻائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر جيڪي عام سبب آهن انهن ۾ مطالعي جي گهٽتائي، جانبدارانه لاڙو ۽ ڪرپٽ ذهن، جنهن سان ٻئي کي نيچ ڪري ڏيکارجي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ ڀلي مصلحتون، مجبورين روان رکون، پر لکڻ واري ڪم ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ۾ ئي ايماندار ٿيون ته ڄڻ اسان پنهنجي سموري تاريخ کي ڪوڙ ۽ بي ايماني کان بچائي سگهون ٿا. ۽ هونئن به ڪوڙ جي جيڪڏهن ڪا وقتي اهميت هجي به، پر پڇاڙي خواري، خراب ۽ افسوسناڪ آهي. اسان جا ڪيترائي اهي اديب جيڪي پنهنجو ڪو مقام ماڻي نه سگهيا، سي اڄڪلهه منشي گيري ڪندي ۽ مخبري ڪندي، پاڻ ادب جي ميدان ور کنيون ويٺا آهن. هونئن به لکڻ ۾ ايمانداري هڪ سڄاڻ انسان لاءِ ضروري آهي. جيڪا هينئر ناپيد ٿيندي پئي وڃي ۽ ان کي وائکو ڪرڻ ۽ ظاهر نه ڪرڻ پڻ وڏي ۾ وڏي منافقي آهي. ڄڻ ته اسان منافق پيدا ڪري رهيا آهيون، ڇا اسان ذاتي حسد ۽ ساڙ کان مٿانهان ٿي ايماندار اديب آهيون؟؟
    حالانڪ اديب، شعور ۽ منافقي پاڻ ۾ متضاد شيون آهن، جيڪي اسان گڏائي رهيا آهيون ۽ ادب ۾ مهم جوئي وسيلي، اسان خبر ناهي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي استعمال ڪيا وڃون ٿا. ان جو شايد احساس ئي ڪونهي تازو س ا س گلشن حديد جي گڏجاڻيءَ ۾ مرحوم اڪبر جسڪاڻي جي موت جي جاچ لاءِ مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ اڪبر جي موت تي لکندڙن ۾ رڳو اعجاز منگي ۽ (نثار حسيني جي بيان) جو ذڪر آهي. جڏهن ته حقيقت هي آهي ته ان جي موت تي پهريون دفعو ڪالم طارق عالم ابڙي لکيو ۽ مون به لکيو ۽ ان جي موت کي ”قتل“ جو درجو ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ وڏا وڏا ٺيڪيدار ناراض ٿيا، پر پنهنجي ادبي سنگت به جيڪڏهن ان ليول تي آهي ته پوءِ ٻين کي ڇا ٿو چئي سگهجي؟ ڇا اسان کي سچ لکڻ ۾ به ڪو حرج آهي؟ نوجوان ساٿي ته وڌيڪ باهمت آهن. گلشن حديد وارا ته سڄاڻ آهن. ڇا اسان کي سچ لکڻ ۾ به ڪو عار آهي؟؟ يا ان سان اسان کي ڪو ”وڏو ڪم“ ملي ها. حالانڪ هي عام رواجي ڳالهيون آهن. ان سان نه گهٽ ٿيندو ۽ نه ، اسان ان لاءِ لکون ٿا ته اوهان واهه واهه ڪيو. پر ڳالهه صرف ايتري آهي ته سچ چئون سچ، لکون ۽ سچ ٻڌون..
    چئو سچ، لکو سچ، ڏيو مان سچ کي،
    سدا ڳالهه سچ جي چئو هي ساٿي.
    باقي جستائين چاليهه اديبن جي بيان جو تعلق آهي ته ان مان هڪ يعني سائين امداد حسيني پاڻ ترديد ڪئي آهي، باقي ڏهن جي ترديد هڪ ٻئي حسيني سائين نثار حسيني ڪئي آهي ۽ انهن جا هن نالا به نه ڏنا آهن. ته اهي ڪهڙا اديب آهن. جن امداد جيان ان بيان کي هٿ ٺوڪيو ۽ ڪوڙو چيو گهٽ ۾ گهٽ نالي سان نروار ٿين ها ته چڱو هو. باقي ”ٻئي پاسا وڙهڻ“ ڪا سٺي ڳالهه به ته نه آهي. خبر ناهي اها ڪهڙي ترديد آهي، جنهن ۾ ترديد ڪندڙ پنهنجو نالو به ظاهر نٿو ڪري ۽ چئي ٿو ته ترديد ڪريو. پر بي نام، هاڻي چاليهه مان ڪهڙي خبر ته انهن ڏهن ۾ ڪير ڪير شامل آهي. حالانڪ دس نمبري ڪو سٺو انگ به ڪونهي.
    هونئن به اهو هڪ محض عجيب اتفاق آهي ته علي بابا ۽ چاليهه چور ۽ دس نمبري جي نالي ۾ اسان وٽ فلمون پڻ آهن. اسان اڃا حيران آهيو ۽ پنهنجي اڻ ڄاڻائي تي افسوس ٿا ڪريو ته اهو علي بابا ڪير آهي؟ جنهن لاءِ چاليهه اديبن بيان ڏنو آهي. باقي سنڌيءَ ۾ گهڻا منشي گر موجود آهن. جن جي اهميت ئي ان ۾ آهي ته هڪڙن کي ٺاهيو ٻين کي ڊاهيو. ڪوئلي جي ڪاروبار ۾ هٿ منهن ۽ پير ڪارا ٿيندا آهن. پر جي منهن اڳي ئي ڪارو هجي ته پوءِ؟؟

    اڄ جي شيطان ۽ تاجپوشي
    هلال پاڪستان ۾ 21 اگسٽ تي خبر شايع ٿي آهي ته موري ۾ ڊرامو اڄ جو شيطان پيش ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي شاعر وحيد هڪڙي جي تاجپوشي ڪئي ويئي، مان منجهي پيو آهيان. ته ان ننڍڙي خبر جو مفهوم ڪهڙو آهي؟ آخر ان ؟اڄ جي شيطان“ جو وحيد هڪڙي سان ڪهڙو تعلق آهي؟ ۽ ان عنوان جو ڊرامو پيش ڪري وحيد جي تاجپوشي ڇو ڪئي ويئي؟ وحيد جي تاجپوشي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ڪئي وڃي ها. اڄ جي شيطان جو ان سان ڪو تعلق سمجهه ۾ نه آيو ۽ نه ئي ان جي ڪا وضاحت ڪئي ويئي آهي ته وحيد هڪڙي جي تاجپوشي ڪهڙي سلسلي ۾ هئي. بظاهر اُن مختصر ترين خبر جا گهڻا رخ ٿي سگهن ٿا. پر اسان اها گذارش ڪنداسين ته صرف اوهان هڪ ماڻهوءَ کي مان ٿا ڏيو . ۽ اُن جي تاجپوشي ٿا ڪيو ته وري ٻئي طرف ان لاءِ موقعو ٿا ڳولهيو اڄ جو شيطان اها ڪا سٺي ڳالهه ته ناهي. توهان اُن جو نالو اڄ جو ڀلو انسان، اڄ جو شاعر به رکي سگهيا پئي. بهرحال اڄ جو شيطان منهنجي سمجهه ۾ نه آيو.
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 4 سيپٽمبر 1999ع)


    سامونڊي طوفان، سرڪار، عوام ۽ اڳواڻ

    لڳي ٿو ته اڄڪلهه سنڌ جي ماڻهن تي الله سائين ڪجهه وڌيڪ مهربان آهي ۽ آزمائش ٿو وٺي. جو هو آزمائش پنهنجي پيارن جي ئي وٺندو آهي. (اهو ئي پڙهيو اٿئون) سنڌ ۾ هڪ ته موسم جي گرمي ۽ ٻي ”گرمي“ به چوٽا چوٽ آهي. اهي گرميون ۽ سرديون ايندڙ ويندڙ آهن. خوشيون ۽ ڏک سدائين ساٿ نٿا ڏين.پوءِ هي ڏوجهرا ڏُک، ڏولاوا به ڪيترو وقت رهندا؟ اهي سڀ اچڻا وڃڻا آهن. اڄ ،هن پاسي سڀاڻي هُن پاسي هوندا. قدرت جو پنهنجو نظام آهي. جيڪو اڻ ٽر به آهي. ته اٽل به، انسان ڀلي محل محلاتون ٺاهي. پر اهي سڀ يانصيب! سنڌ ۾ هونئن اڄڪلهه پوکي پاڻي گهٽ آهي، جو مالڪن پنهنجا سڀ زور گڏائي ڇڏيا آهن. پاڻي گهڻو آهي ۽ ضايع پيو ٿئي ان لاءِ ڊيم ضروري آهي. زٽ هڻندڙ پڻ اڄڪلهه خاموش آهن. جو ڪوڙ هڻڻ کان به ڊڄن ٿا. ٻئي پاسي اُن پاڻي جي اڻاٺ ڪري فصل جي پوکي ۾ دير ٿي آهي. جنهن لاءِ گورنر صاحب جو سٺو بيان آيو. پر ٻئي ڏينهن اُن ۾ ”نه“ جو اضافو ڪيو ويو. ٻئي پاسي اهي علائقا جتي پاڻي بنهه نٿو پهچي يا گهٽ ٿو پهچي اُتي سامونڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي آهي. گهڻا علائقا متاثر ٿيا آهن. هن وقت تائين لڳ ڀڳ پنج سؤ ماڻهو مري چڪا آهن. ۽ پنج هزار ماڻهو اڃان به گم آهن، جن جي ڳولها جاري آهي پر سمنڊ جي لوڻياٺيءَ پاڻيءَ جي ڪري لاش جلدي ڳرن ٿا. ۽ اهي طوفان زور ڪري خبر ناهي ڪٿي پهتا آهن. جو 12 سالن جي نينگري لاءِ چيو وڃي ٿو ته، 20 ميل اُڏي پري ڪري آهي. جنهن مان طوفان جي تيزي محسوس ڪري سگهجي ٿي. هزارين جانور مري ويا آهن، سامونڊي طوفان ڪري ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي ڇهه سؤ ڳوٺن ۾ تباهي آئي جن ۾ ڪيترائي وڏا ڳوٺ يا شهر پڻ شامل آهن.جن ۾ گهوڙا ٻاري، شاهه بندر، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، راڄ ملڪ، جاتي زيرو، ڪارو ڪونگريو ڪرهيو، ڀانڊاري، حجامڙو، ڪويرننڍي ۽ وڏي ڪاڪ ڇاڻي، کڏو در بندرسر، ڪريڪ،قاسم شاهه زيرو، گولاڙچي، پنگريو، کوسڪي، ٽنڊو باگو ۽ ٻيا ڪيترائي شهر شامل آهن نه صرف اُن طوفاني پٽي ۾ نقصان ٿيو آهي. پر تيز مينهن ڪري اُتر سنڌ ۾ خيرپور ۽ مٺيءَ ۾ پڻ وڏو نقصان ٿيو آهي. جنهن ۾ فصلن جا فصل تباهه ٿي ويا آهن. نه صرف ايترو پر ڪراچي جي پسگردائي ۾ ابراهيم حيدري، ريڙهي ۽ لٺ بستيءَ جا پنجاهه هوڙا ۽ ٽي سؤ گهاتو اڃا گهر نه آيا آهن. متاثر ماڻهو بي سهاري اڃان دربدر آهن. جن کي ڪيتريون ئي بيماريون ۽ بکون نصيب ٿيون آهن. سندن اجها نيست ٿي چڪا آهن. وزير اعظم ۽ گورنر پهچي چڪا آهن. ۽ ڪيئي چڪر لڳايا اٿن. پر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر سُتا پيا آهن. سنڌ جي گورنر پنجاهه ڪروڙ جي گهر ڪئي آهي. پر وزير اعظم پنج ڪروڙ ڏنا آهن. جو ٻڙيءَ جو فرق پندرهن لک ماڻهو متاثر ٿيڻ جي خبر ۽ ويهه سيڪڙو فصل تباهه ٿيڻ جو ڏس ڏنو آهي. ۽ هڪ لک گهر تباهه ٿيڻ جو انگ پڌرو ڪيو ويو آهي. هاڻي اُن ۾ پنج ڪروڙ في ماڻهو گهر ڪيتري ورڇ ٿيندي اُنجو اندازو سڀني کي هوندو. ٻئي پاسي سنڌ جو عوام ۽ ماروئڙا ماروئڙا ڪندڙ اسان جون پارٽيون اڃان جاچ ۾ آهن. انهن لاءِ هي وقت واهر ڪرڻ جو وقت آهي، پر جناب ممتاز ڀٽو، جناب رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي جا زبردست بيان ڇپيا آهن. ايم ڪيو ايم جي آفتاب شيخ ٻه ارب امداد ۽ پ پ جي خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته 1998 ۾ پنجاب ۾ سيلاب آيو هو جنهن ۾ اٺ ماڻهو مئا هئا. ۽ سرڪار 2 ارب رپيا امداد ڏنو هو. قاضي حسين احمد سرڪاري امداد کي بنهه ٿورو ۽ ٻين ليڊرن اٺ جي منهن ۾ زيرو سڏيو آهي. پر مٿين مهربانن به اها تڪليف نه ڪئي آهي، ته ذاتي طور وڃي. هنن اٻوجهه ۾ مسڪين ماڻهن جي ڪا پرگهور لهن. دلجوئي ڪن ۽ انهن جي مٿي تي هٿ رکي دلداري ڏين. شايد هنن طوفاني بيانن کانپوءِ انهن جون بکون به ختم ٿي وينديون جهريل جهوپا به آباد ٿيندا ۽ وڇڙيل ساٿي به موٽي ايندا. جو ان کي ئي سياست چئجي ٿو. الله نه ڪري، جي اهڙي تباهي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ اچي ها ته اصل جهنگل ۾ منگل هجن ها ۽ ماڻهو سائيٽ جي ڪيمپئن بجاءِ ڪنهن مظبوط جاين ۾ شفٽ ٿي وڃن ها.
    حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته هندستان جي سرڪار طوفان جي پيش نظر پنهنجن ماڻهن کي اطلاع ڏئي شفٽ ڪرايو. پر هتي نه ڪوئي اطلاع ڏنو ويو.جو ايڏو سامان غريب مسڪين ڪيئن پئي کڻي سگهيا، طوفان واري رات انهن جاين تي اطلاع ڏنو ويو، جتي ماڻهو سمنڊ ۾ هوڙا ڪاهي روانا ٿي ويا هئا. جيڪو ڪم ڪيٽي بندر جي ٻگهاڻ مان صوبيدار طوفان واري رات مسجد مان پڙهو ڏياريو. جيڪڏهن اُن کان اڳ هو اطلاع ڏئي ها ته شايد ان هڪ ڳوٺ ۾ ئي جاني نقصان گهٽ ٿئي ها. پر اتان جا ماڻهو هوڙن تي سمنڊ وڃي چڪا هئا.
    سرڪار وٽ سڀ ذريعا ۽ وسيلا آهن، مهذب معاشري ۾ ان جو اطلاع ڏنو ويندو آهي ۽ ان جو ڀرپور بندوبست ڪيو ويندو آهي. پر اسان اهڙو اطلاع ڪم ٿي وڃڻ کانپوءِ ڏيندا آهيون. حالانڪ سنڌ ۾ ئي بيمارين جي موسم ۾ برف جا ڳنڍا کپائڻ تي قلم 144 جو رواج آهي ته پوءِ ڇا انساني زندگيءَ بچائڻ لاءِ مقامي انتظاميه هوڙن کي سمنڊ ۾ وڃڻ تي 144 قلم نٿي هڻي سگهي؟ ٻيو ته ڳوٺ ۾ رهندڙ اُن سڄاڻ ماڻهن تي به ڪا ذميواري آهي ته هو سرڪار تي ڀاڙڻ بجاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي انهن اطلاعن جو ڪو بندوبست ڪن ها. سرڪار کي پوءِ جي بندوبست ۾ وڌيڪ مزو اچي ٿو. بهرحال هي هڪ وڏي ڳالهه آهي. ۽ موسميات کاتي جو ڪنٽرول وفاق جي حوالي آهي. ان ڪري هن ڳالهه جي جاچ ڪئي وڃي ته هيڏي وڏي غفلت ڪنهن کان ٿي! ڇو ٿي؟ جيئن اڳتي ايئن نه ٿي سگهي. ۽ ذميوار ماڻهن کي پنهنجي ڪئي جو پڇاڻو ٿئي. پر اُن لاءِ عدالتي ڪميشن جو جڙڻ ضروري آهي. جنهن ڪري ڪنهن سان ناانصافي به نه ٿئي. جنهن جي نتيجي ۾ ايڏو وڏو جاني نقصان ٿيو آهي اُن کي ايئن ڇڏي ڏيڻ به ته بذات خود هڪ وڏي زيادتي آهي. انصاف اهو جو ٿيندو نظر اچي. سرڪار اخبارن ۾ امداد جي نالي ۾ جيڪا ”جهولي“ جهلي آهي. ان جي موٽ ملڻ شروع ٿي وئي آهي. شيخ زيد بن سلطان جي پٽ سواءِ ڪروڙ، سنڌ سرڪار پنهنجي ملازمن جي هڪ ڏينهن جو پگهار، گورنر پنهنجي پگهار، ڪن واپارين 20 لک ته ڪن ڪجهه، پوليس وازن پنهنجي طرفان 50 لک (شايد هو سرڪار کان الڳ هوندا) جو ان ڪٽوتي ۾ نٿا اچن) امداد ۽ اعلان جاري ڪيا آهن، شاهه فهد طرفان خيما، ڪپڙا ۽ کائڻ لاءِ کارڪون اچڻ واريون آهن. ايڌي ننڊ پيو آهي. سگا به چپ آهن جماعت اسلامي وارن ڪئمپون هنيون آهن، پر اها امداد صرف سنڌ لاءِ وٺندا يا اُن مان ڪو ، البانيه، افغانستان ۾ به مسلمانن جي ڪا ڳڻتي شامل آهي. اڃان به سٺو ايئن ٿيندو ته اسان جا پنهنجا مقامي ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ اٽو، لٽو ۽ دوائون ته ڏئي سگهن ٿا. ٽي وي تان ماني ڏيندي ۽ وٺندي ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ ته ايٿوپيا ۾ ٿيندو هجي. ماشالله اسان ٽئي ويلا کائون ٿا. هڪ ويلو انهن مسڪينن لٽيل ماڻهن جي نالي ۾ ڪيون ته به جيڪر انسانيت جي وڏي خدمت ٿي، ڳالهه اها آهي ته بس خوف خدا دل ۾ هجي. باقي عالمي ادارا ۽ انهن جون امدادي ٽيمون خبر ناهي ڪيڏانهن ويل آهن! (شايد موڪل تي آهن؟ جو سنڌ جو اهو علائقو جتي طوفان آيو آهي. ۽ ايڏي تباهي متي آهي. شايد انهن جي ”پيار واري لسٽ“ تي نه هجي جو هر امداد پويان انهن جي ”دلچسپي“ پڻ هوندي آهي. جيڪا ڪڏهن اڪ جو کير به پياري ٿي ته وري ڪڏهن ماني ۾ به زهر ملائي ٿي. سنڌ جو ماڻهو جيئن ته الله لوڪ ٿئي ٿو. ان ڪري الله تعاليٰ ئي انهن جي مدد ڪندو. جو اهو ئي سڀ ڪجهه ڪرڻ ۽ ڄاڻن وارو اهي. عوام جا ٺيڪيدار جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن. شايد هو ايترو ئي ڪري سگهن ٿا. هڪ پاسي سوين مئل، هزارين گم ٿيل ۽ لکين ماڻهو بيماري ۾ دربدر آهن ته ڪي اُجهي جي آسري ۾ آهن. ته وري ٻئي پاسي ملڪ ۾ جشن گانا بجانا ۽ يوم تڪبير جا شادمانا آهن. بس قسمت جي ڳالهه آهي.
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 29 مئي 1999ع)


    ٽي ڪهاڻيون، ٽي ڪردار

    ”هلو“ فون جو رسيور کڻندي چيو وڃي ٿو.
    ”جي سر، سر“ پويان کان آواز اچي ٿو.
    ”منهنجو بيان پڙهيو اٿئي؟“
    ”ڪهڙو سر.“
    ”اڙي، امداد وارو.“
    ”ٻوڏ کان ستايلن جي امداد“
    ”توهان ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو آهي الله اوهان جي مدد ڪندو.“
    ”بس بابا ڇا ڪجي، خدمت ته ڪرڻي آهي ني“ ڦونڊجي وڃي ٿو.
    ”سائين الله تعاليٰ اُن جو اجورو ڏيندو.“
    ”سائين صرف پگهار.....“
    ”هاڻي گهڻو مٿو نه هڻ. ڪم ڊبل ڪجانءِ. جو سڀني کي چئجان ته سرڪار پنهنجي پگهار ڏني آهي.“
    ”جي سر سڀني کي چوڻو آهي ۽ سڀني کان ڊبل ڪرڻو آهي،“
    ”بلڪل“
    ”سر الله جي راهه ۾ ڏيڻ جو فائدو، ڏسو نه هن ئي جهان ۾ ملي ٿو هڪ تي ڪيترو ڊبل،“
    ”بڪواس بند ڪر جيڪو چيم، ان تي عمل ٿئي ۽ بس“ ۽ بس پوءِ فون جو رسيور رکجي ٿو.
    ٻئي پاسي هڪ ننڍو ملازم، اعليٰ آفيسر وٽ اچي ٿو :” سر!، منهنجي پگهار مان طوفان وارين لاءِ ڪافي ڪٽيو ويو آهي، اڳ ئي پگهار ٿورو، پوءِ پورت ڪٿان ٿيندي.“
    ”اڙي نالائق! طوفان وارن جي مدد ڪرڻ گهرجي، هڪ ڏينهن جي پگهار مان ڇا ٿيندو؟“
    ”سر! اسان هڪ ڏينهن جي پگهار مان ٻن ڏينهن جي ماني کائيندا آهيون.“
    ”فرض ڪريو، ڀائرن جي مدد لاءِ ٻه ڏينهن ماني نه کاڌؤ ته ڪهڙي قيامت ايندي. طوفان سٽيلن جي امداد ٿيڻ گهرجي.“
    ”سر! انهن وٽ طوفان ڪڏهن ڪڏهن ٿو اچي، پر اسان وٽ ته طوفان روزانو ٿو اچي ۽ خبر ناهي ڇاڇا وهائي کڻي وڃي ٿو. مان غريب ٻچڙيوال آهيان، رحم ڪريو،“
    ”اڙي......! هرڀرو بحث ٿو ڪرين نڪري وڃ سڀني جي ڏهاڙي ڪٽي آهي، رڳو تنهنجي اڪيلي جي ته ناهي!“
    سر! اوهان پنهنجي سڄي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن جي سڄي پگهار ڪٽيو اسان غريبن تي رحم ڪريو.“
    ”گيٽ آئوٽ، نان سنس“ صاحب ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو حالانڪ تپڻ کان پوءِ ڪارو ٿي وڃڻ گهرجي.
    ٻاهر نڪري سوچي ٿو پورهيو اسان جو، ڪم اسان جو، پگهارون ڪٽڻ جو اختيار ٻين جو، سندس پويان ايندي صاحب جو سيڪريٽري چوي ٿو:
    ”صاحب ناراض ٿيو اٿئي. چوي ٿو ته هن جو پروموشن نه ڪجو ۽ وري جيڪڏهن ڪو ٻيو اهڙي ڳالهه ڪري ته ان کي سسپينڊ ڪريو.“
    ٻه وڏا، آسمان، آسمان جيڏا آفيسر فون تي ڳالهائي رهيا آهن. ايئن محسوس پيو ٿئي، ڄڻ ته سڄي دنيا تي کلي ۽ چٿرون ڪري رهيا هجن. انهن جي ٽهڪن ۾، ماڻهوءَ جي بيوقوفيءَ جا قصا ۽ ڳالهين ۾ مجبوريءَ جا پڙاڏا هئا. سرڪار کان مليل بي پناهه اختيارن ڄڻ ته هنن جي لهجن ۽ اسٽائيل کي اوچو ڪري ڇڏيو هجي. اتي ٽيون آفيسر فون وٺي چئي رهيو هو:
    ”ها ها، تنهنجو خط مليو آهي. ڪاروائيءَ هيٺ آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ مان اوهان کي اجازت ڏئي رهيو آهيان. ”دين اريسٽ دي باسٽرڊ اينڊ بيٽ هم (پوءِ حرامزادي کي گرفتار ڪري، موچڙا هڻو، ) ٻيو ڪو حڪم ۽ فون جو رسيور اڳ ٽهڪ ڏيندڙ جي حوالي ڪري ٿو جيڪو ساڳي ٽون سان ڳالهائي ٿو. ۽ پوءِ فون ڪري هن کان پڇي ٿو ڇا ٿيو؟“
    ”يار! هو هن جي عزت نٿو ڪري ان ڪري هن کي سيکت ڏيڻ لاءِ چيو اٿائين.“
    پوءِ معنيٰ خيز انداز ۾ پڇي ٿو. ”حرامزادي کي موچڙا ملندا، ٻه ٽي ڏينهن ٿاڻي ۾ رهيو ته ناني ياد اچي ويندس، “ فخر سان سندس واڇون ٽڙي، وڃن ٿيون.
    ”اها زيادتي ناهي“
    ”ڇا ڪريون دوستن تان سر به قربان آهي، ۽ ٽهڪڙو لڳي ٿو.
    مان سوچي رهيو آهيان ته اسان اڃا تائين تاريخ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون؟ ڇا اسان جي ملڪ ۾ پنهنجي عزت ڪرائڻ جو اهو ئي طريقو وڃي بچيوآهي؟؟؟
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 18 جولاءِ 1999ع)


    ڪتو صاحب

    صحافت جي هڪ ڪتاب ۾، مون خبر ڇا کي ٿو چئجي؟ پڙهيو هو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”ڪتي ماڻهوءَ کي چڪ پاتو“ خبر ناهي، پر ماڻهوءَ ڪتي کي چڪ پاتو“ خبر آهي. اسان جي شاعرن ته اڃا ٻه قدم اڳتي ڪم هلايو، جو حمل فقير کي چوڻو پيو ته: ”پريان سندي پار جي“ ڪتي اچي ڪاري ......“ هن سماج ۾ ڪنهن وقت ڪُتي کي وفادار ۽ دوست ڪوٺيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي ته شايد ڪراچي جي ڊفينس ۽ ڪلفٽن واري علائقي جي وڏن گهراڻن جي وڏن بيگمات جي ڪُتي سان دوستي اڃا قائم آهي، (غريبن کي پاڻ پالڻ لاءِ ئي ذريعا ۽ وسيلا ڪونهن)، جو ڪتن لاءِ خاص جايون ۽ خاص گاڏيون مخصوص آهن. بلڪل خاص نوڪري سميت پر اهو ڪُتو ان وقت وڏي ٺٺ ۾ آهي، جڏهن ايئرپورٽ تي ڪسٽم وارن وٽ آهي. جو ماڻهوءَ جي شاهدي ۽ گواهي ختم ڪُتي تي وڌيڪ اعتبار آهي. ۽ اهو سچ به آهي جو اِهو ڪُتو وڏي ڪم جو آهي. ماڻهو ان ڪُتي جي آڏو ڪهڙي شئي آهي؟ 10 مارچ (ڏهين مارچ) جي هڪ اخبار هڪ دلچسپ خبر ڇپي آهي، ته جنهن سان قصو اتي ختم، ناهي. پر اڄان اڳيان ڪُتي صاحب جو ٺٺ وڌي ٿو. جڏهن اُن کي ساليانه ڏيڍ لک ڊالر پگهار ملي ٿي. اهو ڪتو ڇهه سؤ ڊالر پگهار وٺي ٿو. يعني سٺ ڊالر ڪلاڪ جي حساب سان، اهو ڪُتو ۽ اهڙا ٻيا ڪُتا، گڏيل قومن جي اداري ۾ آهن.جن جو پگهار گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جي پگهار کان به وڌيڪ آهي، اهو به چيو ويو آهي. ته ڪتي صاحب جو عهدو اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل يا انڊر سيڪريٽري جنرل هوندو. اهڙين سڀني ڳالهين جو انڪشاف گڏيل قومن جي اداري ۾ ڪوسٽاريڪا جي خاتون سفير ناز رسٿ اسنرا، گڏيل اداري جي هڪ ڪاميٽيءَ سان مخاطب ٿيندي ڪيو آهي. هن اداري ۾ سيڪيورٽي گارڊ (ماڻهن) جي تعداد ۾ گهٽتائيءَ ڪري سيڪيورٽي جي عمل (ماڻهن) ۾ ڪمي نٿي ڪري سگهجي. بهرحال پنهنجو پنهنجو خيال آهي، گڏيل قومن جي اداري ۾، جيڪڏهن ڪتن جي گهرج آهي. ۽ ڪتا اهم آهن ته پوءِ توهان يا اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟ هر ماڻهو پنهنجي حال ۽ گهر کان واقف هوندو آهي. اسان جي اُن قابل ۽ لائق اداري جي پنهنجي مرضي آهي. ۽ پنهنجي سيڪيورٽي آهي. پر هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته اتي ڪُتي جو قدر ۽ قيمت آهي: جيڪا شايد اسان جي نصيب ۾ نه هجي ۽ هوءَ به انسان ۾ وڃي بچيو به ڇاهي؟ اسان وٽ هتي ته ماڻهو ڪيترن ئي جاين ٿي ڪُتي کان به گهٽ آهي. اها هڪ حقيقت آهي، جيڪا اسان کي مڃڻ گهرجي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ ته ڪتي کي ماريندڙ کي به سزا ملندي آهي. اسان وٽ ماڻهوءَ مرن ته به ڪجهه ناهي. هلندي هلندي کلندي کلندي ڪيترائي ماڻهو ماريا وڃن ٿا. جن جو موت ڪتي کان به برو آهي، جو هڪ اخبار کي اها خبر هلائڻي پئي ته ”ماڻهو ڪتي جي موت ماريو ويو“ پر خبردار، اهو ديسي ڪُتو آهي ولائتي ڪُتو ته ايئرپورٽ کان وٺي گڏيل قومن، تائين اهم آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کان وڌيڪ اهم آهي. ان حد تائين جو اقوام متحده جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جي برابر جو آهي. ويچارو ماڻهو ملازم ۽ ڪُتو صاحب آهي. پگهار جي لحاظ کان به ته عهدي جي لحاظ کان به- پر اهو ضروري ڪونهي. ته هر صاحب ڪتو هجي ۽ هر ڪتو صاحب، باقي اها خبر ناهي ته اقوام متحده اهو اعزاز ڪُتي کي ڏنو آهي يا عهدي کي؟ ڇا سيڪريٽري جنرل کانپوءِ ڪُتو وڌيڪ اهم آهي؟ ان نقطي جي وضاحت ٿيڻ گهرجي.
    (روزاني هِلال پاڪستان ڇنڇر 28 مارچ 1999ع)


    اُداسي ۽ اُٻاڪڻو

    ڀينڊو گهڻن ڏينهن کان پوءِ آيو هيو. هن جو چهرو اُداس ۽ حال هيڻا هئا. مون ڀينڊي ڏانهن ڏٺو ته هن جي منهن ۾ حراس هيو ۽ هو ڏاڍو منجهيل هو. هن پڇيو ته”يار هي وري سکر ۾ ڇا جا جهيڙا ٿيا آهن.؟“ چيم ته ”ڀانيان ٿو ته هو پنهنجو ڪم ڪن پيا“ پڇائين ”اهي هو ڪير آهن!“
    چيم: بس اهو هُو...............هو ئي آهن
    ڀينڊي پڇيو ته : اهي هُو........ ڀلا رڳو هتي ٿا ٻڙڪن ٻيءِ جاءِ تي نه آخر سڄو ملڪ پيو آهي. اهو فصل به هتي ڇو ٿو اُپائجي.؟
    چيم: ڪڏهن سنڌ ۾ ڪڏهن بلوچستان ۾ به پنهنجو ڪم آسانيءَ سان ڪندا آهن.
    چيائين: ٻين علائقن ۾ ڇو نه؟
    چيم: اهو ان ڪري ته انهن ٻنهي صوبن ۾ لساني وڌيون آهن جن کي ويڙهائي مطلب ڪڍيو وڃي ٿو،
    چيائين: ٻيو ڪو سبب ته ناهي؟
    چيم: ٿي سگهي ٿو ته اڃان ڪو ٻيو سبب به هجي- باقي اهي هو هرڀرو چريا ته ناهن جو پنهنجن ماڻهن کي پنهنجن ماڻهن هٿا مارائن.
    چيائين: پر ڪڏهن شڪاري به ته شڪار ٿيندا آهن.
    چيم: اهي شڪاري تجربيڪار آهن. اهي رڳو شڪار ئي ڪندا آهن. ۽ شڪاري ٿيندا آهن- ڏٺم ته ڀينڊي کي منهنجي ڪنهن به جواب مطمئن نه ڪيو. ۽ ان جي ڪنهن به حل جو جواب نه مليو.
    پڇائين، هتي سڪون ڪڏهن ٿيندو؟
    چيم: الله جو شڪر آهي هي مڙئي ٿوري گڙ ٻڙ ٿي پئي. نه ته هتي سڪون ئي سڪون آهي. شينهن ۽ ٻڪري ڏس ته ڀينڊا ڀاءُ هڪ گهاٽ تي ٿا چرن. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ڏبو.
    پڇائين ته پوءِ اها ٿورو گڙ ٻڙ به نه ٿيڻ گهرجي.
    چيم: صفا سڪون به ننڊون ٿو ڪرائي، ان ڪري ماڻهو کي ٿورو سجاڳ پڻ رهڻ گهرجي.
    چيائين: ماڻهو ننڊون ڇو ٿا ڪن؟
    چيم: ڀلا ويچارا ڇا ڪن؟ جاڳن به نه جو هتي جاڳڻ سٺو ناهي. جي ننڊون ٿا ڪن ته به ٺاٺا، جو ننڊ به نڀاڳي، ڀلا هي ويچارا ڪن به ته ڇا ڪن!؟
    چيائين: ته پوءِ ٻئي ڪنهن پاسي وڃن يا ٻي واٽ ڇو نه ٿا ڏسن.
    چيم: ته هرواٽ تي واسينگ ويٺو آهي هر در تي جلاد بيٺو آهي. هر پاسي ڪات اُڀو آهي. ۽ هر شهر ۾ بلا وات کوليو بيٺي آهي.
    ڏٺم ته ڀينڊو هيڊو ٿي ويو. هن جي منهن تي اداسي ڇائنجي وئي. سندس دل جو ڌڙڪو وڌي ويو ۽ وات تي هٿ رکيائين. مون ڀينڊي کي دلداري ڏيندي چيو ته يار! تون دل نه لاهه هي رت ۽ رتوڇاڻ نيٺ پوري ٿيندي.جو هاڻي اهو وحشي. بک کان پنهنجن ۾ ئي چڪ وجهندو جو پنهنجا ويجها اٿس. ڏٺم ته ڀينڊي جي مک تي مرڪ آئي.
    (روزاني خادم وطن25 فيبروري 1991ع)


