ڪتاب جو نالو: شرح اسماءُ الحُسنيٰ
مصنف: فقير عبدالله ٿهيم
ڇپائيندڙ: قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 27 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 349 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 21 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ:
هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • مقدمو
  • اسماءُ الحسنيٰ

  • الله = معبود حقيق جو ذاتي نالو
  • اَلرَّحمان ، الرحيم
  • الملک = بادشاهه
  • اَلقُدوس
  • اَلسَّلامُ = هر عيب کان پاڪ
  • المُؤمن = امن ڏيندڙ
  • اَلمُهَيمِن = نگهبان
  • العزيز = غالب
  • اَلجبار = وڏي زور وارو
  • المتکبر = يعني گھڻي وڏائي وارو
  • اَلخالق ، الباري, المصور
  • الغفار = گھڻو بخشيندڙ
  • القهار = گھڻي زور ۽ غلبي وارو
  • الوهاب = گھڻو ڏيندڙ گھڻو عطا ڪندڙ
  • الرزاق = رزق ڏيندڙ
  • الفتاح = کوليندڙ
  • اَلعليم = وڏي علم وارو
  • القابض = بند ڪندڙ، الباسط = ڪشادو ڪندڙ
  • الخافظ الرافعُ
  • المُعز= عزت ڏيندڙ ، المذل = ذلت ڏيندڙ
  • السميع = ٻڌندڙ ، البصير = ڏسندڙ
  • الحکم = فيصلي ڪرڻ وارو
  • العَدَلُ = گھڻو عدل ڪندڙ
  • اللطيف = مهربان باريڪ بين
  • الخَبِير = هرشئي جي خبر رکڻ وارو
  • اَلحَلِيمُ = بردبار
  • اَلعَظِيمُ = گھڻو وڏو عظمت وارو
  • اَلغفورُ = هر هر بخشيندڙ
  • الشکور = ٿوري عمل تي گھڻو عطا ڪندڙ
  • العليُّ = بلند مرتبي وارو
  • الکبير = وڏي شان وارو
  • الحفيظ = نقصان کان بچائڻ وارو
  • المُقيتُ = قوت ڏيندڙ
  • اَلحسيبُ = ڪفايت ڪندڙ حساب وٺندڙ
  • اَلجَلِيلُ = وڏو بزرگ
  • اَلکَريمُ = اهڙو سخي جو بغير طلب عطا ڪري
  • الرَّقيبُ = نگھبان
  • المُجيبُ = قبول ڪرڻ وارو
  • اَلواسِعُ = ڪشادو
  • الحکيمُ = شين جي حقيقت انهن جي جوڙ جي حقيقت کي ڏاهپ وارو ڄاڻندڙ
  • اَلوَدُودُ = دوست رکندڙ
  • اَلمَجِيدُ = بزرگ
  • الباعِثُ = اٿاريندڙ
  • الشهيدُ = حاضر موجود.
  • الحق = سچ ، ثابت
  • اَلوَکِيل = جنهن جي حوالي ڪم ڪيا وڃن.
  • القويُّ _ المتين = قوت وارو _ نهايت ڏاڍو
  • اَلوَليُّ = وارث دوست ، حمايت ڪندڙ
  • اَلحَمِيدُ = ساراهيل
  • اَلمُحصي= ڳڻيندڙ
  • اَلمُبدِيُ _ اَلمُعِيدُ = خلقيندڙ _ نئون پيدا ڪندڙ
  • اَلمُحي _ اَلمُمِيتُ = زنده ڪرڻ وارو _ مارڻ وارو
  • الحَيُّ = جيئرو
  • اَلقَيُّومُ = پاڻ پنهنجي ذات سان قائم
  • الواجدُ = حاصل ڪندڙ
  • الماجِدُ = بزرگ
  • الواحدُ _ اَلاَحَدُ = هِڪڙو _ اڪيلو
  • الصَّمَدُ = بي نياز
  • القادرُ _ المُقتَدِرُ = سگھارو _ سگھه ڏيندڙ
  • اَلمُقَدِمُ _ اَلمُؤَ خّرُ = اڳتي ڪرڻ وارو _ پوئتي ڪرڻ وارو.
  • اَلاَوَّلُ _ اَلآخِرُ = سڀ کان پهريون _ سڀ کان پوءِ
  • اَلظّاهِرُ _ اَلبَاطِنُ = پڌرو _ ڳجھو
  • اَلوَالِي = دوست
  • اَلمُتَعَالِي = نهايت بلند
  • اَلبَرُّ = چڱائي ڪندڙ
  • اَلتَّوابُ = رحمت ڏي رجوع ڪندڙ
  • اَلمُنتَقِمُ = انتقام وٺندڙ
  • العفُو = درگذر ڪندڙ
  • الرَّؤُف = نرمي ڪندڙ
  • مالِکُ المُلک = مالڪ بادشاهي جو
  • ذُوالجلالِ وَالاِکرام = بزرگي ۽ عزت وارو
  • اَلمُقسِطُ = عدل ڪندڙ
  • اَلجامِعُ = گڏ ڪندڙ
  • اَلغني _ الَمُغنِي = بي پرواهه _ بي پرواهه ڪندڙ
  • اَلمُعطي _ اَلمانِعُ = عطا ڪندڙ _ منع ڪندڙ
  • اَلضَّارُ _ اَلنَّافِعُ = ضرور ڏيندڙ _ نفعو ڏيندڙ
  • اَلنُّورُ = روشن
  • الھادِي = هدايت ڪندڙ
  • البديع = عجيب _ بينظير
  • اَلباقِي = هميشه رهندڙ
  • الوارِث = وارث
  • الرَّشِيدُ = ارشاد ڪندڙ
  • الصبورُ = گھڻو صبر ڪندڙ
  • ختم ٿيو

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (165) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” شرح اسماءُ الحسنيٰ“ جو مرتب فقير عبد الله ٿهيم آهي. هي ڪتاب قادريه حسنيه ڊاٽ ڪام پاران ڊجيٽل ايڊيشن ۾ سندن ويب تي آندو ويو آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مقدمو

    الحمد لله و کفيٰ و سلام عليٰ عباده الذين الصطفيٰ

    اما بعد: اگر نظامِ عالم تي غور ڪيو وڃي ته هر شيءِ جو هڪ غرض ۽ غايت نظر اچي ٿي هر شي جي سٺائي ۽ خرابي ان مان واضح ٿئي ٿي اگر اها شئي پنهنجي پيدائش جي مقصد کي پورو ڪري رهي آهي ته اها سٺي چورائي ٿي نه ته خراب چورائي ٿي مطلب چاقو قلم تراشيءَ لاءِ ٺاهيو وڃي ٿو ان جي خوبي اها آهي ته اهو قلم کي سٺي نموني تراشي اگر قلم کي تراشڻ ۾ مڏو آهي ته ردي چورائيندو خواهه ڏسڻ ۾ ڪيترو خوبصورت اچي عليٰ هذالقياس انسان جي پيدائش جي به هڪ مصلحت ۽ حڪمت آهي جيڪا الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ بيان فرمائي آهي. (وما خلقت الجن و الانس الا ليعبدون ما اُريد منهم من رزق وما اريد ان يطمعون* ان الله هو الرزاق ذوالقوة المتين) ترجمو: مون انسانن ۽ جنن کي ان لاءِ پيدا نه ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن، آئون انهن کان ڪوبه رزق نٿو گھران ۽ هي به نٿو چاهيان ته مونکي کڻي اچي کارائين. بيشڪ الله تعاليٰ اهوئي رزاق طاقت وارو مضبوط آهي.
    لهذا انسان جي سٺائي ۽ خرابي شرافت ۽ رذالت ديانت ۽ خيانت انهي حڪمت تحت پروڙي ويندي اگر فرائض عبوديت جي ادا ڪرڻ تيز ۽ سربڪف ۽ هوشيار آهي ته سٺو شريف ۽ ديانتدار چورائيندو نه ته ان جو ابتڙ لفظن جو مصداق بنجي ويندو.
    صحيح معرفت: حق عبوديت ادا ڪرڻ کان پهرين انسان لاءِ خداءِ قدوس وحده لا شريڪ لَھ جي صحيح معرفت ۽ سڃاڻ ضروري آهي ورنه دورازه الاهيه جي مڪمل شناخت نه هجڻ ڪري خطرو آهي ته حق عبوديت بارگاه الاهي ۾ پيش ٿيڻ بجاءِ غير الله ڏي هليو وڃي . سڄي عمر محض نيڪي ڪري پوءِ دنيا ۽ آخرت جو خسارو کڻي دنيا مان رخصت ٿئي. ان ڪري الله تعاليٰ جي جلالي ۽ جمالي اسماءُ الحسنيٰ جي فهرست ان کي ٻڌائي وڃي ته بندو خداءِ قدوس وحده لا شريڪ لھ کي صحيح نموني سڃاڻي . (ترجمو شرح اسماءُ الحسنيٰ مرشد العلماءِ سائين احمد علي لاهوري رحه)
    تخلق ۽ تعبد: سڀ کان پهرين اسماءُ الحسنيٰ جي شرح ڪئي ويئي آهي ان کان پوءِ ٻڌايو ويو آهي ته اگر انسان انهن نالن جو مظهر بڻجن چاهي ته ڪهڙي طرح پاڻ کي انهن خصوصيتن سان متخلق بڻائي ۽ اگر پنهنجي مالڪ رب ذوالجلال جي ان صفت جي سامهون حق عبوديت ادا ڪرڻ چاهي ته ڪهڙي طرح ادا ڪري . جن مقدس بزرگن جي ڪتابن مان شرفِ استفادو ڪيو پيو وڃي هتي الواسع ان جي تتبع جو التزام ڪيو ويو آهي لهذا جتي انهن تخلق ۽ تعبد جو ذڪر ڪيو آهي اوترو ئي اوهان جي سامهون پيش ڪيو ويو آهي ، البته ڪٿي اشد ضرورت تحت ڪجهه ڪلمات پنهنجي طرفان به لکيا ويا آهن.
    حضرت ابو هريره رضي الله عنھ کان روايت آهي ته رسول الله صلي الله عليھ وسلم فرمايو بيشڪ الله تعاليٰ جا 99 نالا آهن جنهن شخص انهن کي ياد ڪيو اهو بهشت ۾ داخل ٿيندو ، الله تعاليٰ اها ذات آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي . (حديث)


    اسماءُ الحسنيٰ

    الله = معبود حقيق جو ذاتي نالو

    لفظ الله (جلّ شانھ) ان ذات پاڪ جو اسم (نالو) آهي جيڪو الوهيت جي سڀني صفتن جو جامع آهي . ان لاءِ هي اسم الله تعاليٰ جي 99 نالن ۾ عظمت ۽ شان ۾ سڀ کان اعليٰ آهي ۽ هي اسم الله تعاليٰ لاءِ خاص آهي حقيقت يا مجازاََ ڪنهن شئي لاءِ استعمال نه ٿيندو بخلاف ٻين نالن جي مثلاً قادري، عليم، رحيم ته ڪٿي ڪڏهن اهي سڀني لاءِ مجازاََ استعمال ٿين ٿا. (غزالي)
    نصيب بنده : انسان کي گھرجي ته دل جي پوري توجه سان الله تعاليٰ جي ياد ۾ مستغرق رهي ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي طرف توجه نه ڪري ڪنهن غير کان ڪا اميد نه رکي ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان نه ڊڄي (شيخ).


