ڪتاب جو نالو: مڪليء کان ملاڪا تائين
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 1986
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 280 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 203 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
محترم الطاف شيخ زندگيء جا ڪافي سال ملائيشيا ۾ ً پنهنجي فيملي سان گڏ گذاريا آهن ۽ اتان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهايو پڻ آهي۔ اهوئي سبب آهي جو سندس سان ڪچهري ڪرڻ دوران هو ملائيشيا جو گهڻو ذڪر ڪندو آهي۔ هو اهو به ٻڌائيندو آهي ته ڪيئن هن ملڪ ايڏو جلدي ترقي ڪئي آهي۔ سندس سفرنامو ”مڪليء کان ملاڪا تائين“ به ملائيشيا بابت آهي۔ سنڌي ادبي سنگت سٽي سکر پاران اي بوڪ جي صورت ۾ آندل هن ڪتاب لاء محترم عبداللطيف انصاريء جون ڪاوشون پڻ قابل تعريف آهن۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب مرحوم آصف غيور نالي
  • مهاڳ
  • ملائيشيا جي ڄاڻ
  • هوائي جهاز ۾
  • گهر کان هوائي اڏي ۽ هوائي جهاز تائين
  • اڏام جي ڪنفرميشن (خاطري)
  • ڪولمبو کان ڪولالمپور
  • ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فرق
  • ملائيشيا جو ملڪ
  • گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي ڇاپ واريون بشرٽون
  • هتان هُتان جون خبرون
  • هڪ ئي گهٽيءَ ۾ ڏهه زبانون ڳالهائڻ وارا
  • ملائيشيا ۾ مندر ۽ ٽڪاڻا
  • ملاڪا دي مڊوي- هائوس، ملاڪا ۾ اسلام جي آمد
  • ”گوار بنگالي ملاڪا منجهه“ ”ڇوڪريءَ جي عشق جو نتيجو“
  • ملاڪا ۽ حيدرآباد جو قلعو
  • پورچوگالين بعد ڊچ- ملاڪا ۽ ٺٽي شهر ۾ هڪجهڙئي
  • ”ملايا ۾ هندستان واري ايسٽ انڊيا ڪمپني“
  • ملايا جي سڌرڻ ۾ انگريزن جو حصو
  • ”ملايا تي جپان جو قبضو“ – ”ملايا ۽ سنگاپور جوگڏجڻ ۽ ڌار ٿيڻ“
  • ”بفر اسٽيٽ يا ڊفر اسٽيٽ“
  • ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ
  • روئڻ وارو وڻ
  • پتر گهسيڙو ۽ پيتي سيجوڪ
  • ”ڪردار Verified ناهي“
  • ”ملاڪا ۽ رنگون ۾ پٺاڻ“
  • ”مون سي ڏٺا ماءُ....“
  • ”ماليزا- ڪهڙي عرب لکيو آهي“
  • ”اهڙي به ڇا جلدي“
  • ”Bumiputra – بوميپترا“
  • ملائيشيا جي موسم- نانگ بلائون- حسابن ۾ ڪچي آهيان

  • انتساب مرحوم آصف غيور نالي

    پاڪستان مرچنٽ نيوي جي مشهور شخصيت ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي پئسينجر جهاز سفينئه حجاج جو چيف انجنيئر محمد آصف غيور منهنجو ڀائرن جهڙو ڀاءُ، دوست ۽ ڪلاس ميٽ هو. هو ٽي سال کن اڳ پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ 5 جون 1994ع تي دل جي آپريشن (Open Heart Surgery) دوران گذاري ويو.
    آصف غيور سان منهنجي پهرين ملاقات اپريل 1963ع ۾ چٽگانگ- بنگلاديش (تن ڏينهن ۾ مشرقي پاڪستان) ۾ ٿي. هو به مون وانگر پاڪستان مئرين اڪيڊمي Join ڪرڻ آيو هو. انجنيئرنگ برانچ ۾ هجڻ ڪري اسين هڪ ئي ڪلاس ۾ هئاسين. اسين جهاز جا انجنيئر يعني مئرين انجنيئر ٿيڻ لاءِ هتي تعليم وٺڻ لاءِ آيا هئاسين. پهرين ڏينهن ئي شام جو ڊنر بعد هو مون سان اچي مليو هو. آئون به اڪيلو هوس ڪو به منهنجو اڳ جو سڃاڻو نه هو.ان ڪري مونکي ساڻس ملي خوشي ٿي.
    ”آئون توهانکي پهرين کان سڃاڻان،“ آصف ٻڌايو. مونکي ڏاڍو تعجب لڳو.
    ”ڪيئن؟“ مون پڇيومانس.
    ”منهنجي پڦيءَ جا ٻه پٽ توهان سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هئا. انهن ٻڌايو هوم. هڪ جو نالو خالد دراني آهي ۽ ٻئي جو خيام دراني.“
    خالد ۽ خيام (جن جو والد صاحب مرحوم لياقت دراني جيڪو بعد ۾ ٽي وي جي مزاحيه ڊرامن جو مشهور اداڪار ٿيو)، مونکان هڪ سال جونيئر هئا. هو ٻئِي ڀائر پڙهائي، عام معلومات، راندين، تقريرن، مختلف Hobbies ۽ سٺي سُر ڪري ڳالهائڻ کان ڪاليج ۾ مشهور هئا. سنڌي، اڙدو ۽ انگريزيءَ تي سٺو عبور هجڻ ڪري ڪاليج مخزن ۽ ڊبيٽنگ ڪلب جهڙن شين جا هو چيف ايڊيٽر ۽ انچارج به رهيا. هنن جي والده مسز اي. ايم. درانيءَ کي اسانجا اپر سنڌ جا ڪلاس ميٽ شاگرد زياده ئي سڃاڻندا هئا، جو هوءَ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن (دادو، لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور وغيره) جي اسڪولن جي هيڊ مسٽريس رهي چڪي هئي، جتي هنن جون ڀينرون مسز درانيءَ جون شاگردياڻيون هيون. خالد ۽ خيام دراني جي ڀينرن: سلميٰ ۽ شاهانا پڻ پنهنجي ماءُ کي فالو ڪيو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ بعد پڙهائينديون اچن. سلميٰ سنڌ يونيورسٽي ۽ آمريڪا مان زولاجي ۾ M.Sc ۽ Parasitology ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪئي. هوءَ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زولاجي دپارٽمينٽ جي هيڊ ٿي رهي ۽ اڄڪلهه ڊفينس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائي ٿي. شاهانا نفسيات ۾ M.A ڪئي ۽ اڄڪلهه PAF ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائي ٿي.
    ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد خالد درانيءَ نيوي Join ڪئي ۽ ڪمانڊر ٿي نيويءَ مان رٽائرڊ ڪيو ۽ اڄڪلهه ڊپازٽري ۾ آهي. پاڻ ٽيچر نه ٿيو پر سندس زال ’سيما ڀاڀي‘ (جنهن مائڪرو بايولاجي ۾ M.Sc ڪئي آهي) سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائي ٿي. خيام ايئرفورس ۾ چونڊيو ويو ۽ اڄڪلهه گروپ ڪئپٽن (يعني ڪرنل آهي ۽ انشاءَ الله جلد ائير ڪموڊور ٿي ويندو. خيام شاهراهه فيصل واري PAF اسڪول/ڪاليج جو پرنسپال آهي. سندس زال نائله درانيءَ جو به تداريس سان واسطو آهي. بلوچستان يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ ايم.اي ڪرڻ بعد هوءَ اڄڪلهه سٽي اسڪول ڪراچيءَ جي پرنسپال آهي. خالد/خيام جو نانو ۽ ناني ڊاڪٽر ۽ مسز عبدالغفور لاڙڪاڻي جا مشهور ڊاڪٽر ٿي گذريا آهن. هو سر شاهنواز ڀٽو صاحب جن جا فئملي ڊاڪٽر ٿي رهيا آهن. پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ئي گذاري ويا، جتي سندن قبرون آهن.
    آصف غيور جو والد يعني خالد ۽ خيام جو مامو محمد غيور صاحب سڄي عمر هڪ ننڍڙي سرڪاري نوڪري ۾ رهي، ٻارن کي ڪو گهر گاڏيون يا ويس وڳا نه پر علم جهڙو زيور ڏنائين. سرڪاري نوڪريءَ جو گهٽ پگهار، وڏو ڪٽنب (کيس آصف سميت اٺ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي)، ۽ مهنگائي جي زماني جي باوجود هن جنهن سادگيءَ سان وقت گذاري پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم، اخلاق مذهب کان آگاهه ۽ برين عادتن ۽ اجاين Complexes کان جنهن نموني دور رکيو، ان جو احساس مونکي تڏهن کڻي ننڍي عمر ڪري گهڻو نه ٿيندو هو. پر اڄ ان جو قدر ڪيان ٿو ته ڪاش اسان جي ملڪ ۽ قوم جا ماڻهو ان جو مثال وٺن. چٽگاننگ بعد ڪراچيءَ واري عرصي جو وڏو حصو مون آصف جي گهر ئي گذاريو. ڪيئن آصف جي ماءُ صبح جو هڪ هڪ ٻار کي نيرن ڪرائي اسڪول، ڪاليج ۽ آفيس ۾ موڪليندي هئي ۽ غربت سارو اسان کي لنچ باڪس ٺاهي ڏيندي هئي. ٻيو نه ته رات جي مانيءَ مان اسان لاءِ ٻوڙ ذرو ضرور بچائي رکندي هئي. جيئن سندس سڳا پٽ ڀلي گهٽ کائين پر سندن مهمان ڏکيا نه ٿين. مون ڪڏهن به آصف يا سندس ڀائرن کي ڪنهن سان وڙهندو يا گارگند ڪندو ته ڇا پر تکي وات سان ڳالهائيندي به نه ٻڌو. آصف جي پيءُ جي سادي رهڻي ڪهڻي سان گڏ روزمره جي سادي Routine هئي. آفيس کان گهر، گهر کان مسجد، باقي وقت هڪ هڪ ٻار جي پڙهائيءَ جو اونو. آصف کان ننڍو فقط هڪ ڀاءُ محمد علي ۽ ڀيڻ هئي. وڏو ڀاءُ اسلم مرحوم فيڊرل سيڪريٽري ٿيو، مرحوم سليم غيور انگلينڊ ۾ نوڪري به ڪندو هو ته بزنيس به، مرحوم احسان جو اليڪٽرانڪ سان واسطو هو. آصف جا اهي ڀائر به ننڍي ڄمار ۾ دل جي بيماريءَ سبب گذاري ويا. ان بعد محسن غيور چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ۽ ڪافي وقت سعودي عرب ۾ رهڻ بعد هاڻ ڪراچيءَ ۾ ڪمپيوٽرن جو بزنيس ڪري ٿو. ننڍو ڀاءُ محمد علي پڻ C A ڪئي آهي ۽ ڏهاڪو سال کن سعودي عرب ۾ رهڻ بعد هاڻ آمريڪا ۾ نوڪري ڪري ٿو. جتي سندن هڪ ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر عارف ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ڊاڪٽر اقبال غيور ڏهاڪو کن سال نئروبيءَ (ڪينيا) ۾ ڊاڪٽري (ٻارن جو ڊاڪٽر ٿي رهڻ) بعد هاڻ ڪراچيءَ ۾ پرئڪٽس ڪري ٿو. سندس هٿ ۾ قدرت شفا رکي آهي. وڏيون وڏيون اسپتالون ۽ اسپيشلسٽ ڇڏي اسان جهڙا سوين هزارين ماڻهو هن وٽ پهچيو وڃن، جو هن سڄي عمر محنت، ايمانداري ۽ خدا جو خوف دل ۾ رکي مريضن جو علاج ڪيو آهي، نه پاڻ پئسي پٺيان ڀڳو آهي ۽ نه هن پئسي کي پاڻ طرف اچڻ ڏنو آهي.
    آصف غيور راندين يا پي ٽي پريڊ ۾ چاهي ٽاپ جو شاگرد نه هو جو هو ڪنهن ڪئڊٽ ڪاليج يا ملٽري ڪاليج بدران هڪ عام ڪاليج (آدم جي سائنس ڪاليج) مان انٽر ڪري آيو هو. پڙهائيءَ ۾ سٺو ٺيڪ ٺاڪ هو. دوستي ياري، Manners (اخلاق، فضيلت)، سٺي صلاح ڏيڻ ۾، Sense Of Humor (خوش مزاجي) ۽ نيڪ نيتيءَ ۾ هن جو جواب نه هو. هو هر هڪ جو ڀلو چاهيندڙ ۽ قربانيون ڏيندڙ هو. ڪڏهن ڪلاس ميٽن ۾ غلط فهمي يا جهيڙو ٿيندو هو ته اڳڙيون وجهي ٻنهي کي سرچائي ڇڏيندو هو. حد کان وڌيڪ شريف هجڻ ڪري اسان دوست کيس ”الله ميان ڪي گائي“ به چوندا هئاسين.
    چٽگانگ مان مئرين انجنيئرنگ جو ڪورس ڪرڻ بعد ٻه سال کن اسان ڪراچيءَ ۾ ساڳي ورڪ شاپ (ڪارسٽرس ائنڊ ڪمنگس) ۾ رهياسين. جتي جهاز جي مرمت جو ڪم سکياسين. ان بعد ڏهاڪو کن سال جيتوڻيڪ اسان جهاز هلايا پر اسان جون مختلف جهازران ڪمپنيون هجڻ ڪري الڳ الڳ جهازن تي رهياسين. پر اسان جي خوشنصيبي هوندي هئي جو اسان کي ڪامن بندرگاهه ملي ويندا هئا. سيڪنڊ انجنيئري ۽ چيف انجنيئري جي امتحانن تي به گڏ لٿاسين ۽ گڏ رهي تياري ڪئيسين. جهاز هلائڻ کان بيزار ٿي ڪناري جي نوڪري جي به گڏ ڳولا ڪئيسين ۽ اسان ٻئي ملائيشيا لاءِ چونڊجي وياسين. ملائيشيا کي جهاز هلائڻ جي ٽريننگ ڏيڻ لاءِ جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽن جي ضرورت هئي جنهن لاءِ دنيا جي اخبارن ۾ اشتهار ڏنا هئائون. پاڪستان مان اسان ٻه (۽ ٽيون ڪئپٽن ذوالفقار) چونڊجي آياسين. اسان کان اڳ هڪ ٻيو به پاڪستاني (درٻيلي جو ڪئپٽن احمد حسين مخدوم) سال ڏيڍ اڳ ملاڪا (ملائيشيا) آيو هو. هن اڪيڊمي کلڻ کان اڳ ملائيشيا جا نوجوان جهازي تعليم لاءِ پاڪستان، هندستان، انگلينڊ، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن ۾ ويندا هئا.
    آصف ۽ آئون (1983ع) ۾ گڏ گڏ ملائيشيا پهتاسين. هن ڪتاب ”مڪلي کان ملاڪا تائين“ اسان جو ملائيشيا پهچڻ ۽ شروع ۾ ڏينهن جي تجربي ۽ سفر جو احوال ڏنل آهي. آصف ملائيشيا ۾ ٽي سال رهڻ بعد پاڪستان موٽي آيو ۽ اچي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ 19 گريڊ ۾ انسٽرڪٽر (ليڪچرار) ٿيو. آئون ان بعد به ٻيا پنج ڇهه سالن کان ملائيشيا ۾ رهي پيس ۽ 1990ع جي آخر ۾ پنهنجي جهازران ڪمپني PNSC ۾ موٽيس جنهن سال بعد مونکي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) ۾ ڪم آيو.
    مالمو (سئيڊن) مان موٽڻ بعد جنوري 1994ع ۾ مونکي پاڪستان مئرين اڪيڊمي، ڪراچي ۾ Deputation تي رکيو ويو، جتي اسان جي دوست آصف غيور پڻ نوڪري ڪئي ٿي. هڪ دفعو وري آصف سان گڏ ڪم ڪرڻ جو سٺو موقعو ملي ويو، جتي فرصت ۾ گذريل سال جو احوال هڪ ٻئي کان وٺندا رهياسين. انجنيئرنگ ڪئڊٽس جا ڪجهه سبجيڪٽ (بئالر، اسٽيرنگ گيئر، ڊڪ مشينري، ميٽلرجي) آصف پڙهائيندو رهيو ۽ نيول آرڪيٽيڪٽ، شپ ڪنسٽرڪشن، ڊيزل انجن وغيره منهنجي حوالي هو. اهڙي طرح جهاز جي انجنيئرن جوPost-Sea ڪورس به گڏجي ڪرائي رهيا هئاسين. آصف ملائيشيا وڃڻ کان اڳ Diabetic ضرور ٿي پيو هو، پر باقي صحت جي خيال کان ٺيڪ ٺاڪ هو. مالمو (سئيڊن) کان موٽڻ بعد، ڪجهه عرصي کان دل جي تڪليف رهيس ٿي، ڪن ڊاڪٽرن کيس آپريشن جي صلاح ڏني، ڪن ڪجهه عرصو ائين بنا آپريشن جي رهڻ لاءِ چيو. مئي ڌاري ڪئڊٽن جو سيمسٽر ختم ٿيڻ تي ٻن مهينن جي موڪل مان هن فائدو وٺي آپريشن ڪرايو. سندس شايد حياتي نه هئي ۽ قدرت کي ائين منظور نه هو نه ته ساڳيو آپريشن، سندس وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر اقبال غيور جي ڪجهه مهينا اڳ ڪاميابيءَ سان ٿي چڪو هو. آصف اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
    آصف 3 سيپٽمبر 1945ع تي ڄائو هو. سندس شادي مامي جي ڌي غزالا سان 1973ع ۾ ٿي. کيس هڪ پٽ فارس نايل آهي، جيڪو اڄڪلهه ڪامرس ۾ تعليم وٺي رهيو آهي. آصف سان منهنجيون ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن، جن جو احوال منهنجن ڪيترن ئي ڪتابن ۾ آهي. خاص ڪري ملائيشيا ۽سنگاپور بابت لکيل هن ڪتاب ۽ ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“ ”سنگاپورويندي ويندي“ ۾.

    الطاف شيخ
    1- جنوري 1988ع
    ڪراچي


    مهاڳ

    جڏهن به سنڌي ادب جي اِرتقا يا اوسر جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ته اڪثر دانشور ٻاهرين ملڪن جي اديبن جا حوالا ڏيندي، سنڌي ادب جو شجروع شروع ڪندا آهن ته فلاڻي فلاڻي ٻاهرين ليکڪ ادب جي فلاڻي صنفن تي پهريان طبع آزمائي ڪئي. تنهن بعد ئي اِهو لاڙو اسان ڏي مروج ٿيو. بس ڪجهه ان ريت سنڌي ادب ۽ اديبن کي ثانوي حيثيت ملندي رهي آهي.
    پرڏيهي ادب توڙي اتان جي ليکڪن جي ادبي اهميت کان ڪنهن کي به انڪار ناهي، پر بهرحال هو اسان جهڙا ئي انسان آهن، ڪڏهن چڱي شيءِ تخليق ڪندا ته ڪڏهن ڪا ڪمي گهٽتائي به ٿي هوندي. اهو ڪو ضروري ناهي ته اسان جا اديب ۽ شاعر، رڳو اتان ئي اثر وٺي اڀرندا اسرندا رهيا آهن. ادب جي مختلف صنفن ۾ اسان وٽ نسيم کرل، امر جليل، شيخ اياز، محمد ابراهيم جويو، علي احمد بروهي، رشيد ڀٽي ۽ انهن جهڙا اعليٰ پائي جا ٻيا ڪيترائي ليکڪ آهن. جيڪي اسان لاءِ پرڏيهي ليکڪن کان وڌيڪ فخر جو باعث آهن ۽ اسان جي ادب جي شاهوڪاري جو دليل آهن. سهڻي اخلاق ۽ مِٺي سڀاءُ وارو الطاف شيخ به انهن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان سفرنامي جي صنف کي اُوج ڏيئي سنڌي ادب جو مان مٿانهون ڪيو آهي.
    سنڌي ادب ۾ سفرناما هند ۾ به ڇپجي رهيا آهن ته سنڌ ۾ به، پر معيار جي اعتبار کان ٿورائي آهن، جن کي نمايان حيثيت حاصل آهي، ان ۾ اوليت بلاشبه الطاف شيخ جي آهي، ڇو ته شهيدن ۾ نالو ڳڻائڻ وارن جيان هڪ اڌ اتفاقيه سفرنامو لکي بس ناهي ڪئي، بلڪ ان صنف کي پنهنجي مستقل فيلڊ بنائي ڪيترائي ڪتاب تحرير جي دلڪشي، انداز بيان جي رواني ۽ ڀرپور مشاهدي سان لکي پڌرا ڪيا آهن. زير نظر ڪتاب ’مڪليءَ کان ملاڪا تائين‘ به انهن سفرنامن جي رنگ برنگي مالها جو هڪ وڌيڪ موتي آهي، جيڪو پڙهندڙن کي ملائيشيا جي رياستن، شهرن ۽ ان سان لاڳاپيل ملڪن جو سهڻو سير ڪرائيندو ٿو هلي، ته گڏوگڏ اُتي جي معاشي، سماجي، سياسي ۽ تاريخي حالتن جو به جائزو وٺائي ٿو.
    صحيح معنيٰ ۾ مقصد ڀريا ڪامياب سفرناما لکڻ جو ڪريڊٽ جي الطاف شيخ ڏي ٿو وڃي، ان ڪري نه ته هو گهڻُو ڪري ٻاهر رهيو آهي. ٻاهران ته ڪيترائي سنڌي ٿي آيا آهن، ڪي ته اُت ئي گهر ڪري رهي پيا آهن، نه ته جيڪر هر ڪو سندباد سيلاني ٿيو ويٺو هجي ها، اصلي شيءِ آهي تخليقي جذبو ۽ ذهني ذوق، اِهو جي ڪنهن ۾ ناهي ته چاهي سڄي دنيائي ڇو نه لتاڙي هجيس، لکڻ لاءِ نه دل چونديس نه هٿ ورندس.
    وڏا خرچ ڪري، جان جوکم ۾ وجهي ملڪن جو سير سفر ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، جس هجي الطاف شيخ کي جيڪو پنهنجو ذهن خرچ ڪري، پڙهندڙن کي سربستا احوال ٻڌائي، اِهي سير سفر گهر ويٺي ئي ٿو ڪرائي. ملڪ سوبرابر اکين کان پري آهن، پر هن جي لکڻيءَ ۾ قدرت اهڙو ڪو سحر ڀريو اثر رکيو آهي، جو پڙهندڙ جو روح پل ۾ اُڏاميو انهن هنڌن ماڳن تي وڃيو پهچي. اِن ڏس ۾ سڀ کان اهم شيءِ آهي، هن جو ان صنف لاءِ بي انتها چاهه، جيڪو هر دلڪش تحرير جو ساهه آهي.
    الطاف کي روزگار سانگي نِت نوان ملڪ گهمڻ جو وجهه ملندو رهيو آهي. اِها هن جي خوشنصيبي چئبي جو کيس پنهنجو سورهن آنا سيلاني طبيعت جي مطابق، جذبن جي اظهار لاءِ اهڙو وسيع ماحول مليو آهي، جنهن سان هن جي قدرتي ڏات جي تسڪين ٿيندي رهي ٿي. وطن کان دور رهي به هن اهو فرض نڀايو آهي، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جي سچي فرد هئڻ جي حيثيت ۾ مٿس عائد آهي. اڄ جڏهن چار ڏينهن ولايت ۾ رهي ايندڙن کان پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائڻ ئي هاسڪار وسريو وڃي، تڏهن الطاف، جيڪو سالن جا سال ٻاهر رهي به پرديس ۾ نالي جي تختي سنڌيءَ ۾ لڳايو ويٺو آهي، تنهن جا سنڌ ۾ لاڳيتا سفرناما لکڻ يقينن اسان لاءِ فخر جو باعث آهن. هن نه رڳو ٻاهريون ٻوليون سکي اُتي جي رهواسين جون دِليون جيتيون آهن، پر پنهنجي ٻوليءَ کي به سفرنامن وسيلي ورسايو آهي.
    سمنڊ ۽ جهاز سان تعلق رکندڙ الطاف، جنهن ملاڪا کي زمين جو بهشت ڪوٺيو آهي، ’مڪلي کان ملاڪا‘ جو سمورو مواد پنهنجي تجربي، مشاهدي ۽ مطالعي جي روشنيءَ ۾ گڏ ڪري، ملاڪا جي ساوڪ ڀري جهڙالي ۽ دلفريب فضا ۾ نهايت آرام ۽ سڪون سان ويهي لکيو آهي.
    اسان وٽ محض وقت گذاري ۽ رئونشي خاطر آئي ڏينهن ثقافتي پروگرام ٿيندا رهن ٿا، پر عملي قدم گهٽ ٿو کڄي، الطاف ان ڪميءَ کي محسوس ڪندي پنهنجي سفر نامي ۾ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي لاءِ جنهن جذبي جو اظهار ڪيو آهي سو قابِل داد آهي. هڪ هنڌ ملاڪا جي قديم قلعي جي غير معمولي سنڀال ڏسي حيدرآباد وارو خسته حال قلعو ياد پيو، جنهن جو عضوو عضوو ڍرو ٿي ڍرڪي پيو آهي، ملائيشيا جي سرسبز شاداب زمين تي خوشحال ۽ متارا مال ڏسي کيس پنهنجي وطن جون نير وهائيندڙ نماڻيون ۽ بکايل ڍڳيون ياد آيون، جيڪي گگدام امر اِلاهي ڄاڻي، ٻوٿ ٻڌرائي سپر هاءِ وي تي ٽرڪن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پيون ڊُهبيون گِهلبيون آهن.
    اسلامي ملڪن جي عربن جون زور آوريون ظاهر ڪري، هن هندستاني ۽ پاڪستاني پورهيتن جي غيرت کي للڪاريو آهي، جن کي عرب سڳورا، مسلمان ته ٺهيو انسان به نٿا سمجهن، بلڪ زرخريد ٻانهون ڄاڻي ساڻن نفرت ڀريو ۽ غير اخلاقي رويو اختيار ڪن ٿا. ان جي برعڪس هن عرب توڙي ٻين ڪيترن ملڪن جي ڀيٽ ۾ ملائيشيا کي تهذيبي ۽ اخلاقي طور مٿاهون ڏيکاريو آهي، جن وٽ پئسو ۽ گهڻي خوشحالي هوندي به عربن جهڙي غرور يا تڪبر جو تصور ئي ناهي، جيڪي ٻاهران آيل پورهيتن کي بيحد عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا.
    ورهين کان ملائيشيا ۾ آباد، ڏکڻ هندستان جي مليالم ۽ تامل ڳالهائيندڙ هيٺئين طبقي جو به الطاف شيخ ذڪر ڪيو آهي، جن جو رت ست پڻ ملائيشيا کي سکيو ستابو بنائڻ ۾ شامل آهي. ڌارينءَ ڌرتيءَ تي آباد ٿيندڙ ۽ اتي جي ريتن رسمن جي عزت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باري ۾، هن جيڪي پنهنجا خيالات ظاهر ڪيا آهن سي بلاشڪ ته ساراهڻ جوڳا آهن، جن تي جذبات کان هٽي ڪري ٿڌي دل سان سوچڻ جي ضرورت آهي.
    ڊگهين ڪچهرين کان لهرائيندڙ ٿور ڳالهائو الطاف، اجاين سجاين ڳالهين ۾ وقت برباد ڪرڻ بدران پنهنجا ويچار ۽ مشاهدا سهڻي سيبائتي نموني قلم بند ڪيا آهن، جنهن ۾ ڪٿي به ڪا اجائي لٻاڙ ٻٽاڪ ناهي. سفرنامي ۾ هن جون فطري خوش مزاجيون به پنهنجي جاءِ تي قائم آهن. ان ڏس ۾ ”اهڙي به ڇا جلدي آهي“. ”گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي ڇاپ واريون بشرٽون“. ”هوائي جهاز ۾“، ”ڊرائيونگ لائسنس هٿ ڪرڻ“ ۽ ”ڪردار ويريفائيڊ ناهي“، جهڙا بابت نهايت ئي دلچسپ آهن، باقي سمجهائڻ ۽ معلومات پهچائڻ وارو انداز ته ڄڻ الطاف تي ئي ڇيهه ٿو ڪري. هونءَ ته ان جو مثال اهو سڄو سارو ڪتاب ئي آهي پر هڪ ننڍو مثال مان به ڏيندس.
    هن مون کي ملاڪا اچڻ جي سڪ ڀري دعوت ڪجهه اهڙي پڪي سمجهاڻيءَ سان ڏني، ڄڻ مان ڪو اوڏانهن وڃڻ لاءِ بنهه سنبري ويٺي هئس، رڳو ملائيشيا ايئرپورٽ تي لهڻ جي دير هئي. ان گهڙيءَ اهو خلوص محسوس ڪري ايترو سو ضرور سوچيو هئم ته ”ڪاش مان ايڏانهن وڃي سگهان“.
    داڻي پاڻي جي ڳالهه ڀل کڻي نصيب جي هجي، پر اهو خاطريءَ سان چوندس، ته ان ۾ الطاف جي سچي سڪ ۽ سمجهاڻي ڪنهن ازغيبي طاقت جو روپ ڌاريو هو، جو جهٽ ۾ اوٽ موٽ ملائيشيا وڃي، ڪوالالمپور ۾ چڱا ڏينهن رهي، وري اتان گهُت ڏيئي ملاڪا به وڃي نڪتس، جتي وڃڻ جو نه خواب خيال هو، نه ئي وري ڪا جن ڪن، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته الطاف جيڪر اهو سڪ جو سڏ، سئٽزرلينڊ مان موڪلي ها ۽ ساڳي ريت نقشو ڪڍي سمجهاڻي ڏي ته ”فلاڻي هنڌ اچي فون ڪجو.... نه هجان ته هن نمبر تي نياپو ڇڏجو... اڪيڊميءَ کان هيترا ميل پري گهر آهي... مان پاڻ وٺڻ ايندس...... نه ته ٻار اچي وٺي ويندا..... ته اهڙي اعتماد ڀري سمجهاڻي، بلاشڪ ته سئٽزرلينڊ به آڻي رسائي ها.
    هي سفر نامو پڙهندي مون کي بيحد مزو آيو، مون ائين محسوس ڪيو ته هڪ وار وري ملائيشيا پهچي وئي هجان ۽ اهي جايون جڳهيون جن کي مٿاڇري طرح ڏٺو هئم، تن کي وڌيڪ بهتر نموني ڏسي ۽ سمجهي سگهي آهيان. مان هن خوبصورت سفرنامي لکڻ تي الطاف شيخ کي مبارڪون ڏيندي يقين سان چونديس ته هي ڪتاب سندس ٻين سفرنامن جيان مقبوليت ماڻيندي، سنڌي ادب ۾ وڏو مان پائيندو.
    ماهتاب محبوب
    24 فيبروري 1986ع


    ملائيشيا جي ڄاڻ

    ملائيشيا ملڪ جيڪو ڪجهه سال اڳ ملايا سڏبو هو، تنهن جو نالو اسان پهرين جاگرافيءَ جي پيرڊ ۾ ٻڌو- يا شايد ان کان به اڳ جڏهن ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ شروع ڪيونسين.
    پوءِ اڳتي هلي ملائشيا بابت سڀ کان گهڻو پنهنجي انگريزي پرنسپال ڪرنل ڪومبس کان ٻڌوسين. ڪرنل جي. ايڇ. ايڇ ڪومبس (Col.J.H.H.Coombes) برٽش آرميءَ جو رٽائرڊ ڪرنل هو ۽ اسان جي پراڻي ڪاليج، ڪئڊٽ ڪاليج ميرپورخاص/پيٽارو جو 1959ع ۾ پهريون پرنسپال ٿي آيو هو. پاڻ ٻي وڏي لڙائيءَ وارن ڏينهن ۾ انگريز فوج طرفان ملائيشيا ۾ ڪمانڊنگ آفيسر هو. انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ وانگر ملائيشيا، سنگارپور ۽ هانگ ڪانگ تي پڻ انگريزن جي حڪومت هئي ۽ هنن ملڪن ۾ فوجي آفيسر سڀ انگريز هئا، باقي سپاهين ۾ ڪجهه ته هنن ئي ملڪن جا ملئي ۽ چيني هئا ۽ ڪجهه ننڍي کنڊ جا پنجابي (مسلمان ۽ سک) هئا ۽ ڪجهه گورکا (نيپال، ڀوٽان ۽ اتر هندستان جي جابلو علائقي جا رهاڪو) هئا.
    پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ سگهو ئي ملائيشيا کي به آزادي (خودمختياري) ملي ۽ تنڪو عبدالرحمان پهريون پرائيم منسٽر ٿيو، جنهن جي آزادي ۽ ملڪ جي مان مٿانهين ڪرڻ لاءِ جاکوڙ کي دنيا مڃي ٿي. هينئر هو اسي سالن کن جو ٿيندو، کيس هتي جا باشندا پيار ۽ عزت مان باپا سڏين ٿا- يعني محترم پيءُ، بابو.
    تنڪو عبدالرحمان ننڍپڻ ۾ تعليم ۽ فوجي سکيا دوران ڪرنل ڪومبس جو ڪلاس ميٽ ٿي رهيو هو ۽ ان بعد ڪرنل ڪومبس جڏهن ملائيشيا ۾ هو ته به سندس ساٿ رهيو ۽ سرڳواسي ڪرنل ڪومبس جيڪو ٻي جنگ عظيم تائين ملائيشيا جي اهم شخصيت هو، تنڪو عبدالرحمان کان متاثر هو ۽ تنڪو عبدالرحمان، الله شل وڏي حياتي ڏيئس- ڪرنل ڪومبس مان.
    ٻي جنگ عظيم ۾ جپانين ملائيشيا تي به قبضو ڪيو. هنن ملئي ۽ انگريزن مان ڪن کي قيدي بڻائي ملائيشيا ۾ رکيو ۽ ٻين کي جپان جي جيلن ۾ موڪليو ويو. قيدين ۾ ڪرنل ڪومبس جپانين وٽ تيستائين مهمان هو جيسين آمريڪن ناگاساڪيءَ ۽ هيروشيما تي بم ڪيرائي جپانين جي ٽانءِ نه ڀڳي.
    جنگي قيدين جو جيڪو نالي ماتر هنيئر خيال رکيو ٿو وڃي، ان جو فيصلو ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ قيدين سان ڪيل ظلمن بعد ئي جنيوا ڪانفرنس ۾ ٿيو هو. نه ته جنگي قيدين سان ٿيل ظلم جو ڪهاڻيون- خاص ڪري جيڪي ظلم جپانين ڪيا- دنيا ۾ مشهور آهن.
    اهڙا ئي ڪجهه قصا اسان کي ڪرنل ڪومبس ٻڌائيندو هو، خاص ڪري جڏهن رات جي مانيءَ تي ٻي وڏي لڙائيءَ جي ڳالهه نڪرندي هئي. ڪرنل ڪومبس انهن چند خوشنصيب انگريزن مان هو جيڪي اتفاق سان جپاني قيدين مان جيئرا بچي آيا، پاڻ ٻڌائيندو هو ته ڪيئن جپانين کين اڃيو، بکيو ۽ اگهاڙو رکيو.....”اسان انگريز قيدين کي ڊوڙائڻ وقت چوندا هئا ته دنيا تي راڄ ڪرڻ وارئو ڊوڙو، پوءِ پيرن اگهاڙو اس ۾ ميلن جا ميل ڊوڙڻو پوندو هو. بک ۽ اڃ ڪري ڪمزور ٿي ويل جسم سان ڪيترو ڊڪي سگهجي ٿو، پر ڊپ ۾ ڊوڙڻو ئي پوندو هو. پوءِ جيڪڏهن ڪو ڍرو ٿيندو هو ته ان کي چهبڪ هڻندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪو ڪِري پوندو هو ته ان کي بندوق جي گوليءَ سان اتي ئي ڍير ڪري ڇڏيندا هئا.“
    اسان جو هڪ ڪلاس ميٽ، قاضي احمد جو محمد سميع اهڙن گنڀير موقعن تي اڪثر بي ڊپو ٿي کلي ڪرنل ڪومبس کان پڇندو هو: ”سائين هن ڪئڊٽ ڪاليج کان به جپاني جيل خراب هوندو هو ڇا؟ هتي به اسان کي پي ٽي پريڊ ۾ حوالدار حيات ۽ سعيد اڪبر ايترو ئي ڊوڙائي ساهه ڪڍن ٿا.“
    يا لاڙڪاڻي جو علي رضا ميمڻ پڇندو هوسِ”سائين ڀلا ڪنهن ٻئي جيل يا جرم ۾ توهان ڪڏهن ڦاٿائو؟“
    ڪرنل ڪومبس سگار جو ڊگهو ڪش هڻي، اڌ ڪوپ جيڏو چانهه جو ڍڪ ڀري ٻڌايئندو هو: ”ها هڪ دفعي مون تي ڪورٽ مارشل ٿيو هو- ملائيشيا ۾. مون کان هڪ ماڻهو مري ويو هو- هونءَ نه پر حادثي ۾.“
    پوءِ ملائيشيا جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪري ڏيندو هو ته ڪيئن اتي اونداها گهاٽا ٻيلا ۽ جهنگل آهن جن مان سنها پيچرن جهڙا رستا لنگهن ٿا. هڪ ڏينهن هو هڪ جيپ هلائي رهيو هو ته هڪ ڳوٺاڻو جلدي ۾ رستو ٽپندي سندس جيپ هيٺان اچي مري ويو هو. ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪيس هليو ۽ پوءِ اهو ثابت ٿيڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو ته کانئس ڄاڻي ٻجهي نه پر حادثي ۾ اهو ماڻهو مارجي ويو.
    پاڻ ملائيشيا جي گهاٽن ٻيلن کان علاوه، هر وقت جي مينهن ۽ مينهوڳي واري موسم بابت پڻ ٻڌائيندو هو. ملائيشيا جي ماڻهن ۽ ڀٽارين مينهن ڍڳين بابت ٻڌائيندو هو. ملائيشيا جي نين ندين ۽ ڍنڍن ڍورن بابت ٻڌائيندو هو- ظاهر آهي ته ڪهڙو به ملڪ، محلو ۽ ماڻهو هجن- پر اتي رهي ان کي ڇڏڻ وقت اهو زمان ۽ مڪان ياد ٿو اچي. ۽ ڪرنل ڪومبس ته ملائيشيا ۾ ڪافي وقت- بلڪ بقول هن جي- پنهنجي زندگيءَ جو بهترين وقت ملائيشيا ۾ گذاريو هو. ان ڪري ملائيشيا جون هر وقت ڳالهيون ڪرڻ هن لاءِ فطري ڳالهه هئي ۽ اسان کي جاگرافيءَ ۾ پڙهڻ کان علاوه هن کان پهرين نمبر تي انگلينڊ ۽ ٻئي نمبر تي ملائيشيا جي چڱيءَ طرح خبر پيئي هئي.
    انهن ئي ڏينهن ۾ ملائيشيا (ملايا) آزاد ٿيو هو ۽ تنڪو عبدالرحمان جي پرائيم منسٽر ٿيڻ ڪري اسان جي پرنسپال جي به ڪافي لئه ويهي ويئي جو هو سندس دوست هو. سندس دوستي ايتري ته سٺي ۽ پڪي هئي جو پرائيم منسٽر هجڻ جي باوجود تنڪو عبدالرحمان پنهنجن ڪمن ڪارين مان وقت ڪڍي ڪرنل ڪومبس کي خط لکندو هو. بلڪ جڏهن ملائيشيا ۾ ايمرجنسي ٿي هئي- جو جهنگلن ۾ رهندڙ چيني گوريلا هنگاما ڪرڻ لڳا هئا- ته ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪرنل ڪومبس کان پڻ صلاح ورتي ويئي هئي، جو کيس ان بابت ڪافي تجربو هو.
    تنڪو عبدالرحمان جو جڏهن به ڪراچي اچڻ ٿيندو هو يا ٻئي ملڪ لاءِ ويندي ويندي ڪراچي هوائي اڏي تان لنگهه ٿيندو هوس ته اسان جو پرنسپال پڻ هن سان ملڻ لاءِ ڪراچي پهچي ويندو هو. هڪ ٻه دفعا ائين به ٿيو ته اسان به سي اسڪائوٽنگ يا تعليمي ٽئر خاطر ڪراچيءَ ۾ ڪرنل ڪومبس سان گڏ هئاسين.
    انهن ڏينهن ۾ ڪرنل ڪومبس اسان لاءِ فقط هڪ پرنسپال يا ماستر جي اهيمت رکي ٿي، پر اڄ سوچيان پيو ته هو ڪيڏي نه اهيمت جي شخصيت هو. هو هڪ وڏي تجربيڪار فوجي آفيسر ۽ پرنسپال کان علاوه ايماندار، يار ويس ۽ نيڪ انسان پڻ هو.
    هتي ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ هائوڪار ڪرڻ- بلڪ هن ملڪ ملائشيا کي پسند ڪرڻ لاءِ منهنجي دل ۾ محبت جي پهرين پيڙهه ڪرنل ڪومبس ئي وڌي.
    ملائيشيا لاءِ وڌيڪ محبت ۽ پسند 1973ع ۾ ٿي جڏهن جهاز رستي ڪراچي ڇڏڻ وقت سمنڊ تي اسان کي اوچتو نياپو مليو ته ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ ۾ هليا وڃو، جتان سڄي جهاز کي تونا مڇيءَ سان ڀري آمريڪا جي بندرگاهه لاس ائنجلس ۾ پهچائڻو آهي.
    پينانگ ٻيٽ-ڪوالالمپور کان ٻه سؤ ميل کن اتر ۾ آهي. بلڪ ملاڪا نار ۾ پهرين پينانگ ٿو اچي پوءِ پورٽ ڪلانگ. پورٽ ڪلانگ ڪنهن زماني ۾ (انگريزن جي ڏينهن ۾ پورٽ سئيٽ نام به سڏبو هو) ۽ ڪوالالمپور کان ويهه ميل پري آهي.
    ملائيشيا جي انهن بندرگاهن ۽ نظارن سان ڀرپور اوسي پاسي کي ڏسي دل کي ڳالهه وڻي ويئي. ملائيشيا جيتوڻيڪ خط استوائي ملڪ آهي، پر مينهن جهڙ ڪري گرم ناهي. جهاز جي انجڻ روم ۾ به رکي رکي ٿڌي هير ٿي لڳي ۽ انجڻ روم کان ٻاهر ڪڪرالو اڀ، ساوڪ واري سائي سائي ڌرتي ۽ پرسڪون ماحول ڏسي سڀ جهازي متاثر ٿيا هئاسين- پر ان زماني ۾ ٿوري جهٽ لاءِ. اهو ان ڪري جو انهن ڏينهن ۾ ڪناري تي هڪ هنڌ رهي نوڪري ڪرڻ جهڙي ڪافراڻي خيال کي ته دل جي چانئٺ به ٽپڻ نٿي ڏنيسين.
    انهن ڏينهن ۾ جهاز تي رهي ملڪ ملڪ جو سير ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه هو. بهرحال پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ ئي اهڙيون جايون هيون جتي جي خاموشي ۽ سڪون ڏي ڪجهه گهڙين لاءِ ڌيان ڌرڻ جي پڻ توفيق ملي سگهي نه ته اتي جي رنگينين، ڪلبن ۽ ميوزڪ جي گوڙ گهمسان ڏي وڌيڪ لاڙو هو .
    تعليم دوران مئرين انجنيئرنگ جي ليڪچرار-چيف انجنيئر محمد عاقل قريشيءَ تي تعجب کائيندا هئاسين ته ڪمال آهي جهاز ۽ دنيا گهمڻ ڇڏي چٽگانگ ضلعي جي هڪ خاموش ترين ٻِيٽ ’جلديا‘ ۾ اسان کي پاڙهڻ لاءِ رهي پيو آهي. پاڻ چوندو هو ته هڪ اهڙو وقت به اچي ٿو جڏهن انسان سامونڊي زندگيءَ کان-جيڪا هڪ غير فطري زندگي آهي-بيزار ٿي واپس ڪناري ڏي ڀڄي ٿو.
    ۽ هينئر اسان شايد ان زندگيءَ جي Latitude (ڦاڪ) ۾ گهڙي چڪا آهيون ۽ جڏهن ڪناري تي رهي نوڪري ڪرڻ لاءِ دنيا جو ڪو ملڪ سوچڻو پيو ته ڪرنل ڪومبس کان ملائيشيا بابت ٻڌل ڳالهين ۽ اکين سان ڏٺل پيانگ ۽ پورٽ ڪلانگ جي نظارن ۽ خاموشين دل تي ايڏو ته واسو ڪيو جو جپان، انگلينڊ، آمريڪا، سعودي عرب جي سياسي، سماجي ۽ قدرتي نظارن جي مقابلي ۾ ملائيشيا جو مان منهنجي وائڙي من کي مٿاهون لڳو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بدران ملائيشيا جي شهر ملاڪا ڏي اٺ وانگر سڌو رُخ کڻي رکيم.


    هوائي جهاز ۾

    ملائيشيا وڃڻ لاءِ اسان وٽ ائير لنڪا جي ٽيڪٽ هئي. هونءَ جيتوڻيڪ ڪراچيءَ کان سڌو ڪوالالمپور (ملائيشيا) پي.آءِ.اي ۽ ٻين ڪمپنين جا هوائي جهاز پڻ وڃن ٿا. پر اسان کي ملائيشيا وارن Air Lanka جي ئي ٽڪيٽ موڪلي هئي. جنهن موجب ڪراچيءَ کان پهرين بمبئي وڃڻو هو، اتي ڪلاڪ ڏيڍ ترسي ساڳي هوائي جهاز ۾ ڪولمبو پهچڻو هو. يورپ کان مسافر کڻي ڪولمبو پهچڻو هو، ان ۾ چڙهي سنگاپور وڃڻو هو. ايئر لنڪا جو ڪو به جهاز سنگاپور کان ڪوالالمپور نٿو وڃي. سو سنگاپور کان ڪوالالمپور پهچائڻ لاءِ بندوبست ملائيشين ايئر لائين MAS جي جهاز ذريعي ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح ڪوالالمپور سڌو ڇهن ڪلاڪن ۾ پهچڻ بدران بمبئي، ڪولمبو ۽ سنگاپور کان ڦري سورهن سترهن ڪلاڪ بعد پهچڻو پيو.
    هڪ ٻيو به گهپلو ٿيو جو ايئر لنڪا جو هوائي جهاز جنهن ۾ اسان کي سنگاپور پهچڻو هو اهو ڪولمبو ايئرپورٽ تي دير سان پهتو ان ڪري اسان جي سنگاپور پهچڻ کان اڳ ملائشيا هوائي ڪمپنيءَ جو جهاز ڇٽي ويو. پوءِ ايئرپورٽ وارن اسان کي سنگاپور جي هوائي ڪمپنيءَ واري جهاز ۾ ڪوالامپور موڪلڻ جو بندوبست ڪيو.
    ڪراچيءَ ۾ آصف کي چيم ته هونءِ پاڻ چاهيون ته هيءَ ايئرلنڪا جي ٽڪيٽ ڪنهن به ٽريول ايجنٽ کان مٽائي PIA جي وٺي سگهون ٿا، پر آصف چيو ته هاڻ ٺيڪ آهي جيڪا ملي سان قبول آهي (’مئريٽائيم اڪيڊمي ملائشيا‘ جي نوڪريءَ لاءِ مون سان گڏ منهنجي دوست آصف غيور کي پڻ چونڊيو ويو هو. آصف مون سان گڏ مئرين انجنيئرنگ جي تعليم چٽگانگ مان ورتي. ان بعد مختلف جهازن تي جونيئر انجنيئر کان وٺي آخري پوسٽ چيف انجنيئر تائين SAIL ڪندا رهياسين. ۽ هاڻ ملائشيا گورنمينٽ گهرايو هو.) ڪراچي ايئرپورٽ تي سامان ڏئي، پاسپورٽن تي اميگريشن وارن کان ٺپا هڻائي، هوائي جهاز چڙهڻ لاءِ بس ۾ اچي ويٺاسين. جنهن ٿورو پنڌ هلي مور جي کنڀ جهڙي نازڪ هوائي ڪمپنيءَ جي هڪ گدلي اڻ ڇنڊيل ۽ اڻ ڌوتل ننڍڙي جهاز اڳيان اچي بيهاريو، جنهن کي ڏسي هن ڪمپنيءَ جي مونو گرام-مورٽڪيءَ جو ته نه پر مور جي گدلن پيرن جو گمان ٿيو. آصف به ٿڌو ساهه کڻي چيو ته اهڙي خبر هجيسون ها ته ههڙي ڇڪڙي ۾ وڃڻو پوندو ته پوءِ ته ٽڪيٽون بدلرائي PIA يا ڪنهن ٻي هوائي ڪمپنيءَ جي جهاز جون وٺجن ها. اوسي پاسي ۾ ٻين ڪمپنين جي جمبو جيٽن کي حسرت مان ڏسڻ لڳاسين ته اڄ جي دور ۾ جڏهن جمبو جيٽ کان به معاملو اڳتي سپرٽرائڊينٽ تائين وڃي پهتو آهي، اتي هن قسم جو سؤ سوا سؤ پئسينجر کڻندڙ جهاز ۾ اسان جو چڙهڻ افسوس جهڙي ڳالهه نه هئي ته ٻيو ڇا هو.
    آصف چيو: ”هيڏو ننڍو جهاز مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺو آهي، 1963ع ۾ جڏهن پاڻ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ لاءِ ڍاڪا هلي رهيا هئاسين ته اهو هوائي جهاز جنهن ۾ پهريون دفعو اڏامڻ جو موقعو مليو هو اهو به هن کان وڏو هو.“
    ماڻهن جي ڌڪ ڌڪان ۽ جهاز ۾ اڳ چڙهڻ لاءِ ٺونٺيون ۽ ٿيلها لڳڻ تي آصف جو موڊ ويتر خراب ٿي رهيو هو. چوڻ لڳو: ”سيٽون جڏهن رزروڊ آهن ته پوءِ هي حال ڇو؟“
    کيس ڇڪي چيم: ”شرافت جو زمانو ناهي. هل ته پاڻ به جلدي سيٽ ولاريون. هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو چڪر ٿو لڳي. پاڻ کي ته سڀ کان پري وڃڻو آهي. جي رهجي وياسين ۽ جهاز وارن چيو ته باقي مسافر جي جاءِ ناهي ته ٻئي جهاز جي انتظار ۾ خبر ناهي ڪيترو وڌيڪ ترسڻو پوي.“
    پوءِ اسان ٻئي ڄڻا تکا تکا اڳئين ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙهي آياسين، جيڪا ڏاڪڻ جيتوڻيڪ فرسٽ ڪلاس جي مسافرن لاءِ هوندي آهي، پر خبر پئي ته هن جهاز ۾ فرسٽ ڪلاس آهي ئي ڪونه. اندر جهاز ۾ گهڙياسين ته ڪجهه بهتر ۽ سهڻو لڳي رهيو هو. ايئرڪنڊيشن هلڻ ڪري ٻاهر جي گرميءَ کان گهٽ ۾ گهٽ نجات ملي ويئي ۽ هر ڳالهه وڻڻ لڳي. جيتوڻيڪ سيٽن جي وچ ۾ ايتري گهٽ جاءِ هئي جو منهنجين بي ڊولين ڊگهين ٽنگن جا گوڏا اڳين ڪرسين سان رهڙجي رهيا هئا. آصف چيو ته هن نموني جي سواري ۽ ماڻهن جي چڙهڻ جو نمونو اڪثر ڳوٺن ۾ بس لاءِ هوندو آهي.
    وراڻيومانس ته هي ته ڪجهه به ناهي. تون ڪڏهن مصري هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهاز ۾ چڙهيو آهين؟ هڪ دفعي مون کي سئيز ڪئنال تائين پنهنجي پاڻي واري جهاز کي پهچائڻو هو، جتي آيل نئين چيف انجنيئرکي جهاز جي چارج ڏئي موڪل ڪرڻ لاءِ واپس ڪراچي اچڻو هو. جيتوڻيڪ ککيم ٿي ته مصر مان هوائي جهاز جو سفر ڪرڻ ۾ سر رلي ويندو، پر پنهنجي جهازران ڪمپنيءَ دلاسو ڏنو هوم ته مصر پهچي مون کي وڌيڪ ٽڪڻو نه پوندو ۽ نه هوائي ٽڪيٽ حاصل ڪرڻ لا ڀڃ ڊڪ، ڇو جو منهنجي ڪراچي واپس موٽڻ لاءِ هنن مصر جي ايجنٽ سان اڳواٽ ڳالهه ٻولهه ڪري ڇڏي هئي ته هو مون کي جلد ڪراچي روانو ڪندو.
    مصر جي سئيز ڪئنال تائين ”پاڻي وارو جهاز“ پهچائي، ٻئي چيف انجنيئر کي ان جي چارج ڏيئي، آئون موڪل ماڻڻ لاءِ آجو ٿيس. سئيز ڪئنال مان ٽئڪسي ڪري قاهره جي هڪ هوٽل ۾ اچي ٽڪيس. شام جو ئي ايجنٽ فون ڪري ٻڌايو ته هن مون لاءِ ٻئي ڏينهن جي اڏام لاءِ سيٽ بڪ ڪرائي آهي، سا به فرسٽ ڪلاس جي. مون کي فرسٽ ڪلاس جو ٻڌي ويتر خوشي ٿي ته سدائين ايڪانامي ڪلاس ۾ چڙهي غربت جو احساس ٿيو ٿي، گهٽ ۾ گهٽ هن دفعي نه ٿيندو ۽ اسان به ڇا ياد ڪنداسين ته پهريون دفعو فرسٽ ڪلاس ۾ انهن چند خوشنصيب مسافرن سان گڏ ويهنداسين جيڪي جهاز جي ڪاڪ پٽ ڀرسان ويهن ٿا. کين ٽنگون ڊگهيون ڪري آرام سان ويهڻ لاءِ ڪافي موڪري جڳهه مليل هوندي آهي ۽ پنهنجي ڪرسيءَ کي پٺيان به گهڻو جهڪائي سمهي سگهن ٿا. خدمت لاءِ هر وقت ايئرهوسٽس ۽ اسٽيورڊ حاضر. پڙهڻ لاءِ هر قسم جو رسالو ۽ اخبار اڳيان هوندي آهي.
    ٻئي ڏينهن جهاز جي اڏام جي وقت کان ٿورو اڳ آرام سان هوائي اڏي تي پهتس ته جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ هن جهڙي قطار نظر آئي بلڪ هن کان به ڊگهي. جهاز ۾ چڙهندڙ مسافر: عرب ۽ آفريقي شيدي ته ٺهيو پر يورپي ۽ ايشيائي به ساڳي طرح ڌڪا ٿيلها ڏئي رهيا هئا. هر هڪ ان ڪوشش ۾ ته پهرين ڏاڪڻ تي مان چڙهان. ڏاڪڻ ٽپي هوائي جهاز جي در وٽ پهتس، جتي چيف اسٽيورڊ ۽ ايئر هوسٽس ڏند ٽيڙي مسافرن جو آڌرڀاءُ ڪنديون آهن ۽ ويهڻ لاءِ مقرر سيٽون ڏيکارينديون آهن. پر هتي ڪير به موجود نه هو. سڀڪو پنهنجي مرضيءَ سان ڌوڪي جاءِ حاصل ڪري رهيو هو. پريان هڪ اسٽيورڊ جهاز جي ڪچن ۾ ڪجهه سامان ٺاهي رهيو هو، تنهن جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائي نواب پائيءَ واري انداز ۾ پڇيومانس ته آئون فرسٽ ڪلاس جو مسافر آهيان، منهنجي سيٽ ڪٿي آهي؟ هن چند سيڪنڊ منهنجو غور سان جائزو ورتو ۽ پوءِ چڙ مان دڙڪو ڏيئي چيو: ”هن جهاز ۾ ڌوڙ جو آهي فرسٽ ڪلاس. ماٺ ڪري جيڪا سيٽ ملناو ان تي هلي ويهو متان اها به نه هلي وڃانو.“ ۽ پوءِ هن هڪ انگريز، جيڪو سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلها هڻي رهيو هو، ڏي ڏسي مون ڏي وري ڏٺو، يعني اکين اکين ۾ مون کي اهو چيو ته ڏسين نٿو ته انگريز ئي پيا ڪتر ٿين سو تون هڪ غريب ايشيائي-سو به بنا تيل واري ملڪ جو ٿي ڪري نخرا پيو ڪرين.
    ڦڪو ٿي اچي هڪ سيٽ تي يڪدم ويهي رهيس ۽ چڱو جو يڪدم ويهي رهيس جو ٿوري دير کان پوءِ ٻيا جيڪي مسافر چڙهيا انهن جي ويهڻ لاءِ ڪا به سيٽ نه بچي هئي ۽ اعلان ڪيو ويو ته اهي هڪدم لهي وڃن ۽ ٻئي ڏينهن جي اڏام ۾ چڙهن. مون کي پوءِ احساس ٿيو ته مصري ايجنٽ مون تي ٺلهي لئه رکي، خوش ڪري منهنجي ئي کنڌي ۾ ٻه دفعا ماني کائي ويو.
    مصر ايئر لائين جي جهاز ۾ فقط ايترو ٿو ٿئي. سوڊان ايئرلائين جا جهاز ته ان کان به ٻه رتيون وڌيڪ. ان ۾ ته رزرويشن ٿئي ئي ڪانه ۽ نه وري جهاز جي سيٽن مطابق ٽڪيٽون وڪامن. پر ايترو آهي تو سوڊان جا شيدي مصري عربن وانگر ويڙهاڪ، تکي طبيعت جا يا ٺڳ قسم جا نه آهن. جيتوڻيڪ شڪل شباهت، قدبت ۽ رنگ روپ ۾ خوفناڪ لڳن ٿا، پر دل جا نرم آهن. ڪي ته حد کان وڌيڪ آلاڀولا.
    سوڊان ۾ اهو عام آهي-گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ست سال اڳ تائين ته اهو عام هو ته ٽڪيٽون وڪڻندڙ ايجنسيون جهاز جي سيٽن کان هميشه وڌيڪ وڪڻن جو هنن کي پڪ آهي ته سڀ مسافر ڪڏهن به وقت تي نه پهچندا. پوءِ جي سيٽن جيترا يا ان کان گهٽ آيا ته خير ٿي ويندو هو، پر جي سيٽن کان وڌيڪ مسافر اچي نڪتا ته پوءِ سخت مونجهارو برپا ٿيندو هو. پهريان آيل ته سيٽون ولاري ويهندا. پوءِ جا آيل جبن کي ڇنڊي جهاز جي وچ ۾ لنگهه تي هيٺيان چپل رکي پلٿ ماري ويهي رهندا. سمجهه ۾ نه پيو ايندو ته هاڻ هي مسئلو ڪيئن حل ٿيندو. پوءِ پائلٽ صاحب پهچندو. هو هي حال ڏسي اعلان ڪندو ته جهاز جدي نه پر خارطوم وٺي ٿو وڃان ان ڪري جدي جا مسافر هڪدم لهي وڃن. اهي سڀاڻ يا پرهينءَ ڪو جهاز ويو ته ان ۾ وڃي سگهن ٿا. ٿوري دير مسافر غريب شڪل ٺاهي ويٺا هوندا. پوءِ آهستي آهستي ٿي جدي جا مسافر لهڻ شروع ڪندا. پوءِ پائلٽ صاحب پنهنجو موڊ مطابق يا ته جهاز کي واقعي خارطوم ڇڪي ويندو يا پروگرام مطابق جدي. اسان جي ملڪ ۾ پائلٽ صاحب جيڪر ائين چوي ته سڀ مسافر گڏجي اهڙا موچڙا هڻنس جو اڇت ٻئي جهان ڏانهن روانو ٿي وڃي. پر سوڊان ۾ خبر ناهي ڇا چڪر آهي. ڪنهن ٻڌايو پائلٽن جي اتي ايڏي لئي ان ڪري آهي جو جهاز به ٿورا آهن ۽ پائلٽ به تمام گهٽ. سو پائلٽن کي جيڪي وڻي ٿو اهو ڪن ٿا. حڪومت نه ٿي ڪڇي جو هو ڪونه ڪو ٽيڪنيڪل بهانو ڏيئي فلائيٽ ڪئنسل ڪري سگهن ٿا. مثال طور: جهاز ۾ تيل گهٽ آهي، فلاڻي شهر تائين مس هلي سگهندو. جهاز جي سالياني جنرل سروي اهم جماعت کي ڇڏڻو آهي جنهن خاطر پروگرام واري اڏام رد ڪري سگهجي ٿي.
    منهنجو هڪ دوست سوڊان جي شهر خارطوم ۾ هڪ ڪپڙي جي ڪارخاني ۾ ٽيڪنيڪل مئنيجر آهي. ان به اهڙي ئي قسم جي ڳالهه ڪئي ته سوڊاني شيدي ڏسڻ ۾ ڊپ وارا لڳن ٿا، پر آهن تمام نرم دل، ۽ سوڊاني گهڻي ڀاڱي توڪلي ۽ درويش قسم جا مڙس ٿين ٿا. ڪا وڏي ڳالهه ٿي ويندي ته به چوندا رب رحيم آهي. قسمت ۾ ائين لکيل هو تڏهن ته ٿيو. يا داڻو پاڻي نه هو، وغيره. هن ٻڌايو ته ڪڏهن ڪنهن ورڪر کي ڪاوڙجي چئبو ته ڪم صحيح ڪونه ٿو ڪرين توکي ته ڪڍي ڇڏڻ کپي، ته ماڳهين مٿو کائي ويندو ته هاڻ ته تو چيو آهي ته نوڪريءَ مان ضرور ڪڍيم. الله مالڪ آهي. اهوئي رزاق آهي. اهوئي هر بندي کي رزق ڏئي ٿو. يو آر ناٽ اي رزاق. سائين هاڻ ڏيو منهن. پوءِ نيٺ منٿون ڪبيون ته بابا مون ائين ئي چيو. چرچن ۾ توکي چيو. تڏهن وڃي همراهه ماٺو ٿيندو.
    ايئرلنڪا جا ٻئي جهاز جيتوڻيڪ پراڻا ۽ سادا هئا، پر اهو مڃڻ مراد آهي ته سروس واهه جي هين. ٻين هوائي ڪمپنين- خاص ڪري اسان جي پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ کي سلوني ايئر هوسٽسن ۽ اسٽيورڊن کان سبق سکڻ کپي ته هنن لاءِ هر مسافر قابل احترام آهي. اهو مسافر جيڪو ٻيا جهاز ڇڏي توهان جي جهاز کي ترجيح ڏئي ٿو، ان جو به ڪجهه حق آهي جنهن جي خريد ڪيل ٽڪيٽن مان توهان کي ڳرا پگهار ملن ٿا، ڊاڪٽري سهوليتون ۽ رهائش جا الائونس ملن ٿا.
    ڪولمبو کان سنگاپور واري اڏام ۾ ته سلون جا ڪيترائي اهڙا غريب پورهيت چڙهيا، جيڪي بافتي جي ڌوتل گوڏ ۽ ڇنل چمپل ۾ هئا، جيڪي پڪ سنگاپور يا جڪارتا ۾ پورهئي مزدوريءَ لاءِ وڃي رهيا هئا. هو ڪيترائي دفعا هروڀرو چانهه پاڻي ۽ شراب جي گهر گهر ڪري رهيا هئا. پر مجال آهي جو ڪنهن من موهڻي ايئر هوسٽس انهن جي خدمتگاريءَ ۾ بڇان محسوس ڪئي يا منهن کي موڙو ڏنو هجي. هرگز نه.
    ڪولمبو مان نڪرڻ وقت اسٽيوورڊ کي هڪ رسالو آڻڻ لاءِ چيو هوم. هن کان ڪو وسري ويو. اڌ رستي تي وري ايئرهوسٽس کي ياد ڏياريم تنهن به نه آندو. شايد وسري ويس يا ماني کارائڻ ۾ مشغول ٿي ويئي. ٿوري دير بعد اها لنگهي ته چيومانس هڪ رسالي لاءِ ڪيترا دفعا چئجي. توهان جي ڪمپنيءَ کي ان بابت شڪايت جو خط لکڻ کپي ته نه اسٽيوورڊ ٿو ٻڌي ۽ نه ايئر هوسٽس. منهنجو اهو چوڻ يڪدم نه فقط پاڻ معافي ورتائين، پر ان اسٽيوورڊ کي به وٺي آئي ته هن کان به ڳالهه وسري ويئي، دل ۾ نه ڪجو ۽ يڪدم رسالن جو ڍير اچي اڳيان رکيائين. آصف جنهن اهو لقاءُ پئي ڏٺو تنهن چيو پنهنجي هوائي ڪمپنيءَ ۾ ٻيو سڀ ڪجهه سٺو آهي، پر اڃا اها خدمتگاري ۽ ڪرنسي نه آهي. ڪنهن سفارشي ايئر هوسٽس کي ائين دڙڪو ته ڏيئي ڏس. سامهون کتو کڻي جواب نه ڏيندي، پر منهن جو موڙو ڏيئي اکين ئي اکين ۾ اهو چوندي ته وڃي ڪاهه جيڪا ڪاهڻي اٿئي. منهنجو ڪو نالو ته وٺي ڏسي. آئون فلاڻي يا فلاڻي جي مائٽياڻي/لاڏلي آهيان. هن آڱوٺي جي پرواهه اٿم.
    خاص ڪري اسان جو غريب مزدور ۽ پورهيت طبقو جنهن سان اسان جي هوائي ڪمپنيءَ جون انگلينڊ، گلف ۽ عرب ملڪن ڏي ويندڙ اڏامون ٽٻ هونديون آهن. انهن سان اسان جي جهازن جي ڪئبن واري عملي جو برتاءُ ايترو ته غلط ۽ بي عزتيءَ وارو هوندو آهي جو افسوس ٿو ٿئي. ان بابت ڪيترن مسافرن جا ڏکويل بيان جنگ اخبار جي هفتيوار صفحي بالادي ۾، ايڊيٽر ڏي خط، ڪوثر نيازيءَ جي ڪالم مشاهدي ۾ ۽ اخبار جهان ۾ وقت به وقت ايندا رهن ٿا. کاڌي خوراڪ ۾ پڻ اسان جي هوائي ڪمپني بدنام ٿي رهي آهي. خبر ناهي ڪهڙا انٽرنيشنل پئسينجر ڌپيل نمڪو ۽ ٿلهي کل وارا سمبوسا ٿا کائين جو Snacks ۾ سئيز رول، ڊونٽ، هئمبرگر ۽ سئنڊوچ بدران اهي شروع ڪيا ويا آهن. هڪ مسافر جيڪو پنج ڏهه هزار رپيا ڀري توهان سان چار پنج ڪلاڪ گذاري ٿو، ان کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهين رپئي کن جي ته ڪا سٺي شيءَ کارايو جو هو هميشه ياد رکي.


