ڪتاب جو نالو: موج نه سهي مڪڙي
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 11 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 844 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 385 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ٽائٽانڪ ۽ ٻين مشهور سامونڊي جهازن جي ٻڏڻ جون ڪٿائون
موج نه سهي مڪڙي، ليکڪ: الطاف شيخ موضوع: سامونڊي واقعن جا دل ڌوڏيندڙ داستان سامونڊي زندگي ڪڏهن به نارمل نه سڏي وئي آهي ۽ سامونڊي سفر چاهي اڄ کان هڪ يا ٻه صديون اڳ جو هجي يا اڄ جي ماڊرن دور جو، هميشه پر سڪون ۽ باحفاظت نه رهيو آهي. There is never smooth sailing
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا ماسٽر مئرينر- ڪئپٽن رشيد ابڙي جي نالي
  • ليکڪ جا لفظ
  • مهاڳ
  • انسان ۽ سمنڊ
  • ڪجهه مون پاران
  • ٽائٽانڪ اي ڀلا ڇو؟
  • برف جون ڇپون Ice berg
  • ٽائٽانڪ جهاز
  • عام طرح جهازن جي ٻڏڻ جا ڪجهه سبب هي آهن:
  • ٽائٽانڪ جهاز جا اهم ڪردار
  • ٽائٽانڪ جهاز تي ٺهيل فلم
  • Archille Lauro ھميشھ لاءِ غرق ٿي ويو
  • ”ايسوٽنيا“ جي ٻڏڻ جو راز ڇا ھو!
  • لائيف بوٽ، جئڪيٽ، سمنڊ جو پاڻي ۽ شارڪ مڇي
  • ڪوارٽر ماسٽر
  • موت جو سفر
  • ٻيڙيون ٻاجھارن جون، تاريون طوفانن...
  • ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ عجب جهڙي ڳالھ
  • S ناٽ – ناٽيڪل ميل ۽ سمنڊ
  • ناٽ ۽ ناٽيڪل ميل
  • جھاز جو ٻڏڻ
  • لکين سج لهي ويا، کيڙيندي کارو
  • ھڪ خوفناڪ سفر
  • غوطا خوري ۽ ٽوٻو
  • مرندي مرندي بچڻ
  • اڄ جا جھاز
  • مختلف سامان کڻڻ لاءِ مختلف جهاز
  • رڍن جا جهاز ۽ مسئلا
  • اهڙا جهاز جن ۾ ريل گاڏيون به چڙهڻ
  • دنيا جا خوبصورت مسافر جهاز
  • هو ورڪرافٽ، ڪئٽا ماران ۽ جناتي جهاز
  • غيباتي جهاز
  • تيل مان عطر به ٺهي ٿو
  • تيل جي جهاز جو ڪراچيءَ ۾ ٻُڏڻ
  • زراف جو by sea فرانس پهچڻ
  • سمنڊ تي لڳندڙ ڌاڙا
  • قزاق (Pirates) ۽ سندن طريقا
  • قزاقن جي عجيب دنيا...

  • ارپنا ماسٽر مئرينر- ڪئپٽن رشيد ابڙي جي نالي

    ڪئپٽن ابڙو- پاڪستان مرچنٽ نيويءَ جوهڪ وڏو ۽ اهم ماڻهو، جنهن فقط ۽ فقط محنت ذريعي پنهنجو نالو نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾، پر دنيا جي جهازي دنيا ۾ پيدا ڪيو آهي. رشيد ابڙو منهنجو ڳوٺائي ۽ پاڙيسري هجڻ سان گڏ، ساڳي اسڪول (مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا)، ساڳي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو)، ساڳي نيول اڪيڊمي (مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ) مان پڙهيو ۽ مون واريءَ شپنگ ڪارپوريشن P.N.S.C جا جهاز هلايا اٿس، ان ڪري منهنجو هن سان ننڍپڻ کان وٺي ويجهو تعلق رهيو آهي. هو اسان جي بئچ جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن کان عمر ۾ چار پنج سال ننڍو آهي، پر جهازي ڄاڻ ۽ تجربي ڪري سندس مقام اسان سڀني کان مٿانهون آهي. هن خاص ڪري بزنس ۽ شپ مئنيجمينٽ جهڙي نئين فيلڊ ۾ ڪاميابي ماڻي پنهنجو نالو مٿانهون ڪيون آهن.
    منهنجا دوست مون کان پڇندا آهن ته ڪئپٽن رشيد ابڙو جهاز رانيءَ ۽ جهازن سان واسطو رکندڙ بزنس، مارڪيٽنگ، چارٽرنگ وغيره جو ايڏو ڄاڻو ڪيئن ٿيو؟.
    منهنجو کين اهو ئي جواب هوندو آهي ته هن پنهنجي پڙهائي ۽ نوڪريءَ کي عبادت وانگر سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان نڀايو. ڪيترائي سال جهاز هلائڻ بعد جڏهن هو جهازي آفيس ۾ جهازن جو انچارج ۽ مئنيجر ٿي آيو، ته به هن ڪڏهن به آفيسرن واري ٽان ڦان نه ڪئي. هو جهاز هلائيندڙن جو باس نه پر Facilitator ٿي رهيو هو. هُن پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ موجب پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙن جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ کي ئي پنهنجي ڊيوٽي سمجهيو. آفيس ۾ اسان سڀني جو ٽائيم صبح جو نائين کان شام جو پنج هوندو هو، پر ڪئپٽن رشيد جي گهر وڃڻ جو وقت مقرر نه هوندو هو. آءٌ پنهنجي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ مان پنجين بجي اُٿي، گهر وڃڻ کان اڳ، رشيد جي مارڪيٽ ڊپارٽمنٽ ۾ چانهه پيئڻ ايندو هوس ته، هن جو دڪان کليو پيو هوندو هو. يعني نه رڳو فائيل، ڪاغذ، ڪمپيوٽر کليا پيا هوندا هئا، پر سندس سڄو اسٽاف ويٺو هوندو هو.
    ”ڀلا هلبو يا نه؟“ آءٌ پڇندو هوسانس.
    رشيد جو جواب هوندو هو، ”ڪيئن هلان، يورپ کلي ئي ٻارهين کان پوءِ ٿو، ان ڪري مون کي اڃا ويهڻو پوندو.“
    اسان جي آفيس ۾ پاڻ يورپ واريءَ ريجن جو انچارج هو. جتي جو ٽائيم يعني سج اسان کان چار پنج ڪلاڪ پوءِ ٿو اُڀري لهي. ڪڏهن ڏس ته جرمني ۾ اتي جي جهاز آفيس انچارج سان ڪنهن ڳالهه تي بحث پيو ڪري ته، ٻي گهڙيءَ انگليند ۾ ڪنهن واپاري فرم جي سامان کڻڻ لاءِ جهاز جي ڀاڙي تي پيو ڳالهائي. پنهنجي ڪمپنيءَ جا سڀ جهاز مشغول هجڻ جي صورت ۾، يوناني ۽ فرينچ جهازي ڪمپنين جي خالي جهازن کي، پنهنجي ڪمپنيءَ لاءِ مسواڙ تي وٺڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو. پوءِ ڪنهن سان ڀاڙو ”ٽائيم پيرڊ“ (يعني في ڏينهن) جي حساب سان پيو طئي ڪندو ته ڪن سان هڪ بندرگاهه کان ٻئي بندرگاهه (يا سڄي سفر) جو حساب پيو طئي ڪندو. کيس انهن جهازي ڪمپنين جي جهازن ۽ واپاري ڪمزورين جي ڄاڻ هجڻ ڪري، هن انهن جهازن جي مالڪن سان بحث ۾ هميشه بازي کٽي، پنهنجي ڪمپنيءَ لاءِ فائدو ڪرايو ٿي ۽ بين الاقوامي قاعدن قانونن موجب ڏيتي ليتيءَ جا ٽرمس ۽ Conditions فيڪس ذريعي لکت ۾ طئي ڪيا ٿي.
    يورپ جون آفيسون، جنهن وقت تي چئين يا پنجين وڳي بند ٿين ٿيون. ان وقت اسان وٽ رات جا اٺ يا نوَ ٿين ٿا ۽ اسان جو رشيد ان وقت بريف ڪيس کڻي آفيس مان نڪرندو هو. جهاز جو صحيح وقت تي بندرگاهن ۾ پهچڻ ۽ نڪرڻ ۽ سامان صحيح طرح ڍوئرائڻ جي پوئواري خاطر، کيس هر وقت باءِ ايئر مختلف بندرگاهن ۾ پهچڻو پيو ٿي. گهمڻ لاءِ بئنڪاڪ يا دبئي جو ٽن چئن ڪلاڪن جو سفر ڪنهن لاءِ ڀلي کڻي دلچسپ هجي، پر ڪراچيءَ کان نيويارڪ يا سائوٿ آمريڪا بندرگاهن تائين، ڊگها هوائي سفر سزا کان گهٽ نه آهي. خاص ڪري هوائي جهاز مان لهڻ بعد هوٽل ۾ وڃي آرام ڪرڻ بدران، پنهنجي جهاز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بندرگاهه ڏي ڀڄڻ. پر ڪئپٽن رشيد جي منهن تي هميشه مُرڪ ئي نظر آئي، چاهي هن کي هوائي سفرن ۾ مسافر جي صورت ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن لڳاتار اوجاڳو ڪرڻو پيو هجي يا پاڻيءَ جي جهاز کي ائٽلانٽڪ جي ڇِتين ڇولين کان يا جاپاني سمنڊ ۾ لڳندڙ طوفانن کان اُڪارڻو پيو هجي، هو هر وقت مطمئن ۽ ڪمپزڊ نظر ايندو.
    رشيد جي اها مُرڪ ۽ خوش اخلاقي هينئر ته نه پر ننڍپڻ کان سندس ٽريڊ مارڪ رهي آهي. ڪاليج جي ڏينهن ۾ سندس ڪلاس ميٽ هوندا هئا: لياقت جتوئي (هاڻوڪو منسٽر)، بلال حيدر، ممتاز (ٻئي P.I.A جا پائليٽ)، محسن پنهور (پوليس ۾ D.I.G هاڻ مرحوم)، ظفر شورو (پوليس ۾ صوبيدار)، پرويز شاهد (پاڪستاني آرمي جو ليفٽيننٽ جرنل)، عبدالجبار عباسي، عاشق شاهه (سيڪريٽري سنڌ سرڪار)، نصير قاضي (ريلوي) وغيره. آءٌ کانئن ٽي سال کن مٿين ڪلاسن ۾ هوس. ٻين ٻارن وانگر هي به وڙهندا رهيا ٿي (۽ ماشاءَالله اڃا تائين به ڪيترن جي کٽ پٽ هلندي رهي ٿي) پر بقول ڊاڪٽر هادي بخش جتوئيءَ ۽ انجنيئر مشتاق بلوچ جي هڪ رشيد ابڙو (۽ ٻيو قاسم لاشاري) نه ڪنهن سان رُٺا، نه ڪنهن جي شڪايت ڪيائون، سدائين ٻين کي پرچائڻ ۾ پورا هوندا هئا.
    رشيد سان ڪم ڪندڙ سندس هڪ جونيئر آفسر چيو ته، ڪپٽن رشيد هونءَ ته ڏاڍو سٺو آهي، پر ڊيوٽيءَ جي معاملي ۾ تمام سخت آهي.
    ”هو بلڪل هوندو.“ مون کيس سمجهايو، ”ڇو ته هو پاڻ به ننڍي هوندي کان وٺي محنتي رهيو آهي ۽ ڊيوٽي هميشه ايمانداريءَ سان ڏني اٿس. ان ڪري هو پاڻ به اهو ئي چاهيندو ته ٻيا به ڊيوٽي صحيح ڪن.“
    مون کيس ڪجهه ننڍپڻ جي ڏينهن جا مثال ٻڌايا: هڪ دفعي مون وارو جهاز جاپان جي بندرگاهه ”نگويا“ ۾ بيٺل هو. ٻن ڏينهن بعد اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ننڍو ۽ پراڻو جهاز اسان جي ڀر ۾ اچي بيٺو، جنهن تي رشيد انهن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ هو. ننڍي هجڻ جي ڪري اسان سمجهي سگهياسين ٿي ته، ڪراچيءَ کان جاپان تائين ان جهاز کي ڇا ته طوفانن ۽ سامونڊي لهرن سٽيو هوندو ۽ پراڻي جهاز ڪري ان تي ڪم ڏاڍو هو. نون آيل ڪئڊٽن کي سخت جان بنائڻ لاءِ چِپنگ ۽ Scraping جهڙا ڏکيا ڪم ڏنا ويندا آهن، وجهه ملڻ تي هو ڪڏهن ڪڏهن گسائيندا به رهندا آهن. آءٌ پنهنجي جهاز تان ڏسندو هوس ته، سخت سيءَ ۾ سڄو سڄو ڏينهن رشيد ڪم ۾ لڳو رهندو هو ۽ شام جو موڪل مهل جهازي نوڪريءَ کان بيزاريءَ جو اظهار يا ڪنجهڻ ڪُرڪڻ بدران هميشه مرڪندو ۽ چرچا ڪندو، پنهنجي ڪمري ڏانهن روانو ٿيندو هو. شايد ان ڪري ئي سندس ٻيا ساٿي ڪئڊٽ ته رشيد کي ڏاڍو پسند ڪندا هئا، پر آفيسر پڻ سندس چيف آفيسر (ڪئپٽن کان هڪ رئنڪ هيٺ وارو نيويگيٽر) جنهن کي اها خبر نه هئي ته رشيد منهنجو ڳوٺائي يا مائٽ آهي، تنهن جاپان ڇڏڻ وقت رشيد جي تعريف ڪندي، مون کي ٻڌايو ته: ”يار منهنجو هي ڪئڊٽ رشيد ڏاڍو ٽف آهي. ڪم ۽ ڊيوٽيءَ کان ڪڏهن نٿو ڀڄي. سخت طوفان جي لوڏن ۾ به ننڊ مان اُٿاري ڪم لاءِ چئجيس ٿو ته، بنا ڪنهن شڪايت جي ان ۾ جنبيو وڃي. سي مئن شپ (جهازي تعليم جو هڪ سبجيڪٽ) ۾ ته هوشيار آهي، پر هينئر کان نيويگيشن ۾ به پختو آهي ۽ آءٌ کيس ٻئي سفر کان جهاز هلائڻ لاءِ برج (جهاز جي ڪنٽرول روم) تي رکندس.“
    رشيد ۽ مون کي ڪڏهن به هڪ جهاز تي ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو، پر اسان جا جهاز دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاهن ۾ هڪ ئي وقت ايندا رهيا. مختلف رئنڪن تي جهاز جو گهربل Sea Time پورو ڪندو ۽ ضروري امتحان پاس ڪندو، رشيد آخر ڪئپٽن ٿيو. پاڻ جيترو جهازي آفيس جي Management ۾ سٺو آفيسر/ مئنيجر آهي، اوترو ئي هو جهازن جو ڪئپٽن ٿي رهيو. هن ڪيترائي سال ملڪ جي جهازي ڪمپني ۽ ٻين ملڪن جي جهازن کي خاص ڪري بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي جهازن کي، دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف موسمن ۾ هلايو.
    ڪئپٽن رشيد لاءِ مشهور آهي ته، هن ڪڏهن به ڏکئي وقت ۾ دل نه لاٿي. اهي لمحا ۽ گهڙيون جن ۾ ڪيترن جهونن ڪپتانن کي به پگهر اچيو وڃن، اسان جو رشيد سڪون ۽ شانتيءَ سان ويهه ويهه ڪلاڪ به برج تي بيهي، جهازن کي طوفانن ۽ ڪُنن مان سلامتيءَ سان اُڪرائيندو رهيو. بقول هڪ نوجوان ڪئپٽن جي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪئپٽن رشيد جي جهاز تي، هڪ جونيئر نيويگيٽر هو: ”ڪئپٽن رشيد سان ڪم ڪرڻ ۾ اسين سڀ Enjoy ڪندا هئاسين، جو مشڪل وقت تي نه هو پاڻ پريشان ٿيندو هو ۽ نه اسان کي ٿيڻ ڏيندو هو. وڏيءَ همت وارو ڪئپٽن آهي. هن کي جاگرافي، تارن، سمنڊ ۽ سمنڊ جي لهرن، هوائن جي رُخن وغيره جي نه فقط ڄاڻ آهي، پر انهن مان فائدو وٺي، جهاز کي هميشه بهتر ۽ سلامتيءَ واري راهه تان اُڪارڻ جي ڏات به اٿس ته ڏانءُ به.“
    ڪئپٽن رشيد ابڙي جو جنهن فئمليءَ سان تعلق آهي، اها تعليم ۽ ادب ۾ اعليٰ مقام رکي ٿي. سندن والد صاحب سائين نور محمد ابڙو (مرحوم) ۽ ڏاڏو احمد خان صاحب شاعر ٿي گذريا آهن. سنڌ جا ناليرا شاعر سليم هالائي ۽ انور هالائي سندس سڳا چاچا آهن.
    ڪئپٽن رشيد ابڙي جهاز هلائڻ جو مٿانهون ۽ آخري امتحان 1980ع ۾ پاس ڪيو، جنهن بعد هو دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو ۽ ڪنهن به قسم جو جهاز هلائي سگهي ٿو. ان امتحان پاس ڪرڻ واري کي ”ماسٽر مئرينر“ پڻ سڏجي ٿو. ڪيترائي سال جهازن جي ڪمانڊ سنڀالڻ (يعني ڪئپٽن ٿي هلائڻ) بعد، هو جهازي آفيس ۾ جهازن ۽ انهن جي ڪئپٽنن جو آفيسر ٿي رهيو. اسان وٽ رٽائرمينٽ جي عمر سَٺ سال آهي، پر رشيد پنجاهه سالن کان به اڳ سرڪاري نوڪري ڇڏي، پنهنجو پرائيويٽ بزنس ڪري رهيو آهي. جنهن جو واسطو پڻ جهازن ۽ جهازي ڪرت سان آهي. جهاز هلائڻ ۽ جهاز سان واسطو رکندڙ ڄاڻ کان علاوه، ڪئپٽن رشيد اقتصاديات جو پڻ شاگرد رهيو آهي ۽ Economics سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي اٿس.
    ڪئپٽن رشيد، پاڪستان شپ ايجنٽس ايسوسيئيشن جو وائيس چيئرمين پڻ آهي. ان کان علاوه هو هيٺين ادارن جو ميمبر آهي:
    * ڊاڪ لئبر بورڊ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ
    * فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽريز FPCCI
    * FPCCI جي زونل ڪميٽي لاهور
    * ناٽيڪل انسٽيٽيوٽ پاڪستان/ انگليند
    * مئنيجمينٽ ڪميٽي پاڪستان شپ ايجنٽس ايسوسيئيشن
    * مئنيجمينٽ ڪميٽي ماسٽر مرينرس سوسائٽي
    ڪئپٽن رشيد ابڙو پنهنجي پراڻي ڪاليج- پيٽارو جي ڪمن ۾ پڻ دلچسپي وٺندو رهيو آهي ۽ اسان جي پيٽارين ايسوسيئيشن جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي.
    ان کان علاوه ڪئپٽن رشيد ابڙو FPCCI پورٽس ۽ شپنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين، پاڪستان سعودي بزنس ڪائونسل جو وائيس چيئرمين ۽ پاڪستان نيشنل فيري سروسز جو ڊائريڪٽر پڻ آهي.
    پاڻ پنهنجي پرائيويٽ جهازي بزنس کي منهن ڏيڻ کان علاوه ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي قسم جا سيمينار۽ ڪانفرنسون پڻ اٽيند ڪندو رهي ٿو. تازو هينئر ويجهڙائي ۾ جنيوا، سئٽزرلينڊ ۾ جيڪا انٽرنيشنل لئبر آرگنائيزيشن جي ڪانفرنس ٿي هئي، ان ۾ نمائندي (Delegate) جي حيثيت سان ويو. اُن کان اڳ جن ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ هن نمائندي جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي، انهن مان ڪجهه هي آهن:
    * IMO طرفان جهازن تي خطرناڪ قسم جي سامان کڻڻ جو سيمينار جيڪو مدراس (انڊيا) ۾ ٿيو.
    * SAARC وارن جو سيمينار جو UNESCAP وارن آرگنائيز ڪيو.
    * IGTEX وارن جي نمائش ڪولمبو، سريلنڪا
    * پاڪستان ۾ ترڪي جي گڏيل بزنس جي ڪانفرنس ۾ نمائندي جي حيثيت سان ترڪيءَ ويو.
    اهڙيءَ طرح سعودي عرب به نمائندي جي حيثيت سان گڏيل بزنس ۽ شپنگ جا سيمينار اٽينڊ ڪيائين.
    ڪئپٽن رشيد جي ٻين سٺين ڳالهين مان اها وڏي ڪاميابي ۽ ريڪارڊ قائم ڪرڻ واري ڳالهه آهي ته، هن PNSC ۾ چارٽرنگ مئنيجر جي حيثيت سان ننڍڙي عرصي ۾، پنجاهه لک ٽن ڪوئلو، ڪڻڪ، ولائتي ڀاڻ ۽ Iron Ore مختلف جهازن ذريعي مختلف ملڪن کان ٽرانسفر ڪرايا. 1992ع ۾ نارٿ اسٽار نالي هڪ جهازي ڪمپنيءَ جو بنياد رکيائين، جنهن ٻن سالن اندر هڪ سئو کان مٿي جهازن ۾ ڪڻڪ، چانور، ڀاڻ وغيره ڍوئرايو.
    ڪئپٽن رشيد جي ڄم جي تاريخ 5 جون 1949ع آهي. پاڻ 25 ڊسمبر 1971ع تي پنهنجي مامي محمد اسحاق ابڙي جي گهران شادي ڪيائين. کيس ٽي ٻار: عاطف، سدرا ۽ انجم آهن.
    الطاف شيخ


    ليکڪ جا لفظ

    سامونڊي زندگيءَ ۾ جتي گهمڻ ڦرڻ آهي، اُتي مُهم جو ئي ۽ ائڊوينچر پڻ آهي. منهنجا پڙهندڙ ملڻ وقت اڪثر اهو پڇندا آهن ته سمنڊ تي پيش آيل ڪنهن به حادثي بابت ٻڌايان.
    سامونڊي سفر هڪ ماڻهوءَ جي ”زندگيءَ“ مثل آهي، جنهن ۾ جيئن ڏک، سک، سٺا ۽ خراب ڏينهن اچن ٿا، تيئن سامونڊي سفر ۾ پڻ جتي خوشيون، گهمڻ ڦرڻ ۽ رنگينيون آهن، اُتي موسمن جون گرميون سرديون، پاڻيءَ جا لاها چاڙها، هوائن جا طوفان ۽ خاموشيون، جهاز جا لوڏا ۽ انجڻ جا دوکا پڻ موجود آهن. ان کان علاوه رستي تان ڀٽڪي وڃڻ، عملي جا بلوا ۽ هنگاما، ائنڪريج تي هفتن جا هفتا اندر بندرگاهه ۾ گهڙڻ لاءِ انتطار، اَگهايون سَگهايون ۽ ٻيا ڪيترائي حادثا ۽ حالتون پيدا ٿين ٿيون.
    منهنجي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سمنڊ جي زندگيءَ جو بهترين ۽ دلچسپ رُخ ٻڌايو وڃي، ڇو جو اسان جي قوم ايڏي گهڻي Seafaring Nation ناهي ۽ کين ا ُٿندي ئي جي اهڙن حادثن ۽ خوفن جون ڳالهيون ٻڌائبيون ته، هر ڪو هن زندگيءَ کان وَئون ويندو. اهو ائين آهي جيئن ڪو سرجن رڳو انهن مريضن جو ويهي ذڪر ڪري، جيڪي آپريشن دوران هن هٿان مري ويا هجن، نتيجي ۾ ان اسپتال يا ڊاڪٽر وٽ ڪير ايندو؟ اهڙي طرح رڳو جهازن جي حادثن ۽ سامونڊي صعوبتن جون ڳالهيون ڪبيون ته، ڪهڙو مسافر يا ماڻهو جهاز تي چڙهندو؟ ۽ جي ايندو به ته سمورو وقت پاڻ به بي چين رهندو ۽ جهاز هلائڻ وارن جو به سُک ڦٽائيندو.
    اسان جي مرچنٽ نيويءَ کي هلائڻ ۽ پنهنجا ماڻهو پيدا ڪرڻ لاءِ چٽگانگ (تڏهن جو اُڀر پاڪستان) ۾ مئرين اڪيڊمي کلي هئي. اڪيڊمي چٽگانگ شهر کان گهڻو پري خليج بنگال ۾ هڪ ٻيٽ جُلديا تي هئي. اسان ان اڪيڊمي جا شروعاتي ڪئڊٽ هئاسين. هڪ دفعي اڪيڊميءَ جي لانچ ۾ اسان جو سڄو ڪلاس چٽگانگ شهر ڏي گهمڻ لاءِ وڃي رهيو هو. رستي تي ڪرناڦلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ اوچتو موسم خراب ٿي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هوا طوفان جو روپ ڌاري سخت Cyclone بڻجي وئي. مٿان آسمان مان به پاڻي وسڻ لڳو ته هيٺ سمنڊ جي پاڻيءَ جون ڇوليون به جبلن جيڏيون ٿي ويون. خليج بنگال ۽ ڪرناڦلي نديءَ واري حصي ۾ ڄڻ قيامت اچي وئي هئي. ننڍڙيون ننڍڙيون ٻيڙيون ته اسان جي اڳيان ڀڄي ڀور ٿي رهيون هيون ۽ انهن ۾ ويٺل ماڻهو ٻچن سميت اسان جي اکين اڳيان ٻڏي رهيا هئا. اسان جي همراهن لانچ کي گهڻو ئي ڪنٽرول ۾ رکيو، پر ان جا پوڙها بنگالي ملاح به دل هاري ويٺا.
    انهن ڏينهن ۾ مون کي لڳاتار مٿي ۾ سور رهندو هو، جنهن جو چٽگانگ ۾ ڪوششن جي باوجود به Diagnosis (تشخيص) ئي نه پي ٿي سگهيو، ته ڇا کان آهي ۽ آءٌ ايڏو ته پريشان رهندو هوس جو جيئڻ کان موت کي ترجيح ٿي ڏنم. منهنجي ڀر ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ اجتبيٰ زيدي ويٺل هو. تنهن چيو: يار بچڻ جي ڪا واهي ناهي. ڪو ڪرشمو ٿئي ته ڪا ٻي ڳالهه آهي. مون چيومانس: هڪ ڏينهن مرڻو ئي آهي ۽ پوءِ ڇو نه اڄ ئي. آءٌ ته زندگيءَ مان چاهه ڪڏهن کان وڃائي ويٺو آهيان.
    ياد اٿم ته ان واويلا جي حالت ۾ اجتبيَ چيو: ”پر يار! پاڻ کي هيئن مرڻ نه کپي، جو ماڻهو سامونڊي زندگيءَ تي ان جو ڏوهه مڙهين ۽ پنهنجا پاڪستاني، جن اڃا هاڻ هن زندگيءَ طرف رخ رکيو آهي، دل هاري ويهن. اڪيڊميءَ جي هيترن ڪئڊٽن جي موت جي خبر باهه وانگر ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ اڪيڊمي ئي بند ٿي ويندي ۽ پوءِ اسان جا مال بردار جهاز گورن (انگريزن) جي ئي هٿن ۾ رهندا.“
    اڄ ان کي ويهه سال ٿي ويا آهن، گورا سڀ هليا ويا. اسان جي بئج جا ته سڀ ڪڏهوڪو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي ويا، پر ان کان پوءِ به ايترا ٿي چڪا آهن، جو پنهنجا جهاز ته پاڻ ٿا هلايون، پر اسان جا همراهه ڪن ملڪن ۽ ڪمپنين جا جهاز دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ وڏي خير خوبيءَ سان هلائي رهيا آهن ۽ اسان کي جهازي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بهترين مڃيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ گذريل ويهن سالن ۾، درپيش آيل انيڪ حادثا هاڻ ٻڌائي سگهجن ٿا. انهن مان ڪجهه قلمبند ڪري رهيو آهيان. هونءَ به هيستائين پڙهندڙن سمنڊ بابت سٺيون سٺيون ڳالهيون ايتريون ته ٻڌيون آهن، جو هي چند حادثا اٽي ۾ لوڻ برابر ثابت ٿيندا ۽ ڪو گهرو اثر نه ڇڏيندا.
    بهرحال! هن ڪتاب ۾ جهاز ۽ سمنڊ بابت پنهنجا نه، پر ٻين کي پيش آيل مختلف واقعا ڏيئي رهيو آهيان، جيڪي سمنڊ تي بلڪل عام آهن. هر واقعي جي اڳيان ڪوشش ڪري سمجهاڻيون ڏنيون اٿم، جيئن سامونڊي زندگيءَ کي غير واقف ان کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن.
    ٻي ڳالهه ته لکڻ منهنجي وندر آهي، منهنجي زندگي آهي. لکڻ کي مون روزگار جو ذريعو نه بڻايو آهي ۽ نه ئي سمجهان ٿو ته ڪنهن سنڌي ليکڪ کي لکڻ مان ڪو مالي فائدو رسيو هجي. جيل، دڙڪا، ڌمڪيون ضرور نصيب ٿيون هوندس. منهنجي ڪتابن جي قيمت جي شڪايت پڙهندڙ اڪثر مون سان ڪن ٿا. سنڌي ڪتاب مهانگا هجڻ جي شڪايت مون کي به آهي. منهنجي هر وقت اها ڪوشش رهي ٿي ته منهنجي ڪتابن جي قيمت اڃا به گهٽ رهي. سنڌي ڇپائي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ مهانگي هجڻ ڪري ۽ ايجنٽن طرفان جهجهي ڪميشن جي گهُر ڪري (جيڪا ذري گهٽ ڪتاب جي اڌ قيمت جيتري وڃو ٿئي) ڪيترائي دفعا پبلشرن کي به ماڳهين نقصان پيو هوندو. ساڳي وقت ايجنٽن سان به اهو مسئلو ٻڌجي ٿو ته هو اهي ڪتاب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ لاءِ مختلف بڪ اسٽال وارن کي ڳاٽي ٽوڙ ڪميشن ڏين ٿا، ڪتابن موڪلڻ تي خرچ ڪن ٿا، پئسن جي وصوليءَ لاءِ ڪيترائي پنڌ به ڪن ٿا ۽ ٽائيم سان گڏ ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙا ٿا ڀرن پر پوءِ به سندن ڪجهه پئسا ٻُڏي ٿا وڃن، وغيره وغيره.
    بهرحال! ان هوندي به آءٌ هر وقت پبلشرس کي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ چوندو رهان ٿو. ان هوندي ڪو ڀاءُ/ ڀيڻ سمجهي ٿو ته هو منهنجا ڪتاب نيوفيلڊس يا روشني پبليڪيشن جي معيار جهڙا ڇپائي اڃا به گهٽ قيمت ۾ پڙهندڙن تائين پهچائي سگهي ٿو ته مون کي خوشي ٿيندي ۽ هو مون سان لهه وچڙ ۾ اچي سگهي ٿو.
    پڙهندڙن جي راءِ/ تنقيد ۽ صلاح مشوري جو اوسيئڙو رهندو.

    خلوص منجهان
    الطاف شيخ


    مهاڳ

    الطاف، جنهن آفريڪا جي نوجوان نينگريءَ جي ڪاري چهري تي باک ڦٽندي ڏٺي آهي. الطاف، جنهن شاهه بلوط جي ڇانوري ۾ ٻن ڀورن انسانن کي پيار ڪندي ڏٺو آهي. الطاف، جنهن سمنڊ جي شور ۽ جهاز جي الارم ۾ ٿري ماءُ جي لولي گونجندي ٻڌي آهي. الطاف، جنهن اولهه جي ميداني علائقن ۾ شام ويلي شفق جي ڳاڙهاڻ ۾ سنڌ جي پَسُن ۽ پيرن جا رنگ نکرندي ڏٺا آهن. الطاف، جنهن اوڀر ۾ ويجهي کان سج اُڀرندي ڏٺو آهي. الطاف، جنهن بک وگهئي رم (شراب) پي، خلاصين کي ڪپتان۽ پنهنجي هڪ ساٿي خلاصيءَ جو گوشت کائيندي ته نه ڏٺو آهي، پر رنگا مٽي جهاز تي چين ولايت ويندي، لڳاتار ست ڏينهن سامونڊي لهرن ۽ طوفان سان پاڻ ۽ پنهنجي ساٿين کي مقابلو ڪندي ضرور ڏٺو آهي، سو پنهنجي ڪتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ جي ورقن مان پاڻ پَسائي، اجهو مون سان ڪچهري پيو ڪري. ڄڻ ته اڇي ٽوپي پايو ”رنگا مٽي“ جهاز جو سکاڻ پڪڙي، شارڪ مڇي ڏيکاري، پيو مشهور غوطا خور رودني فاڪس جي زخمي ٿيڻ جون ڳالهيون ٻڌائي.
    سچ پچ الطاف ڦيٿ هٿ ۾ کڻي ڌرتيءَ جي گولي کي ماپي ورتو آهي. سندس مشاهدي جي ڪئنواس تي ڇا ڇا نه آيو هوندو؟ سوچيان پيو، ڪو اهڙو منظر يا ڪو اهڙو عڪس به هوندو، جنهن الطاف جي شعور ۽ ذهن تي ڪو چٽ نه چٽيو هجي؟ الطاف جنهن به ڪاريگر جو ڪو چڱو چٽ ۽ نقش ڏٺو آهي ته، اسان سان اُن جو ذڪر دل کولي ڪيو اٿائين. هن بنگال ڏٺو آهي، جنهن لاءِ جوش مليح آبادي چيو هو ته، هڪ ڏينهن هُن هڪ بنگالڻ دوشيزه کي وهنجڻ کان پوءِ، ڪلهن تي لٽڪايل زلفن مان پاڻيءَ جا ڦڙا ڳڙندي ڏٺا هئا ۽ ان ڏينهن کان پوءِ مرحوم جوش وهنجڻ شروع ڪيو. الطاف جپان به ڏٺو آهي، جتي مون خود به ڪيوٽو ۾ شام ويلي، ڇاتيءَ ويڪرين ۽ برفاني جسمن وارين حسينائن کي سوني مندر Golden Temple وٽ، گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾، کيکڙن جا پڪوڙا کائيندي ڏٺو هو.
    ”هڪڙي خوفناڪ سفر“ ۾ مڇريل ۽ بکايل خلاصين جو جهاز جي ڪپتان ۽ هڪ پنهنجي ساٿيءَ جو گوشت، ڳجهن جيان ڳڙڪائي ڇڏڻ وارو، هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن کي پڙهڻ سان لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو وڃي. اها بک ئي آهي جيڪا انسان کي وحشي بڻائي، انسان جو رت ٿي پياري. بک جي شدت جو اهو وڏي ۾ وڏو مثال آهي. انسان کي زندهه رهڻو آهي، پوءِ ڇو نه کيس پاڻ کان ڪمزور هڪ ٻئي انسان جو گوشت کائڻو پوي.
    اسان آفريڪا جي ڏڪاريل انسانن جون انساني ڍانچي جهڙيون تصويرون ڏٺيون آهن ۽ احوال پڙهيا آهن. بکن جي اهڙي عالم ۾ جيڪڏهن بکيو پيءُ پنهنجي پٽ يا ڌيءَ جو پاڻ گوشت نه کائيندو هوندو ته، گهٽ ۾ گهٽ پيءُ پنهنجي جسم مان گوشت جا ٽڪرا ڪوري پنهنجي پٽ ۽ ڌيءَ کي ضرور آڇيندو هوندو ته، ”بابا! هي کائو.“ الطاف زندگيءَ جي اهڙن ئي حقيقي واقعن ۽ حادثن جا ترجما ڪري، پيٽ جي عالمي مسئلي جي چٽي ۽ صاف تصوير ويهي چِٽي آهي. اسان جي ٿري ۽ جابلو علائقن ۾ اڄ به انسان کي ويلن جا ويلا مانيءَ ڀور نٿو ملي. جس هجي انهن ٿري ۽ جابلو انسانن کي، جن اڃا سوڌو پنهنجي ڀاءُ يا پاڙيسريءَ جو گوشت نه چَکيو آهي.
    هتي مون کي ننڍڙائپ جو هڪ واقعو ياد اچي ويو آهي. مان وڌ ۾ وڌ يارنهن- ٻارنهن سالن جو هيس. ٻيا شڪاري ۽ خفتي ڪراڙا ۽ جوان جماڻ هئا. ڪچي ۾ سڄي رات باهيون ٻاري، اسر جو شڪار ڪيو هئوسين ۽ ڏينهن جو جهانگيلي ۽ باهڻيءَ ۾ تڙ جو شڪار ڪيو هئوسين. بک ايڏو ته بي وس ڪيو هو جو ٻوڏ کان پوءِ ڪچي ۾ تازن چڻن جي تازي پوکيل فصل جا ڀتر ۽ کڙا پاسي ڪري، چڻن جا انگور داڻا چونڊي کاڌا هئاسين.
    ساڳئي مضمون ۾ ”هوا جي بيهڻ وڃڻ“، ”پاڻيءَ مان چرپر ختم ٿي وڃڻ“، ”جهاز جو ڏينهن جا ڏينهن هڪ هنڌ ٽڪ ٻڌي بيهڻ“ وارا عمل اسان جي معلومات ۾ حيرت وجهيو ڇڏين ٿا.
    ”جنهن جا ڊگها وار تري رهيا هئا. مون هن کي وارن کان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو. هوءَ هڪ عورت هئي، جنهن پنهنجي کير پياڪ ٻار کي پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي رکيو هو.“
    هي اهي جملا آهن، جيڪي ”موت جي سفر“ مان ورتا ويا آهن. ٻڏڻ کان پوءِ به ٻارڙي کي ڇاتيءَ سان لائي رکڻ وارو فطري عمل، ”مامتا، جو هڪ لاجواب مثال آهي، جيڪو خوش قسمتيءَ سان اسان کي الطاف ئي ٻڌايو آهي.
    ”ٽونيءَ جي آواز تي سجاڳ ٿيس ته صبح ٿي چڪو هو. مون کي ٽونيءَ جو ان ريت جاڳائڻ بنهه نه وڻيو. هن مون کي اهڙي ننڊ مان کڻي سجاڳ ڪيو، جنهن ۾ نه بک جو احساس هو ۽ نه اُڃ جي پيڙا.“
    بک جي احساس ۽ اُڃ جي پيڙا جي خوبصورت تصوير چٽيل آهي. ڏڪارين ۽ ڦرلٽ هٺيلن جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ آهي. الطاف جا مٿيان جملا ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا آهن، وري وري پڙهڻ جوڳا آهن.
    ”سانباهو سموند جو“ جي مهاڳ ۾ اسان جي سڄاڻ ڌرتيءَ ڄائيءَ ڀيڻ نورالهديٰ شاهه لکيو آهي:
    ”الطاف پنهنجي اندر جي ڪيفيتن کي ضرور ظاهر ڪري ٿو، پر هڪ پرچارڪ جي انداز ۾ ۽ ذاتي تجربن جي اظهار کان ڄڻ لنوائي وڃي ٿو. نتيجي ۾ الطاف جا سفرناما هاڻي هن اسٽيج تي ورجاءِ جو شڪار ٿيڻ لڳا آهن.“
    الطاف جي سفرنامي ”جاني ته جهاز ۾“ جو مهاڳ لڳندي، زبيده ميتلو لکيو آهي:
    ”ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن کي چوندو ٻڌم ته، الطاف شيخ جي لکت ۾ تخليق جو عمل بلڪل ڪونهي. رڳو ملڪن جي رپورٽ جون جهلڪيون آهن.“
    زبيده، الطاف جو دفاع ڪندي لکيو آهي ته تخليق کي ٻيا ڪهڙا سونا سڱ هوندا آهن؟ ڇا ٻوليءَ جي پختگي، لکت ۾ ڏانءَ ۽ ڏاهپ جو لاڙو، جنون جو جمال تخليق ناهي ٿيندي؟
    مون به سوچيو هو ته ٻولي، گرامر، اصطلاحن ۽ جملن جي غلط استعمال جا مثال ڏيئي الطاف کي ”رنگ“ ۾ ڦاسائي، ٻه چار جڊو- ڪراٽي جا داءَ ڪيان، پر ائين نه ڪري سگهيس. ان ڪري نه ته هو مون کان وڌيڪ طاقتور ۽ چوبڪو پهلوان آهي، پر هيٺين حقيقتن ڪري:
    ”وايون وڻجارن جون“ جي منڍ ۾ الطاف پنهنجين اهڙين اوڻاين جو ذڪر به ڪيو آهي ته اعتراف به. ان ڏس ۾ مان چوندس ته الطاف جون اهي نالي ماتر خاميون ۽ اوڻايون سندس لکڻين جي تخليقي عمل تي ڪڏهن به اثرانداز نٿيون ٿي سگهن. سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح، الطاف جي ڏات ۽ ڏانوَ واريءَ سهاڳڻ جي چُنيءَ تي تخليقي عمل جا ٿورا گهڻا چٽ ضرور آهن.
    اسان جي سڄاڻ محقق ۽ سنڌي ٻوليءَ جي عاشق سائين ڊاڪٽر غلام علي الانا ”ڳالهيون تنهن جپان جون“ جي مهاڳ ۾ الطاف کي ڏنل ادبي حيثيت ۽ اهميت پڙهي وڌيڪ ٿڌو ٿي ويس.
    ”بندر بازاريون“ جون مهاڳ لکندي سدا حيات جانيئڙي امر جليل لکيو آهي:
    الطاف شيخ جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آهي، تنهن ڪري هو دنيا جي جنهن به حصي ۾ ويندو آهي، اُتي سنڌي سٻاجهڙن جي ڳولا ڪندو آهي.“
    وري لکي ٿو:
    الطاف شيخ ڪولمبس ناهي، پر هن ڪولمبس کان وڌيڪ سفر ڪيو آهي.“
    سندس ڪتاب ”ارائونڊ دي ورلڊ“ بابت پيارو ليکڪ حميد سنڌي لکي ٿو:
    جيتوڻيڪ سندس پهريان سفرناما حياتيءَ جي ڪن رُخن کان خالي ٿا ڏسجن، پر هن سفرنامي ۾ سندس نظر چوڌاري ۽ گهري آهي. مون کي ته هن سفرنامي ۾ الطاف اڳي کان وڌيڪ گنڀير ۽ سندس لکڻي فڪر انگيز ٿي لڳي.“
    بس، الطاف ۽ الطاف جي لکڻين بابت اسان جي سڄاڻ مٿين ليکڪن جي مهاڳ پڙهڻ کان پوءِ الطاف تان منهنجي ڪاوڙ به ختم ٿي وئي. الطاف پاڻ به ته ايڏو مٺو ۽ محبتي يار آهي، جو مٿس ڪاوڙ ڪرڻ به ته اخلاقي گناهه آهي.
    ”ڏکڻ سمنڊ جي هڪ تعجب خيز ڳالهه“، ” جهونپڙي“، ”سرناس“ ۽ سندس ساٿارين جو خوفناڪ سمنڊ جهاڳي تختن مقان جوڙيل ٻيڙيءَ وسيلي، پولاپ ٻيٽ کان ترڪ ٻيٽ ڏانهن وڃڻ، جستجوءَ جي علامت جو پيارو مثال آهي. جهاز کي ويجهو ڏسي، همراهن نه دانهن ڪئي نه وري ڪنهن به قسم جي مدد لاءِ پُڪاريو. هو جهاز تي سوار ٿيڻ لاءِ تيار ئي تڏهن ٿيا، جڏهن جهاز جي ڪپتان سندن ٻيڙيءَ سوڌو جهاز تي سوار ٿيڻ وارو شرط مڃيو. ڦٽن جي پيڙا ۽ بک لاءِ سوچڻ جي بجاءِ ناکئي سرناس سميت، سڀني ملاحن جو پنهنجيءَ ڀڳل ٽٽل ٻيڙيءَ مان پاڻ ڪڍڻ، سڙهه سڪائڻ، ڦاٽل سڙهه سبي ساڄا ڪرڻ، ناريل مان ٺهيل رسا ڇڪي ٻڌڻ واري جدوجهد ثابت ٿي ڪري ته، سندن هٿن سان جوڙيل سندن ٻيڙي، کين ڪيڏي نه پياري هئي. جيئڻ لاءِ جهيڙڻ واري عمل ۾، هنن لاءِ اُها ننڍڙي ٻيڙي ڪنهن به وڏي جهاز کان گهٽ نه هئي.
    الطاف سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اسان کي ڇا ڇا نه چيو آڇي؟ الطاف اهو وڻجارو آهي، جنهن وٽ وکر ڍيرئون ڍير آهن. جيڪو ولايت مان هر وڻج ۽ وڙ جون ٻوريون ۽ خرزينون ڀري اچي ٿو. بنا اگهه- پار ڳالهائڻ جي اسان اڳيان کوڙ ڪري، ڀل ته هو ڪيترو به محصول ۽ قيمت ادا ڪري اسان وٽ پهچي، پر اسان کي وڙ وڙ جو وکر بنا ملهه پيو آڇي.
    الطاف جي لکڻين مان تخليقي عمل مينهن جي گُوهن وانگر وهندو نظر اچي ها، جيڪڏهن هو واسطو رکندڙ ملڪ جي سماجي تاريخ، ثقافتي، اقتصادي حالتن، مسئلن ۽ ادبي لاڙن ۽ رُخن جو ڳوڙهو ۽ ڀرپور مطالعو ۽ مشق ڪري پوءِ ويهي ڪتاب لکي ها. پوءِ ڇو نه هو ٽن ڪتابن جي جاءِ تي هڪ ڪتاب ڏئي ها. تنهن هوندي به مان ائين چوندس ته، هن جو به وکر وهايو آهي، سو پَئي پراڻو نه ٿيندو.
    آئرلينڊ جي ڪناري ڀرسان آمريڪي جهاز ”لوسيتانيا“ جي ٻڏڻ واري ڀيانڪ منظر جو اهڙو ته سُريلو ۽ سيبائيندڙ ترجمو ٿيل آهي، جو ان لکڻيءَ کان متاثر ٿي مون کي چوڻو ٿو پوي ته الطاف فقط اسان جو آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي جو.
    هن حادثي کي پڙهڻ کان پوءِ مان سوچيان ٿو ته هزارين ماڻهن کي سمنڊ ۾ ٻڏندو ڏسي، جرمن ڪپتان ”سويگر“ کي جا خوشي ٿي هوندي، ان جو به جواب ناهي.
    ”مرندي مرندي بچڻ“ ۾ الطاف لکيو آهي:
    ”...... انهيءَ علائقي ۾ مان اڪيلو ٿي پيس ۽ قاعدا قانون ٺاهڻ واري شارڪ هئي.“
    شارڪ جي سمنڊ تي حڪمراني، سندس دٻدٻو ۽ انسان جي مجبوري ۽ بي وسيءَ جا ڪهڙا نه عمدا ۽ سچا عڪس آهن.
    ”لکين سج لهي ويا، کيڙيندي کارو“ جي تعارفي حصي ۾ الطاف اسان کي ظلم ۽ استحصالي قوتن جي ڪردار واريون اهڙيون ته ڳالهيون ٻڌايون آهن، جيڪي جيتوڻيڪ اسان جون ٻڌل ۽ پڙهيل به آهن، تڏهن به ڇرڪائي ٿيون ڇڏين. ظلم ۽ ظالم، پيڙڻ ۽ پيڙيندڙن جي غير انساني عمل خلاف آواز اُٿارڻ لاءِ الطاف جون اهي ڳالهيون اسان جي قلم ۾ قوت ۽ آواز ۾ سگهه ٿيون پيدا ڪن.
    آفريڪا جي ڏڪاريل ۽ پٺتي پيل ملڪن مان غلامن جا ٽولن جا ٽولا خريد ڪري اچڻ، غلامن ۽ قيدين جا چپون هلائڻ، سندن اگهاڙين پٺين تي چهبڪ وسائڻ، بکيا هجن توڙي ڏکيا، پر جهاز ضرور هلائين. مالڪن، جهازن ۽ ڇاڙتن جي ظلمن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ، هوڏانهن وري انهن ستايل غلامن ۽ قيدين جا بلوا ڪري جهاز جي مالڪن ۽ سندن ڇاڙتن کي ماري سندن گوشت کائي ڇڏڻ وارا اوائلي واقعا، الطاف جي ڪتاب ۽ سندس لکڻين کي امر بڻائڻ وارا واقعا ۽ حادثا آهن. اسان کي خبر ٿي پوي ته جهازن کي جڏهن انجڻين سان نه پر چَپُن ۽ سڙهن وسيلي هلايو ويندو هو، تڏهن هڪ طاقتور انسان، ٻئي مجبورَ انسان سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندو هو؟.
    ڪنهن به تخليقڪار جي تخليق جو تنقيدي جائزو وٺندي، ڏسڻو اهو آهي ته ليکڪ ادب ۽ زندگيءَ جي جديد تقاضائن ۽ لاڙن سان ٺهڪندڙ، اسان کي ڪهڙيون شيون ڏنيون آهن. وقت ۽ ماحول جي ڪهڙي ڳالهه ڪهڙي انداز سان ڪئي اٿائين؟ ڪهڙو نئون گس ۽ ڪهڙي نئين لاٽ ٻاري اٿائين؟ هن ڪنهن مخصوص ٽولي يا گروهه لاءِ ڪو پرچارڪ مواد ته نه ڏنو آهي؟ سندس لکڻين ۾ ڪيڏي وسعت ۽ نواڻ آهي؟ پراڻين ڳالهين جي ورجاءِ کان ئي سندس ادبي کيت ۾ ڪهڙا تخليقي عمل جا گل کڙيل آهن؟ هن ڊپلوميسيءَ کان ڪم ورتو آهي يا ڪنهن سان جانبدار رهيو آهي؟.
    الطاف جي شروعاتي سفرنامن ۾ تخليقي عمل بيشڪ گهٽ ٿو ملي، مگر وقت گذرڻ سان هو ان غير تخيلقي ڌٻڻ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين سوڀارو ٿيو آهي. مون ٺري ويل خاڪ هٽائي، چڱيءَ طرح ڏٺو آهي ته، الطاف جي تخليقي آويءَ مان تازا تيار ٿيل گهڙا اڳ وارن گهڙن کان نه رڳو سٺا پڪل آهن، پر مٿن اُڪريل چٽ به موهيندڙ آهي. ڀٽائي ويندي ويندي اهڙن سامونڊي وڻجارن لاءِ تڏهن ته چيو هو:
    ”ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏئي،
    تن سپون سوجهي ڪڍيون پاتاران پيهي،
    پسندا سي ئي، اَملهه اکڙين سين.“
    (شاهه)
    تاجل بيوس


    انسان ۽ سمنڊ

    سمونڊ جو منهنجي زندگيءَ تي تمام گهڻو اثر رهيو آهي، ان جو تصور ئي منهنجي لاءِ اتساهه پيدا ڪندڙ آهي. مون ڪيترو ئي وقت سمنڊ ڪناري ويهي، مست ڇولين کي ڏسندي من پرڀايو آهي. سياري جي سرد راتين ۾ سمنڊ جي ڪناري، عابده پروين جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ”گهڙولي“ ٻڌي آهي. مان انسان جي سيني ۽ وشال سمنڊ جي ڀيٽ ڪندو آهيان، جن جي اندر سوين طوفان لڪل هوندا آهن ۽ جڏهن اُهي طوفان اُٿندا آهن ته هر شيءِ کي لوڙهي ويندا آهن.
    ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ کان وٺي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهيا اٿم. سندن سفرنامن سان منهنجي چاهه جو بنيادي ڪارڻ اهو ئي سمنڊ آهي. سندس سفرنامن ۾ سمنڊ جون ڳالهيون پڙهي مون کي آسيس ملندي رهي آهي. سڀ ڪم ڇڏي، سندس ڪتاب پڙهندو آهيان، جن ۾ ديس ديس جون دلچسپ ڳالهيون، معلومات، مزي وارا جملا، تشبيهون ۽ حسن جو ذڪر هوندو آهي.
    الطاف جڏهن ڪجهه لکڻ لاءِ ڪتاب جو مسودو مون کي ڏنو، تڏهن اتفاق سان مون کي هڪ ٽي وي پروگرام لاءِ، ماهيگيرن جي زندگيءَ بابت فلم ٺاهيندڙ ٽيم سان گڏ سمند ۾ وڃڻو پيو. رات جو ئي مون مسودي جو جائزو ورتو، جنهن ۾ سامونڊي حادثن جون ڪهاڻيون ڏنل آهن. ٻئي ڏينهن اسان هڪ ننڍڙي موٽر بوٽ ۾ سوار ٿي، ٽي چار ميل سمنڊ اندر نڪري وياسين. اڄڪلهه سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سمنڊ ماٺو آهي، پر اسان جي بوٽ جيئن جيئن ڪناري کان پري ٿيندي وئي، ڇولين جو ڇوهه وڌندو ويو. اسان ڇولين جي رُخ طرف وڃي رهيا هئاسين ۽ جيئن ئي هڪ ڇولي گذرڻ سان ٻي ڇولي پهتي ٿي، بوٽ ”ڇپاڪ“ جي آواز سان پاڻيءَ سان ٽڪرائي ٿي. جيڪڏهن ڇوليون بوٽ جي پاسي ۾ ٽڪرائجن ها ته، اها ضرور اونڌي ٿي پوي ها. ان وقت منهنجي ذهن ۾ الطاف جي هن ڪتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ جا ڪجهه واقعا ذهن تي تري آيا ۽ مون پاڻ کي به هڪ اهڙو ئي ڪردار تصور ڪيو. ان وقت مون کي عجيب سڪون محسوس ٿيو. مست ڇولين کي مون پاٻوهه مان ڇهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. پورا ٽي ڪلاڪ اسان ان سمنڊ ۾ شوٽنگ ڪندي گذاريا. (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ هڪ بوٽ ۾ ٽي ڪلاڪ گذارڻ پهريون تجربو هو).
    مٿي ٻڌايو اٿم ته هن ڪتاب ۾ سمنڊ جي طوفانن ۽ حادثن جون ڪهاڻيون ڏنل آهن. الطاف شيخ جي پڙهندڙن کيس خط لکيا هئا ته، هو سندس سامونڊي زندگيءَ ۾ ساڻس پيش آيل حادثن ۽ تڪليفن تي به ڪجهه لکي، پر جيئن ته سامونڊي زندگيءَ ۾ اسان اڃا قدم رکي رهيا هئاسين ۽ اسان جو ملڪ ۽ ماڻهو جپانين ۽ انگريزن وانگر Seafaring ناهي، تنهن ڪري کين سامونڊي زندگيءَ جي خوفائتن واقعن ٻڌائڻ سان اَرهي ڪرڻ بجاءِ هن هميشه سامونڊي زندگيءَ جو بهتر ۽ دلچسپ رُخ پئي ڏنو آهي. اها حقيقت آهي ته پنهنجي دلچسپ تحريرن سان هن سامونڊي زندگيءَ لاءِ ماڻهن جو چاهه وڌايو آهي، پر خوفائتن واقعن نه ٻڌائڻ وارو نظريو ايترو مناسب ناهي. اهڙا واقعا ٻڌائڻ گهرجن، جيئن ماڻهن ۾ ڏکاين کي منهن ڏيڻ جو جذبو پيدا ٿئي ۽ هو ذهني طرح هر ڳالهه لاءِ تيار رهن. اها زندگي ڪهڙي جنهن ۾ خطرا نه هجن؟ خطرن کي منهن ڏيڻ ئي زندگيءَ جو رومان آهي. مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي مان اردو ڊائجيسٽ ۾ اهڙا واقعا دلچسپيءَ سان پڙهندو هوس، جن ۾ سامونڊي جهاز ڪنهن طوفان يا ٽارپيڊو جو شڪار ٿي تباهه ٿي ويندا هئا ۽ ان جا مسافر ٻيڙين ۾ بُک ۽ اُڃ جو مقابلو ڪندي منزل تي پهچندا هئا، يا ڪنهن شارڪ مڇيءَ جو کاڄ ٿي ويندا هئا. تڏهن مان سوچيندو هئس ته، سنڌيءَ ۾ اهڙيون ڪهاڻيون ڇو نه آهن؟ سچي ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌي لٽريچر ۽ ائڊوينچر بابت نه هئڻ جي برابر لکيو ويو آهي. مان ان لاءِ اديبن کي ڏوهه نٿو ڏيان، ڇو ته هن سماج ۾ زندهه رهڻ ۽ پنهنجي ۽ قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ ئي وڏو ائنڊوينچر آهي.
    بهرحال! هيءُ ڪتاب، جنهن ۾ الطاف ٻين کي پيشي آيل سامونڊي حادثن جون ڪهاڻيون ڏنيون آهن، هڪ سٺو قدم آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهڻ گهرجي.
    الطاف پاڻ چوي ٿو: ”سامونڊي سفر هڪ ماڻهوءَ جي زندگيءَ وانگر آهي، جنهن ۾ کل خوشي به آهي ته، ڏک ڏاکڙا به.“ تنهن ڪري اسان لاءِ ڏک ڏاکڙا پار ڪرڻ لاءِ ذهني سکيا حاصل ڪرڻ به ضروري آهي ۽ اهو ڪم الطاف پنهنجي فنڪاراڻي قلم سان ڪري سگهي ٿو، جيئن هن ڪتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ ۾ واقعن کي اهڙيءَ طرح پيش ڪيو آهي، جو پڙهندڙ کي محسوس ٿيندو، ڄڻ هو به ان واقعي جو هڪ ڪردار آهي. ان سان هو خطرن کي منهن ڏيڻ جي سکيا حاصل ڪري سگهي ٿو. اها ئي ڪتاب جي خصوصيت آهي پڙهندڙن جي سولائيءَ لاءِ الطاف هر ڪهاڻيءَ جي منڍ ۾ سمجهاڻي ڏئي، کين اصل ماحول ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪهاڻين جي عنوان لاءِ شعرن جي چونڊ، ڪتاب کي اڃا به دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي.
    ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻين ۾ فنڪاراڻي Touches ڏئي جنگ جي تباهڪاري، بيٺڪيت ۽ غلاميءَ کي نندڻ سان گڏ، الطاف خوبصورت نموني تاريخ جا ڪجهه حوالا به ڏنا آهن. مون کي يقين آهي ته هن ڪتاب جا پڙهندڙ الطاف جي ٻين ڪتابن جيترو ئي مزو ماڻيندا ۽ ڪجهه پرائيندا.
    نصير اعجاز


    ڪجهه مون پاران

    يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ڪراچي سينٽر جي طرفان سنڌ جي مختلف شهرن جي لئبريرين جو هڪ ڏهه ڏينهن جو سيمينار تربيت ڏنو ويو هو ۽ 21 ڊسمبر 1982ع تي ان جو افتتاح هو. ان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ حيدرآباد مان ڪراچيءَ وئي هيس. انتظام لياقت نيشنل لئبريري جي عمارت ۾ ڪيل هو. افتتاحي تقريب کان پوءِ مهمانن لاءِ رسيپشن به هئي. مهمان چانهه بسڪيٽ کائڻ کان پوءِ گهڻا تڻا هليا ويا هئا. مان اتي ئي هئس، جو پهرئين سيشن جي صدارت به ڪرڻي هئي. اُتي ڳالهين ۾ مشغول هئس ته، دروازي کان هڪ ڄاتل سڃاتل صورت پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم. هٿ ۾ ڪجهه ڪتاب ۽ منهن تي مُرڪ، قدم ٿورا تڪڙا، ويجهو آيو ته ڏٺم، الطاف هو. سلام دعا ٿي. پڇيومانس: هتي ڪيئن؟ چيائين: ”نوان ڪتاب ڇپيا آهن. انهن جون ڪاپيون ڪاپي رائيٽ لاءِ لائبريري ۾ ڏيڻ آيو هوس.“ ڏاڍي خوشي ٿي. چيومانس ڪتابن تي ڪجهه لکي ته ڏيو. بهرحال! ڪتاب ڏيندي چيائين: هڪ ڪتاب پريس ۾ اٿم، مواد توهان کي موڪلي ٿو ڏيان. پيش لفظ ته لکي ڏجو.
    ”حاضر“ کيس اهو نه ٻڌايم ته سندس ڪتاب لاءِ پيش لفظ پاڻ لاءِ اعزاز پئي ڀانيم.
    الطاف سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ هڪ لحاظ کان ته بلڪل واجبي آهي، جو ان کان اڳ صرف هڪ دفعو سنڌي عورت ڪانفرنس ۾ ملاقات ٿي هئي، سا به بلڪل مختصر. پاڻ ئي اچي تعارف ڪرايو هئائين ۽ مستوران (سندس گهرواريءَ) سان گڏ تصويرون ورتيون هئائين. پنهنجي اٿڻيءَ ويهڻيءَ ۽ هلت چلت ۾ بلڪل سنئون سڌو ۽ طور طريقن ۾ Matter of Fact وارو طريقه ڪار. اها شايد سندس طبيعت جي بنيادي خصوصيت هجي يا سندس پيشي جي تقاضا. پر مون ان فنڪشن ۾ به کيس ائين وقت وڃائيندو محسوس ڪو نه ڪيو. ڏٺم پئي ته هن بڪ اسٽالن تي چڪر پئي هنيان ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن ۽ مون جهڙن اڻ ڄاتن سان به واقفيت پئي ڪيائين ۽ فنڪشن جا فوٽو به پئي ورتائين.
    هونئن ليکڪ ۽ پڙهندڙن جي حيثيت سان الطاف ۽ منهنجو ناتو پراڻو آهي. الطاف جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان پڙهيو اٿمانس. هن کان اڳ سندس تحرير کي ڪڏهن تنقيدي نظر سان نه ڏٺم، جو سندس تحريرون عام پڙهندڙ لاءِ معلومات ۽ دنيا جي ڏورانهين ملڪن جي دلچسپ قصن جا خزانا کنيو اچن. سندس لکت تمام شگفته ۽ اتساهه ڏياريندڙ آهي.
    اها ڳالهه نه رڳو مان، پر هر پڙهندڙ محسوس ڪندو هوندو. ڪنهن به واقعي کي بيان ڪرڻ مهل الطاف ان جو پس منظر، پيش منظر، تاريخ جاگرافي ۽ تمام جزئيات اهڙي ته پيرائتي ۽ اثرائتي نموني سان پيش ڪري ٿو، جو پڙهندڙ جو تحرير کان علاوه، سندس ذهانت ۽ معلومات کان اثر نه وٺڻ ممڪن نه آهي. انهن سڀني ڳالهين کي بيان ڪندي، هن ۾ ڪو ڏيکاءُ نه ٿو محسوس ٿئي. لڳندو آهي ته ليکڪ پاڻ ان ماحول جو هڪ جُز آهي.
    سندس لکت ۽ بيان ۾ انهن سڀني خصوصيات جو موجود هئڻ ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته کيس پنهنجي ڪم سان عشق آهي ۽ ان کان وڌيڪ عشق ان ڳالهه سان ته هو انهن سڀني تجربن ۾ اسان۽ توهان کي به شامل ڪري.
    هن مهل تائين سنڌ جا الائي ڪيترا ماڻهو دنيا جي ڪهڙي ڪُنڊ ۾ نه ويا هوندا، پر ڪنهن به سنڌي اديب سفرنامي واري صنف کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪا به اهڙي شعوري ڪوشش نه ڪئي هوندي، جهڙي ڪوشش لاشعوري طور تي الطاف ڪري رهيو آهي.
    شروع ۾ هن محض ڪجهه تجربا ئي بيان ڪرڻ چاهيا هوندا، پر پوءِ هر سفر کان پوءِ ڪتاب (اهڙي طرح سفر ۽ ڪتاب..... سفر ۽ ڪتاب... ۽ الله ڪري ته سلسلو جاري رهي) جنهن جو سلسلو اڃا جاري آهي. اهڙي ته تيزيءَ سان سفرنامن جي لسٽ ۾ اضافو ڪيو آهي، جو سندباز وارو رڪارڊ ته ڪڏهوڪو ٽٽي چڪو هوندو، بلڪه هن پنهنجا ڪيئي رڪارڊ قائم ڪرائي ڇڏيا هوندا. البت سندباد جي مقابلي ۾ الطاف جا سفر هيبتناڪ، دهشتناڪ ۽ خوفناڪ نه پر خوشگوار ۽ دلچسپ رهيا.
    الطاف شيخ جا ايڪويهه ڪتاب پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ جيستائين هي ڪتاب توهان تائين پهچي، ٿي سگهي ٿو ته پنج کن ٻيا ڪتاب به ڇپجي اچن، ڇو جو جنهن رفتار سان الطاف لکي ٿو، ۽ وري ڇپائڻ لاءِ ڪوشان ٿئي ٿو، تنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته رفتار روز بروز وڌندي، گهٽبي نه.
    زير نظر ڪتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ الطاف جي لکيل ٻين ڪتابن کان موضوع جي اعتبار کان ان لحاظ کان مختلف آهي، جو سفرناما ته ان ۾ به بيان ڪيل آهن، پر اهي سفر سندس عمدن سفرن جي ڀيٽ ۾ خوف ڏياريندڙ آهن.
    هن کان اڳ جيترا ڪتاب پڙهيا اٿئون، تن ۾ ته سامونڊي سفر ۾ اهڙو ته حسين، دلڪش ۽ خوشگوار بيان ڪيو ويو آهي، جو ڀانءِ ته اڄ ئي جهاز جي ٽڪيٽ کڻي وٺجي. پر هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ شايد هڪ لمحي لاءِ ڪو سوچڻ تي مجبور ٿي پوي ته، نه ٻيلي! سامونڊي سفر ڪو صفا سهنجو به ناهي. انهن خوفائتن سفرن بيان ڪرڻ جو الطاف وٽ هڪ سبب آهي. جيئن پڙهندڙن کي هُن سامونڊي سفر جو خوشگوار پهلو ڏيکاريو آهي، تيئن کين اهو به ٻڌايو وڃي ته سفر کڻي ڪهڙو به هجي، پر ان ۾ Risk بهرحال آهي ۽ سامونڊي سفر ان معاملي ۾ ڪجهه اڳڀرو ئي ڏسجي ٿو.
    انهن سڀني واقعات کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ الطاف جيڪا هڪ تمام سٺي ڪوشش ڪئي آهي، سا آهي ٽيڪنيڪل اصطلاحات جي وضاحت. هونئن جي اهي اصطلاحات يا اکر جيئن جو تيئن رکجن ته شايد پڙهندڙن جي انهماڪ تي ڪو به اثر نه پوي، پر انهن جي وضاحت هر پڙهندڙ لاءِ لفظن ۽ Trerms کي ايترو ته سولو ڪري ڇڏيو آهي، جو هر واقعي ۽ واسطي سان واسطو رکندڙ اصطلاحات، پڙهندڙ مزو وٺي پڙهندو ۽ سمجهندو.
    الطاف جي اها شعوري ڪوشش ان ڪري به قابل تعريف آهي، جو اهو اضافو سندس تحرير ۽ بيان کي وڌيڪ مقصدي بڻائي ٿو. محسوس ٿو ٿئي ته ليکڪ آڏو پڙهندڙن جو هڪ تعداد آهي، جن کي هو پنهنجي وس آهر هر معلومات مهيا ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙي نموني عام پڙهندڙ سان گڏوگڏ هر اهو ماڻهو، جيڪو سامونڊي سفر ۾ خاص دلچسپي رکندو هوندو، تنهن لاءِ به وڏي مدد ملي ٿي.
    جيستائين انداز بيان آهي، الطاف اڳي کان اڳرو پيو ڀانئجي. ٻوليءَ تي سندس عبور چڱي کان چڱي ليکڪ سان ڀيٽي سگهجي ٿو.
    ڪتاب پڙهڻ مهل ذهن ۾ هڪ خيال جيڪو اُڀري ٿو، سو اهو ته جنهن به ڪتاب هڪ دفعو هٿ ۾ کنيو، سو ان کي پوري ڪرڻ کان سواءِ مشڪل ڇڏي، جو ڪتاب ۾ جيڪي قصا بيان ڪيا ويا آهن، سي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان دلچسپيءَ ۽ تجسس جو جُز رکن ٿا ۽ پڙهندڙ لاءِ ان ۾ وڏي ڪشش آهي.
    آخر ۾ مان چوڻ چاهينديس ته الله ڪري ته الطاف جي سفر ڪرڻ ۽ سفرناما لکڻ جي اسپيڊ ايتري ته وڌي جو هلندڙ سال ۾ ئي هو پنهنجن ڇپيل ڪتابن جي سينچري مڪمل ڪري.
    سڪ مان
    مهتاب اڪبر راشدي


    ٽائٽانڪ اي ڀلا ڇو؟

    ڇا ٽائٽانڪ جهاز سامونڊي تواريخ ۾ پهريون جهاز هو جيڪو ٻڏو؟ نه، هرگز نه.
    ڇا ٽائٽانڪ کان اڳ يا پوءِ ڪو به جهاز نه ٻڏو آهي؟ ڪيترائي ٻڏا آهن ۽ اڄ تائين ٻڏندا اچن.
    ته پوءِ ڀلا ٽائٽانڪ جهاز جي حادثي تي ايڏي واويلا ڇو؟ ٽائٽانڪ کي ايڏي اهميت ڇو ڏني وئي، جو ان جي ٻڏڻ کان پوءِ جهازن ۽ مسافرن جي سلامتيءَ جو سختيءَ سان خيال رکڻ لاءِ ڪيترائي اُپاءَ ورتا ويا. ورلڊ مئري ٽائيم يونيورسٽي ماملو (سئيڊن) ۾ M.Sc ڪرڻ وقت هڪ اهڙو به اسان جو سبجيڪٽ هو، جنهن ۾ حادثي هيٺ آيل جهاز تي بحث مباحثو هلندو هو. ٽائٽانڪ جهاز جي Case Study مهل انگريز پروفيسر الڊرٽن کي ڏاڍيون خارون اينديون هيون. چوندو هو ٽائٽانڪ کان وڌيڪ ٻيا اهم جهاز ۽ حادثا آهن، پر هن جهاز جي حادثي کي اهم بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار پريس وارن جو آهي ۽ اخبار وارن کي ان کي گهڻي اهميت ان ڪري ڏني، جو هن جهاز ۾ ٻڏي وڃڻ وارا دنيا جا امير ۽ اهم ماڻهو هئا. آفريڪا جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ پنجاهه مزدور مري وڃن ته، اخبار جي آخري صفحي تي ٽن سٽن جي هڪ ڪالمي خبر ايندي، سا به اخبار ۾ جاءِ بچي ته. ان جاءِ تي انگلينڊ جي پرائيم منسٽر جان ميجر يا اٽليءَ جي فلم ائڪٽريس صوفيه لارين جو رستي ۾ هلندي پير ترڪڻ ڪري موت ٿي پوي ته، اخبار جي نه فقط پهرين صفحي تي خبر اچي وڃي، پر لندن ۽ روم جون گهٽيون صاف رکڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ بل پاس ٿي وڃن.
    بهرحال! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، ٻڏي ويل مسافرن جو وڏو تعداد امير ماڻهن جو هو. غريب غربي جو نه هو، پر ان کان علاوه ٻيون به ڪجهه ڳالهيون آهن، جيڪي ٽائٽانڪ جهاز جي حادثي کي اهم بنائين ٿيون.
    مسافر جهاز هونءَ به عام جهازن کان بهتر نموني سان ٺهن ٿا. منجهن Safety Factor (سلامتيءَ جو درجو) وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ هي جهاز ته ان دور ۾ ٺهندڙ ٻين پئسينجر جهازن کان تمام مضبوط ۽ سلامتيءَ وارو ٺاهيو ويو هو. ايتري قدر جو هن جهاز کي Unsinkable جو لقب ڏنو ويو هو. يعني ان کي اهڙي نموني سان Buoyancy Tank وغيره ٺاهيو ويو هو، جو جهاز کي اونڌو ڪري هيٺ ٻوڙيو وڃي ها، ته به مٿي اپڙي سمنڊ جي مٿاڇري تي تري ها. (اهو ائين آهي جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي پٺ سان هوا سان ڀريل وڏو ڦوڪڻو ٻڌي ڇڏجي. پوءِ ظاهر آهي ته هن کي پاڻيءَ ۾ زور ڏئي اندر ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪبي ته به هو مٿي تري ايندو).
    انهن ڏينهن ۾ پئسي وارن ماڻهن کي جهاز ۾ چڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر کين ۽ سندن دوستن عزيزن کي اهو ڊپ ٿيندو هو ته، ڪٿي جهاز ٻڏي نه وڃي. اهڙي Scenario (تناظر) ۾ ٽائٽانڪ جهاز جي ٺهڻ وارن ڏينهن ۾ ئي سڀني کي ٻڌايو ويو هو ته، انگلينڊ جي جهازي ڪمپني هڪ اهڙو جهاز ٺاهي رهي آهي، جيڪو ٻوڙڻ سان به نه ٻڏندو. نتيجي ۾ هن جي Maiden Voyage (پهرين سفر) ۾ ئي دنيا جا اهم ماڻهو چڙهي پيا ۽ مڃون ٿا ته جهازن جا حادثا ٿيندا رهن ٿا. گهڻو ڪري تڏهن جڏهن جهاز پراڻا ٿين ٿا يا انهن جهازن جا گهڻا حادثا ٿين ٿا، جيڪي سادي مال مان ٺاهيا وڃن ٿا، پر هن جهاز سان اهي ڳالهيون هرگز لاڳو نه هيون. جهاز سال به پراڻو نه هو. بلڪه پهرين Voyage (سفر) تي ئي حادثي جو شڪار ٿي، ٻڏي ويو هو. جهاز تمام سٺي مٽيريل مان ٺاهيو ويو هو. هر شيءِ اوچي کان اوچي استعمال ٿيل هئي، پر هن جهاز ۽ ان ۾ چڙهيل مسافرن جي قسمت ئي اهڙي هئي جو غلط نموني سان سامان رکڻ ڪري اُٿلڻ يا ڪنهن ٻئي جهاز سان ٽڪرائجڻ بدران، هڪ برف جي ڇپ (Ice berg) سان وڃي لڳو.


    برف جون ڇپون Ice berg

    دنيا جي اتر قطب (توڙي ڏکڻ قطب) ڏي جيترو ويجهو وڃبو، اوترو گهڻي ٿڌ ملندي. آخر اهڙو هنڌ شروع ٿي ويندو، جتان کان وڌيڪ اڳيان سخت سيءَ ڪري سڄو سمنڊ برف وانگر ڄميل ملندو. اونهاري جي موسم ۾ سمنڊ جا ڪجهه برفاني حصا باقي کان ڇڄي ڌار ٿي، پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳندا آهن. اتر ناروي ۽ ڪئناڊا پاسي جهاز هلائيندي برف جون اهي ڇپون (آئيس برگ) نظر اينديون آهن. اهي آئيس برگ ڪافي وڏا ٿين ٿا. ڪي ڪي ته جهاز کان به ٻيڻا ٽيڻا وڏا ٿين ٿا. پر تعجب جي اها ڳالهه آهي ته سمنڊ جي مٿان نظر ايندڙ هي آئيس برگ سڄي آئيس برگ جو فقط هڪ حصو هوندا آهن. جيئن جهاز جيترو نظر اچي ٿو، اوترو سمند اندر به ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح نظر ايندڙ هيءَ ”برف جي ڇپ“ اصل ۾ ”آئيس برگ“ جي فقط Tip (ذرڙو) ٿئي ٿي، باقي ان جو اٺوڻ يا نائوڻ جيترو حصو سمنڊ اندر ٿئي ٿو. ان ڪري هنن آفت جيڏن آئيس برگ سان پاڻيءَ جو جهاز ٽڪرائجي تباهه ٿي سگهي ٿو.
    * ناٽ: سمنڊ تي هلندڙ جهاز جي رفتار جو يونٽ ناٽ (Knot) آهي. هڪ ناٽ معنيٰ ”هڪ ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ“ رفتار. ڪنهن جهاز جي رفتار 25 ناٽ آهي. معنيٰ هڪ ڪلاڪ ۾ پنجويهه ناٽيڪل ميل هلي ٿو.
    * ناٽيڪل ميل: ناٽيڪل ميل زمين جي عام ميل کان ڪجهه وڏو ٿئي ٿو. هڪ ناٽيڪل ميل دراصل هڪ ”منٽ“ آهي. جيڪو حسابن يا جاگرافيءَ جو شاگرد ته چڱيءَ ريت سمجهي ٿو، پر هڪ عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ لاءِ عرض آهي ته هر گول دائري کي 360 ڊگريون ٿين. ان جو مثال ائين سمجهي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن هڪ گدري جون 360 هڪ جيڏيون ڦارون هجن (جيڪو ڪم آهي ته ڏکيو پر سمجهو ته ڪا اهڙي وڏي شيءِ آهي، جنهن جون سولائي سان ڪري سگهجن) ته هر ڦار جي وچ واري ٻاهرين ويڪر هڪ ڊگري مفاصلو ٿيو. هاڻي ان کي وري سٺ حصن ۾ ورهائجي ته هر حصي جي ويڪر هڪ منٽ ٿيو. ڌرتي به هڪ گدري مثل آهي، جنهن جو (360x60) يعني 21600 ڦارون ڪجن ته هڪ ڦار جي ٻاهرين وچ واري (يعني خط استوا واري حصي جي) ويڪر هڪ منٽ ٿي ۽ اهو مفاصلو يعني هڪ منٽ دراصل هڪ ناٽيڪل ميل ٿيو. ٻين لفظن ۾ خط استوا (Equator) وٽ ڌرتيءَ جو گهيريو ايڪويهه هزار ڇهه سئو ناٽيڪل ميل آهي. پر ان ساڳي گهيري تي جيڪڏهن ڪار هلي ته ان جو ميٽر 25000 کن ميل رڪارڊ ڪندو. يعني ناٽيڪل ميل Statue (زمين تي ماپڻ واري) ميل کان وڏو ٿيو.
    * خط استوا: خط استوا (Equator) اها خيالي ليڪ آهي، جيڪا دنيا جي پوري وچ تان لنگهي ٿي ۽ ڌرتيءَ کي ٻن هڪ جيڏن حصن ۾ ورهائي ٿي.


    ٽائٽانڪ جهاز

    ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ وارن ڏينهن جي سامونڊي نظاري جو تصور ڪجي ته، ڪاٺ جي وڏين ٻيڙين سان گڏ ڪيترائي وڏي سائيز جا لوهي جهاز، دنيا جي سمنڊ ۾ هلڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ سامان (Cargo) وارن جهازن کان علاوه مسافر کڻن وارا ”پئسينجر جهاز“ به هلڻ شروع ٿي ويا هئا، جيڪي مسافرن کي يورپ کان يورپ کڻي وڃڻ کان علاوه آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جي سير ۽ تفريح لاءِ کڻي ويندا هئا. هوائي جهاز ته اڃا نڪتا نه هئا، جن ۾ ماڻهو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃن. ان ڪري غريب توڙي وڏا امير ماڻهو پاڻيءَ جي جهازن ۾ سفر ڪندا هئا ۽ سچ ته انهن ڏينهن ۾ پاڻيءَ جي جهازن (Passenger Ships) جو وڏو اوج هو ۽ انهن جهازن تي سير ڪرڻ وڏي ڳالهه (Status Symbol) سمجهيو ويو ٿي. دنيا جي امير ماڻهو، حسين فلم ائڪٽريسون، حاڪم، راجا، ڳائڻا، رانديگر، هيرن جا واپاري، وڏا جاگيردار پنهنجين محبوبائن يا آل عيال سان گڏ پاڻيءَ جي جهاز تي سفر ڪندا هئا. انهن جهازن کي هلائڻ وارن جي به وڏي لئه هئي، جو انهن کي سفر دوران وڏين ۽ اهم شخصيتن سان ملڻ جو موقعو مليو ٿي. (اسان ته جڏهن جهاز هلائڻ شروع ڪيا ته هوائي جهاز ايترا گهڻا، ايترا وڏا، ايترو تيز رفتار ۽ گهٽ ڀاڙي وارا هلڻ لڳا جو آهستي آهستي مٿي ذڪر ڪيل اهم شخصيتن پاڻيءَ جي جهاز تي چڙهڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ وقت پوري ٿيڻ تي ڳريل يا ٻڏي ويل جهازن جي بدران نون جهازن جنم وٺڻ ڇڏي ڏنو. ظاهر آهي، مالڪن ڏٺو ته وڏا (امير) ماڻهو هاڻ پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهن ئي ڪو نه ٿا، وڌيڪ مسافر جهاز ٺهرائڻ مان ڪهڙو فائدو ۽ هاڻ ته اهڙي حالت آهي جو ڪراچي ۽ ڪلڪتي جي بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ ڌمالي يا نيوڪئسٽل ۽ ڪيپ ٽائون جي ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ به هوائي جهاز ۾ ئي سفر ڪن ٿا. بهرحال! ويهين صديءَ جي شروعات ۾ پاڻيءَ جي جهازن جي بلي بلي هئي. ڪنهن ڪمپنيءَ جو هڪڙو جهاز هليو پئي ته، هن ٻئي جهاز کي به ٺهرائڻ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو ٿي. هڪ پراڻو ٿي پنهنجي مقرر حياتي ختم ڪئي ٿي ته، مالڪن ان هڪ بدران ٻه مسافر ٺهرايا ٿي، جو ڏينهون ڏينهن سير يا سفر ڪرڻ وارن سياحن ۽ مسافرن جو تعداد وڌي رهيو هو. وڏيءَ ڪمائيءَ کان علاوه جهازي ڪمپنين ۽ مالڪن جي وڏي لئه ۽ ناموس هئي. جهاز سڙهن (Sails) تي هلڻ بدران ٻاڦ تي هلندا هئا. يعني هوا ۽ سامونڊي لهرن جي رحم ۽ ڪرم تي ڀاڙڻ بدران، جهاز هلائڻ واري طاقت ٻاڦ هٿ ۾ هئي. جهاز جي جنهن وقت وڻي رفتار گهڻائي وڌائي سگهجي ٿي ۽ جهاز کي ساڄي کاٻي موڙڻ پڻ آسان ٿي پيو هو.
    جهاز جو پنکو (Propeller) جنهن جي هلڻ سان جهاز اڳتي وڌي ٿو، ٻاڦ تي هلندڙ اسٽيم انجڻ (يعني پسٽن ۽ سلينڊر واري انجڻ) يا ٽربائين (جهجهن پرن واري پکي تي ٻاڦ جو ڦوهارو هڻي هلائڻ واري مشين) ذريعي هلايو ويو ٿي. (پوءِ ٻن ٽن ڏهاڪن بعد ڊيزل انجڻ به عام ٿي وئي، جنهن ۾ تيل سنئون سڌو سيلينڊر اندر وجهي ساڙيو ويو ٿي ۽ ڌار ٻاڦ ٺاهڻ وارن بائلرن جي تڪليف کان بچاءُ ٿي ويو).
    ويهين صديءَ جي انهن شروعاتي سالن ۾ (جڏهن ٽائٽانڪ جهاز جنم ورتو هو) پئسينجر (مسافر) جهاز کان ٻه ڪمپنيون تمام مشهور هيون: وائيٽ اسٽار (سفيد تاري واري) ڪمپني ۽ ڪنارڊ (Cunard) جنهن جا راڻي ايلزبيٿ ۽ ميري نالي جهاز هينئر به هليا پئي.
    ٻئي جهازي ڪمپنيون انگلينڊ جون هيون ۽ ٻنهي جو پاڻ ۾ وڏو مقابلو هليو ٿي. هر هڪ چاهيو ٿي ته هن جا مسافر کڻن وارا جهاز ٻي ڪمپنيءَ کان وڏا هجن، سهڻا هجن، تکا هلندڙ هجن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته وڏيءَ سلامتيءَ وارا هجن ۽ هر وڏو ماڻهو ان ڪمپنيءَ جي جهازن ۾ چڙهي. جهاز تي پهرين فقط مسافرن جي رهڻ لاءِ هنڌ بسترا هئا. هنگڻ مُٽڻ لاءِ جهاز جي ڇيڙي تي تڏهن تونئرين جي اڏاوت هوندي هئي، جتي وڃي هر ڪو فارغ ٿي ايندو هو. نه ڪموڊ، نه پائيپ، نه گٽر سسٽم، نه ڇڪڻ جي زنجير، هر ڪم ڊائريڪٽ هو. يعني مٿي مسافر سوراخ واري تختي تي ويٺو اهي ۽ هيٺان سمنڊ پيو وهي. پر پوءِ ته سائين جيئن جيئن مسافرن جو معيار ۽ ٽڪيٽ جو اگهه وڌندو ويو ته جهاز به ان مطابق اعليٰ کان اعليٰ ٿيندا ويا. سڀني مسافرن کي ڳاهٽ ڪري هڪ ڊيڪ تي رهائڻ بدران، جهازن تي ٽي ٽي چار چار ماڙيون ٺهي ويون، جن تي اڪيلن لاءِ، جوڙن لاءِ ۽ ٻارن ٻچن سان رهڻ وارن لاءِ خوبصورت ڪمرا ۽ اٽيجڊ باٿ ٺهي ويا. مسافرن جي سهوليت ۽ وندر لاءِ جهازن تي ڪلب، سئمنگ پول، راندين جا ميدان ۽ ڪمرا، هوٽلَ ۽ انهن ۾ ناچ گاني جي بندوبست لاءِ خوبصورت ڳائڻيون ۽ خذمتگار ڇوڪريون رکيون ويون. فرانس، اٽلي، اسپين وارن جا جهاز پڻ دنيا جي سمنڊن تي هليا پئي، پر وڏي لئي انگلينڊ وارن جي هئي، جنهن جي بادشاهه يا راڻي جي حڪومت ڌرتيءَ جي چوڌاري هئي ۽ جنهن جي حڪومت جي سج لهڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. ٻيا مسافر ته ٺهيو، سندن ملڪ جا انگريز ئي ايترا هئا، جو هنن جا جهاز مسافرن سان هر وقت ٽٻ ٿي هليا. هر ڪمپنيءَ جڏهن نئون جهاز ٿي ٺهرايو ته پهريان کان بهتر ٿي ٺهرايو ۽ خاص ڪري سندس مقابلي جي ڪمپنيءَ جي جهازن کان ته هر صورت ۾ گوءِ کڻي وڃڻ ٿي چاهيو.
    1907ع ۾ ڪنارڊ ڪمپنيءَ ٻه تمام وڏا ۽ تيز رفتار مسافر جهاز هلائڻ شروع ڪيا. هڪ ٻٽيهه هزار ٽن وزني (هڪ ٽن ۾ اٺاويهه مڻ ٿين ٿا) ”لوسيتانيا“ نالي ۽ ٻيو ٽيٽيهه هزار ٽن وزن جو ”موريطانيا“ نالي جهاز، ٻنهي جهازن تي ٻاڦ وارا ٽربائين لڳل هئا. جهاز ٺهرائڻ وقت مالڪن پنجويهه ناٽ رفتار لاءِ آرڊر ڏنو هو، پر پوءِ ٺهي راس ٿيڻ مهل ورتل چڪاس (Trial) ۾، توڻي بعد ۾ ان کان به گهڻي رفتار سان هليا ٿي. ڪنارڊ (Cunard) ڪمپنيءَ جي انهن جهازن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ، مخالف ڪمپني ”وائيٽ اسٽار“ ان کان به وڏا اٽڪل چاليهه ايڪيتاليهه هزار ٽن وزن جي ٽِن جهازن جو آرڊر ڏنو، پر هنن جي رفتار ٿوري گهٽ ٻاويهه ناٽ کن رکرائي. اهي ٽي جهاز هئا: اولمپڪ، ٽائٽانڪ ۽ جائگئنٽڪ (Giagantic). جائگئنٽڪ جهاز جو نالو بعد ۾ بدلائي برٽانڪ (Brittanic) رکيو ويو. برٽانڪ جهاز ٺهڻ بعد وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ پاڻ هلائڻ بدران وڪڻي ڇڏيو ۽ مسافر جهاز ٿي هلڻ بدران اسپتال ٿي هليو ۽ ڪجهه سالن بعد ڀونچ سمنڊ (Mediterranean) ۾ مائين (Mine) يا ٽارپيڊو لڳڻ ڪري ٻڏي ويو.
    اولمپڪ جهاز جنهن 1911ع ۾ هلڻ شروع ڪيو، ڇهه ست مهينن بعد (1912ع جي شروع ۾) انگلينڊ نيوي جي هڪ جنگي جهاز سان ٽڪرائجڻ ڪري ڌڪجي پيو ۽ مسافر کڻن بدران خشڪ گوديءَ ۾ مرمت لاءِ ڇهه مهينا کن اچي بيٺو. هي اهو وقت هو جو جهاز جي مرمت پوري ٿيڻ تائين جهاز جي مالڪن، هن جهاز تان ڪئپٽن (اي، جي، سمٿ)، چيف آفيسر ۽ ٻين کي اولمپڪ جهازن تان بدلي ڪري ٽائٽانڪ جهاز هلائڻ لاءِ موڪليو، جن بدقسمتيءَ سان پهرين ئي سفر ۾ جهاز کي ٻوڙيو ۽ ٻڏڻ وقت اولپمڪ جهاز جي مرمت مڪمل ٿي چڪي هئي ۽ ٽائٽانڪ جهاز جي مسافرن کي جن جهازن بچايو، اولمپڪ انهن مان هڪ هو.
    هر نئون جهاز ٺهي راس ٿيڻ مهل چڪاس خاطر کلئي سمنڊ ۾، هر رفتار ۽ هر نموني سان هلايو ويندو آهي ته، ڪٿي ڪو نقص ته نه رهجي ويو آهي. انگلينڊ جي ”هارلئنڊ ۽ وولف“ جهاز ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ ۾ بيلفاسٽ شهر ۾ 3 مئي 1911ع تي هن جهاز يعني ٽائٽانڪ جهاز جو لوهي ڍانچو مڪمل ڪري، خشڪي تان ترڪائي پاڻيءَ ۾ آندو. ان بعد ڏهه يارهن مهينا کن ان ۾ جهاز جو پکو هلائيندڙ انجڻ ٽربائين ۽ ٻيون مشينون لڳنديون رهيون. ڪمرا، هوٽل ۽ ان ۾ استعمال ٿيڻ جو فرنيچر ۽ ٻيو سامان ٺهندو رهيو. 2 اپريل 1912ع تي صبح جو ڇهين وڳي ٽائٽانڪ آخري چڪاس (Sea Trial) لاءِ جهاز جي مالڪن، جهاز هلائيندڙن ۽ جهاز ٺاهيندڙن سان گڏ بيلفاسٽ بندرگاهه مان نڪتو. هر شيءِ کي چيڪ ڪيو ويو ۽ شام جو وري بندرگاهه ۾ آيو، جتي جهاز ٺاهيندڙ مستري مزور لٿا ۽ جهاز مالڪن حوالي ڪيو ويو.
    نئون جهاز مالڪن حوالي ڪرڻ بعد به هڪ ٻه ماڻهو، جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني، ان جهاز تي سال کن لاءِ رکندي آهي، جيئن ڪا ڪمي پيشي هجي ته اهي درج ڪندا رهن. سو هارلئنڊ ۽ وولف جهاز ساز ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿامس (جنهن هي جهاز ٽائٽانڪ ڊزائين ڪيو هو) جهاز تي ئي ترسي پيو، جنهن کي هاڻ مسافر کڻي نيويارڪ وڃڻو هو. (جهاز جي حادثي ۾ اهو ايم ڊي ۽ ڪجهه ٻيا شپ يارڊ جا انجنيئر پڻ فوت ٿي ويا)
    بيلفاسٽ مان نڪرڻ بعد جهاز سائوٿ مپٽن جي بندرگاهه ۾ پنهنجي پهرين سفر (Maiden Voyage) جي تياري لاءِ آيو. ظاهر آهي جهاز ٺاهڻ وارا فقط جهاز ٺاهي ڏيندا. تيل پاڻي، کاڌو پيتو، هنڌ بسترا ته نه ڏيندا. اهي شيون مالڪ يا انهن جا نمائندا: جهاز هلائيندڙ آفيسر يا جهاز جو ڪاروبار هلائيندڙ ايجنسي وٺندي آهي. انهن ڏينهن ۾ جهاز تي ٻارڻ لاءِ تيل بدران ڪوئلو استعمال ٿيندو هو. انگليند ۾ ڪوئلو جام آهي پر ٽائٽانڪ جهاز جي بدقسمتي چئجي، جو انهن ڏينهن ۾ ڪوئلي وارن جون اسٽرائيڪون هلي رهيون هيون ۽ پوءِ بندرگاهه ۾ بيٺل وائيٽ اسٽار جهازي ڪمپنيءَ جي ٻين جهازن کان ٿورو ٿورو ڪوئلو اوڌر تي وٺڻو پيو. پوءِ به جيترو ڪوئلو کتو ٿي، اوترو ملي نه سگهيو ۽ ٽائٽانڪ کي گهٽ ڪوئلو کڻي Sail ڪرڻو پيو.
    جهاز جي لنگر کڻڻ ۽ سائوٿ مپٽن بندرگاهه ڇڏڻ جي تاريخ اربع ڏينهن 10 اپريل 1912ع مقرر ڪئي وئي هئي ۽ وقت اندر مسافر ۽ مال جهاز تي چڙهي ويو. ڪا به اهڙي تهڙي ڳالهه نه ٿي. جملي ٻه هزار ٻه سئو پنجٽيهه مسافر چڙهيا، جن ۾ 337 فرسٽ ڪلاس جا، 271 سيڪنڊ ڪلاس جا، 712 ٿرڊ ڪلاس جا ۽ جهاز هلائيندڙ ۽ ٻيو عملو 915 ڄڻا هئا. مسافرن ۾ چون ٿا ته ڪيترائي امير ماڻهو هئا. ڏهه کن ته ڪروڙ پتي آمريڪن هئا، جيڪي انگلينڊ گهمڻ بعد هاڻ پنهنجي ملڪ آمريڪا موٽي رهيا هئا. باقي ماڻهو مشهور شخصيتون ائڪٽر، ائڪٽرياڻيون، سياستدان، وڏين نوڪرين وارا، سرڪاري ڪامورا ۽ واپاري هئا. انهن مسافرن ۾ اولمپڪ جهاز جا به مسافر هئا، جنهن جو جنگي جهاز سان ٽڪر ٿي پيو هو ۽ مرمت هيٺ هو ۽ ڪجهه مسافر ساڳيءَ ڪمپنيءَ جي هڪ ٻئي جهاز ”اوشنڪ“ جا به هئا، جنهن جهاز ڪوئلو نه ملڻ ڪري پنهنجو نيويارڪ وڃڻ جو سفر ڪئنسل ڪري ڇڏيو هو. مسافرن کان علاوه جهاز تي ٽپال جا ٽي هزار کن ٿيلها، ڇهه هزار ٽن ٻارڻ ۽ ٻاڦ ٺاهڻ لاءِ ڪوئلو ۽ مسافرن جو هزار کن ٽن سامان ۽ ڪارگو هو. چيو وڃي ٿو ته جهاز تي چڙهيل مسافرن جي سامان ۾ ڪيترائي قيمتي هيرا جواهر ۽ ڳهه ڳٺا هئا. (پر سخت ڳولا بعد به ايتري مال ملڻ جي پڪ ٿي نه سگهي آهي، جو ٻڏل جهاز کي سمنڊ جي تري مان ڇڪائي ٻاهر ڪڍائڻ جو خرچ ڪجي).
    ٽائٽانڪ جهاز جو سائوٿ مپٽن مان نڪرڻ به حادثي کان خالي نه رهيو. ٽگن (Tug Boats)کيس ڇڪي بندرگاهه کان ٻاهر ڪڍيو ۽ هاڻي پنهنجي انجڻ ذريعي رفتار وڌائي رهيو هو ته (اتي چئنل ۾ ئي آمريڪن لائين ڪمپني جو ”نيويارڪ“ نالي بيٺل جهاز ڀرسان اچي لنگهيو. سوڙهي چئنل مان ٻن جهازن جي وچ ۾ اُٿيل لهرن ”نيويارڪ“ جهاز کي دڪي طرف کڻي ڌڪو ڏنو ۽ هن جا پويان رسا ڇڄي پيا. ٽائٽانڪ جهاز يڪدم کڻي پنهنجي انجڻ بند ڪئي ۽ ”نيويارڪ“ جهاز سان ٽڪرائجڻ کان بچي ويو. بهرحال! اتان نڪرڻ بعد ٽائٽانڪ جهاز چربورگ ۽ پوءِ ڪئنس ٽائون (آئرلينڊ) پهتو، جتي ڪجهه مسافر لٿا ۽ ڪجهه چڙهيا ۽ پوءِ خميس ڏينهن (11 اپريل 1912ع) منجهند جو ٻين وڳي ڪُئنس ٽائون (Queens Town) کان نيويارڪ ڏي روانو ٿيو.
    برطانيا ۽ نيويارڪ (آمريڪا) جي وچ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ اڄ به ان رفتار وارا جهاز چئن پنجن ڏينهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪريو، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃيو نڪرن. دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته نيويارڪ ۽ انگلينڊ (برطانيا) آمهون سامهون لڳن ٿا، پر اهو ائين ڪاغذ جي نقشي تي لڳي ٿو. ڌرتي ڪاعذ وانگر سڌي ناهي، پر بال وانگر گول آهي. ان ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪرڻ لاءِ ڪجهه گولائي وٺڻي پوي ٿي. حقيقت ۾ ٽائٽانڪ جي ڏينهن کان وٺي بلڪ ان کان به اڳ کان انگلينڊ کان آمريڪا وڃڻ لاءِ، ٻه ٽي رستا عام هئا، ۽ اڄ به اُهي ئي اختيار ڪيا وڃن ٿا. انهن مان هڪ Great Circle وارو رستو سڏجي ٿو، جنهن ۾ ٿورو اتراهون پاسو ڏئي، سمنڊ پار ڪرڻ ۾ سمنڊ اندر ڇوليون (ڪرنٽ)، ”ڪُن ۽ سمنڊ مٿان لڳندڙ هوائون جهاز لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿيون ۽ بهتر رفتار ۽ گهٽ لوڏن سان جهاز دنيا جي ٻئي پاسي کان وڃيو نڪري. ٽائٽانڪ جهاز به اهو ئي رستو ”گريٽ سرڪل“ وارو ورتو ۽ جنهن رستي جهاز Fastnet Rock نالي ٻيٽ (42.N, 47.W) کان لنگهي Nantucket ٻيٽ وٽان ٿي، نيويارڪ پهچي ٿو. اهو روٽ اتر قطب واري برفاني علائقي کان ٻاهر آهي، پر بهرحال ڪن ڪن هنڌن تي سال جي هنن ڏينهن ۾ برف جون ڇپون Ice berg نظر اچن ٿيون.
    خميس ڏينهن ٻي وڳي ڌاري هي ٽائٽانڪ جهاز آئرلينڊ جي شهر ڪُئنس ٽائون مان نڪتو. شام جو ڊنر تي سڀني مسافرن کي هڪ ٻئي سان ملڻو هو. وائيٽ اسٽار ڪمپني اعليٰ مسافرن ۽ اوچي کاڌي کان مشهور هئي. سڀ مسافر سٺا ڪپڙا پائي، رات جي مانيءَ تي آيا. کاڌي جي دوران ملڪ جي بهترين بئنڊ ميوزڪ وڄائيندي رهي. جهاز جو ڪئپٽن ۽ ٻيا آفيسر مسافرن سان مليا ۽ خبر چار ڪيائون. کاڌي بعد شراب ۽ ڊانس پارٽي هلندي رهي. موسم صاف سٿري هئي، سو جهاز کي لوڏا نه پئي آيا. پر جي اچن به، ته به مسافرن جي خوشين ۾ ڪو فرق نه اچي ها، ڇو جو جهاز هلائيندڙن ۽ جهاز ۾ چڙهيل مسافرن کي خبر هئي ته، وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ پنهنجي ۽ ملڪ جو نالو ۽ ساک مٿاهين رکڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري هي جهاز اهڙو ٺهرايو آهي، جنهن جي ست اٺ مختلف حصن مان ڪنهن ۾ به جيڪڏهن پاڻي ڀرجي وڃي، ته به هي جهاز هرگز ٻڏي نٿو سگهي. هڪ حصو ته ٺهيو، پر ٽي حصا ڦاٽي پون ۽ پاڻي انهن سڀني ۾ هليو وڃي (جيڪو آهي ته ناممڪن ڇو جو ڪو ٻيو جهاز پاسي کان اچي ٽڪر هڻندو ته به فقط هڪ حصو ڦاٽي پوندو ۽ ان ۾ ئي پاڻي ڀرجي سگهندو. سو جي ٻه ٽي حصا به ڦاٽي پون) ته به جهاز ٻڏندو نه ۽ واقعي اها حقيقت آهي ته جو ان ۾ بيانسي (Bouyncy) جو حساب ڪتاب ڪجهه ان ريت رکيو ويو هو. (اهو حساب آئين آهي. جيئن لوهي دٻي جي تر ۾ هڪ وڏو ڦوڪڻو هوا سان ڀري ٻڌي ڇڏجي، پوءِ ان کي ڪَنَن تائين پاڻيءَ سان تار ڪبو، ته به اهو دٻو پاڻيءَ ۾ اندر ٻڏي نه ويندو. سو ٽائٽانڪ ۾ به اهڙو حساب رکيو ويو هو ۽ ٻه ٽي حسا پاڻي ڀرجڻ تي اهو ڪجهه هيٺ ٿي سگهيو ٿي، پر ٻڏي نٿي سگهيو. شايدا ان ”حد کان وڌيڪ“ ڀروسي ڪري (يا اڃا پهريون ڏينهن هجڻ ڪري) جهاز ٻڏڻ تي جهاز ۾ رکيل Life Boats (ٻيڙيون) به چڱيءَ طرح نه ڏٺيون ويون هيون ۽ اهو ئي سوچيو پئي ويو ته جڏهن جا مينهن تڏهن جون چڪون. جڏهن جهاز ٻڏندو. تڏهن ڏٺو ويندو ۽ هينئر ڪهڙو ٿو ٻڏي.
    ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته قسمت ۾ ڇا لکيل آهي؟ اهو جهاز جنهن جي ٺهڻ وقت کان سڄي دنيا کي ٻڌايو پئي ويو ته، هي جهاز ٻڏي نه سگهندو. ٻين لفظن ۾ ٽائٽانڪ جهاز Unsinkable آهي، ائين ٻڏي ويو ڄڻ ڪو خواب هجي. هو ڇا چوندا آهن ته قدرت چاهي ته ٻڏا ٻيڙا به پار اُڪاري ڇڏين. ”پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون“ وارو حساب آهي. ڪنهن کي خبر ته جهاز جو هڪ نه، ٻه نه، پر ذري گهٽ سڀ حصا ڦاٽي پوندا ۽ جهاز ڏسندي ئي ڏسندي ٻڏي ويندو. جان بچائڻ لاءِ ٻيڙين جو وڏو تعداد هوندي به مونجهاري ۾ انهن جو چڱيءَ طرح استعمال ٿي نه سگهندو ۽ ڪيترا مسافر مرڻ گهڙيءَ تائين ٽائٽانڪ جي ٻڏڻ کي چرچو سمجهندا رهندا. شايد هڪ اهو به سبب آهي جو ٽائٽانڪ جو ٻڏڻ هڪ اهم خبر ۽ واقعو چيو وڃي ٿو ۽ ٽائٽانڪ کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي، نه ته پاڻيءَ وارا جهاز ته اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي ٻڏندا رهن ٿا.


