ڪتاب جو نالو: بندر ديسان ديس
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 12 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 988 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 326 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”بندرديسان ديس“ ڪِتاب ڏُور اوڀر جي ملڪن، خاص ڪري جپان، سنگاپور، ٿائلنڊ ۽ سمنڊ تي گذاريل جهاز جي زندگي جو احوال آهي. هن ڪِتاب ۾ الطاف شيخ ڪيترا اهڙا مضمونَ لکيا اهن جيڪي اسان ڪناري تي رهندڙ م اڻهن لاءِ نرالا ۽ حيرت انگيز آهن جهڙوڪ: جهاز تي حلال ۽ حرام گوشت جا مسئلا، تيل مان نقلي وار (Wigs)، پلاسٽڪ جون شيون ۽ عطر پڻ ٺهي ٿو، چين جي مارڪيٽن ۾ جيئرن ڀولڙن جا ميڄالا وڪرو ٿين ٿا، جپان ۾ وڏيرڪي سسٽم جي جھلڪ، جپانين جون حيرت انگيز عادتون….. وغيره.
تيزيءَ سان بدلجندڙ هاڻوڪي دنيا جي پيش منظر ۾ الطاف شيخ هن املهه ڪِتابَ کي نئين سري سان سنواري ۽ ان ۾ نوان واڌارا ڪري ان کي ڇپرايو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • پبلشر نوٽ
  • انجنيئر مختيار شيخ نالي
  • الطاف شيخ ۽ ڏهيسر ڏات
  • پنهنجي طرفان
  • جپان هڪ نرالو ملڪ
  • بئنڪاڪ ـــ هڪ بدنام بندرگاهه
  • جهاز تي حلال ۽ حرام گوشت جا مسئلا
  • اسان جي ملڪ جي خلاصين جو حال!
  • مِني ڪرين، سُستي پمپ ۽ ڊارلنگ رُبي.....
  • تيل مان نقلي وار (Wig) ۽ عطر ٺهي ٿو
  • آهي ڪو جپانين جو مقابلو ڪرڻ وارو؟
  • ”پهرين آءٌ پهرين آءٌ“ ڪندي گاڏي ڇٽي وئي............
  • ڪا رنڙ، ڪا بيواهه، ڪا مڙس جا موچڙا کاڌل................
  • اسان جي ملڪ کي ناڻي جي ضرورت آهي
  • ميان مِٺو! چُورِي کاءُ!
  • ساهڙ! سِير لنگهاءِ تون...........
  • ڪارا، ڳاڙها ۽ اڇا سمنڊ
  • چين جي مارڪيٽن ۾ ڀولڙي جو ميڄالو
  • پنج سورهو پنجاسي
  • دنيا جو سڀ کان کارو ۽ سڀ کان مِٺو سمنڊ
  • اب کي برس تو سو برس
  • جپانين جي ”ها“ جو مطلب ”ها“ نه آهي
  • اسان لاءِ دٻي ۾ ٺِڪريون
  • پاڪستاني گڏهُه پاڻهي جپان پهچيو وڃي....
  • مانواري ياماگچيءَ جي عزتماب زال.....
  • اهڙو ناچ ڏسي دل خوش ٿي وئي
  • ست سمنڊ ڏوري ڏوري.........
  • جپان کي هڪ هزار کان مٿي بندرگاهه آهن
  • آئون رنڊي ضرور آهيان، پر.........
  • جپان جون گيشائون ڪير آهن.....
  • جپان ۾ وڏيرڪي سسٽم جي جهلڪ.....
  • جپاني گهر ۽ پبلڪ باٿ
  • جپانين جون حيرت انگيز عادتون

  • پبلشر نوٽ

    محترم الطاف شيخ جو نالو سنڌي سفرناما نگاري جي حوالي سان ڪنهن به روايتي تعارف جو محتاج ڪين آهي. دنيا جي جنهن به خطي ۾ سنڌي ٻولي ڄاڻندڙ ۽ سنڌي ڪتاب پڙهندڙ رهن ٿا، اهي الطاف شيخ جي شخصيت ۽ سندس غير معمولي ادبي ڪم کان چڱي طرح واقف آهن. بنا ڪنهن شڪ جي الطاف شيخ سنڌي ٻوليءَ جو اهو سڀاڳو ليکڪ آهي جنهن جا ڪتاب گهڻي کان گهڻا پڙهيا وڃن ٿا ۽ سندس ايندڙ ڪتابن جو بيچينيءَ سان انتظار ڪيو وڃي ٿو. الطاف شيخ هن وقت تائين پنهنجي پڙهندڙن کي ستر کان مٿي ڪتاب ڏئي چڪو آهي الطاف شيخ جا ڪتاب نه صرف سنڌ جي نوجوانن کي ڪتابن سان دوستيءَ ڏانهن راغب ڪن ٿا پر اُهي منجهن تعليم توڙي روزگار جي سانگي سان سموري دنيا کي ڏسڻ پسڻ ۽ دنيا جو سير ڪرڻ لاءِ اُتساهن پڻ ٿا. ذاتي حوالي سان الطاف شيخ جي شخصيت منهنجي لاءِ پڻ هميشه اُتساهه جو سبب رهي آهي. سندس ڪتابن کي پڙهي ئي منهنجي من ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جا سفر ڪرڻ جو خيال رهيو آهي ۽ انهيءَ خيال کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ مون پڻ پنهنجي وسيلن آڌار ڪيترائي پرڏيهي سفر ڪيا آهن ۽ انهن کي سفرنامن جي صورت ۾ قلمبند ڪيو آهي.
    الطاف شيخ جي لکڻ جو انداز نهايت سلوڻو ۽ دلچسپ آهي اهوئي سبب آهي جو سندس سفرناما وڌ کان وڌ پڙهيا وڃن ٿا. ”بندر ديسان ديس “ الطاف شيخ جي بنهه شروعاتي سفرنامن مان هڪ آهي جنهن کي پڙهندڙن پاران تمام گهڻي موٽ ملي هُئي تيزيءَ سان بدلجندڙ هاڻوڪي دنيا جي پيش منظر ۾ الطاف شيخ هن املهه ڪتاب کي نئين سري سان سنواري ۽ ان ۾ نوان واڌاري ڪري ان جي ڇپائيءَ جي ذميداري پوپٽ پبلشنگ هائوس کي ڏني آهي. جنهن لاءِ اسين سندس ٿورائتا آهيون اميد ته هي ڪتاب پڙهندڙن وٽ مان ماڻيندو.

    قربان منگي
    چيئرمينک پوپٽ پبلشنگ هائوس
    سنڌ ٻالڪ سنگت خيرپور ميرس


    انجنيئر مختيار شيخ نالي

    هي ڪتاب لاڙڪاڻي جي مختيار شيخ کي منسوب ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو. مختيار اديب يا شاعر ته نه آهي پر ادب دوست ضرور آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو انسان دوست آهي. مختيار هڪ عجيب ماڻهو آهي جنهن جهڙا هن دنيا ۾ تمام گهٽ ملندا. هو جڏهن ننڍو هو ۽ منهنجي هڪ ڀاڻيجي سان گڏ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندوهو تڏهن به هو ٻين شاگردن کان مختلف طبعيت جو هو۽ هاڻ جڏهن کيس ڪسٽمس جهڙي اهم سرڪاري کاتي ۾ اعليٰ عملدار جي حيثيت سان ڏسان ٿو تڏهن به هو باقي آفيسرن ۽ ساٿين کان الڳ ٿلڳ طبعيت جو لڳي ٿو. هو ننڍپڻ کان هڪ سٻاجهو، ٻين جو خيال رکڻ وارو، ٻين جي خوشيءَ ۾ خوش رهڻ وارو ۽ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ وارو نيڪ ۽ مثالي انسان آهي.
    ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن منهنجو جهاز ڪراچي ايندو هو ۽ اتي جي هڪ هاسٽل ۾ جڏهن به پنهنجي ڀاڻيجي سان ملڻ ويندو هوس ته منهنجي مختيار سان ملاقات ٿيندي هئي. مختيار سڀني شآگردن جو پيارو دوست هو. هو جيتوڻيڪ پاڻ هاسٽل ۾ نه رهندو هو پر سنڌ جي ڳوٺن کان آيل شاگردن لاءِ هر وقت پنهنجي گهران ڪجهه نه ڪجهه کائڻ پيئڻ جون شيون کڻي ايندو هو. ڪو شاگرد بيمار ٿي پوندو هو يا ڳوٺ لاءِ روانو ٿيندو هو ته هن کي پاڻ اسپتال يا ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي ايندو هو. ايتري قدر جو آئون به هر دفعي کيس پنهنجي ڀاڻيجي ۽ پنهنجي ڳوٺ جي ٻن ٽن شاگردن جي پارت ڪري ويندو هوس. مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي ڇو جو اسان جڏهن شاگرد هئاسين ته پنهنجي ڪلاس ميٽن سان ڳالهه ڳالهه تي وڙهندا هئاسين ۽ هي نينگر (مختيار) سڀني سان قربائتو رهيو ٿي ۽ سندس دل ۾ انسان ذات لاءِ همدردي جو جذبو هو.
    مختيار سان سندس پڙهائي وارن ڏينهن ۾ ملاقاتون ٿيڻ بعد ٽي ڏهائيون گذري ويون. اسان پوڙها ٿي رٽائرڊ ٿي وياسين. منهنجو ڪوايڪڙ ٻيڪڙ جهازراني سان تعلق رکندڙ دوست شپنگ جو ڪاروبار ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن انهن مان هڪ، ڪئپٽن مظهر زيديءَ مون کي چيو ته ڪراچي بندرگاهه جي ڪسٽمس کاتي ۾ هڪ سنڌي اعليٰ عملدار آهي جيڪو بيحد نيڪ آهي ۽ هو اجايون سجايون رنڊڪون وجهي نڪي ڪنهن کي تنگ ڪري ٿو ۽ نه وري کيس ڪا پئسي ڏوڪڙ جي لالچ آهي جيڪا اسان وٽ سرڪاري ڪامورن ۾ عام ٿيندي وڃي. هن اهو به ٻڌايو ته هو بيحد ذهين، محنتي ۽ efficient آفيسر آهي ۽ سندس سڀ تعريف ڪن ٿا.
    ”چئبو ته هن نفسانفسي واري دور ۾ به اڃان ڪي آهن ڪلجڳ منجهه ڪاپڙي وارو حساب آهي. اهڙي نيڪ ماڻهو سان ته ملڻ کپي. مون پنهنجي ڪئپٽن دوست زيديءَ کي چيو، جنهن سان گڏ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ مون ڪيترائي جهاز هلايا هئا.
    ”هو صاحب پاڻ به توسان ملڻ ٿو چاهي ۽ هو توکي چڱي طرح سڃاڻي ٿو.“ زيديءَ چيو:
    ”شايد منهنجو ڪو ڪتاب يا اخبار ۾ ڪالم پڙهيو هجيس“ مون چيو ”نه، هن مون کان تنهنجو ٽيليفون نمبر ورتو آهي ۽ اڄ ئي ڳالهائيندو بقول هن جي توهان ٻنهي جي پراڻي واقفيت آهي.“ ڪئپٽن زيديءَ ٻڌايو. مونکي ڏاڍي حيرت ٿي ته اهو مختيار شيخ صاحب ڪير ٿي سگهي ٿو. شام تائين انتظار ڪرڻ بدران مون کيس ان وقت ئي فون ڪيو ۽ خبر پيئي ته هي سٺي طبعيت وارو صاحب اهوئي شاگرد آهي جيڪو ننڍي هوندي به بنا لالچ جي ٻين جا ڪم ڪندو رهيو ٿي.
    مختيار شيخ جو لاڙڪاڻي جي هڪ بزنس فئملي سان تعلق آهي. هنن جون لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ فلور ملون ۽ رائيس ملون آهن، جنهن جو ڪريڊٽ مختيار جي والد صاحب حاجي عبدالرزاق شيخ صاحب کي ڏيڻ کپي جنهن وڏي محنت ۽ ايمانداريءَ سان هي ڪاروبار سيٽ ڪيو ان سان گڏ پنهنجن ٻارن کي تعليم جي زيور سان به آراسته ڪيو. عبدالرزاق شيخ صاحب جو ڪئنسر سبب 1988ع ۾ انتقال ٿي ويو. لاڙڪاڻي جا منهنجا دوست عبدالرزاق صاحب لاءِ به ساڳي ڳالهه ڪن ٿا ته هن کي انسان ذات سان همدردي ۽ پيار هو. هو غريب غربي جي مدد ڪرڻ کي پنهنجي زندگي جو مقصد سمجهندو هو. اهي ٻڌائين ٿا ته مختيار ۾ به سندس والد واريون ساڳيون سٺايون آيون آهن. پنجن ڀائر ۾ مختيار چوٿين نمبر تي آهي. مختيار جا ٻه وڏا ڀائر ممتاز شيخ ۽ حاجي اختر علي شيخ لاڙڪاڻي ۾ بزنس کي ڏسن ٿا. ممتاز فيڊريشن چئمبر آف ڪامرس جو نائب صدر به آهي.سندس ٽيون ڀاءُ آفتاب احمد شيخ پهرين FIA ۾ هو هاڻ پورٽ قاسم ۾ آفيسر آهي ۽ ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالجبار شيخ جنهن سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان MBBS ڪئي ۽ سال 1992ع ۾ آمريڪا جي بوسٽن يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي، اڄ ڪلهه سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي ۾ Regulation & Quality Control ۾ ڊسٽرڪٽ آفيسر آهي.
    مختيار شيخ جن جو اصل ڳوٺ چوهڙپور هو جنهن ۾ سندس ڏاڏي محمد عظيم شيخ جي زمينداري هئي. ان بعد مختيار جي والد عبدالرزاق شيخ صاحب ٻارن جي پڙهائي خاطر لاڙڪاڻي شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي جتي زمينداري سان گڏ هن فلور ۽ رائيس ملن جا ڪارخانا ۽ واپار شروع ڪيو. مختيار لاڙڪاڻي مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد دائود انجنيئرنگ ڪاليج (NED يونيورسٽي) مان اليڪٽرونڪس ۾ B.E ڪئي. انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هن ٻه سال کن ADA ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪئي ان بعد 1984ع کان سندس واسطو پاڪستان جي ڪسٽمس کاتي سان آهي جتي هن کي شروع ۾ ٽيڪنيڪل اپريزر جي حيثيت سان رکيو ويو. پاڻ ڪسٽمس آفيسرس ايسوسيئيشن جو صدر به رهي چڪو آهي. انجنيئر هجڻ جي ناتي پاڻ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جو ميمبر آهي ۽ ٽي دفعا انجنيئرنگ ڪائونسل جو ايگزيڪيوٽو ميمبر به رهي چڪو آهي. اولاد ۾کيس ٻه پٽ ساجد شيخ ۽ ماجد مختيار ۽ ٽي ڌيئون آهن. مختيار شيخ جي ڄم جي تاريخ 2 سيپٽمبر 1962ع آهي.

    الطاف شيخ
    1 – جنوري 2011
    ڪراچي


    الطاف شيخ ۽ ڏهيسر ڏات

    سٺي اخلاق ۽ سٺي سڀاءُ وارو سُرت ۽ ساڃاهه ڀريو سنڌ جو ليکڪ الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ چاليهه سالن کان گهڻو تڻو سفرنامن جي حوالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي پيو. ساڻن هڪ پاٺڪ جي حيثيت ۾، منهنجو ساگر، منهنجوساحل“ واري شروعاتي دور کان شروع ٿيل ناتو ڪنهن نه ڪنهن ريت هينئر تائين هلندو رهيو. پر ويجهڙائيءَ ۾سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾ 17 مئي 2009ع تي ڪوٺايل ايوارڊ تقريب ۾ سندن سادگي واري سڪ ۽ ماڻهن جي ميڙ ۾ پيهي وڃڻ وارو عوامي انداز ڏسي پروڙيم ته حقيقت ۾ سندن سفرنامن جي نسڦلتا ۽ هنڌين ماڳين مشهوري ماڻڻ واري ڪاميابي پڻ سندن انهيءَ سهڻي سلوڪ ۾ سمايل آهي. جنهن لاءِ پاڻ هڪ انٽرويو ۾ چيو اٿن ته ”ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻ کان بهتر ذريعو ماڻهن سان ملڻ آهي.“
    دنيا جي سڀ کان آڳاٽي لکيل سفرنامن جي اوسر تيرهين صديءَ جي آخر ڌاري ڪيل ”مارڪوپولو“ جي سياحت جي سربستي احوال، “The book of Marco Polo” کان ٿئي ٿي جنهن کي سڀ کان پهريون ڪتاب ڪري ليکجي ٿو. جڏهن ته سنڌي ادب ۾ وري 1885ع ۾ مرزا قليچ بيگ جن جي لکيل ڪتاب، ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ کي پهريون تحريري سفرنامو سڏيو وڃي ٿو. مگر ان ڏس ۾ نياءُ جي نگاهه سان نبيربو ته ”شاهه جو رسالو“ سنڌي ادب جو اهو پهريون ڪتاب آهي جنهن کي غير روايتي سفرنامون ليکي سگهجي ٿو. سڄي سنڌ، ڪڇ کان ويندي وندر ۽ هنگلاج تائين جي پنڌ ۾ لاکيڻي لطيف جيڪي ڪجهه ووڙيو ۽ پروڙيو آهي ان کي پوري ايمانداري، وڏي سچائي ۽ سونهن واري اڪابري سان ڪلاسيڪل شاعري ۾ سهيڙي ۽سانڀي ويو آهي. سندن انهيءَ آدرشي وکرمان ان وقت جي سماجي، اقتصادي، سياسي توڙي تاريخي سڀيتا، ڪار وهنوار ۽ لوڪ حالتن جوادراڪ حاصل ٿئي ٿو.ساڳي سڀاويڪ نموني نثر ۾ سفرناما هلندڙ جديد دور جي سنڌي سيلاني الطاف شيخ کي شاهه سائين جو پيروڪار ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو جيڪو سنڌ هند کان ٻاهر نڪري دنيا جي گولي تي گهمندڙ ملڪن جا حال احوال بنهه سگهاري ۽ سچيت ڄاڻ ذريعي اسان سنڌ واسين تائين رسائيندو رهيو آهي.
    الطاف شيخ کي اڄ سنڌي ادب ۾ سفرنامن جو سرموڙ ۽ سرواڻ ليکڪ طور مڃيو وڃي پيو. بيشڪ! سندن سفرناما ڏوراهن ڏيهين ۽ ڏيساورن جو اندر جي اکين سان ڏٺل عڪس ۽ تهذيبن جي ڪيل تز ترجماني ۽ پوري پرک جو بي مثال نمونو آهن. سنڌباد سيلاني، ابن بطوطه، البيروني ۽ ابن خلدون جي لکيل تاريخي سفرنامن کان ويندي ايڪيهن صديءَ جي اڄوڪي دور تائين سندن نياري حيثيت ۽ مڃتا مٿاهين ماڳ تي مٿڀري بيٺل پسبي. سندن لکڻين ۾ معلومات جو سامونڊي وشالتا وارو وهڪرو نظر اچي ٿو، جنهن جي ڇوهه کي ڪا روڪ ناهي. ايئن هن ادب کيتر جي شاهوڪاري کي سمنڊ جي ماڻڪ موتين وانگر اڻ کٽ خزانو ڏيئي اڻ ملهه بنائي ڇڏيو آهي. هيل تائين سندن لکيل ڪتابن جو انگ اٽڪل ستن ڏهاڪن يعني ستر جي واکاڻ جوڳي عدد تي اچي رسيو آهي. جن ۾ نه رڳو سفرناما پر ٻين ٻولين جي ادب مان ترجمو ڪيل، لنڊن تائين لفٽ، جاپان رس، ٻارن جون آکاڻيون جهڙا ڪهاڻين، سوزيءَ سان پيار، مس سدا بهار چنبيلي، جهڙا ناول ۽ مختلف زبانن جي چوڻين، اصطلاحن ۽ پهاڪن تي ٻڌل، “Proverbs of Far-East” وغيره جهڙا ڪتاب شامل رهيا آهن. سچ پچ ادبي ڌراوت ۾ الطاف شيخ جون ڪاوشون اهڙو ملهائتو اضافو آهن جن جي ڪابه ڪٿ ممڪن ناهي، سواءِ هن سٽ جي ڀيٽا سان!
    ”جي ماڻڪ موٽائين، توءِ ملهه مهانگو ان جو.“
    هن وٽ لکڻ جي ڏات ڏهيسر آهي ته سنجيدگي سان بنا ڪنهن وڇوٽي وجهڻ جي لڳاتار لکڻ به هن جاکوڙي ليکڪ جو اهم ڪارنامو ڪري ليکبو پاڻ انهيءَ اورچائي واري ادبي عادت جي ڪري سنڌي ادب مان جمود کي ٽوڙيندڙ ازم، جا پرچارڪ ۽ عملي اهڃاڻ پڻ ثابت ٿي رهيا آهن. جڏهن ته ساڻن گڏ ۽ پوءِ وارا ادبي سفر تي اُسهيل حال حيات ساٿاري ۽ ادبي قبيلو گهڻي ڀاڱي ماٺار جي ماڪ ۾ ماٺاٿي ويل نظر ايندا. سندن ڏات ۽ ڏانءُ جي انيڪ خوبين مان هڪ لکڻ جو فطرتي سلوڻو انداز پڻ آهي. جنهن مان پنهنجائپ وارو هڪ عجيب طلسماتي اثر ۽ احساس پاڻمرادو اڀري اچي ٿو. ائين سندن قلم جو ڇهاءُ اوپرن ديسن جي حدن ۽ سرحدن مان اجنبيت، پر انهن ماڳن ۽ ملڪن کان ڏوري ۽ اڻ ڄاڻائي واري سوچ ۽ ڪيفيت جو ڪو انومان باقي نٿو ڇڏي. ايتري قدر جو پڙهندڙ مالمو ۽ ملائيشيا کي به مڪلي ۽ مورو جي ڀر ۾ ٿو ڀانئي. ساڳي ريت سوئيڊن ۽ ناروي جي قطب شمال وارن ڏوراهن ڏيهن، انتهائي اونداهين ڏينهن ۽ ٿڌين ڊگهين راتين وارن ڀاڱن جي قصن کي پنهنجي ننڍپڻ ۾ وڏڙين واتان ٻُڌل ننڊولاتن جي آکاڻين جو حصو ٿو سمجهي ۽ ڇهن مهينن تي آڌاريل ڏينهن رات واري ڏيهه جا پڻ هوبهو ڏيک ڏسيو وٺي جن کي سدائين هو ڏند ڪٿائي ڪهاڻيون سمجهندو رهيو هو.
    ترقي پسند سوچ رکندڙ سنڌ جو سياح الطاف شيخ ميرين انجنيئر جي حيثيت ۾ سامونڊي لهرن جو ويرون ۽ وهڪرا نهاريندي يا ساحل جي واٽ لهڻ لاءِ جاگرافيائي ڦاڪ ۽ گهيرن تي نگاهون ڄمائيندي وقت ناهي گذاريو نه وري ڪو پرڏيهي ملڪن جا پسار ڪندو اجايون پچارون ڪري ٿو. پر هي سنڌ جو سچو سفير بنجي، ڪائنات جو ڪورو تصور کڻي مختلف ملڪن جون اڻانگيون واٽون اجهاڳي ٿو. ماڻهن جا مذهبي، معاشرتي چٽ، سياسي ۽ ثقافتي رنگ سهيڙي ٿو. پنهنجي تجربي جي اڻمئي تنقيدي تور تڪ سان انهن کي پنهنجي سدا ملوڪ جنم ڀومي سنڌ جي هر وستي واهڻ، ريت رسم، سماجي رهڻي ڪهڻي، سياسي اُٿل پُٿل کان وٺي ويندي موسمي وايو منڊال تي مشابهت جي مشاهدي سان ڀيٽي ٿو. ائين بين الاقوامي ترقي جي چڱاين ۽ لڱاين کي پنهنجي ديس ۽ ان جي واسين جي هيڻن حالن، حالتن، معاشرتي مٺاين ۽ اخلاقي قدرن سان گڏ موروثي قومي اُتم ڳڻن کي ڪٿي چرچي ۾ ڪٿي چڙ سان ته ڪٿي ڳنڀير تنقيدي جائزي جي انداز ۾ اظهاري وائکو ڪري وڃيو پار پوي. اهڙي ريت ساڻيهه سان اُڪير جو اعتبار ڏيندي ديس ڌرتي جي مٽي ۾ موريل وڻن ۽ ڀوڳن جو جتي ذڪر ڪري ٿو اُتي اُڀ تي اڏامندڙ پکين کي به نه ٿو وساري. ان ڏس ۾ ڄاڻ وٽن معلومات جي کاڻ لڳندي آهي. ان ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي قصن ۽ حالتن کي پنهنجي ڏيهه سان ڀيٽڻ واريون مڙيئي تشبيهون، استعاراتي احوال سر بستا ۽ بنهه سچائي سان برميچي بيهن ٿا. جيڪي سندن لکڻين جي نج نبار ۽ سچ هئڻ جي ساک ثابت ٿين ٿا. هن جون باريڪ نظر سان نهاريندڙ نگاهون اهڙي جوءَ تي کپي وڃن ٿيون جيڪا عام ڏسندڙن کان هوند الوپ ٿيل هوندي آهي. اهڙي ڳوڙهي مشاهدي جو هڪ مثال آهي، بندر روڊ جا خاص وڻ. (اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا. صفحو 194)
    ”انسانن جا ڦڦڙ پر وڻن ٻوٽن جا پن گل ۽ ٽآريون
    قدرتي رنگن ۾ نظر اچن ٿيون. ڪراچيءَ جي بندر روڊ تي بيٺل وڻن جي پنن وانگر دونهن جي تهه سان ڪارا نظر نٿا اچن. ڪاربن ۽ مٽيءَ جي تهه وارا اهڙا وڻ توهان کي ڪراچيءَ جي بندر روڊ کان علاوه دنيا جي شآيد ڪنهن ٻئي حصي ۾ نظر اچن.“
    سندن اڻ ڳڻين صلاحيتن جو هڪ سهڻو مثال سندن سياح هئڻ سان گڏ ايماندار استاد جون نڀايل ذميداريون پڻ آهن. انهيءَ خوبي کي ڪتب آڻيندي وڏي ڏاهپ سان، ڏٺل کان اڻ ڏٺل، ماضي کان حال ۽ اڄ کان ڪالهه، جهڙن مڙني تدريسي طريقن ۽ اصولن جو استعمال هن جي لکڻ کي ويتر سونهن بخشي وڃي ٿو. جيئن ملاڪا ۾ پنهنجن پراون جي ٿيل فسادن جي نتيجي ۾ ان جي پوئتي پوڻ کي سنڌ جي قديم شهر ٺٽي جي اڳوڻي اوج ۽ زوال جي نسبتي تاريخي سببن جي تجزياتي ڀيٽ ڪندي لکي ٿو ته:
    ”.....اڄ نٽو فقط تاريخي شهر آهي، تيئن ملاڪا اڄ فقط تاريخي شهر آهي ۽ جيئن ٺٽي بدران هاڻ ٻيا وڏا شهر ٿي ويا آهن. ڪراچي جيڪو مهاڻن جو ڳوٺ هو، سو دنيا جو وڏو بندرگاهه ٿي پيو آهي. تهڙي طرح هن پاسي ”ملاڪا“ بدران ڪوالالمپور، پينانگ ۽ جوهور بارو جهڙا شهر وڏي ڌاڪي وارا ٿي ويا آهن.“
    (مڪلي کان ملاڪا تائين، صفحو 112)
    ساڳيو ڪارائتو انداز لوڪ مئگزين ڪراچي، کي ڏنل سندن انٽرويو ۾ موجود ملي ٿو. جڏهن کانئن مطالعي ۾ رهندڙ ڪتابن متعلق سوال ڪيو وڃي ٿو ته پاڻ پنهنجي سکيا ڏيڻ جي عادت پٽاندڙ نه رڳو ڪتاب، مصنف جو نالو پر ان جي مختصر نموني جامع تاريخ به بيان ڪري وڃي ٿو. جنهن مان پڙهندڙ جي معلومات ۾ وڏو اضافو اچي ٿو. ۽ سندن يادگيريءَ جي خاصيت کي به جتن چوڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.
    گهڻي علم وارو ماڻهو هميشه اداس ۽ وياڪل لڳندو آهي. ان نظرئي تي چڪاسبو ته الطاف شيخ جي نيڻن کان ويا ڪلتا جو پاڇو به نه پسو. سوچن ۾ اميد جو سوجهرو ۽ اکرن ۾ ضرورت آهر من موهڻو مذاح ملندو، اهڙو سادگي وارو خوبصورت خاص اسلوب سفرناما پڙهندڙن لاءِ ڇڪ جو ڪارڻ بڻجي ٿو جو پڙهڻ واري جي دل هرحيلي هروڀرو ڪتاب پڙهي پورو ڪرڻ لاءِ تانگهيندي آهي. ڇوته هي سفرناما حقيقت ۾ هڪ ئي وقت تاريخ، ناول ۽ ڪهاڻي جي تجسس ۽ تسلسل جو دلچسپ ۽ وڻندڙ ميلاپ ڏيکائي ڏين ٿا. هي ملڪان ملڪ جون خبرون چارون زميني حقيقتن کي سامهون رکي نياءَ سان ويهي فڪر ونڊي ٿو. ائين ڪندي ليکڪ ڪٿي به ٺلهي ٺاهه ٺوهه ڪندي نظر نٿو اچي ۽ نه وري ڪو وستار ۾ داستان گوئي واري بياني روايت روا رکي ٿو. هي ڪنهن گائيڊ وانگر اشارن سان نظارا ڏيکارڻ ۽ مٿاڇرو مصلحت سندو احوال ٻڌائڻ بدران ناول جي سٽآءُ ۾ گفتگو ۽ ڊائلاگ جي ڍنگ سان منظر چٽي ٿو ۽ ڪڏهن ڪهاڻي جي گهاڻيٽي ۾ اونهن خيالن جا روپ رچي ٿو. ائين اڻ ڳڻپ عنوانن سان جوڙيل هن جي موضوعن جي ڪٿائن کي ڪهاڻي به ڪوٺي سگهجي ٿو. جهڙوڪ: هتان هُتان جون ڳالهيون، گدرن، ڇانهين ۽ سورج مکي جي ڇاپ واريون بشرٽون (مڪلي کان ملاڪا تائين) پنهنجو پاڻ کي مشغول رکڻ، حبشي ديو آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو ايندو، روزو ۽ شراب، بس طلاق ئي سمجهو، حسين حبشڻ، گهانا جي ايلس، سمهڻ کپي يا صفائي ۽ سئيڊن ۾ پهرين عيد وغيره (اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا).
    مطلب ته الطاف شيخ جي تخليق جا سمورا رنگ، ادب زندگي لاءِ، واري نظرئي تي آڌاريل آهن. اهوئي سبب آهي جو هن دنيا جي ملڪن جي سماجي ترقي سان گڏ سياسي ۽ ادبي نون نظرياتي لاڙن کي پڻ پنهنجي بحث هيٺ آندو آهي. انساني زندگيءَ جي هر پهلو ۽ احساس کي چٽيو آهي. ڌار ڌار ملڪن سان لاڳاپيل وٽن هر قسم جي ڄاڻ جي واقفيت اچرج جهڙي چئبي. ان ڏس ۾ زمين تي سُرندڙ ملائيشيا جي قسمين قسمين نانگن وغيره کان وٺي ستارن ۽ چنڊ بابت سائنسي حقيقتن سان گڏ شاعراڻا تصور ۽ خيال بيان ڪري ٿو. سئي ڌاڳي جي پرديس ۾ اهميت ۽ ضرورت کان ويندي هڪ ئي وقت پاڻيءَ ۽ خشڪي تي هلندڙ هوورڪرافٽ (Hoover Craft) جا اڇت احوال سندن ذهن جي يڪتا هئڻ جو اهڃاڻ ڏين ٿا. ”ڀلي پار ڏي ڀيرو“، ۾ صديون اڳ حج لاءِ اُسهندڙ پيادل پانڌيئڙن جون مشڪلاتون، صعوبتون ۽ مونجهارا اڄ جي تناظر ۾ ڏيکاري ٿو. ايتري حد تائين جو وچئين وقت ۾ حاجين کي کڻي ويندڙ سامونڊي جهازن شمس ۽ سفينه عرب جو خلاصو ذڪر ڪري ٿو ويندي 1996ع ۾ مينا جي ميدان ۾ حاجين جي تنبن کي لڳل خطرناڪ باهه کي به بياني وڃي ٿو. تازو اسان جي ملڪ ۾ هاڻوڪي عيدالفطر کي ٻن ڌار ڏينهن تي ملهائڻ جي نتيجي ۾ چنڊ ڏسڻي ڪاميٽي ۽ سرحد حڪومت ۾ ڇيڙيل تڪراري بحث دوران الطاف شيخ جا ”اڇن جي ديس ۾ اسين ڪارا“ ڪتاب ۾ ڏنل ساڳي صورتحال تي ٻه مضمون سئيڊن ۾ پهرين عيد، ۽ عربن ايرانين سان نماز پڙهي، سوچن ۾ سرندا رهيا. جن ۾ مصنف مختلف ملڪن کان آيل مسلمان شاگردن پارن پنهنجي پنهنجي ملڪ جي چنڊ تاريخن تي عيد ڪرڻ واري مناظري متعلق منطقي دليل ۽ ناٽيڪل المناڪ ڪتاب جو حوالو ڏيندي (جنهن ۾ چنڊ جي سڄي سال جي سائنسي طرح بيهڪ ڏيکاريل آهي) رهندڙ ملڪ جي مسلمانن سان گڏجي هڪڙي ڏينهن تي عيد ڪرڻ لاءِ حقيقي بنيادن تي صحيح حل ڏيندو نظر اچي ٿو.
    الطاف شيخ جو شمار انهن اڪيچار سڄاڻ سنڌين ۾ ٿئي ٿو. جن پرڏيهه ۾ پنهنجي تعليم دوران سخت محنت، اورچائي ۽ ذهانت جي ڪري سنڌ جي ناماچاري ڪئي ۽ دنيا جي مختلف ادارن ۾ سندن ڏنل ليڪچرز ديس جي سربلندي جو سبب ٿيندا رهيا آهن. سندن زندگي وانگر لکڻيون پڻ بامقصد ۽ قومي سوچ سان سينگاريل آهن. سندن چوڻ موجب پاڻ لکڻ واري ابتدائي دور ۾ رومانيت جي دلڪشي قائم رکڻ جي ڪوشش فقط ان ڪري ڪندو رهيو ته جيئن سمنڊ جي مالڪي رکندڙ هن ملڪ جي نوجوانن ۾ سامونڊي ملازمت ڪرڻ جو لاڙو ۽ چاهه پيدا ڪري سگهجي. هينئر وري هي روشن خيال ليکڪ ان ڳالهه تي ارمان ڪندو ڏسجي ٿو ته هيل تائين پاڪستان جي ڪابه عورت مئرين ۾ ملازمت ڪرڻ جو ساهس نه ساري سگهي آهي جڏهن ته نائيجيريا ۽ گهانا جهڙن پٺتي پيل ڪيترن ملڪن جون ڄايون وڏا عهدا ماڻي ڏيساور ۾ سکيا حاصل ڪنديون رهيون آهن. ان کان سواءِ ماڻهپو ۽ انساني برابري جي اُتم اصولن کي ايمان سمجهندڙ ڏات ڌڻي کي ترقي يافته آمريڪا، يورپ، سوشلسٽ چين، روس توڙي مسلم عرب ملڪن ۾ آفريڪا ۽ ايشيا جهڙن ترقي پذير ملڪن جي رهواسين سان رنگ، روپ ۽ نسل آڌار روا رکيل طبقاتي فرق ۽ انساني متڀيد وارو اڻوڻت وهنوار ۽ ڪسو سلوڪ نٿو وڻي. اهڙين سڀني غير حقيقي حالتن ۽ ڏاڍاين کي وس آهر نندي ٿو. انهيءَ ڳڻ ڳوت ڪري پاڻ ڪويت ۾ ملندڙ وڏي پگهار ۽ گهڻين آسائشن واري ملازمت جي ڀيٽ ۾ ملائيشيا ۾ ٿوري پگهار ۽ گهٽ سهولت ملڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. ان جو اصل ڪارڻ ڪويت ۾ عرب مسلم ملڪن وانگر ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي گورن کان ڪمتر سمجهڻ وارو رويو ۽ هلت هئي جڏهن ته ملائيشيا ۾ ملڪي موسم جي هڪجهڙائي موجب مڙني ماڻهن کي برابري واري مانائتي حيثيت ڏني وڃي ٿي.
    ويهين صديءَ کان ايڪيهين جو سنگم اڪري پار ايندڙ هي قلمڪار پنهنجي قلمي پورهئي جي پت اڄ به رکندو اچي. سندن ڪالمن ۾ ڪچهري جي سونهن ۽ ڪتابن ۾ وري تذڪرن، تجزين ۽ تبصرن جي ڊولائتي بناوت ۽ بيهڪ قائم رهندي اچي. مطلب ته الطاف شيخ هاسيڪار لکي پيو ۽ لکڻ هن جي هابي بنجي ويو آهي. ذهني آسودگي ۽ آزاديءَ تي يقين رکندي فڪري پاڻڀرائپ کي انفنٽي تائين اظهارڻ جا سانباها ڪندو نظر اچي ٿو. سندن اندر جي اُڃ اڳري ۽ اتساهه ڏينهان ڏينهن تازو توانو ۽ ”پيان نه ڍاپان“ جو ورجاءُ ڪندو لڳي ٿو. سندن هنن ادب جي عظيم ڪارنامن کي ڏسندي جتي دل مان دعا نڪري ٿي، فڪر محسوس ٿئي ٿو اُت اها اميد به جاڳي ٿي ته پاڻ سندن ڪتابن سان گڏ سنڌي چونڊ ادب کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ وارو اورچ ڪم پڻ انجام ڏيڻ لاءِ وک وڌائيندو. اهو سندن لاءِ هڪ اعزاز هوندو ته اسان سنڌ واسين لاءِ ڳاٽ اوچو ڪرڻ جو سبب بڻبو. هونئن سندن سير ۽ سفرناما دنيا گهمندڙن لاءِ وڏي وٿ آهن. اڻ ڄاتل ديسن ۾ ويندڙن لاءِ ڪارگر ۽ ڪامياب سونهون بنجي سگهن ٿا. اڄوڪي ماندڪائي واري ماحول ۾ محبتون وڃايل ماڻهون انهن کي پڙهي ڏڍ، آٿت ۽ آسري واري وقتي خوشي ماڻي سگهي ٿو. اڄ جي گهٽ ٻوسٽ ۽ معاشرتي ڀڃ ڊاهه جي دور ۾ الطاف شيخ جي لکيل سفرنامن پڙهڻ جي اهميت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. انهن جو سڀ کان بهتر ڪارج تڏهن صاب پوندو جڏهن انهن ۾ سمايل سنڌ ڌرتيءَ ۽ ٻين ملڪن متعلق بي انت مربوط معلومات مان ايندڙ نسل جو ذهن پوري ريت فيضياب ٿي سگهي. قومي ڳڻن جي واڌ ويجهه لاءِ هر لئبريري ۾ هنن ڪتابن جي موجودگي کي يقيني بنائڻ کانسواءِ نصاب ۾ شامل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڇوته آدرشي سماج جي اڏاوت سٺي ۽ صحتمند ادب سان ئي ممڪن ٿئي ٿي.


    مريم مجيدي
    سجاول


    پنهنجي طرفان

    هن سفرنامي ”بندر ديسان ديس“ ۾ ڏور اوڀر جي ملڪن ــ خاص ڪري جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، چين، ٿائلينڊ ۽ ملائيشيا جي ملڪن جو ذڪر آهي. هن سفرنامي (ڪتاب) ۾ منهنجي انهن سامونڊي سفرن جو احوال آهي جيڪي مون هڪ جونئر انجنيئر (ففٿ انجنيئر کان ٿرڊ انجنيئر) جي حيثيت سان ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جي بندرگاهن ڏي ويندڙ مختلف جهازن تي ڪيا.
    اڄ جي نوجوان کي هن سفرنامي ۾ جتي هڪ جوان ۽ بي پرواهه جهازي (Seafarer) ۽ ليکڪ جون الهڙ ۽ آزاد ڳالهيون ۽ ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ۽ خوشي نظر ايندي اتي پڙهندڙ کي اها پڻ حيراني ٿيندي ته جپان، هانگ ڪانگ ويندي ڪوريا ۽ سنگاپور جهڙا ملڪ جيڪي اڄ الائي ڇا لڳن ٿا، جن جي گهمڻ لاءِ اسان کي فقط ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جتيون گسائڻيون پون ٿيون، انهن جي انهن ڏينهن ۾ ٽنڊو آدم يا شهدادپور جهڙي حيثيت ڪا مس هئي.
    سامونڊي جهازن تي نوڪريءَ جي شروعات مون سٺ واري ڏهي جي آخري سالن کان ڪئي. ٻي جنگ عظيم (World War 2) کي لڳي ويهارو سال ٿي چڪا هئا پر ڪيترائي ملڪ جيڪي ان اثر هيٺ آيا اهي اڃان ان جي تباهي ۽ شاڪ مان پوري طرح نڪري نه سگهيا هئا، پاڪستان ۽ انڊيا ۾ وڏي آدمشماري هجڻ ڪري ڪن ڪن ڳالهين جي غربت ضرور هئي پر اناج ۽ ميون ڀاڄين جي نه هئي. تڏهن ته اسان چانورن ۽ ڪڻڪ جا جهاز ڀري جرمني ۽ جپان جهڙن ملڪن ڏي وياسين ٿي. اسان وٽ غربت هئي پر ڪو انگ اگهاڙو نٿي هليو تڏهن ته ڪپهه، سوٽي ڌاڳي ۽ لٽي جي تاڪين سان جهاز ڀري لنڊن، لورپول ۽ هانگ ڪانگ وياسين ٿي. غريب هئاسين پر حيدرآباد، نواب شاه، هالا، ٽنڊوڄام جهڙن ننڍن شهرن ۾ به نه فقط تعليمي ادارا هئا پر تعليم جو معيار اعليٰ هو؛ تڏهن ته ايران، سعودي عرب، فلسطين، ملائشيا جا شاگرد اسان جي ملڪ ۾ آيا ٿي. ملڪ جي سالياني بجيٽ کڻي ايتري نه هئي پر ڪوشش ڪري پلاننگ اهڙي سٺي نموني سان ڪئي وئي ٿي جو ڪوريا جهڙا ملڪ پنهنجا ٽيڪنيڪل ماڻهو اسان جي ملڪ ڏي موڪليندا هئا ته هو اسان وٽان سکي وڃن. اسان جو ملڪ انڊسٽريلسٽ ناهي ته به ڪراچي ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ايتريون ته فئڪٽريون هيون جو هرڪو روزگار کي لڳو پيو هو. گهر جي ڪم ڪارين ۽ ٻين Odd ڪمن لاءِ مشرقي پاڪستان، برما، افغانستان ويندي ملائشيا، انڊونيشيا ۽ ايران کان اتي جا ماڻهو اسان وٽ روزگار ڪمائڻ لاءِ آيا ٿي.
    ملائيشيا، سنگاپور ۽ سري لنڪا جهڙا ملڪ، تعليمي ادارن توڙي ٽيڪنيڪل ڳالهين ۾ اسان کان گهڻو گهڻو پٺتي هئا. منهنجو جهازراني ۽ جهاز سازي سان واسطو آهي. رڳو ان فيلڊ کي ڏٺو وڃي ته اسان جي ملڪ ۾ جهاز راني جي تعليمي اداري ۽ شپنگ ڪمپني جي شروع ٿيڻ کان پوءِ ملائيشيا، سنگاپور ۽ سري لنڪا ۾، 15 کن سالن بعد، اهي ادارا شروع ٿيا. سي به اسان جي ماڻهن ذريعي شروع ڪيا ويا. جهڙوڪر ڪالهوڪو ڏينهن آهي جو انهن ملڪن جي جهازران ڪمپنين جي هيڊ آفيسن ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر يا ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر ظفر زبيري، ڪئپٽن سئٽنا، ڪئپٽن سعيد، ڪئپٽن جلال اڪبر، چيف انجنيئر ابراهيم شريف، ڪئپٽن عمران انصاري...........۽ ٻيا پاڪستاني ويٺا هئا. ملائشيا جي مئرين اڪيڊمي مون سان گڏ منهنجن پاڪستاني ڪلاس ميٽن آصف غيور، درٻيلي جي احمد حسين مخدوم، ڪئپٽن عثمان، ڪئپٽن ايس ايم سليم جن 1982ع ۾ شروع ڪرائي نه ته ان کان اڳ ملائيشيا جا نوجوان ان فيلڊ ۾ تعليم حآصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان يا انڊيا ۾ ايندا هئا. اهڙي طرح سنگاپور ۽ ملائيشيا جي ايئر لائين آهي. 1982ع ۾ مون سان گڏ PIA جو هڪ انجنيئر يوسف شاهه ڪوالالمپور ويندڙ هوائي جهاز ۾ سفر ڪري رهيو هو. هن ٻڌايو ته ملائيشيا وارا MAS نالي ايئر لائنز کولي رهيا آهن ان لاءِ هن کي پڻ گهرايو اٿن. يوسف شاهه اڃان تائين اتي آهي.
    هي سڀ ڪجهه 1980ع واري ڏهي جي شروعاتي سالن جون ڳالهيون آهن نه ته ان کان 20 سال کن اڳ ته هنن ملڪن جي حالت اڃان به اسان کان پٺتي هئي. منهنجي شادي 1971ع ۾ ٿي ان بعد منهنجي زال ۽ ٻار لڳاتار 1981ع تائين مختلف جهازن تي مون سان گڏ سفر ڪندا رهيا. مون کي هن وقت پنهنجي زال جا ٻه رمارڪ چڱي طرح ياد آهن جڏهن جهاز پينانگ (ملائيشيا) پهتو هو ته پينانگ جي ٻهراڙي واري علائقي بٽرورٿ ۾ ڪجهه ملئي فئملين جو پاڙو اوڙو ۽ گهر گهاٽ ڏسي چيو هئائين ته ”هي ويچارا ڪيترو ته Unhygenic حالتن ۾ رهن ٿا“. ۽ جوهور بارو پهچڻ تي منهنجي ملئي دوست جڏهن چيو ته هن جو پُٽ انٽرپاس ڪري ته منهنجي نظرداريءَ ۾ ميڊيڪل جي تعليم لاءِ LMC ڄامشورو موڪليانس جتي جو هڪ ڊينٽل سرجن (ڊاڪٽر رضا شيخ) هنن وٽ جوهوربارو ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر رضا منهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ آهي ۽ منهنجو ڳوٺائي ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ (جيڪو پوءِ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو) اهو اتي شاه عالم ڪاليج ۾ اليڪٽرونڪس جو پروفيسر هو ۽ مڪاني ملئي ماڻهو هنن مان بيحد متاثر هئا ۽ سندن ڪري اسان جي ملڪ جو به نالو ڳايو ويو ٿي.
    انهن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز ڏکڻ پاسي جپان تائين ويو ٿي. شادي بعد جڏهن پهريون دفعو ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاه Pusan ، جنهن کي بوسان به سڏين، وياسين. اڄ اهو شهر امير، خوبصورت ۽ ٽوئرسٽن جي گهمڻ لاءِ ماڊرن ۽ پرڪشش ٿي پيو آهي، انهن ڏينهن ۾ غريب هڪ طرف هو ته گدلو ٻئي طرف، جو جپان جي بندرگاهه نگويا ۾ هفتو کن رهي جڏهن 6 ڪلاڪن جي سفرتي ڏکڻ ڪوريا جي بندرگاه پوسان ۾ پهتاسين ۽ شام جو شهر گهمڻ لاءِ نڪتاسين ته جتي ڪٿي رستن توڙي دڪانن ۽ هوٽلن ۾ گندگي ڏسي منهنجي زال کان به رڙ نڪري وئي. منهنجي زال ڪا لنڊن يا پئرس ۾ ڄائي نپني نه هئي. هوءَ دادوءَ جي هئي پر اها حقيقت آهي ته ان وقت 60 جي ڏهي ۾ دادو جو جڳت آباد، شاهاڻي پاڙو ويندي غريب آباد پاڙو ڏکڻ ڪوريا جي ڪيترين گهٽين کان صاف سٿرو هو. يعني دادو ۽ موري جهڙا شهر، منهنجو مطلب آهي تن ڏينهن وارا شهر، ڏکڻ ۽ اتر ڪوريا جي ڪيترن شهرن کان سهڻا، ماڊرن ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ امير هئا.
    هڪ ٻي ڳالهه ته اسان پاڪستانين جي جنهن تنهن ملڪ ۾ عزت ڪئي وئي ٿي. اسان پڙهيل لکيل ۽ ماڻهپي وارا مڃيا وياسين ٿي. 1980ع تائين جپان، هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا پاسي ۽ 1990ع تائين ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ انڊونيشيا پاسي، اسان انهن ملڪن جي هوائي اڏن تي پهچي پوءِ اتي پنهنجي پاسپورٽ تي ويزا جو ٺپو هڻايو ٿي. ڪنهن اهو نٿي پڇيو ته پاڻ سان گڏ رٽرن ٽڪيٽ به آندي اٿانوَ يا نه، توهان جي ملڪ ۾ توهان جي بئنڪ ۾ ڇا Balance آهي، يا سندن ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ آيا آهيو يا نوڪريءَ لاءِ...........؟ سواءِ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ، هلڪي ڦلڪي واردات جي ، پاڪستاني امن وارا ليکيا ويا ٿي، پورهيت سمجهيا ويا ٿي. ڪو ڊاڪٽري، سائنس يا انجنيئري جي ڊگري حاصل ڪري ولايت ۾ نوڪري لاءِ آيو هو ته هو پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڀڙ هو. هي اهو دور ۽ زمانو هو جڏهن اڃان اسان وٽ ڪلاشنڪوف ڪلچر شروع نه ٿيو هو، خودڪش حملا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ شروع نه ٿي هئي. سرڪاري ادارن ۽ بئنڪن ۾ ڌاڙا هڻڻ جو فئشن نه هو........ ۽ اڄ جو نوجوان سوچي نٿو سگهي ته هي يورپ جهڙا ملڪ ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، ڪوريا ۽ هانگ ڪانگ اسان جي پاڪستان جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هئا. 1980ع ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ڊالر جو قدر اسان جي چئن رپين برابر هو اڄ سنگاپور جو ڊالر اسان جي 50 رپين کان مٿي ٿي ويو آهي. سنگاپور، جتي اهڙو ته Crime هو جو اسان جو جهاز 1970 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ايندو هو ته اسان جي مڪاني آفيس وارا اسان کي ڏينهن ڏٺي جو به هيڏانهن هوڏانهن اڪيلو رلڻ کان منع ڪندا هئا. 1973ع جا مون وٽ فوٽا آهن جڏهن سنگاپور جي بسن تي اتي جي چئني قومي زبانن (چيني، تامل، ملئي ۽ انگريزيءَ) ۾ لکيل هوندو هو ته جيب ڪترن ۽ چورن کان خبردار رهو. 1975ع ۾ اسان جي ڏهن رپين ۾ 300 جپاني يين مليا ٿي. اڄ ڏهين رپئي ۾ فقط 12 يين ملن ٿا. مشرقي پاڪستان جو ٽڪو بنگلاديش ٿيڻ وقت به اسان جي اڌ رپئي برابر هو اڄ بنگلاديش جو اهو ٽڪو اسان جي سوا رپئي برابر ٿي ويو آهي.
    سو هي سفرنامون ”بندر ديسان ديس“ ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جي انهن ملڪن جو آهي جتي ٻي جنگ عظيم کان پوءِ ڪسمپرسي جي حالت ٿي وئي هئي، پر پوءِ لڳاتار محنت، تعليم، انصاف ۽ امن امان قائم رکڻ ڪري اهي ملڪ اڄ واري حالت ۾ اچي ويا آهن جن کي ڏسي اسان کي حسرت ۽ سڌ ٿي ٿئي ته ڪاش! اسان جو ملڪ ۽ اسين به اهو مقام ماڻي سگهون! جيتوڻيڪ پاڻي گهڻو وهي چڪو آهي پر اڄ به اسان نيڪ اصولن تي هلي پاڻ کي ان ليول تي آڻي سگهون ٿا جنهن تي ملائيشيا، ٿائلينڊ، جپان، ڪوريا ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ پهچي اسان کي نيچ سمجهي رهيا آهن. هنن جي سياسي نيويگيٽرن سندن ملڪ جي جهاز کي رف سمنڊ مان ڪڍي ستڙ ۾ پهچايو آهي ۽ هيڏانهن اسان جي ملڪ جو جهاز ڄڻ بنا سڙهن ۽ سکان جي فقط هيڏانهن هوڏانهن بتال ٿي رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ڪو سٺو ڪئپٽن، ڪي سٺا Navigators ملي وڃن جيڪي اسان جي ملڪ جي جهاز کي سامونڊي ڪُنن ۽ واچوڙن مان ڪڍي، ڪنهن بهتر بندرگاهه ۾ لنگر انداز ڪرائي سگهن.
    هن ڪتاب ”بندر ديسان ديس“ جو پهريون ڇاپو ”سنڌي اڪيڊمي“ وارن ڇپيو جنهن اداري جو بنياد رکڻ وارو هڪ نوجوان اسلم لغاري هو. هينئر ته هو مون وانگر پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ گذريل ٽيهارو سالن کان ڪاوش اخبار وارن سان ڪم ڪري رهيو آهي. هتي آئون اهو ضرور چوندس ته هو هڪ باهمت ۽ گهڻن گڻن وارو انسان آهي. هن جيڪي حالتن سان مقابلا ڪيا ۽ محنت ڪئي ان جو شاهد آئون به آهيان. هو بنا پئسي ۽ بنا ڪنهن پڪي نوڪري جي 1970ع ڌاري ڪراچي ۾ آيو ۽ پنهنجي Survival لاءِ هن ڇپائيءَ جو ڪم اختيار ڪيو. ڇپيل رسالن يا ڪتابن جي مارڪيٽنگ لاءِ هن کي اڪيلي سر ڪراچي ۽ سڄي سنڌ ۾ ڊوڙڻو پيو. هن امداد حسيني ۽ حفيظ شيخ جا ڪتاب ”امداد آهي رول“ ۽ ”ساگر جي لهرن تي“ ڇپڻ جو ڪم شروع ڪيو. 1974ع ۾ منهنجو جهاز مهيني کن لاءِ ڪراچيءَ ۾ آيو ته هن مون کان منهنجو ڪو سفرنامو ڇپڻ لاءِ گهريو. مون وٽ ان وقت ٻه ٽي سفرناما مڪمل ٿيل هئا. مون هن کي ڏيندي چيو ته هڪ بدران سڀ وڃي ڇپاءِ پر مارڪيٽنگ جو به بندوبست اٿئي؟
    ”ان جو توهان فڪر نه ڪريو“؛ اسلم لغاريءَ چيو، ”مونکي ڇپائي ۽ مارڪيٽنگ جو تجربو آهي. مون کي پڪ آهي ته منهنجا ڇپايل ڪتاب ماڻهن کي پسند ايندا“.
    منهنجو جهاز جڏهن ڪراچيءَ کان روانو ٿيو ته ڪجهه ڏينهن بعد سمنڊ تي مونکي خيال آيو ته آئون تڪڙ ڪري پنهنجي سڄي محنت هڪ نينگر حوالي ڪري آيو آهيان، سڀاڻي هن کان منهنجو لکيل مواد گم ٿي وڃي ته مون وٽ ته فوٽو ڪاپي به نه آهي. ۽ يڪا ٽي چار ڪتاب ڏيڻ بدران هڪ هڪ ڪري ڏيان ها. بهرحال جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي ويو. جهاز ڪراچي اچڻ جو نالو نه پئي ورتو ۽ هڪ ٻه دفعو ڪراچي بندرگاه ۾ ڪجهه ڏينهن آيو ٿي ته جهاز جا ڪم ئي گهڻا هئا. بهرحال ڪجهه سالن بعد وڏي موڪل تي لهڻ تي مونکي اهو معلوم ڪري خوشي ٿي ته اسلم لغاريءَ نه فقط منهنجا سڀ ڪتاب ڇپايا پر ان وقت جي حساب سان تمام سٺا ڪري ڇپايا ۽ قيمت به تمام معمولي رکيائين.
    اسلم لغاري واريون ساڳيون خاصيتون خيرپور جي قربان منگيءَ ۾ آهن. هو پاڻ به، نه فقط سٺو ليکڪ آهي پر هن جپان ۽ آمريڪا جا خوبصورت سفرناما پڻ لکيا آهن.
    پڙهندڙن لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته هي سفرنامون بندر ديسان ديس مون نه فقط rewrite ڪيو آهي پر وڌايو پڻ آهي.