    اَلرَّحمان ، الرحيم

    ٻنهي اسمن جي معنيٰ بخشيندڙ آهي ، رحمان مبالغي ۾ زياده آهي رحيم کان الله تعاليٰ جي رحمت عام آهي، ضرورتن ۽ حاجتن پوريون ڪرڻ لاءِ بنا ڪنهن غرض ۽ عيوض جي.
    تعلق : جڏهن سمجھائين ته حقيق منعم اهو آهي ته ٻئي ۾ طمع نه رکي پنهنجا سڀ ڪم ان جي حوالي ڪري ٻئي کان مدد نه گھُري، ان جي رحمت ڏانهن توجھ رکي.
    تخلق : محتاجن جي مدد ڪري بلا غرض، عيوض جي .


    الملک = بادشاهه

    الملک = بادشاهه
    جنهن جي تصرف هيٺ ٻئي جهان آهن
    تعلق : ان جي تصرف ۽ قدرت کي نگاهه ۾ رکي، ماڻهن کان مڪمل بي نياز ٿئي اميد ۽ ڊپ انهن ۾ نه رکي نه انهن اڳيان احتجاج ظاهر ڪري.
    تخلق: نفس، قلب ۽ جسم جي بادشاهي ۾ تصرف ڪري پنهنجي عضون کي شريعت جي تابع رکي، طالبن ۽ ارشاد وٺندڙن ۾ به تصرف ڪري.


    اَلقُدوس

    اَلقُدوس (نهايت پاڪ جنهن ۾ نقصان نه ٿيڻو هجي)
    [b]تعلق[/b] : پنهنجو اندر ما سويٰ الله پاڪ رکجي، محبت الاهي کان سواءِ ڪنهن شئي ۽ لذت نه وٺي . سڀني خواهشن کان ديدارِ الاهي جي خواهش مقدم رکي.


    اَلسَّلامُ = هر عيب کان پاڪ

    َلسَّلامُ = هر عيب کان پاڪ
    سلامت جي بخشش مؤمنن کي ڪفر جي آفت ۽ آخرت جي عذاب کان .
    فرضِ بنده : جنهن شخص جي دل حسد ڪيني، بغض ۽ شرارت کان پاڪ ٿِي گناهه ڪرڻ کان ان جا عضوا بچيل رهيا، شهرت ۽ ڪاوڙ تي مڪمل غالب رهِي اهو ئي شخص الله تعاليٰ وٽ قلبِ سليم سان پڄندو.


    المُؤمن = امن ڏيندڙ

    المُؤمن = امن ڏيندڙ
    دنيا ۽ آخرت جي تڪليفن کان بچڻ لاءِ اسباب مهيا ڪري ڏيندڙ چاهي اهي تڪليفون جسماني هجن يا روحاني.
    مثال : بُک لاهڻ لاءِ اناج ۽ دوزخ جي عذاب کان بچڻ لاءِ انبياءَ عليهم السلام ۽ آسماني ڪتابن سان رهنمائي ڪيائين.
    تخلق: سڄي مخلوق کي پنهنجي شر کان محفوظ رکي پنهنجي هٿ ۽ زبان سان ڪنهن کي به نه ايذائي.
    تعلق: ظاهري ۽ باطني امن الله کان گھُري.


    اَلمُهَيمِن = نگهبان

    اَلمُهَيمِن = نگهبان
    سچو شاهد ۽ نگهبان خلق کي خوف کان امن ۾ رکندڙ ۽ مهربان
    تعلق : الله کي سڃاڻي ته منهنجي ظاهري ۽ باطني حالتن تي واقف ۽ نگهبان آهي غلط ڪم ڪرڻ کان ان کان شرمائي.
    تخلق : پنهنجي دل جو نگهبان ٿئي، ان جي حالن ۽ ڳجھن تي واقف رهي . جيڪڏهن ٻين جي خدا ٻانهن جي باطني حالتن کي نظر ۾ رکي ٿو ۽ پنهنجي خدادا صلاحيتن سبب انهن کي صراط مستقميم تي قائم رکي سگھي ٿو ته اهو فريد ِاتم سڏبو . (م _ ر)


    العزيز = غالب

    العزيز = غالب
    عزيز انهيءَ بلند مرتبي ۽ هستي جو نالو آهي جنهن جو مثل معدوم هجي انهيءَ سان گڏ انهيءَ ڏانهن سخت حاجت هجي ۽ ان ڏانهن پهچڻ مشڪل ٿو هجي، جيستائي ٽئي معنائون گڏ نه ٿينديون اسم عزيز ان تي نه ڳالهائبو اهي ٽئي معنائون الله پاڪ جي ذات ۾ عيان آهن.
    تعلق : ڄاڻي ته عزيز اهو آهي ان کان عزت گھري، ان جي عزت ڪري جنهن کي الله پاڪ معزز بڻايو آهي.
    تخلق : پنهنجي نفس ۽ سَڌُ تي غالب هجي، نفس ۽ شيطان تي سخت هجي پنهنجي عزت ۽ آبرو دنيا دارن جي در تي نه هاري ٻئي اڳيان احتياج ظاهر نه ڪري.


    اَلجبار = وڏي زور وارو

    اَلجبار = وڏي زور وارو
    جبار اها ذات آهي جيڪا پنهنجو ارادو جبر وارو سڀني تي جاري رکي ۽ ان تي ڪنهن جو وس يا ارادو نه هلي، نه ان تي ڪو قبضو ڪري سگھي نه ئي ان جي قبضي کان ٻاهر نڪري. (حضرت)
    تعلق : جبار جي اڳيان هميشھ ڀڳل دل سان حاضر هجي هميشھ شريعتي ارادتي امُرن جي تابعداري ڪري.
    تخلق: پنهنجي نفس جي بڇڙي ۽ خسيس خصلتن کي ڪمايلت ۽ فضيلتن جي حاصل ڪرڻ سان نهائي . نفس سرڪش تري غالب رهي ان کي تقويٰ ڏئي هميشھ اٿاري چڱائي جو امر ڪرڻ ۽ برائي کي روڪڻ تي زور وارو هجي.


    المتکبر = يعني گھڻي وڏائي وارو

    المتکبر = يعني گھڻي وڏائي وارو
    اها ذات جيڪا پنهنجي مقابلي ۾ سڀني کي حقير سمجھي، ٻين کي ان نظر سان ڏسي جيئن بادشاهه پنهنجي غلامن کي ڏسي ٿو. هي معنيٰ الله لاءِ بلڪل صحيح ۽ ٻين لاءِ مفهوم هجي (شرح)
    تعلق: حق تعاليٰ جي ڪبريائي ۽ سندس قدر جي مٿانهپ سڃاڻي ۽ دل کي ان جي وڏائي ۾ مستغرق ڪري ۽ نوڙت بي وارث لازم ڪري ان جي بندگي ۾ ڪنڌ نمائي امرن ۽ حڪمن کان منهن نه موڙي.
    تخلق: هن کي پهچڻ جي سببن کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه يعني دنيا جون لذتون حقير ڄاڻي ۽ دنيا وارن جي انهن سڌن ۽ سينگارن اڳيان مٿو نه جھڪائي پر هن نيت سان ته اسان جو مٿانهون شان آهي ۽ دين جو مٿانهون رتبو آهي. ۽ نه نفس جي تعظيم ۽ پنهنجي ذات جي تڪبر سببان.


