ڪتاب جو نالو: سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو
مصنف: جيمس مئڪمرڊو / عطا محمد ڀنڀرو
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 15 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1098 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 523 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
جيمس مئڪمرڊو جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙيون جهاتيون آهن، جن ۾ هن حڪمرانن جي سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين جي بجاءِ سنڌ جي تمدني حالتن، معاشرت ۽ صدين کان ڏکن ڏولاون ۾ گهاريندڙ سنڌي ماڻهن جو احوال قلمبند ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ
  • سنڌ جي تاريخ
  • پيداوار
  • جانور
  • شهر
  • واپار
  • سامونڊي بندر
  • برآمد ۽ درآمد
  • محصول ۽ ڍل
  • آدمشماري
  • سنڌ جا ماڻهو
  • ريتون رسمون
  • ويس
  • کاڌ خورڪ
  • هندو
  • ٻولي
  • حڪومت تي هڪ نظر
  • فوج
  • افغان حڪومت
  • انگريز سرڪار جي حڪمت عملي
  • سوگدي ڀڪر
  • ميوسي ڪئنس، اوڪسي ڪئنس، سيوي سوي ۽ سيهوڻ
  • حاشيا

  • پبلشر نوٽ

    جيمس مئڪمرڊو جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙيون جهاتيون آهن، جن ۾ هن حڪمرانن جي سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين جي بجاءِ سنڌ جي تمدني حالتن، معاشرت ۽ صدين کان ڏکن ڏولاون ۾ گهاريندڙ سنڌي ماڻهن جو احوال قلمبند ڪيو آهي.
    سنڌ جي باقائدي تاريخ ايامن کان طلب ۽ تقاَضا ۾ رهي آهي، اها جڏهن به مرتب ٿي ته هر قسم جا ڪتاب ان مقصد جي لاءِ ماخذن جو ڪم ڏيندا.
    ڪتاب جي اهميت بابت منڍ ۾ ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو تفصيلي ماڳ لکيل آهي . محترم عطا محمد ڀنڀري ويجهڙائي واري عرصي ۾ انگريزي جي اڻ ڳڻتين ڪتابن کي سنڌي ٻولي جو قالب ڏئي هيڪر وري مرزا قليچ بيگ مرحوم جي ياد تازي ڪري ورتي آهي . سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ سندس خدمتون هميشه لاءِ يادگار رهنديون.

    نوراحمد ميمڻ
    چيئرمن
    سنڌيڪا اڪيڊمي


    مهاڳ

    انگريز جڏهن هندستان ۾ آيا هئا ته ان وقت ارادو هو ته واپاري سگھ طور هو هتي پنهنجا پير ڄمائن. ان ارادي سان هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ جاچي ڏٺي هئائون. جڏهن مغل طاقت پنهنجي سگهه وڃائي ته هندستان ۾ وڳوڙي وايومنڊل پئدا ٿي پيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني ان منجهيل صورت حال جو فائدو وٺي، پنهنجي تجارتي مفادن کي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ لاءِ هندستان جي سياست تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي ريت ارڙهين صدي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني، هندستان جي مختلف ملڪن خلاف وڏي طاقت ٿي اڀري. هندستان ۾ پنهنجي ۾ پنهنجي سياسي سگهه کي پختي ڪرڻ کانپوءِ، خاص طور تي سندن سنڌ ڏانهن رويو هڪدم ڦري ويو. پهريائين ايسٽ انڊيا ڪمپني جا سنڌ سان ناتا ۽ لاڳاپا واپاري هئا جيڪي مٽجي سياسي ٿي ويا. اهڙن سياسي/ واپاري لاڳاپن جي شروعاتي نمائندگي ناٿن ڪروNathan Crow ڪئي، جيڪو 1799ع کان 1800ع تائين سنڌ جي درٻار ۾ انگريزن جي عيوضي هو. جڏهن انگريزن جي سياسي سگھ اڃا به مضبوط ٿي ۽ اهو نه محسوس ڪيو ويو ته ايران، روس ۽ افغانستان، هندستان تي حملو ڪرڻ وارا آهن، ته سنڌ ۾ سندن مفاد ويتر وڌي ويا ۽ پهرين واپاري لاڳاپن کي نظر انداز ڪري سياسي لاڳاپين کي فوقيت ڏني ويئي.
    هي اهو دور هو جو برطانيه جي لنڊن وارن حڪمرانن ۽ هندستان جي اعلى اختياري وارن کي سنڌ باب معلومات جي اچي هورا کورا لڳي هئي ۽ اهو ڄاڻڻ پئي چاهيون ته هن ملڪ جي تاريخ ڇا آهي، پيداواري ذرئعا، زرعي اپت، ڍل ۽ فوج، ڪيتري آهي، سياسي حالتون ڪهڙيون آهن۽ حڪومت ڪرڻ جو نمونو ڪهڙو آهي. ناٿن ڪرو پهريون انگريز آفيسر هو جنهن بابت سياست سان لاڳاپيل ڳالهيون قلمبند ڪري انگريزن جي بمبئي حڪومت کي پيش ڪيون. اهڙين حقيقتن کي قلمبند ڪرڻ جي ٻئي ڪوشش ڪئپٽن جيمس مڪمرڊو جو لکيل احوال سندن ذاتي مشاهدي ۽ مطالعي سان واسطو رکي ٿو، پر سندن احوالن ۾ ڪجھ اختلاف به نظر اچي ٿو. ڪرو جيڪو حال احوال سيڙي ڪٺو ڪيو آهي، سو سياست سان وڌيڪ لاڳاپيل آهي. ان جي ڀيٽ ۾ مڪمرڊو جو قلمبند ڪيل احوال عالماڻو آهي.پر هن جيڪا به جاچ پڙتال ڪئي آهي، تنهن ۾ سياسي پهلو به مضمر آهي، جيڪا ان زماني ۾ هندستان اندر انگريز آفيسرن جي نمايان خوبي هوندي هئي.
    ڪئپٽن جيمس مڪمرڊو ڊمفري شائر Dum Fire Shire جي ميجر مڪمرڊو جو ننڍو پٽ هو. جڏهن هو ننڍو هو ته سوچيندو هو ته هو به جيڪر پنهنجي پيءُ جيان فوجي ٿئي ۽ ويچاريندو هو هو وڏو ٿي خشڪي يا بحري فوج ۾ نوڪري ڪندو. اهو انگريز سامراج جي اوج جو دور هو. ان زماني ۾ هر انگريز نوجوان جي خواهش هوندي هئي، ته هو فوج ۾ ڀرتي ٿي غلام ملڪن ۾ وڃي پنهنجو نالو ڪڍي ۽ وڌ کان وڌ ناڻو ڪمائي. مڪمرڊو به اهڙي مقصد سان فوج ۾ ڀرتي ٿي هندستان آيو ۽ جنرل اليگزينڊر واڪر جي هيٺيان ڪم ڪرڻ لڳو، جيڪو ان زماني ۾ بڙودا ۾ ريزيڊنٽ هو. هو پنهنجي نوڪري واري زماني ۾ هندستان جي ٻولين جهڙوڪ فارسي ۽ اڙدو جو گهڻو اڀياس ڪيو. ٿوري عرصي کانپوءِ هيءُ سر جان ايبرڪرومبي، Sir Jhon Abercom bie هيٺيان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ هن سان گڏجي ماريشيس Maurtious expendition ۾ شريڪ ٿيو. هن سنه 1812ع ۾ وري هندستان موٽي آيو ۽ کيس ڪڇ جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو. ان حيثيت ۾ هن ڪڇ، سنڌ ۽ مڪران جي سامونڊي ڪناري کي گهمي ۽ جاچي ڏٺو. جڏهن هن سنڌ جو سامونڊي ڪنارو ڏٺو ته کيس سنڌ جي تاريخ بابت معلومات هٿ ڪرڻ لاءِ اڻ تڻ لڳي. هن سنڌ جي تاريخ تي فارسي ٻولي ۾ ڪتاب گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ان بابت ويساه جوڳي ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين، هن کي 1814ع ۾ ڪڇ جي دنگ جهلواڙ Jhalwar ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو. 1816ع ۾ هو هڪ وفد ساڻ ڪري ڪڇ جي راءِ ڏانهن روانو ٿيو، انهن مقصد سان ته جيئن کي انهن ڌاڙيلن جي سهائتا کان روڪي، جيڪو بمبئي جي انگريزي سرڪار جي اتر اولھ واري دنگ سان کئونس مچايون بيٺا هئا. ان کان پوءِ کيس ڪڇ جو ريزينڊٽ آفيسر به مقرر ڪيو ويو. مڪمرڊو کي هڪ اهم سياسي حيثيت حاصل هئي ۽ وقت به گهڻو هئس، تنهن ڪري سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ جي مطالعي ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳو. سنڌ جو احوال ۽ سنڌو بابت سندس يادگيريون ان کوجنا جو نتيجو آهن. ڪئپٽن مڪمرڊو گهڻو وقت زنده ڪانه رهيو. هن 26 اپريل 1820ع ۾ مهامري ۾ وفات ڪئي ۽ ان وقت سندس ڄمار 35 ورهيه هئي.
    مڪمرڊو جو سنڌ بابت قلمهند ڪيل احوال سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. جڏهن هو سنڌ جي تاريزخ بيان ڪري ٿو ته حڪمرانن کي ته ڇهي به ڪونه ٿو، نه يوري سنس درٻارن، سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو. پر ملڪي آبهوا، پئدائش، جانورن ۽ ماڻهن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿو. مڪمرڊو ان تاريخ کي آڏو آندو جنهن کي شاهي مورخ پاسو ڪندا هئا. سندس مشاهدو تيز هو ۽ کوجنا ۾ ڏاهپ کان ڪم ورتو اٿائين. هو رڳو واقعن جو بيان ڪونه ٿو ڪري پر انهن کي چڱي ريت ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ۽ جاچي پرکي ڏسي ٿو. پر ان هوندي به سندس سامراجي سوچ ۽ گوري نسل سان تعلق هجڻ الڪاري به سگهجي ٿو، پر مجموعي طور تي سندس سنڌ بابت ڏنل احوال گهڻو ڪارائتو آهي ۽ هن احوال جي مدد سان سنڌ جي تاريخ کي چڱي ريت سمجهي سگهجي ٿو.
    مڪمرڊو، سنڌي سماج جي ريتن رسمن جو ڏاڍي ڌيان ۽ گيان سان مطالعو ڪيو آهي. ان جو مثال اهو آهي ته جڏهن هن اٺن جو ذڪر ڪيو آهي تڏهن هو ٻڌئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو اٺن تي سواري ڪرڻ عيب ڪرڻ ڪونه سمجهندا آهن. پر پلاڻڻ مهل هن ڳالھ ڏانهن ڌيان ضرور ڏيندا آهن ته پاکڙو سهڻو گاشو ٺاهوڪو ۽ تنگ موهيندڙ هجي. مهار ۾ ٽؤنر لڳل هجن. ناڪيلي ۾ نفاست ۽ نزاڪت هجي، ڳچي ۾ ڳانيون ۽ مئنڌ هجن جن ۾ ڪوڏن ڪوڏين ۽ ٽئورن جي لڙه لڳل هجي ۽ آڏو ڳوربند ۾ جهاٻا جهائين جهالر لايو بيٺا هجن. رڪيب نوان ۽ دوالن تي سيم جي سنجهٽ ٿيل هجي. حڪمران طبقي بابت احوال اوريندي بيان ڪري ٿو ته اسان جي سياسي سگھ فوجي طاقت ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ تي رکيل آهي. انهن ڳالهين مان اسان کي چڱي ريت پوي ٿو ته، ان وقت سنڌي سماج ڄڻ قديم دور سان واڳيل هڪ پوکي راهي واري نيگات هئي. وڻج ۽ واپار جيڪو سترهين صدي تائين جاگيردار طبقو پراڻين ڳالهين کي چچڙ جيان چنبڙيو پيو هو ۽ سنڌي سماج کي نواڻ ڏانهن نيڻ لاءِ ڪنهن کي به اون ڪونه هئي. توڙي جو يورپي قوموي نئين دور جي نواڻ جي سنهيا کڻي وٽن اچي سهڙيو هيون، ان هوندي به سياسي واڳ ڌڻين پنهنجي قوم جي ماڻهن جي پٺڀرائي ڪري نئين صنعتي کيتر ۾ پير پائڻ ساڃھ نه ڏني نه ۽ وري واپار ۽ تجارت جي همت افزائي ڪئي.
    مڪمرڊو سنڌين جي سستي ۽ ڪاهلي ڏانهن به اشارو ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته اهڙي سستي ۽ ڪاهلي جا الائي ڪهڙا سبب آهن؟ ڪوبه ماڻهو پنهنجي سڀاءُ ۾ سست ۽ ڪاهل نه هوندو آهي پر ماحول، سماجي ۽ سياسي حالتن سبب ماڻهن مٿان ڪا ڳهر ڇائنجي ويندي آهي. جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو سست ۽ ڪاهل آهن ت اهو ملڪ جي سياسي ۽ سماجي وايومنڊل جو ڏوه آهي. صدين کان وٺي هتان جي مدي خارج جاگيرداري نظام پورهيت ۽ هاري جو رت ۽ ست چوسي پنگلو ڪري ڇڏيو آهي. ائين کڻي چئجي ته وڏيرا شاهي جي مُٺيءِ مَمَ عام ماڻهو جا گوڏا چٽي کيس ٻرهن تائين پهچڻ کان پري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن هڪ ڀيرو ان ماڻهو کي پنهنجي پگهر ۽ پورهئي جي پتي نه ملي ته هن لوچ ۽ سوچ ڇڏي ڏني ۽ ويڳاڻو ٿي پورهئي کان ورچجي ۽ وانجهجي ويو. هو سوچڻ لڳو ته جيڪو پورهيو آتما کي اتمتا نه ٿو ڏئي ۽ پيٽ جو پورئو به نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ اهڙي لوچ مان ڪهڙو لوڀ؟ سنڌي ماڻهن جي غربت افلاس، جهل، سستي ۽ ڪاهلي جاگيرداري نظام ۽ حڪمران طبقي جي ڏاڍ ڏهڪاءِ ۽ ڪلور جو نتيجو آهي. سندس خيال آهي ته اهڙي ريت سنڌي به هندستان جي ٻين علائقن جي ماڻهن جيان نئين سوچ ۽ سرگرمي جي نت نڪور لاڙن کان پري رهجي ويو ۽ ان ويڳاڻپ ڪري سماج جي ترقي ۽ تعمير واسطي ڪو اهم ۽ تمايان ڪردار ادا ڪونه ڪري سهگيو. ڪنهن نئين سياسي سماجي ڦير گهيرسندن زندگي ۾ ڪا تبديلي ڪانه آندي. تهن ڪري هتان جي عام ماڻهو تاريخ نقطئه نگاه سان ڪو به نمايان ڪم سرانجام ناهي ڏنو. هو ماٺ ڪيو ويٺا ڏسندا هئا ته ڪيئن راڄ ڀاڳ هڪ گهراڻي کان منهن مٽي ٻئي گهراڻي جي در تي دستڪ ڏئي ٿو. پر ڪنهن به حڪمران گهراڻي سان ڏنڊا باٺا کڻي بانهن ٻيلي ڪونه ٿي بيٺا. مڪمرڊو جو هي بيان ڪيڏو نه صحيح نه آهي ته “اهم حقيقت اها آهي ته ايشيا جي ماڻهن حڪمرانن جي تبديلين ۾ ڪو به ڪردار ادا ناهي ڪيو. ڪنهن ننڍي وڏي جذبي امنگ ۽ اتساه کين ڪجھ ڪرڻ لاءِٰ ڪونه اڀريو آهي. انهن اهم واقعن کان به ڄڻ هو اڻ ڌريا رهيا جيڪي سندن ملڪ لاءِ ضروري ۽ خوشحالي لاءِلازم ملزوم هئا،” هن بيان تي ويچارجي ٿو ته هتان جي ماڻهن جي ويڳاڻپ جو صحيح اندازو ٿي وڃي ٿو.
    هتان جي هندن، مسلمانن جي لاڳاپن تي به مڪمرڊو پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو آهي جيڪو دلچسپي کان خالي ڪونه آهي. هن ڏاڍا جتن ڪيا آهن ته ساڙ سڙين ۽ ڪينا پرور حڪمرانن جي دور ۾ هندن خلاف تعصب جو لينگهو به لڀي پوي، پر اهڙي ثابتي ڳولي لهڻ م سوڀارو ڪونه ٿيو آهي ۽ ان ڪري ڏاڍو ڏکيو به ٿيو آهي. سندس بيان هن ريت آهي، “سنڌ جي هندن ۾ ذات پات وارو ويڇو نظر ئي ڪونه ايندو، جيڪو ٻئي هنڌ بدرجه اتم ڏسڻ ۾ اچي ٿو.” هو پاڻ به اها حقيقت قبول ڪري ٿو ته سنڌ ۾ هندن خلاف ڪا به نفرت ڪونه آهي. کين گهڻي مذهبي آزادي هئي. سنڌ جي حڪمرانن جي هندن تي گهڻو ويساه هوندو هو۽ هندو اهم سرڪاري عهدن تي مقررڪيا ويندا هئا. مسلمانن ۾ شيعي سني فرقي ۾ ڪو به ڪو متڀيدڪونه هوندو هو ۽ سڀئي ميٺ محبت سان گذاريندا هئا.
    مڪمرڊو سنڌ جي فوجي طريقئه ڪار تي به پنهنجي خيالن جي روشني وجهي ٿو پر ان ۾ به سندس انگريز شاهي واري سوجهي لکي سگهجي ٿي. ان متعلق سندس بيان هن ريت آهي ته، “دنيا اندر جنگجو قومن جي جاگيردارنه فوجي نظا م گهڻو ڪري ٻٽاڪي هوندو آهي.” جيڪڏهن مٿن هڪ باظبطه منظم فوج حملو ڪندي ته ڀڄن لاءِ گس پيا گهاڙيندا. هن بيان ۾ هڪ سچي ۽ کري ڄاڻ ملي ٿي ته هندستان جي انگريز سرڪار سنڌ کي والارڻ جي تکي تاڙ ۾ ويٺي هئي.
    اسان سمجهون ٿا ته هن سنڌ بابت جيڪا ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سا پنهنجي پارئون ڪئي آهي پر هن انگريزن جي حڪمرانن طبقي کي اهم معلومات به فراهم ڪئي آهي، جيڪي سنڌ کي فتح ڪرڻ جا گهاٽ گهڙي رهيا هئا. سندس ڏنل معلومات وسيلي سنڌ جي حالتن کي جاچڻ ۽ پرکڻ لاءِ ڄڻ کين وڏي سهائتا ملي. خير! ڪن اوڻاين جي هوندي به، سندس بيان ڪيل حقيقتون سنڌ جي تاريخ جي شاگرد ۽ استاد لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون آهن
    ڪئپٽن مڪمرڊو جي سنڌ بابت هيءَ معلومات برطانيه ۽ آئرلينڊ جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽي 1834ع جي جلد I ڀاڱي II ۾ ڇپي هئي. اهڙي ريت سنڌ بابت معلومات جو ٻيو حصوجنهن کي هن “سنڌو جون ساروڻيون” جو عنوان ڏنو آهي، سو به ساڳي جرنل جي جلد I جي ڀاڱي I ۾ چپيو هو.

    مبارڪ علي


    سنڌ جي تاريخ

    تحفه الڪرام جي مولف ڪجو بيان آهي ته “سنڌ تي اهو نالو حام بن نوح عليه السلام جي پٽ “هند” جي ڀاءُ “سنڌ” جي نالي پٺيان پيل آهي.هي سڄي زمين جي ايڪهٺ ملڪن امان ٽيتاليهين(43) ملڪ جو نالو آهي. پهرين اقليم (ولايت) سندس اتر کان ۽ ٻي ولايت سندس وچيان لنگهي ٿي. هي ملڪ پهرين، ٻي، ٽين، چوٿين ۽ پنجين ولايت ۾ مشترڪ آهي. پر هن جو گهڻو ڀاڱو ٻي ولايت جي خط هيٺ آهي، تنهن ڪري مڪي شريف ۽ مديني منوره سان، هن زمين جو حقيقي قرب ثابت آهي.”
    اهو ٻڌائڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي ته مولف جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو آهي، تنهن حضرت نوح عليه السلام جي پوٽن جا نالا ڪٿان آندا آهن. عام طور تي جڏهن اهڙي قسم جي شجرو بيان ڪيو ويندو آهي ته اهڙا نالا ضرور کيان ويندا آهن. پر اهي سڀ نالا خيالي آهن. هندن جون لکتون شايد “سنڌ” جي نالي بابت ڪجھ مناسن نموني سان سمجهاڻي ڏيئي سگهن ٿيون. اها منهنجي ڪم نصيبي چئجي، جو اهڙيون لکتون منهنجي نظرن مان ڪونه گذريون آهن. انهن ذريعن مان جيڪي ٿوري گهڻي ڄاڻ ملي آهي ته پراڻي زماني کي هن کي “سنڌوديش” Sindhu desh”” يعني “سمونڊ وارو ملڪ” ڪري سڏيندا هئا. بنا ڪنهن شڪ ۽ شهبي جي سندن اشارو “سنڌو درياھه” ڏانهن هو. سنڌ جو اهو نالو هندن جي مقدس ڪتابن ۾ به موجود آهي. مذڪوره ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ تي جئدرٿ نالي هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن کي پانڊون واري گهرو ويڙھ ۾ قتل ڪيو ويو هو، ان ڪري سنڌ کي ڪڏهن “جئدرٿ ديس” به سڏيو ويو آهي.
    منهنجي خيال موجب سنڌ جو اهو نالو ان جي درياھ تي پيو آهي. هن نظريي جو قائل آءٌ ان ڪري آهيان جو هيءُ نالو اسان کي قديم دور ۾ به ملي ٿو. “سنڊومانا”(Sindomana) نالي هڪ شهر جو ذڪر يونان وارن به ڪيو آهي، جيڪو هتان جي ڪنهن صوبي جي راجڌاني جو نالو هو. وڌيڪ جاچ پڙتال مان به هڪ پڪ پئي آهيته سنڌو جي ڪٺار سان به هڪ علائقو هوندو هو، جنهن کي سنڌ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، جنهن جي حدن جو پتوهاڻي پئجي ڪونه ٿو سگهي. معلوم ٿئي ٿو ته اندريون ۽ ٻاهريون اهڙيون ڪي تبديليون آنديون آهن ۽ سنڌ انهن تبديلين کان پاڻ بچائي ڪونه سگهي آهي. مان پڪ سان سمجهان ٿو سنڌ جي علائقي ۾ جتن ۽ جاکوڙ ڪري ‘سنڊو مانا’ جي ماڳن جو ڏس پتو لهي سگهجي ٿو.
    هن ملڪن جون حدون مختلف دور ۽ مختلف حڪمرانن جي عهد جي ڌار ڌار پئي رهيون آهن. تنهن ڪري هاڻ ان جي مقرر حدن جو بيان ڪرڻ ڪجھ مڙيئي ڏکيي ڳالھ پئي سگهجي. پر اڄ به اهو امڪان ڪونه آهي، جو موجوده سنڌ صوبي جي دنگ جي صحيح معنى ۾ حدبندي ڪري سگجهي. سنڌ جي حدن کي وڌيڪ سچائي سان هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته، ڌرتي جي جنهن حصي تي سنڌو جو پاڻي پهچي پيڄ ڪري سگهي، ان کي “سنڌ” سڏجي. ان ناتي سان هيءُ اهو علائقو وڃي ٿو بيهي، جنهن جي ٽالپرن جي حڪمرا ني قائم هئي ۽ اهي ئي هن علائقي جا مڃيل حڪمان هئا ۽ هن اصول کي قديم دور سان لاڳو ڪري سگهجي ٿو. ان حساب سان سنڌ، 23 ڊگريون ۽ 67 فوٽ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67 ڊگريون ۽ 70 فوٽ ڊگهائي ڦاڪ، اوڀر، جي وچ تي موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اتر ۾ ڪابل جا علائقا ۽ دائود پوٽن جي ملڪ جو هڪ حصو درياھ جي اولھ ۽ ٻيو اوڀر طرف ٿي ويو آهي. ڏکڻ پار ڪڇ جو ملڪ ۽ سمنڊ اٿس. سنڌ جي اوڀارئين پاسي وارياسو علائقو آهي، جيڪو کيس هندستان کان الڳ ڪري بيهاري ٿو. اولھ پاسي کان وري جبلن جي قطار اٿس، جيڪا سندس هڪ قدرتي سرحد بڻجي پئي آهي.
    اهو سارو جس يونان جي مورخن لهڻو، جن سنڌ جون اهي حدون ٻڌايو ن آهن، جن جو ذڪر مان مٿي ڪري رهيو آهيان. سندس خيال موجب سنڌ ڌار ڌار حصن ۾ ورهايل هئي، جن تي ڪيترائي سگهارا راجا حڪومت ڪري رهيا هئا. انهن وٽ ڏوڪڙ پئسو به جام هو ته لشڪر به سوايو هو، جنهن زمين جي ٽڪري تي سندن راڄ هو، تنهن کي جيڪڏهن ويچاري ڏسبو ته ائين معلوم ٿيندو ته انهن راجائن جي اهميت کي وڌائي ٻڌايو ويو آهي. ان جو شايد مقصد اهو هو ته جيئن سڪندر جي سوڀن کي به حقيقت کان گهڻو وڌيڪ بيان ڪيو وڃي. ڪيترين صدين جي گذري وڃڻ کانپوءِ انهن علائقن ۾ سياسي طور وڏيون تبديليون آيون هونديون. ماڻهن جو وڏو انگ هيڏانهن جو هوڏانهن هليو ويو هوندو ۽ دنگ ۽ دڙيون به اهي ساڳيون ڪونه رهيون هونديون. ان دور جي مورخن ٻڌايو ته سڪندر سمنڊ ۽ ملتان جي وچ تي ڪيترن ئي راجائن سندس آڻ مڃي هئي. هن حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو ته ملتان کان سمنڊ تائين هڪ محديد علائقي ۾ گهڻن ئي راجائن جا راڄ هئا. ڌار ڌار نالن، مختلف عادتن ۽ ٻولين ڪري ائين سمجهيو ويو آهي ته سنڌ اندر ڪيترائي ملڪ هئا، جن تي ڌار ڌار راجائن جي حڪمراني هئي. پراهو سونهين ڪونه ٿو، جو ملڪ جي هڪ ننڍڙي ٽڪري کي هڪ وسيع علائقي جي نالي سڏيون ۽ منجهس رهندڙ ماڻهن جي ٿوري انگ کي قوم ڪوٺيون، پر جيڪڏهن ماڻهو رهندا ئي ضلعي جهڙي ننڍڙي حڪومت ۾ هوندا، سندن ريتون رسمون ۽ ٻوليون هڪ ٻئي کان نياريون ۽ ڌار هونديون ته پوءِ ڳالھ ئي الڳ آهي. پوءِ ٿي سگهي ٿوملتان کان وٿي سمنڊ تائين اهڙا ننڍڙا ملڪ الائي ڪيترا هجن. پر اهڙي قسم جون حقيقتون نه اسان کي ڪنهن تاريخ ۾ ملن ٿيون نه وري اهڙيون ڪي روايتون ئي هٿ آيون آهن. اهو به امڪان آهي ته معاشري جي ترقي ڪرڻ سبب ڪيتيريون ئي تبديليون آيون هونديون.
    اسان کي ڌنڌلن ۽ اڻ چٽن اندازن کي ڇڏي، سنڌ جي انهن حصن تي ويچارڻو پوندو، جن لاءِ ماڻهن وٽ به ڪي روايتون موجود آهن. قديم زماني کان وٺي هي ملڪ ٻن مکيه حصن ۾ ورهايل هوندو هو، جن مان هڪ اتر ٻيو ڏکڻ پاسي واقعي هو. سنڌ جو اتر وارو حصو بکر جي اوسي پاسي کان وٺي سيوهڻ کان هيٺ هالا ڪنڊي تائين هوندو هو. جنهن کي ‘سرو’ چيو ويندو هو. ڏاکڻيون حصو هالا ڪنڊي کان وٺي سمنڊ تائين پکڙيل هو، جنهن کي لاڙ سڏيو ويندو آهي. (1) هنن لفظن جي اصلي معني ڇا آهي، تنهن جو پتو مون کي پئجي ڪونه سهگيو آهي. پر اهي نهايت قديم ضرور آهن. ڇاڪاڻ ته رومي شهنشاهيت جي شروعاتي دور ۾ اتان جي جاگرافيدنن لاڙ Laryia)) ان خطي کي سڏيو آهي، جيڪو سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ڀرسان هو. ان نالي جي اصليت اسان کي لاهري بندر مان به محسوس ٿئي ٿي، جنهن جي معني لاڙي بندر آهي. پر هڪڙي ڳالھ ڌيان ۾ ضرور رکڻي پوندي ته مختلف دورن ۾ ڇوڙ وارو علائقو به مختلف رهيو آهي. (2)
    سنڌ جي ٻنهي ڀاڱن جوي جدا جدا راجڌانيون هونديون هيون. سري ۾ اروڙ ۽ لاڙ ۾ برهمڻ آباد هئي. مسمانن جي شروعاتي دور ۾ هنن جهڙا مشهور شهر ٻيا ڪونه هئا. راءِ گهراڻي جي شهنشانيت ۾ اوڙ پهريون ۽ برهمڻ آباد ٻيو نمبرشهر هوندو هو.سري ۽ لاڙ ڀاڱن کي وري ننڍن علائقن ۾ ورهايو ويو. جن کي گهڻو ڪري هاڻي به سانهن ساڳين نالن سان سڏيو ويندو آهي. ٿي سهگي ٿو انهن جا ٻيا نالا به هجن، جيڪي ختم ٿي ويا هوندا يا بگڙي صورت ئي ٻي اختيار ڪري ويا هوندا ۽ سڃاڻپ کان زور ٿي ويا هوندا. سندرا(Sundra) ، سيوهڻ، ٽيهريTehri ، لوهڙي، لهڙيLohri ، گورا Gora يا ڪرنالاCornalla اهڙن پراڻن علائقن جا نالا آهن. جيڪي عربن هٿان سنڌ فتح ٿيڻ وقت يا ان کان اڳي به موجود هئا. پر انهن علائقن جي گهڻائي جا نالا بدلجي ويا ٿا ڀائنجن. سنڌ جن ننڍڙن علائقن ۾ هاڻي ورهايل آهي، تن ۾ انگ الڳ الڳ چوئيتاليهه ٿيندو.
    سرڪاري ڪاغذن ۾ صوبي جي تاريخ ۾ به انهن ننڍڙن علائق جو انگ ساڳيو آهي. معلوم ا.ئين ٿئي ٿو ته سنڌ جي هر ڀاڱي ۾ گهٽ وڌائي به ٿيندي رهندي آهي. ڪڏهن وري انهن ننڍن علائقن جوانگ وڌائي پنجاھ کن پرڳڻا به جوڙيا ويا آهن.
    سنڌ کي انتظامي طور ننڍن علائقن ۾ ورهائڻ جو طريقو هيٺ ڏجي ٿو.
    ڇوڙ واري علائقي ۾ ، چچ گامChahagam ، جاتي، ڪڪرالاKakralla ، ساڪرو، ٺٽو، ڌاراجا، سندراSundra ، پليگرPallegar چڪرهالا، امام واھ ۽ ٽنڊو محمد خان ٽالپر.
    سرو، دريا جي اوڀر طرف ڄام تماچي، (ميرپور) بٺورو، روپا، اوڍيجاهيOdhijahi ، سماوتي، ٽنڊو مير الهيار خان،متالوءِMattaloi ، شهدادپور، هالاڪنڊي، دم Dim، ڪنڊيارو، راڻي پور، گمبٽ، لاڪاوت، *هالاڻي، بهلاڻي، لوهڙي، موراگچيرا، خيرپور(ميرپور) ماٿيلو.
    دريا جي الهندي پاسي سري وارو علائقو: ڪوٽڙي، کونٽوKhonto ، سن، سيوهڻ، تيهريTehri ، بوبڪ، سامتاڻي، خدا آباد، ڪلاھ Kullah (ڪنداھ) ڪچاKacha ، باغبان، ٽڳرTiggar ، چانڊڪا، ڳوراها يا ڪرنالاCarnalla ، دوآبو يا حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٺٽي جي اولھ پاسي وارو علائقو نئون آهي، جيڪو سمنڊ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌ سان شامل ٿيو آهي. ملير ڪراچي واري علائقي ۾ گڏايو ويو آهي.
    هر هڪ پرڳڻي ۾ وري ڪيترائي ئي ننڍا علائقا آهن، جيڪڏهن انهن جو ويھي بيان ڪبو ته پڙهندڙ منجهي پوندو. جوڻ ۽ بدين جا ٻه وڏا علائقا آهن، جيڪي چچگام واري علائقي ۾ شامل ڪيا آهن. اهڙي ريت منڌراMandra وارو به نهايت قديم علائقو آهي. نصرپور به پنهنجي زماني جي هڪ وڏي سرڪار هوندي هئي. چيو ويندو آهي ته نصرپور جو شهر ماتالوءِMattaloi جي کنڊرن مٿان اڏيو ويو آهي. زماني جا ڦير آهن. ڪڏهن ته نصرپور، نصرپور هئي ڪڏهن وري اهو وقت به آيو جو پنهنجي پاڙيسري علائقي جي ماتحت بڻجي وئي جيڪو وڌيڪ آباد ۽ سکيو ستابو ٿي ويو‏. اهڙي ريت ٺٽي جي سرڪار ۾ ڪيترائي علائقا آهن، انهن مان وڌيڪ قديم درڪDurk جو پرڳڻو آهي. ڪڏهن کنگري جو پرڳڻو به ٺٽي سان شامل هوندو هو. پر مٿيان ٻئي پرڳڻا ٺٽي کان الڳ ڪري ڇڏيا آهن. هنن . کانسواءِ ديرڪDirak نالي به هڪ قديم پرڳڻو هوندو هو، جنهن جو نالو به ماڻهن کان وسري ويو آهي.
    تحفه الڪرام جي مولف جو بيان آهيته سنڌ کي سٺيءَ آبهوا سان نوازيو ويو آهي. سندس چوڻ مطابق هن جون سانجهيون ته اقعي خوبصورت ٿينديون آهن. سنڌ جو اتر وارو ڀاڱو گرم ۽ لاڙ وارو ڀاڱو ٿڌو ٿيندو آهي. مان سمجهان ٿو۽ حقيقت به اها آهي ته هن صوبي جي آبهوايڏي سٺي ڪانه آهي. خاص طور تي اهي علائقا، جن تائين سنڌوءِ جي ٻوڏ جو پاڻي پهچي سگهندو آهي، سي تپاوليءِ جي منهن ۾ هوندا آهن. هڪ ماڻهو جيڪو گهڻو عرصو لاڙ ۾ رهيو آهي، تنهن پنهنجي خيالن جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو آهي ته جڏهن ٻوڏ جو پاڻي لهي ويندو آهي ۽ چوڏس اوڀڙ اڀري پوندي آهي. ڪٿي ڪٿي پاڻي دٻا ۽ تلاءِ ٺاهي بيهندو آهي. ان رُت ۾ سج جي اس به کائيندي آهي. ڪمري کان بُڇان پئي ٿيندي. ڪني پاڻي ٻئي گند غلاظت جي ڌپ پئي ساڙيندي. ٻيڙ تپ ۽ ٻيون بيماريون جهڙوڪ سنڌن جو سور وغيره به منهن ڪڍندو آهي. اتر سنڌ ۾ اهڙي خراب آبهوا ڪانه ٿيندي آهي. باقي اونهاري جي موسم ۾ ڪن علائقن ۾ لوساٽيندڙ لُڪ لڳندي آهي، سڄي هندستان ۾ فقط اهو علائقو آهي، جتي اهڙي قسم جو ڪوسو واءُ لڳندو آهي، سنڌ جي لاڙ ۽ سري واري ڀاڱي ۾، آبهوا جي لحاظ کان وڏو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن لاڙ واري حصي ۾ ڪو سرڪاري ملازم ڪم ڪندو آهي ته کيس تمام گهڻي وڏي پگهار ڏني ويندي آهي ۽ جيڪڏهن اهوهتان جو رهاڪو نه هوندو ته هن رُت ۾ بيمار ٿي پوندو آهي.
    ٺٽي کان اولھ پاسي ڇوڙ واري علائقي جي چوماسي واري ڏکڻ-اولھ کان گهلندي آهي، تنهن ڪري هن تاڏي جو ڪوسائي پد به گجرات جي الهندي سامونڊي ڪناري واري علائقي جهڙو هوندو آهي. شهر جي اولھ پاسي آبهوا وڌيڪ خراب هوندي آهي. ڇپر ۽ ان علائقي ۾ جتي جوگيه رهندا آهن، ڪن سالن جي مينهن جي ڦڙي به ڪانه پئي آهي. مان اڳي به ذڪر ڪري آيو آهيان ته مارچ، اپريل ۽ مئي جي مهيني ۾ سري ۾ گرمي تمام گهڻي ٿي ويندي آهي. سري واري علائقي ۾ ايڏي ته ڪوسي اگهاڙ گهلندي آهي جو سفر ڪرڻ به مشڪل ٿيو پوي، ان رُت ۾ سبي ۽ سنڌ جي وچ تي بربٽ مان سفر ڪرڻ بلڪل ناممڪن ٿي ويندو آهي. سري ۾ گهڻو ڪري جون واري مهيني ۾ پلر جي پالوٽ ٿيندي آهي. ان موسم ۾ سنڌو ۾ چاڙُھ به ٿيندو آهي، تنهن ڪري گرمي جو ڪجھ ٿي پوندو آهي. سياري جي رت ۾ جيڪا گهڻو ڪري ڊسمبر ۽ جنوري ۾ ايندي آهي، پارن پوڻ سان وڻن ۽ ٻوٽن جا پن ڇڻي ويندا آهن. لاڙ واري ڀاڱي ۾ اهڙي سخت ٿڌ ڪانه پوندي آهي.
    سنڌ جي زمين جا ڪيترائي قسم آهن. اها زمين جنهن تائين سنڌو جي ٻوڏ جو پاڻي پهچي سهگندو آهي، سا تمام ڀلي زمين هوندي آهي، ڪٿي وري اهو پاڻي چيڪي مٽي ۽ ڪاٿي وري سنهي واري ڇڏي ويندو آهي. اها زمين اهڙي ڀلي هوندي آهي، جو بنا پورهئي ڪرڻ جي ان جا انبار اپائيندي آهي. اُٿل کانپوءِ جڏهن پاڻي سڪي ويندو آهي، پر زمين اڃا ڪجھ آلي هوندي آهي ته مٿان ٻج ڇٽي ڇڏيندا آهن. لاباري تائين پوک ۾ ٻيو پورهيو ڪونه ڪندا آهن. الهندي پاسي بلوچستان واري دنگ سان جابلو علائقو آهي، جتي لوھ جون کاڻيون گهڻيون لڀي سهگنديون. مذڪوره ايراضي پيدائش جي لحاظ کان غريب آهي. پاڻي جو اڻاٺ آهي ۽ ڏرتي جو مٿاڇرو ٽڪري سان ڍڪيل ڏسبو آهي، تنهن ڪري هيءُ جُوءِ زراعت لاءِ ته پر مال جي چاري لاءِ موزون آهي. انهي ڪري هتان جا ماڻهو به مالوند آهن. سيوهڻ کان اتر پاسي جبلن جي بلڪل ڪڇ ۾ زمين ڏاڍي ڀلي آهي ۽ منجهس فصل به ڀلا ٿيندا آهن. لاڙڪاڻي ۽ ان جي اتر تائين وچ تي ڪاٿي جبل ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو.
    سنڌ جي اوڀارئين ڀاڱي واري زمين ۾ ٿر جي واري گڏيل هوندي آهي. پر درياءِ جي ڀرسان گهڻي ڀاڱي تائين هي واري سفيد مٽيءِ سان گڏجي پوکي راهي لاءِ ڏاڍي ڀلي ثابت ٿيندي آهي. لاڙ واري علائقي جي اڀرندي پاسي درياھ جي ڀرسان خاص طور تي اها زمين آهي. ارهڙ جي رت ۾ هي مٽي مينهن وانگر پئي واءِ تي وسندي آهي ۽ ڏاڍي بڇان پئي ٿيندي آهي. ماڻهي هن کان بچڻ لاءِ وس ڪندا آهن. هتان جا رهاڪو گهرن ۾ ٺاهيل منگھ بند ڪري ڇڏيندا آهن ، سنڌ جي هن علائقي ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪو مسافر ڏينهن تائين پيو سفر ڪندو، ته رستي تي جبل ته ٺهيو، پر پهڻ به ڪونه ڏسڻ ۾ ايندو.
    هن صوبي جو اهو ڀاڱو جنهن تائين سنڌوءِ جي اٿل جو پاڻي پهچي سگهندو آهي، دنيا جي زرخيز علائقن ۾ شمار ٿيندو آهي، جيڪڏهن اٿل ورهيارو ۽ گهڻي ٿيندي آهي ته هتان جا ماڻهو سکيا ستابا ۽ ريان کيان رهندا آهن. جن علائقن ۾ اٿل جو پاڻي پهچي ڪونه سگهبوآهي ته زمين جي پيداوار ايتري ڪانه هوندي آهي جو پورهئي ڪرڻ وارو پاٽ تاتي سگهي. سنڌ ۾ اهڙا ٿورا علائقا آهن جن ۾ اناج جا ٽي فصل ٿيندا آهن. نه ته عام طور تي ٻه ٿيندا آهن ، جتي وري سنڌ جو پاڻي قدرتي طور تي يا ماڻهن جي روڪجڻ ڪري اڳتي وڃي نه سگهندو آهي ته اتي سال ۾ اناج جو فقط هڪ سال ٿيندو آهي، پر اهو به اُپت تمام گهٽ ٿيندو آهي.