    گهر کان هوائي اڏي ۽ هوائي جهاز تائين

    هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ مسافر لاءِ هيٺيون شيون لکڻ ضروري ٿو سمجهان، جن سان هن جو واسطو ٽڪيٽ خريد ڪرڻ کان وٺي، سفر پوري ڪرڻ تائين پوي ٿو. مثال طور:ويزا، پاسپورٽ، اسٽيٽ بئنڪ طرفان پي- ٽو فارم ۽ فارين ايڪسچينج (پرڏيهي ناڻي) کڻڻ جو اجازت نامو، اميگريشن، بورڊنگ ڪارڊ، وغيره وغيره.
    پاسپورٽ
    سڀ کان اول ولايت (ڌارئين ملڪ) وڃڻ لاءِ پاسپورٽ ضروري آهي جيڪو پاسپورٽ آفيس ۾ فارم ڀري (ان سان گڏ مقرر ٿي، سڃاڻپ جو ڪارڊ ۽ مئٽرڪ جو اصلي سرٽيفڪيٽ وغيره ڏيکاري) ٺهرائي سگهجي ٿو. پاسپورٽ عام طرح هفتي ٻن ۾ ٺهيو وڃي. پر جي جلد گهرجي ته ڪجهه وڌيڪ في ڏيڻ سان هڪ ڏينهن ۾ به تيار ٿي ملي سگهي ٿو. بهرحال ان بابت وقت بوقت قاعدا قانون بدلجندا رهن ٿا.
    ٽريول ايجنٽ
    ٻاهر وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ يا هوائي ڪمپنيءَ جي آفيس مان سنئي سنڌي وٺجي يا ڪنهن ٽريول ايجنٽ کان. ٽريول ايجنٽ کان وٺڻ ۾ اها سهوليت آهي ته هو توهان جي ضرورت کي سمجهي صحيح روٽ ۽ جهازران ڪمپنيءَ جي چونڊ بابت صلاح ڏئي سگهندو. مثال طور ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور هر هوائي ڪمپنيءَ جي ٽڪيٽ ساڳي آهي. هاڻ جي توهان مشغول ماڻهو آهيو ۽ ڪوالالمپور جلد پهچڻ چاهيو ٿا ته پوءِ هو توهان کي KLM، پي. آءِ. اي يا ڪنهن اهڙي ٻي هوائي ڪمپنيءَ جي ٽڪيٽ ڏيندو جنهن جو جهاز سڌو اتي وڃي ڇڏي يا وڌ ۾ وڌ ڪنهن هڪ هنڌ رستي تي ڪلاڪ اڌ لاءِ ترسي- مثال طور بمبئي ۾، سنگاپور ۾ يا جيئن پي. آءِ. اي جو جهاز ڪلاڪ کن لاءِ ڪولمبو ۾ ترسي ٿو، پر جي توهان جلدي ۾ نه آهيو، ويتر پهريون دفعو پيا چڙهو ۽ گهمڻ ڦرڻ جي موڊ ۾ آهيو- ۽ وقت جو ڪو فقر نه اٿانو ته پوءِ هو توهان جي شوق ۽ ضرورت کي ڏسي، ان موجب هو اوهان کي، ڪنهن ٻي هوائي ڪمپنيءَ جي جهاز رستي ڪوالالمپور وڃڻ جي صلاح ڏيندو. مثال طور ايئر انڊيا جو هوائي جهاز به ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور وڃي ٿو پر اهو رستي تي بمبئي ۽ مدراس ۾ گهڻي دير ترسي ٿو- بلڪ مدراس ۾ رات هوٽل ۾ ٽڪڻي پوي ٿي ۽ ٻئي ڏينهن ايئر انڊيا جي ٻئي جهاز ۾ چڙهڻو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح ٿائي ايئر جو هوائي جهاز ڪراچيءَ مان مسافر کڻي پهرين بئنڪاڪ ۾ اچيو ڇڏي. جتي ڀلي توهان ڏينهن اڌ چڪر ڏئي پوءِ ساڳي ڀاڙي اندر ٻئي ڏينهن ٿائي ايئر جي ٻئي هوائي جهاز ۾ ڪوالالمپور هليا وڃو. يا ايئر لنڪا- جنهن جي ٽڪيٽ اسان کي مليل هئي- اهو به ساڳي ڀاڙي تي ڪوالالمپور پهچائي ٿو. پر رستي تي بمبئي، ڪولمبو ۽ سنگاپور مان گهمائي- ڇهن ڪلاڪن جو سفر ويهن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو.
    ڪي ڪي ايئروفلوٽ (روسي هوائي ڪمپني) جهڙيون هوائي ڪمپنيون آهن، جن جا هوائي جهاز ڪي ايل. ايم (KLM)، ايس.اي.ايس جا ميمبر نه هجڻ ڪري ڀاڙو ٻين کان گهٽ وٺن ٿا. ۽ ڪراچيءَ کان ايئروفلوٽ هر ڇنڇر ڏينهن سڌو ڪوالالمپور پهچي ٿو. ڪي هوائي ڪمپنيون ايئرلنڪا جهڙيون-جيڪي ايتريون مشهور نه آهن. غريب ملڪن جون آهن، هاڻي شروع ٿيون آهن، انهن جو ڀاڙو جيتوڻيڪ ٻين جيترو آهي، پر اهي ٽريول ايجنٽ کي هر ٽڪيٽ وڪڻڻ تي ٻين کان گهڻي ڪميشن(نفعو) ڏين ٿيون- ۽ جي توهان سمارٽ آهيو ته ان نفعي مان ٽريول ايجنٽ کان حصو وٺي سگهو ٿا.
    سامان جي تور
    هر هوائي مسافر فقط ويهه ڪلو سامان کڻي سگهي ٿو. ان ۾ ان سامان جي تور شامل نه ڪئي ويندي آهي، جيڪو مسافر هٿ ۾ کڻي پاڻ سان ويهندو آهي- مثال طور بريف ڪيس، اوورڪوٽ، ڪئميرا، هڪ ٻه ڪتاب وغيره. ويهن ڪلو کان مٿي سامان جو منزل مطابق ڀاڙو چڪايو ويندو آهي. ڪي ڪي ايئرلنڪا جهڙيون هوائي ڪمپنيون ڪڏهن ڪڏهن توهان جي ڪجهه وڌيڪ سامان کڻڻ تي اکيون پوري ڇڏينديون آهن، نه ته اصولي طرح ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور تائين هر وڌيڪ کنيل ڪلو سامان جا نوي رپيا کن ڀاڙو ٿئي ٿو.
    پي ٽو فارم ۽ فارين ايڪسچينج
    ٽڪيٽ وٺڻ بعد ٻاهر وڃڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان اجازت وٺڻي پوندي آهي- چاهي فارين ايڪسچينج جي ضرورت هجي يا نه. ان لاءِ هڪ فارم ڀرڻو پوندو آهي جيڪو P2 (پي-ٽو) فارم سڏجي ٿو. ان ۾ نالو، ائڊريس ۽ ڪنهن ٻاهران توهان جي مائٽ ٽڪيٽ موڪلي آهي ته ان جو نالو پتو ۽ توهان سان مائٽي وغيره لکڻي پوي ٿي. ۽ فارين ايڪسچينج لاءِ هڪ ٻيو فارم ڀرڻو پوندو آهي. اهو فارم ۽ پي ٽو فارم اسٽيٽ بئنڪ کان ملندو آهي ۽ انهن کي ئي ڀري پاسپورٽ سان گڏ هڪ ڏينهن صبح جو ڏبو ته شام جو منظور ڪري ڏيندا آهن- يا کڻي ٻئي ڏينهن ڏين. پاسپورٽ جي آخري صفحي تي پڻ اهڙيءَ اجازت جو ٺپو هڻي ڏيندا آهن ته ٻاهر وڃي پيو ۽ هيترا پيسا (ڊالر) کڻي سگهي ٿو. ڪنهن زماني ۾ فقط ٽيهن ڊالرن جي اجازت ملندي هئي، پر هاڻي هر مسافر کي هڪ هزار ڊالرن جي اجازت ڏين ٿا-بشرطيڪ هو گذريل ٻن سالن اندر ٻاهر وڃڻ لاءِ پئسا وٺي نه چڪو هجي.
    پي ٽي فارم جو ٻڌجي پيو ته هاڻي شايد اهو بند ڪيو وڃي جيئن ٻاهر ويندڙن کي سهوليت رهي.
    غير ملڪي ناڻو
    اسٽيٽ بئنڪ کان پاس ٿيل فارين ايڪسچينج وارو فارم مقرر بئنڪن تان (هڪ ته ميٽروپول هوٽل ڪراچي وٽ يو بي ايل بئنڪ آهي، ڪلفٽن وٽ نئشنل بئنڪ آهي- يا ٻي ڪنهن بئنڪ تان) مٽائي سگهجي ٿو. هزار آمريڪي ڊالر اڄڪلهه ساڍن تيرهن هزار رپيا کن جا ملن ٿا. بئنڪ وارا پاڪستاني پئسا ۽ فارم وٺي ڊالر ڏيندا آهن ۽ توهان جي ٽڪيٽ تي بئنڪ جو ٺپو هڻي ناڻي جو مقدار لکندا آهن.
    ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ
    اسان جي ملڪ ۾ ڪالرا، ٽائيفائيڊ جهڙين بيمارين جا جراثيم آهن ۽ ڪيترا ملڪ: انگلينڊ، آمريڪا، جپان جهڙا- جن ۾ اهي بيماريون مور نه آهن ۽ هنن انهن بيمارين جا جراثيم اتي ختم ڪري ڇڏيا آهن، سي اهو هرگز نٿا چاهين ته ڪو ڌارئين ملڪ جو ماڻهو سندن ملڪ ۾ اهي جراثيم کڻي اچي. ان جي روڪٿام لاءِ ضروري ڪيو ويو آهي ته انهن بيماري خلاف هر مسافر پنهنجي ملڪ مان سيون هڻائي پوءِ اوڏانهن وڃي.
    ان کان علاوه ڪي اهڙا ملڪ آهن- خاص ڪري آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جا جتي Yellow Fever زهريلي بخار، جهڙيون خطرناڪ بيماريون آهن جن کان بچڻ لاءِ مسافر کي گهرجي ته پنهنجو ملڪ ڇڏي اوڏانهن وڃڻ کان اڳ بچاءَ جون سيون هڻائي وڃي، جيئن کيس پرديس ۾ ڪا بيماري نه لڳي. هونءَ به ان ملڪ جي ايئرپورٽ تي پهچڻ تي توهان کي تيسين نه ڇڏيندا جيسين پنهنجي صحت لاءِ اهي سيون هڻائي حفاظتي قدم نه کڻو.
    ان سلسلي ۾ ڪوڙو صحت جو سرٽيفڪيٽ وٺي سفر ڪرڻ کان بهتر آهي ويهه ٽيهه رپيا ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيئي اهي سيون واقعي هڻائي ڇڏجن. ڇو جو ڪوڙي سرٽيفڪيٽ ڪري ايئرپورٽ تي توهان کي ڇڏي ته ڏيندا پر خدانخواسته پرديس ۾ سچ پچ ڪا خوفناڪ بيماري لڳي وڃي ته گهمڻ ڦرڻ هڪ طرف ويو ۽ خرچ پکو ٻئي طرف.
    هيلٿ سرٽيفڪيٽ، پي ٽو فارم ۽ فارين ايڪسچينج جو سمورو ڪم اهو ٽريول ايجنٽ سولائيءَ سان ڪرائي سگهندو، جنهن کان ٽڪيٽ ورتي ويئي آهي.
    ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ ٽريول ايجنٽ بنا سئين هڻڻ جي مسافرن کي ڏهين رپين ۾ هيلٿ سرٽيفڪيٽ وڪڻي ڏيندا آهن. اها چڱي ڳالهه ناهي ۽ ان مان مسافر کي ڇيهو رسي سگهي ٿو، جيئن مٿي ٻڌائي چڪو آهيان ته پوءِ پرديس ۾ بيمار ٿيڻ تي پاڻ به پريشان ته ٻين لاءِ به مصيبت. جپان، آمريڪا، فرانس، سئيزرلئنڊ جهڙن ملڪن ۾ جي خبر پوي ته توهان مليريا، مدي جي تپ، ڪالرا يا ان قسم جي وچڙندڙ بيماريءَ جا جراثيم پاڻ سان کنيو پيا هلو ته واويلا مچي وڃي. ڪوبه سمجهو ماڻهو اهو نه چاهيندو ته ٿوريءَ ڪوتاهيءَ ڪري سندس ۽ سندس ملڪ جي پرديس ۾ بي عزتي ٿئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مڇر آمريڪا ۽ جپان ۾ به آهن، پر مليريا جو جراثيم جيئن ته اتي ڪنهن جي به رت ۾ ناهي، ان ڪري انهن ملڪن ۾ مليريا بنهه ناهي.
    ڪي ملڪ آهن جن جو معيار ذري گهٽ ساڳيو آهي، اتي هيلٿ سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. جيئن اسان پاڪستانين لاءِ سريلنڪا، ملائيشيا، سنگاپور، هندستان جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ هيلٿ سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي.
    ويزا
    ويزا ڪنهن به ڌارئين ملڪ ۾ ٽڪن جو اجازت نامون آهي، جيڪي اهو ڌاريون ملڪ يا ان جو سفارتخانو يا قونصل خانو ڏئي ٿو. پاڪستان ۾ سڀني ملڪن جا سفارتخانا اسلام آباد ۾ آهن، جتي انهن جو سفير رهي ٿو. باقي ڪن ڪن ملڪن جا قونصل خانا ڪراچيءَ ۾ آهن.
    ڪن ڪن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ويزا نه هوندي آهي. ڪن ملڪن جي ويزا هڪڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ وٺڻ ضروري هوندي آهي ته ٻين لاءِ نه. ڪن ملڪن جي ويزا انهن ملڪن جي هوائي اڏي تي پهچي وٺي سگهجي ٿي.
    ويزائن جا به قسم آهن. ڪا ٽوئرسٽ ويزا سڏبي آهي جيڪا ڏهه، پنڌرهن يا مهيني جي هوندي آهي، ته اوترا ڏينهن ان ملڪ ۾ رڳو گهمڻ ڦرڻ لاءِ رهي سگهجي ٿو. ان ويزا تي ڪابه نوڪري، ڌنڌو يا پورهيو نٿو ڪري سگهجي. جيئن هتي ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ وغيره ۾ آهي. جپان جهڙن ملڪن ۾ ته فقط ٽن يا چئن ڏينهن لاءِ ملندي آهي سا به صرف ٽن ويجهن شهرن لاءِ. هڪ ٽرانزٽ ويزا ٿيندي آهي. جيئن افغانستان ڏي پاڻيءَ جي جهاز رستي ايندڙ مسافر ڪراچيءَ ۾ لهي پاڪستان کان وٺندا آهن. ان ويزا ذريعي هو ڪراچيءَ جي بندرگاهه تي لهي ۽ باءِ روڊ سڄو پاڪستان لتاڙي افغانستان پهچندا آهن. اها ٽرانزٽ ويزا يعني لنگهه جي ويزا ٿي.
    ڪنهن ملڪ ۾ سال يا ڇهه مهينا رهي، پورهئي يا نوڪري ڪرڻ جي ويزا الڳ ٿئي، جنهن کي Working Visa سڏجي ٿو يا عرب ملڪن ۾ ان کي اڪامون سڏين.
    اهو ويزا جو چڪر ان ڪري رکيو ويو آهي جيئن ڪو مسافر ڌارئين ملڪ ۾ ترسي نه پوي. مثال طور: ڪويت، بحرين،دبئي،سعودي عرب جهڙن ملڪن ۾ اسان جهڙن غريب ملڪن جا ماڻهو ته چاهيندا ته پورهئي لاءِ هميشه لاءِ رهڻ ڏنو وڃي ته سٺو. ان ڪري اسان جهڙن لاءِ اتي وڃڻ لاءِ ويزا- اجازت جي ضرورت آهي. ساڳئي وقت انگلينڊ، آمريڪا، فرانس، جرمني جهڙا ملڪ- جن جي ماڻهن لاءِ اتي ئي سک آهي انهن جو ڪويت، بحرين، دبئي جهڙن ملڪن ۾ هميشه لاءِ ٽِڪي پوڻ مشڪل آهي. ان ڪري انهن ملڪن جي ماڻهن کي آزاد ڇڏيو ويو آهي ته ڀلي بنا ويزا جي اچن وڃن. بهرحال هي سڀ ملڪ جي معاشي حالتن تي مدار رکي ٿو. ڪنهن زماني ۾ ايران ۾ بنا ويزا جي وڃي سگهبو هو، پر هاڻ اتي به اسان کي ويزا وٺڻي پوي ٿي. ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي اسان جو ملڪ به دنيا جي نقشي تي امير ترين ٿي وڃي- ماڻهو ته محنتي ۽ ذهين اڳهين آهن- ڪوتيل يا سون جهڙيون ڌاتو نڪري اچي ته نمونو ئي ٻيو ٿي وڃي. آخرڪار ڪويت،سنگاپور، دبئي جهڙا ملڪ ته اسان کان به غريب هئا ۽ فقط ويهه ٽيهه سال اڳ تائين مهاڻن جا ننڍڙا ڳوٺ هئا- جن ۾ سج لٿي کان پوءِ ڏيا ٽمڪندا هئا.
    بهرحال اسان لاءِ ايترو آهي جو ملائيشيا، سنگاپور، سريلنڪا، بنگلاديش، ٿائلينڊ ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ بنا ويز جي وڃي سگهون ٿا ۽ ويزا ان ملڪ جي ايئرپورٽ تان وٺي سگهون ٿا جيئن اسان ملائيشيا بنا هيلٿ سرٽيفڪيٽ ۽ ويزا جي آياسين ۽ ايئرپورٽ تي اچي پندرهن ڏينهن جي ويزا ورتيسين. اها ختم ٿيڻ تي وري ٽن مهينن جي ورتيسين ۽ هاڻ جيئن ته هتي رهي نوڪري ڪرڻي آهي ان ڪري ان لاءِ ٽي سال ٽڪڻ جي اجازت ملي اٿئون.
    ڪو به مسافر ٻاهر ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ کان اڳ پنهنجي ٽريول ايجنٽ يا غير ملڪي معلومات رکندڙ کان اهو ضروري معلوم ڪري ڇڏي ته جن ملڪن ۾ هو وڃي رهيو آهي. انهن مان ڪهڙن ۾ هن کي ويزا جي ضرورت پوندي ۽ ڪهڙن جي ويزا کيس انهن ملڪ جي ايئرپورٽ تي ئي ملي ويندي ۽ ڪهڙن ملڪن جي ويزا جي صفا ضرورت نه اٿس، جيئن ڌارئين ملڪ ۾ پهچي پريشاني نه ٿئي. هونئن اهي ماڻهو جيڪي هوائي جهازن يا پاڻيءَ وارن جهازن تي ڪم ڪن ٿا. انهن لاءِ ويزا جو مسئلو ناهي. ويندي پاسپورٽ جي به ضروت ناهي. هو پنهنجي C.D.C (نليءَ) تي هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ وڃي سگهن ٿا- بشرطيڪ سندن اهو سفر نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هجي، يا پنهنجي جهاز جي ڊيوٽيءَ چڙهڻ جي باري ۾ هجي.


    اڏام جي ڪنفرميشن (خاطري)

    جهاز جي اڏام کان ڏينهن ٻه اڳ هوائي جهاز ڪمپنيءَ کان روبرو يا فون تي پنهنجي ٽڪيٽ ۽ اڏام جي خاطري ڪري ڇڏجي ته واقعي توهان جي ٽڪيٽ ان اڏام لاءِ ڪارگر آهي ۽ توهان جو نالو ان اُڏام لاءِ خاطري سان رکيو ويو آهي. ڪي ڪمپنيون ٽڪيٽ تي ڪنفرميشن (پڪ) جو ٺپو به هڻي ڏينديون آهن، جيئن ثبوت رهي. هوائي جهاز ڪمپني يا ٽريول ايجنٽ پاڻ به ٽڪيٽ وڪڻڻ مهل کان سندس ائڊريس يا فون نمبر وٺي ڇڏيندو آهي ته متان ڪنهن سبب ڪري اڏام ڪئنسل ٿئي يا منجهس ڪا تبديلي اچي ته مسافر اطلاع ڪري سگهي.
    ايئرپورٽ
    جهاز جي اڏام کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ اڳواٽ ايئرپورٽ تي پهچڻ کپي، جيئن سامان جو وزن ڪرائجي، جهاز ۾ ويهڻ جو سيٽ نمبر (بورڊنگ ڪارڊ) وٺجي، اميگريشن جو ڪارڊ ڀرجي، پنهنجي چڪاس ڪرائجي ۽ پاسپورٽ تي ٺپو وغيره هڻائجي.
    ايئرپورٽ ڪنهن به جهازران ڪمپنيءَ جي ملڪيت نه هوندو آهي ۽ نه ان لاءِ جوابدار آهي. جيئن اسان وٽ ايئرپورٽ جي تڪليف (پيئڻ لاءِ پاڻي نه هجڻ يا ويهڻ لاءِ ڪرسي نه هجڻ) لاءِ اڪثر پي. آءِ. اي – هوائي ڪمپنيءَ کي گاريون ڏنيون وينديون آهن. اسان وٽ جيتوڻيڪ هوائي ڪمپني ۽ هوائي اڏو ٻئي سرڪاري آهن، پر مختلف کاتي ۾ آهن. هوائي اڏي - اي ڊي اي (ايئرپورٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي) ۾ اچي ٿو ان ڪري هوائي اڏي جي صفائي، سونهن ۽ سهوليت لاءِ A.D.A کاتو جوابدار آهي، جيڪو هوائي اڏي جي سار سنڀال لهڻ لاءِ هر ٻاهر ويندڙ مسافر کان سئو رپيا اوڳاڙي ٿو. (مختلف ملڪن ۾ مختلف في آهي). باقي هوائي جهاز ۾ ماني سٺي ناهي، ويهڻ جي ڪرسي سٺي ناهي، وقت تي اڏام نٿي ٿئي ته ان لاءِ هوائي ڪمپني پي. آءِ. اي- يا جنهن ڪمپنيءَ جو جهاز آهي- اها جوابدار آهي.
    هوائي اڏي تي پهچڻ مهل پاڻ سان ڪجهه پئسا رکجن جيئن سئو رپيا في مسافر جي حساب سان ايئرپورٽ ٽيڪس يا وڌيڪ وزن کڻڻ جو ڀاڙو ڏئي سگهجي ۽ اڳيان لائونج ۾ چانهه ٿڌو پيئڻ يا فون ڪرڻ جو بل ڀري سگهجي. ايئرپورٽ ٽيڪس پڻ بدلجندو رهي ٿو.
    لگيج ٽئگ
    ايئرپورٽ ۾ اندر پهچڻ جنهن هوائي ڪمپنيءَ جي ٽڪيٽ هجي ان جي ڪائونٽر تي پنهنجو ڳرو سامان بئگون، هڙون وغيره جمع ڪرائجن. پاڻ سان رڳو ڳچيءَ جو ننڍو ٿيلهو يا بريف ڪيس رکجي، جنهن ۾ پاسپورٽ، ڪاغذ پٽ، ڏاڙهيءَ جو سامان، دوائون يا ٻيو اهڙو اهم ۽ ترت استعمال ۾ ايندڙ سامان هجي، ان جي تور نه ڪئي ويندي آهي. ڪي سياڻا وري ان ٿيلهي يا بريف ڪيس ۾ استري، ٽائيپ رائيٽر يا ٻي ڪا اهڙي ڳري وزن واري چيز وجهي پاڻ سان کڻي هلندا آهن. جيئن جهجهي وزن جي وڌيڪ ڀاڙي کان بچي سگهجي.
    هوائي ڪمپنيءَ جو عملو پيتيون ۽ وڏو سامان توري ننگن جيترا ڪارڊ ڏيندو آهي. جن ڪارڊن جا اڌ اڌ سامان سان ٻڌا ويندا آهن. نمبر ٻنهي اڌن تي ساڳيا هوندا آهن جيئن توهان پنهنجي سامان جي، منزل تي پهچي گهر ڪري سگهو. انهن ڪارڊن کي لگيج ٽئگ سڏجي ٿو. اهو ٽئگ پاڻ سان قابو رکڻ کپي، جيئن منزل تي پهچي سامان نه ملي ته ان وڃايل پيتيءَ جو ٽئگ ڏيکارڻ تي هوائي ڪمپني وڃايل سامان جي ڳولا- ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ رقم ادا ڪري سگهي.
    هونءَ احتياطن مسافرکي کپي ته پنهنجي هر هڪ پيتيءَ ۽ هڙ جي مٿان ڪنهن مارڪر پين سان نالو ۽ ائڊريس لکي ڇڏي. يا ڪنهن پني تي لکي ٻاهران چنبڙائي ڇڏي. ان کان علاوه هڪ پنو (نالي ۽ ائڊريس جو) پيتيءَ جي اندر به وجهي ڇڏي جو ڪڏهن ڪڏهن اڌ ٽئگ ۽ توهان جو ائڊريس وارو چنبڙيل پنو ڦاٽيو پيو. ان صورت ۾ اهو گم ٿيل سامان دنيا جي مختلف هوائي اڏن تي رلندو رهي ٿو. اڄڪلهه جتي ڪٿي ڪمپيوٽر سسٽم آهي ۽ گم ٿيل سامان جو ڪمپيوٽر ذريعي سڀني اهم هوائي اڏن تي اطلاع ڪيو وڃي ٿو ۽ هو پيتيءَ جي ٻاهران يا اندران مسافر جو نالو ڳولي اهو سامان گهربل هنڌ تي چوويهن ڪلاڪن اندر پڄايو ڇڏين.
    جيڪڏهن اڏام ڊئريڪٽ آهي- مثال طور: ڪراچي کان لنڊن تائين ساڳي هوائي جهاز ۾ ته پوءِ سامان گم ٿيڻ جا گهٽ امڪان آهن. پر جي مختلف اڏامون آهن جيئن ته هڪ اڏام آهي جنهن ۾ ڪراچيءَ کان مسافر چڙهيا ۽ مصر جي هوائي اڏي قاهره ۾ سڀ لٿا. اتي ڪن مسافرن کي ڪي. ايل. ايم جهاز ذريعي ڪوپنهيگن وڄڻو آهي، ڪن کي لفٿنسا هوائي جهاز رستي- جيڪو ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اچڻو آهي- فرئنڪفرٽ (جرمني) وڄڻو آهي، ڪن کي ٿائي ايئر لائين ذريعي پئرس وڃڻو آهي. باقي چند مسافر اهڙا آهن جن کي ساڳئي جهاز ۾ اڳتي لنڊن وڃڻو آهي. ان ردوبدل ۾ هوائي اڏي تي ڪم ڪندڙ مزدور ڪڏهن ڪڏهن سامان کي غلط هوائي جهازن ۾ چاڙهي ڇڏيندا آهن، ويتر جي ٽئگ يا چنبڙيل ائڊريس وارو پنو ڦاٽي پيو آهي ته پوءِ غلطيءَ جا گهڻا امڪان ٿيو پون. ان ڪري ضروري آهي ته بئگ جي اندر پڻ هڪ ائڊريس رکجي جيئن اڳتي هلي ڳولا ۾ هوائي اڏن کي سهوليت ٿئي.
    بورڊنگ ڪارڊ
    جهاز ۾ ويهڻ جو ڪارڊ جنهن تي سيٽ نمبر به ٿئي، ان کي بورڊنگ ڪارڊ سڏجي ٿو. ايئرلائين ڪمپنيءَ وارا سامان وٺڻ بعد توهان جي ٽڪيٽ جو مٿيون ڪوپن ڦاڙي جهاز ۾ ويهڻ لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ڏيندا آهن. جهاز ۾ ويهڻ لاءِ گهڻو ڪري ٽي ٽي سيٽون ٿين. هڪ دريءَ واري، ٻي وچين ۽ ٽين پاسي واري. جي دريءَ کان ويهي جهاز جي لهڻ چڙهڻ وقت نظارو ڏسڻ ٿا چاهيو ته پوءِ دريءَ واري سيٽ بهتر آهي. باقي جيڪڏهن ذري ذري باٿ روم لاءِ اٿ ويهه ڪرڻ ٿا چاهيو ته ٻين جي سک ڦٽائڻ بجاءِ پاسي واري سيٽ وٺي ويهجي. هوائي ڪمپني ۽ رب جي رضا تي راضي رهڻ وارا چپڙي ڪري وچئينءَ سيٽ تي ويهي رهندا آهن.
    اڄڪلهه هر جهاز ۾ سگريٽ پيئندڙن کي ڌار- گهڻو ڪري پٺين سيٽن تي ويهارين ٿا. بورڊنگ ڪارڊ تي توهان جو سيٽ نمبر هئڻ وقت توهان کان اهو ضرور پڇندا ته سگريٽ ڇڪيو ٿا يا نه.
    اميگريشن
    هر ملڪ ۾ اميگريشن کاتو ايندڙ ۽ ويندڙ مسافرن جو رڪارڊ رکي ٿو ته ڪهڙا ٻاهر ويا ۽ ڪهڙا ملڪ اندر گهڙيا ۽ ڪٿي رهيل آهن. هر ملڪ مان وڃڻ وقت يا اچڻ وقت اميگريشن کاتي جو هڪ ڪارڊ- ايمبارڪيشن/ڊسئمبارڪيشن ڪارڊ- ڀري کين ڏيڻو پوندو آهي. جنهن بعد هو پاسپورٽ تي Exit ملڪ کان ”ٻاهر“ وڃڻ يا Enter – ”اندر“ گهڙڻ جو ٺپو هڻي ڏيندا آهن.
    ذاتي چڪاس
    جهاز تي وڌندڙ هاءِ جئڪنگ جي حادثن ڪري اڄڪلهه هر مسافر جي اليڪٽرانڪ مشين (اسڪئنر) ذريعي چڪاس ٿئي ٿي، ان پڪ ڪرڻ لاءِ وٽس ڪو پستول، خنجر، بم يا لوهي هٿيار ته نه آهي. مسافر سان گڏ سندس بريف ڪيس يا ٿيلهي جي به چڪاس ڪئي وڃي ٿي. اڄڪلهه جون اليڪٽرانڪ مشينون تمام جلد ڪم اڪلايو ڇڏين ۽ جيڪي ڪجهه بئگ ۾ يا ماڻهوءَ وٽ لوهي سامان آهي ان جو فوٽو اچيو وڃي. نه ته شروع ۾ جيڪي مشينون هونديون هيون، اهي چقمقي طاقت تي الارم وڄائينديون هيون، ان ۾ ڪافي دقت ٿيندي هئي. مثال طور: ماڻهو مشين مان لنگهيو ته مشين الارام وڄايو. خبر پئي ته هن وٽ پسٽل يا خنجر ته نه آهي، پر سندس صدريءَ جا ٻيڙا ڪنهن ڌاتوءَ جا ٺهيل آهن، ان ڪري مشين الارم پئي ڏئي يا غريب جي ڪڇي جو ٻيڙو ٽٽل آهي سو ڪانٽو هنيو پيو هلي. عورتن جي باڊين ۾ لوهي ڪڙا هجڻ ڪري اڪثر الارم وڄندو هو- يا آءِ. يو. ڊي ڪري.
    انتظار گاهه
    مٿئين چڪاس بعد مسافر انتظار گاهه (لائونج) ۾ اچي ويهندا آهن. جهاز جي اڏام کان ڏهه پنڌرهن منٽ اڳ لائوڊ اسپيڪرن تي اعلان ڪيو ويندو آهي، جيئن مسافر جهاز ۾ چڙهن. ڪڏهن جهاز پري بيٺل هوندو آهي ته ان هوائي جهاز جي ڪمپنيءَ وارا مسافرن کي بس ۾ چاڙهي جهاز تائين وٺي ايندا آهن.
    هوائي جهاز
    جهاز جي ڏاڪڻ وٽ مسافرن کان سندن بورڊنگ ڪارڊ وٺي، کين مقرر جاين تي ايئرهوسٽسون يا اسٽيورڊ ويهاريندا آهن. پوءِ جهاز جي مٿي اڏامڻ مهل سيٽ ۾ لڳل پٽو چيلهه سان ٻڌڻ ۽ سگريٽ نه ڇڪڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جيئن ئي جهاز مٿي اڏامڻ واي ليول تي پهچندو آهي ته بيلٽ کولڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ لاءِ اعلان ڪيو ويندو آهي. جهاز جي لهڻ وقت پڻ اهو عمل ورجايو ويندو آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن هوائي جهاز هلندي ڪنهن اهڙي حصي Air-Pocket ۾ به اچي ويندو آهي، جتي ساهه کڻڻ لاءِ هوا جي کوٽ هوندي آهي. ان لاءِ ايئر هوسٽس توهان کي چڙهڻ مهل ئي ٻڌائيندي ته جي اهڙي حالت درپيش اچي ته توهان جي سيٽن مٿان رٻڙ جا ٻوٿاڙا هيٺ لڙڪايا ويندا جيئن اهي نڪ ۽ وات تي رکي جهاز ۾ رکيل آڪسيجن استعمال ڪري سگهو.
    ڪڏهن ڪڏهن جهاز سمنڊ جي مٿان لڳاتار هلندو آهي، جيئن سنگاپور کان منيلا تائين سڄو وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ مٿان هلندو آهي. اهڙن موقعن تي ايئرهوسٽس مسافرن کي سمجهائي ڇڏيندي آهي ته جي خدانخواسته حادثو ٿئي ته سيٽن هيٺان رٻڙ جون لائف جئڪيٽون (صدريون) ڳچيءَ ۾ پائي ڇڏجن جيئن ٻڏڻ بدران سمنڊ جي مٿان تري سگهجي. ان رٻڙ جي جرسيءَ ۾ هوا ڀرڻ لاءِ ان جي هيٺان ڌاڳو ٻڌل هوندو آهي ان کي سٽ ڏيڻ سان اها هوا سان ڀرجي ويندي آهي.
    جهاز ۾ اڏام جي وقت موجب مسافرن کي چانهه يا ماني کارائي وڃي ٿي. جي رات جي وقت وڏي اڏام اٺن ڏهن ڪلاڪن جي آهي ته فلم شو به ڏيکاريووڃي ٿو، ۽ جي ڪو ڏسڻ نه چاهي ته پنهنجي سيٽ کي پٺيان لاڙي سمهي رهي يا بتي ٻاري ڪتاب/اخبار ويهي پڙهي.
    هر جهاز جي باٿ روم ۾ ڪاڪوس ۽ هٿ منهن ڌوئڻ جي بندوبست کان علاوه مردن لاءِ شيو جو سامان يا اليڪٽرڪ شيور لاءِ سئچ، صابڻ، يوڊي ڪولون ۽ هٿ اگهڻ لاءِ پنا ۽ ٽشو پيپر ٿين ۽ عورتن لاءِ سينيٽري ٽئال- ڪوٽيڪس، ٽئمپيڪس وغيره پڻ.
    ڪيترن جهازن ۾ سيٽن جي مٿان وهاڻا ۽ بلاڪيٽ رکيل ٿين، جيئن ڪنهن کي سيءُ لڳي يا ننڊ اچي ته مٿان بلاڪيٽ يا وهاڻو کڻي استعمال ڪري.
    (نوٽ:اڄڪلهه پاڪستانين لاءِ ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور وڃڻ لاءِ پڻ ويزا اڳواٽ وٺڻ ضروري ڪئي وئي آهي.)