    عام طرح جهازن جي ٻڏڻ جا ڪجهه سبب هي آهن:

    1: جهاز پراڻو ٿي وڃي. ڏهه پندرهن سال سمند جي پاڻيءَ ۾ رهڻ ڪري ڪٽ لڳڻ سبب ان جون لوهي پليٽون ڳري سڙي وڃن ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو سمنڊ جي تکي ڇول ۾ جهاز جي پاسن يا تري جون ڳريل چادرون پٽجي وڃن ۽ سمنڊ جو پاڻي اندر گهڙي وڃي. ٽائٽانڪ جهاز جي ٻڏڻ کان پوءِ جيڪي سخت قائدا ٺاهيا ويا، انهن موجب جهاز جون لوهي چادرون ٿلهيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون ۽ هر پنجين پنجين سال هڪ هڪ پليٽ جي چڪاس ڪئي وڃي ٿي ۽ ٿورو ئي ڳرڻ تي ان جو وڏو حصو ڪٽي، نئين پليٽ لڳائي وڃي ٿي. اڄڪلهه ان سبب ڪري گهٽ جهاز ٻڏن ٿا. پر ٽائٽانڪ وارن ڏينهن ۾ اهي حادثا عام هئا.
    2: جهاز جو ٽڪر ٿيڻ تي ڀڄي پوڻ ۽ پاڻيءَ جي اندر گهڙي اچڻ ڪري ٻڏي وڃڻ. اهو ٽڪر سامهون ايندڙ ٻئي جهاز سان به ٿي سگهي ٿو. کاٻي يا ساڄي کان ايندڙ جهاز پاسو چيري سگهي ٿو. سامهون ڪنهن ٻيٽ تي جهاز چڙهي وڃي ۽ سندس سڄو ترو رهڙجي وڃي. سامهون سمنڊ اندر يا ڪجهه ٻاهر نڪتل ٽڪريءَ سان وڃي لڳي. برف جي ڇپن سان لڳڻ ڪري جهازن جو ڀڄي پوڻ پڻ هڪ عام ڳالهه هئي، جيئن ٽائٽانڪ جهاز جو سمنڊ ۾ ترندڙ برف جي ڇپ (Ice berg) سان ٽڪر ٿيڻ ڪري حادثو ٿيو ۽ قسمت جي بدنصيبي اها ته ان برف جي ڇپ جي موجودگيءَ جي اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي هئي ۽ جهاز هلائڻ واري نيويگٽر (فرسٽ آفيسر) ٽائٽانڪ کي ان ترندڙ برف جي جبل کان جهاز کي ذري گهٽ پاسو ڪرائي ورتو هو. پر پري ٿيندي ٿيندي جهاز جو سڄو ساڄو پاسو (جنهن کي جهازي زبان ۾ اسٽار بورڊ سائيڊ سڏجي ٿو) برف جي ڇپ (Ice berg) سان اهڙو ته رهڙيو، جو ٽائٽانڪ جهاز جي ان پاسي جون سموريون لوهي چادرون ڇوڏن وانگر چيرجي ويون ۽ پاڻيءَ اندر ڌوڪي پيو.
    جهاز هلائيندڙ جيتوڻيڪ سمجهي ويا ته جهاز جي پاسي کي نقصان رسيو آهي، پر هنن کي ايڏي پرواهه نه هئي جو جهاز جيڪو ڇهن ستن حصن ۾ ورهايل ٿئي ٿو، ان جي هڪ حصي ۾ پاڻي اچڻ ڪري ٿورو چٻو (پاسيرو) ته ضرور ٿئي ٿو، پر ٻڏي نٿو ۽ ٽائٽانڪ جهاز ته اهو اڻ ٻڏندڙ (Unsinkable) جهاز ٺاهيو ويو هو جنهن کي اهڙا برف جا جبل يا جهاز هڪ بدران ٻه ٽي اچي پاسي کان ٽڪر هڻن ۽ جهاز جا اهي ٻه ٽا حصا پاڻي سان ڀرجي وڃن، ته به جهاز ٻڏي نه سگهي! پر قدرت کي ته ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. جيئن چوندا آهن ته، ”بندي جي من ۾ هڪڙي رب جي من ۾ ٻي“ يعني Man proposes God disposes وارو حساب هو. جهاز ٺاهيندڙن يا هلائيندڙن اهو سوچيو به نه هو ته، هڪ ئي برف جي ڇپ جهاز جي پاسي سان اهڙي ويڌن ڪندي جو ٻه يا ٽي بم به نه ڪري سگهن. جيئن جيئن جهاز ۾ پاڻي ڀريو ويو، جهاز سمنڊ ۾ ويو ٻڏندو. جهاز هلائيندڙن توڙي مسافرن جا هوش خطا ٿي ويا. بلڪه سندن هوش ته پهرين ئي خطا ٿيل هئا، جو شام واريءَ پارٽيءَ ۾ سڀ پي اهڙو مست ۽ بي اونو ٿي ويا هئا جو کين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا وهي واپري رهيو آهي ۽ پوءِ جيئن جيئن حالتن جو جائزو وٺڻ لڳا ته ڊيڄاريندڙ صورت سندن اکين آڏو اچڻ لڳي ته مار! جهاز جو هڪ يا ٻه حصا نه، پر پنج ڇهه ئي حصا ڦاٽي پيا آهن ۽ جهاز پيو وڃي سمنڊ اندر گهڙندو. اَلو رک ڌڻي!.
    انهن ڏينهن ۾ پري جي شيءِ ڏسڻ لاءِ فقط دوربين (Telescope) هوندو هو. اڄ وانگر رڊار يا ٻيون اهڙيون شيون نه هيون، جن سان بند ڪمري اندر ويهي، ٽيهه چاليهه ميل پري جون شيون. نه فقط سمنڊ جي مٿان، پر سمنڊ اندر پڻ ڏسي سگهجن ٿيون. انهن ڏينهن ۾ هڪ يا ٻه خلاصي جهاز جي اڳ واري کوهي (Mast) تي مٿي چڙهي، اتان وڃي ڏسندا هئا ته سامهون ڪا اهڙي شيءِ ته نه اچي رهي آهي، جنهن سان جهاز لڳي ٽڪرائجي پوي. ان کوهي جي چوٽيءَ تي مينهن، جهڙ ۽ سيءَ کان بچڻ ۽ ويهڻ لاءِ ٿوري اڏاوت ٿيل هوندي آهي، جنهن کي ڪانگ جو آکيرو (Crow’s Nest) سڏبو هو. ٽائٽانڪ جهاز جي ان ”ڪرونيسٽ“ تي هڪ نه، پر هر وقت ٻه ٻه ڄڻا Look out (جانچ لاءِ) بيٺا ٿي، جن برف جي هن ڇپ کي چڱو اڳواٽ ڏسي ورتو ۽ سيٽيون ۽ بيوگل (Bugle) يعني توتارو وڄائي ”برج“ تي بيٺل همراهن کي سامهون موجود خطري کان آگاهه ڪيو. (جهاز کي جنهن هنڌ تي بيهي نقشن موجب هلائجي ٿو، ان کي برج سڏجي ٿو) پاڻيءَ جي جهاز جي اها خرابي آهي ته ان کي اڳيان يا پويان ته هلائي سگهجي ٿو، پر بريڪ نه هجڻ ڪري يڪدم هڪ هنڌ بيهارڻ يا اڳيان هلندڙ جهاز کي بيهاري يڪدم پٺيان نٿو هلائي سگهجي. ويندي ساڄي يا کاٻي پاسي موڙڻ ۾ به وڏي ڪاريگريءَ جي ضرورت پوي ٿي، جو هڪ آفت جيڏي جهاز کي جيڪو اڌ پاڻيءَ ۾ آهي، اڌ ٻاهر، ان کي موڙڻ وقت رفتار ۽ Momentum کي ڌيان ۾ رکڻو پوي ٿو ۽ ٻيو سمنڊ مٿان ۽ اندر تکيون سامونڊي لهرون ۽ هوا جي ڦرندڙ گرندڙ رُخ کي پڻ خيال ۾ رکڻو پوي ٿو. جهاز جو ڪئپٽن اي جي سمٿ تمام جهونو ڪئپٽن هو ۽ هو هن کان اڳ ٽائٽانڪ جيڏو ئي اولمپڪ نالي جهاز هلائي چڪو هو، پر هن دفعي ماڻهن جو موت لکيل هو، سو برف جي ڇپ کان بچائيندي بچائيندي به، ان سان اهڙو گهڪو ڏياري ويو جو جهاز جي ٻڏڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيو. اهڙيءَ طرح وائيٽ اسٽاف ڪمپنيءَ جي ٻيڙي (ٽائٽانڪ) ٻوڙي ڇڏيائين.
    مٿي ٻڌايل سببن کان علاوه جهاز ٻڏڻ جا ڪجهه ٻيا به ڪارڻ آهن. جهڙوڪ: صحيح طرح سامان نه رکڻ. هڪ ٽرڪ کي سڄو بهه سان ڀري پوءِ مٿان ڪار يا ٽريڪٽر جهڙي ڳري شيءِ رکبي ته ڇا ٿيندو؟ تيز رفتار ۾ موڙڻ سان ٽرڪ وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪندي. اهڙي طرح پاڻيءَ جي جهاز ۾ به هيٺان هلڪو سامان رکي مٿان ڳرو رکڻ بعد جيڪڏهن سمنڊ يا موسم خراب ملي ته جهاز وڏي لوڏي بعد واپس سڌو ٿيڻ بدران، اونڌو ٿي ليٽي پوندو يا سامان کي چڱيءَ طرح نه ٻڌڻ سان به جهاز ٻڏي سگهي ٿو. هونءَ ته جهاز وارا سامان کي رسين، ڪوڪن ڪلن، ڪاٺ جي چپرن سان اهڙو سوگهو ڪري ٻڌن ٿا، جيئن لڏي نه سگهي ۽ پوءِ به سمنڊ تي صبح شام ان جي چڪاس ڪندا رهن ٿا ۽ ڪا به رسي يا ڪلو ڍرو ٿيڻ تي سوگهو ڪن ٿا، پر ان معاملي ۾ ٿوري سستي ڪرڻ ۽ ويتر جي سخت طوفان تي رسا ٽٽڻ تي سامان جو ته نقصان ٿئي ٿو، پر ڪڏهن جهاز به هڪ طرف جُهڪي ٻڏيو وڃي، جو سامان جون هزارين پيتيون، کوکا، دٻا، ڳٺڙيون، ڊرم پنهنجين جاين تان اُڇل کايو هڪ پاسي وڃيو ڍير ٿين ۽ جهاز ان پاسي جهڪيو ٻڏيو وڃي. ٽائٽانڪ جهاز به جڏهن سمنڊ ۾ اندر وڃڻ شروع ڪيو ته گهڻي جهڪاءَ ڪري سامان کلي ان پاسي هليو ويو ۽ پوءِ ٻڏڻ ۾ وڏي جلدي ڪيائين.
    جهاز تي ڪڻڪ، چانور يا ڪو ٻيو اَنُ کڻن سان به جهاز ٻڏڻ جو خوف رهي ٿو. اناج ۾ پاڻي چوسڻ جي خاصيت آهي ۽ نه فقط چوسي ٿو، پر اُڀامي به پوي ٿو. (ٿورا چانور رڌڻ سان ڪيترو گهڻو ڀت ٿئي ٿو) جهازن ۾ ٿورو به سيمو (Leakage) ٿيڻ تي سمنڊ جو پاڻي اندر وڃي گڏ ٿيڻ بدران (جنهن کي ٻيءَ صورت ۾ پمپن ذريعي ڪڍي سگهجي ٿو) اناج ۾ جذب ٿيو وڃي ۽ پوءِ اهو اناج ڏينهن ٻن اندر ايڏو ڀاميو پوي، جو هيڪاندي دٻاءَ ڪري جهاز جون ڀتيون ڦاٽيو پون ۽ جهاز ٻڏيو وڃي.
    باهه لڳڻ ڪري به جهاز تباهه ٿيو وڃي. پر افسوس جي اها ڳالهه ته گهڻا جهاز باهه کان نه، پر باهه وسائڻ کان ٻڏندا آهن. باهه لڳڻ تي ان کي پاڻيءَ جي ڦوهارن سان وسايو وڃي ٿو. جهاز جي چوڌاري پاڻي ته جام آهي، سو ٿوري ئي همت ڪرڻ سان باهه وساميو وڃي ۽ پاڻيءَ کي پوءِ تري مان پمپ ذريعي ڇڪي ٻاهر سمنڊ ۾ واپس اڇلايو ويندو آهي، پر پمپ خراب ٿيڻ يا پائيپ چوڪ ٿيڻ تي اهو باهه جو وسايل پاڻي، اتي ئي رهجي ويندو آهي، جيڪو هزارين ٽن وزن جو ٿئي ٿو ۽ موسم خراب ٿيڻ تي جهاز جي ٿوري ئي لوڏي تي اهو پاڻي لوڏي واري پاسي لوُڙهي، جهاز کي ان پاسي اهڙو جهڪائي ڇڏيندو آهي، جو وري مٿي اڀو ٿيڻ بدران اونڌو ٿيڻ لڳندو آهي.
    هونءَ پاڻيءَ جو جهاز هوائي جهاز وانگر يڪدم ڦاٽي تباهه نٿو ٿئي. پاڻيءَ وارو جهاز ڪڏهن ڪڏهن ٻڏڻ ۾ هفتو هفتو يا مهينو به وٺي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏينهن اڌ ۾ ٻڏيو وڃي. جهاز جي ٻڏڻ تي ماڻهن جي بچاءَ لاءِ هر جهاز تي ٻيڙيون ٿين ٿيون، جن ۾ اهڙن موقعن تي چڙهي پنهنجي جان بچائي سگهجي ٿي. مثال طور: ڪنهن جهاز ۾ مسافرن ۽ هلائڻ وارن جو ڪل تعداد ٽي هزار آهي ۽ هر ٻيڙي ٽي سئو ماڻهن واري آهي، يعني سڀ ماڻهو چڙهڻ لاءِ ڏهه ٻيڙيون گهرجن، پر جهاز تي ڏهه بدران ويهه ٻيڙيون رکبيون آهن. ڏهه هڪڙي پاسي ته ڏهه ٻئي پاسي، ڇو جو ٻڏڻ مهل جهاز جنهن پاسي جهڪندو آهي، ان پاسي جون ٻيڙيون استعمال نه ڪري سگهبيون آهن، ان ڪري هر جهاز تي مسافرن جي گهرج کان ٻيڻي تعداد ۾ ٻيڙيون رکيون وڃن ٿيون ۽ هر ٻيڙيءَ ۾ مسافرن مطابق پاڻي، کنڊ، بسڪيٽ رکيا ويندا آهن، جيڪي ماڻهن لاءِ ٻه ٽي ڏينهن هلي سگهن، جيسين ٻڏل جهاز جي سگنل تي اوسي پاسي کان ويندڙ جهاز بچاءَ لاءِ اچي سگهن.
    بهرحال ماڻهن مطابق ٻيڙين جي تعداد تي اڄڪلهه سختي آهي. باقي ٽائٽانڪ وارن ڏينهن ۾ ڪو قائدو قانون يا وٺ پڪڙ نه هئي جهازن جي مالڪن جي مرضي تي ڇڏيل هوندو هو ته جيئن وڻين تيئن ڪن. ٽائٽانڪ جهاز تي مسافرن جي بچاءَ لاءِ ٻيڙيون ضرور هيون، پر خوف ۽ هراس ۾ مسافرن توڙي جهاز وارن کي هوش ئي نه پئي آيو ته، ڪهڙي ٻيڙيءَ ۾ ڪيترن مسافرن جي ويهڻ جي قوت (Capacity) ۽ کاڌو پيتو (راشن) آهي؟ هيڏي هل هنگامي تي به مسافرن کي پهرين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ٿي ويو آهي ۽ ڇا ڪرڻ کپي؟ ڪيترن کي ته خبر ئي نه پئي ته بوٽ ڊيڪ (جتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهجي) ڪٿي آهي؟ ۽ شروع جون جيڪي ٻيڙيون لاٿيون ويون. انهن ۾ سئو يا ڏيڍ سئو ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي، پر پنجويهه ٽيهه کن ماڻهو مس ويٺا. اڄڪلهه هر ٻيڙي (Life boat) تي لکيل ٿئي ٿو ته، ان ۾ ڪيترن ماڻهن جو راشن آهي ۽ اوترا ويهي سگهن ٿا، پر انهن ڏينهن ۾ ائين نه هو. ويندي جهاز جي آفيسرن کي به خبر نٿي پئي ته ڪهڙي ٻيڙيءَ ۾ ڪيترا ماڻهو ويهن؟ جهاز کي به بندرگاهه مان نڪتي اڃا ڪو ڏينهن ٻه ٿيو هو. سو جهاز جي آفيسرن اڃا نه ڊيوٽيون مقرر ڪيون هيون (ته ڪهڙن جهازين کي ڪهڙي ٻيڙي هلائڻي آهي؟) ۽ نه مسافرن کي مشق ڪرائي وئي هئي ته ڪهڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڪهڙا مسافر ويهندا؟ دراصل هڪ ته جهاز نئون ٺهيو هو ۽ ڪنهن ٿي سوچيو ته پهرين سفر جي شروع ٿيڻ تي ئي ٻڏي ويندو؟ سو به هي جهاز ٽائٽانڪ جيڪو سامونڊي تاريخ ۾ اڻ ٻڏندڙ يعني Unsinkable جهاز ٺاهيو ويو هو.
    بهرحال افراتفري ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي حالت ۾ ٻيڙيون کُٽي ويون. ماڻهو رهجي ويا، پر جيترا ماڻهو هر ٻيڙيءَ ۾ ويهڻا هئا، اوترا ويهن ها ته به سڀ مسافر چڙهي نه سگهن ها، جو اُهي ٻيڙيون اڄ جي قانون مطابق مسافرن ۽ جهاز هلائيندڙن جو تعداد ڌيان ۾ رکي نه رکيون ويون هيون. اڄڪلهه دنيا جي مسافر توڙي مال بردار جهاز تي جيڪڏهن ٻيڙيءَ ۾ وڌيڪ مسافر ويهڻ جي گنجائش ناهي ته وڌيڪ ماڻهو جهاز تي سفر ڪري نٿو سگهي. ڀلي جهاز تي ڪيترائي ڪمرا خالي پيا هجن، ڀلي جهاز تي ڪيترو به واڌو کاڌو هجي. ڪناري تي بيٺل جهاز تي هو ان ۾ رهي ۽ کائي پي سگهي ٿو، پر جهاز هلڻ مهل فقط اوترا ماڻهو جهاز تي هلي سگهندا، جيتري (Boat Capacity) هجي. يعني جيترا ماڻهو ٻيڙي کڻي سگهي ۽ اوترن ئي ماڻهن جو ان ۾ راشن رکيل ٿئي ٿو، جيڪو ٽئين چوٿين مهيني بدلائي نئون رکبو آهي.
    رات جو اٽڪل ساڍي يارهين وڳي ٽائٽانڪ جهاز جو برف جي ڇپ سان ٽڪر ٿيو. اڌ ڪلاڪ ۾ ئي ٻوڙ ٻوڙان جو سلسلو شروع ٿي ويو. سوا ٻارهين وڳي کان ٻيڙين ذريعي مسافرن کي سمنڊ ۾ لاٿو ويو. ٻي وڳي ڌاري آخري ٻيڙي لاٿي وئي. ڪجهه ماڻهن زوري به ڪئي، نه ته گهڻي ڀاڱي ماڻهن صبر کان ڪم ورتو ۽ عورتن ۽ ٻارن کي پهرين لهڻ جو موقعو ڏنو ويو. ڪيترن مسافرن ۽ جهاز جي ماڻهن وڏي همت سان منهن ڏنو. جهاز جي بئنڊ وارا آخر تائين ڊيسڪ تي بيهي ميوزڪ وڄائيندا رهيا. آخري ٻيڙي لهڻ کان پوءِ ڪي پندرهن منٽ رکي جهاز پٺ کان هيٺ سمنڊ ۾ ڍُرڪڻ شروع ڪيو ۽ ويو هيٺ سمنڊ ۾ پيهندو. ٻين لفطن ۾ پاڻي مٿي چڙهندو آيو. بئنڊ وڄائڻ وارا سڀئي همراهه ان ئي جذبي سان بئنڊ وڄائيندا رهيا. آخر ۾ هو هر وقت Nearer my God to thee وڄائيندا رهيا. پاڻي هنن جي پيرن هيٺان ٿيندو گوڏن تائين پهتو ۽ پوءِ مٿي ڇاتيءَ تائين، هو اٺ ئي ڄڻا ائين ئي بيٺا رهيا، تان جو پاڻي هنن جي مٿان وري ويو ۽ جهاز سان گڏ هي بئنڊ وارا ۽ ٻيا بچيل ماڻهو ٻڏي ويا، جن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ هزار ٿيندو.
    ٽائٽانڪ جهاز يا ڪو به پاڻيءَ جو جهاز جڏهن ٻڏي ٿو يا ان کي باهه ٿي لڳي ۽ جهاز هلائيندڙ اهو سمجهيو وڃن ته هن جهاز جو هاڻ بچڻ ڏکيو آهي، ته پوءِ جهاز کي ڇڏڻ (Abandon ڪرڻ) ئي بهتر آهي. ان لاءِ بيوگل، سيٽي يا لائوڊ اسپيڪر ذريعي اعلان ڪيو وڃي ٿو ته، هاڻي جهاز کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران فقط ضروري ڪاغذ پٽ کڻي گرم ڪپڙن ۽ لائيف جئڪيٽ ۾ جهاز جي Boat Deck تي اچي حاضر ٿيو. جهاز جو ”بُوٽ ڊيڪ“ اهو آهي، جنهن تي ٻيڙيون رکل هجن ٿيون، جيڪو Weather Deck (جهاز جي عام ڊيڪ- عرشي) کان ٻه يا ٽي ماڙ مٿي ٿئي ٿو. ان ماڙ تي گهڻو ڪري چيف انجنيئر، چيف آفيسر، ڪئپٽن ۽ جهاز جي مالڪ جون ڪئبنون (ڪمرا) ٿين. ماڻهن جي بچاءَ لاءِ موٽر بوٽ (لانچون) به ٿين ته چَپُن تي هلڻ واريون ٻيڙيون به. بلڪه موٽر بوٽن ۾ به چَپُون رکيل ٿين ٿا، جيئن متان ٻيڙيءَ جي انجن اسٽارٽ ٿي نه سگهي ته چَپُن کان ڪم وٺي سگهجي. هونءَ زندگي بچائڻ جون اهي ٻيڙيون جيڪي Life Boats سڏجن ٿيون، مسافري جي خيال کان نه هونديون آهن جو وچ سمنڊ تي حادثو ٿيڻ تي، اها ٻيڙي وڏو سفر ڪري ڪناري تائين نٿي پهچي سگهي. اها وڌ ۾ وڌ اٺ ڏهه ڪلاڪ مس هلي سگهي ٿي، جو هڪ ٻيڙيءَ ۾ (ڪار وانگر) ڪيترو پيٽرول رکي سگهجي ٿو. ساڳي وقت ماڻهن جي بار کان علاوه انهن جي ڏينهن ٻن جو راشن پاڻي پڻ رکيو وڃي ٿو، جنهن جو پڻ ڪجهه نه ڪجهه وزن ٿيو. هنن ٻيڙين جو فقط اهو مقصد ٿئي ٿو ته جهاز کان جان ڇڏائجي ۽ پوءِ سمنڊ ۾ لهڻ تي ان ٻيڙيءَ کي اصل جهاز کان سندس انجڻ يا چپن ذريعي پري رکي، متان جهاز کي وڪوڙيندڙ باهه جون ڄڀون ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مسافرن کي ساڙي رکن يا اونڌو ٿي ٻڏندڙ جهاز هيٺان سڄي ٻيڙي اچي، اها به نه ٻڏي وڃي. ان ڪري بوٽ ڊيڪ تان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، پوءِ رسن کي کولبو آهي ته ٻيڙي اچي هيٺ سمنڊ جي سطح تي پوندي آهي. ان بعد انجڻ اسٽارٽ ڪري ٻرندڙ يا ٻڏندڙ جهاز کان ميل اڌ پري ٿي بيهبو آهي.
    ٻڏندڙ يا ٻرندڙ جهاز کان گهڻو به پري نه وڃجي. جهاز سڄو غرق ٿي وڃي، ته به ان جي ئي پسگردائيءَ ۾ رهجي، جيئن ان ئي ڏينهن يا ٻئي ڏينهن بچائيندڙ جهاز توهان کي ڳولي مٿي کڻي سگهن. جهاز ڇڏڻ وقت ڪيترن ئي قسمن جا سگنل ڏنا وڃن ٿا، جيئن اوسي پاسي جا جهاز سمجهي وڃن ته جهاز ٻڏي رهيو آهي ۽ ان کي مدد جي ضرورت آهي ۽ اهو جهاز ڪهڙي هنڌ ٻڏي رهيو آهي؟ جيئن ان هنڌ تي پهچن. انهن سگنلن مان هڪ ته رنگين ڦٽاڪا ٿين ٿا، جيڪي پستول ذريعي مٿي آسمان ڏي ڇوڙيا وڃن ٿا. مٿي پهچي ان ڦٽاڪي مان رنگين روشني نڪري ٿي ۽ رات جي وقت ڏهاڪو کن ميلن جي گهير ۾ لنگهندڙ جهاز ڏسي سمجهي وڃن ٿا ۽ بچاءَ لاءِ ان هنڌ ڏي رُخ رکن ٿا. جهاز جي وائرليس سيٽ ذريعي به چوڌاري ٽي سئو ميلن جي فاصلي تي موجود جهازن کي اطلاع ڪري سگهجي ٿو ته اسان جو جهاز ٻڏي پيو ۽ اسان جي جهاز جي هيءَ پوزيشن آهي. يعني هيتريون ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ Latitude ۽ هيتريون ڊگهريون ڊگهائي ڦاڪ Longitude، جيئن ٽائٽانڪ جهاز جي ٻڏن وارو هنڌ ٻائيتاليهه ڊگريون اتر ۽ ستيتاليهه ڊگريون مغرب هو. پر جي جهاز اوچتو ٻڏي وڃي ته به هر جهاز ۾ هڪ سسٽم ٿئي ٿو، جنهن کي ايس او ايس (Save Our Souls) سڏجي ٿو. اهو جهاز ٻڏڻ بعد جهاز جي ٻڏڻ واري پوزيشن جو سنگل چوڌاري هلندڙ يا بيٺل جهازن ڏي Transmit ڪري ٿو. اهو سگنل ايس او ايس اهڙو آهي، جو ٻين جهازن جا وائرليس سيٽ کڻي بند هجن، ته به اهو نياپو انهن تائين پهچي وڃي ٿو ۽ هر جهاز جو اهو فرض آهي ته اهو نياپو ملڻ سان پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، ٻڏندڙ جهاز جي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ان جهاز جي پوزيشن ڏي رُخ رکي. ان ڪري ٻيڙين ۾ ويٺل ماڻهن لاءِ ضروري آهي ته هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ بدران پنهنجو پاڻ کي ٻڏل جهاز جي ويجهو رکن، جيئن بچائيندڙ جهاز هنن جي مدد ڪري سگهن، ڇو جو بچاءَ لاءِ ايندڙ جهاز ته اوڏانهن جو رُخ ڪندا، جتي جهاز ٻڏو آهي.
    ٻي ڳالهه ته بچاءَ لاءِ لائيف بوٽ ۾ جهاز جي بوٽ ڊيڪ تان ئي سولائيءَ سان چڙهي سگهجي ٿو. هڪ دفعو جيئن ئي ٻيڙي هيٺ لهي سمنڊ تي اچي ٿي ته پوءِ ان ۾ چڙهڻ تمام ڏکيو آهي. اها سمنڊ جي اڀامندڙ ڇول سان گڏ ويهه ويهه ٽيهه ٽيهه فوٽ وهڪ (Current) سان گڏ وير ۾، هيڏانهن هوڏانهن وهيو وڃي ۽ منٽ ٻن ۾ ڪڏهن اڌ ميل هيڏانهن ته اڌ ميل هوڏانهن ٿيو وڃي. هڪ اهو به سبب آهي ته ان کي ٻڏندڙ جهاز کان پري رکيو وڃي ٿو، متان ان سان ٽڪرائجي چڪنا چور ٿي وڃي. بچاءَ لاءِ ايندڙ جهازن کي ٻيڙين مان ماڻهو ڪڍڻ ۾ وڏي ڏکيائي ٿئي ٿي، پر پوءِ مڙيئي هڪ هڪ ڪري ڪڍيو وٺن. هيليڪاپٽر ذريعي ٻڏندڙن کي مٿي ڇڪڻ ۾ به ساڳي تڪليف ٿئي ٿي. هيليڪاپٽر ته مٿان هڪ هنڌ گهڻو ئي ٽِڪَ ٻڏي بيهي ٿو، پر جيسين کن پل لاءِ اڀامندڙ ڇول کي سامت اچي ۽ ٻڏندڙ جا هٿ لڙڪيل رسيءَ ۾ ڦٻي وڃن، تيسين ٻيڙي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندي رهي ٿي.
    ٽائٽانڪ جهاز تان لاٿل ٻيڙين ۾ غلط بندوبست ۽ اڻڄاڻائيءَ ڪري ٿورا ٿورا مسافر چاڙهيا ويا. ڏيڍ سئو ٻه سئو Capacity واري ٻيڙيءَ ۾ پنجويهه کان پنجاهه کن مس ويٺا ۽ پوءِ آخري ٻيڙيءَ جي لهڻ بعد به سورهن سترهن سئو کن ماڻهو جهاز تي بچي پيا ۽ جهاز ٻڏندو رهيو. آخر ۾ جهاز جي هڪ ڪنڊ وڃي بچي ۽ سڀ ڊوڙي اتي اچي بيٺا ۽ پوءِ اها ڪنڊ به ٻڏي وئي ۽ سمنڊ جي ڇول ماڻهن کي سمنڊ ۾ کڻي وئي. هڪ ته رات جو وقت هو، ڪجهه نظر نه پئي آيو، پر پوءِ به اوسي پاسي ۾ بيٺل ٻيڙين، خاص ڪري جن ۾ ٿورا ماڻهو هئا، ٻڏندڙن کي مٿي کڻن جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر گهڻي ڪاميابي نصيب نه ٿين. ڪيترا ته ٻيڙيءَ جي انڌ سان لڳي زخمي ٿي پيا. هڪ ٻه ٻيڙي ته ٻين کي بچائڻ جي چڪر ۾ اونڌي ٿي پئي. هڪ ٻن ٻيڙين ۾ ويٺلن جو ٻين کي بچائڻ جي ذڪر ۾ پاڻ ۾ اچي جهيڙو ٿيو. ”ماڳهين اسين به ٿا مرون.“ اهڙن موقعن تي هر هڪ کي پنهنجي جان پياري ٿئي ٿي. گذريل هفتي فلپين ۾ هڪ فيري اونڌي ٿي پئي. هٿوراڙيون هڻي پاڻ بچائڻ وارن ۾ هڪ پيءُ به هو، جنهن کان جڏهن پڇيو ويو ته تنهنجي ڀر ۾ جڏهن تنهنجو پٽ ٻڏي رهيو هو ۽ توکي بچائڻ لاءِ ليلائي رهيو هو ته تو هن جي مدد ڇو نه ڪئي؟.
    هن ٻڌايو ته هو تمام گهڻو ٿڪل هو. پٽ کي به پاڻ سان کڻڻ تي هو تري نه سگهي ها ۽ پاڻ به ٻڏي وڃي ها.
    صبح تائين جڏهن ٽائٽانڪ جهاز جي ماڻهن جي بچاءَ لاءِ هِتان هُتان کان جهاز اچي گڏ ٿيا ته سمنڊ تي چوڌاري لاش ئي لاش هئا. ٻيڙين ۾ ويٺلن مان به ڪجهه مري چڪا هئا، جنهن جو وڏو سبب هڪ ته خوف ۽ هراس هو، جو ڪنهن به مسافر (توڙي جهاز هلائيندڙ) اهو سوچيو ئي ڪونه هو ته، ٽائٽانڪ جهاز ٻڏي سگهي ٿو ۽ ٻيو وڏو سبب سيءُ هو. سمنڊ تي ڪرڻ وارن جا سيءَ ڪري وڏا موت ٿين ٿا. خاص ڪري اتراهن علائقن ۾ ايڏي ته قهر جي ٿڌ ٿي پوي، جو اُتي جو رهندڙ ئي اندازو لڳائي سگهي ٿو. ان ڪري هر جهازي. خلاصي توڙي آفيسر کي جهاز تي وڃڻ کان اڳ جيڪو Survival جو ڪورس ڪرايو ويندو آهي، ان ۾ پڻ ان کي سختيءَ سان سمجهايو ويندو آهي ته جهاز ڇڏڻ مهل جيتري قدر ٿي سگهي، گهڻا گرم ڪپڙا پائي پوءِ ٻيڙيءَ ۾ لهجي. جنهن رات ٽائٽانڪ جهاز ٻڏو هو، ان رات ته هيڪاندي گهڻي سردي هئي ۽ شام کان سخت ٿڌي هوا پئي لڳي.
    هونءَ جهاز ٻڏڻ وقت جو تصور ڪجي ته ڏاڍي ڏک واري حالت هوندي. جنهن وقت جهاز پاڻيءَ ۾ ويو آهي ۽ جهاز جا مسافر ۽ جهاز هلائيندڙ جهاز تي بيهي نه سگهيا آهن ۽ سمنڊ ۾ ڪري پيا آهن، ان وقت انهن جو تعداد سورهن سترهن سئو کن هو، جن مان پوءِ ست کن ٻيڙين ڪجهه ماڻهو بچايا، باقي ڏيڍ هزار کن نه بچي سگهيا. بهرحال! جهاز جي ڊيڪ تان پير هٽڻ سان ۽ سمنڊ ۾ غوطو کائڻ سان جيڪا هنن کي تڪليف رسي هوندي ۽ دل ڏاريندڙ دانهون ڪيون هوندائون. ڪيڏو ڏک ڀريو ڏيک هوندو. رات جي اونداهي، سخت سيءَ ۾ پاڻيءَ ۾ ڪري پوڻ ۽ هر هڪ کي پنهنجو موت اڳيان هجي ۽ بچڻ جي ڪا اميد نه هجي. پاڻيءَ ۾ هڪڙو غوطو اچڻ ڪري (ڦڦڙن ۾ پاڻي وڃڻ ڪري) تڪليف ٿئي ٿي ۽ هتي لڳاتار غوطا کائڻ، ائين به نه آهي ته سمنڊ ۾ ڪرڻ سان ماڻهوءَ جو ساهه نڪريو وڃي ۽ وڌيڪ تڪليف کان بچي وڃي. جلد جلد ته به ڪجهه منٽ لڳيو وڃن. بيزاري، بيماري، مايوسي يا ٻين سببن ڪري جيڪي ماڻهو پاڻ کي مارڻ چاهيندا آهن، اهي به پهرين غوطي بعد پنهنجو ارادو بدلائي، موت کان منهن موڙي، ان ڏکيءَ زندگيءَ سان ٺاهه ڪرڻ ۾ بهتري سمجهندا آهن ۽ هتي ته ڪنهن به مرڻ نٿي چاهيو، ڪو به زندگيءَ مان بيزار نه هو. ويتر هر هڪ کي پنهنجي زندگيءَ سان پيار هو ۽ ان زندگيءَ جا مزا ماڻن لاءِ ٻُڪَ ناڻي جا ڏئي گهمڻ لاءِ نڪتا هئا ۽ هينئر هنن لاءِ ڄڻ ته قيامت هئي. جيڪو انهن مان بچي ويو، اهو ڳالهه ٿو ڪري ته پري پري تائين سوين ماڻهن جون ٻاڏائڻ واريون رڙيون هيون ته ”خدارا! اسان کي بچايو ۽ پوءِ اهي آسمان ڦاڙيندڙ رڙيون آهستي آهستي ٿي جهڪيون ٿي ويون ۽ پوءِ مڪمل ماٺ ٿي وئي. فقط سامونڊي ڇولين جي شپڪي جو آواز هو ۽ چوڌاري ميلن تائين ماڻهن جا لاش ئي لاش هئا. درد ڀريو هي ڏيک ڪيترن سالن تائين بچي ويلن جي دل ۽ دماغ تي تاري رهيو. ان رات جو ان سين جو سوچي هو ڏڪي ٿي ويا. جهاز ٻڏڻ جي انڪوائري (Senate Enquiry) ٿي ته ڪيترن شاهدن حادثي جي ان حصي بابت جواب ڏيڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
    بچاءَ لاءِ جيڪو پهريون جهاز پهتو، اهو ”ڪارپاٿيا“ (Carpathia) هو، جيڪو پوري چئين بجي حادثي واري هنڌ پهتو. يعني ٽائٽانڪ جهاز جي مڪمل ٻڏي وڃڻ کان پورو هڪ ڪلاڪ چاليهه منٽ رکي. رات جي اونداهيءَ ۾ پهرين ته ڪو مسافر يا ٻيڙي نظر ئي نه پئي آئي. پوءِ جيئن جيئن صبح جي هلڪي روشني ٿي ته ميلن تائين پکڙيل لاش ۽ ٻيڙيون نظر آيون. ڪارپاٿيا جهاز جي ڪئپٽن پنهنجي جهاز جون ٻيڙيون يڪدم لهرايون ۽ پهرين لاشن جي چڪاس ورتي وئي ته متان ڪو جيئرو هجي ته پهرين ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي ٻيڙيءَ ۾ رکجي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته خوف ۽ هراس ۾ ماڻهو بيهوش ٿي ويندو آهي ۽ سندس جسم نُهرو (Solid) نه هجڻ ڪري پاڻيءَ مٿان ترندو رهندو آهي. پر افسوس جو انهن ۾ هڪ به جيئرو نه هو. (جيئرو ماڻهو پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃي پر پوءِ مرڻ تي لاش اُڀامي پوي ٿو ۽ جيڪو پاڻي اهو لاش Displace ڪري ٿو، اهو ان جي وزن (Mass) کان گهڻو هجڻ ڪري لاش ترڻ لڳي ٿو. اهو ئي اصول سئيءَ جي ٻڏڻ يا جهاز يا ٻيڙيءَ جي ترڻ جو آهي).
    ڪجهه دير بعد ٻيا جهاز به پهچڻ لڳا، جن ۾ ساڳي ڪمپني جو جهاز اولمپڪ پڻ هو. اولمپڪ جهاز مرمت ٿيڻ بعد هاڻ سائوٿمپٽن (انگلينڊ) کان نيويارڪ (آمريڪا) ڏي وڃي رهيو هو ته کيس ٽائٽانڪ جهاز ٻڏڻ جو سگنل مليو. هي اهو جهاز آهي جنهن جو ڪئپٽن ٽائٽانڪ جهاز تي ٽراسفر ٿي آيو هو. اولمپڪ جهاز وارن به پنهنجيون ٻيڙيون لاٿيون ۽ ترندڙ لاش کنيائون. ٽائٽانڪ جهاز جي ٻيڙين ۾ بچيل سمورا ماڻهو (اٽڪل ست سئو يارهن کن) ڪارپاٿيا جهاز پاڻ سان کنيا ۽ کين نيويارڪ وٺي هليو. باقي ماڻهو اولمپڪ ۽ ٻيا جهاز انگلينڊ جي مختلف شهرن ڏي کڻي هليا.
    هن حادثي کان پوءِ جيڪي قاعدا ٺاهيا ويا ۽ اڃا تائين هلي رهيا آهن، اهي هن ريت آهن:
    1: هر جهاز تي جان بچائڻ لاءِ ٻيڙيون (Life Boats) ايتريون هجن، جن ۾ جهاز جا سڀ ماڻهو (مسافر ۽ جهاز هلائيندڙ) ويهي سگهن.
    2: هڪ ٻه ٻيڙيون انجڻ تي هلندڙ هجن.
    3: هر ٻيڙيءَ تي ماڻهن جو تعداد ضرور لکيل هجي، جيئن خبر پوي ته فلاڻي يا فلاڻي ٻيڙي ڪيترا ماڻهو کڻي سگهي ٿي؟.
    4: بندرگاهه مان جهاز جي نڪرڻ سان بوٽ ۽ ايمرجنسي ڊرل ڪرائي وڃي ۽ ان بعد هر هفتي ڪئي وڃي. گهڻو ڪري دنيا جي هر جهاز تي ڇنڇر تي هي مشقون ڪيون وڃن ٿيون. جهاز تي رهندڙ هر ماڻهوءَ کي ٻڌايو ويندو آهي ته جهاز ٻڏڻ تي هن کي ڪهڙيءَ ٻيڙيءَ اڳيان اچي بيهڻو آهي ۽ پوءِ جهاز ڇڏڻ جي فيصلي تي ڪنهن کي ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي؟ مثال طور: ڪنهن کي رسو ڍرو ڪرڻو آهي، ڪنهن کي ڪنڍو کولڻو آهي، ڪنهن کي ٻيڙيءَ جو ڪور کولڻو آهي. ان بعد ٻيڙيءَ جي مسافرن کي ان ۾ ويهي ٻيڙيءَ کي آهستي آهستي ڪري هيٺ سمنڊ ۾ لاهڻو آهي ۽ جهاز کي ڏنڊي سان ٿيلهو ڏئي، ٻيڙيءَ کي جهاز کان پري ڪرڻو آهي.
    اها مشق (Drill) هر وقت ان ڪري ڪئي وڃي ٿي، جيئن هر هڪ کي خبر هجي ته خطري جي وقت هن کي ڪهڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻو آهي ۽ هن جي ڪهڙي ڊيوٽي آهي ۽ جهاز ڇڏڻ وقت اهي سڀ ڪم ترت ڪري وٺجن ۽ ڪنهن به قسم جي ڇتڪتائي پيدا نه ٿئي.
    ان کان علاوه ٻي مشق (Drill) باهه وسائڻ جي ڪئي ويندي آهي، جيئن جهاز کي باهه لڳڻ سان هر هڪ پنهنجي ڊيوٽي مطابق وٺ وٺان ڪري ڏئي ۽ باهه وسائي سگهجي.
    جهاز ي ڪمپنين طرفان پنهنجي جهاز هلائيندڙن کي لکت ۾ اهو حڪم ڏنو وڃي ته، هنن کي ڪٿي به ”برف جون ڇپون“ نظر اچن يا ٻين کان معلوم ٿئي ته سمنڊ جي فلاڻي يا فلاڻي ٽڪري ۾ برف جون ڇپون Ice berg آهن ته ان علائقن ۾ جهاز جي رفتار گهٽ رکن ۽ ان علائقي کان ٿورو پرڀرو ٿي هلن.
    ڪمپني طرفان اهو حڪم ضروري آهي، نه ته جهازن جا سيٺ جهاز هلائڻ وارن تي ڪاوڙ ڪندا رهندا ته جهاز جي رفتار ڇو گهٽايوَ يا پرڀرو ٿي وڃڻ ڪري جهاز کي ٻي منزل (بندرگاهه) تي پهچڻ ۾ دير ڇو ڪرايوَ؟.
    بهرحال! پراڻا جهاز يا جنگ جي ڏينهن ۾ ته ڪيترائي جهاز ٻڏندا رهن ٿا، پر ٽائٽانڪ اهو جهاز هو جيڪو پُر سکائتن ڏينهن ۾، موچاري موسم ۾ ٻڏي ويو ۽ سو به نئون جهاز پنهنجي زندگيءَ جي پهرئين ئي سفر تي. هي اهڙو حادثو هو جيڪو ٿوري ڪوشش ۽ همت سان روڪي به سگهيو ٿي ۽ ايترين زندگين جو نقصان به نه ٿئي ها. جيڪڏهن ٻيڙين جو تعداد ڪجهه وڌيڪ هجي ها ۽ ماڻهو صحيح طرح ويهن ها.


    ٽائٽانڪ جهاز جا اهم ڪردار

    ٽائٽانڪ جهاز جي ”ٻڏڻ واري پوزيشن“ جوزف نالي فورٿ آفيسر ڪڍي هئي. (جهاز جي ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي سمنڊ تي رستو ڳولڻ وارو نيويگيٽر آفيسر، جيڪو چيف آفيسر (يا فرسٽ آفيسر) سڏجي ٿو. يعني چيف آفيسر کي پروموشن ٿيڻ تي هو ڪئپٽن ٿئي ٿو. فرسٽ آفيسر کان پوءِ هيٺ وارو آفيسر سيڪنڊ آفيسر سڏجي ٿو، پوءِ ٿرڊ آفيسر، پوءِ فورٿ آفيسر ۽ ان بعد ڊيسڪ ڪئڊٽ، فورٿ آفيسر ۽ ڪئڊٽ ڪيترن ئي جهازن تي هڪ کان وڌيڪ ٿين. پاڻيءَ جو جهاز ڏينهن رات هلائڻو پوندو آهي. هفتي جا ست ئي ڏينهن ۽ مهيني جا ٽيهه ئي ڏينهن، ان ڪري واري وٽيءَ تي، ڪو سامونڊي نقشن تي پينسل سان رستو ٺاهيندو آهي، ڪو چنڊ، تارن ۽ ڏينهن جو سج جي پوزيشن Sextant اوزار ذريعي معلوم ڪري ڏسندو آهي ته واقعي جهاز ان ٺاهيل رستي تي پيو هلي يا هيڏانهن هوڏانهن ٿڙيو ٿو وڃي؟ ڪو لڳاتار سامهون ڏسندو رهندو آهي ته سامهون يا پاسي کان ڪا شيءِ جهاز لاءِ رنڊڪ ته پيدا نٿي ڪري؟ هينئر رڊار به آهي، جنهن جي اسڪرين تي ٽيهه چاليهه ميل پري جي به خبر پئجيو وڃي ته سمنڊ جي مٿان ۽ هيٺان ڇا آهي، نه ته اڳئين زماني ۾، يعني ٽائٽانڪ جهاز وارن ڏينهن ۾ ٻه ڄڻا کوهي (ٿنڀي) تي مٿي چڙهي اتان ڏسندا هئا ته ڪا شيءِ سامهون هجي ته اڳواٽ نظر اچي وڃي. سو ٽائٽانڪ جهاز جي ٻڏڻ کان اڳ، جيتوڻيڪ سخت ڇتڪتائي ۽ ڀڄ ڀڄان جو عالم متل هو پر فورٿ آفيسر جوزف تارن ذريعي ٽائٽانڪ جهاز جي پوزيشن معلوم ڪري ورتي ته ان وقت ٽائٽانڪ جهاز دنيا جي گولي تي ڪهڙي هنڌ تي آهي؟ ۽ وائرليس ذريعي جيستائين نياپو ويو ٿي، اطلاع ڪرائي ڇڏيائين ته ٽائٽانڪ جهاز ٻڏي رهيو آهي. اوسي پاسي ۾ بيٺل ۽ لنگهندڙ جهاز ان پوزيشن (42.N,47.W) وٽ پهچي، ٽائٽانڪ جي ٻڏندڙ ماڻهن جي مدد ڪريو.
    فورٿ آفيسر وائيٽ اسٽار جهازي ڪمپنيءَ ۾ لڳاتار رهيو ۽ فورٿ آفيسر مان پروموشن ٿيندي ٿيندي آخر ۾ فرسٽ آفيسر ٿيو ۽ ڪنارڊ ڪمپني جي جهاز اڪيتانيا (Aquitania) تي آخر ۾ Sail ڪيو. 1967ع ۾ هو 83 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. هن جي وصيت موجب سندس لاش کي ساڙي، ان جي ڦلهير کي سمنڊ جي ان حصي تي ڇٽيو ويو، جتي ٽائٽانڪ جهاز ٻڏل آهي.
    * ڪارپاٿيا جهاز جيڪو ٽائٽانڪ ٻڏڻ بعد پهريون جهاز هو، جنهن اچي ٽائٽانڪ جهاز جا ماڻهو کنيا، پهرين جنگ عظيم ۾ مسافر ۽ فوجي ڍوئيندڙ جرمن جهازن جي ٽورپيڊو جو شڪار ٿي ويو ۽ Bishop Rock کان 170 ميل پري ٻڏل آهي.
    * جهاز جي کوهي تي ٺهيل Crow’s nest (ڪانگ جي آکيري) ۾ ويهي سامهون ايندڙ جبل، جهاز، ٻيٽ يا ٻي آفت جي چڪاس لاءِ ويٺل ٻه ڄڻا، جن برف جي ڇپ ڏسي، برج تي نيويگيشن آفيسر کي اطلاع ڪيو، انهن مان هڪ خلاصي گريڊرڪ کي ٻيڙيءَ ۾ جاءِ ملي وئي هئي ۽ سندس جان بچائي وئي. ٽائٽانڪ بعد هن ٻيا به 24 سال کن سامونڊي نوڪري ڪئي. ان بعد ”هارلئنڊ ائنڊ وولف“ جهاز ساز ڪارخاني ۾ ڪم ڪيائين. اتان رٽائرڊ ٿيڻ بعد زندگيءَ جي آخري سال هو سائوٿ مپٽن بندرگاهه جي گهٽين ۾ اخبارون وڪڻي پيٽ گذر ڪندو رهيو. سائوٿ مپٽن سندس ڳوٺ پڻ هو، جتي ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. جنوري 1945ع ۾ سندس زال جي گذاري وڃڻ بعد هن ڪپڙن سڪائڻ واري رسيءَ سان پنهنجو پاڻ کي ڦاهي ڏئي ڇڏي. ان وقت سندس عمر 76 سال هئي.
    * ٽائٽانڪ ۽ اولمپڪ جهڙا جهاز انگلينڊ جي وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ جا هئا. جيڪا ڪمپني بذات خود انٽرنيشنل مرڪنٽائيل مئرين (IMM) ڪمپنيءَ جي هڪ شاخ هئي. ٽائٽانڪ جهاز ٻڏڻ تي انشورنس ڪمپنيءَ طرفان کيس ويهه لک پائونڊ مليا ۽ کيس وڏي نقصان جي قيمت ملي وئي، پر ٽائٽانڪ جهاز ٻڏڻ بعد هيءَ ڪمپني وري نالو ڪڍي نه سگهي ۽ آهستي آهستي گمنام ۽ ماٺ ۾ هلي وئي.
    مسٽر بروس ”وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ“ جو ايم ڊي (مئنيجنگ ڊائريڪٽر) هو ۽ IMM ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر هو. ٽائٽانڪ جهاز جي ٻڏڻ بعد جيڪي آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ انڪوائري لاءِ ڪميٽيون ٺهيون، انهن جي سخت سوالن جي جواب لاءِ مسٽر بروس کي منهن ڏيڻو پيو ٿي. اهي ڪميٽيون آخر تائين ڪجهه ثابت ته نه ڪري سهيون، پر هنن جو اهو ئي خيال هو ته مسٽر بروس کي مسافرن کان اڳ جهاز نه ڇڏڻ کپندو هو. آخر ۾ ته ڪمپنيءَ جي مالڪن به اهو سوچي ته متان ڪمپني بدنام ٿئي ۽ ڌنڌي تي اثر ٿئي، هن کي ڏوهاري بڻايو. نتيجي پاڻ به بيزار ٿي پيو ۽ 1913ع ۾ ڪمپني ڇڏي آئرلينڊ پنهنجي ڳوٺ گال وي ۾ اچي رهيو. اڳتي هلي هو ڊائبٽيز (مٺي پيشاب) جو مريض ٿي پيو. تن ڏينهن ۾ انسولين يا ٻي ڪا دوا ايجاز نه ٿي هئي. سندس هڪ ٽنگ به خراب ٿي پئي، جيڪا کيس ڪٽائڻي پئي. ان بعد هو انگلينڊ موٽي آيو ۽ 74 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.
    ٽائٽانڪ جهاز جو سيڪنڊ آفيسر چارلس پهرين وڏيءَ لڙائيءَ ۾ رائل نيوي جي فوجي جهازن تي هليو ويو. جنگ ختم ٿيڻ تي هو وري وائيٽ اسٽار جهازي ڪمپني ۾ آيو، جتي رٽائرڊ ٿيڻ تائين نوڪري ڪيائين. هو سينئر ٿيو ته به ڪمپنيءَ کيس ڪمانڊ نه ڏني. يعني کيس ڪنهن به جهاز تي ڪئپٽن ڪري نه رکيو ۽ آخر تائين جهاز جو چيف آفيسر ٿي رهيو. ڪمپني هن مان ان ڪري خوش نه هئي، جو ٽائٽانڪ جهاز جي انڪوائري ۾ هن هر وقت ڪمنيءَ جي ايم ڊي مسٽر بروس جو پاسو کنيو ۽ هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
    جنهن وقت ٽائٽانڪ جهاز ٻڏي رهيو هو يا ٻڏي چڪو هو، ان وقت چون ٿا ته ”ڪئليفورنين“ نالي هڪ جهاز پڻ ان علائقي مان لنگهي رهيو هو، جنهن تي ٽائٽانڪ جهاز جي ٻڏڻ جو هلڪو يا چٽو سگنل پهتو هو، پر ان جهاز جو ڪئپٽن اسٽينلي پنهنجي جهاز کي ٽائٽانڪ جهاز ڏي موڙي مدد لاءِ نه پهتو. (شايد اڻ چٽي سگنل ڪري، شايد پري هجڻ ڪري يا اهو سوچي ته جيسين هو پهچي، تيسين ٻيا آس پاس وارا جهاز پهچي چڪا هوندا) بهرحال! هن آخر تائين نه مڃيو ۽ ڪورٽ ۾ به ثابت ٿي نه سگهيو. (ياد رهي ته اڄ به اهو قانون ساڳيو آهي ته سگنل ملڻ تي هر جهاز کي ٻڏندڙ جهاز ڏي رُخ رکڻو آهي ۽ ماڻهن جي مدد ڪرڻي آهي) بهرحال! ثابت نه ٿيڻ جي باوجود ڪئپٽن اسٽينلي جي جهازي ڪمپني ”ليلئنڊ لائين“ هن کي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ چيو. ان بعد ڪئپٽن اسٽينلي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ماڻهن جي دلين ۾ ويٺل غلط فهمي دور ڪئي وڃي، پر هن جو ڪيس نه ٻڌو ويو. گهڻو گهڻو پوءِ پيٽر پئڊ فيلڊ نالي مئرين جي هڪ مشهور ليکڪ 1960ع ۾ هڪ ڪتاب The Titanic the Californian نالي ڇپيو، جنهن ۾ هن بهترين نموني سان ثابت ڪيو آهي ته ٽائٽانڪ جهاز جي ٻڏڻ وقت ڪئليفورنين جهاز ويجهو نه هو. ڪئپٽن اسٽينلي 84 ورهين جي ڄمار ۾ 1962ع ۾ گذاري ويو.
    وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ جو اولمپڪ جهاز جيڪو سائيز ۽ شڪل ۾ ٽائٽانڪ جهڙو هو، (ان ڪري سسٽر شپ سڏبو هو) ان کي شپ يارڊ ۾ وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو، جيئن ٽائٽانڪ جهڙي حالت درپيش اچي ته مقابلو ڪري سگهي. ورلڊ وار ون (پهرين وڏي لڙائيءَ) ۾ اولمپڪ جهاز کي پئسينجر جهاز مان بدلائي ”ٽروپ ڪئريئر“ بڻايو ويو. يعني آرامده ڪمرن بدران فوجين کي کڻڻ لاءِ سادا سودا ڪمرا ٺاهيا ويا ۽ مٿانئنس توبون فٽ ڪيون ويون. لڙائيءَ دوران اولمپڪ جي توبن ذريعي هڪ ٻه جرمن يو بوٽس تباهه به ڪيون ويون، جن اولمپڪ جهاز تي حملو ٿي ڪيو. جنگ جي ختم ٿيڻ بعد هن جهاز کي ڪوئلي بدران تيل تي هلائڻ جو بندوبست ڪيو ويو. مئي 1934ع تي هن جهاز جو نيويارڪ ويجهو هڪ ٻئي جهاز سان ٽڪر ٿي پيو. سخت ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ڪري هڪ ٻئي کي ڏسي نه سگهيا. ٽڪر ٿيڻ تي ٻيو جهاز جيڪو ڪافي ننڍو هو، اهو ٻڏي ويو ۽ ان جا ست ماڻهو مري ويا. آمريڪن حڪومت وائيٽ اسٽاف ڪمپنيءَ کي نقصان ڀري ڏيڻ لاءِ چيو. 1935ع ۾ اولمپڪ جهاز کي اسڪرئپ ڪيو ويو. (يعني ڀڃي لوهه جي قيمت وڪيو ويو).
    مٿي سسٽر شپ (Sister- Ship) جي ڳالهه لکيل آهي. دراصل ڪي به هڪجهڙا جهاز سسٽر شپ سڏجن ٿا. جهاز کي مونث سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري ”برَدر شپ“ بدران سسٽر شپ چئجي ٿو ۽ جهاز لاءِ انگريزي ۾ She ضمير استعمال ٿئي ٿو. نڪي He. جهاز جڏهن به بيهي ٿو ته Buoy سان ٻڌو وڃي ٿو. بئاءِ لوهه جا کوکلا پڃرا ٿين، جيڪي زنجير ذريعي سمنڊ جي تري سان سوگها هوندا آهن. جهاز بندرگاهه ٻاهران بيهڻ وقت پنهنجو رسو Buoy سان ٻڌي بيهي ٿو، جيئن هوا ۽ لهرن جي چرپر تي جهاز هيڏانهن هوڏانهن نه ٿئي. ٻي ڳالهه ته سمنڊ تي کاري هوا ڪري جهاز کي ڪٽ لڳي ٿي. ان ڪري جهاز کي هر وقت رنگ روغن سان چمڪائڻو پوي ٿو. سو جڏهن ڪو چوندو آهي ته جهاز کي مذڪر بدران مونث ڇو ٿو سمجهيو وڃي ته جواب اهو ڏنو ويندو آهي ته ان ڪري جو جهاز هر وقت بئاءِ (ڇوڪر) ٿو ڳولي ۽ هو هر وقت عورتن وانگر رنگ روغن ڪري ٿو. ان ڪري جهاز هڪ ڇوڪريءَ يا عورت مثل آهي.
    *”ڪارپاٿيا“ جهاز جو ڪئپٽن آرٿر جنهن ٽائٽانڪ جهاز جا گهڻي کان گهڻا ماڻهو پنهنجي جهاز تي چاڙهيا، هن ڪارپاٿيا جهاز بعد ماريطانيا جهاز جي ڪمانڊ ورتي. معنيٰ ان جهاز جو ڪئپٽن ٿيو. ان بعد 1928ع کان 1931ع تائين هڪ ٻئي جهاز جو ڪئپٽن ۽ دنيا جي مشهور جهازي ڪمپني ڪنارڊ فليٽ (Cunard Fleet) جو ڪموڊور ٿيو. 1940ع ۾ گذاري ويو.
    * ٽائٽانڪ جهاز تي نه فقط انگريز ۽ آمريڪن هئا، پر مسافرن ۾ ڪجهه ٻين به ملڪن جا پڻ هئا. جيئن 1956ع ۾ ريڊرس ڊائجسٽ وارن هڪ ڪتاب A Night To Remember ڇپريو، جنهن ۾ لکيل آهي: ”جان بچائڻ لاءِ ٻيڙين ۾ چڙهڻ وقت فقط انگريزن (Anglo Saxons) فضيلت کان ڪم ورتو. باقي فرينچ، اٽليءَ وارا، آرمينين، جپاني ۽ چيني خود غرض ۽ بي افعالا ثابت ٿيا.“
    اھڙن حادثن وقت پھرين عورتن ۽ ٻارن کي بچائڻ لاءِ ٻيڙين ۾ چاڙھيو ويندو آھي ۽ پوءِ مردن کي. جان ھر ھڪ کي پياري آھي، جڏھن سر تي اچي ٿي ته پوءِ ڪيترن کان اھڙا ڪتابي اصول وسريو وڃن. ٽائٽانڪ جھاز جي مسافرن کي لاھڻ وقت جھاز جي آفيسرن پوري پوري ڪوشش ڪئي ته زالون، ٻار ۽ پوڙھا پھرين چڙھن، پر ڪن ڪن مسافرن ۽ جھاز جي ماڻھن - خاص ڪري بورچين ٻيڙيءَ ۾ زوريءَ چڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جھاز جي ڊيوٽي آفيسرن کين منع ڪئي. ٻين آفيسرن وٽ ته پستول ھئا، جن اھڙي بي قائدگيءَ وقت ھوائي فائر به ڪيا ٿي.
    جھاز ۾ ھڪ جپاني مسافر ماسابومي ھوسونو نالي پڻ ھو. ھن جي ان وقت عمر 42 سال ھئي ۽ جپان جو سرڪاري ڪامورو (Bureaucrat) ھو. پاڻ جپان جي وزارت ٽرانسپورٽ ۾ ھو ۽ يورپ ۾ ريلوي نيٽ ورڪ جو تجربو حاصل ڪرڻ لاءِ آيو ھو. ھاڻ آمريڪا (نيويارڪ) وڃي رھيو ھو، جتان پوءِ ٻئي جھاز ۾ پئسفڪ سمنڊ پار ڪري، ھوائي ٻيٽ کان ٿيندو، جپان موٽڻو ھو. ھو ٽائٽانڪ جھاز تي سائوٿ مپٽن بندرگاھ مان چڙھيو ۽ ھن جي ڊائري مطابق، جيڪا ھن ٽائٽانڪ جھاز جي ليٽر ھيڊ تي حادثي کان پوءِ لکي آھي، ھو ستو پيو ھو ته ڪنھن سندس سيڪنڊ ڪلاس جي ڪئبن جي در کي زور سان ٿڏو ھنيو. ھن اٿي در کولي ڏٺو ته جھاز جو اسٽيوورڊ ھو، جيڪو ھن کي سندس حصي جي ھڪ لائيف جئڪيٽ ڏئي اڳتي ٻئي کي ڏيڻ لاءِ وڌي ويو. پينٽ قميص ۽ اوورڪوٽ پائي، مسٽر ”ھوسونو“ منجھيل دماغ سان ٻاھر نڪتو. ڊنر واري ڊانس پارٽيءَ توڙي شراب ڪواب سڀني جا مٿا ڳرا ڪري ڇڏيا ھئا. ويتر ڪچي ننڊ مان اٿڻ ڪري ھر ھڪ جون وايون بتال ھيون. ھي پھرين مٿين ڊيڪ ڏي ٿي ڀڳو، پر ماڻھن جي پيهه پيھان ڪري وري ٻئي پاسي کان ڦري بوٽ ڊيڪ تي پھتو ته ڏٺائين ته لائيف بوٽن ۾ ماڻھن کي چاڙھي ھيٺ سمنڊ ۾ لاٿو پيو وڃي. اونداھ ڪارونڀار ڪري ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ته پئي آيس ۽ ھر ھڪ ماٺ مٺوڙي ۾ ائين پئي ھليو ڄڻ سڀ ڪم ڳجهه ڳوھ ۾ ٿي رھيو ھجي. ان ھوندي ’ھوسونو‘ پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آھي: ”منھنجي دل اندران رڙي رھي ھئي. مون ذھني طرح پنھنجو پاڻ کي ھر ڳالهه لاءِ تيار رکيو. پنھنجو پاڻ کي موت جي آخري سفر لاءِ ريجھايم. مون ڪابهه اھڙي ڳالهه نٿي ڪرڻ چاھي، جنھن سان منھنجي ملڪ ۽ ماڻھن جو ناموس خراب ٿئي. پر ساڳي وقت آءٌ اھا بهه اميد رکيو ويٺو ھوس تهه، شل مون کي بهه ٻيڙيءَ ۾ ويھڻ جو موقعو ملي وڃي ۽ پوءِ جھاز جي ھڪ آفيسر رڙ ڪئي: ”ٻيڙيءَ ۾ اڃا به ٻن ڄڻن جي جاءِ آھي.“ ھوسونو پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آھي ”آءٌ جيڪو اھو سوچي رھيو ھوس ته ھاڻ آءٌ پنھنجي پياري زال ۽ ٻارن کي ڏسي نه سگھندس، آفيسر جا اھي لفظ ٻڌي کڻي ٻيڙيءَ ۾ ٽپ ڏنم.“
    بعد ۾ ھوسونو کي ڪارپاٿيا جھاز ۾ کڻي نيويارڪ پھچايو ويو. ٻن مھينن بعد جڏھن ھوسونو پنھنجي وطن جپان پھتو ته ھن کي ھرڪو شڪي نگاھن سان ڏسڻ لڳو ته ھن کي زندگي ڪنھن ٻئي جي موت جي بدلي ۾ ملي آھي. يعني ڪنھن ٻئي جو وارو - خاص ڪري ڪنھن عورت يا ٻار جو موقعو ماري پاڻ چڙھيو آھي. جپان ۾ اڄ به ضمير جي ملامت يا ٻئي جو پاڻ لاءِ خراب رايو، سڀ کان ڏکوئيندڙ ڳالهه سمجھي وڃي ٿي. جنگ کان اڳ ته جپان ۾ اڃا بهه گھڻو شرم جو ڪلچر ھو. جپانين شرم جي زندگي گذارڻ کان ٻڏي مرڻ بھتر سمجھيو ٿي. ماڻھن جي افواھن ۽ اخبارن ۾ غلط سلط خبرن ڪري جپان حڪومت ھوسونو کي1914ع ۾ نوڪريءَ تان لاھي ڇڏيو. ھن ان بعد 1923ع تائين ھڪ خانگي آفيس ۾ ڪم ڪيو. ھن جي پوٽن ڏھٽن ٻڌايو ته ھوسونوءَ شرم کان مرڻ گھڙيءَ تائين ٽائٽانڪ جو ذڪر نه ڪيو. ھوسونو 1939ع ۾ گذاري ويو ھو. ھوسونوءَ جي اھا ڊائري اڄڪلهه ٽائٽانڪ فائونڊيشن وارن وٽ آھي، جيڪا ھنن نمائش طور رکي آھي.

    آخر ۾ ڪجھ ٽائٽانڪ جھاز بابت:
    جھاز آھستي آھستي ٿي سمنڊ جي تري ۾ ھليو ويو. ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ واري ھنڌ (Position) جي ان وقت ڄاڻ حاصل ٿي چڪي ھئي، پر اھا ھڪ اندازي مطابق ھئي. افراتفري جي عالم ۾ ان وقت آسمان تي چمڪندڙ تارن جو حساب ڪري ڳولي وئي ھئي. ان وقت اڄ جھڙا نه ھئا سيٽلائيٽ نيويگيٽر ۽ نه حساب ڪرڻ لاءِ نيويگيشنل ڪئلڪيوليٽر. پر انھن ڏينھن ۾ اھا پوزيشن ان حساب سان ڪافي ھئي. يعني پنج ڏھ ميل ھيڏانھن ھوڏانھن سان ڪو فرق نٿو پوي. ٽائٽانڪ جھاز جي مسافرن ۽ ٻيڙين کي ڳولڻ لاءِ اھا اٽڪل طور ۽ (Approximate) پوزيشن ڪافي ھئي. بچائڻ وارا جھاز جڏھن پھتا ھئا ته تيز ھوائن ۽ سامونڊي ڇولين ڪري مسافرن جا لاش ۽ ٻيڙيون، ڏھ ٻارھن ميلن تائين پکڙيل ھيون. بھرحال جھاز جي صحيح پوزيشن اڌ صديءَ کان پوءِ پھرين سيپٽمبر 1985ع تي پئي ته ڪھڙي ھنڌ تي جھاز سمنڊ جي تري ۾ پيو آھي؟ دراصل سالن کان ٽوٻن (Divers)سمنڊ اندر غوطا ھڻي ٽائٽانڪ جھاز جي ڀڳل جسم (جنھن کي انگريزيءَ ۾Wreck سڏجي ٿو) کي پئي ڳوليو، جيئن ممڪن ھجي ته ان کي مٿي ڪڍيو وڃي. ٻڏندڙ جھاز کي مالڪ جي اجازت سان بچائڻ، ٻڏل جھاز کي مٿي ڇڪڻ يا ڇڏي ڏنل (Abandon) جھاز بچائڻ کي ”سالويج“ (Salvage) سڏجي ٿو. انگلينڊ ۽ يورپ پاسي ڪيتريون ئي سالويج ڪمپنيون آھن، جن کي پنھنجا ٽوٻا ۽ ٽگ بوٽ ٿين ٿا ۽ ھر وقت ھوشيار رھندا آھن - بلڪه تاڙيندا رھندا آھن ته ڪڏھن ٿو ڪو جھاز ٻڏي يا خطري ۾ آيل جھاز جو مالڪ کين مدد لاءِ سڏ ڪري، جيئن ھو سڀ کان اڳي پھچي وڃن. اھڙي نموني جي سالويج ڪرڻ ۾ وڏو فائدو آھي، جو فيءَ سان گڏ جھاز ۾ پيل مال جو پڻ وڏو حصو ملي ٿو.
    ٽائٽانڪ جھاز جي ريڪ (ڍانچي) کي آمريڪا جي نيول جھاز USS KNORR، روبوٽ سان ھلندڙ سب مئرين ‘Argo’ ذريعي سمنڊ جي تري ۾ مٿينءَ تاريخ تي ڳولي لڌو. ٽائٽانڪ جو ريڪ سمنڊ جي تري ۾ ھڪ پاسي کان ليٽيل آھي، جيئن ماڻھو پاسيرو ٿي سمھي. اھو نيو فائونڊلئنڊ جي ڪناري کان300 ميل پري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي، جتي سمنڊ سوا تيرھن ھزار فوٽ يعني چار ڪلوميٽر کن اونھو آھي. اھا اونھائي تمام گھڻي آھي. سمنڊ ۾ ھڪ اونھائي تائين - پنجاهه سٺ فوٽ تائين ته ماڻھو وڃي سگھي ٿو، ان بعد ھيٺ وڃڻ لاءِ ھن کي خاص ڪپڙا کپن، جو جيترو ھيٺ وڃجي ٿو، اوترو پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي ٿو ۽ خاص ڪپڙن سان به ھڪ حد تائين ھيٺ وڃي سگھجي ٿو. ان بعد ڪنھن بند ٿيل جھاز ۾ ھيٺ لھي سگھجي ٿو. آمريڪن نيوي وارن ٽائٽانڪ جي ڳولا لاءِ جيڪا آرگو نالي آبدوز (Submarine) سمنڊ ۾ ھيٺ لاٿي ھئي، سا به ڪا عام آبدوز نه ھئي. ايترو ھيٺ وڃڻ لاءِ ھنن ھيءَ ھڪ خاص آبدوز ٺاھي، جنھن تي ماڻھن بدران روبوٽن ڪم ڪيو ٿي ۽ منجھس خاص قسمن جون رنگين ۽ بليڪ ائنڊ وائيٽ ڪئميرآءٌ فٽ ڪيون ويون ھيون، جيڪي ٽائٽانڪ جھاز جي ڍانچي جون تصويرون مٿي بيٺل USS – Knorr جھاز تي موڪلينديون رھيون. تعجب جي ڳالهه اھا آھي ته ٽائٽانڪ جھاز جا ڪيترا ئي حصا تمام سٺي حالت ۾ آھن - شايد اونھي سمنڊ ۾ برف جھڙي ٿڌي پاڻيءَ ڪري. جھاز جو Stern(پويون حصو) غائب آھي - جيڪو جھاز ٻڏڻ وقت ٿيل ڌماڪن ۾ الڳ ٿي ويو ھو ۽ جھاز ته اھي سمنڊ جي اونھائيءَ جا چار پنج ڪلوميٽر پار ڪري ھيٺ تري ۾ وڃي پيو آھي، باقي Stern (جھاز جي پڇڙي) سڌو ھيٺ وڃڻ بدران، ساڄي کاٻي سمنڊ جي اندرين ڇولين Under Currents جي زور تي ڪيڏانھن ڏور وڃي پٽ پئي آھي. رنگين تصويرن ۾ شراب (Wine) جا دٻا، گھرو سامان سڙو ۽ ٻيون ڪيتريون شيون صاف نظر پيون اچن، پر جھاز جي ڪجهه حصن ۽ شين تي سينبار ۽ سامونڊي گاهه سپون (Sea Growth) پڻ چڙھي ويو آھي. جھاز جو اڳيون حصو ۽ ھڪ پاسو گھڻو ڌڪيل آھي. دراصل برف جي ڇپ(Ice berg) ان کي ايترو چيڀاٽيو جو جھاز جي پاسي جا ڪوڪا ڪنڊا (Rivets)ٻاھر نڪري آيا ۽ چوڌاري پاڻي ڌوڪي آيو. جھاز جي دونھين ڪڍڻ لاءِ چار چمنيون (Funnels) ھيون، جن مان ھڪ غائب آھي.
    اڄ جي دور ۾ ھيٺ ٻڏل جھاز کي مٿي ڇڪي سگھجي ٿو. پر اھو اهڙو سولو ڪم ناھي، ان لاءِ وڏو خرچ، مشينري ۽ اٽڪل جي ضرورت آھي. ھڪ ھلڪي شيءِ کي رسو ٻڌي مٿان ٻئي جھاز تان ڇڪي سگھجي ٿو. ڳري شيءِ ڪناري تي بيھي ھيٺان کوهه مان ته ڇڪي سگھجي ٿي، پر جھاز تي بيھي (جيڪو سمنڊ جي مٿاڇري تي تري رھيو آھي) ھيٺان سمنڊ جي تري مان جھاز جھڙي ٻي ڇپ کي مٿي ڇڪي نٿو سگھجي. رسا ٻڌي مشينن ذريعي گھڻو زور ڏبو ته ھيٺيون جھاز ٿورو مٿي چڙھي يا نه، مٿيون جھاز جنھن تي توھان بيھي اھو ڇڪڻ جو ڪم ڪري رھيا آھيو، اھو سمنڊ اندر ھيٺ ٻڏڻ شروع ڪندو. بھرحال! ڪجھ ٻيا طريقا ۽ اٽڪلون آھن، جھڙوڪ ٿلھي رٻڙ جو وڏو ڦوڪڻو ھيٺ ٻڏل جھاز سان ٻڌي، پوءِ ان کي ڪمپريسر ذريعي ھوا ڀرڻ سان ڦوڪڻو مٿي کڄڻ تي ھيٺ ٻڏل جھاز کي مٿي کڻي سگھجي ٿو. پر ان لاءِ به خاص قسم جا ڦوڪڻا کپن ۽ انھن کي ٻڏل جھاز سان ٻڌڻ جا به ڪي طريقا ٿا ٿين ۽ ٽائٽانڪ جھاز ته ايڏو ھيٺ اونھو آھي، جو اھي سڀ ڪم ڪرڻ بيحد ڏکي ڳالهه آھي. ان کان علاوه جھاز -جنھن ۾ ڪيترا ئي ڪمرا، اسٽور، گودام، پاڻي، ڪوئلي، تيل جون وڏيون ناديون ٿين ٿيون. ڪجهه عرصو گذرڻ بعد انھن سڀني ۾ گئسون ڀرجيو وڃن ۽ ٻڏل جھاز تي ڪم ڪندڙ سالويج وارا انھن گئسن يا ڪم دوران انھن گئسن ۾ ٿيل ڌماڪن ڪري موت جو شڪار پڻ ٿيا آھن.
    سڀ کان وڏي ڳالهه ته جھاز بچائڻ واريون سالويج ڪمپنيون يا ملڪن جون حڪومتون، اھڙن پراڻن جھازن جا ڍانچا تڏھن ئي بچائين ٿيون، جڏھن انھن ۾ ڪو مال ملڪيت ھجي. ٽائٽانڪ جھاز لاءِ چيو ويو پئي ته ھن ۾ سون جون سرون (Bullion)، ڳهه ڳٺا ۽ ھيرا جواھر آھن، پر ان جو ڪو به پڪو ثبوت اڄ ڏينھن تائين نه ملي سگھيو آھي، جنھن لاءِ ماڻھو خوار خراب ٿئي ۽ ڪروڙھا ڊالر خرچي، سالويج ڪرائي. انگلينڊ ڇڏڻ وقت ٽائٽانڪ جھاز 43 ملين پائونڊن ۾ ”ڪمرشل يونين انشورنس ڪمپني“ وٽ انشوئر ٿيو ھو، پر اھا پڪ ناھي ته ان انشورنس ۾ رڳو ٽائٽانڪ جھاز ۽ ان جا مسافر انشوئر ٿيل ھئا يا جھاز جو ڪارگو (سامان) پڻ. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪيڏي به ڪوشش بعد ھن جھاز (ٽائٽانڪ) جي ڍانچي کي مٿي ڇڪڻ مشڪل ته ڇا پر ناممڪن لڳي ٿو، جو جھاز نه فقط تيرھن چوڏھن ھزار کن فٽ ھيٺ سمنڊ ۾ آھي، پر سمنڊ جي تري تي ھجڻ بدران تري تي پيل واريءَ ۾ پنجاھ کن فٽ ھيٺ دٻجي ويو آھي. ان کان علاوهه جن مسافرن جا لاش نه مليا، انھن جا مائٽ پڻ اھو ئي چاھين ٿا ته ٽائٽانڪ جھاز جي ڍانچي (ريڪ) سان ھاڻ ھٿ چراند نه ڪئي وڃي، جو ٿي سگھي ٿو ته ان اندر ڪيترن جا ئي لاش اڃا موجود ھجن ۽ مڇين انھن کي نه کاڌو ھجي. جھاز جي اٿل پٿل تي اھي لاش نڪري ايندا يا سمنڊ جي اونھائيءَ ۾ رھندڙ خوفناڪ مڇيون جھاز جي ڍانچي ۾ ٿيندڙ وٿين مان اندر گھڙي وينديون.


    ٽائٽانڪ جهاز تي ٺهيل فلم

    جهاز ته هيستائين ڪيئي ٻڏي چڪا آهن ۽ ٻڏندا به رهن ٿا. فلمون به، نه فقط ٽائٽانڪ جهاز تي، پر ٻين به ڪيترن ئي جهازن تي ٺهي چڪيون آهن ۽ ٽائٽانڪ جهاز تي به هيءَ پهرين فلم ناهي، پر 1912ع کان وٺي اڄ تائين 86 سالن ۾ ٽائٽانڪ جهاز تي ڪيتريون ئي فلمون، ڪتاب ۽ ٽي وي سيريل ٺهي چڪا آهن.
    پهرين فلم ته جهاز ٻڏڻ بعد يڪدم مهينو کن رکي ٺهي هئي، جنهن جي فلم اسٽار اها هئي، جيڪا ٽائٽانڪ جهاز جي ان بدنصيب سفر جي مسافر هئي. ان فلم جو نالو (Saved from the Titanic) هو. انهن ڏينهن ۾ فلمون ٽاڪيز نه هيون. يعني آواز بنا ٺهنديون هيون ۽ ٽائٽانڪ ٽريجڊيءَ جي اها فلم بنا آواز جي هئي. يعني گونگي فلم هئي.
    Teutonic Titanic فلم جرمني وارن ٺاهي هئي، جنهن جو خرچ پکو نازي حڪومت ڏنو. هن فلم جو خيالي هيرو هڪ جرمن جوان ڏيکاريو ويو هو.
    1958ع ۾ برطانيه وارن به ٽائٽانڪ تي هڪ فلم A Night to Remember ٺاهي، پر فلم ڊائريڪٽر جيمس ڪئمران جي هيءَ تازي فلم Titanic سڀني فلمن کان گوءِ کڻي وئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي هاڪ هلي وئي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن فلم تي، فلم ٺاهيندڙن ”فاڪس فلمڊ انٽرٽينمينٽ“ وارن وڏو خرچ ڪيو آهي. ٻه سئو ملين ڊالر فلم جي شوٽنگ تي خرچ ٿيو آهي ۽ اهڙا ڏيڍ سئو ملين ڊالر مارڪيٽ تي خرچ ٿيو آهي. (هن کان اڳ گهڻي خرچ واري فلم ”واٽر ورلڊ“ آهي. جنهن تي 175 ملين ڊالر خرچ آيو هو) منهنجي خيال ۾ هن فلم کي مٿانهون ڪندڙ، ماڻهن کي حيرت ۾ وجهندڙ نظارا آهن، جيڪي ڪمپيوٽر ذريعي پيدا ڪيا ويا آهن. هيئن هن کان اڳ ٺهيل فلم Jurrasic Park هئي، جنهن ۾ ڪمپيوٽر جنريٽيڊ اسي کن Shots هئا ۽ هن فلم ٽائٽانڪ ۾ 550 آهن.
    هن فلم ٽائٽانڪ جي شوٽنگ جو بندوبست فاڪس فلم ڪمپنيءَ وارن ميڪسيڪو جي شهر روزاريتو ۾ سورهن هيڪٽر ڪامپليڪس تي ڪيو هو. فلم ۾ جيڪو ٽائٽانڪ جهاز ڏيکاريو ويو آهي، اهو بلڪل هوبهو ۽ اصل جهاز جهڙو آهي، پر اصل جهاز جي ڏهين حصي جيڏو به ناهي. ان کي ڪمپيوٽر ۽ ٻين ڪئمرائين جي اٽڪلن ذريعي ائين ڏيکاريو ويو آهي، ڄڻ سچ پچ هجي ۽ سچ پچ جا ماڻهو اتان ڪري سمنڊ ۾ پيا ٻڏن، جيڪو دراصل (L) شڪل جي پاڻيءَ جي وڏي ٽانڪي آهي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽائٽانڪ فلم جو ڊائريڪٽر Jemes Cameron هڪ قابل ۽ هوشيار فلم ٺاهيندڙ آهي ۽ سندس هن کان اڳ جي ٺهيل فلمن مان به ڪيتريون ئي مشهور ٿيون. جهڙوڪ: The Terminator II, True lies, Abyss وغيره وغيره. ٽائٽانڪ فلم ائڪشن ۽ رومانس جو ڳانڍاپو آهي، جنهن ۾ ليوناردو ڊي ڪئپريو (Jack Dawson) ۽ ڪيٽ ونسليٽ (Rose Bukater) اهم فلمي اداڪار ٿيا آهن. فلم جي شوٽنگ جولاءِ 1969ع کان شروع ٿي ۽ 160 ڏينهن هلي. عام فلمن کان ڪجهه وڏي ٿي وئي ۽ سندس Running ٽائيم ٽي ڪلاڪ چوڏهن منٽ آهي. فلم ۾ ڪم ڪندڙن کي اصل سمنڊ ۽ ٽانڪيءَ ذريعي ٺاهيل نقلي سمنڊ ۾ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ ٽيهه کن لائيف گارڊ رکيا ويا هئا. فلم ٺهڻ دوران ڪو به ٻڏي مرڻ جو حادثو درپيش نه آيو البته ٽن Stunt Men جي ٽنگن ۽ ٻانهن جا هڏا ڀڄي پيا.
    وڏو Risk کڻي خرچ واري فلم ٽائٽانڪ جيتوڻيڪ ان وقت ٺهي، جنهن وقت دنيا جون ٻه ٻيون مشهور فلمون پڻ هلي رهيون هيون. هڪ جيمس بانڊ جي نئين فلم Tomorrow Never Dies ۽ ٻي ڊريم ورڪس جي مزاحيه فلم Mouse Hunt، پر ان هوندي به سامونڊي بدنصيبيءَ تي ٺاهيل ٽائٽانڪ سڀ کان گوءِ کڻي وئي ۽ مالڪن جو (يعني فلم ٺاهڻ وارن مالڪن جو ۽ نه جهاز ٺاهڻ وارن جو) پئسو سجايو ڪري رهيو آهي.


    Archille Lauro ھميشھ لاءِ غرق ٿي ويو

    گذريل ھفتي ليڪچرر روم ۾ چانه پي رھيو ھوس ته منھنجي ھڪ ڪليگ ۽ ھم عمر ڪئپٽن پرويز اچي ٻڌايو ته، اٽليءَ جو پئسينجر جھاز آرڪي لائورو(Archille Lauro) ٻڏي ويو. سندس ڪو انگلينڊ جو ساٿي انجنيئر (يا شايد نيويگيٽر) ان جھاز تي ھو، جيڪو ھاڻ پنھنجي ملڪ واپس موٽندي رستي تان ڪراچيءَ ۾ ھن وٽان ٿيندو ويو.
    ڪن ٻارن يا وڏن لاءِ چئبو آھي ته ھنن جي قسمت ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا لکيل آھن. جھازن لاءِ به اسين اھو ئي چوندا آھيون ته ڪي ڪي جھازAccident Prone ٿين ٿا. ھي جھاز (آرڪلي لائورو) به اھڙو ئي بدنصيب جھاز رھيو. ھي اھوجھازآھي، جنھن کي فلسطيني مجاھدن 1985ع ۾ ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) ۾ اغوا ڪيو ھو ۽ اسرائيل کان پنھنجن پنجاھ فلسطيني ھمراھن جي آزاديءَ جي گھر ڪئي ھئي، جيڪي ھنن وٽ قيد ٿيل ھئا. ”آرڪلي لائورو“ جھاز تي ان وقت 400 کن مسافر ھئا. ھاءِ جئڪرن جھاز جي ڊيڪ تي موجود ھڪ معذور مسافر ليان ڪلنگوفر کي (جيڪو آمريڪا جو يھودي ھو) سندس ويل چيئر سميت سمنڊ ۾ ڌڪو ڏئي ٻوڙي ڇڏيو. اسرائيل 50 فلسطيني قيدين کي ته آزاد نه ڪيو، باقي اھا Deal طئه ٿي ته جھاز آرڪلي ۽ ان جي مسافرن کي ڇڏڻ بدران ھاءِ جئڪرن کي ھوائي جھاز مھيا ڪيو ويندو، جنھن ۾ ھو پنھنجي ملڪ ڀڄي وڃن. سندن شرط پورو ڪيو ويو، پر جيئن ئي ھنن جو ھوائي جھاز آسمان جي بلندي طئه ڪري اڳتي وڌي رھيو ھو ته آمريڪن ايئر فورس جي ھڪ فائيٽر جيٽ ان تي حملو ڪري کين ھيٺ لھڻ تي مجبور ڪيو. ان سڄي ڊرامي تي آمريڪا ۾ ھڪ اوپيرا (ناٽڪ) “The Death of Kling hoffer’s” نالي مشھور ٿيو.
    بھرحال! ھتي اسان اٽليءَ جي پئسينجر جھاز آرڪلي لائورو جي ڳالهه ڪري رھيا آھيون - بلڪه ھن جي ڦٽل ڀاڳ جي ڳالهه ڪري رھيا آھيون، جيڪو ڪجهه ڏينھن اڳ سوماليا ملڪ جي ڪناري کان 200 ڪلوميٽر کن اورتي اسان جي پاڙي واري سمنڊ ھندي وڏي سمنڊ ۾ ٻڏي ويو. اسان پئي سمجھيو ته ھي مسافر جھاز جيڪو ھڪ فائيو اسٽار جيان خوبصورت ھو، پوڙھو ٿيڻ تي ان جا مالڪ ھن کي ڪنھن رومانٽڪ ڪناري تي بيھاري ھن کي ھوٽل يا جوا خاني (Casino) طور استعمال ڪندا، يا ته ڪنھن جنگ يارڊ ڏي موڪلي ڇڏيندس، جتي لوھ ۽ ڪاٺ جا واپاري ھن جون مختلف شيون خريد ڪري، يادگار طور رکندا. پر ان جي نوبت ئي نه آئي. ٻڏڻ کان اڳ ھي 24000 ٽن وزني جھاز سڙي ڀسم ٿي ويو ۽ پوءِ سمنڊ جي تري تي جنازي وانگر ڊھي پيو. سڙڻ ۽ ٻڏڻ وقت ڪنھن جو به موت نه ٿيو ۽ مٿس چڙھيل ھزار کن مسافر آھستي آھستي ڪري ٻيڙيءَ ۾ چڙھيا ۽ بيحد فضيلت سان ٻارن ۽ عورتن کي پھرين ٻيڙين ۾ چاڙھي، سندن جان بچائي وئي. ان بعد باقي مسافر ۽ جھاز جو عملو ۽ آخر ۾ جھاز جو ڪئپٽن اورسي (Orsi)لٿو. ھي حادثو ھيئن ٿيو جو جھاز جي انجڻ روم کي باهه لڳي وئي ھئي، جتان پوءِ سڄي جھاز تي پکڙجي وئي. جيتوڻيڪ وڏي پئماني جي باهه ھئي، پر ڪنھن به مسافر اجائي سجائي ھاءِ گھوڙا ڪري پنھنجو پاڻ کي ۽ ٻين کي پريشان نه ڪيو. شروع کان ھن جھاز سان ھميشه ڪا نه ڪا ويڌن لڳي رھي. ڪڏھن ڪنھن جھاز سان ٽڪر ته ڪڏھن باھ، ڪڏھن ھاءِ جئڪنگ جھڙيون وارداتون ته ڪڏھن مالي مسئلا. ھڪ ٻه دفعو ته ٽئڪس ۽ في جي ادائگي نه ڪرڻ ڪري ھي جھازArrest به ٿيو- ڌارئين بندرگاھ ۾ اتي جي حڪومت طرفان جھليو ويو. ھتي اھو ٻڌائڻ بي مھل نه ٿيندو ته جھازن کي ڏوھاري ھجڻ جي صورت ۾ Arrest به ڪيو وڃي ٿو. مثال طور ڪو جھاز ٽوڪيو مان مرمت ڪرائي وڃي ۽ قانون موجب باوجود چتائن (Warnings) جي جھاز جو مالڪ مرمت ڪندڙ شپ يارڊ کي پئسن جي مقرر ادائگي نه ڪري ته شپ يارڊ وارا پنھنجي ملڪ جي ڪورٽ ۾ دانھين سگھن ٿا، جنھن جي حڪم موجب اھو جھاز يا ساڳي مالڪ جو ٻيو جھاز ٽوڪيو بندرگاھ ۾ يا جپان جي ڪنھن به بندرگاھ ۾ پھچڻ تي ھن کي سوگھو ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين فريادي مطمئن نه ٿئي، جھاز کي بندرگاھ ۾ ئي ترسڻو پوي ٿو يا بين الاقوامي قاعدن قانونن موجب جيڪڏھن ڪنھن جھاز تي ڪا اھڙي کوٽ آھي، جنھن سان جھاز ھلائيندڙ جھاز جي مسافرن يا جھاز تي ويندڙ سامان جو نقصان ٿي سگھي ٿو ته ان حالت ۾ به جھاز کي بندرگاھ کان ٻاھر نڪرڻ کان جھليو ويندو آھي. جيئن مثال طور: يمن وارن جو جھاز ڪراچي بندرگاھ ۾ اچڻ تي خبر پوي ٿي ته جھاز تي باھ وسائڻ وارو پمپ (Emergency Fire Fighting Pump) خراب ٿي پيو آھي. پاڪستان جي مرڪنٽائيل مئرين ڊيپارٽمينٽ کي خبر پوڻ تي يا جھاز جي ماڻھوءَ يا ٻاھرين ڪنھن جي شڪايت تي، ھو ان جھاز کي روڪي سگھن ٿا، جيسين اھو پمپ صحيح نه ڪرائين. جھاز جو Arrest ٿيڻ ڪا سٺي ڳالهه نٿو سمجھيو وڃي. ان سان جھازي ڪمپنيءَ جي پئسي جو نقصان ھڪ طرف ٿئي ٿو ۽ ناموس کي ڇيھو ٻي طرف رسي ٿو.
    ھونءَ ”آرڪلي لائورو“ مسافر جھاز اٽلي جي ناليرن جھازن مان ھڪ ھو. اھو ڪنھن زماني ۾ ”فخر اٽلي“ ھو ۽ ھڪ دفعي مشھور ڪتاب Around the World in 80 days موجب سڄي دنيا جو ڦيرو اسي ڏينھن ۾ پورو ڪري ڏيکاريو ھئائين. آرڪلي لائورو جھاز ڄائي ڄم کان بدنصيب رھيو. ھي جھاز1947ع ۾ ھڪ ڊچ ھمراھ (ھالينڊ جي رھاڪوءَ) ‘Willem Ryus’ نالي ٺھرايو، جنھن جو 1953ع ۾ سندس ”سسٽر - شپ“ ‘Oranje’ سان ٽڪر ٿيو. ان بد ھن جون مرمتون ھلنديون رھيون. 1966ع ۾ اٽلي جي ھڪ امير ماڻھوءَ آرڪلي لائوروءَ اھو جھاز ھالينڊ وارن کان خريد ڪري، ان جو نالو پنھنجي نالي سان آرڪلي لائورو رکيو. ڪجهه عرصو ھلڻ بعد ان کي پاليرمو ۾ سخت باھ لڳي ۽ ٻڏي ويو. مالڪ امير ھو. دل بيھي وڃڻ بدران ڌڪ بچائي ويو ۽ ھن ان جھڙو، ساڳي نالي سان نئون جھاز ٺھرايو، جنھن کي 1972ع ۾ وري باھ وڪوڙي وئي. سڄو جھاز تباھ ٿيندي ٿيندي بچي ويو. مالڪ وڏو خرچ ڪري وري ھن کي ھلڻ لائق ڪيو پر پورن ٽن سالن بعد (1975ع ۾) ھڪ لبناني جھاز سان ٽڪرائجي پيو، جنھن ۾ چار کن جھازي به مري ويا. وري وڏو خرچ ڪري جھاز جي مرمت ڪرائي وئي ۽ ڪجهه سال صحيح ھلڻ بعد 1981ع ۾ ڪناري ٻيٽن(Canary Islands) تي باھ اچي لڳس، جنھن ۾ ٻه مسافر ٻڏي ويا - شايد ھنن ھراس ۾ يا ٻي ڪا واھ نه ڏسي پنھنجي بچاءَ لاءِ پاڻيءَ ۾ کڻي پاڻ ڇڏيو ۽ وقت تي مدد نه ملڻ ڪري ٻڏي ويا. ان کان پوءِ وري جھاز جي مرمت ھلندي رھي ۽ پوءِ سال به ڪو مس ھليو ته بلن جي پوري ادائگي نه ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ھن کي ڪنھن بندرگاھ ۾ Arrest ڪيو ويو ۽ مٿس ڪورٽ جا ڪيس ھلندا رھيا. ان کان علاوه ھي جھاز سياسي خواريءَ جو پڻ سبب بنيو. گذريل سال (1993ع) ۾ اٽليءَ جي نيوفاشسٽ نئشنل الائينس جي ليڊر جان فرئنڪو فينيءَ پنھنجي سياسي پارٽيءَ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ھن جھاز کي چارٽر ڪيو (يعني ڪجھه عرصي لاءِ ٺيڪي تي ورتو) ۽ مسافرن کي جن بندرگاھن گھمائڻ جو پروگرام ٺاھيو، انھن ۾ اتر آفريڪا جا اھي بندرگاھ پڻ ھئا، جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ لڙائيءَ جا ميدان ھئا. اٽليءَ ۾ ھن سامونڊي سفر تي سخت تنقيد ڪئي وئي ۽ جتي ڪٿي ھن جھاز کي ننديو ويو. بھرحال ڏھاڪو ڏينھن کن اڳ ھي جھاز 47سالن جي خوبصورت سامونڊي سفرن ۽ بدنصيب حادثن بعد ھندي وڏي سمنڊ جي اونھن تھن ۾ ھميشه ھميشه لاءِ غرق ٿي ويو آھي.


