ڪتاب جو نالو: اسلام جو عقلي مطالعو
مصنف: مولانا وحيد الدين خان / ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 15 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 990 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 593 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • اسلام جو عقلي مطالعو
  • حقيقت جي تلاش
  • نـبـوي عـلم
  • خدائي تشبيهون
  • آسماني معائنو
  • خدائي نشانيون
  • ڳجهي تصوير ڪشي
  • انسان جي فطرت
  • علم جي واپسي
  • انڪار کان اقرار تائين
  • مذهب بابت علمي دليل
  • مذهب انساني تخليق نه آهي
  • مذهب ڏانهن واپسي
  • سائنس توحيد ڏانهن
  • طبيعات مان مابعد الطبيعات جي تصديق
  • قرآن ۽ سائنس
  • خدا، رسالت، آخرت
  • ڪائناتي نشانيون
  • سائنس مذهب جي رستي تي
  • موت جي هُن پار
  • اسلام ۽ سائنس
  • قرآن جو فلسفو
  • انساني قانون ۽ الاهي قانون
  • پڄاڻيءَ جو آغاز

  • اسلام جو عقلي مطالعو

    اسلام جو عقلي مطالعو


    ليکڪ:
    مولانا وحيد الدين خان


    سنڌيڪار:
    ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو

    نظرثاني
    ثناءُ الله سومرو


    حقيقت جي تلاش

    مشهور سائنسدان گليليو (1642ع _ 1564ع) پنهنجي ايجاد ڪيل دوربين سان چنڊ جو صرف سامهون وارو رخ ڏسي سگهيو ٿي، پر اڄوڪو انسان خلائي جهاز ۾ لڳل دوربين ڪيميرائن جي مدد سان چنڊ جو پويون پاسو به پوري طرح ڏسي رهيو آهي. هيءُ هڪ سادو مثال آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته ڪالهه ۽ اڄ ۾ علمي لحاظ کان ڪيترو فرق اچي چڪو آهي.
    پر انهيءَ جديد معلومات تائين رسائي لاءِ تمام وڏو پئسو خرچ ٿئي ٿو. 10 آڪٽوبر 1980ع تي نيو ميڪسيڪو ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي دوربين نصب ڪئي وئي. ان جي قيمت 78 ملين ڊالر هئي. 1980ع ۾ زحل تائين پهچندڙ آمريڪي خلائي جهاز وائيجر جي لاڳت ٣٤٠ ملين ڊالر هئي. يورپ ۾ ذراتي (Particle) فزڪس جي بين الاقوامي ليبارٽري (Cern) 1981ع ۾ مڪمل ٿي. ان جو مقصد اينٽي ميٽر کي ٽوڙي ميٽر ۾ تبديل ڪرڻ آهي. انهيءَ ليبارٽري تي 120 ملين ڊالر خرچ ٿيا آهن. انهيءَ اداري طرفان ان کان وڌيڪ وڏي تحقيقاتي مشين جي تياريءَ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي 550 ملين ڊالر خرچ ايندو. پروٽان جي تحقيق لاءِ آمريڪا ۾ هڪ مشين تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جي لاڳت 275 ملين ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي، وغيره.
    پارٽيڪل فزڪس جي تحقيق ۾ وڌندڙ دلچسپيءَ جو اندازو هِن مان لڳائي سگهجي ٿو، ته 1927ع ۾ منعقد ٿيل فزڪس ڪانفرنس ۾ 32 سائنسدان شريڪ ٿيا هئا، جڏهن ته 1980 ۾ شريڪ ٿيندڙ سائنسدانن جو تعداد 800 هو. امريڪن فزيڪل سوسائٽيءَ جي ميمبرن جو تعداد 1920ع ۾ 1300 ۽ 1980ع ۾ 3000 تائين پهچي چڪو هو. اهڙين جديد تحقيقاتي ڪوششن جو تعلق فلڪيات ۽ پارٽيڪل فزڪس سان آهي. انهن علمن ۾ ٿيندڙ کوجنائن جا نتيجا تمام دير سان ظاهر ٿين ٿا. تقريباً 50 سالن کان پوءِ يا ان کان به دير سان. جيڪڏهن انهيءَ لحاظ کان سوچجي ته اهڙين تحقيقن تي خرچ ٿيندڙ رقم (جنهن تي ڪو وياج به ڪونه ٿو ملي) جي قيمت ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندي رهي ٿي، ان طرح پنجاهه سالن کان پوءِ هڪ سؤ ڊالرن جي قيمت هڪ ڊالر جي برابر ٿي ويندي، ته پوءِ ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ ظاهري طرح بي فائدي نظر اچي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو ڪيترائي معاشيات جا ماهر اهڙن منصوبن تي اعتراض ڪن ٿا. ان جي جواب ۾ آمريڪي پروفيسر راجر پنروز (Roger Penrose) چوي ٿو:
    ”ڇا معاشيات جا ماهر هن بي انداز خوشيءَ ۾ اسان سان گڏ نه آهن، جيڪا علم جي هر نئين واڌاري سان حاصل ٿئي ٿي؟ الائي ڇو کين اها ڳالهه ڄاڻڻ جو شوق نه ٿو پيدا ٿئي، ته اسان ڪٿان آيا آهيون؟ اسان جي پيدائش ڪيئن ٿي يا هن زمين تي اسان ڇو آهيون؟ ڇا منجهن معاشي فائدي کان سواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه کي ڄاڻڻ جو جذبو پيدا نه ٿو ٿئي؟ ڇا کين نظرين جي خوبصورتيءَ جو ملهه سمجهه ۾ نٿو اچي؟ جڏهن ڪا تهذيب ڪائنات جي باري ۾ تحقيق کان رڪجي وڃي ٿي، ته اها ٻين شين جي باري ۾ کوجنا کي به روڪي ڇڏي ٿي. اهڙي طرح پارٽيڪل فزڪس کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي شيون پڻ موت جو کاڄ بڻجي وينديون.“
    انهيءَ مٿئين بيان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته زندگيءَ جي حقيقت کي ڄاڻڻ جو مسئلو ڪيترو نه اهم آهي. اهو انسان جيڪو خدا جي حوالي سان ڪائنات جي تشريح نه ٿو ڪرڻ چاهي، سو به ڪنهن اهڙي شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ بي تاب آهي، جنهن جي ذريعي هو پنهنجي ۽ ڪائنات جي تشريح ڪري سگهي. دراصل نظر ايندڙ ڪائنات ۽ ان جي اندر انسان جهڙي هڪ مخلوق جو موجود هجڻ، ايتريقدر حيران ڪندڙ آهي، جو انسان ان جي اصليت جي باري ۾ سوچڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ڪا به شيءِ کيس انهيءَ سوچ کان نه روڪي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪا وڏي مادي ترقي ان سوال کان بي نياز بڻائي سگهي ٿي.
    انسان ڏسي ٿو ته هيءَ ڪائنات لامحدود آهي. تقريباً هڪ کرب ڪهڪشائون منجهس موجود آهن، هر ڪهڪشان ۾ لڳ ڀڳ هڪ کرب وڏا ستارا آهن. هر ستارو ٻئي ستاري کان وري ايترو پري آهي، جيئن بحرالڪاهل جي سنسان سمنڊ ۾ چند ٻيڙيون هڪ ٻئي کان تمام پري ترنديون هجن. هن عظيم ڪائنات ۾ ڦهليل ستارا ايتري ته وڏي تعداد ۾ آهن، جو جيڪڏهن هر ستاري جو ڪو فرضي نالو رکيو وڃي ۽ ڪو شخص انهن نالن کي ڳڻڻ شروع ڪري، ته صرف نالن کي ورجائڻ لاءِ به 300 کرب سال وقت لڳندو. (پلين ٽرٿ، جنوري 1981ع)
    هن انساني سوچ ۽ فهم کان ته بلند ۽ عظيم ڪائنات ۾ انسان جيتوڻيڪ هڪ ڪمزور مخلوق آهي پر هو ڪائنات جي فاصلن کي ماپي رهيو آهي. هو طبيعاتي ذرڙن کان وٺي ڪهڪشائن جي نظام تائين کوجنائن ۾ رڌل آهي. هو اهڙي ذهن جو مالڪ آهي، جيڪو ماضي ۽ مستقبل جو تصور ۽ فرق ڪري سگهي ٿو؛ ته هيءُ سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي ۽ ڪيئن ٿي رهيو آهي ۽ آخرڪار انهيءَ عجيب و غريب ڊرامي جو ڪهڙو انجام ٿيڻو آهي؟ اهڙا سوال هر سوچڻ واري انسان جي ذهن ۾ اڀري رهيا آهن ۽ هو انهن جي حقيقت تائين پهچڻ چاهي ٿو. پر اها انسان جي بدقسمتي چئجي، جو هو انهن سوالن جا جواب دوربيني مشاهدن ۽ ليبارٽري جي تجربن ذريعي ڳولي رهيو آهي. حالانڪه انهن سوالن جا جواب پيغمبرن جي الهامي تعليمات کان سواءِ ٻيو ڪٿي به موجود نه آهن. جنهن ڪائنات ۾ ايترا جهان هجن، جن جو نالو وٺڻ لاءِ به ٽي سؤ کرب سالن جو زمانو گهربل هجي، ان جي حقيقت کي اهو انسان ڪيئن ٿو سمجهي سگهي، جيڪو پنجاهه يا سؤ سال زندگي گذاري مري وڃي ٿو. در اصل انهيءَ راز کي ان جو خالق ئي سلجهائي سگهي ٿو ۽ ان پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي ان کي واضح ڪيو آهي.
    البرٽ آئن سٽائن (1955ع _ 1879ع) زمان ۽ مڪان جي باري ۾ جيڪو نظريو پيش ڪيو هو، تنهن کيس غير معمولي شهرت ڏياري. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي، ته آئن سٽائن جي سائنسي لحاظ کان اهميت ايتري نه هئي جيتري کيس ملي. ان جو ڇا سبب هو ان جي وضاحت هن طرح ڪئي وئي آهي، ته آئن سٽائن جي کوجنائن جو واسطو ڪائنات جي ابدي حقيقتن سان هو ۽ جيڪو انسان ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهو ماڻهن جي نظر ۾ خاص اهميت حاصل ڪري وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ هڪ مبصر پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو:
    ”جيڪو شخص ڪا اهڙي کوجنا ڪري، جنهن جي ذريعي اسان فطرت جي رازن جي گهري جهلڪ ڏسڻ جي قابل بڻجي وڃون، ته اهڙ ي شخص کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. البرٽ آئن اسٽائن کي جيڪا خصوصي عزت ملي، سا انهيءَ ڪري هئي جو هن اهڙي قسم جي ويچار ۽ فڪر تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي.“ (هندستان ٽائمز 15 مارچ، 1981ع)
    ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي، جو هو ان ڏس ۾ لاچار هو. منجهس موجود فطري ڪمزوريون سندس راهه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي سامهون آيون. ان هوندي به هيءُ سوال اڀري ٿو، ته جيتوڻيڪ قديم زماني کان وٺي پيغمبر پنهنجي تعليمات ۾ انهيءَ راز تان پردو هٽائيندا به رهيا پر انسان باوجود تلاش ۽ جستجوءَ جي، پيغمبرن جي جواب کي ڇو نه تسليم ڪيو؟
    اصل ۾ ان جو سبب هيءُ آهي، ته پيغمبر پنهنجي جواب سان گڏوگڏ جزا ۽ سزا ۽ جنت ۽ جهنم جو تصور به پيش ڪيو. اهو تصور ان ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿو، ته انسان پنهنجي ڇڙواڳ ۽ آزاد زندگيءَ کي ختم ڪري ۽ زمين تي هڪ قسم جي پابند زندگي بسر ڪري، انهي ڪري انسان پنهنجي تلاش بابت پيغمبر جي جواب کي مڃڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي. هو لڳاتار ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، ته هو فطرت جي رازن جو اهڙو حل دريافت ڪري جيڪو سندس تلاش جو جواب ته هجي، پر سندس زندگي هر قسم جي پابنديءَ کان آجي هجي ۽ گڏوگڏ مستقبل جي انديشن ۾ مبتلا ڪرڻ واري نه هجي. ڪيترائي ماڻهو نام نهاد روحاني شخصيتن جي جواب کي مڃي وٺندا آهن، پر پيغمبر جي جواب کي مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. ان جو سبب اهو ئي آهي، ته روحاني شخصيتن جي جواب ۾ صرف روحاني تسڪين آهي، ان ۾ روحاني انديشي جو خانو ڪونهي جڏهن ته پيغمبرن جو جواب انسان کان سندس ڇڙواڳي واري زندگي کسي وٺي ٿو ۽ سڄيءَ زندگي لاءِ کيس آخرت ۾ جوابدهيءَ جي احساس ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو.
    ڪاميابيءَ جو راز حقيقت سان موافقت ۾ آهي، نه ڪي حقيقت کان مُنهن موڙڻ ۾. جيڪڏهن اصل حقيقت اها ئي آهي، جنهن جي پيغمبرن رهنمائي ڪئي آهي، ته ان کان سواءِ ڪنهن ٻي حقيقت جي تلاش ۾ لڳڻ، پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ آهي. جيڪا شيءِ واقعي موجود نه هجي، ته پوءِ ڪوشخص ان کي ڪٿان آڻي سگهي ٿو!
    خارجي هدايت جي ضرورت:
    انسان آزاد پيدا ٿيو آهي پر کيس اهو معلوم نه آهي، ته هو پنهنجي آزاديءَ کي ڪهڙي طرح استعمال ڪري. ڪائنات جي هر غير جاندار شيءِ فطري قانون مطابق عمل ڪري رهي آهي ۽ هر جاندار پنهنجي جبلت مطابق. سموري دنيا ۾ صرف انسان ئي آهي، جنهن کي پنهنجي زندگيءَ جو نقشو پاڻ ئي بنائڻو پوي ٿو پر تجربي مان اهو واضح ٿئي ٿو، ته انسان پنهنجي سمورين اعليٰ صلاحيتن جي باوجود اهو نه ٿو ڄاڻي، ته هو پنهنجي زندگيءَ جو نقشو ڪيئن ٺاهي.
    ڪائنات ۾ ننڍي کان ننڍي اهڙي ڪابه شيءِ نه آهي، جيڪا باقي ڪائنات کان الڳ هجي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته انساني زندگيءَ جو نظام ٺاهڻ لاءِ ڪائنات جو علم گهربل آهي. انسان هن عظيم ڪائنات جو هڪ جزوي حصو آهي پر انهيءَ جُز، کي ان وقت سمجهڻ ممڪن ٿيندو، جڏهن ڪُل يعني سڀ جي باري ۾ اسان کي سمورو علم حاصل ٿي چڪو هجي. تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو، ته انسان ڪنهن به دور ۾ ان قابل نه ٿي سگهيو آهي، ته هو ڪائنات جي حقيقتن کي مڪمل طرح سمجهي سگهيو هجي. اڄوڪي سائنس اهو پڻ ثابت ڪيوآهي، ته انسان لاءِ، پنهنجن محدود صلاحيتن جي ڪري اهڙي قسم جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي.
    پاڻي پنهنجا رستا هيٺ مٿانهين مان ٺاهيندو ويندو آهي. جانورن کي سندن فطري طبيعت هڪ مقرر ڪيل راهه تي هلائي ٿي. جيڪڏهن فرض ڪجي، ته ائين نه به ٿئي، ته به انهن لاءِ ڪو به مسئلو نه آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي يا جانور فطري طور تي صحيح ۽ غلط جي احساس کان خالي هوندا آهن. سندن دنيا ۾ اهو ئي ٺيڪ آهي، جيڪو عملي طورتي ظاهر ٿيندو هجي. ان جي ابتڙ انساني مطالعي مان واضح ٿئي ٿو، ته غلط ۽ صحيح جو اخلاقي احساس سندس فطرت ۾ اهڙي طرح رکيل آهي، جو هو ان کي ڪنهن به طرح پاڻ کان جدا نه ٿو ڪري سگهي، پر انسان پنهنجي انهيءَ اخلاقي احساس کي خارجي طور مقرر ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس معلوم ٿي ويندو، ته هو ائين نه ٿو ڪري سگهي. انسان پنهنجي موجود حواسن سان ڪنهن اهڙي شيءِ کي يقيني طور ڄاڻي سگهي ٿو، جيڪا اسان جي نسبت سان پنهنجو ڪو معروضي درجو رکندڙ هجي. جڏهن ته تجربو ٻڌائي ٿو، ته انسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهي ٿو، جنهن ۾ معروضي قدرن جو ڪوبه وجود نه آهي.
    انسان پنهنجي زندگيءَ جي عملي صورت لاءِ جيڪو به قدم کڻي ٿو فوراً ٻه سوال سندس سامهون اچن ٿا، هڪ ته عمل جي شروعات ڪٿان کان ڪجي ۽ ٻيو هيءُ ته انهيءَ عمل جو نتيجو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ انهن ٻنهي سوالن جي جواب تي ئي عمل جي صحيح هجڻ جو دارومدار آهي پر انسان وٽ اهڙو ڪو به ذريعو موجود ڪونهي، جنهن سان هو انهن ٻنهي سوالن جو صحيح ۽ ٺيڪ جواب معلوم ڪري سگهي.
    مثال طور عورت ۽ مرد جي هڪ ٻئي سان تعلق جي مسئلي کي وٺو. جديد دور جو انسان، انهيءَ معاملي جو حل ٻنهي جنسن جي وچ ۾ مڪمل مساوات ۾ سمجهي ٿو پر طويل تجربي کان پوءِ معلوم ٿيو، ته هتي اهڙيون حياتياتي ۽ نفسياتي رڪاوٽون آهن، جو موجوده تخليقي نظام جي موجودگيءَ ۾ ٻنهي جنسن جي وچ ۾ مڪمل مساوات ممڪن ئي نه آهي. اهڙي طرح غلط نقطي کان شروعات ڪرڻ جي ڪري نه صرف بي شمار انساني وسيلا ضايع ٿي ويا، بلڪه اهڙا نوان نوان سماجي ۽ خانداني مسئلا پڻ پيدا ٿي پيا جن جو ڪو به حل هن وقت انسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
    هڪ ٻيو مسئلو اهم آهي، سو هيءُ آهي، ته حيوانن جي مقابلي ۾ انسان جي اندر هڪ حيرت انگيز خواهش اها آهي، ته منجهس سڀاڻي(tomorrow) جو تصور موجود آهي، هو صرف اڄ (Today) تي قناعت نه ٿو ڪري. ان سان گڏوگڏ اسان اهو به ڏسون ٿا، ته اسان جي موجوده زندگي انتهائي مختصر آهي ۽ ان جون خوشيون ۽ ڪاميابيون بي حد معمولي آهن. جڏهن اسان کي اهو سڀ ڪجهه حاصل ٿي وڃي ٿو، جيڪو اسان چاهيون ٿا ته ان وقت موت جو وقت ويجهو اچي پهچي ٿو. موجوده دور جي ٽيڪنيڪي انقلاب کان پوءِ جڏهن انسان ڏٺو، ته هِن لاءِ عيش ۽ راحت جا اهڙا دروازا کلي پيا آهن، جيڪي کانئس اڳ جي انسانن خواب ۾ به نه ڏٺا هوندا، ته سمجهيو ويو، ته صرف موجوده زندگي ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ هتي جي عزت ۽ خوشي حاصل ڪرڻ ئي انسان جي حقيقي ڪاميابي آهي. اڃا انسان هڪ صدي به ان نئين امڪان جي لذت پوري طرح ماڻي نه سگهيو هو، جو نت نوان مسئلا مثال طور صنعتي گدلاڻ سندس زندگيءَ کي بلڪل ئي بي چين ۽ بي مزه بڻائي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ هڪ طرف سائنس مخالف تحريڪ، مختلف شڪلين ۾ سامهون آئي، ته وري ٻئي طرف نفسياتي تحقيقات اهو ثابت ڪرڻ شروع ڪيو ته زندگي هڪ اهڙي حقيقت آهي، جيڪا جسماني موت کان پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ باقي رهي ٿي. ايستائين جو علم الموت (Thanatalogy) جي نالي سان سائنس جي هڪ نئين شاخ وجود ۾ اچي چڪي آهي؛ جيڪا ان ڳالهه جي تحقيق ۾ سرگرم آهي، ته ڇا موت ۽ حياتي ٻئي هڪ ٻئي جا حصا آهن؟ اهڙن واقعن هڪ دفعو ٻيهر انسان کي مجبور ڪيو آهي ته هو پنهنجي لاءِ زندگيءَ جي ڪنهن صحيح ترين فلسفي جي تلاش ڪري. مٿي بيان ڪيل جن نُڪتن ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، ان جون صرف ٻه وضاحتون ممڪن آهن. هڪ هيءَ ته انسان هڪ مڪمل ڪائنات ۾ هڪ نامڪمل وجود جي حيثيت رکي ٿو، هو هڪ اهڙي ڪائناتي تضاد جي علامت آهي، جنهن جو ڪو واضح حل هن دنيا ۾ موجود نه آهي. ٻيو هيءُ ته انهيءَ تضاد جو به حل آهي يا گهٽ ۾ گهٽ ٿي سگهي ٿو. تجرباتي علمن جي روشنيءَ ۾ ٻنهي وضاحتن مان ڪنهن جي به حق ۾ ڪوبه يقيني ثبوت موجود نه آهي. ان هوندي به عقلي اندازن جي روشنيءَ ۾ ٻي وضاحت کي صحيح هئڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ ته هيءَ عظيم ڪائنات جهڙي طرح فطرت جي قانون ۽ قدرتي تنظيم تحت انتهائي منظم نموني حرڪت ڪري رهي آهي؛ ان کي ڏسندي اها ڳالهه عقل کان ٻاهر معلوم ٿئي ٿي، ته کانئس گهٽ درجي واري هڪ سوال جو جواب وٽس نه هجي، جيڪا تخليقي قوت آسماني ڪائنات جي عجيب و غريب نظام کي گردش ۾ آڻي رهي آهي ۽ هر جاندار مخلوق جي انتهائي پيچيده زندگيءَ کي ڪاميابي سان استعمال ڪري رهي آهي، تنهن وٽ انهي جي مقابلي ۾ هڪ ننڍڙي مسئلي جو حل نه هجي، اهو ڪنهن به طرح عقل ۽ فهم جي قابل نظر نه ٿو اچي. اها ڳالهه انساني وس کان ٻاهرآهي، ته هو پاڻ پنهنجي حياتيءَ جو فلسفو ڳولي لهي. البت خارجي صورتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ڪائنات ۾ انهيءَ انساني طلب جو انتظام هئڻ گهرجي، جهڙي طرح ڪائنات جي ٻين بي شمار ضرورتن جو انتظام ان جي اندر موجودآهي.
    مذهب دراصل اها خارجي هدايت ئي آهي؛ جيڪو وحيءَ جي صورت ۾ خدا جي طرفان اچي ٿو. اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ هيءُ سمجهيو پئي ويو، ته مذهب صرف هڪ سماجي يا نفسياتي فريب آهي پر جديد تحقيقات اڳ کان وڌيڪ اڄ مذهب جي صداقت کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي.


    نـبـوي عـلم

    موجوده دور ۾ فطري علمن (Natural Sciences) کي وڏي شهرت حاصل آهي. فطرت بابت انساني دريافتن انسان کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. پر حقيقت هيءَ آهي، ته اسان علم جي ذريعي فطرت جي رڳو ڪجهه ظاهري پهلوئن کي واضح ڪري سگهيا آهيون. ڪائنات جي حقيقت ان کان گهڻو وڌيڪ آهي جيڪا انساني لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي.
    وسيع خلا ۾ ڦهليل دنيائون ان کان وڌيڪ حقيقتون سانڍيو ويٺيون آهن، جيڪي دوربين جي ذريعي اسان کي نظر اچن ٿيون. پهاڙن جي نظارن ۾ انهيءَ کان وڌيڪ گهرا داستان لڪل آهن، جن کي ڪيمرا جي اک محفوظ ڪري ٿي. پکين جا چهچٽا ان کان به وڌيڪ وڏيون ڪهاڻيون ٻڌائي رهيا آهن، جيڪي هوا جي ذريعي اسان تائين پهچي رهيون آهن. وڻ ان کان وڌيڪ سبق ڏئي رهيا آهن، جيڪو ڪاٺ ۽ ميون جي صورت ۾ اسان کي حاصل ٿئي ٿو.
    ڪائنات کان واقفيت جي هڪ سطح اها آهي جيڪا انساني علمن جي ذريعي حاصل ٿئي ٿي. پوءِ ٻي سطح جي علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ اهو ذريعو وحي يا نبوي علم آهي. نبي سڳورا جنهن علم کي اسان جي آڏو واضح ڪن ٿا، ان مطابق هن ڪائنات جي پٺيان هڪ عظيم خدا آهي. هن ڪائنات جي نظام کي خدا غير محسوس انداز ۾ هلائي رهيو آهي. هيءَ دنيا عارضي آهي. هن کان پوءِ هڪ ٻي دنيا ايندي، جيڪا هميشه لاءِ هوندي ۽ ۽ مڪمل پڻ.
    انهيءَ پيغمبرانه علم جي روشنيءَ ۾ جڏهن ڪائنات جو مطالعو ڪيو ويندو، ته هيءَ ڪائنات هڪ ٻي ڪائنات نظر اچڻ لڳندي. هاڻي ڏسڻ واري کي خالق جون تجليون نظر اينديون، هاڻي ٻڌڻ واري کي سندس ڪنن ۾ خدائي آواز گونجندي ٻڌڻ ۾ ايندو، هاڻي کيس ڪائنات جي سرگرمين ۾ فرشتن جي حرڪت نظر ايندي، هينئر ڪائنات جي هر منظر سان کيس آخرت ڳنڍيل ڏسڻ ۾ ايندي.
    انساني علم جي روشنيءَ ۾ هيءَ ڪائنات منزل نظر اچي ٿي، پر پيغمبرانه علم جي روشنيءَ ۾ اها گذرگاهه ۽ واٽ بڻجي وڃي ٿي. انساني علم جو استعمال اسان کي صرف چند ڏينهن جو داڻو پاڻي مهيا ڪري ٿو، جڏهن ته پيغمبرانه علم اسان کي رڳو هن ڪائنات کي اسان لاءِ ابدي خوراڪ جو ذريعو بنائي ٿو. انساني علم، صرف مخلوقات سان ملائي ٿو جڏهن ته پيغمبرانه علم اسان کي ڪائنات جي خالق سان ملائي ڇڏي ٿو.
    پيغمبرانه علم درحقيقت حقيقي علم جو ٻيو نالو آهي.


    خدائي تشبيهون

    دنياوي شين کي قرآن پاڪ ۾ آيتون (نشانيون) چيو ويو آهي، يعني اهي خدا جي خدائي جي سڃاڻپ ڪرائين ٿيون. هن دنياوي مخلوقات جي آئيني ۾ خالق جي جهلڪ نظر اچي ٿي. هتي مادي واقعن مان رباني حقيقتن جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو. ان لحاظ کان خدا جي مخلوقات ڄڻ خدا جون نشانيون آهن. هيٺ ان قسم جي ڪجهه نشانين جو ذڪر ڪجي ٿو.

    دماغ هڪ نشاني:
    انسان کي روزانو ننڊ اچي ٿي، جنهن ڪري هو سمهي پوي ٿو. کيس وقت تي بک لڳي ٿي، ته کاڌو کائي ٿو. اهي سڀ کان وڌيڪ عام تجربا آهن، جيڪي هر انسان کي پيش اچن ٿا، چاهي امير هجي يا غريب، ان سان گڏوگڏ اهو به عام تجربو آهي ته جيڪڏهن دماغ کي ڪو اوچتو جهٽڪو لڳي ٿو ته ننڊ ۽ بک ٻئي ختم ٿيو وڃن. هاڻي رات اچي ٿي پر ماڻهو سمهي نه ٿو سگهي، کائڻ جو وقت اچي ٿو پر کاڌو کائڻ لاءِ دل ئي نه ٿي چوي.
    جديد تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته انهيءَ سموري معاملي جو واسطو دماغ سان آهي. انساني جسم ظاهر ۾ ته سببن جي هڪ نظام جو ٻيو نالو آهي پر هيءُ نظام دماغ جي حڪم سان عمل ڪري ٿو. دماغ حڪم ڏئي ٿو، ته ننڊ اچي ٿي، دماغ حڪم ڪري ٿو ته بک لڳي ٿي ۽ انسان کاڌو کائي ٿو. جڏهن دماغ ڪنهن اوچتو پيش آيل واقعي جي ڪري منتشر ٿي وڃي، ته هو پنهنجي معمول جا حڪم نه ٿو ڏئي سگهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهڙي صورتحال ۾ جسم جو نظام ناڪاره بنجي وڃي ٿو. اهڙو انساني واقعو ننڍڙي سطح تي هڪ وڏي واقعي کي سمجهڻ لاءِ هڪ مثال آهي. ان سان خدا جي خدائي کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ٿي.
    دماغ جو جيڪو تعلق جسم سان آهي، ساڳيو ئي تعلق خدا جو سموري ڪائنات سان آهي. ڪائنات ظاهر ۾ هڪ مڪمل نظام آهي. ان جي جوڙجڪ علت ۽ معلول، سبب ۽ مسبب (law of causes and effect) جي قانون سان جڙيل نظر اچي ٿي پر انهن سڀني مٿان هڪ برتر دماغ آهي ۽ اها باري تعاليٰ جي ذات آهي. دنيا جو هر واقعو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن خدا پاڪ پاڻ ان جو حڪم ڏئي ٿو. رات ۽ ڏينهن جو بدلجڻ، فصلن جي اوڀڙ، برسات جو وسڻ، زندگي ۽ موت جا واقعا سڀ خدا تعاليٰ سنئون سڌو ڪنٽرول ڪري رهيو آهي. قرآني لفظن ۾ هيءُ سمورو ”کُن فيکون“ جو نظام آهي. خدا جنهن شيءِ جي ٿيڻ جو چوي ٿو، سا ٿي وڃي ٿي ۽ خدا جنهن شيءِ جي نه ٿيڻ جو حڪم ڪري، سا نٿي ٿئي. موجوده دنيا کي اهڙي طرح بڻايو ويو آهي، جو هتان جا مادي واقعا اصلي حقيقتن جي مثالي تشبيهه بڻجي ويا آهن: دماغ ۽ جسم جو تعلق خدا ۽ ڪائنات جي تعلق جي مثال وانگر آهي. جيڪڏهن ڪو شخص چاهي، ته خود پنهنجي ذات ۾ غور و فڪر ڪرڻ وسيلي خدا جي معرفت حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن نه چاهي ته سموري ڪائنات به کيس معرفت تائين پهچائڻ لاءِ ڪافي نه آهي.

    زبان وارا بي زبان ٿي ويندا:
    نئين دهليءَ ۾ ڪن اهم رستن تي سوارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ نئون نظام قائم ڪيو ويو آهي، هتي رستن مٿان وڏيون ٽي وي ڪيمرائون لڳل آهن، جن سان ايندڙ ويندڙ سوارين جا فوٽو ورتا وڃن ٿا. اهي فوٽو مشيني انتظام ذريعي هڪ الڳ ڪمري (ڪنٽرول روم) ۾ پهچن ٿا، جتان هڪ سرڪاري انسپيڪٽر ماڻهن جي نظرن کان دور ويهي، سندن هر حرڪت کي هڪ وڏي پردي تي ڏسندو رهي ٿو، بلڪل ايئن جيئن اوهان ڪنهن منظر کان پري هوندي، ان کي پنهنجي گهر جي ٽيلي ويزن تي ڏسندا آهيو. ان سان گڏوگڏ رستي تي لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن. بند ڪمري ۾ ويٺل همراهه جڏهن ڪنهن مسافر کي غلط هلندي ڏسي ٿو، ته فوراً لائوڊ اسپيڪر تي کيس تنبيهه ڪري ٿو. مسافر ڳالهائڻ واري جو آواز ته ٻڌي ٿو پر ڳالهائڻ واري کي ڏسي نه ٿو سگهي.
    هڪ ڏينهن ائين ٿيو، جو هڪ رڪشا هلائيندڙ پنهنجو رڪشا اهڙي جڳهه تي اچي بيهاريو، جتي سواري بيهارڻ جي منع ٿيل هئي. انسپيڪٽر پنهنجي ڪمري جي اسڪرين تان کيس ڏٺو ۽ فوراً لائوڊ اسپيڪر تان کيس خبردار ڪيو، ته تو پنهنجو رڪشا منع ڪيل جڳهه تي بيهاريو آهي، انڪري فوراً اتان پنهنجو رڪشا هٽائي وڃ. رڪشا واري جي ڪن تي آواز ته پهتو، پر هُن ان جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ڇاڪاڻ ته کيس آسپاس پوليس جي ورديءَ ۾ ڪوبه شخص نظر نه اچي رهيو هو، اهو مشيني نظام جيئن ته تازو ئي لڳايو ويو هو تنهن ڪري رڪشا واري کي خبر نه هئي، انڪري اعلان جا لفظ ته فضا ۾ گونجي رهيا هئا، پر رڪشا واري ان کي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ جي به ڪوشش نه ڪئي. هوڏانهن انسپيڪٽر انهيءَ سموري روئيداد کي پردي تي ڏسي رهيو هو. جڏهن هن ڏٺو، ته رڪشا وارو مسلسل سندس هدايتن کي نظر انداز ڪري رهيو آهي، ته انسپيڪٽر پنهنجي هڪ سپاهيءَ کي موڪلي ڊرائيور کي چالان ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سپاهي جڏهن رڪشا واري وٽ پهتو، ته هن پنهنجي غلطي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي صفائي پيش ڪندي چيو ته هو سواريءَ کي لاهڻ لاءِ صرف هڪ منٽ لاءِ رڪيو هو ۽ هاڻي هو پنهنجي رستي سان اڳتي وڃي رهيو آهي.
    ان کان پوءِ سپاهي رڪشا واري کي ڪنٽرول روم ۾ وٺي ويو، اتي موجود انسپيڪٽر جي سامهون به هن اهائي ڳالهه چئي، جيڪا سپاهيءَ کي چئي هئائين. انسپيڪٽر جڏهن ڏٺو، ته رڪشا وارو پنهنجي غلطيءَ جو اقرار نه ٿو ڪري، ته هن پنهنجي مشين کي پٺتي ڦيرايو ۽ رڪشا واري فلم سندس سامهون هلائي. اوچتو پردي تي رڪشا وارو نظر اچڻ لڳو. هاڻي هو مشين جي سامهون پنهنجي سموري ڪيل حرڪت کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هو. هن ڏٺو ته هو رڪشا هلائيندو آيو. ان کان پوءِ کيس نظر آيو ته هن پنهنجو رڪشا انهيءَ جڳهه تي روڪيو، جتي گاڏي بيهارڻ جي منع هئي. ان کان پوءِ هو رڪشا تان هيٺ لٿو، ڪافي دير تائين بي فڪر ٿي، هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهيو. اطمينان سان پنهنجي دوست سان ڪچهري ڪندو ۽ سگريٽ پيئندو رهيو، ايتري تائين جو انسپيڪٽر جو موڪليل سپاهي وٽس اچي پهتو. هن پنهنجو رڪشا جلديءَ ۾ هلائڻ شروع ڪيو ۽ اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هو راهه هلندي هڪ منٽ لاءِ هتي رُڪيو هو ۽ هاڻي اڳتي وڃي رهيو آهي، اهڙي طرح رڪشا واري پنهنجي سموري ڪهاڻي، متحرڪ تصويرن جي شڪل ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺي. انهيءَ کان اڳ رڪشا وارو انسپيڪٽر جي ڳالهين جو انڪار ڪري رهيو هو. وٽس پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ بي شمار لفظ هئا پر پردي تي جڏهن ماضيءَ جي سموري داستان کي سندس سامهون ورجايو ويو، ته سندس زبان بند ٿي وئي. وٽس ڳالهائڻ لاءِ لفظن جو ذخيرو ختم ٿي ويو. انهيءَ منظر کي ڏسندي ئي سندس اهڙو حال ٿي ويو، ڄڻ گونگو هجي. هاڻي وٽس ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. هُن جو ڏوهه اهڙي ته واضح نموني سان ثابت ٿي ويو، جو هاڻي هن لاءِ پنهنجي گناهه جو انڪار ڪرڻ ممڪن ئي نه رهيو ۽ هو خاموش ٿي ويو. سندس خاموشي هر لحاظ کان هن جي جرم جو اقرار بنجي وئي.(هندوستان ٽائيمس، 20 فيبروري 1980)
    قرآن پاڪ ۾ ارشاد خداوندي آهي ”تون اي پيغمبر! چئو، ته سڀ تعريفون الله تعاليٰ جي لاءِ آهن، هو توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريندو، ان وقت توهان انهن کي سڃاڻندؤ جن شين جي توهان کي خبر ڏني وڃي ٿي. (سَیُرِیۡکُمۡ اٰیٰتِہٖ فَتَعۡرِفُوۡنَہَا سوره النمل، 93)
    مٿين قسم جا واقعا جيڪي موجوده زماني ۾ پيش اچي رهيا آهن؛ سي شايد انهيءَ اڳڪٿيءَ جي تصديق لاءِ آهن. الله جي طرف سڏڻ وارا، ماڻهن کي آخرت متعلق خبردار ڪري رهيا آهن، پر اهو انسان خدائي آواز ڏانهن توجه ئي نه ٿو ڏئي. پنهنجو پاڻ کي حق ۽ سچ تي هئڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ وڏا دليل پيش ڪري رهيو آهي. حق جي طرف سڏيندڙ جي پيغام کي رد ڪرڻ جي باوجود هُو پنهنجو پاڻ کي محفوظ ۽ مطمئن محسوس ڪري رهيو آهي، حق جي دعوت ڏيندڙ کي مڃڻ ۽ ان جو ساٿ ڏيڻ کيس ائين نظر اچي ٿو ڄڻ کيس ان جي ضرورت ئي نه هجي، پر سندس سموري زندگي ايستائين جو سندس دل ۾ اڀرندڙ ارادا به خدا جي نه نظر ايندڙ انتظام جي ذريعي محفوظ ڪيا پيا وڃن. قيامت جي ڏينهن جڏهن هر ماڻهوءَ جي سامهون ان جي گذريل زندگي جي فلم ٻيهر ورجائي ويندي ته هو پنهنجي سوچ، قول ۽ عمل کي اکين سان ڏسندو ۽ ڪنن سان ٻڌندو. ان وقت انسان جو اهڙو ئي حال ٿيندو، جنهن جو هڪ معمولي نقشو مٿي بيان ڪيل رڪشا واري جي انجام ۾ نظر اچي رهيو آهي. انسان ان وقت اهڙو بد حواس ٿي ويندو، جو پنهنجا لفظ ڀلجي ويندو. سندس دليل ان وقت بي معنيٰ بڻجي ويندا. سندس انڪار ان وقت اهڙو ته واضح ۽ ثابت ڏسڻ ۾ ايندو، جيئن هن ڪائنات ۾ چمڪندڙ سج ۽ چنڊ صاف ۽ روشن نظر اچن ٿا.

    ٻڌڻ وارو ٻُڌي رهيو آهي:
    آمريڪا جي خفيه اداري (N.S.A) جي هڪ اڳوڻي آفيسر جو ڪتاب شايع ٿيو آهي جنهن جو نالو The Puzzle Place آهي. هن ڪتاب جي مصنف وڏا دلچسپ انڪشاف ڪيا آهن. انهن مان هڪ هيٺ نقل ڪيو ن ٿا:
    آمريڪا مان روزانو ٽيليفون، ٽيليڪس ۽ تار جي ذريعي اندازاََ هڪ ملين کان وڌيڪ پيغام موڪليا وڃن ٿا. جديد نظام مطابق اهي پيغام پهريائين ورجينا جي زميني اسٽيشن تي پهچن ٿا ۽ اتان پوءِ اهي مصنوعي سياري ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، جيڪو 2300 ميل بلنديءَ تي زمين جي چئني طرفن کان گهمي رهيو آهي. هيءُ سمورو عمل انتهائي تيز رفتاريءَ سان هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو، ته هر مشيني پيغام، جيڪو آمريڪا کان ٻاهر وڃي ٿو يا آمريڪا جي اندر اچي ٿو، سو اصلي مخاطب کان پهريائين آمريڪي حڪومت تائين پهچي ٿو. تنهن ڪري ان آمريڪا جا ڳجها ادارا جنهن شخص جي پيغام کي پڙهڻ چاهين ٿا، ان جو نمبر زميني اسٽيشن جي آفيس ۾ لکرائي ڇڏين ٿا، جتي ان شخص جي گفتگو ۽ پيغام پاڻ مرادو ڪم ڪندڙ اوزارن جي ذريعي رڪارڊ ٿيندا رهن ٿا. ان لحاظ کان جيڪڏهن توهان واشنگٽن کان دهليءَ لاءِ فون ڪندؤ، ته توهان جي وات مان جيڪي به لفظ نڪرندا، سي توهان جي مخاطب کان اڳ ۾ ئي آمريڪي حڪومت ٻڌي چڪي هوندي. ٽائيمس آف انڊيا (19 ڊسمبر 1982ع) جي آمريڪي نمائندي ان متعلق خبر ڏني جنهن جو عنوان هن طرح آهي: ”هوشيار! آمريڪا اوهان جي گفتگو ٻڌي رهيو آهي.“
    اهڙي قسم جا واقعا خدائي نشاني آهن. اهي واقعا ان لاءِ ٿي رهيا آهن، ته جيئن انسان پنهنجي زبان احتياط سان استعمال ڪري. ڪو شخص ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان غلط ڳالهه ڪري ٿو ته سمجهي ٿو ته مان صرف هڪ شخص سان ڳالهائي رهيو آهيان پر ڳالهائيندڙ کي سمجهڻ گهرجي ، ته اها ڳالهه سندس مخاطب کان اڳ خدا وٽ پهچي وڃي ٿي. مٿيون ذڪر ڪيل واقعو ڄڻ ان ڳالهه جو اعلان آهي ته اي انسان! هوشيار ٿي، ڇا ڪاڻ ته تنهنجي هر ڳالهه کي الله تعاليٰ ٻڌي رهيو آهي.

    ريموٽ ڪنٽرول:
    موجوده زماني ۾ انساني لغت ۾ جن نَون لفظن جو اضافو ٿيو آهي، انهن مان هڪ لفظ ريموٽ ڪنٽرول آهي، يعني پري کان ڪنهن ظاهري واسطي کانسواءِ ڪنٽرول ڪرڻ. موجوده دور ۾ تمام گهڻيون اهڙيون صورتون پيدا ٿي چڪيون آهن، جن ۾ سگنل يا پيغام تارُن جي ذريعي نه ٿو موڪليو وڃي. مثلاً چرپر ڪندڙ سواريون. مثلاً هوائي جهاز يا خلائي جهاز وغيره. اهڙي قسم جي مشينن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ لاءِ ريموٽ ڪنٽرول يا ريڊيو ڪنٽرول جو طريقو اختيار ڪيو وڃي ٿو.
    اهڙين حالتن ۾ علامتي ڪوڊ جي شڪل ۾ ڳجهو اشارو موڪليو ويندو آهي. واسطيدار مشين ۾ هڪ رسيور لڳل هوندو آهي جيڪو گهربل فريڪوئنسيءَ تي اُن کي وصول ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو آهي. موجوده زماني ۾ هيءَ طريقو ڪيترن ئي ڪمن ۾ ڪثرت سان استعمال ٿي رهيو آهي.
    ريموٽ ڪنٽرول جو طريقو هاڻي ان حد تائين ترقي ڪري چڪو آهي، جو ان سان خلا ۾ پنهنجي مدار ۾ ڦرڻ وارين مشينن کي زمين تان انتهائي محفوظ طريقي سان هدايتون ڏيئي سگهجن ٿيون ۽ انهن جي نگراني به ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن ان جي اندر ڪا خرابي پيدا ٿي پوي ته ڪنهن مادي وسيلي کان سواءِ رڳو ريڊيائي لهرن وسيلي زمين تان ئي ان کي درست ڪيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو انهي ايجاد، فساد پکيڙيندڙن کي به جديد موقعا فراهم ڪيا آهن. جيئن 25 مئي 1985ع تي ڪويت جي امير جي ڪار جي ڀرسان جيڪو بم ڦاٽو هو، سو پري کان ڪنٽرول ٿيندڙ بم هو.
    ريموٽ ڪنٽرول جوهيءُ نظام هڪ معنوي حقيقت جو مادي صورت ۾ عملي مظاهرو آهي. هيءُ مظاهرو عملي مثال جي صورت ۾ اهو ٻڌائي رهيو آهي، ته خدا هن وسيع ڪائنات کي بغير ڪنهن واسطي جي ڪنٽرول ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق ان کي هلائي رهيو آهي. ريموٽ ڪنٽرول ريڊيو جيتوڻيڪ هڪ انساني واقعو آهي پر ان ڪائنات جي عظيم ترين خدائي واقعي کي سمجهڻ لاءِ بلڪل آسان بڻائي ڇڏيو آهي.
    ڇا توهان چاهيو ٿا، ته جڏهن اوهان موڪلن ۾ پنهنجي گهر کان ٻاهر هجو ته ان دوران به پنهنجي گهر جي دروازن جا پردا کولي ۽ بند ڪري سگهو يا گهر کان پري هوندي به ان ڳالهه کي ڄاڻي سگهو ته توهان جو ٻاهريون دروازو بند آهي يا نه؟ اهڙي طرح جيڪڏهن اوهان چاهيو ، ته پنهنجي گهر پهچڻ کان پهريائين ئي پنهنجي گهر جو ايئر ڪنڊيشنر چالو ڪري ڇڏيو؟ اهي سڀ ڪم اڄڪلهه آسانيءَ سان ڪري سگهو ٿا. جاپان جا تيار ڪيل پاڻ مرادو ڪم توهان ڪندڙ اوزار پنهنجي گهر ۾ لڳرائي، اوهان پنهنجي خالي گهر ۾ ٽيليفون جي ذريعي اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا.
    انهيءَ مشيني نظام جو نالو ٽيلي ڪنٽرول سسٽم آهي. انهيءَ سسٽم کي گهر جي مختلف شين سان ڳنڍي سگهجي ٿو. مثلاً ايئرڪنڊيشنر، برقي تالا، ڪُڪر ۽ لائٽ وغيره. اڄڪلهه گهر جي خودڪار سامان ۾ ٻيون به ڪيتريون شيون شامل ٿي چڪيون آهن: مثلاً باهه يا چوريءَ کان بچڻ لاءِ برقي آواز سان حفاظت. اهڙي طرح موبائيل ٽيليفون ۽ انٽرڪام سرشتو، جيڪو مختلف ڪمرن کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکي ٿو.
    ٽيلي ڪنٽرول نظام سان انسان گهر جي برقي شين کي کولي ۽ بند ڪري سگهي ٿو. هو پري کان باهه جو پتو لڳائي سگهي ٿو، گيس جي خارج ٿيڻ کي معلوم ڪري سگهي ٿو. مخصوص اوزارن جي ذريعي چوريءَ جو پتو ڪري سگهي ٿو، اهو سڀ ڪجهه ڪوڊ (اشاري) جي شڪل ۾ پيغام موڪلڻ سان ٿئي ٿو.
    خدا ڪائنات جي هر شيءِ کي ڪنٽرول ڪري ٿو اها ڳالهه اڳ ۾ هڪ عقيدو هئي پر هاڻي اها هڪ اهڙي حقيقت بنجي چڪي آهي، جنهن کي اسان معلوم واقعن ذريعي نهايت آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا. مٿي ذڪر ڪيل ٽيلي ڪنٽرول نظام هڪ گهر جي دائري ۾ انهيءَ واقعي جو ڄڻ ابتدائي مظاهرو آهي: جنهن کي خدا پنهنجي وسيع ڪائنات ۾ وڌيڪ ڪامل انداز ۾ قائم رکيو آهي.

    ڪُن فيڪون
    اڄڪلهه جيڪي موٽرڪارون رستن تي ڊوڙندي نظر اچن ٿيون، سي انهيءَ مشيني اصول تي بنايون ويون آهن، جيڪو نڪولاس آٽو 1876ع ۾ دريافت ڪيو هو. ان هوندي به ڪجهه سالن کان ڪارن جي دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ٿيو آهي. هاڻي ته اهڙيون ڪارون به ٺهي رهيون آهن، جن جي انجڻ سان هڪ ڪمپيوٽر لڳايو ويو آهي، جيڪو ڪيترائي ڪم پاڻ مرادو سرانجام ڏئي ٿو، مثلاً اهو ٻڌائي ٿو، ته سيٽ بيلٽ ٻڌو، هڪ دروازو صحيح طرح بند نه آهي، اوهان جي گاڏيءَ ۾ پيٽرول گهٽ آهي، وغيره. اهڙين ئي نئين ايجادن مان هڪ هيءَ به آهي، ته ڊرائيور پنهنجي ڪار کي زباني هدايتون ڏئي سگهي ٿو، هو پنهنجي هٿ ۾ ڪنهن شيءِ کي ڇُهڻ کان سواءِ زبان سان لفظ ڳالهائي، ان کي ڪوبه حڪم ڏئي سگهي ٿو. هڪ آمريڪي رسالي (Span) جي، مئي 1984ع جي شماري ۾، ان سلسلي ۾هڪ رپورٽ شايع ٿي آهي جنهن ۾ هن طرح جا لفظ درج ٿيل آهن:
    ”...... ۽ اوهان پنهنجي ڪار سان ڳالهائي سگهو ٿا، فورڊ موٽر ڪمپنيءَ هڪ اهڙو سرشتو تيار ڪيو آهي، جنهن ذريعي زباني حڪم سان ڪار جي بتي ٻري وڃي ٿي، شيشي کي صاف ڪرڻ وارا وائيپر هلڻ لڳن ٿا، اهڙي طرح ٻيو برقياتي نظام حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو.“ يعني ڊرائيور کي بتي ٻارڻي هوندي، ته ان لاءِ بٽڻ کي دٻائڻو ڪونه پوندو صرف زبان سان چوندو ”بتي ٻري پئو“ ته ٻتي ٻري پوندي، اهڙي طرح جيڪڏهن کيس وائيپر هلائڻو هوندو، ته ان لاءِ بٽڻ کي پنهنجي هٿ ۾ نه وٺندو پر صرف ايترو چوندو ته ”وائيپر هلڻ شروع ڪر“ ته فوراً وائيپر هلڻ لڳندو. انهيءَ مشيني ايجاد قرآن پاڪ جي آيت ”ڪن فيڪون“ (البقره 117) کي اڄ جي انسان لاءِِ سمجهڻ جوڳو بنائي ڇڏيو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي طرح زبان مان نڪتل آواز ڪنهن شيءَ کي وجود ۾ آڻي ٿو ۽ پورو سرشتو حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو، خدا جي ”ڪن فيڪون“ واري اصل حقيقت کي انسان نه ٿو ڄاڻي سگهي: پر موجوده زماني جي مشيني واقعن، انهيءَ حقيقت کي نه سمجهڻ وارن کي، سمجهڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو آهي.

    کَل (چمڙي) ڳالهائيندي
    ڊاڪٽر آرلين ڪارني آمريڪا جي اليونائز يونيورسٽي ۾ سمعيات يعني ٻڌڻ جي علم جو ماهر آهي. سندس تحقيق مطابق انسان جي چوڌاري جيڪي آواز اڀرن ٿا، سي انسان جي کل تي اهڙي طرح نقش ٿي وڃن ٿا، جهڙي طرح رڪارڊ جي مٿان آواز نقش ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر ڪارني مختلف تجربن کان پوءِ ٻڌائي ٿو، ته مخصوص اوزارن جي ذريعي کَل تي اُڪريل آوازن جي لهرن کي اهڙي طرح ورجائي سگهجي ٿو، جيئن رڪارڊ جي آواز کي گرامو فون تي ورجائي ٻڌي سگهجي ٿو.
    ڊاڪٽر موصوف ان کي کل جو آواز (Skin Speech) نالو ڏنو آهي. سندس اهو به چوڻ آهي، ته جن ماڻهن جي ڪنن جو پردو خراب ٿي ويو هجي ۽ هو آواز کي صحيح طرح ٻڌي نه سگهندا هجن، سي مخصوص برقياتي آوازن جي ذريعي پنهنجي کل کي ڪن بدران ٻڌڻ جو متبادل ذريعو بڻائي سگهن ٿا يعني کل سان هر قسم جي آواز جي لهرن ذريعي اهڙي طرح ٻڌي سگهن ٿا، جهڙي طرح ڪَن جي ذريعي ڪو شخص ٻڌي ٿو، (ٽائمس آف انڊيا _ 30 مئي 1984)
    انهيءَ تحقيق کي سامهون رکندي، قرآن پاڪ جي سوره ٤١ جي انهن آيتن کي پڙهيو وڃي، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:
    ”۽ جنهن ڏينهن الله جا دشمن باهه جي طرف آندا ويندا. پوءِ جڏهن اهي پيش ٿيندا، ته انهن جون اکيون، ڪن ۽ کلون سڀ سندن عملن جي شاهدي ڏيندا. اهي ان وقت پنهنجين کلن کي چوندا ته توهان اسان جي خلاف شاهدي ڇو ڏني؟ هو جواب ۾ چونديون، ته الله اسان کي ڳالهائڻ جي طاقت ڏني آهي، جنهن هر شيءِ کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪئي آهي، انهيءَ ئي توهان کي پهريان به پيدا ڪيو ۽ اُن ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ ۽ توهان دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي ان کان لڪائي نه سگهندا هئا، ته توهان جا ڪن، توهان جون اکيون ۽ توهان جون کلون شاهدي ڏينديون. توهان ته اهو گمان ڪيو هو ته الله کي به ان جي خبر نه آهي، جيڪو توهان ڪندا هئا ۽ توهان جيڪو پنهنجي رب سان گمان ڪيو، تنهن توهان کي هلاڪ ڪيو. ۽ پوءِ توهان نقصانڪارن مان ٿي پيا.“ (حٰم سجده 19 _ 23)
    آمريڪي پروفيسر جي مٿ ڄاڻايل تحقيق اڄوڪي انسان لاءِ ان ڳالهه کي سمجهڻ جوڳو بڻايو آهي، ته ڪيئن نه انسان جي کل سندس عملن جو رڪارڊ بڻجي ويندي ۽ اها قيامت جي ڏينهن انسان جي خلاف اهڙي طرح شاهدي ڏيندي، جنهن کان انڪار ڪرڻ جي گنجائش باقي نه رهندي.
    هيءَ دريافت هڪ طرف قرآن پاڪ جي الهامي هئڻ جو حيرت انگيز ثبوت آهي ته وري ٻئي طرف هڪ اهڙي واضح حقيقت آهي جيڪا جيڪڏهن ڪنهن شخص جي دل ۾ ويهي رهي، ته کائنس ظلم ۽ سرڪشيءَ جو مزاج کسي وٺي ٿي.

    اسپيچ ٽيڪنالوجي
    اڳ ڪنهن مشين کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ ضروري هو ته انسان پنهنجي هٿ کي بٽڻ تائين پهچائي ۽ بٽڻ کي زور ڏئي ڪري ڪنهن مشين کي چر پر ۾ آڻي ٿي سگهيو پر موجوده زماني ۾ هڪ نئون سائنسي شعبو وجود ۾ آيو آهي، جنهن کي اسپيچ ٽيڪنالوجي (Speech Technology)چئجي ٿو يعني ڳالهه ٻولهه جي ٽيڪنالوجي. هيءَ هڪ قسم جي مشيني ڳالهه ٻولهه آهي، اوهان پنهنجي زبان سان لفظي حڪم ڏيو ۽ مشين پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳندي. هيءُ فن ايترو ته تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي، جو هاڻي ته آمريڪا مان هڪ مستقل رسالو نڪري رهيو آهي جنهن جو نالو ئي آهي ”اسپيچ ٽيڪنالوجي مئگزين.“
    گهريلو سامان ۾ اڄڪلهه اهڙيون شيون ٺاهيون پيون وڃن، جو توهان زبان سان چوندؤ، ته روشني بند ڪريو، ته مشيني نظام روشنيءَ کي وسائي ڇڏيندو. اوهان کي پنهنجي ڪمري جي صفائي ڪرڻي آهي، اوهان مشيني انسان (روبوٽ) کي زبان سان چوندؤ، ته ڪمري جي صفائي ڪر، ته هو مشيني ٻُهاري جي ذريعي صفائي ڪرڻ شروع ڪندو. آمريڪا ۾ اهڙا ٽيليفون وڪامجن ٿا، جن کي اوهان زبان سان چوندا ته فلاڻي جڳهه جو نمبر ملاءِ، ته پنهنجو پاڻ ئي نمبر ملي ويندو. شڪاگو ايئر پورٽ تي مختلف شهرن ڏانهن موڪلڻ وارو سامان اهڙي طرح تقسيم ڪيو وڃي ٿو جو ماڻهو زبان سان ان جڳهه/ شهر جو نالو وٺندو وڃي ٿو ۽ ڪمپيوٽر فوراً ان کي مقررڪيل خاني ۾ پهچائي ڇڏي ٿو، پر اهڙي قسم جي مشينري ايتري ته مهانگي آهي جو عام ماڻهو ان کي خريد ڪرڻ جي سگهه نه ٿو رکي، صرف حڪومت يا وڏا تجارتي ادارا ئي خريد ڪري سگهن ٿا. (ٽائيمس آف انڊيا، 6 سيپٽمبر 1985ع)
    قرآن پاڪ ۾ ارشاد الاهي آهي: ته ”جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن ڪم کي ڪرڻ چاهي ٿو، ته صرف ايترو چوندو آهي ”ٿي پئو“ ته اهو ٿي پوندو آهي. (النحل _ 40) قديم زماني جي انسانن لاءِ انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ آسان نه هو، ته لفظ ڳالهائڻ سان ڪهڙي طرح ڪا شيءِ عملي واقعي جي شڪل ۾ ظاهر ٿي سگهندي، پر اسپيچ ٽيڪنالوجي ان ڳالهه کي سمجهڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. هيءَ خدا جي نشانين مان هڪ نشاني آهي، جيڪا هڪ وڏي حقيقت جو ننڍي سطح تي اظهار ڪري رهي آهي.

