ڪتاب جو نالو: محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول
مصنف: تاليف امام العصر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي : سنڌيڪار: ڊاڪٽر عبدالرسول قادري
ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 18 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1158 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 364 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي زندگي
  • حمد ۽ صلواة
  • مقدمو
  • محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

  • خوفان کاهوڙين، ڳوڙهو سڪي نه ڳل تان
  • ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين،پڌر پئي نه ڪن
  • دنيا ڪارڻ دين، وڃائي وِلها ٿيا
  • بڇڙن ساڻ ڀلائيون
  • ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
  • تن مڃيو محمد ڪارڻيﷺ
  • ڏکن پٺيان سک
  • هارين هر سنباها
  • متو آهين مڇ
  • نِگا! پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ
  • ڏينديس باهه ڀنڀور کي
  • محبت پائي من ۾
  • جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير،تيئن مون من ماروئڙن سان
  • هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار
  • هو چونئي تون مَ چئو،واتان ورائي
  • جت شاهد ٿيندءِ سامهان
  • ماريو ته وِسهان
  • ٿئين هوند حلال
  • توتي لڄ لطيف چئي، آهي سندي عام
  • منهنجي مداين جي
  • مَ ڪر سڌ شراب جي
  • گهوڙا تن گهوٽن جا
  • ڀلائي سندو ڀير
  • وکرسو وهاءِ،جوپئي پراڻو نه ٿئي
  • ڀلي ڄائيون مائرون، سنديون صالحن
  • جيڪي لالن لکيو لوح ۾
  • ساري سک سبق
  • اڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ هڻيو مستان
  • منجهين باغ بهار
  • پار پڇندئي خبرون
  • ساڻ امانت اچ
  • ٿوري قوت قراريا
  • آئون به اڳڀري ٿيان
  • اکيون منهن ميهار ڏي
  • مڻيو وجهان مچ ۾
  • هادي رکج حفظ ۾
  • سڪڻ ڪيا شهيد
  • سا مجلس ئي مَٽ
  • ويٺي جنين وٽ
  • ڏوٿي انهين ڏيهه جا
  • ته مسلماني ماڻيين
  • سوڍي جي صلاح
  • ڪڍ تون دغا دل مان
  • سڀيئي سهاڳڻيون
  • سون ورنيون سوڍيون
  • ليلا ليلائيج
  • ڪوڙيين ڪيا ڪيترا، انهين خر خوار
  • هيءُ مُنهن ڏيئي ٻَن
  • ڏکيون جان نه مڙن
  • آئون نالي ڳيڙي نجهران
  • ڪچ ڪمايم ڪوڙ
  • کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ
  • ساريو سڏ ڪندوم
  • جنين ڏاند نه ٻج
  • ٻانهپ جو ٻيڙين ۾،وکر وڌائون
  • انهين جي اوطاق، وڃڻ مون واجب ٿيو
  • دليون پر کي داسڙو
  • ٽاڻان سندن ٽوهه
  • سي آيتون آهين
  • آهه نه سلن عام کي
  • ڏورڻ منجهان ڏس
  • هيرا لعل هٿن سين
  • اجهڻ جا افعال
  • ڪسر ڇڏ ڪنواٽ
  • مڻئي تي موهجي
  • جُفَّ القَلَمُ......وهي قلم ويو
  • قلب ساڻ لسان
  • ماڙهو ڏيئي مهڻا، مون کي ڪندا ڪوهه!
  • ٻول مَ وساريج
  • وچ ولهين ڏينهڙين
  • پاڻي پوڄ پٽن ۾
  • گهوڙن ۽ گهوٽن
  • سسئي آڻ مَ شڪ
  • مُنهن ۾ مسلمان
  • ٻهران زيب زبان سين
  • مون پريان جي ڳالهڙي
  • مون پريان جي ڳالهڙي
  • وڃڻ در دوستن جي،هرهر هُوڙائي
  • ڀري جام جنت جو
  • هوند گولي ٿي گذاريان
  • ڳنڍين سارو ڏينهن
  • صاحب تنهنجي صاحبي، عجب جهڙي آهه
  • سمنڊ سيويو جن
  • مرڻ تن مشاهدو
  • ڀلائي آهين، پرين ڀلائي پانهنجي
  • چڱاڪن چڱايون
  • موٽائي هڻنئي نه مُنهن جي
  • مانجهاندي جو ماڳ
  • ساڻ امانت اچ
  • ادب ۽ اخلاق جا سڙهه ٻڌج سوري
  • ولهيون ڍڪين وَلها
  • يار سڏائي سڀ ڪو
  • وڃي ڪجي وس
  • کاند وڏيائي کيڻ
  • هٿان تو پيئي
  • اُڀو آڇي اڇ
  • هي جا لياڪا لوڪ جا
  • ڏک مَ پسو ڏوٿيا
  • چُپ ڪرچپ مَ چَور
  • رتي علم نه راس
  • خاموشي خبر ٿي
  • من ماري ڪر ميڻ
  • ڏمر وڏو ڏک
  • جي نظر تو نيڪ
  • مري جيءُ ته ماڻيين
  • صبر ۽ شڪر کي، هٿ ڪيو مون هاڻ
  • شارڪ شڪ مَ ني
  • جن جي ساهڙ ساڻ صلاح
  • ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي
  • پنهون ٿيس پاڻهين
  • پر آئون به اڳڀري ٿيان
  • ڪُوڙ اوڏائي ڪين ڪي
  • ٻَن ٻيائي کي وجهي، ڪر پريان جي تات
  • تن ۾ تونس پرين جي، پِيان نه ڍاپان
  • لاکي لڄ کنئي
  • ڪَليون ٿيون ڪنبن
  • شادي ڏيندو صحت جي
  • سو سڀوئي ڏوهه
  • پائي نيڻ نهار
  • فائق هليا فردوس ڏي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو اڻٽيهون ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي.

    اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي

    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    سڀ ساراهون جهانن جي جوڙيندڙ، مالڪ مٺي مهربان کي سونهن ٿيون. جنهن “ڪن” جي حڪم سان ڪل جهان جوڙيا. ڪائنات جو ذرو ذرو هر وقت انب جي ئي واکاڻ ڳائي ٿو. هو ئي اول به آهي ته آخربه ظاهر به آهي ته باطن به ڳجهي توڙي پڌري،هر شيءِ جي ڄاڻڻ وارو رحمان ۽ رحيم به رب، ساري ڪائنات جو حقيقي بادشاهه، سلامتي ڏيندڙ ۽ نگهباني ڪندڙ، ان جو ڪوبه ڪم حڪمت کان خالي ناهي. سمنڊ توڙي خشڪي، آسمانن ۽ زمين هر هنڌ ان جي حڪمت جا نشان چٽا ۽ پڌرا آهن.
    ڪروڙين درود ۽سلام ڪائنات جي ڪارتڻي، ٻنهي جهانن جي رحمت محمد مصطفيٰ ، احمد مجتبيٰ ﷺ مٿان پڙهجن. جن تي پاڻ الله پاڪ ۽ ان جا ملائڪ رحمت ٿا موڪلين. جيڪي انسانذات جا عظيم محسن آهن. پاڻ .......انسان کي نه رڳو جنت جي واٽ ٻڌائي. بلڪ انهيءَ واٽ تي هلي به ڏيکاريو. پاڻ ڪريم ﷺ هر مخلوق لاءِ رحمت بڻجي آيا.
    پيروي ڪندڙن تي پڻ سلام هجي
    حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم. محبوب نبيﷺ جا مٺاٻول. ڪتاب ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جا اهي 120 فرمان آنداويا آهن جيڪي ڏاڍا مختصر ۽ ٿورا لفظ آهن پر معنيٰ ۽ مطلب تمام گهڻو اٿن. اهي سڀ هدايت، نصيحت،عبرت، حڪمت ۽ ڏاهپ سان ڀرپور آهن.
    سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. حديث جي مختلف ڪتابن مان پاڻ ڪريم ﷺ جي مٺڙن ، سهڻن لفظن ۽ جامع ڪلمن کي چونڊي الف ب وار ترتيبن ڏيئي هڪ هنڌ سهيڙيو اٿن. مخدوم هاشم ٺٽوي سنڌجو اهو رجل جليل آهي جنهن عرب ۽ عجم ۾ حديث جي اساعت ۾ گرانقدر خدمتون سرانجام ڏنيون.
    اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي.شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ قرآن ۽ حديث جي مفهوم کي سموهيو آهي. اسان هر حديث کي جدا جدا صفحي تي اني سهڻي انداز ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حديث پاڪ ، ترجمو، سمجهاڻي ۽ آخر ۾ ان سان ٺهڪندڙ شاهه سائين جو شعر هڪ اهڙو ته سهڻو گلدستو تيار ٿي ويو آهي جو هن جهڙو ڪم سنڌي ادب به پهريون خير ڪوٺيو هجي.هڪ پاسي هي حديث مبارڪ جو سهڻو انتخاب ۽ ان جي سمجهاڻي آهي ته ٻئي پاسي هي شاهه سائين جي شاعري جو به هڪ سهڻو گلدستو آهي. فاضل مترجم هر حديث پاڪ جو عنوان به شاهه سائين جي شعر مان چونڊي ادبي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. مونکي اميد آهي ته سنڌي پڙهندڙن لاءِ هي مختصر ڪتاب رشد ۽ هدايت جو ڪارڻ ٿيندو ۽ اسان سڀني جو لايو سجايو ٿيندو.شال الله پاڪ اسان سڀني جو هي پورهيو قبول فرمائي. آمين
    جون 2009ع
    قمر ميمڻ
    سيڪريٽري
    مهراڻ اڪيڊمي


    مهاڳ

    بسم الله الرحمان الرحيم
    الحمد لله رب العالمين والصلواة والسلام عليٰ سيد الاانبياء والمرسلين و عليٰ آلہ واصحابه اجمعين
    سنڌي جي مايه ناز عالم ، مفسر، محدث، فقيہ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جون علم حديث ۾ وڏيون خدمتون آهن. هميشه درس حديث ڏيندو رهيو ۽ علم حديث ۾ سندس هيٺيان ڪتاب يادگار آهن.
    1. صحيح بخاري تي مختصر تعليقات ، عربي
    2. حياة القاري باطراف صحيح البخاري ، عربي
    3. فتح الغفار بعوالي الاخبار عربي
    4. تحقيق اسانيد حديث: اقتلوا الساحر والساحرة عربي
    5. جنت النعيم في فضائل القرآن الڪريم عربي
    6. رسالہ في شرح قولہ عليه السلام لعمار بن ياسر: “ ويح عمار تقتلہ الفئتہ الاباغية عربي
    7. الحصن المنوع عما اورد عليٰ من ادرج الحديث الموضوع. عربي
    8. حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم عربي
    سردست هتي اسان ڪتاب “ حلاوة الفم” جو تعارف، ترجمو،تخريج ۽ تشريح ڏئي رهيا آهيون. هر هڪ حديث مابرڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان مخدوم ٺٽويءَجي همعصر، ولي الله ۽ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سهڻا سنڌي بيت به شامل ڪياآهن. هڪ نئين زاويي کان نئين ڪوشش آهي.
    حلاوة الفم:
    مخدوم هاشم ٺٽوي هي ننڍو رسالو حديث بابت تاريخ 21 رجب 1171هجري (1758ع) ۾ لکيو. قلمي رسالي ۾ ست صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه تيرهن انچ ۽ ويڪر اٺ انچ آهي. هرصفحي ۾ 35 سٽون ۽ سراسري طدور هر سٽ ۾ 16 لفظ آهن. ڪاتب رسالي جي منڍ ۾ مٿان عربيءَ ۾ لکيو آهي ته: قابلناه بالاصل” مطلب ته هيءُ رسالو اصل ليکڪ جي دستخط قلمي نسخي تان ڀيٽي لکيو ويو آهي. ان ڪري هيءُ رسالوڳ صحت جي لحاظ سان اهميت وارو ۽ صحيح نسخو آهي.جيتوڻيڪ ڪاتب پنهنجو نالو ۽ ڪتابت جو سال نه لکيو آهي. هن رسالي جا قلمي نسخا ۽ عڪس هنن ڪتب خانن ۾ موجود آهن. قادري الئبريري دڙي مگسي سڪرنڊ، ڪتابخانه ڳڙهي ياسين، درگاهه ٽنڊو سائينداد، ڊاڪٽري رحمت الله ابڙو لائبريري لاڙڪاڻو، مڪتبه قاسميه ڪنڊيارو، اورينٽل ڪاليج حيدرآباد، مدرسه صبغة الهديٰ لائبريري شاهه پور چاڪر، مڪتبه مجدديه نعيميه ملير ڪراچي، سنڌالاجي لائبريري ڄامشورو ۽ جيلاني لائبريري اچ شريف.
    مخدوم ٺٽويءَ هن عربي ڪتاب ۾ مٺي مرسل، نوري نبي پياري پيغمبر ﷺ جن جون پند ۽ نصيحت، عبرت ۽ حڪمت اخلاص ۽ هدايت سان ڀرپور هڪ سو ويهه” جوامع الڪلم” حديثون مختلف ڪتابن مان انتخاب ڪري الفب وار مرتب ڪيون آهن. مخدوم هاشم ٺٽوي هن ڪتاب ۾ حمد ۽ صلواة کان پوءِ مقدمي ۾ لکي ٿو:
    “ الله تعاليٰ جي رحمت جو محتاج ۽ اميدوار محمد هاشم پٽ عبدالغفور پٽ عبدالرحمان سنڌي ٺٽوي چوي ٿو ته ..... بيشڪ مون هن ڪتاب ۾ هڪ سو ويهه اهڙاسهڻا لفظ گڏ ڪيا آهن. جيڪي نبي پاڪ ( محمد رسول الله ﷺ) جن چيا ۽ ڳالهايا آهن. انهن سهڻن ڪلمن ۽ جملن لفظن کي حديث شريف جي ڪن عالمن سڳورن بيان سان خاص ڪيو ۽ پنهنجن ڪتابن ۾ چڱي پر کولي بيان ڪيو آهي.
    مون هنڪتاب جوڙڻ ۽ حديثن سڳورين مرتب ڪرڻ جي شروعات تاريخ 21 رجب سن 1171 هجري (1758ع) ۾ ڪئي..............من هن ڪتاب جو نالو رکيو آهي “ حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم” يعني نبي سائين ﷺ جي جامع لفظن سان وات مٺو ڪرڻ..................
    سهڻي نبي پاڪ ﷺ جي مٺي گفتار ۽ فصاحت بلاغت ايڏي ته چٽي ظاهر آهي. جو ان لاءِ ڪنهن به شاهد جي ضرورت نه آهي.........ان ڪري هنن وڏن عالمن مٺي رسل ﷺ جي چونڊ وڻندڙ ۽ پر تاثير مختصر گفتار يعني حديثن کي پنهنجن ڪتابن ۾ جمع ڪيو آهي جيئن ابن سني، القضاعي ۽ ابن الاصلاح”.
    مون هن ڪتاب ۾ نبي سڳوري جي انهن سهڻن لفظن ، جامع ڪلمن ، مختصر حديثن کي طالبن جي سهنجائي خاطر ۽ قرب وارن دوستن جي شوق ڏيارڻ لاءِ الف ب وار ترتيب ڏيو ويو آهي.
    مخدومٺٽوي حديث، سيرت ۽ تاريخ جي مختلف وڏن ڪتابن جي جدا جدا باغن بستانن ۽ گلن گلستانن مان گلغنچا چونڊي.حديثن جو هيءُ گلدستو جوڙيو آهي. جيتوڻيڪ رسول الله ﷺ جن جو ڪلام وحي الاهي آهي. حضور ﷺ جن جون حديثون به علم ۽ حڪمت جي نور سان ڀرپور آهن. پر مخدوم ٺٽوي هن ڪتاب ۾ مختصر ، جامع،موقعي مناسبت سان ٺهڪنڙ معنيٰ خيز ۽ اهي چونڊ حديثون شامل ڪيون آهن. جيڪي عرب ملڪ يا اسالمي علمي دنيا ۾ عام مشهور پهاڪن، اصطلاحن ۽ محاورن طور استعمال ٿين ٿيون. حديثون مختصر پر جامع، هدايت جي نڪتن سان ڀرپور ۽ دل کي سرور بخشيندڙ آهن.
    جهڙي طرح سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي برڪت ڀرئي رسالي ۽ بيتن مان مختصر سٽون گفتگو ۾ ڏاڍو رس پيدا ڪن ٿيون ۽ موقعي آهرگفتگو ۽ مضمون کي دلچسپ بنائن ٿيون. مثال طور محنت ۽ جاکوڙ لاءِ مشهور آهي:
    “ تتي ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي(شاهه)
    يا ڀليڪار لاءِ چئبو آهي:
    “ الله اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي (شاهه)
    شاهه لطيف ۽ حديث نبوي:
    اهڙي ريت مخدوم ٺٽويءَ، حضور ﷺ جون مختصر ۽ جامع حديثون چونڊيون آهن ۽ اسان شاهه ڀٽائي جا بيت به ساڳئي حديث جي معنيٰ ۽ مفهوم وارا چونڊي شامل ڪيا آهن مثال طور:
    “اِتَّقِ اللہَ حَیثُُ کُنۡتَ “ (حديث)
    ترجمو: جتي به هجين ته الله کان ڊڄ
    شاهه ڀٽائي به شاهڪار رسالي ۾خدا جي خوف کان روئڻ جي ساڳي ڳالهه ڪئي آهي ته خدا جو خوف کان کاهوڙين يعني عبادت گذار صالحن کان ڳل تان ڳوڙهو به ڪونه ٿوسڪي: “خوفان کاهوڙين، ڳوڙهو سڪي نه ڳل تان”
    “اَلۡخَمۡرُ جِمَاعُ الۡاِثۡمِ “ (حديث)
    ترجمو: شراب گناهن جي پاڙ آهي.
    شاهه ڀٽائي به حديث جي روشنيءَ ۾ چوي ٿو ته : اسلام ۾ شراب حرام آهي انڪري شراب نه پي. پر شراب جي سڌ به نه ڪر:
    “ مَ ڪر سڌ شراب جي، جي تون ٽاريين ٽوهه”
    “اَالنَّدَمُ تَوۡبَۃٌ “ (حديث)
    ترجمو: پشيماني توبهه آهي.
    شاهه ڀٽائي به سر ليلا چنيسر ۾ گنهگارن انسان کي ليل جي روپ ۾ توبهه تائب ٿيڻ ۽ ليلائڻ جو درس ڏنو آهي. ته هي دنيا منٿ ۽ توبهه ڪرڻ جو ماڳ آهي:
    “ليلا! ليلائيج، اٿئي ماڳ منٿ جو “ (شاهه)
    مخدوم هاشم ٺٽوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1102هه کان 1165هه) ٻارهين صدي هجريءَ جا هيرا ۽ همعصر آهن. مخدوم ٺٽويءَ جو نالو علمي دنيا ۾ سج وانگر روشن آهي. ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ به سنڌ جي شاعرن جو سرتاج آهي. سندس رسالو حق ۽ هدايت جي هيرن کاڻ آهي.
    ڪامل ولي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1152هه ــ 1192هه) سنڌ جي شاهه سيد عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس شاهڪار رسالي کي هنن لفظن ۾ ساراهيو آهي:
    آهي عبداللطيف تي رضامند و رحمان
    جوڙي جنهن قرآن، سنڌيءَ ۾ سولو ڪيو

    حقيقت به اها آهي ته شهيد گرهوڙي بزرگ،ساهه ڀٽائي جي روهاني ۽ شرعي فڪر انگيز ڪلام کان متاثر ٿي چيو ته سيد عبداللطيف ڀٽائي تي رب رحمان جون رحمتون هجن. جنهن قرآن شريف جي ترجمي ۽ تفسير کي سولي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ پنهنجي رسالي ۾ سمائي ڇڏيو آهي.
    خود شاهه عبداللطيف ڀٽائي به پنهنجي روهاني پيغام ۽ آفاقي ڪلام لاءِ چيو آهي:
    جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين،
    نئو من لائين، پريان سندي پار ڏي
    حقيقت ۾ شاهه جو رسالو شريعت ۽ طريقت، معرفت ۽ حقيقت جوخزانو آهي. رسالي جي پيغام کي معنيٰ جي لحاظ کان سنڌيٻوليءَ ۾ قرآن جون آيتون ۽ تفسير چيوويو آهي. شاهه جي رسالي جا پارکو ليکڪ ٽرمپ ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ قليچ کان وٺي وفائي، قاسمي، علامه قاضي، سرائي امداد علي، ڊاڪٽر سورلي ۽ ڊاڪٽر بلوچ تائين اها ڳالهه ڪندا آيا آهن.
    “ڪندا ويا تنوار، عالم عارف اهڙي”
    شاهدي طور شاهه جي رسالي ۾ قرآن مجيد جون گهڻيون آيتون تضمين طور آيل آهن. ان ڪري رسالي ۾ ڏاڍي سونهن سمايل آهي.
    پر اسان هتي نئين زاويي کان شاهه جي رسالي کي. صاحب قرآن حضرت محمد ﷺ جي حديثن مبارڪن جي روشني ۾ سجهڻ ۽ ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
    مخدوم هاشم ٺٽويءَهن ڪتاب” حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم” عربي ۾ هڪ سو ويهه مختصر حديثون چونڊي شامل ڪيون آهن. اسان هر هڪ حديث مبارڪ اصل عربي، ان جو سنڌي ترجمو ۽ پنهنجن لفظن ۾ انهن حديثن مبارڪن جي ٿورڙي سمجهاڻي ۽ فائدو لکي. آخر ۾ حديث نبويءَ جي معنيٰ ۽ مفهوم موجب شاهه جي رسالي مان ساڳي معنيٰ ۽ مطلب وارا بيت شامل ڪيا آهن.
    هونئن ته اڪثر ليکڪ قرآن جي آيتن جي معنيٰ موجب شاهه جا شعر چونڊي، مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن ۾ لکندا آيا آهن. پر هتي نبي پاڪ صاحب لولاڪ ﷺ جي حديثن مبارڪن جي معنيٰ ۽ حديثن جي مفهوم جهڙا شاهه جا بيت شامل ڪري، هڪ جديد ڪوشش ۽ نواڻ ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ شاهه جي رسالي ۾ شاهه لطيف قرآن جي آيتن سان گڏ. نبي سائين ﷺ جون ڪيتريون حديثون به تضمين طور آنديون آهن. پر اڪثر ليکڪن ۽ شاهه جي پارکو شارحن شاهه جي رسالي ۽ بيتن کي نبوي حديثن مبارڪن جي معنيٰ ۽ مفهوم سان هڪجهڙائي ۽ ڀيٽڻ جي ڪوشش گهٽ ڪئي آهي. گهڻو ڪري اها اسان جي پهرين ڪوشش آهي.
    خاص ڳالهه ته هر هڪ حديث مبارڪ جا عنوان به شاهه جي رسالي جي بيتن مان ساڳئي معنيٰ ۽ مفهوم پٽاندر چونبڊيا ويا آهن. گويا شاهه جي بيتن جي چند لفظن ، اڌ سٽ يا سٽ ۾ سڄي حديث نبويءَ جي معنيٰ سمايل ۽ ان جي نشاندهي ظاهر ٿئي ٿي.
    حديثن مبارڪن جا لفظ سهڻا، سليس، چٽا ۽ مطلب ظاهر آهي. پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي جي هيٺان سمجهاڻي طور پنهنجن لفظن ۾ بنهه ٿوري وصاحت به ڪئي وئي آهي ته جيئن ڳالهه سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.
    حديثن مبارڪن جي تخريج مڪتبه قاسميه جي مطبوعه نسخي کان اخذڪيل آهي.
    شاهه جا بيت، غلام محد شاهواڻي، غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آء ِآءِ قاضي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ گنج رسالن مان ورتا ويا آهن. شاهه جي بيتن کي ڳولڻ :اءِ “ شاهه جو رسالو” (از عبدالغفار “ گوهر” دائود پوٽو) ۽ “ ڪشف الابيات” (از ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو) سامهون رهيا آهن.
    مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو علم حديث ۾ تحقيق ۽ مطالعي جو ڪمال هي آهي ته هن ننڍڙي رسالي” حلاوة الفم” ۾ حديث جي مشهور محدثن ۽ ڪتابن امام محمد بن اسماعيل بخاري جي صحيح بخاري کان وٺي ابن المنير تائين 58 ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن ۽ تحقيق جو معيار برقرار رکيو آهي.
    مخدوم ٺٽويءَ جوايڏو مطالعو ۽ حديث نبويءَ ۾ايڏي ته گهري نظر ۽ تحقيقي آهي. جو پاڻ ڪتاب جي آخر ۾ نتيجو ڪڍي لکي ٿو ته:
    “نبي پاڪ ﷺ جن شريعت جي متفرقات ۽ مختلف ڳالهين اسلام جي مکيه اصولن کي رڳو هنن چئن حديثن ۾ گڏ ڪيو آهي
    حديث: اِنَّمَاالاَعۡمَالُ بِالنِّیَاتِ( بخاري، مسلم)
    ترجمو: عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.
    حديث :اَلۡحَلَالُ بَیَّنٌ وَالۡحَرَامُ بَیَّنٌ
    ترجمو: حلال پڌرو آهي ۽ حرام به پڌرو آهي (مسلم وغيره)
    حدیث اَلۡبَیَّنَۃُ عَلَی الۡمُدَّعِیۡ وَ یَمِیۡنُ عَلٰ مَنۡ اَنۡکَرَ
    ترجمو: شاهد، دعويٰ ڪندڙ فريادي تي آهن ۽ قسم انڪاري تي آهي.
    حدیث لَا یُکۡمِلُ اِیۡمَانُ الۡمَرۡءِ حَتَّی یُحِبُّ لِاَخِیۡہِ یُحِبُّ لِنَفۡسِہٖ
    ترجمو: ڪامل ايمان وارو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي ڀاءُ لاءِ اها شيءِ پسند ڪري جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ڪري.( بشارع، مسلم ؓعا)
    هنن چئن حديثن مبارڪن مان پهريون حديث مبارڪ عبادات واري حصي تي مشتمل آهي.
    ٻي حديث مبارڪ معاملات دنيا جي ڪار وهنوار يعني واپار وڙي تي مشتمل آهي.
    ٽئين حديث مبارڪ حڪومت هلائڻ بابت قاعدن قانونن تي مشتمل آهي.
    ۽ چوٿين حديث مبارڪ آداب ۽ انصاف تي مشتمل آهي. جنهن ۾ ڏوهن کان روڪٿام به داخل آهي.
    مقصد ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي طرفان حضور پر نور نبي ﷺ جن جي جوامع الڪلم مختصر حديثن ۽ شاهه ڀٽائي جي هم معنيٰ ۽ مفهوم وارن بيتن ڏاڍو رس چس پيدا ڪيو آهي ۽ علم و عمل واسطي آساني ٿي پئي آهي.اميد ته نبي پاڪ صاحب لولاڪ ﷺ جا امتي. هنن نبوي حديثن جي مٺن ٻولن کي پڙهي ۽ عمل ڪري ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي ماڻيندا. آمين
    سي پوڄارا پر ٿيا، سمنڊ سيويو جن
    آندائون عميق مان، جوتي جواهرن
    لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن
    ڪانهي قيمت تن، مُل مهانگو ان جو

    مٺي مرسل جي شفاعت ۾ اميدوار
    طالب العلم
    عبدالرسول قادري بن مجنون خان مگسي
    ڳوٺ بخشو مگسي (ديهه7 دڙي مگسي)
    يونين ڪائونسل ماروي
    تعلقو سڪرنڊ، ضلعو نواب شاهه سنڌ


    مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي زندگي

    الله تعاليٰ جي ٻاجهه سان سنڌ جي سهڻي سر زمين مان محبت ڀريا ماڻهو ۽ پرور پا جا پهتل پيارا ٻانها پيدا ٿيندا رهيا آهن جن جي جوت جڳ کي پي جرڪايو آهي.
    هن ڪتاب جومصنف مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌي رح به سر امين سنڌ جو مايه ناز عالم ۽ ناميارو مصنف ٿي گذريو آهي. سندس علمي ادبي ۽ ديني خدمتون سر سبز سنڌ کان علاوه عرب و عجم ۾ سج جيان روشن آهن. اڄ به سندس نالو علمي ۽ ادبي دنيا ۾ چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪي رهيو آهي. سندس علمي ڪتاب دنيا جي مشهور يونيورسٽي “ جامعه الازهر” مصر ۾ نصاب طور پڙهاياوڃن ٿا. (عبدالجبار جوڻيجو (ڊاڪٽر) سنڌيون اداره سنڌيات سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد 1970ع ص 61)
    سندس شاگردن جو حلقو سنڌ سان گڏ بلوچستان افغانستان ايران ۽ حجاز مقدس مڪي مديني شريف تائين وسيع هو.( راوي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ڊائريڪٽر ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد) پاڻ اڄ کان اچائي سو ورهيه کن اڳ سر زمين سنڌ جي شان ۽ ساراهه ۾ “مدح نامه سنڌ” نالي ڪتاب لکي. سنڌ جي مُٺ گهرن کي لاجواب ڪيائين ۽ سنڌ جوشان سوايو ڪيائين (مخدوم هاشم ٺٽوي “ مدح نامه سنڌ” فارسي قلمي ص 1 ـــ40) ڊزن کان وڌيڪ ڪتاب لکي. سنڌي ٻوليءَ کي مالا مال ڪيو ۽ اهل سنڌ تي احسان ڪيو.
    مخدوم صاحب جي ذات گرامي ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. سندن علمي عظمت جو اعتراف نه رڳو گڏيل هندستان جي علمي طبقي کي آهي. پر سڄي عالم اسلام ۾ کيس سنڌ جو وڏو محدث ۽ فقيهه سڏيو وڃي ٿو. مخدوم صاحب پنهنجي دور ۾ تصنيف، تدريس، تبليغ ۽ رشد و هدايت جي ذريعي اسلام ۽ مسلمانن جي جيڪا خدمت ڪئي ۽ بڇرين بدعتن خلاف جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو. تنهن کي ڏسندي سنڌ ۾ 12 صدي هجريءَ جو کيس “مجدد” سڏجي ته بجاءِ آهي.( غلام مصطفيٰ قاسمي” مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو وصيت نامو” ماهوار نئين زندگي پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي آڪٽوبر 1059ع ج 12 نمبر 10 ص 19)

    خانداني احوال:
    مخدوم صاحب جا وڏا اصل ۾ سنڌ جي قديم شهر سيوهڻ جا رهاڪو هئا. پر قسمت سانگي مخدوم صاحب جو والد لاڙ طرف لڏي اچي بٺوري ۾ رهيو. جتي مخدوم صاحب ڄائو،نپنو،پڙهيو، وڏو ٿيو، اڳتي هلي ٺٽي ۾ وڌيڪ اسريو، نسريو پڙهيو پرجهيو پروڙيو، پچي پختو ٿيو ۽ رچي ريٽو ٿيو. لاڙ جو لال ٿي اڀريو ۽ فيض عام ڏيڻ لڳو.
    مخدوم صاحب جو نالو پيءُ جو نالو عبدالغفور ۽ ذات جو پهنور هو.پهنور حضرت حارث جو اولاد آهن (مير علي شير علي قانع ٺٽوي”معيار سالڪان طريقت” فارسي قلمي ص203) پر پاڻ ڀرپور علمي ۽ ديني خدمتنجي ڪري “مخدوم” سڏجڻ لڳو. سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي” محمد هاشم بن عبدالغفور بن عبدالرحمان بن عبداللطيف بن عبدالرحمان بن خير الدين السندي البتورائي ثم البهر البهرامپوري ثم التتوي” ( مير علي شير قانع ٺٽوي “تذڪره مقالات الشعراء” فارسي مرتب سيد حسام الدين راشدي سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1957ع حاشيه 841)

    ولادت ۽ تعليم:
    مخدوم صاحب جي ولادت تاريخ 10 ربيع الاول 1104هه19 نومبر 1692ع تي لاڙ پٽ بٺوري ۾ ٿي. پاڻ ابتدائي علم فارسي عربي صرف نحو پنهنجي والد عبدالغفور وٽان پرايو. ان کانپوءِ ٺٽي شهر ۾ مخدوم محمد سعيد وٽ وچون درسي نصاب پڙهيو. آخر ۾ مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي وٽ مڪمل نصاب پڙهي پورو ڪيو. ( خانبهادر محمد صديق ميمڻ “ سنڌ جي ادبي تاريخ” آر ايچ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد 1965ع ڇاپون اٺون ص 74) ان دوران مخدوم صاحب جو والد عبدالغفور ٺٽي مان واپس پنهنجي شهر بٺوري ۽ بعد ۾ ان جي ويجهو بهرامپور ڳوٺ ۾ ديني تعليم پڙهائڻ جي شروعات ڪئي. غالبًا اتي هالتون ناسازگار رهيون. تنهنڪري هن وڏي عالم ۽ استاد کي ٺٽي جهڙي مرڪزي شهر ۾ مدرسو کولڻ موزون لڳو.ڇو ته ٺٽو نه رڳو اڳ ۾ سنڌ جي گادي جو هنڌ هو. پر علمي دنيا ۾ “عراق ثاني” جي حيٿيت رکندو هو. (شيخ فريد بکري “ ذّخيرة الخوانين” فارسي پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي 1970ع ج 2 ص 31) مخدوم صاحب ٺٽي ۾ رهي دين متين جي خدمت ڪرڻ ۽ عربي فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم جو في سبيل الله سلسلو جاري ڪيو.

    سفر حرمين ۽ طريقت جو سلسلو:
    جڏهن مخدوم صاحب جي عمر 31 ٿي ته سن 1135هه ۾ حرمين شريفين جي زيارت واسطي حجاز مقدس روانو ٿيو. اتي به وقت جي برک محدثن شيخ عبدالقادر مفتي مڪه مڪرمه ، شيخ يڌعيد بن علي الازهري، شيخ محمد بن عبدالله الفاسي ، شيخ علي بن عبدالملڪ الدراوي ۽ شيخ ابو طاهر مدني جهڙن مشهور استادن کان علم حديث ۽ تفسير ۾ سندون حاصل ڪيائين.
    حرمين شريفين جي سفر کان واپسي4ءَ ۾ مشهور صوفي بزرگ سيد سعد الله قادري سورت بندر واري وٽ قادري سلسلي ۾ بيعت ڪري.خلافت جوخرقو ڍڪي.سن 1137هه ۾ پنهنجي ماڳ ٺٽي موٽي آيو. ( مخدوم محمد هاشم ٺٽوي “ بذل القوة في حوادث سني النبوة” عربي مرتب مخدوم امير احمد سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1966ع مقدمو ص 7 کان 9)

    ديني خدمتون:
    مخدوم صاحب سفر حرمين ۽ قادري سلسلي ۾ خلافت کان بعد رات ڏينهن درس تدريس، ذڪر اذڪار ۽ تصنيف و تاليف ڏانهن متوجهه ٿيو. وقت جي عالمن جي ڪتابن جو تحقيقي مطالعو، وقت جي حڪمرانن کي دين جي نصيحت، شرعي پابندي ۽ نفاذ شريعت لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ لڳو. نادر شاهه بادشاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ کي سندن ظلم ۽ استبداد خلاف خط موڪليائين ( مخدوم محمد حاس۾ ٺٽوي “ بناء الاسلام سنڌي مرتب فقير محمد اسماعيل ڪنڀاروفائي پرنٽنگ پريس ڪراچي 1975ع ڇاپو ٻيو مقدمو 38)
    ان ڏس ۾ سندس سعيي سان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي والي سنڌ کان سن 1172هه ۾ شريعت جي پابندي بابت شاهي فرمان جاري ڪرائي، عملي زندگيءَ تي زور ڏياريائين (روزانه الوحيد سنڌ آزاد نمبر سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد 1979ع ڇاپوٻيو ص 32) سندس اهو هڪ ئي ڪارنامو سونهري حرفن ۾ لکڻ جهڙو آهي. وقت جي ڪن همعصر عالمن ۽ ٻينماڻهن سندس مخالفت ڪئي. پر هي مرد مجاهد، شڊريعت جو خادم ۽ عاشق رسول ﷺ همه وقت سرتاپا شريعت پاڪ جي نفاذ، ديني خدمتن،درس ۽ تصنيف، قال الله ۽ قال رسول الله ﷺ جي شعل ۾ مصروف رهيو. مخدوم صاحب قاضي القضاء جي حيٿيت ۾ فتويٰ نويسي ۽ شرعي فيصلا به ڪندو رهيو. هر روز ٽيپهري نماز بعد پنهنجي مدرسي واري هاشمي مسجد ۾ حديث نبويءَ جو درس ڏيندو هو. ۽ هر جمعي جي ڏينهن جامع خسرو ( دابگران واري مسجد) ۾ وعظ ڪندو هو ۽ جمعي جي نماز پڙهائيندو رهيو. اهڙيءَ ريت سندس زندگيءَ جو ٽائيم مقرر هو. سندس 24 ڪلاڪ ڪمن لاءِ وراهيل هوندا هئا ( روزانه الوحيد سنڌ آزاد نمبر سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد 1979ع ڇاپو ٻيو ص 33)
    سنت جماعت جي مذهب جي تقويت ۽ دين متين جي رسمن زندهه ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن جي ڏينهن ۾ سندس ڪوشش سان اهڙا وڏا ڪم سرانجام ٿيندا هئا جيڪي سچي دين جي تائيد جو ڪارڻ هوندا هئا. مشرڪن ۽ دين جي دشمنن تي سندس عمل چڱي طرح جاري هو. سندس وقت ۾ سوين ذمي ڪافر مسلمان ٿيا. ( مير علي شير قانع ٺٽوي تاريختحفه الڪرام فارسي مطبع ناصري ج 3 ص 230)

    مدرسو ۽ شاگرد:
    مخدوم صاحب جو مدرسو ؟” دارالعلوم هاشميه” (ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر سنڌ جا اسلامي درسگاهه” سردار پريس حيدرآباد 1982ع ص 238)وچ شهر ۾ اگر محلي ۾ هو. سندس شاگردن جو حلقو تمام وسيع هو. جي مخدوم صاحب علم جو چنڊ هو ته سندس ساگرد به علمي آسمان جا چمڪندڙ ستارا هئا. سندس چند مشهور شاگردن جا نالا هي آهن مخدوم عبدالرحمان، مخدوم عبداللطيف، مخدوم عبدالله نرئي وارو، مخدومعبدالخالق ٺٽوي، ابو الحسن صغير ٺٽوي مدني، فقير الله علوي شڪارپوري، ميون عزت الله ڪيريو چوڙياروي، شيخالاسلام مراد سيوهاڻي، سيد شهمير شاهه مٽياروي، مخدوم مئيڏنو نصرپوري سيد صالح شاهه گهوٽڪي وارو ۽ نور محمد خسته ٽکڙائي.