    پيداوار

    لااڙ جي سڄي هيٺين علائقي ۾ سال جا ٽي مهينا پاڻي اک لڳو پيو هوندو آهي. اتي ساريون ايتريون ته گهڻيون پوکيون وينديون آهن، جو مون ڪڏهن ڪونه ٻڌيون سڻيون. ڪڪرالي ۽ ڪچي وارو علائقو ته ساريون تمام گهڻيون اپائيندو آهي، پاڻي جو پهريون لڙهو ايندو آهي ته ٻيجو پوکي ڇڏيندا آهن. رونبي کان پوءِ پاڻي به ويندو مٿي چڙهندو ته ساريون به وينديون قد ڪنديون. ڪڏهن ته وري حالت اهڙي ٿيندي آهي، جو ڪڪرالي پرڳڻي جي هڪ ديھ ايتريون ساريون پيدا ڪيون جو سرڪار کي ڍل ام ٽئين حصي طور مڪ هزار خرار ساريون مليون.(3)
    هيٺين پرڳڻن ۾ خشڪ فصل تمام گهٽ ڪاهيا ويندا آهن، باقي، امام واھ بدين واري پاسي، ڪڻڪ، جو، جوئر، ٻاجهري، ڪمند ۽ تماڪ وغيره آبپاشي نظام وسيلي ڪاهيا وڃن ٿا.
    چچ گام(4) علائقي جو وڏو حصو، جيڪو سنڌو جي هڪ ڇاڙھ گونيءَ جي اڀرندي پار آهي، ان تائين سنڌو جي اٿل جو پاڻي پهچي نه سگهندو آهي ۽ موسم مطابق ٻاجهري، مڱ، ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻيا فصل واهيندا آهن. فصلن واسطي اهو پاڻي گوني يا پراڻ مان واھ ۽ ڪسيون کوٽي آڻيندا آهن.
    سنڌ جي اترئين علائقن ۾ ڪڻڪ، جَوَ، جوئر ٻيا عام فصل به تمام گهڻا ٿيندا آهن. اهڙا فصل واهن وسيلي پاڻي آڻي ڪاهيا ويندا آهن يا درياھ اٿل وقت جيڪي ڍنڍون ٺاهي ويندو آهي ۽ اهي جلدي جلدي سڪڻ شروع ڪنديون آهن ته انهن جي هيٺين پاسي سان ٻج ڇٽي آبادي ڪندا آهن. ڪاٿي وري ووئڻن جا فصل راڌا ويندا آهن پر اهي ذري گهٽ وڻن جيترا وڏا هوندا آهن ۽ منجهن ٽاريون به جام ٿينديون آهن. پر اهي دائمي وڻن جيان ڪونه هوندا آهن. ڪمند تمام گهڻو ڪاهيو ويندو آهي. جاڏي نظر ڪر تاڏي ڪمند جي پوک پئي ڏسبي آهي. ڳڙ، مٺائي ۽ کنڊ جام ٺهندي آهي. پر هن مٺاڻ جو وڏو حصو يا ته سنڌ ۾ ئي کپي ويندو آهي، يا ته ڀر وارن اترئين علائقن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو آهي، جتي ڪمند موافق آبهوا موجود ڪانه آهي. پر کنڊ سٺي وڙ جي ڪانه ٿيندي آهي. هندستان ۾ جيڪي ڀاڄيون ڀتيون ٿينديون آهن، سي سڀئي اسان کي سنڌ ۾ ڏسڻ ۾ اينديون ، پر انهن کي پاڻي هٿ سان پهچايو ويندو آهي. لاهوري گجرونSweet Potato) ) به ڪاهيون وڃن ٿيون. هنن جو فصل تمام گهڻو ڏسڻ ۾ پيو ايندو ۽ ڪن جاين تي ته ماڻهن جي لازمي خوراڪ بڻجي وئي آهي.
    اتر سنڌ ۾ نير جي پوک ته خاص ڌيان ڏيئيڪاهي ويندي آهي. اها وٿ هڪ ته هتان جي ماڻهن جي ڪپڙن رڱن ۾ ڪم اچي ٿي ۽ ان کانسواءِ ٻآهر موڪلي چڱو ناڻو به ڪمايو ويندو آهي. نير جي پوک گهڻو ڪري ساهتي، ٽڳڙ، باغبان، چانڊڪا، لوهري ۽ سامتاڻي پرڳڻي ۾ جام ٿيندي آهي. هي پوک ماڻهن ۽ سرڪار ٻنهي لاءِ لاڀائتي آهي. زمين جو هڪ ٽڪر جنهن جي ماپ اٺ گز چورس هوندي آهي ۽ سنڌي ۾ هن کي “بيگو” سڏيو ويندو آهي، جنهن مان حڪومت کي اسي روپيا ڍل ملندي هئي. سنڌ ۾ هي فصل آبپاشي نظام وسيلي ڪاهيو ويندو آهي ۽ هن فصل ۾ ٻين کان وڍيڪ ڌيان ڏيڻ جي گهڻي ضرورت پوندي آهي.
    ٺٽي جي ڀر اوسي پاسي ۽ ٻين علائقن ۾ شوري جي گهڻي پيداوار ٿيندي آهي. شروعاتي دور ۾ هي وٿ ڏيساور موڪلي ويندي هئي. هاڻي اولھ هندستان جي منڊي ۾ هن جو وڏو اگھ آهي. پوئين دور ۾ سنڌ جي شوري جو انگ ڪري پيو ۽ تمام گهٽ ڪتب اچڻ لڳو. ان جو سبب اهو ته بنگال ۾ گهٽ وڙ وارو سستو شورو تيار ٿيڻ لڳو هو. شوري جي وڙ کي وڌيڪ سڌارڻ لاءِ پورهئي ۽ ڄاڻ جي گهڻي لوڙ هوندي آهي. ڏيهي استعمال لاءِ به شورو تمام گهڻو ڪم ايندو آهي. سنڌ ۾ سٺو ۽ معياري شورو ٺهندو آهي، جيڪو هندستان ۾ بارود ٺهڻ واري ڪم ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان لوڻ گهڻو پيدا ٿئي ٿو جيڪو ملڪ جي اندرئين علائقن ڏانهن سال جا ٻارنهن ئي مهينا پيو ويندو آهي.
    جيستائين مون کي ڄاڻ آهي ته سنڌ ۾ عمارتي ڪاٺ گهٽ ٿيندو آهي، ان ڏس ۾ هي ملڪ ڄڻ ته ٻين جو محتاج آهي، ڇاڪاڻ ته ٻيلن جا اهڙا وڻ ئي ڪونه آهن، جن کي عمارتي ڪاٺ جي نالي سان سڏي سگهجي ٿو. ڇوڙ واري سڄي علائقي ۾ پاڻي ۾ ڇرون آهن، جن ۾ هلڪو سلڪو جهنگ نظر ايندو. اهو ڪاٺ وڍي چيري ٻارڻ جي ڪم ايندو ويندو آهي. هن صوبي ۾ عام وڻ لئي جو ٿيندو آهي.(5) سمنڊ جي ڀر واري علائقي ۾ هي وڌي وڻ ڪونه ٿيندو آهي. پر چيو ويندو آهي ته حيدرآباد ۽ سيوهڻ جي وچ تي موجود ٻيلن ۾ هي موجود آهي، جيڪو گهڻو وڏو ۽ ٿلهو ٿيندو آهي.
    گهڻن قسمن جي ميوات هتي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي آهي. باقي هتان جا انب، ڏاڙهون ۽ گدرا ته واھ جا آهن. انگور، صوف، ناسپاتيون ۽ ڪشمش ڪابل يا اترئين علائقن مان ايندا آهن. ڪشمش ته سڪائي آندي ويندي آهي. باقي ٻيا ميوا ڪپھ سان ٻڌي آندا ويندا آهن ۽ ڇهن مهينن لاءِ تازا رهندا آهن. هتي جهرڻا به گهڻا آهن. ڪن جهرڻن جي پاڻي ۾ دوا جي خاصيت هوندي آهي. ٺٽي جي اولھ پار ٽڪرين ۾ گرم جهڙڻا موجود آهن. خيرپور واري علائقي ۾ مٺي سوڍا، کار ۽ پوٽاش تيار ڪئي ويندي آهي، جيڪا هندستان ڏانهن موڪلي ويندي آهي، اتي صابڻ ۽ لائي ٺاهڻ ۾ ڪتب ايندي آهي.


    جانور

    ڪارج ۽ انگ جي لحاظ کان سنڌ ۾ اٺ تمام گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سنڌ ۾ اٺ جتي ڪٿي پاليو ويندو آهي. رينيلRennel جي چواڻي موجب ته سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ پاڻي جون ڇرون گهڻيون هونديون آهن، اهڙي قسم جي آبهوا اٺ کي گهڻي ڀانءِ پوندي آهي. ان ڪري هي اٺ به گهڻا پاليا ويندا آهن. اهو به چيو ويندو آهي ته گهم واري آبهوا تي پليل اٺ جابلو يا وارياسي علائقي ۾ پليل اٺ جيان ڏک ڏاکڙا سهي ڪونه سگهندو آهي. ڇوڙ واري علائقي ۾ هيءٌ جانور ڇر جي پاڻي ۽ گپ ۾ بيٺو لئي ۽ لاڻو چرندو آهي. هن جوءِ ۾ ڪيئي اوٺا وڳ پيا ڏسبا آهن، جيڪي هن قسم جو چارو چاري ٿلها متارا ٿي توها ڪڍي ويندا آهن هجڙي ريت خشڪ علائقي وارو اٺ وڻ جا پن چري سئوکو متارو ٿي ويندو آهي(6)
    سنڌ جهڙي ملڪ ۾ اٺ جو ڪارج گهڻ پاسائون آهي. خشڪي رستي ڏيهي واپاري مال اٺ وسيلي پيو ايندو ويندو آهي. سامونڊي ڪناري کان وٺي قنڌار تائين تجارتي مال اٺن ذريعي نيو ويندو آهي. ايڏي ڊگهي سفر تي هر هڪ اٺ تي ٻارهن اسٽون وزن سٿيو ويندو آهي. اٺن وارا قافلا سفر رات جو ڪندا آهن ۽ سورهن يا ويهه ميلن جي منزلن ڪري ڏينهن جو آرام ڪندا آهن. هي جانور جهنگ چري ڍوءُ ڪندو آهي. هنن حالتن ۾ ٻيو جانور بک ۾ مري ختم ٿي وڃي. اٺ اڃا ننڍو گورو هوندو آهي جو پاکڙي ۽ پلاڻ تي هيرايو ويندو آهي ۽ پوءِ جيئن گهوڙو هني تي هري ويندو آهي، تيئن اٺ به پاکڙي تي هري مري ويندو آهي ۽ ناقابل سفر تي يقين سفر تي به يقين ٿي ويندو آهي. اٺ جو وک وک پنڌ سوار لاءِ ٻَرو هوندو آهي، پر لَس يا ڪاھ وارو پنڌ سنجهو ٿئي. سنڌ ۾ وڏ گهراڻا ماڻهو اٺ جي سواري مان وڏ ڪونه ڪڍن ۽ نه وري ان کي گهٽ ڄاڻن. سفر کي سنجهي ڪرڻ لاءِ جتن ءِ جهد ڪيا ويندا آهن. پاکڙي کي سنجهو ۽ پٽ جهڙو ڪئنرو رکيو ويندو آهي. ان کانپوءِ اٺ جو هلڻ مس وڃي سهڻ جوڳو ٿيندو آهي. ٻين ملڪن جا اٺ سنڌ جي اٺ جهڙا سنجا ڀلا ۽ شاندار ڪونه آهن. اٺ جي پاکڙي ۾ وهن جا ٻه خانا ٿيندا آهن ۽ ان ڪپڙي مان ٺهيل هوندو آهي، جنهن جو بر ويڪرو هوندو آهي. مٿس ڀرت جو نازڪ ۽ نفيس ڪم ڪيو ويندو آهي . اڳئين خاني ۾ جت وهندو آهي. اٺ کي هلائڻ لاءِ مهار سندس هٿ ۾ هوندي آهي. ان مهار جا ٻئي ڇيڙا ، اٺ جي نڪ جي ٻنهي پاسي لڳل لاٽين ۾ ٻڌل هوندا آهن. جيڪي ڪاٺ جون هونديون آهن. انهن جي ڊيگھ ٻه انچ ٿيندي آهي. مٿان چوٽي وٽ بونبڙي هوندي اٿن. پٺئين خاني ۾ هٿيار بند همراھ ويٺل هوندو آهي، جيڪو پهريدار يا خدمتگار هوندو آهي. ايشيا ۾ لڳندڙ جنگين ۾ ڪتب ايندڙ “چڪر” اٺ تي ويهي سولائي سان ڪم آڻي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ هن جنگي اوزار کي اٺ تي ويهي استعمال ڪرڻ جو گهڻو رواج آهي.
    اٺ ٻئي ڪم ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو اڃا اوهان کي ٻڌايو ئي ڪونه اٿئون. اٺ کي نار ۾ جوٽي پوکي راهي پڻ ڪئي ويندي آهي. ڪاٿي وري هر کيڙيندي ۽ ڪاٿي وري گهاڻي ۾ گهمندي تيل پيڙيندي به ڏٺا ويا آهن. جن ماڻهن وٽ اوٺا وڳ هوندا آهن، سي ڏاچين جو کير به پيئندا آهن. چوندا آهن ته ڏاچي جو کير نرويو ۽ ڏپ وارو ٿيندو آهي. اوٺو کير ڏهڻ شرط ڪتب آندو وڃي ته ڀلو، جي گهڻو رکبو ته ٻين کيرن کان هجٽ ڦٽي ويندو آهي.
    سنڌ جا گهوڙا ڏکن ڏاکڙن جا هيراڪ هوندا آهن ۽ مسافري ۾ پنهنجو پاڻ ۽ سوار واسطي ڏاڍا سنجها هوندا آهن. سوار هن کي جيڪي لاءِ، مُنَ سيکاريندو آهي، تنهن تي پيو هلندو آهي. هتي گهوڙا به جهجهي انگ ۾ پيا ڏسبا آهن. تجربي مان ثابت ٿيو آهي ته اتر سنڌ جي آبهوا گهوڙن جي موافق آهي. جيڪڏهن هن جانورن جي پالڻ تي چڱي ريت ڌيان ڏبو، ته هي اڃا به وڌي ويجهي سگهي ٿو.
    سنڌ جا وڏا گهراڻا ماڻهو جنگي جوڌا ڏاڍا ويڙهاڪ هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو ٺاهوڪڙو گهوڙو اک تي چڙهين ته بَها کي ڪونه ڏسندا قلال(7) جو گهوڙو وڌيڪ پسند ڪندا آهن، ايران ۽ قنڌار جي گهوڙي کي به گهٽ ڪونه سمجهندا آهن. انهن جي جوڙن مان جيڪي ٻهاڻ پيدا ٿيندا آهن، سي اهڙا ته ڀلا ٿيندا آهن، جو نه ڏي نه ڏس. هن ملڪ ۾ خچر جو نسل به سٺو ٿيندو آهي. هندستان جي خچر کان هتان جو خچر وڌيڪ ڀلو ٿئي ٿو. سنڌ جا خچر پانجيرا، قد وارا، سگهارا ۽ ڏاڍا سهڻا ملوڪڙا ٿيندا آهن. سفر ۾ سامان به ڏاڍو سولو هوندو آهي، جيڪي پنهنجي مالڪن سان گڏ ڊگهن سفرن تي هوندا آهن.
    جيڪا جُوءِ درياھ کان دور هوندي آهي، اتي وري ڳائو مال جام هوندو آهي. خاص ڪري ملڪ جي اوڀارئين دنگ سان هڪ وسيع ڪشادو علا.ئقو جالاري جُوءِ آهي، جتي هر جنس جو ڳائو مال پيو ڇيڪ چرندو آهي. سنڌ جا مسلمان هن کي ڪهي کائيندا به آهن، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جا واپاري هي مال خريد ڪري اوڏانهن ڪاهي ويندا آهن. ڏاند قد جو پورو پنو ، سگهو متارو ۽ ڪم جو پهلوان ٿئي ٿو. ماهيو مال به تمام گهڻو آهي. غريب ۽ شاهوڪار وٽ هيءَ مال ملندو پر ماڻهو جي شاهوڪاري جو انداز مينهن، اٺن ۽ ٻڪرين جي تعداد مان ڪري سگهبو آهي. هندستان جا جيڪي به گهرو جانور آهن سي، سنڌ ۾ تمام گهڻا لڀندا. سنڌ جي ڌرتي تي شڪار جا جانور ايترا ته گهڻا آهن، جن جو ته ڪاٿو ئي ڪري ڪونه ٿو سگهجي. سنڌ ۾ پاڻي جا پکي ايترا ته گهڻا آهن جو دنيا ۾ ٻئي هنڌ ڪاٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا. ڍنڍون، ڍورا، تلاءِ، ڇرون، سڀ هنن پکين سان ڀريل ڏسڻ ۾ ايندا ۽ هتان جي پورهيت طبقي جي پيٽ پالڻ جو ڄڻ هڪ وسيلو آهن. شڪاري جانورن مان بگهڙ ۽ گدڙ ته تمام گهڻا آهن، پر مير خان صاحب خان واري حصي ۾ چيتا به ڏٺا ويا آهن. سامونڊي کاريون ۽ درياھ جا ڦاٽ واڳن سان ڀريا پيا آهن. سنڌي ماڻهو واڳون جو احترام ڪندا آهن. کلن واسطي بجو ۽ ٻين جانورن جو شڪار ڪيو ويندو آهي. مذڪوره جانورن جي کلن جو اترئين علائقن ۾ وڏو اگھ آهي. هتي سوئر جام آهي. سنڌ جو ڇوٿون حصو ڍنڍن تلائن ۽ ڇرن جي والار هيٺ آهي. ۽ ان حساب سان هيءَ جانور به ايترو ئي گهڻو آهي. هتان جي شهزادن ۽ وڏ گهراڻن جو ڌنڌو ئي سوئر جو شڪار ڪرڻ آهي. مذهبي طور مسلمان آهن، پر هن ئي جانور جي شڪار واسطي گابن جيڏا وڏا ڪتا پاليندا آهن، جو ڏٺي پيو ڏيل ڏڪندو آهي. سنڌ ۾ سيبل(Sable) مڇي ٿيندي آهي جيڪا يورپي ڏاڍا پسند ڪندا آهن. سنڌي هن کي “پلو” سڏيندا آهن. ان جو ساءُ سواد سامن يا رانوس مڇي جهڙو ٿئي، پر ٻسانگن ڪنڊن سان ڀريل هوندو آهي، جيڪي پلي کائڻ ۾ تڪليف ڏيندا آهن.


    شهر

    سنڌ جي پاڻي راجڌاني ته اروڙ هئي، جيڪا درياھ جي پراڻي وهڪري سان ۽ بکر جي ويڪرائي ڦاڪ جي سامهون هئي. اهو شهر ٻي صدي هجري ۾ تباھ ٿي ويو. ان کانپوءِ سندن علائقو بکر جي ماتحت رهندو پيو اچي. خلاف واري ٽي سئو ساله زماني ۾ نظر ائين اچي ٿو ته سنڌ جي راجڌاني ملتان هئي. ساڳئي وقت اسان کي هي ڳالهه به ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته سنڌ جا ڪيترا علائقا عربن کان آزاد ٿي ويا هئا ۽ اهڙي حڪومت کي پنهنجي الڳ راجڌاني هئي. پر هاڻي انهن شهرن جو نانءُ نشان به ڪاٿي نظر ڪونه ٿو اچي. پر سندن نالا ۽ جاءِ وقوع ڏيڻ ضروري ٿيندو، انهن مقصد سان ته جيئن سنڌ جي تاريخ کان چڱي ريت واقف ٿي سگهجي.
    اروڙ کان پوءِ برهمڻ آباد يا بهمانا(Bahmana) جو شهر مشهور هو، جيڪو پراڻ جي وهڪري جي ڪٺار سان يا ان جي ويجهو اڏيل هو، بعد ۾ ان جي ماتحت علائقي کي شهدادپور پرڳڻي جا نالي سان سڏيو ويو. ڪنهن زماني ۾ بهمانا کي ديبل ڪانگرا(Debal Kangra) (ڏيڀر گهانگرو) به سڏيندا هئا.
    نيرون ڪوٽ به سنڌ جو هڪ مشهور شهر هو، جنهن جي کنڊرن تي هاڻي حيدرآباد جو شهر آباد آهي. هي ماڳ پنهنجي مضبوط قلعي ڪري مشهور هو. مسلمانن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو، ته هي پهريون شهر هو، جنهن سندن آڻ مڃي هئي.
    ڀنڀور جو شهر سنڌو جي ان ڇاڙھ جي ڪٺار سان وسندڙ هو، جيڪو ٺٽي ۽ ڪراچي جي وچ تي ڪڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن ڇاڙه جي سڪي وڃڻ کانپوءِ ڀنڀور جا رهاڪو لڏي پلاڻي وڃي ساڪري ۽ ٺٽي پرڳڻي ۾ ويٺا. منهنجو اندازو آهي ته مذڪوره شاخ سترهين صديءِ جي وچ ڌاران سڪي وئي هئي.
    ڪلاڻ ڪوٽ يا ڪلان ڪوٽ، جنهن کي بعد ۾ تغلق آباد به سڏيو ويو، سو ٺٽي جي اولھ پاسي ۾ هڪ ٽڪري تي اڏيل هو، پر منهجس رهندو ڪير به ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته سمجهيو ويندو هو ته هن قلعي جا ٿرڙ سونڊا پرڳڻي ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جيڪو اڃان ان جي نالي پٺيان سڏيو ويندو آهي. هن شهر جي ڀر ۾ هما ڪوٽ نالي مشهور قلعو هوندو هو. سمجهيو ويندو هو ته هن قلعي کي به هندن جي ديوتائن اڏيو هو. هن شهر جي ناس ٿيڻ کان پوءِ هتان جا رهواسي اچي ٺٽي ويٺا.
    ديبل سنڌ جو مشهور سامونڊي بندر هو. هي اهو شهر آهي، جنهن کي پهريائين عربن ڳولي لڌو هو، جيڪو هندستان جي سامونڊي ڪناري سان آباد هو. شهر تي اهو نالو هندن جي مشهور مندر تان پيو هو. عربن هن شهر کي تباھ ڪري ڇڏيو.
    هيءُ شهر ڪاٿي هو، ان بابت مختلف خيال آهن. مان هن شهر کي انهن بيان ڪيل ماڳن کان ڪنهن مختلف جاءِ تي سمجهان ٿو هن بندر جي ٿيڻ کان پوءِ هتان جا رهواسي لڏي وڃي لاهري بندر ۽ پوءِ ڌاروجا ۾ ويٺا.
    منڌرو پٽ هڪ وڏو شهر هو، جيڪو سنڌو جي موجوده ڦاٽ گوني جي ڪٺار سان ۽ لکپت جي سامهون پرٿورڙو مٿي آباد هو. هي شهر اٺين صدي هجري ۾ ناس ٿي ويو.
    “طور” سومرن جو مشهور شهر هو، جيڪو ساڳئي علائقي ۾ آباد هو. وجي ڪوٽ سومرن جي حڪمراني جي راجڌاني هو ۽ پراڻ جي ڪناري آباد هو، جيڪو هاڻي بربٽ بيابان علائق لڳو پيو آهي. چيو ويندو آهي ته هن شهر کي علاوالدين اٺين صدي هجري ۾ تباھ ڪيو. منڪاتارا يا منحاتار(ماڻڪ تارو) به هڪ مشهور شهر هو جيڪو روپاھ جي پرڳڻي ۾ ڇهين صدي هجري تائين آباد رهندو آيو. هي شهر ڪيترو پراڻو آهي . تنهن جو پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي. پر اڳڙي قبيلي لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي سڪندر جي اولاد مان آهن . تحفه الڪرام جي مولف جو بيان آهي ته هي شهر لوهاڻي درياھ جي ڪناري سان آباد هو، جيڪو هاڻ شهدادپور پرڳڻي ۾ آهي، هتي قديم شهرن جي قديم ذڪر ڪرڻ مان ڪوبه فائدو ڪونه آهي، تنهن ڪري مان هاڻي موجوده دور جي شهرن جو ذڪر ڪندس، جن جو ذڪر سنڌ جي تاريخ ۾ به ملي سگهندو.
    ڏيهي تاريخ جي حوالن مطابق ،جن ماڳن تي اڄ ٺٽي جو شهر آباد آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ سمنڊ ڇوليون هڻندو هو. جڏهن هتان سمنڊ ڇڏي ويو ته اهو علائقو بربٽ بيابان ٿي ويو ۽ منجهس مٺي پاڻي جو نالو نشان به ڪونه رهيو. جڏهن سنڌو پنهنجو وهڪرو مٽائي ٺٽي ڏانهن ڪيو ته اهو علائقوسائو ڍائو بڻجي ويو. جڏهن سنه 700 ڌاران علاوالدين سنڌ تي حملو ڪيو چيو وڃي ٿو ته ان وقت سمن ساموئي شهر ۾ هڪ قلعي مندراسا(Mandrassa) جو بنياد رکيو هو، جيڪو ٺٽي کان پنج ميل پري ۽ مڪلي ٽڪري کان اتر پار هو. تائين صدي هجري جي پڇاڙي ۾ ڄام ندي(ڄآم نظام الدين) هڪ جاءِ جي چونڊ ڪري پنهنجي حڪمراني جي نئين راجڌاني جو بنياد رکيو، جتي اڳ ۾ ماڻهن جو ڳوٺ هو. نئين راجڌاني کي هن ٺٽي جو نالو ڏنو. ڪي چون ٿا ته هي لفظ ٿاب(Thab) مان نڪتل آهي، جنهن جي معني آهي ڳتيل آبادي . ڪن جو چوڻ آهي ته شهر جو بنياد پوڻ کان اڳ ئي هن کي ٺٽو چيو ويندو هو. حقيقت ڇا آهي، تنهن جو پتو ڪونه ٿو پوي. سنڌو جو بگهاڙ ڦاٽ ٺٽي جي اتران وهندو هو. ديبل، ڀنبور، ڀگهاڙ(Bagar) ۽ ٽيرا(Terra) جا رهواسي لڏي اچي ٺٽي ۾ آباد ٿيا هئا. اهي سڀ شهر، سنڌو جي ساگري ڦاٽ تي آباد هئا. انهن ماڻهن پنهنجا اباڻا ڪک پنهنجي رضا خوشي سان ڇڏيا يا مجبور ٿي ڇڏيا، تنهن جو پتو ڪونهي. مير عبدالرزاق اصفهاني، جيڪو “هثرب”(1) جي نالي سان مشهور آهي ، تنهن جو بيان آهي ته هنن شهرن م پهريائين يومن (Yuman) (9) جا ماڻهو آباد هئا. اهو ئي سبب آهي جو ٺٽي ۾ مهان ڏاها ٽ مشهور ماڻهو پيدا ٿيا.
    ٺٽو لڳاتار ترقي ڪندو وڌنڌو ۽ ويجهندو رهيو، پر جڏهن مرزا جاني بيگ تي سنه 1000ھ ۾ اڪبر مغل جي فوجن حملو ڪيو ته هن کيس چوچڙي ڏياري ساڙي تباھ ڪرس ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ اهو وري ساڳئي اوج تي ڪونه پهتو، توڙي جڳ سنڌ جي راجڌاني هجڻ جو اعزاز به هن شهر کي حاصل هو. جيئن پوءِ تئين پوئتي پوندو ويو. جڏهن ڪلهوڙن جو وارو آيو ته هن گهراڻي ٺٽي کي پنهنجي راڄ جي راڄڌاني ڪونه بڻايو. ان کان پوءِ وري ٺٽي ڪابه ترقي ڪانه ڪئي ۽ رهندو به پوئتي پئجي ويو. تاريخن جا مستند حوالا هن شهر جي آدمشماري ارڙهن هزارن کان مٿي ڪونه ٿا ٻڌائن. سڀئي تاريخون هن ڳالھ تي متفق آهن، هن شهر جو گهير ساڍا چار ميل کن ٿيندو، پر ڪنهن زماني ۾ ٺٽو ان کان چئوڻو وڏو هو.
    هي شهر هڪ دڙي تري اڏيل آهي. سنڌو هن کان چار ميل کن وڀر ۾ وهندو آهي. اڄ کان چاليھ سال اڳ درياھ ٺٽي کان مٿي اولھ پاسي هڪ ڦاٽ ڇڏيندو هو ۽ ٺٽي جو شهر ڇوڙ واري علائقي ۾ هوندو هو. پر هاڻي اهي حالتون ڪونه رهيون آهن. پهريائين ٺٽي کي قلعو ڪنه هوندو هو، پر جڏهن پورچوگيزن ٺٽي کي ڦريو لٽيو ۽ رهواسين جو قتل عام ڪيو ته پوءِ مرزا عيسي شهر جي چوڌاري پڪين سرن جو ڪوٽ ڏياريو هو، جيڪو هاڻي ناس ٿي ويو آهي. دولتمند ۽ وڏ گهراڻن ماڻهن جا گهر پڪين سرن جا ٺهيل آهن، باقي مسڪين ماڻهن جا اجها ڪکاوان آهن. منجهن ڪاٺ ڪتب آندل آهي ۽ مٿانئن گارو گنب ڪيل آهي، ان ڪري جهٽ جهري پوندا آهن. ديبل ۾ جيڪو واپار وڙو ٿيندو هو، سو هاڻي ٺٽي ۾ ٿيندو آهي. عرب هن شهر کي “دبيل ٺٽه” ڪري سڏيندا آهن. ڪنهن زماني ۾ ٺٽو هڪ عظيم شهر هوندو هو. شايد ٺٽي جي شهر کي هن کان پوءِ به “ديبل ٺٽه” سڏيو ويندو. هن راڄڌاني جي حڪومت هڪ گورنر جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي نواب سڏيو ويندو آهي، پر سندس هٿ هيٺ فوج تمام گهٽ آهي .
    سنڌ جي موجوده رجڌاني حيدرآباد آهي ، جيڪو 25 ڊگريون 22 فوٽ ويڪرئي ڦاڪ اتر ۽ 68 ڊگريون 91 فوٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ۽ نيرون ڪوٽ جي کنڊرن مٿان اڏيل آهي. هي شهر غلام شاه ڪلهوڙي سنه 1182ھ ۾ تعمير ڪرايو هو. قلعو ۽ برج به سندس دور ۾ ٺهرايا ويا هئا. (10) هي قلعو هڪ ٽڪري تي اڏيل آهي، جيڪا هڪ پاسي کان اڀ ڪپري آهي. هن ٽڪري جي ڪڇ مان سنڌوءَ ج ڦاٽ ڦليلي وهندو آهي. سنڌو جو مکيه وهڪرو حيدرآباد کان ٽي ميل اولھ ۾ وهندو آهي. مذڪوره ٻئي ڦاٽ جهاز راني جي قابل آهن.
    هن کانپوءِ ٻيو مشهور شهر سيوهڻ آهي پر ايڏو گهڻو مشهور ڪونه آهي. هن کي نهايت قديم شهرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. سندس نالا به گهڻا آهن، کيس سيوستان، سيون ۽ سيوهڻ به سڏيو ويندو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته سندس پهريون نالو صحيح آهي. ڪڏهن هن کي بغداد به سڏيو ويندو هو. اهو به چيو ويندو آهي ته ڪنهن دور ۾ هتي اهڙا ماڻهو به رهندا هئا، جيڪي آدم خور هئا. اهي روايتون به موجود آهن ته ٺٽي جي ڄامن مان ڪنهن سلطان سيوهڻ جي قلعي کي ڏاڍي ٺاهوڪي نموني سان ٺهرايو هو. جڏهن ڄام فيروز گادي تي ويٺو ته شاھ بيگ ارغون مٿس حملو ڪري کانئس سنڌ جو راڄ ڦري ورتو. سيوهڻ وارو علائقو به ان جي قبضي ۾ آيو. هي قلعو هڪ ٽڪري تي جوڙيل آهي، جيڪا سنڌو جي ڪناري کان وٺي اڀ ڪپري تي آهي. قلعو پنهنجي بنايت ۾ سوڙهو آهي، جيڪو هاڻي ڊهي ناس ٿي ويو آهي. شهر به ڄڻ جهوپڙين جو مچلو آهي. آدمشماري اٺ هزار کن اٿس. شهر ۽ قلعي جي وچ تي هڪ گهارو آهي، جيڪو چاڙھ جي رُت ۾ ڀرجي تار ٿي ويندو آهي. سيوهن جي قلعي جي اهميت ان وقت حاصل هئي، جڏهن ان تي ڪنهن ٻئي حڪمران جي حڪومت هئي. جڏهن انتظامي طور سنڌ ۾ ملي ويو ته سندس اهميت به گهٽجي وئي. شهر ۽ قلعو سنڌو جي اولھ پاسي موجود آهن. موجوده دور ۾ درياھ ڪافي پري وهندو آهي.
    بکر شهر جو بنياد عربن رکيو هو جيڪو اروڙ قلعي جي سامان سڙي سان اڏيو ويو هو. تحفه الڪرام جو بيان آهي هيءُ شهر هندو دور ۾ موجود ڪونه هو. سيد محمد مڪيءَ هتي پهچي “بڪر” جو لفظ اچاريو هو، جنهن جي معني آهي “پرھ ڦٽي” ۽ اهو واقعو هن شهر جي بنياد پوڻ کان پوءِ ٿيو. شاھ بيگ ارغون جي زماني ۾ بکر شهر جي چوڌاري سنڌو جو پاڻي ڦري ايندو هو ۽ درياھ ۾ ڄڻ هڪ ننڍڙو ٻيٽ بڻجي پوندو هو. شروعاتي دور ۾ هن ٻيٽ جو چوڌاري سنڌو جو پاڻي ڦري ايندو هو سا نه، تنهن جو پتو ڪونه ٿو پوي. پر مان هن ڳالھ جو قائل آهيان ته اڳي پاڻي چوڌاري ڦري ڪونه ايندو هو. هاڻي به سياري جي رُت ۾ بکر ٻيٽ جي اولھ پاسي کاب پاڻي سڪي ويندو آهي. شاھ بيگ ارغون هن شهر کي راجڌاني بنايو ۽ چوڌاري پڪين سرن جو ڪوٽ ڏياريو. بکر جي ضلعي ۾ قديم دور کان وٺي سيد رهندا هئا،سندن طاقت شاھ بيگ ارغون کي ڀانءِ ڪانه پئي. کين بکر ڇڏن لاءِ مجبور ڪيو ويو، تن به بکر کي ڇڏي اڇي روهڙيءَ ۾ پنهنجا ويڙها وسايا. روهڙي بکر جي ڀرسان هڪ ننڍي وسندي هئي. بکر قلعي کان اڀر واري سنڌوءَ جي ڇاڙھ بکر ۽ روهڙي وچان وهندي هئي ۽ منجهس کان ڇهوڻ تي وڌيڪ ماڻهو آباد هئا. ٻئي پاسي کان سامهون بکر جي ٻي ننڍي وسندي سکر يا سيگر آهي. بکر جي ڀرسان ڀيرلو، پريالو، ٻٻرلوجي جوءِ م عاليشان باغ هئا، جن ۾ ڏاڍو خوبصورت جايون ٺاهيل هيون. جڏهن سلطان محمود ڪولڪتاش ٻڌو ته شهنشاھ اڪبر جو فوجي مهندرا بيرم خان خانان اچي رهيو آهي ته هن اهي باغ ناس ڪرائي ۽ خوبصورت جايون تباھ ڪرائي ڇڏيون . پر سندس وفات کان پوءِ بکر وارو علائقو دهلي جي ڏن ڀرو ٿي ويو ۽ بکر فقط ان جي نالي واري سرڪار جو صدم مقام رهجي ويو. جڏهن نادر شاھ سنڌ تي حملو ڪيو ته بکر جي ضلعي کي ڊاهي ناس ڪري ڇڏيائين . موجوده دور ۾ هيءءُ شهر مير سهراب خان جي راڄ ۾ آهي. سندس اها پراڻي اهميت ڪانه رهي آهي. هي شهر هڪ پاسي کان قنڌار ۽ سنڌ، ٻئي پاسي کان دائود پوٽن ۽ مير سهراب جي وچ ته ڄڻ ته ديوار بڻيو بيٺو آهي. مذهبي نقطئه نگاھ کان بکر کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته هن شهر ۾ حضرت محمد صعلم جا اڍائي وار مبارڪ آهن، جيڪي سوني صندوقڙي ۾ بند آهن. هنن وارن مبارڪن لاءِ چيو ويندو آهي ته منجهن ڪي خاص خوبيون آهن ۽ سندس وڏو ادب ۽ احترام ڪيو ويندو آهي. بکر ۾ ڪي پرا ڻا مسلمان گهراڻا آباد هئا جيڪي پنهنجي دور جا وڏا عالم ۽ اڪابر ماڻهو هئا. جيڪڏهن هن گهراڻي جي ڪتابن ۽ ڪاغذ پنن مان استفادي ڪرڻ جي کلي اجازت ڏني وڃي ته قديم سنڌ بابت گهڻي ڪجھ ڄاڻ ملڻ جو امڪان آهي.
    بکر ۾ هاڻي ڦٽي ناس ٿي ويو آهي. پر ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو خوبصورت ۽ مشهور شهر هو. ڪن جاگرافيادانن جو خيال آهي ته عربن جو المنصوره به هي ماڳ آهي، منهنجو خيال به اهو آهي ۽ پنهنجي راءِ جي اظهار اڳتي ڪيو ويندو. اها هڪ هڃيل حقيقت آهي ته نصرپور جي موجوده شهر جو بنياد سلطان فيروز شاھ تغلق جي هڪ اعلي عملدار نصير رکيو هو. دهلي جي مذڪوره سلطان 751ع ۾ ٺٽي تي حملو ڪيو هو. سطان دهلي رواني ٿيڻ وقت سنڌ جو انتظام هن عملدار جي حوالي ڪيو هو. نصرپور ان زماني ۾ سنڌوءِ جي سنڌ جو انتظام هن عملدار جي حوالي ڪيو هو. نصرپور ان زماني ۾ سنڌوءِ جي مکيه وهڪري ساڱري جي ڪناري تي آباد هئي. هن شهر جي اوسي پاسي باغ باغيچا ۽ خوشنما ميدان هئا، جن ۾ تفريح لاٰ سهڻيون عمارتون جوڙيل هيون. ارغون ۽ ترخان گهراڻي نصرپور کي گهڻي ترقي ڏياري. اهو شهر ڪهڙي زماني ۾ تباھ ٿيو، تنهن جي ڄاڻ ڪونه آهي، پر امڪان اهو آهي ته سنڌوءِ پنهنجو نصرپور وارو وهڪرو بدلائي حيدرآباد جي اولھ کان وهڻ لڳو ته هيءُ شهر ڦٽي ناس ٿي ويو. دهلي جي فوج جڏهن سنه 1000 ۾ سنڌ تي حملو ڪيو، هيءُ ان کان اڳ جو واقعو آهي.
    مان جن شهرن جو هتي ذڪر ڪيو آهي، تن کان علاوه به سنڌ ۾ ڪيترائي شهر آهن، جن مان ڪي هاڻوڪا آهن ۽ ڪي وري اهڙا آهن جن جا نالا بدلجي ٻيا ٿي ويا آهن ان ڪري مون سندن بيان ئي ڪونه ڪيو آهي. جن شهرن جو بيان ڪيو اٿم، سوبه اهڙي ريت آهي، جهڙي ريت هاڻي اُهي شهر آهن. سڀاڻي هي تاريخ جڏهن ڇپجي ماڻهن جي آڏو ايندي ، تڏهن پتو ناهي ته انهن شهرن جو ڪهڙو حال هوندو ، منهنجي خيال ۾ نقشو هجي ها ته نون ۽ پراڻن شهرن جي موضوع تي وڌيڪ چٽائي سان سمجهائي سهگجن ها.