    غيبي نگراني
    هيءُ واقعو نئين دهليءَ ۾ 11 فيبروري 1985ع تي پيش آيو، ڪناٽ پليس جي تاج هوٽل ۾ هڪ تقريب ٿي گذري. هيءَ تقريب دهليءَ جي هڪ واپاريءَ مسٽر ايس پي سونيءَ پنهنجي پٽ جي شادي جي سلسلي ۾ وڏي اهتمام سان سڏائي هئي. اُن ۾ شريڪ ٿيندڙن جو تعداد چار سئو کن هو ۽ سمورا اعليٰ طبقي سان تعلق رکندڙ هئا. مهمان تقريب جي رونقن کي ڏسڻ ۾ مشغول هئا، ته اوچتو هڪ عورت محسوس ڪيو، ته سندس پَرسُ چوري ٿي ويو آهي. اهو مسز سنتوش سوبيءَ جو پرس هو ۽ منجهس پنجاهه هزار روڪ رکيل هئا. ان کان علاوه خالص موتين جو هڪ قيمتي هار به ان ۾ رکيل هو. واقعي دوران نه پرس جي مالڪياڻي چور کي ڏٺو ۽ نه ڪنهن ٻئي ان کي محسوس ڪيو. سڀ ڪجهه لڪ ڇپ ۾ ٿي ويو ۽ چوري ڪرڻ وارو پنهنجي حرڪت ۾ ڪامياب ويو. جنهن جي چوري ٿي ، تنهن لاءِ اهو ئي وڃي رهيو، ته هو پنهنجي خوشين کي غم ۾ بدلائي گهر ڏانهن راهي ٿئي. هوٽل جا ذميوار به انهيءَ ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا، ته ڪو چوريءَ جو واقعو ٿيو آهي. سندن مطابق هيءَ من گهڙت ڪهاڻي آهي، هتي ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هوٽل وارن انهيءَ واقعي کي ايترو ته هٿرادو سمجهيو، جو انهن ان جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي ته ڪو دروازا بند ڪري ماڻهن جي تلاشي وٺن. ايتري ۾ ڪجهه ماڻهن کي خيال آيو ته شاديءَ جي تقريب شروع کان آخر تائين وڊيو فلم تي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ڇو نه ان کي ڏٺو وڃي. ان کان پوءِ، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ هوٽل انتظاميا جي سامهون ويڊيو ٽيپ هلايو ويو. انهيءَ واقعي کان اڳ تقريب ۾ هر شريڪ ٿيندڙ جي نظر زرق برق اسٽيج تي لڳل هئي، جتي گهوٽ ۽ ڪنوار ويٺل هئا پر هاڻي انهن جو ڌيان ٻئي طرف ٿي ويو. جنهن منظر کي هُنن پهرين تفريح لاءِ پئي ڏٺو، هاڻي انهن ان کي تفتيش ۽ جاچ جي نظر سان ڏسڻ شروع ڪيو.
    اوچتو ڏسندڙ جي نگاهه هڪ عورت تي پئي جيڪا هڪ ٻار سان گڏ خادمه جي روپ ۾ هال ۾ داخل ٿي، شروع ۾ ماڻهن کيس هيءُ سمجهي نظر انداز ڪيو هو ته هوءَ معزز مهمانن مان ڪنهن سان گڏ آئي آهي، پر هاڻي هر هڪ کيس متوقع مجرم جي نظر سان ڏسڻ لڳو، اها عورت جيڪا خادمه جي روپ ۾ آئي هئي، سا انهيءَ کان بلڪل بي خبر هئي، ته ڪا هتي ويڊيو ڪئميرا لڳل آهي ۽ ان جون نظرون هر لمحي کيس ڏسي رهيو ن آهن ۽ ان ۾ سندس هر حرڪت انتهائي رازداريءَ سان رڪارڊ ٿي رهي آهي، هوءَ مشڪوڪ انداز ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي نظر اچي رهي هئي.
    آخرڪار ڏسندڙن کي نظر آيو، ته خادمه پنهنجي چادر ۾ لڪل پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو ۽ نهايت تيزيءَ سان پرس کنيو ۽ جلدي ئي پنهنجي ڪپڙن ۾ لڪائي ڇڏيو. جڏهن ته پرس جي مالڪياڻي فوٽو ڇڪجڻ ۾ مشغول هئي. جيڪو واقعو ماڻهن جي اکين کان اوجهل هو، تنهن کي وڊيو ڪئميرا جي نگاهه وائکو ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ان جي ذريعي سموري معاملي جو منظر پيش ٿي رهيو هو. هڪدم پوليس کي گهرايو ويو ۽ ان جي سامهون ٻيهر فلم هلائي وئي ۽ جرم ثابت ٿي ويو ۽ ان عورت کي پوليس تلاش ڪري گرفتار ڪيو. 16 مارچ 1985ع جي هندوستان ٽائيمز هن ڪهاڻيءَ کي تفصيل سان شايع ڪندي، هيءَ معنيٰ خيز سرخي لڳائي ته:
    You can not only spot the thief
    But see her commit the crime
    يعني ”اوهان نه صرف چور کي پڪڙي سگهو ٿا، پر کيس جرم ڪندي ڏسي به سگهو ٿا.“
    هيءُ دنياوي واقعو آخرت جي واقعي جو آئينو آهي. هيءُ واقعو تمثيل جي انداز ۾ ٻڌائي رهيو آهي، ته ڪو بلند ۽ نظر نه ايندڙ ڏسڻ وارو آهي جيڪو هر هڪ کي ڏسي رهيو آهي. هو هر ڳالهه کي نهايت باريڪ بينيءَ سان رڪارڊ ڪري رهيو آهي. ايتري قدر جو ان جي نه ڪنهن ويجهي شخص کي خبر پوي ٿي ۽ نه پري وارن کي پتو پوي ٿو، هو اهڙين ڳالهين کي به ڄاڻي ٿو، جن کي ماڻهو نٿا ڄاڻن. هو اهڙين شين کي به ڏسي ٿو، جنهن کي ٻيو ڪو نه ٿو ڏسي سگهي.
    دنياوي واقعا آخرت جي حقيقتن جو عڪس آهن. اڄ جيڪو ٿي رهيو آهي، ان ۾ اهڙن واقعن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو جيڪي سڀاڻي پيش اچڻ وارا آهن، پر انهيءَ مشاهدي لاءِ بصيرت واري نگاهه جي ضرورت آهي ۽ هيءَ اها نعمت آهي، جيڪا اڪثر ظاهري اکين وارن کي حاصل نه آهي.

    هڪ لمحي ۾
    ترقي يافته ملڪن ۾ اڄڪلهه اهڙا ٽيليفون استعمال ٿي رهياآهن، جن سان ڪمپيوٽرجو اهڙو پيچيده نظام ڳنڍيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مواصلات جو نظام بلڪل هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي، مثلاً آمريڪا جي ڪيترن شهرن ۾ هڪ نئون ٽيليفون سسٽم گذريل هڪ سال کان رائج ٿي ويو آهي. هيءُ ٽيليفون نظام صرف ٽن انگن تي آڱر هڻڻ سان عمل ڪرڻ شروع ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن هنگامي حالت ۾ مدد لاءِ 911 تي آڱر هڻندو ته کيس يڪدم گهربل مدد ملي ويندي. آمريڪا جي هڪ ٽيليفون ڪمپنيءَ اهڙو نظام تيار ڪيو آهي، جو جيڪڏهن ڪو شخص 911 تي آڱر هڻندو، ته ٻئي طرف کان پاڻ مرادو ڪم ڪندڙ نظام، بنا ٻڌائڻ جي معلوم ڪري وٺندو، ته ڪهڙي نمبر تان فون اچي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ انهيءَ وقت ئي پاڻمرادو فون ڪندڙ جي ايڊريس به معلوم ٿي وڃي ٿي؛ توڙي جو نمبر ملائڻ واري هڪ لفظ به زبان سان نه ڳالهايو هجي. ايتريقدر جو هيءُ پاڻمرادو نظام اهو به معلوم ڪري وٺي ٿو، ته فون ڪرڻ واري کي ڪهڙي قسم جي مدد جي ضرورت آهي، پوليس جي، باهه وسائڻ جي يا ايمبولينس جي.
    فلوريڊا ۾ هڪ واقعو پيش آيو، هڪ پريشان عورت 911 ڊائل ڪيو، پر هوءَ ڪجهه به ڳالهائي نه سگهي. ان هوندي به خودڪار سسٽم بندوق جو آواز ٻڌي، معاملي جي نوعيت کي سمجهي ورتو. صرف چند منٽن ۾ پوليس جي گاڏي حادثي جي صحيح پتي تي رواني ٿي وئي، عورت جو هڪ رشتيدار ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙ ۾ سندس گهر ۾ زبردستي داخل ٿي چڪو هو ۽ گولي هلائي رهيو هو. ڏوهاري فوري طور گرفتار ڪيو ويو. اهڙي طرح آمريڪا ۾ هڪ گونگي ۽ ٻوڙي شخص کي هنگامي طور مدد جي ضرورت پيئي ته هن به 911 تي فون ڪيو ۽ ڪجهه ٻڌائڻ کان سواءِ مدد گار سندس دروازي تي پهچي ويا.
    انهن مثالن ۾ ڪمپيوٽر جيڪو جسماني وجود نه رکندڙ آهي صرف ڪال (سڏ) کي ٽيليفون نمبر ۾ تبديل ڪيو، اهو نمبر گهرجي پتي ۾ تبديل ٿيو ۽ ان کان پوءِ ان بنا ڪنهن دير جي وائرليس ذريعي پوليس کي اطلاع به پهچائي ڇڏيو.
    قرآن پاڪ ۽ حديث ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته ٻانهو جڏهن الله کي سڏي ٿو ته فوري طور تي الله ۽ ٻانهي جي وچ ۾ رابطو قائم ٿي وڃي ٿو ۽ خدا کي پڪارڻ ۽ ساڻس رابطي ٿيڻ ۾ ڪا دير نٿي لڳي.
    ٽيليفون جي ذريعي رابطي جو ڄاڻايل مثال قرآن پاڪ جي بيان ڪيل روحاني حقيقت جي مادي تمثيل آهي. هو ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي طرح جڏهن ٻانهو پنهنجي رب کي بي چينيءَ ۽ بيتابيءَ وچان سڏي ٿو، ته انهيءَ ئي لمحي ۾ هو پنهنجو پاڻ کي الله جي بلڪل ويجهو محسوس ڪري ٿو، اهڙي طرح اک ڇنڀ ۾ سندس رابطو ساڻس قائم ٿي وڃي ٿو.

    پردو هٽي ويندو:
    ٽائمس آف انڊيا 2 جولاءِ 1985ع تي دهليءَ جو هڪ واقعو شايع ڪيو آهي جنهن جو عنوان آهي، ”هن کان وڌيڪ جو هضم ٿي سگهي“ انهيءَ واقعي کي اسان اخبار جي لفظن ۾ بيان ڪريون ٿا: ”رينو سڪسينا نالي عورت اسڪول ۾ استاد آهي، هوءَ پنهنجي اسڪول کان واپس اچي رهي هئي ته هڪ بدنام قسم جي نوجوان سندس پيڇو ڪيو. عورت جي ڳچيءَ ۾ سوني زنجير هئي. هو کانئس اها زنجير کسي وٺي ڀڳو. جاءِ واردات جي ڀرسان ٻن ڄڻن جڏهن اهو واقعو ڏٺو، ته هُنن ملزم کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڊوڙي ڪجهه فاصلي تي کيس پڪڙي وڌو . پر کين اهو ڏسي ڏاڍو تعجب ٿيو ته زنجير وٽس موجود نه هئي. اهو راز ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن پوليس ملزم کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ کيس شهر جي وڏي اسپتال جي ايڪسري مشين جي سامهون آڻي بيهاريو، ايڪسري جي ذريعي معلوم ٿيو ته زنجير جوابدار جي پيٽ ۾ موجود آهي ۽ هن اها پڪڙجڻ جي خوف کان وات ۾ وجهي ڳيهي ڇڏي هئي.“
    هيءَ صورتحال جيڪا دنيا ۾ نظر اچي ٿي، سا وڏي پيماني تي آخرت ۾ پيش ايندي. موجوده دنيا جي ڏوهارين جي گناهن تي ظاهري پردو پيل آهي، پر آخرت ۾ اهي سمورا پردا هٽي ويندا، ان کان پوءِ اهو سڀ ڪجهه صاف نظر ايندو، جن تي دنيا ۾ ماڻهن پنهنجي چالاڪيءَ ۽ هوشياريءَ سان پردا وجهي لڪائي ڇڏيو آهي.

    پل صراط جو منظر
    دنيا ۾ چوريءَ جي ذريعي ڪروڙين ڊالرن جو سامان دڪانن تان کڄيو وڃي. انهيءَ کي روڪڻ لاءِ نيويارڪ جي هڪ ڪمپنيءَ هڪ ڪامياب طريقو ڳولي لڌو آهي. چوريءَ کي روڪڻ جو بٽڻ آهي، جنهن ۾ هڪ قسم جي مقناطيسي تار لڳل آهي، جيڪا وار وانگر باريڪ آهي: اها ظاهري طور نظر نه ٿي اچي ۽ ان کي ڪنهن به سامان سان لڳائي ڇڏبو آهي. جڏهن ڪو خريدار سامان خريد ڪري ٿو، ته دڪان جو ملازم انهيءَ سامان کي هڪ خاص قسم جي مشين مان گذاري ٿو، جنهن سان اها غير مؤثر ٿي وڃي ٿي.
    نيو يارڪ مان نڪرندڙ مئگزين نيوز ويڪ (4 ڊسمبر 1985ع) هيءَ خبر شايع ڪندي لکيو آهي، ته جنهن سامان ۾ اهڙي قسم جي برقي تار لڳل هجي، ته چوري ڪرڻ وارو جڏهن انهيءَ سامان کي کڻندو ته اهو دروازي تي پهچڻ وقت پڪڙجي پوندو، جتي هڪ مشين ان کي محسوس ڪري وٺي ٿي ۽ فوراً گهنٽي وڄڻ شروع ٿي وڃي ٿي. انهيءَ خبر پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه ياد اچي وڃي ٿي، جيڪا قيامت جي باري ۾ ٻڌائي وئي آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد الاهي آهي: ”۽ ناهي ڪوبه توهان مان مگر اتي ايندو، اهو تنهنجي رب جو پڪو فيصلو ٿيل آهي پوءِ اسان انهن کي بچائينداسين جيڪي پرهيز ڪن ٿا ۽ ڏوهارين کي گوڏن ڀر ان ۾ ڪيرائينداسون.“ (مريم 71_ 72) حديث شريف مطابق انهيءَ جي صورت هيءَ هوندي، ته جهنم جي مٿان هڪ پُل (پل صراط) هوندي. ان تان سمورن انسانن کي گذاريو ويندو. انهيءَ پل جي ٻنهي طرفن کان فرشتا بيٺل هوندا، جن جي هٿن ۾ باهه جون ڪُنڍيون هونديون. اهي انهن سان انسان کي پڪڙي ڇڪيندا ۽ کين دوزخ ۾ اڇلائيندا.“ (تفسير ابن ڪثير جلد 3 ص 132)
    آخرت جي دنيا هن دنيا جي انسان لاءِ نظر نه ايندڙ دنيا آهي پر جيڪڏهن غور ڪيو وڃي، ته هن دنيا ۾ پيش ايندڙ واقعا آخرت جي واقعن کي سمجهڻ ۾ جوڳو بڻائي رهيا آهن، اڄ جي تجربن جا نتيجا سڀاڻي پيش ايندڙ واقعن جي جهلڪ ڏيکاري رهيا آهن.


    آسماني معائنو

    ماسڪو (روس) جي ڏکڻ اولهه ۾ تقريبا ً 800 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ فوجي ڪارخانو هو جنهن جو نالو پاولو گرائونڊ پلانٽ هو. اُن ڪارخاني ۾ هڪ کنڊ کان ٻئي کنڊ تائين مار ڪندڙ ميزائيلن جون انجڻيون ٺاهيون وينديون هيون. نيوڪليئر ميزائل ٺاهڻ هيءُ روس ۾ پنهنجي نوعيت جو واحد ڪارخانو هو. اهو هڪ ڳجهي جڳهه تي ٺاهيو ويو هو. 12 مئي 1988ع تي ڪنهن سبب جي ڪري ان ۾ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ ڪارخاني جو وڏو حصو تباهه ٿي ويو. روسي نشرياتي ادارن اُن حادثي جي باري ۾ دنيا کي ڪجهه به نه ٻڌايو، پر اُن سموري واقعي جي سڄي خبر واشنگٽن (آمريڪا) مان نشر ڪئي وئي. روسي حادثي جي باري ۾ خود روس ۾ ته رازداريءَ کان ڪم ورتو پئي ويو، پر آمريڪا جي ذريعي ان جي ڄاڻ سموري دنيا کي پهچائي وئي، ان کان پوءِ روسي ذريعن کي به ان جي تصديق ڪرڻي پئجي وئي.
    اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن ٿيو. ان جو راز خلائي جاسوسي آهي جيڪا موجوده زماني ۾ وڏي پيماني تي ٿي رهي آهي. ٽائيمس آف انڊيا 19 مئي 1988ع تي واشنگٽن جي حوالي سان جيڪا خبر شايع ڪئي، ان جو هڪ جملو هن طرح به هو، ته آمريڪا جي جاسوسي سياري هن ڌماڪي کي 12 مئي واري رات ئي معلوم ڪري ورتو هو.
    هيءُ واقعو ڄڻ ننڍي پيماني تي انهيءَ معاملي جو مظاهرو آهي، جيڪو تمام وڏي پيماني تي هن دنيا ۾ قائم آهي. انسان جي ٺاهيل مصنوعي سياري جو هيءُ ”آسماني معائنو“ خداوند عالم جي انتهائي وسيع ۽ وڌيڪ ڪامل آسماني معائني جو ڏس ڏئي ٿو ۽ ان ڳالهه جو اعلان آهي، ته انسان پنهنجي عملن کي چاهي ڪيترو به لڪائي، پر خدا جي نگاهه کيس بلڪل بي حجاب حالت ۾ ڏسي رهي آهي. دنيا ۾ انسان پنهنجي سرڪشيءَ جو اعتراف نٿو ڪري پر آخرت ۾ خدا جڏهن سندس ڪيل ڪرتوتن جو رڪارڊ سندس سامهون رکندو، ته انسان وٽ ان جي اعتراف ڪرڻ کان سواءِ ڪو به چارو نه هوندو. جيڪڏهن واقعي انسان جي اندر ۾ آسماني معائني جو احساس پيدا ٿي وڃي، ته هوند سندس سموري زندگي بدلجي وڃي!


    خدائي نشانيون

    12 سيپٽمبر 1988ع تي ٽائيم مئگزين ۾ هڪ باتصوير رپورٽ شايع ٿي هئي جنهن جو عنوان هو ”آسمانن تان دوزخي باهه“ (Hellfire from heavens)
    هيءَ هڪ خوفناڪ هوائي حادثي جي رپورٽ آهي، جيڪو 28 آگسٽ 1988ع تي مغربي جرمنيءَ ۾ پيش آيو. فرينڪ فرٽ ويجهو ريمسٽين جي فوجي هوائي اڏي تي هوائي جهازن جو هڪ مظاهرو ٿي رهيو هو، جنهن ۾ جديد ترين قسم جا ڏهه فوجي هوائي جهاز حصو وٺي رهيا هئا. ان نمائش جو نالو ”دل منجهان تير“ (Arrow through the Heart) رکيو ويو هو. تقريباً 3 لک ماڻهو انهيءَ خاص مظاهري کي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا. هيٺ ڏنل نقشي مطابق جهازن کي فضا ۾ اڏامي دل وانگر تصوير ٺاهڻي هئي. اهي سڀ جيٽ جهاز هئا، جيڪي 350 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏام ڪري رهيا هئا.
    انهن مان هڪ جهاز کي پرواز دوران الڳ ٿي، دل منجهاران تير وانگر گذرڻو هو. جهاز جي ماهر پائليٽ پروگرام مطابق پنهنجو جهاز اُڏايو پر حساب جي معمولي غلطيءَ سان اهو جهاز (تير) ٻين جهازن کان چند سيڪنڊ پهريائين انهيءَ جاءِ تي پهچي ويو، جتي ٻين جهازن کي دل جي شڪل ٺاهي ڏيکارڻي هئي، ان لحاظ کان انهيءَ جهاز (تير)کي ٻين جهازن کان ڪجهه بلند سطح تي اڏام ڪرڻي هئي پر ان جي پرواز جي سطح اها ئي رهجي وئي، جيڪا ”دل“ ٺاهڻ وارن جهازن جي رکي وئي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ”تير“ وانگر فضا مان پار ٿيڻ بدران اهو جهاز دل جي شڪل ٺاهڻ وارن جهازن سان ٽڪرائجي ويو ۽ ٽن جهازن کي يڪدم باهه وڪوڙي وئي. عام حالتن ۾ هيءُ فوجي جهازن جي غير معمولي نمائش جيڪا ڏسندڙن ۾ زبردست جوش ۽ خوشيءَ جو سبب بنجي ها، سا معمولي چُڪ جي ڪري دوزخي لمحن ۾ تبديلي ٿي وئي.
    هيءُ جهاز رانيءَ جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ حادثو هو. ٽي جهاز پنهنجي پائليٽن سميت سڙي رک بڻجي ويا. نمائش ڏسندڙن مان اٽڪل 400 ماڻهو سڙي زخمي ٿي پيا يا مري ختم ٿي ويا. هيءُ واقعو ايترو ته اوچتو ٿيو، جو ڏسندڙن اهو سمجهيو ته اهو به هن تماشي جو هڪ حصو آهي.
    هن سموري مظاهري جون تصويرون ٽيليويزن ذريعي ڏيکاريون پئي ويون ان ڪري شروع کان آخر تائين سمورا نظارا تصويرن جي شڪل ۾ محفوظ ٿي ويا. انهن تصويرن ۾ ڏيکاريو ويو، ته جهازن جي ٽڪرائجڻ سان زبردست باهه لڳي وئي. جهازن جا سڙيل ٽڪرا اتي موجود تماشائين جي ڪارن جي مٿان ڪري رهيا هئا ۽ هر شيءِ کي رک بنائي رهيا هئا. ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ تماشائين جي مجموعي مٿان باهه جا شعلا وسي رهيا آهن. خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ هر ماڻهو بدحواسيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن پناهه جي تلاش ۾ ڀڄندو نظر پئي آيو. هر طرف هاءِ گهوڙا هئي، ته اي خدا هيءُ ڇاٿي ويو! هڪ شخص چواڻي: مون جڏهن مٿي نهاريو ته مونکي باهه جي شعلن کان سواءِ ڪجهه به نظر نه پئي آيو.
    هيءُ هوائي مظاهرو انتهائي تربيت يافته پائليٽ انجام ڏئي رهيا هئا. انتظام ڪندڙن کي سندن مهارت تي ايترو ته ڀروسو هو، جو اتي ايمبولينس بيهارڻ به ضروري نه ڄاتي وئي هئي. انهيءَ قسم جي حادثي جو کين تصور به نه هو، جنهن ڪري زخمين کي اسپتال پهچائڻ ۾ سخت دقت پيش آئي.
    هن انساني واقعي ۾ وڏو خدائي سبق آهي. جرمني جي هوا بازن ” دل وچان تير“ پار ڪرڻ جو عمل ننڍي پيماني تي ڪرڻ چاهيو، پر ان ۾ ناڪام رهيا. اهڙوئي عمل تمام وڏي پيماني تي هن وسيع ڪائنات ۾ هر لمحي ٿي رهيو آهي، پر ڪنهن به قسم جو حادثو پيش نه ٿو اچي.
    آسمان ۾ ستارن جو تعداد ايترو ئي آهي، جيترو سمورن سمونڊن جي ڪنارن تي واريءَ جي ذرن جو آهي. اهي ستارا هر لمحي نهايت تيزيءَ سان حرڪت ڪري رهيا آهن، پر منجهن ڪڏهن به ڪو ٽڪراءُ نه ٿو ٿئي، هڪڙي ڪهڪشان جنهن ۾ اربن جي تعداد ۾ وڏا وڏا ستارا هوندا آهن، سا حرڪت ڪندي ٻين ڪهڪشائن جي اندر داخل ٿي ويندي آهي ۽ ان کي پار ڪري ويندي آهي. تنهن هوندي به ٻنهي ڪهڪشائن جا ستارا پاڻ ۾ نه ٿا ٽڪرائين. اهو انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪا وڏي انتظام ڪار قوت آهي، جيڪا هن ڪائنات جي نظام کي هلائي رهي آهي. جيڪڏهن اڻ کٽ قوت وارو انتظام ڪندڙ هن ڪائنات جي پٺيان نه هجي ته هوند هيءُ سمورو ڪائناتي ڪاروهنوار ايئن تباهه ۽ برباد ٿي وڃي، جيئن جرمني واري هوائي نمائش تباهه ٿي وئي.


    ڳجهي تصوير ڪشي

    انگلينڊ جي هڪ رستي جون ٻه تصويرون شايع ٿيون، جنهن جو عنوان هو ”ڪيميرا، ٽريفڪ جي خلاف ورزي ڪندڙ کي پڪڙي ٿي.“ هڪ تصوير ۾ هڪ گاڏي عين انهيءَ نازڪ لمحي ۾ پڪڙي وئي، جنهن وقت اها ڳاڙهي بتي ٻرڻ دوران ٽريفڪ قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندي گذري رهي هئي. اها گاڏي تيزيءَ سان ڊوڙندي هڪ خاص چوراهي تي پهتي. ان جي پهچڻ شرط سگنل جي ڳاڙهي بتي ٻرڻ شروع ٿي. ان تي گاڏيءَ کي رڪجڻ گهرجي ها، پر ان جي باوجود اها رڪجڻ کان سواءِ گذري وئي. ڊرائيور کي اهو پتو نه هو، ته ڳجهي نظام جي ذريعي سندس فوٽو ورتو پيو وڃي. بلڪل انهيءَ لمحي جڏهن هو ڳاڙهي بتيءَ وٽان گذري رهيو هو، ڪيميرا سندس تصوير محفوظ ڪري ورتي. هيءُ واقعو بتي ٻرڻ کان صرف هڪ سيڪنڊ پوءِ پيش آيو.
    ٻي تصوير ۾ به ساڳئي رستي کي ڏيکاريو ويو آهي. هتي به هڪ ڊرائيور ڳاڙهي بتي ٻرڻ جي باوجود رڪجڻ کان سواءِ اڳتي وڌي وڃي ٿو، ٻيهر ڪيميرا ۾ ان جي تصوير محفوظ ٿي وڃي ٿي. هي ٻيو واقعو بتيءَ ٻرڻ کان ٻه سيڪنڊ پوءِ ٿيو. پهرين تصوير ۾ هڪ سيڪنڊ جي خلاف ورزي ڪندڙ کي پڪڙيو ويو ۽ ٻي تصوير ۾ ٻن سيڪنڊن کان پوءِ ڀڃڪڙي ڪندڙ جي نشاندهي ڪئي وئي. اهي تصويرون لنڊن جي اخبار ٽائيمس ۾ 28 جولاءِ 1988ع تي شايع ٿيون. خبر ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ان طرح ڏهن ڄڻن کي انهيءَ ڏوهه ۾ پڪڙيو ويو ۽ مٿن ڏنڊ وڌو ويو ڇاڪاڻ ته انهن، رستي تي ڳاڙهي بتي ٻرڻ جي باوجود پنهنجي گاڏيءَ کي نه روڪيو هو.
    گاڏين کي پڪڙڻ جي اها ڪارروائي پري کان ڪنٽرول ڪندڙ ڪيميرائن جي شاهديءَ تي عمل ۾ آئي. اُهي گاڏيون رستي تان قانون جي


    خلاف ورزي ڪندي تيزيءَ سان گذري، ڏسندڙن جي اکين کان اوجهل ٿي ويون، پر ڪيميرا سندن تصويرن کي مڪمل طرح محفوظ ڪري ورتو ۽ انهن تصويرن جي ذريعي آسانيءَ سان سندن سڃاڻپ ٿي وئي ۽ کين پڪڙيو ويو.
    انهيءَ بندوبست مطابق چوراهي وٽ رستي جي مٿاڇري کان هيٺ خاص قسم جون حساس تارون وڇايون وڃن ٿيون. جڏهن ڪابه گاڏي انهيءَ تار جي مٿان گذري ٿي ته انهيءَ وقت يڪدم ان سان ڳنڍيل ڪيميرا حرڪت ۾ اچيو وڃي ۽ اها سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ فوراً انهيءَ گذرندڙ گاڏيءَ جو فوٽو ڪڍي ٿي وٺي.
    رستي تي ترتيب ڏنل تارن جو نظام اهڙي طرح بڻايو ويو آهي، جو اهي ڪيميرائون بلڪل انهيءَ وقت حرڪت ۾ اچن ٿيون، جڏهن رستي تي لڳل بتي ڳاڙهي ٿي وڃي ٿي. ان وقت اهي ڪيميرائون هڪ پاڻ مرادي نظام تحت گذرندڙ گاڏين جو فوٽو ڇڪي وٺن ٿيون. ان سان گڏوگڏ اهو فوٽو ان پاسي کان ورتو وڃي ٿو، جو ان گاڏيءَ جو رجسٽريشن نمبر پوري طرح فوٽو ۾ اچي وڃي ٿو، انهن ڪيميرائن جي شاهدي ايتري ته پڪي ۽ واضح هئي، جو ان کي غلط ثابت ڪرڻ ممڪن ئي نه هو، ان بنياد تي جج صاحب پڪڙيل گاڏين جي ڊرائيورن کي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. اهي عدالتي سزائون ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيميرائن تان ورتل تصويرن جي آڌار تي ٻڌايو ويون، جن هڪ سيڪنڊ ۽ ٻن سيڪنڊن جي خلاف ورزي کي نهايت واضح نموني سان محفوظ ڪري ورتو هو.
    اهڙي طرح جا واقعا قرآن جي لفظن ۾ آيات الله يعني ”خدا جون نشانيون“ آهن. اهي نشانين جي روپ ۾ حقيقت جو اظهار آهن، اهي واقعا دنياوي تجربي جي ذريعي آخرت جي واقعن جو تعارف ڪرائين ٿا. اهي انساني سطح تي پيش ايندڙ معاملن جي صورت ۾ خدائي سطح تي پيش ايندڙ معاملن جو تمثيلي مشاهدو ڪرائي رهيا آهن. اهي واقعا انسان جي ڳجهي رڪارڊنگ جو مثال آهن. اهڙي ئي قسم جي ڳجهي رڪارڊنگ خدا جي طرفان وڏي پيماني تي ٿي رهي آهي. انسان جي سمورين گذرگاهن تي خدائي تارون لڳل آهن. هر رستي تي خدائي ڪيميرائون نصب ٿيل آهن. انسان جڏهن مقرر ڪيل حدن کي اورانگهي ٿو، ته خدائي تصوير ڪشيءَ وارو نظام فوراً حرڪت ۾ اچي، ان کي محفوظ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. آخرت جي عدالت ۾ انهيءَ رڪارڊ جي بنياد تي هر انسان جي ابدي مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو.
    انسان جو ايجاد ڪيل نظام هڪ سيڪنڊ جي ٿورڙي وقت واري خلاف ورزي کي محفوظ ڪري وٺي ٿو. جڏهن انساني نظام تحت ايئن ممڪن آهي ته پوءِ خدائي نظام جي پڪڙ ڪيتري نه سخت هوندي! انساني نظام محدود آهي پر خدائي نظام لامحدود آهي. انهيءَ سان ٻنهي نظامن جي فرق کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. انسان جيڪڏهن انهيءَ ٺوس حقيقت تي غور ڪري ته هوند غلط رخ ۾ قدم کڻڻ کان رڪجي وڃي، سندس ڳالهائيندڙ زبان بيهي وڃي، سندس قلم هٿن مان ڇڏائجي ڪري پوي. دنياوي گذرگاهن تان گاڏي هلائيندڙ ان وقت تائين غلط طريقي سان گاڏي هلائيندو رهي ٿو، جيستائين کيس اهو پتو نه ٿو پوي، ته رستي تي ٽريفڪ پوليس سندس غلطيءَ کي پڪڙڻ جو طاقتور انتظام ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جي انهيءَ انتظام جي ڄاڻ پوندي ئي، هر انسان چوڪس ٿي وڃي ٿو ۽ هو پنهنجي گاڏي غلط نموني ڊوڙائڻ کان رڪجي وڃي ٿو، اهڙي طرح انسان کي جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه جو پورو يقين ٿي وڃي، ته سندس چوگرد خدائي پوليس نگراني ڪري رهي آهي، جيڪا هر ننڍي خواهه وڏي ڪاروائي جو رڪارڊ تيار ڪرڻ ۾ مشغول آهي، ته هوند سندس سموري سرڪشي ختم ٿي وڃي. انهيءَ احساس پيدا ٿيڻ سان ئي انسان هڪ محتاط انسان بڻجي ويندو. هو پنهنجي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ ذميداراڻو رويو اختيار ڪرڻ شروع ڪندو. انساني بگاڙ جو اصل ڪارڻ انهيءَ ٺوس حقيقت کان بيخبري آهي. ان جي ڀيٽ ۾ انسان جي ڀلائي ان ۾ آهي ته کيس انهيءَ سنگين حقيقت جو زندهه احساس پيدا ٿي وڃي.


    انسان جي فطرت

    ٻه تصويرون شايع ٿيون آهن. ٻنهي ۾ انسان کي سجدو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي پر هيءُ انسان جي ”فطرت“ جو سجدو آهي نه ڪي ”شريعت“ وارو. تصوير ۾ ڏيکاريل ٻئي ڄڻا آمريڪا جا رانديگر آهن. انهن جي زندگيءَ ۾ هڪ نازڪ مرحلو آيو، جنهن ڪري کين فطري طور انهيءَ گهري احساس جو تجربو ٿيو، جنهن کي مذهبي اصطلاح ۾ ”عبديت“ چيو وڃي ٿو. انهيءَ احساس کان مغلوب ٿي، هو زمين تي ڪري پيا ۽ سجدي جي حالت ۾ وڃي پنهنجي اندر جي تسڪين حاصل ڪيائون.
    سجدو انسان جي فطري تقاضا آهي، انهيءَ تقاضا جو حقيقي جواب هيءُ آهي، ته انسان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي حقيقي مالڪ جي سامهون جهڪائي، پر انسان پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري پنهنجو پاڻ کي ٻين شين جي سامهون جهڪائي ٿو ۽ جيڪا شيءِ فقط هڪ خدا جو حق آهي، اها ٻين کي ڏئي ٿو. پهرئين تصوير آمريڪي رانديگر ڪارل ليويس جي آهي، لاس اينجلس ۾ ڊوڙ جو عالمي مقابلو ٿيو؛ جنهن ۾ 22 جون 1984ع تي ڪارل ليويس اعليٰ ڪاميابي حاصل ڪئي. انهيءَ ڪاميابيءَ کان پوءِ اخبارن ۾ سندس هڪ تصوير شآيع ٿي، جنهن ۾ کيس سجدي جي حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي. جنهن پٽڙي تي ڊوڙي هن اهو مقابلو کٽيو، ان پٽڙيءَ سندس دل ۾ عقيدت ۽ احسان منديءَ جو اهڙو ته شديد جذبو پيدا ڪيو، جو هو پٽڙيءَ تي پنهنجي پيشاني رکي سجدي ۾ ڪري پيو. هيءُ تازو مثال آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو، ته انساني فطرت ۾ ڪهڙي طرح نه هيءُ جذبو لڪل آهي. هو جڏهن ڪنهن کي پنهنجو محسن سمجهي ٿو ته ان جي اڳيان پنهنجي اندر جي اُڌمي کان مجبور ٿي پنهنجو سِر نمائي عقيدت جو اظهار ڪري ٿو، هيءُ سجدي جو مثال شڪر جي احساس جو عملي مظهر آهي.


    ٻي تصوير ۾ وري انسان کي پنهنجي عاجزيءَ جي احساس ڪري مجبور ٿي زمين تي سر جهڪائيندي ڏيکاريو ويو آهي، اها تصوير 29 سالن جي آمريڪي جان ميڪ انرو جي آهي. هو 1981ع کان بيڊ منٽن جو عالمي چيمپيئن هو، 24 جون 1988ع تي سندس مقابلو آسٽريليا جي والي ماسور سان لنڊن ۾ ٿيو. ان مقابلي ۾ جان ميڪ انرو کي شڪست ملي ۽ سندس عالمي چيمپين واري حيثيت ختم ٿي وئي. ان شڪست جو مٿس زبردست اثر پيو. پر هن پنهنجي ناڪاميءَ جي ذميواري قبول ڪئي ۽ بنيادي تقاضائن کي پورو نه ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ اخبارن ۾ جيڪا رپورٽ شايع ٿي، تنهن ۾ جان ميڪ انرو جي تصوير به شامل آهي جنهن ۾ کيس سجدي جي حالت ۾ زمين تي ڪريل ڏيکاريو ويو، جيڪو انساني عاجزيءَ جو اعتراف آهي. اهي ٻئي جذبا (شڪر ۽ نوڙت جو احساس) انساني فطرت جا انتهائي گهرا احساس آهن. انسان هن دنيا ۾ ڪڏهن ڪجهه حاصل ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪجهن وڃائي ٿو، ڪڏهن ڪامياب ٿئي ٿو ته ڪڏهن ناڪام. انسان جڏهن ڪامياب ٿئي ٿو، ته منجهس اهو احساس پيدا ٿئي ٿو، ته هو انهيءَ ڪاميابيءَ کي ڪنهن جو ڏنل انعام سمجهي، ان جو شڪر ادا ڪري. اهڙي طرح جڏهن ناڪام ٿئي ٿو، ته محسوس ڪري ٿو ته ڪا ٻي طاقت آهي، جيڪا سڀ کان مٿانهين آهي. هيءُ جذبو کيس اڀاري ٿو ته هو انهيءَ قادر مطلق جي اڳيان پاڻ کي جهڪائي!
    اهي انساني فطرت جا انتهائي گهرا جذبا آهن. ڪو انسان امير هجي يا غريب، چاهي وڏو هجي يا ننڍو، انهن جذبن کان خالي نه آهي. انساني فطرت جو مطالعو ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي، ته اهي جذبا انساني فطرت سان اهڙي طرح ڳنڍيل آهن، جو انهن کي ڪنهن به طرح انسان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. دراصل اهي فطري جذبا انسان ۾ خدا جي عبادت لاءِ رکيا ويا آهن، انهن جذبن جي عملي اظهار جي حقدار اها ئي ذات آهي، جنهن سڀني کي خلقيو آهي. اهي جذبا انهيءَ لاءِ آهن، ته انسان پنهنجي خالق ۽ مالڪ کي سڃاڻي، ان جي عظمت جو اعتراف ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي ان جي اڳيان فنا ڪري ڇڏي. پر انسان انهيءَ فطري رستي کان مُنهن موڙي ٿو. جيڪا شيءِ خدا کي ڏيڻ گهرجي ، سا هو ٻين کي ڏيڻ چاهي ٿو. ان جو ٻيو نالو شرڪ آهي. انسان جيڪڏهن پنهنجي فطري جذبن جو مرڪز هڪ خدا کي بڻائي، ته اهو توحيد آهي ۽ جيڪڏهن ان جو مرڪز ڪنهن ٻئي زندهه يا مرده شيءِ کي بڻائي، ته اهو شرڪ آهي. توحيد انساني فطرت جو صحيح استعمال آهي ۽ شرڪ انساني فطرت جو غلط استعمال.
    انسان پنهنجي فطرت جي ڪري مجبور آهي ته هو ڪنهن کي پنهنجو خدا بڻائي. خدا جيئن ته ظاهري اکين سان نظر نه ٿو اچي، ان ڪري انسان نظر ايندڙ شين کي خدا سمجهي ٿو. ان طرح جيڪو ڪجهه خدا کي ڏيڻ گهرجي، سو هو غير خدائن کي ڏئي ٿو. اوڻويهين صديءَ جي آخري اڌ ۽ ويهين صدي جي پهرين اڌ تائين هيءَ سمجهيو پئي ويو، ته انساني فطرت ڪابه شيءِ نه آهي، هيءُ صرف ٻاهريون حالتون آهن جيڪي انسان کي هڪ شڪل ڏين ٿيون، پر جديد تحقيق انهيءَ نظريي کي غلط ثابت ڪري رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان هتي هڪ آمريڪي تحقيق جو حوالو ڏيون ٿا، جنهن جو خلاصو هيٺئينءَ ريت شايع ٿيو:
    ”ڪارل مارڪس ۽ سگمنڊ فرائڊ انساني فطرت جي باري ۾ غلطيءَ تي هئا. انهن جي سوچ جي ابتڙ انساني شخصيت جي تعمير ۽ ماحول جي مقابلي ۾ سندس اندروني پيدائشي صفتون ان کان وڌيڪ اهم آهن. نفسياتي ماهرن جي هڪ گروهه انهيءَ نتيجي جو اعلان ڪيو آهي. مني سوٽا يونيورسٽي پاران 8 ساله تحقيقي اڀياس ( جنهن ۾ 350 اولاد وارا جوڙا شامل هئا، ان ۾ 44 جوڙا بلڪل يڪسان قسم جا هئا ) ۾ سائنسدانن محسوس ڪيو ته جينز جو اثر فطرت بمقابله تربيت واري بحث ۾ واضح طور تي غالب رهيو. انهيءَ تحقيق جا نتيجا مارڪس جي انهيءَ دليل جي ترديد ڪن ٿا، جنهن ۾ وڏي زور سان اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انسان کي ٻيهر نئين سر جوڙي سگهجي ٿو. تحقيقي ٽيم جي ميمبر ڊاڪٽر ڊيوڊ لڪن جوچوڻ آهي ته اسان ڏٺو، ته روايتي قدرن ۾ عقيدي ۽ قانون کي سختيءَ سان نافذ ڪرڻ جو رجحان گهڻو ڪري پيدائشي صفتن جو نتيجو آهي“. (هندستان ٽائيمز، سنڊي مئگزين 4-جنوري 1987ع )
    انهيءَ تحقيق ۽ اهڙي قسم جي ٻين واقعن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هڪ طاقتور هستيءَ (خالق) جي اڳيان پاڻ کي حوالي ڪرڻ جو جذبو هڪ فطري ۽ حقيقي جذبو آهي. جيڪڏهن اهو غير فطري ۽ غير حقيقي هجي ها، ته ان کي هن وقت تائين ختم ٿيڻ گهرجي ها. جديد نسل جن حالتن ۾ پرورش حاصل ڪري چڪو آهي، تنهن ۾ سندس چوڌاري لامذهبيت ۽ بي خدائي تهذيب جو شور عام آهي. ان جي باوجود نئين نسل ۾ مذهبي نفسيات مسلسل قائم رهي آهي ۽ اها ڪنهن به طرح ختم نه ٿي سگهي آهي.
    سيول (ڪوريا) ۾ سيپٽمبر 1988ع ۾ راندين جو عالمي مقابلو ٿيو، ان سلسلي ۾ روزانو اخبارن ۾ با تصوير خبرون شايع ٿيون. انهن تصويرن مان ٽائيمس آف انڊيا جي 30 سيپٽمبر 1988ع جي صفحي 10 تي شايع ٿيل تصوير ۾ هڪ عورت اوهان کي عين نماز جي حالت ۾ نظر ايندي. يعني نماز جي آخر ۾ التحيات ۾، جيئن ڪو نمازي ويهندو آهي بلڪل انهيءَ حالت ۾ ٻئي پير موڙي ويٺل نظر اچي پئي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ مٿي کڻي پنهنجي چهري جي سامهون اهڙي طرح پکيڙي رهي آهي جيئن ڪو نماز کان فارغ ٿي دعا ۾ مشغول هجي. هيءَ ڪا نمازي عورت نه آهي پر هيءَ ڪيليفورنيا جي 37 سالا رانديگرياڻي فلارنس گريفيٿ جائنرجي تصوير آهي. جنهن 29 سيپٽمبر 88ع تي 200 ميٽر ڊوڙ جو مقابلو کٽي سونو تمغو حاصل ڪيو ۽ دنيا جي تيز ترين عورت جو اعزاز ماڻيو. انهيءَ ڪاميابيءَ جي اعلان سندس اندروني احساسن کي بيقرار ڪري وڌو ۽ هوءَ پنهنجي راند واري لباس ۾ ئي زمين تي ڪري پئي ۽ بي اختيار ٿي نماز واري شڪل ۾ ويهي رهي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ کڻي خدا کان دعا گهرڻ لڳي ۽ ان جي سامهون پنهنجي جذبن جي اظهار ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وئي.
    هيءُ واقعو هن ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ، ته انسان جي فطرت ۾ هڪ محسن ۽ نعمتون عطا ڪندڙ ذات جو تصور نهايت گهرائي سان لڪل آهي. انسان کي جڏهن ڪا غير معمولي ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي ته سندس اندروني جذبا بي اختيار ٿي اهو چاهڻ لڳن ٿا، ته هو پنهنجي محسن ۽ آقا جي سامهون جهڪي پوي ۽ حاصل ڪيل انعام کي حقيقي محسن جي کاتي ۾ داخل ڪرائي.

    بي چين روح
    بليئر فاولر (پيدائش 1921ع) آمريڪا جو هڪ راڪيٽ انجنيئر آهي، ان جو شمار اعليٰ قابليت وارن انهن انجنيئرن ۾ ٿئي ٿو، جن جي ڪوششن سان آخرڪار سيٽرن راڪٽ ايجاد ٿيو. جنوري 1986ع ۾ بليئر فاولر ڪجهه ڏينهن لاءِ نئين دهليءَ آيو. ان دوران هن تاج محل پيلس هوٽل ۾ هندوستان ٽائيمس جي نمائندي سان گفتگو ڪندي ٻڌايو، ته سندس زندگي اڃا تائين تبديليءَ جي مرحلن مان گذري رهي آهي، سندس گهرواري هڪ ڪامياب ميڊيڪل ڊاڪٽر هئي. هوءَ پڻ پنهنجي ڪيريئر جي تمام وڏي درجي تي پهچي چڪي هُئي، پر ڏهه سال پهريائين هنپنهنجي مشغلن کي خيرباد چئي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ هو ٻئي ڄڻا شهر کان پري ڪيليفورنيا جي ٻهراڙيءَ ۾ رهن ٿا، جتي ٻئي بلڪل سادي ڳوٺاڻي زندگي بسر ڪن ٿا. پنهنجي هٿن سان ڪاٺيون آڻين ٿا، ڪاٺين تي باهه ٻاري پنهنجي هٿن سان کاڌو پچائين ٿا. هو مشيني دنيا کان پري فطرت جي دنيا ۾ زندگي گذارين ٿا. هو پنهنجي سادي زندگيءَ تي بلڪل خوش آهن، انهن ائين ڇو ڪيو؟ مسٽربليئر جي لفظن ۾ ان جو سبب هيءُ هو، ته ”اسان جو علم جيتري ترقي ڪري ٿو، اوتروئي اسان ۾ جهالت جو احساس وڌي رهيو آهي.“
    As our Knowledge grews the more one
    gets convinced that he is ignorant.
    هن علم جي دنيا ۾ پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. پر آخرڪار کين معلوم ٿيو ته سندن هر اڳتي وڌندڙ قدم صرف جهالت طرف وڌي رهيو آهي ۽ انساني علم انسان کي حقيقي علم تائين نه ٿو پهچائي. وڌيڪ اهو ته ان سائنسي ماحول ۾ کيس روحاني سڪون حاصل نه هو. بليئر فاولر کي هڪ اهڙي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻو ٿي پيو، جنهن جي چوڌاري چار فوٽ جي مضبوط ديوار بڻايل هئي. سندس ڪم هيءَ هو ته هو هائيڊروجن گيس کي پٽڙي هائيڊروجن ۾ تبديل ڪري. ان لاءِ کيس هر وقت سخت حالتن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو هو. ان کان علاوه کيس اهو ڊپ محسوس ٿيندو هو ته متان گيس جو ذخيرو ڌماڪي سان ڦاٽي نه پوي. اهڙي صورتحال سندس لاءِ هر وقت ذهني پريشانيءَ جو سبب بڻجندي رهندي هئي.
    درحقيقت خدا کان گهٽ درجي جي ڪا به شيءِ انسان کي سڪون نه ٿي پهچائي سگهي، چاهي اهو سائنسي علم هجي يا مادي ۽ مشيني ترقي.

    جديد انسان
    آمريڪا جي هڪ ڪروڙ پتي شخص جي باري ۾ هيءَ خبر شايع ٿي، جنهن جو عنوان هيو: ”هن تنگ ٿي پنهنجي حياتي ختم ڪري ڇڏي.“ انهيءَ خبر جي وضاحت هن طرح هئي:
    ڪروڙ پتي تمام گهڻو ٿڪجي پيو هو، هو نهايت مايوس ۽ تنگ هو. هن پنهنجي قيمتي ڪار گهرائي، ان ۾ سوار ٿيو ۽ ڊرائيور کي حڪم ڪيو ته مٿان ٽَڪريءَ تان تمام وڏي رفتار سان ڪار کي ڊوڙائي ڇو ته مان خودڪشي ڪرڻ جوفيصلو ڪيو آهي. (ٽائيمس آف انڊيا 26 فيبروري 1985ع).
    جن ماڻهن وٽ پئسي جي ڪمي آهي، تن کي ڪيترن ئي مسئلن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، اهي سمجهندا آهن، ته سندن اهي مسئلا پئسن جي گهٽتائي جي ڪري پيدا ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن وٽن پئسو جام اچي وڃي، ته هوند سندن سمورا مسئلا ختم ٿي وڃن. پر حقيقت هيءُ آهي، ته جهڙي طرح پئسي جي کوٽ جي ڪري مسئلا ٿين ٿا، اهڙي طرح پئسي جي گهڻائيءَ ۾ به مسئلا پيش اچن ٿا، بلڪه جنهن شخص وٽ پئسي جي گهڻائي ٿي وڃي ٿي، ان جي مسئلن ۾ واڌ اچي وڃي ٿي، ايتريقدر جو کيس سڪون سان رات جو ننڊ به مشڪل سان ميسر ٿئي ٿي.
    هن دنيا ۾ سڪون واري زندگيءَ جو راز صرف هڪ آهي جنهن کي مذهب جي ٻوليءَ ۾ ”قناعت“ چيو وڃي ٿو، يعني جيڪو ڪجهه خدا ڏنو آهي، ان تي صبر ۽ شڪر ڪرڻ. اطمينان جو نه هجڻ دراصل قناعت نه ڪرڻ جو نفسياتي نتيجو آهي. هر ان شخص کي اهو نتيجو ڀوڳڻو پوي ٿو جيڪو خدا جي ڏنل تقسيم تي راضي نه ٿو رهي.
    عام انسان اهو سمجهي ٿو، ته سندس زندگيءَ جو صحيح استعمال اهو آهي، ته هو دولت ڪمائي، جڏهن ته صرف دولت ڪمائڻ ئي سڀ ڪجهه هجي ها، ته دولت مند شخص کي ڪڏهن به ڪنهن مسئلي سان مُنهن ڏيڻو نه پوي ها. پر حقيقت هيءَ آهي، ته دولت ڪمائڻ کان به وڌيڪ ضروري هي آهي، ته زندگيءَ جو علم حاصل ڪجي ته جيئن ماڻهوءَ کي جيئڻ جو سليقو ۽ ڍنگ اچي وڃي. ان سان هو هر حال ۾ سڪون سان جي سگهي ٿو چاهي وٽس پيسو گهٽ هجي يا وڌيڪ.


    علم جي واپسي

    قديم زماني ۾ انساني فڪر تي مذهب جو اثر تمام گهڻو هو، انهيءَ جي اثر هيٺ فلسفي جو علم وجود ۾ آيو. فلسفي جو هميشه اهو لاڙو رهيو آهي، ته ڪائنات جي وضاحت ڪنهن نه ڪنهن طرح روح يا نفس جي اصطلاحن ۾ بيان ڪئي وڃي. اهوئي سبب آهي، جو فلسفي جو بنياد هميشه تصوريت (idealism) تي رهيو آهي. تنهن هوندي به سائنس جي جديد دور ۾ هڪ خاص عرصي تائين انساني فڪر تي، ماديت جو غلبو ٿي ويو. قديم زماني ۾ انساني فڪر، ٻن ڌارن ۾ ورهايل نه هو پر موجوده زماني ۾ انساني فڪر تصوريت ۽ ماديت جي ٻن ڌارائن ۾ ورهائجي ويو. موجوده صديءَ ۾ اهو فاصلو گهڻي حد تائين ختم ٿي ويو آهي. ”سائنس ۽ ماڊرن ورلڊ“ Science and the Modern world جي مصنف وائيٽ هُڊ جي لفظن ۾ ”فلسفو سائنس کان پري ٿي چڪو هو. پر هاڻي ذهن ۽ مادي جو فرق جيئن جيئن ختم ٿي رهيو آهي، تيئن تيئن فلسفو ٻيهر پنهنجي پراڻي اهميت جي طرف واپس موٽي رهيو آهي.“
    پروفيسر هيزن برگ (76_ 1901ع) جو شمار جديد طبيعات بانين ۾ ٿئي ٿو. هن لکيو آهي ته ”اڻويهين صدي جي سائنسدانن جي نظر ۾ اهو ممڪن هو، ته نفسياتي مظهرن جي ڪابه وضاحت دماغ جي طبيعات ۽ ڪيميا جي ذريعي ڪري سگهجي. پر هاڻي ڪوانٽم جي نظريي اچڻ کان پوءِ ان جي گنجائس باقي نه ٿي رهي. اڃا به ”ڪوانٽم“ جي نظريئي جي باري ۾ هيئن چوڻ صحيح ٿيندو ته اهو ”فطرت جي ڪامل خارجي تشريح جي اجازت ئي نه ٿو ڏئي.“ ان کان پوءِ هيءُ ناممڪن ٿي پيو آهي، ته فلسفو ۽ سائنس پنهنجي متشدد غير جانبداري (Armed neutrality) کي برقرار رکي سگهن. هاڻي کين دوست ٿيڻو پوندو يا دشمن. ٻنهي جي وچ ۾ دوستي تيستائين ٿي نه ٿي سگهي، جيستائين سائنس انهن اصولن کي تسليم نه ٿي ڪري، جيڪي فلسفي جي عمارت جو بنياد آهن.“
    نيوٽن (1727 _1642) جو ظاهر ٿيڻ تاريخ ۾ هڪ نئين فڪري دور جي شروعات هئي. سندس تحقيق هيءَ هئي ته ڪائنات پنهنجي ڪجهه مقرر ڪيل قانونن مطابق عمل ڪري رهي آهي. ڪائنات ۾ پيش ايندڙ واقعن جي پٺيان ڪجهه طبيعاتي سبب آهن، جيڪي انهن کي وجود ۾ آڻن ٿا، ايستائين جو ڪائنات جو ماضي، حال ۽ مستقبل سڀ سبب ۽ مُسبب (علت ۽ معلول) جي مسلسل زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. نيوٽن جيتوڻيڪ ذاتي طور تي خدا کي مڃيندڙ هو پر بعد وارن مفڪرن چيو ته جڏهن ڪائنات جي باري ۾ اهو صاف طرح سان معلوم ٿي چڪو آهي، ته اها ڄاڻايل طبعي قانونن جي اثر هيٺ حرڪت ڪري ٿي، ته پوءِ هڪ نامعلوم خدا کي مڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهڙي طرح تعليل جي اصول کي فڪر جي دنيا ۾ عام مقبوليت حاصل ٿي، ۽ انهيءَ اصول کي اڳتي هلي خدا ۽ مذهب جو متبادل تصور ڪيو ويو. نيوٽن پهريون شخص آهي، جنهن تعليل جي اصول کي علمي طور طبيعي دنيا مٿان لاڳو ڪيو.
    ڊارون (1882 _ 1809) وري اهو نظريو پيش ڪيو، ته اهوئي تعليل جو اصول حياتياتي دنيا ۾ به ڪم ڪري رهيو آهي. يعني انسان جي پيدائش اوچتو هڪ ڏينهن ۾ ڪنهن خالق جي حڪم تي نه ٿي آهي، بلڪه اها ارتقا جي قانون مطابق هڪ ڊگهي عمل جو آخري نتيجو آهي. ڊارون خود پاڻ انهيءَ ارتقائي عمل کي هڪ خالق جو منصوبو سمجهندو هو پر بعد وارن مفڪرن خالق جي تصور کي ڊارون جو ذاتي عقيدو قرار ڏنو ۽ ارتقا جي نظريي کي الحاد جي سڀ کان وڏي دليل طور پيش ڪرڻ شروع ڪيو. سندن نظر ۾ هن ڪائنات کي تخليق ڪندڙ قوت ”ارتقا“ آهي ۽ نه ڪو ”خدا“.
    مارڪس (83_1818) تعليل جي اصول کي وري انسان جي سماجي زندگيءَ تي لاڳو ڪيو. سندس چوڻ مطابق انساني سماج ۽ انساني تاريخ به هڪ ٺوس مادي قانون مطابق سفر ڪري رهيا آهن. سماجي سفر ۾ جدلياتي عمل (Dialectical Process) جي مؤثر هجڻ جو نظريو هن هيگل (1831 _ 1770) کان ورتو هو. جيتوڻيڪ هيگل انهيءَ عمل جي پٺيان هڪ مافوق الفطرت هستيءَ جو قائل هو، پر مارڪس انهيءَ غير مادي هستيءَ جي بجاءِ معاشي قانونن کي جدلياتي عمل جو هيرو ڪردار قرار ڏنو. اهڙي طرح هيگل جي تصوريت واري نظرئي کي خالص ماديت (Materialism) واري نظرئي ۾ بدلائي ڇڏيو.
    اهڙي طرح تقريبن ڏيڍ سئو سالن جي مسلسل عمل سان اهو فڪر وجود ۾ آيو جنهن کي الحاد چيو وڃي ٿو. انهيءَ الحاد جو چوڻ هو ته هاڻي اهو علمي طورتي ثابت ٿي چڪو آهي، ته هن ڪائنات جو ڪوبه خالق ۽ مالڪ نه آهي بلڪه اهو سبب ۽ مسبب / علت ۽ معلول جو هڪ طبعي قانون آهي. انهيءَ طبعي قانون هڪ ڊگهي عمل کانپوءِ هن ڪائنات کي وجود ۾ آندو آهي. انهي قانون جي ذريعي ارتقائي مرحلن مان گذري انسان بڻيو آهي ۽ آخرڪار اهوئي اصول آهي، جيڪو سماجي عمل ۾ پنهنجو اثر ڏيکاري ٿو ۽ انساني سماج کي غير ترقي يافته حالتن مان ترقي يافته حالت جي طرف وٺي وڃي ٿو. پر ويهين صديءَ جي اچڻ سان انهن خيالن جا علمي بنياد بلڪل ڊهي پٽ پيا. هن صديءَ جي شروع ۾ پلانڪ، آئن اسٽائن، هيزن برگ، ڊيراڪ ۽ ردرفورڊ جيڪي کوجنائون ڪيون انهن پٽاندڙ علم جي دنيا جو پورو ڍانچو بدلجي ويو، جنهن جي بنياد تي مٿي بيان ڪيل ملحدانه مفروضن کي قائم ڪيو ويو هو. هاڻي سبب جي اصول وارو نظريو بي بنياد ثابت ٿيو، جنهن کي اڻويهين صديءَ ۾ خدا جو علمي متبادل سمجهيو پئي ويو. اهڙي طرح برڪلي جو تصوريت وارو نظريو، سئو سالن جي معزوليءَ کان پوءِ فلسفي ۾ ٻيهر واپس اچي ويو.
    اڻويهين صدي علمي دنيا ۾ الحاد جي صدي هئي. هن ئي صديءَ ۾ فطرت جي دنيا ۾ نيون حقيقتون ظاهر ٿيون. اهي حقيقتون ذاتي طور تي جيتوڻيڪ مذهب سان ٽڪرائيندڙ نه هيون، پر ملحدانه ذهن رکندڙ فلسفين پنهنجي سوچ مطابق اهڙي تشريح ڪئي، جو اهي مذهب جي ٽڪراءَ ۾ نظر اچڻ لڳيون. اهڙي طرح هڪ اهڙو فڪري نظام ترتيب ڏنو ويو جنهن جو خلاصو هيءُ هو، ته سائنسي ايجادن مذهب جي صداقت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، انڪري هاڻي انسان کي فڪري ۽ عملي لحاظ کان مذهب جي ڪابه ضرورت نه آهي. اهو سڀ ڪجهه جيڪو مذهب جي ذريعي حاصل ٿيندو هو يا جنهن لاءِ مذهب کي ضروري سمجهيو ويندو هو سو هاڻي انسان کي ان کان وڌيڪ بهتر طريقي سان سائنس جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو. پر ويهين صديءَ ۾ علمي طور تي انهيءَ دعويٰ جو خاتمو ٿي چڪو آهي. بعد جي کوجنائن ۽ تجربن هڪ هڪ ڪري انهن سمورين ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن جي اميد سائنس مان ڪئي پئي وئي.
    چيو پئي ويو ته دنيا جي وجود ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ جي وضاحت لاءِ هاڻي خدا کي مڃڻ جي ضرورت نه آهي، سائنسي کوجنائون ان جي وضاحت ۽ تشريح لاءِ بلڪل ڪافي آهن. پر جديد معلومات ۽ تجربا انسان کي انهيءَ اقرار تي مجبور ڪن ٿا، ته خدا کي مڃڻ کان سواءِ هن دنيا جي تشريح ممڪن ئي نه آهي. ايتريقدر جو جيڪڏهن ٿوري دير لاءِ اهو مڃجي، ته خدا موجود نه آهي، تڏهن به انسان کي پنهنجي مسئلي کي حل لاءِ خدا کي ايجاد ڪرڻو پوندو.
    اڳ اهو به چيو ويو ته حقيقت جي اعليٰ درجي تائين پهچڻ لاءِ انساني علم کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن الهامي علم جي ضرورت ئي نه آهي ۽ سائنس سمورين حقيقتن کي ڄاڻڻ لاءِ ڪافي آهي. پر اڄ جا سائنسدان انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن، ته سائنس اسان کي حقيقت جو صرف جزوي علم ڏئي ٿي. اهو به چيو ويو ته انسان جي اندر ذميواريءَ جو احساس ۽ حق شناسيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ خدا جي خوف ڏيارڻ جي ڪابه ضروت نه آهي ۽ علمي ۽ تعليمي ترقي پاڻمرادو انسان جي اندر اهڙي قسم جو احساس پيدا ڪندي. پر تقريباً سئو سالن جي تجربي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته علم ۽ اخلاقي احساس لازمي طور تي هڪٻئي سان ڳنڍيل نه آهن. ائين به چيو ويو ته زندگيءَ جي عيش لاءِ سڀاڻي جي جنت جو انتظار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. تمدني تعمير جا جديد امڪان جيڪي انسان کي هٿ آيا آهن، سي هن ڌرتيءَ کي اسان لاءِ جنت بڻائي ڇڏيندا. پر انهيءَ تمدني ترقي کان پوءِ ان مان پيدا ٿيندڙ مسئلن انسان کي ايتريقدر ته پريشان ڪري وڌو آهي، جو اڄ جو خوش نصيب انسان، جنهن کي جديد معنيٰ ۾ عيش وعشرت جا سڀ ذريعا حاصل آهن، سوبه حيران ٿي ڪري چوڻ لڳي ٿو، ته مان پنهنجو پاڻ کي جديد معيار مطابق خوشگوار بنائڻ جي ڪوشش ته ڪئي، پر ان جي باوجود به مان اڃا تائين خوش نه آهيان.
    ڪائنات جي مادي تشريح جي هر ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي. زندگيءَ کي مادي ذريعن سان بامقصد بڻائڻ ممڪن نه ٿي سگهيو آهي. انسان خدا کان سواءِ جيئڻ چاهيو پر تجربن ٻڌايو ته خدا کانسواءِ جيئڻ انسان جي مقدر ۾ ئي نه آهي. ان قسم جي واقعن موجوده صديءَ ۾ هڪ نئون فڪري انقلاب برپا ڪيو آهي. علم جا مسافر ٿوري وقت لاءِ ماديت جي راهن ۾ ڀٽڪڻ کان پوءِ ٻيهر مذهبي حقيقت ڏانهن موٽي رهيا آهن، هاڻي اهو ناممڪن ٿي پيو آهي، ته خالص علمي ۽ عقلي لحاظ کان، انسان خدا پرستانه زندگي گذارڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي زندگيءَ تي مطمئن ٿي سگهي! اڄ جو انسان گهٽ ۾ گهٽ امڪاني طور تي خدا جي ايترو ته ويجهو پهچي چڪو آهي، جو ان جي ۽ خدا جي وچ ۾ صرف بي خبريءَ جي هٿرادو پردي کان سواءِ ٻيو ڪوبه پردو حائل نه آهي.