    الطاف شيخ
    1 ــ جولاءِ 2010ع
    Email: altafshaikh2005@gmail.com
    altafshaikh2004@yohoo.co.uk


    جپان هڪ نرالو ملڪ

    پڙهندڙن يا جپان ۾ ايندڙن کي، جپان، جادو جي دنيا نه، ته عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ملڪ ته ضرور لڳندو هوندو. جپان نه فقط مغرب ۽ مشرق جو، پر پراڻي ۽ نئين تهذيب جو پڻ ميلاپ آهي.
    جپان ۾ پراڻن عقيدن جا ماڻهو، گهر گهٽيون ۽ رسمون رواج آهن ته الٽرا ماڊرن فلئٽ، دڪان ۽ دنيا جون تيز رفتار گاڏيون پڻ آهن. هونءَ جپان اهڙو ملڪ آهي جيڪو ڌارين کان جاگرافي طور ڇڃيل هجڻ ڪري سندس تهذيب ۽ تمدن ٻين کان ڪافي مختلف رهيا آهن.
    ڇا اهو عجيب ناهي ته جپانيءَ جي گهر ۾ گهڙڻ وقت پنهنجو هئٽ يا ٽوپي لاهڻ بدران جوتا لاهڻا پون ٿا. ڌار وهنجڻ بدران اوڙي پاڙي سان گڏ وهنجڻ جي رسم آهي ۽ وهنجڻ وقت ٽپ يا حوض ۾ اندر وڃي پنهنجي جسم کي صاف ڪرڻ بدران ٽپ جي ٻاهران بيهي Pre-washing ڪرڻي پوي ٿي. جپاني ڪتابن ۾ Foot-Notes صفحي جي تري ۾ لکڻ بدران مٿي چوٽيءَ تي لکيا وڃن ٿا ۽ جپاني کاٻي کان ساڄي به لکي سگهجي ٿي ۽ مٿان کان هيٺ پڻ. ڪتاب يا نوٽبڪ جا پنا کاٻي کان ساڄي به استعمال ڪري سگهجن ٿا ته ساڄي کان کاٻي پڻ. شراب (Wine) ۾ برف وجهي پيئڻ بدران گرم ڪري پيتو وڃي ٿو ۽ مڇيءَ کي وري پچائڻ بدران ڪچو ۽ رکو کاڌو وڃي ٿو. عورتون مردن کي ڪوٽ لهرائڻ ۾ مدد ڪن. اها ڳالهه اسان لاءِ کڻي تعجب خيز ناهي پر مغربي ملڪن وارن لاءِ ته آهي، جتي Ladies First تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ جتي ايتري قدر جو ڪار جو دروازو به مرد کولي پهرين عورت کي اندر وهاريندو، يا سندس ڪوٽ لهرائڻ ۾ هو مدد ڪندو. جپان ۾ ٻلين کي پڇ نه ٿئي. دنيا جا ماڻهو صبح جو وهنجندا ۽ هي جپاني هميشه رات جو سمهڻ کان اڳ!
    فقط ڪجهه سال اڳ جنگ ۾ شڪست کاڌل جپان اڄ دنيا جي اليڪٽرانڪ شين ۾سڀني جو مقابلو ڪري رهيو آهي. اڌ هٿ جيڏو ٽيب رڪارڊر، واڌو ڪاٽوءَ کان سائين، ڪو سائين (Sine, Cosine) ۽ ايڪسپوننٽ جو حساب ڪتاب ڪرڻ وارو مني ڪئلڪيوليٽر ۽ ”متسو شيتا“ ڪمپني جي ٺاهيل پاڪيٽ سائيز ٽي ــ وي (ڏيڍ انچ جي پڙدي واري) جپانين جوئي ڪم آهي. نه فقط ايترو پر ”يوڪوهاما“ جي هڪ اسپتال ۾ ڊاڪٽر هيديتوشيءَ هڪ ماچيس جي تيليءَ جي منهن جيڏي گوري (Tablet) ڏيکاري، جا دراصل ريڊيو ٽرانسميٽر هئي، جنهن ۾ ٽيهن کان وڌيڪ مخلتف پارٽ ڳنڍيل ٿين ۽ مريض جي پيٽ ۾ داخل ڪري، سندس اندرين عضون جي خبرچار هن مان ايندڙ سگنلن ذريعي معلوم ڪري سگهجي ٿي. ان قسم جا ساڳيا ريڊيو ٽرانسميٽر پکين يا ننڍين مڇين کي ٻڌي سندن حرڪت ۽ چرپر، ان مان ايندڙ نياپن ذريعي گهر ويٺي حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    جپان نه فقط ننڍڙين شين ۾، پر ساڳيو ڪمال وڏين شين ۾ پڻ ڪري ڏيکاريو آهي. دنيا جا وڏي ۾ وڏا جهاز ۽ ڪارون آمريڪا بعد جپان ئي ٺاهي رهيو آهي. اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ وڌ ۾ وڌ پنجاه هزار ٽن جهاز ٺاهيندو هو پر هاڻ ته هُن چئن لکن کان به وڏا سپر ٽئنڪر ۽ ڪنٽينر جهاز ٺاهڻ شروع ڪيا آهن. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ ڪراچي شپ يارڊ ۾ جيڪي وڏي ۾ وڏا جهاز ٺهيا آهن سي فقط تيرهن هزار ٽن جا آهن.
    ۽ ڇا اهو ڪمال ناهي ته هيڏو ماڊرن هجڻ جي باوجود پراڻيون رسمون، رواج، عقيدا، خوف، خوشيون، تهذيب، اڄ به جپان ۾ ساڳيا جاري آهن. جپان دنيا جو اهڙو ملڪ آهي جيڪو ٻِٽو ڏيک پيش ڪري ٿو ۽ سندس چهري جو هڪ رخ سندس ڪلاسيڪل ماضي ڏي آهي ته ٻيو رخ جديد حال ڏي آهي، جنهن ۾ مغربي طرز جهڙي سوچ، Behaviour ۽ ڪم جو طريقو آهي.
    ڪهڙي به ملڪ مان ٿي جپان ۾ اچبو ته جپان ان ملڪ جي مقابلي ۾ صاف سٿرو نظر ايندو. سنگاپور جا فقط رستا صاف آهن پر جپان سڄو صاف ۽ چمڪندڙ نظر ايندو. جپان جو چاهي ڪو وڏو شهر هجي يا ڳوٺڙو، گهٽيون بازارون هجن يا ماڻهن جا گهر، هرڪا جاءِ پئي وڻندي. ان ۾ نه فقط اتي جي سرڪار جو هٿ آهي پر هر هڪ ماڻهوءَ کي صفائي سان دلچسپي آهي پوءِ اهو ننڍو هجي يا وڏو، پڙهيل هجي يا جاهل. روزمره جي زندگي ۾ ڪيترا ان سلسلي ۾ دل تي اونهو نقش ڇڏيندڙ مثال ملندا. هڪ ٻه جي مون کي به هن وقت ياد اچي رهيا آهن سي هتي لکان ٿو:
    ڪيوٽو شهر گهمڻ بعد اتي جي هڪ عام پارڪ ۾ هڪ بينچ تي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ اچي ويٺس ۽ ڪوڪا ڪولا پيئڻ لڳس. موڪلن جا ڏينهن هئا، ڪيتريون ئي جپاني فئمليون ۽ ٻار باغيچي ۾ ڊوڙي رهيا هئا. هڪ ٻه آمريڪن ۽ يورپين Tourist به هئا. آءٌ آهستي آهستي ڍڪ ڍڪ ڪري، ڪوڪا ڪولا پيئندو رهيس ته بهترين موسم جو لطف به وٺندو رهيس. ڪوڪا ڪولا ختم ٿي ته ان جي دٻي کي هٿن سان چٻو ۽ سڌو ڪرڻ لڳس ۽ وقت گذارڻ لاءِ ان تي لکيل هڪ هڪ لائين پهريون دفعو ڌيان سان پڙهڻ لڳس. ڪمپنيءَ جو نالو، ٽريڊ مارڪ. ان بعد دٻي جي (شربت سميت) تور ۽ جن شين مان ڪوڪا ڪولا ٺهيل آهي، انهن مڙني جا نالا. دٻي جي ٻي اڌ تي اهي ئي اوٽ پٽانگ قسم جون نصيحتون جن تي دنيا جي ڪنهن ملڪ جو شايد ئي ڪو عمل ڪندو هوندو: ”آڪي ڪان وا ڪوُ زوُ ڪا گوني.“ (هن خالي ٽن کي ڪچري جي دٻي ۾ اڇلجو. هلندڙ ڪار جي دريءَ مان نه اڇليندا). وغيره.
    ”سڀ بڪواس“، آئون پنهنجي منهن ڀڻڪي اٿيس ۽ گند جو دٻو جيتوڻيڪ سامهون نظر اچي رهيو هو، پر ڪوڪا ڪولا جو خالي دٻو ۽ پٽاٽو چپس جي ڪاڳر کي اتي ئي ڇٻر تي اڇلي، هلڻ لڳس. پويان ٻه ٻار نون ڏهن سالن جي سن جا اچي رهيا هئا. آهٽ تي مڙي ڏٺم ته انهن اهو خالي دٻو ۽ ڪاغذ، پٽ تان کڻي ڪچري جي دٻي ۾ وڃي اڇلايو. جيتوڻيڪ اهو محسوس ڪيم ته هنن مون کي احساس ڏيارڻ بنا اهو ڪم پئي سرانجام ڏنو پر جيئن ته مون ڏسي ورتو ان ڪري مون کي به افسوس ٿيو ته هنن کي به. مون کي ان ڪري ته مونکي ائين ڪچرو ڦٽو ڪرڻ نه کپندو هو. هنن کي ان ڪري ته هڪ گائيجن (ڌاريو ماڻهو) شڪي ٿيو.
    “I am Sorry” مون پيار سان سندن مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو.
    ”نه سائين،“ هنن مان هڪ وراڻيو، ”مڙيئي خير آهي. پر ڏسو نه، اسان جو جپان تمام ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ آهي. جيڪڏهن ائين ٿورو ٿورو ڪچرو هرڪو ڪندو رهندو ته ٿوري عرصي ۾ اسان جو سڄو ملڪ گدلو ٿي ويندو.“
    هڪ ٻيو واقعو: اوساڪا شهر ۾ احمد حسين مخدوم ۽ آئون سيڪنڊ هئنڊ موٽر سائيڪلون خريد ڪري، ڀاڙي جي هڪ پڪ ۾ رکائي جهاز تي اچي رهيا هئاسين. رستي تي پڪ اپ واري پيٽرول پمپ تي گاڏي بيهاري پاڻ باٿ روم ۾ هٿ ڌوئڻ لاءِ ويو ته اسان به ان سان گڏ گهڙياسين، جو اسان جا هٿ به گريز ۽ تيل ۾ ڪارا ٿي ويا هئا. هن پهرين اسان کي ڌوئڻ لاءِ جڳهه ڏني. جيتوڻيڪ پبلڪ نموني جو Toilet هو پر بيحد صاف هو ۽ چمڪي رهيو هو. اسان نڪا ڪئي هم نڪا تم. صابڻ کڻي جلدي جلدي هٿ ڌوئي ٽوال سان اگهڻ لڳاسين. تيسين پڪ اپ جو ڊرائيور هٿ ڌوئڻ لڳو. مون ڏٺو ته هٿ ڌوئڻ بعد هن اسان وانگر بئسن (ڪونڊي) گندي حالت ۾ نه ڇڏي پر ان کي هٿن سان صاف ڪري چمڪائي ان حالت ۾ ڇڏيو جنهن ۾ اسان کي اچڻ وقت ملي هئي.
    مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته اهو ڪم جو اسان پڙهيل ــ ڳڙهيلن کي ڪرڻ کپي ها سو هڪ جاهل ڊرائيور ڪري رهيو هو.


    بئنڪاڪ ـــ هڪ بدنام بندرگاهه

    ٿائلينڊ جي حڪومت ڊالر ڪمائڻ جو واه جو آسان طريقو ڳولي لڌو آهي. جنهن تي نه سيڙپ جو فڪر نه نقصان جو ڊپ. فقط فائدو ئي فائدو آهي! بئنڪاڪ ته ڇا پر ٿائلينڊ جو هر شهر مومل جي اها ڪاڪ آهي جتي آهي نينهن اُڇل. نڪا جهل نڪا پل ــ جيڪو وڃي سو پسي پرينءَ کي. بهرحال اها شاعري پڪ اٿم ته شاه لطيف بئنڪاڪ جي هنن سستي قسم جي ميڪ اپ ۽ V.D لڳل موملن لاءِ نه ڪئي هوندي، جن لاءِ Sex ته ڪا ڳالهه ئي نه آهي. نتيجي طور ٿائلينڊ جي اخبار ۾ ڪابه اهڙي خبر نظر نه ايندي ته ڪا ڇوڪري ڪنهن سان ڀڄي وئي. ڪا عورت ڪنهن ڌارئين سان گڏ هوٽل يا پارڪ ۾ نظر آئي. فلاڻي جڳهه يا هوٽل، عصمت فروشيءَ جو اڏو آهي، وغيره. ڇو جو خبر ته تڏهن آهي جڏهن ڪا ڳالهه روزمره جي زندگي ۾ عام نه هجي. هتي ان سلسلي ۾ خبر ايندي ته وڌ ۾ وڌ جيئن اڄ جي اخبار ( 9 فيبروري 1974ع) ۾ فوٽو سان آئي آهي ته: ”فلاڻي هوٽل ۾ هڪ ٽاپ ــ ليس ڇوڪريءَ پنهنجي شناختي ڪارڊ جو نمبر پاڻ سان نه رکيو.“ ساڳي وقت ٻڌائڻ لاءِ، هڪ ٻي ٽاپ ــ ليس ڇوڪريءَ جو فوٽو ڏنل آهي جا ڏيکاري رهي آهي ته بدن تي ڪپڙن جي کوٽ هئڻ ڪري ـــ يعني فقط سنهڙي ڪڇي جي صورت ۾ اهو نمبر پاسي کان اڳٺ ۾ ڪيئن لڙڪائي ڇڏجي.
    بئنڪاڪ جي اڄ ڪلهه حالت اهڙي آهي جو جهاز اڃان بندرگاه کان پري ائنڪر تي مس ٿو پهچي ته سوين ڇوڪريون ٻيڙين ۾ چڙهي اچيو جهاز تي نڪرن ۽ جهاز تي ائين ڊوڙنديون وتن ڄڻ پاڻ مالڪ هجن.
    هڪ جهاز جي ڪئپٽن کين جهاز تي چڙهڻ کان منع ڪئي ته في الحال هو جنهن ٻيڙيءَ ۾ جهاز تائين آيون هيون ان ۾ واپس هليون ويون ۽ پوءِ جيٽيءَ تي وڃي انتظار ڪيائون. جهاز جڏهن بندرگاه ۾ جيٽيءَ سان لڳو ۽ ڪئپٽن جيئن هيٺ لٿو ته سڀني سندس اڳيان قطار ۾ بيهي، هڪ ئي وقت اسڪرٽ ائين کڻي مٿي کنيا ڄڻ ڪا فوجي پلٽون هڪ ئي وقت سلامي لاءِ Eyes Right ڪري.
    بئنڪاڪ پهچڻ کان اڳ، هڪ رات ڊنر تي ريڊيو جي آواز ڏي ڌيان ڇڪائيندي ڪئپٽن چيو ته: ”جپان مان اهڙو ته Amplifier سان ريڊيو ڪئسٽ وٺندس جو جهاز جون ڀتيون لڏي وڃن.“
    چيف انجنيئر وراڻيس، ”پهرين بئنڪاڪ ته پهچڻ ڏي. جپان ته پري ٿيو توکي بئنڪاڪ ۾ ئي جهاز جون ڀتيون لوڏي ٿو ڏيکاريان. رڳو ٿائي ڇوڪرين کي جهاز تي چڙهڻ ڏي.“
    بئنڪاڪ پهچڻ کان اڳ روز شام جو برج تي جهاز جي چيف آفيسر کي تنگ ڪرڻ هرهڪ جو خاص مشغلو هو. هو بيحد شرميلو آهي. سندس هن سفر کان پوءِ شادي ٿي رهي آهي. پاڻ هر وقت پنهنجي شرافت جتائڻ لاءِ ٻڌائيندو آهي ته يار اڄ ڏينهن تائين مون نه سگريٽ ڇڪيو آهي، نه شراب پيتو آهي ۽ نه ڪنهن ڇوڪريءَ کي هٿ لاتو آهي.
    جيئن ته اهي ٽئي شيون اسان جي چيف انجنيئر جون وري Favourite آهن، سو ان کي باهه وٺي ويندي هئي. آخر هڪ ڏينهن چيف آفيسر کي واه واه ڪرڻ بدران چيائين: ”پارٽنر! تنهنجي اهڙي جيئڻ تي به لعنت هجي! جهاز بئنڪاڪ هلي پيو، شادي کان اڳ Gear Test ضرور ڪجانءِ. ائين نه ٿئي جو تنهنجو جنريٽر Full-Load تي ته نه چڙهي پر Parallel به ڪم نه ڪري سگهي.
    جهاز جو اهو مٿاهون حصو جتان جهاز کي ڪنٽرول ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ چوڌاري سمنڊ تي نظر رکي سگهجي ”برج“ سڏجي ٿو. برج تي رڊار، اسٽيرنگ ويل، سئٽلائيٽ نيويگيٽر ۽ ٻيون جهاز هلائڻ جون شيون ۽ سمنڊ تي رستو ڳولڻ جا اليڪٽرانڪ اوزار ٿين.
    بندرگاه ۾ بيٺل جهاز کي هلائڻ کان اڳ هن جي هرهڪ اهم مشينري ٽيسٽ ڪئي وڃي ٿي جنهن کي Gear Test سڏجي ٿي. ڪنهن به مشينريءَ جي پراعتماد ڪارڪردگي نه هجڻ جي صورت ۾ ان کي صحيح ڪري گهربل معيار تي آڻڻ ضروري آهي ڇو جو اڳتي هلي سمنڊ ۾ ڪنهن به مشينري ۾ معمولي خرابي به وڏو مسئلو پيدا ڪري سگهي ٿي.
    جهاز هڪ شهر مثل آهي جنهن تي ڪيترن ئي ڪمن لاءِ اليڪٽرسٽي جي ضرورت آهي جيڪا جهاز تي لڳل ٽي کن جنريٽر مهيا ڪن ٿا. هونءَ ته هڪ جنريٽر ئي ڪافي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن گهڻي ضرورت مهل ٻيو جنريٽر به هلائڻو پوي ٿو. ٽيون جنريٽرStandby هوندو آهي جئين ڪو جنريٽر خراب ٿي پوي يا مرمت هيٺ هجي ته اهو ٽيون هلائي سگهجي. جنريٽر واري مشين هلائي پوءِ ان مان پيدا ٿيندڙ اليڪٽرسٽي مختلف جاين تي مهيا ڪرڻ لاءِ هڪ ليور کي مٿي ڪبو آهي جنهن کي انجنيري زبان ۾ ”جنريٽر کي لوڊ تي چاڙهڻ“ سڏجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اليڪٽرسٽي جي ايڏي ضرورت هوندي آهي جو هڪ جنريٽر ان جو پورائو ڪري نه سگهندو آهي ۽ سندس بيهي وڃڻ جو خطرو هوندو آهي. ان ڪري يڪدم ٻيو جنريٽر به هلائڻو پوندو آهي ۽ ٻنهي کي اهڙي نموني رکبو آهي جو اليڪٽرڪ سٽي جو لوڊ ٻنهي تي هڪ جيترو پوي. ان کي ”Parallel تي ڪم ڪرڻ“ سڏجي ٿو.)
    بئنڪاڪ پهچڻ بعد ٿرڊ انجنيئر کي چيم ته، ”جهاز تي ته ڪجهه خيال رکو. اليڪٽريڪل انجنيئر پنهنجي پاڙي ۾ فئملي سان رهي ٿو. هو ڇا چوندو هرهڪ ڌارئين ڇوڪريءَ سان گڏ پيو هلي.“
    ”سائين ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو؟!“ ٿرڊ انجنيئر چيو، ”هو خود ان چڪر ۾ آهي ته زال مان ڪيئن جان آجي ڪري مئي متي مهراڻ ۾ ٽپو ڏجي. ننڊون ئي حرام ٿي ويون اٿس. چئي پيو ته بئنڪاڪ ۾ زال کي ڍوئي اچڻ ائين آهي جيئن ڪنهن برفاني جبل جي چوٽيءَ تي وڃڻ وقت پاڻ سان گڏ ٿرماس ۾ برف جي ڳوڙهي کڻي وڃڻ.“
    هيٺ خلاصين مان ڪو خلاصي ٻين کي ٻڌائي رهيو هو ته ”يار پنهنجو چيف آفيسر سڄي رات ٻاهر بئنڪاڪ شهر ۾ ٽڪڻ جي باوجود به پنهنجي عصمت بچائي آيو آهي.“
    ”اسان ته ان چڪر ۾ آهيون،“ جهاز جي پرسر منهن بڇڙو ڪري ڀڻڪيو، ”ته ڪهڙي طرح به، ڪٿي نه ڪٿي اسان جي عصمت لٽجي ئي لٽجي.“
    جهاز تي هڪ G.S (جنرل سرونٽ) جيڪو پئن اسلامڪ ڪمپني جي حاجين وارن جهازن تي نوڪري ڪري آيو آهي ۽ کيس سڀ حاجي سڏين، تنهن هڪ ڏينهن جهاز جي ڊيڪ تي، جهاز تي ڪم ڪندڙ ٿائي مزورن جي ماني پچائڻ واري عورت جي ننڍي نيٽي ڌيءَ ۾ کڻي هٿ وڌو. پوءِ ته ان ڇوڪريءَ ۽ ماءُ ايڏو گوڙ ڪيو جو بس. چئي ته ٻيون ڇوڪريون ڊيڪ تي کنڊ جون ڳوڻيون (Cargo) پيون چاڙهين سي خراب آهن. مون کي يا منهنجي ڌيءَ کي ڪو آمريڪن به تيسين هٿ نٿو لاهي سگهي جيسين ويهه ڊالر اڳواٽ نه ڏئي.
    فيصلي لاءِ وري ٿرڊ انجنيئر ملين. سو هنن جو صلح ڪرائي پوءِ مون وٽ آيو. سيڪنڊ آفيسر به ڀر ۾ بيٺو هو تنهن کي به اها ڳالهه خراب لڳي ۽ چوڻ لڳو ته: ”حاجي ٿي ڪري اهڙا جڏا ڪم! اهي ڊيڪ ــ لئبر اهڙا آهن جو ڪارگو ڇڏي اسٽرائڪ ڪن ها جيڪر! ڪجهه ته اسان جهازين کي به خيال رکڻ کپي.“
    ٿرڊ انجينئر منهنجي ڀرسان ويهي آهستي رازدانه انداز ۾ چيو؛ ”ڀلو ٿئي حاجي صاحب جو، جو اها خواري هن پنهنجي مٿي تي کنئي، نه ته اڌ ڪلاڪ کن جي صبر ڪري ها ته ان امتحان مان مون کي گذرڻو پوي ها ۽ حاجي صاحب جي بدران اهو خواريءَ جو گهانگو منهنجي ڳچيءَ ۾ هجي ها.“
    بئنڪاڪ جي ٽيڪسي ڊرائيور ٻڌايو ته ڪميونزم سٺي آهي. ڀلي اچي ۽ ڄاڻ ته آئي هرڪو غريب غربو ۽ پورهيت اهو ٿو چاهي. عوام ۾ سخت بي چيني ۽ بي يقيني آهي.
    ٿوري دير بعد ان ۾ ڪسٽم وارو ۽ پوليس جو اعليٰ عملدار اچي ويٺا. تن کان پڇيوسين ته انهن کي راءِ عامه جي سڌ ئي نه هئي. چي ”هتي ٿائلنڊ ۾ ڪير به نٿو چاهي ته ڪميونزم اچي. بادشاهت وارو هلندڙ راڄ سٺو آهي.“
    کين اها به خبر نه هئي ته شهر ۾ جيڪو تيڪو ڇا پيو چوي، يعني عوام اندر ڪهڙو ڀنڀٽ ٻري رهيو آهي . پر اخبار ۽ ٽي ــ وي تي حڪومت جو قبضو هئڻ ڪري حالات ۽ حقيقت تي اکيون پوريون پيون وڃن. چي اسان جهڙن Underdeveloped ملڪن جي ماڻهن لاءِ پريس جي آزادي عياشي آهي. جيڪا اسان برداشت نٿا ڪري سگهون.
    کيس ڪهڙي خبر ته پريس جي آزادي ته دراصل هڪ Safety-Valve آهي جنهن ذريعي بغاوت جي وڌندڙ باهه ٻاهر خارج ٿي سگهي ٿي، ۽ حڪومت سياسي ۽ جاني نقصان کان بچي سگهي ٿي.
    بئنڪاڪ ۾ ڪپڙن سبائڻ جو سٺو وجهه آهي. هڪ ڏينهن ۾، بلڪ ٻن ڪلاڪن ۾ به ماڻهو ڪپڙو پسند ڪري اتي جو اتي سوٽ سبرايو وٺي. سلائي به سستي ۽ بهترين آهي. Stiching ۾ بئنڪاڪ ۽ پوسان (ڪوريا) جو جواب ناهي. هانگ ڪانگ به گهٽ نه آهي پر هاڻ اتي مهانگائي ٿيندي وڃي. بئنڪاڪ ۾ درزين جي دڪانن تي انيڪ نمونن ۽ Shades جا ڪپڙا رکيل نظر اچن ٿا. مثال طور: بئنڪاڪ جي هڪ ننڍڙي دڪان ”ساها ــ سلپ“ ۾ فقط مرداني قميصن لاءِ چار سو کن قسمن جو ڪپڙو موجود آهي جيڪو وڪڻڻ لاءِ نه پر اُتي جو اتي ماپ وٺي سبي ڏيڻ لاءِ آهي. ڪمپلينٽ سوٽ چوويهن ڪلاڪن ۾ پر ارجنٽ لاءِ ٻارهن ڪلاڪ ڪافي آهن ۽ سلائي چار سو باٿ (يعني ٻه سو روپيا) آهي. اسان جي هڪ رپئي ۾ هتي جا ٻه باٿ آهن.
    بئنڪاڪ شهر ۾ پاڪستان جي حبيب بئنڪ، P.I.A جون Neon-Signs ۽ اٽي ۾ ٿڦيل پاڪستاني ايئرهوسٽسون، ڀڳل رستا ۽ ڦٽل عمارتون ڏسي پنهنجو ملڪ ٿو ياد اچي.
    جهاز جي ٿائلينڊ کان نڪرڻ کان پوءِ سيڪنڊ آفيسر جي ”مي ڪم“ ”نو ــ گو“ وغيره جهڙي ٽٽل ۽ اڌ اکري انگريزي ٻڌي آخر فورٿ انجنيئر چيس؛ ”آهي ڇا جو هر وقت رنڊين واري زبان پيو ڳالهائين؟ ٿائلينڊ جي ڪنهن رنڊيءَ مان Impress آهين ڇا؟“
    ”اڙي هنن کي رنڊيون نه چئه، اشراف! مون وٽ جيڪا ايندي هئي سا سٺي خاندان جي هئي ۽ يونيورسٽي اسٽوڊنٽ هئي.“
    ”ڇا هڪ رنڊي هسٽري يا جاگرافي ۾ بي.اي آنرز ڪرڻ سان Virgin ٿيو پوي ـــ؟“
    ”نه اها ڳالهه ناهي. قسم سان مس”نَيت“رڳو مون وٽ ايندي هئي.“
    ”۽ اهوئي جملو تنهنجي مس نَيت بابت ٻيا به ڪيترائي جهازي بائيبل، گوتم ۽ ڪرشن جو قسم کڻي چوندا هوندا.“


    جهاز تي حلال ۽ حرام گوشت جا مسئلا

    پاڪستان کان جيئن مغرب طرف وڃبو ته کاڌو سخت نظر ايندو. اسان وٽ ٻوڙ ۽ ماني عام کاڌو آهي. ۽ رس نه گهاٽو هوندو نه ڇڊو. پر اڳتي اهو گهاٽو ٿيندو ويندو. ويندي آمريڪا تائين ذري گهٽ هر شيءِ فراءِ ۽ ڊبل روٽي سان ملندي يا هئمبرگر ۽ سئنڊوچ نظر ايندي پر وري پاڪستان جي جيترو اوڀر طرف وڃبو ته ٻوڙ ڇڊو ٿيندو ويندو. ڏکڻ هندوستان، بنگلاديش ۽ برما ڏي ماني بدران چانور هوندا ۽ ٻوڙ اهڙو ڇڊو ملندو جو کائڻ سان رس ٻانهن جي ڪراين کان وڃي نڪرندو . اڃان اڳتي ٿائلينڊ، چين ۽ جپان ڏي وڃبو ته چانور الڳ ته نه هوندا پر سڄو پيالو پاڻيءَ جهڙي ڇڊي ٻوڙ جو هوندو، تنهن ۾ چانورن جا چند ڪڻا نظر ايندا. يا ان ۾ سويون ۽ سامونڊي ڪينان پيل هوندا.
    بئنڪاڪ کان سگ تائو (چين) تائين يڪا نوَ ڏينهن سمنڊ خراب مليو. جهاز جي چئني ففٿ انجنيئرن، آگ وارن، ڪئڊٽن ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر جي حالت خراب ٿي وئي هئي. اڪثر هڪ يا ٻن ڏينهن بعد سمنڊ صحيح ٿي ويندو آهي پر هن سفر ۾ ختم ئي نه پئي ٿيو. خليجِ سيام (Bay of Siam) برف وارو سمنڊ مليو، اتان جان بچائي نڪتاسين ته يڪو ڏکڻ چيني سمنڊ خراب مليو. هل هلان، صبح جو اميد رکون ته شام تائين سمنڊ صحيح ٿي ويندو. شام جو چئون ته سڀاڻي انشاءَالله صحيح ٿي ويندو. هوا به جهڙي تهڙي نه پر مستقل Gale ۽ طوفان (Storm) جي صورت ۾ ايڏي تيز جو ڪو ماڻهو جهاز جي ڊيڪ تي بيهي نٿي سگهيو. برج جي Wings ۾ به ڪو لُڪ ــ آئوٽ (نظرداري) لاءِ بيهي نٿي سگهيو. جهاز آٽو بدران سکاني Steer ڪرڻ لڳا. پائونڊنگ جو اهو حال جو جهاز جو اڳ (Bow) جڏهن پاڻيءَ جي وڏي ڇول تي لڳو ٿي ته پاڻيءَ جا ڇنڊا پنج سو فوٽ (جهاز جي ڊيگهه) لتاڙي پويان مٿي برج جي شين تي اچي ٿي لڳا. ۽ جيڪڏهن اها لهر جهاز جي پيٽ هيٺان اچي ٿي وئي ته جهاز جي هڪ هڪ شيءِ اهڙا ته ٽڙڪاٽ ڪيا ٿي جو لڳو ٿي ته ڄاڻ ته جهاز وچ مان اڌو اڌ ٿيو. اميد هئيسين ته تائيوان جي ٻيٽ وٽ پهچي موسم ٺيڪ ٿي ويندي، پر اتي پهچي معلوم ٿيو ته Taiwan Channel جي مٿئين پاسي طوفان جو وچ Centre ٺهي رهيو آهي. يعني ڀڄڻ جي ڪا واهه به نه پئي ملي. چئنل ۾ گهڙڻ سان ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪو راڪاس ڦوڪون هڻي رهيو هجي ۽ جهاز لوهه جو نه پر ڪاغذ جي ٻيڙي هجي ۽ اڳتي وڃڻ کان وڌيڪ پٺتي ٿي ڌڪيو. انجڻ جي رفتار ارڙهن ناٽ (Knot) هئي پر سڄي سفر جي سراسري رفتار پنج ڇهه ناٽ آئي ٿي. گڏهه گاڏي به ان کان تکي هلي ٿي. نه رستو کٽي نه طوفان ختم ٿئي. هرهڪ جي وات تي اهو هو ته ههڙي حالت، سا به ايترا ڏينهن لڳاتار، اسان سان ڪڏهن به درپيش نه آئي. اڌ کان وڌيڪ عملي جي همت جواب ڏيڻ تي هئي. اشفاق نالي هڪ ففٿ انجنيئر، ته ايڏو ڪمزور ٿي چڪو هو جو هن کي ڏسي ڊپ ٿي لڳو. اکيون ڏرا ڏئي ويون هئس. اٺ ڏينهن ليمون پاڻيءَ تي گذارو ڪيائين. ماني جيڪا ٿي کاڌائين سان الٽيءَ سان ٻاهر ٿي ڪڍيائين. الٽين جو ڦهڪو ته گهڻو ڪري سڀني سان هو. ان حالت ۾ به هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻي پئي ٿي. سڀ مجبور هئاسين آخر اهو ڏينهن به اچي ويو ۽ چين جي بندرگاهه سنگ تائو ۾ پهچي وياسين. سڀني سک جو ساهه پٽيو. ڪناري تي بيٺل هڪ چينيءَ ففٿ انجنيئر اشفاق کان پڇيو ته سفر ڪيئن رهيو؟!.
    اشفاق شڪل بڇڙي ڪري وراڻيس:
    ”بس ڊيوٽيون ۽ الٽيون ڪري هي حال ٿي ويا آهن.“
    ڪي Crew-Member (جهازي) هونءَ جيڪو وڻندن کائيندا رهندا. ٻاهران شراب تائين پي ايندا. نماز جو هڪ وقت به نه پڙهندا. پر جڏهن سمنڊ تي هوندا ته مانيءَ وقت اهو ضد ڪندا ته هي جيڪو ٻڪريءَ جو گوشت آهي سو حلال آهي يا حرام؟ پوءِ جڏهن کين M.K جو سرٽيفڪيٽ ڏيکاربو ته Muslim-Killed يعني حلال ٿيل آهي تڏهن ماٺ ڪندا. ڪيترن جي ته خيال ۾ اهو هوندو آهي ته حلال گوشت فقط پاڪستان ۾ ملي ٿو. ڄڻ پاڪستان کان علاوه ٻي ڪنهن ملڪ ۾ مسلمان آهن ئي ڪونه. مسلم ملڪن کان علاوه اڄڪلهه غيرمسلم ملڪن ۾ به مسلمان ملندا. آمريڪا، روس، انگلينڊ، جپان، هانگ ڪانگ ۽ آسٽريليا جهڙن ملڪن ۾ به مسجدون نظر اينديون. ان کان علاوه يهودي به حلال گوشت کائين ٿا. سو هر جڳهه گهڻو ڪري هر قسم جي مذهب ۽ رسم رواج مطابق شيون ملن ٿيون.
    آسٽريليا ۽ نيوزيلنڊ، جيڪي دنيا جا وڏي ۾ وڏا گوشت جا Suppliers آهن، اهي ته مسلمانن لاءِ الڳ حلال گوشت، مولوي جي فتويٰ (سرٽيفڪيٽ) سان گڏ ٻين ملڪن ۾ موڪلين ۽ ان گوشت تي M.K جو ٺپو به لڳل هوندو آهي. اتر چين جي هڪ بندرگاهه دائرين ۾ هئاسين ته اتي ته ڪو به مسئلو درپيش نه آيو جو اتي ايترا ته چيني مسلمان رهن ٿا جو انهن جي مارڪيٽ جو هڪ سيڪشن ئي الڳ آهي، جنهن جي مٿان عربي ۾ آيتون لکيل نظر آيون ۽ اتي هر شيءِ حلال وڪامي ٿي، پر ڏکڻ چين ۾ سئم ڪانگ ننڍو ڳوٺ آهي ۽ اسان کي سڄي سفر لاءِ گوشت اتان ئي کڻڻو هو. سو اسان پنهنجي جهاز تان پٺاڻ انجڻ ــ سرنگ (جيڪو مولوي آهي ۽ جهاز جي مسجد جو پيش امام به) موڪليو ته سڀ ٻڪريون ۽ ڍڳيون حلال ڪري اچي. واپسي تي کيس اسان جي چيني آفيس وارن به پنج يئان (اٽڪل ٽيهه روپيا کن) في ٻڪري جي حساب سان خرچي ڏني ۽ جهاز طرفان به چڱو اجورو مليس. ٻه ڏينهن موڪل الڳ ڪيائين.
    ٻئي سفر ۾ جڏهن اسان جو جهاز چين ساڳي بندرگاهه سئم ڪانگ ۾ پهتو ته چيني آفيس وارن اسان جي ڪري اسان لاءِ گوشت ذبح ڪرائي وڍائي Freeze ڪري جهاز تي موڪليو. سڀ خوش هئا پر اسان جي جهاز جو مُلون اچي ڏمريو ته اهو حرام آهي. چين ۾ به ڪي مسلمان ٿيا. سڀني جا ڪن کڻي ڀريائين ته نه کائجو. کيس پيٽ ۾ اهو سور ته سندس خرچي ۽ ٻن ڏينهن جي موڪل هن دفعي ناس ٿي وئي. ڪجهه خلاصين هن جو چوڻ مڃيو ۽ گوشت بدران ڀاڄي کائڻ لڳا پر ٻن ڏينهن بعد گوشت مان اڳيون به ڪسرون کڻي ڪڍيائون. انجڻ سرنگ به پهرين لڪي پوءِ ظاهر ظهور کائڻ لڳو.


    اسان جي ملڪ جي خلاصين جو حال!

    اتر ڪوريا ۾ حلال گوشت ته ڇا پر ٻڪرين ملڻ جو مسئلو ٿي پيو. هتي جي پهاڙي علائقي ۾ فقط رڍون ئي ملي سگهيون ٿي سي به گهڻي چرٻيءَ واريون. پر اسان جا خلاصي چون ته اهي هرگز نه کپن. کائينداسين ته ٻڪريءَ جو گوشت (Mutton) ۽ ٻئي نمبر تي بيف (ڍڳيءَ جو گوشت). آخر اسان جي ڪورين آفيس جا ماڻهو خبر ناهي ڪٿان جبلن ٽڪرين تان، رلي پني پنج ڇهه ٻڪريون خريد ڪري آيا.
    اتر ڪوريا ۾ اميگريشن ۽ ڪسٽمس وغيره جو به وڏو چڪر آهي. انهن ٻڪرين کي آڻڻ لاءِ ڏهن هنڌن تان ته اجازت ناما وٺڻا پيا. ڪٿي داخلا پاس ٺهي، ڪٿي ڪسٽم ڊيوٽي ڏيڻي پئي، ڪٿي هيلٿ سرٽيفڪيٽ ٺهيا. ڄڻ ٻڪريون نه هجن پر ماڻهو هجن جيڪي ڪجهه غلط قسم جو سامان هڪ ملڪ مان ٻئي ۾ سمگل ڪري پيا اچن. آخر اهي پهاڙي ٻڪريون اچي جهاز تي چڙهيون. ڪئپٽن به خوش ٿيو ته خلاصين جو ضد پورو ٿيو ۽ هاڻ باقي سفر سڪون سان گذرندو. سڀ ٻڪرين کي ڏسڻ لڳا. ايتري ۾ ڇا ٿيو جو هڪ ٻڪريءَ کڻي پيشاب ڪيو ۽ ٻيون ٻڪريون شايد ڪي اڃ ۾ ساڻيون ٿي جهاز تي پهتيون هيون، سي سڀ جهاز جي لوهي ڊيڪ تي ٿيل اهو پيشاب چٽڻ لڳيون. سائين بس پوءِ ته خلاصين کڻي هنگامو مچايو، چي اهي پليت ٻڪريون آهن. اسان ڪو انهن ڪميونسٽن جون ٻڪريون کائينداسين ڇا؟! ان کان ته بک مرڻ بهتر آهي. کين ڪيڏو سمجهايو ويو ته بابا پنهنجيون ديسي ڪڪڙيون جو سڄو ڏينهن نالين مان گونهه ڪڍي پيون کائين پوءِ اهي پاڪستان ۾ آهن ان ڪري مسلمان ڪڪڙيون ٿيون ۽ هي ڪميونسٽ ان ڪري جو اتر ڪوريا ۾ آهن!؟
    جهازن تي هڪ ڊيڪ ٽوپس (ڀنگي) ۽ هڪ سئلون ٽوپس ٿئي. ڊيڪ ٽوپس جو ڪم خلاصين جا باٿ روم صاف ڪرڻ، ڊيڪ ٻهارڻ ۽ خلاصين جا ٿانوَ ڌوئڻ آهي ۽ سئلون ٽوپس جو ڪم آفيسرن جا باٿ روم صاف ڪرڻ، آفيسرن جو کاڌو هيٺان گئلي (بورچيخاني) کان مٿي ميس تائين پهچائڻ ۽ ٿانوَ ڌوئڻ آهي. ٽئاليٽ وغيره سڀ فلئش سسٽم وارا ماڊرن قسم جا آهن جي خودبخود صاف رهن. ڀنگيءَ جو ڪم فقط انهن ۾ وقت بوقت Toilet Papers ۽ ايئر ڪلينر رکڻ هوندو آهي.
    جهاز تي ٽوپس غيرمسلم (گهڻو ڪري ڪرسچن) رکيا وڃن ٿا. ڊيڪ ٽوپس کان پوءِ پروموشن تي اهو سئلون ٽوپس ٿئي. ان بعد جي ــ ايس (General Servant) ۽ پوءِ پئنٽري مئن ٿئي. ڪي ڪي ڪرسچن سڌا جي ايس ۽ پئنٽري مئن به ٿين.
    هڪ دفعي هڪ جهاز تي ڪئبنن جي گهٽ وڌ هئڻ ڪري سئلون ٽوپس کي ڪنهن خلاصي يا آگ واري سان رهڻو ٿي پيو، جن جون ڊبل بيڊ ڪئبنون ٿين يعني هڪ بسترو هيٺ ٿئي ته ٻيو مٿي جنهن لاءِ ننڍي ڏاڪڻ پڻ ٿئي. پر سئلون ٽوپس کي جنهن ڪئبن ۾ کڻي موڪل ته ان ۾ رهندڙ خلاصي چوي. ”ٽوپس کي ڪو آئون ڪئبن ۾ رکندس ڇا، آئون مسلمان آهيان.“
    کين چيف آفيسر گهڻو ئي سمجهائي ته بابا هو به ته انسان آهي ۽ وڏي ڳالهه ته اهلِ ڪتاب آهي. ڪرسچن آهي ڪافر ته نه آهي. ۽ هي جو توهان بئنڪاڪ ۾ ڏهه ڏينهن، اتي جون ٻڌ ۽ هندو ڇوڪريون هڪ ئي بستر تي سمهاريندا هئائو تڏهن توهان کي غيرت ڪانه ٿي آئي ۽ توهان جي مسلماني به خطري ۾ نٿي پئي. هاڻي سئلون ٽوپس جنهن جي هٿن جي ماني ٿا کائو، تنهن کي ڪمري ۾ نٿا رهايو، سو به هو پنهنجي بستري تي سمهندو توهان جي ڀر ۾ ته نه سمهندو.
    سو اهي آهن ڪن ڪن جهازن تي ڪن خلاصين جا حال!
    جهاز سڄو کنڊ سان ڀريل بئنڪاڪ کان سنگ تائو (چين) پهتو ته هن بندرگاه جا چيني مزور ماڪوڙين وانگر ورائي ويس. اها کنڊ جيڪا بئنڪاڪ ۾ ٿائي مزدورن کي جهاز ڀرڻ ۾ پندرهن ڏينهن لڳا (۽ ڪراچي ۾ ان ڪم لاءِ ويهه ڏينهن جيڪر لڳن) تنهن کي چيني ماڻهو ٽن ڏينهن ۾ ڄڻ چٽي ويا. نه فقط ڳوڻيون لاهي جهاز خالي ڪري ڇڏيائون، پر ڪريل داڻا به ٻهاريءَ سان ميڙي جهاز جي هئچز (گدامن) ۽ ڊيڪ کي ائين چمڪائي ڇڏيائون، ڄڻ هن کي ڌوتو ويو هجي. جيئن ڪو بکايل ٻار پليٽ به چٽي صاف ڪري ڇڏي.
    چيف آفيسر کي چيم ته، ”جنهن ملڪ جي ههڙي محنتي قوم هجي ان کي نڪو ڊپ نڪو ڊاءُ. هتي ته Port Congestion يا هر شيءِ تي جهاز جي Delay ڪري پندرهن سيڪڙو چارج قسم جون شيون ٿينديون ئي نه هونديون. هڪ اسان جو ملڪ آهي جتي پڻ ايترائي مزور هڪ هڪ جهاز تي ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا پر هتي (چين) جي ڳالهه ئي نرالي آهي.“
    ”هتي ڇو نه جهٽ ٿيندو ـــ“ چيف آفيسر چيو، ”جو هي مائوءَ جا مريد هڪ دفعو فالڪن (گدامن) ۾ لهن ٿا ته بس ايمانداري سان ڳوڻيون ئي ڍوئيندا رهن ٿا. کين اسان جي مزورن وانگر نه ذري ذري چانهه جو بهانو آهي ۽ نه پاڻي پيئن جو. نه پيشاب جو چڪر نه سگريٽ ٻيڙيءَ جي ٻاڙ. نه چوريءَ جي چوس ۽ نه سامان جي ڀڃ ڀور ڪرڻ جي عادت.“


    مِني ڪرين، سُستي پمپ ۽ ڊارلنگ رُبي.....

    پي آئي اي جي ايئرهوسٽس ۽ اسٽيوورڊن اهو چڱو طريقو ڳوليو آهي ته فلائيٽ ۾ جيڪو پاڪستاني مسافر گهٽ سامان سان ڏسن ٿا، ان کي ڪانه ڪا پنهنجي شيءِ ڏيو ڇڏين. پوءِ ڪسٽم چيڪنگ بعد اچي وٺندا، ته ٺلهي ”مهرباني“ به نه چوندا. ڄڻ اها اسان جي ڊيوٽي هئي ته سندن سامان ڪسٽم مان بچائي، ايئرپورٽ کان ٻاهر ڪڍي کين ڏيون.
    بهرحال آءٌ ان ايئر هوسٽس کان معافي وٺڻ ٿو گهران جنهن مون کي ٽوڪيو کان ڪراچي واري Flight ۾ شئنل فائو عطر جي بوتل ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڏني ۽ سندس ٻاهر لائونج ۾ ترسي انتظار ڪرڻ بدران، ماٺ ڪري بوتل سميت، اچي گهران نڪتس.
    جهاز يوڪوهاما (جپان) ۾ بيٺو هو ته ٽوڪيو کان پاڪستان ايمبسيءَ جو سيڪريٽري ظفر شيخ دوستن سان گڏ ملڻ آيو. هن ٻڌايو ته جپان ۾ نه فقط جپاني زبان سکڻ جو مسئلو آهي، پر هتي رهي هتي جي ماڻهن جي رسم رواج جو به خيال رکڻو پوي ٿو. يورپ يا آمريڪا ۾ ته ماڻهو مستن وانگر رهي سگهي ٿو. پر جپان ۾ اڃان تائين پراڻين رسمن رواجن کي مان ڏنو وڃي ٿو. ڪنهن جي گهر وڃبو ته بوٽ ٻاهر لاهبو. آهستي ڳالهائبو ۽ هڪ ئي وقت هڪ کي ڳالهائڻ کپندو. هتي جپان ۾ هڪ ئي وقت ٻن جو ڳالهائڻ معنيٰ جهيڙو ٿي رهيو آهي.
    اشفاق ميمڻ چيو: ”منهنجي جپاني زال پهرين دفعي جڏهن ڳوٺ هلي ته جنهن گهر ۾ وڃي ته وائڙن وانگر پئي نهاري. گهر اچي پڇيومانس ته خير ته هو. چوڻ لڳي هر گهر ۾ جهيڙو ڇو پئي ٿيو.“
    پاڪستاني يا هندستاني ڊانس عجيب آهي. گاني مطابق محبوب يا محبوبا کي عاشقاڻيون ادائون اکين يا هٿن جي اشارن سان ڏيکارڻيون پون ٿيون. پر ان کان به عجيب جپاني ڊانس آهي. T.V يا فلمن ۾ ته ٺهيو پر هوٽلن ۽ ڪلبن جي ڊانسگ فلور تي به نچڻ وقت، خاص ڪري ڇوڪريون، گاني جي مطلب موجب هٿن، اکين ۽ بدن جي ٻين عضون سان اشارا ڪري ان گاني جي پوري پوري ترجماني ڪن ٿيون. مثال طور: گاني ۾ هوندو ”اچ اچ“ ته هٿن سان سڏڻ جا اشارا ڪنديون، اهڙي طرح وڃڻ، ويهڻ بيهڻ جا اشارا ڪيا وڃن ٿا. کائڻ جا وات سان. سمهڻ جا ڳل تي ٻئي هٿ رکي اکيون بند ڪري. ڪمال ته اهو آهي ته تيز ميوزڪ وارن گانن تي اهي اشارا به ايترائي تيز ڪن ٿيون. شروع شروع ۾ ته اسان جا ڪي جهازي جپاني ڇوڪرين جي ان حرڪت تي کلندا رهيا ۽ سندن نچڻ واريون پارٽنر شڪي ٿينديون رهيون. پر پوءِ ته جپاني ڇوڪرين کان اسان جا همراهه گوءِ کڻي ويا. مجال آهي جو کانئن ڪوبه اشارو رهجي وڃي.
    جپان ۾ جنهن ريڊيو يا ٽي ــ وي ڏٺي هوندي، ان کي اها شڪايت ضرور هوندي ته جپان جي T.V يا ريڊيو تان گانا گهٽ ۽ ڳالهيون گهڻيون ٿين ٿيون. جنهن وقت به کول ته ڳالهيون پيون هلنديون. سڄو ڏينهن ڳالهائيندا ۽ پنهنجين ڳالهين تي کلندا رهندا. ۽ وري چرچا به اهڙا بي سُرا ڪندا جن ۾ کل ڀوڳ گهٽ ۽ ٽرڙ پائي گهڻي هوندي. ڪڏهن توهان جو جپان اچڻ ٿئي يا ڪيڏانهن ويندي ٽوڪيو ايئرپورٽ تي ترسڻو پوي ته پنج ڇهه منٽ ٽي ــ وي جو ڪوبه چئنل ذرا ملاحظه فرمائجو.
    اڄ اشفاق ميمڻ، گهران نڪرندي وقت چيو: ”رستي تان يونيورسٽي مان ٿيندا هلون.“ مون گهڻوئي نٽايو ته ٻئي دفعي هلنداسين. هينئر شهر جو چڪر ٿا هڻون. ”يونيورسٽي به ته شهر ۾ ئي آهي.“ اشفاق منهنجي ڳالهه نه سمجهي، وائڙن وانگر چيو.
    در اصل يونيورسٽي مان مون سمجهيو ته جيئن اسان جي ڪراچي يا سنڌ يونيورسٽي ڏيهه کان نيڪاليل آهن تيئن هتي ٽوڪيو جي يونيورسٽي به پري ٻهراڙيءَ ۾ هوندي.
    ٽوڪيو جيڏي وڏي شهر ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏي ته اڪيلائي ۽ اجنبيت محسوس ٿئي ٿي. ست سمنڊ ڏور انسان ڪيڏو ته پرديسي محسوس ڪري ٿو ۽ وطن جي ياد ڪيڏو ته گُهٽي ٿي. پر ان ڏوريءَ ۾ به مزو آهي تڏهن ته سحر امداد ان جي تمنا ڪئي آهي:

    ”ست سمندر پار هلي ڪو نئون وسايون ديس،
    پل پل پيارو، ساعت ساعت، سونهن سندو سنديس.“

    دعا شايد هن پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس امداد حسينيءَ جي حق ۾ گهري پر ڦاسي شالامار جهاز جو عملو ويو آهي. اڄ ڇهون مهينو سڀني کي گهران نڪتي ٿي ويو آهي، هن ڌارئين ديس ۾.
    اسان وٽ انجڻ روم ۾ هڪ ”آگ وارو“ آهي. ڇا ته سندس باڊي ۽ جسم آهي. ڳري شيءِ کڻائڻي هوندي آهي ته کيس سڏبو آهي. خلاصين سندس نالو Mini-crane رکيو آهي. ۽ هڪ ”تيل وارو“ تمام سست ۽ ڦيڦو آهي. ان جو نالو سندس دوستن ”سُستي پمپ“ رکيو آهي جو پاڻي ٽرانسفر ڪرڻ واري Resiprocating پمپ ڏي اشارو آهي. ٻيا پمپ ته Centrifugal ۽ Gear نموني جا تيز هلندڙ آهن سواءِ مٿئين پمپ جي، جنهن کي ٻاڦ وارن جهازن تي ”سستي ــ پمپ“ سڏين ٿا.
    ۽ هڪ شيدي ڇوڪرو خلاصي آهي. بلڪل ڏامر جهڙو چلڪندڙ ڪارو رنگ اٿس. پر خلاصي کيس ”ڊارلنگ ــ روبي“ سڏين.
    ڪن ڳالهين ۾ هيٺين خلاصين جي زندگي اسان هٿ ٺوڪين آفيسرن کان وڌيڪ دلچسپ ۽ مزيدار آهي. گهٽ ۾ گهٽ هنن کي دماغي ڪم نه آهي. بس ڏينهن جا اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ بعد هو بي پرواه بالم آهن. ڪو فڪر نه اٿن. اسان وانگر چوويهه ئي ڪلاڪ جهاز هلائڻ جو ڀوت سندن سر تي سوار نه آهي. ڪهڙا انجڻ جا مشڪل ۽ طوفان جا الڪا آهن، هو نه سمجهن ۽ نه پريشان ٿين! هر وقت کل، خوشي ۽ ٽهڪن ۾ وقت گذارين اسان کي حال جو ته فڪر هوندو آهي پر چوويهه ڪلاڪن کان پوءِ جيڪو طوفان اچڻو آهي ان جو به اڄ کان بچڻ لاءِ بلو ڳولهڻ لاءِ پريشاني هوندي آهي.


    تيل مان نقلي وار (Wig) ۽ عطر ٺهي ٿو

    ٽوڪيو مان اڄ سڌو هتي شنگهائي ۾ هفتي کن لاءِ آيا آهيون. جپان يا آمريڪا بعد چين جي ڪنهن به شهر ۾ وڃ ته ڄڻ خاموشي لڳي پئي آهي. شنگهائي وڏي ۾ وڏو شهر آهي ته به هانگ ڪانگ، سنگاپور، جپان جهڙن روشنين جي شهرن جي مقابلي ۾ هتي جهڙي اونڌهه انڌوڪار آهي. رکي رکي رستي تان ڪا بس نظر اچي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جناب عبدالجبار جوڻيجي کي ڄامشورو کان سڌو چين اچڻ تي هلڪي ڦلڪي ٽرئفڪ ۽ چند چنجهيون بتيون به گهڻيون لڳيون، جن جو ذڪر هن پنهنجي دلچسپ ڪتاب ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ ڪيو آهي.
    چين هن وقت اسان کي ائين لڳي ٿو ڄڻ وڏي شهر مان ڳوٺ آيا هجون. بلڪل ماٺ مٺوڙو ۽ هرشيءِ نج ۽ خالص نظر اچي ٿي. ڪيترن مهينن بعد فارمي ڪڪڙين بدران چين ۾ ديسي ڪڪڙيون کاڌيونسين. صبح جو ميس ۾ فورٿ انجنيئر باقر هر روز جي دستور موجب فراءِ بيضا واپس پئي ڪيا ته محمود ڄاڙي هنئي.
    ”اڄ بيضا واپس نه ڪر. سڄي عمر فارمي بيضا بنا نر ڪڪڙ وارا کاڌا اٿئي. هتي چين ۾ مائوءَ جو ڪڪڙ جيسين ڪڪڙ مٿان ٽپ نه ڏيندو آهي تيسين ڪڪڙ هرگز بيضو نه ڏيندي آهي.“
    ”تنهنجو مطلب آهي ته......“ باقر اکيون ڦونڊاريندي پڇيس، ”اسان جي ملڪ ۾ ڪڪڙيون Sex-Life ۾ دلچسپي نٿيون رکن.“
    باقر جو موڊ آف ڏسي محمود ان ڳالهه جي پچر ڇڏي ٻيو قصو شروع ڪيو:
    ”هتي شنگهائيءَ ۾ پاڪستاني ڪافي آهن. P.I.A جي به ڪا رات فلائيٽ آئي آهي. فرينڊشپ اسٽور ۾ به ٻه ايئرهوسٽس نظر آيون هيون.“
    ”ڇا ڪري رهيون هيون؟“ ــــ ڪنهن پڇيو.
    ”اسان جي ملڪ جون ايئرهوسٽس، فلم ائڪٽريسون ۽ سياستدان ٻين ملڪن ۾ ايندا آهن ته ڇا ڪندا آهن؟ چرين وانگر ڪپڙن جا تاڪيا اچي خريد ڪندا آهن.“ محمود ٻڌايو.
    ”مون کي رڳو اهو نٿو سمجهه ۾ اچي،“ باقر پڇيو، ”ته P.I.A جي ايئرهوسٽس جا ڪپڙا ڪو پاڪستاني درزي نٿو سبي سگهي ڇا جو فرانس يا جرمني جي درزين وٽ پي.آئي.اي غير ملڪي ناڻو وڃائي ٿو.“
    ”توکي ته فقط اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي،“ محمود دانهن ڪندي چيو، ”اڙي آئون چوان ٿو ته مون کي ته ڪو اها ڳالهه سمجهائي ته ڇا P.I.A کي هنن کان وڌيڪ سهڻيون ڇوڪريون اسان جي ملڪ ۾ نظر نٿيون اچن ڇا، جو انهن کي کڻي ايئرهوسٽس بڻائي.“
    ”ڇو هي گهٽ آهن؟“ باقر سندس ڳالهه کي رد ڏيندي چيو.
    ”گهٽ ـــــ؟ باقر ڀائي! ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين. هي جڏهن صبح کان کوپري جي تيل ۾ پائوڊر ملائي ان جو ليپ ڏيڻ شروع ڪن ٿيون تڏهن منجهند ڌاري مس مس وڃيو ايئر هوسٽس ٿين.“
    پي.آئي.اي جي مَس مَس جان ڇٽي ته محمود جو عتاب يوگنڊا مان تازو آيل ايشين تي ڪريو، جيڪي پاڪستان ۾ اچي Settle ٿيا آهن.
    ”ياد اٿوَ، موزمبق، ممباسا يا آفريڪا جي ٻين بندرگاهن ۾ جنهن به دڪان تان ڪا شيءِ پڇون ته جواب ”نه“ مليو ٿي. کائڻ لاءِ ڪي سٺا بسڪيٽ به نٿي مليا. صفا جهڙي سڃ لڳي پئي هئي. پر اهي ساڳيا يوگنڊا مان تڙيل جڏهن پاڪستان آيا آهن ته اسان جي ملڪ ۾ سڀ ڪجهه هوندي به کين خراب لڳي ٿو ۽ وتن ڏهه ڏهه ويکون ڪڍندا. چي: ”هي ڪهڙو ملڪ پاڪستان آهي؟ هتي ته ڪئڍبري چاڪليٽ به نه ٿو ملي. هتي ته ڪرافٽ جو چيز به نٿو ملي.“ اڙي لخ....... هجناوَ اسان جي ملڪ مان وڏيون ڪڍڻ وارا ۽ جتان آيا آهيو اتي جون ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائڻ وارا.“
    ۽ پوءِ محمود تيسين گلا ۽ ڊيوٽي ميس جي جان نه ڇڏيندو آهي جيسين سيڪنڊ يا چيف انجنيئر دانهن ڪري اچي سڏيس ”اڙي محمود! انجڻ روم ۾ ڪونه هلڻو اٿئي ڇا؟ جتي ٿو ويهين اتي پاڙون وڃيو هڻين. اٿ.“
    پوءِ محمود جپانين وانگر جهڪي چوندو: ”سائين حاضر، غلام آهيون، خادم آهيون.“ ۽ پوءِ آهستي چوندو: ”حڪم ڪريو ته ماني به انجڻ روم ۾ کائون ۽ سمهون به انجڻ روم ۾؟“
    هونءَ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ دڪانن تان ڪابه شيءِ وٺبي هئي ته ان سان گڏ خوبصورت پلاسٽڪ جي ٿيلهي (شاپر) به ملندي هئي. ڪيترا دڪاندار گهڻي خريداريءَ تي هڪ کان وڌيڪ ٿيلهيون به ڏئي ڇڏيندا هئا. پر هاڻ عربن تيل ڇا مهانگو ڪيو آهي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون به غائب ٿي ويون آهن! ڪيتري به خريداري ڪر ته سامان پني ۾ ويڙهي ڏين ٿا. جي ٿيلهي ڏين به ٿا ته عام پني جي. پلاسٽڪ جي ٿيلهي گهرڻ تي چار رپيا الڳ چارج ڪن ٿا. هانگ ڪانگ، سنگاپور ته ٺهيو پر هاڻ جپان ۾ به پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ڏيندي ڪنجوسي ڪن ٿا.
    ڪيترن کي شايد پلاسٽڪ جي تيل سان رشتي جي خبر نه هجي. زمين مان نڪتل ڪچو تيل جڏهن گرم ڪيو وڃي ٿو ته آڪٽين، پيٽرول، گاسليٽ ۽ ڊيزل تيل جهڙيون شيون هڪ ٻئي پٺيان گئس جي صورت ۾ نڪري اچن ٿيون. باقي بچيل ڳري مال کي به مختلف طريقن سان جدا ڪري سگهجي ٿو. انهن ۾ هڪ ڪيميڪل ايٿلين (Ethylene) به آهي. اهو ڪاربن ڪمپائونڊ جو آسان ۽ سولو ڪيميڪل آهي، جنهن ۾ فقط ٻه ڪاربن جا ائٽم ۽ چار هئڊروجن جا ائٽم (C2H4) آهن.
    سڀ کان ننڍا جزا ايٿلين جا مونومرس سڏجن ٿا. فئڪٽريءَ ۾ گرميءَ ۽ دٻاءَ هيٺ مونومر کي پوليمر ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. ۽ اهو پوليمر دراصل پلاسٽڪ ئي آهي. (پوليمر ۾ مونومر وانگر ٻه ڪاربن ائٽم نه، پر هزارين ڪاربن ائٽم ٿين.)
    ٻين لفظن ۾ ايٿلين کي پولي ايٿلين ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو. ان ڪري پلاسٽڪ جي ٿيلهين کي ڪڏهن ڪڏهن عام زبان ۾ پوليٿلين بئگ به سڏجي ٿو.
    تيل مان ٻيون به سوين شيون ٺهن ٿيون. ويندي عطر، نيلان، ٽيٽران، ٽيريلن وغيره جو ڪپڙو، ڌاڳو، رسا، فارميڪا وغيره جا ڪٻٽ، ميزون، پلاسٽڪ جا رانديڪا، رنگ، نقلي وار (Wig)، اليڪٽرڪ جو سامان، تارن مٿان رٻڙ Insulation وغيره ٺهن. ڪنهن جپاني، آمريڪن يا ڪنهن ٻي ترقي يافته ملڪ جي ماڻهوءَ جو گهر ڏسبو ته ان ۾ اڌ کان وڌيڪ سامان، تيل سان سڌي يا اڻ سڌي طرح واسطو رکندڙ هوندو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تيل جي مهانگي ٿيڻ ڪري ڪيترين شين جا اگهه چڙهي ويا آهن. ۽ ههڙن ترقي يافته ملڪن جي حالت ته ويتر خراب ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي.