    اَلخالق ، الباري, المصور

    اَلخالق ، الباري، المصور
    پيدا ڪندڙ نئين سر پيدا ڪندڙ صورت ڏيندڙ
    هي ئي اسم پيدا ڪرڻ جي معنيٰ ۾ تقريبن هڪ جهڙا آهن هر هڪ جي خصوصيت جدا آهي خالق جي معنيٰ پيدا ڪرڻ کان پهرين اندازو ڪرڻ بَرا جي معنيٰ پيدا ڪرڻ مصور معنيٰ صورت ڏيڻ، اگرچه الله تعاليٰ وٽ پيدائش ۾ هي ٽئي درجا هڪ ئي دفعي فوراََ طئي ٿي وڃن ٿا مگر رُتبي هڪ ٻئي کان مٿي آهن عالم علوي ۾ سلفي ۽ عرش کان تحت الثريٰ تائين جيڪي ڪجهه پيدا ٿيو يا ٿيندو سڀ الله تعاليٰ جي صفتن خلق، براءَ ۽ تصوير جو پيدا ڪيل آهي ۽ هوندو. (حضرت)
    تعلق : انسان کي کپي ته مخلوق کي ڏسي خالق جي طرف متوجه ٿئي ۽ هر صورت کي ڏسي ان جي مصور جي ياد تازه ڪري هميشه انهيءَ نظر و فڪر ۾ رهي. (حضرت رحه)
    تخلق : جنهن وقت عبادت جي وظيفن کان فارغ ٿئي تنهن وقت ڪو ڪسب ۽ ڪم ڪري جنهن سان پنهنجي لاءِ روزينو پيدا ڪري خصوصاََ اهڙو ڪسب ۽ ڪم جنهن جو اثر مرڻ کان پوءِ به باقي رهي ۽ ماڻهن کي فيض ۽ فائدو ٿئي (م _ر)


    الغفار = گھڻو بخشيندڙ

    الغفار = گھڻو بخشيندڙ
    غَفَر جي معنيٰ پردو وجھڻ آهي غفار اها ذات آهي جيڪا خوبيءَ کي ظاهر ڪري ۽ برائي تي پردو وجھي. (حضرت رحه ، بحواله غزالي). غفار مبالغو غافل کان ۽ غفور ان کان به گھڻي مبالغي وارو آهي ٻانهي تي سَتُر هيءُ آهي جو ان جون اندروني غلاظتون مثلاََ آنڊا پيٽ جو گند ظاهر سونهه ۽ کل سان ڍڪي ڇڏيائين. اهڙي طرح دل جا وسوا بدگمانيون دل جي پردي ۾ لڪايائين . ڪنهن کي به ان تي مطلع نه ڪيائين نه ته انسان سڀني جي نظرن ۾ ڪري پوي ها. (حضرت)
    تعلق: الله تعاليٰ جي رحمت کان نا اميد نه ٿئي، گناهن تي مغرور نه ٿئي ۽ توبهن ۾ دير نه ڪري عمر جو اعتبار نه آهي.
    تخلق : مخلوق جا عيب ڍڪي انهن جي گناهن کي درگذر ڪري.


    القهار = گھڻي زور ۽ غلبي وارو

    القهار = گھڻي زور ۽ غلبي وارو
    اها ذات جيڪا پنهنجي وڏن جابر دشمنن جي چيلهه چٻي ڪري هر موجود ان جي اڳيان تابع هجي ۽ قبضي ۾ عاجز هجي. (حضرت)
    تعلق : هن جي قهاريت کي سڃاڻي هميشه هن جي قهر جي خوف کان بچيو رهي ان جي بارگاهه ۾ لطف ۽ ڪرم جي التجا ڪندو رهي (حضرت)
    تخلق : دين جي دشمن ماڻهن ، جنن، شيطانن تي غالب ۽ زبردست هجي سڀني دشمنن ۾ وڏو دُشمن نفس آهي ان کي قلب جي نور سان مطيع ڪري.


    الوهاب = گھڻو ڏيندڙ گھڻو عطا ڪندڙ

    الوهاب = گھڻو ڏيندڙ گھڻو عطا ڪندڙ
    وهاب هبه مان مشتق آهي جنهن جي معنيٰ آهي اهڙي بخشش جا غرض ۽ عيوض کان خالي هجي ڇاڪاڻ جو ڏيندڙ پنهنجي ڏيڻ جي مقابل ڪا شئي وٺي ٿو سو حقيقت ڪري وڪڻندڙ آهي . نه ڪي بخشش ڪندڙ (م_ر)
    تعلق : انسان جڏهن هي واضع ٿي وڃي ته وهاب مطلق خدا جي ذات آهي تنهن هر شئي ان کان گھُري ان مان اميد رکي ان کان سواءِ سڀ مان آسرو لاهي ڇڏي. (حضرت)
    تخلق : جيڪو هٿ ۾ هجيس مال توڙي جان سو سڀ دنيا ۽ آخرت جي ثواب جي طمع کانسواءِ حق تعاليٰ جي واٽ ۾ خرچ ڪري . (م_ر)


    الرزاق = رزق ڏيندڙ

    الرزاق = رزق ڏيندڙ
    رزاق اها ذات جنهن رزق پيدا ڪيو ۽ پنهنجي مخلوق تائين پهچايو ۽ اهڙا سبب سمجھايائين جنهن ڪري هر شخص بخوبي پنهنجون حاجتون پوريون ڪري سگھي. (حضرت رحه ۽ غزالي)
    تعلق : جڏهن ٻانهي سڃاتو ته رزاق اهو آهي تڏهن رزق جو انتظار انکان سواءِ ٻئي کان نه ڪري ٻئي ۾ اميد نه رکي جڏهن خبر اٿس ته روزينو مقدر آهي تڏهن روزي لاءِ دل تنگ نه ٿئي ان بابت خلق جي گلاءَ شڪايت نه ڪري .
    تخلق : پنهنجي هٿ سان جسم لاءِ رزق جو بندو بست ڪري ۽ زبان کي روح جي ذڪر لاءِ مختض ڪري پروردگار ۽ ٻانهن جي وچ ۾ جسماني ۽ روحاني رزق پهچائڻ لاءِ واسطو بڻجي اهل و عيال ۽ ٻيو ڪوبه ماتحت هجي ته ان تي معيشيت ڪشادي ڪري مهمان اچڻ وقت منهن نه گھنجائي.


    الفتاح = کوليندڙ

    الفتاح = کوليندڙ
    اها ذات جنهن جي مهرباني سان هر مغلق ۽ مشڪل کُلي پوي (شرح). اها ذات جنهن جي رحمت سان هر ڳنڍ، عقدو کُلي ۽ مشڪل حل ٿئي (حضرت رحه ۽ غزالي).
    تعلق : ڪنهن مشڪل جي عقده ڪشائي لاءِ غير جي در تي نه وڃي سڀ کان پهرين الله جي در تي اچي عاجزي سان دعا ڪري پوءِ اسبابن ۾ هٿ وجھي ته مراد کي رسي . (حضرت)
    تخلق : ڪوشش ڪري علم جي طالبن تي خير جو دروازو کولي ماڻهن ۾ تڪرار ۽ جھيڙي جو نبير ڪري مظلومن ۽ عاجزن کي مدد ڏئي .. (م_ر)


    اَلعليم = وڏي علم وارو

    اَلعليم = وڏي علم وارو
    عليم مبالغو آهي عالم معنيٰ ڄاڻندڙ، ڳجھي ۽ پڌري دل جي خطرن کي ۽ ان کي جو اڃا دل ۾ نه آيو آهي.. الله ايتري وسيع علم وارو جو بيڪ وقت ساري خلق جي هر حال بلڪه هر احتياج ۽ ذري ذري جو علم رکي.
    تعلق : جڏهن خبر آهي ته الله عليم ۽ قدير به آهي ۽ دعائن جي قبول ڪرڻ جو وعدو به ڪيو اٿس تڏهن گھرجي ته سندس دروازي کي نه ڇڏجي هر ڪم لاءِ کانئس مدد گھُرجي.
    تخلق : ديني علمن جي حاصل ڪرڻ ۽ ڪماليت رسائڻ حقيقتن ۽ معرفت جي علم حاصل ڪري ۽ مشغول هجي.


    القابض = بند ڪندڙ، الباسط = ڪشادو ڪندڙ

    القابض = بند ڪندڙ، الباسط = ڪشادو ڪندڙ
    مال ۽ دولت ، علم ۽ عرفان جي گھٽ وڌائي تنگي ۽ ڪشادگي ان وحده لا شريڪ لھ جي قبضي ۾ آهي. (حضرت رحه )
    تعلق : انسان کي گھرجي ته مال ۽ دولت جي ڪشادگي يا علم ۽ عرفان جي وسعت لاءِ فقط ان جو دروزاو کڙڪائي غير جي دروزاي تي نه وڃي . رزق جي تنگيءَ تي صبر ڪري ۽ ڪشادگيءَ جو اميدوار رهي. (حضرت رحه )
    تخلق : الله تعاليٰ جي وڏائي سان سندس عذاب جا تذڪره ڪري دلين کي قبض ڪري ۽ جون عطائون ، نوازشون ياد ڪري دلين کي بسيط ڪري نفس ۽ ماتحت سان ٻنهي اسمن موجود هلت ڪري ته ڪماليت کي رسي اهي مونجھه ۽ پريشان هجن ته انهن کي ڪشادو ڪري ۽ جڏهن گھڻو جرئت ڪن ته دلير ٿين تڏهن انهن کي جھلي . (م_ر)


    الخافظ الرافعُ

    الخافظ = هيٺ ڪندڙ الرافعُ = مٿي ڪندڙ
    نافرمانن کي هيٺ ٿو ڪري ۽ فرمانبردارن کي مٿي ٿو ڪري. (حضرت).
    تخلق : الله تعاليٰ جي فرمانبردارن جي حمايت ڪري ۽ نافرمانن جي باطل پرست تحريڪن کي چپي اولياءَ الله سان دوستي رکي دشمنانِ خدا سان عداوت رکي. (حضرت)
    تعلق : ان کي ئي هيٺ مٿي ڪندڙ ڄاڻي مرتبي جي هيٺيائين جي ان کان پناهه گھري ۽ مرتبي جي مٿانهين جي ان کان دعا گھري . (م_ر)
    لطيف نُڪتو : ديني ڀائرن ۽ مشائخ اهلِ يقين جو رتبو پاڻ کان مٿي سمجھي پاڻ کي سڀ کان گھٽ سمجھي تاڪه پنهنجي نيڪين تي نظر پوي ۽ ٻئي جا عيب نظر نه اچن.


    المُعز= عزت ڏيندڙ ، المذل = ذلت ڏيندڙ

    المُعز= عزت ڏيندڙ ، المذل = ذلت ڏيندڙ
    دنيا آخرت ۾ عزت جي واڳ صرف رب ڪريم جي هٿ ۾ آهي. (حضرت رحه )
    تعلق : دنيا آخرت جي عزت ا ن کان گھري ۽ ٻنهي جهانن جي خواري ۽ ذلت جي ان کان پناهه گهري ۽ ڄاڻي عزت فرمانبرداريءَ ۾ ۽ ذلت نافرماني ۾ آهي.
    تخلق : جنهن کي حق تعاليٰ علم ۽ معرفت سان نفس ۽ طبعيت جي سببان عزت ڏني هجي ته ان جي عزت ڪري ۽ جنهن کي رب تعاليٰ ڪفر ۽ گمراهي نفس پرستي ۽ جھل سان خوار ڪيو هجي ان کي خوار ڪري.