    ”ايسوٽنيا“ جي ٻڏڻ جو راز ڇا ھو!

    جن ڏينھن ۾ اٽليءَ جو پئسينجر جھاز ”آرڪلي لائورو“ باھ لڳڻ ڪري سڙي ٻڏو ھو، اھي ٻه ٽي مھينا (سال 1994ع جا آخر واري مھينا) ڪي ڏاڍا خراب ھئا. ھڪ ٻئي پويان دنيا جي گولي تي - بلڪه دنيا جي مختلف سمنڊن تي ڪيترا ئي سامونڊي جھازن جا حادثا ٿيا، خاص ڪري مسافر جھازن جا مال بردار جھاز جي سڙڻ يا ٻڏڻ تي دنيا ۾ ايتري واويلا نٿي مچي، جيتري پئسينجر جھاز يا فيريءَ تي، ڇو ته پئسينجر جھاز ۽ فيريون (جيڪي ماڻھو، موٽر ڪاريون، بسون - ويندي سڄيون سڄيون ريل گاڏيون کڻن ٿيون) انھن کي ٺاھڻ مھل توڙي ھلائڻ مھل تمام وڏو خيال رکيو وڃي ٿو. مسافر کڻڻ واري جھاز جي نه فقط ھڪ ھڪ شيءَ مضبوط ۽ جٽادار ٺاھي وڃي ٿي، پر ان جي Maintenance (سار سنڀال) به اوترو ئي سٺائي سان ڪئي وڃي ٿي ۽ ھلائڻ لاءِ به مقرر ماڻھن کان وڌيڪ ماڻھو رکيا وڃن ٿا. مال بردار جھاز کي ٻن سالن ۾ ھڪ دفعو خشڪ گودي (Dry Dock) ۾ چڪاس ۽ مرمت لاءِ وڃڻو پوندو آھي، پر پئسينجر جھاز لاءِ اھا چڪاس ھر سال ضروري آھي. ان ڪري مسافر جھاز (يا فيريءَ) جي ٻڏڻ جو ٻڌي نه فقط عام ماڻھو پر جھاز جا ٺاھيندڙ ۽ ھلائيندڙ پڻ تعجب کائين ٿا ۽ ان حادثي جي ڪارڻ جي ڳولا ڪن ٿا.
    آڪٽوبر جي شروع وارن ڏينھن ۾ اھا خبر ٻڌي تعجب لڳو ته ٽالن (ايسٽونيا) کان اسٽاڪھوم (سئيڊن) ھلندڙ مسافر ۽ موٽر ڪارون کڻندڙ ”ايسٽونيا“ نالي فيري رستي تي بالٽڪ سمنڊ جي سامونڊي ڪن ۾ لڙھي غائب ٿي وئي آھي. جھاز ٺاھيندڙ (Naval Architects) ڪڏھن به ائين ته نه چوندا ته ”ايسٽونيا“ يا ڪو ٻيو جھاز ڪڏھن به ٻڏي نٿو سگھي - خاص ڪري ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ بعد جنھن لاءِ اھو چيو ويو ٿي ته Unsinkable (ڪڏھن به نه ٻڏڻ وارو) جھاز آھي. ھاڻي ڪنھن جھاز لاءِ ائين چوڻ ته ھي جھاز ڪڏھن به ٻڏي نٿو سگھي، سراسر بيوقوفي آھي. پر ”ايسٽونيا“ جو سمنڊ ۾ ائين غرق ٿي وڃڻ تي آڱر کڄي سگھي ٿي ته اھو ڇو ٻڏو؟ ڪيتريون اھڙيون ڳالھيون آھن جن ڏي جيڪڏھن ڌيان ٿو ڌرجي ته، ھي چوڏھن سال پراڻو جھاز جيڪو جرمنيءَ ۾ وڏي نگھبانيءَ سان ٺاھيو ويو، ائين ٻڏڻ نه کپي. سندس بھترين ڊيزائين ھئي ۽ ھن کي ھر وقت بھترين حالت ۾ Maintain ڪري رکيو ويو ٿي. جھاز ھلائيندڙ ھڪ ھڪ ماڻھو ھوشيار ۽ تجربيڪار ھو. جھاز تي چڙھندڙ مسافرن ۽ جھازين جي جان بچائڻ لاءِ لائيف جئڪيٽون ھيون، ٻيڙين (Life Boats) جو صحيح تعداد ھو. ھن جھاز جي انجڻ ۽ ٻيون شيون بھترين صورت ۾ ھيون ۽ ٻڏڻ کان فقط ٽي ھفتا کن اڳ ھن جي چڱيءَ طرح چڪاس ٿي چڪي ھئي ۽ اھا چڪاس سئيڊن جي ھڪ ماھر جي نگرانيءَ ۾ ڪئي وئي ھئي، جنھن آخر ۾ پنھنجي رمارڪ ۾ اھو ئي لکيو ته ”ھي جھاز ھر صورت ۾ صحيح آھي“ ۽ پوءِ به ھي جھاز ”ايسٽونيا“ پنھنجي ملڪ ايسٽونيا جي بندرگاھ مان نڪرڻ بعد، چند ڪلاڪ صحيح ھليو ۽ پوءِ طوفاني رات ۽ برف جھڙي ٿڌي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو.
    ”ايسٽونيا“ جھاز ايترو جلد سمنڊ ۾ ھليو ويو جو جھاز تي موجود مسافر پنھنجين ڪئبنن مان به نڪري نه سگھيا. ھل ھنگامو ٻڌڻ سان جڏھن ھو اڃا پلنگن تان اٿي چمپل بوٽ ڳولڻ لڳا ته، ڪئبنن ۾ پاڻي اچي چڪو ھو ۽ ھنن کي پاڻ بچائڻ لاءِ لائيف جئڪيٽ کڻڻ جو به موقعو نه مليو - لائيف بوٽ ۾ چڙھي جھاز کان ڀڄي نڪرڻ ته ٿي پري جي ڳالهه، پورو ھڪ سال اڳ آڪٽوبر 1993ع ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي وڏي فرزند محمد عليءَ ان ساڳيءَ فيريءَ (مسافر جھاز) ۾ سفر ڪندي، مون کي چيو ھو: ”ھي بالٽڪ سمنڊ وارا علائقا (ايسٽونيا، فنلئنڊ، سئيڊن وغيره) اھڙا ٿڌا آھن جو جھاز ٻڏڻ تي ڪو ٻيڙيءَ ۾ جي چڙھي به پوي، ته به ھھڙي سيءَ ۽ ٿڌين ھوائن کان بچي نه سگھندو. ٻڏڻ واري مسافر کي جلدي ڪو ٻيو جھاز اچي ڪڍي ته اھا ھن جي خوش نصيبي آھي، نه ته ھن جي لاڏاڻي ڪرڻ لاءِ ڪلاڪ ڏيڍ کلئي آسمان ھيٺ، ھهڙي پاري جھڙي ٿڌ ۾، ٻيڙيءَ ۾ ويھڻ تمام گھڻو آھي.“
    محمد علي ڏيپلائي انھن ڏينھن ۾ ڊئنمارڪ جي شھر ڪوپن ھيگن جي پاڪستاني ايمبيسي ۾ ٽريڊ ڪمشنر ھو ۽ آءٌ فنلئنڊ جي مئرين ڊيپارٽمنٽ طرفان فنلئنڊ جي گاديءَ واري شهر ھيلسنڪي ۾ رھيل ھوس، جتي ھنن علائقن ۾ ھلندڙ سڀني جھازن - خاص ڪري مسافر جھازن (فيرين) جي چڪاس جو ڪم سکي رھيو ھوس. ھن جھاز ايسٽونيا (جيڪو ٽالن کان اسٽاڪھوم ھليو ٿي) تي اسٽاڪ ھوم منھنجو به ٻه دفعا کن وڃڻ ٿيو ھو، ان ڪري اڄ ان جي ٻڏڻ جو ٻڌي، ان جو مضبوط ۽ نُھرو لوھي جسم، بھترين انجڻ ۽ عملو اکين اڳيان اچي ٿو. فنلئنڊ جي گاديءَ وارو شھر ھيلسنڪي ۽ ايسٽونيا جي گاديءَ جو ھنڌ ٽالن ائين آھن جيئن روھڙي، سکر يا دادو مورو جنھن جي وچ مان سنڌو ندي وھي ٿي ۽ ھنن شھرن: ھيلسنڪي ۽ ٽالن جي وچ ۾ بالٽڪ سمنڊ جي فقط سوڙھي ڳچي آھي. البته انھن شھرن جي مٿان ڳانڍاپي لاءِ پل ناھي. باقي ننڍيون ٻيڙيون، لانچون، ھورو ڪرافٽ سڄو سڄو ڏينھن ھلن ۽ ھڪ شھر جا ٻئي شھر ۾ صبح جو نوڪري ڪري شام جو موٽي وڃن. يعني ھن علائقي ۾ ننڍين ننڍين ٻيڙين کان وٺي، وڏا وڏا مسافر جھاز ھلندا رھن ٿا ۽ ماڻھو ھوائي جھاز کان وڌيڪ پاڻيءَ رستي سفر ڪن ٿا. ھي علائقو اتر ۾ ھجڻ ڪري اونھاري ۾ به سيءُ رھي ٿو. ان ڪري ھن پاسي جي بسين توڙي ٻيڙين ۽ جھازن ۾ ھڪ ته توھان کي پکا (Fans) نظر نه ايندا (گھرن ۾ پڻ) ۽ ٻيو ته دريون ھونديون پر شيشا فڪس ھوندا، يعني کولي نٿا سگھجن ۽ کولجن به ڇو؟ جڏھن اونھاري ۾ به گرمي يا گُھٽ نٿي ٿئي. سو ھن پاسي جي سمنڊ (بالٽڪ) ۾ سيءُ ته آھي ئي آھي، جيڪو سياري ۾ ايترو وڌيو وڃي جو سمنڊ جو مٿيون تهه برف ٿيو وڃي. ٻي مصيبت جيڪا ھن پاسي عام آھي، اھا ڌنڌ ۽ ڪوھيڙو آھي، جنھن ۾ ڏيک (Visibility) ڪڏھن ڪڏھن گھٽجيو زيرو به ٿيو پوي. يعني پنھنجي جھاز تي بيھي سامھون ايندڙ جھاز ته نظر نٿا اچن، پر پنھنجي جھاز جو اڳيون حصو به نظر نٿو اچي. جھاز جي برج (جنھن تي بيھي جھاز ھلائجي ٿو) تي بيھي توھان کي سامھون پنھنجي جھاز جو اڳيون حصو به نظر نه پيو ايندو ته آيا خلاصي رسا کولي رھيا آھن يا نه؟ ھنن لنگر مٿي ڇڪي ورتو آھي يا اڃا نه؟
    بھرحال! ”ايسٽونيا“ جھاز تي موجود ھزار کان مٿي ماڻھن مان فقط 139 بچي سگھيا. باقي مسافرن مان ڪي رات جو وقت ھجڻ ڪري پنھنجن ڪمرن(Cabins) مان ئي نه نڪري سگھيا ۽ جھاز سان گڏ سمنڊ ۾ اندر ھليا ويا. ڪيترا جيڪي جھاز سان گڏ ٻڏڻ کان ته بچي ويا، پر جيسين ڪو ٻيو جھاز ھنن کي بچائڻ لاءِ پھچي، تيسين ڪيترا ئي خوف، ھراس ۽ صدمي ۾ مري ويا ۽ ڪيترن جو موت Hypothermia (جسم جو ٿڌو ٿيڻ) ڪري به ٿيو – جيڪو ھنن اتراھن علائقن جو عام مسئلو آھي. سئيڊن ۽ ناروي ۾ ڪار ھلائيندي به اھو خوف رھندو آھي ته ڪنھن اھڙي ھنڌ تي رات جو گاڏي خراب نه ٿئي، جتي سيءَ کان بچڻ جو بندوبست نه ھجي. ڪار جيسين ھلي پئي ۽ ھيٽر آن آھي ته خبر ئي نٿي پوي. ڪار يا ھيٽر بند ٿيڻ سان ڪي پنج ڏھ منٽ به نٿا ٿين ته سڄي ڪار ئي يخ ٿيو وڃي. ڪار جي لوھي جسم کي ھٿ لاھڻ سان ڄڻ برف جي ڇپ کي ھٿ لڳو ۽ ٻاھر جيڪڏھن تکي ھوا پئي لڳي ته، ڪوٽن ۾ ھوندي به جسم چيربو آھي. اتي، اھڙي موسم ۾ کليل ٻيڙيءَ ۾ چوڌاري پاڻي ۽ ٿڌي ھوا جسم جي ٽيمپريچر کي نارمل کان گھڻو ھيٺ ڪيريو ڇڏي ۽ انسان جو موت ٿڌ وگھي ٿئي ٿو.
    ”ايسٽونيا“ جھاز جي ٻڏڻ تي گھڻو غم ايسٽونيا ۽ سئيڊن وارن کي ٿيو، جن ملڪن جا ماڻھو ھن جھاز جا مسافر ھئا. جھاز جا جيڪي ٿورا مسافر بچيا، انھن ۾ وڏو تعداد جوان مردن جو ھو. عورتون، ٻار ۽ پوڙھا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ھئا. ان ڳالھه تي ڪيترا ئي سوال اٿاريا ويا. جھاز جي بنيادي ڊيزائن بابت پڻ ڪيترن اعتراض ڪيو ته منجھس ايتري سلامتي ناھي، ڇو جو جھاز اندر ڪارن موٽرن جي چڙھڻ ڪري، ھنن جھازن جا دروازا وڏا رکيا وڃن ٿا، جن مان حادثي وقت پاڻيءَ جو وڏو وھڪرو اندر ڌوڪيو اچي، جيئن انگلينڊ جي ساڳي قسم جي جھاز ‘Herald of Free Enterprise’ سان بليجم جي بندرگاهه Zeebrugge ۾ 1987ع ۾ ٿيو ھو ۽ 192 مسافر ٻڏي ويا ھئا، پر ھن جھاز ”ايسٽونيا“ لاءِ ائين چئي نٿو سگھجي، جو جھاز جي Sailing وقت سئيڊن جي ٻن ماھر ناٽيڪل انجنيئرن اوچتي چيڪنگ پڻ ڪئي ھئي. جھاز جي ڪجھه واٽر ٽائيٽ دروازن جون رٻڙ Seals ڪجھه گٺل ضرور ھيون، پر اھا ڪا اھڙي ڳالھه ناھي جنھن جي ڪري جھاز ٻڏي سگھي.
    ٽالن مان لنگر کڻڻ وقت ھن ساڍا پندرھن ھزار ٽن وزني جھاز تي ھر مسافر خوش ۽ مطمئن ھو. مسافرن ۾ ھڪ سئيڊن جي پوليس ڊيپارٽمينٽ جي 64آفيسرن جو ٽولو ھو ۽ ٻيو سئيڊن جي شھر نور شوپنگ جي وڏي عمر جي شھرين جو جٿو ھو، جيڪو ايسٽونيا جي شھر ٽالن جو سير ڪري موٽي رھيا ھئا. بالٽڪ ۾ ھلندڙ ھنن مسافر جھازن تي اڌ کان وڌيڪ ماڻھو مون ڏٺو آھي ته مائٽن مٽن سان ملڻ يا سير تفريح ڪرڻ کان وڌيڪ شراب پيئڻ جي شوق ۾ چڙھن ٿا. ھنن (Scandinavian) ملڪن ۾ (ڊئنمارڪ، سئيڊن، فنلئنڊ، ناروي وغيره ۾) بيئر، شراب ويندي ڪوڪا ڪولا جھڙين شين تي وڏو ٽئڪس ھڻي مھنگيون ڪيون ويون آھن، جيئن ماڻھو اھڙين بيڪار شين کي واپرائڻ لاءِ دلشڪستا ھجن. پوءِ ڪيترا ماڻھو پيئڻ جي شوق ۾ ھھڙن جھازن جو سير ڪن ٿا. جھاز جيئن ته بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ ھلي ٿو، جنھن تي ڪنھن به ملڪ جو قبضو ناھي، ان ڪري جھاز تي وڪامندڙ ھر شيءِ تي ٽئڪس ناھي ۽ ڪارخاني جي اگهه تي وڪامي وڃي ٿي - شراب، عطر، چاڪليٽ کان وٺي ريڊيو، ٽيپ، رومال ڪپڙي تائين. ان ڪري جھاز جيئن ئي بندرگاھ ڇڏي ٿو ته شوقين مڙس مي خاني (بار) جو رخ اختيار ڪن ٿا ۽ جيڪو پيئڻو اٿن، اھو جھاز تي سفر دوران پي ختم ڪرڻو پوين ٿو، ڇو ته ڪناري تي - يعني واپس پنھنجي وطن آڻڻ تي کين ڳرو ٽئڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو ۽ نتيجي ۾ اھا ساڳي شيءِ ٽئڪس ڏئي حاصل ڪرڻ کان ته شھر ۾ ان کان وڌيڪ سستي پوي ھا.
    ايسٽونيا جھاز تي مسافرن جو تعداد ٻه ھزار کن آھي، پر ان رات اڌ کن (يعني ھزار کن) جھاز تي ھئا، پر جھاز جا سڀ بار ۽ ھوٽلون مسافرن سان ڀريل ھيون. جھاز جيئن ئي بندرگاھ ڇڏيو ته مصيبتن جو نازل ٿيڻ شروع ٿيو. کلئي سمنڊ ۾ اچڻ سان مسافرن ۽ جھاز جو طوفان سان واسطو شروع ٿيو. جيتوڻيڪ طوفان ڪو وڏي پئماني جو نه ھو. ھن سمنڊ (بالٽڪ) ۾ ان قسم جا طوفان لڳڻ عام ڳالهه آھي، پر مسافرن محسوس ڪيو ته سفر جو اھو مزو نه رھندو، جيڪو ٿيڻ کپي. رات جو ساڍي اٺين بجي ئي بئنڊ ميوزڪ وڄائڻ بس ڪئي ۽ ھرڪو تيز ھوا، جھازن جي لوڏن ۽ دل ڪچي ٿيڻ ڪري پنھنجي پنھنجي ڪمري ڏي روانو ٿي ويو. ڊيڪ تي اھي وڃي بچيا، جيڪي مضبوط ٽنگن وارا ھئا يا جن کي رھائش لاءِ ڪمرا نه ھئا ۽ اتي ڊيڪ جي ئي ڪنڊ پاسي ۾ ڪرسيءَ تي ويھي، کين رات گذارڻي ھئي. دراصل اھي ماڻھو خوش نصيب ثابت ٿيا، ڇو جو جھاز جي ٻڏڻ وقت، ٿوري وقت اندر اھي ئي ماڻھو ھئا، جيڪي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي پنھنجي جان بچائي سگھيا.
    اھي ماڻھو جن جي جان بچي سگھي، انھن ٻڌايو ته جھاز تي مسئلو آڌي رات کان پوءِ شروع ٿيو. رات جو ھڪ وڳي ڌاري ڊيوٽي انجنيئر ڪلوزڊ سرڪٽ ٽي وي تي ڏٺو ته اڳين دروازن (Bow Doors) کان، جتان ڪارون ۽ لاريون فيريءَ ۾ چاڙھيون ويون ٿي، پاڻي بُوھاڙا ڏيئي اندر گھڙي رھيو آھي. ڊيوٽي انجنيئر اھو سمجھي ته اھو پاڻي مينھن جي وسڪاري يا وڏي ڇول ڪري اندر اچي رھيو آھي، ھن بلج پمپ ھلايو. جھاز تي مختلف قسمن جا پنجاھ کن پمپ ٿين ٿا، جن مان ڏھاڪو کن پمپ سمنڊ جو ٻاھريون پاڻي کڻي ڪولرن ۽ ڪنڊينسرن وغيره کي ٿڌو ڪن ٿا، باھ وسائڻ لاءِ سمنڊ جو پاڻي سپلاءِ ڪن ٿا، جھاز جو ڊيڪ يا ائنڪر وغيره جي ڌُوپ لاءِ انھن مان ھڪ ٻه پمپ سمنڊ جو پاڻي سپلاءِ ڪري ٿو ۽ اھڙي طرح ٻه يا ٽي مضبوط قسم جا پمپ Positive Displacement ٽائيپ، جھاز ۾ اندر آيل پاڻيءَ کي ڇڪي ٻاھر ڪن ٿا. انجڻ روم جي تري ۾ يا جھاز جي گدامن (Holds) جي تري ۾ اڪثر تيل ۽ پاڻي گڏ ٿيندو رھي ٿو. ان کي جي ھر وقت نه ڪڍبو رھبو ته، اھو گڏ ٿي مشينن ۽ سامان کي الڳ خراب ڪندو ۽ جھاز جي بئلنس (Stability) تي الڳ اثر انداز ٿيندو. مون کي ياد آھي ته جنھن پھرين جھاز تي مون Sail ڪيو ھو، ان جي پاڻي ڪڍڻ واري پمپن ۾ خرابي ھئي ۽ جيسين انھن جي مرمت ڪريون، انجن روم جي تري ۾ ايترو ته پاڻي گڏ ٿي ويو، جو کاٻي پاسي واري جنريٽر جو فلاءِ ويل (Fly Wheel) ھاڻي پاڻيءَ جي سطح کي ڇھڻ لڳو ھو. فلاءِ ويل آلٽرنيٽر سان ڳنڍيل ھو. نتيجي ۾ پاڻيءَ جون بوندون آرميچر وائينڊنگ ۽ اليڪٽرڪ جي ٻين حصن کي لڳڻ ڪري ان کي باھ اچي لڳي ۽ اھو جنريٽر ڪيترن ڏينھن تائين ڪم ۾ نه اچي سگھيو. سو ھر صورت ۾ جھاز جي ڪنھن به حصي ۾ پاڻيءَ جو گڏ ٿيڻ خراب ۽ خطري وارو سمجھيو وڃي ٿو. ايسٽونيا جھاز وارن کي به جڏھن خبر پئي ته جھاز جي ڪنھن حصي (اڳئين حصي) ۾ پاڻي گڏ ٿي رھيو آھي ته ھنن پاڻي ٻاھر ڪڍڻ جا پمپ ھلايا.
    ڪجھه منٽن بعد ھنن ڏٺو ته سمنڊ جو پاڻي ريلا ڪري ڪار ڊيڪ (جتي موٽر ڪارون بيٺل ھيون) ڏي وڌي رھيو آھي ۽ پمپ آھن سي ھلڻ جي باوجود به پاڻيءَ جي ليول ۾ کوٽ نه پيا آڻي سگھن. ڏسندي ئي ڏسندي جھاز لسٽ ٿي ويو. (جھاز جو ھڪ پاسي جھڪي ھلڻ کي لسٽ (List) سڏجي ٿو. جھاز ھوا يا سامونڊي لھرن ڪري ھڪ پاسي وڃي وري سڌو ٿي وڃي ته ان کي ”رولنگ“ سڏجي ٿو. رولنگ جھاز جي مسافرن کي تڪليف ضرور رسائي ٿي جو لڳاتار رولنگ ڪري جھاز جي مسافرن ۽ ھلائيندڙن کي Sea Sickness ٿئي ٿي، جنھن ڪري ھنن کي الٽيون ۽ چڪر ضرور اچن ٿا، پر جھاز لاءِ نقصانڪار نه آھي. پر لسٽ ٿيل جھاز خطرناڪ شيءِ آھي. لسٽ ۾ جھاز لڳاتار ھڪ طرف جھڪيل رھي ٿو ۽ سڌو ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي ۽ ٿوري ئي لوڏي يا سامان، کُلي ان جھڪيل طرف وڃڻ تي جھاز اونڌو ٿيو وڃي، جنھن لاءِ عام طرح انگريزيءَ جو لفظ Capsize استعمال ٿئي ٿو. ھي جھاز ايسٽونيا به ڏسندي ئي ڏسندي کاٻي پاسي تمام گھڻو لسٽ ٿي ويو. بچيل مسافرن مان ھڪ ٻڌايو ته ھو جھاز جي کاٻي پاسي بيٺو ھو ته پاڻي ھن جي گوڏن تائين پھچي ويو ۽ ھو خوف وچان بوٽ ڊيڪ ڏي ڀڳو، جتي ٻيڙيون ٽنگيل هجن ٿيون. ھو خوش نصيب ھو جو ھن کي يڪدم خبر پئجي وئي ۽ جھاز جي اونڌي ٿيڻ (Capsize) کان اڳ ھو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ويو.
    ھڪ ٻئي مسافر ٻڌايو ته جھاز جي لسٽ ٿيڻ تي ھو ٻيڙين ڏي ڀڳو، اتي ڪابه چرپر يا جھاز جو آفيسر موجود نه ھو. ”اسان ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھياسين، پر جھاز جو ڪو آفيسر نه ھجڻ ڪري، اسان ان ٻيڙيءَ کي کولي نه سگھياسين ۽ پوءِ ھڪ لائيف رئفٽ (رٻڙ جي گول ٻيڙي) ھيٺ تري رھي ھئي. اسان ان ۾ ٽپ ڏنو. ان رٻڙ جي ٻيڙيءَ ۾ اسان ڪل چار ڄڻا ھئاسين. ڪي پنج ڏھ منٽ به نه گذريا ته جھاز کاٻي پاسي پاسو ورائي اونڌو ٿي ويو ۽ ھيٺ سمنڊ جي اونھائين ۾ غرق ٿي ويو.“
    ايسٽونيا جنھن ھنڌ تي ٻڏو، اتي سمنڊ اسي ميٽر اونھو آھي ۽ ھيءَ جاءِ فنلئنڊ جي ھڪ ٻيٽ اوتو (Uto) کان ٽيهه ميل پري آھي. جھاز جي ٻڏڻ بعد سمنڊ تي طوفاني ھوا جا سيسراٽ ھئا يا جھاز مان ڪرندڙن جون ھنيانءُ ڦاڙيندڙ ڪيھون ۽ پوءِ جلدي اھي مدد لاءِ سڏيندڙ رڙيون آھستي آھستي ٿي ھلڪيون ٿي بند ٿي ويون. ٻڏندڙن جي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ ڪري ھنن جو ساھ بند ٿي ويو ۽ انھن دانھن، ڪوڪن، ايلازن منٿن مان ھر ھڪ اندازو لڳائي سگھيو ٿي ته مردن کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار ھئا. لائيف جئڪيٽ ته سڀني کي ھئي، پر ٿڌي پاڻي ۽ طوفاني تيز ھوا ڪري، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ھمت ڪري، رٻڙ جي ٻيڙين تائين پھچي پاڻ کي بچائي سگھيو ۽ جيڪي ٻيڙين ۾ چڙھي سگھيا، انھن مان به گھڻا ئي مدد لاءِ ايندڙ ڪنھن جھاز جي پھچڻ کان اڳ سيءَ وگھي مري ويا. سيءُ ايڏو ته سخت ھو جو اھڙيءَ ولهه ۾ ھڪ انسان ڪلاڪ کن مس ڪو جيئرو رھي سگھي ٿو. دراصل ان ٿڌ ۾ طوفاني چڀندڙ ھوائن جو اندازو اھي لڳائي سگھن ٿا، جيڪي ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ جھڙن ملڪن ۾ رھيا ھوندا. سئيڊن جي ڳالهه ياد ٿي اچي ته اتي جا بس اسٽاپ ٽن پاسن کان ڍڪيل ٿين ٿا ۽ بس جي انتظار لاءِ اسين گرم ڪپڙا پائي بيھندا ھئاسين ۽ سياري ۾ - يعني سيپٽمبر جي شروع کان ٻن بسن جي وچ وارو مدو ڏھ يا پندرھن منٽ رکيو ويندو ھو، جيئن ڪنھن کي گھڻي دير ٿڌ ۾ بيھڻو نه پوي ۽ پوءِ ڪڏھن ڪڏھن بس اسٽاپ جي ويجھو پھچڻ سان ڏسبو آھي ته بس ھينئر ھينئر پئي وڃي ته ٻي بس لاءِ ڏھ منٽن جي انتظار جو سوچي افسوس ٿيندو آھي ۽ پنج ڇهه منٽن ۾ ئي ھٿ پير کَيرا (numb) ٿيڻ شروع ٿيندا آھن - جيتوڻيڪ ھٿن تي به گرم جوراب چڙھيل ھوندا آھن. سو ھتي سمنڊ تي، آڌي رات جو ٿڌي ھوا ۾ ڏکويل مسافرن جو ڇا حال ھوندو؟
    جھاز جي ٻڏڻ جو ٻڌي جڏھن اوسي پاسي جا جھاز اچي گڏ ٿيا ته جيئرن جو ڪو ٿورو تعداد ھئو. باقي مري ويلن جا لاش سڄي سمنڊ تي پکڙيا پيا ھئا ۽ اوندھ ۾ چوڌاري ننڍا بلب ھئا. (اڄڪلهه لائيف جئڪيٽ ۾ سيٽيءَ سان گڏ ننڍڙي ٽارچ به ٿئي ٿي، جيڪا سمنڊ ۾ ڪري اڀي ٿيڻ تي ٻري ٿي. جيئن رات جي وقت بچاءَ لاءِ آيل جھاز اوندھ ۾ بتيءَ مان اندازو لڳائي سگھن ته مسافر ڪٿي ڪٿي آھن؟)
    بچاءَ لاءِ آيل ھڪ جھاز وارن بعد ۾ ٻڌايو ته، رات جي وقت جڏھن ھو ايسٽونيا جھاز جي ٻڏڻ واري ھنڌ تي پھتا ته، ھنن ڏٺو ته چوڌاري بلب ٽمڪي رھيا ھئا ۽ انھن مان ڪجھهه چري پري به رھيا ھئا، جنھن مان لڳو ته ھو جيئرا آھن. ”اسان پنھنجي جھاز کي انھن جي ويجھو وٺي وياسين، پر سمنڊ ۾ ايتري ته اٿل پٿل ھئي جو اسان ھنن مان ڪي ٿورا بچائي سگھياسين ۽ ڪيترا ويچارا جھاز جي پکي (Propeller) جي ڇِڪ (Suction) ۾ ان سان لڳي ڪپجي ويا. ڪجهه ماڻھو ھيليڪاپٽرن ذريعي به بچايا ويا، جيڪي اوسي پاسي جي ڇهه کن ملڪن مدد لاءِ موڪليا. ھڪ برٽش مسافر جيڪو خوش قسمتيءَ سان بچي ويو ۽ ھيليڪاپٽر ذريعي مٿي ڇڪيو ويو. تنھن ٻڌايو ته سخت سيءَ ڪري ساڻس گڏ باقي ڇهه ڄڻا ان رٻڙ جي ٻيڙيءَ ۾ ئي ساھ ڏئي ويٺا. سندس ھٿ پير به ٿڌ کان اھڙا کيرا ٿي چڪا ھئا، جو ھيليڪاپٽر جي رسيءَ ۾ ھٿ ڦٻائي نهه سگھيو. پر پوءِ ڪجھ جوش جذبي کان ڪجهه زندھ رھڻ جي شديد خواھش سڀ ھو جياپي کي ماڻي سگھيو.
    سمنڊ تي ٻڏندڙن جي دانھن کان وڌيڪ جھاز تي وڌيڪ افراتري ۽ ڏکويل حالت ھئي. جھاز جي جھڪڻ تي ھر ھڪ پنھنجي ڪئبن کان نڪري آيو ۽ جھاز جي گھٽين ۾ ايڏي ڀڄ ڊڪ ۽ ڌڪ ڌڪان ٿي جو ڪيترا ئي چيباٽجي ڪري پيا يا بيھوش ٿي ويا. ھارسٽئٽ (Harstedt) نالي ھڪ مسافر ٻڌايو ته ھڪ عورت جي ٻنھي ٽنگن جون ھڏيون ڀڄي پيون. ھوءَ مدد ۽ لائيف جئڪيٽ لاءِ ھر لنگھندڙ کي آزيون نيزاريون ڪندي رھي، پر ان وقت جھنگل جو قانون ڇانيل ھو. ھر ھڪ کي رڳو پنھنجي ساھ جي لڳل ھئي ته ڪنھن نموني سان ھو جھاز جي اندرين گھٽين مان نڪري جان بچائي. ڪجهه پوڙھا مرد ۽ ڪمزور عورتون ته بچڻ جي ڪا اميد نهه ڏسي، ھڪ ھنڌ ويھي روئڻ لڳيون. ڪجهه ننڍا ٻار ڀڄڻ وارن جي پيرن ھيٺان اچي لتاڙجي به ويا ھئا.
    ”ايسٽونيا“ جھڙي مسافر جھاز جي ٻڏڻ تي جھاز جا بچيل مسافر، انھن جا مائٽ عزيز، ڊيزائنر، ھلائيندڙ، انجنيئر ۽ عوام تعجب کائي ٿو ته، اھو ڪو اھڙو جھاز ته نه ھو جيڪو ائين ٻڏي وڃي ۽ ايترو جھٽ پٽ! ان جو جواب اڃا ڪو به ڳولي نه سگھيو آھي.


    لائيف بوٽ، جئڪيٽ، سمنڊ جو پاڻي ۽ شارڪ مڇي

    ايندڙ ڪھاڻي - ”موت جو سفر“ ھڪ اھڙي سامونڊي حادثي جي ڳالهه آھي، جنھن جھڙا ڪيترا ئي حادثا ٿي چڪا آھن. ھيءَ ڪٿا ھڪ انگريز خلاصيءَ جي آھي، جيڪو جھاز جي عملي مان ھو. ھيءَ سچي ڪھاڻي ڪيترين ئي زبانن ۾ اچي چڪي آھي. ليکڪ جو نالو صحيح طرح واضح ٿيل نه آھي، پر جيئن ته آخري بچيل ماڻھو ڪئاٽر ماسٽر اينگس آھي، سو ان ئي ھي حادثو بيان ڪيو ھوندو، جنھن کي ٿي سگھي ٿو لفظن جو روپ ڪنھن ٻئي پھرايو ھجي.
    بھرحال! ھي سامونڊي حادثون ان ڪري اھم سمجھان ٿو جو منجھس ڪابه اھڙي ٽيڪنيڪل غلطي نظر نٿي اچي، جيڪي اڪثر ڪوڙن شڪاري قصن ۾ يا فلم ۾ ڏيکاريل ڪورٽ يا اسپتال جي منظرن ۾ عام جام ھونديون آھن. ھھڙي قسم جي سامونڊي حادثن ۾ ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو نظم ۽ ضبط کي ڇڏي ڏيندا آھن ۽ تڪليف وڌڻ تي ڇتڪتائيءَ جو عالم ٿي ويندو آھي. پر ھن حادثي ۾ جنھن ھمت، عزم، قربانيءَ جو صبر جو مظاھرو مسلمان ھندستاني سپاھين يا انگريز ۽ يورپي عملي جي ماڻھن ۽ مسافرن ڪيو، اھو تعريف جوڳو آھي - جنھن جا مثال تمام گھٽ ملندا.
    ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي اھڙيون ٽيڪنيڪل ڳالھيون آھن، جن بابت عام پڙھندڙن کي شايد ڄاڻ نه ھجي ۽ انھن بابت سندن ذھن ۾ ڪي سوال به پيدا ٿين. ھتي انھن جي سمجھاڻي ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو ته جيئن پڙھندڙ ھن سامونڊي حادثي کي چڱي ريت سمجھي/پروڙي سگھن ۽ ساڳي وقت ھن سفر جي مسافرن جي ھمت ۽ بھادريءَ کي ساراھي سگھن.
    ھر جھاز تي مسافرن ۽ جھاز جي عملي موجب ٻيڙيون ٿين - جن کي ”لائيف بوٽ“ سڏجي ٿو، جيڪي جھاز جي حادثي مھل زندگي بچائڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون. انھن ۾ ھر وقت کائڻ پيئڻ لاءِ مقرر مقدار ۾ پاڻي، کاڌو (بسڪيٽ، کير يا کير جون ٽڪيون وغيره) ھوندو آھي، جيئن گھٽ تور جي کاڌي مان گھڻي کان گھڻي طاقت ملي سگھي. پاڻيءَ جو پھرين ڏينھن کان ئي راشن شروع ڪيو ويندو آھي، نه ته اھو ٿورو پاڻي ڏينھن ٻن ۾ ختم ٿي وڃي ۽ زنده رھڻ جي رھيل کھيل اميد جھٽ پٽ ختم ٿي وڃي.
    لائيف بوٽ سڙهه يا چَپُن تي ھلي، پر اڄڪلھه جي لائيف بوٽ انجڻ تي به ھلي ٿي ته چپن تي به. پر انجڻ ڪري ڪو خاص فرق نٿو پوي، جو ھيءَ ٻيڙي سفر لاءِ استعمال نٿي ڪري سگھجي، جو انجڻ کي ھلائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ سٺ کن ميل ھلڻ جو تيل ٻيڙيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ ٿئي، جيڪو ائٽلانٽڪ، پئسفڪ جھڙن اٿاهه سمنڊن جي ھزارين ميلن جي سفر لاءِ ڪجهه به نه آھي. لائيف بوٽ جو خاص مقصد فقط اھو آھي ته حادثي پيش اچڻ جي صورت ۾ (جھاز جي ٻڏڻ، سڙڻ، ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تي) ھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي جان بچائجي ۽ اڌ ميل کن چَپُن يا انجڻ ذريعي ٻيڙيءَ کي ھلائي جھاز کان پري ٿجي، متان سڙندڙ جھاز جي باھ جو سيڪ رسي يا جھاز جا کوھا وغيره لڳي وڃن.
    اڄڪلهه ته سڀني جھازن تي اھڙو بندوبست رکيل آھي، جو ٻڏڻ سان ريڊيو روم جو ٽرانسميٽر لڳاتار ايس او ايس (Save Our Souls) جو سگنل ٽرانسميٽ ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت 500 ميلن تائين جيڪي جھاز آھن، انھن جا رسيور اھو سگنل خود بخود وٺي، الارم وڄائين ٿا، جيئن مڙني جھازن جي عملي کي حادثي ھيٺ آيل جھاز جي خبر پئجي وڃي ته جھاز ٻڏي رھيو آھي. ساڳئي وقت ڪھڙي Latitude (ويڪرائي ڦاڪ) ۽ Longitude (ڊگھائي ڦاڪ) تي آھي؟ جيئن بچائڻ لاءِ ان ھنڌ ڏانھن ٻيا جھاز روانا ٿين. ھڪ اھو به سبب آھي ته لائيف بوٽ ۾ لٿل ھمراھن کي ٻڏندڙ جھازن جي چئوڦير ئي ترسڻ گھرجي، جو بچائيندڙ جھاز ٻڏندڙ جھاز جي سنوت ڏي ئي رخ رکندا آھن.
    پر جيئن ته ھي حادثو جنگ وارن ڏينھن ۾ ٿيو آھي ۽ چوڌاري ڪنھن جھاز جي ھجڻ جي اميد نه ھجڻ ڪري، ٻيڙيءَ ۾ بچيل بدنصيب مسافر اتي سمنڊ تي ئي ترسي وقت وڃائڻ بدران، ويجھي ٻيٽ - سينٽ ھيلينا ڏي وڌڻ لاءِ ڪوچ ڪيو آھي.
    ھر لائيف بوٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين کان علاوه ڪھاڙي، قطب نما، ضروري دوائون (فرسٽ ايڊ باڪس)، مڇي ڦاسائڻ جي ڪنڊي، رسي، ماچس ۽ ڪجهه ٻيون اھڙيون شيون ھجڻ ضروري آھن، جيڪي سمنڊ تي ڪم اچي سگھن ٿيون. جيئن ٻيڙيءَ جي ڪا رسي نه کلي ته، اها ڪھاڙيءَ سان ڪپي سگھجي، ڪا مڇي ڦاسي ته ان کي وڍي سگھجي - جيئن ھنن کي ھڪ مڇي ھٿ اچي وئي. رات جي وقت ڪو ھوائي جھاز يا پاڻيءَ جو جھاز اچي لنگھي ته، ان جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ماچس سان ڪپڙي ٽڪر ٻاري سگنل ڏئي سگھجي ٿو، وغيره وغيره.
    ڪي پڙھندڙ شايد اھو به سوال ڪن ته، اھڙي سخت اڃ ۾ سمنڊ جو ٿورو ئي پاڻي پي کڻي اڃ اجھائڻ کپي. پر سمنڊ جو پاڻي ايڏو ته کارو ٿئي ٿو، جو مرڻ مھل تائين انسان کان پيتو نٿو ٿئي. منجھس تمام گھڻي مقدار ۾ عام رواجي لوڻ (سوڊيم ڪلورائيڊ) کان علاوه ٻيا به ڪيترن ئي قسمن جا لوڻ ۽ ڪيميائي شيون مليل ٿين ٿيون، جيڪي سمنڊ جي پاڻيءَ کي زھر جھڙو کارو بڻائي ٿيون ڇڏين، جنھن سبب پيئڻ ناممڪن ٿيو پوي.
    اھڙين حالتن ۾ اسان جھازي گھڻو ڪري ڪوشش اھا ڪندا آھيون ته، سامونڊي پکي (Sea Gull) يا مڇيون وغيره ڦاسائي کائجن، جيئن ٻيڙيءَ جو محدود راشن بچت ۾ ئي رھي. پر ھي ويچارا، جن سان ھي حادثو پيش آيو، سمنڊ جي اھڙي حصي ۾ ھئا، جيڪو ڪناري کان سوين ميل ڏور ھو، جتي پکي پکڻ ته ذات نه ھو پر ڪنھن مڇيءَ به سنوت نٿي ڏنن. بدقسمتيءَ سان ھڪ مڇي ”ڊاگ فش“ سندن ٻيڙيءَ ۾ اچي به وئي ته اھا ڪا کائڻ لائق ناھي، جو ھنن به ٿوڪاري ڇڏي ۽ سندس رت به نه پي سگھيا. ٻي ڳالھ ته اھا بھ کين ايترو ته دير سان ملي يعني ٽن ھفتن کان پوءِ، جڏھن ھنن ۾ ايتري به طاقت باقي نه بچي ھئي، جو ان کي ڪچو چٻاڙي سگھن. ھنن وٽ رڌڻ پچائڻ لاءِ نه ته باھ جو بندوبست ھو ۽ نه ئي پاڻي بچيل ھو. ھونءَ ڪيترا اھڙا واقعا به ٿين ٿا جو بک کي منھن ڏيڻ لاءِ، ماڻھن پنھنجا بوٽ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ٻه چار ڏينھن پسائي، نرم ڪري پڻ کاڌا آھن.
    ھر مسافر ۽ جھاز جي عملي جي ماڻھوءَ کي لائيف جئڪيٽ ڏني ويندي آھي، جيئن جھاز ڇڏڻ وقت اھا پائي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي. لائيف جئڪيٽ ڪري ماڻھو سمنڊ ۾ ٻڏي نٿو. منجھس ھلڪو ڪاٺ يا ٻوچ Cork جھڙي شيءِ ٿئي ٿي، جيڪا ايتري ته ھلڪي آھي جو ماڻھوءَ کي چوويھن ڪلاڪن تائين، سمنڊ جي مٿاڇري تي جھلي رکندي آھي. ان بعد آھستي آھستي ڳري ٿيڻ ڪري ماڻھو ٻڏيو وڃي.


    ڪوارٽر ماسٽر

    جھاز جي سکاڻيءَ کي چئبو آھي، جيڪو جھاز کي اسٽرنگ ويل (ڦيٿي) ذريعي سڌو جھلي بيھندو آھي. ھر جھاز تي ٽي ڪوارٽر ماسٽر (سکاڻي) ٿين ۽ ڏينھن رات جي چوويھن ڪلاڪن جي ڊيوٽي اٺ اٺ ڪلاڪ ڪري ورھائي کڻن. پوءِ ھر ھڪ چار ڪلاڪ ڏينھن جي چونڪي ڪري ۽ چار ڪلاڪ رات جي. جھاز جي ڪئپٽن کي ماسٽر به سڏيو ويندو آھي. جھاز تي اھو چرچو عام ھوندو آھي ته جھاز تي فقط ٽي ڪوارٽر (چوٿا) ماسٽر ان ڪري رکيا ٿا وڃن، جو چوٿون ڪوارٽر ماسٽر به رکيو ويندو ته پوءِ چار چوٿا ملي، ھڪ سڄي ماسٽر برابر ٿي پوندا ۽ پوءِ ڪئپٽن (ماسٽر) جي ڪھڙي ضرورت؟
    سب مئرين جنگي وڏي ٻيڙي ٿئي، جيڪا پاڻيءَ جي اندر به ھلي ته مٿاڇري تي به. حملي وقت پاڻيءَ اندر ٽٻي ھڻي ٻئي جھاز کي ٽارپيڊو ھڻندي آھي، جيڪو بم وانگر ٿئي.
    جھاز جي زبان ۾ جھاز جي ساڄي پاسي کي اسٽار بورڊ ۽ کاٻي پاسي کي پورٽ سائيڊ سڏجي ٿو.

    چيف آفيسر
    ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي جھاز جو انچارج چيف آفيسر سڏجي. چيف آفيسر کي فارين جھازن تي ”ميٽ“ به سڏين. چيف آفيسر نيويگشن کان علاوهه جھاز جي ڪارگو جي سنڀال ۽ انتظامي جو به انچارج ھوندو آھي.

    سرنگ
    آگ وارن، خلاصين ۽ ٻين ھيٺين طبقي جي ڪم وارن جو انچارج ٿئي، جيئن اسان وٽ ھارين جو انچارج ڪمدار سڏجي.

    باهه وارو
    جيڪو بئالر کي باھ ڏئي ۽ انجڻ روم جي صفائي ڪري.

    اسٽور ڪيپر
    جھاز جي صفائيءَ ۽ مرمت ۾ ڪم ايندڙ سامان ۽ رنگ روغن جي سنڀال لاءِ ھڪ اسٽور ڪيپر ٿئي، جنھن کي ”ڪسب“ سڏجي يا اسٽور ڪيپر.

    اسٽيورڊيس
    جھاز تي مسافرن ۽ عملي کي ماني ٽڪي کارائڻ لاءِ جيڪي خذمتگار ڇوڪريون ٿين، تن کي شپ -اسٽيورڊيش سڏجي ٿو.

    شارڪ مڇي
    شارڪ مڇي (Isurus Glaucus) تمام خطرناڪ مڇي/جانور ٿئي. سمنڊ جي ننڍين مڇين ۽ جيتن جڙن کي به ھڙپ ڪري ويندي آھي، ته ماڻھن کي به. اھو ئي سبب آھي جو شارڪ مڇيءَ کي سامونڊي بگھڙ سمجھيو وڃي ٿو.
    شارڪ مڇيءَ کي تمام وڏا، تکا ۽ ٽڪنڊا ڏند ٿين ۽ ڪي شارڪ مڇيون ته سڏجن ئي آدم خور شارڪ مڇيون (Carcharodon Caracharias). اھي ھر وقت ماڻھن جي ڳولا ۾ رھنديون آھن ته ڪٿي ٿو ڪو جھاز تان ڪري يا ڪناري تي ٻڏي يا مري وڃڻ تي جھاز تان اڇليو وڃي؟ اڪثر ننڍين ڀٽڪندڙ ٻيڙين جي ڪڍ ھونديون آھن، جو کين ڳجهه وانگر خبر ھوندي آھي ته ڄاڻ ته ماڻھو مئا. جيئن ھن ڪھاڻيءَ ۾ شارڪ مڇيون ٻيڙيءَ جي آس پاس لڳي مئل ۽ جيئرا ماڻھو کائينديون رھن ٿيون.
    شارڪ مڇي، وھيل مڇيءَ وانگر پربت ته نه ٿئي، پر تڏھن به چڱي وڏي ٿئي ٿي ۽ ڪي ڪي چاليهه فٽن کان به ڊگھيون ٿين. يعني ست ماڻھو ھڪ ٻئي مٿان بيھارجن ته ايتري ڊيگهه ٿئين ۽ تور ۾ سورھن سترھن مڻ کن ٿين.
    شارڪ مڇي، ائٽلانٽڪ ۽ خليج بسڪي (جتي ھنن ھمراھن جي ٻيڙي ڦرندي رھي)، ميڊيٽيرين ۽ پنھنجي پاڙي واري سمنڊ - ڳاڙھي سمنڊ ۾ به تمام گھڻيون ٿين ۽ جھاز تان ماڻھن جي ڪرڻ تي امالڪ حملو ڪري ڏينديون آھن. مڇيون ڦاسائڻ وارا - خاص ڪري ٻيڙين وارا ڦاٿل شارڪ مڇيءَ کان به خبردار رھندا آھن، جو رسيءَ ۾ ٻڌل يا ڪانٽي ۾ ڦاٿل ھجڻ جي باوجود به رکي رکي ٻيڙيءَ وارن تي حملو ڪري ڏيندي آھي.
    شارڪ مڇيون گھڻو ڪري ڪناري تي ڪونه ٿين، پر ڪڏھن ڪڏھن جھازن جي ڪڍ ڪناري تي به اچي نڪرنديون آھن.


    موت جو سفر

    ھيءَ ڳالھهه ھڪ اھڙي پاڻيءَ جي جھاز جي آھي، جنھن بدنصيب جھاز ۾ اسين چڙھيل ھئاسين. ”سٽي آف ڪئرو“ (City of Cairo) نالي اسان جو ھي جھاز2 آڪٽوبر 1942ع تي جڏھن بمبئي کان روانو ٿيو ته منجھس عملي جي ماڻھن کان علاوه ٻه سؤ کن مسافر به سوار ھئا. سمنڊ ماٺو ھو ۽ جھاز آرام سان ھلي رھيو ھو. ٻي وڏي لڙائيءَ کي شروع ٿئي ٽيون سال ٿي چڪو ھو. سڄي دنيا ۾ ھڪ ڏھڪاءُ متل ھو، پر جن سمنڊن ۾ ھي جھاز ”سٽي آف ڪئرو“ سفر ڪري رھيو ھو، اھي ظاھريءَ طرح جنگ جي گوڙ گھمسان کان پري ھئا. جيتوڻيڪ دلين ۾ اھو به ھراس ويٺل ھو ته ڪنھن وقت به ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھه ٿي سگھي ٿي. جرمن سب مئرين ٻيڙيون (پاڻيءَ ھيٺ ھلندڙ جنگي ٻيڙيون) ڀؤنچ سمنڊ، ھندي وڏي سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾، ڪڏھن ڪٿي ته ڪڏھن ڪٿي، گھمي رھيون ھيون، ان ڪري جنگ جي ميدان کان پري ھوندي به مسافرن ڊپ محسوس ٿي ڪيو. بندرگاھ ۾ اندر جڏھن جھاز پھتو ٿي ته، ماڻھن سک جو ساھ کنيو ٿي. بندرگاھ مان نڪرڻ سان ماڻھن جي رڳ رڳ ۾ ھڪ اھڙي ڊپ واسو ٿي ڪيو، جنھن جي اچڻ جي ڪا ڄاڻ نه ھئي.... ھونءَ به ڪا مصيبت يڪدم اچي وڃي ته ماڻھو ان جو مقابلو بنا ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي ڪري سگھي ٿو. پر ڪنھن مصيبت جو اھو احساس ۽ انتظار ته خبر ناھي ڪھڙي وقت اچي - ماڻھو جو اندر اڏوھيءَ وانگر کايو ڇڏي ۽ ڪجهه اھڙي ئي ڪيفيت ھن جھاز جي ھئي - خاص ڪري مسافرن جي. آڪٽوبر جو مھينو ختم ٿيندي ٿيندي اسان ڪيپ آف گڊ ھوپ ۾ سائوٿ آفريڪا جي شھر ڪيپ ٽائون جي ويجھو پھچي وياسين ۽ جڏھن اسان جو جھاز بندرگاھ ۾ اندر لنگر انداز ٿيو ته سڀني جي دل دماغ تي خوشي ۽ اطمينان جي لھر ڊوڙي وئي. ذري گھٽ ھڪ ھفتو اسان ڪيپ ٽائون شھر ۾ ترسياسين ۽ مسافرن سڄو شھر دل وٽان گھميو.
    ڇھين نومبر تي رات جو ساڍي اٺين وڳي، اسان جي جھاز لنگر کنيو ۽ ھاڻي ھندي وڏي سمنڊ کي پٺيان ڇڏي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي منھن موڙيوسون. سڀني جي ذھنن تي ھڪ دفعو وري ڊپ ۽ ھراس پنھنجو ديرو ڄمايو ۽ اھو ڊپ اڳتي وڌڻ سان ويتر وڌڻ لڳو ۽ پوءِ پنجين ڏينھن نيٺ اھا گھڙي اچي وئي، جنھن جو ڀؤ ھر ھڪ مسافر کي مھيني کن کان لڳل ھو.... جھاز ماٺي پاڻيءَ جي مٿان بنا ڪنھن لوڏن جي تري رھيو ھو ته اوچتو ھڪ قيامت خيز ڌماڪو ٿيو. جھاز ھڪ جرمن سب مئرين (آبدوز) جي ھنيل ٽارپيڊو جو شڪار ٿي ويو. ٽارپيدو لڳڻ ڪري سڄو جھاز لڏي ويو ۽ سندس ھڪ حصي جا ته ٽڪرا ڇيتين وانگر مٿي اڏامي ويا. عملي جي ارڙھن ماڻھن سان گڏ ٽي مسافر به موت جي ماٿرين ۾ ٻڏي ويا.
    جھاز جي ڪئپٽن راجر يڪدم ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاھڻ جو حڪم ڏنو. آءٌ ڪوارٽر ماسٽر (سکاڻي) ھوس ۽ لائيف بوٽ نمبر چار منھنجي حوالي ھئي. ان کي سمنڊ ۾ لاھي بس ڪيم ته، ڏسان ته اسٽار بورڊ (ساڄي) پاسي منھنجي دوست ڪوارٽر ماسٽر بوب کي پنھنجي ٻيڙي لاھڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿئي. سو آءٌ ٽپ ڏئي ان ۾ چڙھي پيس. ھڪ رسو وچ ۾ ڦاسي رھيو ھو، جنھن کي ڇڪي ٻاھر ڪرڻ سان ٻيڙي ھيٺ گھرڪڻ لڳي. آءٌ ان ئي ڪوشش ۾ ھوس ته ٻيڙي جھاز جي پاسي سان ٽڪرائي ڀور ڀور نه ٿئي ته ايتري ۾ سب مئرين ٻيو ٽارپيڊو فائر ڪيو، جنھن جي ڌماڪي سان نه فقط جھاز لڏي ويو، پر بوب واري ٻيڙي به پرزا پرزا ٿي، ھيڏانھن ھوڏانھن پکڙجي وئي - مون کي فقط شعاع نظر آيو ۽ پوءِ ائين لڳو ڄڻ پولار ۾ سفر ڪري رھيو ھجان. ٿوري دير کان پوءِ ھيٺ سمنڊ ۾ وڃي ڦھڪو ڪيم ۽ ٻڏڻ کان بچڻ خاطر پاڻيءَ ۾ ھٿ پير ھڻڻ لڳس.
    ”سٽي آف ڪئرو“ جھاز سمنڊ ۾ اونڌو ٿي اندر ٻڏڻ لڳو. منھنجي اوسي پاسي دانھون ۽ ڪوڪون ڪندڙ ماڻھو، جھاز ۽ ٻيڙين جا تختا ۽ سامان سمنڊ جي لھرن ۾ ٻڏي اپڙي رھيو ھو. منھنجي لائيف جئڪيٽ خراب ٿي چڪي ھئي. رات جو اوندھ ۾ مون کي ھڪ ڪارو دٻو نظر آيو. مون ان ڏي ترڻ شروع ڪيو. ويجھو پھچي ڏٺم ته لائيف بوٽ نمبر پھرين ھئي. ٻئي ڌماڪي ڪري ان کي نقصان رسيو ھو ۽ منجھس پاڻي ڀرجي ويو ھو. ٻڏندڙ کي ڪک جي آسري وانگر - ان ۾ ويٺل ڪجھه ماڻھن لاءِ جيئرو بچڻ جو اھو ئي ھڪ سھارو وڃي بچيو ھو. آءٌ به ان ۾ چڙھي پيس. ڪجهه ھوش حواس بحال ٿيا ته مون پنھنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي. ٻيڙيءَ ۾ موڪل تي وڃڻ وارا انگريز آفيسر، ڪنھن ٻئي ھنڌ وڙھڻ لاءِ موڪليل ھندستاني فوجي، ڪيتريون ئي زالون ۽ ٻار ۽ ڪجهه يورپي مسافر سوار ھئا. ٻيڙيءَ ۾ پاڻي ايترو ته ڀرجي چڪو ھو جو سڀني کي چيلهه تائين پئي آيو. مون ھنن کي صلاح ڏني ته جھٽ پٽ پاڻي ڪڍڻ شروع ڪيو وڃي. سڀ کان پھرين زالن ۽ ٻارن منھنجي اھا صلاح مڃي، پوءِ مڙس به ڪم ۾ جنبي ويا. ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍي بس ڪرڻ کان پوءِ اسان سمنڊ ۾ ھٿ پير ھڻڻ وارن ڏي ڌيان ڏنو ۽ انھن کي جھلي جھلي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھڻ لڳاسين. رات جي اوندھ ۾ اسان کي جيترا به ماڻھو ملي سگھيا انھن کي ڇڪي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيوسين. سمنڊ جي مٿاڇري تي منھنجيون نظرون ٻڏندڙن کي ڳولي رھيون ھيون. ھڪ ھنڌ مون کي ڪنھن جو مٿو ڏسڻ ۾ آيو، جنھن جا ڊگھا ڊگھا وار تري رھيا ھئا. مون ھن کي وارن کان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ ۾ چاڙھيو. ھوءَ ھڪ عورت ھئي، جنھن پنھنجي کير پياڪ ٻار کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لائي رکيو ھو. ماءُ ۽ ٻار ٻئي بيھوش ھئا. اسان ھنن کي اونڌو ڪري سندن پيٽ ۽ ڦڦڙن مان پاڻي ڪڍيو ۽ ھو جلد ھوش ۾ اچي ويا. جن ماڻھن کي اسان بچايو، انھن ۾ جھاز جو چيف آفيسر سڊني ۽ ڪوارٽر ماسٽر بوب به ھئا. بوب جي چيلهه ۽ ھڪ ھٿ تمام گھڻو ڦٽجي پيا ھئا. اھا رات جبل جيڏي لڳي رھي ھئي. سمنڊ ۾ به جوش ھو ۽ لھرن جون ٿڦڙون ٻيڙيءَ کي ڪڏھن ھڪ پاسي ته ڪڏھن ٻئي پاسي لوڏي رھيون ھيون. خدا خدا ڪري پرھ ڦٽي ۽ سورج شاخون ڪڍيون ۽ سمنڊ جي مٿان ڪيتريون ئي ٻيڙيون ھيڏانھن ھوڏانھن لڏندي نظر آيون. اسان انھن ڏي رخ ڪيو ۽ ويجھو پھچي اڳتي جو سوچيو -ھڪ ٻيڙيءَ ۾ جھاز جو ڪئپٽن راجر به سوار ھو. ھن ويجھي ۾ ويجھي ٻيٽ سينٽ ھيلينا ڏي ھلڻ جو فيصلو ڪيو. اسان جي ٻيڙيءَ جي ڪمانڊ سڊنيءَ سنڀالي. سڀني معاملن تي ھڪڙو ئي فيصلو ڪرڻ بعد اسان ماڻھن کي ھيڏانھن ھوڏانھن بدلي ڪيو. مقصد اھو ھو ته ساڳي خاندان جا ماڻھو ھڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ گڏ ھجن ۽ چيف آفيسر سڊني جي صلاح موجب، جيئن ته اسان کي ٻيڙيءَ جي ڌماڪي ڪري نقصان رسيو ھو، پاسن کان ڏار پئجي ويا ھئي ۽ چپون (Oars) به ڀڄي پيا ھئا، ان ڪري ٻارن کي به ان مان لاھي ٻيءَ سڄيءَ ٻيڙيءَ ۾ رکيو ويو.
    ماڻھن جي ردو بدل پوري ٿيڻ بعد اسان ٻيڙين جا سڙھ ساڄا ڪيا ۽ ھڪ ڊگھي سفر جا سانباھا ڪياسين. اسان جي ٻيڙيءَ ۾ چوونجاھ ماڻھو سوار ھئا. ويهه يورپي، ايڪٽيهه ھندستاني ۽ ايشيائي. يورپي ماڻھن ۾ ٽي عورتون به شامل ھيون - جھاز جون ٻه اسٽيورڊيسون (ھوسٽسون): مس ٽيگراٽ، مس ايني ۽ ٽين ڄڻي ننڍي نيٽي برطانوي ڇوڪري ڊيانا. مس ٽيگراٽ ۽ ڪوارٽر ماسٽر بوب سخت زخمي ھئا. انھن جي سمھڻ لاءِ ٻيڙيءَ جي مھاڳ ۾ ڪجھه جاءِ ڪئي وئي. ڪا خبر نٿي پيئي ته بوب کي چيلهه ۾ ڇا ٿي پيو آھي؟ ان ٻيڙيءَ ۾ ھڪ ڊاڪٽر به ھو، پر ھن جي پنھنجي ئي حالت صحيح نه ھئي، جو اٿي کڻي ڪو مريض ڏسي. سو جيتري قدر ٿي سگھيو، اسان ٻنھي زخمين کي چڱي طرح مرھم پٽي ڪري ورتي. ان ڪم ۾ مس ڊيانا اسان جي وڏي مدد ڪئي. ھن جو فرسٽ ايڊ جو ڪورس ڪيل ٿي لڳو.
    سفر شروع ٿيو ته چيف آفيسر سڊنيءَ ماڻھن کي رستي جي ڏکن ڏاکڙن کان آگاھ ڪيو. ھڪ ٻئي سان مڪمل طرح نباھ ڪرڻ ۽ ھر حالت ۾ ڊسيپلين قائم رکڻ جي اپيل ڪئي. پيئڻ جو پاڻي اڌ کن ھارجي چڪو ھو، ان ڪري پاڻيءَ جو راشن بندي ڪيو ويو. ٻيڙيءَ ۾ ٽنگ ٿي پيا ھئا، ان ڪري ان مان سمنڊ جو پاڻي ڪڍڻ ھر ماڻھوءَ جو پھريون فرض قرار ڏنو ويو. ٻئي ڏينھن ٻنپھرن جو اسان کليل سمنڊ ۾ شارڪ مڇين جو ڌڻ ڏٺو. ھو چڱي تعداد ۾ ھيون ۽ ٻيڙيءَ جي چوڌاري چرين وانگر چڪر ھڻڻ لڳيون. ڪڏھن ڪڏھن ته ائين ٿي لڳو ڄڻ ٻيڙيءَ تي حملو ڪنديون.
    رات تمام ماٺ ميٺ ۾ مٿان اچي وئي. موسم سٺي ھئي، پر قسمت ۾ آرام نه ھو. ماڻھن کي دير دير تائين بيھڻو ٿي پيو. بيٺي بيٺي جھوٽو اچڻ ڪري ھيٺ ٻيڙيءَ ۾ ڪري ٿي پيا. منھنجي ڊيوٽي ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي جو سڙھ سنئون رکڻ جي ھئي. رابرٽ منھنجو ٻانھن ٻيلي ھو. ھن کي ٻيڙين جي ته ڪا ڄاڻ ھئي ۽ نه وري ڪو تجربو، ڇو ته ھو ھڪ ايئرو ناٽيڪل انجنيئر ھو، پر ھن مون کي پھرين ڏينھن ئي ٻڌايو ته ڪوبه ڪم ھجي ته ٻڌائجانءِ، آءٌ ان کي ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪندس. ھن جي مدد منھنجي لاءِ وڏي آٿت ھئي. ٻيڙيءَ کي سنڀالڻ ھڪ فن آھي ۽ ان کي ڄاڻڻ وارا تمام گھٽ آھن. ھي ان ڪم ۾ جلد ئي ڪاريگر ٿي ويو.
    ٻئي ڏينھن ھوا تکي ٿي وئي ۽ ان سان گڏ ٻيڙين جي رفتار به وڌي ويئي. ڪڏھن اسان جون ٻيڙيون ايترو ويجھو ٿي ٿي ويون، جو اسان ھڪ ٻئي سان ڳالھائي به سگھياسين ٿي. وري ڇولين ۽ ھوا ڪري ھڪ ٻئي کان ايڏو پري ھليا ٿي وياسين، جو ھڪ ٻئي کي نظر به نٿي آياسين. اسان جي ٻيڙيءَ جي رفتار مڙيئي وڌيڪ ھئي. چيف آفيسر سڊنيءَ صلاح ڏني ته اسان کي سڀ کان اڳيان رھڻ گھرجي، جو اسان جي ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ٿيل آھن. ان ڪري اسان کي پنھنجو سفر جھٽ پورو ڪرڻ کپي. جيڪڏھن اسان سينٽ ھيلينا ٻيٽ جي ڪناري تي پھچي وياسين ته ٻين جي به مدد ڪري سگھنداسين. ٻيڙيون ھڪ ٻئي جي ويجھو پھتيون ته، چيف آفيسر پنھنجو اھو منصوبو ڪئپٽن کي ٻڌايو. ان اسان جي ضعيف ٻيڙيءَ جي حالت ڏسي، ان ڳالهه جي موڪل ڏني. خبر ناھي اھا ڪھڙي گھڙي ھئي جڏھن اسان اڳيان وڌياسين! ان کان پوءِ اسان جا ساٿي اسان سان وري ملي نه سگھيا.
    رات ٿي ته واءُ اڃا به تکو ٿي ويو. ٻيڙيءَ جي رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو اوزار به خراب ٿي پيو، ان ڪري ان کي پنھنجي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ اسان کي ڏاڍي محنت ڪرڻي ٿي پئي. ھيءَ رات اسان جي سفر جي خوفناڪ ترين رات ھئي. تکي ھوا ڪري سمنڊ مان اڀرندڙ لھرون ڪيترائي ڀيرا اسان کي پيرن کان مٿي تائين آلو ڪري ٿي ويون. ان ئي رات اسان کي خبر پئي ته ڊاڪٽر ٽسڪر ذھني طرح کسڪي ويو آھي. ھو ذري ذري دانھون ڪري رھيو ھو: ”بئرا! منھنجي چانھه آڻ!“ ھن جي ھٿ ۾ چاقو ھو، جنھن سان ھن جھاز جي اسٽور ڪيپر جي قميص ڦاڙي رکي. مون ھن کي ڏاڍي مشڪل سان ٿڌو ڪيو ۽ چاقو ڦري ورتومانس.
    ٽئين ڏينھن منجھند مھل مس مس ھوا جو زور ڀڳو - ٻيون ٻيڙيون اسان جي نگاھن کان پري ٿي، خبر ناھي ڪھڙي پاسي گم ٿي ويون؟ ھاڻي اسان جون اکيون ڪنھن پاڻيءَ جي جھاز يا ھوائي جھاز جي ڳولا ۾ ھيون، جيڪو اسان کي ڏسي بچائي. ٻئي ڏينھن شام جو ڊاڪٽر جي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿي وئي. ھو لڳاتار پاڻي گھرندو رھيو. چيف آفيسر ھن جي خراب حالت ڏسي، سندس پاڻيءَ جو راشن ٻيڻو ڪيو. رات جو آءٌ ڊاڪٽر جي ڀرسان ئي ترسيس. ھو آڌيءَ رات جو ڍرڪي منھنجي مٿان اچي ڪريو. صاف ظاھر ھو ته ھو مري چڪو آھي، پر آءٌ خاموش رھيس. ڏينھن چڙھيو ته مون چيف آفيسر سان ڳالهه ڪئي. اسان ڊاڪٽر جو لاش کڻي ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي رکيو. چيف آفيسر کي بائيبل جي ھڪ دعا ياد ھئي. ھن اھا پڙھي ۽ اسان ڪوماڻيل دلين سان لاش کي آھستي ڪري سمنڊ جي حوالي ڪيو. ان پھرين موت تي اسان سڀ ڏاڍو غمگين ٿياسين ۽ سوچڻ لڳاسين ته ھاڻ خبر ناھي وري ڪنھن جو وارو اچي؟ سج چڱو مٿي آيو ته آءٌ بوب وٽ ويس، جنھن مون کي آھستي چيو: ”اينگس! تنھنجو ڇا خيال آھي؟ ڇا بچڻ جو ڪو امڪان آھي؟“ مون ھن جي پٺي ٺپري چيو: ”سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويندو، بوب! گھٻرائڻ جي ڪا ضرورت ناھي. پڪ ڪونه ڪو جھاز اسان تائين پھچي ويندو ۽ پاڻ بچي وينداسين.“
    بوب جي گذريل سال شادي ٿي ھئي. ھو پنھنجي زال ۽ ٻن ٽن مھينن جي ننڍڙيءَ ڌيءَ جي باري ۾ ڏاڍو فڪرمند ھو. ھن جي ڪرنگھي جي شايد ڪا ھڏي ڀڄي پئي ھئي، ان ڪري ويھي به نٿي سگھيو. ھو دير تائين پنھنجي زال ۽ ڌيءَ جون ڳالھيون ڪندو رھيو.
    ھندستاني فوجي سڀ مسلمان ھئا. ھنن وڏي ڊسيپلين سان بيٺي بيٺي نماز ادا ٿي ڪئي ۽ ڏينھن رات دعائون ۽ درود پڙھڻ ۾ رڌل رھيا ٿي. ھڪ وڏي سونھاريءَ وارو فوجي جڏھن به پرسوز آواز ۾ پنھنجي مقدس ڪتاب قرآن جي تلاوت ڪندو ھو ته، اسان غير مسلمانن تي به وجد طاري ٿي ويندو ھو. سندس حال پڇڻ تي ھو پنھنجن سڪل چپن تي مرڪ آڻي فقط اڃ جي دانھن ڪندو ھو.
    ڇھين ڏينھن صبح ساڻ ٽي فوجي الله کي پيارا ٿي ويا. وڏيءَ ڏاڙھيءَ واري فوجي ھنن جي جنازي نماز پڙھائي. جھاز جو سرنگ ۽ فائر مئن زنجبار جا مسلمان ھئا. ھو به جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيا. نماز کان پوءِ ٽنھي ڄڻن کي سمنڊ جي بي رحم لھرن جي حوالي ڪيو ويو.
    ھوا ھاڻ بلڪل بند ٿي وئي ھئي. اسان سڙھ لاٿا ۽ چَپُن کان ڪم ورتوسون. جيتوڻيڪ ھي ڪم تمام ڏکيو ھو، پر ان جو ھڪ فائدو ٿيو. اسان جو ذھن ۽ جسم پورھئي ۾ لڳي ويو. ڪيترن يورپي ماڻھن جي ھاڻ ذھني حالت خراب ٿيڻ لڳي ۽ واري واري سان ھن دنيا جي قيد مان آزاد ٿيڻ لڳا. اسٽيور ڊيس - مس ٽيگراٽ جي جسم تي ڦٽ ڦرڙيون ٿي پيون ھيون ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو دوا دارون نه ھو. اٺين ڏينھن رات جو ھوءَ به ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. ان رات ڪجھه ٻيا ھندستاني فوجي به وفات ڪري ويا. اسان رات جو ئي ھنن جون آخري رسمون پوريون ڪري، کين سمنڊ جي حوالي ڪيو.
    ڏينھن چڙھيو ته شارڪ مڇين وري ٻيڙيءَ کي کڻي گھيريو. ھو ٻيڙيءَ جي چوڌاري اھڙو تيزيءَ سان گھمڻ لڳيون، ڄڻ سمنڊ جو پاڻي ولوڙي رھيون ھجن ۽ رکي رکي پنھنجو ڀوائتو وات کولي ٻيڙيءَ ڏي ٿي ڏٺائون. حالتون تمام گنڀير ٿينديون ويون. ٻيڙيءَ جا لاچار ۽ بي وس مسافر سڄو ڏينھن مٿي کي ھٿ ڏيو ويٺا ھوندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن اسان جون ڏرا ڏئي ويل بي نور اکيون ڪڪر ٽڪرو ڏسڻ لاءِ آسمان ڏي کڄيون ٿي، پر ناڪاميءَ کان سواءِ ڪجهه حاصل نٿي ٿيو. مون ھڪ نوجوان انجنيئر جي ھمٿ وڌائي ۽ کيس چيم ته مس ڊيانا کان سبق سک، جنھن ھھڙين ڏکين گھڙين ۾ به اميد جو پلاند ھٿن مان نه ڇڏيو آھي. ھو انجنيئر ٻن ڏينھن تائين صحيح سلامت رھيو ۽ پوءِ ماٺ ميٺ ۾ مري ويو. ھيستائين چڱا ماڻھو مري ويا ھئا. ھونءَ ٻيڙي ھلڪي ٿي وئي ھئي ۽ ان جا سوراخ سمنڊ جي مٿاڇري کان گھڻو مٿي ٿي ويا ھئا. ان ڪري اسان کي پاڻي ڪڍڻ جي مزوريءَ کان ته موڪل ملي وئي. ڏھين ڏينھن جھاز جي ھڪ ٻي اسٽيورڊيس - ايني به راھ رباني وٺي وئي. ھن جا ھٿ پير تمام گھڻو سڄي ويا ھئا. ھاڻ ٻيڙيءَ ۾ فقط ھڪ عورت ڊيانا وڃي بچي ھئي، پر ھوءَ اڃا تائين چاق چوبند ڏسڻ ۾ پئي آئي. ٻيڙيءَ جي انچارج سڊنيءَ جا حواس به ھاڻي ختم ٿيندا ويا. ھو اڪثر وڦلندو رھيو ٿي. ھن جي ھيءَ حالت تمام ڏکوئيندڙ ھئي. ھو تمام گھڻو پيارو انسان ھو. ٻارھين ڏينھن ھن ۾ ويھڻ ۽ ڳالھيون ڪرڻ جي به سگهه نه رھي. اسان ھن کي بوب جي ڀرسان ئي سمھاري ڇڏيو. بوب جي حالت به تيزيءَ سان خراب ٿي رھي ھئي. ھڪ ڏينھن ھن مون کي سڏي چيو: ”اينگس! منھنجو بچڻ ھاڻي ناممڪن آھي، منھنجي مرڻ کان پوءِ منھنجي ٻاچ ۾ پيل منڊي لاھي وٺجانءِ. جيڪڏھن قسمت توکي وطن پھچايو تھ ھيءَ منڊي منھنجي زال جي حوالي ڪجانءِ.“
    يورپي ماڻھن ۾ ڪجهه ھمراھ اھڙا رھجي ويا ھئا، جن جي صحت وري به ٻين کان سٺي ھئي. چوڏھين ڏينھن صبح جو منھنجو دوست رابرٽ به ختم ٿي ويو. مون کي ھن جي مرڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو. ھو ڏاڍو شريف انسان ھو. ھن جي زبان مان ڪڏھن تڪليف جو ھڪ لفظ به نه نڪتو ۽ نه ڪڏھن ھن ڪنھن کي شڪايت جو موقعو ڏنو. ھن موت کي ماٺ ۾ ڀاڪر پائي ورتو. ان ڏينھن اسان ست لاش سمنڊ جي حوالي ڪيا، جن ۾ پنج ھندستاني فوجين جا ھئا.
    پندرھين ڏينھن سڊنيءَ ۽ بوب به ھميشهه لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ان کان علاوه مرڻ وارن ۾ ٽي يورپي ۽ ڪجهه ھندستاني فوجي شامل ھئا. ھنن کي ٻيڙيءَ جي تري مان ڇڪي مٿي ٻيڙيءَ جي ڪناري تي آڻڻ تمام ڏکيو ڪم ھو. اسان ايڏو ته نستا ٿي پيا ھئاسون جو ھڪ ھڪ لاش مٿي کڻي آڻڻ بعد ڪا دير ته ساھي ٿي پٽيسين. ھڪ فائر مئن ( باھ -واري) پنھنجي راشن جو ڍڪ پاڻي پيئڻ بعد وڌيڪ پاڻي گھريو. ھن جي حالت ڏٺي نٿي ٿي، پر ھاڻي ايترو پاڻي نه بچيو ھو جو ٿوري اڃ به ماري سگھي. دل شڪستو ٿي ھن کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو، پر پنھنجي لائيف جئڪيٽ لاھڻ وسري ويس. اسان ۾ ايتري سگهه نه ھئي جو ٻيڙيءَ کي موڙي کيس بچائي وٺون. لائيف جئڪيٽ ھجڻ ڪري ھو يڪدم سمنڊ اندر ٻڏڻ بدران ڪجهه دير ترندو رھيو - پوءِ اوچتو خوفناڪ شارڪ مڇيون ھن کي چھٽي ويون. ھڪ مڇيءَ پنھنجي ڪارائيءَ جھڙن ڏندن سان ھن جي ٽنگ سٿر وٽان ڪپي ورتي. اسان پنھنجي اکين تي کڻي ھٿ رکيا ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳاسين.
    ھاڻ ٻيڙيءَ جي بچيل سچيل مسافرن يڪراءِ سان مون کي پنھنجو انچارج ٺاھيو. پيئڻ جو پاڻي تمام ٿورو وڃي بچيو ھو، ان ڪري ھڪ چمچو صبح جو ۽ ھڪ چمچو شام جو راشن مقرر ڪيو ويو. کائڻ لاءِ بسڪيٽ ۽ کير جون ٽڪيون ھيون، پر بنا پاڻيءَ جي کائڻ ڏکيو ھو. اسان جو وات ايڏو ته سڪي ٺوٺ ٿي ويو ھو جو بسڪيٽ پائوڊر جي صورت ۾ واڇن کان ٻاھر نڪري آيو ٿي ۽ کير جون ٽڪيون ڏندن ۾ چنبڙي ٿي پيون. ٻن ڏينھن بعد ھڪ يورپي مئرين انجنيئر، ايڊنيرا جو ھڪ بئنڪار ۽ ڪجهه ھندستاني فوجي لاڏاڻو ڪري ويا. ٽئين ھفتي جي پڇاڙيءَ تائين اسان باقي اٺ ماڻھو ٻيڙيءَ ۾ وڃي بچيا ھئاسين. سياري جي برف جھڙي ٿڌي ھوا لڳي ٿي ته ائين ٿي لڳو ڄڻ بدن ۾ سئيون ٿي چڀيون.
    مينھن اڃا تائين نه وٺو ھو ۽ پاڻيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ فقط ڪجهه ڍڪ پاڻي وڃي بچيو ھو. سمنڊ جو کارو پاڻي به پنھنجو اثر ڏيکارڻ لڳو. اسان جي بدن تي چنبڙيل لوڻ جا ذرڙا اس ۾ جرڪيا ٿي ۽ جڏھن اسان انھن کي پنھنجي جسم تان کرڙڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ته، سھڻ کان پري سور جون لھرون سڄي بدن مان پار ٿي ٿي ويون.
    چوٿين ھفتي دوران ھڪ رات آءٌ غنودگيءَ جي عالم ۾ ستو پيو ھوس ته اوچتو ٻيڙي لوڏا کائڻ لڳي. ڀڻڪندي اٿيس. ڏسان ته ھڪ تمام وڏي مڇي ٻيڙيءَ ۾ ڦٿڪي رھي آھي. مون جھٽ پٽ ڪھاڙيءَ ۾ ھٿ وڌو ۽ مڇيءَ تي حملو شروع ڪري ڏنم، پر ڪھاڙيءَ جا ڌڪ ھن تي ائين لڳي رھيا ھئا، ڄڻ ڪنھن رٻڙ جي ڍڳ کي لڳي رھيا ھجن. نيٺ مون ڪھاڙيءَ جا ڪجهه وسڪارا مڇيءَ جي کوپڙي تي ڪيا، تڏھن مس مس ھن ڦٿڪڻ بند ڪيو. ھوءَ ٽي فٽ ڊگھي ۽ گھڻي نھري ”ڊاگ فش“ ھئي. ان جدوجھد ۾ منھنجو ھٿ ھن جي وات ۾ اچي ويو ۽ ھڪ آڱر چچرجي وئي. خير مون ھن مڇيءَ کي رسيءَ جي ھڪ ٽڪر سان بينچ جي ٽنگ ۾ ٻڌي ڇڏيو ۽ پاڻ وري سمھي رھيس. ڏينھن چڙھيو ته چاقوءَ سان ان جا ڳڀا ڳڀا ڪيم ۽ اسان سڀ ڏندن سان چٻاڙڻ لڳاسين. مون ۽ ڊيانا ته مڇيءَ جي گھاٽي ڳاڙھي رت جو ھڪ ھڪ ڍڪ به ڀريو، پر اھو ايترو ته خراب ھو جو ماڳھين دل ڪچي ٿي پيئي. مڇيءَ جا ٽڪرا به اسان کان ڳٿا نٿي ٿيا، سو سمنڊ اندر ٿوڪاري ڇڏياسين.
    رات ٿي ته منھنجو ھٿ ۽ ساڄي ٻانھن سڄي پئي. ڊيانا جو خيال ھو ته مڇيءَ جي ڏندن جو زھر منھنجي ساڄي ٻانھن تي چڙھي ويو آھي. ھن مون کي ھدايت ڏني ته آءٌ پنھنجي ٻانھن سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ئي ٻوڙي رکان. سڄي رات منھنجي ٻانھن ۾ سور جون سيٽون اڀرنديون رھيون. صبح ٿيو ته ڊيانا منھنجي کيسي مان ڊاڪٽر ٽسڪر وارو چاقو ڪڍي ڦٽيل آڱر تي چھڪ ڏنو ۽ پوءِ ھٿ ۽ ٻانھن کي زور ڏيئي منجھانئس زھريلو مادو چڱيءَ طرح ڪڍيو. اھڙيءَ طرح مون کي ڪجھه سڪون مليو. زھريلو گند چڱيءَ طرح نڪري ويو ته مون پنھنجي ٻانھن وري سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏي. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ ٻانھن جي سوڄ ته ھلي وئي، پر ڦٽ ڇٽڻ ۾ پوءِ به مھينا لڳي ويا.
    چوٿين ھفتي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون ڏينھن ڳڻڻ ڇڏي ڏنا. اسان سڀني تي ھاڻي ھڪ قسم جي غنودگي طاري رھي ٿي. اٿي بيٺاسين ٿي ته گھرڪي ھيٺ وڃي ڦھڪو ٿي ڪيوسين. ھڪڙي ڏينھن صبح جو اٿي ڏٺوسين ته جھاز جو پوڙھو سرنگ ۽ زنجبار جا رھڻ وارا ”فائرمين“ ٻيڙيءَ جي تري ۾ مئا پيا ھئا. وڏيءَ مشڪل سان ھنن کي مٿي آڻي، سمنڊ ۾ اڇليوسين. رات ٿي ته ھڪ ٻئي ھمراھ جي حالت خراب ٿي وئي. ھن کي ٻيڙيءَ جي تري ۾ آرام سان سمھاريوسين، پر ھو ٿڙندو ٿاٻڙندو مٿي ٻيڙيءَ جي تختي تي اچي ستو. مون ان جو سبب پڇيومانس ته ھن جي سڪل چپن تي اداس مرڪ تري آئي. چوڻ لڳو: ”اينگس! آءٌ اڄ رات پڪ مري ويندس. ٻيڙيءَ جي تري مان لاش ڇڪي مٿي آڻڻ ھاڻي توھان جي وس کان ٻاھر ٿي پيو آھي. ھتي مٿين تختي تي مري ويندس ته توھان کي منھنجو لاش سمنڊ ۾ اڇلڻ ۾ آساني ٿيندي، ان ڪري مون کي ھتي ئي سمھڻ ڏيو.“ ھن جي اھا ڳالهه ٻڌي منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. مون ٿڌو ساھ کنيو ۽ ھن وٽان ھليو آيس. واقعي ان رات ھو اسان کان ھميشه لاءِ موڪلائي ويو ۽ صبح جو اسان ھن جي لاش کي سمنڊ جي نذر ڪيو. ٻئي ڏينھن چار ٻيا ساٿي اسان کان جدا ٿي ويا.
    ھاڻي ٻيڙيءَ ۾ فقط ٽي ماڻھو: آءٌ، ڊيانا ۽ جئڪ رھجي ويا ھئاسين. ٻيڙيءَ جا سڙھ ائين پٽ تي پيا ھئا، پر انھن کي سنڀالڻ جي ھاڻ مون ۾ ھمت به ڪا نه ھئي. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو ته اسان ٽئي لورپول (انگلينڊ) ۾ گھمي رھيا آھيون. صبح جو اٿڻ سان مون ڊيانا ۽ جئڪ کي پنھنجو خواب ٻڌايو ۽ چيو: ”ھن خواب مان لڳي ٿو ته پاڻ بچي وينداسين. ڪو نه ڪو راھ ويندڙ جھاز پاڻ کي کڻي ويندو.“ جئڪ ۽ ڊيانا پھرين ته منھنجي ان ڳالھه تي مرڪيا ۽ پوءِ اچي سڏڪن ۾ پيا. ٻيڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي آخري بوند به ختم ٿي وئي ھئي. اسان ٽئي ھاڻ رڳو پاڻيءَ جا خواب ڏسندا ھئاسين. مون کي ته خواب ۾ پاڻي شڪلين ۾ نظر ايندو ھو. ڪڏھن ندي ناريءَ جي شڪل ۾ ته ڪڏھن ڍنڍ ڍوري جي روپ ۾ - يا وري ڪڏھن وڏ ڦڙي وسڪاري جي صورت ۾. ھڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو ته آءٌ ھڪ پائپ ذريعي پاڻيءَ جي ڇڻڪار ڪري رھيو آھيان.
    جئڪ جي به حالت ھاڻ آھستي آھستي خراب ٿيڻ لڳي. ھو ٻيڙيءَ جي پٺين ڪنڊ ۾ ستو پيو ھو. ھوڏانھن ڊيانا ٻيڙيءَ جي اڳئين ۽ ڪجهه سڪل حصي ۾ ھئي. ھن مرڪي اسان ڏي ڏٺو ۽ چوڻ لڳي: ”جيڪڏھن مينھن پئجي وڃي ته پنھنجي بچڻ جا آثار پيدا ٿي سگھن ٿا.“ بک ۽ اڃ کان بيتاب، اسان لاشن وانگر ھڪ ھنڌ پيا ھئاسين ۽ نظرون مٿي آسمان ڏي ھيون ته من ڪو ڀليل ڀٽڪيل ڪڪر ئي ھتان اچي نڪري ۽ ٿوري دير وسڪارو ڪري، جيئن اسان پنھنجي سڪل نڙيءَ کي آلو ڪري سگھون. سور جي سيٽ کان وات کولڻ تي مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ اجھو ته تارون ٽڙڪيو.
    اوچتو ڊيانا چوڻ لڳي: ”اچو ته گڏجي برسات لاءِ دعا پنون. ٿي سگھي ٿو ته الله کي اسان جي حال تي رحم اچي وڃي!“ اسان ٽئي ادب سان ٿي بيٺاسين ۽ گوڏن تي جھڪي دل جي گھرائين سان دعا گھريسين. خدا کي اسان تي ٻاجهه اچي وئي ۽ ان ئي رات ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي. آءٌ غنودگيءَ جي عالم ۾ ستو پيو ھوس ته ڪجهه بوندون منھنجي منھن کي لڳيون. ٽپ ڏئي اٿي ويٺس ۽ چرين وانگر رڙيون ڪيم: ”مينھن ڙي مينھن! ٻيلي وارو ڪيو.“ جيڪ منھنجي مدد ڪرڻ جي قابل نه ھو. ڊيانا جي حالت به خراب ھئي، پر ھوءَ بھادر ڇوڪري دل ٻڌي اٿي ويٺي ۽ رڙھندي رڙھندي مون تائين آئي. اسان ٻنھي وڏي ڪشالي سان ٻيڙيءَ جو سڙھ وڇايو، جيئن پاڻي گڏ ڪري سگھجي. پاڻي گڏ ٿيو ته اسان ان کي خبرداريءَ سان ٽانڪيءَ ۾ وڌو. سڙھ تي باقي بچيل پاڻيءَ جي ڦڙن کي زبان سان چٽيوسون. سڙھ تي سامونڊي ڇولين جو پاڻي لڳڻ ڪري چڱو خاصو لوڻ موجود ھو، جنھن ڪري مينھن جو گڏ ڪيل پاڻي به ڪڙو ٿي پيو ھو. پر تنھن ھوندي به اسان لاءِ وڏي غنيمت ھو. پاڻيءَ جا ٻه ٻه ڍڪ ڀرڻ کان پوءِ اسان جي حالت مڙيئي ڪجهه سڌري. ڊيانا جو ڳلو سڄي پيو ھو، ان ڪري ھن ڏاڍي مشڪل سان پاڻي پيتو. ٿوري دير کان پوءِ آءٌ اٿي ٻيڙيءَ جي اڳئين حصي ۾ آيس ۽ ھڪ دٻي سان سمنڊ جو پاڻي پنھنجي مٿان وڌم. ان وھنجڻ مان مون کي ڏاڍي فرحت ملي. ان ڪري مون جيڪ ۽ ڊيانا کي به پوءِ وھنجاريو. ڊيانا جيتوڻيڪ سڪي ڪنڊا ٿي وئي ھئي، پر ھن جو حوصلو اڃا به بلند ھو. ھن کي ھاڻ ڳالھائڻ جي به طاقت نه ھئي، پر ھن جھيڻي آواز ۾ اتر انگلينڊ ۾ ٺھيل سندس سھڻي گھر جو ذڪر ڪيو ۽ پوءِ چوڻ لڳي: ھوءَ گھوڙي سواري ۽ ٽينس جي وڏي شوقين آھي. کيس ڳالھائڻ ۾ جيتوڻيڪ سور ٿي رھيو ھو، پر لڳاتار ڳالھائيندي رھي. وڌيڪ چوڻ لڳي: ”جڏھن پاڻ انگلينڊ پھچنداسين ته تون ضرور منھنجي گھر اچجانءِ! منھنجا ماءُ پيءُ ۽ ٻيا مائٽ توسان ملي ڏاڍو خوش ٿيندا.“ ڊيانا جي ان دعوت تي مون کي ھڪ عجيب خوشي محسوس ٿي ته، مون وانگر ھن کي به ان ڳالهه جو پختو يقين آھي ته اسان موت جي چنبي مان نڪري وينداسين.
    مينھن وٺي ٽي ڏينھن ٿي ويا ھئا. اسان جي حالت پھرين کان وري به سڌري چڪي ھئي. چوٿين ڏينھن آءٌ وري ٻيڙيءَ جي ڪنڌيءَ تي ويھي سمنڊ جي پاڻيءَ سان وھنتس. پوءِ اٿس، ننڍي سڙھ جو رخ ڦيرائي، وڏي سڙھ کي کوھي تي چاڙھڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ھيڻائيءَ ڪري ناڪام رھيس. سو ان کي اتي ئي وڇائي مٿس سمھي رھيس ۽ ھفتن بعد ڪا گھاٽي ننڊ ستس. ٻئي ڏينھن پرھ ڦٽيءَ کان به اڳ ڊيانا مون کي اٿارڻ لاءِ ھٿ سان ڌوڏيو. ھوءَ وائڙن وانگر نھاري رھي ھئي: ”اينگس! ڇا توکي ڪنھن ھوائي جھاز جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي پيو؟“ ھن ڊگھا ڊگھا ساھ کڻندي چيو. مون مٿي آسمان ۾ نگاھون کپائي ڏٺو. چوڌاري اوندھ ھئي ۽ اڃا تارا ٽمڪي رھيا ھئا. مون ڪن لڳائي غور سان آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي. واقعي مون کي به ائين لڳو ڄڻ ڪو ڏور ھوائي جھاز اڏامي رھيو ھجي - چرين وانگر ماچس جي تيلي ٻاري ھڪ سڪل بيلٽ کي باھ ڏني ۽ پوءِ بيھي ان کي گھمائڻ لڳس. جيڪ به پنھنجي جاءِ تان اٿيو ۽ آھستي آھستي ھلي اچي منھنجي ڀرسان بيٺو. لائيف بيلٽ ٻري ٻري وسامي ويو، پر ھوائي جھاز اسان جي ٻيڙي تائين نه پھتو. مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي. عجيب ڳالهه اھا ته ھن جو آواز اڃا تائين پھچي رھيو ھو. ٿوري دير کان پوءِ صبح جي روشني ٿي ته ڊيانا آڱر سان ھڪ طرف اشارو ڪيو. پري پري ھڪ تمام وڏو پاڻيءَ جو جھاز لوڏا کائيندو نظر آيو ۽ دراصل ان جي ڊيزل انجڻ جو آواز ھوا جي لھرن ذريعي اسان جي ڪنن تائين پھچي رھيو ھو. اسان ٽئي ڄڻا ٽڪ ٻڌي ان کي ڏسڻ لڳاسين ۽ اسان جي اکين مان لڳاتار ڳوڙھا ڳڙي رھيا ھئا. جھاز ڏسي جئڪ ۾ به ڄڻ سگهه اچي وئي. انھيءَ وچ ۾ جھازن تان ڪنھن ميگافون ذريعي چيو: ”ڇا توھان پنھنجي ٻيڙي جھاز جي ويجھو آڻي سگھو ٿا؟“
    مون ٻيڙي جو منھن جھاز ڏي موڙيو. جئڪ به سھڪندو سکاڻ جھلي منھنجي مدد ڪرڻ لڳو. آءٌ جئڪ ۽ ڊيانا جي حوالي سکاڻ ڪري چپو ھلائڻ لڳس ته ٻيڙي آھستي آھستي جھاز جي ويجھو ٿي، نيٺ وڃي ھن جي پاسي کان لڳي. رسيءَ جي ڏاڪڻ لڙڪائي وئي ۽ ٻه ماڻھو اسان جي مدد لاءِ ڏاڪڻ ذريعي ھيٺ ٻيڙيءَ ۾ لٿا. سڀ کان پھريان ڊيانا کي ھڪ رسيءَ سان ٻڌي جھاز تي پھچايو ويو. ان کان پوءِ جئڪ کي به ان ريت مٿي ڇڪيو ويو ۽ آخر ۾ آءٌ بنا ڪنھن جي مدد سان ڏاڪڻ رستي جھاز تي پھچي ويس. مٿي پھچي سڀ کان پھرين مون پيئڻ لاءِ ڪجهه پاڻي گھريو، جنھن جي پيئڻ کان پوءِ منھنجا حواس سامت ۾ آيا ته مون جھاز کي غور سان ڏٺو. پھرين ته خيال آيو ته شايد سئيڊن جو جھاز آھي، پر پوءِ ھڪ دروازي وٽ مون کي ھالينڊ جو جھنڊو ڏسڻ ۾ آيو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ مون ٻن ماڻھن کي جڏھن جرمن زبان ۾ ڳالھائيندي ڏٺو ته منھنجا ته ٺپ ئي ٺري ويا. ھي ھڪ جرمن جھاز ھو. مون کي جرمن زبان مڙيئي ڪجهه ڪجهه آئي ٿي. مون اھا حقيقت پنھنجن ھمراھن سان آھستي ڪئي ته ڊيانا چوڻ لڳي: ”ته پوءِ ڇا ٿيو؟ آھي ته ھي جھاز ئي نه!“
    اسان جھاز جي ڊيڪ تي ڪرونڊڙا ٿي ويٺا ھئاسين ته ھڪ ماڻھوءَ ھلڻ لاءِ چيو. ٻه خلاصي ٻيا به اچي نڪتا. ھنن مدد لاءِ جئڪ ۽ ڊيانا کي سھارو ڏنو ۽ پوءِ اسان کي ڊاڪٽر جي ڪئبن تائين پھچايو. ڀڳل ٽٽل انگريزيءَ ۾ اسان کان سفر جو احوال ورتائين. مون ھن کي ٻڌايو: ”ڇھين نومبر تي اسان جو جھاز ٽارپيڊو جو شڪار ٿيو ھو. ان کان پوءِ اسان لڳاتار سمنڊ ۾ سفر ڪري رھيا آھيون. ھاڻ ته اسان ڏينھن جي ڳڻپ ئي ڇڏي ڏني آھي. پھرين ته اسان جي ٻيڙيءَ ۾ بي شمار ماڻھو ھئا، پر ھاڻي اسان ٽي وڃي بچيا آھيون. باقي جيڪي مرندا ويا، انھن کي اسان سمنڊ ۾ اڇلائيندا وياسين.“ ڪئپٽن ٻڌايو ته اڄ ٻارھين ڊسمبر آھي. آءٌ اھو ٻڌي ڏڪي ويس. يعني موت جو ھي سفر اسان پورا ڇٽيهه ڏينھن ڪيو. ڪئپٽن ٻڌايو ته توھان ھڪ جرمن جھاز ”راڪو تيز“ تي آھيو. مون ڊيانا جو ٿيلھو جنھن ۾ ڳھهه ڳٺا ۽ ٻيون قيمتي شيون ھيون، ڪئپٽن جي حوالي ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ ھڪ ماڻھوءَ اسان کي ڪافي آڻي پياري ۽ ٻڌايو ته ڊاڪٽر جي چوڻ موجب اسان کي ڪوبه شربت گھڻي مقدار ۾ پيئڻو ناھي. ڪمپائونڊر مون کي ۽ جئڪ کي ڪوسي پاڻيءَ سان وھنجاريو. منھنجي ڦٽيل ھٿ کي چيٺي پٽي ٻڌيائين. پوءِ اسان ٻنھي کي ھڪ ڪئبن ۾ اماڻيو ويو. ڊيانا ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ ئي رھي. ڪئبن ۾ پھچي مون آرسيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڏٺو ته منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا. منھنجي بدن تي گوشت نالي ڪا شيءِ نه ھئي. آءٌ صفا ھڏين جو پڃرو وڃي بچيو ھوس. جيتوڻيڪ ڏاڙھي مڇن جي وارن ۾ منھنجي منھن جون ھڏيون، پاسا لڪي ويا ھئا، جئڪ جي به اھا ئي حالت ھئي. ڪمپائونڊر اسان کي ڪجهه گوريون کارايون ۽ سئي ھڻي ھنڌ تي سمھاري ويو. اسان سڄو ڏينھن غشيءَ جي حالت ۾ سمھي رھياسين.
    ٻئي ڏينھن صبح جو ستين وڳي ھڪ اسٽوورڊ اسان کي ڪافي ۽ نيرن آڻي ڏني. ڪجهه ڏينھن کان پوءِ اسان جي صحت سڌري ته مون ھيڏانھن ھوڏانھن گھمڻ شروع ڪيو. اسان کي ڊيانا سان ملڻ جي موڪل نه ھئي، پر ڪئپٽن اسان کي ٻڌايو: ”ھن جي نڙي ايترو ته سڄي پئي آھي جو ھاڻ ڪابه شيءِ کائي نٿي سگھي. ان ڪري سين رستي خوراڪ ڏني پئي وڃيس. ڊاڪٽر ھن جي ڳلي جي آپريشن ڪرڻ ٿو چاھي، پر ان لاءِ ھن کي توھان جي موڪل گھرجي.“
    مون وراڻيو: ”جيڪڏھن ڊيانا جي تندرستيءَ لاءِ ڊاڪٽر آپريشن ضروري ٿو سمجھي ته پوءِ اسان طرفان ھن کي اجازت آھي، پر اسان ڊيانا سان ملڻ گھرون ٿا.“
    ڪئپٽن مون کي ۽ جئڪ کي وٺي ڊيانا جي ڪمري ۾ آيو. ھوءَ اسان سان ملي ڏاڍي خوش ٿي. ھن جا وار ڌوتل ۽ چڱيءَ طرح ڦڻي ڏنل ھئا، پر ھوءَ به ھڏين جو پڃرو ٿي وئي ھئي. ھن کان ڳالھايو صفا نٿي ٿيو، رڳو وات پئي چوريائين ۽ اشارا ٿي ڪيائين. اسان اٽڪل ٻه ڪلاڪ کن ھن وٽ ويٺاسين، ان کان پوءِ ھن کي آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا ۽ اسان ٻڏل دل سان پنھنجي ڪئبن ۾ موٽي آياسين.
    شام جو ڪئپٽن کي لٿل منھن سان اسان جي ڪئبن ۾ ايندو ڏسي آءٌ ته ڏڪي ويس. ھن جي منھن مان ئي لڳو پئي ته ھن وٽ اسان لاءِ ڪابه سٺي خبر ناھي. ھن ٻڌايو ته ھوءَ انگريز ڇوڪري (ڊيانا) آپريشن کان پوءِ مري وئي. جيتوڻيڪ آپريشن ڪامياب ٿيو، پر ھن جي دل ايتري ته ڪمزور ٿي پئي ھئي، جو بيھوش ڪرڻ واري دوا جو اثر سھي نه سگھي. آءٌ اھو ٻڌي پلنگ تي ڪري پيس ۽ رڙيون ڪري روئڻ لڳس. جئڪ به سڏڪن ۾ پئجي ويو. ٻه ماڻھو اسان کي ٻانھن کان جھلي ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ وٺي آيا، جتي ھڪ ميز تي ڊيانا جو فاني جسم رکيو ھو. ھن جي ڳلي تي پٽي ٻڌل ھئي، منھن تي سڪون ۽ ماٺ طاري ھئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھوءَ ننڊ ۾ ستل ھجي. ھن جون آخري رسمون ٻئي ڏينھن ادا ٿيڻيون ھيون. ٻئي ڏينھن اسان مايوس دلين سان جھاز جي فور ڊيڪ (اڳئين حصي) تي پھتاسين. سڄو عملو يونيفارم ۾ موجود ھو ۽ سامھون ھڪ تابوت ۾ ڊيانا جو لاش ھو. ڪئپٽن جرمن زبان ۾ تقرير ڪئي ۽ پوءِ اسان لاءِ به ڪجهه لفظ انگريزيءَ ۾ چيا. عملي جي وڏي تعداد جي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا، ڇو ته ھنن ھن انگريز ڇوڪريءَ جي بچائڻ ۾ گھڻي دلچسپي ورتي ھئي. ڪپئٽن دعا پڙھي ۽ تابوت کي آھستي آھستي سمنڊ ۾ لاھي ڇڏيو. عملي جا ماڻھو مٿي اگھاڙا تيستائين بيٺا رھيا، جيستائين تابوت اکين کان اوجھل ٿي ويو. اھڙا نظارا دلين کي ڏاڍو غمگين ۽ متاثر ڪرڻ وارا ٿين ٿا. اھڙيءَ طرح ھڪ دلير، شريف ۽ عظيم ڇوڪريءَ جو آخرڪار ھن دنيا مان لاڏاڻو ٿيو.
    ”راڪو تيز“ جھاز کي نئين سال جي پھرين ڏينھن شام جي وقت فرينچ بندرگاھ ”بورڊي“ ۾ لنگر انداز ٿيڻو ھو. ڪرسمس اسان جھاز تي ئي ملھائي. ان ڏينھن پيٽ ڀري گوشت ۽ ٻيون سٺيون سٺيون شيون کاڌيونسين. نئين سال جو پھريون ڏينھن ھو. صبح جو چئين وڳي جئڪ مون کي لوڏي جاڳايو. ڊيڪ تي ڌماڪن جا آواز ۽ زرد رنگ جي روشنيءَ جا شعلا به نظر اچي رھيا ھئا. خبر پيئي ته اسان جي ملڪ برٽس جا ھوائي جھاز ھن پاڻيءَ جي جھاز ”راڪو تيز“ تي حملو ڪري رھيا آھن. جواب ۾ ”راڪو تيز“ تي لڳل ائنٽي ڪرافٽ توبن به گجگوڙيون شروع ڪري ڏنيون. ھوائي جھاز ڪا دير حملو ڪرڻ بعد غائب ٿي ويا. جھاز کي ڪو خاص نقصان نه رسيو، ان ڪري اسان جو سفر جاري رھيو. شام جي وقت ساڍي چئين وڳي وري جھاز جو گھنڊ وڄڻ لڳو. ان سان گڏ توبن جي ڌماچوڪڙي به مچي ويئي. ان ئي گوڙ گھمسان ۾ ھڪ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ ھڪ جرمن فوجيءَ دانھون ڪري سڀني کي ٻيڙين ۾ لھڻ جو حڪم ڏنو. منھنجي پڇڻ تي ٻڌايائون ته ھن دفعي ھڪ برٽش ڪروز (جنگي جھاز) اسان جي ھن جرمن جھاز تي حملو ڪري تمام گھڻو نقصان رسايو آھي. جا کڻي ڏسون ته واقعي جھاز ھڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين باھ جي ڄڀين ۾ ويڙھيو پيو ھو ۽ برٽس جھاز جي توبن جا گولا وسڪارا ڪري رھيا ھئا. موسم به خراب ٿي رھي ھئي ۽ سمنڊ جون ديو جھڙيون لھرون اڀري رھيون ھيون. افراتفريءَ جي عالم ۾ جئڪ مون کان وڇڙي ويو. بھرحال آءٌ ھڪ ٻيڙيءَ ۾ ويٺس. گولا اڃا تائين ڦاٽي رھيا ھئا. ٻيڙي ٻڏندڙ جھاز کان ھڪدم رڙھي پري ويئي. ”راڪو تيز“ آھستي آھستي سمنڊ جي تھن ۾ غرق ٿيڻ لڳو. جرمنن، پنھنجن مٿن تان ٽوپيون لاھي ٻڏندڙ جھاز کي آخري سلامي ڏني.
    شام جا پاڇولا ڊگھا ٿي چڪا ھئا. ٻيڙيءَ خليج بسڪي Bay of Biscay ۾ سفر شروع ڪيو. ان تي اسان ڪل پنجٽيهه ماڻھو سوار ھئاسين. رات اونداھي ۽ سرد ھئي. منھنجي مٿي تي ڪابه ٽوپي نه ھئي، سو سڄو مٿو ٿڌ کان کيرو ٿي رھيو ھو. مون مٿي کي ڍڪڻ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڪا شيءِ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ھڪ جرمن جي پتلون جي پٺئين کيسي ۾ ”برٽ ٽوپي“ ڦاٿي پئي ھئي. مون اھا آھستي آھستي ڪڍي پنھنجي مٿي تي کڻي رکي. ٻيڙيءَ جي جرمن انچارج ان جو رخ ويجھي فرانسي ڪناري ڏي موڙيو. ڏينھن چڙھيو ته اسان کي ھڪ گلاس پاڻي ۽ مٺ مٺ بسڪوٽن جي نيرن طور ملي. يارھين وڳي ڌاري ھڪ جرمن سب - مئرين اسان جي ويجھو سمنڊ مان ٻاھر اڀري آئي ۽ اسان سڀ ان ۾ سوار ٿياسين - ھيءَ سب مئرين ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ مختلف جھازن جو شڪار ڪرڻ بعد واپس جرمنيءَ وڃي رھي ھئي. ھن کي ريڊيو ذريعي ”راڪو تيز“ جھاز جا مسافر کڻڻ جو نياپو مليل ھو. ان سب مئرين ۾ سندس عملي کان علاوه اسين پنجٽيهه ڄڻا به چڙھي پياسين ته ان جي حالت اھڙي ٿي پئي جيئن ڪنھن دبي ۾ سارڊين مڇيون بند ھونديون آھن. اسان کي ڪافي پياري ويئي ۽ سمھڻ لاءِ پٽ تي جاءِ ڏيکاري وئي.
    اڃا اسان کي سب مئرين ۾ آئي پندرھن ويهه منٽ مس ٿيا ھوندا جو مصيبت وري اچي ڪڙڪي. الارم وڄڻ لڳا ۽ سب مئرين سمنڊ اندر کڻي ٽٻي ھنئي. ڪجهه لمحن بعد ٽي وڏا ڌماڪا ٿيا، جن سب مئرين کي سڄو لوڏي ڇڏيو. سمنڊ جي ھيٺين تھن ۾ پھچي پوءِ سڌي ٿي ته سندس انجڻ بند ڪئي وئي ۽ اسان کي ماٺ ۾ رھڻ لاءِ چيو ويو. خبر پئي ته انگريزن جي ھڪ ھوائي جھاز ان سب - مئرين کي نظر ۾ رکي سمنڊ جي اونھائين ۾ ڦاٽڻ وارا ٽي بم ھنيا. ڪلاڪ کن کان پوءِ سب مئرين جي انجڻ وري سجاڳ ٿي ۽ سفر شروع ٿيو. سب مئرين جي اندر جي ھوا ۾ ھاڻي گھٽ ۽ ڌپ ٿي ويئي ھئي، پر اسان کي ٻڌايو ويو ته سج لھڻ کان اڳ ھن جو سمنڊ جي مٿان ترڻ ناممڪن آھي، ان ڪري تيستائين اسان کي ھڪ ھنڌ بنا چرپر ڪرڻ جي رکيو ويو، جيئن گھٽ کان گھٽ آڪسيجن استعمال ڪري سگھون. شام جو اسان کي ماني، پنير ۽ ڪافي ڏني وئي - ماني کائڻ کان پوءِ اسان رات جي اونداھيءَ ۾ تازي ھوا کائڻ جي انتظار ۾ ماٺ ڪيو ستا رھياسين. رات ٿي ته سب مئرين سمنڊ جي مٿاڇري تي آئي ۽ ھوا جي تازن جھوٽن اسان جي جسم ۾ جان وڌي. ٽئنڪن ۾ ھوا گڏ ڪرڻ جا پمپ ھلايا ويا ۽ بورچيءَ ماني پچائڻ لاءِ چلھا ٻاريا. واضح رھي ته پاڻيءَ جي ھيٺ سب مئرين ۾ ماني نٿي پچائي وڃي، جو ان لاءِ به ھوا ٿي کپي. ان ڪري سمنڊ ھيٺ بند کاڌي جي دٻن تي گذارو ڪيو ويندو آھي. سڄي رات سب مئرين پاڻيءَ جي مٿاڇري تي سفر ڪندي رھي ۽ ان ڊيزل انجڻ جو گوڙ ٻڌندا رھياسين. تازي ھوا جي ڪري ھر ھڪ ماڻھو خوش ھو. ڏينھن چڙھيو ته سب مئرين وري پاڻيءَ اندر گھڙي وئي. ڊيزل انجڻ بند ٿي وئي ۽ چارج ٿيل بيٽريون ڪم ڪرڻ لڳيون.
    اھڙيءَ ريت رات جو سمنڊ جي مٿان ۽ ڏينھن جو سمنڊ جي اندر، اسان جي سب مئرين جو سفر جاري رھيو. ٽئين ڏينھن ٻنپھرن جو ھڪ برٽش جھاز ھن کي ڦري آيو. الارم وڳو ته عملي جي ماڻھن ڊوڙي وڃي پنھنجي پوزيشن سنڀالي. آءٌ ٽارپيڊو جي توبن وٽ ئي ستو پيو ھوس. سب مئرين ايڏو ته تيزيءَ سان ٽٻي ھنئي جو اسان سڀ ھڪ ٻئي تي وڃي ڪرياسين. ٻئي ۽ ٽئين ڌماڪي ۾ اها تمام گھڻو لڏڻ لڳي، پر بمن کان محفوظ ھئي. ان کان پوءِ ڪجهه ٻيا به ڌماڪا ٿيا. تري ۾ پھچڻ کان پوءِ بيٽريءَ تي ھلندڙ انجڻ به بند ڪئي وئي ۽ اسان چپ چاپ سمھي رھياسين. سب مئرين ۾ وري گُھٽ وڌڻ لڳي. ڪجهه لمحن کان پوءِ ان جون سڀ بتيون وسامي ويون - خبر پئي ته ڌماڪي ڪري اليڪٽرڪ جي تارن کي نقصان پھتو آھي. چڱي دير تائين عملي جا ڪارڪن ٽارچن جي مدد سان بتيون صحيح ڪندا رھيا. آخرڪار اليڪٽرڪ جو ڪرنٽ صحيح ٿيو ۽ بتيون ٻريون. سب مئرين جي ڪمانڊر لائوڊ اسپيڪر تي اسان کي ھدايتون ڏنيون ته چپ چاپ ستا رھون. ڏينھن چڙھيو ته سب مئرين سمنڊ جي مٿان اچڻ شروع ڪيو. سڄي رات پاڻيءَ منجهه گذارڻ کان پوءِ اسان جي حالت خراب ٿي وئي ھئي. مٿي پھچي سب مئرين جا دروازا کليا ۽ تازي ھوا اندر آئي ته اسان جي منھن تي به رونق موٽي آئي. ھي آخري حادثو ھو، جيڪو اسان کي درپيش آيو. جلد ئي اسان سينٽ نزائري بندرگاھ پھچي وياسين. اتان مون کي جرمنيءَ جي ھڪ قيدي ڪئمپ ۾ موڪليو ويو، جتي جرمنيءَ کي شڪست اچڻ تائين آءٌ قيد رھيس ۽ مئي 1945ع ۾ آزاد ٿيس.