    انڪار کان اقرار تائين

    پروفيسر حيدر وڪرما سنگهي (پيدائش 1939ع) سري لنڪا جو هڪ سائنسدان آهي. هن وقت هو يونيورسٽي ڪاليج ڪارڊيف (برطانيه) ۾ رياضي ۽ فلڪيات جو استاد آهي، پنهنجي علمي تحقيق سبب عالمي شهرت ماڻي اٿس. هو پروفيسر سر فريڊ هائل سان گڏ 1962ع کان هڪ تحقيق ۾ مشغول رهيو. سندن تحقيق جو عنوان هو، ته ”زمين تي حياتيءَ جي شروعات ڪهڙي طرح ٿي.“ ٻنهي پروفيسرن پنهنجي تحقيق جي نتيجي کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو، جنهن جونالو آهي ”ارتقا خلا مان.“
    پروفيسر وڪرما سنگهي تحقيق جي ابتدا انهيءَ سوچ سان ڪئي، ته خالق جو تصور سائنس سان مطابقت نه ٿو رکي. هو لکي ٿو ”پر تحقيق جي آخري نتيجن سان مون کي وڏو ڌچڪو لڳو. سائنسي تعليم جي دوران شروع ۾ مونکي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ويو هو ته ڪنهن به ارادي تخليقي قوت (طاقت) کي تسليم ڪرڻ هڪ اهڙو خيال آهي، جنهن کي سائنس قبول نه ٿي ڪري سگهي.“ پر مونکي حيرانگيءَ وچان چوڻو پوي ٿو، ته انهيءَ خيال کي ڇڏڻو پوندو. منهنجو ذهن مون کي جنهن طرف وٺي وڃي رهيو آهي، سو منهنجي لاءِ سخت غير اطمينان بخش آهي، پر انهيءَ مان نڪرڻ جو ڪوبه منطقي رستو ڪونهي.“
    ٻنهي سائنسدانن پنهنجي پنهنجي ليکي ان جو حساب لڳايو، ته اتفاقي طور تي حياتيءَ جي شروع ٿيڻ جو رياضياتي امڪان ڪيترو آهي. ٻنهي ڄڻن جي آزادانه تحقيق جو گڏيل نتيجو اهو نڪتو، ته اتفاقي پيدائش جو رياضياتي طور تي ڪوبه امڪان نه آهي. انهن حساب لڳائي ٻڌايو ته اتفاقي پيدائش جو امڪان جيڪڏهن ”هڪ“ مڃجي، ته ان جي ابتڙ امڪان ايترا ته گهڻا آهن، جو انهن کي ڳڻڻ لاءِ هڪ جي ساڄي طرف چاليهه هزار ٻُڙيون (Zero) لڳائڻيون پونديون. ”هيءَ تعداد موجوده مقدار ۽ ڪائنات جي عمر (جيڪا سائنسدان 15 بلين سال ٻڌائين ٿا) کان اندازي کان ٻاهر حد تائين گهڻو وڌيڪ آهي، ان ڪري مونکي سئو سيڪڙو يقين آهي، ته هن ڌرتيءَ تي زندگي اوچتو شروع نه ٿي سگهي.“
    ڪيميائي اتفاق سان اوچتو زندگيءَ جو شروع ٿيڻ ايتريقدر عقل کان پري جي ڳالهه آهي، جو بلڪل بيڪار خيال معلوم ٿئي ٿو. اهو سوچڻ بلڪل عقل مطابق آهي، ته طبعي طور تي عطا ڪيل اهي خصوصيتون جن تي زندگيءَ جو دارومدار آهي، سي هر لحاظ کان ڪنهن ارادي جون عطا ڪيل آهن. وڪرما سنگهي لکي ٿو، ته سرفريڊ هائل مون کان وڌيڪ هڪ اعليٰ خالق جي وجود جو قائل هو. مون جڏهن به ان جي ابتڙ ساڻس بحث ڪيو ته مون پنهنجي دليلن کي کوکلو محسوس ڪيو. ان وقت مون وٽ ڪوبه عقلي دليل نه هو، جنهن سان خدا جي وجود جي نظريي کي باطل ثابت ڪري سگهان. جيڪڏهن مون وٽ ڪو معمولي دليل به هجي ها، ته مان هن ڪتاب جي لکڻ ۾ سرفريڊ جو ساٿ نه ڏيان ها. هاڻي اسان محسوس ڪريون ٿا ته زندگيءَ جي باري ۾ معقول جواب اهو آهي، ته اها ڪنهن خالق جي تخليق آهي، اها ڪنهن بي ڪار ۽ بي مقصد ڦيرگهير جو نتيجو نه آهي، مان اڄ به اها اميد رکان ٿو، ته ڪنهن ڏينهن ٻيهر خالص مشيني تشريح پيش ڪري سگهان. اسان هڪ سائنسدان جي حيثيت ۾ ان ڳالهه جي آس لڳايو ويٺا هئا سين، ته ڪونه ڪو رستو ڳولي وٺنداسين، پر موجوده تحقيقي نتيجي جي روشنيءَ ۾ ان جي ڪابه صورت نظر نه ٿي اچي. منطقي سوچ رکندڙ مايوس ٿي وڃڻ جي باوجود به ان جا مخالف آهن.
    مان ٻڌ مذهب سان لاڳاپيل آهيان، ان لحاظ کان جيتوڻيڪ مان جذباتي نه آهيان، ان ڪري اهو منهنجي لاءِ ڪو مسئلو به نه هو، ڇاڪاڻ ته ٻڌ مذهب ۾ خدا جي وجود جي عقيدي جي ڪا به اهميت نه آهي، اهو ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ ڄاڻڻ جي دعويٰ ئي نه ٿو ڪري. ٻڌ مذهب جي نظرئي ۾ خالق جو ڪوبه وجود ڪونهي پر هاڻي مان سمجهان ٿو، ته منطق جي ذريعي مان هن مقام تي پهچايو ويو آهيان ته انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه طريقو ڪونهي جنهن سان اسان اهو سمجهي سگهون ته مخصوص ڪيميائي مادن ۾ بلڪل هڪ متوازن نظام ڪيئن ٿو ڪم ڪري، جنهن سان ڪائنات جي دنيا ۾ تخليق جو سلسلو جاري رهي ٿو. (هندستان ٽائيمز 6 سيپٽمبر 1981ع)

    تبصرو:
    گذريل صديءَ ۾ اهو سمجهيو پئي ويو، ته خدا جو تصور هڪ ذاتي عقيدي جي ڳالهه آهي ۽ ان جو علمي سوچ ۽ فڪر سان ڪوبه تعلق ڪونهي. پر ٻي عالمي جنگ کان پوءِ لڳاتار اهڙيون شاهديون ملن ٿيون، جن جي آڌار تي انسان اهو مڃڻ تي مجبور ٿي پيو آهي ته خدا جو وجود صرف بي دليل عقيدو نه آهي، بلڪه هڪ علمي ۽ عقلي نظريو آهي.
    سائنسي علم انسان کي رڳو انهيءَ واضح حقيقت کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو، ته خدا جو وجود آهي. هاڻي ان کان اڳتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي، ته جڏهن خدا آهي، ته پوءِ انسان جو ان سان ڪهڙو تعلق آهي؟ انهيءَ سلسلي ۾ سائنس اسان جي ڪابه رهنمائي نه ٿي ڪري ۽ نه ئي ڪا ڄاڻ فراهم ڪري سگهي ٿي. دراصل هيءُ اهو نقطو آهي، جتان مذهب جي سرحد شروع ٿئي ٿي.
    اصولي طور تي سمورا مذهب انهيءَ سوال جو جواب آهن، پر مذهبن جي موجوده شڪل ٻڌائي ٿي، ته اسلام کان سواءِ ڪوبه مذهب پنهنجي اصلي حالت ۾ محفوظ نه رهيو آهي. ڪو مذهب انهيءَ ڪري باطل قرار ٿي چڪو آهي ته ان ۾ خدا جو تصور آهي ئي ڪو نهي ۽ ڪنهن جو حال وري هيءَ آهي، ته اهو ڪيترن ئي خدائن جي وجود جي دعويٰ ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سمورا علم اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته خدا جيڪڏهن ٿي سگهي ٿو، ته اهو صرف هڪ ئي ٿي سگهي ٿو، گهڻن خدائن جو هئڻ ممڪن ئي نه آهي. ڪيترن مذهبن جي نظام ۾ اهڙا نظريا شامل ٿي چڪا آهن، جن کي انساني ضمير ڪڏهن به قبول ئي نه ٿو ڪري سگهي. مثال طور انسانن جي وچ ۾ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي فرق، اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون آهن.
    علمي حقيقتون انسان کي خدا تائين پهچائي رهيون آهن ۽ خدا کي مڃڻ کان پوءِ، مذهب اسلام کي مڃڻ کان سواءِ ڪوبه چارو نه آهي. جڏهن علمي مطالعو هيءُ ٻڌائي رهيو آهي، ته هن دنيا جو صرف هڪ ئي خدا آهي، ته پوءِ بي خدا مذهب پنهنجو پاڻ ئي باطل ثابت ٿي وڃن ٿا. جڏهن ڪائناتي تحقيقات مان واضح ٿئي ٿو ته هن ڪائنات جو سمورو نظام هڪ وحدت پٽاندڙ هلي رهيو آهي، ته پوءِ اهڙا سمورا مذهب بي معنيٰ بڻجي وڃن ٿا جيڪي ڪائنات جي گهڻن خدائن کي مڃين ٿا. اهڙي حالت ۾ انسان مجبور بڻجي وڃي ٿو، ته اسلام کي پنهنجو مذهب بڻائي، جيڪو نه صرف خدا جي صحيح تصور تي مشتمل آهي، بلڪه واضح طور تي اهو به ٻڌائي ٿو ته خدا ۽ انسان جي درميان ڪهڙي قسم جو تعلق هئڻ گهرجي.

    تلاش جو صحيح جواب نه ملڻ جو سبب
    ڊاڪٽر جي _ وي نارليڪر (پيدائش 1939ع) کي هڪ انٽرويو دوران چيو ويو، ته ”مذهبي توهم پرستيءَ جي عبادت ۾ سائنسدان عام ماڻهن کان ڪنهن به طرح پوئتي نه آهن، ايستائين جو ڪيترا سائنسدان ديوتائن ۾ به يقين رکن ٿا. ان جي جواب ۾ عالمي شهرت يافته سائنسدان ڊاڪٽر نارليڪر جواب ڏنو، ته مون کي اها ڳالهه بلڪل پسند نه آهي. عملي طور تي ڏسان ٿو ته ڪيترائي سائنسدان جڏهن تجربي گاهن ۾ ڪم ڪندا رهندا آهن، ته هو سائنسي نقطه نظر کي اختيار ڪندا آهن، پر جڏهن پنهنجي گهر ۾ هوندا آهن، ته سائنسي طريقي کي بلڪل استعمال نه ڪندا آهن، مثال طور مغرب جي اعليٰ تعليم يافته ماڻهن ۾ جيوتش جو عقيدو ڦهلجي رهيو آهي. هيءَ هڪ نفسياتي مسئلو آهي. انسان جي اندر ۾ اها خواهش هر وقت اڀرندي رهي ٿي، ته هو آسان ۽ فوري تسڪين حاصل ڪري، درحقيقت اهو هڪ ذهني سهارو آهي.“ ڪوبه شخص خواه جاهل هجي يا عالم، ڪامياب هجي يا ناڪام سندس زندگيءَ ۾ باربار اهڙا مرحلا پيش اچن ٿا جنهن سان هو پنهنجي عاجزيءَ جو تجربو ڪري ٿو، هو محسوس ڪري ٿو، ته هو بي وس وجود آهي، اها ڳالهه کيس پاڻ کان برتر هستي جي تلاش ڏانهن وٺي وڃي ٿي، اهڙي هستي جيڪا سندس ڪمزورين جو متبادل بڻجي سگهي. مغرب جا اعليٰ تعليم يافته فرد جن لاءِ مادي موقعن کي حاصل ڪرڻ جا سمورا دروازا کليل آهن، سي جڏهن پنهنجي ذهني ”تسڪين“ لاءِ فوق الفطرت شين جو سهارو وٺن ٿا، ته حقيقت جي لحاظ کان فرضي نه هوندو آهي بلڪه حقيقت ۾ اهو سندن فطرت جي خاموش پڪار جو جواب هوندو آهي. اهوئي سبب آهي، ته هو پنهنجي تلاش جو صحيح جواب نه ملڻ جي صورت ۾ جيوتش جهڙي تو هم پرست شين ۾ اٽڪي پون ٿا. خدا جو وجود نه صرف يقيني آهي، بلڪه اهو انسان لاءِ ايترو ته ضروري آهي، جو ان کانسواءِ هو هڪ لمحو به رهي نه ٿو سگهي.


    مذهب بابت علمي دليل

    قديم زماني ۾ پاڻيءَ کي صرف پاڻي سمجهيو ويندو هو، اڻويهين صديءَ ۾ خوردبين ايجاد ٿي . خوردبين جي ذريعي جڏهن پاڻيءَ کي ڏٺو ويو ، ته معلوم ٿيو ته اهو رڳو پاڻي نه هيو پر ان ۾ بي شمار بيڪٽيريا پڻ موجود آهن، اهڙي طرح آسمان ۾ جيڪي ستارا چمڪندي نظر اچن ٿا، تن جي تعداد جي باري ۾ انسان اهوئي پئي سمجهيو، جيڪو کيس ظاهر اکين سان نظر پئي آيو. پر موجوده زماني ۾ جڏهن آسمان جو مشاهدو دوربين جي وسيلي ڪيو ويو، ته معلوم ٿيو، ته ستارن جو مقدار ان کان تمام گهڻو آهي، جيڪو ظاهري اک سان نظر اچي ٿو. هيءُ هڪ سادو مثال آهي، جنهن سان قديم ۽ جديد زماني جي فرق کي سمجهي سگهجي ٿو. جديد زماني جا مشاهدا يقيني طور تي ٻڌائي رهيا آهن، ته حقيقتون ان کان تمام گهڻيون آهن، جن کي انسان پنهنجي سادي مشاهدي جي آڌار تي هن کان اڳ ۾ سمجهي ويٺو هو، پر اهي فرد جيڪي انهن نون مشاهدن کي سامهون آڻي رهيا هئا، سي پنهنجي کوجنائن ۾ ايترو ته جوش ۾ هئا، جو انهن هڪ ٻي دعويٰ به ڪري وڌي. انهن چيو ته حقيقت اها ئي آهي، جيڪا سنئون سڌو سندن مشاهدي ۾ اچي، ان جي ابتڙ جيڪا شيءِ سئون سڌو مشاهدي ۽ تجربي ۾ نه ٿي اچي سو صرف من گهڙت خيال آهي، ان جو ڪو به وجود ڪونهي.
    اڻويهين صديءَ ۾ انهيءَ دعويٰ کي ايڏو ته زور شور سان پيش ڪيو ويو، جو ان جو اثر سڀ کان وڌيڪ مذهب تي پيو. مذهب جن عقيدن جي تعليم ڏئي ٿو، سي سڀ غيبي عقيدا آهن يعني اهي سنوان سڌا اسان جي تجربي ۽ مشاهدي ۾ نه ٿا اچن. انهيءَ بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهن اهو سمجهي ورتو، ته مذهب هڪ فرضي شيءِ آهي، حقيقت سان ان جو ڪوبه تعلق نه آهي پر ويهين صدي جي تحقيق انهيءَ صورتحال کي بلڪل بدلائي ڇڏيو، سائنس جي وڌيڪ مطالعي سان انسان کي اهو معلوم ٿيو، ته حقيقتون صرف ايتريون نه آهن، جيڪي سنئون سڌو اسان جي مشاهدي ۾ اچن ٿيون، پر انهن کان مٿانهيون ٻيون به ڪيتريون ئي حقيقتون آهن، پر تمام وڏيون حقيقتون مشاهدن کان مٿانهيون ئي هونديون آهن.
    برٽرينڊرسل جي لفظن ۾ علم ٻن قسمن جو آهي: هڪ شين جو علم ۽ ٻيو صداقتن جو علم. اسان سنئون سڌو صرف شين کي ڏسي سگهون ٿا، ان کان پوءِ جيڪي صداقتون آهن، اهي فقط اڻ سڌي مشاهدي ٻين لفظن ۾ استنباطي وسيلي ڄاڻي سگهجن ٿيون. مثال طور روشني، ڪشش، مقناطيس، جو هري طاقت وغيره اهي شيون بلاشڪ ڪائنات جون مڃيل حقيقتون آهن، پر انسان کين سنئون سڌو ڏسي نه ٿو سگهي. اهي صرف سندن اثرن جي ذريعي ڄاڻي سگهجن ٿيون، انسان جي تجربي ۾ ڪجهه شيون اچن ٿيون، جن مان اهو نتيجو ڪڍندو آهي، ته فلاڻي فلاڻي حقيقت ۽ صداقت اتي موجود آهي.
    ويهين صديءَ ۾ علم جي انهيءَ تبديليءَ بنيادي طور تي سموري معاملي کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ انسان مجبور ٿي پيو، ته هو اهڙين شين جي وجود جو اعتراف ڪري، جن کي هو سنئون سڌو نه ٿو ڏسي سگهي، البت تجربن ۽ مشاهدن جي ذريعي اڻ سڌي طرح موجود حقيقتن ۽ صداقتن کي معلوم ڪري سگهي ٿو. علم جي انهيءَ تبديليءَ تاريخ ۾ پهريون دفعو مشاهداتي حقيقت ۽ غيبي حقيقت جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو. هاڻي نظر نه ايندڙ شيون به ايتريون ئي اهم بنجي ويون ، جيتريون نظر ايندڙ شيون آهن. هاڻي انسان اهو به مڃڻ تي مجبور ٿي پيو ته تجربي ۽ مشاهدي جي واسطي سان يا استنباط ۽ استخراج جي ذريعي حاصل ڪيل حقيقتن کي عقلي طور تي تسليم ڪري، جيئن سنئون سڌو مشاهدي ۽ تجربي سان حاصل ڪيل شين کي مڃي ٿو. علم جي انهيءَ تبديليءَ موجوده زماني ۾ الهياتي دليل کي بلڪل سائنسي دليل طور متعارف ڪرايو آهي. مثال طور خدا جي وجود تي الاهٰياتي عالمن جو سڀ کان وڏو دليل اهو آهي جنهن کي فلاسافر ڪائنات جي نظم ۽ ضبط جو استدلال (Argument from design) سڏين ٿا. هن استدلال کي اڻويهين صديءَ جي متشدد عالمن مڃڻ کان انڪار ڪيو. انهن چيو ته اهو دليل استنباطي آهي ۽ استنباطي دليل علمي لحاظ کان مڃڻ جي قابل نه آهي پر موجوده زماني ۾ اهو اعتراض بنيادي طور تي ختم ٿي چڪو آهي. اڄ جو انسان مجبور آهي، ته هو ڪائنات جي هن نظم ۽ ضبط مان ڪائنات جي خالق جي دليل کي ايئن ئي علمي ۽ عقلي طور تسليم ڪري، جيئن هو مشين جي ڦيٿي کي حرڪت ڏيڻ سان اليڪٽرانن جي گردش جي نظريي کي عقلي سمجهي ٿو.
    قديم يوناني فلاسفرن دنيا جي باري ۾ ڪيترائي خيالي دليل قائم ڪيا هئا، جيڪي بعد ۾ تحقيق سان غلط ثابت ٿي چڪا، مثال طور هي نظريو ته زمين مرڪز ۾ آهي ۽ سج ان جي چوڌاري ڦري ٿو، پر مذهب جو معاملو بلڪل ان کان مختلف آهي. مذهب جا جيڪي حقيقي عقيدا آهن، سي سائنسي تحقيق سان واضح طور تي ثابت ٿيندا پيا وڃن. هيءُ هڪ اهڙو واقعو آهي، جيڪو مذهب جي صداقت کي، تجرباتي بنياد تي ثابت ڪري رهيو آهي. مذهبي عقيدا جيڪڏهن بي بنياد دليل تي قائم ڪيا ويا هجن ها، ته بعد جي علمي تحقيق ان جي ترديد ڪري ها ۽ نه ڪي تصديق. انهيءَ واضح ثبوت کان پوءِ به جيڪي ماڻهو مذهب جي صداقت کي نه ٿا مڃين، سي علم ۽ عقل جي بنياد تي نه پر هٺ ڌرميءَ جي بنياد تي انڪار ڪن ٿا.


    مذهب انساني تخليق نه آهي

    مذهب کي بي اعتبار ثابت ڪرڻ لاءِ موجوده زماني ۾ جيڪي ڪوششون ڪيون ويون آهن، تن مان هڪ ڪوشش اها آهي جنهن جو تعلق علم الانسان سان آهي. علم الانسان (Anthropology) معاشري جو مطالعو آهي. هن فن جي ماهرن جو چوڻ آهي، ته قديم انساني معاشرن جي مطالعي مان ثابت ٿئي ٿو، ته مذهب سماجي حالتن جي پيداوار آهي، قديم معاشرن ۾ جيڪي مختلف حالتون هيون، تن جي مطابق مختلف مذهبي اعتقاد وجود ۾ ايندا رهيا. ٻين لفظن ۾ مذهب آسمان کان نازل ٿيل ڪا دائمي صداقت نه آهي، بلڪه انسان جي سماجي حالتن جي پيداوار آهي جيڪو حالتن ۽ زماني جي تبديليءَ سان گڏوگڏ مختلف شڪلين ۽ صورتن ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو پر بعد ۾ خود علم الانسان جي تحقيق انهيءَ من گهڙت خيال کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. هتي اسان انهيءَ سلسلي ۾ جديد تحقيق جو خلاصو پيش ڪريون ٿا.
    يوناني مصنف ايوميرس جو چوڻ هو، ته ديوتا شروع ۾ زمين جا وڏا وڏا بادشاهه هوندا هئا، ان کان پوءِ آهستي آهستي اهي خدا بنجي ويا ۽ سندن پوڄا ٿيڻ لڳي. بعد ۾ ان عقيدي کي ٻڌائڻ لاءِ هڪ اصطلاح ٺاهيو ويو، جنهن کي ان جي نالي پٺيان ”ايو ميرزم“ چيو وڃي ٿو، ان جو مطلب هي آهي، ته ديوتا ڪنهن زماني ۾ انساني هيرو هئا. يوناني مصنف جو اهو نظريو محض قياس تي ٻڌل هو. هن ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو، ته چين، آفريڪا ۽ ٻين ڪيترين جاين تي جتي ماڻهو پنهنجن ابن ڏاڏن جي پوڄا ڪندا هئا اتي ان جا مثال به ملن ٿا، ته ان قسم جي پوڄا خدا جي پوڄا کان الڳ ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪئي ويندي هئي.
    قديم زماني ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون صرف دلي تسڪين حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو پسند ڪندا هئا. تنهن هوندي به هڪ سئو سال اڳ وڏي پيماني تي انهيءَ سوال جي جواب جي تلاش شروع ٿي، ته مذهب جي ابتدائي شڪل ڪهڙي هئي، پر تحقيق، تلاش ۽ جستجو جي ڊگهي سفر کان پوءِ به انسان ٻيهر اتي ئي اچي بيٺو آهي، جتان هن شروعات ڪئي. ان مان اهو ثابت ٿيو ته مذهبي تصور ايترائي پراڻا آهن، جيتري خود انساني تاريخ. هڪ لک سال پهريائين حيواني شبيهه واري انسان کي مرڻ کان پوءِ جڏهن دفن ڪيو ويو، ته ان سان گڏ قبر ۾ سندس کاڌو به رکيو ويو، ته جيئن هڪ ٻي دنيا جي سفر دوران کيس گذران لاءِ ڪم اچي سگهي. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو، ته انتهائي شروعاتي انسان به مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جي تسلسل جي عقيدي کي مڃيندڙ هو.
    مذهب ڪيئن شروع ٿيو؟ اهو سوال باقاعدي صرف هڪ سئو سال پهريائين وجود ۾ آيو. ان کان پهريائين بائبل جي ڪتاب ”پيدائش“ ۽ ”قرآن“ جي روشنيءَ ۾ اهو سمجهيو ويندو هو، ته جڏهن پهريون انسان (آدم عه) پيدا ڪيو ويو، ته انهيءَ وقت خدائي الهام به کيس ملي ويو، جنهن ۾ کيس اهو ٻڌايو ويو ، ته سچو مذهب خدا جي نظر ۾ ڪهڙو آهي.
    مذهبن جا عالم عام طور تي ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا، ته انهيءَ ابتدائي مذهب ۾ بعد جي نسلن پهريون ڀيرو بگاڙ پيدا ڪيو ۽ اهڙي طرح مذهب جون مختلف شڪليون ٺهنديون ويون. اڻويهين صدي ۾ خاص طور تي ارتقائي نظر ئي، تعليم يافته طبقي ۾ اهو ذهن پيدا ڪيو، ته اهي مذهبي ارتقا جو مطالعو ڪن ۽ ان جون ابتدائي شڪليون دريافت ڪن. انهن ائين سمجهيو ته ارتقا جو اصول هر معاملي ۾ اهڙي طرح جاري آهي، جيئن ڊارون حياتيات ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
    ”ابتدائي مذهب“ ۽ ”ترقي يافته مذهب“ جا نوان اصطلاح پيدا ٿيا.. انهيءَ تلاش سان جلد انسان انهيءَ دريافت تائين رسايو ته مذهب جي ابتدا ڪجهه وهمي خيالن سان ٿي، آهستي آهستي اصلاح ٿيندي ٿيندي اهي خيال مذهب جي موجوده ترقي يافته شڪل تائين پهتا آهن. ڄڻ ته انهيءَ علمي تجزيي جي ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته مذهب پنهنجي حقيقت جي اعتبار کان هڪ سماجي ۽ نفسياتي وهم کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. پر مذهب جي محققن جو اهو يقين گهڻي دير تائين باقي رهي نه سگهيو ۽ تحقيق کان پوءِ جيڪي نتيجا حاصل ٿيا، تن ابتدائي نتيجن جي ترديد ڪئي.
    1871ع ۾ ايڊورڊ بي ٽيلر مذهب جي باري ۾ پنهنجي نظريئي جي وضاحت لاءِ مظاهر پرستيءَ جو اصطلاح ڪتب آندو. ان جو مطلب هيءُ هو ته شروعاتي انسان خواب، وِڦلڻ ۽ موت جي واقعن مان هيءُ نتيجو ڪڍيو، ته ”ان جي اندر ڪو غير فاني روح آهي،“ جڏهن ڪنهن کي مئل شخص خواب ۾ آيو، ته اهو سمجهيو ويو، ته ”انسان جو روح مرڻ کان پوءِ به باقي رهي ٿو،“ ۽ انهن مان آهستي آهستي ڪجهه روح ديوتا بنجي ويا“ انهيءَ زماني ۾ هر برٽ اسپنسر هيءُ خيال به پيش ڪيو، ته مئل ماڻهو، جيڪي ڀوتن جي شڪل ۾ نظر ايندا هئا، تن کي ديوتا سمجهي پوڄيو ويو. ٽيلر ۽ اسپنسر جي نظرين جو جڏهن بعد وارن محققن تجزيو ڪيو، ته اهي انهيءَ نتيجي تي پهتا، ته اهي ٻئي محقق ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ته تاريخ جي دور کان اڳ جو انسان به ڇا انهيءَ ڍنگ تي سوچيندو هو ۽ گڏوگڏ روحن ۽ ڀوتن جي ذريعي خدا تائين پهچڻ جو خيال رڳو قياس تي مشتمل هو. هن نظرئي جا حامي انهيءَ سوال جو جواب به نه ڏئي سگهيا ته جيڪڏهن مرده انسانن جي روح مان خدا جو تصور اڀريو ته اهو عالمي ڪيئن بڻجي ويو. جڏهن ته قديم زماني ۾ زمين جي گولي تي ڦهليل مختلف قبيلن جي درميان ڪو مواصلاتي سلسلو موجود ئي نه هو. تنهن ڪري مظاهر جي روحن (اينمزم) جو نظر يو علمي نقطه نظر کان مذهب جي تشريح جي حيثيت ۾ اڄ عملي طور تي رد ٿي چڪو آهي.
    روحيت مظاهر جو هڪ ٻيو نظريو آر_آرميرٽ 1899ع ۾ پيش ڪيو. هن جو چوڻ هو ته پهريائين انسان شخصي روح کي نه مڃيندو هو بلڪه غير شخصي طاقت ۾ عقيدو رکندو هو، جنهن دنيا کي زندگي عطا ڪئي. هن پنهنجي نظرئي کي ”اينيمٽزم“ جو نالو ڏنو، پر بعد جي تحقيق مان معلوم ٿيو، ته هن صرف هڪ لفظي مغالطي مان هيءُ نظريو قائم ڪيو هو. بحرالڪاهل جي ڪناري تي رهندڙ ڪجهه قبيلن کي ميلانيسين چيو وڃي ٿو. انهن جي ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ ”منا“ (mana) آهي. ميرٽ سمجهيو ته قبيلي جا ماڻهو ان لفظ کي روحاني طاقت جي معنيٰ ۾ ڳالهائن ٿا ۽ غير شخصي طاقت جو اهو عقيدو ئي مذهب جو بنياد آهي. هن جو وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته قديم انسان مفڪر يعني شين جي حالتن مان نتيجا ڪڍندڙ نه هو بلڪه ايڪٽر يعني شين جي خارجي حالتن جي هوبهو ترجماني ڪندڙ هو. انهيءَ طرح ان جو مذهب جادو کان ٿوروگهٽ مختلف هو. پر بعد جي تحقيق مان پتو پيو، ته اهي قبيلا ”منا“ جو لفظ غير شخصي طاقت جي معنيٰ ۾ نه ڳالهائيندا هئا، جنهن ڪائنات کي وجود بخشيو، جيئن ميرٽ ۽ ٻين محققن سمجهيو هو، بلڪه هو اهو لفظ امتيازي روحاني صفت جي معنيٰ ۾ چوندا هئا.
    1890ع ۾ جيمز فريزر هڪ ڪتابي سلسلو شايع ڪيو، جنهن مان وڌيڪ اهم ڪتاب ”سنهري شاخ“ (The Golden Bough)نالي هو. هن پنهنجي ڪتابي سلسلي جو آغاز هڪ ”مقدس وڻ“ جي نالي ڪهاڻيءَ سان ڪيو، جيڪو قديم اٽليءَ جي هڪ هنڌ اربسيا ۾ هڪ شخص پوکيو هو. ان جو خيال هو، ته هن وڻ ۾ ڪا روحاني طاقت آهي ۽ ان جي مدد سان جادو جا ڪرشما ڏيکاري سگهجن ٿا. اهڙي قسم جي واقعن کي بنياد بڻائي فريزر هڪ نظريو گهڙيو جيڪو هي هيو ته: ” جادو پوءِ مذهب پوءِ سائنس“ بڻيو. سندس چوڻ هو ته جادوءَ جي طريقي ۾ جڏهن پهريون ڀيرو ناڪامي ٿي، ته انسان سمجهيو ته ڪا اهڙي مٿانهين هستي آهي، جيڪا سندس مدد ڪري کيس يقيني طور تي ڪامياب بنائي سگهي ٿي. اهڙي طرح جادو مذهب جي شڪل اختيار ڪئي، ان کان پوءِ انسان استدلاليءَ ۽ تجرباتي طريقي تائين پهتو، جنهن کي سائنس چئجي ٿو. پنهنجي ارتقائي ڪشش جي ڪري هيءُ نظريو شروع ۾ تمام گهڻو مقبول رهيو. پر جلد ئي معلوم ٿي ويو ته هن خيال جو ڪوبه تاريخي ثبوت نه ٿو ملي ته جادو پهريائين هو ۽ مذهب ان کان پوءِ وجود ۾ آيو. تهذيب جي هر مرحلي تي، تاريخي دستاويزن مطابق مذهب ۽ جادو ٻئي گڏوگڏ رهيا آهن، ان ڪري هيءُ نظريو ته ” جادو پوءِ مذهب ۽ پوءِ سائنس بڻيو“ غير تاريخي آهي.
    1922ع ۾ لوسين ليوي بروهل ابتدائي ذهن جو نظريو پيش ڪيو. هن جي چوڻ مطابق قديم زماني جا وحشي انسان هڪ ابتدائي منطقي فڪر استعمال ڪندا هئا، جيڪو اسان جي موجوده فڪر کان مختلف هو. هن انهيءَ نظرئي تي به تنقيد ڪئي، ته سمورا انسان هڪجهڙي صلاحيت رکن ٿا. هن مثال پيش ڪيو، ته سموريون غير ترقي يافته قومون موت جي تشريح فطري سببن کان سواءِ ٻين سببن سان ڪن ٿيون. سندس نظر ۾ انسان سادي طور تي صرف بيماريءَ يا پوڙهائپ جي ڪري نه ٿو مري بلڪه ڪا پراسرار طاقت آهي، جيڪا کيس ماري ٿي. پر گذريل سئو سالن جي مذهب جي ٻين شارحن وانگر ليوي بروهل پڻ رڳو ڪرسي نشين مفڪر هو، جنهن کي موجوده زماني جي ابتدائي انسان جي خبر ئي نه هئي. ايتريقدر جو کيس ان ڳالهه جي به ڄاڻ نه هئي، ته قديم انسان ڪهڙي طرح سوچيندو هو. حقيقت هيءَ آهي، ته ابتدائي دور جو انسان انهيءَ ڳالهه کي چڱي طرح ڄاڻندو هو ته موت ڪهڙي طرح طبعي سببن جي ڪري ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ هو ان سان گڏ هڪ روحاني سبب کي به ان ۾ شامل ڪندو هو.
    هڪ ٻئي فرانسيسي مصنف امائيل ڊر خيم 1912ع ۾ مذهب تي پنهنجو ڪتاب شايع ڪيو جنهن ۾ هن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو، ته مذهب نه هڪ سماجي واقعو آهي ۽ نه ئي انسان جي نفسيات جي پيداوار. اهو وهم به نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هر دور ۾ ان جو وجود نظر اچي ٿو. ان جي ذريعي اخلاق ۽ قانون جا وڏا وڏا نظام قائم ٿيا. ان هوندي به درخيم جي نظر ۾ مذهب خود سماج جي پوڄا جو نالو هو جيڪو پر اسرار علامتن جي ويس ۾ ظاهرٿئي ٿو. درخيم پنهنجو اهو تصور آسٽريليا جي ڪجهه قديم قبيلن کان ورتو هو. درخيم جي انهيءَ چونڊ ۾ هڪ غلطي لڪل هئي. ڇاڪاڻ ته هو ڪڏهن به آسٽريليا نه ويو هو تنهنڪري هن ٻين کان ورتل ناقص معلومات جي آڌار پنهنجي نظرئي جو بنياد رکيو ۽ پوءِ اندازو لڳايو، ته سموري دنيا جا انسان آسٽريليا جي انهن قديم قبيلن مطابق عمل ڪندا هئا. اهي قديم قبيلا ڪجهه وڻن ۽ جانورن کي مقدس سمجهندا هئا ۽ انهن جو کائڻ وٽن حرام هو. ڪجهه هڪجهڙاين جي ڪري درخيم انهيءَ عقيدي کي اتر آمريڪا جي انڊين قبيلن جي ”ٽوٽم“ جي مشابهه سمجهيو ۽ چيو ته هيءُ وڻ ۽ جانور قبيلن جي سماجي آدرش جا نشان هئا، جن آخرڪار مذهب جي شڪل اختيار ڪئي. پر نه رڳو ٽوٽم جو اهو تصور واقعاتي طور تي ثابت نه ٿي سگهيو، پر تاريخي طور تي به اهو ثابت نه ٿي سگهيو ته ڪو ٽوٽم جو عقيدو مذهب کان اڳ جي پيداوار آهي.
    انهيءَ کان به وڌيڪ ڪمزور وضاحت آسٽريا جي نفسيات جي ماهر سگمنڊ فرائڊ 1913ع ۾ پيش ڪئي، هن پنهنجي ڪتاب (Totam and Taboo) ۾ بحرالڪاهل جي علائقي جي ڪجهه قبيلن جي ڪهاڻي لکي آهي، ته قديم زماني ۾ هڪ طاقتور پيءُ خاندان جي سمورين عورتن کي پنهنجي لاءِ خاص ڪري ڇڏيندو هو. پوءِ جڏهن ان جاپٽ جوان ۽ طاقتور ٿيا، ۽ سندن پيءُ پوڙهو ٿي ويو، ته هڪ ڏينهن انهن پنهنجي پيءَ کي قتل ڪري وڌو ۽ عورتن کي پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيو. وڌيڪ اهو ته انهن پنهنجي قتل ڪيل پيءَ کي کائي ڇڏيو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سندن پيءُ جو روح انهن جي اندر اچي ويو، جنهن کان هو ڊڄندا هئا ۽ انکي برتر سمجهندا هئا. اهڙي طرح انهن پيءَ جي طاقت جي نشان طور ڪجهه جانور مقرر ڪيا. ان کان پوءِ انهن جشن ملهائڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ اهي مختلف طريقن سان پنهنجي انهن عقيدن جو اظهار ڪندا هئا. اها شيءِ آهستي آهستي مذهب بڻجي وئي. پر انهيءَ عجيب و غريب نظرئي جو ڪو تاريخي ثبوت محققن کي ملي نه سگهيو. ”پيءُ“ کي مٿي بيان ڪيل طريقي سان قتل ڪري کائڻ جو مثال امڪاني طور تي صرف آسٽريليا ۾ ۽ اهو به هڪ دفعو ملي ٿو، جنهن جا ثبوت به تمام گهڻو غير واضح آهن. ان ڳالهه جي ڪابه تاريخي، علامتي يا ڪا ٻي ثابتي نه ٿي ملي، جنهن مان ثابت ٿئي ته مذهب انهيءَ طرح پٽن جي هٿان پيءُ جي قتل ڪرڻ جي واقعي سان شروع ٿيو. يا هيءُ ته مذهب سموري ڪائنات ۾ هڪ ئي جڳهه کان ڦهلجڻ شروع ٿيو يا هر ملڪ ۾ انهيءَ خاص ڍنگ سان شروع ٿيو.
    مذهب جي آغاز جي نفسياتي يا سماجي نظرين جي بلڪل ابتڙ ڪجهه مصنفن اها به دعويٰ ڪئي آهي، ته قديم ترين مذهبي عقيدو هڪ برتر هستيءَ جو عقيدو هو. اينڊ ريولينگ 1898ع ۾ ”مذهب جي تشڪيل“ ۽ ولهلم اسمٿ ”خدا جي تصور جي ابتدا“ ڪتاب شايع ڪيا، جن ۾ وڏي زور سان انهيءَ نظرئي کي پيش ڪيو ويو. لينگ ڊگها سفر ڪيا ۽ ڪيترن سالن تائين سموري دنيا مان ثابتيون گڏ ڪندو رهيو ۽ پوءِ ٻڌايو ته هڪ خدا جو عقيدو انتهائي ابتدا وارن انسانن ۾ موجود هو، ان کي مذهب جي پهرين صورت چئي سگهجي ٿي. ان کان پوءِ جي محققن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ابتدائي قبيلن ۾ هڪ خدا جو تصور بلڪل موجود هو، پر گڏوگڏ اهو به لکيو آهي، ته ٻين ديوتائين جو عقيدو پڻ ملي ٿو.اهڙي طرح هڪ خدا جو تصور ڄڻ ڪيترن کي مڃڻ جوهڪ جُز آهي.
    مذهب جي شروعات جي باري ۾ گذريل مفروضن جي غلط ثابت ٿيڻ ڪري هاڻي انهيءَ ميدان ۾ تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق تمام گهڻو محتاط ٿي ويا آهن. هاڻي جيڪڏهن مذهب ايتروئي پراڻو آهي، جيترو انساني غور وفڪر جي تاريخ ته پوءِ ايڏي آڳاٽي ماضيءَ سان تعلق هئڻ ڪري، ظاهري طور تي اهو ناممڪن ٿي ويو آهي ته ان جي شروعات جي باري ۾ ڪا مڃيل ثابتي ملي سگهي. روماني محقق مرڪيا الياڊاجي لفظن ۾ ”موجوده زماني ۾ مذهب جا مؤرخ اهو ڄاڻن ٿا، ته اهو ناممڪن آهي، ته مذهب جي ابتدائي شڪل کي معلوم ڪري سگهجي.“
    ماضيءَ ۾ مذهب جي محققن جو خيال هو، ته جيڪڏهن اهو ثابت ڪري سگهجي، ته مذهب جي شروعات ڪجهه وهمي خيالن سان ٿي، ته پوءِ بعد جي ترقي يافته مذهبي شڪلين کي بي بنياد ثابت ڪري سگهجي ٿو، پر هاڻي انهيءَ خيال جو علمي لحاظ کان خاتمو ٿي چڪو آهي. مذهب کي نفسياتي فريب يا سماجي فريب ثابت ڪرڻ جوخواب به بي تعبير ٿي چڪو آهي. هاڻي ته اهو ذهن ٺهي رهيو آهي، ته مذهب جيئن اڄ آهي، ان کي ان شڪل ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، نه ڪي ان جي ابتدائي صورتن کي دريافت ڪرڻ جي بي فائدي ڪوشش ۾وقت ضايع ڪيو وڃي.
    مذهبي ارتقا جي ابتدائي شڪل کي ڳولڻ جو ذهن ڊارون جي نظرئي کان پوءِ جي پيدا وار آهي. هيءُ فرض ڪيو ويو، ته وحشي قبيلا، جيڪي اڄ به جهنگلن ۾ رهن ٿا، سي ابتدائي دور جي انسانن جي باقيات آهن ۽ مهذب سماج ۾ رهندڙ ترقي يافته دور جا انسان؛ ته پوءِ انهيءَ جو اهو مطلب ٿيو، ته وحشي قبيلن ۾ جيڪو مذهب جو تصور موجود آهي، سو مذهب جي باري ۾ شروعاتي رجحانن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ مهذب سماج ۾ جيڪو مذهب آهي، سو وري مذهب جي ترقي يافته شڪل ٻڌائي ٿو. پر اهو خيال تمام تڪڙ ۾ قائم ڪيو ويو، جڏهن ته حقيقتون ان جي ترديد ڪن ٿيون. مثال طور ڪي اهڙا ابتدائي قبيلا به ملن ٿا، جن ۾ هڪ خدا جو عقيدو موجود آهي جڏهن ته ٻڌ مت کي مڃيندڙ ڪيترا ترقي يافته انسان خدا کي نه ٿا مڃين.
    هڪ طرف علم الانسانن انهيءَ مفروضي کي غلط ثابت ڪيو آهي ته مذهب انساني نفسيات يا انساني سماج جي پيداوار آهي، ته وري ٻئي طرف سائنس، (يقيني علم) جي ذريعي وڌ کان وڌ اهڙي معلومات سامهون اچي رهي آهي، جيڪا جيتوڻيڪ سنئون سڌو نه تڏهن به ڪنهن واسطي سان، هيءُ ثابت ڪري رهي آهي ته انسان ۽ ڪائنات جي حقيقت جي باري ۾ اهوئي رايو صحيح آهي، جيڪو مذهب اسان کي ٻڌائي رهيو آهي.
    اڻ سڌو اعتراف
    ڊاڪٽر سبرا نيم چندر شيکر هڪ مشهور سائنسدان آهي. 31 مئي 1987ع تي هندستان ٽائيمس ۾ انٽرويو ڏيندي چيائين، ته مان هڪ ملحد انسان آهيان ۽ خداجي وجود تي يقين نه ٿو رکان. ان سان گڏوگڏ هن هڪ ٻي ڳالهه به چئي جيڪا اڻ سڌي طرح خدا جي وجود جي اقرار برابرآهي.
    ”ڪائنات ۾ ڪجهه اهڙا پهلو آهن، جيڪي انتهائي حد تائين انساني سمجهه کان مٿي آهن، آئن اسٽائن، شروڊنگر ۽ ٻين ڪيترن فلاسفرن جو چوڻ آهي، ته فطرت جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته اها سمجهه ۾ ايندڙ آهي. آخر ائين ڪيئن آهي ته انساني دماغ، جيڪو ڪائنات جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو آهي ۽ فلڪياتي وقت جي مقابلي ۾ جنهن جي زندگيءَ جو وقفو نهايت ئي گهٽ آهي، اهو خيالن ۾ انهيءَ حقيقت کي سمجهي وٺي ٿو جيڪي پاڻ انساني دماغ جي پيداوار آهن. انهيءَ سوال ڪپلر کان وٺي اڄ تائين ڪيترن ئي ماڻهن کي پريشان ڪري وڌو آهي. رياضياتي گفتگو ۾ حقيقت ڇو ٿي هجي. رياضيات هڪ اهڙي شيءَ آهي، جنهن کي انساني دماغ ٺاهيو آهي، پوءِ اها خارجي فطرت سان هم آهنگ ڪيئن ٿئي ٿي؟ انهن سوالن جو جواب اسان وٽ نه آهي. انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي، ته ڪائنات منظم آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته ان کي ڪنهن قوت منظم ڪيو آهي، پر ائين ڇو آهي ته اسان ڪائنات کي اهڙن اصطلاحن ۾ سمجهي سگهون ٿا، جن کي اسان خود پاڻ ئي ٺاهيو آهي.
    سائنسدانن جو هيءُ تبصرو تمام گهڻو عجيب هجڻ سان گڏوگڏ بي حد سبق آموز پڻ آهي ته ڪائنات جو سمجهه ۾ اچڻ ئي سڀ کان وڌيڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ معاملو آهي.
    سائنسدان جڏهن ڪائنات جو مطالعو ڪري ٿو، ته کيس ڪائنات جي اندر انتهائي ڪامل درجي جو نظم ۽ ضبط نظر اچي ٿو، هاڻي جڏهن هن اڳواٽ ئي اهو خيال پنهنجي ذهن ۾ ويهاريو آهي، ته هن نظم جو ڪو ناظم نه آهي، تنهن ڪري کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو ناظم کانسواءِ نظم جي وضاحت ڪيئن ڪري. حقيقت هيءَ آهي ته اها حيرانيءَ ۾ وجهندڙ ڳالهه، مذڪوره گهڙيل خيال جو نتيجو آهي؛ هاڻي جڏهن مذڪوره مفروضي کي درست ڪبو ته پوءِ حيرانيءَ واري ڪيفيت پاڻمرادو ختم ٿي ويندي.
    درحقيقت ڪائنات جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي، ته ان کي سمجهڻ ڪو مشڪل مسئلو نه آهي. ڪائنات هڪ خالق جي خلقيل ۽ هڪ ناظم جو نظام آهي. جڏهن ائين آهي، ته پوءِ ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ مناسب ڳالهه اهائي آهي، ته اها سمجهه ۾ ايندڙ هجي، ته جيئن اها هڪ باشعور حڪيم جو حڪيما نه ڪارنامو نظر اچي.


    مذهب ڏانهن واپسي

    آمريڪا جي ٽائيم ميگزين جي 18 اپريل 1966ع جي خصوصي مضمون جو عنوان هو، ”ڇا خدا مري چڪو آهي“ هي 20 سال پهريائين جي ڳالهه آهي، هاڻي ته مغربي دنيا ۾ اهڙي قسم جا مضمون ۽ ڪتاب لڳاتار شايع ٿي رهيا آهن، جن جو عنوان ان جي بلڪل ابتڙ هوندو آهي، مثال طور ماهوار ”اسپان“ ڊسمبر 1984ع ۾ هڪ تفصيلي رپورٽ شايع ٿي آهي. جنهن جي شهه سرخي هيءَ آهي، ”مذهب ڏانهن واپسي“.
    انهيءَ رپورٽ مطابق آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ مختصر وقفي کان پوءِ مذهب نئين سر زنده ٿي رهيو آهي. ڪاليجن ۾ دينيات جا ڪلاس جيڪي پهريائين خالي هوندا هئا سي هاڻ شاگردن سان ڀريل رهن ٿا. چرچ ۽ سينيگاگ (يهودي عبادتخانو)۾ وڃڻ وارن جو تعداد ڪافي وڌي ويوآهي. مذهبي ادب جي پڙهندڙن ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي ۽ مذهب جي نالي تي وڏي تعداد ۾ ڪانفرنسون منعقد ٿي رهيون آهن. بقول ڪنهن پروفيسر جي، ته هتي مذهب ۾ دلچسپي جو حيرت انگيز اڀار ٿيو آهي.
    هڪ مغربي دانشور 1965ع ۾ ”سيڪيولر شهر“ نالي ڪتاب ۾ لکيو هو، ته ماڻهن مقدس شين ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني آهي، هاڻي هو پنهنجي ٻئي ڪتاب ”سيڪيولر دنيا ۾ مذهب“ ۾ ڄاڻائي ٿو، ته مذهب ۾ ماڻهن جي دلچسپي نئين سر بحال ٿي وئي آهي، دانشور طبقي جنهن ڪافي عرصي کان شڪ جي بنياد تي مذهب کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، سو مذهب جي طرف ٻيهر ڏسي رهيو آهي.
    ڊينيل بل لکيو آهي، ته 18هين صديءَ جي آخر کان وٺي 19 صديءَ جي اڌ تائين تقريباً هر ترقي پسند مفڪر جو اهو خيال هو ته مذهب ويهين صديءَ ۾ ختم ٿي ويندو. هيءُ خيال عقل جي طاقت جي بنياد تي قائم ڪيو ويو هو. هن نظرئي مطابق انسان پنهنجي دماغ سان پنهنجا مسئلا حل ڪري وٺندو ۽ ان کان پوءِ مذهب پاڻمرادو ختم ٿي ويندو، پر ائين نه ٿي سگهيو. اسان ٽيڪنالوجي جي ذريعي فطرت جي مٿان غير معمولي طاقت حاصل ڪري قدرتي شين کي پنهنجي تابع ته ڪري ڇڏيو آهي پر ان جي باوجود ويهين صدي غالباً انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي خوفناڪ صدي آهي.
    جيئن ته انسان جا سيڪيولر خدا ناڪام ٿي ويا آهن، انڪري هو روايتي مذهبي خدا جي طرف سڀ کان وڌيڪ ڏسڻ لڳو آهي. هڪ پروفيسر چواڻي مذهبي سوچ هاڪاري سگهه سان ٻيهر اڀري رهي آهي. مذهب ڏانهن هيءُ واپسي دراصل فطرت جي طرف واپسي آهي؛ يعني انهيءَ خدا جي طرف واپسي آهي، جنهن جو احساس انسان جي فطرت ۾ شامل آهي. اها واپسي ان خدا جي طرف نه آهي، جنهن جي نمائندگي انسان پنهنجي موروثي مذهب ۾ ڏسي رهيو آهي.
    هارورڊ لا اسڪول جو پروفيسر آلن ڊرشووٽز چيو ته هيءَ وڏي عجيب شيءِ آهي، جو منهنجو نسل مذهب جي طرف واپس اچي. اسان جو تعلق ان نسل سان آهي، جنهن کي هرقسم جي آزادي ۽ ڇوٽِ مليل هئي، پر اسان کي ان ڳالهه جو تجربو ٿيو ته انهيءَ آزاديءَ جي ڪابه پاڙ نه آهي. اهو بي بنياد هجڻ جو احساس ئي آهي جيڪو اڪثر دانشورن کي ٻيهر مذهب جي طرف وٺي آيو آهي. هڪ ٻئي پروفيسر مسٽر ڪولس جو چوڻ آهي، ته مان اهو نه ٿو چئي سگهان، ته مان خدا ۾ عقيدو رکان ٿو. مان روحانيت جي ڳولا ۾ آهيان، نه ڪي ڪنهن خاص مذهب کي مڃڻ وارو آهيان.
    منهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا لمحا به اچن ٿا، جڏهن مان رڪجي پوندو آهيان ۽ خدا کي پڪارڻ لڳندو آهيان. پر جيڪڏهن توهان مون کان پڇو، ته اهو خدا ڪهڙو آهي ۽ ان جي صورت ڪهڙي آهي ته مان ٻڏتر ۾ پئجي ويندس ۽ رڳو اهو چئي سگهندس ته مان ذهني انتشار جو شڪار ٿي ويو آهيان، جيتوڻيڪ مان نه ٿو چاهيان، ته ذهني انتشار منهنجي سموري زندگيءَ تي پوري طرح ڇائنجي وڃي.
    تبصرو:
    هيءَ صورتحال جيڪا غير مسلم قومن ۾ پيدا ٿي آهي، سا خود مسلمانن ۾ به پيدا ٿي آهي. موجوده زماني ۾ مسلمانن جي اندر به دين ڏانهن متوجه ٿيڻ جو رجحان نئين انداز ۾ پيدا ٿيو آهي. پر انهيءَ رجحان جو تعلق ڪنهن وقت جي مفڪر يا ڪنهن الله واري بزرگ جي ڪري نه آهي، بلڪه زماني جي حالتن جو لازمي نتيجو آهي. اهوئي سبب آهي، جو اهو رجحان هر قوم ۾ يڪسان طور تي پيدا ٿيو آهي. مسلمان، هندو، سک، عيسائي، يهودي ۽ ٻڌ مت وغيره سمورن ۾ انهيءَ تبديليءَ کي ڏسي سگهجي ٿو، ان ۾ ڪنهن هڪ مذهب يا ٻئي مذهب جو ڪوبه فرق نه آهي.
    هن نئين صورتحال جو سبب مغربي انسان جي اها مايوسي آهي، جيڪا کيس موجوده صديءَ ۾ پيش اچي رهي آهي. ويهين صدي عقليت ۽ سائنس جي صدي هئي؛ جديد انسان کي يقين ٿي چڪو هو، ته هو پنهنجي عقل ۽ سائنس وسيلي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺندو، جنهن جي اميد پهريائين مذهب مان ڪئي ويندي هئي، پر ان جون اهي اميدون پوريون نه ٿي سگهيون. انسان جي عقليت کيس رڳو بي يقيني تائين ئي پهچايو ۽ سائنس ايٽمي جنگ جا ڪارا ڪڪر کڻي سندس مٿان ڦرڻ لڳي. جيئن ته انسان جو سيڪيولر خدا ناڪام ٿي چڪو هو. انهيءَ ڪري انسانن روايتي خدا جي طرف وڌيڪ توجهه سان ڏسڻ شروع ڪيو.
    اهڙي طرح موجوده صورتحال اسان لاءِ هڪ نئون دروازو کوليو آهي. ان خدا جي محفوظ دين (اسلام) جي تبليغ ۽ اشاعت جو هڪ نئون موافق ماحول پيدا ڪيو آهي. اڄ جو انسان خدا ۽ مذهب جي تلاش ۾ نڪتل آهي. پر اهو سڄو فطرت جي زور تي ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته موجوده تحريف ٿيل مذهب انسان جي تلاش جو حقيقي جواب نه ٿا بڻجي سگهن. هن وقت ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي، ته کين يقين ڏياريو وڃي ته جنهن مذهب جي توهان کي تلاش آهي تنهن جو حقيقي جواب محمد ﷺ جو پيش ڪيل دين اسلام ئي آهي. درحقيقت مذهب اسلام انهيءَ بنيادي سچائي جو غير تحريف ٿيل آخري ايڊيشن آهي جنهن کي انسان ڦيرڦار ڪيل مروج مذهبن ۾ ناڪاميءَ جي حالت ۾ تلاش ڪري رهيو آهي.
    دنيا جي موجوده حالتن جو تجزيو ڪجي ٿو، ته ائين معلوم ٿئي ٿو، ته خدا انسانن کي پنهنجي رحمت جي دروازي تي آڻي بيهاريو آهي. هو انسانن کي مجبور ڪري کين حقي دين ۾ داخل ڪرڻ چاهي ٿو. حقيقت هيءَ آهي، ته آسمان کان انسانن لاءِ هدايت اچي چڪي آهي. هاڻي اهو اسان جو ڪم آهي ته اسان حق کي حق جي طالبن تائين پهچايون.