    آهي ڪو جپانين جو مقابلو ڪرڻ وارو؟

    جپان جيتوڻيڪ ايڏي ترقي ڪئي آهي جو آمريڪا ۽ روس سان ڪلهو ٿو هڻي پر جپانين جون رسمون رواج ۽ آداب اطوار اڄ به اهي ئي پراڻي زماني وارا هلندا اچن. سڀ کان پهرين عجيب قسم جي ڳالهه جيڪا هڪ ڌاريو ماڻهو جپان پهچڻ سان ڏسي ٿو، سا آهي گهر کان ٻاهر جوتا لاهڻ جو رواج. جپان ۾ رهي هاڻ اسان کي به بوٽ لاهڻ جي عادت ٿي وئي آهي. اسان جي ڳوٺ ۾ ماسي نڀوڙي حجامڻ ۾ اها عادت هوندي هئي. ياد اٿم ته مرحومه جڏهن به اسان جي گهر ايندي هئي ته اڱڻ ۾ پنهنجي ٽونئر واري جتي لاهي اُگهاڙن پيرن سان اندر ايندي هئي.
    در کان ٻاهر جوتا ڇڏڻ جو جوکم ته اسان وٽ ڪو مسجد ۾ به نٿو کڻي سگهي هو ڇا آهي شعر ته:

    کہا ایک مولوی نے دیکھ کر جوتا مرے آگے
    اگر ہو سامنے جوتا تو پھر سجدہ نہیں ہوتا
    کہا میں نے بجا ھے آپ کا ارشاد یہ لیکن
    اگر پیچھے رکھیں جوتا، تو پھر جوتا نہیں ہوتا۔

    انهيءَ ڪري جهاز تي منهنجي ڪمري ۾ ڪو جپاني ايندو آهي ته يڪدم بوٽ لاهڻ کان منع ڪندو آهيانس. هونءَ مغرب ۾ ڪٿي به اهو رواج ناهي. بلڪه اتي ته فقط هڪ دفعو صبح جو جوتا پاتا وڃن ٿا ته پوءِ اهي سڄو ڏينهن پيرن ۾ آهن. ڪڏهن ته ڪوچ يا بستر تي ليٽڻ وقت به جوتا پيرن ۾ هوندا آهن. ڪير ويهي ڪلاڪ اڌ جي آرام لاءِ ڪهيون کولي بوٽ لاهي.
    هونءَ ٻين ملڪن ۾ جوتا فقط رستي تان هلڻ وقت پيرن کي بچائڻ لاءِ پاتا وڃن ٿا پر اسان وٽ نه فقط پاتا وڃن ٿا، پر ٻڌا وڃن ٿا، موچڙن لاءِ لڳايا وڃن ٿا، کاڌا وڃن ٿا، چورايا وڃن ٿا، اردوءَ جي هڪ چوڻيءَ مطابق انهن ۾ دال به ورهائي وڃي ٿي، ڪنهن جي شڪل جي تشبيهه لاءِ جوتا استعمال ٿين ٿا، اهو ٻڌائڻ لاءِ ته ڪنهن دڪان يا گهر کي ڪلف لڳل آهي، پادر کي ڪم ۾ آندو وڃي ٿو ۽ اسان جي معاشري جي ڪمزور عورت لاءِ اهي جوتا (سئنڊل) ئي هٿيار آهن.
    هر جپاني گهر، هوٽل، اسپتال جي ٻاهران رٻڙ يا اسپنج جا چئپل رکيل هوندا، جيئن آيل مهمان پنهنجا بوٽ لاهي اهي چئپل پائي. گهڻو ڪري ڪاٺ جون چاڪڙيون استعمال ٿين ٿيون، جن کي پائي هلڻ لاءِ خاصي محنت ۽ پرئڪٽس کپي. پهرين دفعي جنهن جپاني فئملي ۾ رهڻ جو اتفاق ٿيو ان جي هيٺين ٻن ماڙين تائين رهندڙن جي منهنجي ڪري پڪ ننڊ ڦٽي هوندي پر تڪلف خاطر انهن شايد منهنجي ميزبانن سان ٻئي ڏينهن گلا نه ڪئي يا شايد ڪن ها جي منهنجو انهن چاڪڙين پائيندي پهرين رات ئي پير نه مڙي ها.
    ٻي جنگ عظيم کان پوءِ جپان ۾ تمام وڏي تبديلي آئي آهي. جنگ کان اڳ جپان فوجي هنر ۽ ڏاڍ مڙسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ سندس ملٽري طاقت اوج تي هئي. هاڻ جيتوڻِڪ فوجي طاقت ۾ ٻڙي وڃي رهيو آهي پر سندس معاشيات جو مقابلو ڪير ڪندو؟ ٻي جنگ عظيم کان اڳ واچون سئٽزلئنڊ جون، ڪارون آمريڪا، انگلينڊ ۽ جرمني جون، ريڊيا فونا، فرانس ۽ اسپين جا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. پر هاڻ ڪهڙي اليڪٽرانڪ يا مڪينڪ جي شيءِ آهي جنهن تي جپان جو ٺپو ناهي. پاڻيءَ جي وڏي ۾ وڏي جهاز کان ڪارن، موٽرسائيڪلن تائين، ڪئميرائن ۽ واچن کان ريڊيو ٽي ـــ وي تائين، ريفريجريٽر، واشنگ مشينن کان ڪپڙي سوٽنگ تائين هر ڳالهه ۾ جپان اڳيان آهي. بهترين سستي، سهڻي ۽ يقين ــ جوڳي شيءِ لاءِ جپان جو نالو کنيو وڃي ٿو. ٽويوٽا، متسوبشي، ياشيڪا، نئشنل، هونڊا، سوزوڪي، اسوزو، مزدا، آئيوا، پائونير، فيوجي ــ اهي جپاني ڪمپنين جا، انهن سون نالن مان چند آهن جيڪي ايشيا کان آفريڪا تائين، الاسڪا ۽ گرين لئنڊ جي برفيلي قطبي گهٽين کان سوڊان ۽ سعوديا جي تتل وارياسن علائقن تائين، ملايا، نيوگني جي ٻيلن ۾ رهندڙن کان هماليا ۽ ڪليمن جارو جبلن جي وادين ۾ رهندڙن جي زبان تي آهن. ڇا ٻي جنگ عظيم کٽڻ وقت آمريڪا ۽ انگلينڊ وغيره اهو سوچيو هو ته جپان جنگ جي ميدان ۾ کانئن بازي هارائي به معاشيات جي کيتر ۾ مٿن سوڀ حاصل ڪري وٺندو؟ اهو جپان، جيڪو جنگ کان اڳ پنهنجي جنگي هنر کان مغرور هو، سو اڄ اليڪٽرانڪ، مڪينڪ ۽ ٽيڪنالاجي هنر کان مغرور آهي! ان جو انت ڪٿي ٿيندو؟ ڇا ان جو انجام جنگي عروج کان وڌيڪ ڀيانڪ نڪرندو؟ ڇا جپان هڪ دفعو وري پنهنجي ئي Doomsday Pill کائي پنهنجو انت آڻيندو؟ ڪٿي ڪٿي، ڪو ڪو جپاني، پاڪ فيوجي جبل اڳيان، وهندڙ اشيڪاري يا ڪيتاڪامي نديءَ جي ڪپر تي يوڪوهاما جي خوبصورت ياماشيتا پارڪ ۾، صبح جي دستوري Mediation (غور ۽ فڪر) ۾ اها ڳالهه ضرور سوچيندو هوندو.
    چين ۽ ڪوريا جي اوڀر ۾، روس جي ڏکڻ ۾، ٻيٽن جي شڪل ۾ جپان الڳ ٿلڳ ملڪ آهي. (چار وڏا مکيه ٻيٽ جي جپان ٺاهين ٿا: هڪيدو، هونشو، شڪاڪو ۽ ڪيوشو آهن. ان کان علاوه منهوڙي جيڏا ننڍا ننڍا ٻيٽ، اوڪيناوا نالي آهن.) اوڪيناوا جا ٻيٽ ڪافي ڏکڻ ۾ آهن ۽ ڪراچيءَ واري ويڪرائي ڦاڪ تي ٿا اچن. ان ڪري اتي جي ڪراچيءَ جهڙي ئي موسم سمجهڻ کپي پر هڪيدو ڪشمير کان به ڪافي مٿي چاليهه پنجيتاليهه ڊگرين تي آهي، جتي سياري ۾ ڪافي سردي ۽ برف باري ٿئي ٿي. جپان جي ڌرتي ايشيا جي ائگريڪلچرل ملڪن: پاڪستان، هندوستان، ٿائلنڊ، برما وغيره وانگر نه پوک فصل ۾ امير آهي ۽ نه معدنيات ۾. ڪجهه به نه هجڻ جي باوجود جپان سڀني ايشيائي ملڪن ۾ امير ۽ ترقي يافته ملڪ آهي، جنهن تي سڄي ايشيا کي فخر آهي.
    ظاهري طرح قدرت طرفان جپان تي، ايشيا جي ڪنهن هڪ ملڪ جيتري به مهرباني نه آهي: جپان جي جبلن ۾ نه لوهه آهي نه ٽامو پتل يا ڪو ٻيو ڌاتو. نه پوک لاءِ ڀلي زمين آهي ۽ نه وري زمين هيٺ وهندڙ تيل جا وهڪرا آهن (هرشيءِ ٻاهرن ملڪن مان گهرائي وڃي ٿي.) ان جي مٿان مصيبتون اهي ته سڄو جپان زلزلن جي لوڏن ۽ ٻرندڙ جبلن جي لاوا جي خوف هيٺ آهي. (جپاني سيسموگراف جپان ۾ سال ۾ هزار کان به مٿي زلزلن جا لوڏا رڪارڊ ڪن ٿا ان کان علاوه خوفناڪ طوفانن، ٽائفون ۽ سائڪلون جا سيسراٽ هر وقت لڳا رهن ٿاـ جپان ۾ نه زمين تي سک نه سمنڊ تي پورهيو ڪندڙن لاءِ سڪون آهي، پر تنهن هوندي به ـــ يا شايد انهن سڀني مصيبتن ۽ خوفن جي ڪري هتي جو ماڻهو سخت محنتي ۽ صابرين آهي. ۽ انهن ڳالهين ۾ دنيا جي گولي تي جپان جو مقابلو ڪير به نٿو ڪري سگهي. آزاد ملڪ هجي يا غلام ملڪ! ڪئپيٽلسٽ ملڪ هجي يا ڪميونسٽ. سوشلسٽ حڪومت وارو هجي يا بادشاهي راڄ وارو.


    ”پهرين آءٌ پهرين آءٌ“ ڪندي گاڏي ڇٽي وئي............

    آمريڪا ۾ ڏسندو آهيان ته جپاني ماڻهو پارڪن، هوٽلن ۽ دڪانن اڳيان بيئر، ڪوڪاڪولا وغيره جا خالي دٻا گڏ ڪري ٽرڪون ڀري پوءِ جهازن ذريعي جپان موڪليندا رهن ٿا. اتي ان بيڪار لوهي دٻن کي رجائي سامان ٺاهي، وري وڪڻيو وڃي ٿو، ته به اهو سامان دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ سستو ۽ سٺو پوي ٿو.
    جپاني سمنڊ خوفناڪ ۽ قدرتي مصيبتن سان وڪوڙيل هجڻ جي باوجود جپاني مهاڻو پنهنجي بهادري ۽ همٿ سان ان ۾ گهڻو گهڻو پري Sail ڪندو رهي ٿو. جپانين لاءِ سمنڊ هڪ وڏي سپر مارڪيٽ ئي سمجهڻ کپي، جتان هنن کي کائڻ لاءِ انيڪ قسمن جون سامونڊي شيون: سپن ۽ سامونڊي ڪينئن کان مڇين، ڪيڪڙن تائين، Pearls کان سامونڊي گاهه Sea-Weeds تائين مليو وڃن.
    وڏن ٻيٽن تي (جيڪي جپان ٺاهين ٿا) جبلن جون قطارون نظر اينديون جيڪي دراصل هن ملڪ جي خوبصورتي جي به نشاني آهن. مشهور فيوجي جبل پڻ جپان ۾ آهي. رهڻ لاءِ تمام ٿوري زمين آهي ۽ پوک لاءِ پنڌرهن سيڪڙو ڌرتي مس آهي. چوڌاري جبلن جي ڪري ٻي ڪا واهه نه ڏسي جپانين سمنڊ ڏي ڌوڪيو آهي ۽ انگريزن وانگر جپاني قوم به سمنڊ کان نٿي ڊڄي ۽ تمام وڏي Seafaring قوم آهي. جپانين پنهنجي سخت پورهئي ۽ عقل کان هرشيءِ مان پورو پورو فائدو وٺي پنهنجي ملڪ کي امير ۽ سهڻو بڻايو آهي. هونءَ جپان کي جبلن ۽ سخت بارشي موسم جيڪا تمام وڏي ۾ وڏي شيءِ ڏني آهي، سا آهي Water – Power جنهن ذريعي هو اليڪٽرسٽي، هئڊرالڪ پاور وغيره حاصل ڪري ٿو.
    جپان ۽ جپانين بابت هڪ اهم جاگرافيائي ڳالهه، جنهن جو هتي جي تاريخ ۾ وڏو هٿ آهي ۽ اثرانداز رهي آهي، سا آهي هن ملڪ جي اڪيلائي ۽ الڳ ٿلڳ هجڻ. جپان، انگلينڊ وانگر الڳ ٿلڳ ۽ باقي ڌرتيءَ جي حصي کان پري آهي. جپان هونءَ چين جي ڀرسان هجڻ ڪري، چيني تهذيب ۾ اچي ٿو ۽ ثقافتي (Culturally) طرح جپان کي چيني تهذيب (Civilization) جوئي اولاد سمجهڻ گهرجي، جيئن اتر يورپ جا ملڪ بحرِ روم واري ڪلچر جو اولاد آهن. هونءَ ته خود چيني تهذيب، دنيا جي ٻين قديمي تهذيبن: ننڍي کنڊ جي تهذيب، مصري ۽ رومن تهذيبن کان، جبلن جي قطارن، وچ ايشيا جي رڻ پٽن، گهاٽن ٻيلن ڪري ڪٽيل رهي آهي. جپان جي چوڌاري اٿاهه سمنڊ کيس سندس ماءُ چين کان به پري ۽ الڳ ٿلڳ رکيو آهي.
    جپان کي ويجهي ۾ ويجهي زمين ڪوريا آهي. سا به سئو ميل کن پري آهي ۽ چين جي زمين ته پنج سئو سامونڊي ميل پري آهي. اڳ زماني ۾ جڏهن ماڻهو جهاز رانيءَ کان ايترو واقف نه هئا تڏهن ته اهي پنج سئو ميل تمام گهڻا سمجهڻ کپن. اهوئي سبب آهي جو اڄ به جپاني پنهنجو پاڻ کي الڳ ٿلڳ (Isolated) محسوس ڪن ٿا ۽ ٻين ماڻهن کي، چاهي اهي هتي جپان ۾ ڄاوا هجن تن کي ڌاريو سمجهن ٿا. جپاني ان فرق کي هر وقت ڌيان ۾ رکن ٿا ۽ ان ڳالهه جپانين کي به جرمنن وانگر احساس برتريءَ ۾ رکيو آهي ته هو ٻين ماڻهن کان اعليٰ ۽ اتم آهن. ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ جپاني ڪڏهن ملٽري طاقت جو چوغو پائين ٿا ته ڪڏهن ٽيڪنالاجي ۽ معاشيات جي مراقبي ۾ پاڻ کي محفوظ رکن ٿا.
    اڄ ڪلهه هتي ٽوڪيو ۾ ”بنگله ديش“ نالي ٽيڪنيڪلر انگريزي فلم هلي رهي آهي جنهن جو هڪ گانو، جيڪو بيٽلز ڳايو آهي سو پڻ اڄ ڪلهه هتي Hit آهي. هن فلم ۾ بنگالين تي ٿيل ظلمن جا لُونءَ ڪانڊاريندڙ نظارا ڏيکاريل آهن. ان فلم، اسان پاڪستانين لاءِ خراب اثر ڇڏيو آهي. جتي ڪٿي اسان کي خراب نگاهن سان ڏٺو پيو وڃي. ويتر هتي جي پاڪستاني ايمبسي به ان ڏس ۾ ڪا ترديد (Clarification) نه ڪئي آهي. جتي ڪٿي بنگالين لاءِ چندا گڏ ٿي رهيا آهن ۽ بنگالين کي همدردي جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي.
    اسان گهڻُو ڪري ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. پر ريفريجريشن انجنيئر محمود پنهنجي ڪاري رنگ جو ناجائز فائدو وٺي روز ويندو آهي. رات ٻڌايائين ته هو هڪ هوٽل اڳيان بيٺو هو ته هڪ جپاني ٽئڪسي واري کيس بنگالي سمجهي مفت ۾ لفٽ ٿي ڏني. پر هن قبول نه ڪئي.
    ”توتي ڪهڙو اعتبار؟!“ ڪئپٽن سانوت کلندي چيس، ”ٿي سگهي ٿو تو لفٽ ته ورتي هجي پر ڪٽورو کڻي گنزا (Ginza) ۾ پن به ڪئي هجي“.
    جپاني به عجيب قوم آهي. هونءَ ڀلي ڪا جپاني ڇوڪري چوويهه ڪلاڪ جهاز تي پنهنجي ڪمري ۾ رهائي ڇڏيو ڪوبه اعتراض نه ڪندو. پر ڪو جهرڪيءَ جو ٻچو يا ڪبوتر يا ڪو چَتون پاڻ سان جهاز تي کڻي ته اچو. هڪ هنگامو مچي ويندو. ڪسٽم آفيسر کان وٺي اميگريشن ۽ هيلٿ آفيسر تائين اعتراض ڪندو.
    اڄ Sailing وقت يوڪوهاما جي مارڪيٽ مان ”ڪناري پکي“ هڪ خوبصورت پڃري سميت خريد ڪري آيس پر ڪسٽم وارن ان کي جهاز تي کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني. مس مس انهن مان جند ڇڏايم ته هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي ڪاغذن جو مسئلو سامهون آيو. خبر ناهي هڪ اڌ آئونس جي پکيءَ کي پاڻ سان جهاز تي رکڻ لاءِ ڪهڙن ڪهڙن ڪاغذن ۽ هيلٿ سرٽيفڪيٽن جي ضرورت هئي. Sailing جو وقت اچي ٿيو هو. وڌيڪ ضد ڪرڻ بدران نيٺ پڃري جو در کولي پکيءَ کي اڏائي، خالي پڃرو جهاز تي کڻي آيس.
    پر پوءِ مونکي خبر پئي ته بندرگاهه جي واسطيدار عملي کي منهنجي اها ڳالهه، يعني پکيءَ کي آزاد ڪرڻ واري به پسند نه آئي. ”ڇو؟ ان ۾ ڪهڙي قباحت آهي؟“ مون جپاني دوست کان پڇيو، ”ان ڪري جو ان غريب پکيءَ کي پنهنجو داڻو پاڻي ڳولڻ جي عادت نه آهي سو بک مري ويندو. ٻي ڳالهه ته هن کي بچاءَ ڪرڻ جي به خبر ناهي. پڪ ڪو ڪانگ يا سرڻ جهڙو پکي هن کي هڙپ ڪري ويندو.“
    جپانين ۾ تڪلف به ڏاڍو آهي. ڳالهه ڳالهه ۾ تڪلف ڪندا شايد هنن وٽ ذوق جهڙو ڪو شاعر پيدا نه ٿيو آهي جو کين سمجهائي ته:

    تکلف میں ھے تکلیف سراسر
    آرام سے ھیں وہ جو تکلف نہیں کرتے
    تکلف علامت ھے بیگانگی کی


    ڪئپٽن محسن چيو ته لکنوين ۾ به ايڏو تڪلف آهي جو مثال مشهور آهي ته ٻن لکنوين ”پهرين تون ــــ پهرين تون“ ڪندي گاڏيءَ جو وقت وڃائي ڇڏيو ۽ گاڏي ڇٽي وئي.
    کيس ٻڌايم ته اسان سنڌين ۾ وري تڪلف صفا ناهي ۽ اسان لاءِ مثال مشهور آهي ته ٻن سنڌين جو ريل ۾ چڙهڻ وقت ”پهرين آئون ــــ پهرين آئون“ ڪندي گاڏي ڇُٽي وئي هئي.


    ڪا رنڙ، ڪا بيواهه، ڪا مڙس جا موچڙا کاڌل................

    جپانين ۾ سچ ڳالهائڻ ۽ هرڳالهه تي يقين ڪرڻ جي ڏاڍي معصوم عادت آهي. کين جيڪا به ڳالهه ٻڌائيندائو ته يڪدم ان ۾ وشواس ڪندا. سندن ان عادت جا ڪيترائي مثال روز جي زندگي ۾ نظر ايندا. هڪ رات اوساباشي اسٽيشن تي گاڏي مٽائڻ لاءِ انتظار ڪري رهيو هوس ته ٻه ڄڻا ٻي گاڏيءَ ۾ چڙهڻ وقت هڪ ٻئي سان ٽڪرائڻ ڪري وڙهي پيا. اهو پهريون دفعو هو جو جپان ۾ مون هتي جي رهاڪن کي ڪا غير مهذب حرڪت ڪندي ڏٺو. بهرحال سو به ايترو جو آخر تائين جهڳڙو زباني حد اندر رهيو. جنهن جو ڏوهه هو تنهن کان ٻيو بس اهوئي پڇندو رهيو: ”اناتانو دينوا بئنگونان ڊيسڪا؟“ (تنهنجي فون جو نمبر ڇا آهي) جيئن پوليس کي ٻڌائي سگهان. پر ٻئي جو به ٻارن وارو ضد ته ڪونه ٻڌائيندوسانءِ، منهنجو ڏوهه نه هو. اسان پارو هجي ها ته اڳلي کي ويتر خوار ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ ڪو ڪوڙوئي نمبر في الحال ٻڌائي ڇڏي ها. پر جپاني ان معاملي ۾ ايڏا سچار آهن جو ڪو مجنون جهڙو عاشق به ليلا رسي ته رسي پر سچ ٻڌائيندي نه گهٻرائيندو. هو پنهنجي گرل فرينڊ جي دل رکڻ بدران صاف صاف چئي ڏيندا ”گذريل هفتي توکي ياد نه ڪيم. بس آفيس جي ڪم ۾ رڌل هوس.“
    هڪ دفعي سانتيڪا ٽائون جي هوٽل ماڻهن سان ڀريل هجڻ ڪري ٿرڊ انجنيئر نواز شيخ ۽ آءٌ بنا موڪل جي هڪ اهڙي ٽيبل تي وڃي ويٺاسين جنهن تي اڳهين ٻه ڇوڪريون چانهه يا ڪافي پي رهيون هيون. اسان به ڪجهه کائڻ پيئڻ جو هوسٽس کي آرڊر ڏئي پوءِ کانئن تڪلف طور سندن ٽيبل تي ويهڻ جي موڪل ورتي ۽ تعارف ڪرايوسين. هڪ ڇوڪريءَ جو ڪاليج ۾ جاگرافي سبجيڪٽ هو تنهن يڪدم موهن جو دڙو، ٽئڪسيلا ۽ سنڌوندي بابت پڇڻ شروع ڪيو. انهيءَ دوران اوچتو هن کي ڪو خيال اچي ويو ته هوءَ اوپرن ماڻهن سان يڪدم فري ٿي رهي آهي، سو ٻه کن ٻيا جاگرافيءَ جا سوال ڪري، وچ ۾ ڏاڍي مزي سان اسان کان پڇڻ لڳي: “Tell me Please, are you Good men or Bad men?”
    مون کان ٽهڪ نڪري ويو ته عجيب چري آهي. ڀلا جي ڪو خراب آهي به ته ڇا هو پاڻ قبول ڪندو. ۽ جي ڪو سٺو آهي ته هن کي ته ويتر خار ويندي ته ڀلا جي سٺو نه آهيان ته پوءِ ڳالهايو ڇو پيون. پر جپاني ماڻهن جي اها سادگي عام آهي. ان وقت به کلندي کانئن پڇيوسين: ”ڇا اهو به جاگرافيءَ جو سوال آهي؟“ پر پوءِ نواز شيخ ڏاڍي مزي سان ليڪچر ڏنو ته انسان جي اوڻاين جو پتو ٻئي کي ئي پئجي سگهي ٿو. هونءَ به ڪابه شيءِ خراب يا سٺي ناهي، پر اسان جي سوچ ئي سڀ ڪجهه ڪري ٿي وغيره وغيره. جا ڳالهه هنن ڇوڪرين کي ته سمجهه ۾ نه آئي پر مونکي به نه آئي.
    جپانين ۾ هڪ ٻي به سٺي عادت آهي ته ڪنهن کان به رستو پڇبو يا مدد گهربي ته هو پنهنجا ڏهه ڪم ڇڏي توهان کي دڳ لائيندو، ۽ پوءِ پنهنجي ڪم جي ڪندو.
    هڪ دفعي اوساڪا ۾ جهاز تي ويندڙ آخري لانچ ۾ اڃان به اڌ ڪلاڪ کن هو. سوچيم تيسين ڪنهن دڪان تان کير وٺي اچان. رات چڱي لڙي چڪي هئي ۽ ڪافي دڪان بند ٿي ويا هئا. هڪ جپانيءَ کان پڇي ويٺس. بس هو ويچارو هڪ رستي تي وٺي ٻئي تي آڻي، ٻئي تان ٽئين تي. وقت به ختم ٿيندو ويو. گهڻوئي چوانس ته مون بس ڪئي، کير نه کپي پر هن جوان نه ڇڏيو. بلڪ دڪان نه ملڻ ڪري معافيون به پيو وٺي ته دڪان به پيو ڳولي. آخر هڪ هنڌ کير جو کليل دڪان ملي ويو. مون کان وڌيڪ کيس خوشي ٿي. پوءِ ٻڌايائين ته پاڻ هتي اوساڪا جو ڪونهي پر موجي شهر جو آهي. دل ۾ چيم شاباس هجي تنهنجي صبر ۽ حسن سلوڪ کي. پوءِ ڊوڙ پائي اچي وقت تي ٻيڙي جهليم.
    هڪ دفعي سب وي گاڏي (ڇڪاٽيٽسو) ۾ ڀر ۾ بيٺل ڇوڪريءَ کان پڪ ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ ۾ پڇيم ته هيءَ گاڏي پڪ ڪيوٽو پئي وڃي يا نه. پر هن جواب نه ڏنو. دراصل هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ مون کي به پهرين غلط فهمي ٿي ۽ هيٺ سيٽ تي ويٺلن به ائين سمجهيو ته شايد ڇوڪري گهڻي حسين هجڻ ڪري مغرور آهي. هڪ پوڙهي جپاني عورت کي ايترو ارمان ٿيو جو ان ئي وقت اٿي هن ڇوڪري کي Realize ڪرايائين ته هڪ ڌاريو پريشان آهي ۽ هو توکان Guidance ٿو وٺي ته تون جواب ئي ڪانه ٿي ڏين. تنهن تي يڪدم ان ڇوڪريءَ نه فقط کانئس پر لهڻ گهڙيءَ تائين مون کان به معافي وٺندي رهي ته دراصل هوءَ پنهنجن ئي خيالن ۾ گم هئي.
    جپاني ڇوڪرين جي ان سلوڪ مان ڪيترائي ڌاريا ناجائز فائدو پڻ وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ دوستي رکڻ لاءِ اڪثر اهوئي بهانو استعمال ڪيو وڃي ٿو. هڪ دفعي يوڪوهاما ۾ اسازا ڪيچو (هتي جي مشهور بازار) مان لنگهي رهيو هوس ته جهاز جو ريفريجريشن انجنيئر محمود هڪ جپاني ڇوڪريءَ کان غلط سلط جپاني ۾ پوسٽ آفيس جو ڏس پڇي رهيو هو. ڇوڪريءَ کي شايد سندس ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي. مون کيس پريشان ڏسي پاڻ ڏنهن ڇڪي چيو ته اچ ته آئون ڏيکاريانءِ. مون کي خبر آهي.
    محمود مونسان گڏ ته هليو پر سخت ناراض هو. اڳتي هلي چيائين: ”ڪمال آهي يار ــ ڪهڙي ڪافر کي پوسٽ آفيس جي خبر ناهي. مون ته بهانو ڪري هن جپاني ڇوڪريءَ جي ڪمپني ٿي چاهي.“
    هونءَ محمود شل نه ڪنهن جهازيءَ سان گڏ ڪا جپاني ڇوڪري ڏسي. يڪدم ٿڌا شوڪارا ڀري سندس پاسو وٺي چوندس: ”يار پنهنجي جپاني ساهيڙيءَ کي چئه ته ڪا صحيح بستي جپاني ڇوڪري نه ته ڪا رنڙ، ڪا بيواهه، ڪا گهر کان ڀڳل، ڪا مڙس جي مار کاڌل، ڪا ٻارن کان رٺل، ڪا پاڙي جي پٽيل، ڪا رستو ڀليل هجي ته مون لاءِ به ڳولي.“


    اسان جي ملڪ کي ناڻي جي ضرورت آهي

    جن ڏينهن ۾ مئرين انجنيئرنگ جي تعليم مڪمل ڪري سامونڊي سفرن لاءِ جهاز تي چڙهيس ته اهو سٺ واري ڏهي جو آخري اڌ هو. سئيز ڪئنال بند هو ان ڪري سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪري پوءِ انگلينڊ، جرمني، فرانس ۽ اسپين جي بندرگاهن ۾ پهتاسين ٿي يا آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏي هليا وياسين ٿي. سئيز ڪئنال جي کليل هجي ته ڪراچي کان لنڊن ٻن هفتن جو سفر مس آهي پر آفريڪا ڦري وڃڻ ۾ مهينو کن لڳي ويو ٿي. رستي تي آفريڪا جي ڪنهن بندرگاهه ممباسا، زئنزيبار، لارينزومارڪس (موپوٽو)، ڪيپ ٽائون، عابد جان يا ڊڪار وغيره ۾ ڪم هجي يا نه (يعني ڪو ڪارگو کڻڻو يا لاهڻو هجي يا نه) پر جهاز جي اڳتي جي سفر لاءِ تيل پاڻي ۽ خلاصين جي لاءِ راشن پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ ترسڻو پيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ آفريڪا جي ڪيترن ملڪن تي سڌي يا اڻ سڌي طرح اڃا يورپي قومن (انگريزن، فرينچن، ڊچن ۽ پورچو گالين) جي حڪومت هئي ۽ واپار وڙي تي انڊين (گجراتين، بوهرين، کوجن ۽ سنڌي هندن) جو ڪنٽرول هو ته به هرڳالهه جو اڪلاء ايڏو تکو نٿي ٿيو ۽ جهاز کي ڪڏهن ڪڏهن بندرگاهه ۾ هفتو ڏيڍ به ترسڻو پيو ٿي. بندرگاه ۾ ترسڻ واري ڳالهه جيتوڻيڪ اسان جهاز هلائڻ وارن لاءِ خوشخبري ٿئي ٿي جو هر جهازيءَ (Seafarer) جو اهو خواب رهي ٿو ته هن جو جهاز بندرگاهه ۾ پهچي ته ڌِڪي (جيٽي) تي ڪم ڪرڻ وارن مزورن جي هڙتال هجي. يعني اسان اهوئي چاهيندا آهيون ته سمنڊ ۾ جهاز هلائڻ بدران بندرگاهه ۾ آرام جي زندگي گذاريون. جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون جهازن جي مالڪ کي دل جو دورو ڏين ٿيون هن جي ڪمائي ته ان ۾ آهي ته جهاز سمنڊ تي هلندو ئي رهي ۽ بندرگاهه ۾ گهٽ کان گهٽ وقت بيهي.
    سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري ڪيترن جهازن جي مالڪن جي اها جستجو رهي ٿي ته هنن کي مشرق ڏي يعني جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ڏي بزنيس ملي ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي پراڻا سراڻا جهاز به هليو وڃن جو بندرگاهه ويجها ويجها آهن. ڪراچي ڇڏ ته ٽئي ڏينهن ڪولمبو (سري لنڪا) اچيو وڃي. انڊيا سان کڻي تعلقات سٺا نه آهن پر انهن ٽن ڏينهن اندر رستي تي جهاز خراب ٿي ٿو پوي ته ايمرجنسيءَ جي حالت ۾ ممبئي به وڃي سگهجي ٿو. ڪولمبو کان چٽگانگ يا ڪلڪتي پهچڻ لاءِ ٽن ڏينهن جو پنڌ آهي يا ڪولمبو کان پنجن ڏينهن ۾ پينانگ پهچيو وڃجي ۽ هڪ ڏينهن اندر پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) ۽ اهڙي هڪ اڌ ڏينهن بعد سنگاپور. ان بعد منيلا، هانگ ڪانگ ۽ پوءِ جپان ٻن ٻن، ٽن ٽن ڏينهن بعد پهچيو وڃجي. جپان ۾ اسان جي ملڪ جي سوداگرن جو ايڏو ته امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو بزنيس آهي جو نه فقط ٽوڪيو ۽ اوساڪا جي بندرگاهن ۾ پر نگويا، ڪوبي، يوڪوهاما ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ننڍن بندرگاهن وڪاياما جهڙن ۾ وڃڻو پوي ٿو. جهاز جي مرمت ۽ ڊراءِ ڊاڪنگ (خشڪ گودي ۾ جهاز کي بيهاري ٻاهرين حصي جي صفائيءَ جو ڪم) به جپان ۽ هانگ ڪانگ ۾ سٺو ٿئي ٿو ان ڪري موجي، هيروشيما ۽ ڪاگوشيما ۾ به جهازن کي وٺي وڃڻو پوي ٿو.
    جپان جن چئن وڏن ٻيٽن جو مجموعو آهي اهي آهن هڪيدو، هونشو، شڪاڪو ۽ بلڪل ڏکڻ ۾ ڪيوشو جيڪو سمجهو ته ڏکڻ ڪوريا جي سرزمين جي ائين ويجهو آهي جيئن دادو مورو آهي. وچ ۾ سمنڊ جي سنهي پٽي آهي جيڪو Sea of Japan سڏجي ٿو. ان سمنڊ کي East به سڏجي ٿو. جپان جي بندرگاهن شمونوسيڪي ۽ موجي کان جيئن ئي مٿيون سمنڊ ڪراس ڪجي ٿو ته ڏکڻ ڪوريا جي سرزمين واري شروعاتي حصي ۾ ئي انهن جا انچان ۽ پوسان نالي بندرگاهه اچن ٿا.
    اسان جي ڪمپنيءَ جا جهاز پهرين ڏکڻ ڪوريا نه ويندا هئا پر هاڻ هر دفعي جپان اچڻ تي ڪوريا جي ڪنهن هڪ يا ٻن بندرگاهن ۾ سامان کڻڻ لاءِ وڃن ٿا. ڪوريا جيڪو جپان جي مقابلي ۾ هڪ غريب ملڪ ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ به پٺتي پيل آهي هاڻ مڙيئي جپانين کي ڏسي ڏينهون ڏينهن مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل شيون ٺاهڻ لڳو آهي.
    ٿائلينڊ، انڊونيشيا ۽ ڪمبوڊيا وانگر ڪوريا به غيرملڪي ناڻو ڪمائڻ جو ساڳيو آسان طريقو استعمال ڪري رهيو آهي. يعني ڌارين (Tourists) جي خدمت لاءِ ڇوڪريون مهيا ڪرڻ ۽ بي انتها هوٽلون اڏڻ. اوسي پاسي جي امير ملڪن جا سياح خاص ڪري جپاني، جيڪي ويجهو ۽ بيحد امير آهن، ڪوريا ۾ هزارن جي تعداد ۾ نظر اچن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن انهن جو نمبر وڌندو ئي رهي ٿو. هتي جي اخبارن مطابق گذريل سال ڪوريا جي فقط هڪ شهر ”سيول“ ۾ ڏهن لکن کان مٿي جپاني مرد موڪلون ملهائڻ لاءِ آيا هئا ۽ ڪوريا ٽورسٽس مان چوويهه ڪروڙ ڊالر ڪمايا.
    ڪوريا بابت ڪهاڻي مشهور آهي ته اڄ کان چار صديون اڳ جڏهن جپان جي ساموري قبيلن ڪوريا تي ڪاهون ڪيون هيون تڏهن هڪ علامتي ڪورين ڪسانگ (رنڊيءَ) گائي نان نالي، وچن ڪيو ته انهن جپاني پهلوانن جي اڳواڻ کي آءٌ مارينديس.
    هن پنهنجي شڪار کي کلئي ميدان ۾دعوت ڪئي ۽ ڳائڻ نچڻ وقت قوم جي سردار سان پنهنجو سچو پيار ڏيکارڻ لاءِ، هتي جي دستور مطابق پنهنجو پاڻ کي هن سان گڏ رسي سان ٻڌي سوگهو ڪيو ۽ پوءِ کڻي کاهيءَ ۾ ٽپ ڏنو ۽ ٻئي اجل جو شڪار ٿي ويا. اهڙي طرح هن پنهنجو وچن پورو ڪري ملڪ کي مصيبت کان بچايو، ۽ دشمن کان نجات ڏياري.
    پر اڄ ڪلهه ڪوريا جي ڪسانگن جو جپانين جي حملي کي منهن ڏيڻ جو مختلف طريقو آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. هڪ جپانيءَ ڪوريا مان موٽڻ بعد ٻڌايو ته ”ڪوريا جهڙيون سهڻيون ۽ سستيون ڇوڪريون ته گنزا (ٽوڪيو) ۾ به نه ملنديون ۽ ڪورين ڇوڪريءَ جهڙو عيش ته ڪا ٻي ڇوڪري ڪرائي ڏيکاري.“
    سرڪاري فائيلن مطابق فقط سيول شهر ۾ ٻه هزار اهي رجسٽرڊ ڪسانگ (رنڊيون) آهن جيڪي هتي جي ڊئريڪٽري موجب ”هوٽلن ۾ رهندڙ مهمانن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ آهن.“ ان کان علاوه چپي چپي تي سيول ڪوريا جي ٻين شهرن: پوسان کان وٺي چنائي تائين، ڇوڪريون مهيا ڪرڻ جا سوين اڏا نظر اچن ٿا. نتيجي طور ڏکڻ ڪوريا ان انڊسٽري مان بي انتها پئسو ڪمائي رهيو آهي. هوٽلون ڏسبيون ته هميشه ڀريل ملنديون ۽ هر شهر ۾ ڪيتريون ئي نيون هوٽلون هڪ ٻئي پويان ٺهي رهيون آهن. هوائي اڏي تي نظر ڪبي ته جپان کان ايندڙ اڏامن سان سڄو ايئرپورٽ Jam هوندو ۽ هر وقت جپانين جي پيهه پيهان لڳي پئي هوندي. هڪ آمريڪن، جپانين جي ان ڌڪ ڌڪان مان ٿاٻڙندي، پري نڪري ٻئي کان پڇيو: ”ڇا آمريڪا ان لاءِ چاليهه هزار GI ڏکڻ ڪوريا ۾ مقرر ڪيا آهن ته هنن جپانين جي حفاظت ڪئي وڃي ته جيئن راڻا هتي اچي عيش ڪن؟!“
    ڪي ڪورين ته خوش آهن ته ڪي وري سخت ناراض ۽ منجهيل ته سندن ملڪ ڪوريا ڇو جپان يا ٻين ملڪن لاءِ چڪلو ٿي پيو آهي. ٽائيم انٽرنيشنل رسالي جي هڪ لوڪل نمائندي (مسٽر ايس چانگ) جڏهن هڪ خوبصورت ڪسانگ کان پڇيو، جيڪا مهيني ۾ اڍائي سو ڊالر ڪمائي ٿي، ته سندس جپانين بابت ڇا رايو آهي ته هن وراڻيو: ”ڪي ڪي جپاني ڏاڍا خراب آهن ۽ ساڻن ٺلهو سمهڻ تي به دل نٿي چوي. پر ڇا ڪريون، اسان کي محنت ڪرڻ کپي. نه فقط پنهنجو پاڻ ۽ فئملي لاءِ، پر ملڪ جي مستقبل لاءِ پڻ. ڏسو ته اسان جي ملڪ کي فارين ــ ايڪسچينج جي تمام گهڻي ضرورت آهي، معاشي ترقيءَ لاءِ.“


    ميان مِٺو! چُورِي کاءُ!

    ڪراچي پهچڻ سان اهي خلاصي جن کي Sail ڪندي، يعني جهاز تي سفر ڪندي هڪ سال ٿي ويو هو، انهن کي موڪل تي لاٿو ويو ۽ ٻيا جيڪي اڳئين دفعي موڪل تي لٿل هئا انهن کي جهاز تي چڙهڻ لاءِ چيو ويو. موڪل وارو عرصو هنن کي پگهار نٿو ملي، ان ڪري هرڪو خلاصي مهيني ڏيڍ جي موڪل بعد اهوئي چاهي ٿو ته هو وري وڃي جهاز تي چڙهي ۽ روزگار کي لڳي. باقي جهاز هلائيندڙ آفيسرن ۾ جن ۾ اسين ست اٺ مئرين انجنيئر، هڪ يا ٻه اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ جيڪڏهن جهاز ريفريجريٽيڊ ڪارگو ٿو کڻي يعني مڇي، گانگٽ وغيره ته هڪ ريفريجريشن انجنيئر، ريڊيو آفيسر، ڪئپٽن ۽ ڪئڊٽن کان فرسٽ ميٽ (چيف آفيسر) تائين پنج يا ڇهه نيويگيٽر ۽ پرسر اچي وڃن ٿا. ڪن جهازن تي اليڪٽريشن ۽ ڊيزل مڪينڪ به آفيسر ڪئٽگري ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. انهن کي موڪل تي به پگهار ملي ۽ موڪل به جڏهن وڻين ڪري سگهن ٿا. گهڻو ڪري هر آفيسر کي سال ۾ 52 آچرن جي موڪل ٿئي ۽ 40 کن ٻيا ڏينهن. يعني هڪ سال ۾ نو مهينا ڊيوٽي ٽي مهينا موڪل ٿئي. ولايت جي ڪن جهازران ڪمپنين ۾ آفيسرن کي به موڪل جو پگهار نه ملي. ان جو پورائو ڪرڻ لاءِ هنن کي نوڪري وارن مهينن ۾ وڌيڪ پگهار ملي، جيڪا ڏٺو وڃي ته ساڳي ڳالهه ٿئي ٿي.
    جهاز تي ڪم ڪندڙ خلاصين ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ماڻهو ٿين، جهڙوڪ ڊيڪ جا خلاصي جيڪي جهاز کي صاف رکن ۽ رسا ڇڪين، انهن جو انچارج ڊيڪ سرنگ، انجن روم ۾ ڪم ڪندڙ تيل وارا ۽ آڳ وارا، انهن جو انچارج انجن سرنگ، واڍو جيڪو ”چِپي“ سڏجي، بورچي، ڀاڄي ڪٽڻ وارو جيڪو ”ڀنڊاري“ سڏجي، ماني کارائڻ وارا اسٽيورڊ ۽ انهن جو انچارج پئنٽري مئن، ٻه کن ڀنگي (جمعدار) جيڪي “Topas” سڏجن، اسٽور ڪيپر جيڪو ”بوسن مئن“ سڏجي، جهاز جي اسٽيئرنگ ويل کي جهلي بيهڻ وارا ٽي کن سکاني جيڪي ”ڪوارٽر ماسٽر“ سڏجن اهي سڀ خلاصي ڪئٽگري ۾ اچن ٿا.
    بهرحال هن اسان واري 20 هزار کن ٽن وزني جهاز تي آفيسر ۽ خلاصي (Crew) ملائجن ته 65 کن ٿيندا ۽ انهن سڀني لاءِ جهاز تي رکيل ٻن لائيف بوٽس ۾ وهڻ ۽ راشن خوراڪ جو بندوبست آهي، جيئن جهاز کي باهه لڳي يا ٻڏڻ لڳي ته جهاز ۾ سوار سڀ انسان، انهن ٻيڙين (Life Boats) ذريعي جان بچائي سگهن.
    جهاز جي رهائش ٽي چار ماڙ ٿئي. مٿين ٻن فلورن (ماڙين) تي آفيسر رهن ۽ باقي هيٺين تي خلاصين جو ڪئبنون (Cabins) ٿين. اهڙي طرح ڊرائنگ ۽ ڊائننگ روم به هرهڪ جا الڳ ٿين.
    ۽ پوءِ سمنڊ تي جهاز هوندو آهي ته ڊنر بعد وڏو مشغلو ۽ وندر پتي راند رهندي آهي. هڪ پارٽي باقر فورٿ انجنيئر جي ٿيندي آهي ته هڪ سلطان اليڪٽريڪل انجنيئر جي. باقي ٻيا انهن ۾ ورهائجي ويندا آهن، کيڏڻ وارا به ته ڏسڻ وارا به. اسلم زبيري ففٿ انجنيئر هميشه سلطان جي خلاف باقر کي صلاح مشورو ڏيندو آهي ۽ سلطان کي ان تي باهه هوندي آهي. جڏهن به باقر فورٿ انجنيئر هارائيندو آهي ته سلطان اليڪٽريڪل انجنيئر ٽوڪ طور چوندو اٿس: ”اڃان وٺ ان چرئي زبيريءَ جو مشورو ــ ڪمپنيءَ جي مشهوريءَ لاءِ مشورو مفت!“ ۽ ڪجهه ڏينهن بعد ماڳهين غريب زبيريءَ جو نالو ئي ”مشورو مفت“ پئجي ويو.
    پتي راند کان وڌيڪ دلچسپ باقر ۽ سلطان جا رمارڪ هوندا آهن. مثال طور: باقر چوندو، ”پٽ ترس. هن دفعي پڪ کٽي ٿو ڏيکاريانءِ“ ته سلطان يڪدم ٽهڪ ڏئي پنهنجي منهن چوندو: ”بلڪل صحيح آهي جاني. هو به اهوئي چوندو رهندو هو ۽ پيهندو رهندو هو.“
    يا تاش پيهڻ وقت چوندو اٿس: ”پيهي پيهي، ٻانهن جا ڏورا مضبوط ٿي ويا اٿئي، جاني.“
    ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪا راند باقر کٽي ويندو ته سلطان چوندو: ”اڙي ڪهڙو تير هنئي! حڪم جا پتا رکي ته ٻار به کٽي سگهي ٿو!“
    ۽ کٽيل هٿ جڏهن ڇهه ٿي ويندا هئا ته ستون هٿ حاصل ڪرڻ کان اڳ سلطان کٽيل ڇهه هٿ هڪ ـــ هڪ، ٻه ــ ٽي دفعا اڳيان پويان ڪري ڳڻيندو ۽ تجسس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو: ”هڪ، ٻه، ٽي، چار، پنج، ڇهه. ڇهه پنج چار ٽي ٻه هڪ. ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ ڇُڪ...... اها هئي گاڏي ۽ هي اٿانوَ ستون هٿ انجڻ“ اهو چئي حڪم جو يَڪو وچ تي سٽيندو.
    ۽ پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو اتفاق ايندو جو راڻيءَ مٿان سلطان کي بادشاهه جو پتو هڻڻو پوندو هو ته ان کان اڳ هو اعلان ڪندو هو ته ”اها هئي جنرل راڻي ۽ هي اٿانوَ يحيٰ خان.“ ۽ پوءِ ٽپ ڏئي ٽيبل تي اوڪڻون ٿي ويهي رهندو.
    يا ڪڏهن اهڙو موقعو ايندو جو ڪنهن کي راڻي ڪڍندي خيال ٿيندو ته متان اڳلي وٽ بادشاه هجي ۽ ان سوچ ۾ جي دير ڪندو ته ٻيو دانهن ڪري چوندس: ”ڪڍ رنڊي کي ٻاهر ته ڪتن کان بڇ ڪرايانس.“
    راند ۾ گِدي عام هلي ٿي، بلڪه راند کان وڌيڪ ٺڳيءَ جي آرٽ جو قدر ڪيو ويو ٿي. هڪ ٻئي کان اکين ذريعي ۽ ٽيبل هيٺان لتون هڻي صلاحون ۽ Instructions ڏنا ۽ ورتا ويا ٿي. مثال طور ساڄي اک ڀڃڻ معنيٰ مون وٽ پان جا هٿ گهڻا آيا آهن. کاٻي اک معنيٰ چونڪڙي (Diamonds)، ساڄو ڪن کنهڻ معنيٰ ”ڪارو“ ۽ کاٻو معنيٰ ”لال پان“. اهي سگنل ۽ سائيفر ڪوڊ روز بدلبا هئا ۽ ساڳي وقت مخالف ڌر وارا ڳولڻ ۽ ڪوڊ ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندا هئا.
    ۽ ڪڏهن ته ڪم ايترو وڌي ويندو آهي جو وات کان به ڪم ورتو ويندو آهي. مثال طور: سلطان چاهي ٿو ته سندس ساٿي لال پان جي پتي جي لهپ ڪري ته هو هن کي سوال جي نموني ڳالهه ٻڌائيندو: ”ها منهنجا ڀاءُ! جهانسي جي راڻي ڇا کائيندي آهي؟“ معنيٰ هو سمجهي ويندو ته ”پان“ ڏي اشارو آهي، يا چوندس: ”ڊاڪٽر صاحب دشمنن جون پهرين ڏاٺون ڪڍ پوءِ ڏند“ معنيٰ پهرين حڪم جا پتا لهي دشمنن وٽ آيل چند حڪم جا پتا ضايع ڪر.
    کٽيل هٿ ڳڻڻ جو هڪ اهو به طريقو هو ته هڪ ٻي ٽي ڪرڻ بدران: روهڙي ــ سکر ــ روهڙي سکر ۽ هي خيرپور ميرس ــ يعني ستون فيصله ڪن هٿ! يا ساهيوال ملتان جو دور هلندو آهي.
    راند جو خاتمو پاڪستاني فلمن وانگر خوش اسلوبي ۽ خير خوبيءَ سان پورو نه ٿيندو آهي پر گارين جي دس، ڪراڪري ڀڄڻ ۽ ڪرسيون هڪ ٻئي کي اڇلي هڻڻ سان ٿيندو آهي. يا هڪ ٻئي کي ساڳيا Patent رمارڪ روز جا ڏنا ويندا آهن. جن ۾ اسان جا نمائندا: سلطان ۽ باقر حصو وٺندا آهن. ڪڏهن کُٽي کڻندي آهي محمود فرج انجنيئر جي، ته نه ڏني نه ورتي اهو به ان ويڙهه ۾ چپجي ويندو آهي. سندس بيڊروم جهاز جي ڊرائنگ روم ڀرسان آهي ۽ هو اڪثر راند جي خاتمي مهل گوڙ تي ننڊ ڦٽڻ جو بهانو ڪري اچي نڪرندو آهي کيس ته ڇوٽ ۾ چيو ويندو آهي: ”اڙي ڪارا بس ڪر. جهاز ايجاد نه ٿين ها ته پاڪستان چوڪ ۾ کير جي وڏي تئي رکي، ڊگهي چمچي جو پوڇڙ ڪلهي تي رکي کير به گرم ڪندو رهين ها ۽ ملائي ايجاد ڪرڻ لاءِ ان ۾ لڪائي اٽي جون ڳوڙهيون به وجهندو رهين ها.“
    ”ڪارو کير کي گهاٽو ڪرڻ لاءِ اٽو وجهي ها. ملائيءَ جو تهه ٿلهو ڪرڻ لاءِ ان ۾ مسچٽو وجهي ها.“ ٻيو ٽيڪو ڏيندو آهي.
    سلطان تي اهو الزام آهي ته جهاز تي اچڻ کان اڳ هو ڊگهي بانس جي لڪڻ تي جوهر (Papermint) هڻي ٻارن جي اسڪول اڳيان: ”گهوڙو ٺاهيندس، حقو ٺاهيندس، بندر بڻائيندس، رڇ بڻائيندس“، جا هوڪا ڏيندو هو.
    رهيو باقر تنهن کي سلطان چوندو آهي ته هي جهاز ايجاد نه ٿين ها ته فٽ پاٿ تي ٽي پڇ ڪتريل طوطا وهاري کانئن قسمت جا لفافا به کولرائين ها ته چُوري به کارائين ها: ”ميان مٺو چُوري کاءُ، چُوري کاءُ.“
    پوءِ اتي اسلم زبيري باقر جو پاسو ظاهر ظهور کڻي ڪاوڙ مان ڪرسيءَ ۾ هٿ وجهندو آهي. پوءِ جڏهن رات جو هي هاٿي وڙهندا آهن ته صبح جو ٻُوڙا (سڀني جا Boys) لتاڙبا آهن. ۽ ڪئبنون صاف ڪرڻ کان پهرين کين ڪا دير ڊرائنگ روم جي صفائي ۽ فرنيچر کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳندو آهي.


    ساهڙ! سِير لنگهاءِ تون...........

    پهرين سامونڊي سفر بعد ئي مونکان منهنجا دوست ۽ مائٽ پڇڻ لڳا ته دنيا جي ستن سمنڊن مان ڪيترن سمنڊن تان لنگهه ٿيو؟
    ان سوال جو اهم حصو ته اهو آهي ته ڇا دنيا ۾ ست سمنڊ آهن؟ گهٽ ۾ گهٽ اسان وٽ مشرق ۾ اهوئي سمجهيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ ست سمنڊ آهن يا دنيا جي مخلتف کنڊن (ايشيا، آفريڪا، يورپ، آمريڪا، آسٽريليا وغيره) جي چوڌاري جيڪو پاڻي آهي اهو ستن حصن ۾ ورهايل آهي. پر ائين نه آهي. ڪنهن به پاڻي جي جهاز هلائڻ واري کان پڇندائو ته هو ويهه کن نه ته ڏهن سمنڊن جا نالا يڪدم ٻڌائي ويندو. دراصل ڏٺو وڃي ته هندي وڏي سمنڊ ۽ پئسفڪ وڏي سمنڊ (Ocean) کان ملاڪا جي ڳچي سمنڊ (Malacca Straits)، ايراني نار (Persian Gulf) ۽ خليجِ بنگال (Bay of Bengal) تائين هڪ سو کان به مٿي وڏا ننڍا سمنڊ آهن. مثال طور اسان جو بندرگاه ڪراچي جنهن سمنڊ ۾ آهي ان جو نالو عربي سمنڊ آهي. دنيا جي ڪنهن ٻي ڪنڊ ميڪسيڪو يا برازيل جو ڪو ماڻهو پڇي ته عربي سمنڊ ڪٿي آهي ته ان کي اهوئي ٻڌائي سگهجي ٿو ته هندي وڏي سمنڊ ۾ آهي.
    ويسٽ انڊيا جتي جا ڪرڪيٽر دنيا ۾ مشهور آهن انهن جا ٻيٽ ٽرنيڊاڊ ۽ ٽوباگو، ۽ جئميڪا، بارباردوس، هئتي، پورٽوريڪو ۽ ڪيوبا جهڙا ٻيٽ ڪئريبين سمنڊ ۾ آهن ۽ ڪئريبين سمنڊ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو حصو آهي. ڪئريبين سمنڊ جي ڀر وارو سمنڊ ميڪسيڪو نار (Gulf of Mexico) پڻ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جو حصو آهي. گلف آف ميڪسيڪو وارو سمنڊ پکيڙ ۾ ننڍو ننڍو ته به 15 لک چورس ڪلوميٽر آهي. يعني اسان جي ملڪ پاڪستان جيڏا ٻه ماپي سگهن. تمپا، نيواورلينس، بئٽن روج، هيوسٽن ۽ گئلوسٽن جهڙا آمريڪا جا اهم بندرگاهه هن سمنڊ Gulf of Mexico ۾ آهن.
    هندي وڏي سمنڊ ۾ به فقط اسان وارو عربي سمنڊ نٿو اچي. بنگلاديش وارو خليج بنگال ۽ ڪاري پاڻي وارن ٻيٽن جي ”انڊمان سمنڊ“ کان وٺي هيڏي اوڀر ڏي ”ڳاڙهو سمنڊ“ (بحرِ احمر)، ايراني نار ۽ اوماني نار تائين ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ موزمبق چئنل، تمور سمنڊ وغيره سڀ هندي وڏي سمنڊ ۾ اچي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ انهن سمنڊن جو پاڻي هڪ ٻئي سان مليو پيو آهي ۽ سڀ گڏجي هندي وڏو سمنڊ ٺاهين ٿا پر هر سمنڊ جي پنهنجي جاگرافي ۽ مزاج آهي! جتي خليج بنگال ۾ هروقت طوفان ۽ سائڪلون لڳندا رهن ٿا اتي عدن جي نار ۽ اوماني نار ماٺا سمنڊ آهن ۽ جون، جولاءِ، آگسٽ جي مهينن ۾ اسان واري عربي سمنڊ اڳيان جپاني ۽ انگريز جهازي به هٿ ٻڌن ٿا. هن سمنڊ جي اندر جيڪي رکي رکي ڪُنون ٺهن ٿيون يا جنهن نموني سان هي سمنڊ وَٽَ کائي ٿو، ان ۾ اڄ وارا لوهي جهاز به ٻڏيو وڃن ۽ وڏن وڏن ناخدائن (ناکئن) جون به متيون منجهيو وڃن. تڏهن ته شاهه لطيف به عربي سمنڊ لاءِ چيو ته:
    دهشت دم درياهه ۾، جت ڪُنن جا ڪڙڪا
    سهي ڪين سمونڊ جا، ماندي دل دڙڪا
    ساهڙ! تون سڻ ڪا، فريادي فقير جي.