    ڪولمبو کان ڪولالمپور

    ڪولمبو کان سنگاپور ايندي جهاز ۾ ٻن ڄڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جو موقعو مليو. هڪ ته سنگاپور جو ڇوڪرو علي ۽ ٻيو انڊونيشيا جو عامر ڪاسمير.
    علي ڪراچيءَ کان ئي اسان سان گڏ چڙهيو هو. تيرهن چوڏهن سالن جو مس ٿيندو. بمبئيءَ ۾ ٻيا مسافر لهي ويا پر هي اسان سان ئي جهاز ۾ ويٺو رهيو. ڪولمبو جهاز پهتو ته اتي به ڪجهه لٿا ۽ ٻيا چڙهيا. هي ڪولمبو ايئرپورٽ تي به اڪيلو ڦري رهيو هو. ڪولمبو کان سنگاپور ايندي وقت اتفاق سان هن جي سيٽ منهنجي ڀر ۾ هئي سو جهاز ۾ لنچ بعد کانئس خبر چار ورتم ته اڪيلو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين. پاڻ ٻڌايائين ته هو هر سال هنن ڏينهن ۾ جڏهن سنگاپور ۾ اسڪول کان موڪلون ٿينديون آهن ته ڪراچيءَ پنهنجي چاچي وٽ ويندو آهي جيڪو ڪراچيءَ ۾ واپاري آهي ۽ بندر روڊ تي جناح جي مزار جي سامهون ڪرسچن سوسائٽيءَ ۾ رهي ٿو. پاڻ آغا خاني کوجا آهن. سندس پيءُ سالن کان سنگاپور ۾ رهي ٿو، اتي جو پاسپورٽ ۽ شهريت اٿس. دراصل سندس ڏاڏا، پڙڏاڏا بمبئيءَ جا رهاڪو هئا ۽ واپار خاطر ڪي سائوٿ آفريڪا ۾ وڃي رهيا ته ڪي پاڪستان ۾ ۽ ڪي سنگاپور ملائيشيا ۾. جيڪي جتي آهن اهي اتي جون زبانون ڳالهائين، پر گهر ۾ ڪڇي يا گجراتي ڳالهين.
    کوجا واپاري ڪميونٽي سان تعلق رکن ٿا ۽ بوهرين وانگر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملندا-خاص ڪري ايشيا ۽ آفريڪا کنڊ ۾، يا هندي وڏي سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن تي. کوجن جون ٻه ڌريون آهن: هڪ آغا خاني (اسماعيلي) ۽ ٻي اثنا عشري. اسان جي ملڪ ۾- خاص ڪري سنڌ جي شهرن: حيدرآباد، ڪراچي، تلهار، سکر، بدين پاسي تمام گهڻا کوجا رهن ٿا- جن نه فقط واپار ۾ نالو پيدا ڪيو آهي، پر تعليم ۽ هنرن ۾ پڻ. اسان مان ڪيترن کي شايد اها خبر نه هجي ته کوجا ڪير آهن؟ اثنا عشري کوجي ۽ اسماعيلي کوجي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    حضورﷺ جن کان پوءِ خلافت جي دور ۾ جڏهن مصري باغين حضرت عثمان رضه کي شهيد ڪري وڌو ته حضرت علي خليفو مقرر ٿيو. امير معاويه رضه ۽ حضرت علي رضه جي وچ ۾ قصاصِ عثمان رضه جي ڳالهه تي جنگ ٿي ته هڪ جماعت حضرت علي رضه جي لشڪر کان ڌار ٿي ويئي. هيءَ جماعت تاريخ ۾ خوارج جي نالي سان مشهور ٿي جيڪي عام ٻوليءَ ۾ خارجي سڏجڻ لڳا. جيڪي ماڻهو حضرت علي رضه جي پاسي وڙهندا رهيا اهي شيعانِ علي رضه سڏيا ويا. ڪجهه عرصو گذرڻ بعد هي شيعان به اثنا عشري ۽ اسماعيلي ٻن فرقن ۾ ورهائجي ويا. اثنا عشري حضرت جو عقيدو آهي ته حضرت علي رضه رسول اڪرمﷺ جو وصي ۽ بلافصل خليفو آهي ۽ حضور جن کان پوءِ مسلمانن جو برحق امام آهي ۽ جئين ته زمانو امام کان سواءِ خالي نٿو رهي سگهي، ان ڪري حضرت عليءَ کان پوءِ امامت سندن اولاد ۾ ڦرندي ٻارهين امام مهدي رضه تائين پهتي، جيڪو امامِ زمان آهي- يعني هلندڙ زماني جو امام آهي. پاڻ هڪ غار ۾ روپوش ٿي ويا آهن ۽ قيامت ويجهي اچڻ تي امام مهدي وري ظاهر ٿيندو.
    اثنا عشري جي ٻارهين امامن جا نالا هي آهي: حضرت علي، حسن، حسين،زين العابدين، محمد باقر، جعفر صادق، موسيٰ ڪاظم، علي الرضا، محمد تقي، علي نقي، حسن عسڪري ۽ ٻارهون امام-مهدي- آخرالزمان.
    ان جي برعڪس اسماعيلي حضرت جعفر صادق تائين ڇهن امامن جا قاعل آهن، پر هو ستين امام موسيٰ قاظم کي نه پر امام جعفر صادق جي ٻئي پٽ اسماعيل کي مڃين ٿا ۽ ان کان ئي امامت جو سلسلو اڳتي وڌائين ٿا. اهڙي ريت پرنس آغا ڪريم اسماعيلي امامن جي ان سلسلي جو اوڻونجاهون حاضر امام آهي.
    جهاز ۾ منهنجي ٻي ڳالهه ٻولهه انڊونيشيا جي عامري ڪاسمير نالي هڪ نوجوان سان ٿي. ڪولمبو ايئرپورٽ تي اسان جي فلائيٽ جو نمبر 322 هو. ان کان اڳ 422 نمبر واري اڏام کي ڪولمبو کان سريلنڪا جي ٻئي ڪنهن شهر ڏي وڃڻو هو. جنهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه دفعا اعلان ٿيو هوندو:
    ”ايئرلنڪا جي اڏام نمبر 422 وڃڻ واري آهي، مسافرن کي آخري دفعو اعلان ٿو ڪجي ته هو جهاز ۾ اچي چڙهن.“ هر دفعي اعلان بعد اهو ورجايو پئي ويو ته ان سلسلي ۾ هاڻ وري اعلان نه ڪنداسين ۽ جي ڪو مسافر رهجي ويو ته اها ان جي ذميواري آهي.
    آصف چيو ته ڪمال آهي. هر دفعي اهو چئي ته آخري اطلاع آهي وري اعلان نه ڪنداسين، ان کان پوءِ به وري ساڳيو ساڳيو اعلان پيو ٿئي. اهڙي صورت ۾ ان دڙڪي جو ڪهڙو اثر. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن ان جهاز جو ڪو به مسافر ايئرپورٽ تي موجود هوندو ته وڌ ۾ وڌ ٻيو دفعو ٻڌڻ تي اچي جهاز ۾ چڙهندو، جو هن جو پنهنجو به نقصان آهي، ۽ هيڏانهن اسان جو جهاز ساڍي اٺين بجي وڃڻو هو ان کي نو اچي ٿيا آهن، پر ڪو اطلاع به ڪو نه ٿا ڪن.
    آصف کي چيم ته ترس ته ”واءُ سواءُ“ لهي اچان ته نصير اعجاز ڇا ٿو چوي. ملڪ ترقيءَ جي راهه تي گامزن ۽ امن امان آهي يا اڏام جو وقت بدلائي ڇڏيو اٿن. ايئر لنڪا جي عاج جي ٺهيل اڇي ڪائونٽر پويان ڪاري سنهالي گرائونڊ هاسٽس ٻڌايو ته ان اڏام جا ماڻهو ته ڪڏهوڪو لائونج ۾ پهچي ويا آهن. اسان به ٿيلهو ۽ بريف ڪيس ڍوئي تکا تکا آياسين. رستي تي پنهنجي ۽ سامان جي چڪاس ڪرائيسين ۽ جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ورتوسين. لائونج ۾ ڏسون ته مسافرن جي ڊگهي قطار لڳي پيئي آهي. ٿيلها ۽ ٿونا هڻي اسان به اچي اهڙي هنڌ تي بيٺاسين، جتان پڪ هئي ته مصر وارو حال ٿيو ته به اسان تائين لڳل قطار کي جهاز ۾ جاءِ ملي ويندي ۽ اسان جو اڄ ئي پهچڻ به ضروي هو. ڇو جو هي جهاز هٿن مان وڃڻ تي هڪ ته سنگاپور ۾ بيٺل ٽئين جهاز تي پهچي نه سگهبو ۽ ٻي ڳالهه ته ڪوالالمپور جي ايئرپورٽ تي آيل اسان جا ڌڻي سائين موٽي ويندا ۽ اسان پهرين ڏينهن ئي پرديس ۾ دربدر ٿي وينداسين. ڪيڏانهن سامان کي ڍوئينداسين ۽ ڪيڏانهن رهڻ لاءِ گهر پڇائينداسين. گهمڻ ته آيا ڪو نه هئاسين جو پنهنجي خرچ تي ٽئڪسيون ۽ مزور ڪيون ۽ هوٽل جو خرچ ڀريون- جيتوڻيڪ اڳتي هلي ائين ئي ٿيو- سنگاپور وارو جهاز به دير سان پهچڻ ڪري نڪري ويو ۽ ڪوالالمپور ۾ جيڪي اڀرا سڀرا اسان جا آڌر ڀاءَ لاءِ آيل هئا سي به روانا ٿي چڪا هئا.
    ڪولمبو ايئرپورٽ تي لڳل ان قطار مان ڀر ۾ بيٺل نوجوان کان پڇيم ته هيءَ قطار سنگاپور ڏي ويندڙ جهاز جي مسافرن جي ئي آهي نه؟ همراهه ڪو اسان کان به وڌيڪ ڪاوڙيو هو، سو منهنجي پڇڻ تي پاڻ شروع ٿي ويو: ”هي سريلنڪا جا ماڻهو ته ڏسو، نه هي پتو، نه هو پتو، بيٺي بيٺي به اڌ ڪلاڪ ٿي ويو آهي.“
    مون به ٽيڪو ڏياريومانس: ”ها ڏس ته سهي هن ٻي اڏام 422 لاءِ ته ذري ذري پيا اعلان ڪن، پر پنهنجي اڏام بابت ڪا خبر نه نٿا ٻڌائين. اسان ته ڪلاڪ ڏيڍ کان ايئرپورٽ ٻاهران پاڻي پي پيشاب پئي ڪيو ۽ پيشاب ڪري پاڻي پئي پيتو. چڱو جو هينئر پڇيوسين نه ته ذري گهٽ جهاز هليو وڃي ها.“
    کلي چيائين: ”هڪ ته سريلنڪا ۾ اها مصيبت آهي ته هتان سندن قومي جهازران ڪمپنيءَ ۾ ئي اڏامڻو پوي ٿو. نه ته آئون ”گرودا“ (انڊونيشيا جي ايئرلائين) ۾ ئي سفر ڪريان ها.“
    مٿي تي ڪاري ٽوپي پيئي هيس. پڇيومانس: ”ملئي آهين يا انڊونيشي؟“
    ”انڊونيشي آهيان، هتي ڪولمبو ۾ پنهنجي ملڪ جي سفير جو پرائيويٽ سيڪريٽري آهيان. هينئر ٽن ڏينهن لاءِ جڪارتا پيو وڃان.“
    ۽ پوءِ جيسين جهاز ۾ چڙهون تيسين وقت گذارڻ لاءِ خبرون ڪندا رهياسين. ايشيا جي ملڪن ۾ اهي مزا آهن ته ڄاڻ سڃاڻ هجي يا نه پيو پڇ. پيو ڳالهاءِ، ڪو دل ۾ ئي نه ڪندو. ويندي ٻئي جي اخبار کڻي ويهي پڙهه ته به مڙيئي خير آهي ۽ هي جوان ته ڪجهه وڌيڪ ئي خوش مزاج ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو پئي لڳو.
    پڇيومانس: ”جڪارتا موڪلن تي پيو وڃين؟“
    ”نه بابا. موڪلن تي ڪٿي. ڪم. ڪم. ڪم. ڏينهن رات ڪمن ۾ بزي آهيان. هڪ ٻيٽ تي ڪجهه پرابلم آهي. ان جي دوري تي پيو وڃان، جو هتي جو وزيراعظم اوڏانهن ٽوئر تي وڃڻو آهي. توهان ڪريو خبر؟!“
    مون کيس اڃا پاڻ بابت ڪجهه ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته جهاز ۾ هلي ويهڻ لاءِ اعلان ٿيو. چيومانس ته خبرون پوءِ جهاز ۾ ڪنداسين. هل ته ڀڄي هلي جاءِ ولاريون. جهاز ۾ پهچي آصف چيو: ”جنهن سان ڳالهائي رهيو هئين. اهو همراهه پاڪستاني ته نه هو؟“
    ”نه. ڪاري ٽوپي قوالن واري مٿي تي ڏسي ڀليو آهين ڇا؟“
    ”ها.“ آصف وراڻيو.
    ”درويش اها ٽوپي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي قومي لباس ۾ شامل آهي ۽ ماڻهو عام پائين. پاڻ به ملائيشيا ۾ ڪجهه سال رهنداسين ته اهڙا قوال ٿي پونداسين. موڪلن ۾ اهڙيون ڪاريون ٽوپيون ۽ گوڏيون (سرونگ) پائي هٿ ۾ دهلڙيون کڻي پنهنجي وطن موٽنداسين.“
    جهاز اڏامڻ بعد ڪجهه دير آرام ڪري کيس ڳولڻ لاءِ اٿيس. هي جهاز پهرين جهاز کان وڏو هو ۽ ٽي چار سئو کن ماڻهو ويٺل هيس. پاڻ مون کي پري کان ئي ڏسي ورتائين ۽ رڙ ڪري سڏيائين. سندس ڀر ۾ خالي سيٽ ته هئي ڪا نه سو جهاز جي پڇ ۾ ڪاڪوسن وٽ بيهي خبرون ڪيونسين. مون کيس ملائيشيا اچڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ڪولمبو ۽ جڪارتا گهمڻ لاءِ دعوت ڏنائين. هڪ ٻئي کي ائڊريسن جا ڪارڊ ڏناسين. سندس ڪارڊ تي ڪولمبو (سريلنڪا) جي ائڊريس هئي. ٻئي پاسي پين سان جڪارتا جي ائڊريس لکيائين. سندس نالو عامري ڪاسمير هو. جڪارتا جي اسپيلنگ ڊچ نموني- Djakarta لکڻ بدران انگريزي اسٽائيل ۾ Jakarta لکيائين.
    جيئن هندستان، سلون، سنگارپور تي انگريزن جو راڄ هو. تيئن انڊونيشيا ۾ به ڪافي وقت ڊچن جي حڪومت رهي. ان ڪري اِتي ڊچ زبان ائين عام آهي جيئن پاڻ وٽ انگريزي، ڊچ زمان ۾ ”ڊ“ جي اچار لاءِ DJ لکيو وڃي ٿو ۽ پيش جي اچار لاءِ EO (ٻه اکر) لکيا وڃن ٿا. ڪجهه وقت اڳ تائين انڊونيشيا ۾ نالن جون اسپيلون ڊچ نموني سان لکيون وينديون هيون ۽ J بدران DJ ۽ U بدران EO لکيو ويو ٿي. مرحوم سڪارنو آزاد حڪومت جون واڳون سنڀالڻ سان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ڊچ نموني سان نه لکيو وڃي، جيتوڻيڪ پاڻ نالو لکڻ مهل انگريزي نموني سان Sukarno لکندو هو، پر پنهنجي نالي جي صحيح ڪرڻ مهل پراڻي ڊچ نموني جي اسپيلن Seokarno لکندو هو.
    انڊونيشيا کي آزاد ٿئي چوويهه سال کن اچي ٿيا آهن، جن ۾ فقط ٻه ئي صدر ٿيا آهن: هڪ سڪارنو ۽ ٻيو سهارتو- جيڪو اڃا هلندو اچي. سهارتو (Seoharto) جي نالي ۾ به س تي پيش اچڻ ڪري S کان پوءِ Eo ٿو اچي. پر پاڻ ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي صحيح ۾ سٺو نالو لکڻ بدران فقط S/Harto – ”ايس“ لکي پوءِ ”هارتو“ لکي ٿو.
    سڪارنو تان هڪ ڳالهه ياد آئي ته انڊونيشيا جي مرحوم صدر- ڊاڪٽر سڪارنو، جيڪو دوائن وارو ڊاڪٽر نه پر آرڪيٽيڪٽ انجنيئرنگ ۾ پي. ايڇ. ڊي هو، جو ننڍڙو ۽ فقط هڪڙو ئي نالو – ”سڪارنو” هو- ٻيو اڳيان پويان ڪجهه به نه. جيتوڻيڪ ڪن ڪن هنڌن تي احمد (Ahmed يا Achmed) سڪارنو پڙهڻ ۾ اچي ٿو.
    ڪنهن زماني ۾ آمريڪا جي هڪ اخباري ايڊيٽر پنهنجي نمائندي کي انڊونيشيا موڪليو ته وڃي سڪارنو جو انٽرويو وٺي اچ. هن انٽرويو وٺي جڪارتا مان ئي روانو ڪيو ته ايڊيٽر وٽان تار مليس ته سڪارنو جو سڄو نالو ته معلوم ڪري لک. جتي ڪٿي رڳو سڪارنو، سڪارنو لکيو اٿئي. سڪارنو سان گڏ ٻيو به ته ڪرسچن نالو هوندس (جيئن پاڻ وٽ نالي سان گڏ علي، احمد، محمد، ڪريم، ستار ٿئي: علي شير، غلام محمد، عبدالستار وغيره) تار پهچڻ تي ٿڪل نمائندي – جنهن کي پاڻ ئي خبر نه هئي ته سڪارنو جو سٺو نالو ڇا آهي، تنهن بيزاريءَ مان لکي موڪليس ته ”احمد سڪارنو“ ئي هلائي ڇڏ.
    بس سائين اخبار ۾ ته مضمون احمد سڪارنو نالي هلي ويو. ان بعد ٻيا به ڪيترائي اهو ئي لکندا رهيا. جيتوڻيڪ سڪارنو پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ ان غلطيءَ بابت ذري ذري لکيو آهي: ”منهنجو نالو فقط سڪارنو آهي- ۽ اڳيان پويان ٻيو ڪجهه ناهي. ڪنهن بيوقوف اخباري ايڊيٽر هڪ دفعو منهنجي نالي اڳيان احمد لکيو هو، پر آئون فقط سڪارنو آهيان. اسان جي ملڪ ۽ ماحول ۾ فقط هڪڙو نالو هجڻ عام آهي ۽ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي......“
    سڪارنو جي آتم ڪهاڻيءَ جي ان ڪتاب ڇپجڻ بعد به سندس نالي جي غلطي ٿيندي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته علمي ڪتابن ۾ پڻ. گذريل سال آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ پريس طرفان انڊونيشي ملٽري سياست تي هڪ تحقيقاتي ڪتاب The Road to Power ڇپيو آهي ان ۾ به سڪارنو جو نالو صدر احمد سڪارنو لکيل آهي.
    ٻڌو اٿم ته سڪارنو جي ڌيءَ ان پهرين اخبار جي ايڊيٽر ٿي هاڻ ڪيس ڪيو آهي ته هن سندس پيءُ جو غلط نالو ڇو مشهور ڪيو.
    ڪراچيءَ ۾ ئي ايئرلنڪا آفيس وارن کي چيوسين ته سنگاپور پهچڻ بعد جيڪو پهريون جهاز ڪوالالمپور وڃي ان ۾ اسان کي موڪليو وڃي. هنن ٻڌايو ته چئين بجي ملائيشيا ايئر سسٽم MAS وارن جو جهاز سنگاپور کان ڇٽندو ۽ سوا پنجين بجي ڌاري ڪوالالمپور پهچي ويندو. اسان کي اهو پروگرام وڻيو ۽ ڪوالالمپور پنهنجن همراهن کي ان حساب سان اطلاع ڪري ڇڏيوسين ته ٻيلي فلاڻي ڏينهن سوا پنجين ڌاري هڪيا تڪيا ڪوالالمپور جس سمباگ ايئرپوٽ تي اسان کي وٺڻ لاءِ پهچي وڃجو، ۽ اهو نياپو ملڻ تي هنن پڪ جي تار به ڪئي: ”اسان جو ماڻهو ملاڪا شهر کان ڪوالالمپور وٺڻ لاءِ پهچي ويندو. رات جي رهڻ جو بندوبست اتي جي هوٽل فاروما ۾ ڪيو اٿئون. جتي رات ٽِڪي ٻئي ڏينهن همراهه سان ملاڪا هليا اچجو.“
    اسان جي ڌيان ۾ اهو هو ته فقط ”موهن جو دڙو، ايڪسپريس ۽ مهراڻ ايڪسپريس ئي وقت تي نٿيون پهچن. پر هاڻ جو اسان کي ايئرلنڪا جي جهاز چئين بدران ساڍي چئين پهچايو ته ڏاڍو افسوس ٿيو. جيتوڻيڪ ملائيشيا ويندڙ جهاز اڃا ٽيڪ- آف نه ڪيو هو. MAS وارن چيو ته جهاز ۾ ڊوڙي وڃي چڙهو. پر ايترو وقت ناهي جو توهان جو سامان آيل جهاز جي ڍير مان ڳولي ڪڍي ٻئي جهاز ۾ ڦٽو ڪريون. سو سامان ٻئي ڪنهن جهاز ۾ موڪلينداسين ۽ جي توهان چاهيو ته ٻئي جهاز ۾ هليا وڃو. هن جهاز جي پچر ڇڏيو.
    ”ٻيو جهاز ڪهڙو ۽ ڪڏهن ويندو؟“ اسان پڇين.
    ”ٻيو جهاز سنگاپور انٽرنيشنل ايئر لائنز SIA جو ساڍي پنجين وڃڻو آهي ۽ اسان توهان کي ان ۾ موڪلي ڇڏينداسين.“
    ٿوري دير اڳ جو اسان ڳالهائي به تکو تکو رهيا هئاسين ۽ هلي به تکو تکو رهيا هئاسين، هاڻ اهڙا ڍرا ٿي پياسين ڄڻ اسان جي آخري منزل ئي سنگاپور هجي. آصف ويو سو بسڪٽن ۽ کاڄن جا پڙا وٺي آيو، تيسين آئون سنگاپور ايئرپورٽ جي مفت جي فونن تان پنهنجن سنگارپور ۾ رهندڙ دوستن، ڪئپٽن ظهور عالم، ڪئپٽن مکڙي، شهاب الدين وغيره کي ٻڌائڻ لڳس ته بابا هاڻ منهنجو ڏس سمنڊ کان نه پر ڪنارن کان پڇجو. ڪئپٽن ظهور مونکان هڪ سال جونيئر ۽ چيف انجنيئر شهاب منهنجو چٽگانگ ۾ ڪلاس ميٽ هو ۽ ڪئپٽن مکڙي منهنجو ٽيچر هو. هاڻ اهي سڀ سنگاپور ۾ نوڪري ڪن ٿا.
    سنگارپور ايئرپورٽ يا سڄو سنگاپور جو شهر جيڪو اڄ کان پنڌرنهن سال کن اڳ (1968 ڌاري) ڪجهه به نه ٿو- ڪراچيءَ جي کارا در، موسي لين يا ڪنهن ٻيءَ مهاڻن جي بستيءَ جهڙو هو. جنهن جي بندرگاهه جي ٻاهران رکيل ڪاٺ جي بئنچن تي ويهي ملبارين يا بنگالين کان چانهه وٺي پئندا هئاسين- جيڪي گاڏيءَ تي سڄو رڌ پچاءَ جو سامان رکي هلندا هئا. سڄي شهر ۾ ڏسڻ جهڙيون وڌ ۾ وڌ انگريزن جي زماني جون فقط ٻه چار گوٿڪ نموني جون عمارتون هيون (جن مان اڄ به پوسٽ آفيس موجود آهي)، ٻيو مڙوئي خير ۽ سڄي شهر ۾ رئفل اسڪوائر ٿورو گهڻو چڱيرڙو علائقو سمجهيو ويندو هو (جيڪو هاڻ ته سائين بلي بلي آهي). گذريل پندرهن سالن ۾ سنگاپور جيو چپو چپو، عمارت عمارت اسان جي اکين اڳيان ڊهندي ۽ ٺهندي رهي آهي. اڄ سنگاپور جهڙو سهڻو، صاف سٿرو ۽ هر سهولت سان پر شهر دنيا ۾ نه هوندو. رڳو ايئرپورٽ کي ڏسي تعجب ٿو لڳي ته اهڙو ڪشادو، ايئر ڪنڊيشنڊ، ڪمپيوٽرائيزڊ، غاليچن سان ڍڪيل فرش وارو صاف سٿرو ايئرپورٽ ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ به نه هوندو.
    ايئرپورٽ جي دڪانن تان پاڪيٽ سائيز ريڊيو ۽ عطر وٺڻ ٿي چاهيم، پر اسان جهازي ماڻهو سنگاپور جي تنجم پگار، عرب اسٽريٽ ۽ هاءِ اسٽريٽ جي سنڌي هندن ۽ تامل مسلمانن جي دڪانن تان سستي خريداري ڪرڻ جا عادي، هن چيني دڪان جي ڳرين قيمتن واريون شيون وٺي نه سگهياسين- جيتوڻيڪ اڃا ته اهي هن ڊيوٽي فري اگهه تي پئي وڪيون. هڪ چينيءَ نيٺ چڙي چيو توهان جا پاڪستاني ته هتان جام شيون وٺي ويندا آهن. توهان ڇو نٿا وٺو؟!
    کلي چيومانس ته هنن کي واپس ڪراچيءَ وڃڻو هوندو آهي، سو آخري وقت تي تڙتڪڙ ۾ هتان وٺي ويندا هوندا. اسان کي ته رهڻو ئي هتي آهي.
    سنگاپور ايئرلائين جي جهاز ۾ جڏهن ڪوالالمپور پهتاسين ته وقت اٺ ٿيو هو. سوا پنجين بجي اسان کي وٺڻ وارا همراهه اچي هليا ويا هئا. اميگريشن وارن کي به چيوسين ته هونءَ اسان نوڪريءَ جي سلسلي ۾ آيا آهيون ۽ ٽن سالن جي گهٽ ۾ گهٽ ويزا کپي پر في الحال ڀلي جيترن ڏينهن جي وڻيو ويزا ڏيو. باقي پوءِ اسان جا همراهه جن گهرايو آهي، اهي خانه پوري ڪندا رهندا.
    ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته ٻيو ته ڪو به ميدان تي نه هو، هڪ پاڪستاني پراڻو چيف انجنيئر دوست ابراهيم شريف ٻار سان بيٺو هو. جنهن کي پڻ لکيو هوم ته اسان فلاڻي اڏام ۾ اچون پيا. اهو سوچي ڪلاڪ کن ٻيو به بيٺو رهيو ته متان اسان ٻي اڏام ۾ اچي نڪرون. پاڻ هتي ملائيشيا انٽرنيشنل شپنگ ڪارپوريشن MISC ۾ گذريل چئن سالن کان سپرنٽنڊنٽ انجنيئر آهي. ان کان اڳ ٻه سال کن گوڪل جي جهازن جو پڻ هانگ ڪانگ واري آفيس ۾ انچارج رهي چڪو آهي. تنهن کان اڳ پاڪستان ۾ هو. ڪنهن زماني ۾ سندس چيف انجنيئريءَ ۾ ساڳي جهاز تي آءُ نمبر ٽو ٿي ڪم ڪري چڪو هوس. انهن ڏينهن ۾ ان جهاز جو روٽ هي پاسو- ڏکڻ ايشيا هو. يعني ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ، فلپين، انڊونيشيا ۽ هانگ ڪانگ وغيره. پُر سحر ڏور اوڀر جي جادوءَ هن تي اهڙو اثر ڪيو جو پوءِ پاڪستان جي جهازران ڪمپنيءَ مان استعيفيٰ ڏئي، هن پاسي جي ملڪن ۾ ڪناري جي نوڪريءَ کي لڳي ويو.
    پاڻ اسان کي زور ڀريائين ته اسان هن وٽ هلي رهون. آصف کي چيم: ”ڪنهن پر به ”ها” نه ڪجانءِ، سخت ٿڪل آهيون. ابراهيم شريف صاحب وٽ هلو ته ماني کارائي چوندو ته اچو ته برج (پتي راند) کيڏون، سڄي رات سمهڻ نه ڏيندو.“
    مون کي ايتري ته خبر هئي ته اسان جي رهڻ لاءِ فوروما هوٽل ۾ بندوبست ٿيل آهي، سو آصف کي چيم ته اڄ رات ڪيئن به ڪري ننڊ ڪرڻي آهي. پوءِ جي هوٽل ۾ پاڻ لاءِ بندوبست نه ڪيو اٿن ته پنهنجي خرچ تي ئي هلي رهبو. جيئن سڪون سان اڄ رات ننڊ ڪري سگهون.
    پوءِ مس مس ابراهيم شريف سان واعدا ڪري، جيڪي هن سمجهيا پئي ته ”مردن“ جا نه پر ”جهازين“ جا واعدا آهن. موڪلايوسين ته هاڻ ته آهيون ئي هتي ملائيشيا ۾. پيا ملنداسين، آصف کي پوءِ کلي ٻڌايم ته ابراهيم شريف صاحب نيڪ، يارويس ۽ بااخلاق ماڻهو آهي، پر کيس پتي راند ۽ ڪچهري جي ڏاڍي عادت آهي. هڪ جهاز تي اسان ڏاڍيون ڊگهيون ڊگهيون Voyages (مسافريون) ڪيون. پاڻ منهنجو باس چيف انجنيئر هو ۽ آئون جهاز جو نمبر ٽو انجنيئر (سيڪنڊ انجنئير) هوس. انجن روم مان ڊيوٽي ڪري کيس رپورٽ ڏيڻ لاءِ ايندو هوس ته چانهه جي بهاني ويهاري پوءِ ويٺو خبرون ڪندو هو ۽ اٿڻ ئي نه ڏيندو هو. ننڊ مونکي به ٿوري ايندي آهي، پر هن کي ته بنهه ٿوري ايندي آهي. رات جو ٻارهين بجي انجن روم مان اچان يا ٽين چئين بجي صبح، جو سندس ڪئبن جي بتي ٻرندي رهندي هئي ۽ چانهه جي ڪٽلي تي هر وقت پاڻي اٻرندو رهندو هو. دل صاف، سخي ۽ همدرد، انجنيئر کڻي سٺو نه به هجي، پر هر هڪ مڃيندو ته سٺو انسان آهي.
    ٽئڪسي ڪري هوٽل فوروما ۾ آياسين-جيڪا هتي جي چائنا ٽائون ۾ آهي. چيني لوم بواءِ (روم بواءِ) وڌي ٽئڪسي تائين آيو ۽ هن هوٽل ۾ اسان لاءِ ڪمرا الڳ واٽ رزروڊ هجڻ جي خوشخبري ٻڌائي. گرم پاڻيءَ سان وهنجي، ”ناسي گورينگ“ (ملئي نموني جا فراءِ ٿيل چانور) چڪن ڪريءَ سان کائي، لت کوڙي سمهي رهياسين.


    ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فرق

    نقشي ۾ پاڪستان جي ساڄي پاسي اوڀر ۾ هندستان آهي. وڌيڪ اوڀر پاسي هلبو ته وڃي بنگلاديش کان نڪربو.
    اتر ۾ اسان جي پنجاب سان انڊيا وارو اوڀر پنجاب مليل آهي ۽ هيٺ سنڌ سان هندستان پاسي وارو صوبو راڄستان آهي- جيڪو پڻ سنڌ وانگر ڪافي رڻ پٽ آهي. سنڌ جي ڏکڻ ۾ وڌيڪ هلبو ته ٻيو ڪو ملڪ شروع ٿيڻ بدران سمنڊ- عربي سمنڊ شروع ٿي ٿو وڃي، پر هندستان جي صوبي راجستان جي ڏکڻ ۾ ڪافي ڌرتي آهي ۽ مهاراشٽرا (بمبئي ۽ ڪڇ)، ڪرناٽڪ ۾ آنڌرا پرديش کان پوءِ هندستان جا آخري ڏاکڻا صوبا- تامل ناڊو ۽ ڪيرالا ٿا اچن. جنهن کان پوءِ سريلنڪا جي ٻيٽ بعد هيٺ ۽ ساڄي کاٻي پاسي سوين ميلن تائين هندي وڏو سمنڊ پکڙيو پيو آهي.
    هوڏانهن ساڄي پاسي اڃا اوڀر ۾ وڃبو ته بنگلاديش بعد برمان مان وڃي نڪربو. برما بعد ٿائلينڊ آهي. جيڪو نه فقط اڳتي اوڀر ۾ وڃيو ڪئمپوچيا ۽ لائونس وغيره سان ملي، پر هندستان وانگر هيٺ ڏکڻ ڏي به هليو ٿو وڃي ۽ سنهي پٽي ٿو ٺاهي. هندستان ته هيٺ ڏکڻ ۾ وڃيو ختم ٿئي ۽ ٿورو سمنڊ بعد سريلنڪا جو ٻيٽ آهي، پر ٿائلينڊ جتي هيٺ ختم ٿئي ٿو اتان سهي جي ڪن جي شڪل جهڙو ملڪ شروع ٿئي ٿو، جيڪو ويسٽ ملائيشيا آهي. اڃا به هيٺ هلبو ته جتي ويسٽ ملائيشيا ختم ٿئي ٿو. اتي سريلنڪا وانگر- پر ايراضيءَ ۾ سريلنڪا ٻيٽ جي ويهين پتيءَ جيترو هڪ ننڍڙو ٻيٽ سنگاپور آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ ته سياسي طرح ملائيشيا جو ئي حصو هو، پر 1965ع کان ڌار ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو. سنگاپور جو هي ٻيٽ سمنڊ مٿان سنهي پل (Cause-Way) ذريعي ويسٽ ملائيشيا جي پڇڙي واري رياست جو هور سان ڳنڍيل آهي.
    ويسٽ ملائشيا جي هيٺان ۽ کاٻي ساڄي پاسي ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ آهن. جن مان هڪ ته تمام مشهور اهم ٻيٽ بلڪل سندس ڀرسان آهي، جنهن جو نالو ”جاوا“ آهي. جاوا جي هيٺان ٿورو ساڄي پاسي اوڀر ۾ هڪ ٻيو مشهور ٻيٽ ”سماترا“ آهي. ويسٽ ملائيشيا جي ساڄي پاسي ۽ سماترا جي مٿان هڪ ٻيو تمام وڏو ٻيٽ آهي، جنهن جو نالو ”بورنيو“ آهي.
    بورنيو جي اتر حصي جون ٻه رياستون ”صباح“ ۽ ”سرواڪ“ ايسٽ ملائيشيا سڏائين ٿيون ۽ ملائيشيا جي حڪومت هيٺ آهن ۽ ڏکڻ وارو باقي بورنيو ٻيٽ ڪليمنٽن، سڏجي ٿو. جاوا، سماترا، ڪليمنٽن ۽ ٻيا سوين ننڍا وڏا ڀر وارا ٻيٽ گڏجي انڊونيشيا سڏائين ٿا.
    سماترا ۽ ويسٽ ملائيشيا جي وچ ۾ سامونڊي رستي جي پٽيءَ ملاڪا نار ائين آهي جيئن ڪناري تي ٻن وڏين عمارتن جي وچ ۾ هلڻ لاءِ رستو. ۽ جيئن ميدان يا رڻ پٽ جي ڌوڙ، مٽي، اس ۽ هوا کان بچڻ خاطر هرڪو ٻن عمارتن جي وچ وارورستو وڌيڪ پسند ڪري ٿو، تيئن هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي سامونڊي بيابانن کان نڪري، هنن ٻن ملڪن جي وچ واري سمنڊ- ملاڪا نار- ۾ گهڙڻ سان ئي جهاز ۽ مسافرن لاءِ فرحت ٿيو وڃي.
    هندي وڏي سمنڊ يا ڏکڻ چيني سمنڊ جي سٽيل جهازيءَ لاءِ ملاڪا نار ائين آهي جيئن صحارا رڻ پٽ جي مسافر لاءِ خيابان. ملاڪا نار جي سانتيڪي سمنڊ ۾ جهاز جي گهڙڻ سان ئي لوڏا، الٽيون ۽ سي سڪنيس سان گڏ انجڻ ۽ نيوگيشن جا سڀ مسئلا پڻ في الحال دور ٿيو وڃن. نه ته کليل سمنڊ جي جوش، ڌنڌ ۽ لوڏن ڪري انسان ته انسان، پر انجڻ به ساٿ ڇڏيو وڃي. انجڻ روم ۾ مشينريءَ جا فلٽر چوڪ پيا ٿيندا. آئل پريشر پيو گهٽجندو وڌندو. سمنڊ کان پروپيلر (پنکو) ٻاهر نڪرڻ ڪري مين انجڻ پئي اوورلوڊ ٿيندي. ڪارگو جا رسا کلڻ ڪري هئچن ۾ سامان ڀڄڻ جو نقصان ۽ ڏيک گهٽ هجڻ ڪري تارا يا صحيح رستو نظر نه پيو ايندو. پر ملاڪا نار جي ٻن ڏينهن کن جي پنڌ ۾ جهاز توڙي مسافر هندي وڏي سمنڊ جو ٿڪ ڀڃندا آهن ۽ اڳيان اٿاهه چيني سمنڊ ۾ گهڙڻ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪندا آهن. ان ڪري جهازين لاءِ ملاڪا نار صدين کان خوشي، آرام ۽ سڪون جي علامت پئي رهي آهي.
    ان کان علاوه هي ملاڪا نار وارو سنهو سامونڊي رستو چين جپان کان هندستان عربستان ڏي اچڻ وڃڻ لاءِ شارٽ ڪٽ آهي جنهن جي اهميت فقط هزارين سال اڳ هئي. پر هنيئر به آهي. چيني ماڻهو هن رستي کان هندستان، آفريڪا، عربستان آيا ويا. سنڌباد ۽ ابن بطوطه جا سفر هن رستي کان ٿيل آهن. ٻي عيسويءَ صديءَ ۾ هندستاني هن نار ذريعي ملئي علائقن ۾ آيا. ان بعد عرب، پورچوگيز، ڊچ ۽ انگريز واپار، تبليغي ۽ حڪومت ڪندڙ ۽ اڄ جو ماڊرن مئرينر (جهازي) هيڏي ٽيڪنالاجي ۽ سائنس هوندي به، هن سامونڊي نار- ملاڪا نار، جو قدر ڪري ٿو ۽ کيس اهم سامونڊي رستو مڃي ٿو.
    ملاڪا نار تي اهو نالو ملاڪا شهر جي ڪري پيو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ملائيشيا جو مشهور شهر ۽ بندرگاهه آهي. صدين کان سندس هن سڄي علائقي ۾ سياسي، واپاري، مذهبي ۽ تواريخي اهميت رهي آهي. ان ملاڪا شهر ۾ ملائيشيا جي نوجوانن کي سامونڊي زندگي ۽ جهاز هلائڻ جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ هڪ تمام وڏي مئري ٽائيم اڪيڊمي سال ڏيڍ کان کولي ويئي آهي. جيئن هن ملڪ ملائيشيا جا نوجوان جهازن جا ڪئپٽن، چيف انجنيئر ۽ ريڊيو آفيسر ٿيڻ لاءِ تعليم خاطر پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، جپان يا انگلينِڊ ۾ وڃڻ بدران پنهنجي ئي ملڪ ۾ تعليم وٺي پنهنجا جهاز هلائين ۽ ملڪ جون اهم گهرجون پوريون ڪن.
    هن اڪيڊمي ۾ مختلف ناٽيڪل ۽ انجنيئرنگ سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن مان چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن چونڊي هتي رکيا ويا آهن جيئن اهي هتي جي ملئي ڪئڊٽن ۽ جهازين کي Pre-Sea ۽ Post-Sea جا مختلف ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل (جهاز هلائڻ جا) ڪورس ڪرائين. انهن ڌارين چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن مان هڪ منهنجو سر به آهي ۽هتي جي ماحول ۽ موسم ۾ هتي جي ماڻهن سان گڏ گهارڻو آهي. جيئن منهنجا هي اڄ جا ملئي شاگرد سڀاڻي قابل جهازي بنجي، دنيا جي هر سمنڊ تي بنا ڪنهن خوف خطري جي جهاز هلائي سگهن.
    منهنجي لاءِ به هي هڪ نئون تجربو ٿيندو ته فقط بندرگاهه جي ٻاهرين رونق ڏسڻ بدران، هي جادو ڀري اوڀر جي ملڪن جا شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، وستيون واهڻ ڏسي سگهبا. هتي جي ماڻهن- شهري توڙي ڳوٺاڻن جي مذهب، عادتن، زبانن، رواجن، ڪپڙن گندين، ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي بابت چڱي طرح معلومات حاصل ڪري سگهان.
    پهرين ڏينهن جڏهن ڪوالالمپور کان ملاڪا ڏي ڪار ۾ اچي رهيو هوس ته مون سان گڏ ويٺل ٽيويهن چوويهن ورهين جي ڄمار جو نوجوان ڪلارڪ عبدالرحمان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندو آيو. کيس مادري زبان ملئيءَ کان علاوه انگريزي به آئي ٿي. ڪراچيءَ کان حيدرآباد سپر هاءِ وي جهڙو رستو هو. چوڌاري نگاهه کٽڻ تائين ساوڪ ئي ساوڪ هئي. هيٺ زمين تي ڇٻر ۽ گاهه ٿي نظر آيو ۽ مٿي نگاهون کڻڻ سان ناريل، پام ۽ رٻڙ جا وڻ، رستي تي ٿوري ٿوري پنڌ بعد ملئي ڇوڪرا ڇوڪريون مختلف ميوا: پپيئو، چڪون، ليچي، رمبوتن، اسٽار فروٽ، انناس وڪڻي رهيون هيون. ڪٿي چانهه ۽ شربت جون ننڍڙيون ڪکائون هوٽلون هيون. هڪ ٻن هنڌ ترسي ڪوڪا ڪولا پيتيسين. چڪون ۽ رمبوتان ورتاسين. اسٽان واري هوٽل تان چانهه پي سندس پوڙهي چيني مالڪ ۽ فروٽ وڪڻندڙ ڇوڪرين کان سندن هوٽل، دڪان، گهر ۽ روز جي ڪمائيءَ جو پڇيوسين. کانئن جڏهن پاڪستان جو پڇيم ته ڪراچي ۽ اسلام آباد شهرن کان علاوه ڪجهه هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جي رانديگرن جا نالا به ورتائون. ملئي پاڻ رڳو فٽ بال راند گهڻي کيڏن. باقي ٻين ملڪن جون ٻيون هڙ رانديون شوق سان ڏسن. هتي جي روزنامي/اخبار ۾ پاڪستان بابت ڪا سياسي خبر هجي يا نه پر راندين جي ضرور هوندي.
    رستي تي لڳل بورڊن تي ملئي زبان ۾ لکيل ڀليڪار، اطلاع ۽ چتاءَ:”سلامت داتنگ“، ”آواس“، ”برهنتي“ لفظن جي معنيٰ عبدالرحمان کان پڇندو هليس.
    عبدالرحمان پڇيو: ”توهان کي هتي ملائيشيا ۾ اچڻ جو خيال ڪئين آيو؟“
    وراڻيومانس: ”ان جو شايد ڪو چٽو جواب نه ڏئي سگهان جو مون کي خاطريءَ سان خبر نه آهي. اهو ئي سوال جڏهن مون کان منهنجن دوستن ڪراچيءَ ۾ پڇيو ته مون چيومان: ”مون کي ملائيشيا جي ساوڪ ۽ وڻ ٽڻ ٻوٽا وڻن ٿا” ته دوستن مون کي کلي چيو: وڻ ٽن کائڻ جو شونق ٿيو اٿئي ڇا؟“
    ۽ پوءِ جڏهن انٽرويو مهل به مون کان اهو ئي سوال پڇيو ويو ته ڪجهه دير سوچي وراڻيم:”خبر ناهي ڇو، پر منهنجي دل ملائيشيا ۾ رهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ لاءِ چوي ٿي. پڪ نه اٿم پر شايد ان ڪري به جو ملائيشيا ۾ مسلمان رهن ٿا.“
    ”پر ڪويت، سعودي عرب، ابوظهبي به ته مسلمان ملڪ آهن!“ منهنجي انٽرويوئر مرڪي چيو.
    ”واقعي اها ته ڳالهه آهي.“ مون دل ۾ سوچيو، پر ملائيشيا پاسي ڇو؟ مون ان جو ڇيد ڪرڻ چاهيو ٿي. مون پاڻ به فرق معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي. پوءِ وراڻيم: ”سائين ان ڪري جو آئون ملائيشيا ۾ Adjust ڪري سگهندس. ملائيشيا جي شهر توڙي ڳوٺ ۾ جڏهن اتي جي ماڻهن سان گڏ هلندس ته آئون پنهنجو پاڻ کي هڪ ئي پليٽ فارم، هڪ ئي ليول تي محسوس ڪندس.“
    ۽ پوءِ چيف انجنيئر آصف غيور سان ڳالهه جو ذڪر ڪيو هوم، جيڪو پڻ مون سان گڏ هتي چونڊجي آيو آهي. آصف ڪويت، ايران ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ نوڪري سانگي توڙي جهاز کي وٺي وڃڻ جي ڊيوٽيءَ جي سلسلي ۾ ڪيترا دفعا وڃي چڪو آهي. آصف چيو: ”مون کان به اهوئي سوال ڪيائون ته آئون ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس ته ملائيشيا، سنگاپور، سريلنڪا، انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾، گهٽ پگهار هوندي به ڇو رهڻ پسند ٿو ڪريان؟ خير کين ته مون اهو ئي چيو ته ملائيشيا مسلمان ملڪ آهي. پر خبر اٿئي ڪهڙو فرق آهي؟ فرق اهو آهي جو هتي ملائيشيا هر ڌارئين پورهيت يا هنرمند جو مانَ مٿانهون آهي. هي اسان جي مهرباني ٿا سمجهن ته اسان اچي سندن ماڻهن ۽ ملڪ جي حالت سٺي ڪرڻ ۾ مدد پيا ڪريون. اسان کي جن سندن پگهار جوکپ آهي ته کين اسان جي هنر ۽ تعليم جو کپ آهي. ۽ اهو هي نه فقط سمجهن ٿا. پر قدر به ڪن ٿا. اسان جو مسلمان هجڻ جو ٻڌي. هي ملئي ماڻهو خوش ٿين ٿا. ڏورانهين ڏيهن جا هوندي به ڪنهن ڳالهه ۾ هڪجهڙائي آهي. پر عرب، گستاخي معاف، ڌارئين ملڪ جي ماڻهن کي –خاص ڪري هندستان ۽ پاڪستان جهڙن غريب ملڪن جي ماڻهن کي ته ماڻهو يا مسلمان سمجهڻ ته پري جي ڳالهه، ويتر زرخريد ٻانهون سمجهن ٿا- يا اسان سان سندن برتاءُ اهڙو آهي جو اسان جي ماڻهن جو گهڻو حصو پاڻ کي مسڪين ۽ ويچارو محسوس ڪري ٿو. پر هتي ملائيشيا ۾ اها ڳالهه ناهي. پئسو هتي به آهي، رٻڙ آهي، تيل آهي، ڌاتو آهي، سڀ ڪجهه آهي ۽ ايشيا ۾ ته جپان، سنگاپور بعد ٽيون نمبر تي ملائيشيا جي طاقتور ايڪانامي آهي.“
    ”ان جو سبب ڇا ٿي سگهي ٿو جو هتي جا ماڻهو امير هوندي به مفرور نه آهن ۽ منجهن نهٺائي آهي؟“ مون سوال ڪيو.
    ”شايد اهو هجي ته ان پٺيان سندن صديون پراڻي تهذيب ۽ ڪلچر آهي.“ آصف پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو. ”عرب ملڪن ۾ پئسو ته اچي ويو آهي، پر ڪلچر يا تعليم نه آهي.“
    بهرحال پاڻ سان گڏ سفر ڪندڙ ملئي ڪلارڪ عبدالرحمان- جيڪو جيتوڻيڪ عمر ۽ نوڪريءَ جي لحاظ کان ته ننڍو هو، پر ڪافي ذهين ۽ پاڙهو نموني جو ٿي لڳو، تنهن کي چيم: ”بس هتي تنهنجي ملڪ ملائيشيا ۾ ان ڪري آيو آهيان جو ڪيترائي دفعا منهنجي فئملي هتي اچي چڪي آهي ۽ هنن کي به هي ملڪ وڻي ٿو. هتي ملائيشيا ۾ ڪيترائي ڄاڻو سڃاڻو اٿم ۽ ملائيشيا جا ماڻهو، ماني ٽڪي توڙي ماحول ۽ موسم وڻيم ٿي.“
    ڪجهه رستو اڳتي هلي چيائين: ”مون توهان لاءِ ٻڌو آهي ته ليکڪ آهيو. ڇا اهوصحيح آهي.”
    ”ها. ڪجهه ڪجهه. مون تنهنجي ملڪ جو به هڪ ٻن ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري اڄ کان ٻارهن تيرهن سال اڳ جون ڳالهيون جڏهن ننڍو انجنيئر هوس ۽ پهريون دفعو ملائيشيا جا بندرگاهه گهميو هوس.“
    وائڙو ٿي چيائين؛ ”واقعي!“ پوءِ ٿوري دير گهريءَ سوچ ۾ پئجي ويو. شايد ملئيءَ ۾ سوچي انگريزيءَ ۾ جملو ٺاهڻ لاءِ وقت لڳايائين: ”پر مسٽر الطاف مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايتري ٿوري عرصي ۾ منهنجي ملڪ بابت ڇا لکي سگهيو هوندين؟“
    مون سندس ڳالهه کي واکاڻيندي چيو:”اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي. ان ڪري ته آئون تنهنجي ملڪ ۾ لڳاتار رهڻ لاءِ هلي آيو آهيان. جيئن هن ڀيري چڱيءَ طرح ڏسي وائسي، ماڻهن سان ملي جلي پوءِ ڪجهه لکان. ان ڪري ئي ته آئون جنهن تنهن کان انٽرويو ۽ سوال پڇندو اچان. باقي هن کان اڳ جيڪي ڪجهه مون ملائيشيا بابت لکيو آهي، ان جي پنهنجي اهميت آهي. اهو منهنجو پهرين ۽ مٿاڇري نظر ۾ ملائشيا هو ان لکڻيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جيڪو به ماڻهو مون وانگر ڪجهه ڏينهن لاءِ هتي ايندو ته ان کي ملائيشيا ڪيئن لڳندو.“
    عبدالرحمان کلي خوش ٿيو. ان کان پوءِ اڄ تائين عبدالرحمان هميشه ان مرڪ سان ملندو آهي جيڪا مرڪ ٻين ڪيترن اميرملڪن ۾ ڪنهن قيمت تي به اتي جي رهواسيءَ کان حاصل ڪري نٿي سگهجي. هر روز آفيس ۾ ايندي وقت ملئي سيڪيورٽي آفيسر مسٽر هارون کيڪار وقت جڏهن سڄو سلام: اسلام عليڪم ورحمته الله وبرڪاته چوندو آهي ته عجيب پنهنجائپ لڳندي آهي. منهنجا مئرين انجنيئرنگ جا نوٽس ٽائيپ ڪرڻ واري گڏيءَ جهڙي ملئي ڇوڪري سالميا ۽ سلائيڊون (ٽرانسپيئرنسون) ٺاهڻ وارو گول منهن وارو ناصر هميشه قربان ٿيندي نظر ايندا آهن. فون جو اطلاع ڏيڻ واري ظهرا بنتي يوسف ۽ ملئي زبان ۾ آيل سرڪاري خط انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيڻ واري پهانگ رياست جي ملئي ڇوڪري فاطمه بنتي عيسيٰ هميشه اهو احساس ڏياريندي آهي ته آئون هتي جي اهم ماڻهن مان هڪ آهيان. اسان جي ڪري سندن قوم جا ڀائر جهاز هلائيندا ۽ ملڪ جو نالو مٿي ڪندا. پگهار اسان کي سندن سرڪار ڏيندي آهي. ان سان گڏ ٿورائتا ٿيندا آهن، ڄڻ اسان هتي رهي هنن تي ڀال- ڀلايون پيا ڪريون. آفيس ۽ گهر جي سنڀال لهڻ واري انچارج عبدالغنيءَ کي شل نه خبر پوي ته مون کي وڌيڪ ڪرسي يا ڪوچ کپي. ميز يا مٽجي کپي. هڪدم پهچائي ويندو- ڪڏهن به پئسي خرچ ڪرڻ ۾ دل ننڍي نه ڪندا- بس آيل مهمان کي خوش رکڻو آهي- اهو ئي سندن لاءِ اهم اصول آهي. ٻئي شهر ۾ ميٽنگ يا جهاز جي دوري تي وڃڻ جو پروگرام ٺاهڻ، ويزا ۽ پاسپورٽ جو ڪم، گهر جي ڀاتين کي ڊاڪٽر کان دوا درمل وٺي ڏيارڻ پئان (مسز) صائمه بنتي خميس جو ڪم آهي ۽ ٽيليڪس تي نياپا موڪلڻ ۽ وٺڻ جپاني مهانڊي جهڙيءَ ڇوڪري چڪ (مس) عزيزه جو ڪم آهي. ڪڏهن ڪم جي گهڻائي ڪري دير ٿي ويندي ته به مرڪندي چوندي آهي؛”مڙئي خير آهي. منهنجي ٻي ساهيڙي جنهن سان گڏ رهان ٿي اها مون لاءِ به ماني تيار ڪري ڇڏيندي“ هتي جي ڳوٺ جو ملئي ڇوڪرو محمد دين- جيڪو فٽ بال راند ۾ پڻ اسان جو ڀيچي ٿيندو آهي. ان جو ڪم: چانهه ٺاهڻ، اخبار آڻڻ ۽ هڪ آفيس مان ٻيءَ تائين ڪاغذ پهچائڻ آهي. هميشه پابنديءَ سان آفيس ۾ ايندو آهي ۽ سڀ کان آخر ۾ مڙني آفيسن جون بتيون ۽ ايئرڪنڊيشنر بند ڪري پوءِ ويندو آهي. کيس هميشه کلندي ئي ڏسندو آهيان.
    بهرحال مٿيان ته کڻي چئجن ته مون کان عهدي ۾ ننڍا ٿيا، پر اڪيڊميءَ جو ڪمانڊنٽ- ڪئپٽن حمزه بن نور به ايڏو پيو خيال رکندو جو ڪڏهن ڪڏهن سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته آيا اسين ان جي لائق به آهيون يا نه. شل نه ٻڌي ته اسان ڌارين ملڪن مان آيل Expatriates کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت آهي يا ڪا تڪليف آهي. ور ور ڏيئي پيو خبر چار لهندو.
    منهنجي خيال ۾ اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي ڌن دولت کان به وڌيڪ آهن ۽ هڪ ملڪ کي ٻئي کان منفرد ۽ مٿانهون ڪري ٿيون بيهارين.


    ملائيشيا جو ملڪ

    ملائيشيا خط استوائي ملڪ آهي- يعني هتي سيارو ۽ اونهارو هڪ جهڙو گرم ٿئي ٿو ۽ سڄو سال ڏينهن رات پڻ هڪ جيڏا- ٻارهن ڪلاڪن جا ٿين.
    خدا استوا جي ويجهو هجڻ ڪري ملائيشيا ۾ پڻ آفريڪا جي خط استوائي ملڪن جهڙي گرمي ٿيڻ کپي، پر ڪن جاگرافيائي حالتن ڪري هتي جي موسم ايتري گرم ناهي. انهن مان ڪجهه هي آهن:هندي سمنڊ ۽ چيني سمنڊ کان هر وقت چوماسي جون هوائون لڳن ٿيون (هي اهي هوائون آهن جيڪي اونهاري ۾- خاص ڪري سانوڻيءَ ۾ سنڌ ۾ لڳن ٿيون، جن لاءِ چئبو آهي ته ڏکڻ جي هير پئي لڳي.) سٺو سال هتي مينهن جهڙ لڳا پيا آهن، جيڪي ڌرتيءَ کي ٺارين ٿا. ملائيشيا سامونڊي سطح کان مٿڀرو آهي ۽ ڪن ڪن حصن تي ڪوئيٽا وانگر تمام مٿي هجڻ ڪري مٿن چڱي ٿڌ پوي ٿي. گهڻي مينهن وسڻ ڪري سڄو ملائيشِيا ڊگهن ساون وڻن سان ڀريو پيو آهي ۽ گهڻن وڻن ۽ ساوڪ ڪري به ملڪ ٺريل رهي ٿو. ان کان علاوه چوڌاري سمنڊ ڪري ڪناري واريون هوائون:سي بريز پڻ ٿڌڪار بخشين ٿيون.
    ملائيشيا هڪ ڊگري کان ست ڊگريون ويرائي ڦاڪ Latitude تي آهي ۽ 100 ڊگرين کان 119 ڊگريون ڊگهائي ڦاڪ Longitude تي آهي. ملائيشيا جا پاڙيسري يا ويجها ملڪ آهن: اتر ۾ ٿائيلينڊ- جيڪو ملائيشيا جي بارڊر سان ڳنڍيو پيو آهي. ڏکڻ ۾ سنگاپور جو ننڍڙو ٻيٽ جيڪو سنهي رستي (Cause-Way) ذريعي ملائيشيا سان خشڪي رستي ڳنڍيل آهي. ملاڪا نار جي اولهه ۾ انڊونيشيا جي وچ ۾ چار سئو ميل ڏکڻ چيني سمنڊ جا آهن. (پاڪستان ۽ بنگلاديش-اڳوڻي ايسٽ پاڪستان جي وچ ۾ هزار ميلن جو ويڇو هو ۽ سمنڊ بدران زمين- هندستان جو ملڪ هو.) بهرحال پاڪستان کان علاوه هي ٻيو ملڪ آهي جنهن جو هڪ حصو ٻئي کان چڱي فاصلي تي آهي. اولهه ملائيشيا (جنهن ۾ ڪوالالمپور جو شهر به اچي ٿو) اوڀر ملائيشيا (صباح ۽ سرواڪ) کان وڌيڪ سڌريل، وڌيڪ امير، وڌيڪ ترقي يافته آهي. اڄڪلهه جي حڪومت گذريل چند سالن ۾ ٻنهي کي ملائڻ ۽ برابر ڪرڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪري رهي آهي. هونءَ اها ڳالهه آهي ته ٻنهي حصن ۾ ساڳيو مذهب، ساڳي زبان ۽ ساڳي ملئي قوم رهي ٿي ۽ گذريل چند سالن ۾ صباح ۽ سرواڪ ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي آهي. اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، رستا، ڪارخانا وغيره ڌڙاڌڙ کلندا وڃن. ملڪ ۾ پئسو آهي. ايمانداري آهي، سچائي آهي- جيڪا اڄ جي دور ۾ تيل ۽ رٻڙ کان به وڌيڪ اهم آهي.
    سڄي ملائيشيا جي پکيڙ سوا لک چورس ميل کن ٿيندي ۽ آدمشاري فقط يارهن ملين! اها آدشماري تمام گهٽ آهي ۽ ملائيشيا لاءِ تمام سٺي ڳالهه آهي. سڄي ملائيشيا جيترو آدم ته فقط ڪراچيءَ شهر ۾ اسان وٽ رهي ٿو. ڪراچيءَ جي اڄڪلهه آدمشماري پڻ يارهن ملين آهي. (سڄي پاڪستان جي پکيڙ ٽي لک کن چورس ميل آهي ۽ آدمشماري ستر ملين کن.)
    پکيڙ ۾ ملائيشِا جو الهندو حصو ايڪونجاهه هزار چورس ميل آهي ۽ اوڀر ملائيشيا جي هڪ رياست ايراضيءَ ۾ اوڀر ملائيشيا اولهه کان ڏيڍوڻو وڏو آهي، پر آدمشماري بنهه گهٽ اٿس. اڄڪلهه تيل نڪرڻ ڪري ملائيشيا ٻين ايشيائي ملڪن کان امير ملڪ نه ٿيو آهي. پر اڳ ۾ به امير هو، جنهن جو هڪ وڏو سبب آدمشماري جي ٿورائي آهي. ذرا سوچيو ته پاڪستان يا هندستان جي آدمشماري ان حساب سان ڪيتري ته گهڻي آهي. بمبئي يا ڪلڪتي جهڙي هڪ هڪ شهر ۾ ته ٻه ٻه- بلڪ اڍائي ملائيشيائون اچي وڃن.
    ملائيشيا جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پهرين نظر ۾ ئي محسوس ٿيو وڃي ته عوام گهٽ آهي. چٽگانگ، ڪلڪتو،پيڪنگ، شنگهائي، حيدرآباد جهڙا وڏا شهر ته پري، پر ٽنڊوآدم، چيچه وطني، شهدادپور، سئمڪانگ، ڀوپال، بريلي، فيني، سلهٽ جهڙن ننڍن شهرن يا ان کان به ننڍن ڳوٺن ۾ به وڃبو ته صبح جي وقت پڻ رستن، هوٽلن، چونڪن، مارڪيٽن اڳيان ڪئين واندا مرد ۽ ٻار نظر ايندا. جيتوڻيڪ صبح جو ته اسڪول، آفيس ۽ ڌنڌي ڌاڙيءَ ڪري ماڻهو نه برابر هئڻ کپن. هيڏانهن ملائيشيا م صبح توڙي شام ڪنهن به رستي يا ڳوٺ مان لنگهه ته بس اسٽاپن ۽ دڪانن اڳيان به ايترا ماڻهن ۽ ٻارن جا ميڙ نظر نه ايندا. بقول اسن جي هڪ هندستاني چيف انجنيئر مسٽر ببر جي ته ملائيشيا جي اڄ به اسان جيتري آدمشماري ٿي پوي ته ٻن سالن اندر گوڏن ڀر وڃي ڦهڪو ڪري. هندستان، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ به ڀليون زمينون کاڻيون آهن. ماڻهو به هنرمند، ڪاريگر ۽ پورهيت آهن پر هڪ هڪ ماڻهوءَ پٺيان ايترا پيٽ آهن جو هر هڪ جي حصي ۾ ايترو گهٽ ٿو اچي جو ان مان زندگيءَ جون آسائشون ته پري، رڳو ضرورتون به پوريون نه ٿيون ٿي سگهن. اسان جي يار چيف انجنيئر کي گهڻي آدمشماريءَ واري ڳالهه هرگز نه وڻندي آهي، جنهن سبب ڪري- سندس خيال موجب- اسان جا ملڪ غريب ٿيندا وڃن. هر وقت ليڪچر ڏيندو ته گهڻا ٻار پيدا ڪري ڇڙواڳ ڇڏي ڏيڻ بدران هڪ يا ٻه ٻار ڄڻي، انهن کي سٺي تعليم ڏجي، صحتمند بڻائجي- ته سڄو ملڪ ڏسندي ئي ڏسندي خوشحال ٿي وڃي.
    هڪ ڏينهن چوڻ لڳو: ”پنهنجي ملڪ ۾ نه ڊيموڪريسي ٿي هلي ۽ نه ڊڪٽيٽر شپ. وڃجي سو وڃجي ڪيڏانهن. دنيا چئي ٿي ائٽم بم نه ٺاهيو. آئون ته دعا پيو ڪريان ته پاڪستان به ائٽم بم جلد ٺاهي. هڪ بم جي ضرورت اسان کي به آهي جو هندستان جي آدمشماري توهان کان به وڌي ويئي آهي. ڀلي ان بم جو شڪار آئون. ريتا (سندس زال)، مامتا ۽ گئورف (ڌي پٽ) به ٿين.“
    ملائيشيا جون رياستون صباح ۽ سرواڪ جنهن وڏي ٻيٽ تي آهن ان جو نالو بورنيو آهي. يعني ان بورنيو ٻيٽ جو اتر وارو حصو صباح ۽ سرواڪ آهي ۽ ڏکڻ وارو حصو- ڏکڻ بورنيو ”ڪليمنٽ“ سڏجي ٿو، جيڪو انڊونيشيا جوحصو آهي. سرواڪ ٻيٽ جي اندر هڪ ننڍڙي سلطنت ”برونائي“ نالي آهي جيڪا ملائيشيا کان سياسي طرح الڳ آهي.
    ملايا کي انگريزن کان 1963ع ۾ خودمختياري ملي. ان وقت ملائيشيا ۾ ملايا (اڄڪلهه جي اولهه ملائيشيا)، سنگاپور، سرواڪ ۽ صباح اچي ٿي ويا. پوءِ آگسٽ 1965ع ۾ سنگاپور رياست الڳ ملڪ وڃي ٺاهيو.
    ويسٽ (اولهه) ملائسيا ۾ يارنهن رياستون (صوبا) آهن ۽ايسٽ (اوڀر) ملائشيا ۾ ٻه- صباح ۽ سرواڪ هر هڪ رياست جا الڳ الڳ سلطان آهن جن مان هڪ ڄڻو سڄي ملائيشيا جو پنجن سالن لاءِ حاڪم (بادشاهه) چونڊيو ويندو آهي- جنهن کي يانگ دي- پرتئان اگانگ Yang Di-Pertuan Agong سڏجي ٿو.
    اولهه ملائيشيا جي يارهن رياستن/صوبن جا نالا هن ريت آهن:اتر ۾ ٿائلينڊ جي بارڊر سان چار صوبا مليل آهن. هڪڙو ”پيريلس“، ٻيو ”ڪيداح“ – جنهن جو مسٽر تنڪو عبدالرحمان- اڳوڻو پرائيم منسٽر رهاڪو آهي. ٽيون ”پيراڪ“ جنهن جي گاديءَ جو هنڌ مشهور شهر ”ايپوح“ آهي ۽ چوٿون ”ڪيلانتان“- جنهن جي گاديءَ جو هنڌ- ”ڪوٽابارو“ پڻ مشهور تاريخي شهر آهي. ملئي زبان ۾ ڪوٽ (قلعي) کي ”ڪوٽا“ سڏجي ٿو ۽ ”بارو“ معنيٰ نئون. انهن چئن صوبن بعد پوءِ آهي پنجون صوبو ”پينانگ“، سندس گاديءَ جو هنڌ ”جارج ٽائون“ آهي ۽ پينانگ شهر وارو ملائيشيا جو تمام وڏو بندر گاهه ۽ سنگاپور وانگر ڊيوٽي فري شهر ۽ جهازين لاءِ دلپسند جڳهه آهي.
    پينانگ صوبي بعد ڇهون صوبو ”پهانگ“ آهي. پهانگ پکيڙ ۾ سڀن کان وڏو صوبو آهي. پهانگ جي مٿان ستون صوبو ”ترينگانو“ آهي جيڪو مهاڻن جي ڳوٺن ۽ هٿ جي هنرن کان مشهور آهي ۽ پهانگ صوبي جي هيٺين پاسي اٺون صوبو ”سيلانگر“ آهي- جنهن ۾ ڪوالالپور شهر ۾ اچي وڃي ٿو، جيڪو نه فقط هن صوبي سيلانگر جي گاديءَ جو هنڌ آهي. پر سڄي ملڪ ملائيشيا جي گاديءَ جو هنڌ ۽ هوائي اڏو پڻ آهي. ڪوالالپور بندرگاهه ته نه آهي، پر پورٽ ڪلانگ جو بندرگاهه کانئس فقط ويهه ميل کن پري آهي.
    ويسٽ ملائيشيا جو نائون صوبو ”نينگري سيمبلان“ آهي، جنهن جي هيٺان ڏهون صوبو ”ملاڪا “ آهي، جيڪو پينانگ کان وڏو آهي. باقي ٻين سڀني کان ننڍي ۾ ننڍو صوبو آهي. سندس پکيڙ ساڍا ڇهه سئو کن چورس ميل ٿيندي. ملاڪا صوبي جو ملاڪا شهر ملائيشيا جي جهونن شهرن مان آهي، جتي اڄ به عربن جون ٺهيل مسجدون ۽ پورچو گيزن ۽ ڊچن جا ٺهيل ڳاڙهي رنگ جا قلعا ۽ ڪليسا گهر موجود آهن. هتي جي اها جهوني مسجد جتي هتي جو بادشاهه اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيو هو، اها پڻ ٽنگڪيرا روڊ تي موجود آهي.
    ان بعد يارهون ۽ ويسٽ ملائيشيا جو هيٺون پڇڙيءَ وارو صوبو ”جوهور“ آهي، جنهن بعد سنگاپور جو ٻيٽ ائين آهي جيئن ڪراچيءَ بعد منهوڙو ٻيٽ ۽ جيئن ڪراچيءَ سان منهوڙو ٻيٽ ماڙي پور واري رستي ذريعي ڳنڍيل آهي. تئين سنگاپور جو ٻيٽ (جيڪو ملاڪا رياست جيڏو مس ٿيندو) جوهور صوبي سان سنهي رستي Cause- Way ذريعي ڳنڍيل آهي. جوهور صوبي جي گاديءَ جو هنڌ ”جوهوربارو“ آهي جيڪو پڻ ملائيشيا جو تمام مشهور ۽ ماڊرن شهر آهي.


    گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي ڇاپ واريون بشرٽون

    ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڪيترائي دفعا سوچيم ته آيا ملائيشيا وڃڻ کپي يا ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن. ڪراچيءَ ۾ هڪ ئي آفيس ۽ هڪ ئي هنڌ رهڻ کپي يا وري جهاز هلائڻ جي ڊيوٽي کڻي ملڪ ملڪ گهمندو وتجي. ڪئپٽن بشير وسطڙو ۽ ڪئپٽن عالم شيخ جن جو جهاز ٽن مهينن بعد آمريڪا ۽ يورپ کان سامان کڻي ڪراچيءَ آيو هو۽ ٻن ڏينهن ۾ اهو سمورو سامان لاهي وري مسافريءَ تي روانو ٿيڻو هو. تن سور روئيندي چيو. ”اڄڪلهه جهاز هلائڻ کان ته بهتر آهي ته ماڻهو بس جو ڊرائيور وڃي ٿئي- گهٽ ۾ گهٽ سمنڊ جي ڏاکڙن کان بچيل رهندو. چار پنج سال اڳ تائين سمنڊ جي نوڪريءَ وارو مزو وري شايد موٽي نه اچي.“
    گهڻو اڳ تائين دنيا جا بندرگاهه ايترا ننڍا ۽ پراڻي زماني جا هئا، جو هڪ ئي وقت سڀ جهاز بيهي نٿي سگهيا. ڪراچي، چٽگانگ، بمبئي جهڙن بندرگاهن ۾ ته جهاز بيهارڻ جي جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ مهينو مهينو به انتظار ڪرڻو پوندو هو. جنهن ۾ جهاز جي مالڪ ۽ سامان جي واپارين جو ته نقصان ٿيندو هو، پر اسان جهازين لاءِ ڄڻ موڪل ٿي ويندي هئي، نائجيريا، سعودي عرب، چين ۽ اتر ڪوريا جي بندرگاهن ۾ ته ٻه ٻه مهينا به انتظار ڪيو هوندوسين، ۽ پوءِ جڏهن جهاز بندرگاهه ۾ اندر ايندو هو ته سامان لاهڻ جو تڪڙو بندوبست نه هوندو هو ۽ ڊيرڪن (جهاز جي ڪرينن) ذريعي آهستي آهستي ڪري لاهيو ويندو هو. پر هاڻ هڪ ته بندرگاهه سڀ وڏا ۽ اهڙا ماڊرن ٿيندا وڃن جو جهاز پهچڻ کان اڳ جاءِ به تيار ته سامان لاهڻ وارا مزدور ۽ مشينون به تيار ۽ جهاز ۾ کليل سامان يعني کوکن ۽ ڳئڙين جي صورت ۾ رکڻ بدران وڏن ڪنٽينرن ۾ رکيو وڃي ٿو، جن کي لاهڻ وقت ڏينهن ۽ مهينن بدران ڪلاڪن جا فيصلا ٿيو وڃن. اهو جهاز جيڪو جدي، دمام، ڪراچي، ڪولمبو وغيره ۾ ٻه ٻه مهينا بيهندو هو. اهو ٻن ڏينهن ۾ آجو ٿيو وڃي ۽ ويچارا جهازي نئين مسافريءَ لاءِ وري سمنڊ جهاڳڻ شروع ڪريو ڏين.
    سو اهڙين حالتن ۾ سمنڊ جي نوڪريءَ کان ڪناري جي نوڪري- سان به ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ سڀ کان بهتر لڳي ٿي.
    ٽي. وي اسٽيسن تي سلطان صديقيءَ کي چيم: ”ملائيشيا وڃڻ مان ٻيو ڪو فائدو هجي يا نه، پر هڪ پازِيٽو فائدو ضرور ٿيندو ته ڪيترن سالن کان ٽرڙن رنگن ۽ ٽرڙين ڊيزائينن جون رکيل قميصون جيڪي هتي پائي نه سگهيو آهيان، سي اتي پائي ڏاڍو پيو ٺهندس ۽ اتي جي ماڻهن مان ئي هڪ پيو لڳندس.“
    آپا سلطانا- جيڪا ورلڊ ورڪنگ وومين آرگنائيزيشن جي عهديدار پڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ گذريل ٻن ٽن سالن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا چڱا دورا ڪري چڪي آهي سان يڪدم چرچو سمجهي کلڻ لڳي.
    ”خبراٿانو.“ مون کيس ٻڌايو، ”انٽرويو کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ سوچيم پئي ته انٽرويو مهل ڪهڙا ڪپڙا پائجن. سوٽ پائجي يا فقط ٽاءِ قميص، رڳو شلوار قميص پائي انٽرويو لاءِ وڃجي يا اهڙن موقعن تي جئڪٽ به پائي وڃجي. آهي ته گرمي جو سوٽ وڌيڪ مناسب ٿو لڳي. ۽ جي سوٽ، ته ان تي ڪهڙي ٽاءِ ٻڌجي. انهيءَ سوچ ۾ جيڪي ڪپڙا استري نه ٿيل هئا اهي به استري ڪرائي ورتم. اتفاق سان انٽرويو وارا ٽئي همراهه انٽرويو کان هڪ ڏينهن هڪ هوٽل ۾ ملي ويا. ڏسان کڻي ته ٽئي ڄڻا فري اسٽائيل ۾ نيلين پيلين بشرٽن ۾ عام ماڻهن وانگر هلي رهيا هئا. سندن بشرٽن جا نه فقط نيلا پيلا رنگ هئا پر هڪ جي بشرٽ تي ته عجيب بي ڊولا گدرا ۽ ڇانهيون ٺهيل هيون. پوءِ يڪدم خيال آيو ته هن ملڪ جا ماڻهو ڪپڙي لٽي جي معاملي ۾ هوائي ٻيٽ، سنگارپور، فجي، انڊونيشيا، سريلنڪا جيان مست ملنگ آهن- جتي هر قسم ۽ هر رنگ جو ڪپڙو ملي ٿو- يعني جيڪي به غريباڻا ڪپڙا توهان وٽ آهن. اهو فئشن سمجهو. ننڍن ڪالرن سان قميص پايو يا وڏن سان. پتلون ننڍين پانچن واري پايو يا بيل باٽم ٽائيپ، ٽائي لڳايو يا اسڪارف ٻڌو. ٽوپلو پايو يا سکن وارو پٽڪو. گوڏ پائي هلو يا چڍي- سڀ ڪار آهي. سڀ چلتا هي وارو حساب آهي. هر ماڻهو هر وقت مست مگن نظر ايندو.“
    ڪجهه عرصو ٿائلينڊ، سنگاپور، جپان تي رهي رهي اسان تي به انهن ملڪن جو رنگ چڙهي ويو هو ۽ تکن رنگ ۽ وڏن گلن يا مورتين واريون قميصون پائڻ لڳا هئاسين.
    پر پوءِ ڪجهه ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهڻ تي خبر پيئي ته هتي سائين ٻيو ڪو قاعدو قانون سخت هجي يا نه پر فئشن جو قانون زور آهي، جنهن تي غريب غربو به سختيءَ سان عمل ڪري ٿو ۽ جتي ڪالر جو چند ملي ميٽر ننڍو يا وڏو هئڻ به برداشت نٿو ڪيو وڃي. اتي منهنجو اهڙي قسم جون قيمصون پائي هلڻ ائين هو ڄڻ مسلمان جومندر ۾ گهڙڻ، بهرحال بئنڪاڪ، پينانگ ۽ سنگاپور جي هوا جلد ئي دماغ مان ڪڍي، اهي قميصون ٺپي رکي ڇڏيم.
    پر سائين هتي ملائيشيا ۾ مهيني کن اندر ئي اهو احساس ٿيو ته هتي ته اڃا به اهي بوتيڪ جون قميصون پيون هلن بلڪ آفيس يا ڪنهن جلسي يا شاديءَ مراديءَ ۾ گهڻي عزت ۽ لئه انهن جي آهي جيڪي اهي اجرڪن جهڙيون قيمصون پائي ٿا اچن.
    پهريون ئي هتي وڏو فنڪشن ٿيو ته وزير، وڏا ماڻهو، آفيسر، سياستدان ۽ ليڊر انهن بوتيڪ جي نيلن پيلين ۽ گلن وارين قميصن ۾ هئا ۽ آصف ۽ آئون ٻه ڄڻا هئاسين جيڪي سوٽن ۾ خوار ٿي رهيا هئاسين.
    ٻه چار اسان جا پاڪستاني دوست جيڪي مدت کان ڪوالالمپور ۾ ملائيشيا شپنگ ڪارپوريشن ۾ آهن اهي به ان دعوت ۾ گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي گلن واريون بشرٽون پائي مڪاني ماڻهن سان رلي ملي آرام سان ائين پئي هليا ڄڻ هو به هنن مان ئي هجن ۽ اسان ککا وکا پئي ٿياسين.
    آصف کي پاسيرو ڪري چيو ته پاڻ پاڪستان کان اجايو سوٽ سئيٽر ۽ ڪوٽ گهلياسون. هڪ ته هتي سڄو سال سيءَ ٿيندو ئي ڪونهي. ٻيو آفيسن ۽ دعوتن ۾ به پائڻ جو رواج ڪونهي جو کڻي پائي چوڙجن. هاڻ نمبر ون ته ڪا ٿانو وڪڻندڙ مائي نظر اچنئي ته ٻڌائجانءِ ته اهي سوٽ ڪوٽ ڏئي کانئس ٽام چينيءَ جون ٿالهيون ۽ مخبا وٺون. نمبر ٽو ته سڀاڻي ئي هل ته في الحال هڪ ٻه باتڪ جون بشرٽون وٺي اچون. هتي ته پوڙها جهور به اهي پايو پيا هلن. پاڻ جي پاتي ته پاڻ به انهن جي وچ ۾. باقي ڪراچيءَ جڏهن هلون ته مهرباني ڪري ياد ڏيارجانءِ ته اهي گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکيءَ جي ڇاپ واريون بشرٽون هتي ئي ڇڏي هلون.


    هتان هُتان جون خبرون

    شام جو پنجين بجي آصف مون وٽ آيو ته ڇا پروگرام آهي؟ هتي ملاڪا ۾ آصف جو گهر منهنجي ڀر ۾ آهي، سو هر وقت هڪ ٻئي کان حال احوال وٺندا آهيون، يا ڪيڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرندا آهيون ته به گهڻو ڪري گڏ گڏ. آصف کي چيم ته اڄ ڪو خاص پروگرام ته ناهي. اٺين بجي ڌاري ملئي پروگرام ”پشپاورنا“ ٽي. وي تي اچڻو آهي اهو ضرور ٽيپ ڪندس. تيسين ٿوري دير ڪئپٽن مخدوم يا ڪئپٽن پوريءَ وٽان ٿي اچجي.
    ڪئپٽن احمد حسين مخدوم درٻيلي ڳوٺ جو پاڪستاني آهي ۽ سنڌ جي مهشور شخصيت مخدوم عبدالواليءَ جو وڏو پٽ آهي. مخدوم عبدالواليءَ جي ان عظمت کان ڪو دشمن به انڪار نٿو ڪري سگهي ته جڏهن ابن ڏاڏن جي پيري مريدءَ جي پڳ کيس سونپي ويئي ته هن انڪار ڪندي چيو هو: ”آئون پير ٿي پاڻ جهڙن انسانن کان ڏن وٺي پيٽ ڀرڻ کان ڪو پورهيو ڪري حق حلال جي ڪمائي کائڻ کي وڌيڪ بهتر سمجهان ٿو.“ پيري مريديءَ جي پاور ۽ بانور کان ٻيو ڪو واقف هجي يا نه پر هڪ سنڌي ڄاڻي ٿو ته اِها اهڙي لٺ آهي جنهن کي مٿا ئي مٿا آهن ۽ هڪ اهڙو پاور جنهن ۾ انسان بي تاج بادشاهه ٿيو وڃي. ان کي ٺڪرائي ڇڏڻ هڪ اهڙو مثال آهي جو هند سنڌ ۾ گهٽ ٿو ملي. پاڻ تعليم حاصل ڪري سرڪاري نوڪري ڪري ٿورو پگهار مان پورت ڪرڻ جو مثال قائم ڪيائين.
    ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر تائين مون سان گڏ هو. ان بعد مئرين اڪيڊمي چٽگانگ- بنگلاديش (تڏهن ڪو اڀرندو پاڪستان) ۾ به گڏ پڙهياسين. آصف غيور چيف انجنيئر به ان ئي سال آدمجي سائنس ڪاليج مان انٽر ڪري مئرين اڪيڊمي چٽگانگ لاءِ چونڊجي آيو هو. سو ٽنهي جي تڏهن کان واقفيت هجڻ ڪري هتي ملائيشيا ۾ هڪ ٻئي سان گهڻي انڊر اسٽيڊنگ اٿئون.
    تعليم بعد مخدوم تمام ٿورو وقت پاڪستان جي نئشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ اسان سان گڏ جهازن تي رهيو. 73-1972ع ڌاري ملايا، سنگاپور، ڪويت، ايران جهڙن ڪيترن ئي ملڪن کي اچي شوق ٿيو ته پنهنجي پنهنجي شپنگ ڪمپني- جهازران ڪمپني کولجي. اسان جي ڀر واري ملڪ سريلنڪا (تن ڏينهن ۾ اڃا سلون سڏبو هو) پڻ ٻه ٽي پاڻيءَ جا جهاز: لنڪا راڻي، لنڪا ديوي، لنڪا ساوتري وغيره وٺي پنهنجي سلون شپنگ ڪارپوريشن کولي، جهاز هلائڻ يا ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ کين ماڻهو نه هئا،سو جيسين سندن ڇوڪرا جهاز هلائڻ جي تعليم ۽ سکيا وٺن تيسين سڄو ڪم پاڪستان جي جهازران ڪمپنيءَ جي حوالي ڪيو ويو. جنهن پنهنجو ڪجهه عملو سلون بدلي ڪيو. ڪئپٽن مخدوم پڻ اوڏانهن ويو. تن ڏينهن ۾ هو اڃا ٿرڊ آفيسر هو- يعني ڪئپٽن کان ٽي رئنڪو هيٺ. ڪجهه سال سريلنڪا جا جهاز هلائي پوءِ وري پاڪستان آيو ۽ ٻن ٽن پاڪستاني جهازن تي هو مون سان گڏ هن ملڪ ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ جپان ۾ ساڳي جهاز تي آيو. هڪ جهاز کي عرصي لاءِ اوڀر يورپ جي ملڪن، رومانيا، بلغاريا، يوگوسلاويا ۽ پولنڊ وٺي وياسين. ان بعد هو پاڪستاني جهازران ڪمپنيءَ مان استعيفيٰ ڏيئي ڪجهه عرصو يونان، لائبيريا، ايران ۽ سنگاپور وارن جهاز هلائيندڙ رهيو. وچ وچ ۾ سي-ٽائيم (Sea-Time) پورو ٿيڻ تي انگلينڊ ۾ پنهنجا سامونڊي امتحان ڏيئي پروموشن و‎ٺندي وٺندي وڃي ڪئپٽن ٿيو. ان بعد وري سنگاپور جا جهاز هلائڻ لڳو. شادي به هڪ مسلمان سنگاپوري ڇوڪريءَ سان اتان ڪيائين-جنهن جي ماءُ ملئي آهي ۽ پيءُ ڪيئي سال اڳ ننڍي هوندي ئي پنجاب کان سنگاپور اچي گذربسر ڪيو. پاڻ ملئي ۽ انگريزي ڳالهائين. شاديءَ بعد مخدوم بنگلاديش جو جهاز بنگلار مان پڻ هلايو، جو انهن ڏينهن ۾ بنگلاديش وارن نئون نئون ورتو هو، پر کين ڪئپٽن نه پئي مليو. اسان جي بنگالي ڪلاس ميٽ: ڪئپٽن هلال جي انهن ڏينهن ۾ مخدوم سان سنگاپور جي هڪ هوٽل ۾ ملاقات ٿي. هو بنگلاديش شپنگ ڪارپوريشن جو تڏهن انچارج هو ۽ ڪئپٽن جي ڳولا ۾ هو. هن مخدوم کي اهو جهاز هلائڻ لاءِ راضي ڪري ان ئي ڏينهن کيس هوائي اڏي تان ٽوڪيو ويندڙ هوائي جهاز ۾ چاڙهي آيو ته جيئن هو اتي بيٺل سندن پاڻِي واري جهاز ’بنگلار مان‘ جي وڃي ڪمانڊ وٺي. مخدوم ڇهه مهينا ان جهاز تي پورا ڪري نه فقط ان جهاز هلائڻ کان پر سمنڊ جي نوڪريءَ کان ٿڪجي في الحال موڪل تي لٿو.
    ڪئپٽن مخدوم جا ٻه اڻ کٽڻدڙ شوق آهن. هڪ کائڻ پيئڻ جو ۽ ٻيو ڪچهريءَ جو. آفيس ۾ ڇهه ست ڪلاڪ گڏ هونداسين ته به پيو چوندو ته يارو شام جو گهر اچجو ته خبرون چارون ڪنداسين. آصف کي چئي مون کي چوندو ۽ مون کي چئي آصف کي منٿون ڪندو. منو! ماني ڌاني اڄ مون وٽ ته اچي کاءُ،. ڀلا چانهه اچي پيءُ. پڪوڙا به کارايانءِ. ۽ پوءِ پاڻ اچي يا اسين هن وٽ وڃون، ڳالهه ڇُري ۽ گدري واري ٿيندي آهي. يعني ڦاسي اسان ويندا آهيون- جو مخدوم جي ڪچهري کٽڻ جي نه هوندي آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن گس پنڌ تي ڪار ۾ ملندو ته به چوندو:”منو ويهه ته ڀر واري شهر مسجد-تاناج مان ڀاڄي ۽ گيهه وٺي اچون ۽ ملئي ڪواب به کائي اچون.“
    ”نه يار دير ٿي ويندي.“ آئون بهانو ڏيندو آهيانس.
    ”ڪمال ٿو ڪرين. هي پندرهن ڪلوميٽر به ڪو پنڌ آهي. وينداسين ۽ اينداسين. سمجهه ته سکر کان خيرپور پيا هلون. يا شاهه پنجي کان ميهڙ.“
    ۽ پوءِ اتي پهچي سائين مخدوم ڪو ائين موٽي! ڪار ۾ هلندي ڪچهري، ته دڪانن تي خريداري ڪندي به ڪچهري. پوءِ جڏهن موٽڻ جو نالو کڻ ته چوندو:’ترس ته ڪوڪ پي ٿا هلون.‘ ۽ پوءِ ڪوڪ پيئڻ معنيٰ منٽ کن بيٺي بيٺي ڪچهري، ۽ پوءِ ڪار ۾ ويهي ڪار اسٽارٽ نه ڪندو. چاٻي هڻي ٿوري دير وري ڪچهريءَ بعد گيئر چئنج ڪري ڪلچ تان پير کڻندو آهي.
    آصف پهرين چوندو هو: ”يار تون اجايو ڪئپٽن مخدوم سان ملڻ کان لهرائين ٿو. هو ويچارو ڪيترو حب سان دعوتون ٿو ڏئي.“
    ”اهو ته آئون به مڃيان ٿو، پر ڇا ڪريان مون کي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڳالهيون ٻڌڻ يا ڪرڻ همت ناهي.“
    آصف پهرين ڏينهن ته ڪجهه نه ڪڇيو، پر پوءِ مون کي چيائين: ”ها يار هاڻ ته آئون به ٿڪجيو پوان.“
    چيومانس:”ڏٺئه نه. مون کي ته پهريائين ئي پڪ هئي. هتي ڪو ڪئپٽن بشير وسطڙو يا ڪو ٻيو مچر (ڳوٺ) جو وسطڙو اچي منهن ڏيئي سگهي ٿو، باقي پنهنجي جاءِ ناهي.“
    ”ڇو ڀلا؟“ آصف پڇيو.
    ”ڇو! خبر نه اٿئي؟! اهو ته هن کان ٻه رتيون وڌيڪ آهي. بشير وسطڙو جي ڪچهريءَ لاءِ مشهور آهي ته فجر واري گاڏيءَ ۾ وڃڻو هجي ته بشير کي ويهاري ڇڏجي. سڄي رات خبرون چارون، ٻٽاڪ سٽاڪ، ڀوڳ چرچا ويٺو ڪندو. نه پاڻ سمهي ۽ نه ٻئي کي سمهڻ ڏي جو گاڏي ڇٽي سگهي.“
    ”ڀلا احمد حسين مخدوم جو ڀاءُ خالد جيڪو ميٺارام هاسٽل ۾ ڪنهن زماني ۾ ملندو هو؟“ آصف پڇيو.
    ”اهو به ائين. پورٽ قاسم ۾ اڄڪلهه ڊائريڪٽر آهي، جتي سندس ٻيا ڪاليجي يار: عبدالرزاق ٻگهيو، اقبال ترڪ ۽ ارشاد شيخ وارا سڄو ڏينهن گڏ اٿس پر ان هوندي به روز شام جو گلشن اقبال مان هلي، اقبال ترڪ وٽ ڪچهريءَ لاءِ ڊفينس سوسائٽيءَ ۾ ايندو. آئون ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ئي چوندو هوس ته اتر سنڌ وارا همراهه ڪچهريءَ جا مڙس ماڻهو آهن. خبر ناهي ته ائين واقعي آهي يا نه، پر گهٽ ۾ گهٽ جيڪي اسان جا سڃاڻو هم ڪاليجي هئا، سي سڀ ائين هئا: شوڪت جماڻي ڏسو- هيڏي ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ رڌل هوندي به ڪچهريءَ لاءِ هر وقت تيار. ڪنڊياري جو نول راءِ اوڏ، خيرپور جو نجم قاضي، لاڙڪاڻي جو اختر عباسي ۽ علي رضا ميمڻ، دادو پاسي جو غلام محمد سومرو،لياقت جتوئي يا هادي بخش جتوئي- هڪ هڪ ٻئي کان وڌ ۽ چرچن ۾ ساڻن ڪو به نه پڄي.“
    آصف چيو: ”پوءِ ڀلا هاڻ ڇا ڪجي. مخدوم وٽ هلجي يا ڪئپٽن پوريءَ وٽ؟“
    ”منهنجي خيال ۾ هلو ته ڀلا مخدوم وٽان ٿي اچون جو ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن، هن جي گهر نه هليا آهيون. ڪٿي دل ۾ نه ڪري ته پاڻ صفا اچڻ ڇڏي ڏنو آهي. پوءِ جي سوير ئي موٽي سگهياسين ته ڪئپٽن پوريءَ وٽ به کڻي ليئو پائينداسين.“
    ڪئپٽن پوري هندستان کان آيل آهي. پاڻ سڄي اسٽاف ۾ وڏي عمر جو آهي. اٽڪل پنجاهه سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندو ۽ پراڻو جهازي آهي. هندستان جي جهازن کان علاوه ٻين ملڪن جي ڪمپنين ۾ به ڪم ڪري چڪو آهي. گذريل ڏهن سالن کان انڊيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ ڊپٽي ڪمانڊنٽ (وائيس پرنسپال) جي عهدي تي هو. ايشيا ۾ منهنجي خيال ۾ بمبئي (هندستان) جي هيءَ مئرين اڪيڊمي پهرين اڪيڊمي آهي، جيڪا اڄ کان اڌ صديءَ کن اڳ انگريزن ٺاهي هئي. هيءَ اڪيڊمي پهرين ڊفرن نالي هڪ جهاز تي هئي ۽ ڊفرن جي نالي سان سڏي ويئي ٿي. اهو جهاز بمبئيءَ جي ڀرسان سمنڊ ۾ بيهاريل هو ۽ ان تي انجنيئرنگ ۽ ناٽيڪل ڪئڊٽ جهاز راني ۽ جهاز سازيءَ جي تعليم ۽ تربيت وٺندا هئا. اسان جي مرچنٽ نيوي يا پاڪستان نيويءَ جا پراڻا فوجي گهڻي ڀاڱي هتي جا ئي گرئجوئيٽ آهن. 1963ع ۾ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ اسان کي جيڪي به پروفيسر پڙهائيندا هئا، ڪموڊور آصف علوي، ڪئپٽن انصاري، ڪئپٽن شاهه وغيره- سڀ ڊفرن جا ئي هئا. اهو ڊفرن جهاز بيٺي بيٺي آخر ايترو پراڻو ٿي ويو جو ڪجهه سال اڳ هندستان سرڪار ان کي ڀڃرائي هڪ ٻيو جهاز راجيندرا نالي اڪيڊمي طور رکيو آهي ۽ هاڻ اها اڪيڊمي ڊفرن بدران راجيندرا جي نالي سان سڏجي ٿي.
    اسان، وچان فٽ بال گرائونڊ لتاڙي، ڪئڊٽ هاسٽل ۽ ٻارن جي باغيچي وٽان ڦري مخدوم جي گهر پهتاسين. پاڻ باتڪ (ڇُر) جي بشرٽ ۽ چڍيءَ ۾ گهر اڳيان پوکيل ڪٺل، انب ۽ زيتون جي وڻن کي پاڻي ڏئي رهيو هو. اسان کي ڊرائينگ روم ۾ ٽي ويءَ اڳيان ويهاري ڀاڄائيءَ کي هڪل ڪيائين ته فرسٽ ڪلاس چانهه تيار ڪري. کيس چانهه ۾ دال چيني ۽ الائچي وجهڻ لاءِ به چيائين. احمد کي چيم انهن مالن واري خوشبودار چانهه پيئڻ جو مزو سنڌ ۾ آهي يا يورپ ۾. هتي ملائيشيا، انڊونيشيا يا سريلنڪا جي ٻيٽ تي اهڙي چانهه پيئڻ جي ڪهڙي ضرورت، جڏهن چوڌاري وايو منڊل لونگ ۽ دال چينيءَ جي سڳنڌ سان واسيو پيو آهي.
    هتي ملاڪا (ملائيشيا) ۾ اسان Expatriates (ڌارين) کي جيڪي فرنيچر سميت گهر مليل آهن سي نه فقط سٺي نموني جا ٺهيل آهن- يعني ڪشادا ڪمرا باٿ رومن سان گڏ، گهر اڳيان پويان جپاني نموني جا ورانڊا- پر هي گهر جنهن هنڌ تي آهن اهو هنڌ به دنيا جي خوبصورت علائقن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. ننڍي هوندي مائٽن کان اسان رڻ پٽن جا رهاڪو سنڌي ٻڌندا آيا آهيون ته جنت ۾ درياءَ ۾ باغ هوندا. منهنجي خيال ۾ هي علائقو زمين جو بهشت آهي. جتي پاڻي، باغ، ساوڪ ۽ جهڙ ئي جهڙ لڳو پيو آهي. گهر جي پوين دڪين کان وٺي پري پري تائين ملاڪا نار جو ماٺو سمنڊ ڍنڍ جي پاڻيءَ وانگر سانتڪو نظر اچي ٿو- جنهن ۾ چوويهن ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا وير چڙهڻ تي اٿل پٿل اچي ٿي.سنگاپور کان هندي وڏي سمنڊ ڏي ويندڙ يا يورپ ۽ آمريڪا کان جپان- چين ڏي ايندڙ جهازن جي پري کان هر وقت اچ وڃ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪجهه ويجهو ڪناري ڀرسان ملئي مهاڻا ٻيڙين ۾ مڇيون ماريندا نظر ايندا. سمنڊ جو ڪنارو نگاهه کٽڻ تائين ناريلن جي ڊگهن وڻن سان ڀريل آهي. سمنڊ جي سيني مان روزانو صبح جو سج اڀري انهن ناريلن شام جو غائب ٿي ويندو آهي. گهر جي اڳين دڪين کان وٺي ميلن تائين ساوڪ ئي ساوڪ ۽ باغ باغيچا آهن. چوڌاري ٽڪريون ۽ ماٿريون رٻڙ، انب، پام آئل، ناريلن ۽ پپيئن جي وڻن سان جهنجهيون پيون آهن. يعني گهر جي پٺين درين مان نهار ته رڳو پاڻي پاڻي ئي پاڻي ۽ اڳيان وڻ ئي وڻ. گذريل سال اسان جو ڊاڪٽر عابد ميمڻ سنگاپور کان ڪوالالمپور باءِ روڊ ويندي، هتي ملاڪا ۾ منجهند جي مانيءِ لاءِ ڪجهه دير ترسيو هو. وطن موٽڻ تي کانئس پڇيو هوم ته ملائيشيا ۽ ان جو شهر ملاڪا ڪيئن لڳو. وراڻيائين: ”جهڙو ڪشمير.“
    سو مخدوم کي چيم ته پاڻ به جهڙا ڪشمير ۾ ويٺا آهيون، جتي جي هر شيءَ هتي موجود آهي وڏو سمنڊ- جيڪو اتي ناهي ۽ ڪاٽو سيءُ- جيڪو هتي ناهي.
    آصف کي چيم ته ملاڪا اچڻ کان اڳ احمد حسين مخدوم جي ڀاءُ خالد کان پڇيو هوم ته ملاڪا ۾ رهائش لاءِ گهر ڪيئن آهن ۽ احمد ان بابت ڇا ٿو لکي. هن سوال انجنيئر رڳو ڪمرن جي گهڻائي ۽ وڌائي ٻڌائي پئي تعريف ڪئي. هاڻ خالد ملي ته ٻڌايانس ته ههڙا گهر ته ورهاڱي کان اڳ انگريز حاڪمن کي نيني تال ۾ به نصيب نه ٿيا هئا.
    احمد اهو ٻڌي چيو: ”ها، اها ڳالهه آهي، پر گهر ۽ وطن کان هيڏو ڏور ۽ دربدر- اهو به ته ڪير سوچي ته ڪيڏي سماجي قرباني ڏيڻي پوي ٿي، سا به سالن جا سال. ويجها مائٽ-زال ۽ ٻار کڻي گڏ ٿا رهن، پر ماءُ پيءُ، ڀيڻون ڀائر، مٽ مائٽ، دوست يار، ڄاڻو سڃاڻو- جن سان پنهنجي ٻوليءَ ۾ چرچا ڀوڳ، ڳالهيون ٻولهيون ڪبيون هيون ۽ سندن سمجهبيون هيون سي ته نه آهن. ٽن ٽن سالن بعد فقط مهيني ٻن جي موڪل ڪا هميشه جي سڪ ته نٿي لاهي.“
    آصف چيو: ”اهو ته بلڪل صحيح آهي، پر انهن ڳالهين سوچڻ سان ورندو ڪجهه به نه. ويتر ماڻهو وڌيڪ جذباتي ٿو ٿئي ۽ اجايو پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ رنڊڪ پيدا ٿيندي. اهو به شڪر ڪرڻ کپي ته جنهن ملڪ ۾ آهيون نه فقط اتي جا ماڻهو سٺا آهن، پر جيڪي ڌارين ملڪن کان هتي آيل آهن. سي پڻ سٺا آهن ۽ سڪون جي زندگي پيئي گذري. ٻيو ڇا کپي. وڏي ڳالهه ته ٻي Choice به ته نه آهي. دربدر ٿيڻ يا هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ وڃڻ کان شڪايت ڪرڻ ائين آهي جيئن ڪو سرجن چئي ته آپريشن ٿيٽر ۾ نه ويندس. ڪو وڪيل يا جج چئي ته ڪورٽ ۾ نه ويندس.“
    ايتري ۾ در جو بيل وڳو. مخدوم اٿي در کوليو ته ڪئپٽن پوري ٻارن ٻچن سميت پي اچي. ڪئپٽن پوريءَ اسان کي ڏسي چيو: ”يار ڪمال آهي. منهنجي زال چيو ته آصف ۽ الطاف وارن وٽ به هلجي، پر توهان ته هتي ويٺا آهيو.“
    اسان به کين ٻڌايو ته اسان جي دل ۾ به اڄ اهوئي خيال آيو هو ته توهان وٽ اچجي. مخدوم چيو ته بس هاڻ سڀ هتي ئي ويٺا هجو. ماني کائي پوءِ وڃجو. مخدوم جي زال مونا چانهه ۽ پڪوڙا آڻي سڀني اڳيان رکيا ته ايتري ۾ وري بيل رڳو ۽ ڪئپٽن ذوالفقار به ٻارن سان اچي سهڙيو.
    ڪئپٽن ذوالفقار به پاڪستان جو آهي ۽ ڪوه مري پاسي جو رهاڪو آهي. هو به ڪجهه مهينا ٿيندا هتي آيو آهي. هتي ڊيڪ آفيسرن کي جيڪي اڳتي هلي جهازن جا ڪئپٽن ٿيندا تن کي چارٽ ورڪ (سمنڊ جي نقشي تي پهچي منزل۽ رستو ڳولڻ ۽ ٺاهڻ) ۽ نيول آرڪيٽيڪچر (جهاز جي ائناٽامي-جوڙجڪ) پڙهائي ٿو.
    ڳالهه مان ڳالهه ٿي نڪتي ۽ سڀني پنهنجي راءِ ٿي ڏني. ڪئپٽن پوريءَ چيو ”اڪيڊمي شهر کان الڳ ٿلڳ ٺاهي اٿن. ڪڏهن ڪڏهن دل چوي ٿي ته شهر جي وچ ۾ هجي ته سٺو. آئون ته وڃيو ٿو ملاڪا جي وچ شهر ۾ رهان. الطاف توهان به هلندائو؟“
    مون هٿ ٻڌي چيومانس: ”نه سائين منهنجا. آئون ته ڪونه هلندس. آئون شهر جي گوڙ شور کان في الحال پري هن خاموشيءَ ۽ سڪون واري هنڌ رهڻ ٿو گهران.“
    احمد چيو،”هتان کان 18 ميل پري آرمي وارن جي ڪئمپ آهي. انهن جي آفيسرس ڪلب جو آئون به ميمبر آهيان. ڪئپٽن نندڪر سان هفتي ۾ ٻه يا ٽي دفعا اتي ويندا آهيون.“
    ”آهي ڇا اتي؟“ ڪئپٽن پوريءَ پڇيو.
    ”ٽينس آهي، سئمنگ پول آهي، سئنيما آهي- ۽ توهان کي ٿڌي بيئر جو گلاس به ملي ويندو.“
    ”اهي شيون ته هتي به آهن. پوءِ روز ارڙهن ميل پنڌ جا ڪري اوڏانهن ڦاهو ڇو کائڻ هلجي.“ ڪئپٽن پوريءَ چيو.
    ”بس ائين مڙيئي آئوٽنگ لاءِ،تبديليءَ خاطر. ڀلا توهان هتي ملائيشيا ۾ پاڪستاني اڦراٽا ۽چڪن ڀرياني کائنيدؤ؟“ مخدوم پڇيو.”ڪٿي ٿي ملي؟“ اسان پڇيس.
    ”هتان سٺ ميل کن پري جوهور بار واري پاسي هڪ شهر آهي، اتي هڪ انڊين هوٽل ۾ ٿي ملي.“
    ”يار سٺ ميل واري هوٽل ته پري ٿي.“ ڪئپٽن پوريءَ وراڻيو. ”سٺ ميل پري آهن؟“ مخدوم جي زال مونا سوال واري نموني ۾ پڇيو ۽ پاڻ ئي جواب ڏنو:”ڪلاڪ ڏيڍ جو ته پنڌ آهي. احمد جو ته ڪڏهن ڪڏهن موڊ ٿيندو آهي ته اسان چڪن تڪا کائڻ لاءِ سڌا ڪوالالمپور هليا ويندا آهيون. ۽ وري ان ئي ڏينهن سئو ميل واپسيءَ جا ڪري موٽندا آهيون.“
    ”شابس هجيو.“
    ”ڪوالالمپور ۾ شيزان هوٽل هڪ پٺاڻ جي آهي، جتي هر انڊين پاڪستاني کاڌو ملي ٿو، ڀلا هتي ملاڪا واري گجراتي هوٽل جي خبر اٿانو؟ جتي ڏوسا، چپاتي ۽ ٻوڙ ملي ٿو. مدراسي سيڌي واري- منجي رانا جي لائين ۾. سيوا سئنيما جي سامهون.“احمد پڇيو.
    ”ها ان تي هڪ دفعو ويا هئاسين.“ ڪئپٽن پوريءَ ٻڌايو، ”پر پليٽ بدران ڪيلي جي پنن تي ڀاڄي رکي ڏنائون، سو منهنجا ٻار کائي نه سگهيا، چون ته پليٽون کپن، ان ئي ڏينهن هڪ سنڌي هندو فئملي ان هوٽل تي ملي هئي، ڪئپٽن دادلاڻيءَ کي به سڃاتئون ٿي- انهن چيو ته انهيءَ روڊ- جالان بندر هارا تي اڳيان هڪ ٻي به هوٽل آهي- حميده ريسٽوران نالي. اها آهي ته هڪ ملئي جي پر ان تي انڊين کاڌو به ملي ٿو. سو اسان ٻه چار چڪر ان روڊ تي هنيا. اسان کي ته نظر نه آئي.“
    ڪئپٽن پوريءَ جي زال چيو: ”هتي سڀ ڪجهه پاڻ ٿو ڪرڻوپوي. بمبئيءَ ۾ ته ڪئپٽن پوريءَ جي بريف ڪيس به نوڪر کڻي ڪار ۾ رکندو هو. بهرحال ڪم ته اتي به ڪرڻو پوندو هو، پر اتي پنهنجي گهر جي ڪجهه راڻي ته ڪجهه نوڪرياڻي هيس. هتي رڳو نوڪرياڻي ئي نوڪرياڻي آهيان. پر اهو آهي ته هاج ۾ ڪئپٽن پوري ۽ ٻار به هٿ ونڊائين ٿا ۽ هتي ملائيشيا ۾ سڀ کان وڏو سک اهو آهي جو ڌوڙ يا مٽي ناهي. ان ڪري مهينو مهينو گذريو وڃي ته به ٻهاري يا ڇنڊ ڦوڪ جي ضرورت نٿي پوي.“
    ڪئپٽن ذوالفقار جي زال رڙ ڪري چيو: ”مون کي ته اڪيلي سر سڄو ڪم ڪرڻو ٿو پوي. هي ته ڪم ۾ صفا هٿ نٿو وجهائي. ٻار پيو روئيندو ته اهو به نه کڻندو. هڪ ته آفيس ۾ ئي ڪم ايترو اٿن جو بس.“
    ”خبر ناهي ته آفيس ۾ ڪم اٿن به يا نه؟“ پوريءَ جي زال مسز ذوالفقار کان پڇيو.
    ”خبر ناهي. شروع ۾ ته موڪل مهل گهر لاءِ به فائيل کڻي ايندو هو.“ ذوالفقار جي زال ڊاڪٽر شاهده ٻڌايو.
    ”ڇا ڪن آفيس ۾ جو ڪم پورو ڪرڻ لاءِ وقت نه اٿن.“ مونا چيو، ”منهنجي خيال ۾ آفيس ۾ سڄو ڏينهن ڇوڪرين سان ڪچهريون ٿا ڪن. هر سيڪشن ۾ ٻه يا ٽي مرد آهن ته اٺ ڏهه ڪلارڪ ڇوڪريون- ٽائيپ ڪرڻ لاءِ الڳ. فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ٺاهڻ لاءِ الڳ، سيڪريٽري الڳ، ته چانهه ٺاهڻ واري الڳ، ڊرائنگون ۽ نقشا ٺاهي رکڻ واري الڳ، ته وڊيو ۽ پروجيڪٽر تي فلمون ڏيکارڻ لاءِ الڳ.....“
    ذوالفقار جي زال ٺهه پهه وراڻيو:”هڪ ڏينهن آئون سڀ ڇوڪريون چڱيءَ طرح ڏسي آئي آهيان. ڪنهن ۾ به ڪو اهڙو ٻڪ سونهن جو سرس ناهي جن تي هي عاشق ٿين، پر ان هوندي به سندن پسند جو اهو معيار آهي ته وڃي ڌوڙ پائين.“
    ”ان غلط فهميءَ ۾ ڀاڀي نه پئجو،“ مخدوم چيو: ”توهان سڀ ڇوڪريون هرگز نه ڏٺيون هونديون- خاص ڪري هيڏانهن Post-Sea ٽريننگ واري پاسي جون. انهن کي اسان جڳ جي نظرن کان بچائي پاسيرو ڪري رکيو آهي.“
    سڀ اچي کل ۾ پيا. مخدوم جي زال جيڪا سلائي ۽ ڀرت جي ڪم ۾ ماهر آهي تنهن ڀرت جا ڪجهه نوان نمونا اچي زالن کي ڏيکاريا ۽ اسان پنهنجين ڳالهين ۾ لڳي وياسين. مخدوم چيو ته دراصل هتي ڪم ايترو آهي جو اسان پاڪستاني هندستان- يعني ايشيائي منهن ڏيو ويٺا آهيون. يورپ جو ڪو هجي ها- يا خاص ڪري انگريز ته ڏهه نخرا ڪري ها. بحرين، ڪويت ۽ سعودي عرب ۾ جيڪي گورا ڪم پيا ڪن سي اهڙا ته نخرا ٿا ڪن جو بس. سال جا اٺ مهينا ڪم ڪندا ته چار مهينا پنهنجي ملڪ وڃي آرام ڪندا. پاڻ کي ٽن سالن بعد موڪل ٿي ملي.“ آصف چيو:”ايران ۾ خمينيءَ کان اڳ يورپين اهڙي باهه ٻاري هئي جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اسان ايشيائي ڪارن جي دماغ ۾ اها ڳالهه آهي ته جهاز رڳو انگريز هلائي سگهي ٿو. هو پگهار به ٻيڻو ٽيڻو وٺندا هئا ۽ رڳو نمونو رکيو ويٺا هوندا هئا. پوءِ چڱو جو خميني آيو ۽ هاڻ ساڳيو ڪم اسان پاڪستاني ڪريون ٿا. نه ڪڏهن هنن جي سياست ۾ پئون ٿا، نه ڦڏو فساد ٿا ڪريون!“
    ”۽ آهن وري اهڙا.“ ڪئپٽن پوريءَ هن جي ڳالهه وزن وٺرايو، ”ٽٿ پيسٽ وٺڻي هوندن تڏهن به چاهيندا ته انگلينڊ مان وڃي وٺون. ٻئي ملڪ مان ڇو وٺجي. اهو ڏهه شلنگن جو فائدو به انگلينڊ ۾ انگريز کي ٿئي. بس رڳو پنهنجو ملڪ جي اٿن.“
    احمد حسين مخدوم چيو: ”آئون جڏهن ڪئپٽن جي امتحان لاءِ پوڙهيءَ انگلينڊ ۾ رهيل هوس ته هڪ دفعي آڌيءَ رات جو منهنجي پاڙي ۾ رهندڙ پوڙهيءَ اچي در کڙڪايو. در کولي پڇيومانس: ”خير ته آهي؟“ چوڻ لڳي:”رات جا ٻه ٿيا آهن تون اڃا تائين بتي ٻاري ڇو ويٺو آهين؟” چيومانس محترمه، ”منهنجا امتحان ويجها آهن، منهنجي مرضي، لائيٽ جو بل به آئون ٿو ڏيان. مون کي پڙهڻو آهي.
    ”اتي ڪاوڙ مان چوڻ لڳي: ”توکي خبرناهي ته انگلينڊ ۾ تيل مهنگي ٿيڻ ڪري Electric- Crisis (بجليءَ جو بحران) لڳل آهي. تنهنجا امتحان ويجها آهن ته ڏينهن به ته جبل جيڏو ٿو ٿئي. ان ۾ پڙهي سگهين ٿو.
    ”ائين چئي هلي ويئي. آئون هڪو ٻڪو ٿي سوچيندو رهيس ته رن ته ڏسو. اسان جي ملڪ مان خزانن جا کوهه لٽي ويا ته ڪجهه به نه. اسان رڳو بتي ٻاري آهي ته باهه لڳي ويئي اٿس.”
    اسان مخدوم جي معصوميت کي ڏسي ۽ سندس ان وقت جي حالت جو سوچي کلڻ لڳاسين.
    ڳالهين ڪندي رات جا سوا اٺ اچي ٿيا. جلدي جلدي ماني کائي مخدوم کي چيم ته يار هاڻ موڪلايون ٿا. مخدم مو لاءِ آصف کي چيوِ ”يار هن کي سمجهاءِ. ڪچهري ته اڃا هاڻي ٿي مچي.“ پر آصف به چيس: ”نه ادا هيڏي دير ته ويٺاسين. هاڻ وڌيڪ ڪچهري ”تداق ٻولي“ (ممڪن ناهي.)“
    ”چڱو ڀلا ڪئپٽن ذوالفقار وارن کي ته هتي ڇڏي وڃو.“ ڪئپٽن ذوالفقار ويهڻ لاءِ هائوڪار ڪئي. اسان کي در تائين ڇڏڻ لاءِ احمد ٻاهر آيو. ٻاهر نڪري آصف کي چيم ته ٻيلي اڄ ذوالفقار پنهنجي جان ڇڏرائي نه ته اڃا الائي ڪيتري دير لاءِ ويهڻو پوي ها.
    ===============================
    (BOLEH ملئي جو عام لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”ڀلي“، ”موڪل اٿانو“ يا ائين ڪري سگهو ٿا. جيئن انگريزيءَ ۾ پئجي With Pleasure, O.K شوق سان يا جيئن جپاني ۾ DOZO”دوزو“ آهي ۽ TIDAK منعنيٰ نه. ۽ TIDAK BOLEH معنيٰ ”ناممڪن“ آهي. نٿا ڪري سگهو. ڪڏهن ڪڏهن تداق چوڻ بدران فقط TAK چيو وڃي ٿو.)


    هڪ ئي گهٽيءَ ۾ ڏهه زبانون ڳالهائڻ وارا

    ملائيشيا توڙي سنگاپور جي اها عجيب ڳالهه آهي ته هتي توهان کي مختلف مذهبن، زبانن ۽ رسمن رواجن جا ماڻهو امن امان ۾ رهندي نظر ايندا.
    پاڻ وٽ هندو مسلمان يا ڪرسچن سک ته پاڻ ۾ پيا وڙهندا، پر شيعا سني جيڪي هڪ ئي مذهب جا مسلمان ٿيا اهي به پيا ڪڏهن ڪڏهن ڏندين پوندا. خاص ڪري عراق، ايران ۽ گلف جي ٻين ملڪن ڏي ته اهو چڪر هيڪاندو آهي. پر هن پاسي ڏي بنهه ناهي ۽ مختلف مذهبن ۽ ٻولين جي ماڻهن کي ائين گڏ رهندو ڏسي واقعي تعجب لڳي ٿو.
    اسان وٽ- ننڍي کنڊ ۾ چيو وڃي ٿو ته هر ٻن سئو ميلن بعد ٻي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي- خاص ڪري ڏکڻ هندستان پاسي ته اهو ڪم هيڪاندو آهي- پر هتي ملاڪا، ڪوالالمپور، جوهوربارو- يا خاص ڪري سنگاپور ۾ ته ان کان به وڌيڪ زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. توهان کي هڪ ئي وقت، هڪ ئي گهٽيءَ ۾ ڏهه زبانون ڳالهائڻ وارا ماڻهو ملندا- هندي، اڙدو، سنڌي، تامل، تيلگو، مليالم، بنگالي، ملئي، انگريزي، چيني وغيره. ۽ چيني به وري فقط مئنڊرين نه پر ڪئنٽونيز، هوڪين Hokkian, تيوچيو Techew، هاڪا ۽ هائينانيز وغيره آهن.
    هڪ دفعي ڪي. ايل (ڪوالالپور) پئي ويس. (ڪي. ايل جو شهر سلينگر رياست ۾ آهي جنهن لاءِ وچ ۾ ايندڙ نينگري- سيمبيلان، رياست ٽپڻي پوي ٿي) نينگري سيمبيلان رياست جي وڏي شهر سريمبان ۾ اسان جي اڪائونٽ آفيسر مسٽر گونا راجا پنهنجو ننڍڙو گهر ٺهرايو آهي. گونا راجا پاڻ بنيادي طرح ڏکڻ هندستان جو تامل آهي، پر سندس پڙ ڏاڏن يا تڙ ڏاڏن خبر ناهي ڪڏهن پنهنجو اباڻو ديس ڏکڻ هندستان ڇڏي سريلنڪا ۾ اچي پنهنجا ڪک اڏيا، جتان پوءِ سندس ڏاڏو انگريزن جي حڪومت ۾ سريلنڪا کان هتي ملائيشيا آيو، جتي جا پاڻ اڄڪلهه شهري آهن.
    سندس پوڙها ماءُ پيءُ ڪجهه ڪجهه پنهنجي اباڻي ٻولي تامل ڳالهائين، پر گونا فقط ملئي ۽ انگريزي ڳالهائي، گونا جهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ اڃا به ”انڊين“ سڏجن ٿا، پر دل جان سان ملئي آهن. هو هر حال ۾ هتي جا ٿي چڪا آن. جيئن اسان وٽ بلوچ قومون يا شڪارپور جا پٺاڻ وغيره، جن جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا کڻي ڪنهن زماني ۾ بلوچستان، سرحد يا ڪابل قنڌار کان آيا، پر هاڻ سندن اولاد سنڌي ڳالهائي ٿو. سنڌي سڏائي ٿو- جيتوڻيڪ ڪيترن گهرن ۾ هو اڃا به پنهنجي اصلي زبان، بلوچي، سرائڪي يا پشتو پنجابي به ڳالهائين ٿا. اهڙي طرح ئي اسان جو هي اڪائونٽ آفيسر گونا راجا آهي. ساڳئي وقت سندس مذهب عيسائيت آهي جو ڏکڻ هندستان جا تامل سڀ هندو نه آهن پر مسلمان ۽ عيسائي پڻ آهن ۽ انهن تامل عيسائين ۽ ٻين عيسائين ۾ به وري فرق آهن جيئن ته ڪئٿولڪ (جيڪي پاڪستان ۾ گهڻا آهن)، پروٽيسٽنٽ، ميٿاڊسٽ، سيونٿ ڊي ايڊووينٽسٽ وغيره وغيره جيڪي پنهنجن مختلف گرجا گهرن ۾ عبادت لاءِ وڃن ٿا.
    اسان جو گونا راجا پروٽيسٽنٽ آهي ۽ ملاڪا پوسٽ آفيس جي ڀرسان سينٽ زئويئر چرچ ۾ وڃي ٿو. سندس زال پشپا، جنهن جا وڏا پڻ اصل تامل نادو- ڏکڻ هندستان جا هئا سا هندو مذهب جي آهي. پاڻ ملئي ۽ انگريزيءَ سان گڏ تامل به لکي پڙهي ڄاڻي ٿي- جو سڄي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ملئي ۽ انگريزي کان علاوه تامل ۽ چيني اسڪول به آهن. کين ٻه ننڍا ٻار آهن:هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ، پٽ جو هندو نالو ”ڌرميندرا راجا“ رکيو اٿن ۽ ڌيءَ جو ڪرسچن نالو ڪرسٽينا. (گهر ۾ ڪوڏائڻ ۾ ٽينا سڏينس.)
    هتي ڏياريءَ جي موڪل ٿيندي آهي ته اسان جو يار- گونا راجا زال جي مائٽن ڏي ڪوٽا ٽرينگانو هليو ويندو آهي. جو سندس زال جا هندو مائٽ اتي ئي رهن ٿا ۽ جڏهن ڪرسمس جي ٻه ڏينهن موڪل ٿيندي آهي ته زال سميت پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر جوهور بارو ويندو آهي جو اهي هن وانگر عيسائي آهن- بلڪ سندس پيءُ ته عيسائيت جو وڏو تبليغي ليڊر آهي. انهن ئي موڪل جي ڏينهن ۾ گونا راجا جو ٻيو ڀاءُ جيڪو آسٽريليا ۾ نوڪري ڪري ٿو، اهو به پنهنجي چيني زال کي وٺي جوهور بارو ايندو آهي. سندس چيني زال ملائيشيا جو پاسپورٽ ۽ قوميت رکي ٿي. جيتوڻيڪ ان جا چيني ڏاڏا يا پڙ ڏاڏا ڪنهن دور ۾ ضرور چين کان آيا هوندا. پوءِ سڌو کڻي ملائيشيا نه آيا هوندا ته رستي تي انهن جا وڏا تائيوان ڪمبوڊيا يا هانگ ڪانگ ويٽنام ۾ رهندا رهندا هتي پهتا هوندا ۽ هاڻ وري ٿي سگهي ٿو ته گونا جي هيءَ چيني ڀاڄائي ۽ ان جو اولاد آسٽريليا ۾ ئي هميشه لاءِ رهڻ پسند ڪن اڳتي هلي آسٽريلين سڏائين.
    گونا جي گهر ۾ پاڻ ۽ سندس زال هڪ ٻئي سان انگريزي ڳالهائين. پٽ ڌرميندرا (ڪوڏائڻ جو نالو راسا) اسڪول ۾ ملئي پڙهي ۽ ملئي ڳالهائي پر ماءُ پيءُ ساڻس انگريزي ڳالهائين ۽ کين شوق آهي ته هو اڳتي هلي انگريزيءَ ۾ گهڻو هوشيار ٿئي. گونا جو اهو اڀياس آهي ته اڄڪلهه جيئن ته ڪمپيوٽر ۽ دنيا جي زبان انگريزي آهي سو ڪنهن به ماڻهو يا ملڪ کي دنيا ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ جو سهارو وٺڻ بيحد ضروري آهي- پوءِ ڀلي پنهنجي ملڪ ۽ مذهبي ٻولي پڻ سکي.
    سندس ٻن سالن جي ڌيءَ ٽينا اڃا تامل ٿي ڳالهائي جو هوءَ گهر ۾ گهڻو وقت پنهنجي ماءُ کي نوڪرياڻيءَ سان تامل ڳالهائيندو ٿي ٻڌي. ڏهن سالن جي اها نوڪرياڻي- پرمس نالي فقط تامل ئي ڳالهائي ٿي جو سندس غريب ماءُ پيءُ اهڙي هنڌ ڪم ڪن ٿا جتي هنن کي ملئي، چيني يا انگريزي ڳالهائيندڙن سان واسطو نٿو پوي جو سکڻ جي ڪوشش ڪن.
    ملائيشيا جي گهاٽن جنگلن ۽ وڻواهه جي وچ ۾ رهي رٻڙ ڪڍڻ، پام آئل جي وڻن مان تيل جون ککڙيون چونڊڻ يا گهاٽن ٻيلن کي عمارتي ڪاٺ لاءِ وڍڻ ڪٽڻ جو ڪم گهڻو ڪري هي غريب ڏکڻ هندستاني يا انڊونيشي ڪن ٿا- جن جي اڳيان موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ ڪا نالي ماتر وٿي آهي، ههڙي ڏکي زندگي ڪڏهن ڪڏهن هنن لاءِ موت برابر آهي. موت سندس لاءِ آئيندي جي خوشحال زندگيءَ جي اميد آهي. ٻيلن ۽ جهنگلن جي گرمي ۽ اونداهي، گپ ۽ گاهه، جيت جڻن ۽ نانگ بلائن جي وچ ۾ هي غريب ۽ محنتي ماڻهو ئي پورهيو ڪري سگهن ٿا.
    جيئن اسان وٽ چونڊي جو ڪم گهڻو ڪري باگڙي ڀيل ڪن ٿا ۽ اهڙن ڪمن ۾ اهي وڏي مدد آهن. تيئن هتي غريب ڏکڻ هندستاني، مدراس جي چوڌاري ڳوٺن جا غريب ۽ اڻ پڙهيل اهڙا ڪم ڪن ٿا ۽ انهن ماڻهن بنا سچ پچ ته هن ملائيشيا جي ملڪ جي وڻن مان ڦڙو ڦڙو ڪري رٻڙ ڪڍڻ ۽ ٻيلن مان ڪاٺ آڻڻ مشڪل ڪم آهي ۽ اهو سڀ هتي جي رهاڪو چيني ۽ ملئي ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي- جيڪي واپار وڙو، دڪانداري، سرڪاري نوڪرين ۽ سياست جهڙا ڪم دل وٽان ڪري سگهن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيئن پنهنجي ملڪ ۾ واپار وڙي تي پهرين هندو ڇانيل هئا ۽ هاڻ ميمڻ، خوجا ۽ بوري تيئن هتي جو سڄو واپار چينين جي هٿ ۾ آهي. هتي جي چينين جو ٻچو ٻچو ڪراچيءَ جي ميمڻن وانگر پورهيت، محنتي، حساب ڪتاب جو پڪو ۽ سياڻو نظر ايندو. چيني ننڍي هوندي کان پنهنجي اولاد کي آرام کان پري رکن ٿا. واپاري جي اٽڪلن. Tricks of Trade کان وٺي واپاري ٺڳيون، مقابلا ۽ ڏنگايون چيني ڄاڻي ٿو. هتي اهو پهاڪو عام آهي ته چينيءَ جي مٿي جو وار فقط سڌو ٿئي ٿو. چيني هتي جي معاشي نظام کي ائين جام ڪري سگهي ٿو جيئن ڪراچيءَ ۾ پٺاڻ ٽرئفڪ کي.
    سياست ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ گهڻائي ملئي ماڻهن جي آهي. زمينون پڻ ملئي ماڻهن جون آهن پر ڪم ٻيا هلائين ٿا. مثال طور:ڪنهن ملئيءَ کي رٻڙ جي پوک آهي ته ان پوک کي ڏينهن رات رهي رٻڙ ڪڍائڻ وارو ڪمدار يا مئنيجر چيني رکيل هوندو- جيڪو روزانو وڻن مان رٻڙ ڪڍڻ جو ڏکيو ڪم هندستان جي ڪارن انڊين- يعني مدراسين يا انڊونيشن کان ڪرائي ٿو.
    بهرحال اسان جي ڪليگ گونا راجا جي هيءَ نوڪرياڻي پرمس به ٻيلن ۾ ڪم ڪندڙ اهڙيءَ انڊين فئملي سان تعلق رکي ٿي. ۽ هن کان اڳ يڪو اهڙن هنڌن تي رهي آهي جو فقط تامل ئي ڳالهائي سگهي ٿي، جيڪي سندس ڪڙم قبيلي جا ماڻهو ڳالهائيندا هئا ۽ کيس جيئن ته هتي آئي اڃا ٿورا ڏينهن ٿيا آهن سو اڃا ٻي ڪا زبان نٿي اچيس.
    يعني هڪ ئي گهر ۾ جيتوڻيڪ زال مڙس ٻار ۽ نوڪرياڻي انڊين نسل جا آهن، پر سندن مذهب به جدا آهن ته زبانون به جدا جدا ڳالهائين ٿا. هتي مون وانگر، آفيس طرفان مليل گهر ۾ رهن ٿا. سندن پنهنجو گهر جيڪو نينگري سيمبيلان Negri- Seblian رياست جي شهر سريمبان Sremban ۾ ٺهي راس ٿيو آهي، اهو هڪ ٽڪريءَ تي نئين اڏيل بستي ”تمن راسا“ ۾ آهي. (تمن ملئي لفظ آهي معني چمن يا باغيچو) جيئن پاڻ وٽ گلشن اقبال، گلستان جوهر وغيره آهي، تيئن هتي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي ”تمن“ لفظ سان شروع ٿيندڙ علائقا نظر ايندا، جيئن اسان جو هڪ ٻيو ڪليگ ڪئپٽن ستيش هرداس ملاڪا جي جنهن علائقي ۾ رهي ٿو، ان جو نالو تمن محبا آهي. اهڙي طرح تمن جايا، تمن ڪيمونچاڪ، تمن راس، وغيره.
    مون کي ان پاسي ويندي ڏسي گونا راجا ڪجهه ڪم ڏسيا ته رستي تي دڪان تان ڪجهه بلب ۽ پنکا وٺي سندس ان نئين گهر ۾ ڇڏيندو وڃان، جيئن ٻئي آچر تي لائيٽ وارو اتي انهن جي فٽنگ اچي ڪري وغيره.
    مون سمجهيو ته ان نئينءَ بستيءَ ۾ سڀ ڏکڻ هندستان جا تامل هندو هوندا، جيئن پاڻ وٽ گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي ته نين ڪالونين ۾ ڪٿي رڳو کوجا رهيا پيا هوندا ته ڪٿي پنجابي سوداگر، ڪٿي سنڌي سرڪاري آفيسر ته ڪٿي ڪوئيٽا ۽ زيارت جا بلوچ، ڪٿي بنگالي ته ڪٿي سوات جا پٺاڻ، پر گونا راجا جي نئين ٺهندڙ گهر جي سامهون بنگالي فئملي رهيل هئي. ڀر ۾ هڪ پاسي چيني فئملي هئي ته ٻئي پاسي فلپيني. پوءِ ٽي گهر کن پڪا تامل نادو مسلمانن جا هئا، جو سندن در ٻاهران بسم الله جي ڀرت جو فريم ٽنگيل هو. ان بعد هڪ ٻه گهر ملئين جو هو، جو در جي ٻاهران بوٽ، چئمپل ۽ سئنڊل لٿل هئا. گهٽيءَ ۾ هڪ ٻيو گهر به چيني ماڻهن جو هو، جنهن جي ٻاهران ”شينهن-ديوتا، جو بت رکي. چار ماڻهو نغارا وڄائي رهيا هئا. لنگهندڙ پوڙها چيني سندن چندي جي پيتيءَ ۾ خيرات طور سڪا وجهي لنگهي ٿي ويا. گهٽيءَ جي ڪنڊ تي ٻه چار هندو تامل يا گجراتين جا به گهر هئا. جو انهن اڳيان جيڪي زالون بيٺيون هيون تن جي نرڙ تي ڳاڙهو تلڪ هو ۽ سينڌ ۾ سينڌرو- تنهن جي معنيٰ هنن جو هندو ڌرم سان واسطو آهي ۽ انهن ۾ ڪي صفا ڪاريون هيون جيڪي ڏکڻ هندستان جي صوبي ”تامل نادو“ سان واسطو رکنديون هونديون ۽ ٻيون جيڪي هنن وانگر ڪاريون ڪوجهيون نه هيون، پر ڪڻڪ رنگيون ۽ پيلاڻ پاسي مايل هيون سي گجراتي يا مرهٽي لڳيون ٿي.
    اسان جي سڄي ننڍي کنڊ ۾ ماڻهن جي هجرت ڏکڻ طرف گهڻي ٿي آهي. ڪشمير ۽ سرحد جا پنجاب ڏي آيا هوندا، پنجاب جا جيترو هيٺ اتر سنڌ جي شهرن: جيڪب آباد، سکر، روهڙي، خيرپور وغيره جا هيٺين سنڌ جي شهرن:حيدرآباد، نوابشاهه، ڪراچيءَ ۾ گهڻا آيا هوندا. اهڙي طرح هندستان ۾ به ڪشمير شملي پاسي جا دهلي لکنو پاسي آيا هوندا. ۽ اتي جا ماڻهو مٿي ڪشمير ڏي وڃڻ بدران وڌيڪ هيٺ ڏکڻ هندستان جي شهرن: مدراس، بمبئي وغيره ڏي وڌيا هوندا، جيتوڻيڪ مٿي اتر ۾ پنجاب ۽ ڪشمير تمام سهڻو آهي. اهڙي طرح بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ پڻ ٿيو آهي. اهو ئي وهڪرو ندين جو به آهي. يعني اتر کان ڏکڻ طرف. ۽ ماڻهن جي چرپر ان اسٽائيل ۾ نه فقط ننڍي کنڊ ۾ پر سڄيءَ ايشيا ۾ صدين کان ائين رهي آهي. ان جدول هيٺ وچ ايشيا جي روسي شهرن، بخارا سمرقند کان ماڻهو لڏي افغانستان، سرحد ۽ ڪشمير ڏي ايندا رهيا ۽ اتان پوءِ پنجاب، سنڌ يا ڏکڻ هندستان ڏي. ڪيترا برزگ دين عالم اديب ان قدرتي لڏ پلاڻ هيٺ اسان تائين پهتا. جيئن قلندر لعل شهباز يا مرزا قليچ بيگ- جنهن جا وڏا روس کان هيٺ اسان ڏي آيا. ۽ وري هيٺ جيڪي ننڍي کنڊ جي آخري صوبن: ڪيرالا، تامل نادو وغيره جا هئا- سي مٿي اچڻ بدران، سمنڊ ٽپي اڃا به هيٺ سريلنڪا، ملائيشيا ۽ سنگاپور کان وڃي نڪتا. ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي سمنڊ پار لڏ پلاڻ ۾ انگريزن جو به وڏو هٿ هو جوهنن کي آفريڪا ۽ ايشيا جي بيٺڪي ۽ ٻيٽن لاءِ محنتي، سڌريل، پورهيت ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو کتا ٿي، جيڪي هنن جا ڪلارڪي (منشيگيري) ڪمن کان وٺي رستا ۽ ريل جا پٽ وڇائڻ جهڙا ڏکيا ۽ دڪانداريءَ جهڙا حرفتي ڪم ڪري سگهن.
    هڪ دفعي پنهنجي ڪليگ چيف انجنيئر ببر کي چيم ته يار هي ڏکڻ هندستان جا تامل، ٻين پاڙيسري صوبن جي ماڻهن يعني مهاراشٽرين، گجراتين، بهارين، سنڌين، پنجابين، گجراتين، پٺاڻن وغيره کان رنگ ۾ ته ڪارا آهن پر شڪل ۾ به صفا سادا ۽ ڪوجها آهن. ڍ
    کلي وراڻيائين:”پر دراصل اهي ئي ماڻهو هندستان جا اصل رهواسي آهن. پاڻ ته سڀ مٿان اتراهن ڏيهن کان آياسين، پوءِ ڪي سڪندر اعظم جي ڏينهن ۾ ته ڪي ويجهڙائيءَ ۾، محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾. ڪي ارغونن ۽ ترخانن جي ڏينهن ۾، ته ڪي غورين ۽ غزنوين جي ڏيهن ۾. ڪي ته عيسوي سن کان به گهڻو اڳ آيا. ۽ پوءِ جيئن مٿان ماڻهو ايندا ويا ته اصلي ماڻهو ڏکڻ ڏي ڌڪبا رهيا. هاڻ اصلي هندستان ڏسڻا آهن ته ڪجهه ڏکڻ هندستان ۾ ملندا ته ڪجهه سريلنڪا، ملائيشيا، سنگارپور ۽ فجيءَ جهڙن ٻيٽن تي. هيڏيءَ ترقيءَ جي باوجود به هي ويچارا اڃا تائين اهي هيٺين ڪلاس جا گهٽ ۽ ڏکيا پورهيا ڪن ٿا. جيئن پاڻ ۾ به موچڪو، ڪاڪوس ميڙڻ جو ڪم ۽ گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ پوک جو ڪم هي ڪن ٿا.“
    پوءِ ببر ٻڌايو ته هتي ملائيشيا پاسي عام ماڻهو انڊين کي سٺي نظر سان نٿا ڏسن، ڇو جو هي اصلي انڊين رهاڪو هتي گهڻو ڪري هيٺاهان ۽ نيچ پورهيا ڪن ٿا. ان ڪري ماڻهو اهوئي سمجهن ٿا ته انڊين معنيٰ نيچ ۽ ڪارا.
    ”اها ٻي ڳالهه آهي،“ ببر وڌيڪ ٻڌايو، ”ته پاڻ پنجابين، سنڌين، گجراتين، اترپرديش وارن جو رنگ ۽ قدبت ڏکڻ هندستانين کان وڌيڪ بهتر آهي ان ڪري ڪيترائي هتي جا ملئي ۽ چيني سمجهن ٿا ته اسان ڪو ٻئي ملڪ جا آهيون. ڪالهه هتي ملئي دڪاندار پڇيو ته آئون ڪٿي جو آهيان. چيومنس ته انڊيا جو.چوي ته اهو ناممڪن آهي. انڊين ته ڪارا ۽ ڪوجها آهن. تون کليل رنگ جو ۽ قداور آهين. تنهن تي سمجهايو مانس ته توهان جن کي انڊين سمجهو ٿا، اهي ماڻهو سڄي دنيا جي نمائندگي نٿا ڪن، پر هندستان جي فقط هڪ ٽڪري- ڏکڻ هسندستان- بلڪ ڏکڻ هندستان جي به آخري پڇڙيءَ وارن صوبن جا رهاڪو آهن. ڪشمير، سرحد يا پنجاب پاسي جا ته اسان کان به ڊگها، موچارا ۽ کليل رنگ جا آهن.“
    اها واقعي حقيقت آهي ته ڪيترائي ملئي ماڻهو اهو ئي سمجهن ٿا. ته فقط ايترو پر هنن لاءِ تامل زبان ئي انڊين آهن ۽ ٻئي نمبر تي هندي جنهن جون فلمون هفتي ۾ ٻه دفعا کن ملائيشيا جي ٽي ويءَ تي ڏيکاريون وڃن ٿيون. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ مهيني ۾ ڏهه کن ملئي فلمون ڏيکارين، ڏهه کن چيني ۽ ڏهه کن انڊين ۽ ويهارو کن انگريزي. انهن ڏهه انڊين فلمن ۾ ڇهه تامل هونديون ۽ چار کن هندي. ڪڏهن ڪڏهن انهن چئن هندي فلمن مان به هڪ پنجابي يا پاڪستاني اڙدو فلم هوندي آهي.
    اسان جا هتي جا ملئي دوست، اسان جي انڊين ڪيلگ: ڪئپٽن نندڪر، ڪئپٽن هرداس ۽ چيف انجنيئر ببر جن کي چوندا آهن ته توهان ڪهڙا انڊين آهيو جو تامل فلمون نٿا ڏسو، جن کي سڄي ملاڪا جا انڊين ڏسن ٿا.
    پوءِ ملئي دوستن کي سمجهائڻو پوندو آهي ته اهي فلمون انڊين ضرور آهن، پر هندستان جي فقط هڪ ننڍڙي حصي- ڏکڻ هندستان سان تعلق رکن ٿيون- جتي جا ماڻهو اتفاق سان توهان وٽ ئي گهڻا آهن.
    ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ تامل ڳالهائيندڙن بعد هندي يا اڙدو به ٻئي نمبر تي نه آهن- جيتوڻيڪ هندي فلمن جي وي. سي. آر ڪري خوب ريل پيل آهي، پر تامل بعد ٻئي نمبر تي انڊيا جون:تيلگو، مارواڙي، مليالم، ملباري، ڪاناڊا زبانون ڳالهائيندڙ گهڻا آهن- جيڪي پڻ ڏکڻ هندستان جا رهاڪو آهن. هيڏانهن ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ ڏکڻ هندستان جا ڇانئيا پيا آهن. سک، پنجابي، پٺاڻ پاڪستاني، دهلوي، لکنوي، ڪشميري، ميرپوري به آهن. پر تمام ٿورا- اٽي ۾ لوڻ برابر، ننڍي کنڊ جا اهي ماڻهو وري گلف جي رياستن ۽ انگلينڊ، جرمني پاسي جام ملندا. انهن جو رخ انگلينڊ، آمريڪا ۽ عربستان پاسي گهڻو آهي. ڏکڻ هندستانين جو سالن کان سنگارپور ملائيشيا ڏي آهي. ان ڪري انگريزن به سهوليت خاطر سنگاپور جي ننڍڙي ٻيٽ کي مدراس پريزيڊنسيءَ سان ملائي ڇڏيو هو- جهڙيءَ ريت سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان 1935ع تائين ملائي حڪومت هلائي.
    بهرحال اهو سڄو احوال لکڻ مان اها مراد آهي ته هتي ملائيشيا (توڙي سنگاپور ۾- جيڪو پڻ 1965ع تائين ملائيشيا جو حصو هو) ۾ مختلف مذهب، زبانن ۽ رسمن رواجن جا ماڻهو نظر اچن ٿا ۽ امن امان ۽ سڪون ۾ رهن ٿا.