    سائنس توحيد ڏانهن

    علم طبيعات ۾ نيوٽن کان پوءِ ائين سمجهيو پئي ويو، ته چئن قسمن جا قانون يا طاقتون آهن، جيڪي ڪائنات ۾ پيش ايندڙ مختلف واقعن کي ڪنٽرول ڪري رهيا آهن: 1_قوت ثقل 2_ برقي مقناطيسي قوت 3_ طاقتور نيوڪليئر قوت 4_ ڪمزور نيوڪليئر قوت.
    ڪشش جو قانون هڪ ڪهاڻيءَ مطابق نيوٽن ان وقت معلوم ڪيو، جڏهن ان صوف جي وڻ مان صوف کي هيٺ ڪرندي ڏٺو. صوف مٿي ڇو نه ويو ۽ هيٺ زمين تي ڇو آيو، انهيءَ سوال کيس ان جواب تائين پهچايو، ته زمين ۾ ۽ اهڙي طرح ٻين سمورن سيارن ۾ ڇڪ ۽ ڪشش جي قوت جو عمل دخل آهي. بعد ۾ آئن اسٽائن هن نظريي ۾ ڪجهه فني سڌارا آندا. اُن هوندي به اصلي نظريو اڄ به سائنس جي دنيا ۾ فطرت جي هڪ مڃيل حقيقت جي طور تي قبول ڪيو وڃي ٿو. مقناطيسي قانون جو تجربو پهريون ڀيرو فريڊي 1821ع ۾ ڪيو. ان ڏيکاريو ته بجليءَ جي قوت ۽ مقناطيس جي قوت هڪ ٻئي سان گهرو تعلق رکن ٿيون. مقناطيس ۽ حرڪت کي جيڪڏهن گڏ ڪجي ، ته بجلي پيدا ٿي وڃي ٿي، ۽ جيڪڏهن مقناطيس ۽ بجليءَ جي لهر کي گڏ ڪبو ته حرڪت وجود ۾ اچي وڃي ٿي.
    ابتدائي پنجاهه سالن تائين سمورن طبعي واقعن جي وضاحت لاءِ مٿيان بيان ڪيل ٻئي اصول ڪافي سمجهيا پئي ويا، پر موجوده صديءَ جي شروع ۾ جڏهن ايٽم جي اندروني ڍانچي بابت معلومات ۾ اضافو ٿيو ۽ اهو به معلوم ٿيو ته ايٽم کان به ننڍڙا ذرڙا موجود آهن جيڪي ايٽم جي اندر ڪم ڪن ٿا، ته طبعي نظرين ۾ تبديلي شروع ٿي وئي. هتان کان طاقتور نيوڪليئر سگهه ۽ ڪمزور نيوڪليئر سگهه جي نظرين جنم ورتو. ايٽم جو اندروني مرڪز (نيوڪليس) اليڪٽرانن سان گهيريل آهي، جيڪي پروٽان نالي ذرڙن کان تمام گهڻو ننڍڙا ۽ هلڪا ٿيندا آهن، پر ان جو مطالعو ٻڌائي ٿو، ته هر اليڪٽران ايتري طاقت رکي ٿو، جيتري هڪ ڳرو پروٽان طاقت رکي ٿو، البت اهي ٻئي هڪ ٻئي جو ضد آهن. اليڪٽران ڪاٽو برقي چارج ٿئي ٿو ۽ پروٽان واڌو برقي چارج. اليڪٽران ايٽم جي ٻاهرين طرف اهڙي طرح گردش ڪن ٿا، جو انهن جي ۽ ايٽم جي مرڪز نيوڪليس جي وچ ۾ وڏو فاصلو رهي ٿو پر ڪاٽو چارج ۽ واڌو چارج ٻنهي ۾ هڪ جيترا ٿين ٿا، انهيءَ بنياد تي ايٽم خود مجموعي لحاظ کان نيوٽرل ۽ قائم رهي ٿو. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي، ته ائٽم جو مرڪز بذات خود قائم ڇو ٿو رهي؟ اليڪٽران ۽ پروٽان الڳ الڳ ٿي پکڙجي ڇو نه ٿا وڃن؟ قائم رهڻ جي وضاحت علم طبعي جي روشنيءَ ۾ هيءُ ٻڌائي وئي آهي ته پروٽان ۽ نيوٽران جي ويجهو هڪ نئين قسم جي طاقتور ڪشش واري قوت موجود هوندي آهي. هيءَ قوت هڪ قسم جي ذرڙن مان نڪري ٿي، جن کي ميسن (masons) چئجي ٿو، ايٽم جي پروٽان ۽ نيوٽران جا ذرڙا بنيادي طور تي هڪ جيتري قوت وارا سمجهيا ويندا آهن. مقناطيس جي ٻن ٽڪرن کي کڻو ۽ ٻنهي کي ساڳين پاسن يعني اتر پاسي کي اتر سان ۽ ڏکڻ کي ڏکڻ پاسي سان ملايو ته اهي هڪ ٻئي کي پري ڌڪيندا. انهيءَ عام طبعي اصول مطابق پروٽان ۽ نيوٽران کي هڪٻئي کان پري ڀڄڻ گهرجن، پر ائين ٿئي ڪونه ٿو، ڇاڪاڻ ته پروٽان ۽ نيوٽران هر لمحي بدلجندا رهن ٿا ۽ ان بدلجڻ دوران ”ميسن“ جي شڪل ۾ قوت خارج ڪن ٿا؛ جيڪا انهن کي پاڻ ۾ جوڙي ٿي. اهائي طاقتور نيوڪليئر قوت آهي. اهڙي طرح سائنسدانن اهو به ڏٺو ته ايٽم جا ذرڙا (نيوٽران ۽ ميسن) اوچتو ٽٽي پون ٿا، اها صورتحال ريڊيم ۾ پيش اچي ٿي. ايٽم جي ذرڙن جو انهيءَ طرح اوچتو ٽٽڻ، علم طبعي جي مڃيل تعليل جي اصول جي خلاف آهي. ڇاڪاڻ ته اڳواٽ اهو نه ٿو ٻڌائي سگهجي، ته ايٽم جي ذرڙن مان ڪهڙو ذرڙو پهريائين ٽٽندو. اهو سڀڪجهه اتفاقي مڃيو وڃي ٿو. انهيءَ مظهر جي وضاحت لاءِ جيڪا پراسرار طاقت ايٽم ۾ فرض ڪئي وئي، ان جو نالو ڪمزور نيوڪليئر طاقت آهي. سائنسدان انهيءَ ڳالهه تي يقين رکندا آيا آهن ته ڪائنات ۾ ظاهر ٿيندڙ واقعن ۾ اهي مذڪوره چار قوتون ئي ڪم ڪري رهيون آهن، پر سائنس پنهنجي فطرت جي لحاظ کان هميشه وحدت جي ڳولا ۾ رهي ٿي. ڪائنات جي سائنسي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته سموري ڪائنات انتهائي متوازن هلي رهي آهي. اها حيرت انگيز موافقت ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي، ته ضرور ڪو هڪ قانون آهي، جنهن جو فطرت جي هن سموري نظام ۾ عمل دخل آهي. ان ڪري علم طبعي مستقل طور تي هڪ متفق اصول (Unified theory) جي ڳولا ۾ آهي. سائنس هر وقت ان جدوجهد ۾ لڳل آهي ته هو فطرت جي قانونن ۾ ڪمي آڻيندي ڪو اهڙو فطرتي اصول ڳولهي هٿ ڪري، جيڪو فطرت جي سمورن واقعن جي وضاحت ڪندڙ هجي.
    آئن اسٽائن مٿين اصولن مان پهرين ٻن قانونن يعني ڪشش ۽ برقي مقناطيس، کي پاڻ ۾ ملائڻ واري عمل جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ هن ٢٥ سالن کان وڌيڪ عرصي تائين محنت ڪئي پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. چيو وڃي ٿو، ته هن پنهنجي موت کان ڪجهه ڏينهن پهريائين پنهنجي پٽ کي چيو هو، ته ڪاش مان علم رياضيءَ ۾ اڃا وڌيڪ ڄاڻ رکان ها؛ ته هوند انهيءَ مسئلي کي حل ڪري وٺان ها. ڊاڪٽر عبدالسلام ۽ ٻن آمريڪي سائنسدانن (گلاسگو ۽ وين برگ) کي 1979ع ۾ علم طبعي ۾ گڏيل نوبل انعام مليو، سو به کين انهيءَ قسم جي تحقيق تي ڏنو ويو. انهن مٿي ذڪر ڪيل فطري قانونن مان آخري ٻن (طاقتور ۽ ڪمزور نيوڪليئر قوتن) کي هڪ اڪيلي رياضياتي اسڪيم ۾ گڏ ڪيو. ان جي ذريعي انهن ثابت ڪيو، ته ٻئي قانون اصل ۾ هڪ ئي آهن، اهڙيءَ طرح انهن چئن قوتن کي گهٽائي ٽن تي آندو ۽ انهيءَ نظرئي جو نالو جي_ايس_ڊبليو نظريو (G.S.W theory) رکيو ويو. انهيءَ سموري دريافت جو سهرو ڊاڪٽر عبدالسلام جي سر ڏانهن وڃي ٿو. پر کيس اهو انعام اڪيلي سر نه ملڻ دراصل انهيءَ ذهني پس ماندگيءَ جي قيمت هئي، ته هن جو تعلق پاڪستان سان هو ۽ اتي انهيءَ قسم جو تحقيقي سازوسامان موجود نه آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي نظر ۾ اهڙي قسم جي تحقيق اهڙن ادارن ۾ ٿي سگهي ٿي، جن وٽ اربن کربن جي انگ ۾ پئسو هجي، انتهائي قيمتي مشينون هجن، ۽ ظاهر آهي، ته اهڙا ادارا آمريڪا، جاپان يا مغربي يورپ ۾ آهن.
    سائنس جيتوڻيڪ پنهنجو پاڻ کي ”ڇا آهي“ واري سوال تائين محدود رکيو آهي ۽ ”ڇو آهي“ واري سوال تائين وڃڻ جي ڪوشش نه ٿي ڪري. ان هوندي به اها هڪ حقيقت آهي، ته سائنس جيڪا دنيا ڳولي لڌي آهي، سا ايترو ته ڏکي ۽ حيرت انگيز آهي، جو ان کي ڄاڻڻ کان پوءِ ڪوبه ماڻهو”ڇو آهي“ واري سوال پڇڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ميڪسيويل (79_1831ع) اهو شخص آهي، جنهن برقي مقناطيسي تعامل جي قانونن کي علم رياضيءَ جي مساواتن ۾ نهايت ڪاميابيءَ سان بيان ڪيو. انسان کان ٻاهر فطرت جو جيڪو مستقل نظام آهي، ان ۾ ڪم ڪندڙ هڪ قانون ۽ اصول جو انساني ذهن سان بنايل رياضياتي مساواتن ۾ اهڙي عمدي نموني سان پورو لهڻ، ايترو ته عجيب هو، جو ان کي ڏسي بولٽزمن جي زبان مان هي لفظ بي اختيار نڪري ويا، ته ”اهو خدا ڪير هو، جنهن اهي نشانيون لکيون آهن!“


    طبيعات مان مابعد الطبيعات جي تصديق

    لنڊن مان هڪ انسائيڪلوپيڊيا شايع ٿي آهي، جنهن جو نالو آهي، ”جهالت جي لغت.“ انهيءَ لغت ۾ سٺ مشهور سائنسدانن مختلف علمي شعبن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ٻڌايو آهي ته انسان ڪهڙين شين جي باري ۾ اڃا تائين اڻ ڄاڻ آهي. هتي انهن مان ڏهن مختلف سائنسدانن جي بيانن کي نقل ڪجي ٿو، انهن سائنسدانن پنهنجي تحقيقي شعبن جي باري ۾ ٻڌايو آهي، ته سندن شعبي جي سڀ کان وڏي اڪيلي اڻ ڄاتل حقيقت ڪهڙي آهي.

    1- ڪائنات ايتري يڪسان ڇو آهي:
    آئن رڪسبرگ ڪوئين ميري ڪاليج لنڊن ۾ تجزياتي رياضي جو پروفيسر آهي. هو چوي ٿو ته ڪائنات حيران ڪن حد تائين يڪسان آهي. زمين تي جيڪي طبيعاتي قانون دريافت ڪيا وياآهن، سي متعين ڪيل اگن تي مشتمل آهن. مثلاً ڪنهن اليڪٽران جي مادي مقدار جو تناسب پروٽان جي مادي مقدار جيڪو تقريباً 1840 جي ڀيٽ ۾ هڪ ٿئي ٿو اهوئي تناسب هر هنڌ ۽ هر وقت ملي ٿو. ائين ڇو آهي، ڇا هڪ خالق مستقل طور تي انهن انگن جو انتخاب ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا ڪائنات جي وجود لاءِ انهن انگن جي مقدار جو اهوئي تناسب ضروري آهي جيڪو اسان کي نظر اچي رهيو آهي.

    2- ڇا ڪو زڊ ذرڙو آهي:
    عبدالسلام پروفيسر نظري طبيعات، امپريل ڪاليج لنڊن جو چوڻ آهي،ته ايندڙ ڏهن سالن تائين اسان کي يا ته زڊ ذرڙي جو وجود مڃڻو پوندو يا اهو ثابت ڪرڻو پوندو، ته ان جو ڪو به وجود ڪونهي. جيڪڏهن ان جو وجود ثابت ٿي ويو، جيئن موجوده نظرئي جي پيشن گوئي آهي، ته ان کانپوءِ ڪائنات جون چار فطري قوتون، جن جو اسان کي علم آهي؛ تن مان ٻن طاقتن جو هڪ هجڻ ثابت ٿي پوندو، (اهي چار قوتون هي آهن: ڪشش، برقي مقناطيسيت، طاقتور نيوڪليئر قوت جيڪا ايٽم جي نيوڪليس کي پاڻ سان ڳنڍي رکي ٿي ۽ ڪمزور نيوڪليئر قوت جيڪا ريڊيائي لهرن سان تعلق رکي ٿي) پروفيسر عبدالسلام ۽ ٻين سائنسدانن ويجهڙائي ۾ ڪمزور نيوڪليئر قوت ۽ برقي مقناطيسيت کي هڪ ثابت ڪرڻ ۾ ڪجهه ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. زڊ ذرڙي جي دريافت سان ان ڏس ۾ هڪ مضبوط تجرباتي تائيد حاصل ٿيندي.

    3- ڊي _ اين _ اي کان پهريائين ڇا هو:
    ڊاڪٽر گراهم ڪيرنس اسمٿ گلاسڪو يونيورسٽي ۾ ڪيمسٽريءَ جو ليڪچرر آهي. سندس چوڻ آهي ته اسان لاءِ ضروري آهي، ته اسان هڪ نئون جينيٽڪ مادو دريافت ڪريون، جيڪو ڊي _ اين _اي کان بلڪل مختلف هجي. (ڊي _ اين _اي جو ٻٽو پيچدار ڍانچو ڪيمبرج ۾ 1953ع ۾ فرانسس ڪريڪ ۽ جيمس واٽسن دريافت ڪيو هو) مون کي يقين نه ٿو اچي، ته ڊي _ اين _اي ابتدائي زمين تي ٺهي سگهي پيو. ٿي سگهي ٿو ته زندگي ڪنهن ٻي شيءَ سان شروع ٿي هجي ۽ ڊي _ اين _اي جي ارتقا بعد ۾ ٿي هجي.

    4- جين ڪهڙي طرح متحرڪ ۽ غير متحرڪ ٿين ٿا:
    سر جان ڪينڊريو يورپين ماليڪيولر بائلاجي آرگنائيزيشن هائڊلبرگ جو چيئر مين ٻڌائي ٿو، ته جين ڪهڙي طرح بيڪٽريا ۾ متحرڪ ۽ غير متحرڪ ٿين ٿا. ”انهن بابت اسان کي ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي. پر وڏنٰ حيوانن ۾ اهو واقعو ڪيئن ٿئي ٿو، ان بابت اسان کي ڪابه ڄاڻ نه آهي. (جين جي متحرڪ ۽ غير متحرڪ هئڻ ڪري ائين آهي، ته هڪ جسم جا گهرڙا جيڪي سڀ جو سڀ هڪ قسم جي جين تي مشتمل ٿين ٿا، سي مختلف قسم جا عمل ڪن ٿا، جنهن سان رڳون ۽ کل وغيره جا ترڪيبي جزا ٺهي پون ٿا).

    5- اسان جي اندر محفوظ نظام ڇو آهي:
    جسم جو دفاعي نظام اسان کي وچڙندڙ بيمارين کان بچائي ٿو. اهوئي اسان جي اندر الرجي جو سبب آهي ۽ عضون جي پيوندڪاري مشڪل بنائي ڇڏي ٿو. پر اڊنبرا يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ميڪلم جو چوڻ آهي، ته ”سڀ کان وڌيڪ دلچسپ سوال هيءُ آهي، ته اهو دفاعي نظام ڪيئن ڪم ڪري ٿو؛ بلڪه اڃا به هي ته ان جو وجود ڇا لاءِ آهي؟ بنا ڪرنگهي وارا جانور به ته انهيءَ کانسواءِ پنهنجي زندگي گذارين ٿا. ان جي ابتڙ ڪرنگهي وارن حيوانن ۾ هيءُ سرشتو ناقابل يقين حد تائين پيچيده نموني شامل آهي. گذريل ڏهن سالن کان انهيءَ خيال کي مقبوليت حاصل ٿي رهي آهي، ته انهيءَ نظام جي ضرورت انهيءَ ڪري هئي جو جيو گهرڙي جي سطح تي جيڪي ننڍيون ننڍيون تبديليون سرطان جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، تن جو پتو لڳائي سگهجي پر اڃا تائين ان ڏس ۾ ڪيل کوجنائون انهيءَ جي تائيد ڪندي نظر نه ٿيون اچن.

    6- اسان ارتقا جي ماپ ڪيئن ڪريون:
    جان ميزڊ سمٿ سيسڪس يونيورسٽي ۾ حياتيات جو پروفيسر آهي. سندس خيال آهي ته ارتقا جو نظريو هڪ حل نه ٿيندڙ اندروني مسئلي ۾ ڦاٿل آهي. هن نظرئي جا ٽي حقيقي جزا آهن؛ 1_ تبديلي (جين ۾ تبديليءَ جو ظاهر ٿيڻ) 2_ چونڊ (فرق جو باقي رهڻ يا مختلف قسمن جي زرخيزي) 3_ نقل مڪاني يعني جڳهه جي تبديلي.
    انهيءَ نظريي مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهن جزن مان هر هڪ جزو اڪثر حالتن ۾ پيمائش ۾ نه ايندڙ حد تائين، هيٺين سطح تي ارتقا جي عمل تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿو. اهڙي طرح اسان انهن ٽنهي طريقن جي ڄاڻ رکون ٿا، جن بابت اسان کي يقين آهي، ته اهي ارتقا جي عمل جو تعين ڪن ٿا. ٻيو وري اسان وٽ رياضياتي نظريو آهي، جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو، ته اهي ٽئي طريقا اهڙين سطحن تي پنهنجو اثر ڏيکارين ٿا، جن جي اسان اڻ سڌي ماپ جي اميد نه ٿا رکون. اهو ائين آهي، جيئن اسان وٽ برقي مقناطيسيت جو نظريو ته هجي، پر اسان وٽ نه برقي لهرن کي ماپڻ جو ڪو ذريعو هجي ۽ نه ئي وري مقناطيسي قوت کي ماپڻ جو ڪو اوزار ئي هجي.

    7- تنتي سرشتو ڪيئن ٺهي ٿو:
    فرانسس ڪريڪ، (سالڪ انسٽيٽيوٽ ڪيلي فورنيا) جو چوڻ آهي، ته حياتياتي ترقيءَ ۾ شايد سڀ کان وڏو علمي چئلينج هيءُ سوال آهي، ته هڪ جاندار ۾ تنتي سرشتو ڪهڙي طرح وجود ۾ اچي ٿو. ڪجهه سال پهريائين راجر اسپري هڪ تجربي ذريعي ڏيکاريو هو، ته جيڪڏهن هڪ درياهي ڪرڙي جي اک اهڙي طرح ڪڍي وڃي، جو ان جي نظر واري تنت اک کان دماغ تائين ٽٽي پوي، ان کان پوءِ انهيءَ اک کي ٻيهر الٽو ڪري به لڳايو وڃي، ته نظر واري تنت اک جي پردي کان ٻيهر شروع ٿي دماغ جي طرف وڌڻ لڳندي ۽ ٻيهر ان سان جُڙي ويندي. ڪجهه عرصي کان پوءِ جانور انهيءَ اک سان ڏسڻ لڳندو، پر ان کي هر شيءِ اُلٽي نظر ايندي ڇاڪاڻ ته اک کي الٽو ڪري لڳايو ويو هو. ٻين لفظن ۾ هيءُ نئون ڳانڍاپو بلڪل درست هو، سواءِ ان جي ته اک جي الٽي هجڻ ڪري، ان سان هر شيءِ الٽي نظر اچي رهي هئي. اهي نتيجا ٻڌائين ٿا، ته اعصابن جي هڪ نظام کي اعصابن جي ٻئي نظام سان بلڪل ٺيڪ نموني سان ڳنڍڻ لاءِ تمام درست ۽ پيچيده طريقا استعمال ٿين ٿا، پر اهو عمل ٿئي ڪيئن ٿو؟ ان کي اسان ٺيڪ طور تي نه ٿا سمجهي سگهون. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو، ته جيئن ته اک الٽي لڳائي وئي هئي، ان ڪري اهو انهيءَ ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته جسم ۽ عضون جو رابطو ڪيڏو مضبوط طور تي پاڻ ۾ جُڙيل آهي.

    8- ڇا ڪو انٽم نظريو ڪشش جي نظرئي تي به ٺهڪي اچي ٿو:
    سر هرمن بونڊي، چيف سائنٽسٽ شعبه انرجي چوي ٿو، ته جيڪڏهن اسان آئن اسٽائن جي مشهور نظرئي کي مڃيون، ته ڪنهن مقناطيسي ميدان جي مرڪز ۾ اوچتي تبديلي (مثلاً ٻن ستارن ۾ جيڪي هڪ ٻئي جي چوڌاري گهمن ٿا) سان ائين ٿيڻ گهرجي، جو ڪشش جون لهرون روشني جهڙي رفتار سان پيدا ٿيڻ گهرجن، جڏهن ته ريڊي ايشن جون سڀئي صورتون ”ڪو انٽم“ مطابق هونديون آهن. ان جو مطلب هي آهي، ته اهي لڳاتار نه آهن، پر ننڍن ننڍن ذرڙن جي شڪل ۾ وقفي وقفي سان اچن ٿيون. اها ڳالهه سمجهڻ ڏاڍي مشڪل آهي، ته ڪشش جون لهرون مقدارن جي شڪل ۾ نه هونديون آهن. پر اڃا تائين ڪوبه ان کي ثابت ڪري نه سگهيو آهي، جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو ان جي ڪوشش به ڪر ي چڪا آهن.

    9- دماغ جا مختلف حصا پاڻ ۾ ڪهڙي طرح رابطو قائم ڪن ٿا:
    پروفيسر هوريس بارلو، ڪيمبرج يونيورسٽي، چوي ٿو، ته اسان تقريباً مڪمل طور تي ان ڳالهه کان بي خبر آهيون، ته دماغ جا مختلف حصا پاڻ ۾ ڪهڙي طرح رابطي ۾ رهن ٿا، مثال طور اسان جڏهن ڪنهن ڄاتل سڃاتل آواز کي سڃاڻون ٿا، ته ان وقت دماغ جي ٻڌڻ وارن حصن ۽ باقي حصن جو پاڻ ۾ ڪهڙي طرح رابطو قائم ٿي وڃي ٿو. توهان مثال ۾ ”ڳالهائڻ“ کي پيش ڪري سگهون ٿا، جيڪو صوتي لهرن ذريعي هلندو آهي. پر اهو ٻار جي پاتن ٻولن کان گهڻو وڌيڪ با مقصد هوندو آهي، جيڪو پاڻ به صوتي لهرن تي هلندو آهي. دماغ جون تنتي حرڪتون صوتي لهرن جي برابر هونديون آهن. پر اسان کي ڪابه خبر نه ٿي پوي ته اهي ڪهڙي طرح بامقصد بنجي پون ٿيون!

    10- انسان ڪڏهن کان وٺي زمين تي رهي ٿو:
    ڊاڪٽر ڊونالڊ جانسن ميوزيم آف نيچرل هسٽري ڪليو لينڊ، اوهائو جي مطابق يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا مان جيڪي قديم انساني ڍانچا برآمد ٿيا آهن، اهي انسان جي ابتدا کي اڃا وڌيڪ پوئتي ڏانهن وٺي وڃن ٿا. بهرحال اها ڳالهه ڏينهون ڏينهن نمايان ٿيندي پئي وڃي، ته ارتقا جو معاملو اڳوڻي تصور جي ابتڙ تمام گهڻو ڏکيو آهي، اها مدت جنهن جو تعين ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، اهو ٽن ملين کان ڏهن ملين سالن تائين کان به پوئتي تائين آهي. انسان جي متوقع ابن ڏاڏن ۾ ظاهري طور تي وڏو فرق رهيو آهي. اسان انهيءَ متعلق اڻ ڄاڻ آهيون ته انهن جي درميان پاڻ ۾ رشتو ڪهڙي طرح قائم هو. ان جو هڪ سبب جزوي طور تي ڊاڪٽر جانسن جون حبشه مان هٿ ڪيل قديم دريافتون آهن، ان کان به قديم پنڊ پهڻ پاڪستان مان مليا آهن.

    تبصرو:
    ڪائنات پنهنجي سموري وجود سان هڪ اهڙو واقعو آهي، جنهن جي وضاحت ان جي خالق کي مڃڻ کان سواءِ نه ٿي ڪري سگهجي. سائنسي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪائنات هڪ متعين ڪيل عددي تناسب تي قائم آهي. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته ان جي تخليق ۾ هڪ رياضياتي ذهن ڪم ڪري رهيو آهي. انسان جي بناوٽ ۾ ايتريون ته حڪمتون ڪم ڪري رهيون آهن، جو ڪابه طبيعاتي وضاحت ان جي تشريح لاءِ ڪافي نه ٿي ٿي سگهي. هڪ جاندار جي اک ڪڍي ان کي ٻيهر الٽو ڪري لڳائجي ته اهو جاندار ڏسي سگهندو پر کيس هر شيءِ الٽي نظر ايندي. جسم جا مختلف جزا جيڪي انتهائي سهڻي نموني ڪم ڪري رهيا آهن، سي سڀ هڪ بي حد نازڪ ترڪيب جو نتيجو آهن. آواز سائنسي لحاظ کان ڪجهه لهرن جو نالو آهي پر اهي لهرون انسان جي دماغ ۾ داخل ٿي، بامقصد لفظن جي شڪل اختيار ڪري وٺن ٿيون. اهڙي قسم جا اڻ ڳڻيا عجوبا اسان جي دنيا ۾ نظر اچن ٿا. اهو ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي، ته هيءَ دنيا ڪنهن اتفاقي حادثي جي ڪري وجود ۾ نه آئي آهي پر هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي سان وجود ۾ آئي آهي. انهيءَ جي پٺيان هڪ اعليٰ ذهن آهي جيڪو پنهنجي زبردست طاقت سان ان کي ڪنٽرول ڪري رهيو آهي. ڪائنات جي نظم، ضبط جي وضاحت انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه نه ٿي ٿي سگهي. ڪائنات جي باري ۾ انسان جي اڻ ڄاڻائي دراصل هڪ وڏي علم جو ڏس ڏئي رهي آهي. اهو علم هيءُ آهي، ته دنيا جو هڪ خدا آهي جيڪو ان کي هڪ اعليٰ درجي جي حڪمت سان هلائي رهيوآهي.


    قرآن ۽ سائنس

    1984ع جي آخر ۾ هڪ خبر مختلف اخبارن ۾ آئي هئي. ڪئناڊا جي اخبار سٽيزن (22 نومبر 1984) انهيءَ خبر کي هن عنوان سان شايع ڪيو: ”قديم مقدس ڪتاب پنهنجي وقت کان تيرهن سؤ سال اڳتي“. نئين دهليءَ جي اخبار وري انهيءَ خبر کي هن عنوان سان شايع ڪيو؛ ”قرآن جديد سائنس کان بازي کٽي وڃي ٿو.“
    علم جنينيات جي هڪ عالم جنهن جو تعلق ڪئناڊا جي ٽورنٽو يونيورسٽيءَ سان آهي، ان سعودي عرب جا به ڪيترائي سفر ڪيا آهن، ته جيئن قرآن پاڪ جي ڪجهه آيتن جي تشريح ۾ کانئن ڪجهه مدد حاصل ڪري، انهن آيتن جو تعلق ماءُ جي رحم ۾ ٻار جي ارتقا سان آهي.
    اهو ڊاڪٽر ڪيٿ مور آهي. سندس تحقيقن مان، جيڪي ٽيسٽ ٽيوب بي بي جي باني ڊاڪٽر رابرٽ ايڊورڊس سان مطابقت رکن ٿيون، چٽي طرح ثابت ٿئي ٿو، ته قرآن جي آيتن ۾ آيل ماءُ جي رحم ۾ ٻار جي درجي بدرجي نشونما جو ذڪر بلڪل صحيح ۽ درست آهي. هيءَ اها ڳالهه آهي جنهن جو اعتراف مغربي ماهرن 1940ع ۾ ڪيو هو. انهي ڏس ۾ حاصل ٿيندڙ اڪثر معلومات گذريل پندرنهن سالن ۾ علمي طور تي ثابت ٿي چڪي آهي. ڊاڪٽر مور لکيو آهي، ته تيرنهن سؤ ساله قديم قرآن ۾ انسان جي ابتدائي ارتقا بابت ايتريقدر واضح طور تي حقيقتون موجود آهن جو مسلمان عقلي طور تي انهيءَ دعويٰ ۾ حق بجانب آهن، ته واقعي قرآن پاڪ خدا جي طرفان نازل ڪيل ڪتاب آهي.
    ٻه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته ٽورانٽو يونيورسٽيءَ جو هڪ جينيات جو ماهر هڪ غير معمولي مشن تي سعودي عرب ويو. کائنس ڪجهه قرآني آيتن جي تشريح لاءِ مدد ورتي وئي هئي. هي ڊاڪٽر ڪيٿ مور هو. هن کان پهرين ٽيسٽ ٽيوب ٻار جي پيدائش تي تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر ايڊ ورڊ انهن وضاحتن جي تصديق ڪري چڪو هو. انهن ٻنهي سائنسدانن قرآن جي آيتن بابت پنهنجي دريافت سان مسلمان عالمن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ته قرآن پاڪ ۾، جنهن کي مسلمان تيرنهن سئو سالن کان تلاوت ڪندا پيا اچن، انساني ارتقا جو جيڪو مرحلي وار نظريو پيش ڪيو ويو آهي، سو هڪ ناقابل ترديد صداقت بنجي آڏو آيو آهي ۽ مغربي محققن تي انهيءَ حقيقت جو انڪشاف 1940ع ۾ ٿيو. انهيءَ سان لاڳاپيل گهڻي معلومات ته رڳو گذريل پندرنهن سالن ۾ سامهون آئي آهي. ڊاڪٽر مور پنهنجو مقالو پيش ڪندي چيو، ته:
    ”مون کي انهيءَ ڳالهه حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جڏهن مون کي اهو معلوم ٿيو، ته قرآن ستين صدي عيسويءَ ۾ جيڪي حقيقتون پيش ڪيون، سي ڪيتريقدر درست ۽ سائنسي صداقتن جي عين مطابق آهن.“
    مسلمانن جو اهو عقيدو آهي، ته قرآن پاڪ ستين صدي عيسويءَ ۾ خدا جي طرفان سندس پيغمبر حضرت محمد ﷺ تي نازل ٿيو. اهڙي طرح پاڻ سڳورن دنيا جي سامهون اسلام کي پيش ڪيو. اڄ اسلام عيسائيت کان پوءِ ٻئي نمبر تي دنيا جو وڏو مذهب آهي. ياد رهي ته ڊاڪٽر مور يونائيٽيڊ چرچ جو ميمبر ۽ هڪ وڏي پادريءَ جو پٽ آهي. هو پنهنجي عقيدي تي مطمئن آهي، هو هڪ ملاقات ۾ ٻڌائي چڪو آهي ته سندس اسلام قبول ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي. سندس اهو به چوڻ آهي، ته هن بائيبل جي قديم ۽ جديد عهد نامي جو تجزيو پڻ ڪيو آهي، پر قرآني آيتن سان انهن جي ڪا به هڪجهڙائي نظر نه آئي. علم جنينيات تي سندس ٻه تصنيفون درسي ڪتابن جي حيثيت رکن ٿيون ۽ دنيا جي ٻين زبانن ۾ انهن جا ترجما ٿيا آهن. ڊاڪٽر مور جو چوڻ آهي، ته ٻار جي ارتقا جي ابتدائي 28 ڏينهن ۾ ٻار جي وڌڻ ويجهڻ بابت قرآني آيتن ۾ جيڪي حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن سي ايتريون ته واضح ۽ درست آهن، جو انساني عقل حيران ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر مور کي يقين آهي ته: ”قرآن پاڪ جي آيتن ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جي ڪجهه فرمانن جي مدد سان مذهب ۽ سائنس جي وچ ۾ مُدتن کان پيل رڪاوٽن کي پري ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.“
    جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ڪٿي ائين ته نه آهي، جو اها معلومات خام چير ڦاڙ جي نتيجي ۾ سامهون آئي هجي؟ ان تي سندس چوڻ هو، ته ان مرحلي تي جنين يعني رت جي دڳ جي جسامت هڪ ملي ليٽرجي ڏهين پتيءَ کان وڌيڪ نه هوندي آهي. هيءُ انساني اک کي هڪ باريڪ نقطي جي شڪل ۾ نظر ايندو آهي. ان جي سڃاڻپ هڪ طاقتور خوردبين کان سواءِ ممڪن ئي نه آهي ۽ اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي تسليم ٿيل آهي، ته خوردبين سترهين صدي عيسوي کان اڳ ۾ ايجاد ئي نه ٿي هئي.
    ٻه سال اڳ ۾ ڊاڪٽر ڪيٿ مور کي شاه عبدالعزيز يونيورسٽي جده طرفان دعوت ڏني وئي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر رابرٽ ايڊورڊ راز کي به سڏايو ويو. ڊاڪٽر رابرٽ اهو ماهر آهي، جنهن جي ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ ڪيل تجربن جي آڌار تي پهرين ٽيسٽ ٽيوب بي بي جي پيدائش عمل ۾ آئي. ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر ٽي _وي_اين پرشاد ۽ ڊاڪٽر مارشل جانسن کي به مدعو ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر مور جو چوڻ آهي، ته انهيءَ ڪانفرنس ۾ مسلمان عالمن اسان چئني سائنسدانن کي قرآن پاڪ جي چند آيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پيش ڪيو ۽ ان بابت پنهنجي راءِ ڏيڻ جي گذارش ڪئي، ته ڇا انهن آيتن جي ڪا سائنسي تعبير ٿي سگهي ٿي. انهن مان هڪ آيت هيءَ هئي:
    ”اهو توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ ٽن اونداهن پردن جي اندر هڪ کان پوءِ ٻي شڪل ڏيندو وڃي ٿو. (الزمر6)
    ڊاڪٽر مور چوي ٿو، ته انهن ٽنهي اونداهين بابت اهو واضح طور تي چئي سگهجي ٿو، ته ان مان مراد پيٽ جي ديوار، ماءُ جي رحم (ٻچي داني) جو پردو ۽ ٻچي داني جي اندروني جَهلي آهن. هڪ ٻي آيت ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته الله تعاليٰ انسان کي ڄميل رت جي دڳ (علق) مان پيدا ڪيو آهي. (علق٢). عربي زبان ۾ علق جو لفظ ڄؤنر (رت چوسندڙ جيوڙو) لاءِ ڪتب اچي ٿو. ڊاڪٽر مور ۽ ٻين ماهرن جي خيال ۾ عرب ۾ ملندڙ ڄ‍ؤنر ۽ 24 ڏينهن جي جنين جي شڪل ۾ حيرت انگيز طور تي مشابهت نظر اچي ٿي. وڌيڪ اهو ته انهيءَ مرحلي تي رت جي دڳ جي شڪل ۾ گوشت جو لوٿڙو ماءُ جي رحم جي ديوار سان ڄَؤنر وانگر چنبڙيل هوندو آهي. اڳتي هڪ ٻي آيت ۾ چيو ويو آهي، ته ”هيءُ ڄَؤنر جهڙو مادو بعد ۾ هڪ چٻاڙيل شيءِ جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو،“ انهيءَ مرحلي تي جنين جي شڪل جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر مور پلاسٽڪ جي هڪ ننڍڙي شيءَ تيار ڪئي ۽ پوءِ ان کي پنهنجي ڏندن سان چٻاڙيو پوءِ ٻڌايو ته 28 ڏينهن جي جنين جي شڪل هوبهو ائين ئي ٿئي ٿي. ۽ ان تي جيڪي نشان ظاهر ٿين ٿا، سي به ڏندن جي چٻاڙيل نشانن وانگر ٿيندا آهن. انهيءَ آيت مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته انهيءَ مرحلي تي جسم جي رڳو ڪجهه عضون جي نشاندهي ٿي سگهي ٿي. حقيقت به اها آهي، ته صرف دل ۽ اکين جي حد تائين سڃاڻپ ممڪن ٿي سگهي ٿي.
    ڊاڪٽر مور جو چوڻ آهي ته قرآني آيتن مان واضح ٿئي ٿو، ته تيزي سان نڪرندڙ نطفي جي هڪ انتهائي مختصر حصي ۾ وڌڻ ۽ ويجهڻ جي صلاحيت وارو عنصر موجود هوندو آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو ته جنهن حقيقت جي نشاندهي ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سپلين زيني پنهنجي تجرباتي طريقي سان ثابت ڪئي، ته جيستائين نر ۽ مادي جي باهمي ميلاپ سان پيدا ڪندڙ جزا پاڻ ۾ نٿا ملن، تيستائين حياتياتي واڌ ويجهه نه ٿي ٿي سگهي. قرآن پاڪ ان کان يارهن صديون پهريائين ئي انهيءَ گڏيل قطري (نطفه مشاج) جي نشاندهي ڪئي ۽ ٻڌايو ته مرد ۽ عورت جي نطفن جي ميلاپ سان انساني تخليق ٿئي ٿي. اهڙي طرح (ماء مهين) ۾ انهي طرف اشارو موجود آهي، ته ڪهڙي طرح ابتدائي حقير ڦڙي ۾ انسان جو جامع نقشو موجود هوندو آهي. ان ڦڙي مستقبل جي ڪردارن ۽ خصوصيتن کي پنهنجي اندر سمائي رکيو هوندو آهي.
    هڪ مثال
    يوري گگارن (1968_1934ع) هڪ روسي خلاباز هو .هيءُ پهريون انسان هو، جنهن خلا ۾ سفر ڪيو، هن اهو سفر روس طرفان موڪيل پهرئين خلائي جهاز (Vostok_I) جي ذريعي ڪيو. 12 اپريل 1961ع تي هيءَ خلائي جهاز زمين کان 187 ميلن جي بلندي تائين ويو. خلا ۾ ان جي رفتار 18 هزار ميل في ڪلاڪ هئي. هن ڏيڍ ڪلاڪ ۾ زمين جو هڪ چڪر لڳايو هو. يوري گگارن جڏهن پنهنجي تقريباً چار ٽن وزني خلائي جهاز ۾ ڪامياب خلائي سفر ڪري، ٻيهر زمين تي لٿو، ته هو اوچتو هڪ عالمي شهرت جو مالڪ بنجي چڪو هو.
    يوري گگارن ننڍي عمر ۾ وفات ويو. ان هوندي به سندس ڪيتريون ئي يادگيريون اڄ به ڇپيل موجود آهن ۽ مطالعي ڪندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو سامان مهيا ڪن ٿيون. انهن مان هڪ ڳالهه هيءَ به هئي، ته مان خلا ۾ جڏهن زمين تي نهاريو، ته مون کي نظر آيو ته زمين جي مٿان اونداهي ۽ روشني جو هڪ تيز سلسلو (Rapid succession) جاري آهي. يعني زمين جي سطح تي انڌيرو ۽ روشني اهڙي طرح هڪ ٻئي جي پٺيان هلي رهيا آهن، جيئن هو هڪٻئي جي پٺيان ڊوڙندا هجن.
    عجيب ڳالهه آهي، ته زمين تي رات ۽ ڏينهن جي باري ۾ ساڳئي تعبير خود قرآن پاڪ ۾ موجود آهي، جيڪو انسان جي انهيءَ خلائي سفر کان چوڏهن سؤ سال پهريائين نازل ٿيو هو. قرآن پاڪ جا لفظ هيءُ آهن: ”یُغْشِی الَّیۡلَ النَّہَارَ یَطْلُبُہٗ حَثِیۡثًا ۙ“ (اعراف 54) يعني الله ڍڪي ٿو رات سان ڏينهن کي ۽ اهو ان جي پٺيان ڊوڙندو اچي ٿو.
    زمين هڪ گولي وانگر آهي ۽ خلا ۾ آهي. اُها پنهنجي محور تي هڪ هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سج جي چوڌاري گهمي رهي آهي. اها ئي صورتحال آهي، جنهن جي ڪري زمين جي سطح تي اهو منظر پيدا ٿئي ٿو، جنهن کي گگارن پنهنجي خلائي مشاهدي ۾ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو، ته مان زمين جي مٿان روشني ۽ انڌيري کي تيزيءَ سان هڪ ٻئي جي پٺيان ڊوڙندي ڏٺو. حقيقت جي لحاظ کان گگارن جو بيان سؤ سيڪڙو درست آهي. پر زمين تي ڪوبه شخص اهڙو بيان نه ٿو ڏئي سگهي. زميني مشاهدي جي آڌار تي ڪوبه انسان اهڙي قسم جو منظر نه ٿو ڏسي سگهي انهيءَ ڪري زمين تي رهندڙ ڪوبه شخص اهڙي ڳالهه نه ٿو چئي سگهي. اهڙو منظر ڪنهن انسان کي انهيءَ وقت نظر اچي سگهي ٿو، جڏهن هو زمين جي سطح کان 20 هزار ميل مٿي وڃي ۽ خلا ۾ پهچي دوربين جي ذريعي زمين جو مشاهدو ڪري. اهي لفظ زمين کي خلا کان ڏسڻ واري شخص جا آهن، نه ڪي زمين کي زمين تان ڏسڻ واري جا.
    گگارن کان پهريائين ڪوبه شخص خلا ۾ نه ويو هو ۽ نه ئي اسلام جي پيغمبرﷺ جي زماني ۾ خلائي سواريون موجود هيون ته جيئن پاڻ سڳورا ان جي ذريعي خلا ۾ وڃي، اهڙي قسم جو بيان ڏئي سگهن، ته پوءِ قرآن پاڪ ۾ انهيءَ سلسلي ۾ ايڏو واضح ۽ مڪمل بيان ڪيئن موجود آهي. ان جي ڪابه وضاحت انهيءَ مڃڻ کان سواءِ ممڪن نه آهي، ته قرآن پاڪ کي نازل ڪرڻ وارو هڪ اهڙو اعليٰ ۽ برتر وجود آهي، جيڪو انهيءَ وقت به زمين کي زمين جي مٿان ڏسي رهيو هو، جڏهن گگارين وجود ۾ ئي نه آيو هو. هيءُ ۽ اهڙي طرح جون ٻيون آيتون انهيءَ ڳالهه جو واضح ۽ يقيني ثبوت آهن، ته قرآن پاڪ خدا جي طرفان نازل ٿيل آهي، جيڪو پنهنجي عقل ۾ ڪامل ۽ مڪمل آهي ۽ اهو ڪنهن انسان جو جوڙيل ڪتاب نه آهي.


    خدا، رسالت، آخرت

    موجوده دنيا مادي دنيا آهي. پر هتي مادي واقعن جي صورت ۾ معنوي حقيقتن جون تمثيلون بڻايون ويون آهن. انسان جيڪڏهن سنجيده ٿئي ۽ هنن مادي شين کي غور ۽ فڪر سان ڏسي، ته هتان جي هر شيءِ ۾ کيس اطمينان بخش دليل ملي سگهندا. هو پنهنجي عقيدن جون پاڙون يقين جي زمين ۾ ڳولهڻ جي قابل بڻجي سهگندو.

    خدا جي تمثيل
    خدا جي تمثيل خود انسان جو پنهنجو وجودآهي. انسان جو وجود خدا جي وجود جو دليل آهي. ”خدا“ ڇا آهي؟، هڪ زندهه هستي جيڪا خود پنهنجي ذات ۾ قائم ۽ دائم آهي، جيڪو سوچي، ڏسي ۽ ٻڌي ٿو ۽ پنهنجي ارادي سان عمل ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو، هو خود پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ٿو ۽ هر شيءَ کان مڪمل طور تي واقف آهي. هو سڀني موجودات کان الڳ پنهنجي هڪ سڃاڻپ يا ”انا“ رکي ٿو.
    اهو سڀ ڪجهه بلڪل اهوئي آهي، جنهن کي ”انسان“ جي صورت ۾ اسان مان هر شخص سڃاڻي ٿو. هر ماڻهو ”مان“ کان چڱي طرح واقف آهي. خدا تي ايمان انهيءَ ”مان“ جي هڪ بر ترصورت تي يقين رکڻ آهي. انسان جن صفتن ۽ خوبين سان پنهنجي ذات جو تجربو ڪري رهيو آهي، انهن ئي صفتن ۽ خوبين واري هڪ ٻي برتر ذات آهي، جنهن کي اسان خدا يا الله چئون ٿا.
    جيڪڏهن منهنجو وجود يقيني آهي، ته پوءِ خدا جو وجود ڇو غير يقيني آهي؟ جيڪڏهن مان هڪ جڳهه تي ويهي ڪائنات کي ڏسي رهيو آهيان، ته پوءِ ان ۾ ڪهڙو عجب آهي، جو اهڙي طرح هڪ عظيم ۽ اعليٰ هستي ڪٿي ويهي ڪري ڪائنات جو مشاهدو ڪندي هجي. جيڪڏهن مان ريمورٽ ڪنٽرول سرشتي جي ذريعي خلا ۾ هڪ مشين کي هلائي سگهان ٿو، ته ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ته هڪ خدا پنهنجي مخصوص نظام سان ڪائنات کي هلائي رهيو هجي! جيڪڏهن مان پنهنجي عدل جي تصور مطابق ڪنهن کي سزا يا انعام ڏيان ٿو، ته پوءِ انهيءَ ۾ ڪهڙي ڳالهه غير معقول آهي، جو اهڙي طرح هڪ طاقتور خدا سڀني انسانن تي پنهنجي عدل جي تصور مطابق سزا ۽ جزا کي لاڳو ڪري!
    حقيقت هيءَ آهي ته خدا کي مڃڻ ائين آهي، جيئن پنهنجو پاڻ کي مڃڻ. خدا جي وجود کي تسليم ڪرڻ ائين ئي آهي، جيئن انسان جي وجود کي تسليم ڪرڻ. خدا کي مڃڻ بيشڪ عجيب آهي، پر انسان کي مڃڻ به ايتروئي عجيب آهي؛ ته پوءِ هڪ عجيب کي مڃڻ کان پوءِ ٻئي عجيب کي مڃڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟

    رسالت جي تمثيل:
    ”مان لنڊن کان ڳالهائي رهيو آهيان. هاڻي اوهان تازيون خبرون ٻڌندا،“ اهي لفظ هڪ شخص اسان کان پري لنڊن ۾ ويهي چوي پيو. اسان ان کي سئون سڌو ٻڌي نه ٿا سگهون. پر جڏهن اسان پنهنجو ريڊيو کوليون ٿا، ته فوراً اسان کي اهو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
    پري کان هڪ ريڊيو اسٽيشن تان اسان جي سمجهڻ واري ٻوليءَ ۾ اسان لاءِ پروگرام نشر ٿين ٿا، اسان انهيءَ آواز کي سنئون سڌو پنهنجي ڪنن سان ٻڌي نه ٿا سگهون. پر جڏهن اسان هڪ ريڊيو سيٽ جو سهارو وٺون ٿا، ته هزارين ميلن کان نشر ٿيندڙ پروگرام اسان کي اهڙي طرح ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ڄڻ اسانجي ۽ نشرياتي جڳهه جي وچ ۾ فاصلو ختم ٿي ويو هجي ۽ اسان ان کي سنئون سڌو ٻڌي رهيا هجون.
    اهڙوئي معاملو بنا ڪنهن تشبيهه جي پيغمبر جو پڻ آهي، پيغمبر ڄڻ اسان لاءِ هڪ ريڊيو سيٽ وانگر آهي، هو اسان جي ۽ خدائي نشرگاهه جي وچ ۾ هڪ يقيني واسطي جو ڪم ڏئي ٿو. جهڙي طرح عام ريڊيو نشر ٿيندڙ جڳهه تان آواز ۽ پروگرام وصول ڪري ٻيهر اسان تائين پهچائي ٿو، اهڙي ئي طرح الله تعاليٰ پيغمبر کي به اها طاقت عطا فرمائي ٿو، ته هو خدا جي طرفان ايندڙ آوازن کي اخذ ڪري سگهي. اهڙيءَ طرح پيغمبر خدا جي خاص توفيق سان انهن آوازن کي واضح طرح سان اخذ ڪري ٿو ۽ پوءِ بنا ڪنهن گهٽ وڌائي جي اسان کي ٻڌائي ٿو.
    پيغمبر انسان ۽ خدا جي وچ ۾ هڪ زندهه ريڊيو سيٽ وانگر آهي. جيڪڏهن پيغمبر نه هجي، ته اسان خدائي آواز کي ٻڌي نه ٿا سگهون، بلڪل اهڙي طرح جيئن مشيني ريڊيو سيٽ کانسواءِ ڪوبه شخص تمام پري موجود نشر گاهن تان نشر ٿيندڙ پروگرام کي ٻڌي نه ٿو سگهي. ماڻهو دنياوي نشرگاهن جي نشريات ٻڌڻ چاهين ٿا انڪري هو ريڊيو کي پسند ڪن ٿا. اڄ دنيا ۾ شايد ڪو اهڙو گهر هجي، جنهن ۾ ريڊيو نه هجي، اهڙي طرح جيڪڏهن انسان کي خدائي نشريات جي اهميت جو پتو پئجي وڃي ته هو ند پيغمبر کي دل ۽ جان سان چاهڻ لڳي. هو انهن ڳالهين کي نهايت توجهه ۽ دل جي اطمينان سان ٻڌي، جيڪي پيغمبر ٻڌايون آهن.
    پيغمبر جي معاملي کي سمجهڻ ايترو ئي آسان آهي، جيترو ريڊيو جي معاملي کي سمجهڻ. پيغمبر انهيءَ قسم جي هڪ ڪم کي الهامي طور تي ڪري ٿو، جنهن کي ريڊيو مشيني طور تي سرانجام ڏئي ٿو.

    آخرت جي تمثيل:
    هڪ ڪمري ۾ ڪجهه ماڻهو ويٺل آهن، جيڪي ڳالهائي رهيا آهن ۽ ٻڌي رهيا آهن. اهي پنهنجي سامهون هڪ پوري دنيا کي ڏسي رهيا آهن، پر هيءَ اها دنيا آهي، جيڪا محسوس طور تي نظر اچي ٿي. ظاهري طور تي انهيءَ محسوس ٿيندڙ دنيا کان سواءِ ٻي ڪا دنيا نه آهي، جيڪا اتي پنهنجو وجود رکندي هجي.
    ايتري ۾ هڪ شخص سامهون رکيل ٽيليويزن سيٽ کي هلائي ٿو. اوچتو ان جي شيشي تي هڪ ٻي دنيا نظر اچڻ لڳي ٿي، جيڪا ان کان اڳ ۾ نظر نه اچي رهي هئي. هلندڙ ڦرندڙ انسان، سندن آواز، گهر ۽ سندن ڪارگذاري سڀ اکين آڏو اچي وڃي ٿو.
    آخرت جو نظريو هيءُ آهي، ته اسان جي هن موجوده دنيا کان دور هڪ ٻي دنيا آهي، اها دنيا اهڙي طرح هڪ مڪمل دنيا آهي، جهڙي طرح اسان کي نظر ايندڙ هيءَ دنيا. ٽيليويزن ڄڻ ته انهيءَ نظرئي جي عملي تصديق آهي. ٽيليويزن جي تجربي مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪهڙي طرح هن محسوس دنيا ۾هڪ ٻي دنيا موجود ٿي سگهي ٿي. ٽيليويزن جي دنيا اسان جي چوڌاري پوري طرح موجود هوندي آهي، پر اها ان وقت اسان جي مشاهدي ۾ اچي ٿي، جڏهن ٽيليويزن سيٽ کي هلائجي ٿو. اهڙي طرح آخرت واري دنيا پوري طرح هتي موجود آهي، پر اها اسانجي مشاهدي ۾ ان وقت ايندي، جڏهن خدا ان کي ظاهر ڪرڻ جو حڪم ڏيندو.
    سائنس ۾ عام طور ڪنهن شيءَ کي ”ماڊل“ جي ذريعي سمجهايو ويندو آهي، موجوده دنيا هڪ قسم جو مادي ماڊل آهي، جنهن جي ذريعي اسان غير مادي حقيقتن کي سمجهي سگهون ٿا. اسان جي هيءَ دنيا هڪ لحاظ کان اعليٰ حقيقتن جو آئينو آهي. انسان جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان سوچي، ته کيس هن دنيا جي اندر سندس سمورن سوالن جا جواب ملي سگهن ٿا.
    خدا، وحي ۽ آخرت جو تعلق غيب سان آهي. انسان ان کي پنهنجي موجوده نگاهه سان ڏسي نه ٿوسگهي. پر دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون بلڪه سموريون اعليٰ حقيقتون اهڙيون آهن، جيڪي اکين سان نظر نه ٿيون اچن ۽ انسان انهن کي ڪجهه واضح اشارن جي آڌار تي تسليم ڪري ٿو. اهڙوئي معاملو خدا، وحي ۽ آخرت جو آهي، اهي شيون بلاشڪ اکين سان نظر نه ٿيون اچن پر اهڙا واضح ڏسائون موجود آهن، جيڪي اسان کي يقين ڏيارين ٿا ته اهي شيون حقيقي آهن ۽ يقيني طور تي پنهنجو وجود رکن ٿيون. جيڪڏهن انسان سنجيده ٿي سوچي ته انهن کي مڃڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگهي.


    ڪائناتي نشانيون

    ڪائنات هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ان جي خالق جو چهرو نظر اچي ٿو. ان لحاظ کان ڪائنات جي هر شيءِ هڪ نشاني آهي، هر شيءِ هڪ حقيقت جي جهلڪ ڏيکاري رهي آهي. جيڪڏهن انسان جي اندر ۾ ڏسڻ جي صلاحيت هجي، ته هوند کيس هر شيءِ ۾ لڪل حقيقت نظر اچڻ لڳي ۽ موجوده دنيا پنهنجي سموري ڪشادگيءَ سان هوند انسان لاءِ خدائي معرفت جو هڪ عظيم خزانو بڻجي پوي.

    رياضياتي دنيا
    ڪائنات ظاهري طور تي هڪ رياضياتي ڪائنات آهي. هر شيءَ رياضياتي اصولن جي حد تائين منظم آهي. هيءُ موجوده ڪائنات جو هڪ اهڙو پهلو آهي، جيڪو ان جي هر حصي ۾ نمايان طور تي نظر اچي ٿو. ماکيءَ جي مک ڪهڙي ته عجيب طريقي سان ان ڇهه ڪُنڊي شڪل ۾ مانارو ٺاهي ٿي. ايٽم جي ذرڙن جو مقدار انتهائي يڪسان طور تي مقرر هوندو آهي، زمين جي ٻنهي طرفن جي گردش اهڙي ته ٺيڪ ٺيڪ نموني سان ٿئي ٿي، جو ان سان هزارين سال پهريائين ۽ هزارين سال بعد جي ايندڙ وقت جو به ڪيلينڊر ٺاهي سگهجي ٿو. اهو ڪائنات جي سمورن جزن جو حال آهي. ڪائنات جو هر جزو اهڙو ته مستحڪم ۽ پائدار اصولن پٽاندڙ عمل ڪري ٿو، جو نهايت اعتماد سان ان جي مستقبل جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي.
    ڪائنات جو اهو پهلو سائنسدانن کي ڏاڍو متاثر ڪري ٿو. ايستائين جو کين اهو يقين ٿي ويو آهي، ته سموري ڪائنات هڪ رياضياتي ماڊل آهي، ڪنهن شيءِ کي جيستائين هو رياضياتي طور تي نه سمجهن، تيستائين کين اهو گمان رهي ٿو، ته هو انهيءَ ڳالهه کي صحيح طور سمجهي ئي نه سگهيا آهن.
    سائنسدان فطرت جي کوجنا ڪندا آهن. جيتوڻيڪ سائنس جا ڪيترائي شعبا آهن ۽ مختلف سائنسدان پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ الڳ الڳ تحقيق ۽ مطالعاتي ڪم ڪن ٿا. ان هوندي به سندن تحقيق کي جيڪڏهن ڪو گڏيل عنوان ڏيڻو هجي، ته منهنجي خيال ۾ هيءُ ئي ٿيندو ”ڪائنات ۾ رياضياتي نظم جي تلاش“.
    سمورن سائنسدانن جو هيءُ گڏيل عقيدو آهي، ته ڪائنات ۾ رياضياتي نظم ۽ ترتيب مڪمل طور تي قائم آهي. هڪ سائنسدان پنهنجي تحقيق مان اُن وقت بلڪل مطمئن ٿي وڃي ٿو، جڏهن هو پنهنجي تحقيق کي رياضياتي سانچي ۾ پرکي ٿو. رياضياتي تصديق سائنسدانن جي نظر ۾ سندن نظرئي جي صداقت جو آخري ثبوت آهي.
    سائنسدانن جي جماعت ڪائنات جي مطالعي ۾ رياضيءَ کي اهڙي طرح استعمال ڪري ٿي جهڙي طرح سونارو ڪسوٽي ۽ پرک جي تصديق کانپوءِ سون کي سون مڃيندو آهي. اهڙي طرح سائنسدان رياضيءَ جي تصديق کان پوءِ نظرئي جي صحيح هجڻ کي تسليم ڪري وٺي ٿو. رياضيات ۽ ڪائناتي نظام جي وچ ۾ هيءَ هڪجهڙائي ڇو آهي؟ ڪجهه سائنسدانن هيءُ سوال اٿاريو آهي. انهن مان هڪ طبقي ان جو سنئون سڌو جواب ڏيڻ کان سواءِ ان جي جواب کي هڪ سوال تي ختم ڪيو آهي ته ڇا ڪائنات هڪ رياضياتي ذهن جي تخليق آهي؟ ڪجهه سائنسدانن ان جو هاڪاري جواب ڏنو آهي. سر جيمز جينز فلڪي طبيعات جو مشهور عالم آهي هن 1932ع ۾ چيو هو، ته ظاهري طور تي ائين معلوم ٿئي ٿو، ته ڪائنات جو نقشو هڪ خاص رياضي دان تيار ڪيو هو.