    تصنيف ۽ تاليف:
    مخدوم صاحب قلم و قرطاس جو صاحب ۽ وڏو مصنف هو. سندس لکيل هزارين تحريرون ۽ سڍا ٽي سو کن ڪتاب يادگار ڇڏيائين ( غلام رسول مهر “ تاريخ ڪلهوڙا سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1958ع ج 2 ص 993) هر مسئلي تي سندس تحريرون موپجود آهن. سندس ڪتابن مان تفسير هاشمي، بياض هاشمي، حياة القاري باطراف البخاري، مظهر الانوار، فاڪهة البستان، قوت العاشقين ۽ فرائض الاسلام علمي دنيا ۾ مشهور ڪتاب آهن. مخدوم صاحب جي ڪيترن عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتابن کي ايڊٽ ڪري محققن پي ايچ ڊي جو ڊگريون حاصل ڪيون آهن.
    تڪمله مقالات الشعراء ۾ مخدوم صاحب جي ڪرامتن جو به ڪافي ذڪر آيل آهي( مخدوم محمد ابراهيم خليل تڪمله مقالات الشعراء فارسي سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1958ع ص 43)

    ڪتب خانو:
    مخدوم صاحب فڪر و فهم ، علم و عمل، مطالعير ۽ ڪتابي دنيا جو عاشق هو.وٽس تفسير، حديث، فقه ، تصوف، تاريخ ۽ لغت وغيره هر فن تي وڏا وڏا ڪتاب موجود هئا. سنڌ جي عالمن جا اڪثر سنڌي ڪتاب به محفوظ هئا. مخدوم صاحب پنهنجي تصنيفات مظهر الانوار ۽ فاڪهة البستان ۾ به حوالي طور آيل سون ڪتابن جا نالا فن وار آندا آهن. ( مخدوم محمد هاشم ٺٽوي “ مظهر الانوار” عربي قلمي، فاڪهة البستان عربي) بياض هاشمي ۾ گويامخدوم صاحب ڪتابي حوالن ۽ علم جو خزانو پلٽيو آهي (مخدوم هاشم ٺٽوي “ بياض هاشمي “ قلمي) مخدوم صاحب جي هڪ تحرير مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ چار هزار ڪتاب پڙهي هي نتيجو ڪڍيو اٿن لکن ٿا:
    “ چار هزار ڪتاب پڙهيم” انهن مان چار ڳالهيون پسند ڪيم:
    هڪ هيءُ ته اي منهنجا نفس! خدا تعاليٰ جي عبادت ڪرين ته ڪر، نه ته ان جو رزق نه کاءُ”
    ٻي هيءَ ته اي منهنجا نفس! جنهن کان خدا تعاليٰ روڪ ڪئي آهي ان کان پاسو ڪر نه ته ان جي ملڪ مان نڪري وڃ”
    ٽئين هيءَ ته اي منهنجا نفس جيڪي ازلي قسمت کان توکي پهچي ان تي صبر ڪر، نه ته ڪو ٻيو خدا ڳول، جيڪو توکي روزي وڌائي ڏي.
    چوٿين ڳالهه هيءَ ته اي منهنجا نفس! جي گناهه جو خيال ڪرين ته ڪا اهڙي جاءِ تلاش ڪر، جتي توکي خدا نه ڏسي نه ته گناهه نه ڪر. (غلام مصطفيٰ قاسمي” منهنجي علمي ڊائري” سه ماهي الرحيم سنڌي شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد 1966ع نمبر 3 ص 27 ــ28)

    شعر وشاعري:
    مخدوم صحب عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين جو وڏو شاعر هو، پر سندس شاعري جو محور الله جو رسول جو اهڃاڻ ۽ شريعت جي سڇاڻ سمايل آهي. الله تعاليٰ کيس پنهنجي ديني خدمتن ۾ ايترو مشغول رکيو، جو کيس سڄي عمر ڪنهن دنيادار بابت شعر چوڻ جي نوبت ئي ڪانه آئي. سندس عربي شاعري ۾ ثمانيه قصائد در مدح نبي ﷺ ۽ قوت العاشقين ۾ آيل عربي شعر مشهور آهن. سنڌي شاعري جي حوالي سان سندس سمورا سنڌي ڪتاب منظوم اڳوڻي سنڌيءَ ۾ آهن ۽ سندن فارسي شاعري مقالات الشعراء مدح نامه سنڌ ۽ رسالي رشف الزلال ۾ موجود آهي.

    عشق رسول ﷺ:
    مخدوم ٺٽوي عالم باعمل، گفتار ۽ ڪردار جو صاحب ۽ عاشق رسول ﷺ هو. سندس هر هڪ عمل الله ۽ سندس رسول ﷺ جو مظهر هو. سندس عربي، فارسي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ نبي ڪريم ﷺ جو عشق ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهي. مخدوم صاحب سچي سردار کي سڪ مان صدائون ۽ پياري پيغمبر کي پرت مان پڪارون ڪيون آهن.
    سنڌ ۾ مخدوم صاحب جي عشق رسول بابت هي واقعو هر ننڍي وڏي جي زبان تي عام آهي ته: مخدوم صاحب جڏهن حرمين شريفين جي سفر دوران ديار حبيب مديني منوره ۾ رسول الله ﷺ جي روضي مبارڪ تي حاضري ڏني ۽ سڪ مان سلام پڙهيو ته روضي مبارڪ مان حيات النبي ﷺ طرفان کيس سلام جو جواب مليو ۽ ائين کيڪاريو ويو ته “ڀلي آئين محمد هاشم ٺٽي وارا” ڇو ته حرم نبوي ﷺ ۾ محمد هاشم نالي وارا ٻيا ماڻهو به حاضر هئا. ( مخدوم محمد عاقل عرف پير محمد کهڙائي”قصص اولياء سنڌ” سنڌي قلمي ص 124)
    مولوي دين محمد وفائي هن روايت جي باري ۾ تصديق ڪندي لکيو آهي ته مخدوم صاحب کي مديني منوره جي رهڻ واريزماني ۾جمعي رات 9 رجب 1136هجري ۾. حضور ﷺ جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو.جنهن جو ذڪر(مخدوم صاحب) پنهنجي بعض تصانيف جي حاشيه ۾ ڪيو آهي ۽ پنهنجي دستخط سان اها ياد داشت لکيڇڏي آهي( مولوي دين محمد وفائي “ تذڪره مشاهير سنڌ” سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1985ع ج 2 ص 255)
    جيتوڻيڪ هن واقعي جو احوال تحفة الڪرام يا ٻئي ڪنهن همعصر تاريخي ڪتاب ۾ ڪونه ٿو ملي. پر هي واقعو ايتريقدر مشهور تواتر جي حد تي پهتل آهي. جو ان جو انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي.سنڌ ۾ اهو ڀليڪار واروواقعو مخدوم صاحب جي علمي عظمت ۽ عشق رسول ﷺبابت مثال طور ڏنو ويندو آهي ۽ سالن کان سنڌ ۾ سيني به سيني هلندو آيو آهي.

    وفات، مدفن ۽ اولاد:
    مخدوم صاحب ستر سالن تائين دين مبين جي عملي خدمت ڪندو رهيو. سندس وافت تاريخ 6 رجب 1174هه (9 فيبروري 1761ع ) ۾ ٺٽي شهر ۾ ٿي. ٺٽي لڳ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. سندس مزار اڄ به اهل دل لاءِ زيارت گاهه ۽ دلي سڪون جو ذريعو آهي( مخدوم عباللطيف ٺٽوي”مناقب مخدوم هاشم ٺٽويفارسي قلمي ص 2)
    سندس وفات تي ڪيترن ناميارن شاعرن دلسوز تاريخي شعر چيا آهن. هيٺين سٽن مان سندس وفات جو سن نڪري ٿو.
    محمد رحيم ٺٽوي
    در جوار مصطفيٰ ماوي يافت (1174هه)
    غلام علي بيگ ٺٽوي
    طائر قدس بفردوس محمد هاشم
    محمد پناهه رجا ٺٽوي
    بهشتش داد ايزد منزل جاه
    محمد رفيع ٺٽوي
    گل شد مشعل دين رسولﷺ
    محمد حسين ٺٽوي
    جعل الله جنة مثواه
    مخدوم صاحب جي قبرستان ۾ سندس خاندان ۽ پونير به مدفون آهن. مخدوم صاحب کي ٻه فرزند عبدالرحمان ۽ عبداللطيف هئا. اهي به پنهنجي دور جا بهترين عالم، مفتي، مصنف پرهيزگار ۽ والد جي نقش قدم تي هلندي. تادم آخر ديني خدمت ڪندا رهيا. هن وقت مخدوم صاحب جي پونيرن مان ڪوبه نه رهيو آهي. البته سندس مزار ۽ ڪتاب يادگار آهن. مخدوم صاحب جي مزار مبارڪتي بجلي، پاڻي وغيره جو سٺو انتظام آهي. مزار سان لڳ هاشمي مسجد ۾ پيش اماممقرر ڪيو ويو آهي. اهو انتظام ضلعي ڪائونسل ٺٽي طرفان ڪيل آهي.

    همعصر:
    مخدوم صاحب ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽئايءَ جو ساڳيو زمانو ڪلهوڙا حڪمرانن جو مشهور دور رهيو آهي. مخدوم صاحب جا همعصر به الله جا پيرا پهتل ٻانها، وقت جا وڏا فياض عالم ۽ شيرين زبان شاعر ٿي گذريا آهن. جيئن مخدوم محمد معين ٺٽوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم محمد قائم ٺٽوي مدني، محمد روح الله بکري، مخدوم محمداسماعيل پريالوي، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هالائي، مخدوممحمد زمان لنواري وارو، ابوالحسن ڏاهري، سيد موسيٰ شاهه گهوٽڪي، مير شير علي قانع ٺٽوي، محمد پناهه رجا، مخدوم عبدالرحمان شهيد کهڙائي، ميون محمد مبين چوٽياروي ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي.

    شخصيت ۽ عظمت:
    مخدوم صاحب جي دور جو همعصر مشهور مورخ مير علي شير قانع مقالات الشعراء فاسري ۾ رقمطراز آهي:
    “ مخدوم صاحب وڏي شان وارو، برڪت ڀري ذات وقت جي عالمن جو اڳواڻ هو. دين متين جي قانون جي ترويج ۽ اسلام جي بنيادي احڪامن جي استحڪام لاءِ ڪوشش ۾ مصروف رهندو هو. ڄڻ ته سندس ئيزماني ۾ دين اسلام جي تجديد واقع ٿي.......هند ۽ سنڌ عرب ۽ عجم ۾ ناميارو ۽ سڀئي پهلوئن کان سندس ذات شرف شان واري هئي. (مير عيل شير قانع ٺٽوي”تذڪره مقالات الشعراء” فارسي سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي 1975ع ص 841 ــ842) مشهور انگريز مصنف رچرڊ برٽن مخدوم صاحب جي شخصيت بابت لکي ٿو:
    “ هن هندوستان ۽ عربستان جو سير ڪيو هو ۽ عربي ۽ فارسي ٻوليون ۽ فقه چڱي طرح سکيو هو. چون ٿا ته مسافري دوران هن عيسائي پادرين سانم ڪيترائي مناظرا ڪيا ءٌ۽ سندن مذهب خلاف رسالا لکيا. هو هينئر هڪ وٺي ڪري ليکيو وڃي ٿو. هن جو مڪلي جي ٽڪريءَ تي مقبرو آهي ۽ پنهنجي وطنن لاءِ هڪ زيارتجي جاءِ آهي.( رچرڊ برٽن”سنڌ ۽ سنڌوماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون” مترجم محمد حنيف صديقي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1976ع ص 77)
    برٽن جو هي اقتباس نهايت قيمتي آهي جو هڪ انگريز مصنف مخدوم صاحب جي علمي عظمت جي باري ۾ شاهدي ڏئي رهيو آهي.
    موجوده وقت جو مشهور محقق ۽ مصنف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مخدوم صاحب جي شخصيت ۽ علميت جي باري ۾ لکي ٿو:
    “ سنڌ جي سرزمين جيڪي چوٽي جا عالم پيدا ڪيا. تن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هڪ نهايت ئي ناميارو عالم هو. سندس شخصيت ۽ علميت سنڌ لاءِ باعث فخر آهي. مخدوم صاحب جون ديني ۽ علمي خدمتون ايتريون ته اهم ۽ وسيع آهن. جو انهن تي مسلسل تحقيق جي ضرورت آهي. ديني علمن تفسير ، حديث فقه وغيره تي کيس عبور حاصل هو. ۽ انهن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيائين. عربي ۽ فارسي کانسواءِ سندس سنڌي تصنيفن جو معيار، علميت توڙي ٻولي ۽ لغت جي لحاظ سان ايترو ته بلند آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ۾ پڻ مخدوم صاحب جو مقام نهايت بلند آهي. (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ” مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سوانح حيات ۽ علميت بابت ڪي ويچار” ٽماهي مهرڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوروج 34 نمبر 41985ع ص 131)
    موجوده دور جو ٺٽي ۽ مڪلي جو عالم ۽ مصنف تحفة الزائرين ۾ لکي ٿو:
    “ ٻارهين صدي هجري ۾ ٺٽي هڪ عظيم البرڪت هستي سر زمين سنڌ کي ڏني، جنهن جي ڪري سند کي چار چنڊ لڳي ويا. هي هستي مخدوم المخاديم، سند الاقليم،مجدد ماه ثاني عشر،ملجاء الفقهاء والمحدثين زبدة العلماء الراسخين حضرت علامه الحاج محمد هاشم ٺٽوي رح آهي.”
    ( ابوالسراج محمد طفيل احمد ٺٽوي “تحفة الزائرين” اردو احمد برادرسناظم آباد ڪراچي 1988ع حصو چوٿون ص 246)


    حمد ۽ صلواة

    بسم الله الرحمان الرحيم
    سڀ ساراهه الله تعاليٰ کي سونهين، جو پنهنجي ذات صفات ۾ هڪ آهي. ان نبي(محمد ﷺ)تي صلواة ۽ سلام هجي. جنهن کان بعد ڪو به نبي اچڻ وارو ڪونهي. سندنآل اصحاب ۽ پيروي ڪندڙن تي به رب سائين جون رحمتون وسنديون رهن. (آمين)
    ڪتاب مرتب ڪرڻ جو سال ۽ نالو:
    الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا ۽ سچي سردار ﷺ تي درود ۽ سلام کانپوءِ، پاڪ پالڻهار بي پرواهه الله جي رحمت جو محتاج ۽ اميدواربانهو محمد هاشم پٽ عبدالغفور پٽ عبدالرحمان سنڌي ٺٽويءَ چوي ٿو ته هر گهڙيءَ ۽ هر قوت الله تعاليٰ ان جوساٿي ۽ مددگار رهي. آمين
    بيشڪ مون هن ڪتاب ۾ 120 اهڙا سهڻا لفظ گڏ ڪيا آهن جيڪي نبي پاڪ ﷺجن چيا ۽ ڳالهيا آهن. انهن سهڻن ڪلمن جملن ۽ لفظن کي حديث شريف جي ڪن عالمن سڳورن بيان سان خاص ڪيو ۽ پنهنجن ڪتابن ۾ چڱي طرح کولي بيان ڪيو آهي.
    مون هن ڪتاب جوڙڻ ۽ حديثن سڳورين مرتب ڪرڻ جي شروعات تاريخ 21 رجب سن 1171هه(1758ع) ۾ ڪئي. حضور پرنور ﷺ تي بهترين صلوات ۽ سهڻا سلام هجن.
    مون ڪتاب جو نالو رکيو آهي” حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم” مطلب ته نبي سائين جي جامع لفظن سان وات مٺو ڪرڻ، الله تعاليٰ کان هر قوت مدد گهران ٿو ۽ اهو ئي توفيق ڏيندڙ ۽ مدد ڪندڙ آهي.


    مقدمو

    هيءَ ڳالهه ڄاڻڻ ضروري آهي ته نبي پاڪ ﷺ جن الله تعاليٰ جي مخلوق ۾ مٺي زبان ڳالهائڻ وارا وڏا فصيح ۽ بليغ هئا. الله تعاليٰ جي پيغام پهچائڻ ۽ ادا ۾ تمام تڪڙا هئا. سندن مٺي گفتار ۽ رفتار ۾ ڪوبه سندن مٽ نه آهي. سندن فصاحت ۽ بلاغت جي بلندي ۽ انهن جي پهچ ۽ انتها جي ڪنهن کي به پروڙ ڪانهي. ان ڪري گهڻن عالمن سڳورن چيو آهي ته نبي پاڪ ﷺ جن جون سڀ سهڻيون حديثون سمورو ڪلام جامع لفظن ۽ عجيب حڪمت ڀريل ڳالهين سان ٽمتار آهن.
    سڄي ڳالهه جو نچوڙ هي آهي ته سهڻي نبي ﷺ جي مٺي گفتار فصاحت بلاغت ايڏي ته چٽي ظاهر آهي. جو ان لاءِ ڪنهن به شاهد جي ضرورت نه آهي ۽ ان ڳالهه ۾ ڪنهن پنهنجي ۽ پرائي جي انڪار ڪرڻ جي ڪا گنجائش ٿي نه ٿي سگهي.
    هنن وڏن عالمن سڳورن نبي پاڪ ﷺ جن جي مختصربي مثال ۽ عجيب ڪلام حديثن مبارڪن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪتابن ۽ تصنيفن ۾ انهن کي شامل ڪيو آهي جيئن:
    1. ابن سني(حافظ ابوبڪر احمد بن محمدبن اسحاق الدينوري الشافعي وفات 364هه75، 974هه)
    2. قضاعي (قاضي ابو عبدالله محمد بن سلامة القضاعي وفات 454هه کان 1062هه)
    3. ابن صلاح (حافظ ابو عمرو عثمان بن عبدالرحمان الشهزوري وفات 643هه 1246، 45)
    مون هن ڪتاب ۾ نبي سڳوري ﷺ جي انهن سهڻن لفظن جامع ڪلمن کي طالبن جي سهنجائي خاطر ۽ قرب وارن دوستن جي شوق ڏيارڻ لاءِ الف ب وار ترتيب ڏنو آهي.
    الله تعاليٰ جي توفيق ۽ طاقت سان آئون چوان ٿو ته اهي پياري نبي ﷺ جا سهڻا لفظ هي آهن


    محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

    خوفان کاهوڙين، ڳوڙهو سڪي نه ڳل تان

    (۱) اتّقِ اللہِ حَیۡثُ کُنۡتَ،وَاتۡبِعِ السَّیِّئَۃَ الۡحَسَنَۃَ تَمۡحُھَا،وَ خَالِقِ النَّاسَ بِخُلۡقٍ حَسَنٍ
    (هيءَ حديث مبارڪ امام احمد بن حنبل پنهنجي ڪتاب مسند ۽ ٻين به ابوذر ﷦ جي روايت سان آندي آهي)
    ترجمو: جتي به هجين ته الله تعاليٰ کان ڊڄ ۽ برائي پٺيان چڱائي ڪر، جيئن ان برائي کي ميٽائي ختم ڪري ڇڏي ۽ ماڻهن سان سهڻي اخلاقسان پيش اچ.
    سمجهاڻي: انسان کي هر هنڌ ۽ هر ڪم ۾ الله تعاليٰ کان ڊڄڻ گهرجي.برن ڪمن کان پاڻ بچائجي.پر انسان خاطي آهي. جي گناهه ٿي پويته،ته توبه تائب ٿي. چڱن ڪمن ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪجي ته الله تعاليٰ چڱن عملن جي ڪري. مدايون ميٽي معاف ڪري ڇڏيندو آهي.
    نبي ﷺبه معلم الاخلاق بنائي موڪليو آهي. ان ڪري اسان امت کي به پيغمبر جي پيروي ڪندي. هر هڪ سان سهڻي اخلاق سان پيش اچڻ گهرجي. سهڻا لڇڻ ئي نيڪي جو سرمايو آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي به پرين جي پيش پوڻ، پٽيءَ وجهڻ ۽ سرخرو رهڻ ۽ خدا جي خوف ۾ روئڻ جو ڏس ڏنو آهي.
    عاشق معشوقن جو، وٺي ويهه دڪان
    پئج پيش پرين جي، پٽيءَ وجهي پاڻ
    ته تون تنين ساڻ رهين سرخرو.

    *
    خوفان کاهوڙين ڳوڙهو سڪي نه ڳل تان
    حزن ڏينهن حشر جو، توڙان لٿو نه تن
    ڪئائون ڪي ڪن، آجڪو اخريٰ جو


    ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين،پڌر پئي نه ڪن

    أحۡبِبۡ حَبِیۡبَکَ ھَوۡنًا مَّا فَعَسٰٓی أنۡ یَّکُوۡنَ بَغِیۡضَکَ یَوۡمًا مَّا
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري “ الادب المفرد” ۽ امامترمذي به “جامع ترمذي” ۾ ابو هريره ﷦ جي روايت سان آندي آهي)
    ترجمو: پنهنجي دوست سان وچٿري نموني سان محبت دوستي رک. ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن ڏينهن تنهنجو سخت دشمن به ٿي سگهي ٿو.
    سمجهاڻي:مطلب ته انسان هر ڪم ۾ وچٿرائي سان هلڻ چڱو آهي تانته سنگت ساٿ رکڻ ۾ به وچٿرو قدم کڻجي. هر دوست ماڻهو کي دل جون ڳالهيون نه سلجن. ڇاڪاڻ ته ڪنهن جائز ناجائز سبب ڪري ڪڏهن ڪودسوت ڦري دشمن به ٿي پوي. ته اوهان جون سڀ دل جون ڳالهيون، راز ۽ رمزون معلومهئڻ ڪري. اوهان کي ڪنهن وڏي مصيبت ۾ ترت ڦاسائي وجهندو. ان ڪري سهڻي حبيب ﷺ جي دوستي رکڻ ۽ نباهڻ ۾به هي تعليم آهي ته هر دوست کي دل جو راز نه ڏجي. پر وچٿري نموني سنگت ساٿ سان نباهجي. ڪنهن جو مٺ گهرو نه ٿجي.پر هر هڪ سان چڱائي سان هلجي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به چيوآهي ته دلجون ڳالهيون گهلي يا عام ماڻهن سان ظاهر ڪري نه سلجن.
    ڀڪليا ڀڻن،دلق گڏيو ڌوڙ ۾
    ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين ،پڌر پئي نه ڪن
    ڪا من آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي
    (شاهه)


    دنيا ڪارڻ دين، وڃائي وِلها ٿيا

    أخۡسَرُ النَّاسِ صَفۡقَۃً مَنۡ أَذۡھَبَ اٰخِرَتَہٗ بِدُنۡیَاغَیۡرِہٖ
    ( امام القسطلاني “ الموهاب اللدنيه” ۾ هي حديث مبارڪ آندي آهي)
    ترجمو: واپار ۾ وڏي ۾ وڏو خساري وارو اهو آهي جنهن پنهنجي آخرت ٻئي جي دنيا ڪري وڃائي.
    سمجهاڻي:اصل واپار ته آخرت وارو آهي. هيءَ دنيا ته فنا جو ماڳ آهي. ان ڪري هن جڳ ۾ اولاد، سنگت ساٿ،وڏن ماڻهن ۽ آفيسرن ظالمن کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙا ڪم نه ڪجن. جو زماني ۾ خوشامد ۽ ظلم ظاهر ٿئي. الله ۽ رسول جي بي فرماني ڪري پنهنجا ٻئي جهان برباد ڪري نه ڇڏجن.ايئن ته ڪوبه ڏاهو ماڻهو نه ڪندو.پر بدبخت ۽ بيوقوف ئي ائين ڪندو آهي. جو پراون اشارن تي ڀڏا ڪم ڪري. دنيا ۾ ته شابس. پر آخرت ۾ پنهنجي لاءِ تباهي جو سامان پيداڪندو آهي
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اهڙن ماڻهن لاءِ چيو آهي ته:
    ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو
    دنيا ڪارڻ دين،وڃائي ولها ٿيا
    (شاهه)


    بڇڙن ساڻ ڀلائيون

    أدَّ الۡامَانَۃَ اِلیٰ مَنِ ائۡتَمَنَکَ وَلَا تَخُنۡ مَنۡ خَانَکَ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابودائود، ترمذي،دارمي،مستدرڪ ، حاڪم، دارقطني ۽ الطبراني المعجم الڪبير ۽ المعجم الصغير ۾ آهي)
    جيڪو تو وٽ امانت رکي ته ان کي امانت با سلامت موٽائي ڏي ۽ جيڪو توسان خيانت ڪري ته تون ان سان خيانت نه ڪر.
    سمجهاڻي:امانت جو وڏو بار آهي. جيڪو ماڻهو توکي امين ۽ چڱو ماڻهو امانت دار سمجهي. ڪا امانت رکي ته حق ايئن آهي ته ان کي سندس امانت سئي سڳي سميت موٽائي ڏي ۽ پنهنجي امانت داري قائم رکقرآن ڪريم ۽ حديث ۾ امانت ادا ڪرڻ جو گهڻو تاڪيد آيل آهي.
    البته جو ماڻهو توسان خيانت ۽ دوکو ڪري ته به تون ان جي بدلي ۾ پلاند طور خيانت ۽ دوکو نه ڪر. پر پنهنجي امانت داري تي قائم رهه. ڇاڪاڻ ته چڱي سان ته هر ڪو چڱائي ڪندو آهي.پر ڀلو ماڻهو اهو آهي جو بري سان به ڀلائي ڪري.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيو آهي:
    چڱن ساڻ چڱائيون،ائين هر ڪو هوءِ
    تو جيئن ڪري نه ڪوءِ، بڇڙن ساڻ ڀلائيون.
    (شاهه)


    ٻاهر ٻاڦ نه نڪري

    اِسۡتَعِیۡنُوۡا عَلیٰ قَضَاءِ الۡحَاجَاتِ بِالۡکِتۡمَانِ فَاِنَّ کُلَّ ذِیۡ نِعۡمَۃٍ مَحۡسُوۡدٌ
    ( هيءَ حديث الطبراني، المعجم الڪبير، المعجم الاوسط ۽ المعجم الصغير ۾ بيهقي شعب الايمان۾. ابو نعيم حلية الاولياء،ابنعديالڪامل ۾ابن ابي الدنيا ۽ عسڪري به آندي آهي)
    ترجمو: ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڳجهه ڳوهه کان ڪم وٺو. ڇاڪاڻ ته هر نعمت واري بيٺل ماڻهو سان ساڙ ڪيو ويندو آهي.
    سمجهاڻي:پهاڪو آهي ته “ سکيئي کي ڪير سهي ڪون ۽ بکئي کي ڪو ڏئي ڪون” دنيا جو اڪثر دستور آهي ته سکيئي ستابي ۽ خوشحال ماڻهو کان ساڙ سڙيا پيا سڙندا آهن. ڪو چڱوڪم سوچيندو ته ان جي ڪرڻ کان اڳ ۾ رڪاوٽون وجهي کيس پريشان ڪريوڇڏين. ان ڪري سهڻي سردار ﷺ هر ڪم ۾ راز رکڻ ۽ واءِ واءِ نه ڪرڻ جو ڏس ڏنو آهي. ايئن ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجو وڏو يا ننڍو ڪم دلجمعي ۽ اطمينان سان پورو ڪري ڪاميابي ماڻي سگهندو.
    جڏهن اهواهم ڪم پورو ٿي وڇي ته پوءِ ڀلي شڪر ۽ نعمت طور ان کي ظاهر ڪجي. پر بهتر آهي ته راز کي راز ئيرهڻ ڏنو وڃي. ته جيئن ساڙ سڙين جي مخلافت کان محفوظ رهجي. مشهور آهي ته سڪندر اعظم بادشاهه ايتري قدر رازداري رکندو هو. جو اوڀر طرف حملي ڪرڻ جو ارادو هوندو هوس. ته خيمي جو منهن اولهه ڏانهن ڪندو هو. رازداري رکڻ سان ئي دنيا تي بادشاهي ڪيائين.
    شاهه ڀٽائي به ڪنڀار جي ٿانون پچائڻ جي نهائين (آوي) جو مثال ڏئي راز ڍڪڻ جو چيو آهي.
    نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين
    سڙي سارو ڏينهن،ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
    (شاهه)


    تن مڃيو محمد ڪارڻيﷺ

    أسۡلِمۡ تَسۡلَمۡ یُؤتِکَ اللہُ أجۡرَکَ مَرَّتَیۡنِ
    (هي حديث مبارڪ صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ آهي)
    ترجمو: اسلام آڻ ته سلامت رهندين. الله تعاليٰ توکي ٻيڻو اجر ڏيندو.
    سمجهاڻي:اسلام امن ۽ سلامتيءَ جو دين آهي. اسلام قبول ڪرڻ ۽ ان تي هميشه قائم رهڻ ۽ عمل ڪرڻ سان الله تعاليٰ ٻيڻو اجر ثواب ڏيندو آهي. دنيا ۾ به امن سلامتي خير ۽ برڪت ۽ آخرت ۾ به ڪاميابي ۽ جنت عطا فرمائيندو ۽ دوزخ جي عزاب کان حفاظت ۽ ڇوٽڪارو ملندو.
    الله تعاليٰ سوره القصص ۾ به فرمايو آهي ته:
    اُولٰئِکَ یُؤتَوۡنَ اَجۡرَھُمۡ مَرَّتَیۡنِ ( القصص 54).
    ترجمو: انهن کي سندن ٻيڻو ثواب ڏنوويندو.
    اصل ۾ نبي پاڪ ﷺ روم جي بادشاهه هرقل کي اسلام جي دعورت آڻڻ بابت خط مبارڪ موڪليو هو. هي مختصر سهڻا لفظ ان خط مبارڪ جا آهن.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به شاهڪار رسالي ۾ اسلام ۽ ايمان آڻڻ لاءِ سهڻو شعر چيو آهي.
    وحده لا شريڪ لہ، جن اتوسين ايمان
    تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان
    اوءِ فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا
    (شاهه)


    ڏکن پٺيان سک

    أشۡتَدِّیۡ ازمَۃُ تَنۡفَرِجِیۡ
    ( هي حديث مبارڪ امام محمد بن يوسف شامي پنهنجي ڪتاب سيرت “ سبل الهديٰ والرشاد” ۾ آندي آهي.
    ترجمو: اي سختي، انتها کي پهچ ته کُلي پوين.
    سمجهاڻي:موسم جي حوالي سان سخت گرمي ۽ گهٽ ٻوسٽ ٿيندو آهي. پوءِ ترت ڪارا ڪڪر ٿي رحمت جا بادل وسڻ لڳندا آهن. ڏڪار پويان سڪار، زحمت کان رحمت ۽ ڏکن پٺيان سک ۽ سڪار سڻايون ٿينديون آهن. هميشه عروج کي زوال اچڻو آهي. مشڪلاتون سدائين نه هونديون آهن. پر آزمائش کان پوءِ مشڪلاتون حل ٿي وينديون آهن. سک ۽ سهنج جا گونچ ڦٽندا وڻ وڻڪار ۽ گل گلزار ٿي پوندا آهن.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هن حديث نبويءَ جي هن ريت ترجماني ڪئي آهي.
    ڏکن پٺيان سک، سگها ٿيندئي سسئي
    پير مَ ڇڏج پرينءَ جو، توڻي لڪون لک
    ڏورج پاسي ڏک، ته پوي ٻاجهه ٻروچ کي

    (شاهه)


    هارين هر سنباها

    أطۡلُبُوۡا الرِّزۡقَ مِنۡ خَبَایَا الۡاَرۡضِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابو يعليٰ الموصلي الطبراني ۽ البيهقي ۾ موجود آهي.)
    ترجمو: زمين جي پوکن يا کاڻين مان رزق جي ڳولا ڪريو.
    سمجهاڻي: اسلام ۾ محنت مزدوريءَ جي وڏي اهميت آهي. پورهيت خدا جودوست آهي. ٻار ڄمندو آهي ته الله تعاليٰ اڳ ۾ سندس ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ کير پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. پر جيسين ٻار نه رئندو آهي. ته ماءُ ٻار کي ٿڃ نه ڏيندي آهي.
    اهڙيءَ ريت انسان جي هندنيا تي اچڻ سان الله تعاليٰ رزق ۽ روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا. پر پوکي راهي ۽ محنت مزدوري شرط آهي. حضور ﷺ جي پياري ٻول مبارڪ مان ظاهر آهي ته هر هلايو، زمين کيريو ،پوک ڪريو. باغ باغيچا لڳايو ته رزق ۽ گذر سفر جا اسباب پيدا ٿيندا ۽ سکيا ستابا ٿيندو.
    هي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو دور آهي. زمين جي اندر کاڻين مان سون،چاندي، پئٽرول، گيس،ڪوئلو ۽ ڌاتو وغيره ڳولي معاشي حالتون سڌارڻ گهرجن. ته جيئن ڪنهن جو محتاج نه ٿيڻو پوي. رزق ته رب جي هٿ ۾ آهي.پر انسان کي لوچڻو آهي.
    لوچينسي لهن، جڏهن تڏهن پرين کي
    شاهه ڀٽائي به هارين کي هر هلائڻ جي ڳالهه رسالي ۾ هن ريت ڪئي آهي
    مند ٿي منڊل وڄيا، تاڙي ڪئي تنوار
    هارين هر سنباها سرها ٿيا سنگهار
    اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا
    (شاهه)


    متو آهين مڇ

    اعۡجَلُ الۡاَنۡبِیَاءِ عُقُوۡبَۃَ الۡبَغۡیُ
    ( الطبراني معجم الڪبيرت ۾ ۽ بخاري. تاريخ ۾ هي روايت آندي آهي.)
    ترجمو: بغاوت اهڙي شيءِ آهي، جنهن جي جلدي سزا ملندي آهي.)
    سمجهاڻي: بغاوت وڏوگناهه آهي. پوءِ اها بغاوت الله ۽ رسول جي هجي يا عادل بادشاهه جي. ماءُ پيءُ جي هجي يا ظلم ۽ ڏاڍ ڪرڻ جي هجي.
    الله تعاليٰ ستار ۽ غفار آهي. پر حديثن مبارڪن مان معلوم ٿئي ٿو ته مٽي مائٽي ڇنڻ ۽ بغاوت جي سزا هن ئي دنيا ۾ ۽ تڪڙي ۾تڪڙي ملندي آهي. ڪوڙوقسم کڻڻ، دوکو دولاب، مٽي مائٽي ڇنڻ. والدين جي بي فرماني به بغاوت جا ئي قسم آهن.
    بغاوت جي هن دنيا ۾ ته سزا ملڻي آهي. پر آخرت ۾ سخت عذاب ٿيندو.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ظالم ۽ باغي انسان کي مانگر مڇ سان تشبيهه ڏئي سزا جو حقدار سڏيو آهي
    “متو آهين مڇ” ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين
    توجا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻي پُنا ڏينهڙا
    (شاهه)
    شاهه ڀٽائي غافل ، باغي ۽ ظالم انسان کي ترت توبه تائب نه ٿيڻ تي تنبيهه طور مهميزون ملاحن جون ۽ جزا سزا کان به خبردار ڪيو آهي.
    جان واهڙ ۾ وهه، تان تو مڇ موٽڻ جي نه ڪئي
    ڪائي ۾ڪوهه ڪرئين، پوءِ موٽڻ جو پهه
    سر مٿي تون سهه، مهميزون ملاحن جون.
    (شاهه)


    نِگا! پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ

    أعۡدَی عَدُوِّکَ نَفۡسُکَ الَّتِیۡ بَیۡنَ جَنۡبَیۡکَ
    (هيءَ حديث مبارڪ امام ابن اثير النهاية ۽ امامقسطلائي المواهب اللدنيه ۾ آندي آهي)
    ترجمو: تنهنجو وڏي ۾ وڏو دشمن نفس آهي. جيڪو تنهنجي ٻنهي پاسن جي وچ ۾ آهي.
    سمجهاڻي: شيطان انسان جو ازلي دشمن آهي. نفس جي چوڻ تي هلي انسان نفساني خواهشون ،اجايون سڌون ۽ غلط ۽ گناهه جي ڪم ڪري. سزا جو حقدار بڻبو آهي. ان ڪري انسان، شيطان ۽ نفس کي اصلي دشمن سمجهي. انهن خلاف جدوجهد ۽ جهاد ڪندورهي. الله ۽ رسولﷺ جي حڪمن تي هلي.چڱا عملڪندو رهي ته ندورو نفس نهوڙجي ويندو ۽ انسان دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪندو.
    اسلام ۾ جنگ ۽ جهاد ڪرڻ “جهاداڪبر” آهي جڏهن نفس ضابطي ۾ٿيندوته سڀ دين دنيا جا معاملا. الله تعاليٰ جي فصل ۽ نبي سائين ﷺ جي صدقي صحيح ٿي پوندا.صوفي شاعر چيو آهي:
    ڏي گوشمالي نفس کي، ندوري نڀاڳي نحس کي
    هوڙهو ڇڏي سڀ حرص کي، موڙهو وٺي من واٽ ڪا

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به نفس کي سڌي واٽ وٺائڻ جي صلاح ڏني آهي.
    وحده لا شريڪ لہ چئي چوندو آءُ
    فرض،واجب، سنتون،تنئو ترڪ مَ پاءِ
    توبه سندي تسبيح،پڙهي سا پُڄاءِ
    “نگا! پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ
    ته سندي دوزخ باهه، تواوڏيائي نه اچي
    (شاهه)


    ڏينديس باهه ڀنڀور کي

    الاٰنَ حَمِیَ الۡوَطِیۡسُ
    (هي حديث صهيح مسلم ۾آهي. هي لفظ نبي پاڪ ﷺ جنگ حنين واري ڏينهن ان وقت چياهئا جڏهن سخت لڙائي شروع ٿي. الوطيس واو جي زبر سان دعيل جي وزن تي آهي معني تنور))
    ترجمو: هينئر تنور ته تتو آهي
    سمجهاڻي: نبي پاڪ ﷺ جن هيءُ سهڻو جملو حنين جي لڙائي سن 8 هجري ۾ ان وقت فرمايو جڏهن جنگ زورن تي هئي. پاڻ اصهابن سڳورن رضي الله عنهم کي همت ۽ جوش ڏيارڻ لاءِ فرمايو هئا.ون ته لڙائي اڃان هاڻي ته شروع ٿي آهي. يعني سستي ڇڏيو ۽ چستيءَ سان لڙو.مطلب ته تنور هينئر تتو آهي. ڀنڀور کي باهه هاڻي لڳي آهي يعني:
    “ مڙڻ موٽڻ مهڻو، ٿيا نظاري نروار”
    جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو.
    شاهه ڀٽائي به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي:
    من کي ڇڏ مَ ڇپرين، هوتاني هن هنڌ
    توسين پونديس پنڌ، “ ڏينديس باهه ڀنڀور کي”
    (شاهه)


    محبت پائي من ۾

    اَلۡاِقۡتِصَادُ نِصۡفُ الۡمَعِیۡشَۃِ،وَالتَّوَدُّدُ اِلَی النَّاسِ نِصۡفُ الۡعَقۡلِ وَ حُسۡنُ السُّؤَالِنِصۡفُ الۡعِلۡمِ
    (هي لفظ مبارڪ البيهقي شعب الايمان ۾،الطبراني مڪارم الاخلاق ۾، العسڪري جمهرة الامثال ۾ ۽ ابن السني عملاليوم والليلة ڪتاب ۾ آندا آهن.)
    ترجمو: وچٿري نموني هلڻ اڌ معيشت آهي ۽ ماڻهن سان دوستي رکڻ اڌ عقل آهي ۽ سهڻي نموني سوال ڪرڻ اڌ علم آهي.
    عسڪري،انس بن مالڪ ﷦ کان هي لفظ روايت ڪيا آهن.حسن الخلق نصف الدين يعني سهڻو اخلاق اڌ دين آهي.
    سمجهاڻي: هٿ ڦاڙ ٿيڻ ۽ بخيلي ڪرڻ چڱو ڪم نه آهي. انسان کي افراط تفريظ کان هٽي ڪري.هر هڪ ڪموچٿري نموني سان ڪرڻ گهرجي. ته هر مشڪل کان بچي سگهبو ۽ ڪابه ديني ۽ دنياوي آزمائش ۽ پريشاني سامهون نه ايندي. هونئن به مشهور آهي ته” خير الامور اوسطها” مطلب ته ڀلي ۾ ڀلو ڪم وچٿري نموني هلڻ ۽ زندگي گذارڻ آهي.
    ماڻهن سان دوستيءَ رکڻ ۽ سنگت ساٿ نباهڻ ۾ عقلمندي کان ڪم وٺجي. دوستيءَ ۾ اهڙو ڪڙو به نه ٿجي. جو هر ڪو ٿوڪاري ڇڏي ۽ نه وري اهڙو مٺو ٿجي. جو هر ڪو ڳهي وڃي. ياري دوستيءَ ۾ وفاداري ۽ ڏاهپسان هلجي. دشمن پيدا نه ڪجن.هر هڪ جو خيرخواهه ٿي رهجي.
    سهڻو سوال ڪرڻبه هڪ فن آهي نه گهڻا سوال ڪري ڪنهن کي بيزار ڪجي ۽ نه وري اڌ گابرو سوالڪري پاڻ کي شرمسار ڪجي. پر سوال اهڙي نموني سان ڪجي. جو ان جي اهميت وڌي. علم ڪامل ٿئي ۽ ٻئي تي به چڱو اثر پوي. مهلموقعي کان سواءِ سوال ڪرڻ مناسب نه آهي نه ته پشيمان ٿيڻوپوندو آهي.دين سهڻن اخلاقن جو ٻيو نالو آهي. سهڻا اخلاق ئي دين جو بنياد آهن بد اخلاق. دين کان ڪوهين دور هوندو آهي. نبي سائين ﷺ به اعليٰ اخلاق صاحب هئا. امت کي به اعليٰ اخلاق اپنائڻ گهرجن.
    “محبت پائي من ۾”رنڊا روڙيا جن
    تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو (شاهه)


    جيئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير،تيئن مون من ماروئڙن سان