    ٻيڙيون ٻاجھارن جون، تاريون طوفانن...

    اٿاھ سمنڊ ۾ جتي اسان جا وڏا آفت جيڏا ۽ طاقتور انجڻن تي ھلندڙ جھاز به پيا لوڏا کائيندا آھن ۽ اسان جا منھن لٿا پيا ھوندا آھن، اتي ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڀر مان لنگھندڙ چپوءَ يا سڙھ تي ھلندڙ ڪمزور ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ھمراھن کي کلندو ڏسي تعجب لڳندو آھي.
    ان جو تجربو/مشاھدو مون کي پھرين ئي سفر ۾ ٿيو. اسان جو جھاز جون ڌاري ڪراچيءَ کان نڪتو ۽ سانوڻيءَ جي سمنڊ ۾ سٽبو خليج بنگال جو ٻن ڏينھن جو سفر پورو ڪري، ھاڻ ملاڪا نار ۾ گھڙڻ وارو ھو. خراب سمنڊ - سو به پھرئين ئي سفر ۾ پھرين ئي ڏينھن کان ملڻ ڪري سامونڊي زندگيءَ کان دل کٽي ٿي پيئي ھئي. ھڪ ڏينھن ملاڪا نار جي منھن وٽان لنگھڻ وقت، ڪمري جي دريءَ وٽ ڪا دير بيھي، اھو ڏسي رھيو ھوس ته ڪيئن نه اسان جو آفت جيڏو جھاز ھڪ ڪمزور ٻار مثل لڳي رھيو آھي، جنھن کي سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون، ايندي ويندي ٿڦڙون ھڻي، ڌونڌاڙي ٿي ويون. آءٌ اھو سوچي رھيو ھوس ته ھھڙي خراب موسم ۾، سمنڊ ۾ نوڪريءَ جي مجبوريءَ خاطر، اسين اڌ چريا ھن پيڙا ۾ ولوڙجي رھيا آھيون. ايتري ۾ ڏسان ته ھڪ ننڍڙي ڪاٺ جي ٻيڙي، جنھن تي ڦاٽل ليڙون ٿيل سڙھ چڙھيل ھئا، ماڻھن سان ٽٻ، جھاز جي ڪام (پاسي) کان پئي اچي. سمنڊ جي وڏين ڇولين ۾ ڄڻ بال وانگر ٽپا کائي رھي ھئي. اسان جي جھاز وٽان لنگھي ته ھيٺين ڊيڪ تي بيٺل جھاز جي خلاصين سيٽيون وڄايائون. منجھس ويھارو کن عورتون ۽ ٻار ھئا ۽ اوترا ئي مرد ويٺل ھوندا. سڀ کلي رھيا ھئا. ڪي زالون ڪچھريءَ ۾ مشغول ھيون، ڪي ٻيڙيءَ جي اُند تي پنھنجن ٻارن کي ھنگائي مٽائي رھيون ھيون. مردن جو ھڪ جٿو پتي راند ۾ مشغول ھو. ڪنڊ ۾ ڪجهه عورتن ۽ مردن دھل وڄائي ڪو راڳ پئي ڳاتو. کين سمنڊ، موسم ۽ ھن ھيڻيءَ ٻيڙيءَ جي ڪا پرواھ ئي نه ھئي. رکي رکي سمنڊ جي وڏي اڇل ٿي آئي ته ان مھل ھنن فقط ٻيڙيءَ جي ھٿئي ۾ ھٿ وجھي، ڪرڻ کان پنھنجو پاڻ کي بچايو ٿي. ان بعد وري پنھنجي پنھنجي ڪرت کي لڳي ٿي ويا. اھي سڀ ھمراھ انڊونيشي نسل جا ھئا. جھاز تي ڪجهه فلپينو ۽ ملئي خلاصين ساڻن ڪنھن زبان ۾ ٻه چار جملا ڳالھايا، تيسين اسان جو جھاز سندن ٻيڙيءَ کان ڪجھه پري نڪري ويو.
    ڏينھن اڌ بعد جھاز سنگاپور پھتو. جڏھن سامت آئي ۽ شھر جو چڪر ھڻي تازا توانا ٿياسين - سامونڊي نوڪري وڻڻ لڳي ته، اوچتو رستي تي مليل ان ٻيڙيءَ جي ياد آئي. جھاز جي ھڪ فلپينو ملاح کي سڏي پڇيم ته، اھي ٻيڙيءَ وارا ڪير ھئا ۽ ڪيڏانھن پئي ويا؟ ”سائين اھي ھمراھ ھڪ انڊونيشي ٻيٽ جا ماڻھو ھئا ۽ پنھنجي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ ڏي ڪا شاديءَ جي دعوت کائڻ وڃي رھيا ھئا.“
    ”شابس ھجين.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. اھڙي سمنڊ ۾ جتي اسان جي الٽين ۽ اٻڙاڪن جو ڦھڪو ھو ۽ اڇل تي پيٽ ۾ پيل پاڻيءَ ڍڪ به ٻاھر نڪري ٿي آيو، اتي ھي ھمراھ اھڙيءَ ڀڳل ڇوڏي جھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ دعوت کائڻ پئي ويا.
    ”سائين ھتي جي ماڻھن جو ٻيو ڪم ئي ڪھڙو - چوڌاري ھزارين ٻيٽ ننڍا وڏا پکڙيا پيا آھن. ھنن لاءِ ھڪڙي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين وڃڻ ائين آھي، جيئن پاڻ لاءِ ڪنڊ واري ھوٽل تان چانهه پي اچڻ.“
    مون نقشي ڏي نھار ڪئي ته واقعي رڳو انڊونيشيا ۽ فلپين جا ھزارھا ٻيٽ ھن سمنڊ جي ٽڪري ۾ پائوڊر وانگر ڇٽيا پيا آھن. سوين اھڙا به ٻيٽ آھن جيڪي ايراضي ۽ اوچائيءَ ۾ ايترا ته ننڍڙا آهن جو سمنڊ جي وڏي اڀام تي پاڻيءَ ھيٺ اچيو وڃن. سو واقعي ھي جھڙا ٻيٽ تي تھڙا ٻيڙين منجهه ۽ ھيءَ ڳالهه -شاديءَ جھڙي ته تمام وڏي ٿي، جڏھن ته ھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ يا گاسليٽ تيل لاءِ ھڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين ائين ھلندا ٿا وتن، جيئن ڪراچيءَ جي ڪيترين ڪالونين جا ماڻھو دٻا کڻي ڪڏھن ڪنھن نل تي ته ڪڏھن ڪنھن تي. يا اسان وٽ ٻھراڙيءَ جا ماڻھو دوا ۽ ڊاڪٽر جي ڳولا لاءِ شيشو ھٿ ۾ کڻي، ڪڏھن ڪنھن ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال ڏي ته ڪڏھن ڪنھن ڏي ھلندا وتن ٿا.
    سخت اونھاري ۾ سنڌ جي رستن تان گاڏيءَ ۾ لنگھندي اھڙن ھنڌن تي جتي ميلن تائين آبادي ناھي، اتي واٽھڙن کي ڏسي تعجب لڳندو آھي ته ھي ھھڙي نٽھڻ اس ۾ پيرين پيادا ڪيڏانھن پيا وڃن؟ سنڌ ۾ ھاڻ اڃا به ايترو محسوس نٿو ٿئي جو بجلي، رستن ۽ سوارين جي وڌي وڃڻ ڪري، ھر ميل تي ڪا سواري، آبادي يا ڪو ھوٽل نظر ايندو - سواءِ ٿر پارڪر، ٺٽي ۽ دادو ضلعي جي، پر مصر ۾ گاڏيءَ ۾ پورٽ توفيق کان قاھرهه ويندي يا اسڪندريا کان سئيز ايندي، رڻ پٽ ۾ اوچتو ماڻھو ڏسي تعجب لڳندو آھي ته چوڌاري واري ئي واري ۽ رڻ پٽ لڳو پيو آھي، نه پيئڻ لاءِ پاڻي، نه ڇانوءَ لاءِ مَنَهُن. ھي پيرين پيادا ھمراهه، ٻارن ۽ زالن سميت ڪيڏانھن وڃي رھيا آھن؟ ڪيترو پنڌ اڃا ڪرڻو اٿن؟ ۽ رستي تي اڃ، بک، ٿڪ کي ڪيئن منھن ڏيندا؟
    سو اھڙي طرح کلئي سمنڊ ۾ جتي ڏنگين ڏائڻين جھڙيون لھرون ۽ سيسر، شارڪ ۽ مڇ توڙي مڇيون منھن کولي ويٺيون آھن، اتي ھيئن ڪنھن ڪمزور دنگيءَ کي درياءَ وچ ۾ ٻڏندو اپڙندو ڏسي، ان ۾ ويٺلن کي دعا يا داد ڏيڻ بنا رھي نٿو سگھجي ته، ملاح تنھنجي مڪڙيءَ کي شل ڪا سٽ نه اچي ۽ جتي ڍينگ ڍرا ٿيو پون، اتي ھنن ناکئن ۽ ناخدائن کي رب جو ئي آسرو آھي.
    ھاڻ جيڪا ڪھاڻي آھي، سا آھي: ”ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالهه“ اھا ڳالهه بلڪل حقيقت تي ٻڌل آھي، جيتوڻيڪ ھڪ عام پڙھندڙ کي ايترو ئي تعجب لڳندو، جيترو ڪراچي يا وڏي شھر جي رھواسيءَ کي پھريون دفعو نئون ڪوٽ يا مٺيءَ بس/ٽرڪ ۾ ويندي، رستي تي ڊٻن تان ويندڙ ڪنھن پيرين اگھاڙي ٿري پير مريد کي نٽھڻ اس ۾ اڪيلو ويندو ڏسي ٿئي.
    ڪھاڻي جيمس رامسي جي آھي، جيڪا گھڻو اڳ ھاليڊي رسالي ۾ آئي. تنھن کان پوءِ 1964ع ۾ ريڊرس ڊائجيسٽ وارن به ڏني ھئي. مٿيون ليکڪ سندس ھڪ ٻي ڪھاڻي ”دي وائيٽ ٽاور“ کان تمام گھڻو مشھور آھي.
    نوٽ: مٿئين ليک جو عنوان تاجل بيوس جي ڪتاب ”جڏھن ڀونءِ بڻي“ جي ھيٺينءَ وائيءَ تان کنيل آھي:
    ٻيڙيون ٻاجھارن جون،
    تاريون طوفانن،
    لنگھي سير سمونڊ جي،
    آيل سامونڊين.


    ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ عجب جهڙي ڳالھ

    ڪڪرن سج کي لڪائي ڇڏيو، ھوا تکي ٿيندي وئي، ان سان گڏ سمنڊ به خراب ٿي ويو. ھڪ ھڪ ڇولي جبل جيڏي ٿيندي وئي ۽ ساڳي وقت ڏسندي ئي ڏسندي آسمان مان پاڻي وسڻ لڳو. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ قدرت ڪاوڙجي پئي ھجي ۽ ھي سمنڊ اھو ڏکڻ پئسفڪ سمنڊ نه رھيو ھجي، جنھن ماٺي سمنڊ بابت رومانوي ڪھاڻيون ڪتابن ۾ پڙھبيون آھن.
    آءٌ ”چيڪاٽ“ نالي ھڪ جھاز تي پئسينجر ھوس. ھي جھاز ايڏو وڏو کڻي نه ھو، ته به چار ھزار کن ٽنن جو ٿيندو ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن جا مسافر ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين کنيائين ٿي - جن ٻيٽن تي ڪنھن زماني ۾ جپان جو قبضو ھو، پر ھاڻي انھن تي انتظام يونائيٽيڊ نيشن (گڏيل قومن) طرفان ھليو ٿي. پاڻيءَ جي ھن ويران دنيا ۾ اسان کي يارھن کان مٿي ڏينھن ٿي چڪا ھئا ۽ اسان ”گئام“ ٻيٽ کان ”ترڪ“ ٻيٽ ڏي وڃي رھيا ھئاسين، جيڪو اوڀر ڪئرولنس ۾ آھي. آءٌ ان صبح جو سوير ئي ننڊ مان اٿيو ھوس. سامھون ڪمري جي پورٽ ھول (دريءَ) مان پرهه ڦٽيءَ جي ميرانجھڙي روشني اچي رھي ھئي. اوچتو جھاز جي رفتار گھٽجڻ لڳي ۽ جھاز وچ سمنڊ ۾، جتي ڪنھن بني بشر يا جبل ٽڪر جو به نالو نشان نه ھو، اتي بيھڻ جي ڪري رھيو ھو.
    ٽن منٽن اندر آءٌ ڊيڪ تي پھچي ويس. اھڙو خراب سمنڊ مون ڪڏھن به نه ڏٺو. جھاز جي انجڻ آھستي ٿيڻ سان ”چيڪاٽ“ جھاز پاڻيءَ ۾ پينگھي وانگر لڏڻ لڳو. ڪڏھن ڪڏھن سڄو پيرانديءَ سيرانديءَ سمنڊ ۾ ھليو ٿي ويو ۽ مٿان وڏي ڇوليءَ سندس اھو حصو ڍڪي ٿي ڇڏيو. ڪئپٽن ايڊورڊ مٿان نيويگشنل برج تان مون کي پاڻ ڏي سڏڻ جو اشارو ڪيو.
    ”ھو ڏس“ مٿي پھتس ته ڪئپٽن سامھون اشارو ڪري چيو. مون سامھون گھڻو ئي نھاريو، پر ڪجهه به نظر نه آيو. پنھنجا بائنا ڪيولر (دوربين) مون کي ڏيندي وري سامھون ڏسڻ لاءِ چيائين. سامھون ھڪ بنڊن مان ٺھيل ٻيڙيءَ نما شيءِ خوفناڪ سمنڊ جي ڇولين تي تري رھي ھئي، جنھن کي ڏسي مون کي پنھنجي اکين تي اعتبار ئي نه پئي آيو. مون ڪئپٽن ڏي نھاريو.
    ”ھڪ وڏي وڻ جي بنڊ جيڏي ڪا مس ٿيندي.“ مون چيو.
    ”ھا بلڪل صحيح آھين. ھڪ پوراٽيل بنڊ جنھن تي سنھي ڏنڊي جو کوھو پڻ نظر اچي رھيو آھي، منھنجي خيال ۾ ته ويهه کن فٽن جو مس ٿيندو.“
    اھڙي شيءِ ڪنھن ڍنڍ جي ماٺي پاڻيءَ ۾ ترندي نظر اچي ھا، ته به ننڍڙي سڏجي ھا. ھڪ اٿاھ پئسفڪ جھڙي سمنڊ ۾ ته رانديڪي جي ٻيڙي لڳي رھي ھئي - اڃا به کڻي چئجي ته ڪنھن ڪاٺيءَ جي ڇوڏي يا ڇيت برابر ھئي. ”چيڪاٽ“ جھاز جي ڊيڪ تان اسان ھن کي گھوري ائين پئي ڏٺو ڄڻ اھا ڪنھن ٻيءَ دنيا مان آيل شيءِ ھجي.
    چتائي ڏٺوسين ته ان ٻيڙيءَ تي ڪجهه ماڻھو ائين چري پري رھيا ھئا، جيئن ڪنھن گاھ جي پن تي ماڪوڙيون ھلن چلن ۽ اھا سڄي ٻيڙي ماڻھن سميت رکي رکي سمنڊ جي ڇولين سان ڌوپي ٿي وئي. مزي جي ڳالهه اھا ته اسان جي جھاز کي ڏسڻ کان پوءِ به ھنن بچاءَ يا مدد لاءِ اسان کي اشارو نه ڪيو. ان جي معنيٰ ته ھو ھھڙيءَ حالت ۾ ھوندي به ڪنھن مصيبت ۾ نه ھئا؟
    ”جيڪڏھن ھو ان کي مصيبت نٿا سمجھن.“ ڪئپٽن ايڊورڊ چيو، ”ته پوءِ اھڙن ماڻھن لاءِ دنيا ۾ ڪابه مصيبت ٿي نٿي سگھي.“
    اسان پنھنجي جھاز ”چيڪاٽ“ جو رخ اھڙيءَ طرح ڪيو، جيئن لڳندڙ ھوا ۽ لھرون ان ننڍڙي ترندڙ شيءِ کي اسان جي ويجھو آڻي سگھن. پئسفڪ سمنڊ جي مائڪورنيشين ٻيٽن تي استعمال ۾ ايندڙ ڪئنوز (ننڍڙين ٻيڙين) جيان ھيءَ پڻ ھڪ ڪئنو ھئي، جنھن ۾ ماڻھوءَ کي ويھڻ ۾ به خبرداري ڪرڻي ٿي پيئي ۽ ٿوري به لوڏي يا وزن جي گھٽ وڌائيءَ ڪري ھوءَ ٻڏي سگھي ٿي. ان ننڍڙي ٻيڙيءَ جي وچ ۾ ڇانوري لاءِ ٿورو ڪکن ۽ گاھ جو منهُه ھو، جنھن جي وچان بنا سڙھ جي ڏنڊو اڀو ٿيل ھو. رکي رکي سمنڊ جون ايڏيون وڏيون ڇوليون ٿي آيون جو اسان جي جھاز ۽ ٻيڙيءَ جي وچ ۾ وڏي ڀت ٺھيو ٿي ويئي ۽ ھڪ ٻئي کي ڏسي نٿي سگھياسين. اسان ته ائين ٿي سمجھيو ته ويا ٻڏي، پر لھر لنگھي وڃڻ بعد ھيءَ ننڍڙي ٻيڙي ۽ منجھس سوار پنج ڄڻا وري چٽيءَ طرح نظر ٿي آيا. جيتوڻيڪ ڪپڙن لٽن ۽ منھن مھانڊي مان ھو موسم جا ماريل ۽ سيءَ جا سٽيل ٿي لڳا، پر سڀئي ڄڻا ڪم ۾ رڌل ھئا. ھڪ ھمراھ ٻيڙيءَ جي رخ کي پئي ڦيريو گھيريو ۽ ٻين ٻيڙيءَ اندر آيل پاڻيءَ کي ننڍن دٻن ۽ ٻڪن سان ٻاھر پئي ڪڍيو. منجھن ھڪ ھمراھ پوڙھو ٿي ڏٺو، ٻيو اڌڙوٽ ۽ باقي ٽي ڄڻا ايترا ته ننڍا ھئا، جو مڇن جي ساوڪ ئي اڃا نه آئي ھين. سڀني ھمراھن کي ڦاٽل گنجيون يا قميصون ھيون ۽ ھيٺان پوتڙا يا ڪڇي نما پراڻيون چڍيون.
    ڏھن منٽن اندر ٻيڙي ۽ اسان جو جھاز ھڪ ٻئي جي پاسي کان پھچي ويا. اسان جي جھاز جي انجڻ ھاڻ صفا بند ڪئي وئي.
    جھاز جي پاسي ۾ بيٺل ھيءَ بُنڊ نما ٻيڙي صفا ننڍڙي نظر اچي رھي ھئي. اسان جو چيف ميٽ اسٽينلي ان ٻيڙيءَ جي سڌائيءَ ۾ مٿان ڊيڪ تي بيھي ساڻن خبر چار ڪرڻ لڳو. جھاز جا خلاصي، جن کي ٻيڙيءَ وارن جي ڪجهه ڪجهه ٻولي سمجھه ۾ آئي ٿي، سي سندن ڳالهه ٻولهه ترجمو ڪري چيف آفيسر کي ٻڌائڻ لڳا. ٻيڙيءَ ۾ ويٺل بدنصيب مسافرن کي دراصل سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آيا کين ڪنھن مدد جي به ضرورت آھي يا نه؟ ماڳھين ھنن اسان کان پڇيو ته اسان جو جھاز ڪيڏانھن وڃي رھيو آھي؟ انجڻ ۾ خرابي ٿي پئي آھي ڇا جو بيھاريو اٿانو؟
    ”ترڪ ٻيٽ ڏي اسان وڃي رھيا آھيون.“ جھاز جي ڪنھن خلاصيءَ کين ٻڌايو.
    آخرڪار ڪجهه بحث مباحثي بعد چيف آفيسر ڊيڪ تان رڙ ڪري ڪئپٽن کي ٻڌايو:
    ”ھي چون ٿا ته جھاز تي اينداسين پر ان شرط تي ته ساڻن گڏ سندن ٻيڙيءَ کي به مٿي چاڙھيو وڃي.“
    ”اسان تي چڱو ٿورو ٿا ڪن. ھڪ ته سندن حالت ڏسي کين بچائڻ لاءِ بيٺا آھيون.“ ڪئپٽن وراڻيو. ”چڱو ڀلا، چاڙھين. ڇا ياد ڪندا. ٻيڙيءَ کي به ڊيرڪ ذريعي مٿي ڇڪراءِ.“
    ونچن (winches) جي مشينري ھلائي وئي ۽ ڇڪڻ وارو ڏنڊو ٻيڙيءَ جي سنوت ۾ اڀو آڻي رسو ڍرو ڪري ٻيڙيءَ کي ٻڌو ويو. ماڻھو ھڪ ھڪ ٿي ٻئي رسي جي ڏاڪڻ ذريعي مٿي چڙھي آيا - سواءِ پوڙھي جي. ھو ٻيڙيءَ ۾ ئي ترسيو ۽ پوءِ ونچ ذريعي جڏھن ٻيڙيءَ کي مٿي کنيو ويو ته ان سان گڏ گڏ پاڻ به مٿي آيو. ڊيڪ تي پھچڻ بعد به پوڙھو ڏاڍي سڪون سان ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺو رھيو. ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڌاڳي ۾ ھڪ لاڪيٽ چمڪي رھيو ھوس. پري کان مون ته سمجھيو ته ڪا قيمتي شيءِ ھوندس. ويجھو اچي معلوم ٿيو ته ٻاٽليءَ جي کولڻي (اوپنر) آھي. سندس ھنج ۾ ڀڳل قطب نما ھئي. اڳواٽ چڙھيل باقي چار ماڻھو به ھن سان وڃي مليا.
    ھي ٻيڙو، پھرين جيڪو اندازو لڳايو ھئوسين، ان موجب ويهه فٽ کن جو ئي ھو - اھو ھڪ ئي بنڊ مان ٺھيل نه ھو، پر ڪٺل جي وڻ مان نڪتل تختن جھڙن پترن کي سمنڊ جي ڪورالي کونئر سان چنبڙائي ٻيڙي ٺاھي وئي ھئي. ڪٿي ڪٿي ناريل جي کونڌي سان ٻڌل ھئي. منجھس ڪو ھڪ به ڪوڪو يا ڪلي ٺوڪيل نه ھئي. بھرحال! اھا ٻيڙي ايتري ته سنھي ۽ تانگھي ھئي، جو ماڻھو منجھس پلٿ ماري يا گوڏا ڀڃي ويھي ٿي سگھيو ۽ ڇانوري لاءِ جيڪو منهُه ٺاھيو ھئائون، سو ڏيڍ فٽ کن مس مٿي ٿيندو.
    ٻيڙيءَ جو سڙھ ڇا ھو؟ ھڪ پراڻن ٿلھن ڪپڙن کي ڳنڍ ٽوپو ڪري ٺاھيو ويو ھو. کاڌي پيتي جي شين جو ته نالو نشان به نه ھو. فقط ڪجهه آلن ڪوئلن جا ٽڪر ھئا ۽ ڪجهه چٻا ٿيل جست جا ديڳڙا - جن ۾ کاڌو پيتو ته خير ڪو رڌو ھوندآءٌ، ٻيڙيءَ مان سمنڊ جو پاڻي ڪڍڻ جو ڪم ئي انھن کان ورتو پئي ويو. ھن حالت ۾ به ان ٻيڙيءَ ۾ فٽ کن پاڻي اڃا موجود ھو ۽ ان جا مالڪ – پنج ئي ڄڻا انھن ٿانون سان پاڻي ڪڍڻ ۾ مشغول ھئا. کلئي سمنڊ ۾ ان ۾ ترڻ ائين ھو، جيئن وھنجڻ جي ٽب ۾ پاڻ کي وجھي نل کولي ڇڏڻ.
    پنھنجي ٻيڙيءَ مان پاڻي ڪڍڻ کان پوءِ سڙھ لاھي سڪائڻ لاءِ ڊيڪ تي وڇايائون. جتان جتان ڦاٽل ھئو، اتي ٽوپا ڏنائون. ناريل جا رسا جتان ڍرا ٿي ويا ھئا، انھن کي ڇڪي ٻڌائون. سندن سڄو ڌيان پنھنجي ان ننڍڙي ٻيڙي ڏي ھو. ھنن مان ڪنھن ھڪ کي به ڪنھن دوا درمل جي ضرورت نه ھئي - نه ته اھڙين حالتن ۾ ماڻھو اڌ مئو ٿيو وڃي. ڌڪ سور ۽ ڦٽ ڦرڙيءَ کان علاوهه اڻ پوري کاڌي خوراڪ ۽ سامونڊي لوڏن ڪري الٽيون، دست، بخار، ٻيون ڪيتريون ئي ڪمزوريءَ جون بيماريون ٿيو پون. بھرحال! في الحال ھنن کي کائڻ لاءِ ڪجهه کتو ٿي. کين نيٺ جڏھن چيو ويو ته بابا! ھاڻ ڇڏيو انھيءَ ٻيڙيءَ کي، اھا بلڪل سڄي سنئين آھي. تڏھن اٿي رڌڻي ڏي ھليا ۽ پيٽ ڀري ماني کاڌائون. ھنن کان ڪڇا، چڍيون يا ٽوال وٺي کين نوان ڏنا ويا، جيئن ڦاٽل ۽ پسيل ڪپڙن جي جند ڇڏين. انسان ته ھئا ئي، سو ڪجهه دير ننڊ ڪرڻ ٿي چاھيائون. ٿڪ ڪري ايڏا ساڻا ٿيل ھئا جو ليٽڻ سان کونگھرا ھڻڻ لڳا. ننڊ کان پوءِ اسين انھن جي چوڌاري ويھي، سندن ڪھاڻي ٻڌڻ لڳاسين. جھاز جا خلاصي سندن ۽ اسان جون ڳالھيون وري ترجمو ڪرڻ لڳا.
    سڀني ۾ جيڪو وڏيءَ عمر جو ھو، اھو حال احوال ٻڌائڻ لڳو. ھن جو نالو ”سرناس“ ھو. ٻيا جيڪي ھئا، سي ھن جا مائٽ ھئا يا شايد ذات وارا. ھو پولاپ ٻيٽن کان اچي رھيا ھئا ۽ کين ”ترڪ“ ٻيٽ ڏي وڃڻو ھو.
    ”پولاپ کان توھان ھن ٻيڙيءَ ۾ پيا اچو؟“ ڪئپٽن نقشي تي آڱري رکندي، ھنن کان پڇيو. ”پر پولاپ ھتان کان ٽي سؤ ميل اوڀر ۾ آھي ۽ ترڪ ٻيٽ پولاپ کان150 ميل اڃا به اڳتي ھلڻ بعد ٿو اچي، تنھن جي معنيٰ ته توھان کان رستو وڃائجي ويو آھي.“
    ”نه، اسان ھن پاسي اڇلجي آيا آھيون.“
    ھنن کي سمنڊ تي ھن حالت ۾ ٽيهه ڏينھن ٿي چڪا ھئا. سرناس پنھنجي ٻنھي ھٿن جون ھڏائون آڱريون ٽي دفعا کولي ڏينھن جو انگ ٻڌايو.
    ”ٽيهه ڏينھن“ ھن وري ورجايو. جيتوڻيڪ اھو سفر چئن ڏينھن جو آھي - جيڪو ھو پھرين به ڪندو رھيو آھي. پر ھن دفعي سمنڊ ۾ ھوائون اھڙيون ته خراب ۽ سامھون جون ملين جو ھو پٺتي اڇلجي ويا. ان کان علاوه ھن دفعي ھن جو قطب نما به صفا جڏو ٿي پيو. اھو ڪمپاس (قطب نما) کين ھڪ جپاني مڇي ماريندڙ ٻيڙيءَ مان مليو ھو.
    بھرحال! پوڙھي ٻڌايو ته سامھون جون ھوائون ۽ لھرون کين روزانو پٺتي اولهه ڏي ڌڪيندويون رھيون. سامھون جو واءُ ايڏو ته تکو لڳندو رھيو، جو ھو ان اڳيان بي وس ھئا. سمنڊ جي وڏين ڇولين سان سڄي ٻيڙي ڀرجي ٿي وئي ۽ ھو ڏينھن رات واري وٽيءَ تي ان مان پاڻي ئي ڪڍندا رھيا - نه ته ٻيڙيءَ جي ٻڏڻ جو خطرو ھو. ان ھوندي به ڪڏھن ڪڏھن ”سانتا - مارئيا“ پاڻيءَ سان اڌ ٿي ٿي وئي.
    ”سانتا – مارئيا“ سندن ان لاڏلي ٻيڙيءَ جو نالو ھو. تنھن جي معنيٰ ھنن جي ٻيٽ تي مذھب جھڙي شيءِ پڻ آھي ۽ ان نالي مان لڳو ٿي ته ھو عيسائي (ڪيٿولڪ) آھن. پڇڻ تي سرناس ڇاتيءَ تي صليب جو نشان ٺاھيو.
    کاڌي پيتي جو ڇا ٿي ڪيانو؟ اسان پڇيوسون. ھنن ٻڌايو: شروع ۾ ھنن وٽ ڪجهه ناريل، ڪَٺل (Jack Fruit) ۽ ٻيو ڪجهه جھنگلي ميوو ھو. باھ ٻارڻ لاءِ ڪجهه تيليون ۽ ڪوئلا به ھئا. جڏھن ميوو ختم ٿي ويو ۽ ڪوئلا سڀ پسي ويا ته پوءِ روز مڇيون ڦاسائي ان تي گذارو ڪندا ھئا. ڀاڳ سٺو ھئن جو روز ڪا نه ڪا مڇي ڦاسيو ٿي وئي. آخري ڏينھن تائين ھنن ڪل ٽيهه مڇيون جھليون - يعني سراسر ھڪ مڇي روز ٿين، جيڪا ھو حصا پتيون ڪري ڪچي کائيندا ھئا. پاڻيءَ جي معاملي ۾ به ڀاڳ وارا ھئا جو ٿورو گھڻو روز مينھن وسندو ھو ۽ پيئڻ لاءِ چڱو پاڻي گڏ ڪري وٺندا ھئا. ڇڙو راتيون سخت ٿينديون ھيون جو ڪپڙو گندي نه ھئڻ ڪري سڄي رات پاڻيءَ ۾ پسندا ۽ سيءَ ۾ ڏڪندا ھئا.
    ھڪ ڳالهه غور طلب اھا ته جڏھن اسان ھنن ھمراھن کي کنيو، ان وقت کين اھا سڌ سماءُ ھئي ته ھو ان وقت سمنڊ جي ڪھڙي حصي ۾ ھئا؟
    ھائو، بلڪل. ھنن جي خيال موجب ھو افاليڪ واري حصي ۾ ھئا، جيڪو ياپ علائقي ۾ آھي ۽ ھتان اتر - اولهه پاسي ٿيندو. ڪئپٽن ۽ چيف آفيسر وري نقشو ڏٺو ۽ تعجب مان ڪنڌ ڌوڻي ھائوڪار ڪئي. افاليڪ واقعي ايڏانھن ئي ھو. کين اسان جتان کنيو ھو، اتان کان پنجٽيهه ميل پري ھو ۽ پورا پنج سؤ ميل پر ڀرو سندن منزل - ترڪ ٻيٽ ھو.
    ان کان پوءِ اسان پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳاسين ته ڪمال آھي، پاڻ پارا جيڪڏھن اھڙي قسم جي ڇوڏي جھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾، اھڙي خراب سمنڊ ۾ ٽيهه ڏينھن ھجون ھا ته ڪھڙي نه حالت ٿي وڃي ھا. جسماني طرح به ته ذھني طرح به ۽ پوءِ مدد ملڻ تي ڪيڏي نه خوشي ٿئي ھا. پر ھنن ھمراھن لاءِ ھر ڳالھه نارمل ھئي. ھنن جي دل ۽ دماغ تي ڪنھن به قسم جو بار يا پريشاني نه ھئي. ”جيڪڏھن سمنڊ تي گم ٿي وڃون ھا ته پوءِ ڇا ٿيو؟“ ھنن ٻڌايو. ھن کان اڳ به ائين ٿيندو رھيو آھي ۽ پوءِ ڪڏھن ڪي ملندا آھن ته ڪڏھن نه. ڪي ته وري ٻين دور دراز ٻيٽن کان وڃي نڪرندا آھن ۽ اتي ئي پنھنجو ٺام ٺڪاڻو ٺاھين.
    اڄ به ڪيترا ئي اھڙي قسم جا ماڻھو نيو گائنا کان فلپين جي ٻيٽن تي ملندا.
    ھھڙي ٻيڙيءَ ۾ کاڌي پيتي بنا، سمنڊ تي ٽيهه ڏينھن، منزل کان پنج سؤ ميل ڏور ڌڪجي وڃڻ، اھو ڪيڏو نه وڏو حادثو چئي سگھجي ٿو. پر ھنن ماڻھن جون دليون ته ڏسو، ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ھجي. ان جي شاھدي سندن پرسڪون جسم ۽ اکيون به ڏئي رھيون ھيون.
    سرناس ڪجهه وري چئي رھيو ھو. خلاصين ٻڌايو ته ھو ٿو پڇي ته ھاڻ ته بس! ٻيو ته پڇڻو نه اٿو؟ جيئن ھو وڃي پنھنجي ٻيڙيءَ جي ٽھل ٽڪور ڪن. ھو چاھين ٿا ته ھوءَ اھڙي مضبوط ٿي وڃي جو ترڪ ٻيٽ کان واپس پنھنجي ٻيٽ پولاپ ويندي منجھس پاڻي نه سمي.
    ”ڀلي“ ڪئپٽن کلندي کين موڪل ڏني، پر وري کيس اھو ڌيان ۾ اچي ويو ته کانئن اھو ته پڇجي ته ھو ھھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ھيترو پري، آخر ويا ڪھڙي ضروري ڪم لاءِ پئي؟
    سرناس ان جو به جواب ڏنو، جيڪو خلاصين ترجمو ڪري ٻڌايو: ”سائين ھي ٿو چوي ته بس ائين ويٺي ويٺي خيال آيو ته ھلي ڀر واري ٻيٽ تان سگريٽ وٺي اچن.“
    ”بس! رڳو سگريٽن ڪارڻ؟“ ڪئپٽن سان گڏ اسان به وائڙا ٿي وياسين.
    ”جي ھا! رڳو سگريٽن لاءِ. ٻي ڪنھن شيءِ جي في الحال ضرورت نه ھئي.“
    اسان ھڪڙو سڄو ڏنڊو (ڪارٽن) سگريٽن جو کين کولي ڏنو، جيڪو ھو باقي واٽ ڇڪيندا به ھليا ته پنھنجي ٻيڙي سانتا - مارئيا تي ڪم به ڪندا رھيا. ڪھڙي برانڊ جا سگريٽ وٺڻ پئي ويا؟ ھنن وري اھو به نه ٻڌايو. جيڪي پراڻي سراڻي اسٽاڪ جا سگريٽ ڪڍي ڏناسين، سي خوش ٿي ڇڪيندا رھيا.


    S ناٽ – ناٽيڪل ميل ۽ سمنڊ

    پھرين وڏي لڙائيءَ جي ڏينھن ۾ ڪيترا ئي سامونڊي حادثا پيش آيا. ايندڙ ڪھاڻي ”جھاز جو ٻڏي وڃڻ“ سڀ کان وڏي مسافر جھاز لوسيتانيا جي حادثي جي آھي، جنھن بابت انھن ڏينھن جي اخبارن ۾ حادثي کان اڳ کان وٺي، باقي بچي ويلن جي انٽرويو جي آڌار تي ٺھيل ڪھاڻي آھي، جيڪا ايم اي ھوئيلنگ جي مشھور ليک ”دي لاسٽ وائيج آف لوسيتانيا“ جو تت آھي.
    لوسيتانيا جھاز انھن ڏينھن جي مشھور ڪمپني - ڪونارڊ جو سڀ کان وڏو جھاز ھو. ڪونارڊ ڪمپني اڄ به دنيا جي وڏي ۽ ساک واري ڪمپني مڃي وڃي ٿي ۽ ”ڪئين ايلزبيٿ“، ”ڪئين مئري“ ۽ ”مئري ٽو“ جھڙا ناليرا پئسينجر جھاز، ان ڪمپنيءَ جا آھن.
    پھرين وڏي لڙائي، جنھن جي ھيءَ ڪھاڻي آھي، 1914ع کان 1918ع تائين ھلي. اھا شروع يورپ ۾ ٿي، پر سندس اثر پوري دنيا جي ٻين کنڊن تائين پڻ رسيو. ھڪ پاسي جرمني ھئي، جنھن جو پاسو آسٽريا، ھنگري، بلغاريا ۽ ترڪيءَ جھڙن ملڪن کنيو ۽ ٻئي پاسي انگلينڊ (۽ ان جون ڪالونيون آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره)، آمريڪا، فرانس، روس، اٽلي، جپان ۽ بيلجم وغيره ھئا.
    ھن کان پھرين بيان ڪيل سامونڊي سفر ٻي وڏي لڙائيءَ جو ھو، جيڪا 1939ع کان يورپ ۾ شروع ٿي ۽ دنيا جي ٻين کنڊن، سمنڊن ۽ ھوائن ۾ نه فقط پکڙجي وئي، پر اتي وڙھي پڻ وئي. ٻيءَ وڏيءَ جنگ ۾ جرمني، جپان ۽ اٽلي ھڪ طرف ھئا ته، ٻئي پاسي ساٿي ملڪ: آمريڪا، روس، انگلينڊ، فرانس، چين، ھندستان، پولينڊ، يوگوسلاويا وغيره ھئا.
    S.O.S جو مطلب آھي Save Our Souls اسان جون جانيون بچايو. جھاز ٻڏڻ وقت ھي سگنل ڏبو آھي، جيئن اوسي پاسي جا جھاز ۽ ڪناري وارا اھو نياپو ملڻ سان مدد لاءِ نڪرن. اڄڪلھه ته ھر جھاز تي اھڙو سسٽم رکيو ويو آھي، جو جھاز جي ٻڏڻ سان اھو سگنل پاڻھي ٽرانسميٽ ٿيندو رھي ٿو ۽ اوسي پاسي جي جھازن جا رسيور چاھي بند ھجن، ته به ھو اھڙي نموني سان ٺھيل آھي، جو ھن سگنل جون لھرون ھوا ۾ پيدا ٿيڻ سان پاڻھي ئي آن ٿيو وڃن ۽ ان سان گڏ الارم به وڄيو وڃي، جيئن ريڊيو آفيسر ننڊ ۾ ھجي ته به ھن سگنل حاصل ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿي وڃي.


    ناٽ ۽ ناٽيڪل ميل

    ناٽيڪل ميل ڪناري واري (Statue – Mile) ميل کان ٿورو وڏو ٿئي ۽ ٻي ڳالهه ته ناٽيڪل ميل دنيا جي قطبن وٽ ٿورو ننڍو ٿئي ۽ خط استوا وٽ وڏو - جو ناٽيڪل ميل دراصل ڪنڊ (Angle) جي حساب سان ماپيو وڃي ٿو. ھيءَ دنيا گدري وانگر گول آھي ۽ سڄي گول ۾ 360 ڊگريون ٿين ٿيون. وري ھر ھڪ ڊگريءَ جا سٺ حصا ڪبا ته ھر ھڪ حصو منٽ ٿيو، يعني 360 ڊگرين جا ٿيا21600 منٽ. ھاڻي اھو ھڪ ھڪ منٽ ھڪڙو ناٽيڪل ميل سمجھڻ کپي ۽ دنيا جي گولي جو گھيرو 21600 ناٽيڪل ميل ٿيو. پر جيئن ته گدري جون فارون ڪبيون ته ھر ھڪ ڦار وچ تي ٿلھي ۽ پاسن کان (قطبن کان) مٿان ھيٺا سنھي ٿئي ٿي، اھڙو ئي حساب ڌرتيءَ جي گولي جي ماپ جو آھي. يعني صحيح ۽ گھڻي کان گھڻو ناٽيڪل ميل - مفاصلو وچ تي - خط استوا تي ٿيندو. بھرحال! سمنڊ تي رستو ماپڻ ۽ سولي حساب ڪتاب لاءِ ڊگرين ۽ منٽن ذريعي ناٽيڪل ميل رکيو ويو آھي. باقي ھونءَ دنيا جو گھيرو خشڪيءَ جي ميلن جي حساب سان24900 کن ميل ٿئي ٿو.
    ناٽ رفتار جو ماپو آھي: 15 يا 20 ناٽ. معني اوترا ناٽيڪل ميل ڪلاڪ ۾ جھاز ھلي ٿو. پاڻيءَ جا جھاز ويھن پنجويھن ناٽن تائين ھلن ٿا، پر جنگي جھاز ٽيھه پنجٽيھن تائين به ھلن. ھونءَ اڄڪلهه تيل جي مھنگائيءَ ڪري مال بردار ۽ مسافر جھاز گھڻو ڪري 15 کان 20 ناٽ تائين ھلن ٿا.

    لاگ بڪ
    ھر جھاز تي لمحي لمحي جي ڪارڪردگي ۽ ڪم ڪار ھڪ ڊگھي نوٽ بک تي لکيو ويندو آھي، جنھن کي لاگ بڪ سڏجي ٿو. اھو لاگ بڪ اڳتي ھلي ثبوت طور ڪم آڻي سگھجي ٿو ته فلاڻو ڪم ڪنھن ڪيو، ڪڏھن ڪيو ۽ ڇو ڪيو؟ يا فلاڻي وقت فلاڻي جي ڊيوٽيءَ ۾ ھي ڳالھيون رونما ٿيون، وغيره.
    ائٽلانٽڪ سمنڊ - دنيا جي ٻئي نمبر تي وڏي ۾ وڏو سمنڊ ائٽلانٽڪ سمنڊ آھي، جنھن جي ايراضي اٽڪل ٽي ڪروڙ ارڙھن لک چورس ميل آھي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته سڄي پاڪستان جي ايراضي اٽڪل ٽي لک چورس ميل آھي. يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ پاڪستان کان سؤ دفعا وڏو ٿيو. پھرين نمبر تي وڏو سمنڊ پئسفڪ آھي، جنھن جي ايراضي ڇهه ڪرور اٺٽيهه لک چورس ميل آھي - يعني ائٽلانٽڪ سمنڊ کان به ٻيڻو آھي ۽ ٽين نمبر تي ھندي وڏو سمنڊ ٿو اچي.


    جھاز جو ٻڏڻ

    ھي پھرئين مئي 1915ع جو صبح ھو. نيويارڪ شھر مٿان آسمان ڪڪرن سان ڀريو پيو ھو ۽ جيتوڻيڪ رکي رکي سنيھون بوندون وسي رھيون ھيون، ته به ماڻھو خوش ھئا، جو ھفتي جو آخري ڏينھن ھو ۽ اڳيان موڪلون ھيون. اونھاري جون موڪلون گذارڻ لاءِ تمام گھڻا آمريڪي يورپ وڃڻ جو پروگرام ٺاھي ويٺا ھئا، پر ماڻھن جيئن ئي صبح جي اخبار ورتي ته سندن اميدون پاڻيءَ ۾ لڙھي ويون. اخبار جي پڇاڙڪي صفحي تي جرمن سفارتخاني طرفان ھڪ چتاءُ ڇپيل ھو:
    ”ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻئي پار وڃڻ وارن مسافرن کي ٻڌائجي ٿو ته جيئن ته جرمني ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ جنگ ھلي رھي آھي، سو ائنٽلانٽڪ سمنڊ جي ھن پار، برطانيا ويندر مسافر پنھنجي سلامتيءَ جو ذمو پاڻ کڻي وڃن.“
    افسوس ۽ تعجب جي اھا ڳالهه ته ان نوٽيس جي پاسي ۾ ئي ھڪ ٻيو اشتھار ڏنل ھو. ھي ڪونارڊ ڪمپنيءَ طرفان ھو:
    ”دنيا جو وڏو جھاز لوسيتانيا، ائٽلانٽڪ سمنڊ جي سفر تي روانو ٿي رھيو آھي. دنيا گھمڻ جو سنھري موقعو.“
    نيويارڪ جي اخبار نويسن جرمن سفارتخاني کان معلوم ڪيو ته سفارتخاني جي ترجمان، ان ڳالھه6 جي تصديق ڪئي ته اھو نوٽيس واقعي اسان جي حڪومت طرفان شايع ڪرايو ويو آھي. آمريڪا جيئن ته اسان جو دوست ملڪ آھي، ان ڪري اسان چاھيون ٿا ته ھن جا شھري ھر قسم جي نقصان کان بچيل رھن.
    ”لوسيتانيا“ جھاز لنگر کڻڻ لاءِ تيار بيٺو ھو. بندرگاھ تي مسافرن جي پيهه پيھان ھئي. ماڻھو ھڪ ٻئي کان موڪلائي رھيا ھئا. اميگريشن ۽ ڪسٽم جا آفيسر انھن سوين مسافرن جا ڪاغذ پٽ ۽ سامان جانچڻ جي ڊيوٽي ڏئي رھيا ھئي. مسافرن ۾ عام شھرين کان وٺي ڪروڙ پتي واپاري ۽ نوان شادي شده جوڙا شامل ھئا. انھن ۾ جارج ڪينسلر، شراب جو مشھور واپاري به ھو، جنھن وٽ ويهه لک ڊالرن جي وڏي رقم ھئي. ان کان علاوه ٿيٽر جي شھرت يافته اداڪارا مس جوليٽ به ان جھاز ۾ سفر ڪري رھي ھئي. ھڪ صحيح اندازي مطابق اٺھٺ ته رڳو ٻار پنھنجن مائٽن سان گڏ ھئا.
    اخباري رپورٽر ۽ ڦوٽو گرافر جھاز جي عملي جي چوڌاري ڦريو بيٺا ھئا. جھاز جو اوڻھٺ سالن جو ڪئپٽن ٿامس پرسڪون نظر اچي رھيو ھو. ھڪ اخباري رپورٽر جرمن سب مئرين جي خطري جي ڳالهه ڪڍي ته، ھن کلندي جواب ڏنو:
    ”جيڪڏھن ھن جھاز لوسيتانيا کي خطرو ھجي ھا ته مسافر ايتري گھڻائيءَ ۾ ھن جھاز جي سفر جون ٽڪيٽون ھرگز خريد نه ڪن ھا. توھان بي اونا رھو، ٽارپيڊرو جو ڊپ اجايو آھي، جرمن پنھنجي ”يو - بوٽن“ جو سڄو ٻيڙو به سمنڊ ۾ آڻين، ته به اسان جو وار ونگو نٿا ڪري سگھن. مون کي خبر آھي ته جرمن سب مئرين جي رفتار اسان جي جھاز کان تمام گھٽ آھي.“
    ھي جھاز جي عملي ۽ سفر ڪرڻ وارن جو حال ھو. پر عوام جي ڪيفيت ان کان گھڻو مختلف ھئي. اخبار ۾ جرمني وارن جو چتاءُ ڇپيو ته، ھر ماڻھو منجھي پيو. عام خيال اھو ھو ته جھاز کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي ويندي.
    ڪونارڊ ڪمپني جي مالڪن ۽ آفيسرن کي ڪيتريون ئي تارون مليون، جن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ جو سفر رد ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني وئي. ھڪ تار ۾ ته ايتري قدر نياپو موڪليل ھو: ”آءٌ اھا ڳالهه پڪ سان چئي رھيو آھيان ته، لوسيتانيا جھاز ٽارپيڊو جو شڪار ٿي ويندو. چڱو ٿيندو جو توھان ھي سفر ڪئنسل ڪري ڇڏيو.“ ذاتي طرح ڪجهه مسافرن کي به ان قسم جون تارون مليون ھيون، پر ان ھوندي به جھازي ڪمپنيءَ جو فيصلو اھو ئي ھو ته، جھاز پنھنجي شيڊول (پروگرام) مطابق سفر تي روانو ٿي وڃي.
    لوسيتانيا جھاز جي ماسٽ تي آمريڪي جھنڊو ڦڙڪي رھيو ھو ۽ چوڌاري رنگا رنگ لغڙين سان جھنجھيل ھو. جھاز جا چارئي اسٽيم ٽربائين گھٽيل آواز ۾ ھلي رھيا ھئا. پورا ساڍا ٻارھن وڳا ته ڪئپٽن ھلڻ جو حڪم ڏنو ۽ جھاز نيويارڪ جي خليج ھڊسن جي گودي نمبر 54 کان روانو ٿيو. ھن چرپر ڪندي اھڙي ته خوفناڪ وسل وڄائي، جو ماڻھن کڻي ڪنن تي ھٿ رکيا. جھاز جي ڊيڪ تي ڄڻ ميلو متو پيو ھو. نچندڙن جون ٽوليون ڳائڻ وڄائڻ ۾ مصروف ھيون. گوديءَ تي آيل ماڻھو گلن جون پتيون مٿان اڇلي رھيا ھئا.
    جھاز گوديءَ مان نڪري کليل سمنڊ ۾ اچي ويو، پر ماڻھو اڃا تائين رومال ۽ ٽوپلا لوڏي پنھنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن کان موڪلائي رھيا ھئا. ڪجهه ماڻھن جي ھٿن ۾ اتحادي ملڪن جا جھنڊا ھئا، جن کي ھو اعتماد سان ھوا ۾ لوڏي رھيا ھئا.
    يورپ جي جنگ جون ڄڀيون ڏينھون ڏينھن وڌي رھيون ھيون. برطانيا جي شاھي بحري فوج (Royal Navy) جرمن يو بوٽن جي ھڪ اڏي زيبرگ تي بمباري ڪئي ھئي، جنھن جي جواب ۾ جرمنن ٻائيتاليھه سينٽي ميٽر جي پري مار ڪندڙ توبن سان ڊنڪرڪ تي بمباري شروع ڪري ڏني ھئي. ڏور اوڀر ۾ جپانين، پيڪنگ کي الٽي ميٽم ڏئي ڇڏيو ھو. چوڌاري جنگ جي باھ ڀڙڪي رھي ھئي، پر واشنگٽن جا حاڪم اڃا تائين پنھنجين جاين تي مطمئن ھئا. آمريڪا جي صدر کي پڪ ھئي ته ھن جو ملڪ ان جنگ ۾ نه ٽپندو.
    ائٽلانٽڪ ۽ ڀؤنچ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ جرمن سڀ مئرين تباھي مچائي ڏني ھئي. اھي برطانيا ٻيٽ جي چوڌاري گھمنديون رھيون ٿي. ھو پنھنجي بحري ھيڊ ڪوارٽر تان حڪم ملندي ئي، پنھنجي مھم تي روانيون ٿي ٿي ويون ۽ بنا ڪنھن خيال ۽ لحاظ جي ھر جھاز کي تباھ ڪرڻ ٿي لڳيون.
    ھيگ ڪنوينشن موجب واپاري ۽ مسافر بردار جھاز تي حملو ڪرڻ ھڪ غير قانوني قدم ھو، پر ان جي ڪنھن کي به پرواھ نه ھئي. آئرلئنڊ جي ڏکڻ اولهه ۾ جرمن سب مئرين ”يو 20“ اٽڪل ٽي برٽس جھاز ۽ ھڪ روسي اسٽيمر ٻوڙي چڪي ھئي. ھڪ آمريڪي ٽئنڪر ”سي گل فلائيٽ“ سسليءَ جي ويجھو تارپيڊرو جو شڪار ٿي ٻڏي چڪو ھو. ڊئنمارڪ جو اسٽيمر جھاز ”ڪئٿي“ نارٿ سيءَ ۾ اھڙيءَ طرح آيو.
    جرمني، زھريلي گئس جا بم ايجاد ڪري چڪي ھئي ۽ انھن جو پھريون نشان اھي ڪئناڊا جا فوجي ھئا، جيڪي ايپري نالي شھر ۾ موجود ھئا.
    ٻٽيھن سالن جو ڪئپٽن شويگر، جرمن سب مئرين جو ڪمانڊر ھو. ھيءَ سب مئرين ايمڊن جي گوديءَ ۾ لنگر انداز ھئي، جو کيس ”نارٿ سي“ جي مھم تي روانو ڪيو ويو ۽ ھوءَ لوسيتانيا جي رواني ٿيڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ، پنھنجي مھم تي رواني ٿي چڪي ھئي.
    لوسيتانيا جھاز ھڪ تمام وڏو مسافر بردار جھاز ھو. ھن ۾ ھڪ سئو پنجھتر ڪمپارٽمينٽ ھئا ۽ ھر ھڪ ڪئبن ۾ جديد ترين اوزار لڳل ھئا. سمنڊ ۾ ٻيڙيون (لائيف بوٽ) لاھڻ جو بندوبست به آٽوميٽڪ نموني ھو ۽ تمام ئي ماڊرن پڻ ۽ انھن ئي سٺائين ڪري ھن جھاز کي ان زماني جو تکي ۾ تکو ۽ محفوظ جھاز سمجھيو ويو ٿي.
    آچر 3 مئي جو صبح ٿيڻ تي خبر پئي ته، لوسيتانيا گرئنڊ بئنڪس جي پاسي سفر ڪري رھيو آھي. نائين وڳي تائين مسافرن نيرن پاڻي ڪري ورتو. ٻاھر اس ۾ گرمي وڌي رھي ھئي. ٿرڊ ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس لاءِ ڊائننگ ھال ”ڊيمي ڊيڪ“ تي ھئا. سيڪنڊ ڪلاس ۾ ڇھه سئو ھڪ مسافر ھئا، جن ۾ گھڻيون تڻيون زالون ۽ ٻار ھئا.
    ٻئي ڏينھن جرمن سب مئرين -يو 20 برطانيا ٻيٽ جي چوڌاري ڦري رھي ھئي. ھوءَ پنجين مئي تي پنھنجي سفر تي روانو ٿي ته، ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ ھڪ برٽش جھاز ”ارل آف ليٿم“ تي نظر پيس، جيڪو آئرلئنڊ کان سڪل گوشت، بيضا ۽ پٽاٽا کڻي لورپول پئي آيو. جھاز تي نگاھ پوڻ شرط جرمن ڪمانڊر شويگر بمباري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ وڏي قطر واريون توبون باھ وسائڻ لڳيون. فقط اٺ رائونڊ ساڙڻ کان پوءِ خبر پيئي ته انگلينڊ جو جھاز ”ارل آف ليٿم“ ڀور ڀور ٿي چڪو آھي.
    شام جي وقت ناروي جو ٽي سؤ ٽن وزني جھاز ڏسڻ ۾ آيو. ھن ڏي تارپيڊو اڇلايو ويو، پر اھو صحيح نشان تي نه لڳو. شويگر سمنڊ اندر وڌيڪ اونھو وڃي، ھن جي ڪڍ لڳو پر جھاز جي خوش قسمتي چئجي جو بچي ويو.
    مئي جي ڇھين تاريخ لوسيتانيا، آئرلئنڊ جي ڪناري کان پنج سؤ ميل پري ھو، پر ھو جنگي زون (علائقي) ۾ گھڙي چڪو ھو. ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري ڪئي وئي. سمنڊ ۾ لائيف بوٽ لاھڻ جي پريڪٽس ڪئي وئي، جيڪا تمام گھڻو ڪامياب رھي. اھي ٻيڙيون ڪل ٻاويھه ھيون. ان کان علاوه گھڻي تعداد ۾ لائيف جئڪيٽ ۽ لائيف بئاءِ (ٻوچن جا گول ٺھيل) بھ موجود ھئا. زندگي بچائڻ جو ھي ساز سامان ڇويهه سئو مسافرن لاءِ پورو ھو، جڏھن ته مسافرن جو جھاز ۾ تعداد ان کان گھٽ ئي ھو. لوسيتانيا جھاز جو ڪئپٽن ٿامس ان حفاظتي بندوبست کان خوش ھو.
    لوسيتانيا جھاز پنھنجي وڏين چمنين Funnel مان دونھون اڏائيندو، وڏي شان سان وڃي رھيو ھو. ھن جا اوڻيهه بئالر باھ جي گرمائش پيدا ڪري رھيا ھئا، جنھن ۾ پاڻيءَ طاقتور ٻاڦ جي شڪل اختيار ڪئي ٿي. ھر بئالر ۾ ٻاڦ جو دٻاءُ ھڪ سئو پنجانوي پائونڊ في چورس انچ ھو. لائيٽ پيدا ڪرڻ وارا جنريٽر ٽي سئو ڪلو واٽ اليڪٽرسٽي پيدا ڪري رھيا ھئا. ڪئپٽن کي يقين ھو ته جي موسم سازگار رھي ته جھاز جي رفتار ايڪيهه ناٽن تائين وڌائي سگھجي ٿي.
    خميس ڏينھن شام جو ناچ گاني جي محفل ٿي. مختلف جوڙا ميوزڪ جي لئه تي ٿڙڪڻ لڳا. ڪيترا ئي مسافر ته شراب پيئڻ ۾ مست ھئا. اداڪارا جوليٽ جي چوڌاري ھن جي پرستارن جو ميڙو متل ھو. شڪاگو جو چارلس گھڻي کان گھڻو شراب پي پنھنجي شاديءَ جي ڇٽيھين سالگره ملھائي رھيو ھو.
    شام جو ساڍي ستين وڳي ڪئپٽن ٿامس کي برطانيا جي نيويءَ طرفان نياپو مليو ته آئرلئنڊ جي ڏاکڻين ڪناري وٽ، جرمن سب مئرينس موجود آھن، جن کان ھوشيار رھڻ ضروري آھي.
    ساڍي اٺين وڳي رات جو ريڊيو آفيسر کي ان سلسلي ۾ ھڪ ٻيو نياپو مليو، جنھن ۾ پڻ جرمن سب مئرين جي اوچتي حملي کان آگاھ ڪيل ھو.
    ڪئپٽن پنھنجي ڪمري ۾ آيو ۽ سگار دکائي فائيل اٿلائڻ لڳو. ھڪ صفحي تي ان جي نظر ڄمي وئي. ھي جرمن حڪومت جو ھڪ اعلان ھو، جنھن تي چوٿين فيبروري 1915ع جي تاريخ لڳل ھئي:
    ”برطانيا ۽ ان جي آس پاس جي سمنڊ ۾ داخل ٿيندڙ جھاز ھن جي حملي جو نشان بڻجي سگھن ٿا.“
    ھي اعلان پڙھڻ سان ڪئپٽن جي نرڙ تي گھنج پئجي ويا، پر ھو جلد ئي نارمل ٿي ويو. ھن دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته ھر صورت ۾ ھاڻ خطري کي منھن ڏبو.
    نيويارڪ ۾ اخباري آفيسن مان ذري ذري ماڻھن پڇا ڪئي ته لوسيتانيا جھاز جرمن سب مئرين جو شڪار ٿي ٻڏي چڪو آھي يا آئرلئنڊ جي ڪناري تي پھچي ويو آھي؟
    7 مئي جو سج نروار ٿيو ته خبر پيئي ته لوسيتانيا آئرلئنڊ جي ڪيپ ڪليئر کان پنجھتر ميل پري تائين پھچي چڪو آھي. ان وقت ھلڪو ڪوھيڙو ڇانيل ھو. ڪئپٽن حڪم ڏنو ته جھاز جي رفتار گھٽائي ارڙھن ناٽ ڪئي وڃي. ھي احتياط ان لاءِ ضروري ھو جو اھڙيءَ حالت ۾ جھازن جي ٽڪرائڻ جو خطرو رھي ٿو. جھاز لڳاتار وسل وڄائيندو ھليو.
    ٻئي پاسي ڪئپٽن شويگر ھڪ سئو ٽيهه ميل پري، پنھنجي سب مئرين يو 20 جي ڊيڪ تي، پنھنجن ھمراھن سان چرچا ڀوڳ ڪري رھيو ھو - سب مئرين جون بيٽريون چارج ٿي چڪيون ھيون ۽ ٽارپيڊو بلڪل تيار ھئا.
    سوا يارھين وڳي نيويءَ طرفان نياپو مليو: ”آئرش چئنل ۾ دشمنن جون سب مئرينون موجود آھن. انھن کي آخري دفعو ڪوننگ بي کان ويهه ميل پري ڏکڻ ۾ ڏٺو ويو ھو. لوسيتانيا کي خبردار رھڻ جي ضرورت آھي.“
    ٻارھين وڳي ڌاري ڪوھيڙو گھٽيو ۽ موسم سٺي ٿي وئي، ڀوري اڇي رنگ جا سامونڊي ٻگهه پکي (Seagulls) جھاز جي چوڌاري اڏامندي ڏاڍا سٺا لڳي رھيا ھئا. انھن جي موجودگيءَ مان اھا ڳالهه ظاھر ھئي ته ڪنارو ڪو پري ڪونھي.
    ڪئپٽن ٿامس جو خيال ھو ته جرمن يو بوٽ ڏکڻ اولھه روٽ جي آس پاس ھوندي، ھن ڪري ھن جھاز جو طرف ڦيرائڻ جو حڪم ڏنو. الھندي ڪناري ڏي وڃڻ جو اھو ئي محفوظ ترين رستو ھو. ڏينھن جو ڏيڍ وڳي آئرلئنڊ جو ڪنارو بلڪل چٽو نظر اچي رھيو ھو. وڻ، گھرن جون ڇتيون ۽ گرجائن جا چھنبدار منارا پري کان اڀرندا نظر اچي رھيا ھئا. ھاڻي ڪئپٽن ٿامس تمام گھڻو مطمئن ھو، ڇو ته ان علائقي ۾ برطانيا جون گن بوٽون موجود ھيون. ھو اھو سوچي خوش ھو ته ھو جنگي زون مان سلامتيءَ سان بچي ويندو. ٻه لڳي نون منٽن تي ٿرڊ آفيسر ۽ عملي جي ٻين ماڻھن جھازن جي چارج سنڀالي. ڪنھن کي به اھا خبر نه ھئي ته ايندڙ سٺ سيڪنڊ موت جو پيغام آڻيندا.
    يو 20 جو ڪمانڊر شويگر، لوسيتانيا جي ويجھو پھچي چڪو ھو ۽ پيري اسڪوپ تي جھڪي آخري سمجھاڻيون ڏئي رھيو ھو.
    ”مٿي! ٿورو اڃا مٿي! ھڪ ڊگري ساڄي! ريڊي....! فائر!!“
    يو بوٽ ٿورو لوڏو کاڌو ۽ ھڪ ٽن ڳري ٽارپيڊو کان آزاد ٿي وئي.
    لوسيتانيا جي ھڪ خلاصيءَ پاڻيءَ ۾ ليڪ اڀرندي ڏٺي ته ھن وٺي ميگافون تي رڙ ڪئي: ”ٽارپيڊو.“
    سيڪنڊ آفيسر به اھو ٻڌڻ سان دانھون ڪرڻ لڳو: ”اسان تي ٽارپيڊون سان حملو ٿي چڪو آھي.“
    ۽ ان کان ٿوري دير بعد جھاز کي ھڪ زبردست ڌچڪو لڳو. ڪيترن ئي مسافرن منھن ڀر وڃي ڦھڪو ڪيو.
    ھنن اٿڻ جي ڪوشس ڪئي، پر ٻئي ڌچڪي ۾ وري اتي جو اتي پئجي رهيا. انھيءَ وٺ وٺان ۾ ھڪ تمام وڏو ڌماڪو ٿيو. ٽارپيڊو لڳڻ سان جھاز جي تري واري اٺ انچ لوھ جي چادر ڇيتون ڇيتون ٿي وئي. ڪاٺ ۽ ڌاتوءَ جا ٽڪرا چئني طرف اڏامڻ لڳا. ڪيترا ئي وڏا ٽڪر ھڪ سئو سٺ فٽن جي بلنديءَ تي پھچي واپس فرش تي اچي ڪريا. انجڻ روم ۾ موجود ٽيڪنيڪل عملو باھ جي ڄڀين ۾ ڦاسي ويو.
    لوسيتانيا ڪناري کان فقط يارھن ميل پري ھو. ٻه ڏينھن اڳ برطانيا جو جھاز ”ارل آف ليٿم“ انھيءَ ھنڌ ٽارپيڊو جو شڪار ٿيو ھو. ريڊيو آپريٽر رابرٽ سيڪنڊ ڪلاس جي ڊائننگ روم مان ماني اڌ ۾ ڇڏي ٻاھر نڪتو. سگنل روم ۾ پھچي ھن کي خبر پئي ته جھاز جي اليڪٽرڪ پلانٽ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آھي. ايمرجنسي ڊائينامو ڪنڊ ۾ پيو ھو - آپريٽر ھن کي اسٽورڊ بيٽريءَ ذريعي ھلايو. ٽرانسميٽر پئنل جون سيون ڏڪڻ لڳيون ۽ ٻه وڄي چوڏھن منٽن تي ”ايس او ايس“ موڪليو ويو.
    ”بچايو! بچايو! اسان جي مدد لاءِ پھچو. اسان ڪنسيا علائقي کان ڏھه ميل ڏکڻ ۾ آھيون.“
    اھو پيغام برٽش ٽئنڪر جھاز ”نرگنسٽ“ تي ٻڌيو ويو، جيڪو لورپول (انگلينڊ) کان نيوجرسي (آمريڪا) وڃي رھيو ھو. ھو بدقسمت لوسيتانيا کان پنجٽيھه ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ھو. ان جي ڪئپٽن اھو پيغام ٻڌڻ سان پنھنجي جھاز جو رخ ٻڏندڙ لوسيتانيا ڏي ڪيو ۽ رفتار يارھن کان چوڏھن تائين وڌائي.
    لوسيتانيا جي ڊيڪ تي ڀڄ ڊڪ متل ھئي. ھر ماڻھو ڪوشش ڪري رھيو ھو ته ھن کي لائيف بوٽ ۾ جاءِ ملي وڃي. جھاز لڳاتار لڏي رھيو ھو. مسافر لائيف جئڪيٽون کڻي ڀڄي رھيا ھئا.
    اڱرن جي وڏن کورن ۾ پاڻي وڃڻ سان دونھين جو ھيبتناڪ ڪڪر ٻاھر نڪتو ۽ گرم بدبودار ڦلھير جو مينھن وسڻ لڳو.
    مسافرن سان ڀريل ٻيڙيون سمنڊ ۾ لاٿيون ويون. ڪيترا ئي ماڻھو رسيءَ جي ڏاڪڻين (Pilot Ladder) ذريعي ھيٺ سمنڊ ۾ ٽپ ڏئي رھيا ھئا. افراتفريءَ جو اھڙو عالم ھو جو مسافرن سان ڀريل ھڪ ٻيڙي سمنڊ ۾ لاھڻ مھل ھڪ پاسي جھڪي پئي ۽ ان ۾ ويٺل سڀ مسافر سامونڊي ڇولين جي وَرِ چڙھي ويا.
    لوسيتانيا جو ”ايس او ايس“ ڪناري جي اسٽيشن ڪنسيل ۽ بحري جھازن کي به مليو.
    خبر ٻڌندي ئي ڪنسيل بندرگاھ جي لائيٽ ھائوس وٽ سوين ماڻھو اچي گڏ ٿيا. سامھون سمنڊ ۾ لوسيتانيا مان دونھين جا گھاٽا ڪڪر اڀري رھيا ھئا. ھر ماڻھوءَ جي زبان تي اھو ھو ته اھڙو ڀيانڪ حادثو ڪڏھن به پھرين پيش نه آيو.
    ڪئپٽن ٿامس پنھنجي عملي جي ماڻھن کي ھدايتون ۽ سمجھاڻيون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، پر ماڻھو ھن کي ورندي ڏيڻ بنا اڳيان نڪري ٿي ويا ۽ ھرڪو پنھنجيءَ ۾ پورو ھو. ڪوبه ڊسيپلين قائم ٿي نه سگھيو.
    جھاز جو اڳيون حصو آھستي آھستي مٿي اڀو ٿيندو ويو ۽ ھي ان ڳالهه جو ثبوت آھي ته جھاز تکو تکو ٻڏي رھيو آھي. ھر ماڻھو اھو به محسوس ڪري رھيو ھو ته ٻيڙين رستي جان بچائي ڀڄڻ به ممڪن نه ھو، ڇو ته جرمن سب مئرين جو عملو انھن کي ڏسندي مشين گنن سان ٽنگ پروڻ ڪري رکندو. پوءِ به جان بچائڻ جي جاکوڙ ھلندي رھي. ويھارو کن زالون ۽ ٻار ھڪ ئي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا، پر ھيٺ ويندي ھن جو ھڪ رسو ڪٿي ڦاسي پيو. ھيءَ ھڪ خطرناڪ صورتحال ٿئي ٿي. گھٻرايل حالت ۾ ھڪ ھمراھ ڪھاڙيءَ سان رسو ڪپيو ته ماڳين ٻيڙي اونڌي ٿي ويئي ۽ اڀاڳا مسافر سمنڊ جي تکين لھرن ۾ وھي ويا.
    چارليس لاريٽ فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪري رھيو ھو. ھن جي ڪئبن ۾ زندگيءَ جون مڙوئي آسائشون موجود ھيون. حادثي کان پوءِ ھن لائيف بيلٽ ٻڌو ۽ سمنڊ ۾ کڻي ٽپ ڏنو. ھو لھرن مٿان اڀريو ته معلوم ٿيس ته ھن جي اوسي پاسي ڪيترا ئي ماڻھو موت ۽ زندگيءَ جي ڏي وٺ ۾ مبتلا ھئا. لاريٽ پنھنجي اکين تان سمنڊ جو کارو پاڻي اگھيو ۽ جھاز ڏي نگاھ ڊوڙايائين. اڃا تائين سوين مسافر جھاز جي ڊيڪ تي موجود ھئا. جھاز جو اڳيون حصو سٺ فٽ کن مٿي کڄيل ھو. ايڏيءَ اتاھينءَ تان بل ڏيڻ موت کي سڏڻو ٿيو.
    ڪجھه ماڻھن ھڪ لوھ جي پراڻي رسي ذريعي لھڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي نڪتل تارن سندن ھٿن تان گوشت به ڇلي رکيو.
    جرمن سب مئرين جو ڪمانڊر شويگر اڃا ويجھو ئي ھو. ھن پنھنجي لاگ بڪ ۾ لکيو:
    ”جھاز سڙي رھيو آھي، مسافر مونجھاري ۾ آھن، سمنڊ ۾ ٻيڙيون لاٿيون پيون وڃن. انھن مان ڪيتريون اونڌيون به ٿي پيون آھن. جھاز جي اڳئين حصي تي لوسيتانيا جا لفظ پڙھڻ ۾ اچي رھيا آھن.“
    ڪيترا ئي مسافر ھيٺين ڊيڪ تي ڦاٿا پيا ھئا. ڊيڪ تي عيسائي پادري (فادر) جي چوڌاري ماڻھن جو ميڙ لڳل ھو. جيتوڻيڪ پادري پاڻ به ڊپ ۾ ڏڪي رھيو ھو، پر ان ھوندي به ماڻھن لاءِ دعا گھري رھيو ھو.
    باڪسر فري مئن مشھور برٽش چيمپئن ھو. ھن پنھنجي ھوش حواس کي قابوءَ ۾ رکندي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنو، پر ھيٺ وڃڻ سان سندس ڪلھو ٻيڙيءَ سان ٽڪرايو ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳس، پر جلد ئي ڌڪ بچائي ورتائين ۽ ترڻ لڳو.
    ورجينا تمام سٺي تيراڪ عورت ھئي. جھاز ھڪ طرف جھڪيو ته ھن سمنڊ ۾ کڻي ٽپ ڏنو ۽ ترندي باھ لڳل جھاز کان پاسو ڪيائين. پوءِ ڪنڌ مٿي کڻي جھاز ڏي ڏٺائين ته سندس ماءُ پيءُ لاچاريءَ جي عالم ۾ جھاز جي ٻنوڙي(Bulwark) کي جھلي بيٺا ھئا. ھوءَ کين فقط ڏسڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نٿي ڪري سگھي.
    ھڪ لائيف بوٽ ٿورو اڳيان وڃي اونڌي ٿي پئي. ان تي ٽيهارو ماڻھو سوار ھئا ۽ ائڪٽريس جوليٽ به انھن ۾ شامل ھئي.
    ڪئپٽن ٿامس يونيفارم ۾ اداس لڳي رھيو ھو. ٿڌي سائي پاڻيءَ جون لھرون ھن جي پيرن کي پسائي رھيون ھيون. ڪجهه دير ماٺ ئي ماٺ بيٺو رھيو. ان کان پوءِ ڏاڪڻ تي چڙھيو. جھاز کي لڳل ڪاراڻ ۾ ھٿ ڪارا ٿي پيا ھئس. ان وقت ھن جي دماغ ۾ ڪيتريون ئي پراڻيون يادون گڏ ٿيڻ لڳيون. اھا ڳالهه ھن کي تمام گھڻو ڏک پھچائي رھي ھئي ته، جنھن عظيم جھاز جو ھو ڪئپٽن آھي، اڄ اھو سمنڊ جي تھن ۾ ٻڏي رھيو آھي. ايتري ۾ جھاز جي ڪوارٽر ماسٽر جانسن تي نظر پيس. کيس رڙ ڪري خطري کان آگاھ ڪيائين: ”جانسن! پنھنجي جان جلدي بچائي وٺ. جھاز تکو تکو ٻڏي رھيو آھي. تمام ٿورو ڪو وقت وڃي بچيو آھي.“
    ھو ڏاڪڻ تان وري ھيٺ لھي آيو. پاڻيءَ جي وھڪري ۾ ھڪ ڪرسي ترندي نظر آيس. ھن وڌي کڻي ھن کي جھليو ۽ ان جي سھاري ترندو وائرليس ڊيڪ کان اڳتي وڌي ويو.
    جھاز جي اڳئين حصي تي مسافر اڃا موجود ھئا. ھاڻ انھن بابت سوچڻ اجايو ھو. جھاز جو ھي حصو ھڪ سئو فوٽ مٿي کڄي ويو ھو. پاڻي ڌڪڻ وارا پکا(Propellers) پاڻيءَ کان مٿي نظر اچي رھيا ھئا. جھاز سمنڊ اندر گھڙندو ويو ۽ ٽارپيڊو لڳڻ کان فقط ارڙھن منٽ پوءِ، ھو اونھي پاڻيءَ اندر سڄو غرق ٿي ويو.
    ٻٽيهه ھزار ٽن وزني ۽ اٺ سئو فٽ ڊگھو ۽ سھڻو جھاز، آئرلينڊ جي ڪناري کان فقط ڪجهه ميل پري، انسان جي جنگي چريائپ تان قربان ٿي ويو. سمنڊ ۾ اڌ ميل تائين ماڻھن جا مٿا نظر اچي رھيا ھئا. ڪيترا ئي ويچارا رسن ۽ تارن ۾ ڦاسي اجل جو شڪار ٿي ويا. ھڪ ڪئنڊين زال پاڻيءَ جي وھڪري ۾ وھي جھاز جي چمنيءَ ۾ ھلي وئي ھئي. ڪجهه دير بعد بئالر ڌماڪو ڪري ڦاٽو. ٻاڦ جو دٻاءُ ايترو ته گھڻو ھو جو ايڪڙ ٻيڪڙ مسافر جيڪو ڀر پاسي ۾ جيئرو بيٺو ھو، ان جو به خاتمو ٿي ويو. ڪئنڊين عورت جو لاش توپ جي گولي وانگر مٿي آسمان ڏي کڄي ويو ۽ پوءِ پري وڃي ڦھڪو ڪيائين.
    لوسيتانيا جھاز ھاڻ سڄو ٻڏي ويو ھو. سندس جاءِ تي فقط ھڪ ھلڪي دونھين جي لڪير نظر اچي رھي ھئي، جيڪا اولهه کان لڳندڙ ھوا جي زور تي پري ٿي رھي ھئي.
    انگلينڊ جي اخبارن ۾ اھا خبر آئي ته ماڻھن کي ماٺ لڳي وئي. آئرلئنڊ جي ڪناري تي رھندڙ مھاڻا پنھنجيون ٻيڙيون ۽ جھاز کلئي سمنڊ ۾ ٻاھر ڪڍي آيا ته جيئن زندھ بچڻ وارن جي ڳولا ڪري سگھجي، پر ھاڻي ھتي ڪير جيئرو ھو؟ جيڏانھن به نظر ٿي وئي ته لاش ئي لاش ترندا نظر ٿي آيا. پر ايڏي وڏي حادثي ھوندي ڪجهه ماڻھو اڃا زندھ ھئا.
    مدد لاءِ آيل جھازن ۽ ٻيڙين، انھن کي وڏي ھمت سان بچايو. ان سلسلي ۾ ڪجهه اھڙا به واقعا نظر آيا، جو ھر ھڪ اھو ٿي چاھيو ته: ”بيشڪ موت ۽ زندگي خدا جي ئي ھٿ ۾ آھي.“
    ھڪ نوجوان ڇوڪري مس پيوي پاڻيءَ ۾ ڪري ته سندس اسڪرٽ ڦوڪڻي وانگر اڀامي پيو ۽ ھوءَ چڱي دير ھن جي سھاري ترندي رھي ۽ ايتري ۾ امدادي ٻيڙي اچي پھتي ۽ امدادي ٻيڙيءَ جي عملي ھن کي بچائي ورتو.
    ٽئنڪر جھاز اڃا تيرھن ميل پري ھو ته، يو 20 سب مئرين جي سامھون اچي ويو ۽ ڪئپٽن شويگر ان کي آخري ٽارپيڊو ھنيو، پر خوش قسمتيءَ سان نشانو خطا ٿي ويو ۽ ٽئنڪر جھاز بچي ويو.
    ان بعد ان ٽئنڪر جي ڪئپٽن پنھنجي جھاز جو رخ ھڪدم موڙي ڇڏيو. ھن کي خيال آيو ته ڪنھن ڪوڙو ايس او ايس ڏئي ھنن کي ڦاسائڻ ٿي چاھيو.
    لوسيتانيا جي ٻڏڻ جي خبر آمريڪا پھتي ته جتي ڪٿي روڄ راڙو مچي ويو. ڪونارڊو ڪمپنيءَ جو جنرل مئنيجر اھا خبر ٻڌي غشيءَ جي حالت ۾ اچي ويو.
    آمريڪا جي سرڪاري ادارن ۾ به ھن خبر ڪري ڏک ڇانئجي ويو. آمريڪي سياستدانن جو رد عمل نھايت سخت ھو. ليڊي روزويلٽ پنھنجي بيان ۾ چيو:
    ”ان کي قتل عام ۽ سامونڊي ڦر جو واقعو سڏڻ کپي. سچ ته اھو آھي ته ظلم ۽ سنگدليءَ جو اھڙو خراب مظاھرو ان کان اڳ اڄ تائين نه ٿيو آھي.“
    نيويارڪ ۽ ڀر وارين رياستن ۾ ان موقعي تي غم وچان جھنڊا اڌ تائين چاڙھيا ويا.
    ان حادثي بعد ڪيترن ماڻھن اھو به چيو ته اسان ته اڳھين ٿي چيو ته ھي جھاز ٻوڙيو ويندو.
    بھرحال! ھن جھاز جي ٻڏڻ سان آمريڪا ۾ ھڪ طوفان مچي ويو. وڪٽوريا (ڪئناڊا) ۾ ھڪ ھجوم جرمن ڪلب تي حملو ڪري، ان کي ڊاھي رکيو. سمورو فرنيچر گڏ ڪري باھ کڻي ڏنائون.
    جيئرا بچڻ وارا جسماني طرح ڪمزور ٿي ويا. ڪيترا ته ھلڻ جي قابل به نه رھيا. بدن تي ڌڪن ۽ ڦٽن جا نشان ٿي پين. ڪيترن جون ٻانھون ڀڄي پيون ۽ ٽنگون خراب ٿي ويون.
    جرمنيءَ خلاف آمريڪا ۾ ڪيترا ئي ڏينھن مظاھرا ھلندا رھيا. ماڻھن جو اھو مطالبو ھو ته جرمنيءَ سان ھر قسم جا تعلقات ختم ڪيا وڃن. جيتوڻيڪ جرمني اھو بھانو ڏيندو رھيو ته، ان جھاز تي انگلينڊ لاءِ بارود کڄيو پئي ويو، ان ڪري اسان اھو جھاز نابود ڪيو.
    نه فقط ان جھاز کي نقصان رسايائون، پر ان قسم جون ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالھيون جرمن ڪندا رھيا. نتيجي ۾ اڳتي ھلي نيٺ آمريڪا به جرمنيءَ سان جنگ جو اعلان ڪيو.