    واپار

    سنڌ جو واپار، پوءِ اهو ڏيھ هجي يا ڏيساوري، مونجهاري جو شڪار رهيو آهي. قدرت هن ملڪ کي اهڙين نعمتن سان نوازيو آهي، جيڪي هر ڏس ۾ واپار جي واهر ڪنديون آهن. هندن واري قديم دور ۾ سنڌ جي تجارت ڏاڍي مشهور هوندي هئي، ۽ ان جون ڪيتريون اڻ مٽ ثابتيون به موجود آهن. خلافت جي اقتدار سنڌ جي حالتن کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو آهي. اهو معاشرو جيڪو متفق ۽ متحد هو سو انتشار جو شڪار ٿي ويو. جيڪا مضبوط طاقت هئي. جنهن ۾ ماڻهن جو اتحد ۽ ويساھ هو، سا کنا کيڙا ٿي وئي. ان کنڊرن تي جيڪو آپيشاهيءِ جي راڄ جو بنياد رکيو ويو، تنهن سنڌ کي پوئتي ڌڪي اهڙي سياسي صورتحال ۾ ڦٽو ڪيو، جنهن کي وحشت جو شروعاتي نڪتو سڏي سگهجي ٿو ۽ ان صورتحال مان سنڌ اڄ سوڌو جان ڇڏائي ڪانه سگهي آهي ۽ اهڙو وايومنڊل واپار ۽ ڏيتي ليتي لاءِ لاڀائتو ڪونه هوندو آهي. سنڌ جي اڳئين پراڻي واپاري دور بابت ڪيئي حوالا موجود آهن، جيڪا يورپ ۽ ايشيا جي تاريخن ۾ اڃا به موجود آهن. انهن مان اسان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته سنڌ جو ايران ۽ عربستان سان وڏو واپار هلندو هو. ديبل سنڌو درياھ جو سامونڊي بندر هو. هي بندر سڄي هندستان ۽ عربستان جي مال جي وڏي منڊي هئي، جنهن جو وسيلي سنڌ ۽ ان جي حڪومت کي وڏي دولت، اعلي شان ۽ شوڪت نصيب هو ۽ سنڌ اهي ڏينهن وري ڪونه ڏٺا.
    ناصر الدين قباچا جڏهن ملتان جو حڪمران هو، تنهن زماني تي سنڌ ۾ ست راجائون راڄ ڪري رهيا هئا. ناصر الدين جو مٿن نالي ماتر اختيار هلندو هو. سومرن جي سڄي دور ۾ ڪيئي خاميون هيون. اسان کي ان دور بابت ڪو مستنف حوالو ڪونه ٿو ملي، جنهن جي آڌار تي چئي سگهون ته تن ڏينهن ۾ سنڌ واپاروڙو ڪيئن اسري ۽ اپري رهيو هو. پر انومان ڪري سگهجي ٿو ته ان زماني ۾ واپار لاءِ ڪي حالتون سازگار نه هيون. ان جو سبب اهو آهي ته مذڪوره دور ۾ سنڌ مان هندن جي سياسي سگھ يا ته ختم ٿي وئي هئي يا ٿوري ٿڪي موجود هئي، تنهن ڪري هندستان جي هندو رياستن، جيڪي سنڌ جي ڀرسان موجود هيون، تن سنڌ جي واپار واسطي ضرور ڏکيايون پيدا ڪيون هونديون.
    سمن ڄامن جي دور ۾ اسان سنڌ جي واپار کي وري وڌنڌو ويجهندو، اسان اپرندو ڏسون ٿا. هن گهراڻن جي ڪن ماڻهن جي جتن ۽ جاکوڙ وسيلي سنڌ ڌٻڻ مان نڪري ڄڻ پاڻ بچائي ورتو هو. سمن کان پوءِ ايندڙ ارغون راڄ سنڌ جي ترقي لاءِ ڪو نقصانڪار ڪونه هو، پر جهڙين حالتن ۾ هنن پنهنجي حڪومت قائم ڪئي يا جن حالتن تحت هنن سنڌ فتح ڪئي ۽ جنهن نموني سان هنن سنڌ مٿان ظابطو رکڻ پئي چاهيو، سي سڀ حالتون هنن ڳالهين جون گهرجائو هيون ته ٻيءِ حڪمت عملي کي ڇڏي فوج کي وڌيڪ اهميت ڏجي. مرزا عيسي خان، هنر مند طبقي جو هڏ ڏوکي هو. هن حڪمرن ٿيڻ کان اڳ ۽ حڪمرن ٿيڻ کان پوءِ واپار کي وڏي هٿي ڏني. هن مرزا جي دور ۾ ڪيترن سامونڊي بندرن کي ترقي وٺرائي وئي. هن تجارتي مال جي آمدرفت جي سلامتي واسطي گهڻو پاڻ پتوڙيو.
    محمد خان• جي خطبي ۽ ظالم طبيعت ڪري سنڌ دهلي جي غلام بڻجي وئي ۽ هن ملڪ جي ترقي ۽ تعمير کي سخت نقصان پهتو. سندس ظلم ڪري رعيت جون زندگيون سلامت ڪونه هيون. ملڪ ۾ وڳوري حالتون پيدا ٿي ويون، جن مان سنڌ کي ڏاڍو نقصان رسيو ۽ دهلي طرفان هر سال نوان صوبيدار مقرر ٿي ايندا هئا، جيڪي سختي سان ڍلون اوڳاڙيندا هئا ۽ انتظام رکڻ جي بهاني ڏاڍا ظلم ڪندا هئا. سندن ارادا ۽ نظريا فقط اهي هيا ته سنڌين کي نپوڙي وڌ ۾ وڌ دولت ڪيئن گڏ ڪجي. اهڙيون حالتون ڪنهن صنعت جي واڌاري لاءِ ڏاڍيون هاڃيڪار هونديون آهن ۽ هر ڪو ماڻهو موڙي سيڙائڻ کان ڪئو پيو کائيندو آهي. ڪلهوڙن جي راڄ واري دور ۾ وڻج واپر وري وڃي ساڳيو اوج حاصل ڪيو. ان انگريزن پنهنجي واپاري ڪوٺي به سنڌ ۾ قائم ڪئي هئي. ٻنهي ڌرين جي واپاري وهنوار ۽ ڏيتي ليتيءَ لاءِ هي نئين وک ڏاڍي لاڀائتي هئي. ملڪ هڪ ماڻهو جي سنڀال هيٺ هو، جنهن هر ڏس کان حالتن کي سنواري ورتو هو. هن گهراڻي مان ڪن ماڻهن ساڙ ۽ ڪيني کان ڪم وٺي انگريزن جي واپاري ڪوٺيءَ کي بند ڪرايو ۽ مستقبل جي ترقي جو رستو بند ٿي ويو. اها ڪوٺي بند ٿي، ٻيو ڀيرو کلي هئي. ان ڪوٺي جي هڪ معزز رڪن سان زيادتي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪوٺي ٻيو ڀيرو وري به بند ٿي وئي هئي.
    وڻج واپار تي سرڪار جي معصول به گهڻو اڳڙندو آهي. پر سنڌ جا حڪمران اٽو ٻڌي هن ڌنڌي ۽ معصول جي ڪڍ ڪاهي پيا آهن. ان ڏس ۾ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، سا ڏاڍي هاڃيڪار آهي، ڇاڪاڻ ته اهو تجارتي مال جو وڏو حصوهڻي وٺندا آهن. ان ڪري واپار گهڻي طرقي ڪري ڪونه سگهيو آهي. ٻيو ته واپاري جي شخصي بچاءِ جي به ڪا ضمانت ڪانه آهي، ته وري ڪو هتي حڪمران ايترو سگهارو آهي جورعيت جي مال ملڪيت جو بچاءِ ٿيندو هجي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته تجارت جو ڌنڌو چٽيءِ ۽ ڇيهي کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪونه آهي ۽ گهڻي وقت کان وٺي واپاري پنهنجي تجارتي مال تي به قانوني معصول چٽي ڀريندو آهي. هندستان جي ٻين ڀاڱن ۾ سڌاري جو آسرو ان ڪري آهي، جو يورپ جو تجارتي مال، سرمائي ۽ صنعت پنهنجي شروعات ڪئي آهي. شايد سنڌ ۾ تجارتي فائدو فقط تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن انصاف پسنديءَ ۽ روشن خيالي وارو اهڙو ساڳيو جذبو ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو ويو وڃي. هن طريقي سان نه فقط ان ملڪ کي فائدو رسندو، جنهن ۾ اهو اصول رائج هوندو، پر انهن ٻين ملڪن ۾ به سڌارو ۽ ترقي ٿيندي، جن ساڻ ملڪ جا تجارتي تعلقات قائم هوندا.


    سامونڊي بندر

    مکيه سامونڊي بندر ڪراچي ۽ ڌاراجا آهن. ڪراچي جو بندر ته تمام پراڻو آهي، جنهن کي هندن جي پراڻن ۾ ‘رام باغ’ جي نالي سان لکيو ويو آهي. ساڳيو ڦاڪ اڄ به انهي نالي سان مشهور آهي. هيءُ ماڳ 24 ڊگريون 51 فوٽ اتر، ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67 ڊگريون ۽ 16 فوٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. شهر هڪ سامونڊي کاريءَ ۽ راس مونزي واري ماڳ تي اڏيل آهي. هن بندر وسيلي بمبئي، ملبار ۽ عربستان سان واپار هلندو آهي. بندر ڏانهن ويندڙ سامونڊي رستي وارو لنگھ سوڙهو آهي. پاڻي تانگهو اٿس. ڪناري وٽ ڏيڍ فوٽ پاڻي مس ٿيندو. پر جڏهن وپر چڙهندي آهي ته سيپٽمبر کان مئي مهيني تائين 400 ٽن وزني جهاز هتي بيهي پاڻ بچائي سگهندا آهن. ٻئي موسم ۾ جيڪڏهن جهاز هتي پهچندو ته نقصان کان بچي ڪونه سگهندو. ڪراچي اصولي طور مڪران جي حڪومت ۾ شامل هئي، پر پوءِ سڌ وارن ان کي فتح ڪري ورتي. هتان سال م معصول جي اوڳڙ هڪ لک رپيا ٿئي ٿي. جيڪڏهن حڪومت سياڻپ کان ڪم وٺندي ته معصول گهڻو ڪجھ وڌي سگهي ٿو.
    ھتي ڌنجي(Dhiniji) نالي وڏا ٻيڙا آهن، جيڪي اڏاوت ۽ روپ ۾ ڪجھ بي ڊولا لڳندا آهن ۽ پنجاھ سالن کان ٻه سئو ٽن بار کڻي سگهندا آهن. هاڪاريندا تڏهن آهن، جڏهن سمنڊ سانتيڪو هوندو آهي. جيڪڏهن موسم خراب ٿي ويندي ته ڀڄي ٽٽي ويندا آهن.
    ڌاراجا، ٺٽي شهر جو بندر آهي ۽ لاهري بندر وانگي آهن، جنهن جا پراڻا ٿرڙ ڌاراجا ڀرسان موجود آهن. هي شهر سنڌوءِ جي مکيه ڇوڙ واري ماڳ کان ويھ ميل کان مٿي آهي. هن بندر سان وڌيڪ تجارتي سهولتون موجود آهن. ٿورا ڪي ورھ ٿيندا جو ڌاراجا جو بندر شاھ بندر کان گهڻو وڌي ويو آهي. شاھ بندر سنڌوءَ جي ڦاٽن ۾ گهٽ وڌ پاڻي هجڻ ڪري ناس ٿي ويو آهي.


    برآمد ۽ درآمد

    سنڌ جون پنهنجون تيار ٿيل شيون جهڙوڪ شورو، کار، سوڍا، چانور، اناج، مڱ، چمڙو، مانگر مڇ جون ڪليون، ريشمي ڪپڙو، گهوڙا ۽ نير وغيره ٻار ڏيسارو موڪليون وينديون آهن. سنڌ ٻاهران ناريل، کارڪون، لوھ، ٽين، سيهو ۽ ٽامون وغيره گهرائيندي آهي. سنڌ جي تجارت سان لاڳاپيل شين جو وچور هيٺ ضميمي ۾ ڏنو ويو آهي. (13)
    سمنڊ وسيلي جيڪو خاص واپار ٿيندو آهي، سو ڀاٽي ۽ لوهاڻا هندو ڪندا آهن، جيڪي سنڌ جا قديم رهاڪو آهن. ميمڻ ذات جا ڪي ٿورا مسلمان آهن، جيڪي تجارت جو ڌنڌو ڪندا آهن. باقي سنڌ جو اندروني واپار بنا فرق جي جيڪو چاهيندو ، سو ڪندو آهي. هنن کانسواءِ ڪي ملتاني آهن، سي به ڏوڪڙ پئسي جي ليکي چوکي ۾ ڀڙ آهن. پئسو پنجڙ به جام اٿن. سنڌ ۾ گهڻي وقت کان وٺي آباد آهن. دولت ڪري سندن سنڌ ۾ وڏي بيٺلائپ آهي، صراف آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي ڪندا آهن. حڪومت تي چڱو خاصو اثر سروخ اٿن. اهي ملتاني، ڪابل، قنڌار، ملتان، قلاوت ۽ بهاولپور سان واپار ڪندا آهن. سندن واپار خشڪيءَ ۽ درياھ وسيلي هلندو آهي. هنن جي ماڻهن وسيلي مال جي درآمد ٿيندي آهي ۽ سڄي صوبي ۾ کپائي ويندي آهي.
    پوري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي واپار کي تمام گهڻو وڌائي سگهجي ٿو. منجهس اهڙيون ڪي قدرتي نعمتون آهن، جن وسيلي يورپ ۾ تيار ٿيل تجارتي مال هنڌين ماڳين موڪلي سگهجي ٿو. سنڌ ان جاءِ تي واقع آهي، جتان هندستان جي اترئين علائقن ۾ ايران تائين پهچڻ ۾ دير ڪانه ٿي ٿئي. هتان جي آبهوا، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي به ذري گهٽ يورپ جي ماڻهن جهڙي آهي. هتان جي ماڻهن جون ضرورتون به يورپ جي ماڻهن جهڙيون ۽ ڏکڻ هندستان جيان آهن. پر هتان جي اڀاڳي سرڪار اهڙي آهي، جنهن مان چڱائي جي اميد آسرو رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. هتي نه شخصي تحفظ آهي ۽ نه وري سڪون ۽ اعتماد. اهڙيون ڳالهيون آهن، جن وسيلي تجارتي وايومنڊل کي هٿي ملي سگهي ٿي.


    محصول ۽ ڍل

    سنڌ جي مختلف علائقن مان مختلف قسمن جي محصول ۽ ڍل اڳڙندي آهي. ڏاکڻئين علائقن ۾ ڍل ۽ جنس ۾ اڳڙي ٿي. ڪن علائقن ۾ وري جمع ٿيندي آهي. عام طور ٿي ڍل ان زمين مان ورتي وڃي ٿي، جنهن کي پاڻي پهچائي آباد ڪيو وڃي ٿو. جن علائقن ۾ ٽي فصل ٿيندا آهن، اتي اُپت جو ٽيون ، چوٿون يا پنجون حصو ورتو ويندو آهي. اهڙي ڪٿ زمين جي وڃي فصل ڏسي، پوءِ ڪٿي ويندي آهي. پر ان ڏس ۾ فصل جي بها ۽ پورهئي وغيره کي نظر ۾ ضرور رکيو ويندو آهي. آباد زمين تان هيٺين شرح موجب ورتي ويندي آهي.
    ڪمند في بيگه 12 روپيه في سال
    تماڪ في بيگه 2 /71 روپيه في سال
    سايون ڀاڄيون في بيگه 2 /71 روپيه في سال
    آفيم في بيگه 21 روپيه في سال
    نير في بيگه 80 روپيه في سال
    اناج في بيگه 6 روپيه في سال
    في بيگه زمين جي ماپ چاليهه وکون هم چورس آهن. جيڪڏهن نير جي پوک هوندي آهي ته بيگه جي ماپ ٻيڻي ڪئي ويندي آهي. هتان جي هن قسم جي جمع بنديءِ کي هندستان جي ٻين علائقن جي جمع بندي سان ڀيٽائي ڏٺو ويو ته اسان کي سنڌ وري مناسب ڏسڻ ۾ ائي. ڍل ايتري ٿوري آهي جو نالي ماتر پئي ڏسبي آهي. هٻڇي ۽ ظالم وڏيرو ڪڙمي جو حق ماري پهنجو ڀڀ ڀريندو آهي. هن ڏچي کان سواءِ ڏکيو مامرو فوج لاءِ اناج ڪٺو ڪري سانڍي رکڻ آهي . سنڌ جي حڪومت هن ڏچي کان آجي ڪونه آهي. جڏهن، ڪيڏانهن پيدل فوج جي چڙهائي ٿيندي آهي ته ملڪ جو اڌ اُن سرڪار کڻي ويندي آهي پوءِ زمين جو مالڪ هاري کي ڪيترو ڏئي نه ڏئي، سڪار جي مٿي جو سور ڪونه آهي. جن علائقن ۾ ڍل ٻڌل ڪانه هوندي آهي ته اتان ٽالپر مير حڪومت سان حصيدار ٿي ڍل ۾ ان خريد ڪندا آهن ۽ وڃي ڀانڊن ۾ سانڍي رکندا آهن. بعد ۾ ساڳيو ان پنهنجي رعيت کي وڏن اگهن تي وڪڻندا آهن. هن قسم جي ڳالهين مان ڪيتيريون برايون پيدا ٿين ٿيون. وڏي ڳالھ ته اها پئسي جي هٻڇ ۽ لالچ آهي، جنهن وسيلي خريدي وارو پئسو سون ۽ هيرن جواهرن ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي سرڪاري ماڻهن جي خزانن ۾ گڏجي وڃي ٿو. ان کانسواءِ هيءِ خانگي قسم جي ذخيره اندوزي آهي، جنهن ۾ پئسو هڪ جاءِ تي ڪٺو ٿي ويندو آهي ۽ عوام ۾ ڦرڻ کان بيهي ويندو آهي.
    ضميمي ۾ هڪ جدول ڏني وئي آهي، جنهن ۾ مختلف علائقن مان گڏ وصول ٿيندڙ ڍل جو انگ جو به ترتيبوار ڏنو ويو آهي. ڍل جا اهي انگ اکر انهن ماڻهن وٽان معلوم ڪيا ويا آهن، جيڪي پاڻ زمين تي ڍل ٻڌندا آهن. معلوم ٿئي ٿو ته ڍل جا انگ اکر زمين جي اصلي اپت کان ٿورو ڪجھ وڌيڪ آهن ۽ موجوده دور کان ڪجھ سال به آڳاٽا به آهن، پر ٻئي نقطئه نظر کان سنڌ ۾ ڍل گهٽ ورتي وڃي ٿي.
    اها جدول جنهن جو مٿي بيان ڪيو ويو آهي، تنهن جو مطالعو ڪري ڏسبو ته حيدرآباد جي ميرن، مير سهراب، مير ٺاري ۽ ٻين ميرن جي اڳڙندڙ ڍل، اڌ ڪروڙ تي به ڪاٿي پهچي ٿي. ڍل جي هن انگ ۾ انهن جاگيردارن جون جاگيرون به شامل ڪيون وڃن، جيڪي ڪن صدين کان وٺي هر پيڙهي سنڀاليندي اچي ٿي ۽ هو انهن جي عيوض سرڪار يا ملڪ ج آئي ويل سهائتا به ڪانه ڪندا آهن.
    اها کان سواءِ اهي زمينون يا ڍل جا ڪي ٻيا وسيلا، جيڪي سيدن ۽ اسلام سان لاڳاپيل ملن مُلن موراڻن، پيرن ۽ فقيرن کي ڏنا ويا آهن، تن کي به مٿي ڏنل ڍل جي انگن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. اهڙي قسم جي ذريعن مان ڪيتري ڍل اڳڙي ها، تنهن جو پتو ڪونه آهي، ايشيا جو اهڙو ڪو ملڪ آهي ئي ڪونه، جيڪو ٻٽاڪ هڻي سگهي ته وٽس اهڙو مذهبي طبقو ڪونه آهي، جيڪو ائين ملڪي پيداوار کائيندو هجي.
    هن حقيقت ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ ڪونه آهي ته مذڪوره سيدن، پيرن، فقيرن کي ڏنل زمين جي ڇوٽ جو حساب ڪبوته ڪل اپت جو ٽيون حصو وڃي بيهندو. اهڙو سلسلو اسلام جي اچڻ کان وٺي هتي شروع ٿيو آهي. ڪي ڏنل رعايتون چوٿين صدي هجريءَ سان واسطو رکن ٿيون. معلوم ائين ٿئي ٿو عربن سنڌ ۾ پهچڻ سان سرڪار کان اهڙيون زمينون ورتيون جن تي ڍل ۽ محصول وغيره ورتو ئي ڪونه ويندو هو. ڪاغذن ۾ اهي ڳالهيون به موجود آهن ته ڪن عربن جو پهرئين دور سان واسطو آهي ۽ ڪي وري بعد ۾ ايندا آباد ٿيندا ويا آهن. ڇاڪان ته اسلام جي ناتي سان عربن جي عزت ڪئي ويندي هئي ۽ اسلام پکيڙڻ جي ارادي سان کين ڏوڪڙ پئسو به ججهو ملندو هيو.


    آدمشماري

    آدمشماري جي خيال ظاهر ڪرڻ لکان اڳ م اها ڳالھ ضروري آهي سنڌ بابت ٻين يورپي ماڻهن کان وڌيڪ ڄاڻ هجي. هتان جا ڏيهي ماڻهو هن قسم جي موضوع تي ڌيان ڪونه ڏيندا آهن. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته وٽانئن آدمشماري بابت جيڪا به ڄاڻ ملي آهي، سا ويساھ جوڳي ڪونه آهي. سنڌ جي موجوده راجڌاني حيدرآباد لاءِ چيو وڃي ٿو ته منجهس ٽيھ هزار ماڻهو رهندا آهن. ٺٽي م وسندڙ ماڻهو ويهن هزارن کان ڪنهن به صورت ۾ مٿي ڪونه ٿيندا. ڪراچي جو شهر سامونڊي بندر ۽ واپار سان لاڳاپيل آهي. هن شهر جي آدمشماري مٿئين ٻنهي شهرن کان گهٽ ٿيندي. اها هڪ عام ۽ خطري ڳالھ آهي ته، پراڻن ملڪن جي وڏن درياهن جا ڪنارا ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن سان سٿيا ٻيا هوندا آهن. نقشن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو جهڙي وڏي درياھ جا ڪنارا اهڙن شهرن ۽ ڳوٺن کان وانجهيل آهن. جيڪڏهن شهر ۽ ڳوٺ سنڌو جي صفا ڪناري موجود ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن ته اهو نه سمجهيو وڃي ته ماڳهين هوندا ئي ڪونه ۽ ڪنارا ماڻهن کانسواءِ غيرآباد آهن. هن ڪتاب ۾ منڍ ۾ ئي اهڙو نقشو ڏنو ويو آهي ۽ انهن سان ڄڻ ڪو وير رکندا آهن. سنڌو جو وهڪرو سدائين هڪ ڪرو ڪون رهندو آهي. سدائين پئي پنهنجا ٻيٽ بدلائيندي آهي. هڪ سال سندس وهڪرو هتي هوندو هو ته ٻئي سال پنج ڪوھه پري نڪري ويندو، ٽئين سال خبر نه آهي ڪٿي هوندو. ان ڪري سندس ڪنڌيون ڪنارا ڀروسي جوڳا ڪونه هوندا آهن. سندس منهن کان وٺي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين هن جي سڄي ڊيگھ ۾ تڪڙيون تبديليون اينديون رهنديون آهن. ان ڪري درياھ جي ڪنارن سان ماڻهو ڇڊا پاڊا آباد آهن.
    حقيقي انگن اکرن جي ڄاڻ نه هجن کان سواءِ سنڌ جي آدمشماري ٻڌائڻ اجائي ۽ بيڪار آهي. پر مان عام طور تس هن خيال جو آهيان ته هن ملڪ جي آبادي هندستان جي وچولي قسم جي آبادي کان ڇڊي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مون کي اچرج ٿئي ٿو ته ائين ڇو آهي، ڇاڪاڻ ته هندستان جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ضروريات زندگي سان لاڳاپيل شيون ڏاڍي سولائي سان ملي سگهن ٿيون، ان هوندي ماڻهو ڇڊا پاڊا آباد ڇو آهن. هن ڌنڌي سان تعلق رکندڙ ڪيترا ماهر موجود آهن. پر انهن سان گڏ پينو فقيرن جو به انت شرو ڪونهي. سنڌ پن جي معاملي ۾ گهڻي نانءِ چڙهيل آهي. سنڌ جي انهن علائقن ۾ جتي ٻروچ گهڻا آهن يا وري ڪي رولو قبيلا آهن يا سماٽي قبيلن مان ڪي مالوند ماڻهو آهن ته اتي ماڻهن جي آبادي ڪجھ ڇڊي پاڊي آهي، نه ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ماڻهن جي آبادي گهٽ ڪانه آهي. ان جي مقابلي ۾ هندستان جا ڪيترائي ملڪ آهن، جن ۾ آدمشماري تمام گهڻي گهٽ آهي.