    هڪ ڪهاڻي، هڪ واقعو

    ڀينڊي جي ،ان سوال منهنجي ته مت ئي منجهائي ڇڏي، ڏسو نه ڀلا اهو به ڪو سوال آهي، سو به اوچتو ۽ بي وقت، ڀينڊي پڇيو، گپوڙو ڇا ٿيندو آهي!؟؟
    هاڻي ڏيو منهن، هن وقت ۽ اهڙي حالتن، ۾ گپوڙي جو ڪهڙو واسطو.
    مون کيس سمجهائيندي چيو،
    ڀينڊا ڀاءُ، گپوڙو،
    عام طور ڏي وڏي شرشي کي چوندا آهن.“
    شوشو ڇا ٿيندو آهي؟ ڀينڊي منجهائي ڇڏيو پيس، سوچيم ته هاڻي ان کي ڪنهن سولي سنڌي واري حساب ڪتاب ۾ رکان، سو کيس چيو ”شوشو، هروڀرو جي ڳالهه کي چئبو آهي.
    مون ڏٺو ته ڀينڊي جي منهن تي مرڪ تري آئي، ائين محسوس ٿيو ته ۽ ڄڻ کيس پنهنجي ڪنهن سوال جو جواب ملي ويو هجيس يا ڪو وڏو مسئلو يا مونجهارو حل ٿيو هجيس، ڀينڊي چيو، ها ها، مان سمجهي ويس، ته گپوڙو ڇا کي ٿو چئجي.
    ڀينڊي جي ان ڳالهه مون ۾ تجسس پيدا ڪيو. ته مان کائنس پڇان ۽ هونئن به مان اڪثر ڀينڊي کان پڇندو آهيان ۽ پوءِ ان جي عقل تي حيراني تي ٿيندي اٿم، ڀينڊي چيو، گپوڙو، شوشو معنيٰ ته عدم اعتماد
    چيم، ڪٿي وڃي ڳالهه ملائي اٿئي؟ مون کي لڳي ٿو ته تون به سياستدان تي ويو آهين،
    چيائين، سياستدان ٿيڻ ڏکيو آهي ڇا؟ چيم ٻين ملڪن ۾ پر اسان وٽ تمام سولو، اسان وٽ ڪارڪن ٿيڻ ڏکيو ۽ سياستدان ٿيڻ سولو آهي، جو ان جو معيار مقرر ڪونهي، پوءِ...... مون سوچيو ڀينڊو اڃان ڪجهه ٻيو سوال پڇي، مون در کوليو ۽ ٻاهرنڪري ويس،
    (روزاني عبرت 5 نومبر 1989ع)


    ٻه ڪهاڻيون، ٻه واقعا

    ڀينڊي جي اُمالڪ سوال مون کي ڪنهن حد تائين منجهايو ۽ حيرت ۾ وڌو پڇيائين، ڪو وزير دوست اٿئي!،
    چيو مانس، تنهنجو وزيرن سان ڪهڙو ڪم آهي ان کان اڳ ڪڏهن ٿو ائين نه پڇيو،
    چيائين مون کي جواب گهرجي،
    چيم، ڀينڊا! وزير ٿيڻ کانپوءِ ڪو دوست نه ٿيندو آهي البت اڳ ۾ ٻن ٽن سان دعا سلام ضرور هئي.
    پوءِ توکان ته صحافي چڱا آهن. جي جلسن ۾ هڪ اڌ ڪم ڪرائي ٿا اچن، ڀينڊي ٽوڪيو،
    کيس ڪو جواب نه ڏنم، مون کي چپ ٿيندو ڏسي چيائين ڪم ڪو وڏو ڪونهي هڪ عدد ماستري گهرجي،
    چيم ڪنهن لاءِ
    چيائين: مُنهنجو پنهنجو ويجهو عزيز آهي هوشيار آهي ۽ تعليمي لياقت رکندڙ آهي پر چون ٿا ته وزير جي سفارش کانسواءِ ڪم نه ٿيندو، کيس سمجهائيندي چيو مانس، ٻڌو اٿم ته علائقي جي ايم اين اي يا ايم پي اي کان نوٽ لڳراءِ تنهنجو ڪم ٿي ويندو.
    ڀينڊو کليو ۽ منهن کي لوڏيندي چيائين، ڪهڙي دنيا ۾ ٿو رهين، ميمبرن کي ڪجهه سيٽون ورهائي ڏنيون هئائون. انهن پنهنجي ڪوٽا پوري ڪري پنهنجا ماڻهون رکرائي ڇڏيا آهن،
    کيس دلداري ڏيندي چيم ته، ذهين ۽ هوشيار ماڻهونءَ کي سفارش جي ڪهڙي ضرورت آهي؟،
    منهنجي ان ڳالهه شايد ڀينڊي کي منجهايو هن هڪ وار منهنجي اکين ۾ نهاريو ۽ پوءِ گهوري ڏسندو ئي رهيو مان هن جي اهڙي نهار تي منجهي پيس الائي ڪهڙي جهان جي خبر اٿئو، توهان واقعي ايڏا بي خبر آهيو يا مذاق پيا ڪيو؟ اها هڪ حقيقت آهي ته پرائمري اسڪول جي ماستري خاص ڪري، علائقي جي ميمبر جي سفارش تي ملڻ جو رواج پراڻو آهي ۽ ميمبر صاحب جنهن کي چاهي ان کي کڻي ڀرتي ڪرائي سگهي ٿو. هن تفصيل سان سمجهائڻ ٿي چاهيو.
    منهنجي چپن تي هڪ مرڪ اڀري ۽ اهو منظر ياد آيو جڏهن هڪ پرائمري استاد مون ڏانهن سنڌي ۾ خط لکيو جنهن ۾ ڪل سٺ لفظ هئا جن مان ارڙهن لفظ غلط لکيل هئا. منهنجي نالي سميت منهنجي سامهون ان ويل، ان پرائمري اسڪول جا ٻار هئا ۽ انهن جو مستقل!!!!!!!
    (روزاني عبرت 19 سيپٽمبر 1989ع )


    جلال جون سائيزون

    سنڌي ماڻهوءَ جو سُر ۽ سنگيت سان چاهه انتهائي پراڻو ۽ گهرو رهيو آهي، هتان جي صوفي، بزرگن ۽ عالمن ان جو ڀرپور سهارو ورتو آهي ۽ پنهنجو پيغام، سُر ۽ راڳ وسيلي ڦهلايو آهي هتي جيڪي به وقت جا وڏا عالم ۽ ڏاها آيا انهن سُر جي وسيلي ۽ شاعريءَ جي ذريعي پنهنجو پيغام پهچايو آهي ۽ سنڌ جي ڌرتي ان ڏس ۾ هڪ انوکو مثال پڻ قائم ڪيو آهي، پوري دنيا ۾ هتي ئي سُر تي سُر ڏنو آهي، اهڙو مثال پوري تاريخ ۾ نٿو ملي ته سائل کي سر ڏنو ويو هجي سو به داد طور- راءِ ڏياچ اهو مثال قائم ڪري هڪ نئين روايت پيدا ڪئي آهي، سنڌ ۾ ئي راڳ ۽ راڳين کي جيڪو مان ۽ مرتبو ڏنو ويو آهي، اهو به پنهنجي جاءِ تي هڪ الڳ ۽ نرالي ڪهاڻي ٿو رکي، سنڌي ماڻهو جو مراج راڳ سان آهي، اسان جي موجوده دور ۾ راڳ سان جيڪو حشر ڪيو ويو آهي، اهو به تاريخي آهي، اڳئين رڳو هڪ ڳائڻو هوندو هو ٻيا اُن جا شاگرد يا پوئلڳ، پر هاڻي ته جڏهن کان ميان جلال چانڊيو، هن نازڪ ۽ نفيس ميدان ۾ ڪاهي آيو آهي، تڏهن ڪيسٽن جي دنيا ۾ هڪ نئون روڄ راڙو شروع ٿيو آهي، جلال ميان ته قسمت جي زور تي چمڪي پيو، پر راڳ جو جيڪو ٻيڙو ٻڏو آهي ۽ اونداهو وقت آيو آهي، اهو اڳ نه ڪڏهن آيو نه ٻڌوسين ۽ نه شايد پيدا ٿيو، ميان جلال چانڊيو دنيا جو اهو واحد فنڪار آهي، جنهن سائيزون پيدا ڪيو آهن، اڳي اهڙيون سائيزون رڳو گنجين ۽ ڪڇن ۾ هونديون هيون هينئر جلالن ۾ اچي ويون آهن
    وڏو جلال، وچولو جلال، ننڍڙو جلال، پتڪڙو جلال........ جلال سٺو ٿيو اهو جلال آهي. جيڪڏهن جلاب هجي ها ته به جواب ڪونهي، نه سر، نه تال نه راڳ، نه لئي پر ڳائڻو آهي شهنشاهه ۽ اُن ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته سنڌي ڪيسٽون جيتريون جلال جون هلن ٿيون، ان جو ڪو به مٽ! يا ثاني ڪونهي، ماڻهن کي آخر انهي جي مزاج مطابق حاڪم ملي يا نه ڳائڻو ضرور ملي ٿو ۽ ان جو جيئرو جاڳيندو مثال ميان جلال چانڊيو آهي.
    تازي اُن جي روايت کي اسان جي يار منظور سخيراڻي اڃان اڳتي وڌايو آهي، هن جي تازي ڪيسٽ ۾ هڪ طويل فرمائش پروگرام آهي، ٻيا ته ٻيا پر يارڙي پنهنجي طنري وارو جو نالو به شامل ڪيو آهي، بس اسٽينڊ وارو، هوٽل وارو مطلب ته جلال واري رنگ ۾ رنگجي ويو آهي، اسان سوچيون ٿا جيڪڏهن اهو رواج وڌيو ۽ جاري رهيو ته سنڌي راڳ ۽ اُن جي معيار جو ڇا ٿيندو؟ اسان اها ڪيسٽ جڏهن ملڪ کان ٻاهر موڪلائينداسين ۽ ٻين دوستن کي ٻڌائينداسين، ته هي آهي اسانجو سنڌي راڳ، تڏهن يقين هو هن ترقي ۽ اسٽائيل کي ڏسي حيران ٿيندا، جو راڳ ته هر جاءِ آهي پر اهڙي روايت رڳو سند ۾ آهي، اسان سڀني کي اُن تي سوچڻو پوندو.
    ڇا ڪجي ها، جلال چانڊئي، جتي عوام ۾ چمي ۽ ڀاڪر کي عام جام ڪيو آهي، اتي فرمائش جو پروگرام پڻ شروع آهي. يعني ڪيسٽ ۾ ڪلام هلڻ کان اڳ ۾ شروع ٿيندو آهي ۽ اها انائونسمينٽ بذات خود سُر ۾ ڪندو، هن ڪلام لاءِ فرمائش ڪئي آهي، مستري ملان، بس اسان وارو باغو ۽ ٽائرن واري ٽوهه، فلاڻي شهر کان ريڙهي واري گلابو، لائي وارو رزاق ۽ هوٽل جو گلابي بيرو غلامو، فلاڻي چاوڙي مان فرمائش ڪئي آهي، لقو لوهي، جمعدار جمن ۽ سنتري صابن وغيره وغيره، يعني هڪ عوام ٻيو فرمائش ٽئين انهن جي ائڊريس ۽ ڊيوٽي جو ٽائم دنيا ۾ ڪيسٽ جي حوالي سان اها ڪوالٽي جيڪا جلال چانڊئي شروع ڪئي آهي ان جو ڪو جواب ئي ڪونهي، هونئن به جلال جي راڳ جو به ڪو جواب ڪونهي.
    (روزاني عبرت 22 فيبروري 1990ع)


    رت جو مينهن

    چيو مانس، هيل سج گرهڻ طويل ٿي آهي؟
    چيائين: طويل راتين جي سفر کانپوءِ اهو محسوس ڪري رهيو آهين‘
    چيم: زندگي جو سفر، اونداهين ۽ روشنين ۾ جاري آهي.
    چيائين: ٻئي هڪ ٻئي جا پاڇي آهن‘
    چيم: اهو وري ڪين؟
    چيائين: گهڻي روشني ۾ به اونداهي هوندي آهي
    چيم: تو آخر ڪهڙي ماڳ ڏانهن پيو وڃين.
    چيائين: پنهنجي منزل جا سارا پيچرا، ڏکيا ۽ منجهيل آهن‘
    چيم: زندگي نانءُ ئي آهي جدوجهد ۽ ويڙهاند جو‘
    چيائين: سڀ کان وڏي ويڙهه پاڻ سان آهي جيڪا اڃا جاري آهي‘
    چيم: اهو وري ڪئين‘
    وراڻيائين ”ٻين سان ويڙهه سڀئي ڪن ٿا ۽ اها حيواني جبلت آهي، اصل مزو ته پنهنجو پاڻ سان ويڙهاند ۾ آهي!“
    چيم: پوءِ اُن جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو‘
    جواب ڏنائين، ماڻهو جيڪڏهن نتيجن تي سوچي ته پوءِ دنيا جو ڪو به هيڻو ڏاڍي سان ويڙهاند نه ڪندو ۽ جبر سهندو رهندو ويڙهه چئبو ئي ڏاڍي ۽ زورازور سان وڙهڻ کي آهي
    چيم: اڄ ته وڏيون فلا سفرانه ڳالهيون پيو ڪرين‘
    وراڻيائين: اها بي سمجهي سمجهان يا ڪم عملي
    چيم: اڄ ڪهڙو موڊ اٿئي،
    چيائين: تو ڪڏهن راهن کي روئندو ڏٺو آهي،
    چيم: راهون ڪيئن روئنديون؟
    چيائين: نه صرف راهون پر راهن تي بيٺل وڻ ۽ انهن جي ٽاري تي ويٺل پکي به رئن ٿا
    چيم : اهو وري ڪيئن‘
    چيائين: اهو ايئن جو اسان جي هن شهر ۾ گذريل ڪيتري وقت کان رت جو مينهن وسيو آهي ۽ نفرت جو واءُ گهليو آهي.
    چيم: هي اڄ ڇا پيو چوين‘
    چيائين: ڏُک ته اهو آهي گولي به ٻولي ٿي.
    چيم: اهو وري ڪيئن‘
    چيائين: رڳو هڪ طبقي کي لڳي ٿو‘
    چيم: ان تي ڪهڙو ڀروسو اها ٻئي پاسي به وڃي سگهي ٿي.
    چيائين: جتي ماڻهن جي من ۾ ٻيائي ۽ مرڪن ۾ منافقت ڀريل هجي، اتي تون ڪيئن ٿو سمجهين ته ٽريگر جو نشانو نه هوندو!
    هي تون الائي ڪهڙيون پيون ڳالهيون ڪرين‘
    جيڪڏهن اڃان به ڳالهيون نه سمجهئي ته؟‘
    هو ڪجهه چوي ته مان اڳتي وڌان ٿو.
    (روزاني عبرت 18 جنوري 1990ع)


    ٻڪري، مان ۽ رِڍ

    قدرت جا رنگ هميشه نرالا رهيا آهن ۽ حيرت جوڳا پڻ، پر اسان جون اخبارو بظاهر ننڍيون ڳالهيون ته ڇپن ٿيون. پر انهن جي پويان جيڪي ڪرشما آهن، انهن تي ويچارجي نٿو، جي ڪرشما برابر قدرت جا پنهنجا ذاتي پاتي آهن. پر ماڻهن به خليفي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. ۽ وسان نه گهٽايو آهي. اهڙا معجزا پيا ٿين ۽ اهو ”نان اسٽاف“ عمل جاري وساري آهي. هڪ خبر آهي ته ڳوٺ سانڌاڻ تعلقي هالا جي رهواسي ممن درزيءَ جي ٻڪري، رڍجهڙو ٻچو ڏنو آهي، ڀلا ٻڪري مان رڍ ڪيئن نڪتي؟ اهو جواب وڏو به آهي ۽ تمام مختصر ، جهنگ ۾ هر شئي روان آهي، جو جهنگ جو قانون ئي پنهنجو آهي، گهوڙي گڏهه مان خچر ٿي سگهي ٿو، پوءِ هي جنس ڪا نئين ڪانهي، هونئين نسل کانسواءِ اهڙو عمل زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ به شروع آهي. اسان جا ڪي ڪي مبصر ۽ سياسي ڌنڌي وارا چون ٿا ته، ملڪ جي ڪيترن ئي شعبن مان مارشل لاءِ جون رڍون ڄمن ٿيون. ڀلا يارهن سالن جي رفاقت ايڏي جلدي ته ختم نه ٿيندي. جتي سرعام هڪ دور ۽ ان جا حمايتي آهن. اُتي جهموريت جي پيٽ مان پڻ مارشل لاءِ جون رڍون نڪرن ٿيون. ان ۾ ڪمال نه ويچاري ان درزيءَ جو آهي ۽ نه ئي سياسي آکاڙي جي پهلوانن جو، پر اهو سڄو عمل دخل نهايت حيرت جوڳو آهي، هونئن به اسان جي ملڪ جا ماڻهو پنهنجون زندگيون، حيرت، اچرج، وسوسن ۽ اميدن ۾ گذاري ڇڏڻ جا عادي آهن. انهن جون ڄمارون خون ۽ کلن ۾ گذارنديون آهن. پوءِ ڪٿي اُها کل شينهن جي ته ڪٿي گدڙ جي، ڪٿي اٺ جي ته ڪٿي.....جي. اهو کلون ۽ چوغا پائي اسان سڀ ڪجهه ڪندا آهيون ۽ ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهندا آهيون ۽ دوڙ مرچن کان بهتر آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ڪيترو وقت پنهنجي اکين ۾ مرچ محسوس ڪيا آهن، اهڙي موقعي تي ڌوڙ هلڪي ۽ روايتي ڳالهه آهي.
    مون ڳالهه پئي ڪئي ته ٻڪري مان رڍ پيدا ٿي آهي، ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. ڀلا جيڪڏهن ڪتي ۽ ٻلي پيدا ٿئي ها. ته ڇا ٿئي ها؟ ڏاڍي کي ڪير روڪيندو ۽ جهليندو. اهو عمل ڪالهه به هيو، اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به رهندو. جو اکين ۾ ڌوڙ وجهندڙن تي ڪا جهل پل ڪو ضابطو ڪونهي. بدمعاش پاٿاريدار به آهي ته ميمبر به ان کي روڪڻ ڪم ماڻهن جو ماڻهو پاڻ ان کي چونڊي پنهنجو اڳواڻ بڻائي ته ميار ڪنهن کي ڏجي. هلڻ پاڻ کان نه ٿئي ته لک لعنت گوڏن تي.
    چوڻ وارا چون ٿا ته اسان جي ملڪ جي ڪيترن ئي کاتن ۾ اهڙو عمل اڃان هلندڙ آهي. بهرحال هي جهموريت جي ٻڪري ۽ مارشل لا جي رڍ ڪانهي، جو نه جهموريت ٻڪري ٿيندي آهي ته مارشل لا ڪا رڍ. پر هڪڙو مثال آهي ۽ مثال ڏيڻ ۾ ڪو ڏوهه ڪونهي. ان ڪري ان عمل کي رڳو پڙهي، ڇڏي ڏيڻو ناهي. پر ٿورو گهڻو سوچڻو آهي.
    پر ڇا ڪجي، اسان وٽ سڀ ڪجهه آهي، سواءِ سوچ جي جيڪڏهن اها هجي ها ته پوءِ ماڻهو ائين نڌڻڪا ٿي، موچڙا نه کائن ها.
    (روزاني عبرت 11 مارچ 1990ع)


    نصير مرزا، تاج صحرائي

    ڪي ڪي واقعا انتهائي يادگار ۽ مزيدار ٿين ٿا. انهن کي ٻيو ڪجهه نه سهي ته نه سهي، هڪ واقعو ڪري بيان ڪري سگهجي ٿو. اڄوڪي واقعي جيئن ته تعلق ادبي لڏي سان آهي. ان ڪري اُن لڏي جي هڪ اڌ جهلڪ، هاضمي لاءِ تمام ضروري آهي، جو هاضمو اڄڪلهه گهٽ ماڻهن جو صحيح هوندو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ويسر هڪ اهڙو جز آهي، جيڪو گهڻو ڪري گهڻي ڀاڱي سڀني کي وقت سر ٿئي ٿو. ۽ اسين سڀ ان جي جي لذت کان آشنا آهيو. بهرحال مون ڳالهه پئي ڪئي هڪ واقعي جي، جنهن کي رڳو ٻڌي لطف وٺڻو آهي. ان تي سوچڻ جي منع آهي.
    گذريل ڏينهن مختيار ملڪ آيو، چيائين، يار، سائين محمد ابراهيم جويي کي ڏٺي ڏهاڪو کن سال ٿيا آهن، هل ته جويي صاحب سان ڪچهري ڪري ٿا اچون. اسان جويي صاحب وٽ ويٺا هئاسين ۽ اُتي سائين تاج صحرائي آيو، تاج سحرائي سان ويجهڙائيءَ ۾ گهڻيون ملاقاتون ٿيون آهن. ٿوري ڳالهه ٻولهه کان پوءِ صحرائي صاحب چيو، توهان جو مخزن پروگرام ڏاڍو سٺو هوندو هيو. مون سمجهيو ته صحرائي صاحب ڪنهن مخزن پروگرام ۾ شرڪت جي ڳالهه ٿو ڪري، پاڻ چيائين هاڻي توهان نٿا اچو، ڪو ٻيو ته اچي، مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، چيائين ڇو ڀلا ميزباني ڇڏي ڏنو يا.......
    چيم قبلا! مان نصير مرزا ناهيان، اوهان شايد ڀليا آهيو، مان ذوالفقار سيال آهيان.“
    چيائين اڇا پر لڳو ته اوهڙا ٿا. هاڻ تاج صحرائي صاحب کي ڪير ٻڌائي ته نصير مرزا ۽ مان دوست ضرور آهيون پر اسان جي شڪل ۽ شباهت ۾ ڪو به مشترڪ عڪس ڪونهي. هو نصير آهي ۽ مان فقير ۽ بس اها ٻئي ڳالهه ته نصير مرزا ۽ منهنجي فون ۾ هڪ نمبر جو فرق آهي. اڪثر نصير جي نمبر تي منهنجي پُڇا ٿيندي آهي. ۽ منهنجي نمبر تي نصير مرزا جي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائڻ وارا دوست ساڳيا هوندا آهن.پر تاج صحرائي صاحب لڳي ٿو ته مخزن پروگرام جو پراڻو ناظر آهي. جو هو سڀ ڪنهن کي سڃاڻي ٿو. ۽ چڱي طرح پڻ. يا وري شايد قلندر سائين جي ميلي جو ڪم آهي. بهرحال ڪجهه نه ڪجهه آهي. ضرور مان سائين جويو صاحب کي ٻڌايو ته سائين لڳي ٿو ته تاج صحرائي صاحب هينئر پوڙهو ٿي ويو آهي. پر ڊپ آهي ته جيڪڏهن ٻئي دفعي تاجل بيوس سان ملندو ته ان کي به چوندو ته مخزن ڏاڍو سٺو ٿا ڪڍو. جو تاجل بيوس ۽ تاج بلوچ ۾ نالي جو فرق ته آهي. يا جيڪڏهن لطيف مني سان ملندو ته ان کي چوندو، اوهان خبرو سٺيون ٿا پڙهون.
    مان سمجهان ٿو ته ايڏي ملاقات کانپوءِ، منجهڻ ڪا هروڀرو ڀلي ڳالهه ڪانهي. هونئن به پسند پنهنجي پنهنجي آهي. تاج صحرائي صاحب اصلوڪي نصير مرزا جي آفيس ۾ نه ويو آهي. اُتي وري الهداد زرداريءَ جو وڏو فوٽو لڳل آهي. نصير جي اها پنهنجي پسند آهي. ان ڪري سڄي جوابداري اُن جي آهي. ۽ گهاٽو واڌو ان جي ذمي.
    اسان کي ڪنهن ٿي به اعتراض ڪونهي. باقي تاج صحرائي صاحب کي ايترو عرض آهي ته مهرباني ڪري قلندر تي ڇپجندڙ ، مواد تي نالي مٽ نه ٿيڻ گهرجي
    (روزاني عبرت 11 مارچ 1990ع)


    قسم جو سوال

    ڀينڊي کي مون ايترو سمجهايو آهي، ان جي باوجود هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ ناهي آهيو، بلڪل ائين جيئن اسان جي پوليس عملدارن کي پاڪستان پينل ڪوڊ عرف عام پي پي سي سمجهه ۾ ناهي ايندو، ۽ پوءِ وڏن ننڍن مشين جي ذريعي ڪم ٽپائيندا آهن. يا ڪو جڳاڙ ڪندا آهن.
    پر ڀينڊي جو مسئلو قدري مختلف ۽ الڳ آهي. هن جي سمجهائڻ لاءِ نه ئي ڪو منشي مڙو آهي، نه ئي ڪو خاص ۽ الڳ ڪتاب، پر هن جون بي تڪيون ڳالهيون اچي منهنجي مٿي ۾ ائين لڳنديون آهن. جيئن اسان جي پوليس آفيسرن جي مٿي ۾ شاگردن جا ڪيس ۽ لڙ، ٻکيڙا.
    بهرحال ڀينڊي جا سوال به جواب طلب هوندا آهن. جيڪي هو منجهي منجهي ۽ ڏڪي ڏڪي مون کان پڇندو آهي، جن مان گهڻن جا جواب مان به منجهي منجهي ۽ ڏڪي ڏڪي ڏيندو آهيانس، باقي ڪيترائي نو لفٽ هوندا آهن.
    بلڪل ائين جيئن نوڪري جي درخواست ڏيندڙ اميدوارن ، متعلق محڪمن ۾ ڀينڊي پڇيو، وزير قسم ڇو کڻندا آهن؟
    چڙ مان چيومانس، ته ڇا قرآن کڻن.
    چيائين: پر آخر ائين ڇو ڪندا آهن.
    چيومانس نئيي مقرري لاءِ اهو ضروري آهي.
    چيائين اصل جيڪي سيڪريٽري جا ٻيا ڪامورا ڪڙا هوندا آهن. اهي جڏهن مقرر ٿيندا آهن پوءِ اهي قسم ڇو نه کڻندا آهن.
    سمجهايو مانس ته، ڀينڊا ڀاءُ اهو مقرر نه ٿيندا آهن. پر بدلي ڪري مقرر ڪيا ويندا آهن. ۽ انهن کي ايڏي وڏي جانبداري ڪونهي هوندي. جيڏي وزير صاحبن کي هوندي آهي. اهو سڀ ڪچي ۽ پڪي جو چڪر آهي.
    بهرحال ڀينڊو جو مغز ننڍڙو ۽ عقل پتڪڙو آهي. مونکي ته ان ۾ به شڪ آهي، ته ڀينڊي کي عقل آهي به يا نه؟ اهو سوال پنهنجي جاءِ تي وڏي معنيٰ ٿو رکي. ورنه ڪو به عقلمند اهڙا سوال نه ڪندو آهي. جنهن ماڻهوءَ کي ڪچي ۽ پڪي نوڪري جو سوال پڇجي ۽ اهو ويچارو ڪهڙو جواب ڏي ته؟ نوڪريون ته اچڻيو وڃڻيون آهن. پر ڀينڊو، دراصل منجهيل مسئلا پڇي، ماڻهن جي ذهن منجهان مونجهارا هٽائڻ ٿو چاهي ۽ واضح طور ٻڌائڻ ٿو چاهي ته اسانجا سوال جواب دراصل اهي ننڍڙا منجهيل جواب آهن. جيڪي ڪي ئي ماڻهو پنهنجي ذهن ۾ رکيو ٿا گهمن ۽ ٻيا ڦرن.
    هو ڀلا جي ڪو قسم کڻي يا نه کڻي، ان ۾ نه ڀينڊي جو ڪو فائدو آهي. ۽ نه وري ڪو نقصان. پر هو عادت کان مجبور آهي. بلڪل ائين جيئن اسان جا سرڪاري عملدار، اخباري بيان ڪڍڻ تي مجبور هوندا آهن. ۽ سياستدان جسلي ڪرڻ تي ٻنهي کان پڇيو وڃي ته جواب ملندو عوام جي فائدي ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي. جيئن اسان جي ملڪ ۾ مارشل لا به عوام جي فائدي، ۾ لڳائي ويندي آهي، ۽ پوءِ اهو فائدو نو مهينا بجاءِ يارنهن سال هلندو. ان ۾ قسم وارو مسئلو آهي. هاڻي ته قسم کڻي کڻي اسان اهڙا ”قسمين“ ٿي ويا آهيون، جو اهو قسم وارو جز اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ لازمي ٿي ويو آهي. ۽ بنا قسم جي اسان جي سماج ۾ ڪو ڪم ئي نٿو ٿئي ڀل ته آزمائي ڏسو.
    (روزاني عبرت 11 ڊسمبر 1989ع)


    راڪاس جو ڦيرو

    حيدرآباد تي وري راڪاس ڦيرو پايو، ڪيس وڌيو، ڪوس ٿيو. گهٽيون رتو ڇاڻ، رستا رت سان ٻڏل ۽ چونڪ چونڪ تي جلاد، وستيون، ويران، هر طرف ڊپ ۽ ڊاءِ، ماڻهو ته ماڻهو پر پاڇا به هيسيل ۽ هراسيل.
    هڪ دفعو وري وحشتون عروج تي، قانون تماشائي ۽ تماشبين. جنهن کي جو آيو، ان اهو ڪيو، سسيون ڌڙن کان ڌار ٿيون، ماڻهن جون رڙيون، واڪا، ريهون، ڦٿڪا، سسڪيون ۽ صدائون.
    ڪوبه ته ڪونهي، جيڪو هي دانهون ورنائي، ڪو به ته ڪونهي، جيڪو هنن جي داد رُسي ڪري ڪو به ته ڪونهي ، جيڪو هنن جي جيءُ کي، دان اَڇي نه ڪو به نه. ڪو به نه،
    سنڌي ماڻهوءَ جي قسمت ڦٽل، همت هاريل ۽ جيءُ جهريل آهي، هن جا سڀئي رستا هڪ راهه تي اچي ملن ٿا، اتي ويٺل رهبر خاموش ۽ تماشائي آهن. سڀني چيو ڪرفيو هڻو، چيائون، نه، اهو حل ناهي پوءِ اُن جو ڪهڙو حل آهي؟ ڀل ماڻهو مرن، رستي تي، سي غريب جو ڪهڙو ڏوهه، جنهن پنهنجن ٻارڙن لاءِ روزگار ٿي ڪمايو گهر جي چلهه کي ٻارڻ لاءِ پورهيو ٿي ڪيو، پنهنجي اولاد ۽ ماءُ پيءُ لاءِ مزدوري ٿي ڪئي، ان جو سڄو جنم رت ۾ ٻڏل، ان جون سموريون حسرتون قتل،
    هي خون هڪ ماڻهوءَ جو خون ناهي، پر هڪ دور جو خون آهي، تاريخ جو خون آهي، انسانيت جو خون آهي ۽ پوري ڪائنات جي جذبن، لطيف احساسن ۽ حسين خوابن جو خون آهي، .
    هي قتل هڪ ماڻهو جو قتل نه پر هڪ روايت، هڪ سڀاءَ جو قتل آهي، هي قتل انصاف جو نه، پر قانون جو به قتل آهي. ان قتل جي پوئيواري اسان سڀني جي شعوري، لاشعوري ذميواري آهي.
    حيدرآباد، ڪيتري وقت کان جنگ جو ميدان ٿي ويو آهي. هن ميدان ۾ ماڻهو بي واهه مسڪين ۽ معصوم ئي ڪسجي ويا آهن، قانون. ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ آرامي آهي، اقتدار، ڪرسيءَ سان چنبڙيو پيو آهي، ۽ ماڻهپو سمهي رهيو آهي.
    حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڦٽيل، پنهنجي مسيحا جي تلاشي ۾ آهن، انهن جون اکيون اوسيئڙا ڪري ٿڪجي پنڊ پهڻ ٿيون آهن، ڪو به رهبر، ڪو به اڳواڻ انهن جي زخمن ۽ آٿت لاءِ نه ٿو اچي، ماڻهن کي ڪٿي وقت آهي، جو اهڙن ماڻهن جو حال احوال وٺن، ڀلا انهن سان ، ڪو تعلق به ته ناهي، اهي انهن جا شايد ووٽر به ناهن، رستن ويندڙ بي گناهه ماڻهو آهن، جي بچيا به ٺيڪ، مئا، ته پوءِ جيڪو حڪم الله جو.
    انهن جو ڏوهه؟ اهوئي ته هن ڌرتيءَ جا باشندا آهن ڀلا اهو ڏوهه ڪو گهٽ ته ناهي، سزا لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي، ته اوهان جي ٻولي سنڌي هجي، سرجري وارڊ پهرين ۾ داخل شوڪت سومري ٻڌايو ابا، مان ڌوٻي آهيان، مان ۽ منهنجو ڀاءَ ٻئي ڌوٻي آهيون، ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ، ماڻهن جو مير ڌوئي، پاليندا آهيون. نور محل سئنيما ويجهو شاهينگ وري آيا، پڇيائون، ڪير آهين؟ نالو ڇا اٿئي؟ چيم، شوڪت نالو آهي ۽ سومرو آهيان، بس پوءِ ته ٺڪا ٺوڪي ٿي وئي، مان انهن کي ڏاڍ ايلاز ڪيا، ڏاڍو ٻاڏايم، منٿون ڪيم، چيم، ننڍڙا ٻچا آهن ڪو ڪمائي وار ڪونهي، انهن لاءِ هي کٽمڙا ورتا اٿم، پٽڙا دروازي تي انتظار ۾ هوندا. اڄ انهن سان واعدو ڪري آهيو آهيان ته جلدي ورندس، ٻيلي مون کي نه ماريو، پنهنجي الله کي مڃيو، منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي، مان عرصي کان اوهان جي مير ڌوئان ٿو، رحم ڪريو بخشو ٻيلي پنهنجي رب جو قسم اٿو، ابا ڏاڍا وس ڪيم، وڏا قسم ودَم، پر ظالمن ڪا به نه ٻڌي، مون ۽ منهنجي ڀاءَ کي ماريندا رهيا، منهنجو ڀاءَ مري ويو، مان پنهنجا ساهه ڳڻيان ٿو. ابا! اسان کي ڪو آٿت به نٿو ڏي.
    سرجري ٻئي تي هڪ ننڍڙي ڇوڪري سال سوا سال جي بختاور ستل آهي، هن جا آنڊا نڪتل ۽ مٿي تي پٽي ٻڌل آهي. هن جو آپريشن ٿيو آهي. هي پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي سان گڏجي شهر آئي هئي، فائرنگ ۾ هن جو بابل شهيد ٿي ويو، ڏاڏي زخمي ٿي پئي ۽ داخل آهي، ننڍڙي پاڻ انتهائي سيرئس حالت ۾ آهي، مان هن جي مٿان بيهي نه سگهيس، هن جو ته اهو به ڏوهه ڪونهي، هن جي ته اڃا زبان به ڪونهي.
    سرجري ٻئي تي داخل، همراهه بيهوش آهي، جڏهن اسپتال پهتو هيو ته هي بي هوش هو، رتو ڇاڻ، جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن رڙيون ڪيائين!
    ”ابا! منهنجا ٻه ننڍا ٻار به مون سان گڏ آهن. ٻيلي جاچ ڪريو، واهر ڪريو، ڳولهي ڏيو، ٻچڙا ڪيڏانهن ويا، لاش ڳولهيون، مون کي منهنجا بار ورائي ڏيو، ابول! الائي ڇا ٿيو، الائي ڪنهن جي ور چڙهيا، پوءِ رڙيون ۽ واڪا، مونکي موڪل ڏيو، منهنجا ٻار ورائي ڏيو واهر ڪريو. ابا مان لُٽجي ويس. تباهه ٿي ويس، ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن اُن کي ڊسچارج ڪيو ويو.
    هو ماڻهوءَ جي پنهنجي ڪهاڻيءَ آهي، هر ماڻهوءَ سان هڪ داستان منسلڪ آهي. ڪيتريون ڪهاڻيون لکي ڪيتريون ڪهاڻيون لکون. لونءِ ڪانڊرجي ٿي، بت مان سيسراٽيون ٿيون اُڀرن.
    پر زبان تي مصلحتون آهن، اکين تي نوڪري جا پها آهن ۽ هٿ ٻڌل آهن.
    پر اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل، هو ننڊ ۾ الوٽ آهن، ايئرڪنڊيشن ماڻهن جا شايد جذبا به ٿڌا ڪري رهي آهي.
    ٻي پاسي ماڻهو پنهنجي پيارن جا لاش کڻي، پوري رهيا آهن.
    (روزانه عبرت حيدرآباد 4 اپريل 1990ع)