    ڪائنات ۽ انسان
    موجوده اندازي مطابق ڪائنات ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ارب ڪهڪشائون آهن. هر ڪهڪشان ۾ هڪ کرب ستارا آهن. انهن مان اڪثر ستارا اسان جي سج کان به وڌيڪ گرم ۽ گهڻو وڏا آهن. جڏهن ته اسان جو سج ايترو ته وڏو آهي، جو ان مان زمين جهڙا ٻارنهن لک گولا ٺهي سگهن ٿا. اهي بي شمار متحرڪ ستارا هڪ ٻئي کان ايترو گهڻو پري آهن، جيئن بحر الڪاهل ۾ وکريل ڪجهه سامونڊي جهاز. انهيءَ سمجهه ۾ نه ايندڙ حد تائين هڪ وڏي ڪائنات ۾ زمين جو هيءُ ننڍڙو گولو هڪ انتهائي انمول ۽ منفرد حيثيت جو حامل آهي جتي پاڻي، هوا ۽ ٻيون ڪيتريون شيون آهن، جيڪي انسان جهڙي مخلوق لاءِ زندگيءَ جو سامان مهيا ڪن ٿيون. هيءَ دنيا پنهنجي سمورين عظمتن ۽ حڪمتن جي باوجود انسان کان سواءِ بلڪل بي مقصد ۽ اجائي آهي.
    انسان جيڪڏهن نه هجي ته هتي ڪابه اک اهڙي نه هوندي، جيڪا دنيا جي رنگينين کي ڏسي سگهي ۽ ڪو به ڪن نه هوندو جيڪو ان جي نغمن کي ٻڌي، ڪو دماغ نه هوندو جيڪو ان جي حڪمت ۽ مقصد کي حاصل ڪري. هيءَ دنيا هڪ عجيب ۽ عظيم آرٽ آهي، پر انسان کانسواءِ اها هڪ اهڙي آرٽ بڻجي ويندي، جنهن کي ڪو سڃاڻڻ وارو نه هجي. جنهن جي ڪو تعريف ڪرڻ وارو نه هجي.
    پر خود انسان جي حقيقت ڇا آهي؟ زمين تي جيترا به انسان رهن ٿا، جيڪڏهن انهن مان هرشخص ڇهه فوٽ ڊگهو، اڍائي فوٽ ويڪرو ۽ هڪ فوٽ ٿلهو هجي، ته انسان جي سموري آباديءَ کي آسانيءَ سان هڪ اهڙي صندوق ۾ بند ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي ڊيگهه، ويڪر ۽ ٿولهه هڪ ميل هجي. پر ڪائنات جي وسعتن جي ڀيٽ ۾ هيءَ صندوق ڪيڏي نه ننڍڙي نظر اچي ٿي. هاڻي جيڪڏهن انهيءَ صندوق کي ڪنهن سمنڊ جي ڪناري تي آڻي، ان کي هلڪو ڌڪو ڏبو، ته اها سمنڊ جي گهرائيءَ ۾ اهڙي طرح گم ٿي ويندي، جهڙي طرح هڪ ڀريل بالٽيءَ ۾ سرنهه جو هڪ داڻو! صديون گذري وينديون، انساني نسل پنهنجي مادي ڪفن ۾ ويڙهيل هميشه لاءِ رهجي ويندو. دنيا جي ذهن تان به اها شيءِ لهي ويندي، ته ڪو انسان جهڙي مخلوق به هتي آباد هئي. سمنڊ جي سطح تي طوفان ائين ئي ايندا رهندا، سج اهڙي طرح چمڪندو رهندو، زمين جو گولو دستور موجب پنهنجي محور تي گهمندو رهندو. ڪائنات جي اڻ کٽ وسعتن ۾ ڦهليل بي شمار دنيائون انهيءَ حادثي کي صرف ايتري اهميت ڏينديون، جيترو زمين جي مٿان هڪ ڪِوِل چيڀاٽجي مري وڃي! صدين کان پوءِ سمنڊ جي ڪناري مٽيءَ جو ڍير پنهنجي خاموش زبان سان ٻڌائيندو، ته هيءُ انساني نسل جي قبر آهي، اهو صديون پهريائين هڪ صندوق ۾ دفن ڪيو ويو هو. پر ياد رکڻ گهرجي ته انسان حقيقت جي لحاظ کان انتهائي بامقصد شيءِ آهي، پر انسان ڪائنات جي موجوده نظام ۾ پنهنجي حقيقت کي نٿو سڃاڻي. هن دنيا ۾انسان جون تمنائون پوريون نه ٿيون ٿين، موجوده دنيا پنهنجي تڪميل لاءِ هڪ ٻي دنيا گهري ٿي. موجوده دنيا پنهنجي سموري حقيقت جي باوجود به بي حقيقت آهي، جيستائين ان سان گڏ آخرت کي نه مڃيو وڃي.

    فطرت جو توازن
    ڏکڻ قطب (انٽارڪٽڪا) جي باري ۾ روس جي جاگرافيڪل سوسائٽي وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سندن اندازي مطابق ڏکڻ قطب جي مٿان جيڪا برف ڄميل آهي، سا سموري دنيا جي تازي پاڻيءَ جو 85 سيڪڙو حصو آهي. ان جو مقدار اڍائي ڪروڙ معڪب چورس ميٽر آهي. هِن وقت ڏکڻ قطب جي برف صرف ڏيڍ ڪروڙ چورس ميٽر جي علائقي تي پکڙيل آهي. جيڪڏهن انهيءَ برف کي دنيا جي خشڪ حصي تي پکيڙيو وڃي، ته موجوده خشڪ زمين تي 50 ميٽر برف ڄمي ويندي ۽ جيڪڏهن اها برف اوچتو پگهرجي وڃي، ته دنيا جي سمنڊن جي سطح 60 کان 70 ميٽر بلند ٿي ويندي ۽ زمين جو ڏهه سيڪڙو حصو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو. ان جو نتيجو اهو نڪرندو، جو دنيا جا سمورا ساحلي شهر پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندا، ايتريقدر جو ڪيترائي ملڪ مڪمل طور پاڻيءَ هيٺ اچي ويندا. ڏکڻ قطب جي سموري برف جي پگهرجڻ سان سمنڊ جو سراسري طور گرميءَ جو درجو ٻه سيڪڙو گهٽ ٿي ويندو، جنهن ڪري زمين تي موسمي تباهي ايندي؛ ڇاڪاڻ ته سمنڊ ۾ هڪ درجي جي هزارهين حصي جي گهٽ وڌائي فضا ۾ گرميءَ جي پوري هڪ درجي جو فرق پيدا ڪري ٿي.
    هيءُ هڪ ننڍڙو مثال آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ڪيڏو نه متوازن نظام آهي. هتي هڪ ئي وقت مختلف ضرورتن جي وچ ۾ اهڙي طرح توازن قائم رکيو ويو آهي جو هر شيءَ رڳو پنهنجو فائدو ڏئي ۽ پنهنجي نقصان کان انسان کي بچائي.
    فطرت جو اهو توازن زمين جي هر معاملي ۾ نمايان آهي. ان مان اهو واضح طور تي ثابت ٿئي ٿو، ته هن دنيا جي پٺيان هڪ طاقتور ذهن ڪم ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هتي ذهن جي ڪارفرمائي نه هجي، ته موجوده توازن ڪنهن به حال ۾ برقرار نه ٿو رهي سگهي.
    زمين جو مطالعو ڪندي واضح طور تي ائين معلوم ٿئي ٿو ڄڻ ته جنهن هستيءَ زمين جي موجوده حالتن کي هڪ خاص ڍنگ تي بڻايو آهي؛ تنهن کي معلوم هو، ته هتان جون جاندار شيون انسان، حيوان ۽ نباتات آهن. ان لحاظ کان هتان جي هر شيءِ جاندار شين جي ضرورت جي عين مطابق بڻائي وئي آهي. جيڪڏهن اها حقيقت انسان کي خدا جو يقين نه ڏياري، ته پوءِ آخرڪار باقي ڪهڙي شيءِ هوندي جيڪا انسان کي انهيءَ حقيقت جو يقين ڏياريندي.

    نم جو معجزو
    ڊسمبر 1983ع ۾ نم جي وڻ بابت ٻي عالمي ڪانفرنس مغربي جرمنيءَ ۾ منعقد ٿي. اڄڪلهه نم جو وڻ نباتاتي ماهرن لاءِ خاص توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. ان جو سبب هيءُ آهي، ته نم نقصانڪار جيوڙن کي ڀڄائڻ جو هڪ قيمتي قدرتي ذريعو آهي. انسان ڪيميائي طور تي هن وقت تائين جيتريون به جيت مار دوائون ٺاهيون آهن، سي سڀ جيتن تي اثر انداز ٿيڻ سان گڏوگڏ ماحوليات کي به خراب ڪن ٿيون، جنهن ڪري انسانن لاءِ به نقصان ڪار بڻجن ٿيون. پر نم جي وڻ ۾ اها عجيب خوبي آهي، جو اها ماحولياتي نقصان ڏيڻ کان سواءِ انسان ذات ۽ نباتات کي نقصان پهچائيندڙ ڪيڙن کان محفوظ رکي ٿي.
    ان ڪانفرنس ۾ 21 ملڪن جا هڪ سئو کان وڌيڪ سائنسدان شريڪ ٿيا. هر هڪ پنهنجي پنهنجي ماحول ۾ نم جا تجربا ٻڌايا. هالينڊ جي هڪ ماهر ايل_ايم اوسچون هيون پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو، ته نم جي اندر هڪ عجيب دفاعي نظام موجود آهي جيڪو هڪ اڻ لڀ ۽ قيمتي قسم جو ڪيڙا ڪنٽرول ذريعو آهي. هن ٻڌايو، ته ٽوگو (Togo) ۾ هن قسم جو تجربو ڪيو ويو، ته زمين جي مٽيءَ ۾ نم جا پن ملايا ويا، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو زمين ۾ نباتاتي ڪيڙن جو تعداد تمام گهڻو گهٽجي ويو. اهڙي پوک جنهن تي هيءُ عمل ڪيو ويو هو، تنهن جي فصل جي پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو.
    هندوستان جي نمائندي پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو، ته پونا جي نيشنل ڪيميڪل ليبارٽري نم جو هڪ پائوڊر تيار ڪيو آهي، جنهن جو نالو نيمرچ رکيو ويو آهي. مڪئي، پٽاٽا ۽ ڪجهه ٻين فصلن تي نيمرچ جا تجربا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي پيداوار ۾ سٺو اضافو ٿيو.
    موجوده زماني ۾ دنيا جي سمورن ملڪن ۾ جيت مار دوائن جو استعمال عام آهي. انهن دوائن جي استعمال سان يقيناً زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي، پر اڃا تائين اهو دريافت نه ٿي سگهيو آهي، ته انهن دوائن سان ماحوليات تي جيڪي نقصانڪار اثر پون ٿا، تن کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو. هيءَ ڪيڙا مار دوائون هڪ طرف ڪيڙن جو خاتمو ڪن ٿيون، ته ٻئي طرف ان سان گڏوگڏ انسان کي به نقصان پهچائين ٿيون. جيڪڏهن اوهان ڪاٺ ۽ پنن کي باهه ۾ وجهندؤ، ته ٻئي سڙي ويندا. ڇاڪاڻ ته اصليت جي لحاظ کان ٻئي هڪ آهن، اهڙي طرح انسان ۽ ڪيڙا ٻئي زنده جنسون آهن، جيڪا شيءِ هڪ جنس لاءِ نقصان ڪار آهي، اها ٻي جنس لاءِ به نقصان جو سبب ٿيندي آهي.
    انسان کي نقصان ڪار جيوڙن کان بچائڻ لاءِ اينٽي بائيو ٽڪ دوائون کارايون وڃن ٿيون. هيءُ دوائون بيڪٽيريا وانگر انساني جسم لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿيون آهن. مک، مڇر، اڏوهي ۽ ٻين جيوڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊي_ڊي_ٽي پائوڊر ڇٽيو ويندو آهي. ان سان اهي جيوڙا ته ڀڄي يا مري وڃن ٿا، پر ان سان فضا ۾ ڊي_ڊي_ٽي جا جزا شامل ٿي وڃن ٿا. انسان ساهه کڻڻ دوران انهن کي پنهنجي جسم ۾ داخل ڪري ٿو، جنهن ڪري مختلف مرضن جو شڪار ٿئي ٿو. ميون ۽ زرعي پيداوار ۾ نقصان ڪار جيوڙا لڳن ٿا، جنهن ڪري پيداوار ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. ان لاءِ ڪيڙا مار دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون. انهن دوائن جي استعمال سان باغن ۽ فصلن ۾ اضافو ته ٿئي ٿو، پر هتي به ساڳئي صورتحال آهي، جو هڪ طرف انهن دوائن سان ماحوليات خراب ٿئي ٿي، ته وري ٻئي طرف خود باغن ۽ فصلن جي پيداوار ۾ نقصان ڪار ڪيميائي جزا شامل ٿي وڃن ٿا ۽ کائڻ سان انسان جي جسم ۾ داخل ٿي نقصان جو سبب بڻجن ٿا.
    هندوستان ۾ هر سال تقريباً چاليهه هزار پائونڊ ڪيميائي دوائون زرعي فصلن ۾ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ان جي نتيجي ۾ عوام جي صحت جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو پيو وڃي. 1983ع جي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ جيڪي زرعي ڪيڙا مار دوائون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، تن جي زهريلي اثرن ڪري هر سال تقريباً پنجاهه هزار ماڻهو بيمار ٿين ٿا جن مان لڳ ڀڳ پنج هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا.
    انساني سائنس اڃا تائين انهيءَ سائنس تائين نه پهچي سگهي آهي، جن جو مظاهرو قدرت جي انهيءَ معجزي جي شڪل ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن کي نم جو وڻ چئجي ٿو. انهيءَ جي باوجود ڪجهه ماڻهو اڃا به اهو فرض ڪيو ويٺا آهن، ته هن دنيا جو ڪو به خالق ۽ مالڪ ڪونهي ۽ هن دنيا کي هلائڻ وارو ڪوبه ذهن ناهي.
    ڊي_ڊي_ٽي جي هڪ پاڪيٽ کي ڏسي ڪوبه شخص اهو نه ٿو چوي، ته هيءُ پاڪيٽ پاڻ مرادو ٺهيو آهي. هرڪو ماڻهو پڪ سان انهيءَ کي ڪنهن ذهن جي تخليق قرار ڏيندو، پر ڊي-ڊي-ٽي کان به اعليٰ پيداوار کي ڏسي ماڻهو هيءُ چئي ٿو ڏئي، ته هيءُ پنهنجو پاڻ وجود ۾ آئي آهي! درحقيقت نم جو وڻ ڊي_ڊي_ٽي کان وڌيڪ اعليٰ پيداوار آهي. ان جي بناوٽ ۾ يقيني طور تي غير معمولي ذهانت نظر اچي ٿي، ان هوندي به اهو ڪيترو نه عجيب آهي، جو ماڻهو ڊي_ڊي_ٽي جي باري ۾ اهو مڃن ٿا، ته اهو ذهانت جي پيداوار آهي. پر هو اها ڳالهه نم جهڙين شين بابت نه ٿا مڃن!

    تخليق ۾ ذهانت
    ماکيءَ جي مک ميون جو رس چوسي ماکي تيار ڪري ٿي، مک جو ڪم صرف ايتروئي آهي. هوءَ ان سان گڏوگڏ ٻيا به ڪيترا اهم ڪم سرانجام ڏئي ٿي. انهن ۾ هڪ ڪم ميلاپ به آهي، يعني ٻوٽن جي نر ۽ مادي جزن کي هڪ ٻئي تائين پهچائڻ ته جيئن ٻوٽن جو ميلاپ ٿي سگهي. هيءُ ڪم ايڏو ته اهم آهي، جو ماکيءَ جي مک جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ميون جي رس ڄڻ ته هڪ معاوضو آهي، جيڪو ٻوٽا ماکيءَ جي مک کي ميلاپ واري عمل جي بدلي ۾ ادا ڪن ٿا.
    آمريڪا جي اوڀر واري حصي ۾ گلن جي رس جو نوي سيڪڙو حصو بيڪار ٿي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته انهيءَ علائقي ۾ ماکيءَ جي مک تمام گهٽ ٿئي ٿي، ۽ انهيءَ ڪري ميلاپ جو عمل اولهه جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿئي ٿو. تحقيق مان معلوم ڪيو ويو آهي، ته ماکيءَ جي مک جڏهن ڪنهن باغ يا فصل مان گلن جي رس چوسيندي آهي، ته اها هڪ ئي وقت ۾ هر قسم جي وڻن تان ميون جو رس نه چوسيندي آهي بلڪه هوءَ ايئن ڪندي آهي، جو جنهن گل جو هڪ دفعو رس چوسيندي آهي، ته ٻيهر به وري وري انهيءَ ئي گل جو رس کڻندي آهي. هوءَ هڪ ئي وقت ۾ هڪ ئي نسل جي گلن وچ ۾ اُڏامندي هڪ کان پوءِ ٻئي جي رس کڻندي آهي. ماکيءَ جي مک جو اهو طريقو زراعت ۽ باغبانيءَ لاءِ نهايت اهم آهي. ائين ڪرڻ سان هوءَ هڪ خاص گل جي جزن کي ساڳئي ئي وڻ جي گلن تائين پهچائيندي رهي ٿي. گلن جي رس چوسڻ دوران گل جو ٻج سندس جسم سان چنبڙي ويندو آهي، جڏهن هوءَ ٻئي گل تي وڃي ويهندي آهي، ته اهو ٻج وارو مادو انهيءَ گل تي ڪري پوندو آهي. اهڙي طرح نر ۽ مادي جزن وچ ۾ ميلاپ جوعمل تڪميل تي پهچي ٿو ۽ انهن ۾ واڌ ويجهه جو عمل جاري رهي ٿو. جيڪڏهن ائين نه هجي، ته هوند زمين تان لڳ ڀڳ هڪ لک قسم جا ٻوٽا بلڪل ختم ٿي وڃن. هيءُ عمل واضح طور تي تخليق جي نظام ۾ ذهانت جو ثبوت آهي. انهيءَ قسم جو بامقصد واقعو لازمي طور تي انهيءَ حقيقت کي ثابت ڪري ٿو، ته هن ڪائنات جو هڪ خالق آهي. جيڪڏهن خالق نه هجي ته تخليق جي نظام ۾ اهڙي قسم جي بامقصد تدبير ممڪن ئي نه آهي.

    ذرو ضايع نه ٿئي
    هوا بازيءَ جي قانون مطابق ٻارنهن هزار پائونڊن کان به وڌيڪ وزني هوائي جهاز لاءِ ضروري آهي، ته ان ۾ بليڪ باڪس هجي. بليڪ باڪس ٻن ننڍن خاص قسم جي ٽيپ رڪارڊرن تي مشتمل آهي، جنهن مان هڪ کي فلائيٽ رڪارڊر ۽ ٻئي کي وائس رڪارڊر چئجي ٿو. انهن مان هر هڪ سراسري طور20 انچ ڊگهو ۽ 6 انچ ويڪرو ٿيندوآهي، ان جو وزن لڳ ڀڳ 25 پائونڊ ٿئي ٿو. هيءَ ٻئي رڪارڊر هوائي جهاز جي پوئين حصي ۾ رکيا ويندا آهن، ته جيئن حادثي جي وقت محفوظ رهي سگهن. اهي هڪ خاص نظام هيٺ پائليٽ جي آواز، جهاز جي رفتار ۽ ٻي ضروري معلومات رڪارڊ ڪندا رهندا آهن. انهن ۾ محفوظ ڪيل آواز ۽ رڪارڊ پاڻمرادو هر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ميسارجي ويندوآهي، ته جيئن جهاز جي آخري لمحن جو حال معلوم ٿي سگهي.
    23 جون 1985ع تي هڪ وڏو هوائي حادثو پيش آيو. ايئر انڊيا جو هڪ وڏو جهاز (بوئنگ 747) ڪئناڊا کان لنڊن ٿيندي هندوستان اچي رهيو هو. ڪنٽرول ٽاور جهاز جي هر لمحي جي رپورٽ وٺي رهيو هو ته اوچتو ان جي ڪمپيوٽر اسڪرين تان جهاز جي تصوير غائب ٿي وئي ۽ جهاز تان پيغام اچڻ بلڪل بند ٿي ويا. جهاز هڪ حادثي جو شڪار ٿي اوچتو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ وڃي ڪريو. جهاز ۾ 329 مسافر سوار هئا، جيڪي سمورا مري ويا، انهن مان ڪوبه نه بچيو، جيڪو حادثي بابت دنيا کي ڪجهه ٻڌائي سگهي. هاڻي حادثي متعلق ڄاڻڻ جو ذريعو صرف بليڪ باڪس هو، سو پڻ سمنڊ جي تهه ۾ وڃي پهتو. ائٽلانٽڪ دنيا جو ٻيو نمبر سڀ کان وڏو سمنڊ آهي. ان جي پکيڙ ننڍن ننڍن سمنڊن سميت چار ڪروڙ يارنهن لک چورس ميل آهي. انهيءَ وڏي سمنڊ ۾ بليڪ باڪس جي حيثيت صرف هڪ ننڍڙي ذري جي هئي، جيڪو سمنڊ جي تهه ۾ ٻن ميلن جي اونهائي ۾ پيو هو. ظاهري طور انهيءَ ذري کي سمنڊ مان ڪڍڻ ناممڪن هو، پر هيءُ ناممڪن ممڪن بڻجي ويو، جڏهن 10 ۽ 11 جولاءِ 1985ع تي انهن رڪارڊرن کي اونهي سمنڊ جي تهه مان ڪڍيو ويو.
    هيءُ معجزو ڪيئن پيش آيو. اهو سڀ ريڊيائي لهرن جي ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ واري مشيني انسان ”روبوٽ“ جي ذريعي ممڪن ٿي سگهيو. بليڪ باڪس ۾ اهڙيون مشينون هونديون آهن جن وسيلي هو ريڊيائي سگنل موڪليندو رهندو آهي اهي سگنل هر سيڪنڊ ۾ نڪرندا آهن ۽ اهو عمل ٽيهن ڏينهن تائين جاري رهندو آهي. فرانس، آمريڪا ۽ برطانيه جي جديد سامان سان ڀريل ٻيڙين سگنل جي ذريعي ان بليڪ باڪس جو پورو ٺڪاڻو تلاش ڪيو. ان کان پوءِ هڪ خاص ڪيميرا جي ذريعي ان جون تصويرون ورتيون ويون ۽ پوءِ اهو مشيني انسان (Robot) سمنڊ جي تهه ۾ موڪليو ويو، جنهن کي انسانن وانگر ٻانهون، هٿ ۽ آڱريون آهن، هيءُ روبوٽ ريڊيائي لهرن ذريعي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو. سمنڊ جي ڪناري تي بيٺل انسان مشيني اسڪرين تي سمورو منظر ڏسي ٿو ۽ ريڊيائي لهرن جي ذريعي روبوٽ جي رهنمائي ڪري ٿو، ته جيئن هو مقرر ڪيل جڳهه تي پهچي، بليڪ باڪس کي پنهنجي هٿن سان پڪڙي ۽ پوءِ مٿي کڻي اچي انسان جي حوالي ڪري.
    هيءُ هڪ اهڙو طريقو هو، جنهن کي استعمال ڪري اٿاهه سمنڊ مان هڪ ننڍڙي ذري کي ڪڍيو ويو ۽ پوءِ ان جي ذريعي حادثي جي سموري ڪهاڻي انسان کي معلوم ٿي سگهي. مان جڏهن اخبار ۾ انهيءَ تفصيل کي پڙهيو، ته مون کي ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ هن واقعي جي صورت ۾ انهيءَ ”عظيم واقعي“ کي واضح نموني بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو قرآن پاڪ جي لفظن ۾ هن طرح آهي: ”وَمَا یَعْزُبُ عَنۡ رَّبِّکَ مِنۡ مِّثْقَالِ ذَرَّۃٍ فِی الۡاَرْضِ وَلَا فِی السَّمَآءِ وَلَاۤ اَصْغَرَ مِنۡ ذٰلِکَ وَلَاۤ اَكْبَرَ اِلَّا فِیۡ کِتٰبٍ مُّبِیۡنٍ” يعني ”۽ تنهنجي پاليندڙ کان ذري جيترو نه ڪي زمين ۾ ۽ نه ڪي آسمان ۾ ڳجهو رهي ٿو. ۽ نه ان کان تمام ننڍي وڏي شيءِ (لڪل) آهي پر اها ظاهر ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. (يونس61)


    سائنس مذهب جي رستي تي

    جيتوڻيڪ هر زماني ۾ خدا ۽ مذهب کي مڃڻ وارا اڪثريت ۾ رهيا آهن، خاص ڪري قديم زماني ۾ ته انهيءَ سوچ کي عمومي طور تي غلبو حاصل هو. ان هوندي به هر دور ۾ اهو بحث ٿيندو رهيو آهي، ته هن ڪائنات جو ڪو خدا آهي يا سڀ ڪجهه پاڻمرادو وجود ۾ آيو آهي. فلسفي جي روشنيءَ ۾ انهيءَ بحث کي جيڪو عنوان ڏنو ويو؛ سو هڪ لاءِ تصوريت ۽ ٻئي لاءِ ماديت هو.
    تصوريت يا آئيڊيلزم خالص فني تفصيلن کي ڇڏي، انهيءَ سوچ جو حامي رهيو آهي، ته ڪائنات جي آخري حقيقت روحانيت آهي. يعني اسان دنيا ۾ جيڪي محسوس ٿيندڙ منظر ڏسون ٿا، تن جو ڪو حقيقي وجود اسان جي دماغ کان ٻاهر نه آهي. تصوريت جو نظريو جيتوڻيڪ افلاطون (347_ 427 ق.م) جي زماني کان موجود رهيو آهي، پر موجوده مفهوم ۾ اهو تصور ارڙهين صدي عيسوي ۾ جارج برڪلي (1753_1675) کان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ هيءُ سوال اڀريو، ته جيڪڏهن شين جو وجود صرف ذهني آهي ته پوءِ ان ڳالهه جو ڪهڙو سبب آهي جو هيءُ مادي شيون ان وقت به موجود رهن ٿيون جڏهن ڪوبه شخص کين نه ڏسي رهيو هجي. برڪلي جواب ڏنو، ته انهن شين جو وجود خدا جي ذهن ۾ آهي. اهڙي طرح هن تصوريت کي خدا جي وجود تي هڪ نئين دليل جي حيثيت ڏني.
    ڪانٽ (1804-1724) جي زماني ۾ ان فڪر نئين وسعت اختيار ڪئي ۽ هڪ مستقل مڪتبه فڪر جي حيثيت سان قائم ٿيو. جرمني، انگلينڊ، فرانس، آمريڪا هر هنڌ ان جا وڏا وڏا وڪيل پيدا ٿيا. تنهن هوندي به پهرين عالمي جنگ کان پوءِ ان فڪر کي زوال آيو.
    ان جي ابتڙ ماديت پنهنجي مختلف فڪري نظرين سان ان نقطه نظر جي حامي رهي آهي، ته هن ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سو سمورو مادي آهي ۽ مادي کان ٻاهر ان جو ڪو به وجود ڪونهي. هن نظرئي جي دعويٰ آهي، ته هتي صرف هڪ حقيقت آهي ۽ اهو صرف مادو آهي. ايتريقدر جو خود انسان به عام عقيدي مطابق ٻن شين روح ۽ جسم جو مجموعو ڪونهي، پر بنيادي طور تي صرف هڪ ئي حقيقت رکي ٿو ۽ اهو ان جو مادي جسم آهي.
    انهيءَ فڪر ۽ سوچ جو بنياد ايپي ڪيورس (280_342ق.م) وٽ ملي ٿو؛ جنهن جو خيال هو، ته سموريون شيون آخري نتيجي جي شڪل ۾، ننڍن ننڍن نظر نه ايندڙ جزن جي ميلاپ سان وجود ۾ آيون آهن. انهيءَ مادي نظرئي کي نئين قوت ان وقت حاصل ٿي، جڏهن هولباخ جو ڪتاب ”سسٽم آف نيچر“ 1770ع ۾ شايع ٿيو. ان جي حمايتين جي فهرست هڪٻئي ۾ اختلاف باوجود تمام ڊگهي آهي. ويهين صديءَ ۾ ماديت جون ٻه وڏيون شاخون وجود ۾ آيون. هڪ جدلياتي ماديت، جيڪا ڪميونسٽ دنيا جو سرڪاري فلسفو آهي ۽ ٻي کي طبيعاتي ماديت چئجي ٿو. ماديت پرست ”ذهن“ کي به تسليم ڪن ٿا، پر سندن خيال ۾ ”ذهن“ صرف مادي جسم جو هڪ عمل آهي، مادي جسم کان الڳ ان جو ڪوبه مستقل وجود نه ڪونهي.
    تصوريت ۽ ماديت پرستيءَ جي اها ڪشمڪش ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري انساني تاريخ. تصوريت مذهب جي حقيقي وڪيل نه هئڻ جي باوجود ان لحاظ کان مذهب جو فلسفيانه سهارو رهي آهي، ته اها آخري حقيقت کي غير مادي ثابت ڪري ٿي، جيئن خود مذهب جي دعويٰ آهي. ان جي ابتڙ ماديت پرستي فڪري لحاظ کان خدا جي انڪار لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ان جي نظر ۾ محسوس ٿيندڙ ڪائنات کان ٻاهر ٻي ڪنهن شيءِ جو حقيقي وجود ڪونهي.
    گذريل صديءَ ۾ جديد طبعي سائنس جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ انهيءَ نظرئي وڌيڪ وسعت اختيار ڪئي. هاڻي ته سائنس جي تشريحي علم جي طور تي سائنٽيفڪ مادي پرستي وجود ۾ آئي آهي. علم طبقات الارض ۽ حياتياتي ارتقا جي نظرئي وسيلي ماڻهن ۾ ان جي زبردست پذيرائي ٿي. عام طور تي اهو تسليم ڪيو ويو ته زندگيءَ ۽ دماغ بي جان مادي جون ئي ترقي يافته شڪليون آهن. عضون جي علم جي ترقي سان ان کي وڏي هٿي ملي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ علم جي مطالعي مان ثابت ٿيو ته ذهني زندگي ۽ ان جي وسعت جو دارومدار دماغ جي جسامت تي آهي. جيتوڻيڪ ان جا وڏا وڏا حمايتي، مثلاً ڪارل واٽ (1895ع) ۽ لڊوگ بشنر (1899ع) واضح طور تي ثابت نه ڪري سگهيا، ته دماغ جي اصلي حقيقيت ڇا آهي. ان هوندي به جديد طبعي دريافتن کان پوءِ عام طور تي اهو سمجهيو ويو ته سائنس مادي پرستيءَ جي حق ۾ پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، سترهين صديءَ عيسويءَ جي آخر تائين اهو سمجهيو پئي ويو، ته ماديت پرستي جديد علمي دنيا کي فتح ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي علمي ۽ منطقي طور تي مذهب لاءِ ڪابه گنجائش باقي نه رهي آهي.
    فڪري طور تي ماده پرستي جا ٻه رخ هئا؛ هڪ هيءُ ته ڪائنات مڪمل طور تي هڪ مادي وجود آهي، ان ڪري هتي ڪنهن غير مادي هستي يعني خدا کي مڃڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ٻيو هيءُ ته هتي جيڪي واقعا پيش اچن ٿا، تن جي پٺيان واضح مادي اسباب آهن، ان ڪري ڪنهن رب ۽ قيوم جي مڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ماده پرستيءَ جو پهريون پهلو خدا جي وجود جو انڪار ڪري رهيو آهي، ۽ ٻيو پهلو خدا جي وجود کي ناممڪن ته نه ٿو چوي پر اهو چوي ٿو ته ابتدائي پيدائش کان پوءِ هن ڪائناتي نظام کي خدا جي ڪابه ضرورت نه آهي. والٽير (1778ع _ 1694ع) چوي ٿو ته جيڪڏهن خدا آهي، ته پوءِ اسان جي دنيا سان ان جو تعلق ائين آهي، جيئن هڪ گهڙي ٺاهڻ واري جو گهڙي سان آهي. ان هوندي به هيوم (1776_1711) ته انهيءَ ”بي جان ۽ بي ڪار“ خدا کي مڃڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته هن ”گهڙيون ٺهندي ڏٺيون هيون پر دنيائون ٺهندي نه ڏٺيون هيون.“
    پر اڻويهين صديءَ جو خاتمو دراصل انهن نظرين جو به خاتمو هو. موجوده صديءَ ۾ خود سائنس جيڪي حقيقتون دريافت ڪيون آهن، تن سمورن خيالن کي آخري طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي.
    نيوٽن جي ميڪانڪس جو هڪ مسئلو هي هو؛ ته جيڪڏهن ڪنهن شيءَ جي موجوده حالت معلوم هجي، ته ان جي گذريل ۽ ايندڙ حالت يقيني طور تي متعين ڪري سگهجي ٿي. ان طرح رڳو حرڪت جي قانون جي بنياد تي علم رياضيءَ جي مدد سان ازل کان ابد تائين ان جي سمورين حالتن جي اڳواٽ رٿا بندي ڪري سگهبي. ميڪانڪس جو اهوئي مسئلو هو، جيڪو ماده پرستن لاءِ فيصلائتو هيو جنهن جي بنياد تي هو ڪنهن خالق جي تصور کي غير ضروري قرار ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن نظر ۾ ڪائنات جي هر حالت ۽ هر لمحو متعين ٿيل آهي ۽ اها ان جي مطابق پاڻمرادو جڙندي وڃي ٿي.
    فطرت جي باقاعده قانون جي حيثيت سان هيءَ سببن وارو اصول (Law of causation) سترهين صديءَ ۾ مڃيو ويو. هيءَ عظيم صدي جيڪا گليلو (1642_1564ع) ۽ نيوٽن (1727_1742)جي صدي مڃي وڃي ٿي، هن کان پهريائين پُڇڙ تاري جي ظاهر ٿيڻ کي بادشاهت جو خاتمو يا ڪنهن وڏي شخصيت جي موت جي علامت سمجهيو ويندو هو، پر هن صديءَ ۾ ڪشش ثقل جي آفاقي قانون مطابق ان جي وضاحت معلوم ڪئي وئي. نيوٽن لکيو آهي، ته ”اهڙي طرح قدرت جي ٻين واقعن کي به ميڪانيڪي اصولن جي روشنيءَ ۾ معلوم ڪري سگهبو.“
    اهڙِيءَ طرح هڪ زبردست تحريڪ جنم ورتو، جنهن جو مقصد هن مادي ڪائنات کي هڪ مشين ثابت ڪرڻ هو. هيءَ تحريڪ اڻويهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ پنهنجي انتها کي پهچي وئي. اهو وقت هو، جڏهن هيلم هولٽز (1894ع _ 1821ع) چيو ته سڀني فطري علمن جو آخري مقصد پنهنجو پاڻ کي حرڪت جي قانون ۾ منتقل ڪرڻ آهي. لارڊ ڪلوين (1907ع_1824) اعتراف ڪيو، ته جيستائين ڪنهن شيءَ جو ميڪينيڪل ماڊل نٿو ٺاهي سگهان، تيستائين ان کي سمجهي ئي نه ٿو سگهان.“ واٽرسٽن ميڪسويل (1879_1831ع) ۽ ٻين، نهايت ڪاميابيءَ سان گيس جي مشيني تشريح پيش ڪئي. سندن نظر ۾ گئس انتهائي ننڍڙن ننڍڙن باريڪ ذرڙن جو مجموعو هئي جيڪي هيڏانهن هوڏانهن پوپٽن وانگر اڏرندا رهن ٿا. اهڙي طرح نرم شين، روشني ۽ ڪشش ڪندڙ عنصرن جي تشريح ڪئي وئي. جيتوڻيڪ کين انهن ڪوششن ۾ ڪا گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي، پر پوءِ به کين ان ڳالهه جو يقين هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن سموري ڪائنات مشيني تشريح کي قبول ڪندي.
    ”جڏهن سموري ڪائنات اصول تعليل ۾ ٻڌل آهي، ته پوءِ انسان ان کان ٻاهر ڪيئن ٿي سگهي ٿو.“ انهيءَ سوال انسان کي ان حد تائين پهچائي ڇڏيو جو خود انسان به هڪ مشين بنجي ويو. ان منجهان سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي مشيني فلسفي جنم ورتو. جڏهن اهو معلوم ٿيو، ته زندهه شيون به ائين ئي انهيءَ ڪيميائي ائٽم مان ٺهيل آهن، جنهن مان غير جاندار شيون، ته انهيءَ يقين ۾ ڪو به شڪ باقي نه رهيو، ته ٻنهي جي نوعيت بلڪل هڪجهڙي آهي. وڏي زور ۽ شور سان اها دعويٰ ڪئي وئي، ته زندگي خود به پنهنجي آخري تجزيي ۾ صرف هڪ مشيني شيءِ ئي آهي. نيوٽن، باخ يا مائيڪل انجلو جا دماغ ڪنهن ڇاپي خاني کان رڳو پنهنجي پيچيدگين ۾ مختلف هئا پر حقيقت ۾ ٻنهي ۾ ڪوبه خاص فرق نه هو.
    پر اوڻويهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ جڏهن فلاسفرن انهيءَ بحث کي ڇيڙيو، ته ڇا ڪا اهڙي مشين ٺاهي سگهجي ٿي، جيڪا نيوٽن يا باخ (1750_1685) جي خيالن کي دهرائي سگهي؟ انهن ڏٺو ته فطرت جي مظهرن، خاص ڪري روشني ۽ ڪشش ثقل جي خالص مشيني تشريح جون سموريون ڪوششون ناڪام ثابت ٿي رهيون هيون. سائنسدان تيزي سان انهيءَ نتيجي تي پهچڻ لڳا، ته ڪابه مشين بلب جي روشني ۽ صوف جي ڪرڻ کي ٻيهر دهرائي نه ٿي سگهي. ايتريقدر جو اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ پروفيسر ميڪس پلانڪ (1947_1858ع) روشنيءَ جي باري ۾اهڙا نظريا پيش ڪيا، جيڪي ڪنهن به طرح مشيني تشريح کي قبول ڪرڻ وارا نه هئا. تنهن ڪري شروع ۾ ته ان تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي ۽ سندس مذاق اڏائي وئي، پر آخرڪار انهيءَ نظرئي کي ڪوانٽم نظرئي جي شڪل ۾ جديد علم طبعي جي تسليم ڪيل حقيقتن ۾ شامل ڪيو ويو. نه رڳو اهو پر ان سان مشيني تصوراتي دور جو خاتمو ۽ نئين دور جو آغاز پڻ ٿيو.
    پلانڪ جو نظريو شروعاتي طور تي ائين سمجهيو ويندو هو، ته قدرت جهٽڪن ۽ ٻرانگهن جي شڪل ۾ سفر ڪري ٿي جيئن واچ جي سئي. پر 1911ع ۾ آئن اسٽائن اهو ثابت ڪيو، ته پلانڪ جو نظريو عدم تعين (Discontinuty)کان وڌيڪ انقلابي نوعيت جو هيو. ان سان اصول تعليل جو خاتمو ٿئي ٿو، جنهن کي قدرت جي نظام جو طبعي رهنما سمجهيو پئي ويو. قديم سائنس جي دعويٰ هئي ته قدرت صرف هڪڙو ئي رستو اختيار ڪري سگهي پئي، جيڪو علت ۽ معلول جي اصول تحت پهرئين ڏينهن کان وٺي ڪائنات لاءِ مقدر بڻجي چڪو آهي. پر هاڻي ان تي يقين رکڻ ناممڪن بنجي ويو.
    هڪ مثال سان ان جي وضاحت ٿي ويندي. جيئن اسان کي معلوم آهي، ته ريڊيم ۽ ٻين عنصرن جا ائٽم ٽٽندا رهن ٿا ۽ اهڙي طرح وقت گذرندي اهي عنصر شيهي ۽ هيليم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. اهي ايٽم ڪيئن ٽٽن ٿا، ان بابت اصول تعليل جا سمورا ممڪن اندازا غلط ثابت ٿيا آهن. مثلاً هيءُ اندازو لڳائڻ ته ممڪن آهي ته ايٽم اليڪٽران جي حرڪت سان پيدا ٿيڻ واري گرميءَ جي ڪري ٽٽندا هجن، صحيح ڪونهي. ڪنهن مخصوص ايٽم تي خارجي گرمي پهچائي ان جو تجربو ڪري سگهجي ٿو، اهڙو تجربو ڪيو ويو، ۽ ناڪام ثابت ٿيو. اهو ئي سبب آهي، جو ردر فورڊ (1937_1871ع) ۽ ساڊي 1903ع ۾ پاڻمرادي انتشار (Spontaneous disintegration) جو مفروضو قائم ڪيو، جيڪو خالص طبعي نقطه نگاهه کان ان جي وضاحت نه پر وضاحت جو انڪار آهي. موجوده صديءَ جي شروع ۾ جڏهن ميڪ لينان، ردرفورڊ ۽ ٻين سائنسدانن جڏهن ڪائناتي شعاعن کي ڳولي لڌو، ته ائين سمجهيو ويو، ته هيءُ اهي ئي شعاع آهن، جيڪي ريڊيائي عنصرن ۾ پاڻمرادو انتشار جو سبب آهن، پر تجربي مان اهو به غلط ثابت ٿيو.
    عام روشني ڪنهن مادي ۾ هڪ انچ کان به گهٽ حصي ۾ داخل ٿئي ٿي، ايڪسري جا شعاع ان کان گهڻو وڌيڪ داخل ٿيڻ جي طاقت رکن ٿا. اهي شعاع اسان جي سموري جسم مان گذري وڃن ٿا. تنهن هوندي به هڪ سڪي جي برابر ڌاتو جو ٽڪرو ان جي گذرڻ کي روڪي وٺي ٿو. پر ڪائناتي شعاع شيهي ۽ ٻين سخت ڌاتن ۾ ڪيترن ئي گزن تائين داخل ٿي وڃن ٿا. انهيءَ ڪري اهو اندازو لڳائڻ تمام گهڻو سؤلو هو، ته ريڊيائي انتشار جو سبب اهي شعاع ئي آهن. پر اهو اندازو به هڪ تمام سادي تجربي سان غلط ثابت ٿي ويو. ريڊيائي عنصر جي هڪ ٽڪري کي ڪوئلي جي کاڻ جي اندر پهچايو ويو. هينئر هو ڪائناتي شعاعن جي حملي کان بلڪل محفوظ هو. پر ان جي اندر جوهري انتشار اڃا به بلڪل ساڳئي طرح جاري هو. ڪائنات جي انهيءَ ناقابل توجيه مظهرن جو ذڪر ڪندي هڪ سائنسدان لکي ٿو:
    ”ڪائنات جو مستقبل يقيني طور تي ايئن ماضيءَ سان ٻڌل ڪونهي، جيئن اسان سمجهيو هو. ائين معلوم ٿئي ٿو، ته هيءَ معاملو بهرحال خدائن سان تعلق رکي ٿو، چاهي اهو خدا ڪير به هجي.“
    اهڙي قسم جون ٻيون تحقيقون پڻ اهڙي ئي قسم جي رهنمائي مهيا ڪن ٿيون. مثلاً پروفيسر هيزن برگ 1927ع ۾ ٻڌايو، ته ڪوانٽم جو نظريو هڪ ٻئي نتيجي تي پهچائي رهيو آهي، جنهن کي هن غير متعين يعني غير مقرر نظريي (Principle of Indeterminacy) جو نالو ڏنو آهي. روايتي طور تي اهو سمجهيو پئي ويو، ته قدرت هڪ متعين ڪيل رخ تي نهايت صحيح طريقي سان سفر ڪري ٿي، پر هيزن برگ اهو ثابت ڪيو، ته قدرت سڀ کان وڌيڪ انهيءَ خيال جي ترديد ڪري رهي آهي. تنهن ڪري اڄ طبعي سائنس جو اهو مڃيل قانون آهي، ته نه صرف ڪائنات بلڪه ان جي ڪنهن به حصي، ايتريقدر جو ڪنهن ذرڙي جو مستقبل به قطعي طور تي مقرر ڪيل نه آهي. اهو ڪيترن ئي ممڪن حالتن مان ڪنهن هڪ حالت کي اختيار ڪري سگهي ٿو. ان ريت قدرتي قانون متعين ٿيل (deterministic) نه بلڪه سراسر (Statistical) بنجي وڃن ٿا.
    اوڻويهين صدي جي طبيعات ۾ مادي ۽ توانائي کي هڪ ٻئي جو ضد تصور ڪيو ويندو هو. مادي کي هڪ جسماني شيءِ سمجهيو ويندو هو، جيڪا هڪ محدود فضا ۾ پنهنجي جڳهه والاري ٿي ۽ ان کي هڪ مستقل وزن ٿئي ٿو، جنهن کي گهٽائي وڌائي يا ختم نٿو ڪري نه سگهجي. جڏهن ڪابه مادي شيءِ حرڪت ڪري ٿي، ته اها هڪ ئي رخ ۾ هڪ ذري وانگر حرڪت ڪري ٿي، آواز يا روشنيءَ جي لهرن وانگر پوري فضا ۾ نه ٿي ڦهلجي. ان جي ابتڙ روشني ۽ توانائي جي باري ۾ هيءُ خيال هو، ته، نه اها ڪا جسماني شيءِ آهي ۽ نه ڪنهن محدود فضا کي ڪنهن ٻئي جي شرڪت کان سواءِ گهيري وٺي ٿي، ان جو ڪو به وزن نه هوندو آهي ۽ اها ذري وانگر حرڪت نه ٿي ڪري پر لهرن جي شڪل ۾ اڳتي وڌي ٿي. انهيءَ ”ٻٽي معيار“ ماڻهن کي اهو موقعو ڏنو ته هو اها دعويٰ ڪري سگهن، ته ڪائنات جي اصليت مادو آهي، توانائي ان مادي جو هڪ اضافي مظهر آهي، ان جو الڳ ڪوبه وجود نه آهي.
    جديد طبيعات ۾ مادي ۽ توانائي جو هيءُ اختلاف ختم ٿي ويو آهي ۽ تجربن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته اهي ٻئي هڪ ٻئي جون مختلف شڪليون آهن. ڪڏهن مادو توانائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، ته ڪڏهن توانائي مادي ۾. ڪنهن مادي شيءِ جو مايو مستقل نه آهي، بلڪه اهو ان جي حرڪت تي مدار رکي ٿو ۽ رفتار سان ان ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رهي ٿي. هڪ مادي شيءِ ڪڏهن ذري جي شڪل ۾ هڪ ليڪ ۾ حرڪت ڪري ٿي، ته ڪڏهن اها لهرن وانگر ڦهلجندي، اڳتي وڌندي آهي. مادي جو توانائي ۾ منتقل ٿيڻ جو اهوئي اصل اصول آهي، جنهن جي بنياد تي ايٽم بم ٺاهيو ويو آهي.
    1900ع ۾ پلانڪ ڪوانٽم جو انڪشاف ڪيو ۽ ٻڌايو ته توانائي ۽ مادي جي حالتن ۾ تبديلي مسلسل نه ٿي اچي، بلڪه هڪ خاص ٿورڙي مقدار يعني ڪوانٽم جي ٻيڻ (multi ples) جي تناسب سان ٿيندي آهي. انهيءَ انڪشاف کان پوءِ قديم ترين زماني کان وٺي طبعي ڪائنات ۾ تبديلي جي مسلسل ۽ درجي به درجي ٿيڻ جو جيڪوتصور هليو پئي آيو، سو ختم ٿي ويو. ان سان نيوٽن جي ميڪانڪس ۾هڪ غير معمولي انقلاب برپا ٿيو.
    ايٽم جي باري ۾ 1895ع تائين اهو سمجهيو پئي ويو، ته اهو مادي جو سڀ کان ننڍڙو ذرڙو آهي، جنهن کي وڌيڪ ورهائي نه ٿو سگهجي. پر بعد ۾ اهو پتو پيو ته هر ايٽم جي اندر ڪيترائي ٻيا به ننڍڙا ذرڙا ٿين ٿا، جن کي اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران وغيره چئجي ٿو. ڪنهن ايٽم جو مادو مسلسل ڦهليل نه هوندو آهي، بلڪه اهي ذرڙا ان جي اندر شمسي نظام وانگر ترتيب ڏنل هوندا آهن ۽ ڪجهه مقرر مدارن ۾ حرڪت ڪندا رهن ٿا. ايٽم جي مختلف ذرڙن وچ ۾ اهڙيءَ طرح وسيع خال هوندو آهي، جيئن سج ۽ ان جي تابع سيارن جي وچ ۾ هوندو آهي. ايٽم جي مرڪزي حصي ۾، جنهن کي نيوڪلس چئجي ٿو، تنهن جا تقريباً سمورا مادا مرڪز ۾ ٿين ٿا ۽ انهن جي ٽوڙ ڦوڙ سان ايٽم جي ڪيفيت ۽ ماهيت به بدلجي وڃي ٿي ۽ ايٽمي توانائي به حاصل ٿئي ٿي. هاڻي ته اهڙا ذرڙا تمام وڏي تعداد ۾ دريافت ٿيا آهن، جيڪي ٻن مادي ذرڙن يا هڪ مادي جي ذرڙي ۽ شعاعن جي گڏيل تعامل دوران ظاهر ٿين ٿا.
    اهڙي طرح جديد طبيعات قديم مادي جي بنياد کي بلڪل ڊاهي ڇڏيو آهي. علمي دنيا جو هي به عجيب اتفاق آهي، ته جڏهن نيوٽن جي نظرين تي مشتمل طبيعات اڻويهين صديءَ ۾ پنهنجي عروج کي پهچي رهي هئي، عين انهيءَ زماني ۾ هڪ ٻئي پٺيان اهڙا تجربا ۽ مشاهدا ٿيا، جن خود هن علم جي بنيادن کي لوڏي وڌو ۽ علم طبعي ۾ هڪ همه گير انقلاب رونما ٿيو. مادو ۽ توانائي، ذرو ۽ لهرون، جوهر ۽ عنصر، زمان ۽ مڪان، علت ۽ معلول جهڙا بنيادي تصور شروع کان ئي بدلجي ويا ۽ خود قدرتي قانونن جو به نئون مفهوم سامهون اچڻ لڳو. اهي بنيادي تبديليون هيون، جن نيوٽن ۽ ميڪسويل جي طبيعات بدران ان جديد طبيعات جي تشڪيل ڪئي، جنهن جو بنياد ڪوانٽم ۽ اضافيت جي نظرين تي قائم آهي.
    برٽرينڊرسل (1970_1872) جو چوڻ آهي ته: ”اڄ جا طبيعات جا ماهر اسان کي يقين ڏياري رهيا آهن، ته مادي جهڙي ڪا به شيءَ شروع کان وٺي اصل ۾ ڪوبه وجود نه ٿي رکي. ٻئي طرف نفسيات جا ماهر اهو يقين ڏياري رهيا آهن، ته ذهن جهڙي ڪابه شيءِ موجود ئي نه آهي.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته؛ ”اڄ جو جديد ماده پرست بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو پنهنجو پاڻ کي عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا محسوس ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته جتي هڪ طرف خاص حد تائين ذهن جي افعالن کي ڪاميابيءَ سان جسم جي افعالن جي ماتحت ثابت ڪري سگهجي ٿو، اتي وري ٻئي طرف انهيءَ حقيقت کي به مڃڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي ته جسم به ته ذهن جو ايجاد ڪيل هڪ سهوليت پيدا ڪرڻ وارو تصور آهي.“
    ” عام ماڻهو مادي شين جي وجود کي يقيني سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو حواسن لاءِ بلڪل پڌرو آهي ۽ جيڪڏهن تسليم ڪجي ته ڪجهه شيون مشڪوڪ آهن ته بهرحال ايترو ته يقيني آهي ته جنهن شيءَ کي اوهان ٺوڪر هڻندؤ، ڌڪو ڏيندؤ يا ٽڪرائيندؤ، سو حقيقي ۽ واقعي مڃڻ گهرجي.“ پر حقيقت ڇا آهي؟
    طبيعات جا ماهرثابت ڪن ٿا، ته توهان ڪڏهن به ڪنهن شيءَ سان هرگز نه ٿا ٽڪرايو. ايتريقدر جو جڏهن توهان جو مٿو ڪنهن پٿر جي ديوار سان ٽڪرائجي ٿو، ته حقيقت جي لحاظ کان توهان ان کي ڇهو به نٿا ٿئي ائين ٿو، ته ڪجهه پروٽان ۽ اليڪٽران جيڪي توهان جي جسم جو حصو ٿين ٿا، انهن ۾ ۽ ان شيءِ جي اليڪٽران ۽ پروٽان وچ ۾ جنهن کي توهان سمجهو ٿا، ته ڇُهي رهيا آهيو؛ صرف پاڻ ڏي ڇڪڻ ۽ هٽائڻ جو عمل ٿيندو آهي پر انهيءَ عمل دوران دراصل ٻن جسمن ۾ ڇُهڻ ۽ ميلاپ نه ٿو ٿئي. پر صرف ايترو ٿئي ٿو، ته توهان جي جسم جا اليڪٽران ۽ پروٽان جڏهن ٻئي جسم جي اليڪٽرانن ۽ پروٽان جي ويجهو ٿين ٿا، ته انهن ۾ هڪ تحرڪ پيدا ٿئي ٿو، اهوئي تحرڪ توهان جي اعصابن جي ذريعي دماغ تائين پهچي ٿو. بس اهوئي دماغي تاثر ڇهڻ ۽ ميلاپ جي احساس کي پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري هوندو آهي.“
    جديد سائنس جي روشنيءَ ۾ هيءُ ثابت ڪرڻ انتهائي مشڪل ٿي پيو آهي، ته اسان جي ذهن کان ٻاهرڪنهن مادي شيءِ جو وجود آهي. رسل جي لفظن ۾ هتي صرف اليڪٽرانن جو مجنونا نه رقص ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ۽ اسان جي ڇُهڻ وغيره جي سنئين سڌي محسوسات يا شين سان مشابهت صرف نالي ماتر ئي آهي. سر آرٿر اڊنگٽن علم طبيعات جي ماهر جو هي اعلان ۽ اعتراف ته ”طبيعات خارجي صداقت يا ان جي ڪنهن جزوي حصي جو ڪوبه علم عطا نه ٿي ڪري سگهي؛ انهيءَ نظرئي جي توثيق آهي ته طبعياتي طريقن سان جيڪو علم حاصل ٿئي ٿو، سو گهڻو ڪري ذهني ٿئي ٿو.“
    ”جهڙي طرح لفظن سان شين جي نمائندگي ظاهر نه ٿي ٿئي، پر اُهي صرف ان جون علامتون هوندا آهن. مثلاً مانيءَ جو لفظ مانيءَ جي اصلي شڪل، صورت، رنگ ۽ بُو وغيره جي تصوير، عڪس يا نقشو نه هوندو آهي، اهڙي طرح اسان خارجي شين جي باري ۾ جيڪي تصورات رکون ٿا، سي شين جي واقعي حقيقت ۽ نوعيت کي نمايان ڪندڙ تصوير يا بدل ۽ ثاني نه هوندا آهن بلڪه صرف علامت هوندا آهن، جيئن رياضيءَ ۾ انگ ۽ اي_بي_سي وغيره وارا حرف علامتي هوندا آهن. حقيقت هيءَ آهي، ته طبيعات جو نتيجو هاڻي رڳو رياضياتي علامتن ۽ ان جي مساواتن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه رهيو آهي؛ اهي علامتون ڪنهن شيءَ يا حقيقت جون آهن. ان جو پراسرار جواب هيءُ آهي، ته طبيعات جو ان سان ڪوبه واسطو نه آهي، ۽ نه ان وٽ انهن علامتن جي تهه ۾ وڃڻ جو ڪو ذريعو آهي.“ انهن علامتن جي پٺيان جيڪا شيءَ ڪم ڪري رهي آهي، ان جي حقيقت متعلق ڪو يقيني حڪم لڳائڻ ته پري جي ڳالهه پر طبيعات جو ان جي ابتڙ انتهائي يقين سان اصرار آهي، ته ان جا طريقا علامتن جي پس منظر ۾ وڃي ئي نٿا سگهن.
    اهڙي طرح اڊنگٽن جي لفظن ۾ طبيعات جي خارجي دنيا محض پاڇن جي دنيا رهجي وئي آهي.
    گذريل صدي تائين مادو سڀ کان وڏي حقيقت هو، پروفيسر ٽائٽ طبيعاتي سائنس جي ڪجهه ترقين تي ليڪچر ڏيندي 1876ع ۾ چيو هو، ته ”مادي جي حقيقي هجڻ يا ان جي خارجي وجود جو سڀ کان وڏو ثبوت هيءُ آهي، ته انسان وٽ ڪا اهڙي طاقت ئي نه آهي، جيڪا ان کي پيدا يا فنا ڪري سگهي.“
    پر هاڻي مادو ٽٽي چڪو آهي. ”هيروشيما جي تباهي مادي جي فنا جوئي نتيجو هئي“. جديد ايٽمي سائنس جو بنياد گهڻو ڪري انهيءَ عقيدي تي قائم آهي، ته مادي جي آخري اڪائي (ايٽم) کي ٽوڙي سگهجي ٿو.
    سائنس جي دنيا ۾ انهيءَ انقلاب جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي، بقول برٽينڊر رسل جي؛ ”حقيقت هيءَ آهي، ته اڄڪلهه مشڪل سان ئي توهان کي ڪو رسالو يا ڪتاب ڏسڻ لاءِ ملندو جنهن ۾ اسان جي سائنسي خيالن تي بحث نه ٿيل هجي ۽ ان تي انهيءَ طرح جي ٽيڪا ٽپڻي ڪيل نه هجي، مثلاً ”گليلو جي عهد جو خاتمو“،”سائنس جي روح سان دشمنيءَ جو خاتمو“، ”ميڪانڪي طبيعات جي ناڪامي“، ”مذهب ۽ سائنس ۾ مصالحت،“ وغيره ايتريقدر جو برنهارڊ باونڪ جديد طبيعات تي پنهنجي ڪتاب جو نالو ئي اهو رکيو ”سائنس مذهب جي رستي تي.“
    اڊنگٽن جي لفظن ۾ ”ڪائنات جو اهو نظريو جيڪو ڪشش جهڙي اڻ ڏٺل قانون جي ڪار فرمائي کي مڃي ٿو، ڇا ان کان به ڪجهه وڌيڪ سائنسي ٿي سگهي ٿو، جو جيئن وحشي انسان هر ان شيءَ کي جنهن کي هو پراسرار محسوس ڪندا هئا، تنهن کي اڻ ڏٺل ديوتائن جي طرف منسوب ڪندا هئا. سائنس جي ترقيءَ جي نتيجي ۾ مشاهدي جا جديد ذريعا انسان جي هٿن ۾ اچي ويا، ته ان سان هو انهيءَ غلط فهميءَ ۾ پئجي ويو، ته هو هر شيءَ کي ڏسي سگهي ٿو، ايتري قدر جو اها دعويٰ پڻ ڪئي وئي، ته جيڪا شيءِ اسان جي خوردبيني يا دوربيني جي ذريعي نظر نه ٿي اچي، سا اصل ۾ ڪوبه وجود نه ٿي رکي.
    نيوٽن (1727ع_1642ع) ۽ آئن اسٽائن (1954_1879) جي درميان هڪ پورو دور گذريو آهي، پر آئن اسٽائن کان پوءِ جيڪو دور شروع ٿيو، تنهن کان پوءِ سائنس پنهنجو اهو يقين وڃائي ڇڏيو آهي. هاڻي اها حقيقت مڃڻ بدران مشڪوڪ بڻجي وئي آهي ته هيءَ دنيا معروضي آهي يا داخلي. يعني ڪائنات جو ڪو خارجي وجود آهي، جنهن کي ڏسي سگهجي ٿو يا اها صرف اسان جي اندروني احساس جو ڪرشمو آهي، جڏهن ته پهريائين اهو سمجهيو پئي ويو، ته ذهن ۽ احساس جو ڪوبه حقيقي وجود ئي ڪونهي، اصل موجود شيءِ مادو آهي ۽ احساس صرف انهيءَ مادي جي اضافي پيداوار آهن.
    اوڻويهين صديءَ جي آخر تائين اهو سمجهيو ويندو هو، ته هر شيءَ جي آخري حقيقت ايٽم آهي ۽ ايٽم ننڍڙا ننڍڙا ذرڙا آهن، جن کي ڏسي سگهجي ٿو، پر ايٽم جي ٽٽڻ کان پوءِ ايٽم ناقابل مشاهدي دنيا ۾ غائب ٿي ويو. هاڻي سائنس ۾ عام طور تي اهو تسليم ڪيو ويو آهي، ته آخري حقيقت هڪ اهڙي لطيف شيءِ آهي، جيڪا ڏسي نه ٿي سگهجي. تنهن ڪري هاڻي ڪائنات جي تشريح ڪو هنن لفظن ۾ ڪري ٿو، ته هيءُ امڪاني لهرون آهن. ڪو چوي ٿو، ته هيءُ معروف معنيٰ ۾ ڪابه شيءِ نه آهي بلڪ واقعن جو هڪ سلسلو آهي، ڪو ان کي خيالي جهان چوي ٿو ڪو ان کي جن سان تشبيهه ڏئي ٿو، ڪو ان کي رڳو هڪ جوڙجڪ ٻڌائي ٿو ۽ ڪو وري ان کي پاڇن جي دنيا سڏي ٿو.
    برٽينڊرسل انهن سڀني خيالن کي هڪ طنزيه جملي اندر هن طرح سميٽيو آهي: ”مادو اهڙي طرح هڪ اهڙو ڀوت بنجي ويو آهي، جيڪو ذهن کي هڪلڻ لاءِ ڏنڊو نه ٿوبڻجي سگهي.“ هو وڌيڪ لکي ٿو، ته ”اها شيءِ جنهن کي اڄ تائين پنهنجو جسم چوندا رهيا آهيون، سا درحقيقت وڏي ديده دليريءَ سان بڻايل هڪ سائنسي تشڪيل آهي، جنهن جي ڪابه طبيعاتي حقيقت نه ٿي ملي.“