    يا هڪ ٻئي هنڌ چيو اٿس:
    سڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هليا هيٺ وڃن،
    پرزو پئدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،
    ڪو جو قهر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن،
    اتي اڻتارن، ساهڙ! سير لنگهاءِ تون.

    ڪراچيءَ جي ٻاهران هن عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ پنهنجي نوعيت جي Under Currents ۽ ڪُنن بابت سر گهاتوءَ ۾ شاهه لطيف هڪ هنڌ چوي ٿو:
    ڪو جو قهرُ ڪَلاچَ ۾، گهڙي سو نِئي
    خبر ڪون ڏئي، ته رڇ ڪڄاڙي رنڊيا؟

    يعني ڪلاچيءَ (ڪراچي) واري سمنڊ جي ڪنن ۾ اهڙو ڪو قهر پيو وسي، جو جيڪو ٿو اندر گهڙي، تنهن کي ٿو کڻي.
    هونءَ دنيا جا وڏا سمنڊ پنج آهن جيڪي انگريزيءَ ۾ Oceans سڏجن ٿا. پئسفڪ سمنڊ سڀ ۾ وڏو آهي. دنيا جي گولي کان جيڪڏهن توهان واقف آهيو ته سمجهو ته جپان، فلپين، پاپاءِ نيوگني ۽ آسٽريليا جي اوڀر واري پاسي کان وٺي آمريڪا ۽ ڪئناڊا جي اولهه پاسي وارن بندرگاهن وئنڪوئر، سئن فرانسسڪو، لاس ائنجلس ۽ هيٺ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن پيرو (Peru) ۽ چليءَ سان هي سمنڊ وڃيو ٿو مِلي. سندس پکيڙ ساڍا 16 ڪروڙ چورس ڪلوميٽر آهي يعني ٻئي نمبر وڏي سمنڊ ائٽلانٽڪ کان ٻيڻو آهي. جپان يا هانگ ڪانگ کان جڏهن به وئنڪوئر (ڪئناڊا) يا لاس اينجلس (USA) وڃڻ ٿيو آهي ته اوڀر جو رخ ڪندا آهيون يعني پئسفڪ سمنڊ لتاڙي منزل تي پهچندا آهيون. هونءَ آمريڪا يا ڪئناڊا وڃڻ لاءِ اولهه جو رخ به ڪري سگهون ٿا يعني پنهنجي ملڪ اچي، پوءِ ڪيپ ٽائون (آفريڪا) وٽان ٿي آمريڪا پهچي پوءِ پاناما ڪئنال مان نڪري وئنڪوئر ۽ لاس اينجلس پهچي سگهون ٿا. پر اهو مفاصلو تمام وڏو ٿيندو ۽ اسان کي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻو پوندو.
    پئسفڪ سمنڊ دنيا جو وڏي ۾ وڏو سمنڊ ضرور آهي پر منجهس اها خوبي آهي ته اهو بيحد ماٺو (Pacified) آهي شايد سندس ان خاصيت ڪري انگريزن هن جو نالو پئسفڪ رکيو آهي ۽ عرب دنيا ۽ پرشيا (ايران) ۾ ان سمنڊ کي بحرالڪاهل سڏيو وڃي ٿو. پئسفڪ سمنڊ جي مقابلي ۾ هندي وڏو سمنڊ (انڊين اوشن) ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جهاز هلائڻ وارن لاءِ خراب آهي. سندن ڪي ڪي حصا ڏکڻ چيني سمنڊ، خليج بنگال، ڪيپ آف گڊ هوپ (جتي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ملن ٿا)، برمودا ٽڪنڊي وارو حصو، سياري توڙي اونهاري ۾ پيٽ ۾ وَڍَ ٿو وجهي ۽ وَٽ کائيندڙ ڇولين ۽ طوفاني هوائن ۾ جهاز چيچاٽ ۽ ٽڙڪاٽ ڪندو گذري ٿو. ههڙن هنڌن تان گذرندي دهرين کي به رب ياد اچيو وڃي ۽ هو سمجهيو وڃن ته انسان کي چاڙهڻ ۽ ٻوڙڻ واري اها ئي هستي آهي. اهڙن واٽن تي ٻي ڪنهن جي هجت يا حيلو نٿو هلي. بقول شاهه لطيف جي:
    ٻوڙئين، چاڙهئين، تون ڌڻي!
    ٻئي جو دعويٰ رسي نه دَمُ،
    هن منهنجي حال جو، ميهر تي مَعلَمُ
    رک ڀيلي جو ڀَرمُ، جو اچي پيو اَجهورَ ۾.

    پئسفڪ سمنڊ ماٺو هجڻ ڪري جهازي يا هن جي جهاز کي جهوري نٿو پر پئسفڪ سمنڊ آفريڪا جي صحرا رڻ پٽ وانگر آهي جتي رڃ ۽ سڃ جو واسو آهي. ٻين سمنڊن تي ڏينهن ٻن جي پنڌ تي ڪو ملڪ يا بندرگاهه مليو وڃي جتي ايمرجنسيءَ ۾ جهاز جي مرمت ٿي سگهي ٿي يا جهاز هلائيندڙ جي اوچتي بيمار ٿيڻ تي علاج ٿي سگهي ٿو پر پئسفڪ سمنڊ ۾ جهازين جو ڪم وارو بندرگاه فقط ”هونولولو“ اچي ٿو. هونولولو آمريڪا جي ٻيٽن واري رياست هوائي جو بندرگاهه آهي. ائين ته پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪيترائي مشهور ٻيٽ آهن جهڙوڪ ڪُڪُ آئلنڊ، گئام، واناتو، پاگو پاگو، نائورو (Nauru)، تووالُو، ڪريباتي وغيره پر اهي سڀ ائين آهن جيئن سڄي سُئمنگ پول جي قط هڪ ڪنڊ پاسي ۾ چانورن جا چند ڪَڻا!.
    چنڊ تان يا خلا مان ڌرتيءَ ڏي نظرڪبي ته ان جي گولي تي موجود مختلف سمنڊ ڍنڍن وانگر نظر نه ايندا يعني هر سمنڊ جي چوڌاري ڌرتي ناهي پر دنيا جي گولي تي موجود زمين (Land) ٻيٽن وانگر آهي. يعني زمين جي چوڌاري پاڻي آهي. آسٽريليا، سري لنڪا، انگلينڊ جهڙا ملڪ ته اسان کي ٻيٽ لڳن ئي ٿا پر ويندي آفريڪا، ايشيا، آمريڪا يا يورپ جهڙو کنڊ به ٻيٽ آهي جو ان جي چوڌاري سمنڊ جو پاڻي آهي. ائين جي نه هجي ها ته اسان هڪ ملڪ کان ٻئي ڏورانهين ملڪ ۾ ڪيئن پهچون ها. اهو ان ڪري جو هر سمنڊ ٻئي سان مليو پيو آهي. جپان کان چاهي ساڄي پاسي پئسفڪ سمنڊ لتاڙي وڃون يا کاٻي پاسي کان هندي ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙيون، ڳالهه ساڳي آهي جو سڀ سمنڊ مليا پيا آهن. پر سمنڊ جي ڍنڍن وانگر هجن ها ته پوءِ سفر ۾ وڏو مسئلو ٿئي ها. جيڪو جهاز جنهن سمنڊ جي ڪناري تي ٺهي ها اهو فقط ان سمنڊ جي بندرگاهن ۾ ئي هلندو رهي ها. ٻئي سمنڊ جي ڪنهن بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ وري زمين جو ڪجهه حصو اٺن، گهوڙن يا لارين موٽرن ۾ طئي ڪري ان ٻئي سمنڊ جي ڪناري تي پهچي، ان سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز ۾ چڙهڻو پوي ها.
    ڪي سمنڊ ذري گهٽ چوڌاري بند آهن ۽ وڏي ڍنڍ لڳن ٿا جيئن يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جي وچ ۾ موجود ميڊيٽرينين (ڀونڇ) سمنڊ جنهن ۾ طرابلس، بيروت، ازمير، استنبول، اٿينس، رائيڪا، بارسلونا، جبرالٽر، سيوٽا ۽ ٽيونس جهڙا اهم بندرگاهه آهن. آمريڪا دريافت ٿيڻ کان اڳ تائين سڀني هن سمنڊ کي دنيا جو وچ سمجهيو ٿي. ظاهر آهي صاف نظر اچي رهيو هو ته هن سمنڊ جي هڪ پاسي يورپ آهي ته ٻئي پاسي ايشيا ۽ ٽي پاسي آفريڪا. چوٿين پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ هو. ماڻهن کي اها خبر نه هئي ته انهيءَ چوٿين پاسي يعني اولهه ڏي اهو ائٽلانٽڪ سمنڊ جهاڳي هلبو ته يورپ ۽ آفريڪا کان به وڏي دنيا آمريڪائي کنڊن جي صورت ۾ نظر ايندي. بهرحال ڪولمبس جي آمريڪا پهچڻ تائين هرهڪ کي اهوئي يقين هو ته هي سمنڊ ميڊي معني وچ ۽ ٽرينين معنيٰ ڌرتي جو آهي. ٻين زبانن ۾ به هن سمنڊ جو اهوئي نالو رکيو ويو جيئن سنسڪرت، سنڌيءَ ۾ ڀونچ (ڀونء + وچ) سمنڊ سڏجڻ لڳو.
    ڀونچ (Mediterranean Sea) سمنڊ ڪو ننڍو سمنڊ ناهي. ايراضيءَ جي حساب سان 25 لک چورس ڪلوميٽر آهي. يعني اسان جهڙا 3 ملڪ ان ۾ سمائجي وڃن. مٿان خلا مان ڏسبو يا سيٽلائيٽ ذريعي يڪي سمنڊ جو فوٽو ڪڍبو ته عام فوٽو ۾ به ائين لڳندو ته هي سمنڊ ڍنڍ وانگر آهي يعني هن جي چوڌاري زمين آهي. جيڪي جهاز اندر آهن اهي فقط اندر هلي سگهن ٿا، ٻاهر نڪرڻ جو ڪو گس ناهي. پر ڪلوز اپ فوٽو ۾ يا سرزمين ته پهچبو ته معلوم ٿيندو ته ائين نه آهي. جتي يورپ کنڊ جو ملڪ اسپين آفريڪا کنڊ جي موراڪو ملڪ سان ملي ٿو اتي هڪ سنهي سامونڊي ڳچي ضرور ٺهيل آهي جتان جهاز ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچي وڃي سگهن ٿا. هي اهو ئي هنڌ آهي جتي جبرالٽر (جبل الطارق) آهي. ان ڪري هن سوڙهي سامونڊي گهٽيءَ جو نالو Strait of Gibraltar رکيو ويو آهي. رستو سوڙهو ۽ اڄ ڪلهه جا لوهي جهاز وڏا هجڻ ڪري هن هنڌ تان لنگهڻ وارا ٽي چار ڪلاڪ، جهاز هلائيندڙن لاءِ سخت ٽينشن وارا هوندا آهن. هن سوڙهي سامونڊي موريءَ جي وچ تي نشان لڳل نه آهن جو ايندڙ ويندڙ جهاز ان پنهنجي حصي مان هلن. ڏينهن هجي يا رات، ماٺو سمنڊ هجي يا مانڌاڻ متل، ڏيک چٽو هجي يا سخت ڌُنڌُ، جهاز هلائڻ وارن کي ئي حساب ڪتاب رکڻو آهي ته ان سوڙهي سامونڊي پيچري ۾ هن جو ڪيترو حصو آهي. ان کان علاوه سامهون ايندڙ جهازن توڙي اڳيان ويندڙن ۽ پٺيان ايندڙن جي رفتار جو به حساب ڪتاب ڪرڻو پوي ٿو ان حساب سان پنهنجي جهاز جي رفتار سيٽ ڪرڻي پوي ٿي جو ائين نه ٿئي جو اڳيان ويندڙ جهاز سان ٽڪر ٿي پوي ۽ هي سوڙهو رستو سڀني لاءِ بلاڪ ٿي وڃي. بقول هڪ جهازيءَ جي جيڪڏهن سمنڊ تي رستا ٺهيل هجن ها ۽ پاڻيءَ جي جهازن کي موٽر لارين وانگر بريڪون هجن ها ته پوءِ ته جهاز هلائڻ وارن لاءِ ڪو Tension ئي نه هجي ها.


    ڪارا، ڳاڙها ۽ اڇا سمنڊ

    گذريل مضمون ۾ پاڻ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته اهو جيتوڻيڪ ڍنڍ وانگر بند نظر اچي ٿو پر جبرالٽر وٽ ان ۾ ايترو گس آهي جتان هڪ ئي وقت ٻه ٽي جهاز هلي سگهن ٿا ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ (جنهن کي ڀونءِ وچ ۽ بحر روم به سڏيو وڃي ٿو) ان جي پاڻيءَ جي ليول ۽ لوڻ جي کاراڻ maintain رکڻ لاءِ هن سمنڊ جو پاڻي ان سامونڊي گس ذريعي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملندو رهي ٿو.
    نقشي ۾ ڏسندئو ته ميڊيٽرينين سمنڊ جي بلڪل اوڀر ۾ دنيا جو هڪ ٻيو اهم سمنڊ بحراسود (بلئڪ سي) آهي جيڪو ته بنهه بند بند لڳي ٿو، پر ائين ناهي. ترڪيءَ جي بندرگاهه استنبول وٽ هڪ تمام سنهي سامونڊي نالي ٺهيل آهي جتان جهاز بليڪ سي ۾ داخل ٿي سگهن ٿا. سمنڊ جي اها سنهي پٽي باسفورس سڏجي ٿي جنهن تي ترڪيءَ جو هٿ آهي. روس هونءَ کڻي طاقتور ملڪ آهي ۽ جڏهن USSR هو تڏهن ته اڃان به وڌيڪ پهلوان مڙس هو پر هن سامونڊي راهداري باسفورس ڪري هن جي هر جهاز کي اچڻ وڃڻ وقت ترڪيءَ کان موڪل وٺڻي پوي ٿي.
    روس جا جيڪي اتريان بندرگاهه آهن اهي سال جو ڪو مهينو ٻه مس کليل رهن ٿا باقي سڄو سال برف سان ڄميل رهن ٿا. ان ڪري سندن ڪم جو فقط ”اوڊيسا“ بندرگاهه آهي جيڪو Black Sea ۾ آهي. افسوس جي اها ڳالهه ته اوڊيسا بندرگاهه وارو سمنڊ به سياري ۾ برف ٿيو وڃي جنهن بابت آئون پنهنجي پهرين سفرنامي ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ۾ لکي چڪو آهيان ته اوڊيسا ۾ رات جي وقت ٺار ٿيڻ ڪري صبح جو جهاز برف جي ٿلهي تهه ۾ ڦاٿل رهيو ٿي. بهرحال روس کي جهاز ته کڻي هڪ کان هڪ ماڊرن ۽ انيڪ آهن پر سمنڊ ۽ بندرگاهن جي معاملي ۾ هن جو ڀاڳ سٺو ناهي. اهوئي ته سبب آهي جو هن کي ڇتائي کڻي ٿي ۽ اسان واري عربي سمنڊ جي ڪجهه حصي کي حاصل ڪرڻ لاِءِ رومانيا ۽ پولنڊ وانگر افغانستان تي به قبضو ڪري هاڻ بلوچستان حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسڻ لڳو جيئن گوادر يا ايراني بندرگاهه ”ڇها بهار“ وٽ پنهنجو بندرگاهه ٺاهي سگهي، جتي هن جا جهاز ٻارهوئي ايندا رهن ۽ ائين ايندي ويندي کيس ڪنهن کان موڪل نه وٺڻي پوي جيئن هينئر هن کي ترڪيءَ کان وٺڻي پوي ٿي.
    هي بحر اسود (Black Sea) جيتوڻيڪ ميڊيٽرينين سمنڊ کان ننڍو آهي پر تڏهن به سندس پکيڙ چار لک چورس ڪلو ميٽرن کان مٿي آهي ۽ اسان جي وڏي ۾ وڏي صوبي بلوچستان (جنهن جي پکيڙ ساڍا ٽي لک کن چورس ڪلوميٽر آهي) کان به وڏو ٿيو. هن سمنڊ جي ڪناري تي روس، بلغاريا، رومانيا، جارجيا، يوڪرين ۽ ترڪي جي سر زمين لڳي ٿي. منهنجي شروع وارن سامونڊي سفرن ۾، خاص ڪري يوگوسلاويا جي ٺهيل نئين جهاز سندربنس تي نوڪري دوران هن سمنڊ جي روسي بندرگاهه اوڊيسا، رومانيا جي بندرگاهه ڪانستنزا ۽ بلغاريا جي بندرگاهه ورنا ۾ تمام گهڻو وڃڻ ٿيو. اسان انهن بندرگاهن لاءِ مختلف سامان آڻيندا هئاسين.
    بحراسود (ڪارو سمنڊ) جيتوڻيڪ ننڍو ۽ چوڌاري زمين هجڻ ڪري بند بند لڳي ٿو جنهن حساب سان هن سمنڊ ۾ نه وڏيون ويرون ۽ ڪُن هجڻ کپن نه خوفناڪ طوفان پر اها ڳالهه ناهي. هن سمنڊ جي سختين جي جهونا جهازي به سڌيون ٻڌائين ٿا. ان جو تجربو هڪ دفعو اسان کي به ٿيو جڏهن جهاز ڪانستنزا (رومانيا) ۽ ورنا (بلغاريا) جو سفر ڪيو. چئن ڪلاڪن جي هن رات جي سفر اسان جهاز هلائڻ وارن کي ته هيڻو ڪري ڇڏيو پر 6 مهينا اڳ جي ورتل نئين جهاز جي به صورت ۽ رنگ روپ اهڙو ڪري ڇڏيو جو مونکي پهريون دفعو احساس ٿيو ته انهن سامونڊي ڇولين جو ڪيڏو سخت هئڊرالڪ پريشر ٿئي ٿو جنهن ۾ جهاز جو رنگ روغن ته لهي ويو پر اڳئين حصي تي اهڙا ته گِهٻ (Dent) پئجي ويس جيئن ڪنهن موٽر ڪار جي ٻاهرين باڊيءَ کي بانٺن سان سَٽجي. سو ڪوبه جهازي اهو نه سمجهي ته هن سمنڊ ۾ رڳو Smooth Sailing آهي. هتي ٻارهوئي سخت سردي، ڪُنون (Under Currents)، طوفان ۽ تيز هوائون ۽ ڌنڌ رهي ٿو. جيڪو حال ميڊيٽرينين سمنڊ جو به آهي. پر بحراسود ۾ سامهون جو ڏيک visibility سراسري 5 ميٽر مس رهي ٿي جيڪا ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ 35 ميٽرن جي لڳ ڀڳ آهي. شايد انهن ڳالهين ڪري بحراسود کي وڏي عرصي تائين بي رحم، بي ترس ۽ بي فيض (Inhospitable) سمنڊ سڏيو ويو ٿي.
    بحر اسود جي بندرگاهن ۾ هجڻ دوران مڪاني ماڻهن کان آئون اڪثر اهو پڇندو رهندو هوس ته هن سمنڊ کي ان نالي سان ڇو ٿو سڏيو وڃي ۽ نه فقط انگريزي ۽ عربي زبانن ۾ پر ترڪي جي زبان ۾ به هن سمنڊ کي ڪارا دينز (ڪارو سمنڊ) ۽ رومانيا جي ٻوليءَ ۾ به ماريا نياگرا (سمنڊ ڪارو) سڏيو وڃي ٿو؟
    ڪن جو چوڻ آهي ته هن سمنڊ تي ٻارهوئي گهاٽو ڌنڌ ۽ اونده انڌوڪار هجڻ ڪري هن سمنڊ جو نالو ”ڪارو“ پيو آهي ڪن جو چوڻ آهي ته اونهي هجڻ ڪري هن سمنڊ جو نالو پيو آهي. ان ۾ ته ڪوشڪ ناهي ته بحراسود تمام اونهو سمنڊ آهي. ڪن هنڌن تي ته اهو ٻن هزار ميٽرن کان به اونهو آهي يعني سمنڊ ۾ جي ٽٻي هڻجي ته ٻن ڪلوميٽرن کان پوءِ سمنڊ جو ترو نظر اچي.
    بهرحال هن سمنڊ تي اهو نالو پوڻ پٺيان اها به حقيقت آهي ته آڳاٽي زماني ۾ چئني طرفن لاءِ مختلف رنگ مقرر ٿيل هئا. اتر لاءِ ڪارو ڏکڻ لاءِ ڳاڙهو ۽ اوڀر لاءِ هئڊو وغيره. هيروڊوٽس هڪ هنڌ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) کي ڏکڻ سمنڊ به سڏيو آهي. ترڪن جي تهذيب ۽ حڪومت جو به ايشيا ۽ يورپ جي ڳپل حصي ۾ واسطو رهيو آهي. هنن وٽ به طرفن لاءِ رنگ مقرر آهن جيئن ترڪي جو لفظ “Kara” (ڪارو) اتر لاءِ آهي ۽ Ak (سفيد) ڏکڻ لاءِ آهي. بحراسود اتر ۾ هجڻ ڪري ان تي اهو نالو پيو ۽ ميڊيٽرينين سمنڊ (بحر روم) ڏکڻ ۾ هجڻ ڪري نه رڳو ترڪ دنيا ۾ اڇو سمنڊ سڏيو وڃي ٿو پر عرب به ميڊيٽرينين سمنڊ کي ”بحر ابيض متوسط“ سڏين ٿا. هتي اهو به لکندو هلان ته جتي بحراسود سمنڊ طبعيت ۾ ڏنگو آهي اتي سندس ڪنارو بيحد خوبصورت آهي ۽ رومانيا، بلغاريا، جارجيا جي ڪنارن تي بيحد خوبصورت هوٽلون (Resort) ٺهيل آهن جن ۾ يورپ جا امير ماڻهو عياشيءَ لاءِ اچن ٿا.
    ”بحر اسود“ سمنڊ جي اتر ۾ هن کان به هڪ ننڍو سمنڊ آهي جيڪو Sea of Azov انگريزيءَ ۾ ۽ ”ازو وسڪي موري“ روسي زبانن ۾ سڏجي ٿو. هي سمنڊ هڪ طرف بحر اسود سان ملي ٿو ته ٻئي طرف کان Don ندي هن ۾ ڇوڙ ڪري سمنڊ جي ليول برقرار رکي ٿي. تمام ننڍڙو سمنڊ آهي پر ننڍو هجڻ جي باوجود ڊيگهه ۾ ڪراچيءَ کان خيرپور تائين ٿيندو. تانگهو هجڻ ڪري منجهس فقط ٻيڙيون هلي سگهن ٿيون. بلڪ هن سمنڊ لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ تانگهي ۾ تانگهو سمنڊ آهي جنهن جي سراسري اونهائي 13 ميٽر آهي. تانگهو ۽ گهٽ کارو هجڻ ڪري سال جو وڏو عرصو ڄميل (Freeze ٿيل) رهي ٿو. ڪن ڪن هنڌن تي جتي ڊان ندي ڇوڙ ڪري ٿي، هن سمنڊ جو پاڻي چڱو مِٺو ۽ پيئڻ جوڳو آهي.
    سو دنيا جا مڙيئي سمنڊ، سواءِ ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هڪ ٻئي سان سوڙهن ڳچي سمنڊن ذريعي پاڻ ۾ مليا پيا آهن جن جو پاڻي هڪ ٻئي ڏي ايندو ويندو رهي ٿو ۽ ساڳي وقت پاڻيءَ جا جهاز به هڪ سمنڊ مان نڪري ٻئي ۾ پهچيو وڃن. ڪن هنڌن تي ته ڪنهن سمنڊ کي هڪ کان وڌيڪ سمنڊن سان ملائڻ لاءِ هٿرادو ڪئنال کوٽايل آهن. جيئن ميڊيٽرينين هڪ طرف بحراسود سان ته ٻئي طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ سان استنبول ۽ جبرالٽر وٽ مليو پيو آهي. پر هن کي ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) سان ملائڻ لاءِ مصر ۾ سئيز ڪئنال کوٽيو ويو آهي. مصر جو پورٽ سعيد بندرگاه ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ آهي ۽ پورٽ توفيق بحراحمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ آهي. ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو مختصر مفاصلو آهي ان ۾ به ٽي کن ڍنڍون آهن: Lake Timash، گريٽ بِٽر ڍنڍ ۽ لِٽل بٽر ڍنڍ. سو ان حصي جي کوٽائي ڪري سئيز ڪئنال ٺاهيو ويو آهي جيئن جهاز جدي، پورٽ سوڍان، عدن ۽ مساوا پهچڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻ بدران هن سئيز ڪئنال مان ئي لنگهي وڃن. اهڙي طرح پَاناما ڪئنال نالي هٿرادو کوٽايل ڪئنال پاناما ملڪ ۾ آهي جيڪو ڪئنال ائٽلانٽڪ سمنڊ کي پئسفڪ سمنڊ سان ملائي ٿو. پر هن ڪئنال ذريعي جهاز ته هڪ سمنڊ کان ٻئي سمنڊ ۾ پهچيو وڃن پر سندن پاڻيءَ جو فري فلو يعني آزاد وهڪرو ناهي جو ٻنهي سمنڊن جي ليول (سطح) ۾ وڏو فرق آهي. جهاز کي اڪارڻ لاءِ ڪئنال کي ڪجهه حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن کي لاڪَ سڏجي ٿو. جهاز کي هرلاڪ ۾ آڻي پوءِ ان ۾ وڌيڪ پاڻي ڀري پاڻي جي ليول کي وڌايو وڃي ٿو ۽ پوءِ ان ليول تي جهاز اڳيان هلي ٿو ۽ وري ٻئي لاڪ ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. جتي اڃان به ليول وڌائي وڃي ٿي. ائين ڪندي آخر ۾ جهاز ڪئنال جي ان ليول تي اچي ٿو جنهن تي ان سمنڊ جي ليول آهي ۽ واپسي تي مختلف لاڪن ۾ پاڻي جي ليول گهٽائي جهاز کي هيٺ آندو وڃي ٿو. اهو ساڳيو طريقو جرمني جي ڪِيل (Kiel) ڪئنال مان لنگهندڙ جهازن سان اختيار ڪيو وڃي ٿو جيڪو ڪئنال نارٿ سي کي بالٽڪ سمنڊ سان ملائي ٿو.
    ائين به نه آهي ته هر سمنڊ ٻئي سمنڊ سان مليو پيو آهي. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا سمنڊ به آهن جن جي چوڌاري خشڪي ئي خشڪي آهي يعني اهي سمنڊ Land Locked سڏجن ٿا. اهڙن سمنڊن جي عجيب حالت ۽ زندگي آهي جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪٿي ڪنداسين.


    چين جي مارڪيٽن ۾ ڀولڙي جو ميڄالو

    اسان ڪراچي مان نڪرڻ وقت عربي سمنڊ لتاڙي ڪولمبو جي بندرگاه ۾ پهتاسين. ڪولمبو سري لنڪا جو اهم بندرگاه آهي. سري لنڪا هندي وڏي سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ آهي. ڪولمبو بعد هندي وڏي سمنڊ جو خليج بنگال وارو حصو لتاڙي ملائيشيا جي بندرگاه پينانگ ۾ آياسين جتان پوءِ ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ (سوڙهو سامونڊي رستو) لتاڙي سنگاپور لنگر انداز ٿياسين. سنگاپور کان هانگ ڪانگ تائين وارو سمنڊ ”سائوٿ چائنا سي“ سڏجي ٿو. اونهاري ۾ خليج بنگال خراب هوندو آهي ته سياري ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ ڦٿڪندو آهي ۽ جهازن کي ۽ انهن جي هلائڻ وارن کي به ڌوڻي رکندو آهي. هانگ ڪانگ کان پوءِ هاڻ اسان چين جي بندرگاهه سئم ڪانگ ۾ جهاز اچي ٻڌو آهي.
    اڄ سئم ڪانگ جي Sea mens Club ۾ ماني کائڻ لاءِ وياسين. دير ٿي وڃڻ ڪري کاڌو ختم ٿي چڪو هو. مختلف ٽيبلن تي ڪيترن ٻين جهازن جا ماڻهو پڻ ويٺا هئا. اتي هڪ فارين جهاز تي ڪم ڪندڙ پاڪستاني ڪسب نشي ۾ ٽٻ اسان جي ٽيبل تي اچي ويٺو ۽ کاڌي جو آرڊر ڪرڻ لڳو، پنهنجي لاءِ به ۽ اسان لاءِ به. اسان چپ رهياسين. هاڻ نشي واري ماڻهوءَ سان ڪهڙو ويهي بحث ڪريون. هن جو زور ته ماني کائڻ کان پوءِ متان پئسا ڏنا اٿانوَ. آئون اڳواٽ ڪائونٽر تي توهان جا به ڏئي آيو آهيان. حقيقت اها هئي جو هوٽل ۾ ماني ئي ختم ٿي چڪي هئي. نيٺ پيار محبت سان سمجهائي منجهانئس جان ڇڏائيسين.
    ٻين جهازن وانگر اسان جو جهاز به ائنڪر تي بيٺو هو. سڀني جهازن لاءِ هڪ ئي لانچ هئي. مختلف ملڪن جي جهازن جا، مختلف قومن جا خلاصي اچي گڏ ٿيا هئا، اڌ کان وڌيڪ ته گهڻي پيئڻ جي ڪري آئوٽ هئا. خاص ڪري اسان جي اوسي پاسي ۾ ويٺلن ته زور زور سان ڳالهائي مٿو ئي کائي ڇڏيو. ويتر جو لانچ هلي ۽ ٿڌي هير لڳي ته همراه هٿن مان نڪري ويا.
    هڪ آمريڪن جهازيءَ فلپينو جهازيءَ کي “Homo” چيو. تنهن تي فلپيني جوان ڪاوڙ ۾ اچي چوڻ لڳس:
    ”ديئر از نو هومو ان ايسٽ.“ ۽ ماڳهين هٿين ٿي پيا ته ٽئين کين ماٺ ڪرائي اعلان ڪيو:
    ”توهان هاڻ فرئنڪ سناترا کي ملاحظه فرمايو.“ ۽ پوءِ ملئي زبان ۾ غلط سلط گانا ڳائڻ لڳو ته ماٺ ڪرائڻ محال ٿي پيو. تنهن تي پهرين گار ڏئي چيو:
    ”اسان کي ماٺ ڪرائي پاڻ ڳائڻ جي هڪ هٽي لڳائي اٿس.“
    هڪ همراه ڪاوڙ مان منهنجي ڀر ۾ ويٺل اسان جي ڪئپٽن کان پڇيو:
    “Are you Muslim?”
    ڪئپٽن گهٻرائجي ويو جو تيل بند ٿيڻ ڪري هرڪو عربن ۽ مسلمانن تي ڦوڪيو پئي هليو. ڪئپٽن ڪو جواب نه ڏنو.
    ”واٽ از يوئر نيم؟“ هن وري ساڳي ڪاوڙ مان ڪئپٽن کان سندس نالو پڇيو.
    ڪئپٽن ”خان“ چئي جان ٿي ڇڏائي ته هن دانهن ڪري چيو:
    “What “Khan”-? There must be some name like, I am Yakoob Ahmed Khan I am also Muslim like you, from Indonesia. Have a drink.”
    ۽ پوءِ بيئر جو دٻو کولي ڪئپٽن کي ڏنو ۽ پنهنجا پيلا، هيڊ جهڙا ڏند ڪڍي ٻَڌا ٽهڪ ڏيڻ لڳو.
    چين ۾ ٻين ملڪن جهڙيون نه سئنيمائون ۽ هوٽلون آهن، نه وري جوا خانا. آخر اسان جي جهازين پاڻ وندرائڻ لاءِ، بقول محمود فرج انجنيئر جي ”پاڪ قسم جي تفريح“ ڳولي لڌي. شام جو روز ڪٻڊي ۽ والي بال جون مئچون هلڻ لڳيون. سچ ته ان والي بال ۽ ڪٻڊي مان ايڏو مزو آيو ٿي جو هانگ ڪانگ ۽ جپان جي مختلف ڪلبن ۾ به نه اچي.
    چين ۾ عورت دنيا جي سڀني عورتن کان وڌيڪ محنتي آهي ۽ ساڳي وقت سندس عزت به ڏاڍي ڪئي وڃي ٿي. چين ۾ عورت به ايترو ئي بي ڊپو ٿي ڏينهن توڙي رات جو اڪيلو هلي سگهي ٿي جيترو مرد ماڻهو. عورت سان هٿ چراند جي سزا اها آهي ته شهر جي ڊگهي ٿنڀي تي ان مرد جو گردن ڪٽي لڙڪايو وڃي ٿو، چاهي اهو چيني هجي يا فارينر. نتيجي ۾ اسان جا خلاصي ته ڇا پر فارين جهازن جا جهازي به مجال آهي جو ڪنهن ڇوڪريءَ ڏي خراب نظر وجهن. خراب ته ڇا گهڻن ته سٺي نظر وجهڻ کان به پرهيز ڪري ڇڏي.
    جهاز جو عملو چين ۾ هميشه چوندو آهي ته چين ئي هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي انسان جو بدڪاري ڏي ڌيان نٿو وڃي. ظاهر آهي سڄو ڏينهن ڪا بڇڙائي ڏسبي نه سوچبي ته بدڪاري ڏي ڌيان ڪيئن ويندو. بلڪ چين ۾ اسان جو انهن علامتي باندرن وارو حال رهي ٿو جيڪو براين کان بچڻ لاءِ ڪن، اکيون ۽ وات بند ڪيو ويٺا آهن.
    سڄي دنيا کي حيراني آهي ته مائوزي تُنگ هي پنهنجي ملڪ ۾ ڪهڙو انقلاب آندو آهي جو هرڪو ماڻهو پورهئي ۾ جوٽيو پيو آهي. سڄي ملڪ ۾ هڪ غير رنگينيءَ جو عالم آهي. مرد توڙي عورتون، جوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون بلو رنگ جي کدڙ جهڙي غير فئشني ڊريس ۾ پيا هلن. فقط سخت سيءَ ۾ ڪن ڇوڪرين جا ڳل ڳاڙها نظر اچن ٿا نه ته نه سندن چپن تي سرخي آهي ۽ نه چوچين اکين ۾ ڪجل آهي. کنڊ، اٽي، چانورن جو هڪ ئي دڪان آهي جنهن اڳيان خريداريءَ لاءِ قطارون ٺاهي بيهڻو پوي ٿو. جهازن تي ايندڙ اسان ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ چين جي هر بندرگاه ۾، بندرگاه ڀرسان فرينڊشپ اسٽور نالي هڪ وڏو دڪان آهي جتان اسين دوستن ۽ مٽن مائٽن لاءِ چيني شنگهائي جو ڪپڙو، اليڪٽرڪ جو سامان ۽ تحفا خريد ڪريون ٿا. ان فرينڊشپ اسٽور ۾ هڪ ريسٽورينٽ به ٿئي جتي ماني ٽڪي به کائي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ شين جو تعداد ۽ ورائٽي محدود آهي پر اهو آهي ته هرشيءِ سستي ملي ٿي.
    اسان کي بندرگاه کان ٻاهر هڪ حد تائين نڪرڻ جي اجازت هوندي آهي پر شهر جي مارڪيٽن ۽ گهٽين ۾ وڃڻ کان منع ٿيل آهي پر هاڻ چين جي هنن بندرگاهن ۾ ٻه ٽي دفعا اچڻ ڪري ڪجهه بي ڊپا ٿي پيا آهيون ۽ شهر جي مارڪيٽن ۽ گهٽين ۾ به چڪر پيا هڻندا آهيون. شهر جي پوليس اها سڃاڻپ هوندي به ته اسين ڌاريا آهيون، اسان کي روڪڻ بدران پنهنجيون اکيون ٻوٽيون ڇڏي ۽ اسان کي چينين جون ڪي ڪي شيون ڏسي حيرت لڳي ٿي. مثال طور هڪ ڏينهن هن شهر جي مارڪيٽ ۾ وڃون ته ڪڪڙين، بدڪن ۽ سوئرن جي گوشت کان علاوه ڀولڙي جو گوشت ۽ جيئري ڀولڙي جو ميڄالو ڪڍي، وڪامندي نظر آيو.
    ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ چيني عوام ۽ حڪومت اسان پاڪستانين جو تمام گهڻو خيال ڪري ٿي ۽ جهاز جي اچڻ سان شهر جي ميونسپل وارا اسان سڀني آفيسرن ۽ خلاصين جي دعوت ڪن ٿا ۽ ساڳي وقت اسان به ايندي ويندي ۽ بندرگاه ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن اڳ سندن دعوت ڪيون ٿا جنهن ۾ ان بندرگاه جو اعليٰ عملدار ۽ مزور ساڳي بلو يونيفارم ۾ اچن ٿا. اسان به هنن کي ڏيکارڻ لاءِ ته توهان اهو سٺو ڪم ٿا ڪريو. يعني توهان جو سوسائٽيءَ ۾ درجا بندي ناهي، جنهن کي اسان به پسند ڪريون ٿا، هن دعوت ۾ خلاصين کي به آفيسرن سان گڏ وهاريون ٿا. چينين جو چوڻ آهي ته ”اسان ڏهه ٻارهن سال ڪڍي ورتا آهن ۽ اهڙا ڏهه ٻارهن سال ٻيا به محنت ۽ پورهيو ڪيوسين ته عنقريب اسان جو ملڪ دنيا جي طاقتور ملڪن مان هڪ ٿي ويندو.“ چيني ماڻهو آمريڪا کي ڏاڍيون گاريون ٿا ڏين جو آمريڪا تائيوان کي ته تسليم ڪري ٿي پر چين کي نٿي ڪري. هتي جا چيني مائوزي تنگ کي پنهنجو عظيم ليڊر مڃين ٿا ۽ مائوزي تنگ جو اهو قول ڪيترن ئي هنڌن تي لکيل آهي ته آمريڪا پيپر ٽائيگر آهي يعني ڪاغذي شير آهي. چيني ماڻهن کي پڪ آهي ته ”هڪ ڏينهن اسان جڏهن مڪمل طرح طاقت بڻجي وينداسين ته آمريڪا اچي اسان جي قدمن تي پوندو ۽ هو اسان کي تسليم ڪرڻ لاءِ پاڻ هلي ايندو.“
    چين جي حڪومت ۽ عوام اسان جي ملڪ پاڪستان کي سٺو دوست سمجهن ٿا. هنن کي ان ڳالهه جو بيحد ڏک آهي ته اسان جي ليڊرن جي غلطين ڪري اسان جو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. جتي آمريڪا رڳو ڳالهيون ڪري ٿو اتي چين پاڪستان جي مالي، فني ۽ مليٽري اسلحي ۾ مدد ڪري ٿو....
    شل پاڪستان کي دوست سڃاڻڻ جي سگهه نصيب ٿئي ۽ دوست ملڪن جي اميدن تي پورو ثابت ٿئي.


    پنج سورهو پنجاسي

    هر جهازيءَ کي يورپ ۽ آمريڪا جي روٽ کان ”ڏور اوڀر“ واري روٽ وڌيڪ وڻي ٿي جو هن پاسي يڪو مهينو مهينو جهاز هلائڻ بدران ٻه ٽي ڏينهن مس هلائجي ٿو ته ڪونه ڪو بندرگاهه اچيو وڃي. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ڊيوٽي فري پورٽ هجڻ ڪري اسان جهاز هلائڻ وارن جي ته سٺي شاپنگ ٿيو وڃي پر جهازن جا مالڪ به خوش گذارين ٿا جو هنن جي جهاز لاءِ تيل سستو ملي ٿو. ۽ انهن ٻنهي بندرگاهن ۾پهچڻ لاءِ ڪو خاص رستو بدلائڻو نٿو پوي. چين يا جپان ويندي، رستي تي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ اچن ٿا. سنگاپور ۾ شاپنگ کان علاوه پاڪستاني اسٽائيل جون هوٽلون ۽ انڊين فلمون به هلن ٿيون ۽ جهازي راجيش کنا ۽ اميتاڀ بچن جون فلمون شوق سان ڏسن ٿا.
    سنگاپور بندرگاهه جي ڪياماڙي جهڙي جيڪا ”ڪلفرڊ پيئر“ نالي جيٽي ٺهي آهي ان تي جيڪي ڏهاڪو کن دڪان کليا آهن انهن ۾ حيدرآباد جي سنڌي هندو موهن جو دڪان، ڪيترن ئي ملڪن جي جهازين جو دلپسند دڪان آهي.
    ڏور اوڀر جي ملڪن بابت لکندي موهن جو ذڪر نه ڪرڻ وڏي ناانصافي ٿيندي. موهن ۽ سندس دڪان Electronic Souvenior شاپ کان شايد ڪو پاڪستاني، هندستاني يا بنگله ديشي جهازي ۽ سندس فئملي واقف نه هجي.
    سنگاپور ۾ پنجانوي سيڪڙو جهاز بندرگاهه ننڍو هئڻ ڪري ائنڪر تي بيهن، جتان ماڻهو لانچن رستي ڪلفرڊ پيئر تي لهي، پوءِ شهر جي مختلف حصن ڏي وڃن ۽ وري واپس جهاز تي وڃڻ وقت ڪلفرڊ پيئر تي لانچ لاءِ جهازين جو انتظار هوندو آهي. ڪلفرڊ پيئر ائين آهي جيئن ڪياماڙي ”بوٽ ــ بئسن“ وارو حصو. پر اها هانگ ڪانگ جي ”بليڪ پيئر“ ۽ يوڪوهاما جي ”سينٽرل ــ پيئر“ وانگر بيحد خوبصورت، ننڍڙين ايئرڪنڊيشنڊ هوٽلن ۽ خوبصورت دڪانن سان جهنجهيل آهي ۽ مسافرن جي ويهڻ لاءِ بينچن جو بندوبست پڻ آهي.
    سنگاپور ۾ جهازن تي ڪم تمام تکو هلي ان ڪري هن بندرگاه ۾ جهاز تمام ٿورو وقت ترسي ۽ اڌ کان وڌيڪ جهاز ته فقط تيل وٺڻ لاءِ ترسندا آهن، سو ظاهر آهي چوويهه ڪلاڪ مس بيهن. هرهڪ جهازيءَ کي اها شڪايت رهندي آهي ته سنگاپور ۾ جيڪر اڃان به جهاز ترسي جيئن ڊيوٽي فري شاپنگ کان علاوه اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو فلمن جهڙي دلچسپي به ماڻي سگهن.
    وقت ٿوري ۽ پئسي گهڻي هئڻ ڪري فطرتن هر جهازي گهڻا دڪان ڀيٽي سستي شيءِ ڳولي خريد ڪري نٿو سگهي. پوءِ جنهن جو جنهن دڪاندار تي وشواس ويهي هو انکان خريداري ڪري ٿو. سٺي شيءِ کان وڌيڪ جنهن دڪاندار جي مٺي ڳالهه هوندي، گراهڪ ان وٽ ڪُسندو. انهن مٺين، قربائتين ۽ دلچسپ ڳالهين ۾ موهن جو مَٽ مون نه ڏٺو آهي. سندس دڪان ڪلفرڊ پيئر تي، ٻيڙيءَ مان لهڻ سان پهريون آهي. ان بعد ٻين دڪانن جي ڊگهي قطار شروع ٿئي ٿي. ان بعد رستي جي ٻئي پاسي بوري بازار جهڙي ”چينج ايلي“ آهي ۽ ان کان علاوه سڄو شهر ڪراچي جي طارق روڊ ۽ بولٽن مارڪيٽ جيان دڪانن سان ڀريل آهي. انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ دڪان سنڌي هندن، سکن، پاڪستان مان آيل پنجابين، ملئي ۽ تامل ماڻهن جا آهن. باقي دڪان هتي جي لوڪل ماڻهن جا آهن جن ۾ چيني به اچي وڃن ٿا. هتي جو هر دڪاندار پنهنجي ڌنڌي ۾ هوشيار آهي. موهن جو ننڍڙو دڪان ٻارهن فٽ ڊيگهه، ڏهه فٽ ويڪر ۽ سندس بندري قد مطابق اٺ فٽ اوچو، اهڙي هنڌ تي آهي جو هر ماڻهو لانچ مان لهڻ وقت ان کي نظرانداز ڪري اڳتي وڌي وڃي ٿو. پر ڇا ڳالهه ڪجي موهن جي زباني ڪوڙڪين جي، مجال آهي جو ڪو سندس دام مان بچي سگهي.
    مون کي به خبر هئي ته موهن وٽ سڀ جهازي وڃن ٿا پر پهريون دفعو جڏهن سنگاپور آيو هوس ته مون کي نه شاپنگ جو ايترو خيال هو، خاص ڪري سڄو شهر ڇڏي موهن جي دڪان تان، ۽ نه مون کي موهن جي دڪان تي ڪنهن سنگاپور ۾ رهندڙ يا ڪنهن ٻئي جهاز ۾ ڪم ڪندڙ دوست لاءِ موهن وٽ نياپو ڇڏڻو هو. جهاز تي مشهور آهي ته پنهنجي سينئر آفيسرن، خاص ڪري چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن جي لاءِ، جيڪي اڄ ڪلهه سنگاپور ۾ ڪناري جي نوڪري ڪن ٿا، انهن لاءِ ڪو نياپو ڇڏڻو هجي يا ڪا شيءِ شڪل ته موهن جي دڪان تي ڇڏجي. جي ڪنهنکي ملڻ جو هنڌ ڏيڻو هجي ته به موهن جي دڪان جو ڏجي.
    ان دفعي اسان جو جهاز سنگاپور ۾ ٽي ڏينهن هو. آخري رات، جهاز تي ويندڙ ٻارهين بجي واري لانچ جو انتظار، ڪلفرڊ پيئر جي بينچ تي ڪري رهيو هوس. سامهون موهن جو دڪان اڃان کليل هو ۽ هڪ ٻيو ننڍڙو بسڪٽ، چاڪليٽ، سگريٽن جو دڪان پڻ کليل هو. لانچ اچڻ ۾ اڃان به ڪلاڪ کن هو. موهن دستور موجب گراهڪن جي غيرموجودگي ۾ در تي اچي بيٺو. مون تي نظر پيس، وڌي آيو ۽ جهاز جو نالو پڇي يڪدم شروع ٿي ويو ڄڻ ڪا پراڻي مائٽي هجي. اسان جي جهاز جي ٻين وڏن ۽ ننڍن آفيسرن جا نالا وٺي ٻڌائڻ لڳو ته اهي به سندس دڪان تان خريداري ڪري ويا آهن. ڄڻ سندس گراهڪ گهٽ پر دوست وڌيڪ هجن. ڪجهه دير اڙدوءَ ۾ ڳالهائڻ بعد پوءِ سنڌيءَ ۾ مون کي چوڻ لڳو: ”سائين توهان به حيدرآباد پاسي جا، آئون به حيدرآباد جو. خريداريءَ کي هڻو کڏ ۾، مون مسڪين جي چانهه الله جي واسطي پيو.“ پاڻ ٻين هندو دڪاندارن وانگر سنڌي ۾ هندي لفظ گهٽ پر عربي ۽ فارسي جا وڌيڪ ڳالهائي رهيو هو. سندس غريباڻي (بقول سندس) دڪان ۾ حساب لڳايم ته هڪ لک ڊالر کان مٿي جو سامان هو. مان چوڌاري هڪ ٻئي مٿان سٿيل واچن، ريڊين، عطرن، ٽيپ رڪارڊرن، گهڙيالن، نقلي ڳهن، ڪئلڪيوليٽرن جا ڍير ڏسڻ لڳس. تيسين پاڻ ڊوڙ پائي ويو ۽ مٿئين ماڙ تي کليل هوٽلن مان هڪ تان چالو چانهه سندس ئي مگن ۾ وٺي آيو. پڇيومانس ته ٻين دڪاندارن وانگر ڪا سيلز گرل نه رکي اٿئي ڇا؟ جو سڀ ڪم پاڻ پيو ڪرين.
    ”يار الطاف!“ موهن منهنجي ويجهو رڙهي، ائين منهنجو نالو وٺي دل جي ڳالهه ڪرڻ لڳو جو هڪ دفعو مون کي وري لڳو ته هو منهنجو پراڻو واقفڪار آهي، ”ڳالهه هيءَ آهي ته ڀر ۾ سک دڪاندار وانگر آئون ٻه يا ٽي ڀڙويون Show-Piece خاطر رکي گراهڪن کي ان طريقي سان پاڻ وٽ لالچائڻ نٿو چاهيان. مان ته مال سستو وڪڻي خريدارن کي Impress ڪرڻ چاهيان ٿو. هونءَ مون وٽ هڪ تامل هندو ڇوڪري ڪامني نالي هئي پر ان جي تازو شادي ٿي وئي. هاڻ هڪ ملئي ڇوڪري رکي اٿم جيڪا پوري اٺين بجي ڊيوٽي تان لهيو وڃي. ان بعد هوءَ هڪ منٽ به وڌيڪ نٿي ترسي. ڪيڏو ٿو چوانس ته بابا ڪڏهن ڪڏهن پاڪستاني يا هندستاني جهاز اوچتو اچيو وڃن ته ڪلاڪ ٻه مون سان گڏ وڌيڪ کڻي ترس. پر هن جو هروقت اهو کُتو جواب آهي ته ان جو اوور ٽائيم وٺنديس. وراڻيومانس ته ان کان ته اٿئي آڱوٺو. آئون اڪيلو ڪافي آهيان.
    اسان ڳالهيون ڪندا رهياسين. بلڪ ڳالهيون هو ڪندو رهيو، ٻڌندو آئون رهيس. موهن جيترو گهڻو ڳالهائيندڙ هيستائين مون فقط ”شعله“ فلم ۾ بسنتي (هيما مالني) ڏٺي هئي. کيس اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي گهڻو ڪري سڀني وڏن آفيسرن جا نالا آيا ٿي ۽ ڪيترن جا هو حوالا ڏيندو رهيو. اٿڻ وقت مون کان پڇيائين ته ڪا شيءِ گهرجي ته هن جو دڪان پنهنجو سمجهان. مون تڪلف ڪارڻ هن کان هيئرڊرائير ورتو. جهاز تي قيمتون ٻين سان ڀيٽڻ تي مون کي تمام سستو ڏنو هئائين. آئون موهن مان ڏاڍو Impress ٿيس ۽ سوچيم ته واقعي سڄي شهر ۾ ڌڪا کائڻ بدران آئنده سڄي شاپنگ هن وٽان ڪجي.
    موهن کان ان وقت موڪلائي لانچ ۾ ويٺاسين ته لانچ واري چيو ته ٻارهن کان مٿي هڪ به ماڻهو نه کڻندس جو سنگاپور جو قاعدو آهي. اسان هئاسين تيرهن ڄڻا. موهن به لانچ واري کي منٿون ڪيون پر لانچ واري چينيءَ هڪ به نه ٻڌي. چيائين ته ان هڪ لاءِ وري ڦيرو ڪندس جو توهان سڀني کي جهاز تي پهچائڻ جو ٺيڪو کنيو اٿم پر قانون جو احترام ڪندس. تيسين ڪلاڪ کن اڪيلو رهيل ماڻهو انتظار ڪري.
    ٿرڊ انجنيئر عبدالرزاق چيو ته آئون ٿو ترسي پوان. اسان سڀني کي ڏک ضرور ٿيو ته هو اجايو ڪلاڪ کن سيءَ ۾ انتظار ڪندو، پر اتي موهن کيس ڳراٽڙي پائي چيس بابل توسان مان ڪچهري ٿو ڪيان ۽ پنهنجو بند ڪيل دڪان کولي کيس ويهارڻ لڳو ۽ اسان جي بوٽ جهاز طرف هلڻ لڳي.
    ٿرڊ انجنيئر عبدالرزاق سان منهنجو جهاز تي ئي معاهدو ٿيو هو ته موهن کان ڪا شيءِ نه وٺنداسين. سو ان کي هلڻ وقت آهستي چيم ته آئون ته موهن جي جادوءَ هيٺ Hypnotise ٿي هي هيئر ڊرائير وٺيو پيو وڃان، تون موهن وٽ ويهه ڀلي پر خيال رکجانءِ.
    ”پرواهه نه ڪر،“ عبدالرزاق چيو، ”مون کي موهن وٽان ته ڇا، سڄي سنگاپور مان شاپنگ ناهي ڪرڻي. مون هانگ ڪانگ لاءِ پئسا بچائي رکيا آهن. مجال آهي جو هڪ پئسو به ضايع ڪريان.“
    ۽ پوءِ جڏهن اسان جو ٿرڊ انجنيئر لانچ جي ٻي ڦيري ۾ رات جو ٻي بجي ڌاري جهاز تي پهتو ته سندس هٿ خالي نه هئا پر خريداري جا بنڊل ۽ ٿيلها هئس. مون کان کل نڪري وئي. پاڻ اچڻ سان موهن جي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ اها خبر ٻڌائڻ لڳو (جا شايد موهن ئي براڊ ڪاسٽ ڪئي هوندس) ته هانگ ڪانگ ۾ شيون مهانگيون ٿي ويون آهن ۽ Tax به لڳي ٿو.
    ان بعد سنگاپور هڪ ٻه دفعا آيس ته سڄي خريداري موهن جي دڪان تان اکيون پوري ڪيم. ڪا شيءِ سندس دڪان تي نه هوندي هئي ته ٻين گراهڪن وانگر مون کي به، ٻين دڪانن ڏي موڪلڻ بدران، پاڻ وڃي اها شيءِ مون لاءِ وٺي ايندو هو. اهو مڃان ٿو ته موهن هر شيءِ تي نفعو ضرور رکندو هوندو پر گهڻُو نه. ۽ اسان جي وري دڪان دڪان تي ڀٽڪڻ ۽ وقت ضايع ڪرڻ کان بچت ٿي وئي ٿي. ان کان علاوه هڪ ٻئي لاءِ نياپو ڇڏڻو هوندو اٿئون يا ملڻ جو وقت ڏيڻو هوندو آهي ته ان ڪم لاءِ موهن ۽ سندس ننڍڙو دڪان زنده باد! يا لانچ ۾ دير هجي ته موهن جي دڪان تي ويهي ٻين خريدارن جو مزو ڏسندا آهيون. کيس ملئي، هندي، سنڌي، اردو، چيني ۽ انگريزي ته اهڙيون Fluent اچن ٿيون جو مجال آهي جو ڪٿي به هٻڪي. پر ان کان علاوه جپاني، يوناني ۽ عربي به ٽٽل ڦٽل ڳالهايو وڃي. ٻه مصري عرب دڪان تي آيس. تن کانئس عربي گانن جا ڪئسٽ پڇيا. پاڻ ٺهه پهه وراڻيائين ته ها آهن. ترسو ته ڏيانوَ. تيسين لکپڙهه کي لڳو رهيو ۽ عربن به تيسين دڪان ۾ ٻيون شيون ڏسي اهي به وٺڻ لاءِ چونڊيون ۽ جڏهن انهن جا پئسا ڏنا ته پوءِ موهن کين اردو قوالين جا ٻه ڪئسٽ ڪڍي ڏنا. ظاهر آهي هنن اهي خريد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، باقي ٻيون شيون وٺي روانا ٿيا. موهن کي چيم ته ”يار تو وٽ عربي ڪئسٽ آهن ڪٿي جو هنن کي ٺلهي ها ڪئي؟“
    ”جي ڇوٽ ۾ انڪار ڪريان ها ته هو در تان ئي موٽي وڃن ها،“ موهن مون کي سمجهايو، ”پر مون دراصل کين وقت ٿي ڏيڻ چاهيو ته جيئن هو ٻيون شيون ڏسي وٺن ۽ انهن مان ڪنهن تي هرکي پون. ۽ ڏس! ٻن ڊالرن جي ٻن ڪئسٽن بدران ويهه ڊالرن جي خريداري ڪري ويا نه.“
    هڪ دفعي اسان جو جهاز منجهند جي وقت سنگاپور آيو ۽ رات جو ٻي بجي ئي جپان لاءِ Sail ڪرڻو هئوسين. سڀني کي موڪل ڏني وئي ته ان ٿوري عرصي ۾ گهمي ڦري اچون. اسان جيئن ئي ٻي بجي ڪلفرڊ پيئر تي موهن جي دڪان تي پهتاسين ته هن کي اڳهين اخبار رستي اسان جي آمد ۽ جلد روانگي جي خبر پئجي چڪي هئي. موهن اصل در تي اصيل ڪڪڙ وانگر ڳاٽو مٿي ڪريو بيٺو هو. جيئن جهازي ڪلفرڊ پيئر تي پير رکندا ويا تيئن کين ٻڌائيندو ويو ته سرنگون روڊ تي اسٽيٽ سئنيما ۾ راجيش کهنا جي زبردست فلم پئي هلي. وڃي ڏسي اچو. ڪنهن شاپنگ جي ڳالهه ٿي ڪئي ته چيائين ٿي بابا منهنجو دڪان سڄي رات کليل رهندو. توهان فڪر ڇو ٿا ڪريو.
    نتيجي ۾ سڀ فلم ڏي هليا ويا. رات جو موٽياسين ته ٻيا دڪان سڀ بند ٿي چڪا هئا پر موهن جو کليو پيو هو. سڀني اچي موهن وٽان شاپنگ ڪئي. موهن کي سنڌيءَ ۾ چيم ته استاد دال ۾ ڪجهه ڪالا آهي. تو اسان کي شام جو خريداري ڪرڻ ڇو نه ڏني؟ نٽائيندو رهيو، پچر مون به نه ڇڏي مانس. آخر واندو ٿي ٻڌايائين ته، ”ڀر واري سک مون سان دشمني رکي، نقصان به برداشت ڪري اڄ پاڪستاني جهاز وارن کي سستي اگهه تي شيون ڏئي مون کان گراهڪ ٿي کسڻ چاهيا. سو مون اهوئي سوچيو ته في الحال توهان هتان اصل ٽري وڃو، متان ڪو ڀُل چُڪ ۾ سک جي دڪان ۾ هليو وڃي.“
    ان ئي رات هڪ ٻه يوناني آيا تن اچڻ سان ڪنڊ ۾ رکيل هارن مان، ٻي ــ ٽي ورتا. هار ڏاڍا سهڻا هئا. اسان جي به هڪ ــ ٻن همراهن اهي وٺي پئسا ڏنس. يوناني جڏهن هليا ويا ته اسان جي جهاز وارن کان هار واپس وٺي پئسا موٽائي ڏنائين. پڇيوسينس ”موهن، ائين ڇوــ؟“ چوڻ لڳو: ”ان وقت يوناني بيٺا هئا ان ڪري چپ چاپ توهانکي ڏنم، پر هي هار سٺا نه آهن، يڪدم رنگ لهي ويندن.“
    ”پر يونانين به ته ورتا؟“ اسان کي عجب لڳو.
    ”انهن جي ڳالهه ڇڏيو. اهي هتان نڪرندا ته ٻي پورٽ ۾ ئي جيڪا گرل فرينڊ منهن ۾ ايندن تنهن کي Present ڪري ڇڏيندا. ”ڌوٻي ڌوئي، مالڪ روئي.“ وارو قصو. کين ٻن ڏينهن کان پوءِ اهو به ياد نه رهندو ته ڪهڙي دڪان تان ورتائون. پر توهان کي ڏيڻ سان موهن جي گلا ٿي پوندي.“
    هڪ دفعي رات جو هڪ جرمن کانئس چمڙي جي بئگ وٺڻ لاءِ آيو جيڪا موهن جي دڪان تي نه هئي. موهن چيس ته سڀاڻي ڪڍي رکندس، اچي وٺجانءِ. پر هن ٻڌايس ته ٻئي ڏينهن ڏهين بجي ڌاري سندس جهاز Sail ڪندو. موهن چيس ته ان صورت ۾ صبح جو ستين بجي ئي دڪان تان کڻي سگهين ٿو. دڪان کليل هوندو.
    بعد ۾ موهن کان پڇيم ته ”ڇا واقعي ايڏو سوير دڪان کوليندين ۽ ٻي ڳالهه ته هو پڪ سان ايندو؟“
    ”ها ضرور ايندو!“
    ” ۽ جي همرا نه اچئي ته اجايو ٽي ڪلاڪ اڳ ننڊ ڦٽائي ايندين؟“
    ”نه هو ضرور ايندو. ٻي ڪنهن قوم جو هجي ها ته اعتبار نه ڪريان ها. پر جرمن واعدي جا پڪا آهن.“
    موهن کي چيم ته يار شاباش هجئي. رات جو هڪ ٻي بجي دڪان بند ڪرين ٿو وري ٻئي ڏينهن يارهين بجي منجهند جو اچي ٺڪاءُ ڪرين ٿو!
    ”يارهين بجي ته هن دڪان تي اچان ٿو. دراصل آءٌ گهران ته صبح جو اٺين بجي ئي نڪران ٿو، جيئن کٽل شين جي خريداري ڪري سگهان.“
    ”پوءِ ته ڊبل شاباس هجنئي جو سمورو وقت بزنيس کي ٿو ڏين. گهرو زندگي ته ڪجهه به نه رهي.“
    ”ها يار،“ موهن ڏکياري لهجي ۾ چيو، ”پتني به چئي ٿي ته هي گهر آهي يا هوٽل، جتي رڳو رات جا ٻه ــ چار ڪلاڪ سمهڻ لاءِ اچين ٿو.“
    هونءَ موهن کي سندس زال به دڪان تي ڪافي مدد ڪرائي ٿي ۽ سندس اڪيلي ڌيءَ به، ڪاليج کان موڪلون هونديون اٿس ته هٿ ونڊائيندي اٿس. هڪ دفعي سنگاپور سندس دڪان تي وڃان ته ڌيڻس تي پاڻ ڪاوڙيو ويٺو هو. پڇيو مانس ڇو؟
    ”ڌيئڙي بمبئي گهمڻ وئي، سو ڏهن ڏينهن اندر اٺ هزار رپيا خرچي اچي نڪتي آهي.“
    ”تو جهڙي لکاپتيءَ لاءِ اٺ ــ ڏهه هزار رپيا ڇا آهن“ ۽ ڌيءَ به اڪيلي اٿئي. اڄ نه ته سڀان ان جي ئي ملڪيت آهي.“
    ”يار اٺ هزار ڪجهه به نه آهن؟! هتي خبر ناهي اَڻي اَڻي (پاڻ پائي پائي يا سنگاپور سڪي مطابق فيني فيني بدران اَڻي اَڻي چئي) ڪري ٿو پئسو گڏ ڪجي ۽ هيءَ ويچاري اتي هندستان به وڃي پنهنجين ساهيڙين کي ٻٽاڪ سٽاڪ هڻي آئي آهي ته بابي جو ولائت ۾ لکن جو ڌنڌو پيو هلي. اتان موٽي آهي ته هٿين خالي. فقط ٻه دٻا مٺائيءَ جا لوڏيو پئي اچي. تنهن مان به هڪ ته هتي جي ساهيڙين ۾ اچڻ سان اچي ورهايو اٿس.“
    هڪ دفعي اسان سان گڏ جهاز تي هڪ پئسينجر حيدرآباد جو شمس الحق صديقي پڻ هو. شمس پاڻ به بزنيس مئن آهي ۽ ڪراچي جهڙي تيز شهر ۾ بزنيس اٿس، هن کي ڊيوٽي نه هئڻ ڪري سڄو ڏينهن رات مرضي تي گهمڻ ڦرڻ لاءِ هو. سو سنگاپور جو شهر گهمي ۽ شين جا اگهه پتا پڇي پوءِ مونسان گڏ موهن جي دڪان تي هليو.
    موهن کان جيڪا پهرين شيءِ پڇيائين ان جي قميت هن تمام گهٽ ٻڌايس. باقي ٻين جي جيڪا عام طرح هئي تنهن کان به چار سينٽ وڌيڪ ٻڌايس.
    بزنيس مئن جي حيثيت ۾ شمس مون کي اڳهين ئي ٻڌايو هو ته ڪنهن به دڪاندار کان نئون گراهڪ پهرين شيءِ جيڪا پڇندو آهي ته ان جو اگهه گهٽ ٻڌائي گراهڪ کي جيتڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. دڪاندار سمجهي وڃي ٿو ته گراهڪ ان جي قيمت ڀيٽڻ ٿو چاهي. سو موهن جي ان حرڪت تي مون کي به ڏاڍي کل آئي. موهن به جلدي ۾ سونگهي ورتو ته شمس Sailor ناهي يعني اسان وانگر خريد و فروخت جي معاملي ۾ ڇسو ناهي. شمس ايتري قدر چيو ته ”موهن اهي رسيدون ئي ڪوڙيون آهن جيڪي تون خريداريءَ جون ڏيکارين ٿو. دڪاندار ڪڏهن به نقصان برداشت نه ڪندو. گراهڪ جي چانهه جا پئسا به بل مان ڪڍندو.“
    شمس جهاز تي چيو، ”يار مان ته موهن کان خريداري هرگز نه ڪندس، جو مون کي توهان وانگر جلدي ناهي ۽ نه توهان وانگر هٿ ڦاڙ آهيان.“
    مون چيومانس ته يار مجبوري آهي. جي ٻين وٽ ٿا وڃون ته اهي ان کان به وڌيڪ نفعو ٿا رکن.
    ٻئي ڏينهن موهن جي دڪان تي آيس. موهن ٿورو ٿورو ناراض هو. چوڻ لڳو: ”توهان جي جهاز جو اهو پئسينجر سٺو نه آهي. سنڌي ڀاءُ ٿي ڪري مون کان هڪ به شيءِ نه ورتائين. وڃيو چينين کان خريداري ڪري. اهو پئسو به مون کي فائدو ٿئي ها ته اها ڳالهه سٺي يا نه.“
    شمس کي ٻڌايم ته ڏاڍو کليو. چوڻ لڳو، ”هو به بزنيس مئن ۽ مان به. هڪ جهنگل ۾ ڀلا ٻه شينهن ڪيئن ٺهندا.“
    سنڌ جون ڳالهيون ڪندي موهن پهرين ڏينهن شمس کان پڇيو ته بزنيس ۾ سنڌ هينئر ڪيئن آهي؟ شمس ٻڌايس ته ٺيڪ آهي. ڪو خاص Flourishing ناهي. موهن کلي چيس ته يار اسان جي وڏن ته سنڌ ۾ ڏاڍا عيش ڪيا. سنڌ ۾ جاهليت هجڻ ڪري حساب ڪتاب پنهنجي مرضي جو هلندو هو. گراهڪ سان ليکو ڪجهه هيئن ڪبو هو: ”بابا پنج شيون ورتئه، في شيءِ سورهن رپئي جي، سي ٿيا پنج سورهو پنجاسي، پنج ڇڏيائين پيو باقي بچيا نوي. ۽ ٻيا ڏهه روڪ ٿو ڏيانءِ سو ٿيو پورو سو ۽ هاڻ ويٺو سڄي عمر وَه.“
    ”۽ هاڻي سڄي عمر دڪاندار ويٺو وهي. گراهڪ جو اوڌر موٽائڻ کان آڱوٺو آهي.“ شمس چيس.
    اڄ وري جڏهن اسان سنگاپور آيا آهيون ۽ موهن جي دڪان ۾ گهڙيس ته دستور موجب موهن پنهنجو اسٽول کڻي مون کي ويهڻ لاءِ ڏنو ۽ پاڻ شوڪيس تي ٽيڪ ڏئي بيٺو.
    ”مان توکي گراهڪ جي حيثيت ۾ عزت ڪونه ٿو ڏيان پر ليکڪ جي حيثيت ۾“ موهن اڄ وري دل جي ڳالهه واضح ڪئي، ”آئون جڏهن ٿڪجي ٽٽجي بستر تي ليٽي سمهڻ کان اڳ تنهنجا ڪتاب کولي ملڪ ملڪ جون دلچسپ ڳالهيون پڙهڻ شروع ڪريان ٿو ته فرحت محسوس ڪريان ٿو. هر دفعي سوچيندو آهيان ته هنن ڪتابن جو ليکڪ مون وٽ هلي اچي ٿو ته آءٌ ته ڪا چاڪري به نٿو ڪريان.“
    ”سو هن ڀيري اچڻ سان پنهنجو اسٽول ان قرض چڪائڻ لاءِ ڏنو اٿئي؟“ مون چيو مانس.
    ”ڀلا چانهه پيئندين؟“
    ”ڇڏ موهن، ههڙي ڪاڙهي ۾ چانهه؟ اڃ لڳي آهي ۽ ٿوري دير A.C ته هلاءِ.“
    پوءِ ملئي سيلز گرل سعيده کي وڏي رعب سان ملئي زبان ۾، مون ڏي اشارو ڪري، دستور موجب وڏو آرڊر ڏنو. ۽ هوءَ پاڻ کان پهرين وارين سيلز گرلز وانگر هٿ ڇنڊي فرج جو در کولي ڪوڪا ڪولا جي کليل بوتل ڪڍي مون اڳيان رکي. جنهن مان ٿڌو پاڻي پي خالي بوتل کيس واپس ڪيم، جا (دستور موجب) هن اتي ئي لڳل نلڪي مان ڀري مون جهڙي ٻي ڪنهن معزز گراهڪ لاءِ واپس فرج ۾ ٿڌي ٿيڻ لاءِ رکي.
    موهن چيو ”ڪڏهن پنهنجن ڪتابن ۾ منهنجي دڪان جو به ته اشتهار ٿي وڃي، جيئن جن کي خبر ناهي اهي به اچن.“
    ”آهي اسان جي گهڙڻ جي ئي جاءِ ڪانه. ٻيا خريدار ويچارا تنهنجي دڪان ۾ اچي پنهنجي قيام ڪاري ڪندا ڇا؟“ جواب ڏنومانس.
    ”تڏهن به ڪجهه. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ئي قصو کڻي لک.“
    ”قصو تنهنجو اکر به اکر ٿي ويندو ۽ اڄ ئي رات، پوءِ چاهي گراهڪ ٽهن يا وڌيڪ اچن.“
    اهڙي طرح اسان کي جهاز تي کڻي ويندڙ ٻيڙي (لانچ)، جي اچڻ تائين سندس اسٽول آفر ڪرڻ جو قرض اڄ ادا ڪري رهيو آهيان.