    اَلأنۡصَارُ کَرِشِی وَ عَیۡبَتِیۡ
    ( هي حديث مبارڪ بخاري،مسلم،ترمذي ۽ نسائي ۾آهي)
    ترجمو: انصار،منهنجو جگر ۽ رازن جي صندوق آهن.
    سمجهاڻي: مهاجر، نبي سائينﷺ جا اهي جان نثار اصهابي آهن. جيڪي گهر گهاٽ ڇڏي، دين خاطر مڪي شريف مان هجرت ڪري مديني منوره ۾ آيا. انهن جو به وڏو شان آهي.
    انصار: انهناصهابن سڳورن کي چئبو آهي جن مدينه م،نوره ۾نبي سائين ﷺ ۽ مهاجرن جي دلوجان سان مدد ڪئي. ايمان آندو ۽ ميزبان بنجي.نبي سائينﷺ۽ مهاجر اصحابن سڳورن ﷦جي مهماني ۽ خدمت ڪئي. کين جيءَ ۾ جايون ڏيئي رهايو. نبي سائينﷺ به مٿن پورواعتماد ڪيو.الله ۽ رسول ﷺ وٽ انصاري اصحابن سڳورن﷦ جو به وڏو مان ۽ مرتبو آهي. جو انهن اسلام خاطر هر مالي جاني قرباني ڏئينبي سائين ﷺ ۽ مهاجر اصحابن سڳورن﷦ جون خدمتون ڪيون. ڏک سک۾گڏ رهيا. نبي سائين ﷺ به مڪي جهڙي پاڪ شهر ۾ مٺي بيت الله کي ڇڏي.آخريزندگي انصارن سان گڏ گذاري، مديني ۾وصال ڪيائون.يثرب کي “مدينة الرسول” جي سهڻي نالي سان رنگ لائي ڇڏيائون. مديني منوره ۾ قيامت تائين صلوٰة ۽ سلام جون رحمتون وسنديون رهنديون ۽ انصار به تا بد ياد رهندا.
    نبي سائين ﷺ کيسموري امت پياري آهي.مهاجر به پيارا آهن تهانصارن سان به سندس سڪ سرس آهي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي سر مارئي ۾ ڳنڍير گاهه جو مثال ڏئي محبت ڀريو سهڻو شعر چيو آهي ته آخرت ۾ انهن کي جنت وٺي ڏيندس.
    “جئن ڳنڍيون منجهه ڳنڍير،تيئن مون من ماروئڙن سان”
    پييون لس لطيف چئي،هينئڙي منجهه همير
    وڃي منجهه ملير، سڀ ڇوڙيندس سومرا
    (شاهه)


    هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار

    اَلأِیۡمَانُ قَیَّدَ الۡفَتۡکَ
    ( هي لفظمبارڪ امامشامي سيرت “سبل اهديٰ والرشاد” ۾ آندا آهن.)
    ترجمو: ايمان ڪنهن ماڻهو کي اوچتي قتل ڪرڻ کان روڪي ٿو.
    سمجهاڻي: مومن اهو آهي جو ٻولائي مقابلو ڪري.اوچتو بي خبريءَ ۾ ڪنهن کي عافل ڏسي. حملو ڪري ان کي مارڻ بزدليءَ جي نساني آهي.
    سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته “مڙس اهو جيڪو ٻولائي وڙهي.” باقي اوچتو ڪتي وارو جهٽ هڻڻ مڙسي نه چئبي.
    ها البت لڙائيءَ جو اعلان ٿي ويو ٻئي ڌريون آمهون سامهون دوبدو مقابلو ڪري رهيون هجن. ته انهن سان ڏاهپ،عقلمندي ۽ جنگي حرفت سان دشمن تي حملو ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون مهاڏو اٽڪائي تيار بيڍيون هجن. ته اوچتو حملو مشڪل ٿيو پوي. اتي جنگي حرفت ئي ڪم ايندي آهي.
    جيڪڏهن اسلامي تاريخ ۾ ڪي اوچتو مارڻ جا واقعا ٿيا هجنته ممڪن آهي اهي هن ارساد نبوي ﷺ کان اڳ ۾جا هجن.
    شاهه ڀٽائي به سورهيه کيسامهون لڙڻ جي صلاح ڏني آهي:
    سورهيه مرين سڀکي دل جا وهم سار
    “هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال مَ ڍار”
    مٿاءُ تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين
    (شاهه)


    هو چونئي تون مَ چئو،واتان ورائي

    اَلۡبَلَاءُ مُوَکَّلٌ بِالۡمَنۡطِقِ
    (هيءَ حديث الادب المفرد امام بخاري،الادب المفرد ابن ابي شيبه القضاعي مسند الشهاب ۾ابن سمعاني، الديلمي الفردوس ۾ ۽ العسڪري به جمهرة الامثال ۾ آندي آهي)
    ترجمو: ڪيتريون مصيبتون زبان جي ڳالهائڻ سان ٻڌل يا پيدا ٿينديون آهن.
    سمجهاڻي: ذڪر ۽ سهڻيون ڳالهيون ڪندڙ زبان الله تعاليٰ جي نعمت آهي. گار گند ۽ گلا غيبت ڪندڙ زبان عذاب آهي
    هن زماني ۾ گهڻيون مصيبتون زبان سان اجايو ڳالهائڻ،ڪوڙ هڻڻ، پرائي پچار ڪرڻ سان پنهنجي لاءِ پاڻ پيدا ڪجن ٿيون. اها زبان ئي آهي جيڪا انسان کيکٽ تي به ويهاري ته بدزباني ڪري پٽ تي به ويهاري ٿي.زبان جي گهڻي بڪواس گلا ۽ چغل خوري ڪري ته وڏا جهيڙا ۽ خونريزي تائين نوبت وڃيو پهچي.زبان جي حفاظت هرهڪ مومن جو فرض آهي. زبان سان الله ۽ رسول ﷺ جون سهڻيون ڳالهيون ڪجن. نه ته خاموش رهڻ بهتر آهي.
    نبي سائين ﷺ ته ائين فرمايو آهي ته “زبان ۽ اوگهڙ جي ضمانت توهان ڏيو ته آئون اوهان کي انهن جي عيوض جنت جي ضمانت ڏيان ٿو ( بخاري)
    امام غزالي رح جڳ مشهور ڪتاب “ احياءُ العلوم الدين”۾زبان جي افتن بابت وڏوبحث ڪيو آهي ته انسان کي يا ته زبان سان ڀليون ڳالهيون ڪرڻ کپن نه ته خاموش رهڻ بهتر آهي.ارساد نبوي ﷺ به آهي ته “جنهنماٺ ڪئي ان ڇوٽڪارو لڌو”(ترمذي) ڀلائي هن ۾ آهي ته هميشه سهڻو ۽ ٿورو ڳالهائجي. خراب ۽ گهڻي ڳالهائڻ کان پاسو ڪجي ۽ خاموش رهجي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به چيو آهي ته:
    هو چونئي تون مَ چئه واتان ورائي
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سوکائي
    پاند ۾پائي، ويو ڪينيوارو ڪينڪي
    (شاهه)


    جت شاهد ٿيندءِ سامهان

    اَلۡبَیِّنَۃُ عَلَی الۡمُدَّعِیۡ وَ الۡیَمِیۡنُ عَلیٰ مَنۡ اَنۡکَرَ
    (مصنف عبدالرزاق، البيهقي،الدار قطني،ابن عساڪر ۽ الترمذي ۾ هي حديث مبارڪ آهي.)
    ترجمو: شاهد،دعويٰ ڪندڙ فريادي تي آهن ۽ قسم انڪاري تي آهي.
    ترمذي شريف ۾ لفظ آهن ته قسم ان ماڻهو تي آهي جنهن جي مٿان دعويٰ ڪئي وڃي.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ شريعت جو قاعدو قانون سمايل آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن تي ڪا دعويٰ ڪري فريادي بنجي ٿو. پنهنجي دعويٰ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ به شاهد به پيش ڪري. ته فيصلو ان جي حق ۾ڏنو ويندو.
    جيڪڏهن فريادي ڌر وٽ ٻه شاهد نه آهن ته پوءِ جوابدار کي الزام غلط ۽ پاڻ کير بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ قسم کڻڻو پوندو. جوابدار ڌر کي اهو قسم تڏهن کڻڻو آهي. جڏهن فريادي ڌر به قسم جو مطالبو ڪري.مقصد ته شاهدي فريادي تي ۽ قسم جوابدار تي آهي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڊگهي نظر ڪري چيو آهي ته هتي ته توکي سڀ ڪجهه ڦٻي سگهي ٿو. پر قيامت ۾ الله واحد القهار جي سامهون جڏهن تنهنجا هٿ پير به توتي شاهدي ڏيندا ته پوءِ ڳوڙها ڳاڙيندين
    وحده لا شريڪ لہ،ٻڌءِ نه ٻوڙا
    ڪ تو ڪنين نه سئا، گهٽ اندر گهوڙا
    ات ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿيندءِ سامهان
    (شاهه)


    ماريو ته وِسهان

    ألۡحَرۡبُ خَدۡعَۃٌ
    ( هيءَ حديث مبارڪ صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ آهي)
    ترجمو: جنگ چالاڪي آهي
    سمجهاڻي: جنگ ۽ لڙائي ۾ فوج ۽ لشڪر جي گهڻائي، تربيت، همت ۽ جوانمردي سان گڏ ڏاهپ، اٽڪل،موقعي شناسي ۽ چالاڪي ضروري آهي. جنگ ۾ صحيح منصوبا بندي چالاڪي ۽ اٽڪل به وڏو ڪم ڏيندي آهي.
    ڀڳو آئون نه چوان، “ماريو ته وسهان”
    ڪاند منهن ۾ ڌڪڙا،سيڪيندي سهان
    ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾
    (شاهه)


    ٿئين هوند حلال

    اَلۡحَلَالُ بَیۡنٌ وَ الۡحَرَامُ بَیِّنٌ
    (حيءَ حديث صحيح بخاري مسلم ابو دائود۽ النسائي ۾ آهي)
    ترجمو: حلال پڌرو آهي ۽ حرام به پڌرو آهي.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ تي اسلام جي گهڻن حڪمن جو دارومدار آهي. شريعت ۾ حلال ۽ حرام شيون ظاهر ۽ پڌريون آهن. انهن شين جي چٽائي قرآن مجيد جي آيتن سڳورين، نبي سائين ﷺ جي حديثن مبارڪن ۽ فقه جي ڪتابن ۾ تفصيل سان آيل آهي.
    باقي جن شين جي حلال ۽ حرام بابت ڪجهه مونجهارو ۽ شڪ رهي ته پرهيزگاري اهائي آهي ته انهن مشڪوڪ شين کان به پاڻ بچائجي ۽ پنهنجو دين ۽ مان مرتبو محفوظ رکجي.
    الله تعاليٰ وٽ به وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي. مقصد ته درجا دلين تي آهن.
    مشهور حديث نبوي آهي ته انسان جي بدن ۾ گوشت جو هڪ ٽڪرو آهي. جيڪڏهن اهو صحيح رهيو.ته سڄو بدن درست رهندو ۽ جي اهو خراب ٿي ويو ته سڄو بدن به خراب ٿي ويندو ۽ اهو ٽڪرو دل آهي (بخاري)
    شاهه ڀٽائي حلال۽ حرام جوفلسفو جدا جدا بيتن ۾ هن ريت آندو آهي.
    “ٿئين هوند حلال”جي پند اها ئي پارئين
    *
    هئڻ ڪو حرام، کام ته کاهوڙي ٿئين


    توتي لڄ لطيف چئي، آهي سندي عام

    اَلۡحَیَاءُ خَیۡرٌ کُلُّہٗ
    (هيءَ حديث مبارڪ جا لفظ صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ آهن.)
    ترجمو: حياءُ ساري جو سارو ڀلو آهي.
    سمجهاڻي: اسلام ۾حيا ۽ ادب جي وڏي اهميت آهي. هڪ حديث مبارڪ ۾ آهي ته حيا ايمان جو حصو آهي. (بخاري)
    اصل ۾ حياءُ ان کي چئبو آهي جيڪو خراب ڪمن کي ڇڏڻ جو شوق ڏياري ۽ چڱن ڪمن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ نه ڏئي. گهڻيون ڳالهيون شريعت پاڪ ۾ حق آهن. پر ماڻهو سستي ڪمزوري کان پيش ڪري نه سگهندا آهن. ايئن نه ڪجي جو ان سستي ۽ ڪمزوري سان واجب ۽ سنتون رهجي وڃن ٿيون.
    پر ماڻهوءَ کي حرام ڪمن کي پاڻ بچائڻ. حلال ۽ جائز ڪمن ۾ ڪوشش ڪرڻ.آخرت جي ڪمن جي تات طلب ۽ ظاهري هار سيگار کيڇڏي.الله تعاليٰ کان حياءُ جو حق ادا ڪيو وڃي.لڄ يا حياءُ مرد لاءِ وڳو ۽ عورت جوسينگار آهي.
    شاهه ڀٽائي حياءَ ۽ لڄ بابت ڪهڙو سهڻو بيت چيو آهي
    توتي لڄ لطيف چئي، آهي سندي عام
    *
    ڍڪي ڍول گذار، لڄ منهنجي لوڪ ۾
    (شاهه)


    منهنجي مداين جي

    اَلۡخُلۡقُ الۡحَسَنُ الۡخَطَایَا کَمَا یُذِیۡبُ الۡمَاءُ الۡجَلِیۡدَ وَالۡخُلۡقُ السَّیّءُ یُفۡسِدُ الۡعَمَلَ کَمَا یُفۡسِدُ الۡخَلُّ الۡعَسَلَ
    ( هي حديثالطبراني المعجم الڪبير ۽ المعجم الاوسط ۾ ۽ البيهقي شعب الايمان ۾ آندي آهي.)
    ترجمو: سهڻو اخلاق گناهن کي ائين ڳاري ڇڏيندو آهي جيئن پاڻي پاري کي ڳاري ڇڏي ۽ خراب اوگڻ، عمل کي ائين خراب ڪري ٿو ڇڏي. جيئن سرڪو ماکيءَ کي خراب ڪيوڇڏي.
    سمجهاڻي: سهڻا لڇڻ ئي اسلام جو روح آهن. اتفاق سان جيڪر ماڻهو کان خطا ٿي پوي. ته نيڪي خطا کي ميتيو ڇڏي. الله تعاليٰ قرآن مجيدسوره هود ۾ فرمايو آهي:
    “نيڪيون ، براين کي ختم ڪري ڇڏين ٿيون.”
    سوره فرقان ۾ به فرمان خداوندي آهي:
    “ الله تعاليٰ براين کي بدلائي نيڪيون ڪري ڇڏيندو آهي.”
    سهڻا اخلاق انسان کي هن دنيا ۾ به عزت بخشين ٿا ته آخرت ۾ به چڱا عمل ڪم ايندا.
    جيئن خالص ماکي شفا آهي پر ملاوت سان شفا بخش ماکيءَ به خراب ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي. اهڙي طرح خراب ڪمن سان چڱن ڪمن تي به برو اثر پوندو آهي. ان ڪري انسان کي هميشه خوش اخلاقي سچائي بردباريءَ ۽ سهڻن اخلاقن جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان دين ۽ دنيا ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي.
    منهنجي مداين جي ڪل پريان پيئي
    ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا،ڏوراپا ڏيئي
    ساجن سڀيئي ڍڪيم ڍول ڍلائيون
    (شاهه)


    مَ ڪر سڌ شراب جي

    اَلۡخَمۡرُ جِمَاعُ الۡاِثۡمِ
    ( الديلمي،الطبراني ۽ القضاعي هي حديث آندي آهي)
    ترجمو: شراب گناهن جي پاڙ آهي.
    طبراني ۾ آهي ته “شراب براين جو بڻ بڻياد آهي.”
    قضاعي جي لفظن جي هن معنيٰ آهي” شراب وليتين جي جڙ آهي.
    سمجهاڻي: اسلام ۾نشو حرام آهي. شراب ته ايتري قدر حرام آهي جو ان کي گناهن ۽ برائين بڇڙاين جو منڍ چيو ويو آهي.شراب پيئڻ سان دين ۽ دنيا ۾ خرابيون پيدا ٿين ٿيون. دين جو نقصان ٿئي ٿو. عبادت ۾ ڪوتاهي ۽ هر قوت گناهن جو خطرو رهي ٿو.
    طبي لحاظ سان به شراب ڏاڍو نقصان ڪار آهي. دماغي فتور ٿيو پويجسمجي اندروني عضون گردن وغيره تي وڏو خراب اثر ٿئي ٿو ۽ انفيڪشن پيدا ڪيو وجهي.
    قرآن مجيد ۾ شراب کي حرام چيو ويو آهي. مسلمانن کينشي جي لعنت خاص ڪري شراب کان هر حال ۾بچڻ ضروري آهي. ٻيءَ صورت ۾ شراب جي واپرائڻ ڪري دين ۽ دنيا ۾ نقصان ئي نقصان آهي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به شراب جي سڌ ڪرڻ کان روڪيو آهي:
    “مَ ڪر سڌ شراب جي” جي تون ٽاريين ٽوهه،
    پيتي جنهن پاسي ٿئي، منجهان رڳن روح
    (شاهه)


    گهوڙا تن گهوٽن جا

    اَلۡخَیۡلُ مَعۡقُوۡدٌ فِیۡ نَوَاصِیۡھَا اَلۡخَیۡرُ اِلیٰ یَوۡمِ الۡقِیَامَۃِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ آهي)
    ترجمو: گهوڙن جي پيشانيءَ ۾ قيامت تائين خير رکيو ويو آهي.
    سمجهاڻي: هينئر ته سواريون عامجام آهن پر اڳ ۾اٺ ۽ گهوڙا بار ۽ سفر سواري لاءِ گهڻو ڪمايندا هئا. ان وقت گهوڙو ڌارڻ مجاهد جي نشاني هوندي هئي. اسلامي جهاد لاءِ گهوڙا وڏو ڪم ڏيندا هئا. گهوڙو به وفادر جانور آهي. گهوڙن پالڻ سان دنيا ۾ مال غنيمت ملندو ۽ آخرت ۾ الله تعاليٰ ان جو اجر ثواب ڏيندو.
    قرآن مجيد ۾ به مجاهدن جي گهوڙن جو الله تعاليٰ قسم کنيو ۽ فرمايو آهي:
    “ قسم آهي 0مجاهدن جي) انهن گهوڙن جو جيڪي هانڀارو هڻن ٿا. پوءِ قسم آهي انهن گهوڙن جو جيڪي سنب هڻي پٿرن مان چڻنگون ڪڍن ٿا.پوءِ قسم انهنگهوڙن جو جيڪي صبح جي وقت دشمنن تي حملو ڪن ٿا. پوءِ قسم آهي انهنگهوڙن جو جيڪي غبار اڏائن ٿا.پوءِ قسم آهي انهن گهوڙن جو جيڪي 0دشمن جي) صفن ۾ اندر وڃن ٿا ( پاره 30 سوره العاديات آيت 1کان 5)
    هيءَ الله تعاليٰ جي پاڪڪلام ۾ مجاهدن جي گهوڙن جو شان بيان ٿيل آهي. حديث نبويءَ ۾ به انهن گهوڙن جي پالڻ ۽ سندن پيشانيءَ ۾ خيربرڪت بابت چيل آهي
    سچچيو اٿن:
    پڙهڻ، ترڻ ، تير هڻڻ ،چوٿين سواري
    جي ننڍي نه سکيو ته، وڏي هوندي خواري

    شاهه ڀٽائي به رسالي ۾ جنگي گهوڙن جو ذڪر ڪيو آهي
    گهوڙا تن گهوٽن جا پُرڻا مٿي پنڌ
    جتي رهيا راتڙي، سي سونهار هنڌ
    (شاهه)


    ڀلائي سندو ڀير

    الدَّالُ عَلَی الۡخَیۡرِ کَفَاعِلِہٖ
    ( هيءَ حديث البيهقي، العسڪري، المنذري، امام احمد بن حنبل،ابو يعليٰ،الدارقطني ۽ البزار پنهنجن ڪتابن ۾ آندي آهي)
    ترجمو: جنهن ماڻهو نيڪيءَ جو ڏس ڏنو، ان جو ثواب نيڪي ڪندڙ جي اجر برابر آهي.
    مسند بزار ۾ آهي ته: برائي جو ڏس ڏيندڙ ان جي ڪندڙ مثل آهي.
    سمجهاڻي: الله تعاليٰ وڏو مهربان رحم وارو آهي.جو نيڪ ڪم ۽ ڀلائيءَ جي ڏس ڏيندڙ کي به ان چڱي ڪم ڪندڙ جيترو اجر ثواب ڏئي ٿو.ڪوشش ڪري انسان پاڻ به چڱا نيڪيءَ جا ڪم ڪندو رهي ۽ پنهنجي وس ۽ وت آهر چڱائي ۽ نيڪ ڪمن جوماڻهن کي شوق ۽ صلاح ڏيندورهي ۽ ثواب جو حقدار ٿئي.
    قرآن مجيد جي سوره آل عمران ۾ به آهي ته:
    “توهان ۾ هڪ اهڙي جماعت هجڻ گهرجي،جيڪا خير ۽ چڱن ڪمن لاءِ سڏي ۽ بڇڙن ڪمن کان منع ڪري.”
    هيءَ حديث مبارڪ انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. مومنن کي به حڪم الاهي آهي ته “نيڪي جوامر ڪندا رهن ۽ برائي کي روڪين”
    ڪنهن ڏاهي چيو آهي:
    ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو
    ڀلائيءَ جا ڀاڙا،خدا توکي ڏيندو

    شاهه ڀٽائي به نيڪي ۽ ڀلائي ڪرڻ کي راهه لاءِ رهبر چيو آهي:
    ڀلائي سندو ڀير، رهبر ٿيندو راهه ۾
    (شاهه)


    وکرسو وهاءِ،جوپئي پراڻو نه ٿئي

    الذَّنۡبُ لَا یُنۡسٰی و،الۡبِرُّ لَا یُبۡلیٰ وَالدَّیَّانُ لَا یَمُوۡتُ فَکُنۡ کَمَا شِئۡتَ
    هيءَحديث مبارڪ الديملي مسند الفردوس ۾ ۽ ابو نعيم حلية الاولياء ۾ آندي آهي.)
    ترجمو: گناهه وساريو نه ويندو،نيڪي پراڻي ڪانه ٿيندي ۽ الله تعاليٰ ڪونه مرندو،جيڪي وڻئي سوڪر.
    سمجهاڻي: انسان ڪيترو به لڪي ڇپي گناهه ڪري، پر اهو دل۾ پيو کٽڪندو آهي ۽ ضمير ملامت پيوڪندو آهي ته هي ڀڏو ڪم آهي ان جو ضرور الله تعاليٰ وٽ حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو.
    نيڪي کڻي ٿورڙي هجي ته به ان جو الله تعاليٰ وٽ وڏواجر ۽ ڏهوڻو ڏيج آهي.قرآن شريف جي سوره الزلزال ۾ آهي ته” پوءِ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري چڱائي ڪئي هوندي اهو انکي ڏسندو.” يعني ان نيڪي جو اجر ثواب لهندو.(پاره 30 آيت 7)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به چيو آهي:
    “وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي”
    ويچيندي ولات ۾ذرو ٿئي نه ضاءِ
    سا ڪا هڙ هلاءِ،آڳهه جنهن جي ابهين
    (شاهه)
    الله تعاليٰ قادر قهار ۽ حي القيوم آهي.اهو هميشه کان زنده ۽ دائم قائم آهي ۽ هر جاءِ تي هاضر ناظر به آهي. ان ڪري غافل انسان کي اهو ضرور هنئين سان هنڊائڻ گهرجي ته نيٺ مري هيءُ جهان ڇڏڻو ۽ اڳتي قبر قيامت ۾ حساب ڪتاب ڏيڻو آهي. ان ڪري برائيءَ کان ڪوهين دور ٿي.اهو ڪي ڪجي جو قبر قيامت ۾ ڪم اچي.
    مخدوم هاشم ٺٽوي به هن حديث جي معنيٰ موافق هزارين ديني ادب جا ڪتاب پڙهي.هي نتيجو ڪڍيو آهي ۽ ڏاڍي سهڻي ڳالهه لکي آهي:
    “چار هزار ڪتاب پڙهيم، انهن مان چار ڳالهيون پسند ڪيم”
    1. هڪ هيءَ ته اي منهنجا نفس! الله جي عبادت ڪرين ته ڪر، نه ته ان جو رزق نه کاءُ.
    2. ٻيهيءَ ته اي منهنجا نفس! جنهن کان الله تعاليٰ روڪ ڪئي آهي ان کان پاسو ڪر نه ته ان جي ملڪ مان نڪري وڃ.
    3. ٽين هيءَ ته اي منهنجا نفس! جيڪي ازلي قسمت مان توکي پهچي.ان تي صبر ڪر نه ته ٻيو ڪو خداڳول جيڪو توکي رزق روزي وڌائي ڏي.
    4. چوٿين هيءَ ته اي منهنجا نفس! جي گناهه جي ڪم جو خيال ڪرين ته ڪا اهڙي جاءِ تلاش ڪر جتي توکي خدانه ڏسي نه ته گناهه نه ڪر.
    ( علامه غلام مصطفيٰ قاسمي “مقالات قاسمي” حيدرآباد 2000ع ص 311)


    ڀلي ڄائيون مائرون، سنديون صالحن

    اَلرِّضَاعُ یُغَیِّرُ الطِّبَاعَ
    ( هيءَ حديث ابو الشيخ عبدالله بن عمر بن خطاب ﷦ کان روايت ڪئي ۽ عبدالله بن عباس ﷦ کان القضاعي ۽ الديلمي به آندي آهي)
    ترجمو: کير پيارڻ طبيعتن کي ڦيرائي ٿوڇڏي.
    سمجهاڻي: والدين جو اولاد جي رهڻي ڪهڻي تي جلدي ۽گهڻو اثر ٿيندو آهي.خاص ڪري کير پيارڻ سان ٻار جي طبيعت تي ماءُ جو گهرو گهاٽو اثر ٿئي ٿو.
    اوليائن جي تذڪرن ۾آهي ته سندن مائرون وضو ڪرڻ ۽ پاڪصفائي کان سواءِ ٻارن کي کير نه پيارينديون هيون.اهو ئي سبب آهي جو اهڙا ٻار ننڍي هوندي کان ئي ڄمندي ڄام سڏيا آهن. پنهنجي علم۽ عمل، فڪر فيض سان ولايتون واسي ڇڏيندا آهن.
    جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري ماءُ ٻار کي کير نه پياري سگهي ته ٻار کير پيارڻ لاءِ نيڪ خصلت دائي جي حوالي ڪجي ته جيئن اها به ٻار جي سڍي پالنا۽ پرورش ڪري سگهي.
    هونئن به مشهور آهي ته کير ۽ رت جو اثر ترت ٿيندوآهي ۽ رت دانگيءَ تي به وري پوندو آهي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهرين پاڪ دامن مائرن لاءِ چيو آهي:

    ڀلي ڄائيون مائرون سنديون صالحن
    محشر جي ميدان ۾ انهن ڏاج ملن
    ٻين ويچارين، اوجاڳا ئي اجايا ڪيا.
    (شاهه)


    جيڪي لالن لکيو لوح ۾

    اَلسَّعِیۡدُ مَنۡ سُعِدَفِیۡ بَطۡنِ اُمِّہٖ وَالشَّقِیُّ مَنۡ شَقِیَفِیۡ بَطۡنِ اُمِّہٖ
    ( هي روايت صحيح سند سان مسند البزار ۾آهي)
    ترجمو: سڀاڳو ٻار ماءُ جي پيٽان سڀاڳو هوندو آهي ۽ نڀاڳو ٻار به ماءُ جي پيٽان ئي نڀاڳو هوندوآهي.
    سمجهاڻي: الله تعاليٰ جي قدرت سان جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾نطفو قرار وٺندوآهي ته الله تعاليٰ جي حڪم سان ملائڪ ان جوچڱو مٺو عمل رزق، نڀاڳ سڀاڳ ۽ موت جو وقت به لکي ڇڏيندا آهن.مطلب ته الله تعاليٰ جي قدرت ۽ حڪمت سان انسان جو ڀاڳ نڀاڳ الله تعاليٰ وٽ لکيل هوندو آهي.سنڌي ۾چوڻي آهي ته سدورو پٽ پينگهي ۾پڌرو ۽ ندورو پٽ به پينگهي ۾پڌرو.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به تقدير جي قلم ۽ ازلي انگ جوذڪر ڪيو آهي:
    لکئو جو نراڙ سو قلم ڪياڙي نه ٿئي
    پاڙيو ويٺي پاڙ، “جيڪي لالن لکيو لوح ۾”
    (شاهه)


    ساري سک سبق

    اَلسَّعِیۡدُ مَنۡ وُعِظَ بِغَیۡرھ
    ( هي حديث مبارڪ البيهقي ۽ الديلمي آندي آهي)
    ترجمو: نيڪ بخت يا سڀاڳو ماڻهو اهو آهي جيڪو ٻئي مان سبق پرائي.
    سمجهاڻي: هيءَ دنيا عمل۽ رد عمل جو جهان آهي.انڪري سوچي سمجهي قدم رکڻ گهرجي ۽ ڇنڊي ڦوڪيوکڻڻ گهرجي.انسان پاڻ کڻي ڪيترو به عقلمند ڏاهو سڏائي.پر ٻين جي تجربن مان سبق وٺڻ ڏاهپ ۽ عقلمندي آهي.پاڻ سڀ ڪو ته “ميان مٺو” پيوسڏائيندو آهي.پر يارن دوستن مٽن مائٽن پنهنجن پراون ۽ اوڙي پاڙي ۽ ديس پرديس جي حالتن ۽ واقعن کي سامهون رکي.چڱونتيجو ڪڍي عبرت وٺڻ ۽ سبق پرائڻ هر ڏاهي انسان جو فرض آهي.
    قرآن مجيد ۾ به اڳين قومن جا واقعا درج آهن. انهن جي ڪرتوتنمٿن عذاب نازل ٿيڻ جي واقعن پڙهڻ کانپوءِ توبهه تائب ٿي چڱا عمل ڪجن انهن قرآني قصن ۾ به وڏو عبرت جو سامان موجود آهي ۽ اسان امت لاءِ سوين نصيحت ڀريا سبق سمايل آهن
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به سبق سکڻ جي صلاح ڏني آهي
    “ساري سکسبق” شريعت سندو سهڻي
    طريقتان تکووهي، حقيقت جو حق
    معرفت مرڪ،اصل عاشقن کي.
    (شاهه)


    اڀو اڳرايون ڪرين، ماڳ هڻيو مستان

    ( جواني ديواني)
    الشَّبَابُ شُعۡبَۃٌ مِنَ الۡجُنُوۡنِ
    ( هيءَ حديث الديلمي ۽ القضاعي،عقبه بن عامر الجهني کان روايت آنمدي آهي)
    ترجمو: مطلب ته جواني ديواني آهي.
    سمجهاڻي: الهڙ جواني انهي ڪري ديواني مشهور آهي جونوجوان انڌ جي گهوڙي تي چڙهيلهوندو آهي.پنهنجي پرائي،نفعي نقصان ۽ گهاٽي واڌي جي گويا ان کي ڪل ئي ڪانه پوندي آهي. ويندو آهي لس لابارو ڪندو. عيشعشرت ، نفساني خواهشن،خراب صحبت ۽ ناتجربيڪاري ڪري رات ڏينهن سَڌن پٺيان ڊوڙندو رهندو آهي. ننڍي وڏي جي نصيحت به جواني جي مستيءَ ڪري ان تي اثر گهٽ ڪندي آهي.
    نوجاون جڏهن ٺوڪرون کائي چڙهندو ۽ پيريءَ ۾ پير پائيندو آهي ته پوءِ ته سندس حالهيڻا ۽ سور ٻيڻا هوندا آهن. ۽ پيو جواني ديواني کي ياد ڪري شوڪارا ڀريندو. پر هينئر ڳالهه مان ڪجهه ڪونه ورندس.” پڪي گهوڙي کي ڪهڙا ڪنا پوندا؟”
    ان ڪري انسان کي ننڍپڻ کان سوچڻ سمجهڻ گهرجي ته جواني ڪنهن سان به سدا نيبهه ناهي ڪيو. ان ڪري جوانيءَ ۾ چڱا ڪم ڪري. پيريءَ لاءِچڱو ثمر ٺاهجي. توبه تائب ٿي.الله ۽ رسول ﷺ جو رستو وٺي هلجي. غريبن سان همدردي، ڪمزورن سان ٻانهن ٻيلي ٿي رهڻ گهرجي. جواني کي ساجيو ۽ سڦل ڪجي.
    شيخ سعدي شيرازي به جواني بابت ڪهڙي سهڻي ڳالهه ڪئي آهي.
    جواني شد و زندگاني نه ماند
    مطلب ته جواني وئي ته گويا زندگي وئي
    در جواني توبه کردن شيوه پيغمبري
    وقت پيري گرگ ظالم ميشود پرهيزگار

    مطلب ته جواني ۾ توبه ڪرڻ پيغمبرن جوڪم آهي.پيريءَ جي وقت ۾ ظالم بگهڙ به پرهيزگار سڏائيندو آهي.(جيتوڻيڪ نبي سڳورا عليهم السلام گناهن کان معصوم هوندا آهن پر امت کي توبه تائب ٿيڻ ۽ سيکارڻ لاءِ توبه استغفار ڪندا آهن مترجم)
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به سر ڪوهياري ۾ سسئي جي روپ ۾غافل جوان کي تنبيه ڪندي چيو آهي تهجواني جي انڌ ۾ ننڊ ۾ سنجهي سمهي پنهل وڃائي ٻين کي ڏوراپا ڏئي. اکين کي اوجاڳو نه ڏنئي؟
    ستئين سنجهيئي منهن ويڙهي مئن جيئن،
    اوجاڳو اکين کي ڄاتئي نه ڏيئي
    هٿان تو پيئي ڪچو ڪيچين کي ڪريين
    (شاهه)


    منجهين باغ بهار

    الشِّتَاءُ رَبِیۡعُ الۡمُؤمِنِ قَصۡرَ نَھَارُھٗ فَصَامَہٗ وَطَالَ لَیۡلَہٗ فَقَامَہٗ
    ( هيءَ حديث مبارڪ البيهقي ابو يعليٰ القضاعي ۽ العسڪري حضرت ابو سعيد الخدري رضي الله عنه کان آندي آهي)
    ترجمو: سيارو مومن لاءِ بهار آهي جنهن جا ڏينهن ننڍا ٿين ٿا. پوءِهوان ۾ روزا رکي ٿو ۽ ان جون راتيون وڏيون ٿين ٿيون.پوءِ هو ان ۾ بيهي عبادت ڪري ٿو.
    سمجهاڻي: جيتوڻيڪ راتيون ڏينهن ،مهينا، سال ۽ مندون موسمون سڀ الله تعاليٰ جون ڀليون آهن. پرمومنن لاءِ سيارو عبادت ڪرڻ لاءِ باغ بهار مثل آهي. ڇاڪاڻ ته سياري جا ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿين ٿيون. ان ڪري مومن کي ڏينهن جو روزي رکڻ ڪري ڪابه تڪليف ڪانه ٿي ٿئي. البته راتين جي ڊگهي هجڻ ڪري مومن ڪجهه آرام به ڪري ۽ عبادت به ڪري ٿو ۽ ٿڪاوٽ محسوس نه ٿو ڪري.
    اونهاري ۾ سخت گرمين ڪري گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. ان ڪري سياري کي موسم بهار سان تشبيهه ڏئي ۽ مومنن کي عبادت جو شوق ڏياريو ويو آهي.
    شاهه ڀٽائي به پنهنجي اندر کي باغ بهار سان ڀيٽيو آهي.
    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چٽاڻو چوڌار
    منجهين ڪاڪ ڪڪورئي “منجهين باغ بهار”
    ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو مڙوئي مينڌرو
    (شاهه)
    *
    ڏينهان گهارن ڏک سين، راتيان ڪن رهاڻ
    عمر! تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري
    (شاهه)


    پار پڇندئي خبرون

    الظُّلۡمُ ظُلۡمَاتٌ یَوۡمَ الۡقِیَامَۃِ
    ( هي روايت امام بخاري ، عبدالله بن عمر رضي الله عنه کان آندي آهي.)
    ترجمو: ظلم قيامت جي ڏينهن به اونداهي شڪل ۾ هوندو.
    سمجهاڻي: ظلم هن دنيا ۾ به حرام ۽ انسان ۽ معاشري لاءِ بدنما داغ آهي ته قيامت جي ڏهاڙي ۾ ظالم واسطي سندس ظلم اوندهه انڌوڪار ٿي سامهون ايندو ۽ ظالم کي دوزخ ۾ وجهرائيندو. ظلم هر مذهب ۾ حرام آهي ۽ عدلانصاف ئي معاشري لاءِ بهترين اصول آهي.
    شاهه ڀٽائي به ظالم کي ٻيڙيءَ جي ملاح سان تشبيهه ڏئي سر سريراڳ ۾ چيو آهي ته اي ٻيڙائتا! توکي ٻئي ڳالهيون نه ڦٻنديون. سڀاڻ قيامت ۾ سڀخبرون پڇندو:
    ٻيڙياتا ٻيئي،تو نه ڦٻنديون ڳالهڙيون
    سڄيون راتيون سمهين، پر سکاڻ ڏيئي
    صباح سڀيئي،” پار پڇندئي خبرون”
    (شاهه)


    ساڻ امانت اچ

    العَارِیَۃُ مُؤَدَّاۃٌ وَالۡمِنۡحَۃُ مَرۡدُوۡدَۃٌ،وَالدَّیۡنُ مَقۡضِیٌّ وَالزَّعِیۡمُ غَارِمٌ
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام احمد بن حنبل ابو دائود الترمذي ۽ ابن ماجه ابي امامه رضي الله عنه کان آندي آهي)
    ترجمو: اوڌار واري شيءِ موٽائي ويندي، ڏهڻ لاءِ مليل ڍور به موٽايو ويندو ۽ قرض ادا ڪيو ويندو ۽ ضامن چٽي ڀري ڏيندو.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾معاشري ۽ زندگي جي ڪار وهنوار ادا ڪرڻ جا صول بيان ڪيا ويا آهن.
    هڪ ته اوڌر نه کڻجي. جيڪڏهن اڌاري شيءِ ڪنهن کان وٺجي ته وقت تي اڌاري شيءِ ڏئي جان آجي ڪجي. اها اڌاري شيءِ گم ٿئي،ته ڌڻي کي ان جي قيمت ڀري ڏبي.
    ٻيو ته ڪنهن کان کير پيڻ لاءِ ڏوهل( ڏهيل) ڍور وٺجي زرعي زمين ياباغ جو ميويدار وڻ وٺجي ته واعديموجب وقت تي اهو موٽائي ڏجي ۽ ان جو احسان مڃجي ۽ ٿي سگهي ته ٿورو لاهجي. اوڙي پاڙي ۾ ماڻهو ايئن غريبن جي مدد ڪندا آهن. اهو وڏو ثواب جو ڪم آهي.
    قرض ته مرض آهي. بک ڏک سهي قرض کڻڻ کان بچجي. پر لاچار ضرورت آهر ڪنهنکان قرض کڻجي.ته اهو قرض به هر حال ۾ موٽائڻو آهي. الله تعاليٰ ٻاجهارو مهربان آهي. سڀ شيءِ معاف ڪري ٿو. پر قرض معاف نه ٿو ٿي سگهي.جيسين قرض ادا نه ڪيووڃي يا ڌڻي معاف نه ڪري.
    هروڀرو تڪڙ ڪلري واپار وڙي ۾ ڪنهن جو ضامن نه پئجي پر جي ماڻهو ڪنهن جو ضامن پيو ته پوءِ چٽي ڀرڻ لاءِ به تيار رهي. ڇاڪاڻ ته جنهن ماڻهو کي اصل شيءِ ڏيني هئي. پر اهو ڏئي نه سگهيو ته پوءِ ضامن پوندڙ کي اها شيءِ يا پيسا ڀري ڏيڻا آهن.
    شاهه ڀٽائي به چيو آهي ته امانت ادا ڪبي ته ساڻيهه ۾ سمانو ٿيو.
    ستي تنهنجي ست ۾،ڳالهه گهرجي ڳچ
    وڍيو چيريو چچريو،پر ۾اڀي پچ
    “ ساڻ امانت اچ” ته ٿئين سماني ساڻيهه ۾
    (شاهه)