    ملائيشيا ۾ مندر ۽ ٽڪاڻا

    آثار قديمه جي کاتي کي مختلف هنڌن تي کوٽاين مان ملايا جي سرزمين تي ڇهه هزار سال اڳ تائين انسان جي موجودگيءَ جا ثبوت مليا آهن. پر صحيح معنيٰ ۾ توارخيدانن کي سربستو احوال عيسوي سن کان ٻه سئو سال اڳ کان وٺي جو آهي، جڏهن گهمندڙ ڦرندڙ انڊين هتان اچي نڪتا هئا ۽ آهستي آهستي انهن جو نمبر وڌندو ويو- هيءَ سڪندر اعظم جي وفات کان به پوءِ وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي (چين ۾ انهن ڏينهن ۾ ”جن“ گهراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ هاڻ Han گهراڻو شروع ٿيو هو.) روم ۾ انهن ڏينهن ۾ (يعني 202 قبل مسيح) زاما Zama جي لڙائي هلي رهي هئي. ان واقعي کان ڏيڍ سئو سالن کان پوءِ جوليس سيزر جو قتل (60 قبل مسيح) ۾ ٿيو هو.“
    مٿيون ڳالهيون لکڻ مان منهنجو مطلب آهي ته هن ڌرتيءَ جي تختي تي، ٻين هنڌن تي دنيا ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتي هئي، پر ملايا ۾ ان جي ڀيٽ ۾ اڃا شروع جا ڏينهن هئا ۽ جيتوڻيڪ دنيا جي ٻين ملڪن جي آدمشماري به ڪا خطرناڪ حد تائين نه پهتي هئي، پر هتي ملائشيا ۾ ته انهن جي مقابلي ۾ آدمشاري تمام گهٽ ۽ نه برابر هئي. ڏٺو وڃي ته ٻين جي مقابلي ۾ اها اڃا تائين گهٽ آهي، هتي ماڻهن جي رهائش گهڻي دير بعد ٿيڻ جو هڪ اهو به سبب اهي ته هي سڄو ملڪ گهاٽن ٻيلن جي صورت ۾ هو۽ هتي جي جانورن ۽ زهريلن جيت جڻن ماڻهن لاءِ جيئڻ جنجال ڪري وڌو هو ويندي چاليهه پنجاهه سال اڳ تائين به هتي رهڻ جون اهي سهوليتون نه هيون جهڙيون اسان وٽ يا يورپ ۾ هزار کن سال اڳ تائين هيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته گذريل ڏهاڪو سالن اندر عرب ملڪن وانگر ملائيشيا کي به تيل، ڌاتوءَ ۽ رٻڙ مان ايڏو ته پئسو ملڻ شروع ٿي ويو آهي، جو ڏسندي ئي ڏسندي ترقيءَ جي راهه ۾ چڱن ڀلن ملڪن کان به گوءِ کڻي ويو آهي.
    هڪ دفعي ڳالهين ڪندي ڪئپٽن نندڪر کي چيو ته يار ڏکڻ هندستاني جيڪر ملائيشيا بدران انڊيا ۾ هجن ها ته سندن ڀائرن وانگر ڏکيا ڏينهن گذارين ها. پر هاڻ هتي ملائيشيا ۾ سندن مزا آهن. هتي جا شهري ٿيو ويٺا آهن. ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ پاڻ به اوترائي ڀاڱي ڀائيوار آهن جيترو چيني يا ٻيا.
    ”پر اهو سوچجي.“ ڪئپٽن نندڪر چيو، ”ته جڏهن هو انڊيا کان هتي ملايا ۾ آيا ته ان وقت ملايا ۾ ڪهڙيون ته ڏکيون حالتون هيون. نه رهڻ سک جهڙو نه کائڻ پيئڻ! مڇر ۽ مليريا، نانگ بلائون ۽ ڀٽون، زهريلا جيت ۽ گدلو پاڻي- ۽ ٻيا ڪيترا اهنج جن ڪري گهر گهر ۾ موت عام هوندو هو. اهوته اتفاق سان ڏسندي ئي ڏسندي رٻڙ، پام آئل ۽ پيٽرول ملڻ ڪري هي ملڪ امير ٿي ويو- يا هن صديءَ جي شروعات کان جهازن جي آمدرفت ملاڪا نار ۾ وڌڻ ڪري هتي جي ماڻهن جي ڏکئي زندگيءَ ۾ ڦيرو آيو، نه ته ڏٺو وڃي ته هنن ملڪن جي مقابلي ۾ پنهنجا ملڪ ته صدين کان سکيا ستابا هئا ۽ جڏهن پاڻ سکيا ستابا هئاسين ته هي ويچارا ڏکڻ هندستان جا رهاڪو پنهنجو وطن ڇڏي هتي هليا آيا. ان ڪري جو سندن پنهنجي وطن- ننڍي کنڊ ۾ سک هوندي به هنن غريبن لاءِ سک نه هو. ان ڪري هنن هي پرديس جا وڻ اچي وسايا، نه ته وطن ڪير ٿو ڇڏڻ چاهي. پر ڏکن پٺيان سک ٻين شهرين وانگر کين به نصيب ٿيندا وڃن.“
    ان تان هڪ ٻي ڳالهه ياد ٿي اچي. ويجهڙائيءَ ۾ اسان جو هڪ دوست ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏينهن جو ڪلاس ميٽ- ڪموڊور اشفاق بيگ ڪويت ۾ جڏهن ٽي سال رهي آيو ته ڳالهين ڪندي چيائين:”يار ڪويت جي گرمي ڇا ته عذاب آهي. آهي ته سنڌ ۾ به گرمي پر درياءَ هجڻ ڪري جتي ڪٿي وڻرا ۽ ڇانورو ته آهي ۽ رات جو ته ٺار ٿئي ٿو. پر ڪويت جي لڳاتار ظالم موسم ماڻهوءَ کي پچايو رکي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هينئر ڪويت امير ملڪ ٿي پيو آهي، ان ڪري هر آفيس، هر گهر، هر بس ۽ دڪان ايئرڪنڊيشنڊ آهي ۽ ٻاهر جي گرم موسم جو احساس به نٿو ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن آئون ٻاهر بيهي گرمي محسوس ڪري سوچيندو آهيان ته ڇا ته هتي جي گرمي آهي. هتي جي عربن اها گرمي ڪيتريون ئي صديون صبر سان برداشت ڪئي ۽ هاڻ شايد کين صبر جو مٺو ڦل ڏيڻ لاءِ رب پاڪ هنن تي اهڙي طرح ٻاجهه ڪئي آهي جو سندن پيرن هيٺان تيل جا درياءَ جاري ڪري ڇڏيا اٿس، ته ڀلي هي موج ڪن جن جي وڏن ڪيتريون ئي صديون ڏاڍو ڏکيو وقت گذاريو.“
    سو هتي ملائيشيا ۾ مولا ائين مهر ڪئي آهي ۽ هاڻ هتي جي اصلي ملئي باشندن (ملايو) سان گڏ ڏکڻ هندستان کان لڏي آيل غريب تاملن جا به عيش ٿي ويا آهن، جو هن ملڪ جي خوشحاليءَ ۾ سندن به اوترو ئي حصو آهي جو آخر هو به هتي جا رهاڪو ۽ شهر واسي ٿيا. هاڻ ته سائين ڪنهن به تامل يا ملباريءَ کان کڻي پڇ ته بابا واپس پنهنجي اصلي وطن ڀارت ڏي ويندين، ته پهرين گهوري ائين ڏسندو ڄڻ توهان گار ڏنس ۽ پوءِ ڪنڌ ۽ وات سان ڪا دير نهڪار ڪندو رهندو.
    هي ڪنهن زماني ۾ انڊيا کان لڏي آيل همراهه فقط انڊين فلمون ڏسي فخر محسوس ڪن ٿا ته هي اميتاڀ، راکي، راجيش، ششي ۽ سنيتا پاٽل جون فلمون سندن اباڻي يا ڏاڏاڻي ڏيهه جون آهن- ۽ انڊيا سان فقط ايترو ئي وجهه واسطو رکڻ پسند ڪن ٿا، وڌيڪ ذرو به نه. هو واپس انڊيا وڃڻ کان هاڻ هتي رهڻ ۽ هتي مرڻ پسند ڪن ٿا.
    هڪ دفعي ڪوالالمپور ۾ هڪ ڏکڻ هندستاني ٽئڪسي ڊرائيور کان پڇيم:”تون اصل ڪٿي جو آهين؟“
    ”آئون انڊين نسل جو آهيان جو منهنجا ابا ڏاڏا ڏکڻ هندستان جي ڳوٺ کان هتي آيا هئا.“ هن وراڻيو.
    ”ڀلا تون هتي خوش آهين يا واپس انڊيا وڃي رهڻ پسند ڪندين؟“
    ڪا دير جواب نه ڏنائين، ته وري پڇيومانس ته آيا هو انڊيا وڃي رهڻ پسند ڪندو.
    ٿوري دير ٻي سوچي وراڻيائين:”نه“.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيامانس پر هو جواب ڏيئي نه سگهيو. شايد پنهنجن خيالن کي لفظن جو روپ ڏيئي نه سگهيو. آخر ٻڌايائين ته هو هتي وڌيڪ خوش آهي.
    ”ڪهڙين ڳالهين ڪري خوش آهين؟“ مون پڇيومانس، مون کي به وقت گذارڻو هو، جيسين منزل اچي عيد ميلادالنبي جو ڏينهن هو. ڪوالالمپور جي رستن تي جلوس لنگهڻ ڪري ٽرئفڪ جام ٿيل هئي ۽ ٽيڪسي آهستي آهستي هلي. غريب ٽئڪسي ڊرائيور مرڪندي، پنهنجي عقل موجب سبب ٻڌايا:
    ”هڪ ته هتي مينهن ٿو پوي. انڊيا ۾ گرميءَ ۾ ڪير رهندو. هتي جي ڪنهن ڏينهن گرمي ٿئي به ٿي ته ٿوري دير بعد ۾ مينهن شروع ٿيو وڃي ۽ مزو اچيو وڃي. ٻي ڳالهه ته انڊيا ۾ نوڪريون ڪٿي آهن؟ هتي ٽئڪسي هلايان ٿو، مالڪ کي مسواڙ ڏيڻ بعد به پنجويهه ٽيهه ڊالر بچن ٿا. جي ٽئڪسي هلائي نه سگهان ها ته به ٺلهي هٿين رڳو مزوري ڪريان يا پرايون ڪارون ڌوئان ته به روزانو ڏهه پندرهن ڊالر ڪمائي سگهان ٿو. يا گاهه ڪٽڻ جي مشين وٺي روزانو ستن اٺن گهر جي آڳنڌن جوگاهه ڪٽيان ته به ويهه ڊالر روز ٿي وڃن. ٻي ڳالهه ته آئون ته پڙهي نه سگهيس، پر هتي منهنجا ٻار مفت ۾ بهتر نموني جي پڙهائي حاصل ڪري سگهن ٿا، جو STPM (انٽر) تائين داخلا ۽ ڪتاب مفت آهن. ان بعد ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ اسڪالرون آهن. هتي گهٽ ۾ گهٽ ٻار پڙهي ڪا سرڪاري نوڪري درزڪو، واڍڪو ڌنڌو، يا بيڪري هلائڻ جهڙو ڪم ڪري سگهن ٿا.“
    سندس نالو سرديش ڪمار هو. مون سان انگريزي ڳالهائي رهيو هو پر سندس مادري زبان ڪاناڊا هئي- جيڪا پڻ مليالم، تامل، تيلگو جيان ڏکڻ هندستان جي هڪ مشهور زبان آهي.
    سرديش ڪمار جهڙن جي وڏن جو ملائيشيا ۾ اچڻ سئو سال کن اڳ ٿيو. اهو ڪو وڏو عرصو ناهي. انڊيا- ننڍي کنڊ کان ملائيشيا ڏي ماڻهن جي چرپر ان کان به پراڻي ۽ اڳ کان هلندڙ هئي. چيو وڃي ٿو ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن ملايا ڏي رخ حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به ٻه سئو سال کان اڳ شروع ڪيو. نه فقط ملائيشيا ڏي پر ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڪيترن ملڪن:برما، ٿائلينڊ، ڪمپوچيا وغيره ڏي پڻ ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي اچ وڃ ۽ رسم رواج تڏهن کان اثر انداز ٿي ويو هو.
    چيو وڃي ٿو ته انڊي ملايا ۾ پهرين ڪيداح رياست ۾ پهتا هئا. ڇو جو تن ڏينهن ۾ سمنڊ رستي اچ وڃ ٿيندي هئي ۽ خليج بنگال وارو سمنڊ ٽپڻ بعد ڪيداح رياست جو ئي الهندو ڪنارو ۽ جابلو حصو نظر اچي ٿو. وهمي انڊين لاءِ ڪيداح جبل جي چوٽيءَ روحاني ڪشش پيدا ڪئي. هنن پڪ ان هنڌ کي ديوتائن جوگهر سمجهيو هوندو. ڪيداح پيدا جبل جي قدمن ۾ سنگائي مربوڪ ڪيچل (ننڍي مربوڪ ندي) وهي ٿي. اتي اڄ به هڪ قديمي هندو مندر جا نشان کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهن.
    ائين مندر ته ڪيترن ئي هنڌن تي موجود آهن. ڪي ته ويجهڙائيءَ ۾ - سئو سوا سئو سال کن اڳ جا ٺهيل آهن. ڪي تمام قديمي هلندا اچن. نه فقط هندن جا مندر پر سکن جا گوردوارا پڻ ملائيشيا ۾ تمام گهڻا آهن. تازو ڪالهه ملاڪا جي مشهور روڊ- جالان ”منشي عبدالله“ وٽ ٺهيل سکن جو پنج هزار وال کن وڏو گوردوارو ڏسڻ جو موقعو مليو، جتي هڪ نوجوان چيلي گروديو سنگهه ٻڌايو ته سڄو ملائيشيا:ڪيداح کان وٺي جوهور تائين گوردوارن سان ڀريل آهي.
    بهرحال ملائيشيا توڙي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اڄ به هندن جي تهذيب ۽ تمدن جي هلڪي يا چٽي جهلڪ هر ملڪ جي مقامي رسم رواج مان ضرور ملي ٿي.


    ملاڪا دي مڊوي- هائوس، ملاڪا ۾ اسلام جي آمد

    چيو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان به اڳ هتي ملائيشيا جي اڀرندي ڪناري تي ٽيهه کان ننڍڙيون رياستون جنم وٺي چڪيون هيون. انهن رياستن مان هڪ تن سن (Tun Sun) نالي پڻ هئي، جنهن ۾ ٽينءَ صديءَ ۾ پنج سئو کان به مٿي هندو واپاري ۽ ٻاوا رهيا ٿي. هي اهو دور هو جڏهن هندستان ۾ گپتا سلطنت شروع ٿي هئي ۽ چندر گپتا پهريون، تخت تي ويٺو هو.
    چي- هتو (ڳاڙهي ڌرتي) وارو علائقو، جنهن کي ملئي زبان ۾ تاناح ميراح ٿو سڏجي، ڇهين صدي عيسوي سن ۾ ڪيلنتان يا ترينگالو نديءَ وٽ قائم ٿيو هو. سڀ کان وڌيڪ اهم انڊين رياستن مان لانڪا سوڪا (Lankasuka) هئي جنهن جو راڄ ۽ دٻدٻو اڄڪلهه جي ٿائلينڊ (ٿٻيٽ) تائين پکڙيل هو.
    اڄڪلهه جي رياست ڪيداح، ڪنهن زماني ۾ ڪالاح سڏبي هئي. جنهن جو ذڪر عرب جهازين نائينءَ کان چوڏهين صديءَ تائين ڪيو آهي. چيو وڃي ٿو ته اها رياست ان زماني ۾ ٿائيلينڊ (سيام) ۾ هئي. تنهن زماني جون اهي ننڍيون ننڍيون رياستون جيتوڻيڪ هاڻ ختم ٿي ويون آهن. ته به انهن جا ڪجهه ڪجهه سياسي اثر اڄ جي ماڊرن ملئي رياستن تي نظر اچن ٿا. جيئن ملائيشيا جا ملئي سڀ مسلمان آهن. پر سياست جيان سندن مذهب تي به پراڻي دور جي انڊين جي رسم رواج جا اثر صاف نمايان آهن. جيئن هندو هٿ ٻڌي کيڪاريندا آهن، تيئن هتي جا مسلمان پنهنجي رياست جي راجا يا ملڪ جي بادشاهه اڳيان هٿ ٻڌي جهڪي کيڪارين. شروع جي ڏينهن ۾ ٽي ويءَ تي ملئي مسلمان کي ائين هٿ ٻڌي جهڪندو ڏسي عجيب لڳندو هو ته ائين ته هندو ملندا آهن. پر دراصل هيءَ هنن جي هڪ رسم آهي، جئين اسان وٽ به ڪيتريون ئي هندو ڌرم جون رسمون رواج ۽ ساٺ سوڻ هلندا اچن- خاص ڪري ڳوٺن جي مرڻي پرڻي،مڱڻي، ٻڪيءَ جي رسمن رواجن ۾. ڪيتريون اهڙيون رسمون رواج آهن جن کي اسان ته محسوس نٿا ڪريون، پر ڌاريان ڪن ٿا. جيئن قبرن تي پڙ چاڙهڻ، درگاهن ۽ قبرن جي چائنٺن کي چمڻ ۽ سجدو ڪرڻ، جهنڊن ۽ تابوتن اڳيان هٿ ٻڌڻ ۽ خاڪ کائڻ وغيره جن لاءِ اسان ننڍي کنڊ جا مسلمان کڻي ڇا به صفائي پيش ڪريون، پر سعودي عرب جا ماڻهو اسان جي انهن ڳالهين تان تعجب کائين ٿا ۽ ان کي غير اسلامي سمجهن ٿا. ان ۾ ڏٺو وڃي ته حقيقت به آهي ته اهو هڪ شرڪ جو ڪم آهي.
    بهرحال هن پاسي- ملائيشيا ۾ ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن ۾ به اهڙي طرح ڪلچر جو ڪيترين ئي ڳالهين تي اثر آهي. ويندي ڪيترا ملئي زبان جا لفظ هندي، سنسڪرت، تامل ۽ ٻين انڊين زبانن مان نڪتل آهن. جيئن ملئي زبان ۾ ماستر (ٽيچر) کي گرو سڏين، مڙس کي سوامي، زال کي استري، وزيراعظم کي پرڌان منتري، جنت کي سرگا، دوزخ کي نوگا وغيره.
    انڊين تهذيب ۽ تمدن جو اثر ملئي عمارت سازيءَ ۾ پڻ نظر ايندو. ڪيترين پراڻين مسجدن جو نمونو هندو مندرن جهڙو يا چيني پگوڊائن جهڙو آهي. چيف انجنيئر ببر ته ڪيتريون ئي هتي جون پراڻيون مسجدون ڏيکاريون هونديون جن جي بيهڪ گجرات (هندستان) جي ڪيترن ئي مندرن سان ملي ٿي. ڪي ڪي مسجدون عمارت سازيءَ ۾ قديم چيني عمارتن سان به ملن ٿيون، جو چينين جو به هن ملڪ تي صدين کان اثر هلندو اچي. اسلام ته هتي گهڻو گهڻو پوءِ آيو. نه ته هتي هندو ڌرم هو يا ٻڌ ڌرم ۽ ڪجهه عيسائيت- جيئن پاڻ وٽ محمد بن قاسم کان اڳ، گلگت کان سلهٽ تائين ۽ نصرپور کان جوڌپور تائين هو.
    ملائيشيا ۾ اسلام هاڻ پندرهينءَ صديءَ ڌاري عرب ملڪن کان ايندڙ واپارين پکيڙيو، يعني ان کان ڇهه سئو سال کن ڪي مس ٿيا آهن. جيئن ننڍي کنڊ ۾ پهرين اسلام سنڌ ۾ آيو، اهڙي طرح هن پاسي اسلام پهرين ملاڪا شهر ۽ ملاڪا رياست ۾ آيو. تيرهين چوڌهين صديءَ تائين ته هن ڏکڻ اوڀر ايشيا واري علائقي ۾ ملائيشيا- يا ملاڪا جي ڪا اهميت ئي نه هئي. ڪنهن کي به ملاڪا ياد نه هو ۽ نه ڪنهن سمجهيو ٿي ته ڪو ملاڪا اڳتي هلي اهم بندرگاهه ۽ شهر ٿي پوندو.
    سري وجايا نالي سماتري سلطنت، ماجا پاهت نالي جاوا جي مشهور سلطنت، يا ٿائلينڊ جي سيام شهنشاهيت هن علائقي جون مشهور حڪومتون هيون. جن جون اوسي پاسي جون باقي رياستون زبردست هيون ۽ جن کين ڏن:ڏنڊ، ڍل ۽ ٽئڪس ٿي ڏنو. اهڙين ئي رياستن مان هڪ سنگاپور جي انڊين رياست تماسڪ Tumasik نالي هئي، جنهن جي سماتري حاڪم راجا پراميسورا پنهنجي رياست کي آزاد ڪرائڻ لاءِ چوڏهين صديءَ جي آخر ۾ پناهه ورتائين، ملاڪا انهن ڏينهن ۾- يعني چوڏهين صديءَ ۾ مهاڻن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. راجا پراميسورا ملاڪا ۾ رهي آهستي آهستي هڪ ننڍڙي حڪومت قائم ڪئي.
    هن شهر ملاڪا جتي آئون رهيل آهيان، دراصل ان دور کان پوءِ وڌڻ ويجهڻ شروع ڪيو. راجا پراميسورا جي اچڻ کان اڳ تائين ڪجهه به نه هو. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سندس بندرگاهه به مشهور ٿيو ته شهر جون مارڪيٽون ۽ بازاريون به ۽ پنڌرهين صديءَ جي شروعات تائين سياست توڙي وڻج واپار ۾ سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ملاڪا جو ڌاڪو ڄمي ويو- نه فقط ملايا ۾ پر سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ملاڪا جو ناليرو ٿيندو ويو. واپار ۽ سياست کان علاوه ملائيشيا ۾ اسلام پکڙجڻ جو ڪم به ملاڪا کان ئي شروع ٿيو. عربستان کان ايندڙ جهازين ۽ واپارين جي اچڻ ڪري اسلام جي تبليغ ٿي، پنڌرهين صديءَ جي شروع تائين انڊيا ۾ به اسلام پکڙجي چڪو هو. محمد بن قاسم 713ع ڌاري سنڌ تي حملو ڪيو، ان بعد آهستي آهستي اسلام سڄي ننڍڙي کنڊ ۾ پکڙجي ويو، ۽ هندستان جي اوڀر بنگال ۽ ٻين هنڌن کان ملاڪا ايندڙ مسلمان وڻجارن پڻ اسلام کي هتي جي ماڻهن سان ڪافي متعارف ڪرايو.
    ملاڪا بندرگاهه يا ملاڪا- نار جيترو اڄ مشهور آهي، اوترو ئي تنهن دور ۾ هئو. ڇاڪاڻ جو ملاڪا نار جي جاگرافيءَ جي خيال کان اهڙي پوزيشن آهي جو عربستان آفريڪا ۽ يورپ کان چين، جپان ويندر جهاز يا چين کان واپس ايندڙ جهاز ملاڪا نار مان ئي لنگهندا هئا.
    اپريل کان سيپٽمبر تائين جيڪي خليج بنگال ۽ هندي سمنڊ ۾ چوماسي جون هوائون لڳن ٿيون، انهن جي زور تي عربستان، ديبل، ڀوڄ، ڪڇ، گوا، بمبئي، مدرس، چٽگانگ، ڪلڪتي- ٻين ننڍي کنڊ جي بندرگاهن کان سڙهن وارا جهاز چين لاءِ نڪرندا هئا. سيپٽمبر تائين جهاز اچي ملاڪا نار ۾ منزل انداز ٿيندا هئا. ڪجهه سامان جي اتي ئي ڏي وٺ ڪري پوءِ وري آڪٽوبر کان مارچ تائين لڳندڙ ابتي طرف وارين هوائن ذريعي واپس وطن ويندا هئا يا ڇهه مهينا کن ملائيشيا جي شهرن ۾ ترسي فرحت وٺندا هئا ۽ پنهنجن ڪاٺ جي جهازن جون مرمتون ڪندا هئا. ٻيلن ڪري ملاڪا ۾ ڪاٺ چپر سستي هئي ۽ مپين جو تيل، پام ۽ ناريل جو تيل پڻ، جنهن سان هو پنهنجن ٻيڙن کي مک ڏيندا هئا. پوءِ ٻئي سال اپريل کان سيپٽمبر تائين لڳندڙ چوماسي هوائن جي زور تي ملاڪا کان اڳيان چين هليا ويندا هئا. (هي چوماسي Monsoon جون اهي هوائون آهن جيڪي پاڻ وٽ سنڌ ۾ پڻ جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ لڳنديون آهن، جن لاءِ چئبو آهي ته ڏکڻ ڇوٽ پيو لڳي يا انهن هوائن کان اڳ چئبو آهي ته ڏکڻ لڳي ته گرمين جو زور ڀڄي.)
    اهڙيءَ طرح چيني جهازي عربستان ۽ انڊيا ڏي ويندا هئا ته واٽ تي ملاڪا ۾ ئي داٻو ڪندا هئا. ٻنهي پاسن جا ڪيترا جهازي ته هڪ ٻئي جي ملڪن ۾ وڃڻ بدران ملاڪا ۾ ئي هڪ ٻئي سان سودا ڪري مال کپائي يا بدلائي واپس وطن ڏي ورندا هئا. يعني اهو ئي Transhipment جو ڪم ٿيندو هو جيڪو اڄڪلهه سنگاپور جي بندرگاهه ۾ ٿئي ٿو. پر تن ڏينهن ۾ ملاڪا اڄ جي سنگارپور کان به وڌيڪ اهميت رکي ٿي ۽ اهڙي طرح ملاڪا نار مڊوي هائوس يا هاف وي هائوس پڻ سڏبي هئي.
    انڊيا، عربستان ۽ چين کان علاوه يورپ کان پڻ جهاز ايندا هئا، جيڪي مختلف يورپي شيون وڪڻي مسالا وٺي ويندا هئا- خاص ڪري لونگن، ڪارن مرچن، ڦوٽن، دال چينيءَ تي يورپين جو مارو هو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن اڃا ريفريجريٽر جي ايجاد نه ٿي هئي ۽ ماڻهو گوشت کي رکڻ لاءِ مسالا هڻي سڪائيندا ۽ سنڌيندا هئا. ويتر رڌ پڇاءَ ۾ لذت ۽ خوشبو آڻڻ خاطر لوڻ، مرين، (ڪارين مرچن) کان لونگ، پلاجيريءَ تائين، مسالن جي ضرورت ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي.
    بهرحال ملاڪا ۾ جنهن اسلام پکيڙيو سو عربستان ۽ هندستان کان ايندڙ واپارين ۽ جهازين ۽ ڪجهه ڪجهه تبليغي جماعتن جي ڪري، پهرين ملاڪا ۾، ان بعد ملائيشيا جي ٻين رياستن ۾ اسلام پکڙيو ۽ ان سان گڏوگڏ پريان انڊونيشيا جي ٻين رياستن ۾ اسلام پکڙيو ۽ ان سان گڏوگڏ پريان انڊونيشيا، ڏکڻ فلپين، ڏکڻ ٿائلينڊ طرف پڻ، هاڻ هندو پوڄا ۽ عقيدا فقط باليءَ ۾ وڃي بچيا آهن.
    راجا پراميسورا کي ملاح ۾ صحيح طرح راڄ ڪرڻ لاءِ قدرت صحيح مَتِ ۽ سازگار حالتون ڏنيون، جنهن مطابق هن يڪدم چين جي مدد حاصل ڪري ورتي، چيني جهازين جي انهن ڏينهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي بندرگاهه ۾ اچ وڃ وڌي رهي هئي. ان ڏس ۾ چيني ائڊمرل چينگ- هو، پهريون دفعو 1409ع ۾ ملاڪا بندرگاهه گهمڻ آيو. ان بعد وري1414ع ۾ آيو. انهن ڏينهن ۾ چين اوسي پاسي جي رياستن کان تمام طاقتور هو، ان ڪري چيني حڪومت کي ساليانو ڏن ڏيڻ لاءِ راجا پراميسورا پاڻ چين هلي ويو. انهيءَ مڃتا جي بدلي ۾ ملاڪا کي دشمن جي حملي کان بچائڻ لاءِ چيني حڪومت واعدو ڪيو. اهڙيءَ طرح ڪيترين ئي ٽهين تايئن چين جي پٺڀرائيءَ ۽ ڏڍ ڪري راجا پراميسورا جي سلطنت جو نالو به نه وٺنديون هيون. خاص ڪري ڀر واري سيام (ٿائلينڊ) حڪومت، ڳڙٻڙ کان بچاءَ ۽ سڪون ڪري ملاڪا ۾ بي خوف خطر هڪ ئي نموني جي حڪومت هلندي رهي. جنهن ڪري ملڪ سکيو ستابو ٿيندو رهيو- واپاري ترقيءَ ۾ به ته سياسي پکيڙ ۽ حڪومت ۾ به. ملاڪا حڪومت جون حدون وڌڻ سان گڏوگڏ اسلام ۾ وڌندو ويو- خاص ڪري مظفر شاهه جي حڪومت (59-1446) ۾. مظفر شاهه هندو راجا پراميسورا جو پوٽو هو.
    1456ع ۾ مظفر شاهه هڪ تمام قابل ماڻهوءَ تن پيراق کي ملاڪا جو وزيراعظم (بنداهارا) مقرر ڪيو. سندس ڏينهن ۾ سيامين (ٿائلينڊ وارن) ملاڪا تي حملو ڪيو جن کي تن پيراق پنهنجي بهادري ۽عقل سان جوهور وٽ سخت بحري لڙائيءَ ۾ شڪست ڏيئي ملاڪا کي بچايو، تن پيراق جيتوڻيڪ ملاڪا جو سلطان نه بڻيو، پر اٽڪل چاليهه سال: 1456ع کان 1498ع تائين حڪومت جون واڳون سندس حوالي هيون. پيراق رياست اڳهين مسلمان ٿي چڪي هئي ۽ 1460ع ۾ ملاڪا جو حصو ٿي رهي. اهڙيءَ طرح پهانگ رياست جيڪا سيام (ٿائلينڊ) جي قبضي ۾ هئي. سا پڻ ملاڪا وارن فتح ڪئي- ۽ اتي جا ماڻهو به پيراق رياست وانگر مسلمان ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ طرح ترينگانو رياست جي اتر تائين ملئي ماڻهن جو مذهب اسلام ٿي ويو. ڏکڻ ملايا کي پڻ ملاڪا سلطنت جو حصو بڻايو. سماترا (جيڪو اڄڪلهه انڊونيشيا جو هڪ ٻيٽ آهي) جون اهي ندين واريون رياستون جيڪي پاڻيءَ رستي ملاڪا سان وڻج واپار جي سلسلي ۾ ڳنڍيل هيون سي پڻ ملاڪا سلطنت لاءِ 1477ع ۾ حاصل ڪيون ويون. 1474ع ۾ ملايا جي مشهور رياست ڪيداح جو سلطان پڻ مسلمان بڻيو.
    ملاڪا جي هاڪ ڏسندي ئي ڏسندي يورپ تائين هلي ويئي، جن جي هن پاسي ٿيندڙ مسلمان ۾ گهڻي دلچسپي ۽ ڪرڙي اک هئي. پورچوگالي جيڪي گذريل صديءَ کان مشرق جي ملڪن جا رستا ڳولڻ ۽ پهچڻ کان مشهور ٿي چڪا هئا، سي 1509ع ۾ ملاڪا پهتا. پورچو گيز پهريان يورپي هئا، جن سمنڊ رستي ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپيو. 1488ع ۾ هڪ پورچوگالي همراهه بارٿولوميو- دياز ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپي وري اتان جو اتان واپس پورچوگال موٽي ويو. ان بعد 1498ع ۾ واسڪو ڊيگاما ڪيپ آف گڊ هوپ ٽپي. هندي سمنڊ جو حصو ۽ عربي سمنڊ لتاڙي ڏکڻ هندستان جي شهر ڪاليڪٽ ۾ پهتو هو. ان بعد هو اڳتي وڌڻ جو سوچڻ لڳا ۽ ملاڪا ۾ 1509ع ۾ جڏهن پهريون پورچوگالي پهتو ته ماڻهن تڏهن ئي چيو ته هاڻي يورپي ماڻهو اسان جو ملڪ ۽ ماڻهو ڏسي ويا اهن، سو هاڻ خبرناهي. واقعي ٿيو به ائين جيئن هند، سنڌ، پنجاب، سلون ۾ يورپي ماڻهن ۽ انگريزن ڪيو.
    1510ع ۾ پورچوگالين هندستان جي شهر گوا تي قبضو ڪيو، پوءِ سوڪوترا ٻيٽ ۽ هرمز پنهنجي قبضي ۾ آندائون (عدن سو سندن ور نه چڙهيو جيتوڻيڪ ڪوشش ڏاڍي ڪيائون) ان بعد مشرق جي واپاري اڏن کي چڱيءَ طرح پنهنجي ور ۾ آڻڻ لاءِ هاڻ کين فقط ملاڪا ٿي کتو.


    ”گوار بنگالي ملاڪا منجهه“ ”ڇوڪريءَ جي عشق جو نتيجو“

    1511ع ۾ چوماسي جي هوائن سان گڏ پورچوگالين ملاڪا تي حملي ڪرڻ لاءِ سورهن جهازن ۽ يارنهن سئو سپاهين جي لشڪر سان ملاڪا جي بندرگاهه تي حملو ڪيو. انهن يارهن سئو سپاهين ۾ اٺ سئو سندن پورچوگالي هئا، باقي پنج سئو کن ملباري جيڪي هن واٽ تان (پڪ گوا مان) کنيا هئا. هن حملي لاءِ هنن وٽ بهانو اڳ جو هو. پورچوگالي جڏهن پهريون دفعو 1509ع ۾ ملاڪا آياهئا ته هتي جا ماڻهو کين گوار بنگالي سمجهڻ ۽ سڏڻ لڳا- جو ان کان اڳ بنگال جي ڪناري کان آيل سڀ انڊين بنگالي سڏبا هئا. هي پورچوگالي به بنگال جو ڪنارو ۽ خليج بنگال (سمنڊ) لتاڙي هتي آيا هئا. جو تن ڏينهن ۾ اهو رستو ويجهو ۽ وڌيڪ سلامتيءَ ۽ سنوت وارو هو. ان رستي جا سونهان به سولا ملي ويندا هئا. مدراس، ڪوچين، بمبئي، گوا يا سريلنڪا جي ڪولمبو يا ٽرڪوماليءَ کان سڌو اچڻ ۾ ڏينهن به لڳا ٿي ته سامونڊي ڏاکڙا به گهڻا هئا.
    چيو وڃي ٿو ته شروع جي ڏينهن ۾ هتي جا ملئي ماڻهو تعجب مان انهن سفيد بنگالين (White Bengalis)- يعني پورچاگالين کي ويجهو ويجهو اچي ڏسڻ لڳا. سندن ناسي ڀوريون ڏاڙهيون هٿن سان ڇهڻ لڳا. خير سائين مڪاني ماڻهن جي سادگي ۽ اٻوجهائپ مان فائدو وٺي هي پورچوگالي ملاڪا ۾ ديرو ڄمائڻ لڳا ۽ ٻين کي به پورچو گال مان گهرائيندا ويا. سندن اهي حال ڏسي ملاڪا جي واپاري ڪميونٽي – جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي گجراتي ۽ ٻيا انڊين هئا، خبردار ٿي ويا ته هاڻ هتي به هي يورپي اهو حشر ڪندا جيڪو هندستان ۾ ڪري چڪا آهن. واپار به هٿن مان ويندو ته ڌرتي به. تن ڏينهن ۾ وزيراعظم بنداهاراتن- مظهر هو. هن واپارين جون اهي ڳالهيون دل سان هنڊائي ساڻن همدردي ڪئي ۽ اندر ئي اندر اهو منصوبو ٺاهيو ويو ته بندرگاهه ۾ بيٺل مڙئي پورچوگال جهاز جهليا وڃن. پر افسوس جو عين وقت تي اهو سٽل ڪامياب نه ويو. ڇو جو ڳالهه ٿا ڪن- جيڪا ڳالهه ۽ ٻيون هتي بيان ڪيل ڳالهيون هتي جي اسڪولي ڪتابن ۾ پڻ آهن. (مثال طور: جوگيندر سنگهه جيسيءَ جي لکيل ڪتاب: Malaya in World History ۾ پڻ آهي) ته هتي جي هڪ ڇوڪريءَ- جنهن جو عشق ڪنهن پورچوگالي جهازيءَ (Sailor) سان هلي رهيو هو، تنهن هن منصوبي کان پنهنجي يار کي وڃي آگاهه ڪيو. جيتوڻيڪ بندرگاهه تي سخت پهرو ۽ جاسوس بيٺل هئا. پر ان هوندي به هوءَ پاڻيءَ جي اندران ئي اندران تري وڃي پورچوگالي ٻيڙيءَ تائين پهتي. خطري جو اطلاع ملڻ سان پورچوگالي ساجهر ئي پنهنجي جهازن جا سڙهه سڌا ڪيا ۽ وٺي ڀڳا. پر تنهن هوندي به ويهه کان پورچو گالي جهلجي پيا جن کي ملاڪا وارن قيدي ٺاهي رکيو.
    ان جي خبر جڏهن لسبن ۾ پورچوگالي شهنشاهه کي پهتي ته هن پنهنجا ماڻهو آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ جنگي ٻيڙو روانو ڪيو، جيڪو پهرين هندستان پهتو. اتي هن ۾ وڌيڪ جهاز ۽ ماڻهو شامل ڪيا ويا جو اتي پهچي کين اطلاع مليو ته ملاڪا شهر جو چڱو بچاءُ ٿيل آهي ۽ ان تي حملي ڪرڻ لاءِ وڏي بندوبست جي گهرج اهي. ان ڳالهه جو اطلاع پورچوگالي قيدين جي سردار ملاڪا کان خط ذريعي موڪليو. اهو خط جيل مان لڪ چوريءَ هڪ هندو واپاري نينا چاتو وڏي ملهه ۽ ناڻي جي آڇ وٺي پهچايو هو.
    بهرحال مٿي ڪيل بيان موجب پورچوگالي سورهن جهازن ۽ يارهن سئو ماڻهن سميت ملاڪا تي حملي لاءِ پهتا. تن ڏينهن ۾ ملاڪا جو حاڪم سلطان محمود هو. پورچوگالين خط ذريعي سلطان محمود کان پنهنجين قيدين جي گهر ڪئي، جنهن بعد ملاڪا مان موٽي وڃڻ جو واعدو ڪيو ته پنج ڇهه مهينن بعد جيئن ئي واپسيءَ جون چوماسي واريون هوائون لڳنديون ته هو پنهنجا ٻيڙا هڪالي هليا ويندا.
    پورچوگالين جو اهو ٺلهو بهانو هو ۽ سندن نيت ۾ خلل جو خيال سڀني کي هو. هوڏانهن پورچوگالي سپاهين کي جيل مان سندن ساٿين جو هڪ ٻيو به خط ملي ويو ته سندن فڪرڪرڻ بنا حملو شروع ڪيو وڃي.


    ملاڪا ۽ حيدرآباد جو قلعو

    پورچوگالين ملاڪا تي حملو ڪرڻ کان پهرين ڪناري وٽ رهندڙ گجراتي واپارين جا گهر ۽ جهاز ساڙيا. اهو سوچي ته کين ملاڪا ۾ پير نه ڄمائڻ لاءِ سلطان محمود جا ڪن ڀرڻ ۾ گجراتين جو وڏو هٿ هو. هتي جي ماڻهن ملاڪا کي گهڻو ئي بچايو، پر پورچوگالي قبضو ڪري ويا. ملاڪا تي قبضو ڪرڻ بعد هنن جلدي ئي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ شروع ڪئي. ڇاڪاڻ جو هنن ڏٺو ته سلطان محمود جيتوڻيڪ گاديءَ جو هنڌ- ملاڪا ته وڃائي ويٺو آهي، پر کيس اڃا به وڏي شاهي سلطنت پٺيان آهي ۽ متان کيس هِتان هُتان مدد ملي وڃي ۽ وري حملو ڪري. سو اهو سوچي هنن پهرين پنهنجو بچاءُ مضبوط ڪرڻ لاءِ ملاڪا نديءَ جي ڪناري تي قلعو ٺاهيو. جنهن لاءِ سرون ۽ ٻيو سامان ڀر ۾ ٺهيل مسجد ۽ سلطانن جي قبرستان جون قبرون ڊاهي هٿ ڪيو. هن قلعي پورچوگالين کي ننڍن ننڍن حملن کان هڪ سئو ٽيهه ورهيه بچائي رکيو.
    اها ملاڪا ندي اڄ به وهي پيئي ۽ شهر جي وچ مان ئي لنگهي ٿي. نيل ندي يا سنڌونديءَ جيڏي وڏي ناهي. بس هڪ ننڍڙي واهه مثال آهي. جنهن جي مٿان سيمنٽ جي ٺهيل پل ٽپي سامهون هتي جي هڪ مشهور رستي بنگارايا (Jalan Bunga Raya) تي وڃبو آهي. پاسي کان اڄ به اهو پورچوگالين جو قلعو موجود آهي. روزانو دنيا جا سياح، تواريخ جا شاگرد، ٽورسٽ، جهازي جي قلعي کي ڏسڻ لاءِ ملاڪا اچن ٿا. منهجو پڻ هن شهر سان واسطو هجڻ ڪري هتي جي هر وقت اچڻ ٿئي ٿو. هي ٽڪرو حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي واري حصي وانگر آهي. جتان هر ڪنهن جو لنگهه ٿئي ٿو. نديءَ جي ڪناري وٽ ٺهيل دڪان River Side Book Store تان پراڻا ڪتاب اڌ قيمت تي وٺندو آهيان پر پڙهڻ بعد چوٿائي قيمت تي ان ملئي مسلمان دڪاندار کي واپس ڏئي وري ٻيا وٺندو آهيان. ڀر ۾ خديجه اسٽور نالي دڪان تان گوڏ. هتي جي قوال ٽائيپ ٽوپي، بيڊمنٽن جون رئڪٽون ۽ گڏيون ورتيون هوندم. ڀر ۾ حجام جو دڪان، واچن واري جو دڪان وغيره وغيره. سامهون رستي جي ٻئي پاسي سينٽ زئويئر نالي پراڻو چرچ ۽ ڀر ۾ نئين ملائيشيا فائننز بئنڪ برحد- وڏي ۽ ڪشادي. اندر بيهي ڪرڪيٽ نه ته والي بال ته کيڏي سگهجي. سڄي آرامداه ڪوچن ۽ ايئرڪنڊيشن سان سٿيل. گهڙڻ سان احساس ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ پئسو آهي. بئنڪ جي ساڄي پاسي واري قطار ۾ هتي جي جنرل پوسٽ آفيس Pejabat Pos Besar (پيجابت معنيٰ آفيس، پوس معنيٰ پوسٽ ۽ بيسار معنيٰ وڏي). ان کان اڳيان دڪانن جي قطار ۾ دڪان نمبر ارڙهون گجراتي بڪ سيلر جو جنهن کان پنهنجا ذاتي ڪاغذ پٽ يا هي مضمون فوٽو ڪاپي ڪرائيندو آهيان. جيئن رسالي جي ايڊيٽر صاحب يا ڪتاب جي پبلشر کان هي گم ٿي وڃن ته فوٽو ڪاپي ته هجيم. دڪان نمبر ويهون سنڌي هندوچوهڙمل جو. انهن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي چينين، گجراتين ۽ تامل ماڻهن جا دڪان، بئنڪ جي کاٻي پاسي، بئنڪ سان گوني ڪنڊ ٺاهيندڙ رستي تي مدراسيءَ جو گووندا سوامي نالي سيڌي جو دڪان- سنگاپور جي گووندا سوامي واري دڪان جي شاخ، هن دڪان جي ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ اهميت جو ذڪر ٻئي ڪنهن هنڌ ڪبو، منجهس دنيا جو هر مسالو، سڪو ميوو ۽ اناج ملندو. ڪابل ۽ قنڌار جي ڪشمش ۽ ڪهرن کان ايران جي بادامن ۽ پاڪستان جي چانورن تائين هر شيءِ هت ملندي. گدامڙي، ڪاريون مريون، لونگ، پلاجيري، اڇو جيرو، ڪارو جيرو، جئڦل، جاوتري، دالين جا مڙيئي قسم، چانورن جا مڙيئي قسم ۽ اٽي جو هر قسم هتان ملندو. ڀر ۾ انهيءَ وکر جا ٻيا به به چار مدراسي دڪان- جن ۾ روزمره جي ڀاڄي ڀتي ۽ سيڌو سلف وٺڻ لاءِ منهنجو وڃڻ ٿئي ٿو ۽ سامهون قلعي جي ڀتين وٽ بيهي سوچڻ سان منهنجو دماغ ڪجهه گهڙين لاءِ حال جي قيد مان اڏامي ماضيءَ جي موج ۾ وهي وڃي ٿو. جڏهن اڄ کان چار پنج سئو سال اڳ پورچو گالين هتي هي قلعو ٺاهيو هو.
    اڄ جپاني، سئيڊش، آمريڪن، جرمن سياح مردن ۽ عورتن جي انبوهن کي هن قلعي اڳيان بيهي، فوٽا ڪڍائيندي يا پنهنجين ڪاپين ۾ هنن عمارتن بابت تواريخي سن ۾ احوال لکندو ڏسي سوچيندو آهيان تن ان کان به وڏا ۽ ايتري ئي اهميت جا قلعا اسان جي ملڪ جي شهرن حيدرآباد، ڪوٽڏيجي، لاهور وغيره ۾ به ته موجود آهن، پر هنن سياحن کي ڪهڙي خبر!
    ملاڪا جي هن قلعي جي رنگ روپ کي اڄ به اهڙو ئي رکيو ويو آهي، ڄڻ پنج سئو سال اڳ جي حالت ۾ هجي، جنهن ۾ پورچوگالين ڇڏيو. قلعي جي عمارت کي ڊاهڻ يا بگاڙن ته پري جي ڳالهه آهي، پر سندس اڳيان ڪار يا سائيڪل بيهارڻ جي به اجازت ناهي. جيئن وقتي طور تي به سندس ڏيک خراب نه ٿي.
    ملاڪا اچڻ کان اڳ ڳوٺان ڪراچي ڏي ايندي، حيدرآباد جي پڪي قلعي ڏسڻ جو شوق ٿيو هوم، سو ڄامشوري تائين پهچي وري موٽيس. سينٽرل جيل ۽ هيرآباد جو پاسو ڏيئي، تلڪ چاڙهي ۽ اسٽيشن روڊ لتاڙي قلعي جي ويجهو پهتس. سندس ڪريل ڪمانون ۽ ڀُريل ڀتيون، ڀتين منجهه ڏار ۽ هيٺ ڪرفتي، ڀتين مان ٻاهر نڪتل موٽرن ۽ موٽرسائيڪلن جي مرمت جا دڪان ۽ ڀتين اندر ڏرڙ ڪري ٺاهيل ٽين جي ٿانون، ڪاٺ جي منجين ۽ قبرن جي ڪتبن جا دڪان ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ته هيڏي قيمتي تاريخي شيءِ ائين نڌڻڪي ۽ ڌڪاريل ٻار وانگر گدلن افعالن ۾ تباهيءَ جي اوج تي بيٺي آهي. ڄڻ ڪو ڌڻي سائين نه هجي. ڄڻ تمندن ڪلچر جو موت ڪجهه به اهميت نٿو رکي.