    دنيا جو سڀ کان کارو ۽ سڀ کان مِٺو سمنڊ

    پاڻ دنيا جي سمنڊن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته دنيا جا سمنڊ هڪ ٻئي سان مليا پيا آهن ۽ هڪڙن سمنڊن جو پاڻي ۽ ان ۾ هلندڙ جهاز ٻين سمنڊن ڏي به ايندا ويندا رهن ٿا. اهڙي طرح دنيا جي سمنڊن جي پاڻيءَ جي کاراڻ ۽ منجهس موجود ڪيميڪل هرهنڌ تقريبن برابر رهن ٿا. پر هتي اهو لکڻ به ضروري سمجهان ٿو ته دنيا جا ڪي اهڙا به سمنڊ آهن جن جي چوڌاري زمين ئي زمين آهي. هنن سمنڊن ۾ ندين جو ڇوڙ ڪيل ۽ بارش جو پاڻي ليول برابر رکي ٿو. بارش جي گهٽجڻ ۽ دنيا جي آدمشماري وڌڻ ۽ ڊئمون ٺهڻ ڪري ندين جا پوڇڙ سڪندا وڃن. نتيجي ۾ هي سمنڊ ڏينهون ڏينهن وڃن سوڙها ۽ تانگها ٿيندا. هنن سمنڊ ۾ اهي ئي جهاز هلن ٿا جيڪي هنن سمنڊن جي بندرگاهن ۾ ٺهن ٿا. يعني اهي جهاز اتي ئي ٺهن ٿا ۽ اتي ئي مريو کپيو وڃن. انهن سمنڊن جي ڪنارن تي رهندڙ جهازران ڪمپنين جا مالڪ نه فرانس، جرمني يا جپان مان نئين جهاز جي خريداري جو آرڊر ڏئي گهرائي سگهن ٿا ۽ نه وري جهاز جي جهوني ٿيڻ تي ان کي گڊاني (پاڪستان) يا ممبئي جي اسڪريپ يارڊ ڏي موڪلي سگهن ٿا. انهن سمنڊن ۾ ڪي اهڙا به جهاز آهن جيڪي پراڻا ۽ بيڪار ٿيڻ تي ڪنهن ڪٻاڙيءَ ان کي ڳاري لوهه ٺاهڻ لاءِ خريد نه ڪيا. جهاز اتي ئي بيٺا رهيا. ڪجهه سالن کان پوءِ سمنڊ جو اهو حصو سڪڻ تي اهڙا جهاز اڌ زمين ۾ اڌ ٻاهر ڦاٿل حالت ۾ ڏسڻ وارن لاءِ عبرت جو منظر پيش ڪن ٿا. اهڙا سمنڊ جيڪي ٻين سمنڊن سان ڳنڍيل نه آهن “Land Locked” سمنڊ سڏجن ٿا. اهڙن سمنڊن مان سڀ کان گهڻو مشهور ۽ اهم سمنڊ ”مردار سمنڊ“ آهي جنهن کي نه فقط انگريزيءَ ۾ Dead Sea سڏيو وڃي ٿو پر ٻين زبانن ۾ به مئل سمنڊ سڏجي ٿو. عرب ان کي ”البحر الميت“ سڏين ٿا، اسرائيلي پنهنجي هيبريو زبان ۾ يوم هامويت (Sea of Death) ۽ يوم ها ميلاح (Sea of Salt) سڏين ٿا. لوڻ ته سڀني سمنڊن ۾ ٿئي ٿو بلڪ سمنڊ جو پاڻي ايترو ته کارو ٿئي ٿو جو مرڻ وقت به ڪو پي نٿو سگهي. سمنڊن جي اهڙي کاري پاڻيءَ جي مقابلي ۾ هن مردار سمنڊ (Dead Sea) جو پاڻي نائوڻو کارو آهي. يعني عام سمنڊن کان هن سمنڊ جو پاڻي نو دفعا وڌيڪ کارو آهي. عام سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ لوڻ جي ڳرائيءَ ڪري ترڻ آسان رهي ٿو. يعني سئمنگ پول جي مٺي پاڻيءَ ۾ ترڻ کان ڪنهن به سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ترڻ سولو ڪم آهي. ان مقابلي ۾ مردار سمنڊ جو پاڻي گهڻي لوڻ ڪري ايڏو گهاٽو آهي جو ڪنهن کي ترڻ جي تڪليف ئي نٿي ڪرڻي پوي. بنا هٿ پير هڻڻ جي هو Float ڪري سگهي ٿو. مون وٽ هڪ اهڙي تصوير آهي جنهن ۾ هڪ ٿلهو ماڻهو هن سمنڊ جي سطح تي سمهي هڪ عربي اخبار پڙهي رهيو هو.
    مردار سمنڊ (Dead Sea) ڪٿي آهي؟ هي سمنڊ عرب دنيا ۾ آهي جنهن جي اوڀر ۾ جارڊن (اردن) آهي ۽ اولهه ۾ اسرائيل آهي. هڪ طرف کان فلسطين جي ويسٽ بئنڪ جو حصو به آهي. هن سمنڊ کي مردار سمنڊ ان ڪري نٿا سڏين جو ڏينهون ڏينهن پاڻ مري رهيو آهي يعني خشڪ ٿي گهٽجي رهيو آهي پر ان ڪري جو هن سمنڊ ۾ لوڻياٺ ايڏي ته وڏي مقدار ۾ آهي جو ڪنهن مڇي، گانگٽ يا ٻئي ساهه واري جو هن سمنڊ ۾ جياپو ناممڪن آهي. ڪيمسٽري جي شاگردن لاءِ ايترو لکندو هلان ته هن سمنڊ جي Salinity چوٽيهه سيڪڙو آهي. دنيا ۾ جبوتي جي اسسال ڍنڍ ئي هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن جو پاڻي مردار سمنڊ کان وڌيڪ کارو آهي. هي سمنڊ 70 کن ڪلوميٽر يعني تقريبن ڪراچيءَ کان نوري آباد تائين ڊگهو آهي ۽ ڪياماڙيءَ کان سهراب ڳوٺ تائين اٽڪل 20 ڪلو ميٽر ويڪرو آهي.
    مردار سمنڊ جي سڀ کان حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته هي سمنڊ ۽ ان جو ڪنارو دنيا جي سامونڊي ليول (سطح) کان 425 ميٽر هيٺ آهي يعني اٽڪل اڌ ڪلوميٽر کن! ۽ هي ڌرتيءَ جو حصو دنيا ۾ سڀ کان هيٺ آهي. مردار سمنڊ وارو حصو اهو چيو وڃي ٿو جتي حضرت لوط عليه السلام رهيو ٿي. هتي جي شهرن ۽ ڳوٺن جي رهاڪن جي غلط ڪارين ڪري مٿن الله جو ڏمر نازل ٿيو ۽ حضرت جبريل عه زمين جي هن حصي کي مٿي کڻي اونڌو ڪري واپس هيٺ سٽيو جنهن سان ڌرتي جي هن حصي ۾ وڏو گهٻ پئدا ٿي ويو جنهن کي اڄ عرب دنيا ۾ بحرالميت (مردار سمنڊ) ۽ ”بحر لوط“ جي نالن سان سڏين ٿا.
    هن سمنڊ جو پاڻي توڙي گپ (مٽي) صدين کان چمڙيءَ جي ۽ ٻين ڪيترين بيمارين لاءِ شفا جو ڪارڻ رهيا آهن. ۽ هن سمنڊ جون ڪيتريون ئي شيون اڄ ڏينهن تائين مختلف ڪريمن، لوشنن ۽ بامن ۾ استعمال ٿينديون رهن ٿيون. مصر جي احرامن ۾ جيڪي مميون آهن انهن کي اصل حالت ۾ رکڻ لاءِ جيڪو مسالو لڳايو ويو آهي اهو پڻ هن سمنڊ مان حاصل ڪيو ويو ٿي. هن سمنڊ اندر ڪيترائي چشما آهن جن مان مختلف ڌاتن وارو پاڻي نڪرندو رهي ٿو ۽ هن سمنڊ جي ليول برابر رکڻ لاءِ انهن چشمن جو پاڻي آهي ٻي اردن مان وهندڙ ندي يعني ”درياه اردن“ هن سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪري ٿو. پر اڄ ڪلهه اردن نديءَ ۾ جتي ڪٿي واهه کوٽائي، پاڻيءَ کي پوک لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ان ڪري هن درياهه جو فقط معمولي مقدار ۾ پاڻي، هن سمنڊ تائين پهچي ٿو ۽ هي سمنڊ ڏينهون ڏينهن سڪندو وڃي. بارشون به تمام گهٽ ٿي ويون آهن.
    بحر مردار جي اسرائيلي ۽ ويسٽ بئنڪ واري پاسي جيڪو روڊ سمنڊ جو ڪنارو ڏئي وڃي ٿو ۽ Highway 90 جي نالي سان سڏجي ٿو، دنيا جو سڀ کان هيٺاهون روڊ مڃيو وڃي ٿو، جيڪو سطح سمنڊ کان 1300 فٽ هيٺ آهي. هيءَ اونهائي تمام گهڻي آهي ۽ هن روڊ تان هلندي يا هن سمنڊ جي ڪناري تي بيهڻ سان وڌندڙ Atmospheric Pressure محسوس ٿي سگهي ٿو. جيئن سطح سمنڊ کان مٿي وڃجي ٿو ته هوا جو دٻاءُ گهٽجي ٿو تيئن هيٺ وڃڻ سان اهو وڌي ٿو. ڪنهن ڊاڪٽر ٻڌايو ته ان وڌندڙ پريشر ڪري انهن مريضن کي فائدو رسي ٿو جن کي Cystic Fibrosis جهڙيون ساهه جون بيماريون آهن. چمڙيءَ جي بيمارين وارا مريض به هن سمنڊ ۾ اچي وهنجندا آهن. هونءَ به ڪيترائي خارش، ڏڍ ۽ چمڙيءَ جي ٻين بيمارين جا مريض هڪ عام سمنڊ يعني ڪلفٽن، سئنڊس پٽ يا هاڪس بي واري سمنڊ ۾ ئي پاڻ کي پسائڻ سان صحيح ٿيو وڃن هن بحر مردار (Dead Sea) ۾ ته خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ڪيميڪل موجود آهن. ڪيتريون عورتون (توڙي مرد) پنهنجي جسم جي کل کي لسو ۽ تازو رکڻ لاءِ هن سمنڊ جي تري جي گپ مَلين ٿيون جيئن ٿائلينڊ پاسي عورتون پنهنجي چهري تي ميٽ لڳائي هلن ٿيون.
    بحر مردار (Dead Sea) جهڙو هڪ ٻيو مشهور ۽ اهم سمنڊ آهي ڪئسپين (Caspian Sea)، جنهن کي ايراني درياهِ مازندران ۽ درياههِ خزر سڏين ٿا. بند سمنڊن ۾ هي سمنڊ دنيا جو سڀ ۾ وڏو سمنڊ آهي جنهن جي چوڌاري ايران، ڏکڻ روس، مغربي ڪزاخستان، ترڪمنستان ۽ آذربائيجان آهن. هن سمنڊ جي پکيڙ پوڻا چار لک چورس ڪلوميٽر آهي يعني اسان جي سنڌ صوبي جهڙا هن ۾ اڍائي صوبا اچي سگهن جو سنڌ جي پکيڙ اٽڪل 141000 چورس ڪلوميٽر آهي. ايتري قدر جو هن سمنڊ اندر ڪيترائي ننڍا ننڍا ٻيٽ پڻ آهن جن جي جملي پکيڙ جو حساب لڳايو وڃي ته 2000 چورس ڪلوميٽر ٿئي ٿي. هن سمنڊ ۾ باڪو جهڙا ڪيترائي خوبصورت بندرگاهه آهن ۽ جهاز ۽ فيريون هلن ٿيون. موسم ۽ سونهن جي خيال کان به ڪئسپين سمنڊ جو ڪنارو پُر سحر ۽ خوبصورت آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن سمنڊ جو پاڻي ٻين سمنڊن جهڙو کارو ناهي بلڪ انهن جي ٽي حصي جيترو آهي. ان جو سبب اهو آهي جو هن سمنڊ کي پاڻيءَ سان ڀرڻ لاءِ اٽڪل 130 نديون ڇوڙ ڪن ٿيون. جن مان ڪي نديون ته تمام وڏيون ۽ جهجهي پاڻيءَ واريون آهن. جيئن ته وولگا ندي، ارل ندي، Kura ندي، اَمو درياه جنهن کي Oxus ندي پڻ چون ٿا، ۽ ٻيون ڪيتريون نديون پنهنجو پاڻ کي ڪئسپين سمنڊ ۾ اچيو خالي ڪن. هن سمنڊ جي آسپاس وارن ملڪن ۾ فارسي، روسي، آذربائيجاني ۽ ترڪي زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. عربن جو هن سمنڊ سان واسطو ناهي پر جيئن ته عرب انگريزن وانگر شروع کان سٺا ناکئا (Navigator) رهيا آهن انهي ڪري هنن طرفان پنهنجن توڙي ڪيترن پراون سمنڊن تي به عربي نالا رکيل آهن. ڪئسپين سمنڊ جو جتي فارسي نالو درياهِ خزر مشهور آهي اتي عربي نالو بحر قزوين پڻ عام آهي.
    درياه خزر سان ملندڙ جلندڙ فارسي نالي وارو هڪ ٻيو سمنڊ آهي جنهن جو فارسي نالو درياچه خوارزم آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ ارل سمنڊ (Aral Sea) سڏجي ٿو. هي Land Locked سمنڊ وچ ايشيا ۾ قزاخستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ آهي. هن سمنڊ کي ٻيٽن جو سمنڊ پڻ سڏين ٿا جو هن ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن. ڪنهن زماني ۾ هي سمنڊ ڪافي وڏو هو جنهن جي پکيڙ 68000 چورس ڪلوميٽر هئي. پر هاڻ هي سمنڊ 1960ع کان پوءِ سُسندو وڃي، جو روس جون اهي نديون جن هن سمنڊ ۾ اچي ڇوڙ ڪيو ٿي انهن کي ٻين پروجيڪٽن لاءِ Divert ڪيو ويو آهي. مٺي ۽ کاري پاڻي هجڻ ڪري هتي انيڪ قسم جي مڇي ڦاسائي وڃي ٿي پر هاڻ ڪناري تي موجود ڪيترين فئڪٽرين جو گند هن سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ تي مڇين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي.


    اب کي برس تو سو برس

    مشيني ۽ گهما گهمي جي زندگيءَ، لطيف جذبات ۽ شعر شاعري جهڙي روحاني ۽ لطف ڏيندڙ شين کان جپان جي ماڻهن کي ڪيڏو ته پري ڪري ڇڏيو آهي.
    1970 جي سال جي هڪ شام هئي. سخت بارش جي امڪان هوندي به اوساڪا جي رهاڪو مس ڪيڪو پوري وقت تي هوماچي اسٽيشن جي الهندي در وٽ اچي مون سان ملي. کيس خبر هئي ته ٻه هزار روپيا ماهانه ڪمائڻ جي باوجود به جپان ۾ آئون غريب هوس ۽ آئون به ان امر کان واقف هوس ته ساڍا پنج هزار رپيا مهيني سر ڪمائڻ بعد به هوءَ اسان وانگر هٿ جي ڇوٽ نه آهي. خرچ ڪري ڪنهن سٺي هوٽل يا ڪنهن اوچي تفريح گاهه تي وڃڻ بدران اسان هوماچي اسٽيشن جي ڀر واري هڪ ويران باغيچي جي ڪنڊ تي رکيل هڪ سيمنٽ جي بينچ تي اچي ويٺا هئاسين. اڃان ويٺاسين مس ته سخت مينهن وسڻ شروع ٿيو. ڀَڄي اچي گهاٽن ٻوڙن جي هيٺان پناهه ورتيسين. Rain-Coat هيٺ وڇائي مٿان ڇٽي جهلي ويٺاسين. ڪجهه ننڍڙا پکي ڀر واري وڻ تي ڦڙ ڦڙ ڪري اچي ويٺا، پر هيٺ اسان کي ڏسي وري اڏامي ويا. مينهن جا شپڪا ٻڌي وطن جو سانوڻ ياد اچي ويو.
    مينهن جي چاهي سخت ضرورت هجي يا نه، پر ننڍپڻ ۾ اسان جي وڏي پڦي سندس ٻارن سان گڏ اسان کي زوريءَ پينگهي ۾ ويهاري ”الله صمد“ پڙهڻ لاءِ آرڊر ڏيندي هئي. اسان دل ۾ خوش هوندا هئاسين ته اڃان به تکو مينهن وسي، پر پڦيءَ جي اتان لنگهڻ وقت زور زور سان هڪ ئي سُر ۾ ”الله صمد ــ الله صمد. الله سائين خير ڪر“ جو ورد ڪندا هئاسين.
    سامهون پارڪ جي پوڇڙ وٽ، گوتم ٻڌ جي مندر جي ڇت تان پاڻي ٽمي هيٺ رکيل گوتم جي جسم کي ڌوئي رهيو هو. رکي رکي هوا جو تکو جهوٽو ٿي لڳو ته وڻن تان پن ۽ سنهو ٻُور، پائوڊر وانگر ترندو هيٺ ٿي آيو. رکي رکي ڪنهن جيت چرچاٽ ٿي ڪيو. جپان ۾ هي پهريون دفعو هو جو قدرت طرف ڌيان ڏيڻ جو موقعو ۽ فرصت ملي هئي نه ته هنن مشيني ۽ نام نهاد ماڊرن ملڪن جي زندگي سڄو ڏينهن هڄ هڄان ۾ پوري ٿيو وڃي. صبح ساڻ اُٿي اليڪٽرڪ شيور جي مشين آن ڪري ڏاڙهي لاهڻ، ڪٽليءَ جو سئچ وجهي چانهه ٺاهڻ، جلدي ۾ ڪمري جو ايئرڪنڊيشنر آف ڪري اليڪٽرڪ ڏاڪڻ (Escalator) ذريعي ويجهي زمين دوز گاڏي لاءِ ڊڪڻ، گاڏيءَ ۾ جلدي جلدي اخبار پڙهڻ، وري آفيس لاءِ ڊوڙڻ، آفيس ۾ يا جهاز تي سڄو ڏينهن ڪاغذن، ڪئلڪيوليٽرن، ڪمپيوٽرن ۽ مشينن سان مغزماري ڪرڻ، لنچ ٽائيم تي دوستن يا آفيس وارن سان ڳالهائيندي، ساڳي وقت ٽيليفون به رسيو ڪندي، سئنڊوچ ۾ چڪ هڻڻ، شام جو گهر پهچڻ سان T.V يا ريڊيو جو سئچ آن ڪرڻ ۽ ان جي آواز سان گڏ رستي تي هلندڙ گاڏين، بسن، ڪارن جو گوڙ شور، کِٽ کِٽ، دانهون، ڪوڪون. هڪ ڏينهن جي تبديلي خاطر هيءَ مشيني زندگي دلچسپ آهي پر مهيني جا ٽيهه ئي ڏينهن اها زندگي. الله ڏي پناهه. اسان جي غريب ملڪن جي غريب زندگي ان کان بهتر آهي.
    ”ڇا پيو سوچين؟“ آخر ڪيوڪو پڇيو.
    ”سوچيان پيو ڪيوڪو، مشيني زندگي انسان کي قدرت جي سونهن کان ڪيڏو ته پري ٿي ڇڪيو وڃي.“
    پر ڏٺم ته هن تي ڪو اثر ئي نه ٿيو. هن کي ڪهڙي سڌ ته نار جي چيچٽ ۾ ڇا سرور آهي. فجر مهل ڪڪڙ جي ٻانگ ۽ کوهه جي گِهرڪڻيءَ جي آواز ۾ ڇا لئه آهي. چوڌاري واري، خاموشي يا ساوڪ ۾ ڪهڙي مڌرتا آهي.
    ”ڇو بور ٿي رهيو آهين؟!“ هن پڇيو:
    ”نه. آئون ته ڏاڍو خوش آهيان. تو جهڙو دوست ڀر ۾ ويٺو هجي. هيءَ برسات، هيءَ تنهائي، هيءَ خاموشي....“
    هن منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ٻڌڻ ڇڏي، هڪ جپاني گانو جهونگارڻ شروع ڪيو..... سڪورا سڪورا ــ يايوئي موسو راوا ــ ڪاسَو ميڪا ــ ڪُوسَوڪا.
    مون به ههڙي رومانٽڪ ماحول ۾ ڪجهه جهونگارڻ چاهيو ٿي، ڪو شعر، ڪو غزل، ڪو گيت، ڪو گانو ــ ڪجهه به دماغ ۾ نه پئي آيو. اوچتو آهستي آهستي جهونگارڻ لڳس:
    ”اي گهٽا ڪالي گهٽا ــ اب ڪي برس تو سو برس.“
    ”ڪيوڪو توکي خبر آهي ته ان جي معنيٰ ڇا آهي؟“
    “Kono uta no imi wa nandesuka?” (ان گاني جي معنيٰ ڇا آهي؟) هن دلچسپي وٺندي پڇيو.
    اسان جي ملڪ ڏي بارش تمام گهٽ پوندي آهي. پر اتفاق سان محبوبا جڏهن محبوب سان ملڻ وئي آهي ته بارش به ان وقت وسڻ شروع ٿي آهي. سو محبوب چوي ٿو ته:
    ”اي برسات هاڻ تون وسندي ئي رهه.“
    ”ڇو؟“ هن معصوم ٻارن وانگر سوال ڪيو.
    ”ڇو! ڇو جو ظاهر آهي، جيسين بارش وسندي رهندي هوءَ اتي ئي پنهنجي سڄڻ جي قريب هوندي. گهر ڪيئن ٿي وڃي سگهي؟“
    مون اهو چئي سندس نظرن ڏي ڏٺو ۽ ان خوبصورت شعر يا تخيل جو داد وٺڻ جو انتظار ڪيو. ڪجهه سوچي هُن منهن مٿي ڪري حيرت مان چيو:
    “Kono Hito Kasa Ie De Wasurete Kimashita”
    (ڇو؟ هوءَ ڇَٽي گهر وساري آئي هئي ڇا؟)
    ۽ مون سڄي رومانٽڪ نظاري کي لڙهندي ڏٺو. کيس هاڻ ڪير سمجهائي ته جنهن دنيا ۾ تون رهين ٿي اها منهنجي دنيا کان نرالي آهي. اتي هر ڪلاڪ بعد ايندڙ ڏينهن جي موسم جي اڳڪٿي ريڊيو، ٽي ــ وي ذريعي نه ٻڌائي ويندي آهي. اتي ماڻهن وٽ نئلان جون Folded – Umbrella نه ٿين جي هو انڊپين وانگر آڱر ۾ يا اسڪرٽ جي اڳٺ ۾ لڙڪائي هلن. اتي زمين دوز گاڏيون (ڇڪاٽيٽسو) يا Rapid گاڏيون (توڪيودينشا) ڪونه ٿين. اتي ههڙا سيمينٽيڊ روڊ يا موتوماچي بازار جي ڇت جهڙيون رنگين پلاسٽڪ سان ڍڪيل گهٽيون ڪونه ٿين. اسان وٽ ٻن ــ ٽن ڪلاڪن جو مينهن ايتري افراتفري ۽ خراب حالت پيدا ڪري سگهي ٿو جيتري سيڪنڊ ورلڊ وار جپان ۾ پيدا ڪئي.


    جپانين جي ”ها“ جو مطلب ”ها“ نه آهي

    جپاني ماڻهو، ڳالهائڻ وقت پنهنجو ڪافي وقت شڪريو ۽ معافي وٺڻ ۾ وڃائين ٿا. اها هنن جي هڪ سٺي عادت ۽ حسن سلوڪ آهي جو هر ڳالهه ۾ ٻه ــ ٽي دفعا معاف ڪندا (سمي ماسين) چوندا. يا ڪا شيءِ وٺندي، ڏيندي، پاسي کان لنگهندي، گاڏيءَ جي ڀر ۾ ويهندي، ڳالهه ڳالهه ۾ ”اري گاتو“ يا فقط ”دومو“ (مهرباني) ضرور چوندا.
    نئون ماڻهو جپان ۾ اچي جيڪر پهريون لفظ جپانين کان گهڻو ٻڌي ٿو سو آهي ”انوني“. ٽي ــ وي، ريڊيو تي يا روبرو ڳالهه ڪندي، جپاني جتي به ٿورو اٽڪندو ته ”انو انو“ ڪندو رهندو. جيئن اسان چوندا آهيون: ”سو مون ٿي ڳالهه ڪئي“، ”الله توکي نيڪي ڏئي.“ وغيره يا انگريزيءَ ۾ “You See” جو ڪي ڪي ماڻهو دور ڪندا آهن. پر جپانين جو ان سلسلي ۾ ڪا قوم يا ملڪ مقابلو نه ڪري سگهندو.
    هڪ ٻن جپاني دوستن کي ته صاف صاف چئي ڇڏيندو آهيان ته يار پاڻ کان اهو توهان وارو لکنوي تڪلف بلڪل نٿو پڄي، سو دل ۾ نه ڪجو. بس آخري ڏينهن يڪو ڪلاڪ ٻه ”سمي ماسين“ ۽ ”دومو اريگاتو گوزائي ماشتا“ ۽ ”دو اتاشي ماشتا“ جو لڳاتار دور ڪري موڪلائي ويندس.
    بهرحال جپاني ماڻهو ڌارين کان ان جي اميد هرگز نٿا رکن پر وري به اخلاقي طرح جيترو ٿي سگهي ته اهي جملا هنن وانگر ورجائيندا رهجن ۽ ملڻ ۽ موڪلڻ وقت هنن وانگر ذري ذري جهڪي ”ڪونيچيوا“ يا ”سايونارا“ چئجي.
    پهرين دفعي جپان اچڻ سان جپاني زبان سکڻ جو پهه ڪيم ۽ نڪ جو پڪو ٿي غلط سلط ڳالهائڻ به شروع ڪري ڏنم. جيتوڻيڪ ڪيترن همٿ افزائي ڪئي ۽ ڪيترن شڪي ۽ بور به ڪيو پر آئون ڳالهائيندو رهيس. مثال طور، هڪ دوست جو گهر نٿي مليو سو ان گهٽيءَ ۾ ڦرندو رهيس. آخر هڪ همراه منهنجي مدد ڪئي ۽ ائڊريس وٺي ان گهٽيءَ جي هر گهر جي در وٽ يا اندر ورانڊي وٽ بيهي ”گومي ڪدا سائي“ چيو ٿي. مون يڪدم اهو لفظ ياد ڪري ڇڏيو ۽ اندازو لڳايو ته ان جي معنيٰ ”معاف ڪجو“ يا ”سائين ذرا ٻُڌو“ آهي. پر دراصل اهو لفظ فقط تڏهن استعمال ڪري سگهجي ٿو جڏهن ڪنهن جي گهر يا دڪان تي ڪير نه هجي ۽ مالڪ کي سڏ ڪجي. سو مزو تڏهن آيو جڏهن مون ريلوي اسٽيشن تي هڪ همراهه جلدي ۾ بئگ گاڏي ۾ وساري ٿي لٿو ته مون ”گومين ڪداسائي“ چئي کيس بئگ لاءِ ياد ڏياريو. تنهن تي ٻي همراه مون کي ٻڌايو ته اهڙي موقعي تي ”گومين ڪداسائي“ بدران ”سمي ماسين“ چوڻ گهرجي.
    يا شروع جي ڏينهن ۾ هڪ دفعي نارا شهر ويندي گاڏيءَ جي پڪ ڪرڻ لاءِ جلدي ۾ هڪ همراه کان پڇيم:
    ”ڊوچيرا ڊينشاوا نارا اِڪي ماسوڪا“
    پر منهنجي ڳالهائڻ جو شايد لهجو جپاني نه هو، جو اڳلي پريشان ٿي وراڻيو:
    ”انگلش گا وڪاري ماسين“ (انگريزي مون کي نٿي اچي).
    دل ۾ چيم، منهنجي سڄي جپانيءَ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيئي. ڪيڏي محنت کان پوءِ ته جپاني جملو ٺاهي پڇيم.
    بهرحال جپاني اهڙا آهن ڪونه. ڪجهه به پڇبن ته ضرور ٻڌائيندا. صحيح رستي يا جڳهه جي خبر نه هوندن ته به گهڻو ڪري انڪار نه ڪندا. ڪنهن غلط رستي ڏي به اشارو ڪري ڇڏيندا.
    جپاني زبان لکڻ ڏکي آهي پر ڳالهائڻ ۾ سولي آهي. خاص ڪري اسان لاءِ ته انگريزيءَ کان سولي آهي. جو سندس گرامر انگريزيءَ وانگر اونڌو ناهي، پر اسان جي زبان جيان آهي. مثال طور: ”هي ڇا آهي“ جي انگريزي ”واٽ از دس“ ٿيندي پر لفظي معنيٰ مطابق ”دس واٽ از“ آهي جپاني جملي جي جوڙجڪ هوبهو سنڌي، اڙدو، پنجابي مثل رهندي. ۽ ”هي ڇا آهي“ جو جپاني ۾ ترجمو ”ڪوريوا نان ڊيسڪا“ ئي ٿيندو. جنهن ۾ ڪوريوا معنيٰ ”هي“، نان معنيٰ ”ڇا“ ۽ ڊيسڪا معنيٰ”آهي؟“
    جپاني سکڻ جو بهترين طريقو جيڪو مون کي لڳو ۽ جنهن لاءِ شروع ۾ هتي جي رهاڪن اشفاق ميمڻ ۽ ظفر شيخ پڻ صلاح ڏني، اهو هي آهي ته ڇوٽ ۾ پنج ــ ڇهه سو جپاني لفظ ياد ڪري وٺجن. پوءِ گهٽ ۾ گهٽ روزمره جي ضروري ڳالهين جا جملا انهن مان ئي ٺهي سگهندا. ان کان علاوه جپان ۾ انيڪ اهڙا لفظ آهن جي انگريزي لفظن کي مروڙي ٺاهيا ويا آهن جيڪي ياد ڪرڻ اڃان به سولا آهن. مثال طور: کير (Milk) کي ”مريڪو“ چون، هوٽل کي ”هوتيرو“، بيئر کي ”بيرو“، تيل (Oil) کي ”آئيرو“، رس کي ”جُوسو“، ڪيڪ کي ”ڪيڪي“ وغيره. جپانيءَ ۾ ”لام“ اکر ناهي ان ڪري لام بدران ”ري“ استعمال ٿئي. ۽ هراکر بعد Vowel جو هجڻ به ضروري آهي. ان ڪري مون جهڙن جا نالا ان لپيٽ ۾ اچي ”الطاف“ مان ”آري تافو“ ٿيو وڃن. جپانيءَ ۾ ”ٿ“ اکر به نه آهي ان ڪري جپاني ٿئنڪ يو بدران ”سئنڪ يو“ يا ”شئنڪ يو“ چون. ۽ چيني زبان ۾ شايد ري ڪونهي تڏهن سنگاپور يا هانگ ڪانگ جي هوٽل ۾ رهڻ وقت هوٽل جو مئنيجر ”لوم نمبر“ ٻڌائيندو آهي ۽ بئاءِ لوم کولي چوندو آهي: ”آئي ايم يور لوم بئاءِ.“
    جپاني ڳالهه ڳالهه ۾ ”آنو“، اريگاتو ۽ ”سمي ماسين“ بعد ٻئي نمبر تي ”سوديسڪا“ ۽ ”سو ديس ني“ جملا گهڻو استعمال ڪن ٿا. مثال طور: ڪا ڳالهه ٻڌائين ته يڪدم ڪندا ”سوديسڪا“ معنيٰ ”ڇا ائين آهي.“ نئون ماڻهو ته ماڳهين ڪاوڙجي پئي ته ڇا منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه اٿن ڇا. يا شڪ ٿا ڪن ڇا. پر اهو هڪ قسم جو دستور، عادت يا هنن جو تڪيو ڪلام سمجهڻ کپي. ۽ ان جي ورنديءَ ۾ ”سو ديس ني“ (ها ائين آهي) چوندو رهجي. يا ٻي به ڪا ڳالهه ڪبي يا پڇبي ته جيسين جواب ڏين يا ان بابت سوچين تيسين اها ڳالهه پاڻ ئي دهرائي پڇندا.
    مثال طور: ڪنهن کان پڇبو ”ايما ناني جي ڊيسڪا“ (هينئر وقت ڇا ٿيو آهي؟) ته جيسين واچ ۾ ڏسي تيسين ماڳهين هو پڇندو ”ايما ڊيسڪا.“ (ڇا هينئر؟) هاڻ ان مان ڪو اهو مطلب ناهي ته هو ڪو اسان سان چرچو ٿو ڪرڻ چاهي يا پاڻ بيوقوف آهي ۽ سمجهي نٿو. اسان هينئر جو وقت پيا پڇون يا ڪالهه جو. پر بس ائين جپانين جي اها عادت آهي ۽ ان لاءِ بهتر جواب ”سو ديس ني“ آهي.
    هڪ ٻي ڳالهه جپانين ۽ جپاني زبان بابت، مثال طور: مينهن ڪونه پيو پوي. ۽ ڪو ٻاهران اچي ٿو ۽ ان کان پڇبو ”ڇا مينهن پوي پيو؟“ ته جواب ۾ نه چوندو جيئن اسان وٽ پڻ اهڙي جملي جو جواب نه ۾ ئي ٿيندو. پر جي مٿئين جملي بدران ساڳي ڳالهه هن ريت پڇبي: ”مينهن ته ڪونه پيو پوي؟“ ته جپاني ٺهه پهه جواب ڏيندو ”ها“ پر ان ”ها“ جو مطلب اهو ناهي ته مينهن پيو پوي پر ”ها“ معنيٰ اهو جملو جيڪو توهان ڳالهايو صحيح آهي. يعني مينهن ڪونه پيو پوي. اسان جو مطلب ٻين زبانن ۾ سبجيڪٽ سان رهندو آهي پر جپانين جو سڄي جملي سان. جپان ۾ نون ايندڙن کي ان بابت سخت مونجهارو درپيش ايندو آحي، چاهي کانئن جپاني ۾ پڇجي يا انگريزيءَ ۾. ان سلسلي جو هڪ ٻيو مثال: ڪو ڪتاب دڪاندار وٽ ناهي ۽ خريدار اچيو ٿو پڇي: ”ڇا هي ڪتاب توهان وٽ ناهي“ ته جپاني دڪاندار جواب ۾ چوندس ”ها“ معنيٰ تنهنجو اهو جملو صحيح آهي ته ڪتاب اسان وٽ ناهي. پر ڌاريون ماڻهو ”ها“ ٻڌي ان غلط فهمي ۾ پئجي ويندو ته شايد دڪاندار ڪتاب لاءِ ”ها“ ڪئي آهي ته اهو هن وٽ آهي.


    اسان لاءِ دٻي ۾ ٺِڪريون

    جپاني ڪو به دوست ٿيندو ته يڪدم عمر ۽ نالو پڇندو. پوءِ نالو کڻي ڪيڏو به ڏکيو هجي پر اچارڻ جي ڪوشش ڪندو. سندن نالا ته سڀني کان سولا آهن جو جپاني زبان ۾ ذري گهٽ هر Consonant بعد Vowel اچي ٿو. يعني زير، زبر، پيش، و، ي يا الف ٿو اچي. ڪوبه جپاني لفظ کڻي وٺو: سوزوڪي ــ سو ـــ زوـــ ڪي ـ ميتسوبيشي ــ مي ـ تسو ــ بي ــ شي (جپانيءَ ۾ تس هڪڙو ئي اکر آهي.) اهڙيءَ طرح ماڻهن ۽ جڳهين جا نالا: تاناڪا، يامادا، فاڪودا، موتوياما، ڪاواڪامي، ڪميڪو، تائيڪو، ڪازوڪو، يومي، يوڪيڪو، ماريڪو وغيره. ڇوڪرين جي نالن ۾ گهڻو ڪري آخر ۾ ”ڪو“ لفظ ملندو.
    جناب، مسٽر، شري، سائين، مسز، مس ــ سڀني لاءِ جپان ۾ فقط هڪ لفظ سان (San) آهي، جيڪو مرد، عورت ۽ ڇوڪريءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. پر نالي جي آخر ۾ ڏيڻ کپي. جيئن تاناڪا سان، ميچيڪو سان.
    جهاز جي هڪ مئرين انجنيئر جاويد کي يوڪوهاما شهر جي هڪ جپاني ڇوڪري (جنهن جي انگريزي پوري پني آهي) ”مس جاويد“ لکندي آهي، جو هن جي San واري حساب سان، جاويد جو کيس Miss Sakurai لکي ٿو ته هوءَ به ڇو نه ساڳيو لفظ Miss جاويد لاءِ استعمال ڪري.
    ”جهاز جي فورٿ آفيسر سليم ۽ ٿرڊ آفيسر عمر کي نگويا توڙي ڪوبي شهرن ۾ جپاني گرل فرينڊس آهن. سو هڪ ڏينهن جهاز جي ميس روم ۾ ٻين همراهن تي لئه رکڻ لاءِ هڪ ٻئي کي چئي رهيا هئا: ”يار نگويا ۽ ڪوبي جي ڇوڪرين ۾ وڏو فرق آهي....“
    محمود ريفريجريشن انجنيئر به اتي ويٺو هو تنهن کان صبر نه ٿيو تنهن يڪدم کين بُجو ڏيندي چيو: ”بڪواس بند ڪريو. مينهون سڀ ڪار ٻوٿيون! ان وانگر سڄي جپان جون ڇوڪريون هڪجهڙيون بندريون ۽ نڪ منيون آهن. توهان کي ڀيڻان جپان ۾ جمعو جمعو ست ڏينهن به ڪونه ٿيا آهن ته ويٺا آهيو پنهنجي هوشياري ڏيکارڻ. نگويا ۽ ڪوبي شهرن ۾ مفاصلو ئي ڪيترو آهي؟ ڇا توهان کي لانڍي ۽ ملير، يا رامسوامي ۽ پاپوش جي ڇوڪرين ۾ به ڪو فرق نظر آيو آهي جو هتي ويٺا ان قوم بابت پنهنجيون Thesis ٻڌايو جيڪا هُڪيدا ٻيٽ کان شڪاڪو تائين زبان، رنگ ۽ نسل ۾ هڪ آهي. وچ ۾ ڪو مڪسچر يا هيرڦير ناهي.“
    منهنجو هڪ جپاني دوست جڏهن به کاڌي جي ڳالهه ڪندو آهي ته چوندو آهي ته سٺو کاڌو اهو آهي جو نه فقط سواد ۾ سٺو هجي پر ڏسڻ ۾ به سٺو لڳي. جن کي جپان ۾ ڪنهن گهر يا هوٽل ۾ هڪ ويلو به کائڻ جو موقعو مليو هوندو انهن کي احساس هوندو ته جپاني ان تي ڪيترو سختيءَ سان عمل ڪن ٿا. کاڌو کڻي ڪيترو به ٿورو يا سادو هجي پر ان کي مختلف رنگن، ڊيزائين ۽ برتنن ۾ پيش ڪندا. بلڪ هڪ جپاني کاڌي جي ڪتاب ۾ پڙهيم ته سٺو کاڌو اهو آهي جيڪو نه فقط زبان کي سوادي لڳي پر اک ۽ ڪن کي به ان جو ڏيک ۽ آواز پسند اچي. مثال طور: سلاد ئي آهي ته ان کي نه رڳو خوبصورت پليٽ ۾ سينگاري رکيو وڃي، بلڪ ٽماٽن، بيٽن يا بصرن کي وڍيو به مختلف نمونن سان وڃي. آواز مان مراد اهو آواز آهي جيڪو کاڌو چٻاڙڻ وقت کاڌي يا وات مان نڪري. مثال طور: پاپڙ کائڻ وقت چرڪاٽ، ڊگهين سيوين جهڙيون نوڊل کائڻ وقت ”سلرپ سلرپ“ جهڙو آواز يا کٽو آچار کائڻ وقت ”سُو سُو سُو“ جو آواز.
    جپاني هوٽل يا دڪان ۾ گهڙڻ وقت ”اِراسائي مَاسي“ (ڀلي ڪري آيا) جي کيڪار تمام عام آهي. جپان جي اتر ۾ هيڪدو ٻيٽ کان ڏکڻ ۾ اوڪينا ٻيٽن تائين، مختلف گهرن ۽ هوٽلن ۾ انيڪ قسمن جا کاڌا ٺاهيا وڃن ٿا. پر سڀني ۾ چانور، مڇي ۽ سامونڊي Weeds جهڙيون شيون عام نظر اينديون ۽ جيڪو کاڌو اندر هوٽل ۾ هوندو ان جهڙو هوبهو پلاسٽڪ جو ٺهيل، قيمت سميت ٻاهر پليٽ ۾ شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيل نظر ايندو.
    چانورن ۾ چاهان، هاياسي رائيسو، ڪاري رائيسو، ڪاتسودان، نيڪوڊان اچي وڃن ٿا. انهن ڊشن ۽ چانورن سان گڏ گانگٽ، گوشت، مڇي يا بيضا فراءِ ٿيل هوندا آهن. هاياسي رائيسو ۾ ٻوڙ به مليل هوندو آهي ۽ اهي ڊش سڀ گرم کاڌا وڃن ٿا.
    نوڊل (Noodles) ۾ چاسوبا، گوموڪوسوبا، گيوزاسوبا، موري سوبا وغيره اچي وڃن ٿا. ميسو رامين ۽ موماشِي نوڊل ڊشن ۾ سوئر جو گوشت پڻ مليل ٿئي ٿو. سوئر جي گوشت کي ”بوتانيڪو“ سڏجي ٿو ۽ ان معاملي ۾ هوٽل وارن کان پڪ ڪرڻ کپي جو هو ڪڏهن ڪڏهن چڪن فراءِ رائيس يا پران فراءِ رائيس ۾ به پورڪ جا ٽڪر ملايو ڇڏين.
    جپان ۾ گهڻو ڪري سامونڊي کاڌو ــ مڇي، گانگٽ کان سامونڊي گاهه ۽ سپن کيکڙن تائين گهڻو ملي ٿو. (سپن مان منهنجو مطلب اهي ٻاهران پُڙ نه آهن جيڪي سمنڊ جي ڪناري تي نظر اچن ٿا ۽ اهي پڙ چمچي طور به ڪم اچن.) انهن سپين جي وچ ۾ جيڪو ڪينئون ٿئي سو کاڌو وڃي ٿو. جپان ۾ مڇي ايتري ته عام آهي جو مختلف هوٽلن ۾ جملي اسي (80) کان به مٿي مڇين جا قسم پچن. انهن ۾ اِيل، مئڪرل ۽ سالمن مڇيءَ کان اڏامندڙ مڇي، ڪاڊ مڇي ۽ وهيل مڇيءَ تائين اچي وڃن ٿيون.
    مرغيءَ جا مختلف ڊش: تُو ڪاتسو، توري ڪارا ۽ ياڪي توري اچي وڃن ٿا. ڪيترن گهرن، هوٽلن ۽ گيشا گهرن ۾ ته هيٺ رکيل ٽيبل جي وچ ۾ وڏو چورس تئو ٺهيل ٿئي جنهن جي چوڌاري پليٽون رکي ويهن ۽ هرشيءِ اتي جو اتي پچائي گرم گرم کائين.
    اسان وٽ عقيدو آهي ته ڪا شيءِ هٿن مان ڪري پوي يا ڪانگ کيانتو ڏئي ته چوندا ته پڪ مهمان ايندو. اهڙي طرح جپانين جو اهو وهم آهي ته ٻلي جي پنهنجو ساڄو ڪن ساڄي چنبي سان مهٽيندي ته پڪ مهمان ايندا. ان ڪري ڪيترن جپاني هوٽلن ۽ دڪانن تي ٻليءَ جي هڪ خوبصورت مورتي نظر اچي ٿي جيڪا ساڄي ڪن کي ساڄي چنبي سان مهٽي رهي آهي. معنيٰ مهمان اچڻ جو سوڻ. ۽ هن جي ٻئي هٿ ۾ سونو سڪو جهليل هوندو آهي. معنيٰ ٻليءَ جي مالڪ (دڪاندار) وٽ ناڻو ايندو.
    ڪي ڪي جپاني کاڌا جپانين جي لحاظ کان ته تمام سٺا آهن پر ڌارين کي پهرين عجيب لڳن ٿا جيسين ان جي سواد يا سونهن مان مزو اچي. هڪ دفعي جپاني دوست جي مانيءَ تي عجيب طرح سان رڌل مڇيءَ تي مون جڏهن کائڻ وقت منهن ٺاهيو ته ”ڪوداموسان“ جي ماءُ مسڪرائي چيو: ”جپاني کاڌو به جپاني زبان جيان آهي. صحيح طرح مزو وٺڻ لاءِ ڪجهه سکيا ۽ تجربي جي ضرورت آهي.“
    منهنجي خيال ۾ ته ساڳي ضرورت جپاني ٿيٽر ڪبوڪي، نوهه ۽ سومو پهلوانن جي ملهه ڏسڻ لاءِ آهي. اهي شيون پاڻ جپاني ته Enjoy ڪن ٿا باقي اسان ڌارين لاءِ دٻي ۾ ٺڪريون يا جهڙوڪر پڪو راڳ.


    پاڪستاني گڏهُه پاڻهي جپان پهچيو وڃي....