    ٿوري قوت قراريا

    اَلۡقَنَاعَۃُ مَالٌ لَا یَنۡفَدُ وَ کَنۡزٌ لَا یَفۡنَی
    ( هي حديث مبارڪ امام طبراني المعجم الاوسط ۾ جابر بن عبدالله ﷦ کان روايت آندي آهي)
    ترجمو: قناعت اهڙو مال آهي جيڪو نه کٽندو ۽ قناعت اهڙي کاڻ آهي جا ختم نه ٿيندي.
    سمجهاڻي: وچٿري نموني گذارڻ ڏاهپ ۽ عقلمندي آهي قناعت ۽ ڪفايت شعاري جي هلڻ سان ئي ترقيءَ جو دروازو کلندو آهي. اجايو خرچ ڪرڻ ۽ بخيل ٿي گذارڻ به چڱو نه آهي. پر هر ڪم ۾ وچٿري نموني قناعت ڪفايت سان هلڻ ڪري ملڪ ۽ قوم ترقي ڪري سگهندا.
    اسلام هميشه وچٿري نموني گذارڻ ۽ قناعت ڪفايت ۽ سادگي سان رهڻ جو ڏس ڏنو آهي. قناعت ڪفايت اهڙي وٿ آهي. جنهن سان دين ۽ دنيا جون مسرتون ماڻي سگهجن ٿيون.
    شيخ سعدي شيرازي به قناعت جي تعريف هن ريت ڪئي آهي:
    “اي دل! جيڪڏهن قناعت اختيار ڪرين. ته خوشي راحت جي ولايت ۾ بادشاهي ماڻي سگهندين. قناعت جي نور سان ئيزندگي کي سينگار ۽ اها ئي ڀاڳ واري جي نشاني آهي.”
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به قناعت بابت ملير جي مارن جو مثال ڏئي ٻڌايو آهي ته اهي ماروئڙا به ٿوري رزق ۽ قوت تي قرار ڪري ۽ قناعت سان گذارين ٿا.
    “ ٿوري قوت قراريا” رهن سٻر ست
    کٿيءَ ۾ کہ پڪليا، ڀوڻن اهڙي ڀت
    پنهوارڪي پت، پيهي پڇ ملير ۾
    (شاهه)


    آئون به اڳڀري ٿيان

    الکَیِّسُ مَنۡ دَانَ نَفۡسَہٗ وَعَمِلَ لِمَا بَعۡدَ الۡمَوۡتِ وَالۡعَاجِزُ مَنۡ اَتۡبَعَ نَفۡسَہٗ ھَوَاھَا
    وَ تَمَنّٰی عَلَی اللہِ الۡاَمَانِیۡ
    ( هيءَ حديث مبارڪ مستدرڪ حاڪم، جامع ترمذي، سنن ابن ماجه مسند امام احمد بن حنبل ۽ مسند الشهاب القضاعي ۾ آهي محدثن هن حديث تي بحث ڪيو آهي.
    ترجمو: ڏاهو عقلمند اهو آهي جنهن پنهنجو نفس تابعدار بنايو ۽ موت کان پوءِ آخرت لاءِ عمل ڪيو ۽ بيوقوف اهو آهي جنهن پنهنجي نفس کي ان جي خواهش جي تابع ڪيو ۽ اميدون رکي الله تي تمنا ڪري ويهي رهيو.
    سمجهاڻي: هن زماني ۾ هر هڪ ماڻهو پاڻ کي عقل ڪل ۽ سياڻو سمجهي ٿو ۽ ٻئي ماڻهو کي گهٽ ڄاڻي ٿو.
    حقيقت ۾ حضور پر نور ﷺ جي جامع فرمان مطابق،ڏاهو ۽ عقلمند اهوماڻحو آهي جيڪوپنهنجي نفسکي نهوڙي نيست نابود ڪري. الله ۽ رسولﷺ کي راضي ڪري چڱا عملڪندورهي ۽ نافرمان ندوري نفس جو چيونه مڃي ۽ هميشه آخرت جي تياري واسطي نيڪ ڪم ڪندو رهي. صحيح ۽ عقلمند ماڻهو اهو ئي چئبو.
    باقي بيوقوف ماڻهو ته هر ڪنهن کي ساريو پيو آهي. جيڪو نفس جي خواهشن جو تابعدار ۽ شيطان جو يار آهي. چڱن ڪمن کان برو ۽ برن بڇڙن شيطان ڪمن ڪر۾ ۾ کرو آهي. نه الله ۽ رسول جي تابعداري ياد ۽ نه وري موت جو ئي کيس ڪو فڪر آهي ته آخر هڪ ڏينهن هيءَ جهان ڇڏي.هميشه واري ماڳ تي هلڻو آهي.عمل ڪرڻ کان عاري رڳو خالي اميد رکي ويٺو چوي.ته هو پاڻهي بخشيندو.شاهه عبداللطيف ڀٽائي به لوچڻ،عمل ڪرڻ ۽ اڳڀرو ٿي وک وڌائڻ لاءِ چيو آهي ته:
    پاڻهي ايندو هوت، “ پر آئون به اڳڀري ٿيان”
    متان چوي بلوچ، ته ڪميني مان ڪين ٿيو.
    (شاهه)


    اکيون منهن ميهار ڏي

    اَللّٰھُمَّ اِنِّیۡ اَعُوۡذُبِکَ مِنۡ شَرِّ سَمۡعِیۡ وَ مِنۡ شَرِّ بَصَرِی وَمِنۡ شَرِّ مَنِیّنِی
    ( هي دعا جا لفظ مبارڪ ابودائود،الترمذي ۽ النسائي اصحابي شڪل بن حڪميد العبي ﷦ کان روايت ڪيا آهن)
    ترجمو: اي الله! بيشڪ آئون تنهنجي پناهه ٿو گهران پنهنجي ڪن ۽ اک. ۽ حرامڪاريءَ جي شر کان.
    سمجهاڻي: حديث پاڪ جي ڪتابن ۾ نبي پاڪ ﷺ جون مختصر ۽ جامع دعائون گهڻيون آيلآهن. هر هڪ دعا جي پنهنجي معنيٰ، جامعيت ۽ اهميت آهي. هن دعا ۾ ڪن، اک ۽ نفس جي حرامڪاري ۽ شر کان پناهه لاءِ الله تعاليٰ کي عرض ڪيل آهي ته اي منهنجا مالڪ مٺا! ڪوڙ ٻڌڻ، بهتان،گلا غيبت چغلي ۽ گناهه وارين سڀني شين ٻڌڻ جي شر کان پناهه ڏي. هي ڪن جوشر آهي.
    اکجي شر جو مطلب آهي ته ڪنهن ڏانهن بري بد نظر ڪري نهارڻ ڪنهن کي گهٽ ڪري ڏسڻ. الله تعاليٰ جي قدرت جون شيون ڏسي عبرت نه وٺڻ.
    حرامڪاري جو مقصد آهي ته زنا ظلم ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته زنا فنا آهي.
    دعا گنهگار ٻانهي جي ڍال آهي ان ڪري پاڻ سڳورن ﷺ هي دعا سيکاري آهي.
    شاهه ڀٽائي به اکين ۽ منهن جي ڳالهه ڪئي آهي.
    “اکيون منهن ميهار ڏي” رکيون جن جوڙي
    ري سنڊ سيد چئي، تار گهڙن توڙي
    تنين کي ٻوڙي، سائر سگهي ڪين ڪي.
    (شاهه)


    مڻيو وجهان مچ ۾

    اَللّٰھُمَّ اِنِّیۡ اَعُوۡذُبِکَ مِنۡ شَرِّ فِتۡنَۃِ الۡغَنِیّ
    ( دعا جا هي لفظ حديث جي مشهور “ صحاح سته” ڇهن ئي ڪتابن م آيل آهن.)
    ترجمو: اي الله! بيشڪ آئون شاهوڪاري يا دنيا دولت جي فتني جي شر کان تنهنجي پناهه گهران ٿو.
    سمجهاڻي: دنيا دولت ۽ مالملڪيت الله جي راهه ۾ خرچ ڪجن ته اها دنيا ملڪيت نعمت آهي. ان سان مسڪينن غريبن جي مدد ڪرڻ ثواب ۽ آخرت ۾ ڀلائي آهي.
    پر اڪثر ٿيندو ائين آهي. جو دنيا دولت وارا دنيادار ۽ شاهوڪار ماڻهو الله ۽ رسول جو حق ادا ڪونه ڪندا آهن. پر دنيا دولت جي مغروريءَ ۾ ظلم زبردستي ۽ ڏاڍ ڏمر حرامڪاري ۽ بيحيائي جا ڪم ڪري. نعمت واري دنيا دولت کي زحمت واري عذاب ۾ تبديل ڪرڻ جوسبب بڻيا آهن. مٿن الله تعاليٰ جي نعمتن جا حق رهجي ويندا آهن ۽ عذاب جا حقدار ٿيندا آهن.
    ان ڪري سڳوري نبي ﷺ به مسڪين رهڻ جي دعا گهري آهي.
    مطلب ته گهڻي دولت آزمائش آهي. ان آزمائش مان ڪو ڪامياب ٿيندو آهي.
    مولانا رومي به مثنوي ۾ چيو آهي ته:
    اسان جو نفس به خدائي دعويٰ ڪندڙ فرعون کان گهٽ نه آهي پر ان وٽ گهڻي دنيا هئي. ان ڪري خدائي دعويٰ ڪري ويٺو ۽ اسان وٽ اڻ کٽ دنيا ڪانهي.
    شاهه ڀٽائي به سر ليلا چنيسر ۾ مڻئي جي موه ۽ دنيا جي لالچ کان پناهه گهري آهي:
    “ مڻيو وجهان مچ۾” هائي هڻي هار
    ڀري جي ڀتار، ته ميريائي مانُ لهان
    ( شاهه)


    هادي رکج حفظ ۾

    اَللّٰھُمَّ اِنِّیۡ اَسۡئَلُکَ رَحۡمَۃً تَھۡدِیۡ بِھَا قَلۡبِیۡ وَ تَجۡمَعُ بِھَا شَمۡلِیۡ وَ تَلُمُّ بِھَا شَعۡثِیۡ وَتُصۡلِحُ بِھَا غَائِبِیۡ وَ تَرۡفَعُ بِھَا شَاھِدِیۡ وَ تُزَکِّیۡ بِھَا عَلۡمِیۡ وَ تُلۡھِمۡنِیۡ بِھَا رُشۡدِیۡ وَ تَرُدُّ بِھَا اُلۡفَتِیۡ
    وَ تَعۡصِمُنِیۡ بِھَا مِنۡ کُلِّ سُو ءِ
    ( هيءَ دعا جا لفظ مبارڪ الترمذي ۾ عبدالله بن عباس ﷦ کان روايت ڪيل آهن)
    ترجمو: اي الله! بيشڪ آئون توکان اهڙي رحمت جو سوال ٿو ڪريان. جنهن سان منهنجي دل کيهدايت ڪرين ۽ منهنجون سڀ حاتون پوريون ڪرين ۽ منهنجي پريشاني دور ڪرين. منهنجي پر پٺ ڀلائي ڪرين. منهنجي حاضر کي مٿاهون ڪرين ۽ منهنجي عمل کي پاڪ ڪرين ۽ منهنجي دل ۾ نيڪ ارادا وجهين ۽ ان جي ذريعي اها شيءِ به موٽائي ڏي. جنهن سان آئون محبت ڪريان ٿو ۽ ان جي ذريعي مون کي هر برائي کان بچاءِ.
    سمجهاڻي : سهڻي نبي پاڪ ﷺ جي هيءَ دعا ظاهر ۽ پيارن لفظن واري جامع آهي.
    شاهه ڀٽائي به رسالي ۾ رب ڪريم کي سڏرا ڪيا آهن. ۽ دعائن جا سهڻا لفظ سموهيا آهن.
    جيسين جيارين،”هادي رکج حفظ ۾”
    محتاجي مخلوق جي،شلقادر نه ڪارين
    عربي عبداللطيف کي، ويل نه وسارين
    پرڪش پيارين، ڀري جام جنت جو
    (شاهه)


    سڪڻ ڪيا شهيد

    اَللّٰھُمَّ اِنِّیۡ اَسۡئَلُکَ الۡفَوۡزَ فِیۡ الۡقَضَاءِ وَ مَنَازِلَ الشُّھۡدَاءِ وَعَیۡشَ السُّعۡدَاءِ وَالنَّصۡرَ عَلَی الاَعۡدَاءِ
    ( هي جامع دعا امام ترمذي عبدالله بن عباس ﷦ کان روايت ڪئي آهي)
    ترجمو: اي الله! بيشڪ آئون توکان قضا ۾ ڪاميابي ۽ شهيدن وارا مرتبا ۽ منزلون ۽ نيڪ بختن واري حياتيءَ جو سوال ڪريان ٿو ۽ دشمنن مٿان فتح سوڀ جو به سوال ڪريان ٿو.
    سمجهاڻي: هن حديث نبوي جي دعا ۾ چئن ڳالهين جو سوال آهي قضا ۾ ڪاميابي يعني دنيا آخرت جي هر ڪم ۾ آساني ملڻ ۽ مشڪلاتون حل ٿيڻ.
    الله تعاليٰ نبين، صديقن، شهيدن ۽ صالحن ٻانهن کيوڏيون نعمتون عطا فرمايون آهن. هتي شهيدن جي رتبن ۽ منزلن جهڙين نعمتن جوسوال آهي.
    ان سان گڏ نيڪ بخت صالح ٻانهن جهڙي بابرڪت ۽ سهڻي حياتيءَ گذارڻ لاءِ التجا آهي.
    اصل۾انسان جو دشمن ته نفس شيطان آهي.پر هن دنيا ۾ به گهڻو ڪري نيڪ ماڻهنسان ساڙ ٽاڙ ڪري ماڻهو مخلافت پيا ڪندا ۽ تڪليفون پهچائيندا آهن. ان ڪري دعا ۾ آخري لفظ دشمن تي فتح، ڪاميابي ،مدد ۽ سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ عرض ڪيل آهي.
    مقصد ته هيءَ دعا دين ۽ دنيا جي ڀلائي لاءِ جامع آهي. الله تعاليٰ قبول فرمائي آمين
    شاهه ڀٽائي به “سڪڻ ڪيا شهيد” جا لفظ دهرايا آهن
    جا عمر تو مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا
    ويئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد
    “سڪڻ ڪيا شهيد” مارو جي ملير جا
    (شاهه)


    سا مجلس ئي مَٽ

    اَلۡمَجَالِسُ بِالۡاَمَانَۃِ
    ( هيمبارڪ حديث جابر بن عبدالله ﷦ة کان ابودائود ۽ ابن ماجه روايت آندي آهي.)
    ترجمو: مجلسون يا ڪچهريون امانت آهن.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ انساني معاشري بابت اهم ڳالهه سمجهايل آهي ته يارن دوستن، مٽن مائٽن يا اميرن ڪبيرن جي مجلس يا ڪچهري ۾ ڪيل راز وپاريون ڳالهيون ٻين عام ماڻهن کي نه ٻڌائجن. ائين ڪرڻ سان هڪ ته راز کلي پوندو ۽ نقصان جو انديشو آهي. ٻيو ته ٻيهر ڪير به راز کولڻ واري ماڻهو تي ڀروسو نه ڪندو. کيس ڦاٽوڙو دهل ڄاڻندو.جيڪو ڄڻ ته وقت بنا وقت پيو وڄي.
    گويا ڪچهريون به امانت آهن جو ڪچهريءَ ۾ ٻڌل ڳالهيون به امانت سمجهي هر هڪ سان نه کولجن ۽ راز کي راز ئي رهڻ ڏجي. راز ۾ به وڏي رمز رکيل هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته راز کلڻ سان چڱي ڪم ۾ به رڪاوٽون پئجي سگهن ٿيون.
    البت جيڪڏهن ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جون ڳالهيون ٿين. ته ان کي ٻڌائڻ ضروري آهي. جيئن اهو ماڻهو نقصان کان محفوظ رهي.
    ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي
    “سا مجلس ئي مٽ” جي حاصل هوءِ هزار جو
    (شاهه)


    ويٺي جنين وٽ

    اَلۡمَرۡءُ مَعَ مَنۡ اَحَبَّ
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري ۽ امام مسلم روايت ڪئي آهي)
    ترجمو: ماڻهو ان شخص سان گڏ هوندو. جنهن سان محبت ڪندو.
    سمجهاڻي: حقيقت هي آهي ته انسان جي هن دنيا ۾ جنهن سان گهڻي محبت هوندي، ته قيامت جي ڏينهن به ان سان گڏ هوندو. حديث پاڪ ۾ ايئن به آيل آهي ته جو مانحو جنهن قوم يا شيءِ سان مشابهت ڪندو ته قيامت ۾ ان سان گڏ اٿاريو ويندو. (بخاري) ان ڪي ظاهر آهي جنهن شخص جي هن دنيا ۾ چڱن ماڻهن سان صحبت سنگت هوندي ته محشر ۾ به انهن نيڪن صالحن سان گڏ هوندو ۽ صالحن جي صحت ۽ خدمت ڪري جنت ماڻيندو.
    باقي جيڪڏهن هن جڳ ۾ برن بڇڙن سان ساٿ ڏئي.ڍنگهرن تياٽو هاريندو رهندو، ته ان جو آخر ۾ برو نتيجو ڀوڳڻو پوندو ۽ عذاب جو حقدار ٿيڻو پوندو.
    گهڻو ڪري ائين به آهي ته ماڻهو پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي. ان ڪري ئي نبي پاڪ صاحب لولاڪ ﷺ جن حديث مبارڪ جا مٿيان سهڻا لفظ چيا ته،” (قيامت ۾) ماڻهو ان شخص سان گڏهوندو، جنهن سان دنيا ۾ محبت ڪندو هوندو.”
    ان ڪري نيڪن ۽ صالحن جي صحبت سنگت ۽ خدمت پاڻ تي لازم ڪري وٺجي، ته خاتمه بالخير ۽ جنت جي خوشخبري ماڻي سگهجي.
    صالحن جي صحبت نيڪ اثر ڪندي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي به صالحن جي صحبت ڪرڻ ، وٽن وڃي ويهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
    “ ويٺي جنين وٽ” ڏکندو ڏور ٿئي
    تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا
    ( شاهه)


    ڏوٿي انهين ڏيهه جا

    اَلۡمُسۡلِمُوۡنَ تَتَکَافَأُ دِمَاؤُ ھُمۡ وَ یَسۡعٰی بِذِمَّتِھِمۡ أدۡنَامُمۡ وَ ھُمۡ یَدٌ عَلیٰ مَنۡ سِوَاھُمۡ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابو دائود ۽ النسائي روايت ڪئي آهي)
    ترجمو: مسلمانن جا خون يا رت برابر آهن. ادنيٰ مسلمان به امن ڏئي سگهي ٿو ۽ ان جي امن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي ۽ پنهنجي غير تي هڪ هٿ جيان آهن.
    سمجهاڻي: الله تعاليٰ وٽ سڀ مسلمان برابر آهن. پر الله تعاليٰ وٽ وڌيڪ عزت وارو اهو آهي، جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي. باقي اسلام ۾ مسڪين، شاهوڪار ۽ اڇي ڪاري ۾ ڪوبه فرق ڪونهي.عزت ۽ مرتبو آهي ته دينداري ۽ وڌيڪ پرهيزگاري ڪري آهي.
    جيڪڏهن ڪوبه مسلمان ڪنهن ڪافر کي امن ڏئي يا واعدي ڪري ته ٻين مسلمان ڀائرن کي ان جي عهد ۽ امن جي پاس خاطري ۽ لهه لحاظ رکڻو آهي. ڇاڪاڻ ته مسلمان سڀ هڪ هٿ برابر پاڻ ۾ ڀائر آهن.
    شاهه ڀٽائي مسلمان ڀائرن کي سر مارئي ۾ پاڻ ۾ محبت ڪندڙ “ڏوٿي انهين ڏيهه جا” چيو آهي:
    عمر، اڄ گڏيام، “ ڏوٿي انهين ڏيهه جا”
    پارانڀا پرين جا، اڀي ان چيام
    لهي لوهه پيام، لطف ساڻ لطيف چئي
    (شاهه)


    ته مسلماني ماڻيين

    اَلۡمُسۡلِمُمَنۡ سَلِمَ الۡمُسۡلِمُوۡنَ مِنۡ لِسَانِہٖ وَیَدِہٖ وَالۡمُھَاجِرُ مَنۡ ھَجَرَ مَا حَرَّمَ اللھُ عَلَیۡہِ
    ( هن حديث پاڪکي امام بخاري عبدالله بن عمرو بن عاص ﷦ کان روايت ڪيو آهي)
    ترجمو: ڪامل مسلمان اهو آهي، جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيا مسلمان سلامت رهن ۽ ڪهاجر اهو آهي جيڪو الله تعاليٰ جي حرام ڪيل شين کي ڇڏي ڏئي.
    سمجهاڻي: اسلام “سلم” مان نڪتل آهي. ان جي معنيٰ آهي صلح ۽ سلامتي. جنهن شخص جي زبان ۽ هٿ کان ڪنهن کي ناحق ايذاءُ پهچي. ته اهو امن پسند ماڻهو نه چئبو. زبان سان ٻي ڪنهن جي گلا غيبت، ڪوڙ بدوڙ۽ گاريون گند، چغلي هڻڻ به ايذائڻ آهي. ۽ هٿ سان ڪنهن کي ڌڪ هڻڻ مارڻمنع آهي. ان ڪريي سچو مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيا مسلمان بچيل رهن.
    هجرت ۽ هجر جي معنيٰ آهي ڇڏيڏيڻ. ان ڪري ڪامل مسلمان اهو آهي. جيڪو الله تعاليٰ طرفان حرام ڪيل ڪمن ۽ شين کي ڇڏي ڏئي. انهن حرام ڪمن کان پاسو ڪري پاڻ بچائي.
    شاهه ڀٽائي به چيوآهي ته سچو مسلمان اهو آهي. جو وصال جو طالب، دورنگي دور ڪندڙ،معرفت جو ڳولائو ۽ امن مان مسلماني ماڻڻ جو گهرجائو هوندو آهي.
    تون ڪا ڪاني پاءِ، ونين ۾ وصال جي
    در بينائي دور ڪري، معرفت ملهاءِ
    سپريان جي سونهن ۾، رخنون ڪين رهاءِ
    اک اشهد چاءِ، “ته مسلماني ماڻيين
    (شاهه)


    سوڍي جي صلاح

    اَلۡمُسۡتَشَارُ مُؤۡتَمَنٌ
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام احمد ، ابو مسعود انصاري(عقبه بن عمرو) کان روايت آندي آهي. ابو دائود، الترمذي، النسائي ۽ ابن ماجه، ابو هريره ﷦ کان ۽ الطبراني سمره ﷦ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو: جنهن کان صلاح مشورو ورتو وڃي. سو امانتدار آهي.
    سمجهاڻي: دين دنيا ۾ صلاح مشوري جي وڏي اهميت آهي. جڏهن ماڻهو ڪنهن مشڪل ڳالهه ۾ منجهي پوي، ته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي؟ ان وقت پنهنجي دلي دوست، وڏي مٽ مائٽ، استاد، مرشد ۽ صالح شخص سان صلاح مشورو ڪرڻ ۽ سهڻي صلاح ملڻ سان اهو مشڪل آسان ٿي ويندو. نقصان کان بچي سگهبو ۽ فائدو ملندو. جڏهن صلاح مصلحت ۾ ٻه ٽي چڱا ماڻهو ۽ ذهن گڏجي ڪا ڳالهه سوچيندا. سا ضرور فائديمند هوندي.
    قرآن شريف ۾ به صلاح مشوري ڪرڻ بابت آيل آهي ته:
    .وَ شَاوِرۡھُمۡ فِی الۡاَمۡرِ (پاره 4 سوره آل عمران آيت 159)
    ترجمو: ۽ انهن سان اهم ڪمن ۾ مشورو ڪريو.
    هي ڳالهه به لازم آهي ته ڪنهن کان صلاح مشورو وٺجي ته سهڻي صلاح ڏيڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي غلط مشورو ڏئي نقصان نه پهچائجي. غلط مشورو ڏيڻ گوياامانت ۾ خيانت آهي.ڀٽائي به چيو ته سوڍي جي صلاح سان ڪونر چرندين ڪاڪ جا:
    ڪرها ڪارڻ ڪاه، توکي ڌڻين ڌاريو
    ساري ڏيج سيد چئي، لڊاڻي تان لاه
    مقابلو مومل سين، ٿيندو سنجهه صباح
    “سوڍي جي صلاح” ڪونر چرندين ڪاڪ جا
    (شاهه)


    ڪڍ تون دغا دل مان

    اَلۡمَکۡرُ وَالخَّدِیۡعَۃُ فِی النَّارِ
    ( هيءَ حديث الديلمي ابو هريره کان ۽ القضاعي ابن مسعود ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: دوکيباز ۽ ٺڳ دوزخ جي باهه ۾ ويندو.
    سمجهاڻي: مڪر ۽ فريب، دوکو ۽ ٺڳي مسلمان جو شان نه آهي. معاشري ۾ جيڪي به خراب ڪم آهن. انهن ۾ دوکو ۽ ٺڳي ڪرڻ تمام خراب ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن کي دوکي ۽ ٺڳي سان ٺڳڻ، نقصان پهچائڻ اسلام ۾ منع آهي. دوکيباز ماڻهو ٻئي کي ته نقصان پهچائي خوش ٿيندوآهي.پر هن حديث پاڪ جي روشنيءَ مان ظاهر آهي ته مڪريل ٺڳ ۽ دوکيباز ماڻهو دوکي ۽ ٺڳي ڪرڻ جي ڪري دوزخ جي باهه ۾ پوندو ۽ پنهنجي آخرت تباهه ڪندو. الله تعاليٰ سڀني مسلمان ڀائرن کي مڪر فريب دوکي ۽ ٺڳي کان محفوظ رکي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به انسان کي دل مان دغا، دوکو ۽ دولاب ڪڍڻ ۽ سچ جو درس ڏنو آهي.
    ڪوڙ ڪماءِ مَ ڪچ، اٿي اور الله سين
    “ڪڍ تون دغا دل مان” صاحب وڻي سچ
    محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مچ
    ان پر اٿي اچ، ته سوڍو ٿيئي سڦرو
    (شاهه)


    سڀيئي سهاڳڻيون

    اَلنَّاسُ کَأسۡنَانِ الۡمِشۡطِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابن لال”مڪارم الاخلاق” ۾ سهل بن سعد ﷦ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو: ماڻهو ڦڻيءَ جي ڏندن جيان آهن.
    سمجهاڻي: سڀ انسان حق ۾ حقوق ۾ برابر آهن. البت سڀني ۾ بهتر اهو آهي. جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي. مقصد ته سڀ انسان ڦڻيءَ جي ڏندن وانگر هڪجهڙا برابر آهن. ڪنهن کي به هڪ ٻئي جي مٿان ڀلائي ۽ فوقيت نه آهي. ها تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ واري کي ڀلائي ۽ فوقت آهي. ظاهري زيب زينت ۽ هار سينگار کي اهميت ڪانهي. خدا جي خوف ۽ پرهيزگاريءَ جي ئي اهميت ۽ افضليت آهي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به سر ليلا چنيسر ۾ سڀني انسانن کي “ سڀيئي سهاڳڻيون” سڏيو آهي. پر نياز نوڙت ۽ پرهيزگاريءَ کي اهميت ۽ فوقيت ڏني آهي.
    .
    “سڀئي سهاڳڻيون” سڀني ڳچيءَ هس
    پسڻ ڪارڻ پرين جي، وڏا ڪيائون وس
    ڍول تنين جي گس، هيٺاهيون هلن جي
    (شاهه)


    سون ورنيون سوڍيون

    اَلنَّاسُ مَعَادِنُ کَمَادِنِ الذَّھَبِ وَالۡفِضَّۃِ خِیَارُھُمۡ فِی الۡجَاھِلِیَّۃِ خِیَارُھُمۡ فِی الۡاِسۡلَامِ اِذَا فَقَھُوۡا
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري ۽ مسلم ابو هريره ﷦ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو:ماڻهو کاڻين وانگر آهن، جيئن ڪا کاڻ سون جي ته ڪا چانديءَ جي، جيڪڏهن عقل ۽ سمجهه اٿن ته جاهليت ۾ به ڀلا ۽ اسلام ۾ به ڀلارا.
    سمجهاڻي: جيئن معدني ڌاتن جون کاڻيون مختلف آهن. اهڙيءَ طرح ماڻهو به مختلف طبيعتن ، عادتن، خاصيتن ۽ خصلتن وارا ٿين ٿا.مثال طور سون جي کاڻ مان سون، چاندي جي کاڻ مان چاندي نڪرندي آهي. ايئن انساني فطرت ۽ طبيعتن جو حال آهي. نيڪ ۽ چڱي ماڻهو مان ته ڀلائي جي اميد هوندي آهي. البت اسلام کان اڳ جاهليت واري زماني ۾ انساني فطري خوبيون اسلام آڻن کان پوءِ، ته ويتر نکري نروار ٿي پيون. جيڪو به جاهليت واري دور ۾ ڏاهپ سمجهه سان باصلاحيت جو ته اسلام۾ به اهو باڪردار باصلاحيت ڏاهو ۽ سمجهدار آهي. اسلام ۾ ئي دين جي سمجهه حاصل ڪرڻ سان ڪامل ڀلائي ملي ٿي. برائين کان پاڻ بچائڻ ئي اخلاق جي بهتري آهي.
    شاهه ڀٽائي به سون ۽ چاندي جي تشبيهه اهڙن ماڻهن لاءِ سر مومل راڻي ۾ ڏني آهي.
    “ سون ورنيون سوڍيون” رپي رانديون ڪن
    اگر اوطاقن ۾، کٿوريون کٽن
    اوتيائون عنبير جا، مٿي طاق تڙن
    ٿيا لاهوتي لطيف چئي، پسڻ لئي پرين
    اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
    (شاهه)


    ليلا ليلائيج

    النَّلَمُ تَوۡبَۃٌ
    ( هيءَ حديث مبارڪ الطبراني معجم الڪبير ۾، ابو نعيم حليه الاولياء ۾ ابو سعيد انصاريءَ﷦ کان، ابن ماجه، البيهقي ۽ الحاڪم انس ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: پشيماني توبه آهي.
    ابو نعيم جي روايت ۾ هي لفظ وڌيڪ آهن ته:” سچي دل سان توبه ڪندڙ ايئن آهيجنهن ڄڻ ته گناهه ئي نه ڪيو آهي.”
    سمجهاڻي: انسان گنهگار خطاڪار آهي. جيڪڏهن اتفاق سان گناهه ۽ خطا ٿي پوي. ته الله تعاليٰ جي حضور ۾ دلسان پشيمان ٿي. گناهه کان توبه تائب ٿجي ته اي الله! هي گناهه معاف فرماءِ. آئندي به گناهه نه ڪرڻ جي توفيق ڏي.
    پشيمان ٿيڻ توبه جو رستو آهي. ٻانهو الله تعاليٰ جي رحمت ۽ بخشش کان نااميد نه ٿئي. پر سچيءَ دل سان پشيمان ٿي. توبه ڪري الله جي رحمت ۽ بخشش ۾ اميدرکي. چڱا ڪم ڪندو رهي ته عذاب کان بچي، جنت جوحقدار بنجي.
    هر بيماريءَ جي دوا هوندي آهي ۽ گناهن جو علاج جو علاج توبه ڪرڻ آهي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به توبه ڪرڻ ، ليلائڻ جي ترغيب ڏني آهي:
    “ ليلا ليلائج” اٿئي ماڳ منٿ جو
    ليلائي نه لهي، تان پڻ ليلائج
    آسرو م لاهيج، سڄڻ سباجهو گهڻو
    (شاهه)
    جي ڪارون آڻين ڪانڌ کي، ته روئي ريجهائيج
    “ليلا ليلائيج” اٿئي ماڳ منٿ جو
    (شاهه)


    ڪوڙيين ڪيا ڪيترا، انهين خر خوار

    النِّسَاءُ حَبَائِلُ الشَّیۡطَانِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ الديلمي ۽ القضاعي عقبه بن عامر الجهني ﷦ کان ۽ الديلمي عبدالله بن عمر﷦ کان ابو نعيم عبدالرحمان بن عباس ﷦ کان ۽ ابن لال ابن مسعود﷦ کان ۽ الخرائطي * التميمي زيد بن خالد ﷦ کان روايت ڪئي آهي. “ المواهب اللدنيه” جي سارح علامه الزرقامي چيو آهي ته هي حديث حسن آهي.)
    ترجمو: عورتون شيطان جو ڄار آهن.
    سمجهاڻي: جيتوڻيڪ اسلام ۾ عورت جي وڏي عزت آهي. عورت ماءُ آهي،عورت ڀيڻ آهي ۽ جنت به ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.
    هتي انهن عورتن جو ذڪر آهي. جيڪي شيطان جي دام ۾ جلد فاسي گناهه ڪري شيطان کي راضي ڪن ٿيون.
    شيطان کي مردن جي ڀيٽ ۾ عورت کي برغلائڻ ۽ پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ سولو لڳندو آهي. عام ڪچهرين ۾ عورتن گڏجي ويهنديون ته گلا غيبت، عيب جوئي زبان درازي ۽ چغل خوري شروع ٿي ويندي اهي.
    حديث پاڪ ۾ عورت کي چٻي پاسري سان تشبيهه ڏني وئي آهي. جيڪڏهن اوهين ڀانيو ته اسان پاسراٽي سنئين سڌي ڪيون ته اها ڀڄي پوندي ۽ جيڪڏهن اهڙيءَ طرح ڏنگائي سان گذران پيا ڪندو ته خير جو وقت پيو گذرندو. فتني ۽ نقصان کان بچي ويندو.
    انڪري هن زماني ۾ عورتن جا گهڻا فتنا آهن. انهن فتنن کان الله تعاليٰ جي پناهه گهرجي. ڇاڪاڻ ته عورتن کي شيطان جو ڄار چيو ويو آهي.
    ڀٽائي به حرامڪاريءَ کان بچڻ جو چيو آهي:
    مڻئيتي موهجي، هاڙي ڳيڙئي هار
    “ ڪوڙيين ڪيا ڪيترا انهين خر خوار”
    ڀري ويو ڀتار، آيئي ڏنون ڏهاڳ جو.
    (شاهه)


    هيءُ مُنهن ڏيئي ٻَن

    اَلۡوَلَدُ لِلۡفَرَاشِ وَلِلۡعَاھِرِ الۡحَجَرُ
    ( هيءَ حديث مبارڪ البخاري ۽ مسلم ۽ ٻين حضرت عائشه رضي الله عنها ۽ ابو هريره ﷦ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو: ٻار مڙس جو آهي ۽ زاني لاءِ پٿر آهي.
    سمجهاڻي: شريعت پاڪ جا اصول اتم ۽ احتياط ۽ پرهيزگاري تي ٻڌل آهن. هن حديث پاڪ ۾ ٻار جي نسب بابت اصول ٻڌايل آهي. ته ٻار نڪاح واري جو آهي. حضور ﷺ جي مجلس ۾ هڪ ماڻهو اٿي بيٺو ۽ چيائين ته فلاڻو منهن جو پٽ آهي.ڇاڪاڻ ته مون هن جي ماءُ سان جاهليت واري وقت ۾ زنا ڪئي هئي.نبي پاڪ ﷺ جن ان کي فرمايو ته هينئر اسلام ۾ ان جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهين. جاهليت واريون ريتون رسمون ۽ رواج ختم ٿي ويا. هاڻي ڇوڪرو نڪاح واري جو آهي ۽ زاني کي پٿر هڻي ماري ڇڏبو.
    مطلب ته ظاهر شريعت ۾ نسب ثابت ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو احتياط کان ڪم ورتو ويو آهي. ته جيئن زاني جي منهن ۾ ڌوڙ ۽ پٿر پلئه پون ۽ ٻار نڪاح واري جو ثابت ٿيندو. جيڪڏهن زاني دعويٰ ڪري ته هي ٻار منهنجو آهي ته ان کي رجم ٿيندو ۽ پٿرن سان سنگسار ڪبو.
    شاهه ڀٽائي به ڪڌي ڪم ڪرڻ کي، زهر کائڻ سان تشبيهه ڏني اهي.
    “ هيءُ منهن ڏيئي ٻن” تون وه کائي نه مرين
    تان جي ملير ڄائيون، توسين سڱ نه ڪن
    تون ڪيئن منجهان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي
    (شاهه)


    ڏکيون جان نه مڙن

    اَلۡھَمُّ نِصۡفُ الۡھَرَمِ وَ قِلَّۃُ الۡعَیَالِ احَدُ الۡیَسَارَیۡنِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ مسند الفردوس جي صاحب انس بن مالڪ ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: ڏک ۽ غم اڌ پوڙهپ آهي ۽ ٿورو عيال هجڻ ٻن آسانين مان هڪ آساني آهي.
    سمجهاڻي: انسان کي زماني جا ڏک ڏولاوا ۽ پريشانيون ۽ غم گوندر ٿڪائي وجهندا ۽ جواني هوندي به اڀرو ۽ پوڙهو ڪري ڇڏيندا آهن.
    ڪڏهن حد کان گهڻو اهل عيال ۽ ٻار ٻچا به مشڪلاتن جو سبب ٿيندا آهن. انهن جي صحيح تعليم تربيت، روزگار ۽ حلال ڪمائي سان ڪمائي کارائڻ به ذرا ڏکيوڪمآهي.رزق الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي پر مسڪيني، اولاد جي گهڻائي، بي برڪتي، بيماري سيماري ۽ مهانگائي. غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪيو ڇڏين. اهل عيال ۽ اولاد جا حق هوندا آهن. ان ڪري سادگي، دينداري ۽ بردباري ۽ ڏاهپ سان زندگي گذارجي، ته آساني ٿيو پوي.
    سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته “ ڳڻتي جهڙو مرض ڪونهي ۽ خوشي جهڙي خوراڪ ڪانهي.” ۽ اهو پڻ مشهور آهي ته “ جيءُ خوش ته جهان خوش”
    الله تعاليٰ امت جا غم گهٽ ڪري ۽ رزق ۾ برڪت ۽ دين دنيا ۾ ڀلائي عطا فرمائي!
    “ ڏکيون جان نه مڙن”تان تان ڀنڻ نه ٿئي
    ٻيون هونهين هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون
    (شاهه)


    آئون نالي ڳيڙي نجهران

    اَلۡیَمِیۡنُ حِنۡثٌ اَوۡ نَدَمٌ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابن ماجه ، ابو يعليٰ الطبراني ۽ العسڪري حضرت ابن عمر ﷦ کان آندي آهي)
    ترجمو:قسم کڻي ٽوڙڻو پوندو آهي يا پشيمان ٿيڻو پوندو آهي.
    سمجهاڻي: هر ڳالهه سوچيويچاري ڪجي. هر ڪم، خاص ڪري قسم کڻڻ ۾ تڪڙ نه ڪجي. ڇاڪاڻ ته ڪو ماڻهو قسم کني ويٺو ته هي ڪم نه ڪندس پوءِ اهو ڪم ڪري ويٺو ته قسم ڀڃڻ جو ڪفارو ڏيڻو پوندو يا قسم ٽوڙڻ جي ڊپ کان اهڙي ڳالهه ڪندو. جنهن لاءِ سندس دل نه گهرندي ته نتيجي ۾ سخت پشيماني پريشاني ڏسڻي پوندي.
    قسم کڻي ڀڃڻ جو ڪفارو هي آهي ته ٻانهو آجو ڪري يا ڏهن مسڪينن کي کاڌو کارائي يا ڪپڙا ڍڪائي. جي قسم ٽوڙيندڙ کي ايتري به طاقت نه آهي ته پوءِ ٽي ڏينهن لاڳيتو روزا رکي.
    پهاڪو آهي ته:
    “قدم ، قلم ۽ قسم سوچي کڻو، نه ته پڇتائڻو پوندو.”
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به قسم کڻڻ يا نالي وٺڻ کي نجهرڻ سان ڀيتيو آهي.
    نظر نزديڪون، سهي نه سگهان ساعت سيئن
    پسڻ پري سندون، “آئون نالي ڳيڙي نجهران”
    (شاهه)