    لکين سج لهي ويا، کيڙيندي کارو

    ماڻهن کي زوريءَ خلاصيءَ طور ڀرتي ڪري، جهاز تي وٺي وڃڻ جو رواج، غلامن جي واپار واري دور ۾ ڪيترائي سئو سال هليو. هيڏي سائنسي ترقيءَ جي باوجود اڄ به انسان سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کي واڳ وجهي نه سگهيو آهي. اڄ کان ٻه ٽي سئو سال اڳ- جڏهن جو هي سفر آهي، سامونڊي سفر اڄ کان هيڪاندو گهڻو اڻانگو ۽ ڏکيو هوندو هو، نه اڄ وانگر انجڻن تي هلندڙ هي آٽوميٽڪ جهاز هئا ۽ نه مهينن تائين کاڌي کي سٺو رکڻ لاءِ ”ڪولڊ روم“. جهازن تي نه مٺي پاڻي ٺاهڻ جون مشينون هيون ۽ نه طاقتور نيويگيشن جا اوزار، جيڪي سنوان سڌا رستا ٻڌائين.
    ان زماني ۾ جهاز چَپُن تي هلندا هئا. يا وري وڏن سڙهن تي. هڪ هڪ جهاز ۾ سوين ماڻهو/غلام/ قيدي/ شيدي قطار ۾ ٿي ويهندا هئا ۽ ڏينهن رات چپون هلائيندا رهندا هئا. خراب موسم ۾ ڀلي الٽيون ڪندا رهن يا کاڌي نه هئڻ ڪري بک ۾ پاهه ٿيندا رهن، پر جهازن جا مالڪ/ مالڪن جا ڇاڙتا/ ڪپتان ۽ انهن جا ماڻهو هنن کي رسي ۾ ٻڌي، چهبڪ هڻي، ماري ڪٽي هر حالت ۾ چَپُون هلرائيندا هئا. ٻيءَ صورت ۾ جهاز جي بيهڻ ڪري ٻڏڻ جو خطرو هو. ڪڏهن ڪڏهن کاڌو خوراڪ ختم ٿي ويندو هو ته به بک اڃ ۾ پڻ هنن کان ڪم ورتو ويندو هو ۽ منزل مقصود تائين پهچندي ڪيترائي موت جو شڪار ٿي ويندا هئا يا بک ۽ تڪليفن جو تاب نه جهلي، موقعو ملڻ تي يا ته خودڪشي ڪندا هئا يا وري جهاز تي ميونٽي (بلوو) ڪري جهاز جي مالڪن يا انهن جي ڇاڙتن يا پنهنجن ساٿين کي ماري، سندن گوشت کائيندا هئا. جيئن هن سفر ۾ آهي.
    سڙهه وارن جهازن ۾ به ساڳيون تڪليفون هيون. سڙهه ڦاٽي پوندا هئا يا هوا بند ٿي ويندي هئي ته پوءِ ڏينهن جا ڏينهن سمنڊ ۾ هڪ هنڌ پيا هوندا هئا يا طوفاني ڇولين جي نظر ٿي ويندا هئا.
    هي سفر ان زماني جو آهي، جڏهن يورپ جا ماڻهو سون، هيرن، عاج جي تلاش ۾ آفريڪا مان شيدي جهلي، ڏکڻ آمريڪا وڪڻڻ ويندا هئا يا آفريڪا ۽ آمريڪا جي مڪاني باشندن کي رم (شراب) ڏئي، کانئن مٿيون شيون حاصل ڪندا هئا. هي جهاز به شراب جا ڊرم کڻي پيرو (ڏکڻ آمريڪا) سون وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو.
    انهن ڏينهن ۾ رستو ڳولڻ لاءِ تارن ۽ سج کان مدد وٺبي هئي يا قطب نما ۽ سيڪسٽنٽ (Sextant) اوزار کان، قطب نما اوزار ٺاهڻ تمام آسان آهي، جنهن ذريعي طرفن جي خبر پوي ٿي. خاص ڪري اتر جي ڪنهن به چقمق جي ٽڪر کي وچ ۾ ڌاڳو ٻڌي لڙڪائبو ته ٽڪرو اتر ڏکڻ طرف منهن ڪري بيهندو. ٻن يا هڪ طرف جي خبر پئجي وڃي ته باقي طرف ڳولڻ سولا آهن. قطب نما به ان ئي اصول تي ٺهيل آهي. سيڪسٽنٽ اوزار اڄ به نيويگيشن ۾ استعمال ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي جهازن ۽ هوائي جهازن ۾ ڊيڪا، لورين ۽ سيٽلائيٽ نيويگيٽر جهڙا آٽوميٽڪ اوزار نڪري پيا آهن. سيڪسٽنٽ ذريعي ڪنهن به آسماني چنڊ، تاريخ، سج جو ائنگل (ڪنڊ) معلوم ڪبي آهي. پوءِ ٽرگناميٽري ذريعي ٽڪنڊي جون ٻيون ڪنڊون ۽ پاسا معلوم ڪري، اهو حساب لڳائي سگهجي ٿو ته، جهاز دنيا جي ڪهڙي هنڌ تي آهي ۽ مقرر وقت ۾ جهاز ڪيترو هليو؟ اهو مفاصلو ٽڪنڊي جو هيٺيون پاسو (Base) ٿيندو. بهرحال! اڄ جي دور ۾ هي حساب ڪتاب تمام سولو ڪم آهي، جنهن جون ڪيتريون ئي بنيادي جدولون (سائين، ڪوسائين فارمولا وغيره) اڄڪلهه هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ئي سيکاريا وڃن ٿا.
    گذريل زماني ۾ جهازن جي ڪئپٽن کي وڏي اٿارٽي هوندي هئي. هو ئي گهڻو ڪري جهاز جو مالڪ هوندو هو ته، جهاز تي چڙهيل سامان جو مالڪ/ واپاري پڻ. هو ئي انتظام هلائڻ ۽ سزائون ڏيڻ وارو جج هوندو هو ته، هو ئي جهاز هلائڻ، خاص ڪري نيويگيشن (رستو ڳولڻ) جو ڄاڻو هوندو هو ۽ هو ان رستي جي علم کي پاڻ تائين ئي محدود رکندو هو، جيئن ملاح ڊپ ۾ هجن ته ٻيلي ڪئپٽن جي هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويو ته سڀ رڃ ۾ رُلي وينداسون.
    چون ٿا ته واسڪو ڊي گاما جڏهن پهريون دفعو جهاز کي ڪيپ آف گڊ هوپ وٽ آندو ۽ هاڻي اڳتي هندستان جو گس ڳولڻ لاءِ وڌڻ وارو هو ته خراب سمنڊ ۽ موسم ڪري جهاز جي خلاصيتن ۾ ايڏي ته بيچيني پيدا ٿي پئي، جو واسڪو ڊي گاما کي مجبور ڪرڻ لڳا ته واپس وطن، يورپ ڏي هل. ان تي ڊي گاما جيڪو ڪري آيل پنڌ جو نقشو ٺاهيندو پئي آيو، تنهن کي ڦاڙي ڇيهون ڇيهون ڪندي چيائين: ”هاڻي واپس موٽڻ وڃڻ جو رستو فقط منهنجي دماغ ۾ ئي محفوظ آهي، ان ڪري توهان کي منهنجي راءِ مطابق اڳيان هندستان ڏي هلڻو پوندو. ان کان پوءِ توهان کي واپس وٺي هلندس.“
    اهو ٻڌي ملاح سڀ چپ ٿي ويا ۽ ڪنهن به واسڪو ڊي گاما جو نالو نه ورتو، جو هن کي مارڻ سان ماڳهين سڀ ئي ڏکيا ٿي ٿيا. پر هن سفر ۾ ملاحن ڪاوڙ ۾ اچي في الحال ته ڪئپٽن کي ماري ڇڏيو، پر پوءِ کين اڳتي هلڻ جو نه نقشو هٿ آيو ۽ نه رستي ڳولڻ جا اوزار.
    جهاز تي ڪئپٽن کان پوءِ ٻئي نمبر تي انچارج چيف آفيسر ٿئي ٿو. جنهن کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ”چيف ميٽ“ يا ٺلهو ”ميٽ“ (Mate) به سڏين. انهن ڏينهن ۾ اهو ضروري نه هو ته چيف آفيسر به ذري گهٽ ايترو قابل ۽ ڄاڻو هجي، جيترو ڪئپٽن جيئن ايمرجنسيءَ ۾ جهاز جي واڳ سنڀالي سگهي. نتيجي طور جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو حساب هو، جيئن هتي ڪئپٽن جي مرڻ بعد جهاز جو بورچي پاڻ کي ٺلهه تي ڪئپٽن سڏائي ويهي ٿو رهي.
    جهاز جو انتظام نه هجڻ ڪري، اهو نتيجو نڪتو ته، مشڪل وقت تي جهاز جا ماڻهو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ بدران هڪ ٻئي سان وڙهندا رهيا. لائيف بوٽس هوندي به بچي نه سگهيا، جو هر هڪ کي پنهنجي جان بچائڻ جي لڳي رهي.
    انسان سک جي حالت ۾ ته ماڻهپي ۾ رهي سگهي ٿو، پر ڏک، بک، اڃ، بيماريءَ ۾ ذهني سوچ سمجهه به وڃايو ڇڏي. انهيءَ ڪري سمنڊ يا سامونڊي سفر ۾ ڊسيپلين جي سختي ڪئي وڃي ٿي، جيئن اهڙي مشڪل وقت تي ذهني ۽ جسماني طرح تڪليف هوندي به جيتري قدر ٿي سگهي ته هو ڪنهن رٿيل اصول تي پابند رهي.
    هن کي اڳئين سفر ۾ پاڻيءَ ۽ کاڌي جي کوٽ هجڻ باوجود ڊسيپلين هيٺ هيترا سارا ماڻهو. عورتون مرد لائيف بوٽ ۾ سفر ڪندا رهيا، نه ته جهيڙو جهٽو جي ڪن ها ته بچيل پاڻي هڪ ڏينهن ۾ چٽ ڪري وجهن ها ۽ ايترا ڏينهن زندگي بچائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي نه سگهن ها. هو هر وقت هڪ کي ليڊر ٺاهي، ان جي حڪم جي پيروي ڪندا رهيا.
    سمنڊ ۾ جتي به ڪا وڏي ندي ڇوڙ ڪري ٿي ته سمنڊ جي ان حصي جو پاڻي مٺو ٿيو وڃي. خاص ڪري وير لهڻ مهل، يعني ان وقت سمنڊ جو پاڻي هيٺاهون ٿيو وڃي ۽ زور نٿو رهيس ۽ هوڏانهن درياءَ جو وهڪرو سمنڊ ۾ رستو ٺاهيندو، ڪيتري پنڌ تائين ڌوڪيندو اچي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ يڪدم نه ملڻ ڪري، اهو پاڻي ڪا دير ۽ ڪو پنڌ اصلي صورت ۾ رهي ٿو. يعني مٺو ۽ سوادي رهي ٿو. ان جو مثال بنگلاديش جي ڪرناڦلي ندي پڻ آهي، جنهن سان اسان جو واسطو پڙهائيءَ جي ڏينهن ۾ چٽگانگ ۾ پوندو هو. ڇوڙ وٽ ڪرناڦلي نديءَ جي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ ايڏو ته زور هوندو هو جو بنگالي سمنڊ ۾ ميلن تائين، سندس مٺو ۽ ميرانجهڙو پاڻي مٿان ترندو نظر ايندو هو ۽ ساڳي وقت وير چڙهڻ وقت سمنڊ جو کارو پاڻي نديءَ اندر ڌوڪي ايندو هو ۽ نديءَ جو ميلن تائين پاڻي کارو ٿي پوندو هو. بهرحال! هن سفر ۾ سمنڊ ۾ مليل مٺي پاڻيءَ جي وهڪري جو حساب ان ريت آهي ۽ ٽوني ۽ ڇوڪر کي سمنڊ ۾ مٺو پاڻي پيئڻ لاءِ ملي وڃي.
    اڄڪلهه جهاز آ’ٽوميٽڪ هوندي به ڪنٽرول روم (نيويگيشنل برج) ۾ اسٽيرنگ ويل لڳايو وڃي ٿو، جنهن ذريعي بندرگاهه ۾ ايندي ويندي وقت يا ايمرجنسيءَ ۾ هٿ سان سکان کان مرضي مطابق جهلي، جهاز جو رُخ موڙي سگهجي ٿو. پر اڳئين زماني ۾ ته سڄي سفر دوران هر وقت هڪ همراهه جهاز کي سڌو ڪرڻ لاءِ ان ڦيري (Wheel)/ سکان کي رستي مطابق جهلي بيهندو هو. عام زبان ۾ جهاز جي ان اسٽيرنگ ويل کي فقط ”ويل“ ئي سڏجي ٿو ۽ جهاز جي جنهن حصي/ ڪمري ۾ اهو لڳل هوندو آهي، ان کي ويل هائوس (۽ برج پڻ) چئجي ٿو.
    هي خوفناڪ سفر ميچل برنانوس جو بيان ڪيل آهي، جنهن کي پڻ ان جهاز جي ڪنهن بچيل مسافر ٻڌايو هوندو.


    ھڪ خوفناڪ سفر

    ھي خوفناڪ سامونڊي سفر ڪيئن شروع ٿيو؟ ان جي مون کي چٽيءَ طرح ياد ناھي. ان ڏينهن منهنجي ارڙھين سالگرھ ھئي. سج لٿي مھل دوست سان گڏ آءٌ شرابخاني ۾ پھتس، جتي ھڪ ٻئي پويان کوڙ گلاس شراب جا پي، پنهنجا ھوش حواس وڃائي ويٺس. صبح جي وقت ھوش آيو ته پنهنجو پاڻ کي کڙ کٻڙ تختن تي ستل ڏٺم. ستي ستي ڪنڌ گھمائي ڏسڻ سان وائڙو ٿي ويس. ساڄي پاسي کان انهن ٿلھن رسن جا ڍير رکيا ھئا، جيڪي گھڻو ڪري بندرگاھ ۾ ايندڙ جھازن جي ڊيڪ تي، آءٌ ڏسي چڪو ھوس. پوءِ ھوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪندو سڙهه نظر آيو ۽ منهنجو شڪ پڪ ۾ بدلجي ويو ته آءٌ ھڪ بحري جھاز جي عرشي (ڊيڪ) تي پيو آھيان. چئني پاسي، جيتري نظر وئي ٿي رڳو پاڻي ئي پاڻي نظر پئي آيو. ھراس ۽ ڊپ کان دل ٿي ٽٽي. ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ھيستائين ڪيئن پھتس؟
    ايتري ۾ ڪنهن جي پيرن جو کڙڪو ٿيو ۽ منهنجي خيالن جو سلسلو ڇڄي پيو. مون يڪدم کڻي اکيون پوريون ڄڻ ننڊ ۾ ھجان، پر ان جو ڪو فائدو نه ٿيو ۽ ٻي گھڙيءَ ڪنهن پاسراٽين ۾ زور سان ٿڏو ھڻي کھري لھجي ۾ حڪم ڏنو: ”ڪئبن بئاءِ! اٿ. اٿي کڙو ٿي. اسان کي ڊيڪ جي صفائي ڪرڻي آھي.“ پنهنجي ڳالهه پوري ڪري ھن ھڪ ٻيو ٿڏو ھنيو. آءٌ سور کان ڪنجھندو اٿي ويٺس. اڃا ڏڪندي ڏڪندي سڌو بيھڻ جي ڪوشش پئي ڪيم ته، ٻيھر حڪم مليو: ”رڌڻي ۾ وڃي بورچيءَ کي رڌ پچاءَ ۾ مدد ڪر.“
    مون کي ڪا ڄاڻ نه ھئي ته رڌڻو ڪٿي آھي؟ ماٺ ۾ وائڙن وانگر نهاريندو رھيس. مون کي حڪم ڏيندڙ، جيڪو شايد ميٽ (چيف آفيسر) ھو، ان کي باھ وٺي ويئي. ڪاوڙ ۾ سندس ڀوائتو مھانڊو ويتر ڊيڄاريندڙ ٿي ويو. زور سان پٽ تي پير ھڻي واڪو ڪري چيائين: ”ته اھا ڳالهه آھي، توکي منهنجو حڪم مڃڻو ناھي؟“ پوءِ پاسي کان بيٺل خلاصين ڏي نهاري کين چيائين: ”اڙي اھي رسيون ته کڻجو، ڏسون ته ھي ڇوڪرو منهنجو چوڻ ڪيئن نٿو مڃي.“
    آءٌ وائڙن وانگر ھن کي ڏسندو رھيس. ٻه ملاح رسا کڻي آيا، جن جي پڇڙين ۾ ڪجهه بار ٻڌل ھو. انهن کي منهنجي چيلهه جي چوڌاري ويڙھيو ويو. پوءِ ڪيترن ڄڻن مون کي جھلي مٿي کنيو ۽ ھيٺ سمنڊ ۾ لڙڪائي رسيءَ کي آھستي آھستي ڍر ڏني. سمنڊ ۾ تمام جوش ھو. پاڻيءَ جون ڇوليون گجي اڏائينديون جھاز سان اچي ٿي لڳيون. اھو حال ڏسي ڊپ ۽ ھراس کان مون کان رڙيون نڪري ويون، پر پٿر دل خلاصين جي دل کي ٿورو به جھٻو نه آيو. مون کي بي وسيءَ جي حالت ۾ ھٿ پير ھڻندو ڏسي، ماڳھين ٽھڪ ڏيڻ لڳا. مون جھاز جي نڪتل حصن کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي. آڱريون سڄيون ڦٽجي پيون، پر پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيس. آلاڻ ڪري منهنجا ھٿ ھر ڀيري ترڪي ٿي ويا. مايوس ٿي مون پنهنجو پاڻ کي قسمت جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    رسو آھستي آھستي ھيٺ گھرڪي رھيو ھو. منهنجي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ رھيل مفاصلو تکو تکو گھٽجن لڳو، تان جو منهنجا پير پاڻيءَ کي ڇھڻ لڳا. مون ڊپ کان اکيون کڻي بند ڪيون ۽ بدن سيٽي ڇڏيو. پاڻي جڏھن مٿي تائين پھتو ته مون ھڪ ڊگھو ساھ کڻي ڦڦڙن ۾ چڱي ھوا ڀري ورتي ۽ اھو ئي سوچيم ته پاڻيءَ ۾ اندر گھڙڻ وقت دير تائين ساھ جھلي سگھندس. پر سڀ اجايو ثابت ٿيو. اڌ چرين خلاصين رسو ڇڪي اھڙيون ته سٽون ڏنيون جو منهنجي سھپ جي قوت جواب ڏئي وئي ۽ ساھ سڪڻ لڳو. ساھ کڻڻ لاءِ مون لاچار وات کوليو. سمنڊ جو لوڻ ھاڻو کارو وِھ جھڙو پاڻي نڪ ۽ وات ۾ ڀرجي ويو. نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊا چڀڻ لڳا. ڦٿڪندي اکيون کوليم. پاڻي وڃڻ ڪري اھي به پوسرڻ لڳيون ۽ آڏو ڌنڌ اچي ويو. جسم سان گڏ جھڙو ذھن به پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو ۽ ڪجهه به خبر نه پئجي سگھي ته ڇا پيو ٿئي؟
    پوءِ جڏھن ھوش آيو ته پاڻ کي پينگھي جھڙي ھنڌ تي ستل ڏٺم. چوڌاري اوندھ ڏسي سمجھي ويس ته رات ٿي وئي آھي. ڪجهه فُٽن جي فاصلي تي ھڪ ڪام ۾ ٻڌل ڏيئو لڏي رھيو ھو. ان جي جھيڻي روشنيءَ ۾ مون ھڪ گھنجن سان ڀريل مُنهن وارو ھمراھ پنهنجي اڳيان بيٺل ڏٺو. ھن جي ننڍڙين اکين ۾ جيتوڻيڪ رحم ۽ ٻاجهه نه ھئي، پر ساڳئي وقت عياري ۽ لچائيءَ جو ڏيک به نه ھو. مون کي اکيون ڇنڀيندو ڏسي، ھن چيو: ”ڇوڪرا توکي آخر ھوش اچي ويو! اٿ، اٿي ماني کاءُ. گھڻي دير تائين پيٽ کي خالي رکڻ نقصانڪار آھي. ٽن ڏينهن بعد توکي ھوش آيو آھي. تنهنجي قسمت سٺي ھئي جو گوڙ ٻڌي، ڪئپٽن مھل تي پھچي ويو ۽ توکي ٻاھر ڪڍيو ويو، نه ته خلاصين تنهنجو ساھ ڪڍڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي ھئي. ھاڻي سيگھه ڪر، اٿي ويهه. مون کي رڌڻي ۾ ھڪ مددگار گھرجي سو تون مون سان گڏ رھ.
    ”آءٌ جھاز ۾ پھتس ڪيئن؟“ ڊڄي ڊڄي سوال ڪيومانس.
    ”توکي ياد نٿو اچي ته تو ھڪ ڇپيل پني تي صحي ڪري سال جو معاھدو ڪيو آھي. توسان گڏ ھڪ دوست به ھو، پر ھو توکي ڪئپٽن جي حوالي ڪري ھليو ويو.“
    دوست جو لفظ ٻڌي مون کي اوچتو سالگرھ واري شام ياد اچي ويئي. يڪدم سمجھي ويس ته پئسن جي لالچ ۾ حرام خور دوست مون کي جھاز تي ڇڏي ويو ۽ ھنن ماڻھن نشي جي حالت ۾ مون کان معاھدي تي صحي ڪرائي ورتي. ھاڻي ڇا ٿي سگھيو ٿي؟ زھر جا ڍڪ پي ماٺ ڪري ويھي رھيس. پوڙھو ملاح منهنجي ذھني ڪيفيت کان بي خبر، پنهنجيءَ ئي ٻولي ٻوليندو رھيو: ”پاڻ سون جي ڳولا ۾ پيرو پيا ھلون. انگريز ۽ اسپيني ماڻھن سان ڦڏو نه ٿيو ته شايد منزل تي پھچي وڃون.“ پوءِ ھو مون کي ھٿ کان جھلي رڌڻي ۾ وٺي آيو، جتي چوڌاري گندگي پکڙي پئي ھئي ۽ ٿلھا ٿلھا ڪينئان ۽ جيت پئي ھليا. پوڙھي بورچيءَ جو نالو ٽوني ھو. هن سوپ ۽ ڊبل روٽي مون کي کائڻ لاءِ ڏني ۽ پوءِ اتي ئي ھڪ پينگھي جھڙي ھنڌ تي سمھاري ڇڏيو.
    آءٌ ٽونيءَ سان جلد ئي ھري مري ويس. ھو گھڻ ڳالھائو، ھر ڳالهه مُنهن تي چوڻ وارو ۽ مٿي ڦريل ضرور ھو، پر ٻين وانگر پٿر دل ۽ ظالم نه ھو. منهنجو چڱيءَ طرح خيال ٿي رکيائين. ھڪ دفعو خلاصين مون کي وري تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ھن کڻي چاقو ڪڍيو ۽ مقابلي لاءِ سندن آڏو آيو. ھو ھيءَ حالت ڏسي چپڙي ڪري ھليا ويا. ان کان پوءِ مون کي تنگ ڪرڻ جي ڪنهن کي ھمت نه ٿي ۽ آءٌ ٽونيءَ سان گڏ رڌڻي ۾ مزي جا ڏينهن گذارڻ لڳس.
    ھڪڙي صبح جو اک کلي ته خلاف معمول چوڌاري ماٺ ئي ماٺ ھئي. ٽوني اڃا ستل ھو. ھو به اوچتو ڀڻڪندي اٿيو ۽ ھنڌ تان ٽپ ڏئي، رڙ ڪندي چيائين: ”مار پويس بيھي رھي.“ ۽ پوءِ مون کي جاڳندو ڏسي چيائين: ”توکي ڪجهه آواز ٻڌڻ ۾ اچي پيو؟“
    آءٌ حيرت مان ھن جي منهن ڏي ڏسڻ لڳس. ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ھو ڪھڙي شيءِ بابت پڇي رھيو آھي؟ مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي چيومانس: ”نه، مون کي ته ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. ڪھڙي شيءِ آھي؟“
    ”ھاڻ ته ڏاڍي ڳالهه ٿي. بس ڦاسي وياسين جو ھوا بند ٿي وئي آھي. پاڻ سمنڊ جي جنهن حصي ۾ آھيون، اتي پاڻيءَ ۾ صفا چرپر ناھي ۽ ھيءَ حالت ڪيترا ئي ڏينهن، ھفتا، ڪڏھن ڪڏھن ته مھينو سوا به ھلي سگھي ٿي.“
    ٽونيءَ جو انومان بلڪل صحيح ثابت ٿيو. جھاز ھڪ ئي ھنڌ تي ائين ڄمي بيٺو، ڄڻ لنگر ڪيرائي بيٺا ھجون. اسان کي اٺ ڏينهن کن ھوا جي انتظار ۾ گذري ويا، پر اميد ڪنهن طرح به پوري نه پئي ٿئي. گرمي روز بروز سھڻ کان ٻاھر ٿيندي وئي ۽ ملاحن ۾ بي چينيءَ جا آثار پيدا ٿيڻ لڳا. خبر ناھي اھي گرميءَ جا آثار ھئا يا ماني ٽڪي ۽ پاڻيءَ جي اڻ ھوند جا نتيجا، جو سڀني جا چپ ۽ مھارون سڄي سڄي چيرجي پيون ھيون. ڪئپٽن ان مصيبت وارو وقت ڪٽڻ لاءِ رم (شراب) ورھائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن جو ھن وٽ وڏو ذخيرو ھو. ھن قيمتي شراب جي بدلي ۾ ھن کي پيروءَ جي جھنگلي قبيلن کان سون وٺڻو ھو. لڳاتار ٻه چار ڏينهن رم ورھائڻ سان ان جو ذخيرو گھٽ ٿيڻ لڳو ۽ ڪئپٽن ان جي وڌيڪ ورھائڻ تي بندش وجھي ڇڏي.
    چاليھين يا ايڪيتاليھين ڏينهن ٽماٽا سڙي ڍونڍ ٿي پيا. ھي ئي ھڪ کاڌو ھو، جيڪو اڃا سڙڻ کان بچيل ھو. منجھس ايڏي ته اچي ڌپ ٿي جو ڪئپٽن فيصلو ڪيو ته سڀ ٽماٽا سمنڊ ۾ اڇلايا وڃن، پر ڪجهه به نه ھجڻ کان ته ھي سڙيل ٽماٽا چڱا. ڪجهه ڏينهن ته پيٽ جو دوزخ ٿڌو ٿي سگھندو.
    ڪئپٽن ڪيڏو سمجھاين ته ان سان بيماري پکڙبي، پر ھنن اڇلڻ نه ڏنا. آخر ھن کي پنهنجو ئي حڪم رد ڪرڻو پيو. جيڪي خلاصي بک کان ھيڪاندا بي حال ھئا، سي انهن سڙيل ٽماٽن مٿان وڃي ڪريا ۽ کين بنا ڌوئڻ يا پچائڻ جي کائڻ لڳا. ٿوري دير به نه ٿي ھوندي جو ھنن جي پيٽ ۾ سور جون سَٽون اڀرڻ لڳيون ۽ فرش تي کَرڙيون ھڻي ھڻي مرڻ لڳا. ھن نظاري کان باقي خلاصي سراپجي ويا ۽ ايترو ڊنا جو ڪئپٽن ھنن جي سامھون سڀ ڳوڻيون اڇلائي ڇڏيون ته به ڪو اکر به نه ڪڇيائون.
    ٽونيءَ اٽي جي ھڪ ڳوڻ لڪائي رکي ھئي. اسان ٻئي ڄڻا ڏھاڙي لڪي لڪي ان مان پيٽ ڀريندا ھئاسين. ھڪ اڌ دفعو مون ڪوشش ڪئي ته ان مان ٻين کي به کائڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ٽونيءَ مون کي دڙڪا ڏيندي سمجھايو ته خبردار جو ان جي ڳالهه ڪنهن سان به ڪئي اٿئي! ھڪ ڳوڻ مان اسان سڀني جو پيٽ ڀري نه سگھنداسين. اھي ڏينهن توکان وسري ويا، جڏھن انهن سوئر جي ڦرن توکي رسيءَ سان ٻڌي سمنڊ ۾ اڇلايو ھو. مون کڻي ماٺ ڪئي.
    جھاز کي ھڪ ئي ھنڌ بيھندي ھاڻي پنجيتاليهه ڏينهن ٿي ويا ھئا ۽ گذريل ٽن ڏينهن کان ڪنهن کي به نه ماني نصيب ٿي ھئي ۽ نه پاڻيءَ ڍڪ. بک ۽ اڃ کان سڀ چريا ٿي پيا ھئا. ڪئپٽن کي رم جي ڏاڍي اؤن ھئي. ھن ان جي چوڪيداريءَ ۾ ڪا اوڻائي نٿي ڇڏي. پر ھڪ رات خلاصي ڪھاڙين ۽ لٺين سميت رڙيون ڪندا اچي رم تي ڪريا ۽ شراب جا پيپ جھاز جي ڊيڪ تي کڻي آيا. ٽوني ۽ آءٌ اھو منظر رڌڻي جي روشندان مان ڏسي رھيا ھئاسين. لالٽين جي ھلڪي روشنيءَ ۾ ھنن جا منهن ھيبتناڪ نظر اچي رھيا ھئا. ھيڻائيءَ کان اکيون اندر گھڙي ويون ھين ۽ پري کان فقط ٻه کوپن جا نشان نظر ٿي آيا.
    شراب پي ھو ھل مچائڻ لڳا. ڪجهه ته خنجر ڪڍي ٻين ساٿين کي ڊيڄارڻ لڳا ۽ ڌمڪائڻ لڳا. ٽونيءَ رڌڻي جو دروازو بند ڪيو ۽ چيو:
    ”اڄ رات ضرور ڪو نه ڪو حادثو ٿيندو ئي ٿيندو. اسان کي ھوشيار رھڻ کپي.“
    ان ئي وقت ڪئپٽن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اسان وري اچي روشندان اڳيان بيٺاسين ۽ ٻاھر ليئو پائي ڏٺوسين. شراب ۾ مست خلاصي چاقو گھمائي رھيا ھئا ۽ باقاعدي ھڪ ٻئي سان مقابلو ڪري رھيا ھئا. نشي جي گھڻائيءَ ۽ حواسن تي ضابطو نه ھئڻ ڪري، ھو پنهنجو پاڻ کي سنڀالي نه پئي سگھيا. دانهون ڪوڪون ٻڌي ڪئپٽن پنهنجي ڪئبن مان نڪري آيو ھو. ھن جي ٻنهي ھٿن ۾ پستول ھئا. ھن کين دڙڪا ڏنا ۽ ماٺ ڪري ويھڻ جو حڪم ڏنو. خلاصي ماٺ ٿي ويا، پر اھا ماٺ گھڻو دير ھلي نه سگھي. ھڪ ڦڙتيءَ سان اوچتو چاقو اڇلايو، جيڪو ڪئپٽن جي ڳچيءَ ۾ کپي ويو ۽ رت جو ڦوھارو وھڻ لڳو. ڪئپٽن کي گھوماٽ وٺي ويئي، پر ھن ڪرندي ڪرندي ٻنهي پستولن کي ڇوڙي ورتو، جن مان ھڪ گولي ھڪ ھمراھ جو پيٽ چيري رکيو ۽ ھو به دانهون ڪري ڊيڪ تي ڍيري ٿي پيو.
    رت ڏسي خلاصين تي جنون طاري ٿي ويو. انهن ڪئپٽن کي جھلي مٿي اڇلايو ۽ ھاڻ کيس سمنڊ ۾ اڇلائڻ وارا ھئا ته ھڪ رڙ ڪري چيو:
    ”اڙي متان سمنڊ ۾ اڇلايوس. ان کي کائي ته ڏسو. واھ جو گوشت ھوندو.“
    گھڙي کن لاءِ سڀ ماٺ ٿي ويا. ان کان پوءِ چرين وانگر ڪئپٽن جي لاش تي ائين ڳجھن وانگر اچي لڙيا جو کن پل ۾ ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائون. ڪئپٽن جو گوشت کائڻ کان پوءِ ھنن وحشين جي بک اڃا به وڌي ويئي. ھنن جو ڌيان پنهنجي زخمي ٿيل ساٿيءَ ڏي ويو. ھنن جي بکايل نظرن جو تاب نه جھلي ھو دانهون ڪوڪون ڪري رحم لاءِ منٿون ڪرڻ لڳو، پر ڪنهن به ھن جي نه ٻڌي. ڪيترن مضبوط ھٿن ھن کي کڻي سوگھو ڪيو ۽ جيئري جاڳندي ماڻھو کي چيري ڦاڙي حصا ڪري ڇڏيائون. ھي وحشتناڪ نظارو ڏسي آءٌ ته ڏڪي ويس. ڪراھت کان دل ڪچي ٿيڻ لڳي. روشن دان بند ڪري پري وڃي ويٺس.
    ٻئي ڏينهن آءٌ ٻنپھرن تائين ستو رھيس. اک کلي ته گذريل رات وارو وحشتناڪ نظارو اکين اڳيان ڦرڻ لڳو ۽ منهنجي دل ٻڏڻ لڳي. ھن دوزخ مان ٻاھر نڪرڻ جي ڪابه صورت نه ھئي. اھو سوچيم ته ھاڻ جلد يا دير سان منهنجو ئي وارو ايندو ۽ ھي وحشي مون کي چيري ڦاڙي ڇڏيندا. اھو سوچيندي منهنجي بدن ۾ سيڪارو پئجي ويو ۽ اندر مان ھڪ آھ نڪتي. ٽوني روشندان تي چنبڙيو بيٺو ھو. آءٌ اٿي وڃي روشندان تي بيٺس.
    خلاصي وري شراب نوشيءَ ۾ مست ھئا. انسان جي گوشت ۽ شراب ھنن جي معدي ۾ باھ ٻاري ڏني ھئي. ھو ان کي وسائڻ لاءِ اڃا وڌيڪ شراب پيٽ اندر اوتڻ لڳا. پر اڃ مرڻ يا باھ اجھامڻ بدران ويتر وڌڻ لڳي. رکي رکي ھنن جانورن وانگر دانهون ٿي ڪيون. ڪيترن ملاحن بي مستيءَ جي عالم ۾ کڻي سمنڊ ۾ ٽپ ڏنا ۽ پنهنجي جان کان ھٿ ڌوئي ويٺا.
    ٽوني ڪا دير ماٺ ۾ ھو. اوچتو ھن منهنجي پٺي ٺپيندي چيو: ”ڏٺئي نينگر! انسان چريو ٿيو پوي ته ھن جي حالت پاڳل ڪتي کان به خراب ٿيو وڃي. ھنن جي زبان انساني رت جو چسڪو وٺي ڏٺو آھي، ھن وقت سندن پيٽ ڀريو پيو آھي، ان ڪري دانهن ڪوڪن ۾ لڳا پيا آھن. ٿوري دير کان پوءِ بک ستائيندن ته وري ھڪ ٻئي کي چيرڻ ڦاڙڻ ۾ لڳي ويندا. الله ڄاڻي ته ھيءَ نڀاڳي ھوا وري ڪڏھن لڳندي.“
    وحشي خلاصي ڪنهن وقت به اسان تي اوچتو حملو ڪن، ان خطري کي اڳواٽ منهن ڏيڻ لاءِ اسان رڌڻي جون سڀ دريون دروازا ۽ روشندان بند ڪري ڇڏيا. ٻنپھرن جي وقت، گرميءَ جي تپش ۽ گھٽ سھڻ کان ٻاھر ٿي وئي. ٽونيءَ اٿي ھڪ دري کولي. ڊيڪ ويران حال ۾ ھو. سج جي تپش کان بچڻ لاءِ ملاحن اندر ڇانو ۾ وڃي پناھ ورتي ھئي. ڪپئٽن جون ھڏيون اڃا تائين ڊيڪ تي پيون ھيون. اس جي ڪري ڪاراٽجي ويون ھيون ۽ ڌپ بوھاڙا ڏئي اچي رھي ھئي. دري کلي ته ساھ کڻڻ به ڏکيو پئي لڳو. آخر ٽونيءَ کان سٺو نه ٿيو. باردي کڻي اٿي بيٺو ۽ چيو: ”ڪلاڪ اڌ لاءِ اھا ئي حالت رھي ته ھن ڍونڍ ۾ پنهنجو دماغ ڦاٽي پوندو ۽ چريا ٿي پونداسين. آءٌ ٻاھر وڃي ڊيڪ ٿو صاف ڪريان. دروازو کولڻ کان اڳ ھن ھڪ پستول ۽ خنجر چيلهه جي پٽي ۾ ٻڌو. مون به ھن سان گڏ ھلڻ لاءِ زور ڀريو. ڏاڍي مشڪل کان پوءِ مڃيائين ۽ ھڪ ڀريل پستول منهنجي حوالي به ڪيائين.
    ٻاھر سخت گرمي ھئي. ڊيڪ تپي ٽانڊو ٿي پيو ھو. اسان جا پير سڙي رھيا ھئا، پر اسان پرواھ نه ڪئي. باردين سان سمنڊ مان پاڻي ٻاھر ڇڪي ڊيڪ تي ھاريوسين. ٽونيءَ رت جا ڪارا ٿي ويل داغ ڌوئي صاف ڪيا. پوءِ ھڏيون کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ وارو ھو ته گدام جي دروازي وٽ ويٺل ھڪ خلاصيءَ ڏاڙھيو: ”خبردار! انهن کي ھٿ نه لائجانءِ. اھو منهنجو کاڌو آھي.“ ان سان گڏ ھو لوھي بانٺو لوڏيندو ٽونيءَ کي مارڻ لاءِ وڌيو.
    ٽوني ھن اوچتي حملي کان ڏڪي ويو. ھن کي پستول ڪڍڻ جو موقعو به نه ملي سگھيو. مون يڪدم پنهنجو پستول ڪڍي بنا ڪجهه سوچڻ سمجھڻ جي مٿس فائر ڇوڙي ڏنم. گولي ان وحشيءَ جي پيشانيءَ ۾ ٽنگ ڪندي ٻئي پاسي کان نڪري وئي ۽ ھو ڪنهن قسم جي دانهن ڪرڻ بنا اتي ئي ڦان ٿي ڪري پيو. ٽونيءَ رڙ ڪئي: ”شاباس بهادر ڇوڪرا! تون نه ھجين ھا ته ھي خبيث منهنجو ميڄالو ڪڍي رکي ھا ۽ منهنجي لاش تي ھي دعوتون ڪن ھا. خير اٿ ته ھن کي پاڻيءَ ۾ اڇلايون. ٻين کي خبر پوندي ته ھن کي به کائڻ شروع ڪري ڏيندا.“
    اسان ٻنهي ڄڻن گڏجي لاش کي سمنڊ ۾ اڇلايو ۽ ماٺ مٺوڙي ۾ بورچي خاني ۾ موٽي آياسين، جتي ٻاھر جي مقابلي ۾ چڱي خاصو ٿڌڪار ۽ سڪون ھو. پوءِ اسان دروازو ۽ روشندان بند ڪيو ۽ سمھڻ لاءِ ليٽي پياسين.
    کاڌي پيتي جي گوڙ شور ۽ ھنبوشيءَ جي آواز کان اک کلي ته رات ٿي چڪي ھئي. ٽونيءَ ڄاڻي واڻي لالٽين نه ٻاريو جو خطرو ھو ته متان روشني ڏسي وحشي ٽولن جو ڌيان اسان ڏي ڇڪجي. روشندان کان ٻاھر ليئو پائي ڏٺم ته خلاصي ھڪ ڊرم جي چوڌاري ويھي جام مٿان جام پيا خالي ڪن. مون پنهنجن سڪل چپن تي ڄڀ ڦيرائي ھنن ڏي سڪڻين نگاھن سان ڏٺو. اسان جي پاڻي ۽ اٽي جو ذخيرو ڪجهه ڏينهن ٿيا جو ختم ٿي چڪو ھو ۽ ھاڻي اڃ ۽ بک کان حالت خراب ھئي. گھڻي دير بيٺو به نٿي ٿيو. جلد ئي پنهنجي ھنڌ ڏي موٽي آيس. ٽونيءَ کي ٻڌائڻ سان ورڻو ڪجهه به نه ھو. ھن جي حالت به مون کان ڪا لڪل ڪانه ھئي. ھو منهنجي مدد به ڪھڙي ٿي ڪري سگھيو؟
    رات ڊيڄاريندڙ خواب ڏسندي گذري. صبح جو سوير ڇت تي ٽپ ٽپ جا سنها آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ڄڻ سوين ٻليون پنهنجن چنبن سان ڇت کرڙي رھيون ھجن. ٽوني ڪجهه دير لاءِ ڇت تي ڪن رکي غور سان ٻڌو، پوءِ ھنڌ تان ٽپ ڏئي، خوشيءَ مان نچي چوڻ لڳو: ”مينهن بابلا مينهن!“ ھن ڦڙتيءَ سان دروازو کوليو. اسان ٻئي ٻاھر نڪري ڊيڪ تي اچي پٺن ڀر سمھي رھياسين ۽ وات کولي چرين وانگر مينهن جي بوند سان پنهنجي اڃ اجھائيسين. ان وقت ھنن خوني ملاحن کان اسان کي تِر جيترو به ڊپ نه لڳو.
    اسان وانگر ٻيا به مينهن مان مزو وٺي رھيا ھئا. اڃ لھڻ کان پوءِ ھنن سڙھ کولڻ شروع ڪيا ۽ سفر جو سانباھو ڪيو. ماڻھن جي کوٽ ۽ ڪمزوريءَ جي کين تڪليف ٿي رھي ھئي. ٽوني دير لاءِ ماٺ ڪيو ھي تماشو ڏسندو رھيو. آخر ھن کان رھيو نه ٿيو ۽ اٿي ھنن کي ھمراھي ڪرائڻ لڳو. موسم سٺي ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ ھو پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڏک سور وساري، ھنن سان رلي ملي ويو. مون کي ھڪ رول ڪَڪر وانگر ھن جي پيروي ڪرڻي پئي.
    اڌ ڪلاڪ بعد مينهن جھليو ۽ ھلڪي ھلڪي ھوا چرڻ لڳي. دلين ۾ خوشين جي لھر ڊوڙڻ لڳي ۽ سڀ مستن وانگر نچڻ لڳا. اوچتو ٽونيءَ مون کي ڪلھي کان ڇڪي چيو: ”ايتري خوشي ڪھڙي ڳالهه جي؟ مصيبتون ختم ته نه ٿيون آھن. ھاڻ پاڻ کي جھاز کي صحيح رستي تي آڻڻو آھي. اچو ته سکان (اڄ جي نيويگيشنل برج) تي ھلي ڏسون ته اتي ڇا پيو وھي واپري؟“
    چارٽ روم ۾ ميٽ (چيف آفيسر) اسان کان اڳھين موجود ھو. ھن پنهنجي سامھون ميز تي نقشا پکيڙي رکيا ھئا. اسان اندر گھڙياسين ته ھن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ حيرت مان اسان کي ڏسڻ لڳو. ٽونيءَ ٿڌو ساھ کڻندي چيو:
    ”شل ڪئپٽن جي حالت تي الله رحم ڪري.“
    ھن جي لھجي ۾ ٽوڪ ھئي. ميٽ ان ئي وقت جواب جو جواب ڏنو: ”۽ تنهنجي حالت تي به.“ ان کان پوءِ ٻئي ماٺ ٿي ويا. پوءِ ميٽ ماٺ کي ختم ڪندي چيو: ”تون ڪئپٽن سان گڏ ڪيترن سالن کان ھن سمنڊ تي سفر ڪندو رھيو آھين؟ اھا خبر اٿئي ته ڪئپٽن ھن سمنڊ جا نقشا ۽ جھازرانيءَ جا اوزار ڪٿي رکندو ھو؟“ ھن ڀيري سندس ڳالھائڻ جو لھجو اميد جي خلاف تمام نرم ۽ شريفاڻو ھو.
    ”نقشي تي پھرين ھن جاءِ جو ته نشان لڳاءِ، جتي ھن وقت بيٺا آھيون.“
    ”نشان ڪيئن لڳايان؟“ ميٽ مسڪين منهن ٺاھيندي چيو. ”ھي ته نقشو ئي ڪو نئون آھي، جيڪو مون کي ته سمجهه ۾ ئي صفا نٿو اچي ۽ بنا اوزارن جي جھاز جي پوزيشن ڪيئن ٿو لھي سگھان؟“
    ”سج ۽ تارن جي مدد سان.“
    ”واھ ڙي واھ.“ ميٽ ٽونيءَ جي اکين ۾ گھوريندي چيو، ”ھن جھاز تي تارن جو علم اچي ئي ڪنهن کي ٿو؟“
    ”آءٌ تنهنجي مدد ڪري سگھان ٿو.“
    ٽونيءَ جو جواب ٻڌي، ميٽ جون اکيون تعجب کان ڦاٽي ويون. ھن کي شايد پنهنجي ڪنن تي يقين نه پئي آيو. پاڻ ٽونيءَ کان پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو، پر ٽونيءَ پنهنجي کيسن ۾ ھٿ وجھي ڏاڍي آرام سان تماڪ چٻاڙيندي، بي نيازيءَ سان چيو: ”آءٌ تارن جي مدد سان طرفن جو اندازو لڳائي سگھان ٿو. مون کان سواءِ توھان ڪڏھن به پنهنجي منزل ماڻي نه سگھندئو. توھان جي مدد ڪرڻ ۾ مون کي ڪو به اعتراض ناھي، پر منهنجو ھڪ شرط آھي. آءٌ ھن جھاز جو ڪئپٽن ٿي رھندس.“
    ”ڪئپٽن.... تون؟“ ھي عجيب شرط ٻڌي ميٽ حيرت مان کڻي ڇرڪ ڀريو. مٺيون ڀيڙي منهن ۾ گھنج آندائين.
    منهنجي دل تکي تکي ڌڙڪڻ لڳي. ڪٿي مار ڪٽ تائين نوبت نه پھچي. پر ٽوني ھن جي ڪمزوريءَ کان واقف ٿي چڪو ھو. پھرين وانگر ھو خاموش ۽ بي نياز بيٺو رھيو. ھن کي ميٽ جي ڪاوڙ جي ڪا پرواھ نه ھئي. ميٽ ڪجهه سيڪنڊ ته ھن کي ماٺ ڪري گھوريندو رھيو، پوءِ ڪاوڙ کي جھلي ٿوري کھري لھجي ۾ چيائين:
    ”ٽوني! تنهنجو دماغ ته جاءِ تي آھي نه؟“
    ”منهنجو دماغ صحيح آھي يا خراب، ان سان تنهنجو ڪھڙو واسطو؟ وڃ، ڀلي پنهنجي باقي ساٿين سان صلاح ڪري اچ. ھن وقت جھاز گول ڦيري جي صورت ۾ چڪر ھڻي رھيو آھي. منهنجي مدد کان سواءِ توھان ھتان نڪري نه سگھند ئو. تون جيڪڏھن منهنجو نائب ٿي رھين ته مون کي ڪوبه اعتراض نه آھي.“
    ميٽ ڪجهه چوڻ لاءِ منهن کوليو، پر ٽونيءَ کي بي تعلق ڏسي کڻي ماٺ اختيار ڪيائين ۽ ٻاھر نڪري ويو. ھن جي وڃڻ سان ئي ٽوني چوڻ لڳو: ”پھريون مرحلو ته خير خوبيءَ سان طئي ٿي ويو. تارن جو علم ڪنهن گڏھ کي ٿو اچي؟ ماٺ ڪري ڏسندو وڃ ته ڇا ٿو ٿئي. الله گھريو ته پاڻ جلد ئي ڪنهن نه ڪنهن بهاني ھنن جا ھٿيار به گڏ ڪري وٺنداسين.“
    ٿوري دير کان پوءِ ميٽ آيو ۽ پري کان ئي رڙ ڪري چيائين:
    ”ٺيڪ آھي چيف، منهنجي ساٿين توکي ڪئپٽن چونڊيو آھي، پر ھنن کي فقط نائب مقرر ڪرڻ تي اعتراض آھي!“
    ”اعتراض......!“ ٽونيءَ سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو: ”انهن کي ٻڌائي ڇڏ ته مون کي جي ڪئپٽن چونڊيو اٿو ته پوءِ منهنجو حڪم ھلندو. آءٌ ٻين کان صلاح وٺڻ جو عادي نه آھيان.“
    ھي جواب ٻڌي ميٽ جي وات مان ٻي ڪا ڳالهه نه نڪتي. ماٺ مٺوڙي ۾ ڪنڌ جھڪائي ھليو ويو. انهيءَ دوران واءُ به تکو ٿيندو ويو ۽ جھاز خطرناڪ حد تائين ھڪ طرف جھڪندو ويو، پر ڪنهن کي به ھن نازڪ موقعي ۽ مونجھاري جو احساس نه ھو. ٽوني ڪي گھڙيون چپ چاپ سوچيندو رھيو، پوءِ ڀوپو (لائوڊ اسپيڪر)وات تي رکي زور سان حڪم ڏنو:
    ”وچيون سڙھ ويڙھيو وڃي.“
    ڊيڪ تي موجود خلاصي پھرين ته نٽائڻ لڳا، پر پوءِ آخر کين حڪم مڃڻو پيو ۽ اھڙيءَ طرح ٽوني پنهنجو پاڻ کي ڪئپٽن ٺاھي ورتو، جيتوڻيڪ ھن کي جھازرانيءَ جو الف به ڪونه ٿي آيو.
    ڏينهن خيريت سان گذري ويو. رات آئي، ٽوني اندازي سان ھڪ جرڪندڙ تاري کي ڌيان ۾ رکيو، جنهن جي سڌ ۾ جھاز ھلندو رھيو. اسان ٻنهي اھا رات ڪئپٽن جي سھڻي، ويڪري ۽ آرامده ڪئبن ۾ گذاري.
    صبح جو اک کلي ته ڪئبن ۾ آءٌ اڪيلو ھوس. ٽونيءَ جو ھنڌ خالي ھو. جھاز اھڙا ته لوڏا کائي رھيو ھو جو دماغ ٿي ڦريو. روشندان مان ليئو پائي ڏٺم ته چوڌاري غضبنام لھرون گجي اڏائينديون نظر آيون. اسان طوفان جي گھيري ۾ اچي چڪا ھئاسين. آءٌ ڪنٽرول روم ڏي ڀڳس، خيال ھوم ته ٽوني اتي ھوندو.
    ڊيڪ ڏي ويندڙ دروازو مضبوطيءَ سان بند ھو. ان کي کولڻ لاءِ مون کي چڱو خاصو زور لڳائڻو پيو. ٻاھر نڪتس ته اوچتو ھڪ وڏي لھر جھاز سان ٽڪرائي. جھاز جھوٽا کائڻ لڳو. آءٌ پنهنجو پاڻ کي سنڀالي نه سگھيس ۽ وڃي ڦھڪو ڪيم ۽ پاڻيءَ جي ڇولن سان گڏ ڊيڪ تي گھلبو ويس. وڏي ڪوشش سان پاڻ کي جھلي ورتم ۽ برج تي پھتس. ٽوني اتي به نه ھو. ھيڏانهن ھوڏانهن ڳوليومانس. آخر ھو ڊيڪ واري ويل ھائوس ۾ مليو، جتي جھاز جو ڦيٿو (اسٽيرنگ ويل) جھليو بيٺو ھو.
    طوفاني ھوائن جي ٿڦڙن اڳيان جھاز ھڪ بي وس ڪک وانگر لڙھي رھيو ھو. جبلن جيڏيون ڇوليون رکي رکي جھاز مٿان چڙھي ٿي ويون ۽ اسان سڄا آلا ٿي وياسين. ٽونيءَ جي سامھون اچي به ان اڳيان پھچڻ سولو ڪم نه ھو. مون ڏھ يارھن دفعا ڪوشش ڪئي، پر ھڪ ٻئي پويان لڳندڙ ڇوليون ڀت وانگر آڏو ٿي پيون ۽ آءٌ ڊڄي پٺيان موٽي ٿي ويس. ٽوني رڙيون ڪري مون کي ڪجهه چئي رھيو ھو، پر واءُ ۽ لھرن جي گوڙ ۾ ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. مون دل نه لاٿي ۽ ٽونيءَ تائين پھچڻ جي ڪوشش جاري رکي. آخر ھڪ ڇول منهنجا پير ڪڍي ڇڏيا ۽ آءٌ اڇل سان وڃي ٽونيءَ اڳيان ڪريس. ٽوني بل ڏئي منهنجو ھٿ جھلي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو ۽ آءٌ سمنڊ ۾ ڪرڻ کان بچي ويس. ٿوري دير بعد سامت ۾ آيس ته ٽونيءَ چيو: ”ڇوڪر! تون صحيح وقت تي اچي نڪتو آھين. ھن طوفان ۾ ڦيٿي کي جھلي بيھڻ مون اڪيلي جي وس جي ڳالهه ناھي. مون کي ھمراھي ڪراءِ.“
    ھوا ڄڻ گجگوڙون ڪري رھي ھئي ۽ سمنڊ جي ڪروڌ ۾ اڃا به واڌارو ٿي رھيو ھو. مرڪزي سڙھ وارو کوھو ھوا جو وڌيڪ زور جھلي نه سگھيو ۽ اوچتو ٻه ٽڪر ٿي ڪري پيو ۽ اسان ٻئي ڦيٿي کي چھٽي پياسين، پر اھو ذري ذري اسان جي ھٿن مان ڇٽائجي پئي ويو. ڪلاڪ کن کان پوءِ ميٽ جي شڪل نظر آئي. ٽونيءَ ھن کي پنهنجي جاءِ تي بيھاريو ۽ اسان ساھي پٽڻ لاءِ ڪئبن ڏي ھليا آياسين. اتي ھن ٻڌايو ته صبح سوير ھڪ ملاح سندس پٺي ۾ خنجر ھڻڻ جي جيئن ئي ڪوشش ڪئي ته ھن يڪدم ان کي جھلي اھڙي ته خبر ورتي جو ھاڻ سڀ سڌا ٿي بنا ڪنهن انڪار جي حڪم مڃي رھيا آھن.
    آلا ڪپڙا لاھي اڃا ويٺا ئي مس ھئاسين ته اوچتو زور سان ڌڌڪو ٿيو ۽ ان بعد ٿوري ٿوري دير بعد ٻيا به ٽي چار ڌماڪا ٿيا.
    ”خدا خير ڪري.“ ٽوني ٽپ ڏئي اٿي بيٺو. ”لڳي ٿو ته پاڻيءَ جون ڇوليون ڊيڪ وارا ڪمرا پاڻ سان گھلي ويون آھن.“
    ھن اڳيان وڌي پنهنجي ھنڌ ھيٺان ھڪ رسي ڪڍي، جنهن جو ھڪ پاسو پنهنجي چيلهه سان ٻڌو ۽ ٻيو منهنجي ھٿ ۾ ڏئي چيو: ”پھرين آءٌ ٻاھر ٿو وڃان، تون ڏاڪڻ وٽ بيھي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان جھلجانءِ. ڪنهن مضبوط جاءِ تي پھچي پوءِ توکي مٿي ڇڪي وٺندس.“ ڊيڪ جو در کولي ٻاھر ليئو پاتم ته ٽونيءَ جو خيال صحيح نڪتو. ڊيڪ تي جيڪا رھائش ھئي، تنهن جو ھاڻ نالو نشان به نه بچيو ھو. اڳيون سڙھ وارو کوھ طوفان جي دٻاءَ ڪري سڄو چٻو ٿي ويو ھو. ٽونيءَ ھڪ ڪچي گار ڏني ۽ پوءِ مون کي حڪم ڏنائين ته ھيٺان وڃي ڪھاڙو کڻي اچان. ھن جو خيال ھو ته شايد اڳيون سڙھ سميت ڏنڊو ڪپڻ سان طوفان جو دٻاءُ جھاز تان گھٽجي ويندو. مون ڪھاڙو کڻي اچي کيس ڏنو. ھو پاڻيءَ جي لھرن سان زور آزمائي ڪندو آھستي آھستي اڳئين سڙھ تائين پھتو.
    ڊيڪ تي بيھڻ ۾ ئي ڏکيائي ٿي ٿي. پر ھو پنهنجي ڪم ۾ لڳو رھيو. رسيون وڍڻ کان پوءِ ڏنڊي کي ڪھاڙي سان ھڪ ٻه ڌڪ مس ھنيا ھوندائين ته اوچتو ٻه ملاح ظاھر ٿيا ۽ دانهون ڪري ھن ڏي وڌيا. شايد ھن کي وڍڻ کان جھلي رھيا ھئا ۽ پوءِ ڪا دير ھڪ ٻئي سان زباني جھيڙو ڪندا رھيا. اوچتو ھڪ جبل جيڏي ڇولي آئي ۽ ائين لڳو ڄڻ سڄي جھاز کي غرق ڪري وئي. آءٌ ڊپ کان اکيون بند ڪري رسيءَ کي زور سان جھلي ڏاڪڻ ھيٺان ٿي ويس.
    ٿوري دير کان پوءِ اکيون کولي ڏٺم ته ٽوني ڏنڊي کي زور سان چنبڙيو پيو ھو ۽ پاڻيءَ جون لھرون ميٽ ۽ ملاح کي پاڻ سان ڇڪي ويون ھيون ۽ ھو بي وسيءَ جي عالم ۾ سمنڊ ۾ ھٿ پير به ھڻي رھيا ھئا ته غوطا به کائي رھيا ھئا. ڏسندي ئي ڏسندي ھڪ وڏي لھر ڊيڪ ڏي وڌي. ٿوري دير لاءِ ميٽ ۽ سندس ساٿي سمنڊ جي مٿاڇري تي اڀري پوءِ ھميشه ھميشه لاءِ سمنڊ جي ھيٺاھين تهه ۾ لڙھي ويا.
    لھرن جو آخري زور ڀڳو ته ٽوني ٻيھر پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. اوچتو اڳيون سڙھ چرچر ڪري ڌماڪي سان اچي ھيٺ ڪريو. آءٌ ان سمنڊ جو نظارو ڪرڻ ۾ محو ھوس. ھاڻ جو ھن ڏي ڏٺم ته ھينئون ٻڏي ويو. منهنجو پوڙھو ھمدرد اتي موجود نه ھو. ٻڏندڙ دل سان رسيءَ کي ڇڪون ڏنم پر ٻئي پاسي کان ڪو جواب نه مليو. مون کي ڊپ لڳو ته ڪٿي ٽوني سڙھ جي ڏنڊي ھيٺان اچي دٻجي مري نه ويو ھجي.
    ڊيڪ تي ڇولين جو لڳاتار حملو اڃا تائين جاري ھو. ڏاڪڻ ھيٺان نڪري ھن کي ڳولڻ جي ھمٿ به ڪانه ٿي ٿي. اوچتو رسيءَ کي سٽ آئي. آءٌ يڪدم خبردار ٿي ويس ۽ آھستي آھستي رسي ڇڪڻ لڳس ۽ پوءِ ٻئي پوڇڙ کان ٽوني ظاھر ٿيو. ھن کي ائين ڍير ڏسي مون کي شڪ ٿيو ته شايد مري چڪو آھي، پر پوءِ ھن جو سينو اڀامندو ۽ سسندو ڏسي مون کي به ساھ پيو. ھو جيئرو ھو پر في الحال بيھوش ھو. ھن جي مٿي مان رت وھي رھيو ھو. مون وڏيءَ مشڪل سان ھن کي ڇڪي ڪئبن تائين آندو ۽ ھن جي چيلهه مان رسو کولي ھنڌ تي سمھاريومانس.
    مٿي جو ڌڪ ايڏو اونهو نه ھوس. رت صاف ڪري پٽي ٻڌيمانس. پوءِ شراب جا ٻه چار ڦڙا سندس وات ۾ وڌم. ڪجهه ڪلاڪن بعد ھن اکيون کوليون، پر انهن ۾ اھا جرئت نه ھئي. ھن جا حواس اڃا چڱيءَ طرح بحال نه ٿيا ھئا. مون کيس زوريءَ ٿورو ٻيو به شراب پياريو، پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. ھو پھرين وانگر ستو رھيو ۽ خالي خالي اکين سان ھيڏانهن ھوڏانهن جو جائزو وٺي، مون کي گھورڻ لڳو.

    ڏينهن گذرندا رھيا. منهنجي بي وسي ۽ لاچاريءَ تي ذري ذري اکين ۾ ڳوڙھا تري ٿي آيس. ڪيترا ڏينهن گذري ويا ھئا جو ھڪ تولو به کاڌي جو پيٽ اندر نه ويو ھو. ڪنهن نه ڪنهن طرح رڌڻي ۾ پھتس. اتي ھر طرف سڃ لڳي پئي ھئي. ٿانو ڀڳا ۽ ٽڙيا پکڙيا پيا ھئا. خلاصين ڪابه شيءِ صحيح سلامت نه ڇڏي ھئي. ڪنڊ ڪنڊ ڪري ڳولڻ جي باوجود ڪابه شيءِ کائڻ لاءِ نه ملي. اوچتو طوفان جي گوڙ شور ۾ پستول ڇٽڻ جو آواز آيو. روشندان مان ليئو پائي ڏسان ته ڊيڪ تي ڏهه ٻارھن خلاصي ھڪ لائيف بوٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ ۾ نبيرو ڪري رھيا ھئا. زندگي ۽ موت جي ھيءَ جنگ اڃا تائين جاري ھئي ته ھڪ لھر آئي ۽ سڀني کي ٻيڙي سميت گھلي وئي. ان ئي مھل ھڪ ٻئي سڙھ جي ڏنڊي ڌماڪي سان اچي ھيٺ ڊيڪ تي ڦھڪو ڪيو ۽ جھاز لاٽونءَ وانگر گھمڻ لڳو. مون کي زندگيءَ ۾ ڪڏھن به اھڙن حادثن سان واسطو نه پيو ھو، پر ان ھوندي به سمجھي ويس ته جھاز ڪنهن ڪن ۾ ڦاسي پيو آھي.
    ڪئبن ۾ پھتس ته ٽوني ھنڌ تي اٿي ويٺو ھو. خدا جو شڪر ادا ڪيم. ھاڻ ھو بلڪل چڱيءَ طرح ھوش ۾ ھو. مون مختصر لفظن ۾ سڀني واقعن کان کيس آگاھ ڪيو. ڪُن ۾ ڦاسڻ جي خبر ٻڌي ھو ڏڪي ويو ۽ اکيون مھٽيندي چيائين: ”اسان طوفان اندر اچي ويا آھيون. ڇا توکي پڪ آھي ته ھن وقت جھاز تي پاڻ ٻن کان سواءِ ٻيو ڪوبه بني بشر ناھي؟“
    مون ڪنڌ ڌوڻي ھائوڪار ڪئي. ھو ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ چيائين: ”پاڻ کي ھتان جھٽ نڪرڻ جي ڪا تدبير ڪرڻ کپي.“
    ھن کي ٿاٻڙندو ڏسي، مون کي خيال آيو ته ھي ويچارو پوڙھو ۽ ڪمزور ساٿي ڪڏھن به ڊيڪ تائين پھچي نه سگھندو، پر منهنجو اندازو غلط ثابت ٿيو. پوڙھي ۽ ٿڪ ۾ بيحال جسم ۾ خبر ناھي ڪٿان ايتري سگهه اچي وئي، جو ھو نه فقط پاڻ اٿي ھليو، پر مون کي به سھارو ڏيڻ لڳو. اسٽيرنگ ويل ھيڏانهن ھوڏانهن پنهنجي مرضيءَ سان تکو گھمي رھيو ھو. ٽونيءَ ھن کي جھلڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ يڪدم پٺٽي موٽي آيو ۽ چيائين: ”دير ٿي وئي. ھاڻي سئو ماڻھو گڏجي به ھن ڦيٿي کي جھلي نه سگھندا.“
    جھاز آھستي آھستي طوفان جي اک ۾ ئي اچي رھيو ھو ۽ ايترو ته گھوماٽجي ۽ لڏي رھيو ھو جو اسان ڊيڪ کي ئي چھٽيا پيا ھئاسين. ايتري ۾ خوفناڪ ڌماڪو ٿيو ۽ شايد باقي بچيل سڙھ ڏنڊي سميت سمنڊ ۾ وڃي ڪريو. خوش قسمتيءَ سان ان سان گڏ ھوا جو دٻاءُ ھڪدم گھٽجي ويو ۽ جھاز جيڪو پھرين لاٽونءَ وانگر گھمي رھيو ھو، ھاڻي آھستي آھستي لڏڻ لڳو. اسان سک جو ساھ کنيو پر جھاز سڄو ڌڏي رھيو ھو ۽ جنهن پاسي اسين ھئاسين، ان پاسي کان ھيٺاھون ٿي ٻڏڻ لڳو. ٽونيءَ رڙ ڪئي:
    ”جھاز ٿو اونڌو ٿئي. رسين کي جھلي ٻئي طرف پھچڻ جي ڪوشش ڪر، جيڪو مٿاھون آھي، نه ته بچڻ جي ڪا اميد نه رھندي.“
    رسين جي مدد سان اسان جلدي ئي ٻئي پاسي پھچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. مون کي ترڻ صفا نٿي آيو، پر ان وقت اھڙي ڳالهه به ذھن ۾ نه آئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھيءَ سڄي ڪارگذاري مون سان نه، پر ڪنهن ٻئي ماڻھوءَ سان ٿي رھي ھجي. ٽوني جي گڏ نه ھجي ھا ته آءٌ ڪڏھوڪو ٻڏي وڃان ھا. ھن مون کي جھلي ورتو ھو ۽ منهنجو منهن پاڻيءَ کان مٿي ڪڍي رکيو ھو. پوءِ ترندي ھڪ ڪاٺ جي ٽڪري ڏي وڌيو، جيڪو چڱي فاصلي تي ھو. اوچتو منهنجي اکين اڳيان ڪوھيڙو ڇانئجي ويو ۽ مون اڌ بيھوشيءَ جي حالت ۾ جھاز ڏي آخري نظر وڌي. مون کي پنهنجي اڳيان پويان جي ڪا خبر نه رھي.
    ھوش آيو ته چئني پاسي اوندھ ھئي. ڪجهه خبر نٿي پئي ته آءٌ ڪٿي آھيان؟ پوءِ سمنڊ جي گجگوڙ ۽ ھوا جي سيسراٽ ان تلخ حقيقت جو احساس ڏياريو ۽ گذري ويل خوفناڪ لمحن جي ياد ذھن ۾ تازي ٿي وئي. آءٌ سڙھ جي ٿلھي لڙھي سان رسيءَ ذريعي ٻڌل ھوس ۽ ڪنهن به قسم جي چرپر ڪري نٿي سگھيس. ٽوني ڪٿي به نظر نه پئي آيو. مون ھن جو نالو کڻي سڏ ڪيو، پر پاڻيءَ جي گوڙ گڙڪي ۾ منهنجو آواز ڄڻ دٻجي ٿي ويو. اڪيلائيءَ جي زھر ڀريل احساس رڳن ۾ خوف جون لھرون ڊوڙائي ڇڏيون ۽ آءٌ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس.
    روئڻ سان اندر جو بار ته ھلڪو ٿيو، پر پوءِ بک ۽ سيءُ ورائي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڦڙ ڦڙ وسڻ لڳي. مون وات کڻي کوليو، جيڪو اڃ کان پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي رھيو ھو. مينهن جھليو ته آسمان تي تارا ٽمڪڻ لڳا. ھوا جي گھٽجڻ ڪري ڪجهه ٺارُ به گھٽيو، پر تنهن ھوندي به منهنجو جسم ۽ دماغ سيءَ کان ٺري کيرو ٿي پيو ھو. نيم غنودگيءَ جي عالم ۾ ائين محسوس ٿي رھيو ھو، ڄڻ منهنجو جسم ھوائن ۾ اڏامي رھيو ھجي ۽ آءٌ جنت ۾ داخل ٿي رھيو ھجان.
    خيالن جي دنيا مان نڪتس ته روشني پکڙجي رھي ھئي. سمنڊ به ھاڻ سانتيڪو ٿي رھيو ھو. ڪنڌ موڙي پويان کڻي ڏسان ته ٽوني سڙھ جي ڏنڊي جي ٻي ڪنڊ تي چھٽيو پيو ھو. ھن جون اکيون بند ھيون ۽ بيھوش ٿي لڳيو. مون کيس سڏ ڪيا، جيئن مون ڏي نهاري، پر ڪجهه به ھڙ حاصل نه ٿيو. پوءِ دل ۾ خيال آيو ته ڪنهن طرح رڙھي ھن جي ويجھو وڃجي، مگر ڪيئن؟ سمنڊ جي پاڻي لڳڻ ڪري رسي اڀامي پئي ھئي ۽ ھاڻي ڳنڍيون کولڻ ناممڪن ڪم ھو. پنهنجو پاڻ کي جيئرو ڏسي ٿوري دير اڳ جا خوشي ٿي ھئي، سڀ ڌوڙ ۾ ملي وئي. سمنڊ جي ظلم ۽ غضب بعد ھڪ ٻيو ڪوڙڪو ڳچيءَ ۾ ڦاسي ويو ھو، جنهن مان آزادي ملڻ جي ڪا صورت نظر نٿي آئي. سڙھ جي ٿلھي ۽ کھري ڏنڊي سان چھٽندي ڪيترا ئي ڪلاڪ گذري چڪا ھئا. ڇاتي ۽ پاسراٽي سور کان ڏکوئجي رھيون ھيون. ساھ کڻڻ ۾ به تڪليف پئي ٿي، پر صبر کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ته نه ھو.
    پري پري پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه پئي آيو. ڏينهن جي روشني ڳاڙھاڻ سان شروع ٿي. ٽونيءَ کي ھوش اچي چڪو ھو. آءٌ پنهنجي رسيءَ جون ڳنڍيون کولڻ لڳس. آخر چڱيءَ جدوجھد کان پوءِ رسيءَ جون ڳنڍيون کولي ورتم ۽ آھستي آھستي سري ٽونيءَ جي ويجھو آيس.
    اسين ٻئي ماٺ ۾ ھئاسين. گرمي ايتري ته وڌي ويئي جو ڄڻ ته بدن جي کل ٿي سڙي ۽ اسان ذري ذري سمنڊ ۾ غوطو ٿي ھنيو. ھڪ ته بک ۽ اڃ ۾ باھ ٿي رھيا ھئاسين، مٿان وري ھن ورزش ھڻي اڌ مئو ڪري رکيو.
    شام ڌاري ھڪ ٻه وڏيون شارڪ مڇيون نظر آيون. اسان سمجھيو ته ڄاڻ ته ھو اسان کي چيرڻ ڦاڙڻ آيون، پر خوش قسمتيءَ سان ھو پاسو ڏئي لنگھي ويون. ٿي سگھي ٿو ڪنهن ٻئي قسم جون مڇيون ھجن ۽ ماڻھوءَ تي حملو نه ڪنديون ھجن. رات جي اونداھيءَ ۾ ڪي ڪي اھڙيون مڇيون به ترندي نظر آيون، جن مان کير جھڙي روشني ٿي نڪتي، پر تمام ھلڪي ھلڪي. قدرت جون ھي عجيب شيون ڏسندي ڏسندي اک لڳي وئي.
    ٽونيءَ جي آواز تي سجاڳ ٿيس ته صبح ٿي چڪو ھو. مون کي ٽونيءَ جو ان ريت جاڳائڻ بنهه نه وڻيو. ھن مون کي اھڙي ننڊ مان کڻي سجاڳ ڪيو ھو، جنهن ۾ نه بک جو احساس ھو ۽ نه اڃ جي پيڙا. گذريل سڀ ڏک درد وسري ويا ھئا. صبح جي اڀرندڙ سج ۾ مون ذرو به دلچسپي نه ورتي. ڪمزوريءَ ڪري اکين اڳيان تارا نظر اچي رھيا ھئا. چوڌاري سمنڊ جو پاڻي ڏسي، اڃ جو احساس ھيڪاندو وڌي ويو. ٽونيءَ منهنجي اھا حالت ڏسي چيو: ”پٽ! سمنڊ جي پاڻيءَ سان پنهنجا چپ کڻي آلا ڪر، اڃ جي تڪليف ڪجهه گھٽ ٿي ويندي. پر خبردار رھجان!، متان سمنڊ جي پاڻيءَ جو زھر جھڙو ڍڪ ڀري وٺين.“
    مون ھن جي نصيحت تي عمل ڪندي ھٿن سان چپ آلا ڪيا پر گرڙي ڪرڻ مھل پنهنجو پاڻ کي قابو ۾ ڪري نه سگھيا ۽ پاڻيءَ جو ڍڪ پي ورتم. پر ھي ڇا؟ نڙيءَ ۾ نه ڪنڊا چڀڻ شروع ٿيا ۽ نه وري ساڙو. پاڻي اميد جي خلاف لوڻ کان پاڪ ھو - پاڻي حد درجي جو مٺو ھو جھڙو پيئڻ جو پاڻ وٽ ڪناري تي ٿئي. آءٌ پنهنجو وات پاڻيءَ ۾ وجھي غٽ غٽ پاڻي پيئڻ لڳيس.
    ٽوني وائڙن جيان ڏسڻ لڳو. ھن سمجھيو ته منهنجو دماغ خراب ٿي پيو آھي. پر پوءِ لڳاتار پاڻي پيئندو ڏسي پاڻ به مون وانگر پيئڻ لڳو. جڏھن ٻنهي پاڻي پي ڍؤ ڪيو ته ان معجزي بابت مون ٽونيءَ کان پڇيو.
    ھن ڪلھن کي لوڏو ڏيندي چيو، ڪڏھن وڏو درياءَ جڏھن سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪندو آھي ته وھڪري جي زور ڪري اھو درياءُ سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملڻ کان اڳ ڪافي پري تائين پنهنجو رستو ٺاھي وھندو رھندو آھي. لڳي ٿو ته پاڻ ڪنهن درياءَ جي ڇوڙ وٽ آھيون ۽ جي واقعي ڪو درياءُ ويجھو آھي ته معنيٰ زمين به ويجھي ٿي.
    ٻنپھرن مھل اڻ چٽا جبل نظر آيا ۽ پوءِ ڪيتريون ئي ٻيڙيون پري کان ترنديون نظر آيون، پر اسان ڇولين جي مٿان ستل ڪنهن کي نظر نه اچي سگھياسين. ڪجهه ڪلاڪن بعد جھرڪيون اڏامنديون نظر آيون، جنهن مان پڪ ٿي وئي ته آبادي ويجھي آھي، جو اھو پکي اھڙو آھي جيڪو گھر ۾ ئي رھي سگھي ٿو. پر جي ڪا آبادي نه به ھوندي، ته به مڇين تي به گذاريو ڪري وٺنداسين - ھن سمنڊ جي عذاب کان ته بچي وينداسين.
    رات جو اسان ترندا ھڪ کاريءَ (Narrow Creek) مان وڃي نڪتاسين ۽ صبح جو ھڪ وارياسي ڪناري تي پاڻ کي ستل ڏٺوسين.
    اسان جي سامونڊي سفر جي اھا آخري گھڙي ھئي. ان بعد ڪناري تي ھڪ نئين زندگي شروع ٿي. اھو ڪنارو جيڪو ھڪ ٻيٽ ھو، جنهن تي رھندڙن جي زبان اسان لاءِ اوپري ھئي ۽ ماڻھو نوان ھئا، پر وقت سان گڏ اسان انهن سان رلي ملي وياسين. شاديون ڪيوسين، ٻچا ٻار ٿيا. يورپ جا ماڻھو نئين دنيا جي ڳولا ۾ لڳا رھيا، غلامن جو واپار ھلندو رھيو، جھاز ھلائڻ لاءِ زوريءَ ملاح ۽ نوڪر چڙھندا رھيا، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا جي ميدانن ۽ جھنگلن تي قبضو جاري رھيو، جھنگ وڍڻ ۽ پوک لاءِ اوڀر آفريڪا مان شيدي غلام ايندا رھيا، آمريڪا کنڊ ۽ ڀر وارن ٻيٽن جي اصلي رھاڪن کي ماري ڪٽي يا ڀڄائي يورپين پنهنجيون ڪالونيون ٺاھيندا رھيا...


    غوطا خوري ۽ ٽوٻو

    جڏھن شڪار ڪندڙ، شڪارين مان ڦري پاڻ ئي شڪار ٿي پوندا آھن ته پوءِ ڪي ٿورڙا ئي خوش نصيب بچندا آھن، جيڪي ھن قسم جو اکين ڏٺو احوال ٻڌائي سگھن. ھيءَ ڪھاڻي پڻ ھڪ سچي ڳالهه آھي، جا سمنڊ ۽ ان جي ھڪ ٻئي جوکائتي پھلوءَ سان واسطو رکي ٿي، جيڪا آسٽريليا جي مشھور غوطا خورSkin Diver روڊني فاڪس کي درپيش آئي. کيس ان سچي ڪٿا تي ريڊرس ڊائجسٽ طرفان فرسٽ پرسن ايوارڊ پڻ ملي چڪو آھي.
    ھڪ دفعي جپان جي ھڪ اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ داخل ھوس. منهنجي ڀر واري کٽ تي ھڪ غوطا خور علاج ھيٺ ھو. ھو ھڪ اليڪٽرانڪ ڪمپنيءَ جو وڏو آفيسر ھو ۽ غوطا خوري سندس وندر ھئي. تازين موڪلن ۾ شڪاڪو ٻيٽ وٽ غوطا خوري ڪندي ھن کي پاسراٽين ۾ ڌڪ لڳي ويا ھئا.
    ھيءَ ڪھاڻي پڙھڻ بعد پڙھندڙن جي ذھن ۾ به شايد ساڳيو سوال اڀري جيڪو منهنجي ذھن ۾ مٿين ھمراھ جي حادثي جي ڳالهه ٻڌي اڀريو ته ماڻھو آخر غوطا خوري ڪن ڇو ٿا؟
    جواب ھرڪو اھو ئي ٿو ڏئي ته مھم جوئي ۽ ائڊوينچر جي شوق ۾. جيئن ماڻھو جبلن تي چڙھن ٿا، پوءِ ڪرندا جھرندا پيا پر پچر نه ڇڏيندا. ويندا وڏي کان وڏي جبل جي چوٽي پار ڪندا يا جيئن ماڻھو شڪار ڪرڻ جي شوق ۾ جھنگ جھاڳيندا وتندا آھن.
    غوطا خور پاڻ سان ھوا جو سيلينڊر کڻي پوءِ سمنڊ ھيٺ وڃن ٿا، جيئن پاڻيءَ اندر ساھ کڻندا رھن. پر ھيءَ ڪھاڻي ھڪ اھڙي غوطي خور جي آھي، جيڪو مڇيون ڦاسائڻ جي مقابلي ۾ بنا سيلينڊر جي سمنڊ اندر ويو. ان ڪري ھن کي ھڪ ئي وقت ٽي ڪم ڪرڻا پيا: ترڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ، آدمخور مڇيءَ سان مقابلو ڪرڻ ۽ اٽورجڻ کان بچڻ لاءِ ذري ذري مٿي اچي ساھ جو بندوبست ڪرڻ.
    غوطا خوري وندر ۽ مھم جوئيءَ کان علاوهه آرٽ ۽ ھنر پڻ آھي. سڌريل ملڪن ۾ غوطا خوري سيکارڻ جا اسڪول ۽ ادارا ائين آھن، جيئن اسان وٽ سبڻ ڀرڻ، درزڪي، واڍڪي، ويلڊنگ ۽ مڪينڪ وغيره جا.
    سمنڊ ۾ اندر گھڻي دير رھي جھازن جي ”آب دوز ويلڊنگ“
    ڪرڻ ۽ جھازن جي پکن ۾ ڦاٿل رسا ڪڍڻ جھڙا ڪم ٽوٻن جي حوالي ڪيا ويندا آھن. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ پڻ نيويءَ کي پنهنجا بهترين ٽوٻو آھن. ان کان علاوه ڪيترا ئي نجي کاتا پڻ آھن، جيڪي ضرورت وقت غوطا خور مھيا ڪن ٿا ۽ اھي ”فراگ مين“ سڏجن ٿا.