    سنڌ جا ماڻهو

    سنڌ جا ماڻهو سگهارا ۽ باهمت آهن ۽ هر مشڪل کي منهن ڏيئي سگهڻ جا اهل آهن. سندن منهن مهانڊا ۽ هڏڪاٺ اولھ هندستان جي ٻين ماڻهن جهڙو آهي. هتان جي وڏ گهراڻا ماڻهو تمام گهڻا ٿلها هوندا آهن. ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ هن ٿولھ کي عزت آبروءَ جي نشاني سمجهڻ کان سواءِ خوبصورتيءَ جي علامت به تصور ڪيو ويندو آهي. معاشري ۾ جيڪي دولتمند ۽ ڇيڙي نبيري وارا هوندا آهن سي ٿلهي ٿيڻ جا ڏاڍا جتن ڪندا آهن، ان نيت سان کائيندا به تمام گهڻو آهن. ڪک ڀڄي ٻيڻو به ڪونه ڪن ته متان ڏٻرا ٿي وڃون. ٻروچ ۽ سمن جي قبيلي مان ڪيترن ماڻهن جي ٿولھ ڪري منهن مهانڊا يهودين جھڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ سنڌ جي ٻين ماڻهن کان نيارا پيا لڳندا آهن. منهن اڀو، نڪ چوپ، ڪنڍا ڀرون وڏيون ۽ سهڻيون پُرڪشش اکيون سنڌين جا اهي عام منهن مهانڊا هوندا آهن. مرد ۽ عورتون ، يعني ٻئي جنسون ڏاڍيون سهڻيون ٿينديون آهن. جن ماڻهن سنڌ گهمي ڦري ڏٺي آهي، تن جڳ رايو به اهو آهي. سنڌ جي دنگ سان رهندڙ ماڻهو جيڪي سنڌين کان گهڻو واقف هوندا آهن، تن جو خيال اهڙو آهي.
    سنڌ ۾ رهندڙ هندو مهاڊن ۾ اولھ هندستان جي سامونڊي علائقن جي ٻين هندن جهڙا هوندا آهن. پر لٽي ڪپڙي ۾ ڏيل ڏيا ۾ اهي مجھ گهٽ هوندا آهن، انهن سان لاڳاپيل خاص ذڪر اڳتي ايندو.
    ايشيا جي ٻين ملڪن جيان هتي به ٻن قسمن ها ماڻهو رهندا آهن، جيڪي اٿڻ ويهڻ ، چال چلت ۾ هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن، جن جو واسطو فوج سان هوندو آهي. فوج ۾ هڪ ٻروچ آهن، انهن جا ابا ڏاڏا سنڌ ۾ ڄاوا هئا. هتان جا اصل باشندا جيڪي وڏا جاگيردار آهن، تن جو واسطو به فوج سان آهي. انهن جو سڀاءُ تعصبي ۽ هٺيلو، ساڙوٽا، مڪار ۽ هيٺئين سوچ وارا هوندا آهن، پر ظاهر طور ڏاڍا اخلاق وارا ملنسار ٿين ٿا. هيٺين طبقي وارا ماڻهو ڏاڍا اٻوجھ آهن. هتي اهم سوال آهي ته طبقن ۾ ايترو وڏو فرق ڇو آهي. اهڙيون ڳالهيون ڪنهن شعوري ڪشش جو نتيجو ڪونه هونديون آهن. هيءِ هڪ قدرتي شي آهي. جيڪڏهن هڪ ڀيرو ڪنهن سنڌي کي چڙ آئين جوش اچي ويو ته ان کي ماٺو ڪرڻ ۽ روڪڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ پوءِ ڪڏهن معاف به ڪونه ڪندو آهي. هتان جو ٺڳ ۽ عيار طبقو به مشهور آهي. اهي ڄڻ هڪ قسم جا فطري چور هوندا آهن. ڏسڻ وائسڻ ۾ ڏاڍا ملوڪ پيا لڳندا. اٿڻ ويهڻ ۾ مان مريادا ۽ نياءُ پر رات ٿيندي ته چوري ڪرڻ کان ڪونه مڙندا يا ڏينهن وارا شاندار ڪپڙا لاهي پاسي ڪري رکندا، پنڻ واري بگري ڪلهي تي رکي ڪوهن جو وڪڙ ڪري وڃي ٻئيءَ جوءِ ۾ نڪرندا، جتي کين ڪير ڪونه سڃاڻيندو ۽ پوءِ گداءُ (پن) شروع ڪندا. پنڻ ۽ چوري ڪرڻ سنڌ جي ڄڻ فوجي جي سرشٽ ۾ داخل آهي اهو طبقو جنهن سان هيءَ فوج واسطو رکي ٿي، تنهن جو ڌنڌو به چوري ڪرڻ ۽ پنڻ آهي. سندن خيال آهي پنڻ ۽ چوري ڪرڻ ڪري سندن اخلاق ڪونه بگڙن ڪونه ٿا.
    هندن ۽ مسلمانن مان جيڪو واپاري طبقو آهي، تنهن جو نصل ئي ڄڻ ڌار آهي. اهي ماڻهو پورهئي ڪرڻ جا ايترا شوقين آهن، جيترا مٿي بيان ڪيل ماڻهو ڪاهل ۽ نڪما آهن ۽ اهي پنهنجي ڌنڌي کان سواءِ ڪنهن ٻئي شي ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڏيندا آهن ۽ پنهنجي ڪرت ۾ ايڏا ته رڌل هوندا آهن جو کانئن پنهنجو پان به وسري ويندو آهي ۽ ڪنهن آرام ۽ آرائش جو به خيال ڪونه ڪندا آهن. پر اهي پنهنجي واپاري ڏيتي ليتي ۾ ديانتدار گهٽ هوندا آهن. واپاري ۾ به وڏي جاکوڙ ڪندا آهن. سرڪار جا نواب مٿن ڳاٽي ڀڳا معصول مڙهي ڇڏيندا آهن، مٿي ڪوڪاريندا ته گهڻو آهن، پر ان جو کڙتيل ڪونه نڪرندو آهي.
    ايشيا جي ٻين ملڪن جي ماڻهن ۾ جيڪي عام اوڻايون ملنديون، سي سنڌين ۾ ڪونه آهن، جيڪڌهن آهن ته به تمام ٿوريون . هتي اڻ پڙهيل ماڻهو تمام گهڻا ملندا ۽ جهالت تصور ڪرڻ کان گهڻو وڌيڪ آهي. دنيا جي تختي تي اهڙا ماڻهو آهن ئي ڪونه، جيڪي سنڌين جيان اڻ پڙهيل هجن. اهي پڙهڻ ڏانهن ڌيان به ڪونه ٿا ڏين. اسلام سان لاڳاپيل تعليم فقط سيدن ۽ پيرزادن لاءِ مخصوص آهي. اهي ڏهن مان نو کي ته اهڙا هوندا آهن، جن کي قرآن شريف جون ٻه آيتون ياد رهنديون آهن، تن کي پيا ورجائيندا آهن، ٻيو ٿيو ڀلو.
    سو جهالت ڪري وڏائي، هٺ ۽ تڪبر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مسٽر “ناٿن ڪرو” هڪ سچيت ۽ سڄاڻ ماڻهو هو.هو صاحب سنڌ ۾ به گهڻو رهيو. هن پنهنجي خيال جي ڏاڍي سچائي سان اظهار ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته سنڌ ۾ اسلام کي پکيڙڻ ۾ جاکوڙ ڏاڍي ڪئي وڃي ٿي، پر جذبن ۾ سچائي موجود ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. عيدن ملهائڻ کان سواءِ روحانيت ماٺي پئي ڀانئبي آهي. ٻي هر شئي تي پابندي آهي، باقي چرين کرين ۽ سست سيدن کي خوب کارائڻ کلي آزادي آهي. سونهن سنجهٽ جي پرکڻ جو اهو معيار وڃي رهيو آهي ته پيرن جي عڪاسي آهن. منجهن ساڙ ۽ ڪينو به گهڻو آهي ۽ ڪتابن ۾ جيڪي اڻ پڙهيل جاهل ماڻهو آهن، تن ۾ هي ماڻهو به شامل سمهجيا وڃن.
    سنڌين مان ڪي وطن جا غدار به آهن.هيءُ ڪيڏو نه قومي عيب آهي. هتي ماڻهو جي قتل جا ڏوھ به گهڻا ٿيندا آهن. اهو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن حڪومت فوجي نوعيت جي هوندي آهي ۽ سندن وحشت بربريت جو ڏاڪو ڪجھ وڌيڪ هوندو آهي. ان هوندي به سنڌ جا ماڻهو پنهنجي اتر اوڀر واري پاڙيسري ملڪن کان هن ڪڌي ڪم ۾ گهٽ آهن. سنڌي مهمان نواز به ڏاڍا آهن. خاص طور تي بلوچ نسل جا سنڌي ماڻهو هن ڳالھ ۾ اڳتي آهن. هتان جي سرڪار بلوچن کي ڪجھ حق ڏنا آهن. اهي حق وٽن تيستائين محفوظ آهن جيستائين اهي سرڪار ۽ دربار جا نمڪ حلال رهندا. ٻروچ پنهنجي عورتنجو وڏو احترام ڪندا آهن ۽ اهي سندن ذهن، عقل ۽ عمل تي ڇانيل هونديون آهن. انهن سان جيڪي عهدناما وغيره ڪيا ويندا آهن ته انهن ۾ سندن عورتن جو راضپو به شامل هوندو آهي ته اهڙن عهدنامن ۽ واعدن تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو ۽ ائين سمجهڻ گهرجي ته ڄڻ قرآن شريف وچ تي رکي عهدناما طئي ڪيا ويا آهن.
    دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن جو ايترو في سيڪڙو پني ڪونه ٿو، جيترو سنڌ ملڪ جي آدمشماري جو في سيڪڙو هن ڌنڌي سان لاڳاپيل آهي. پاڙيسري ملڪن ۾ هتان جا واندا ماڻهو وڃي فوج ۾ بيهندا آهن، چوريون ڪندا آهن، پنندا به آهن ۽ ڏکيو سکيو پيا پيٽ گذر ڪندا آهن. اهي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي ڌنڌو به پنهنجي طبيعت ۽ مزاج مطابق ڪندا، پوءِ کڻي اهو عارضي هجي، اولھ هندستان جي ملڪن ۾ سنڌ جا ماڻهو عربن جيان ويڙهاڪ ۽ بهادرآهن. هي ماڻهو ڪجھ وقت کان کان وٺي انهن ملڪن ۾ انگريزن سان لڳاتار وڙهندا رهيا آهن ۽ هنن بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي.
    سنڌي فوجي کي ڏيهي حڪمران، ڇهن کان ڏهن رپين ، مهينو پگهار ڏيندا آهن. هي شخصي طور تي ڏاڍو بهادر ٿئي ٿو. پر جنگ وقت عرب جيان ٿڌائي ۾ گهٽ هوندو آهي. جنگ دوران ٻين هندستاني فوجين جيان منجهس عزت نفس گهٽ ٿئي ٿو. هڪ جهونجهار جيان حملو ڪندو آهي، پر سکيا نه ملڻ ڪري پوئتي هٽي به جلدي ۾ ويندو آهي. عرب فوجين کي هڪ ڳالھ ۾ ماري ويو آهي، جو هيءُ ٻٽاڪي وڌيڪ آهي. ٻي ڳالھ اها به آهي ته فوج نالي جي تنظيم وٽس نالي ماتر به ڪونه آهي. عرب فوجي، ظابطي ۽ قائدي جي پابندي ڪندا آهن، سنڌي فوجين ۾ اها ڳاھ به ڪانه آهي. عربن ۾ اهڙيون ڳالهيون ڏسي هندستانين ۾ ساڳيو جذبو جاڳيو آهي. ان ڪري عربن کي عزت جي نظرن سان ڏسندا آهن.
    سنڌي فوجي نشاني جا ڏاڍ پڪا آهن. بالجتي کان منهن ڀرڻ واريون بندوقون هلائي ڀڙ ٿي ويندا آهن ۽ هٿيارن کي هلائڻ کي پنهنجو قومي ورثو سمجهندا آهن، اهو به ڀائيندا آهن ته تلوار سنڌين جو قومي هٿيار آهي. سنڌ جي ٺاهيل تلوار جو وڏو مان ۽ مرتبو آهي. پر مون کي شڪ ٿئي ٿو ته سنڌي فقط تلوار تي ڀاڙي ويٺا ته پنهنجي فوجي شهرت پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيندا. پوري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي اصلي سگھ بارودي هٿيار ۾ لڪيل آهي ۽ اها ئي سنڌ جي اصلي سگھ آهي. اها ڪهڙي نه کلڻ هاب هٺ ۽ وڏائي واري ڳالھ آهي، جو سنڌي سمجهندا آهن ته سندن تلوار جو ڪير مقابلو ڪري ڪونه ٿو سگهي. هڪ فوجي سپاهي جي حيثيت ۾ سنڌي ڏاڍا مخلص ۽ فرمانبدار ٿين ٿا. پر منجهن اهو عيب آهي جو وٽن فوجي ضابطو ۽ تنظيم ڪونه آهي. جڏهن پنهنجي رڳ تي ايندا آهن ته پنهنجي ڪئمپ مان به چوڙي ڪندي ڪونه مڙندا آهن. سنڌ جا ڪيترائي قبيلا آهن. انهن قبيلن جون وري ڇاڙهون آهن، انهن ڇاڙهن جا وري ڀاڱا حصا آهن، جن جا مختلف نالا آهن. انهن سڀني جو اٿڻ ويهڻ هڪ جهڙو آهي، جنهن کي عام ماڻهو چئي سگهجي ٿو، منجهن، ريتن رسمن ۽ مذهب ڪري ٿورو ڪجھ فرق آهي.


    ريتون رسمون

    سنڌي ماڻهو اصلي سنڌ جا ئي رهواسي آهي. ٿوري وقت کان پوءِ جڏهن هو پاڻ ۾ ملندا آهن ته هڪ ٻئي کان پهريائين پنهنجي ٻارن جي هٺ سڄي ۽ مال رزق جو پڇندا آهن. ڇاڪاڻ ته انسان جي عزت لاءِ اٺن، مينهن، ڍڳن ۽ ٻڪرين جوڪنهن وٽ هجڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي ۽ انهن جي ڪٽنب جي ڀاتيءَ جهڙو ڀانيو ويندو آهي. اهي ماڻهو جيڪي سنڌ جي اوڀارئين دنگ سان(ٿر ۾) رهن ٿا، سي سنگهار آهن ۽ مال رزق کانسواءِ جياپو ئي ڪونه ٿي سگهي. هو پيهيون پکا اڏي وانڍيون ٺاهي وهندا آهن ۽ اڄ هت سڀاڻي هت وتندا آهن. مال جي سنگ سانڍ ڪندا، ٻين ملڪن جي ڌاڙن جيان هو، هو تنبن ۾ ڪونه وهن. پر سَر ڊڀ ۽ ٻيو گاهب گڏ ڪري، هلڪيون سلڪيون ڪاٺيون اڏي جهوپڙي جوڙي وٺندا آهن. انهن سانگي ماڻهن جو کاڌو ٻاجهري جي مانيءَ ۽ کير مکڻ آهي. ٻاجهري اڪيلو ان آهي، جيڪو سندن علائقي ۾ ٿيندو آهي. هن فصل جي پوکي راهي به ايتري ٿيندي آهي جنهن سان انهن جو پيٽ گذارو به مس ٿيندو آهي. گوشت فقط ٻاڪرو کائيندا، پر اهو به ڪنهن ويلي وقت سان ڪنهن عيد براد تي، ڌنار پاڻ سان هٿيار کڻندا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن علائقو بربٽ بيابان آهي جتي چور ڌاڙيل هوندا آهن. کين اڊڪو هوندو آهي ته متان هي سندن مال ڪاهي وڃن. هي انساني سماج ڏاڍو سادو آهي. ايترو سادو جيترو سادا ويچارا ماڻهو پاڻ هوندا آهن. ساڻن جيڪڏهن ساڙ ۽ ڪينو ڪبو ٿا ڪا لالچ ڪبي ته ويچارا ڏاڍي پسارين پئجي ويندا.


    ويس

    هنن ماڻهن جو خاص طور تي مسلمانن جو (ڇاڪاڻ ته اتي دنگ سان راجپوت رهندا آهن(14) لباس جوڙي جي ڪپڙي ته اتي انگ سان چولو هوندو آهي، جيڪي ٻئي نير ۾ ٻڏل هوندا آهن. مٿان لنگيءَ جو سندرو ٻڌل هوندو آهي، جيڪا ٺٽي جي ٺهيل، پٽ، سوٽي تند ملائي جوڙي ويندي آهي. مسڪين ماڻهو جهڙو تهڙو ڪپڙو سندري طور چيلھ سان ٻڌندا آهن. ڪڏهن وري ضرورت ويل اها لُنگي مٿي سان ٽوپي مٿان به ويڙهي ڇڏيندا آهن جيڪا سدائين سندي مٿي ۾ پيل هوندي آهي. مسلمان عورتن جو ويس قدم هندو ريتن رسمن مطابق هوندو آهي. ٿلهي ڪپڙي جيي انگي يا گڄ پائينديون آهن. مٿي تي ڏاس مان ٺهيل ڊگهي پوتي رکنديون آهن جيڪا هيٺ وڃي پير کڻندي آهي. مذڪوره انگي يا گج سيني تائين هوندو آهي، جيڪو ڪلهن کان هيٺيان ۽ مٿان ڏوري سان ٻڌي قابو ڪيو ويندو هو ۽ پٺي خالي ڇڏي ويندو هئي. اهي مسلمان جن جي دعوي آهي ته هو هندن مان ڦري مسلما ن ڪونه ٿيا آهن،پر انهن ماڻهن جي ڦريءَ مان آهن، جن اسلام جو بنياد رکيو هو، تن جون عورتون سٿڻون ۽ مٿان چولو پائينديون آهن. سندن لتا ڪپڙا گهڻو ڪري سائي رنگ جا هوندا آهن، جنهن مان پتو پوندو آهي ته سندن لاڳاپو ڪنهن سيد گهراڻي سان آهي.
    اهي ماڻهو جيڪي سنڌوءَ جي ڪناري يا ويجهو ڪنهن ميداني علائقي ۾ رهندا آهن، سي مٿي بيان ڪيل ماڻهن کان مختلف آهن، سندن ڌنڌو پوکي راهي يا ونج واپار هوندو آهي. سندن گهر به گهڻو ڪري هڪ جائتا هوندا آهن ۽ لڏ پلاڻ به ڪونه ڪندا آهن. هن قسم جي ماڻهن جو معاشرو وسيع هوندو آهي. ڪٿي وري ائين به ڏسڻ ۾ آيو آهي ته پنهنجن فصلن جي وٽين پاسن ۾ اهي ننڍا وڏا ڳوٺ ٻڌي وهندا آهن.
    ڇوڙ واري علائقي جي اولھ پاسي ۽ ٺٽي کان اتر اولھ ڏس ۾ بلوچن جو هڪ قبيلو آهي جن کي جاڪيا• (Jaguias) سڏيو ويندو آهي، رهندا آهن. هو ڪانن مان ٺهيل پکن ۾ رهندا آهن ۽ لڏي پٽڻ مهل اهي به پٽيون کنيو هليا ويندا آهن. سندن پکا ڏاڍا مضبوطيءِ سان ٺجضڌ هوندا آهن، جيڪي گرميءِ، سردي، مينهن ۽ انڌارين جي سٽ به سهي ويندا آهن. انهن پکن ۾ رهندڙ ماڻهن کي سنڌي پاکڙيجا(Pakhiraja) سڏيندا آهن. مان سمجهان ٿو ته هن لفظ جي معني جهنگل جو بادشاھ آهي.


    کاڌ خورڪ

    سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي وڏي انگ جي کاڌ خوراڪ مڇي ۽ چانور آهي. پر هتي ڪي اهڙا ماڻهو به رهندا آهن، جن جو رسم ۽ رواج کين مڇي کائڻ کان منع ڪري ٿو. اهي برهمڻ ۽ ڀاٽين مان ڪي ٿورا ماڻهو آهن، جيڪي مڇي ڪونه کائيندا آهن. هتي لاهوري گجر جام ٿيندي آهي ۽ ماڻهو هن کي گهڻو ڪتب آڻيندا آهن، ذائقي ۾ سٺي ته ڪانه هوندي آهي، پر سستي تمام گهڻي آهي ۽ ٻيو ته منجهس واڌ ويجهه وارا جزا پڻ گهڻا آهن.


    هندو

    هندو، سنڌي معاشري جو هڪ حصو آهن ۽ پنهنجو اصل مذهب سان لاڳاپيل آهن. انهن مان ڪي ڀاٽيا ته ڪي لوهاڻا آهن. انهن جا گرو به جدا جدا هوندا آهن، جن مان پوڪرڻ Pakarna ۽ ڪي سرست برهمڻ آهن. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت ڀاٽين ۽ لوهاڻن ذڪر گهڻو اچي ٿو. انهن ٻنهي ذاتين جو اصل نصل سنڌي آهي، پر هاڻي وڻج واپار ڪارڻ اولهه هندستان جي ٻين ملڪن ۽ عربستان ڏانهن هليا ويا آهن.
    سنڌ جي هندو ڀاٽيا قبيلي کي پنهنجي ريت رسم مطابق فقط سائي ڀاڄي کائڻي ڪونه آهي پر کين مڇي کائڻ به اجازت آهي. پر هن قبيلي مان ڪي ماڻهو لڏي پلاڻي هندستان هليا ويا ۽ اتي وڃي وشنو ڌرم اختيار ڪيائون، جنهن ۾ شخصي صفائيءَ ۽ سٺائي تي گهڻو زور ڏنل آهي. ان ناتي سان هن کاڌي خوراڪ ۾ به هنن پرهيز ڪرڻ شروع ڪئي آهي. سنڌ ۾ رهندڙ ڪي ڀاٽيا پنهنجي اصلي ڌرم تان ڦري ويا آهن.
    سنڌ ۾ لوهاڻن هندن جو تعداد تمام گهڻو آهي. هو پنهنجي گذر سفر لاءِ هر ڌنڌ ڪندا آهن ۽ وقت جي حڪومت ۾ شريڪ ٿي وڏا سرڪاري عهدا به ماڻيندا آهن. هن مان اهي ماڻهو جيڪي مسلمانن سردارن ۽ حڪمرانن وٽ وڏن عهدن تي آهن تن جو ويس مسلمانن جيان هوندو آهي ۽ ڏاڍا صاف ۽ معزز پيا لڳندا آهن. باقي ٻيا ڏاڍا گدلا هوندا آهن ۽ سندن ڪپڙا به ميرا ڪنا پيا ڏسبا آهن. سنڌي ۾ پهاڪو ڏيندا آهن ته ‘فلاڻو اهڙو ميرو آهي جهڙوڪ لوهاڻو’. ڀاٽيا ۽ لوهاڻا، ٻئي جڻيو به پائيندا آهن ته مسلمانن جيان ڏاڙهي به رکائيندا آهن، پر هاڻي هنن ڏاڙهي ڪوڙائڻ شروع ڪئي آهي. اهي لوهاڻا جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ آهن، تن کي ڏاڙهي رکرائڻ جي سختي سان تاڪيد ٿيل آهي. اهي پاڻئون ڄاڻئون به ڏاڙهي جو خيال رکندا آهن. لوهاڻن هندن ۾ گهڻين شادين ڪرڻ جو رواج ڪونه آهي. لوهاڻن هندن جو واسطو سرست برهمڻ سان آهي. لوهاڻن ۽ لوهاڻن جي برهمڻن جي هلت چلت اٿڻ ويهڻ ۾ ڪو خاص فرق ڪونه هوندو آهي. سندن برهمڻ به هن جيان مڇي گوشت کائيندو ۽ شراب جا چُڪا به چاڙهيندو آهي. جنم، مرتئي ۽ وهانو جي موقعي تي کيس گهڻو ڪجھ ملي ويندو آهي، جنهن سان سندس پيٽ گذر به ٿيندو آهي. هو هڪ ديوي ماتا جي به پوڄا ڪندا آهن. سمنڊ يا سنڌو درياھ جي پوڄا واسطي هنن جون ڪيتريون پيگوڊائون ٺهيل آهن. سنڌو درياھ جي پوڄا لاءِ ڪنهن ٿانو ۾ درياھ جو پاڻي آندو ويندو آهي. پوڪرڻ، برهمڻ، ڀاٽين جا ٻانڀڻ آهن. اهي سرست برهمڻ کان وڌيڪ پڪا هندو آهن. پوءِ به هندستان ۾ رهندڙ ٻين فرقي جي هندن کان گهٽ ڪٽر آهن.


    ٻولي

    سنڌ جي ٻولي پنهنجي لکت واري آهي. سندس لکڻ جو نمونو پنهنجو آهي ۽ کاٻي کان ساڄي طرف لکي ويندي آهي. سندس علامتون اصليت سان واسطو رکن ٿيون ۽ تڪڙي لکي سگهبي آهي. اکر هڪ ٻئي ۾ اندر ويندا پيا پائبا، مٿس ٿورو ويچار ڪري ڏسبو ته هنن جي لکت ٻين لان وڌيڪ ملبار جي ٻولي جي لکت جهڙي آهي. پر جيڪڏهن هر اکر کي ڀڃي جدا جدا ڪري ڏسبو ته ان سان ڪابه هڪجهڙائي ڪانه ٿي رکي. سنڌ ۾ عام طور ٻه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. انهن مان هڪ ته سنڌي آهي جيڪا سنڌ جي اصلي ۽ بنيادي ٻولي آهي، ٻي ٻاروچي ٻولي آهي جيڪا لکيل صورت ۾ ڪانه ٿي ملي پر مان ڪٿي ڪٿي عربي رسم الخط ۾ لکيل ڏٺي آهي.• جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان ته سنڌي ٻولي جي صورتخطي موجود آهي ۽ ان کي پنهنجي الف ب آهي. مان ان جي ٿوري ڄاڻ به رکان ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته اها ڄڻ سنسڪرت جي هڪ چاڙھ آهي، جنهن هندستان کي ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون آهن. مان هتان جي عالمن جو هن ڳالھ ۾ قائل آهيان ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. ساڳئي ذريعي جي آڌار تي چئي سگهان ٿو ته سنڌي ٻولي م گجراتيءَ کان وڌيڪ سنسڪرتي لفظ موجود آهن ۽ ٻيو ته سنڌي ٻولي م نئين دور سان لاڳاپيل نوان لفظ گهٽ آهن. مون کي اها ڳالهه به محسوس ٿئي ٿي ته هنن جي ڪن لفظن جا اصل بنياد هڪ جهڙا آهن، پر بولي جي سڀني لفظن ۾ هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. گجراتي ته خالص هندي ٻولي آهي. سنڌي ۽ پنجابي ٻوليءَ جي لفظن ۾ گهڻي هڪ جهڙائي نظر اچي ٿي. ائين ٿو ڄڻ ته پنجابيءَ جو لهجو آهي.
    سنڌي ٻولي هتان جا رهاڪو هندو ۽ عام ماڻهو ڳالهائيندا آهن ۽ سنڌ جي عام ٻولي آهي. ڏکڻ طرف ٿر واري علائقي ۾ جاڙيجن جي ڪڇ م به ڳالهائي ويندي آهي، پر ان ۾ ٿورو فرق آهي. ڀاٽيا ۽ لوهاڻا هندو به هاڻي اچي ڪڇ ۾ رهيا آهن ۽ پاڻ سان منهنجي نج ٻولي به کڻي آيا آهن. اَبيرا، ڄاڙا ۽ ڌنار پنهوار گجرائتي ڳالهائيندا آهن. هي ڪڇ جا رهاڪو ڪونه آهن، پر ڪيترين صدين کان ٻين کان اڳ هتي اچي ويٺا آهن ۽ ٻين مٿان غالب ٿي ويا آهن. هاڻي ڪڇ ۾ گجراتي ٻولي لکي پڙهي ويندي آهي. ٻروچن جا گهڻا قبيلا ٻاوچي ٻولي ڳالهائيندا آهن. هو بلوچستان مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن. سنڌي ٻولي عربي، فارسي، پنجابي ۽ سنسڪرت جي گڏيل کچڻي آهي. هن ٻولي جي ڳالهائڻ جا لهجا به گهڻا آهن. مان ضميمي ۾ سنڌي ۽ ٻاروچي ٻولي جا ڪي لفظ ڏنا آهن، جن جي پاڻ ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي.

    ____
    • امڪان آهي ته هن سنڌي ٻولي عربي لپيءَ ۾ لکيل ڏٺي هوندي.


    حڪومت تي هڪ نظر

    سنڌ جي ڪلهوڙن جي حڪومت قبائلي سردار نموني هوندي هئي، جيڪو ڪلهوڙن جي قبيلي جو سردار ٿيندو هو، سوئي سنڌ جو حڪمران تسليم ڪيو ويندو هو. هر مسلمان فرد پنهنجي عقيدي موجب وقت جي حڪمران جو فرمانبردار رهڻو آهي. هندو وري اهڙا هوندا آهن. ان ڪري اهي هر حڪمران سان ڄڻ واڳجي ويندا آهن. ڪلهوڙا گهراڻي جي پڇاڙيءَ واري حڪمران جي زماني ۾ اهڙا ڪي ڪڌا ڪرتوت ٿيا، جو سندن فوج کانئن ڦري وئي. اهڙين وڳوڙي حالتن موجوده ٽالپر گهراڻي کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو، جنهن سنڌ جي سياسي واڳ سنڀالي ورتي.
    هن گهراڻي سنڌ جي حڪومت ڪرڻ جو فوجي طريقو استعمال ڪيو. راڄ ڪرڻ جي هن طرز کي جيڪڏهن سوچي ويچاري ڏسجي ته سارو کوکلو ۽ نٻل نظر ايندو. سندن حڪومت ڪرڻ جو مول مقصد دولت گڏ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪونه هو. هنن ڌن ڪٺي ڪرڻ ڪارڻ ڏاڍا ۽ ڪٺورتا کان ڪم ورتو. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سندن ٽيهن سالن جي حڪومت دوران محصول پورو ٽيون حصو گهٽجي ويو آهي. حڪمران ڇا ڪندو آهي، جو آباد علائقا سرڪاري عملدارن کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيندو آهي . اهي عملدار زمين جي ڍل ايڏي مٿي وصول ڪندا آهن جو ماڻهو ڏئي ڪونه سگهندا آهن. عدم ادائگي جي حالت ۾ ڏنڊ ۽ ٻيون ڇٽيون ڀري پنهنجي عزت ۽ کَل بچائيندا آهن ۽ ايترا پئسا ڀري ڏيڻ لاءِ تيارٿي ويندا آهن، جيڪي مٿن مڙهيا ويندا آهن. (15)
    ٽالپر مير هر جمعي تي درٻار ۾ پنهنجي سامهون، انصاف لاءِ قاضي وهاريندا آهن، انهيءَ لاءِ ته جيئن ڪنهن سان ڏاڍ نه ٿئي. انهيءِ جو مقصد به گڏ ڪرڻ هوندو آهي. فريادي ۽ جوابدر ڌر کان ايتري ته گهڻا پئسا ورتا ويندا آهن، جو ڏني پورا ڪونه ٿيندا آهن. اهڙا ڪي ٿورا مثال ملندا، جو ضمير فروش قاضي ڪنهن ڌر کان پئسا ڪونه وٺندو هجي. اهو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪو ڌاريو ولايتي ماڻهو ڪنهن سنڌي تي دانهيندو آهي. اهڙي قسم جا مامرا مير غلام علي اُڪلائيندو آهي. ڦاسي جي سزا ڏيڻ جو اختيار ٻن مکيه ٽالپر سردارن کي هوندو آهي. ٻيا عملدار اهڙا ڏوهي هنن ڏانهن موڪلي ڇڏيندا آهن.
    ٽالپر خاندان واري موجوده حڪومت فوجي ڏاڍ ۽ جبر واري حڪومت آهي. ايشيا جي ملڪن ۾ اهڙي فوجي ڏاڍ ۽ حڪومت جي ٻين ڪڌن ڪرتوتن جا حوالا تاريخن ۾ درج ڪونه ڪيا ويندا آهن. پر ڪو ماڻهو اهو سوال پڇي سگهي ٿو ته اهڙي ڏاڍ ۽ دٻڙ دئونس واري حڪومت جو ڪٿي لکيل احوال ملي سگهندو يا نه، ٽالپر گهراڻي بابت حقيقت حال اها آهي ته هن مقبول عام حڪومت تي غاصبانه قبضو ڪيو آهي ۽ فوج جي مدد سان جيڪو هو راڄ هلائي رهيا آهن، سو به ان جو ڪارڻ ته جيئن هنن جي خلاف ڪير ٻڙڪ به ٻولي نه سگهي. سندن حڪومت جي موجودگي جو ٻيو سبب اهو آهي ته ڪابل جي پٺاٻ حڪومت ۾ ڦيٽاڙو حڪومت ڪاهي پيو آهي ۽ سنڌ تي اهڙي نموني راڄ ڪري رهيا آهن، جو هنن جي ڪنهن تي اک به ڪانه ٿي ٻڏي. هي گهراڻو پنهنجي رعيت جو گهڻگهرو ڪونه آهي. سندن راڄ کي اڻيهوئي ڊهڻ جو اڊڪو آهي. هو پان به ڍلن، محصولن ۽ پرائي دولت جي ڦرلٽ ڪرڻ مان سمجهن ٿا ته سندن راڄ پوين پساهن ۾ آهي ۽ گهڻو جٽاءُ ڪري ڪونه سگهندو. ان کانسواءِ هنن ٻروچن کي عام رعيت کان وڌيڪ حق ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪو گهڻي ڪري فوج ۾ شامل آهن ۽ اهو سٺي ۽ انصاف پسند حڪومت جو طريقو نه هوندو آهي.
    اسان ڏسون ٿا ته جنهن خاندان کان حڪومت کسي وئي هئي، جنهن حڪمران گهراڻي کان ٽالپرن ڌڪي اقتدار کسي ورتو، تنهن جو سنڌين مٿان چڱي ريت ضابطو هو. سندن ڪلهوڙا خاندان سان تعلق هو، جنهن سنڌ مٿان گهڻي زماني تائين راڄ ڪيو ۽ ان عرصي دوران سنڌ وڏي ترقي ڪئي. ٻيو هنن جي سردارن جو واسطو مرشد طبقي سان هو، جنهن جي، مسلمان رعيت گهڻي عزت ڪندي هئي ۽ انهن جي جان جو بچاءُ به ڪيو ويندو هو. ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾ هندن تي ڏاڍ ۽ ڏمر ضرور ڪيو ويو هو. پر ان جو سبب اهو هو ته ڪلهوڙن جي تخت ۽ تاج لاءِ وڏو ڏچو پيدا ٿيو هو. هندو هميشه امن ۽ شانتي پسند ڪندا آهن. مٿن جيڪڏهن ڏوس ڏمر ٿيندو يا ڪنهن انيتي يا انياءِ ڪيو ته فوج جي سهائتا سان هلندڙ ڏاڍ جي راڄ ۾ سندن ڪوُڪ ڪير سڻندو ۽ ڪير سندن واهر ٿيندو. ڌيان رکڻ جوڳي گالھ اها آهي ته حڪومت جي تبديلي ۾ ايشيا جا ماڻهو بيوس هوندا آهن. سندن امنگن ۽ احساسن کي ڪو ڌوڪو رسندو به آهن ته سندن احساس کين صحيح گس ٻڌائي ته سنگهندا آهن. پنهنجي وطن سان لاڳاپيل اهم معاملن ۾ دلچسپي به گهٽ وٺندا آهن ۽ اهو به ڪونه سوچيندا ۽ ويچاريندا آهن ته سندن خوشحالي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. سڀاڻي جو کين ڪوبه اونو ڪونه آهي. ٻڌن ٻانهن جيان ڪڍ لڳا وتندا آهن، پوءِ کڻي ڪير به چار ڏوڪڙ ڏئي يا کين ڦري فقير ڪري ڇڏي.
    ڪلهوڙن پنهنجي گهراڻي جي وڃايل حڪومت هٿ ڪرڻ واسطي ويهن ئي نهن جو زور لاتو، پر ڪجھ ڪري نه سگهيا. مسلمان گهراڻو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي وڏي گهراڻي جو جوڙ جيس جو هوندو آهي ۽ سگھ ۾ هڪجهڙائي رکندو آهي ته ساڙ ۽ ڪيني کان سندس ڄنگهن ڪڍڻ ۾ وسان ڪونه گهٽائيندو آهي. سو ميرن ٽالپرن به ڪلهوڙن سان ائين ڪيو. سنڌ مختلف قسمن جي حڪومت هيٺ رهي آهي، جو هن ملڪ سان ڏاڍ به ڪيا آهن. پر ٽالپرن مذڪوره حڪومتن کان وڌيڪ سنڌ جي رهواسين مٿان ڏاڍ ۽ ڏمر ڪيو آهي.
    سنڌ جي هندوءَ ڪيترين صدين کان وٺي اسلامي حڪومتن کان سواءِ ٻي ڪابه حڪومت ڪانه ڏٺي آهي. سندن رشتا ناتا هندستان جي هندو برداري کان ٺٽي ويا آهن. جيڏانهن به اک وتائي ڏسن ٿا ته کين مسلمان ئي اک چڙهن ٿا. هندن مان پنهنجي ذات جي نفاست، نزاڪت ۽ امتياز وارو احساس ڄڻ ته ختم ٿي ويو آهي. سنڌ کان ٻاهر ٻين علائقن ۾ اڃا اهڙيون ڳالهيونن موجود آهن. اتي مسلمان حڪمران ڪيڏي به کڻي هندن کان نفرت ڪندا آهن، پر پوءِ به هندو پنهنجي ڌرم جي متَا ۽ اصول قائم رکندا آيا آهن. اهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکي مسلمان حڪمرانن هندن کي رعايتون ڏائي ڇڏيون آهن. مسلمانن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ واري حڪمت عمليءَ ڪري اهڙو ڪو هندو ڪونه اٿيو آهي، جنهن پنهنجي آزاد ملڪ لاءِ جاکوڙيو هجي يا انهن هندن جي آجپي لاءِ هٿ پير هنيا هجن، جيڪي مسلمانن جي ظلم جي چڪي ءَ ۾ پيسجي رهيا هجن.
    سنڌ جي ڪهڙي نه گهڻ رنگي تصوير آهي. هن هزار سال جي عرصي دوران ڪو هندو ماڻهو ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي. جنهن پنهنجي جان بچائڻ جا جتن ڪيا هجن يا پنهنجي برادري کي هن بدترين غلامي مان آجي ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو هجي. سنڌ جي فتح کان پوءِ هتان جي اصلي رهاڪوءَ ڪڏهن به هن ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جا جتن ئي ڪونه ڪيا آهن. رڳو سما گهراڻو آهي. جنهن پهريائين مزهب بدلايو ۽ پوءِ سنڌ جي سياسي واڳ سنڀالي هئي.
    هندن جا قبيلا جيڪي هتان جي اصلي ڌرتي ڌڻي هئا، سي اڄ مسلمانن جي غلامي ۾ قطارون ٻڌيو بيٺا آهن ۽ مسلمانن سان گڏجي ڄڻ ته مسلمان ٿي ويا آهن ۽ ائين پيو ڀانئبو ته ڄڻ پاڻ به مسلمان ٿي ويا آهن. سندن نالا ۽ ويس سو جدا آهي، جن سان پتو پوي ٿو ته هندو آهن. پنهنجي ڌرمي متن کي نظر ۾ رکي کين مسلمان کان الڳ رهڻ کپي ۽ پنهنجي الڳ وجود جو احساس ڏيارڻ کپي.
    ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته هڪ ئي گهر جا مختلف ڀاتي هڪ ئي وقت ٻنهي مذهبن جي اصولن جي پوئواري ڪندا آهن. جڏهن به هندو گهراڻو مسلمان ٿيندو آهي ته نالا اهي ئي هندن وارا رکندو آهي. هندو وري پنهنجي مذهب سان به سچا آهن ۽ مسلمانن جو مذهب اسلام جي به دل سان عزت ڪندا آهن. جتي اهڙو قسم جو معاشرو ۽ اهڙي قسم جو اٿڻ ويهڻ هجي ته اتي گهٽ ۾ گهٽ هي ڳالھ به هجڻ کپي ته مذهبن ۽ ذاتين جو فرق ضرور هجڻ کپي ۽ هندو هندو هجي مسلمان مسلمان رهي. سنڌ ۾ هندو ڌرم جي اڃا اها حالت آهي. هي ملڪ هندستان جي ڏکڻ اولھ ڏس تي آهي. سنڌ جا اصلي ماڻهو پري کان ئي سڃاڻي وٺبا آهن.
    اسان پنهنجي اصلي موضوع تان ڪجھ ٿڙي ٻئي طرف هليا ويا آهيون. هنن ٻن چئن ٻولين وسيلي اهو ڏيکارڻ ڄڻ ضروري ٿي پيو هو ته سنڌ جو اصلي رهاڪو هندو سنڌ جي حڪومت کي تبديل ڪرڻ جو طاقت رکي ٿو. هن مان اهو مقصد به آهي ته کين ڌرمي اتساھ برغلائي وٺجي ۽ وري آڻي ڪلهوڙن کي سنڌ جو حڪمران بڻائجي.
    هتي اسان کي ڪي ڳالهيون ڏسي اچرج به ٿئي ٿو ته ٽالپر غير عوامي ۽ غير مقبول حڪمران هوندي به هندن سان تعصب ڪونه رکندا آهن. هندن تي حڪمرانن جوتمام گهڻو ويساھ آهي. ڪن ڳالهين ۾ ٽالپر مٿن مسلمانن کان به وڌيڪ اعتماد رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته هندن کي وڌيڪ اهم ۽ حساس کاتن ۾ وڏيون نوڪريون ڏنيون ويون آهن. سنڌ ۾ شيعن ۽ سنين کي هڪ جهڙا حق آهن. حڪمران پاڻ مسلمانن جي شيعي فرقي سان واسطو رکن ٿا. سنڌ اندر تعداد ۾ سني وڌيڪ آهن.
    مٿن مسلمانن کان به وڌيڪ اعتماد رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته هندن کي وڌيڪ اهم ۽ حساس کاتن ۾ وڏيون نوڪريون ڏنيون ويون آهن. سنڌ ۾ شيعن ۽ سنين کي هڪ جهڙا حق آهن. حڪمران پاڻ مسلمانن جي شيعي فرقي سان واسطو رکن ٿا. سنڌ اندر تعداد ۾ سني وڌيڪ آهن.
    ٽالپر ميرن جو هندو بت پرستن ڏانهن آزاد قسم جو رويو آهي، پر سندن دلي خواهشن کين ملسمان ڪرڻ جي آهي. غريب طبقي واري هندن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي اسلام جي ويجهو اچڻ تي مجبور به ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن هندو لوهاڻي هڪ مسلمان کي چيو ته “يار تون منهنجو ڀاءُ آهين” يا چوندس ته “مان توسان سفر تي گڏجي هلڻ ٿو چاهيان” پوءِ ان واڻئين جو زوري... وڍي(طهر ڪري) مسلمان ڪري ڇڏيندس . پر اڃان تائي اها ڳالھ ڪانه ٿي آهي جو مذهبي اختلااف جو سبب ڏئي هندن جي مال ملڪيت کي ڇيهو ڪونه رسايو ويو آهي ۽ نه ئي وري سندن ڏيل کي ڪو ڏک پهچايو ويو آهي. ڪلهوڙا گهراڻي جي زوال مان شايد ٽالپر ميرن ڪو سبق سکيو هجي ۽ ان ڪري اڻ ڌري حڪمت عملي اختيار ڪئي هجي. اهو به ٿي سگهي ٿوته هندو پئسي ڏوڪڙ وارا آهن ۽ ڪنهن امڪاني مالي مدد جي آسري تي سهپ واري ڳُجي ڌاري هجين.
    ٻئي پاسي کان سندن مقرر ڪيل نواب اهڙو ته ڳاٽي ڀڳو محصول ٿا مڙهين، جو اهڙي ڏاڍ کان سڄي دنيا خبردار آهي. سندن لالچ ج به سنڌو آهي ته سيڙهو. وَڍي(رشوت) جا به واھ جو هيراڪ آهن. ان ڪري وڻج واپار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ وڻج واپار سان لاڳاپيل ڪارخانا به پوين پساهن ۾ آهن. جيڪڏهن وقت سر انهن خلا ڪو انقلابي قدم نه کڻبو ته اهي ڪارخانا هلڻ کان بيهي ويندا. هن حڪمت عملي ڪري ٿوري وقت لاءِ ته کين فائدو رسندو پر وڻج واپار ۽ ڪارخانن گهٽ ٿي وڃڻ ڪري سندن محصول گهٽ اڳڙندو ۽ آمدني، جيئن پوءِ تيئن گهٽبي رهندي. اها به هڪ حقيقت آهي ته ٽالپر ميرن پنهنجو گڏ ڪيل پئسو ڏوڪڙ، پنهنجي ٿر ورن قلعن ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي ۽ اتر پار کان ايندڙ حملي آورن کان پاسي تي رکي ڇڏيو آهي. جن جي هلان جو اڊڪو اڻيهوئي سنڌ کي لڳو پيو هوندو آهي. هاڻي وري انگريزن جي فوج به سندن اوڀارئين دنگ وٽ اچي پهتي آهي. ان ڪري به کين اقتدار کسجڻ ۽ خزاني ڦرجڻ جو ڊپ اچي وڪوڙيو آهي ۽ هنن پنهنجو خزانو کڻي جابلو علائقي جي هڪ قلعي ۾ محفوظ ڪرايو آهي، جيڪو حيدرآباد کان اتر الهندي طرف آهي. (16) هي قلعو هاڻي ٺهي تيار ٿيڻ وارو آهي. هن قلعي جي جاگرافيائي صورتحال ۽ تعمير اهڙي آهي جو سنڌ جا حڪمران هن قلعي کي اِجيت سمجهندا آهن. ميرن جو سڄو خزانو سون ۽ هيرن جواهرن تي مشتمل آهي. ملڪ جي ڍل ۽ محصول جيڪو گڏ ٿيندو آهي، تنهن مان سون ۽ هيرا خريد ڪيا ويندا آهن. هن خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا آهن. پر سندن هنن ڪرتوتن مان سنڌ جي وڻج واپار صنعت کي ڪيڏو ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي، تنهن جو کين ويچار ڪونه آهي. اهڙي طريقي سان جيڪي سون ۽ چاندي جون ڏيٽيون ۽ نقعد زر هڪ جاءِ تي گڏ ٿيندي رهندي ٿي، سا ملڪ ۾ ڦرڻ کان بيهجي وڃي ٿي. ملڪ جو حقيقي خزانو اهو آهي، جيڪو ڦرندو رهي.هڪ هنڌ بيٺل پئسي جو اندازو ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. جيڪڏهن اسان سرڪاري ڍل ۽ محصول ۽ سالياني خرچ جو اندازو لڳائينداسين ، جهڙي ريت ضميمي ۾ درج ڪيو ويو آهي، ته پتو پوندو ته ٻارهون عوام ۾ ڦرندڙ دولت تمام گهٽ آهي. ان ليکي سان پتو پوي ٿو ته ميرن وٽ گڏ ڪيل خزانو تمام گهڻو آهي.
    ميرن جي اختيار ڪيل حڪمت عملي تمام سادي ۽ کل جوڳي آهي. هو ولايتي ماڻهن جي رلڻ ملڻ کان ائين پيا ونءُ ويندا آهن، جيئن ڪانءُ وڃي ڪمان کان، منجهن شڪ ۽ گمان ڪندا آهن. ساڙ ۽ ڪيني ۾ گهٽ ڪونه آهن. سندن هلت چلت اهڙي هوندي آهي، جو ولايتي ماڻهو پنهنجي بي عزتي پيا محسوس ڪندا آهن. ائين ڪرڻ مان هو ائين سمجهندا آهن ته پنهنجي ملڪ جي آمدني جا وسيلا اسان کان لڪائي سگهڻ ۾ ڪامياب ويندا ۽ سندن رعيت جا ذهني لاڙا ۽ خوهشون ڪهڙيون آهن، تن کن به ولايتي ماڻهو بي خبر رهجي ويندا. سندن اها به عادت آهي ته ولايتي ماڻهو سان ڏاڍي هٺ، وڏائي ۽ آڪڙ سان پيشا ايندا آهن، اهڙيون قسم جون اجايون ڳالهيون ڪري پنهنجي اعلي شان، مان ۽ مرتبي جو ڄڻ اظهار ڪندا آهن، پر اهو ڪڏهن به سمجهڻ نه گهرجي ته سندن حال ۽ مال هڪ جهڙو آهي. سندن ولايتي ماڻهن لاءِ ساڙ ۽ ڪينو ڌيان ڏيڻ جوڳو آهي. جڏهن هو اسان ولايتي ماڻهن کي دڙڪو دهمان ڏين ٿا ته سمجهڻ کپي ته هو اجائي لاف ۽ ٻٽاڪ هڻي رهيا آهن. ڪندا ڪجھ به ڪونه، سکڻي ڪُني گهڻي اڀامي. حقيقت اها آهي ته هو خود پاڻ ڊڄي رهيا آهن ۽ پنهنجي ڊڄ ۽ اڊڪي لڪائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن. هو پنهنجي جذبن تي ضابطو رکي ڪونه سگهندا آهن ۽ حقيقي وت کان وڌيڪ هام هڻندا آهن. گڏ ڪيل خزاني بابت مير صاحب چوندا آهن ته اهو تڏهن استعمال ڪيو ويندو جڏهن سنڌ کي ڪنهن ٻاهرئين هلان جو اُڊڪو هوندو ۽ مذڪوره خزانو تڏهن فقط عام ڀلائيءِ واسطي ڪتن آندو ويندو. پر عام طور چيو ائين ويندو آهي ته جڏهن سنڌ کي ڪا سوڙھ پئي ۽ ڪو ڌاريو ديس تي ڪاهي آيو ته ميرصاحب خيرن سان اهڙا ڊڄڻا آهن جو پنهنجي ناڻو ٻيڙن تي رکائي مسقط وڃي ساھ پٽيندا.
    انگريزن کانسواءِ ڪنهن ٻئي ولايتي طاقت ميرن جو ڏيل ڪونه ڏڪايو آهي. هو به هميشه هنن کي ڇرڪندا رهيا آهن. گذريل پندرهن سالن ۾ اهڙا ڪي واقعا ٿي گذريا آهن، جن مان کين اهو ٿورو ڪجھ احساس ٿيو آهي ته انگريز اهڙي قوم آهن، جيڪي وڏن بادشاهن ۽ وڏين قومن مٿان سوڀ ماني سگهن ٿا ۽ اهي هاڻي وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندا، سندن دنگن جي چوڌاري تڪرو تڪڙو گهيرو ڪري رهيا آهن، سنڌ جي ٻٽاڪي ميرن ۾ هاڻي اچي ڦڦري پئي آهي ۽ اهڙي قسم جي ڊپ ۽ ڊاءِ کي لڪائي به ڪونه ٿا سگهن. اهڙي اڊڪي ۽ ڊپ کي هنن ڪيترن موقعن تي ورجايو به آهي. پر جيئين ته انگريز سرڪار حالتن کان مجبور هئي ۽ ڪڇ ۾ پنهنجي اثر رسوخ کي وڌائڻ ۾ رڌل هئي. ان ڪري سنڌ جي ميرن ۾ ڪنبڻي پئجي ويئي آهي. اها به هڪ حقيقت اها آهي ته هو هاڻي قنڌار جي حڪومت جا ڏن ڀرو ڪونه رهيا آهن. پت انگريزن جي ڪڇ ۾ پهچڻ ۽ اثر وڌائڻ ڪري. سنڌ جا حڪمران چالاڪي ڪري افغان حڪمرانن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن، توڙي هنن سان سندن لاڳاپا ٽٽي به ويا آهن. ان جو اڪيلو سبب اهو آهي ته کين انگريزن جي حملي جو ڊپ آهي. هن ڪنبڻي ڪري هنن ڪڇ جي راءِ کي انگريزن سان دوستاڻن لاڳاپن ڇنڻ جي صلاح ڏني آهي. توڙي جو اها دوستي قائم ٿئي ڪجھ مهينا ئي مس گذريا آهن.
    حقيقت به اها آهي ته سنڌ جي حڪمرانن کي اچي ڊپ ورايو آهي ته مٿان ولايتي طاقت حملو ڪري کانئن سنڌ ڦري وٺي. موقعي جي مناسبت سان اها ڳالھ وقتائتي لڳندي ته مير صاحب اهڙي متوقع حملي جي اڳواٽ بچاءِ لاءِ جيڪي سٽون ۽ رٿون سگهندا، تن جي ڪجھ ڇنڊ ڇاڻ ڪجي. موضوع جي لحاظ کان ان کي بلڪل تت جي صورت ۾ پيش ڪندس. ان جو سبب اهو آهي ته پڙهندڙن جي گهڻائي هن قسم جو موضوع ۾ متان دلچسپي نه وٺندي هجي.