    ڪچ ڪمايم ڪوڙ

    اَلۡیَمِیۡنُ الۡفَاجِرَہٗ تَدَعُ الدِّیَارَ بَلَا قِعَ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابوهريره ﷦ کان الديلمي مسند الفردوس ۾ آندي آهي.)
    ترجمو: ڪوڙو قسم وسنديون ويران ڪري ڇڏيندو آهي.
    سمجهاڻي: ڪوڙو قسم کڻڻ ڪبيرو گناهه آهي. هروڀرو قسم نه کڻجي. پر پرايو مال کائڻ ۽ ڦٻائڻ لاءِ ڪوڙو قسم کڻڻ سخت وڏو گناهه آهي ڪوڙي قسم کڻڻ تي الله تعاليٰ ڪاوڙيو ۽ ناراض ٿيندو آهي.
    ڪوڙي قسم کڻن تي الله تعاليٰ جي ناراضگي ۽ آخرت ۾ عذاب ته ٿيندو. پر هن دنيا ۾ به ڪوڙي قسم کڻ۾ڻ ڪري اهريون مصيبتون اچي ڪڙڪنديون آهن. جو گهر گهاٽ، ڳوٺ ۽ شهر فنا ۽ تباهه ٿي ويندا آهن. ملڪ ۾ ڏڪار، ويراني ۽ بربادي اچي پوندي آهي.
    شاهه ڀٽائي به ڪوڙ ڪمائڻ کان روڪيو آهي. دل مان دغا ڪڍڻ ۽ سچ جو سبق ڏنو آهي:
    “ڪچ ڪمايم ڪوڙ” ڀڳم عهد الله جا
    پڃرو جو پاپن جو، چوٽيءَ تائين چور
    معلوم اٿئي مذڪور، ڳوڙها انهي ڳالهه جو
    (شاهه)


    کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ

    اَلۡیَوۡمَ الرِّھَانُ وَغَدَا السِّبَاقُ، وَالۡغَایَۃُ الۡجَنَّۃُ فَالۡفَائِزُ مَنۡ دَخَلَ الۡجَنَّۃَ، وَالۡھَالِکُ مَنۡ دَخَلَ النَّارَ
    ( هيءَ حديث مبارڪ الطبراني، ابن عدي ۽ الخطيب سڀني عبدالله بن عباس ﷦ کان آندي آهي)
    ترجمو: اڄوڪو ڏينهن مقابلي جو آهي ۽ سڀاڻي گوءِ کٽيندڙن جو ڏينهن هوندو. پڄاڻي جنت آهي. پوءِ ڪامياب اهو آهي جيڪو جنت ۾ داخل ٿئي ۽ برباد اهو آهي، جيڪو دوزخ جي باهه ۾ داخل ٿئي.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ دنيا، آخرت ۽ عمل ڪرڻ جو مقابلو ۽ مثال بيان ڪيو ويو آهي. جيئن ڪو مقابلو رٿي. نشان ڪري اتي پڄڻ جي تيز تر ڪوشش ڪبي آهي. پوءِ جيڪو ان مقرر نشان تي اڳ ۾ پهتو ته اهو ڪامياب ۽ انعام جو حقدار ٿيندو آهي ۽ جيڪو پوئتي رهيو ۽ هارائي ويو ته اهو شڪست کاڌل ۽ ناڪام چئبو.
    اهڙيءَ طرح هن دنيا ۾ به عملن جو مقابلو آهي. ان لاءِ الله تعاليٰ جا احڪام ۽ حدون مقرر ٿيل آهن. پوءِ جيڪو انهن حدن ۾ رهي نيڪ عمل ڪندو ته ان کي آخر ۾ انعام طور بهشت ملندو ۽ ڪامياب چئبو.
    ۽ جيڪو الله تعاليٰ جي حڪمن ۽ حدن جي لتاڙ ڪندو ۽ چڱا عمل نه ڪندو ۽ برائي م ڦاٿل رهندو. ته اهو هارايل ۽ ناڪام ٿيندو.مقابلي ۾ هارايل شرمسارن وانگر دوزخ جي باهه ۾ وڃي پوندو.دعا آهي ته الله تعاليٰ نيڪ عملن جي توفيق ڏئي ۽ مقابلي ۾ ڪامياب ڪري.
    شاهه ڀٽائي به هن دنيا کي کٽڻ ۽ هارائڻ جو ماڳ چيو آهي.
    وحده لا شريڪ له، اي وهائج پيءُ
    کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ
    پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو
    (شاهه)


    ساريو سڏ ڪندوم

    اِنَّ اَحَبَّکُمۡ اِلَیَّ وَ اَقۡرَبَکُمۡ مَجۡلِساً مِنِّیۡ یَوۡمَ الۡقِیَامَۃِ أَحَاسِنُکُمۡ اَخۡلَاقاً
    ( هيءَ حديث مبارڪ الترمذي عبدالله بن مسعود ﷦ کان آندي آهي)
    ترجمو: مون کي توهان مان وڌيڪ پيارو ۽ قيامت جي ڏينهن منهنجي مجلس ۾ وڌيڪ ويجهو اهي ماڻهو هوندا جيڪي سڀني کان وڌيڪ سهڻن اخلاقن وارا آهن.
    سمجهاڻي: الله تعاليٰ سوره قلم ۾ نبي پاڪ ﷺ جي اعليٰ اخلاق بابت فرمايو آهي ته اي نبي! بيشڪ تون نهايت اعليٰ اخلاق جو مالڪ آهين.
    نبي پاڪ ﷺ جو خلق قرآن آهي. ان ڪري پاڻ سڳورن پنهنجي امت کي به اعليٰ اخلاق ۽ سهڻن عملن ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي. هن دنيا ۾ به سهڻن اخلاقن جو مان ۽ سان آهي. نيڪ ماڻهو کي هر ڪو نيڪ نظر سان ڏسندو آهي ۽ ان کان پرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    هن حديث مبارڪ ۾ پاڻ سڳورن ﷺ قيامت جي ڏينهن به سهڻن اخلاقن جو مان مرتبو ٻڌايو آهي. ته قيامت ڏهاڙي به مون کي اهو امتي پيارو ۽ ويجهو گڏ هوندو. جنهن جا دنيا۾ اخلاق سهڻا ۽ چڱا لڇڻ ۽ نيڪ اعمال هوندا.
    پاڻ سڳورن ﷺ نيڪ عملن ۽ چڱن لڇڻن جو ڏس به ڏنو آهي. جيڪو قرآن مجيد ۾ سوره الاحزاب ۾ هن ريت فرمايل آهي” (اي مسلمانو) بيشڪ توهان لاءِ رسول الله ﷺ جي تابعداري ڪرڻ ۾ تمام گهڻي ڀلائي آهي.

    ماڻڪ مٽ سندوم، اونداهيءَ ۾ سوجهرو
    حشر ويل حساب ۾، ڇڏي نه ويندوم
    “ساريو سڏ ڪندوم”،ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي
    (شاهه)


    جنين ڏاند نه ٻج

    ( بنا قول قيام جا)
    اِنَّ الدُّنۡیَا عَرَضٌ حَاضِرٌ یَأکُلُ مِنۡھَا الۡبَرُّ وَالۡفَاجِرُ، وَ اِنَّ الۡاٰخِرَۃَ وَ عۡدٌ صَادِقٌ یَحۡکُمۡ مَلِکٌ عَادِلٌ قَادِرٌ یُحِقُّ فِیۡھَا الۡحَقَّ وَ یُبۡطِلُ الۡبَاطِلَ( وَلِکُلِّ بَنُوۡن) فَکُوۡنُوا ابۡنَاءَ الاٰخِرَۃِ وَلَا تَکُوۡنُوا اَبۡنَاءَ الدُّنۡیَا
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابو نعيم حلية الاولياء ۾ شداد بن اوس انصاري خزرجي اصحابي ﷦ کان آندي آهي.)
    ترجمو: بيشڪ هيءُ دنيا موجود سامان آهي.جنهنمان نيڪوڪار ۽ گنهگار کائين ٿا ۽ بيشڪ آخرت سچو واعدو آهي، جنهن ۾ انصاف وارو بادشاهه الله قادر فيصلو ڪندو. حق کي حق ۽ باطل کي باطل ڪندو. هر هڪ کي پٽ هوندا آهن. پر اوهان آخرت جا پٽ ٿجو ۽ دنيا جا پٽ نه ٿجو.
    سمجهاڻي: شيخ سعدي شيرازي گلستان ۾ چيو آهي ته اي ڪريم رب تون اهو سخي آهين جو غيب جي خزاني مان باهه جي پوڄاري ۽ عيسائين کي به رزق روزي پهچائين ٿو. تون دوستن کي ڪٿي ناميد ڪندين، جڏهن ته تون (الله جي منڪرن) دشمنن جي به نظر داري ڪرين ٿو.
    “ جنين ڏاند نه ٻج” تنين تنهنجو آسرو
    پوءِ اڀارين سج، اول ڏين انهن کي
    (شاهه)
    الله تعاليٰ رزق روزي ته هر ڪنهن کي بنا حساب ڏئي ٿو. پر الله تعاليٰ هن دنيا ۾ چڱن مٺن ڪمن ڪرڻ جي حساب ڪتاب ۽ جزا سزا واسطي حساب ۽ عدل انصاف جو ڏينهن مقرر ڪيو آهي. ان آخرت ۽ قيامت ۾ هر هڪ عمل جو فيصلو ٿيندو. هر هڪ کي عدل انصاف پلئه پوندو ۽ قيامت برحق آهي ۽ ضرور ايندي.هر هڪ کي پٽ ٿيندا آهن انڪري اوهان قيامت آخرت جا پٽ ٿي چڱا ڪم ڪري. آخرت جي تياري ڪجو ۽ دنيا پٽ ٿي دين برباد نه ڪجو.
    وارو ور وٺي ويا، ڪري ڏير ڏمر
    هاڻي ٿيو حشر، “پنا قول قيام جا”
    (شاهه)


    ٻانهپ جو ٻيڙين ۾،وکر وڌائون

    أِنَّ الدِّیۡنَ یُسۡرٌ وَلَنۡ یُّشَآدَّ الدِّیۡنَ اِلَّا غَلَبَہٗ فَسَلِّدُوۡا وَ قَارِبُوۡا وَ اَبۡشِرُوۡا وَاسۡتَعِیۡنُوا بِالغُدۡوَۃَ وَالرَّوۡحَۃِ وَشَیءِ مِنَ الدُّلۡجَۃِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ امامبخاري ۽ ٻين ابو هريره ﷦ کان روايت آندي آهي)
    ترجمو: بيشڪ دين آسان آهي.دين ۾ جيڪو ماڻهو سختي ڪندو. ته ان تي دين غالب ٿي ويندو. انڪري وچٿرائپ اختيار ڪريو. افضل ڪم نه ڪري سگهو ته ان جي ويجهو ٿيو ۽ ثواب جي اميد رکي هميشگي واري ٿوري عمل تي به خوش ٿيو ۽ صبح شام ۽ پوئين رات ۾ عبادت ڪري مدد حاصل ڪريو.
    سمجهاڻي: دين اسلام ته آسان آهي. يهودين ۽ عيسائين ان کي ماڻهن تي سخت ڪري پيش ڪيو.
    هر ڪم ۾ وچٿرائپ ۽ آساني ڪجي. دين به سولو سهنجو آهي. ان ڪري ديني ڪمن کي به مشڪل نه ڄاڻجي.پر ديني عبادتون دل جي خوضشيءَ سان اداڪجن.کڻٻي ٿورڙو عمل ڪجي.پر ان تي هميشگي ڪرڻ بهتر آهي. دنياوي ڪمن ڪارين کان فارغ ٿي. الله تعاليٰ جي عبادت ۽ ذڪر فڪر ۾ مشغول رهو.
    الله تعاليٰ جي عبادت ۽ بانهپ ۾ ئي ڪاميابي آهي.
    ڀٽائي گهوٽ به ٻانهپ جو ذڪر ڪيو آهي:

    “ٻانهپ جو ٻيڙين ۾ وکر وڌائون”
    موتي معرفت جا، سچا سوڌيائون
    “ التائب من الذنب” اي کٽ کٽيائون
    انهن جي آئون برڪت بار لنگهائيان
    (شاهه)


    انهين جي اوطاق، وڃڻ مون واجب ٿيو

    أِنَّکُمۡ لَنۡ تَسۡعَوۡا النَّاسَ بِأَمۡوَالِکُمۡ فَسَعَوۡھُمۡ بِأَخۡلَاقِکُمۡ
    ( هيءَ حديث مبارڪ الترمذي عبدالله بن مسعود ﷦ کان آندي آهي)
    ترجمو: بيشڪ اوهان ماڻهن کي مال دولت سان پورا نه پوندا يا پنهنجو نه ڪري سگهندو. پر سهڻن اخلاقن سان کين پنهنجو بنايو.
    سمجهاڻي: حقيقت به اها آهي ته دنيا ۾ مانيءَ سو سڀ ڪو بکيو ڪونهي. هر ڪو عزت جو بکيو آهي. اوهان مال ملڪيت ۽ دنيا دولت ڏئي ماڻهن کي راضي نه ڪري سگهندو ۽ سڀني کيڏئي پورا نه پوندو. البته خلوص ۽ محبت ،خوش خلقي ۽ سهڻي اخلاق سان خلق کي خوش ڪري سگهندا.خوش خلقي اهڙي انساني صفت آهي. جنهن سان اوهان پاڻ به خوش رهي سگهندا ۽ خلق کي به خوش رکي سگهو ٿا.
    خوش اخلاقيءَ سان اوهان پنهنجي دشمن کي به دوست بنائي سگهو ٿا ۽ بد اخلاقي سان اوهان جا دوست به دشمن بڻجي پوندا. فارسي ۾ شاعر چيو آهي:
    بنده حلقه بگوش اگر نه نوازي برود
    لطف کن لطف که بيگانه شود بگوش
    *
    مطلب ته تنهنجو ڪن ۽ نڪ ۾ نوڙي پيل تابعدار به. جيڪر ان سان ڏاڍائي ڪندين، ته تو کان ٽهي ويندو ۽ جي مهربانيون ڪندين. ته ڌاريوبه تنهنجو تابعدار فرمان بردار ٿي ويندو.
    هن ڀر ٻڌم هاڪ، ستي سنڀارن جي،
    محبتي ميهار جي، چڙن چوريا چاڪ
    “ انهين جي اوطاق، وڃڻ مون واجب ٿيو.”
    (شاهه)


    دليون پر کي داسڙو

    اِنَّمَا الۡاَعۡمَالُ بِالنِّیَّاتِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري ۽ مسلم ۽ ٻين عمر بن خطاب ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: عملن جو دارومدار نيتن تي آهي
    ڪن عالمن چيو آهي ته هيءَ حديث دين جو تيون حصو آهي..
    سمجهاڻي: اسلام جي نظام عمل ۾ نيت کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. هر ڪم ۾ نيت صحيح هوندي. ته ڪم سٺو ٿيندو ۽ ان جو ثواب به ملندو ۽ جيڪڏهن نيت خراب هوندي. ته چڱي ۾ چڱو عمل به خراب ٿي پوندو. ثواب جي عيوض عذاب پلئه پوندو.
    نيت جي معنيٰ آهي دل ۾ ڪنهن ڪم جو ارادو يا قصد ڪرڻ. “عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.” حديث جو ٽڪرو آهي. پوري حديث هي آهي. جنهن ۾ نيت ۽ عمل جي سمجهاني به آهي.
    “ عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. هر شخص جي لاءِ ان جي نيت آهر اجر ثواب آهي. جنهن جي هجرت الله تعاليٰ ۽ سندس رسول جي لاءِ آهي ته ان جي هجرت الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي راضپي جو سبب آهي ۽ جنهن جي هجرت دنيا حاصل ڪرڻ ۽ يا ڪنهن عورت سان شادي ڪلرڻ خاطر هوندي. ته ان جي هجرت ان لاءِ هوندي. جنهن لاءِ هجرت ڪيائين”
    الله تعاليٰ ٻانهي جو منهن مهانڊو نه پر دليون پرکي ٿو.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به سر ليلا چنيسر ۾ “دليون پرکي داسڙو” جي ڳالهه ڪئي آهي.
    هئين ته گهڻو هشيار، ڪل به هيئي ڪانڌ جي
    تو ڀانيو موچاري ٿيان، ڳچي پائي هار
    ڪانڌ ڪوڙي جو نه وڻي، سئين ڀتين سينگار
    وهم لهي وينجهار، “ دليون پرکي داسڙو”
    ( شاهه)


    ٽاڻان سندن ٽوهه

    اِنَّ مِمَّا اَنۡبَتَ الرَّبِیۡعُ یَقۡتُلُ حَبَطَاً اَوۡ یُلِمُّ
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري، مسلم، النسائي سڀني ابو سعيد الخدري ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: بيشڪ چيٽ ۾ ڦٽندڙ ڪي گاهه اهڙا هوندا آهن، جيڪي آڦري ڪري ماري وجهندا آهن يا مرڻينگ ڪري ڇڏيندا آهن.
    سمجهاڻي: عربيءَ ٻوليءَ جا محوارا ۽ پهاڪا، اصطلاحون ۽ چوڻيون نهايت معنيٰ خيز ۽ عربي ادب جو خزانو آهن. نبي پاڪ ﷺ جا مختصر لفظ ته سون تي سهاڳو آهن.
    هن مختصر نبوي لفظن جو نچوڙ هيءُ آهي ته ڪنهن اصهابي سڳوري پاڻ سڳورن ﷺ کان نيڪي بديءَ بابت سوال ڪيو. پاڻ سڳورن ﷺ جواب ۾ ارشاد فرمايو ته بيشڪ ڦٽندڙ ڪو گاهه جانور کي ماري وجهندو آهي يا آڦري ڪرائي مرنينگ ڪري ڇڏيندو آهي...... بيشڪ هي مال سرسبز ۽ مٺو آهي. پوءِ اهو مالدار چڱو آهي. جيڪو پنهنجو مال مسڪينن ،يتيمن ۽ مسافرن کي ڏئي.
    هن سهڻي نبوي پهاڪي مان معلوم ٿيو ته جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ گهڻو مال ملڪيت ميڙي ۽ ان جي خفي ۾ دين کان پري ٿي وڃي. ته اهو ميڙيل مال سندس لاءِ هلاڪت ۽ بربادي جو سبب بڻبو.
    صورت ۾ سهڻا، “ٽاڻان سندن ٽوه”
    ريلو ڏئي روح، جو کائي سو کائي مري
    (شاهه)


    سي آيتون آهين

    أِنَّ مِنَ الۡبَیَانِ لَسِحۡرًا وَ اِنَّ مِنَ الۡعِلۡمِ جَھۡلًا وَ اِنَّ مِنَ الشَّعۡرِ حِکۡماً
    هيءَ حديث ابو دائود، بريده بن الحصيب ﷦ کان آندي آهي ۽ صحيح البخاري ۾ هي لفظ “ ان من الشعر لحڪمة” به آيل آهن.)
    ترجمو: بيشڪ ڪي بيان جادو هوندا آهن ۽ ڪي علم جهالت هوندا آهن ...............................۽ ڪي شعر حڪمت ڀريا هوندا آهن.
    سمجهاڻي: پاڻ سڳورن ﷺ جي زماني ۾ ٻن ماڻهن وڏي مهارت ۽ قابليت فصاحت ۽ بلاغت سان پنهنجي قبيلي جون خوبيون بيان ڪري ٻڌايون. سندن زور بيان جي اثر ڪري. ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا. پاڻ سڳورن ﷺ ان تي فرمايو ته: ڪن ماڻهن جو ڳالهائڻ جادو جهڙو اثر رکي ٿو.
    وڌيڪ ايئن فرمايائون ته ڪي علم وري جهالت هوندا آهن. يعني اهڙا علم جن مان دين جو فائدو ته ڪونهي، پر دنيا جو نفعو نه ندارد، جيئن رمل وغيره سائنسي علم پرائڻ سان دنيا جو فائدو ٿئي ٿو. جيئن ميڊيڪل سان جسماني بيمارين جي ڄاڻ ، علاج، آپريشن ۽ بچاءُ.
    فصاحت ۽ بلاغت جي ڌڻي نبي پاڪﷺ شعر شاعري ۾ لفظن جي بيهڪ، جوڙجڪ ۽ سهڻائپ بابت وضاحت سان ارشاد فرمايو ته “ ڪي شعر حڪمت ڀريا هوندا آهن.”
    جيتوڻيڪ سڀ شعر هڪجهڙا ناهن. سٺا ۽ نصيحت وارا شعر فائديمند، دل تي چڱو اثر ڪندڙ ۽ نيڪ عمل تي شوق ڏياريندڙ آهن. البت خراب لفظن ۽ معنيٰ وارا شعر انسان ۽ معاشري لاءِ بداخلاقي جو سبب ۽ ناسور آهن. اهڙن خراب خيالن وارن شعرن کان بچڻ ضروري آهي.
    سهڻن شعرن ۾ قرآن ۽ حديث جي معنيٰ سان نصيحت ڀريا نڪتا سمايل هوندا آهن. اهڙن شعرن لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي:
    جي تو بيت ڀانئيا، “ سي آيتون آهين”
    نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.
    (شاهه)


    آهه نه سلن عام کي

    أِنَّ مِنۡ کُنُوۡزِ البِرِّ کِتۡمَانَ الۡمَصَائِبِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ البيهقي ۽ ابو نعيم عبدالله بن عمر ﷦ کان روايت آندي آهي)
    ترجمو: بيشڪ مصيبتن جو لڪائڻ نيڪين جي خزانن مان آهي.
    سمجهاڻي: در حقيقت تڪليفون ۽ آزمائشون ٻانهي جي صبر جو امتحان هونديون آهن. تڪليفون ۽ آزمائشون ڏئي ۽ لاهي به الله تعاليٰ ٿو. پوءِ هاءِ گهوڙا ڪرڻ، اجايو دانهون ڪرڻ ۽ بي صبري ڪرڻ سان صبر ۽ بردباري جو ثواب گهٽجي ويندو.
    شاهه ڀٽائي به چيو آهي ته:
    تون حبيب تون طبيب تون دارون کي دردن
    تون ڏئين، تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن
    تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪريو ان کي
    (شاهه)
    تڪليفون مصيبتون ظاهر ڪرڻ سان ته پريشاني وڌندي. دشمن کلندو.هر مخلاف پيو خوش ٿيندو.ان ڪري ٻنهي جهانن جي سردار نبي ﷺ اهڙو سهڻو ڏس ڏنو آهي ته مصيبتون لڪائي نيڪين جي خزانن مان اجر ثواب حاصل ڪريو.
    مطلب ته صبر ۽ توڪل، تحمل ۽ بردباري اختيار ڪري مصيبتون برداشت ڪري. الله جي رسول جي فرمان مان سبق پرايو. ڇاڪاڻ ته فارسي شاعر چيو آهي ته:
    کار دنيا کسي تمام نه کرد
    هر چه گيريد مختصر گيريد
    مطلب ته دنيا جا ڪم ڪوبه پورا ڪري نه سگهيو آهي ان ڪري جو ڪجهه ڪريو سو مختصر ڪريو.
    ڏاهو ماڻهو اهڙو ڪم ڇو ڪري جوپشيمان ٿيڻو پوي؟
    چرا کاري کند دانا که باز آيد پشيماني؟
    گلستان ۾ آهي ته ڪنهن وڳاپاري کي ٽوٽ پيو.پٽ کيچيائين ته ڪنهن کي نه ٻڌائجان.پٽ چيو ته ڇو؟ پيءُ چيو ته هڪ ته نقصان جي خبر ماڻهن کي پئي. ته ڪير به کٽل واپاريءَ سان واپار نه ڪندو آهي ۽ ٻيو ٽوٽ پوڻ ڪري ماڻهو کلندا ۽ خوش ٿيندا.
    عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو
    ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ
    لڳين لنون لطيف چئي، فنا ڪيا فراق
    توڙي چڪنن چاڪ، “ ته به آهه نه سلن عام کي”
    (شاهه)


    ڏورڻ منجهان ڏس

    أِنَّ ھَذَا الدِّیۡنَ مَتِیۡنٌ فَاوۡغِلۡ فِیۡہِ ( بِرِفۡقٍ) وَ حَرَّضۡ وَلَا تُبۡغِضۡ أِلٰی نَفۡسِکَ عِبَادَۃَ اللہِ فَاِنَّ الۡمُنۡبَتَّ لَا اَرۡضاً قَطَعَ وَلَا ظَھۡرًا أبۡقٰی
    ( هيءَ حديث البزار “مسند، ۾ الحاڪم”علوم الحديث” ۾ الخطابي “ العزلة” ۾ ابو نعيم، القضاعي ۽ العسڪري سڀني جابر بن عبدالله ﷦ کان آندي آهي. علامه الزرقاني المواهب اللدنيه جي شرح ۾ لکيو آهي ته جيتوڻيڪ هي ضعيف آهي. پر شواهدن ڪري قوي آهي)
    ترجمو: بيشڪ هي دين پڪو پختو آهي. دين ۾ (نرميءَ سان) داخل ٿي ۽ پاڻ کي عبادت تي شوق ڏيار. الله تعاليٰ جي عبادت سان توکي بغض نه ٿي پوي. ڇاڪاڻ ته اڌ۾ رهجي ويل مسافر نه منزل طئي ڪري سگهندو آهي ۽ نه ئي سواري بچائي سگهندو آهي.
    سمجهاڻي: دين اسلام آسان ۽ سنئون سڌو صحيح آهي. ان ۾ شڪ جي ڪابه گنجائش ڪانهي.عبادت لاءِ به وچٿري واٽ وٺڻ گهرجي. هروڀرو ايترو پاڻ تي بار نه رکجي. جو نيٺ ماڻهو ٿڪي پوي. ٻه چار ڊگهيون عبادتون ڪري. پوءِ وري ٿڪي ٽٽي هميشه لاءِ عبادت کان کڻي بس ڪري. الله تعاليٰ به ڪنهن کي وس وت کان وڌيڪ تڪليف ڪونه ٿو ڏئي. تڪڙ اٻهرائپ هر ڪم ۾ چڱي ڪانهي. عبادت ۾ به ائين آهي ته ڀلو ڪم وچٿرو آهي.
    تڪڙ مسافر جو مثال به ايئن آهي ته تيز تڪڙي هلڻ ڪري سواري به ٿڪجي پوندي يا پاڻ مرندو يا سواري مري پوندي. پوءِ ته منزل مقصود تي پهچڻ ئي مشڪل آهي. ان ڪري “خير الامور اوسطها” تي هلڻ بهتر آهي.
    ڪر ڪو واڪو وس، ويهه مَ مُنڌ ڀنڀور ۾
    چڙهي ڏاڍين ڏونگرين،پير پنهون جو پس
    “ ڏورڻ منجهان ڏس” پوندئي هوت پنهون جو.
    (شاهه)


    هيرا لعل هٿن سين

    أُ تِیۡتُ جَوَامِعَ الۡکَلِمِ
    ( حنن لفظن کي الشامي “سيرت” ۾ آندو آهي. حوالو ۽ اصحابي جو نالو آيل ڪونهي.)
    ترجمو: مون کي جامع ڪلما يا لفظ ڏنا ويا آهن.
    سمجهاڻي: نبي پاڪ صاحب لولاڪ محمد رسول الله ﷺ به فصاحت بلاغت وار سهڻا لفظ مبارڪ ڳالهائيندا هئا. ڄڻ ته مجلس ۾ موتي پيا وراهيندا هئا ۽ هيرا جواهر پيا جرڪندا هئا. پاڻ سڳورا ﷺ مختصر ۽ جامع لفظ ڳالهائيندا هئا. جيڪي ظاهر ۾ ٿورا لفظ پر انهن جون معنائون گهڻيون هونديون هيون.
    نبي ﷺ ائين به فراميوڳ آهي ته مون کي ڇهه اهڙيون خوبيون مليون آهن جيڪي اڳين سبين سڳورن کي نه ڏنيون ويون هيون.
    1. مون کي جامع ڪلما مليا.
    2. مهيني جي پنڌ تائين دشمن مٿان مون کي رعب ڏنو ويو.
    3. مون لاءِ غنيمت جو مال حلال ڪيو ويو.
    4. مون لاءِ سموري زمين کي مسجد ۽ پاڪ بنايو ويو.
    5. مون کي سڀ مخلوق ڏي نبي ڪري موڪليو ويو.
    6. مون تي نبوت جي پڄاڻي ٿي يعني آئون آخري نبي آهيان
    ( مسند امام احمد)
    شاهه ڀٽائي به جامع لفظن کي ماڻڪ موتي لعل ۽ هيرا جواهر چيو آهي:
    اي گت غواصن، جئن سمنڊ سوجهيائون
    پيهي منجهه پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون
    آڻي ڏنائون،” هيرا لعل هٿن سين”.
    (شاهه)


    پير پروڙي کڻ
    اِیَّاکُمۡ وَ خَضۡرَاءَ الدِّمَنِ
    ( هيءَ حديث جا لفظ الزمهرمزي العسڪري القضاعي ۽ الديلمي ابو سعيد الخدري ﷦ کان روايت ڪيا آهن)
    ترجمو: پاڻ کي ڀاڻ جي ڍير جي سائي گاهه کان بچايو
    سمجهاڻي: مال جي گند گوبر پاڻ تي جيڪو سائو گاهه ڄمندو آهي اهو ڀاڻ جي ڪري ڏسڻ ۾ ڏاڍو ڀلو ۽ سائو چهچ ٿيندو آهي پر اهو اندران ڀلو نه هوندو آهي.زهر ۽ ڀاڻ هوندو آهي.نبي پاڪ ﷺ هن حديث شريف ۾ ان عورت ڏانهن اشارو ڏنو آهي. جيڪا ظاهر ۾ ته سينگاريل سهڻي هجي پر سندس لڇڻ خراب هجن. اهڙي عورت جو گڻ جو اثر اولاد تي به خراب پوندو. ان ڪري هميشه چڱي حسب نسب ۽ سٺي اخلاق واري عورت سان شادي ڪجي. سهڻي صورت تي نه ڀلجي پئجي. پر سهڻي سيرت ۽ لڇڻ کي نظر ۾ رکجي.شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ظاهري سونهن تي موهجڻ کان منع ڪئي آهي.ٽوهه، ول ۾ ڏسڻ ته ڏاڍو سهڻو هوندو آهي. پر کائڻ سان زهر لڳندو آهي. اهڙي بري ماڻهو جون ڳالهيون ته ڏاڍيون مزيدار ۽ نفس کي راضي ڪرڻ لاءِ هونديون آهن. پر انهن جو نتيجو خراب ۽ آخرڪار بربادي ۽ تباهي پلئه پوندي.
    سڌن جيون سيد چئي، وٿون سڀ وڪڻ
    “پير پروڙي کڻ” ته هلڻ ۾ هوري وهين
    (شاهه)
    مخدوم نوح هالائي به دنيا واري ڌڄ تي موهجڻ کان روڪيو آهي.
    متان ڏسي موهجين، دنيا وارو ڌڄ
    جدا ڪر جودئون،ڇائي کي ٿي ڇڄ
    اڄ نه ٿئي سڀان، سڀان نه ٿئي اڄ
    نر مل” نوح فقير” چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ
    مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃئي ٿو ويسلا
    (مخدوم سرور نوح هالائي)


    اجهڻ جا افعال

    أیُّ دَاءٍ اَدۡوَیۡ مِنَ الۡبُخۡلِ
    ( هن حديث مبارڪ جا لفظ البخاري، مسلم ۽ احمد حضرت جابر بن عبدالله ﷦ کان روايت ڪيا آهن.)
    ترجمو: بخل کان وڌيڪ ٻي بري بيماري ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
    سمجهاڻي: الله تعاليٰ جيڪو ڪشادو رزق ۽ مال متاع ٻانهي کي ڏنو آهي ته ٻانهي جي مٿان به حق آهي ته ان مال متاع مان الله تعاليٰ جي نالي شڪراني طور غريبن مسڪينن ، محتاجن ۽ فقيرنجي مدد ڪري. اجر دارين حاصل ڪري.
    اسلام ۾ سخاوت جي فضيلت ۽ ڪنجوسيائي جي مذمت آيل آهي بخيل ماڻهو الله تعاليٰ جي رزق مان نه پاڻ کائي ۽ نه وري ڪنهن کي فائدو پهچائيندو آهي. ان ڪري مشهور آهي ته جيتوڻيڪ بخيل بر بحر ۾ عبادت ڪندڙ هجي پر حديث جي حڪم موجب ان کي جنت نه ملندي. سخي الله جو دوست ۽ بخيل الله جو دشمن آهي. ڪنجوس ماڻهو کي چڱ مڙسي جي پڳ به نه ٻڌائجي.ڇو ته پاڻ سخوات ڪندو ۽ نه ٻي کي سهندو ۽ فائدو ڏيندو.
    اصل ۾ پوري حديث مبارڪ جا لفظ هي آهن.
    “ نبي پاڪ ﷺ قبيلي بنو سلمه وارن کان پڇيو ته اوهان جو سردار ڪير آهي؟ انهن عرض ڪيو ابن قيس جو ڏاڏو، پر اسان کيس ڪنجوس به ڪوٺيندا آهيون. سچي سردار نبي ﷺ فرمايو ته : بخل کان وڌيڪ ٻي بري بيماري ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ توهان جو سردار عمرو پٽ الجموع آهي.”
    هو اصحابي اهڙو ته سخي هو جو نبي پاڪ ﷺ جنشادي ڪندا هئاته عمرو پٽ الجموع نبي سائين ﷺ جي پاران ڪاڄ جووليموڪندو هو.
    موڙهو ڀڻين مڱڻا، ڪيڏانهن هئين ڪالهه
    لنگها ڇڏ لطيف چئي، “ اجهڻ جا افعال”
    سپڙ در سوال، ڪر ته قيمت آڻيين
    ( شاهه)


    ڪسر ڇڏ ڪنواٽ

    تَرَکُ الشَّرِ صَدَقَۃٌ
    ( هي لفظ مبارڪ القسطلائي المواهب اللدنيه ۾ آندا آهن ۽ چيائين ته اهڙي طرح ڪن هنن لفظن کي روايت ڪيو آهي ۽ حوالو ۽ اصحابي جو ذڪر آيل ڪونهي.)
    ترجمو: برائي جو ڇڏي ڏيڻ به صدقو آهي.
    آئون (مخدوم هاشم ٺٽوي) چوان ٿو ته صحيح بخاري ۾ ابو موسيٰ اشعري ﷦ کان ان معنيٰ سان اها حديث مبارڪ آئي آهي.ان حديث مبارڪ جي منڍ۾ آهي ته: هر مسلمان تي صدقو ڪرڻ لازم آهي.
    ان حديث جي آخر ۾ آهي ته پوءِ جنهن ماڻهو وٽ صدقي ڏيڻ لاءِ مال متاع نه هجي. ته نيڪيءَ جو حڪم ڪري ۽ برائي کان روڪي ڇاڪاڻ ته اهو به صدقو آهي.
    سمجهاڻي: مشهور حديث مبارڪ آهي ته “ صدقو مصيبت ٽاريندو آهي.” صدقو مال ملڪيت ڏيڻ سان به ٿيندو آهي.برائيءَ کيڇڏڻ ۽ چڱائيءَ جو امر ڪرڻ ۽ صدقو آهي.جيئن هن حديث مبارڪ جي لفظن ۾ آيل آهي مسلمان ڀاءُ کي سلام ڪرڻ ٺاهه ڪرائڻ سهڻو ڳالهائڻ، رستي تان ڪنڊو، ٺڪر ڀتر ۽ تڪليف ڏيندڙ شيءِ پري ڪرڻ ، وڻ پوکڻ، ماڻهن سان خندهه پيشاني سان مرڪي ملڻ، خدمت ڪرڻ ۽ کارائڻ پيارڻ به صدقو آهي. بهتر آهي ته پنهنجو پاڻ کي برائيءَ کان بچائي، صدقي جو ثواب حاصل ڪجي.
    شاهه ڀٽائي به ڪنواٽ کي ڪسر ڇڏڻ ۽ چڱي ڪم ۾ وک وڌائڻ جو چيو آهي
    “ڪسر ڇڏ ڪنواٽ” وکون وجهه وڌنديون
    سنئين سپيرين جي، ونگي ڀانءِ مَ واٽ
    ڇڏ جهوري ڏي جهاٽ، نه هونديءَ رات هت مڙون
    (شاهه)


    مڻئي تي موهجي

    تُنۡکَحُ الۡمَرۡاۃُ لِجَمَالِھَا وَ دِیۡنَھَا وَ حَسَبِھَا فَاظۡفَرۡ بِذَاتِ الدِّیۡنِ تَرِبَتۡ یَدَاکَ
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري ۽ مسلم ابو هريره ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: عورت سان نڪاح هنن چئن ڳالهين جي ڪري ڪبو آهي. عورت جي سونهن، ان جي مال، ان جي دين ۽ سندس حسب جي ڪري.ان ڪريتون ديندار عورت کي ترجيح ڏئي ڪاميابي ماڻ. شل هٿ مٽي هاڻا ٿينئي.
    سمجهاڻي: گهڻو ڪري هن دنيا ۾ ماڻهو حسن جمال ۽ دنيا دولت جو طالبو آهي. دينداري ڪو ماڻهو چاهيندو آهي. حسن ۽ دنيا ته عارضي ۽ بي وفا بي بقا آهي.اصلشيءِ ۽ پائيدار ته دين آهي.
    اسلام نيڪ صالح ، ديندار ۽ بااخلاق عورت کي ترجيح ڏني اهي. حديث نبويءَ ۾ ائين به آيو آهي ته عورتن سان سونهن جي ڪري شادي نه ڪريو.ڇو ته سونهن بي بقا آهي. جڏهن حسن هليو ويو ته محبت به هلي ويندي. مال ملڪيت جي ڪري به شادي نه ڪريو ڇاڪاڻ ته مال جي ڪري عورت وڏ ماڻهپائي ڪندي ۽ ان ۾ سرڪشي پيدا ٿيندي.پوءِ اهڙي عورت سان گڏ گذارڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري ديندار عورت سان شادي ڪجي.پوءِ کڻي عورت رنگ جي ڪاري ڇو نه هجي.
    شاهه ڀٽائي به سر ليلا چنيسر ۾ چيو آهي ته هار سينگار ۾ مڻئي ۽ ظاهري حسن جمال جي طالب کي آخر ڏنون ڏهاڳ جو ڏسڻو ۽ پڇتائڻو پوي ٿو

    “ مڻئيتي موهجي” موڙهي ڪيئي مرڪ
    چئي چنيسر ڄام جي وڌو تو فرق
    وري ويو ورق، آيئي ڏنون ڏهاڳ جو
    (شاهه)


    جُفَّ القَلَمُ......وهي قلم ويو

    جُفَّ الۡقَلَمُ بِمَا اَنۡتَ لَاقٍ
    ( هيءَ لفظ القسطلاني “مواهب” ۾ حوالي ۽ اصحابي کان سواءِ آندا آهن.)
    ترجمو: جا شيءِ توکي ملندي، ان بابت قلم سڪي چڪو آهي.
    سمجهاڻي: الله تعاليٰ جي چڱي مَٺي تقدير تي ايمان آڻڻو آهي. الله تعاليٰ ظاهر ۽ ڳجهه جو ڄاڻندڙ آهي. ان جو علم وسيع آهي. الله تعاليٰ پنهنجي وسيع علم ۽ قدرت سان انسان جي تقدير لکي آهي. انسان کي جو ڪجهه پهچڻو آهي. تنهن بابت تقدير ۾ لکجي چڪو آهي.
    ان هوندي به انسان مجبور ۽ بي اختيار ڪونهي. عمل ڪرڻ جي کيس طاقت آهي. ڪوشش جو کيس فائدو ملڻو آهي. لوچيو ته لهبو. ڪوشش ۾ ڪمائڻ انسان جي وس ۾ آهي.
    الله تعاليٰ ازلا کان وٺي هر شيءِ بابت ڄاڻي ٿو. هو عالم الغيب والشهادة ۽ هر شيءِ تيقادر آهي. خير ۽ شر سڀ الله تعاليٰ جي طرفان آهي. تقدير تي ايمان ۽ يقين رکڻو آهي.
    تقدير جي معنيٰ آهي اندازو ڪرڻ ۽ ان اندازي جي مطابق فيصلو ڪرڻ شريعت ۾ الله تعاليٰ جي ان فيصلي کي تقدير چئبو آهي. جو ان ڪائنات مخلوقات ۽ خاص ڪري انسان جي باري ۾ ڪيو آهي ۽ آئندي به ڪندو. تقدير جا ٻه قسم آهن.هڪ مبرم، جنهن ۾ ڪابه تبديلي ڪانه ٿي سگهندي. ٻي تقدير معلق جنهن جو واسطو اعمال ۽ دعائن سان آهي ۽ الله تعاليٰ انهن جي مقبوليت تي ردوبدل به ڪندو آهي. بهرحال تقدير کي تسليم ڪرڻو ۽ ان تي ايمان آڻڻو آهي.
    قيد الماءُ ڪهن جو سو مون پاند پيو
    “جف القلم بما هو ڪائن”وهي قلم ويو
    اي قضا ڪم ڪيو، جئن ٿر مارو آئون ماڙيين
    (شاهه)


    قلب ساڻ لسان

    جَمَالُ الۡاِنۡسَانِ فَصَاحَۃُ لِسَانِہٖ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ضعيف سند سان القضاعي ۽ العسڪري حضرت جابر بن عبدالله ﷦ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو: انسان جي سونهن سوڀيا زبان جي فصاحت ۾ آهي.
    سمجهاڻي: ماڻهو کڻي ڪهڙو به سهڻو سيبتو ۽ وڏي مان مرتبي وارو هجي.پر زبان جو سخي ۽ ڳالهائڻ جو مٺو ۽ سنجيدو نه آهي ته ٽڪو ئي نه لهي. زبان جي تيزي ،ڳالهائڻ جي تندي ۽ زبان ۾ ڪڙاڻ هوندي ته سڀ ڪو پيو ٽهندو. پراوا ته پراوا پر پنهنجا به زبان جي ڪڙاڻ ۽ ڪنجوسائپ کان وونئن پيا ويندا ۽ تکي زبان واري ماڻهو جي پاڇي کان به ڀڄندا.
    زبان جي سخاوت، قابليت ،مهارت ،فصاحت ۽ بلاغت انسان جي سونهن آهي. ماڻهو کڻي غريب هجي پر زبان جو سٺو ڳالهائڻ جو سخي ۽ سهڻو ۽ مٺڙا ٻول ٻوليندڙ کي هر ڪو جيءُ ۾ جايون ڏيندو آهي.
    اها زبان اس۾ به ويهاري ته ڇانءِ ۾ به ويهاري. مشهور آهي ته تلوار جو زخم ڇٽي ويندو.پر زبان جو ويڻ مرڻ گهڙي تائين نه وسرندو آهي.
    ان ڪري اسلام ۾ حسن اخلاق ۽ سهڻي ۽ مٺي ڳالهائڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. هن حديث مبارڪ ۾ به انسان جي سونهن سوڀيا جو دارومدار زبان جي فصاحت تي رکيو ويو آهي.
    شاهه ڀٽائي به الله ۽ رسول تي ايمان آڻڻ لاءِ دل سان گڏ زبان جو اقرار لازمي قرار ڏنو آهي.
    وحده لا شريڪ له، جن اتوسين ايمان
    تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان
    (شاهه)


    ماڙهو ڏيئي مهڻا، مون کي ڪندا ڪوهه!