    السميع = ٻڌندڙ ، البصير = ڏسندڙ

    السميع = ٻڌندڙ ، البصير = ڏسندڙ
    ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ٻئي الله جون صفتون آهن. الله ٻڌي ٿو بغير ڪنن جي ۽ ڏسي ٿو بغير اکين جي.
    تعلق : نه ڳالهائي مگر اهڙي ڳالهه جنهن جي ڪرڻ سان رب راضي ٿئي جيڪي ڳالهائي ادب جي دائري ۾ رهي. گلا، بهتان، لاڪ، ٻٽاڪ، نفس جي ساراهه کان پاسو ڪري. نه ٻُڌي مگر حق تعاليٰ جو ڪلام ، رسول ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جو ۽ ان جي اتباع ڪندڙن جو حرام نگاهه کان پرهيز ڪري . دنيا جي زينت نگاهه نه ڪري . الله تعاليٰ جي عجيب مخلوقن ڏي نظر ڪري مراقبي جي هميشگي ڪري ۽ نفس جو محاسبو ڪري . (م_ر)


    الحکم = فيصلي ڪرڻ وارو

    الحکم = فيصلي ڪرڻ وارو
    فيصلي ڪرڻ وارو جنهن کي ڪوبه رد نه ڪري سگهي.
    تعلق : ان جو حڪم مڃي ان جو فرمانبردار ٿئي ۽ ان جي قضا تي راضي هجي خلق جي تڪرار ۽ جھيڙي کان پاسو ڪري حڪم ازلي کان ڊڄندڙ هجي.
    تخلق : جھيڙي ٽارڻ حڪومت ڪرڻ ۾ عدل ۽ انصاف ڪري پنهنجي نفس کي ريضتن جو ۽ ان کي ماتحت ڪندڙ جو حڪم ڪندڙ جو حڪم ڪندڙ هجي ڇو ته ان مان دين ۽ دنيا ٻئي چڱا ٿين ٿا. (م_ر)


    العَدَلُ = گھڻو عدل ڪندڙ

    العَدَلُ = گھڻو عدل ڪندڙ
    عدل جي معنيٰ انصاف، انصاف ڪرڻ استقامت اعتدال ۾ برابري ڪرڻ دنيا ۾ جيڪي به قدرت جا تصرفات آهن سي سڀ حڪمت تي مبني آهن هونءَ به ڪو شخق پنهنجي ملڪيت ۾ جائز تصرف ڪندو ته اهو ظلم نه ليکبو توڻي جو شخص جي ملڪيت مجازي آهي حقيقي نه آهي پوءِ به سڀ الله جي ملڪيت آهي هو جيئن چاهي تصرف ڪري اهو ظلم پر عدل آهي.
    تعلق : ماڻهن ۾ عدالت ڪري خصوصاََ پنهنجي ماتحتن جيڪي وجود به آهن سندءِ ڪاوڙ کي عقل ۽ شريعت جي ماتحت ڪري ته سندس ڪم معتدل ٿين.


    اللطيف = مهربان باريڪ بين

    اللطيف = مهربان باريڪ بين
    مصلحتن جي حقيقت ڄاڻي مستحن تائين نرمي سان پڄائي. (شرح بحواله غزالي _ حضرت بحواله غزالي)
    تعلق: جڏهن انسان سمجھي ته الله لطيف هجڻ ڪري منهنجي دل جي ڀيرن کان واقف آهي ته گھُرجيس ته پنهنجي ظاهر ۽ باطن کي هر قسم جي آلائشن ۽ بُرن اخلاقن کان بچائي (حضرت).
    تخلق : خدا تعاليٰ جي ٻانهن سان لطف ۽ نرمي ڪري (روحاني ۽ ديني ڪمن ۾) الله ڏي نرمي ۽ حڪمت سان سندي حقيقتن جو علم نرمائي سان خلق کي پهچائي (م_ر)


    الخَبِير = هرشئي جي خبر رکڻ وارو

    الخَبِير = هرشئي جي خبر رکڻ وارو
    خبير اها ذات آهي جنهن کان پوشيده خبرون لڪل نه رهن زمين و آسامن جي هر ذره جي نقل و حرڪت بلڪه هر ساهواري جي قلبي اضطراب ۽ اطمينان جي خبر رکي. (حضرت)
    تعلق: هن جي علم جو مراقبو هٿان نه ڇڏي جيڪا نبين خبر ڏني آهي سا دل سان مڃي ۽ امر ۽ نهي بجا آڻي.
    تخلق : دين جي ڪمن ۾ خبردار رهي ۽ باريڪ بين هجي نفس جي ٺڳين ۽ فريبن ۽ ڊپ ڪري، ماڻهن کي به انهي جي خبر ڏئي.


    اَلحَلِيمُ = بردبار

    اَلحَلِيمُ = بردبار
    اها ذات جيڪا بندن جي نافرماني ڏسي پئي مگر ان جي غضب کي جوش نٿو اچي باوجود قدرت رکڻ جي بدلو وٺڻ لاءِ تيار ناهي.
    تعلق: اهو تصور ڪري جنهن ته جڏهن هتي في الحال حلم ڪيو اٿس ته اڳتي به بخشيندو اهڙي ڪريم جو هر وقت شڪر ڪري ان جي نافرماني کان شرم ڪري (م_ر)
    تخلق : ضبطِ نفس جي مشق ڪري تحمل ۽ بردباري اختيار ڪري خلاف طبع جيڪي ڳالهيون اچن تن کي برداشت ڪري اشتعال ۾ نه اچي.


    اَلعَظِيمُ = گھڻو وڏو عظمت وارو

    اَلعَظِيمُ = گھڻو وڏو عظمت وارو
    ذات ۽ صفات ۾ ايتري وڏي ذات جو جنهن جو انسان جو عقل احاطو نه ڪري سگھي (مؤلف)
    تعلق : الله جي عظمت دل ۾ ويهاري ان جي امر نهي جي بجا آوري ڪري ان جي عظمت ايتري ته دل ۾ هجيس جو سڄي مخلوق ان جي سامهون ننڍڙي سمجھي.
    تخلق : همٿ مٿانهين رکي دنيا لاءِ ڪنڌ نه نوائي پنهنجا خيال بلند رکي چڱيون صفتون ۽ ڪماليتون حاصل ڪري ته مرتبو وڌيس .


    اَلغفورُ = هر هر بخشيندڙ

    اَلغفورُ = هر هر بخشيندڙ
    غفار ۽ غفور ٻئي مبالغي جا صيغا آهن انهن ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ مبالغو آهي، هڪ صيغي جو تعلق آهي، مغفور ماڻهن جي لاتعداد سان يعني گھڻن ماڻهن کي بخشيندڙ ٻيو آهي خود مغفرت سان مغفرت ۾ بخشش زياده ڪرڻ وارو . (شرح)
    تعلق: الله جي هن صفت جو تصور ڪري ته هر هر بخشيندڙ آهي ان جي عظمت دل ۾ ويهاري ان جا نافرماني کان شرم ڪري (مؤلف)
    تخلق: الله جي بندن جي بي فرمانين جي ايتري قدرت عفو ڪري جو ٻانهن ۾ غفار چورائڻ جو مستحق ٿئي (حضرت)


    الشکور = ٿوري عمل تي گھڻو عطا ڪندڙ

    الشکور = ٿوري عمل تي گھڻو عطا ڪندڙ
    اها ذات جيڪا دنيا جي ٿوري عمل تي آخرت ۾ گھڻو عطا ڪري.
    تعلق : الله تعاليٰ کي ٻانهي طاعت تي گھڻو ثواب ڏيندڙ ڄاڻي. سندس طاعت ۽ سچائي ۾ وڏو اخلاص پيدا ڪري (م_ر)
    تخلق : جيڪو شخص ساڻس احسان ڪري ان جو احسان مڃي ۽ شڪر ادا ڪريس ٿي سگھي ته سٺو بدلو ڏئيس نه ته ان لاءِ دُعا ڪري (م_ر)


    العليُّ = بلند مرتبي وارو

    العليُّ = بلند مرتبي وارو
    اها ذات جنهن جي مرتبي جي مٿان ٻئي جو مرتبو نه هجي (حضرت بحواله غزالي)
    تعلق : ان ذات جي اڳيان پاڻ کي عاجز سمجھي عاجزيءَ جو اقرار ڪري.
    تخلق : علم، عمل ۾ ايتري قدر ڪوشش ڪري جو هم جنس م سڀني ڪماليتن ۾ ممتاز نظر اچي البته جيتري به ترقي ڪندو انبياءَ عليھ السلام جي درجي تي نه پڄندو.


    الکبير = وڏي شان وارو

    الکبير = وڏي شان وارو
    اها ذات جنهن جو درجو ڪامل آهي ان جي وجود کان جميع موجودات جو وجود حاصل ٿيو .(حضرت)
    تعلق ۽ تخلق وجھ اسم علي کي ويجھو آهي (م_ر)


    الحفيظ = نقصان کان بچائڻ وارو

    الحفيظ = نقصان کان بچائڻ وارو
    الله تعاليٰ زمين ۽ آسمان ۽ ان ۾ جيڪا سندس مخلوق رهي ٿي انهن جي حفاظت پاڻ ڪري ٿو. جيڪڏهن هڪ سيڪنڊ به حفاظت ڇڏي ته دنيا درهم برهم ٿي وڃي.
    تعلق : سڀني آفتن ، خوفن نفس ۽ سڌ جي غلبي کان ان جي پناهه وٺي .
    تخلق: شريعت جا حڪم ۽ حدون نگاهه ۾ رکي ماسويٰ الله جي يادگيري کان محفوظ رکي عاجزن دردمندن تي هٿ رکي انهن جي نگھباني ڪري. (م_ر)


    المُقيتُ = قوت ڏيندڙ

    المُقيتُ = قوت ڏيندڙ
    دل ۽ بدن جي غذا پيدا ڪرڻ وارو دل (روح) جي غذا معرفت الاهي ۽ بدن جي غذا خوراڪ آهي (حضرت بحواله غزالي)
    تعلق: روح ۽ بدن جي قوت ان کان گھري (م_ر).
    تخلق : پکين کي طعام کارائي غافلن کي ارشاد ڪري پنهنجي نفس جي حال تي واقف هجي.