    خلاصو:
    برنهارڊ باونڪ جو هيءُ چوڻ ته سائنس مذهب جي رستي تي هلي رهي آهي، مٿي ڏنل تفصيل مان واضح ٿي وڃي ٿو. حقيقت هيءَ آهي ته علم جو درياهه وري اُتي پهچي ويو آهي، جتي ان مذهب کي ڇڏيو هو. يعني هيءَ ڪائنات پنهنجي آخري حقيقت جي لحاظ کان هڪ غير مادي واقعو آهي ۽ نه بي جان ۽ بي شعور مادي جو بي معنيٰ رقص.
    وڌيڪ اهو ته اسان جي هن دنيا ۾ جيڪي اسباب ڪم ڪري رهيا آهن، سي امڪاني طور تي نهايت مختلف ۽ متضاد نتيجن تائين پهچي سگهن ٿا، پر ڪائناتي نظام حيرت انگيز طور تي واقعن جي رخ کي غير موزون نتيجن ڏانهن وڃڻ کان روڪي ٿو ۽ ان کي صرف موزون نتيجن جي طرف وٺي وڃي ٿو، ڪائنات جي اها مقصدي فطرت (Teleo Logical Nature) واضح طور تي انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي، ته هن جهان جي واقعن پٺيان هڪ باشعور ارادو ڪم ڪري رهيو آهي. انهيءَ صورتحال جي ٻي ڪابه وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي.
    ڪائناتي نظام جو غير متعين هجڻ ٻين لفظن ۾ انتخابيت جو هجڻ ۽ ان جو تسلسل برقرار رهڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته ان کي هر وقت خارجي رهنمائي ڏني پئي وڃي. سر آرٿراڊنگٽن بجا طور تي ان جي نشاندهي ڪئي آهي، ته جديد ڪوانٽم جي نظريي جو هيءُ بي حد حيرت انگيز پهلو آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ مذهبي عقيدن جي سائنسي تصديق ڪري رهيو آهي.“ (وا وحیٰ فی کل سماءِ امرھا)


    موت جي هُن پار

    ستارا ۽ سيارا ڪڏهن به پنهنجي مقرر رستي کان نه ٿا ٿڙن. وڻن ۽ پهاڙن جي سامهون ڪڏهن به اهو مسئلو نه ٿو اچي، ته هو پنهنجي زندگيءَ جي نظام کي ڪهڙي طرح بهتر بڻائين! ڪنهن جانور کي اهو سوال پريشان نه ٿو ڪري، ته هو پنهنجي حاصل نه ٿيندڙ تمنائن کي ڪيئن پورو ڪري. انسان کان سواءِ هن ڪائنات ۾ جيڪي به شيون آهن، سي اهڙيون ئي آهن، جهڙو کين هئڻ گهرجي. هن معلوم دنيا ۾ صرف انسان ئي آهي، جيڪو ان احساس ۾ ورتل آهي، ته هو جيڪي ڪجهه چاهي ٿو، تنهن کي حاصل نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه وري موجوده دنيا ۾ ڪڏهن ان جو حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.
    اسان جي ۽ موجوده دنيا جي وچ ۾ انهيءَ تضاد کي هميشه ماڻهن محسوس ڪيو آهي. عام انسان صرف هيءُ سوچي ٿو، ته هو بيماري، حادثي، پوڙهائپ ۽ موت کان آزاد زندگي گذارڻ چاهي ٿو، پر هو ان مان ڇوٽڪارو حاصل نه ٿو ڪري سگهي. عالم ۽ مفڪر انهيءَ معاملي تي تمام گهڻو گهرائي ۾ وڃي سوچين ٿا ۽ تمام دور رس قسم جي غير موافق پهلوئن جو انڪشاف ڪن ٿا، جيڪي انسان ۽ موجوده دنيا وچ ۾ فيصلائتي انداز ۾ حائل آهن.
    انسان خلائن کي ماپي ٿو ۽ اقتدار جا خواب ڏسي ٿو، پر هو ڪيڏو نه عاجز ۽ ڪمزور آهي! اهو هن مثال ذريعي سمجهي سگهجي ٿو. زمين تي جيترا انسان رهن ٿا، تن ۾ جيڪڏهن هر ماڻهو ڇهه فوٽ ڊگهو، اڍائي فوٽ ويڪرو ۽ هڪ فوٽ ٿلهو هجي، ته پوري آباديءَ کي آسانيءَ سان هڪ اهڙي صندوق ۾ بند ڪري سگهجي ٿو، جيڪا ڊيگهه، ويڪر ۽ اوچائي ۾ هڪ ميل هجي. پر جيڪڏهن انهي صندوق کي ڪنهن سمنڊ جي ڪناري تي کڻي وڃي ان کي هلڪو ڌڪو ڏجي، ته اها پاڻيءَ جي گهرائي ۾ گم ٿي ويندي. صديون گذري وينديون، پر انساني نسل ٻيهر زمين تي هلندي ڦرندي نظرنه ايندو. دنيا جي ذهن تان به اها شيءِ گم ٿي ويندي، ته هتي انسان قسم جي ڪا مخلوق آباد هئي. سمنڊ جي سطح تي اهڙي طرح روز طوفان ايندا رهندا، سج ائين چمڪندو رهندو، زمين جو گولو پنهنجي محور تي بدستور گهمندو رهندو. ڪائنات جي لامحدود گهرائين ۾ ڦهليل اڻ ڳڻيون دنيائون انهيءَ وڏي حادثي کي هڪ معمولي حادثي کان وڌيڪ اهميت نه ڏينديون. مدتن گذرڻ کان پوءِ هڪ بلند مٽيءَ جو ڍير پنهنجي زبان سان اهو ٻڌائيندو، ته هيءَ انساني نسل جي قبر آهي، جنهن کي صديون اڳ هڪ ننڍڙي صندوق ۾ دفن ڪيو ويو هو.
    سر جيمز جينز (1946ع_1877ع) ڪائنات جي هن بي پناهه وسعت جي ڀيٽ ۾، انسان ۽ ان جي وطن (زمين) جي معمولي حيثيت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    ”واريءَ جي ذري جي هڪ خوردبيني حصي تي بيهي اسان ڪائنات جي نظام ۽ ان جي مقصد کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جيڪو زمان ۽ مڪان جي اندر اسان جي وطن (زمين) کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي. اسان جو پهريون تاثر ڪجهه دهشتناڪ قسم جو هوندو آهي. اسان ڪائنات کي ان جي وسيع ۽ سمجهه کان ٻاهر فاصلن جي ڪري دهشت ڀريو ڏسون ٿا، اها پنهنجي اڻ ڄاتل حد تائين پکڙيل وقت جي ڪري جنهن جي مقابلي ۾ انساني تاريخ رڳو اک ڇنڀڻ جيتري عرصي واري معلوم ٿئي ٿي، اسان جي بي حد و حساب اڪيلائي جي ڪري، ۽ خلا ۾ اسان جي وطن (زمين) جي مادي طور تي بلڪل بي حقيقت هئڻ ڪري پڻ دهشتناڪ لڳي ٿي. سموري دنيا جي سمنڊن ۾ موجود واريءَ جي ذرن مان هڪ ذرڙي جو ڏهه لَکُون حصو! پر انهن سڀني حقيقتن کي ڇڏي ڪري انهيءَ ڪري به اسان هن ڪائنات کي دهشت ناڪ سمجهون ٿا جو اها اسان جهڙي هڪ حياتيءَ جي معاملي ۾ غيرجانبدار آهي. جذبا، حوصلا، ڪاميابيون، آرٽ ۽ مذهب سڀئي ان جي منصوبي ۾ ڌاريا معلوم ٿين ٿا. شايد اسان چئي سگهون ٿا ته اها (ڪائنات) اسان جهڙي زندگيءَ جي دشمن آهي. ڇاڪاڻ ته خالي خلا جو گهڻو حصو ايترو ته ٿڌو آهي جو زندگي رکندڙ سڀئي وجود ان ۾ ڄمي ويندا. خلا جي اندر مادي جو گهڻو حصو ايترو ته گرم آهي جو انهيءَ جي مٿان زندگيءَ جو وجود ناممڪن آهي. خلا تيڏي ۽ ڦڏي آهي ۽ فلڪياتي جسمن تي مسلسل مختلف قسمن جي ريڊيائي بمباري ٿيندي رهندي آهي، جن مان گهڻا ته زندگيءَ لاءِ مخالف يا تباهي آڻيندڙ آهن. اهڙي ئي قسم جي هڪ دنيا ۾ اسان اچي لٿا آهيون. جيڪڏهن غلطيءَ سان نه ته به گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ شيءِ جي نتيجي ۾ جنهن کي اسان اتفاق سڏيون ٿا.
    سيارن جي نظام (جنهن ۾ اسان جي زمين آهي) انتهائي قيمتي خلائي واقعو آهي. سياراتي نظام جو اهڙيءَ طرح قيمتي هئڻ تمام اهم آهي. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي جنهن قسم کان اسان زمين تي واقف آهيون، سا زمين جهڙي ئي ڪنهن سياري تي وجود ۾ اچي سگهي ٿي. انهيءَ کي پاڻ ظاهر ڪرڻ لاءِ سازگار طبيعي حالتون گهربل آهن، جن ۾ سڀ کان اهم اهو گرمي پد آهي جنهن ۾ شيون پٽڙي شڪل ۾ باقي رهي سگهن.
    انهن سببن ڪري هيءَ ڳالهه مڃڻ جوڳي نٿي لڳي ته ڪائنات ابتدائي طور اسان جهڙي زندگي لاءِ جوڙي وئي هجي. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پوءِ پڪ سان اسان ميڪانزم جي ڦهلاءَ ۽ پيداوار جي مقدار ۾ گهڻو وڌيڪ سٺي تناسب جي اميد ڪري سگهون پيا. گهٽ ۾ گهٽ پهرين نظر ۾ زندگي انتهائي غيراهم ۽ ضمني پيداوار نظر اچي ٿي، اسان زنده ماڻهو عام رستي کان ڪجهه پري آهيون.
    سائنس جي ذريعي هن وقت تائين جيڪا معلومات ملي آهي، ان مطابق اسان نهايت عجيب ۽ حيرت ناڪ طور تي وجود ۾ آيا آهيون ۽ انسان جي حيرانگي ۾ ويتر اضافو ٿئي ٿو جڏهن اسان پنهنجي وجود جي ابتدا جي مسئلي کان اڳتي وڌي پنهنجي حقيقت ۽ مقصديت کي سمجهڻ گهرون ٿا يا اهو ڏسڻ چاهيون ٿا، ته تقدير مستقبل ۾ اسان جي نسل لاءِ ڪهڙي شيءِ بچائي رکي آهي.
    فزڪس ۽ فلڪيات ٻئي هڪ ئي ڪهاڻي ٻڌائن ٿا، ته ڪائنات جو هڪڙوئي انجام ٿي سگهي ٿو، اهو آهي، حرارتي موت؛ ان جي ڪابه اهميت ناهي، ته ان آخري انجام تائين پهچڻ جو رستو ڪهڙو هوندو. ڪائنات جي موت کانسواءِ هن سفر جو انجام ٻيو ڪوبه ٿي نه ٿو سگهي.
    پوءِ ڇا ائين آهي، ته زندگي محض اتفاق سان هڪ اهڙي ڪائنات ۾ ڀُلي آئي آهي، جيڪا بنيادي طور تي زندگيءَ لاءِ نه بڻائي وئي هئي، ۽ اها سڀني مظاهرن جي مطابق يا ته مڪمل طور تي غير جانبدار آهي يا قطعي طور تي ان جي ابتڙ. هڪ ذرڙي جي محض هڪ حصي تي اسان کي ان وقت تائين چهٽيل رهڻو آهي، جيستائين اسان فنا نه ٿي وڃون. پنهنجي مختصر زندگيءَ جي مختصر اسٽيج تي ٿورڙن لمحن لاءِ آڪڙ جي هلڻ، انهيءَ ڄاڻيندي به ته اسان جا سمورا حوصلا آخرڪار ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ اسان جون سموريون ڪاميابيون اسان جي نسل جي خاتمي سان گڏ ختم ٿي وينديون، ڪائنات ته باقي رهندي پر اسان موجود نه هونداسين، اهڙن احساسن جو اظهار تاريخ جي هر دور ۾ مختلف سوچ وارن ماڻهن مختلف انداز ۾ ڪندا رهندا آهن. ڪريسي ماريسن (1946_1884ع) زندگيءَ جو سائنسي مطالعو ڪندي، بي اختيار چوي ٿو، ته ”زندگي هن زمين تي ڪڏهن وجود ۾ آئي يا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي، سائنس اسان کي ان جو ڪو به جواب نه ٿي ڏئي.“
    آئن اسٽائن ( 1955- 1879ع)پنهنجي سائنسي علم جي روشنيءَ ۾ جڏهن انسان بابت غور ڪري ٿو ته وٽس ان اقرار کان سواءِ ٻيو ڪجهه چوڻ لاءِ باقي نه ٿو رهي ته ماڻهو هن دنيا ۾ بنهه اوپرو آهي ۽ اهڙي هنڌ پهتو آهي جتي ان جي گهرج نه هئي!
    انسان جيڪو ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، اهو موجوده دنيا جي ڍانچي ۾ ممڪن نه آهي. انسان ابدي زندگي چاهي ٿو پر کيس ابدي دنيا ڏني ئي نه وئي آهي. هو پنهنجو بهتر کان بهتر آئيندو چاهي ٿو، پر ايندڙ ڏينهن ان لاءِ حادثا، پوڙهائپ ۽ موت آهي. هو هڪ آزاد، برائين کان پاڪ ۽ خوشين سان ڀريل دنيا پسڻ چاهي ٿو، پر اهڙي دنيا هن ڌرتيءَ تي ڪنهن به طرح جُڙي ئي نه ٿي.
    هاڻي ٻه ئي متبادل اندازا ممڪن آهن. هڪ هيءَ ته زندگي جيڪا برٽرينڊر رسل (1970ع_1872) جي لفظن ۾ ”نظام شمسي جي وسيع قبرستان ۾ پنهنجي سمورين ڪاميابين ۽ ناڪامين سان آخرڪار هميشه لاءِ دفن ٿيڻ واري آهي، ان کان پوءِ اها دفن ٿيل مادي دنيا شايد ڪنهن شڪل ۾ باقي رهي. پر دفن ٿيل انسان جو ڪٿي به ڪو وجود نه هوندو.“ ٻيو اهو ته موجوده دنيا کان علاوه يا ان کان پوءِ هڪ ٻي وڌيڪ مڪمل دنيا آهي، جتي انسان پنهنجي خواهشن ۽ خوابن کي پورو ڪري سگهندو. موت ايندڙ وسيع زندگيءَ ڏانهن سفر جو نالو آهي نه ڪي خاتمي جو، ڄڻ ته اسان ۽ اسان جي خواهشن وچ ۾ اهائي نسبت آهي، جيڪا هڪ ٻار ۽ وڏي انسان جي وچ ۾ ٿئي ٿي. ٻار پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ اها آرزو رکيو ويٺو هوندو آهي، ته هو هڪ وسيع ڪائنات ۾ هڪ مڪمل قد وارو انسان بنجي ظاهر ٿيندو. ماءُ جي پيٽ جي محدود دنيا ۾ اهو هڪ فرضي خواب معلوم ٿئي ٿو، پر جڏهن هو هڪ ڏينهن پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر اچي ٿو، ته اوچتو هو ڏسي ٿو ته سندس خواب هڪ انتهائي حقيقي خواب هو جيڪو هڪ مڪمل تعبير جي شڪل ۾ سندس سامهون موجود هو، جيتوڻيڪ پيٽ جي اندر رهڻ دوران هو ان کي سنئون سڌو نه ٿي سمجهي سگهيو يا گهٽ ۾ گهٽ نٿي ڄاتائين.
    پهرئين اندازي کي مڃڻ جو مطلب هيءُ آهي، ته اها شڪل جنهن کي اسان انسان چئون ٿا، سا صرف هڪ جسم جو نالو آهي. جسم جي موت کان پوءِ لازمي طور تي انسان جو به موت اچي وڃي ٿو، پر انهي خيال جي حق ۾ ڪو قطعي دليل اڃا تائين قائم نه ٿي سگهيو آهي. سمورن دليلن جو نچوڙ اهو آهي ته مرڻ کان پوءِ انسان ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. پر هي دليل اصلي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي. ڇاڪاڻ ته موت واري گهڙي ۾ جيڪو انسان جسم کان الڳ ٿئي ٿو، سو موت کان پهريائين به اسان جي مشاهدي جي قابل نٿو هجي. ڪير چئي سگهي ٿو، ته هن سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ واري انسان کي ڏٺو آهي. اها هڪ حقيقت آهي، ته اسان انسان جي صرف جسم کي ڏسون ٿا، جيڪو نمڪيات ۽ معدنيات جي ميلاپ سان ٺهي ٿو. جسم کان مٿانهون انسان، جيڪو موت واري ڏينهن خاموش ٿي وڃي ٿو، ان کي اسان ته موت کان پهريائين به نه ٿا ڏسون، جيڪڏهن اهو موت کان پوءِ نظر نه اچي، ته ان سان ان جو عدم وجود ڪيئن ثابت ٿي ويندو. وڌيڪ هيءُ ته جديد سائنس اهو ثابت ڪري رهي آهي، ته مادو جڏهن ”فنا“ ٿئي ٿو، ته اهو فنا نه ٿو ٿئي، بلڪه زياده حقيقي ۽ ترقي يافته شڪل اختيار ڪري ٿو، يعني انرجي جي شڪل.
    فلاسافر ۽ مفڪر موت کان پوءِ واري زندگيءَ بابت عقلي ۽ نقلي ثبوت ڏيندا رهيا آهن. ڪجهه ثبوت وزني پڻ آهن، مثلاً فرد جاف شوان جو هيءُ قول ته روح جيڪو دراصل ذهن ۽ شعور آهي، ان جي غير فاني هجڻ جو هڪ ثبوت هيءُ آهي، ته ان جو خاتمو پاڻ کان گهٽ درجي تي نه ٿو ٿي سگهي، ٻين لفظن ۾ مادي يا مادي جي ذهني اولڙي جي شڪل ۾. ڪا به اعليٰ شيءِ ڪنهن گهٽ شيءِ جو رڳو فعل نٿي بڻجي سگهي. اها هن شيءِ جو صرف ذريعو نٿي ٿي سگهي، جنهن سان اها وڌي وڃي ٿي:
    ”تنهن هوندي به پنهنجي سموري معقوليت جي باوجود، انهيءَ قسم جا دليل قياسي دليل هئا، ان ڪري جديد ذهن لاءِ انهن ۾ گهڻي ڪشش نه هئي. جديد ذهن حسي استدلال کي اهميت ڏئي ٿو. هو صرف انهيءَ دليل کي دليل سمجهي ٿو، جنهن کي ڇُهي، ڏسي ۽ تجربو ڪري. قياسي منطق تي قائم رهڻ وارو دليل سندس نظر ۾ معتبر نه آهي.“
    ( Frithjof schuan, understanding islam)
    پر ويهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ جيڪا تحقيقات ٿي آهي، تنهن حيرت انگيز طور تي اهو ثابت ڪيو آهي، ته قياسي دليل کان سواءِ خالص تجرباتي نوعيت جا مثال قديم زماني کان وٺي هتي موجود هئا. پر علمي اصولن تي انهن جو باقاعده مطالعو نه ڪيو ويو، ۽ بناتحقيق جي اهو فرض ڪيو ويو، ته موت کان بعد واري زندگيءَ جي حق ۾ ڪوبه تجرباتي دليل موجود نه آهي.
    قرآن پاڪ جي سورة نمبر 39 ۾ ٻڌايو ويو آهي: ”الله موت جي وقت روح کي ڇڪي وٺي ٿو ۽ جن جي مرڻ جو وقت نه آيو آهي، تن جو ننڊ ۾. پوءِ انهن روحن کي روڪي وٺي ٿو، جن جو مرڻ مقرر ٿيل آهي ۽ باقي زندگيءَ کي هڪ مقرر ڪيل وقت تائين آزاد ڇڏي ڏي ٿو“ (زمر_42) قديم ترين زماني کان وٺي خواب هن قرآني بيان جي تصديق ڪري رهيا هئا پر قديم زماني ۾ جڏهن ان جو علمي تجزيو ڪيو ويو، ته معلوم ٿيو، ته اهي واقعا حيرت انگيز طور تي هي ثابت ڪري رهيا آهن، ته روح يا شعور جسم کان الڳ هڪ مستقل حقيقت آهي. اهو جسم کان الڳ ٿي، به پوري طرح باقي رهي ٿو. خواب موت کان بعد واري زندگيءَ کي تجرباتي طور تي ثابت ڪري رهيو آهي.
    عام تجربو آهي، ته خواب ۾ هڪ شخص پري کان ڪنهن واقعي کي يا مستقبل ۾ پيش ايندڙ حادثي کي ڏسي وٺي ٿو. ان قسم جا تجربا جيڪي گهڻو ڪري هر شخص کي پيش اچن ٿا، سي ثابت ڪن ٿا، ته خواب جي حالت ۾ ماڻهوءَ جو شعور موجوده مادي دنيا کان مٿي وڃي ٿو ۽ هو اهڙي دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو، جتي زمان ۽ مڪان جون حد بنديون نه ٿيون رهن. ننڊ وقت سمهڻ واري شخص تي جيڪا بي خبري طاري ٿئي ٿي، ان جو سبب هيءُ آهي، ته سندس روح جزوي طور تي سندس جسم کي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ هو انسان جي محدود دنيا مان نڪري ابدي دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو.
    راقم الحروف جي نياڻي فريده خانم (پيدائش 1952) 24 جنوري 1971ع تي خواب ڏٺو، ته سندس ڀاءُ ظفر الاسلام (پيدائش 1948) سندس لاءِ ڏهه روپيا موڪليا آهن. هيءُ خواب انتهائي غير معمولي هو ڇاڪاڻ ته خواب ڏسڻ واري جو ڀاءُ 1941ع کان قاهره ۾ هو، ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ لاءِ ڏهه روپيا موڪلي، سو ڪنهن به طرح خيال ۾ اچي نه ٿو سگهي. پر چند ئي ڏينهن کان پوءِ ظفر الاسلام جو لفافو قاهره کان آيو جنهن ۾ ڏهن روپين جو هندستاني نوٽ پيل هو. ظفرالاسلام کي اهي ڏهه روپيا پنهنجي ٿيلهي مان مليا، جيئن ته عرب دنيا ۾ هيءَ نوٽ سندس لاءِ بيڪار هو، ان ڪري هُن اهو نوٽ پنهنجي ڀيڻ لاءِ خط سان گڏ لفافي ۾ وجهي ڇڏيو. ان جي وضاحت انهيءَ کان سواءِ ٻي نٿي ٿي سگهي، ته ننڊ جي حالت ۾ انسان جو روح جسماني حدن کان آزاد ٿي هڪ بلند ترين آفاقي سطح تي پهچي وڃي ٿو. هو ان وقت انهن شين کي اهڙي مقام تان ڏسڻ لڳي ٿو، جتي هو پنهنجي جسماني قيام گاهه جي حد بندين ۾ نه ٿو ڏسي سگهي.
    اهڙي طرح ستل انسان خواب ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مُئل شخص کي ڏسي ٿو. اهو مئل انسان پنهنجي جيئري ساٿيءَ کي خواب ۾ اهڙيون شيون ٻڌائي ٿو، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته اهو شخص اڃا به پوري شعور سان موجود آهي ۽ خواب ڏسندڙ جي واقعي ساڻس ملاقات ٿي آهي. يعني ننڊ واري شخص جي شعور جي سطح هڪ خاص حد تائين مُئل ماڻهوءَ جي شعور جي سطح جي برابر ٿي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ ننڊ جي حالت ۾ ماڻهو محدود معنيٰ ۾ زندگيءَ کان پوءِ موت جوتجربو ڪري ٿو، ننڊ واري حالت جزوي طور تي موت جي حالت سان مشابهت رکي ٿي.
    ڊاڪٽر ڪيسل اتر ڪيرولينا جي هڪ امير شخص جي واقعي جي تحقيق ڪئي آهي. ان کي چار پٽ هئا، هو ڪنهن ڳالهه تان پنهنجي ٽن پٽن کان ناراض ٿي ويو. ان ڪري هن هڪ وصيت نامي جي ذريعي پنهنجي انهن ٽنهي پٽن کي جائداد ۾ حصيداريءَ واري حق کان محروم ڪري ڇڏيو. سندس مرڻ کان پوءِ ان جي چوٿين پٽ، جنهن کي وصيت مطابق جائداد ملي رهي هئي، پنهنجي پيءَ کي خواب ۾ ڏٺو. خواب ۾ سندس پيءَ کي پنهنجو برسات کان بچڻ وارو پسنديده ڪوٽ پهريل هو،. هو ڄڻ ته ڪنهن ڳالهه تي احتجاج ڪري رهيو هو ۽ گفتگو دوران هو بار بار انهيءَ ڪوٽ جي اندرئين کيسي ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو. اک کلڻ تي سندس پٽ پنهنجي پيءُ جي انهيءَ ڪوٽ کي، جيڪو کيس خواب دوران پهريل هو، ٻاهر ڪڍيو ۽ ان جي اندرئين کيسي ۾ هٿ وڌو. ان وقت سندس حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن هن ڏٺو ته ان ۾ سندس پيءُ جي هٿن سان لکيل هڪ ٻيو وصيت نامو موجود هو. ان ۾ هن پنهنجي پهرئين وصيت کي منسوخ ڪندي، باقي ٽن پٽن جي حصيداريءَ جو حق بحال ڪيو هو، ته جيئن هو پنهنجي جائداد جو حصو وصول ڪري سگهن. اصل ۾ سندن پيءَ مرڻ کان ڪجهه دير اڳ پنهنجي جائداد جي باري ۾ پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏيو هو. هن ٻيهر پنهنجو وصيت نامو تيار ڪيو ۽ ان کي مڪمل ڪري پنهنجي ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ رکي ڇڏيو. ان کان پهريائين جو هو پنهنجي فيصلي جي تبديليءَ کان پنهنجن پٽن کي آگاهه ڪري، سندس انتقال ٿي ويو. ظاهر آهي، ته انهيءَ واقعي کي مُئل شخص کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه پيو ڄاڻي. ان ڪري يقين ڪرڻو پوندو، ته هو مرڻ کان پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ زنده هو ۽ ان پنهنجي پٽ کي صورتحال کان آگاهه ڪيو.
    ان سان ملندڙ جلندڙ هڪ ٻيو واقعو آهي، ته ڪنهن حادثي سبب هڪ شخص وقتي طور تي مري وڃي ٿو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ زندهه ٿي اٿي ٿو. قديم زماني ۾ هن قسم جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، ته هڪ شخص طبي لحاظ کان بلڪل مري ويو ۽ ڪجهه منٽن کان پوءِ سندس دل جي حرڪت ٻيهر جاري ٿي وئي ۽ هو ٻيهر جيئرو ٿي پيو. اهڙي قسم جا واقعا ظاهري طور تي ان ڳالهه جو ثبوت آهن، ته انسان ڪجهه لمحن لاءِ پنهنجو جسم ڇڏي ڏنو هو ۽ وري ٻيهر پنهنجي جسم ۾ واپس اچي ويو. قديم زماني ۾ اهڙن واقعن جو ذڪر هڪ عجوبي طور ڪيو ويندو هو. موجوده زماني ۾ ان کي علمي انداز ۾ جانچيو ويو، ته معلوم ٿيو، ته ان مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي، ته انسان پنهنجي جسم کان ٻاهر به مستقل هستيءَ جو مالڪ آهي، جيڪا ان وقت به باقي رهي ٿي، جڏهن هو پنهنجي دنياوي جسم کان الڳ ٿي ويو هو.
    ڪجهه اهڙا واقعا به رڪارڊ ڪيا ويا آهن، ته هڪ بيمار شخص آپريشن ٽيبل تي هو، آپريشن دوران سندس دل جي حرڪت بند ٿي وئي، هو طبعي طور تي مري چڪو هو پر ڪجهه دير کان پوءِ کيس هوش اچي ويو. کانئس پڇيو ويو، ته ”موت“ جي دوران تو ڇا محسوس ڪيو؟ ان تي هن ٻڌايو، ته مون کي ائين محسوس ٿيو، ته مان پنهنجي جسم کان الڳ ٿي فضا ۾ تري رهيو آهيان، مان فضا ۾ پنهنجي جسم کي آپريشن ٽيبل تي پيل ڏسي رهيو هئس ۽ ان جي چوڌاري ڊاڪٽر جهڪيا بيٺا هئا. هن ان دوران ٿيندڙ ڊاڪٽرن جي گفتگو کي اهڙي طرح ٻڌايو ڄڻ هو موت جي وقت به کين ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هو. روح جيڪڏهن هڪ جسم جو عمل هجي، ته پوءِ اهو جسم کان الڳ ٿي، ڪيئن اهڙي طرح باقي رهي سگهي ٿو؟ جسم کان الڳ ٿي به ذاتي شعور جو ختم نه ٿيڻ هيءُ ثابت ڪري ٿو، ته انسان هڪ مستقل هستي آهي، جيڪا جسم کان عليحدگيءَ کان پوءِ به پوري طرح باقي رهي ٿي.
    ڊاڪٽر گرفيلڊ ٻڌائي ٿو، ته مان هڪ پوڙهي عورت جو معائنو ڪري رهيو هئس. هيءُ عورت هڏي جي ڪينسر ۾ مبتلا هئي. سندس حالت نهايت خراب هئي. اسان مريض جي سور کي دور ڪرڻ جون جيتريون به تدبيرون ڪيون، سي سڀ بيڪار ثابت ٿيون. اوچتو هوءَ بي هوش ٿي وئي. ان کان پوءِ جڏهن هوش ۾ آئي، ته ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ کيس ڪافي فائدو ٿي چڪو آهي. مان عورت کان سندس اوچتو تبديليءَ جو سبب پڇيو. هن ٻڌايو، ته هينئر سندس مُئل ماءُ ساڻس ملڻ آئي هئي ۽ کيس ٻڌائي وئي ته اسان جلد پاڻ ۾ ملڻ واريون آهيون. پنهنجي ماءُ سان ٿيل انهيءَ گفتگوءَ کان پوءِ هوءَ نهايت پرسڪون ٿي وئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ مري وئي. هيءُ واقعو ثابت ڪري ٿو، ته مريضه جي والده موت کان پوءِ به پوري شعور سان موجود هئي. نه ته هوءَ ڪهڙي طرح پنهنجي نياڻيءَ وٽ اچي ها؟ ۽ ماءُ جي خبر مطابق پوري وقت تي سندس مرڻ ثابت ڪري ٿو، ته مريضه جو اهو تجربو حقيقي هو، محض خيالي نه هو.
    قرآن پاڪ جي سور ة نمبر 56 ۾ ارشاد رباني آهي: ”جڏهن مرڻ واري جو ساهه نڙيءَ تائين اچي ٿو، ته هو ڏسي رهيو هوندو آهي، ته هو مري رهيو آهي. ان وقت اسان توهان جي ڀيٽ ۾ مرڻ واري جي وڌيڪ ويجهو هوندا آهيون. پر توهان نه ٿا ڏسو.“ (واقعه) ان مان معلوم ٿيو، ته ماڻهو جڏهن مرڻ جي ويجهو ٿئي ٿو، ته ساهه جي جسم کان عليحدگيءَ کان پهريائين موت جي هن پار جون ڪجهه شيون سندس سامهون کوليون وڃن ٿيون. ٻي دنيا جو پردو ڪنهن خاص حد تائين کانئس هٽايو وڃي ٿو. موجوده دنيا ۾ رهندي، هو آخرت جي دنيا جي ڪجهه شين کي ڏسڻ لڳي ٿو، انهن مان عام ۽ اڪثر پيش ايندڙ واقعن ۾ پنهنجي مري ويل عزيزن کي ڏسڻ آهي. اهي واقعا انهيءَ وقت پيش اچن ٿا، جڏهن ماڻهو سڪرات جي حالت کي پهچي وڃي ٿو. عام طور تي ڏٺو ويو آهي، ته سڪرات جي وقت ماڻهو پنهنجي مري ويل رشتيدارن کي سڏڻ لڳندو آهي. هو پنهنجي مري ويل عزيزن ۽ دوستن کي اهڙي طرح سڏيندو آهي، ڄڻ هو سندن سامهون ۽ ويجهو بيٺا هجن. راقم الحروف جي وڏي ڀيڻ طاهره خانم جو انتقال تقريباً٦٠ سالن جي عمر ۾ 12 آگسٽ 1976ع تي ٿيو. ان وقت هوءَ اعظم ڳڙهه جي اسپتال ۾ هئي. ڀيڻ جي انتقال وقت مان وٽس موجود ته ڪونه هوس، پر منهنجي والده مون کي ٻڌايو، ته مرحومه جي آخري وقت ۾ سندس واتان اهي لفظ ٻڌا ويا، ته ”والد صاحب ڪافي دير کان بيٺو آهي ۽ کيس ويهڻ لاءِ ڪوبه نٿو چوي.“ جيتوڻيڪ اسان جو والد 1929ع ۾ وفات ڪري چڪو هو. ان ڪري ماڻهن کي ٻڌي عجب لڳو. مرحومه جي نياڻيءَ کيس چيو ته والد صاحب هتي ڪٿي آهي؟ مرحومه ٻيهر چيو، ته ”هو سامهون جو بيٺو آهي“ ۽ ڪجهه لمحن کان پوءِ انتقال ڪري وئي.
    ڊاڪٽر ايلزبيٿ ڪيوبلر روز مهم جي طور تي هيءُ ڪم شروع ڪيو هو، ته هوءَ سڪرات ۾ مبتلا فردن سان ملي ۽ انهن جي آخري وقت جي گفتگو کي ٽيپ ڪري. هن هڪ هزار کان وڌيڪ اهڙن ماڻهن جو ويجهڙائي کان مشاهدو ۽ مطالعو ڪيو، جيڪي سڪرات جي حالت ۾ مبتلا هئا يعني موجوده ۽ ايندڙ دنيا جي درميان پهچي چڪا هئا. اهڙن فردن کيس ٻڌايو، ته سڪرات جي حالت ۾ سندن اهڙا ڪيترائي دوست ۽ رشتيدار وٽن آيا آهن، جيڪي پهريائين مري چڪا هئا، ته جيئن آخرت جي سفر دوران سندن مدد ڪري سگهن. اهڙا شخص جيڪڏهن دنيا ۾ جسم جي ڪنهن عضوي کان محروم هئا، ته سڪرات جي حالت ۾ کين ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ انهن جو جسم هر لحاظ کان مڪمل آهي، مثلاً جيڪو شخص ٽنگ کان معذور هو، ان محسوس پئي ڪيو ته سندس ٻئي پير صحيح سالم هئا، يعني جسم ۾ ڪنهن حادثي سان ڪا ڪمي رهجي وڃي، ته ان ڪري اصل انساني هستيءَ ۾ ڪابه ڪمي نه ٿي ٿئي.
    اهڙي قسم جا واقعا ۽ خواب جيتوڻيڪ هميشه کان پيش ايندا رهيا آهن، پر موجوده زماني ۾ ان جو باقاعده مطالعو ڪيو ويو. ضروري انگن اکرن سميت هزارين واقعن کي گڏ ڪيو ويو آهي. خاص طور تي آمريڪا ۾ جديد ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي بنيادن تي ان جو باقاعده جائزو ورتو پيو وڃي. اهڙن تحقيقي نتيجن جي آڌار تي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. تازو (1976ع ۾) آمريڪا ۾ ڊاڪٽر ريمنڊ موڊي جو تصنيف ٿيل هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”زندگيءَ کان پوءِ زندگي.“
    اهو ڪتاب تمام گهڻي تعداد ۾ شايع ٿيندڙ ڪتابن مان هڪ آهي، جديد دنيا جي مشهور اخبارن ۽ رسالن ۾ پهريون دفعو زندگيءَ کان پوءِ موت جي متعلق سرخيون نظر اچڻ لڳيون آهن. ان سلسلي ۾ تحقيقي ڪتابن تي تبصرا شايع ڪيا وڃن ٿا. مثلاً نيوز ويڪ 12 جولائي 1976ع، السٽرٽيڊ ويڪلي آف انڊيا مارچ 1977ع، ريڊرز ڊائجسٽ آگسٽ 1977ع. هڪ آمريڪي مئگزين ٽائم، 7 جنوري 1974ع جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته موت جو موضوع ۽ موت کان پوءِ زندگيءَ جو مسئلو اوچتو آمريڪا ۾ تمام گهڻو مقبول ۽ عام موضوع بڻجي چڪو آهي. عام اجتماعن ۾ اڄڪلهه موت جو موضوع، جنس ۽ سياست جهڙن مقبول موضوعن کان وڌيڪ پذيرائي حاصل ڪري چڪو آهي. ڪتابن جو هڪ نئون قسم وجود ۾ اچي ويو آهي، جنهن کي ”علم الموت“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
    آرٿرڪوئسلر جو هڪ طويل تحقيقي مقالو شايع ٿيو آهي، جنهن جو عنوان آهي، ”ڇا موت کان پوءِ زندگي آهي؟“
    موجوده صدي جي ٻي چوٿائي ۾ آئن اسٽائن ۽ ڊي بروگلي، شروڊنگر ۽ هيزن برگ ڪاميابيءَ سان مادي جو غير مادي هجڻ ثابت ڪيو آهي. جيڪا شيءِ ڏسڻ ۾ سخت جسم نظر اچي ٿي، سا انرجي يعني قوت جي صرف هڪ شديد اجتماع جو ٻيو نالو آهي. ان مان ثابت ٿيو آهي، ته مادي جا جزا اليڪٽران، پروٽران ۽ نيوٽران وغيره عام مفهوم ۾ مادي ذرڙا نه آهن، بلڪه اهي لهرن وانگر آهن. ڊي بروگلي جو چوڻ آهي، ته هڪ اليڪٽران هڪ ئي وقت ۾ جسم جي شڪل ۾ به آهي ۽ لهر جي شڪل ۾ به. ٻٽي معيار وارو نظريو (Dualism) جديد طبيعات جو لازمي حصو آهي ۽ ان کي جديد سائنس ۾ تڪميلي اصول جو نالو ڏنو ويو آهي.
    انهن دريافتن جو حوالو ڏيندي آرٿر ڪويسلر لکيو آهي، ته ذرڙي/ لهر (Particle/wave) جي اصول کي مڃڻ کان پوءِ جسم /ذهن (Body/Mind) جي اصول کي مڃڻ آسان ٿي وڃي ٿو. هڪ جڳهه تي تڪميلي اصول کي مڃڻ کان پوءِ وري ٻي جاءِ تي ان کي نه مڃڻ جو ڪوبه سبب نه ٿو ٿي سگهي. اسان پڇي سگهون ٿا ، ته جڏهن مادو پنهجو پاڻ کي لهرن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو، ته اهڙي طرح اهو خالص غير جسماني انرجي بنجي وڃي ٿو. ته ڇا اڃا به اها ڳالهه بي معنيٰ ٿيندي ته بغير جسم جي ذهن جي موجودگيءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي. ڇا اهڙي گفتگو اڃا به اهڙي بي حقيقت آهي، جهڙي اها پنجاهه سال پهريائين هئي. جڏهن ته طبيعات اڃا تائين مادي جي حيرت کي ختم ئي نه ڪيو هو ۽ اڃا اسان کي اهو نه ٻڌايو هو، ته ”ايٽم“ شيءِ ناهي؟ ۽ ڇا اڃا به اها معقول ڳالهه ٿيندي ته ڪو شخص ”ذهني مادي“ جي اصطلاح کي غير سائنسي چئي ڪري ان جي مذاق اڏائي، جنهن کي اڊنگٽن گهڙيو هو. ڊاڪٽر آءِ _ جي گڊ ته ايتريقدر چئي ڏنو، ته مادو غير زميني ۽ ذهن ٺوس پٿر آهي.
    موت کان بعد واري زندگيءَ جو ثبوت هيءَ ثابت ڪري ٿو، ته موجوده نظر ايندڙ دنيا کان سواءِ هڪ ٻي دنيا به آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪابه دنيا نه آهي، ته پوءِ اهي نظر نه ايندڙ انساني هستيون ڪٿي رهن ٿيون؟ انسان پنهنجي جسم کي ڇڏي ڪيڏانهن هليا وڃن ٿا؟ حقيقت هيءَ آهي، ته هيءُ ٻئي شيون هڪ ٻئي سان اهڙي طرح ڳنڍيل آهن، جو هڪ جو ثابت ٿيڻ پاڻمرادو ٻئي کي ثابت ڪري ٿو.
    قرآن پاڪ ۾ چيو ويو آهي، ته: ”هر شيءَ جا اسان جوڙا بڻايا آهن، ته جيئن توهان ڌيان ڪريو،“ (ذاريات_49) هن آيت ۾ انهيءَ ڳالهه جي طرف اشارو آهي، ته دنيا جو نظام اهڙي طرح بڻايو ويو آهي، جو هر شيءِ جوڙي جي شڪل ۾ آهي: نر ۽ مادي، رات ۽ ڏينهن، واڌو ۽ ڪاٽو وغيره. هر جزو پنهنجي ٻئي جزي سان ملي پنهنجو پاڻ کي مڪمل ڪري ٿو. اهو انهيءَ ڪري آهي، ته جيئن انسان سمجهي، ته جهڙي طرح هر شيءِ جو جوڙو آهي اهڙي طرح هن دنيا لاءِ به جوڙو هجڻ ضروري آهي ۽ اهو جوڙو آخرت آهي. آخرت کان سواءِ هيءَ دنيا موجود تخليقي نظام مطابق ڪڏهن به مڪمل نه ٿي ٿي سگهي.
    اڄ دنيا جو هي جوڙو انساني علم ۾ اچي چڪو آهي، انهيءَ جوڙي جو سائنسي نالو ”اينٽي ورلڊ“ آهي. عجيب اتفاق آهي ته ويهين صدي جي آخري اڌ ۾ هڪ طرف انسان جو مطالعو موت کان پوءِ انساني هستيءَ جي بقا جو تجربو ڪرائي رهيو آهي، ته ٻئي طرف عين ان وقت طبعي سائنس هيءُ ثابت ڪري رهي هئي ته اسان جي موجوده دنيا جي برابر هڪ ٻئي دنيا پڻ آهي، جيڪا مڪمل شڪل ۾ پنهنجو وجود رکي ٿي. اسان جي هيءَ دنيا ورلڊ آهي ۽ اها اينٽي ورلڊ.
    1928ع تائين طبعيات جا ماهر اهو سمجهندا رهيا ته سمورو ايٽم رڳو ٻن قسم جي ذرڙن جو مجموعو آهي. واڌو برقي طاقت رکندڙ پروٽان ۽ ڪاٽو برقي طاقت رکندڙ اليڪٽران. پر انهيءَ سال پال ڊيراڪ هڪ نئين قسم جي ذرڙي جي موجودگي جو امڪان ظاهر ڪيو. سندس چوڻ هو ته ”ان جو مقدار اليڪٽران جهڙو آهي. پر اهو ان جي ابتڙ برقي طاقت رکي ٿو. اسان انهيءَ ذرڙي کي اينٽي اليڪٽران چئي سگهون ٿا“. 1932ع ۾ اينڊرسن انهيءَ اينٽي اليڪٽران کي ڪاسمڪ شعاعن ۾ دريافت ڪيو. هاڻي معلوم ٿيو ته ايٽم جي هر پارٽيڪل جو هڪ مخالف پارٽيڪل آهي. پروٽان جو پڻ هڪ مخالف پروٽان آهي. نيوٽران جو پڻ هڪ اينٽي نيوٽران آهي. ڄڻ ته ڪائنات جا سمورا ذرڙا جوڙن جي شڪل ۾ آهن.
    هاڻي سائنسي سوچ اڳتي وڌي. ايستائين جو معلوم ٿيو ته مادي جهان ۾ جوڙن جي هيءَ ورهاست اليڪٽران جي نظر نه ايندڙ ذرڙن کان شروع ٿي، خود سموري جهان تائين پهچي وڃي ٿي. اليڪٽران جو مخالف اليڪٽران، ايٽم جو مخالف ايٽم، ميٽر جو مخالف ميٽر، ايتريقدر جو دنيا جي مخالف دنيا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اسان جي دنيا ۾ مخالف ذرڙا غير مستقل (Unstable)حالت ۾ آهن، پر مخالف دنيا ۾ اهو سڀڪجهه قائم حالت ۾ هوندو، ڇاڪاڻ ته سمورن ايٽمن جا مرڪز ڪاٽو برقي طاقت رکندڙ هوندا ۽ سمورا اليڪٽران واڌو برقي چارج. اهڙي قسم جي هڪ مخالف دنيا جو امڪان پهريون ڀيرو 1933ع ۾ ڊيراڪ پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ ٻڌايو هو. هاڻي سائنسدان عام طور تي انهيءَ ڳالهه کي تسليم ڪندا پيا وڃن. سويت يونين جو ڊاڪٽر گستاف نان رياضيءَ جي ذريعي انهيءَ مخالف دنيا جي اهڙي ته ٺوس حد بندي ڪئي آهي جو هاڻي ان جا مخالف به انهيءَ کي هڪ انتهائي زبردست قسم جو متوازن تصور مڃڻ لڳا آهن.
    اسان پنهنجي دنيا ۾ ڏورانهين شين کي فوٽان جي مدد سان سڃاڻون ٿا، جيڪي برقي مقناطيس جي شعاعن جا ذرڙا آهن. سائنسدانن جو خيال آهي ته مخالف دنيا به اهڙي قسم جا فوٽان خارج ڪندي هوندي جيڪو هڪ ئي وقت ۾ پارٽيڪل به آهي ۽ مخالف پارٽيڪل پڻ. مخالف دنيا پري هجي يا ويجهو ان جي روشني فوٽان جي شڪل ۾ ٿي سگهي ٿي ، جيڪا لاڳيتو اسان تائين پهچندي هجي. پر اسان ان کي پنهنجي واڌو دنيا جي شين جي روشنيءَ کان الڳ ڪري ڏسي نه ٿا سگهون. دنيا ۽ مخالف دنيا جي وچ ۾ ڪهڙو رشتو آهي؟ ڇا ٻنهي جي وچ ۾ ڪو مواصلاتي سلسلو آهي جنهن جي ذريعي اسان جي دنيا مخالف دنيا سان تعلق قائم ڪندي هجي، سائنسدانن جو جواب هاڪار ۾ آهي. ڊاڪٽر نان جو خيال آهي، ته بليڪ هول ۽ وائيٽ هول کي دنيا ۽ مخالف دنيا جي وچ ۾ هڪ مقامي واسطو سمجهڻ گهرجي. ڪيترن سائنسدانن جو خيال آهي ته مخالف دنيا اسان کان الڳ ۽ اسان جي دنيا جي برابر وجود رکي ٿي. تخليق جي باري ۾ عظيم ڌماڪي (Big Bang) جو نظريو ٻڌائي ٿو ته ڏهن کان 20 ملين سال پهريائين سمورو مادو ڄميل حالت ۾ ابتدائي ايٽم جي شڪل ۾ هو ۽ فوٽان توانائي تي مشتمل هو. اندازو آهي ته فوٽان هڪ عظيم ڌماڪي سان ميٽر ۽ مخالف ميٽر جي شڪل ۾ گڏ ٿي ويو ۽ دنيا ۽ مخالف دنيا کي بنائڻ لاءِ الڳ الڳ ٿي ويو. انهيءَ بنياد تي هنيزالفوين 1963ع ۾ تفريقي ميڪانيات جي امڪان کي ظاهر ڪيو، جنهن جي ذريعي هڪ ئي ڪهڪشان ۾ ميٽر ۽ مخالف ميٽر ٻئي موجود رهن ٿا.
    سائنس هتي پهچي خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ ان کي خاموش ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان جي تحقيق جو دائرو صرف اهڙن واقعن تي مشتمل آهي، جي طبعي قانون پٽاندڙ ظاهر ٿين ٿا. طبيعات کان ٻاهر شين جي باري ۾ سائنس اسان کي ڪا قطعي ڳالهه نه ٿي ٻڌائي سگهي. ان هوندي به ان اهو تسليم ڪري اسان لاءِ وڌيڪ تحقيق جو دروازو کولي ڇڏيو آهي ته فرض ڪيل شيءِ جي ذريعي اندازي سان نتيجو ڪڍڻ (استنباط) به معقول علم جو ذريعو آهي، پر شرط هي آهي ته اهو ثابت ٿيل واقعن جي بنياد تي هجي. انهيءَ اصول جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن اسان اهو نتيجو ڪڍون ته، ٻي دنيا، جتي انسان مرڻ کانپوءِ پهچي رهيو آهي، گهڻو ڪري اهائي آهي، جنهن کي سائنس ”مخالف دنيا“ جو نالو ڏئي ٿي ته پوءِ خالص علمي لحاظ کان ان کي نه مڃڻ جو ڪو به سبب نه ٿيندو.
    موجوده معلوم دنيا ۾ جيڪا صورتحال آهي، سا به اهائي آهي. سائنس جي پهچ مقداري پهلوئن تائين آهي، ڪيفياتي پهلو ان جي پهچ کان ٻاهر آهن. سائنس اسان کي گُل جي باري ۾ ته ٻڌائي ٿي پر خوشبوءَ جي باري ۾ ڪجهه به نه ٿي ٻڌائي. اها اسان کي شين جو پتو ته ڏئي ٿي پر ان جي خوبيءَ جو ڏس نه ٿي ڏئي. اها انسان جي ڄاڻ ته ڏئي ٿي، پر انساني شعور جي باري ۾ چوڻ لاءِ وٽس ڪجهه به نه آهي. اهڙي طرح اها اسان کي مخالف دنيا جي خبر ته ڏئي ٿي پر ان جي خوشبو، خوبي ۽ شعور بابت ڪجهه ٻڌائڻ کان عاجز هجي ته ان تي اسان کي تعجب ڪرڻ نه گهرجي. انهيءَ خال کي اسان استنباط (inference) سان اهڙي طرح ڀري سگهون ٿا، جهڙي طرح اسان موجوده دنيا جي باري ۾ اڄ به ڪري رهيا آهيون.


    اسلام ۽ سائنس

    هڪ دفعي منهنجي ملاقات هڪ اهڙي شخص سان ٿي جنهن سائنس ۾ ڊگري ورتي هئي ۽ ان سان گڏ هن مذهب ۽ تاريخ جو مطالعو به ڪيو هو. هو خدا ۽ مذهب کي نه پيو مڃي. ڳالهين دوران هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن اسلام کي تاريخ کان ٻاهر ڪڍيو وڃي ته انساني تاريخ ۾ ڪهڙي کوٽ رهجي ويندي؟ مون چيو ته اهائي جيڪا اسلام کان پهريائين انساني تاريخ ۾ هئي.
    زمين تي انسان هزارين سالن کان آباد آهي، پر معلوم تاريخ مطابق اسلام کان پهريائين ڪنهن به دور جي انسان کي انهيءَ شعبي تائين رسائي نه ٿي سگهي، جنهن کي اڄ جي دور ۾ سائنس چئجي ٿو. ان جو ڪهڙو سبب آهي، ان جو سبب بلڪل صاف آهي. اسلام کان پهريائين جي دور ۾ انسان تي شرڪ جو غلبو قائم هو. اهو ئي شرڪ ڪائنات جي فطرت جي تحقيق ڪرڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ هو. ڇاڪاڻ ته شرڪ جي عقيدي مطابق فطرت جا مظهر پوڄڻ جي شيءِ بڻيل هئا. جڏهن ته سائنس جي شروعات اُن وقت ٿئي ٿي، جڏهن انهن مظهرن کي تحقيق ۽ تسخير جي قابل شيءِ سمجهيو وڃي. مشرڪ انسان جڏهن چنڊ کي ديوتا سمجهندو هو، تڏهن سندس سوچ جو رخ انهيءَ طرف ڪيئن ٿي سگهيو ٿي ته هو چنڊ تي پنهنجا قدم رکي. هو سيلاب کي خدا جو جُز سمجهندو هو، ان ڪري ان لاءِ اهو سوچڻ ممڪن ئي نه هو، ته هو سيلاب کي قابو ۾ رکي ان مان بجلي پيدا ڪري. تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو شرڪ کي مغلوب ڪري توحيد کي غالب ڪيو. ٻين لفظن ۾ انسان کي اهو ذهن نشين ڪرايو ته خدا صرف هڪ آهي، باقي سموريون شيون مخلوق آهن. اهڙي طرح اسلام ڪائنات جي فطرت تي تحقيق جو رستو کوليو ۽ آخرڪار اهي سموريون ترقيون وجود ۾ آيون، جيڪي قدرت تي فتح جي نتيجي ۾ انسان کي حاصل ٿين ٿيون. حقيقت هيءَ آهي ته اسلام جو اصل مقصد اهو نه آهي ته دنيا کي سائنس جي باري ۾ متوجهه ڪري، پر انهيءَ ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته جيڪڏهن اسلام نه اچي ها ته سائنسي ترقي جو دروازو انسان لاءِ بند رهي ها. جيئن ان کان پهريائين اهو انسانن لاءِ بند پيو هو. سائنسي تحقيق ۽ ترقيءَ جي سلسلي ۾ توحيد جي انهيءَ اهميت کي آرنلڊ ٽائن بي (1975-1889ع) کليل لفظن ۾ تسليم ڪيو آهي. (وڌيڪ ڏسو مصنف جو ڪتاب ”ظهور اسلام“ ص 146).