    فوج

    سنڌ جي حڪمرانن جي فوج مسلمانن قبيلن مان ڀرتي ڪئي ويندي آهي. هي فوج ڳڻپ جي لحاظ کان مختلف هوندي آهي. پر جنگ ۾ بهادري سان وڙهي ڪونه سگهندي آهي. اهي قبيلا پنهنجي لٺ سردارن جي حڪمن جي تابغ هوندا آهن. سرڪار طرفان اهڙن سردارن کي زمين جو ٽڪر ملندو آهي، جنهن مان ساري خرچ جو پورائو ڪندا آهن. حڪمرانن جي پنهنجي مرضي هوندي آهي ته ڪهرو جاگيردار پاڻ وٽ رکن ۽ ڪنهن کي ٽڪي اٽو ڏين. هڪ سال جي ٿوري عرصي ۾ ڪيترن ئي جاگيردارن جون هيڏانهن جو هوڏانهن بدليون سدليون ڪندا. ڪڏهن ري گونڪ پوندو ته ڏھ سال به ڪنهن جي بدلي ڪونه ڪن. انهن سردارن وٽ فوجي سپاهين جا نالا سندن اولاد جي نالن سميت داخل هوندا آهن ۽ اهڙن نالن کي سندن ذات سميت خبرداري سان درج ڪري حفاظت سان سانڍي رکندا آهن. اهڙي فوج جو واسطو گهڻو ڪري ٻروچ قبيلن سان هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو سردار انهن کي ارِ ڪري ڪڍي ڇڏيندو آهي ته درٻار ۾ وڃي داهيندا آهن. درٻار اچار ڪري سندن ڏک سور ۽ اهنج ايذاءُ درو ڪندي آهي. جيڪڏهن سندن نالا وغيره درج نه ڪيا وڃن ها ته سندن دانهن ڪوڪ ڪير ورنائي ها. نالن لکڻ ڪري اهو ٿيو آهي جو سردار جي انياءَ کي ٻنجو اچي ويو آهي.
    سردار، ڪڏهن فوجي سپاهي کي روڪ ڏوڪر پئسا ڪونه ڏيندو آهي پر هر فوجي لاءِ ان ٻڌل آهي، جيڪو هر فصل تي کيس ملندو آهي. ڪلهوڙن جي واري ۾ ، جاگيردارن جهڙوڪ ٽالپر، جاڪيا Jaquias، ليڪي Leckes ۽ کوساب•Khosabs ۾ گهڻيون ڪي اونايون هونديون آهن. اهي ملڪ جا ويڙهاڪ قبيلا هوندا هئا، جن وٽ پنهنجي الڳ جهنڊا هوندا هئا. ان جي ڀيٽ ۾ ٽالپرن هڪ نئون ۽ سٺو طريقو اختيار ڪيو آهي. اهي پاڻ وٽ ڪو وڏو جاگيردار ڪونه رکندا آهن. هر جاگيردار وت هڪ هزار ماڻهو مس هوندا آهن. وڌ ۾ وڌ ٻارهن سئو ماڻهو رکي سگهندا آهن. ڪلهوڙن حڪرانن وٽ ليکي ۽ کوسا قبيلا هوندا هئا. جيڪي آئي ويل پنهنجا ڪونڌر قطاري اچي سرڪار جي سهائتا ڪندا هئا. پر ميرن اهي ٻئي قبيلا پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيا آهن. اڳي جاگيردار خود خيال هوندا هئا، هاڻي انهن کي عملدار طور مقرر ڪيو ويو آهي. جن جو انگ هڪ ٻه سئو ٿيندو. اهڙي ريت نومڙين جي قبيلي مان ٽي سئو ماڻهو کنيا ويندا ويا آهن. حقيقت وري هي آهي ته ٽالپرن کي نومڙين مان ڏٺي پئي بڇان ايندي آهي.
    قلعي ۾ رهندڙ فوج هميشه پنهنجي فرض جي ادائيگي لاءِ تيارهوندي آهي، جنهن جو انگ به چئن هزارن کان مٿي ڪونه ٿيندو، اهي حيدرآباد ۾ مقرر ٿيل آهن. انهن جو اڌ گهوڙي سوار دستن تي مشتمل آهي. گهوڙا کين سرڪارر طرفان ڏنا ويا آهن. اهڙي قسم جا ماڻهو ميرن جا ذاتي نوڪر به آهن ته فوجي سپاهي به. هر ڇھ ماهيءِ هرهڪ فوجي سپاهي کي اَنُ ملندو آهي. آئي ويل جڏهن فوج جي ضرورت پوندي آهي ته ساري سنڌ جي جاگيردارن ڏانهن فرمان موڪليو ويندو آهي ته اهي ڪنهن مقرر جڳھ ۽ وقت تي اچي گڏ ٿين ۽ پاڻ سان فوج به وٺيو اچن. سڄي سنڌ ۾ اهڙو حڪم ٽن ڏينهن اندر پهچي ويندو آهي ۽ پندرهن ڏينهن اندر پنجٽيهه هزار لشڪر گڏ ٿي سگهي ٿو، جنهن جو 3/2 حصو گهوڙي سوارن تي مشتمل هوندو آهي. هن ملڪ جو هر ماڻهو ٻٽاڪ هڻندو آهي ته سنڌي فوج هڪ لک آهي. پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مير سهراب وٽ ٻارهن هزار فوج آهي ۽ مير ٺاري وٽ پنج هزار فوج ٿي ته وڏو ڇيھ ٿيو. هي ٻئي مير حيدرآباد جي ميرن جا ٻانهن ٻيلي آهن. سڄيءَ سنڌ جي فوج ٿي ته وڌ ۾ وڌ پنجاھ هزار مس ٿيندي.
    هيءَ فوج مسلمانن جي مختلف قبيلن سان واسطو رکي ٿي، جن جو ڪل انگ ڪيترائي سئو آهي. پر انهي سڄي فوج جو مهندار ضرور ڪوٻروچ هوندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري ٽالپر چيو ويندو آهي. منجهس سڀني ٽالپرن جو ويساھ هوندو آهي. ٽالپر پنهنجي ٻين ساٿي جي خواهش جو احترام ڪونه ڪندا آهن ۽ پنهنجي مرضي موجب جيڪو پسند پوندواٿن تنهن کي فوجي مهندار مقرر ڪري ڇڏيندا آهن. سارو لشڪر تلوارن ۽ ڍالن سان مسلح هوندو آهي. ٿوريون ڪجھ مُنهن ڀرڻ واريون بندوقون به اٿن. جنگ وقت انهن کي مقرر پگهار کان وڌيڪ ملندو آهي. حڪمراني جي خزاني مان هر پيادي کي ٽي دوهراDohras ملندا آهن. گهوڙي سوار کي ان کان ٻيڻ تي ڏهاڙي ڏجي ٿو. اها ڏهاڙي جنگ دوران هوندي آهي. قبيلن جي سردارن کي سندن عملداريءَ جي عهدي موجب ڏهاڙي ڏبي آهي. سنڌ جو توبخانو افسوسناڪ حد تائين ڪمزور آهي. وٽن ڪي ٽي يا چار توبون هونديون. سنڌي فوج سپاهي جي هن قسم جي مضبوط جنگي هٿيار تي اک ڪانه ٻڏندي آهي. وٽن جيڪي ٻه چار توبون آهن به، سي به خيرن سان ڀڳل آهن.
    جيڪو گهوڙي سوار دستو اٿن، تن ۾ مختلف قسم جا گهوڙا شامل آهن. ٽٽو قسم جا گهوڙا ته سنڌي فوج ۾ جام پيا ڏسبا، پر ان ۾ خچرن جو انگ ججھو آهي. اٺ ته ٽالپر امير کان ويندي فقير تائين هر ماڻهو وٽ ڏسبو آهي. وٽن اعليٰ قسم جا شاندار گهوڙا آهن، پر انهن کي ڪيڏاري ڪاڻ سانڍيو ڪونه ويندو آهي. ٻي ڳالھ ته انهن جا سنب وڏا ٿين ٿا، منجهن هڪ ٻيو وڏو عيب آهي ته انهن گهوڙن کي رلاءِ ۽ من سيکاريا ويندا آهن ۽ جڏهن کين سرپور ميدان ڏياريو ويندو آهي ته اهي رلا ۽ مُن ڇڏي ميدان ڪونه ڪندا آهن، جيڪو جنگ ۾ لازمي پنڌ هوندو آهي. هتان جا بندوق باز هٿ جا ڏاڍا سڌا ٿيندا آهن، جن جو مٿي به بيان ڪيو ويو آهي. اهي ٻالجتيءَ کان وٺي هن اوزار سان پيا مشق ڪندا آهن.
    سنڌي فوجي سپاهيءِ جي پگهار ڇھ ماهي تي ملندڙ اَنَ ۽ اَنَ جي اگھ مان معلوم ڪري وٺبي آهي. ان ليکي سان هر فوجي سپاهي جي پگهار ٻه يا اڍائي رپيا، مهينو وڃي بيهي ٿي. اها پگهار تمام ٿوري آهي. جنگ وقت کيس واڌو پگهار ملندي آهي، جنهن جو بيان مٿي اچي چڪو آهي ته سندس کاڌ خوراڪ اهو هوندو آهي، جنهن جو مٿي ڪاٿي اچي ويو آهي. پر جڏهن هو گهر کان ٻاهر هوندو آهي ته به سندس کاڌو سادو هوندو آهي.
    مٿي ڏنل منهنجي مختصر راءِ جي اظهار مان اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌ ۾ فوج جو انگ ايڏو گهڻو ڪونه آهي ۽ فوج هٿ ڪرڻ جا وسيلا به جام نه آهن. جيڪڏهن سنڌ جا حڪمران جنگ جي ميدان تي ايترا ئي ڪونڌر قطاري سگهن ٿا، جيتري انگ جي هو هام هڻن ٿا ته به ڪا خطري جي ڳالھ نه آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن طريقي سان سندن فوجي تنظيم ڪئي وڃي ٿي، پوءِ اها فوج ڪيتري به ججھي هجي، هڪ تربيت يافته لشڪر سان وڙهي پوري پئجي به سگهندي. دنيا اندر جيڪي فوجون، جيگيردار حڪومت کي امداد طور ڏيندا آهن، سي فقط ملڪ جي اندروني وڳوڙ کي منهن ڏيڻ لائق هونديون آهن. پر جڏهن موجوده دور جي هڪ منظم ٻاهرين فوج سان مهاڏو اٽڪائينديون آهن ته هار کائي وينديون آهن. وٽن ڍنگ جا هٿيار ڪونه آهن. منجهن ظابطي، اصول ۽ قائدي نالي ڪا شئي موجود ڪانه آهي. هلڪي سلڪي هار کائڻ تي ٽڙي پکڙي ويندا آهن.
    ٻين ملڪن جي ابتڙ، سنڌ ۾ اوهان کي ڪو قلعو بند شهر ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو. جيڪڏهن ڪو غنيم مٿس هلان ڪري ايندو ته کيس روڪڻ جي سگھ ڪانه آهي. جيڪي ٿورا گهڻا قلعا آهن، سي به ڪي خاص ڪونه آهن. سنڌو جي اولھ پار ڪي قلعا آهن. اهي بناوٽ ۾ مضبوط نه پر جاگرافيائي صورتحال ڪري ڪجھ اهنجا آهن. هتان جي حڪمرانن جي اها حڪمت عملي رهي ئي ڪانه آهي ته هو ڪو عوام جي بچاءِ واسطي ڪو قلعو جوڙين. ان ڪري سنڌ جا خوشحال علائقا دشمن جي فتح ڪرڻ لاءِ ڏاڍا سولا آهن. هن کان جڏهن سنڌ تو حملو ٿيو آهي ته سنڌ وارن ٿر ڏانهن ڊوڙي وڃي پناھ ورتي آهي. ٿر واسين ڏکئي وقت ۾ سندن جان ۽ مال جو ڏاڍو بچاءِ ڪيو آهي ۽ هنن جا سور ۽ سختيون پنهنجي سر ٿي سٺيون اٿائون پر ڪڏهن به منهن گهنجائي سام جهلڻ کان انڪار ڪونه ڪيائون.
    جڏهن خطرو وڌيڪ محسوس ڪندا آهن ته پنهنجون ملڪيتون پاڻ تباھ ڪرڻ جو شاهي فرمان جاري ٿيندو آهي. ان کان پوءِ ٻروچن ۽ ٻين قبيلن جي ٻيگهي مچي ويندي آهي ۽ پنهنجي ماڻهن جي مال مڏيءَ جي ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪندا آهن. دشمن جي ڦرلٽ ڪري سارو قيمتي مال پنهنجي ملڪ کڻي وڃي پنهنجن جا بول ڀري تنهن کان پنهنجا لٽي ڦري پاڻ ڇو نه کائن. اهو ئي سبب آهي جو دشمن هن ملڪ کي سولائي سان فتح ڪري وٺندو آهي. جڏهن علاودين سنڌ تي حملو ڪيو هو ته سومرن به ائين ڪيو هو. همايون جڏهن شيرشاھ کان شڪست کائي سنڌ ۾ داخل ٿيو ته شاھ حسن ارغون به هن رٿ تي عمل ڪيو هو. اڪبر بادشاھ جي زماني ۾ جڏهن عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي هلان ڪئي هئي ته مرزا بيگ به ساڳي ڳالھ ورجائي هئي ۽ پنهنجي راجڌاني ٺٽي کي ساڙي تباھ ڪرڻ ۽ ڦري لٽي ناس ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو هئائين.

    _____
    • امڪان آهي ته اهي ٽئي ذاتيون جوکيا، ليکي ۽ کوسا هجن. (مترجم)


    افغان حڪومت

    احمد خان دراني کان پوءِ قنڌار جي حڪومت متحد ٿي ڪڏهن سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ حملو ئي ڪونه ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان افغان دور جي تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته اسان کي اهو معلوم ٿيندو ته اهي يا ته قبائلن سان جنگين ۾ رڌل رهيا آهن يا شاهي خاندان ۾ ڦيٽاڙي ڪري، پاڙيسري ملڪن مٿن پئي حملا ڪيا آهن ۽ پنهنجي پاڻ بچائڻ لاءِ پئي هٿ پير هنيا اٿائون. تنهن هوندي به هنن حملا ڪري ٻه ٽي ڀيرا سنڌ کي ڀيلي ڀينگ ڪيو آهي. وري ڪڏهن حملو ڪيو اٿن ته وٺي پوئتي موٽي ويا آهن. ڪڏهن وري حملي دوران پنهنجي ملڪ جون وڳوڙي حالتون ڏسي پوئتي موٽڻ لاءِ مجبور ٿي پيا آهن ۽ کين ڪلهوڙن لاءِڪنهن عهدنامي جيترو وقت به ڪونه ملي سگهيو، جن لاءِ هنن هي ڪشالا ڪڍيا هئا.
    گذريل ڪيتري وقت کان قنڌار جي حڪومت شاهي گهراڻي جي مختلف ماڻهن جي نفاق جي ور چڙهي وئي آهي. ٻئي پاسي کان سک سندن دشمن آهن، سندن سڄي قوم فوجي سپاهين جي صورت ۾ متحد آهي. سندن ٻئي اکيون هاڻي سڌ ۾ کتل آهن ۽ ٿوري عرصي اندر مٿس حملو ڪرڻ وارا آهن. جيڪڏهن ڪا ٻي طاقت وچ ۾ دخل اندازي نه ڪندي ته سک سنڌ کي فتح ڪري وٺندا.