    حُبۡکَ الشَّیۡءِ یُعۡمِیۡ وَیُصِمُّ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابو دائود، العسڪري ۽ امام احمد حضرت ابو درداء ﷦ کان روايت آندي آهي)
    ترجمو: ڪنهن شيءِ سان تنهنجي محبت ڪرڻ توکي انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ٿي ڇڏي.
    سمجهاڻي: در حقيقت انساني فطرت آهي ته ماڻهو جنهن سان گهڻي محبت ڪري ٿو.ته ان جي چاهت ۾ اهڙو ته قابو ٿيووڃي. جو ان جا عيب صواب سڀ سونهن ۽ سوڀيا وانگر پيا نظر ايندا. ان جون ڏنگايون به پيار ۽ پاٻوهه پيا ڀائنبا. محبوب جي ڪاراڻ به اڇاڻ پئي معلوم ٿيندي.
    مثال طور عرب جي مشهور عاشق قيس ( مجنون) کي چيائون ته تنهنجي محبوب ليليٰ ته ڪاري رنگ جي آهي.مجنون عاشق چوڻ لڳو ته توهان کي ڏسڻ واري اها اک ناهي. منهنجي عشق واري اکسان ڏسو ته ليليٰ ڇا آهي.
    هن حديث مبارڪ ۾ به ان انساني فطرت جو احوال آهي ته انسان جي جنهن سان دللڳندي آهي ته محبوب کان سواءِ ٻي ڪابه سونهن ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي ۽ ان جي ڪچاين عيبن ڏسڻ کان گويا انڌو ٿي پئبو آهي.
    محبوب جي محبت ۾ ڦاسائڻ کان پوءِ ڪنهن جي نصيحت، ملامت هدايت ۽ مذمت ٻڌڻ کان ماڻهو ٻوڙو ٿي پوندو آهي. ماڻهو ڪنهن جي محبت ۾ ڦاسڻ کان پوءِ گويا ان جي عيبن ڏسڻ کان انڌو ۽ ملامت نصيحت ٻڌڻ کان ٻوڙو ٿي ويندو آهي ۽ ڪابه نيڪ نصيحت اثر نه ڪندي آهي.
    شاهه ڀٽائي به سسئي جي پنهون سان محبت جو مثال ڏئي چيو ته ڀنڀور جا ماڻهو جبل جي اڙانگي پنڌ کان کيس جهلين پيا. پي سسئي جو جواب هي هو:
    “ماڙهو ڏيئي مهڻا،مون کي ڪندا ڪوهه”
    جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهه، سا پٿون ٿيندي پير تي
    (شاهه)


    ٻول مَ وساريج

    حُسۡنُ الۡعَھۡدِ مِنَ الۡاِیۡمَانِ
    ( هن حديث مبارڪ کي امام حاڪم مستدرڪ ۾ روايت ڪيو آهي ۽ چيائين ته بخاري ۽ مسلم جي شرط تي صحيح آهي حافظ ذگبي به ائين چيو آهي.)
    ترجمو: سهڻي نموني وعدو وفا ڪرڻ ايمان آهي.
    سمجهاڻي: عهد اقرار ، قولقرار، عهد نامه ۽ تحريري معاهده کي چئبو آهي وعدو وفا ڪرڻ ايمان جي نشاني آهي.
    قرآن مجيد ۾ به ارشاد آهي:
    وَ اَوۡفُوۡا بِالۡعَھۡدِ اِنَّ الۡعَھۡدَکَانَ مَسۡئُوۡلًا
    ترجمو: ۽ توهان پنهنجا ڪيلوعدا پورا ڪريو، بيشڪ وعدن بابت توهان کان سوال ڪيو ويندو.( پاره 15 سوره بني اسرائيل آيت33)
    هڪ وعدو ته الله تعاليٰ سان آهي. ان جي عبادت ڪئي وڃي. هڪ اهو وعدو آهي جو عام انسانن جي وچ۾ ڪيووڃي. انهن سڀني وعدن بابت پڇاڻو ٿيندو.
    ماڻهن سان خوش اخلاقي،محبت خلوص، عزت احترام سان پيش اچڻ به حسن العهد آهي.مسلمان ڀائرن سان عزت احترام سان پيش اچڻ به حسن العهد آهي.وعدي نه پاڙڻ بابت تنبيهه به آهي ته جيڪو وعدو نه ٿو پاڙي ان جو ڪوبه دين نه آهي.بهرحال دين دنيا خالق ۽ مخلوق سان ڪيل وعدو پاڙڻ ئي “حسن العهد” آهي.
    شاهه ڀٽائي به ٻول ۽ قول نه وسارڻ ۽ هوت سان ڪيل وعدو ياد ڏياريو آهي.
    پهرين تون پاريج ، پارڻ پوءِ پنهون تي
    “ ٻول مَ وساريج” هو جو ڪيوءِ هوت سين
    ( شاهه)


    وچ ولهين ڏينهڙين

    خَیۡرُ الاُمُوۡرِ اَوۡسَطۡھَا
    ( حديث مبارڪ جا هي لفظ ابن سمعاني پنهنجي ڪتاب الذيل ۾ علي بن ابو طالب ﷦ کان روايت ڪيا آهن.)
    ترجمو: ڀلي ۾ ڀلو ڪم وچٿرو آهي.
    سمجهاڻي: انسان کي هميشه ٿڌي طبيعت ۽ هر ڪم ۾ درميانو رستو اختيار ڪرڻ کپي. اجايو جوش ڪري هوش نه وڃائجي ۽ وري فضولخرچي ڪري قرضدار به نه ٿجي. نه وري وسعت کان وڌيڪ ڪم ڪري پاڻ کي ٿڪائي وجهجي.پر هن حديث مبارڪ جي روشنيءَ ۾ ماڻهو دين ۽ دنيا جي ڪم ڪار ۽ ڪار وهنوار ۾ وچٿري نموني هلي.دنيا ۽ آخرت کي سنواري اجايو تڪڙ ۽ جلد بازي افراط ۽ تقريظ کان پاڻ بچائجي.درمياني واٽ ۾ ئي برڪت ۽ سلامتي آهي.
    جين سي سنگهار، اجهي جن جي گهاريان
    مان لهنئون سار، “وچ ولهين ڏينهڙين”
    (شاهه)


    پاڻي پوڄ پٽن ۾

    خَیۡرُ الۡاَعَمَالِ ِعَیۡنٌ سَاھِرَۃٌ لِعَیۡنٍ نَائِمَۃٍ
    ( حديث مبارڪ جا هي لفظ امام قسطلاني مواهب اللدنيه ۾ آندا آهن پرحوالو ۽ اصحابي جو نالو ذڪر ڪونه ڪيو آهي.)
    ترجمو: ڀلي ۾ ڀلو مال ملڪيت پاڻيءَ جو چشمو آهي جيڪو هميشه جاڳندڙ يا وهندڙ هجي. جڏهن جو ڌڻي ننڊ ۾ هجي.
    سمجهاڻي: پاڻي الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي. هر شيءِ جو ٻج پاڻي آهي. پاڻي پيارڻ به وڏو اجر ثواب آهي. جنهن ماڻهو وٽ پاڻي جو وهندڙ چشمو هجي يا کوهه هجي ۽ ان پاڻي مان الله تعاليٰ جي مخلوق وضو، غسل ڪري عبادت ڪن يا زرعي زمين آباد ٿيندي رهي. يا انسان حيوان جيت جڻيا، وڻ ٽڻ سيراب ٿيندا رهن.ته اهو ان ماڻهو جو پاڻي جو گويا “صدقه جاريه” آهي.
    ابو دائود ۾ مشهور حديث مبارڪ به آهي ته: ماڻهو جي مرڻ کان پوءِ ان جو عمل بند ٿي ويندو آهي. پر هي ماڻهو آهن جن جو وفات کانپوءِ به عمل ۽ ثواب جاري رهي ٿو.
    1. اهو ماڻهو جيڪو الله جي واٽ ۾ تياري ڪندي وفات ڪري ويو.
    2. اهو ماڻهو جنهن ڪنهن کي علم سيکاريو ته ان جو اجر به جاري رهي ٿو جيسيتائين ان علم تي عمل ٿيندو رهي.
    3. اهو ماڻهو جنهن پنهنجي پويان صالح اولاد ڇڏيو. جيڪو ان لاءِ دعا گهرندو رهي.
    4. اهو ماڻهو جنهن جاري رهڻ وارو صدقو ڪيو.ان جو به اجر جاري رهي ٿو.جيسيتائين اهو صدقو جاري رهي ٿو.
    هن مان ظاهر آهي ته جنهن ماڻهو صدقه جاريه موجب واهه کڻايو کوهه کوٽايو يا پاڻيءَ جو ٻيو ڪو بندوبست ڪيو ۽ سڀ ان پاڻي مان فائدو حاصل ڪن ٿا ته اهو پوءِ بنا تڪليف جي سندس اجر جاري رهي ٿو.
    سارنگ سار لهيج، الله لڳ اڃين جي
    “پاڻي پوڄ پٽن ۾” ارزان ان ڪريج
    وطن وسائيج،ته سنگهارن سک ٿئي.


    گهوڙن ۽ گهوٽن

    خَیۡرُ مَالِ الۡمَرۡءِ مُھۡرَۃٌ مَامُوۡرَۃٌ اَوۡ سِکَّۃٌ مَأۡ بُوۡرَۃٌ
    ( هي لفظ مبارڪ امام احمد مسند احمد ۾ ۽ الطبراني المعجم الڪبير ۾ سويد بن بصيرة ﷦ کان روايت ڪيا آهن.)
    ترجمو: ماڻهو جو ڀلي ۾ ڀلو مالاهڙو گهوڙو آهي جيڪو نسل وارو هجي يا نر ڏنل کجين جون قطارون.
    سمجهاڻي: گهوڙو مجاهد لاءِ سواريءَ جو سهنو ذريعو ۽ هٿيار آهي. جهاد لاءِ گهوڙو ڌارڻ اجر ۽ ثواب آهي. ان ۾ برڪت به آهي. مال غنيمت به ملي ٿو. ڀلي نسل واري گهوڙي تي سواري ڪرڻ مجاهد جي نشاني آهي. سوره العاديات ۾ به جنگي مجاهدن جي گهوڙن جي مختلف ادائن جو الله تعاليٰ قسم کنيو آهي.
    حديثن ۾ کجيءَ جي وڻ بابت فضيلت آيل آهي. کجيءَ جو وڻ، کجور ۽ پن به انسانن لاءِ بيحد ڪارائتا ۽ فائديمند آهن. کجيءَ جي وڻ کي انسان جي پڦي چيوويو آهي. ڀلي پار حرمين شريفين ۾ کجيءَ جا باغات ۽ کجور جا ڪارخانا آهن. حاجي سڳورا برڪت لاءِ ڀلي پار مان کجور سوکڙي طور آڻيندا آهن.کجور ۾ شفا ۽ برڪت آهي. سنڌ ۾ به خيرپور ضلعي ۾ کجيءَ جا گهڻا باغ آهن. انهن مان باغ ڌڻي ،مزدور به وڏو فائدو حاصل ڪن ٿا.
    مطلب ته ڀلي نسل جا گهوڙا ۽ کجيءَ جي وڻن جون قطارون ۽ باغ انسانن لاءِ برڪت ئي برڪت آهن.
    شاهه ڀٽائي به مجاهدن جي گهوڙن ۽ گهوٽن جو ذڪر ڪيو آهي.
    گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئن ٿورا ڏينهڙا
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا
    (شاهه)


    سسئي آڻ مَ شڪ

    دَعُ مَا یُرِیۡبُکَ أِلیٰ مَا لَا یُرِیۡبُکَ
    ( حديث مبارڪ جا هي لفظ مبارڪ الترمذي، النسائي، امام احمد ابن حبان ۽ الحاڪم حسن بن علي ﷦ کان روايت ڪيا آهن. الترمذي چيو ته هي حديث حسن صحيح آهي. امام احمد ، حضرت انس ﷦ کان ۽ الطبراني المعجم الصغير ۾ ابو هريره ﷦ کان به هي لفظ روايت ڪيا آهن.)
    ترجمو: جا شيءِ توکي شڪ ۾ وجهي ان کي ڇڏي ڏي جا شيءِ شڪ ۾ نه وجهي (ان کي وٺ)
    سمجهاڻي: انسان جي دل سندس بهترين قاضي آهي. ماڻهوءَ جيڪو ڪم ڪري ۽ ان مان دل مطمئن رهي ته اهو ڪم ڪجي ۽ دل کي اطمينان ڏيارجي.
    ڪنهن ڪم ڪندي دل ۾ شڪ يا کٽڪو ٿئي ته اهو ڪم نه ڪجي. ڇاڪاڻ ته شڪ ۽ کٽڪو چڱو ناهي ۽ ان سان اطمينان قلبي نه ٿيندو.
    جيتوڻيڪ الله تعاليٰ جا حڪم ظاهر آهن.حلال ۽ حرام به چٽو آهي. ان ڪري شڪ کان بچڻ بهتر آهي. جتي دل صحيح فتويٰ ڏئي. اهو ڪم ڪجي.گناهه ۽ شڪ واري ڪم کي نه ڪجي ۽ ان کي ڇڏي ڏجي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به شڪ وڃائڻ جو ڏس ڏنو آهي.
    ڏسڻ جي ڏسين، ته همه کي حق چوين
    شارڪ شڪ مَ ني، انڌا انهي ڳالهه ۾
    (شاهه)
    ڏسڻ ڏِکان اڳرو،” سسئي آڻ مَ شڪ”
    (شاهه)


    مُنهن ۾ مسلمان

    ذُوۡ الۡوَجۡھَیۡنِ لَا یَکُوۡنُ عِنۡدَ اللہِ وَجِیۡھاً
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابو دائود روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: ٻه مُنهون شخص الله تعاليٰ وٽ عزت وارو نه هوندو.
    سمجهاڻي: ٻه مُنهون يا ٻه چاپڙو ماڻهو اهو آهي.جيڪو دل ۾ هڪ ته زبان تي ٻي ڳالهه آڻي. هڪڙي سان هڪڙي ڳالهه ته ته پاڻ وڻائڻ لاءِ ٻي سان ٻي ڳالهه ڪري، پنهنجو ڪم ڪڍي ۽ فائدو حاصل ڪري.
    اسلام ۾ اهڙي ماڻهو کي منافق چئبو آهي. منافق ماڻهو دين دنيا ۾ بدنام هوندو آهي. ڪوبه ان کي چڱيءَ نظر سان نه ڏسندو آهي.
    قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته منافق دوزخ جي هيڍين تري ۾ ويندا:
    اِنَّ الۡمُنٰفِقِیۡنَ فِی الدَّرۡکِ الۡاَسۡفَلِ مِنَ النَّارِ
    ترجمو: بيشڪ منافق دوزخ جي باهه جي هيٺئين طبقي ۾ آهن.
    (پ 5النساء، آيت145)
    ٻين حديثن مبارڪن ۾ به منافق جي ڪردار کي ننديو آهي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به دل ۾ دغا ۽ منهن ۾ مسلمان سڏائي منافقي ڪندڙ کي بت تراش آذر سڏي ننديو آهي.
    ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين
    دغا تنهنجي دل ۾، شرڪ ۽ شيطان
    “منهن ۾ مسلمان” اندر آذر آهيين
    (شاهه)


    ٻهران زيب زبان سين

    ذُو اللِّسَانِیۡنِ فِیۡ النَّارِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ جا لفظ ابو دائودروايت ڪيا آهن.)
    ترجمو: ٻه زبانو شخص به باهه ۾ ويندو
    سمجهاڻي: ٻه زبانو ماڻهو به ڪوڙو ۽ وعدي خلافي ڪندڙ هوندو آهي. ٻه زبانو شخص به منافقن ۾ ڳڻيو ويندو آهي. هڪ ماڻهو سان هڪ ڳالهه ته ٻي ماڻهو سان ٻي ڳالهه ڪري پنهنجو مطلب ۽ مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر نيٺ پنهنجي ٻه زباني ڪردار ڪري ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ دنيا ۾ به بدنام ٿي پوندو آهي. ٻه زباني ماڻهوءَ جي ڪردار کي “ ٻه مُنهين بلا” چيو ويندو آهي. دنيا ۾ کڻي ٿورو گهڻو مطلب حاصل ڪندو آهي پر آخرت ۾ وڃي پوندو. اتي پيو سڙندو پڄرندو ۽ ٻه زباني ڪردار جي سزا لوڙيندو، الله تعاليٰ مسلمانن کي ٻه مُنهين ۽ ٻه زباني ڪردار کان بچائي. هڪ سختو ۽ سچو باڪردار مسلمان بنائي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اهڙي ماڻهو کي ٻاهران زيب زبان سين ۽ قلب جو ڪارو ۽ دل ۾ هچارو سڏيو ۽ ان جو بدڪردار وائکو ڪيو آهي:
    مُنهن ته آهيريانئي اجرو، قلب ۾ ڪارو
    “ٻهران زيب زبان سين” دل۾ هچارو
    ان پر ويچارو، ويجهو ناهه وصال کي
    (شاهه)


    مون پريان جي ڳالهڙي

    رَحِمَ اللہُ عَبۡدًا قَالَ خَیۡرًا فَغَنِمَ أوۡ سَکَتَ عَنِ الشَّرِّ فَسَلِمَ
    ( هي لفظ مبارڪ “ مسلم” ۽ ابو الشيخ “الثواب” ۾ ابي امامة ﷦ کان ۽ الديلمي، حضرت انس بن مالڪ ﷦ کان روايت ڪري آندا آهن.)
    ترجمو:الله تعاليٰ ان ٻانهي تي رحم ڪري، جيڪو سهڻو ڳالهائي کتي ويو يا بري ڳالهائڻ کان ماٺ ڪري سلامت رهيو.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ مان ظاهر آهي ته، ڳالهائجي ته سچ ۽ سهڻو ڳالهائجي. الله ۽ رسول کي راضي ڪري ڪاميابي ماڻجي.
    ٻي صورت ۾ خراب ڳالهائڻ کان پاڻ پلي، صبر ۽ سڪوت ڪري ويهجي ۽ سک۽ سلامتي حاصل ڪجي.
    مشهور آهي ته سهڻو ڳالهائڻ چاندي آهي ته چپ يا سڪوت سون برابر آهي.
    الله تعاليٰ به قرآن مجيد ۾ بااخلاق ۽ سهڻي ڳالهائڻ جو امر فرمايو آهي: و قولو للناس حسنا (پ 1 سوره البقره، آيت 83)ترجمو: ۽ ماڻهن سان سهڻو ڳالهايو.سنڌي ۾ به پهاڪو آهي ته “ڪن ماڻهن جو روئڻ راحت ۽ ڪن ماڻهن جو کلڻ خواري.”
    سهڻي ڳالهائڻ جي اسلام ۾ ترغيب آيل آهي ۽ نه ته سڪوت جو شان سوايو آهي. امام غزالي رح جڳ مشهور ڪتاب “احياء علوم الدين”۾ سهڻي ڳالهائڻ ۽ خاموش رهڻ بابت تفصيل لکيو آهي.
    ڀڪليا ڀوڻن ڌڙ کي گڏيو ڌوڙسين
    ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين، پڌر پئي نه ڪن
    ڪامل آهي تن، “مون پريان جي ڳالهڙي”
    (شاهه)


    مون پريان جي ڳالهڙي

    رَحِمَ اللہُ عَبۡدًا قَالَ خَیۡرًا فَغَنِمَ أوۡ سَکَتَ عَنِ الشَّرِّ فَسَلِمَ
    ( هي لفظ مبارڪ “ مسلم” ۽ ابو الشيخ “الثواب” ۾ ابي امامة ﷦ کان ۽ الديلمي، حضرت انس بن مالڪ ﷦ کان روايت ڪري آندا آهن.)
    ترجمو:الله تعاليٰ ان ٻانهي تي رحم ڪري، جيڪو سهڻو ڳالهائي کتي ويو يا بري ڳالهائڻ کان ماٺ ڪري سلامت رهيو.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ مان ظاهر آهي ته، ڳالهائجي ته سچ ۽ سهڻو ڳالهائجي. الله ۽ رسول کي راضي ڪري ڪاميابي ماڻجي.
    ٻي صورت ۾ خراب ڳالهائڻ کان پاڻ پلي، صبر ۽ سڪوت ڪري ويهجي ۽ سک۽ سلامتي حاصل ڪجي.
    مشهور آهي ته سهڻو ڳالهائڻ چاندي آهي ته چپ يا سڪوت سون برابر آهي.
    الله تعاليٰ به قرآن مجيد ۾ بااخلاق ۽ سهڻي ڳالهائڻ جو امر فرمايو آهي: و قولو للناس حسنا (پ 1 سوره البقره، آيت 83)ترجمو: ۽ ماڻهن سان سهڻو ڳالهايو.سنڌي ۾ به پهاڪو آهي ته “ڪن ماڻهن جو روئڻ راحت ۽ ڪن ماڻهن جو کلڻ خواري.”
    سهڻي ڳالهائڻ جي اسلام ۾ ترغيب آيل آهي ۽ نه ته سڪوت جو شان سوايو آهي. امام غزالي رح جڳ مشهور ڪتاب “احياء علوم الدين”۾ سهڻي ڳالهائڻ ۽ خاموش رهڻ بابت تفصيل لکيو آهي.
    ڀڪليا ڀوڻن ڌڙ کي گڏيو ڌوڙسين
    ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين، پڌر پئي نه ڪن
    ڪامل آهي تن، “مون پريان جي ڳالهڙي”
    (شاهه)


    وڃڻ در دوستن جي،هرهر هُوڙائي

    زُرۡغِباً تَزۡدَدۡ حُبًّا
    ( هي لفظ مبارڪ ابو هريره ﷦ کان البزار، البيهقي، مسند الحارث بن ابي اسامه ۽ ابو نعيم حليهالاولياء ۾ آندا آهن. حافظ السخاوي چيو آهي ته هيءَ حديث ضعيف آهي.پر مجموعي طور قوي آهي.)
    ترجمو: دير سان ملاقات يا زيارت ڪندو ڪر. ته محبت ۾ واڌارو ٿئي.
    سمجهاڻي: هن حديث نبويءَ جا سهڻا لفظ اسان ننڍي هوندي شيخ سعدي شيرازيءَ جي فارسي ڪتاب “گلستان” ۾ ابو هريره ﷦ جي حوالي سان پڙهيا ۽ استادن ان جي سهڻي سمجهاڻي ٻڌائي.
    اسان عام ماڻهو سمجهندا هئاسون ته دوستن سان گهڻو ملڻ ته پڪي دوستي ۽ گهڻي قرب جي نشاني آهي. پر اڳتي هلي حديث نبوي جي سچائي ۽ استادن جي سمجهاڻي جي گهرائي سمجهه ۾ آئي.
    اصل ۾ڳالهه هن طرح آهي ته هڪ دفعي حضرت نبي پاڪ ﷺ اصحابي ابوهريره ﷦ کي مجلس ۾ غير حاضر ڏسي ان بابت پڇيو. اصحابي عرض ڪيو ته سائين! مائٽن سان ملڻ ويو هوس. پاڻ سڳورنﷺ ان تي کيس فرمايو ته “ دير سان ملڻ ويندو ڪر. ته محبت وڌندي.”
    هيءُ محبت جو هڪانمول اصول آهي ته دوستن توڙي عزيزن قريبن وٽ گهڙي گهڙي وڃبو ۽ اڻ ڪوٺيو مهمان پيو ٿبو. ته اها محبت ۽ عزت نه رهندي.پر جي دير دير سان دوستن توڙي مٽن مائٽن وٺ وڃبو ته اهميت ۽ عزت ۾ اضافو ٿيندو ۽ سڪ به سرس رهندي ۽ ملڻ لاءِ دل پئي گهرندي.
    شاهه ڀٽائي به دوستن جي در تي هر هر وڃڻ کي هُوڙائي سڏيو آهي.
    “ وڃڻ در دوستن جي،هر هر هُوڙائي”
    پاڙي ڏانهن پرين جي، اجهه مَ اوائي
    الڙ ٿي مَ آڇ تون، واٽهڙن وائي
    لائيندءِ لطيف چئيسورا سرهائي
    ڳجهو ڳالهائي، پرت وٽجي پاڻ ۾


    ڀري جام جنت جو

    سَبَقَکَ بِھَا عُکَاشَۃُ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابن عباس ﷦ کان البخاري ۽ مسلم روايت ڪئي آهي. ( سڄي حديث خود مخدوم هاشم ٺٽوي جي سمجهاڻي سان ترجمي کان پوءِ آيل آهي.)
    ترجمو: عڪاشه توکان اڳرائي ڪري ويو.
    عربن سڳورن ۾ هي حديث پهاڪو ان وقت ڏيندا آهن.جڏهن ڪو ماڻهو ٻئي کان اڳرائي ڪري ڪم ۾ گوءِ کڻي ويندو آهي.
    مخدوم هاشم ٺٽوي حديث مبارڪ جي هيٺان سمجهاڻي طور پوري حديث هن ريت لکي آهي” هڪ ڀيري نبي پاڪ ﷺ فرمايو: ستر هزار ماڻهو بنا حساب ڪتاب جي جنت ۾ ويندا. اتي اصحابي عڪاشه ﷦ ويٺو هو. ان عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ الله کان دعا گهرو ته آئون به انهن بغير حساب ڪتاب وارن جنتين مان ٿيان.”
    پاڻ سڳورنﷺ کيس فرمايو ته تون انهن جنتين مان آهين.
    اها ڳالهه ٻڌي ٻيو شخص به اٿي ساڳئي نموني عرض ڪرڻ لڳو. ان کي نبي پاڪ ﷺ فرمايو ته ( جنت ۾ داخل ٿيڻ بابت اڳواٽ سوال ڪري) توکان عڪاشه اڳرائي ڪري ويو.
    سمجهاڻي: حضور ﷺ جن جي زبان ڪُن جي ڪنجي آهي.سندن هر فرمان منڊي تي ٽڪ آهي.
    وحده لا شريڪ له، اي وهائج ويءُ
    کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ
    پاڻان چوندءِ پيءُ، “ ڀري جام جنت جو”
    (شاهه)


    هوند گولي ٿي گذاريان

    سَیِّدُالۡقَوۡمِ خَادِمُھُمۡ
    ( حديث مبارڪ جا هي لفظ هنن ڪتابن۾ روايت ڪيل آهن. عبدالرحمان السلامي” آداب الصحبة” ابن عساڪر ابن عباس کان.ئ ابو نعيم حلية الاولياء ۾ انس کان، الحاڪم التاريخ، البيهقي ۽ الديلمي سهل بن سعد کان رضي الله عنهم. جعيتوڻيڪ هن جي سند ضعيف آ.پر ڪثرت ڪري حسن لغيره آهي.)
    ترجمو: قوم جو سردار انهن جو خادم آهي.
    سمجهاڻي: الله تعاليٰ پنهنجي فضلو ڪرم سان ڪنهن کي عزت ۽ سان، مرتبي ۽ مان ۾ وڏو ڪيو آهي ته اهو به پنهنجي اوڙي پاڙي، عزيزن ، قريبن،قوم ۽ ملڪ جي دل و جان سان خدمت ڪندو رهي. ڇاڪاڻ ته خدمت ئي اهڙو سلسلو آهي. جنهن سان ماڻهو خدام مان مخدوم بنجي ٿو. فارسي ۾ به آهي ته:
    ہر کہ خدمت کرد او مخدوم شد
    ہر کہ خود را دید او محروم شد

    مطلب ته جيڪو به خدمت ڪندو.اهو ئي خدمت جي عيوض مخدوم ٿيندو. باقي جيڪو خدمت نه ڪندو. رڳو پاڻ پيو ڀائيندو. ته اهو ضرور نااميد رهندو.قوم جي سردار کي اها بي لوث خدمت سفر ۽ حضر ۾ هر وقت ڪرڻي آهي. الله تعاليٰ جي شڪراني طور خدمت بجا آڻيندو رهي. خدمت ڪرڻ ۾ ئي دين ۽ دنيا جي ڀلائي آهي.سر بروو سنڌي م شاهه ڀٽائي به گوليءَ ٿي گزارڻ ۽ خدمت ڪرڻ جي تمنا ڪئي آهي.
    اچين جي هيڪار،مون ساريندين سپرين
    پيرين ڌريان پنبڙيون هنڌ وڇايان وار
    ساجن سڀ ڄمار، “هوند گولي ٿي گذاريان”
    (شاهه)


    ڳنڍين سارو ڏينهن

    صَنَائِعُ الۡمَعۡرُوۡفِ تَقِی مَصَارِعَ السُّوۡ ءِ وَ صَدَقَۃُ السِّرِّ تُطۡفِیءُ غَضَبَالرَّبِّ وَ صِلَّۃُ الرَّحِمِ تَزۡدِیۡدُ فِی الۡعُمُرِ
    ( هن حديث مبارڪ کي امام الطبراني “ المعجم الڪبير” ۾ سند حسن سان ابي امامہ ﷦ کان ۽ “ المعجم الاوسط” ۾ ام سلمه رضي الله عنها کان روايت ڪيوآهي.)
    ترجمو: نيڪين جا ڪم مصيبت جي ميدانن ۾ بچائيندا آهن ۽ لڪي صدقو ڏيڻ الله پالڻهار جي ڏمر کي اجهائيندو آهي ۽ مائٽي ڳنڍڻ سان عمر ۾ برڪت پوندي آهي.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ نبي پاڪ ﷺ ٽي سهڻيون فائدي وارين ڳالهيون ٻڌايون آهن ته:
    1. نيڪي ۽ ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ سان مشڪلاتون دور ٿينديون آهن
    2. الله جي نالي لڪي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ سان الله تعاليٰ خوش راضي ٿيندو آهي ۽ ڏمر ۽ قهر به ٽري ويندو آهي.
    3. مٽي مائٽي ڳنڍڻ سان عمر ۽ رزق ۾ برڪت پوندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڇنڻ کان ڳنڍڻ ڀلو ڪم آهي. جنهن ماڻهو جا مٽ مائٽ ۽ دوست عزيز ساڻس راضي آهن ته اهو ماڻهو بي فڪر ۽ خوش پيو گزاريندو. جيڪڏهن ڪنهن کان مٽ مائٽ ۽ يار دسوت ناراض آهن ته اهو ماڻهو هميشه پريشان پيورهندو. سندس ڪوبه تعاون لاءِ تيار نه هوندو. شاهه ڀٽائي به ڪپڙي اڻندڙ ڪورين جو مثال ڏئي چيو آهي:
    هلو هلو ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن
    “ڳنڍين سارو ڏينهن” ڇنڻ مور نه سکيا
    (شاهه)


    صاحب تنهنجي صاحبي، عجب جهڙي آهه

    عَجِبَ رَبُّکَ مِنۡ کَذَا
    ( هن حديث مبارڪ کي امام بخاري ۽ ٻين مختلف راوين کان ڳچ ڀيرا آندو آهي.)
    ترجمو: تنهنجي الله پالڻهار کي فلاڻي ڳالهه عجب ۾ وڌو.
    سمجهاڻي: الله تعاليٰ پاڪ پروردگار عجب ۽ اچرج ڪرڻ کان پاڪن پاڪ آهي.هجتي عجب جو مطلب هي ٿيندو ته الله تعاليٰ کي بانهي جي ڪا ڳالهه پسند آئي، ته خوش ۽ راضي ٿيندو آهي.ڇوته انسان ۽ الله تعاليٰ جي هر ڳالهه ۾ فرق آهي. الله تعاليٰ کي هر شيءِ جو علم آهي ۽ ٻانهن جي دل جون ڳالهيون به ڄاڻي ٿو. ان ڪري هن حديث مبارڪ جي روشني ۾ ائين چئبو ته الله تعاليٰ ٻانهي جي فلاڻي چڱي ڪم کان خوش ۽ راضي ٿيو.
    شاهه ڀٽائي به سر ڏهر ۾ صاحب جي صاحبي کي عجب سڏيو آهي.
    صاحب تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سون
    پن ٻوڙي پاتال ۾، پهڻ تارين تون
    جيڪر اچين مون، ته ميريائي مانُ لهان
    (شاهه)
    *
    “ صاحب تنهنجي صاحبي، عجب جهڙي آهه”
    وڏي سگهه سندياءِ، پاڻ وهيڻو آهيين
    (شاهه)


    سمنڊ سيويو جن

    فَضۡلُ الۡعِلۡمِ خَیۡرٌ مِنۡ فَضۡلِ الۡعِبَادَۃِ
    ( هن حديث مبارڪ کي الطبراني المعجم الاوسط ۾ ۽ البزار حذيفة ﷦ کان روايت ڪيو آهي.)
    ترجمو: علم جي ڀلائي عبادت جي فضيلت کان ڀلي آهي.
    سمجهاڻي: علم نبين سڳورن جو ورثو آهي. علم انسان کي حق ۽ هدايت جي روشني عطا ڪري ٿو. گمراهي ۽ جهالت کان بچائي ٿو. علم ئي انسان جي ترقي جو سر چشمو آهي.
    عبادت به چڱي آهي، پر ان سان رڳو پنهنجو پاڻ کي فائدو ۽ ثواب ملي ٿو. علم اهڙي شمع آهي جو ان جي روشني تي هزارين پروانا اچي مڙن ٿا ۽ طالب، عالمن کان فيض پرائين ٿا.رآن مجيد ۾ به علم ۽ عالمن جو وڏو شان بيان ٿيل آهي:وَالَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡعِلۡمَ دَرَجٰتٍ(پاره 28 سوره المجادله آيت 8)
    ترجمو: جن کي علم آهي انهن جا درجا بلند ڪيا ويا آهن.
    اِنَّمَا یَخۡشَی اللہَ مِنۡ عِبَادِہٖ الۡعَلَمٰٓؤُا(پاره 2۳ سوره فاطر آيت 28)
    ترجمو: الله تعاليٰ جي بانهن مان الله کان اهي ڊڄن ٿا جيڪي علم وارا آهن.
    خود نبي ﷺ جن به علم جي واڌاري لاءِ دعا گهري آهي:
    رَبِّ زِدۡنِی عِلۡمًا (پاره 16 سوره طٰہٰ آيت 114)
    ترجمو: منهناج پالڻهار! منهنجي علم ۾ زياده اضافو ڪر.
    پاڻ سڳورن ﷺ عالم ۽ عابد جو مثالڏئي فرمايو آهي ته هڪ فقيه عالم،شيطان تي هزار عابدن کان وڌيڪ سخت آهي (الترمذي) مقصد ته عبادت به ڀلي پر علم جو شان نرالو آهي.شاهه ڀٽائي به علم کي سمنڊ سڏيو آهي:
    سي پوڄارا پُر ٿيا،”سمنڊ سيويو جن”
    آندائون عميق مان، جوتي جواهران
    لڌائون لطيف چئي لالون مان لهرن
    ڪانهي قيمت تن،ملهه مهانگو ان جو
    (شاهه)


    مرڻ تن مشاهدو

    قُتِلَ صَبۡرًا
    ( ھي حديث مبارڪ البزار ابو هريره ﷦ کان روايت ڪئي آهي ۽ پڻ حضرت عائشه ؓ کان ثقه رجال جي سند سان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: ماٺ۽ صبر ۾ قتل ٿي ويو.
    سمجهاڻي: حديث مبارڪ جا لفظ تمام مختصر آهن. پر وڏي معنيٰ تي دلالت ڪن ٿا. جيڪو ماڻهو بنا ڏوهه ڏنڊ جي مارجي وڃي يا ڪو بي گناهه قتل ٿي وڃي. ته الله تعاليٰ ان بي گناهه مقتول کي معافي ڏئي ٿو ڇڏي. جيتوڻيڪ اهو کڻي گنهگار هجي. ته به الله پنهنجي فضل ڪرم ۽ ان جي بي گناهه مارجڻ ڪري سندس گناهه معاف ڪري ٿو ڇڏي.
    اسلام ۾ ڪنهن مسلمان ڀاءُ کي بي گناهه مارڻ وڏي ۾ وڏو گناهه آهي. فتنو فساد، خونريزي ڪرڻ اسلام ۾ حرام آهي ۽ ڪنهن کي ناحق مارڻ م،نع آهي.
    اسلام ته اهو سبق ڏنو آهي ته ڀلو مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ماڻهو سلامت رهن. هٿ ته وڏي ڳالهه آهي. پر ڪنهن کي زبان سان به گهٽ وڌ نه ڳالهائجي.
    شاهه ڀٽائي عشق حقيقي ۽ ناحق مارجڻ کي مان ۽ مشاهدو سڏيو آهي:
    هڻ حبيب هٿ کڻي، ٿيڪ مَ ٿورو لاءِ
    پرين تنهنجي گهاءِ، مران ته مانُ لهان
    (شاهه)
    *
    سوري جنين سيج، “ مرڻ تن مشاهدو”
    (شاهه)