    مرندي مرندي بچڻ

    ان ڏينهن ڏکڻ آسٽريليا جو ساليانو مقابلو ٿي رھيو ھو. مقابلي ۾ چاليھه غوطا خور حصو وٺي رھيا ھئا، جن کي سمنڊ اندر ٽٻي ھڻي ڀالي سان مڇيون مارڻيون ھيون. آءٌ پڻ انهن مان ھڪ ھوس. پروگرام موجب اھو مقابلو ڏسڻ لاءِ منهنجي زال به ھلڻ ٿي چاھيو، پر جيئن ته ھوءَ پيٽ سان ھئي ۽ پھرين ٻار ڄڻڻ ۾ باقي ڪي ھفتا وڃي بچيا ھئس، سو ڊاڪٽر کيس سختيءَ سان جھليو ھو ته گھڻي ھل چل نه ڪري.
    مقابلي واري ڏينهن آءٌ صبح ساجھر روانو ٿيڻ لاءِ تيار ٿي زال کان موڪلائڻ آيس، جنهن کي جيتوڻيڪ نه ھلڻ جو ڏک ھو پر مجبور ھئي ۽ غمگين صورت ٺاھي مون کي در تائين ڇڏڻ آئي.
    ھينئر آءٌ سوچي رھيو آھيان ته ڊاڪٽر جي اھا صلاح ڪنهن پر مون سان به لاڳو ھجي ھا. ٻن ڪلاڪن بعد پوري اٺين وڳي آءٌ ”الڊنگا“ پھچي ويس، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي ٽاڪرائون حصو آھي ۽ جتي اھو مقابلو پوري نائين وڳي ٿيڻو ھو. آءٌ جلد ان ڪري پھتو ھوس ته جيئن ان ھنڌ واري سمنڊ جو حصو اڳواٽ جانچي ڇڏيان ته ڪٿي اندر ٽڪريون ۽ پھڻ آھن ۽ ڪٿي تري ۾ سامونڊي واڻراھ ۽ گاھ گوچر آھي، جيئن مقابلي وقت اھي شيون ڌيان ۾ رکي لس ئي لس ترندو رھان.
    الڊنگا بيچ پاڻيءَ جي ھڪ جنت آھي، جنهن اندر سامونڊي گھاٽا ٻيلا آھن - جتي ھر قسم جون مڇيون مانگر ۽ ٻيا سامونڊي ساھوارا سڪون سان رھيل آھن ۽ مون جھڙي ٽوٻو شڪاريءَ لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻيو ڪو بهتر شڪار گاھ نه ھوندو.
    مقابلي ۾ حصو وٺندڙ مون سميت چاليهه ڄڻا ھئا. پوري وقت تي پنهنجن رٻڙ جي ڪپڙن ۽ مڇيءَ جھڙن وڏن بوٽن، شيشي جي دريءَ واري عينڪي کوپي، ساھ کڻڻ لاءِ رٻڙ جي نڙانڊي، بار ٻڌل پٽي ۽ ڀالي ھڻڻ واري بندوق سميت تيار ٿي اچي بيٺاسين ۽ مقابلي لاءِ ريفريءَ سيٽي وڄائي.
    ھر ھڪ کي مقابلي لاءِ پنج ڪلاڪ ھئا، جنهن ۾ سمنڊ اندران مڇيون ماري کاريون ججن اڳيان رکڻيون ھيون. پوءِ جنهن جي گھڻي تور ٿئي ۽ جيڪو مڇين جا جھجھا قسم ماري.
    منهنجي کٽڻ جو وڏو آسرو ھو. ان ڪري جو ھن کان اڳ به ٻن سالن جا لاڳيتا مقابلا کٽيندو آيو ھوس. آءٌ پنهنجي زال سان واعدو ڪري نڪتو ھوس ته ھي منهنجي زندگيءَ جو آخري مقابلو ھوندو. منهنجو مطلب ھو ته ھن سال به پھرئين نمبر تي چيمپئن ٿي، پوءِ عزت سان رٽائرڊ ٿيندس. ان کان پوءِ ڪڏھن ٻنهي جي دل ٿي ته ائين شوق خاطر غوطا خوري کڻي ڪبي، ٻيو مڙوئي خير.
    آءٌ ان وقت ٽيويھن سالن جو ھوس ۽ ان مقابلي لاءِ ڪيترا ئي مھينا مون سکيا ورتي ۽ مشق ڪئي ھئي. اسان آزاد نموني جي غوطا خوري ڪندا ھئاسين. منهنجو مطلب آھي ته پاڻ سان ساھ کڻڻ لاءِ ھوا جا سيلينڊر يا ٻي شيءِ کڻڻ بنا سمنڊ جي اندر ويندا ھئاسين. مون ايترو ته ساھ پچايو جو سمنڊ اندر ٽٻي ھڻي سئو فٽ کن ھيٺ تائين پھچي ويندو ھوس ۽ پوءِ اتي بنا ڪنهن تڪليف جي ھڪ منٽ کن ترسي سگھندو ھوس.
    ريفري جي سيٽي وڄائڻ سان اسان پاڻ کي سمنڊ اندر کڻي ڇڏيو ۽ سڀني مڇين پٺيان وٺ پڪڙ لاھي ڏني.
    ھر ھڪ ماڻھوءَ پنهنجي چيلهه ۾ ٻڌل بيلٽ ۾ رسي ذريعي پلاسٽڪ جو ھڪ وڏو ڇٻو ٻڌي ڇڏيو ھو، جيئن ڦاسايل مڇيون ان ۾ گڏ ڪيون وڃن. مڇيءَ کي ڀالو ھڻڻ سان اسان اھا ڪوشش ٿي ڪئي ته زخمي مڇي جھٽ پٽ ان ڇٻي ۾ وڌي وڃي، جيئن مڇيءَ جو گھٽ کان گھٽ رت سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ وڃي. اھا خبرداري ان ڪري ڪرڻي ٿي پيئي جو رت جي ڌپ تي متان ڪا وڏي بکايل مڇي - شارڪ جھڙي، پريان اونهي سمنڊ مان ھيڏانهن ھلي اچي - جيڪي ڏکڻ آسٽريليا جي ڪناري وٽ عام جام ڦرندي ملن ٿيون. شارڪ کان علاوه ھتي ھلندڙ ٻيون وڏيون مڇيون ايڏيون ويڙھاڪ قسم جون نه آھن ۽ غوطا خورن سان ھري مري ويون آھن.
    ھونءَ شارڪ جھڙين خطرناڪ مڇين جي ھجڻ جي ھتي اميد نه ھئي. ته به احتياط خاطر ٻه لائيف بوٽون سمنڊ جي ان ٽڪري تي نگاھ رکنديون رھيون، جتي اسان غوطا خوري ڪري رھيا ھئاسين.
    ان ڏينهن موسم سٺي ۽ صاف ھئي. سمنڊ مان منهن ڪڍڻ مھل ڪناري تان لڳندڙ ٿڌي ھير فرحت بخش محسوس ٿي رھي ھئي، پر سمنڊ اندر ڏيک چٽو نه ھو. مٽيءَ جي ذرن وانگر ميرانجھڙو ڌنڌ ڇانيل ھو. اھا حالت ڀالي سان مڇيون مارڻ لاءِ سٺي نه سمجھي ويندي آھي جو اھڙي حالت ۾ شڪاري جڏھن مڇيءَ جي بلڪل ويجھو وڃي پھچي ٿو، تڏھن ھن کي خبر پئي ٿي ته سامھون ھن جي اڳيان مڇي آھي ۽ ايترو ويجھو پھچي جيسين ھو ڀالي سان حملو ڪري، ان کان اڳ ڊپ ۾ مڇي ڀڄيو وڃي.
    ساڍي ٻارھين تائين مون پنهنجين مڇين جي ڍير ڏسي اندازو لڳايو ته آءٌ سڀني کان گوءِ کڻي پيو وڃان. نه فقط تور ۾، پر نموني نموني جي مڇين ۾ پڻ آءٌ مٿي ھوس. طوطا مڇي. سنئپر، سنڪو، سور مڇي، شھنائيءَ جھڙي مڇي ۽ ٻيون ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون منهنجي ڍير ۾ ھيون، جيڪي ٻين جي ڍڳ ۾ نه ھيون. منهنجي ڍير جي تور ذري گھٽ مڻ اچي ٿي ھوندي ۽ مڇين جا ڪل چوڏھن قسم ٿي ويا ھئا. ٽائيم ھاڻي ٻارھن لڳي پنجٽيهه منٽ ٿيو ھو ۽ مقابلو ٻين وڳي ختم ٿيڻو ھو. جنهن حصي ۾ اسان مڇيون ماري رھيا ھئاسين، اتي مڇين جو تعداد چڱو گھٽ ٿي چڪو ھو. وڏي ۽ بهتر مڇيءَ لاءِ مون ان علائقي جو منو ميل کن جھاڳي ورتو ھو. آخري غوطي مھل اٽڪل سٺ ستر فٽ کن ھيٺ ھڪ ٽڪنڊي ٽڪريءَ جي قدمن وٽ ڪجهه وڏيون مڇيون نظر آيون ھيون، جن لاءِ پڪ ھيم ته ڪيڏانهن وينديون ڪونه ۽ آءٌ کين وري اچي ٿو ڳولي ماريان. انهن مان ٻه مضبوط ۽ ڳريون مڇيون ھيون، جن کي اسين آسٽريليا جا شڪاري فيصلو ڪندڙ مڇيون ٿا سڏيون. انهن مان ڪا ھڪ به ڪنهن جي ور چڙھي وڃي ته ان کي ھارايل بازي به کٽائي سگھي ٿي ۽ اھي ٻئي جي مون کي ملي وڃن ته پوءِ باقي کپي ئي ڇا؟ آءٌ ان ھنڌ ڏي تري پھتس. پوءِ ڪنڌ ھيٺ ڪري ٿوري دير نڙانڊيءَ رستي ساھ به کڻندو رھيس ته شيشي جي عينڪي کوپي مان حالتن جو جائزو به وٺندو رھيس ته ڪھڙي ريت سامھون ٽڪريءَ وٽ ويٺل انهن ٻن مڇين کي ڀالو ھڻي ماريان؟ پوءِ ڪجهه ڊگھا ساهه کڻي ھڪ تمام گھڻي ڊگھي ساھ کي جھليم ۽ وڌيڪ ٽٻي ھڻي انهن مڇين ڏي وڌيس ۽ لس ئي لس ترندو سندن مٿان سامونڊي گاھ وٽ اچي بيٺس ۽ کين ڀالو ھڻڻ وارو ھوس. پر...
    آءٌ اھا گھڙي ڪيئن بيان ڪريان جنهن وقت سمنڊ جي ھيٺين تهن جي خاموشيءَ ۾ اوچتو چرپر جو آواز ڪن تي پيو ۽ آءٌ جيسين مڙي ڏسان، تيسين ڪا پربت جيڏي شيءِ سڄي طاقت سان مون کي کاٻي پاسي کان اچي لڳي ۽ رفتار سان اڳتي پاڻيءَ منجھه ڌڪيندي وئي. منهنجا ته ھوش ئي خطا ٿي ويا.
    ھاڻ اھا شيءِ مون کي چرين وانگر لڳاتار ٿيلھا ڏيندي آئي. مون کي ڦيري ٿيڻ لڳي. منهنجي ڇاتيءَ تي اڳيان پاڻيءَ جو دٻاءُ ۽ پٺيان ان شيءِ جي دٻاءَ منهنجيون ته ھڻي پاسراٽيون ئي ڀڃي رکيائين. ان ڌڪ ڌڪان ۾ منهنجي منهن تي چڙھيل شيشي جو کوپو ۽ ساھ کڻڻ جي نڙانڊي اڇلجي وئي ۽ ڀالي ڇوڙڻ واري بندوق به ھٿن مان ڇڏائجي وئي.
    اھا شيءِ مون کي پاڻيءَ اندر ايڏو ته لڳاتار ۽ يڪ ساھيءَ ٿيلھو ڏيندي رھي جو مون کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ھي ڇا ٿي رھيو آھي؟ مون پنهنجو پاڻ کي ان شيءِ کان پري ڪرڻ ٿي چاھيو پر منهنجو جسم ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان جھڙوڪر ڪنهن انبوريءَ ۾ ڦاٿو پيو ھجي. آخر گھڻي ڪوشش بعد مون غور سان ڏسي محسوس ڪيو ته آءٌ ڪھڙي ويڌن منجهه ھوس: ھڪ شارڪ مڇي پنهنجين ڄاڙين ۾ مون کي جھلي کائڻ لاءِ وڃي رھي ھئي.
    آءٌ سڄي جانور کي ته ڏسي نٿي سگھيس، پر اھو اندازو لڳائي ويس ته پڪ آفت جيڏي مڇي ھوندي، جنهن جو مان ڪو گرھ به مس ٿيندس. ھن جا ڏند منهنجي ڇاتيءَ ۽ پٺ تي ڪارائيءَ جي ڏندن وانگر رکيا ھئا ۽ کاٻي ڪلھي وارو پاسو ھن جي نڙيءَ ڏي ھو. ھوءَ مون کي وات ۾ جھلي ھاڻ ھيٺ تري ڏي ڌوڪي رھي ھئي.
    جيتوڻيڪ آءٌ خوف ڪري ھراسجي ويو ھوس، پر سور محسوس نه پئي ڪيم. دراصل ھن جي ڏندن جي تکائي نه پئي لڳي، پر وات ڀڪوڙڻ ڪري چيڀاٽجي رھيو ھوس. مون پنهنجيون ٻانهون پريان موڙي مڇيءَ جي منهن ڏي اھو سوچي ھٿواڙيون گھمائڻ لڳس ته جيئن منهنجا ھٿ ھن جي اکين تائين پھچي وڃن ته انهن کي زور سان چلھيان.
    اوچتو ڪو ڪرشمو ٿيو ۽ دٻاءُ گھٽجي ويو. ان وحشي جانور پنهنجو وات ٿورو ڍرو ڪيو ۽ مون پٺيان زور ڏئي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪئي - پر منهنجي سڄي ٻانهن ھن جي وات ۾ ھلي وئي.
    ھاڻي مون کي اھڙو ته سور وٺي ويو جو ان سور بابت مون ڪڏھن سوچيو به نه ھو. ان سور جي سيٽ کان مون کان رڙ نڪري وئي ۽ جي پنهنجي ٻانهن کي سٽ ڏئي شارڪ جي ڀچيل ڏندن مان ڇڏائڻ جي ٿي ڪيم ته سور ماري ٿي رکيو، پر بهرحال ھن آفت مان پاڻ ڇڏائي ورتم.
    آءٌ ٽنگن جي زور تي سڌو مٿي سمنڊ جي مٿاڇري ڏي ترڻ لڳس. شارڪ پٺيان آئي پئي جو منهنجيون لتون ھر ھر ھن جي جسم تي پئي لڳيون. آخرڪار آءٌ مٿي پھچي ويس ۽ مٿو پاڻيءَ کان ٻاھر نڪري آيو. مون جلدي جلدي ڊگھا ساھ کڻي ورتا.
    مون کي پڪ ھئي ته شارڪ مون کي کائڻ لاءِ وري ضرور ايندي. ايتري ۾ مڇيءَ جي ڪلي منهنجن پيرن کي لڳي. ان بعد منهنجن گوڏن ھن جي کھري پاسي واري جسم کي ڇھي ورتو. مون ٻنهي ٻانهن سان ان آفت کي ٿيلھو ڏئي پوءِ ھڪ ئي وقت ھٿ ۽ ٻانهون ويجھو ۽ پري ڪرڻ لڳس - اھا ئي اميد رکي ته ائين ڪرڻ سان آءٌ ھن جي وات ۾ اندر وڃڻ کان بچي ويندس. انهيءَ وٺ پڪڙ ۾ منهن ٻاھر ڪڍي ڊگھا ڊگھا ساھ به کڻي پئي ورتا.
    اسان ٻئي وري ھيٺ تري ڏي ھليا وياسين. شارڪ مون کي پاسن کان اھڙو ته ڌڪو ڏئي گھليندي وئي جو تري جي سڄي واري به روڙجي وئي. ھڪ دفعو مون وري پنهنجي طاقت سان شارڪ کي ٿيلھو ڏنو ۽ مٿاڇري ڏي ترڻ لڳس. مٿي پھچي مون کي ساھ کڻڻ جو موقعو ملي ويو ۽ آءٌ ڊگھا ڊگھا ساھ کڻڻ لڳس، پر منهنجي چوڌاري پاڻيءَ جو رنگ رت سان ڳاڙھو ٿي ويو ھو - ۽ اھو رت ٻئي ڪنهن جو نه پر منهنجو ئي ھو. شارڪ به مٿاڇري تائين اچي وئي ۽ مون کان ڪجهه فٽ پري پاڻ کي موڙڻ لڳي. سندس کلوتڻو جسم ٿلھي ڇوڏي واري وڻ جي ٿڙ وانگيان ٿي لڳو. رنگ ۾ ناسي ڀورو. يعني اھا شارڪ بنا ڪنهن شڪ جي ويڙھاڪ ۽ خوني قسم جي شارڪ مڇين مان ھئي.
    ھوءَ مون ڏي مڙڻ لڳي. ھڪ اھڙو خوف جنهن کي بيان نٿو ڪري سگھجي، منهنجي جسم ۾ ٿڙڪڻي پيدا ڪرڻ لڳو. اھا ھڪ ڀوائتي ڳالهه ۽ حقيقت ھئي ته ان شارڪ جو مون تي راڄ ھو جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڪري سگھي ۽ انهيءَ علائقي ۾ آءٌ اڪيلو ٿي پيس ۽ قاعدا قانون ٺاھڻ واري شارڪ ھئي. آءٌ ھتي ھڪ آفيسر مثال نه ھوس، پر ھڪ تڏ وانگر ننڍڙي کائڻ جي شيءِ ھوس، جيڪو ھن آفت لاءِ پورو گرهه به نه ٿئي ۽ شايد ھضم ٿيڻ کان اڳ ئي کيس وري وڃي ته ڪجهه دير اڳ ھن مون کي ڳڙڪايو ھو.
    مون چڱي طرح ڄاتو ٿي ته شارڪ مون تي وري حملو ڪندي ۽ ڏندن سان ڪرٽي کائيندي يا وات اندر وجھي سڄو ڳھي ڇڏيندي. ٻنهي صورتن ۾ ڄاڻ ته چيچلائي چيچلائي مئس. بس ھاڻ رڳو ان موت جو آءٌ انتظار ڪري سگھان ٿو. مون تکو تکو ھڪ ساھ ۾ پنهنجي زال ۽ ايندڙ نئين ٻار لاءِ الله کان دعا گھري.
    پوءِ اھو ڪجهه ٿي پيو، جنهن جي ڪا اميد ئي نه ھئي، جنهن جو ڪو سوچي به نٿو سگھي. مون ڏٺو ته اھا شارڪ مون ڏي وڌڻ بدران، پاسيرو ٿي سڌو ٿيڻ لڳي ۽ پوءِ سڌو ٿي پٺيان مڙڻ لڳي ۽ پوءِ ھڪ دفعو وري مون ڏي منهن ڪري پاسو ڏئي ٻي طرف تري وئي - پر ھي ڇا؟ سندس پٺيان پٺيان آءٌ به گھلجڻ لڳس.
    منهنجي چيلهه جي پٽي سان ٻڌل سنهي رسي جيڪا ھن کان اڳ پاڻيءَ ۾ ائين ئي ڍري ٿي لڙڪي پئي، سا مڇيءَ جي پري ٿيڻ ڪري ڇڪجڻ لڳي ۽ مڇي سان گڏ آءٌ به ڇڪجڻ لڳس. دراصل آخري دفعي جڏھن شارڪ مڇيءَ مون تي حملو ڪيو ھو ته سندس چڪ مون کي لڳڻ بدران پلاسٽڪ جي ڇٻي کي وڃي لڳو ھو ۽ ھوءَ ڪنهن طرح سان ڇٻي جي ٻڌل رسيءَ ۾ وچڙي پئي ھئي ۽ پوءِ گھڻو ئي پاسا ورائي پاڻ ڇڏيائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر آجي نه ٿيڻ ڪري منجهي پيئي ۽ ھاڻ ڊپ ۾ ڀڄي رھي ھئي. مون پنهنجو بيلٽ ھڪدم کولي پاڻ کي آجو ڪرڻ ٿي چاھيو پر منهنجي ٻانهن ۾ ايتري سگهه نه ھئي جو اھو پٽو کولي سگھان -خاص ڪري ساڄي ٻانهن ۾.
    ھاڻ اسان ٻئي پاڻي اندر تکو تکو وڃي رھيا ھئاسين ۽ اٽڪل ٽيهه چاليهه فٽ کن سمنڊ اندر شارڪ پٺيان گھلبيو ويس. جيتوڻيڪ کاٻو ھٿ بيلٽ جي بڪل کولڻ ۾ لڳل رھيو. دل ئي دل ۾ مون چيو ته مڇيءَ منهنجي جان ڇڏي. ھاڻ ھيئن ٻڏي مرڻ کان ته پاڻ جيڪر بچائي وٺان. پوءِ آخري ڪرشمو رونما ٿيو. گھڻين سٽن اچڻ ڪري رسي پنهنجو پاڻ بيلٽ مان ڇڄي ڌار ٿي وئي ۽ آءٌ ھڪ دفعو وري آزاد ٿي ويس. ٻين مون کي ٻڌايو ته سمنڊ کان ڪنڌ ٻاھر ڪڍي آءٌ ھي ئي رڙيون ڪنديو رھيس: ”شارڪ.... شارڪ.... شارڪ!“ ۽ اھو ئي گھڻو ڪي ڪجهه ھو.
    پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي پنهنجن دوستن جا آواز منهنجي ڪنن تي پيا، جيڪي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي مون وٽان اچي نڪتا. مون وڌيڪ ھٿوراڙيون ھڻڻ ڇڏي پنهنجو پاڻ ھنن جي حوالي کڻي ڪيو ۽ ھنن مون کي مٿي ڇڪي ورتو ۽ آءٌ مرڻ کان بچي ويس.
    ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ھمراھ مون کي رسيل ايڏا اونها زخم ۽ ڌڪ ڏسي ڏڪي ويا. منهنجي ساڄي ٻانهن ۽ ساڄو ھٿ شارڪ جي وات ۾ اچڻ ڪري انهن تان ايترو ته ماس روڙجي ويو ھو جو جتان ڪٿان رڳو ھڏيون پئي نظر آيون. منهنجي ڇاتي، پٺ ۽ کاٻو ڪلھو سندس ڄاڙين ۾ چپجڻ ۽ رھنڊجڻ ڪري جتان ڪٿان چيرجي ويو ھو ۽ ڇاتيءَ جون پاسيريون، ڦڦڙ ۽ آنڊا نظر پئي آيا.
    پوليس کي اطلاع ڪرڻ سان ھنن رڪارڊ قائم ڪرڻ واري حد تائين جھٽ پٽ ايمبولينس موڪلي مون کي اسپتال پھچايو، جتي قابل سرجن ۽ اسٽاف اڳواٽ تيار ھئا. مون کي آپريشن ٿيٽر ۾ ٽيبل تي ليٽائي نشو ڏنو ويو. اکين مٿان بلبن جي ٻرندڙ ڇٽ جي روشني ڏسندي ڏسندي چونجھي ٿي وئي. اک منهنجي ٻئي ڏينهن کلي ته منهنجي زال ڀر ۾ بيٺي ھئي.
    مون چيو: ”سور اٿم.“
    جواب ۾ ھوءَ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
    ڊاڪٽر رڙھي اڳيان آيو ۽ آٿت ڏيندي چيائين:
    ”گھٻرائڻ جي ڳالهه ناھي. ھاڻ بچي ويندين.“
    اڄ پورن ٻن سالن بعد منهنجا ڦڦڙ چڱي طرح ڪم ڪري رھيا آھن، جيتوڻيڪ منهنجي ڇاتيءَ ۾ اڃا سيٽ ٿئي ٿي. منهنجو ھٿ جيتوڻيڪ ڏسڻ لائق شيءِ نه رھيو آھي، پر آءٌ ان کي چوري پوري سگھان ٿو. منهنجي ڇاتيءَ، پٺ، دڏ ۽ ڪلھن تي مڇيءَ جي چڪن ۽ آپريشن جي وڍ ڪٽ ۽ ٽوپن جا ڪيترا ئي نشان ۽ داغ آھن.
    ھڪ خدا ئي ڄاڻي ٿو ته مون نٿي چاھيو، پر منهنجي زال شروع کان ئي محسوس ڪيو ته ھڪ ڏينهن آءٌ وري غوطا خوري لاءِ ويندس. انسان اڌ ماڻھو آھي - جيڪڏھن خوف ھن تي واسو ڪري وڃن. صحتياب ٿيڻ کان پورا پنج مھينا پوءِ، آءٌ سمنڊ تي وري موٽي آيس ۽ پنهنجا ڊپ ڊاءَ اتي ئي اچي ڦٽا ڪيم جتان مون کي مليا ھئا.
    پر ھاڻ منهنجي اڄ جي غوطا خوري اڳ کان بلڪل نرالي آھي - مون کي جيتوڻيڪ پاڻ تي وري اعتماد اچي ويو آھي ۽ دانائي پڻ. ان جو مطلب اھو ناھي ته آءٌ ڪو شارڪ سان مقابلو ڪرڻ ٿو چاھيان. ھونءَ به زندگيءَ ۾ ٻيا جوکم جا ڪم ڪي گھٽ آھن جو اجايو پاڻ لاءِ پاڻھي ھڪ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪريان.
    سو بهرحال! ھاڻ غوطا خوريءَ جي مقابلي کان پري ئي رھندو آھيان ۽ ان سمنڊ جي حصي ۾ اھي ئي دلير غوطا خوري مقابلي ۾ حصا وٺندا رھندا، جن پنهنجين ڇاتين تي شارڪ مڇيءَ جون ڄاڙيون محسوس نه ڪيون ھونديون.


    اڄ جا جھاز

    صدين کان دنيا جي سمنڊ تي جهاز هلي رهيا آهن. ڀلا گهڻو نه ته نوح نبي جي ٻيڙي کان ئي سهي، جهاز جي ننڍ وڏائي مختلف شين جي حوالي سان ڪَٿي وڃي ٿي. جهاز جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڊيگهه، جنهن کي Overall length سڏجي ٿو يا جهاز جي ان حصي جي ڊيگهه، جتي هن کي پاڻيءَ جو سطح ڇُهي، جنهن کي Waterlinge length سڏجي ٿو. جهاز جي اونهائيءَ جي حساب سان يعني جهاز جي ڊيڪ (عرشي) کان هيٺين تري (Keel) واري تختي تائين جي اونهائي ۽ ڊرافٽ جي حساب سان پڻ، جهاز جي ننڍ وڏائي ماپي وڃي ٿي. ڊرافٽ ڇا آهي؟ جهاز جي تري (Keel) کان وٺي جهاز جي واٽر لائين (پاڻيءَ جي سطح) تائين جي اوچائي. جهاز جي ننڍ وڏائي، ان جي وزن مان به لڳائي سگهجي ٿي. يعني جيڪو گهڻو سامان کڻي سگهي اهو وڏو جهاز.
    اوڻهين صدي جي شروع وارن سالن کان وٺي، جهاز ڪُلَ، يعني مشينري تي هلڻ شروع ٿيا آهن. يعني حضرت نوح جي ڏينهن يا ان کان به اڳ جي دور کان وٺي 1807ع تائين، هزارين سال، جهاز ڪپڙي جي سڙهه (Sail) تي هلندا رهيا يا وري چپوئن (Oars) ذريعي. جنهن کي Rowing سڏجي ٿو. سڙهن تي هلندڙ جهاز هر وقت هوا ۽ ساموندي ڇولين جي آڌار تي هليا ٿي. جنهن طرف هوا يا ڇولين جو رُخ، ان طرف جهاز وڌيا ٿي. جنهن ڏينهن يا جنهن وقت هوا بند ٿي ته جهاز بيهي ٿي رهيا ۽ پوءِ اهڙن موقعن تي اوسي پاسي جي ٻيٽن وٽ لڪل سامونڊي ڌاڙيلن (قزاقن)، بيٺل جهازن تي حملو ڪري، هنن جو گهڻو مال ۽ ماڻهو ڦريا ٿي. ان وقت جا سڙهن وارا جهاز اڄ جي جهازن وانگر گهڻو کلئي سمنڊ مان نٿي لنگهيا. هڪ بندرگاهه کان ٻئي بندرگاهه تائين پهچڻ لاءِ ڪنارو ڪنارو ڏئي ٿي هليا. جيئن ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي يا ڪا اهڙي ايمرجنسي ٿي پوي ته، مدد لاءِ يڪدم ڪناري تي پهچي وڃجي. ساڳي وقت جيئن اڄڪلهه سنڌ جو ڪچي وارو علائقو ڌاڙيلن کان مشهور آهي، تيئن پراڻي زماني ۾ دنيا جا ڪيترائي علائقا سامونڊي ڌاڙيلن (Pirates) کان مشهور هئا. سنگاپور، پينانگ جهڙا وقت جا ويران ٻيٽ توڙي ملاڪا نار، هندستان جو مالا بار ڪنارو، ڀوڄ مڪران ڌاڙيلن (قزاقن) کان مشهور هو، حجاج بن يوسف جي ڏينهن ۾ جڏهن جهاز ديبل، ٺٽو، بدين وارو ڪنارو ڏيئي لنگهندا هئا، تڏهن هنن (يعني عربن) جي صحيح ڳالهه هجي ته سنڌي قزاقن سلون کان ايندر عربن جي جهاز (يا شايد جهازن) تي حملو ڪيو. ڪيو هوندو. سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي ڪي چڱا مڙس به نه هئا. هر ملڪ ۽ هر قوم ۽ سوسائٽيءَ ۾ خراب ۽ سٺا ماڻهو ٿين ٿا. اهڙي طرح ان وقت جي سنڌين جي اها شڪايت ته هنن جيڪا جهازن تان مال جي ڦر ڪئي ۽ انهن جهازن تي ويندڙ عورتون اغوا ڪيون، سي ڪي عربن جون مائيٽياڻيون نه هيون. پر ان وقت جي عرب حاڪمن سلون ۽ اوسي پاسي جي علائقن جون زالون عياشيءَ لاءِ عراق ۽ شام پئي گهرايون ۽ ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته، ان وقت جا ڪيترائي عرب حاڪم ۽ اتي جا وڏيرا پير ڪي اهڙا شريف به ته نه هئا. هڪ ٻه صدي اڳ (جڏهن انگريزن شيدي غلامن جي وڪري تي بندش وڌي تڏهن) وڃي ڪا ٺاپر ٿي، نه ته اومان پاسي عربن جي آخر تائين وڏي ڪمائي ته هئي ئي انسانن جي وڪري مان. هي سنڌ ۾ ميرن پيرن يا ترڪيءَ جي حرمن ۾ زئنزباز جي مارڪيٽ مان غلام ڪنهن ٿي پهچايا؟ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي هر ملڪ جي ٺاهوڪي ۽ جوان شيدياڻي توڙي شيديءَ جي عزت ۽ جان محفوظ نه هئي. هنن کي وهٽن وانگر ماري ڪُٽي، ڦاسائي، وڪرو ڪري عربن خوب پئسو ڪمايو ٿي، جيتوڻيڪ اسلام غلاميءَ تي بندش وجهي ٿو ۽ اهو ئي حال آفريڪا جي اولهه واري ڪناري جي ملڪن جو هو، جتي يورپين ۽ آمريڪن باهه ٻاري ڏني هئي ۽ ڪنهن به جوان شيدي عورت ۽ مرد کي نٿي بخشيائون. کين جانورن وانگر آمريڪا پورهئي لاءِ نيو ويو ٿي. مس مس پوءِ ابراهام لنڪن جهڙن وڃي غلاميءَ تي بندش وڌي ۽ هاڻ يورپي توڙي آمريڪن وڏا ساڌ ٿي ويا آهن ۽ انسانيت ۽ انسان ذات جي ڳالهه ڪندي اوٻاسيءَ ۾ پئجي ٿا وڃن.
    بهرحال سامونڊي ڌاڙا (Poracy) اڄ به ختم نه ٿيا آهن، ان جو احوال ڪنهن ٻئي هنڌ ڪيو. هتي جهازن جو ذڪر ڪريون ٿا ته اوڻهين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان آگبوٽ (Steamships) شروع ٿيا، جيڪي پنهنجي مرضيءَ سان هلڻ لڳا. هونءَ جو سڙهن وارا جهاز بندرگاهه ۾ بيٺا هوندا هئا ۽ هوا جو انتظار ڪندا هئا ۽ پوءِ ان طرف هلڻ شروع ڪندا هئا، جنهن طرف اها کين وٺي وڃي. ان بدران ڪَل تي هلندڙ جهاز ڪنهن وقت به سفر لاءِ نڪتا ٿي ۽ ڪيڏانهن به وڃي سگهيا ٿي. نه ته سياري ۾ جڏهن اتر واءَ لڳندو هو ته عرب ملڪن کان سڙهه تي هلندڙ جهاز، هند سنڌ ڏي آيا ٿي ۽ هند سنڌ جا جهاز لنڪا ڏي روانا ٿيا ٿي ۽ پوءِ جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ڌاري جڏهن ڏکڻ ڇوٽ ٿي لڳو، چوماسي جون هوائون شروع ٿي ٿيون ته، اهي جهاز پٺيان ٿي مڙيا يعني لنڪا کان هند سنڌ ۽ عرب ملڪن ڏي روانا ٿي ٿيا.
    ڪَلَ تي هلندڙ جهازن تي بئالرن ۾ ٻاڦ تيار ڪئي ٿي وئي. پاڻيءَ کي گرم ڪرڻ لاءِ بئالرن ۾ پهرين ڪاٺ ساڙيو ويو ٿي ۽ پوءِ اڳتي هلي ڪوئلي جو استعمال ٿيو ۽ پوءِ ويهين صدي ڌاري تيل (Heavy fuel oil) ڪتب اچڻ لڳو جيڪو گهٽ جاءِ والاري ٿو ۽ پمپ ذريعي جهاز جي ٽانڪين ۾ اچيو وڃي، نه ته جڏهن ڪوئلو استعمال ٿيو ٿي ته، هڪڙن مزورن جهاز تي ڍوئڻ وارو سامان جهاز تي چاڙهيو ٿي ته، ٻين بئالر کي ٻارڻ ۽ ٻاڦ پيدا ڪرڻ لاءِ، سوين هزارين ڳوڻيون ڪوئلن جون جهاز تي چاڙهيون ٿي. تن ڏينهن ۾ اڃا ڪرينون ۽ ڊيرڪون عام نه ٿيون هيون، جن ذريعي اهو سامان جلدي چاڙهي سگهجي. مزورن جون قطارون سامان جون ڀريون ۽ ڪوئلي جون ڳوڻيون پٺيءَ تي رکي، جهاز جي ڏاڪڻ تي قطار ۾ چڙهيا ۽ لٿا ٿي. اڄ به ڪيتريون ئي ڪولمبو، مدراس ۽ ڪلڪتي بندرگاهن جون تصويرون، يورپي ميوزيم ۾ نظر اينديون، جن ۾ ڪاري رنگ جا تامل ۽ بنگالي پٺيءَ اگهاڙا، انگوڇا ٻڌل، هڪ ڊگهي تختي ذريعي جهاز تي، پٺيءَ تي بار هجڻ ڪري ڊونڊا ٿي رڙهندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    بئالر ۾ پاڻي وجهي، گرم ڪرڻ سان تيار ٿيل ٻاڦ ”اسٽيم انجن“ جي پسٽنن کي هيٺ مٿي ڪيو ٿي، جنهن ذريعي پئڊل هليا ٿي ۽ جهاز اڳتي وڌيو ٿي. بعد ۾ پئڊلن بدران پروپيلر استعمال ٿيڻ لڳو. پسٽنن جي هيٺ مٿي ٿيڻ واري عمل(Reciprocating) کي ڪرئنڪ شفٽ ذريعي گول ڦرڻ (Rotary motion)واري عمل ۾ تبديل ڪري، جهاز جي پٺيان لڳل ٽن يا چئن پرن واري پکي(Propeller) کي گول گهمايو ويو ٿي. پاڻيءَ اندر پکي جي گول گهمڻ ڪري جهاز اڳتي ڌڪجي ٿو. جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ لاءِ بريڪ ته ٿئي ڪانه. پکي کي ٻئي طرف هلائڻ سان، جهاز جي پٺتي هلندڙ رفتار اڳتي واري کي ختم ڪري زيرو رفتار تي آڻي ٿي ۽ جهاز هڪ هنڌ بيهيو رهي. ۽ پوءِ کلئي سمنڊ ۾ جهاز کي اتي ترسائڻ لاءِ، جهاز جي لنگر کي رسي ذريعي سمنڊ ۾ اڇلڻو پوي ٿو، جيڪو سمنڊ جي تري ۾ ڦاسيو پوي ۽ جهاز ڪِلي ۾ ٻڌل مينهن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ بدران ان ڪِليءَ جي چوڌاري ئي ڦرندو رهي ٿو ۽ جهاز کي بندرگاهه ۾ ڪنهن جيٽيءَ وٽ بيهارڻ لاءِ جهاز ۾ لڳل ڪِلي ۾ رسو ٻڌي، ان جو ٻيو پوڇڙ جيٽيءَ ۾ کتل ڪِليءَ سان ٻڌي ڇڏجي ٿو. اهو رسو ڪافي مضبوط ۽ ماڻهوءَ جي ٻانهن جهڙو ٿلهو ٿئي ٿو. لنگر (Anchor) جنهن چين (رسي) ذريعي اڇلائبو آهي، اها چين لوهه جي ۽ ٿلهي ٿيندي آهي، جنهن جو هڪ هڪ ڪڙو (ڪنڍو) ايڏو ڳرو ٿئي ٿو، جو هڪ ماڻهو هڪ ڪڙو مس کڻي سگهي ٿو. جهاز هلڻ مهل ونڊلس نالي طاقتور مشين سان، ان لوهي زنجير (چين) کي ڇڪي لنگر کي ٻاهر ڪڍبو آهي.
    اسڪول وارن ڏينهن ۾، لنگر بابت هڪ عام ڳجهارت ڏني ويندي هئي ته، اها ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا ضرورت وقت اڇلائي وڃي ٿي ۽ جڏهن ضرورت ناهي ته ان کي کڻي رکيو وڃي ٿو. جڏهن به کلئي سمنڊ ۾ جهاز جي انجڻ خراب ٿئي ٿي، يا طوفان لڳن ٿا يا بندرگاهه ۾ اندر هلڻ لاءِ کلئي سمنڊ ۾ انتظار ڪرڻ لاءِ، جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي ضرورت پوي ٿي، ته اسان لنگر (Anchor)کي جهاز جي ڊيڪ تان کڻي، هيٺ اڇلي ڇڏيون ٿا ۽ جڏهن جهاز کي هڪ هنڌ بيهارڻ جي ضرورت نٿي پوي ته ان لنگر کي سمنڊ مان ڪڍي حفاظت سان رکي ڇڏيون ٿا.
    پسٽنن واري اسٽيم انجن بعد ٽربائين به آيا. ان ۾ پسٽنن واري هيٺ مٿي واري Movement جي ضرورت نٿي پوي. اها شفٽ جنهن جي ڇيڙي تي پروپيلر ٿئي ٿي، ان شفٽ جي چوڌاري چوڏيل وانگر پئڊل يا پترا (Blades) لڳايا وڃن ٿا. بئالرن ۾ پيدا ٿيل ٻاڦ انهن بليڊن تي جيٽ سان گڏ شفٽ ۽ پروپيلر هلي ٿو. ٽربائين جهاز ٻي جنگ عظيم کان گذريل صديءَ جي آخر تائين چڱا مشهور رهيا. سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾، جڏهن آءٌ جهازي دنيا ۾ آيس ته پاڪستان وٽ به هڪ حاجين جو جهاز سفينه حجاج ٽربائين جهاز هو، جيڪو جرمنيءَ ۾ ٺهيو هو. اڄڪلهه 95 سيڪڙو جهاز ڊيزل انجڻ وارا آهن، جو ٽربائين جهازن جا انجنيئر به مشڪل سان ملن ٿا. هرهڪ ڊيزل انجڻ ۾ ايڪسپرٽ ٿيڻ چاهي ٿو. اسان جي سڄي بئچ ۾ فقط هڪ، مرحوم آصف غيور، ٽربائين جهازن جو چيف انجنيئر ٿيو، پر هو به سفينه حجاج جهاز جي اسڪرئپ ٿيڻ تي، پنهنجي Specialty بدلائي، ڊيزل جهازن ڏي هليو آيو.
    ڊيزل جهازن تي ٻاڦ پيدا ڪرڻ لاءِ وڏن بئالرن جو کٽراڳ نٿو ٿئي. فيول (ڊيزل آئل) انجڻ اندر ئي ٻاريو وڃي ٿو، ان ڪري ڊيزل انجڻ کي انٽرنل ڪمبشن (Internal Combustion) انجڻ به سڏجي ٿو. ائين ته پيٽرول انجڻ به ڊيزل انجڻ جي سوٽ ماسات آهي، پر پاڻيءَ وارن جهازن تي پيٽرول جهڙين شين کي Explosionجي خوف کان پري رکيو وڃي ٿو ۽ ٻيو ته پاڻيءَ وارا آفت جيڏا جهاز ڊيزل انجڻيون ئي هلائي سگهن ٿيون. ڊيزل انجڻ جي سيلينڊر ۾ ايڏو ته مٿاهين درجي جو پريشر پيدا ٿئي ٿو ۽ ايڏي ته گرمائش پيدا ٿئي ٿو، جو ڏامر جهڙو ڪارو تيل جيڪو ”هيوي فيول آئل“ سڏجي ٿو، اهو آسانيءَ سان ساڙيو ٿو وڃي ۽ اهو تيل پيٽرول کان تمام گهڻو سستو آهي. اهو سمجهو ته بنا صفائيءَ جي زمين مان نڪتل تيل ٿئي ٿو، جنهن کي جهاز جي رفائينري روم ۾ جهڙو تهڙو صاف ڪري، ٻاري ڇڏيندا آهن.
    ڊيزل انجڻ جا به ٻه قسم آهن: فور اسٽروڪ ۽ ٽو اسٽروڪ. جيئن ڪرڪيٽ جو رانديگر بئٽ هلائڻ کي اسٽروڪ سڏي ٿو، تيئن سيلينڊر اندر پسٽن جي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين پهچڻ، هڪ اسٽروڪ آهي ۽ وري ساڳي هنڌ واپس موٽڻ، ان جو ٻيو اسٽروڪ آهي. فور اسٽروڪ واري انجڻ ۾ پسٽن جي اهڙين چئن چرپرن (Strokes) ۾ هڪ دفعو تيل ساڙيو وڃي ٿو ۽ ٽو اسٽروڪ انجڻ ۾ هر ٻئي اسٽروڪ ۾ انجڻ تيل سڙي ٿو. هاڻ ظاهر آهي ته ٽو اسٽروڪ (Two stroke) انجڻ ۾ تيل گهڻو سڙندو، ان ڪري طاقت به گهڻي حاصل ٿيندي. ان ڪري جهاز هلائڻ لاءِ هميشه ٽو اسٽروڪ انجڻ رکي وڃي ٿي ۽ جهاز تي اليڪٽرسٽي پيدا ڪرڻ لاءِ جنريٽر يا ايئر ڪمپريسر وغيره لاءِ Four Stroke انجڻيون رکيون وڃن ٿيون.
    ڊيزل انجڻ وارا جهاز، ويهين صديءَ جي شروع ٿيڻ سان سمنڊ تي آيا.Vandal نالي جهاز، پهريون ڊيزل انجڻ وارو جهاز چيو وڃي ٿو جيڪو1903ع ۾ سمنڊ ۾ لٿو. جهازن بابت هڪ ٻي مزيدار ڳالهه ته انهن جي خشڪيءَ تي هلندڙ گاڏين يا هوائي جهاز وانگر هڪ حد کان وڌيڪ رفتار وڌائي نٿي سگهجي. جهاز يا ٻيڙي وغيره سمنڊ تي تڏهن ٿي هلي، جڏهن ان جو پکو (Propeller) جيڪو پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهي ٿو، گول ڦري ٿو. جيئن جيئن اهو تيز هلي ٿو، تيئن تيئن اهو پاڻيءَ کي تکو تکو ڪپي ٿو ۽ جهاز اڳتي وڌي ٿو. پر هڪ رفتار کان پوءِ اهو پاڻيءَ کي ڪپي نٿو سگهي، جو خال (Vacum)پيدا ٿيو پوي. هو ان خال ۾ ئي ڦرندو رهي ٿو ۽ جهاز جي رفتار ويتر گهٽجيو وڃي. جهاز جي پروپيلر کي هلائڻ وارين انجڻين جي رفتار، هڪ سئو کان ٻه سئو RPM مس ٿئي ٿي، ان ڪري جهاز تي استعمال ٿيندڙ ڊيزل انجڻيون، جيڪي مئرين انجڻيون سڏجن ٿيون، Slow اسپيڊ هونديون آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي اسپيڊ گهڻي هوندي آهي ته انجڻ ۽ پروپيلر جي وچ ۾ گيئرون هڻي، گهٽ ڪئي ويندي آهي، جيئن پروپيلر جي رفتار سئو ڏيڍ سؤ RPM رهي. (آر پي ايم Revolution Per Minute جو مخفف آهي).
    مئرين ڊيزل انجڻ جي تاريخ کي سئو سال اچي ٿيا آهن، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انجڻيون مشهور ٿيون ۽ ڪجهه ته اڄ تائين هلنديون اچن، جهڙوڪ انگلينڊ جي ڊاڪسفورڊ، جرمني جي MAN، جپان جي متسوبشي، اهڙي طرح پِيل اسٽڪ،B & W، سلزر وغيره وغيره. منهنجو تقريباً سڀني انجڻين وارن جهازن سان واسطو پيو آهي. سڀ ۾ گهڻي مشهور ۽ ڪامياب مئرين انجڻ ”سلزر“ چئي وڃي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته رپيئر توڙي Maintenance جي حساب کان سلزر وڌيڪ بهتر انجڻ آهي ۽ منهنجو پنهنجو اهو رايو آهي ته سلزر انجڻ واري جهاز جا مئرين انجنيئر، سانتيڪي سمنڊ توڙي طوفاني راتين ۾ وڌيڪ سک جي ننڊ ڪن ٿا ۽ مزي جي ڳالهه اها ته سلزر انجڻ سئٽزرلينڊ ملڪ جي آهي، جنهن کي پنهنجو سمنڊ آهي ئي ڪونه. افغانستان وانگر هن جي چوڌاري ملڪ ۽ جبل آهن.


    مختلف سامان کڻڻ لاءِ مختلف جهاز

    مون جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ته انهن ڏينهن ۾ اڃا Container جهاز نه نڪتا هئا. ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ پئسينجر جهاز هئا، جيئن پاڪستان وٽ سفينه حجاج، سفينه عرب، رستم، اوشن انرجي وغيره جيڪي حج جي موسم ۾ حاجين کي جدي کڻي ويندا هئا يا وري ڪراچيءَ کان چٽگانگ هلندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اسان وارو پاڪستان مغربي پاڪستان هو ۽ اڄ وارو بنگلاديش مشرقي پاڪستان هو. جتي امير ماڻهو هوائي جهاز ۾ ويندا هئا، گهٽ پئسي وارا يا سير سفر جا شوقين پاڻيءَ واري جهاز ۾ ويندا هئا. ڪراچي کان جهاز نڪرندو هو ۽ هفتي ڏهه ڏينهن اندر چٽگانگ پهچي ويندو هو. رستي تي ٽن ڏينهن بعد سريلنڪا جو بندرگاهه ڪولمبو ايندو هو، جتي جهاز ڏهه ٻارهن ڪلاڪ ۽ ڪڏهن ته ڏينهن رات به ترسندو هو. جهاز لاءِ تيل پاڻي ۽ پئسينجرن لاءِ سيڌو سامان ڪولمبو مان ورتو ويندو هو، جو انهن ڏينهن ۾ هن سڄي علائقي ۾ ڪولمبو ۽ عدن ڊيوٽي فري بندرگاهه هوندا هئا. هر شيءِ اتي سستي ملندي هئي. ڪنهن به شيءِ تي ٽئڪس نه هوندو هو، ان ڪري جهاز وارا پنهنجي لاءِ توڙي جهاز لاءِ خريداري ڪولمبو مان ڪندا هئا. مسافر به ڪولمبو مان هر قسم جي خريداري ڪندا هئا ۽ وڏي شوق سان انڊين فلمون ڏسندا هئا. جيڪي انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ بند ڪيون ويون هيون. ڪراچيءَ کان چٽگانگ پنجاهه رپيا کن مس ڀاڙو هو. هوائي جهاز جي به ڪراچيءَ کان ڍاڪا ۽ ڍاڪا کان چٽگانگ ٻه يا اڍائي سؤ رپيا کن ٽڪيٽ مس هئي.
    سو سواءِ چند مسافر بردار جهازن جي، پاڪستان وٽ ٻيا جهاز ڪارگو جهاز هئا. انهن ڏينهن ۾ ڪارگو جهاز معنيٰ هر قسم جو سامان کڻڻ وارا جهاز. اَن جون ڳوڻيون هجن يا مشينن جا کوکا، ڪپهه جون ڳٺڙيون هجن يا ڪپڙن جا تاڪيا، هر قسم جو سامان جهاز جي گدامن (Hatches) ۾ ڀريو ويندو هو. ڪڏهن ته ڪارون، تيل جا ڊرم، چانورن يا دالين جون ڳوڻيون، هر قسم جو سامان جهاز تي چڙهندو هو. اهو سامان ٽرڪن ذريعي جهازن جي ڀرسان ايندو هو ۽ پوءِ بندرگاهه جي ڪرين يا جهاز جي ڊيرڪ ذريعي جهاز ۾ چاڙهيو ويندو هو. جهاز ۾ سامان کي ٺاهي رکڻ لاءِ ٻه ٽي مزور هيٺ گدامن ۾ بيهندا هئا، جيڪي سامان ٺاهي رکڻ مهل، کائڻ پيئڻ جون شيون به کائيندا رهندا هئا يا ٻيون چوريون ڪندا هئا. ان معاملي ۾ مصري ۽ آمريڪا جا ڪارا (شيدي) مزور بدنام هئا. پوءِ ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪنٽينر جهاز شروع ٿيا ته، آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي ڪناري جي مزورن ڏاڍو گوڙ ڪيو، جو هنن جي موج مزي جا ڏينهن ختم ٿي ويا. ڪنٽينر جهازن تي هنن کي سامان ٺاهي نٿي رکڻو پيو. سامان اڳهين ڪنٽينرن ۾ پئڪ ٿي جهاز تي پهچڻ لڳو ۽ هر ڪنٽينر کي Seal ٿيل تالا لڳل ٿين، جيڪي ڪو کولي نٿو سگهي.
    ’ڪنٽينر جهازن‘ جي ڪري جهازن جا مالڪ خوش ٿيا، جو هڪ ته ڪارگو (سامان) جي چوريءَ کي ٻنجو اچي ويو ۽ ٻيو ته جهاز، جيڪو عام طور سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ خاطر، مهينو ڏيڍ بندرگاهه ۾ بيٺو هوندو هو، اهو هفتي اندر فارغ ٿي، پنهنجو نئون سفر شروع ڪري ڏيندو آهي. جهاز جا مالڪ به اهوئي ٿا چاهين ته بندرگاهن ۾ جهاز گهٽ بيهي، جو بندرگاهن ۾ بيهڻ دوران خرچ ئي خرچ آهي. جهاز مالڪن کي تڏهن ڪمائي ڏين ٿا، جڏهن هو سمنڊ ۾ هلندا رهن ٿا ۽ اسان جهاز وارا وري تڏهن خوش آهيون، جڏهن جهاز بندرگاهه ۾ بيٺو آهي، ڇو جو اسان کي سامونڊي طوفانن ۽ جهاز هلائڻ جي ڏاکڙن کان موڪل ٿيو وڃي. جهاز جيسين بندرگاهه ۾ آهي ته سامان لهرائڻ چاڙهائڻ توڙي انجڻ جي وڏي مرمت جو ڪم، ان بندرگاهه ۾ موجود جهازي ڪمپنيءَ جي مڪاني آفيس حوالي رهي ٿو ۽ اسان کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ سٺو موقعو مليو وڃي. سو ڪنٽينر جهازن جي سورن ڪري ڪيترائي جهاز، ڪنٽينر جهاز هلائڻ کان ڪيٻائين ٿا، جيتوڻيڪ جنرل ڪارگو جهاز کان ڪنٽينر جهاز تي پگهار به وڌيڪ آهي.
    اڄڪلهه جي دنيا ۾ نه فقط ڪنٽينر جهاز، پر ڪارگو (سامان) جي نوعيت سان ڪيترن ئي قسمن جا جهاز ٿي پيا آهن، جيئن ته تيل کڻڻ وارا ٽئنڪر (Oil tanker). انهن ۾ به مختلف قسم آهن، ڪي خام تيل Crude oil کڻن ٿا ۽ ڪي اعليٰ قسم جا تيل، خاص ڪري پام آئل جهڙا کاڄرو تيل.
    هڪڙا جهاز ”بلڪ ڪئريئر“ (Bulk carrier) به ٿين ٿا، جن جي هئچن (گدامن) جا مُنهن وڏا ٿين ۽ انهن ۾ ڪنهن به قسم جو اناج ڦوهارن ذريعي ڀري سگهجي ٿو يا ريل گاڏيءَ جا توڙي لوهي پٿرن جا ڀريل دٻا ليٽائي سگهجن ٿا. منزل تي پهچڻ تي جهازن جي گدامن ۾ ٽرئڪٽر لاهي، ان ذريعي سامان ڪڍي سگهجي ٿو. اناج جهڙي شيءِ کي واپس به ڦوهاري رستي ڪڍي سگهجي ٿو. ڪڻڪ يا چانورن سان ڀريل جهاز، جيڪو ڳوڻين ذريعي خالي ڪرڻ ۾ ٻه هفتا کن لڳيو وڃن، اهو اليڪٽرڪ پمپن ذريعي Suction جي ڦوهارن ذريعي، ٻن ڏينهن ۾ خالي ڪري سگهجي ٿو.
    اسان جي ملڪ ۾ ته سئي گئس جهڙي گئس ڌرتي مان نڪري ٿي، جيڪا پائيپن رستي گهر گهر ۾ پهچائي وڃي ٿي، پر جپان، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ آهن، جن وٽ پنهنجي قدرتي گئس ناهي، اهي ٻين ملڪن مان جهاز ذريعي گئس گهرائين، جن سان ننڍا سلينڊر ڀري، ضرورت مندن کي وڪيا وڃن ٿا. ان قسم جا جهاز جيڪي خاص جهاز ٿين ٿا، اهي ٻن قسمن جا ٿين ٿا، هڪڙا گئس Liquefied gas carrier ۽ ٻيا ڪيميڪل ڪئريئر.
    گئس کڻندڙ جهاز جيڪا گئس کڻن ٿا، اها ايتري ته گهڻي پريشر تي رکي وڃي ٿي، جو اها پاڻيٺ (Liquefied) واري شڪل ۾ رهي ٿي. ان ڪري اُن کي کڻندڙ جهاز LG يعني Liquefied gas ڪئريئر سڏجن ٿا. انهن مان ڪي جهاز LPG سڏجن ٿا، يعني gas Liquefied petroleum ڪئريئر سڏجن ٿا، جيڪي پروپين، بيوٽين ۽ پروپلين جهڙيون گئسون کڻن ۽ ٻيا جيڪي ايل اين جي(Liquefied natural gas) ڪئريئر سڏجن ٿا، قدرتي گئس- خاص ڪري ميٿين گئس (Methane) کڻن. هن قسم جون گئسون کڻندڙ جهازن جون ٽانڪيون تمام مضبوط هجڻ کپن، جيئن گئسن جي هاءِ پريشر ڪري ڪٿان ليڪيج نه ٿئي. ٽانڪين کي گرمائش کان بچائڻ لاءِ ان جي چوڌاري سخت قسم جي Insulation رکي وڃي ٿي. سڀ کان خطرناڪ نوڪري هنن گئس کڻندڙ جهازن جي آهي. جهاز هلائڻ کان علاوه جهاز جي ڪارگو- يعني Pressurized گئس جو به خيال رکڻو پوي ٿو. هيءَ گئس ايتري ته وڏي پريشر تي ٿئي ٿي، جو اها Liquid form ۾ رهي ٿي. ٿوري به لِيڪ ٿي انسان جي جسم کي لڳڻ سان، جسم جي ان حصي کي ساڙي رکي ٿي- يعني اها ايتري ته ٿڌي ٿئي جو ان جي ٿڌ ساڙيو رکي، جيئن ٿڌن ملڪن ۾ سخت ٿڌ ساڙيو رکي ٿي. ساڳي وقت هنن جهازن کي گرمائش کان به بچائڻو پوي ٿو. هي گئسون (ميٿين، پروپين وغيره) اهي آهن، جيڪي ٻارڻ جي ڪم اچن ٿيون، جيڪي سگريٽ لائيٽر ۾ ٿين ٿيون. هڪ چڻنگ ۾ وڏو ممڻ مچائي سگهن ٿيون، ۽ ههڙن جهازن تي باهه نه لڳندي آهي، پر ڌماڪو ٿيندو آهي، جنهن بعد جهاز تي، ڪوبه هن حادثي جي وارتا ٻُڌائڻ وارو باقي نه بچندو آهي.
    گئس وارن جهازن وانگر ڪيميڪل ٽئنڪر به ٿين ٿا، جيڪي پڻ خطرناڪ ٿين ۽ گئس وارن جهازن وانگر هنن جهازن تي به زندگيءَ کي خطرو هجڻ ڪري، جهاز هلائيندڙن کي ٻين جهازن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پگهار ڏنو وڃي ٿو.
    اڄڪلهه Combination ڪئريئر نالي جهاز به عام ٿي رهيا آهن، جن جون ٽانڪيون اهڙي نموني جون ٿين ٿيون، جو انهن ۾ مارڪيٽ موجب تيل به کڻي سگهجي ٿو ته Bulk ڪارگو به.
    اڳ ۾ ڪنهن ڪار ڊيلر کي، ڪنهن ملڪ مان ڪارون گهرائڻيون هونديون هيون ته، اهي عام ڪارگو جهاز ۾ اينديون هيون. اسان جو جهاز به جڏهن جپان ويندو هو ته واپسيءَ تي ٻئي سامان سان گڏ، هر دفعي ڏهه ويهه کن ڪارون به آڻيندو هئو. انهن ڪارن کي جهاز ۽ سمنڊ جي لوڏن کان بچائڻ لاءِ، جهاز جو واڍو هر ڪار جي چوڌاري ڪاٺ جا فريم ٺاهيندو هو ۽ جهاز جا خلاصي هڪ هڪ ڪار کي چڱيءَ طرح رسن سان ڇڪي ٻڌندا هئا، پوءِ به ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ يا خليج بنگال ۾ جيڪڏهن طوفان هڪ پٺيان ٻئي ڏينهن به قائم رهندو هو ته، ڪيترين ڪارن جا رسا ۽ ڪاٺ جا فريم ٽٽي پوندا هئا ۽ پوءِ سڄو سڄو ڏينهن، سمنڊ تي انهن ڍرين ٿيل ڪارن کي، چڱيءَ طرح سوگهو ڪرڻ ۾ لڳي ويندو هو. ان کان علاوه ڪارن رکڻ ڪري جهاز جي هئچن ۾، انهن مٿان سامان رکي نه سگهبو هو ۽ گدامن جي اتاهين ڇت تائين سڄي جاءِ خالي رهي ٿي. ستر واري ڏهاڪي ۾ ڏسندي ئي ڏسندي عرب ملڪن ۾ تيل جو پئسو اچي ويو ۽ ڪارن جي ضرورت ايتري وڌي وئي جو ڪارن کڻڻ لاءِ خاص جهاز تيار ٿيا، جيڪي Car carrier سڏجن ٿا. انهن جهازن تي ڪارون ڪرين ذريعي کڻي رکڻ ۽ ڪاٺ جي فريم ۾ جڪڙڻ ۽ رسن سان ٻڌڻ ذريعي، ڊرائيوِ ڪري جهاز تي چاڙهيون وڃن ٿيون ۽ ٺهيل کانچن ۾ ڦاسي بيهن ٿيون ۽ هڪڙي ئي هئچ ۾ ڪيترائي پليٽ فارم هجڻ ڪري، ڪارن جو وڏو تعداد هڪ ٻئي مٿان بيهي سگهي ٿو. منزل اچڻ تي اهي ڪارون ڊرائيو ڪري جهاز تان منٽن ۾ لاهي سگهجن ٿيون. جهاز جي پاسن کان اهڙي قسم جا دروازا ٺاهيا وڃن ٿا، جيڪي کُلڻ سان جهاز جي ڊيڪ ۽ جيٽيءَ جي فرش ۾ پيل پُلِ ٿي پون.
    1973ع ۾ اسان ملائيشيا جي بندرگاهه پينانگ مان، لاس اينجلس (آمريڪا) لاءِ ٽونا (Tuna) مڇي ڀري، بس نڪرڻ وارا هئاسين ته، اسان جي ملائيشيا واري آفيس چيو ته هونءَ ئي توهان لاس اينجلس ويندي رستي تان جپان وٽان لنگهندئو. هينئر هينئر هيروشيما لاءِ ڪجهه ڪارگو ملي آهي، ڊيڪ تي ئي رکي وڃوس. ڇهه ستن ڏينهن جو ته سفر آهي، واٽ ويندي لاهيندا وڃجو ۽ ڪمپنيءَ کي ڪجهه فائدو ٿي ويندو. ٻيو نه ته ڀلا رستي جي سفر جو خرچ نڪري ويندو ۽ گراهڪي به پڪي ٿي ويندي. اسان جهاز وارن کي ڪو اعتراض نه هو، جو جهازن جي گدامن کي مڇي ۽ ٻئي جنهن سامان سان ڀريو هئوسين، اهو ڪو اهڙو نهرو نه هو. ان ۾ فقط واليوم هو. ان ڪري اسان ان کي کڻڻ لاءِ هائوڪار ڪئي، پر جڏهن خبر پئي ته اهو سامان ٻيو نه پر Lumber (ڪاٺ ۽ وڻن جا چيريل بُنڊ) آهن ته اسان دل من هنيو. ڇو جو جهاز جي ڊيڪ تي ڪاٺ کڻڻ وڏو مسئلو آهي. هونءَ ڪو رکڻ ۾ مسئلو نه آهي ۽ نه وري ان ۾ ڪو بانس(Bamboo) وارو مسئلو آهي، جنهن ۾ اڪثر نانگ بلائون ٿين ٿيون، جيڪي پوءِ بانس جي لڙهن مان نڪري ڊيڪ تي پيا هلندا آهن ۽ جهاز هلائڻ وارن لاءِ مصيبت پيدا ڪندا آهن. ڪاٺ کي پاڻي ڇُهڻ جي وڏي قوت آهي. جهاز جي ڊيڪ تي ڪاٺ رکڻ سان، هونءَ ئي سمنڊ جي گهميل هوا ڪري ٿورو گهڻو پاڻي ڪاٺ ۾ جذب ٿيو وڃي، پر جيڪڏهن خراب موسم جي ڪري سمنڊ جون ڇوليون، جهاز جي ڊيڪ (عرشي) مٿان اچيو ٿيو وڃن، ته پوءِ ڪاٺ ايڏو ته ڳرو ٿيو پوي، جو جهاز جي Stability ڊسٽرب ٿيو وڃي. جهاز جي Centre of gravity جيڪڏهن هيٺ ڀري آهي ته سامونڊي لهرن ۽ طوفاني هوائن ڪري، جهاز کاٻي ساڄي لڏي ضرور ٿو پر ٻُڏي نٿو. هو وري Stable حالت ۾ اچيو وڃي، پر جيڪڏهن CG (سينٽر آف گريو وٽي) مٿي هلي وڃي ٿي ته پوءِ خطري واري حالت ٿيو پوي ۽ اهڙيءَ صورت ۾ جهاز جي لڏڻ مهل ممڪن آهي ته، اهو واپس وچ واري صورت ۾ اچڻ بدران کاٻي يا ساڄي اونڌو ٿي وڃي. هيءَ صورت ان مثال مان سمجهي سگهجي ٿي ته، هڪ ٽرڪ ۾ جيڪڏهن هيٺان لوهه جو سامان يا ٽرئڪٽر جهڙي ڳري شيءِ رکي، مٿان ڀلي اٺ فٽ کن گاهه يا ڪانن جهڙي هلڪي شيءِ رکبي ته، ان سان ڪو خاص فرق نه پوندو، پر جيڪڏهن اٺ فٽ کن گاهه هيٺان رکي، ان مٿان ٽرئڪٽر رکبو ته صحيح ڪم نه ٿيندو. ٽرڪ جي CG مٿي ٿي ويندي ۽ ڪٿي ساڄي يا کاٻي پاسي ٽرڪ کي تڪڙو موڙڻ سان، اها اونڌي ٿي سگهي ٿي.
    جهاز جي ڪئپٽن آخري وقت تي ڪاٺ جهڙو ڪارگو کڻڻ لاءِ پهرين نهڪر ڪئي، پر پوءِ پينانگ جي آفيس وارن جي Convince ڪرڻ تي ته، ڀائي ڪڏهن ڪڏهن اصولن کي ڇڏي، پنهنجي ڪمپنيءَ جي ڀلي لاءِ Risk کڻڻو پوندو آهي، آخرڪار راضي ٿي ويو. هونءَ به اونهاري جا ڏانهن هئا، جن ۾ ملائيشيا جي هن پاسي خليج بنگال ۾ ته طوفان (Cyclones) ۽ مَون سُون جا مينهن رهن ٿا، پر ٻئي پاسي ڏکڻ چيني سمنڊ شانت رهي ٿو. اسان جو جهاز هانگ ڪانگ تائين ايئن هلندو رهيو ڄڻ آرسيءَ مٿان ترڪي رهيو هجي، نه لهر نه لوڏو مليو. هانگ ڪانگ ۾ اڌ ڏينهن کن ترسي، هيروشيما (جپان) لاءِ ڪوچ ڪيوسين ۽ پوءِ به موسم ۾ سمنڊ سانتيڪو رهيو. سڀئي چوندا رهيا ته چڱو جو اهو فالتو ڪارگو کنيوسين. ڪئپٽن اجايو پئي ڦڏو ڪيو ۽ قاعدا قانون ٻُڌايا. هيڏي ساري آفت ڪا ائين ٻڏندي ڇا؟ ان جيترو ٻيو سامان ملي ها ته اهو به کڻڻ سان ڪجهه نه ٿئي ها. لوڊ لائين (جهاز تي ٺهيل ليڪ) سمنڊ جي سطح کان اڃا گهڻو مٿي آهي.
    اسان ڏينهن رات جهاز هلائيندا اچي جپان جي ويجهو پهتاسين. هاڻ ڪو ويهه ڪلاڪن جو پنڌ هو ته، اچي ٿو مينهن جو وسڪارو ٿئي. وسڪارو به اهڙو جو بند ئي نه ٿئي ۽ اڳيان خراب موسم (Typhoon) جي اڳڪٿي. ٻن ٽن ڪلاڪن بعد ان جو به اثر شروع ٿي ويو. پهرين هلڪي هوا، پوءِ تيز، پوءِ واچوڙو ۽ هاڻ طوفاني هوائن سان گڏ سمنڊ جون لهرون، جهاز جو ڊيڪ اورانگهي وڃڻ لڳيون. ڪاٺ کي جيڪو پاڻي ڇهڻو هو اهو هن ڇهي ورتو ۽ هاڻ اسان لاءِ خطرناڪ حالت هئي. جهاز کي لُڏڻ کان هر صورت ۾ بچائڻو هو، ٻي صورت ۾ جهاز سان گڏ اسان به سمنڊ جي تري ۾ ٿي وياسين. موت جڏهن مٿان اچي سوار ٿيو ته هرڪو ٻولي ئي ٻي ڳالهائڻ لڳو. چي ڪئپٽن کي ههڙي خطرناڪ ڪارگو کڻڻ کان صاف انڪار ڪرڻ گهربو هو. قانون به اجازت نٿو ڏئي ته اهڙي صورت ۾ ڪاٺ (Lumber) جهڙو ڪارگو کڻو. ڪمپنيءَ کي باقي ڪارگو مان ئي ڪافي فائدو پئي ٿيو، ته هي فالتو کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي... وغيره وغيره
    آءٌ ان جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر (يعني چيف انجنيئر کان پوءِ ٻي نمبر تي انجنيئر) هوس. چانهه تي ڪئپٽن وٽ برج (ڪنٽرول روم) ۾ ويس. ڪئپٽن چيو ته ڪنهن نموني سان گهڻي کان گهڻي رفتار ڏيو، ته باقي ٽن چئن ڪلاڪن جو پنڌ ڪڍي وٺان. چيومانس، ”انجڻ جي رفتار ته اسان به Maximum پيا ڏيون، پر جهاز کي رفتار ته رب پاڪ ئي ڏيندو. دعا ئي ڪري رهيا آهيون.“ دراصل سامهون جي لهرن ۽ هوا ڪري، جهاز پچنگ به ڪري رهيو هو. يعني جهاز جو ڪڏهن اڳيون حصو مٿي ٿي ٿيو، ته ڪڏهن سمنڊ اندر هليو ٿي ويو. جنهن وقت سمنڊ اندر هليو ٿي ويو ته، سندس پٺيون حصو جنهن ۾ پروپيلر ٿئي، اهو مٿي کڄي ٿي آيو ۽ جهاز جو پروپيلر پاڻيءَ ۾ گهمڻ بدران هوا ۾ ڦرڻ ٿي لڳو. ظاهر آهي جهاز ته تڏهن اڳتي ٿو هلي يا رفتار ٿو حاصل ڪري جڏهن جهاز جو پروپيلر پاڻيءَ ۾ ڦري ٿو. پروپيلر جي هوا ۾ هلڻ ڪري، جهاز جو تيل اجايو هڪ طرف سڙيو ٿي ته انجڻ اوورلوڊ ٻي طرف ٿي ٿي، جنهن ڪري ان جي مختلف حصن تي منفي اثر ٿي ٿيا. ڪئپٽن کي ٻُڌايم ته اسان جو چيف انجنير جيڪو هن وقت ڊيوٽي تي آهي، ان ڪوشش ۾ آهي ته جهاز جون پٺيون ٽانڪيون تيل ۽ پاڻيءَ سان فل ڪري- جيئن جهاز جو جهڪاءُ پٺيان ٿئي ۽ پروپيلر جي ٻاهر نڪرڻ جو وقت ڪجهه گهٽ ٿئي ۽ جهاز کي رفتار ملي سگهي.
    ”هن رفتار سان هيروشيما تائين ڪيترو وقت لڳندو؟“ مون ڪئپٽن کان پڇيو.
    ”هيروشيما تائين هلڻ جو ته هن وقت سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي.“ ڪئپٽن ٻُڌايو، ”هاڻ رڳو ڪناري جي ويجهو ڪا اَڙ (Shelter) ملي ته اتي هلي جهاز کي لنگر انداز ڪري، ٽائفون (طوفان) جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪريون.“
    سامهون جپان جو ڪنارو ئي ڪنارو هو، پر پورچوگال وانگر هي هنڌ به اهڙو جابلو هو، جتي بيهڻ ” آ بیل مجھے مار“ جي مصداق هو. زير آب ۽ پاسن کان سنهين سنهين ٽڪرن سان جهاز جو لڳي ڇيتيون ڇيتيون ٿيڻ جو ڊپ هو. يعني”آسمان سے گرا کھجور میں اٹکا “ وارو حساب هو. بهرحال ڪنهن جي دعا قبول پئجي وئي. هڪ سڻائو هنڌ ملي ويو، جتي سڄي رات انتظار ڪري، ٻئي ڏينهن صبح جو هيروشيما لاءِ نڪتاسين ۽ منجهند ڌاري اچي پهتاسين.
    اهي ستر واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا، جڏهن جهازن تي هر قسم جو سامان کڻبو هو. ان بعد سگهوئي ڪارون کڻندڙ جهاز (Car carriers) به نڪتا ته ڪاٺ جا بُنڊ (Lumber & timber) کڻندڙ جهاز به نڪري پيا، جن ۾ ڪاٺ جو هر قسم حفاظت ۽ سهوليت سان نه فقط هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين کڻي سگهجي ٿو، پر آسانيءَ سان جهاز تي چاڙهي ۽ لاهي به سگهجي ٿو.


    رڍن جا جهاز ۽ مسئلا

    گذريل مضمون ۾ پاڻ ڪارون کڻندڙ، ڪاٺ کڻندڙ ۽ ٻين جهازن جي ڳالهه ڪئي. جهاز هلائيندڙن کي جتي سمنڊ تي رستو ڳولڻ ۽ جهاز هلائڻ لاءِ مشينن کي صحيح رکڻو پوي ٿو، اتي ڪارگو جي حوالي سان هر جهاز تي جيڪي مسئلا ٿين ٿا، انهن کي به مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. جيئن تيل کڻندڙ جهازن (Oil tankers) تي باهه لڳڻ جو خطرو ٿئي ٿو. تيل جي ڪري جهاز جي چوڌاري ڌماڪيدار گئسون (Methane، Ethane ۽ پروپين وغيره) رهن ٿيون ۽ معمولي چڻنگ جهاز تي ڌماڪو پيدا ڪري سگهن ٿيون. ان ڪري آئل ٽئنڪر جهاز تي سگريٽ ڇڪڻ جي ته اجازت ناهي، پر ڪا لوهه شيءِ ويندي واچ ٻڌي به ڊيڪ تي هلڻو ناهي، متان اها جهاز جي لوهي ڀتين تي لڳي، ڪا چڻنگ پيدا ڪري ۽ تباهيءَ جو سبب بڻجي. آخر سگريٽ لائيٽر ۾ به هڪ معمولي چڻنگ تڏهن ئي ٿي پيدا ٿئي، جڏهن لوهه جي ٻن ننڍڙن ڦيٿن کي اسان هڪ ٻئي سان رڳڙيون ٿا.
    ڪيميڪل کڻندڙ يا ڪمپريسڊ گئسون کڻندڙ جهازن تي ته، اڃا به وڌيڪ خبردار رهڻو پوي ٿو، جو پاڻيءَ جي صورت ۾ اها گئس (Liquefied gas) يا مختلف ڪيميڪل، انسان جي جسم کي ته ڇا لوهه کي به ساڙيو رکن، جيئن تيزاب ٿو جلائي. ڪاٺ کڻندڙ جهازن جا پنهنجا مسئلا آهن، جن تي ٿوري به بي خياليءَ ڪري، اهو ڪاٺ جيڪو هلڪو ٿئي ٿو، سمنڊ جو يا مينهن جو پاڻي جذب ڪري، ايترو ته ڳرو ٿيو پوي جو جهاز جي Stability کاريو رکي ۽ جهاز ٻُڏيو وڃي. جهاز تي رکيل سامان (Cargo) کي باهه به لڳيو وڃي، جنهن کي وسائڻ جا به بندوبست آهن. جهاز جي چوڌاري پاڻي جام ۽ اڻکٽ آهي. جهاز جي انجڻ روم توڙي ٻين هنڌن تي اليڪٽرڪ توڙي ڊيزل جا پمپ به جام آهن. رڳو بٽڻ کي دٻائڻو آهي ۽ پاڻيءَ سان باهه وسائڻي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته جهاز باهه لڳڻ ڪري تباهه نه ٿيندو آهي، پر باهه وسائڻ ڪري خاص ڪري باهه لڳل ڪارگو ڪنهن قسم جو اناج آهي ته پاڪستان ۾ چانور جام ٿا ٿين، جيڪي اسان جپان يا يورپ جي ملڪن ڏي کڻيو ٿا وڃون، سي ڪڏهن ڳوڻين ۾ ته ڪڏهن Bulk ۾، يعني ڦوهارن ذريعي جهاز جا هئچ (گودام) چانورن سان ڀريا وڃن ٿا ۽ ڦوهارن ذريعي ٻاهر ڪڍيا وڃن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اناج جي گدامن ۾ باهه لڳي سگهي ٿي، ان صورت ۾ اسان جي اهائي ڪوشش رهندي آهي ته، باهه لڳل هئچ جا دروازا چڱيءَ طرح بند ڪري، Seal ڪري ڇڏجن، جيئن ٻاهر جي هوا اندر نه وڃي ۽ باهه آڪسيجن جي کوٽ ڪري وسامي وڃي. يا گهٽ ۾ گهٽ ڏينهن ٻه ائين ڪڍي وٺجي، جيئن بندرگاهه تائين پهچي وڃجي ۽ بندرگاهه جي فائربرگيڊ کان مدد وٺجي، ڇو جو اناج ۾ لڳل باهه جي جيڪڏهن شروعاتي ليول تي ڄاڻ ٿي وڃي ٿي ۽ ٿوري پاڻيءَ سان وسامي وڃي ته صحيح آهي، نه ته گهڻي پاڻيءَ جي حالت ۾ جيتوڻيڪ باهه ته مڪمل طرح وسامي سگهي ٿي، پر ڏينهن ٻن بعد جهاز جون لوهي ڀتيون ڦاٽيو پون ۽ سمنڊ جو پاڻي اندر اچي جهاز کي ٻوڙي سگهي ٿو. اهو ان ڪري ٿئي ٿو جو پاڻيءَ ۾ پسڻ ڪري چانور Expand ٿين ٿا ۽ کين جاءِ نه ملڻ ڪري ايڏو ته پريشر Develop ٿئي ٿو، جو جهاز جي لوهي ڀتين جا ويلڊ به اڊڙيو پون.
    گهٽ مسئلا وهٽ/ چوپايو مال ڍوئيندڙ جهازن (Cattle ships) تي به نٿا ٿين. حيدرآباد کان ڪراچي تائين، يا کڻي لاهور کان ڪراچيءَ تائين، رڍن، ٻڪرين يا ڍڳين کي ٽرڪن ۾ پهچائڻ ڪو اهڙو مسئلو ناهي، پر پاڻيءَ جي جهاز تي انهن کي هزارن جي تعداد ۾ ڍوئڻ، سو به هڪ يا ٻن ڏينهن لاءِ نه، پر ٽن چئن هفتن لاءِ، وڏي سوچ ويچار جي ڳالهه آهي. تيل، ڪارون، ڪاٺ يا اناج ته ائين ئي هئچن ۾ پيو آهي، پر چوپايو مال ته ساهه واري شيءِ آهي، جنهن جي گاهه پٺي ۽ پاڻيءَ جو خيال هڪ طرف ڪرڻو پوي ٿو ته، سندن ڇيڻن ۽ ڦولهڙين جو نيڪال ٻئي طرف ڪرڻو ٿو پوي. دنيا جي هڪ ملڪ کان ٻئي ڏي ويندي، رستي تي موسم ۾ فرق اچي ٿو يا هونءَ ئي رکي رکي کين ڪا بيماري ٿي سگهي ٿي ۽ جانورن جون ڪي بيماريون وچڙندڙ ٿين ٿيون ۽ جڏهن اهي جانور هڪ ٻئي پويان مرڻ لڳن ٿا ته، کين سمنڊ ۾ اڇلڻ به مسئلو ٿيو پوي. سمنڊ ۾ به جتي ڪٿي توهان هر شيءِ اڇلي نٿا سگهو. هي ته هيڏو سارو جانور ٿيو- سو به هڪ نه ٻه، هي ته ڊزنن جي حساب سان مرن ٿا، ڇو جو ڪن ڪن جهازن تي هڪ لک کان به مٿي رڍون ٻڪريون چڙهن ٿيون، جن ۾ روز ايتري تعداد ۾ موت ڪا وڏي ڳالهه ناهي.
    رڍن ٻڪرين يا ڍڳين جي ٽرانسپورٽ جي، گذريل صدي جي شروعات واري اڌ (1950ع) تائين، ڪا ضرورت نه پئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڀلي نسل جا گهوڙا، اُٺ يا ڍڳيون، مينهون يا سانَ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ، پالڻ جي شوق لاءِ جهاز رستي ويندا هئا، جيڪي پوءِ هوائي جهاز ۾ به وڃڻ لڳا، پر پاڻيءَ جي جهاز رستي وڏي پيماني تي ٽرانسپورٽ، ستر جي ڏهاڪي کان شروع ٿي، جڏهن عربن وٽ تيل مان پئسو آيو.
    ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته عرب کائڻ پيئڻ جا شوقين آهن. هنن وٽ جڏهن تيل نه نڪتو هو، سخت غربت هئي، ايتريقدر جو حيدرآباد دکن جو نواب توڙي ٻيا ننڍي کنڊ جا ماڻهو، پنهنجون زڪواتون ۽ خيرات، حج دوران عربن ۾ ورهائيندا هئا، تڏهن به روزي تي رهيا ٿي يا وري چڱي طرح گوشت کاڌائون ٿي. پر ان وقت هنن پنهنجي مڪاني جانور اُٺ تي گذارو ٿي ڪيو. مونکي ياد آهي ته1968ع ۾ اسان جو ٻه ٽي دفعا جڏهن لبنان جي شهرن طرابلس ۽ بيروت اچڻ ٿيو ته، اهڙن ماڊرن ۽ امير هنڌن تي به بن ڪواب، قيمي جو ٻوڙ يا عرب ملڪن جي مشهور سئنڊوچ- شورما ۾ اُٺ جو گوشت استعمال ٿي ٿيو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عرب دنيا ۾ تيل جي دولت اچي وئي. يورپ ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ عرب سير سياحت ڪندي نظر اچڻ لڳا. مون انهن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکيو آهي ته عربن مان يورپين جي ايڏي ڪمائي ٿي ٿئي، جو لورپول (انگلينڊ) جهڙين هوٽلن ۾ عربيءَ ۾ لکيل مينو ۽ اشتهار نظر اچن ٿا. عربن جو اهڙي طرح برگر، اسٽيڪ، مئڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي جهڙين شين لاءِ ٽيسٽ ڊيولپ ٿيو ۽ کين اُٺ جو گوشت مڪروه لڳو. هو فروزن چڪن (ڪڪڙ جو گوشت)، ڊئنمارڪ ۽ اسپين مان ۽ فروزن مٽن ۽ بيف (رڍ ۽ ڳئونءَ جو گوشت) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا مان گهرائڻ لڳا. سڄي عرب دنيا ۾ يورپي ۽ آمريڪي فاسٽ فوڊ جا هوٽل/ ريسٽورنٽَ کُلي ويا ۽ وئي گوشت جي ڊمانڊ وڌندي. ان دوران گوشت سپلاءِ ڪندڙ ڪجهه يورپي ڪمپنين سوچي سمجهي يا غير ارادي طور فراڊ به ڪيو ۽ سوئر جي گوشت جو قيمون ڳائي گوشت جي نالي ۾ موڪليندا رهيا- خبر مشهور ٿيڻ تي هو ڪچو گوشت گهرائڻ بند ڪري، جيئرا جانور گهرائڻ لڳا، جيئن انهن کي پنهنجي اکين اڳيان، اسلامي طريقي سان ذبح ڪيو وڃي.
    هونءَ فروزن گوشت جيڪو اسان عام ڪارگو جهازن جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ يا ريفريجريٽيڊ ڪارگو جهازن (Refers) ۾ کڻي ايندا هئاسين، هاڻ جيئريون رڍون، ٻڪريون ۽ ڍڳيون ڍوئڻ لاءِ هڪ خاص قسم جا جهاز نڪري پيا. انهن جهازن ۾ جهاز هلائڻ کان علاوه جانورن جو خيال رکڻ ۽ کين چارو کارائڻ وارا، صفائي ڪرڻ وارا ۽ جانورن جا ڊاڪٽر پڻ چڙهن ٿا. ان هوندي به خراب موسم ۽ گرميءَ ڪري ڪيترائي جانور مريو وڃن. انجڻ جي خراب ٿيڻ تي انسان ته هوا خوريءَ لاءِ ڪمرن مان ٻاهر نڪري، ڊيڪ تي اچي سگهن ٿا. هيترن سارن جانورن کي ڪيڏانهن ڪجي؟ جنريٽر جي بند ٿيڻ تي، جانورن جي لوهي واڙن جو Ventilation سسٽم بند ٿيو وڃي ۽ ٻوسٽ توڙي گرميءَ ڪري، جنهن نموني سان هي بي زبان جانور چيچلائي چيچلائي مرن ٿا، اهو هڪ ڏکوئيندڙ منظر آهي. يا باهه لڳڻ تي اسان انسان ته ٻيڙين رستي جهاز تان لهيو وڃون، پر معصوم رڍون جيئري باهه حوالي ٿيو وڃن. کين سمنڊ ۾ به نٿو لاهي سگهجي، جو اهي ڪتي يا ٻلي جيترو به تري نٿيون سگهن. رڍ، ٻڪري هجي يا ڍڳي، سمنڊ ۾ ڪِرڻ بعد اها سڌو هيٺ هليو وڃي. ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۽ USA جون ”جانورن جو خيال رکڻ واريون تنظيمون“ احتجاج ڪنديون رهن ٿيون ته، گگدام جانورن تي ڪهل ڪريو ۽ انهن جي هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ ٽرانسپورٽ بند ڪريو، پر ان معاملي ۾ نه عرب ملڪ گهرائڻ بند ڪندا ۽ نه وري نيوزيلينڊ، آسٽريليا يا آمريڪا وارا موڪلڻ بند ڪندا. ڇو ته انهن ملڪن جي رڍن جي اُن (Wool) مان وڏي ڪمائي آهي. ٻه ٽي سال رڍن مان اُن ڪڍڻ بعد انهن کي ڪوس خاطر، عرب ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ڏي موڪليو وڃي ٿو.
    دنيا ۾ سڀ کان گهڻو مال (رڍون توڙي ڳائو مال) عرب ملڪ ۽ جپان، هانگ ڪانگ، ڪوريا، برونائي وغيره گهرائي ٿو ۽ سڀ کان گهڻو ايڪسپورٽ آسٽريليا مان ٿئي ٿو. گذريل سال آسٽريليا چاليهه لک رڍون ۽ اٺ لک ڳائو مال، مختلف ملڪن ڏي موڪليو. اهڙيءَ طرح نيوزيلينڊ ۽ آمريڪا وغيره ڪوس جا جانور ايڪسپورٽ ڪري ٿو. اڄڪلهه جو ماڊرن جهاز هڪ لک کان سوا لک کن رڍون کڻي سگهي ٿو. جهاز تي ڍوئجڻ وارا هي جانور جهاز جي حادثي (ٻُڏڻ يا سڙڻ) تي ته مرن ٿا ۽ پر هڪ عام سفر ۾ به ڪيترائي جانور بک، گرمي Heat stroke، اُڃ (Dehydration) وگهي مريو وڃن. مون کي ياد آهي ته 1980ع ۾ جڏهن اسان جو جهاز مالاڪنڊ ملاڪا نار (ملائيشيا) وٽان لنگهي رهيو هو تهFarid fares نالي هڪ Cattle ship، جيڪو آسٽريليا کان ايران لاءِ 41 هزار رڍون کڻي نڪتو هو، ان کي باهه لڳي ويئي. جهاز ۾ موجود ماڻهن ته پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏيئي پنهنجي جان بچائي ورتي، پر جهاز سمورين رڍن سميت سڙي خاڪ ٿي ويو. اهڙيءَ طرح 1996ع ۾ UNICEB نالي هڪ جانورن جي جهاز کي، هندي وڏي سمنڊ ۾ باهه وڪوڙي وئي هئي. اهو جهاز آسٽريليا کان ستر هزار رڍون کڻي اردن وڃي رهيو هو. منجهس موجود هڪ رڍ به بچي نه سگهي. ڪجهه سڙي ويون باقي ٻُڏي ويون. اهڙيءَ طرح ويجهڙائيءَ ۾ Guernsey express نالي هڪ جهاز جي خبر پڙهڻ ۾ آئي، جيڪو پئسفڪ سمنڊ ۾ Guam وٽ سورهن سؤ ڍڳين سميت ٻُڏي ويو. بهرحال اهي ته چند مثال آهن جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن. صحيح تعداد ته تمام وڏو ٿي سگهي ٿو.
    هونءَ هي رڍن ڍڳين جو ڪاروبار، گذريل ٽيهه چاليهه سالن کان وڏي زور شور سان هلي رهيو آهي، پر عام پبلڪ کي ان بابت چڱيءَ طرح ڄاڻ، هنن ڏهاڪو کن سالن ۾ ٿي آهي، جنهن ۾ پرنٽ ميڊيا کان علاوه اليڪٽرانڪ ميڊيا وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪا ڳالهه دنيا جي هڪ ڪنڊ ۾ ٿئي ٿي ته، ان ئي وقت ان جي خبر ٻي ڪنڊ تائين پهچيو وڃي. پر اسان واري علائقي (ايشيا ۽ آفريڪا) کان علاوه يورپ پاسي رڍن جي هن ڪاروبار جو گهڻو وڳوڙ سال 2003ع ۾ ”ڪورمو ايڪسپريس“ جهاز واري واردات بعد مچي ويو.
    هالينڊ جو هي اسٽيم جهاز ڪورمو ايڪسپريس Coromo-express 5 آگسٽ 2003ع تي جدي (سعودي عرب) لاءِ 57 هزار رڍون چاڙهي آسٽريليا جي بندرگاهه Fermantle مان نڪتو.
    اٽڪل سورهن ڏينهن جي سفر بعد هي جهاز جدي وٽ پهتو ۽ قانون موجب کيس سامان (رڍون) لاهڻ کان اڳ کلئي سمنڊ ۾ بيهاريو ويو، جتي سعودي عرب جا مقرر ٿيل جانورن جا ڊاڪٽر (Veterinarians) رڍن جي چڪاس لاءِ جهاز تي پهتا. کليل ماحول مان ڪڍي جڏهن رڍن کي جهازن جي لوهي واڙن ۾، هڪ موسم واري ملڪ کان ٻي موسم واري ملڪ ۾ آندو وڃي ٿو ته گرمي، هٻس، اڻپوري کاڌي ۽ سندن ئي لاٿل گند ۽ پيشاب جي گڏ ٿي وڃڻ ڪري ۽ ذهني Stress ڪري، هنن کي دستن، سهڪ، بخار، نمونيا جهڙيون ڪيتريون ئي بيماريون لڳن ٿيون- خاص Scabby mouth جهڙي بيماري، جنهن کي سنڌيءَ ۾ شايد سمارو سڏيو وڃي ٿو. وات جي هيءَ بيماري Scabby mouth هڪ عام بيماري آهي، جيڪا سامونڊي سفر دوران رڍن کي اڪثر لڳي ٿي ۽ هڪ حد تائين رڍن جو ان بيماريءَ جو شڪار ٿيڻ قابل قبول سمجهيو وڃي ٿو. رڍون گهرائڻ وقت رڍون موڪليندڙ ۽ خريد ڪندڙ جي وچ ۾ معاهدو ٿيندو آهي ته ڪيتريءَ حد تائين بيمار رڍون قبول ڪيون وينديون.
    سعودي عرب هيءَ جيڪا 57000 رڍن جي کيپ، آسٽريليا کان گهرائي، ان لاءِ سعودي عرب پنج سيڪڙو سمارو (Scabby mouth) بيماري واريون رڍون- يعني 2850 کن جي قبوليت جو معاهدو ڪيو هو. پر رڍن سان ڀريل هن جهاز Cormo express جي جڏهن جانورن جي بيمارين جي ماهرن چڪاس ڪئي ته، بيمار رڍن جو تعداد ڇهه سيڪڙو کان به مٿي هو. سعودي عرب رڍن جي هن سموري کيپ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جهاز وارن کي صاف صاف چيو ته، هنن رڍن مان بيماريءَ جو انديشو آهي، ان ڪري هڪ رڍ به سعودي عرب جي سرزمين تي لهڻ نه ڏني ويندي ۽ جهاز هتان لنگر کڻي ڪنهن ٻئي پاسي ٽري وڃي.
    سمارو بيماريءَ کان علاوه رڍن جي سرسري حالت به اثر انداز ٿيل لڳي ٿي. جهازي ماهرن اهو به شڪ ڏيکاريو ته پراڻي کٽاري قسم جي جهاز ۽ گهٽ پگهار تي نيم ڄاڻو پورهيتن (Workers) ڪري به ائين ٿيو. جهاز ۾ نه صحيح طرح هوا جو گذر هو ۽ نه اليڪٽرڪ پکن ۽ بلوئرن ڪم ٿي ڪيو ۽ آگسٽ جهڙي مهيني ۾ جڏهن آسٽريليا ۾ ته کڻي سيارو ٿئي ٿو، پر دنيا جي مٿين اڌ گول ۾، اسان وٽ ته اونهارو ٿيو ۽ انهن مهينن ۾ بحرِ احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي گرمي ايئرڪنڊيشنرن کي به مات ڪري ڇڏيو. بهرحال پکن ۽ هوا جي سٺي گذر جي کوٽ کان علاوه هن جهاز ”ڪمورو ايڪسپريس“ جي Desalination plant (سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهڻ واري مشين) ڪم نٿي ڪيو. جهاز تي چڙهيل پنجاهه کن جهازين لاءِ ئي پاڻيءَ جو وڏو مسئلو ٿئي ٿو، اتي اڌ لک کن رڍن کي ههڙي گرميءَ ۾ پاڻيءَ جي ڪيڏي ضرورت پوندي هوندي. هڪ رڍ سڄي ڏينهن ۾ چار لٽر پاڻي پيئي، ته به روزانو رڍن لاءِ ٻه لک ليٽر پاڻي جي ضرورت ٿي، جيڪو پاڻي بندرگاهه مان خريد ڪري نٿو سگهجي، جو پاڻي تمام مهانگو آهي ۽ نه وري جهاز تي ايڏيون وڏيون ۽ ايتريون ٽانڪيون آهن، جن ۾ ٻن ٽن هفتن جي ضرورت جو پاڻي جمع ڪري ٿو سگهجي، سو جهاز تي پاڻي ٺاهڻ جي مشين جنهن کي Fresh water evaporator به سڏجي ٿو، هجڻ ضروري آهي ۽ هن جهاز وارن ان مشين جي خراب هجڻ جي صورت ۾ ڪيئن پئي ڪم هلايو، سمجهه ۾ نٿو اچي.
    جهاز جي Extraction plant ۾ پڻ مسئلو هو. اها مشين رڍين جي پيشاب ۽ ٻئي گند ڪچري کي ڇڪي ٻاهر سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ٿي. مشين صحيح طرح ڪم نه ڪرڻ ڪري، رڍن کي هر وقت ان گند ۾ بيهڻو پيو ٿي ۽ انهن کي چارو پڻ خراب حالت ۾ مليو ٿي، ڇو جو چاري لاءِ جهاز تي الڳ آهر نه ٿين. اهو مشينن رستي انهن مٿان اڇلايو وڃي ٿو، جنهن جو ڪجهه حصو رڍن جي پيشاب، ڦولڙين ۽ دستن سان مڪس ٿيو وڃي.
    سعوي عرب وارن جو هيءَ رڍن جي کيپ قبول نه ڪئي ته، هاڻ هيترا سارا ساهه وارا ڪيڏانهن وڃن، جن لاءِ گلف جي گرميءَ جو هڪ هڪ ڏينهن عذاب هو. جهاز وارن لاءِ به وڏو مسئلو هو. ڪنٽينر، ڪارون، دٻا يا تيل جهڙو ڪارگو هجي ته جهاز ائين ئي بيٺو هجي. هتي اڌ لک کن ساهه وارا جانور هئا، جن جي صفائي جو مسئلو هڪ طرف هو. جنهن جي بدبوءِ نه فقط جهاز وارن کي، پر رڍن کي به گهوماٽي رهي هئي. ٻئي طرف انهن جي کاڌي پيتي جو مسئلو هو. پنج يا ڇهه سيڪڙو بيمار رڍون سي به سمارو جون مريض ڪو وڏو مسئلو نه هو، پر هاڻ گهڻا ڏينهن گذرڻ، گرمي ۽ غير هائيجنڪ حالتن ڪري روزانو پنجاهه کن رڍون مري رهيون هيون، جن کي بندرگاهه وٽ سمنڊ ۾ اڇلي نٿو سگهجي، جو ان مان بيماريون پکڙجڻ جو انديشو رهي ٿو. انهن کي کلئي سمنڊ ۾ ئي اڇلڻو پوي ٿو. وڏي ڳالهه ته انهن مري ويل رڍن کي هزارن جي تعداد مان ڳولي ڪڍڻ به هڪ مسئلو آهي ۽ جي ڳولي نٿو ڪڍجي ته انهن مان ڍونڍ جهڙي بدبوءِ ٿي نڪري.
    ان دوران آسٽريليا کان هنن جا جانورن جا ڊاڪٽر سعودي عرب حڪومت وارن کي Convince ڪرڻ لاءِ آيا ته، رڍن ۾ بيماري ان حد تائين ناهي جو الڪو ڪرڻ کپي، پر سعودي حڪومت جي ڊاڪٽرن، فوڊ ڊپارٽمينٽ ۽ صحت کاتي ڳالهه نه مڃي. آسٽريليا وارن جي به وڏي بي عزتي ٿي، جو اخباري ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي هي قصو ڏينهون ڏينهن مشهور ٿي رهيو هو ۽ آسٽريليا جي هن بلين ڊالر بزنيس کي ڇيهو رسي رهيو هو. رڍن جي آسٽريلوي واپاريءَ جو نمائندو پاڻ هلي آيو ۽ رڍن جي نيڪال لاءِ اوسي پاسي جي عرب ملڪن سان سودو طئه ڪرڻ لڳو. انهي دوران ڪورمو ايڪسپريس جهاز ٻاهر کلي سمنڊ ۾ اچي مئل رڍون ڪجهه جهاز جي بئالرن ۾ ساڙي ۽ ڪجهه سمنڊ ۾ ٻوڙي اردن جي بندرگاهه عقبه ۾ پهتو. اردن وارن چيو ته هونءَ کڻي اسان رڍون خريد ڪريون، پر جيئن ته هو ٻئي ملڪ لاءِ آيون ۽ انهن جي رد ڪرڻ جي خبر عوام کي چئجي چڪي آهي، ان ڪري هن سودي ۾ وقت جي حڪومت کي سياسي طرح وڏو ڇيهو رسندو.
    28 آگسٽ تي جهاز عقبه کان موٽي وري جدي آيو. ان دوران آسٽريليا کان هاءِ ليول جي هڪ ڪميٽي رياض ۾ اچي سعودي حڪومت جي واسطيدار عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر آسٽريليا وارن کي ڪاميابي نصيب نه ٿي. جهاز وارا سعودي عرب مان رڍن جي خوراڪ لاءِ ٻن هفتن جو چارو خريد ڪري دبئي آيا، پر انهن به رڍن کي خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري. اتي سيپٽمبر جي به يارهين تاريخ ٿي وئي، رڍن جهاز جي لوهي ڪمرن ۾، ايراني نار جي گرمي ۾ سڙنديون رهيون. انهن کي گرميءَ کان بچائڻ لاءِ، جهاز کي ايراني نار مان ڪڍي، عربي سمنڊ ۾ هلائڻ شروع ڪيو، جيئن ڪجهه ٿڌي هوا لڳي ۽ رڍن جي روزاني موت ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿئي.
    بهرحال قصو کٽائڻ لاءِ هتي مختصر طور اهو لکان ته آسٽريليا وارا اهڙا ته بيزار ٿي پيا، جو هنن اوسي پاسي جي ڏهه کن غريب ملڪن جي لسٽ ٺاهي، انهن جي حڪومتن کي منٿ ميڙ ڪئي ته مفت ۾ ئي رڍون کڻو، جيئن هڪ طرف جهاز وارن جي جان ڇٽي ۽ ٻئي طرف گگدام جانورن کي جهاز جي قيد کان آزادي ملي، جنهن لاءِ دنيا جون ڪيتريون ”جانورن کي ظلم کي بچائڻ“ واريون ڪميٽيون گوڙ ڪري رهيون هيون ۽ آسٽريليا بدنام ٿي رهيو هو. انهن ڏهن ملڪن ۾ افغانستان ۽ پاڪستان به شامل هئا، پر انهن به هيءَ خيرات قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. آسٽريليا جي وزيراعظم جان هاورڊ اسيمبليءَ ۾ اهوئي اظهار ڪيو ته، لڳي ٿو ته رڍن جي هن کيپ کي واپس وطن گهرائڻو پوندو.
    وزيراعظم جو اهڙو اعلان ٻُڌي ماڳهين سندس ماڻهو مڇرجي پيا ته اهي رڍون جن ٻين ملڪن جو چارو کاڌو آهي، انهن کي آسٽريليا جهڙي پاڪ، صاف ڌرتيءَ تي نه آندو وڃي، جو ٿي سگهي ٿو ته اهي هاڻ ڌارين ملڪن مان ڪن بيمارين جا جراثيم کڻي اچن ۽ جيڪڏهن هنن کي آندو به ويو ته هرهڪ جو ڪئارنٽائين ٿيڻ ضروري آهي- معنيٰ هرهڪ رڍ کي ٽي ڏينهن کن خاص ڪمري ۾ رکي، چڱيءَ طرح ميڊيڪل چڪاس ڪئي وڃي. ٻين لفظن ۾ ”ڪسيري جي ڪتي ٽڪي جا کائي نان“ يا ”اَٺ آنا اُٺ جا، ٻارهن آنا کڻاڻي. ڪري پئي کوهه ۾ ته ڏيڍ رپيو ڪڍاڻي.“
    جهاز کي ايراني نار، ڳاڙهي سمنڊ ۽ عربي سمنڊ ۾ ڀٽڪندي ڏهين آڪٽوبر ٿي ويو. آخر آسٽريليا جي وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا هن بدنصيب جهاز Cormo express کي واپس آسٽريليا گهرائڻ جو اعلان ڪيو. جهاز جئين ئي لنگر کنيو ته انجڻ جي بريڪ ڊائون ٿي پيئي. رڍن جو نيڪال جو اڳهين مسئلو، هاڻ جهاز جي انجڻ مٿي جو سور ٿي پئي. ٺهڻ ۾ ويو ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرندو. پراڻو جهاز- جهاز جا انجنيئر جيڪا شيءِ کولين اها هٿ ۾. انهيءَ دوران آسٽريليا هڪ ڀيرو وري اوسي پاسي جي غريب ۽ گهر جائو ملڪن سان لهه وچڙ ۾ آئي ۽ عراق، سوڊان جهڙي ڪنهن ملڪ قبوليت جو ٿورو گهڻو خيال ٿي ڏيکاريو، ته يورپ ۽ آمريڪا جي ڪجهه عيسائي ۽ يهودي ٻاون ۽ پنڊتن وٺي گوڙ ٿي ڪيو ته ”رڍن سان ظلم بند ڪريو.“ هنن اڳهين ٽي مهينا کن جهاز جي گرمي، گند ۽Stress ۾ گذاريا آهن. هاڻ ڪنهن مسلمان ملڪ جي حوالي ته نه ڪريو جو مسلمان وڏا ظالم آهن. ڍورن جي اڌ ڳچي ڪپي هنن کي تڙپائي تڙپائي مارين ٿا. ان قسم جا خط دنيا جي ڪيترين اخبارن ۾ ايندا رهيا. هڪ همراهه ته خط ۾ اهو به لکيو ته مسلمانن کي ڪو سمجهائي ته خدارا گگدام جانورن کي مڏيءَ ڇريءَ سان ته نه ڪهو.
    بهرحال ان قسم جي خطن جي جواب ۾ ڪجهه مسلمانن به خط لکيا هوندا. هڪ يورپي مسلمان (Neo Muslim) جو ملائيشيا جي ڪنهن اخبار ۾ مون به پڙهيو. هو ڪو ڊاڪٽر لڳي ٿو ۽ هن اسلام کان اڻ واقفڪارن کي ٻُڌايو ته، اسلام جانور توڙي پکيءَ کي ذبح ڪرڻ لاءِ هميشهه تکي ڇري استعمال ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪئي آهي ۽ ذبح ڪرڻ وقت جانور جي رڳو رت جي نليءَ کي ڪٽيو وڃي ٿو، جيئن هن جي ڪرنگهي جي نس (Spinal card) سلامت رهي ۽ هن جي دل آخر تائين رت کي پمپ ڪري ٻاهر ڪڍندي رهي ۽ جانور جو ڦٿڪڻ دراصل هن جي دل ۽ ان سان وابسته نليون Contraction ۽ Expansion جو عمل ٿيون پيدا ڪن. جانور کي ته تڏهن سور ٿئي ٿو، جڏهن هن کي جهٽڪي سان ماريو وڃي ٿو يا هن جو ڪرنگهو ڪٽيو وڃي ٿو. ۽ ڪنهن به جانور کي کائڻ کان اڳ، هن جي جسم جو رت خارج ڪرڻ، ان ڪري به ضروري آهي، جو رت ۾ جراثيم ۽ بيماريون ٿين ٿيون، جيڪي ٻئي تائين ٽرانسفر ٿين ٿيون ۽ چوڏهن سؤ سال اڳ جي هن ڳالهه جي اڄ جي سائنس به تصديق ڪري ٿي.
    بهرحال جانورن کي دڳ لاهڻ لاءِ آسٽريليا جي حڪومت، رڍن کي واپس پنهنجي ملڪ موٽائڻ جو ظاهري طرح اعلان ڪيو، پر ڳجهه ڳوهه ۾ هنن آفريڪا جي هڪ ملڪ اريٽيريا وارن سان معاهدو ڪري ورتو. جهاز جي مشينري جيئن ئي صحيح ٿي ته هنن کي اريٽيريا ملڪ جي بندرگاهه ماساوا (Massawa) وڃڻ لاءِ چيو ويو، جيڪو ڳاڙهي سمنڊ کان ڏينهن ٻن جي پنڌ تي آهي. اهڙي طرح اهي رڍون جيڪي 5 آگسٽ تي جهاز تي چڙهيون 74 ڏينهن بعد 24 آڪٽوبر تي لاٿيون ويون. ايتريون رڍون لاهڻ ۾ ٽي ڏينهن لڳي ويا. (چاڙهائڻ ۾ جيترا ڏينهن لڳن ٿا لاهڻ ۾ ان کان هميشهه هڪ ڏينهن وڌيڪ لڳي ٿو.) اريٽيريا وارن کي نه رڳو رڍون مفت ۾ ڏنيون ويون، پر آسٽريليا وارن کي وڌيڪ خواريءَ کان بچائڻ جي خوشيءَ ۾ هنن اريٽيريا وارن کي ٽي هزار ٽن ڏاري جا ۽ هڪ ڪروڙ ڊالر روڪ پڻ ڏنا. رڍن کي ماساوا بندرگاهه تي لاهڻ بعد کين ٽرڪن ذريعي 25 کن ڪلوميٽر پري اسمارا (Asmara) جي چراگاهن ڏي نيو ويو. جهاز جي مالڪن، جهاز هلائيندڙن جو ٿورو مڃيو، جيڪي ايڏي بي افعالي ۽ تڪليف واري سفر کان جواب ڏئي ڀڄي به وڃي سگهيا ٿي.
    “We would like to thank our master, officers and crew for their highly professional conduct throughout this trying and stressful period. Their conduct deserves nothing but praise.”
    هالينڊ جي هن جهازي ڪمپنيءَ جي چيئرمين Vroon BV جهاز جي هر ماڻهوءَ کي سرٽيفڪيٽ ڏنو.
    ان کان وڌيڪ جهاز جي ڪمپنيءَ وارا ۽ آسٽريليا جي حڪومت، آفريڪا جي هن غريب عيسائي ملڪ اريٽيريا جي شڪر گذار ٿي، جنهن هنن کي وڏي خفي مان بچائي ورتو ۽ ان بابت اخبارن ۾ بيان آيو هو ته:
    “We are extremely pleased that this difficult situation has finally been resolved, which brings to an end the unacceptable stress imposed on the animals as a consequence of the prolonged voyage.”
    پراڻي جهازن جي مالڪن جون آکاڻيون پڙهبيون آهن ته، انهن ڏينهن ۾ جهاز هوا جي آڌار تي هلندا هئا. جهاز جڏهن طوفانن ۾ ٻُڏي ويندا هئا ته، انهن جي مالڪن کي اڪثر هارٽ اٽئڪ ٿيندو هو. جهاز ۽ جهازن جي دنيا ۾ جتي انيڪ فائدا آهن، اتي ڪيترا اڻ ڄاتل نقصان پڻ آهن، جن جي صدمي وگهي اڄ به جهازن جا مالڪ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا.
    دادوءَ جي چيف انجنيئر ظهير بابر، هن جهاز کي ”ڪورمو ايڪسپريس“ جي حوالي سان چيو: ”سائين منهنجا! اسان رڳو جهاز جي مالڪ تي چڙ ڪيون ٿا. اهو ته سوچيو ته هن جو ته ان سفر ۾ الهه تلهه ناس ٿي ويو.“ ۽ پوءِ هن حساب ڪندي چيو:
    57 هزار رڍن جي جوهي ۽ مهيڙ جي مارڪيٽ جي حساب سان قيمت پنج هزار رپيه لڳائجي، ته به اها ٿي 285,000,000 رپيا. اڍائي مهينا کن جهاز هليو (بندرگاهه ۾ بيٺو هو ته به جنريٽر ۽ ٻيون مشنيون ته هليون پئي)، ان کان علاوه جهاز هلائيندڙ جون پگهارون ۽ کاڌا پيتا، رڍن جي چاري جا پئسا سڀ ملائي، هڪ ڏينهن جو ٿورو خرچ لڳائجي، ته به ٻه لک رپيا ته گهٽ ۾ گهٽ ٿيندو. يعني 75 ڏينهن جو ٿيو 15000,000 رپيا. ٽيهه هزار ٽن ڏارو جيڪو رڍن سان گڏ ڏنو ويو، ان جي اريٽريا جهڙي ڏڪاريل ملڪ ۾ قيمت ٿي 6000,000 رپيا. ان کان علاوه جن کي مفت ۾ رڍون ڏنيون ويون، انهن جي مدد ۽ مهرباني مڃڻ خاطر 60,000,000 رپيا ڏنا ويا. هاڻ رڳو اهي خرچ ڳڻجن ته 366,000,000 رپيا ٿيا، يعني ڇٽيهه ڪروڙ سٺ لک رپيا، جهاز جي مالڪ کي، ڏني نه ورتي گهران ڀرڻا پئجي ويا. ان کان ته اهي اڍائي مهينا کن جهاز هڪ هنڌ بيٺو هجي ها ته اهو سٺو هو.“
    جهازن جي چيف انجنيئر ظهير بابر جيئن ئي ڳالهه ختم ڪئي ته، ڪن ۾ چيومانس ”پوءِ ڀلا اهو نڀاڳو جيئرو آهي يا مري ويو؟“
    ظهير پنهنجو روايتي ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ڀاءُ منهنجا! شڪر ڪري ته کيس ٻيا به ٽي چار جهاز آهن، جيڪي ڪمائي رهيا آهن، نه ته هن مالڪ جو موت سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ ٿي وڃي ها، جڏهن عربن، اردينين ته ڇا پاڪستان ۽ افغانستان به هن تحفي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.“
    رڍن واري هن جهاز ڪورمو ايڪسپريس جو قصو پهرين مهيني آگسٽ ۾ پاڪستان ۾ ايترو مشهور نه ٿيو، پر پوءِ جڏهن سعودي عرب، اردن يا ڪنهن ٻئي امير عرب اهي رڍون (جن مان ڇهه ست سيڪڙو کن کي وات جي بيماري لڳي وئي) خريد ڪرڻ کان صاف صاف انڪار ڪيو ته، نيٺ آسٽريليا وارن انهن رڍن مان جان ڇڏائڻ لاءِ عراق، افغانستان، پاڪستان، بنگلاديش جهڙن ملڪن کي مفت کڻڻ لاءِ آڇ ڏني. پاڪستان جو نالو ميڊيا ۾ اچڻ سان نه فقط پاڪستان ۾ پر پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ پاڪستاني ماڻهن ۾، ان بابت بحث مباحثا شروع ٿي ويا. آءٌ انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ هوس، جتي مونکي ياد آهي ته پاڪستاني سفارتخاني جي ٻاهر يا نماز جي وقت ٽوڪيو جي مسجد ۾- خاص ڪري جمع نماز تي، اسان جي ماڻهن جا ان خبر بابت تمام گهڻا گرم گرم بحث شروع ٿي ويا. ڪن جو چوڻ هو ته موقعو سٺو آهي، مفت ۾ هيتريون ساريون رڍون پيون ملن، جن ۾ فقط هڪ ننڍڙو تعداد سمارو (Mouth scabby) ۾ ورتل آهي، باقي ته سڀ صحيح ۽ سٺي نسل جون آهن ۽ اها بيماري ڪا Mad Cow وانگر وچڙندڙ يا انسان ذات لاءِ نقصانڪار ته نه آهي، جو اسان نخرو ٿا ڪريون. ڪن جو وري اهو رايو هو ته اهڙي قسم جي خيرات اسان پاڪستانين کي هرگز هرگز قبول نه ڪرڻ کپي. اسان ڪي فقير ته نه آهيون. ڀلا جي غريب آهيون ته به، ڀلي بک ڀرم جي شال مَ وڃي شان وغيره وغيره.
    هن جهاز بابت پاڪستان جي به مڙني اخبارن ۾ خبرون ۽ ان تي تبصرا ۽ پڙهندڙن جا خط ايندا رهيا ٿي. اهڙن خطن مان ٻن خطن جي ڪٽنگ پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي ڏيان ٿو. پهريون خط اسلام آباد مان ڪنهن ڊاڪٽر زرينا نالي محترمه جو آهي...
    ”...آسٽريليا کان ڪنهن جهاز ذريعي سعودي عرب لاءِ موڪليل اڌ لک کن رڍون، سعودي عرب اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي ته، انهن ۾ ڇهه سيڪڙو کن (يعني 3000 کن) رڍون بيمار آهن جڏهن ته هنن جو معاهدو پنج سيڪڙو تائين هو.
    آسٽريليا حڪومت طرفان، اهي سموريون رڍون Donation طور پاڪستان کي ڏيڻ جي آڇ ٿي آهي، پر پاڪستان طرفان اهو چئي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي ته، رڍن جو ايڏو وڏو تعداد سنڀالڻ مشڪل آهي.
    ڪوبه Donation (امداد) اسان جهڙي غريب ملڪ لاءِ سنڀالڻ ڏکيو ڪم ناهي، جتي چاليهه سيڪڙو کان مٿي عوام مسڪيني واري ليڪ کان هيٺ آهي. هر رڍ جي قيمت چار پنج هزار رپيا چئي وڃي ٿي. رڍون اتاهين قسم جي پروٽين کان علاوه اُنَ، کير ۽ چمڙو مهيا ڪن ٿيون. اسان جي ملڪ جا ڪيترائي غريب ماڻهن انهن کي پالڻ چاهيندا. انهن مڙني رڍن جي قيمت پندرهن ويهه ڪروڙ رپيا ٿيندي. جيڪڏهن ڪنهن کوکي ۾ ڪجهه انب خراب آهن يا ڪنهن ٽوڪريءَ ۾ ڪجهه بيضا خراب آهن ته، ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته هڙ جي هڙ اڇلي ڇڏجي. اسان جي ملڪ جي جانورن جي ڊاڪٽرن کي اڳيان وڌي صلاح ڏيڻ کپي ته آيا ان قسم جي Benign وات جي بيماري واري رڍ جو گوشت کائڻ ۾ ڪو نقصان ته نه آهي ۽ آيا اها بيماري ڦهلجندڙ ته نه آهي؟ جيڪڏهن اها بيماري ڦهلجندڙ آهي ته پوءِ اسان کي هيءَ امداد هرگز وٺڻ نه کپي، پر جي اهڙي ڳالهه ناهي ته، ان قسم جي آفر قبول ڪرڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟ جيڪڏهن فقط بيمار رڍون نقصانڪار آهن ته، انهن کي ڪُهي زمين اندر پوري ڇڏجي يا ساڙي ڇڏجن، باقي47 يا 48 هزار رڍون جيڪي صحتمند آهن، اهي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ غريب ماڻهن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون...“
    اهڙي طرح هڪ ٻيو خط علي ريحان نالي ڪنهن همراهه جو دبئيءَ مان لکيل آهي. جيڪو 27 يا 28 سيپٽمبر واري انگريزي اخبار ۾ ڇپيو.
    ”... ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي جو يورپي، آمريڪي توڙي آسٽريليا جهڙا امير ملڪ، اسان جي ملڪ پاڪستان کي شايد ”ڪچرا ڪُنڊي“ سمجهن ٿا ۽ دنيا جي هر گند ڪچري لاءِ پاڪستان کي Dumping ground سمجهن ٿا. پوءِ زهريلو مادو (Toxic waste) هجي يا بيمار رڍن جو ڌڻ. ان ذلالت جو اهوئي سبب آهي جو اسان جو ماضي هميشهه هنن اڳيان جهڪندي گذريو آهي.
    اُميد ته اسان جي حڪومت جو بيمار رڍن کي قبول ڪرڻ وارو انڪار قائم رهندو ۽ ڪنهن به مرحلي تي هائوڪار نه ڪئي ويندي، ڇو جو اڃا تائين رڍن جي مستقبل جو فيصلو نه ٿيو آهي ۽ بقول آسٽريليا حڪومت جي، ان سلسلي ۾ سندن ڳالهيون ڪنهن ويجهڙائيءَ واري ملڪ سان ڳجهه ڳوهه ۾ هلي رهيون آهن. اُميد ته اهو ملڪ اسان جو ملڪ نه هوندو...
    پاڪستان جي انڪار ڪرڻ تي آسٽريليا کي ناراض نه ٿيڻ کپي، جو هنن رڍن ۾ مقرر تعداد کان وڌيڪ بيمار آهن ۽ اهي رڍون جيڪي سعودي عرب ۾ رهندڙن لاءِ هاڃيڪار آهن، اهي اسان جي ماڻهن لاءِ به نقصانڪار آهن...“