    اَلحسيبُ = ڪفايت ڪندڙ حساب وٺندڙ

    اَلحسيبُ = ڪفايت ڪندڙ حساب وٺندڙ
    اهڙو ڪافي جيڪڏهن ڪنهن جي ڪفايت ڪري ته ان کي ٻي ڪا حاجت نه رهي . قيامت جي ڏينهن حساب وٺندڙ اهڙو حساب وٺي جو ساهه به ڳڻي ٿو.
    تعلق: الله کي ڪافي سمجھي ان تي توڪل ڪري ۽ پنهنجا قول ۽ فعل سُٺا ڪري پنهنجي وجود تي تڪبر نه ڪري پنهنجي ڪمن تي فخر نه ڪري.
    تخلق: احتياج وارن جي ڪمن جي پورائي ڪري پنهنجي نفس کان حساب وٺي ان کان اڳ جو کانئس حساب وٺجي.


    اَلجَلِيلُ = وڏو بزرگ

    اَلجَلِيلُ = وڏو بزرگ
    جليل جي معنيٰ وڏو بزرگ ، اسماءُ الحسنيٰ ۾ ٽي اسم بزرگ جي معنيٰ سان آيل آهن. (1) جليل، (2) ڪبير، (3) عظيم. امام غزالي ٽنهي اسمن ۾ هن طرح فرق لکيو آهي ڪبير ذات ۾ ڪامل ، جليل صفات ۾ ڪامل ۽ عظيم ذات ۽ صفات ۾ ڪامل کي چئبو . (شرح)
    تعلق:ڄاڻي ته جليل برحق ۽ جليل مطلق الله جي ذات آهي ان ڪري ڪنهن ٻئي جي تعظيم نه ڪري.
    تخلق: پنهنجي نفس کي ڪمال سان موصوف ڪري باطني صفتن کي دريت ڪري بداخلاقين کان باز اچي تاڪه جليل ۽ جميل ٿئي الله تعاليٰ ۽ سندس مخلوق کيس دوست رکن . (حضرت شيخ)


    اَلکَريمُ = اهڙو سخي جو بغير طلب عطا ڪري

    اَلکَريمُ = اهڙو سخي جو بغير طلب عطا ڪري
    اها ذات جيڪا پنهنجن دشمنن تي به قادر هجي پر معاف ڪري وعدو ڪري ته پورو ڪري . عطا ڪري ته اميد کان به وڌيڪ ڏئي ۽ کيس اها به پرواهه نه هجي ته ڪنهن کي ٿو ڏيان ۽ اهو شخص غير ڏانهن احتياج ڪري ته ناراض ٿو ٿئي بي فرماني ڪري ته معاف ڪري جيڪو کانئس پناهه گهُري ته پناهه ڏئي، جنهن جي در تي وڃڻ جي ڪنهن وسيلي ۽ سفارش جي ضرورت نه هجي.
    تعلق : ڪرم، سخا، شر جو وظيفو ڪري وٺي ۽ ڪريم جي دوستي دل ۾ رکي.
    تخلق : ڪرم ۽ سعيو ڪري ان سان موصوف ٿيڻ لاءِ ڏک ڪاٽي (م_ر)


    الرَّقيبُ = نگھبان

    الرَّقيبُ = نگھبان
    رقيب اهو آهي جيڪو پنهنجي شين کي اهڙي نظر ۾ رکي جو ڪڏهن به اکين کان اوجھڙ نه ٿين.
    تعلق: ظاهر ۽ باطن ۾ رب ڪريم کي پنهنجو نگھبان سمجھي ۽ ان جي نافرمانين کان پاسو ڪري.
    تخلق: نفس۽ شيطان کان غافل نه ٿئي متان هو پنهنجو ڪم ڪري وٺن. الله سان پنهنجي تعلق قلبي جي هر طرح حفاظت ڪري اهو راضي ڪري.


    المُجيبُ = قبول ڪرڻ وارو

    المُجيبُ = قبول ڪرڻ وارو
    سائلن جي مدد ڪرڻ وارو بيڪسن جو حاجت روا محتاج جي حاجت کان پهرين روائي جا اسباب پيدا ڪندڙ (حضرت ۽ غزالي)
    تعلق : امر ۽ نهي ۾ رب ڪريم جو حڪم مڃي
    تخلق : امر ۽ نهي جو ٻانهن سان اظهار ڪري جيڪڏهن ڪو سائل سوال ڪري ته سوال پورو ڪري جي نه ڪري سگھي ته نرميءَ سان جواب ڏئيس.


    اَلواسِعُ = ڪشادو

    اَلواسِعُ = ڪشادو
    ذات ۽ صفات ۾ ايترو وسيع هجڻ جنهن جو عقل احاطو نه ڪري سگهي .
    تعلق : الله تعاليٰ کي ذات ۽ صفات ۾ وسيع ڄاڻي . جھل ، عجز احتياج جي تنگي ۾ ان کان پناهه گھُري.
    تخلق : علم معرفت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري . سخا ۽ احسان ڪري سينو ڪشادو رکي دل ۽ هٿ کي فراخ رکي جاهلن جي ايذاءَ کان تنگ نه ٿئي ڪا شئي ڪنهن کان نه رکي سڀ ڪنهن سان هر طرح ڪشادو رهي.


    الحکيمُ = شين جي حقيقت انهن جي جوڙ جي حقيقت کي ڏاهپ وارو ڄاڻندڙ

    الحکيمُ = شين جي حقيقت انهن جي جوڙ جي حقيقت کي ڏاهپ وارو ڄاڻندڙ
    تعلق: الله تعاليٰ جي هر حڪم تي راضي هجي ان جي ڪنهن ڪم تي اعتراض نه ڪري شين جي حقيقت ڄاڻن لاءِ اسم حڪيم ڏانهن متوجه ٿئي.
    تخلق: معرفت الاهي حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪري بيهودو نه ڳالهائي ناداني ۽ بيوقوفي کان پاسو ڪري.


    اَلوَدُودُ = دوست رکندڙ

    اَلوَدُودُ = دوست رکندڙ
    دوست رکندڙ فرمانبردار ٻانهن ۽ صالحن کي دوست رکيل محبوب ولين جي دلين جو.
    تعلق: اسم جي معنيٰ سان ظاهر آهي .
    تخلق : ديندارن جو دوست هجي جا چڱائي پنهنجي لاءِ گھري سا پنهنجي مؤمن ڀاءَ لاءَ به گھُري. (م_ر)


    اَلمَجِيدُ = بزرگ

    اَلمَجِيدُ = بزرگ
    جنهن ذات شريف ، افعال جميله هجن عطا بي انتها هجي اهو مجيد آهي.
    تعلق: الله جي حمد ۽ ثناءَ بجا آڻي سندس نعمت بخشش جو شڪرانو نه ڇڏي. (م_ر)
    تخلق : اخلاق سُٺا ڪري عطائن ۽ بخشش سان خلق کي فيض فائدو ڏئي . (م_ر)


    الباعِثُ = اٿاريندڙ

    الباعِثُ = اٿاريندڙ
    اٿاريندڙ ميت کي قبر مان جاڳائيندڙ ننڊ مان ۽ موڪليندڙ ڪنهن کي ڪنهن ڪم ٿي.
    تعلق: غضب جي ننڊ مان جاڳائي ۽ هوشيار ٿئي. نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جي نافرماني مان بيزار ٿئي . قيامت جو ڏينهن ياد ڪري پاڻ کي آخرت جي ڪم ۾ مشغول ڪري.
    تخلق: مئل دليون جُهل جي قبر مان اٿاري علم سان ابدي حياتي جو سبب آهي. جيئريون ڪري غافلن کي غلفت جي ننڊ مان جاڳائي هوشيار ڪري خلق ڏانهن تعليم ۽ ارشاد لاءِ خط موڪليندو رهي.


    الشهيدُ = حاضر موجود.

    الشهيدُ = حاضر موجود.
    حق سبحانھ وتعاليٰ حاضر ۽ شاهد آهي ، ظاهر ۽ باطن تي ڏٺل نه ڏٺل تي شاهدي ڏيندڙ آهي قيامت جي ڏينهن خلق جي عملن تي ۽ احوالن تي ۽ شاهد آهي پنهنجي وحدانيت تي ۽ شاهد آهي ڪُل نبين (عليهم السلام) تي اُهي نبي ڪريم صلي الله عليھ وسلم تي ايمان آڻيندا .
    تعلق: حق تعاليٰ جي وقف ۽ حضر هجڻ واري پنهنجي عملن تي ان جي حاضر هجڻ ۽ شاهدي ڏيڻ کان بي خبر نه ٿئي . رسول الله صلي الله عليھ وسلم جي اچڻ ۽ ان شاهدي تي ايمان رکندڙ هجي.
    تخلق: پنهنجي اندر کي بغض ، حسد ۽ ڪيني کان پاڪ رکي تاڪه دينا ۽ آخرت ۾ شاهدي جي لائق ٿئي. الله تعاليٰ جي هيڪڙائي ۽ نبين عليهم السلام جي ٻولن تي شاهد هجي.


    الحق = سچ ، ثابت

    الحق = سچ ، ثابت
    حق جي معنيٰ آهي ثابت ۽ موجود حق جو مقابل آهي باطل ان جي معنيٰ آهي ڪوڙو ڏيک يا ٺڳي. (شرح)
    هستي هڪ الله جي آهي ٻي سڀ موجود امڪان جي حيثيت ڪري معدوم آهي ناچيز نسبت آهي (م_ر).
    تعلق: الله کان سواءِ هر شئي باطل تصور ڪري فقط الله تعاليٰ کي حق ۽ باقي تصور ڪري .
    تخلق : مستحق ٿئي حق جي متابعت سان جا نبوي شريعت آهي ۽ ان مان نور ۽ حضور دل حاصل ڪري جنهن سان حق تعاليٰ جي يادگيري ۾ مستغرق ٿئي ۽ حقانيت جي معنيٰ سان موجود ٿئي.