    جپان جي ڪنهن پارڪ، ميلي، چڙيا گهر يا ڪنهن سالياني جشن ۾ توهان جو وڃڻ ٿئي ته هڪ هنڌ ڪنڊ ۾ ويهي چوڌاري نهار ڪندئو ته توهان کي وڏن کان وڌيڪ ٻار نظر ايندا. ۽ انهن ٻارن کي وري پاڻ کان وڏا گڏا گڏيون (dolls) هٿن ۾ هونديون. برٿ ڪنٽرول ته ڄڻ آهي ئي ڪونه! پر ساسيبو شهر جي شپ يارڊ ۾ اسان جي جهاز تي هلندڙ مرمت (repair) جي انچارج فورمئن چيو ته اها ڳالهه ناهي. ”اڄ ڪلهه جي جپانين کي هڪ يا ٻن کان مٿي ٻار نه هوندو.“
    ”توهان وٽ Space جو مسئلو آهي“، مون وراڻيو مانس، ”جپان هڪ ننڍڙو ملڪ آهي جيڪو گهڻي آدمشماريءَ کان اڳهين ڦاٽي ٿو.“
    ”نه اها ڳالهه ناهي. يا ٿي سگهي ٿو ته اهو به هڪ فئڪٽر هجي“، هن ٻڌايو، ”پر اهم ڳالهه اها آهي ته اڄ ڪلهه جون جپاني ڇوڪريون هيلٿ ڪانشش ڏاڍيون ٿي پيون آهن. هو گهڻا ٻار ڄڻي پنهنجي جسم جي شيپ خراب ڪرڻ نٿيون چاهين.“
    ”اهوئي حال ٻين ملڪن جي ڇوڪرين جو ٿيندو وڃي.“ مون چيو مانس.
    ”صحيح ٿا چئو“ جپاني فورمئن منهنجي ڳالهه کي مڃيندي چيو، ”پر هو گهٽ ۾ گهٽ گهر جي ڪم ڪار يا ٻارن جي نگهبانيءَ لاءِ نوڪر چاڪر يا آيا ته رکي سگهن ٿيون....“
    ”۽ توهان ڪڏهن به نه چاهيندئو ته ان ڪم تي خرچ ٿئي. ڀلي رنن جي پورهيو ڪري بيک نڪري وڃي.“ مون چيومانس:
    جپاني فورمئن اهو ٻڌي ايڏو ته وڏو ٽهڪ ڏنو جو جهاز جي ڊائننگ هال ۾ موجود جپاني ورڪر ۽ جهاز جا اسانجا پاڪستاني آفيسر پنهنجيون ڳالهيون ڇڏي اسان کي ڏسڻ لڳا.
    ياد رهي ته دنيا ۾ جپان اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪابه هائوس وائيف پنهنجي سهوليت لاءِ ڪا ماسي، ڪا آيا، ڪا ماني پچائڻ واري، ڪا ڪپڙا يا ٿانوَ ڌوئڻ واري نٿي رکي سگهي. اهي سڀ ڪم هن کي پاڻ ڪرڻا پون ٿا، چاهي سندس مڙس وٽ ڪيڏو به پئسو هجي! امير جپاني مرد پنهنجي دولت جو نماءُ ڪرڻ لاءِ دوستن يارن کي مهانگين هوٽلن ۾ ماني کارائيندا، مئخانن ۾ وٺي ويندا، سريتون رکندا پر پنهنجي ملڪ جي اسيمبليءَ مان زال کي گهرو ڪمن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ نوڪرياڻي رکڻ جو بل پاس نه ڪندا. گهر جا پورهيا ڪري جپاني عورتن جا ڀلي هٿ پير مڇيءَ جا ڇلر ٿي وڃن. پوءِ ڪيترائي جپاني مرد ڪنهن بزنيس يا آفيشل دعوت ۾ پنهنجي عمر کان وڏي لڳندڙ زال کي وٺي وڃڻ بدران آفيس جي ڪا ڪلارڪ ڇوڪري وٺي ويندا.
    جپاني ٻارن لاءِ اسان جي يوڪوهاما آفيس جي هڪ جپاني همراه ٻڌايو ته اهي اسان ڌارين کي پارڪن ۽ چڙيا گهر جهڙن تفريح گاهن ۾ ئي نظر اچن ٿا. ”هو توهان کي آچر واري ڏينهن تي به گهٽين ۾ نظر نه ايندا.“
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
    هن ٻڌايو ته جپاني ٻارن جو هڪ ته اسڪول صبح جو 8 وڳي کان پنجين بجي تائين ٿئي ٿو. ان ۾ ماني به اسڪول ۾ کائين ۽ ڪلاڪ کن بئنڊ (ميوزڪ) يا فٽ بال راند به اسڪول ۾ ڪرائين. شام جو ٿڪجي گهر اچن ۽ وهنجي سهنجي ڊنر کائي هوم ورڪ پورو ڪري رات جو سوير ئي سمهيو رهن، جيئن هنن جي صبح جو ڇهين بجي اٿڻ مهل اٺ ڪلاڪ کن ننڊ مڪمل ٿئي. سو انهن کي هفتي جو هڪ ڏينهن به ٻاهر گهٽيءَ ۾ نڪرڻ لاءِ وقت نٿو ملي.
    ”ڀلا آچر ڏينهن يا ڪنهن موڪل جي ڏينهن تي؟“ مون پڇيو.
    ”انهن ڏينهن تي هو ڪنهن پارڪ، ميدان يا چڙيا گهر ۾ وڃن“، هن ٻڌايو، ”اسان وٽ ننڍي هوندي ئي ٻار جي دماغ ۾ اها ڳالهه وڌي وئي آهي ته پاڙي وارن جو خيال رکجي ۽ پاڙي ۾ ڪنهن به قسم جو گوڙ پاڙي ۾ نه ڪجي. ان ڪري موڪل واري ڏينهن تي هرڪا ماءُ پنهنجن ٻارن کي پارڪ ۾ وٺيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن واري وٽي تي پاڙي جي هڪ ماءُ ٻن ٽن گهرن جي ٻارن کي گهمائڻ يا کيڏائڻ وٺيو وڃي. ان ڪري توکي هڪ ماءُ سان گڏ چار پنج ٻار نظر اچن ٿا.“
    جپان جي چڙيا گهرن ۾ جپانين کي اُٺ ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي ۽ ٻئي نمبر تي گڏهه جو. ظاهر آهي هي ٻئي اهي جانور آهن جيڪي جپان جي شهرن يا ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ته نظر نٿا اچن پر هتي جا جنگل به انهن کان خالي آهن. اٺ ته کڻي اهڙو جانور آهي جيڪو ملائشيا جهڙي مينهوڳي واري موسم ۾ يا جپان جي جابلو ملڪ ۾ رهي نه سگهندو پر اها حيرت جي ڳالهه آهي ته جپان گڏهن کان به خالي آهي. هاڻ مڙيئي ٽوڪيو جي چڙيا گهر وارن منگوليا کان هڪ مهري اٺ خريد ڪري پنهنجي Zoo ۾ رکيو آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ننڍن توڙي وڏن جي رش لڳي رهي ٿي. ان کان علاوه جيئن ته هي اٺ منگوليا جو آهي ان ڪري هرهڪ جي زبان تي منگوليا جو نالو آهي يعني منگوليا ملڪ جي مفت ۾ مشهوري ٿي رهي آهي.
    اسان جي جهاز جي ريڊيو آفيسر عاشق کي جڏهن اها خبر پيئي ته هو پريشان ٿي ويو. جپان جي هر بندرگاه ۾ نيرن کان پوءِ اها ڳالهه ڪڍي چوندو آهي ته اسان جي ملڪ جي ٽوڪيو ۾ موجود آفيس ٻين ڳالهين تي هيڏو خرچ پئي ڪري، ڪراچيءَ مان هڪ گڏه باءِ ايئر گهرائي ڪنهن چڙيا گهر کي تحفي طور ڇو نٿي ڏئي. يا وري چوندو ته اسان جو سست سفارتخانو ملڪ جو نالو ٻي ڪنهن طريقي سان ته روشن نٿو ڪري، هڪ گڏهه کڻي هن ملڪ کي گفٽ ڪري ته جپاني ”منگوليا“ وانگر ”پاڪستان“ کي به ياد ڪندا رهن. يا وري چوندو جپان کي جڏهن خبر آهي ته اسان جي ملڪ ۾ گڏهن جي کوٽ ناهي ته پوءِ هو اسان جي ملڪ مان هڪ عدد گڏهه خريد ڪري پنهنجن ماڻهن کي ڇونٿا ڏيکارين؟!.
    هڪ ڏينهن اسان جي جهاز جو فرج انجنيئر محمود (جنهن کي سندس رنگ ڪري ڪاليا به سڏيون) نيرن تي سخت بگڙيل موڊ ۾ هو. ويتر اسٽيورڊ ٺريل چانهه ۽ سڙيل ٽوش رکيس ته هڪدم مڇرجي ويو. اتي کڻي ٿي کٽي عاشق کي جو هو نيرن لاءِ ان وقت پهتو ۽ ويهڻ سان وري ساڳي ڳالهه گڏهه جي ڪيائين. بلڪ اڃان شروع ڪيائن ته محمود فرج انجنيئر بنا ڪنهن رک رکاءَ جي چيس:
    ”عاشق صاحب! بڪواس بند ڪر. جيستائين تون پاڻيءَ جي جهاز تي جپان ايندو رهندين نه جپان جي حڪومت ۽ نه پنهنجو سفارتخانو پاڪستان مان ڪو گڏهه گهرائيندو. آخر گڏهه کي گهرائين ڇو جڏهن تو جهڙو هڪ گڏهه هر ٻي ٽي مهيني جپان جي بندرگاهه پاڻهي ئي پهچيو وڃي.....!؟“
    جپان ۾ جيڪو واقف ٿئي ٿو اُهو اِهوئي پڇي ٿو”اسان جو جپان توهان کي پسند آيو؟“
    ۽ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ بابت توهان کي شڪايت هوندي ته هو يڪدم دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ڄڻ ان ۾ هن جو ڏوهه هجي. پر جپانين جي اهائي ته ڳالهه آهي جنهن مان هرهڪ محسوس ڪري ٿوته هر جپانيءَ کي پنهنجي ملڪ سان پيار آهي. هو ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي ملڪ جي بدنامي نٿو چاهي. ڪنهن فرد کي توهان ڀلي ڪيترو به گهٽ وڌ ڳالهايو هو برداشت ڪري ويندو پر هو پنهنجي ملڪ جي بدنامي ڪڏهن به سهي نه سگهندو.


    مانواري ياماگچيءَ جي عزتماب زال.....

    دنيا ۾ شايد جپاني ۽ بنگالي زبانون ئي آهن جن ۾ ڪا گار يا کهرو لفظ ناهي. خاص ڪري جپاني زبان ته دنيا جي مڃيل Polite زبان آهي. سڪورا گلن جي ملڪ ۾ جپاني زبان کان علاوه جا ڌارئين زبان گهڻي سمجهي وڃي ٿي سا انگريزي آهي. هڪ ڌاريو ماڻهو جپان ۾ جپاني سکڻ بنا انگريزي ۾ ئي جيتوڻيڪ ڪم هلائي سگهي ٿو پر منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ڪنهن ٽوئرسٽ، جهازيءَ، جپان ۾ نوڪري يا واپار ڪندڙ يا هميشه لاءِ هتي رهندڙ کي جي هن ملڪ جي حسن، سونهن، نزاڪت، رسم ۽ رواج، عظمت، سانت ۽ گوڙ گهمسان مان صحيح طرح لطف اندوز ٿيڻو آهي ته ٿوري گهڻي جپاني ڄاڻڻ ضروري آهي. جپاني ٻولي هڪ شاهوڪار، شاعرانا، آسان ۽ تخيل سان پُر زبان آهي.
    هونءَ جيستائين لکڻ جو سوال آهي، جپاني زبان خود جپانين لاءِ به ڏکي آهي. هن ۾ اُچار ڪاٽاڪانا ۽ هيراگانا لکڻين ۾ لکڻ کان علاوه ڪيترن لفظن جا Character چيني نسل جا آهن ۽ ڪانجي سڏجن ٿا. ۽ ڪانجي (جنهن کي ڪي کانجي به سڏين) جپاني زبان جي پٺيءَ جو ڪنڊو سمجهڻ کپي. ڌارين زبانن جا لفظ جيڪي جپاني ۾ استعمال ٿين ٿا سي ڪاٽا ڪانا ۾ لکيا وڃن ٿا. ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ اسڪولي ڇوڪري کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار ڪانجي (چيني شڪلين وارا) لفظ ياد هجڻ ضروري آهن ۽ پاڻ کي پڙهيل ڳڙهيل سمجهڻ لاءِ ويهه هزار شڪلين وارا لفظ اچڻ کپن. هتي چيني شڪليون Character چيني زبان ۾ به ساڳيا استعمال ٿين ٿا پر اُچاريا مختلف نالن سان وڃن ٿا. مثال طور: جيئن انگريزيءَ جا انگ آهن جي لکيا ته هر زبان ۾ ساڳي طرح وڃن ٿا پر مختلف زبانن ۾ مختلف نالا آهن. مثال طور: 4 جو انگ ڏسي انگريز ”فور“ اُچاريندو، جرمن ”ويئر“، فرينچ ”ڪئاٽر“ روسي ”چيتائر“، جپاني ”يون“، چيني ”شي“ ۽ اسان ”چار“ چونداسين. اهوئي حساب ڪتاب هنن شڪلين وارين زبانن سان آهن. چين ۾ به فقط چيني زبان ڪانه ٿي ڳالهائي وڃي پر اتر کان ڏکڻ تائين ڪيتريون مختلف زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. مثال طور: دائرين پاسي جي رهاڪن جي چيني پيڪنگ وارن کان نرالي آهي. ان کان علاوه ڪئنٽونيز ۽ منڊارين وغيره چيني زبانون آهن. پاڪستان ۾ جيڪي چيني هوٽلن وارا آهن سي گهڻو ڪري منڊارين ڳالهائين ۽ تمام ورلي ڪي ڪئنٽونيز ڳالهائڻ وارا نظر ايندا. پر انهن سڀني جي لکڻي ساڳي آهي. يعني شڪل ڏسي سمجهي ويندا ته ڇا لکيل آهي پر ڳالهائڻ هڪ ٻئي جو سمجهي سگهندا. انهيءَ ڪري چين ۾ گهڻو ڪري چيني فلمن ۾ ڳالهايل ڊائلاگ هيٺ لکيا ويندا آهن جيئن هر چيني پڙهي، فلم جو مطلب سمجهي سگهي.
    اهي ساڳيون چيني شڪليون جپاني لکڻيءَ ۾ به ڪتب اچن ٿيون. ان ڪري جپاني ماڻهو چيني زبان واري اخبار يا رسالو ڏسي ڪافي مطلب سمجهي سگهندو ۽ ساڳي ريت چيني ماڻهو جپان ۾ اچي ماڻهن سان ڳالهائي ته نه سگهندو پر جپان ۾ لکيل بورڊ ۽ نالا پڙهي (بلڪ لفظن جون شڪليون ڏسي) مطلب ڪڍي سگهندو. مثال طور: چين يا جپان ۾ بسن يا ريل گاڏين جي در تي ساڳي شڪل وارا لفظ ٺهيل هوندا جنهن جو مطلب آهي ”اندر گهڙڻ جو رستو“ پوءِ جپاني ان شڪل کي ڏسي ”اريگچي“ پڙهندو ۽ چيني ماڻهو ڪجهه ٻيو. هڪ ٻيو مثال: ”ماڻهو“ يا ”انسان“ لاءِ ماڻهوءَ جي شڪل جهڙو هڪ چيني ڪئريڪٽر آهي، جنهن کي ڏسي جپاني ”هتو“ پڙهندو، معنيٰ ”ماڻهو“ ۽ چيني ”جين“ پڙهندو جنهن جي معنيٰ ساڳي ”ماڻهو“ آهي.
    اهي شڪليون جنهن کي ڪانجي سڏجي ٿو قديم زماني کان شين جي شڪلين مطابق ٺاهيون ويون آهن ۽ Pictogram سڏجن يا ٻن ــ ٽن شڪلين کي ملائي خيالي ٺاهيون ويون آهن ۽ Ideogram سڏجن.
    جيئن سج جي لفظ لاءِ شڪل ”اڀومستطيل، وچان اڌ ٿيل“ آهي. ۽ وڻ لاءِ وڻ سان ملندڙ شڪل آهي جيڪا ڪرسچئن جي ڪراس جهڙي پر ڪراس جي هيٺين ٻن خانن ۾ ڪڊائتيون ليڪون پڻ ٿين. هاڻ جي انهن ٻن لفظن کي يعني سج ۽ وڻ کي هڪ ٻي مٿان چاڙهي ٺاهبو، (يعني سج وڻ جي پويان نڪري پيو) ته وچانءِ ٽيون لفظ ٿي پوندو جنهن کي جپاني زبان ۾ ”تو“ يا ”هِگاشي“ اُچاربو آهي جنهن جي معنيٰ اڀرندو آهي. ۽ هونءَ به وڻ پويان سج جو اڀرڻ اڀرندي جي نشاني آهي.
    بهرحال صحيح طرح سڄي جپاني پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ اڌ ڊزن کن سال گهرجن پر هڪ ڌاريو ماڻهو ڪم ڪڍڻ جيتري جپاني رومن الفابيٽ ذريعي سکي سگهي ٿو، جيڪا هو ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو. جپاني گرامر، انگريزن، يورپين يا آمريڪن لاءِ ته ڏکي ٿي سگهي ٿي پر اسان اولهه جون زبانون ڄاڻيندڙن لاءِ بلڪل آسان آهي جو تقريبا ساڳيو گرامر آهي.
    جپاني زبان ۾ Consonants ساڳيا انگريزيءَ وارا آهن فقط ايل ڪونهي. جنهن لاءِ پهرين لکي چڪو آهيان ته جپاني ۾ لام بدران ري استعمال ٿئي ٿو. جيئن ليمن کي ريمنو ۽ سليپر کي سورپيا سڏين. بيس بال کي بيسو بورو. ۽ هر ڪانسوننٽ پويان واول ضرور هوندو. (مٿيان سڀ انگريزي جا لفظ آهن جي جپانيءَ ۾ جذب ٿي ويا آهن ۽ عام طرح استعمال ٿين ٿا. اهڙي طرح سان ٻيا به ڪيترا انگريزي جا لفظ جپاني ٻولي ۾ آهن. مثال طور: نائفو (ڪپ)، فوڪو (ڪانٽو)، ڪوپو (ڪوپ)، ڪوهي (ڪافي)، نيڪوٽائي (نيڪ ٽائي) وغيره.
    انگريزي لفظن کان علاوه جپاني زبان ۾ ٻيا به ڪيترائي ڌاريا لفظ آهن خاص ڪري يورپي زبان جا، جن جا پورچوگيز، فرينچ ۽ اسپيني جهازي گهڻو گهڻو اڳ هتي ايندا رهيا. جپاني چانور کائيندڙ قوم آهي ۽ سندن مانيءَ سان ڪو واسطو ناهي پر پورچو گيزن هتي ڊبل روٽي جو اچي تعارف ڪرايو. پورچوگيزي زبان ۾ ڊبل روٽيءَ ۽ عام اڦڙاٽي کي ”پائو“ (Pao) ۽ اسپيني زبان ۾ پئن (Pan) سڏجي ٿو. نتيجي طور هاڻ جيڪڏهن توهان کي جپاني هوٽل ۾ ڊبل روٽي گهرائڻي پوي ته ان لاءِ پئن لفظ استعمال ڪري سگهو ٿا. اهڙي طرح ٽيمپورا (سامونڊي کاڌو) پڻ پورچو گيز زبان جو لفظ آهي.
    يورپي ۽ مشرقي زبانن وانگر جپاني گهڻو ڪري جنسن جو ذڪر نه ڪندا. مثال طور جپان ۾ مسٽر، مسز ۽ مس لاءِ هڪ ئي لفظ ”سان“ آهي. اسان وٽ يا انگريزي ۾ نالي اڳيان جناب، مسٽر، محترم يا محترمه، ڪماري يا آنسه ڏجي ٿو پر هتي جپان ۾ ”سان“ لفظ هر ماڻهوءَ جي نالي پٺيان ڏبو آهي. مثال طور ”ياماگچي سان“. هاڻ اها شخصيت مسٽر ياماگچي به ٿي سگهي ٿو، مسز ياماگچي به ته مس ياماگچي به، ڇو جو ياماگچي ذات آهي. پر جي ڪنهن کي واضح ڪرڻو آهي ته مسز ياماگچي آهي ته پوءِ ”ياماگچيءَ سان نو اوڪسان“ چوڻو پوندو. يعني ”مانواري ياماگچيءَ جي عزت ماب زال“، (ياماگچي جپان ۾ هڪ مشهور ذات کان علاوه ضلعي جو نالو پڻ آهي. جيئن اسان وٽ ”نواب شاهه“ ماڻهوءَ جو نالو آهي ته ضلعي جو به. هونءَ فقط ”ياما“ لفظ جي معنيٰ جبل آهي ۽ ”گچي“ معنيٰ منهن. يعني غار جو منهن مثال طور: ”فوجي ياما“ معنيٰ فوجي جبل. ۽ ”ديگچي“ معنيٰ ٻاهر نڪرڻ جو منهن، يعني Exit جپان ۾ بسن ۽ سئنيمائن جي درن جي اندرين پاسي ”ديگچي“ لکيل نظر ايندو ۽ ٻاهرين پاسي ”اريگچي“ معنيٰ اندر گهڙڻ جو منهن يا رستو.
    ساڳي طرح جپاني جملي ۾ ضمير به گهٽ استعمال ٿئي ٿو. ڪن جڏهن ضرورت پوندي آهي ته پوءِ وتاشي (آئون)، اناتا (تون)، انوهتو (هي)، وتاشي دوسو (اسين) وغيره استعمال ڪن. مثال طور ”اڪيماس“ زمان حال جو جملو آهي ۽ معنيٰ نڪري ٿي ”وڃي ٿو“ ــ پر ”ڪير وڃي ٿو؟“ اهو ڳالهائيندڙن کي سمجهڻ کپي، جو هو حالتن کان واقف آهن. پر جي ڪڏهن ڪنهن کي غلط ـ فهميءَ يا شڪ آهي ته پوءِ ان صورت ۾ وضاحت ڪري سگهجي ٿي. باقي نارمل حالتن ۾ اهو عجيب ٿو لڳي ته ڪو چوي: ”وتاشي گا ٽوڪيو اڪيماس“ (آئون ٽوڪيو وڃان ٿو.) بس فقط ”ٽوڪيو اڪيماس“ (ٽوڪيو وڃان ٿو) چوڻ ڪافي آهي. ٻي ڳالهه ته جپاني زبان ۾ زمانن لاءِ فعل جي پڇڙي بدلائڻي پوي ٿي. مثال طور: ”اِڪي ماس“ معنيٰ ”وڃي ٿو“ ”اِڪي ماشتا“ معنيٰ ”ويو“ ۽ ”اڪي ماشو” معنيٰ ”ويندو.“ ۽ جي اهو جملو سوالي ٺاهڻو هجي ته آخر ۾ ”ڪا“ وجهجي. يعني اڪي ماسڪا، اڪي ماشتاڪا يا اڪي ماشوڪا.
    جپاني زبان ۾ صفت سنڌي، اڙدو، انگريزي زبانن وانگر اسم جي اڳيان اچي ٿي. مثال طور: شروعي ڪامي (اڇو پنو)، انسوڪشي ڪمونو (سهڻو وڳو)، وروئي تيريبي (خراب ٽيليويزن)، ڪُروئي ڪُستو (ڪارا بوٽ)، اڪائي هانا (ڳاڙهو گل) وغيره.
    آخر ۾ ڪجهه جملا جي في الحال نئين ايندڙ لاءِ عام استعمال ۾ اچي سگهن ٿا.
    دومو اري گاتو (وڏي مهرباني).
    دو اتاشي ماشتا (مهرباني جي ڪهڙي ڳالهه).
    اوهيو (صبح جو سلام).
    ڪونيچوا (منجهند جو سلام)
    سايو نارا (خدا حافظ).
    ڍوڪو ڊيسڪا (ڪٿي آهي).
    مٿئين جملي جي اڳيان هوتيرو (هوٽل)، يوبين ڪيوڪو (پوسٽ آفيس)، يوبين باڪو (پوسٽ آفيس جو دٻو) اِڪي (اسٽيشن)، هڪوجو (ايئرپورٽ، ايگا (سئنيما) يا ميسي (دڪان) وغيره ڏئي ان بابت پڇي سگهجي ٿو.
    اڪورا ڊيسڪا – گهڻي قيمت آهي؟
    هائي – هائو.
    ايني – نه.
    چوتومت ڪُداسائي – هڪ منٽ ترسجو.
    ڊينشا – اليڪٽرڪ گاڏي.
    ڇڪاٽيٽسو – زمين دوز گاڏي.
    ڪيپو – ٽڪيٽ.
    يوئي – سٺو.
    وروئي – خراب.
    چيزائي – ننڍو.
    سڪوشي – ٿوري.
    وڪاريمانس – نٿو سمجهان.
    وڪاريماشتا – سمجهيم.
    دامي ناءِ – صحيح نه آهي.
    جپان جو سرڪاري نالو نپان (Nippon) (اڀرندڙ سج جي زمين) آهي. هڪ ڪاليج جي شاگرد کان پڇيم ته جپان لفظ توکي پسند آهي يا نپان؟
    چيائين: ”نپان!“
    ”ڇو ڀلا؟ خراب ته لفظ جپان به نه آهي. جڏهن ته سڄي دنيا توهان جي ملڪ کي جپان جي نالي سان سڃاڻي ٿي. سٺي ۽ بهترين شيءِ جي ساک لاءِ جپان جو نالو ئي ڪافي آهي.“
    ”نه. پر اسان کي ڪي ڪي آمريڪن ڌڪار مان جئپس (Japs) سڏين ٿا. ان ڪري اسان کي خراب لڳي ٿو. ۽ هونءَ به اسان جي ملڪ جو اصلي ۽ صحيح نالو ”نپان“ آهي ۽ اسين جپاني ٻوليءَ ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو نپان ئي لکون ٿا.“


    اهڙو ناچ ڏسي دل خوش ٿي وئي

    نپان (جپان) جي جملي پکيڙ ڏيڍ لک کن چورس ميل آهي (پاڪستان جي ان کان ٻيڻي، ٽي لک چورس ميل آهي) پر جپان آدمشماري جي حساب سان انگلينڊ وانگر ايترو ته ڳتيل آهي جو سندس آدمشماري پاڪستان کان به ٻيڻي آهي.
    جپان جا اڌ کان وڌيڪ ماڻهو قديمي مذهب ”شنتو“ سان تعلق رکن ٿا. ڏهه سيڪڙو ٻڌ ڌرم (Zen) سان ۽ پنجٽيهه سيڪڙو کن اهڙا آهن جن جو واسطو ٻنهي سان آهي.
    نئين ٽهي، مذهب جهڙي شيءِ کان پري ۽ ناواقف آهي. ڪيترن کي اها به خبر ناهي ته سندن وڏن جو مذهب ڇا آهي. ”ڪرسمس ڊي“ ايندو ته اهو به ملهائيندا. دوستن مائٽن کي مبارڪ جا ڪارڊ موڪليندا. ٻڌ ڌرم جو ڪو ڏينهن اچي ويو ته ان جي رسم به پوري ڪندا. پگوڊائن ۾ ويندا ۽ گوتم ٻڌ جي بت اڳيان اگربتيون ۽ چانورن جا ڪيڪ رکندا. قديمي دور کان جپانين جو مذهب قدرتي شين جي پوڄا ڪرڻ رهيو آهي جن ۾ باهه، جبل، آسمان، خيالي آسماني بلائون، طوفان، برف، ندي وغيره پڻ اچي وڃن ٿا. ڪو وڏو وڻ ڏٺائون يا عجيب صورت جو وڏو پٿر يا ويندي ڪو ننڍڙو جيت يا جانور ڏٺائون. ته ان کي اهم ۽ عبادت لائق سمجهندا. بس جنهن به شيءِ کان متاثر ٿيا، يا ڪنهن به شيءِ مان خوف يا ڏهڪاءَ جو احساس ٿيو ته اهو ”ڪامي“ يعني ديوتا ٿي ويو.
    هونءَ ڪاميءَ جي لفظي معنيٰ مٿاهون يا اتم آهي. چينين وانگر جپاني به مٿئين اصول هيٺ پنهنجن وڏن ــ زنده يا مري ويلن جي به پوڄا ڪن ٿا ۽ مذهب جو نالو ”شنتو“ به چيني آواز وارو آهي، جو اڃان هلندو اچي. اهي جڳهيون جن مان ڀئو يا هيبت جو احساس ٿئي سي پهرين ننڍڙا پوڄا گهر ۽ پوءِ وڌندي وڌندي ”ميا“ ”جنجا“ يا ”جنگو“ (درگاهون) ٿيو وڃن. سڄي جپان ۾ اهڙين درگاهن، عبادت گهرن، سوچ گهرن جي ڄڻ ته ڄار وڇائي پئي آهي. انهن ۾ ڪي وڏيون ڪيوٽو ۽ نارا جهڙيون آهن ته ڪي تمام ننڍڙيون ڪٻٽ جيڏيون، گهر جي ڪنڊ ۾ ٺهيل درگاهون آهن.
    هيروشيما جي ڀرسان مياجيما نالي هڪ جڳهه تمام مشهور آهي، جتي سمنڊ جي ڪناري تي ڪافور جي وڻن جو هڪ قديمي دروازو ٺهيل آهي جنهن کي ”توري ئي“ سڏجي ٿو ۽ سمنڊ جي رستي ”شنتومندرن“ (Shinto-Shrines) ۾ اچڻ جو لنگهه آهي، ان تائين خشڪي ذريعي پهچڻ لاءِ رستي تي ”اتسوڪوشيما“ جون ڪئين درگاهون اچن ٿيون جن کي مونسان گڏ هلندڙ جپاني اهڙي نموني سان هٿ لائيندا ويا جيئن اسان وٽ قبرن کي لائيندا آهن.
    آئون سنڌ جا پڙ، درگاهون ۽ مزارون مقبرا سوچي رهيو هوس ته هڪ هنڌ نذرانو رکڻ لاءِ ڪاٺ جي وڏي پيتي پڻ نظر آئي جنهن ۾ گهڻو ڪري هر لنگهندڙ ــ خاص ڪري هر ڪا عورت ان ۾ پئسا وجهندي وئي ۽ چئمپل لاهي هٿ ۾ ٿي کنيا. مون بوٽ ته لاٿو پر پئسا رکڻ اجايو سمجهيم. محسوس ڪيم ته پويان ايندڙ ٻن ڇوڪرين کي منهنجي اها ڳالهه نه وڻي. هنن ڪجهه نه ڪڇيو پر منهن جو موڙو ڏئي ڏک يا ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته مون کي هنن جي ديوتا جي لاءِ عزت ڇونه آهي.
    ڪيترين درگاهن تي ٻارن کي تعويذن جهڙا ڪاغذ يا ٽامي ۽ چانديءَ تي پاڪ لفظ اُڪريل، وڪڻندي ڏٺو ۽ اهو محسوس ڪيم ته نه فقط ڳوٺاڻا ۽ عام ماڻهو پر پڙهيل لکيل به ان تي ويساهه ڪن ٿا. منهنجي هڪ جپاني دوست ڪاتوسان جي زال جو جڏهن کان گاڏيءَ ۾ پرس چوري ٿي ويو (يا لهڻ وقت وسري ويو) تڏهن کان هوءَ به نارا جي هڪ مندر مان خريد ڪيل هڪ اهڙو ٽن هزار يين جو تعويذ پاڻ سان کڻي هلي ٿي.
    جپانين جي عبادت گهڻو ڪري هڪ هنڌ خاموش ويهي قدرت بابت سوچڻ آهي. ان عبادت يا سوچ ۾ هو ٿوري يا گهڻي دير ٻاهر جي مشغول زندگيءَ کان لڳ لاڳاپا ڇني ڪنهن هڪ شيءِ ڏي ڌيان رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ٻاهرين دنيا کان سوچ هٽائڻ لاءِ ڪنهن هڪ لفظ يا جملي جو ڏهه ڏهه هزار دفعا دور ڪري وظيفو ڪڍندا. زين مت جي مندرن ۾ خٿابي ٿي ڊگها ڊگھا چلا ڪڍندا ۽ سختيون پچائيندا. اڪثر پارڪ جي ڪنڊ پاسي ۾، ڪنهن وهندڙ ندي نالي اڳيان، ٻرندڙ جبل اڳيان، خاموش ۽ سنسان قبرستان ۾ چپ چاپ ويهي پنهنجي روحاني لطف کي جسماني لذت کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪندا. ڪيترن کي ڪيوٽو ڀرسان ڪيوميزو (Kiyomizu) مندر ڀرسان وهندڙ برف جهڙي ٿڌي Waterfall (ڪرندڙ پاڻيءَ) هيٺان ويهي عبادت ڪندي ڏٺو اٿم. شميزو شهر ۾ جنهن مسواڙ جي گهر ۾ رهندو هوس ان ۾ هيٺ رهندڙ گهر جي مالڪياڻي ”ماريڪو سان“ ۽ سندس سس صبح ساڻ اٿي گهر جي ننڍڙي باغيچي ۾ هڪ ئي سر ۾ روز آلاپينديون هيون:
    ”ڪان جيزائي بوساتسو، گيوجين هَن نيا هارا ميتا.“
    (گوتم ٻڌ، هن جهان ۾، سچ جي ڳولا لاءِ آيو).
    نارا ۾ ”تودائي جي“ جي مندر ۾ هڪ ڪاٺ جو پَورو ٿڙ آهي جنهن جي سوڙهي ٻرڙ مان ماڻهو پاڻ کي ڇڪي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ان عقيدي هيٺ ته جيڪو اهو ڪشت پورو ڪري سگهندو تنهن کي ٻي جهان ۾ سرڳ ۾ جاءِ ملندي. ان ويڪري ۽ کوکلي ٿنڀ جي پويان ماڻهوءَ جي قد کان وڏو تامونتين جو بت آهي جو ڪاوڙ ۾ بيٺو آهي. جپانين جي عقيدي مطابق تامونتين سرڳ جو چوڪيدار آهي.
    سڀ کان گهڻا مندر ٻڌ (زين مت) ۽ شنتو ڌرم جا ڪيوٽو ۽ نارا ۾ آهن. نارا جپان جو مذهبي شهر آهي. ۽ ڪيوٽو هزار سالن کان وڌيڪ جپان جي گاديءَ جو هنڌ رهيو آهي ۽ اڄ به بادشاهن جي تاجپوشي ڪيوٽو ۾ ئي ٿئي ٿي. سوا سو سال کن ٿيندا جو حڪومت ڪيوٽو کان کڄي ٽوڪيو ۾ آئي آهي. ۽ هاڻ جپان جي گاديءَ جو هنڌ ٽوڪيو آهي. لفظ ڪيوٽو کي اُبتو ڪرڻ سان ٽو ــ ڪيو ٿو ٿئي. هونءَ ٽو معنيٰ اوڀر ۽ ڪيو معنيٰ گادي آهي اوڀر جي گادي ۽ ڪيوٽو جي معنيٰ ”گادين جي گادي“ (Capital of Capitals) آهي.
    عام طرح جپانين جي روزمره جي زندگيءَ تي مذهب جو وڏو اثر آهي. ٻڌ ڌرم ڇهين عيسوي صديءَ ۾ چين کان جپان منجهه آيو ۽ زين (Zen) جي نالي سان پڪاريو وڃي ٿو. ان کان اڳ جپان جو اصلي ڌرم، ”شنتو“ هو. پر اڄ ڪلهه ٻئي ڌرم، فلاسافيون، خيال يا رهڻ جا طريقا گڏ وچڙ ٿي ويا آهن. ڪيترن جپاني گهرن ۾ ڪنڊ پاسي کان ٻه ننڍڙا کروتڙا (Altars). هڪ گوتم لاءِ ۽ هڪ شنتو ڪامي (ديوتا) لاءِ ٺهيل نظر اچن ٿا. جپاني تهذيب مطابق جڏهن به ڪا غمي يا ڪفن دفن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ٻڌ ڌرم جي متن مطابق رسم ادا ڪئي وڃي ٿي ۽ خوشيءَ جا سڀ ڪاڄ ــ ڄم شاديون مراديون، شنتو رسم موجب ادا ڪيا وڃن ٿا.
    شنتو مذهب وڌيڪ Informal عقيدو آهي، جنهن ۾ جيئن مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته اڻ ڳڻت ديوتا ـــ آسمان ۽ تارن کان وهندڙ ندي، جيت جڙا به اچي وڃن ٿا. ٻڌ ڌرم ۾ گوتم جي بت جي پوڄا پاٺ ڪئي وڃي ٿي. هونءَ ٻڌ ڌرم موجب ماڻهو مرڻ کان پوءِ به وري وري ايندو رهي ٿو جيسين هو چڱن ڪمن جي ڪري نرواڻ حاصل ڪري. ان لاءِ انساني خواهشن ۽ نفس تي ڪنٽرول رکڻ ضروري آهي. پر تعجب جي ڳالهه آهي ته اها ڳالهه يا فلسفو جپانين لاءِ بلڪل اوپرو آهي! جيتوڻيڪ جپان ٻڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ هڪ وڏو ملڪ آهي! نرواڻ جهڙي شيءِ جپاني ٻڌ ٻاوا ته قبول ڪن ٿا پر عام ماڻهوءَ تائين اها ڳالهه اثر ڪري نه سگهي آهي. ٻڌ مت موجب ڪنهن جانور يا جيت کي مارڻ به مها پاپ آهي پر آئون نٿو سمجهان ته جپاني ڪو ڪنهن ساهواري شيءِ کي ڇڏي ٿو. خاص ڪري سامونڊي شيءِ ته جپانين کان ورلي پنهنجي جان بچائي پنهنجو موت پاڻ مرندي هجي.
    جپاني موت کان پوءِ ٻي زندگي جون ڳالهيون، گهڻو ڪري افسانا يا فئنٽئسي سمجهن ٿا. سندن عقيدو فقط ديوتائن تائين محدود آهي. ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ هو حيثيت سارو انهن اڳيان مندرن ۾ اگربتيون، ڏيا، چانورن جا ڪيڪ ۽ ٻيا ڪيترا تحفا، نذراني طور رکن ٿا. ڪيترن مندرن ۾ ڪنواريون ڇوڪريون (ميڪو) رهن، جيڪي پوڄارين طرفان نذرانو يا ڏن ڏيڻ تي، ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ هڪ شاهاڻي ٺاٺ جو ناز نخري سان بينن ۽ ڍولڪن جي آواز تي ناچ (ڪاگورا) پيش ڪن. ڪاتسويورا جي ڀرسان ”ڪومانوناچي“ مندر ۾ جنهن وقت اسان گهڙياسين ته هڪ اهڙي ميڪو ڪنهن ڪامي (ديوتا) جي دل خوش ڪرڻ لاءِ نچي رهي هئي. اڌ اگهاڙين ڇاتين واري جوان ۽ سهڻي جپاني ڇوڪريءَ جو اهڙو Sexy ناچ ڏسي ديوتا جي پڪ دل خوش ٿي وئي هوندي. گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ته ٿي وئي!


    ست سمنڊ ڏوري ڏوري.........

    اسان وٽ هند سنڌ ۾ توڙي يورپ ۽ عرب ملڪن ۾ ماڻهو اڪثر ست سمنڊ پار ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. يورپي وچئين دور جي ادب ۾ ڪيترن هنڌن تي Sail the Seven Seas جو محاورو استعمال ٿيل آهي. يورپين جو ستن سمنڊن مان مطلب هو:
    1. ميڊيٽرينين سمنڊ ــ جنهن کي عرب ۽ ايراني بحر ابيض (اڇو سمنڊ) يا بحرِ روم سڏين ٿا، اسان وٽ اهو سمنڊ ڀونچ سمنڊ سڏجي ٿو.
    2. اڊرياٽڪ سمنڊ ـــ جيڪو دراصل ميڊيٽرينين سمنڊ جوئي حصو سڏي سگهجي ٿو ۽ البانيا، بوزنيا، ڪروشيا ۽ اٽليءَ جي وچ ۾ آهي.
    3. بحر اسود ــ Black Sea، جنهن جي چوڌاري روس، يوڪرين، مولدووا، رومانيا، بلغاريا ۽ ترڪي ملڪ آهن.
    4. بحرِ احمر ـــ Red Sea، جنهن جي چوڌاري، يمن، سعودي عرب، مصر، سوڊان، اريتريا، جبوتي ۽ سوماليا ملڪ آهن.
    5. اسان وارو عربي سمنڊ جنهن جي ڪناري تي گوادر، ڪراچي ۽ ممبئي جهڙا بندرگاهه اچيو وڃن ٿا ۽ ڏٺو وڃي ته عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ جو هڪ حصو يا کڻي چئجي ته ڪنڊ آهي.
    6. ايراني نار Persian Gulf جنهن کي عرب عربي گلف سڏين ٿا. ايراني نار سمنڊ جي هڪ پاسي ايران آهي ته ٻئي طرف عمان، دبئي، قطر، بحرين، ڪويت ۽ عراق آهن.
    7. ڪئسپين سمنڊ ــ جنهن جي چوڌاري ايران، روس، قزاخستان، آذربائيجان ۽ ترڪمانستان ملڪ آهن. هن سمنڊ جا، دنيا ۾ ڪيترائي نالا مشهور آهن جيڪي سندس ڀر وارن ملڪن جي ٻولين، ايراني، روسي، عربي، ترڪي جا آهن. جيئن ته درياهِ خزر، بحر قزوين، درياهِ مازندران، زيزر دينزي......... وغيره.
    بهرحال اهو جهوني زماني جون ڳالهيون آهن جڏهن عام ماڻهن توڙي مهاڻن، ناکئن ۽ ڪشتيبانن کي دنيا جي خبر نه هئي. هنن رڳو پنهنجي آسپاس جي سمنڊن جي ڳالهه ٿي ڪئي. هڪ طرف يورپي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڏي اڳيان ويندي ڊڄندا هئا ته ٻئي طرف جپاني ۽ چيني پئسفڪ جو رخ ڪندي گهٻرائيندا هئا. هرهڪ اهو سمجهندو هو ته دنيا رومال وانگر فلئٽ آهي جنهن تي گهڻو اڳيان وڌبو ته ان جي اَندين (بارڊر) اچڻ بعد هيٺ خلا ۾ ڦهڪو وڃي ڪبو! پوءِ ته ڀلو ٿئي متين موڙهيل ڪولمبس جو جنهن پاڻ کي جيتوڻيڪ سياڻو ٿي سمجهيو پر غلط نيويگيشن ڪري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا بدران وڃي ڪئريبين سمنڊ ۽ آمريڪا کان نڪتو. اڄ جي دور ۾ ڪو ڪئپٽن اهڙو غلط ڪم ڪري ته نه رڳو سندس جهازران ڪمپني جو مالڪ ۽ مئنيجمينٽ کيس سئڪ ڪري پر کانئس جهاز هلائڻ جو سرٽيفڪيٽ به کسيو وڃي. اڄ جي هر شاگرد کي خبر آهي ته دنيا جي گولي تي ننڍا وڏا هڪ سو کان به مٿي سمنڊ آهن جن کي روزانو انيڪ جهاز ۽ ٻيڙيون ڪراس ڪنديون رهن ٿيون.
    ستن سمنڊن جو گهڻو ذڪر عرب ڪهاڻين، سفرنامن ۽ شاعريءَ ۾ به نظر اچي ٿو. ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته اسلام جي دور شروع ٿيڻ سان عربن جو سمنڊن ۽ جهازرانيءَ تي وڏو ڪنٽرول رهيو ۽ هونءَ به عرب نيويگيشن ۽ ائسٽرانامي ۾ هوشيار هئا. اڄ سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ جن تارن جي مدد وٺون ٿا انهن جا انگريزي نالا عربيءَ تان کنيل آهن.
    عربن کي يورپ جا ماڻهو کڻي ڇا به سمجهن پر هو اهڙا به چريا نه هئا جو هنن کي دنيا جي سمنڊن جي خبر نه هجي. منهنجي خيال ۾ اهائي ڳالهه آهي ته عرب جڏهن ست سمنڊن جي ڳالهه ڪن ٿا ته هنن جو ان سان مطلب تمام گهڻا سمنڊ آهن. جيئن اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ڪنهن کي دعائون ڏيندي چوندا آهن ته توکي ست پٽ ڄمن معنيٰ تمام گهڻا پٽ ڄمن.
    هڪ عرب ليکڪ يعقوبي (سڄو نالو احمد ابن ابو يعقوب ابن جعفر ابن وادح) جي هڪ سفرنامي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پڙهيو هوم. هن جي ڏاڏي وادح خليفي منصور“ جي درٻار ۾ آزاد ٿيل غلام جي حيثيت سان ڪم ڪيو ٿي. يعقوبي جا ٻه ڪتاب عرب دنيا ۾ تمام مشهور چيا وڃن ٿا: ”تاريخ ابن وادح“ ۽ ”ڪتاب البلدان“. يعقوبي ڪجهه عرصو آرمينا ۽ خراسان ۾ رهڻ بعد زندگيءَ جا آخري سال انڊيا، مصر ۽ مراڪش ۾ گذاريا ۽ 897ع ۾ وفات ڪيائين. هن جي ڏينهن ۾ عربن توڙي ايرانين جو سمنڊ رستي چين وڃڻ ٿيندو هو. هو ايراني نار واري سمنڊ مان نڪرندا هئا ۽ اسان وارو عربي سمنڊ، سري لنڪا، خليج بنگال، ملائيشيا، سنگاپور وارو پاسو ڏئي چين پهچندا هئا. تن ڏينهن ۾ پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ملائيشيا جو اڄ وارو بندرگاهه) يا سنگاپور وغيره ته نه هئا. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۾ ملاڪا بندرگاهه هو يا هيڏانهن عربي سمنڊ ۾ ممبئي جهڙن بندرگاهن جو وجود نه هو پر تن ڏينهن ۾ گجرات، ڪاٺياواڙ يا ملبار ڪناري تي ننڍا ننڍا بندرگاهه هئا ۽ تن ڏينهن ۾ هي ٻيڙا به ننڍا هئا جيڪي ڪنارو وٺي هلندا هئا. هتي مان يعقوبيءَ جو ستن سمنڊن بابت لکيل هڪ دلچسپ پئراگراف هوبهو لکان ٿو. ٽيڪا ٽپڻي يا سمجهائڻ خاطر ڪي ڳالهيون ڏنگين (brackets) ۾ لکان ٿو.......
    ”جيڪڏهن ڪو چين وڃڻ چاهي ٿو ته هن کي پورا ست سمنڊ اڪرڻا پون ٿا. هر سمنڊ جو پنهنجو رنگ آهي، پنهنجي قسم جي هوا ۽ مڇيون آهن. (اونهي سمنڊ مان جتان اڄ اسانجا وڏا جهاز هلن ٿا، سمنڊ جو رنگ بلو نظر اچي ٿو پر جيئن ئي جهاز ڪناري جي ويجهو اچي ٿو ته سمنڊ جي اونهائيءَ مطابق ۽ هيٺ تري ۾ موجود مٽي، ريتي، واري يا گاهه مطابق سمنڊ جو رنگ هلڪي بلو کان سائي جي مختلف شيڊن ۽ هئڊي ميرانجهڙي رنگ مان ڪو هڪ ٿيو پوي. انهن ڏينهن ۾ هي ٻيڙا هر ملڪ جو ڪنارو ڏئي هلندا هئا.) سيراف بندرگاه کان شروع ٿيڻ مهل پهريون سمنڊ فارس اڪرڻو پوي ٿو. (سيراف بندرگاه جيڪو تاريخ ۾ بندرِ طاهري به سڏبو هو ساسانين جي دور حڪومت ۾ ايران جو مشهور بندرگاه هو جيڪو پوءِ 970ع ڌاري تباهه ٿي ويو. هي بندرگاه ايران جي صوبي بشيهر ۾ هو ۽ اڄ جي ايراني بندرگاهه بندر عباس کان 380 ڪلوميٽر اولهه ۾ هو. ايراني نار ۽ عربي سمنڊ واري روٽ تي هي اهم ۽ مشغول بندرگاهه هو. جنهن سمنڊ فارس جو يعقوبيءَ ذڪر ڪيو آهي اهو پرشن گلف آهي جنهن کي اسان ايراني نار سڏيون ٿا. هي سمنڊ مڇين جي قسمن ۽ سچن موتين (Pearls) کان اڄ به مشهور آهي. عراق جي دجلا ۽ عرفات ندين جو پاڻي هن سمنڊ ۾ اچيو ٿو ڇوڙ ڪري. دبئي ۽ دوحا جِهڙا بندرگاه به هن سمنڊ ۾ آهن.)
    هي سمنڊ راس الجمه ۾ اچيو ختم ٿئي جتان پوءِ دنيا جو ٻيو سمنڊ لاروي (Larwi) شروع ٿئي ٿو. هي تمام وڏو سمنڊ آهي جنهن ۾ وق وق جو ٻيٽ ۽ ٻيا ٻيٽ آهن جيڪي زنج (ZANJ) جا آهن. هنن ٻيٽن کي پنهنجا پنهنجا بادشاه آهن. هن سمنڊ ۾ فقط تارن ذريعي ناکئا ٻيڙيون هلائي سگهن ٿا. هن سمنڊ ۾ تمام گهڻي مڇي آهي ۽ هن سمنڊ ۾ اهڙيون ته عجيب شيون آهن جن جو ڇا ويهي ذڪر ڪجي! (يعقوبيءَ جو هن ٻئي نمبر سمنڊ لاروي مان مراد کمڀات وارو سمنڊ Gulf of Khambat جيڪو ڪئمبي وارو سمنڊ به سڏبو هو، آهي. هي سمنڊ جيڪو 80 کن ميل ڊگهو آهي اسان واري عربي سمنڊ ۾ ڪراچيءَ کان هيٺ ڏکڻ ۾، هندستان جي صوبي گجرات جو حصو آهي جيڪو گجرات جي اوڀر کي ڪاٺياواڙ کان الڳ ڪري ٿو. گجرات جون نرمادا ۽ تاپتي نديون هن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. تانگهي سمنڊ ڪري اڄ جا وڏا جهاز هن طرف رخ نٿا رکن نه ته شاه لطيف جي ڏينهن تائين گجرات جو هي علائقو بلي بلي هو جتي لنڪا ۽ ديبل ٺٽي کان ٻيڙا ايندا ويندا رهيا ٿي ۽ هن سمنڊ جو بندرگاه کمڀات جنهن جي نالي شاهه لطيف جي بيتن جو هڪ سُر پڻ آهي، ان زماني ۾ دبئي، هانگ ڪانگ ۽ لاس پاماس کان گهٽ نه هو. ايران کان سري لنڪا ۽ ملايا ڏي ويندڙ ٻيڙا ڪراچي ۽ ٺٽي وارو ڪنارو ڏئي ڪنڊلا، نولکي، اوکا، پور بندر، ويرا وال (جتان سومناٿ مندر تمام ويجهو آهي) ۽ ڀاوَنگر مان ٿيندا کمڀات پهچندا هئا. پوءِ اڳتي هلي مغلن جي دور ۾ کمڀات بندرگاه گپ ۽ Slit سان ڀرجي ويو ۽ پوءِ سورت مشهور ٿيو ۽ پوءِ انگريزن جيئن ئي ممبئي جي بندرگاهه کي ٺاهيو ته سورت بندرگاهه به گمنائيءَ ۾ هليو ويو. بهرحال يعقوبي پنهنجي دور نائين صديءَ جي ڳالهه پيو ڪري جڏهن سمنڊ جو هي حصو ۽ کمڀات بندرگاهه هڪ رنگين، رونق وارو، امير ۽ سهڻو بندرگاهه هو جتي هر وقت جهازن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي.915ع ۾ هڪ عرب سياح المسعودي کمڀات گهمڻ بعد لکي ٿو ته هي هڪ زبردست ڪامياب بندرگاهه آهي. 1293ع ۾ مارڪو پولوهن بندرگاهه لاءِ لکي ٿو ته هي هڪ سخت مشغول بندرگاهه آهي. جنهن کي پنهنجو بادشاه آهي. هتي انڊيگو ۽ بڪرم تمام گهڻو ٿئي ٿو. ڪپهه ۽ چمڙو به هن بندرگاهه مان ايران ۽ لنڪا ڏي ويندو رهي ٿو.
    يعقوبيءَ لکيو آهي ته هي وڏو سمنڊ آهي جنهن ۾ وق وق (Waq Waq) جو ٻيٽ آهي. ايراني نار جي مقابلي ۾ عربي سمنڊ جيڪو هندي وڏي سمنڊ جو حصو آهي، تمام وڏو آهي جيڪو هڪ پاسي آفريڪا جي اوڀر ڪناري تائين وڃي ٿو جتي زنج هو جيڪو هاڻ زئنزيبار سڏجي ٿو ۽ ٻئي پاسي ملايا تائين هليو وڃي ۽ ان سان ئي ملندڙ ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ آهي جنهن ۾ جپان آهي. جپان ٻيٽن جو جهڳٽو آهي ۽ توهان کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿيندي ته جپان کي آڳاٽي چيني زبان (ڪئنٽونيز) ۾ Wo-kwok سڏين ٿا. عرب سوداگرن چينين کان اهو لفظ ٻڌي جپان کي وق وق سڏڻ لڳا جنهن جو ذڪر يعقوبيءَ ڪيو آهي)
    ٽيون سمنڊ هرکنڊ آهي جنهن ۾ سرنديپ جو ٻيٽ آهي جنهن ٻيٽ تي قيمتي پٿر، لعل ۽ ربيون آهن. (يعقوبي جنهن هرکنڊ سمنڊ جو ذڪر ڪيو آهي اهو خليج بِنگال آهي جيڪو سري لنڪا کان بنگلاديش تائين ڦهليل آهي ۽ سرنديپ اڄ جي سري لنڪا ٻيٽ جو آڳاٽو نالو آهي. سري لنڪا ماضيءَ ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي جهڙوڪ سلون، سيلان، زيلان، لنڪا، سرنديپ، ٽئپروبين جهڙن نالن سان سڏيو پئي ويو. ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته سري لنڪا جو ٻيٽ اهم جاگرافيائي پوزيشن تي هجڻ ڪري بحري جهاز هلائڻ وارن لاءِ اهم بندرگاهه آهي ۽ ماضيءَ ۾ لنڪا ۽ يمن جو بندرگاهه عدن ڪاروبار، واپار وڙي ۽ مال ملڪيت کان مشهور هو. تڏهن ته شاه لطيف به پنهنجن بيتن ۾ لکيو آهي ته:
    کاري کيڙائون، مَٿي مِٺي موٽيا،
    سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
    موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعُو،
    سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آيو.