    انگريز سرڪار جي حڪمت عملي

    انگريز سرڪار هوريان هوريان سرڪندي وڃي سنڌ جي دنگ وٽ پهتي آهي ۽ اسان جي قبضي هيٺ ملڪ جون حدون وڃي اميرن جي حڪراني واري ملڪ سان مليون آهن. اسان جي قبضي هيٺ ملڪ جي دنگ سان سنڌ جي ڌاڙيل باھ ٻاري ڏني آهي. انهن ڌاڙيلن جو آزار ڪيترن سالن کان وٺي هلندو پيو اچي. ڪيترا ڀيرا ميرن وٽ دانهيو به ويو آهي، پر ڪونه کڙتيل ڪونه نڪتو آهي. انگريز سرڪار طرفان ڌاڙيلن خلاف سخت قدم کنيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي ڀڄي هندستان جي مختلف علائقن ڏانهن هليا ويا آهن. سندن خلاف ٻئي قدم کڻڻ ۾ دير ٿي وئي آهي. اهي ڌاريل جيڪي ڀڄي وڃي سنڌ جي حدن ۾ لڪيا آهنتن خلاف خت ڪاروائي جا امڪان آهن. اسان ڌاڙيلن خلاف ڪاروائي جي آجيان ڪريون ٿا. ان ڪري سنڌ جي اميرن سان جنگ ڇيڙن جا به امڪان آهن. جيڪڏهن جنگ ڇڙي به پئي ته ڪوبه ڀئه ڀولو ڪونه آهي. جيڪڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ويو ته سوڀ اوس به انگريزن جي ٿيندي، پر شرط اهو آهي ته سنڌ تي حملي ڪرڻ واسطي سال جي سٺي موسم جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. انگريز سرڪار جي اهڙي حڪمت عملي مسئلا ضرور پيدا ڪندي. موجوده حالتن ۾ ٿر واري دنگ ڀرسان موجود هجڻ انگريز سرڪار لاءِ وڌيڪ بهتر آهي. اُن ڏس ۾ ڪڇ جي جاڙيجي سردار کي وڌيڪ آزادي ڏيڻي پوندي. اسان کي سڀ کان وڌيڪ فائدو هن ڳالھ مان به ٿيندو ته سنڌ سان تجارتي ناتا پيدا ڪجن. اهو مقصد سولائي سان پورو ڪوه ٿيندو. پر جيڪڏهن يورپي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ۽ انگريز سرڪار جي درٻار ۾ اثر رسوخ استعمال ڪري اهڙيون ڳالهيون مڃايون ويون، جنهن وٽ فوجن کي رسد پهچائڻ ۾ سهوليتون ڏيڻ واسطي تمام گهڻا وسيلا ميسر آهن، ته پوءِ ڪابه ڏکيائي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي.
    سنڌو درياھ جي موجوده وهڪري جي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ مان هن عظيم درياھ جي سڀاءُ ۽ قديم تاريخ جي مختلف دورن ۾ وهندڙ مختلف وهڪرن تي ڪجھ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس. انهي لاءِ ضروري آهي ته هن موضوع تي پنهنجي راءِ جي اظهار ڪرڻ ۾ اڳ ۾ هي ڳالھ به واضح ڪري ڇڏيان ته اهڙي قسم جو مواد مون مختلف قسم جي ڏيهي تاريخن مان ورتو آهي. ٻيو مواد مون انهن ڏيهي ماڻهن وٽان ڊگهي پڇا ڳاڇا وسيلي هٿ ڪيو آهي، جن جي ملڪ مان هي درياھ وهندو آهي. مان کلي دل سان پنهنجي هن گهٽتائي جو اعتراف ڪريان ٿو ته هن درياھ جو فقط پنجويھ سال پراڻي وهڪري جو صحيح نموني سان پتو پئجي ڪونه سگهيو اٿم. تنهن ڪري سندس قديم وهڪري بابت ڪجھ چوڻ غلط ٿيندو. قديم دور جي تاريخي حوالن وسيلي يا موجوده دور جي مشاهدي مطالعي کان سواءِ ڪنهن حتمي نتيجي ڪونه پهچي سگهبو ته پراڻو وهڪرو ڪهڙو هو. سمجهان ٿو ته مان انهن عزت مان مصنفن سان سهمت ڪونه آهيان، جن جا سنڌو جي قديم وهڪرن بابت نظريا ڪجھ ٻيا آهن. منهنجي سوچ مطابق هنن بنا ڪنهن سوچ ويچار ڪرڻ جي پنهنجا اهي خيال قلم بند ڪري ڇڏيا آهن، تنهن مان سندن حوالن ڏيڻ کي ايڏو ضروري ڪونه ٿو ڀانيان. اهي مصنف يورپ ۾ ويهي سنڌو جي وهڪرن تي پنهنجا رايا ڏين ٿا يا اهڙن موضوعن تي ڪڙي ٽيڪا ٽپڻي ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪن ٿا، جن ۾ ڪنهن حد تائين سچائي ۽ تحقيق ڪم ٿيل هوندو آهي. ڪي ماڻهو هندستان ۾ هوندا آهن پر انهن ڪڏهن نه ته سنڏ ڏوري ڏٺي آهي ۽ نه وري سنڌو جي وهڪرن کي اک مان ڪڍيو آهي، تن جون لکڻيون ته فقط اڻ پوريون آهن پر وڌيڪ منجهيل آهن.
    سنڌو درياھ کي هندن جي ڌرمي ڪتابن ۾ سنڌ سا سنڌو سڏيو آهي. سن ساڳي زبان ۾ سنڌ يا سنڌو لفظ جي معني سمنڊ آهي. هن درياھ تي اهڙو نالو پاڻي جي ججھي مقدار هجڻ ڪري پيو آهي يا ان ڪري جو چاڙھ جي رت ۾ اٿل ڪري چوڏس ٻوڙان ٻوڙ لائي ڇڏيندو آهي. جڏهن اهو پاڻي سڪي ويندو آهي ته هڪ پاسي گاهن جي گلزاري لڳي ويندي آهي ته ٻئي پاسي کان پوکي راهي ٿيندي آهي ۽ زندگي سان لاڳاپيل هر شئي جا ڍير لڳي ويندا آهن. ان ڏيٺپي سان ٿي سگهي ٿو ته سنڌو جي اصطلاحي معنٰي سمنڊ هجي. ان سبب ڪري هندن جي ڌرمي ڪتابن هن درياھ سان لاڳاپيل ملڪ کي ‘سنڌو ديس’ لکيو آهي يعني سنڌو درياھ واري ملڪ، ديس يا ڏيھ . پتو نه آهي ته سنڌ ملڪ تان درياھ تي نالو پيو آهي يا سنڌو درياھ تان ديس تي نالو پيو آهي، سا غيب جي گدو چئي خانوند کي خبر مان دعويٰ سان چئي ڪونه ٿو سگهان ته ٻين درياهن جي سنگم مٿان به هن دياھ کي سنڌو سڏيو ويندو هو. هن درياھ کي سنڌو ٻين درياهن جي سنگم کان مٿي واري حصي کي سڏيو ويندو هو. منهنجو ذاتي رايو آهي ته ٻين درياهن جي سنگم کان بعد ئي سڀني درياهن جي گڏيل پاڻي جي وهڪري کي سنڌو نالي ڪوٺيو ويندو هوندو. سنڌ تي مسلمانن جي حملي کان اڳ يا ائين کڻي چئيجي ته اسلامي دور کان گهڻو اڳي الور جي حڪمراني وارو ملڪ ڪشمير سان دنگئي هوندو هو. پر ان جو اصل ملڪ ‘سنڌو ديس’ هو. جنهن ۾ ٻه راجڌانيون ۽ ڪيترا وڏا ننڍا شهر آباد هئا. ان ملڪ جي اصلي جاءِ وقوع ملتان کان هيٺ معلوم ٿئي ٿي. اهڙيون روايتون به موجود آهن جيڪي هن نظريي جي تائيد ڪن ٿيون. موجوده دور جي صورتحال مان ائين معلوم ٿئي ٿو سنڌ يا سنڌو ديس، سنڌ جي ڏکڻ واري پاسي ۽ سنڌو جي اڀرندي ڪناري واقع آهي . جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي ته سنڌو درياھ جو نالو ڄڻ ته ختم ٿي ويو هو ۽ درياھ جنهن شهر ۽ ڳوٺ ڀرسان لنگهندو هو ته اتان کيس ان شهر يا ڳوٺ جي نالي پٺيان سڏيو ويندو هو. اهو ساڳيو طريقو صدين تائين هلندو رهيو آهي ۽ اڃا به ساڳي دستور قائم آهي. ان جو سبب شايد اهو آهي جو تحقيق ڪندڙ جي دل ۽ دماغ تي هڪ درياھ جا گهڻا نالا ڇانئجي ويا آهن، تنهن ڪري ويچارومنجهي پوي ٿو ۽ اهڙي ڏچي ۾ اڙجي پوي ٿو، جنهن کي سلجهائڻ جو کيس گس ئي نظر ڪونه ٿو اچي. جيڪڏهن ان ڏچي کي نبيري ٿو ته کيس پوري پڪ ڪانه ٿئي ٿي ته سچائي ڇا آهي.
    هن درياھ ۾ ڪي خاص ڳالهيون آهن. گهڻين جاين تي ته کيس ڪنارا آهن ئي ڪونه. ڪٿي وري سندس ڀرپاسي واري علائقي جي زمين کان ايترو مٿي چاڙھ ڪندو آهي جو ٻوڙان ٻوڙ لائي ويندو آهي. جنهن علائقي مان هي درياھ وهندو آهي تنهن جي مٽي وارياسي ۽ نرم آهي، تنهن ڪري وهڪرن بدلائڻ ۾ دير ڪونه ڪندو آهي. اهڙي مٽي ٻين وڏين درياهن جيان فقط سندس ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪونه آهي، پر مان اوهان کي هتي اهڙيون حقيقتون ٻڌائيندس ته هن درياھ ڇوڙ واري علائقي کان گهڻو مٿي به هميشه پنهنجا وهڪرا پئي بدلايا آهن. ان ڪري سنس نون ۽ قديم وهڪرن کي سڃاڻي نکيڙ ڪرڻ اڻ ٿيڻي ڳالھ کڻي ڪانه آهي، پر ڏکي ضرور آهي. سنڌ جي تاريخ جو مواد ڪٺو ڪرڻ دوران ڪن ڪتابن مان ۽ پڇا ڳاڇا ڪندي زباني ڳالهين وسيلي ڪي حقيقتون معلوم ڪري اچرج ٿيو ته ٻاهريون صدي اڳ عربن جي هلان ويل، ارغونن جي حملي دوران ۽ موجوده زماني واري سنڌ جي آباد علائقي ۾ گهڻو فرق آهي. سنڌ جي مورخن جو بيان آهي(17) ته الور جي قلعي هيٺيان راءِ ڏاهر Rao Daher۽ عربن جي وچ ۾ جيڪي فيصلاڪن جنگ لڳي هئي، تنهن ۾ سنڌ وارن هارايو هو ۽ عربن جي حملي ڪري وائڙا ٿي پوئتي هٽندا وڃي درياھ ۾ پيا هئا ۽ سندن وڏو انگ درياھ ۾ ٻڏي مري ويو هو. راجا جو مئٿ به هڪ ڇاڙھ مان لڌو، جيڪا وهندي وڃي درياھ ٿي پئي. سنڌ جي ٻي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته ته الور (18) سنڌو جي هڪ وهڪري تي آباد هو، جيڪو ويندي سمنڊ تائين جهاز رانيءِ لائق هو. پوئين جي بيان موجب بهمن، Patan Bahmanتي آباد هئي ان کان پوءِ هن کي لوهاڻو درياھ سڏيو ويندو هو. ٻئي مورخ هن ڳالھ تي متفق آهن ته عربن جي فتح کان ڪجھ سال پوءِ ٺٽي جو علائقو آباد ڪونه هو ۽ ماڻهو به منجهس ڇڊا پاڊا رهندا هئا. شروعاتي دور ۾ اهو وارياسو رڻ پٽ علائقو هو يا سمونڊ هيٺيان هو. سنڌ جا وڌيڪ سکيا ستابا ۽ ساوا ڍاوا علائقا، جن ۾ سنڌو جو گهڻو پاڻي موجود هو، سي ديرڪ Dirakجو قديم علائقو يا چچگام Chachgam۽ بادبان Badbanهو. هو ٿر جي ڀرپاسي وارو علائقو هو، جتي هاڻي پاڻي جا اڻاٺ آهي ۽ واھ کوٽي آباديءَ لاءِ پاڻي پهچايو وڃي ٿو.
    اڳتي ايندڙ حقيقتون جڏهن مون کي مليون تڏهن مون کي شڪ ٿيو ته سنڌو جي اڀرندي ڇاڙھ الهندي کان وڏي هئي، پر هاڻي وري الهنددي شاخ وڏي آهي. منهنجي پڇا ڳاڇا هلندي رهي جنهن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. انهيءَ مليل ڄاڻ مان ڪيئي سوچون اڀريون، پر ڪيترن متضاد خيالن جو نبيرو به ٿي ويو ۽ مونجهاري وارو ڌنڌو پري ٿي ويو. توڙي جو ڪيترا ڀيرا مون سوچيو آهي ته وايچاريل ڪن نڪتن کي پنهنجي طرفان نقشا ڏئي پڌرو ڪيان. جڏهن اهڙي نقشي کي ننڍوڪري پني تي ڪڍڻ جا جتن ڪيم ته منهنجي سوچيل نقشي کان گهٽ لاڀائتا ثابت ٿيا. اهي جڏا سڏا، ڪيئن به آهن پر مان پنهنجي طرفان هڪ ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اهي سڄاڻ دوست سمجهي ۽ انصاف ڪري سگهن ته هيءُ موضوع ڪيترو منجهيل آهي پر ان سان گڏ دلچسپ به آهي.
    هيءُ سڪل پيٽ جنهن کي مان سنڌو جو پراڻو وهڪرو سمجهان ٿو ۽ جنهن جو بيان به مٿي ڪري آيو آهيان ، سو قديم دور سان واسطو رکي ٿو ۽ اڃا به موجود آهي. مذڪوره پراڻو ٻيٽ موجوده درياھ• Puarana Deria کان سٺ ۽ اسي ميل جي وچ تي دور پوروڇوٽ آهي، جنهن کي ماڻهو پرڻو درياھ سڏيندا آهن. ان جي ڪنڌيءَ سان مشهور قديم شهرن جهڙوڪ الور بهمن آباد، اَبپور Abpur۽ وڳھ ڪوٽ جا ٿرڙ ڏسي سگهجن ٿا. پويوم شهر ڪنهن زماني ۾ سومرن جو راجڌاني هو. مان پڪ سان چئي ڪونه ٿو سگهان ته هن قديم شهر جو اصلي ماڳ ڪهڙو آهي. پر مان سمجهان ٿو ته اهو ضرور ان ٿاڪ وٽ هوندو جتان پراڻو درياھ سنڌو جي موجود وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿيندو آهي. اها پڪ آهي ته بکر Bhakirکان ضرور مٿان هوندو. گهڻن جو خيال آهي ته اهو شهر گنج بخش ڳوٺ جي ماڳن تي قائم هو، جيڪو بکر کان چاليھ ميل مٿي آهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته پراڻو درياھ بکر جي موجوده شهر کان ويھ ميل اوڀر ۽ الور ڏانهن وهندو هو. هيءُ شهر سنڌو جي هڪ ڇاڙھ لوهاڻي درياھ تي وسندڙ هو، جيڪو نقشي ۾ سنڌو درياھ کان ڪجھ ميل اولھ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. مذڪوره لوهاڻي درياھ کي هاڻي بهمنوا Bahmanaسڏيو وڃي ٿو.
    بهمانا کان ويھ ميل اوڀر ۾ ساڳي ئي ڳي ئي ويڪرائي ڦاڪ تي ٻه درياهيءَ جي صورت اختيار ڪندو هو. هڪ ڇاڙھ جو ساڳيو نالو پراڻ هو ۽ ڏکڻ ڏِس تي وهڻ شروع ڪندي هئي. هن وهڪري جي پاڻي سان جُوڻ، بادبان پرڳڻا اباس ٿيندا هئا جيڪي هاڻي سُڃ لڳا پيا آهن. مذڪوره وهڪرو اڳتي هلي الله بندر• Allah Bandarوٽ درياھ سان ملندو هو ۽ هيٺانهن پٽن ۾ پلٽجي لکپت درياھ واسيلي وڃي سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ائين وهڪرو ائين هو جهڙي ريت ان کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ سنڌڳ جو صفا اوڀاريون وهڪرو هو. ائرين Arrianجو بيان آهي ته هي وهڪرو ڇوڙ واري ٿاڪ وت وڏي ڍنڍ ٺاهي پوءِ سمنڊ ۾ پوندو هو ۽ ان ڍنڍ کي نارائڻ سرور Narayana Sirowar(19) سڏيو وڃي ٿو جيڪا ويھ ميل ۽ طرف ڏکڻ اولھ ٿيندو. حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن علائقي ۾ لکپت ڀرسان ڪا ڍنڍ ضرور موجود هئي. ٻئي ماڳ ڏاڍا قديم آهن ۽ هندو پراڻن ۾ سندن ذڪر موجود آهي. هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ماڻهو هن ماڳن تي پوڄا پاٺ ڪندا آهن. (20) هن بيان کان پوءِ مان موٽي پنهنجي اصلي موضوع تي ايندس، سو اوهان کي هي ڳالھ ٻڌائيندو هلان ته سنڌو جو پاڻي ايترو چاڙھ ڪندو هو جڳ وڏي علائقي تي پکڙجي ويندو هو. ان جا پراڻا نشان اڄ به الله بندر ۽ لکپت جي اوسي پاسي اتر ۽ اوڀر ۾ سنڌو درياھ جي موجوده ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪڇ جي رڻ جي وچ تي اڄ به ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي ڪڇ جي اتر پاسي، اولھ ۽ اوڀر ۾ پکريل آهن. هاڻي اسان موٽي پراڻ واري علائقي ڏانهن اچون ٿا ته جيئن سنڌو جي صفا الهنديءَ چاڙھ جي ذڪر وڌيڪ چٽائيءَ سان ڪري سگهون.
    هن ڇاڙھ کي ڪنهن زماني ۾ لوهاڻو درياھ سڏيو ويندو هو. (21) پراڻ کان ڇڄڻ بعد موجوده خداآباد ۽ هالا ڪنڊي جي وچ تائين اولھ ڏکڻ وارو رخ اختيار ڪندو هو. ان کان پوءِ موجوده وهڪري سان وڃي ملندو هو. گڏيل پاڻي جو اهو وهڪرو ڀنڀور وٽان لنگهي ديبل ڀرسان وڃي سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان قديم شهر ڀنڀور (22) جا ماڳ ٺٽي ڪراچي رستي کان ويھ ميل پري آهن. مان پڪ سان چئي ڪونه ٿو سگهان ته درياھ کان هي ڇاڙھ ڪهڙي ٿاڪ وٽان ڇڄي ڌار وهڪرو اختيار ڪندي هئي. پر هڪ تاريخ طبقات اڪبري موجب هيءُ وهڪرو ٺٽي جو اولھ پاسو ڏئي وهندو هو. هي ويساھ جوڳي تاريخ آهي ۽ عام طور تي سمهجيو به ائين ويندو آهي ته ٺٽي جي اولھ کان به ڪڏهن سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙھ وهندي هئي. هن وهڪري کي اسان ڪيترو به شڪ جي نگاھ سان ڏسون پر اها هڪ اگري حقيقت آهي ته ٺٽي ۽ ڪراچي جي وچ تي گگهه Gath• جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن جي ڪنڌيءَ تي ڀنڀور جا ٿرڙ اڄ به موجود آهن. اتي اسان کي هڪ سامونڊي کاري به ڏسڻ ۾ ايندي جيڪا اچي، ڪنهن درياھ جي وارياسي پراڻي ٻيٽ وٽ کُٽندي آهي. (23) جنهن مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته انهي پراڻي ٻيٽ جو سمنڊ سان لاڳاپو هو. سنڌي ماڻهو به اها دعويٰ ڪندا آهن ته اهو سنڌوءَ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ وارو ٿاڪ آهي. ايم ڊيلا روڪيٽس M.Dela Rochetiesجي جوڙيل نقشي ۾ به هن ڇاڙھ جي وهڪري کي هالاڪنڊيءَ وٽان گذرندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ اڳتي هيٺ ديبل جو اولاهيون پاسو ڏئي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن، ساراسان Sarasanکي هن وهڪري سان ڏيکاريو آهي.
    ڀنڀور هڪ شهر هو جيڪو راجا ڀنڀي جي راڄ جو راجڌاني هو. (24) هيءُ راجا ڏهين صدي عيسويءَ ڌاران هتي راڄ ڪندو هو. هي شهر چڱو خاصو وڏو ۽ مشهور هوندو هو. تاريخ جي هڪ مولف جي بيان مطابق جڏهن درياھ جي مذڪوره ڇاڙھ سڪي وئي ته ڀنڀور شهر ۽ اوسي پاسي جا ماڻهو لڏي اچي ساڪيا Sakiaجي پرڳڻي ۾ ويٺا.(25) هيءَ اها ڇاڙھ آهي جيڪا ٺٽي جو اولھ ڏئي لاهري بندر وٽان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. اها ڳالھ ته ڀنڀور جو شهر سنڌو جي هڪ ڇاڙھ تي آباد هوندو هو، بنا ڪنهن تاريخي شاهديءَ جي بيان ڪئي وئي آهي. تحفه الڪرام Tahfat al Cram ، پراڻين ڏند ڪٿائن، سنڌي بيتن ۽ حالتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڀنڀور شهر ڀرسان حقيقت ۾ لوهاڻو درياھ هوندو هو. جن حالتن ڏانهن اشارو ڏنو ويو آهي سي هي آهن ته ڪنهن شهر مان هڪ ڇوڪريءَ کي ڪنهن صندوق يا کاريءَ ۾ سمهاري درياھ جي ڪنهن ڇاڙھ ۾ لوڙهيو ويو ته وڃي ڀنڀور جي شهر پهتي هئي. اها صندوق هڪ ڌوٻي کي هٿ لڳي جنهن کڻي وڃي پنهنجي سيٺ کي پهچائي هئي. اها ڇوڪري ان جي گهر ۾ پلجي نپجي نيٺ هن ڏينهن جوان ٿي ۽ سنڌي ٻولي جي بيتن جو هڪ وسيلو بڻي هئي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته پنهنجي پيءَ ماءُ هن ٻار کي ٻوڙي ماري ختم ڪرڻ ٿي چاهيو پر اهو خوش قسمتي سان بچي وئي. جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.اها ڇوڪري ايڏي ته سهڻي هئي جو نالو “سسئي” رکيو هئائونس جنهن جي معنٰي آهي چنڊ. ڏند ڪٿا مطابق ان سسئي ۽ مڪران جي سردار (26) جي پٽ پنهون جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. هن سسئي جي حسن جي هاڪ سڻي پنهنجي ملڪ مڪران مان ڪهي اچي ڀنڀور پهتو. پر پنهونءَ جي پيءُ جي ڪٺور دل، ٻنهي کي وقت کان اڳي ختم ڪري ڇڏيو.
    ڳالهه اها نه آهي ته اهو عاشقيه داستان سچو آهي يا ايشيا جي ٻين ڪهاڻين جيان ڏند ڪٿا آهي پر هڪ ڳالھ کي اسين بلڪل سچو سمجهون ٿا. ڪهڙي به ڪوڙي ڪهاڻي بهمانا کان ڀنڀور تائين درياھ جي ڇاڙھ وهائي آڻي ڪانه ٿي سگهي. جيڪڏهن هي وهڪروان دور ۾ نه وهندو هو، جنهن دور ۾ هي عشقيه ڪهاڻي وجود ۾ آئي ته ڀنڀور جو ذڪر نه اچي ها. اهو ڌوٻي جنهن جو نالو لکتن ۾ موجود آهي سو ڌن دولت وارو ماڻهو هو. وٽس ڪيئي نوڪر ڌوٻي رکيل هئا، جيڪي سندس گراهڪن جا ڪپڙا ڌوئيندا هئا. هڪڙي ڏينهن جڏهن هو درياھ تي ڪپڙا ڌوئي رهيا هئا ته کين هڪ صندوق پاڻي ۾ لڙهندي نظر آئي، جنهن ۾ اها ڇوڪري رکيل هئي. هن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڀنڀور ڀرسان پاڻي ڪنهن ڍنڍ جي صورت ۾ ته پر وهندڙ حالت ۾ موجود هو ۽ اهو سنڌوءَ جو پاڻي هو. هن ڇوڙ واري علائقي ۾ سنڌو جا ڪيترائي ڦاٽ هوندا هئا. (27)
    مٿي جيڪا ثابتي پيش ڪئي وئي آهي، تنهن مان اهو واضع ٿئي ٿو ته سنڌو جي وهڪري ۾ وڏي تبديلي اچي چڪي آهي. هاڻي مان اهڙيون حقيقتون بيان ڪندس ته “پراڻ” وارو وهڪرو هن درياھ جي ڇاڙھ هو.
    سنڌو ۾ اهڙي وڏي تبديلي ضرور آئي هئي، جنهن جو ذڪر تاريخ جي گهڻن ئي مولفن ڪيو آهي. (28) پر اهي مولف انهي تبديلي جو سبب اهڙو ٻڌائين ٿا جيڪو حقيقت ۾ ٿي ڪونه ٿو سگهي. ايشيا جي ماڻهن جي اسان کي اڳ ئي خبر آهي ته اُهي ويچارا وهمن ۽ وسوسن جا شڪار هوندا آهن ۽ اهي واقعا جيڪي ماڻهن جي هٿ وس کان وڏاهوندا آهن، تن کي قدرت جا ڪارناما سمجهندا آهن. جڏهن درياھ ۾ هي تبديلي آئي ته درياھ ج هڪ عام تبديلي سمجهڻ بدران هن واقعي کي به قدرت مٿان مڙهيو ويو. مير طاهرن جو بيان آهي ته جنهن زماني ۾ راجا دلوراءِ الور تي راڄ ڪندو هو ته هن پنهنجي رعيت کي ڏاڍو ذليل ۽ خوار ڪيو. واپاري جيڪو پنهنجو مال ٻيڙين وسيلي کڻائي الور وٽان لنگهندا هئا تن تي اڌ مال جيترو سُنگ مڙهيو ويندو هو. ان کان سواءِ وٽن جيڪو قيمتي سامان هوندو هو تنهن لاءِ زور ڀريو ويندو هو ته راجا کي تحفي ۾ ڏين. هڪڙي ڏينهن سيف الملوڪ نالي هڪ مسلمان واپاري پنهنجو تجارتي مال کڻائي ديبل ڏانهن وڃي رهيو هو سو به اچي الور وٽان لانگهائو ٿيو، ساڻس گڏ پنهنجي زال بديع الجمال به هئي. سندس ارادو حج تي وڃڻ جو هو. تنهن زماني ۾ مهراڻ درياھ (سنڌو) الور جي بلڪل ڀرسان وهندو هو. راجا دلوراءِ کي بديع الجمال جي سوائي سونهن جي کُڙڪ پئجي وئي. سو چيائين ته جڏهن سيف الملوڪ جون ٻيڙيون الور ڀرسان لنگهنديون ته بديع الجمال کي کڻائي وٺندو. سيف الملوڪ کي اهڙي ٻاٻور وڃي ڪن پئي، تڏهن ٻئي هٿ کڻي خدا کي ٻاڏايائين ته ڪا سولي ڪري. ان سان گڏ ڇا ڪيائين جو درياھ جي ڪنڌي سان هڪ ٽَڪري کي ٽڪڻ لاءِ کڻي ڪمي ڇڏيائين، جيڪي ٽڪري کي ٽڪيندا ۽ نڪتل پٿر درياھ جي پيٽ ۾ رکندا ويا. جڏهن ٽڪري ٽڪجي پوري ٿي ته درياھ پنهنجو وهڪرو بدلائي اوڏهين وهڻ لڳو، پوءِ سيف الملوڪ پنهنجا ٻيڙا ڇوڙي راهي ٿيو. ان کان پوءِ مهراڻ پنهنجو قديم ٻيٽ ڇڏي اهو وهڪرو اختيار ڪيو جنهن ۾ هاڻي سنڌو وهي رهيو آهي درياھ جي رخ موڙڻ جا ڏاڍا جتن ڪيائون پر سنڌو الور کي هميشه لاءِ ڇڏي ويو. سيف الملوڪ ۽ سندس زال حج تان موٽي آيا. وفات کان پوءِ کين ديري غازي خان سيتا پور جي وچ تي ۽ رتي ڪوٽ ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس ٻن پٽن جو به اتي قبرون آهي. سندن مزارن کي وڏي ادب ۽ احترام جي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي. هي ماڳ نهايت قديم ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    تاريخ طاهريءَ درياھ جي هن تبديلي واسطي ساڳيو ئي سبب بيان ڪيو ويو آهي. وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته هن واقعي کان پوءِ سنڌو رخ بدلائي بکر سيوهڻ ڏانهن ڪيو، الور ۽ ڀرپاسي وارا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ جو جو انگ هڪ هزار ۽ نون سون جي وچ ۾ هو، سُڃ ٿي ويا. راجا دلوراءِ به پنهنجي راجڌاني بدلائي وڃي دلور ۾ ڪئي. جيڪا موجوده ابپور جي شڪل ۾ بهمانا جي ڀرسان ڏسڻ ۾ اچي ٿ. ملڪ جي اهڙي اهم واقعي کي هتان جا مورخ اجهو هيٺن بيان ڪن ٿا. جنهن طريقي سان اها اهم درياهي تبديلي آئي آهي، تنهن کي اسان ڪيترو به شڪ ۽ شهبي جي نظرن سان ڏسون پر هتان جون روايتون ۽ ڏند ڪٿائن اهڙيون آهن، جيڪي حقيقت جي پٺڀرائي ڪن ٿيون، جن جو ذڪر آءٌ مٿي ڪري آيو آهيان. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان مان گهڻن کي دل سان لڳنديون هونديون. هن قديم وهڪري جي فائدي ۾ ٻيو هڪ اهم دليل اهو به آهي ته الور بهمانا ۽ وڳ ڪوٽ جا پراڻا شهر ۽ سنڌ هجون مشهور راجڌانيون هن وهڪري هي ڪنڌين سان آباد هيون. الور ۽ بهمانا ته تمام قديم ماڳ آهن، جيڪي هاڻي درياھ جي ڪنهن به وهڪري ۽ آباد علائقن کان تمام پري آهن. مان اها ڳالھ امڪان کان ئي ٻاهر سمجهان ٿو ته سنڌ جا اهي ٻئي مکيه شهر ويران علائقي ۾ ته ڪونه جوڙيا ويا هوندا. پر سڀاويڪ ڳالھ ته اها آهي جو مذڪوره شهر ضرور ڪنهن درياھ جي ڪنڌي سان اڏيا ويا هوندا، جيڪو اتان جي رهواسين جي ڌن دولت، سک ۽ آنند جو ڪارن به هوندو.
    مون الور جي ماڳن کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪانه ڪئي آهي. مون کي پوري پڪ آهي ته اهو آهر انهن ٿاڪن ۽ ٿاڻن تي وسندڙ هوندو جيڪي آءٌ سوچي ويٺو آهيان . اهو هاڻي بکر سرڪار جي پرڳڻي جي نالي ۾ موجود آهي. (29) بکر جو شهر الوڙ جي ٿرڙ مان ملندڙ ڪچي مال مان اڏيو آهي. سنڌين لاءِ هي ماڳ ايترا مشهور آهن جيترو پاڻ بکر شهر مشهور آهي. بهمانا، ٻاهبيڻا، ٻانڀڻا يا برهمن آباد (مورخن هن لکي مختلف صورتخطي ۾ لکيو آهي) به لوهاڻي دياھ تي آباد هوندو هو. هن شهر کي بعد ۾ بهمنوا سڏيو ويندو هو. هن ڳالھ جي تصديق هن حقيقت مان ڪري سگهجي ٿي ته ان قديم شهر جا ٿرڙ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. ٻي ڳالھ اها آهي ته هتان عام ماڻهو به هن متعلق ٻڌائي سگهي ٿو ته اهو شهر ڪٿي هو. مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته غلطي وچان هن شهر کي ٺٽي ڀرسان ٻڌايو ويو آهي. هن شهر بابت گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي کان آءٌ بلڪل مطئمن آهيان ته ڪلاڪوٽ ۽ ڀنڀور وارا ماڳ هن شهر جي ٿاڪ نه آهن. (30) منهنجي پڇا ڳاڇا موجب بهمانا ۽ برهمڻ آباد ٻئي، هن ئي شهي جا نالا آهن. بهماني ماڳن لاءِ پڪ سان چئي سگهان ٿو ته مان ڳولي لھڻ ۾ ڪامياب ويو آهيان. راجا دلوراءِ جي پاپن سبب برهمڻ آباد يا ته ڌرتي ڌڏڻ ڪريي ناس ٿي وئي يا ته ٿر جي واري ان کي پوري ڇڏيو. (31) ان جاءِ تي هاڻي نشاني طور هڪ ٺلھ بيٺو آهي، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو قديم شهر ڪٿي هو.
    اها درياهي تبديلي ڪهري دور ۾ آئي، تنهن جتي گهڻو بحث هلندڙ آهي. اها سو پڪ آهي ته اهو واقعو دلوراءِ جي راڄ دوران ٿيو. مختلف مورخن ۾ راجا دلوراءِ جي دور بابت اتفاق راءِ ڪانه آئي آهي ت اهو ڪهڙي زماني ۾ راڄ ڪندو هو. هڪ مورخ جو بيان آهي ته اهو قديم راءِ گهراڻي سان تعلق رکندو هو. ٻئي مورخ (32) جو چوڻ آهي ته اهو سومرا گهراڻي مان هو. (33) پر انهن مان ڪنهن به واضح ڪري ڪونه ٻڌايو آهي اهو راجا ڪهڙي خاص دور ۾ راڄ ڪندو هو. پر حالتن مان سو ايترو معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هو مسلمانن جي قديم دور ۾ راڄ ڪندو هو. ٻئي مورخ، جنهن جو حوالو مٿي اچي ويو آهي، سو ٻڌائي ٿو ته هڪ امير کي ٻه پٽ هوندا هئا، هڪ جو نالو دلو ۽ ٻئي جڳ نالو ڇٽو هو. دلو گادي تي ويٺو ڇٽو حج ڪرڻ لاءِ مڪي هليو ويو. اتي وڃي شادي ڪيائين ۽ 140 ھ ۾ سنڌ موٽي آيو. هن پنهنجي ڀاءُ جي اخلاق سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. راجا دلوراءِ وري سندس گهر واري کي برغلائڻ لڳو. ڇٽو سندس اهو حال ڏسي سندس ملڪ ڇڏي سيوهڻ وڃي ويٺو. اتي ئي وفات ڪيائين. سندس قبر مٿان قبو ٺهرايو ويو جيڪو عام ۽ خاص ماڻهو لاءِ زيارت گاھ بڻيل آهي. تاريخن ۾ ته سندس قصو ائين آهي پر مان راجا دلوراءِ جي دور کي ٻي صدي هجري جي شروعات ۾ سمجهان ٿو. انهي جا ڪي بنيادي سبب آهن جن جو هيٺ آءٌ وستار سان بيان ڪري رهيو آهيان. (34)
    اسان اڳي اهڙو بيان ڪري آيا آهيون ته سيف الملوڪ جون ٻيڙيون سنڌو يا پراڻ وسيلي الور مان لنگهي ديبل بندر ڏانهن وڃي رهيون هيون. اهو واقعو ٻي صدي هجري کان پوءِ ڪونه ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته ستين صدي عيسوي جي پڇاڙي ڌاران اسان هن وهڪري کي سيوهڻ ۽ بکر کان وهندي ڏسون ٿا ۽ ائين هجڻ جو قوي امڪان به آهي. مان اهڙي دعويٰ تي دل ٻڌي ڪونه ٿو سگهان ته اه وهڪرو جيڪو بکر ۽ خدا آباد وٽان مٽي ٿو سو ان دور ۾ موجود ڪونه هو. مان اهڙا دليل ضرور پيش ڪندس جن مان اختلاف راءِ پيدا ٿيڻ جو امڪان موجود آهي.
    هن منجهيل مسئلي کي نبير واسطي سنڌ جي قديم شهرن جي جاءِ وقوع کي پڪ سان طئه ڪيو ويندو. هي هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن سان هن موِضوع تي وڌيڪ روشني وجهي سهگجي ٿي. اسان پهريون ديبل بندر جو احوال جو اوريندا سون. هڪ نهايت سڄاڻ ۽ سچيت ليکڪ ديبل کي عربي ٻولي جو لفظ سمجهي ٿو ۽ ان کي ديب ال سنڌي ڪري ٿو. (35) يعني سنڌ جو هڪ ٻيٽ جيڪڏهن سندس اهو ويچار صحيح آهي ته پوءِ اسان کي ديبل واري دور جي عربي مورخن ۽ جاگرافي دانن جي لکتن ڏانهن واهجائڻو پوندو. پر جيڪي عربي کان سواءِ ايشيا جون لکتون منهنجي نظرن مان گذريون آهن ته انهن ۾ ديب ال سنڌي جو لفظ ڪٿي به نظر ڪونه آيو آهي. ان جي بدران يا ته دابل ڏٺو اٿم يا ديول، جن ۾ عربي ٻولي وارو حدف ال موجود نظر ڪانه ٿو اچي. ديول جو لفظ گهڻو ڪري هندي لفظ دويپ Dipمان ورتل آهي، جنهن جي معنٰي ٻيٽ آهي. (36) يا ٿي سگهي ٿو ديول مان ورتو هجي، جنهن جي معنٰي هندن جو مندر آهي. ان نالي سان ديبل شهر ۾ هندن جو هڪ وڏو مندر هو. (37) ديبل جو شهر سنڌو درياھ جي صفا اولاهين ڇاڙھ جي اولاهين ڪٺار سان وسندڙ هو. ان وهڪري جو نالو ساڱرو Sagaraهو. اسان اها حقيقت، مٿي بيان ڪيل ليکڪ جي ڏنل احوال کان پاسيرو ٿي قلم بند ڪري رهيا آهيون. اسان حالتن مان اندزو لڳائي رهيا آهيون ته حقيقت بلڪل ائين هئي جيئن اسان ويچاري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم ديبل تي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ درياھ ڪونه اڪريو هو. ساڱري واري ڇاڙھ ڀنڀور کان مٽيندي هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ديبل جو بندر ڀنڀور شهر ڀرسان هو، جنهن کان سمنڊ چاليھ ميل پري آهي. ديبل لاءِ هاڻي چيو ويندو آهي ته ٿس مسلمانن حملا ڪري اجاڙي ناس ڪري ڇڏيو. ٻئي بندر لاءِ ان کان اوڀر طرف ڪنهن ماڳ جي چونڊ ڪئي وئي هئي. ن.ون شهر ۽ بندر به ديبل جي پراڻي نالي پٺيان ديبل ئي مشهور ٿي ويو. اهو شهر ۽ بندر به ٿوري وقت کان پوءِ ائين ڦٽي ويو جيئن ڀنڀور اجڙي ويو هو. ان جي جاءِ اچي لاهري بندر يعنٰي لاڙ جي بندر ورتي. هي نالو ان ايراضي جو آهي جيڪو هاڻي سنڌو جي ڇوڙ وارو علائو آهي (39) پر خاص طور ان جي اولھ وارو ڀاڱو بکر جو شهر سنڌو جي ان جاءِ تي واقع آهي جنهن کي مورخن هميشه گهڻي اهميت ڏني آهي. منهنجي خيال ۾ انهن کي هڪ اجايو خيال ويٺل آهي ته بکر تمام پراڻو شهر آهي. ڏيهي مورخن جي چوڻ مطابق هي موجوده دور جو هڪ نئيون شهر آهي. تحفه الڪرام جي مولف جو بيان آهي ته جنهن ڳوٺ جي پراڻن پڊن تي هي شهر تعمير ڪيو ويو، تنهن جو نالو فرشتا Ferishtaهو. ڳوٺ جي نالي مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو عرب طرز جو نالو آهي. انو مان اهو ٿئي ٿو ته هي ڳوٺ عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ اڏيو ويو هوندو. جڏهن الور جو شهر ڦٽي ناس ٿي ويو ته بکر جي شهر زور ورتو. ساڳي تاريخ جو مولف ٻڌائي ٿو ته بکر، بڪر لفظ جو بگاڙ آهي جنهن جي معنٰي پرھ ڦٽي آهي. هن وسندي تي اهو نالو سيد محمد مڪي رکيو هو. مون کي پڇا ڳاڇا دوران اهو معلوم ڪونه ٿيو ته بکر کي ڪڏهن المنصوره جي نالي سان به سڏيو ويو آهي، جهڙي ريت اَئين اڪبري لکيو آهي. (40) پر ان جي عربي اصليت ڪجھ وڌيڪ ثابتي گهري ٿي.
    سيوهڻ لاءِ ته پوري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته تمام قديم آهي. الور ۽ بهمانا کان وڌيڪ پراڻو آهي. تحفه الڪرام مطابق هي لستان سئوان Lustan Saiwan ، سيهوڻ ۽ موجوده دور جو سيوستان آهي. هن شهر جي نالي جي هِجي مان پتو پوي ٿو ته هي شهر گهنو جهونو آهي. راجا سيوهڻ هن شهر جو بنياد رکيو ۽ ان جي نالي پٺيان مشهور ٿي ويو. هو سنڌ نالي هڪ ماڻهو جي ڦريءَ مان هو، سمجھ ۾ اچي ٿو ته مذڪوره ماڻهو هن ملڪ ۽ ماڻهن جو وڏو هو. ان ناتي سان راجا سيهوڻ ڪنهن قديم دور سان واسطو رکي ٿو. هن شهر جڳ قلعو سما گهراڻي جي ڪنهن ڄام تعمير ڪرايو هو. جڏهن بکر جي حدن ۾ آيو ته ارغونن مٿس قبضو ڪيو. اڪبر جي دور ۾ هڪ آزاد علائقي جي راجڌاني به رهيو آهي.جڏهن ڪلهوڙن سياسي سگھ حاصل ڪئي ته انهن جي راڄ ۾ شامل ٿي ويو.
    مون کي شڪ آهي ته قديم زماني ۾ هن ماڳ ڀرسان سنڌو ڪونه وهندو هو، هن موضوع تي پڇاڙي جي ٽيڪاٽپڻي ڪئي ويندي.
    حيدرآباد قديم نيرون ڪوٽ آهي. کيس نيرون ڪافري به سڏيو ويندو هو. جنوني مسلمان هن شهر کي ان نالي پٺيان سڏين ٿا. پتو نه آهي ته هي شهر ڪهڙي دور ۾ اڏيو ويو. سيوهڻ بابت ائين چيو ويندو آهي. نيرون، الور جي ماتحت شهر هو. جڏهن راجا ڏاهر کي پتو پيو ته هن قلعي جو سردار ساڻسويساھ گهاتي ڪري رهيو آهي ته هي کيس هي سب لاهي ڇڏيائين ته هو اچي ساڻس گڏجي عربن سان مقابلو ڪري. پر هن جلدي ڪري مسلمانن آڏو آڻ مڃي ۽ قلعو سندن حوالي ڪيو. قديم دوي ۾ ساڱرو درياھ هن شهر جي اولھ پاسي کان وهندو هو.
    برهمڻ آباد بهمانا، هي شهر لوهاڻي درياھ جي ڪناري سان آباد هو ۽ ان ماڳ ڀرسان واقع هو، جتان لوهاڻو درياھ پراڻ کان ڇڄي ڌار ٿيندو هو. اگهم ڪوٽ کي ڪلان ڪوٽ به سڏيو ويندو آهي. هي شهر ٺٽي کان اولهه ۾ ستن ميلن تي واقع آهي. عربن جي فتح کان گهڻو وقت پوءِ به هن شهر جو ذڪر ملي ٿو.
    ٺٽو، پوئين دور جو تعمير ٿيل شهر آهي. هن شهر جو بنياد سما گهراڻي جي ڪنهن پوئين حاڪم، ساموئي يا ساموئي نگر Samoinagarشهر جي ڀرسان رکيو ويو. ڪنهن زماني ۾ ساموئي نگر سندن راجڌاني هو. سومرن جي سونڊا Sundraپرڳڻي جي ناس ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن اچي هن ماڳ کي وسايو. اسان کي هن وقت تائين فقط هي ڄاڻ ملي آهي جنهن وسيلي اسان سنڌ جو جاگرافيائي بيان ڪري سگهنداسون ۽ جيڪو ڪجھ مٿي بيان ڪيو اٿم تنهن کي انهن پراڻين لکتن سان ڀيٽي ڏسندس، جن کي عالمن ۽ ڏاهن ماڻهن ويساھ جوڳو سمجهيو آهي. هن موضوع تي ڳالهائڻ کن اڳ ڪن قديم ماڳن جو ذڪر ڪندس جن کي ايشيا جي چونڊ ڪتابن تمام قديم سمجهيو آهي. پر افسوس آهي ته انهن بابت پڇا ڳاڇا دوران مان ڪو حوال هٿ ڪري ڪونه سگهيو آهيان.
    اشڪندرا يا سڪندر جو مشهور ۽ مضبوط قلعو هو. جڏهن عربن سنڌ جي راجڌاني فتح ڪئي ته راجا ڏاهر جي گهراڻي مان ڪن ماڻهن هن قلعي جو بچاءُ ڪيو هو. هتي مسلمانن جي ڏاڍي مزاحمت ڪئي وئي هئي. مزاهمت جو اهو حال ڏسي محمد به قاسم دلشڪستو ٿي پيو هو، جيڪو پاڻ لشڪر جي ڪمان ڪري رهيو هو. اشڪندرا جي فتح کان پوءِ مسلمان ملتان ڏانهن روانا ٿيا هئا. معلوم ٿئي ٿو ته اهو شهر الور ۽ ملتان جي وچ تي ڪاٿي هو.
    مان هن کي ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪونه ٿو سمجهان ته سڪندر اعظم سڪندريا نالي جيڪي شهر قائم ڪيا هئا هي به انهن مان هڪ هو. شايد هيءُ اهو شهر آهي جيڪو هن سوگدي Sogdiعلائقي ۾ تعميرڪرايو هو. جاءِ وقوع به سڪندريا نالي شهر سان هڪجهڙائي رکي ٿو. نالي به ذري گهٽ ساڳيو آهي. ايشيا ۾ هن شهر جي نالي جهڙو ٻيو شهر موجود ڪونه آهي. اسڪندر يا سڪندر، اليگزينڊر جو نالو آهي جيڪو عربي ۽ فارسي ۾ ائين لکيو ۽ چيو ويندو آهي. نَوَ سئو سال گذرڻ کان پوءِ هن شهر جي نالي جي اصليت باقي نه رهي هوندي. هن شهر ۾ هڪ خوبصورت بت هو جيڪو گهوڙي تي سوار هو. پوري ريت هٿيار بند هو ۽ سندس پوڄا ڪئي ويندي هئي. هندو ڌرم ۾ اهڙي قسم جي بت بابت پڙهيو سڻيو ڪونه اٿم، دل ۾ خيال پيدا ٿئي ٿو ته اهو مئڪڊوني جهونجهار سڪندر جو بت هو جيڪو هن جي نالي واري شهر ۾ موجود هو ۽ ان جي پوچا وغيره ڪئي ويندو هئي.
    هيم ڪوٽ يا جهم ڪوٽ جو شهر راجپوت ملڪ جي راجڌاني هو، جنهن جي ٿرڙ اڄ به پليار پرڳڻي ۾ ڏسي سگهجن ٿا. مون کي سندس وڌيڪ ڄاڻ ڪانه آهي. چيو ويندو آهي ته هندو ڌرم جي دئتن هن شهر جر تعمير ڪئي هئي. ڀر واري ٽڪري جي پٿر ۾ عجيب غريب قسم جي کوٽائي ۽ ٽڪ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا اڄ سوڌو موجود آهي. مٿي ڇت ۾ وري اهڙي گهاڙ ٿيل آهي جو پٿر، ڳئون جي اوھ ۽ ٿڻن جيان ڏسڻ ۾ ايندو، چوندا آهن ته ڪنهن سمي انهن ٿڻن مان کير وهندو هو، پر هاڻي ان بدران پاڻي وهندو آهي. چون ٿا اها ڪالي يوگا جي موجود هجڻ جي ثابتي آهي. مون کي شڪ ٿئي ٿو ته اهو هيم ڪوٽ ساڳيو ڪلان ڪوٽ ته نه آهي جنهن کي بعد ۾ تغلق آباد به سڏيو ويو جيڪو ٺٽي کان اولھ طرف ٿوري پنڌ تي آهي. مي نگر ٻارهين صدي عيسوي ۾ هي شهر اڳڙي ذات جي ماڻهن جي قبضي هيٺ هو ۽ ملتان جي ماتحت هو. امڪان آهي اَڳڙي ذات وارا ماڻهو، هتي سمندر جي ڇڏيل ماڻهن جو اولاد هجن. (43) لوهاڻي درياھ تي آباد ۽ بهمانا کان تمام پري ڪونه هو ۽ هاڻي لڌي داد پور جي پرڳڻي ۾ آهي.
    مٿي جيڪي پنهنجا بيان پيش ڪيا اٿم انهن ۾ سنڌو درياھ جي وهڪري بابت حقيقتون چونڊي پنهنجي راءِ جو اضهار ڪندس. ان سان گڏ هن درياھ جي وهڪرن ۽ سنڌ ملڪ بابت ڪن يورپي عالمن جا بيان ۽ رايا به ڏيندس. انهي مقصد سان ته جيئن ڏسي سگهجي ته ڪٿي اختلاف راءِ آهي ۽ جيڪڏهن اختلاف راءِ آهي ته ان جو سبب ڪهڙو آهي.
    مان اڳئي سبب بيان ڪري آيو آهيان ته قديم دور ۾ درياھ بکر ۽ سيوهڻ جي ڀرسان ڪونه وهندو هو ۽ اتان وارو وهڪرو مکيه درياھ نه پر ڇاڙھ هو. مسلمان مورخن جو بيان آهي ته نيرون ڪوٽ جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو. اهڙي ريت هي شهر به فتح ڪيو ويو . ان وقت بغداد مان سندس چاچي وٽان، کيس ڏاهر تي بنا دير حملي ڪرڻ جو حڪم پهتو هو (44) تنهن ڪري هو موٽ اچي نيرون ڪوٽ پهتو. هن هتي پهچي راجڌاني تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪيون. هن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ سنڌو جي ڪکيه وهڪري تي آباد ڪونه هو. اسان هن حقيقت کان بي خبر آهيون ته نيرون ڪوٽ سنڌو درياھ ڀرسان هوو ڇاڪاڻ ته ديبل جي فتح کان پوءِ فوجي سامان ۾ قلعي ڀڃڻ جا اوزار ٻيڙين وسيلي حملي لاءِ نيرون ڪوٽ آندا ويا هئا. اهو سامان سنڌو جي ساڱري نالي واري ڇاڙھ سان آندو ويو هو. جيڪڏهن ان جاءِ جو پورو پتو پئجي وڃي ته عربن سنڌو ڪٿان پار ڪئي هئي ته جيڪر سارا منجهيل مامرا نبري وڃن. هڪ مورخ عربن جي پار اڪرڻ جون ٻه جايون هڪ راوڙ ٻي جيور ٻڌائي آهي پر هن دور ۾ اهي ماڳ ۽ مڪان موجود ئي ڪونه آهن. هتي اها ڳالھ به نظر ٿي اچي ته عرب لشڪر ۾ هڪڙن جو خيال هو ته جتي ڏاهر آهي اتي وڃي مٿس حملو ڪجي. ٻين جو خيال هو ته برهمڻ آباد تي حملو ڪجي. منهنجو رايو آهي ان وقت عرب فوج برهمڻ آباد جي ڀرسان موجود هئي. پار اڪرڻ لاءِ جيڪي ٻيڙيون درڪار هيون تن جي ذميواري به محمد بن قاسم تي رکي وڃي ٿي. پر اها ڳالھ مناسب ڪانه ٿي لڳي. هن مهم بابت پهريون ته اسان کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته عرب فوج سان گڏ پنهنجون ٻيڙيون هيون. معلوم ٿئي ٿو ته لشڪر پار اڪرڻ ۾ پنهنجيون ئي ٻيڙيو ڪتب آنديون هونديون.
    مون قديم درياھ جي حوالي سان هڪ نقشو ڏنو آهي، جنهن ۾ اها ڳالھ ظاهر ٿي رهي آهي. ته عرب حقيقت ۾ درياھ جي ان پاسي هئا جنهن پسي الور جو شهر واقع هو. پر سيوهڻ کان وٺي الور تائين سارو علائقو برپٽ هو، تنهن ڪري الور ڏانهن انهي طرف کان پيش قدمي ڪرڻ ڏکيو مامرو هو. تنهن ڪري درياھ جي ڀر ڏيئي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو هئائون. عرب فوج جا عملدار برهمڻ آباد تي حملي نه ڪرڻ ڪري محمد بن قاسم جي طرز عمل تي اعتراف ڪري رهيا هئا، امڪان آهي ته اهو ماڳ سندن ان رستي ڀرسان هو. مٿين حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو ته عرب فوجن کي لوهاڻو درياھ پار اڪرڻو هو. پر پتو ڪونه ٿو پوي ته هنن پنهنجي ٻيڙا ڪتب ڇو نه آندا هئا. هن مان ٻه ڳالھيون واضح ٿين ٿيون هڪ ته اهي ٻيڙا وڏا هئا، جن کي اڪارڻ ۾ استعمال ڪرڻ ڏکيو هو يا ته راجا ڏاهر پنهنجي فوج سان ٻئي ڪناري موجود هو.
    مان وڌيڪ واسطي هتي بکر کان وٺي سمنڊ تائين سنڌو جو نقشو ڏيان ٿو. مون سان گڏ ڊاڪٽر ونيسنٽ Dr. Vincentبه گڏ آهي جنهن ائرين ۽ ٻين يوناين جا ٻڌايل پنڌ ۽ پيچرا ڏئي ان دور جي سنڌو جي پراڻي پيٽ وارو وهڪرو ڏئي وڃي سمنڊ تائين نڪتو هو ۽ سردارن ۽ عام ماڻهن کي ائين الوداع ڪئي هئائين جيئن ڄڻ حقيقت هئي. گهڻي زماني گذري وڃڻ کان پوءِ سنڌو جو اهو وهڪرو ڳولي لڌائين، جيڪو سڪندر جي دور جو امڪاني وهڪرو هوندو.