    اَلوَکِيل = جنهن جي حوالي ڪم ڪيا وڃن.

    اَلوَکِيل = جنهن جي حوالي ڪم ڪيا وڃن.
    جنهن جي هٿ ۾ سڀ ڪم ڪري ڇڏجن ۽ تصوف جي واڳ ان جي هٿ ۾ ڏجي ۽ هو انهن ڪمن کي قبول ڪري ڇو ته ٻانهن جا اُمور الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهن. هو قادر به آهي رحيم به آهي.
    تعلق: سڀ ڪم ان جي حوالي پاڻ ان جي اختيار ۾ تدبير تي متوڪل رهي . ٻئي جي مدد وٺڻ بجاءِ هڪ الله کان مدد گھُري.
    تخلق: هيڻن ۽ عجزن جي ڪمن ۾ سعيو ڪري انهن جي پوري ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪري انهن جي مطالبي کي سرانجام ڏيڻ ۾ اهڙو ٿئي ڄڻ سندن وڪيل هجي. پنهنجي نفس تي خدا تعاليءِ جي طرفان وڪيل ٿئي. الاهي حقن پوري ڪرڻ ۾ نفس سان جھيڙو ڪري.


    القويُّ _ المتين = قوت وارو _ نهايت ڏاڍو

    القويُّ _ المتين = قوت وارو _ نهايت ڏاڍو
    قوي مان مراد پوري طاقت وارو ، متين مان مراد سخت طاقت وارو،
    تعقل: سڀني ڪمن ۾ قوت ۽ مدد ان کان گھُري پاڻ کي ۽ ٻين کي جو ان جو مطيع ڄاڻي بي ادبي ۽ جُرات وقت ان جي قوت ۽ قدرت کان ڊڄي .
    تخلق: نفس جي سڌ تي غالب هجي دين ۾ سخت هجي شرعي حڪمن جاري ڪرڻ ۾ سستي کي پاڻ تي غالب ڪرڻ نه ڏئي.
    نفس ڪافر ڪيش را بر خويشتن سلطان مَڪُن
    دشمن ست او هرچه فرمايد آن ڪُن آن مَڪُن
    نفس ڪافر مذهب واري کي پاڻ تي بادشاهه نه ڪر، ڇو ته اهو دشمن آهي، جيڪي چوي ته اهو ڪر اُهو نه ڪر.


    اَلوَليُّ = وارث دوست ، حمايت ڪندڙ

    اَلوَليُّ = وارث دوست ، حمايت ڪندڙ
    الولي جي معنيٰ محبت رکندڙ مدد ڏيندڙ، الله تعاليٰ جو مؤمنن سان محبت رکندڙ ۽ مدد ڏيندڙ آهي . (م_ر)
    ذَالِکَ بِاَنَّ اللهَ مَوۡلَي الَّذِيۡنَ اٰمَنُو وَ اَنَّ الۡکٰفِرِيۡنَ لَا مَوۡليٰ لَهُمۡ (سورة مُحمد)
    تعلق: سڀني ڪمن ۾ ان کان مدد گھُري ان جي دوستي ۽ حجت تي شڪرانو ڪري. (م_ر)
    تخلق: الله جي دوستن کي دوست رکي انهن جي مدد ڪري ۽ الله جي دشمنن سان دشمني رکي (الله جي دشمنن مان مراد نفس جيڪو انسان جي اندر آهي) . (غزالي ، حضرت) .. بيروني دشمن دشمنانِ اسلام آهن. (غزالي، حضرت)


    اَلحَمِيدُ = ساراهيل

    اَلحَمِيدُ = ساراهيل
    حميد معنيٰ تعريف ڪيل ، الله تعاليٰ پنهنجي ذات پاڪ لاءِ ازل کان تعريف ڪندڙ آهي. ۽ پنهنجي مقرب ٻانهن جي ساراهه ڪندڙ آهي.
    تعلق : سڀني وقتن ۽ حالتن ۾ حق تعاليٰ جو حمد ڪندڙ هجي چڱائي ۽ نيڪي جي اميد مخلوق سان ڇني خالق سان ڳنڍي. رياءَ کان بچي. (م_ر)
    تخلق: ڪماليت حاصل ڪرڻ لاءِ سعيو ڪري حميد جو مظهر اهو هوندو جنهن جا عقائد، اخلاق، اعمال ۽ اقوال محمود هجن. ان ۾ ڪنهن قسم جي مير نه هجي هي خوبي سيد المرسلين صلي الله عليھ وسلم ۽ ٻين نبين سڳور عليهم السلام کان سواءِ اولياءَ ڪرام ۽ علماءَ عظام ۾ پنهنجي پنهنجي درجي ۾ موجود آهي.


    اَلمُحصي= ڳڻيندڙ

    اَلمُحصي= ڳڻيندڙ
    اها ذات جيڪا پنهنجي معلومات جو پوري طرح احاطو ڪري ۽ محصي مطلق اهو آهي جنهن جي علم ۾ هر معلوم جي حد ۽ ڳڻپ غرض ته هر حالت جو پورو نقش هجي انسان اهڙي قسم جو علم پهچائڻ ۾ عاجز آهي ان لاءِ محصي فقط رب جي ذات آهي. (حضرت ، غزالي)
    تعلق: حفظ ۽ علم ۾ رکي هي ڳالهه ته الله تعاليٰ جو علم سڀني علمن، احوالن، جزئين، کي شامل آهي ۽ آخرت جي حساب کان غافل نه هجي. معاش ۽ معاد جو حساب وٺي.
    تخلق: پنهنجا عمل ڳني هن کان اڳ جو ڳڻجنس . نفس سان ليکو ڪري پنهنجي ظاهر ۽ باطن جي عملن تي واقف هجي.


    اَلمُبدِيُ _ اَلمُعِيدُ = خلقيندڙ _ نئون پيدا ڪندڙ

    اَلمُبدِيُ _ اَلمُعِيدُ = خلقيندڙ _ نئون پيدا ڪندڙ
    انسان کي الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي ٻيهر مرڻ بعد اهوئي اٿاريندو سڀ شئي جي ابتدا ان کان ٿي ۽ انتها ان وٽ ٿيندي.
    تعلق: سڀ ڪنهن حال ۾ ان جو شڪرانو ڪري ۽ معاش جي نعمت جي شڪراني سان هن جهان جي حياتي آهي . (م_ر) .
    تخلق: هر معاملي ۾ الله کان سواءِ ٻئي طرف نه وڃي ڇوته نظام عالم جي ابتدا ۽ انتها ان جي قبضي ۾ آهي. لهٰذا جيڪو ملندو ان کان ملندو . (حضرت).


    اَلمُحي _ اَلمُمِيتُ = زنده ڪرڻ وارو _ مارڻ وارو

    اَلمُحي _ اَلمُمِيتُ = زنده ڪرڻ وارو _ مارڻ وارو
    موت حياتي جوپ مالڪ الله تعاليٰ آهي . لهٰذا مُحي (زنده ڪرڻ وارو) مُميت (مارڻ وارو) الله کان سواءِ ڪوبه ڪونهي
    تعلق: حياتي ابدي حاصل ڪرڻ لاءِ حياتري فاني کي صرف ڪرڻ سان حياتي نعمت جو شڪرانو بجا آڻي. جيئڻ ۽ مرڻ ۾ ڪنهن سبب کي حقيقي مؤثر نه ڄاڻي.
    تخلق: خدائي معرفت سان دل جي جيارڻ ۾ ڪاوڙ ۽ سڌ واري قوت سان نفس سان سعيو ڪري. طالبن ۽ مريدن جون دليون هدايت جي نور سان جيئريون ڪري ۽ انهن جا نفس گمراهي جي اونداهي سان ماري.


    الحَيُّ = جيئرو

    الحَيُّ = جيئرو
    الحي جي معنيٰ جيئرو جنهن تي ڪڏهن موت نه اچي.
    تعلق: الله تعاليٰ کي هميشھ جيئرو ڄاڻي مٿس توڪل ڪري.
    تخلق: ان سان ۽ ان جي يادگيريءَ سان جيئرو هجي ته هرگز نه مري.


    اَلقَيُّومُ = پاڻ پنهنجي ذات سان قائم

    اَلقَيُّومُ = پاڻ پنهنجي ذات سان قائم
    پنهنجي غير کي پنهنجي ذات سان قائم رکندڙ ۽ جيئرو ڪندڙ آهي.
    تعلق: حق تعاليٰ کي شين کي قائم ۽ جيئرو ڪندڙ ڄاڻي توڪل جي پاڇي ۾ حياتي گذاري (م_ر)
    تخلق: ماسويٰ الله کان بي نياز ٿيڻ جي قدر موجب ماڻهن جي مدد ڪري.


    الواجدُ = حاصل ڪندڙ

    الواجدُ = حاصل ڪندڙ
    پنهنجي صفات الوهيت ۽ ان جي ڪمال ۾ جيڪي شيون شرط آهن انهن کي حاصل ڪرڻ وارو الله تعاليٰ کان سواءِ ڪوبه پنهنجي صفتن ۾ ڪامل ڪونهي . اگر هڪ شئي موجود هوندي ته ٻي جي ضرورت به هوندي. (حضرت)
    تعلق: حقل تعاليٰ جي مراد ۾ هجي احتيجا خاص ان ڏي رکي ان جي ڄاڻن ۽ علم کان خبر وارو هجي.
    تخلق: جن ڪماليتن جي حاصل ڪرڻ کان سواءِ گذارو ناهي ان کان ڪوشش ڪري مقصد لهندڙ ٿئي. الله جي مهرباني سان ماسويٰ الله کان بي نياز ٿئي.