    يعقوبيءَ پنهنجي سفرنامي ۾ چوٿون سمنڊ ڪالاح (Kalah) جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو بلڪل تانگهو آهي، جنهن ۾ تمام گهڻا نانگ بلائون ۽ وڏا سامونڊي مانگر مڇ آهن جيڪي هوائن جي زور تي ٻيڙن سان ٽڪرائي انهن کي ڇيتيون ڇيتيون ڪريو ڇڏين. هن پاسي جيڪي ٻيٽ آهن انهن تي خوشبودار ڪافور جا وڻ ٿين ٿا.
    (يعقوبيءَ جو بيان ڪيل ڪالاح سمنڊ ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) آهي. انڊونيشيا واري ٻيٽ سماترا ۽ ملايا (اڄ واري اولهه ملائيشيا) جي وچ ۾ سمنڊ جي سنهي پَٽي يعني ڳچي سمنڊ آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Strait سڏجي ٿو. ملاڪا وارو هي ڳچي سمنڊ جيڪو آڳاٽي زماني ۾ ڪالاح سمنڊ سڏبو هو اڄ تائين هڪ اهم سمنڊ آهي فرق فقط اهو آهي ته يعقوبي جي ڏينهن وارو ملاڪا بندرگاهه اڄ جي وڏن جهازن لاءِ ننڍو آهي پر انهن ڏينهن ۾ ملاڪا اهم بندرگاهه ۽ گاديءَ جو شهر هو جتي جو هندو بادشاهه راجا پرميشوارا مسلمان ٿيو ۽ ان پويان سڄو ملايا اسلام جي دائري ۾ آيو. هن سمنڊ جي پٽي 800 کن ڪلوميٽر آهي ۽ تمام سوڙهي هجڻ ڪري اڄ جا وڏا جهاز هتان گهٽ رفتار ۾ اڪرن ٿا ۽ پينانگ کان سنگاپور (هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين) ٻه ڏينهن لڳائين ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن سمنڊ ۾ ڪيترن ئي قسمن جون مڇيون آهن جن مان ڪجهه نانگن جهڙيون ڊگهيون eel مڇيون به آهن. ان کان علاوه اهڙا نانگ بلائون به آهن جيڪي سمنڊ ۾ تري سگهن ٿا. هونءَ به ملائيشيا نانگن، بلائن، ازدهن جو ملڪ آهي. مانگر مڇ به آهن جيڪي ان وقت جي ننڍين ۽ ڪمزور ٻيڙين کي نقصان رسائيندا هوندا. پر ان وقت جي ڪيترن سفرنامن ۾ وڌاءَ کان به ڪم ورتو ويو آهي جو ان وقت جي مسافر جي پنهنجي ڄاڻ به محدود هوندي هئي ۽ ٻڌڻ وارا به هر ڳالهه تي ڪنڌ ڌوڻي واه واه ڪندا هئا. ڪو به رد ڪد ڏيڻ وارو نه هو. بهرحال گهڻيون تڻيون ڳالهيون هنن پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي موجب صحيح لکيون آهن.
    ملاڪا وارو هي ڳچي سمنڊ دنيا جي ٻن وڏن سمنڊن: هندي سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ کي ڳنڍي ٿو. يورپين توڙي عربن جو چين، جپان، ڪوريا ڏي ويندي هتان لنگهه ٿئي ٿو. اسان به انهن ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ Malacca Strait جو سمنڊ لتاڙي سنگاپور پهچندا آهيون جتان پوءِ هانگ ڪانگ، چين يا جپان لاءِ اتر جو رخ اختيار ڪندا آهيون هن سمنڊ جي چوڌاري انڊونيشيا جا سوين ٻيٽ آهن جتي سامونڊي ڌاڙيل (قزاق) رهن ٿا ۽ اڳئين زماني ۾ توڙي اڄ جي دور ۾ به جهازن تي چڙهي ڦرلٽ ڪن ٿا. جيئن هن مسلمان سياح لکيو آهي ته هتي ڪافور جا وڻ ٿين ٿا، اها حقيقت آهي. ان دور جي عرب، ايراني، آفريڪي ۽ ڏکڻ هندستان جي سلطنتن جا سوداگر هن سمنڊ جي منهن واري بندرگاهه ڪيداح ۾ پهتا ٿي. اٽڪل 800 سالن کان پوءِ پينانگ جو بندرگاهه وجود ۾ آيو نه ته ملايا جي منهن ۾ ڪيداح هندو مندرن، واپار ۽ جهازرانيءَ کان مشهور بندرگاهه هو. هن بندرگاهه ۾ ڪپهه، ڪافور، شيشي جي شين، بروڪيڊ، عاج، سندل ووڊ، عطر ۽ قيمتي پٿرن جو سودو هليو ٿي. چوماسي وارين هوائن ۾ ايران، عربستان، هندستان ۽ آفريڪا کان (جون ۽ نومبر جي وچ ۾) ٻيڙا ڪيداح پهتا ٿي ۽ ڊسمبر ۽ مئي جي اندر روانا ٿي ويا ٿي. ڪيداح ۾ جهاز (ٻيڙا) هلائيندڙن توڙي مسافرن، سوداگرن جي رهائش لاءِ انتظام، نوڪر چاڪر، بار کڻڻ وارا مزور، ننڍيون ٻيڙيون ۽ raft، گهوڙا، هاٿي ۽ اندروني ملڪ مال موڪلڻ وارا ٽرانسپورٽر هر وقت موجود رهندا هئا.
    يعقوبي پنهنجي سفرنامي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”چين پهچڻ لاءِ پنجون سمنڊ سلاهت (Salahit) هو. هي سمنڊ تمام وڏو آهي ۽ ان جي عجيب شين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي....!“
    (يعقوبيءَ جنهن سمنڊ سلاهت جي ڳالهه ڪئي آهي ان کي اڄ ڪلهه سنگاپور جو ڳچي سمنڊ سڏجي ٿو جيڪو 105 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 16 ڪلوميٽر ويڪرو آهي جنهن جي اولهه ۾ ملاڪا جو ڳچي سمنڊ آهي ۽ اوڀر ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ آهي. اتر ۾ سنگاپور ٻيٽ آهي ۽ ڏکڻ ۾ ريائو نالي ملئي ٻيٽ آهي).
    ”ڇهون سمنڊ ڪاردنج (Kardanj) آهي جتي هر وقت بارش ٿيندي رهي ٿي ۽ ستون سمنڊ سانجي (Sanji) آهي جيڪو ڪانجلي به سڏجي ٿو. هي چين جو سمنڊ آهي جنهن ۾ پهچڻ سان هوائون ٻيڙن کي ڪناري ڏي ڌڪين ٿيون ۽ اڳتي مٺي پاڻي جي خليج ۾ پهچيو وڃجي جتان پوءِ قلعا، عمارتون ۽ شهر نظر اچڻ لڳن ٿا ۽ آخر خانفو (Khanfu) بندرگاهه ۾ پهچيو وڃجي.......“
    يعقوبي پنهنجي نائين صديءَ واري سفرنامي ۾ جنهن ڪاردنج نالي سمنڊ جو ذڪر ڪيو آهي اهو خليجِ سيام آهي جيڪو هاڻ خليج ٿائلينڊ سڏجي ٿو، هن سمنڊ جي چوڌاري ڪمبوڊيا، ٿائلنڊ ۽ ويٽنام اچي وڃن ٿا. هن خليج (سمنڊ) جو اتراهون حصو خليج بئنڪاڪ سڏجي ٿو جيڪو چائو فرايا ندي (Chao Phraya) جي ڇوڙ وارو حصو آهي. ٿائلنڊ جي گاديءَ جو شهر ۽ وڏو بندرگاهه بئنڪاڪ هن نديءَ اندر ائين آهي جيئن سنڌو نديءَ اندر ڪوٽڙي جو بندرگاهه آهي. يعني هو، جڏهن سنڌونديءَ ۾ پاڻي هو ۽ هيءَ ندي ملتان تائين Navigiable (آمدرفت لائق) هئي.
    ايراني نار کان چين پهچڻ لاءِ يعقوبيءَ جنهن ستين سمنڊ جو نالو کنيو آهي اهو سانجي سمنڊ آهي جيڪو دراصل ڏکڻ چيني سمنڊ (South China Sea) آهي. ڏکڻ چيني سمنڊ پئسفڪ وڏي سمنڊ جو ائين حصو آهي جيئن اسان جو ڪراچي وارو عربي سمنڊ هندي وڏي سمنڊ جو حصو آهي. جنهن بندرگاهه خانفو جو يعقوبي ذڪر ڪيو آهي اهو اڄ وارو شهر ڪئنٽن آهي. خانفو کي عرب ليکڪن خانقو به سڏيو آهي. پهريان يورپي پورچوگالي هئا جيڪي سمنڊ رستي هن شهر ڪئنٽن (Guangzhou) 1511 ۾ پهتا. بلڪ هنن ئي هن چيني بندرگاهه گئانگزاهو جو پنهنجي زبان ۾ نالو Cantao (ڪئنٽائو) رکيو جيڪو پوءِ ڪئنٽن ٿيو. بهرحال پورچوگالي يا ٻيا يورپي ۽ انگريز هن پاسي سورهين صديءَ ۾ آيا پر عرب سوداگر سليمان ۽ مشهور مسلمان ناکئي ابوزيد جي احوال مان اهوئي معلوم ٿئي ٿو ته عرب ۽ ايراني ناکئا ۽ واپاري اٺين صديءَ جي آخري سالن کان وٺي چين پهچڻ لڳا هئا. هنن جا ٻيڙا ايراني بندرگاهه سيراف ۽ عراقي بندرگاهه بصري مان نڪرندا هئا ۽ يعقوبي وارا مٿي بيان ڪيل ست سمنڊ اورانگهي چين جي هن اڄ واري بندرگاه ”ڪئنٽن“ ۾ پهچندا هئا جيڪو ان وقت خانفو (Khanfu) سڏبو هو. دراصل چيني ماڻهو هن بندرگاهه کي ”پان يو“ يا ”فان يو“ سڏيندا هئا پر پوءِ عربن جي زبان تي ”خان فو“ ئي اچڻ لڳو. ڪن عرب تاريخدانن چين جي هڪ ٻئي شهر خومدا جو به ذڪر ڪيو آهي ته عرب نه فقط خانفو شهر لاءِ سامان آڻيندا هئا پر اندروني چين جي شهر خومدا لاءِ پڻ، جيڪو خانفو کان ٻن مهينن جي پنڌ تي هو. ٿي سگهي ٿو هي شهر اڄ وارو پيڪنگ هجي يا شنگهائي........ يا وري دئرين به ٿي سگهي ٿو جتي پڻ ان زماني کان مسلمان رهن ٿا. ايتري قدر جو دائرين شهر ۾ مسلمانن لاءِ حلال گوشت جي مارڪيٽ ئي الڳ آهي.


    جپان کي هڪ هزار کان مٿي بندرگاهه آهن

    جپان جو اڄ ڪلهه بادشاهه هيروهتو آهي جو جپانين لاءِ ديوتا جي حيثيت رکي ٿو ۽ بادشاهن جي ان ڊگهي زنجير جي 124 هين ڪڙي آهي جنهن جي پهرين ڪڙي ”جيموتينو“ اڄ کان ٻه هزار ڇهه سو سال اڳ جپان جي تخت تي ويٺو ۽ اها بادشاهت پشت درپشت هلندي اچي.
    جپانين جي مئٿالاجي مطابق جڏهن ڌرتي ۽ آسمان ٺهيا، ته ڪيترائي ديوتا ۽ ديويون پڻ پيدا ٿيون. انهن مان هڪ ديوتا ايزاناگي ۽ ديوي ايزانامي پڻ هئا جن گڏجي جپان جي ٻيٽن کي جنم ڏنو. ايزانامي پوءِ مري وئي ۽ ايزاناگي هڪ ڏينهن جيئن ئي اکيون ۽ نڪ ڌوئي رهيوهو ته ٽي ديوتا پيدا ٿي پيا. سج، چنڊ ۽ طوفان. اسان جو واسطو فقط سج سان آهي جو سج دراصل ”اماتيراسواومي“ ديوي (ڪامي) هئي جنهن جو اولاد (اڄ جو بادشاهه هيروهتو پڻ) ڇهه سو قبل مسيح کان هلندو اچي. سندس پوٽو جيموتينو پهريون انساني روپ ۾ فاني ديوتا هو جنهن کي جپان جي شهنشاهيت سونپي وئي.
    1940ع ۾ جپان ۾ شهنشاهه هيروهتو جي محلات اڳيان هڪ وڏو جشن ملهايو ويو جنهن ۾ پنجاهه هزار کان مٿي جپانين حصو ورتو. اها دراصل ڇهويهين ”جيموتينو“ جي تاجپوشي جي سالگره هئي، جا هر سو سالن بعد ملهائي وڃي ٿي.
    جپان جو سياسي ڍانچو انگلينڊ جيان آهي. ٻي جنگ عظيم کان پوءِ (جنهن ۾ جپان هارايو)، نئين آئين هيٺ ليجسليٽو، انتظاميه ۽ Judicial اختيارات الڳ الڳ ڪيا ويا. هاڻ ليجسليٽو اختيارات ڊائيٽ (Diet) جي هٿ ۾ آهن ۽ Judiciary سپريم ڪورٽ جي هٿ ۾ ۽ انتظاميه ڪئبينيٽ جي.
    شهنشاهه هيروهتو کي فقط عزت ۽ پيار جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو جيئن انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ کي ۽ هن وانگر بادشاهه سڌي طرح قانون يا انتظاميه وغيره ۾ ڪابه دخل اندازي نٿو ڪري.
    جپان جي Diet ٻن حصن ۾ آهي. هڪ ”هائوس آف رپريزنٽيٽو“ ۽ ٻيو ”هائوس آف ڪائونسلرس“ ٻنهي هائوسن جا ميمبر ووٽن ذريعي عام ماڻهو چونڊين ٿا جپان ۾ هر ويهن سالن کان مٿي عمر جي عورت توڙي مرد کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي.
    هائوس آف Representatives جا اختيارات ٻئي هائوس کان گهڻا آهن ان ڪري چونڊ وقت قوم جون نظرون هائوس آف رپريزنٽيٽو ڏي هونديون آهن. جيڪا پارٽي کٽيندي آهي ان جو اڳواڻ وزيراعظم ٿئي.
    جپان ۾ پرائيم منسٽر جي ڪئبينيٽ ٻارهن وزيرن تي مشتمل هوندي آهي جن وٽ الڳ الڳ کاتا ٿين، ان کانسواءِ چار اسٽيٽ منسٽر پڻ وزيراعظم چونڊيندو آهي. ڪورٽ کي آئين هيٺ پوري پوري حفاظت ۽ اختيارات ڏنا ويندا آهن ته هن جي فيصلن ۾ ڪئبينيٽ يا ڊائيٽ ڪنهن به قسم جي هٿ چراند نه ڪندي.
    ٻي جنگ عظيم کان پوءِ آمريڪن جو جپان تي سڌي يا اڻ سڌي طرح قبضو آهي ۽ ان تحت جپان فوج نه ٿو رکي سگهي. جپان جي سلامتي لاءِ آمريڪا ٻڌل آهي. هڪ اهو به سبب آهي جو جپان جو گهڻو پئسو ٻين ملڪن وانگر فوجي طاقت ۽ بارود پٺيان نٿو ضايع ٿئي. بلڪ جپاني پئسو ۽ ماڻهن جو دماغ هاڻ ڪروکيتر بدران معاشي ميدان ۾ رڌل رهي ٿو. هاڻ مڙيئي آهستي آهستي اڄ ــ ڪلهه جي نئين ٽهي ان لاءِ رکي رکي زور لڳائي رهي آهي ته اسان کي پنهنجي فوج هجڻ کپي. ٻي جنگ عظيم جا جپاني هيرو جن کي جنگ ۽ بربادي جا ذميوار ٺهرائي نفرت ڪئي ٿي وئي سي هاڻ وري قوم پرست ۽ محبوب ٿيندا وڃن. منچوريا ۽ پرل هاربر تي حملو جائز نظر اچڻ لڳو آهي. ۽ ههڙي محنتي، ترقي يافته ۽ بهادر قوم کي اڄ جي وري جنگي ساز سامان ۽ فوج رکڻ جي موڪل ڏني وڃي ته ڏسندي ئي ڏسندي اهي جنگي جهاز، توبون ۽ بم بارود ٺاهي ڏيکارين جو باقي دنيا کي ڀڄڻ جو واه نه ملي!
    جپان نه ته پاڪستان، ايران يا افغانستان وانگر ايشيا کنڊ جي ڌرتيءَ جو ٽڪرو آهي ۽ نه وري سري لنڪا يا سنگاپور وانگر هڪڙو ٻيٽ آهي. جپان فلپين، انڊونيشيا ۽ مالديپ وانگر ٻيٽن جو جهڳٽو آهي. جپان جا چار ته تمام وڏا ۽ اهم ٻيٽ آهن. هڪيدو، هونشو، شڪاڪو ۽ ڪيوشو. اهي چار ئي ٻيٽ هڪ ٻئي جي ويجهو آهن. انهن جي هيٺيان ڏکڻ ۾ اٽڪل سو ميلن ۾ جپان جا ريوڪو ۽ اوڪيناوا نالي ٻيٽ آهن. ان کان علاوه جپان جي مٿين چئن ٻيٽن جي ارد گرد سوين ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن جن مان ڪيترا ته ويران آهن ته ڪي فقط ٻه کٽون رکڻ جيڏا آهن. ائين سمجهو ته ڪا چينيءَ جي پليٽ فرش تي هڻجي ته ان جا چار وڏا ٽڪر مٿيان ٻيٽ ٿي پون باقي سنهي ڀُرڪٽ ننڍا ننڍا ٻيٽ ٿيا.
    جپان کي ٽن طبقن جي حڪومت آهي. هڪ نئشنل، ٻي پريفيڪچرل ۽ ٽين ميونسپل. سڄو جپان 47 پريفيڪچرن ۾ ورهايل آهي ۽ هر پريفيڪچر ۾ ڪيتريون ئي ميونسپالٽيون اچن ٿيون. جپان ۾ اهي چئن قسمن جو ميونسپالٽيون آهن: سٽي ميونسپل، ٽائون ميونسپل، وليج ميونسپل ۽ اسپيشل وارڊ ميونسپل. ٽوڪيو شهر ”سٽي“ بدران پريفيڪچر سمجهيو وڃي ٿو جنهن ۾ 23 اسپيشل وارڊ آهن. هي وارڊ جپانيءَ ۾ ڪُو (Ku) سڏجن ٿا. ۽ ٽوڪيو جو هرهڪ ڪُو (وارڊ) سٽيءَ جي حيثيت رکي ٿو.
    جپان جا هي ٻيٽ پئسفڪ وڏي سمنڊ (Ocean) ۾ اچن ٿا پر پئسفڪ سمنڊ جو اهو حصو جيڪو جپان جي چئن وڏن ٻيٽن جي اردگرد آهي اهو جپان جو سمنڊ (Sea of Japan) سڏجي ٿو. جپان جي نقشي ۾ ڏسندئو ته جپان جو هڪ وڏو ٻيٽ هڪيدو بلڪل الڳ ٿلڳ اتر ۾ آهي. ڏکڻ ۾ جتي اهو ختم ٿئي ٿو اتان جپان جو ٻيو ٻيٽ هونشو شروع ٿئي ٿو. جيڪو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي. جنهن ۾ ٽوڪيو، ڪيوٽو، يوڪوهاما، چيبا، اوساڪا، ڪوبي، هيروشيما، نگاتا ۽ سڪاتا جهڙا اهم شهر اچي وڃن ٿا. هي ٻيٽ هيٺ ڏکڻ اولهه ۾ جتي ختم ٿئي ٿو اتي ”جگ سا“ پزل وانگر ڪيوشو ۽ شڪاڪو ٻيٽ هڪ ٻئي سان ٺهڪيا پيا آهن جن جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ آهي ان کي جپاني ”سيتو نائڪائي سمنڊ“ سڏين ٿا ۽ اسين ڌاريا انگريزي لفظ Inland Sea استعمال ڪريون ٿا. هي سمنڊ تمام اهم آهي جيڪو ڊيگهه ۾ 450 ڪلوميٽر آهي ۽ ويڪر ۾ 15 کان 55 کن ڪلوميٽر آهي. جتي جپان جو ٻاهريون سمنڊ سال جو وڏو حصو مڇريل رهي ٿو ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن جون وايون بتال ڪري ٿو اتي هي Seto Naikai يعني اندريون سمنڊ ٻاهرين سمنڊ جي ڀيٽ ۾ بهتر سمنڊ آهي. پر اهڙو به بهتر ناهي جو ٻاهر لڳندڙ طوفانن جو اثر هن اندرين سمنڊ تي به پوي ٿو ۽ ٻيو ته هن اندرين سمنڊ اندر تمام گهڻا ٻيٽ آهن جن مان ڪي نظر اچن ٿا ته ڪي وڏي وير مهل سمنڊ اندر غائب ٿيو وڃين ۽ جهاز هلائيندڙ جي ٿوري ڪوتاهي به جهاز کي پرزا پرزا ڪري سگهي ٿي. ان کان علاوه هن اندرين سمنڊ ۾ ٻاهر جي نسبت تمام گهڻو ڌنڌ رهي ٿو. پر اهو آهي ته ڪلاڪ ٻن جي سفر بعد ڪونه ڪو بندرگاه اچيو وڃي ۽ اسان کي ڏينهن ٻه بلڪ ڪڏهن ته هفتو کن ان بندرگاه ۾ گهمڻ ڦرڻ جو موقعو مليو وڃي. ٽرين ۽ بس ذريعي ٻين شهرن ۾ پهچيو وڃون. ياماگچي، هيروشيما، اوڪاياما، فڪوئوڪا جهڙا ڪيترائي اهم بندرگاه جپان جي هن اندرين سمنڊ ۾ آهن.
    جيستائين بندرگاهن جو سوال آهي ته منهنجي خيال ۾ ته آمريڪا کي به ايترا بندرگاه نه هوندا جيترا جپان کي آهن. سرڪاري انگ اکرن مطابق جپان ۾ 1020 بندرگاه آهن جن مان 106 اهم بندرگاه آهن جن مان 22 اهڙا بندرگاه آهن جيڪي خاص مقصد لاءِ استعمال ٿين ٿا. اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جا جهاز هڪ ته ٽوڪيو ۽ ۽ ان جي ڀرواري بندرگاه يوڪوهاما ۾ اچن ٿا. اڳئين دفعي جنهن جهاز کي هن پاسي وٺي آيا هئاسين ته ان وقت هن پاسي جي هڪ ٽئين ڀرواري بندرگاه چيبا ۾ به ويا هئاسين. اهي ٽئي بندرگاه ائين آهن جيئن خيرپور، سکر ۽ روهڙي. اهڙي طرح هن ساڳي ٻيٽ هونشو ۾ ٻه ٻيا ويجها ويجها بندرگاه ڪوبي ۽ اوساڪا آهي. اتي به اسان جا جهاز ويندا رهن ٿا. اسان پاڪستانين لاءِ ڪوبي بندرگاه وڌيڪ بهتر آهي جو هتي مسجد ڪري ڪيترن ئي مسلمانن ملڪن جا ماڻهو آهن. هندو سنڌين ۽ سکن کان علاوه جپانين جا به ڊيوٽي فري دڪان آهن جتان جهاز وارا خريداري ڪن ٿا. سيڪنڊ هئنڊ ۽ سستين شين جا به ڪيترائي دڪان آهن. اوساڪا ۽ ٽوڪيو جي وچ ۾ هن ئي ٻيٽ تي وڪاياما ۽ نگويا بندرگاهن ۾ به هر دفعي اسان جو جهاز وڃي ٿو. يوڪوهاما ۽ نگويا جي شپ يارڊن ۾ اسان جي جهاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ به ٿئي ٿي. ڪڏهن هيروشيما به وڃون ٿا ۽ جڏهن به ڪوريا وڃڻو هوندو آهي ته اتي جي بندرگاهن سيول، انچان يا پوسان ۾ وڃڻ کان اڳ يا پوءِ جپان جي بندرگاهن شمنوسيڪي، ڪيٽا ڪيوشو يا فڪوئوڪا ۾ پڻ وڃڻ ٿئي ٿو. پوءِ ڪڏهن سامان لاهڻ يا چاڙهڻ لاءِ ته ڪڏهن جهاز جي مرمت لاءِ. شمنوسيڪيءَ ۾ تمام وڏو شپ يارڊ آهي. جتي اسان جي جهاز کي Repair لاءِ ڪراچي جي هيڊ آفيس طرفان آرڊر ايندا آهن.


    آئون رنڊي ضرور آهيان، پر.........

    دنيا جي ٻين ملڪن وانگر جپان جي رات جي زندگي پڻ گوناگون دلچسپين سان پُر آهي. ٻين شين ۾ جي جپان گوءِ کڻي ويو آهي ته ان ۾ به پٺتي رهيل نه آهي. پر اهي دلچسپيون گهڻو ڪري سڀ مردن لاءِ مهيا ڪيون ويون آهن. آمريڪا جي نائيٽ لائيف وانگر نه ته زال مڙس ٻئي، (ڪئبري ڊانس هجي يا جئز ميوزڪ) گڏ گڏ لطف اندوز ٿين ٿا.
    جپان جي گهرو زندگيءَ ۾ پڻ عورت جو اڃان تائين ٻين مشرقي ملڪن جي عورتن جهڙو حال آهي. مرد جي خذمت ۾ سڄي زندگي گذارڻ. مهمان ايندو ته به مڙس ۽ مهمان اڳيان زال بيٺي پير ڪم ڪار لاءِ حاضر رهندي. روزمره جي زندگي ۾ به مڙس ايندو ته هوءِ ان جو ڪوٽ يا بوٽ لهرائيندي. مڙس وهجندو ته به زال اسپنچ کڻي پٺي مهٽيندس. ايتري قدر جو مڙس جي خوشيءَ لاءِ خود پنهنجن هٿن سان کيس تيار ڪري گيشاگهر موڪليندس.
    جيتوڻيڪ جپاني عورتن لاءِ ڌارين جي واتان مٿئين قسم جي تعريف تي مشيا يوڪيو جهڙي جپاني نئشنلسٽ کي اعتراض به ٿئي ٿو ۽ بقول هن جي ته اسان ڌاريا ميخانن، هوٽلن ۽ گيشا گهرن ۾ جپاني ڇوڪرين کي فرمانبردار ڏسي سمجهون ٿا ته جپاني زالون بيحد چئيوان ۽ مڙس جي خدمت ۾ پنهنجو جواب پاڻ آهن. پر ائين نه آهي. ”ڌارين کي خاص ڪري آمريڪين کي اهو به معلوم هئڻ گهرجي ته جپان ۾ پڻ ڪي زالون زالن جهڙيون آهن.“ هن هڪ مضمون “Party of One” ۾ لکيو آهي، ”آئون هڪ شادي شده جپاني زال کي سڃاڻان جيڪا ”تانگي سازين“ جي نالي سان مشهور آهي. (تانگي سازين هڪ مشهور ساموري پهلوان ٿي گذريو آهي جنهن جي هڪ اک ويڙهه ۾ ناس ٿي ويئي هئي) هن زال کي دير سان اٿڻ جي پِٽَ آهي. ڪڏهن به تيسين بستري جي پچر نه ڇڏيندي جيسين سندس مڙس پاڻ اٿي، هٿ منهن ڌوئي، نيرن تيار ڪري، کائي ڪم تي نه نڪري. آفيس وڃڻ وقت جڏهن مڙس بيڊروم جي دروازي اندر منهن وجهي کيس خدا حافظ چوندو آهي ته ان وقت هيءَ راڻي صاحبه وڏي مشڪل سان فقط هڪ اک کولي کيس جواب ۾ ”سايونارا“ چئي وري سمهي رهندي آهي. ان هڪ اک کولڻ تي کيس چيڙائڻ جو نالو تانگي سازين (دجال) پيو آهي.“
    ”۽ جڏهن اسان جون جپاني زالون وهنجڻ جي ٽب ۾ اسان جا پٺا اچيو صاف ڪن ته اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي. اها ته هڪ معمولي Courtsy آهي. آمريڪا ۾ به مون ڏٺو آهي ته آمريڪن زالون سندن ڪتن جي پٺي صاف ڪندي خوشي محسوس ڪندوين آهن. پر آمريڪن زالون سندن مڙسن سان اهو رويو شايد ان ڪري نٿيون اختيار ڪن جو هو پنهنجن مڙسن ۽ ڪتن ۾ فرق رکڻ چاهين ٿيون ۽ اهڙي طرح پنهنجي مرد جي ڪتي کان وڌيڪ عزت ڪرڻ چاهين ٿيون.“
    بهرحال ڪجهه به هجي هڪ جپاني گائيڊ بڪ ۾ پڙهيو هوم ته جپان Raw Material (ڪچي مال ــ معدنيات، ڌاتو، پوک، تيل وغيره) ۾ جيتوڻيڪ غريب آهي پر Men Power ۾ بيحد امير آهي. ٽوڪيو جي رات جي زندگي ڏسي هرڪو ائين چوندو ته جپان مئن ــ پاور کان به وڌيڪ Women Power ۾ شاهوڪار آهي.
    جپان جو وڏي ۾ وڏو شهر ٽوڪيو ــ جنهن سان ٻاهران ايندڙن جو گهڻو واسطو رهي ٿو جتي سڄو ڏينهن صبح کان شام تائين آفيسن، دڪانن، ريلوي اسٽيشن ۽ پارڪن ۾ ڄڻ ماڻهن جي ٻوڏ آيل رهي ٿي اتي شام ٿيڻ تي به ان ۾ ذري جي به ٺاپر نٿي اچي. جيئن ئي ڏينهن ختم ٿئي ٿو ته هڪ ٻي دنيا سجاڳ ٿئي ٿي ۽ سوين هزارين بارن، گيشاگهرن، مئخانن، ٿيئٽرن ۽ سئنيمائن جون بتيون ٻري وڃن ٿيون. فقط گنزا (جيڪا ٽوڪيو جي سمجهو ته ايلفي، پڪاڊلي، ٽائيمس اسڪائر يا سينٽ پولي آهي)، ۾ پنجاهه کان مٿي سئنيمائون ۽ ٿيٽر آهن ۽ هزار کان مٿي بار آهن چين ۾ مائوءَ جي انقلاب کان پوءِ ماڻهن جون شنگهائيءَ جون سڪون اڄڪلهه ٽوڪيو ٿو لاهي. جيتوڻيڪ هاڻ ڏينهون ڏينهن منيلا، بئنڪاڪ ۽ ڪوريا جو سيول، ٽوڪيو کي به پٺتي ڌڪيندو وڃي. جتي هرقسم جي دلچسپي ــ ناچ گاني ۽ عورت جي عارضي رفاقت کان قسمن قسمن جي کاڌن سان سڄي ڏينهن جو ٿڪل جپاني يا ڌاريو دل وندرائي سگهي ٿو. سون جي تعداد ۾ چمڪندڙ ۽ ڳري ڪمونو ۾ گيشا گرلز (Geisha Girls) کان هلڪي ڦلڪي لباس ۾ عام رواجي بار گرلز ۽ خدمت گار ڇوڪريون (هوسٽسون) ڪلبن ۽ گهٽين ۾ وڏين کڙين وارن سئنڊلن ۾ ڦرنديون نظر اچن ٿيون جتي امير پنهنجي همت ۽ توفيق آهر هنن سان شراب يا شباب، ٻنهي جو سودو ڪندي نظر اچن ٿا.
    ڪو سوچي به نٿو سگهي ته ٽوڪيو ۾ هڪ ئي وقت ايتريون نوجوان ڇوڪريون پنهنجي زندگي ائين بسر ڪن ٿيون! هر بار ۾ نه فقط بار مئڊ پر اڌ اگهاڙي لباس ۾ انيڪ بار هوسٽسون آيل مهمانن سان گفتگو ۾ رڌل ملنديون. ڪي ته اهڙا به ڊانس هال آهن جن ۾ ايتريون ته ڇوڪريون ڪم ڪن ٿيون جو گراهڪ اچڻ تي کين خاص نمبر سان لائوڊ اسپيڪر تي سڏيو وڃي ٿو. هڪ ٿيٽر ۾ ته ڊرامي جي ٻن ائڪٽن جي وچ ۾ رکيل ساهيءَ ۾ پوريون سو اُگهاڙيون ڇوڪريون ناچ ڏيکارين ٿيون. جيئن نيويارڪ جي ”سٽي هال“ ۾ فلم جي انٽرول ۾ بڪنين ۾ ٻه سو کان مٿي ڇوڪريون قدم قدم سان ملائي ناچ ڪن ٿيون.
    ٻي جنگ عظيم جي هڪ قيدي لورينس ويجهڙائي ۾ هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته هن جو ٽوڪيو ۾ هڪ اهڙي بار ۾ وڃڻ ٿيو جنهن ۾ بار گرلز ملٽري يونيفارم ۾ Serve ڪن ٿيون ۽ ان بار ۾ آيل گراهڪن کي خرچ ڪرڻ مطابق ڪارپورل کان فيلڊ مارشل ۽ ائڊمرل تائين رئنڪن سان سڏيو وڃي ٿو.
    نه فقط ايترو پر انهن هوٽلن ۽ بارن پٺيان انهن عورتن جي هڪ ٻي دنيا به آهي جتي هو کلي عام پنهنجو جسم پڻ وڪڻن ٿيون.
    هڪ ڏينهن سمنڊ تي ويس ته هڪ جپاني ڇوڪريءَ کي ٻن جهازين سان بحث ڪندي ڏٺم. ڇوڪري انهن سان نه گڏ هلڻ لاءِ ڪري رهي هئي ۽ هي ٻئي همراه هن کي ٻانهن کان جهلي جهاز تي هلڻ لاءِ چئي رهيا هئا. جتي هنن سان هوءَ پهرين به ٻه ــ چار دفعا وڃي چڪي هئي. جهازي يوناني يا فرينچ هئا ۽ انگريزي سمجهي سگهيا ٿي. کين مون چيو ته معاف ڪجو ڇا توهان اهو محسوس ڪريو ٿا ته هيءَ ويچاري توهان کي منٿون ڪري رهي آهي ته اڄ رات هن کي ڇڏي ڏيو.“
    جپاني ڇوڪريءَ غلط فهمي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ٻڌايو ته ” هنن جهازين جو به ڏوهه ناهي جو آئون هنن سان روز رات جو ويندي آهيان. پر هنن مانوارن ڌارين مردن کي هڪ غلط فهمي آهي.“ هن معافي وٺندي وڌيڪ چيو ته ”جيتوڻيڪ اهو هن جوئي ڏوهه آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هوءِ هڪ رنڊي آهي جنهن جو جسم هرڪوئي خريد ڪري سگهي ٿو. پر هوءَ هفتي جا ٻيا سڀ ڏينهن ته رنڊي ضرور آهي. سواءِ اربع جي. ۽ اڄ اربع آهي ۽ اڄ جي رات هن جي پنهنجي آهي.“
    اربع تي، هن شان سان ٻڌايو، هن جو وجود هن لاءِ ئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڄ هوءَ دير سان ننڊ مان اٿي، مندر ۾ ويئي، ان کان پوءِ باغ ۾ وڃي گلن ۽ ٻوٽن کي ڏٺائين ۽ قدرت جو اڀياس ڪيائين. شام جو مزي سان پبلڪ باٿ ۾ سنان ڪري جيتوڻيڪ سادو پر پنهنجي پسند جو وڳو ڪڍي پاتائين، ان بعد هوٽل ۾ آمريڪن گانا ٻڌائين ۽ پوءِ فرينچ کاڌو کائي هاڻي گهر وڃڻ کان اڳ هوءَ سمنڊ جي ڪناري تي جهاز جي بتين جا سمنڊ ۾ پوندڙ اولڙا ۽ خاموشي سان لطف وٺڻ آئي هئي. ”سو اميد ته هي عزت وارا منهنجا گراهڪ منهنجي اها ڳالهه سمجهي مون کي اڄ رات لاءِ معاف ڪندا جو اڄ رات آئون ڪيتري به پئسي، لالچ يا زور زبردستي تي وڪامي نٿي سگهان.“
    ”سڄو هفتو،“ هن پنهنجي نازڪ ڏسڻي آڱر پنهنجي دل جي مٿان رکندي چيو، ”آئون Sex-Machine آهيان پر اڄ رات آئون مس تاماڪو آهيان.“
    اهو چئي هوءَ اتي ئي بيٺي رهي. سندس اکين ۾ چمڪ هئي سندس نالي جهڙي، جنهن جي معنيٰ ”ماڻڪ“ آهي.
    ”پليز هن کي ٻڌاءِ،“ يورپي جهازين چيو، وي آر ويري ساري. اسان کان غلطي ٿي.“
    مٿيون ذڪر ڪرڻ مان منهنجو مقصد فقط هي آهي ته جپان جي تهذيب تمدن بابت اها ڳالهه واضح ڪريان ته جپان ۾ گهڻو ڪري هرهڪ جي زندگي ورهايل آهي. ضروري ناهي ته آفيس ۾ توهان سان گڏ کلي ڪم ڪندڙ دوست آفيس کان ٻاهر جي زندگي ۾ به دوست رهي. توهان جي ڪا ڪيتري به سٺي گرل فرينڊ هجي يا مڱيندي، هوءَ ڪنهن مندر يا پارڪ ۾ دماغ کي يڪجا ڪري سوچ ۽ فڪر ۾ ويٺي عبادت ڪري. ان وقت توهان کڻي پهچي وڃو، ته به هن لاءِ ان وقت توهان ڪابه حيثيت نٿا رکو ۽ هن جو ان وقت توهان سان ڪوبه سروڪار نه رهندو.
    مغرب ۾ عيسائي Tradition مطابق لذتون يا عياشي، مزو يا Pleasure بلڪل صاف صاف طرح ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: جسماني ۽ روحاني، پر جپاني تهذيب ۾ جسماني ۽ روحاني لذتون انڊلٺ جي رنگن وانگر نه فقط انيڪ آهن پر هڪ ٻئي ۾ اهڙو ته ڳتيل آهن جو ڪڏهن ڪڏهن خبر نٿي پوي ته هڪ جي حد ڪٿي ختم ٿي ۽ ٻي ڪٿان شروع ٿي. اهڙي طرح جپان ۾ خذمت گار ڇوڪريون مختلف خذمتن ۽ Pleasures لاءِ ضرور آهن پر هرڪا پنهنجي ڳالهه ۾ هنرمند آهي. اهوئي سبب آهي جو جپانين کي اها بلڪل ڳالهه نٿي وڻي ۽ ڪيترن کي ته ڏک به ٿئي ٿو جڏهن جپان ۾ ايندڙ ڌاريا، گيشا گرلز جي خذمتن کي بار گرل يا رنڊيءَ جي پورهئي سان مڪس اپ ڪن ٿا.


    جپان جون گيشائون ڪير آهن.....

    اڳئين مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته جپان ۾ ايندڙ ڌاريا جپان کي پنهنجي ملڪ ۽ تهذيب جي خيال کان پرکڻ ڪري ڪيترين ڳالهين ۾ غلط فهميءَ جو شڪار ٿين ٿا. انهن ڳالهين مان هڪ جپان جي گيشائن جو مثال آهي. جنهن جي چمڪ ڌمڪ وارن ڪپڙن ۽ ڳري ميڪ اپ ڪري ڌاريا ماڻهو گيشائن کي جسم وڪڻڻ واريون رنڊيون سمجهن ٿا. جيتوڻيڪ اها ڳالهه ناهي. گيشائون نه فقط قابل فنڪار ۽ ڪيترن ئي هنرن جون ماهر ٿين ٿيون پر عام معلومات جون به ڄاڻو ٿين ٿيون. هو اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ اعليٰ قسم جي ادب وآدب کان واقف ٿين ٿيون.
    گيشا جي لفظي معنيٰ آهي ”هنر ڄاڻندڙ“ ۽ هنن جو ڪردار اُمرائو جان ادا وانگر آهي جن وٽ هندستان ۾ ڪنهن زماني ۾ شرفاءِ ۽ شهزادا تهذيب سکڻ ۽ دل وندرائڻ ويندا هئا. گيشاگرل ڳائڻ، نچڻ، ڳالهائڻ، کارائڻ پيارڻ وغيره جي نزاڪت ۽ ٻين هنرن (Fine-Arts) جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکي ٿي، جا هوءَ سالن جي تربيت ۽ سکيا بعد حاصل ڪري ٿي، جيئن گيشاگهر ۾ ايندڙ مهمانن جي هوءَ دل موهي ۽ وندرائي. ٻين هنرن سان گڏ پيار محبت جي ادائن ۽ طور طريقن کان به گيشاگرل ناواقف ناهي ۽ بقول ابنِ انشا جي ان معاملي ۾ ڪوبه جيترو ڳُڙ وجهندو اوترو معاملي کي مٺو ڪري لطف ۽ صحبت کي جهول ۽ اونهائي بخشي سگهندو. پر ان هوندي به هن (گيشاگرل) کي رنڊي يا طوائف نٿو سڏي سگهجي. حقيقت ۾ ته ان خيال کان جپان ۾ رنڊيءَ کي به پنهنجي ڌنڌي ۾ واپاري قسم جو ماڻهو نٿو سڏي سگهجي. جپاني ادب ۾ ارڙهين صديءَ جا تقريبا سڀ طربيا ڊراما لوڪ ڪهاڻيون رنڊيءَ ۽ گراهڪ جي عظيم ۽ لافاني محبت جي بنياد تي اڏيل آهن ۽ ڪيترا جپاني انهن سون هزارن بارن کي، جن مان هرهڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه ڇوڪريون ڪم ڪن ٿيون، اڄ به جذباتي تعليم سکڻ جا اسڪول سمجهن ٿا ۽ عشق ۽ شادي الڳ الڳ شيون سمجهن ٿا.
    گيشاگرل پهرين ڪجهه عرصي لاءِ مائيڪو (رنگروٽ) رهي ٿي ۽ مڪمل گيشاگرل سان گڏوگڏ سکيا وٺي ٿي. هڪ گيشاگرل جيڪا سترهن سالن جي هئي تنهن ٻڌايو ته هوءَ ڇهن سالن جي هئي ته ڊانس جا سبق وٺڻ شروع ڪيائين. تازو ٻه سال اڳ جڏهن هن جونئر هاءِ اسڪول مان تعليم پوري ڪئي تڏهن مائيڪو ٿي ۽ پوءِ هن ڳائڻ سکيو. وار ٺاهڻ ۽ اِڪيبانا (گلدستي ۾ گل سينگارڻ) سکي ۽ گيشا ماستر وٽ ڊراما ۽ ائڪٽنگ سکي.
    بهرحال هڪ گيشاگرل جي سکيا تمام ڏکي ۽ وقت وٺندڙ آهي. ”اڄ تائين روز صبح جو ڳائڻ جو رياض ڪندي آهيان ۽ منجهند کان منهنجي ڊيوٽي ڄڻ شروع ٿئي ٿي. ميڪ اپ ۽ ڪپڙن پائڻ تي گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪلاڪ لڳيو وڃن. ان ڪم لاءِ هڪ اوناگوشي (گيشا ڊريسر) منهنجي مدد ڪندو آهي تڏهن هيءَ گيشائن واري ڏکي ڊريس پائي بس ڪندي آهيان. جنهن ۾ ٽي عدد ڪمونو ۽ يارهن کن بيلٽ ۽ ربينون اچي وڃن ٿيون.“
    گيشا گرلز، گيشا گهرن ۾ آيل مهمانن (جن ۾ گهڻو تعداد جپانين جو ٿئي ۽ ڪيترن گيشا گهرن ۾ جپانين کان سواءِ ٻين کي اچڻ جي اجازت نه هوندي آهي) کي ڀر ۾ ويهاري نزاڪت ۽ تڪلف سان ماني کارائين، شراب پيارين ۽ ڳالهيون ڪن.
    مهمان پٽ تي وڇايل تاتاميءَ تي ننڍين ٽنگن واري ٽيبل جي چوڌاري ويهن. ماني کان پوءِ ٽيبل هٽائي راڳ ۽ ناچ جو پروگرام هلي. هڪ گيشاگرل جهڪي بئنجو جهڙو جپاني ساز ”ساميسين“ کڻندي ۽ ٻي گيشا ڪلاسيڪل ناچ ڪندي ــ جنهن کي سمجهڻ لاءِ به وقت ۽ ٽيسٽ کپي. باقي اسان جهڙو نئون يا ڌاريو اوٻاسيون ئي ڏيندو رهي ٿو.
    سچي ڳالهه ته اها آهي ته اڄڪلهه ڌاريا ته ڇا پرڪيترا جپاني نوجوان به گيشا جي هنر جو قدر نٿا ڪن. ڪي ته اهو به چون ته گيشا سسٽم يا رسم جپان ۾ ختم ٿيندو وڃي پر ڪن کي يقين آهي ته جيستائين جپان رهندو تيسين هي هنر قائم رهندو ۽ هن هنر جي ڄاڻو ڇوڪرين (گيشاگرلز) جي وجود کي ڪو خطرو ناهي. ۽ جپان جون هي فنڪارائون (گيشائون) هميشه تعريف ۽ عزت جي نگاهن سان ڏٺيون وينديون.
    جپاني لفظ گيشا جو انگريزي ترجمو Entertainer ڪيو وڃي ٿو يعني وندرائڻ واري. پر صحيح معنيٰ ۾ آرٽسٽ يعني فنڪار لفظ وڌيڪ موزون لڳي ٿو. گيشا لفظ ۾ ٻه ڪانجيون يعني شڪليون آهن. هڪ گي معنيٰ آرٽ ۽ ٻي شا معنيٰ ماڻهو يعني ڪرڻ وارو (doer) يعني گيشا اها عورت آهي جيڪا ڪيترن ئي ڳالهين کان واقف آهي. ڳائڻ وڄائڻ کان نچڻ ۽ چرچا ڀوڳ ۽ عام معلومات تائين. ان کان علاوه ويس وڳي پائڻ ۽ ميڪ اپ جي آرٽ کان کاڌو ۽ شراب پيش ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿي. وڏي ڳالهه ته هوءَ مرد جي، جيڪو هن جي مختصر رفاقت جي هن جي وڏي (گيشا گهر) جي انچارج عورت کي، ڳري في ادا ڪري ٿو، ان جي دل وندرائڻ ڄاڻي ٿي. جپاني ڪلچر موجب زالون ٻار ڄڻڻ، گهرن جو ڪم ڪار ڪرڻ ۽ رڌ پچاءُ ڪرڻ لاءِ آهن. رومانس يا دل وندرائڻ لاءِ هن قسم جون عورتون آهن. جيئن ڪيترائي سنڌي وڏيرا هيرا منڊيءَ جي ڳائڻين تي اڪن ڇڪن ٿين ٿا ۽ کين سندن زالن مان، بقول امرجليل جي هڪ افساني جي ڪردار جي، ڇيڻن ۽ پگهر جي ڌپ اچي ٿي تيئن هتي جي جپاني مڙسالن جو حال آهي جن جي ان قسم جي شوقن تي ويندي سندن زالن کي اعتراض نٿو رهي بلڪ ان کي Status Symbol ۽ مرد جي مردانگي سمجهيو وڃي ٿو ۽ هن جي تعريف ڪئي وڃي ٿي ته جپاني رئيس جو ايڏو سٺو ڌنڌو پيو هلي جو هو مهانگي کان مهانگي گيشا جي ساٿ جي ڳري ادائگي ڪري ٿو ۽ سٺ سالن جو پوڙهو ٿيڻ جي باوجود هو شهواني ڪمن ۾ ايڏو ته پهلوان مڙس آهي جو هر روز ڪنهن گيشا يا رکيڪ وٽ هن لاءِ وڃڻ ضروري آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اوڪييا (گيشا جي ڪوٺي) تي پهچي، ناس جي چپٽي نڪ جي ناسن حوالي ڪري، پٽ تي وڇايل تاتامي (تونئريءَ) تي اڪيلو سمهي رهي.
    هتي جي هڪ جپانيءَ ٻڌايوته سترهين صديءَ جي شروع ۾ گيشا مرد هوندا هئا جيڪي مسخرن ۽ ميوزيشن جو ڪردار ادا ڪري ماڻهن جي دل وندرائيندا هئا. ڪاليج جي ڏينهن ۾ 1960ع ۾ حيدرآباد جي نيومئجسٽڪ سئنيما هال ۾ جيري ليوس مزاحيه ائڪٽر جي هڪ فلم The Geisha Boy ڏٺي هئيسين. هيءَ فلم آمريڪا جي پئرامائونٽ پڪچرز ڪمپنيءَ 1958ع ۾ ٺاهي هئي. هن فلم ۾ وندرائڻ وارو جيري ليوس مرد هو.
    بهرحال ڏيڍ سو سالن بعد، اٽڪل 1750ع بعد جپاني عورتون گيشاطور ظاهر ٿيڻ لڳيون ۽ 1800ع ڌاري هن فيلڊ ۾ فقط عورتون ئي اچي ويون جن ڳائي، وڄائي ۽ نچي مردن جي دل وندرائي ٿي.
    جيڪي گيشا ٿيڻ چاهين ٿيون انهن کي ڪيترائي هنر سکڻا پون ٿا. نوجوان جپاني ڇوڪريون جيڪي گيشا ٿيڻ چاهين ٿيون اهي مڊل اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ ڪي ڇوڪريون ته ڪاليجي تعليم مڪمل ڪري ان بعد هن فيلڊ ۾ گهڙن ٿيون. ڪي ڇوڪريون ته Bonded Labourer جي حيثيت ۾ سندن مائٽ، گيشا گهرن (Okiya) حوالي تڏهن ڪن ٿا، جڏهن هو اڃان ٻار آهن. گهڻو ڪري ته گيشائن جون ڌيئرون ئي رکيون وڃن ٿيون. ٽريننگ دوران هو مائيڪو (Maiko) سڏجن ٿيون ۽ سندس گندي ڪپڙي، رهائش ۽ کاڌي پيتي جو خرچ گيشا گهر جي مالڪڻ ڪري ٿي جيڪو خرچ مائيڪو گيشا ٿيڻ بعد جيئن ئي ڪمائڻ شروع ڪري ٿي ته ان جي ادائگي شروع ڪري ٿي. پوءِ جڏهن هوءَ پنهنجو قرض لاهي پورو ڪري ٿي ته مالڪڻ طرفان هن کي آزادي ڏني وڃي ٿي ته هوءَ پنهنجو ڌنڌو پاڻ هلائي يا چاهي ته ڪو امير يار ڦاسائي ان سان وڃي شادي ڪري. بهرحال هي گيشائون پوڙهيون ٿيڻ تائين ڪنهن سان نه ته ڌوم ڌام سان رومانس ڪن ٿيون ۽ نه Sex جي معاملي ۾ ڪنهن کي وٺ ڏين ٿيون. هنن جي اهائي ڪوشش رهي ٿي ته هڪ ئي وقت ڪيترن پوڙهن پڪن کي ڏٽا ڏيئي کين ڏهندو رهجي يعني هنن مان ڏوڪڙ ڪڍندا رهجن. ساڳي وقت امير جپاني پنهنجن رقيب نرن کي ملهه مارڻ لاءِ ان گيشا کي پنهنجو بنائڻ لاءِ پاڻ لٽائيندا رهن ٿا.
    ننڍي پئماني وارا امير يا ڪارخانيدار جيڪي مٿئين ڪلاس جي گيشائن سان نٿا پڄيو سگهن اهي هيٺين ليول جي گيشائن، ڳائڻين، بار گرلز، رنڊين ۽ کنڊين وٽ پهچيو وڃن. جپان جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ صبح جي وقت مرد ماڻهو ڪارخانن ۽ آفيسن ڏي روانا ٿين ٿا ته شام جي وقت گيشا گهرن، چانهه گهرن، مئخانن، ناچ گهرن، مساج پارلرن ۽ چڪلن ڏي ڀڄن ٿا. اهي حال ڏسي اسان جي هڪ جهازي انجنيئر چيو ”جپان ۾ وڏي ۾ وڏي انڊسٽري جهاز سازي، سچا موتي ٺاهڻ، ٽرانسٽر ريڊيو يا ڪئميرا ٺاهڻ جي نه پر entertainment جي آهي.“ يعني جپاني جيڪي ڪمائين ٿا ان جو وڏو حصو پنهنجي دل وندرائڻ ۾ خرچ ڪن ٿا.
    گيشائون ۽ انهن وٽ ٽريننگ حاصل ڪندڙ مائڪو جيڪو رنگين ڪمونو (وڳو) پائين ٿيون ۽ پنهنجي چهري کي گهاٽي ميڪ اپ سان سجائين ٿيون ۽ وارن جو جوڙو ۽ ان ۾ رنگين بڪل ۽ گل هڻن ٿيون اهي شيون ڌارين لاءِ ڪشش جو سبب آهن ۽ هو گيشائن ۽ مائڪوئن کي ڏسڻ لاءِ هلي ملي ڪيوٽو وڃن ٿا جتي اڄ به ڪيتريون ئي گيشائون رهن ٿيون. جپان جي پراڻي گاديءَ واري شهر ڪيوٽو ۾ گيشاگهرن جا پنج علائقا آهن جيڪي ضلعا پڻ سڏجن ٿا. جپاني زبان ۾ اهي Hanamachi يعني گلن جا شهر سڏجن ٿا. (هانا معنيٰ گل ۽ ماچي معنيٰ شهر). انهن پنج ضلعن ۾ ٽي ضلعا يعني ٽي هانا ماچي (گيان، پون ٽوچو ۽ ڪامي شيچيڪن) ٽاپ جي گيشائن جا محلا سڏيا وڃن ٿا ۽ ٻه (گيان هگاشي ۽ مياگاوا) ڪجهه هيٺاهين درجي جا آهن.
    گيشائن بابت ڪيتريون ئي فلمون ٺهي چڪيون آهن ۽ ٻيون ٺهنديون رهن ٿيون. هڪ ته 1936ع جي ٺهيل بليڪ ائنڊ وائيٽ فلم Sisters of the Gion (جنهن جو جپاني نالو ”گيان نو ڪيودائي“) آهي. هيءَ ٻن گيشا ڀينرن جي ڪهاڻي آهي. وڏي ڀيڻ اُمي ڪِچي جا اهي خيال آهن ته هڪ گيشا کي فنڪار ٿي رهڻ کپي. هن وٽ ايندڙ مردن جا راز پاڻ تائين محدود رکڻ کپن ۽ جيڪڏهن ڪنهن مرد کي پاڻ ارپجي ته پوءِ هن جو هميشه لاءِ ٿي وڃڻ کپي. ننڍي ڀيڻ اوموچا جيڪا پڻ ساڳي اوڪي (گيشا گهر) ۾ رهي ٿي وڏي ڀيڻ جي الٽ خيال آهن. هن جي اها سوچ آهي ته مرد ڪهڙي اسان سان وفاداري ڪن ٿا جو اسان هنن سان ڪريون. هوءَ هرڪم پنهنجي حساب سان Manipulate ڪندي رهي ٿي ۽ جتي چئن پئسن جو فائدو ڏسي ٿي اوڏانهن جو رخ اختيار ڪري ٿي.
    بهرحال هن 1936ع جي فلم جي ٻي Remake 1956ع ۾ به ٺهي آهي. اها به پهرين وانگر بليڪ ائنڊ وائيٽ آهي. منجهس جپان جي مشهور اداڪارن مِچييو، تامائو ناڪامورا ۽ شنتارو ڪاتسوءَ ڪم ڪيو آهي.


    جپان ۾ وڏيرڪي سسٽم جي جهلڪ.....

    هن کان اڳ واري مضمون ۾ جنهن جپاني فلم ”گيان جون ڀينرون“ جو احوال آهي اها فلم جپان جي اوائلي دور جي ٽن مشهور فلم ڊائريڪٽرن مان هڪ ڪينجي جي آهي. باقي ٻيا به اهم نالا ياسُوجِيرو ۽ اڪيرا ڪُورو ساوا آهن. ”گيان“ ڪيوٽو شهر جي پنج مشهور علائقن مان هڪ آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين گيشائن ۽ جپاني فنڪار عورتن جي رهائش کان مشهور آهي ۽ دنيا جا ٽوئرسٽ گيشائن ۽ مائيڪو عورتن (سيکڙاٽ گيشائن) کي ڏسڻ لاءِ ڪيوٽو وڃن ٿا ۽ هن علائقي Gion جو پڻ رخ رکن ٿا. هي علائقو ايئن آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ لاهور جي هيرامنڊي، ڪراچيءَ جو نيپيئر روڊ يا حيدرآباد جو شيش محل وارو علائقو هو هتي جو هي جهونو فلم ڊائريڪٽر ڪينجي (سڄو نالو ڪينجي ميزوگچي) سمجهو ته انڊيا جو ديوانند آهي. پر ديوانند اڄ 90 سالن جي ڄمار ۾ به چاهيندو ته ڪنهن 20 سالن جي هيروئن سان هيرو ٿي ڪم ڪريان پر ڪينجيءَ ڪجهه سال ائڪٽنگ ڪرڻ بعد مرڻ تائين فلمن جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. جنهن نموني سان ڪينجيءَ گيشائن، پورهيت عورتن، هارياڻين، گهرو عورتن، جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ڌيئرن، ڳائڻين ۽ رنڊين کنڊين جي ڪردار کي اڳيان آندو آهي ۽ هنن جي ڪاز لاءِ ڪوشش ڪئي اٿس ان مان هن کي جپان جو پهريون اهم Feminist سڏي سگهون ٿا. هن جپاني معاشري ۾ جپاني عورت جي ڪريل، مظلوم ۽ ڏکوئيندڙ پوزيشن کي عيان ڪيو آهي. هن پنهنجين فلمن ذريعي اهوئي ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن جپاني عورت کي به مردن وانگر موقعا ۽ مهلون مهيا ڪيون وڃن ته هوءَ به گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکاري ۽ ڪن ڳالهين ۾ مرد کان به وڌيڪ ڪاميابي ماڻي سگهي.
    جپاني فلمن جي هن مشهور ڊائريڪٽر ڪينجي ميزوگچي جي پنهنجي زندگي به هڪ مشڪل ۽ مونجهاري واري گذري جنهن ۾ هو مرڻ مهل تائين مبتلا رهيو. مون به ويجهڙائيءَ ۾ جپان جي انگريزي اخبار اساهي ۾ پڙهي.
    ڪينجي 1898ع ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائو. سندس پيءُ واڍو هو جنهن هتي جي گهرن جو ڪاٺ جون ڇتيون ٺاهيون ٿي. ڪينجي کي هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ پڻ هئا. هنن جو گهر روزگار جي خيال کان مڊل ڪلاس جو هو يعني هو مڇي ماني وارا هئا. پوءِ روس ۽ جپان جي لڙائي شروع ٿيڻ تي ڪينجو جي پيءُ پئسو ڪمائڻ خاطر سپاهين کي رين ڪوٽ سپلاءِ ڪرڻ جو نئون ڌنڌو شروع ڪيو. هي بزنس سٺو هلڻ لڳو پر جپان روس واري لڙائي اميد کان گهڻو اڳ ختم ٿي وئي ۽ هن رين ڪوٽن جي ڌنڌي ۾ تمام وڏي سيڙپ ڪئي هئي ان ڪري هي ترپٽ ٿي ويو. ڪٽنب لاءِ ٻن وقتن جي مانيءَ جو به بندوبست نه پئي ڪري سگهيو. مجبور ٿي هن ڪينجي جي ڀيڻ ٻئي کي پالڻ لاءِ ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ ٽوڪيو مان لڏي اساڪسا ۾ اچي رهيو جيڪو ان وقت ٽوڪيو جو ٻهراڙي وارو علائقو سمجهيو ويو ٿي.
    جنهن فئمليءَ ڪينجي جي ڀيڻ پالڻ لاءِ کنئي هئي، انهن ڪجهه عرصي کان پوءِ اها گيشا گهر وارن کي وڪڻي ڏني ته وڃي گيشا بنايوس. ان ڳالهه جو ڪينجي تي گهرو اثر ٿيو. هن ڳالهه ڪري ۽ هروقت سندس ماءُ سان جهيڙو ڪرڻ ڪري ڪينجي سڄي زندگي پنهنجي پيءُ سان باغي ٿي رهيو. 13 سالن جي ڄمار ۾ هن اسڪول ڇڏي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن پهريون ڪم ڪوبي ۾ وڃي اشتهارن جو ڊزائينر ٿي ڪيو. ٻن سالن بعد 1915ع ۾، سندس ماءُ جي وفات تي هن ڀيڻ ۽ ٻي ڀاءُ کي پيءُ کان جدا ڪري ٽوڪيو ۾ اچي رهائيو. جتي مختلف پورهيا ڪندي 1920ع ۾ فلم انڊسٽري ۾ ائڪٽر ٿي ويو. 3 سال کن ائڪٽر ٿيڻ بعد هو ٽوڪيو واري نڪاتسو اسٽوڊيو ۾ پڪو ڊائريڪٽر ٿي ويو جتي هن پنهنجي پهرين بليڪ ائنڊ وائيٽ گونگي فلم ”ايني يومي گائيرو هي“ (The Resurrection of Love) تيار ڪئي. ان بعد هن فلمون ٺاهڻ جي ڌم لڳائي ڏني ۽ 1930ع تائين 50 کن فلمون ٺاهيائين.
    1923ع واري زلزلي بعد ڪينجيءَ باقي فلمون ڪيوٽو ۾ وڃي ٺاهيون. ڪيوٽي ۾ هن سان هڪ ٽرئجدي ٿي. يوريڪو اِچيجو نالي هڪ ڪال گرل جيڪا هن سان گڏ ساڳي فلئٽ ۾ رهي پئي، تنهن هن تي هڪ رات حملو ڪيو ۽ حجامن واري پاڪيءَ سان هن جي پٺي زخمي ڪري ڇڏي. 58 ورهن جي ڄمار ۾ ڪينجيءَ کي ليوڪيميا ٿي پئي ۽ 1956ع ۾ گذاري ويو. مرڻ وقت هو Osaka City نالي فلم ٺاهي رهيو هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ 75 فلمون ٺاهيون جن مان ڪيتريون ئي فلمون گيشائن تي پڻ ٺاهيون. سندس 1936ع واري ٻن گيشا ڀينرن تي ٺهيل فلم ”گيان نو شمائي“ (Sisters of Gion) کان علاوه هڪ ٻي فلم ”سائيڪاڪو اِچيدائي اوننا“ (The life of Oharu) بيحد مشهور آحي جيڪا ڪينجيءَ 1952ع ۾ ٺاهي. هن فلم جي هيروئن ڪينويو ٿي آهي. شمونو سيڪي جي هيءَ سهڻي هيروئن (جيڪا 1977ع ۾ 69 سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي) جپان جي وڏي عمر وارن لاءِ ايئن آهي جيئن اسان کان هڪ جنريشن اڳ وارن، يعني اسان جي مامن چاچن لاءِ نمي، نرگس، نورجهان يا مڌهوبالا هئي. نورجهان وانگر هيءَ ننڍي هوندي ئي فلمي دنيا جي مشهور فلمي ائڪٽريس ٿي وئي ۽ اهو به لکندو هلان ته ڪينويو (سڄو نالو Kinuyo Tanaka) جپان جي پهرين عورت آهي جيڪا فلمن جي ڊائريڪٽر ٿي. بهرحال ڪينجيءَ جي هيءَ فلم The life of Oharu (اوهارو جي زندگي) جي ڪهاڻي اوساڪا جي هڪ مشهور شاعر ”اِي هارا شڪاڪو“ جي ناول تان ٺهيل آهي جنهن ۾ اوهارا (فلم ائڪٽريس ڪينويو) جيڪا هڪ جپاني وڏيري جي رکيڪ ٿي رهي هئي ۽ جنهن کي سندس پيءَ رنڊي ٿيڻ لاءِ وڪڻي ڇڏيو، پنهنجي مٿان لڳل اهو بدناميءَ جو داغ مٽائڻ لاءِ جدوجهد ٿي ڪري.
    هيءَ فلم هيئن ٿي شروع ٿئي ته اوهارا جيڪا هاڻ هڪ پوڙهي عورت ٿي چڪي آهي هڪ مندر ۾ بيٺي آهي ۽ کيس سندس گذريل زندگيءَ جا واقعا Flash Back ۾ اچن ٿا. جيڪي ان وقت کان شروع ٿين ٿا جڏهن هوءَ بالغ ٿي هئي ۽ هن پنهنجي گهر جي هڪ نوجوان نوڪر سان عشق ڪيو جيڪو جپان ۾ ڪلاس سسٽم هجڻ ڪري معاشري کان برداشت نه ٿي سگهيو ته هڪ غريب ۽ هيٺين درجي جي نوڪر سان گهر جي مالڪ جي ڌيءَ معاشقو ڪري. هن عشق جو داستان عام ٿيڻ تي ڇوڪري کي ڪارو ڪري ماريو ويو ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن کي پاڙي مان نيڪالي ڏني وئي. ان غم ۾ اوهاروءَ خودڪشي ڪئي پر ناڪامياب ٿي ۽ هن کي ڳوٺ جي دائيمو (وڏيري) متسودائيرا جي زال وٽ وڪيو ويو. هن وڏيريءَ کي اولاد نٿي ٿيو سو هن پنهنجي مڙس متسودائيرا لاءِ اوهارو کي رکيڪ خاطر خريد ڪيو ته هو رئيس کي پٽ ٻار ڄڻي ڏي.
    اوهارو کي پٽ ڄمي ٿو پر وڏيري جي حد کان وڌيڪ دلچسپي وڏيريءَ کي نه وڻي ۽ هن اوهاروءَ کي معمولي رقم ڏئي ٽپڙ ٻڌايا. ٻار پاڻ وٽ رکيائين جو دنيا کي اهوئي ٻڌايو ويو هو ته وڏيريءَ کي ٻار ڄائو آهي. اوهاروءَ جو پيءُ وڏي مال حاصل ڪرڻ جي آسري تي هن جيڪي ڌنڌا ڌاڙي کڻي شروع ڪيا ان ۾ قرضي ٿي پيو ۽ وڏيري جي زال طرفان مليل هي ڏوڪڙ هن جو قرض لاهي نه سگهيا. اوهاروءَ جو پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي ڀر واري شهر جي چڪلي ۾ وڃي ٿو وهاري پر اوهارو اتي به ڪامياب نٿي ٿئي ۽ چڪلي جو سرپرست اوهاروءَ کي واپس پيءُ حوالي ڪري ٿو.
    ان بعد اوهارو کي هڪ اهڙي امير گهر ۾ خذمت چاڪري لاءِ رکيو وڃي ٿو جنهن جي مالڪياڻي گنجي آهي ۽ مٿي تي وگ هڻي ٿي هن ڪنهن نموني سان اها ڳالهه پنهنجي مڙس کان لڪائي رکي آهي. مڙس جي اوهارو ۾ دلچسپي ڏسي سندس زال کي باهه وٺي ٿي وڃي ۽ اوهارو جي شڪل بگاڙڻ لاءِ هوءَ هڪ ڏينهن اوهارو جي مٿي جا سڀ وار ڪتريو ڇڏي. اوهارو بدلو وٺڻ لاءِ سندس راز مڙس اڳيان فاش ٿي ڪري ته تنهنجي زال پيدائشي ٺوڙهي آهي. ان بعد اوهاروءَ کي اهو گهر به ڇڏڻو پوي ٿو. ان بعد اوهارو پني جا پکا ٺاهڻ واري سان شادي ڪري ٿي جتي هن کي سک نصيب ٿئي ٿو پر قسمت جي خرابي چئجي جو هڪ ڦر دوران هن جو مڙس قتل ٿي وڃي ٿو. ان بعد هوءَ مندر ۾ نن (راهيبه، داسي) ٿي رهڻ لڳي. اتي هڪ پوڄاريءَ کي بدڪاريءَ لاءِ ڌتارڻ تي هن کي مندر مان لڏايو ويو. ان بعد هوءَ وري رنڊي ٿي زندگي گذاري ٿي پر اڪيلي عورت هجڻ ڪري ماحول ۽ معاشرو هن لاءِ جيئڻ جنجال ڪريو ڇڏي. بهرحال اهري طرح هن فلم ۾ اوهارو جي پنهنجي جياپي لاءِ ڪيل جتنن جو غمگين داستان آهي جيڪو ان وقت جي جپان جي وڏيري ۽ جاگيرداڻي معاشري جي پَت وائکي ڪري ٿو ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪيتريون ڳالهيون سنڌ جي مدي خارج ۽ نڪمي فيوڊل سسٽم سان مشابهت رکن ٿيون. آخر ۾ اوهاروءَ کي وري وڏيري جي گهر ۾ رکيو وڃي ٿو جيئن هوءَ کين بدنام ڪرڻ بدران هنن جي ڪوٽ ۾ قيد ٿي وڃي. هن کي هن ڪوٽ ۾ کائڻ پيئڻ ۽ پهرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ملي ٿو پر هن کي هر وقت دڙڪن ۽ گارگند هيٺ رکيو وڃي ٿو. ان دوران هن کي سندس پٽ به نظر اچي ٿو پر هوءَ آخرڪار اهوئي فيصلو ڪري ٿي ته ههڙن ڪوٽن جي قيد واري زندگيءَ کان ٻاهر جي آزاد فقيراڻي زندگي بهتر آهي ۽ هوءَ هڪ دفعو وري اتان به ڀڄي نڪري ٿي........