    سائنس اسلامي انقلاب مان پيدا ٿي.
    توحيد جي بنياد تي جيڪو فڪري انقلاب آيو، ان جي بهترين نتيجن مان هيءَ به هو ته انسان هن طبعي ڪائنات کي انهيءَ نظر سان ڏسڻ لڳو ته هيءَ بيوس مخلوق آهي ۽ انسان کي اهو حق حاصل آهي ته هو ان کي ڄاڻي ۽ ان کي پنهنجي استعمال ۾ آڻي. ان ذهن جي شروعات اموي دور (750-661ع) ۾ دمشق ۾ ٿي. قديم يوناني ڏاهن وٽ ڪيميا چانديءَ مان سون ٺاهڻ جي جُنون جو نالو هو. خالد بن يزيد بن معاويه غالباََ پهريون شخص آهي، جنهن جي خلافت جي زماني ۾ هن علم جي شعبي بغداد ۾ وڌيڪ فروغ حاصل ڪيو ۽ اسپين ۽ سِسلي تائين پکڙجندو ويو. ان زماني ۾ مسلمان علمي ۽ تمدني ترقيءَ ۾ دنيا جي سمورين قومن کان اڳتي وڌيل هئا. يورپ جا مورخ تاريخ جي هن دور کي ”اونداهو دور“ سڏين ٿا. پر اهو دور صرف يورپ لاءِ اونداهو هو، نه ڪي مسلم دنيا لاءِ. ورلڊ بوڪ انسائيڪلو پيڊيا جو مقاله نگار ”ڊارڪ ايجز“ جي عنوان سان لکي ٿو، ”تاريخ جي اونداهي دور جو اصطلاح شاندار عرب تهذيب تي لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي، جيڪا اتر آفريڪا ۽ اسپين تائين ڦهليل هئي.“
    شرڪ ڪهڙي طرح سائنسي تحقيق ۾ رڪاوٽ هو. ان جي وضاحت لاءِ اسان هڪ مثال نقل ڪريون ٿا. قديم يونان ۾ زمين ۽ سج جي گردش جي باري ۾ ٻه نظريا پيش ڪيا ويا. ارسٽارڪس جي نظريي مطابق زمين کي سج جي چوڌاري گهمندي فرض ڪيو ويو آهي. ٻيو ٽالميءَ جو نظريو جنهن مطابق سج زمين جي چوڌاري ڦري رهيو آهي. پهرئين نظرئي مطابق زمين بظاهر گول هئي ۽ ٻئي نظرئي ۾ اڀريل مٿاڇري وانگر. قسطنطين، (337-272ع) جي مسيحيت قبول ڪرڻ کان پوءِ جڏهن عيسائيت کي يورپ ۾ غلبو حاصل ٿيو، ته انهن ٽالميءَ جي نظرئي جي سرپرستي ڪئي ۽ ٻئي نظرئي کي طاقت جي زور سان دٻايو. ان جو سبب هيءَ هو ته مسيحيت حضرت مسيح عه کي خدا سمجهيو هو. ان عقيدي مطابق زمين کي اها سعادت حاصل هئي ته اُها خدا جي ڄمڻ جي جاءِ آهي ۽ جيڪو سيارو خدا جي جنم ڀومي هجي اهو ڪنهن ٻئي سياري جي تابع ڪيئن ٿو ٿي سگهي. زمين کي اهڙي طرح مقدس سمجهڻ جو نتيجو اهو ٿيو، جو ان جي باري ۾ تحقيقي ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو، مشرڪانه مذهب ۽ سائنس جي ٽڪراءَ جا وڌيڪ مثال ڊريپر (1882-1811ع) جي ڪتاب ”مذهب ۽ سائنس جو ٽڪراءُ“ ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
    عباسي خليفي مامون (833ع – 786ع) جي زماني ۾ بيت الحڪمت قائم ٿيو ۽ حڪومت جي خصوصي تعاون سان ٻنهي قسم جي نظرين جا ڪتاب عربي زبان ۾ ترجمو ڪيا ويا. مسلمانن جڏهن اعتقادي پيچيدگين کان آزاد ٿي ڪري ٻنهي نظرين کي جاچيو، ته کين پهريون نظريو حقيقت جي ويجهو نظر آيو. خليفو مامون جيڪو پاڻ به وڏو ماهر عالم هو، هن انهيءَ مسئلي جي اهميت کي محسوس ڪيو. هن علم فلڪيات ۽ جاگرافي جي عالمن کي حڪم ڏنو ته هو زمين کي گول تصور ڪندي ان جو دائرو (circum ference) معلوم ڪن ۽ ان لاءِ ڪنهن کليل ميدان ۾ زميني درجي (terrestrial degree) جي ڊيگهه جي پيمائش ڪن. ان کان پوءِ زمين جي پوري گولائيءَ جو اندازو لڳائين. انهيءَ زماني ۾ مسلمانن وٽ حسابن جي اوزارن ۾ ڪنڊ ماپڻ جو سادو اوزار (quardrant)، اصطُرلاب، شمسي گهڙي ۽ معمولي گلوب هئا. اهڙي قسم جي چند شين سان انهن پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي.
    انهيءَ مقصد لاءِ سنجار (Pelmyra) جو وسيع هموار ميدان منتخب ڪيو ويو. هڪ جڳهه تي اتر قطب جي بلنديءَ سان هڪ ڪنڊ قائم ڪري اتر جي طرف ڏوريءَ سان ان کي ماپڻ شروع ڪيو ويو. 56 ميل اتر ڏانهن وڃڻ سان اتر قطب جي اوچائي جي ڪنڊ ۾ هڪ درجو ڊيگهه وڌي وئي. ان سان معلوم ٿي ويو ته هڪ درجي جي فاصلي تي زمين جي سطح جيڪڏهن56 ميل آهي ته زمين جو ڪل گول دائرو 20 هزار ميلن کان وڌيڪ هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر نقطي تي سڀني ڪنڊن جو مجموعو 360 درجه ٿئي ٿو ۽ 360 کي 56 سان ضرب ڪبو ته 20401 ميلن جو فاصلو نڪري ٿو. ٻيهر اهو تجربو فرات نديءَ جي اتر ۾ ڪوفه جي صحرا ۾ ڪيو ويو ۽ ٻيهر به اهو ئي نتيجو نڪتو. هيءَ پيمائش حيرت انگيز طور تي صحيح مڃڻ جوڳي هئي. ڇاڪاڻ ته موجوده زماني ۾ صحيح پيمائش جي مطابق زمين جو دائرو خط استوا تي 25 هزار ميل آهي. وچين د‍ؤر ۾ مسلمانن جي سائنسي ترقيءَ جو وڌيڪ تفصيل پروفيسر فلپ هِٽي، جي ڪتاب ”تاريخ عرب“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

    سائنس جي مسلم دنيا کان علحيدگي.
    علم جي مختلف شعبن ۾ مسلمانن جي ترقي جاري هئي، ته پاڻ ۾ اختلافن جي نتيجي ۾ عرب خلافت جو نظام ٽٽي ويو ۽ اسلام جو جهنڊو عثماني ترڪن (1922ع – 1517ع) سنڀاليو. اهڙي طرح سورهين صدي عيسويءَ ۾ اسلام جي سياسي نمائندگيءَ جو مرڪز عرب دنيا مان نڪري ترڪيءَ ڏانهن منتقل ٿي ويو، جتان تاريخ جو هڪ نئون انقلاب آيو ۽ ان واقعن جي رخ کي بلڪل ٻئي طرف موڙي ڇڏيو.
    تاريخ جي اها عجيب ستم ظريفي آهي ته هڪ شخص ڪنهن لحاظ کان وڏي مفيد خدمت سرانجام ڏئي ٿو ۽ ٻئي طرف ڪنهن ٻئي لحاظ کان تمام وڏي مصيبت جو سبب بنجي وڃي ٿو. ان جو هڪ مثال اموي خليفي سليمان بن عبدالملڪ جو آهي. ان کي انهيءَ ڳالهه جو اعزاز حاصل آهي، ته هن خلفاءِ راشدين جي فهرست ۾ پنجين خليفي عمر بن عبدالعزيز رح جو اضافو ڪيو، پر مورخن انهيءَ ئي خليفي جي تذڪري ۾ انهيءَ انتهائي خطرناڪ غلطيءَ جي نشاندهي به ڪئي آهي، ته هن پنهنجي زماني ۾ تمام اهم فوجي سردارن کي ختم ڪرايو، جنهن جو نقصان اهو ٿيو، جو ايشيا ۽ آفريڪا ۾ اسلام جي هلندڙ پيش قدمي اوچتو بلڪل رڪجي وئي. اها ئي صورتحال عثماني ترڪن سان به پيش آئي. ترڪن عين انهيءَ وقت اسلام جي جهنڊي کي سنڀاليو، جڏهن اهو ڪمزور هٿن ۾ پهچي چڪو هو ۽ ان جي ڪِرڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو هو. اهي سوين سالن تائين يورپ جي عيسائي طاقتن جي مقابلي ۾ اسلام جي ديوار بڻيا رهيا. ان لحاظ کان انهن جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، پر انهيءَ سان گڏوگڏ اهي ترڪ ئي هئا، جيڪي انهيءَ حادثي جو به سبب بڻيا، جو مسلم دنيا ۾ سائنسي تحقيق رڪجي وئي ۽ ان جو مرڪز يورپ ڏانهن منتقل ٿي ويو.
    ترڪ انتهائي بهادر ۽ وڏي حوصلي وارا هئا، پر انهن جي ڪمزوري اها هئي ته اهي بي علم هئا. اهي نه صرف علم جي تحقيقي ڪم جي اهميت کي سمجهي نه پئي سگهيا، بلڪه ان کي پنهنجي لاءِ هڪ سياسي خطرو پڻ خيال ڪندا هئا. سندن خيال هو ته علم جي واڌاري سان رعيت ۾ انهن جي حق ۾ وفاداري گهٽجي ويندي ۽ پوءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو. اهو ئي سبب هو، جو انهن علمي تحقيق جي سلسلي ۾ انتهائي غير ذميداريءَ جو ثبوت ڏنو. جڏهن مسلم سياست جو مرڪز تبديل ٿيو ته اهي ماڻهو جيڪي بغداد ۽ ٻين علمي مرڪزن ۾ سائنس جي تحقيق سان واڳيل هئا، سي ترڪ دارالسلطنت جي آستانه ۾ اچي ڪٺا ٿيا. عباسي خليفا انهن جو وڏو قدر ڪندا هئا. مٿن درهم ۽ دينار بارش وانگر خرچ ڪندا هئا، پر ترڪ کين پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي، کانئن نفرت ڪرڻ لڳا. جڏهن ترڪن انهن جي قدرداني نه ڪئي ته کين ترڪ حڪومت ۾ پنهنجو مستقبل اونداهو نظر اچڻ لڳو. ان صورتحال ۾ مسلمان عالمن ۽ محققن ترڪي کي خيرباد چئي اٽلي ۽ فرانس جو رخ ڪيو. اهڙي طرح سائنسي تحقيق جو ڪم مسلم دنيا مان نڪري مغربي دنيا ڏانهن منتقل ٿي ويو. ترڪن علم ۽ اهل علم جي جهڙي طرح حوصله شڪني ڪئي، ان جو دردناڪ تفصيل محمد ڪرد علي شاميءَ جي ڪتاب ”تاريخ الحضارت العربيه“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
    مغربي دنيا ۾ انهن سائنسدانن جي وڏي پذيرائي ٿي. صليبي جنگين (1271-1095) ۾ مسلمانن جي مقابلي ۾ يورپي قومن کي شڪست انهيءَ ڪري به ٿي هئي، جو مسلمان علم ۽ فن ۾ کانئن وڌيڪ هئا. انهن لڙاين ۾ شروع ۾ رومي فوجين ”يوناني باهه“ استعمال ڪئي جنهن سان مسلمانن کي تمام گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. ”يوناني باهه“ هڪ قسم جي پچڪاري وانگر هئي، جنهن ۾ آتش گير مادو ڀري، دشمن جي طرف اڇلايو ويندو هو. مسلم سائنسدانن ان جي مقابلي ۾ هڪ ٻئي شيءِ ايجاد ڪئي، جنهن ۾ معدني تيل (روغن نفط) استعمال ٿيندو هو. ان جو نشانو تمام پري تائين هو ۽ ان نقصان به يوناني باهه کان وڌيڪ ٿيندو هو.
    يورپ جا عيسائي قدرتي طور تي مسلمانن جي مقابلي ۾ پنهنجي علمي ڪمزوري دور ڪرڻ لاءِ بي تاب هئا. مسلم دنيا جا اهل علم جڏهن انهن وٽ پهتا، ته هنن انهن سان تمام گهڻو تعاون ڪيو. ان لحاظ کان يورپ ۾ علمي تحقيق جو ڪم ٻيڻي شدت سان ٿيڻ لڳو، جيڪو ان کان پهريائين مسلم دنيا ۾ ٿي رهيو هو. سورهين کان اوڻيهين صديءَ تائين تقريباً ٽن سئو سالن جي عملي نتيجي ۾ يورپ ۾ اهو انقلاب آيو جنهن کي سائنسي ۽ صنعتي انقلاب چيو ويندو آهي. مغرب جي سائنسي ترقيءَ ۾ مسلمانن جي حصي بابت وڌيڪ تفصيل بريفالٽ جي ڪتاب Making of Humanity ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
    سورهين صدي عيسويءَ تائين مسلمان علم جي ميدان ۾ استادي جي مقام تي هئا، پر ان کانپوءِ جي صدين ۾ يورپ جيڪا ترقي ڪئي، تنهن مسلمانن کي شاگردي جي درجي تي پهچائي ڇڏيو. اهڙي طرح مسلمان پنهنجي بڻايل انقلابي دنيا ۾ ٻين قومن کان پٺتي رهجي ويا. ان هوندي به اهو موقعو هو، ته اهي يورپ جي تحقيق مان فائدو حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ اُها حقيقت ٻيهر نئين شڪل ۾ موٽي آيا جيڪا صورتحال مسلمانن جي مقابلي ۾ يورپي کي پيش آئي هئي. جهڙي طرح مسلمانن جي علم کي بنياد بڻائي يورپ انهن کان اڳتي وڌيا هئا، اهڙي طرح مسلمان يورپ جي علمن کي بنياد بڻائي اڳتي ترقي حاصل ڪري پئي سگهيا. پر هتي ٻه خاص سبب رڪاوٽ بڻجي ويا، جنهن ڪري هڪ تاريخي امڪان حقيقت بنجڻ کان رهجي ويو.

    سائنس بابت موجوده دور جي مسلمانن جي غفلت
    صدين تائين سائنسي علمن کان پري رهڻ کانپوءِ يورپ جي ذريعي جيڪا سائنس مسلمانن تائين پهتي، سا صرف علم جي طور تي نه آئي، بلڪه اها استعمار ۽ نو آبادياتي ملڪ گيريءَ جي شڪل ۾ نمودار ٿي. مسلمانن وٽ سائنس جو علم انهن ماڻهن جي ذريعي اچي رهيو هو، جن مسلمانن کان سندن عظمت ۽ اقتدار کسيو هو، سندن تهذيب ۽ ان جي مذهبي شعائرن تي حملا ڪيا هئا. اهڙي موقعي تي مسلمان انهيءَ دانش منديءَ جو ثبوت نه ڏئي سگهيا، جو هو مغربي سائنس کي مغربي سياست کان الڳ ڪري سمجهن ها. هنن ٻنهي کي هڪ ڪري سمجهيو. هو جهڙي طرح مغربي قومن جا دشمن بڻيا، اهڙي طرح مغربي علمن جا به دشمن ٿي پيا. جڏهن ٻيون قومون مغرب کان سندن علم حاصل ڪري رهيون هيون، مسلمان ان کي دشمن جي شيءِ سمجهي کائنس پري ڀڄي رهيا هئا. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته موجوده زماني ۾ مسلمان ٻين قومن کان گهٽ ۾ گهٽ سئو سال علمي لحاظ کان پوئتي رهجي ويا ۽ ٻين قومن مٿان علمي برتري جو ته سوال ئي نه پيدا نٿو ٿئي.

    اسلام ۾ سائنس جي اهميت
    اسلام ۾ سائنس جي اهميت جا ڪافي سبب آهن، هيٺ ڪن جو ذڪر ڪجي ٿو.
    1- سائنس سادن لفظن ۾ ڪائنات جي حقيقتن جي ڄاڻ جو نالو آهي. قرآن پاڪ ۾ ايمان وارن جون جيڪي صفتون بيان ڪيون ويون آهن، تن ۾ هيءَ به آهي ته ”اهي زمين ۽ آسمان جي بناوٽ ۾ غور ڪن ٿا.“ وَیَتَفَکَّرُوۡنَ فِیۡ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَالۡاَرْضِ ۚ (آل عمران 191) ان لحاظ کان هڪ سائنسدان اهو ئي ڪم ڪري ٿو، جيڪو هڪ مومن ڪري ٿو. ان هوندي به ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. سائنسدان جو عمل صرف تحقيق لاءِ هوندو آهي ۽ مومن جو عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ. سائنسدان لاءِ علم براءِ علم هوندو آهي ۽ مومن جي نظر ۾ علم براءِ مقصد هوندو آهي. اهڙي طرح سائنسدان علم جي اضافي تي مطمئن ٿي ويندو آهي ۽ مومن ايمان جي اضافي تي.
    سوچ جو اهو فرق ٻنهي جي مطالعي جي طريقه ڪار ۾ وڏو فرق پيدا ڪري ڇڏي ٿو. ان جو نتيجو هيءُ نڪري ٿو ته سائنسدان شين جي بيهڪ کي ڇڏي صرف شين جي خاصيتن جي مطالعي تائين پنهنجو پاڻ کي محدود رکي ٿو، هو شين جي ڪارڪردگي کي ان جي مقصد کان جدا ڪري ڇڏي ٿو. سائنسدان کي ائين ان ڪري ڪرڻو پوي ٿو، جو هو صرف پنهنجي عقل جي رهنمائي ۾ ڪائنات کي ڏسڻ گهري ٿو ۽ انسان جو عقل رڳو تجربي جوڳين شين کي ئي ڏسي سگهي ٿو. ان ڪري ان لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه آهي ته هو ڪائنات ۾ تجربي جي قابل پهلوئن جي مطالعي تائين پنهنجو پاڻ کي محدود رکي. پر مومن پنهنجي عقل سان گڏوگڏ نبوت جي رهنمائيءَ کي به تسليم ڪندڙ هوندو آهي. ان ڪري هو پنهنجي ڄاڻ ۽ مطالعي کي شين جي خاصيتن مان گذاري حقيقتن تائين پهچائي ٿو ۽ هو مخلوق کي ”خالق“ سان شامل ڪري ڏسي ٿو. اهو فرق مومن جي ڪائنات جي مشاهدي ۾ زبردست مقصديت پيدا ڪري ٿو. کيس سموري ڪائنات خدائي صفتن جو ظهور نظر اچڻ لڳي ٿي. هو ڪائنات کي سڃاڻڻ سان خدا کي به ماڻي وٺي ٿو، جنهن تي هو پيغمبر جي ذريعي ايمان آڻي ٿو.
    2- قرآن پاڪ اندر ڪائنات ۾ پيدا ٿيندڙ واقعن کي قرآني پيغام جي حق ۾ دليل جي طور تي پيش ڪيو ويو آهي، ڄڻ ته قرآن ۾ جيڪا ڳالهه نظري طور تي چئي وئي آهي، ڪائنات ان جي حق ۾ عملي دليل آهي. ان لحاظ کان پوري سائنس قرآن پاڪ جو علم ڪلام آهي. ڇاڪاڻ ته سائنس ڪنهن سائنسدان جي پنهنجي ذاتي علم جو نالو نه آهي، بلڪه خدا جي ڪائنات ۾ ڪم ڪندڙ قانونن جي دريافت جو نالو آهي. انهن قانونن جو جيڪو حصو سائنس دريافت ڪري ٿي، سو خدا جي قدرت جي هڪ جهلڪ هوندي آهي. اهو خدا جي نشانين مان هڪ نشانيءَ جو انساني علم ۾ اچڻ آهي. سائنسدان لاءِ سائنس علم براءِ علم آهي يا وڌ ۾ وڌ هيئن کڻي چئجي ته علم دنيا جي تعمير لاءِ هڪ ذريعو آهي. پر مومن لاءِ سائنس هڪ علمي هٿيار آهي، جنهن کي حق جي دعوت جي جدوجهد ۾ ڪتب آڻي ٿو. جنهن سان هو پنهنجي ڳالهه کي مدلل ڪري پيش ڪري ٿو.
    3- سائنس جو ٽيون پهلو اهو ئي آهي، جنهن ڏانهن مٿي اشارو ڪيو ويو آهي. يعني سائنس موجوده زماني ۾ قوت جي حيثيت رکي ٿي. ان ڪري اسلام ۽ مسلمانن جي سر بلنديءَ لاءِ ضروري آهي ته کين سائنس جي قوت پوري طرح فراهم ڪئي وڃي ۽ اهو ان وقت ممڪن ٿيندو جڏهن مسلمان سائنس جي تحقيق ۽ تحصيل ۾ اڳتي وڏن. ايتريقدر جو ان ۾ اڳواڻ جو درجو حاصل ڪن.
    اڻويهين صديءَ جي آخري ۽ ويهين صديءَ جي پهرين ٻن ڏهاڪن ۾ سموري مسلم دنيا ۾ آزاديءَ جون تحريڪون شروع ٿيون. انهن تحريڪن جي مذهبي اڳواڻن جو هيءَ خيال هو ته بيروني سياسي قبضي کان آزاديءَ جو نالو غلبو آهي. انهن رڳو سياسي آزاديءَ کي ئي اسلام جي سربلنديءَ لاءِ سمجهيو. پر اڄ جڏهن بي شمار قربانين کان پوءِ سمورا اسلامي ملڪ آزاد ٿي چڪا آهن، تڏهن به اهي اڄ انهن غير مسلم قومن جا محڪوم آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ ۾ کانئن اڳتي وڌيل آهن. مسلمانن کي سندن اُها سياسي آزادي اڄوڪي دنيا ۾ برتري وارو مقام نه ڏياري سگهي. ايستائين جو وقت ٻڌائڻ واري گهڙيءَ کان وٺي جنگ لڙڻ واري سامان تائين هر شيءَ لاءِ هو انهن قومن جا محتاج آهن. حقيقت هيءَ آهي ته موجوده زماني جي هر شيءَ جو تعلق سائنس ۽ ٽيڪنالوجي سان ٿي ويو آهي. انهيءَ معاملي ۾ جيڪا قوم انهن شين ۾ پٺتي آهي، سا مقابلي جي هن دنيا ۾ پهرين صف ۾ جڳهه نه ٿي حاصل ڪري سگهي.

    آخري ڳالهه
    نئين دهليءَ ۾ جنتر منتر روڊ تان گذرڻ وارو هڪ عجيب ۽ غريب عمارت ڏسي ٿو. ان عمارت جو نالو ”جنترمنتر“ آهي، انهيءَ ڪري ان روڊ جو نالو ئي جنتر منتر روڊ رکيو ويو آهي. جنتر منتر اصل ۾ پراڻي زماني جي ستارن جي گردش کي ڏسڻ جي جاءِ (رصدگاهه) آهي. اها عمارت ارڙهين صدي جي پهرين اڌ ۾ جيپور جي راجا جئي سنگهه ٺهرائي هئي. جئي سنگهه کي علم فلڪيات جو وڏو جنون هو. هندوستان جي هن راجپوت راجا پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ رڳو جئپور ۾ نه پر دهلي، مٿرا، بنارس ۽ اجين ۾ به رصدگاهون ٺهرايون هيون. دهلي جو جنتر منتر اڄ به راجا جي انهيءَ شوق جي ياد ڏياري ٿو.
    انهن رصدگاهن ۾ انهيءَ دور جا فلڪيات جا ماهر چنڊ ۽ ستارن جي رفتار معلوم ڪندا هئا. انهن جي ذريعي هو موسم جي خبرچار، ستارن ۽ زمين جو مفاصلو ماپيندا هئا. رات جو چنڊ جي روشنيءَ جي مدد سان وقت جو اندازو لڳائيندا هئا. عمارت جون دريون، روشندان ۽ ديوار جا سوراخ پاڻمرادو سال جو ڪيلينڊر ترتيب ڏيندا هئا.
    وچين دور ۾ سموري دنيا جو علمي ۽ تعميري ڪم مسلمانن جي علمي ۽ تعميري ترقيءَ جو نقل هوندو هو. ان لحاظ کان راجا جئي سنگهه جي اها رصد گاهه به عباسي دور جي رصد گاهن جو نقل هئي. اها هوبهو انهيءَ انداز سان بڻائي وئي هئي جيئن خليفي مامون رشيد هڪ هزار سال اڳ بغداد ۾ ٺهرائي هئي.
    قديم دور ۾ علم جي امامت مسلمانن کي حاصل هئي. ان ڪري سموري دنيا ۾ انهن جي طريقن جي تقليد ڪئي ويندي هئي. پر بعد جي زماني ۾ سندن غفلت جي ڪري امامت جو هيءَ مقام مغربي قومن حاصل ڪري ورتو. ٽي سئو سال پهريائين جڏهن هڪ شخص فلڪيات جي مطالعي لاءِ رصدگاهه ٺاهڻ چاهيندو هو، ته هو بغداد جي نموني کي نقل ڪندو هو، پر اڄ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ رصدگاهه تعمير ڪئي وڃي ٿي ته ان جو نقشو ۽ سامان مغرب جي ماهرن کان حاصل ڪيو وڃي ٿو. هي اهو مقام آهي جتي مسلمانن جي عزت ۽ سربلنديءَ جو سفر ختم ٿيو آهي ۽ هي اهو ئي مقام آهي جتان مسلمان ٻيهر پنهنجي سفر جو آغاز ڪري سگهن ٿا.


    قرآن جو فلسفو

    غالباََ 1970 جي ڳالهه آهي ته منهنجي ملاقات هڪ صاحب سان ٿي جيڪو ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو پروفيسر هو. اسلام جي فلسفيانه فڪر تي گفتگو ڪندي، هن چيو ته اسلام ۾ عقليت کي ثانوي حيثيت آهي. اسلام ۾ ابتدائي عقليت (Primaryrationconalism) ڪونهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسلامي فڪر جو آغاز وحي جي ذريعي ٿئي ٿو. انسان اڳواٽ ئي وحي کي ڪامل صداقت مڃي سوچڻ شروع ڪري ٿو. جڏهن ته عام انساني فلسفي ۾ ڪا به شئي اڳواٽ مڃي نه ٿي وڃي، بلڪه تحقيق ۽ جستجو کانپوءِ جيڪا ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ان کي تسليم ڪيو ويندو آهي. ان تي مون کيس چيو ته واقعي جي لحاظ کان توهان جي ڳالهه درست آهي، پر مان اهو اضافو ڪندس ته هن دنيا ۾ انسان لاءِ ثانوي عقليت ئي ممڪن آهي. ابتدائي عقليت هن دنيا ۾ انسان لاءِ عمل جوڳي ۽ حصول جوڳي ڪونهي. ڪائنات جون حقيقتون لامحدود آهن. ان جي مقابلي ۾ انسان جو عقل انتهائي محدود آهي. تنهنڪري ابتدا ئي عقليت جو اصول هڪ دلپسند اصول ته ٿي سگهي ٿو پر اهو عملي طور ممڪن نه ٿو بڻجي سگهي.
    خالص فني لحاظ کان اسلام جي عقليت جيتوڻيڪ ثانوي عقليت آهي پر عام معنيٰ ۾ اهو سخت ڪٽرپڻيءَ واري ڪاشيءِ نه آهي. اسلام جو طريقو هيءَ آهي ته اهو ڪنهن حقيقت جي باري ۾ ان جو بيان ڪري ٿو. ان کانپوءِ انسان کان مطالبو ڪري ٿو ته هو ان جي اصلي حقيقتن کي معلوم واقعن جي ذريعي پرکي ڏسي. جيڪڏهن اهي زباني بيان معلوم واقعن سان مطابقت رکن، ته ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ اها ئي سچائي ۽ صداقت آهي.
    علم ڇا آهي ۽ انسان ان علم تائين ڪيئن پهچي سگهي ٿو يا پهتو آهي، ان سلسلي ۾ جديد سائنس اهو اصول مقرر ڪيو آهي ته انهيءَ علم تائين پهچڻ جا ٽي مرحلا آهن:
    1- مشاهدو 2- مفروضو 3-تصديق.
    ان جو مطلب اهو ٿيو ته ابتدا ۾ ماڻهوءَ جي سامهون ڪجهه واقعا اچن ٿا. انهن واقعن جي وضاحت لاءِ سندس ذهن ۾ هڪ فرضي خيال قائم ٿيندو آهي. ان کانپوءِ هو ان جو وڌيڪ مطالعو شروع ڪندو آهي. جيڪڏهن وڌيڪ ۽ وسيع مطالعي جي آڌار تي اهو فرضي تصور صحيح ۽ درست ثابت ٿئي ٿو، ته ان کي مڃيو ويندو آهي ته اها حقيقت آهي. ان آخري مرحلي تي پهچي ابتدائي فرضي تصور ثابت ٿيل حقيقت بنجي ويندو آهي. ان جو هڪ سادو مثال هيءَ آهي ته زمين تي قديم انسان ڏٺو، ته هتي خشڪي جا حصا به آهن ۽ سمنڊ جا به. ان ڪري ابتدائي طور تي هن اهو فرضي تصور قائم ڪيو ته زمين جو اڌ حصو خشڪي ۽ اڌ حصو پاڻي آهي. اهو فرضي تصور يوناني فلاسفرن جي زماني کان وٺي ابن خلدون تائين قائم رهيو.
    ان کانپوءِ خشڪي ۽ سمنڊ جي سفر ڪرڻ سان انسان اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته خشڪي جي مقابلي ۾ زمين تي پاڻي وڌيڪ آهي. هاڻي ٻيو مفروضو قائم ڪيو ويو ته زمين تي پاڻيءَ جو حصو 3/2 ۽ خشڪي جو حصو 3/1 آهي.
    ان کانپوءِ انسان کي ٻيا وڌيڪ ذريعا حاصل ٿيندا ويا ۽ هيءُ ممڪن ٿيو ته خشڪيءَ جي حصي ۽ پاڻيءَ واري حصي جي باقاعدي پيمائش ڪري سگهجي. اهڙي طرح باقاعده پيمائش سان معلوم ٿيو ته زمين جي سطح تي پاڻي جو حصو 73 سيڪڙو ۽ خشڪيءَ جو حصو 27 سيڪڙو آهي. بعد واري انهيءَ مشاهدي انهيءَ فرضي تصور جي تصديق ڪئي ۽ پوءِ ان کي تسليم ڪيل حقيقت جي طور تي مڃيو ويو.
    قرآن پاڪ جو فلسفو به لڳ ڀڳ اهو ئي آهي. البت مقدمن جي ترتيب جي لحاظ کان ٻنهي ۾ معمولي فرق آهي. قرآن جو فلسفو يا قرآن جي تفڪر جو طريقه ڪار معمولي فرق سان هيءُ آهي ته ان ۾ سڀ کان پهريائين ”مفروضو“ قائم ٿيندو آهي، ان کانپوءِ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ ان تي غور ۽ فڪر ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ آخر ۾ ”تصديق“ جو درجو اچي ويندو آهي. يعني قرآن جي دعويٰ (مفروضو) قائم ڪرڻ ۽ پوءِ ان تي غور ڪرڻ آهي. ان کانپوءِ غور ۽ فڪر جي سطح تي انهي مفروضي جي حقيقت جي ثابت ٿيڻ کانپوءِ ان کي تسليم ٿيل صداقت جي طور تي مڃڻ. انهيءَ آخري درجي تي حاصل ٿيندڙ معرفت کي قرآن جي اصطلاح ۾ ايمان جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
    ان لحاظ کان سائنس جي علم جي ترتيب هيءَ آهي: مشاهدو، فرضي تصور ۽ تصديق. جڏهن ته قرآن جي علم جي طريقي جي ترتيب فرضي تصور، مشاهدو ۽ تصديق آهي. ٻين لفظن ۾ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته عام انساني فلسفي ۾ فڪر جي شروعات تلاش سان ٿئي ٿي، ان جي ابتڙ قرآني فلسفي ۾ فڪر جي شروعات دريافت سان ٿئي ٿي. قرآن ابتدا ۾ ئي هيءَ دعويٰ يا علمي زبان ۾ فرضي تصور پيش ڪري ٿو ته هن ڪائنات جو هڪ خالق آهي ۽ هن ڪائنات جو هڪ انجام آهي، ان کانپوءِ قرآن تخليقي دنيا جون مختلف نشانيون انسان جي سامهون پيش ڪري آڻي ٿو ۽ انسان کي چوي ٿو ته انهن نشانين تي غور ۽ فڪر ڪر ۽ ڏس ته اهي ثابتيون قرآن پاڪ جي بيان جي تصديق ڪري رهيون آهن. هينئر تائين جا تجربا ٻڌائن ٿا ته ڪائنات جون سڀ معلوم حقيقتون قرآني بيان جي تصديق ڪري رهيون آهن. ڪا به معلوم ٿيل حقيقت اهڙي نه آهي، جيڪا قرآن جي دعويٰ جي ٽڪراءَ ۾ ايندي هجي يا ان ۾ شڪ ثابت ڪندي هجي.
    ان جو هڪ مثال وٺو. حضورﷺجڏهن مڪي ۾ هيءَ اعلان ڪيو ته مون ڏانهن خدا پنهنجي فرشتي ذريعي وحي موڪلي آهي. ان تي مڪي جي رهواسين چيو ته اسان توهان جي ڳالهه کي ان وقت مڃينداسين جڏهن پنهنجي اکين سان ڏسنداسين ته فرشتو خدا جي وحي کڻي آسمان تان توهان وٽ اچي رهيو آهي. ان جي جواب ۾ قرآن پاڪ ۾ چيو ويو ته ماڻهو توهان کان وحيءَ جي باري ۾ پڇن ٿا. توهان کين چئو ته وحي خدا جي حڪم سان آهي ۽ توهان کي صرف ٿورو علم ڏنو ويو آهي. (بني اسرائيل – 85)
    ٻين لفظن ۾ انهيءَ جو مطلب هيءُ هو ته مڪي جا ماڻهو پيغمبر ﷺ جي رسالت جي دعويٰ تي سنئون سڌو دليل گهري رهيا هئا. پر قرآن هي جواب ڏنو ته توهان هن معاملي کي اڻ سڌي دليل يا استنباطي دليل (معلومات مان حاصل ڪيل نتيجي جي ذريعي ئي) سمجهي سگهو ٿا. ڇاڪاڻ ته توهان پنهنجي محدود سوچ جي ڪري هن معاملي ۾ سنئين سڌي دليل کي سمجهڻ کان قاصر آهيو. اهو معاملو اهڙي طرح تاريخ ۾ تڪراري شڪل ۾ هلندو رهيو، ايستائين جو اڻويهين صدي جي سائنسي ذريعن جي دريافت کان پوءِ جديد مفڪرن اهو اعلان ڪري ڇڏيو ته اسان کي ڪنهن به معاملي ۾ اڻ سڌي يا استنباطي استدلال تي قناعت ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. اسان جديد ذريعن سان سڀني معاملن جي باري ۾ سنئون سڌو دليل قائم ڪري سگهون ٿا.
    پر ويهين صديءَ جي تحقيقات آخري طور تي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان جي ذهني محدوديت يقيني طور تي ان راهه ۾ رڪاوٽ آهي ته اها ڪنهن به حقيقت تي سنئون سڌو ڪا راءِ قائم ڪري سگهي. ان ڪري ويهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ متفقه طور تي مڃيو ويو ته اڻ سڌو يا استنباطي استدلال بلڪل معقول دليل آهي، جيڪڏهن اهو ثابت ڪيل مشاهدي جي بنياد تي هجي ۽ ان سان سمورن لاڳاپيل مشاهدن جي سهڻي نموني توجيهه ڪري سگهجي.
    مثال طور ارتقا جي نظرئي کي انهيءَ ڪري ئي سائنسدانن ۾ عمومي مقبوليت جو درجو حاصل ٿي ويو، جو ڪجهه ماڻهن ان کي ثابت ٿيل حقيقت چوڻ شروع ڪيو هو. حالانڪه ارتقا جو نظريو ايڏي ڊگهي ماضيءَ سان تعلق رکي ٿو جو اهو ممڪن ئي نه آهي ته ان جو سنئون سڌو مشاهدو ڪري سگهجي يا ان تي سنئون سڌو دليل قائم ڪيو وڃي. ارتقا جو نظريو مڪمل طور تي استنباطي نظريو آهي نه ڪي سنئون سڌو مشاهدي ۾ اچڻ وارو نظريو.
    ارتقا جو نظريو ڇا آهي؟ چند لفظن ۾ ان جو فارمولا هيءَ آهي: ٻيهر پيدائش، فرق ۽ فرق جو باقي رهڻ.
    ان جو مطلب هي آهي ته حيوانن کي لڳ جي عمل ذريعي ٻچا پيدا ٿيا. اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ۽ الڳ هئا . مثال طور ڪو ننڍو، ڪو وڏو، وڏا ٻچا ولادت ۽ واڌ ويجهه جي عمل سان ٻيهر ٿورو وڏا ٿيندا ويا. ايتري قدر جو ٻڪريءَ جو ٻچو ڊگهي مدت تائين فرق گڏ ٿيڻ جي نتيجي ۾ زرافه بڻجي ويو.
    ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته هيءُ نظريو صحيح آهي يا غلط، منطقي لحاظ کان هيءَ دليل سراسر استنباطي دليل آهي. اهڙي طرح جي استنباطي دليلن تي هن سموري نظرئي جو بنياد قائم آهي، جن کي موجوده زماني ۾ سائنسي نظريا چيو وڃي ٿو. سائنس جي دائري ۾ جيترا به نظريا قائم ڪيا ويا آهن، سي سڀ اهڙي طرح اڻ سڌي استدلال تي مشتمل آهن. اهي نظريا ان وقت تائين قائم رهن ٿا، جيستائين ڪو نئون مشاهدو اڳوڻي وضاحت کي مشڪوڪ ثابت نه ٿو ڪري.
    اسلامي عقيدن تي منطقي دليلن جي نوعيت به بلڪل اها ئي آهي. جيڪڏهن ڪائناتي مشاهدا اسلامي عقيدن جي تائيد ڪندا هجن ۽ انهن مشاهدن مان جائز طور تي اهي نتيجا اخذ ٿي رهيا هجن ته اهي بلڪل جديد سائنسي منطق جي مطابق درست ۽ مڃڻ جوڳا قرار ڏنا ويندا. صرف انهيءَ بنياد تي انهن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي استنباطي دليلن تي مشتمل آهن. ائين ڪرڻ کان پوءِ رڳو اسلامي عقيدا ئي رد نه ٿيندا بلڪه سائنس جي سڄي عمارت به ڊهي اچي پٽ پوندي.
    قرآن ۾ 1400 سال پهريائين اهو چيو ويو هو ته انسان کي صرف ٿورو علم ڏنو ويو آهي (بني اسرائيل -85) موجوده زماني ۾ خالص سائنسي تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته انساني ذهن جون ڪجهه اڻٽر حد بنديون آهن ۽ انهن حدن جي ڪري اسان لاءِ صرف محدود علم تائين پهچڻ ئي ممڪن آهي. ان لحاظ کان سائنسي منطق جو هيءَ چوڻ آهي ته اسان پنهنجي موجود صلاحيتن سان نشانين ۽ علامتن (Probability) تائين پهچي سگهون ٿا، نشانين کان اڳتي اسان جي علم جي رسائي ممڪن نه ٿي ٿي سگهي.
    جديد سائنس جو هيءُ موقف اسلام جي انهيءَ عقليت کي برحق ثابت ڪري ٿو، جنهن کي ثانوي عقليت چيو وڃي ٿو. انهيءَ جاءِ تي پهچي سائنس جو موقف ۽ اسلام جو موقف ٻئي هڪ ٿي وڃن ٿا. سائنس جو موقف جديد تحقيق جي روشنيءَ ۾ هيءُ آهي، ته اسان هڪ خيالي تصور قائم ڪريون ۽ پوءِ ممڪن تجربن ۽ مشاهدن جي آڌار تي ان کي پرکيون، جيڪڏهن اسان جا تجربا ۽ مشاهدا انهيءَ تصور جي تصديق ڪن ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسان جو تصور درست آهي. بلڪل اهو ئي موقف اسلامي فلسفي جو به آهي. اسلام وحيءَ جي شڪل ۾ هڪ تصور اسان جي سامهون رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته مشاهدن ۽ تجربن جا جيڪي به مقرر ماڻ آهن، تن تي ان کي پرکي ڏسو. پوءِ جيڪڏهن مقرر مشاهدا ۽ تجربا ان سان ٽڪراءُ ۾ نه اچن ۽ ان جي تصديق ڪن ته اهو ان ڳالهه جو مناسب نتيجو هوندو ته وحيءَ جي شڪل ۾ جيڪو تصور قائم ڪيو ويو هو سو بلڪل درست آهي.
    نيوٽن جڏهن ڏٺو ته صوف وڻ مان ٽُٽي زمين تي ڪري پيو ته ان اهو نظريو يا تصور قائم ڪيو ته زمين ۾ ڪشش جي طاقت آهي. انهيءَ واقعي ۾ صوف جو ڪرڻ هڪ مشهور واقعو آهي پر زمين جي قوت ڪشش هڪ غيبي واقعو آهي. انهيءَ واقعي ۾ سائنسدان هڪ غيبي واقعي کي صرف ان ڪري مڃي ورتو جو هڪ ظاهري واقعو سندن موجودگي جي ثابتي پيش ڪري رهيو هو. اصولي طور تي بلڪل انهيءَ دليل جي طريقه ڪار کي قرآن ۾ به اختيار ڪيو ويو آهي. قرآن به مشاهدي ۾ ايندڙ حقيقت سان غيبي حقيقتن تي دليل قائم ڪري ٿو.
    انهيءَ دليل جي طريقي جو هڪ مثال قرآن ۾ هيءُ آهي ” اَفَعَیِیۡنَا بِالْخَلْقِ الْاَوَّلِ ؕ بَلْ ہُمْ فِیۡ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِیۡدٍ ﴿٪۱۵﴾ “ ڇا اسان پهريون دفعو پيدا ڪرڻ کان عاجز ٿياسين؟ جو هي ماڻهو ٻيهر پيدا ڪرڻ ۾ شڪ ڪن ٿا (ق – 50/51) سورت ق جي هن آيت ۾ پهرين تخليق مان ٻئي تخليق لاءِ دليل ورتو ويو آهي. انهيءَ دليل جو منطق هيءُ آهي ته پهريائين ”موت کان پوءِ زندگي“ جي دعويٰ پيش ڪئي وئي آهي. ان کانپوءِ ”موت کان اڳ واري زندگي“ جو مشاهدو سامهون آندو ويو ۽ پوءِ چيو ويو ته جڏهن پهريون دفعو بنا زندگيءَ مان زندگيءَ جو وجود ۾ اچڻ ممڪن هو ته ٻيهر بغير زندگي مان زندگيءَ جو وجود ۾ اچڻ ڪيئن ناممڪن ٿيندو.
    انسان خود پنهنجي وجود جي صورت ۾ ۽ ٻين بي شمار انسانن جي موجودگيءَ جي صورت ۾ پهرين تخليق جو تجربو ڪري رهيو آهي. هو ڏسي رهيو آهي ته انسان هڪ مڪمل وجود جي طور تي پهريائين دنيا ۾ اچي ٿو ان کانپوءِ هو مري ٻيهر پنهنجي پيدائش کان اڳ واري حالت جي طرف واپس هليو وڃي ٿو. ڄڻ ته انسان موت واري حالت مان زندگيءَ واري حالت ۾ آيو آهي ۽ ان کانپوءِ ٻيهر موت واري حالت ۾ هليو ويندو. هاڻي جيڪڏهن هڪ دفعو موت واري حالت مان زندگيءَ واري حالت ۾ اچڻ ممڪن هو ته پوءِ ٻيو دفعو موت واري حالت مان زندگي واري حالت ۾ اچڻ ڇو ناممڪن ٿيندو! حقيقت هي آهي ته پهرئين دفعي زندگي جو ثابت ٿيڻ ٻيهر زندگيءَ کي پنهنجو پاڻ ثابت ڪري ٿو.
    اصولي لحاظ کان قرآن جي استدلال ۽ سائنس جي استدلال ۾ ڪو به فرق نه آهي. سمورن سائنسي نظرين ۾ معلوم مان نامعلوم تي دليل قائم ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح قرآن ۾ به معلوم کان نامعلوم يا حاضر کان غائب تي دليل قائم ڪيو ويو آهي. قرآن جي دليل جو طريقي ڪار به ايترو ئي سائنٽيفڪ آهي، جيترو مادي علمن جو استدلال.
    اسلامي فلسفو پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان خالص سائنٽيفڪ فلسفو آهي. جيڪي ماڻهو سائنسي فلسفي کي مڃين ٿا، تن لاءِ ان کانسواءِ ڪو به چارو ڪونهي ته اهي اسلامي فلسفي جي معقوليت کي پوري طرح تسليم ڪن. خالص علمي لحاظ کان انهيءَ موقف کانسواءِ ٻيو موقف انسان لاءِ درست ناهي.


    انساني قانون ۽ الاهي قانون

    راسڪو پائونڊ (1964-1870) قانون جو مقصد سماجي انجنيئرنگ ٻڌايو آهي. سندس اهو بيان بلڪل صحيح هجي ها، جيڪڏهن پاونڊ اهو به ثابت ڪري ها ته انساني سماج ڪمپيوٽرن جو هڪ مجموعو آهي. پر بدقسمتي سان آمريڪي پروفيسر لاءِ اهو ثابت ڪرڻ ممڪن نه هو. هي اهو مقام آهي جتي انساني قانون جي انهيءَ ڪمزوريءَ جو راز لڪل آهي. جنهن ڪري هو اڍائي هزار سالن جي ڪوششن جي تاريخ رکڻ جي باوجود اڃا تائين پنهنجي لاءِ ڪي اصول جوڳا قانون دريافت نه ڪري سگهيو آهي.
    هڪ شخص جڏهن قانون جي اصول جو مطالعو ڪري ٿو ته ان جي سامهون لڳ ڀڳ هڪ درجن وڏن وڏن فڪري اسڪولن جا نالا اچن ٿا، پر فني تفصيلن کان هٽي ڪري جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهن فڪري مرڪزن کي اصولي طور تي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪ قانون جو نظرياتي اصول، جيڪو انهيءَ تلاش ۾ آهي ته قانون کي ڪيئن هئڻ گهرجي. ٻيو قانون جو تجزياتي اصول جيڪو قانون جي تعبير ائين ئي ڪرڻ چاهي ٿو، جيئن اهو آهي. قانون جي اصولن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهي ٻنهي قسمن جا فڪري اسڪول ڪنهن قابل قبول نتيجي تائين پهچڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيا آهن. قانون جا عالم جڏهن قانون جي تشريح ٻئي ذڪر ڪيل اصول جي روشنيءَ ۾ ڪن ٿا ته کين انهيءَ تنقيد سان مُنهن ڏيڻو پوي ٿو ته قانون جو منطقي جواز سندن هٿن مان نڪري ويو آهي ۽ جڏهن پهرئين ذڪر ڪيل اصول جي روشنيءَ ۾ قانون کي سمجهڻ چاهين ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته اهڙي ڪنهن شي جو دريافت ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي.
    هڪ طرف قانون جا اهي عالم آهن، جيڪي قانون کي صرف انهيءَ نظر سان ڏسن ٿا ته اهو انساني سماج جو هڪ خارجي ڍانچو آهي، ان ڪري ان کي معلوم ڪيل قاعدن ۽ ضابطن جي روشنيءَ ۾ بلڪل اهڙي طرح بڻائي سگهجي ٿو، جيئن عجائب گهر ۾ جانورن لاءِ ڪٽهڙو ٺهرايو ويندو آهي. انهيءَ نقطه نظر جي هڪ وڪالت ڪندڙ جان آسٽن (1859- 1790ع) جو اهو مشهور نظريو هو، جنهن ۾ هن چيو هو، ته قانون انهن احڪامن جو نالو آهي، جيڪي سياسي طور تي اعليٰ هستي جي طرفان سياسي طور تي ادنيٰ هستي جي مٿان نافذ ڪيا ويا هجن. اها اعليٰ هستي بادشاهه هجي يا ڪو قانوني ادارو (اسيمبلي).
    جان آسٽن جو هي نظريو ظاهري طور تي قابل عمل نظرئي هئڻ جي باوجود منطقي صحت کان بلڪل خالي آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ قانون ٺاهيندڙ کي ان ڳالهه جو اختيار ڏئي ٿو ته ان جو عمل انصاف جي معيارن سان ڪو به تعلق نه ٿو رکي. حالانڪ انساني عقل انهيءَ ڳالهه کي ڪڏهن به قبول نه ٿو ڪري سگهي ته انصاف جي تصور کي قانون کان الڳ ڪيو وڃي. قانون جيڪڏهن ڪنهن جي مٿان هڪ فيصلي کي لاڳو ڪري ٿو ته ان جو اهو فيصلو ان وقت جائز فيصلو آهي، جڏهن اهو انصاف تي قائم هجي. تنهن هوندي به اڄ تائين دنيا ۾ عملي طور تي جان آسٽن جي نظرئي جي ئي حڪمراني آهي. نام نهاد آزاد دنيا ۾ اهو ڪم بغير ڪنهن قانوني اصول جي ٿي رهيو آهي. هڪ فرانسيسي قانوندان جيڪا ڳالهه پنهنجي حڪومت جي باري ۾ چئي آهي، سا ساڳي ٻين حڪومتن لاءِ به سچي ثابت ٿئي ٿي: ”اسان جي حڪومت وٽ قانون کي نافذ ڪرڻ لاءِ طاقت آهي، پر کين ان جو ڪو حق نه آهي.“ اشتراڪي دنيا ۾ هيءَ جبري منطق انهيءَ روسي قانوني اصول جي ذريعي نافذ آهي، ته اشتراڪي يا سماجي تعلقاتن جو ٻيو نالو قانون آهي. اشتراڪي دنيا ۾ ڇاڪاڻ ته علمي تحقيق به سياست جو ئي حصو آهي، ان ڪري ٻاهرين دنيا جي مفڪرن جي انهيءَ تنقيد جو ان تي ڪو به اثر نه ٿو پوي ته قانون جي اها سوشلسٽ تشريح قانون جي معياري ڪردار جو انڪار ڪري رهي آهي ۽ قانون کي گهٽائي صرف اقتصادي قانون بنائي ڇڏي ٿي.
    جيتوڻيڪ عملي طور تي سموري دنيا ۾ اها ئي صورتحال آهي ته سياسي طاقت جي زور تي قانون ٺهن ٿا ۽ رائج ڪيا وڃن ٿا، پر قانون جي عالمن جو هڪ طبقو ان کان بي نياز ٿي اصول قانون جي علمي تلاش ۾ مصروف آهي. ان هوندي به سندن اڄ تائين جي جستجوءَ کين انهيءَ نتيجي تائين پهچايو آهي ته اصول قانون جي معاملي ۾ ڪنهن متفق معيار تائين پهچڻ ممڪن نه آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي تلاش جو مقصد قانوني معيارن جو تعين ڪرڻ آهي ۽ قانوني معيارن جو تعين ان وقت ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن بنيادي انساني قدرن جو تعين ٿي وڃي ۽ سمورن عالمن جو فيصلو آهي ته قدرن (Values) جو تعين خالص عقلي طريقن سان ممڪن نه آهي.
    اصول قانون جو مقصد قانون جو فلسفيانه بنياد (Phylosophical foundation) ۽ ان جا قانوني قدر تلاش ڪرڻ آهي. ٻين لفظن ۾ اصول قانون جو ڪم هيءَ آهي ته اهو قانون جي جواز جو سبب فراهم ڪري. جيستائين قانون پنهنجي پٺيان قابل قبول قانوني اصول نه رکندڙ هجي، تيستائين عقلي طرح جائز نه آهي، ته اهو انهن انسانن مٿان لاڳو ڪيو وڃي، جن لاءِ ڪنهن شيءَ جي قدر ۽ قيمت ڄاڻڻ جو واحد معيار عقل آهي. تنهن ڪري تاريخ جي مطابق انسان اڍائي هزار سالن کان انهيءَ تلاش ۽ جستجوءَ ۾ مصروف آهي، پر بي شمار دماغن جي جدوجهد جي باوجود اڃا تائين هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي.
    قانون جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته انسان جنهن زماني ۾ لکڻ پڙهڻ نه ڄاڻندو هو، ان وقت به قانون ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود هو ۽ تحرير جي دريافت کانپوءِ اهو لکجڻ لڳو. سڀ کان قديم تحريري قانون، جو اسان کي ملي سگهيو آهي، سو سميري بادشاهه حمورابيءَ جو آهي. جيڪو 1900 ق م ۾ ٺاهيو ويو هو. سميري قوم دجله ۽ فرات جي واديءَ ۾ رهندي هئي.
    تاريخي لحاظ کان اصول قانون تي غور ۽ فڪر جو ڪم يوناني فلسفي کان شرع ٿيو. سولن جيڪو قديم يونان جو مشهور قانوندان هو، ان جو زمانو مسيح کان ڇهه سئو سال اڳ جو آهي. افلاطون (347 – 427 ق م ) جو قانون تي لکيل ڪتاب قديم زماني جو مشهور ترين ڪتاب آهي. قانون جو پيشو به سڀ کان پهريائين روم ۾ مسيح عليه السلام کان لڳ ڀڳ پنج سئو سال پهريائين شروع ٿيو. پندرهين صديءَ تائين قانون علم الاهيات جو ئي هڪ جزو سمجهيو ويندو هو. سورهين صديءَ ۾ هڪ نئون رجحان پيدا ٿيو، جنهن آخرڪار قانون کي مذهب کان الڳ ڪري ڇڏيو. ان هوندي به هينئر اهو علم سياست جو حصو بڻيو رهيو. اڻويهين صديءَ کي هيءُ خصوصيت حاصل آهي ته ان فلسفه قانون کي فلسفه سياست کان جدا ڪري ڇڏيو ۽ اصول قانون کي هڪ مستقل علم جي حيثيت سان ترقي ڏئي ان کي هڪ خصوصي مطالعي جو موضوع بڻايو.
    قديم زماني ۾ فلاسفر ڪجهه تسليم ٿيل شين مان قانون جا اصول اخذ ڪندا هئا، جن کي هو ”فطري حق“ چوندا هئا. سورهين صديءَ کانپوءِ يورپ ۾ جيڪو ذهني انقلاب آيو، ان ثابت ڪيو ته اهي طئي ٿيل ڳالهيون حقيقت ۾ مفروضا آهن، جن لاءِ ڪو به عقلي دليل نه آهي. ان کانپوءِ فرد جي آزادي کي سڀ کان وڏو تسليم ٿيل اصول قرار ڏنو ويو، جنهن کي اصول قانون جو بنياد بڻائي سگهجي پيو. پر صنعتي انقلاب جي نتيجن ٻڌايو ته فرد جي آزاديءَ کي جيڪڏهن سڀ کان وڏي نيڪي مڃيو وڃي ته اهو انسانيت کي استحصال ۽ انارڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو ڏئي. هاڻي وري اجتماعي ڀلائي کي سڀ کان وڏو اعليٰ انساني اصول قرار ڏنو ويو، جو اها قانون سازيءَ لاءِ رهنما اصول جي حيثيت رکي ٿي. پر جڏهن انهيءَ نظرئي جي استعمال کان پهريائين هڪ ڀوائتو سياسي جبر وجود ۾ آيو ته واضح ٿيو ته جيڪڏهن فرد جي آزادي سماج لاءِ نقصان ڪار هئي ته سماجي ڀلائيءَ جو هيءُ نظريو فرد کي مجبور ۽ مقهور بڻائي ڇڏي ٿو. ويهين صدي فرد ۽ سماج جي وچ ۾ مطابقت تلاش ڪرڻ جي صدي آهي. موجوده صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ جن فڪري رجحانن کي قبوليت حاصل ٿي، تن جو خلاصو هيءُ هو ته هو ڪنهن نه ڪنهن طور تي قانون جو اهڙو بنياد ڳولي رهيا هئا، جنهن تي فرد ۽ سماج جي مختلف تقاضائن کي هم آهنگ ڪري سگهجي. پر هيءَ تجربو به ناڪاميءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جاءِ تي پهچندي نظر نه ٿو اچي. اڄ به اهڙا ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، جن جو عنوان هن قسم جو هوندو آهي: ”قانون خود پنهنجي تلاش ۾“
    ايستائين جو قانون جي عالمن جي هڪ طبقي پنهنجو هي آخري فيصلو ڏئي ڇڏيو ته اهڙي ڪنهن ڪوشش جي ڪاميابيءَ جو ڪو به امڪان نه آهي. ”قانوني احڪامن جي خالص منطقي تعبير ناممڪن آهي.“ گسٽا وريڊ برش (1949 – 1878ع) جو چوڻ آهي ته گهربل قانون فقط اقرار جي ذريعي ئي اختيار ڪري سگهجي ٿو ۽ نه انهيءَ ڪري ته اهو ڪو علمي بنياد رکي ٿو. ريڊ برش جو مثال ڪو انفرادي مثال نه آهي، بلڪه انهيءَ بنياد تي هڪ مستقل مڪتبه فڪر وجود ۾ آيو آهي، جنهن کي اضافي مڪتبه فڪر چئجي ٿو. هن فڪر وارن جو چوڻ آهي ته ”مطلق قانون دريافت ڪرڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي.“
    جيئن عرض ڪيو ويو ته اصول قانون جي بنيادي مشڪل هي آهي ته اهو جنهن شيءِ جي تلاش ۾ آهي، ان جو سنئون سڌو تعلق قدرن جي مسئلي سان آهي ۽ هي اهو مسئلو آهي، جنهن ۾ انساني عقل پنهنجي سمورين ڪوششن باوجود به ڪنهن متفق جواب تائين پهچڻ ۾ بلڪل ناڪام رهيو آهي. هڪ طرف حالت هيءَ آهي جو انسان وجداني طور تي خير ۽ شر جو ايترو ته شديد احساس رکي ٿو، جو ان کي نه ارڙهين صديءَ جو ميڪانڪي فلسفو ختم ڪري سگهيو ۽ نه سويت يونين جو بلڪل ڪليت پسندانه نظام؛ جنهن کي اڌ صديءَ کان به وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين اهو موقعو مليو ته هو انساني نسل کي پنهنجي نظرياتي سانچي ۾ سمائي سگهي. ٻئي طرف اها مشڪل ته بهترين دماغن جون سموريون ڪوششون به انساني قدرن جو ڪو متفقه معيار تلاش ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيون آهن. سائنس جي ترقي ان کي زياده کان زياده واضح ڪندي وڃي ٿي ته اسان هڪ اهڙي دنيا ۾ آهيون، جنهن ۾ قدر پنهنجو ڪو به معروضي مقام نه ٿا رکن.
    جوزف وڊ ڪرچ (1970 -1893ع)پنهنجي گهڻي تعداد ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب ”چاهي انسان ڪيتري به ڪوشش ڪري“ ۾ ان جو مطالعو پيش ڪيو آهي. پروفيسر ڪرچ لکي ٿو ته ”ان جي روح جا ٻه اڌ مشڪل سان پاڻ ۾ گڏجي سگهن ٿا ۽ هو نه ٿو ڄاڻي ته هو اهڙي طرح خيال ڪري، جيئن سندس عقل ٻڌائي ٿو ته کيس ايئن خيال ڪرڻ گهرجي. يا هو اهڙي طرح محسوس ڪري جيئن سندس جذبا کيس محسوس ڪرائين ٿا ۽ اهڙي طرح هو پنهنجي برباد ۽ ورهايل روح جي اندر هڪ کِل ڏياريندڙ تماشو بڻيل رهجي ويو آهي.“
    ڪرچ جو هي جملو اڪثر نقل ڪيو ويو آهي.
    ”انسان هڪ اخلاقي جانور آهي، جيڪو هڪ اهڙي ڪائنات ۾ آهي جيڪا پنهنجي اندر ڪو به اخلاقي عنصر نه ٿي رکي.“
    ڪرچ جي غلطي هي آهي ته هن پنهنجي دائري کان ٻاهر قدم رکي ڇڏيو آهي. مان جنهن بنيادي نقطي تي زور ڏيڻ چاهيان ٿو، سو هيءُ آهي ته جيڪا شيءِ ثابت ٿي آهي، اها هيءَ نه آهي، ته سماجي قدرن جو ڪو به وجود ڪونهي. بلڪه هيءَ آهي ته انسان ان کي دريافت نه ٿو ڪري سگهي. هتي مان ڊاڪٽر الڪس ڪيرل (1944 – 1873ع) جو حوالو ڏيندس. ڊاڪٽر ڪيرل پنهنجي ڪتاب ”انسان اڻ ڄاڻ“ ۾ ڏيکاريو آهي ته سماجي قدرن جو مسئلو ايترن مختلف قسمن جي علمن جي ڪامل واقفيت سان تعلق رکي ٿو، جن کي انسان پنهنجي محدود عمر ۾ ڪنهن به طرح حاصل نه ٿو ڪري سگهي. انهن کي حاصل ڪري انهن جو تجزيو ڪرڻ ۽ نتيجو ڪڍڻ ته پري جي ڳالهه آهي، هن ته انهي ڳالهه کي به رد ڪيو آهي ته ڪو ماهرن جي ڪا هڪ ڪاميٽي انهيءَ مسئلي جي تحقيق ڪري ڪنهن آخري منطقي نتيجي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري؛ ڇاڪاڻ ته ”هڪ اعليٰ آرٽ جي تخليق هڪ ذهن ڪندو آهي. اعليٰ آرٽ ڪنهن اڪيڊميءَ جي ذريعي ڪڏهن به وجود ۾ نه ٿي اچي سگهي.“
    سگمنڊ فرائڊ (1939 – 1856ع) جي وقت کان وٺي هينئر تائين نفسيات جا جيڪي مختلف اسڪول وجود ۾ آيا آهن اهي پاڻ ۾ اختلافن جي باوجود انهيءَ گڏيل ڪوشش ۾ مصروف آهن ته نفسيات جو سماجي قدرن کان آزاد علم وجود ۾ آڻين. پر هيءَ حقيقت آهي ته هڪ صديءَ جي مسلسل ڪوششن جي باوجود اهي ان منزل تائين پهچڻ ۾ بلڪل ناڪام رهيا آهن. ايتري قدر جو انهن جي وچ ۾ ان جي خلاف رد عمل شروع ٿي ويو آهي. مثال طور آمريڪا جو ماهر نفسيات ابرهام ميسلو (1970 – 1908ع ) جيڪو پاڻمرادو مثبت ڪرداريت (Positivic Behavioristic Tradition) جي زير اثر تيار ٿيو هو، پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ هو انساني فطرت جي تمام ڏورانهين حصي جي تلاش ۾ مصروف ٿي ويو. سندس چوڻ آهي ته ”نفسيات پنهنجي جائز حدن جي اڌ حصي کان پنهنجو پاڻ کي پاڻ روڪي ڇڏيو.“