    پورچوگالين بعد ڊچ- ملاڪا ۽ ٺٽي شهر ۾ هڪجهڙئي

    ملاڪا تي پورچوگالين جو 1511ع کان وٺي 1614ع تائين قبضو رهيو. ان بعد ملايا جي سامهون واري انڊونيشي ملڪ سماترا جي هڪ مشهور سلطنت- آچيح وارن ڦيرا ڪيا. سورهين صديءَ جي شروع کان وٺي ملاڪا تي سماترا ٻيٽ جي هن طاقتور سلطنت (آچيح) جو اثر رهيو. هڪ ته اها ملاڪا جي ويجهو هئي- ملاڪا نار جي بلڪل ٻئي پاسي سامهون ئي سامهون. ٻيو ته سانتيڪي سمنڊ ڪري ماڻهن، واپارين ۽ جهازين جي اچ وڃ سولي هوندي هئي. ملاڪا نار ائين آهي ۽ ڪن ڪن هنڌن تي ايتري گهٽ ويڪري آهي جيتري سنڌونديءَ جي هڪ ڀر نوابشاهه ضلعي جو مورو شهر ۽ ملاڪا نار جي ٻئي پاسي انڊونيشي ملڪ جو سماترا ٻيٽ ائين اهي جيئن سنڌونديءَ جي ٻي ڀر دادو ضلعو. مون کي رهڻ لاءِ جيڪا جاءِ مليل آهي اها بلڪل ملاڪا نار جي ڪناري تي آهي ۽ سامهون سماترا ٻيٽ جا جبل صاف نظر اچن ٿا. (انڊونيشيا جي گاديءَ واري هنڌ جڪارتا هن ٻيٽ سمارترا تي نه پر جاوا ٻيٽ تي آهي، جيڪو سماترا ٻيٽ جي ڀر ۾ ۽ ان کان ننڍو آهي)
    1537ع ۾ آچينن ملاڪا تي حملو ڪيو، پر پورچوگالي قلعي ۾ لِڪڻ ڪري بچي ويا. ان بعد آچينن 1539ع، 1547ع، 1568ع، 1570ع، 1573ع ۾ ملاڪا تي رکي رکي حملا ڪيا. آچينن جو نشانو فقط ملاڪا نه پر ملايا جون ٻيون رياستون به هيون.
    ان بعد سترهين صديءَ تائين ملاڪا جي ڪهاڻي مومل جي سَٽَ جهڙي منجهيل هئي. جو ڪڏهن پورچوگالي ۽ ملئي گڏ آچينن سان پئي وڙهيا ته ڪڏهن پنهنجو پاڻ ۾ وڙهي ڪمزور پئي ٿيا. آچيني به سترهين صديءَ جي ڳپل حصي تائين لڳاتار يا وچ وچ ۾ وڙهندا رهيا. ان وقت تائين پورچوگالي – ڪجهه مرڻ مارجڻ ڪري ڪجهه ڀڄي وڃڻ ڪري، تعداد ۾ گهٽ ٿي ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ نئين يورپي طاقت نمايان ٿي- اهي هئا ڊچ. 1596ع ۾ ڊچن پهريائين جاوا ٻيٽ جي هڪ بحري اڏي تي قبضو ڪيو. سماترا جي ڀر ۾ تن ڏينهن ۾ جاوا پڻ هڪ وڏو ۽ اهم ٻيٽ هو. 1607ع ۾ ڊَچَ سماتري ٻيٽ جي آچينين سان ملي ويا. ملاڪا وارا پورچوگالي جوهور وارن سان وڃي گڏ ٿيا. آچينين پوءِ 1613ع کان 1620ع تائين هڪ ٻئي پويان جوهور، پهانگ، ڪيداح ۽ پيراق رياستن تي حملا ڪري قبضو ڪيو ۽ ويهه سالن تائين بنا ڪنهن ڊپ جي حڪومت ڪندا رهيا ۽ هوڏانهن جاوا (انڊونيشيا) ۾ ڊچ ڏينهون ڏينهن طاقتور ٿيندا ويا. ۽ 1633ع کان ملاڪا تي حملا شروع ڪري ڏنائون. جنهن سان آهستي آهستي پورچوگيز آڻ مڃيندا ويا. تان جو 1641ع ۾ سڄو ملاڪا ڊچن حوالي ٿي ويو.
    لڳاتار جهيڙن، لڙائين ۽ پنهنجن پراون جي فسادن ملاڪا کان اهواوج ۽ ترقي کسي ورتي ۽ ترقي ڪرڻ بدران ڏينهون ڏينهن ملاڪا ويو پٺتي پوندو. نيٺ چڱيءَ طرح قبضو ڪرڻ بعد ڊچن هڪ واري ملاڪا شهر کي وري ساڳي اوج تي آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. پر افسوس جو ملاڪا شهر جا اهي بلي بلي وارا ڏينهن اڄ ڏينهن تائين وري موٽي نه سگهيا آهن. جيئن سنڌ جو شهر ٺٽو، جيڪو ملاڪا وانگر ڪنهن زماني ۾ واپار وڙي، مدرسن مسجدن، مسافرخانن ۽ خٿابن، عالمن ۽ جيدن، بندرگاهه ۾ ايندڙ ويندڙ جهازن ۽ ڪاروبار کان پري پري تائين مشهور هو. پر پوءِ اڳتي هلي سڀ ڪجهه بدلجي ويو. اڄ ٺٽو فقط تاريخي شهر آهي. تيئن ملاڪا اڄ فقط تواريخي شهر آهي. ۽ جيئن ٺٽي بدران ڪوالالپور، پيانگ ۽ جوهورباور جهڙا شهر وڏي ڌاڪي وارا ٿي ويا آهن. سنگاپور جهڙي بستي جيڪا انهن ڏينهن ۾ مهاڻن جو ڳوٺ هئي. جتي خيراتي نل لڳو ته غريب ماڻهن کي پيئڻ جو صافي پاڻي نصيب ٿيو- اهو هينئر دنيا جي پنجن وڏن بندرگاهن مان هڪ آهي.
    بهرحال هن نئين دور ۾ ملاڪا کي صاف سٿرو رکڻ ۽ وڌائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي پئي وڃي. ۽ ٽورسٽ/ سياحن جي اچڻ ۽ سندن سار سنڀال لهڻ لاءِ حڪومت ڏينهون ڏينهن وڏا بندوبست ڪندي رهي ٿي. گهمڻ يا واپار سانگي آيل پرديسين جي رهائش لاءِ گهڻ ماڙ هوٽلون ٺهي رهيون آهن. رامادا اِن، مرلين هوٽل، ملاڪا اسٽريٽ اِن، ملاڪا وليج ريسٽورنٽ، ائڊمرل هوٽل کان علاوه سستيون هوٽلون پڻ ڪيتريون ئي آهن: ڪٿي هوٽل، جالان بنداهارا تي فيڊرل هوٽل ۽ وئلينٽ هوٽل، جالان مني عبدالله تي ملاڪا هوٽل، پئلس هوٽل، ريگل هوٽل ۽ وسما هوٽل، جالان بنگارايا ته مئجسٽڪ هوٽل ۽ انگ فوڪ هوٽل، سينتوسا هوٽل، شاهه بيچ هوٽل ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي هوٽلون. جيتوڻيڪ ملاڪا شهر روهڙيءَ کان به ننڍو آهي ۽ آدمشماريءَ ۾ ته اڃا به گهٽ آهي.
    انهن هوٽلن کان علاوه نوان رستا، نوان باغ ۽ پارڪ پڻ ٺهي ويا آهن. نواڻ سان گڏ پراڻي تواريخ کي به ساڳي اهميت ڏني پيئي وڃي. ملاڪا جي پراڻي ”پکي گهر“ ۾ نه فقط پراڻا ۽ اهم پکي ۽ جانور ملندا (مثال طور:دريائي گهوڙو جيڪو سڄي دنيا ۾ فقط هن پکي گهر ۾ آهي يا ”اورنگ هتان“ – اهو گوريلو جيڪو بلڪل ماڻهوءَ سان ملي ٿو)، پر وڻ ۽ ٻوٽا پڻ آهن. پراڻين مسجدن، مندرن، گودوارن، پگوڊائن ۽ چينين جي عبادت گهرن جو نه فقط هتي جي حڪومت، پر رهاڪو پڻ وڏو خيال رکن ٿا- چاهي سندن مذهب ۽ زبان ڪهڙي به هجي.
    تواريخ کي جيئرو جاڳندو رکڻ لاءِ نه فقط عمارتن کي برقرار رکيو ويو آهي پر سندن نالا به اهي ئي قائم آهن. پورچوگالين جو علائقو اڄ به پورچوگيز سيٽلمنيٽ سڏجي ٿو. جنهن ۾ سئو سيڪڙو گورالسبني جيڪي پورچوگيز ته کڻي نظر نه ايندا جو اهي پورچوگال ئي هليا ويا، پر ”ڪرنٽا، - اڌ پورچوگيز اڌ ملئي. انڊين، انڊونيشي يا چيني ضرور ملندا. جيڪي پنهنجيون پورچوگالي ريتون ۽ رسمون ۽ رواج اڄ به آزاد نموني سان برقرار رکندا اچن. ڪيترا ته ملئيءَ سان گڏ پورچوگالي زبان ۾ ڳالهائين ٿا. پنهنجا گيت، گانا، ناچ نمونا ڪن ٿا. هينئر تازو اسان جي اڪيڊميءَ ۾ ECC (يورپين ڪامن مارڪيٽ) وارن جو سيمينار ٿيو. آخري ڏينهن تي ملائيشيا جي مختلف ڪلچرل ٽولن پنهنجا پروگرام پيش ڪيا. هڪ ٽولو پورچوگيز بئنڊ ۽ ڊانسرن جو به هو. اڇي کير جهڙي رنگ کان وٺي ڪڻڪ رنگ وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين اهڙا ته پورچوگالي ناچ پيش ڪيا جو لڳو ٿي ته ملاڪا رياست لسين (پورچوگال) جي ڪنهن ڪنڊ واري ٿيٽر ۾ ويٺا آهيون.


    ”ملايا ۾ هندستان واري ايسٽ انڊيا ڪمپني“

    سترهين صديءَ جي آخري پنجاهه سالن ۾ ڪيترائي منانگڪابو قبيلن جا ماڻهو سماترا ٻيٽ کان ملائيشيا جي ڏاکڻين رياستن ۾ اچي رهيا، جتي آدمشماري تمام گهٽ هئي. هنن ماڻهن ۾ اها رسم هئي ته هر شيءِ- ملڪيت کان رعب تاب سندن عورتن جي هٿن ۾ هو. بادشاهه چونڊڻ جي رسم اڄ به هنن جي دور کان ملائيشيا ۾ هلندي اچي. جن ملايا کي ارڙهين صديءَ ۾ نون رياستن (نينگگتري سيمبيلان) ۾ ورهايو- نينگري معنيٰ رياستون. سيمبيلان معنيٰ نَوَ.
    آهستي آهستي ڊچن اهو محسوس ڪيو ته ملاڪا ۾ هاڻ اهو کڙ تيل نه رهيو آهي. ملاڪا پٺيان اجايو هاڻ وقت وڃائڻ بدران سماترا، جاوا ۽ مسالي کان مشهور ٻين اهڙين ٻيٽن ڏي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ کپي. کين ڪمزور ڏسي اوڀر جي ٻيٽن سيليس وغيره کان بوگي نالي هڪ سلجهيل قوم دلچسپي وٺڻ لڳي. جوهور ۽ سلينگر جي ترقي انهيءَ قوم جي ڪري چئي وڃي ٿي. 1784ع ڌاري ملاڪا سندس مڪمل قبضي ۾ آيو. ان کان اڳ بوگي قوم جي سردار راجا حاجيءَ 1770ع ۾ پيراق ۽ ڪيداق ۽ ڪيداح کي فتح ڪري ورتو هو. هونءَ بوگي قوم جو واپار ۽ اچ وڃ ته ملايا ۾ گهڻي عرصي کان هئي ۽ 1700عيسوي سن کان وٺي سلينگر رياست جو ته سلطان به هنن مان ئي ٿيندو هو. (سلينگر اها رياست آهي جنهن ۾ ڪوالالپور آهي) ڊچن جو رعب ۽ ملاڪا تي قبضو نه فقط بوگين جي ڪري ختم ٿي ويو. پر انگريزن جي اچڻ ڪري پڻ ڊچن تي اثر ٿيو.
    1786ع ۾ انگريزن چين ۾ مال جي وڪري لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ذريعي پينانگ ٻيٽ خريد ڪيو ۽ 1795ع ۾ حملو ڪري ملاڪا فتح ڪيو. 1819ع ۾ سر ٿامس اسٽئمفورڊ رئفلس سنگاپور ٻيٽ تي بيٺڪ ٺاهي ۽ ملاڪا نار جي ٽي اهم بندر ۽ شهر:پينانگ، ملاڪا ۽ سنگاپور 1867ع ڌاري مڪمل طور، انگريزن جي هٿ ۾ اچي ويا. سنگاپور هڪ آزاد ٻِيٽ/ بندرگاهه جي حيثيت ۾ ايڏي ترقي ڪئي جو دنيا جي ڪيترن پراڻن شهرن کان گهڻو اڳيان نڪري ويو.
    1869ع ۾ جڏهن سئيز ڪئنال کليو ته يورپي ماڻهن جي اچ وڃ ڪري ايِشيا جي ٻين ملڪن سان گڏ سنگاپور جهڙا هنڌ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان واقف ٿيڻ لڳا. اوڻهين صديءَ جي اڌ کان پوءِ ملائيشيا ۾ چينين جي اچ وڃ به هيڪاندي وڌي ويئي- خاص ڪري ملائيشيا ۾ ٽين، قلعي (Tin) جي کاڻين لڀڻ کان پوءِ.
    ان وقت کان اڄ تائين ملئي ۽ چيني ماڻهن جو دلي طرح پاڻ ۾ ڪو گهڻو ٺاهه ناهي جو ٻنهي ۾ مذهبي، رسمي ۽ تهذيبي ويڇا تمام گهڻا آهن. ايڏو اچي تڪرار پيدا ٿيو، جو انگريز وچ ۾ ٽپي پيا. ان چڪر ۾ ڪجهه نينگري سيمبيلان، سلينگر ۽ پهانگ تي پنهنجو اثر ڄمائي ورتو ۽ انهن چئن رياستن کي 1896ع ۾ گڏي فيڊريشن ٺاهيائون ۽ ڪوالالمپور کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيائون. ملائيشي جون باقي جيڪي رياستون هيون تن جا سلطان پڻ انگريزن کي طاقتور ۽ ”سمجهو“ مڃڻ لڳا، پر ساڻن گڏجڻ کان پري رهيا. انڊيا ۽ ٻين زبردست ملڪن وانگر انگريزن هتي ملائيشيا ۾ به مقامي ماڻهن جي ڪن ڳالهين ۾ هٿ چراند بلڪل نه ڪئي. مثال طور: سلطانن کي سلطان ٿي رهڻ ڏنو جيئن خيرپور رياست، حيدرآباد دکن ۽ ٻين هنڌن تي انگريزن ڪيو. مسلمانن يا ٻين کي پنهنجي مذهب جي آزادي ڏني ۽ فرينچن ۽ پورچو گالين وانگر انگريزن پنهنجي تهذيب ۽ رسم رواج زبردستي هڪدم ٿاڦڻ بدران هتي جي مڪاني ماڻهن جي زندگيءَ جو ساڳيو طور طريقو رهڻ ڏنو- جيئن انڊيا، نائيجيريا، ڪينيا- يا ويندي اڄڪلهه هانگ ڪانگ يا برونائيءَ ۾ نمونو رکيو اچڻ.
    انهن ڏينهن ۾ ترينگانو، ڪيلنتان ۽ ڪيداح رياستون سيام (ٿائلينڊ) جي اثر هيٺ هيون. انهن کي 1902ع ۽ 1909ع جي وچ ۾ انگريزن پنهنجو ڪري ورتو ۽ جوهور رياست به 1914ع ۾ انگريزن کي پنهنجو ”صلاحڪار“ قبول ڪيو.


    ملايا جي سڌرڻ ۾ انگريزن جو حصو

    انگريزن جي سرپرستيءَ ڪري ملايا ۾ معاشي ۽ سماجي انقلاب آيو. گڏيل هندستان، ڪينيا ۽ سلون وانگر هتي به انگريزن يڪدم آمدرفت ڏانهن ڌيان ڏنو. هنن مختلف شهرن ۽ اهم هنڌن کان سنگاپور، پوٽ ڪلانگ (پورٽ سويٽ نام)، پينانگ (بٽروٿ) تائين اهڙا ته پڪا رستا ٺاهيا جيڪي سخت مينهن ۾ به خراب نه ٿين. ٽين جي کاڻين کان وٺي شهرن ۽ بندرگاهن تائين ريل جا پٽا وڇايا ويا ۽ پينانگ کان سريمبان ۽ سنگاپور تائين پهرين ريلوي لائين 1924ع ۾ ٺهي راس ٿي ۽ اڄ تائين انهن ئي پٽن تان ريل گاڏي هلندي رهي ٿي، فرق فقط اهو آهي ته ڪوئلن ۽ ٻاڦ تي هلندڙ انجڻ بدران اڄ جي انجڻ ڊيزل تي هلي ٿي ۽ مسافر ايئرڪنڊيشن گاڏن جي نرم ڪوچن تي ويهي وي. سي. آر تي فلمون ڏسن ٿا يا درين جي ٽنٽيڊ شيشن مان ٻاهر جو دلڪش نظارو ڪن ٿا- پر ريل جا پٽا ۽ گيج اها ساڳي آهي. رستا ۽ راهون ساڳيا آهن- جيڪي اڄ کان پورا سٺ سال کن اڳ انگريز انجنيئرن جي نظرداريءَ ۾ چيني ۽ تامل مزدورن کان ملايا ملڪ جا جهنگل، ٻيلا ۽ ٽڪريون ٽڪرائي ٺاهيا ويا هئا. اڄ جي مسافر کي هڳيل گاڏيءَ ۾ ويهي جوان جوهوربارو ۽ سهڻي سنگاپور جو نظارو ڪندي اهو وسريو ٿو وڃي ته هنن رستن تي، هنن پٿرن تي، هنن ريلوي اسٽيشن ۽ سگنلن جي ڀرپاسي ۾ ڪيترن ئي غريب ماڻهن جو پگهر جذب ٿيل آهي، جن پنهنجي ڏيهه جي ڏکي معاشي حالت ۽ مجبورين کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا مٽ مائٽ ۽ گهر ٻار ڇڏي هتي پرديس جي گرمين، گهاٽن ٻيلن، مينهوڳي ۽ رت پئندڙ مڇرن جي منهن ۾ ڌارين جي حڪم هيٺ اچي پورهيو ڪيو، جيئن سندن ايندڙ ٽهيون- جيڪي اڄ خوش نظر اچي رهيون آهن سي- سک جو ساهه کڻي سگهن.
    بهرحال انگريزن پنهنجن ٻين قبضي هيٺ آيل ملڪن وانگر هتي به ريل رستا خوب ٺاهيا. پوءِ في الحال پهرين ان ۾ کڻي سندن ئي مطلب ۽ غرض موجود هو. ملائيشيا ۾ رٻڙ جي بهتر پوک ۾ پڻ انگريزن جووڏو هٿ آهي جن رٻڙ جي وڻن جي پهرين کيپ 1870ع ۾ سلون کان گهرائي هتي پوکڻ جو تجربو ڪيو، جيڪو بنهه ڪامياب نه ويو. پوءِ وري ٻيو دفعو 1890ع ۾ ان. ي. رڊلي (سنگاپور جي بوٽانيڪل باغ جي ڊائريڪٽر) رٻڙ جي چڪين جي ٻي کيپ گهرائي آزمائش ڪئي ۽ ڪامياب ويو. برٽش حڪومت ملايا جا گهاٽا ٻيلا وڍرائي رٻڙ پوکڻ ڪارڻ زمين تيار ڪرڻ لاءِ ڪافي مالي مدد ڏني، رٻڙ جي پوک جيئن جيئن تيار ٿيندي ويئي، تيئن تيئن ڪم وارن جي ضرورت وڌڻ لڳي. ان ڪم لاءِ سڀ کان صحيح ماڻهو- ڏکڻ هندستان جا غريب تامل ۽ مليالم اچي ملايا ۾ رهڻ لڳا. ٽين جي کاڻين ڪري چيني ماڻهن جا ڪٽڪ ته ڪڏهن کان ملايا ۾ ديرو ڄمائي چڪا هئا. اهڙيءَ طرح ملايا ۾ مڪس قسم جي زبانن ۽ مذهبن جا ماڻهو گڏ ٿي ويا.


    ”ملايا تي جپان جو قبضو“ – ”ملايا ۽ سنگاپور جوگڏجڻ ۽ ڌار ٿيڻ“

    ستين ڊسمبر 1941ع ۾ جپانين پرل هاربر تي حملو ڪيو ۽ ڏهين ڊسمبر تي فلپائين کي پنهنجي حوالي ڪري آمريڪن جو پئسفڪ سمنڊ مان بڻ بنياد ختم ڪري ڇڏيو- گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه عرصي لاءِ. انهيءَ وچ ۾ اٺين ڊسمبر تي جپانين ملايا کي فتح ڪري ورتو ۽ هيٺ ڏکڻ ڏي- يعني سنگاپور ڏي وڌڻ لڳا. جي انگريزن جي وڏي فوج هئي. جتان انگريز سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا تي ڪنٽرول ڪري رهيا هئا. سنگاپور جي شڪست انگريزن لاءِ ڳاٽي ڀڳي هار هئي. انگريزن جو سنگاپور تي جيتوڻيڪ مضبوط هٿ هو پر جپانين ستر ڏينهن ۾ سنگاپور فتح ڪري ورتو.
    ٽن ڏينهن اندر جپانين جي هوائي فوج انگريزن جا ”پرنس اف ويلس“ جهڙا جنگي بحري جهاز نابود ڪري ڇڏيا ۽ برطانوي هوائي جهازن کان پڻ آسمان خالي ڪري ڇڏيو. جپاني جنرل ياما شيتا جي فوجين انگريز جنرل برسيوال ۽ سندس انگريز، هندستاني، ملئي ۽ آسٽريلوي فوج کي هيٺاهون ڪري ڇڏيو. پنڌرهين فيبروري 1943ع تي سنگاپور تي جپانين جو مڪمل قبضو هو. جپانين جا پنڌرهن هزار ماڻهو مارجي ويا ۽ برطانيه ۽ ڪامن ويلٿ جا ڏيڍ لک کان به مٿي سپاهي چٽ ٿي ويا.
    1942ع کان 1945ع تائين جپانين جو ملايا تي قبضو رهيو. انهيءَ دوران جپانين هتي جي اصلي باشندن- ملايو اورئنگ (ملئي ماڻهن) سان مڙيئي سٺو برتاءُ ڪيو. کين جوابداريءَ واريون نوڪريون به ڏنيون. باقي چينين سان گهڻو ظالماڻو برتاءُ ڪيائيون. جنگ جي ميدان ۾ انگريزن سان گڏ جيڪي هندستاني ٻانهن ٻيلي هئا يا ملايا ۾ موجود هئا تن کي هشي ڏنائون ته انگريزن کان پنهنجو پاڻ ۽ ملڪ (هندستان) آزاد ڪرائي وٺو.
    هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪرڻ بعد حالتون ٻيون ٿي ويون. جپانين کي جتان ڪٿان هٿ ڪڍڻا پيا. ملايا ۾ به جپانين کي هاڻ ڪمزور ڏسي انگريزن هڪ دفعو وري شينهن ٿي ويا، جيتوڻيڪ ان ٻي وڏي جنگ کان پوءِ ننڍي کنڊ (هندستان) جي ماڻهن کين پوءِ هرگز وٺ نه ڏنو ۽ سال ٻن کان پوءِ 1947ع ۾ کين ٽپڙ کڻائي آزادي ورتائون، پر ملايا کي انگريزن ايترو جهٽ نٿي ڇڏڻ چاهيو. هو نئين سنئينءَ وري حڪومت ڪرڻ جي موڊ ۾ هئا ۽ حڪومت جو انتظام هلائڻ لاءِ ملايا جون سڀ رياستون/ صوبا ڳنڍي هڪ ڪيائون. اها ڳالهه ملئي ماڻهن کي بنهه نه وڻي جو هڪ ته هنن جي هر رياست جو پنهنجو سلطان (سردار) هو ۽ ٻيو ته انگريزن لاءِ کڻي ملايا جا ماڻهو جپانين سان به وڙهيا- پر جن لاءِ مياس سي ڪانڌي ڪين ٿا، وانگر آزاد ڪرڻ ته ٺهيو ماڳهين ٺهي ٺڪي انگريز ملايا کي قبضي ۾ رکڻ، حڪومت ڪرڻ ۽ گهر (انگلينڊ) جا خرچ ملايا مان پورا ڪرڻ جو سوچڻ لڳا.
    ان دور ۾ هتي جي ماڻهن ۾ زبردست سياسي سجاڳي پيدا ٿي ۽ داتو آن بن جعفر 1942ع ۾ يونائيٽيڊ ملئي نئشنل آرگنائيزيشن UMNO- سياسي جماعت ٺاهي. جيڪا عوام سان گڏجي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳي. 1948ع ۾ ملئي حڪومت ڪميونسٽ پارٽي MCP پڻ وجود ۾ آئي، جيڪا پڻ کلئي عام مرديڪا (آزادي) خاطر انگريزن سان مهاڏو ڏيڻ لڳي. جڏهن ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ سجاڳي هڪدم وڌي وئي ته برطانيه 31 آگسٽ 1957ع تي ملايا کي آزادي ڏيئي ڇڏي.
    1963ع ۾ سنگاپور، سراواڪ ۽ صباح رياستن ملايا سان گڏجي هڪ آزاد فيڊريشن ٺاهي. پر ٻن سالن بعد 1965ع ۾ سنگاپور وري ڌار ٿي رهڻ لڳو. باقي صباح ۽ سراواڪ ۽ ملايا گڏجي هڪ نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو. صباح ۽ سراواڪ رياستون انڊونيشي ٻيٽ بورنيو جي اتراهين حصي تي آهن. (جنهن جو هڪ ننڍڙو حصو برونئي پڻ آهي) باقي ملائيشيا جون ملايا واريون يارهن رياستون ٿائلينڊ جي بارڊر کان شروع ٿين ٿيون ۽ هيٺ سنگارپور جي ٻيٽ تائين وڃيو پهچن.


    ”بفر اسٽيٽ يا ڊفر اسٽيٽ“

    هندستان ۾ سک ڌار ملڪ- خالصتان ٺاهڻ جي سلسلي ۾ جيڪو گوڙ فساد ڪري رهيا آهن، ان جون خبرون هتي ملائيشيا ۾ به هر وقت اينديون رهن ٿيون- خاص ڪري ٽي ويءَ تان.
    هتي ملائشيا ۽ سنگاپور ۾ به ڪافي سک رهن ٿا. جن جا ابا ڏاڏا سالن کان هتي ٽڪيل آهن. گهڻو ڪري انگريزن جي حڪومت ۾ هنن جا وڏا هتي پورهئي ڪارڻ آيا هئا. سنگارپور ۾ ته لفٽ- مئن، هوٽل جو بئرو يا ٽئڪسي ڊرائيور گهڻو ڪري سک نظر ايندو. پر هتي ملائيشيا ۾ پڙهيل ڳڙهيل سک به ڪافي آهن. ڪيترائي جج، مئجسٽريٽ، وڪيل، ڊاڪٽر آهن، جن بابت اخبارن ۾ ايندو رهي ٿو. خاص ڪري ڪو پوڙهو سک گذاري ويندو آهي ته ان جي ڪانڌپي جي مانيءَ جو اطلاع اخبار ۾ سندس فوٽي سان گڏ ڏنو ويندو آهي ته ”پينانگ يا ڪوالالمپور جي فلاني گوردواري ۾ شام جو فلاڻي وقت ڀوڄ آهي.“ ان سان گڏ وفات ڪندڙ جي پٽ، ڌيئن، ناٺين، نهن، پوٽن، ڏهٽن جي وڏي لسٽ پڻ هوندي آهي ته مرحوم پٺيان ڪهڙو اولاد ڇڏيو ۽ اهي ملائيشيا ۾ ڪهڙي نوڪري يا ڌنڌي سان لڳل آهن. ٽي. ويءَ جون خبرون ٻڌائڻ وارو پڻ هڪ سک آهي ۽ ٻين ملئي پروگرامن ۾ پڻ سک نظر اچن ٿا. هتي رهڻ ڪري هو ملئي لس ئي لس ڳالهائين. پنجابي پڻ ڳالهائين ٿا. پر سندن ننڍي ٽهي مادري زبان ايترو ڳالهائي جيترو ملئي.
    هونءَ هتي ڪنهن به سک کان پڇيو ته ڪير آهين ته هو اهو نه چوندو ته هندستاني آهيان پر چوندو ته پنجابي آهيان. ملاڪا شهر جي هڪ مشهور چيني ڊپارٽمنٽل اسٽور لئن فئاٽ ۾ جتي سڀ چيني ڇوڪريون ڪم ڪن ٿيون اتي سنهري منهن ۽ سانوري رنگ جي هڪ ڇوڪريءَ کان پڇيم. ”آر يو ائن انڊين”“
    وراڻيائين: ”نو ائم اي پنجابي.“
    ۽ هي جا ملئي رهاڪو به اڪثر چوندا ته اسان جي ملڪ ۾ ملئي ۽ چينين کان علاوه انڊين آهن، پاڪستاني آهن، پنجابي آهن. يعني هندو سنڌي، هندو يا مسلم تامل، گجراتي ۽ ملباري وغيره هندستاني (انڊين) سڏائيندا، پر سک، ڪڏهن به انڊين نه چوائيندو. انگلينڊ ٽي. ويءَ جو مشهور پروگرام Mind Your Language – جيڪو پاڪستان ۾ به اچي چڪو آهي ۽ اڄڪلهه هتي ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ پيا ڏيکارين- ان ۾ به ٻيا ته سڀ پنهنجي قوميت ملڪ سان وابستگي ٿا ڏيکارين پر سک- رنجيت سنگهه کان جڏهن قوميت پڇي ٿي وڃي ته پنجابي ٻڌائي ٿو.
    سک جيتوڻيڪ آدمشماريءَ جي حساب سان ڪي گهڻا نه آهن، پر ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي نموني، مذهب، ڏاڙهي ۽ پٽڪي، عادتن ۽ هلت چلت ڪري هو جتي ڪٿي نمايان ۽ الڳ ٿلڳ لڳن ٿا. هو هندستان جي سڄي آدمشماريءَ جو ٻه سيڪڙو مس ٿيندا. پر پنهنجو هڪ پختو گروپ / ٽولو ٺاهين ٿا. هندستان ۾ ٻين اقليتن (مسلمانن، ڪرسچنن، پارسين) وانگر سک ٽڙيل پکڙيل نه آهن پر سندن آدمشماريءَ جو وڏو حصو (پنجاسي سيڪڙو) هڪڙي ئي هنڌ هندستان ۽ پاڪستان جي بارڊر واري صوبي اوڀر پنجاب ۾ ڳهت ٿيل آهي.
    هندستان ۾ ٻني ٻاري جي ڪم ۾ سک سڀ کان اڳتي آهن. فوج ۾ پڻ سکن جو ڏهون حصو آهي ۽ تعداد جي حساب سان سرڪاري نوڪرين ۾ به تمام وڏو حصو اٿن. هندستان جي سڀني اقليتن مان سڀ کان گهڻو سکن کي پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ جو خيال آهي ۽ فطرتاً ڪجهه تکي طبيعت جا هجڻ ڪري، ٿوري ٽيڪر تي به جوش ۾ اچيو وڃن. ان ڪري هندستاني حڪومت جي انتظاميا به هنن کان ڪن هڻي ٿي. ڏسندي ئي ڏسندي چند سالن کان سکن جي هڪ ٽولي خالصتان نالي هڪ الڳ حڪومت هلائڻ جي مهم شروع ڪري ڏني آهي. جيتوڻيڪ اڃان ان مهم ڪو گهڻو زور نه ورتو آهي، پر اندر ۾ ڪافي شر رکي ٿي، جنهن کان هندستان جي حڪومت گهڻو فڪرمند آهي.
    گرونانڪ سکن جو پهريون اڳواڻ ۽ مذهبي رهنما هو جنهن سک ڌرم شروع ڪيو. پاڻ 1469ع ۾ ڄائو هو ۽ 1539ع ۾ گذاري ويو. شروع شروع ۾ سک تمام امن پسند ۽ سانتيڪي طبيعت جا هئا. پر پوءِ گرو گوبند سنگهه- جيڪو ڏهون ۽ آخري گرو ٿي گذريو آهي، تنهن کين جنگي برادريءَ ۾ بدلائي ڇڏيو. گرو گوبند سنگهه 1677ع ۾ ڄائو هو ۽ 1708ع ۾ گذاري ويو. 1699ع ۾ گرو گوبند سنگهه سکن کي خالصن جو لقب ڏنو- معنيٰ ”خالص نج“ اڄ به سنڌ ۾ سکن کي گهڻو ڪري خالصو سڏين. ان بعد گردوارن (سکن جي مندرن) ۾ هر پوڄا پاٺ بعد اها دعا ڳائي وڃڻ لڳي ته: ”راج ڪريگا خالصا“ – (خالصو ئي راڄ ڪندو.)
    دراصل سکن پنجاب تي فقط پنجاهه سال (1849ع تائين ئي) راڄ مس ڪيو، ته انگريزن اچي قبضو ڪيو ۽ پنجاب کي به هندستان جو هڪ صوبو/ پرڳڻو بنائي ڇڏيو. ان کان پوءِ راڄ ڪرڻ جي شوق جي دعا فقط اميد تائين ۽ مذهبي ساٺ سوڻ/ رسم رواج تائين هلندي اچي.
    1947ع ۾ جڏهن انگريزن ننڍي کنڊ جي پچر ڇڏي ۽ هندستان پاڪستان ٿيو ته پنجاب کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ سکن جي اڌ کن آدمشماري ۽ ڪجهه مذهبي ادارا پاڪستان ۾ پڻ اچي ويا. جهڙوڪ حسن ابدال وارو گوردوارو- جتي اڄ به زيارت لاءِ هندستان کان سک هر سال اچن ٿا. خون خرابين بعد پاڪستان ۾ بچيل سک اوڀر پنجاب ڪڍيا ويا ۽ اوڀر پنجاب جا مسلمان پاڪستان اماڻيا ويا. ان بعد زندگيءَ ۾ پهريون دفعو سکن محسوس ڪيو ته هو پنجاب جي ڪجهه ضلعن ۾ تمام گهڻائيءَ (مئجارٽي) ۾ آهن.
    زبان جي بنياد تي سکن پنجابي ڳالهائيندڙن لاءِ الڳ صوبي جي گهر ڪئي ۽ 1966ع ۾ پنجاب صوبو الڳ ڪيو ويو، جنهن ۾ سکن جو پنجونجاهه سيڪڙو ٿيو ٿي ۽ هندن جو پنجيتاليهه سيڪڙو ۽ ان کان پوءِ ذري گهٽ سمورو ٽائيم پنجاب جي چيف منسٽري سک جي ئي هٿ ۾ رهي. سکن جي نامحرومي ۽ ڏکن جي احساس کي هندستان جون سياسي جماعتون بنيادي طرح فقط سياسي پروپئگنڊا طور ئي استعمال ڪنديون اچن.
    ورهاڱي کان اڳ سک زميندار ۽ جاگيردارن جي ڪميونٽي هئي. ورهاڱي کان پوءِ ڪيترائي وڏا زميندار ننڍا ٿي ويا- جن مان ڪيترن کي ته پاڻ هر هلائي هارپو ڪرڻو پيو. انگريزن جي حڪومت ۾ هنن کي ڪيتريون ئي سهولتون مليل هيون. برٽش انڊين آرمي جو چوٿون حصو سک هئا ۽ انگريز راڄ جي پوليس به سندن چڱي خاصي نمائندگي هئي. آزاديءَ کان پوءِ هنن جو ان ۾ حصو صفا گهٽايو ويو.
    ان کان علاوه سکن کي هندستاني حڪومت سان ٻين به ڪيتريون ئي شڪايتون آهن، جئين ته ڀر وارا پنجابي تعلقا پنجاب سان ملائڻ بدران هريانا، هماچل پرديش ۽ راجستان صوبي سان ملايا ويا آهن. چاندي گره کي نه فقط پنجاب جو، پر ٻئي صوبي لاءِ به گاديءَ هنڌ مقرر ڪيو ويو. هاءِ ڪورٽ لاءِ سکن کي پنهنجي صوبي بدران هريانا وڃڻو پوي ٿو. اتر پرديش جو علائقو نيپال ترائي- جيڪو مليريا، دلدل ۽ جهنگ سان ڀريل هو. تنهن کي سکن صاف ڪري جڏهن رهڻ لائق بڻايو ته کين اتان لوڌيو ويو. درياهه جيتوڻيڪ پنجاب مان لنگهن ٿا، پر پنجاب کي گهرج آهر پاڻي ڏيڻ بدران ٻين صوبن کي ڏنو وڃي پيو. هيڊرو اليڪٽرڪ ڪامپليڪس جيڪو آهي ته پنجاب ۾ پر ان جو ڪنٽرول ٻين جي هٿن ۾ آهي، ان کان علاوه پنجاب ۾ هندستاني حڪومت فقط نالي ماتر ڪي ڪارخانا يا فئڪٽريون لڳايون آهن- سو اهي چند اهڙيون ڳالهيون آهن، جن سکن ۾ نامحروميءَ جو احساس پيدا ڪيو آهي. ان کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون آهن، جن ڪري سک بيتاب آهن ته هنن کي الڳ ملڪ هجي ته هو چڱو. انهن ننڍين ڳالهين ۾ ڪجهه اهي به آهن ته حڪومت سندن مذهبي ڳالهين ۾ به دخل انداز ٿي رهي آهي. گوردوارن کي جيڪا ملت ٿيندي هئي اها سک پنهنجي برادريءَ جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪندا هئا ۽ پنهنجن لاءِ اسڪول، يتيم خانا ۽ خيراتي اسپتالون هلائيندا هئا. هاڻ اها لکها رپين جي اپت حڪومت کنيو وڃي.
    سکن جي الڳ حڪومت جي گهر پهرين 1971ع ۾ پنجاب حڪومت جي اڳوڻي وزير جڳجيت سنگهه چوهان ڪئي هئي. ان وقت هندستان ۾ ڪنهن به ان ڏي ڌيان نه ڌريو هو. چوهان وڌ ۾ وڌ اهو ڪيو جو آمريڪا، انگلينڊ ۽ ڪئنيڊا ۾ رهندڙ سکن کي هڪ پليٽ فارم تي آندو، جيڪي ان جي حق ۾ هئا. چيو وڃي ٿو ته هن کي ڪجهه ٻين حڪومتن طرفان به امداد ملي هئي.
    اها هلچل آهستي آهستي وڌڻ ويجهڻ لڳي. خاص ڪري سکن جو پڙهيل ڳڙهيل طبقو ان کان متاثر ٿي شامل ٿيڻ لڳو ۽ ان پٺيان پوءِ ٻيا پڻ. اڪالي دل سکن کان علاوه سکن جا ٻيا ٽولا پڻ- خاص ڪري ڀنڊرا والا جي جرنيل سنگهه جي اڳواڻيءَ ۾ حمايت ڪرڻ لڳا. پاڻ 1981ع ۾ قيد به ڪيو ويو هو. سندس ماڻهن هن جي آزادي ۽ خالصتان کي تسليم ڪرڻ لاءِ هوائي جهاز به اغوا ڪيو هو. پر کيس پوءِ جلد ئي آزاد ڪيو ويو هو.
    سکن جي تحريڪ اڃا تائين هلندي اچي، جيتوڻيڪ ان تحريڪ ۾ پنجاب کان ٻاهر هندستان يا هيڏانهن ملائيشيا، هانگ ڪانگ، سريلنڪا، سنگاپور پاسي رهندڙ سک ايترو دلچسپي نٿا وٺن. ان جو هڪ اهو به سبب آهي جو ڪيترائي سک اصل پنجاب جا پنجابي به نه آهن. ڪيترا هندن مان سک ٿيا آهن، جن کي پنجاب جي سکن جي مسئلن سان ڪا به دلچسپي ناهي. ويجهِڙائي تائين اتر اولهه پنجاب ۽ سنڌ جي هندن ۾ اهو رواج هو ته هو پنهنجن پٽن مان هڪ کي خالصو بڻائيندا هئا ۽ پنهنجون ڌيئون پڻ سکن سان پرڻائيندا هئا. ڪيترائي هندو پوڄا لاءِ پنهنجي هندو ڌرم جي مندر ۾ وڃڻ بدران سکن جي گوردواري ۾ ويندا هئا. اڄ به سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ سريلنڪا جي سنڌي هندو واپارين جي دڪانن ۾ گرونانڪ يا ڪنهن ٻئي سک مذهبي رهنما جي تصوير ٽنگيل نظر ايندي. (ان بابت لوڪرام ڏوڏيجا پڻ پنهنجي ڪتاب سڪارٿو سفر ۾ لکيو آهي.) ساڳي وقت هندوءَ مان سک ٿيل رڳو ڏاڙهي ۽ وار ڪوڙائڻ سان وري هندو ٿيو وڃي. ان ڪري صحيح خبر نٿي پوي ته ڪهڙا سچي دل سان سک آهن.
    هڪ مشهور مذهبن جي ڄاڻو انگريز پروفيسر انگلينڊ جي ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ اتر هندستان جي مذهبن تي ليڪچر ڏيئي رهيو هو. ڪنهن پڇيس: ”سائين، اسان هندن ۽ مسلمانن بابت ٻڌو آهي ته اهي سک ڪير آهن جن بابت توهان ٻڌائي رهيا آهيو؟“
    عالم پروفيسر وراڻيو:
    ”It is Awfully Hard to define a Sikh is Kind of Vicious Hindu.“
    آزاديءَ کان پوءِ جيئن ته هندستان جي حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ سيڪيولرزم آندو آهي، ان ڪري مذهبي بنيادن تي جيڪي برٽش راڄ ۾ سکن کي سهوليتون مليل هيون سي بند ڪيون ويون آهن. ڪيترا نوجوان سک داخلا يا نوڪريءَ جي فارمن تي خالصو (سک) لکڻ بدران اڄڪلهه ”هندو“ لکڻ لڳا آهن. پراڻي خيال جي سکن کي اها ڳالهه هرگز پسند نه آهي جو هندو هميشه سکن کي ڄٽ ۽ بيوقوف سمجهن ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته جيئن ته سک وار نٿا ڪوڙائين ۽ ان مٿان هيڏو سارو پٽڪو ٿا ٻڌن، ان ڪري گرمي سندن دماغ تي اثر ٿي ڪري ۽ منجهند ڌاري صفا هٿن مان نڪريو وڃن.
    سک ”سردار جي“ جي لقب سان سڏجن ٿا ۽ سکن بابت ڪيترائي لطيفا ”سردار جي“ جي عنوان سان دنيا ۾ مشهور آهن. جن مان ڪيترائي چرچا سکن پاڻ ٺاهيا آهن، جيڪي هو پنهنجي ڪچهريءَ ۾ ٻڌائيندا آهن، پر مجال آهي جو ڪو ڌاريون سندن موجودگيءَ ۾ اهڙو چرچو ڀوڳ ٻڌائي. مٿو ڦاڙي رکندس. هتي هڪ تازو لطيفو ٻڌائڻ بي مهلو نه ٿيندو، جيڪو ڪنهن ٻئي جو نه پر خوشونت سنگهه جو ئي ٻڌايل آهي ۽ انگريزي هفتيوار رسالي ٽائيم ۾ به اچي چڪو آهي. خوشونت سنگهه دهليءَ مان نڪرندڙ اخبار ”هندستان ٽائيمس “ جو ايڊيٽر آهي ۽ مشهور ليکڪ ۽ سکن جو تاريخ نويس پڻ. لطيفو خالصان جي سلسلي ۾ آهي، جيڪو جيڪڏهن الڳ ملڪ ٿي ويو ته پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ايئن بفر اسٽيٽ Buffer- State ٿي پوندو، جيئن افغانستان، روس ۽ پاڪستان وچ ۾ آهي.
    لطيفو: هندو۽ سک جي وچ ۾ گفتگو آهي، ته هڪ هندوءَ سک کان پڇيو:توهان سک الڳ ملڪ خالصتان ٺاهڻ لاءِ ڇو گهر ڪري رهيا آهيو؟ ڇا اهو نٿا سمجهو ته ائين ڪرڻ سان هندستان کي نقصان رسندو؟“
    ”هرگز نه،“ سک وراڻيو، ”خالصتان توهان جي اتر اولهه واري باڊر کي پاڪستان جي حملي کان بچائيندو.“
    ”اهو وري ڪيئن؟“ هندوءَ پڇيو.
    ”ڇاڪاڻ جو خالصتان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊفر اسٽيٽ Duffer- State جو ڪم ڏيندو.“


    ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ

    هتي ملائيشيا ۾ ٽرئفڪ پوليس جو ڪافي رعب آهي ۽ کين فقط اختياري مليل آهي، پر ان اختياريءَ کي هو استعمال به ڪن ٿا ۽ ڪو به اثر رسوخ وارو رئيس، وڏيرو يا سرڪاري آفيسر ڏوهه ڪري قانون کان بچي نٿو سگهي. رستي جا قاعدا قانون غريب توڙي امير لاءِ هڪجهِڙا آهن. نتيجي ۾ هرڪو خيال سان گاڏي هلائي ٿو. جنهن جو رستي تي حق آهي. هرڪو پهرين ان کي رستو ڏيڻ لاءِ صبر کان ڪم وٺي ٿو. ڪار وارو گاڏي هلائڻ کان اڳ چڱيءَ طرح سيفٽي بيلٽ ٻڌي ٿو ۽ موٽرسائيڪل وارو مٿي تي لوهي ٽوپلو چاڙهي ٿو.
    ڪجهه ڏينهن اڳ ملاڪا کان ويهه ميل پري هڪ شهر ”مسجد تاناح“ ۾ غلط هنڌ تي مون کان ڪار پارڪ ٿي ويئي. اها ڪا جاءِ موٽرسائيڪلن بيهارڻ لاءِ هئي، پر مون سمجهيو شايد ڪارن لاءِ هجي جو ٿورو اڳيان ۽ پويان ٻيون ڪارون بيٺل هيون. جيتوڻيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ اتي بيٺل هڪ ٻن همراهن کان پڇيم ته اتي ڪار بيهاريان- ته هنن به چيو ته ڀلي بيهار. شايد هنن منهنجي ڳالهه نه سمجهي يا مون سندن نه سمجهي.
    شهر مان ڪم ڪار لاهي ٿوري دير کان پوءِ اچان ته ڪار جي اڳئين شيشي تي، وائيپر هيٺان غلط پارڪ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اطلاع جي پرچي لڳي پيئي آهي ۽ منجهس پوليس آفيس ۾ پاڻ کي حاضر ڪري ڏنڊ ڀري وڃڻ جو چتاءُ ڏنل هو. هتي ملائيشيا ۾ اهو رواج آهي ته غلط ڪم ڪرڻ تي يا پارڪنگ في لاءِ پوليس ڳاڙهي رنگ جي پرچي هڻي ويندي آهي ۽ ان جي ڪاربن ڪاپي (نقل) پاڻ وٽ رکندي آهي. پوءِ ويجهي پوليس اسٽيشن تي اها پرچي ۽ ڏنڊ ڏيئي سائي رنگ جي رسيد وٺبي آهي. جي ان ئي ڏينهن وڃڻ بدران ٻيو ڏينهن ٿي ويو ته ڏنڊ ڪجهه وڌيڪ ورتو ويندو آهي. جي هفتو ٿي ويو ته پوءِ هيڪاندو گهڻو. هتي اهو به آهي ته ڪو به ماڻهو بچي نٿو سگهي، جو سڀني گاڏين جي مالڪن جون ائڊريسون رجسٽريشن آفيس ۾ موجود آهن ۽ غلط ائڊريس ڪو به ان ڪري نٿو ڏئي جو ڪار خريد ڪرڻ مهل رجسٽريشن ڪارڊ يا ڊرائيونگ ٽيسٽ پاس ڪرڻ مهل، لائسنس هٿ ۾ ڏيڻ بدران پوسٽ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن پڪ ٿئي ته ائڊريس صحيح آهي يا نه.
    ان ڏينهن ته مون کي دير ٿي ويئي هئي سو پوليس اسٽيشن تي وڃي نه سگهيس. ٻئي ڏينهن پنهنجي آفيس مان ٿيندو سڌو پوليس اسٽيشن تي پهتس. واسطيدار ڊيوٽي آفيسر، سردار جي (سک) هو. شايد ايس. پي يا ڊي. ايس پي جي رئنڪ هجيس. کيڪار کڙيءَ کان پوءِ چيومانس ته سردار جي ڏوهه ڪري ويٺو آهيان، ان لاءِ اچي حاضر ٿيو آهيان. جيتوڻيڪ اهو غلط فهميءَ ۾ ٿيو آهي.
    سردار جيءَ اها مهرباني ڪئي جو پنجاهه ڊالرن بدران پهرين ڏينهن وارو ڏنڊ فقط ٽيهه ڊالر (ٻه سئو رپيا کن) ورتائين ۽ پرچيءَ تي صحيح ڪري ٺپا هڻي ڏنائين. يعني فيصلو ٿيو ته ڳالهه ختم ٿي. چيومانس: ”سردار جي مون کي وري ته نه اچڻو پوندو.“
    سردار جيءَ هڪدم پنهنجي روايتي لهجي ۾ وراڻيو: ”يو آر موسٽ ويلڪم“- ۽ پوءِ کلي چيائين: ”او منهنجو مطلب آهي ته مون وٽ گهمڻ لاءِ هتي آفيس ۾ هر وقت اچي سگهين ٿو. باقي سزا/ ڏنڊ لاءِ اميد ته آئيندي خيال رکندين.“
    ملائيشيا ۾ اچڻ سان جيئن ئي ڪار لاءِ پئسا مليا ته هرڪو پهرين ڏينهن ئي پنهنجي پسند جي ڪار ته وٺي آيو، پر خبر پوءِ پئي ته اڃا هلائي نٿا سگهون جو هتي اسان جي ملڪ پاڪستان (۽ هندستان، برما ۽ ڪجهه ٻين ملڪن) جا ڊرائيونگ لائسنس ڪارگر نه آهن. ملاڪا ٽرئفڪ پوليس آفيس وارن صاف صاف چيو: ”توهان جي ملڪن جو لائسنس اسان قبول نه ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته جو توهان جا ملڪ اسان جي ملڪ ملائيشيا جو ڊرائيونگ لائسنس قبول نٿا ڪن. اسان جا شاگرد ۽ آفيسر جڏهن توهان جي ملڪ ۾ وڃن ته انهن کي ڪو لفٽ نٿو ڪرائي. ها، باقي هڪ ڳالهه آهي ته جي توهان وٽ انٽرنيشنل لائسنس يا ڪنهن ٻئي ملڪ مثلا سنگاپور، سعودي عرب، بحرين، انگلينڊ جو هجي ته پوءِ ان لاءِ لائسنس تي ٽي مهينا کن ڪار هلائي سگهو ٿو.“
    واپس اچي ڪئپٽن مخدوم کي چيم ته استاد ڪو طريقو يا ڪا رمز ٻڌاءِ ته لائسنس ڪيئن ماڻجي. تون هتي پراڻو آيل آهين.
    مخدوم چيو: ”ابا ماٺ اٿو ڀلي. طريقو اهوئي هڪڙو آهي ته ڊرائيونگ جو وڃي امتحان پاس ڪريو. خبر اٿئي،“ هن وڌيڪ ٻڌايو، ”اسان جڏهن گذريل سال آيا هئاسين ته اسان به اهو ئي سمجهيو ته ڪنهن ڊرائيونگ اسڪول جي في ڀري يا ڪنهن ٽياڪڙ کي چانهه پاڻي ڪرائي گهر ويٺي لائسن حاصل ڪري وٺنداسين. اڪيڊميءَ جو پرنسپال جيڪو ڪافي اثر رسوخ وارو آهي تنهن چيو ته فڪر نه ڪريو. ٽرئفڪ پوليس جو وڏو عملدار منهنجو سڃاڻو آهي، منهنجا سلام ڏجوس- ايترو ئي ڪافي آهي.
    ”پوءِ سائين هڪ خوشگوار صبوح جو بوندا بانديءَ جي موسم ۾ ڪئپٽن هرداس، ڪئپٽن ايس ڪي پوري، چيف انجنيئر ببر ۽ آئون ڊرائيونگ لائسنس وٺڻ لاءِ ٺهي ٺڪي پوليس اسٽيشن تي پهتاسين. پوليس جي وڏي عملدار سان ملي پرنسپال جا سلام چياسينس ۽ پنهنجي ڪم جي ڳالهه ڪئيسونس ته اسان هن ڪم لاءِ ايا آهيون. هن ڳالهه ٻڌي ٿڏي تي ئي جواب ڏنو ته ”نمبر ون ته آئون توهان جي پرنسپال يا ڪنهن ٻئي کي سڃاڻان ئي ڪو نه. نمبر ٽو ته ٻاهر امتحان وٺڻ وارو پوليس انسپيڪٽر بيٺو اٿو ان کي ڪار ڊرائيونگ جي ٽيسٽ وڃي ڏيو.“
    ”اسان ٽئي ڪئپٽن ۽ هڪ چيف انجنيئر- جيڪي ڦوهه جوانيءَ جا ويهه سال ڇتين ڇولين ۽ طوفاني هوائن ۾ وڏا وڏا جهاز هلائي هاڻ سڪون جي زندگي گذارڻ لاءِ ڪناري جي نوڪريءَ ۾ گهڙيا هئاسين، سي ماٺڙي ڪري ٻاهر نڪتاسين. ٻاهر نڪري چيوسين ته اجايو وڏي آفيسر وٽ وياسين. واسطيدار انسپيڪٽر سان ئي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ڪافي رهندو، جنهن جي اختيار ۾ ئي ته پاس يا فيل ڪرڻ آهي. سو اسان مان پڪ مرعوب/ متاثر ٿي ويندو.
    ”ٻاهر بيٺل بااختيار ۽ واسطيدر انسپيڪٽر اسان جي ڳالهه ٻڌي چيو:ڀلي توهان کڻي چاليهه سال جهاز هلايو هجي، پر ملاڪا شهر ۾ ڪار هلائڻ تڏهن ڏيندوسانو جڏهن منهنجي معيار موجب ڊرائيونگ جو امتحان پاس ڪري ڏيکاريندو.“
    ”ٽيسٽ ۾ هڪ ته Side- Parking ڪرڻو هو. ان کان پوءِ Reverse پارڪنگ، ان بعد ٽن حرڪتن ۾ پوري گاڏيءَ کي موڙي ڏيڻو هو. ان ۾ پاس ٿيڻ جي صورت ۾ چوٿون نمبر بڪٽِ (ٽڪريءَ) جو ٽيسٽ هو- يعني گاڏيءَ کي چاڙهيءَ (مٿاهينءَ) تي وٺي مقرر هنڌ تي بريڪ هڻي انجڻ بند ڪري ڇڏڻي هئي. ان بعد وري انجڻ اسٽارٽ ڪري هٿ جي بريڪ ڇڏي گاڏيءَ کي اڃا به اڳتي وٺي چاڙهيءَ تان لاهڻو هو. انهن مڙني امتحانن بعد شهر ۾ گاڏي هلائي ڏيکارڻي هئي. پهرين ٽيسٽ- سائيڊ پارڪنگ ۾ ڇهه کن لوهه جون لٺيون پٽ تي کتل هيون جن جي وچ مان پنهنجي ڪار کي انگڙ ونگر هلائي ٻن ڪارن جي وچ ۾ پنهنجي ڪار کي پارڪ ڪرڻو هو.
    ”پوءِ سائين پهرين ڪئپٽن پوري ڪار ۾ ويٺو. لوهي لڙها ته اڪري ويو پر پارڪنگ مهل ٺڪاءُ کڻي ڪري ته سندس گاڏيءَ ۾ به ڊينٽ ته لائين ۾ بيٺل اڳين گاڏيءَ ۾ به گهٻ.
    ”پوءِ منهنجو ۽ ڪئپٽن هرداس جو وارو آيو. ٻئي ڄڻا فيل ۽ ٻنهي کي انسپيڪٽرن ٻن مهينن جو مدو ڏئي ڇڏيو ته وڃي پرئڪٽس ڪريو. ان بعد امتحان لاءِ تيار ٿي اچبو. اسان ٽنهي ڪئپٽنن بعد چيف انجنيئر ببر جو وارو آيو. اهو مڃڻ مراد اهي ته جتي اسان ڪئپٽن فيل ٿي پياسين اتي چيف انجنيئر ببر آهستي آهستي ڪري مڙيئي ٽيسٽ پاس ڪري ويو. ان کي لائسنسن ملي ويو، باقي اسان پوءِ ٻن مهينن بعد وڃي پاس ڪيو.“
    مخدوم جون اهي ڳالهيون ٻڌي اسان به تيار ٿي امتحان لاءِ نڪتاسين. ٽرئفڪ آفيس وارا چوڻ لڳا:”توهان جو ته لکت ۾ به امتحان ٿيندو، جيئن هتي دستور موجب ٻين ملئي ماڻهن جو ورتو وڃي ٿو.“
    اسان سان گڏ جيڪو اسان جي آفيس جو ماڻهو آيو هو، تنهن کي چيو ته هيءَ چڱي خواري چئبي. هن عمر ۾. اسين پاڻ جهازين جا امتحان وٺڻ لاءِ هتي آيا آهيون ۽ نه ڪار هلائڻ جي امتحان ۾ پاڻ کي ڦاسائڻ.
    آفيس واري همراهه چيو:”فڪر نه ڪريو مسجد تاناح شهر ۾ منهنجي دوست جو سيڪولا ميمندو ڪيراٽا ڊان موٽر (موٽر سکڻ جو اسڪول) آهي، اتي هلي داخلا وٺو. هو توهان کي امتحان جي نموني سان تياري ڪرائي ڇڏيندو، جيئن پاس ٿي وڃو. لکت جي امتحان لاءِ به هن وقت نموني جا پيپر پيا آهن.“
    چيومانس ته فقط نموني جا جا پيپر نه، پر ٿي سگهي ته کيس پيپر به هٿ ڪرائي ڏجانءِ.
    آصف رڙ ڪري چيو: ”کيس پيپرن سان به ڪم شايد نه هلي. چئينس ته اصل پيپر جي ليڪ آئوٽ ٿي ملي ته اهو ڪم سڀ ۾ سٺو.“
    آصف کي چيم ته ڪجهه به ٿئي، پر جي تون ٽرئفڪ جي لکت واري امتحان ۾ فيل ٿو ٿين ته ايترو ضرور ڪندس ته پاڪستان جي اخبارن ۾ اها خبر موڪلي ڏيندس ته: ”ڇهه سال پاڪستان جي وڏي ۾ وڏو مسافر جهاز- سفينه حجاج هلائڻ وارو چيف انجنيئر مسٽر آصف غيور ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ڪار هلائڻ جي ٽيسٽ ۾ فيل ٿي پيو.“
    بهرحال پوءِ ته عزت بچائڻ خاطر ٻيا به ڪم ڪاريون ڇڏي رستي جون نشانيون- خاص ڪري رستي تي لکيل ملئي لفظ (برهنتي معنيٰ بيهي رهو، آواس=خبردار، جالان معنيٰ هلو:ڪانئڪ ڪانئڪ ميلنتا- معنيٰ ٻار لنگهي رهيا آهن. يا حد لاجو- معنيٰ گاڏي مقرر رفتار ۾ هلايو. وغيره وغيره) ياد ڪرڻ ۾ اهڙو ته لڳي وياسين جو نيٺ امتحان پاس ڪري پوءِ سڪون جو ساهه کنيوسين.
    هونءَ اسان اسڪول ۾ فقط چار ڏينهن ڪلاڪ ڪلاڪ پڙهيو- نه ته هتي جا نوان سيکڙاٽ پنڌرنهن کان ويهه ڪلاڪ جي پرئڪٽس ڪن. اسان پاس به پهرين دفعي ۾ ٿياسين ته به هتي اسڪول جون فيون ۽ لائسنس جن فيون ايترو ڳريون آهن جو آمريڪا، انگلينڊ، جپان ۾ به لائسنس پٺيان ايڏو خرچ ناهي. مثال طور:
    پهرين ڪچي ايل ”L“ لائسنس جي في 10 ڊالر
    ان بعد پڪي لاءِ امتحان ڏيڻ جي في 20 ڊالر
    اسڪول جي في ڪلاڪ جي في 15 ڊالر
    ان حساب سان پنجن ڪلاڪن جي في 75 ڊالر
    امتحان واري ڏينهن اسڪول جي ڪار
    استعمال ڪرڻ جي في 40 ڊالر
    امتحان پاس ڪرڻ بعد پڪو لائسنس وٺڻ جي في 20 ڊالر
    جملي 165 ملئي ڊالر
    في ڊالر ڇهين رپئي به سمجهيو وڃي ته به 990 رپيا ٿيا- يعني هزار رپين کن جو نسخو ٿيو.