    سوگدي ڀڪر

    مصنف، جنهن جو مٿي حوالو ڏنو ويو آهي، تنهن سوگدي کي ڀڪر واري جاءِ تي سمجهيو، ڊي ائن ول جي ويچار موجب مذڪوره ٿاڪ هن نسل جي ماڻهن جو راڄڌاني هو. جيڪڏهن ايشيا جي تاريخن تي ويساھ ڪجي ته ڀڪر جي شهر جو اڄ کان ٻارهن سئو سال اڳي وجود ئي ڪانه هو ۽ هي شهر مسلمانن اڏيو هو. مان ساڳي ذريعي جي آڌار تي ايترو چئي سگهان ٿو ته سنڌو جي ڇاڙھ الور کي ڇڏڻ کان اڳ ڀڪر ڀرسان ڪونه وهندي هئي. اهو ئي سبب هو جو ماڻهو الور کي ڇڏي اچي بکر ۾ آباد ٿيا هئا. ان ڳالھ جو امڪان ضرور آهي ته ڀڪر شهر جي ڀرسان ڪاٿي سوگدي جو ٿاڪ به موجود هوندو. هن سمجهڻ لاءِ ڪافي سبب به آهن ته انهن جو علائقو سنڌو جي اوڀر پار پري پري تائين پکڙيل هوندو هو. مون کي هي ڳالھ ٻڌائيندي شڪ ضرور ٿئي ٿو ته جن ماڻهن جو اسين بيان ڪري رهيا آهيون، سي اڄ وارا سوڍا راجپوت هجن ته ڪئت ناهي. موجوده دور ۾ اهو نسل سنڌ ۽ گجرات جي وچ وارا علائقا والاريون ويٺو آهي. پر ڪجھ صديون اڳ انهن ماڻهن جو امر ڪوٽ ۽ ان جي ماتحت علائقي تي قبضو هو ۽ سنڌ ۾ کين سردار سمجهيو ويندو هو. هي روايتون به اعتبار جوڳيون آهن ته قديم زماني ۾ الور کان اتر پارسندن خود مختيار حڪومت به قائم هئي. هن ڳالھ مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته سوگدي ۽ سوڍن جو علائقو ذري گهٽ هڪ وڃي بيهي ٿو، جيڪو ڊاڪٽر ونيسنٽ جي خيال جي پٺڀرائي ڪري ٿو، جنهن جو چوڻ آهي ته سندن راجڌاني الور کان اتر ۾ هن شهر ۽ ملتان جي وچ تي هئي.
    ڊاڪٽر ونيسنٽ چوي ٿو ته، “اها ڪيڏي خوشي جي ڳالھ ٿئي جيڪڏهن ڪو مورخ چناب جي سنگم واري ٿاڪ کان وٺي ٺٽي تائين سنڌو جي پيٽ ۾ ڪنهن ٻيٽ جو ذڪر ڪري ها پر سندن ماٺ مان ائين لڳي ٿو سڀئي هڪ خيال جا آهن. هن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته اسان انومانن ۽ اندازن کان ڪجھ اڳتي وڌي ڪنهن حيثيت تي پهچي ويا آهيون جنهن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته بيڪيئر Bekierسيڪئير Sekier۽ ٽيڪئير Tekierنالي ٽي ماڳ هئا جيڪي منصوره جا ماتحت هئا ” پهريائين نالي (بيڪئير جيڪو بيڪر(بکر) Bekkerآهي ۽ منصوره جو نالو به صحيح آهي) ۾ هي صاحب غلط ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سيڪيئر کي ائين اڪبري ۾ ساڳي هجي ۾ لکيو ويو آهي. ٽيڪيئر کي ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ قلعو ڪري بيان ڪيو ويو آهي. اهو ماڳ دي لارو ڪيٽي Dela Rochetteجو لائو هيري Louheriلوهري آهي.
    مان سنڌو جي وهڪري جي تبديلي جو ذڪر ڪري آيو آهيان، جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي ته يونان وارن درياھ جي پيٽ ۾ موجوده ٻيٽ جو ذڪر ڇونه ڪيو آهي. سيڪيئر ته ظاهر ظهور سکر Sacharآهي، جيڪو سنڌو جي اولھ ڪناري ۽ زنق جي سامهون آهي، جيڪي لهري Lahriجي موجود شهر جا نواحي ڳوٺ آهن. ٽيڪيئر بابت منهنجو خيال آهي ٽگر Tiggirجو پرڳڻو آهي، جنهن کي نقشي ۾ درياھ جي اولھ ۽ بکر کان ڏکڻ پاسي ڏسي سگهجي ٿو. مان عجائب المخلوقات Ajaib al Makhlukatجي حوالي جي آڌار تي ڊي اَن ول سان سهمت آهيان . منهنجو خيال آهي ته منصوره جا ماڳ نصرپور وٽ آهن. نيوبيا Nubiaجي جاگرافيدان (46) جي حوالي جي آڌار تي ڊاڪٽر ونيسٽ چوي ٿو ته منصوره جو ماڳ بکر آهي. جڏهن سنڌو جي انهي دور جي ويچار ڪجي ٿو ته مون کي ٻين کان وڌيڪ ڊي اَن ول وڌيڪ صحيح معلوم ٿئي ٿو. مان اڳئي بيان ڪري آيو آهيان ته لهري، لوهر ڪوٽ Loharkot۽ الور مختلف ماڳ آهن.


    ميوسي ڪئنس، اوڪسي ڪئنس، سيوي سوي ۽ سيهوڻ

    ڊاڪٽر ونيسنٽ لکي ٿو ته “سيوي کي Sevi، شواءِ Sewie ، شواهڻ Sehowan ، سهوڻ Sihwan ۽ سڪوان Schwan جي هجي ۾ به لکيو ويندو آهي. هنن سڀني نالن سان ڪنهن هڪ ماڳ کي صحيح معنٰي ۾ سڃاڻڻ ڪا سولي ڳالھ ڪانه ٿيندي. اسان جا نقشا به هن ماڳ لاءِ اهي سڀئي ساڳيا نالا ڏيکارين ٿا. اَئين اڪبري سيوهڻ ۽ سوي جي وچ تي جبلن جو هڪ ڊگهو سلسلو ڏيکاري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اهي ٻئي جدا جايون آهي، توڙي جو هڪ ئي سرڪار ۾ موجود آهي.” سيوهڻ جي مختصر احوال ۾ مان اڳتي ٻڌائي آهيو آهيان ته هن کي ڪڏهن به سيوي جي نالي سان سڏيو ڪونه ويو آهي. هيءُ هڪ جدا علائقو آهي جيڪو بکر جي اولھ پاسي ۾ قنڌاڙ ڏانهن ويندڙ رستي سان آهي. هن علائقي جا اصلي رهاڪو سيوس Sewesيا سئبز Sabizهئا. ڇهين صدي ۾ هن قبيلي جي راجڌاني ڪاڪا راڄ Kakaraj(47) نالي هڪ شهر هوندو هو. مذڪوره علائقي ۾ هڪ وڏو قلعو هوندو هوجنهن جو نالو سوي هو، جيڪو هڪ جبل جي ڪڇ ۾ هوندو هو. هتي هر هڪ پٿر گول شڪل جو هوندو هو. هن مامري مان ايترو چئي سگهندس ته اهو نالو هندن جي مهاديو شوِ تان ورتل آهي، جنهن جي لنگ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ان ڪري پٿر گول شڪل جا هوندا هئا. مان هن ڳالھ ڏانهن به اشاري ڪرڻ جي جرئت ڪندس ته سيوس يا سئبز اهي ماڻهو آهن جن کي ائرين سلو ڪري سڏيو آهي، جيڪي هرڪيولس Herculesجي پوڄا ڪندا هئا، ۽ پنهنجي چوپائي مال کي ڏنڀ ڏئي ڪي خاص نشان ظاهر ڪندا هئا. هندن ۾ اڄ به عام رسم آهي ته گابي تي ترشول Treidentجو ڏنڀ ڏيندا آهن (48) ۽ ان کان پوءِ شو ديوتا جي ٻل چاڙهڻ لاءِ کيس گور ڇڏي ڏيندا آهن. هي صوي Sewiاصلي سيوي Seeweeآهي جنهن جو ابوالفضل ذڪر ڪيو آهي. هيءُ ٿاڪ سيوهڻ کان ماڳن ٻيو آهي، جنهن کي مون سيوي Sewieجي نالي سان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو آهي.
    ڊاڪٽر ونيسينٽ جو خيال آهي ته مئسيڪئنس سيوي ۽ سيوهڻ جا امڪاني راجا هئا. مون کي هن ڳالھ تي ڪونه اعتراض ڪونه آهي. مان هنن راجائن جي نالن جي لغت تي ڪجھ بحث ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ حقيقت هٿ ڪرڻ واسطي ڪن اصولن تي مدار رکڻو پوندو. سيوهڻ اهڙو نالو آهي جيڪو سنڌ ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ شهر جي بنياد رکڻ واري ماڻهو جو نالو به اهو هو. پر مان هن شهر کي اوڪس يهوهڻ Ox Sehwanيا مسڪوان Muschwanسڏي ڪونه ٿو سگهان ۽ ائين سمجهڻ لا۽ ڪي سبب به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن ، اوچ outhchلفظ جي معنٰي آهي (49) مڻ Mand۽ هي پنجابي ٻولي جو لفظ آهي. هن زبان سان سنڌي ٻولي به هڪجهڙائي رکي ٿي. مو Muيا موء Mouشهر جو بنياد پنجين صدي عيسوي دوران راءِ سهاسي جي زماني ۾ رکيو ويو هو. پر اڄ ڪلھ واري دور ۾ هن لفظ جي معنٰي جو ڪو به پتو ڪونه ٿو پوي، توڙي اسان کي پڪ آهي ته ان لفظ جو هتان جي ٻولي سان واسطو آهي. ڊاڪٽر ونيسنٽ جي راءِ موجب مان کڻي مئسي ڪئنس کي سيوهڻ جو راجا سمجهان پر هن نظريي ۾ ڪي ڳالھيون اهڙيون آهن، جيڪي منهنجي خيال سان سهمت نه آهن. مثال طور هن جي راڄ جي حد ڪهڙي قائم ڪجي، ٻي ڳالھ اها به ته سندس راجڌاني درياھ جي ڪٺار سان يا ان جي ڀرسان هئي. پر ٻئي پاسي کان مان هن خيال جو آهيان اڳي درياھ سيوهڻ وهندو ئي ڪونه هو. ان ڪري مذڪوره نظريي تان هٿ کڻڻو پوندو. ڊاڪٽر جي قائم ڪيل نظريي بابت بيان ڪندي پنهنجي خيال جو اظهار هن ريت ڪندس ته مان ڊاڪٽر ونيسنٽ جي مئسي ڪئنس ۽ اوڪسي ڪئنس جي حڪومتن ۾ ٿوري بدل سدل ڪرڻ چاهيان ٿو يعني اوڪس ڪئنس کي سيوهڻ واري علائقي ۽ مئسي ڪئنس کي سيوهڻ ۽ پراڻ جي وچ تي، الور ۽ بهمانا جي وچ واري علائقي جو راجا سمجهان ٿو. هن جوڙجڪ سان هي ڳالھ طئه ٿي ويندي ته راجا اوڪسي ڪئنس جو راڄ لڪي Lakhiجي جابلو سلسلي ۾ مئسي ڪئنس جي راڄ جي وچ تي هو. جيڪڏهن مئسي ڪئنس کي سيوهڻ وارين حدن ۾ رکنداسين ته فاضل مصنف لاءِ اهڙو علائقو رهندوئي ڪونه جنهن لاءِ پڪ سان چئي سگهي ٿو ڪهڙو علاقو راجا جي راڄ ۾ هو. مان ڊاڪٽر صاحب سان هن ڳالھ ۾ سهمت آهيان ته راجا سامبس لڪي واري جابلو سلسلي واري علائقي جو راجا هو. هن علائقو جو بيان ايترو چٽو آهي جو ان علائقي جون جاگرافيائي حالتون ايتريون پڪيون آهن جو هزارن سان جي هيٺ مٿاهين کان پوءِ بدلجي ڪونه سگهنديون آهن. هتي مان هم اهم ڳالھ ڏانهن اوهان جي ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندس ته سنڌو جي وهڪري ڀرسان لڪي وارو لڪ موجود آهي. جيڪڏهن سنڌو سڪندر جي دور ۾ هتان وهندو هجي ها ته يونان جا مورخ هن اهم لڪ کي ڪونه وسارن ها. هي لڪ لنگهن ۾ ڏاڍو ڏکيو آهي (50) جيڪو لنگهي هڪدم ئي درياھ مٿان اچي بيهبو. جيڪڏهن راجا سامبس کي جابلو علائقي جو راجا سمجهنداسين ته سندس راجڌاني سنڌيماڻ کي سولائي سان ڳولي ڪونه سنگهنداسين. ان جو سبب اهو آهي جو اهو لفظ ملڪ جي نالي سان به واسطو رکي ٿو ته درياھ جي نالي سان به تعلق اٿس ۽ سنڌين جي ابي ڏاڏي ۽ هند ڀاءُ جو نانءُ به سنڌ هو. هنن سڀني ڳالھين ڪري سمجهڻ کپي ته سنڌيماڻ ضرور هڪ اهم شهر هوندو.
    ڊاڪٽر ونيسنٽ پٽالا کي ڳولي لهڻ لاءِ واٽون ولاڙيندو ٿو وتي ته آءٌ به هن جا پنڌ پوچرا رَند ۽ راهون پڇائي ڪڍ لڳي پيو آهيان . پت پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان اڳ ۾ انهن حقيقتن کي ڀيٽائي ڏسي رهيو آهيان ته سنڏو جي ڦاٽ پراڻ جي موضوع تي ڇا ڇا چيو ويو آهي.
    سڪندر جي حملي کان اٺ سئو سال پوءِ سنڌ ۾ مختلف راجائون راڄ ڪري رهيا هئا. اهي ڪنهن سگهاري حڪومت جا ڏن ڀرو ضرور هئا، پر اندروني مامرن ۾ هو خودمختيار ۽ آزاد هئا، يا ائين کڻي چئجي ته الور کي حڪمرانن جي ماتحت هئا. ان سن گڏ اسان کي راءِ ڏاهر جي حڪمت جي حالتن مان پتو پوي ٿو ته هي راجا پنهنجي گهراڻي جي ٻين راجائن جيان سگهارو هو. پر اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ رهندڙ سامونڊي ڌاڙيلن تي سندس وس پڄندي ڪانه هئي. ٿي سگهي ٿو ته اتان جا راجا هن جا مقررڪيل ڪونه هئا ان ڪري سندس حڪومت جا تابعدار ڪونه هئا. جنهن دور جو اسان هاڻي ذڪر ڪري رهيا آهيون، تنهن زماني ۾ سنڌ ملڪ جي راجائن جون هيٺين ريت راجڌانيون هوندون هيون.
    ديول حڪمران_ جاهين ڀادا Bhada
    نيرون ڪوٽ حڪمران (شمني، سمنا Samna)
    سيوهڻ حڪمران، بجيراءِ بچوراءِ Batcheraپٽ چود رام (چوئٿ رام)
    Chuad rame
    الو حڪمران، راجا ڏاهر پاڻ
    سيوي حڪمران، ڀادا (ٻڍو) Bhadaپٽ ڪاڪو
    هاڻي اسان کي ڀيٽائي ڏسڻو پوندو ته سڪندر واري دور ۾ به سنڌ جي سياسي جوڙجڪ ائين يا ڪنهن ٻئي نموني هئي. ائرين جو بيان آهي ته “ جڏهن سڪندر مئسي ڪئنس جي راڄ ۾ پهتو. مليل اطلاعن مان ڄاڻ پئي آهي ته هند جي سڀني ملڪن مان سندس ملڪ وڌيڪ شاهوڪار هو.” هن معلومات موجب مان هن کي الور جو راجا سمجهان ٿو. ڇاڪان ته ويساھ جوڳن تاريخي حوالن مطابق سڪندر جي حملي کان نو سئو سال پوءِ به هي ٿاڪ هڪ سکي ستابي ۽ دولتمند علائقي جي راجڌاني هو. جيڪڏهن مامرو منجهيل آهي، ته پوءِ اسان کي نو سئو سالن بدران ڇھ سئو سال سمجهڻ گهرجي. الور کي مئسي ڪئنس جي راجڌاني سمجهڻ کان پوءِ، ڏکڻ پار، پراڻ ۽ لوهاڻي دريا وارا علائقا به سندس ملڪ جي دنگ ۾ سمجهان ٿو. ان نقطئه نگاھ کان سوگدي وارو علائقو الور کان اتر درياھ جي ڪناري سان موجود هجڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ اهو خطو ملتان ۽ الور جي وچ ۾ هوندو. مان اڳي به ذڪر ڪري آيو آهيان ته سوڍا راجپوت هڪ وسيع علائقي ۾ رهندا هئا، جتي سندن سگهاري حڪومت قائم هئي. سندن حڪومت بابت اسان کي پوري ريت خبر آهي ته اها الور کان گهڻو اتر طرف هئي. هن قبيلي جي رهڻ واسطي هي به چڱو وسيع خطو آهي.
    اوڪسي ڪئنس کي مان سيوي جڳ راجا سمجهان ٿو. ائرين جو بيان آهي ته “سڪندر مئسي ڪئنس جي راجڌاني ۾ هڪ قلعو تعمير ڪرائي اتي پنهنجي فوج رهائي. بعد ۾ هيءَ پنهنجي تير انداز، ائگريان وارو فوجي دستو، گهوڙي سوار دستا ۽ درياھي فوج وٺي ڀر واري راجا اوڪسي ڪئنس تي هلان ڪئي.” سڪندر جو فوجي مهندرا ڪرايٽرس فوج جي وڏي ڀاڱي سان درياھ جي اوڀر يا کاٻي پاسي موجود هو، جنهن ۾ درياهي فوج به شامل هئي. اوڪسي ڪئنس درياھ جي ساڄي پاسي هو ته پوءِ سڪندر کي درياهي فوج وٺي وڃڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته اهو ڪم ته ڪرايٽرس جي درياهي فوج به سرانجام ڏيئي پئي سگهي. الور جي ناتي سان سيوي جي جاءِ وقوع، ائرين جي بيان ڪيل ٻين راجائن جي راڄ سان سهمت آهي. جيستائين ڪو قديم شهر ۽ حڪومت سيوهڻ ۽ بکر جر وچ تي موجود نه هوندي، تيستائين مامرو منجهيل رهندو ۽ ڪا ڳالھ سمجھ ۾ ڪانه ايندي. مان راجا اوڪئنس لاءِسيوي کان وڌيڪ ٻي ڪا مناسب جاءِ ڪونه ٿو سمجهان. هن مامري م ڊاڪٽر ونيسنٽ به ڪنهن حد تائين مون سان متفق آهي. سندس بيان آهي ته سيوي ۽ سيوهڻ ٻه جدا ماڳ ثابت ڪرڻا پوندا. سندس دعويٰ آهي ت انهن مان هڪ تي راجا مئسي ڪئنس ۽ ٻئي تي راجا اوڪسي ڪئنس راڄ ڪندو هو.
    مان سمجهان ٿو سيوهڻ واري علائقي تي رجا سامبس راڄ ڪندو هو. سمجهيو وڃي ٿو ته هن راجا، سڪندر سان سوگدي واري علائقي ۾ وڃي ملاقات ڪئي هئي. جيڪي ڳالھيون ٻنهي جي وچ ۾ طئه ٿيون تن مان هڪ به سوگدي جي علائقي ۾ مجود ڪونه آهي. انهن مان هڪ ڳالھ اها هئي ته “سامبس کي هڪ جابلو علائقي جو راجا مقرر ڪيو ويو هو.” اهي پارپتا سيوهڻ واري علائقي جا آهن، جنهن ۾ لڪي وارو جابلو سلسلو موجود آهي. سامبس کي ان ڪري اتان جو راجا مقرر ڪيو ويو هوندو . ڇاڪاڻ جو هو اتان جو رهواسي هو ۽ اتان جي قبيلن ۾ سندس اثر رسوخ هوندو. سيوهڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو نهايت پراڻو شهر آهي. ان جي قدامت ڪري سمجهيو ويندو آهي ته سنڌين جي ابي ڏاڏي ۽ هند جي ڀاءُ سان سنڌ جي ڦري مان ڪنهن هن جهوني شهر جو بنياد رکيو هو ۽ ان جي نالي پٺيان سڏجڻ لڳو. سيوهڻ کي راجا سامبس جي راجڌاني سمجهي ۽ ان ئي شهر کي اسان سنڊومان به سمجهون ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻيو اهڙو ڪو پراڻو شهر موجود ئي ڪونه آهي جو نالي ۽ جاءِ وقوع جي لحاظ کان ايتري هڪجهڙائي رکندڙ هجي.سڪندر سمنڊ ڏانهن ويندي هيٺ سنڌو سان هاڪاريو هو. سفر دوران ڪيترائي راجائون اچي ساڻس مليا هئا ۽ پنهنجي حڪومتن بابت ساڻس ڳالهايو هو. يونان جي مورخن سندس اٿڻ ويهڻ مان سندن ملڪ جي پيدا وارين ذريعن، دولت ۽ زندگي جي معيار کي سمجهي ورتو هو. جيڪڏهن اسان اوڪسي ڪئنس، سيوسي ڪئنس ۽ سامبس کي سيوهڻ ۽ جابلو علائقي جا راجا سمجهنداسون ته مان اعتراف ڪريان ٿو ته مان ڪڏهن به اهو مشهور ملڪ ڳولي لهي ڪونه سگهندس.
    هاڻي مان موضوع جي ان حصي ڏانهن اچان ٿو جنهن کي هاڻي سهڻي نموني سمجهي سوچي طئه ڪرڻ گهرجي. هن موضوع جو سڪندر جي سنڌو سان هيٺ هاڪارڻ سان واسطو آهي. ڇوڙ واري علائقي جي نهايت قديم شهر پٽالا جي ڳولا لاءِ وڏي سوچ ويچار کان ڪم وٺي هن جاءِ جو نقشو ڪڍي گهڻو ڪجهه جاکوڙيو ويو آهي. پر پوءِ به سڪندر جي درياهي سفر جو هي ڀاڱو اڃا به اونداهو آهي.
    ڊاڪٽر ونيسنٽ هن ويچار جو آهي ائرين وارو پٽالا، برهمڻ آباد کي سمجهڻ گهرجي. سندس هن راءِ سان آءٌ متفق آهيان. پر برهمڻ آباد جنهن جاءِ تي هي مصنف ٻڌائي ٿو ان جاءِ وقوع سان مان اختلاف رکان ٿو. مان هن شهر کي ڇوڙ واري قديم علائقي جي شروعاتي نقطي وٽ سمجهان ٿو. ان جي بدران ڊاڪٽر ونيسنٽ هن شهر کي ننڍي ڇوڙ واري معمولي علائقي جي شروعات وٽ سمجهي ٿو. هاڻي اهو شهر ناس ٿي مٽجي ويو آهي. هن موضوع جي ناتي سان ايشيا جي جن تاريخن جو مون مطالعو ڪيو آهي، تن سڀني جو مولفن جو خيال آهي ته سڪندر جي اچڻ کي ڪي زمانا اڳ زير بحث علائقي تان سمنڊ ڇڏي ويو هو. پنهنجي نقطئه نظر جي اختلاف ڪارڻ مان سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي مان پنهنجي سونهين ڊاڪٽر ونيسنٽ کي ڇڏي پنهنجي جاکوڙ ڪرڻ شروع ڪيان ٿو ۽ پٽالا کي اتي ڳولڻ جا جتن ڪيان ٿو، جتي ان کي هجڻ کپي. پر ان جڳھ تي نه، جتي ڊاڪٽر ونيسنٽ سمجهي ٿو جيڪو پوئين دور جو ننڍڙي ڇوڙ واري علائقي جي شروعات وٽ آهي.
    پٽالا جو ماڳ ميوسي ڪئنس جي ملڪ کان هيٺيان واقع هو. سڪندر راجا سامبس سان جنگ ڪرڻ ۾ رڌل هو، پٽالا جو راجا وڃي کيس اتي مليو هو. جڏهن ميوسي ڪئنس بغاوت ڪئي ته سڪندر جنرل پيٿان کي اوڏاهن موڪليو. هي فوجي مهندرا پنهنجو لشڪر وٺي ميوسي ڪئنس تي ڪاهي ويو. ميوسي ڪئنس سندس مقابلو ڪيو پر کيس شڪست آئي. پيٿان موٽي سڪندر جي ڪئمپ ۾ آيو. سندس درياهي لشڪر ۾ ميوسي ڪئنس به موجود هو جيڪو سنگهرن م سوگهو هو. مان هنن واقعن مان هي ڳالھ سمجهڻ تي مجبور آهيان ته سمڪندر جو درياهي لشڪر ميوسي ڪئنس جي راجڌاني کين ڪجھ فاصلو هيٺ هليو ويو هو. جڏهن سامبس خلاف حملو ڪيو ويو هو ته درياهي فوج جي موجودگي نظر ڪانه ٿي اچي. ان ڪري امڪان اهو نظر ٿو اچي ته سڪندر برهمڻ جي شهر کي ناس ڪرڻ کان پوءِ پيٿان کي اڳتي روانو ڪري پاڻ ٻيڙين وٽ موٽي آيو، جيڪو سندس انتظار ۾ درياھ اندر بيٺل هيون ۽ پيٿان جي موٽي اچڻ تائين اتي رهيو پيو هو. سڪندر ٽي ڏينهن درياهي سفر ڪيو. جڏهن کيس ڄاڻ ملي ته پٽالا جو راجا ڀڄي ويو آهي ته بکر هاڪاري وڃي پٽالا پهتو. ڊاڪٽر ونيسنٽ جي بيان مان هي حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته هو بکر کان هلي پٽالا تائين پهچڻ ۾ سڪندر کي وقت ڏئي ٿو ۽ پنهنجي حساب سان ميوسي ڪئنس کي سيوهڻ جو راجا سمجهي ٿو. پر جيڪڏهن اسان فرض ڪريون ميوسي ڪئنس سيوهڻ جو راجا آهي ته به سڪندر کي مٿي ڪيل وقت اندر ونيسنٽ جي پٽالا پهچڻ لاءِ ٻه سئو ميل پنڏ ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ميوسي ڪئنس کي الور جو راجا سمجهيو وڃي جيڪو ذري گهٽ بکر واري ويڪرائي ڦاڪ ۾ آهي ۽ پٽالا کي قديم برهمڻ آباد سمجهون، جيڪو قديم زماني ۾ ڇوڙ واري علائقي جي شروعات وارو ٿاڪ هو ته نڪ سامهون پنڌ جي حساب سان سڪندر جو هڪ سئو ميل فاصلو گهٽجي ويندو ۽ درياھ جي ورن وڪڙن سان اهو ساڳيو فاصلو وڃي ڏيڍ سئو ميل بيهندو جيڪو وست جي لحاظ سان غير مناسب ڪونه ٿو لڳي. جيڪڏهن سڪندر ميوسي ڪئنس جي راجڌاني کان اڳتي نڪري وڃي ٿو ته پوءِ اهو فاصلو اهميت جو حامل نه آهي.
    ٻين به گهڻين ڳالهين ۾ برهمڻ آباد ۽ پٽالا جي وچ ۾ گهڻي هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهو به چيو ويندو آهي ته پٽالا جو راجا سمڪندر جي پهچڻ کان اڳ اتان نڪري رڻ پٽ ڏانهن هليو ويو. جيڪڏهن اسان ان رڻ پٽ کي واري وارو علائقو سمجهون، (منهنجو پنهنجو ويچار به ائين چئي ٿو) ته غلط ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته بهمانا جي سامهون پراڻ درياھ جي ڀرسان ان وارياسي علائقي جي شروعات ٿئي ٿي. وڌيڪ ثابتي اسان کي هن واقعي مان ملي ٿي ان علائقي مان وري اڏامي اچي خود ان شهر کي تباھ ڪيو هو. ٻي ڳالھ ته پٽالا شهر جي ويڪرائي ڦاڪ ۾ سارو علائقو وارياسو آهي. ائرين جو به اهڙو ئي بيان آهي ته مذڪوره علائقي ۾ کوھ ڪونه آهن. وارياسي علائقي جو بيان ڇوڙ جي صفا هيٺئين علائقي سان سهمت ڪونه آهي. جيڪڏهن اسان پٽالا کي ٺٽي جي اوسي پاسي واري علائقي ۾ سمجهنداسون، ته اتي ويجهي ڇڪ ۾ ڪاٿي اهڙو وارياسو علائقو نظر ڪونه ايندو جنهن جو مٿي بيان ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اهو شهر درياھ جي اولھ پاسي هجي ها ته ان تي يونان وارا سولائي سان حملو ڪري سگهن ها. ڇاڪاڻ ته اهي درياھ جي الهندي پاسي سان اڳتي وڌي رهيا هئا. ڊاڪٽر ونيسنٽ جي ٻڌايل ڇوڙ واري علائقي جي صورتحال ۾ اهڙو ٻڌايو ويو آهي جو سمجھ ۾ اچي ٿو ته پٽالا جي اوڀر ۾ ويجهو ڪوبه وارياسو علائقو موجود ڪونه هو. پر ان جي بدران گهڻي فاصلي ته ضرور آهي، جيڪو حقيقي صورتحال سان سهمت نه آهي.
    ائرين ٻي حقيقت ڏانهن به ڌيان ڇڪايو آهي جيڪا پيادل، مسلح ۽ نيم مسلح ۽ گهوڙي سوار فوج جي پيش قدمي سان واسطو رکي ٿي. سندس بيان آهي ته مذڪوره، “فوج پٽالا جي ٻيٽ تان پيش قدمي ڪري درياھ جي ٻي ڪناري سان اڳتي وڌندڙ لشڪر سان وڃي ملي هئي.” جيڪڏهن اسان فرض ڪريون ته پٽالا اهو ئي ماڳ آهي، جيڪو ڊاڪٽر ونيسنٽ سمجهي ٿو هڪ سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته نَون هزارن تي مشتمل اهو لشڪر ڪهڙي مقصد سان ٺٽي کان لاهري بندر پهتو۽ وچ وارو رستو، ڪيترين درياهي ڇاڙهن، ڍنڍن، ڍورن ۽ پاڻي جي وڏين ڇَرُن ڪري ڏاڍو ڏکيوبه هو. ان کان علاوه اهو سمجهڻ به ڏکيو آهي ته ٺٽي ۽ لاهري بندرجي وچ ته آخر اهو ڪهڙو ايڏو وڏو اهم علائقو هو، جنهن ڪارڻ فوج کي ايڏا ڪشالا ڪڍنا پيا هئا. ان ڇوڙ واري علائقي، ٺٽي ۽ لاهري بندر جي نقشي جو حوالو ڏيندي ائرين جي مٿئين بيان ڪيل حوالي جي (جيڪڏهن مسٽر روڪ صحيح آهي) غلط معنٰي ڪڍي وئي آهي.
    منهنجو پهريون مکيه اعتراض، بهمانا جي سمونڊ لان پري هجڻ واري فاصلي تي آهي جنهن کي مان پٽالا سمجهان ٿو. مان ڪنهن به پراڻي تاريخ ۾ اهو حوالو ڪونه ڏٺو آهي جنهن ۾ ٻڌايل هجي ته پٽالا سمونڊ کان ڪيترو پري هو. پر اسان کي ائرين جي مطالعي مان پتو پئجي سگهي ٿو ته، سڪندر پٽالا مان سنڌو جي ساڄي پاسي واري ڦاٽ سان هاڪاريو هو. پر هن پنهنجي دوست ۽ فوجي مهندار “هيفاسيشن کي پٽالا انهي مقصد سان موڪليو هو ته جيئن هو اتي وڃي قلعو تعمير ڪرائي.” هن مان انومان ڪري سگهجي ٿو ته سڪندر پاڻ شهر ۾ موجود ڪونه هو. پر اتان کان گهڻو پنڌ پري هو ۽ پٽالا جي راجا جو پيڇو ڪري رهيو هو. امڪان آهي ته اهو راجا پنهنجي لشڪر سميت سنڌو جي ساڳي اوڀارين ڇاڙھ ڏئي گهڻو پنڌ اڳتي نڪري ويو هو. هن درياھ جي ناتي سان مون هڪ نقشو (51) ڏٺو آهي، جنهن ۾ سندس قديم وهڪري کي اجاگر ڪرڻ جا جتن ڪيا اٿم. ان نقشي ۾ اوهان کي هي ڳالھ ضرور نظر ايندي ته بهمانا کان سنڌو جي الهندي ڇاڙھ وسيلي سمنڊ تائين فاصلو، ٺٽي کان لاهري بندر وٽ درياهي ڇوڙ تائين پنڌ کان گهڻو قديم ڪونه آهي. حالتن مان معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته موجوده دور جي ڇوڙ وارو سارو علائقو سمونڊ هيٺ هو ۽ ڪنهن پوئين زماني ۾ سمنڊ اتان ڇڏي ويو آهي. اهڙو ذڪر ڪيترن مورخن پنهنجن ڪتابن ۾ ڪيو آهي. ان علائقي جي ڌرتي جو مٿاڇرو به اهڙي ثابتي ڏئي ٿو. ماڻهن جي يادگيرين ۾ به اهڙيون ڳالھيون محفوظ آهن. معلوم ائين ٿئي ٿو ته سمنڊ اڃا به هٽندو پوئتي وڃي رهيو آهي.
    ٽالمي، سنڌو جي الهندي ڇاڙھ جو نالو ساڳاپا ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي مذڪوره درياھ جي قديم اڀرندي ڇاڙھ جو نالو لوڻي ٻاري هو. (52) هو سنڌو جي وهڪري جي جاگرافي ٻڌائيندي چوي ٿو ته هي درياھ ٺٽي کان مٿي ٻه درياهي جي صورت ۾ ورهائجي ويندو هو ۽ ستن ڇوڙن وسيلي وڃي سمونڊ ۾ پوندو هو. پر انهن ڇوڙهن کي درياھ جون ڇاڙهون چئي ڪونه ٿو سگهجي. هن درياھ جي وهڪري جي اصول بابت منهنجا پنهنجا ويچار الڳ آهن جيڪي مان ڪنهن قديم جاگرافيدان کي مطالعي ڪرڻ کان سواءِ پاڻ ٺاهيا آهن. مون سنڌو جي وهڪري بابت جيڪو نقشو تيار ڪيو آهي، سو ڀلي ٽالمي جي تيار ڪيل نقشي سان ڀيٽائي ڏسو ته منجهن گهڻي قدر هڪجهڙائي ڏسڻ ۾ ايندي. ٻن ڀرسان وهندڙ درياهي ڇاڙهن جا نالا به هڪ جهڙا آهن. مان جنهن ڇاڙھ جو نالو ساڱرو يا ساگر ڪري لکيو آهي تنهن جو نالو ٽالمي ساگاپا ڪري ڏنو آهي. سنڌو جي صفا الهندي ڇاڙھ جو نالو اهو هوندو هو. قديم دور ۾ جنهن وهڪري کي لوڻي ٻاري سڏيو ويندو هو، تنهن کي لکپت درياھ به سڏيو ويندو هو. (54) ان جو هاڻي نالو لوڻي آهي. هاڻي مان موٽي پنهنجي اصلي موضوع تي اچان ٿو. منهنجي گذارش آهي ته مون کي هڪ اهڙي علائقي جي نالي جي موڪل ڏني وڃي جنهن جي خبر شايد ماڻهن کي گهٽ هجي.
    ڪڇ جي سامونڊي کاري ڪڇ ملڪ ۽ گجرات جي اپٻيٽ کي جدا ڪندي آهي. جتي هي سامونڊي کاري ختم ٿئي ٿي، اتان کان ڌرتي جو هڪ غير آباد پٽو جنهن کي ڀاني ۽ رڻ سڏيو وڃي سو اتر ڪڇ کان ڦري لکپت بندر جي اولھ ۾ اچي پورو ٿئ ٿو. جولاءِ کان وٺي آڪٽوبر مهيني تائين، ڌرتي جو هي پٽو پاڻي هيٺ هوندو آهي ۽ ڪڇ جو ملڪ ڄڻ هڪ ٻيٽ ڏسبو آهي. اهو پاڻي (55) لڪي جي جابلو علائقي جي نئين وسيلي اچي ڪڇ ۾ رسندو آهي.
    لڪي جو هي علائقو ڪڇ جي وچ مان اوڀر کان اولھ ويندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس اتر پاسي وارين نئين جو پاڻي ڪڇ جي چوڌاري ڦري ايندو آهي، جنهن جو مٿي بيان اچي ويو آهي. پر ڏاکڻئين پاسي وارين نئين ۾ پلر جي پالوٽ جي رت کان سواءِ سڪل هونديون آهن يا منجهن دُٻا تلاءِ بيٺل هوندا آهن. منن نئين کان علاوه ٻيون به ڪي نئيون هيون جيڪي اتر پار کان اچي رڻ مان ڌوڪي ڌرتي جي هن پٽي ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. منجهانئن هاگرا Haggra(56) (هاڪرو) ۽ نارگلي Nargaliهيون. اهي نئيون هيون جيڪي ٿورو اتر پار کان پراڻ ۾ وهنديون هيون. ٻنهي نئين جا وهڪرا هڪ ٻئي کان ڌار هئا. نارگلي نئن امر ڪوٽ کان ستن ميلن جي فاصلي تي، کيٽي Khettiکان اوڀر پار اچي ڀاني Bhanni۾ چوڙ ڪندي هئي.
    مان اڳي به چئي آيو آهيان ته پراڻ جو وهڪرو هن هيٺاهين جوءِ م پهچندو هو ته جاڏي ڪاڏي پکڙجي ويندو هو. پر سندس اَر اوڀر ڏس تي ڪجھ مڙوئي سرس هوندو هو. چاڙھ جي رت ۾ خاص ڪري هتي پاڻي جي وڏي ڇر ٿي ويندي هئي. ان موسم جي ڪنهن خاصي حصي ۾ ان پاڻي جو وڏو ڀاڱو مٺي پاڻي تي مشتمل هوندو هو. جيڪڏهن پاڻي ۾ اڃا به وڌيڪ چاڙھ اچي ويندو هو ته ڌوڪي وڃي ڪڇ جي کار ۾ پوندو هو. ڏکڻ اولھ جي چوماسي جي وڏن وسڪارن ۾ به اڄ سوڌو رڻ جي اولھ واري آريسر نالي حصي مان ڪافي پاڻي ڌوڪي اچي هن کاري ۾ پوي ٿو. جڏهن پراڻ جي ڇاڙھ سمونڊ جي پاڻي کي روڪي ڪانه سگهي. جيڪو ڏکڻ اولھ جي چوماسي دوران ڪاهي اچي ڪڇ جي پٽن تي پوندو هو ۽ جيڪي بيٺل فصل هوندا هئا سي ته ناس ٿي ويندا هئا، پر زمين جي ذرخيزي کي به تباھ ڪري ڇڏيندو هو. (57) آخرڪار اها زمين به ڪڇ جي رڻ جيان غيرآباد ٿي وئي. فرق رڳو ايترو آهي جو رڻ پٽ وارو علائقو ڀٽن سان ڀريل آهي ۽ هن جوءِ جي زمين ڪجھ سزت ۽ سنوت واري آهي. اڳئين علائقي کي ڪڇ جو رڻ سڏيو ويندو آهي. هندي ٻولي ۾ هن کي ارن (آرڻ ) Erun (58) چئجي ٿو. منهنجي خيال ۾ هن لفظ جي معنٰي “رڻ پٽ” ٿيندي جيڪو پار ڪرڻ ۾ ڏکيو ۽ اڻائو هجي. هن کان سواءِ هن لفظ جي معنٰي جنگ جو ميدان به نڪري ٿي يا هو علائقو جتي جن ۽ ديو رهن.
    نارائڻ سر ۽ ڪوٽي سر (59) هندن جا مشهور تيرٿ آهن. اهڙو ذڪر مٿي ڪاٿي به ڪيو ويو آهي. هي ٻئي شهي سنڌو جي لکپت ڏانهن ويندڙ ڇاڙھ جي اوڀارئين ڪٺار سان آباد آهن، جيڪي ڇوڙ واري ٿاڪ کان ٻارنهن يا پندرهن ميل مٿي آهن. چيو ويندو آهي ته هي شهر هندن جي ٻين قديم تيرٿ گاهن جيترا پراڻا آهن. اهو به چيو ويندو آهي ته هي اهي مهان ماڳ آهن، جتي ڪنهن سمي ديوتائون اچي ڪٺا ٿيا هئا. هندن جي ڌرمي ڪتابن مطابق هي ٻئي شهر هندو ڌرم جون حدون آهن. واقعاتي شاهدي منهنجي راءِ جي پٺڀرائي ڪري ٿي ته وهڪري جي جنهن ڇاڙھ تي اهي مشهور شهر آباد هئا، سا ڪنهن دور ۾ ڇاڙھ نه پر سنڌو جو مکيه وهڪرو هئو.
    سنڌو جي ساڄي پار واري ڇاڙھ جنهن جو ائرين به ذڪر ڪيو آهي، سا پنهنجي جاگرافيائي صورتحال جي نقطئه نظر کان ساڱرو ڇاڙھ معلوم ٿئي ٿي. اها ڇاڙھ ڇوڙ به اولھ پاسي ڏانهن ڪري. نيئرڪس جيڪو سامونڊي ڪناري جو ذڪر ڪيو سو به ڪراچي جي اوسي واري راس مونزي Cape Monze “ڪراکري” واري اپسمنڊ ۽ جابلو ايراضي سان سهمت آهي. ڇاڪاڻ ته سندس درياهي فج جا ٻيڙا سنڌو مان نڪري اچي ڪراچي واري اپسمنڊ ۾ داخل ٿيا هئا. ان کان سواءِ اراس Irasوارو جبل سندن ساڄي پاسي ۽ سنڌو جي ڇوڙ واري ٿاڪ وٽ هڪ ٽڪري به موجود هئي. ڌيان ڏيڻ جوڳي ڳالھ اها آهي ته لکپت کان وٺي ويندي لاهري بندر تائين سنڌو جي ڇوڙن جي ڪنهن به ٿاڪ وٽ اڄ ڪا به ٽڪري ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي، پر ڪنارن ۽ ڇوڙن وٽ واري ضرور موجود ملندي. ڪراکري وٽ ڪجھ تبديلي ضرور ڏسڻ ۾ ايندي . اوسي پاسي ٽڪريون پيون ڏسبيون. سامونڊي ڪناري سان واري بدران به ٽڪريون نظر اينديون، جن سان سمنڊ جن ويرون ٽڪرائجي مٿي هوا ۾ پيون اڏامنديون آهي. ڪراکري کاري جي منهن ۾ اڪيلي ٽڪري آهي جيڪا سمنڊ ۾ بيٺل پئي ڏسبي آهي. مذڪوره ٽڪري ۾ آرپار کاڌل آهي. سوراخ ايترو وڏو اٿس جو ننڍي ٻيڙي منجهائس لنگهي سگهي ٿي. جڏهن سامونڊي لهريون هن مار تکيون گذرنديون آهن ته ڊڄ جهڙا آواز ٿيندا آهن. جيڪڏهن نيئرڪس جا ٻيڙا ڪجھ اوڀر طرفان لاڙي بندر کان سمونڊ ۾ داخل ٿين ها ته سمونڊ ۾ گهڙڻ سان هڪدم ئي کيس ساڄي پاسي جبل نظر ڪونه اچي ها ۽ ڪراکي تائين ٽيھ چاليھ ميل سڄي سامونڊي ڪناري سان واري جون ڊٻون ڏسڻ ۾ اچن ها. پر ان جي بدران کاٻي پاسي کيس هڪ وارياسو ٻيٽ ڏسڻ ۾ آيو هو ۽ سامونڊي ڪنارو وارياسي هجڻ بجاءِ ٽڪرائتو هو. (60) جيڪو سندس ساڄي پاسي هو. مان سمجهان ٿو هو ان وقت سامونڊي ڪناري ويجهو سفر ڪري رهيو هو. منهنجو انومان آهي ته ان وارياسي ٻيٽ ڪري لنگھ ڏاڍو سوڙهو ٿي پيو هوندو. ڇوڙ واري علائقي جي هن هيٺئين ڀاڱي ۾ اڄ ان ٻيٽ ۽ قديم نشانن کي پراڻين تاريخن جي حوالن سان ڀيٽي ۽ ڳولي لهڻ ناڪامي ۽ مايوسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا نشان هر سال پيا بدلبا ۽ نوان جڙندا آهن. چاڙُھ جي رُت ۾ اهڙا ٻيٽ پاڻي هيٺيان اچي ويندا آهن ۽ جڏهن پاڻي هيٺ لهندو آهي ته ٻيا ٻيٽ بڻجي ويندا آهن، جن جي جاءِ وقوع ۽ ويڪرائي مختلف ٿي ويندي آهي. هتي صورتحال ڪجھ اهڙي غير يقيني هوندي آهي جو لاهري بندر جي اوسي پاسي وارو علائقو جيئن ٻه سال اڳ هو تيئن اڄ نه رهيو آهي.
    اهڙي قسم جون نيون ڳالهيون ۽ نوان اصول آهن جيڪي سنڌو جي وهڪري بابت مون معلوم ڪري ورتا آهن. اڳين صفحن تي جيڪي مون پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن يا اندازا لڳايا آهن سي اڻ پورا ۽ منجهيل آهن، جنهن کان پوري ريت باخبر آهيان. تنهن ڪري مان اهو ڪونه ٿو چاهيان ته هڪ سڄاڻ عالم ۽ سچيت ڏاهي ماڻهو جي خيالن هي ڀيٽ ۾ منهنجي پيش ڪيل راءِ کي اهميت ڏني وڃي. مان سمجهان ٿو ته جن ماڻهن ۾ تحقيق ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات آهي، تن کي همٿائڻ واسطي گهڻو مواد ڏنو ويو آهي. ڪي دوست هن درياھ جي ڦٽايل پراڻن علائقن کان واقف ڪونه آهن، سي ڪنهن حد تائين ڪتابن جي پنن اٿلائڻ کان آجا ٿي ويا، جو مختلف نظرين کي نوان لاڙا ڏنا ويا آهن. هن موضوع تي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. درياھ جي هن وهڪري لاءِ آزاد خيال رکڻو آهي ۽ پرجھي پروڙي ۽ پرکي ڏسڻو آهي.
    هتي اسان کي اها حقيقت به معلوم ٿيندي ته سومرا ان علائقي ۾ رهندا هئا. جتان ڪڏهن پراڻ وارو وهڪرو وهندو هو. وري اهو دور به آيو جو اهو وهڪرو پراڻ کي ڇڏي ويو. ان ڪري پراڻ صفا سڪي ڪونه ويو. هڪ ٻيو ڦاٽ به هو جنهن وسيلي پاڻي جو وڏو مقدار پراڻ ۾ ايندو هو. ڏسڻ ۾ اهو به اچي ٿو ته هن دور ۾ پراڻ وارو وهڪرو دائمي ڪونه رهيو هو. پر چاڙھ جي رت ۾ جڏهن پاڻي اٿل ڪندو هو ته پران به وهي هلندو هو. اٽڪ Attock(61) وٽان به هن کي ٿورو پاڻي ملندو هو. هن پاڻي کان سواءِ لوهاڻي درياھ وسيلي به کيس ساليانو پاڻي ملندو رهندو هو. پر اهو پاڻي اڳئين کان بلڪل مخالف طرف کان ايندو هو. ڪنهن حد تائين اهو پاڻي ۽ ڪجهه پاڻي ڦٽي درياھ Phita Deriaوسيلي، اچي هن ۾ پوندو هو.
    ڦٽو درياھ (وويل درياھ) موجوده سنڌو مان ان جاءِ وٽان نڪرندو هو، جتي لوهاڻو درياھ اچي هن سان ملندو هو. ڪجھ فاصلو اوڀر پار هلي، ڏکڻ تي موڙو کائيندو هو ۽ ڦليلي ڦاٽ جو پيٽ ڪپي ڏکڻ اولھ جو رخ اختيار ڪندو هو. هتي هن وڪري جو نالو گاجيا Gajiaيا گارا درياھ هوندو هو ۽ ٺٽي ڏانهن سندس رخ هو ۽ نالو به ساڳيو هوندو هو. اتان کان پوءِ ڪنهن ٻئي نالي سان لاهري بندر وٽان سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن درياهي ڇاڙھ جي ٺهيل ٽڪنڊي، ڦٽي درياھ ۽ حيدرآباد وارين ڇاڙهن جي وچ تي ڪنهن زماني ۾ نصرپور يا منصوره جو هڪ نهايت سر سبز ۽ آباد علائقو هوندو هو. هن موضوع تي مٿي گهڻو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ درياھ جي رخ جي ناتي سان نصرپور جي جاءِ وقوع تي به ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي. هتي اها ڳالھ ضرور ڏسڻ ۾ ايندي ته نوبيا Nubian(62) جي جاگرافي دان جي حوالي جي آڌار تي ايم ڊي اَن ول منصوره کي هن جاٰءِ تي سمجهندي ڪيڏو صحيح لڳي ٿو. اهو پڪ سان ته نٿو چئي سگهجي ته ڦٽي درياھ ڪهڙي دور ۾ وهڻ شروع ڪيو هو. پر ايترو چئي سگهجي ٿو اهو وهڪرو نهايت قديم آهي. شايد ساڱري سان گڏ هڪ دور ۾ وهندو هجي. نصرپور ترخان دور ۾ وڏي اوج تي هئي. ڦٽي درياھ جي سڪي وڃڻ سان نصرپور جون رونقون ۽ رنگينيون ختم ٿي ويون. مون کي معلوم ائين ٿئي ٿو ته اڪبر جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هيءُ وهڪرو سڪي نصرپور کي ڀينگ ڪري ويو.
    سنڌو ۾ دو اَبي پرڳڻي ۾ پهچڻ کان پوءِ ڪيتريون تبديليون آيون ٿيون ڏسجن. هتي سندس انيڪ وهڪرا ڏسڻ ۾ ايندا. ان ڪري هنن وهڪرن جون حدون مقرر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو صدين کان وٺي هر سال هن وهڪرن ۾ ڪانه ڪا تبديلي ضرور آئي آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اڳئين دور کان هنن نو سئو سالن ۾ گهڻيون تبديليون آيون آهن. انومان اهو آهي ته جنهن هيٺاهين علائقي مان هاڻي سنڌوجا ڦاٽ وهندا آهن، تنهن تان هزار سالن کن ٿيندو جو سمنڊ ڇڏي ويو آهي. اهڙين حقيقتن جو بيان مان مٿي به ڪري آيو آهيان.