    پنهنجي نسل کي بچايو

    سنڌي قوم کي تعليمي ۽ علمي نموني سان تباهه ڪيو پيو وڃي، ۽ ان جي وڌاءُ جو رستو وڏي هوشياريءَ ۽ چالاڪيءَ سان روڪيو پيو وڃي، ۽ اسان اُن سلسلي ۾ ڏاڍا خوش آهيون ته اسان جي ماڻهن کي نوڪريون ملن پيون ۽ اسان جا ماڻهو روزگار سان لڳن پيا. اسان کي پنهنجي اهم مسئلن جي نزاڪت جو به اڃان تائين احساس ڪونه رهيو آهي. اسان جهالت ۾ اونداهين کي سفارشن جي ويس ۾ ورايون پيا.
    سنڌي پرائمري تعليم، هينئر ذري گهٽ تباهه آهي، شروع کان ئي وٺي ان پاسي توجهه گهٽ رهيو آهي. پر گذريل حڪومت جي مجلس شوريٰ جي ميمبرن کان وٺي اڃان تائين، پرائمري استاد جو جايون، ميمبرن کي ڪوٽا ۾ ڏنيون ويون آهن.اهي پنهنجا ڪمدار ۽ ٻيا دار گڏ ڪري، انهن جي نالائق ۽ نڪمن پٽن کي نوڪريون ڏين پيا ۽ جونيئر سنڌي ٽيچر يا جي ايس ٽي يا پي ايس ٽي يا پرائمري سنڌي ٽيچرن کي سرڪار بهادر نوڪرين جا پروانا ڏئي ٿي. جيڪي ڪڏهن ڪڏهن حاضري ڀرائي ، ڀوتارن يا ميمبرن صاحبن جي بٽائي ٿا ڪن. يا وري اُن جو لک پڙهه جو ڪم يا ڪو ٻيو ڪم ٿئي پيو. سنڌي تعليم ۽ اسڪول وڃي کڏ ۾ پيا، هونئن به ڇوڪرا ڪهڙو ٿا پڙهن، پڙهن نه پڙهن، پاس ته ٿيندا. جو ماسترن جي عزت ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي عزت جو مسئلو آهي. اهو ڪو به نٿو سوچي ته اسان پنهنجي قوم جو دينا داستي ٻيڙو ٿا ٻوڙيون، ۽ پرائمري تعليم، جيڪا اصلي بنيادي پيڙهه آهي. ان کي ڪچو ٿا ڪيون.
    اوهان ڳوٺن ۾ وڃو، ماسترن جا حال ڏسو، ڇسا،ڪنا ۽ ڪم چور، پهريون ته ايندائي نه، جيڪڏهن ايندا ته پوءِ ٻارن تي مار جو زيپٽ، جي سبق ڪچو آهي، هاڻي ڪو پڙهائي ته پڪو به ٿئي نه- ڀلا جي استاد کي پڻ پڙهڻ اچن ته ٻين کي پڙهائي. نه ڪو رڙ نه ڪو واڪو، جو وڏيرو سلامت ۽ ميمبر سائين جي ان بندي گندي کي ڪير هٿ لاهي، عزت سڀ کي پنهنجي پياري آهي. سرڪار اجازت ڏئي، ڪوٽا پوري ٿي، نوڪري ملي ۽ بس ڇورا نڀاڳا پڙهن يا نه ان جو هن سان ڪهڙو واسطو.
    غور سان ڏنو وڃي ته اسان پنهنجي هٿان ڄاڻي واڻي پنهنجا اهل ۽ قابل ماڻهو ماري رهيا آهيون. رڳو سياسي رشوت ۾ جاهل ۽ نااهل ماڻهو رکي، پوري معاشري ۽ تعليم کي تباهه ڪري رهيا آهيون.ان جي مقابلي ۾ وڏن شهرن ۾ اهليت جي بنياد تي خانگي اسڪول کلن پيا. ماڻهو ٻار موڪلن پيا ۽ پڙهن پيا، اتي ٻيا به ذريعا آهن.نتيجي طور اتان جو شاگرد ۽ اسان جو ڳوٺاڻو شاگرد، جڏهن آمهون سامهون اچن ٿا ته، اسان جو شاگرد اُن هي قابل ڪونهي. ته علمي مقابلو ڪري سگهي. ان ۾ ڏوهه ڪنهنجو؟ اها ڪنهن جي ذميداري آهي؟
    اسان پنهنجي ميمبرن ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪنداسين ته خدارا! پنهنجي اولاد، پنهنجي نسلن کي تباهيءَ کان بچايو، انهن کي سٺي تعليم ڏيڻ ۽ ڏيارڻ اوهان جو قومي فرض آهي، اوهان اهل ماڻهن جي ڀلي سفارش ڪيو، ۽ اهي به هوندا. پر ذاتي نوڪري چاڪري ۾ قوم جو ٻيڙو نه ٻوڙيو، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو اوهان جو اولاد، ايندڙ وقت جو عبيدار ۽ نااهل شاگرد هجي سنڌي استاد جو اهو حال آهي. ته اُن کي خط ۽ درخواست به لکڻ نٿي اچي، ڪنهن ڪنهن جا مثال ڏيون!!!
    (روزانه عبرت حيدرآباد31 مارچ 1990ع)


    ميلا ڪلچر

    گذريل ڏينهن ڀٽائي جو ميلو هو. سنڌ ۾ ”ميلا ڪلچر“ هڪ پنهنجي نرالي رنگ ۽ ڍنگ سان موجود آهي. سنڌ ۾ جيڪي ميلا لڳن ٿا. انهن جو هڪ خاص ۽ مخصوص پيٽرن آهي. طريقو اهو آهي، جنهن ۾ هر شيءَ آهي سواءِ ڪلچر جي .
    اهو به هڪ عجيب اتفاق آهي ته ميلا لڳن گهڻي ڀاڱي صوفي شاعرن، فقيرن ۽ بزرگن تي ٿا. پر اُتي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ بجاءِ عياشي، قمار بازي جوا ۽ ٻيا اڏا اڏجن ٿا.
    گذريل ڏينهن به ڀٽائي جي ميلي تي، جيڪو مون ۽ ناز سهتي نمونو ڏنو. اهو يقينن ڏُک ڀريو هو ته اسان جو عوام ۽ ماڻهو آخر ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي. ۽ ڌاريا انهن جو کيسو ڪيئن خالي ڪري رهيا آهن.
    ميلي ۾ چڪر هڻندي اسان سرعام هر قسم جي جوا ڏٺي ۽ پئسه داءُ تي لڳندي ڏٺا.لڳو پئي ميلي جو اهو رواج اهم ۽ ڇڙ واڳ آهي انهن کانسواءِ ”ثقافت شو“ جي نالي ۾، ناچ ۽ هر هوٽل ۾ کدڙا، ناچ، جيڪو اهڙي موقعي تي هڪ صنعت جي جاءِ رکي ٿي. اهي سڀئي ڳالهيون اسان جو ماڻهو خوش ٿي ملهائي ٿو. ۽ انهن مان مزو ۽ لطف وٺي ٿو. گهڻو ڪري همراهه ٽولن ۾ هئا.جن جي بغل ۾ ڇوڪرا ڇوڪرا هئا. جيڪي ميلي لاءِ خالص ائٽم جي حيثيت رکن ٿا.
    مون کي اهو سڀ ڏسي پنهنجي سماج جي ان روش ۽ پاسي تي انتهائي ڏک ٿيو. ته اسان هتي هي ميلا ۽ اهڙا ميلا ڇا جي ڪري ٿا لڳارايون ۽ انهن جو مقصد ڪهڙو آهي؟ هي ميلي جو جيڪو غيرسرڪاري پاسو آهي.ان جو اصل مقصد ڪهڙو آهي؟ ۽ اُن جو اهو رُخ سواءِ سماج ۾ هڪ ڀڃ ڊاهه ۽ غير صحتمند رجحان جي ٻيو ڇا ٿو ڏئي؟
    ان کي ڪيئن روڪجي؟ ۽ ڪهڙي نموني سان صحيح بڻايو وڃي؟ ان لاءَ ماڻهن ۾ سماجي ، سياسي شعور لازمي آهي. ۽ اهو ڪم ڪيڏو نه ڏکيو آهي پر سهي تعليم ۽ علم ذريعي عام ڪري سگهجي ٿو. جنهن سان اسان جي ڳوٺاڻن جي سڄي سال جي ڪمائي ناج گهرن ۽ کدڙن جي چڪرن ۾ کاڄي وڃي ٿي. ۽ پوءِ وري انهن کي سڄو سال ڏاند وانگر وهڻو ٿو پوي جيڪو پوءِ ميلي ۾ هڪ ڦوڪ-سان اڏايو پيو وڃي.
    اسان جي پوليس ۽ ٻيا ادارا جيڪي هر ڳالهه تي قلم 144 هڻي ڇڏيندا آهن. پر ميلي جي موقعي تي اهو اسم، اگهه وڌائڻ جو ڪم اچي ٿو. ۽ اسان جي پوليس سرعام پئسا وٺي. هن ناجائز ڪاروبار کي وڌائي ٿي ۽ اُن ۾ شريڪ ٿئي ٿي. اهو دنيا ۾ ائين ڪٿي به ڪونهي. پر پاڪستان پوليس جي اها ”عظيم خدمت“ هتي پنهنجي جاهه و جلال سان جاري آهي.
    اسان جي پوليس جيڪڏهن چاهي ته رستي تان ماڻهو پڪڙي 294 قلم هيٺ چالان ڪري سگهي ٿي. پر ميلن جي موقعي تي قلم 293 تي به 144 قلم هيٺ بندش وڌي وڃي ٿي. ۽ عوام کي سرعام ناچ گاني کان لطف اندازو ٿيڻ جو ڀرپور موقعي ڏنو وڃي ٿو. حالانڪ ميلي جي موقعي تي وڏا وڏا امير، ڪبير ۽ وزير اچن ٿا. پر پوليس جي اعليٰ آفيسرن وانگي انهن جو به ڌيان ان پاسي نٿو وڃي. ۽ سڀ ٺيڪ آ جواب ۾ خوشي جو اظهار ڪيو وڃي ٿو.
    خبر ناهي اسان جي هن سماج ۾ سماجي برايون ائين سرعام ڇو آهن؟۽ انهن جو اثر جيڪو ٿئي ٿو. اُن کان هر ڪو واقف آهي، ۽ پوري طرح واقف آهي. هتي جرم، ڏوهه ۾ برائي وڌي ٿي، ۽ اها ڪيڏي نه ڏک جهڙي ڳالهه آهي. ته اهو سڀ ڪجهه بزرگن ۽ شاعرن جي آستانن تي ٿئي ٿو. ۽ انهن جي ڏينهن ۽ ڏڻ جي موقعي تي ٿئي ٿو.
    ۽ اها ڪيڏي منافقي آهي. ته اهو سڀڪجهه ڪنهن کي نظر نه ٿو اچي ۽ خاص قلم لڳائيندڙ به پنهنجي موج ملهائين ٿا.
    جيڪڏهن هنن ميلن کي سماجي ۽ ثقافتي ڏس ۾، آرگنائيز ڪيو وڃي ته جيڪر ٻين ملڪن ۾ ”قومي ڏڻن“ وانگر اسان وٽ اهڙن موقعن جي بهترين پذيرائي ۽ ڀلائي ڏسڻ ۾ ايندي.
    (روزانه سنڌو حيدرآباد5-10 آڪٽوبر 1990ع)


    ڊاڪٽر ۽ سوسائيٽي

    سڄي سماج ۾ جيڪو ڪرپشن جو رواج پيو آهي. ان تمام گهڻي برائي پيدا ڪئي آهي، پوليس، روينيو، ايس ڊي ايم، جج ۽ ڊاڪٽر مطلب ته اهي ته ”ڀلا ڪم“ ڪري رهيا آهن. پر ڊاڪٽري جنهن کي نوبل پيشو چيو ويندو هو. ۽ حيرت آهي ان کي اڃان به نوبل پيشو چيو پيو وڃي، اهو به پنهنجي اوج ۽ عروج تي آهي، مان حيران آهيان ته آخر همدردي هڏڏوکي ۽ خدمت اڻلڀ ڇو ٿي وئي آهي؟ مسيحا، ڪاسائي ڇو ٿي پيو آهي، روزانو زندگي ۾ اڃان به ماڻهو ڊاڪٽر کي ڊاڪٽر صاحب ٿا چون، پر جنهن تيز رفتاري سان اسان جو ميڊيڪل لڏو اڳتي وڌندو پيو وڃي پوءِ پوليس ۽ ميڊيڪل ۾ فرق نه رهندو، هڪ لطيفو آهي ته ڪنهن کي چيو ويو ته هتي خير ڪنهن ظالم کي ته ڏيو ته جيئن ان ۾ به خير جي عادت پوي سو همراهه ديڳ کڻائي اچي ٿاڻي ۾ آيو. پوليس وارن چيس ته ابا اسان کان واپڊا اڃان اڳرو آهي جو ڪيترن ئي ڏينهن کان اسان جي بجلي ڪانهي ۽ لاڪ اپ ۾ ماڻهو سڙن پيا، سو ٿي سگهي ٿو ته اڳتي اهو ڪم واپڊا بجاءِ ڊاڪٽرن ڏي سري ۽ اهڙيون ديڳيون ڊاڪٽرن ڏي اچن ۽ ڊاڪٽر به اُن ريس ۾ ”نمبر ون“ ٿين مثال ته ڪيترائي آهن جن کي ڏيندي اُنهن کي ته ڪو شرم نه ايندو هوندو. پر اسان کي شرم ضرور ايندو، دل جي بيمارين جي هڪ وڏي سرجن جيڪو رحمان ٿو سڏائي هڪ سڌي سادي ڳوٺاڻي کي ڏٽا پوزيون ڏئي اُن کي اُن ڳالهه تي قائل ڪيو ته تون آپريشن ڪراچي جي مهانگي اسپتال او ايم آءِ ۾ ڪراءِ ۽ ڪُل رقم ٽي لک رپيا وٺندس. پوءِ اُن همراهه جي آپريشن ٽيبل تي ڊيٿ ٿي، ڊاڪٽر صاحب جي انسانيت ۽ همدردي جوش کاڌو، اُن کي وڏي ڪهل آئي ۽ هن ڏهه هزار روپيا معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ٻه لک نوي هزار روپيا اتي جو اتي وصول ڪيا، آهي ڪو راڻو ملڪ ۾، ورنه ايئن ماڻهو مارڻ جا به ايترا پئسا ٿا وٺن، اسان جي هڪ ٻئي دل جي ڊاڪٽر جيڪو سول اسپتال ۾ به آهي، ۽ هڪ ڊاڪٽر جو پُٽ به آهي ان کي هڪ مريض جي پارت ڪيم ، چيائين ته سول آپريشن ۾ سٺو ناهي، مان پرائيوٽ آپريشن ڪندس ۽ رڳو لک روپيا وٺندس، چيم هي جو تون سول اسپتال ۾ روزانو آپريشن ٿو ڪرين. ڇا اهي سڀ ماڻهو مارڻ لاءِ آهن؟ ۽ ٺيڪ ناهن ته ڇو ٿو ڪرين؟؟ چيائين ادا، آخر پرائيوٽ ڪم ڪار ڪيئن هلندو؟ چيم اُن لاءِ اسان اچي بچا آهيون اڄڪلهه ميڊيڪل رپريزنٽو (نمائندا) ڊاڪٽرن وٽ دوائن لاءِ جيڪو تعارفي ڪم ڪن ٿا اهي جڏهن ڳالهيون ٻڌاين ٿا ته حيرانگي ضرور ٿيندي آهي، اسان جا هي ننڍا وڏا ماهر ڊاڪٽر سرعام هنن کي چون ٿا، ته اوهان جون دوائون جهڙيون به آهن ۽ جيئن به آهن انهن کي هلائڻ ڪم اسان جو، لکين روپين جو ڪاروبار ڏينداسين پر ٻاهرين ملڪن جو سير فيملي ٽوئر ڪوهه مري، نٿيا گلي، ايبٽ آباد، سوات ڪالام وغيره وغيره
    گهر لاءِ ڪلينڪ لاءِ ايئرڪنڊيشن گهرجي وي سي ڊي ڏيو، فرج ڏيو، ڊيپ فريزر ڏيو، ڊيڪ ڏيو، ٽارگيٽ ڏيو ته پوءِ ننڍي ڪار ڏيو، ٻارن لاءِ ڪمپيوٽر ڏيو، صفا سڃا آهيو ته ٽيبل سيٽ ڏيو، گهڙيال ڏيو، پيڊ ڇپرائي ڏيو، فائيل ڏيو، ڪجهه به نه ڏيو ته..... جو ڏيو
    هاڻي جيڪڏهن هي حال ان نوبل پيشي جو آهي ته پوءِ ملڪ ٻڏو، ڊاڪٽر شام جو ڪلينڪ (دڪان) تي جڏهن ويهن ٿا ته پوءِ دعائون ٿا گهرن، مولا ڪو مرغو (بيمار) آڻ ۽ هو در ايئن ٿا تڪين جنهن لاءِ سنڌي ۾ هڪ مثال آهي، ”مروئان موت، ملوڪان شڪار“ اسان جا هي مسيحا ٺيڪ ٺاڪ کي هرڀرو هڪ اڌ سئي هڻي، ڊرپ چاڙهي پنهنجي ڏهاڙي پيا کري ڪندا ۽ اهڙيون دوائون ڏيندا جئين هو سُست رفتاري سان ٺيڪ ٿئي يا جيڪڏهن ڀر ۾ پنهنجو ميڊيڪل اسٽور اٿس ته سِر ويو جيڪڏهن ڪنهن ليبارٽري، ايڪسري يا الٽرا سائونڊ ۾ حصو پتي اٿس ته پوءِ مريض جو الله ئي مالڪ آهي، جو اهو حافظ ته اڳ ئي آهي.
    پر اهو ڊاڪٽر جي ڪنهن سرڪاري اسپتال ۾ آهي ته پوءِ اتي ئي مريض کي وڍيندو، ڪٽيندو ۽ کيسا به ڪتريندو، هڪ ڪامياب ڊاڪٽر اڄڪلهه ان کي ٿا چون جيڪو وڏو ڳنڍيڇوڙ هجي.
    پر جيڪڏهن اهو ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ آهي ته پوءِ الله ڏي امان، مريضن جو حال ويو ۽ ۽ سرڪاري دوائون اسٽورن ۾، ڀتا ۽ ڀاڙا کيسي ۾ ۽ پيو ڪندو بليڪ ميل ته فلاڻا خبردار هي ڪم ڪر، نه ته اي سي آر؟؟؟ هاڻي اڳلو پروموشن جي چڪر ۾ ويچارو ڊاڪٽر پيو لوڙيندو، مٿي به ڀينگ آهي، هيٺين ملازمن جي ڪا جائز ڳالهه ٻڌندو ئي نه ۽ مٿين جي ڪوڙي صفا ڪوڙي ڳالهه تي ڪات ڪهاڙا اُڀا، اسان نه صرف سرڪاري نوڪري ۾ پيشوارنه بدديانت آهيون پر اخلاقي قدرن جي پئمالي ۽ سموري رائج بڇڙائي جا به ذميوار آهيون ۽ اُن ڪم ۾ اسان سڀ کان اڳرا ۽ مٿانهان آهيون، جو اسان ۾ خوف خدا ڪونهي ۽ حرام رڳ رڳ ۾ لهي ويو آهي، اهو حال رڳو ڊاڪٽرن جو ڪونهي، سوسائٽي جو هر ماڻهو ساڳي مرض ۾ مبتلا آهي، اسان پنهنجي سيني تي هٿ رکي رڳو هڪ سوال ڪريون ته ڇا، اسان حرام خور ناهيون؟ بي ايمان ناهيون؟ نا انصافي ڪندڙ ناهيون؟ جي جواب ”نه“ ۾ آهي ته پوءِ واهه واهه پر شايد ايئن نه هجي!
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 18 جولاءِ 2001ع)


    الطاف شيخ ۽ عربستان

    الطاف شيخ اسان جو نرالو، البيلو ۽ بهترين ليکڪ آهي. منهنجي سائينءَ سان پراڻي نيازمندي آهي، جڏهن پاڻ ٻاهر هوندا هئا. تڏهن به مون کيس ڳولي لڌو ۽ پنهنجي هڪ ٻاراڻي ڪتاب جو مهاڳ به کائنس لکرايو اٿم. ان کي به عرصو ٿيو آهي، گذريل سال منهنجي فرمائش تي ، پاڻ پندرنهن سالن کان پوءِ ٽي وي پروگرام ”مهراڻ ميگ“ ۾ انٽرويو ڏيڻ آيو. اها اُن جي نوازش هئي نه ته پاڻ پردي ۾ هئا.
    الطاف شيخ تقريبن سنڌي ماڻهن کي ڀل پوءِ خام خيالي ئي سهي سڄي دنيا جو سير ڪرائي چڪو آهي ۽ نوجوانن کي اهي سڀ گس پاسا ۽ ڏس ڏنا آهن جن کي پڙهي ڪيترائي اسان جا نوجوان آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپ ويا آهن. ۽ دنيا ۾ پکڙجي چڪا آهن اهڙو اظهار خود مون سان آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ رهندڙ نوجوانن ڪيو. ٻيو سنڌي ادب کي سفرنامي جهڙي هڪ سگهاري صنف پڻ ملي آهي. جيڪڏهن الطاف شيخ سفرنامو نه لکي ها ته اسان جي ڪيترن ئي نوجوانن کي پرڏيهي ڄاڻ، تهذيب کان واقفيت ۽ علم و ادب جو ادراڪ ئي نه هجي ها.
    الطاف شيخ صاحب نه صرف سفرناما لکيا آهن پر هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون به ترجمو ڪيون آهن ۽ پنهنجون ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن وڏي ڳالهه تي هن پنهنجي لکڻين کي ڪڏهن به ڪيش نه ڪرايو آهي ۽ نه ئي پنهنجون شامون، راتيون، صبحون ۽ منجهندون ملهائيون آهن. هن ڪڏهن ڪنهن ادبي گرگ يا دلال کي اها وينتي نه ڪئي آهي ته هن جو خاص نمبر ڪڍو ۽ نه ئي پاڻمرادو ڪنهن پنڊت کي اهو خيال آيو آهي ته هي ماڻهو بنا ڪنهن رجسٽريشن، گروهه بندي ۽ پبلڪ رليشنگ جي هيڏو وڏو ڪم ڪيو آهي. ان کان شاباش ملڻ گهرجي . ڀلي ڪو اهو ڪم نه به ڪري پر پڙهندڙن وٽان هن کي موٽ ملي آهي. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته سندس ڪتاب گهڻي تعداد ۾ کپن ٿا ۽ ڇپجن به ٿا ۽ مسلسل اهو ڪم جاري آهي، پاڻ هڪ وقت سنڌي ۽ اڄڪلهه اردوءِ ۾ پڻ سفرناما لکي رهيو آهي.
    سڄي دنيا جي نبض تي هٿ رکندڙ اسان جو هي ليکڪ موجوده وقت جي سماجي ۽ پرڏيهي واقعن کان خبر ناهي ايئن بي خبر ڇو ٿي ويو آهي؟ هلال پاڪستان ۾ ڪالم لکندي وڃي عربستان پهتو آهي ۽ ڪيترن ئي مهينن کان هي عربستان مان ناهي نڪتو. لڳي ٿو ته الطاف شيخ هينئر ماڻهن کي نيڪ ڪرڻ ۽ پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جي راهه تي نڪتو آهي. جيڪو پڻ تمام سٺو ڪم آهي. باقي الطاف شيخ صاحب پڪ سان اڃان ڪراڙو ناهي ٿيو. شيخ اياز به آخر ۾ دعائون لکيون. سائين جمال ابڙو، سائين علي احمد بروهي صاحب پڻ بزرگيءَ ڏانهن موٽي آيا آهن، اسان دعاگو آهيون ته الله سائين اسان کي به ساڃاهه ڏئي ته اهو ڪم جيڪو پڇاڙيءَ ۾ شروع ڪيون. بهتر آهي ته هاڻي کان ئي ڪيون. جو پوءِ اهو موقعو الائي ملي. الائي جي نه؟ سو اسان جهڙن ماڻهن کي سعودي عرب گهمائڻ ۽ اتان جو سير ڪرائڻ دراصل ايمان کي تازو ڪرڻ جي برابر آهي. پر مان دراصل منجهي پيو آهيان ته هي سفر نامو يا سعودي عرب جو ڀيرو، جيڪو ڀلي پار جو ڀيرو آهي. گهڻا سال هلندو جو هونئن به اسان وٽ پنج سالا منصوبا هلندا آهن يا اسان جو نوجوان دنيا جا ٻيا به پاسا ڏسندو.جيڪو هو الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ڏسندا رهندا آيا آهن.
    ٻيو ته هڪ سوال هي به اڀري ٿو ته ڇا الطاف شيخ رڳو سفرناما ئي لکندو يا اڃا اڳتي به ايندو ۽ دنيا جي مسئلن تي پنهنجا ويچار ونڊيندو ۽ اسان جهڙن اٻوجهن ۽ جاهلن کي ان کان آگاهي ڏيندو، جو الطاف شيخ جو تجربو مشاهدو ۽ ڄاڻ، اسان سڀني کي ڪنهن خاص زايئي ۽ سوچ ڏي آڻي سگهي ٿو ۽ هڪ ڀرپور معلومات به ڏئي سگهي ٿو.
    بهرحال الطاف شيخ سائين آهي ۽ سڀ ڪجهه آهي. سج کي آئينو ڪهڙو ڏيکارجي؟؟ وڌيڪ الطاف ڀاءَ پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي. اسان الطاف شيخ لاءِ اڳ به دعاڳو هئاسين ۽ هاڻ به آهيون، دراصل اسان هن کان سکڻ ۽ پرائڻ ٿا چاهيون. اسان جيڪي کوهه جا ڏيڏر آهيون. هڪ اهڙي شخص کان جيڪو نه صرف دنيا گُهمي آيو آهي، پر هو دنيا کي ڇُهي به آيو. آهي. تهذيبن کان واقفيت رکي ٿو ۽ ٻولين جو ماهر آهي تاريخ ۽ تمدن جو ڄاڻو آهي ۽ سڀني چڱاين جو چشم ديد گواهه به آهي. هو جيڪڏهن چاهي ته نوجوان نسل کي گهڻو ٽرينڊ ڪري سگهي ٿو ۽ انهن کي صحيح ۽ وقتي صلاح پڻ ڏئي سگهي ٿو جنهن لاءِ ڪالم جي ميڊيا ۽ مضمون تمام گهڻو اهم ۽ مضبوط آهن. بهرحال اسان اڳ به کيس پڙهندا رهيا آهيون ۽ آئيندا به پڙهندا رهنداسين.
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 23 مارچ 2002ع)


    وفاداري، مسلمان ملڪ ۽ ايريل شيرون

    ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ اهو مرحلو ڏاڍو ڏکيو ۽ ايذائيندڙ ٿئي ٿو. جڏهن هن جي وفاداري مشڪوڪ ٿئي ۽ اها وفاداري به پنهنجي ڌرتيءَ سان ديس سان ۽ پنهنجن ماڻهن سان. حالانڪ ڪيترا ماڻهو ايجنٽ ٿي جيئندا آهن، ڪم ڪندا آهن ۽ هاڻ فخر سان ديس دروهين کان سڀ مراعتون وٺندا آهن ۽ صرف پنهنجي آڪهه، خاندان ۽ ذات لاءِ فائدا وٺي جيئندا آهن جڏهن ته ڪي ئي جوان ديس تان قربان ۽ نثار ٿي ويندا آهن لطيف چيو:
    هڪ جونءِ ٻئي جوءِ، ڇڏن ڪين جوان،
    اهي به انسان جيڪي ننگن تان نثار ٿيا.
    اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪي ماڻهو صرف عهدي، نوڪري ۽ خاص ڪم لاءِ پنهنجن نسلن سان، ڌرتيءَ سان به غداري ڪندا آهن. تاريخ ۾ هونئن ته ڪيترا مثال آهن. جيڪي دلالي ڪندي پنهنجن جا ويري ٿيا ۽ پوءِ سڄي ڄمار لعنتي رهيا، پر مُنهن ۽ نڪ جا پڪا ماڻهو ان جي پرواهه ئي نه ڪندا آهن. آخر ماڻهو دنياوي فائدا گهڻا ڏينهن وٺندو ۽ گهڻا ڏينهن دوکي سان پاڻ چمڪائيندو.
    اسان جي اها به بدبختي رهي آهي ته ماڻهو تاريخ به پنهنجي پسند ۽ پنهنجي مرضي سان لکرائيندا آهن. اهو ڪاروبار ڪالهه به هليو ۽ اڄ به جاري آهي ۽ لڳي ٿو ته اهو آئينده به جاري رهندو. جو هتي مال تي ملهه آهي ۽ سماج جا ٻيا سڀ پاسا ڪاراٽجي ويا آهن. اڄڪلهه ڀڙوت نه صرف فيشن آهي، پر هوشياري، چالاڪي ۽ ڊپلوميسي به چوائي ٿي. اڳي ڀڙوا ڀائرن کان به پيارا هوندا هئا. پر اڄڪلهه اهي پاڻ کان به وڌيڪ پيارا محسوس ٿين ٿا. اهڙي حالت ۾ ماڻهو منجهي پوي ٿو ته ان کي ڇا سوچڻ ۽ ڪرڻ گهرجي ۽ اهو سوال اڄڪلهه وڌيڪ اهميت حاصل ڪندو ٿو وڃي. انٽرنيشنل ليول تي ته اهڙا ڪي ئي ڇرڪائيندڙ واقعا ٿين ٿا. جيڪي ماڻهوءَ جي وفاداري کي مشڪوڪ بڻائڻ لاءِ ڪافي آهن. جيئن اڄڪلهه فلسطيني وزير اعظم جو مثال آهي ته محمود عباس جڏهن پنهنجي عهدي تان استيعفا ڏني ته سڀ کان وڌيڪ اعتراض آمريڪا/ يورپي يونين ۽ ٻين اولهه جي ملڪن کي آهن. ۽ انهن جو چوڻ آهي ته ان کي پنهنجي استعيفا واپس وٺڻ گهرجي جيڪا فلسطين جي امن لاءِ ضرورت آهي. هاڻي اهڙن بيانن سڄي دنيا ۾ محمود عباس لاءِ ٿي سگهي ٿو ته شڪ ۽ شبها ۽ مونجهارا پيدا نه ڪيا هجن. پر اسان جهڙا ڪروڙين ماڻهو، جيڪي پري ويٺا آهن ۽ ميڊيا تان اهڙيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. انهن جي ذهنن ۾ محمود عباس صاحب جي پنهنجي ديس ۽ ماڻهو لاءِ وفاداري مشڪوڪ نظر اچي ٿي. ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هي پنهنجن ماڻهن جو ترجمان نه هيو، پر ٻين ملڪن لاءِ ضروري هيو. هن جي استعيفا وڏو روڳ بڻجي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ انسان جو عقل دنگ رهجي وڃي ٿو ۽ روزانو مرندڙ اهي فلسطيني خبر ناهي ڪنهن جي کاتي ۾ لکيا ويندا؟؟ جن کي ڳولهي ڳولهي ۽ چونڊي چونڊي ماريو ٿو وڃي . هونئن به اسرائيل جي دهشتگردي هاڻي ڪا ڳجهي ناهي رهي ۽ دنيا ۾ اُن ڪردار پڻ واضح ٿي چڪو آهي. جنهن جو ذڪر ڪرڻ ڄڻ ته حقيقت کي باربار دهرائڻ جي برابر آهي. اسرائيل دنيا جو هڪ وڏو ۽ چٽو پٽو دشمن آهي.
    تازو اسرائيل جي وزير اعظم ايريل شيرون پنهنجي هڪ وڏي وفد جنهن ۾ 150 اهم ماڻهو شامل آهن. جن ۾ نائب وزيراعظم ۽ ٻيا ڪيترائي وزير، دفاعي ماهر ۽ واپاري اڳواڻ شامل آهن هندستان جو دورو ڪيو. جنهن جي آمريڪا طرفان ڀرپور آجيان ۽ حمايت ڪئي وئي آهي. ۽ آمريڪا جي ترجمان بيان ڏنو ته اسرائيل ۽ هندستان ۾ لاڳاپن جي آجيان ڪريون ٿا. اسان جي مدد ۽ منظوري جي ڪا ضرورت پئي ته ضرور قدم کڻنداسين. دوستن طرفان هڪٻئي سان ملڻ ۽ دوستيءَ کي سگهارو بڻائڻ ته خوشي محسوس ڪندا آهيون ته وري ٻئي پاسي ان موقعي تي هندستان ۾ هزارين مسلمانن ۽ ڪميونسٽن اسرائيلي وزير اعظم جي دوري جي مخالفت ڪندي، اُن کي ويهه هزار فلسطينين جو قاتل ڪوٺيو. ان موقعي تي زبردست مظاهرا ڪيا ويا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيلي وزيراعظم ”تاج محل“ جو دورو رد ڪيو آهي. ان ڏس ۾ هندستان جي اخبارن پڻ ان جي مخالفت ڪئي آهي. انڊين ايڪسپريس تي گفتگو ڪندي چيو آهي. ته هزار مظلوم فلسطينين جي قاتل طور ايريل شيرون جو دورو ۽ اسان سان ناتا وڌائڻ سان نئين دهليءَ جو فلسطينين بابت موقف ڪمزور ٿي ويندو. ”شيرون جو دورو مهاتما گانڌي“ جي مظلومن جي حمايت ڪرڻ واري بند اسڪول جي نفي ڪندڙ آهي. ”ويڪليءَ لڪ“ جو خيال آهي ته اسرائيلي وزيراعظم جو دورو ۽ اسرائيل سان ناتا وڌائڻ جو هندستان جي پرڏيهي پاليسي تبديل ٿيل ثبوت آهن. اهڙي طرح ڪجهه اخبارن ان جي حمايت پڻ ڪئي آهي. بهرحال وزيراعظم ايريل شيرون جو تازو ڀارتي خطي ۾ هڪ تبديلي جو ڏس، پيغام آهي. ۽ ڪن جو خيال آهي ته پاڙيسريءَ ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۽ بي چيني جو اسرائيلي اثر سڄي دنيا جي مسلمانن تي آهي، ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته اڳيان ملڪ جي جاگرافي سان ٿي سگهي ٿو دوري جو ڪو تعلق هجي ۽ اُن جي ڪا تبديلي ٿيندي هجي. پر مسلم رياستن کي ويچارڻ گهرجي ته غير مسلم ۽ رجعت پسند طاقتن جو هنئين گڏجڻ ۽ آمريڪا پاران ڪو هروڀرو چڱو ڪم به ڪونهي. يقينن هي عمل ڪنهن جي خلاف هوندو؟ ائين به ٿي سگهي ٿو. ان جي سڀني کي خبر آهي.
    (روزانه هِلال پاڪستان اڱارو 16 سيپٽمبر 2003ع)