    روئڻ وارو وڻ

    ملائيشيا ۾ چاهي ڪو هوائي جهاز ذريعي ڪوالالمپور اچي يا پاڻيءَ جي جهاز رستي ملائيشيا جي ڪنهن بندرگاهه:پورٽ ڪلانگ، پورٽ ڊڪسن، ملاڪا يا پينانگ ۾ اچي. کيس چوڌاري رٻڙ جا ڊگها ڊگها وڻ نظر ايندا. ٻئي نمبر تي ناريل ۽ پام- آئل (Palm- Oil) جون مختلف جنسون.
    ۽ پوءِ ايئرپورٽ يا بندرگاهه کان ٻاهر ڪنهن ٻئي شهر ڏي ريل گاڏي يا ڪار ۾ ويندي وقت رستي جي ٻنهي ڪپرن تي سڌين قطارن ۾ پوکيل هي وڻ چٽيءَ طرح ڏسي سگهجن ٿا. رٻڙ جي وڻن جي اها به نشاني آهي ته سندن ٿڙ ۾ هڪ ننڍڙي ٺڪر جي وٽي يا پلاسٽڪ جي ٿيلهي لڙڪندي نظر ايندي. جنهن ۾ ٿڙ کي ڏنل چيهڪ منجهان کير ٽمندو نظر ايندو. هي اڇو کير Latex (لئٽيڪس) سڏجي ٿو. جيڪو ماکيءَ وانگر گهاٽو ٿئي ٿو. مارڪيٽ ۾ رٻڙ جون جيڪي مختلف شيون اسان ڏسون ٿا اهي سڀ هن کير مان ٺهن. هي کير- لئٽيڪس وڻ جي ٿڙ ۽ ڇوڏي جي وچ ۾ ٿئي. ٿڙ پوءِ آهستي آهستي ڄمي ان چهيڪ واري هنڌ تي ائين تهه ٺاهيو ڇڏي جيئن انساني جسم تي رهنڊ اچڻ تي رت ڪڙي ٿو ٻڌي ۽ پوءِ وڌيڪ ٽمڻ بند ٿيو وڃي. ڏکڻ آفريڪا ۾ اميزان نديءَ جي ماٿريءَ جا ماڻهو هن وڻ جي ان رس ڳاڙڻ لاءِ چوندا آهن ته اهو وڻ تڪليف پهچڻ ڪري ڳوڙها ڳاڙي ٿو ۽ اتي جي زبان ۾ رٻڙ جي وڻ جو نالو ئي اهي ڪاهوچو- معنيٰ اهو وڻ جيڪو روئي. اهو نالو جرمن ۽ فرينچ ٻولين ۾ پڻ ساڳيو آهي- سواءِ ٿورڙي ڦير ڦار جي. انگريزيءَ ۾ سندس نالو رٻڙ Rubber سندس پهرين ڪم – يعني ڊاهڻ ڪري پيو. ارڙهين صديءَ ۾ انگرين ڏٺو ته وڻ مان نڪرندڙ اهي ڳوڙها- کير، پني تان پينسل جا نشان Rub ٿو ڪري- ڊاهي ٿو. ان ڪري نالو پيس Rubber-رٻڙ.
    رٻڙ ملايا کان علاوه برزايل ۾ به جام پوکيو وڃي ٿو. بلڪ برازيل ۾ تمام گهڻو اڳ کان آهي ۽ سائنس جي اوائلي دور ۾ ان کير جهڙي رٻڙ Latex مان پيرن ڍڪڻ لاءِ جوتا ۽ واٽر پروف ڪپڙو ٺاهيو ويو ٿي. جيتوڻيڪ ان ريت رٻڙ ذرا ٽاڪئون ۽ سخت ٿي ٿيو. ان ڪري پوءِ اڳتي هلي هن کير کي ڏامر (ڪول تار- نئفٿا) ۾ ملائي استعمال ڪيو ويو. پر اهو به ٿڌ ۾ سخت ۽ ڀرڪڻو ٿي ٿي پيو ۽ گرميءَ ۾ لِڳ لِڳ ۽ ڌپ ٿي ڪيائين.
    1840ع ڌاري انگلينڊ ۾ هئنڪاڪ ۽ آمريڪا ۾ گڊييئر نالي ڪمپنين رٻڙ ۾ سلفر (گندرگ) ملائي ڪهه سڌارو آندو. سلفر کي مختلف مقدار ۾ ملائي رٻڙ جا ڪيترائي قسم، لچڪڻو (نرم گاديلن لاءِ) ۽ سخت (رسين لاءِ) ٺاهيو ويو.
    1876ع ۾ انگريز حڪومت برازيل ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ٻين ملڪن مان رٻڙ جي سٺن وڻن جا ٻج گهرائي ملايا ۽ سلون ۾ تجربي لاءِ پوکيا. ڏسندي ئي ڏسندي هتي جي موسم، ڌرتي ۽ مينهن رٻڙ جي وڻن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ ايتري ته مدد ڏني جو هاڻ رٻڙ ڪري ملائيشيا هن پاسي جي سڀني ملڪن ۾ (جپان ۽ سنگاپور کانپوءِ) ٽيون نمبر اميرملڪ ليکيو وڃي ٿو.
    جيئن انب به پهرين جهنگلي ميوو هو. پوءِ آهستي آهستي ان تي تجربا ڪري ڪيتريون ئي عمديون جنسيون ٺاهيون ويون، جيڪي اڄ سواد، سونهن ۽ تازگيءَ ۾ پهرين کان وڌيڪ بهتر آهن، تيئن هتي ملائيشيا ۾ پڻ رٻڙ جي وڻن مان گهڻي ۽ بهتر رس ڪڍڻ لاءِ اڃا تائين نت نوان تجربا ڪيا پيا وڃن. ان ۾ گهڻو هٿ هتي جي ”رٻڙ ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ملائشيا“ (Prim) جو آهي. هي ادارو دنيا ۾ رٻڙ تي کوجنائي ڪمن جو وڏي ۾ وڏو ادارو آهي.
    ملائيشيا جي هن اداري جي ڪري رٻڙ جي خاصيت ۽ اهميت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. اڄ رٻڙ نه رڳو گاديلن، گاڏين جي ڦيٿن ۽ بوٽن ۾ پر جپان جهڙن ملڪن ۾ جاين کي زلزلي جي لوڏن کان بچائڻ لاءِ سندن پيڙهه ۾ پڻ وڏو وڃي ٿو.
    ملائيشيا کان علاوه رٻڙ سريلنڪا، هندستان جي رياست ڪيرالا، برازيل ۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿورو گهڻو ٿئي ٿو، پر ملائيشيا ۾ سڀ کان گهڻو ۽ عمدي جنس جو ٿئي ٿو ۽ دنيا ۾ رٻڙ جي اڌ ضرورت ملائيشيا پوري ڪري ٿو. ملائيشيا جي رٻڙ جي سالياني پيدائش ڏيڍ ملين ٽن آهي. رٻڙ جو وڻ پنجويهه سال ڪمائي ڏئي ٿو. ان بعد وري نئون وڻ پوکڻ کپي. Prim وارا هر سال وڻن جي بيهڪ ۽ منجهائن نڪرندڙ مال تي پڻ ايترو ڌيان ڏيئي رهيا اهن جو اڄ کان ٽيهه سال اڳ في ايڪڙ فقط ويهه مڻ کن لئٽيڪس ڏنو ٿي. پر هاڻي اهو چاليهه مڻن تائين وڃي پهتو آهي.
    هينئر پرهه ڦٽيءَ مهل جڏهن هي مضمون رٻڙ بابت لکي رهيو آهيان ته سامهون دريءَ مان صبح جي هلڪي سوجهري ۾ گوڏين ۾ ملئي مرد وٽين ۾ ٽميل رٻڙ جو کير هڪ وڏي دٻي ۾ لاهي رهيا آهن. اهو کير سج اڀرڻ کان اڳ گڏ ڪرڻو پوي ٿو نه ته ڄميو وڃي. ان رٻڙ کي پوءِ چوويهن ڪلاڪن اندر ڇاڻي منجهس پاڻي ملائي ۽ پوءِ فارمڪ يا ائيٽڪ ائسڊ (تيزاب) مڪس ڪيو وڃي ٿو جيئن رٻڙ صاف سٿرو رهي. پوءِ اهو رٻڙ اٽڪل ٽي. ويءَ جي ماپ جيڏن بلاڪن ۾ سڪايو وڃي ٿو يا سنهين چادرن جي شڪل ۾. ڪيترا دفعا جهاز رستي اهو رٻڙ ملايا مان کڻي جپان پهچائڻ جو موقعو مليو هوندو. رٻڙ جيڪو هونءَ ڪيڏو هلڪو لڳي ٿو سو ڪپهه جي ڳٺڙين وانگر ايترو ته پريس ٿيل ۽ نهرو هوندو آهي جو اهو ٽي. ويءَ جي ماپ جيڏو بلاڪ چار ماڻهو به کڻي نه سگهندا آهن.
    رٻڙ ڪيميائي طرح ڇڊو هائڊرو ڪاربن آهي- جيڪو ڪاٺ، تيل، کنڊ وغيره ۾ پڻ آهي. سندس ڪيميائي قاعدو N(C5Hg) آهي. يعني ڪاربن جا پنج ۽ هائڊروجن جا اٺ جزا- اين دفعا (۽ ان اين ”N“ جو مقدار اٽڪل ٽي هزار کن سمجهڻ کپي.) رٻڙ جي جزي جو بنيادي ڏاڪو آئسوپرين CH2 آهي. جيڪا شيءِ ٽرپينٽائين تيل ۾ به ٿئي ٿي. 186وع ۾ پهريون دفعو رٻڙ کي ڳاري ثابت ڪيو ويو ته آخر ۾ آئسوپرين وڃيو ٿي بچي.
    دنيا جي ڪن ملڪن ۾ اڄڪلهه ان ڪيميائي معلومات جي مدد سان هٿرادو (Synthetic) رٻڙ پڻ ٺاهي رهيا آهن- جنهن موجب وڻن مان کير ڪڍي رٻڙ ٺاهڻ بدران سندس ڪيميائي جزا- ڪاربن ۽ هائيڊروجن وغيره قدرتي رٻڙ واري نموني موجب ملائي رٻڙ ٺاهيو وڃي ٿو. ان هٿرادو رٻڙ ملائيشيا جهڙن رٻڙ پئدا ڪندڙ ملڪن لاءِ چڱو خطرو پيدا ڪيو آهي. پر ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هتي جا ماڻهو ان ڪوشش ۾ لڳا پيا آهن ته ڀلي کان ڀلا وڻ پوکي انهن کي بيمارين ۽ خرابين کان بچائي صحيح طرح رٻڙ ڪڍجي جيئن رٻڙ جي پيداوار ايتري ته گهڻي، سٺي ۽ سستي ٿي پوي جو ماڻهو نقلي رٻڙ کي ڇڏي قدرتي رٻڙ کي ئي وٺن ۽ ان ۾ هي ملئي چڱي حد تائين ڪامياب به ويا آهن.


    پتر گهسيڙو ۽ پيتي سيجوڪ

    ملئي باشا (ٻولي) جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ڀهاسا ملايو“ سڏجي ٿو، پهرين عربي رسم الخط ۾ هئي، جنهن کي ”جوي“ سڏجي ٿو، پر پوءِ ترڪي زبان وانگر عربي نموني مان ڦيرائي رومن ۾ ڪئي ويئي ۽ اها ”رومي“ لکڻي سڏجي ٿي انگريزي واري الفابيٽ (اي بي سي) ڪري هر اهو ڌاريون جيڪو بين الاقوامي زبان انگريزي پڙهي سگهي ٿو. ملئي ٻولي به گهٽ ۾ گهٽ پڙهي سگهندو- پوءِ کڻي مطلب سمجهي نه سگهي. پر ڪنهن کي جي اڙدو، هندي، عربي، سنسڪرت، انگريزي تامل ڳالهائڻ اچي ٿي ته هو ڪيترائي ملئي لفظ سمجهي به سگهندو- ڇو ته ملائيشيا تي صدين کان انڊين، عرب ۽ انگريز تهذيب، ثقافت، مذهب ۽ زبان جو گهڻو اثر هئڻ ڪري انهن جي ٻولين جا ڪيترائي لفظ اصلي صورت ۾ يا ٿوريءَ ردبدل سان ملئي زبان ۾ ملي جلي ويا آهن. جيئن ته سنسڪرت، هندي ۽ اڙدو جا لفظ Isteri (استري) معنيٰ زال، Rupa (روپا) معنيٰ روپ، مکڙو، Raja (راجا) معنيٰ حاڪم يا شهزادو، Penrara معنيٰ پڃرو يا قيد خانو جيل، Guru (گرو) معنيٰ ماستر يا استاد، Bapa معنيٰ پيءُ، Maha (مها) معنيٰ تمام گهڻو- (ٽي. ويءَ تي ٻانگ وقت ترجمي ۾ الله اڪبر جي ملئي معنيٰ Allah Maha Besar هوندي آهي. بيسار معنيٰ وڏو ۽ مهابيسار معنيٰ تمام گهڻو وڏو.) اهڙي طرح سينئر ليڪچرر مهاگرو سڏيو وڃي ٿو. سري معنيٰ جناب، Inggeris (انگريس) معنيٰ انگريز ۽ Topi ٽوپي، Almari الماري معنيٰ ڪٻٽ، Bandar بندر معنيٰ شهر، Tangki (ٽانگڪي) معنيٰ ٽانڪي حوض، Roti (روٽي) معنيٰ ڊبل روٽي يا اڦراٽو. هتي اڦراٽو عام هلي ٿو- ست پڙي اڦراٽي جهڙو، خاص ڪري ملئي ۽ ڏکڻ هندستاني هوٽل تي نيرن جو اڦراٽو ۽ دال (روٽي چنائي) عام هلي يا روٽي تيلور (اُڦراٽو بيضو) يا ٺلهو اڦراٽو کائين- روٽي ڪوسونگ (ڪوسونگ معنيَ ٻڙي، زيرو، ڪجهه به نه، خالي.)
    Negeri (نگري) رياست کي چون، Minta (منتا) منٿ، Nanas (ناناس) انناس، Malang (ملنگ) بدنصيب، Kaca (ڪاچا) معنيٰ ڪانچ يا شيشو، ملئيءَ ۾ چ جي اچار لاءِ CH لکن. ڪ ۽ ق لاءِ K پر قرآن Q سان لکن. انگريزيءَ جا سڀ اکر اي بي سي وغيره ملئي الفابيٽ ۾ استعمال ٿين- سواءِ X, Q ۽ Vجي. Cadar (چادر) معنيٰ چادر، Curi چوري لاءِ، Baldi (باندي) باردي، Alat (آلات) اوزار، Bahasa (بهاسا) معنيٰ ٻولي، Badan بدن، Suwami (سوامي) مڙس، Baki (باقي) معنيٰ بچيل، رهيل، Cuti (چوٽي) معنيٰ ڇُٽي موڪل، وغيره شادي ڪارڊن يا ٻين دعوت نامن ۾ مٿان ئي لکيل هوندو پئان/ تئان.... فلاڻو..... ۽ استري/سوامي- معنيٰ مسز/مسٽر فلاڻو ۽ زال/ مڙس. (پئان معنيٰ مسز يا محترمه ۽ تئان معنيٰ جناب يا محترم.)
    انگريزن جي حڪومت رهڻ ڪري انگريزيءَ جا به ڪيترائي لفظ ملئي ۾ آهن- بلڪ انگريزيءَ جا ته اڃا تائين ڪيترائي لفظ طهر ڪرايو ملئي ٿيندا وڃن- يا ته ڪي بنا وڍڪٽ جي هوبهو ساڳي شڪل ۾ داخل ٿيندا وڃن. مثال طور، گلاس، پينسل، ڊاڪٽر، بئنڪ، بس، جئم، جيلي، فئشن، ڪئمپ، ڪئبن، سرڪس، بئگ، بلاڪ، رش، البم، ڪاربن، سيمنٽ، ڊرائيور، گورنر، جوڪر، لاري، مئجسٽريٽ، پروفيسر، ٽائر، ٽيليفون جهڙا لفظ ته ڄڻ اصل کان ملئي زبان ۾ هئا جيئن سنڌيءَ ۾ پڻ اهڙا لفظ لڳندو آهي ته انگريزيءَ جا نه پر ڄائي ڄم کان سنڌي هجن. ٻئي نمبر تي انگريزيءَ جا اهي لفظ آهن جن کي ٿورو مروڙو ڏيئي ملئي ڪيو ويو آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ انگريزي لفظ جگ جڳ ٿي ويو يا اسٽيشن ٽيشن ٿي وئي ۽ پسٽل پستول ٿي ويو آهي، تيئن انگريزي لفظ بُڪ ملئيءَ ۾ بوڪو، لئمپ لئمپو. ٽي تيح، سينٽ سين، ايجنٽ ايجن ٿي ويو آهي. ڪي ڪي لفظ ته کلي عام کنيا ويا آهن ۽ لڳي ٿو ويجهڙائيءَ ۾ شامل ڪيا ويا آهن. مثال طور ائسٿيڪ، ڪامپليڪس، ڪريڪيوليم، امينسيشن، ايڪسپلائيٽيشن، فئنٽاسٽڪ، گريجئوٽي، فارمولا، ماراٿان، مسڪارا، فوٽو جينڪ، ائپول وغيره وغيره. خير ائپول (ائپل- صوف) ته کڻي ٺهيو جو اهو ميوو هتي ملائيشيا ۾ ناهي ۽ هنن کي ان لاءِ پنهنجو نالو ناهي، جيئن پڪوڙن کي انگريز پڪوڙا ئي چون ٿا، پر ٻيا لفظ اهڙا آهن جن هروڀرو کنيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهڙا مشهور ٿي ويا آهن جو ڳوٺن ۾ پوڙهيون جهور عورتون به چونديون وتنديون:اني گئمبار فئنٽاسٽڪ، (هي فوٽو واهه جو آهي.) يا ”جنگن پتاح فيلنگ سايا“ (منهنجي جذبات کي نه ٺڪراءِ). وغيره.
    ملئي ماڻهو ف ۽ پ کي هڪ ٻئي سان منجهائيندا رهن ٿا. کين ف جي مقابلي ۾ پ سولو ٿو لڳي. ان ڪري ڪافيءَ کي ڪاپي چون ۽ فڪر کي پڪر. ويندي نالن ۾ به گهپلو ڪن. مثال طور: ڪيترا ملئي يوسف بدران يوسپ لکن. معروف بدران معروپ. اسان جي آفيس جي ٽيبل ٽينس جي ڪئپٽن رڌ پچاءَ سيکاريندڙ ليڪچرار شريپان آهي (ظاهر آهي سندس صحيح نالو شريفان هوندو). ڪئڊٽن جي مانيٽر جي نالو محمد عارب اهي. جيڪو محمد عارف هجڻ کپي. جوي زبان ۾ نڪرندڙ ملئي اخبار ۾ فلپ کي پلپ لکن. (هونءَ P جي اچار لاءِ هو اسان وانگر پ نه لکن، پر ف مٿان هڪ نڪتو ڏيڻ بدران ٽي نڪتا ڏين ۽ F جي اچار لاءِ جويءَ ۾ ڪو اکر نه اٿن.)
    ملئي زبان تي عربي زبان جو تمام گهڻو اثر رهيو آهي، جو هتي جا ماڻهو- خاص ڪري ملئي سڀ مسلمان آهن. هتي اسلام محمد بن قاسم جهڙي جرنيل شرنيل ملڪ فتح ڪري نه آندو، پر ملاڪا نار جي سانتيڪي پاڻيءَ چين ويندڙ جن عرب واپارين کي پاڻ ڏي ڇڪيو، انهن جون سٺيون ڳالهيون، خيال ۽ عمل ڏسي هتي جا ماڻهو مسلمان ٿيا. انهن ڏينهن ۾ ملاڪا تمام مشغول ۽ مشهور شهر هو ۽ بغداد، بصري، ٺٽي (ديبل)، ممباسا، دارالسلام، سڪندريا وانگر بلي بلي هو. جيئن ته اهي واپاري عربي ڳالهائيندا هئا ان ڪري ملئي زبان تي عربيءَ جو وڏو اثر ٿيو.
    اسان وٽ عربيءَ کان علاوه ايرانيءَ (فارسيءَ) جو به وڏو اثر آهي- بلڪ ڪنهن زماني ۾ فارسيءَ کي سرڪاري زبان جو درجو رسيل هو ۽ فارسي ڳالهائيندڙن جو وڏو مان هو ۽ مثال مشهور هو ته ”فارسي گهوڙي چاڙهسي“ يعني فارسئي ڄاڻندڙ کي وڏو رتبو/ نوڪري ملندي هئي. فارسيءَ جو سياسي اثر هجڻ کان علاوه ادبي ۽ مذهبي طور پڻ اسان وٽ اهم سمجهي ويندي هئي. (بلڪ 1960ع تائين فارسي ۽ عربيءَ جو اسڪولن ۾ برابر جو درجو هو.) ان ڪري اسان وٽ ماڻهن جا نالا پڻ ٺيٺ سنڌي (صوبائي زبانن) کان علاوه عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن. جيئن منهنجي نالي جو اڌ (الطاف) فارسيءَ جو آهي ته ”احمد“ عربيءَ جو. يا اسان جي ٻئي چيف انجنيئر ساٿي- محمد آصف جو پڻ اڌ عربي ٿيو ته اڌ فارسي. پر هتي ملائيشيا ۾ ماڻهن جا نالا ملئي زبان کان علاوه باقي ٻين زبانن جا آهن. هتي فارسي نالا بنهه نه ملندا ۽ هتي جي ماڻهن لاءِ جنهن جو نالو عربي آهي اهو مسلمان ٿيو. هنن جا نالا گهڻو ڪري عبد سان آهن جئين ته: عبدالرحمان، عبدالرزاق، عبدالغني، عبدالستار وغيره. ٻئي نمبر تي ذوالفقار، حمزو، تاج الدين، محمد اسحاق، صبر الدين، محمد ڪامل، محمد نعيم، زين العابدين نموني جا آهن. ٽي نمبر تي ڏينهن مهينن جا اسلامي نالا: رمضان، جمعو، شعبان وغيره آهن. ملئيءَ ۾ خميس جي ڏينهن کي خميس ئي چون ۽ ڇنڇر کي سبتو- ۽ اهي ٻئي نالا:خميس ۽ سبتو مردن جا اهن ۽ تمام عام نالا آهن. اسان جي هڪ بس ڊرائيور جو نالو سبتو آهي ۽ خلاصين کي ٻيڙي هلائڻ سيکارڻ واري استاد جو نالو انچڪ خميس آهي. (انچڪ معنيٰ مسٽر. ٺلهو چڪ Cik معنيٰ مِس ۽ پئان معنيٰ مسز.) ڪجهه ملئي نالا گلن، موسمن ۽ ميون تي به آهن. جيئن سنڌ ۾ انب، ڪرڙ، چڀڙ، ليمون، صوف نالا ڪنهن زماني ۾ مشهور هئا. هينئر به ڳوٺن ۾ ڪوڏائڻ طور اهي نالا رکيا وڃن ٿا.
    عربي نالن تان ڳالهه ياد آئي ته ڪوالالمپور کان ملاڪا شهر پهچڻ تي هتي جي هڪ هوٽل- ”تريولرس اِن“ ۾ جڏهن ڪمرا بڪ ڪرائي رهيا هئاسين ته رسيپشن تي ٻئي ملئي ڇوڪريون عزيزان ۽ نوريزان مسلمان هيون. اسان کان پڇيائون ته ڪٿي جا آهيو.
    ”پاڪستان جا.“ وراڻيوسين.
    ”پاڪستان ۾ ته سڀ مسلمان هوندا؟!“
    ”ها. هتي ملئي سڀ مسلمان آهن. انڊين ۽ چينين ۾ به ڪجهه مسلمان آهن، باقي هندو، سک، ڪرسچن، ڪنفيوسٽ وغيره.“
    هو هڪ ڏورانهين ڏيهه کان ساڳي مذهب جا ماڻهو ڏسي ۽ ڪجهه وقت پاس ڪرڻ لاءِ اسان کان اسان جي ملڪ ۽ نوڪريءَ جون خبرون پڇڻ لڳيون. جيسين روم بئا، اسان جو سامان ٽئڪسيءَ مان لاهي ٽراليءَ ۾ ڪنهن کي هجائتو ٿيندو ڏسي، کل جهڙي ڳالهه هجي يا نه ڏند ٽيڙي پاسپورٽ نمبر ۽ نالو ورتو. جڏهن اسان کين پنهنجا نالا: الطاف ۽ آصف ٻڌايا ته ٻئي وائڙيون ٿي چوڻ لڳيون: ”You can not be Muslims“ توهان ته مسلمان ٿي نٿا سگهو؟
    ”اڙي ڇو؟“ اسان ٺهه پهه پڇين.
    ”Because Altaf and Asif are not Muslim name“ ڇو جو الطاف ۽ آصف ڪي مسلمانن جا ته نالا نه آهن.“
    پوءِ جڏهن کين سڄا نالا: محمد آصف ۽ الطاف احمد ٻڌايوسين ته رڙ ڪري چوڻ لڳيون.
    ”Then say Like that “ ته پوءِ ائين چئو نه.“
    بهرحال ملئي ۾ ٻي ڏورانهين ٻولي عربيءَ جا تمام گهڻا لفظ آهن. جيئن ته سلامت معنيٰ سلامتي ۾، حفاظت ۾، سلامت داتنگ ۽ سلامت جالان ته تمام گهڻا ٻڌبا- يعني ڀلي ڪري آيائو (اچڻ جي سلامتي) ۽ وڃڻ جي سلامتي- معني خدا حافظ، الله کي پرتين. سلام لاءِ السلام عليڪم به چون ته ايرانين ۽ انگريزن وانگر صبح منجهند شام رات جا ڌار ڌار سلام به ڪن. مثال طور: ”سلامت پاگي“ معنيٰ صبح جو سلام، سلامت پيتانگ“ معنيٰ شام جو سلام ان کان علاوه ٻِا به ڪيترائي عربي جا لفظ ملئي زبان ۾ آهن. مثال طور: ڪرسي، عسڪر، (فوجي)، نصيب قصا، Wajib (واجب) معنيٰ ضروري Tadbir(تدبير) معنيٰ بندوبست يا انتظام، صفت، صحت، نصيحت، مسجد، Maaf (ماف) معنيٰ معاف، Mahkamah (ماحڪاماح) معنيٰ ڪورٽ، Kertas (قرطاس) معنيٰ ڪاغذ، خدمت، جواب، Jenis (جنس) معنيٰ قسم. موڪل جي درخواست تي هڪ ڪالم هوندو آهي: جنس چُٽي- Jenis Cuti معنيٰ عرضدار کي ڪهڙي قسم جي موڪل کپي:پگهار سان، بنا پگهار سان، ميڊيڪل..... وغيره. Daftar (دفتر) معنيٰ نوٽ بڪ. ان کان علاوه رجسٽر، عادل، زمين، زمان، ظالم، وقت، وڪيل، زمرد، طبيعت، عزت، وليما، تاريخ، تواريخ، تمر (ڪتل)، تاج، ڪتاب (مذهبي ڪتاب)، بوڪو (عام ڪتاب)، لائق، ڪشمڪش، ڪنجي، قحط، (ڏڪار)، بهادري، عمر (ڄمار)، لغام، عذاب، عوام، اولياءِ، ازل، عظمت، يقين- اهي ۽ ٻيا ڪئين هزارين ملئي لفظ جيڪي عربيءَ تان کنيل آهن. ويندي ڏينهن جا نالا: احد، اثنين، اربعين، خميس، جمعته، سبت وغيره عربيءَ تان کنيل آهن.
    مردن جي نالن کان علاوه عورتن جا نالا پڻ گهڻي ڀاڱي عربيءَ تان کنيل آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻين نالن وانگر هي نالا به صحيح عربيءَ بدران ٿورو ڦري ويا آهن، جيئن اسان جي آفيس جي هڪ ٽائپسٽ ڇوڪريءَ جو نالو Puan Siti Zaleha Bte Yakoop آهي، جيڪو دراصل ضالحا (Zaleha) بدران صالحا هوندو. نالي جي اڳيان لکيل پئان معنيٰ مسز (بيگم) آهي ۽ ڪيترين ڇوڪرين جي نالي ۾ سيتي عام طرح اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو هن نالي جو واسطو هندي لفظ ستيءَ سان هجي- معنيٰ پاڪ، وفادار وغيره. جيئن پاڻ وٽ مارئي، سورٺ، سسيءَ جهڙا نالا آهن. مٿين نالي ۾ لکيل Bte بنت جو شارٽ فارم آهي.معنيٰ ڌيءَ. هتي بنت ۽ بن (پٽ) لکڻ عام آهي. بنت يا ڪوپ معنيٰ ياڪوپ جي ڌيءَ- دراصل اهو ياڪوپ يعقوب آهي. پر ب جا اکر به ملئي ۾ ڪٿي ڪٿي پ اچارجن. جيئن زينب زنيپ سڏجي. ٻيا ڪجهه نالا هن ريت آهن:فريده بنت حاجي محمد شاهه، ام ڪلثوم، قمرياه، سالمياه، فاطمه، حميده، خاويه، صبارياه (جيڪو پڪ اصل ۾ صابره هوندو). سادياه، ظهاراه (جيڪو ٿي سگهي ٿو ظهرا هجي)، حاجاڻي بصراه، حانياه، روحائداه، سائمان، صوپيا (جيڪو صوفيا هوندو) وغيره وغيره.
    ڪن ڪن ڌارين لفظن کي پنهنجائپ جو چوغو پائڻ لاءِ سندن هوبهو لفظي ترجمو ڪيو ويو آهي. جيئن ڪنهن زماني ۾ هندستان ۾ انگريزي لفظن کي هنديءَ ۾ آندو ويو هو. جهڙوڪ: پوسٽ مئن (خط ورهائيندڙ- ٽپالي) کي پتر بکيڙو ۽ ليٽر باڪس کي پتر گهسيڙو وغيره ٺاهيو ويو هو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ملئي لفظ ائين پڻ ٺاهيا ويا آهن. جيئن ريفريجريٽر جو ملئي لفظ Peti- Sejuk (پيتي- سيجوڪ) معنيٰ ٿڌي ڪرڻ جي پيتي يا دٻو. جيئن فارسيءَ ۾ بئالر کي ديگِ بخار (ٻاڦ جي ديگ) سڏيو ٿو وڃي.
    بهرحال ان نموني جي ترجمي مان ٻيو ڪو متاثر هجي يا نه. پر اسان جو درٻيلي جو پير- ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ضرور آهي. ڪيترا دفعا مون کي چيو هوندائين:”ڪيڏي نه سٺي ڳالهه آهي، اها. سنڌيءَ ۾ به ڌاريان لفظ ائين ترجمو ڪرڻ کپن.“
    ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ايندو آهي ته چوانس درويش تون ڳالهيون ڪهڙيون پيو ڪرين. جيڪا سنڌي زبان رهي آهي ان جي جيئري رهڻ جي حق ۾ ته پهرين دعا گهر. تون 1962ع ۾ پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪري ٻاهر ويو آهين ته وري توکي ڪو شايد سنڌ ۾ اچڻ جو موقعو مليو آهي جو چڱيءَ طرح خبر پونئي ته سنڌيءَ تي ڪهڙا ارٽ پيا هلن. ٻين حڪومتن ۾ ته ٺهيو پر عوامي حڪومت ۾ به سنڌيءَ جو ساهه نپوڙيو ويو هو. تون ڌارين لفظن جا سنڌيءَ ۾ لفظ ڳولڻ جا خواب پيو لهين. هتي سنڌيءَ جا لفظ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ جي به همت افزائي ڪا نه پئي ڪئي وڃي.


    ”ڪردار Verified ناهي“

    ڪو آفيسرن جو جٿو اسانجي ملائيشيا واري اڪيڊمي گهمڻ لاءِ يورپ کان اچي رهيو هو. کين بئنڪاڪ پهچي اتان ٻي اڏام ۾ ڪوالالمپور پهچڻو هو. جتان کين اڪيڊميءَ جي ڪار ۾ باءِ روڊ ملاڪا وٺي اچڻ جو ڪم مون کي سونپيو ويو هو.
    اڪيڊميءَ جي اڪائونٽ آفيسر صلاح ڏني ته ائين ڇو نه ڪيو وڃي جو کين بئنڪاڪ کان باءِ روڊ ملاڪا وٺي اچجي. اجايو هو بئنڪاڪ کان ڪوالالمپور تائين وڌيڪ اڏام جو ڀاڙو ۽ وقت وڃائيندا. ۽ پوءِ مون کي مخاطب ٿي چيائين: ”الطاف هينئن ڪر جو سڌو بئنڪاڪ هليو وڃ. رات جو ڏهين تائين پهچي ويندين. رات رهي صبح جو جيئن ئي مهمان ايئرپورٽ تي لهن ته اتان سڌو کين هتي وٺي اچ- ائين ڪرڻ سان تنهنجو ڪو خاص وقت ضايع نه ٿيندو.“
    مون لمحي ٻن لاءِ سوچي چيومانس: ”نه يار مون کي ڏي معافي. ڪوالالمپور يا ٻئي ڪنهن شهر ۾ چئين ته هليو وڃان، باقي بئنڪاڪ جهڙي شهر ۾ وڃي اجايو گلا جو گهانگهرو مفت پنهنجي ڳچيءَ ۾ کڻڻ نٿو چاهيان. سو به فقط هڪ رات لاءِ!- اهو ته ان مثال وانگر ٿيو ته ڪتو به کائجي ڪک به نه ڀرجي.“
    ”فڪر ڇو ٿو ڪرين. ڪو ڪجهه نه سوچيندو. رهجانءِ به پاڪستان- هائوس ۾. باقي ڇا.“
    ”پاڪستان هائوس ۾ ڇا، کڻي مسجد ۾ رهي اچان، پر هتي اڪيڊميءَ ۾ ڪهڙو ڪافر مون تي ويساهه ڪندو؟“
    ”نه نه آئون ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن کي به ٻڌائي ڇڏيندس ته چيف انجنيئر الطاف بئنڪاڪ ڪنهن بري نيت سان نه پر اهم سرڪاري ڪم سان ويو هو.“ اڪائونٽ آفيسر مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”تون چوندين؟!“ مون کلندي وراڻيومانس، ”تنهنجو ئي ڪردار Verified ناهي. هونءَ نه شڪي ٿين ته ائين ٿين! ۽ هي منهنجا ساٿي جهازي! اهڙا استاد آهن جو سڄو مندر مسجد مٿي تي رکين ته به يقين نه ڪن.“


    ”ملاڪا ۽ رنگون ۾ پٺاڻ“

    ملاڪا جي ”اسٽريٽ اِن“ هوٽل جي سامهون هڪ ڊرائيونگ اسڪول جو ملئي مالڪ مليو، جنهن ٻڌايو ته هو اصل پاڪستان جو مسلمان آهي. پاڻ ۾ رڳو ملئي زبان ئي ڳالهائين ۽ اسان سان انگريزي. ٻڌايائين ته هو پٺاڻ آهي، سندس ڏاڏو پشاور کان گهڻو گهڻو اڳ آيو هو ۽ هڪ ملئي عورت سان شادي ڪري هتي ئي ٽِڪي پيو.
    ڪئپٽن مخدوم ٻڌايو ته هتي ملائيشيا ۾ ڪيترائي پٺاڻ آهن، جيڪي اصل پاڪستان جا آهن. ڪيترا ته وڏن عهدن تي آهن، جيئن هتي جو ڊي. آءِ. جي پوليس مسٽر زمان خان آهي. هڪ ٽئڪسي اچي لنگهي. نالو ۽ ائڊريس پڙهي چيائين هي به پڪ پٺاڻ هوندو- نينگري سيمبيلان رياست ۾ رهي ٿو. (هتي هر ٽئڪسي ۽ ڀاڙي جي وئگن تي مالڪ جو نالو ائڊريس لکيل ٿئي. ان ٽئڪسي واري جي نالي پٺيان خان لکيل هو.)
    مخدوم کي چيم ته پٺاڻ ايشيا ۾ گلف جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن، پر هڪ ڳالهه آهي جو هنن مان مڪاني ماڻهو ڪڏهن به ناخوش نه آهن. هو جتي به رهن ٿا ته اتي جا ٿي رهن ٿا.
    اسان جي دوست ڪئپٽن دلدار حسين وراڻيو:”اهو ان ڪري جو پٺاڻ سخت محنتي ايماندار قوم آهي. وڏي ڳالهه ته هو جتي به رهن ٿا ته اتي جي ماڻهن جي مذهب، ٻولي ۽ رسم رواج تان ٺٺولون نٿا ڪن- بلڪ ڪوشش ڪري، هو انهن جي ٻولي سکي اهائي ڳالهائين ٿا.“
    چيف انجنيئر عبدالله چيو:”اسان جڏهن ننڍي هوندي بنگلاديش ۾ پڙهندا هئاسين ته رستن تي پٺاڻن کي ڪم ڪندي ڏسندا هئاسين. هو نه سياست ۾ وچڙهندا هئا ۽ نه ڪا ٻي کٽ کٽ، هر وقت پنهنجو منهن پنهنجي مهاڙ هوندي هين. نتيجي ۾ ايڪهتر واري لڙائيءَ ۾ بهارين، پنجابين ۽ ٻين مغربي پاڪستانين تي ته بنگالي چڙ ڪندا رهيا پر بوهرين، کوجن ۽ پٺاڻن جو ڪوشش ڪري نالو نٿي ورتائون ۽ هو اڃا تائين اتي رهيا پيا آهن.“
    انڊين چيف انجنيئر ببر کي چيم ته، ”اسان وٽ ته پٺاڻ سڀ مسلمان آهن بلڪ مذهب جي معاملي ۾ سڀ کان اڳڀرا آهن پر جيڪي پٺاڻ انڊين فلمن ۾ وياج ڏيندي ڏيکاريا ويندا آهن، اهي مسلمان آهن يا هندو؟“ ببر ٻڌايو، ”پر ڊريس انهن جي به ساڳي آهي. ساڳيو پٽڪي جو نمونو، ساڳيو وارن جو نمونوو-پٺاڻ سڌي ليڪ ۾ وار ڪٽيل، ساڳي نموني جي صدري ۽ هٿ ۾ ڏنڊو.“
    پٺاڻ نه فقط ملائيشيا ۽ بنگلاديش ۾ ملندا، پر ٿائلينڊ ۾ پڻ. جيڪي مسلمان گهراڻا آهن، انهن ۾ ڪيترا ته پٺاڻ آهن- اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ملڪ ۾ رهڻ ڪري هو هڪ سٺي شهريءَ وانگر پاڻ کي ٿائي ٿا سڏائين- جيئن شڪارپور سنڌ ۾ رهندڙ پٺاڻ سنڌي ڳالهائين ٿيا ۽ سنڌي رسم رواج اپنائين ٿا. ٿائلينڊ ۾ رهندڙ پٺاڻ اصل ۾ ڪشمير، سرحد ۽ افغانستان کان پورهئي ۽ واپار ڪارڻ آيا ۽ اتي ئي ترسي پيا.
    اڄ به دڪانن. ڊپارٽمينٽ اسٽورن ۽ هر قسم جي سوارين هوندي به ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ به پٺاڻن کي ٿانون جون هڙون کڻي گهٽيءَ گهٽي ۾ شيون وڪڻبو ڏسبو آهي. اهڙي طرح اڳئين زماني ۾ پٺاڻ مختلف شيون- خاص ڪري سڪو ميوو ۽ ٿانو کڻي نه فقط انڊو پاڪستان ۾ پر بنگال، برما، ٿائلينڊ تائين وڪڻڻ ايندا هئا. هڪ اهڙي ڪابل واري پٺاڻ جي ڪهاڻي نوبل انعام کٽندڙ بنگالي شاعر- رابندر ناٿ ٺاڪور (ٽئگور) پڻ لکي آهي، جيڪو بنگالي ۾ هر سال مقرر موسم ۾ اچي ڪشمش، اخروٽ، نيزا وڪڻندو هو.
    ڪوبي (جپان) ۾ هڪ سک سردارجيءَ جو ڪپڙي جو دڪان آهي. هڪ ڏينهن دڪان ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي هڪ وڏي کوکي تي نظر پيئي، جنهن ۾ تاڪين مان بچيل ڪپڙن جا ٽڪر پيل هئا. سردارجيءَ کان پڇيم ته هي ٽڪرا تنهنجي ڪهڙي ڪم اچن؟
    چوڻ لڳو:”هي ٽڪر هنن کوکن ۾ ڍير ڪندو ويندو آهيان، پوءِ سياري جي موسم ۾ افغانستان کان پٺاڻ اچن ۽ اهي يڪا خريد ڪري پنهنجي ملڪ وڃي وڪڻن.“
    اسان جي برمي دوست ڪئپٽن فريڊ پيٽر ٻڌايو ته هن کي ياد آهي ته هو جڏهن ننڍو هو ته سندس شهر رنگون (برما) ۾ پڻ هڪ پٺاڻ هر سياري ۾ سڪو ميوو اچي وڪڻندو هو. ڪڏهن پئسا نه هوندا هئا ته اڌار به ڏئي ويندو هو، جيڪي هو ٻئي سال ياد ڪري ان ماڻهوءَ کان وٺي ويندو هو.
    پڇيومانس: ”ياد رهندو هوس ته ڪنهن کي ڪيتري اڌار ڏنائين ۽ جي ڪو برمي اهو شهر ڇڏي هليو وڃي ته؟“
    ”اهوئي ته ڪمال هوندو هو،“ ڪئپٽن فريد پيٽر چيو، جو ٻئي سال ان همراهه کي هو ڳولي اچي لهندو هو- چاهي ڪٿي به هجي. پٺاڻ اوڌر ضرور ڏيندو آهي، پر هو پنهنجا پئسا ڪڏهن به ڪنهن کي معاف نه ڪندو آهي. برميءَ ۾ ته اها چوڻي مشهور آهي ته ”پٺاڻ پنهنجو قرض قبر کان به اچي اوڳاڙيندو آهي“ اسان کي ننڍي هوندي ڏاڏي ڊيڄاري چوندي هئي، ”متان ڪنهن پٺاڻ جا پئسا کاڌا اٿانو، جيڪو ماڻهو پٺاڻ جي اوڌر واپس نه ڪندو پٺاڻ قبر مان ان جا هڏا به ڪڍي انهن کي لٺ سان ماريندو.“
    ”واقعي پٺاڻ جنهن ماڻهوءَ کي اوڌر ڏيندو آهي ته ان جي شڪل اهڙي ياد ڪري ڇڏيندو آهي جو ڪڏهن به نه وسريس.“ چيف انجنيئر ببر ٻڌايو، ”هڪ ڀيري جڏهن بمبئي جي مئسي گان ڊاڪ ۾ آئون انجنيئر سپرينٽينڊنٽ هوس، هڪ ڏينهن ڏسان ته مکيه دروازي وٽ هڪ پٺاڻ صدري ۽ پٽڪي ۾، اکيون ڦاڙي، هڪ هڪ ماڻهوءَ کي پيو جانچي. پوءِ خبر پيئي ته هو انهن مزدورن کي پيو ڳولهي جن هن کان گذريل سال اوڌر ورتي هئي. سو پٺاڻ جو کلئي دل سان اوڌر ڏئي ٿو ته هو واپس وٺي به ڄاڻي ٿو.“


    ”مون سي ڏٺا ماءُ....“

    پنهنجي ڪليگ- هندستاني چيف اجنيئر ببر کان پڇيم ته آيا مشهور فلمي هيرو راج ببر هن جو مائٽ آهي؟
    وراڻيائين:”نه. مائٽ ته ناهي باقي ذات ڀائي ضرور آهي. ٻيا به اسان کان اهو ئي پڇندا آهن. بلڪ اسان جي ذات ”ببر“ هندستان يا هندستان کان ٻاهر مشهور ئي راج ببر جي ڪري ٿي، نه ته گهڻا ته اهو سمجهندا هئا ته اسان جو نالو بابر آهي. ڪڏهن ڪڏهن زال کي چوندو آهيان ته اچ ته راج ببر کي مهربانيءَ جو خط لکون ته هن جي فلمي دنيا ۾ اچڻ سٺي اداڪاري ڪرڻ ڪري اسان جي ذات مشهور ٿي آهي.“
    پاڻ سدائين ته بمبئيءَ ۾ سندس گهر پالي هل تي آهي. چيومانس ته اتي ته ڪيترائي فلمي اداڪار رهن ٿا. چوڻ لڳو: ”هائو، رڳو اسان جي بلڊنگ جي سورهن کن فليٽن مان پنجن ڇهن ۾ فلمي دنيا جا ماڻهو:چوپڙا، رتي اگني هوتري، پونم ڌلان، پدمني ڪولهاپوري وغيره رهن. روز ايندي ويندي نظر ايندا آهن.“
    مون کيس سنڌي شعر: ”مون سي ڏٺا ماءُ جن پَسيو سپرين کي“ ٻڌائڻ سان گڏ، سسئي پنهونءَ جو قصو ٻڌايو ته ڪيئن آخر ۾ سسئي پنهنجي محبوب جي ڳولا ۾ اهي جهر جهنگ ۽ پيچڙا وٺي وڃي ٿي. جن تان هن کي شڪ آهي ته پنهونءَ کي سندس ڀائر ڪيچ مڪران وٺي ويا هوندا. پر افسوس جو هوءَ پنهنجي محبوب کي ته نه ڏسي سگهي، البت انهن جبل ٽڪرن کي ڏسي به خوش ٿي ٿئي ته هوءَ گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ڏسي رهي آهي، جن سندس محبوب کي ويندي ڏٺو.
    سو ببر کي چيم ته اسان به هندستان ته وڃي نٿا سگهون جو پنهنجين اکين سان پونم ڌلان، پدمني ڪولهاپوري يا رتي اگني هوتريءَ کي ڏسون، پر گهٽ ۾ گهٽ توکي ڏسي ايترو ته چئي سگهون ٿا ته مون سي ڏٺا ماءُ جن پسيو سپرين کي.


    ”ماليزا- ڪهڙي عرب لکيو آهي“

    هڪ دفعي لاڙڪاڻي کان زيب سنڌيءَ مون ڏي هتي ملاڪا (ملائيشيا) ڪتاب پارسل ڪيا. سندس خط پارسل کان اڳ پهتو، جنهن ۾ ڪتاب جي پارسل بابت لکيل هو، جيڪي هن چار ڏينهن اڳ By- Air (هوائي ٽپال) رستي مُڪا آهن.
    هيڏانهن ڪتابن جو هي پتو نه هو پتو. هفتو کن ٻيو به انتظار ڪرڻ بعد جڏهن آسرو لاهي ويٺس ته ڏسان ته هڪ ڏينهن ٽپالي ڪتابن جو اهو پارسل کنيو پيو اچي. جانچي ڏٺم ته ٽڪليون به صحيح لڳل هيون ته ائڊريس به صحيح ۽ چٽيءَ طرح لکيل هئي. نه فقط انگريزيءَ ۾ پر ڳاڙهيءَ پين سان عربيءَ ۾ پڻ لکيل هئي. پر اهو اندازو لڳايم ته عربي لکڻي زيب جي نه هئي.
    پوءِ ياد آيو ته ان ڳاڙهي پين سان ساڳي عرب لکڻي هن کان اڳ به ٻن ٽن خطن تي ڏسي چڪو آهيان، جيڪي لاڙڪاڻي کان نه پر ڪراچي، لاهور، هالا ۽ ٻين هنڌن کان هئا. تنهن جي معنيٰ ته ان پوءِ جي لکيل عربي ائڊريس لاءِ ائين به نٿو چئي سگهجي ته زيب سنڌيءَ جي ڪنهن دوست يا لاڙڪاڻي جي پوسٽ وارن لکي هجي. ٻي ڳالهه ته اسان سنڌيءَ ۾ يا اڙدو ۾ Malaysiaکي ملائيشيا لکون ٿا. ڪو ڪو ورلي ملئيشيا لکندو هجي. پر هي “ماليزيا“- عربي نموني سان ڪهڙي عرب سڳوري لکيو آهي! ٿي سگهي ٿو ڪراچي ايئرپورٽ تي ان ڪم تي ڪو عربي لکڻ وارو ويٺل هجي. پر پوءِ ڀلا سڀني خطن تي ان لکڻيءَ ۾ ائڊريسون ڇو نه آهن.
    اهو سوچي رهيو هوس ته ڏسان ته ائڊريس جي پاسي کان ۽ پارسل جي پٺئين پاسي پڻ چٽو ئي چٽو مڪي شريف (سعودي عرب) جي پوسٽ جو ٺپو- انگريزيءَ ۽ عربيءَ ۾ لڳو پيو آهي.
    پوءِ راز فاش ٿيو ته پاڪستان جو ٽپال کاتو ڪڏهن ڪڏهن ڀل ۾ ملاڪا جا خط مڪي موڪليندو رهي ٿو جو انگريزي لفظ ملاڪا Malacca تمام گهڻو مڪا Mecca سان ملي ٿو. سو خط جدا جدا ڪرڻ وقت ملاڪا جا خط مڪا (سعودي عرب) جي ڳوٿري ۾ بند ٿي السعوديه يا ٻي ڪنهن هوائي جهاز ۾ سعودي عرب روانا ٿي وڃن ٿا. هونءَ به پاڪستان کان گهڻا خط مڪي ڏي ئي لکيا وڃن ٿا ۽ ملائيشيا جو ملاڪا شهر اڄ کان ٻه سئو سال اڳ ته کڻي مشهور شهر هو، پر اڄڪلهه ڪنهن کي ياد ڪنهن کي پاد.
    بهرحال مڪي شريف جي پوسٽ آفيس وارن جي مهرباني جو هن وٺ وٺان ۽ مشغولي واري دور ۾ وقت ڪڍي منهنجا ڀليل خط رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائڻ بدران مٿائن عربيءَ ۾ به ائڊريس لکي مون ڏي موڪليندا رهيا آهن- خبر ناهي اڃا ڪيترو عرصو پاڪستاني ٽپالي منهنجا خط مڪي شريف موڪليندا رهندا ۽ مڪي جو ٽپال کاتو انهن خطن جي ”ٽران- شپ – مينٽ“ ملاڪا ڪندو رهندو.
    هونءَ ملاڪا شهر جون ٻه اسپيلون آهن. هڪ Malacca جيڪا انگريزن ۽ ڊچن جي دور کان هلندي اچي ۽ اڃا تائين انگريزيءَ ۾ لکڻ وقت اها استعمال ٿئي ٿي. اسان يا ٻيا هتي رهندڙ ڌاريان اها ئي لکون ۽ ائين ئي اچاريون- يعني ميم تي زبر ڏيئي ملاڪا چئون.
    ٻي اسپيلنگ Melaka آهي، جيڪا هتي جا مڪاني ماڻهو ملئي ڀاشا ۾ لکن ٿا ۽ ميم تي زير ڏيڻ بدران زير ڏيئي مِلاڪا اچارين ٿا. بلڪ آخر ۾ ڪا چوڻ بدران فقط ڪَ چون ٿا.
    اهو ان ڪري آهي جو اصل ۾ ملئي زبان عربي نموني سان لکي وئي ٿي. (جنهن کي جوي سڏجي ٿو) ۽ اهو لکڻيءَ جو نمونو ائين هو، جيئن سنڌي، اڙدو، پارسي وغيره جو آهي. ان حساب سان ملاڪا ”ملاڪ“ لکيو ويندو هو ۽ اڄ به ڪيترين پراڻين مسجدن ۽ گهرن جي ٻاهران ملاڪا لکيو ويندو هو اڄ به ڪيترين ئي پراڻين مسجدن ۽ گهرن جي ٻاهران ملاڪا ائين لکيل آهي. پوءِ جڏهن ملئي لکڻي جويءَ مان ڦيرائي رومي (انگريزي نموني) ۾ ڪئي ويئي ته ملاڪ کي Melaka لکيو ويو. يعني اها آخري واري اي ايف نه پر زير آهي. ۽ جي آخر ۾ A نٿي ڏجي ته Melk ميلڪ ٿي پوندو.
    هي اهي مسئلا آهن جيڪي ترڪي ٻوليءَ ۾ به اڃا هلندا اچن، جيڪا پڻ پهرين عربي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي، پر هاڻ رومن انگريزي ۾ لکي وڃي ٿي. ساڳي طرح اڙدوءَ کي جيڪڏهن رومن ۾ ڪجي ته شايد ٿي وڃي. پر سنڌيءَ کي جي عربي نموني لکڻ بدران انگريزيءَ ۾ لکبو ته ڪيترائي لفظ صحيح طرح اچاري نه سگهبا. مثال طور: سنڌي لفظ اک کي جي رومن ۾ لکبو ته ٿيندو Askhi يعني ٻيو نمبر A زبر آهي ۽ آخري I زير طور آهي، پر غير سنڌي ان کي صحيح طرح سمجهي نه سگهندو ۽ پڪ آکي پڙهندو.
    ساڳيو حال ملئي جي ٻين لفظن سان به آهي. مثال طور: ڪارڻ (Reason) لفظ جو ملئي لفظ آهي Sebab جنهن کي آئون سيباب ئي اچاريندو رهيس. پر پوءِ هڪ ملئي دوست دُرستي ڪندي ٻڌايو ته اهو لفظ سيباب نه پر ”سبب“ اچارڻ کپي. چيومانس ته درويش اها ڳالهه ته پهرين ڪرين ها. اهو لفظ ته اسان وٽ به ساڳيو آهي.
    هونءَ ملئي ڀاشا کي جوي (عربي نموني) مان ڪڍي رومي (انگريزي اي. بي. سي) واري نموني ۾ آڻڻ ڪري کين فائدا به گهڻا ٿيا آهن- خاص ڪري اڄڪلهه جي ٽيڪنالاجي واري دنيا ۾. بهرحال ان موضوع تي ڪنهن ٻئي هنڌ لکبو. في الحال هتي فقط ڪتابن پهچڻ جي خوشيءَ ۾ لکيو اٿم. جن بابت زيب سنڌيءَ ڪتابن واري پارسل سان گڏ موڪليل خط ۾ پڻ تاڪيد ڪئي آهي ته جيئن ئي ڪتاب ملن ته پهچ جو اطلاع ڪريان، سوسائين ڪتاب هٿيڪا مليا. نه فقط سلامتيءَ سان مليا پر ڀلاري ديس کان ٿيندا آيا. ان ڪري ڪتابن جي پارسل کي پهرين اکين ته رکي چمڻ کان پوءِ منجهائنس امر جليل، نجم عباسي ۽ ليليٰ خالد جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪڍيا اٿم.
    اسان کي ڪڏهن ڪڏهن- بلڪ اڪثر ڪو نه ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ سنگاپور موڪليو ويندو آهي (ڪي ته هتي ملائيشيا ۾ به ٿين ٿا). پوءِ ڪڏهن ڪو ليڪچر بور هوندو آهي ته اٻاسيون ڏيڻ بدران دل چوندي آهي ته جيڪر اخبار لاءِ مضمون ويهي لکجي، جيئن منهنجي ڀر ۾ ويهندڙ هڪ ملئي دوست ڪئپٽن حليم ويهي خط لکندو آهي. ملئي زبان انگريزيءَ وانگر کاٻي پاسي کان لکڻ ڪري ۽ ساڳي الفابيٽ هجڻ ڪري ليڪچرار توڙي اوسي پاسي وارا اهو سوچيندا آهن ته هو دلچسپ ليڪچر جون اهم Points لکي رهيو آهي. مون هڪ ٻه دفعو سنڌيءَ ۾ لکيو پر شڪ ۾ وجهي ڇڏيو، فقط اهڙن موقعن تي دل چاهيندي آهي ته سنڌي لکڻي رومن نموني جي هجي ته بور ۽ بيڪار تقريرن جو وقت ڪنهن سٺي ڪم ۾ لڳائي سگهجي ها ۽ وقت به سٺو گذري وڃي ها.