    الماجِدُ = بزرگ

    الماجِدُ = بزرگ
    ماجد جي معنيٰ مجيد جي آهي هي جيڪا اڳ ۾ گذري چڪي آهي . (حضرت ، غزالي)


    الواحدُ _ اَلاَحَدُ = هِڪڙو _ اڪيلو

    الواحدُ _ اَلاَحَدُ = هِڪڙو _ اڪيلو
    اها ذات جنهنجي تقسيم نه ٿئي.
    تعلق : الله تعاليٰ هڪڙو آهي ڪماليتن وارين صفتن ۾ ساڻس ڪو شريڪ ڪونهي پوءِ خاص ان ڏانهن متوجه ٿئي. ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪري.
    تخلق: جيئن الله تعاليٰ الوهيت ۾ هڪڙو آهي تيئن هي به عبوريت ۾ هڪڙو ٿئي هڪ مُهون ، هڪ طرف ، هڪ دليو ٿئي .(م_ر)


    الصَّمَدُ = بي نياز

    الصَّمَدُ = بي نياز
    اها ذات جنهن ڏانههن سڀني حاجتن لاءِ شوق سان رجوع ڪري.
    تعلق: جڏهن اهڙي ذات بي نياز اسان جي حاجت لاءِ موجود آهي ته بندي کي گھرجي ته ٻئي جي دروازي تي نه وڃي.
    تخلق: محتاجن جي ڪم ٺاهڻ ۾ ۽ طالبن جي حاجتن پوري ڪرڻ ۾ ڪوشش ڪري.


    القادرُ _ المُقتَدِرُ = سگھارو _ سگھه ڏيندڙ

    القادرُ _ المُقتَدِرُ = سگھارو _ سگھه ڏيندڙ
    ٻنهي جي معنيٰ قدرت وارو پر مقتدر ۾ مبالغو آهي يعني گھڻي قدرت وارو ، قادر اها ذات جيڪو ڪم وڻيس نه ڪري وڻيس ته ڪري.
    تعلق: الله تعاليٰ کي قدر باڪامل ڄاڻي سندس گھر کان خوف کائي لطف ۽ مهربانيءَ ۾ اميدوار هجي سندس حڪم ۽ ارادي کي قبول ڪري. (م_ر) جيڪڏهن ڪو رنجائيس ته بدلو نه وٺي الله تعاليٰ کي بهتر بدلو وٺندڙ ڄاڻي . (م_ر)
    تخلق : قادر هجي نفس جي مخالفن تي، شيطان جي گمراهي کان منع ڪرڻ تي طبعيت جي سڌن ڏانهن لاڙي کي روڪڻ تي .


    اَلمُقَدِمُ _ اَلمُؤَ خّرُ = اڳتي ڪرڻ وارو _ پوئتي ڪرڻ وارو.

    اَلمُقَدِمُ _ اَلمُؤَ خّرُ = اڳتي ڪرڻ وارو _ پوئتي ڪرڻ وارو.
    هر شئي کي مرتبي ۾ اڳتي ڪرڻ وارو هي تقدم ۽ تاخر بندخي جي علم ۽ عمل جي ڪري نه آهي بلڪه الله تعاليٰ جنهن کي چاهي پنهنجي مخص مصالح جي ڪري اڳتي ڪري.
    تعلق: جڏهن تقديم تاخير خدا وٽان آهي تڏهن پنهنجي عملن تي اعتماد نه ڪري بلڪه الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ڏي نظر ڪري . (م_ر)
    تخلق: چڱن ڪمن ۾ اڳرائي ڪرڻ سان پاڻ کي اڳتي ڪري نفس ۽ شيطان ٻيو به جيڪو خدا کان منع ڪندڙ هجي ان کي پوئتي ڪري. جنهن کي الله تعاليٰ اڳتي ڪيو آهي ان کي ويجھو ڪري جنهن کي پري ڪيو اٿس ان کي پري ڪري. (م_ر)


    اَلاَوَّلُ _ اَلآخِرُ = سڀ کان پهريون _ سڀ کان پوءِ

    اَلاَوَّلُ _ اَلآخِرُ = سڀ کان پهريون _ سڀ کان پوءِ
    الله جي وجود جي ڪابه ابتدا ڪانهي ۽ ڪابه انتها ڪانهي.


    اَلظّاهِرُ _ اَلبَاطِنُ = پڌرو _ ڳجھو

    اَلظّاهِرُ _ اَلبَاطِنُ = پڌرو _ ڳجھو
    الله تعاليٰ بذريعه حواسن جي سڃاڻن کان مخفي آهي اگر استقلالِ عقلي سان سڃاڻي ته بلڪل ظاهر آهي.
    تعلق ۽ تخلق : پنهنجي ابتدا ۽ انتها ۾ غور و فڪر ڪري پنهنجي ظاهر ۽ باطن جي اصلاح ڪري .


    اَلوَالِي = دوست

    اَلوَالِي = دوست
    الله تعاليٰ ٻانهن جي ڪمن جو متولي سڀني جو مالڪ آهي، والي ورتل آهي ولايت کان ۾ هي ٽي صفتون هجڻ گھُرجن، تدبير، قدرت، فضل.
    تعلق: الله تعاليٰ جي امر جي فرمانبرداري لازم ڄاڻي.
    تخلق: پنهنجي وجود جي ولايت کي شريعت جي حڪم جي اري ڪرڻ سان مضبوط ڪري. ماڻهن جنن ۽ شيطانن جي اثر کان محفوظ رکي پنهنجي وجود جو والي هجي.


    اَلمُتَعَالِي = نهايت بلند

    اَلمُتَعَالِي = نهايت بلند
    سڀني والين کان مٿانهين قدر وارو سڀني آفتن نقصانن کان مٿانهون عالي ۽ متعالي علي کان مبالغي ۾ زياده آهن. تعلق ۽ تخلق اسم علي ۾ گذري چڪو آهي.


    اَلبَرُّ = چڱائي ڪندڙ

    اَلبَرُّ = چڱائي ڪندڙ
    حقيقي نيڪي ۽ احسان ڪندڙ الله تعاليٰ جي ذات بابرڪات آهي سندس چڱائي بيان جي حد کان ٻاهر آهي.
    تعلق : الله تعاليٰ جي نيڪي رسائڻ جو شڪريو ادا ڪري.
    تخلق: الله تعاليٰ جي خلق سان نيڪي ڪري خصوصاََ ماءَ پيءَ مٽن مائٽن پاڙيوارن حقدارن غير حقدارن سڀني سان.


    اَلتَّوابُ = رحمت ڏي رجوع ڪندڙ

    اَلتَّوابُ = رحمت ڏي رجوع ڪندڙ
    اصل توبه جي معنيٰ موٽڻ آهي جيڪڏهن نسبت بندي ڏي ڪبي ته گناهن ۽ نافرمانين کان موٽڻ مراد وٺبي ۽ جي الله ڏي نسبت ڪبي ته رحمت سان موٽڻ ۽ توبه جي توفيق ڏيڻ مراد وٺبي. (م_ر)
    تعلق: هميشه اميد جو دروازو کولي رکي نا اميدي جو دروازو بند ڪري، الله تعاليٰ کان توبه جي توفيق گھُري.
    تخلق : بانهن جي لغزشن کي معاف ڪري ۽ جي عذر ڪن ته توبه ڪن ته معاف ڪري احسان ۽ انعام سان انهن ڏانهن موٽي (م_ر)


    اَلمُنتَقِمُ = انتقام وٺندڙ

    اَلمُنتَقِمُ = انتقام وٺندڙ
    دشمنن کي ڊيڄاري ، دفع عذر ڪري ڪافي مهلت ڏئي ان بعد مخالفن کي سخت سزا ڏئي.
    تعلق : الله تعاليٰ جي سزا ڏيڻ کان ڊپ وارو هجي نافرمانين کان پاسو ڪري.
    تخلق : شريعت جي حڪمن جاري ڪرڻ ۾ سستي نه ڪري دسين جي دشمنن کي سزا ڏئي سڀ کان وڏو دشمن نفس اماره آهي.. ان جي سزا آهي ان کي شريعت جو زوري تابع ڪرڻ.


    العفُو = درگذر ڪندڙ

    العفُو = درگذر ڪندڙ
    اها ذات جيڪا براين کي نيست ۽ نابود ڪري ۽ گناهن کي درگذر ڪري.
    تعلق : ٻانهو توڙي جو گنهگار هجي ته پڻ پروردگار جي عفو ۾ اميدوار رهي.
    تخلق : ماڻهن جيڪي سندس گناهه ڪيا هجن تن سان عفو وارو معاملو ڪري.


    الرَّؤُف = نرمي ڪندڙ

    الرَّؤُف = نرمي ڪندڙ
    رؤف ورتل رافت مان جنهن جي معنيٰ آهي ڏاڍي رحمت ۽ گھڻي ٻاجهه.
    تعلق ۽ تخلق اسم رحمان ۾ گذري چڪو آهي.


    مالِکُ المُلک = مالڪ بادشاهي جو

    مالِکُ المُلک = مالڪ بادشاهي جو
    اها ذات جيڪا پنهنجي بادشاهي ۾ جيڪو چاهي حڪم ڪري خواه اهو حڪم ڪنهن موجود جو هجي يا معدوم جو بقا جو هجي يا فناءَ جو.
    تعلق ۽ تخلق اسم ملڪ ۾ گذري چڪو آهي


    ذُوالجلالِ وَالاِکرام = بزرگي ۽ عزت وارو

    ذُوالجلالِ وَالاِکرام = بزرگي ۽ عزت وارو
    الله تعاليٰ اها ذات ذوالجلال آهي جنهن کان سواءِ نه ڪنهن جو جلال آهي نه ڪنهن جو ڪمال آهي ۽ الله تعاليٰ ذوالاڪرام به آهي يعني جهان ۾ جيڪا عزت تعظيم آهي اها خدائي قدوس وحده لا شريڪ لھ کان آهي.
    تعلق : الله تعاليٰ جي وڏائي سڃاڻي سندس در اڳيان نوڙت ۽ هيٺاهين ڪري ان جيڪي عزت ڏني آهي ان جو شڪر ادا ڪري.
    تخلق : ٻانهن کي جيڪا شرف ڪماليت جي بزرگي حاصل آهي سا حاصل ڪري.