    اهڙا جهاز جن ۾ ريل گاڏيون به چڙهڻ

    گذريل مضمونن ۾ پاڻ پاڻيءَ جي مختلف جهازن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اڳ ۾ ته فقط هڪ ئي قسم جا جهاز Cargo ships هوندا هئا. ان وقت جا ويندي مسافر بردار جهاز (Passenger ships) به اڌ گابرا ”ڪارگو جهاز“ هئا. ٽيهه سال کن حاجين کي جدي کڻي ويندڙ پئسينجر جهاز ”سفينه حجاج“ ڪارگو جهاز ئي ته هو، جنهن جي سامان جي هئچن (گگدامن) ۾، ويچارا حاجي پنهنجي سامان سميت سٿجي جدي ويندا هئا. بهرحال گذريل صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ سامان ۽ سفر جي نوعيت مطابق جهاز ٿي پيا... ڪارن کي کڻندڙ جهاز، وهٽن کي کڻندڙ جهاز (Live stock ships)، تيل کڻندڙ جهاز، ڪاٺ کڻندڙ جهاز، ڪيميڪل کڻندڙ جهاز، ڳوڻين بنا Bulk ۾ اناج ڍوئيندڙ جهاز وغيره، نڪري پيا. هڪڙا ريفر نالي جهاز پڻ آهن، جيڪي فروزن سامان کڻن ٿا. انهن جي هئچن (گدامن) کي مشينن رستي بيحد ٿڌو رکيو وڃي ٿو. گوشت کڻڻ جي صورت ۾-20 ڊگريون ۽ مڇي کڻڻ لاءِ -30 جي لڳ ڀڳ ٿڌڪار رکي وڃي ٿي جو ايتري ٿڌ ۾ گوشت يا مڇي ڇهه مهينا رکڻ سان به خراب نٿي ٿئي. ميوو ۽ ڀاڄيون کڻي هلڻ ۾ انهن جهازن جي گدامن جو ٽيمپريچر +5 رکيو وڃي ٿو ۽ ان سان گڏ ميون ۽ ڀاڄين مان نڪرندڙ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ لڳاتار Exhaust فئن جو بندوبست ڪرڻو پوندو آهي. بهرحال هي ڪم جهاز هلائيندڙ انجنيئرن جو ٿئي ٿو، جيڪي مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران ”ايئرڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن“ جهڙا سبجيڪٽ پڻ پڙهن ٿا.
    آسٽريليا وارا مسلمان ملڪن لاءِ ته حلال ۽ پاڻ ذبح ڪرڻ جي چڪر ۾ جيئريون رڍون ۽ ڍڳيون ”ڍورن جي جهازن“ ۾ موڪلين، باقي ٻين ملڪن لاءِ ڪُٺل ۽ فروزن گوشت هنن ريفر جهازن ذريعي وڃي. جهاز تي چاڙهڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ، رڍن يا ڍڳين کي ڪُهي سندن گوشت کي ڪناري جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکيو وڃي ٿو، جيئن اهو اندر تائين پٿر ٿي وڃي. پوءِ اهو گوشت جهاز جي ٿڌن گدامن ۾ ڀريو وڃي ٿو. جهاز تي مقرر آفيسر وچ وچ مان، ڪنهن ڪنهن فروزن جانور جي گوشت ۾، هڪ فٽ کن ڊرل ”اليڪٽرڪ مشين“ ذريعي داخل ڪري، مطمئن ٿئي ٿو ته اهو گوشت واقعي فروزن حالت ۾ جهاز ۾ چڙهي رهيو آهي. پوءِ هڪ دفعو جهاز تي چڙهڻ بعد جهاز جي انجنيئرن جي ذميواري آهي ته، هو سڄو سفر- ٻن ٽن هفتن جو يا مهيني ڏيڍ جو، هر وقت گهربل ٿڌ قائم رکن. بندرگاهه اچڻ ۽ سامان لاهڻ تي سامان جا مالڪ هڪ ته جهاز جو لاگ بڪ ڏسن ٿا ته، واقعي اهو گهربل ٽيمپريچر Maintain ڪيو ويو يا نه- جنهن جو رڪارڊ چئن چئن ڪلاڪن بعد لکيو ويندو آهي. ان کان علاوه سامان جي مالڪ جا سرويئر، وچان وچان فروزن رڍ يا ڍڳي ڪڍي، ان جي اندر ساڳو سوئو (Drill) اندر تائين وجهي، دلجاءِ ڪن ٿا ته، اها ٿڌ اندر تائين آهي يا نه.
    مٿينِ ريفر جهازن تي انجنيئرن کي، جهاز جي انجڻن جو فڪر هڪ طرف ڪرڻو پوندو آهي ته ٻئي طرف ڪارگو کي ٿڌو رکڻ جو- جو ڪڏهن ڪڏهن اهو فروزن سامان اِهڙي نوعيت جو هوندو آهي، جو ان جي قيمت جهاز جي قيمت کان گهڻي هوندي آهي ۽ سامان خراب ٿيڻ تي جهاز جو مالڪ جهاز وڪڻي، ته به سامان جي قيمت ادا ڪري نه سگهندو. هڪ اهڙي ريفر جهاز تي آءٌ ٿرڊ انجنيئر هوس، جنهن تي فروزن ڪارگو ”ڪنگ پران“ هئا، جيڪي اسان انڊونيشيا مان جپان لاءِ کنيا هئا. بهرحال جيئرن جانورن جي جهاز (Cattle ship) کان وري به ريفر جهاز صاف سٿرا ۽ سڪون وارا ٿين ٿا.
    پئسينجر جهازن جو گذريل صديءَ جي ٻئين ۽ ٽئين چوٿي ۾ وڏو ڌوم ڌڙاڪو ۽ شانُ مانُ رهيو. يا کڻي چئجي ته ٽائٽنڪ جهاز کان ڪُئين ميري ۽ ايلزبيٿ جهازن تائين. پر هاڻ جهازن جا مالڪ پئسينجر جهازن تي پئسو نٿا لڳائين. شروع جي ڏينهن ۾ پئسفڪ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ٽپائڻ، پئسينجر جهازن جو اهم ڪم هوندو هو. ماڻهو يورپ کان آمريڪا يا آمريڪا کان يورپ ڪيئن اچن؟ هو هنن وڏن پئسينجر جهازن ۾ آيا ٿي، پر پوءِ گذريل صدي جي ستر واري ڏهاڪي کان جيئن ئي تيل جا اگهه چڙهڻ لڳا ۽ ٽڪيٽون مهانگيون ٿيون ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته وڏا وڏا هوائي جهاز ٺهي پيا، جن ۾ سفر ڪرڻ سان ڀاڙي ۽ وقت جو بچاءُ ٿيڻ لڳو ته، ماڻهن پاڻيءَ جي مسافر جهازن (Passenger ships) ۾ سفر ڪرڻ گهٽائي ڇڏيو. هاڻ جيڪي پئسينجر جهاز ۽ فيريون هلي رهيون آهن، اهي سير سياحت لاءِ آهن. يورپ جي هڪ ملڪ کان ٻئي ۾ کڻي وڃن ٿيون. يا هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور کان عرب ملڪن ڏي کڻي اچن ٿا يا وري آمريڪا کان برمودا، بهاما ۽ ٻين اهڙن خوبصورت ٻيٽن تي، ماڻهن کي موڪلون ملهائڻ لاءِ وٺي وڃن ٿا.
    فيري پڻ جهاز ئي آهي، بلڪ عام ماڻهوءَ کي ته جهاز ۽ فيريءَ ۾ فرق ئي نظر نه ايندو. اڄڪلهه يورپ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن (جپان، هانگ ڪانگ، ملائيشيا) پاسي ”فيريون جهاز“ مسافرن کي هڪ هنڌکان ٻئي هنڌ پهچائين ٿيون. فيريون گهڻو ڪري سمنڊ جو ننڍڙو حصو اڪارين ٿيون، جيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ کان ڪولون، پينانگ ٻيٽ کان بٽرورٿ شهر (ملائيشيا). انهيءَ ٻنهي هنڌن تي هاڻ وڏيون پليون به ٺهي ويون آهن ۽ فيري رستي گهٽ ماڻهو سفر ڪن ٿا، پر جڏهن ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ آءٌ اتي رهندو هوس ته، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ، وڃڻ لاءِ هر ڪنهن فيري استعمال ڪئي ٿي. انهن فيرين ۾ نه فقط مسافر پر انهن جون موٽر ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ انهن سان گڏ فيرين ۾ سمنڊ پار ڪن. سئيڊن جو ڏاکڻو شهر ۽ بندرگاهه مالمو، جتان مون مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي، اتي ته فيرين جو ڏاڍو رواج آهي. صبح کان رات جو يارهين تائين، اڌ اڌ ڪلاڪ بعد مالمو (سئيڊن) کان ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) مختلف ڪمپنين جون فيريون ۽ ”هُوور ڪرافٽ“ هلن ٿا، جيڪي نه فقط مسافر ۽ سندن ڪارون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين ڍوئين، پر بسون پڻ. ان کان علاوه ڪجهه فيريون پولينڊ، جرمنيءَ ۽ انگلينڊ تائين به وڃن، جيڪو هڪ ڏينهن کان ٻن ڏينهن جو سامونڊي سفر ٿئي. مالمو ۾ تعليم دوران ڪڏهن ڪڏهن مونکي فيلڊ ٽرپ لاءِ جرمنيءَ جي شهر فليزنبرگ جي ٽيڪنيڪل يونيورسٽي وڃڻو پوندو هو، جتي پهچڻ لاءِ ڪڏهن باءِ ايئر ويندو هوس ته ڪڏهن ٽرين رستي. سئيڊن، ناروي ۽ فنلئنڊ بالٽڪ سمنڊ جي ڪري، باقي يورپ کان ڪٽيل آهي، سو سوال ٿو پيدا ٿئي ته، سئيڊن مان ريل ذريعي جرمني ڪيئن ٿو پهچي سگهجي؟ مالمو جي ريلوي اسٽيشن تي سئيڊن کان علاوه جرمني جي شهرن جون ٽڪيٽون وڪامندو ڏسندو هوس ته، مونکي به حيرت ٿيندي هئي. پوءِ سال کن جي رهائش بعد فائنل ييئر ۾، مونکي جڏهن جرمني وڃڻو پيو ته سڀني صلاح ڏني ته، اوڏانهن وڏو ڀاڙو ڏيئي باءِ ايئر ڇو ٿو وڃان. سو پوءِ آءٌ به باءِ ٽرين جرمني وڃڻ لڳس، جيڪو سفر نه فقط آرامده ۽ خوبصورت نظاري وارو ٿي ٿيو، پر هوائي جهاز کان سستو پڻ. مالمو شهر جي وچ واري ريلوي اسٽيشن Malmo central تان جرمني جي شهر فليزنبرگ جي ٽڪيٽ وٺي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهندو هوس، جيڪا ڪجهه وقت خشڪي (زمين) تان هلي بندرگاهه ۾ داخل ٿيندي هئي، جتي اها جرمني ويندي فيريءَ ۾ داخل ٿي ويندي هئي. اها فيري ايڏي ته وڏي ٿي ٿئي جو ان ۾ ٽي چار ريل گاڏيون بيهيو رهن. ريل گاڏين جي بيهڻ لاءِ انهن فيرين تي زمين جهڙا ريل جا پٽا ٿين. هي فيريون بندرگاهه ۾ جيٽيءَ سان ائين لڳي بيهن ٿيون، جو انهن ۾ ٺهيل ريل جا پٽا بندرگاهه جي پٽن سان ٺهڪيو بيهن. مالمو يا ٻين شهرن کان ايندڙ ريل گاڏيون هنن پٽن ذريعي فيريءَ ۾ داخل ٿيو وڃن. پوءِ فيري هلڻ مهل مسافر جي چاهين ته ريل گاڏيءَ ۾ ئي ويٺا رهن يا ان مان ٻاهر نڪري فيريءَ جي ڊيڪ تي اچي، سمنڊ جو نظارو ڪن يا فيريءَ جي ريسٽورنٽ ۾ چاهه/ ڪافي پيئن.
    ڪجهه ڪلاڪن بعد جڏهن سمنڊ جو اهو حصو پورو ٿيو وڃي ته، فيري جرمنيءَ جي سرزمين جي ڪنهن بندرگاهه ۾ اچيو بيهي، جتي پڻ ڪناري کان وٺي ريل جا پٽا ٺهيل آهن. هڪ دفعو وري فيريءَ کي اهڙي طرح بيهارين جو ان ۾ ٺهيل ريل جا پٽا ٻاهر جي پٽن سان ڀچي بيهن ٿا ۽ ٽرين آسانيءَ سان انهن پٽن تي اچي، جرمنيءَ جي مختلف شهرن ڏي رواني ٿيو وڃي. ڪاڪا ٽرين ته اڃا به پري فرانس جي ريلوي اسٽيشن تائين هلي وڃي ٿي. مسافرن جون ٽڪيٽون، پاسپورٽ ۽ ويزائون، ريل گاڏي هلندي فيري ۾ چيڪ ٿيندا رهن ٿا.


    دنيا جا خوبصورت مسافر جهاز

    گذريل صديءَ ۾ پئسينجر جهازن، سڀ کان گهڻا مسافر، يورپ ۽ آمريڪا وچ ۾ ڍوئيا. ٽائينڪ جهاز کان وٺي نارمنڊي ۽ ”ڪُئين مئري ٽو“ تائين ڇا ته اهي جهاز ٺهيا! اهي جهاز State of art جي عڪاسي ڪن ٿا. اهي جهاز سترهين ارڙهين صديءَ جا عقوبت گهر نه هئا. جن ۾ آفريڪا جا شيدي غلام پورهئي خاطر آمريڪا، جانورن کان به خراب حالت ۾ ڍوئيا ويا ٿي. گذريل صديءَ جا پئسينجر جهاز جن مان ڪجهه اڃا به هلي رهيا آهن يا پراڻن کي ڊاهي ساڳي نالي سان نوان ٺاهيا ويا آهن. سمنڊ تي ترندڙ ”فائيو اسٽار هوٽلَ“ آهن. جن ۾ مسافرن لاءِ اهڙن هوٽلن جهڙا ڪمرا، سئمنگ پول، انڊور ۽ آئوٽ ڊوٽ راندين جا ميدان، شاپنگ سينٽر، ريسٽورنٽ، پب ۽ ڊانس هال آهن. اهڙن سهڻن جهازن ٺاهڻ ۽ هلائڻ ۾ جرمني، اٽلي، فرانس ۽ برطانيا اڳيان اڳيان رهيا آهن. هتان اسان انگلينڊ جي هڪ ٻن مسافر بردار جهازن جو ذڪر ڪنداسين. جو اسان جو ان ملڪ سان واسطو هجڻ ڪري، ان سان گهڻو لهه وچڙ ۾ آهيون ۽ انهن جا جهاز ڪڏهن ڪڏهن ننڍي کنڊ جي بندرگاهن: ڪراچي، ممبئي (بمبئي)، ڪولمبو، پينانگ ۽ سنگارپور به ايندا رهيا آهن.
    ڪُئين مئري (Queen Mary) مسافر جهاز، 1936ع کان وٺي 1967ع تائين مسافرن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪرائيندو رهيو. يعني 1967ع تائين مسافرن کي ائٽلانٽڪ سمنڊ اڪرائيندو رهيو. يعني انگلينڊ ۽ نيويارڪ جي وچ ۾ هلندو رهيو. هي جهاز 1020 فٽ ڊگهو، 120 فٽ ويڪرو ۽ 180 کن فٽ اتاهون. يعني هر ماڙ 12 فٽ کن وٺجي ته به 10 ماڙ اتاهين عمارت جيڏو ٿيو، جنهن مان 40 فٽ کن سمنڊ اندر رهيو ٿي. جهاز کي هلائڻ لاءِ اسٽيم ٽربائين هئا ۽ جهاز جي رفتار 30 کن ناٽ (Knot) هئي، معنيٰ ڪلاڪ ۾ 30 کن ناٽيڪل ميل هليو ٿي، جيڪي پنهنجي خشڪيءَ جا 55 ڪلوميٽر ٿيندا. پاڻيءَ جي جهاز لاءِ اها تمام گهڻي رفتار مڃي وڃي ٿي. ان جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اَسيءَ واري ڏهاڪي ۾ مون جيڪي جپان ۽ جرمنيءَ جا ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ جهاز هلايا انهن جي به 25 ناٽن کان مٿي رفتار نه هئي ۽ اڄ به عام جهازن جي اها ئي رفتار رهي ٿي. فقط نيول (فوجي) جهاز ئي. انهن پئسينجر جهازن جي رفتار سان مقابلو ڪري سگهن ٿا.
    هن جهاز ۾ جهاز هلائيندڙن ۽ ڪم ڪندڙن کان علاوه 2200 مسافرن جي سفر جي گنجائش هئي، جن مان 776 فرسٽ ڪلاس ڪئبن وارا ٻيا ٽوئرسٽ ڪلاس ۽ ٿرڊ ڪلاس جا مسافر سفر ڪري سگهيا ٿي. هي جهاز ڪُنارد (Cunard) جهازي ڪمپنيءَ اسڪاٽلينڊ جي جان برائون ڪمپنيءَ کان 1934ع ۾ ٺهرايو ۽ 1936ع کان هن سفر جي شروعات ڪئي. نه ته ان کان اڳ ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ ماڻهن جرمنيءَ جي جهازن ”بريمين“ ۽ ”يورپا“ تي سفر ڪيو ٿي. انگلينڊ وارن ”ڪُئين مئري“ جهاز کان پوءِ يڪدم هڪ ٻيو جهاز ”ڪُئين ايلزبيٿ“ پڻ هلايو ۽ ٻئي جهاز گڏجي، هر هفتي ۾ ٻه دفعا ايڪسپريس سروس سرانجام ڏيڻ لڳا. يعني هڪ جهاز انگلينڊ کان آمريڪا روانو ٿيو ٿي ته، ان وقت ٻيو جهاز آمريڪا کان انگلينڊ لاءِ نڪتو ٿي. هي سلسلو ٻي وڏي لڙائي شروع ٿيڻ تائين هلندو رهيو. ان بعد هي ٻئي جهاز رنگ بدلائي آمريڪي فوجين کي انگلينڊ ڍوئيندا رهيا، پر هي سڀ ڪم لڪ ڇپ ۾ هلندا رهيا. جرمنيءَ جي ايڊولف هٽلر ڪُئين مري جهاز کي ٻوڙڻ لاءِ اڍائي لک ڊالر انعام رکيا ۽ يو بوٽ جي ڪمانڊر کي ”آئرن ڪراس“ جو ايوارڊ ڏيڻ جو واعدو ڪيو، پر ڪنهن نموني سان هي پئسينجر جهاز بچندو رهيو ۽ جنگ جي خاتمي بعد هڪ دفعو وري ڪُئين مري انگليند ۽ آمريڪا وچ ۾ مسافر کڻندو رهيو، پر پوءِ 1958ع کان جيئن ئي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ جيٽ هوائي جهاز جي شروعات ٿي ته، هنن پاڻيءَ جي جهازن ۾ مسافرن جو تعداد گهٽجڻ لڳو ۽ سٺ واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾، خاص ڪري سياري جي موسم ۾ ته اها وڃي حالت ٿي، جو ڪيئن مئري جهاز تي مسافرن جي تعداد کان گهڻا ته جهاز جي عملي جا ماڻهو نظر اچن ٿا. آخر 1967ع ۾ هن جهاز جو سفر بند ڪيو ويو، ڇو جو چڙهندڙ مسافرن جي ڀاڙي مان جهاز جي تيل پاڻي ۽ جهاز تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جون پگهارون به نٿي نڪري سگهيون. جهاز کي وڪري لاءِ اعلان ڪيو ويو ۽ ڪيترين ئي اسڪرئپ ڪمپنين وڏا وڏا واڪ ڏنا. خاص ڪري جپان جي ڪمپنين، جن کي لوهه، ٽامي، پتل ۽ ٻين ڌاتن جي سخت ضرورت هئي. بهرحال آمريڪا جي هڪ ڪمپنيءَ جي هن نيلام ۾ جيت ٿي، جنهن هن جهاز کي ان وقت کان لانگ بيچ، ڪئليفورنيا ۾ اچي بيهاريو. هن جي مرمت ۽ تبديليون ڪري منجهس ريسٽورينٽ، ميوزم ۽ ڪئسينو ٺاهيا ۽ 1971ع کان اڄ تائين دنيا جا ٽوئرسٽ، هن ”هڪ هنڌ بيٺل“ جهاز تي گهمڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. منجهس W6R0 (وسڪي سِڪس روميو آسڪر) نالي FM ريڊيو اسٽيشن به آهي.
    1967ع ۾ ڪُئين مري جهاز جي سروس بند ڪرڻ بعد، سندس ٻئي ساٿي جهاز ”ڪُئين ايلزبيٿ“ کي به ٻئي سال (1968ع) کان سروس مان ڪڍيو ويو. پر ڪُئين ايلزبيٿ پراڻي جهاز جي سروس ختم ڪرڻ بعد، ساڳي نالي سان نئون جهاز ٺاهي 1969ع کان شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين هلي رهيو آهي. پراڻو ايلزبيٿ فلڊلفيا (USA) جي هڪ سوداگرن جي ٽولي خريد ڪري، ان کي فلوريڊا جي بندرگاهه Port Everglades ۾ اهڙيءَ طرح هوٽل ڪري رکيو، جيئن ڪئليفورنيا ۾ ڪُئين مئري آهي. پر بدقسمتيءَ سان ايلزبيٿ جهاز تي باهه جا ڪجهه اهڙا حادثا ٿيا جو مالڪ گهٻرائجي ويا ۽ 1970ع ۾ هانگ ڪانگ جي هڪ تمام امير چيني سيٺ C.Y.Tung کي وڪڻي ڏنائون. هانگ ڪانگ جو هي چيني همراهه مسٽر ٽُنگ ”اورينٽ اوور سيز لائين“ جهازي ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر به آهي، هُن هِن جهاز کي هلندڙ چلندڙ يونيورسٽي ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ۽ هن جهاز جو نالو ڪُئين ايلزبيٿ ڊهرائي (Sea wise University) رکيو.
    جهاز ۾ ليڪچر روم، لئبرريون ۽ ٻيون شيون ٺهڻ دوران، هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هن مرمت هيٺ آيل جهاز کي مختلف هنڌن تي باهه اچي لڳي، جيڪا باهه بعد ۾ دهشت (Arson) سمجهي وئي. جيتوڻيڪ هي جهاز تانگهي پاڻيءَ ۾ بيٺو هو، پر باهه جي ڪري اونڌو ٿي ويو. هيءَ 1972ع جي ڳالهه آهي. جهاز سال ٻه ان اونڌيءَ پوزيشن ۾ ئي رهيو. 1973ع ۾ ٻه ٽي دفعا اسان جي ۽ اسان جي جهازي ڪمپنيءَ جي ٻين جهازن جو به هانگ ڪانگ ۾ اچڻ دوران، هن اونڌي ٿيل ڪُئين ايلزبيٿ جي ڀرسان بيهڻ ٿيو ۽ اسان هن جهاز جي زنگ لڳل جسم (Hull) ۽ ان تي ٺهيل سپن، کيکڙن ۽ ڪيترن سامونڊي ڪينئن ماڪوڙن جي گهرن ۽ سامونڊي گاهه (Sea growth) کي ڏسي ننڍپڻ جو پڙهيل اهو شعر ياد ايندو هو ته: ”کنڊرات بتاتي هين عمارت عجيب ٿي“ هي اهو شان شوڪت وارو جهاز هو جنهن تي سڄي برطانيا کي فخر هو ۽ فقط ڏهه سال اڳ 1963ع ۾ تعليم دوران ”مئرين اڪيڊمي چٽگانگ“ جي ڪلاس روم ۾ (Ship construction) جي پيرڊ ۾، انگريز پروفيسر ڪئپٽن واٽڪنسن، هن جهاز جي بناوت ۽ شان بابت ليڪچر ڏيندو هو. ”اڄ اهو جهاز ٽنگون ٽيڙي اونڌو ٿيو پيو آهي. رات جي وقت ته هن تي ڪا ميڻ بتي به نٿي ٻري. روشنين جي شهر جهڙي هن سمنڊ تي ترندڙ جهاز تي، هاڻ رات جي وقت اهڙي ته اونداهه گهگهه رهي ٿي، جو ان جي ڀرسان ٻيڙيءَ ۾ لنگهندي به ڊپ ٿو ٿئي.“ مٿيون سٽون منهنجي 1973ع واري ڊائري جي هڪ صفحي تي لکيل آهن، جيڪي سٽون مون هانگ ڪانگ ۾ لنگر انداز ٿيل جهاز ايم وي چناب تي لکيون هيون. 1975ع جي شروع وارن مهينن ۾ هن جهاز کي اتي ئي اسڪرئپ ڪيو ويو يعني سندس لوهي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري، رديءَ جي اگهه تي ڪٻاڙين کي وڪيو ويو.
    توهان جي جيمس بانڊ جي فلم The man with the Golden gun ڏٺي آهي ته ان ۾ هن اونڌي ٿيل ”راڻي ايلزبيٿ“ جهاز کي ضرور ڏٺو هوندوَ. هيءَ فلم 1974ع ۾ ٺهي هئي ۽ هن جهاز کي MI6 جو هيڊڪوارٽر ڏيکاريو اٿن.
    ”ڪُئين مئري“ جهاز به ڪيترين ئي فلمن ۾ نظر اچي ٿو، خاص ڪري Pearl Harbour نالي فلم ۾. هن جهاز جي سروس مان نڪرڻ بعد هن سالي سان يڪدم ٻيو جهاز نه ٺهرايو ويو. ”ڪُئين مئري ٽو“ نئون جهاز جيڪو فقط (QM2) به سڏجي ٿو، 2003ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ دنيا جو وڏو، ڊگهو ۽ ويڪرو پاڻيءَ جو مسافر جهاز آهي. QM2 پئسينجر جهاز تي سفر ڪندڙن لاءِ 15 ريسٽورنٽَ ۽ بار (Bars) آهن. ان کان علاوه پنج سئمنگ پول، هڪ ڪسينو، هڪ ڊانس هال (Ballroom). هڪ سئنيما هال ۽ ٿيٽر ۽ هڪ Planetarium آهي. جهاز کي هلائڻ لاءِ گئس ٽربائين ۽ ڊيزل انجڻيون ۽ چار پروپيلر آهن. هن جهاز انگلينڊ کان آمريڪا هلي ٿو.
    QM2 پنهنجو پهريون سفر (Maiden Voyage) 12 جنوري 2004ع تي انگلينڊ جي بندرگاهه Southampton کان فلوريڊا ڪيو. هي جهاز اٺاويهين اولمپڪس ۾، جيڪي اٿينس (يونان) ۾ ٿيون، جهاز هوٽل طور يونان جي بندرگاهه Piraeus ۾ وڃي لنگر انداز ٿيو هو، جنهن تي برطانيا جو وزيراعظم ٽوني بليئر ۽ سندس زال چيري، فرانس جو صدر Jacques Chirac، موجوده بش جو والد جارج ايڇ. ڊبليو بش ۽ آمريڪا جي باسڪيٽ بال ٽيم جا رانديگر ۽ ٻيا اهم ماڻهو، هن جهاز تي اولمپڪ راندين دوران ٻه هفتا رهيا.
    گذريل سال QM2 سڄي دنيا جي چوڌاري 81 ڏينهن جي ٽرپ لڳائي. رستي تي سڊني (آسٽريليا) ۾ هن جهاز جي ڪمپنيءَ جي جهاز راڻي ايلزبيٿ سان به گڏجاڻي ٿي. هي پهريون دفعو هو جو هنن ٻن جهازن جي هڪ بندرگاهه ۾ ملاقات ٿي. هن کان اڳ 1941ع ۾ پراڻي مئري ۽ پراڻي ايلزبيٿ جهاز جي ملاقات هڪ بندرگاهه ۾ ٿي هئي، جڏهن هنن جهازن پئسينجر بدران فوجي پئي ڍوئيا.
    مٿيان جهاز مئري ۽ ايلزبيٿ ڪنارڊ ڪمپنيءَ جا هئا. ڪنارڊ ڪمپني، انگلينڊ جي هڪ ٻي جهازي ڪمپني وائيٽ اسٽار لائين سان ملي، بزنيس ڪري ٿي. وائيٽ اسٽار لائين 1870ع کان وٺي پئسينجر جهازن کان مشهور آهي. هن جي ڪيترن ئي جهازن جي نالن جي آخر ۾ “ic” اچي ٿو، جيئن ته Oceanic جيڪو جهاز 1870ع ۾ ٺهيو ۽ ساڳي سال هڪ ٻيو جهاز ائٽلانٽڪ پڻ ٺهيو. اهڙي طرح ڪجهه ٻين جهازن جا نالا هن ريت آهن: ايشياٽڪ، ريپبلڪ، ٽراپڪ، ٽرئفڪ،
    عرئبڪ، ميجسٽڪ، مئگنيٽڪ، ٽائٽينڪ، برٽيانڪ وغيره وغيره.
    انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا ويهين صديءَ جا مشهور ۽ پنهنجي زماني جا سهڻا جهاز، جيڪي ائٽلانٽڪ سمنڊ تي هليا ٿي، سي هئا:
    ڪئنبرا (1961ع جو جهاز)، ايمپريس آف ڪئناڊا (1960ع)، مائيڪل اينجلو (1965ع)، ماريطانيا (1939ع)، نارمنڊي (1935ع)، ايمپريس آف جپان (1930ع)، يورپا (1930ع)، سئڪسونا (1900ع)، ڪولمبس (1903ع)، لوسيتانيا (1907ع)، آمريڪا (1905ع)، اولمپڪ (1911ع) وغيره وغيره...


    هو ورڪرافٽ، ڪئٽا ماران ۽ جناتي جهاز

    ڏٺو وڃي ته جهازن جا اڃا به ڪيترائي قسم آهن، جيئن ته Cable layer (جيڪي سمنڊ جي تري ۾ ٽيليفون جون تارون وڇائين ٿا)، جنگي جهاز (فريگيٽ، مائين سئيپر، سب مئرين، ايئر ڪرافٽ ڪئريئر وغيره)، ڊريزر (Dredger) جيڪي رڳو بندرگاهه وٽ ئي هلن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ گڏ ٿيندڙ مٽي ۽ واري ڪڍي، ان کي اونهو ڪندا رهن ٿا. سروي جهاز جيڪي نقشا ٺاهين ٿا، ٽرالر، ٽگ بوٽ (جيڪي وڏن جهازن ۽ بارجن کي ڇڪين ٿا ۽ بندرگاهه ۾ جيٽيءَ سان لڳي بيهڻ ۾ مدد ڏين ٿا)، سپلاءِ شپ، ڪوسٽر وغيره وغيره، پر هتي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ فقط ٻن جو مختصر ذڪر ڪنداسين: هڪ هوور ڪرافٽ ۽ ٻيو ڪاٽاماران (Catamaran) جو.

    هوور ڪرافٽ
    ”هوور ڪرافٽ“ جهاز لاءِ پنهنجي هڪ ڪتاب ”يورپ جا ڏينهن“ ۾ لکي چڪو آهيان ته، اهو خچر وانگر اڌ گهوڙو اڌ گڏهه آهي. هوور ڪرافٽ هوائي جهاز به آهي ته پاڻيءَ وارو جهاز به. هوور ڪرافٽ ۾ هوائي جهاز وانگر مسافرويهن ٿا ۽ کين سفر ۾، چانهه پاڻي يا ماني، جهاز جون هوسٽسون Serve ڪن ٿيون. هوور ڪرافٽ جي انجڻ هوائي جهاز وانگر ”جيٽ انجڻ“ آهي ۽ پاڻي واري جهاز وانگر هن کي پروپيلر (پاڻي ۾ ڦرندڙ پکو) نٿو هلائي. هوور ڪرافٽ گهڻو ڪري سمنڊ مٿان هلي ۽ ڪڏهن ڪڏهن خشڪي مٿان به. بيٺل حالت ۾، اهو بندرگاهه ۾، سمنڊ تي به بيهي ٿو ته خشڪي تي به.
    دراصل هُوور ڪرافٽ جهاز ”پاڻيءَ جي جهاز“ واري اصول تي نه، پر هوائي جهاز جي اصول تي هلي ٿو. جيٽ انجڻ ۾ هوا جي Suction ڪري اڳتي وڌي ٿو. اهي انجڻيون ايڏيون طاقتور نه آهن جو هن کي مٿي کڻي وڃن ۽ نه وري هوور ڪرافٽ جي بيهڪ هوائي جهاز جهڙي آهي، جو هن کي مٿي چڙهڻ ۾ آساني ٿئي. بهرحال اهو ڪافي رفتار سان اڳتي ڌڪجي ٿو. ٻي ڳالهه ته هن جهاز ۾ ايئر ڪمپريسر، جهاز جي تري ۾، لڳاتار هوا خارج ڪن ٿا، جنهن ڪري هي جهاز سطح سمنڊ يا ڌرتيءَ کان ٿورو مٿي کڄيو وڃي. سمنڊ کان ٿورو مٿي کڄڻ ڪري رفتار به سٺي ٿي رهيس، نه ته پاڻيءَ مٿان هجڻ ڪري پاڻيءَ جو Resistance هر جهاز جي رفتار گهٽائي ڇڏي ٿو.
    جهاز جي تري هيٺان هوا کي يڪدم Leak ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ، جهاز جي تري جي چوڌاري، رٻڙ جو چار پنج فٽ بارڊر رهي ٿو. ٻي ڳالهه ته عام پاڻيءَ واري جهاز جي رفتار وڌائڻ لاءِ ڪيترو به کڻي تيل ٻارجي، مقرر حد کان وڌي نٿي. انجڻ جي رفتار وڌائڻ سان پروپيلر جي رفتار ضرور وڌندي، پر ساڳي وقت پروپيلر ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جي وچ ۾ خال (Cavitation) ٿيڻ ڪري جهاز ويتر گهٽ رفتار سان چُرندو. پر هوور ڪرافٽ ۾ هڪ ته جيٽ انجڻ آهن ۽ ٻيو ته هوور ڪرافٽ پاڻيءَ ۾ ترڻ بدران فٽ ٻه مٿڀرو هوا ۾ هلي ٿو. ان ڪري هوور ڪرافٽ جي جيتري توهان رفتار وڌائيندئو اوترو ئي اڳيان وڌندو. هوور ڪرافٽ گهڻي پاڻيءَ ۾ به هلي سگهي ٿو ته گهٽ پاڻيءَ ۾ به- ايتريقدر جو اهو سمنڊ تان ڪناري تي به اچي سگهي ٿو ۽ خشڪيءَ تي به هلي سگهي ٿو. هڪ دفعي مونکي هيلسنڪي (فنلئنڊ) کان پنهنجي يونيورسٽي واري شهر مالمو پهچڻو هو. مونکي اتي جي حڪومت طرفان جيڪو Passage مليو هو، اهو ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) کان هو. يعني فنلئنڊ جي قومي هوائي ڪمپنيءَ جي هوائي جهاز ۾، مونکي هيلسنڪيءَ کان ڪوپن هيگن اچڻو هو جتان هوور ڪرافٽ ذريعي مالمو جي بندرگاهه ۾ پهچڻو هو. اسان جي هوائي جهاز جيئن ئي ڪوپن هيگن ۾ لئنڊ ڪيو ته، اسان کي ٻُڌايو ويو ته مالمو ويندڙ مسافرن کي بندرگاهه وڃڻ جي ضرورت ناهي. هوور ڪرافٽ ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ تي ئي انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سندن سامان آٽوميٽيڪلي شفٽ ٿي ويندو.
    هوائي جهاز مان لٿاسين ته سامهون ئي هوور ڪرافٽ هو، جنهن ۾ اچي ويهي رهياسين. دل ۾ مون سوچيو ته هوور ڪرافٽ جو اهو وڏو سک آهي، نه ته ڪلاڪ کن گهٽ ۾ گهٽ ڪوپن هيگن جي ايئرپورٽ مان نڪرڻ ۾ لڳي ها ۽ جيسين هڪ هڪ جي پاسپورٽ تي اميگريشن وارا ٺپا هڻن ۽ ڪسٽم وارا سامان چيڪ ڪن. ۽ پوءِ ٽئڪسيءَ جا ڳرا ڀاڙا ڀري بندرگاهه ۾ اچڻو پوي ها. پر هاڻ انهن سڀني مشڪرين کان جان ڇٽي وئي. پنڌهن منٽن ۾ سامان چڙهي ويو ۽ اهو ڏسي حيرت پئي ٿي ته هڪ پاڻيءَ جو جهاز بنا Propeller ۽ بنا ڦيٿن جي زمين مٿان هلي رهيو آهي. دراصل هوور ڪرافٽ جنهن جي شڪل پاڻيءَ واري جهاز وانگر آهي، جنهن جي انجڻ ۽ هلڻ جو اصول هوائي جهاز وانگر آهي، اهو سمنڊ جي سطح يا خشڪيءَ کان ٻه چار فٽ مٿڀرو اُڏامي ٿو. ان ڪري هوور ڪرافٽ لاءِ ڪچي يا پڪي رستي جي به ضرورت ناهي. هوور ڪرافٽ سعودي عرب جي بيابانن ۾ به هلي سگهي ٿو، بلڪ مون ٻُڌو آهي ته سعودي عرب جي آرميءَ وٽ ڪيترائي هوور ڪرافٽ آهن. هوور ڪرافٽ جي ٻي مزي واري ڳالهه اها آهي ته هن ۾ ”سي سڪنيس“ نٿي ٿئي. ڇو جو Sea sickness تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن خراب سمنڊ ۽ خراب موسم ڪري جهاز لُڏي ٿو يعني Rolling ۽ Pitching ڪري ٿو. پر جيئن ته هي هوور ڪرافٽ سمنڊ تي هلڻ ۽ لُڏڻ بدران، سمنڊ جي مٿاڇري کان گهڻو مٿي ۽ هوائي جهاز وانگر سڌو ئي سڌو وڃي ٿو، ان ڪري هوور ڪرافٽ جي مسافرن کي سي سڪنيس بنهه نٿي ٿئي، نه ته سئيڊن جي سخت سياري واري موسم ۾، جڏهن هتي جو بالٽڪ سمنڊ مڇريل رهي ٿو، تڏهن مالمو کان ڪوپن هيگن عام فيرين ۾ ويندڙ مسافرن جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڇو جو فيريون ۽ ٻيا جهاز ته سمنڊ جي ڇولين جي رحم و ڪرم تي هوندا آهن.

    ڪئٽاماران
    هتي هڪ ٻئي، جنهن پاڻيءَ واري جهاز جي ڳالهه ڪري چاهيان ٿو، اهو ڪئٽاماران (Catamaran) آهي. هي جهاز جيڪو اڄڪلهه يورپ پاسي مشهور آهي، اهو دراصل ڏکڻ هندستانين جي پراڻي ايجاد آهي. جيئن ڌائو ٻيڙي ڪويت پاسي جي Specialty آهي، بتيلو سنڌ جي آهي، تيئن ڪئٽاماران سائوٿ انڊيا جي صوبي تامل ناڊو جي. ويندي ڪئٽاماران تامل زبان جو لفظ Kattu معنيٰ ٻڌڻ ۽ Maran معنيٰ ڪاٺ يا وڻ مان نڪتل آهي.
    ”ڪئٽاماران جهاز“ ٻن وڏن ٻيڙن کي هڪ ٻئي سان ملائي، يعني ڪئتو ڪري (ٻڌي) ٺاهيو وڃي ٿو. ڪئٽاماران پهرين سڙهن تي هلندڙ جهاز هئا، هاڻ اهي انجڻ سان به هلن ٿا. اڳئين زماني ۾ هي جهاز تامل ناڊو ۾ رهندڙ هڪ مهاڻن جي ڪميونٽي پاراوا استعمال ڪندي هئي ۽ جيئن ڪويت پاسي جي ڌائو فقط ايراني نار ۽ ڳاڙهي سمنڊ تائين محدود هئي، تيئن هن قسم جي ٻيڙي به فقط انڊيا جي ڏکڻ واري ڪناري جي سمنڊ تي هلي ٿي ۽ وڌ ۾ وڌ سريلنڪا ۽ لکديپ ٻيٽن تائين وئي ٿي.
    ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ منهنجو سريلنڪا جو تامل ڪُليگ، پروفيسر ڪئپٽن رڊرا ڪمار، جيڪو گذريل ڏهاڪو کن سالن کان، ڪئناڊا جي نيول اڪيڊميءَ ۾ پڙهائي ٿو، اهو هنن ٻيڙن Catamaran لاءِ چوندو هو ته، تامل ناڊو صوبي جي ڪناري تي اهي تمام پراڻيون آهن، جن جو پنجين عيسوي صديءَ کان رڪارڊ موجود آهي، جڏهن ڏکڻ هندستان تي ”چولا گهراڻي“ جو راڄ هو. انهن ڏينهن ۾ تامل ناڊو صوبي جا سپاهي، انهن ٻيڙين رستي، ڏکڻ اوڀر جي علائقن برما، ملايا ۽ انڊونيشيا فتح ڪرڻ لاءِ ويندا هئا ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جي ڏاکڻين رياستن پرلس، ڪيداح وغيره ۾ تن ڏينهن جا تامل هندو مندر اڄ به موجود آهن.
    هنن ٻيڙن Catamaran جو انگريزي ڪتابن ۾، پهرين انگريز سياح وليم ڊئمپيئر ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي 1690ع ۾ سفر دوران هي ٻيڙا انڊيا جي ڏاکڻي ڪناري ۽ خليج بنگال ۾ نظر آيا، جڏهن هي ٻيڙا ٻه ننڍيون ٻيڙيون يا ٻن ٽن بُنڊن کي ملائي ٺاهيا ويا ٿي. هو پنهنجي 1697ع واري سفرنامي ۾ لکي ٿو...
    “On the coast of coromandel, threy call them Catamarans. These are but one log or two… so small, that they carry but one man, whose legs and breech are always in water.”


    غيباتي جهاز

    آخر ۾ ٻه اکر ”غيباتي جهاز“ بابت به لکندو هلان، جنهن کي يورپ ۽ آمريڪا پاسي Ghost ship سڏين ٿا. غيباتي جهاز (Ghost ship) فڪشن ۾ ئي ٻڌبو آهي، جنهن جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن ته افسانوي Ghost ship اهو آهي جنهن تي ڪو به ماڻهو ڇيڻو نه هجي، ان ڪري حقيقت جي زندگيءَ ۾ پڻ اهڙا جهاز، جيڪي ٻُڏڻ جي ڊپ کان ان جو عملو ڇڏي وڃي ٿو، انهن کي پڻ غيباتي جهاز سڏجي ٿو. 1990ع ۾ برازيل جي اوڀر واري ڪناري وٽ Fisah Ketsi نالي هڪ جهاز رڙهندو نظر آيو، جنهن ۾ ڪوبه بني بشر نه هو. سندس سامان جا سمورا هئچ (گگدام) کليل نظر آيا. اهڙي طرح 2003ع ۾ آسٽريليا جي ڀرسان High Aim 6 نالي هڪ جهاز بنا ماڻهن جي ڏٺو ويو. باوجود ڳولا جي هن جهاز جي عملي جو هڪ ماڻهو به ملي نه سگهيو.
    گذريل سال (2006ع) ۾ ته اهڙا ٻه Ghost ship نظر آيا. هڪ تيل بردار ٽئنڪر جهاز Jian Seng جيڪو پڻ آسٽريليا جي ڪناري وٽ بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي نظر آيو ۽ ٻيو ڀؤنچ سمنڊ ۾ اٽليءَ وٽ Bel Amica جهاز نظر آيو. ان جي به اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته، ان کي هلائڻ وارا ڪير هئا. هنن جهاز ڇو ڇڏيو ۽ ڪيڏانهن هليا ويا.
    غيباتي جهازن Ghost ships بابت افسانا ۽ ناول ته آهن، پر ڪجهه فلمون به ٺهي چڪيون آهن. سڀ کان گهڻي مشهور فلم Pirates of Caribbean آهي، جيڪا والٽ ڊزني پڪچرز وارن، 2003ع ۾ رليز ڪئي هئي. ان کان اڳ 2002ع جي هڪ ڊپ واري Horror Film ”دي گهوسٽ شپ“ آهي، جيڪا اٽليءَ جي هڪ رول جهاز Antonia Graza بابت آهي، جيڪو 1960ع ۾ غائب ٿي ويو هو.


    تيل مان عطر به ٺهي ٿو

    “Fuel & Fuel Technology” جي پيرڊ ۾، آءٌ پنهنجن مئرين انجنيئرنگ جي شاگردن کي هميشهه اهو چوندو آهي، ته Fuel (يعني انجڻين ۾ ٻارڻ جو تيل پيٽرول، آڪٽين کان وٺي ڊيزل آئل ۽ مئرين هيوي فيول آئل) اها نعمت آهي، جنهن هن دنيا تي وڏو انقلاب آندو. هي ڪارخانا، فئڪٽريون، هوائي جهاز، پاڻيءَ جا جهاز، جنريٽر، جيپون، گاڏيون اُن تيل جي ڪري هلن ٿيون ۽ انسان ذات کي سک پهچائين ٿيون.“ نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ کان وٺي اوڻهين صديءَ جي شروعات تائين، جهاز ڪپڙي جي سڙهن تي، هوا ۽ سمنڊ جي رحم ڪرم تي هليا ٿي. ڪڏهن به ائين نٿي ٿي سگهيو ته جنهن وقت چاهجي ۽ جيڏانهن چاهجي جهاز کي وٺي هلجي. سياري ۾ اتر جون هوائون لڳيون ته جهاز مڊل ايسٽ، بنگال کان ڏکڻ طرف وڌيا ٿي ۽ پوءِ اونهاري جي ڏاکڻين هوائن ۾، اهي سريلنڪا کان واپس اتر طرف وطن موٽيا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيو ته سڄو سڄو ڏينهن هوا نٿي لڳي ۽ جهاز هڪ هنڌ بيهي ٿي رهيا. انهن ڏينهن ۾ جهازن تي نه لائيٽ هئي، نه ايئرڪنڊيشن يا پکا، نه هيٽر، نه پاڻي ڇڪڻ جا پمپ. اليڪٽرسٽي ئي نه هئي، جو اهي شيون هلن ۽ پوءِ تيل جي ڪري هر قسم جون انجڻيون هلڻ لڳيون. جهاز مالڪ جي مرضيءَ سان هليا ٿيا. ڊيڪ تي سمهڻ بدران ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ سمهڻو پيو ٿي. جيئريون ڪڪڙيون ۽ رڍون کڻڻ بدران، فروزن گوشت کي ڇهه ڇهه مهينا رکڻ لاءِ ريفريجريٽيڊ رومس ٺهي ويا. ائين ته تيل کان ڪجهه سال ڪوئلي مان به اهو ڪم ورتو ويو ٿي، پر ڪوئلي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ شفٽ ڪرڻ ڏکيو ڪم هو ۽ ڪوئلي گهڻي جڳهه والاري ٿي. ائين سمجهو ته جهاز جا ڏهه ڪمرا ڪوئلي سان ڀرڻ بدران، هڪ ڪمرو تيل جو ڪافي آهي. ان کان علاوه ڪوئلي چاڙهڻ تي ڏينهن جا ڏينهن لڳي ويا ٿي. مزورن پٺيءَ تي ڪوئلي جون ڳوڻيون رکي، جهاز جي گدامن ۾ رکيون ٿي. هاڻ پمپ ذريعي ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ تيل کي جهاز جي ٽئنڪن ۾ ڀري سگهجي ٿو ۽ ٻارڻ لاءِ پمپ ذريعي تيل ڪڍي سگهجي ٿو.
    ڪويت ۽ دبئي جهڙن ملڪن ۾، اونهاري جي گرميءَ ۾ آءٌ هميشهه اهو سوچيندو آهيان ته، اليڪٽرسٽي کان اڳ جڏهن نه پکا هئا ۽ نه ايئرڪنڊيشن، هيتريون صديون ماڻهو ڪيئن ٿي رهيا ۽ ساڳيءَ طرح ناروي، سئيڊن ۽ فنلئنڊ جهڙن Scandinavian ملڪن ۾، اتي جي ماڻهن ڪيئن ٿي سياري جي ٿڌ ۾ گذر ڪيو. بهرحال هاڻ اليڪٽرسٽي اچڻ ڪري، جيڪي اسين سُکَ ماڻي رهيا آهيون، اهي تيل جي ڪري آهن.
    تيل نه فقط ٻارڻ جي ڪم اچي ٿو، پر تيل مان ٻيون به ڪيتريون ئي شيون ٺهن ٿيون. جپان مان جڏهن اسان شاپنگ ڪندا هئاسين ته، هر دڪان يا ڪمپنيءَ جا شاپر (ٿيلهيون) جن ۾ هو شيون وجهي ڏيندا هئا، ڏسڻ وٽان هوندا هئا. اسان ڪوشش ڪري هر هنڌان هڪ ٻه وڌيڪ شاپر وٺندا هئاسين، جو ڪراچي پهچڻ تي ڪيترا اسان جا دوست، جپان جا اهي رنگين، مضبوط ۽ ٿلهي پلاسٽڪ جا شاپر گهرندا هئا. جپاني دڪاندار هميشهه خوشيءَ سان اسان کي فالتو شاپر ڏئي ڇڏيندا هئا، جو هو ان کي پنهنجي دڪان يا ڪمپنيءَ جي اشتهار بازي سمجهندا هئا ۽ پوءِ ستر جي ڏهاڪي ۾ هڪ اهڙو سال آيو، جنهن ۾ اسان جو جهاز جڏهن جپان ۾ پهتو ته، ان ڀيري دڪاندار وڌيڪ شاپر ته ڇا، پر جنهن هڪڙي ۾ سامان وجهي ٿي ڏنو، اهو به تمام سنهي پلاسٽڪ جو هو، يعني اهڙو ٿلهو نه هو جنهن ۾ شولڊر بئگ بدران، سامان وجهي جُهڏي کان جهمپير وڃي سگهجي.
    ”ڀائي خير ته آهي؟“ اسان جپاني دڪاندار کان پڇيو.
    ”خير ڪٿي آهي،“ دڪاندار وراڻيو، ”توهان کي خبر ناهي ته عربن تيل مهانگو ڪري ڇڏيو آهي.“
    ”اها ته اسان کي به خبر آهي،“ اسان وراڻيس، ”ان ڪري اسان جي ڪمپنيءَ جهازن جو ڀاڙو وڌائي ڇڏيو آهي. پر توهان شاپر ڏيندي ڪنجوسي ڇو پيا ڪريو.“
    دڪاندار ٽهڪ ڏيندي چيو، ”ته شاپر ڇا جا ٺهيل آهن؟“
    ”پلاسٽڪ جا.“ اسان وراڻيس.
    ”ته پلاسٽڪ تيل مان ئي ته ٺهي ٿي.“ هن وراڻيو.
    هي جپاني دڪاندار بلڪل صحيح هو. پلاسٽڪ تيل مان ٿي ٺهي ۽ اڄ ڏينهن تائين نه تيل وري سستو ٿيو آهي ۽ نه وري اهي خوبصورت شاپر جپان ۾ نظر آيا آهن، جيڪي 1973-74ع کان اڳ ڏٺاسين.
    تيل مان پلاسٽڪ جون ٿيلهيون (شاپر)، رسا، تڏا، رانديڪا ۽ ٻيون شيون ٺهن ٿيون، پر تيل مان ويندي مختلف عطر مردن ۽ عورتن لاءِ وارن جون Wigs به ٺهن ٿيون. مانچسٽر ۾ اسان جي مڪاني آفيس جي مئنيجر ٻُڌايو ته اتي (مانسچٽر) ۽ ڀر واري شهر لور پول ۾، تيل مان 75 کن مختلف شين ٺاهڻ جا ڪارخانا آهن.
    بهرحال جتي تيل وڏي نعمت آهي، اُتي تيل وڏي مصيبت به آهي- انسانذات لاءِ توڙي سامونڊي مخلوق لاءِ. تيل جي ڪري جهازن تي باهيون لڳن ٿيون، جن ۾ جهاز ۽ جانيون تباهه ٿيو وڃن. تيل توڙي ان مان نڪرندڙ گئسون، سامونڊي مخلوق کي تباهه ڪري ٿيون ڇڏين. اها ڳالهه جيئن ئي دنيا جي ڏاهن محسوس ڪئي ته جهازي دنيا جي بين الاقوامي اداري IMO سڀني جهاز هلائيندڙن لاءِ، اهو قانون ڪڍيو ته ڪنهن کي به سمنڊ تي جهاز مان تيل خارج ناهي ڪرڻو. اسان جهڙن ملڪن ۾ ته اڃا به ان قانون جي ڄاڻندي يا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ٿي، پر جپان ۽ يورپ جهڙن سڌريل ملڪن ۾ جتي جي ماڻهن کي پنهنجو سمنڊ ۽ ان ۾ رهندڙ سامونڊي مخلوق (مڇيون، گانگٽ، کيکڙن وغيره) کي صاف سٿرو ۽ صحتمند رکڻ جو وڏو اونو آهي، انهن ته ستر جي ڏهاڪي کان ئي سختي شروع ڪري ڇڏي. مونکي ياد آهي ته 1974ع يا 1975ع ۾ اسان جو جهاز يوڪوهاما جي بندرگاهه ۾ وڃڻ لاءِ، ”خليج ٽوڪيو“ کان ڪافي پري، کُلئي سمنڊ ۾ پنهنجي واري اچڻ جو انتظار پئي ڪيو. ٻه ڏينهن انتظار ڪندي گذري ويا هئا، اڃا به لڳو ٿي ته شايد ڏينهن ٻه ترسڻو پوي. انجڻ روم جي تري ۾ پمپن ۽ ٽانڪين مان، پاڻي ليڪ ٿي ڪافي گڏ ٿي چڪو هو. ان کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ جهاز جي فورٿ انجنيئر بلج پمپ هلائي، اهو پاڻي ٻاهر خارج ڪري ڇڏيو. نڄاڻ ان پاڻيءَ ۾ ڪجهه تيل به مليل هو يا شايد اهو پمپ ڪجهه دير اڳ، تيل ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ ڪنهن هلايو هجي ۽ بالٽي اڌ جيترو تيل ان جي پائيپن ۾ رهجي ويو هجي.
    ٿوري دير بعد ڏسون ته اسان جي جهاز مٿان هڪ هيليڪاپٽر پيو اُڏامي، جنهن مان جپان جي مئرين پوليس جو سپاهي لٿو ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جو سئمپل ۽ اسان جي جهاز جي انجڻ روم جي تري ۾ بچيل پاڻيءَ جو سئمپل کڻي ويو. دراصل تيل جي اها به مصيبت آهي (بقول اسان مئرين انجنيئرن جي) ته تيل پاڻيءَ کان هلڪو آهي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ کان ته اڃا به وڌيڪ هلڪو آهي، ان ڪري اهو سمنڊ ۾ ڪِرڻ سان پاڻيءَ اندر ٻُڏڻ بدران سمنڊ جي سطح تي ترندو رهي ٿو ۽ منجهس Spreadibility به ڏاڍي آهي. يعني هڪ بالٽي کن تيل جي ميل کن جي پکيڙ ۾ پکڙجي ويندي ۽ اُس ۾ تيل واري چمڪ ۽ انڊلٺ جهڙا رنگ، پري پري تائين نظر پيا ايندا.سو ان ڏينهن اسان به رڱيل هٿين جهلجي پياسين. لئبارٽري ٽيسٽ جي اهائي رپورٽ آئي ته، سمنڊ جي تري تي جيڪي تيل جا ذرڙا تري رهيا آهن، ان تيل جي ساڳي ڪمپوزيشن آهي، جيڪا اسان جي جهاز جي انجڻ روم جي تري ۾ موجود تيل جي آهي. ڪورٽ طرفان اسان جي جهاز تي لک کن يين جو ڏنڊ پيو، جيڪو اسان جي جهاز جي يوڪوهاما واري مڪاني آفيس ڀري ڏنو. ان کان علاوه سمنڊ تي ڪِريل تيل کي ڪيميڪل ذريعي صاف ڪرائڻ جو پڻ خرچ ڏنوسون.
    هڪ عام پڙهندڙ لاءِ هتي ڪجهه مختصر احوال ”ٻارڻ“ (Fuel) بابت لکڻ چاهيان ٿو، جنهن سان دنيا جون انجڻيون، ڪارخانا، بئالر جهاز، گاڏيون هلن ٿيون. ڏٺو وڃي ته انهن کي ٽن قسمن جي ٻارڻن سان هلايو وڃي ٿو، جيڪي آهن: ڪوئلو، تيل (جنهن کي فيول يا پيٽروليم به سڏيو وڃي ٿو) ۽ گئس. اهي ٽئي شيون ڌرتيءَ هيٺ دٻيل آهن، جن کي کوٽي يا ڊرل ڪري، ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو. سندن ان خصوصيت ڪري انهيءَ ٻارڻ جو نالو Fossil فيول پڻ آهي. فاسل(Fossil) لئٽن ٻوليءَ جو لفظ آهي، معنيٰ کوٽي ڪڍڻ. ان تيل کي پاڻ پيٽروليم به سڏيون ٿا، جنهن جو مطلب آهي، پٿرن وارو تيل- ان ڪري جو اهو پٿرن Rocks جي وچ ۾ ڦاٿل تيل آهي.
    اهو تيل، گئس يا ڪوئلو زمين ۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟ لکين سال اڳ گهٽ ۾ گهٽ 300 ملين سال اڳ (يعني ٽيهه ڪروڙ سال اڳ) هيءَ ڌرتي وڻ ٽڻ، ولين ٻوٽن ۽ گاهه سان ڀري پئي هئي. ڊائنا سورس جهڙا ڪئين آفت قسم جا جانور هئا، جيڪي سمنڊ ۾ بيٺا ٿي ته گوڏي تائين پاڻي مس ٿي آين. اهي ويا ڌرتيءَ هيٺ دٻبا ۽ مٿان مٽيءَ جا تهه چڙهندا وين ۽ پوءِ ائين آڪسيجن (هوا) جي غير موجودگيءَ ۾، سخت پريشر ۽ گرمائش ڪري، وڻ ٽڻ ڪوئلو ٿي ويا ۽ جانورن تيل جي صورت اختيار ڪئي. اسان جي ملڪ واري سُوئي گئس يا ٻين ملڪن ۾ استعمال ٿيندڙ گئسون، ان تيل جي سمجهو ته ٻاڦ (Vapours) آهن. ڌرتيءَ اندر جيڪو ڏامر جهڙو Crude (اڻ ڇڻيل) تيل موجود آهي، ان کي ٿوري ئي گرمائش رسڻ تي، هن مان ميٿين ۽ ايٿين جهڙيون گئسون نڪرن ٿيون. وڌيڪ گرم ڪرڻ تي مختلف گريڊن جا تيل ڌار ڌار ٿين ٿا، جهڙوڪ آڪٽين، پيٽرول، گاسليٽ، هاءِ اسپيڊ ڊيزل آئل (جيڪو اڇي رنگ جو هلڪو ٿئي ٿو ۽ اسان وٽ موٽر گاڏين ۾ استعمال ٿئي ٿو)، مئرين ڊيزل آئل (ڪارسرو سستو تيل، جنهن تي پاڻيءَ جي جهازن تي ڳرا جنريٽر هلن ٿا)، هيوي فيول آئل- جيڪو ڏامر کان ٿورو هلڪو ٿئي ٿو ۽ ان تيل کي جهاز جي پيور ريفائر روم ۾ ٿورو صاف ڪري، ان تيل سان جهاز جي مين انجڻ هلائيندا آهيون، جنهن سان جهاز جو پروپيلر هلي ٿو.
    انهن سڀني تيلن توڙي گئسن ۾ (جيڪي پڻ هڪ قسم جا تيل چئي سگهون ٿا، جو ٿڌ ۽ دٻاءَ ۾ اچڻ سان Liquid ٿيو وڃن، جيئن سگريٽ لائيٽر ۾ نظر ايندڙ تيل دراصل گئس آهي) ٻه شيون موجود آهن: هئڊروجن ۽ ڪاربن. ان ڪري گئس توڙي پيٽرول يا گاسليٽ وغيره ”هائيڊرو ڪاربن“ به سڏجن ٿا. فرق فقط اهو آهي ته ڪاربان جا جزا ڪنهن ۾ گهٽ آهن ته ڪنهن ۾ وڌيڪ. سڀ ۾ مختصر ۽ آسان صورت ۾ ”ميٿين گئس“ آهي، جنهن ۾ ڪاربان جو فقط هڪ ائٽم آهي، جيڪو هائيڊروجن جي چئن ائٽمن سان جڙيل ٿئي ٿو. ٻئي نمبر تي هلڪي گئس ايٿين گئس آهي، جنهن ۾ ڪاربان جا ٻه ايٽم آهن، جيڪي هائڊروجن جي ڇهن ايٽمن سان ڳنڍيل آهن. اهڙي طرح پروپين، بيوٽين گئسون آهن، جيڪي عام طرح بوتلن ۾ ڀريل وڪامن ٿيون، جيڪي سگريٽ لائيٽرن، رڌ پچاءُ، گئس ڪٽنگ جهڙن ڪمن ۾ ڪم اچن ٿيون. ان بعد مختلف گريڊن جا پيٽرول آهن، جن ۾ آڪٽين به اچي ٿو وڃي. انهن ۾ 7 کان 9 ڪاربان جا ائٽم آهن، جنهن تيل سان هوائي جهاز، هيليڪاپٽر ۽ پيٽرول انجڻ واريون ڪارون هلنديون آهن. گاسليٽ آهي، جنهن ۾ 11 کان 18 ائٽم ڪاربان آهن، جيڪو چلها (Stoves) ٻارڻ ۾ استعمال هيٺ اچي ٿو. ان بعد ڊيزل آئل جا قسم آهن، ان بعد انجڻين جي حصن کي سڻڀو رکڻ لاءِ ليوب آئل آهي ۽ جيئن جيئن ڪاربان ائٽم وڌن ٿا ته تيل جي Viscosity به وڌي ٿي. ليوب آئل بعد هيوي فيول آهن، جيڪي بئالر کي ٻارڻ ۽ پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ ۾ ڪم اچن ٿا، ان بعد گريز ۽ Wax آهي، جيڪو Lubrication ۽ ميڻ بتيون ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ آخر ۾ ڏامر جهڙو گهاٽو ۽ ڪارو تيل Bitumen آهي، جيڪو رستا ۽ ڇتيون ٺاهڻ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ زمين مان نڪتل تيل Crude oil کي گرم ڪرڻ تي، ٻيا تيل ۽ گئسون نڪرڻ بعد آخر ۾ بٽيومن ۽ گريز وڃيو ٿا رهن.
     تيل ۽ گئس پائيپن ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچايو وڃي ٿو. ڪوئلو(Coal) ريل گاڏيءَ ۽ ٻيڙين ذريعي شفٽ ڪرڻ کان علاوه، پائيپن ذريعي به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچايو وڃي ٿو. ڪوئلي کي پهرين پينهي پائوڊر وانگر ڪري، ان ۾ پاڻي ملايو وڃي ٿو- جنهن کي Slury سڏجي ٿو. اها سلري آسانيءَ سان پمپ ڪئي وڃي ٿي.
     تيل مان ڪيتريون ئي شيون ٺهن ٿيون، جن مان ڪجهه پهرين به ٻُڌائي چڪو آهيان ۽ ڪجهه ٻيون هن ريت آهن، جن لاءِ پڪ اٿم ته هڪ ماڻهوءَ لاءِ حيرت واري ڳالهه هوندي ته، تيل مان اهڙيون به شيون ٺاهيون وڃن ٿيون، جيئن: رانديڪا، ٽائر، لينولين، ٽٿ برش، عطر، ڊيوڊورنٽ، شئمپو، وي سي آر، ٽيپ، رٻڙ جا پائيپ، اکين جا ڪانٽئڪٽ لينس، ڦڻيون، نقلي وار ۽ انهن جا رنگ، لپ اسٽڪ، جوتن جي پالش وغيره وغيره.


    تيل جي جهاز جو ڪراچيءَ ۾ ٻُڏڻ

    جتي سڄي دنيا جا ماڻهو پنهنجي ملڪ جا سمنڊ، صاف رکڻ جي جستجو ۾ آهن، جتي بالٽي ٻه تيل هارڻ تي به سخت ڏنڊ وڌو وڃي ٿو، ويندي جوابدارن کي جيل حوالي ڪيو وڃي ٿو، اتي اسان جو ڪراچي بندرگاهه وڃي گدلو ٿيندو. سنگاپور جو ان بابت نئون قانون اهو ٺهيو آهي ته، هاڻ جنهن جهاز تان به سمنڊ ۾ تيل ڪِرندو ته، ان ڏوهاري جهاز جي ڊيوٽي انجنيئر يا ڪنهن ٻئي آفيسر يا خلاصي بدران، جهاز جي ٻن وڏن يعني ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر کي جيل اماڻيو ويندو. ان کان علاوه جهاز جي ڪمپنيءَ (مالڪن) کي ڏنڊ هڪ طرف ڏيڻو پوندو ته، ان جي صفائيءَ جو خرچ ٻئي طرف. ۽ ان قانون جو پهريون پهريون شڪار ڊئنمارڪ جو هڪ جهاز ٿيو، جيڪو اڳتي جي سفر لاءِ جهاز جي ٽانڪين ۾ تيل ڀرائي رهيو هو ته، تيل سپلاءِ ڪندڙ پائيپ جي هڪ هنڌان Joint لِيڪ ٿيڻ تي، ڪجهه تيل سمنڊ ۾ ڪِري پيو. سنگاپور حڪومت يڪدم قانون جي ڪاروائي ڪري، جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر کي جيل روانو ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ اهي ڪنهن اهڙي تهڙي آفريڪي يا ايشيائي غريب ملڪ جا به نه، پر يورپ جا شهري هئا. سندن ملڪن جي سفارتخانن ڏاڍيون دانهون ڪوڪون ڪيون، پر سنگاپور وارن چيو: ”دانهون ڪوڪون ته اسان کي ڪرڻ کپن، جو توهان اسان جي ملڪ جو سمنڊ ۽ ڪنارو ٿا خراب ڪريو، سمنڊ جي سفيد گجيءَ سان ٽمٽار کير جهڙين ڇولين کي ڇو ٿا ڏامر هاڻو ڪريو. (ٻين لفظن ۾ ڪهڙو KTN ٽي وي جو ماڊل جوڙو سنگاپور اچي ”سمنڊ جو ڪنارو، ڇوليون ۽ تون مان...“ ڳائيندو)، ڇو ٿا اسان جي ڪناري تي رهندڙ شهرين جي صحت خراب ڪريو، ڇو ٿا اسان جي سمنڊ جي سامونڊي مخلوق گُهٽي ماريو...“
    جهاز جو چيف انجنيئر شايد فئملي (زال ۽ هڪ ڇهه کن ورهين جي پٽ) سان هو، تنهن لاءِ جڏهن سنگاپور حڪومت جو ڌيان ڇڪايو ويو ته، هن وڏي سوچ ويچار کان پوءِ وراڻيو ته، هو ڪنهن به صورت ۾ قانون جي ڀڃڪڙي ڪري نٿا سگهن، باقي انساني همدرديءَ طور هو ايترو سو ڪري سگهن ٿا ته انهن کي به چيف انجنيئر سان گڏ ساڳي کوليءَ ۾ رکي سگهن ٿا ۽ سندس مڙس چيف انجنيئر سان گڏ کين به جيل طرفان ماني مفت ڏني ويندي. منهنجي خيال ۾ هفتو ٻه کن همراهن کي جيل ۾ وهاريائون، پر نه رڳو اهي پاڻ، پر دنيا جا سمورا جهاز سڌري ويا ۽ کين سگنل ملي ويو ته، اهڙي مشڪري سنگاپور ۾ ناهي ڪرڻي، جيڪي گورن مائي باپ جي جهاز کي به نٿا بخشين. اڄ سنگاپور جو بندرگاهه دنيا جو صاف سٿرو بندرگاهه آهي. جنهن جي چوڌاري نيري بلو شفاف سمنڊ ۾، دنيا جي خوبصورت سامونڊي مخلوق- رنگين مڇين ۽ گانگٽن کان ويندي سائي جي هر رنگ جي شيڊ جا سامونڊي گاهه خوشحال ۽ صحتمند زندگي گذارين ٿا. اهو فقط ان ڪري جو هن ننڍڙي ٻيٽ نما ملڪ تي، ملڪ ۽ قوم کي صحيح رکڻ ۽ انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ، قاعدا قانون آهن ۽ انهن تي عمل به ڪرايو وڃي ٿو ۽ ڏوهاري چاهي انگريز هجي يا آمريڪن، ان کي سزا به ڏني وڃي ٿي ۽ اهو صحيح ثابت ٿيو آهي ته ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو آهي، پر موچڙو ڇٽيهه لڇڻو ٿئي ٿو ۽ اسان جهڙن ملڪن ۾ جتي چورن، ٺڳن، غنڊن رشوت خور عملدارن کي مانيءَ ڍوَ تي آهي ۽ موچڙو گهٽ آهي ته هرڪو پنهنجو پرايو جهازي، سڄي سفر جو گند ڪچرو نه رڳو اسان جي سامونڊي حدن ۾ ڦٽو ڪريو وڃي، پر بندرگاهه کي به نٿو بخشي. ڪراچيءَ جو بندرگاهه جيڪو گذريل صديءَ جي ٽي چوٿائين تائين دنيا جي سهڻن، صاف سٿرن ۽ ڍنگ جي بندرگاهن مان سمجهيو ويو ٿي، اڄ اهو گندي ۾ گندو آهي. ڪراچيءَ ۾ بيٺل جهاز وارا نه فقط پنهنجي Toilets جا ڊسچارج سمنڊ ڏي کوليو ڇڏين پر زهر جو تيل ۽ مشينن جو گندو پاڻي به خارج ڪريو ڇڏين. ڪنهن کي ڪو فڪر ناهي ته، اسان جي ملڪ جي ماحول کي پنهنجا ۽ پراوا ايڏو بي درديءَ سان گدلو بڻائي رهيا آهن ۽ اسان جي ملڪ جو سمورو سامونڊي جيوت تباهه ٿي رهيو آهي. هڪ اهڙي جهاز جي ڪئپٽن کي مون شڪايت طور چيو هو ته، پنهنجي جهاز جون بلجز (گڏ ٿيل گندو پاڻي ۽ تيل) اسان جي بندرگاهه اندر ڇو پيا ڊسچارج ڪريو. هي ته توهان کي پورٽ کان سؤ ميل پري خارج ڪرڻ کپي، پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو، بلڪ هو الٽو مون کي ٽوڪ طور چوڻ لڳو، توهان جي ملڪ ۾ ٻين ڪهڙن قانونن تي عمل ٿي رهيو آهي. هڪ ٻئي اهڙي فارين جهاز جي انجنيئر چيو ته، هي ته اسان رات وچ ۾ جهاز جي هيٺان لڳل پائيپن ذريعي ڪچرو ڪڍيو ڇڏيون، توهان وٽ ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو اميرن جون گاڏيون ته ڇا عام بس ڊرائيور به سگنل جي پيا ڀڃڪڙي ڪن. بس اسٽاپ بدران جتي وڻي ٿو اتي گاڏي بيهاريو ڇڏين. فٽ پاٿن تي گاڏيون بيهاريو ڇڏين. تيز رفتاريءَ ۾ ٻي گاڏيءَ يا ماڻهن کي ڌڪ هڻيو ڀڄيو وڃن. هيترا سارا سفيد ورديءَ ۾ ٽرئفڪ پوليس جا اهلڪار چالان جون ڪاپيون جهليو بيٺا آهن، پر منجهائن ڊپ ته ڪنهن کي به ڪونهي.
    ننڍي پئماني ۾ ڪراچيءَ جي هن بندرگاهه ۽ اوس پاس جي سمنڊ جو خانو خراب ته وڏي عرصي کان ٿيندو رهيو ٿي، پر 2003ع ۾ تاسمن اسپرٽ (Tasman Spirit) نالي هڪ ڌارئين ملڪ جي تيل بردار جهاز جي ڦاٽڻ ڪري، منجهانئس 12000 ٽنن کان مٿي ليڪ ٿيل ڏامر جهڙي تيل، هن علائقي ۾ اهڙي تباهي مچائي ڇڏي، جو سڄي دنيا جون اکيون هيڏانهن ڄمي ويون.12000 ٽن ڪو گهٽ تيل ناهي. هڪ عام ماڻهو ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهي ٿو ته هڪ ٽن ۾ 27 مڻ کن تيل ٿئي ٿو يا سنئون سڌو ليٽرن جو حساب لڳائجي ته هڪ ٽن ۾ مِلڪ پئڪ جي وڏي دٻي جهڙا هڪ هزار ليٽر ٿين ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته 12000 ٽن تيل ۾ 12000,000 ليٽر (هڪ ڪروڙ ويهه لک ليٽر) تيل ٿيو. مٿي ٻُڌائي چڪو آهيان ته تيل ۾ پکڙجڻ (Spreadibility)جي وڏي سگهه آهي. تيل پاڻيءَ کان گهڻو هلڪو آهي، ان ڪري اهو سمنڊ ۾ اندر داخل ٿي، لڪڻ بدران سمنڊ جي مٿاڇري تي پري پري تائين پکڙجندو رهي ٿو.
    ”تاسمن اسپرٽ جهاز“ (جيڪو پاڪستاني اخبارن ۾ ته يوناني جهاز سڏبو رهيو- شايد سندس يوناني ڪئپٽن ڪئرسٽينو ڊيميٽرياس جي ڪري) ميڊيٽرينين سمنڊ جي ٻيٽ مالٽا جي بندرگاهه ۾ رجسٽرڊ ٿيل هو ۽ سندس مالڪ ”اسيمينيا مئريٽائيم لميٽيڊ“ وارا وليٽا (مالٽا) جا آهن. هن جهاز مان وهي نڪرندڙ تيل ڪراچيءَ جي ڪلفٽن ۽ ڪياماڙيءَ کان وٺي، پنجاهه کن ميلن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. تيل جي زهريات ڪري چوڌاري مڇين جا ڍير ٿي ويا. تيل مان نڪرندڙ گئسن، اوسي پاسي جي رهاڪن جي زندگي زهر ڪري رکي. ڪئين هزارين فئمليون ڪلفٽن، ڊفينس، ڪياماڙي جهڙي علائقي مان عارضي طور لڏي ويون. سوين گلي، ڦڦڙن ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي، اسپتالن ۾ داخل ٿي ويا. ڪجهه فارين جي اخبار وارن ۽ مڪاني ٽي وي جي فوٽو گرافرن جهاز جي ويجهو وڃي جلدي جلدي فوٽن ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هيڪاندين گئسن ڪري بيهوش ٿي ويا ۽ کين اسپتال کڻي وڃڻو پيو ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ 13000 وڌيڪ تيل، هن جهاز جي ٽانڪين مان ڳڙي سمنڊ سان ملي ويو ۽ جهاز بندرگاهه واري علائقي مان ٻاهر نڪرڻ بدران ٻه اڌ ٿي ويو.
    پاڪستان جي تيل صاف ڪرڻ واري هڪ ڪمپني ”پاڪستان ريفائينري لميٽيڊ“ دستور موجب عرب امارات مان تيل گهرائڻ لاءِ، پاڪستان جي قومي جهازي ڪمپني PNSC کي تيل گهرائڻ لاءِ، چيو، جن وٽ تيل بردار جهازن جي کوٽ هجڻ ڪري، هنن مالٽا ٻيٽ جي هڪ ڪمپني Polembros Shipping Ltd وارن سان ڳالهايو، جيڪي ڏينهن جي حساب سان يا مقرر مسافريءَ موجب ڀاڙي تي جهاز ڏيندا رهن ٿا. هنن هڪ جهاز Tasman spirit نالي پنهنجي عملي سان PNSC حوالي ڪيو ۽ اهو Voyage charter طور ڏنو ويو، يعني PNSC هنن کي مقرر ٻولايل ڀاڙو ڏيندي ۽ جهاز ايران مان تيل کڻي، ڪراچيءَ ۾ لاهڻ بعد آزاد رهندو. جهاز جي عملي جي پگهار، کاڌو پيتو ۽ ٻيو خرچ پکو جهاز جا مالڪ ڀريندا. بهرحال اها هڪ عام ڳالهه آهي ۽ ضرورت موجب مختلف ڪمپنيون، هڪ ٻئي کي جهاز ڀاڙي تي ڏينديون رهن ٿيون. جيئن ڪي بسون في مسافر جي حساب سان ڀاڙو ڪمائين ٿيون، ته ڪي پڪنڪ پارٽيءَ يا شاديءَ جي ڄڃ کڻي، يڪو ڏينهن جي حساب سان يا منزل تي پهچائڻ ۽ واپس آڻڻ جي حساب سان ڀاڙو طئي ڪن ٿيون. حج جي موسم ۾ به جڏهن حاجين جو تعداد تمام وڌي ويندو آهي يا اسان جي PIA جا جهاز خراب ٿي ويندا آهن ته ٻين ملڪن مان مسواڙ تي ورتا ويندا آهن.
    تاسمن اسپرٽ ڪو نئون جهاز نه هو، اٽڪل 25 سال پراڻو هو، پر ان سان ڪو فرق نٿو پوي. جيڪڏهن جهاز جا ڪاغذ پٽ صحيح آهن، يعني ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيءَ طرفان هن جي هر شيءِ ۽ مشينري جي چڪاس ٿيل آهي ۽ Sea worthiness جو سرٽيفڪيٽ مليل آهي ته، اهو جهاز ان نئين جهاز کان بهتر آهي، جنهن ۾ ڪا خامي هجي، جنهن ڪري ان جي ٻُڏڻ يا سڙڻ جو انديشو هجي. ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيءَ وارن جو انشوئرنس ڪمپينءَ سان واسطو رهي ٿو، بلڪ دنيا جون ڪيتريون ئي ”ڪلاسيفڪيشن سوسائٽيون“ انشوئرنس به ڪن ٿيون. سو ظاهر آهي ته ڪلاسيفڪيشن سوسائٽي غلط سرٽيفڪيٽ هرگز نه ڏيندي، ڇو جو جهاز جي ”سي وردي“ هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ بعد جهاز جي حادثي جي قيمت ان کي ئي ڀرڻي پوي ٿي.
    Tasman Spirit جهاز 1979ع ۾ جپان جي Onomichi Zosen ڪبوشيڪي شپ يارڊ ۾ ٺهيو ۽ سندس ان وقت Kenko Maru نالو رکيو ويو، جيڪو پوءِ فقط Kenko جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ڪجهه سالن بعد ان کي ڪنهن ٻئي خريد ڪيو ۽ سندس نئون نالو Mabini رکيو. ان بعد تاسمن اسپرٽ، ۽ پوءِ Hyperion ۽ پوءِ هيمنگوي رکڻ بعد 1998ع ۾ ان جو نالو وري پراڻو Tasman Spirit رکيو ويو. مشهور ڪالم نگار ۽ جهازي ڪمپنيءَ جي پارسي مالڪ اردشير ڪائوسجي ٻُڌايو ته، جهاز جو اهو نالو تاسمان اسپرٽ گهڻو ڪري سترهين صديءَ جي ڊچ نيويگيٽر (جهازي) ”ابل جانسزون تاسمان“ جي پٺيان آهي، جيڪو 1603ع ۾ ڄائو ۽ 1659ع ۾ وفات ڪيائين، جنهن آسٽريليا جو حصو تاسمانيا، نيوزيلينڊ، ٽونگا ۽ فجي ٻيٽ ظاهر ڪيا.
    PNSC جي طرفان تاسمان اسپرٽ چارٽر ٿيڻ تي، جهاز جوڪئپٽن جهاز کي دبئي وٺي ويو، جتان 67500 ٽن ايراني پيداوار جو تيل، جيڪوLight crude oil سڏجي ٿو، جهاز ۾ پاڪستان ريفائينري لاءِ پائي، 26 جولاءِ تي پوري ساڍي ٻارهين وڳي منجهند جو، ڪراچيءَ کان ٽي چار ميل پري کُليل سمنڊ ۾ اچي لنگر ڪيرايو. سمنڊ جو اهو حصو ڪراچي جو آئوٽر ائنڪريج سڏجي ٿو. دنيا جي هر بندرگاهه جو Outer Anchorage ٿئي ٿو، جتي ولايت پار کان موٽڻ وارا پنهنجا توڙي پراوا جهاز سمنڊ ۾ لنگر ڪيرائي، بندرگاهه ۾ اندر اچڻ لاءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪندا آهن. بندرگاهه وارا روزانو هڪڙا جهاز بندرگاهه کان ٻاهر ڪڍي، انهن جي جاءِ تي ٻيا آڻيندا آهن ۽ هي سلسلو ان وقت شروع ٿيندو آهي، جڏهن سمنڊ جي وير چڙهندي آهي، يعني High Tide ٿيندي آهي. دنيا جي مڙني سمنڊن تي 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا وير چڙهي ٿي، ته ٻه دفعا صفا لهيو Low ٿيو وڃي. وير چڙهڻ وقت چوڌاري، ويندي بندرگاهه اندر، پاڻيءَ جي ليول مٿي ٿيو وڃي ۽ اهو وقت جهازن کي بندرگاهن ۾ آڻڻ يا ٻاهر ڪڍڻ لاءِ بهترين ٿئي ٿو، ڇو جو پاڻيءَ جي گهڻي اونهائي (Depth) هجڻ ڪري، جهاز جي تري (Keel) جو زمين کي ڇُهڻ جو خطرو نٿو رهي. Low Tide ۾ پاڻيءَ جي ليول گهٽ هجڻ ڪري، گهڻي وزن واري جهاز کي بندرگاهه ۾ آڻڻ جوکم جو ڪم ٿيو پوي، ڇو جو حساب جي ٿوري غلطي (Miscalculation) يا غلط اندازي ڪري، جهاز جو ترو زمين کي ڇُهي سگهي ٿو، جنهن کي جهاز جو گرائونڊ ٿيڻ سڏجي ٿو. Ground ٿيڻ تي جهاز تري جي مٽيءَ ۾ کونئر وانگر چنبڙيو پوي ۽ پوءِ جڏهن مٿاهين وير (هاءِ ٽائيڊ) شروع ٿئي يا جيسين جهاز تان چڱو خاصو سامان خارج ڪجي (جيئن اهو هلڪو ٿئي) جهاز سمنڊ جي تري جي (يا سمنڊ جو ترو جهاز جي) جان نٿو ڇڏي. ڪڏهن ڪڏهن ته جهاز اهڙو ته خراب طريقي سان گرائونڊ ٿي ويندا آهن (خاص ڪري جڏهن رفتار ۾ هلندڙ جهاز گرائونڊ ٿئي ٿو) جو ان جو ٻاهر نڪرڻ محال ٿي پوي ٿو ۽ ان کي ڪڍڻ لاءِ خاص قسم جا ٽگ جهاز گهرائڻا پون ٿا، جيڪي مڪينيڪلي يا هئڊراليڪلي جهاز کي ڇڪي ٻاهر ڪڍن ٿا ۽ ان تي ايڏو وڏو خرچ اچي ٿو جو جهازن جي مالڪن کي هارٽ اٽيڪ کان گهٽ بيماري نٿي ٿئي ۽ ائين رفتار ۽ جهٽڪي سان جهاز جي گرائونڊ ٿيڻ جو اثر، جهاز جي انجڻ تي پڻ تمام خراب پوي ٿو، جيڪي اثر هڪ مڪينيڪل انجنيئر چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو ۽ ان کان وڌيڪ تفصيل ۾ نقصان مئرين انجنيئر سمجهي سگهي ٿو، خاص ڪري گرائونڊ ٿيڻ مهل جيڪا سمنڊ جي تري جي مٽي يا واري جهاز جي پروپيلر وٽ، اسٽرن ٽيوب مان داخل ٿي Propeller shaft bearing جو خانو خراب ڪري ٿي، جيڪا شيءِ سڄي جهاز کي لولو لنگڙو بڻايو ڇڏي.
    جهاز کي آئوٽر ائنڪريج کان اندر بندرگاهه ۾ آڻڻ يا ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هر بندرگاهه جا پنهنجا جهازي ڪئپٽن ٿين ٿا، جيڪي جهازي دنيا ۾ ”پائليٽ“ سڏجن ٿا. اسان جي ڪراچي پورٽ يا قاسم پورٽ کي به پنهنجا پنهنجا ڏهاڪو کن پائليٽ آهن، جيڪي تجربيڪار ڪئپٽنن مان چونڊيا وڃن ٿا. هنن پائليٽن کي پنهنجي بندرگاهه جي انچ انچ جي ڄاڻ رهي ٿي ته، ڪهڙي هنڌ پاڻيءَ جي ڪيتري ليول آهي ۽ سمنڊ اندر ڇا ڇا آهي. سمنڊ جي مٿان ڪهڙي ڪهڙي هنڌ Buoy ۽ بيڪن آهن ۽ انهن جو مطلب ڇا آهي ۽ ڪيتري وزن واري جهاز کي مختلف هنڌن تان، ڪيتري رفتار سان هلائجي ۽ بندرگاهه ۾ اندر پهچڻ لاءِ جيڪي موڙ اچن ٿا، انهن موڙن اچڻ کان ڪيترو اڳ جهاز کي موڙڻ شروع ڪجي ۽ ڪيئن جهاز جي انجڻ اڳواٽ بند ڪرائجي، جيئن مقرر هنڌ تي جهاز اچي بيهي (Stop ٿئي)، ڇو جو پاڻي واري جهاز ۾ ته بريڪ ٿئي ڪانه ۽ ڪيئن ٽگ (طاقتور ٻيڙين) ذريعي جهاز کي پاسن کان ٿونا هڻائي (ڌڪا ڏياري) جيٽيءَ سان لڳائي بيهارجي، جو اهو Parallel parking وارو ڪم جهاز پاڻ مرادو نٿو ڪري سگهي.
    هي تيل بردار جهاز ”تاسمان اسپرٽ“ 67500 ٽن تيل کڻي، 26 جولاءِ 2003ع تي ڪراچي ائنڪريج تي پهتو، جتي هڪ ڏينهن انتظار ڪرڻ بعد ٻئي ڏينهن 27تاريخ، جهاز کي بندرگاهه ۾ اندر وٺي هلڻ لاءِ، منجهند ڌاري 11 وڳي جهاز تي پائليٽ چڙهيو. هڪ عام پڙهندڙ جي معلومات لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته، جهاز کي بندرگاهه ۾ يا بندرگاهه کان ٻاهر، جيتوڻيڪ بندرگاهه جو پائليٽ (ڪئپٽن) ٿو ڪڍي، تڏهن به قانوني طرح جهاز تي رکيل سامان ۽ جهاز جي سلامتيءَ جو جوابدار جهاز جو ڪئپٽن ليکيو وڃي ٿو.
    ڪراچيءَ ۾ هرڪو جهاز منهوڙي واري ڪنڊ وٽان ڦري، پوءِ کاٻي پاسي ڪياماڙي ڏي اچي ٿو. منهوڙي واري اها ڪنڊ جيڪا بريڪ واٽر به سڏجي ٿي، جو اُن ڪري عربي سمنڊ جي خوفناڪ لهرن جي جوش جو اثر جهڪو ٿيو وڃي ۽ اندر واري پاسي بگڙيل سمنڊ شانت ۾ رهي ٿو. ان موڙ وٽ ساڄي پاسي اوسٽر راڪس به آهن، جن جي وڌيڪ ساڄي پاسي اسان جو ڪلفٽن وارو سمنڊ آهي. بندرگاهه ڏي ايندي وقت، ان منهوڙي واري بريڪ واٽر کان پوءِ، اٽڪل 1245 تي جهاز گرائونڊ ٿي ويو. يعني جهاز ايترو ڳرو ۽ هيٺاهون هو، يا سمنڊ جي ليول ايتري گهٽ هئي، جو جهاز جو ترو سمنڊ جي تري سان ڄمي ويو ۽ انجڻ جي اڳيان پويان هلائڻ جي باوجود، جهاز هڪ انچ به چرڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو. بندرگاهه جي مُنهن وٽ ڪو جهاز گرائونڊ ٿي وڃي، خاص ڪري ٽئنڪر، سا هڪ خطرناڪ ڳالهه آهي، جنهن جي خطري جا گهنڊ واسطيدار عملدارن جي ڪنن اڳيان وڄڻ لڳا. سڀ ٻيا ڪم ڪاريون ڇڏي، هن مسئلي جو حل ڳولڻ لاءِ گڏ ٿي ويا. هي اطلاع جهاز جي مالڪن تائين به پهچي ويو. بقول جهازن جي ”بزنيس ۽ قانون جي ڄاڻو“ اَردشير ڪائوسجي جي، جهاز جي مالڪن کي شابس هجي، جن هن جهاز مان تيل ڪڍي هلڪو ڪرڻ خاطر (جيئن جهاز زمين جو تر ڇڏي مٿي ٿي بيهي ۽ انجڻ هلائڻ سان اڳتي وڌي مقرر هنڌ تي بيهي) پنهنجي ڪمپنيءَ جو هڪ ٻيو جهاز Endeavour II نالي ڪراچيءَ روانو ڪيو، جيڪو 31 جولاءِ تي پوري ڏهين بجي صبح جو ڪراچي پهچي ويو. هنن Salvage لاءِ به رضامندي ڏيکاري، جنهن لاءِ هنن ”لائڊ اوپن سالويج فارم“ ڀريو جيڪو“No cure – No pay” بنياد تي، هڪ ڊچ ڪمپنيءَ سان طئي ٿيو. دنيا ۾ ڪيترائي بندرگاهه آهن جتي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ”سالويج ڪمپنيون“يعني جهازن کي بچائڻ جي ڪمپنين جون آفيسون آهن. انهن وٽ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ننڍڙا طاقتور جهاز ٿين، جيڪي Salvage Tugs سڏجن ٿا، انهن ٽگن ذريعي هو گرائونڊ ٿيل- يعني زمين جي تري ۾ ڦاٿل جهاز کي ڇڪي، اونهي پاڻيءَ ۾ آڻين يا ٻُڏل جهاز کي سمنڊ جي تري مان ڇڪي مٿي آڻين ۽ انهن ۾ ڀرجي ويل پاڻي يا تيل ڪڍي، مرمت ڪري جهاز کي بچائين. يا ڪنهن تباهه ٿيل جهاز کي جيڪو هاڻ ٻين جهازن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي پيو آهي (۽ ٻين جهازن جو ان سان ٽڪرائجي حادثو ٿيڻ جو خطرو آهي) کي مٿي ڇڪي Gas cuttings يا ٻين اوزارن سان، لوهي جهاز جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري، پوءِ اتان کڻائي، اسڪريپ يارڊ (گڊاني وغيره) ۾ ڪٻاڙيءَ حوالي ڪرڻ ۾ مدد ڪن، ان ڪم جو اجورو هو ڏينهن جي حساب سان وٺن يا “No cure – No pay” جي حساب سان طئي ڪن. يعني جي توهان ان جهاز کي چاهي هڪ ڏينهن ۾ بچائي ويائو ته توهان کي فل اجورو ملندو، پر جي بچائي نه سگهيائو ته هڪڙو پئسو به نه ملندوَ. چاهي توهان ان ڪم پويان توهان جي ٽگ ۽ ماڻهن، مهينو ڏينهن راتين پورهيو ڪيو هجي. ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي جهاز خريد ڪري سامان کڻن ٿا يا مسافر کڻن ٿا ۽ ڀاڙو ڪمائين ٿا. سالويج ٽگ وارن جا جهاز بندرگاهن ۾ ئي بيٺا رهن ٿا يا اوسي پاسي ۾ ڦرندا رهن ٿا. هنن کي هر وقت اهو انتظار هوندو آهي ته، ڪنهن وقت ڪنهن جو ٿو جهاز خراب ٿئي ۽ کين مدد لاءِ سڏ ٿئي ۽ ڪا ڪمائي ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو مهينو بک تي ويٺا هوندا آهن، نه طوفان لڳندو آهي ۽ نه ڪو جهاز ٻُڏندوآهي ۽ جهاز ٻُڏڻ تي به ڪمائيءَ جي پڪ ته هوندي ناهي، جو ان معاملي ۾ جهاز بچائڻ واري ڪمپني (Salvage Co.) جو جهاز ٻوڏڻ وارن سان No cure-No pay جي بنياد تي ئي معاهدو ٿئي ٿو ۽ ڪٿي ٿو ائٽلانٽڪ، اڊارڪٽڪ، بالٽڪ جهڙن اونهن خطرناڪ سمنڊن ۾، سياري جي طوفاني راتين ۾ ٽڪرايل سمورن جهازن جو بچاءُ ٿي سگهي. اهي هڪ دفعو سڌو سمنڊ جي تري ۾ هليا وڃن ٿا ته وري ٻاهر نٿا نڪرن، جو سالويج ٽگ وارن کي سندن پورهئي جو اجورو ملي سگهي. منهنجي به هڪ ٻن جهازي دوستن جي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ سالويج ڪمپني آهي. هنن هڪ ٻه ٽگ خريد ڪري، ڏهاڪو کن ماڻهو Employ ڪري رکيا آهن. گذريل سال سنگاپور واري دوست وٽ ٻه ڏينهن کن رهيس. هو ملئي مسلمان آهي. ٻئي ڏينهن فجر نماز تي سندس گهران، سرنگون نارٿ ايوينيو تان، سنگاپور جي ويجهڙائيءَ ۾ ٺهيل مسجد استقامت ۾ فجر نماز لاءِ آياسين، جيڪا Yio Chu Kang ۽ انگ موکيو روڊ جي ڪنڊ تي آهي. نماز بعد Ang Mo Kio روڊ تي هڪ تامل انڊين جي ريسٽورنٽ ۾ چانهه لاءِ ويهي رهياسين.
    ”ڪئپٽن ذوالقفلي! نماز بعد ڪهڙيون پئي ڊگهيون دعائون گهريئي؟“ مون پنهنجي دوست کان پڇيو، جنهن جو سنگاپور Ship salvage جو بزنيس آهي ۽ مهيني کن کان هن جو ڪاروبار ٺپ آهي، يعني اوسي پاسي ۾ ڪو جهاز ٻُڏو يا سڙيو ناهي جنهن کي بچائي هو روزگار ڪمائي.
    هن کلندي وراڻيو: ”بس يار اهائي پئي الله کان دعا گهريم ته جڳ جهان کي مصيبتن کان بچائجانءِ، ويندي دشمنن جي جهازن کي به سلامت رکجانءِ، پر روزي رزق ڏيڻ وارو به تون آهين. اسان جو به سوچجانءِ...“
    مون کان به ٽهڪ نڪري ويو، چيومانس ته جيئن اخبار وارن لاءِ خراب خبر ئي سٺي خبر هوندي آهي، تيئن توهان ”شپ سالويج“ وارن لاءِ جهاز جو ٻُڏڻ سٺي خبر آهي.
    ”بس ڇا ڪجي. اسان جو روزگار ان ۾ لکيل آهي. جهازن وارا به اهڙا ڪنجوس آهن، جو آخر تائين پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا، پوءِ جڏهن بنهه پڄي نه سگهندا، ته پوءِ جهاز تان رڙ ڪري، اسان کي چوندا ته جهاز بچائڻ واري معاهدي جا ڪاغذ موڪليو ته هاڻ ڀلا صحي ڪريون.“
    بهرحال هن ڪراچيءَ ۾ ڦاٿل Tasman Spirit جهاز کي ڇڪڻ لاءِ، ساليوج ڪمپنيءَ جي ٻن ٽگ Umka ۽ هڪ ٻئي Fair jolly نالي جيڪو ننڍڙو آئل ٽئنڪر به هو، بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيتوڻيڪ منجهانس ويهه هزار کن تيل ڪڍي هلڪو به ڪيو، پر جهاز هيڏانهن هوڏانهن چرڻ بدران ٻه اڌ ٿي پيو، ان ڪري منجهانئس وڌيڪ تيل سِمندو رهيو. چوڌاري تيل پکڙجڻ ڪري سامونڊي جيوت کي وڏو نقصان رسيو. ڪيترائي مڇين جا قسم، ڪميون، کيکڙا، گانگٽ ۽ سپون تيل جي زهريات ۾ تباهه ٿي ويا. سامونڊي اڇا پکي جن جو گذر سفر سامونڊي شين تي ٿئي ٿو، اهي سمنڊ ۾ ٽٻي هڻڻ يا سمنڊ تي ترڻ ڪري تيل ۾ ڪارا ٿي ويا ٿي. ڪيترا ته گهڻي تيل لڳڻ ڪري اُڏامڻ کان ويهي رهيا. تيل مان نڪرندڙ زهريلي گئسن کي گهٽائڻ لاءِ هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽر ذريعي مختلف دوائون ۽ پائوڊر ڇڻڪايا ويا. بهرحال قصي کي ختم ڪجي، آخر مختلف ملڪن کان اهم تجربيڪار ۽ ماڊل ”سالويج ٽگ“ گهرايا ويا، جن مختلف طريقن سان جهاز ۾ باقي بچيل تيل ڪڍي، جهاز جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري، ڪرينن ذريعي بارجن ۾ چاڙهي، جهازن جي قبرستان- گڊانيءَ موڪليا، جتي جي ڪٻاڙين جهاز جي لوهه، ٽامي، پتل ۽ ڪاٺ جي شين کي مختلف ڪارخانن ۽ ڪٻاڙين کي وڪرو ڪيو. منهنجي خيال ۾ دنيا جي شايد ئي ڪا اخبار هجي، جنهن ۾ هن حادثي جي خبر نه ڇپي هجي. پاڪستان جي ته ڪيترن ئي رسالن: هيرالڊ، نيوز لائين، تڪبير جهڙن ته هن جهاز سان واسطو رکندڙ خبرن کي ٽائيٽل ڪور تي پڻ ڏنو.