    ڪاش! ٿر به ڪنهن کي نظر اچي

    انسان جي رهڻي ڪهڻي ۾ وڏو فرق آيو آهي. سماجي شعور ۽ ايجاد جتي زندگيءَ کي آسان ۽ سهل بڻايو آهي، اُتي انسان جون گهرجون به وڌيون آهن، پر ٿر اهو واحد خطو آهي، جيڪو ڄڻ ته ترقيءَ جي راهه ۾ ڄمي ويو آهي. صفا پنڊ پهڻ ٿي ويو آهي. حالانڪ سواري ۽ ڪميونيڪيشن ۾ ڪجهه ڦيرڦار ٿي آهي. اها ڦيرڦار جتي ڪيڪڙي واري سواريءَ کي آرامده بڻائي ڪيڪڙو نما ڪوچ جو سفرطئي ڪيو آهي. اُتي ڪن ڪن جاين تي رستي جو ڄار به وڌيو آهي ۽ ٿر کي ضلعي بڻائڻ کان پوءِ ڪي ئي وسيلا اُن جي ويجهو آندا ويا آهن. پر ٿر جو وڏو مسئلو پاڻي ۽ خوراڪ آهي. خوراڪ جو جيئن ته تعلق پاڻي سان آهي ۽ انساني صحت جو دارومدار به پاڻي سان آهي. ٿر ۾ پاڻي گهڻو ڪري کوهه ۾ ملي ٿو ۽ اُتي آيوڊين جي ڪري ٿري ماڻهن جي نه صرف ڏندن تي اثر ٿئي ٿو پر انهن کي جسماني نشو نما ۾ به وڏو مسئلو ٿئي ٿو ٻيو ته بجلي، رستي ۽ سواريءَجو فوري طور نه هئڻ هميشه انساني جان کي خطرن سان مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. صحت جا وسيلا به محدود آهن حد ته اها آهي جو اُتان جا ڊاڪٽر به اُتي وڃڻ لاءِ تيار ناهن. انهن کي به وڏا شهر گهرجن ٿر ڪئنال جو منصوبو خبر ناهي، ڪهڙن مرحلن م آهي؟ پر شايد ان جي مڪمل ٿيڻ سان ڪنهن حد تائين پوکي راهي ۽ کاڌو خوراڪ جا مسئلا حل ٿيڻ لڳن. هونئن به ٿر لاءِ چيو ويندو آهي ته وسي ته ٿر نه ته نسورو ئي بر، سو ٿر ۽ بر ۾ ڪو گهڻو فرق به ناهي، جو وسڪاري جو ڪو به وارو ڪونهي. ٿر ۾ تعليم جو به وڏو مسئلو آهي پنهنجي جاءِ تي نياڻين جي تعليم ڄڻ ٿر جي علائقي ۾ خواب ۽ خيال آهي، جديد دنيا ۾ عورت کي نسل جي سٺي پرورش لاءِ اهم ڄاتو وڃي ٿو. پر جتي ماءُ کي تعليم ئي نه هجي ته اهو نسل ڪهڙي ترقي ڪندو؟ اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جو ڪو به نظام ٿر ۾ ڪونهي نه ئي اتي ڪا ووٽ جي اهميت آهي ۽ نه ئي جمهوريت جو لاڀ ٿر تائين پهتو آهي. ماڻهو ۽ رڍون ٻڪريون برابر حقن ۾ آهن. اصلي گهُمري کي ئي لوڏو آهي وڏا وڏا فيصلا، خانداني لاڳاپن، ذاتي اثرن، ڪوڙن آسرن ۾ ٿين. هر ڳالهه تي ٿرين کان آڱوٺو هڻايو وڃي ٿو. باقي ڪارونجهر جبل ۽ ٻين وسيلن ۽ معدنيات تي قبضو وڏن سياستدانن، شهري دلالن ۽ ٻي خلق جو آهي. ٿر جي قيمتي پٿرن جو ٺيڪو به بلوچستان ۽ پنجاب جي سردارن جي هٿ وس آهي. بهرحال جيڪو به آهي. اسان صرف هڪ ڳالهه چوڻ چاهيون ٿا. سا به انسانيت جي ناتي سان، ته ٿر ۾ ماڻهن جي صحت. خوراڪ ۽ پاڻيءُ ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي. هونئن به انساني زندگيءَ جون اِهي تمام بنيادي ضرورتون آهن. بنيادي ضرورتن انسان جو فطري حق به آهي. ان کان اڻڄاڻائي جو مطلب اهو آهي ته اسان پنهنجو سماجي ۽ انساني فرض پورو نٿا ڪريون ۽ ائين ٿي به رهيو آهي. ان پاسي جيتوڻيڪ عالمي دنيا کي ٻڌائڻ گهرجي، پر اسان پاڻ ئي بي خبر آهيون ته ٻين کي ڪيئن ٻڌائينداسين؟ ٿر جيئن ته ڪميونيڪيشن زون ۾ ناهي، ان ڪري اِهو سڄي جهان کان ڪٽيل آهي. اسان ايٿوپيا، انگولا، بوسينا، چيچنيا جي ڏک ۽ تڪليفن کان ته آگاهه آهيون ۽ اسان جي ملڪ جون پروفيشنل تنظيمون ان ڏک ۾ نه صرف غرق آهن پر غلطان به آهن ۽ انهن جون جهوليون/امدادون/صدائون/اشتهار/اجتماع اڄ تائين جاري ۽ ساري آهن. ڪشمير لاءِ ته هنن جو هنياءُ ٿو ڦاٽي، پر ساڳئي ملڪ ۾ انسان بنيادي ضرورتن کان ڪٽيل آهن. انهن جي مدد ۽ همدرديءَ لا ڪو تيار ڪونهي. منهنجي پنهنجي خيال ۾ اُن جو سبب به شايد تعليم نه هئڻ آهي ٻيو ته ڪميونيڪيشن گيپ. پرنٽ ميڊيا خاص ڪري اسان جي ماڻهن کي اڃان صحيح طرح سان هٿ نه آئي آهي. ان ڪري پروپيگينڊائي عنصر ذاتي انا کان وڌيڪ ڀلائي طرف نه وڌي سگهيو آهي. ڪراچيءَ ۾ حيدرآباد ۾ لاهور جي يا ڪنهن ٻئي وڏي شهر ۾ رڳو ڪا جهڳي ڊهي ٿي، يا ڪچي آباديءَ ۾ قبضي ڪيل گهر جي ڇت ڊهي ٿي ۽ ڪجهه ماڻهو مرڻ ٿا. ته سڄي شهر ۽ ملڪ ۾ سوڳ جو ماحول پيدا ٿي وڃي ٿو. سياستدان جون ننڊون ڦٽي وڃن ٿيون. امدادي ڪئمپون ۽ ڪم شروي ٿي وڃن ٿا. اخبارن ۾ سماجي تنظيمن. دانشورن جا اُڀ ڦاڙ بيان ڇپجن ٿا. اصلي حقيقت کان وڌيڪ ڪهرام مچي وڃي ٿو. مخير حضرات اعلان ڪن ٿا. سياستدان پنهنجا اعلان ۽ ترجيحيات بيان ڪن ٿا. اٽو، چانور ۽ گيهه جا دٻا ورهائن ٿا. ڪامورا ڪارنر ڪچهريون ڪن ٿا، پر ٿر ۾ جتي خوراڪ ۽ صاف پاڻي نه هئڻ ڪري بيمايون اُٿن ٿيون، ڄڻ ته اهو علائقو وبائي بيمارين جو پسنديده ۽ محبوب علائقو هجي، جتي وائرل انفيڪشن ٽي بي تمام عام آهي. غذائي کوٽ ڪري به ڪيتريون ئي بيماريون آهن. وري نانگن بلائن جو مسئلو پنهنجي جاءِ تي، هڪ وڏي پريشاني پيدا ڪري ٿو. اُتي سواءِ هڪ اڌ بيان ۽ اعلان جي ٻيو سڀ خير آهي. اهي پروفيشنل امدادي ماڻهو گم. ايڌي به ڏيکاءُ ڏئي، پنهنجو حصو ايترو ئي ڏي ٿو. جتي اهو اٺ جي منهن ۾ زيرو، يا پاڻي ٽيپي برابر آهي.
    اهو خيال به هڪ عجيب و غريب آهي ته شايد سنڌ ۾ مخير حضرات ٿين ئي نه، باقي ٻيا سڀئي حضرات جيڪي وڏا ماڻهو آهن، انهن ۾ هڪڙا پڙهيل لکيل، ٻيا اُهي پڙهيل لکيل فصل کڻندا ۽ پوءِ بئنڪاڪ، منيلا، سينگاپور، جو مالش گهرن ۾ سٿيا پيا هوندا. جڏهن ته پنهنجا عوامي حضرات لاهور جي فائيو اسٽار هوٽلن، ڪوه مري ۽ اسلام آباد جي هوٽلن ۾، فصل کڻڻ کان پوءِ بلائن ۽ بوتلن جي ڪڍ هوندا. سماجي شعور. خير ۽ خيرات جو تصور خبر ناهي اسان جي سماج ۾ ڇو اُڀري نه سگهيو آهي؟ اهو هڪ اهم سوال آهي. ان ڪري ئي پنهنجي سماج م شايد مخير حضرات يا ته گهٽ آهن. يا صفا ڪونهن، ۽ ووٽ وٺن کان پوءِ سياسي ماڻهو، هر شيءَ وڪڻن ٿا. نوڪريون، سفارشون، هر ڳالهه جي قيمت مقرر آهي. پوسٽنگ پئسا، ٺيڪن جون ڪميشنون، مطلب ته اليڪشن جو خرچ سود سميت واپس ٿيندو. اسان تمام ننڍا ۽ عام ماڻهو آهيون. ان ڪري اهو عرض ڪنداسين ته اڄڪلهه ٿر ۾ وائرل انفيڪشن ڦهليو آهي. ماڻهن مکين ۽ مڇرن جيان مرن ٿا- ڀلي ڪنهن جي ڪن تي جونءَ نه چري. ڀلي ڪنهن جو جو هنياءُ نه هجي، ڀلي جو سياسي دلال ان جو نوٽيس نه وٺي، پر اسان پنهنجي طرفان پڙهيل لکيل، باشعور ۽ ساڃاهه وندن ماڻهن کي عرض ڪنداسين ته هو هنن جانورن جهڙي زندگيءَ گذاريندڙ انسانن جي دُک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سڄي ميڊيا وسيلي انهن جي درد کي دنيا تائين پهچايون ۽ ماڻهن کي ٻڌايون ته ڪو هنن جي به واهر ڪري، ڀرجهلو ٿئي. پنهنجا هٿ خالي ضرور آهن پر هي جهوليءَ ۾ اپيلون ٿي سگهن ٿيون ته ڪنهن هڪ اڌ ئي سهي ماڻهوءَ کي جاڳائين ۽ ڪنهن مسڪين جو ڀلو ٿئي. پنهنجي ذاتي، گروهي ۽ اناپرستيءَ کان هٽي ڪري. جيڪڏهن هر ماڻهو هڪ اڌ ڪالم هن طرف به لکي ته ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن نه ڪڏهن ڀلجي ڪو بااثر ماڻهو ڪنهن جو به ڪالم پڙهي ۽ موٽ کائي، ته اهو سڀني جو ڀلو ۽ سموري انسانيت جي خدمت سمجهي ويندي.

    درياءَ، سنڌ، صدر ڪلنٽن ۽ اڏندڙ واري
    تازو آمريڪي صدر بل ڪلنٽن پاڪستان جي دوري تي آيو. هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هو درياءِ سنڌ جي پرستار جي طور تي هتي آيو آهي. اها هن جي مهرباني آهي ته هن پنهنجي تقرير ۾ سنڌوءَ جو ذڪر ڪيو. گذريل ڏينهن محترم رزاق سهتي سان حيدرآباد ويس. نئين پل وٽان زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ان سنڌوءَ مان مون واري اڏندي ڏٺي آهي. ورنه ٻه ڍڪ پاڻي ڄامشوري پل کان هيٺ ضرور وهندو هو. هي پهريون دفعو آهي. اڃان ته ڪالاباغ ڊيم پنڌ ۾ آهي. اها واري اسان جي بي حسي ۽ سڪل خوابن جو تاثر ڏئي ٿي. اهو سنڌو جيڪو اسان کان وسري ويو آهي. پر آمريڪي صدر کي پنهنجو پرستار بڻائي ويو آهي. هڪ عظيم تهذيب جي حوالي سان ڪاش! اسان جا پنهنجا ماڻهو به ان جا پرستار ٿين، جيڪي خبر ناهي ڪٿي ءٌ ڪهڙي ننڊ ۾ ستل آهي؟؟؟
    (روزانه هِلال پاڪستان ڇنڇر 1 اپريل 2000ع)


    پي آر تي هلندڙ دنيا

    اڳي ماڻهو پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت تي هلندا هيا. جنهن ۾ دم هوندو هيو، اهو اڳتي ايندو هيو، وڌندو هيو، پنهنجا مرحلا، آهستي آهستي طئي ڪندو وڃي منزل ماڻيندو هيو. سڄي سماج جو ڪم قابليت ۽ صلاحيت تي هلندو هيو، ان ڪري تعليم، صحت، نوڪري چاڪري، تعمير ۽ فن ۾ هڪ شاندار روايت هلندي هئي، ڀلي اڳلي دور ۾ ٽيڪنالاجي ترقي نه ڪئي هئي، پر معيار ۽ انداز اهڙو ته سهڻو ۽ بهتر هوندو هيو، اها ڪوالٽي اڄ جي هن سائنسي ترقي يافته دور ۾ به ڪانهي. ڀلي مشينون اعليٰ هجن، پر ان کي هلائڻ وارا اُهي ماڻهو ڪونهن، جيڪي انهن جي استعمال کي وسيع ۽ وڏي مقصد لاءِ ڪتب آڻيندا هجن،
    اڳي اُستاد گهڻي خوبين وارا هوندا هئا، هو سچ پچ وڏا ڏاها ۽ عالم هوندا هيا، هو هڪ سبجيڪٽ جا استاد نه، پر سڀني سبجيڪٽن ۾ ماهر هوندا هيا، هنن جو سماجي رتبو اعليٰ اخلاق بلند هوندو هيو، جو اُستاد جو درجو ماءُ پيءُ جيترو هوندو هيو، هو شاگردن کي سندن منزل تائين رسائڻ ۾ خوش ٿيندا هيا، اُن وقت شايد ٽيوشن جو رواج ئي نه هيو، سڀني کي هوم ورڪ ملندو هيو. جيڪو ٻئي ڏينهن چيڪ ٿيندو هيو ۽ اها هڪ قسم جي گهريلو ٽيوشن هوندي هئي، پڙهائڻ اُستاد جو فرض ۽ سماج جو اُن تي قرض هوندو هيو جيڪو هو هڪ ذميوار جي حيثيت سان نڀائيندو هيو. اُن وقت اُستاد جي ڀرتي به صلاحيت سان ئي ٿيندي هئي، جڏهن کان سياسي ڪارڪنن، ليڊرن علم جي ڀرتي کي منشي گيري بڻائي ڇڏيو ۽ ان کي اُستاد طور مقرر ڪيو، جيڪو ٻئي ڪنهن به جاءِ تي نوڪري نه ڪري سگهندو هجي ته اُستاد ٿي ويندو، جو اُن کي مقرر ڪرائيندڙ جي منشي گيري ڪرڻي هوندي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته اڳي ماڻهو امتحان پڙهي ڏيندو هيو. هينئر پيپر تيار ٿي فوٽو اسٽيٽ وارن وٽان ملن ٿا، ۽ پوءِ اهي اُتاري نه صرف پاس ٿين ٿا، پر اوهان حيران نه ٿيندا جو ايوريج ڇوڪرو يا ڇوڪري جڏهن پوزيشن کڻي ظاهر ٿيندا آهن. تڏهن انهن جي مارڪن ۽ رڪارڊ پويان اهو ٿيلهو، ٿيهليون ۽ پرسون ظاهر ٿينديون آهن. جن جي آڌار تي هي نظام هلندو آهي، هينئر هر جاءِ ۽ هر هنڌ ”واڪ“ آهن، جو عملدارن کي پوسٽنگ وارو ڀتو پهچائڻو هوندو آهي، جيئن ته بجيٽ ايتري آهي ئي نه، پوءِ اهي امتحاني ئي ته وڃي بچيا آهن. جيڪو انهن سڀني پوراين سبب ڪو آهن ۽ ائين ئي ٿي رهيوآهي. جو ضلعي آفيسر کي مقرر ڪرائڻ جي ڪوٽا مقرر ٿيل آهي، ته فلاڻو فلاڻو مقرر ڪرائيندو، ساڳيو حال صحت کاتي جو به آهي.
    جتي به سڀني کي پنهنجي صحت جو خيال رکڻو آهي نوڪريون ڪوٽا ته پوسٽنگون؟؟ اُتي ۽ خريداري واري خاص ٽرمن تي جو هر ڪنهن کي وارو وڄائڻو آهي.
    اعليٰ عهديدارن ۽ عملدارن پڻ ”خاص منشي“ ۽ هڪ خاص ايجنڊا تحت رکيا ويا آهن ۽ رکيا وڃن ٿا. ماڻهو کي بس مال ميڙڻو آهي، ۽ اڳتي وڌائڻو آهي، خوف خدا رهيو ئي ناهي، انسان سان جيڪو ظلم، زيادتي ويڌن ٿئي ٿي، اها ٿيڻ نه گهرجي پر ٿي رهي آهي، ظلم الله پاڪ کي پسند ناهي ۽ ظلم ڪرڻ وارو به سدائين ناهي رهڻو، هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي ويندو، اُن کان به اڳ ۾ ڪيئي آيا اڃان هنن کان وڌيڪ مضبوط هيا، پر پوءِ نه انهن جو ظلم رهيو ۽ نه ئي پاڻ رهيا. اڳتي ته الائي جي ڇا ٿيڻو آهي؟ اوهان هڪ نظر ڦيرايو، اميرن کان وزيرن تائين، نوڪرن کان چاڪرن تائين ۽ آفيسرن کان ڇوڪرن تائين اوهان کي رڳو ڌوڙ ئي ملندي. پوءِ ان باهه ۾ ويچاري ڪيترائي ساوا به سڙن ٿا. جو شڪايتن جو وڏو ڍير آهي، گند جي هن ڍير ۾ ماڻهو پنهنجي تاريخ تمدن ۽ اخلاقيات ئي وساري ويٺا آهن. ”ڀوتارڪي“هن سماج ۾ پٽواري عرف تپيدار کان وٺي. جمعدار ۽ جمادار جي جيڪا رهائي ۽ رسائي آهي سڄي ماضي جي تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، جو ماڻهن پنهنجي ماضي کي ڊٽرجنسٽ سان ڌوئي صاف ڪيو آهي، کين اها خبر ناهي ته وقت جي اٿندڙ هن ڌوڙ ۽ رئي کين نه صرف لٽي ڇڏيندي پر انهن جو سڪون قرار ۽ نالو به مٽائي ڇڏيندي. ڀلي ته ڀاڙي ۽ ڪرائي تي تاريخ لکائي وئي هجي. يا لکجي رهي هجي، اها دنيا جي ڊسٽ بن ۾ اڇلائي وڃئي آهي ۽ اڇلائي وڃي ٿي جيتوڻيڪ انهن کي اُن ڳالهه جي پرواهه ئي ناهي پر ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اوهان جون هي محلاتون، جاگيرون ۽ فيڪٽريون، اوهان جي عمل ۽ افعالن کي ”ڊراءِ ڪلينن“ ناهن ڪنديون ماڻهو ڀلي نٻل ۽ ڪمزور ئي سهي پر اهي جڏهن اٿن ٿا تڏهن سڄو وايو منڊل بدلجي وڃي ٿو. هتي هر جاءِ ۽ هر هائوس پي آر ۾ (پبلڪ رليشنگ) تي هلندڙ سيل قائم آهن جن ۾ ويٺل انساني رانديڪا پنهنجو ڪم ڪمال هوشياري سان ادا ڪن ٿا. انهن کي گهربل ناڻو ۽ سڀ سهولتون مهيا ٿيل آهن، جنهن ڪري هاٿي ڳيهندڙ نظر نه ٿو اچي ۽ ڪول ۽ ماڪوڙي اٽڪي پوي ٿي. جو ان کي نوٽ ڪرائڻ وارا پنهنجو ڪم نهايت ايمانداري سان ڪن ٿا. اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي. ته بي ايماني ظاهر ئي نه ٿي ۽ ايمانداري ڪني ۽ ڪوجهي ڪئي ۽ چئي وڃي ٿي. اوهان نوانوي ڪوڙ ڳالهائي به هڪ سچ تي سزا کائو ٿا، پر نوانوي سچ چئي هڪ ڪوڙ تي ايوارڊ حاصل ڪيو ٿا. اهو ئي فرق وڃي رهيو آهي، ڪوڙ ۽ سچ جو هن سماج ۾ جتي سچ چوڻ وارا چريا ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ وارا سڃاڻا ۽ دانشور آهن. پرائيويٽائيزيشن جي هن دور ۾، ڪوڙ پرائيويٽائيز ٿيو آهي. پر سچ نه ڪڏهن ٿيندو ۽ نه اهو ڪو وٺندو به جو هتي آئينا به ڌُنڌلا پسند ڪيا وڃن ٿا. ۽ اهو رواج هر هنڌ ۽ هر جاءِ جاري آهي. صرف نالا منايا وڃن ٿا، نالي جي ان سجاوٽ واري دنيا ۾ هر شي کي سجائي پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪيو وڃي پيو.
    پر هڪ سوال ڌاڍو اهم آهي. ته ڇا گند جي مٿان پردو رکي ان کي ختم ڪري سگهجي ٿو؟ هينئر اهو ڪم ٿئي پيو ۽ هر فيلڊ ۾ ٿئي پِيو. خاص ڪري تعليم ۽ صحت جي معاملي ۾ ته ان جو عمل دخل وڌيڪ آهي ۽ ان ڪم کي اڃان وڌيڪ مضبوط ڪندڙ، اها پي آر (PR) آهي جنهن تي هي دنيا ۽ سماج هلي پيو، لابيز سڀ پيڊ آهن. ۽ بي ايمانيءَ ڏاڍي ايمانداري سان ادا ڪئي پئي وڃي. جنهن لاءِ اوهان نظرون ڦيرائي ڏسو ۽ ڪجهه نه چوندي به داد ڏيو. پر هي واري جا گهر ڪنهن آنڌي ۽ طوفان ۾ قائم ناهن رهڻا، ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن ڊهڻا آهن، مون هتي تمشيل کان ان ڪري به ڪم ورتو آهي. جو سڌي لکڻ تي ئي اعتراض ناهي، پر ڇپجڻ وارو سوال هر وقت تلوار وانگر مٿان لٽڪي ٿو، بهرحال پي آر تي هلندڙ هي سماج پبلڪ رليشنگ بجاءِ ڊاڪٽرن وارو پي آر تي هلي رهيو آهي.
    روزانه عوامي آواز ڪراچي، سومر 28 اپريل 2014ع، 27 جمادي الثاني 1435هه


    حد جو تڪرار

    ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته جڏهن به ڪو هاءِ پروفائيل ڪرائيم ٿيندو آهي ته سنڌ ۾ خاص ڪري اسان جي پوليس ۾ حد جو تڪرار شروع ٿيندو آهي ۽ ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ان جي جاچ ڪرڻ به هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي يا ڪرائيم جي اطلاح ملڻ تي پوليس چوندي آهي ته هي حد اسان جي ناهي. فلاڻي ٿاڻي جي آهي ۽ فلاڻو ٿاڻو چوندو آهي بلڪل غلط آهي. هي حد اسان جي نه، پر فلاڻي ٿاڻي جي آهي، ۽ پوءِ ان حد جي تڪرار ڪري، جيئن ته ڪرائيم جي پويان پوليس نه ويندي آهي. ان ڪري فوري طور ان جو تدارڪ نه ٿي سگهندو آهي.
    اوهان اخبارون پڙهو. اهڙي قسم جا بيان اڪثر پيا ايندا آهن. پر جڏهن پوليس جي پنهنجي دلچسپي هوندي آهي ته پوءِ ڪڏهن به حد جو مسئلو ناهي رهيو. هو هڪٻئي جون حدون اورانگهيندا آهن ۽ هڪٻئي جي ڀرپور مدد به ڪندا آهن. حالانڪه اها ڳالهه ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته ان وقت انهن جا آفيسر پڻ ساڳيا ٿين ٿا. جيئن ڊي ايس پيز، ڊي پي اوز ۽ ٻيا. پوءِ اهي مداخلت ڇو نه ڪندا آهن؟ ۽ انهن ٻنهي ٿاڻن کي حڪم صادر ڇو نه ڪندا آهن؟ ته ان ڏوهه جي پويان ٻئي وڃو. جو هي هڪ جي بجاءِ ٻن ٿاڻن جي دعويٰ آهي ته، هيءَ حد تڪرار آهي. جيڪو اڳ ۾ ته تڪرار نه هوندو هيو پر ڪرائيم ٿيڻ کانپوءِ اهو به هاءِ پروفائيل ڪرائيم ٿيڻ کانپوءِ اها حد تڪراري ٿي ويندي آهي. جو اڳ ۾ ڄڻ ته اهو علائقو ڪرائيم پروف هوندو هيو. ڪڏهن اتي ڪو ڏوهه نه ٿيو هوندو، جو پنهنجي پياري پوليس کي اها خبر ئي نه هوندي ته هو علائقو ڪنهن جي حد، ملڪيت يا جاگير آهي؟ هونئن به اسان وٽ هر ٿاڻيدار، علائقي کي پنهنجي جاگير طور هلائيندو آهي.
    هن وقت به فرياد داخل ڪرڻ، گرفتاري مينٽين ڪرڻ، ان جي داخلا رکڻ يا جاچ کي قانون مطابق ڪرڻ کي بلڪل نجي ۽ خانگي انداز سان هلايو ويندو آهي. ان حد تائين ته گرفيار ملزم ڪنهن خاص ۽ نجي هنڌ رکيا ويندا آهن. انهن جي گرفتاري جي ڪابه داخلا نه رکي ويندي آهي، جنهن لاءِ عدالتن جا ڇاپا به لڳندا آهن. ۽ انهن تي انسان سوز تشدد ڪري، هر ڪيل ۽ نه ڪيل گناهه باسرائي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي. پنهنجي پياري پوليس جي اعليٰ اختيارين کان اهو اختيار ورثي ۾ مليل آهي ته هو ڪنهن به ماڻهوءَ کي جڏهن چاهين پڪڙين، ڇڏين ۽ چالان ڪن جيترو به چاهين تشدد ڪن، بدلي ۾ ان جي زال. ، ، ڀيڻ، ڌيءَ، پُٽ. پيءُ ڀاءُ يا ڪو ٻيو پسنديده ماڻهو. سوگهو ڪن. ۽ پوءِ جيئن چاهين اوئين ڪن. جو ڪو به آفيسر ۽ عملدار انهن کان نه ته پڇندو؟ ۽ نه تنبيهه ڪندو ۽ نه ڪڏهن ڀلجي سلجي منع ڪندو!
    حالانڪه اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي آفيسر پاڻ کي ايماندار، ۽ همدرد چوائيندي نظام کي صحيح هلائڻ لاءِ ڪڏهن به ايمانداري نه ڪندا آهن ۽ هڪ اڌ ميڊيا مئنيجر جي معرفت پنهنجو نالو عام ڪندا آهن ۽ اسان جا سادا سٻاجهڙا ماڻهو انهن جي ڪم ۽ عمل بنا انهن جي تعريف ڪن، جو هتي وڏي ۾ وڏو طعنو، ”هل ڙي پڇ ڪاري“ آهي حد ته اها آهي جو پوليس تي اهو به الزام آهي ته جعلي ۽ ڪوڙن مقابلن ۾، غريب ۽ مسڪين ماڻهو ماري، وڏا انعام اڪرام، تمغا ۽ پروموشن ورتا وڃن ٿا، جيڪي خبر پوڻ، ۽ ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڏهن واپس به ڪيا وڃن ٿا. پر سياسي نظام جي ڦيري کانپوءِ اهي ٻيهر بحال ڪري، سڀ رعايتون ۽ مراعتون ڏنيون وڃن ٿيون.
    ڪيترائي اهڙا آفيسر به آهن جيڪي عوام تي ۽ مخالفن تي بڇيا وڃن ٿا ۽ هر دؤر ۾ اهي اهميت وارا ۽ اهم ليکيا وڃن ٿا. نالو وٺي ذاتيات ڏانهن ناهي وڃڻو ۽ نه ئي انهن جا مثال ڏئي، ڪردار ڪشي ڪرڻي آهي. پر اسان سڀ چاهيون ٿا ته ڪو اهڙو سسٽم رائج ٿئي جنهن سان عام ماڻهوءَ جي داد رسي ٿي. ورنه ٿيندو ائين آهي ته ان ۾ رسي ٻڌي. ان کي گهليو ويندو آهي. گهٽ ۾ گهٽ عوامي راڄ ۾، ماڻهن جي ڪنڌن ۽ چيلهن ۾ رسي وجهي انهن کي نه گهلڻ گهرجي..
    مان اها ڳالهه دعويٰ سان چوان ٿو ته، جيڪڏهن پوليس چاهي ته انهن جي حدن ۾ ڏوهه بند ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن سئو سيڪڙو ڏوهه بند نه به ٿيا، ته به تمام گهڻي حد تائين گهٽجي سگهن ٿا. پر جيئن ته ڏوهه وڌڻ جي پويان علائقي جا وڏيرا، ناڪام سياسي اڳواڻ ۽ پوليس آفيسرن جو ڪردار رهي ٿو. ان ڪري خبر پوڻ کانپوءِ به ان تي پردو وجهي ۽ پڪڙيل ڏوهارين کي زور بار ۽ اثر رسوخ ذريعي آزاد ڪرايو وڃي و. ڏوهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ شاهديءَ جو هجڻ ضروري آهي جيڪا بعد ۾ زور بار ڪري تبديل ڪرائي وڃي ٿي. جيڪڏهن ٿاڻي ۾ نه ٿي، ته ڪورٽ ۾ شاهد ڦري وڃي ٿو ۽ مجرم، ملزم جي حيثيت سان آزاد ٿي، وڌيڪ طاقتور، اثرائتو ۽ ڏاڍو ٿي، علائقي جو معتبر ماڻهو ٿي وڃي ٿو.
    اها ڪيڏي نه ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه آهي، جو اسان جي ملڪ ۾ داداگير ۽ بدمعاش انتهائي طاقتور ۽ عزت ڀريو ٿي وڃي ٿو، هر ڪو هن کان لنوائي ٿو. ۽ شريف ماڻهو، ڪمزور، لاچار، بيوس ۽ بزدل سڏائي ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو هتي هر وڏيري ۽ واپاري وٽ بدمعاش پال فيڪٽري موجود آهي. جيڪا هنن کي پناهه به ڏئي ٿي ۽ هنن جي مدد به ڪري ٿي. جيڪا فيڪٽري خاص ڪري پنهنجي پياري پوليس جي نگرانيءَ ۾ هلي ٿي. جو صوبيدار ۽ ٿاڻا هڪ خاص طريقي ۽ مقصدن تحت ڏنا وڃن ٿا ۽ هر ڪنهن کي پنهنجي پسند جو صوبيدار رکڻ ۽ رکرائڻ جو اختيار آهن. جيڪو ايڏو ته سگهارو ٿئي ٿو جو هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
    ڀلا جنهن کي اها خبر هجي ته هن جو ڪو به وار ونگو ڪري نٿو سگهي ته پوءِ هو پنهنجا اختيار، ڇو نه استعمال ڪندو؟ اهڙا بااختيار عملدار ڪنهن کي. ڪڏهن به ڪنهن به ڏوهه ۾ بڪ ڪري سگهي ٿو. چالان ڪري سگهي ٿو. ان حد تائين به ته هو جارج ڪينيڊي مارٽن ۽ لوٿر ڪنگ جي ڪيس ۾ به اوهان کي چالان ڪندو، لياقت علي خان، جي قتل ۾ اوهان کي ۽ ڪنهن کي به گرفتار ڪري سگهي ٿو. چرس، هيروئن، زنا، شراب ته هن جي هٿ ۾ آهي. ڪنهن نه ڪنهن شاهد کي بيهاري سرڪار مدعت ۾ اوهان تي ڪيس داخل ڪرائي سگهي ٿو، روزانه هر ٿاڻي تي ڪيترائي بلينڪ چيڪ موجود آهن. جنهن کي ڪنهن به بم ڌماڪي، دهشتگردي ۾ اوهان ڪنهن نه ڪنهن بيان جي آڌار تي نامزد ٿي ويندا. ۽ پوءِ چالان ٿيڻ کانپوءِ گواهه نه ايندا، ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو؟
    اوهان جي ضمانت جو دارومدار به پوليس پيپرن جي پيش ڪرڻ تي هوندو، جيڪي پيش ٿيندا ته پوءِ ئي ڪا ڪاروائي ٿيندي نه! بهرحال پوليس کي نيڪ صلاح ڏيڻ به جوکم جھڙو ڪم آهي. پر اهڙي صورتحال ۾، جڏهن ڪو ڪرائيم ٿئي ۽ حد جو تڪرار ڀڙڪو کائي، تڏهن ٻنهي ٿاڻن کي فوري طور ڏوهاري جو پيڇو ڪرڻ گهرجي، ۽ فوري طور سينيئر عملدار ٻنهي مان جيڪو به هجي، کي ان جو سربراهه ٿي، ڏوهه کي پڪڙي، پوءِ حد جو تڪرار هميشه جيان حل ٿي ويندو ۽ اُهو به طئي ٿي ويندو. اهڙي صورتحال ۾ تڪرار ڪري، ڏوهه ضايع نه ٿيندو ۽ جلدي پڪڙجي ويندو. ان لاءِ ٻيو ڪجهه به نه، علائقائي سربراهه کي هدايت نامون جاري ڪرڻو پوندو. جيڪو ڪڏهن ڪڏهن وائرليس آپريٽر به پهچائيندو آهي ۽ اهڙي پاليسي ۽ تربيت ڏيڻ تمام سولو ۽ آسان آهي. حالانڪه پوليس سروس ۾ اعليٰ پوسٽن تي تمام سٺا ۽ برجستا آفيسر موجود آهن جن کي اڪثر ڪري هيٺيان آفيسر غلط رپورٽون ڏيندا آهن.
    (روزانه خبرون ڪراچي-جمعو 29 اگسٽ 2008ع)