    جپاني گهر ۽ پبلڪ باٿ

    جپان ۾ عورتن جو قومي لباس ڪمونو ۽ مردن جو يوڪاتا (Yukata) آهي جيڪو باٿنگ سوٽ جهڙو يڪو هڪ ٽڪر ٿئي ۽ پيرن ۾ ڪاٺ جون چاڪڙيون (ڪوما گيتا) ٿين. ڪمونو خوبصورت رنگن ۽ مختلف اوچن ڪپڙن جو وڳو ٿئي جنهن ۾ في الحال ته سادي سودي صورت واري ڇوڪري به پئي ٺهندي آهي ۽ هونءَ به جپاني ڇوڪري جسم جي ميڪ اپ ۽ ڪپڙي زيور سان پنهنجو پاڻ کي اهڙو ته سليقي سان سينگاري ٿي جو ڏسندڙ کي پوپٽ جي پرن جي نزاڪت جو احساس ٿئي ٿو.
    جپان ۾ به اڄڪلهه مغربي ڊريس ـــ اسڪرٽ، پتلون، نڪر ۽ سلئڪس وڌيڪ عام ٿي وئي آهي ۽ ورلي ڪا جپاني ڇوڪري ڪمونو ۾ نظر اچي ٿي. باقي ڪنهن وڏي ڏينهن، جلسي، شادي ۽ ٻين ڪاڄن تي سڀ ڇوڪريون ڪمونو پائين. ڪمونو ڪافي ڳري ڪپڙي مان ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻن ٽن مختلف رنگن جا تهن مٿان تهه هوندا آهن چيلهه تي ويڪرو پٽو (اوبي) ۽ ڪمونو جي پٺيان پٺن تي ڪپڙي جو ٿيلهو (اوتائيڪو) ٻڌو وڃي ٿو. حالت اها هوندي آهي جو شادي يا فنڪشن بعد ٿڪجي ٽي چار ڇوڪريون جي هڪ ئي هنڌ تي وڃي سمهنديون آهن ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ڌوٻيءَ جي ڌوئڻ لاءِ ڪنهن لانڍري ڍڳ ڪري رکي آهي.
    ڪيترا پراڻا جهازي قسم کڻي ڳالهه ڪندا ته جپاني ڇوڪريون فقط تڏهن سهڻيون لڳن ٿيون جڏهن هو ڪمونو پائين ٿيون. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪمونو ساڙهيءَ وانگر جپاني ڇوڪرين جي سيني جي اڻوڻندڙ ائنا ٽامي لڪائي ٿو پر سندن ننڍيون ۽ بي ڍوليون ٽنگون ۽ حد کان وڌيڪ نڪتل دديون پڻ لڪايو ڇڏي. اڄڪلهه مڙيئي نت نئين دوائن، ورزشن ۽ Balanced کاڌي تي سختي سان عمل ڪرڻ ڪري، جپاني ڇوڪرين انهن خامين تي ڪافي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي ۽ هو مني اسڪرٽ سلئڪس ۽ شارٽس ۾ ڪافي سمارٽ ۽ سهڻيون لڳن ٿيون. ڊگها وار يا جوڙا ٺاهڻ بدران آمريڪن فئشن مئگزين مطابق ڪيترين جپاني ڇوڪرين جا وار ڪٽيل، گهنگهرودار (گهنڊي) ۽ رنگ لڳل نظر اچن ٿا.
    ڪمونو تي هميشه اڇا جوراب ۽ اسپنچ جا چپل پاتا وڃن ٿا هونءَ هلڻي هرهڪ جي کڻي مختلف هجي پر ڪمونو پائڻ کان پوءِ سڀني جپاني ڇوڪرين جي چال هڪ ٿي وڃي ٿي. ۽ ڊيل وانگر سڄو پير پٽ تي رکي ننڍڙن ننڍڙن قدمن سان هلڻ لڳن ٿيون.
    ڪمونو ڊريس تي وارن جو اسٽائيل پڻ بدلائي گول جوڙو (مائيگامي اڳيون ۽ تابو پويون) ٺاهيو وڃي ٿو جن ۾ روايتي قسم جي هڪ اڌ ڪاٺ، هڏي يا عاج ڦڻي (ڪوشي)، پلاسٽڪ جو گل (هانا)، ڪو ڳهه يا ماني کائڻ وارين چاپ اسٽڪس جهڙيون ڪاٺيون (ڪانازاشي) سونهن لاءِ هنيون وڃن ٿيون.
    جپانين جا گهر تمام ننڍڙا آهن جو هڪ ته زمين گهٽ هئڻ ڪري پَٽُ مهانگو آهي ۽ زمين جي حساب سان آدمشماري تمام گهڻي آهي. دنيا ۾ شنگهائي بعد ٻيو نمبر ٽوڪيو جي آدمشماري آهي. دنيا ۾ ڪيترا اهڙا به ملڪ آهن جن جي جملي آدمشماري ٽوڪيو کان به گهٽ آهي.
    ڪنهن زماني ۾ ته ٻڌبو هو ته جپاني گهر پنن ۽ دفترين جا ٺاهيا وڃن ٿا پر اڄڪلهه جي ماڊرن زماني ۾ زلزلن ۽ بارشن کي منهن ڏيڻ لاءِ Earth Quake Proof ۽ انيڪ ماڙ گهر ٺاهيا وڃن ٿا. ۽ بارشن جو پاڻي آساني سان ترڪڻ لاءِ انهن گهرن جون ڪنڊائتيون ڇتيون آهن. اهي فلئٽ يا گهر نه فقط ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ننڍا آهن پر اوچائي ۾ پڻ. ڇتيون ايتريون ته هيٺ آهن جو ايئرڪنڊيشنر بدران جيڪڏهن ڪو ڇت ۾ پکو لڳائي ته ان پنکي هيٺان ڪو لنگهي نه سگهي سواءِ ان شخص جي جيڪو خودڪشيءَ جي موڊ ۾ هجي.
    جپاني هر گهر ٻن يا ٽن ننڍڙن ڪمرن تي مشتمل آهي جيڪو پنج ڇهه ڀاتين لاءِ ڪافي سمجهيو وڃي ٿو. پر ڪيترن شاگردن يا گهٽ پگهار ۽ گهٽ ٻارن وارين فئملين لاءِ هڪ ڪمري جا گهر به عام آهن هر گهر جي ڪمري ۾ ڪکن جو تڏو (تاتامي) ٿئي جنهن جي وچ تي چورس يا مستطيل ڪاٺ جي ميز رکيل نظر ايندي ان ٽيبل هيٺان هيٽر هوندو ۽ اهوئي ڪل فرنيچر، هڪ جپاني اسٽائيل گهر جو سمجهڻ کپي! مهمان يا گهر جا ڀاتي ان ٽيبل جي چوڌاري پلٿ ماري ويهن يا سياري جي موسم ۾ پيرن کي ڪوسو رکڻ لاءِ پوش مٿي ڪري پير ٽيبل اندر وجهي ڇڏيندا. پوءِ مزي سان روايتي چانهه جو ڍڪ ڍڪ ڀري پيئندا. (چانهه جپان ۾ اٺين صديءَ ۾ ئي اچي چڪي هئي پر ٻارهين صديءَ ۾ وڌيڪ مشهور ٿي جڏهن زين ڌرم جي ٻاون سخت زندگي گذارڻ ۽ چلا ڪڍڻ جي دوران چانهه کي Stimulant طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو.)
    مٿئين ٽيبل کان علاوه ڪن گهرن ۾ جي ٻيو ڪو فرنيچر هوندو ته اهو هڪ يا ٻه فارميڪا يا شيشي جا ڪٻٽ هوندا يا وري سامان رکڻ لاءِ ڀت ۾ ويڪرا خانا هوندا جي سلائيڊنگ قسم جي در سان ڍڪيل ٿين. سمهڻ مهل ان ٽيبل کي ڪنڊ ۾ اُڀو بيهاري ڪٻٽ مان چادرون ۽ بلاڪيٽ (موسم آهر) ڪڍي پٽ تي پٿاري ڪري سمهن.
    جپان ۾ جڏهن پهريون دفعو پهتس ۽ جنهن جپاني گهر ۾ رات وڃي ٽڪيس ته اهڙي ڪوٺيءَ جهڙي ننڍڙي ڪمري واري گهر جي مالڪن کي پنهنجي وطن جي حساب سان ڀيٽي ڏاڍو افسوس ٿيم ته کٽ ته نه ڏني اٿن پر گهر جي ڪنهن ڪوٺيءَ يا اسٽور روم کي خالي ڪري مونکي رهايو اٿن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بسترو ڏاڍو پسند آيو جيڪو ٿلهي هجڻ جي باوجود نرم هو ۽ مٿان وجهڻ واري سوڙ ڪنهن پکيءَ جي سنهن کنڀن مان ٺهيل هئي.
    صبح جو اٿي ڏسان ته منهنجو دوست، پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سان گهر جي جنهن ٻئي ڪمري ۾ ستو هو اهو ته مون واري ڪمري کان به گهڻو ننڍو هو. پوءِ خبر پئي ته جپانين جا گهر اهڙي نموني جا ٿين ٿا. اهو ته شڪر ٿيو جو منهنجي ان دوست جي گهر ۾وهنجڻ جي جاءِ هئي جا جپان ۾ گهر ۾ هجڻ وڏي عياشي سمجهي وڃي ٿي نه ته جپان ۾ ڪيترا اهڙا گهر آهن جن ۾ فقط ننڍڙو ٽئاليٽ ٿئي، غسل خانو هرگز نه هو وهنجڻ لاءِ پبلڪ باٿ ۾ وڃڻ، جيڪو هڪ تالاب وانگر ٿئي ۽ گهڻو ڪري مردن لاءِ الڳ ۽ زالن لاءِ الڳ ٿئي پر ڪي پبلڪ باٿ اهڙا به ٿين جن ۾ عورتون ۽ مرد گڏ وهنجن.
    دنيا جا ماڻهو گهڻو ڪري صبح جو وهنجن پر جپاني شام جو وهنجڻ پسند ڪن. سيارو سخت هجي يا اونهارو پر هو شام جو ئي وهنجندا. پبلڪ باٿ جي خبر مونکي پهرين اوساڪا آفيس جي هڪ ڇوڪريءَ کان پئي جا لنچ ٽائيم ۾ ڳالهين ڪندي ٻڌائي رهي هئي ته مائٽن کان الڳ ٿي رهي ۽ کيس اوساڪا شهر کان پري اڪيدا ڳوٺ ۾ هڪ ڪمري وارو ننڍڙو، پر سستو (مهيني ۾ فقط ڇهه هزار يين مسواڙ وارو) گهر ملي ويو آهي پر اها خامي اٿس ته باٿ روم ڪونهيس. ”ان ڪري پبلڪ باٿ روم استعمال ڪندي آهيان.“
    مون کي ڏاڍو تعجب لڳو ته سڄي دنيا ۾ پبلڪ لاءِ سئنيمائن، پارڪن ۽ آفيسن ۾ ٽئاليٽ ته عام آهن پر هتي جپان ۾ هر پاڙي لاءِ غسلخانا به ٿين ٿا. هن ٻڌايو ته اهڙا تالاب جپان ۾ جتي ڪٿي آهن جن ۾ سو ڏيڍ سو کن يين ٽڪيٽ ٿئي ۽ ڏاڍي رش هوندي آهي.
    مونکي ياد آهي ته اهو ٻڌي منهنجي چپن تي مرڪ اچي وئي جنهن تي هن شڪي ٿي چيو:
    ”ها پوءِ ڇا آهي؟“
    ”ڀلا سئمنگ ڪاسٽيوم پائي وهنجو يا بنا ڪپڙن جي.“
    ”بنا ڪپڙن جي. ۽ اتي فقط آئون نه هوندي آهيان. ٻيون به ڪيترين ڇوڪرين کان پوڙهين عورتن تائين هونديون آهن. شرم جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“
    ”اهو ته ٺيڪ آهي. مڃان ٿو ته جپانين جي اها به هڪ خصوصيت آهي ته هو ڀري ميڙ ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري سگهن ٿا. ۽ توهان لاءِ اڪيلائي معنيٰ ذهني طرح اڪيلائي ۽ نه جسماني اڪيلائي. پر ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ اهو عقيدو آهي ته ٽب يا تالاب ۾ وهنجڻ بدران وهندڙ پاڻيءَ ۾ وهنججي. پر اهو ته تون به قبول ڪندينءَ ته هڪ حوض ۾ ويهه پنجويهه ڄڻا وهنجن، اهو ته Unhygenic ٿيو، جڏهن ته توهان کي صحت ۽ صفائيءَ جو وڏو خيال آهي.“
    ”جپاني رسم موجب اسان ٽب جي ٻاهران جسم کي مهٽي چڱيءَ طرح صاف ڪري پوءِ حوض اندر گهڙون. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا خاص بيماري نه آهي ته پوءِ ڪا خراب ڳالهه ناهي. هرهڪ جو اهو اخلاقي فرض آهي ته هو اهڙي صورت ۾ يا پيرڊن وارن ڏينهن ۾ پبلڪ باٿ ۾ وهنجڻ بدران خاص الڳ غسلخانن ۾ وهنجي، جنهن جي ٽڪيٽ هن کان ٽيڻي آهي.“
    بهرحال اهو جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته تالاب جو پاڻي صاف ٿو رهي ۽ فقط جسم پسائڻ ۽ ٽاڪوڙ لاءِ آهي پر مون ڪيترن تالابن ۾ ڏٺو آهي ته منجهند جي وقت جيڪو صاف پاڻي هوندو آهي ۽ حوض جو ترو صاف نظر پيو ايندو، سو شام تائين ڪيترن ماڻهن جي پگهر، مٽي ۽ مر سان ميرانجهڙو ٿي ويندو آهي ۽ حوض جو ترو بلڪل نظر نه ايندو آهي.
    ۽ اهي Public Bath Houses نه فقط مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ آهن پر ڪيترن جپاني نموني جي هوٽلن (مسافرخانن) ۾ (۽ ڪن ڳوٺن ۾ پڻ ڪچا مٽيءَ جا حوض) آهن جن ۾ مرد عورتن سان گڏ وهنجن ۽ اهو رواج اهڙو عام آهي جو فقط ڌاريوئي محسوس ڪري سگهي ٿو. مڪاني ماڻهن لاءِ ائين آهي جيئن Rush Hours ۾ آمريڪا ۽ يورپ پاسي گاڏين ۾ عورتون مرد هڪ ٻئي ڀرسان لڳي بيٺا هوندا آهن.
    جپان ۾ رهندڙ هڪ ڳوٺائيءَ ان قسم جي جپاني پبلڪ باٿ بابت پنهنجو ڪنوارو تجربو ٻڌايو ته اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ جڏهن هو پهريون دفعو جپان آيو ته سندس رهڻ هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي مسافرخاني ۾ ٿيو، جت ڪيترائي جپاني ۽ سندن فئمليون پڻ ٽڪيل هيون. ”صبح جو ناشتي تي هڪ سهڻي جپاني ڇوڪري سامهون واري ٽيبل تي چانهه پي رهي هئي. هڪ ڌرائين کي پاڻ ڏي گهوريندو ڏسي هوءَ شرمائيندي رهي ۽ پنهنجيون اکيون ملائڻ بدران هيڏانهن هوڏانهن لاڙيندي رهي. شام جو ڊنر کان اڳ آءٌ اڪيلو مسافر خاني جي ٻارهن فٽ ڊگهي تالاب جي گرم پاڻيءَ مان لطف وٺي رهيو هوس ته اتفاق سان اهائي صبح واري شرميلي ڇوڪري اتي اچي نڪتي. هن رسمي طرح جهڪي کيڪاريو ۽ پوءِ چپ چاپ ڪپڙا لاهي پٺيري ٿي بيٺي ۽ تالاب ۾ گهڙڻ کان اڳ واري صفائي (Pre Washing) اسپنچ سان ڪرڻ لڳي. پوءِ ناز سان بنا ڪنهن هٻڪ يا شرم جي تالاب جي ٻي ڪنڊ ۾ فرحت سان وهنجڻ لڳي. آئون اڄ ڏينهن تائين اها پنهنجي ڪيفيت سمجهي نه سگهيو آهيان ته مون کي ان وقت Disappointment ٿي يا مون Relieved محسوس ڪيو جڏهن پنج ڇهه منٽن بعد سندس پيءُ ۽ ماءُ به ان تالاب تي نموندار ٿيا. جهڪي سلام ڪيائون. ڪپڙا لاٿائون. رسم موجب تالاب جي ٻاهران ئي بيهي پنهنجو جسم مهٽي صاف ڪيائون ۽ پوءِ آرام سان پنهنجي ڌيءَ واري پاسي گهڙي اسان سان گڏ ان تالاب ۾ سنان ڪرڻ لڳا، جيڪو ايترو ته ننڍو هو جو ذري گهٽ اسان جي پيرن جا پٻ هڪ ٻئي کي ڇهي رهيا هئا.“


    جپانين جون حيرت انگيز عادتون

    هڪ جپاني عورت جيڪا سنڌ مان گهمي آئي آهي تنهن ٻڌايو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ جيئن عورتون چلم تي شام جي وقت گڏ ٿي خبرون ڪنديون آهن يا ڳوٺاڻا وڏيري جي اوطاق تي يا ڪاليج جا دوست ڪنهن هوٽل ۾ چانهه جي ڪوپ تي اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ ڪچهري هلندي آهي تيئن جپان ۾ پبلڪ باٿ هائوس آهي. اهي نه فقط وهنجڻ جون جڳهيون سمجهڻ کپن پر ڪچهريءَ جا پڻ اوتارا آهن جتي اوڙي پاڙي جون زالون مرد گڏ ٿي سڄي ڳوٺ جون خبرون، تبصرا، ويندي نوان نوان اسڪئنڊل هڪ ٻئي کي ٻڌائين ۽ ٻڌن ٿا.
    بهرحال جپان جا اهي پبلڪ باٿ هائوس ڏينهون ڏينهن گهٽبا وڃن ۽ جيڪي نوان گهر ٺهي رهيا آهن انهن ۾ ننڍي يا وڏي باٿ روم جي گنجائش رکي وئي آهي هانگ هانگ جي Eastern Review رسالي مطابق گذريل پنجن سالن ۾ جپان ۾ اڍائي هزار کن اهڙا تالاب بند ٿي چڪا آهن ان هوندي به اڃان سورهن هزارن کان مٿي اهڙا تالاب جپان جي مختلف شهرن ۾ آهن.
    ان کان علاوه جيئن ته اسين ڌاريا جپانين جي انهن ڳالهين تي حيرت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن چٿرون به ڪريون ٿا ان ڪري هاڻ جپان جي ڪيترن شهرن يا مسافرخانن جي پبلڪ باٿن ۾ اسان ڌارين کي ويجهو نٿا اچڻ ڏين.
    مون سمجهيو جپان ۾ فقط جپاني ماڻهن جا گهر ننڍا آهن، هڪ دفعي اسان جو جهاز يوڪوهاما بندرگاه ۾ آيو ته منهنجي ڳوٺ جي ڪلاس ميٽ عبدلارزاق ميمڻ جي ننڍي ڀاءُ اشفاق ميمڻ ٽوڪيو ۾ سندس گهر هلڻ ۽ هڪ رات رهڻ لاءِ چيو. آئون يڪدم تيار ٿي ويس. ٽوڪيو شهر جي ڀر ۾ هڪ شپ يارڊ اشڪاوا هريجيما ۾ جهاز جي مرمت ٿي رهي هئي ۽ مون گوڙ کان به بچڻ چاهيو ٿي. سڄي شام ٽوڪيو جي گنزا ۾ گهمندا رهياسين. رات جو ٽيوب (ڇڪاٽيٽسو) ذريعي سندس گهر آياسين ته خبر پيئي ته باٿ روم ته ڪانهي پر Toilet به چئن پنجن گهرن لاءِ هڪ آهي. سندس هڪ ڪمري ۽ بورچيخاني وارو ساڳيو جپاني اسٽائيل جو گهر هو! وچ تي تڏي مٿان ننڍڙي ٽيبل رکيل هئي جنهن جي چوڌاري ويهي چانهه پيتيسين. اندازي سان حساب لڳايم ته ڪمرو ايترو ننڍو آهي جو ٽيبل کي کڻڻ سان ايتري جاءِ ٿئي جو پورا ٻه ماڻهو سمهي سگهن. سامهون فرج مٿان ٽي.وي رکيل هئي ۽ ان ڀرسان ننڍڙو ڪٻٽ ڪتابن سان ڀريل هو. ڪٻٽ مٿان ريڊيو ۽ مووي ڪئميرا ۽ ٻيو سامان هو پاسي کان بوٽن جي قطار ۽ مٿي ٽنگڻيءَ ۾ ڪپڙا ٽنگيل هئا. ساڄي پاسي شيشي جي در وارو سلائيڊنگ جو ڊگهو ڪٻٽ هو جنهن ۾ ٽي چار سوڙين جهڙا بلاڪيٽ (فوتان) هيٺان مٿان وڇائڻ لاءِ ٽي چار وهاڻا (ماڪارا) رکيل هئا.
    اشفاق سان گڏ سندس هڪ ننڍو ڀاءُ آفتاب ۽ هڪ ميڪسيڪو جو همراه رهيو ٿي. اشفاق جو ننڍو ڀاءُ ته سپورو (هڪيدو) موڪلن تي ويل هو پر سندس ٽيون روم ميٽ ميڪسيڪو وارو جنهن ٽوڪيو جي يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائي ٿي، سو ان وقت آيو ۽ اچي اسان سان چانهه تي شريڪ ٿيو. هو سڄو وقت پٽاٽو چپس به کائيندو رهيو ته ٽي ــ وي تي سنتوري شراب وارن طرفان ايندڙ Late – Night پروگرام ۾ ڏيکاريل جپاني ڇوڪرين کي گاريون به ڏيندو رهيو.
    منهنجي حساب مطابق هن ڪمري ۾ اسان ٽن جو سمهڻ نه فقط مشڪل پر ناممڪن هو. اشفاق تڪلف ۾ مونکي پنهنجي هن گهر ۾ ڇڪي ته آيو هو، پر مونکي خيال ڪرڻ کتو ٿي. بهرحال وقت اڃان هو. اشفاق کي زور ڪيم ته هل ته جهاز تي موٽي هلون جو صبح جو مونکي ڊيوٽي لاءِ به سوير اٿڻو هو. آخري گاڏيءَ ۾ موٽي جهاز تي اچي رهياسين. اشفاق کي جهاز جي هڪ خالي ڪئبن کولي ڏنم ۽ آئون اچي پنهنجي ڪمري ۾ سمهي رهيس.
    صبح جو اشفاق جي ڪئبن ۾ چانهه پيئڻ ويس ته هن وري ڏک ڪيو ته سندس گهر ڇونه ٽڪيس.
    ”ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. اجايو ٽنهي کي تڪليف ٿئي ها.“ مون سمجهايومانس.
    ”نه يار ڇو؟ ٽيبل کڻون ها ته پاڻ ٻن لاءِ ڪشادي جڳهه ٿي وڃي ها.“ اشفاق مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”۽ هو ٽيون ميڪسيڪو جو مسخرو؟“ مون پڇيومانس ”اهو ان Sliding واري ڪٻٽ ۾ سمهي ها“.
    تنهن تي کلندي پڇيومانس ته ڪٻٽ ته سڄو سامان سان ٽٻ هو.
    ”سامان ڪٿي هو،“ اشفاق سمجهايو، ”هنڌ بسترا ته هئا. سي ته پاڻ ڪڍي وڇايون ها ۽ هڪ هو پنهنجي سمهڻ لاءِ رکي ها. هميشه جيان.“
    اسان جي ملڪ جا ماڻهو جيڪي گهمڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ جپان اچن ٿا يا تعليم يا نوڪري خاطر وڏي عرصي لاءِ اچن ٿا انهن لاءِ هتي جپان جي ڪلچر ۽ هتي جي رهواسين جي رسم رواج ۽ عادتن جون ڪجهه ڳالهيون لکڻ چاهيان ٿو. اسان جي ماڻهن کي کپي ته انهن ڳالهين ڏي ضرور ڌيان ڌرين. هونءَ ته جپاني اهو سمجهن ٿا ته هنن جي ملڪ ۾ ايندڙ ڌاريا جيئن ته سندن ڪلچر ۽ رسم و رواج کان واقف نه آهن ان ڪري هنن جون ڪيل غلطين ۽ ڪوتاهين کي هو دل ۾ نٿا ڪن پر تنهن هوندي به هڪ ڌاريي کي کپي ته هو ٻئي جي ملڪ جي رسم و رواج مطابق هلي. هن کي هر وقت اهي ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ کپن جيڪي جپان جا ماڻهو پسند ڪن ٿا.
    • جپان جي گهر توڙي مسارخانن ۾ (جنهن کي هو ريوڪان سڏين ٿا) هميشه جتيءَ بنا گهڙجي. گهر گهر جي در وٽ گهر جي ڀاتين ۽ مهمانن جي بوٽن رکڻ جي جاءِ ٿئي ٿي. جپان ۾ هر هر بوٽ لاهڻ ۽ پائڻ جي ڪري هتي جا ماڻهو سليپر ٽائيپ بوٽ پائين ٿا جيئن ڪهيون (ڪَشا) کولڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ گڪو نه ٿيڻو پوي.
    • جپاني گهرن ۾ توهان جورابن سان گهڙي سگهو ٿا پر ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجا جوراب گهران چيڪ ڪري نڪرو ته اهي ميرا ته نه آهن يا انهن ۾ ڪو سوراخ ته نه آهي جو اهي ڳالهيون ٻي جي گهر ۾ شرمندگي جو سبب بنجن ٿيون.
    • ڪيترن گهرن ۾ اندر گهڙڻ لاءِ ٻاهرين در وٽ چئمپل رکيل ٿين ٿا. اهڙي صورت ۾ در وٽ پنهنجو بوٽ لاهي چئمپل پائجي. ان چئمپل سان توهان گهر اندر گهڙي سگهو ٿا پر وهڻ واري ڪمري ۾ جيڪڏهن تاتامي (تونئري، سنهي نک جو تڏو) وڇايل آهي ته پوءِ اهو چئمپل ان ڪمري جي در وٽ لاهي اگهاڙن پيرن سان اندر وڃڻ کپي جو اها تاتامي ايڏي نازڪ ٿئي ٿي جو چئمپل سان اکڙي يا خراب به ٿي سگهي ٿي.
    • ٽئاليٽ ۾ گهڙڻ لاءِ ان جي در وٽ خاص چئمپل رکيل ٿئي ٿو جيڪو پائي اندر وڃڻ کپي ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت ياد ڪري چئمپل کي ان ساڳي هنڌ تي لاهي، ائين ڪري رکجي جيئن اندر گهڙڻ واري کي پائڻ ۾ سهوليت ٿئي.
    • جپان جي ڪيترن ئي گهرن توڙي هوٽلن ۾ اڄ به هنن جا پراڻي نموني جا ٽئاليٽ آهن جن کي پاڻ انڊين ٽئاليٽ چئون ٿا، جنهن ۾ اوڪڙون ٿي وهڻو پوي ٿو. ڪيترن گهرن ۽ هوٽلن ۾ هاڻ مغربي اسٽائيل جا ڪموڊ پڻ عام ٿيندا وڃن جن تي ڪرسيءَ وانگر وهڻو پوي ٿو ۽ ڪيترا جپاني اسان ڌارين کي وڏي فخر سان ٻڌائيندا آهن ته ”اسان جي نئين گهر ۾ ويسٽرن اسٽائيل ڪموڊ آهي.“
    • جپان جي ڪن هوٽلن ۽ گهرن ۾ نه رڳو مغربي طرز جا هي ڪموڊ اچي ويا آهن پر انهن ۾ ايڏي ته اعليٰ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي جو يورپ وارا به حيران ٿي ويا آهن. ڪموڊ سان گڏ سئچ بورڊ تي لڳل مختلف سئچن کي دٻائڻ سان هيٺ پاسي تي لڳل نلڪي مان پريشر سان پاڻي مٿي اچي جسم جي صفائي ڪري ٿو، ٻئي بٽڻ سان هوا جو ڦوهارو جسم کي خشڪ ڪري ٿو. هڪ بٽڻ کي دٻائڻ سان ڪموڊ جي صفائي ٿيو وڃي. ڪيترن ڪموڊن ۾ ته ميوزڪ وڄڻ ۽ خوشبوءِ جي Spray جو به بندوبست رکيل آهي ۽ ٻُڌڻ ۾ اچي پيو ته جپان جي ٽوٽو ڪمپني اهڙا ڪموڊ به ٺاهي رهي آهي جنهن تي ويٺل رئيس پنهنجو ٽيمپريچر ۽ بلڊ پريشر به چيڪ ڪري سگهندو.
    • جپانين جو قد ننڍو آهي ان ڪري جپان جي گهرن توڙي آفيسن جا در اسان کان ننڍا ٿين ٿا. ان ڪري ڊگهي قد وارن کي جپان ۾ خبردار رهڻ کپي جيئن سندس مٿو در جي چوڪاٺ سان نه وڃي لڳي.
    • جپاني گهرن ۾ باٿ روم نه ٿئي. هو وهنجڻ لاءِ پاڙي جي پبلڪ باٿ ۾ وڃن. پر هاڻ ڪيترن ئي نون ٺهيل گهرن ۾ وهنجڻ جايون آهن جن ۾ ننڍا پر اونها ٽب نظر اچن ٿا. ٽب اڳيان ڪجهه جاءِ ٿئي جتي بيهي الڳ نلڪي سان، يا رکيل بارديءَ مان ڪريءَ ذريعي پاڻي ڪڍي پنهنجي جسم کي چڱي طرح صاف ڪجي ان بعد گرم پاڻيءَ سان ڀريل ٽب ۾ باٿ ۽ ٽاڪوڙ لاءِ ويهجي. باٿ وٺڻ بعد ٽب جو پاڻي هرگز Drain نه ڪجي. ڇو جو انهي ساڳي پاڻيءَ ۾ گهر جو هڪ هڪ ڀاتي ٿي وهنجي ٿو. اها ڳالهه يورپين توڙي اسان جي ايشيائي غريب ملڪن جي ماڻهن لاءِ جيتوڻيڪ عجيب آهي پر جپان ۾ اها هڪ عام ڳالهه آهي. اسان جي ان حيرت کائڻ ڪري جپاني ان ٽب ۾ پهرين مهمان کي باٿ وٺڻ ڏين ٿا. هونءَ به جپان ۾ ايندڙ ڌارين ماڻهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه ضرور هجڻ کپي ته جپان ۾ پاڻي تمام مهانگو آهي. جپان ٻيٽ ئي ٻيٽ آهن جنهن جي چوڌاري سمنڊ جو کارو پاڻي ته ضرور آهي پر مٺي پاڻيءَ جي ڏاڍي کوٽ آهي ۽ وهنجڻ توڙي هار وير جي پاڻيءَ جي قيمت به پيئڻ جي پاڻيءَ جيتري آهي. ان ڪري جپانيءَ جي گهر ۾ پاڻي ضايع ڪرڻ کان گريز ڪجي. هڪ ٻي ڳالهه ته ٽب ۾ پنهنجي جسم تي نه صابڻ هڻجي ۽ جسم کي مهٽجي. ٽب ۾ فقط پاڻيءَ ۾ هجڻ جو لطف وٺجي يا جسم کي ٽاڪوڙ جو احساس ڏيارجي. نه جسم کي صاف ڪرڻ يا صابڻ هڻڻ جو ڪم ٽب ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، ٽب جي ٻاهران Pre-Washing ۾ ڪجي.
    • ڪوشش ڪري ڪنهن به جپانيءَ سان نفي (Negative) جملي ۾ سوال نه ڪجي. جپانيءَ کان ناڪاري جملي سان ڪو سوال ڪرڻ مونجهارو پيدا ڪري ٿو جپاني ان جو جواب ”ها“ ۾ ڏئي ٿو جيتوڻيڪ هن جو مطلب ”نه“ سان آهي. مثال طور توهان ڪنهن جپاني کان پڇندائو ته: ”هي جهاز خراب ته نه آهي“؟ ته هو جواب ۾ ”ها“ چوندو. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته جهاز خراب آهي پر ان ”ها“ سان هن جو مطلب اهو آهي ته توهان جيڪو جملو ڳالهايو اهو صحيح آهي. يعني ”ها“ توهان صحيح ٿا چئو ته هي جهاز خراب ناهي.“
    هڪ ٻيو مثال: توهان ڪنهن ”نان سموڪر“ جپانيءَ کان انگريزيءَ ۾ پڇندائو ته Don’t you Smoke? ته هو ان جي جواب ۾ “Yes” چوندو. يعني ”ييس. تون صحيح ٿو چوين. آئي ڊونٽ سموڪ.“
    • جپانيءَ کي صفائي ۽ هائيجن جو تمام گهڻو خيال آهي. هو پنهنجي اردگرد، گهرن توڙي آفيسن ۾ ۽ ويندي گهٽين کي صاف سٿرو رکڻ چاهي ٿو. هڪ دفعي بس ۾ ڪنهن ٻار کان دال جي داڻن جهڙي ڪا شيءِ ڪري پئي ته هن جي ماءُ لهڻ کان اڳ نه فقط بس جي سيٽ کي صاف ڪيو پر سيٽ جي هيٺان ڪريل هڪ هڪ داڻو چونڊي بس کي اهڙي ئي صاف حالت ۾ ڪيو جهڙيءَ ۾ اها هئي. ان ڪري توهان جوجي جپاني گهرن، پارڪن يا آفيسن ۾ وڃڻ ٿئي ته اتي هر شيءِ کي صاف سٿري حالت ۾ رکجو. رستي هلندي توهان کي ڪيترائي مرد توڙي عورتون منهن تي سرجنن وارو ماسڪ پائي هلندي نظر ايندا! هتي جا ماڻهو ٿڌ يا زڪام لڳڻ تي ماسڪ پائين ٿا جيئن سندن بيماريءَ جا جراثيم ٻين کي نه لڳن.
    • جپان ۾ ٻين اڳيان نڪ کي سڻڪڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو. توهان شايد اهڙي حالت ۾ اهو بهتر سمجهو ته نڪ کي رومال سان صاف ڪجي. پر حقيقت اها آهي ته رومال سان نڪ صاف ڪري ان رومال کي پنهنجي پرس يا کيسي ۾ رکڻ کي هتي جا ماڻهو اڃان به وڌيڪ خراب ۽ ڪراهت آموز سمجهن ٿا. بهتر اهوئي آهي ته ٻئي ڪمري يا ٽئاليٽ ۾ وڃي اتي ٽشو پيپر سان نڪ صاف ڪجي. بهرحال ٽرين ۾ يا ٻين اهڙن هنڌن تي ان مصيبت جو مهاڏو ٿئي ته رومال سان نڪ صاف ڪرڻ کان اهو بهتر آهي ته سڄو وقت سُڻ سُڻ ڪري سنگهه کي مٿي ڪندو رهجي.
    • ڪو جپاني دعوت ڏئي ۽ گهر سڏي ته هن لاءِ ڪو تحفو ضرور کڻي وڃجي. هتي جا ماڻهو تحفي طور گهڻو ڪري ڪا کاڌي جي شيءِ: ميوو، ڪيڪ بسڪيٽ يا تازي مڇي کڻي وڃن ٿا. توهان چاهيو ته پنهنجي ملڪ جو ڪو سووينيئر (سوغات) ڏئي سگهو ٿا.
    • جپاني هڪ ٻئي سان ملڻ وقت هڪ ٻئي جو پنهنجي گهر ۾ آڌر ڀاءُ ڪرڻ وقت يا موڪلائڻ مهل جهڪي ويلڪم ڪن ٿا يا گڊ باءِ چون ٿا. جپان ۾ ملاقات يا موڪلائڻ وقت هٿ ملائڻ جي رسم ناهي. هڪ پاڪستانيءَ اهو ٻڌي چيو ته جپاني به عجيب چريا آهن! هو اسان جي نظرن ۾ کڻي چريا هجن پر ڏٺو وڃي ته جپان ۾ هڪيدو ٻيٽ کان هيٺ ٻي ڇيڙي تي اوڪيناوا جي آخري ٻيٽ تائين جپاني مردن توڙي عورتن وٽ ملڻ ۽ موڪلڻ جي اها هڪ ئي رسم آهي. سخت مونجهارو ته اسان وٽ آهي جتي ڪنهن دعوت، سرڪاري ميٽنگ يا فنڪشن ۾ اها خبر نٿي پوي ته هڪ مرد ۽ عورت ڪيئن کيڪارين...؟ ڪٿي فقط وات سان هيلو هيلو ڪيو وڃي ٿو، ڪٿي هٿ ملايو وڃي ٿو، ڪٿي مرد عورتن جي مٿي تي هٿ رکن، ڪٿي مٿي تي هٿ رکڻ بعد هنن سان هٿ ملائين، ڪٿي ڪٿي، خاص ڪري شادي جي دعوت ۾ مون ڏٺو آهي (۽ ضرور توهان جو به مشاهدو هوندو) ته ڪي مرد عورتن کي يا عورتون مردن کي ڀاڪر پائي ملن. مڃيان ٿو ته هو ننڍ وڏائيءَ جي آداب ۽ عزت خاطر ڀاڪر پائين ٿا، ۽ اهو به آهي ته هنن جو رشتو ويجهي مائٽيءَ جو هوندو پر اسلام ۾ ته پيءُ کي به اجازت ناهي ته پنهنجي جوان ڌيءَ سان ڀاڪر پائي ملي. ۽ دراصل اسان جي ملڪ جي ماڻهن جون اهي ئي ڳالهيون آهن جن تان ٻين مسلمانن ملڪن جا ماڻهو کلن ٿا ۽ غيرمسلم ملڪن جي ماڻهن کي جڏهن اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته پاڪستان ۾ اسلامي قانون آهي جتي مرد کي عورت سان هٿ ملائڻ نه کپي..... ۽ پوءِ اهي ڌاريا اسان جي ملڪ ۾ جڏهن هي کيل تماشا ڏسن ٿا ته سخت حيرت کائين ٿا.
    • جپانين ۾ ٻين لاءِ، خاص ڪري گهر ۾ آيل مهمان لاءِ تمام گهڻي Courtesy آهي. هو ڳالهه ڳالهه تي مهرباني، معاف ڪجو، ڀلي ڪري آيئو..... جهڙا ڪجهه پر تڪلف جملا چوندا رهن ٿا ۽ هو ٻئي کان به اهوئي Expect ڪن ٿا. ان ڪري جپان ۾ ايندڙ ڌارئي لاءِ ضروري آهي ته هو پهرين ڏينهن ئي جپانيءَ جا ڪجهه اهي لفظ ۽ محاورا ياد ڪري ڇڏي جيڪي هرهر ۽ تمام گهڻو ڳالهايا وڃن ٿا. اهي هن ريت آهن:
    ڪونيچيوا (Konnichiwa) – توهان جڏهن ڪنهن جي گهر وڃو ته سلام ڪرڻ خاطر ڪونيچيوا چئي سگهو ٿا. ان بعد توهان کي پنهنجي ميزبان کي Gomen Kudasi (گو مين ڪداسائي) چوڻ کپي.
    گومين ڪداسائي جي لفظي معنيٰ آهي................ توهان کي تڪليف ڏيڻ جي معافي ٿو گهران.
    ميزبان توهان کي ڀليڪار (Welcome) لاءِ توهان کي هنن چئن لفظن مان ڪو چوندو.
    Irasshai – اراسهائي
    Irassaimase – اراسائي ماسي
    Yoku Irasshai Mashita – يوڪو اراسهائي ماشتا
    Youkoso – يائو ڪوسو
    مٿي ڏنل پهريون لفظ (Irasshai) گهٽ تڪلف وارو آهي ۽ هڪ جيڏن لاءِ استعمال ٿئي ٿو.
    گهر ۾ اندر داخل ٿيڻ تي ميزبان توهان کي هنن مان هڪ جملو چوندو.
    • دوزو. اوئاگري ڪداسائي Dozo Oagari Kudasai
    • دوزو اوهائري ڪداسائي
    ٻنهي جو مطلب ساڳيو آهي ته مهرباني ڪري اندر اچ. يا ميزبان جي واتان هي جملو به ٻڌڻ ۾ ايندو:
    • دوزو ڪوچيرا اِي (Dozo Kochira e)
    ان جي معنيٰ آهي: ”اچ. مهرباني ڪري هيڏانهن اچ.“ جپاني Dozo لفظ تمام گهڻو استعمال ڪن ٿا. جنهن جي معنيٰ آهي مهربان. يا ڪرسيءَ ڏي اشارو ڪري چئجي ته دوزو معنيٰ ڀلي ويهه.
    جواب ۾ مهمان گهڻو ڪري هنن ٻن جملن مان هڪ چوندو آهي: اوجاما شِماسُو Ojama Shimasu يا وري شتسوريئي شماسو Shitsurei Shimasu جن جملن جي معنيٰ آهي ”سائين معاف ڪجو.“ (توهان کي بي وقتو ڊسٽرب ڪيوسين). يا وڃڻ وقت اهو جملو چوڻ جو مطلب آهي سائين معاف ڪجو. توهان کي ڇڏڻ جي ڪري رهيا آهيون.
    جنهن وقت توهان جو ميزبان توهان جي کائڻ يا پيئڻ لاءِ ڪجهه تيار ڪرڻ لاءِ اٿي ته توهان هن کي چئي سگهو ٿا ته Dozo Okamainaku دوزو. اوڪا مائي ناڪُو (مهرباني ڪري ڪا تڪليف نه ڪريو).
    ۽ پوءِ ميزبان جڏهن ڪا کائڻ يا پيئڻ جي شيءِ مهمان اڳيان اچي رکندو آهي ته هن کي چوندو آهي:
    دوزو! مينشي آگاتي ڪداسائي (Dozo MEshiagatte Kudasai)
    اهو جملو ايئن آهي جيئن پاڻ ڪنهن مهمان اڳيان ماني رکي چوندا آهيون ”سائين تڪلف نه ڪجو“، يا ”پنهنجو گهر سمجهو“. يا جيئن انگريز چوندا آهن ته ”پليز هيلپ يوئر سيلف“ وغيره.
    ۽ ٻه جپانيءَ جا جملا اهڙا آهن جيڪي ڌارئين مهمان کي ياد رکڻ کپن. جن مان پهريون مهمان کي ماني کائڻ کان اڳ چوڻ کپي، اهو آهي:
    Itadakimasu (اِتا داڪي ماس) ۽ ٻيو جملو ماني کائڻ کان پوءِ چوڻ جو آهي. جيڪو آهي: Gochisousama Deshita (گوچِي سوئوساما ديشتا)
    هتي اهو به لکندو هلان ته ڌارين جي سهوليت لاءِ جپان ۾ ڪيترائي گائيڊ بڪ ملن ٿا جن ۾ ڪيترن ئي اهم لفظن ۽ جملن جي معنيٰ رومن جپانيءَ ۾ لکيل ٿئي ٿي جيئن مون مٿي لکيو آهي. انهن ۾ رومن ۾ لکيل ٻه لفظ Masu ۽ Desu تمام عام آهن. اهي لکيا ماسُو ۽ ديسُو وڃن ٿا پر هميشه ماس ۽ ديس پڙهڻ کپن.
    جپاني زبان ۾ ”مهرباني“ لاءِ اري گاتو لفظ استعمال ٿئي ٿو يا ”دومو اري گاتو“ معنٰي تمام گهڻي مهرباني. هونءَ سڄو جملو Domo Arigato Gozaimasu آهي. ۽ ان جي جواب ۾ ”دُو اِتاشي ماشتا“ چئي سگهجي ٿو يعني ”مڙيئي خير آهي.“ يا جيئن انگريزيءَ ۾ چئبو آهي ته Mention it not وغيره.
    • اسين ننڍي کنڊ جا ماڻهو توڙي سنڌي پنجابي هجون يا بنگالي تامل................ گفتگو دوران بيحڊ جذباتي ٿيو وڃون. پر هن پاسي جا ماڻهو خاص ڪري ملئي ۽ هي جپاني، جن قومن سان منهنجو گهڻو واسطو رهيو آهي، بيحد ڌيرج وارا آهن. سندن اندر ۾ڀلي باهه جا کورا پيا ٻرن پر ٻاهرين ڏيک ۾ جهڙا ريفريجريٽر ــ سي به کليل دروازي وارا جنهن مان رڳو ٿڌاڻ پئي محسوس ٿئي. اسان ماڻهو ڪنهن سان سڃاڻپ ٿيڻ تي يڪدم فري ٿيو وڃون ۽ ويندي ويندي گندا گندا چرچا ڀوڳ به ٻڌائڻ شروع ڪري ڏينداسين پر جپاني ماڻهو ان معاملي ۾ تمام رزروڊ رهن ٿا.
    • جپانين سان بحث مباحثي دوران هڪ ته هنن جو صحيح ۽ پنهنجو Opinion ٿئي ٿو جنهن کي جپاني زبان ۾ ”هوني“ (Honne) يعني Real Opinion سڏجي ٿو ۽ ٻيو ”تاتيمائي“ (Tatemae) يعني Public Opinion ٿئي ٿو. هو گهڻو ڪري تاتيمائي جو اظهار ڪندا جيئن بحث ڪندڙ مجموعي جو سڪون ڊسٽرب نه ٿئي. ٻي ڳالهه ته جپانين ۾ جڏهن هڪڙو ڳالهائي ٿو ته ٻيا ماٺ ڪري ٻڌن ٿا. هن جي ڳالهائڻ دوران وچ ۾ ڳالهائي ڊسٽرب نٿا ڪن. بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالهائڻ وارو ڳالهائڻ بعد ڪجهه سوچي ٿو ته ٻيا پنهنجو وات بند رکي کيس سوچڻ جو موقعو ڏين ٿا ۽ نئين آيل ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ههڙي گرما گرم ٽاپڪ تي بحث هلندي قبرستان واري سانت ڇو ڇانئجي وئي آهي! ان ڪري جپان ۾ ايندڙن ڌارين کي آئون اهائي صلاح ڏيندس ته ڪنهن به جپانيءَ کي چاهي اهو توهان جو ميزبان هجي، آفيس جو ڪليگ هجي يا گرل فرينڊ ته هن کي ڳالهائڻ يا سوچڻ دوران ڊسٽرب نه ڪريو.
    ان معاملي ۾ بقول جهاز جي ريفريجريشن انجنيئر محمود جي آزاديءَ جو خواب ڏسڻ واري حڪايت به ڪارگر نٿي رهي ڳالهه مشهور آهي ته وڻ هيٺان هڪ ستل همراه کي ڪنهن ننڊ مان ٿي اٿاريو ته سج مٿي چڙهي آيو آهي سجاڳ ٿي ته اتان لنگهندڙ هڪ واٽهڙوءَ کيس ستل همراهه کي جاڳائڻ کان منع ڪندي چيس: ”ادا ڇو ٿو ستل کي اٿارين. ٿي سگهي ٿو هو آزاديءَ جو خواب ڏسي رهيو هجي.“
    تنهن تي اڳلي وراڻيس: ”جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ ته مون کي هن همراهه کي اٿارڻ ئي کپي جيئن آزاديءَ جو فقط خواب ڏسڻ بدران آزاديءَ لاءِ اٿي جدوجهد ڪري.“ سو جهاز جو انجنيئر محمود به جهاز جي نوجوان آفيسر کي نصيحت ڪندو آهي ته جپاني ماڻهو – پوءِ اها ڀلي توهان جي گرل فرينڊ هجي، هن کي ڳالهائڻ يا سوچڻ دوران ڊسٽرب نه ڪجي، چاهي توهان کي پڪ هجي ته هوءَ توهان مان جان ڇڏائڻ بابت سوچي رهي هجي.“
    • جپانين جون ڪي ڪي ڳالهيون واقعي ابتيون به لڳن ٿيون. اسان وٽ توڙي يورپ پاسي شرراٽ ڪري چانهن پيئڻ يا ماني کائڻ وقت چشڪا ڏيڻ خراب سمجهيو وڃي ٿو پر جپان ۾ ان ڳالهه کي اهميت نٿي ڏني وڃي بلڪ اسپاگهيٽي ٽائيپ سوپ کي شر شر جا آواز ڪري پيئڻ کي سٺي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو. يا ڊگهي اسپاگهيٽي جو هڪ پاسو وات ۾ وجهي باقي کي زور زور سان Suck ڪري وات اندر داخل ڪندا. بهرحال هي اهي ڳالهيون آهن جن تان اسان ڪئڊٽ ڪاليج توڙي مئرين اڪيڊمين ۾ تعليم دوران هميشه سزائون کاڌيون.
    • ٻي ڳالهه اها ته پيالي مان ڀت کائڻ مهل ڪنڌ کي هيٺ جهڪائي کائڻ بدران جپان ۾ پيالي کي مٿي چپن تائين آڻي پوءِ چمچي يا چاپ اسٽڪس سان چانورن کي وات اندر ڌڪيو وڃي ٿو. چاپ اسٽڪس تان ياد آيو ته جيڪڏهن توهان جو جپان يا چين ۾ گهمڻ لاءِ اچڻ ٿي رهيو آهي ته پوءِ ته ٺيڪ آهي پر جيڪڏهن توهان نوڪريءَ لاءِ يا تعليم لاءِ ٻن ٽن سالن لاءِ اچي رهيا آهيو ته توهان لاءِ بهتر اهوئي آهي ته مهيني اندر Chop Sticks جو استعمال سکي ڇڏيو. چاپ اسٽڪس سان کائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. پر هڪ دفعو سکڻ سان توهان جي زندگي آسان ٿي پوندي جو چين وانگر جپان ۾ به جتي ڪٿي چاپ اسٽڪس استعمال ٿين ٿيون ۽ ماڻهو چمچي ڪانٽي بدران هنن ٻن تيلين سان هرشيءِ کائين ٿا. هي چاپ اسٽڪس اڳٺ وجهڻين جهڙيون ڊگهيون پر انهن کان ٿورو سنهيون، گول يا چورس شڪل جون ٿين ٿيون.
    • جپاني دوستن سان گڏ ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائڻ تي ان جو بل نه توهان ڏيو ۽ نه اها اميد رکو ته ڪو ٻيو ڀريندو. جپان ۾ گهڻو ڪري سڀ دوست ڦوڙي ڪري بل ادا ڪن ٿا.
    • جپان ۾ هوٽلن جي بئرن، ٽئڪسي ڊرائيورن، حجامن وغيره کي ٽِپ ڏيڻ جي ضرورت ناهي. هوٽلن وارا يا دڪاندار توهان جي پاڇي رقم يعني چئنج، هڪ هڪ سڪو ڳڻي ڏيڻ بدران يڪا ڳڻي توهان جي هٿ تي رکن ٿا. توهان جي ان کي ڳڻڻ کي هو پنهنجي بي عزتي سمجهن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپاني محنتي، ايماندار ۽ پنهنجي عزت جو خيال رکڻ وارا آهن. هو ان ريت ڪنهن کي Cheat نه ڪندا. ٻه ٽي يين ترڳائڻ لاءِ ڪو توهان کي گهٽ پئسا ڏئي ۽ توهان جي ڳڻڻ تي هو پڪڙجي پوي ته هن لاءِ ته ”هاراڪري“ ڪرڻ جو مقام آهي. (يعني وڏي خنجر سان پنهنجو پيٽ چيري آپگهاٽ ڪرڻ برابر بيعزتي آهي) البت آئون لڪي لڪي يا پري وڃي پاسيرو ٿي مليل ريجو ڳڻي وٺندو آهيان پر اڄ ڏينهن تائين هڪ Yen جو به فرق نه نڪتو آهي.
    • جپان جي هوٽلن ۾ ماني کائڻ بعد توهان کي ڪو ٽوال ملي يا نه ملي پر مانيءَ کان اڳ هٿ صاف ڪرڻ لاءِ ننڍڙو ٽوال گرم پاڻي يا ڪڏهن سخت ٿڌي پاڻيءَ ۾ پسيل توهان کي ڏنو وڃي ٿو.
    • چاپ اسٽڪس سان ماني کائڻ بعد اهي پليٽ تي يا ٽيبل تي ليٽائي رکجن. ڪڏهن به ڀت جي پياليءَ ۾ اڀيون نه هڻي ڇڏجن ڇو جو جپان ۾ ان جو مطلب آهي ته ڪو گذاري ويو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566046
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215609
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