    اَلمُقسِطُ = عدل ڪندڙ

    اَلمُقسِطُ = عدل ڪندڙ
    ظالم کان مظلوم کي حساب وٺي ڏيندڙ جيئن قيامت جي ڏينهن ظالم ۽ مظلوم ٻنهي کي راضي ڪندو مظلوم کي پنهنجي طرفان ڏيندو جيئن حديث شريف ۾ آهي.
    تعلق ۽ تخلق اسم عدل ۾ گذري چڪو آهي.


    اَلجامِعُ = گڏ ڪندڙ

    اَلجامِعُ = گڏ ڪندڙ
    هڪ جهڙي مخلوقات جيئن انسان حشر ۾ گڏ ڪندو ۽ پڻ زمين تي انسان ، چرند پرند وڻ ٻوٽا گڏ ڪندو.
    تعلق: فڪر ڪري الله تعاليٰ جي عجيب مخلوقن جي گڏ ٿيڻ جو (م_ر).
    تخلق: گڏ ڪري علم ۽ عمل ڪماليتون نفساني ۽ جسماني حق تعاليٰ جي سڃاڻ واريون صفتون.


    اَلغني _ الَمُغنِي = بي پرواهه _ بي پرواهه ڪندڙ

    اَلغني _ الَمُغنِي = بي پرواهه _ بي پرواهه ڪندڙ
    غنا جي معنيٰ بي پرواهه ٿيڻ، الله تعاليٰ جي ذات صفات ۽ افعال ۾ بي پرواهه آهي باوجود ان جي هُو پنهنجي ٻانهن کي غني ڪرڻ وارو آهي جو غير جي غني ڪرڻ سان ٿئي . اهو غني مطلق نٿو ٿي سگھي واقع اهو محتاج غير آهي مطلق صرف الله جي ذات آهي.
    تعلق : حق تعاليٰ کي بي نياز ڄاڻي پنهنجون حاجتون ان اڳيان پيش ڪري ۽ ان کي بي نياز ڪندڙ ڄاڻي ٻئي ڪنهن ۾ طمع نه رکي ۽ نه سوال ڪري صرف ان کان . (م_ر)
    تخلق : خلق کان بي نياز ٿئي اسم غني کان خُلق وٺندڙ ٿئي محتاجن جي مدد ڪري جيترو ٿي سگھي مسڪينن کي ڏئي سوال کان بي نياز ڪرين ته اسم مغني مان ڀاڱو مليس.


    اَلمُعطي _ اَلمانِعُ = عطا ڪندڙ _ منع ڪندڙ

    اَلمُعطي _ اَلمانِعُ = عطا ڪندڙ _ منع ڪندڙ
    يعني الله تبارڪ وتعاليٰ جنهن کي گھُري تنهن کي ڏئي ۽ جنهن کي نه گھُري تنهن کي نه ڏئي
    تعلق : الله تعاليٰ کي ڏيندڙ ڄاڻي سندس ڏيڻ ۾ اميدوار هجي ۽ سندس نه ڏيڻ ۾ ڊپ رکندڙ هجي.
    تخلق: لائق ۽ حقدارن کي ڏئي فاسقن ۽ ظالمن کي نه ڏئي.


    اَلضَّارُ _ اَلنَّافِعُ = ضرور ڏيندڙ _ نفعو ڏيندڙ

    اَلضَّارُ _ اَلنَّافِعُ = ضرور ڏيندڙ _ نفعو ڏيندڙ
    يعني خلقيندڙ چڱي ۽ مٺي جو نفعي ۽ ضرر جو خاص الله تعاليٰ پيا ڪندڙ درد ۽ دوا جو نه دوا پنهنجي ذات ڪري نافع نه زهر پنهنجي ذات ڪري قاتل، الله تعاليٰ انهن کي سبب ڪري ٺاهيو آهي.
    تعلق: ضرر ۽ نفعو الله تعاليٰ کان ڄاڻي ۽ اسباب جي عالم کي هن جي قدرت هيٺ سمجھي.
    تخلق : شريعت ۽ امر الاهي سان دين جي دشمنن کي ضرر رسائي دين جي دوستن کي نفعو ڏئي.


    اَلنُّورُ = روشن

    اَلنُّورُ = روشن
    جيڪو پاڻ ظاهر ۽ ٻين کي ظهور جو سبب بڻجي اهو نور آهي . ڪُل موجودات کي عدم مان وجود ۾ آڻيندڙ رب العالمين آهي لهٰذا اسم نور جو مستحق به اهو آهي. (حضرت)
    تعلق: تبعيت جي اوڻائين ۽ نفس جي ڪدورتن کان نڪري هدايت جي قنديل ۽ شريعت جي ڏيئي مان نور حاصل ڪري ، شيطان ۽ نفساني خطرن کي رحماني ۽ ملڪاني کان جُدا ڪري ، جيڪو ظاهر شريعت جي علم ۽ ادبن جي رعايت ڇڏيندو ان جي دل تي حقيقت جو نور نه ايندو.
    تخلق: ايمان ۽ معرفت جي نور مان روشن هُجي ، دين جا حڪم ظاهر ڪندڙ هُجي، رياضت، مجاهدي، تزڪيي، تصفيي سان نور ۾ فنا ٿي بشريت جون اونداهيون فنا ڪري.


    الھادِي = هدايت ڪندڙ

    الھادِي = هدايت ڪندڙ
    سڀني پانڌيئيڙن کي واٽ الله ٿو ڏيکاري جيڪو دنيا جي واٽ وٺي ٿو ان کي ڏيکاري ٿو ۽ جيڪو آخرت جي واٽ وٺي ان جي رهنمائي فرمائي ٿو. جيڪو الله تعاليٰ جي قرب جي واٽ وٺي تنهنکي عنايت جي جزبن ۽ ڪشش جي واٽ ڏيکاريندو آهي.
    تعلق ۽ تخلق = نبي ۽ ولي آهن جيڪي سڌي واٽ ڏي رهنما آهن .


    البديع = عجيب _ بينظير

    البديع = عجيب _ بينظير
    بي مثل ۽ بينظير الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي ، بديع جي معنيٰ نئون پيدا ڪندڙ پڻ آهي.
    تعلق : عجائب مخلوقات مان جنهن ڏي نگاھ ڪري دل خدا تعاليٰ بي_مثل بينظير ڏي متوجهه ڪري جنهن ان کي پيدا ڪيو آهي.


    اَلباقِي = هميشه رهندڙ

    اَلباقِي = هميشه رهندڙ
    الله تعاليٰ هميشه رهڻ وارو آهي ۽ هرگز فاني نه ٿئي.
    تعلق : حق تعاليٰ جي پرتوي ۾ پاڻ کان فاني ٿئي ۽ غير جي لاڳاپي کان دل کي نگاھ ۾ رکي.
    تخلق : اهڙي ڪماليت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جيڪا ٻنهي جهانن ۾ باقي رهي ۽ حق تعاليٰ جي وڏائيءَ ۾ فاني ٿئي ته ابدي حياتيءَ سان باقي رهي. (م_ر)


    الوارِث = وارث

    الوارِث = وارث
    زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي شيون آهن سڀ الله تعاليٰ جي ملڪيت آهن بندي تي صرف بعض شين ۾ تصرف ڪرڻ جو اختيار آهي.
    تعلق: ملڪ ۽ مال ۽ ورثي جي خيال ۾ نه هُجي ، ڄاڻي ته سڀ ڪجهه هتي ڇڏڻو آهي.
    تخلق : ديني علم ۽ معرفتون حاصل ڪري ته نبين جو وارث ٿئي.


    الرَّشِيدُ = ارشاد ڪندڙ

    الرَّشِيدُ = ارشاد ڪندڙ
    جنهن جا قول ۽ فعل سنئين واٽ تي هُجن حڪم سندس تمام پورا ۽ محڪم هُجن ڪڏهن سندس ڪم ۾خلل نه پوي .
    تعلق : الله جا سڀ امر سڌا ڄاڻي، ان جي ابتڙ گمراهي سمجھي. تقدير الاهي سان جيڪي حادثا پيش اچن انهن تي راضي رهي .
    تخلق : الله تعاليٰ جي خلق جو سونهون (رهنماء، اڳواڻ ) ٿئي. ديني ۽ دنوي معاش ۽ معاد جي چڱاين ۾ خلق کي شريعت ، طريقت ۽ حقيقت سان معرفت سان واٽ ڏيکاري.


    الصبورُ = گھڻو صبر ڪندڙ

    الصبورُ = گھڻو صبر ڪندڙ
    اُهو جيڪو گنهگارن جي پڪڙ ۾ تڪڙ نه ڪري ، صبور حليم جي معنيٰ کي ويجھو آهي مگر ايترو فرق آهي ته صبور ڄاڻائي ٿو ته صبر ڪيائين مگر آخرت ۾ وٺندو ۽ حليم مطلق آهي ، بعض چون ٿا صبور ۾ عذاب جو ڊپ گھڻو آهي ۽ حليم ۾ عفو جي اميد.
    تعلق : سڀني آزمائشن ۾ ان کان صبر طلب ڪري.
    تخلق : ڪنهن ڪم ۾ تڪڙ نه ڪري، فراق جي رنج ۾ وصال جي اميد سان پناھ وٺي، اشتياق جي درد جو علاج محبوب جي ذڪر سان وٺي ته مقصد کي رسي.


    ختم ٿيو

    شڪر الحمدلله ، الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان اڄ بروز سومر 23 جنوري 2012 تي صبح جو ڏهين وڳي شرح شريف جو ڪم مڪمل ڪرايو، هيءُ سڀ محض سندس فضل آهي نه ته آئون ڪجهه به ناهيان.

    فقير عبدالله ٿهيم.
    خاڪپائي حضرت اقدس مولانا محمد حسن عباسي رحه
    و مشائخِ قادريه


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471377
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188671
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