    الاهي قانون
    انساني قانون جي ناڪاميءَ جي باري ۾ مٿي مون جيڪي اشارا ڪيا آهن، تن کي هر اهو شخص ڄاڻي ٿو، جنهن اصول قانون جو مطالعو ڪيو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته قانون جي ماهرن جو اهو مفروضو قطعي طور تي بي بنياد ثابت ٿي چڪو آهي ته انسان پنهنجي لاءِ پاڻ قانوني معيار دريافت ڪري سگهي ٿو.
    ان کانپوءِ اسان جي آڏو هڪ ٻيو مفروضو اچي ٿو اهو الاهي قانون جو مفروضو آهي. الاهي قانون جنهن جو محفوظ ۽ مستند متن قرآن جي شڪل ۾ اسان وٽ موجود آهي، ان جي دعويٰ آهي ته قانون جو ماخذ خدا جو الهام آهي. يعني هي ته هن ڪائنات جو هڪ خدا آهي. خدا الهام جي ذريعي پنهنجو قانون پنهنجي رسول صه تي نازل ڪيو آهي. اهو ئي قانون انسان لاءِ بلڪل صحيح ترين دستورالعمل آهي. ان قانون جي بنياد تي قياس ۽ اجتهاد ڪري وڌيڪ قانون سازي ڪري سگهجي ٿي. پر اصولي طور تي ان کان انحراف جائز نه آهي.
    مان اڳواٽ ئي اعتراف ڪريان ٿو ته خالص علمي لحاظ کان هيءُ هڪ پيچيده دعويٰ آهي. پر جيڪو نڪتو خصوصي طور تي توجهه جي لائق آهي، سو هيءَ آهي ته ان جي پيچيدگيءَ جا سبب خود قانون ۾ هجڻ ضروري نه آهن. اهي انهي حقيقت ۾ به ٿي سگهن ٿا ته اسان جو عقل ڪجهه حد بندين جو شڪار آهي ۽ ان جي ڪري ئي هو سمورين حقيقتن جي سنئون سڌو حد مقرر نه ٿو ڪري سگهي. خوش قسمتيءَ سان جديد سائنس جو موقف انهيءَ معاملي ۾ اسان جي تائيد ڪري ٿو. جديد سائنس هيءُ اعتراف ڪري ٿي ته حقيقتن جو مقدار صرف ايترو ئي ڪونهي، جيڪو سنئون سڌو اسان جي حسي تجربن ۾ اچي سگهي، بلڪه ان کان اڳتي اڃا ٻيون به حقيقتون آهن. وڌيڪ اهو ته نامعلوم حقيقتون نه صرف معلوم حقيقتن کان مقدار ۾ گهڻيون آهن، بلڪه اهي معلوم حقيقتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهم ۽ معنيٰ خيز آهن. امريڪي پروفيسر فرڊ برٿولڊ ”منطقي هارڪيت“ جي فلسفي کي هنن لفظن ۾ سميٽيو آهي: ”جيڪا شيءِ اهم آهي سا ناقابل دريافت آهي ۽ جيڪا شيءِ دريافت جي قابل آهي سا اهم نه آهي.“
    اڻويهين صديءَ ۾ هي فرض ڪيو ويو ته انسان ڪامل حقيقت جي طرف وڌي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ان وقت به ڪامل حقيقت عملي طور تي انسان جي پهچ کان ايترو ئي پري هئي، جيترو ان کان پهريائين يا ان کانپوءِ رهي آهي. تنهن هوندي به اهو يقين هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن انسان ضرور ان کي ڳولي وٺندو. پر ويهين صديءَ ۾ سائنسدان پاڻمرادو مثبتيت ۽ فعليت جي روشنيءَ ۾ اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته هي فرض ڪرڻ بلڪل غلط هو ته سائنس اسان کي آخري حقيقت يا خير بابت ڪا ڳالهه ٻڌائي سگهي ٿي. وقت جو ٻيو فلسفو جنهن کي وجوديت چيو وڃي ٿو، سو به اسان کي يقين ڏياري رهيو آهي ته ان جو ڪو به امڪان نظر نه ٿو اچي ته محدود انسان خير جو اهڙو معيار ڳولي لهي، جيڪو ان جي حد بندين کان مٿانهون هجي.
    انهن دريافتن کان پوءِ انساني علم هاڻي جنهن مڃيل حقيقت تي پهتو آهي سا هيءَ آهي ته قطعي دليل صرف ان تحقيق جي ميدان ۾ قائم ڪري سگهجن ٿا جنهن کي برٽرينڊرسل (1970 – 1872ع ) ”شين جو علم“ چيو آهي. ٻيو تحقيق جو ميدان جيڪو سندس لفظن ۾ صداقتن جي علم (knowledge of trults) سان تعلق رکي ٿو، تنهن ۾ سنئون سڌو دليل قائم ڪرڻ ممڪن نه آهي. تنهن ڪري مڃيو ويو آهي ته اسان ڪنهن به معاملي ۾ قطعيت تائين نه ٿا پهچي سگهون. اسان صرف هي ڪري سگهون ٿا ته ڪنهن غالب راءِ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪريون. اها ڳالهه صرف غير مادي حقيقتن تائين محدود نه آهي، بلڪه ڪيتريون اهي شيون جن کي مادي حقيقتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو تن جو معاملو به لڳ ڀڳ اهڙوئي آهي. جيئن روشني يا مقناطيسي قوت جي تشريح. مان انهيءَ چوڻ جي جرئت ڪندس ته فيصلي جو هي بنياد جيڪو جديد علم فراهم ڪيو آهي، سو بلڪل الاهي قانون جي حق ۾ آهي.
    الاهي قانون جو هيءُ مفروضو ته هن ڪائنات جو هڪ خدا آهي. گهڻو ڪري اهو جديد انسان لاءِ ايترو گهڻو قابل فهم نه آهي، جيترو ان جو هيءُ حصو ته خدا وحيءَ جي ذريعي پنهنجي مرضي انسان تائين موڪلي ٿو. اڪثر وڏا وڏا سائنسدان ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ خدا کي مڃين ٿا. نيوٽن (1727 – 1642ع) جي نظر ۾ نظام شمسيءَ کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ هڪ خدائي هٿ جي ضرورت هئي. ڊارون (1882 – 1809ع ) حياتيءَ جي شروعات لاءِ هڪ خالق کي ضروري سمجهندو هو. آئن اسٽائن (1954 – 1879ع ) کي هڪ اعليٰ درجي جي ذهن جي جهلڪ نظر آئي، جيڪو ڪائنات جي مظاهرن ۾ پنهنجو جلوو ظاهر ڪري رهيو هو. سر جيمس جينس (1946 – 1877) جي مطالعي کيس انهي نتيجي تي پهچايو ته ڪائنات هڪ ”اعليٰ مشين“ کان وڌيڪ وڏي ”اعليٰ سوچ“ معلوم ٿئي ٿي. سر آرٿر ايڊنگٽن (1944 – 1882ع ) جي نظر ۾ جديد سائنس اسان کي انهيءَ حقيقت تائين پهچائي رهي آهي ته ”ڪائنات جو مادو هڪ ذهني شئي آهي.“ ايفرڊ نارٿ وائٽ هڊ (1947 – 1861ع) جي نظر ۾ جديد سائنسي معلومات هي ثابت ڪري رهي آهي ته فطرت هڪ زنده حقيقت آهي نه ڪي بي روح مادو.
    ان هوندي به جيتري قدر الهام جو تعلق آهي، مونکي اعتراف آهي ته خالص علمي لحاظ کان هيءُ نهايت ڏکيو عقيدو آهي. هيءُ انهن شين مان نه آهي، جنهن جو عمومي طور تي مشاهدو ڪرائي سگهجي، پر اهو چوڻ ۾ به ڪو وڌاءُ نه آهي، ته اسان جي تجربي ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي حقيقتون اچن ٿيون، جن مان اهو نتيجو اخذ ڪري (استنباط ڪري) سگهجي ٿو ته هتي ڪا اهڙي حقيقت ضرور آهي جنهن کي الهام سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. جديد ميٿڊالاجي ان کي تسليم ڪري ٿي ته استنباط ڪيل حقيقتون به ايتروئي يقيني ٿي سگهن ٿيون جيترو مشاهدو ڪيل حقيقتون. ان ڪري اسان جي استدلال جي اهميت ان سان گهٽ نه ٿي ٿئي ته اهي مشاهداتي نه بلڪه استنباطي نوعيت جا آهن.
    اڻويهين صديءَ ۾ تعليل جي قانون کي خالق جو بدل سمجهيو ويو هو. پر موجوده صديءَ ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا سائنس جي علم ۾ آيا آهن، جن جي توجيهه مادي سببن جي عام اصول مطابق نه ٿي ٿئي. مثال طور ريڊيم جي اليڪٽران جو ٽٽڻ، جن کي معلوم قانون پٽاندڙ بيان ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن. ايستائين جو هڪ سائنسدان کي چوڻو پيو ته ”ريڊ يم جي ڪنهن ٽڪري ۾ ڪهڙو اليڪٽران ڪهڙي وقت ٽٽندو، ان جو فيصلو ڪرڻ خدا جي اختيار ۾ آهي. چاهي اهو ڪير به هجي.“
    حيوانات جو مطالعو به اهو ئي ٻڌائي ٿو. حيوانات جي باري ۾ ثابت ٿي چڪو آهي ته سندن اندر جيڪا جبلت ٿئي ٿي، سا عملي جاکوڙ جو نتيجو نه آهي. مثال طور ماکيءَ جي مک پنهنجي ماناري کي اٺ ڪنڊو ٺاهي ٿي. ڪنهن تربيت ڏيندڙ کيس اهو نه سمجهايو آهي، ته اٺ ڪنڊو مانارو سندس مقصد لاءِ سڀ کان زياده موزون آهي. ايتريقدر جو اها ان مقصد جو به ڪو ذاتي شعور نه ٿي رکي. ان جي باوجود اها ان رياضياتي تعمير ۾ اهڙي طرح مصروف رهي ٿي ڄڻ کيس ڪنهن چئي ڇڏيو هجي، ته توکي ائين ئي ڪرڻو آهي. ”وَ اَوْحٰی رَبُّکَ اِلَی النَّحْلِ“. (نحل 68)
    اهڙي قسم جا بيشمار واقعا آهن جيڪي هن مڃتا طرف وٺي وڃن ٿا، ته شين کان ٻاهر ڪو شعور آهي، جيڪو شين کي زندگي جي تقاضائن ۽ مقصدن جي باري ۾ رهنمائي فراهم ڪري رهيو آهي. ايتريقدر جو سر آرٿر اڊنگٽن جديد ڪو انٽم نظرئي کي الهام جي سائنسي تصديق قرار ڏنو آهي. قرآن پاڪ جو هيءُ بيان ويهين صديءَ جي انسان لاءِ شايد ان کان وڌيڪ سمجهڻ جي قابل آهي، جيترو ستين صديءَ جي انسان لاءِ ٿي سگهي پيو.
    ” وَ اَوْحٰی فِیۡ كُلِّ سَمَآءٍ اَمْرَہَا ؕ (حٰم سجده 14) ۽ خدا هر آسمان تي پنهنجو حڪم لاٿو.
    ان کانپوءِ اسان جڏهن انسان جي مسئلي تي غور ڪريون ٿا، ته معلوم ٿئي ٿو ته انسان جي زندگيءَ جا ٻه حصا آهن: هڪ اهو جنهن کي حياتياتي حصو چئي سگهجي ٿو ۽ ٻيو اهو جنهن کي نفسياتي حصو چئي سگهجي ٿو. انساني زندگيءَ جو حياتياتي حصو بلڪل اهڙي طرح مڪمل طور تي خارجي قانون جو پابند آهي جهڙي طرح ڪائنات جون ٻيون شيون ان جي پيروي ڪري رهيون آهن. اها شي جنهن کي ميڊيڪل سائنس چيو وڃي ٿو، ان جو ڪم صرف اهو آهي ته اها انهن مخفي فطري قانونن کي دريافت ڪري جنهن مطابق انساني زندگيءَ جو حياتياتي حصو ڪم ڪري ٿو ۽ ان کي ان انساني حصي تي استعمال ڪري. هاڻي جيڪڏهن اهو مڃيو وڃي ته اهو فطري قانون جيڪو ستارن ۽ سيارن کان وٺي انسان جي حياتياتي حصي تائين ڪار فرما آهي، ان جو ماخذ اهو الهام آهي، جيڪو ان ڪامل شعور جي طرفان هر هڪ کي پهچي رهيو آهي ته ان کان پوءِ انهي تي قياس ڪندي، اهو مڃڻ پاڻمرادو آسان ٿي وڃي ٿو ته انسان جي نفسياتي حصي لاءِ قانون جو تعين به انهيءَ شعور جي طرفان ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ طرفان هئڻ گهرجي.
    خالص عقلي لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته انهي استدلال جو بنياد هڪ ”قياس“ تي قائم آهي پر اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته انسان جي بناوٽ ڪجهه اهڙي ڍنگ تي ٿيل آهي جو قياسي استدلال کان انڪار ان لاءِ ممڪن ئي نه آهي. جيڪڏهن قياسي استدلال کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪبو ته لازمي طور تي انسان کي شڪ جي واديءَ ۾ پناهه وٺڻي پوندي جيڪو عملي طور تي ناممڪن آهي.
    قرآن پاڪ به انهيءَ معاملي ۾ جواب جو اهو ئي انداز اختيار ڪيو آهي:
    وَ یَسْـَٔلُوۡنَکَ عَنِ الرُّوۡحِ ؕ قُلِ الرُّوۡحُ مِنْ اَمْرِ رَبِّیۡ وَمَاۤ اُوۡتِیۡتُمۡ مِّنَ الْعِلْمِ اِلَّا قَلِیۡلًا ﴿۸۵﴾
    (توهان کان وحيءَ جي باري ۾ پڇن ٿا. توهان چئو، ته وحي خدا جو حڪم آهي ۽ توهان کي ٿورو علم ڏنو ويو آهي.)
    هتي وحيءَ جي متعلق سوال جي جواب ۾ ٻه ڳالهيون چيون ويون آهن. هڪ هيءُ ته اهو الاهي امر آهي ۽ ٻيو ته توهان کي ٿورڙو علم ڏنو ويو آهي. پهرئين حصي جو مطلب هيءَ آهي ته وحي اهڙي طرح انسان لاءِ الاهي امر آهي، جهڙي طرح سموري ڪائنات جو نظام الاهي امر (فطرت جي قانون) جي مطابق آهي ۽ هيءَ ڪا منفرد شيءَ نه آهي، پر انساني دائري ۾ اهائي شيءِ آهي، جنهن جو مشاهدو ڪائنات جي دائري ۾ ٿي رهيو آهي. ٻئي حصي جو مطلب هيءَ آهي ته وحيءَ کي عقلي طور تي سمجهڻ جو پهريون شرط هي آهي ته توهان انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪيو، ته انسان کي ٿورڙو علم ڏنو ويو آهي کيس گهڻو علم نه ڏنو ويو آهي. انهيءَ حقيقت کي مڃي ڪري اڳتي هلندؤ ته وحيءَ جي حقيقت سمجهي وٺندؤ ۽ جيڪڏهن انهيءَ حقيقت جو انڪار ڪري سمجهڻ چاهيندؤ، ته ان کي سمجهي نه سگهندؤ.
    عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته چوڏهن سئو سال پهريائين جو اعلان اڄ سائنس جي جديد ترين مرحلي تي پنهنجي سچائي کي وڏي شدت سان ثابت ڪري رهيو آهي. پهرين مهاڀاري لڙائي (18 – 1914ع) سان جنهن نئين سائنسي دور جو آغاز ٿيو آهي، تنهن يقيني طور تسليم ڪيو آهي، ته انسان ڪجهه حياتياتي ۽ نفسياتي حد بندين جو شڪار آهي. ان ڪري هو سمورين حقيقتن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي نه ٿو سگهي. ان لاءِ ضروري آهي، ته هو پنهنجي علم جي نقص واري ڪميءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ مروج سائنسي طريقن ۾ ڪجهه اهڙن طريقن جو اضافو ڪري جيڪي اڻويهين صديءَ تائين غير سائنسي سمجهيا پئي ويا.
    آئن اسٽائن ڪائنات جي باري ۾ جيڪي انقلابي سائنسي نظريا ٺاهيا، ان سلسلي ۾ هن اعتراف ڪيو ته هيءَ ڪم انهي طريقي جي پابنديءَ سان نه ٿو ٿي سگهي، جيڪو مثال طور گيس جي حرڪي نظرئي ۾ ڪارآمد آهي. هتي هن ترڪيبي طريقي جي بجاءِ تحليلي طريقي کان ڪم ورتو. هن سائنسي نظرين کي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪيو: هڪ عمارتي نظريو (Ceonstruetive theories) ۽ ٻيو اصولي نظريو Prineiple theories) هن جو چوڻ هو ته اضافيت واري نظرئي کي سمجهڻ لاءِ صرف ٻئي قسم وارو نظريو ڪم ڏئي سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾ هن ڪائنات جي اونهين حقيقتن کي سمجهڻ لاءِ سائنسي مشاهدي بدران هڪ قسم جي سائنسي تصور جي وڪالت ڪئي آهي. انهيءَ لحاظ کان هڪ پروفيسر آئن اسٽائن جي نظرئي جو خلاصو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”ابدي حقيقتن جي بحث ۾ تجربي جو دائرو گهٽجي وڃي ٿو ۽ تصور جو دائرو وڌي وڃي ٿو.“
    قرآن جي دعويٰ آهي ته: هي هڪ الهامي قانون آهي، جيڪو انسانن جي رهنمائي لاءِ نازل ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه ته هيءُ واقعي هڪ الهامي قانون آهي، ان لاءِ خود قرآن وڏو عجيب دليل ڏنو آهي. ان اعلان ڪيو آهي ته انسان ڪڏهن به ان جهڙو ڪتاب نه ٺاهي سگهندو، جيتوڻيڪ ان لاءِ ڪيتري به ڪوشش ڪري.
    ”وَ اِنۡ كُنۡتُمْ فِیۡ رَیۡبٍ مِّمَّا نَزَّلْنَا عَلٰی عَبْدِنَا فَاۡتُوۡا بِسُوۡرَۃٍ مِّنۡ مِّثْلِہٖ ۪ وَادْعُوۡا شُہَدَآءَكُمۡ مِّنۡ دُوۡنِ اللہِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیۡنَ “ (بقره 23)
    (جيڪڏهن توهان هن ڪتاب جي باري ۾ شڪ ۾ آهيو، جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي نازل ڪيو آهي ته ان جهڙي ڪا سورت ٺاهي ڏيکاريو.)

    ” قُلۡ لَّئِنِ اجْتَمَعَتِ الۡاِنۡسُ وَالْجِنُّ عَلٰۤی اَنۡ یَّاۡتُوۡا بِمِثْلِ ہٰذَا الْقُرْاٰنِ لَا یَاۡتُوۡنَ بِمِثْلِہٖ وَلَوْ کَانَ بَعْضُہُمْ لِبَعْضٍ ظَہِیۡرًا (بني اسرائيل – 88)“
    (چئو ته جيڪڏهن جن ۽ انسان گڏجي ڪو قرآن جهڙو ٺاهي آڻين ته اهي هرگز نه آڻي سگهندا، چاهي اهي سڀ هڪٻئي جا مددگار بڻجي وڃن.)

    فلسفي جي انسائيڪلوپيڊيا جي ليکڪ جي لفظن ۾ فلسفيانه لحاظ کان جيڪو بنيادي سوال پيدا ٿئي ٿو اهو هي آهي ته اهو ڪهڙو معيار آهي، جهن تي الهام جي دعويٰ کي پرکي سگهجي ٿو.
    The main philosophical question that arises concern the criteria by which revelation claims may be judged.
    قرآن جي سلسلي ۾ جيڪڏهن اسان ائين ڪري سگهون ته ان جي مٿئين بيان ڪيل دعويٰ کي ان جاچ جو معيار مڃيون ته پوءِ هيءَ معيار حيرت جي حد تائين هيءَ ثابت ڪري رهيو آهي ته اهو خدائي الهام آهي. گذريل چوڏهن سئو سالن جي تاريخ ۾ قرآن ۽ اسلام جا بي شمار دشمن پيدا ٿيا. اهي ان چئلينج جي جواب ۾ قرآن جهڙو هڪ ڪتاب عربي زبان ۾ تيار ڪري نهايت آسانيءَ سان ان کي شڪست ڏئي پئي سگهيا ۽ يقيناََ ڪيترن ماڻهن ان لاءِ ڪوششون به ڪيون، پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته مسيلمه ڪذاب (633) ۽ ابن مقفع (761 – 724) کان وٺي صليبي جنگين (1271 – 1095ع) کانپوءِ پيدا ٿيندڙ مسيحي مستشرقين تائين ڪو به ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.
    هن وقت تائين جي مطالعي اسان کي جتي پهچايو آهي، ان ۾ جيڪڏهن هڪ ٻيو نتيجو ملايو وڃي ته شايد هن چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته بحث هيٺ آيل مسئلو ڪافي حد تائين سمجهڻ جي قابل ٿي وڃي ٿو. اهو هي ته الاهي قانون جيڪي قانوني اصول اڄ کان ڏيڍ هزار سال پهريائين متعين ڪيا هئا، سي حيرت جي حد تائين پنهنجي صداقت کي باقي رکيو ويٺا آهن. نه رڳو ايترو پر ان وچ ۾ انساني قانونن ان رد ڪندي جيڪي متبادل اصول مقرر ڪيا هئا، سي ٻه سئو سالن جي تجربي ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي علم جو درياهه ٻيهر انهيءَ رخ ۾ وهي رهيو آهي، جتان ان الاهي قانون کي ڇڏيو هو. انساني قانون جي مقابلي ۾ الاهي قانون جي اها ابديت ان وقت سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي جڏهن اهو مڃيو وڃي ته ان جو بنياد انساني ذهن کان ٻاهر ڪنهن ابدي ذهن ۾ موجود آهي. اسان هيٺ ڪجهه مثال ڏيون ٿا:
    1- الاهي قانون ۾ فرد جي آزاديءَ کي خدائي حڪم جو پابند بڻايو ويو آهي:
    ” یَقُوۡلُوۡنَ ہَلۡ لَّنَا مِنَ الۡاَمْرِ مِنۡ شَیۡءٍ ؕ قُلْ اِنَّ الۡاَمْرَ كُلَّہٗ لِلہِ “ (آل عمران 154)
    (چون ٿا ته امر ڪجهه اسان جي هٿ ۾ به آهي ڇا؟ چئو ته امر سڀ جو سڀ الله جي هٿ ۾ آهي. )
    يورپ جي نئين سر اُڀار (نشاة الثانيه) کان پوءِ عالمي ذهن ۾ جيڪو انقلاب آيو ان هن اصول کي غلاميءَ سان تعبير ڪيو. انهن اعلان ڪيو ته آزادي انسان جو سڀ کان وڏو قدر آهي. فرانس جي انقلاب (1789ع) کان وٺي اڄ تائين انهيءَ اصول کي ٻه سئو سال تجربي ڪرڻ جو موقعو مليو، پر انهيءَ تجربي جو آخري نتيجو هيءُ آهي، ته هاڻي اهڙا محقق پيدا ٿي رهيا آهن، جيڪي فرد جي آزادي کي بي مقصد قرار ڏئي رهيا آهن. پروفيسر اسڪنر جو چوڻ آهي ته اسان آزادي جي ٻوجهه کي برداشت ئي نه ٿا ڪري سگهون. ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ جي ابتڙ اڪثر محققن جو چوڻ آهي ته آزادي ڪا وڏي ڀلائي واري شيءِ نه آهي . انسان کي لا محدود آزادي نه پر پابند نظام گهرجي. انساني فڪر جي هيءَ واپسي الاهي قانون جي هميشگيءَ جو اڻ سڌي طرح اعتراف آهي.
    2- الاهي قانون جي روشنيءَ ۾ مرد ۽ عورت جو دائره ڪار الڳ الڳ آهي ۽ عملي زندگي ۾ مرد کي عورت تي فوقيت ڏني وئي آهي. اَلرِّجَالُ قَوّٰمُوۡنَ عَلَی النِّسَآءِ (نسآء 33) مرد عورتن جي مٿان قوام آهن.
    انساني قانونن انهيءَ اصول کي مڪمل طور تي غلط قرار ڏنو. پر سئو سالن جي تجربي ٻڌايو ته الاهي قانون ئي انهيءَ معاملي ۾ حقيقت جي بلڪل قريب آهي. عورتن جي آزاديءَ جون تحريڪون سمورين ڪاميابين جي باوجود اڄ به ”مهذب“ دنيا ۾ اهوئي برتر جنس جي حيثيت رکي ٿو. عورتن جي آزادي جا علمبردار هيءُ چون ٿا ته عورت ۽ مرد جو فرق صرف سماجي حالتن جي پيداوار آهي، پر موجوده زماني ۾ مختلف واسطيدار شعبن ۾ انهيءَ مسئلي جو گهرو مطالعو ڪيو ويو آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته صنف جي فرق جي پٺيان حياتياتي سبب ڪارفرما آهن. هارورڊ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر جيروم ڪاگن پنهنجي مطالعي جي آڌار تي ٻڌائي ٿو ته مرد ۽ عورت ۾ ڪجهه نفسياتي فرق صرف معاشرتي تجربن جي ڪري نه ٿو ٿي سگهي، بلڪ اهو لطيف قسم جي حياتياتي فرق جي پيداوار آهي. هڪ آمريڪي سرجن ايگر برمان جو فيصلو آهي ته ”عورتون پنهنجي هارمون جي بناوت سبب اقتدار جي منصب لاءِ جذباتي ثابت ٿي سگهن ٿيون.“
    آمريڪا ۾ عورتن جي آزاديءَ جون تحريڪون ڪافي طاقتور آهن پر هاڻي ان جا حامي محسوس ڪرڻ لڳا آهن ته ان جي راهه ۾ اصل رڪاوٽ سماج يا قانون نه بلڪه خود فطرت آهي. فطري طور تي ائين ئي آهي ته عورت ڪجهه حياتياتي حدن جو شڪار آهي. مرد جي هارمون ۽ عورت جي هارمون جو فرق ٻنهي جي زندگيءَ جي شروعات ۾ ئي موجود هوندو آهي. تنهنڪري عورتن جي تحريڪ جا پرجوش حامي چوڻ لڳا آهن ته ”فطرت ظالم آهي، اسان کي گهرجي ته پيدائشي سائنس جي ذريعي جينيٽڪ ڪوڊ کي بدلايون ۽ نئين قسم جا مرد ۽ نئين قسم جون عورتون پيدا ڪريون.“ هيءَ آهي اهو آخري انجام جيڪو آمريڪي عورت جو نعرو ”پاليسي ٺاهيو، ڪافي (Coffee) نه ٺاهيو“ دنيا جي سڀ کان وڏي ترقي يافته ملڪ ۾ ٿيو آهي.
    هيءَ حقيقت ان ڳالهه جو تجرباتي نتيجو آهي ته انساني قانون جي مقابلي ۾ الاهي قانون ۾، فطرت جي تمام گهڻي رعايت رکي وئي آهي.
    3- الاهي قانون ۾ سزا جو مقصد ٻين لاءِ عبرت ٻڌايو ويو آهي. انهيءَ ڪري الاهي قانون ڪن ڏوهن جون نهايت سخت سزائون مقرر ڪيون آهن، ته جيئن هڪ جو انجام ڏسي ٻيا ان کان رڪجي وڃن. پر جديد دور ۾ ان کي رد ڪيو ويو آهي. پهريون شخص جنهن ڏوهارين جي سزا ۾ گهٽتائي جي وڪالت ڪئي، سو ڏوهن جو ماهر اٽلي جو ڪيساري بيڪريا (1794 – 1738) هو. ان کانپوءِ اڄ تائين ڏوهن جي موضوع (Criminalogy) تي وڏو ڪم ٿيو آهي. ماهرن جو عام طور تي اهو خيال ٿي ويو هو ته ڏوهه ڪو ”ارادي واقعو“ نه آهي. ان جا سبب حياتياتي بناوٽ، ذهني بيماري، معاشي تنگي ۽ سماجي حالتون وغيره ٿين ٿا. ان ڪري مجرم کي سزا ڏيڻ بدران ان جو علاج ڪرڻ گهرجي. ايتريقدر جو ٽن درجن کان مٿي اهڙاملڪ آهن، جن پنهنجي ملڪ ۾ موت جي سزا کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ خاتمو به صرف اخلاقي ڏوهن جي حد تائين ٿيو آهي. سياسي ۽ فوجي ڏوهن جي سلسلي ۾ اڄ به هر ملڪ ضروري سمجهي ٿو ته ڏوهاريءَ کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.
    پر ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ڏوهن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي. انهن کي روڪڻ جون سموريون اصلاحي تدبيرون ناڪام ٿي چڪيون آهن. ان ڪري ڪيترن ملڪن مثلاََ ڊيلاوير ۽ سري لنڪا وغيره ۾ پهريائين موت جي سزا ختم ڪئي وئي هئي، هاڻي ان کي ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي. قانون جي ماهرن ۾ ٻيهر اهڙا ماڻهو پيدا ٿي رهيا آهن جيڪي ان جي اهميت کي تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. هڪ قانوندان جو چوڻ آهي ته ”ماڻهن ۾ اهو تاثر عام ٿيڻ ته ڪنهن شخص کي قتل ڪرڻ ڏوهاريءَ کي موت جي سزا جو مستحق بڻائي ٿو، پنهنجي اندر ڏوهه کي روڪڻ جي وڏي طاقت رکي ٿو.“ هيءُ تجربو انهي تصور جي تصديق ڪري ٿو ته ڏوهه جي سزا جو مسئلو جن ڏکين سوالن سان گهري واقفيت چاهي ٿو، الاهي قانون ۾ ان جي رعايت انساني قانون کان وڌيڪ رکيل آهي. مٿي جيڪو ڪجهه ذڪر ڪيو ويو آهي، ان جو خلاصو هيٺين لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو:

    1- انساني قانون قبول ڪرڻ جي لائق قانوني اصول ڳولڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهيا آهن. وڌيڪ اهو ته هو آئنده به ناڪام ئي رهندا، ڇاڪاڻ ته انسان جون حد بنديون ان راهه ۾ رڪاوٽ وجهي رهيون آهن.
    2- ان واقعي جنهن، انسان لاءِ قانوني اصول کي دريافت ڪرڻ کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، ان ۾ الاهي قانون جي سچائيءَ جو ضابطو لڪل آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف انسان جي ذهن جي محدود صلاحيت ۽ ٻئي پاسي حقيقتن جي وسعت ظاهر ڪري ٿي ته ڪو اهڙو ذهن هجي، جيڪو انساني ذهن کان اعليٰ هجي جيڪو پنهنجي اندر سمورين حقيقتن کي سمائي سگهي.
    3- ڪائنات ۾ اهڙيون حقيقتون به آهن، جيڪي فطرت ۽ جبلت ۾ الهام جي امڪان کي ثابت ڪري رهيون آهن (يعني جبلت ۽ فطرت هيٺ عملي سرگرميون به الهام جون مظهر آهن جن کي طبعي الهام چيو ويندو آهي) الاهي قانون ان ۾ صرف هيءَ اضافو ڪري ٿو ته ان الهام جي دائري کي هو انسان تائين وسيع ڪري ٿو. اهو واقعو انهيءَ مفروضي جي وڌيڪ تائيد ڪري ٿو ته موجوده الاهي قانون ۾ ڪجهه اهڙيون اعليٰ درجي جون امتيازي خصوصيتون آهن، جيڪي ان وقت سمجهه ۾ اچي سگهن ٿيون، جڏهن اهو مڃجي ته اهو قانون ڪنهن اهڙي ذهن جي تخليق آهي، جيڪو انسان جي مقابلي ۾ وڌيڪ وسيع طور تي حقيقتن جو گهيرو ڪيل آهي.

    ڪجهه سوال
    جيڪڏهن هيءُ مڃجي ته الاهي قانون ئي قانوني اصول جي تلاش جو جواب آهي تڏهن به ڪجهه سوال باقي رهجي وڃن ٿا:
    1- مختلف مذهب ”الاهي قانون“ کي مڃڻ جا دعويدار آهن ۽ منجهن ڪافي اختلاف به آهن، انهيءَ صورت ۾ ڪهڙو معيار هوندو جنهن جي بنياد تي ڪنهن هڪ مذهب جي قانون کي الاهي قانون قرار ڏنو ويندو؟
    2- ڪنهن مذهب کي معيار بنائڻ کانپوءِ هي سوال اڳيان اچي ٿو ته ان جي داخلي اختلافن يا تضادن کي حل ڪرڻ جي صورت ڪهڙي ٿيندي؟
    3- هيءَ الاهي قانون هزار سالن کان به وڌيڪ قديم زماني کان هلندو پيو اچي. ان دوران زندگيءَ ۾ بي شمار تبديليون اچي چڪيون آهن، پوءِ ان کي نئين صورتحال جي مطابق ڪيئن موافق بڻائي سگهجي ٿو؟
    اهي ٽئي وڏا سوال آهن، انهن مان هر هڪ جي باري ۾ هيٺ مختصر عرض رکجي ٿو.
    مذهبن جي گهڻائيءَ مان اها ڳالهه يقيني طور تي ثابت ٿئي ٿي ته هر زماني ۽ هر قوم ۾ خدا جي طرفان پنهنجو قانون موڪليو ويو پر انهن جو پاڻ ۾ اختلاف هي به ثابت ڪري ٿو ته انهن مان ڪو هڪ ئي هوندو، جنهن کي الاهي قانون جو صحيح نمائندو قرار ڏئي سگهبو. ان جو بلڪل سنئون ۽ سادو علمي طريقو هيءَ آهي ته ان کي تاريخ جي معيار تي پرکيو وڃي ۽ جنهن مذهب جو تاريخي طور تي محفوظ ۽ معلوم هجڻ ثابت ٿي وڃي، ان کي ورتو وڃي.
    جيڪڏهن مان هيءُ چوان ته تاريخ جي پرک جي ڪسوٽيءَ تي صرف هڪ ئي مذهب پورو لهي ٿو ۽ اهو اسلام آهي ته يقيني طور تي ڪنهن علم جي ماهر جي معلومات ۾ ڪو به اضافو نه ڪندس. اوهان جيڪڏهن ڪا بايوگرافيڪل ڊڪشنري کوليندؤ ته سمورن پيغمبرن ۾ محمد صلي الله عليه وآليه وسلم اڪيلو نظر ايندو، جنهن جي نالي جي اڳيان عام قاعدي مطابق ڏنگيءَ ۾ (632 – 570) لکيل هوندو، جهڙي طرح ٻين تاريخي شخصيتن جي نالي جي اڳيان هوندو آهي. حضرت محمد صلي الله عليه وآليه وسلم واحد پيغمبر آهي، جنهن جي زندگيءَ جو سمورو احوال تاريخ جي تحريري رڪارڊ ۾ محفوظ آهي. سندن متعلق هر ڳالهه معلوم آهي. سندن استعمال ۾ ايندڙ ذاتي شيون ۽ لکيل خط به اصلي حالت ۾ موجود آهن. ايستائين جو هم عصر مورخن جي لکڻين ۾ به ان جو نالو قائم ۽ دائم آهي. مثال طور سندن زماني ۾ ستين صدي عيسويءَ ۾ آرميني زبان ۾ هڪ ڪتاب (chronicle sebeos) لکيو ويو . انهيءَ ڪتاب جو آرميني متن 1879 ع ۾ 118 صفحن تي شايع ڪيو ويو. ان کانپوءِ روسي ۽ ٻين زبانن ۾ ان جا ترجما ٿيا. انسائيڪلو پيڊيا آف رليجن ۽ اٿيڪس جي ليکڪ پروفيسر مارگوليٿ (1940 – 1858ع) حضرت محمدﷺ جي باري ۾ مٿين ڪتاب جي متن جو خلاصو هنن لفظن ۾ نقل ڪيو آهي: ”هو اسماعيل ؑ جي اولاد مان هو، جنهن پنهنجي ملڪ جي رهواسين کي اها تعليم ڏني هئي ته اهي ابراهيم ؑ جي مذهب کي اختيار ڪن ۽ اها دعويٰ ڪئي هئي ته خدا پنهنجي انهن واعدن کي پورو ڪندو، جيڪي هن اسماعيلؑ جي اولاد سان ڪيا هئا. “ اها صرف حضرت محمدﷺ جي خصوصيت آهي جو جڏهن به محقق سندن متعلق قلم کڻندو ته اهو هيءُ لکڻ تي مجبور ٿي پوندو ته پاڻ سڳورا تاريخ جي ڪامل روشنيءَ ۾ پيدا ٿيا. اهڙي طرح اهو قرآن جنهن کي حضرت محمدﷺ هيءَ چئي ڪري پيش ڪيو ته ”هيءَ مون ڏانهن خدا جي طرفان آيو آهي،“ اهو پنهنجي اصل شڪل ۾ ڪامل نموني تي محفوظ آهي. سمورا محقق ان کي هڪ حقيقت تسليم ڪن ٿا. اهو صرف قرآن جي ئي خصوصيت آهي، جو ان جي باري ۾ جڏهن توهان ڪنهن محقق کي پڙهندؤ ته ان جي طرفان لکيل ملندو، ته ”قرآن بلڪل مستند شڪل ۾ محفوظ آهي. حضرت محمدﷺ جيڪي لفظ الهام طور پنهنجي زبان سان ادا ڪيا هئا، قرآن بلڪل انهن ئي لفظن تي مشتمل آهي ۽ سندن ئي زندگيءَ ۾ مرتب ڪيو ويو هو.“
    مقدس ڪتابن جي تاريخ ۾ هيءَ ڳالهه انتهائي عجيب آهي ته هرڻ جي کل تي لکيل اهو قرآن اڄ به تاشقند جي لئبريريءَ ۾ محفوظ آهي، جيڪو اسلام جي پيغمبر جي نياڻي ۽ ٽئين خليفي عثمان ؐ (656 – 624) جي مطالعي هيٺ رهندو هو. قرآن جي ابتدائي نسخن ۽ موجوده شايع ٿيندڙ نسخن ۾ هڪ لفظ جو به فرق نه آهي. سروليم ميور لکي ٿو:
    ”اهو ئي نڪتو آهي، ته مسلمانن جا سمورا فرقا هر زماني ۾ قرآن جي هڪ نسخي جا مڃيندڙ رهيا آهن ۽ اهو قطعي طور تي ثابت آهي ته جيڪو قرآن اڄ اسان جي هٿ ۾ آهي، سو اهوئي قرآن آهي، جنهن کي عثمان ؐ جي حڪم تي جمع ڪيو ويو. منهنجو گمان آهي ته قرآن کانسواءِ سموري دنيا ۾ ٻيو ڪو به ڪتاب نه آهي، جنهن جو متن ٻارنهن صديون گذرڻ کانپوءِ به ايترو محفوظ ۽ تبديلي کان پاڪ رهيو هجي.“
    ان لحاظ کان مان هيءَ ڳالهه چوڻ ۾ بلڪل حق تي آهيان، ته الاهي قانون جي بنيادي صداقت کي تسليم ڪرڻ کانپوءِ انهن مان ڪنهن هڪ کي اختيار ڪرڻ جو سڀ کان بهتر ۽ شڪ شبهي کان محفوظ علمي معيار تاريخ ئي ٿي سگهي ٿي ۽ يقيني طور تي اهو معيار قرآن جي حق ۾ گواهي ڏئي رهيو آهي.
    هاڻي سوال هيءَ آهي ته خود اسلام جي اندروني اختلافن کي ڪهڙي طرح حل ڪيو وڃي. هي مسئلو ظاهر ۾ خوفناڪ معلوم ٿئي ٿو، هيءُ ان وقت بلڪل معمولي نظر اچي ٿو، جڏهن اسان هن حقيقت کي سامهون رکون ته انساني طبيعت ۾ اختلاف جي ڪري تعبير ۽ تشريح ۾ اختلاف اڻ ٽر آهي. هيءَ زندگي جي هڪ حقيقت آهي، نه ڪي زندگي جو هڪ مسئلو. ان جو نهايت سادو حل قرآن هيءُ تجويز ڪيو آهي ته جڏهن ڪو اختلافي سوال اڀري اچي ته هر شخص ان تي پنهنجي طبع آزمائي نه ڪري بلڪ ان کي اهڙن ماڻهن وٽ کڻي وڃي، جيڪي علم ۽ تحقيق جا مالڪ آهن.
    ” وَ اِذَا جَآءَہُمْ اَمْرٌ مِّنَ الۡاَمْنِ اَوِ الْخَوْفِ اَذَاعُوۡا بِہٖ ؕ وَلَوْ رَدُّوۡہُ اِلَی الرَّسُوۡلِ وَ اِلٰۤی اُوْلِی الۡاَمْرِ مِنْہُمْ ؕ لَعَلِمَہُ الَّذِیۡنَ یَسْتَنۡۢبِطُوۡنَہٗ مِنْہُمْ ؕ “ (نسآء 83) (جڏهن انهن وٽ امن يا خوف جي ڪا خبر پهچي ٿي ته ان کي ڦهلائين ٿا. جيڪڏهن اهي ان کي رسول ۽ اولي الامر تائين پهچائين ته ان کي اهي ماڻهو ڄاڻي وٺن ها، ڇاڪاڻ ته اهي تحقيق ڪرڻ وارا آهن. )
    هيءُ اختلاف پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ پهريون قدم آهي، پر جيڪڏهن اولي الامر جي علمي مجلس به ڪنهن هڪ راءِ تي نه پهچي ته آخري تدبير اها ٻڌائي وئي آهي ته راءِ شماريءَ جي ذريعي ڪنهن نتيجي تي پهچي ان مطابق عمل ڪيو وڃي . ”و امرہم شوریٰ بینھم (شوريٰ 28) “ يعني انهن جو ڪم پاڻ ۾ هڪٻئي سان مشوري سان ٿيندو آهي.
    ان جو مطلب هيءُ آهي ته الاهي قانون جو اندروني اختلاف صرف هڪ علمي مسئلو آهي پر ڪو پيچيده عملي مسئلو نه آهي. الاهي قانون ۾ جيئن ته بنيادي اصول طئي ٿيل آهن، ان ڪري علمي بحث ان جي دائري ۾ ٿيندا. اهڙن بحثن سان نه صرف هيءُ ته ڪا حقيقي خرابي پيدا نه ٿي ٿئي بلڪه اها ڪيترن ئي پهلوئن جي لحاظ کان فڪري ارتقا ۾ مددگار پڻ آهي. جيستائين عملي ضرورت لاءِ ڪنهن هڪ تعبير جي تعين جو سوال آهي، ته اهو اجتماعي اداري يا پارليامينٽ جي ذريعي پورو ٿي وڃي ٿو.
    نين پيدا ٿيندڙ حالتن جي سلسلي ۾ الاهي قانون جي رهنمائي ڪهڙي طرح حاصل ٿيندي؟ ان جو جواب اجتهاد آهي. اجتهاد جو مطلب سادن لفظن ۾ هيءُ آهي ته خدا جيڪو بنيادي قانون (قرآن جي صورت ۾ ) ڏنو آهي ۽ خدا جي رسول صلي الله عليه وآليه وسلم ان جي جيڪا زباني يا علمي تشريح ڪئي آهي، ان جو گهرو علم حاصل ڪرڻ ۽ ان کي سامهون رکي، پيش ايندڙ مسئلن ۾ الاهي قانون جو لاڳاپو (انطباق) تلاش ڪرڻ، ان انطباق جو مطلب صرف اهو نه آهي ته قرآن ۽ حديث جي قانوني شِقن کي اخذ ڪري انهن کي هر دور ۾ نافذ ڪبو رهجي بلڪه ان ۾ خود ٻاهرين دنيا جي مقابلي ۾ نه ٽڪرائيندڙ قانونن کي الاهي قانون جي جوڙ جڪ ۾ قبول ڪرڻ به شامل آهي. مثال طور ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضه جي زماني ۾ عراق، مصر، شام فتح ٿيا، ته پاڻ انهن ملڪن ۾ پهريائين مروج رومي، يوناني ۽ ايراني زمين جي ڍل جو سرشتو بحال رکيو. البت جيڪي شيون غلط نظر آيون، تن ۾ اصلاح ۽ ترميم آندي. اهڙي طرح ملڪ ۾ اچڻ ۽ وڃڻ وارين شين تي ٽيڪس ۽ محصول لاءِ هيءَ قانون مقرر ڪيو هو، ته ٻاهرين دنيا ۾ مسلمان واپارين سان جيڪو معاملو ڪيو وڃي ٿو اهو ئي معاملو اتان جي واپارين سان اسلامي سلطنت ۾ ڪيو ويندو.
    اجتهاد جو عمل اسلام جي هزار سالن جي تاريخ ۾ تسلسل سان جاري آهي. مديني جي ابتدائي رياست هڪ سادي عرب رياست هئي، جنهن ۾ اسلام جي پيغمبر الاهي قانون کي نافذ ڪيو. ان کانپوءِ خلافت راشده جي زماني ۾ جڏهن پسگردائيءَ جا ترقي يافته ملڪ اسلامي رياست ۾ شامل ٿيا، ته ڪيترائي نوان نوان مسئلا پيدا ٿي پيا. ان وقت حضرت عمر فاروق (644 -636) اجتهاد جي ذريعي نئين حالتن جي مطابق الاهي نظام کي قائم ڪيو، جنهن جو تفصيل مولانا شبلي نعماني (1914 – 1857) جي ڪتاب ”الفاروق“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ان کان پوءِ عباسي خلافت جي زماني ۾ جڏهن اسلامي سلطنت کي وڌيڪ وسعت حاصل ٿي ۽ نظام وڌيڪ وسيع ۽ ڏکيو بڻجي ويو ته امام ابو يوسف (798 – 782) سامهون آيو. هو نه صرف ان وقت جي سڀ کان وڏي سلطنت جو قاضي القضاة هو، بلڪ موجوده زماني جي اصطلاح ۾ وزارت قانون جو عهدو به وٽس هو. هن الاهي قانون کي ڪشادين حالتن سان هم آهنگ بڻايو، جنهن جو رڪارڊ خود سندس تصنيف ڪيل ڪتاب ”الخراج“ ۾ موجود آهي. ان کانپوءِ اڻويهين صديءَ ۾ جڏهن دنيا جي حالتن ۾ ٻيهر انقلابي تبديليون آيون، ته ترڪي جي سلطان عبدالعزيز عثماني (1876 – 1860) جي حڪم تي قانون فقه ۽ عدليه جي اعليٰ عهديدارن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن قانونن جو هڪ مجموعو مرتب ڪيو، جيڪو ”مجله الاحڪام الشرعيه“ جي نالي سان مشهور آهي. هن مجموعي ۾ اسلامي فقه جي ان حصي کي جنهن کي ”شهري قانون“ يا ”ديواني قانون“ چئجي ٿو، شق وار قانونن جي شڪل ۾ مرتب ڪيو ويو آهي. هيءَ قانون 1918ع تائين عثماني خلافت ۾ رائج رهيو ۽ مصر، سوڊان، شام، حجاز، عراق ۽ مشرقي اردن جون حڪومتون ان مطابق فيصلا ڪنديون هيون. اڄ به سعودي عرب ۽ اردن ۾ اهو قانون ٿوري گهڻي ترميم سان رائج آهي. ”الاحکام الشرعيه“ جو اهو مجموعو ابتدا ۾ عربيءَ ۽ ترڪيءَ۾ هو، ان کانپوءِ ان جا ترجما انگريزيءَ ۽ ٻين زبانن ۾ ٿي چڪا آهن.
    اجتهاد جو اهو طريقو اختيار ڪري الاهي قانون کي وقت جي ضرورتن مطابق بڻائي سگهجي ٿو ۽ آئنده به اهو سلسلو جاري رهندو.


    پڄاڻيءَ جو آغاز

    آمريڪا ۾ تازو هڪ نئين فڪري تحريڪ اڀري آهي، جنهن کي عام طور تي ”خاتميت“ چيو وڃي ٿو. هن تحريڪ جو هڪ ابتدائي تعارف ٽائيمس آف انڊيا (18 آڪٽوبر 1990ع) ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اهو واشنگٽن ۾ مقرر هن اخبار جي نمائندي مسٽر گوتم اڌيڪاري جو لکيل آهي ان جو عنوان آهي ته ”پڄاڻيءَ جو آغاز – ڇا تاريخ رڪجي سگهي ٿي“
    ميني سوٽا جي هڪ ڪاليج ۾ آڪٽوبر 1989ع ۾ هڪ سيمينار ٿيو، جنهن جو موضوع هو، ”سائنس جو خاتمو“ هن سيمينار جي انتظام ڪندڙن ان جي تعارف ۾ لکيو هو ته جڏهن اسان اڄوڪي دنيا جو مطالعو ڪريون ٿا ته اسان کي هيءَ اڻ وڻندڙ احساس ٿئي ٿو ته اسان سائنس جي خاتمي واري دور ۾ پهچي چڪا آهيون. سائنس گڏيل عالمي ۽ موضوعي ڪوششن جي حيثيت ۾ هينئر ختم ٿي چڪي آهي.
    آمريڪا جديد ترقي يافته دنيا جو اڄڪلهه اڳواڻ آهي. آمريڪا جي اڳوڻي صدر هنري ٽرومين 1947ع ۾ فخر سان چيو هو ته ويهين صدي آمريڪا جي صدي آهي ۽ آمريڪا آزاد دنيا جو اڳواڻ آهي. پر صديءَ جي خاتمي کان پهريائين آمريڪا جي عالمي اڳواڻيءَ وارو خواب چڪنا چور ٿي ويو آهي. انهيءَ نئين فڪر جي شروعات آمريڪا ۾ 1960ع ۾ ٿي، جڏهن ڊينئل بيل جو ڪتاب ”نظرئي جو خاتمو“ شايع ٿيو. 1989ع ۾ فوڪوياما جي ڪتاب ”تاريخ جو خاتمو“ جي اشاعت انهيءَ موضوع کي نئين سر زنده ڪري ڇڏيو آهي.
    جديد انسان جو چوڻ هو ته هو سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ذريعي هڪ پرسڪون زندگي جو سمورو سامان حاصل ڪري سگهي ٿو. آمريڪا ۾ اهڙو سمورو ساز و سامان گهڻو ڪري حاصل ٿي چڪو آهي. پر انهي سامان آخرڪار انسان کي جنهن جاءِ تي پهچايو، اتي سڪون نه بلڪ بوريت هئي. اهڙوئي حال انهن سمورن فلسفن ۽ نظامن جو ٿيو آهي، جن تي موجوده صدي جي شروعات ۾ تمام گهڻي جوش ۽ جذبي سان ڀروسو ڪيو پئي ويو. ڪميونزم کي ڪيترن ئي ماڻهن آخري انساني دريافت سمجهيو هو، پر هاڻي خود ڪميونزم جي مرڪز روس به ان کي ناقص نظام قرار ڏنو آهي. مغربي تهذيب مختلف قسم جي نه حل ٿيندڙ مسئلن، مثال طور، عورتن جي آزاديءَ جي نتيجي ۾، خانداني انتشار وغيره ۾ ڦاسجي چڪي آهي. نيشنلزم جي تعصب ۽ انتهاپسنديءَ وارين شڪلين مختلف قومن کي الڳ الڳ ويڙهاڪ گروهن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو آهي. انساني نظريه سازيءَ جو خواب انهيءَ حقيقي صورتحال سان ٽڪرائجي چڪو آهي، ته انسان جي معلومات جا ذريعا لازمي محدوديت جو شڪار آهن ۽ انهيءَ محدوديت جي هوندي ڪو به ڪامل نظريو بنائڻ ممڪن نه آهي.
    هيءَ هڪ نهايت عجيب صورتحال آهي، جيڪا ويهين صديءَ جي خاتمي تي سامهون آئي آهي، موجوده زماني جا سمورا انساني نظام ناڪام ٿي ويا آهن. سمورا نظام ۽ سائنسي علم ناقص ثابت ٿيا آهن. ايتريقدر جو هر هڪ جي پڄاڻي اچي وئي آهي. پر خدائي دين جي پڄاڻي نه ٿي آهي. خدا ئي دين ۾ نه ڪا ڳالهه فڪري طور تي بي بنياد ثابت ٿي آهي ۽ نه ان جو عملي نظام ڪنهن طرح سان غلط ثابت ٿي سگهيو آهي ۽ اهو اڄ به پنهنجي حق هجڻ کي زنده ۽ قائم رکيو پيو اچي.
    اهڙي طرح ڄڻ ته الله تعاليٰ اسان جي حصي جو اڌ ڪم اڳواٽ ئي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. هن خود پنهنجي برتر انتظام جي ذريعي مَدعو کي لااِله جي مقام تي پهچايو آهي. هاڻي دعوت ڏيندڙن جو ڪم صرف هي آهي ته ”الاالله“ جو ان ۾ اضافو ڪري ان کي مڪمل ڪن. هاڻي به جيڪڏهن مسلمان دعوت الي الله جي ڪم لاءِ نه اٿيا، ته اها ايڏي وڏي ڪوتاهي ٿيندي، جنهن لاءِ نه دنيا ۾ انهن وٽ ڪو عذر هوندو ۽ نه آخرت ۾ .
    خاتمي واري جنهن جديد تحريڪ جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ان جي فهرست ۾ ڪجهه ماڻهو مذهب کي به شامل ڪن ٿا. تنهنڪري مغربي دنيا ۾ اهڙا مضمون به شايع ٿيا آهن جن جو عنوان آهي ” مذهب جو خاتمو“ ائين چوڻ وارن هيءُ سمجهي ورتو آهي ته جنهن شيءِ کي هو پنهنجي آسپاس ڏسي رهيا آهن، سا اهائي شيءِ آهي جنهن کي مذهب چيو وڃي ٿو. حالانڪ انهن جي آسپاس جيڪا شيءِ مذهب جي نالي سان موجود آهي، سا مذهب جي بگڙيل شڪل آهي، نه ڪي ان جي اصلي صورت. اڄڪلهه مذهب جي نالي تي جيڪا شيءِ هر هنڌ موجود آهي، سو اصل ۾ مذهب جو مسخ ڪيل روپ آهي، اهڙي مذهب جي يقيناً پڄاڻي اچي چڪي آهي. پر جيستائين غير تبديل مذهب جو تعلق آهي سو اڃا به جيئن جو تيئن موجود آهي ۽ اهو اسلام آهي. اسلام سج وانگر هڪ ابدي حقيقت آهي. اهو انسان جي مستقل ضرورت آهي. اڄوڪو انسان اسلام جي رهنمائيءَ جو ايترو ئي محتاج آهي، جيترو ماضيءَ جو انسان ان جو محتاج هو.
    بازار ۾ جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو ملاوٽ ڪيل کاڌي جون شيون وڪرو ڪرڻ لڳن ته ان کان واقف ٿيڻ کانپوءِ انسان يقيني طور تي انهن ملاوٽي کاڌن کان بيزار ٿي ويندو. پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته انسان خالص غذا کان به بيزار ٿي وڃي. خالص غذا ته انسان جي ابدي ۽ لازمي ضرورت آهي، ان ڪري ان کان ڪيئن بيزار ٿي سگهي ٿو. ملاوٽي سامان جي خريداريءَ کان بيزاري ان دڪاندار لاءِ ڪو به مسئلو نه آهي، جيڪو خالص ۽ بنا ملاوٽ جو سامان پنهنجي دڪان تي وڪڻي رهيو آهي.
    اسلام ڪو نئون مذهب نه آهي. اسلام جي امتيازي خصوصيت ۽ صفت هيءَ آهي ته اهو هر ڦيرڦار کان محفوظ آهي. اسلام کانسواءِ جيڪي به ٻيا مذهب آهن، سي پنهنجي ابتدائي حالت تي قائم نه آهن. انهن مذهبن جي تعليمات ۾ بگاڙ ۽ ملاوٽ اچي چڪي آهي. انهيءَ ڪري اهي مذهب پنهنجي موجوده صورت ۾ انساني فطرت سان پنهنجي مطابقت وڃائي چڪا آهن. جنهن ڪري علمي ۽ تاريخي حقيقتن سان سندن ٽڪراءُ ٿي ويو آهي. پر اسلام پنهنجي انفرادي خصوصيت جي لحاظ کان هڪ محفوظ مذهب آهي. اسلام اڄ به پنهنجي اصلي حالت تي موجود آهي. اهو انساني فطرت جي مطابق به آهي ۽ علمي ۽ تاريخي حقيقتن سان هڪجهڙائي رکندڙ پڻ آهي. تنهنڪري اسلام جو دور اڄ به پوري طرح جاري آهي. اسلام لاءِ نه زوال جو سوال آهي نه وري خاتمي جو ۽ نه مدي خارج ٿيڻ جو!
    درحقيقت ٻين نظرين جي پڄاڻي اسلام جي نظرئي جي شروعات آهي. جتي ٻين مذهبن جي حد ختم ٿئي ٿي اتان اسلام پنهنجي بقا کي نئين سر ثابت ڪري ٿو. اسلام جا مڃيندڙ جيڪڏهن اسلام کي کڻي هلن ته اهي ڏسندا ته انهن لاءِ هر طرف ڪاميابيءَ جا موقعا کليل آهن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259762
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386715
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