    ”اهڙي به ڇا جلدي“

    ملائيشيا ۾ نوڪريءَ جو اشتهار جڏهن اخبار ۾ آيو ته ٻين همراهن سان گڏ مون به اپلاءِ ڪيو. پگهارته کڻي ڪو خاص نه هو پر نوڪريءَ جي نوعيت ۽ ٻيون سهوليتون منهنجي دل وٽان هيون. اشتهار ۾ هو ته جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن جي سخت ضرورت آهي- خاص ڪري انهن جي جن کي پڙهائڻ جو تجربو هجي.
    مون حساب لڳايو ته اپلاءِ ڪرڻ بعد هفتي ٻن ۾ انٽرويو جو خط يا تار اچي ويندي. انٽرويو بعد اهڙي هفتي ٻن اندر چونڊ جي نتيجي جو ٻڌائيندا ۽ هفتي ٻن بعد گهرائي به وٺندا- يعني ڏيڍ يا ٻن مهينن اندر ملائيشيا ۾ هجبو- يا ٿي سگهي ٿو ان کان به اڳ. ڇاڪاڻ ته اشتهار ۾ صاف صاف هو ته هنن کي اسان جو تڪڙو کپ آهي، سو ان حساب سان نه فقط پاڻ کي ذهني طرح تيار ڪيم. پر ڪم ڪاريون ۽ سامان سڙو به گهڻي حد تائين ٺاهي ڇڏيم- جو هي جهازي نوڪريون اهڙي نوعيت جون هونديون آهن، جن ۾ هر وقت ڀڄ ڀڄان ۽ جلدي هوندي آهي. ڪيترا اهڙا جهازي هوندا جن کي شاديءَ جي ٻئي ڏينهن ئي جهاز کي وٺي وڃڻ لاءِ چيو ويو هوندو. ڪيترا اهڙا هوندا جن جو ڪو ويجهو عزيز فوت ٿي ويو هوندو، پر نوڪريءَ جي ڏکين قاعدن قانونن ڪري ڌاريون ملڪ ڇڏي پنهنجي وطن اچي نه سگهيا هوندا. يا موڪل ملي هوندن ته ملڪ پهچڻ تي وري کين گهرايو ويو هوندو. اهڙين ڳالهين لاءِ جهازي نوڪريءَ ۾ گهڙڻ مهل- بلڪ تعليم دوران ئي آگاهه ۽ تيار ڪيو ويندو آهي.
    سو اسان ته ان شڪ ۾ به هئاسين ته متان انٽرويو ئي نه وٺن. ۽ اسان جي ڪاڳر پٽن مان ئي اندازو لڳائي نوڪريءَ لاءِ سڌو گهرائڻ جي تار نه ڪن. ويتر احمد حسين مخدوم سان ته ائين ئي ٿي چڪو هو- جيڪو اسان کان اڳ ان نوڪريءَ تي چڙهيو هو. احمد ٻڌايو: ”مون ته هن نوڪريءَ لاءِ درخواست به ڪا نه ڏني هئي. تن ڏينهن ۾ آئون سنگاپور ۾ موڪل تي هوس ۽ اهو پهه پئي ڪيم ته هاڻ سمنڊ تي رلڻ پنڻ ڇڏي ڪنهن هڪ ملڪ ۾ رهي نوڪري ڪجي. ان سلسلي ۾ ڪوالالمپور آيس- Misc (ملائيشين انٽرنيشنل شپنگ ڪارپوريشن) جي آفيس- ته مون کي ڪو Shire Job (ڪناري جي نوڪري) ڏيو.
    ”هنن چيو: ”شور جاب ته ٺهيو پر جهازن تي به في الحال نوڪري ڪانه آهي. هڪ اسان جو جهاز ڏکڻ آمريڪا جي بندرگاهه سينٽ پئالو ۾ بيٺو آهي. جنهن جي ڪئپٽن جو ڪالهه حادثو ٿي پيو آهي. اسان کي ان جهاز هلائڻ لاءِ ڪئپٽن جي ضرورت آهي. ان تي چڙهڻ لاءِ جي تون چاهين ته هنيئر ئي توکي Fly ڪرايون. پر اها ڳالهه آهي ته جهاز نه ته ڪراچيءَ ويندو نه هيڏانهن ملائيشيا ايندو. سينٽ پئالو کان ڪويت اچ وڃ ڪرڻي پوندي. مهيني جو پگهار ٽي هزار ڊالر ڏينداسون. ان کان علاوه ٻيون سڀ سهوليتون:کاڌو پيتو، دوا درمل وغيره وغيره.“
    ”مون مايوسيءَ مان چيومان ”ٻيلي ڏاها ٿيو. پئسا نه کپن، شور جاب کپي“ پوءِ اتي واسطيدار عملدار سوچي پڇيو:وراڻيومانس ته هائو، ڪجهه ڪجهه اٿم. هن اتي جو اتي ملاڪا فون ڪري مئري ٽائيم اڪيڊميءَ جي پرنسپال سان ڳالهايو، جنهن کي مون کي بنا انٽرويو وغيره جي نوڪريءَ جي آڇ ڪئي.“
    ”ٻئي ڏينهن سنگاپور پهچي زال سان صلاح ڪيم ته هل ته ملاڪا شهر هلي رهڻ جي جاءِ ڏسي اچون ته ڪيئن آهي، ائين نه ٿئي جو پوءِ ڦاسي وڃجي. مون وٽ ڪار به نه هئي سو سنگاپور مان ڀاڙي جي ڪار هڪ ڏينهن لاءِ کنيم ۽ ٻه سئو ميلن جو رستو ڪري سنگاپور کان ملاڪا پهتس. مون کي هڪ سنڌي ڪئپٽن دادلاڻيءَ جي جاءِ تي رکي رهيا هئا، جيڪو ٽي سال پورا ڪري هاڻ بمبئي موٽي رهيو هو.
    ”اڪيڊميءَ پهچي جهڙو ڪار مان لٿس ته پرنسپال وٺي اچي دادلاڻيءَ سان ملايو. هو ان وقت ڪلاس روم ۾ ڪئڊٽن کي شپ – اسٽئبلٽي (Ship-Stability) پڙهائي رهيو هو. پوڙهي دادلاڻيءَ کي خبر پيئي ته آئون به سنڌي آهيان سو وڏو ڀاڪر پائي چيائين: ”سائين اچو اچو. ڀلي ڪري آيائو“ ۽ چاڪ مون کي هٿن ۾ ڏيئي چيائين: ”بابا هنن کي پڙهاءِ“ مون کلي چيومانس، سائين هي ته هن پهاڪي وارو ڪم ٿيو ته ”واٽ ويندي ٻانڀڻ ڦاٿو.“ دادلاڻيءَ ڪجهه دل ۾ ڪيو پر ڳالهه درگذر ڪري چيو: ”نه بابا مون کان هينئر ئي چارج وٺ، مون چيومانس: ”توهان وڏن سان مان ڪهڙو ويهي بحث ڪريان، پر ائين ڪئين ٿو ٿي سگهي جو هينئر ئي چارج وٺي پڙهائڻ شروع ڪريان. آئون ته اڃا فقط ماڻهو، جاءِ ۽ ماحول ڏسڻ آيو آهيان. منهنجا ٻار سامهون گاڏيءَ ۾ ويٺا انتظار ڪن ۽ گاڏي مسواڙ تي کنيل آهي. اصل مڃي نه، مٿان پرنسپال به اچي ويو، تنهن به چيو: مخدوم ڪئڊٽن جو امتحان ويجهو آهي. سندن تياري مڪمل ڪراءِ. اهڙي طرح پورا ٽي ڏينهن رهي پيس. پوءِ موڪل واري ڏينهن (آچر تي) سنگارپور پرائي ڪار اچي واپس ڪيم جنهن جي مسواڙ اٺ سئو رپيا کن چڙهي وئي هئي.“
    بهرحال مخدوم سان اهو اتفاق ٿيو، پر اسان جيڪي پنهنجو پاڻ کي ٻن مهينن اندر ملائيشيا ۾ سمجهي رهيا هئاسين. انهن وٽ نوڪريءَ جو چٺو ته ڇا پر موڪليل درخواستن جي پهچ به نه ملي. ڪيترا همراهه ته وڌيڪ انتظار ڪرڻ ڇڏي مختلف جهازن تي يا ٻين ملڪن ڏي- خاص ڪري عرب ملڪن ڏي نوڪرين تي هليا ويا. باقي جيڪي ڏهاڪو کن ڪراچيءَ ۾ هئاسين تن ٻن ٽن مهينن بعد ڳالهه وساري ڇڏي.
    پوري سال بعد هڪ ڏينهن سڀني کي گهر پهچڻ تي تار ملي ته ٻئي هفتي انٽرويو لاءِ ملائيشيا کان همراهه اچي رهيا آهن. هڪ هڪ ڏينهن جي انتظار بعد جڏهن ٻن هفتن ۾ فقط ٻه ڏينهن کن وڃي بچيا ته ٻي تار آئي ته دل ۾ نه ڪيو اسان هفتو کن اڃا به دير سان اينداسين.
    آخرڪار ٻئي هفتي بعد اهو سڀاڳو ڏينهن اچي ويو ۽ انٽرويو ٿيو. انٽرويو بعد آصف ۽ مون کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان مان فقط اسان ٻن کي چونڊيو اٿن، سو اسين ملائيشيا هلڻ جي تياري ڪريون.
    ”اسان اتي پهچي توهان کي نوڪريءَ جو آفيشل خط ٿا موڪليون“ پرنسپال چيو، ان تي آصف چئي ڏنن ته ائين نه ٿئي جو اسان کي به سال لڳي وڃي. ۽ پوءِ اسان تياري مڪمل ڪري ويٺاسين ۽ پڪ هُئسين ته چئن پنجن ڏينهن اندر خط اچي ويندو. جڏهن پورو هفتو گذري ويو، پر نه ڪنهن ٽپاليءَ خط آندو نه وري ڪانگل کيانتو، ته پنهنجا اڻ چٽا خوف پنهنجي دوست سعيد اختر زيديءَ کي فون تي ٻڌايم. هو چڱو وقت ملائيشيا ۾ رهي چڪو آهي. ٻڌايومانس ته برادر هتي آئون روز الوداعي دعوتون پيو کان پر تنهنجي ملائيشيا کان چونڊ جو لکت ۾ نياپو اڃا نه مليو آهي. ائين ته ناهي ته هنن ارادو بدلائي ڳالهه ختم ڪري ڇڏي آهي.
    زيديءَ دلاسو ڏيندي چيو: ائين ٿي نٿو سگهي ملائيشيا جا ماڻهو تمام ڀلا آهن. جيڪي زبان سان چيائون، اهو سندن عمل سمجهڻ کپي. پر منجهن رڳو اها ڪمزوري آهي ته ٿورو Slow- Motion ۾ آهن. هر ڳالهه ڌيرج سان ڪن ٿا. خط لکندي لکندي به وقت لڳندن. بس سمجهه ته ”تڪڙ ڪم شيطان جو“- واري پهاڪي تي ٻيو ڪو عمل ڪري يا نه. پر هي ڪن ٿا.“
    واقعي ٿيو به ائين، ڪجهه ٻيا ڏينهن انتظار ڪرڻ بعد نوڪريءَ جو خط مليو. پوءِ آهستي آهستي ڌيرج سان پهرين آصف وٽ، پوءِ مون وٽ ملائيشيا پهچڻ لاءِ ٽڪيٽون آيون.
    ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي جهاز دير سان پهتو، خبر ناهي ته ڪو وٺڻ به آيو هو يا نه، اسان پاڻهي ئي هوٽل ۾ هليا آياسين، جيڪا اسان لاءِ ريزرو ٿيل هئي. ٻئي ڏينهن صبح جو اٿڻ سان رسيپشن تي فون ڪري معلوم ڪيوسين ته ڪو اسان جو ڌڻي سائين پهتو. پر جواب هر دفعي ”نه“ ۾. آصف کي چيم ته هاڻ چپڙي ڪري سمهي رهه. ضرور ڪو ته پاڻ کي هتان وٺڻ ايندو، جيڪو هوٽل جو بل به ڀري ملاڪا وٺي هلندو- پاڻ کي ڪهڙي خبر ته ملاڪا پهچي به، پوءِ ڪهڙو رُخ ڪرڻو آهي.
    آخر ٿيو به ائين. ٻئي ڏينهن هڪ بجي ڌاري اسان کي وٺڻ وارو ڪلارڪ ۽ ڊرائيور هوٽل ۾ پهتا، جيڪي هڪ ڏينهن اڳ اسان لاءِ نڪتا هئا.
    ملاڪا پهچي رهائش لاءِ گهر جون چاٻيون ڏنيون ويون. ٻئي ڏينهن آفيس ۾ گهر جو پڇيو ويو ته ان ۾ فرنيچر، پاڻي، بجلي سڀ صحيح آهي. ڪجهه بلب فيوز ٿيل هئا، سي چيائون ته ٻيا لڳائي ويا. اسان لاءِ آفيس اڃا تيار نه هئي سو ڪڏهن مخدوم جي آفيس ۾ ته ڪڏهن چيف انجنيئر ببر جي آفيس ۾ ڪوچن تي بالم ٿي ويهندا هئاسين. مخدوم چوڻ لڳو جيسين روز نه چوندائو تيسين آفيس ۾ نه فرنيچر ايندو نه ايئرڪنڊيشنر لڳندانوَ.
    آصف چيو: ”ملائيشيا ۾ هر ڳالهه آهستي ٿي ٿئي. هڪ دفعوايمرجنسيءَ ۾ ايرانين جو جهاز ڪيپ ٽائون (ڏکڻ آفريڪا) ۾ وٺي ويس، آئون ڀانيان ته جلدي ڪم جو اڪلاءُ ٿئي ته جهاز کي ٻي منزل ڏي وٺي وڃان، پر ڪيپ ٽائون جي آفيس وارن کي پرواهه ئي نه. ايجنٽ هر وقت چوندو هو:”چيف! هي سائوٿ آفريڪا آهي، هتي هر ڪو آرام سان ٿئي ٿو.“
    ڪئپٽن مخدوم ۽ هرداس کلي چيو:”سائوٿ آفريڪا ۾ ڪم آرام سان ٿيندو هجي يا نه، پر هتي ملائيشيا ۾ هر ڪم آرام سان ضرور ٿئي ٿو.“
    تنهن تي مون چيو مان ته رنگامٽي جهاز تي مون سان گڏ ڪئپٽن حق نواز هوندو هو، ان هڪ ڏاڍو دلچسپ لطيفو ٻڌايو هو ته: ”اهڙي به ڇا جلدي آهي.“
    هن ٻڌايو ته ڪنهن شهر ۾ ڪجهه ماڻهو تمام سست هئا. هر ڪم آرام ۽ آهستي آهستيءَ سان ڪندا هئا. هنن هڪ سست ماڻهن جو ڪلب کوليو، جنهن جوپهريون ئي شرط اهو هو ته جيڪو جلدي ۾ ڪم ڪندو، ان کي ان ڪلب مان ڪڍيو ويندو. هڪ ڏينهن ڪجهه ميمبرن ڪلب جي سيڪريٽريءَ وٽ دانهن آندي ته هنن ڪلب جي هڪ اهم ميمبر کي شهر ۾ تيز رفتاريءَ سان ڪار هلائيندي ڏٺو آهي.
    اهو ٻڌي سيڪريٽريءَ کي ڪاوڙ لڳي ۽ فيصلي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي. پر پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد اهو سوچي اها تاريخ پرتي ڪئي ويئي ته اهڙي به ڇا جلدي آهي. وري فيصلي جي نئين تاريخ آئي ته خبر پيئي ته فيصلا ڪميٽي جا ڪجهه ميمبر ستا پيا آهن، ڪي اچڻ جي موڊ ۾ نه آهن ۽ سڀني اهو چوائي موڪليو ته اهڙي به ڇا جلدي، ٻئي ڪنهن ڏينهن کڻي فيصلو ڪبو.
    نيٺ مس مس هڪ ڏينهن سڀ فيصلي لاءِ گڏ ٿيا ۽ ڏوهاريءَ کان تيز رفتاريءَ سان ڪار هلائي، ڪم ۾ جلدي ڪرڻ جو سبب پڇيو ويو.
    هن وراڻيو:”منهنجو ڏوهه هرگز ناهي جو مون ڪنهن به ڪم ۾ جلدي نه ڪئي آهي. ان ڏينهن ڪار کي بريڪ هڻي بيهاريم ٿي ته پير ڀُل ۾ بريڪ واري پئڊل بدران رفتار (ائڪسيلٽريٽر) واري پئڊل کي وڃي لڳو ۽ مون کي خبر تڏهن پيئي جڏهن ڪار جي رفتار تکي ٿي ويئي.“
    ”ته پوءِ ان پئڊل تان يڪدم پير ڇو نه کنيئي؟“ فيصلي واري ڪميٽيءَ جو ميمبر پڇيس.
    ”بس اهو ئي سوچي ته اهڙي به ڇا جلدي آهي.“
    ڪئپٽن حق نواز جو اهو چرچو هتي جي همراهن:مخدوم، ببر، هرداس وغيره ڇا ٻڌو بس پنهنجو پاڻ ۾ جڏهن ڪو ڪم نه ڪرڻو هوندو اٿن، ته ٺهه پهه چوندا آهن:”اهڙي به جا جلدي آهي.“


    ”Bumiputra – بوميپترا“

    ملائيشيا ۾ آيل نئين همراهه کي پهرين ئي ٻن ٽن ڏينهن اندر جيڪي چند ملئي لفظ زبان تي چڙهن ٿا. تن مان بوميترا Bumiputra جو اشتهار هر وقت ٽي. وي ۽ ريڊيو تي ٻڌي ٻڌي لفظ بوميپترا ياد ٿيو وڃي- ”بئنڪ بوميپترا، بئنڪ انڊا- بوميپترا بئنڪ، توهان جي بئنڪ،“ ٻيو هتي جي اخبار کڻي اشتهارن جوصفحو ڏس ته نوڪريءَ يا ڪنهن داخلا لاءِ اهو شرط ضرور هوندو- بلڪ پهرين نمبر تي هوندو ته هيءَ آڇ فقط بوميپترا لاءِ ئي آهي.
    ملئي لفظ بوميپترا جي معنيٰ آهي، هن ڌرتي (مليشيا جي سرزمين) جا اصل رهاڪو- جنهن لاءِ اڄلڪهه انگريزي لفظ Sons of Soil پڻ ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام ٿي ويو آهي. ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ چين ۽ هندستاني به صدين کان پنهنجا اصلي ملڪ هندستان ۽ چين ڇڏي رهندا اچن ۽ ملائيشيا جا ئي شهري ۽ پاسپورٽ رکندڙ آهن. پر بوميپترا فقط ملئي سمجهيا وڃن ٿا، جيڪي اصل کان هتي جا رهاڪو آهن ۽ هن ڌرتيءَ کان علاوه ٻي ڪنهن ملڪ سان لڳل لاڳاپو نه اٿن. جيئن چيني ملائيشيا ۾ رهندي/ ڪمائيندي به پاڻ کي چين، هانگ ڪانگ، تائيوان ۽ سنگاپور سان وابسته ڪري ٿو، جئين تامل ۽ هندي ڳالهائيندڙ هندستان سان پر ملئي ماڻهن جو ٻئي ملڪ سان واسطو ناهي. بوميپترا دراصل ننڍي کنڊ جو لفظ ڀومي- پترا _(ڌرتيءَ جا پٽ) آهي، جيڪو ٻين ڪيترن هندي سنسڪرت ۽ تامل مليالم زبانن جي لفظن وانگر ملئي زبان ۾ رچي بسي ويو آهي.
    هر ملڪ ۾ ڏٺو وڃي ته هن ۾ بين الاقوامي ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن پاڻ تائين محدود رهڻ جو جذبو وڌند وڃي، پوءِ ان کي ڪي صوبائيت ٿا سمجهن ته ڪي قوميت جي تقاضا. سريلنڪا کان وٺي جپان تائين، انگلينڊ کان چين تائين، سعودي عرب کان سئيڊن ناروي تائين هر ملڪ اهوئي چاهي ٿو ته سندس ملڪ جون سهوليتون، دولت، نوڪريون ان ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ئي هجن.
    سريلنڪا ۾ سنهالي اصل جا رهاڪو آهن ۽ سنهالي زبان ڳالهائين ٿا. ٻيا ڏکڻ هندستان کان ويجهڙائي ۾ آيل تامل زبان ڳالهائيندڙ هندستاني آهن. تامل کي سريلنڪا ۾ رهي سئو سوا سئو سالن کان اچي ٿيا آهن، سندن شهريت ۽ پاسپورٽ سريلنڪا جو آهي، پر ڏسندي ئي ڏسندي اتي به اها ڳالهه زور وٺندي وڃي ته سريلنڪا فقط سنهالين لاءِ آهي، جيڪي ان ملڪ جا ڀومي پٿرا آهن. سنهالين جو اهو چوڻ آهي ته اسان تاملن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڏکئي وقت جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ هاڻ هو هر نوڪري ۽ واپار تي وڃن ٿا قبضو ڪندا ۽ اسان کي بيوقوف ۽ سادو سمجهي پٺتي ڇڏيندا وڃن. تامل جيڪي سريلنڪا ۾ هندستان کان انگريزن جي ڏينهن ۾ لڏي آيا. انهن جو وري اهو چوڻ آهي ته اسان پنهنجو ڏيهه ڇڏي هتي اچي محنت ڪئي، مڪاني ماڻهو ته سست، گهٽ ڄاڻو ۽ اڻپڙهيل هئا، اسان جي ڪري ئي ملڪ ترقي ڪئي ۽ هاڻ اسان کي وڏيون نوڪريون ۽ واپار ۾ هتي جا ماڻهو ڏسي ارهو ڇو ٿا ٿين.
    ساڳئي طرح آفريڪا جي ڪيترن ملڪن ۾ پڻ اوچتو ئي اوچتو هن صديءَ ۾ اهو جذبو اڀري پيو آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي يوگنڊا، ڪينيا ۽ روڊيشيا جهڙن ملڪن ڌارين (هندستانين ۽ انگريزن) کي ملڪ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. آفريڪا ۽ ايشيا جا ترقي پذير ملڪ ته ڇا جپان جهڙي ترقي يافته ملڪ جو به اهو حال آهي جو هو ڌارئين کي پاڻ وٽ نوڪري ۽ واپار ڪندي نٿو سهي. ڪيترائي ڪورين جيڪي سالن کان جپان جا باشندا ٿي چڪا آهن، انهن کي جپاني اڃا ڌاريون ٿا سمجهن. انگلينڊ ۾ اسان جي ڪن پاڪستانين ۽ هندستانين کي انگلينڊ ۾ رهي ڪيترائي سال ٿي ويا آهن. سندن پٽ پوٽا به انگلينڊ ۾ ڄاوا ۽ وڏا ٿيا آهن، پر اڃا تائين کين انگريز پنهنجو نٿا سمجهن.
    ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ائين ڇو آهي؟ شايد ان ڪري جو جتي به ڌارين ماڻهن مڪاني ماڻهن جي رسم رواج، ٻولي، مذهب ۽ سڪون سان هٿ چراند ڪئي. يا هنن کي نيچ سمجهيو ۽ ساڻن ملي جلي رهڻ بدران الڳ ٿلڳ رهڻ گهريو، هڪ ملڪ ۾ رهي ڪري به پنهنجو پاڻ کي ٻئي ڪنهن ملڪ سان وابسته رکيو يا پنهنجون ذهني پاڙون ٻئي ڪنهن ڏيهه ۾ مضبوط ڪيون ته هنن کي هميشه ڇيهو ئي رسيو. دل تي هٿ رکيو وڃي ته اسان جي ماڻهن انگلينڊ ۾ رهي ڇا ڇا نه ڪيو هوندو. اسان هر وقت انگريزن جي گلا ۽ کين گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ته شرابي آهن، بي غيرت آهن، سوئر ٿا کائين، هڪ ٻئي جي زالن سان ڊانس ٿا ڪن، پاڻيءَ بدران پني سان طهارت ٿا ڪن وغيره وغيره. ۽ اسان هر وقت ان چڪر ۾ هوندا آهيون ته انگلينڊ جو ڀلي گهر، گهٽي گند ٿئي، پر اسان کي پئسو ڪمائي انگلينڊ جي بهتريءَ ۾ لڳائڻ بدران هندستان، پاڪستان يا بنگلاديش کڻي هلڻو آهي. اها ڳالهه اسان لاءِ ته کڻي سٺي آهي. پر مڪاني ماڻهن کي ته خار ٿا لڳن. هو پنج سئو پائونڊن واري نوڪريءَ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي ته مالڪ ان جا وڌائي ڇهه سئو پائونڊ ڪري ڏئي ته توهان وچان ئي چار سئو تي راضي ٿي هن کي بيروزگار بڻايو ڇڏيو- جئين اڄڪلهه غير قانوني طرح پاڪستان ۾ آيل بنگالي اسان جي پٺاڻ، سنڌي، مڪراني مزدور کي بيروزگار بڻائي رهيا آهن.
    اهڙي طرح تاملن کي سريلنڪا ۾ رهي سئو سالن کان به مٿي ٿي ويو آهي پر ڪي ٿورا هوندا جيڪي سريلنڪا جي اصلي باشندن سان ملي جلي رهندا هوندا. انهن جي رسم رواج ۽ ٻڌ ڌرم جي عزت ڪندا هوندا، پنهنجي ڪمائي اتي جي بئنڪن ۾ رکندا هوندا، پنهنجن ٻارن کي ملڪ جي ٻولي پڙهائيندا هوندا. نه ته گهڻي ڀاڱي اڄ به هو مڪاني ماڻهن جون گلائون ڪن ٿا. پاڻ کي اتم ۽ سياڻو سمجهن ٿا. ٺڳيون بليڪ مارڪيٽنگ ۽ سمگلنگ ڪن ٿا، جنهن مان هو پاڻ ته امير ٿيو وڃن پر ملڪ ڪمزدور ٿيندو وڃي. سريلنڪا ۾ رهي سريلنڪا جي ڀلائيءَ جو سوچڻ بدران هنن کي هندستان جو وڌيڪ فڪر رهي ٿو ۽ اڄ به پاڻ تي هندستان جي ليبل هڻي، پنهنجي اهميت ظاهر ڪن ٿا. پوءِ کڻي هندستان ۾ سندن ٽڪي جي به عزت نه هجي.
    اها مٿين ڳالهه هڪ سريلنڪا جي باشندي سنهالي ڪلارڪ ٻڌائي، هن پوءِ پنهنجي تامل صاحب لاءِ چيو:”سڄو سڄو ڏينهن ماءِ مدراس ۽ ماءِ بنگلور ويٺو ڪري، پر هجي ها ته اُتي ته سندس ٻين سوٽن، ماساتن وانگر فوٽ پاٿ تي ڇولا رکي ڪيلي جي پن تي وڪڻي ها.“
    مليشيا جي آدمشماريءَ ۾ اڌ کن ملئي آهن، چاليهه سيڪڙو چيني ۽ ڏهه سيڪڙو هندستان جا تامل ۽ مليالم ڳالهائيندڙ هندو ۽ مسلمان ۽ ڪجهه پنجابي ۽ عرب اصليت جا آهن. چيني ۽ هندستاني (انڊين) سوين سالن کان هتي آباد آهن. پر هڪ ڌارئين جي حيثيت ۾ توهان ملائيشيا ڪجهه ڏينهن رهو ۽ پوءِ حق جي ڳالهه ڪريو ته ملئي ڪيترا ته سادا، سٻاجها، مهمانواز ۽ جيءَ ۾ جاين ڏيڻ وارا آهن. ۽ ڇا ائين نه آهي ته ڪيترائي چيني ۽ انڊين هتي خوش هوندي به هتي جي اصلي باشندن- ملئي ماڻهن جي گلا ڪن ٿا، وڏون ڪڍن ٿا، سندن مذهب، زبان ۽ رسم رواج کي پنهنجي مقابلي ۾ گهٽ سمجهن ٿا ۽ کين سست ۽ سادو سڏين ٿا.
    ٺيڪ آهي هر ملڪ ۽ هر قوم جي ماڻهن ۾ پنهنجون پنهنجون خاميون ۽ اوڻايون پوڻايون آهن پر ان سان گڏ خاصيتون به ته آهن. انهن جو ذڪر ڇو نٿا ڪن. ملئي ماڻهو کڻي چالاڪ نه آهن، پر ڪم ڌيرج سان سانتيڪي نموني سان ڪنٿا. سندن ڇوڪريون ڪجهه مذهب ۽ ڪجهه اخلاقي قدر برقرار رکڻ ڪارڻ چيني ڇوڪرين وانگر اڌ اگهاڙا ڪپڙا پائي پاڻ نٿيون وڻائين- پر اهو به ته ڪو سوچي ته ملئي ڪيترا امن پسند آهن، ڪيترو هنن ۾ صبر ۽ سهپ جو مادو آهي. هو ڦڏي باز يا اٽڪل باز ته مور نه آهن، مختلف مذهبن ۽ زبانن جا ماڻهو سندن ملڪ ۾ رهيا پيا آهن ته به هو هر هڪ جو انگل رکيو ويٺا آهن.
    اسان جي آفيس جي هڪ ملئي همراهه چيو ته يار ڪمال آهي مون کي ملائيشيا ۾ رهي ٻه سال ٿي ويا آهن، پر افسوس جو ڪنهن ملئيءَ کي هتي جهيڙو ڪندي نه ڏٺو اٿم. هٿن جي مارڪٽ ته ڇا پر زبان سان به وڙهندي نه ڏٺو اٿم.
    پاڻ کلي چيائين:”اها اسان ماڻهن جي خاصيت اٿئي ته ڪو اڳرائي ڪري ويندو ته به چپ رهنداسين. جيتوڻيڪ سمجهنداسين سڀ پيا، پر ڪوشش ڪنداسين ته ڳالهه درگذر ٿي وڃي. مثال طور اسان جي گهر سامهون چيني ماڻهو رهن ٿا. هنن پنهنجي گهر ۾ کڻي سوئرن جا ڌڻ پاليا آهن، جن کي ڪُهن به گهر ۾ ئي ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ايڏي گندگي ٿيندي آهي جو هوا جو جهوٽو لڳندي ئي دل ڪچي ٿيندي آهي ۽ اهڙي چڙ لڳندي آهي جو بس، پر پوءِ به ماٺ ۾ ئي رهڻو پوي ٿو. ڀلا ڇا ڪجي؟ ڇا خنجر کڻي وڃي هنن کي هڻان؟ اهو ئي سوچيندو آهيان ته اسان جي ملڪ ۾ هر مذهب جو ماڻهو رهي ٿو. اسان کي وڏي دل ڌارڻ کپي.“
    پر هر سهپ جي هڪ حد هوندي آهي. مڪاني ملئي ماڻهو ته ڇا پر اسان ڌاريان جهازي به گذريل ڏهه ٻارهن سالن جي اچ وڃ ڪري محسوس ڪري سگهون ٿا ته هتي ملائيشيا ۾ دڪانن، هوٽلن ۽ واپار وڙي تي هتي جي اصلي رهاڪو- ملئيءَ جو قبضو گهٽبو وڃي ۽ اسان جو چيني ۽ انڊين هر هنڌ ڇانئجي، عرب ۽ اٺ واري تاريخ دهرائيندو وڃي ۽ ملئي ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ هوندي به ويچارو ۽ محروم محسوس ڪري ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي جو بنگلاديش وانگر هتي به Sons of soils- ”ڀومي پترا“ جي مهم ڏينهون ڏينهن زور وٺندي وڃي.


    ملائيشيا جي موسم- نانگ بلائون- حسابن ۾ ڪچي آهيان

    سنڌ جي جهوني اديب محترم محمد اسماعيل عرساڻي ٿر بابت پنهنجي هڪ ڪتاب ”بدنصيب ٿريءَ“ ۾ لکيو آهي ته هڪ ٿري شاگرد کان جڏهن پڇيم ته سال ۾ مندو گهڻيون آهن ته وراڻيائين:”پنج- اونهارو، سرءُ، سيارو، بهار ۽ وسڪارو.“ ان بعد عرساڻي صاحب ٿر ۾ ميهن جي اهميت بابت لکيو آهي ته ٿري ماڻهوءَ جي زندگي جو مدار مينهن جي ڦڙين تي آهي. مينهن وسڻ سان ٿر، ٿر آهي نه ته جهڙو بر، ان ڪري ٿرين لاءِ پنجين ۽ سڀ ۾ اهم موسم وسڪارو آهي.
    شايد اهو ئي سبب آهي جو ڪو به ٿري کڻي ڪراچيءَ جي ڪاسمو پوليٽن شهر ۾ هجي يا اسلام آباد ۾ آرام جي نوڪري ڪري رهيو هجي، پر کنوڻ جي پهرين کجڪي تي ئي ڪوشش ڪندو ته ٿر ڀڄجي.
    ٿر ۾ ته پنج مندون آهن. پر هتي ملائيشيا ۾ ڪيتريون ٿي سگهن ٿيون؟! جواب آهي: فقط هڪ! هتي ملائيشيا ۾ نه سيارو ٿئي ۽ نه اونهارو. نه بهار ۽ نه وري سرءُ! ٻارهوئي جهڙ ۽ مينهن پوي.
    ڌرتيءَ تي سيارو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڌرتيءَ جو مٿيون اڌ گول سج کان ڪجهه مهينن لاءِ پاسيرو ٿيو وڃي. ۽ جڏهن ان اڌ گولي ۾ سيارو هوندو آهي ته باقي اڌ تي اونهارو هوندو آهي. ڇاڪاڻ جو اڌ گولي جو سج ڏي منهن هجڻ ڪري اتي تپش ٿئي ۽ ساڳي وقت سج جي روشني گهڻي دير رهڻ ڪري اوندهه ٿئي ۽ اسان چوندا آهيون ته راتيون وڏيون ٿي ويون آهن. پر ملائيشيا جو ملڪ خط استوا- يعني دنيا جي وچ مان لگهندڙ خيالي ليڪ جي ايترو ته ويجهو آهي جو سڄو سال سج هڪجهڙو ئي رهي ٿو ۽ نه فقط موسم سڄو سال هڪ جهڙي رهي ٿي، پر ڏينهن رات به هڪ جيڏو ٿئي ٿو. سڄي سال ۾ چند منٽن جو ڪو فرق ٿئي ٿو. باقي هتي مينهن ٻارهوئي وسندو رهي ٿو. سو جيڪڏهن ملائيشيا ۾ ڪا مند آهي به ته فقط مينهوڳي- جيڪا سڄو سال هلي ٿي.
    ايڏي مينهن جو ٻڌي ٻئي ڪنهن کي تعجب لڳي يا نه، پر عربن، مصرين، سنڌين، راجستانين، آمريڪا جي رياست ٽيڪساز جي رهاڪن، ڏکڻ لبيا ۽ سوڊان جي رهاڪن ۽ ٻين اهڙن کي ضرور ٿيندو هوندو، جيڪي دنيا جو ٿر، صحرا ۽ گوبي جهڙن بيابانن، برپٽن ۽ رڻ پٽن جا رهاڪو آهن.
    هتي ملائيشيا ۾ جهڙ ته روز هوندو آهي. سڄي ڏينهن ۾ شايد ڪا اهڙي گهڙي هجي جنهن ۾ آسمان ڪڪرن کان خالي هجي باقي وقت ڪجهه نه ڪجهه ڪڪر ضرور هوندا آهن، مينهن وچ ۾ ڏينهن ٻه ساهي پٽي وري هفتو ڏيڍ پيو وسندو. پوءِ ڪڏهن لڳاتار ته ڪڏهن رکي رکي وڏ ڦڙو ۽ بوندا باندي. جيئن گذريل سال ڪرسمس جي ڏينهن تي سڄي سنگاپور ۽ ملائيشيا جي جوهور رياست ۾ لڳاتار ٻاهتر ڪلاڪ مينهن وسندو رهيو.
    مينهن جي ڪري هتي چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ رهي ٿي. بقول آصف جي اسان وٽ گاهه پوکڻ به وڏي ڳالهه آهي، جنهن لاءِ زمين ٺاهڻي پوندي، ڀاڻ وجهڻو پوندو ۽ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻو پوندو- جيڪو پاڻي انسانن کي به پيئڻ لاءِ پورو ناهي. پر هتي ملائيشيا ۾ ماڻهن کي وڻ ٽڻ يا گل ٻوٽا پوکڻ لاءِ ڪا به تڪليف نٿي ڪرڻي پوي. هر شيءِ جلد ڦٽي ٿي ۽ ماڻهن کي رڳو وڌيڪ وڻن يا گاهه کي ڇانگڻ ۽ ڪٽڻ جو سوچڻو پوي ٿو.
    اسان وٽ ندين ۾ پاڻي هماليه جبل تان برف ڳرڻ بعد موسم آهر ٿورو يا گهڻو جيڪو اچي ٿو ان کي واهن ۽ شاخن رستي ورهائي ٻنين ٻارن کي ڏنو وڃي ٿو. درياهه نديون ملائيشيا ۾ به آهن، پر اهي پوک طور نٿيون ڪم ۾ اچن. پر نارن ڪسين طور، هتي جون ننديون نالا ٻين ٻارن ۽ شهرن جو پاڻي کڻي سمنڊ ڏي وهن. يعني هتي جي ٻنين ٻارن/ پوک کي ندين جي پاڻيءَ جي ضرورت ناهي، مينهن جو پاڻي ئي ايترو ٿو ٿئي جو ٻوڙ ٻوڙان لڳيو وڃي ۽ فالتو پاڻي وهي ننڍيون ناليون، پوءِ واهه ۽ پوءِ وڏا درياهه ٺاهيو وڃيو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. ائين جي سلسلو نه هجي ته مينهن جو پاڻي بيٺل فصل ۽ گهر گهاٽ ٻوڙي رکي. يعني هتي اسان وارو حساب ناهي ته سياري ۾ برف نه ڳرڻ ڪري يڪا ٻه ٽي مهينا درياهه سڪل هوندو ۽ اونهاري ۾ وري ٻه ٽي مهينا ٻوڙ ٻوڙان. پر هتي جي دريائن جي لاهه چاڙهه ۾ ڦيرو مهنين بدران روز اچي. يعني جنهن ڏينهن گهڻو مينهن پيو ته سڀ ننديون سمنڊ ڏي ٽٻ ٿيو پيون وينديون ۽ جي مينهن جهڪو ٿيو ته يڪدم ندين جي ليول لهي وڃي پٽ پوندي آهي.
    ملائيشيا ۾ ڪيتريون ئي نديون آهن، جيڪي ڪسين جون ڪم ڏين ۽ سڄي ملڪ جي مينهن جو پاڻي سمنڊ تائين پهچائين ٿيون. ڪن اهم ندين جا نالا آهن: بارام ندي، ڪيلنتائين ندي، لابوڪ ندي، پاهانگ ندي، پيراڪ ندي، راجانگ ندي، سيگاما نديءَ، وغيره وغيره.
    مينهن گهڻي پوڻ ڪري گاهه ٻوٽا وڻ ٽڻ هتي جام آهن. وڻواهه ۽ ٻيلن ڪري انيڪ جيت، پکي، نانگ بلائون ۽ جانور آهن. يورپ ۽ آمريڪا جي ٿڌن ملڪن ۾ برف گهڻي پوڻ ڪري گهٽيون ۽ رستا هلچل جي قابل نه رهندا آهن ۽ هر وقت برف هٽائي ويندي آهي، جيئن صفائي رهي، تيئن هتي ملائيشيا ۾ وري گهڻي مينهن وسڻ ڪري گپ يا مينهن جو پاڻي ته ڪو نه ٿو بيهي. پر ڏسندي ئي ڏسندي گاهه ايڏو ته جلد وڌيو وڃي جو ان مان هلڻ نه فقط ڏکيو پر خطرناڪ ٿيو پوي. ڇاڪاڻ جو هڪ ته صبح جي وقت ماڪ پوڻ ڪري آلو ٿو رهي ۽ ڪپڙا (پتلون، شلوار يا گوڏ) خراب ٿيو پوي ۽ رات جي وقت وري ان ۾ زهريلا جيت جڻيا- خاص ڪري نانگ بلائن جو خطرو رهي ٿو ۽ ڪيترائي انهن جي ڏنگن/ چڪن جو شڪار ٿين ٿا.
    هونءَ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ جانورن ۽ جيتن جڻين ۾ سڀ کان خطرناڪ زهريلا نانگ بلائون آهن. دنيا جي ٻئي ڪنهن به علائقي ۾ ايترا ماڻهو نٿا ڏنگجن، جيترا ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن:ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا، فلپين، ڪمپوچيا، برما وغيره ۾. ڊاڪٽري رپورٽن موجب رڳو ملائيشيا ۾ هر سال ڇهه هزار ماڻهو نانگن جي چڪن ڪري اسپتالن ۾ اچن ٿا. (ياد رهي ته سڄي ملائيشيا ۾ آدمشماري ڪراچيءَ جيتري آهي ۽ ان حساب موجب اهو انگ تمام وڏو آهي.)
    اڄلڪهه ميڊيڪل جي اڇت مدد ڪري ڪافي ماڻهو چاق چڱا ڀلا ٿيو وڃن. مثال طور: ڪجهه عرصو اڳ اسان جي ڌوٻيءَ جي ماءُ کي جيئن ئي نانگ چڪ هنيو ته هن کي يڪدم ڀر واري اسپتال ۾ کڻائي ويا. چڪ جي نشان مان ڊاڪٽر سمجهي ويو ته هن کي واسينگ (Cobra) نانگ چڪ هنيو آهي. ڊاڪٽر کيس يڪدم ائنٽي وينن Anti Venin ڏنو. اها هڪ اهڙي دوا اهي جيڪا گهوڙي کي ڇهه اٺ مهينا ٿورو ٿورو زهر کائڻ تي هيرائي پوءِ ان جي رت مان ٺاهي وڃي ٿي. جيئن ماتا ۽ ارڙيءَ جي بچاءَ لاءِ جيڪي ٽڪا هڻبا آهن. انهن جي دوا ڍڳين مان ڪڍي ويندي آهي. نانگ جي چڪ جي علاج لاءِ نانگ جي زهر مان پڻ دوا (Serum) ٺاهي ويندي آهي.
    بهرحال هن ڌوٻيءَ جي ماءُ کي اسپتال تائين پهچڻ کان اڳ ئي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف شروع ٿي ويئي هئي سو ڊاڪٽر ”آرٽييشل- ساهه- کڻڻيءَ ذريعي هن کي ساهه کڻائڻ شروع ڪيو. ٽن ڏينهن بعد هوءَ ان لائق ٿي جو پاڻهي ساهه کڻي سگهي. سندس پير ۽ ڄنگهه هڪ هفتو ٻيو به سڄيل رهي. اسپتال مان ڊسچارج ٿي گهر ته آئي پر ڪجهه ڏينهن بعد هن کي پير ۾ گئنگرين ٿي پيئي، جنهن لاءِ وري کيس اسپتال موٽي وڃڻو پيو ۽ مهينو کن ٻيو به علاج هيٺ هئي. پوءِ وڃي چاق چڱي ڀلي ٿي. پر وري به هيءَ خوشنصيب چئبي جو ترت علاج ٿيڻ ڪري بچي ويئي.
    هونءَ ڪو به ملڪ يا علائقو نانگ بلائن کان بچيل ناهي. چاهي جهنگ جهر هجي يا بيابان رڻ پٽ، جابلو علائقو هجي يا سامونڊي. پر دنيا جي هن پاسي ڪجهه گهڻائي نانگ بلائون آهن ۽ انهن ۾ گهڻو حصو خطرناڪ ۽ زهريلن نانگن جو آهي. جيئن مثال طور واسينگ نانگ هتي تمام گهڻو آهي، جنهن کي اسان وٽ جوڳي اڪثر مرلين تي نچائي پئسا ڪمائيندا آهن. ڪي ڪي واسينگ نانگ ته ارڙهن فوٽن جا به ٿين ۽ نانگن جي ڄاڻن جو چوڻ آهي ته واسينگ نانگ سئو کان به مٿي دفعا هڪ ئي وقت ڏنگ هڻي سگهي ٿو. واسينگ نانگ ڪوئا ۽ ڏيڏر کائڻ جا شوقين آهن. ان ڪري اهي گهرن اڳيان ئي ڦرندا نظر اچن ٿا. پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ جو جيڪڏهن مٿان پير اچيو وڃي ته چڪيو رکن. واسينگن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي زهريلا نانگ گهرن اڳيان- خاص ڪري ڇٻر ۽ گاهه تي ڦرن ٿا، جن جي بچاءَ لاءِ هتي جا ماڻهو اڪثر نصيحت ڪندا آهن ته رات جي وقت وڏو بوٽ ۽ پتلون پائي پوءِ ڇٻر تي هلجي، خاص ڪري گرم ۽ گهميل راتين جو ته وڌيڪ خيال رکجي. پاڻ سان گڏ ٽارچ رکجي ۽ ٿي سگهي ته لڪڻ پڻ کڻي هلجي- جنهن کي پٽ تي هڻڻ جو آواز تي نانگ اڳواٽ پري ڀڄي ويندو. نانگن کي ڪن نه ٿين سو ٻڌي ته نه سگهندو آهي. پر زمين تي لڪڻ هڻڻ سان (يا مرليءَ جي آواز تي) جيڪي زمين يا هوا ۾ لهرون پيدا ٿين ٿيون، اهي هن جو جسم محسوس ڪري سگهي ٿو.
    ڪنهن به پوري بند يا گاهه ۾ هٿ نه وجهجي. ڪو پٿر يا بند رکيو هجي ته ان تان لانگ ورائي ٽپڻ بدران ان جي مٿان پير رکجي جو ڪڏهن ڪڏهن پٿر جي پويان نانگ لڪي ويهي ٿو. ڪنهن به نانگ ۾ هٿ نه وجهجي، چاهي اهو جيئرو هجي يا مئل. پنهنجي گهر جو گاهه جيئن وڌي ته ڪتري ننڍو ڪرائي ڇڏجي، گند ڪچري جي ڍير يا پراڻي کوهه وٽان لنگهڻ کان پاسو ڪجي جو اهڙن هنڌن تي گهڻو ڪري نانگ ڏيڏرن جي تاڙ ۾ ويٺل هوندا آهن. گهر ۾ جي ڪوئا هجن ته انهن کي مارائي ڇڏجي جو ڪوئا پڻ نانگن لاءِ وڏي ڪشش آهن. جيڪڏهن ڪو نانگ سامهون اچي وڃي ته پريشان ٿي ان کي انڌاڌنڌ ڏنڊا وهائي ڪڍجن. ڪوشش ڪري چپ چاپ بيهي رهجي، ڇو جو چرپر تي نانگن جو ڌيان ڇڪجي ٿو ۽ ماٺ ڪري بيهڻ سان گهڻو ڪري نانگ پاسو ڏيئي ڀڄي وڃي ٿو. گهڻو ڪري نانگ تيسين چڪ نٿو هڻي جيسين ان سان کشٽ نٿي ڪجي. جيڪڏهن ڪو زهريلو نانگ گهر ۾ گهڙي اچي ۽ ان کي هروڀرو مارڻو ئي پوي ته نهايت خبرداريءَ سان لٺ جي هڪ ئي ڌڪ سان سندس منهن چچري رکجي، ڇو جو جيئري نانگ کان ڦٽيل نانگ خطرناڪ ٿئي ٿو. ڪڏهن به تکي شيءِ- ڪهاڙي، ڪات يا ترار جي ڦر سان نانگ کي ڌڪ نه هڻجي جو ائين ڪرڻ سان نانگ فقط ٻه اڌ ٿيو پوي ۽ اڌ نانگ مان به ساڳيو خطرو آهي جيڪو سڄي مان.
    گهڻي گاهه مان اهو سو فائدو ضرور آهي ته هتي جانور وهٽ خوش ۽ متارا آهن. سندن پيرن هيٺان هر وقت ۽ هر هنڌ گاهه ئي گاهه موجود آهي. ڪنهن جي گهرا ڳيان ڍڳيون مينهون وڃي چرنديون ته گهر جو مالڪ کين ڍڪ ۾ اماڻڻ بدران خوش ٿيندو ته ڀلي گهڻي کان گهڻو گاهه کائي وڃن. جيئن ايندڙ موڪل جو ڏينهن گاهه ڪٽڻ کان فرست ملي وڃي. پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ گهر اڳيان ڇٻر پوکڻ ته ناممڪن ڳالهه آهي، پر جي ڪو پئيڻ ۽ وهنجڻ جي حصي مان پاڻي بچائي گاهه سلو پوکي ٿو. ۽ ڪا ڍڳي ان ۾ منهن اچيو وجهي ته پٿر ٺڪاءُ ٿيو وڃينس. ويچاريون گاهه ته ڇا. ڪڙن ڪسارن ٻوٽن ۾ به پيون چڪ هڻن. کين نه وٿاڻ تي ڏاري جو وجهه نه پهر تي ڍءُ! اڪثر سپر هاءِ وي تي اگهاڙن ٽرڪن ۾ نٽهه اُس ۾ اسان جي بي زبان جانورن کي ائين ڍوئيندو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو. بک ۽ اڃ ڪري سندن پيٽ پٺيءَ سان لڳل هوندو آهي. پر هتي جي چوپايو شايد ئي ڪو ڏينهن – بلڪ ڪو ڪلاڪ به بک ۾ ڪاٽيو هجي. ان ڪري جنهن ڍور ڏي نظر ڪر ته متارو نظر اچي ٿو.
    هتي جي حڪومت ماڻهن جي صحت جو نهايت خيال رکي ٿي. ڪنهن به بيمار يا پوڙهي ڍور کي ڪهي گوشت وڪڻڻ تي سخت چڪاس ۽ سزائون آهن. ٻڪري، ڍڳي يا مينهن جي ذبح ٿيڻ جي عمر مقرر ٿيل آهي. ان عمر تي پهچڻ سان کيس ڪهي سگهجي ٿو. بلڪل ننڍي يا پوڙهي ڍور تي ڪاتي ڦيرائڻ ڏوهه جو ڪم آهي. اسان وٽ مجبوري ڪارڻ ننڍي عمر جون ڍڳيون/ ڍڳا ان ڪري به ذبح نٿا ڪيا وڃن جو کانئن کير ۽ هر ڪاهڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو. جيسين هر ڪاهڻ يا کير ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا، تيسين کين ڪهڻ نقصانڪار سمجهيو وڃي ٿو. پر هتي ملائيشيا ۾ پوک جونمونو اهڙو آهي جنهن ۾ نه گهڻي هر جي ضرورت نه ريج جي.
    مزيدار ڳالهه اسان جي پاڙيسري همراهه مسٽر گونا راجا ٻڌائي ته هتي جا ملئي مسلمان مينهن يا ڍڳيءَ جو کير پيئن ئي ڪو نه جو هنن کي تازي کير جي بوءِ پسند ناهي. چانهه ۾ به دٻن جو مٺو Condensed کير وجهن. ٻئي نمبر تي هتي جي آدمشماري چيني ماڻهن جي آهي. اهي پڻ کير کي هٿ نه لائين. چيومانس. ”حق تي اسان جو کير واري روز پڇندي آهي ته ٻيا پاڪستاني ڪڏهن ايندا؟ کير وڪڻڻ لاءِ هڪ تامل هندو ڇوڪري Jeans جي پتلون ۽ جئڪٽ پائي ايندي آهي.
    گونا کلي چيو:ها، هتي ڪو به کير ڪو نه پيئي. آئون هتي آيس ته پهرين پهرين مون هن کي کير لاءِ چيو جو اسين انڊين ته کير پيئون. پوءِ ڪئپٽن مخدوم ۽ ڪئپٽن نندڪر چيو. پوءِ آصف ۽ توهان. سو ظاهر آهي ته سندس کير جيڪو ضايع ٿي ويندو هو تنهن جا هاڻ پئسا پيا ملندس. مخدوم جڏهن آيو ۽ مينهن يا ڍڳي جي تازي کير لاءِ پڇيائين ته مون کي ڏاڍو تعجب لڳو. مون چيومانس ته يار تون مسلمان آهين. هتي جا ملئي مسلمان ته ڍڳيءَ جو کير پيئن ئي ڪو نه. کير رڳو اهي هندو ۽ ڪرسچن ٿا پيئن جيڪي اصل هندستان يا يورپ کان لڏي هتي آيل آهن. ته مخدوم وراڻيو:”ڍڳيءَ جو ته ڇا مينهن جو کير ملي ته اڃا به بهتر. اسان وٽ پاڪستان ۾ ته کير پيئڻ جي عادت ننڍي هوندي کان وجهن ۽ کير جي کپت ايتري ته آهي جو کير وارا پورت ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ کير ۾ پاڻي به ملائي وڪڻن.“
    گونا کان پڇيم:”پنهنجي کير واري ڇوڪريءَ کي گهڻيون ڍڳيون آهن؟”
    چيائين: ”فقط هڪڙي.“
    آصف کي چيم ته استاد وڌيڪ کير جي ضرورت پيئي ته هاڻ ڪنهن ٻئي کي کير آڻڻ لاءِ چئبو. نه ته کير پورو ڪرڻ لاءِ هيءَ به اهو ئي ڪم ڪندي جيڪو سندس ڀائر ڀينرون اڄڪلهه سنڌ، پنجاب، بلوچستان کان گجرات مهاراشٽرا، اتر پرديش ۽ بنگال ۾ ڪري رهيا آهن- يعني کير ۾ پاڻي ملائيندي- اڃا به جي ضروري سمجهيائين ته پاڻيءَ ۾ کير ملائيندي.
    آصف کلي چيو: ”نه يار، ائين هتي هرگز نه ٿيندو. ان بابت پڪ ڪري چڪو آهيان، کانئس پڇيو هوم ته ”وڌيڪ کير جي ضرورت پيئي ته پوءِ تنهنجي هڪڙي ڍڳي ته پوري پئجي نه سگهندي.“ وراڻيو هئائين:”منهنجي ڍڳي ته هينئر به کير ڪا نه ٿي ڏئي.....“
    آصف جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي وائڙو ٿي پڇيومانس:”ته پوءِ نينڊو، ائنڪر يار ريڊ ڪائو جو پائوڊر پاڻيءَ ۾ ملائي ٿي ڏئي ڇا؟“
    ”نه نه، منهنجي ڳالهه ٻڌ. هن ٻڌايو ته رستي تي يا پاڙي اوڙي ۾ کيس جيڪا به ڍڳي نظر اچي ٿي ته ان جو کير ڏهي اچي وڪڻندي آهي، جو هتي ته کير جي ڪنهن کي ضرورت ئي ڪانهي. ۽ پئسا به ڪو کير جي حساب سان ڪو نه ٿي ڏئي، پر سمجهه ته سندس ڏهائيءَ جي محنت ۽ موٽرسائيڪل جي پيٽرول جا آهن، جنهن تي هوءَ چڙهيو ٿي اچي. تڏهن ته چيائين پئي ته جي ٻيا به گهڻا اچي ويا ته پوءِ قرض ڏجو ته کير ڏهڻ واري اليڪٽرڪ مشين وٺان.“
    تنهن تي گونا خبردار ڪندي چيو:”متان پئسا اڳواٽ ڏنا اٿانوَ. ليکي چوکي ۾ هونءَ ئي صحيح ناهي. روز جيڪو کير ڏئي اهو لکندا به وڃو. جو مهيني ۾ ٻه چار ڏينهن کير آڻي ڪا نه ٿي، پر مهيني پوري ٿيڻ تي پئسا سڄي مهيني جا ٿي وٺي. اڳئين مهيني جا سورهن ڊالر (ڇهانوي رپيا) وٺڻ آئي ته پڇيومانس سورنهن ڊالر ڪيئن ٿيا. ته چوڻ لڳي:روز هڪ سير کير جا پنجاهه سينٽ ٿيا ۽ اوڻٽيهن ڏينهن جا ٿيا سورهن ڊالر. تنهن تي چيومانس ته پهرين ڳالهه ته پنجاهه کي اوڻٽيهن سان ضرب ڪرڻ سان سورهن ڊالر نه پر ساڍا چوڏهن ڊالر ٿا ٿين ۽ ٻي ڳالهه ته تون هن مهيني فقط پنجويهه ڏينهن آئي هئينءَ- جيڪو آئون روز ڪئلينڊر تي نوٽ ڪندو وڃان، سو ان حساب سان فقط ساڍا ٻارهن ڊالر ٿيا. تنهن تي کلي وراڻيائين: آئون حساب ۾ ڪچي آهيان. اسڪول ۾ به فيل ٿيندي هيس. تنهن تي چيومانس ته اهو ڀلي ٿيندي هئينءَ، پر ايتري ڪا ڪچي نه آهين جو ڪنهن مهيني حساب کڻي گهٽ وٺين؟.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 345144
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 142516
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