    ڀلائي آهين، پرين ڀلائي پانهنجي

    کُلُّ الصَّیۡدِ جَوۡفِ الۡفَرَی
    ( هن حديث مبارڪ کي الرامهرمزي ڪتاب “ امثال الحديث” ۾ نصر بن عاصم الليشي التابعي کان روايت ڪيو آهي. سند ان جي جيد پر مرسل آهي ۽ العسڪري به هن کي روايت ڪيو آهي).
    ترجمو: سمورو شڪار گورخر جي پيٽ ۾ آهي.
    الفري: جهنگلي گڏهه کي چئبو آهي.
    سمجهاڻي: اصل ۾ هي عربي پهاڪو آهي جيڪو نبي پاڪ ﷺ جن ان وقت ڳالهايوهو جڏهن ابو سفيان﷦ مسلمان ٿيو هو. ۽ ان وقت پاڻ سڳورنﷺ سان ملڻ لاءِ اجازت گهريائين. ٻين قريشن اڳ ۾ حضور ﷺ جن سان ملاقات ڪئي ۽ ابو سفيان کي آخرت ۾ ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. ان تي ان انساني فطرت موجب سمجهيو ته مون کپي سڀني کان پڇاڙي ۾ وارو مليو آهي. سو ملاقات کان رهجي نه وڃان.
    ڀلاري رحمت واري نبي ﷺ جي ڳالهه پروڙي کيس دلجاءِ ڏئي فرمايو ته تون مون وٽ ايئن وڏي عزت وارو آهين. جيئن پهاڪو آهي: “گورخر شڪار ٿيو، ته سڀ شڪار ٿي ويو.”
    هونئن به زماني جو دستور آهي ته ننڍيون ننڍيون ضرورتون پوريون ٿيون ته به خير آهي. پر هڪ تمام وڏي ضرورت يا ڪم پورو ٿيندو آهي ته ننڍيون ڳالهيون ياد نه رهنديون آهن ۽ گهڻو ڪري تمام وڏو ڪم پڇاڙي مڪمل ٿيندو آهي. مطلب ته ٻيا قريشي ملي ويا ته به چڱو. پر ابو سفيان وڏي ماڻهو جو آخر نويڪلائي ۾ ملڻ ئي سندس شايان شان هو.
    “ڀلائي آهين، پرين ڀلائي پانهنجي
    سٻاجها سر چڙهيو، ڏوراپو نه ڏين
    مون ڏي مديون ٿين، سڄڻ سجاين ۾
    (شاهه)


    چڱاڪن چڱايون

    کُلُّ مَعۡرُوفٍ صَدَقَۃٌ
    ( هن حديث مبارڪ کي الطبراني المعجم الاوسط ۾ ام سلمة ؓ کان روايت ڪيو آهي.)
    ترجمو: هر چڱائي صدقو آهي.
    سمجهاڻي: حديث پاڪ ۾ اڳ ۾ گذري آيو ته صدقو مصيبتون ۽ الله جو غضب ٽاريندو آهي. ان ڪري هر چڱي ڪم کي صدقو سڏيو ويو آهي.پاڻ سڳورن ﷺ صدقي جا گهڻا ڪم ٻڌايا آهن.
    مثال طور:
    o هر چڱائي صدقو آهي.
    o پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان مُرڪي ملڻ به صدقو آهي.
    o ڀُليل کي واٽ لائڻ به صدقو آهي.
    o اکين سڄي نابين کي رستو ڏيکارڻ صدقو آهي.
    o رستي تان ڪنڊا ڪرڙا، ٺڪر پٿر پري ڪرڻ به صدقو آهي.
    o ۽ مسلمان ڀاءُ کي پاڻي پيارڻ به صدقي ۾ شمار آهي.
    مطلب ته خير جو هر ڪم الله تعاليٰ کي وني ٿو. سهڻو اخلاق ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ سان الله تعاليٰ راضي ٿئي ٿو. سندس رحمت وسيع آهي.چڱن ڪمن ڪري بهشت نصيب فرمائيندو.
    شاهه ڀٽائي به سر سريراڳ ۾ چڱائي ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
    “چڱا ڪن چڱايون” مٺايون مٺن
    جو وڙي جُڙي جن، سووڙ سيئي ڪن
    (شاهه)


    موٽائي هڻنئي نه مُنهن جي

    کَمَا تَدِیۡنُ تُدَانُ
    ( هن حديث مبارڪ کي عبدالرزاق الدياسي ۽ ٻين روايت ڪيو آهي.)
    ترجمو: جهڙي ڪندين تهڙي لوڙيندين
    سمجهاڻي: پاڻ سڳورن ﷺ جو پورو فرمان مبارڪ هن ريت آهي ته نيڪي پراڻي ڪانه ٿيندي. گناهه ڪونه وسرندو.الله قهار ڪونه مرندو يعني هميشه آهي پوءِ جيئن وڻئي تيئن ڪر، جهڙي ڪندين تهڙي لوڙيندين.
    مطلب ته الله تعاليٰ هميشه زنده قادر قهار آهي. ان کان غافل نه ٿي. هر ڪم سنڀالي ڪر. چڱو ڪم ڪندين ته چڱو.خراب ڪم ڪندين ته برو بدلو ملندو. ان ڪري الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي چڱا ڪم ڪر ۽ برائين کان پاڻ بچاءِ.
    سوره الزلزال ۾ به ارشاد رباني آهي:
    فَمَنۡ یَّعۡمَلۡ مِثۡقَالَ ذَرَّۃٍ خَیۡرًا یَّرَہ۔ وَمَنۡ یَّعۡمَلۡ مِثۡقَالَ ذَرَّۃٍ شَرًّا یَّرَہٗ
    (پ 30، سوره الزلزال آيت 7،8)
    “ترجمو: پوءِ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري چڱائي ڪئي هوندي.اهو ان کي ڏسندو ۽ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري برائي ڪئي هوندي اهو ان کي ڏسندو.”
    شاهه ڀٽائي به سر ڪاپائتي ۾ چيو آهي ته صراف سڀاڻي ڪچو ڪم يا سستي ڪندين ته موٽائي منهن ۾ هڻندئي يعني جهڙو ڪم ڪبو.اهڙو ئي نتيجو ملندو.
    هي هڏ وهاڻي، ڪڙهه ڪالهوڻي ڏينهن کي
    اٿي اور ارٽ سين، ويهه مَ ويڳاڻي
    ته صراف سڀاڻي، “ موٽائي هڻنئي نه منهن تي”
    (شاهه)


    مانجهاندي جو ماڳ

    کُنۡ فِی الدُّنۡیَا کَانَّکَ غَرِیۡبٌ أوۡ عَابِرُ سَبِیۡلٍ وَعُدَّ نَفۡسَکَ فِیۡ اَھۡلِ الۡقُبُوۡرِ
    ( هن حديث مبارڪ کي البيهقي شعب الايمان ۾ ۽ العسڪري عبدالله بن عمر ﷦ کان روايت ڪيو آهي.)
    ترجمو: دنيا ۾ ائين رهه جيئن مسافر آهين. بلڪ رستو پار اڪرندڙ جيان رهه ۽ پاڻ کي قبرن وارن ۾ سمجهه.
    سمجهاڻي: هيءَ دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي. هتي هر هڪ ڪجهه وقت لاءِ مسافر ٿي آيو آهي.پوءِ مسافر يا واٽهڙو لاءِ اهو مناسب ڪونهي. ته رستي تي گهر ٺاهي ويهي رهي. ۽ پنهنجو اصلي وطن وساري ڇڏي. ان ڪري انسان کي گهرجي ته فاني دنيا جي شين سان دل نه لڳائي. پر اصل ماڳ آخرت واسطي چڱن عملن جي موڙي گڏ ڪندو رهي.
    شاهه ڀٽائي به هن دنيا کي مانجهاندي جو ماڳ سڏيو آهي:
    ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري
    تو جو ساڻيهه ڀانئيو، “سو مانجهاندي جو ماڳ”
    سلطاني سهاڳ، ننڊن ڪندي نه ملي
    (شاهه)
    فارسي شاعرجامي به سهڻي ڳالهه ڪئي آهي:
    ترجمو: اي دل! ڪيترو وقت ٻارن وانگر هن مجازي دنيا ۾ مٽيءَ جون ماڙيون اڏيندو ۽ ڊاهيندو رهندين.هن مٽيءَ مان پرڙا ڇنڊي اصل آخرت واري ماڳ ڏي موٽڻ جي ڪر.( يوسف زليخا فارسي)
    حديث مبارڪل ۾ ٻي ڳالهه آهي ته پاڻ کي قبر وارن يا مئلن ۾ شمار ڪرڻ. حقيقت به اها آهي ته نفس کي ماري دنيا سان گهٽ واسطو رکي آخرت لاءِ توشو گڏ ڪجي. شاهه طيف به ساڳي ڳالهه ڪئي آهجي
    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات
    هوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جيا
    (شاهه)


    ساڻ امانت اچ

    لَا اِیۡمَانَ لِمَنۡ لَا اَمَانَۃَ لَہٗ، وَ لَا دِیۡنَ لِمَنۡ لَا عَھۡدَ لَہٗ
    ( هن حديث مبارڪ کي الامام، ابو يعليٰ پنهنجي مسند ۾ البيهقي شعب الايمان ۾ انس بن مالڪ ﷦ کان روايت ڪيو آهي. حافظ ذهبي چيو آهي ته هن حديث جي سند قوي آهي ۽ ابن حبان به ان کي صحيح چيو آهي.)
    ترجمو: جنهن ۾ امانتداري نه آهي، ان جو ايمان ڪامل نه آهي ۽ جنهن ۾وعدي وفا ئي نه آهي ان جو دين پورو نه آهي.
    سمجهاڻي: مؤمن ايمان ۽ ايمانداري هڪ ڳالهه آهي. سچي مؤمن جي اها ئي نشاني آهي. ته هوامانتدار هجي. خود اسان جو نبي محمد ﷺ اعلان نبوت کان به اڳ عرب دنيا ۾ “صادق” ۽ “امين” مشهور هئا.
    قرآن شريف ۾ به الله تعاليٰ امانتن ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي:
    اِنَّ اللہَ یَامُرُکُمۡ اَنۡ تُؤَدُّا الۡاَمٰنٰتِ اِلیٰٓ اَھۡلِھَا(پارو 5 سوره النساء آيت 58)
    ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ حڪم فرمائي ٿو توهان کي ته جن جون امانتون آهن. انهن جي حوالي ڪريو.
    مقصد ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ امانتداري ڪرڻ لازمي آهي.
    حديث مبارڪ ۾ وعدي پوري نه ڪرڻ واري کي تنبيهه ڪري کيس بي دين چيوويو آهي. انسان کي سڀ واعدا پورا ڪرنا آهن. عالم ارواح ۾ جيڪي وعدا ۽ اقرار ڪيا ويا آهن يا هن دنيا جي ڪم ڪار ۾ انجام ڪياويا آهن انهن سڀني کي وعدن پورن ڪرڻ جو پڇاڻو ٿيندو. ان ڪري وس وت آهر وعدي وفائي ڪرڻ مؤمن جو حق آهي.
    الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ وعدي وفائيءَ لاءِ به هي حڪم ڏنو آهي
    وَ اَوۡفُوۡا بِالعَھۡدِ اِنَّ الۡعَھۡدَ کَانَ مَسۡئُولَا (پارو 15 سوره بني اسرائيل آيت 34)
    ترجمو: وعدو پورو ڪريو. ڇاڪاڻ ته وعدن بابت اوهان کان پڇاڻو ٿيندو.
    ووٽ ڏيڻ به امانت آهي ووڙ مفاد پرست کي نه ڏجي. پر ايماندار ۽ حقدار کي ڏجي.
    سَتي تنهنجي ست ۾، ڳالهه گهرجي ڳچ
    وڍيو چچريو چيريو، پر ۾ اڀي پچ
    “ ساڻ امانت اچ” ته ٿيين سمناي ساڻيهه ۾
    (شاهه)


    ادب ۽ اخلاق جا سڙهه ٻڌج سوري

    لَا تَرۡفَعۡ عَصَاکَ عَنۡ اَھۡلِکَ اَدۡبًا
    ( هن حديث مبارڪ کي امام احمد بن حنبل روايت ڪيو آهي.)
    ترجمو: پنهنجي اهل عيال تان ادب سيکارڻ لاءِ لٺ پري نه ڪر.
    سمجهاڻي: پيءُ ماءُ جي مٿان اولاد جو حق آهي ته ان جو نالو سٺو رکي. سٺي تعليم تربيت ۽ شادي ڪرائي. گهڻو پيار ۽ لاڏ ڪوڏ ٻار کي سست ڪاهل ۽ کاري خراب ڪري ڇڏيندو آهي.ان ڪري پنهنجي اولاد جي تعيلم سان گڏ سهڻي تربيت جو به وڌ ۾ وڌ خيال رکجي.اولاد کي ادب احترام سيکارڻ لاءِ ڪجهه سختي ڪرڻي پوي ته دڙڪو دهمان ۽ لٺ ۽ چٺ به ڏيکارجي. پرڏاهپ ۽ حڪمت عملي، شفقت ۽ سختي سان ٻار جي سنوار ڪجي.
    پاڻ سڳورن ﷺ جي ابودائود۾ به حديث آهي ته:
    “ پنهنجي اولاد کي ستن سالن جي عمر ٿيڻ تي نماز جو حڪم ڪريو. ڏهن سالن جا ٿين.نماز نه پڙهن. ته کين مار ڏيو ۽ سندن هنڌ جدا ڪريو.”
    اولاد جي تعليم سان گڏ سهڻي تربيت کير ۽ کنڊ برابر آهي.
    اولاد جي مٿان به والدين جو حق آهي ته پيءُ ماءُ جي فرمانبرداري ڪري. دين دنيا ۾ سندن دعائون کٽن ۽ اجر دارين حاصل ڪن.
    شاهه ڀٽائي به ادب ۽ اخلاق جي تلقين ڪئي آهي.
    تن ۾ ترازو توهه جي، گهڻون لهه گهوري
    “ ادب ۽ اخلاق جا سڙهه ٻڌج سوري”
    (شاهه)


    ولهيون ڍڪين وَلها

    لَا تُظۡھِرِ الشَّمَاتَۃَ لِأخِیۡکَ فَیُعَافِیۡہُ اللہُ وَ یَبۡتَلِیۡکَ
    ( هيءَ حديث مبارڪ الترمذي روايت ڪئي آهي.واثله بن الاسقع ﷦ ان حديث کي حسن چيو آهي.)
    ترجمو: پنهنجي ڀاءُ جو عيب ظاهر نه ڪر. ڇاڪاڻ ته پوءِ الله ان کي معاف ڪري، توکي ان ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو.
    سمجهاڻي: الله تعاليٰ ستار غفار آهي. پنهنجي فضل و ڪرم سان ٻانهن جا عيب ڍڪي معافي ڏيندو آهي.
    هن حديث مبارڪ ۾به مسلمان ڀاءُ جي پرده پوشي ڪرڻ جو حڪم آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو ٻين جا عيب ڍڪيندو ته الله تعاليٰ ان جا به عيب ڍڪيندو ۽ جيڪو ٻين جا عيب کوليندو ته الله تعاليٰ ان جا به عيب کوليندو. ان ڪري ڪنهن جا عيب کولڻ نشانو بنائڻ ۽ گلا غيبت ڪرڻ اسلام ۾ منع آهي. هميشه باوقار صبر شڪر ۽ خوش اخلاي سان رهجي. ڪنهن جي نڪته چيني ۽ عيب جوئي نه ڪجي. هونئن به راز کولڻ کان ڍڪڻ ڀلو آهي.
    شاهه ڀٽائي به رسالي ۾ الله تعاليٰ کان عيب ڍڪڻ ۽ پرين کي پت رکڻ جي پارت ڪئي آهي
    جي مون موڙهي مت، ته تون پاڻ سڃاڻج سپرين
    اصل اواين جا، عيب ڍڪين تون ات
    اي پرين تنهنجي پت، “ جيئن وِلهيون ڍڪين ولها”
    (شاهه)


    يار سڏائي سڀ ڪو

    لَا خَیۡرَ فِیۡ صُحۡبَۃِ مَنۡ لَا یَرٰی لَکَ مَا تَرَیٰ لَہٗ
    ( هن حديث مبارڪ کي ابن عدي انس ﷦ کان روايت ڪيو آهي.)
    ترجمو: ان ماڻهو جي سنگت ساٿ۾ چڱائي نه آهي جنهن لاءِ تون ته چڱائي سوچين ۽ هو تولاءِ چڱائي نه سوچي.
    سمجهاڻي: ڏاهي ماڻهو جو ڪم آهي ته هر ڪم ۾ سوچ ويچار ڪري. اهڙي ريت قرب ۽ محبت ، سنگت ۽ صحبت به سٺن ۽ صالحن جي اختيار ڪجي. مفاد پرست ۽ جير ڪاڻ ٻڪري ڪهندڙ جي پاڇي کان به پاسو ڪجي. دوستي به ڪس ڪسر کائيندڙ ۽ وفادر سان رکجي.
    جيڪو پرپٺ کڏون کوٽيندو رهي ۽ دوستي جو ننگ نه رکي. رڳو هميشه پنهنجي سوائي جو يار هجي. ان جي دوستي کان ڪوهين دور رهجي ۽ پاڻ بچائجي ۽ ان ۾ ئي ڀلائي آهي. چوڻي آهي ته وفادار دوست سون برابر ۽ مفاد پرست ماڻهو قاتل زهر آهي.
    شاهه ڀٽائي به لک جي ڳالهه ڪئي آهي:
    “ يار سڏائي سڀڪو” جاني زباني
    آهي آساني، ڪم پوي ته ڪل پوي
    (شاهه)


    وڃي ڪجي وس

    لَا عَقۡلَ کَالتَّدۡبِیۡرِ وَلَا کَالۡکَفِ وَلَا حَسَبَ کَحُسۡنِ الۡخُلۡقِ
    ( هن حديث مبارڪ کي ابنماجه پنهنجن سنن ۾ ۽ البيهقي شعب الايمان ۾ ابوذر ﷦ کان روايت ڪيو آهي.)
    ترجمو: تدبير ڪرڻ جهڙو عقل نه آهي ۽ گناهن کان رڪجي پوڻ پرهيزگاري نه آهي ۽ سهڻي اخلاق جهڙو حسب نه آهي.
    سمجهاڻي: حقيقت ۾ تدبير،ڏاهپ۽ حڪمت عملي، بردباري ۽ سوچ ويچار سان ڪم ڪرڻ ۽ ان ڪم جي انجام ۽ نتيجي تي نظر ڪري دور انديشيءَ کام ڪم وٺڻ کي تدبير چئبو آهي. جيڪو به ماڻهو ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم به غور فڪر، ڏاهپ حڪمت عملي ۽ صلاح تدبير سان ڪندو.ته سڀ ڪم سهنجا ۽ سولا ٿي پوندا.البت اٻهرائي سان ناڪامي پلئه پوندي آهي.
    هر چڱي عمل جو بنياد پرهيزگاري آهي. مڪروهه ۽ حرام ڪمن کان بچڻ پرهيزگاري آهي. احتياط ۽ پرهيزگاري ڪرڻ جهڙي ڪابه تقويٰ نه آهي. گناهن ۽ حرام ڪمن کان بچڻ ۾ ئي ڀلائي آهي. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته: اِنَّ اَکۡرَمَکُمۡ عِنۡدَ اللہِ اَتۡقَاکُمۡ (پ 26 سوره الحجرات آيت 13)
    “ بيشڪ الله تعاليٰ وٽ توهان مان وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي.”
    حسب نسب ۽ ذات پات تي فخر ۽ وڏائي ڪرڻ ۽ ٻي کي گهٽ سمجهڻ جي اسلام ۾ منع آهي. اصل ۾ سهڻا اخلاق ئي خانداني شرافت آهن. مطلب ته انسان جي شرافت ۽ عزت ان جي سهڻن اخلاقن ۾ سمايل آهي. ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ ڪاري ۽ گوري، عربي ۽ عجمي تي هڪ ٻي کي فضيلت ڪانهي. پر پرهيزگاري ۽ سهڻا اخلاق ئي خانداني شرافت ۽ عزت جو سبب آهن.
    شاهه ڀٽائي به تدبير کي وس ۽ ڪوشش چئي سسئي کي صلاح ڏني آهي.
    سيڻن ڪارڻ سسئي، وڃي ڪجي وس
    جم ورچي ڇڏيين سندو گنگن گس
    ڏوٿي ڏيندءِ ڏس، اڳيان ٻاروچن جو.(شاهه)


    کاند وڏيائي کيڻ

    لَا فَقۡرَ اشَدُّ مِنَ الۡجَھۡلِ وَلَا مَالَ اعَزُّ مِنَ الۡعَقۡلِ وَلَا وَحۡشَۃَ مِنَ الۡعُجۡبِ
    ( هن حديث کي ابن ماجه روايت ڪيو آهي.)
    ترجمو: جهالت کان وڌيڪ ڪا سڃائي نه آهي ۽ عقل کان وڌيڪ ڪا ملڪيت نه آهي ۽ وڏائي کان وڌيڪ ڪا وحشت يا ٽاهيندڙ نه آهي.
    سمجهاڻي: علم روشني ۽ انسان جو سينگار آهي. جاهل ۽ بي علم ماڻهو گهڻو ڪري اڻ ڄاڻائي ڪري پيو. جهالت ۽ گمراهي ۾ ٿاڦوڙا هڻندو ۽ گناهن جا ڪم ڪندو. کيس ڪابه ندامت ڪانه ٿيندي.
    علم وارو ماڻهو علم جي برڪت سان هر جڳهه عزت ۽ مانُ لهندو آهي. علم جي سوجهري سان جڳ کي پيو جرڪائيندو آهي. گويا بي علم سڃو ۽ علم وارو شاهوڪار آهي.
    عقل به الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي. ماڻهو عقلمندي ۽ ڏاهپ سان ڪم ڪري. خوشحال زندگي گذاريندو آهي. بي عقلي سان سنئون ڪم به اونڌو ٿي پوندو آهي. ان ڪري چئبو ته عقل الله تعاليٰ جي وڏي نعمت ۽ دولت آهي.
    شيخ سعدي چواڻي؛ تڪبر عزازيل را خوار کرد. تڪبر ۽ وڏائي، آڪڙ ۽ هوڙيائي اسلام ۾ حرام آهي. مغرور ماڻهو هميشه ٻي کي گهٽ پيو ڄاڻندو ۽ عريب تي اک ڪانه ٻڏندي اٿس. انڪري مغرور ماڻهو شيطان وانگر هن دنيا ۾ به خوار ۽ آخرت ۾ به عذاب ۾ ورتل هوندو. وڏائي واري ماڻهوءَ کان هر ڪو پري ڀڄندو آهي ۽ هو اڪيلو رهجي ويندو آهي.
    ٻي پاسي نياز نوڙت ۽ پيار محبت واري ماڻهو ماڻهو کي هر ڪو جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهي. شاهه ڀٽائي به چيو آهي.
    هون چون ئي تون مَ چئه واتان ورائي ويڻ
    سڀني سين سيد چئي، من ماري ڪر ميڻ
    “کانڌ وڏيائي کاڻ” ڪيني منجهان ڪين ٿئي.
    (شاهه)


    هٿان تو پيئي

    لَا یَجۡنِیۡ عَلَی الۡمَرۡءِ أِلَّا یَلُہٗ
    ( امام بخاري ، امام مسلم، احمد ۽ ابن ماجه هي حديث عمرو بن الاحوص الجشمي ﷦ کان انهي معنيٰ سان روايت آندي آهي.)
    ترجمو: ماڻهو چٽي پنهنجي هٿن جي ڪري پوندي آهي.
    سمجهاڻي: انسان کي نفس ڀُڏا ڪم ڪرائي تباهه برباد ڪندو آهي. پوءِ پنهنجي نفس جون چٽيون ڀري پيو لوڙيندو آهي. هر انسان کي پنهنجن هٿن جي ڪمائي سامهون ايندي آهي. جي گناهه جا ڪم ڪندو ته هن دنيا ۾ به خوار، خراب ۽ آخرت ۾ عذاب ڀوڳيندو. پر جيڪڏهن هنن هٿن سان چڱا ڪم ڪندوته جڳ ۾ نيڪي ۽ آخرت ۾ خوشي ۽ جنت ماڻيندو.
    دنيا جو اصول آهي ته” جو ڪري سو لوڙي، جو ڪري سو ڀري” ايئن ڪونهي ته “چٽي پئي چاڪر تي، ڀر وتايا تون”الله تعاليٰ به قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو آهي، “ نه ٿو گناهه ڪري انسان، مگر ان جي جزا ان تي آهي ۽ ڪوبه ماڻهو منهن جو بار نٿو کڻي”.
    وَلَا تَکۡسِبُ کُلُّ نَفۡسٍ اِلَّا عَلَیۡھَا وَلَا تَزِرُ وَازِرُۃٌ وِّزۡرَ اُخۡرَیٰ ( پ ۸ سورہ الانعام آ يت 164)
    ترجمو: هر ڪو ماڻهو جيڪي به ڪجهه به ڪمائي ٿو ان جو ذميواري هو پاڻ آهي.ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نٿوکڻي.
    شاهه عبدالطيف ڀٽائي به سر ڪوهياري ۾ سسئي کي پنهنجي غفلت ۽ ننڊ جي ميار ڏئي چيو آهي.
    “هٿان تو پيئي” ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين
    (شاهه)


    اُڀو آڇي اڇ

    لَا یَکۡمُلُ اِیۡمَانُ الۡمَرۡءِ حَتّٰی یُحِبَّ لِاَخِیۡہِ مَا یُحِبَّ لِنَفۡسِہٖ
    ( امام بخاري، مسلم، الترمذي، النسائي ۽ ابن ماجه سڀني انس بن مالڪ ﷦ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو: ڪامل ايمان وارو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي ڀاءُ لاءِ اها شيءِ پسند ڪري جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ڪري.)
    سمجهاڻي: ڪامل ايمان وارو ماڻهو اهو آهي جيڪو سڀني جو خير خواهه ۽ گهڻگهرو هجي. پنهنجي لاءِ هر ڪو چڱو ڪم پسند ڪندو آهي ۽ ايمان دار مومن جي به اها نشاني آهي ته جيڪا شريعت اسلام ۾ شيءِ حلال ۽ جائز آهي. اها پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو ته ٻين مسلمان ڀائرن لاٰ به اها شيءِ پسند ڪري ۽ مومن ٿيڻ جو ثبوت ڏئي.برائي بڇڙائي کان پاڻ ته بچجي. پر پنهنجن عزيزن قريبن يارن دوستن ۽ سڀني ماڻهن کي برائي کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪجي. چڱي ڪم ۾ سڀني کي ڀاڱي وار ڪري ثواب دارين حاصل ڪجي.
    شاهه ڀٽائي به ميهار جي روپ ۾ ملاحن کي سڏي رڇ وجهڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ته آئون پڻ هٿ ٿووجهان.اوهين پڻ۾ رڇ وجهو يعني جيڪو ڪم آئون پسند ٿو ڪريان. اوهان کي به اها صلاح ٿو ڪريان.
    ميهار ملاحن کي “اڀو آڇي اڇ”
    آئون پڻ وجهان هٿڙا،اوهين پڻ وجهو رڇ
    سندي ڪُن ڪڻڇ، مان هون سلامت سپرين
    (شاهه)


    هي جا لياڪا لوڪ جا

    لَا یُلۡدَغُ الۡمُؤۡمِنُ مِنۡ جُحۡرٍ مَرَّتَیۡنِ
    ( هن حديث مبارڪ کي امام بخاري ابن عمر ﷦ کان روايت ڪيو آهي.)
    ترجمو: مؤمن هڪ سوراخ مان ٻه ڀيرا نه ڏنگبو آهي.
    سمجهاڻي: مومن ماڻهو پنهنجي سچائي ايمانداري ۽ ويساهه جي ڪري سڀني کي چڱو سمجهندو آهي.پر هن حديث مبارڪ ۾ مکيه اصول ڏسيو ويو آهيته جيڪڏهن ڪو هڪ دفعو اوهان سان دوکو ٺڳي يا زيادتي ڪري. ته وري ٻيو ڀيرو ان جي مِٺين ڳالهين تي لڳي.ان جي چڪر ۾ نه اچو ۽ پاڻ بچايو. ڀلا جيڪو هڪ دفعو ڪنهن ٻِر مان ڏنگبو ۽ وري وري ويٺو ان ٻر ۾ هٿ وجهندو. ته اهو عقلمند ته نه چئبو. پر ضدي ۽ هٺ ڌرم ٿيو. جتان دوکو کائجي. ان کي بار بار نه آزمائجي.

    ميهار ملاحن کي “اڀو آڇي اڇ”
    آئون پڻ وجهان هٿڙا،اوهين پڻ وجهو رڇ
    سندي ڪُن ڪڻڇ، مان هون سلامت سپرين
    (شاهه)


    ڏک مَ پسو ڏوٿيا

    لَا یَنۡتَطِحُ فِیۡھَا عَنۡزَانِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابن عساڪر ابن عباس ﷦ کان آندي آهي.)
    ترجمو: ان ۾ ٻه ڄڻا نه وڙهن.
    مخدوم ٺٽويءَ پاڻ حديث مبارڪ جي سمجهاڻي ڏيندي لکيو آهي ته “ حديث ۾ آيللفظ “ فيها” ۾ “ها” ضمير، يهودي عورت عصماء ڌيءَ مروان ڏي وري ٿو. جيڪا نبي پاڪ ﷺ کي گاريون ڏيندي هئي. پوءِ نابين اصهابي عمير پٽ عدي ﷦ ان يهودي عورت کي پاڻ سڳورن ﷺ جي حڪم سان قتل ڪيو.
    سمجهاڻي: اها يهودي عورت عصماء اسلام ۽ نبي ﷺ جي سخت دشمن ۽ شعر ٺاهي ماڻهن کي پئي ڀڙڪائيندي هئي.
    نبي سائين ﷺ جوعاشق اصحابي عمير سڳورو ﷦ جيتوڻيڪ نابينو هو.پر دل جو سڄو هو. سو چيائين ته جنگ بدر مان حضور ﷺجن خير سان موٽي ايندا ته، ان نبي ۽ اسلام دشمن يهودي عورت کي ماريندس. رات جي وقت يهودي عورت عصماء کي ماري وڌائين. صبح جو نبي سائين ﷺ ان کي فرمايو ته تون ڪوبه کٽڪو نه ڪر. يعني توتي ڪوبه ڏنڊ ڏوهه ڪونهي.

    هلو ۽ ملهو،” ڏک مَ پسو ڏوٿيا”.
    سونهون جوساٿ جو، سو مون هوت سلو
    آن پڻ ٿئي ڀلو، آئون به گڏجان پرين کي
    (شاهه)


    چُپ ڪرچپ مَ چَور

    لَعَلَّہٗ کَانَ یَتَکَلَّمُ بِمَا لَا یَعۡنِیۡہِ وَیَبۡخَلُ بِمَا لَا یُغۡنِیۡہِ
    ( امام بيهقي شعب الايمان ۾ انس ﷦ کان هي روايت آندي آهي ۽ الترمذي به هي حديث آندي آهي.)
    ٽرجمو: شايد هن اجايو ڳالهايو هجي ۽ اهڙي شيءِ جو بخل ڪيو هجي. جا کيس شاهوڪار نه پئي ڪري سگهي.
    مخدوم ٺٽوي سمجهاڻي ۾ چيو ته” هي قول نبي ﷺ اهڙي ماڻهوءَ جي باري ۾ فرمايو. جيڪواجايو ڳالهائيندو هو ۽ مال ۾ ڪنجوسي ڪندو هو. پوءِ ماڻهو ان کان بچي ويا ۽ پاسيرا ٿي ويا.
    جامع ترمذيءَ ۾ پوري حديث هن ريت آهي:
    (شايد جنگ ۾) هڪ اصحاب سڳورو گذارتي ويو.، هڪ شخص چيو ته توکي جنت جي مبارڪ هجي. ان تي رسول الله ﷺ فرمايو ته توکي ڪهڙي خبر متان هن اجايو فضول ڳالهايو هجي؟ ۽ اهڙي شيءِ ڏيڻ کان بخل ڪيو هجي. جنهن سان هن کي ڪو نقصان نه ٿئي ها.
    سمجهاڻي: مقصد ته هن حديث مبارڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته هروڀرو اجايو گهڻو ڳالهائڻ ۽ ڪنجوسپائي نه ڪرڻ گهرجي.
    شاهه ڀٽائي به چپ رهڻ ۽ چپ نه چورڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

    “ چُپ ڪر، چَپ مَ چَور” پور اکيون ڍڪ ڪن
    پاڻي پي پيٽ مَ ڀر، رهه اڌورو اَن
    ته هوءَ منجهاران من، تنهن جو مشاهدو ماڻيين
    (شاهه)


    رتي علم نه راس

    مَا الۡمَسۡئُوۡلُ عَنۡھَابِأَعۡلَمُ مِنَ السَّائِلِ
    ( امام بخاري ۽ مسلم ابو هريره ﷦ کان روايت آندي ۽ مسلم رڳو عمر بن خطاب ﷦ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو: جنهن کان پڇا ڪئي وئي آهي، سو پڇاڪندڙ کان وڌيڪ نه ٿو ڄاڻي.
    مخدوم ٺٽويءَ وضاحت ڪندي لکيو آهي ته جبرئيل عليه السلام نبي پاڪ ﷺ کان قيامت بابت پڇيو ته قيامت ڪڏهن ايندي؟ ان جي جواب ۾ نبي ﷺ هي جملو فرمايو هو.
    سمجهاڻي: در حقيقت سڀ علم الله تعاليٰ کي آهي. الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان چونڊيل رسولن کي علم عطا فرمايو آهي. قرآن مجيد ۾ به آهي
    عَالِمُ الۡغَیۡبِ فَلَا یُظۡھِرُ عَلیٰ غَیۡبِہٖٓ اَحۡدًا اِلَّا مَنِ الرۡتَضٰی مِنۡ رَّسُوۡلٍ
    (پ ۲۹ سورۃ الجن آیت ۲۶،۲۷)
    ترجمو: الله تعاليٰ غيب جون خبرون ڄاڻندڙ آهي. پوءِ اهو پنهنجي غيب تي ڪنهن کي واقف نه ٿو ڪري، سواءِ پنهنجي پسنديده رسولن جي.
    سوره آل عمران ۾ ارشاد رباني آهي:
    وَمَا کَانَ اللہُ لِیُطۡلِعَکُمۡ عَلَی الۡغَیۡبِ وَلٰکِنَّ اللہَ یَجۡتَبِیۡ مِنۡ رُّ سُلِہٖ مَنۡ یَّشَآءُ
    (پ۴ سورۃ آل عمران آیت ۱۷۹)
    ترجمو: الله تعاليٰ جو شان نه آهي جو( عام ماڻهن کي) علم غيب جو ڏئي ۽ ها الله تعاليٰ چونڊي ٿو پنهنجن رسولن مان جنهن کي چاهي.
    هلو ۽ ملهو،” ڏک مَ پسو ڏوٿيا”.
    سونهون جوساٿ جو، سو مون هوت سلو
    آن پڻ ٿئي ڀلو، آئون به گڏجان پرين کي
    (شاهه)


    خاموشي خبر ٿي

    لَیۡسَ الۡخَبَرُ کَالۡمُعَایَنَۃِ
    ( هي حديث مبارڪ احمد بن حنبل ، احمد بن منيع الطبراني ۽ العسڪري عبدالله بن عباس ﷦ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو: ٻڌل خبر يا ڳالهه ڏٺل جهڙي نه آهي.
    سمجهاڻي: گهڻو ڪري ٻڌل ڳالهه پڪ جهڙي نه هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته اکين ڏٺل مشاهدو ئي تصديق ٿيلسچو هوندو آهي. فارسي ۾ به مشهور آهي ته: “ شنيده کي بود مانند ديده” يعني ٻڌل ڳالهه ڏٺل برابر ڪيئن ٿي سگهندي؟
    قرآن مجيد جي سوره الحجرات ۾ به آهي ته:
    یَاَیُّھَالَّذِیۡنَ آمَنُوآ اِنۡ جَآءَکُمۡ فَاسِقٌ بِنَبَاٍ فَتَبَیَّوۡآ اَنۡ تُصِیۡبُوا قَوۡمًا بِجَھَالَۃٍ فَتُصۡبِحُوۡا عَلیٰ مَا فَعَلۡتُمۡ نٰدِمِیۡنَ (پ ۲۶ سورۃ الحجرات آیت۱ ۶)
    ترجمو: اي ايمان وارو! جيڪڏهن توهان وٽ ڪو گنهگار ڪا خبر آڻي. ته پوءِ توهان تحقيقات ڪريو، متان بي خبريءَ ۾ توهان ڪنهن قوم کي تڪليف پهچايو پوءِ توهان پنهنجي ڪيل ڪم تي پشيمان ٿيو.
    هي زندگي گذارڻ، معاملات نبيرڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جو رهنما اصول آهي ته هر ڳالهه جي پوري پڪ ڪري پوءِ ان ڳالهه کي مڃو. رڳو هوائي ڳالهين ۽ افواهن تي مه لڳو. مومن هونئن به سوچويچار ڪندو آهي. پر ايئن ٻڌل ڳالهين تي نه لڳندو آهي.
    “خاموشي خبر ٿي” مومل ٿي مت
    صبر ٿيو سپت، منهنجي حق مينڌرا
    (شاهه)


    من ماري ڪر ميڻ

    لَیۡسَ الشَّدِیدُ مَنۡ غَلَبَ غَیۡرَہٗ اِنَّمَا الشَّدِیۡدُ مَنۡ غَلَبَ نَفۡسَہٗ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابن حيان پنهنجي صحيح ۾ آندي آهي.)
    ترجمو: اهو ماڻهو پهلوان نه آهي. جيڪو ٻي کان ڏاڍو ٿي وڃي.پهلوان اهو آهي، جيڪو پنهنجي نفس کان ڏاڍو ٿئي.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ نفس کي نندڻ ۽ ضابطي ۾ آڻڻ جو ڏس ڏنو ويو آهي. اجائي ويڙهه ته ڍورن ڍڳن ۽ جانورن جو ڪم آهي. هر ڪنهن سان زور آزمائي چڱي نه آهي. پر پنهنجي نفس کي ماري ميڻ ڪجي. اها ئي اصلي بهادري آهي. شيطان انسان جو ازلي دشمن آهي. ان جي چنبي کان پاڻ بچائڻ پهلواني آهي. شريعت پاڪ جي حڪمن تي هلڻ سان نفس نندورو قابوءَ ۾ رهندو ۽ اجائي هوڏ ۽ هوڙ هيائي نه ڪندو.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به من کي ماري ميڻ ڪرڻ ۽ نفس کي نهوڙڻ جو ڏس ڏنو آهي.
    هوچون ئي تون مَ چئو، واتان ورائي ويڻ
    سڀني سين سيد چئي،”من ماري ڪر ميڻ”
    کانڌ وڏيائي کيڻ، ڪيني منجهان ڪين ٿئي
    (شاهه)
    وڌيڪ نفس کي خچر چئي، ان کي نفي جي خنجر سان نهوڙڻ جوچيو آهي:
    لائي خنجر “لا” جو، هن خچر کي هڻ
    سڌنم جيون سيد چئي، وٿيون سڀ وڪڻ
    پير پروڙي کڻ،ته هلڻ ۾ هوري وهين
    (شاهه)


    ڏمر وڏو ڏک

    لَیۡسَ الشَّدِیۡدُ بِالصُّرَعَۃِ اِنَّمَا الشَّدِیۡدُ مَنۡ مَلَکَ نَفۡسَہٗ عِنۡدَ الۡغَضَبِ
    ( هيءَ حديث امام بخاري ۽ امام مسلم ابو هريرةؓ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو: اهو ماڻهو بهادر نه آهي، جيڪو ٻي کي دسي، پهلوان ته اهو آهي جيڪو پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطو ڪري.
    سمجهاڻي: اسالم ۾ صبر ۽ شڪر، تحمل ۽ بردباريءَ جو حڪم آهي. ڪاوڙ شيطاني باهه آهي. ڪاوڙ سان انسان آپي مان نڪري ويندو آهي.رڳون ڦونڊجي وينديون آهن. اکيون سرخ ۽ منهن ڳاڙهو ٿي بلڊ پريشر هاءِ ٿي ويندو آهي. طبي اصول موجب گهڻي ڪاوڙ ۽ بلڊ پريشر چڙهڻ سان دماغ جي رڳ ڦاٽي سگهي ٿي. ان ڪري ڪاوڙ کان بچڻ گهرجي. قرآن مجيد ۾ ڪاوڙ کائڻ جو حڪم آيل آهي ۽ اها مومن جي نشاني آهي ته ڪاوڙ کائي. ماڻهن کي معاف ڪندا آهن.
    وَلۡکَاظِمِیۡنَ الۡغَیۡظَ وَالۡعَافِیۡنَ عَنِ النَّاسِ وَاللہُ یُحِبُّ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ( پ ۴ سورۃ آل عمران آیت ۱۳۴)
    ترجمو: (مومن) ڪاوڙ کائيندڙ ۽ ماڻهن کي معاف ڪندڙ آهن ۽ الله تعاليٰ نيڪو ڪارن سان محبت رکي ٿو.
    عام ماڻهو پهلوان ان کي چوندا آهن. جيڪو ٻي کي ملهه ماري وڃي پر اصل پهلواني ڪاوڙ مارڻ آهي. ڪاوڙ ۾ انساني عقل به سلامت نه ٿو رهي ۽ حق ۽ ناحق ۾ به تميز نه ٿي ٿئي ۽ صحيح فيصلو به نه ٿي سگهندو. ٿڌي دل ۽ دماغ.سوچ ويچار سان ئي حق انصاف ٿي سگهندو ۽ ڪاوڙ ۾ اڪثر غلط فيصلا ٿي وينداآهن. ان ڪري ڪاوڙ کي ماري، اصلي بهادري ڏيکارجي.
    شاهه ڀٽائي به ڪاوڙ ۽ ڏمر کي ننديو آهي.
    نمي کمي نهار تون، “ ڏمر وڏو ڏک”
    منجهان صبر سک، جي سنواريا سمجهين

    ڪاوڙ جو علاج حضور سائين ﷺهي ٻڌايو آهي ته جي ماڻهو بيٺو آهي ته ويهي رهي. ويٺل هجي ته ليٽي پوي ۽ وضو ڪرڻ سان ڪاوڙ ڪافور ٿي ويندي.