    گامون سچار_پريتم ڪوڙو

    ننڍي لاڪون اسڪول جي نصاب ۾ اسان گامون سچار جو سچو سبق پڙهيو هيو. جيڪو اڄ به چٽي طرح ياد آهي ۽ گامون سچار هڪ سچو ڪردار ٿي، مثال ۽ حوالو بڻجي ويو آهي. اهڙي طرح سان اسڪول جي نصاب ۾ اسان جعفر زٽلو به پڙهيو هو، جنهن جو حوالو پڻ اڄ تائين ڏنو وڃي ٿو ۽ ”جعفر واري ڪار“ جھڙو جملو اڄ به ٻڌندا اچون ٿا.
    وقت ۽ حالتن سان ڪم به ساڳيو ٿي رهيو آهي، پر ڪردار بدلجي وڃن ٿا ۽ منافقانه هن دؤر ۾ ڪيترائي جعفر پيدا ٿي رهيا آهن. پر گامون اڄ به هڪڙو آهي. اهو ان ڪري به آهي ته جعفر سياست ۾ اچي ويا آهن ۽ گامون خوار ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو آهي به ته ان کي چريو ۽ پاگل چيو ۽ سمجهيو ٿو وڃي. ان ڪري اڄوڪا جعفر ڪامياب آهن. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪوڙا ڏٺا ۽ ٻڌا آهن پر جنهن ڪوڙي سان منهنجو واسطو پيو آهي، اهو به هڪ تاريخي ڪردار آهي، ۽ جنهن خوبصورتيءَ سان هو ڪوڙ ڪري ٿو اهو به هن جو ڪمال فن آهي ته خبر ئي نٿي پوي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي يا سچ؟ تان جو وڃي ڳالهه کلي پڌري ٿئي ته حقيقت ڇا آهي؟ جنهن لاءِ وڏو وقت درڪار هجي ٿو.
    ڏسڻو وائسڻو، صاف سٿرو،. پريتم جيستائين ڪوڙ نه ڳالهائي تيستائين هن جو کاڌو ئي هضم نه ٿئي ۽ هن جي پيٽ ۾ سور پوندو آهي. ان ڪري پنهنجي صحت ۽ هاضمي کي درست رکڻ لاءِ هن کي ٻين جي در تي وڃي پنهنجي حساب سان”زٽل“ هڻندو. ڳالهيون به اهڙيون ڪندو جو وڃي ٿيا خير. هٿ ڏندين اچي ويندا.
    مان ”پياري“ جي ڪيترن ئي ”فني مظاهرن“ جو چشم ديد گواهه آهيان ۽ هن جي ڪيترن ئي عظيم الشان مظاهرن ۾ موجود رهيو آهيان. مثال طور هڪ ڏينهن آيو ۽ چيائين ته ”سائين!“ فلاڻو فلاڻي عهدي تي فائزو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي ڪم به شروع ڪري ڏنو آهي. مان ساڻس ملي آيو آهيان ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو صاحب مليو مون کيس سندس نئين تقرري تي مبارڪباد ڏني. پاڻ حيران ٿي ويو، چيائين ته اهڙي ڪا ڳالهه ئي ڪانهي مون پريتم سان ڳالهايو کيس چيم ته ”هو انڪار ٿو ڪري تون ان سان ڪيئن مليو آهين؟
    ڳالهه سمجهي ويو، فورن چيائين ”سائين مون خواب لڌو هيو. پر اهو خواب جو ٻڌائڻ وسريٰ ويو. هڪ ڏينهن مليو چيائين ته ”فلاڻو فلاڻي سان شهر ۾ گهمندي مون ڏٺو، مون کيس هٿ لوڏي کيڪار ڪئي ته کلي پيو مون کيس چيو ته يار! فلاڻو ته اهڙو آهي ئي نه! چيائين سائين! مون پاڻ ڏٺو آهي. اصل کيڪار به ٿي آهي. هڪٻئي جي صفا آمهون سامهون.
    پوءِ جڏهن ان صاحب سان ملاقات ٿي ته هن چيو ته ”مان هفتي کان موڪل تي حيدرآباد ويل هيس اوهان فلاڻي کان پڇو ته ان ڏينهن مان هتي نه هيس ”جڏهن مون پياري پريتم کان پڇيو ته هو ته هيئن ٿو چوي“ ته فورن چيائين ”ها سائين! پھرين مون به ائين ئي سمجهيو هو، پر جڏهن مون اها ڳالهه فلاڻي سان ڪئي ته هن ٻڌايو هو ته ڪيتري ئي وقت کان ڪراچي مان ٻاهر آهي. ٿي سگهي ٿو ته مون کي ڪا غلط فھمي ٿي هجي ۽ ان جي صورت جھڙي ڪنهن ٻئي کي مون ان جھڙو سمجهيو هجي.“ پوءِ مون هن جي منهن ڏانهن ڏٺو، سندس مک تي اطمنان ۽ سڪون هيو.
    پياري هڪ ڏينهن ٻڌايو ته هن جي فلاڻي جاءِ تي پوسٽنگ ٿي وئي آهي ان لاءِ هن موڪل ورتي ته ويندڙ ماڻهوءَ کي رعايت ڏني وئي. هن ٻڌايو ته سندس آرڊر پڻ نڪري چڪو آهي اها ڳالهه هن ٻين سان گڏوگڏ بالا آفيسرن کي به ٻڌائي ته هو قصر نار ۾ مقرر ٿيو آهي ۽ هن جو آرڊر سندس کيسي ۾ آهي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن موڪل پوري ڪري واپس آيو، مون هن کان پڇيو ته ”تنهنجي آرڊر جو ڇا ٿيو؟“ چيائين ”نه ٿيو“ چيو مانس ”پر تو ته چيو پئي ته منهنجي کيسي ۾ آهي“ چيائين ”اوهان هڪ هڪ لفظ ياد ٿا رکو کيس ياد ڏياريم پو تو ته بالا آفيسر کي به چيو “ ۽ هو کلندو رهيو. مون سندس ان ديده دليري تي داد ڏنو ۽ غور سان ڏٺو ته هن کي ڪا لکا-ئي نه هئي ۽ پنهنجي ڄمار ۾ مون ايڏي نڪ جي پڪائي گهٽ ماڻهن ۾ ڏٺي آهي. جيڪي ان همت سان ڪوڙ ڳالهائيندا هجن ۽ ذري برابر به شڪي نه ٿيندا هجن. هنن جي زندگي مان جيڪڏهن ڪوڙ کي ڪڍي ڇڏجي ته شايد هنن جو جيئڻ ئي سولو نه ٿيندو ۽ هو پنهنجي زندگي ۾ دينا داستي ڪوڙ کي اهم سمجهن ٿا.
    خبر ناهي اهڙا ماڻهو ائين ڇو ٿا ڪن؟ کين خبر آهي ته ڪيترائي ماڻهو ان ڪري هنن جي عزت نٿا ڪن ۽ هو باعث نفرت پڻ ٿي وڃن ٿا.
    مون ڏٺو ته اهڙن ماڻهن جي گهرن جو ماحول به اهڙو ئي رهي ٿو ۽ پوءِ هو ڪڏهن ڪڏهن ته هڪٻئي کان به منهن لڪائيندا ٿا وتن.
    هن پياري جا مان ڪيترائي واقعا لکي سگهان ٿو جنهن لاءِ هڪ ڪتاب ترتيب ڏئي سگهجي ٿو. مثال طور هڪ ڏينهن آيو چيائين گهر مان ڦر ٿي آهي ۽ هيترو پئسو ۽ سون ڦرجي ويو آهي“ پوءِ هن فرياد به داخل ڪرايو کيس چيو مانس ته تون ته چوندو آهين ته مان پئسا گهر ۾ نه رکندو آهيان ۽ اي ٽي ايم يوز ڪندو آهيان. پوءِ هي هيڏا پئسا گهر ۾ ڇو رکيا هيئي؟“ ، ته ڪھاڻي ٺاهڻ لاءِ ڪنهن بي گناهه کي ڦاسائڻ چڱو ڪم ناهي.
    آخري ڏينهن ۾ هن جي بدلي ٿي وئي ۽ چيائين ته منهنجي مقرري فلاڻي جاءِ تي ٿي آهي هڪ وڏو گهر به ملي ويو آهي. آرڊر منهنجي کيسي ۾ آهي پر هو اڃان تائين پوسٽنگ جي انتظار ۾ آهي. پريتم جي شروعاتي ڏينهن ۾ مان ان تي اعتماد ڪندو هيس. پر هاڻي مون کي پڪ آهي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالھائي۽ جعفر وانگي جيڪڏهن هو سچ به ڳالھائيندو ته اهو به سچ نه سمجهيو ويندو ۽ نصاب ۾ ڏنل انهن مضمونن مان سبق پرائڻ بجاءِ ان جو نوٽيس نه ورتو ويندو.
    بهرحال اهڙا ماڻهو ڀلي اخلاق ۽ ادب جا ڪيئن به هجن، دنيا جا ڪامياب ترين ماڻهو آهن ۽ انهن جي نڪ جي پڪائي انهن جي مستقبل ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي.
    ڀل ڪوڙ جي پاڙ نه هجي، پر ڪوڙ جي منڍي وڏي ٿئي ٿي ۽ بظاهر اها هر هنڌ ۽ هر جاءِ تي نظر به اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ گامون گهٽ ۽ جعفر وڌيڪ پيدا ٿيندا رهن ٿا. پر هڪ ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي ته ڪوڙ جي ول ڀلي ڪيڏي ڊگهي ۽ طويل ڇو نه هجي ڪوڙ جي پاڙ نه ٿيندي آهي، جنهن ڪري ڪوڙ ۽ ڪوڙو هميشه کوکلا رهندا آهن.
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 16 اگسٽ 2007ع)


    ماستر جي مار، گهران نڪتل ٻار

    سنڌ ۾ شروع شروع ۾ پرائمري تعليمي نظام ڪنهن حد تائين ٺيڪ هو، نصاب کان وٺي ڪلاسن تائين تمام گهڻي محنت ڪئي ويندي هئي ۽ شاگردن کي قابل ۽ لائق بڻائڻ لاءِ نه صرف بھترين طريقي سان پڙهايو ويندو هو ته انهن کي هوم ورڪ پڻ ڏنو ويندو هو. ۽ قلم، سليٽ جو ڪم ڏئي ڪلڪ ڦرهي ڏئي انهن جي هينڊ رائيٽنگ کي سڌاريو ويندو هو پر ”هِجي“ ڪرائڻ جي پڻ مشق ڪرائي ويندي هئي، شاگردن جي حاضريءَ تي ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ انهن جي غير حاضريءَ تي استادن پاران سندن والدين کي خط لکي آگاهي ڏني ويندي هئي ۽ تلقين ڪئي ويندي هئي ته هو آئينده انهن جي حاضريءَ کي يقيني بڻائڻ، اڳ جا استاد ڏاڍا محنتي هوندا هيا، هو پاڻ به ريگيولر رهندا هيا ۽ شاگردن جي حاضريءَ کي پڻ چيڪ ڪندا هيا.
    اهو ئي سبب هئو جو سنڌ جي پرائمري تعليم انتهائي مضبوط هوندي هئي ۽ ان وقت خاص ڪري ٻهراڙي جا شاگرد ڏاڍا شٺا هوندا هيا، ذهين هوندا هيا ۽ انهن جي هينڊ رائيٽنگ موتيءَ جا داڻا هوندي هئي.
    پوءِ قوم ترقي ڪئي، اسيمبليون آباد ٿيون ۽ استاد ڪوٽا سسٽم تحت نوڪرين ۾ آيا، اسان جي عوامي نمائندن زبردست ڪم ڪيا. هنن ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ۽ نوڪرين جي ان مليل ڪوٽا ۾ نڪمدارن، منشين، دوستن ڳوٺاڻن جي نااهل، اڻ پڙهيل، نڪمن ڇوڪرن کي پرائمري استاد طور نوڪريون ڏنيون ويون. آباد اسڪول ويران ڪيا، پگهارون استادن طور کڻندڙن پنهنجون ڊيوٽيون ۽ نوڪريون اوطاقن، ڪارخانن ۽ ٻين جاين تي ڀوتارن جي نگراني ڪندي ڪيون ۽ اسڪول اجڙيا، ويران ٿيا ۽ پرائمري تعليم تباهه ٿي وئي، جيڪا اڃا تائين سڪرات ۾ آهي ۽ اعليٰ آفيسرن کي پڻ ڪوٽا ۽ ڪمداري واري خاصيت تي مقرر ڪيو ويو، جن سپر وائيزر وارو ڪم ڇڏي ڏنو جو جونيئر آفيسر هاءِ پوزيشن تي ان لاءِ ئي رکيا ويا، جيئن هو اڳتي ڀتو پهچائين ۽ خاص نوڪري ڪري پنهنجي چاڪري واري پوزيشن کي برقرار رکن.
    جنهن سان برابر ڀريل پيٽ ڀريا، بکيون ڪکيون ڀريون پر سنڌ مان خاص ڪري ڳوٺن مان پرائمري تعليم ختم ٿي وئي، جنهن جو وڏي ۾ وڏو نقصان سنڌ کي ٿيو جو سنڌي شاگرد جي پيڙهه ڪچي رهي، جنهن کي اڳتي ۽ اعليٰ تعليم ۾ نه صرف تڪليفون آيون پر هو ٿلهي ليکي ڄڻ ته ميرٽ مان آئوٽ ٿي ويو ۽ سنڌ جي حب ۾ آهيو انهن استادن پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ سان پيٽ جي عيوض جيڪو ڪيس ڪيو آهي، ان کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.
    اڄوڪي تعليم جو رواج ئي ڪجهه نرالو آهي، شهرن ۾ وڏا وڏا ٽيوشن سينٽر کليا پيا آهن، جن جي ڳرين فين ۽ رنگ برنگي ڪتابن ۾ والدين وڪوڙجي چڪا آهن، ٻيو ته اهو هڪ سماجي ”اسٽيٽس پڻ ٿي ويو آهي ته سرڪاري اسڪولن کي ڇڏي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ ۽ ٽيوشن سينٽرن ۾ داخلا وٺي ڏيڻ نه صرف ضروري آهي پر ائين نه ڪندڙ ڄڻ ته سماج ۾ پوئتي پيل ڄٽ ۽ نالائق چيا وڃن ٿا.
    ٻئي پاسي وري پرائيويٽ اسڪول هڪ انڊسٽري ٿي وئي آهي، جتي تعليم جي نالي ۾ ڪمائي جو بنياد رکيو ويو آهي. ميٽرڪ ۽ انٽر پاس ڇوڪرا، استادد ٿي پنهنجي ئي معياد جي ڪلاس يعني ميٽرڪ ۽ انٽر کي پڙهائين ٿا ۽ انهن جا ڪلاس وٺن ٿا ۽ انتهائي گهٽ پگهار تي نوڪريون ڪري، گهٽ ۾ گهٽ اهڙا استاد پنهنجو پيٽ پالين ٿا، پرائيويٽ اسڪولن جي ميار ۽ مقدار کي ڪوبه چيڪ نٿو ڪري، بس سڄو ڪم ڀتي تي هلي ٿو ۽ پوءِ ان انڊسٽريءَ مان ڪيترائي پلجن ٿا. آفيسر به خوش، عوامي نمائندا به خوش، والدين به خوش ۽ سرڪار به خاموش، جو ڀلا لکين روپيا خرچ ڪري اسيمبلين ۾ پهچندڙ ڪو ڏوهه ڪيو؟ انهن جو سڄو ڪم الله جي فضل سان ٺيڪن، ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ ۽ تحفن مان ٿي وڃي ٿو ۽ سڄو مور، منافعي سان موٽي اچي ٿو پر اڃا جيڪڏهن ڪا وزارت ملي ته ايندڙ سالن جي پلاننگ ۽ خرچ پڻ پڪ سان رزرو reserve هوندو.
    اڃا وڌيڪ تعليم جي تباهي، يونين سازي ڪئي آهي، استادن تي ڪو قدم کڻو، يونين زندهه آباد، اصل طوفان اٿندو، حق ڳڻائبا ۽ ڪو به ايڪشن يا تاريخي ڪاروائي نه ٿيندي ، بس آيو ويو ٿي ويند، حالانڪه تعليم جي تباهيءَ جو نوٽس استادن جي تنظيمن کي پاڻ وٺڻ گهرجي. انهن کي سمورو نظام مانيٽر ڪرڻ گهرجي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ استادن جو نه صرف بائيڪاٽ ڪيو وڃي پر انهن تي ڪاروائي پڻ ڪئي وڃي پر افسوس اهو ڪم جيڪو نه ڪرڻ گهرجي، ڪيو وڃي ٿو.
    اڄ ڏينهن تائين استادن جي تنظيم ڪنهن گوسڙو استاد تي ڪو قدم کنيو آهي، ڪنهن نااهل استاد کان پڇاڻو ڪيو آهي؟ ٽيوشن نالي ۾ شاگردن کي تنگ ڪندڙ مجبور، ڪندڙ ڪنهن استاد کي روڪيو آهي؟ جونيئر استادن کي هيڊ ماستر مقرر ڪرائڻ/ڪرڻ جو نوٽس ورتو آهي؟ بلڪل نه پر انهن تنظيمن استادن جي حقن جي نالي ۾ نااهل ماڻهن کي همٿايو آهي، انهن جي مدد ڪئي آهي ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪيو آهي.
    اسين سڀ سنڌ جا سڄڻ آهيون ۽ اسان کي پرائمري تعليم ڏانهن ڌيان ۽ توجهه ڏيڻ گهرجي جو اهو هڪ اهم ۽ بنيادي نڪتو آهي، اسان کي پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان ڪميٽڊ رهڻ گهرجي، اسان جي استادن کي ٻار کي خوامخواهه مارڪٽ ڪرڻ کان پري رهڻ گهرجي ۽ والدين کي پڻ اها ڳالهه نظر انداز ڪرڻ گهرجي ۽ تعليم کي سائينسي انداز سان پڙهائڻ ۽ پڙهڻ گهرجي، 8 آگسٽ جي اخبار ۾ جيڪا ڇرڪائيندڙ خبر ڇپي آهي، ان ٻين جيان مون کي به پريشان ڪيو آهي غريبن جي ٻارن کي وڌيڪ پيار سان پڙهائڻو پوندو، خبر جا تفصيل هي آهن.
    ڄامشورو لڳ سپر هاءِ وي تان موٽر وي پوليس ٻن معصوم ٻارڙن 5 ورهين جي ڪاشف ۽ 6 ورهين جي انمول کي اسڪولي ڊريس ۾ هٿ ڪري ورتو آهي، پوليس موجب ٻئي ٻارڙا سڪندر آباد ڪوٽڙي جا رهواسي آهن، جن کي والدين مارڪٽ ڪري اسڪول موڪليو پر سبق ڪچو هجڻ ڪري ماسترياڻي جي تشدد جي خوف کان وارثن کي بغير ٻڌائڻ جي پنجاب وڃي رهيا هيا. انهن ٻارڙن جو چوڻ هيو ته اسان جو سبق ڪچو آهي، ميڊم مار ڏيندي، تنهن ڪري اسان پنهنجي ڀيڻ ڏي پنجاب وڃي رهيا آهيون، جڏهن ته ٻارن جي ڪتابن واري ٿيلهي مان تلاشي ورتي وئي (جيڪو پوليس جو ڪم آهي، هو ٻارن کي به نٿا بخشين) جن ۾ ڪپڙن جو هڪ جوڙو ۽ ماءُ طرفان ڏنل ٻن رپين جا سڪا مليا، جنهن جي آسري تي هو گهران نڪتا هئا. (ان کان پوءِ قلم نٿو هلي)
    (روزانه خبرون ڪراچي، آچر 10 اگسٽ 2008ع)


    احساس، گڏهه، اٺ ۽ سنڌ

    سنڌ جا ماڻهو ڏاڍا سٺا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن انهن جا عمل انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ بي آرام ڪندڙ هوندا آهن، ڪي دوست پنهنجي ننڍڙين ڳالهين، خواهشن ۽ مطالبن ڪري ٻئي جو نه خيال ڪندا آهن، نه لحاظ رکندا آهن، انهن کي محض پنهنجو ڪم ۽ مفاد عزيز هوندو آهي، جنهن ڪري هو انهن جي حاصلات کي پنهنجو حق سمجهندا آهن، ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ عجيب و غريب حرڪتون ڪندا آهن.
    اسان مزدور ماڻهو سڄو هفتو ڪم ڪار کان واندا ٿي آچر کي پنهنجي آرام، ذاتي ڪم ڪارين ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهيون، پر فون ۽ موبائل فون تي ڳالهائيندڙ دوست ان جو غلط استعمال ڪري ٻئي جو خيال نه ڪندا آهن. ۽ پنهنجي مطلب لاءِ بنا سوچ ۽ سمجهه جي اڳلي جي آرام ۾ خلل جو سبب بڻجندا آهن.
    27 جولاءِ تي آچر ڏينهن صبح جو 8 وڳي ننڊ ۾ ستو پيو هيس. موبائل فون ايمرجنسي اطلاح جي ڪري کولي هيم (جيڪا محسوس ٿئي ٿي ته وڏو ڏوهه آهي) گهنٽين مٿان گهنٽيون وڄنديون رهيون، سوچيم الله خير ڪري، ننڊ مان اٿي فون کنيم. اڳيان جيڪو لفظ ٻڌ ۾، عاجز امانت ٿو ڳالهايان، لفافو پهتو؟ چيم، عاجز هي ڪا ايمرجنسي آهي؟ اوهان پوءِ به پڇي پئي سگهيا؟ ان لاءِ ننڊ مان اٿارڻ زيادتي ناهي؟ حالانڪه آچر تي ڪوبه لفافو ناهي ايندو! ۽ نه ئي صبح جو ستين وڳي ڪو خط ملندو آهي!
    هاڻي ان مانواري عاجز امانت، اخبار جي ادبي صفحي لاءِ ڪو خط لکيو هوندو، ۽ اهو به اخبار جي ائڊريس تي- ان لاءِ آچر ڏينهن صبح جو 8 وڳي (اصل ستين وڳي) ننڊ مان اٿاري پڇڻ عاجز امانت جو جيڪڏهن ڪو حق آهي، ته مان معذرت خواهه آهيان، پر افسوس ضرور ٿئي ٿو. مان سمجهان ٿو، ان ڪري ئي اسان جا ڪيترا اديب يا ته ڪنهن کي فون جو نمبر ئي نه ڏيندا آهن، يا وري ٽيليفون بند ڪري ڇڏيندا آهن. جو اهو هڪ عاجز امانت به آهي، پر اهڙا تمام گهڻا دوست آهن.
    هي ٻه لفظ به ان ڪري لکڻا پيا آهن، ته دوست کي اهو احساس هجڻ گهرجي، ته اڳلو ڪيئن آهي؟ ڪھڙي حالت ۾ آهي؟ ڪٿي بيٺو آهي؟ ڪيئن ويٺو آهي؟ ڪيترين ئي جاين تي ميٽنگن ۾ آفيسرن ۽ ڪامورن جي سامهون. اوهان ٽيليفون تي ڳالهائي نه ٿا سگهو. اهي صاحبان ته وڏي واڪ ڳالهائيندا آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن ماتحت ماڻهو جو فون ايندو آهي، ته وڏي رڙ ڪري هڪل ڪندا آهن. موبائل بند ڪيو. يا دڙڪو ڏيئي چوندا آهن، وڃي ٻاهر ڳالهايو، ۽ پوءِ ان لاءِ ڄڻ ته ان ڏينهن آفيس جو در بند ٿي ويندو آهي. ۽ گهڻي وقت کان پوءِ ميڙ ۽ منٿن تي مليل ٽائيم ضايع ٿي ويندو آهي، پر فون تي ڳالهائيندڙ دوست نه صرف ناراض ٿيندو آهي، پر هو ان کي پنهنجي اصلي ۽ بنيادي حقن جي خلاف ورزي سمجهندي، جيڪا راءِ ڏيندو آهي سا به انتهائي غير ذميوارانه هوندي آهي.
    حلانڪه سماج ۾، اخلاق ۽ آدب ٿيندا آهن، جيڪي هاڻي نڪرندا ٿا وڃن، جيڪو ڏاڍو سو گابو، واري ريت تي هلندڙ هي سماج پنهنجا سمورا سماجي نامس ۽ ويليو پوئتي ڇڏيندو ٿو وڃي.
    جيئن ته منهنجو ميڊيڪل جي ايمرجنسي واري شعبي سان واسطو آهي، ڪراچي جهڙي شهر ۾، جتي هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ٿئي ٿو. اتي ميڊيا جي دوستن جون به هر وقت فونون اچن ٿيون، ته فلاڻي واقعي جا تفصيل ڪھڙا آهن؟ يا هي جيڪو صبح حادثو ٿيو آهي. ان جا تفصيل ڪھڙا آهن؟ يا اعليٰ آفيسرن ۽ ادارن جا ٽيليفون تفصيل ڪنفرم ڪرڻ واسطي، يا دورا، ميٽنگ، مخطلف پروگرامن ۾ شرڪت يا ذاتي مصروفيتون ڪراچي جي زندگي ۾ ، پوءِ اها ڪنهن جي به هجي،، ننڍي جي هجي يا وڏي جي. ادنيٰ جي هجي يا اعليٰ جي. ماڻهوءَ کي وقت ڪونهي. ان حد تائين ته شهر ۾ پهچڻ تائين به ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن ۽ ايترو وقت واپسي تي به گهرجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي ۾ رهندڙ جا ۽ باقي سنڌ ۾ رهندڙن جا الڳ الڳ ڪم ٿين ٿا،. بهرحال دوستن کي گهٽ ۾ گهٽ محسوس ته ڪرڻ گهرجي. ان کان وڌيڪ ڇا ٿو ڪري سگهجي.
    27 جولاءِ جي اخبارن ۾ هڪ خبر باڪس ۾ لڳل آهي، جيئن ته باڪس ۾ اهم خبر لڳندي آهي، ان ڪري ان خبر جي هيڊنگ آهي. ”سنڌ ۾ 10 لک گڏهه موجود ، 95 سيڪڙو ٿرپارڪر ۾ هجڻ جو انڪشاف“
    سرڪاري انگن اکرن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي، ته نسڌ ۾ 10 لک گڏهه موجود آهن، جن مان صرف ساڍا 9 لک گڏهه ٿرمارڪر ۾ موجود آهن. سنڌ ۾ جانورن جي افزائش واري کاتي جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ گڏهن جو مجموعي تعداد 10 لک 4 هزار 925 آهي. جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ 9 لک 48 هزار 757 گڏهه آهن. جيڪو سنڌ ۾ موجود تعداد جو اٽڪل 95 سيڪڙو آهي. ٿر ۾ سڀ کان وڌيڪ گڏهه ڇاڇري تعلقي ۾ 7 لک 80 هزار کان وڌيڪ آهن. ماهرن (شايد گڏهن جا به ماهر ٿين ٿا) موجب گڏهن جي گهڻي موجودگي علائقي ۾ غربت جي گهڻي عڪاسي ڪري ٿي.
    ٿر پارڪر ۾ ٻئي نمبر تي وڌيڪ جانور اٺ آهي، سنڌ ۾ اٽڪل ٻه لک اُٺ موجود آهن.
    هن خبر مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ گهڻائي گڏهن ۽ اُٺن جي آهي، حالانڪ هونئن جانور ته ٻيا به گهڻا آهن. باقي جانورن جي مقابلي ۾ ماڻهن جي تمام گهڻي اڪثريت موجود آهي. (اسان ته اهو ٻڌو ۽ پڙهيو آهي) ته پنجاب ۾ ته کر به موجود آهن.
    مونکي رڳو حيرت ان تي آهي ته انهن گڏهه ڪيئن ڳڻيا هوندا! انهن جو ٽوٽل ڪيئن ٿيو هوندو! جيئن ته هي سرڪاري کاتي جي ماڻهن جي کوجنا ۽ ڳڻپ آهي. انهن کي ٿرپارڪر جو ڪرايو ۽ پتو مليو هوندو. جيڪڏهن هر ضلعي ۾ اهڙي ڳڻپ ڪرائي وڃي. ته پوءِ پڪ سان اهو مال گهڻو هوندو ۽ ان کان پوءِ ماڻهن جي ڳڻپ به ڪرائي وڃي ته خبر پئجي ويندي ته ماڻهو ۽ گڏهه ۾ ڪيترو فرق آهي؟ مون لفظ ڪيترو استعمال ڪيو آهي، ان تي پڻ غور ڪيو وڃي ته لفظ ڪيترو ۽ ڪھڙو ۾ فرق آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن کي اختلاف آهي، ته اها ان جي ذاتي راءِ ۽ مرضي آهي، باقي اسان ته سنڌي ۾ هڪ پھاڪو ننڍڙي لاڪون ٻڌنداپيا اچون ته ”ڪم وقت گڏهه کي به ابو چئجي“ هاڻي جنهن جو ابو گڏهه هجي، ته پوءِ ان کي ڇا چئجي؟؟؟
    (روزانه خبرون ڪراچي آچر 3 اگسٽ 2008ع)


    سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ ماڻهن جي بي حسي

    سڄي دنيا ۾ امداد، انساني ڀلائي واري ايجنڊا تحت ورهائي ويندي آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ اهو لڪاءُ حيرت ناڪ حد تائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سڄي دنيا ۾ شل نه ڪو ڏڪار اچي، ٻوڏ اچي، يا زلزلو اچي، سڄي پاڪستان ۾ سياسي پارٽيون، انساني حقن واريون تنظيمون، غيرسرڪاري ايجنسيون ۽ مولوي حضرات جهوليون جهليو امدادون ڪٺيون ڪندي نظر ايندا آهن. پوءِ اهو معاملو بوسنيا جو ڇو نه هجي، اٿيوپيا، هجي يا وري دنيا جا ٻيا ڪيترائي ملڪ ڇو نه هجن. هتي ماتم ڇانجي ويندو آهي. پر تازو ايبٽ آباد ۾ جيڪو زلزلو آيو، سڄي ملڪ ۽ پوري دنيا مان نه صرف امداد آئي، پر ماڻهن کي ڪافي رليف پڻ مليو ۽ اڃان به امداد جاري آهي.
    مان حيران آهيان ته تازو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جيڪو سيلاب (ٻوڏ) آيو آهي، جيترا ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ بنا ثمر جي سفر ۾ آهن، ٻارڙن کي دست ۽ الٽين جون بيماريون وبائي صورت ۾ پيش آيون آهن ماڻهن جو مال متاع لڙهي ويو آهي. اجها ڊهي پيا آهن. ۽ رستن جي ڪنارن تي عارضي طور ماڻهو اچي ويٺا آهن. ڪي ئي لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن جا فصل، گهريلو سامان، گهر گهاٽ ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. انهن جا ٻارڙا بکن ۾ پاهه آهن، عورتون اجهي ۽ لٽي لاءِ پريشان آهن . پر اهو سين جيڪو بوسنيا. بنگلاديش ، مليشيا، ۽ انڊونيشيا جي ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، هر طرف ڪئمپون، لائوڊ اسپيڪرن تي اعلان، مولوين جون اپيلون، شهرن جي ڳلين ۽ رستن ۾ مختلف اپيلون ۽ عمل اهو هاڻي ڏسڻ ۾ نه آيو. قدرتي آفات، ايبٽ آباد ۾ هجي يا سنڌ ۽ بلوچستان ۾، ان کي هڪ جھڙو ٿي منهن ڏيڻ گهرجي ۽ انهن جي امداد جو بنياد پڻ ساڳيو ئي هئڻ گهرجي، پر خبر ناهي هتي اسان جا جذبا به قوميت ۽ مختلف ايجنڊائن ۾ قيدي ٿي وڃن ٿا ۽ بک ۽ بدحالي ۾ انسان تڙپي رهيا آهن، انهن جا ڳوڙها به سڪايا وڃن ٿا، بلڪل سندن خوابن جيان جيڪي اس ۽ تيز گرمي لڪ ۾ سڪي ۽ سڙي رهيا آهن. اسان کي چڱي طرح ياد آهي ته جڏهن ايبٽ آباد ۾ زلزلو آيو هو ته سنڌ جي ماڻهن تمام گهڻي امداد ڏني هئي، ان حد تائين ته ٻارڙن پنهنجا خريد ڪيل رانديڪا به ڏنا هيا ۽ نوجوانن پنهنجا نوان سبيل ۽ اڻ سبيل ڪپڙا پڻ ڏنا هيا. سڄي ملڪ مان هڪ جھڙو ردعمل هيو. سڀ ڏکايل هيا ۽ سڀني پنهنجو پنهنجو حصو ڏنو هيو ۽ فرض ادا ڪيو هيو اهو ڀلي ڪنهن تي احسان نه هجي، پر هڪ سماجي فرض جي پوئواري ضرور هئي ۽ اها اهڙي نموني سان هئڻ گهربي هئي، جنهن جو هڪ مثال ٿي ويو، پوءِ اخبارن اهي رپورٽون به ڏنيون ته ڪراچي جي شيرشاهه واري علائقي ۾ ڪجهه امدادي ٽرڪون گدامن ۾ پڪڙيون ويون ۽ ڪجهه امدادي ٽرڪون ڪنهن خاص ۽ مخصوص پاسي هليون ويون، پر ماڻهن جيڪي ڪجهه ڪيو، سو دل سان ڪيو ۽ انهن پنهنجو هڪ بهتر ڪردار ادا ڪيو، مان اڃان حيران آهيان ته جڏهن سنڌ م ڪو اهڙو حادثو ٿئي ٿو ته پوءِ ملڪ جي ٻين جاين تان اها موٽ نه ٿي ملي جيڪا ملڻ گهرجي.
    سنڌ جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون هڪٻئي خلاف اخباري بيانن جا دهل وڄائيندي ته نظر اچن ٿيون پر اهي ذميوار ۽ متعلق ماڻهو پڻ پنهنجو اهم ڪم نه ٿا ڪن، جيڪو کين ڪرڻ گهرجي، بس ان حد تائين ڪم ڪيو وڃي ٿو ته اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ خاطر ڪجهه صاحب، پنهنجي تڪ تائين ووٽرن کي پڪو ڪرڻ لاءِ آٿت ڏين ٿا ۽ بس!!
    ملڪ ۾ رليف جو ڪم، جيڪو ٻين صوبن ۾ ٿئي ٿو. اهو هتي نه ٿو ٿئي ۽ ائين ٿو لڳي ته هينئر اسان پنهنجي وڏن تڪن، ذاتين ۽ گروهن ۾ ورهائجي ويا آهيون، ورنه صوفين واري سنڌ هميشه عالم جي ڳالهه ڪئي آهي پر لطيف سائين ته ”عالم آباد ڪرين“ جو نعرو هنيو آهي. پر اسان کي ان جي نه ته پراپر موٽ ملي آهي ۽ نه ئي ڪنهن اسان کي آباد ڪرڻ جي دعا ڪئي آهي. عملي طور جيڪو به آيو آهي ان لٽيو آهي، ڦريو آهي ۽ انهن ايجنڊائن ۾ پنهنجن وڌيڪ رلايو آهي، ظلم ته اهو به آهي ته اسان پنهنجن ذاتي مفادن خاطر، انسانيت جو دامن ڇڏي چڪا آهيون ۽ هاڻي انسانيت بجاءِ گروهن، قبيلن، ذاتين ۽ شهرن ۾ ورهائيجي رهيا آهي. اڃان به جيڪڌهن ڪٿي ڪا درد جي دانهن ٿئي ٿي، ته اسان جي دل به ڌڙڪي ٿي ۽ دهلجي به وڃي ٿي ۽ پوءِ سنڌ جو ماڻهو، جنهن وٽ ڪجهه به نه آهي، سواءِ دعائون ڏيڻ جي اهو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ دعا لاءِ جهول جهلي ٿو. هي ڪاروهنوار ڪو اڄوڪو ناهي، ان کان اڳ به جڏهن ٺٽي ۽ بدين ۾ سامونڊي طوفان آيو هو تڏهن عرب ملڪن ۽ ڪجهه يورپي ملڪن امداد موڪلي هئي. جيڪا ڪامورن ۽ عوامي نمائندن کان ٿيندي مارڪيٽن تائين ته آئي هئي. پر متاثر مانهن تائين نه پهتي هئي نه ئي بوسنيا ۽ مليشيا، انڊونيشيا جي ستايلن وانگي جهول جهليندڙ نظر آيا، پر جڏهن به پنهنجي صوبي ۾ ڪا آفت اچي ٿي تڏهن نه اهي پروفيشنل جهول جهليندڙ نظر اچن ٿا ۽ نه ئي عوام جي سور ۽ درد ۾ وڪوڙيل اخباري بيانن تي هلندڙ سياستدان. انهن جي عملي امداد ڪئي ۽ ٻيهر آبادڪاري لاءِ ڪجهه ڪن ٿا ۽ بس پنهنجي ايجنڊا تي هلندڙ اهي هوائي مشينون ذاتي تشھير ۽ اقتدار جي حاصلات لاءِ سڄي دنيا کي برو چوندي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي هنن جو بلو ٿئي ٿو ۽ پوءِ خوبصورت نعرن جي وهڪري ۾ سنڌ جي سڪ ۽ محبت جو هڪ انوکو سبب پيدا ڪيو وڃي ٿو. پر سورن ۽ تڪليفن ۾ ورتل اهي متاثر ماڻهو پنهنجا درد ۽ سور کنيو اڪيلا ئي هلندا رهن ٿا. نعري بازن جي شغلن ۾ انهن جي درد ڪٿا جي اها ئي پڄاڻي ٿئي ٿي ته هڪ اڌ بيان داغي هو پنهنجا پاسا بدلائيندا رهن ٿا.
    اسان جا ڪيترائي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو پنهنجن ماڻهن لاءِ به آواز نٿا اٿارين، اهڙي دور ۾ ڀلا جيڪڏهن ڪو مدد ڪري ٿو ان کي جس هجي. اوهان کي تنقيد جو به حق تڏهن پھچي ٿو جڏهن اوهان انهن کان به وڌيڪ ڪم ڪريو. باقي رهيو سوال عبدالستار ايڌي. انصار برني ۽ ٻين جو ته اهي رڳو برمي، بنگالين جي سهائتا ۾ پورا آهن. سنڌ اندر انهن جا پنهنجا ذاتي مفاد ۽ ترجيحات آهن جيڪي اهي ڊونر ايجنسين جي ايجنڊائن مطابق ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جوهي، شهدادڪوٽ، جعفرآباد، خضدار، روجهاڻ جمالي سان انهن جو ڇا؟؟
    عبدالستار ايڌي هينئر فلاح کي ڇڏي ڌنڌن تي لهي آيو آهي ۽ هن ايمبولينس جا اگهه به پنهنجي حساب سان مقرر ڪيا آهن، جنهن ۾ مٿي پئسا ڏيڻ تي جلدي گاڏي ملي ٿي، ورنه بڪنگ جو وڏو سلسلو آهي اهو ايڌي صاحب ايبٽ آباد، اسلام آباد ۽ ٻين جاين تي ته امداد ڏئي ٿو ۽ ٽرڪون ڀرائي پھچي ٿو پر دادو، شهدادڪوٽ، ۽ بلوچستان ۾ اهو به نٿو پهچي جو هن کي اتان بزنس نٿو ملي ۽ ملڪ جي ميڊيا انهن کي پنهنجي اوليت نٿي ڏئي. اردو اخبارون ته صرف وڏن شهرن جون اخبارون چوائن ٿيون سنڌ ۾ واهن کي اڃان به گهارا پئجي رهيا آهن، فصل ٻڏي رهيا آهن، ماڻهو بي گهر ٿي واجهائي رهيا آهن. ٻار گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن. بک ۾ ماڻهو مري رهيا آهن، پر سنڌ جا ماڻهوچپ آهن، خاموش آهن ۽ فلاحي تنظيمون خبر ناهي ڪيڏانهن ويون آهن؟ سياستدان پنهنجا اتحاد ٺاهي رهيا آهن، اديب ۽ شاعر ننڊ جون گوريون کائي ٺرو پي ٺري ويا آهن. سنڌ_سنڌ ڪندڙ هن هيڏي وڏي انسان الميي تي خاموش آهن، ڳالهه عمل جي آهي، سخي هئڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ڇا اسين زندهه قوم آهيون؟ ان سوال جو جواب شايد ڪو ته هوندو_ پر جڏهن به ان جو جواب ڏجو، هڪ هٿ دل تي ٻيو هٿ نور تي ضرور رکجو!!
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 2 اگسٽ 2007ع)


    دش ڪش جو دؤر

    هي وقت سجاڳ ذهنن جو وقت آهي، هينئر مواصلاتي وسيلا تمام گهڻو ڦهلاءُ ڪري چڪا آهن، ڪا به ڳالهه ڳجهي نٿي رهي سگهي ۽ جديد تارن ۽ لينسز ذريعي عام ڪئي وڃي يا عام ٿي وڃي ٿي. اڳي چيو ويندو هو ته ڀتين کي به ڪن آهن. پر هاڻي ننڍا دٻا ۽ اليڪٽرانڪ پيتيون به ڳالهائين ٿيون. اهوئي سبب آهي جو سڄي دنيا ۾ اڄڪلهه اليڪٽرانڪ تعليم جو رواج پئجي رهيو آهي. نه صرف اليڪٽرانڪ تعليم جو پر اڄڪلهه ٽيلي ميڊسين پڻ عام ٿي رهي آهي. اوهان دنيا جي ڪنهن به اداري يا ماهر سان دنيا ۾ ڪٿي به سنئون سڌو رابطو قائم ڪري سگهو ٿا ۽ ڊاڪيومينٽس جي پهچ پڻ ان وقت ٿي سگهي ٿي.
    اڄ دنيا ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ رڳو هڪ بٽڻ آن ڪيو ۽ پوءِ رموٽ کي گهمائيندا رهو. سموري دنيا اوهان جي آڏو آهي. اڄ جي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ هڪ جاءِ تي بٽڻ رموٽ جو ٽڪڻ ئي مشڪل آهي جو هن وٽ پنهنجي پسند جو ۽ دلچسپيءَ جو هڪ وڏو ميدان آهي. اڳي رڳو هڪ ٽي وي هوندي هئي. جيڪا سڀني جي مجبوري هئي پر هاڻي ائين ناهي. موجوده وقت ۾ جتي دلچسپيون به وڌي ويون آهن، اتي معيار به مٽيا آهن، هينئر اٽو، گيهه، سبزي ۽گوشت ته ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿيندو پيو وڃي پر اها پڻ حقيقت آهي ته الڪٽرانڪ سامان تمام گهڻو سستو ٿيندو پيو وڃي ۽ اڳ جي ڀيٽ ۾ ان جي اگهه ۾ ٽي سئو سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي آهي ۽ نه صرف گهٽتائي آئي آهي پر مواصلات جا ذريعا پڻ وڌي رهيا آهن. جو سماج جون ضرورتون پڻ وڌي رهيون آهن.
    ماڻهن جي انهن جديد رابطن ۾ اڄڪلهه موبائيل فون به ضرورت ٿي وئي آهي ۽ عام مزدور کان وٺي اصل آسمان جيڏي ماڻهونءَ تائين موبائيل جي رسائي آهي، نه صرف موبائيل پر اوهان کي اهو ڏسي ۽ ٻڌي شايد حيرت به ٿئي جو اڄڪلهه عام ڳوٺن ۾ ڪيبل سسٽم ۽ ڊش اينٽينا جو پڻ رواج عام ٿي ويو آهي، پوءِ هن ڊش تي ٻه رسيور ته آهن ئي آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ويهه پنجويهه چينلز ڳوٺن ۾ ڏٺيون وڃن ٿيون ۽ روڊ رستن تي قائم جڳهي نما هوٽلن ۾ پڻ اهو سڄو نظام ۽ سهولتيون موجود آهن.
    اڄ جي سنڌ نه صرف دنيا کي ڏسي ٿي پر دنيا سان ڳنڍيل به آهي. ان هوندي به حيران ڪن ڳالهه اها آهي جو اسان اڄ به ٽي صديون اڳ واري دؤر ۾ بيٺل آهيون اسان جون اکيون برابر کليل آهن، پر اسان جي سوچ جو محور اڃا به سترنهين صديءَ وارو آهي. اسان يا ته ڪنهن جي ايجنڊائن تي هلي رهيا آهيون يا وري پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري رهيا آهيون ۽ پنهنجي آقائن جي اشاري تي هلي رهيا آهن.
    مان حيران آهيان ته ماڻهو بدلجي ويو آهي، دنيا بدلجي وئي آهي پر اسان جي سوچ اڃا تائين هڪ جاءِ تي بيٺل آهي ۽ سماج جون اهي بديون ۽ برايون جيئن جو تيئين موجود آهن. انهن ۾ رتي برابر جو به فرق ناهي آيو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان شيون ڏسون ضرور ٿا پر محسوس نٿا ڪريون ۽ هر شيءِ کي نظرانداز ڪري رهيا آهيون، جيڪا ڳالهه ڏاڍي خطرناڪ آهي، ان ۾ اسان جو پنهنجو ئي ڏوهه آهي. مثال طور تازو لاڙڪاڻي ۾ نابالغ ننڍي نينگر کي ڪارو ڪري ان جو ڳلو ڪپيو ويو آهي. اهو ماڻهو جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي ئي سگهه نٿو رکي. اهو ڪارو ڪيئن ٿيو؟ ان کان وڌيڪ ڪھڙي بيھودگي ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن دشمني ڪرڻي آهي ته جوان ٿي ڪريو. هي ننڍڙن ٻارڙن کي وچ ۾ آڻي، بڇڙائي ڪرڻ ۾ ڪوبه فائدو ڪونهي. جڏهن ٻيو ڪجهه نٿو ملي ته پنهنجو انگ وري پنهنجو ماڻهو ماري ان کي ڪاروڪاري جو نالو ڏيڻ. هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو گناهه آهي، ۽ اهڙن ماڻهن کان سماجي طور حساب ڪتاب ورتو وڃي. اهو اسان سڀني تي فرض آهي، جيڪو اسان کي پورو ڪرڻ به گهرجي ۽ نڀائڻ به گهرجي پر اسين سڀئي ان سماجي ڪم کان ڪونهين پري آهيون، شايد ان جو وڏو سبب سماج ۾ منافقي جو وڌڻ آهي. اسين سڀئي رڳو ان ڳالهه جو رينگٽ وڄائيندا آهيون، جنهن ۾ اسان جو فائدو هوندو آحي. هاڻي اهو مفاد تي منحصر آهي ته اهو ڪهڙي نوعيت جو آهي؟ پوءِ اسان ان طرف هلندا آهيون ٻيا ته ٻيا پر اسان جا لکاري دوست جيڪي پاڻ کي گهڻو پڙهيو لکيو چورائن ٿا، ڏاها ۽ دانشور سڏرائن ٿا، (پوءِ اهي الائجي آهن به يا نه) پر اهي به ڪن جي ايجنڊائن تي هلندي ڪيترن جو ائيين ئي ڳلو ڪٽين ٿا، جيئن لاڙڪاڻي جي حيدري محلي جي ننڍڙي نينگر صدام حسين جو ڳلو ڪٽيو ويو آهي.
    ڌارين جي پگهارن تي هلندڙ جاهل ۽ بيمار ذهن لکاري، اهو ۽ اهڙو ڪم خوش اصلوبي سان ڪري پنهنجو داد وٺي رهيا آهن جو ڪيترن کي ان ۽ اهڙي ڪم سان لڳايو ويو آهي. هينئر اخبارن ۾ ان لاءِ هڪ خاص ٽرم استعمال ٿي رهيو آهي. ”سينڊيڪيٽ“ جيڪا باڊي يونيورسٽين ۾ هوندي هئي. اها هر جاءِ تي ۽ عام جام ٿي رهي آهي. اسان جي دلي ۽ ذهني ايمانداري ختم ٿي رهي آهي.
    اڳي ڪجهه آفيسر رشوتون وٺندا هئا، هينئر اهو رواج هر جاءِ تي ۽ عام جام آهي، واپاريءَ کان ڪاموري تائين، لکاري کان خبر ڏيندڙن تائين رشوت کي پڻ مهذب ڪري ان جو نالو ”خرچي“ ڪميشن، مٺائي رکيو ويو آهي. جتي دنيا جديد ٿي وئي آهي. اتي انسان جو اندر ڪٽجي رهيو آهي. ماڻهوءَ جي من ۾ ڀڃ ڊاهه ٿي رهي آهي. انسان جي اندر جي بوءِ عام ٿي رهي آهي، نيڪيون ۽ چڱايون ختم ٿي رهيون آهن.
    اهو انسان، جيڪو اڳ درندهه ۽ ازدها پاليندو هو، ان کي اهو يقين هوندو هو ته هي پاليل درندو (بلا) کيس نقصان نه ڏيندو پر اڄ اهو ئي انسان پنهنجي ئي نسل کان نقصان کائي رهيو آهي. ۽ ماڻهو پنهنجي ئي فطرت ۾ اهي سڀ درنده ۽ بلائون سانڍي ۽ پالي رکيون ويٺو آهي. جنهن جا مثال ۽ مظاهرا روز ٿين ٿا. سڄو ڪم هڪ اشاري تي هلي پيو، ڪنهن جو پٽڪو لاهڻو آهي ته اهڙو مواد ڳوليو پيو وڃي، ڪنهن کي هيرو بڻائڻو آهي ته دنيا جي عظيم انسانن جا حوالا ڏئي مڙس مٿي ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو سڄو ڪم اسان جو لکاري لڏو ڪري رهيو آهي، محض ٿوري ”دش ڪش“ عيوض، ڀلا جيڪڏهن ماڻهوءَ جا افعال چڱا نه هجن ته ان جو عمل ته چڱو هئڻ گهرجي، جيڪو به مشڪل ترين ڪم آهي.
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 22 مئي 2008ع)


    رٻڙ جون ڪرڙيون، نانگ ۽ ڇتا ڪتا

    زندگي ۾ اهڙا هزارين موقعا ٿين ٿا، جڏهن اسان سڀني کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ٿو ۽ ياد اچڻ به گهرجي، جو اها زندگي معصوماڻا ۽ فطري ٿئي ٿي، نه ان ۾ شعور ۽ ڏاهپ جو رنگ لڳل ٿئي ٿو، نه ئي ان ۾ ڪا ڪمپوزيشن هجي ٿي. بلڪل سنئين، سڌي ۽ سادي زندگي ٿئي ٿي، جنهن جون معنائون پوءِ شعور ۾ اچي، پنهنجي ڄاڻ ۽ انداز سان ڪڍيون وڃن ٿيون، ننڍپڻ جي زندگي ۾ جيڪا فطري خوبصورتي ٿئي ٿي، ان جو به ڪو جواب ناهي، اسان سڀئي انهن زندگي جي سرنگهن مان پار ٿي، هتي پهتا آهيون ۽ زندگي جي ان ڪارونهوار ۽ سفر ۾ جيتوڻيڪ هينئر ڪافي سهوليتون ۽ بهتري آئي آهي، جيڪا اڳ ممڪن ٿي نه هئي، مثال طور اسان ڳوٺن ۾ رهياسين، اتي بجلي نه هوندي هئي، گيس نه هوندي هئي ۽ سواري جو اهو عالم هوندو هيو ته ڏاند گاڏي يا گهوڙي گاڏي ۾ شهر اچبو هيو، يا گهوڙي تي ويهي سفر ڪبو هيو، گهڻائي ماڻهو ته پنڌ به هلندا هئا۽ اهو سفر جيتوڻيڪ وقت وٺندڙ ضرور هيو پر ماڻهو خوش به ٿيندا هئا ۽ صحتمند به رهندا هيا. جو اڄوڪي سائينس ۾ واڪنگ کي زندگي جي ضرورتن ۾ ضرور شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ٿي، سادا کاڌا ساديون پوشاڪون اڳي اهو اسٽيجنگ جو فن ئي نه هيو، بس ڪپڙو سبيو ۽ پاتو، ڪانئچ جو رواج گهٽ، چولي ۽ پوتڙي جو رواج گهڻو هوندو هيو، اسان اهو به دور ڏٺو جو ڪائنچ (سٿڻ) پائڻ وارن کي ٽوڪيو ويندو هيو، ۽ ان کي ”بڙابابو“ چيو ويندو هيو پر وقت سان گڏوگڏ ماڻهو به مٽجي وڃي ٿو، هينئر ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ پينٽ شرٽ به عام آهي جو نوجوان ڇوڪرا اسڪولن جي ڊريس يا يونيفارم ۾ ٽاءِ به بڌن ٿا. سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ به تعليم ڌنڌو ٿي وئي آهي، ۽ پرائيويٽ اسڪول جي نالن ۾ وڏيون وڏيون ڇپون موجود آهن. جتان ٻار پڙهائڻ هڪ فيشن ۽ رواج ٿي ويو آهي. اهڙي طرح دال روٽي به ترقي ڪئي آهي. ڳوٺن ۾ هينئر وائيٽ ٻوڙ ۽ برياني عام آهي. اڳي ڪڏهن ڪڏهن پلاءُ رڌبو هيو، مٺو ڀت جنهن کي طاهري چيو ويندو هو. رڌجڻ بند ٿي وئي آهي،جيڪا ڳڙ ۾ رڌبي هئي ۽ ان جو پنهنجو ذائقو ۽ مزو هوندو هو، هينئر هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو به وقت جي ضرورت آهي، برابر هاڻي ”روٽ“ ۽ بصريون نٿيون پچجن پر ان جي جاءِ تي هر شئي جي ”رپلسيمينٽ“ ٿي وئي آهي ۽ موجود آهي، هاڻ اهو اوهان تي آهي ته اوهان جو استعمال ڇا جي لاءِ؟ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ مون ڳالهه پئي ڪئي، ننڍپڻ جي ۽ ان وقت جي خوبصورت روائيتن راندين ۽ شين جي مان هينئر جنهن شئي کي ياد ڪريان ٿو، اها آهي ان وقت جي رٻڙ جي ڪرڙي، اڳي جڏهن اسان ننڍا هوندا هياسون، تڏهن مارڪيٽ مان رنگ برنگي ننڍيون رٻڙ جون ”ڪرڙيون“ ملنديون هيون جيڪي ڀت تي، در تي يا دريءَ تي ڪرسي يا ٽيبل تي لڳائي ڇڏبيون هيون، چمبڙائي ڇڏبيون هيون جنهن سان ٻه ڳالهيون مزيدار ٿينديون هيون هڪ ته ماڻهو کي ڏسي اوچتو ڇرڪ نڪري ويندو هيو يا هو ڇرڪ کائي پري ٿي ويندو هيو. ٻيو ته اهي چنبڙيل هجڻ ڪري سهڻيون لڳنديون هيون. اڳين دور جا ماڻهو ڪرڙين کان نه ڊڄندا هئا. هونئن ته نانگن ۽ ڇتن ڪتن کان به نه ڊڄندا هئا. جو ڇتا ڪتا به پنهنجن جو خيال ڪندا هئا ۽ گهر وارن کي نه چڪيندا هيا. هي ته اڄڪلهه جو رواج آهي، جو نانگ به پنهنجي پاليندڙن کي ڏنگين ٿا ۽ ڇتا ڪتا به پنهنجن مالڪن کي چڪين ٿا. ورنه ان کان اڳ اهڙو نه رواج هيو، مون کي اهي رٻڙ جون ڪرڙيون ان ڪري به ياد اچن ٿيون جو اڄڪلهه اسان جي دور ۾ يا ايئن چئجي ته هن دور ۾ هر جاءِ، هر پاسي ۽ هر هنڌ اهڙيون ڪرڙيون چنبڙيل آهن. (چنبڙايون ويون آهن) جن جون مقصد شايد اهو پراڻو آهي ته ماڻهو ڀڄن، ڇرڪن يا وري انهن ديوارن کي قدرتي ڏيک ڏجي اهڙيون شاندار ڪرڙيون اڄڪلهه هر شعبي ۽ فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ سنڌ جي نقشي ۾ سياست هجي، يا ادب، تعليم هجي يا صحافت، شاعري هجي يا موسيقي، مطلب ته اوهان جنهن پاسي به نظر ڦيرائيو، اوهان ماضي جيان رٻڙ جون اهي ڪرڙيون تمام گهڻي تعداد ۾ نظر اينديون.
    بهرحال هي سڀ ڪجهه پنهنجي جاءِ تي اسان مختلف فيلڊن ۾ لڳل/چنبڙايل انهن ڪرڙين کي اها گذارش ضرور ڪنداسين ته اوهان به وقت سان هلو ۽ وقت جي ضرورت کي پنهنجي نظر ۾ رکو، جيتوڻيڪ اسان کي اها به خبر اهي ته اوهان رٻڙ جون ٺهيل آهيو ۽ اوهان کي چنبڙائي وڃڻ وارا هاڻ اوهان کي وڌيڪ چنبڙائي نه سگهندا، پر اوهان جو چنبڙيل هجڻ، اهو احساس ضرور ڏياري ٿو ته هي ڪرڙيون گهڻو وقت هلي نه سگهنديون ۽ نه ئي انهن ۾ زندگي اچڻي آهي، باقي ڇتا ڪتا به پنهنجو ڪم ڪن ٿا. اڳ انهن جي مند ۽ موسم هوندي هئي. اڄڪلهه ڇتا ڪتا به مند ۽ موسم کان آزاد آهن. انهن جون مندون ۽ موسمون به وڌيون آهن. فرق رڳو اهو آهي. ته اڳ جا ڇتا ڪتا پنهنجي مالڪ کان ٽارو ڪندا هئا. پر اڄ ڪلهه جا ڇتا ڪتا، پھريون شڪار يا ٻهڻي پنهنجي مالڪ جي ڪن ٿا.
    (روزانه عوامي آواز ڪراچي سومر 21 اپريل 2010ع)