    زراف جو by sea فرانس پهچڻ

    اڄڪلهه نه فقط رڍون، ڍڳيون ۽ ٻيو چوپايو مال پاڻيءَ جي جهازن رستي، هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ تائين ڍوئيا وڃن ٿا، بلڪ انهن جانورن لاءِ خاص جهاز ٺاهيا ويا آهن، جيڪي ڪئٽل شپ يا “Live- stock ship” سڏيا وڃن ٿا. جيئن ڪارن ڍوئڻ لاءِ الڳ جهاز آهن، تيل کڻڻ لاءِ الڳ ۽ گئس ۽ ڪاٺ کڻڻ لاءِ الڳ.
    جانورن کي پاڻيءَ جي جهازن تي چاڙهڻ يا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين وٺي وڃڻ جو رواج ڪڏهن کان شروع ٿيو، ڪجهه نٿو چئي سگهجي. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي حضرت نوح جي ٻيڙي پهرين هوندي، جنهن تي چون ٿا ته هر قسم جي ساهواري جو جوڙو جوڙو چڙهيو هو. حضرت نوح کي الله تعاليٰ طرفان حڪم ٿيو ته ٻيڙي تيار ڪر. چون ٿا ته ان ٻيڙيءَ کي ٺاهڻ ۾ حضرت نوح کي ٻه سال لڳي ويا. اها 75 فوٽ ڊگهي ۽ 45 فوٽ ويڪري ٺاهي ويئي. ان ۾ ٽي طبقا هئا. هيٺيون طبقو جانورن لاءِ، وچون ماڻهن لاءِ ۽ مٿيون پکين لاءِ هو. چون ٿا ته جڏهن ٻوڏ آئي ته حضرت نوح ۽ الله جا نيڪ ٻانها، هن ٻيڙيءَ ۾ پنجن کان ڇهن مهينن تائين رهيا. ان بعد هيءَ ٻيڙيءَ جبل جودي وٽ اچي بيٺي. هي هنڌ اتر عراق جي موصل صوبي ۾، دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪناري وٽ، جزيرة ابن عمر نالي شهر لڳ آهي.
    ابن حسين مسعودي (وفات 956) تاريخ نويس جو چوڻ آهي ته اهو هنڌ هن جي ڏينهن ۾ موجود هو ۽ ماڻهو ڏسڻ لاءِ آيا ٿي. مسعوديءَ جو چوڻ آهي ته، ٻيڙيءَ جو سفر وچ عراق جي ڪوفي شهر کان شروع ٿيو هو. اهو مڪي طرف روانو ٿيو، جتي ڪعبي شريف کي ڦيرو ڪري جودي جبل ڏي آيو، جتي ڏهين محرم ته هن ٻيڙيءَ جا مسافر لٿا ۽ ثمنين نالي شهر ٻڌائون.
    هڪ ٻيو محقق ياقوت الهماوي (1229- 1179) لکي ٿو ته، ان هنڌ تي حضرت نوح جي ان وقت جي ٺهيل مسجد اڄ به قائم آهي ۽ ابن بطوطا پنهنجي سفرنامي ۾ چوڏهين صديءَ جي سفر جو احوال ڏيندي، هن مسجد جو پڻ ذڪر ڪري ٿو.
    حضرت نوح جي ان ٻيڙي واري واقعي کان علاوه ٻيو ڪو ان دور جي آس پاس اهڙو واقعو ڌيان ۾ نٿو اچي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي جهاز تي جانورن کي ڍوئيو ويو هجي. مون پنهنجي هڪ جهازي دوست ڪئپٽن روح الابرار کان پُڇيو، جنهن جو مطالعو تمام وسيع آهي. هن منهنجو ڌيان ٻه صديون کن اڳ جي هڪ واقعي ڏانهن ڇڪايو، جنهن ۾ هڪ زراف کي، سڙهن تي هلندڙ جهاز ذريعي، مصر کان فرانس پهچايو ويو هو. زراف هڪ تمام وڏو جانور ٿئي ٿو، جنهن جو قدبت اٺ کان به وڏو ۽ ڊگهو ٿئي ٿو. ان کي تن ڏينهن جي ننڍڙي جهاز ۾، ڪيترن ئي ڏينهن جو سفر پورو ڪرائڻ هڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي.
    هيءَ 1825ع جي ڳالهه آهي، جڏهن مصر جي واليءَ محمد علي پاشا، ان وقت جي فرانس جي شهنشاهه چارلس ڏهين ڏي هڪ عدد زراف، قاهره (مصر) کان پئرس (فرانس) موڪليو هو. محمدعلي پاشا ماڊرن مصر جو سرپرست سمجهيو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي گهراڻي جي حڪومت جو بنياد مصر ۽ سوڊان ۾ وڌو، جيڪو ويهين صديءَ جي وچ تائين قائم رهيو. محمدعلي پاشا 1769ع ۾ ڪاوالا شهر ۾ ڄائو، جيڪو اڄڪلهه يونان جو حصو آهي. پاڻ ابراهيم آغا نالي هڪ تماڪ جي واپاريءَ جو پٽ هو، جنهن جا اوسي پاسي ۾ سڙهن وارا جهاز به هليا ٿي. محمدعلي ڪجهه سال پنهنجي پيءُ جو تماڪ جو ڪاروبار هلائڻ بعد ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو.
    1798ع ۾ فرانس جي فوجي جنرل نيپولين بونا پارٽ، سلطنت عثمانيه جي حڪومت هيٺ، مصري صوبي تي حملو ڪري، هن جي مملوڪ گهراڻي جي فوج کي شڪست ڏني. بهرحال نيپولين جي مصر تي ٽي سال حڪومت مس رهي. 1801ع ۾ سلنطت عثمانيه ۽ انگريزن گڏجي، فرينچن کي ڀڄائي ڪڍيو. ان بعد مصر جي مٿان ڪنهن جي سنئين سڌي حڪومت نه هجڻ ڪري وڳوڙ واري حالت رهي، مختلف لساني حالتون ۽ چوريون ڌاڙا. آخر خال ڀرڻ لاءِ سلطنت عثمانيه وارن پنهنجي فوجي محمدعلي پاشا کي مصر ۽ سوڊان جو والي (وائسراءِ) ڪري رکيو. هي اهو حاڪم آهي، جنهن مملوڪ حاڪمن جي ٻچي ٻچي کي مارائي ڇڏيو هو. اها 1811ع جي ڳالهه آهي، جڏهن محمدعلي پاشا پنهنجي پٽ جي اڳواڻيءَ ۾ عربستان ۾ وهابي بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ، سپاهه موڪلڻ جي خوشيءَ ۾ مملوڪ گهراڻي جي سڀني اميرن کي پنهنجي محل ۾ مانيءَ تي گهرايو. جڏهن هو سڀ گڏ ٿيا ته، هنن کي ڊائننگ هال ڏي وٺي هلڻ لاءِ هڪ سوڙهي گهٽيءَ مان لنگهائي، دروازا بند ڪرائي ڇڏيا ۽ مٿان سپاهين کان گوليون هلرائي سڀ مارائي ڇڏيائين. پوءِ در کولي جيڪي اڃا جيئرا هئا انهن کي ڇرن ۽ ڪهاڙين سان ختم ڪيو ويو.
    بهرحال محمدعلي پاشا، مصر ۽ سوڊان جو اڪيلو والي وارث ٿي ويهي رهيو. سندس طرفان سوڊان ۾ مقرر ڪيل مصري گورنر هڪ دفعي تحفي طور ٻه زراف خارطوم کان محمدعلي پاشا ڏي موڪليا. انهن ڏينهن ۾ TCS يا DHL جهڙيون ڪوريئر سروسون ته هيون ڪونه، جو پنهنجن پيارن سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ يا پنهنجي باس جي چمچاگيري ڪرڻ لاءِ، ڪيڪ يا گلن جو بوڪي موڪلجي. نه وري موٽر ڪارون ايجاد ٿيون هيون جو هڪ گورنر پنهنجي حاڪم کي نئين ماڊل جي ڪا مرسيڊيز يا وولو ڪار موڪلي. انهن ڏينهن ۾ پنهنجن حاڪمن کي خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ، ان قسم جا عجيب جانور تحفي طور موڪليا ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته وري حاڪم پنهنجن ڪمدارن ۽ خدمتگارن مان خوش ٿي، انهن کي اهڙا گفٽ ڏيندا هئا، جيڪي غريب اهلڪارن لاءِ گفٽ گهٽ سزا وڌيڪ ثابت ٿيندا هئا، جيئن سيامي (ٿائلينڊ) جا راجا پنهنجي ڪنهن جنرل يا وزير مان خوش ٿي، هن کي سفيد هاٿي انعام طور ڏيندا هئا، جيڪا شهنشاهه جي نشاني سمجهي مٿس نه سواري ڪئي وئي ٿي ۽ نه ان کان بار کڻايو ويو ٿي. پاڻ بک مري به ان کي مال کارايا ويا ٿي- جيئن ڪو بادشاهه سلامت کي چغلي نه وڃي هڻي ته توهان جي پياري هاٿيءَ کي وزير صاحب بک پيو ماري.
    بهرحال سوڊان جي گورنر طرفان، مصر جي والي (وائسراءِ) محمدعلي پاشا لاءِ ٻه زراف مصر جي گاديءَ واري شهر قاهري پهتا ته قاهري ۾ موجود فرانس جي قونصل جنرل محمدعلي پاشا کي صلاح ڏني ته انهن عجيب جانورن مان جيڪر هڪڙو فرانس جي بادشاهه ”چارلس ڏهين“ کي موڪليو وڃي ته اهو فرانس وارن لاءِ هڪ بي بها تحفو ٿيندو، جو فرانس جي ماڻهن ڪوبه زراف نه ڏٺو آهي. محمدعلي پاشا ان قسم جي مشوري جي رضامندي ڏيکارڻ لاءِ يڪدم هائوڪار ته ڪئي، پر هيڏي وڏي جانور کي فرانس تائين پهچائڻ وڏو مسئلو هو.
    هتي ٻه چار سٽون فرانس جي هِن اُن وقت جي بادشاهه ”چارلس ڏهين(Charles X) بابت به لکندو هلان ته هي اهو فرانس جو بادشاهه آهي، جنهن جي حڪومت کان اڳ سندس ڀاءُ لوئيس سورهين جي بادشاهت ۾ فرانس جو مشهور انقلاب آيو هو، جنهن جا ڪيترائي سبب ڄاڻايا وڃن ٿا. جن مان اهم سبب بدتر معاشي حالت هئي. اجاين سجاين لڙائين ڪري ملڪ قرضي ٿي ويو هو. بي روزگاري وڌي وئي هئي. حڪومت ملڪ هلائڻ لاءِ وئي پئي ٽڪئس وڌائيندي. کائڻ پيئڻ جي کوٽ ڪري ماڻهو پريشان هئا، پر حاڪم ۽ انهن جا درٻاري انهن سڀني ڳالهين کان بي خبر، عياشيءَ جي زندگي بسر ڪري رهيا هئا. ايتريقدر جو جڏهن تمام گهڻو وڳوڙ مچي ويو، ماڻهن کي کائڻ لاءِ ٺلهو اٽو به ميسر نه هو ۽ عوام مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ اچي بادشاهه جي محلات اڳيان حاڪمن ۽ حڪومت خلاف نعرا هنيا، ته پوءِ محلاتن ۾ رهندڙن کي ٿوري پريشاني ٿي ته، هي ماڻهو رڙيون ڇو پيا ڪن. بادشاهه لوئيس 16 جي راڻي صاحبه مئريءَ پنهنجي وزير باتدبير کان پڇيو ته، عوام رڙيون ڇو پيو ڪري، ته هن ٻڌايس ته هنن وٽ کائڻ لاءِ ڊبل روٽي ناهي، ته راڻي صاحبه وڏيءَ معصوميت مان وراڻيس:
    ”هنن وٽ ڊبل روٽي ناهي ته پوءِ ڪيڪ ڇو نٿا کائين؟“
    بهرحال وڏو گوڙ متو. ڪورٽ جي نوابن امير امرائن سميت 16000 کن ماڻهن جو ڦاهي (Guillotine) دار تي سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو- ان سان گڏ فرانس جي بادشاهه ”لوئيس 16“ کي 17 جنوري 1793ع تي ۽ ان بعد سندس آسٽريا ۾ پيدا ٿيل راڻي صاحبه مئري جو سر اڏيءَ تي رکي ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. ان وقت سندس عمر فقط 37 سال هئي. چارلس ۽ سندس ٻئي ڀاءُ کي ملڪ بدر ڪيو ويو. نيپولين جي ملڪ ڇڏڻ بعد 1814ع ۾ فرانس جو تخت چارلس جي ڀاءُ حوالي ڪيو ويو، جيڪو ڏهه سال کن تخت تي ويٺو ۽ 1824ع ۾ وفات ڪيائين. جنهن بعد هي ”چارلس ڏهون“ جيڪو ان وقت 67 سالن جو ٿي چڪو هو فرانس جو بادشاهه ٿيو ۽ هي جيڪو پاڻيءَ جي رستي هن بادشاهه ڏانهن زراف وڃي رهيو هو، اها سال 1825ع جي ڳالهه آهي.
    مصر جي والي محمدعلي پاشا کي سوڊان جي گورنر جيڪي ٻه زراف موڪليا، انهن مان هڪ کي فرانس موڪلڻ لاءِ قاهري (Cairo) کان مصر جي بندرگاهه سڪندريا (Alexandria) آندو ويو. انهن ڏينهن ۾ نه هيون ٽرڪون نه ريل گاڏيون ۽ هي ڪو جانور رڍ ٻڪري ته هئو ڪونه، جنهن کي ڪنهن گڏهه گاڏي يا ڍڳي گاڏيءَ ۾ ويهاري، ٻئي شهر کڻي وڃجي. زراف جنهن کي انگريزيءَ ۾ جراف (Giraffe) سڏجي ٿو، جيڪو عربي لفظ الزرافة مان نڪتو آهي، وزن ۾1400 کن ڪلوگرام (32 کن مڻ) ٿئي ٿو ۽ قد ۾ 16 کان 18 فٽ ٿئي ٿو. پورٽ سوڊان ۾ اسان جي جهازي ڪمپنيءَ جي مڪاني مئنيجر احمد حارث تغاليءَ وٽ، سندس فارم تي پاليل زراف هو، جنهن جي ڊيگهه 19 فٽ هئي ۽ هن ٻُڌايو ته ان جو وزن 4000 پائونڊ (40 مڻ کن) آهي. زراف جو سائنسي نالوGiraffa Camelopardali آهي، جو هن ۾ اٺ ۽ چيتي جون ڪجهه خاصيتون آهن. تغاليءَ ٻُڌايو ته زراف روزانو 60 کان 80 ڪلو ڪک پن کائي ٿو ۽ ڍڳي يا مينهن وانگر ساڳي کاڌي کي پيٽ مان ڪڍي، وات سان اوڳاريندو رهي ٿو. زراف جهڙي وڏي جانور جي دل ٻه فٽ ڊگهي ٿئي ۽ وزن 10 ڪلو ٿئي- ان حساب سان وهيل مڇي ته اڃا به وڏو جانور آهي، جنهن جي دل هاٿيءَ جيڏي ٿئي. بهرحال جيئن وهيل مڇي سمنڊ جي سڀني جانورن ۾ وڏي ۾ وڏو جانور آهي، تيئن زراف خشڪيءَ جو ڊگهي ۾ ڊگهو جانور آهي. اهو پڻ لکندو هلان ته جتي دريائي گهوڙي، زيبرا، ڍڳين مينهن کي ڪانگن ۽ ڪٻرن جهڙن پکين جي ضرورت پوي ٿي، جيڪي هنن جي مُنهن، ڪنن ۽ نڪن مان جيت ڪڍي کائين، اتي زراف اهو ڪم پنهنجي ڏيڍ فٽ ڊگهي ۽ مضبوط ڄڀ سان ڪري ٿو. سندس ڄڀ ۽ چپ اهڙي ته مٽيريل جا آهن جو وڻن جا زهريلا ڪنڊا به انهن کي نقصان نٿا رسائين.
    هي زرافُ، جيڪا مادي هئي، ان کي جهاز رستي وٺي وڃڻ لاءِ ڪجهه ڳالهين جو خيال رکيو ويو. هڪ ته سندس قد 15 فٽ کن هو جنهن ۾ 7 فٽ ڊگهي ڳچي هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ ڪپڙي جي سڙهن تي جيڪي جهاز هليا ٿي، سي ڊگها ۽ ويڪرا ضرور هئا، پر ايترا اونها نه هئا جو انهن ڏينهن ۾ اڃا رڊار جهڙا آلا ايجاد نه ٿيا هئا، جن ذريعي معلومات حاصل ڪري سگهجي ته سمنڊ جي تري ۾ ڇا آهي. ڪٿي به ڪا ننڍي ٽَڪري (Hill) يا ڪو چهنبائتو پٿر جهاز کي هيٺان چيري سگهيو ٿي. انهن جهازن ۾ طبقا ضرور هئا پر انهن جون ڇتيون ايتريون مٿاهيون نه هيون، جنهن هيٺ پنڌرهن سورهن فٽن جو زراف بيهي سگهي. جي بلڪل مٿئين ڊيڪ (عرشي) تي ٿا بيهارين ته، ڪنهن به وقت موسم يا سمنڊ خراب ٿيڻ تي جهاز جي پاسيري ٿيڻ تي زراف Unbalance ٿي هيٺ ڦهڪو ڪري سگهيو ٿي. ان ڪري زراف کي هيٺين ڊيڪ تي بيهاري، مٿين ڊيڪ ۾ وڏو سوراخ ڪري، زراف جي ڳچي ان مان ڪڍي ويئي. اهو به چڱو جو زراف اهو جانور آهي جيڪو رڍ ٻڪري يا اٺ وانگر ليٽي نٿو. بيٺو ئي رهي ٿو ۽ زراف اهو جانور آهي جيڪو سڀ کان گهٽ وقت سمهي ٿو. هن لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ 15منٽن کان ٻه ڪلاڪ ننڊ ڪافي آهي. زراف جي ڳچي مٿي ڪرڻ لاءِ مٿين ڊيڪ (ڇت) ۾ جيڪو سوراخ ڪيو ويو، ان جي چوڌاري نرم ڪک ۽ ڪپهه ٻڌي وئي، جيئن سندس ڳچي سخت ڪاٺ سان لڳي رهڙجي نه. ۽ پوءِ ان مٿان تارپولين ڪپڙي جو تنبو هنيو ويو، جيئن زراف جو مينهن کان بچاءُ ٿي سگهي. ان بعد ٻيو مسئلو سندس کاڌي خوراڪ جو هو. زراف کي روزانو هڪ مڻ کير جو کتو ٿي، جنهن لاءِ ٽي ڍڳيون ۽ ٻه مادي Antelopes جهاز تي چاڙهيا ويا ۽ ان سان گڏ انهن مڙني جانور لاءِ گاهه پٺو ۽ داڻو کنيو ويو. ڍڳين ۽ ائنٽيلوپن کي ڏهڻ لاءِ هڪ ڌنار کنيو ويو ۽ زراف جي ٽهل ٽڪور ۽ صفائيءَ لاءِ ٽي حبشي غلام جهاز تي چاڙهيا ويا. زراف کي نظر ۽ جادوءَ جي اثر کان بچائڻ لاءِ، ڪئين ساٺ سوڻ ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪيا ويا. ان کان علاوه سندس ڳچيءَ ۾ هڪ تعويذ پڻ ٻڌو ويو.
    آخر هن اٽليءَ جي جهاز، مصر جي بندرگاهه سڪندريا مان لنگر کنيو ۽ هفتي ڏيڍ جي سفر بعد، فرانس جي بندرگاهه Marseille ۾ 23 آڪٽوبر 1826ع تي اچي لنگر انداز ٿيو. ٻن ٽنگن ۽ چئن ٽنگن وارا سڀ مسافر خيريت سان لاٿا ويا ۽ کين ٿڪ ڀڃڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ خاص جاءِ مقرر ڪئي وئي. هاڻ نومبر ٿڌ جو مهينو شروع ٿي چڪو هو ۽ آفريڪا جي گرم موسم جي جانور (زراف) کي يڪدم پئرس بادشاهه سلامت ڏي پهچائڻ بدران، مارسل ۾ ئي سيارو گذارڻ لاءِ ڇڏيو ويو. بادشاهه چارلس ڏهون هن عجيب تحفي کي ڏسڻ لاءِ ته تمام گهڻو بي چين هو. آخر مئي جي مهيني (1927ع) ۾ خاص بندوبستن سان زراف کي، پيرين پنڌ پئرس وٺي هلڻ جو سفر شروع ٿيو. اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي ته ڪيئن هي جانور مختلف منزلون ڪندو، 41 ڏينهن بعد 546 ميلن جو سفر پورو ڪري پئرس پهتو. رستي تي هن جو جتي ڪٿي آڌرڀاءُ ٿيندو رهيو. دعوتون ۽ نمائشون لڳنديون رهيون، جو فرانس جي ماڻهن لاءِ هيڏو وڏو جانور ڏسڻ هڪ نئين ۽ عجيب ڳالهه هئي. چون ٿا ته هي زراف پئرس ۾ خوش ۽ صحتمند زندگي گذاريندو رهيو ۽ زندگيءَ جا 21 سال پورا ڪرڻ بعد 1845ع ۾ هن جو موت ٿيو، يعني ملڪ جي بادشاهه چارلس ڏهين به هن جي اکين اڳيان (سن1836ع ۾) وفات ڪئي.


    سمنڊ تي لڳندڙ ڌاڙا

    سامونڊي ڌاڙا توڙي فراڊ جهازي دنيا ۾ صدين کان هلندا اچن. اڄ به سمنڊ تي ڌاڙيل (Pirate) موجود آهن ته انگريزن جي ڏينهن ۾ به جهاز ڦريا ويا ٿي. راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ به سامونڊي ڦر (Piracy) هڪ عام ڳالهه هئي، ته شاهه لطيف جي به ڏينهن ۾ به. تڏهن ته شاهه لطيف سر سريراڳ ۾ چيو آهي ته: ”ملاح! تنهنجي مَڪُڙيءَ، اچي چور چڙهيا.“
    اڳئين زماني ۾ جڏهن هوا جي زور تي سڙهن وارا جهاز هليا ٿي ۽ هوا جي بند ٿيڻ تي جيئن ئي جهاز هڪ هنڌ بيهي رهيا ٿي ته اوسي پاسي کان سامونڊي ڌاڙيل (قذاق) جهاز تي چڙهي ويا ٿي ۽ ڦر ڪري پنهنجين چُپن وارين ٻيڙين ذريعي ڀڄي ويا ٿي. اڄ جڏهن ڪَلَ وارا جهاز نڪري پيا آهن ته ماڊرن ڌاڙيل تيز رفتار ٻيڙين (Speed boats) ذريعي، رات جي وقت جهاز جي پٺئين پاسي کان چڙهي، ماڊرن هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري ڀڄيو ٿا وڃن.
    شروع زماني کان سڀ کان گهڻي سامونڊي ڦر ملائيشيا، انڊونيشيا، فلپين واري علائقي ۾ ٿيندي رهي آهي، ڇو جو نقشي تي نظر ڪبي، ته آفريڪا، يورپ يا ڏکڻ آمريڪا پاسي، ڦورن (قذاقن) کي ڦر ڪرڻ بعد ڀڄڻ جون ايتريون واهون نه آهن، جيتريون ڏکڻ اوڀر ايشيا واري پاسي! ملائيشيا جي ملاڪانار (Malacca Strait) سڀ ۾ خراب مڃي وڃي ٿي، جو اها سمنڊ جي سوڙهي گهٽي هجڻ ڪري، هر جهاز کي هتان آهستي هلڻو پوي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته هن سامونڊي سوڙهي گهٽيءَ جي هڪ پاسي ته ملائيشيا آهي ۽ ٻئي پاسي انڊونيشيا جا سوين ننڍا وڏا ٻيٽ آهن، جن ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيٽ ويران آهن. گهڻي بارش ڪري اهي گهاٽن وڻن ۽ ڊگهي گاهه سان ڀريل آهن، جن مان سوين ٻيٽن تي سواءِ نانگ، بلائن، وڇن سئوپيرين ۽ جهنگلي جانورن جي ڪو ماڻهو ڇيڻو ناهي. سمجهو ته اهي ٻيٽ سنڌ جي ڪچي کان به خراب آهن، جتي هن قسم جا سامونڊي ڌاڙيل جهاز جي ڦر ڪري، وڃيو ٿا لڪن. سنگاپور ۽ پينانگ ٻيٽن جو به اهو حال هو، جڏهن انگريزن هتي جي ملئي وڏيرن کان خريد ڪيا هئا. هن علائقي ۾ انهن ڌاڙيلن جو Track رکڻ به ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڪهڙي خبر ته هيڏانهن هوڏانهن هلندڙ سوين ٻيڙين مان ڪهڙي ٻيڙي ڌاڙيلن جي آهي. هن پاسي جتي سوين ٻيٽ ويران آهن يعني غير آباد جنگل آهن، اتي اهڙا سوين ٻيٽ آباد به آهن، يعني اتي ماڻهو رهن ٿا، ڳوٺ آهن، بازاريون آهن، شهر آهن ۽ هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ فقط ٻيڙيون ئي هلن ٿيون. ماڻهو گهمڻ ڦرڻ، مائٽن دوستن سان ملڻ يا خريداريءَ لاءِ سڄو ڏينهن مختلف قسم جي ٻيڙين رستي هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ ڏي ائين پيا اچن وڃن، جيئن پاڻ وٽ وڏن شهرن ۾ ماڻهو رڪشا، ٽانگن، ٽئڪسين ۽ بسن ۾ پيا هلن. ڪڏهن ڪڏهن وڏين ٻيڙين ۾ جنازو رکي ڪانڌي هڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ ڏي پيا ويندا، جو فوتيءَ مرڻ کان اڳ وصيت ڪري ويو هو ته مرڻ بعد سندس جنازي کي ان ٻيٽ تي، پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪجو. ڪڏهن ڪڏهن ڄڃ ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ گهوٽ کي پرڻائڻ لاءِ ڪنوار جي ”پلائو“ ڏي پئي ويندي. ملائيشيا، انڊونيشيا ويندي ڏکڻ ٿائلينڊ، برونائي ۽ ڏکڻ فلپين پاسي ٻيٽ کي پلائو ٿا سڏين، جيڪو ملئي زبان جو لفظ آهي، جيئن پلائو پينانگ، پلائو لنگڪوي وغيره.
    اسان وٽ جيئن هر شيءِ جي ڪا خاص مارڪيٽ مقرر ٿيل آهي، جيئن ڪراچي شهر ۾ گاڏين جي سيڪنڊ هئنڊ پارٽس جا سستا دڪان شير شاهه ۾ آهن، يا ڪاٺ، پلاءِ وڊ، چپ بورڊ جهڙي سامان لاءِ پراڻي حاجي ڪئمپ وڃڻو پوي ٿو يا ڊراءِ فروٽ ۽ ڪتل وٺڻ لاءِ جوڙيا بازار، جهونا مارڪيٽ ۽ کجور مارڪيٽ وڃڻو پوي ٿو، تيئن هن پاسي جا ڪيترا ٻيٽ مختلف شين ۽ ڪاريگرن کان مشهور آهن. ڪنهن کي فرنيچر ٺهرائڻو هوندو ته انهن ٻيٽن جا چڪر پيا هڻندو جن بابت هن گهڻي واکاڻ ٻُڌي هوندي يا سندس تجربو هوندو، ته اتي ڪاٺ جون شيون سٺيون ٺهن ٿيون يا اتي واڍن جا خاندان رهن ٿا. يا ڪنهن کي پنهنجيون ڪڪڙيون يا ٻٽير کپائڻا هوندا ته انهن ٻيٽن تي پيو ويندو، جتي انهن جي گهڻي کپت ۽ وڪرو آهي. (هتي ڪڪڙين ۽ بدڪن بعد ٻٽير ۽ ڪُميون ۽ انهن جا بيضا گهڻو وڪرو ٿين ٿا) بهرحال هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين اچ وڃ، ڏينهن رات لڳي رهي ٿي ۽ اها سمنڊ رستي ٻيڙين، بارجن، فيرين، لانچن، اسپيڊ بوٽن، چپن تي هلندڙ ٻيڙين، سمپانن ۽ سڙهه تي هلندڙ ٻيڙين ذريعي ٿئي ٿي. هاڻ انهن ٻيڙين مان ڪهڙي خبر ته ڪهڙي قذاقن جي آهي، جنهن کي جيئن ئي جهاز ڪراس ڪندو ته ان ۾ ويٺل ڌاڙيل جهاز جي پٺ کان رسو اڇلي، جهاز تي چڙهي ايندا. جهاز هلائيندڙ کي پٺ جي ڄاڻ نٿي رهي نڪي هو رکڻ چاهي ٿو. هن کي هر وقت اڳ جو فڪر رهي ٿو ته اڳيان ڇاهي. سامهون کان يا پاسي کان ڪنهن جهاز جو سندس جهاز سان ٽڪراءُ ٿيڻ جو انديشو ته نه آهي ۽ جي اهڙي صورت درپيش اچي رهي آهي ته، بين الاقوامي قانون ڇا ٿو چوي، جيئن هو پنهنجي جهاز کي ان موجب گهربل وقت ۾ ساڄي يا کاٻي موڙي سگهي ۽ جيڪي ڪَلَ بنا ٻيڙيون هلي رهيون آهن، اهي ته سڀ کان خطرناڪ آهن ۽ جهاز هلائيندڙ لاءِ مٿي جو سور پيدا ڪن ٿيون، جو انهن جي سلامتيءَ جو خيال جهاز هلائڻ وارن کي ڪرڻ کپي.
    ڪو پڙهندڙن شايد اهو سوال ڪري ته، جهاز وارا هڪ ماڻهو پٺيان ۽ هڪ هڪ پاسن کان چوڪيداريءَ لاءِ ڇو نٿا بيهارين؟ مرچنٽ نيوي جي جهازن تي اها ناممڪن ڳالهه آهي، جو هنن جهازن تي ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو ٿين ٿا، جن جو جهاز هلائڻ ۽ ان کي Maintain رکڻ جي سلسلي ۾ ايڏو ته ڪم ٿئي ٿو، جو هنن کي ٻئي ڪنهن ڪم لاءِ فرصت نٿي ملي. جهاز کي قذاقن کان بچائڻ لاءِ چوڪيداري ۽ سڪيورٽي لاءِ وڌيڪ ماڻهو رکڻ ناممڪن ڳالهه آهي، جو هڪ ته مالڪ لاءِ هنن پٺيان پگهارون ۽ کاڌي پيتي جو وڌيڪ خرچ برداشت ڪرڻو پوندو ۽ ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن ڪو مالڪ اهو خرچ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي، ته به بين الاقوامي قانون مطابق هو جهاز تي سفر نٿا ڪري سگهن، ڇو جو جهاز تي فقط اوتري تعداد ۾ ماڻهو سفر ڪري سگهن ٿا، جيتري جهاز جي لائيف بوٽ ڪئپئسٽي ٿئي ٿي. يعني اوترا ماڻهو جهاز جي ٻُڏڻ تي لائيف بوٽ ۾ ويهي سگهندا. اوترن ماڻهن جو راشن پاڻي ان لائيف بوٽ ۾ سمائجي سگهندو وغيره. ان ڪري جهاز ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو چاڙهيا وڃن ٿا. ڪناري (واپڊا، اريگيشن، ڪنهن فئڪٽري يا هوٽل) جي چيف انجنيئر وٽ نه فقط سندس ذاتي ڪم لاءِ ٽي چار نوڪر هوندا، پر ٽيڪنيڪل ڪم لاءِ به ڪيترائي مڪينڪ، اليڪٽريشن هوندا- ان بعد به هو ڪيترا ڪم ناليرن ورڪشاپن يا لارينس روڊ جي فٽ پاٿي گئراجن ۽ دڪانن تان ڪرائي سگهي ٿو. پر جهاز جي انجنيئر (مئرين انجنيئر) کي چاهي کڻي هو چيف انجنيئر هجي، هر ڪم پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. ان ڪري مئرين انجنيئر کي تعليم (گريجوئيشن) کان علاوه ڪجهه سالن لاءِ ورڪشاپ ۾ ڪم ڪرڻ بعد جهاز تي انجنيئر ٿي رهڻو پوي ٿي، جيئن ضرورت پوڻ تي هو پاڻ ويلڊنگ ڪري سگهي، هو پاڻ ليٿ مشين هلائي، جهاز جو ڀڳل پرزو ٺاهي، جهاز کي بيهڻ کان بچائي سگهي. ان کان علاوه هر انجڻ جي مرمت ۽ Maintains ته هڪ مئرين انجنيئر کي ڪرڻي ئي ڪرڻي آهي. يورپ جي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ گذريل ڏهن سالن کان جهاز جا ڪم ڪرڻ وارا خلاصي ته ڇا اسٽيوارڊ ۽ بئرا به ختم ڪري ڇڏيا اٿن. فقط بورچي رکيو وڃي ٿو، جنهن جو ڪم ماني پچائڻ آهي. هرهڪ پنهنجي پليٽ ۾ پنهنجي ماني وڌي ۽ کائڻ بعد پليٽ ڌوئي رکي ڇڏي. سو اهڙيءَ صورت ۾ ڪير واندو آهي جو جهاز جي چوڪيداري ڪري ۽ ٻي ڳالهه ته دنيا جي مرچنٽ نيوي جي جهازن تي سفر ڪرڻ وارن کي ڪنهن به قسم جو اسلح به رکڻو نه آهي- ان ڪري به اڄ جا سامونڊي ڌاڙيل وڌيڪ بي ڊپا ٿي پيا آهن.
    جهازن جي ڦر مختلف قسمن سان درپيش اچي ٿي. هڪ ته هلندڙ جهاز ۾ يا ائنڪريج (بندرگاهه کان ٻاهر کلئي سمنڊ) تي بيٺل جهاز تي ڦورو چڙهيو وڃن ۽ هٿيارن جي زور تي جهاز جي عملي کان پئسو ڏوڪڙ ۽ ٻيون قيمتي شيون، جيڪي آسانيءَ سان کڻي سگهجن، کسي پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ ڀڄيو وڃن. ڀر واري بندرگاهه يا اوسي پاسي جي مئرين پوليس کي جيسين اطلاع پهچي، تيسين هو ڪنهن ٻيٽ ڏي ڀڄيو وڃن يا ٻين ايندڙ ويندڙ يا مڇيون ماريندڙ ٻيڙين سان ملي هڪ ٿيو وڃن. پوليس ڪهڙيون ۽ ڪيتريون ٻيڙيون چيڪ ڪندي، ڪهڙا ۽ ڪيترا ٻيٽ ڳوليندي ۽ جي ان خاص ٻيٽ تي پهچي به وڃي ته هنن کي ڪهڙي خبر ته هي همراهه جيڪو ڪنهن دڪان تان انناس يا ڪيلو وٺي پيو کائي، اهو ئي ڪلاڪ کن اڳ جهاز تان ڦر ڪري آيو آهي.
    سامونڊي ڦورن جي واردات جو ٻيو اهو طريقو آهي ته اهي جهاز تي چڙهي جهاز جي عملي کي اغوا ڪن ٿا ۽ جهاز کي ان روٽ تان ڪڍي ٻي تي پهرين مقرر ڪيل هنڌ تي پهچن ٿا، جنهن ۾ ڀلي چار پنج ڏينهن لڳي وڃن ۽ پوءِ سمنڊ جي ان ويراني حصي ۾ جهاز جو لنگر ڪيرائين ٿا، جتي سندن ساٿي ٻيڙيون ڪاهي اچن ۽ جهاز جو سمورو ڪارگو ڦري نامعلوم ٻيٽن تي لڪائي رکن، جتان پوءِ آهستي آهستي ڪري سامان وڪڻن، جيئن اسان وٽ چوري ٿيل گاڏيءَ کي اهڙن هنڌن تي پهچايو وڃي ٿو، جتي چند ڪلاڪن ۾ ان جو پرزو پرزو الڳ ڪري ”سيڪنڊ هئنڊ اسپيئر پارٽس“ جي مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو. سامان لاهڻ بعد جهاز عملي حوالي ڪيو وڃي ٿو ته هاڻ جيڏانهن وڃڻوَ اوڏانهن وڃو. هن قسم جي ڦر ۾ مال توڙي جان جو وڏو جوکو رسي ٿو، جو جهاز هلائيندڙن طرفان مهاڏو ڪرڻ تي انهن کي ماريو وڃي ٿو.
    ٽئين قسم جي واردات ۾ عملي جون قيمتي شيون چورائڻ يا جهاز جو ڪارگو چورائڻ بدران سڄو جهاز چورايو وڃي ٿو ۽ ان کي مختلف مقصدن لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. اڄڪلهه ان قسم جون وارداتون، دهشتگرد/ مجاهد قسم جون تنظيمون ڪن ٿيون، جيئن ته سريلنڪا جي تامل ٽائيگر وغيره. مالديپ ٻيٽ جي صدر تي حملو ڪرڻ لاءِ، سندن ئي ٻيٽ جو همراهه لطف الله، ان قسم جي چوريءَ جي جهاز ۾ غنڊن کي وٺي آيو هو، جنهن جو احوال ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ڪتاب ۾ ڪيو اٿم.
    سامونڊي چورن سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن جهازن جا مالڪ به قزاق (ڌاڙيل) ثابت ٿين ٿا، جيڪي پنهنجي ئي جهاز ۽ ان ۾ چڙهايل سامان جي چوري ڪرائين ٿا ۽ پوءِ واويلا مچائين ٿا. اهو فراڊ به پراڻو آهي، پر اڄ ڏينهن تائين جنهن کي موقعو ملي ٿو، اهو ان مان ٽري نٿو. اهو هن ريت آهي ته، جڏهن مالڪ ڏسي ٿو ته هن جو جهاز پراڻو ۽ ناڪارا ٿي چڪو آهي، جنهن کي هلڻ جوڳو بنائڻ (Sea worthy) لاءِ وڏو خرچ ايندو، يا ڪمائيءَ لاءِ سامان نه پيو ملي يا لوهه جي تور ۾ وڪڻڻ تي به ڪو ڪٻاڙي ان کي خريد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ته پوءِ ان کي کلئي سمنڊ ۾ پاڻيءَ ۾ ئي ٻوڙي، پوءِ انشورنس ڪمپنيءَ کي اهو چئي پئسا ورتا وڃن ٿا ته جهاز طوفان ۾ ٻُڏي ويو. جهاز جي عملي کي جهاز جي ٻيڙين ذريعي ڪناري تي پهچايو وڃي ٿو. اسان جڏهن سٺ واري ڏهاڪي ۾ جهاز جي نوڪريءَ تي چڙهياسين ته ان کان ڪجهه سال اڳ، هڪ اهڙي به فراڊ جو ٻڌوسين، جنهن ۾ ظالم مالڪ نه عملي کي اڳواٽ ٻُڌايو ۽ نه اعتماد ۾ آندو. بندرگاهه ۾ ان جون هيٺيون لوهي پليٽيون ڍريون ڪرائي ڇڏيون، جهاز جيئن ئي کلئي سمنڊ ۾ پهتو ته پاڻيءَ سان ڀرجڻ ڪري ٻُڏي ويو. جهاز جو عملو پنهنجي جان به نه بچائي سگهيو.
    ڪن حالتن ۾ وري جهاز جا مالڪ ٽريڊ ڪمپنين (واپارين) سان ملي جهاز تي چاڙهيل سامان (ڪارگو) جيڪو ڪن صورتن ۾ چاڙهيو ئي نه ويندو آهي، گم ڪرائي، پئسا انشورنس ڪمپنين مان ڪڍن يا ڪوڙين بلٽين (Bill of ladings) ذريعي بئنڪن مان ڦٻائين.
    جهازي دنيا جو گهڻي ڀاڱي ڪم اعتماد ۽ ڀروسي تي به هلي ٿو، جيئن اسان وٽ سٺي ۽ صحيح واپاريءَ لاءِ چوندا آهن ته هن جي زبان سون برابر آهي، تيئن هيڏانهن يورپ توڙي چين جپان پاسي ڪيترائي سوداگر، لکن جا سودا زبان تي ڪري ڇڏيندا آهن. هينئر به ائين ٿيندو رهي ٿو، اڳ به ائين ٿيندو رهيو آهي ۽ جنهن واپاريءَ زبان سان چيو ٿي ته “Our word is our bond” هن ان ڳالهه تي عمل به ڪري ڏيکاريو ٿي، پر پنج آڱريون برابر به ناهن. ڪٿي ڪٿي ڪنهن ڪنهن لاءِ اهو فقط ڊائلاگ ثابت ٿئي ٿو. هو ان جي آڌار تي وڏا وڏا فراڊ ڪريو وڃي.
    فلپين جهڙن ملڪن ۾ ته قذاقن جون اهڙيون گئنگون ۽ Syndicates آهن، جو بقول انٽرنيشنل مئريٽائيم بيريو جي مسٽر ايرڪ ائلن جي، منيلا جي هوٽل جي دريءَ مان بيهي، رڳو هنن قذاقن کي ائنڪريج تي بيٺل جهازن مان ڪنهن ڏي اشارو ڪريو. هو ٽي لک ڊالرن (ٻه ڪروڙ رپيا کن) جي عيوض، چوويهين ڪلاڪن اندر جهاز جي عملي سميت (يا ان بنا) جهاز توهان جي حوالي ڪري ڇڏيندا. جهاز کي سمنڊ تي وٺي وڃي، ان جو رنگ روپ ۽ نالو بدلائي ڏيندا ۽ دنيا جا ڪجهه ملڪ لائبيريا ۽ پاناما جهڙا آهن، جيڪي ٻن ٽن جهڙن تهڙن ڪاغذن تي توهان جو چورايل جهاز توهان نالي رجسٽر ڪري ڏيندا ۽ اهو ڪم نه فقط انهن ملڪن ۾ وڃي توهان ڪرائي سگهو ٿا، پر انهن ملڪن جي ڪنهن به سفارتخاني يا قونصل خاني مان ڪرائي سگهو ٿا. جيسين چورايل جهاز جي اصل مالڪن کي رپورٽ پهچي ۽ جيسين هو بين الاقوامي ڪورٽن ۾ دعوائون داخل ڪن، تيسين اهو جهاز اوڻي پوڻي ۾ وڪيو وڃي ٿو، جنهن کي وٺڻ وارا ٺڳ واپاري به هلن پيا، جيڪي ان کي خريد ڪري وچئين ٽئين نالي سان رجسٽرڊ ڪرائين يا تائيوان، بمبئي يا گڊاني (پاڪستان) جي اسڪريپ يارڊن ۾ لوهه جي اگهه ۾ وڪڻيو ڇڏين. جهاز جو اصلي مالڪ يا ان جهاز جي انشورنس ڪمپني روئندي رهي ٿي ۽ هي ٺڳ مال ڪمائي سنگاپور، منيلا، ائنٽورپ ۽ راٽرڊ جي هوٽلن ۾ دعوتون ڪندا وتندا آهن- نه شرم نه حيا. اهڙن ٺڳ Pirates ۽ فراڊي جهازن جي سوداگرن جون ڳالهيون ٻُڌي، مونکي هڪ ٻارهن سالن جو نوڪر ياد ٿو اچي، جيڪو اڄ کان 20 سال کن اڳ مون وٽ ڪراچيءَ ۾ هو. هن جي مامي جي شادي ٿي رهي هئي، سو سندس والد شادي جي ڀت لاءِ مون کان پٽ جي پگهار جا ائڊوانس ۾ پئسا وٺي ويو. شاديءَ بعد جڏهن هي نوڪر مون وٽ موٽيو ۽ ٻُڌائين ته هنن شادي جي ماني- گوشت ڀت سڄي ڳوٺ کي کارايو. ان تي آءٌ غير ارادي طور ائين ئي پڇي ويٺس ته پوءِ گوشت تي ڪيترو خرچ آيو؟ جواب ۾ هن نوڪر وڏي معصوميت سان وراڻيو: ”سائين اسين گوشت خريد نه ڪندا آهيون.“
    ”ته پوءِ ڇا ڪندا آهيو؟“ مون حيرت مان پڇيومانس.
    ”سائين اسين رڳو چانور خريد ڪندا آهيو ۽ پوءِ جهنگ ۾ چرندڙ ڀر وارن ڳوٺن شڪل چانڊيو، دودو روجهاڻي يا سُکيو ميرجت جي مينهن مان هڪ چوري ڪري ايندا آهيون ۽ ان کي ڪُهي گوشت ڀت رڌيندا آهيون.“ هن چيو.
    ”پوءِ جهلجي نه پئو؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه سائين،“ هن وڏي اعتماد سان ٻُڌايو، ”ٻن منٽن ۾ مينهن يا ڍڳيءَ کي ڪُهي، ان جو گوشت گهر کڻي ايندا آهيون، باقي کل ۽ آنڊا گجيون وڏي کڏ کوٽي، ان ۾ دفن ڪري، مٿان مٽي لسي ڪري ڇڏيندا آهيون. ڄڻ هتي ڪا مينهن ئي ڪانه هئي.


    قزاق (Pirates) ۽ سندن طريقا

    سئيڊن جي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ ۾، مئرين انجنيئرنگ جي پوسٽ گريجوئيشن دوران، اسان جو هڪ سبجيڪٽ “Marine Law” به هو جنهن ۾Piracy (سامونڊي ڦر ۽ ڌاڙن) بابت پڻ ڪيتريون ئي ڳالهيون بحث هيٺ آيون ٿي. ان کان علاوه ملاڪا نار جي ڪپر تي موجود، ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڻ، اٺ سال کن ملازمت ڪرڻ جو موقعو مليو. هيءَ اها سامونڊي پَٽي آهي، جتي اڄ به دنيا ۾ سڀ کان گهڻا قزاق/ سامونڊي چور رهن ٿا ۽ اهو ڏينهن خالي ناهي، جو پينانگ کان وٺي جوهور بارو بندرگاهه تائين، جهازن جي هن اڍائي ٽن ڏينهن جي سفر ۾ ڪا ڦُر يا جهاز جي اغوا جو ڪيس نٿو ٿئي. هتي انهن پڙهندڙن جي معلومات لاءِ، جن جو سمنڊ سان يا جهازي دنيا سان واسطو ناهي، قزاقن، سندن حملن ۽ وارداتن جي طريقن بابت ڪجهه بنيادي، معلوماتي ۽ دلچسپ نقطا لکان ٿو.
    Pirate جنهن کي عام طرح نه فقط عرب دنيا ۾، پر اسان وٽ به قذاق سڏيو وڃي ٿو، اهو چور يا ڌاڙيل آهي، جيڪو سمنڊ تي سفر ڪري ٿو ۽ سمنڊ تي سفر ڪندڙ يا ائنڪريج تي بيٺل جهازن تي چڙهي، جهاز جي عملي جي قيمتي شيون ڦري ٿو، جهاز ۾ چڙهيل ڪارگو جي به ڦر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو جهاز کڻيو وڃي.
    سمنڊ تي هلندڙ جهازن جي ڦُر جو سلسلو صدين کان پيو هلي ۽ اڄ به جاري آهي، پر هڪڙو عرصو 1650ع کان 1720ع تائين واري مني صدي کن، هزارين قذاقن، جهاز وارن کي تمام گهڻو تپايو. اهو عرصو سامونڊي ڦر جو سونهري دور (Golden age) سمجهيو وڃي ٿو.
    قذاق تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف نالن سان به سڏيا ويا ٿي. جيئن 15 ۽18 صدي جي وچ واري دور ۾، ميڊيٽرينين سمنڊ تي، جيڪي جهازن جي ڦر ڪندا هئا اهي ڪورسيئرس (Corsairs) به سڏبا آهن. انهن ۾ اتر آفريڪا جا مسلمان به هئا جن پنهنجي بچاءَ ۽ لڪڻ لاءِ الجيرس، طرابلس ۽ تيونس ۾ قلعا ٺاهي رکيا هئا. عيسائي ڪورسيئرس به هئا، جن جا اڏا مالٽا ٻيٽ تي هئا. مسلمان توڙي عيسائي سامونڊي ڌاڙيلن وٽ، چپن تي هلندڙ ٻيڙيون هيون، جن ذريعي هو، سامان کڻي لنگهندڙ سڙهن تي هلندڙ جهازن تي چڙهي، ڦُر ڪري ڀڄي ويا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته هنن مال سان گڏ نوجوان خلاصين کي به اغوا ڪري ڀُنگ جي گهر ڪئي ٿي يا سٺا پئسا ملڻ تي هنن کي غلام ڪري وڪيو ٿي يا پنهنجي ڪم ڪار لاءِ رکيو ٿي- خاص ڪري ٻيڙيءَ جا چپو هلائڻ لاءِ.
    ائين ته ناروي پاسي جا وائيڪنگ ڏٺو وڃي ته اهي به هڪ قسم جا سامونڊي ڌاڙيل هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي پوءِ چڱا مڙس ٿي، حڪومت جي مدد ڪندا هئا ۽ انهن ملڪن جي جهازن جي ڦر ڪندا هئا جن ملڪن سان سندن ملڪ جي لڙائي هلندڙ هئي.
    سترهين صديءَ ۾ ڪئريبين سمنڊ تي جن ڦورن (قذاقن) جهازن جي ڦر ڪئي ٿي، اهي بُڪانير به سڏبا هئا. ڪئريبين سمنڊ ۾ هسپانيولا ۽ تورتوگا ٻيٽ هنن جي لڪڻ ۽ مال ورهائڻ جون بهترين جايون هيون. هي بڪانير، سامونڊي ڦورو ٿيڻ کان اڳ شڪاري هئا ۽ ڊگهين نالين واريون بندوقچيون کڻي، جهنگلي سوئر ماريندا وتندا هئا ۽ جن ڪاٺ جي جهوپڙين ۾ رهندا هئا اُهي اسپيني زبان ۾ ”بڪان“ سڏبيون هيون، جنهن تان هنن جو نالو بڪانير پيو. پوءِ ڪئريبين ٻيٽن جي گورنرن (خاص ڪري جامائيڪا جهڙن) هنن ٺڳن کي پئسا ۽ لالچون ڏيئي سمنڊ تي موڪليو ته اسپين ڏي ويندڙ خزاني سان ڀريل جهازن تي حملا ڪري ڦُر ڪيو ۽ پوءِ ڦرين جو تعداد ۽ ڦر جو تخمينو ويو وڌندو. انهن ڦورن ۾ هينري مورگن تمام مشهور ٿيو. سو بهرحال اهي ڦورو اهڙيءَ ريت پيدا ٿيا جن سرڪاري پٺڀرائي هيٺ پهرين ته ڌارين جهاز ڦريا ٿي ۽ پوءِ کين اهڙو چشڪو لڳي ويو جو پوءِ نه پنهنجو ٿي ڏٺائون نه پرايو. هنن کي جنهن جهاز ۾ شڪ پيو ٿي ته اهو قيمتي سامان کڻي پيو وڃي ته ان تي حملو ڪيائون ٿي.
    قذاقن جي ڪاميابي تڏهن ٿي ٿئي، جڏهن هنن جي ٻيڙي يا جهاز ڦر واري جهاز کان تيز رفتار هجي ۽ ٻيو ته ڦر بعد ڪا ويجهي جاءِ لڪڻ لاءِ هجي، جتي پناهه وٺي سگهن. ڪئريبين، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پاسي، ننڍا ننڍا سوين ٻيٽ آهن، جن مان انيڪ ٻيٽ ماڻهن جي رهائش کان غير آباد آهن، پر ڌاڙيلن جي لڪڻ لاءِ گهاٽن جنگلن سان جهنجهيل آهن.
    اڄڪلهه ڪَل جا جهاز آهن ۽ انجڻ تي هلندڙ جهاز جي رفتار 15 ناٽيڪل ميلن کان 25 ناٽيڪل ميل آهي، پر سامونڊي ڌاڙيل جيڪي اسپيڊ بوٽون يا لانچون استعمال ڪن ٿا، انهن جي رفتار 40 ناٽ آهي، يعني 40 ناٽيڪل ميل في ڪلاڪ آهي ۽ هو ڦر ڪري غائب ٿيو وڃي.
    اڳئين زماني ۾ جڏهن جهاز سڙهن تي هليا ٿي ته هي قذاق چپن (Oars) وارين ٻيڙين ۾ آيا ٿي. چپن واري ٻيڙي سڙهه واريءَ ٻيڙيءَ وانگر ڏينهن رات نٿي هلائي سگهجي، جو چپو هلائيندڙ ڪلاڪ ٻن کان پوءِ ٿڪجيو پون، پر اهو آهي ته چپن (Oars) سان ٻيڙي هڪ ته تکي هلائي سگهجي ٿي ۽ ٻي ڳالهه ته پنهنجي مرضيءَ مطابق جيڏانهن وڻي اوڏانهن وڃي سگهجي ٿو ۽ ان کي تکو تکو موڙي به سگهجي ٿو- فقط سکان کي هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻو ٿيو، پر سڙهن تي هلندڙ ٻيڙي ان طرف ئي وڃي سگهي ٿي، جنهن جي مخالف طرف کان هوا لڳي رهي هجي.
    سامونڊي ڦُر (Piracy) ۾ گهڻو ڪري ڪاميابي ڌاڙيلن جي ئي ٿئي ٿي. ان جا ڪيترائي سبب آهن. ڌاڙيلن جي جهازن تي ان ماپ جي عام جهازن کان گهڻا ماڻهو ٿين ٿا. ڌاڙيلن وٽ هٿيار ٿين ٿا. بين الاقوامي قانون موجب عام جهاز تي ڪنهن کي به هٿيار رکڻ جي اجازت ناهي. وڌ ۾ وڌ ڪنهن ڪنهن جهاز تي ڪئپٽن پستول رکي سگهي ٿو. ان کان علاوه هنن سامونڊي ڌاڙيلن (قذاقن) جو ماڻهن جي دلين تي وڏو خوف ويٺل آهي ته هو وڏا ظالم آهن، ڪنهن کي به بخشين نٿا. هنن سان ڪڏهن به مهاڏو نه اٽڪائجي- نتيجي ۾ هو هر جهاز جي منٽن ۾ ڦر ڪيو وٺن. مختلف ظالم قذاقن جي سڃاڻپ هنن جي جهنڊن مان به پئي ٿي، جيڪي هو پنهنجين ٻيڙين مٿان لهرائين ٿا. جهنڊي ۾ گهڻو ڪري انسان جي کوپڙي ۽ ٻه ڊگها هڏا هوندا آهن. بليڪ بيئرڊ جهڙن قذاقن جي شڪل به خوفناڪ ٿئي ٿي ۽ هو سر جو آسرو کڻي اچن ٿا. ان ڪري هنن کان هرڪو ڊڄي ٿو ۽ هو بنا مقابلي جي ڪامياب ٿيو وڃن. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته ماضيءَ ۾ توڙي اڄ به ڪيترائي حڪومتي عملدار ۽ وڏيرا ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو، قذاقن جي سرپرستي ڪن ٿا ۽ هنن سان اندروني طور مليل رهن ٿا ۽ جهلجڻ وقت هنن جي مدد به ڪن ٿا.
    قذاق ڪهڙي قسم جي شين جي ڦُر ڪن ٿا؟ ڪنهن زماني ۾ يورپي جهاز آمريڪا کان سون، چاندي ۽ هيرا کڻي پنهنجي ملڪ ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ انهن شين جي ڦر وڌيڪ ٿي ٿي- خاص ڪري سون ۽ چانديءَ جي سڪن جي، جيڪي ڦر ڪندڙ پاڻ ۾ سولائيءَ سان ورهائي سگهيا ٿي. آمريڪا کان يورپ ويندڙ مسافر جهازن تان هيرن جواهرن جي به ڦر ڪئي وئي ٿي. انهن شين کان علاوه هي سامونڊي ڦورو کاڌي پيتي جي شين ۽ شراب پويان به هوندا هئا، جو هنن کي جهاز جي ڳولا ۾ ڪيترائي ڏينهن سمنڊ تي گذارڻو پيو ٿي. بقول هڪ قذاق (سامونڊي ڌاڙيل) جي، جيڪو سمنڊ تي اچڻ کان اڳ ڪناري جو چور هو ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ کاٽ هڻندو هو، ”سامونڊي ڌاڙو ڏکيو ڪم آهي. ان ۾ ڪيترائي ڏينهن سمنڊ ۾ رهڻو پوي ٿو. سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. جي موسم سٺي آهي ته به ڪيترائي ڏينهن ساڳي ماحول ۾ رهي رهي، انسان چريو ٿيو پوي.“
    هي قذاق جهازن تي ڦر ڪرڻ وقت جهاز جون رسيون، ضروري
    اوزار- خاص ڪري واڍي ۽ جراح جا توڙي گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان پڻ کڻندا هئا، جن سان سندن Pirate ship ۽ ان تي رهائش بهتر ٿي سگهي.
    قذاق (جهازن جي ڦر ڪرڻ وارا ڌاڙيل) نه فقط مرد هئا، پر عورتون پڻ ٿي گذريون آهن، جن جي بهادريءَ جا قصا اڄ جي Bandit Queen (ڦولن ديوي) وانگر مشهور آهن. انهن مان ٻه ائن بوني ۽ ٻي مئري ريڊ تمام مشهور ٿي گذريون آهن. انهن ٻنهي عورتن ڏکڻ آمريڪا پاسي ڪئريبين سمنڊ ۾ ڪيترائي جهاز ڦريا ۽ جهازن کي ماريو ۽ جهيڙن ۾ مردن وانگر ويڙهه ڪئي. هو جئڪ رئخام (Calico) نالي قذاق جي ٽولي سان شامل هيون. آخرڪار 1720ع ۾ هنن جو سڄو ٽولو جهلجي پيو. جميڪا ۾ مٿن ڪيس هليو ۽ سڀني کي موت جي سزا ڏني وئي. اَئن بوني اهوئي چوندي رهي ته، سندن ليڊر جئڪ رئخام جيڪڏهن مردن وانگر مقابلو ڪري ها ته هينئن ڪتي جو موت هرگز نه مري ها.
    هنن ٻنهي عورتن کي به جيتوڻيڪ موت جي سزا ملي، پر هو ڦاهيءَ کان بچي ويون، جو هنن ڪورٽ کي ثبوت ڏنو ته هو پيٽ سان آهن. مئري ريڊ (Mary read) ته ٻار ڄڻڻ کان اڳ بخار وگهي جيل ۾ مري ويئي. ائن بوني (Ann bonny) جي خبر نه پئجي سگهي ته ٻار ڄڻڻ کان پوءِ هن جو موت ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيو.
    سامونڊي ڌاڙن جو ايڏو ته آزار وڌي ويو جو مختلف ملڪن جي حڪومتن ان کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ، گڏجي وٺ پڪڙ شروع ڪرڻ جو سوچيو. ارڙهين صديءَ ۾ هنن پنهنجا جنگي جهاز (Naval ships) اسلح سان ڀري، انهن هنڌن ڏي موڪلڻ شروع ڪيا، جيڪي هنن ڌاڙيلن جا ڳڙهه هئا. ڪن هنڌن تي ته قذاقن جلدي آڻ مڃي، پر ڪيترن هنڌن تي هنن خوني مقابلا ڪيا. بليڪ بيئرڊ ۽ بارٿولوميو جهڙا نامي گرامي ڌاڙيل مارجي ويا. ڪيترن کي جيئري سوگهو ڪري، ڪورٽن ۾ ڪيس هلايا ويا، جتان کين موت جي سزا ملڻ تي، هنن کي عوام اڳيان ٽنگيو ويو يا سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. ان بعد انهن جي لاشن کي ڪول تار (ڏامر) هڻي، خاص قسم جي لوهي پنڃرن ۾ بند ڪري، عوام جي عبرت لاءِ، شهر جي مارڪيٽن ۾ ٽنگيو ويو، جيئن انهن ماڻهن جي دلين ۾ خوف پيدا ٿئي، جيڪي قذاق (سامونڊي ڦورو) بڻجي، سمنڊ تي جهازن کي ڦرڻ جو سوچين ٿا.
    بهرحال سامونڊي ڦُرون ختم نه ٿي ويون آهن ۽ وقت سان گڏ هاڻ قذاق به ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺڻ لڳا آهن. اڄ هنن وٽ پرانگ (ملئي دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ وڏي ڦَرَ وارو ڇُرو) نه آهي، پر پستول ۽ ڪلاشنڪوف جهڙا هٿيار آهن. اڄ هنن وٽ موبائيل فون ۽ وائرليس سسٽم آهن. اڄ هنن وٽ تيز رفتار (اسپيڊ بوٽ) جون انجڻيون ۽ سمنڊ تي الاهي ڏينهن رهڻ لاءِ پئڪڊ فوڊ(Tin Food) آهي. ڪيترا ته اهڙا آهن، خاص ڪري ملئي دنيا ۾- يعني انڊونيشيا، ٿائلينڊ، فلپين جي ارد گرد، جيڪي پڙهي ڳڙهي نوڪريون حاصل ڪرڻ بدران سمنڊ تي ڦر ڪرڻ چاهين ٿا. هو ان کي اباڻو/ خانداني ڌنڌو سمجهن ٿا. هو ان ڪم کي (يعني Piracy کي) پهلواني ۽ جوان مردي سمجهن ٿا. سندن ڪٽنب قبيلي ۾ ڪو اهو ڪم ڇڏي ٿو ته، اهو چوڻ بدران ”هو نيڪ راهه تي آيو آهي“ هو هن کي ڪانئر ۽ ڊڄڻو سمجهن ٿا. ان بابت خبرون ٻئي مضمون ۾ ڪنداسين.


    قزاقن جي عجيب دنيا...

    ملائيشيا جي ملاڪا نار، جنهن جي ڪپر تي منهنجو گهر هو، اتان هڪ ٻيڙيءَ ذريعي، هتي جو هڪ سردار مونکي ملاڪا نار جي ٻي ڀر تي، هڪ ويران ٻيٽ تي وٺي آيو. منهنجي چوڻ تي هن مونکي انڊونيشيا جي هڪ اهڙي خاندان سان ملائڻ ٿي چاهيو، جنهن جو ابن ڏاڏن کان Piracy جو ڪم رهيو آهي. چوڌاري سوين ٻيٽن جي جهڳٽي ۾ هي ٻيٽ هو، جيڪو ظاهري طرح ته انساني آباديءَ کان خالي لڳي ٿو، پر پوءِ سونهين ذريعي جيئن جيئن گهاٽي جنگل ۾ اندر گهڙندا وياسين ته پهرين رول ڪتا ۽ ڪڪڙ نظر آيا ۽ پوءِ پيرين اُگهاڙين ٻار ۽ پوءِ بيحد گهاٽي جنگل ۾ جتي ماڻهوءَ جي قد جيڏو ته گاهه هو، جهوپڙيون ۽ ملئي نموني جا گهر ظاهر ٿيا. مونکي 1987ع جو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن مهيني ٻن جي موڪل تي آءٌ ڳوٺ آيو هوس ۽ ڀر واري ڳوٺ جو وڏيرو مونکي منهنجي چوڻ تي، قاضي احمد واري پاسي کان هڪ وڏيءَ ٻيڙيءَ تي جيپ رکي، درياهه ٽپي، سن شهر ۾ سائين جي ايم سان به ملڻ ويا هئاسين، ته ڪچي جي ٻيلي ۾ ميلن جا ميل پنڌ ڪري ڌاڙيلن سان به مليا هئاسين. انهن جي ۽ هنن انڊونيشيا جي ڌاڙيلن جي ڪا مختلف زندگي نه آهي. فرق فقط اهو آهي ته اسان جو سنڌي ڌاڙيلن، اسان جي معاشري ۾ انصاف نه هجڻ ڪري، وڏيرن سردارن جي ظلمن ڪري، پنهنجي نارمل زندگي ڇڏي مجبور ٿي، هينئن لِڪ ۽ ڏوهه جي زندگي گذاري رهيو آهي. ۽ هي ملئي نسل جو سامونڊي ڌاڙيل ڪجهه بيروزگاري ڪري ڪجهه ان کي اباڻو ڌنڌو سمجهي، هنن انڊونيشي ويران ٻيٽن تي لِڪُ جي زندگي گذاري رهيو آهي.
    ”اڄ جڏهن توهان جو علائقو ايڏو ته خوشحال ٿي ويو آهي، جو ڌارين ملڪن جا ماڻهو روزگار لاءِ هتي اچن ٿا، پر توهان اهي ئي چوريءَ جا ڪم ڪندا رهو ٿا؟“ مون هڪ رٽائرڊ پوڙهي چور کان پُڇيو.
    ”هن سامونڊي درياهه (ملاڪا نار) جي هُن ڪپر واري ملڪ ملائيشيا ترقي ڪئي آهي.“ هن وراڻيو، ”ڪپر جي هِن پار اسان جو انڊونيشيا جهڙو هو تهڙو ئي آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هي اسان جي وڏن جو ڌنڌو آهي (يعني جهازن جي ڦر ڪرڻ) ۽ هن کي اسان مردن جو ڪم سمجهون ٿا.“
    هن ڪراڙي رٽائرڊ قذاق مڙس جو هڪ جملو ٻُڌي ته، ”اسان تيسين ڪنهن کي بالغ نه سڏيندا آهيون، جيسين هو ملاڪا نار مان لنگهندڙ ڪنهن جهاز مان ڦر ڪري نه اچي.“ مون وانگر ڪيترن کي سنڌيءَ جي مشهور ليکڪ نسيم کرل جو افسانو ”پهرين مراد“ ياد ايندو هوندو. جنهن ۾ ڌاڙيل پنهنجي پٽ کي ٿڪ بُجو ڪندو رهي ٿو ته، سڄو ڏينهن رڳو کٽون پيون ڇنين. مُنهن ۾ ڏاڙهي مڇون اچي ويون اٿئي، پر اڃا ڪا ڪنهن جي مينهن ڍڳي چورائي نه آيو آهين.“ هو پنهنجي دوستن اڳيان مُنهن کڻڻ جهڙو نه رهيو آهي، جيڪي هن کي هر وقت اهو ڏوراپو ڏيندا رهن ٿا ته، تنهنجو پٽ اڃا بالغ نه ٿيو آهي ڇا. ”منهنجا ماڻهن سان پير ڀريل آهن،“ هو پنهنجي پٽ کي چوي ٿو، ”تون جنهن پاسي ويندي، توکي مدد ڪرڻ ۽ لڪائڻ لاءِ منهنجا دوست نظر ايندا.“ وغيره وغيره. ۽ پوءِ هن جي پٽ کي غيرت اچي ٿي ۽ رات اندر درياهه ٽپي، ڪنهن جي ٿلهي متاري مينهن چورائي، اچي کٽ جي پائي سان ٻَڌي ٿو. صبح جو ان کي ڏسي پيءُ کي به خوشي ٿئي ٿي. ”واهه جي چوري ڪئي اٿئي. ڀاڳين کي بخار چڙهي ويا هوندا.“ پر پٽ پيءُ جي واکاڻ ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري، سمهي رهي ٿو. ٿوري دير به ڪا مس ٿي ته مينهن جا مالڪ پيرا کڻي، اچي هنن وٽ نڪتا. ٻاهران سڏ ٿيڻ تي پيءُ هنن سان ملڻ ويو ۽ پوءِ ٿوري دير بعد اندر آيو ۽ پٽ کي ننڊ مان اُٿاري ڦٽ لعنت ڪري چيائين: تون مينهن چورائي آيو آهين، سا به منهنجي دلبر ۽ دوست جي! هاڻ هو اندر چڪاس ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. مون لاءِ ته ٻُڏي مرڻ آهي.“
    پٽ پيءُ سان تکو ٿيندي چيو: ”خبردار بابا جي چوري باسي اٿئي. هي منهنجي پهرين مراد آهي. گهر آيل مهمانن کي نيرن ڪرائي پوءِ وٺي اچ.“
    جيسين مهمان نيرن ڪن، تيسين پٽ مينهن کي سير وڌي ۽ پوءِ وڏي کڏ کوٽي ان ۾ دفن ڪري، مٽي ورائي، مٿان کٽ رکي سمهي رهيو. هوڏانهن مينهن جي ڳولا وارا نيرن ڪري اندر آيا. هنن هڪ هڪ ڪنڊ ڳولي، پر کين پنهنجي ڀلوڙ مينهن نظر نه آئي. ڀاڳئي موڪلائڻ وقت پنهنجي دوست کي ڀاڪر پائي چيو، ”مبارڪون هجنئي اڄ توکي پٽ ڄائو آهي.“
    سو هتي جي ڌرتيءَ يعني Malay Archipelago جي ڪيترن Pirates قذاقن ۽ اسان جي چورن جي ڪهاڻي ۽ ڪلچر ڪجهه ڪجهه ساڳيو آهي.
    جن ڏينهن ۾ هندستان ۾ اورنگزيب مغل بادشاهه جي حڪومت هئي، انهن ڏينهن ۾ ڪئپٽن وليم ڪڊ نالي هڪ قذاق هندستان جي مالا بار ڪناري وٽان لنگهندڙ جهازن لاءِ وڏي باهه ٻاري هئي. پاڻ انگريز هو، پر هن ڌارين جهازن تي ته ڦر ڪئي ٿي، پر پنهنجن کي به نه بخشيائين. ڪئپٽن ڪڊ (هن قسم جا سڀ ڌاڙيل ڪئپٽن سڏجن ٿا، جو اهي ڌاڙيلن جي گئنگ جا ليڊر هجڻ سان گڏ نيويگيشن جي به ڄاڻ رکن ٿا) پهرين نيويارڪ پاسي ننڍا ننڍا ڌاڙا هڻندو هيو. وڏو دلير هو سو انگلينڊ جي حڪومت هن کي هڪ جهاز تي 34 کن توبون (Cannons)هڻائي ڏنيون ته، هو مئڊاگاسڪر ٻيٽ جي اردگرد موجود قذاقن کي تباهه ڪري ۽ اتان لنگهندڙ فرانس جي جهازن کي سوگهو ڪري .
    ڪئپٽن ڪڊ انگريز سرڪار کان مليل 80 خلاصي ڇڏي، هڪ سؤ کن رهزن قسم جا غنڊا جهاز تي چاڙهيا ۽ خوب ڦرلٽ مچائي ۽ مئڊا گاسڪر کي ڇڏي اچي انڊيا جي ڪناري کان نڪتو ۽ فرانس جا جهاز ته ڇا، پر جنهن حڪومت کيس پگهار تي رکيو هو، انهن جي به جهازن تي حملا ڪري سون، چاندي، هيران جواهر ۽ ٻيو قيمتي مال لٽيائين. ان بعد مال جي ونڊ ورڇ ڪرڻ لاءِ نيويارڪ پهتو ته هو جهلجي پيو. کيس لوهي زنجيرن ۾ سوگهو ڪري انگلينڊ پهچايو ويو، جتي هن کي موت جي سزا ڏني وئي. ڪئپٽن ڪڊ جو موت تمام خوفناڪ قسم جو ٿيو جنهن رسيءَ سان کيس ڦاهيءَ لاءِ ٽنگيو پئي ويو، اها ٻه دفعا ڇڄي پئي ۽ پوءِ ٽئين دفعي سندس مڻڪو ٽٽي پيو ۽ موت آيس. سندس مرڻ بعد کيس تارڪول (ڏامر) ۾ ٻوڙي، رسين ذريعي ٽيمس نديءَ مٿان لڙڪايو ويو. ڪئپٽن ڪڊ تمام مختصر عرصو قذاق ٿي رهيو، پر ڏاڍا ماڻهو (جهازي) ماريائين ۽ وڏي ڦرلٽ ڪيائين. ڦاهيءَ تي چڙهڻ وقت سندس شعر نما تقرير تمام مشهور آهي.
    My name was Captain Kidd, when I sail’d, when I sail’d,
    And so wickedly I did, God’s laws I did forbid, When I Sail’d, when I sail’d.
    I murder’d William Moore, And laid him in his gore,
    Not many leagues from shore, When I Sail’d.
    Farewell to young and old, All jolly seamen bold,
    You’re welcome to my gold, For I must die, I must die.
    Farewell to Lunnon town, The pretty girls all round,
    No pardon can be found, and I must die, I must die, Farewell, for I must die,
    Then to eternity, in hideous misery, I must lie, I must lie.
    سترهين ارڙهين صديءَ ۾ انگريز، فرينچ، اسپيني، پورچوگالي هڪ طرف ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن کي پنهنجيون ڪالونيون ٺاهيندا ويا (ٻين لفظن ۾ انهن ملڪن مان قيمتي مال جا جهاز ڀرائي، پنهنجي ملڪ ڏي کڻائي پئي ويا) ته ٻئي طرف آفريڪا کنڊ مان- خاص ڪري اولهه واري ڪناري جي ملڪن جا ڏنڊا مسٽنڊا شيدي جهلي انهن کي غلام ڪري، آمريڪا وڪري لاءِ موڪليندا رهيا، جتي سندن ٻين يورپي ڀائرن کي پوک جي ڪم ۽ کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ سستو مزور ٿي کتو. آمريڪا ۾ جيڪا پوک ٿئي ٿي- خاص ڪري تماڪ، ڪمند، جنهن مان کنڊ ٺاهي وئي ٿي، شراب ٺاهيو ويو ٿي، ڪافي وغيره ۽ کاڻين مان جيڪو سون چاندي ۽ هيرا جواهر نڪتا ٿي، انهن جا جهاز ڀري پنهنجي پنهنجي ملڪ موڪليا ٿي. هي سمورا يورپي ملڪ، هاڻي سڌري پيا آهن ۽ وتن ٿا اسان جهڙن کي نصيحتون ڪندا، نه ته انهن ڏينهن ۾ هنن جي هڪ ٻئي سان هر وقت لڳي رهي ٿي. هڪ ٻئي کي نقصان رسائڻ ۽ هڪ ٻئي جون چوريون ۽ ڌاڙا هڻڻ لاءِ هنن پگهارن تي قذاق (سامونڊي ڌاڙيل) رکيا، جن کي پوءِ ڦُر مان اهڙو مزو آيو جو هنن پنهنجن کي به نه ڇڏيو. مٿن ڪنٽرول ڪرڻ مسئلو ٿي پيو. (جيئن اسان جي وڏيرن ڌاڙيل پاليا جي پوءِ کين به رکي رکي اکيون ڏيکارڻ لڳا.) انهن ئي سامونڊي ڌاڙيلن مان هڪ چارلس بيلاني هو، جنهن پوءِ پنهنجن ئي انگريز جهازن جي آمريڪا جي ڪناري وٽ ڦر شروع ڪري ڏني ۽ هو ان ڦرلٽ مان ايڏو ته مالدار ۽ طاقتور ڌاڙيل ٿي پيو، جو هو وقت جي حڪومتن کي چئلينج ڪرڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ اڄ واري آمريڪا جو ڪجهه حصو انگريزن جي قبضي ۾ هو ته ڪجهه فرينچن جي، ڪجهه ڊچن جي ته، ڪجهه هسپانوي ۽ جرمن جي. ۽ اهي يورپي قومون ننڍيءَ ننڍيءَ ڳالهه تان آمريڪا جي سرزمين تي به وڙهي رهيون هيون، ته پنهنجي يورپي کنڊ ۾ به ته ڏکڻ اولهه ايشيا ۾ به. سموري جنگ زمين هٿ ڪرڻ، اهم سامونڊي رستن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ، واپار تي پنهنجو قبضو رکڻ تي هئي ۽ انهن ڦورن حڪومتن کي ڦرڻ لاءِ وري سندن ڦورو ڌاڙيل پيدا ٿي پيا هئا. هن ڌاڙيل هڪ واهه جي ڳالهه ڪئي ته، انگريز حڪومت اسان کي Scoundrels (ڦورو، ڌاڙيل) ٿي سڏي، دراصل ڦورو ته پاڻ به آهن. فرق فقط اهو آهي جو هو قانون جي ڇٽيءَ هيٺ غريب ماڻهن کي ٿا ڦرين ۽ اسان انهن چور اميرن کي ٿا ڦُريون ۽ پنهنجي همٿ سان.
    چارلس بيلاني اهو مشهور قذاق آهي، جنهن 1717ع ۾ اعلان ڪيو هو ته:
    “I am a free prince! I have as much authority to make war on the whole world..”
    ”آءٌ آزاد شهزادو آهيان! مونکي به ايتري طاقت آهي جو سڄي دنيا سان جنگ جوٽي سگهيان ٿو، ڀلي کڻي مخالف ڌر کي هڪ سئو جهاز هجن ۽ وڙهڻ لاءِ هڪ لک ماڻهن جي فوج هجي...“
    اڄ جي دور جو ماڻهو ان ڳالهه کي شايد ٻٽاڪ سمجهي، پر ان دور جي حالتن جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته، ان زماني ۾ سامونڊي ڌاڙيل (قذاق) هڪ خوفناڪ شيءِ هئا، جن وڏن وڏن پهلوانن جي دلين ۾ به ڏهڪاءُ پيدا ٿي ڪيو. ڪي ڪي قذاق جيئن ته اميرن ۽ حڪومتن کي ڦريندا هئا، ان ڪري اهي ماڻهن لاءِ هيرو به هئا. اهوئي سبب آهي جو قذاقن تي تمام گهڻيون فلمون ٺهيون آهن، جن ۾ ڪي Horror فلمون آهن ته ڪي مزاحيه ۽ رومانس سان ڀرپور.
    Pirates تي ٺهندڙ فلمن جي ڳالهه نڪتي آهي ته 1952ع جي هڪ فلم Against All Flags ٿي ياد اچي، جيڪا اسان تعليم دوران 1963ع ۾ چٽگانگ ۾ ڏٺي هئي، جنهن ۾ ائنٿوني ڪئن کي ڏسي، اسان به مئرين اڪيڊميءَ جي ڏکيءَ پڙهائيءَ کي ڇڏي ڪئپٽن بدران Pirate ٿيڻ جا خواب ڏسڻ لڳا هئاسين. فلم جي هيروئن مورين اوهارا ٿي هئي، جنهن جي فلم ۾ قميص هيٺان باڊي (بريزئر) نه پائڻ ڪري مغرب ۾ به وڏو گوڙ متو هو! ڪهڙو ته فضيلت وارو زمانو هو! اڄ ته پاڪستاني فلمي اداڪارائون به Kissing جا سين ڀرائيندي فخر ٿيون محسوس ڪن ۽ وزيرائون فرينچ ڪوچن کي پيون ڀاڪر پائين. بهرحال مورين اوهارا هن فلم ۾ قذاقن جي ليڊر ۽ Pirate ship جي ڪئپٽن ٿي آهي.
    انهن ئي ڏينهن جي هڪ ٻي مشهور فلم Black beard the Pirate آهي. بليڪ بيئرڊ ارڙهين صديءَ جو بيحد خطرناڪ قذاق ٿي گذريو آهي، سندس وڏي ڪاري ڏاڙهيءَ ڪري بليڪ بيئرڊ نالو پيو. کيس مارڻ لاءِ ورجينيا (آمريڪا) جي حڪومت انعام رکيو هو. آخر ٻن ماهر نيوي جي ڪئپٽنن کي بندوقن ۽ توبن سان ٻه جهاز ڏئي، وڏي فوجي عملي سان، بليڪ بيئرڊ تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو. هڪ ڪئپٽن ۽ ڪيترائي سپاهي مارجي ويا، پر آخرڪار بليڪ بيئرڊ (جنهن جو اصل نالو ايڊورڊ ٽيچ هو) جو سر ڌڙ کان ڪري، ورجينيا جي گورنر وٽ پهچايو ويو، جيڪو ڪيترا ڏينهن بانس جي ڏنڊي تي لڙڪايو ويو ته جيئن قذاق بڻجڻ جا شوقين، بليڪ بيئرڊ جي انجام مان سبق حاصل ڪن.
    فلمن ۾ The Devil ship pirates به گهڻي مشهور ٿي. هيءَ 1964ع جي انگلينڊ جي ائڊونچر نموني جي فلم آهي، ان کان علاوه انگريز ليکڪ رابرٽ لوئيس اسٽيونسن جي ناول ٽريزر آئلڊ تي به ڪيتريون ئي فلمون ٺهي چڪيون آهن.
    قذاقن ۽ انهن جي سامونڊي ڌاڙن بابت سڀ کان بهترين ڪتاب 1724ع جو ڇپيل آهي، جنهن جو ٽائيٽل آهي:
    A General History of the Robberies & Murders of Natorious Pirates.”
    چيو وڃي ٿو ته سامونڊي ڌاڙيلن (قذاقن) جا پنهنجا قائم ڪيل اصول (Code of conduct) هئا، جنهن تي سڀني قذاقن سختيءَ سان عمل ڪيو ٿي. ان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سخت کان سخت سزا ڏني وئي ٿي ۽ انهن سزائن ۾ عام سزا اها هئي ته، ان قذاق کي بنا کاڌي پيتي جي، ڪنهن اهڙي ويران ٻيٽ تي اڇلايو ويو ٿي، جتي ڪوبه ماڻهو ڇيڻو نه هجي ۽ هو بک وگهي مري وڃي يا کيس نانگ بلائون ۽ جنگلي جانور چيري ڦاڙي ڇڏين. ان سزا مان ڪو خوش نصيب ئي بچي سگهندو.
    قذاقن لاءِ سڀ جهاز هڪ جهڙا هئا. هو بنا شڪ جي دلير هئا. اسان جو اڄ جو سنڌي ڌاڙيل پنهنجو پاڻ کي وڏو پهلوان ۽ خوفناڪ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ڌاڙا هڻندو ۽ اغوائون ڪندو، پر فقط پنهنجن سنڌي مسڪينن کي. پنجابي پٺاڻن کان ڪنبندو وتندو. سترهين ارڙهين صديءَ جي هنن ڌاڙيلن کان وقت جون حڪومتون به ڊنيون ٿي- اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن قذاقن کي ٺاهڻ ۾ به سندن هٿ هو. قذاقن جو ڪم جهاز ڦرڻ هو. هنن اهو نٿي ڏٺو ته ڌاڙي هيٺ آيل جهاز سندن ملڪ جو آهي يا ڪنهن دشمن ملڪ جو. ڪيترائي قذاق ته پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي بين الاقوامي شهرت جا مالڪ ۽ Legends بڻجي ويا. بليڪ بيئرڊ قذاق- جنهن جنگي جهاز جي پورچوگالي ڪئپٽن کي، سندس ئي ڪن، نڪ ۽ چپ وڍي کائڻ لاءِ مجبور ڪيو. هڪ ٻئي قذاق ويم ڪڊ ڦر هيٺ آيل جهاز جي سڄي عملي کي رسين سان ٻڌي، سخت اُس ۾ واريءَ مٿان تيسين سڙڻ ڏنو، جيسين هنن لڪل خزاني بابت نه باسيو ته هنن اهو سون ڪهڙي هنڌ لڪايو آهي ۽ ايوري نالي قذاق نه فقط ڦر ڪئي، پر انڊيا جي مغل گهراڻي جي ڇوڪريءَ سان شادي به ڪئي.
    انگريز قذاق ايوري (جنهن جو سڄو نالو Henry Avery) هو، 1653ع ۾ انگلينڊ جي شهر پلاءِ مائونٽ ۾ جنم ورتو. هي اهو قذاق آهي جيڪو پڪڙجڻ يا لڙائيءَ ۾ مارجڻ بنا، ڦُر جي مال سان رٽائرڊ ٿيو. ايوري برٽش نيوي ۾Sailor (خلاصي) هو. 1671ع ۾ جڏهن انگريزن جي جهازن الجيريا جي شهر الجيرس تي گولي بازي ڪئي ته، ان وقت به ايوري برٽش جي هڪ جهاز تي هو. پوءِ هن سرڪاري نوڪري ڇڏي، ڪجهه وقت ڪئريبين سمنڊ تي قذاق ٿي سمنڊ تي هلندڙ جهازن تان ننڍيون ڦرون ڪيون. ان بعد آفريڪا جي اولهه ڪناري تي اچي، غلامن جو بزنيس ڪيو. هي ۽ هن جا ڌاڙيل ساٿي ڇا ڪندا هئا جو آفريڪا جي ڪناري تان واپارين کان غلام خريد ڪري، آخر ۾ انهن وڪرو ڪندڙ سيٺين کي اغوا ڪري، پنهنجي جهاز تي کڻي ايندا هئا ۽ کين لوهي زنجيرن سان ٻڌي رکندا هئا. قذاق جي حيثيت سان ايوري هڪ ئي سفر آمريڪا کان انڊيا تائين ڪيو، جنهن ۾ هن کي ايڏو ته مال ۽ ملڪيت ڦٻيو، جو هن قذاق (هينري ايوري) مال غنيمت (Booty) لاءِ فريزر جهڙي مشهور ليکڪ لکيو آهي ته، ايوريءَ جو اهو سفر “The single richest crime in history” هو.
    قذاق ايوري کي وڏو مال ملڪيت، هندستان جي مغل بادشاهه اورنگزيب جي جهاز ”گنج سوائي“ تان حاصل ٿيو، جنهن کي هلائڻ وارو فتح محمد نالي ڪئپٽن هو. هن جهاز تي سون، چاندي، سڪن ۽ ڳهه ڳٺن کان علاوه مغل حاڪمن لاءِ سريتون (Concubines) ۽ مسافر به چڙهيل هئا. گنج سوائي جهاز تي به توبون بندوقون هيون. ٻنهي ڌرين جي ويڙهه هلندي رهي، پر آخرڪار قذاق ڪامياب ٿيا. قذاقن جي انگريز هجڻ ڪري انڊيا ۾ انگريزن جي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جي ڪافي بدنامي ٿي، جو وقت جي حاڪم ”اورنگزيب بادشاهه“ جي خزاني جو جهاز ڦريو ويو هو. ڪاوڙ ۾ آيل اورنگزيب انگريزن جي چئن فئڪٽرين کي بند ڪري، انهن جي انگريز آفيسرن کي قيد ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اورنگزيب کي خوش ڪرڻ لاءِ برطانيا جي پارليامينٽ، ڪئپٽن هينري ايوري خلاف سخت قدم کڻڻ جو واعدو ڪيو ۽ هن کي پڪڙڻ لاءِ ڪئپٽن وليم ڪڊ جهڙي قابل ماڻهوءَ کي مقرر ڪيو ويو ته هندي وڏي سمنڊ ۾ تباهي مچائيندڙ قذاقن جو خاتمو آڻي.
    ۽ پوءِ ڇا ٿيو؟
    ڪئپٽن وليم ڪڊ پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ٿيو؟
    شايد هو پنهنجي حساب سان ٿيو- جو هو ماڳهين پاڻ به وڏو قذاق ٿي ويو ۽ سمنڊ تي هلندڙ جهازن تي ڌاڙا هڻڻ لڳو. ان بابت يعني ڪئپٽن ڪڊ جو احوال شروع ۾ ڪري چڪو آهيان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468566
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