    جي نظر تو نيڪ

    لَیۡسَ لِلۡعَامِلِ مِنۡ عَمَلِہٖ اِلَّا مَا نَوَاہُ
    (هي حديث مبارڪ امام قسطلاني، اصحابي ۽ حوالي کان سواءِ “ المواهب اللدنيه” ۾ آندي آهي.)
    ترجمو: عمل ڪندڙ لاءِ نيت کان سواءِ ڪوبه عمل مقبول نه آهي.
    سمجهاڻي: اسلام ۾ سڀني عملن جو دارومدار نيت تي رکيل آهي. اڳ ۾ حديث مبارڪ 57 ۾ اهو تفصيل گذري آيو آهي. مطلب ته چڱي نيت هوندي ته اجر به اهڙو ملندو. “جهڙي نيت تهڙي مراد” “ نيت نيڪ مراد حاصل”
    نيت بري هوندي ته “ نيت بد روٽي بد” يا “نيت جو نانگ، کائيندو کوٽن کي” سنڌيءَ ۾ مشهور پهاڪا آهن جيڪي هن حديث مبارڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جي نشاندهي ڪن ٿا
    ڪوڙئين ڪتابن ۾، حرف مڙوئي هيڪ
    “ جي نظر تٿو نيڪ” ته بسم الله ئي بس ٿئي.
    (شاهه)


    مري جيءُ ته ماڻيين

    مَاتَ حَتۡفَ اَنۡفِہٖ
    ( هي حديث مبارڪ جا لفظ امام البيهقي، عبدالله بن عتيڪ﷦ کان روايت ڪيا آهن.)
    ترجمو: نڪ جي هلاڪت کان مري ويو( يعني پنهنجي موت مري ويو)
    مخدوم ٺٽويءَ لکيو آهي ته راوي چوي ٿو ته نبي سائين ﷺ کان اڳ ۾ مون هي لفظ ڪنهن به عرب کان نه ٻڌا هئا.
    سمجهاڻي: لڙائي دوران ماڻهو شهيد ٿي ويو ته اهو جنتي آهي.جهاد جي ڪوشش ڪندي ڌڪ ڦٽ کان سواءِ به ڪو ماڻهو دم ڌڻي حوالي ڪري ته ان کي به شهادت جو ثواب ملندو. ڇاڪاڻ ته ان ماڻهو جا شب و روز جهاد جي ڌن ۽ ڪوشش ۽ مصروفيت ۾ گذريا.
    مطلب ته جيڪو جهاد جي ڪوشش ۾ پنهنجي موت مري ويو ته اهو به ثواب جو حقدار آهي ۽ جيڪو ميدان ڪار زار ۾ مري پيو ته. ان لاءِ به جنت آهي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به روحاني رسالي ۾ چيو آهي ته الله جي راهه ۾ شهيد ٿي مرڻ سان جانب جو جمال ملندو آهي.
    “ مري جيءُ ته ماڻيين” جانب جو جمال
    ٿيين هوند حلال، جي پند اهائي پاريين
    (شاهه)


    صبر ۽ شڪر کي، هٿ ڪيو مون هاڻ

    مَا جُمِعَ شَیءٌ اِلیٰ احۡسَنَ مِنۡ حِلۡمٍ ألیٰ عِلۡمٍ
    ( هيءَ حديث مبارڪ الطبراني “ المعجم الاوسط” ۾ ۽ العسڪري “ جمهرة الامثال”۾ علي بن ابي طالب ﷦ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو:ڪابه شيءِ ڪنهن به شيءِ سان گڏجي، پر ايتري سٺي نه آهي جيترو علم، بردباري سان گڏجڻ ڀلو آهي.
    سمجهاڻي: علم انسان جو زيور آهي. حلم ۽ بردباري سون تي سهاڳو آهي. علم کير آهي ته حلم ۽ بردباري کنڊ مثل آهي.کير ۽ کنڊ ملڻ سان کير لذيذ مٺو، مقوي ۽ هاضمي دار ٿي پوندو آهي. اهڙي ريت جنهن عالم کي علم سان گڏ حلم ۽ بردباري آهي. ته گويا ميوي دار ۽ سايي دار فائديمند درخت آهي.
    “ صبر ۽ شڪر کي، هٿ ڪيو مون هاڻ”
    پرين اچي پاڻ، پٽي کي پڇيج تون
    (شاهه)


    شارڪ شڪ مَ ني

    مَا حَاکَ فِیۡ صَدۡرِکَ فَدَعۡہٗ
    ( هي حديث مبارلالطبراني المعجم الڪبير ۾ ابي امامه ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: جا شيءِ تنهنجي دل ۾ کٽڪي، ان کي ڇڏي ڏي.
    سمجهاڻي: صحيح مسلم ۾ آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ کان نيڪي ۽ گناهه بابت پڇيو ويو؟ نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته نيڪي سهڻي اخلاق کي چئبو آهي. ۽ گناهه اهوآهي جو تنهنجي دل ۾ پيو کٽڪي ۽ ماڻهن کي ان جي خبر پوڻ کي تون ناپسند ڪرين.
    تجربو به اهو ئي سيکاري ٿو ته چڱي ڪم ڪرڻ سان دل مطمئن رهندي آهي ۽ گناهه ڪرڻ تي ضمير پيو ملامت ڪندو آهي. ماڻهوءَ جو نفس شيطان جي چنبي ۾ ڦاسي گناهه جو ڪم ڪري ٿو وجهي. ان ڪري دل جي شڪ ۽ کٽڪي وارن ڪمن کان پاڻ بچائجي. توبهه تائب ٿي الله تعاليٰ کان معافي جو طلبگار ٿجي.
    مطلب ته جنهن ڪم مان دل مطمئن نه ٿئي ۽ کٽڪي ته اهو ڪم نه ڪجي.شاهه عبداللطيف ڀٽائي به کٽڪي ۽ شڪ جي ڳالهه ڪئي آهي.
    ڏسڻ جي ڏسين، ته همه کي حق چوين
    “ شارڪ شڪ مَ ني” انڌا انهي ڳالهه ۾
    (شاهه)
    شاهه ڀٽائي اڃان وڌيڪ وضاحت ڪئي آهي ته:

    ڏسڻ ڏکان اڳرو، سسئي آڻ مَ شڪ
    ٿيءُ ٻانهي، ڀر اوئيون، لڏ مَ پسي لڪ
    ور پنهون سين پلڪ، کوءِ ٻارهن ماه ٻين سين
    (شاهه)


    جن جي ساهڙ ساڻ صلاح

    مَا خَابَ مَنِ اسۡتَخَارَ، وَلَا نَدِمَ مَنِ اسۡتَشَارَ، وَلَا مَنِ اقۡتَصَدَ
    ( هي حديث مبارڪ الطبراني، المعجم ، الاوسط ۽ الصغير ۾ آندي آهي.)
    ترجمو: جيڪو ماڻهو استخارو ڪندو، اهو ناڪام نه ٿيندو. جيڪو صلاح مشورو ڪندو سو پريشان نه ٿيندو ۽ جيڪو وچٿرو هلندو سو سڃو نه ٿيندو.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ زندگي گذارڻ جا ڪي قاعدا ۽ اصول ٻڌايا ويا آهن ته جيڪڏهن ماڻهو ڪنهن ڪم ۾ منجهي پوي ته استخارو ڪجي يعني ٻه رڪعتون نفل نماز پڙهي استخاري جي دعا گهريسمهي پوي. ته از غيبي ننڊ ۾ ان مشڪل معاملي جو آسان ۽ حل ٿيڻ جو اشارو قدرت طرفان ملي ويندو ۽ دل مطمئن ٿي ويندي.
    اهڙي طرح ڪوبه ڪم صلاح مشوري سان ڪبو ته نقصان گهٽ ۽ فائدي جي گهڻي اميد آهي قرآن مجيد ۾ به صلاح مشوري جو حڪم آيل آهي.
    وَ شَاوِرۡھُمۡ فِی الۡاَمۡرِ ( پ 4 سوره آل عمران آيت 159)
    ترجمو: (اي نبي) ۽ انهن سان اهم ڪمن ۾ مشورو ڪريو.
    مقصد ته هر ڪم ۾ مشورو همدرد وفادار عزيزن ۽ دوستن سان ڪجي ته بهتر.
    هر ڪم وچٿري نموني ڪرڻ سان قناعت ڪفايت ۽ برڪت ٿيندي آهي. سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ ۾ ئي ڀلائي آهي. حديث ۾ به آيل آهي ته ڀلي م ڀلو ڪم وچٿرو آهي. ان جو حديث 71 ۾ تفصيل گذري آيو آهي
    ڀريون ڀر درياهه، بس جي پار پونديون
    ٻڌ توڪل ترهو، آهر ساڻ الله
    “ جن جي ساهڙ ساڻ صلاح” سي ڪين ٻڏنديون ڪڏهين
    (شاهه)


    ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي

    مَا نَقَصَتۡ صَدَقَۃٌ مِنۡ مَالٍ وَمَا زَادَ اللہُ عَبۡدًا بِعَفۡوٍ اِلَّا عِزَّا، وَمَا تَوَاضَعَ اَحۡدٌ لِلہِ اِلَّا رَفَعَہُ اللہُ
    ( هيءَ حديث مبارڪ مسلم ، الترمذي ۽ احمد ابوهريره ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: صدقو مال نه کٽائيندو آهي ۽ درگذر ڪرڻ سان الله تعاليٰ ٻانهي جي ويتر عزت وڌائيندو آهي ۽ جيڪو الله تعاليٰ خاطر نوڙت ڪندو آهي ته الله تعاليٰ ان کي بلند ڪندو آهي.
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ به زندگي گذارڻ جا وڌيڪ اصول ٻڌايا ويا آهن ته الله تعاليٰ جي نالي تي ڏيڻ سان مال ۾ کوٽ ڪانه پوندي. ويتر واڌارو ٿيندو. يعني “ ڏهه دنياستر آخرت”
    طاقت هوندي ڪنهن ک در گذر ڪري معافي ڏيڻ سان ويتر ماڻهن جي دلين ۾ محبت ۽ عزت ۾ واڌارو ٿيندو آهي. اٻهرائي ۾ اٽلندو نفرت وڌندي آهي. درگذر ڪرڻ سان الله تعاليٰ آخرت ۾ به گهڻو اجر ثواب عطا فرمائيندو.
    وڏائي ۽ تڪبر ته حرام آهي.عاجزي انڪساري ۽ نوڙت مومن جي نشاني آهي. جيڪو به نياز نوڙت ڪندو ته الله تعاليٰ ان کي اوترو بلند ڪندو. قرآن شريف ۾ نيڪ ٻانهن لاءِ ارشاد رباني آهي:
    وَ عِبَادُ الرَّحۡمٰنِ الَّذِیۡنَ یَمۡشُوۡنَ عَلَی الۡاَرۡضِ ھَوۡنًا ( پ 19 سوره الفرقان آيت63)
    ترجمو: ۽ رحمان جا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي آهستي ۽ نوڙت سان هلن ٿا.
    شاهه ڀٽائي به هيٺاهين سان هلڻ جو چيو آهي.
    سڀيئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هار
    پسڻ ڪارڻ پرين جي، سهسين ڪن سينگار
    “ ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي”
    (شاهه)


    پنهون ٿيس پاڻهين

    مَاھَلَکَ امۡرتُؤٌ عَرَفَ قَدَرَ نَفۡسِہٖ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابن سمعاني پنهنجي تاريخ ۾ علي بن ابي طالب ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: جنهن شخص پنهنجي نفس جو قدر سڃاتو، سو هلاڪت کان بچي ويو.
    سمجهاڻي: نفس کي سڃاڻڻ جو مقصد آهي ته ان کي الله ۽ سندس رسول ﷺ جي رستي “ صراط مستقيم” سان هلائجي. گناهه ۽ حرام ڪمن کان پاڻ بچائجي. ڏاهي ماڻهوءَ جو ڪم آهي تهنفس تي ضابطو آڻي. ان کي شريعت جي قاعدن قانونن موجب هلائي ۽ حرام ڪارين کان بچائي. حقيقت ۾ اهائي نفس جي قدر شناسي آهي.
    صوفين سڳورن به چيوآهي ته “ من عرف نفسہ فقد عرف ربہ” مطلب ته جنهن پاڻ کي سڃاتو تنهن رب کي سڃاتو.
    شاهه ڀٽائي به چيو آهي:
    نِگا! پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي نفس کي سڃاڻن وارو

    مشهور عربي قول به پنهنجي رسالي ۾ هن ريت آندو آهي:

    “ پنهون ٿيس پاڻهين” وئو سسئي جو سينگار
    “من عرف نفسہ فقد عرف ربہ” اهو ئي آچار
    جووندر ۾ واپار، سو سودو سرئس هِتهين
    ( شاهه)


    پر آئون به اڳڀري ٿيان

    مَنۡ اَبۡطَا بِہٖ عَمَلَہٗ لَمۡ یُسۡرِعۡ بِہٖ نَسَبُہٗ
    ( هيءَ حديث مبارڪ ابو هريره﷦ کان امام مسلم، ابودائود، ابن ماجه ، امام احمد، العسڪري ۽ القضاعي روايت ڪئي آهي)
    ترجمو: جنهن کي پنهنجي عمل پوئتي ڪري ڇڏيو، ان کي سندس نسب تڪڙو نه ڪندو.
    سمجهاڻي: قرآن مجيد ۾ ارشاد رباني آهي ته:
    یَٓاَیُّھَالنَّاسُ اِنَّا خَلَقۡنَاکُمۡ مِّنۡ ذَکَرٍ وَّ اُنۡثَیٰ وَجَعَلۡنَاکُمۡ شُعُوبًا وَّ قَبَآئِلَ لِتَعَارَفُوۡا اِنَّ اَکۡرَمَکُمۡ عِنۡدَ اللہِ اَتۡقَاکُمۡ
    ترجمو: اي انسانو! اسان تواهن کلي هڪ مرد ۽ هڪ عورت (حضرت آدفم ۽ بيبي حوا) مان پيدا ڪيو ۽ توهان کي ڪڙم ۽ قبيلا ڪري پيدا ڪيو ته توهان هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. بيشڪ الله وٽ وڌيڪ عزت وارو اهو آهي، جيڪو توهان مان سڀ کان وڌيڪ پرهيزگار آهي
    ( پ 26 سوره الحجرات آيت 13)
    ذاتيون ،قومون، ڪڙم قبيلاسڀ سڃاڻپ واسطي آهي.چڱو حسب نسب بهتر آهي. جيڪڏهن حسب نسب به اعليٰ آهي ۽ عمل به چڱا آهن ته پوءِ نور عليٰ نور آهي. باقي رڳو پنهنجي اچي ذات پات تي فخر ڪرڻ ۽ عمل کان بنهه عاري ٿيڻ، ته ان کي نسب تڪڙو نه ڪري سگهندو. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ شڪل صورت نه ڏسندو. پر چڱا عمل ئي پرکيندو آهي. هڪ ماڻهو نيڪ صالح ۽ چڱا ڪم دل جي خلوص سان ڪري ٿو. پر سندس ذات اعليٰ نه آهي ته خير آهي، مگر اهو صالح شخص آخرت ۾ ڪاميابي ماڻيندو.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اڳڀرو ٿي عمل ڪرڻ جو سعيو ڪيو آهي:
    پاڻهي ايندو هوت، “ پر آئون به اڳڀري ٿيان”
    متان چوي بلوچ، ڪميڻي منجهان ڪين ٿيو
    (شاهه)


    ڪُوڙ اوڏائي ڪين ڪي

    مِنۡ حُسۡنِ اِسۡلَامِ الۡمَرۡءِ تَرۡکُہٗ مَالَا یَعۡنِیۡہِ
    ( هن حديث مبارڪ کي الترمذي، البيهقي، الطبراني المعجم الڪبير ۽ الصغير ۾ روايت ڪيو آهي.)
    ترجمو: ماڻهوءَ جي اسلامي خوبيءَ مان هيءُ به آهي ته انهي شيءِ کي ڇڏيڏئي، جنهن ۾ ڪوبه فائدو نه هجي.
    سمجهاڻي:انسان جو شان سرس ۽ سوايو آهي. ان ڪري کيس اهي ڪم ڪرڻ گهرجن. جن جي دين ۽ دنيا ۾ضرورت ۽ ڀلائي آهي. پنهنجو به فائدو. اوڙي پاڙي ۽ قوم ملڪ جو به ڀلو ٿئي. باقي اجايون ڳالهيون فضول سڌون ۽ خراب ڪم ڪرڻ سان نه دنيا ۾ عزت ۽ فائدو ۽ نه وري ديني ڀلائي ۽ آخرت ۾ ڪا چڱائي آهي.
    ڪامل مومن به اهو آهي جيڪو سهڻو ڳالهائي ۽ چڱا ڪم ڪري ۽ بي فائدي ۽ اجاين ڳالهين ۽ ڪمن کان ٽارو ڪري پاڻ بچائي.صبر شڪر خاموشي ميٺ محبت ۽ چڱن گفتن ڳالهائڻ امر نهي ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪوششڪندو رهي. ته دين دنيا ۾ ڀلائي ۽ ڪاميابي نصيب ٿئي.

    سونهان سڌيون ڏين، هن ديواني درياهه جيون
    “ ڪوڙ اوڏائي ڪين ڪي” رڳوسچ سودين
    عجز جو اڌ رات کي وکر وهائين
    ساٿ نباهيو نين، ثابت انهي سير مان
    (شاهه)


    ٻَن ٻيائي کي وجهي، ڪر پريان جي تات

    مَنۡ غَشَّنَا فَلَیۡسَ مِنَّا
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام مسلم صحيح مسلم ۾ ابو هريره ﷦ کان روايت ڪئي آهي ۽ ابو نعيم ۽ الطبراني ثقن راوين کان ابن مسعود ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: جنهن اسان کي دوکو ڏنو اهو اسان مان نه آهي.
    سمجهاڻي: اسلام حق ۽ سچ ، خلوص ۽ ديانتداري سيکاري ٿو. دوکو، ٺڳي، خيانتر، ظلم سان مسلمان کي ايذائڻ حرام آهي. اسلام ۾ بنيادي شيءِ خلوص آهي. ايمان ۽ عمل ۾ خلوص، وڻج واپار، ڏيتي ليتي ۽ معاملات ۾ به خلوص هئڻ گهرجي. ان ڪري مومن ته ڪنهن سان به هر معاملي ۾ دوکو ۽ خيانت نه ڪندو آهي.
    پوءِ جيڪو به مسلمان سان دوکو ۽ فريب ۽ ٺڳي ۽ خيانت ڪندو ته اهو نبي ﷺ جي فرمان موجب” اسان مان نه آهي.” مسلمان مومن سڏائڻ جو حقدار نه آهي. انهن ڪڌن ڪرتوتن سان معاشرو برباد ۽ تباهه ٿي ويندو. ترقي بجاءِ تنزل جي رستي تي وڃي پهچندو. بهتر انسان اهو آهي جيڪو ٻي کي فا.ئدو پهچائي. ۽ دوکي ۽ نقصان کان بچائي. دوکيباز مسلم معاشري جو حصو ٿي نه ٿو سگهي.
    شاهه ڀٽائي به دوکي ۽ ٻيائي کي ٻن وجهڻ جو چيو آهي:

    کامان پچان پڄران، سڙان ساري رات
    “ ٻن ٻيائي کي وجهي، ڪر پريان جي تات”
    (شاهه)


    تن ۾ تونس پرين جي، پِيان نه ڍاپان

    مَنۡھُمَانِ لَا یَشۡعَبَانِ طَالِبُ عِلۡمٍ، وَ طَالِبُ دُنۡیَا
    ( هي حديث مبارڪ الطبراني المعجم الڪبير ۾ البيهقي المدخل ۾ ۽ القضاعي عبدالله بن مسعود ﷦ کان روايت آندي آهي ۽ البزار، ابن عباس ﷦ کان روايت آندي آهي ۽ امام القسطلاني” المواهب اللدنيه” ۾ هي حديث آندي آهي. ته جيتوڻيڪ ضعيف آهي پر مجموعي طريقن سان قوي آهي)
    ترجمو: ٻه حريص اهڙا آهن، جيڪي ڍاپن نٿا هڪ علم جوطالب ۽ ٻيو دنيا جو طالب
    سمجهاڻي: علم نور آهي.ان جي تمنا سچي طالب ۽ عالم جي نشاني آهي.جيترو به ماڻهو علم پرائيندو. ماڻهن کي فيض ڏيڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ ويتر سندس شوق وڌندو ويندو. ان ڪري علم جي طلب هر مسلمان تي فرض آهي. پاڻ سڳورن ﷺ به علم جي واڌاري لاءِ دعا گهري آهي:
    رب زدني علما (پ 16سوره طہ آيت 114)
    ترجمو: اي منهنجا پالڻهار! منهنجي علم ۾ واڌارو ڪر.
    علم سان گڏ عمل به هجي ته سون تي سهاڳو ۽ دين دنيا ۾ ڪاميابي آهي. علم جي طلب سان الله تعاليٰ راضي ٿئي ٿو.
    دنيا جو طالب به حريص هوندو آهي. رات ڏينهن مٿا کٿا ڏئي، رت ولوڙي دنيا جي طلب ۾ پيو لوڙيندو آهي. هزار هوندا ته لکن جي لالچ، ڪروڙ هوندا ته اربن جي اڻ تڻ ۾ سرگردان پيو گذاريندو. رڳو دنيا جي طلب. باقي علم ۽ دين کان دوريءَ ۽ سرڪشي رب جي ناراضپي جو سبب آهي. ها جيڪڏهن دنيا کي ديني ۽ چڱن ڪمن ۾ خرچ ڪيو ته پوءِ فائديمند آهي.
    کامان، پچان، پڄران لڇان ۽ لوچان
    “ تن ۾ تونس پرينءَ جي پيان نه ڍاپان”
    سمنڊ منهن ڪريان، ته سرڪيائي نه ٿئي.
    (شاهه)


    لاکي لڄ کنئي

    مَنۡ یَضۡمَنۡ لِیۡ مَا بَیۡنَ لِحَمِیۡہِ وَمَا بَیۡنَ رِجۡلَیۡہِ اضۡمَنۡ لَہُ الۡجَنَّۃَ
    ( هي حديث مبارڪ امام بخاري ۽ الترمذي روايت ڪئي آهي. حسن بن سعد سڳوري هن حديث کي حسن چيو آهي.)
    ترجمو: جيڪو ماڻهو مون کي پنهنجي ٻن ڄاڙين ۽ ٻن ڄنگهن جي وچوارن عضون جي ضمانت ڏيندو، ته آئون ان کي جنت جي ضمانت ڏيندس.
    سمجهاڻي: زبان جي حفاظت جو مقصد آهي.زبان سان ڪوڙ بدوڙ، گلا غيبت، گارگند، چغلي، عيب جوئي ۽ پرائي پچار نه ڪجي. هميشه زبان سان سهڻيون ڳالهيون ڪجن. امر نهي جو پيغام پهچائجي. اها ئي اصل ۾ زبان جي حفاظت آهي.امام غزالي “احياءُ علوم الدين” ۾ زبان جي حفاظت لاءِ لکيوآهي ته:
    “ سعيد بن جبير ﷦ روايت ٿو ڪري ته نبي ﷺ جن فرمايو ته: جڏهن صبح ٿئي ٿو. تڏهن سڀ عضوا گڏجي زبان کي چون ٿا ته اسان جي بچاءَ لاءِ خدا جو خوف رکجانءِ، جيڪڏهن تون سڌيرهيئين ته اسان به سڌا رهنداسون ۽ جي تون ڏنگي ٿئين. ته اسان جو به اهو ئي حال ٿيندو.”
    اوگهڙ جي حفاظت جو مطلب هي آهي ته زنا ۽ بدڪاري کان پاڻ بچائجي. حقيقت ۾ انسان کي تباهه ڪرڻ وارا اهي ٻئي عضوا زبان ۽ اوگهڙ آهن. انهن جي جيڪو به حفاظت ڪندو ته نبي پاڪﷺ ان لاءِ وعدو فرمايو آهي ته آئون ان جي جنت جي ضمانت ڏيان ٿو. الله تعاليٰ زبان ۽ اوگهڙ جي حرام ڪارين کان سڀطني کي بچائي.
    ڀٽائي صاحب به چيو ته رسول الله ﷺ امت جو بار کنيو آهي يعني مثال طور لاکيلڄ ۽ ضمانت کنئي آهي
    “لاکي لڄ کنئ” اسان اوڏڻين جي
    ڪندو ڪانه ٻئي، اڳ وسوڙل آهيان
    (شاهه)


    ڪَليون ٿيون ڪنبن

    نُصِرۡتُ بِالرَّعۡبِ
    ( هن حديث مبارڪ کي امام بخاري روايت ڪيو آهي)
    ترجمو: منهنجي رعب جي ذريعي مدد ڪئي وئي آهي.
    سمجهاڻي:هن حديث مبارڪ صحيح بخاري جي حديث جوٽڪرو آهي نبي ﷺ فرمايو آهي ته مون کي پنج شيون اهريون مليون آهن جيڪيمون کان اڳ ڪنهن نبي کي نبي مليون آهن.
    انهن ۾ پهرين ڳالهه ته مهيني جي پنڌ تي دشمن رعب جي مدد ملي آهي يعني ايتري پنڌ تي جيڪو به دشمن هوندو. سو پاڻ سڳورن ﷺ کان نبوت جي ڏيا ۽ رعب کان پيو ڊڄندو هو.
    هڪ دفعي دشمن تلوار کڻي نبي سائين ﷺ جي مٿان اچي بيٺو. پاڻ سڳورا ﷺ ننڊ مان سجاڳ ٿيا ته نبي سائين ﷺ جي ڏيا ۽ رعب کان دشمن جي هٿ مان تلوار ڇڏائجي وئي. الله تعاليٰ پنهنجي نبي ﷺ کي دشمن جي شر کان محفوظ رکيو. پاڻ اڪيلا هوندا هئا يا لشڪر سان پر اها رعب واري غيبي مدد هميشه ساڻ هوندي هئن. دشمنن نبي سائين ﷺ کي هلاڪ ڪرڻ لاءِ هزارين سر توڙ ڪوششون ڪيون . پر سندن الله حامي مددگار هو. رعب جي مدد شامل هئي. ان ڪري الله تعاليٰ کين هلاڪت کان محفوظ رکيو.
    حديث مبارڪ ۾ باقي چار شيون هي آهن. جيڪي پاڻ سڳورن ﷺ کي مليون.
    1) سموري زمين حضور ﷺ جن لاءِ مسجد ۽ پاڪ ڪئي وئي.
    2) حضور ﷺ جن لاءِ غنيمت جو مال حلال ڪيو ويو.
    3) شفاعت جو حق پاڻ سڳورن ﷺ کي ڏنو ويو.
    4) حضور ﷺ جن ساري ڪائنات لاءِ نبي ڪري موڪليا ويا. رحمة اللعالمين !
    5) شاهه ڀٽائي به چيو ته غيبي رعدجي رڙ سان ڪليون پيون ڪنبن. اها غيبي طاقت ۽ رعب نبي سائين ﷺ کي مليل هو.
    ڪڻڪن ڪانڌ ڇت ڪئو، جهڙ پسئو جهڻڪن
    سڻيو رڙ رعد جي، “ ڪليون ٿيون ڪنبن”


    شادي ڏيندو صحت جي

    نِعۡمَتَانِ مَغۡبُوۡنٌ فِیۡھِمَا کَثِیۡرٌ مِنَ النَّاسِ اَلصِّحَۃُ وَالۡفَرَاغُ
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري ۽ ٻين ابن عباس ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: ٻه نعمتون اهڙيون آهن جو گهڻا ماڻهو انهن ۾ دوکي ۾ آهن هڪ چڱ ڀلائي ۽ ٻي واندڪائي.
    سمجهاڻي: صحت هزار نعمت آهي. صحت سلامت ماڻهو عبادت به گهڻي ڪري سگهندو آهي. جهاد ۾ به صحتمند سگهارو ماڻهو ٻين کي همت ڏياريندو آهي. صحت مند ماڻهو دين جي ڪمن ۾ ڀرپور عملي ڪوششون ڪري اجر دارين حاصل ڪندو آهي.، انڪري صحت سلامتيءَ جوقدر ڪجي. سستي ۽ ڪاهلي غفلت ۽ بيڪاري ۾ نه گڏجي. پر صحت جو قدر ڪري الله تعاليٰ جو شڪر،روزگار جو سعيو ۽ عبادت ۾ اڳرائي ڪجي. ان کان اڳ جو بيمارياچي ديرو دمائي ۽ صحت سلامت نه رهي. پوءِ رڳو خالي ڳالهين ڪرڻ مان ڪجهه نه ورندو. ان ڪري چوندا آهن ته “ جيءُ خوش ته جهان خوش”
    واندڪائي به نعمت آهي.جو زماني جي گهڻي مصروفيت ڪري عمل ڪرڻ جي توفيق گهٽ ملندي. انڪري واندڪائي جو به قدر ڪجي. رڳو ويهي ويهي وقت نه گذارجي. پر چڱن ڪمن ڪرڻ سان واندڪائي، فراغت جو فائدو وٺجي.
    جيڪو ماڻهو صحت۽ فراغت کي الله تعاليٰ جي عبادت ۽ رسول ﷺ جي اطاعت ۾ استعمال ڪندو. اهو ئي دنيا ۽ دين ۾ ڪامياب آهي. باقي صحت ۽ فراغت کي بي فرماني ۾ وڃايائين ته پوءِ اهو دوکي ۾ آهي. صحت ۽ فراغت جو هرخيال ۾ قدر ڪجي.
    شاهه ڀٽائي به چيو ته اڄ عجيب اچي تندرستي جي مبارڪ ڏيندو:
    ڌاريئي دنيا ڪارڻ دٻيون، تن جو تو نه طبيب
    ايندو اڄ عجيب، “شادي ڏيندو صحت جي”
    (شاهه)


    سو سڀوئي ڏوهه

    نَھٰی عَنۡ قِیۡلَ وَ قَالَ وَ کَثۡرَۃِ السُّؤَالِ وَ اِضَاعَۃِ الۡمَالِ وَ مَنۡعٍ وَ ھَاتِ وَ عُقُوقِ الۡاُمَّھَاتِ وَ وَادِ الۡبَنَاتِ
    ( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري ۽امام مسلم، المغيره بن شعبة ﷦ کان روايت آندي آهي.)
    ترجمو: اجاين بحثن (قيل۽قال) گهڻن سوالن ڪرڻ. اجايو مال وڃائڻ، ڪنجوسي ڪرڻ ۽ نه وٺڻ واري مال کي وٺڻ ۽ مائرن جي بي فرماني ڪرڻ ۽ ڌيئرن جي جيئري پورڻ کان نبي پاڪ ﷺ روڪيو آهي.)
    سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ پاڻ سڳورن ﷺ هنن ڇهن ڳالهين کان روڪيو آهي. انهن ڳالهين جي ڪرڻ سان گناهه ٿيندو. ان ڪري انهن سڀني گناهن جي ڪمن کان پاڻ بچائي. نبي سائين ﷺ جن قول مبارڪ تي عمل ڪجي.
    اجايو بحث مباحثا ۽ ڪوڙيون ڪچهريون نه ڪجن.
    بي فائدا ۽ بنا موقعي پڇ پڇان ۽ گهڻا سوال نه ڪجن.
    حق حلال جو مال ملڪيت، فضول خرچي ۽ گناهه جي ڪمن ۾ نه وڃائجي.
    الله تعاليٰ جي ڏنل رزق مان جائز خرچ نه ڪرڻ ۽ بخيلي کان ڪم وٺڻ کان به روڪيو ويو آهي. پرائو مال هڙپ ڪرڻ کان به منع ٿيل آهي.
    والدين جي بي فرماني ڪرڻ وڏو گناهه آهي. خاص ڪري ماءُ جي نافرماني ڪرڻ کان جهليو ويو آهي.
    عرب نياڻين کي عيب سمجهي، جيئرو پوريندا هئا. ان سخت گناهه جي ڪم يعني نياڻين مارڻ ۽ پورڻ کان به روڪيو ويو آهي.
    الله تعاليٰ سڀني مسلمانن کي سڀني گناهن کان محفوظ رکي.
    شاهه ڀٽائي به چيو ته ٻانهي کان اڪثر ڏوهه ئي ٿين ٿا. پارس لڳندو ته سون ٿبو يعني گناهه لهندا.
    ات ڪرت وارا ڪيترا، ڪرت ڪبو ڪوهه
    جيڪي بندو ڪم ڪري “سو سڀوئي ڏوهه”
    تون پارس آئون لوهه، جي سڃيين ته سون ٿيان
    (شاهه)


    پائي نيڻ نهار

    نِیَّۃُ الۡمُؤۡمِنِ خَیۡرٌ مِّنۡ عَمَلِہٖ
    هيءَ حديث مبارڪ الطبراني المعجم الڪبير ۾ سهل بن سعد ﷦ کان ۽ القضاعي انس بن مالڪ ﷦ کان ۽ عثمان بن عبدالله الشامي، النواس بن سمعان کان روايت ڪئي آهي.)
    حافظ سخاوي چيو آهي ته هي حديث ضعيف آهي. پر گهڻن طريقن سان قوي ٿي حسن لغيره آهي.
    ترجمو: مومن جي نيت سندس عمل کان ڀلي آهي.
    سمجهاڻي: اسلام ۾ هر ڪم ۾ نيت کي وڏو عمل دخل آهي. جيڪو مومن چڱي ڪم ڪرڻ جي نيت ۽ ارادو ڪري. پر ان تي اڃان عمل نه ڪري سگهيو. ته به ان کي چڱي نيت ۽ ارادي جو ثواب ملندو. سچي نيت سان عمل ڪرڻ جو به اجر عظيم ملي ٿو. ان ڪي حديث مبارڪ ۾ ارشاد نبوي آهي ته مومن جي نيت سندس عمل کان ڀلي آهي.
    شاهه ڀٽائي سر سسئي آبري ۾ اندر جي اڀياس. نيڪ نيت ۽ نيڻ نهار جي ڳالهه ڪئي آهي. جيڪڏهن سچي نيت ۽ نيڻ نهار صحيح آهي ته پوءِ تو ۾ دوست جو ديرو آهي.
    وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
    لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار
    ٿيءُ ستي ٻڌ سندرو، پرت پنهون سين پار،
    “ پائي نيڻ نهار” ته تو ۾ ديرو دوست جو.
    (شاهه)


    فائق هليا فردوس ڏي

    یَا خَیۡلَ اللہِ ارۡکَبِیۡ
    ( هي حديث مبارڪ ابو الشيخ ابن حيان ڪتاب “ الناسخ والمنسوخ” ۾ سعيد بن جبير ﷦ کان ۽ العسڪري انس بن مالڪ ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
    ترجمو: اي الڪله جا گهوڙا سوار ٿي.
    سمجهاڻي: عربي محاوري ۾ يا خيل الله گهوڙي سوپار کي چئبو آهي. گهڻو ڪري هي لفظ جهاد جي تياري ڏانهن اشارو هوندا آهن.
    امام ابن اثير” اسد الغابة في معرفة الصحابة ۾ وضاحت سان لکيو آهي ته:” هڪ دفعي رسول الله ﷺ گس سان ويا پي ته هڪ انصاري سندن سامهون اچي نڪتو. حضور ﷺ جن ان کان پڇيو ته اي حارثه تو صبح ڪيئن ڪيو؟ ان عرض ڪيو ته مون صبح هن حال ۾ ڪيو. ته آئون الله تي پڪو ايمان رکان ٿو. حضور ﷺ جن فرمايو ڏس ڇا چئي رهيو آهين.هر ڳالهه جي هڪ حقيقت هوندي آهي.
    تنهن تي ان جوان اصحابي عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ﷺ منهنجي دل دنيا کان بيزار ٿي پئي آهي. سڄي رات جاڳندي گذاريندو آهيان ۽ سڄو ڏينهن اڃيو رهندو آهيان. ڄڻ آئون پنهنجي پروردگار جو عرش ظاهر ظهور ڏسي رهيو آهيان ۽ جنت وارن کي به ڏسان پيو ته هڪ ٻئي سان ملي رهيا آهن. دوزخين کي به ڏسان پيو ته دوزخ ۾ دانهون پيا ڪن.
    نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته هن ڳالهه تي قائم رهه. تون اهڙو ٻانهو آهين جو الله تعاليٰ ايمان کي تنهنجي دل ۾ روشن ڪري ڇڏيو آهي.
    ان تي هن جوان اصحابي عرض ڪيو ته يا رسول اللهﷺ منهنجي لاءِ شهادت جي دعا گهرو.
    پوءِ رسول الله ﷺ ان لاءِ شهادت جي دعا گهري. هڪ دفعي اعلان ڪري سوارن کي سڏيو ويو. سڀني کان پهريان جيڪو گهوڙي سوار جنگ لاءِ سڏ تي سنبري آيو. اهو اهو ئي اصحابي ( حارثه) هو. لڙائي ۾ سڀني کان اول جيڪو گهوڙي سوار شهيد ٿيو. سو اهو ئي (حارثه) اصحابي هو.
    جڏهن هن جي شهادت جي خبر سندسماءُ (ربيع ڌي نضر) کي ملي. ته هوءَ نبي پاڪ ﷺ وٽ آئي ۽ عرض ڪيو:
    يا رسول الله ﷺ منهنجو پٽ (حارثه) جنت ۾ هجي ته نه روئان. صبر ڪريان جيڪڏهن دوزخ ۾ هجي ته جيسين حياتي (ڏک۾) روئندي رهان.
    ان تي رسول الله ﷺ فرمايو اي ام حارثه تنهنجي پٽ لاءِ هڪ جنت نه پر گهڻيون جنتون آهن ۽ حارثه جنت الفردوس ۾ آهي.
    پاڻ سڳورن ﷺ جي اها خوشخبري ٻڌي ان جي ماءُ خوش ٿي کلندي واپس ٿي ۽ چوندي پي وئي ته اي حارثه توکي مبارڪ هجي.
    الله جي راهه ۾سر ڌڙ جي بازي لڳائي ۽ گهوڙن تي سوار ٿي جنگ ڪرڻ. غازي ٿي موٽڻ يا شهيد ٿي وڃڻ وارن جو اهو ئي شان ۽ مرتبو مانُ آهي. جيئن نبي ڪريم ﷺ اڳ ۾ ايندڙ گهوڙي سوار حارثه اصحابي سڳوري جي ماءُ کي جنت الفردوس جي مبارڪ ڏني.
    سوري آ سينگار، اصل عاشقن جو،
    مڙڻ موٽڻ مهڻو، ٿيا نظاري نروار
    ڪسڻ جو قرار، اصل عاشقن جو
    (شاهه)
    *
    جنت سندين جوءِ، “فائق هليا فردوس ڏي”
    فاني ٿيافي الله ۾ ، هو سين ٿيا هوءِ
    رب ڏيکارئين روءِ، انهن جي احسان سين
    (شاهه)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343828
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