    اها سنڌ ڪٿي آهي؟

    سنڌ ڌرتي، پيار، ٻاجهه ۽ رحم سان ڀريل آهي. هتي اهو به وقت هيو، جڏهن ڪا سام جهلبي هئي ته ڪنڌ ڪسي ويندو هيو. پر ننگ، وچن ۽ واعدو نه ڇڏبو هيو ۽ توڙ نڀاهبو هيو، ان لاءِ ڪيتريون ئي سختيون برداشت ڪري ، ان سام جو ڀرجهلو ٿيبو هيو ۽ ان کي پناهه ۾ رکبو هيو. هتي اهو به وقت هيو، جڏهن پاڙي، شهر، ڳوٺ ۾، وڏو لحاظ هوندو هو. جڏهن در وٽان مٽبو هيو، تڏهن نگاهون هيٺ ڪري، پاسو جهلي هلبو هيو ۽ نياڻي سياڻي جي وڏي عزت هوندي هئي هر ڇوڪريءَ کي امان ۽ ڀيڻ ڪري چئبو هيو، نه صرف چئبو هيو پر محسوس به ڪرائيبو هيو. ڪيڏو به جهيڙو، تڪرار ۽ خوني معاملو ڇو نه هجي، نياڻيءَ کي تمام گهڻي عزت ۽ مان ڏنو ويندو هيو. ۽ ان کي رئو پارائي، کيس ستن قرآنن جو درجو ڏئي، هر نياڻيءَ کي ست قرآن سمجهيو ويندو هيو، هتي اهو به وقت هيو، جو ڏک، سک ۾ گڏجي ويهبو هيو ۽ اهو محسوس نه ڪرابو هيو ته هي ڏک ڪنهن هو آهي؟ پنهنجو آهي پاڙي وارن جو آهي، هڪ ٻئي کي تڪليف ۾ جاني ۽ مالي سهائتا ۽ ساٿ، ڏبو هيو ڪو فرق ئي نه، ڪو سنڌو ئي نه هن جو ڪم، پنهنجو ڪم ڪري ڪبو هو، ۽ ڪندو هيو هر جاءِ تي ساٿ ۽ ٻانهن ٻيلي، جاني، جسماني ۽ مالي ونگار ، هر ڪو پنهنجو پنهنجو هيو. هتي اهو به وقت هيو جڏهن ڪنهن جي ڪا چوري چڪاري ٿيندي هئي ته سڄو ڳوٺ، پيرا کڻندو، هيو، هر ڪنهن کي هر ٻئي جو اونو ۽ ڳڻتي هوندي هئي ۽ هڪ ٻئي کان پيا جو سهارا وٺبا هيا. ڪاروبار ۽ واپار ۾، پاڙي ۾ ڳوٺ ۾ ڪوڙ نه ڳالهائبو هيو ۽ ڪس ڪسر کائبي هئي ۽ وهنوار ۾ دوکو نه ڪيو ويندو هيو.
    گُڻ ۽ اوگڻ ٻڌايا ويندا هيا. جيڪڏهن ڪو ڍور ڪسو هوندو هيو ته چئبو هيو هن ۾ هي کار آهي. هي نقص آهي، ٻڌائڻ لازمي هوندو هيو، سودو مکياري تي هوندو هيو، پر جيڪڏهن پسند نه آيو ته مال موٽائي وٺبو هيو. پاڙي جو وڏو لحاظ هوندو هيو، ڪنهن جا مهمان آيا، هنڌ، کٽولو ڪونهي، پاڙي وارن کان نوان هنڌ ۽ کٽون وٺبيون هيون ۽ کوٽ سوٽ ۾، ماني به پاڙي وارن کان گهرائبي هئي ۽ هڪ ٻئي جي گهر ڏي چڱو چوکو ٻوڙ، پلاءُ يا ماني به موڪلبي هئي هڪ ٻئي جي گهر ايندا ويندا هيا پر هر فضيلت قائم هوندي هئي، پاڙي اوڙي ۾ رک رکاءُ ۽ رس چس هوندي هئي. هتي اهو به وقت هيو جو پنهنجي ملڪيت، ٻين جي نالي تي به ڪرائبي هئي ۽ اها خريد ڪندڙ جي سڏبي هئي. ڀلي ان جا پونئير ڇو نه هجن. انهن ڪڏهن به رڪارڊ نه ڏٺو، قبضو نه ڪيو ۽ اها دعويٰ نه ڪئي ته هي مال متاع، سندس وڏن جي نالي ۾ لکيل آهي. اڳي ته ائين به ٿيندو هيو ته اوهان خريد ڪريو ۽ ڀلي پنهنجي نالي تي نه ڪرايو، جو ان وقت ملڪيت منتقل ڪرڻ لاءِ به هڪ وڏو پروسس هوندو هيو، تپيدار، مختيارڪار، ڊي سي ۽ پوءِ رجسٽرار، هر پاسي پنهنجو ڀتو ۽ قيمت چئي ملڪيت ٿو وٺين، مٺائي ڪڍ، برڪت پوندئي ۽ پوءِ ان برڪت جي آسري ۽ سهاري، مڙس جو کيسو پيو سوڙهو ٿيندو ويندو هيو ان ڪري ان سرڪاري ماڻهن جي آفيسن جا ڌڪا ۽ ٿاٻا کائڻ کان بچڻ لاءِ ماڻهو پنهنجي نالي ڪرائڻ واري فارملٽي ۾ نه پوندا هيا ۽ خريد ڪرڻ کان پوءِ ان جا مالڪ ٿي ويندا هيا. هتي اهو به وقت هيو، جڏهن ڪنهن چوري ڪيل مال جي خبر پئي ۽ چار چڱا گڏ ٿيا، ته اهو مان ڏنڊ ڏوهه سان موٽائي ڏبو هيو، رات جو ڳوٺن ۾ وڏو مچ ٻرندو هيو ۽ وڏيون ڪچهريون لڳنديون هيون، هڪ ٻئي سان حال احوال ، مال متاع جون ڳالهيون، راڄ ۽ تر جا بيان ۽ لطيفا ۽ راڳ، کل ڀوڳ، چرچا، محبتون، گارگند پر سڀ کلندي ٿيندو هيو ۽ انهن ڪچهرين ۾ سچ پچ ورونهن هوندي هئي، سونهن هوندي هئي، همدردي، پيار، پاٻوهه هوندو هيو، اهڙين ڪچهرين ۾ رشتا طئي ٿيندا هئا، نٿون ٻڌبيون هيون، شرطون لڳنديون هيون ۽ مالي سودا ٿيندا هيا، مڙس جي زبان هڪ، جيڪا ٿي وئي، سا ٿي وئي، پوئتي هٽڻ مهڻو ۽ گار هوندي هئي پوءِ ڀلي نفعو هجي يا نقصان، هر شيءِ طئي ٿي ويندي هئي ۽ ڪيل ڳالهه تان ڪڏهن به نه ڦربو هيو. همدردي ۽ ڪمٽمنٽ جو اهو انداز ته پاڻيءَ جي واري تي وڃبو هيو ته ٻئي جو ٽڪرو ڀرائي اچبو هيو. ڳاهه ڳاهڻو هوندو هيو ته ونگار ۾ وڃبو هيو، وکر ۽ ان کي شهر کڻي وڃڻو هوندو هيو ته ڀر واري جي بيگر به کڻبي هئي، آئي وئي، هڪ ٻئي جي مدد ۽ پئسا، ان حد تائين ته شادي برادرين تي هڪ ٻئي جو سون به پائبو هيو ۽ جي ڪا کوٽ ٿي ته پاڙي وارن کان وٺي ڏيڀ ڏبو هيو نه ڪا چغلي نه ڪا ٽوڪ ۽ نه ئي ڪا فشري ڪبي هئي. دل جا راز دل ۾، ڪيتريون ڳالهيون مرڻ گهڙي نه ٻڌائيبيون هيون، بليڪ ميلنگ جو شعور ئي نه هوندو هيو، هڪ ٻئي تي اعتماد ۽ ڀروسو، جيڪڏهن سفر سيهي سان ٻئي شهر وڃبو هو ته ان جي پرواهه ئي نه هوندي هئي ته ڪو گهر ۾ آهي يا نه؟ ۽ سار سنڀال به انهن جي ذمي هوندي هئي. جيسين ڪو گهر ۾ نوڪر يا چاڪر، ٻار يا ماڻهو رهيل هوندو هو، ته ٽئي ويلا ماني به پاڙي مان ملندو هئي. ۽ ان جي سار سنڀال به لهبي هئي. گهر ۾ ڪا شيءِ کٽي، گيهه، پٽاٽا، بصر، کير، کنڊ بنا ڪنهن تڪلف ۽ جهجڪ جي پاڙي مان وٺبو هو ۽ موٽ ۾ پليٽ خالي موڪلڻ مهڻو هوندو هو. ڪجهه نه ڪجهه آسيس، سوکڙي ويندي هئي، شهر مان ڪجهه وٺي اچبو هو ته پاڙي ۾ موڪلبو هو. گهر جو سڄو سامان سڀني جي حوالي هوندو هو. در تي ڪجهه ٿيندو هو ته اهو سڄي پاڙي جو مسئلو هوندو هو، جنهن ۾ ذات، پات، نسل ۽ مذهب جو ڪو به عمل دخل نه هو. بس جنهن شيءِ کي اهميت هئي اهو هو پاڙو ۽ پاڙي وارن جي ڪاوڙ، ناجائزي ۽ ڀاءُ وچ ۾ پڻ اختلاف ٿيندا هئا ته حق سچ جو ساٿ ڏبو هو. بيماري بڙي ۾، هڪٻئي جي پرگهور، پڇڻ ۽ آٿت ڏبي هئي، شل نه ڪو اسپتال داخل ٿئي، سڄو ڳوٺ پڇڻ ويندو هو ۽ ان کي پنهنجو فرض سمجهندو هو، جنهن ۾ مالي مدد ڪرڻ به شامل هوندي هئي. هڪ ٻئي جي بدلي ۾ نه صرف پلئه وٺبو هيو پر ڪوڙي شاهدي به ڏبي هئي ۽ هر ڪم صلاح ثواب سان ڪبو هو، جڏهن ڪنهن کي اڃ لڳندي هئي ته هو پهريائين پاڻيءَ جو گلاس ڀرواري کي ڏيندو هو ۽ سڀني کي پاڻي پياري پوءِ پاڻ پيئندو هو. دروازي مان پهرين ٻين کي هلڻ لاءِ چئبو هو ۽ آخر پاڻ هلبو هو. اهڙو قرب، مروت ءٌ لحاظ هوندو هو جو هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ ۽ ان جو خيال رکڻ زندگيءَ جو اول ۽ آخر نڪتو هوندو هو.
    ڳوٺن ۾ جڏهن ڪو مهمان ايندو هو ته هر ڪو چوندو هو ته هو سندس اوطاق ۾ رهي، ماني ٽڪي، هنڌ بندوبست سڀ ميزبان جي حوالي. پوءِ اها ان مهمان جي مرضي هوندي هئي ته هو ڪڏهن ٿو وڃي. ميزبان ڪڏهن به هن کي نه چوندو ته وڃ، ڀلي گهر ۾ پاڻ رکو سکو کائيندو، پر مهمان جي ماني چڱي هوندي. مکڻ، کير، ڀاڄي، ماکي، هر شيءِ گهڻي هوندي هئي. ان مهمان جا ڪپڙا گهران ڌوئاربا هئا، مطلب ته مهمان نوازي بي انتها رستي ايندي ويندي سواري تي مسافر کي کڻي، سندس منزل تي پهچائبو هو. دڪان يا هٽ تان جڏهن سودو سامان وٺبو هو تڏهن منافعو گهٽ ۽ رعايت گهڻي ملندي هئي ۽ اويل سويل ۾ رک رکت پنهنجي جاءِ تي رڳو نياپو موڪلبو هو يا ڪنهن ٻار کي چئبو هو. سڄو سامان اچي ويندو هو ۽ ايمانداري سان ان جو بل ڏبو هو جو شڪ ڪرڻ وڏو گناهه سمجهيو ويندو هو. ڀائرن ۽ برادري کي ننڍي وڏي ڳالهه تي، جلدي ٺاهي ڇڏبو هو. ڪورٽ ڪچهريون اڳ به هونديون هيون. پر پاڻ ۾ مسئلا ويهي حل ڪبا هئا. هي وڪيلن جو ڪاروبار ۽ ڊاڪٽري سرٽيفڪيٽن جو وهنوار بلڪل نه هوندو هو. استاد شاگرد هئا ءٌ وري شاگرد به انهن کي سرعام، پيرين پئي ملندا هئا. اها عزت ۽ احترام قابل ديد هوندو هو. ڪنهن وڏي سڏي وچ م پئي جي ڪجهه چيو ته ماٺ ڪري وڃبي هئي، چپ ٿي وڃبو هو ۽ وڏن جو احترام ۽ چوڻ وٺبو هو. صوفين واري سنڌ ۾ نياز نوڙت ۽ پيار هوندو هو. اڄ انساني وسيلا وڌيا آهن، سماجي طور تمام گهڻي ترقي ٿي آهي. ٽيڪنالاجي سڀ سهولتون پيدا ڪيون آهن، تعليم ڦهلي آهي، اسڪول، ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون وڌيون آهن. دنيا ننڍڙو ڳوٺ ٿي وئي آهي. انساني پورهيو ۽ مشقت گهٽي آهي. نيون جنسون ۽ نوان نمونا پيدا ٿيا آهن. سفر جون سهولتون ۽ ڪميونيڪيشن تمام عام ٿي وئي آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي بدولت هينئر پلن ۾ رابطا ٿي رهيا، آهن، ڄاڻ جا ذريعا وڌيا آهن ۽ انسان پنهنجي مڪمل اوج واري دور ۾ اسان جو تاريخي ورثو ۽ شاندار عمل ڪيترو پوئتي ٿي ويو آهي. اهو اوهان پاڻ ڏسو ۽ محسوس ڪريو ۽ جواب ڏيو ته اها سنڌ ڪٿي آهي؟؟
    (روزانه خبرون ڪراچي، خميس 8 مارچ 2007ع)


    کدڙا فقير ۽ باب وولمر

    ڄامشورو، هونئن ته علم ۽ ادب لاءِ مشهور آهي. جنهن ۾ ميڊيڪل، انسٽيٽيوٽ انجيئرنگ ۽ سنڌ نالي يونيوسٽيون آهن. ۽ هي شهر نه صرف يونيورسٽن جي ڪري ملڪان ملڪ مشهور آهي. پر هتي سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ آف سنڌ الاجي به آهن. هتي ڊزائين ۽ آرٽ جا شعبا به آهن جن ۾ سنڌ جي با شعور ماڻهن سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ملڪن جا پرڏيهي شاگرد به پڙهن ٿا. ڄامشورو سان اسڪالرن، شاعرن، اديبن، محفقن، تعليمي ماهرن ۽ هنر مندن جو به هڪ وڏو حوالو آهي. ۽ ان ڄامشورو جي بدولت، اڄ اسين سڀ ان قابل ٿيا آهيون ته پڙهي به سگهيون ٿا ۽ لکي به سگهون ٿا ۽ ڪٿي ڪچو ڦڪو ڳالهائي به سگهون ٿا.
    ڄامشورو جي حوالي سان شاعرن تمام گهڻي بي نام ۽ نالي واري شاعري به ڪئي آهي.. سرمئيءَ شامن ۽ گلابي هوائن واري هن شهر ۾، ڪيترائي خواب پليا ۽ ڪيترائي سپنا گُهٽيا آهن. اڳي هتي هڪ ننڍڙو ڦاٽڪ هوندو هيو. اڄ اتي چڱو خاصو شهر ٿي ويو آهي. جنهن ۾ مين بازار به آهي. ته نيون اڏجندڙ ڪالونيون به چوٽان چوٽ آهن. جيتوڻيڪ هينئر هي مين روڊ نه رهيو آهي. پر هن جو اڄ به ساڳيو ئي سحر آهي.
    ان ڄامشوري سان. مون جيان ڪيترن جون يادون به واڳيل آهن. ته ماضيءَ جا اهي سڀ حسين ارمان جيڪي ڪن جا پورا ٿيا ۽ ڪن جا پورا نه ٿي سگهيا ۽ پورا ٿي ويا. شهر قائم رهن ٿا. وڌن ويجهن ٿا. پر دلين جا ڪيترا ائين گهرڀريا ٺهيا، اڏيان ۽ ويران ٿي ويا. ان ڄامشوري ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي. ايڏي ترقي ٿي، جو اڄ اتي، کدڙن فقيرن جا ملڪي فنڪشن به ٿين ٿا. جنهن ۾ لاهور، پشاور، بلوچستان ۽ سڄي سنڌ مان کدڙا اچن ٿا. ۽ پنهنجي گرو، ياسمين جي سالگرهه ڄامشورو ۾ ملهائين ٿا.
    مان حيران ٿي ويو آهيان. ڏاڍو پريشان آهيان. صفا وائڙو ٿي ويو آهيان ته هتي ڄامشوري ترقي ڪئي آهي يا کدڙن؟ جو هتي کدڙا ايترا ته مضبوط ٿي ويا آهن. جو هو سڄي ملڪ مان هتي اچن ٿا. ۽ پنهنجي اڳواڻ عرف گرو ياسمين جي سالگرهه ڏاڍي ڌوم ڌام سان ملهائين ٿا. سنڌ ۾ کدڙن جو هي هڪ نئون آستانو وجود ۾ آيو آهي. جيڪو ظاهر آهي ته ڄامشورو جي سرهي هوائن ۽ جوڀن ۾. اڃان وڌيڪ وڌندو. جو هتي هر شئي وڌندي ڏٺي وئي آهي. مون کي اها به خبر ناهي ته ان جو دائرو ڪيستائين وڌيو آهي؟ ۽ ان جو اثر يونيورسٽين جي هن شهر جي ڪھڙن شعبن تائين آيو آهي؟
    هونئن به هر شعبي ۾، خبر ناهي هن جنس کي چاهڻ وارا، ۽ ان جا حامي ڪيترا هوندا؟ پر سوال اهو به آهي ته کدڙا پاڻ چئون ڪنهن کي ٿا؟ ڏٺو وڃي ته هڪ ته فطري کدڙا ٿين ٿا، جيڪي ويچارا اڻپورا آهن. ٻيا وري شوقيه کدڙا ٿين ٿا. جيڪي سڀ ڪجهه هوندي به کدڙن کان متاثر ٿي، کدڙا ٿين ٿا. يا وري انهن کي ان پاسي ايندي ڪافي سهولتون. مراعتون ۽ رعايتون ڏنيون وڃن ٿيون. اڳي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، هتي کدڙا به نه ايندا هيا ۽ ان وقت ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مڙس ماڻهن جو زور هوندو هيو ۽ گهڻو ڪري هتي سڀ مڙس ماڻهو ئي رهندا هئا. ۽ پوءِ ڀتيون اڀيون ٿيون، بسون روڪيون ويون ۽ آهستي آهستي رڪشن جي ترقي سان، هتي کدڙن به ترقي ڪئي. بحرحال هڪڙا ته جنسي کدڙا ٿين ٿا. جن پنهنجي گروءَ جي سالگرهه ملهائڻ جي همت ڪئي. هنن جي رواج ۾ گروءَ جي پوڙهي ٿيڻ تي کيس سمورو خرچ پکو ڏنو وڃي ٿو ۽ هو تحفي ۾ هڪٻئي کي ميڪ اپ، چوڙيون ۽ سينڊلون ڏيندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته هينئر ڪيترائي مڙس ماڻهو، سينڊلون ڏيڻ بجاءِ کائين ٿا. پر هينئر هن ڪئمپس ۾ مختلف جاين تي ويٺل همراهه، هنن کان به چٽ آهن، ۽ کدڙا گروپ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن وقت جو هي سلسلو ائين جاري رهيو ته پوءِ اهو سڃاڻڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو ته ڪير مڙس ماڻهو آهي ۽ ڪير کدڙو؟؟ جو گهڻي ڀاڱي تاڙين وڄائڻ جو انداز ساڳيو ئي آهي. هڪڙا سڀني سامهون اچي نچن ٿا ۽ ٻيا آفيس ۾ جهمريون وجهن ٿا ۽ باقي سينسر ڪيون ٿا.
    هي پروگرام جيڪو 13 مارچ 2007ع جي اخبارن ۾، بهتر انداز ۾ ڇپيو. هونئن به اخبارون يا ته اهڙا پروگرام تصويرن ۽ ڪئپشن سان ڇپينديون آهن، يا گهران نڪري پيار جو پرڻو ڪندڙن کي ڪوريج ملندي آهي. سياسي پارٽين جا بيان ته هنن جي مجبوري آهي. جو ورنه فون تي ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل راڳ ٻڌن ٿا. باقي ويچارا اديب ۽ ادبي ادارا، سي ڪڏهن ڪيئن؟ ته ڪڏهن ڪيئن؟ جو انهن ۾ رپورٽرن جي پنهنجي ٻي ڌر به شامل هجي ٿي. سچ پڇو ته ملڪ ۾ هن کدڙا ڪلچر کي وڌندو ڏسي، سڀني سان گڏوگڏ اسان به خوش آهيون. جو اهڙن پروگرامن ۾ نوجوانن کي سستا فوٽو ۽ سستيون خوشيون ملن ٿيون. بئنڪاڪ جي شهر پتيا ۾، کدڙن جا شو ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان ماڻهو اچن ٿا ۽ پوءِ ڪجهه ڀات (سڪو) ڏئي اهي به پنهنجا فوٽو ڪڍائين ٿا جيئن ڄامشورو ۾ جيڪو لڪاءُ پروان چڙهي رهيو آهي. اهو به هڪ تاريخي موقعو آهي. جو سنڌ جي شهرن ۾ اڳي کدڙن جون مڏيون تمام گهٽ ۽ خفيه هونديون هيون. پر هينئر حيدرآباد جي کدڙن جي کدڙا گليءَ وانگر سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اهي گليون کلي ويون آهن، جنهن ۾ ڪراچيءَ جي بوٽ بيسن ۽ صدر وارا علائقا، سکر ۾ ۽ لاڙڪاڻي جي اسٽيشن روڊ تي ته اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪو ٻڌائڻ ۾ به شرم ٿو اچي اهو ئي سبب آهي جو سڄي سنڌ ۾، لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد تمام گهڻو آهي. پر اسين سڀئي ان سماجي ڪم کان غافل آهيون ۽ صرف ۽ صرف پنهنجي حصي جون تاڙيون ٿا وڄايون. ڄامشورو ۾، کدڙن جي ان محفل ۾، شهر جي ڪيترين ئي معززن، استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي ۽ ان محفل ۾ شريڪ ٿي ان جي رونقن ۾ اضافو ڪيو.
    ورلڊ ڪپ مان آئرلينڊ هٿان شڪست کائڻ کان پوءِ، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي، سڀ کان وڌيڪ تنقيد شروع ٿي وئي آهي ۽ ان تنقيد ۾، جنهن ماڻهوءَ کي نشانو بڻايو ويو. اهو هو باب وولمر، ٽيم جو ڪوچ، پشاور وارن ته ان کي ڇڪيو ۽ سڄو ڏينهن مختلف چينلن تي اهو ڪم هلندو رهيو. تان جو اها خبر آئي ته باب وولمر وفات ڪري ويو.
    چيو ويو آهي ته جميڪا جي شهر ڪنگسٽن جي هوٽل ۾، هو بيهوش مليو جنهن کي علاج لاءِ اسپتال آندو ويو، ۽ اتي ڊاڪٽرن چيو ته هي مري چڪو آهي. هڪ خبر اها به هئي ته هن جي نڪ مان رت وهي رهيو آهي ۽ هن الٽيون به ڪيون، ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته هن کي ڊائريا به هئي. حقيقت ڇا آهي؟ پر آخر ۾ اهو به چيو پيو وڃي ته هن کي دل جو دورو پيو هيو.
    ان کانپوءِ وري ساڳيا چئنل، هن جي تعريف ۾ شروع ٿي ويا. واهه جو ماڻهو هيو، هن خدمت ڪئي. هن هي ڪيو، هن هُو ڪيو ۽ مان هڪ دفعو ٻيهر حيران ٿي ويس ته هاڻي ميڊيا پنهنجو ريورس گيئر هنيو آهي. ۽ گهڻي وقت کانپوءِ ميڊيا جو هي ريورس گيئر هليو. هونئن به اسان جي ملڪ ۾، تمام گهڻا ريورس گيئر لڳندا آهن جو اسان سڀ ڪم، ڪنهن جي اشاري تي ڪندا آهيون، ته اسان جا ڪنڌ لڏندا آهن وات هلندا آهن ۽ پير چرندا آهن. هي سسٽم هر جاءِ تي آهي.
    ميڊيا ۾ ڪرڪيٽ جي خراب ڪارڪردگيءَ تي جيڪا تنقيد ٿي رهي آهي. اها ان مان اميد هئي، ڪهڙي نئين ڳالهه ٿي آهي؟ ۽ نه ئي ڪو ان کي پنهنجي ناڪامي سمجهي ٿو. هتي ته پلاننگ به رولنگ ۾ ٿيندي آهي. اهڙي ماحول ۾ هر ڪو پنهنجي ڪرسيءَ سان چنبڙي پيو هوندو آهي. جو ان ۾ پئسو، اسٽيٽس ۽ لئه به آهي. هونئن به اسان پنهنجون ذميواريون قبولڻ لاءِ تيار نه هوندا آهيون. پر نڀاهڻ به چاهيندا آهيون. مثال وسيم باري کي ناڪاميءَ کانپوءِ چيو ويو ته هتي استعيفيٰ ڏيڻ جو رواج ڪونهي. تان جو وڃي ڇڪي ٻاهر ڪڍجي. پر معاملو سمجهڻ ۾ دير ٿئي ٿي ۽ هن سماج جو اهو وڏو الميو آهي ته هتي ڪو به پنهنجي ذميواري نٿو قبولي. ۽ هر ڪو پنهنجو بار ٻي جي ڪُلهي تي رکڻ لاءِ تيار آهي. گروپنگ ۽ لابنگ جي هن ماحول ۾، ڏنو وڃي ٿو ته اسان پنهنجون اخلاقي ذميواريون پڻ وڃائي رهيا آهيون ۽ اهڙو ماحول هڪ جاءِ تي نه، پر هر جاءِ تي جڙي رهيو آهي ۽ هتي هر ماڻهو ”ٽائيم پاس “ ٿو ڪري. قومن لاءِ اهڙو وقت زوال پذير هوندا آهي. ۽ هي جيڪو قومي زوال اچي رهيو آهي ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ اسان کي ڌيان ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ پاڻي سر مٿان گذري ويندو ۽ اسان سڀ ڪجهه ڏسندي به، ڪجهه نه ڪري سگهنداسين.
    هينئر ميڊيا تي اهو تاثر پيو ڏنو وڃي ته باب وولمر شڪست جو صدمو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ ان صدمي ۾ هو گذاري ويو. حالانڪه هو هڪ ڪوچ هيو، ۽ هن جو هن ملڪ سان به تعلق نه هيو، پر هيءَ ڳالهه جيڪڏهن صحيح آهي ته پوءِ وڌيڪ افسوس ٿئي ٿو. هن ملڪ جون مراعتون وٺندڙ، ڪرڪيٽ جي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ٽيم هلائيندڙن کي ان شڪست جو ڪو احساس نه هيو. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ انهن مان ڪيترن ئي ماڻهن کي مرڻ کپندو هيو. جو هن شڪست انهن جي آهي پر اهي اڻپوري ٽريننگ به هئي، جن ٽيم کي هن جاءِ پهچايو. اها شڪست انهن جي آهي پر اُهي هارائڻ کانپوءِ اڃان وڌيڪ ٿلها ٿي ويا آهن ۽ انهن جي منهن تي وڌيڪ سرهائي محسوس ڪئي پئي وڃي. انهن جا ڀلي ڪھڙا به سبب هجن، پر ميڊيا تي ڪٿي به، ڪنهن به ذميواري ۽ رانديگر پنهنجي شرمندگيءَ جو اظهار نه ڪيوآهي. نه ئي انهن مان ڪنهن پنهنجي ڪوتاهيءَ جو اقرار ڪندي، ذميواري قبولي آهي. ان حالت ۾، جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته باب وولمر کي ٽيم جي شڪست جي ڪري، صدمو پهتو ۽ هو ان صدمي ۾ فوت ٿي ويو. ته پوءِ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي، ته سڄي ٽيم ۽ بورڊ ۾، هڪ ئي غيرتمند شخص هو، جيڪو پريشان ٿيو، شرمسار ٿيو ۽ هو ايڏي وڏي صدمي ۽ رنج کي برداشت ڪري نه سگهيو، ۽ ان ڳڻتيءَ ۾ فوت ٿي ويو. ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه ڊاڪٽر نسيم اشرف قوم کان معافي ورتي آهي ۽ استعيفيٰ ڏني آهي ۽ انضمام الحق رٽائر ٿي ويو آهي. ڀلا جيڪڏهن ٽيم ان قابل به ڪانهي ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آيل نئين ٽيم کان به هارائي ته پوءِ ان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ انهن رانديگرن کي قائم رکڻ مان ڪھڙو فائدو آهي؟ بهتر آهي ته ڪجهه سالن اندر نئين ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهي هنن ارب پتي ڪرڪيٽرن مان جند ڇڏائي، هڪ نئين ۽ بهتر ٽيم جوڙڻ گهرجي، ۽ هنن جي خراب ڪارڪردگيءَ جو ڇيد ڪري، انهن کان حساب ورتو وڃي.
    (روزانه خبرون ڪراچي خميس 22 مارچ 2007ع)


    ايزي لوڊ ۽ ايزي لوڌ

    سائنس ڪھڙي رفتار سان ۽ ڪيتري ترقي ڪئي آهي! اها ماپي ۽ ڏسي سگهجي ٿي. پر ايزي لوڊ جيڪا ترقي ڪئي آهي، اها پوشيده به آهي ۽ ظاهر به، هينئر ايزي لوڊ هڪ وڏي گروپ ۽ مافيا ٿي ويو آهي، جنهن ۾ اسان سڀئي ان جا شڪار ٿيا هونداسين يا ٿي رهيا آهيون. وڏي ڳالهه ته نه هتي عمر هلي ٿي نه شان ۽ شوڪت، نه حيثيت يا دٻدٻو نه ڪا جنس يا قوم، بس هڪ پوائنٽ آهي ته اوهان ڪٿي ٿا ڦاسو ۽ ڪڏهن ٿا ڦاسو؟
    ”ايزي لوڊ“ جو جهٽڪو اوهان کي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به لڳي سگهي ٿو، ان لاءِ وقت ۽ ويلي جي ضرورت ئي ناهي، مونکي ذاتي طور دنيا جو اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي جو فرمائش ڪندڙ جو رڳو هڪ لفظ يا حڪم هوندو آهي. ”ايزي لوڊ “ ته جلدي ڪراءِ!!
    هاڻي ان کي اها خبر ئي ناهي ته اڳلو ڪھڙي حال ۾ آهي! ڪٿي آهي! ڪھڙي ڪم سان آهي! ”ايزي لوڊ“ وارو هن جي ڀرسان به آهي يا نه! ان سان ڪنهن جو ڪوئي واسطو ناهي. ڳالهه بس هڪ ئي آهي. ايزي لوڊ ڪراءِ“ ۽ جلدي ڪراءِ- هن ايزي لوڊ گروپ ۾ گهڻائي ته خواتين جي هوندي آهي، جن جو حڪم ٽاري ئي نٿو سگهجي. جو هر ڪنهن کي پنهنجي عزت پياري آهي، ٻيو ته انهن مٿان حڪم ڪندڙن شخصيتن جون جن جي داٻي ۽ دٻدٻي ڇپر ۽ ڇانوَ ۾، ڪم ڪجي ٿو، جو جواب جو تڪڙو نه ملڻ معنيٰ نوڪري خطري ۾ يا ”ويجهڙائيءَ“ کي نقصان- ٽيون اهو گروپ آهي، جنهن ۾ توهان جو ڪم آهي يا جنهن کي اوهان ڪم چيو آهي ته فلاڻي کي منهنجي پارت ڪريو يا فون ڪريو. هاڻي جيڪڏهن اوهان ”ايزي لوڊ“ نٿا ڪرايو ته پوءِ اوهان ڄڻ ته پنهنجي ڪم کان پاڻ ٿا نٽايو، ۽ اوهان ان ۾ پاڻ دلچسپي ئي نٿا وٺون. ان لاءِ جلدي جلدي ۽ تڪڙو تڪڙو اوهان کي ”ايزي لوڊ“ ڪرائڻو آهي. اِهي ۽ اهڙا ته سڀ ”معمول زندگي“ آهن. پر اوهان کي صحيح معنيٰ ۾ .ايزي لوڊ“ جو ڌڪ تڏهن لڳندو، جڏهن ڪو ” ڪمهلو“ اوهان کي چوندو ته تڪڙ ڪر مون کي فلاڻي سان ڳالهائڻو آهي. جلدي ”ايزي لوڊ“ ڪراءِ، هاڻي ايئن اوهان کي حڪم جي تڪميل ڪرڻي آهي. وڃي ڪارڊ وٺو يا ايزي لوڊ آئوٽ ليٽ ڳالهايندا وڃو. هي هڪ وهنوار ٿي ويو آهي. آفيسر ماتحت عهدي وارن کي اهڙي فرمائش ڪرڻ جو هڪ عام ۽ رواجي معمول بڻجي ويو آهي. مون کي اها خبر ناهي ته اسان جا اخباري نمائندا به ان ڪم ۾ موجود آهن يا اُهي ان کان آجا آهن؟ اها خبر ته کاڌن کي هوندي، باقي آهيون ته سڀ انسان ۽ اسان جون عادتون ۽ افعال ساڳيا آهن.
    مان اهڙا ۽ ايترا کوڙ سارا مثال ذاتي طور ڏئي سگهان ٿو، مثال طور: مون کي ڪنهن سان ضروري ڳالهائڻو آهي، هيترن پئسن جو ”ايزي لوڊ“ موڪل. عرض ڪيم قبلا دڪان بند ٿي چڪا آهن، هن مهل اهو ڪم ممڪن ناهي، وڃي ڪو دڪان کولراءِ، چيم اهو به ممڪن ناهي، اوهان ڪنهن وڏي شهر جي ڪلائنٽ سان رابطو ڪريو، ۽ پوءِ بس اهو ڏينهن اڄوڪو ڏانهن ڳالهه ٻولهه ٿئي بند، ٻيو واقعو آهي، صبح سوير فون آيو، جلدي ڪر“ ايزي لوڊ موڪل جو اڄ ۽ هاڻي ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي. جواب مليو، موڪلين ٿو يا نه؟ چيم هينئر ممڪن ناهي، پريان کان آواز آيو، خدا حافظ اڄ کانپوءِ توسان ڪو به واسطو ناهي. چيم: ماشاءالله ۽ پوءِ ڪو واسطو ئي نه رهيو، هڪ ڏينهن هڪ خوبصورت فون آيو، ڪڏهن ڪڏهن فون به خوبصورت ٿيندا ۽ ايندا آهن ” ڇا ٿو ڪرين؟“ چيم: آفيس ۾ ويٺو آهيان“ هي بل جا نمبر موڪلي رهي آهيا، اهو موبائيل تان پياري ڇڏ“ ۽ جڏهن ڏٺم ته اهي بل بجلي، گئس، فون ۽ سندس بل واري موبائيل جا هيا، جيڪي 40 هزارن جا هيا. ٻيهر فون ڪيم ته ايترا پئسا ڪونهن، جواب مليو اهو منهنجو مسئلو ئي ناهي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن بل مون نه پياريو ۽ وري ڪو واسطو ئي نه رهيو.
    هن ايزي لوڊ ماتحن کي تمام گهڻو بگاڙي ڇڏيو آهي ۽ تمام گهڻن ماڻهن کي پنهنجي پئسن تي موبائل فون تان ڳالهائڻ جو رواج ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ مختلف پيڪيجن ماڻهن کي سهولتن وارو بڻايو آهي. پر موبائيل کان هر شيءِ جي پيمينٽ ٿيڻ ڪري هاڻي هن ايزي لوڊ هڪ عام رشوت ۽ واپار ٿي ويو آهي. جيڪو سوسائٽي ۾ هڪ عام ۽ روز جو معمول بڻيل آهي. ان اڃا وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. ايزي لوڊ کان اڃا وڌيڪ ظلم اهو به آهي ته جيڪڏهن اوهان وٽ سٺو ڪو موبائيل سيٽ آهي ۽ اوهان ”وس واري“ وٽ ويا آهيو، ان کي اوهان جو سيٽ پسند آيو، اوهان کي چيو ويندو ”فون ته ڏيکار“ اوهان فون ڏيندا ۽ پوءِ اها فوري طور ڏسڻ واري جي کيسي ۾ هلي ويندي. چيو ويندو ”مهرباني، اوهان ٻي وٺجو“ اوهان هڪاوکا ٿي ويندا. عرض ڪندا ته ان ۾ اوهان جا نمبر سيو ”محفوظ“ ٿيل آهن، ته جواب ملندو ”اهڙو سيٽ ٻيو وٺي اچ. هي کڻي وڃ“
    ۽ ايئن ئي ٿيندو جو گهر جي ڀاتين ٻارن ٻچن ۽ دوست سهيلين کي سٺا سيٽ ڏيڻا آهن. ڦرائيندڙ، پنهنجي ناتن ۽ رشتن کي مضبوط ڪندو ۽ ان جو فائدو پنهنجي محڪمي مان فوري طور حاصل ڪندو جو اها ۽ اهڙي ويجهڙائي وڌيڪ نقصانڪار ناهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ هينئر ”ايزي لوڊ“ گروپ ته صرف وڌي رهيو آهي. پر مقبول عام به ٿي رهيو آهي، جنهن کي ”ايزي لوڊ“ چئجي ته وڌيڪ مناسب آهي. ٻئي پاسي هڪ ٻيو گروپ ”ايزي لوڌ“ نالي سان عام ٿيو آهي، جنهن به سماج ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، ان گروپ پنهنجي ارتقائي عمل ۾ ڪميشن ايجنٽ مان پنهنجو نالو مٽائي هاڻي ”ايزي لوڊ“ رکيو آهي، جيڪو به ايزي لوڊ کان وڌيڪ متاثر آهي. اوهان جو ڪوبه ڪم ڪرڻو آهي، ڪنهن ۾ به ڪم آهي ۽ ڪھڙو به ڪم آهي. يعني نوڪري، بدلي، ٺيڪو، ڪاروهنوار سڀ اوهان جي دروازي تي، بس هڪ ڪم ڪرڻو آهي، ته اوهان پنهنجا معاملا ٺيڪ ڪيو ۽ طئي ڪيو، پوءِ اوهان گهر سمهي رهو. سڀ ڪجهه ٿي ويندو ۽ اوها جي در تائين پهچي ويندو.
    چون ٿا ته انصاف اهو جيڪو ٿيندو نظر اچي. هي به ڪم اهو، جيڪو ٿيندو نظر اچي. هن ”ايزي لوڊ“ ۾ وڏا وڏا اصل تمام وڏا نالا آهن، ٻيو گروپ اُنهن جو پاڇو ۽ ٽيون گروپ انهن جو ”بچيل“ يعني ”جوٺو“ آهي، بس اوهان کي هڪ صلاح ضرور ڏبي ته ڏسي وائسي هٿ وجهجو جو ان گروپ ۾ ڦرڻا گهرڻا وڏي انگ ۾ موجود آهن. بهرحال هڪ ڳالهه طئي آهي ته ”ايزي لوڊ“ ۽ ”ايزي لوڌ“ تمام گهڻو مقبول آهي ۽ عام آهن. وڌيڪ سچ ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو.
    (روزانه عوامي آواز ڪراچي اربع 8 جنوري 2014ع)