    حاشيا

    مسٽر پاٽنجر لاڙڪاڻي جي نالي جي اصليت بيان ڪندي چوي ٿو ته : هيءُ لفظ لار (معنٰي ڪا وهندڙ شئي) تان ورتل آهي، جيڪڏهن هي معنٰي صحيح آهي ته مذڪوره لفظ سنڌ جي ڇوڙ واري علائقي کان وڌيڪ گپ ۽ گيچڻ هتي هوندي.
    (ڀ) هينري پاٽنجر سنڌي ٻولي کان اقف نه هجڻ ڪري لاڙ ۽ لاڙڪاڻي جي لفظ کي منجهائي ڇڏيو آهي. هن ڪتاب جي ص 11 تي انهن رومي جاگرافي دانن جو حوالو ڏنو ويو آهي. جن سنڌ جي هيٺئين علائقي کي لاڙ ڪري سڏيو آهي ۽ ان دور ۾ لاڙڪاڻي جو ڪو وجود ئي ڪونه هو. (مترجم)
    2- ڊاڪٽر ونيسنٽ ج بيان آهي ته لاڙي بندر سنڌو جي اوڀر ڪناري ۽ لاڙي بندر سندس اولھ پاسي هو. مان لاڙي بندر جو ڦٽل ماڳ ڪٿي ڪونه ڏٺو نه وري هتان جا ماڻهو هن نالي کان واقف آهن. ٿي سگهي ٿو ته سامونڊي ڪناري ڀرسان هن بندر کي لاڙي بندر ڪوٺيو ويندو هجي.
    (ڀ) ديبل جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جو ٻيو مشهور بندر لاهري تعمير ڪيو ويو.ابن بطوطه جڏهن سنڌ ۾ آيو ته ديبل جي اوسي پاسي لاهري بندر جڙي چڪو هو (سفرنامه ابن بطوطه- رئين احمد جعفري ص 23) ڪننگهام به هن مشهور بندر جو ذڪر ڪي آهي(ڏسو ص 250-251 مترجم)
    3- شادبندار جو خرار سورت جي ڏيڍ ڪئنڊي جي برابر آهي. ڪئنڊي جي تور مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار آهي ۽ بمبئي ڪئندي جي تور پنج سو سٺ پائوند آهي.
    4- هي پرڳڻي چاچڪن جي ذات پٺيان سڏيو وڃي ٿو.
    5- ٽئميرس انڊيڪا-وائيلڊ- Wild-Tamarik Indcia
    6- هي ٻوٽو اٺ کائيندو آهي. اوڳارڻ ويل وات مان گندي هواڙ نڪرندي اٿس.
    7- ايلفن اسٽون جي نقشي ۾ هن کي ڪيلائل لکيو ويو آهي.
    8- مان هتي ڪنهن قديم شهر جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. هن آڳاٽن شهرن جا نالا ڪنهن مناسب جڳھ تي ڏنا ويندا.
    9- يومن Yumanلاءِ چيو ويندو آهي ته يوناني هو. ڊاڪٽر رابرٽ سن Robert sonجو بيان آهي ته سڪندر اعظم جي فتح ڪيل ملڪن جي ورهاست کان پوءِ هي علائقو باختري يونانين جي حصي ۾ آيو.
    10- جڏهن قلعي جي ڪوٽ واسطي پيڙهيون کوٽيون ويون ته اتان ماڻهن ها هڏا ۽ انساني لاشن جا سالم پڃرا هٿ لڳا.
    11- هي لوهري يا روهڙي جو ماڳ آهي. ڪڏهن ڏهن هن شهر جي نالي کي غلط به اچاريو ويندو آهي. نهايت قديم شهر آهي. چيو ويندو آهي ته بکر ۽ هن شهر جي تعمير ٿيڻ جو دور ساڳيو آهي.
    12- نهايت ڏک جي ڳالهه آهي جنهن نقشي جو ڪئپٽن مڪمرڊو ذڪر ڪيو آهي سو سوسائٽي کي اڃا تائين ڪونه پهتو آهي.
    13- هي ضميمو غلطي وچان ڏنو ئي ڪونه ويو آهي.
    14- فقط ٿر واري دنگ سان رهندا هئا.
    15- مان انهن لوهاڻن کي چڱي ريت سڃاڻيندو آهيان. اهي ڪيترن علائقن تي ڍل ٻڌندا ۽ وصول ڪندا آهن. سنڌ جا امير مٿن ڏنڊ رکي ڦري تباھ ڪري ڇڏيندا آهن ۽ کين مسلمان ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي.
    16- هن ٿاڪ کي رني Ranniجي نالي سان سڏيو ويندو آهي.
    17- مير معصوم بکري
    18- تحفه الڪرام – تاريخ طاهري
    19- هي نريانا نالي هڪ ڍنڍ آهي
    20- نرياني سيرووار Naryane Sirowar(نارائڻ سر) ڍنڍ ۾ اڃا به ڪجھ پاڻي موجود آهي. هندن لاءِ هڪ تفريح گاھ آهي ۽ منجهس سنان ڪري پاڻ کي پاپن کان آجو سمجهندا آهن. ڪنهن زماني ۾ ڀرسان ئي قلعي بند شهر هو جنهن تي ڪڇ جي راجائن جي حڪمراني هئي. نريانا سيرووار ڀرسان ڪوٽسوارا Koteswara (ڪوٽيسر) نالي هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. هتي ٻڌ ڌرم جي پگودا يا هندن جا ڪي مندر نظر ايندا. هن ڍنڍ جو کارو پاڻي آهي.
    21- اگهم ڪوٽ يا اگهم لوهاڻي نالي هڪ شهر هو جيڪو درياھ جي ڪٺار سان آباد هو. اتان لگهندڙ وهڪري کي هن شهر جي نالي پٺيان سڏيو ويندو هو. ڪي ماڻهو مذڪوره شهر کي اَبپور Abpurبه سڏيندا آهن. پر معلوم ٿئي ٿو ته هي پونين جو نالو آهي.
    22- ڀنڀور- امڪان آهي ته هي شهر ديبل بندر جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ آباد ٿيو هجي.
    23- ڏسو مسٽر مئڪس فيلڊ Mr. Maxfieldجو جرنل
    24- تحفه الڪرام
    25- مير طاهر
    26- هي اَريءَ نالي مسلمان قبيلي سان تعلق رکندڙ هو. هن قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهو سنڌ ۾ جام آهن.
    27- ڀنڀور جو شهر هاڻي سمنڊ کان چاليهه ميل پري آهي.
    28- تحفه الڪرام ۽ تاريخ طاهري
    29- مير معصوم
    30- منهنجي پڇڻ تي ٺٽي جي ماڻهن ٻڌايو اهو ٺٽي شهر جي اولھ پاسي ويجهو هوندو، مون کي پڪ آهي ته هو غلط ٻڌائي رهيا آهن. مذڪوره شهر عربن کان پوءِ آباد ڪيو ويو هو.
    31- تحفه الڪرام
    32- تحفه الڪرام
    33- مير طاهر
    34- هن مامري ۾ مون کي پوري پڪ ڪانه آهي. منهنجو دلو راءِ واري ڏند ڪٿا کان وڌيڪ ڪنهن ٻي حقيقت ۾ ويساھ آهي.
    35- ڏسو نيرڪوس بابت ونيسنٽ جو ڏنل احوال.
    36- مسلمان هن کي ديبل يا ديول چوندا آهن. هندي ۾ ب ۽ و پان ۾ مٽ سٽ ٿي سگهن ٿا.
    37- وڌيڪ لاءِ ڏسو تاريخ
    38- عجائب المخلوقات
    39- قديم دور ۾ هن کي لاڙ Lariya چوندا هئا.
    40- عجائب المخلوقات هڪ ويساھ جوڳي تاريخ آهي، جنهن جو بيان آهي ته نصرپور جو شهر المنصوره جي پراڻن ماڳن تي اڏيو ويو آهي. اهو ٿاڪ برهمڻ جي ويجھو اچي ٿو. ڊي اَن ول D’ Anvilleجو بيان آهي ته نصرپور فيروزشاھ (1339ع) جي راجڌاني هو. بکر، لاکر Lakhar۽ نصرپور سندس حڪمراني هيٺ هئا.
    41- منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر ونيسنٽ سوي ۽ سيوهڻ کي شايد هڪ شهر سمجهيو آهي ۽ هن موضوع تي غلطيون ڪارڻ ٿيون آهن. سوي جو شهر ۽ علائقو بکر کان اتر اولھ پاسي آهي. سيوهڻ کي ڪڏهن به سوي نالي ڪونه سڏيو ويو آهي.
    42- پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته هي اهو ماڳ آهي جنهن کي ٽالمي بينگر Binagarيا اڳڙي نگر ڪري لکيو آهي. پر جاگرافيدنن هن شهر جو بيان اهڙي ريت بيان ڪيو آهي جو ڊاڪٽر ونيسنٽ هن کي بکر سمجهيو آهي.
    43- تحفه الڪرام
    44- ائرين مان معلوم ٿئي ٿو ته سڪندر پنهنجي فوج مان اگريان Agrianکي پٽالا ۾ ڇڏي ويو هو. اهو امڪان ٿي ڪونه ٿو سگهي ته هتان وارا اڳڙي انهن جو اولاد ته ڪونه آهن.
    45- مير معصوم جو بيان آهي محمد بن قاسم ٺٽي وٽان درياھ اڪريو هو. هن مورخ قديم نالن بدران ماڳن جي پوئين دور جي نالن سان ذڪر ڪيو آهي. مثال طور سندس بيان آهي ته محمد بن قاسم ٺٽو فتح ڪيو هو. وري بيان ڪري ٿو ته ٺٽو سمن سلطانن آباد ڪيو، جيڪي عربن کان ڪيتريون صديون پوءِ هتان جا حڪمران ٿيا هئا.
    46- تحفه الڪرام
    47- ڏسو ڊاڪٽر ونيسنٽ ص 116- نيوب Nubجاگرافي جو حاشيه ص 57
    48- سيسم Sisam ، بهلطوBhelto ، سالور Salor ، قنڌائيل (جنهن لاروڪيٽي قنڌابل لکيو آهي) جو مسلمان مورخن ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي عربن اچڻ کان اڳ آباد هئا. باقي هن ماڳ بابت معلومات ملي ڪانه سگهي آهي.
    49- ڏنڀ جي هن نشان مان پتو پوندو هو ته جانور سج ديوتا تي ٻل چاڙهڻ لاءِ باسيو ويو آهي.
    50- هن جي تور چوويهن پائڊن جي برابر هوندي هئي.
    51- ڏسو اڪبر جي دور واري سنڌ
    52- افسوس جي ڳالھ اها آهي ته ڪئپٽن مڪمرڊو جيڪي نقشا وغيره ڏنا هئا سي هتي موجود نظر ڪونه ٿا اچن.
    53-مون کي اها خبر ڪانه ٿي پوي ته پاڻي جي اوڀارئين وهڪري کي اهو ڪنهن نالو ڏنو آهي. پر اهو ساڳيو وهڪرو نيورم برگ جي ڪرسٽاف ويجل Chirstop Weigleجي ٺاهيل دنيا جي قديم نقشي تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن ئي نقشي ۾ وهڪري جي اولاهين شاخ جو نالو ساڳاپا Sagapaڏيکاريو ويو آهي.
    54- اهو به يقين سان چئي سگهجي ٿو ته پراڻ وهڪري جي سڪي وڃڻ کان پوءِ ساڱري وارو وهڪرو وهندو رهيو آهي.
    55- جهازن جي بندرگاھ ڏانهن ويندڙ ردتي کي هندستان ۾ “ٻاري” سڏيو ويندو آهي ۽ ٻاري جي معنٰي آهي سمنڊ ڏانهن ويندڙ رستو.
    56- ٽڪرين جي هن سلسلي کي نيگاتور Neigatorسڏيو ويندو آهي. رينل Rennellوري ان کي چگو Chigoسلسو ڪوٺيو آهي. پت ڪڇ ۾ چگو Chiguنالي هڪ وارياسو رڻ پٽ آهي. جيڪو هن سامونڊي ڪناري سان گڏ هلندو نظر ايندو آهي. ڪڇي ٻولي ۾ هن لفظ جي معنٰي آهر ڏيک. هتي مانو Manowنالي هڪ مشهور ٽڪري ڏسبي جيڪا گهڻو اڳتي سمنڊ ڏانهن ويندي نظر ايندي. هي ٽڪري لکي وارو ٽاڪرو سلسي جو هڪ ڀاڱو آهي. هن بابت ڊاڪٽر ونيسنٽ جو خيال آهي ته چگوس Chigos نالي جابلو سلسلي ۽ سمونڊ جي وچ تي ڌرتي جو هڪ پٽو آهي، جنهن ۾ لنگاڻيا Langanria ڪَلَ جا ماڻهو رهندا آهن. اهي سامونڊي ڌاڙيل آهن ۽ هن ڪُڌي ڪرت ڪري گهڻو بدنام آهن. پر مان اڳي ڪاٿي هن حقيقت جو ذڪر ڪري آيو آهيان ته چگو Chigoواري جابلو سلسلي ۽ سمونڊ جي وچ تي ڌرتي جي ڪابه پٽي موجود نه آهي. باقي سامونڊي ڪناري سان لانڊڻ Landanنالي هڪ شهر آهي، جيڪو سامونڊي ڌاڙيلن جي وستي تور گهڻو بدنام آهي ۽ قديم زماني ۾ به هتان جا ماڻهو سامونڊي قزاقي ڪندا هئا. ڪنهن زماني ۾ ٻيٽ دوارڪا جا رهواسي به سامونڊي ڌاڙيل هوندا هئا ۽ ڌاڙيلن جي مشهور پاٿاريدار “سنگهڻ” Sanghan جي ٽولي ۾ رهي پنهنجيون ڪڌيون ڪاروايون جاري رکيو ايندا هئا.
    57- ٿي سگهي ٿو ته هي پاڻي جي اها نئن هجي جنهن کي ميجورينل ڪگرKaggar ڪري رکيو آهي. پدر Paddarنالي هڪ نئن کي هن ڪڇ جي کاري جي منهن وٽ ڏيکاريو آهي. صورتحال مان پاڻي جي هي موسمي وهڪرو بناس Bannasنئن سان ساڳيائپ رکي ٿو. هي نئن مارواڙ جي دنگ سان موجود ٽاڪرو علائقي مان وهي جهنگلن ۽ ٽڪرين مان ور وڪڙ ڪندي گهڻين ڇاڙهن ۾ ورهائجي اچي ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. ان جو سارو پاڻي مذڪوره وارياسي علائقي ۾ سڪي کپي ويندو آهي. ڪڏهن وري اهو چيو ويندو آهي ته هاگرا Haggra۽ نارگلي Nargaliسنڌو ۽ پراڻ جا ڌار نالا نالا آهن. منهنجي خيال ۾ اهي ٻئي نالا پاڻي جي ان وهڪري جي صورت ۾ سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو.
    58- روايتن مطابق ڀاني Bhanniواري علائقي ۾ ساريون ٿينديون هيون.
    59- هي ساڳيو علائقو گهٽ وڌ ساڳئي نالي سان ڪڇ جي کاڙي ۽ کنڀات جي نار کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. سال جا ڇھ مهينا گجرات جو اپٻيٽ هڪ ٻيٽ واري صورت اختيار ڪري وٺندو آهي.
    60- ڪوٽيس واري لفظ جي معنٰي آهي “ڪروڙ ديوتائون”. هتي خاص قسم جو ۽ شلنگ جي ماپ جيترو هڪ پٿر نظر ايندو جيڪو گسي کاڄي لنگ جهڙو ٿي ويو آهي ۽ اهڙي ورن جي پٿرن جپ هتي ججھو انگ نظر ايندو. ناريانا سيرو وار(نارائڻ سر) وٽ ياتري هڪ مهر باھ ۾ تپائي پاڻ تي هڻائيندا آهن جيڪا دوارڪا جي مهر کان مختلف آهي.
    61- چلني Chilneyٻيٽ صحيح نالو مهاڙي Mohariآهي. چلني، الينا Eilinaديوي جي نالي جو بگڙيل اچار آهي. هن ٻيٽ جا رهواسي ٻيڙائت هن ديوي جي پوڄا ڪندا آهن. هتان لنگهندي ڪي ٻيڙائت ڪپڙا ۽ گلن جا هار ڀيٽا طور ڏيندا آهن.
    62- اڳئين زماني ۾ الور کان لوهري يا لوهر ڪوٽ تائين پاڻي جو هڪ ننڍو وهڪرو هوندو هو. اها ڳالھ اسان کي هن ايراضي جي صورتحال مان معلوم ٿئي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهو کوٽيل ڪو گهاڙ واھ هجي ۽ پراڻ درياھ جي سڪي وڃڻ کان پوءِ مذڪوره واھ کوٽي پراڻ کي پاڻي ڏنو ويو هجي. پر هن بابت منهنجو خيال آهي ته پران درياھ مان واھ کوٽي لوهري کي پاڻي پهچايو ويو ٿو ڀائنجي جيڪو هن جوءِ جو تمام پراڻو شهر آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن الور جي ماڻهن دلوراءِ کي درياھ جي رخ مٽائڻ جي ڳالهه ٻڌائي هوندي ته چيو هوندائين ته اتان کوٽيل واھ ۾ ڏٺو وڃي ته ان ۾ پاڻي آهي يا نه، ته ماڻهن کيس ٻڌايو هوندو ته جڏهن درياھ پاڻ ئي سڪي ويو آهي ته پاڻي لاءِ ان مان کوٽيل واھ لي ڏسڻ اجايو آهي.
    63- هي ص 57 تي لکي ٿو ته، “منصوره شهر جي چوڌاري مهراڻ (سنڌو درياھ جو پاڻي چوڌاري ڦري اچي ٿو. شهر مکيه وهڪري جي الهندي پاسي آهي. ڇاڪاڻ ته مهراڻ ملري جي ماڳ کان هيٺئين پاسي ٻن ڇاڙهن ۾ ورهائجي وڃي ٿو، جيڪو منصوره کان هڪ منزل پنڌ تي آهي. انهن مان مکيه ڇاڙھ منصوره جو رخ ڪري ٿي ۽ ننڍي ڇاڙھ اتر طرف سارا سان Sara San(سيوهڻ) ڏانهن رخ ڪري ٿي. ٿورو فاصلو اڳتي وڃي گهنڊي هڻي اولھ طرف وڃي ٿي ۽ نيٺ اچي مکيه وهڪري سان گڏجي ٿي.”


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 469377
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188205
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