    هور وي آگي

    طارق روڊ ڪراچيءَ تي پاڪستان رينجرس جي طرفان لڳل سوات جي متاثرين لاءِ امدادي ڪئمپ ۾، جڏهن ڪچرو چونڊيندڙن، ٻن ننڍن ڇوڪرن، ڪچري چونڊڻ وارين وڏين پلاسٽڪ جي ٿيلهين کي، ڪلهي تي رکي، ان ڪئمپ ۾ ويٺلن کي چندو پئي ڏنو ته سڀ حيران ٿيا ۽ ڪئمپ ۾ ويٺل جوانن انهن جي ڪلهن تي هٿ رکي شاباش پئي ڏني. مون پري کان ويٺي اهو منظر ڏٺو پئي ۽ سوچيم ته انهن جا محرڪ ڪهڙا هوندا؟ جڏهن هڪ پِنندڙ، پنهنجي قوم لاءِ ايترو جذبو رکي ٿو ۽ پوءِ ٻين جو ڪهڙو حال هوندو؟
    هونئن به ڪراچيءَ ۾ ٻاهران ايندڙن لاءِ گهڻا موقعا آهن. ڪٿي به ٽينٽ هڻي جهڳي ٺاهي ويهي رهو. آهستي آهستي سڀ سهولتون حاصل ٿي وڃن ٿيون. چوريءَ جي بجلي، چوريءَ جو پاڻي ته ڪو مسئلو ئي ناهي، پوءِ پنهنجي ان گهڻائيءَ کي قائم ڪرڻ ۽ رکڻ لاءِ مختلف جاين تان ايندڙن کي همٿايو وڃي ٿو ۽ ڏسندي ڏسندي اتي هڪ وڏي ڪالوني ٺهي وڃي ٿي، جنهن کي پوءِ حاڪم وقت جي نالي تي قائم ڪري ان کي ڪڏهن ضياءُ الحق ڪالوني، ڪڏهن غلام اسحاق ڪالوني، ڪڏهن ايوب ڪالوني ته وري ڪڏهن مشرف ڪالونيءَ جو نالو ڏئي ان کي ريگيولر ڪري، ناجائز قبضن کي جائز قرار ڏئي کين سڀ سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون، جو ان ۾ نهايت فخر جي ڳالهه آهي ته حاڪمن ۽ حڪمرانن جي نالي تي شهر ۾ هڪ مستقل ڪالونيءَ جو واڌارو ٿي وڃي ٿو.
    ڪراچيءَ ۾ اهو سلسلو تمام گهڻي وقت کان هلندو پيو اچي ۽ ان ڪري هي شهر هجرت ڪري ايندڙن لاءِ وڌيڪ مناسب ۽ سازگار آهي. ٻيو ته هتي مانيءَ جو به ڪو مسئلو ناهي مولوي صاحبن جي فتويٰ مطابق ڏوهن جو ڪفارو مسڪينن کي ماني کارائڻ ۾ آهي جيڪو ادا ٿي وڃي ٿو. ان ڪري جيترو گناهه وڌيڪ ٿئي ٿو اوترو مسڪين وڌيڪ ماني کائي گنهگارن جي گناهن کي ڌوئي صاف ڪن ٿا ۽ بيپناهه رشوت، ڪميشن، لٽ مار ۽ ٺڳيءَ جي بدلي ۾ مسڪينن کي ماني کارائي گناهن کان آجو ٿيڻ جو رواج ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ عام ۽ مقبول آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏن ۽ واپاري علائقن ۾ خاص ڪري ڊفينس، ڪلفٽن، سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي، محمد علي هائوسنگ سوسائٽي، کارا در، ناظم آباد وغيره ۾ منجهند ۽ رات جي وقت، نهاري ۽ نان وٺندڙن کائيندڙن جون وڏيون وڏيون قطارون لڳن ٿيون ۽ الله جا بندا، پنهنجو لايو سجايو ڪندي انهن کي ماني کارائن ٿا.
    ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ماني ڏيڻ ۽ کارائڻ وارا گهڻا آهن ۽ کائڻ وارا ٿورا، پوءِ اهي حضرات پاڻ سان گڏ شاپرس به آڻين ٿا جيڪي وري گهر ڀاتين لاءِ ماني به کڻي وڃن ٿا. ڪراچيءَ ۾ وڏين درگاهن تي ڀت جون ديڳيون، دال روٽيءَ ڏيڻ وارو جو به هڪ وڏو تعداد موجود آهي. جتان به ڪو سوالي خالي ناهي ويندو. عروس البلاد ڪراچيءَ ان ڪري سڄي دنيا جي يتيمنن جو پسنديده شهر آهي. هتي نه ته هتي کاڌ خوراڪ جو مسئلو نه ئي وري رهائش جو فڪر. جتي چاهيو، ويهي رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪالوني اوهان جي پنهنجي ۽ ڪي ڪي وري اهو به ڪن ٿا جو جڏهن اها ڪالوني ريگيولر ٿي وڃي ٿي ته پوءِ وري پلاٽ ۽ گهر کپائي وري ٻئي هنڌ ديرو ڄمائين ٿا ۽ مولا جو هي ملڪ، بنا ڪنهن چيڪ ۽ بيلنس جي هلندو رهيو آهي ۽ هلندو رهي ٿو. جو سنڌ کي اڃان تائين شڪارگاهه چيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو. ڪراچيءَ ۾ پرڏيهين جون وڏيون ڪالونيون آهن جن ۾ بنگالي، برمي، افغاني ۽ بهاري اچي وڃن ٿا. جتي هنن کي شناختي ڪارڊ آسانيءَ سان ٺهي ملن ٿا. جن جا ڪيترائي سبب آهن ۽ سڀني کي ان جي خبر به آهي، اهو ئي سبب آهي جوهتي رڪشا هلائيندڙ، اڄ ارب پتي آهن.
    تازو سوات مان جيڪا لڏ پلاڻ ٿي رهي آهي ان جو به منهن هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ڏانهن موڙيو پيو وڃي. 1947ع وانگر جڏهن لڏ پلاڻ ٿي هئي تڏهن پنجاب مان ”پاڪستان اگي اي“ واري روايت کي دهرائيندي هينئر پنجاب ۾ لڏپلاڻ ڪري ايندڙن لاءِ رهائش جو بندوبست نه پيو ڪيو وڃي ۽ هڪ اطلاع مطابق انهن کي ”اگي“ جو چئي، اها روايت دهرائي پئي وڃي.ظلم اهو آهي ته جڏهن حڪومت ڪرڻ جو وقت ٿو اچي تڏهن پنجاب چئي ٿو ته اسان پاڪستان آهيون ۽ جڏهن پاڪستان تي ڪا ڏکيائي ٿي اچي ته پوءِ ان روايتي عمل اگي کي دهرايو پيو وڃي. هو محض امدادي سامان ڪٺو ڪري، پئسا ڏئي، پنهنجي محب وطنيءَ کي ثابت ٿا ڪن.
    ملڪ جي وسيلن مان به انهن کي آبادي جي بنياد تي حصو ملڻ گهرجي. باقي ڏک سک ۾ ڪم ”اگي“ تي حاڪم به راضي ۽ عوام به خوش. بهرحال هر ماڻهوءَ جي پنهنجي سوچ ٿئي ٿي. پر سنڌ ۾ اڳ ئي آباديءَ جو بار گهڻو آهي. ٻيو ته هتي وسيلا پڻ محدود آهن. نه ڪڻڪ ڀلي لهي ۽ نه ساريون ڪو وٺي ۽ جڏهن سنڌ جي سبزي لهي ته ٽڪي سير وڪامجي. پاڻي ملي ڪونه، فصل ڀلو ئي ٿئي نه- تيل، بجلي، گئس، معدنيات ۽ ٽيڪس مان پاڪستان کي ڪمائي ڏيندڙ سنڌ پاڻ به نٿي پالي صنعتون پڻ هڪ طرف جو انهن جا مالڪ مزدور به پنهنجا آڻي رکن. مقامي ماڻهن کي روزگاراڻپورو، اهڙي حال ۾ ان کي ڪيئن جسٽيفاءِ ڪري سگهجي ٿو ته، ٻه صوبا ڇڏي پار ڪري اوهان ٽئين صوبي ۾ اچو؟ ڇا سنڌ ئي پاڪستان جو واحد پناهه گاهه آهي؟ ٻيا صوبا اهو ڪم ڇو نه ٿا ڪن؟ انهن سوالن جا جواب ضرور ملڻ گهرجن.
    اوهان جڏهن ٽي وي چيئنلس ڏسو ٿا، ته متاثر بيان ڏين ٿا ته اسان چار ڏينهن پنڌ ڪري سرحد پهتا آهيون، پئسو ڪونهي نه ڀاڙي لاءِ نه کائڻ لاءِ، پوءِ هو ڪراچيءَ ۾ ڳرا ڀاڙا ڀري ڪيئن ٿا اچن؟ ڪنهن جي آسري ٿا اچن؟۽ ڪنهن جي چوڻ تي ٿا اچن؟ انهن جي مدد ڪير ٿو ڪري؟ ان تي سوچڻ گهرجي. رڳو چند صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون وڌائڻ لاءِ هي ڪم نٿو ڪيو وڃي؟ يا بنا ڀاڙي جي سرڪاري ريل ته استعمال نٿي ڪئي وڃي؟
    هن ڳالهه جيڪا اهم آهي، اها ته ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تمام گهڻو آهي، هتي هيڏا ماڻهو جڏهن بي روزگار ٿيندا ته اهو ڏوهه اڃان وڌندو، ۽ هٿيارن سان کيڏندڙ ۽ طالبانن کي ويجهو ڏسندڙ، هتي به اهو عمل دهرائي سگهن ٿا. ڀلي سڀ اهڙا نه هجن، پر ڪرائيم ڪندڙ گهٽ تعداد ۾ ۽ ڪجهه ئي هوندا آهن. جيڪي ڀلي ڪنهن سياسي ايجنڊا تي نه هلندا هجن، پر پنهنجي پيٽ خاطر ڪجهه به ڪري سگهن ٿا.
    جيئن ته ڪراچيءَ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو تعداد محدود آهي ۽ پوليس فورس تمام گهٽ آهي ان ڪري شهر ۾ تعداد وڌڻ ڪري اڃان هتي ڪرائيم ۾ واڌارو ايندو ۽ اها به حقيقت آهي ته ڪراچيءَ ۾ هڪ دفعو آباد ٿيندڙ وري موٽي نه ويندا آهن. ماضيءَ جي تاريخ گواهه آهي. اسان گهڻائيءَ جي ڳالهه ٿا ڪيون ٿورائي هر هنڌ چڱي ٿئي ٿي.
    ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌين وٽ ڪجهه به ناهي ته سنڌ ۾ رهندڙ ۽ مستقل رهندڙن وٽ آخرڪار آهي ڇا؟ ٽرانسپورٽ؟ واپار؟ صنعتون؟ هوٽل؟ ڪپڙا؟ اسٽاڪ ايڪسچينج؟ مالياتي ادارا؟ سرڪاري ٺيڪا؟ زمينون ۽ پلاٽنگ؟ مارڪيٽون؟؟ ڪهڙي شيءِ آهي جيڪي سنڌين وٽ آهي؟ بس ۽ چند نوڪرين جي جيڪي به دلالي تي هلن ٿيون سنڌ اندر به ٻين صوبن جا وڏا وڏا آفيسر موجود آهن جڏهن ته سنڌي آفيسر پنجاب ۾ بين آهن.
    سواتي ڪٽڪن لاءِ جتي سنڌ ۾ رهندڙن سڀني قومن ۽ سياسي پارٽين کي خدشا آهن اتي مولانا اسد الله ڀٽو (جماعت اسلامي) پڻ ان جي مخالفت ڪري رهيو آهي. مولانا ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پڻ ان جي مخالفت ڪري ٿو. باب اسلام سنڌ پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي. هاڻي شاخ الاسلام پنهنجو ڪم پورو ڪري.
    (روزانه خبرون ڪراچي اڱارو 26 مئي 2009ع)


    مس ڪال

    انسان هر شيءِ ۾ ترقي ڪئي آهي اڳي ڪميونيڪيشن جو نظام تمام سست هوندو هيو. خط هفتا وٺندو هيو، ۽ تڪڙ ۾ ٽيلي گرام ڪيو ويندو هيو، هينئر ٽيلي گرام ڄڻ ته مدي خارج ٿي چڪو آهي ۽ ان جي جاءِ تي جيڪو اي ميل ۽ موبائيل فونون اچي ويون آهن. ڪميونيڪيشن جو اهو حال آهي، جيڪو اڳي ٽيلي فون لائين وڏي سفارش، ۽ خرچ سان ملندي هئي. هينئر گاڏي تي کنيون هوڪا ڏيندا پيا هلن. ڪمپنين جي چٽا ڀيٽي لڳي پئي آهيئ سڄي دنيا ۾ ٽيلي فون تمام گهڻي سهانگي آهي. ان جو اثر پاڪستان ۾ به پيو آهي ۽ هتي به هينئر ڪال ۽ موبائيل ڪال اڳ جي ڀيٽ ۾ ڏينهون ڏينهن سستي ٿيندي پئي وڃي، حالانڪه لنڊن ۽ آمريڪا ۾ اوهان کي رستي هلندي مفت ڪنيڪشن ۽ بيلنس ڏنا ويندا آهن اهو رواج هتي به پيو آهي. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن طرفان مختلف شهرن ۾ ڪئمپون هڻي پي ٽي سي ايل طرفان مفت ٽيلي فون ڪنيڪشن ڏنا پيا وڃن ۽ اهو سلسلو ڪافي وقت کان جاري آهي. ان ڪري هينئر نه صرف سڄي دنيا سان پر سڄي ملڪ سان تڪڙو ۽ هروقت رابطو قائم ٿيو آهي، هينئر ته ڳوٺن ۾ به هينڊ فون، موبائيل فون ۽ وائرليس فون موجود آهن ۽ ٿر ۾ ڪاڇي ۾ پڻ اها سهولت موجود آهي. جتي اڳي سواءِ خط جي ٻيو ڪو به رابطي جو ذريعو موجود ڪو نه هيو ۽ خط پنهنجي منزل تي هفتن کانپوءِ پهچندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هيو ته ننڍپڻ ۾ پٽ کي لکيل خط، شادي جي وقت ملندو هيو، يا پيءَ جو خط پوٽي کي ملندو هيو. ان تي ڪيئي فلمون ۽ ڊراما ٺهيا. هينئر ته مني آرڊر به ڪلاڪ اندر پيو پهچي ۽ ان جو ڪافي تعداد فيڪس تي موجود آهي. نياپي سنيهي وارو معاملو اڃان وڌيڪ سهانگو ٿيو آهي. اڳي پيجر هوندو هيو، جنهن تي نياپي لاءِ فون ڪيو ويندو هيو. هينئر ته سستي نموني سان اوهان ايس ايم ايس ڪيو ۽ فوري طور پنهنجو پيغام پهچايو. جيڪو ڪيترن ئي ڪمپنين وٽ مفت جي سهولت سان آهي ته وري ڪٿي ان کي تمام سستو ڪيو ويو آهي ۽ ڪميونيڪيشن جي اها ترقي قائم رهي ته پوءِ اهو ڏينهن جلد ويجهو ايندو جڏهن ٻين ملڪن وانگر هتي به لوڪل ڪال مفت ۾ هوندي يا وري ملڪ جي اندر ان جو وڌيڪ سستو پيڪيج هوندو. ۽ ماڻهو پريشان ٿيندو ته هو ڪهڙي ڪمپنيءَ جو نمبر پاڻ وٽ رکي؟ ڪهڙي لائين پسند ڪري؟ ڪهڙي پيڪيج کي پاڻ وٽ رکي؟ ۽ هاڻي اهو وقت دور ڪونهي تمام جلد اچڻ وارو آهي ان هوندي به اسان وٽ فون کي اڃان مس يوز ڪيو پيو وڃي ۽ خوامخواهه جي گفتگو لائين کي نه صرف مصروف ٿي ڪري پر ٻين کي انتظار ڪرڻو ٿو پوي. حالانڪه وقت سان گڏوگڏ لائين ۾ پڻ اضافو ڪيو ويندو- اڳي خط کي اڌ ملاقات چئبو هيو. اڄ فون پوري ملاقات آهي، جنهن کان هر طرح جو ڪم ورتو وڃي ٿو. فون جي هن باب ۾ جيڪا اهم ڳالهه آهي اها آهي مس ڪال.
    مس ڪال يا ته حاڪم ڏيندا آهن جنهن کي ڄڻ ته محسوس ڪيو ويندو آهي بلڪل ائين جيئن بيل وڄائي دربان کي سڏيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان مس ڪال جو جيئن آهي جتي آهي جي بنياد تي فوري طور جواب ڏنو ويندو آهي، جيڪا مجبوري هوندي آهي، ٻئي مس ڪال محبوب ڏيندا آهن ته ان جو جواب پڻ فوري طور ۽ نماڻائي سان ڏنو ويندو آهي ۽ خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن لائين ڪٽجي ويندي آهي ۽ پوءِ پنهنجي کيسي تي رحم به ايندو آهي. ويتر موبائيل ڪمپنين جي بي ايماني، هرهر نمبر ڪٽجي ويندو آهي ۽ ٻن ٽن سيڪنڊن عيوض پوري منٽ جي چارجنگ لڳي ٿي. هونئن به موبائيل ڪمپنيون مختلف بهانن سان ڪو نه ڪو نمونو ڪري پنهنجا ٽارگيٽ حاصل ڪن ٿيون ۽ حساب ڪتاب وڃي ساڳيو رهي ٿو. پر ڪو به اداري انهن جي انهن چالبازين کي چيڪ نٿو ڪري ڪا اهڙي اٿارٽي به هئڻ گهرجي جيڪا ان فالٽ کي نوٽ ڪري ۽ ان جو فائدو صارفين کي ڏياري، يا ڪمپنيءَ طرفان ڊيفالٽ جي صورت ۾ صارف چارج نه ڀري سگهي. اهڙي صورت ۾ بل ڪمپنين جي حساب سان هئڻ گهرجي ۽ ٽيڪنيڪل ڊفالٽ جو ازالو ٿيڻ گهرجي.
    ٽين مس ڪال وري واندن جي هجي ٿي جيڪي پنهنجي ڪم لاءِ به ٻئي کي مس ڪال ڏين ٿا ۽ جواب نه ڏيڻ تي ويتر ناراض ٿي وڃن ٿا. ڄڻ ته انهن جي ان گهنٽي يا بزر تي، خادمن کي جواب ڏيڻو آهي. ان سلسلي ۾ عجيب ۽ غريب قصا ٿين ٿا. مثال طور هڪ مس ڪال ڏني، فون ڪيم، خبر پئي ته همراهه چيڪ پئي ڪيو ته ڪٿي آهين؟ چيم چيڪ توکي ڪرڻو هيو. خرچ منهنجو ٿيو وري ٻئي همراهه مس ڪال ڏني. فون ڪيم، چيائين فلاڻي ۾ ڪم آهي ان کي سفارش ڪر خبر ناهي ان وقت مون کي ان تي ته نه پر پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ ضرور آئي.
    هڪ همراهه مس ڪال ڏني فون ڪيم، چيائين، بور پيو ٿيان سوچيم، توسان ڪچهري ڪيان، مون کيس چيو ته ڪچهري توکي ڪرڻي آهي ان ڪري پنهنجي خرچ تي ڪر، ۽ مون فون بند ڪئي، پر هو مس ڪال ڏيندو رهيو. جنهن جو مون جواب نه ڏنو.
    هڪ همراهه مس ڪال ڏني، پڇيائين چيلهه ۾ سور آهي ڪهڙي دوا کاوان؟ چيم ته هينئر منهنجي به مٿي ۾ سور آهي تون پوءِ فون ڪجان ۽ هو وقفي وقفي سان مس ڪال ڏيندو رهيو پر فون ڪري نه سگهيو ۽ مون به ان کي جواب نه ڏنو.
    اڃان مس ڪال وڌيڪ تڪليف ڏيندي آهي، جڏهن ڪو فون ڪري پڇندو آهي ته ايڪسري جي رپورٽ اچي وئي آهي؟ ان لاءِ ماڻهو پل پل فون ڪندا آهن. دراصل ڪجهه دوست جن وٽ بيلنس گهٽ هوندو آهي. اهي مس ڪال ڏيندا آهن يا پهرين ڪيٽگرين جون مس ڪالون به اينديون آهن. پوءِ انهن کي اٽينڊ ڪرڻو به پوي ٿو پر واندي گروپ جون مس ڪالون فضول هونديون آهن. جن کي مس ڪال ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ته ڪم هنن جو آهي. ڳالهائڻو هنن کي آهي پر مس ڪال ڏئي خرچ ٻين جو ڪرائڻو آهي اهو مناسب ناهي. باقي اديب بادشاهه آهن انهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! جي ڪجهه چوندس ته ناراض ٿيندا ۽يارن کي ناراض نه ڪرڻ گهرجي. پر ان مس ڪال جي رواج کي مناسب حد تائين گهٽائڻ گهرجي.
    هونئن به مس ڪال جي حوالي سان ڪيترائي واقعا قصا مشهور آهن، پر تازو بخشڻ مهراڻوي جيڪو مس ڪال تي لطيفو ٻڌايو، اهو ڪجهه لطيفن جي ڦيرڦار ڪري اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان. مس ڪال مان نه سهي گهٽ ۾ گهٽ لطيفي مان لطف حاصل ڪرڻ گهرجي. ڪنهن ٽئين جنس جي ماڻهوءَ جو پاسو، ڪنهن بزرگ سان وڃي لڳو جنهن پڇيو ته هي مس ڪال ڪنهن ڏني! جنهن تي بزرگ وراڻيو ته، مون وٽ ته بيلنس ئي ڪونهي سو مس ڪال ڏيندڙن کي گهٽ ۾ گهٽ بيلنس رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڳالهه پنهنجي خرچ تي ڪرڻ گهرجي.
    (روزانه خبرون ڪراچي 5 آڪٽومبر 2006ع)


    ذوالفقار سيال جا ڇپيل ڪتاب

    1. رڻ سڄو رت ڦڙا
    سال (1977ع) ڇپائيندڙ: سنڌ اڪيڊمي حيدرآباد
    2. مکڙين مالها
    سال (1979ع) ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو
    3. ڳاڙها هٿ، پيلا چهرا
    سال (1981ع) ڇپائيندڙ: سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد
    4. منهنجي ديس جا ٻار
    سال (1982ع) ڇپائيندڙ: آگم پبليڪيشن حيدرآباد
    5. گيت کيڏوڻا
    سال (1983ع) اردو شاعري جو منظوم ترجمو: ڇپائيندڙ:سنڌ الاجي ڄامشورو
    6. گلڙن جهڙا گيت
    سال (1986ع) ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو
    7. لفظن جا رانديڪا
    سال (1989ع) ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو
    8. اکر اکر سرهاڻ
    سال (2002ع) ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن قمبر
    9. چهرا چنڊ گلاين جهڙا
    سال (2003ع) ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو
    10. مکڙيون ۽ گلاب
    سال (2006ع) ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو-حيدرآباد
    11. بارش کانپوءِ
    سال (2007ع) ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر دڙو
    12. دعائون
    سال (2010ع) ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو
    13. ماڻهو اُجرا، رستا ميرا
    سال (2012ع) ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ڪراچي
    14. سنڌي شاعريءَ جو سفر
    سال (2013ع) ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت سنڌ
    15. پنهنجي ٻولي پياري ٻولي
    سال (2014ع)ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
    16. آئينا ۽ عڪس
    سال (2015) ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن لاڙڪاڻو- ڪراچي

    ايندڙ ڪتاب
    1. يادون ۽ تاريخ (اڻ وسرندڙ واقعا)
    2.دعائون نه روڪيو، دغائون ته روڪيو (شاعري)
    3.ننڍڙا فرشتا ۽ پياريون پريون (ٻارن لاءِ شاعري)
    4.سنڌي ڪهاڻي جو سفر
    5.بالي ناز داستان
    ***


    MP3 سنڌي سي ڊي

    سپر سنڌي سانگس (پارٽ-1)
    (1)
    ٻول آواز شاعر
    1. دل جو ڌڙڪو محمد يوسف ذوالفقار سيال
    2. گلڙن جي سرهاڻ سجاد يوسف ذوالفقار سيال
    3. هي دل بي چئي محمد يوسف ذوالفقار سيال
    4. مونکان ولو محمد يوسف ذوالفقار سيال
    5. مُرلي اقبال جوڳي
    6. نگر نگر ۾ گيت محمد يوسف ذوالفقار سيال
    7. او هوا جا پاڳل سجاد يوسف ذوالفقار سيال
    8. او پرين اوري آءُ محمد يوسف ذوالفقار سيال
    9. او قاتل محمد يوسف ذوالفقار سيال
    10. روز اسان سان محب محمد يوسف ذوالفقار سيال
    (2)
    11. ڀيڄ ڀٽائي وحيد علي ذوالفقار سيال
    12. هي سانگهيئڙا وحيد علي ذوالفقار سيال
    13. سنڌ جي آهي سونهن وحيد علي ذوالفقار سيال
    14. تون جي آئين وحيد علي ذوالفقار سيال
    (3)
    15. دل هڪڙي درد هزار انور بلوچ ذوالفقار سيال
    16. ٿيو هينئڙي منجهه هڳاءُ آسيه سمن ذوالفقار سيال
    17. جڏهن کان نظر تون آسيه سمن ذوالفقار سيال
    18. او پرين مونکان رُسي آسيه سمن ذوالفقار سيال
    19. توکان سڀڪجهه فيروز گل ذوالفقار سيال
    20. اڪيلو ڇڏي لوڪ غلام قادر ذوالفقار سيال
    21. سهڻا او سهڻا ماسٽر وڪي ذوالفقار سيال
    22. خوشين جا رنگ مونا جوڻيجو ذوالفقار سيال
    23. جي هير گهلي ساجده عمراڻي ذوالفقار سيال
    24. اوهان کي اوهان کان سرمد سنڌي ذوالفقار سيال
    25. تون آئين ته شازيه حسين ذوالفقار سيال
    26. مرڪ چهري تي شازيه حسين ذوالفقار سيال
    27. توسان دنيا ۾ شازيه حسين ذوالفقار سيال
    28. نيڻ مون ڏي کڻين تهمينه سردار ذوالفقار سيال
    29. سي راهه تنهنجي استاد گلزار علي خان ذوالفقار سيال
    (4)
    30. پنهنجي من جو سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    31. ڇو پري ٿو پوي سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    32. پنهنجي ڌرتي جيجل سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    33. نظر نال ميڪون سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    34. دم دما دم مست سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    35. رسي ڇو ويو آن سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    36. محب ٿو اچي سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    37. جاني او جاني سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    38. تو رسي رئاريو سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    39. تڪي تڪي راهون سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    40. تنهنجو منهنجو چاهه سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    (5)
    41. مان تو کي چاهيان ٿي بينا حسن ذوالفقار سيال
    42. تو مان آءُ ته گلبهار بانو ذوالفقار سيال
    43. آئي تنهنجي سار گلهبار بانو ذوالفقار سيال
    44. تو کان سڀڪجهه وحيد شاهه ذوالفقار سيال
    45. سواءِ تنهنجي ساجن مهدي حسن ذوالفقار سيال
    46. مان توکي چاهيان ٿي مهناز ذوالفقار سيال
    47. آيا منهنجا ماروئڙا مهناز ذوالفقار سيال
    48. جي ٿو گهوري ڏسين سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    49. توسان ڳالهيون ڪريان سحرش ميمڻ ذوالفقار سيال
    50. شام اسانکي شبانه ڪوثر ذوالفقار سيال
    51. منهنجا ساجن تبسم وراثي ذوالفقار سيال
    (6)
    51. منهنجي نيڻن ۾ الهداد زرداري ذوالفقار سيال
    52. مرڪ ۽ مهڪ فيروز گل ذوالفقار سيال
    53. اسان نيڻ پنهنجا جعفر شيرازي ذوالفقار سيال
    54. ڪومل ڪومل تنهنجا ارشد محمود ذوالفقار سيال
    55. توکان سڀڪجهه وحيد شاهه ذوالفقار سيال
    56. هي دل بي چئي محمد يوسف ذوالفقار سيال
    57. ميوزڪ
    58. سارا سپنا سچا روحاني بانو ذوالفقار سيال
    59. چنڊ اڀري پيو ثمينه ڪنول ذوالفقار سيال
    60. ڳران ميڻ جيان وحيد علي ذوالفقار سيال
    (7)
    61. اکين ۾ اسان کي غلام شبير شاهاڻي ذوالفقار سيال
    62. مٿي تي گهاگهر گلبهار بانو ذوالفقار سيال
    63. توکان سڀڪجهه وحيد شاهه ذوالفقار سيال
    64. مان توکي ڏاڍو خليل حيدر ذوالفقار سيال
    65. توکي ساري نيڻ رُنا مهر سيمي ذوالفقار سيال
    66. هر دم تنهنجي سار رزاق جميل ذوالفقار سيال
    67. ياد تنهنجي تري سرمد سنڌي ذوالفقار سيال
    68. رم جهم رم جهم شبانه ڪوثر ذوالفقار سيال
    69. گڏجي عيد ملهايون شبانه ڪوثر/شفيق الرحمان ذوالفقار سيال
    70. پرين پيار ۾ شاهد علي خان ذوالفقار سيال
    71. جيئي لطيف شيام لال ذوالفقار سيال
    72. تو ۾ منهنجو ساهه تعمير حسين ذوالفقار سيال
    73. آءُ ته ڳايون پرين زرينه بلوچ-ذوالفقار علي ذوالفقار سيال
    (8)
    74. پيار پيا واکيون عالمگير ذوالفقار سيال
    75. زندگيءَ جي حسين شام الهداد زرداري ذوالفقار سيال
    76. خواب سهڻا سوين فاطمه جعفري ذوالفقار سيال
    77. گهڻا ڏينهن ٿيا فيروز گل ذوالفقار سيال
    78. دلڙي ڇڪي وئين گلبهار بانو ذوالفقار سيال
    79. منهنجي دل ۾ تون مهر سيمي ذوالفقار سيال
    80. ڪومل، ڪومل محمد علي شهڪي ذوالفقار سيال
    81. نيڻ پيا مرڪن سجاد حسين ذوالفقار سيال
    82. چهرا چنڊ گلابن جهڙا شبانه ڪوثر ذوالفقار سيال
    83. تنهنجي ڪارڻ شاهده پروين ذوالفقار سيال
    (9)
    84. منهنجو ساجن جي شازيه حسين ذوالفقار سيال
    85. اسان درد دل ۾ شازيه حسين ذوالفقار سيال
    86. تو ۾ منهنجو ساهه شازيه حسين ذوالفقار سيال
    87. عشق اسان ڪون علي رضا ذوالفقار سيال
    88. جي خوشيون ملن صدف اقبال ذوالفقار سيال
    89. هي دل پئي چئي برڪت علي ذوالفقار سيال
    90. گهڻا ڏينهن ٿيا فيروز گل ذوالفقار سيال
    91. وي تون سانول ڪرم عباس خان ذوالفقار سيال
    92. نگر نگر ۾ گيت محمد يوسف ذوالفقار سيال
    93. منهنجو چاهه به تون صدف اقبال ذوالفقار سيال
    94. گلڙن جي سرهاڻ ۾ سجاد يوسف ذوالفقار سيال
    95. او سانولڙا شازيه حسين ذوالفقار سيال
    96. پيار اسان جو پرين شازيه حسين ذوالفقار سيال
    (10)
    97. ڊونٽ بي سِلي امير حسن ذوالفقار سيال
    98. آءُ اکين ۾ برڪت علي ذوالفقار سيال
    99. اسان درد دل ۾ حميرا چنا ذوالفقار سيال
    100. جي تو ساجن خليل حيدر ذوالفقار سيال
    101. هڪ گهڙي پيار جي مظهر حسين ذوالفقار سيال
    102. جنم جنم کان رحيم شاهه-شازيه حسين ذوالفقار سيال
    103. مڃون ٿا ته توسان شازيه حسين ذوالفقار سيال
    104. او سهڻا موٽي آءِ شازيه حسين ذوالفقار سيال
    105. مرڪيو ته مهڪ وکري ظفر علي خان ذوالفقار سيال
    ***

    سپر سنڌي سانگس (پارٽ-2)
    1. اکين ۾ عاشق نظاماڻي ذوالفقار سيال
    2. نا وڃ تون ماهي آسيه سمن ذوالفقار سيال
    3. نيڻ تنهنجا وري آغا ثناالله ذوالفقار سيال
    4. ساجن سان پيار احمد مغل ذوالفقار سيال
    5. ننڊ نيڻن مان ويو اعجاز ٻرڙو ذوالفقار سيال
    6. عشق اسان ڪون علي رضا ذوالفقار سيال
    7. اک اسان جي اڙي الهداد زرداري ذوالفقار سيال
    8. تون دلربا جان منهنجي امير حسن ذوالفقار سيال
    9. مون جو سپنو ڏٺو امير حسن ذوالفقار سيال
    10. ٿي نه سگهيا تنهنجا عاشق نظاماڻي ذوالفقار سيال
    11. ننڊ نيڻن مان اياز علي ذوالفقار سيال
    12. منهنجو پيار سمنڊ جهڙو روحاني بانو ذوالفقار سيال
    13. ويٺي ويٺي لڙڪ لڙي برڪت علي ذوالفقار سيال
    14. او هوا جا پاڳل جهوٽا برڪت علي ذوالفقار سيال
    15. کلي مون ڏي نهارين ديبا سحر ذوالفقار سيال
    16. راهن ۾ انتظار ڪري ديبا سحر ذوالفقار سيال
    17. کلي کلي مل ديبا سحر ذوالفقار سيال
    18. تون نيڻ کڻي ديبا سحر ذوالفقار سيال
    19. گهڻو اُن کي وساريو مون ديدار سمون ذوالفقار سيال
    20. اچبو ضرور اچبو ديبا سحر ذوالفقار سيال
    21. گهڻا ڏينهن ٿيا فيروز گل ذوالفقار سيال
    22. توکان سڀ ڪجهه وسري فيروز گل ذوالفقار سيال
    23. خوشبو ۽ سونهن وارا فرح خانم ذوالفقار سيال
    24. هڪ وار اڱڻ تي فرح نواز ذوالفقار سيال
    25. وري دل لڳايون فيروز گل ذوالفقار سيال
    26. خواب سهڻا فاطمه جعفري ذوالفقار سيال
    27. دلڙي ڇڪي وئين گلهبار بانو ذوالفقار سيال
    28. هيل هوا ۾ خوشبو شهنيلا علي ذوالفقار سيال
    29. اسان دل تي ڪيڏا پٿر غلام علي سنديلو ذوالفقار سيال
    30. تنهنجي چلي اچي ٿي غلام علي سنديلو ذوالفقار سيال
    31. نيڻن ۾ تنهنجو سپنو غلام علي شاد ذوالفقار سيال
    32. اڪيلو ڇڏي لوڪ غلام قادر ذوالفقار سيال
    33. نانءُ آ رحمان تنهنجو غلام شبير سمون ذوالفقار سيال
    34. نبيءَ جي نانءُ تان صدقي حافظ نثار ڪٻر ذوالفقار سيال
    35. ڪا گهڙي ڪنهن پهر حميرا چنا ذوالفقار سيال
    36. اسان درد دل ۾ حميرا چنا ذوالفقار سيال
    37. جي ياد تنهنجي مون کي ستائي الطاف سمون ذوالفقار سيال
    38. تون کان سواءِ اکين ۾ الطاف سمون ذوالفقار سيال
    39. هن لُوڪ ڏنو آ سور امام بخش زرداري ذوالفقار سيال
    40. توکي ساريان انيتا رياض ذوالفقار سيال
    41. تو