ڪتاب جو نالو: مرڻ مون سين آءُ
مصنف: سراج الحق ميمڻ
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1988
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 19 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1140 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 530 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ناول جي ڪھاڻي ساڳي سنڌ جي آھي، جيڪا ” پڙاڏو سوئي سڏ “ ۾ ھئي. پر اوھان کي سڏ به بدليل ملندو، ۽ سڏ جو پڙاڏو به مختلف لڳندو. ڪيئن نڀايو اٿم، سو اوھان تي ڇڏيل آھي. رسول بخش پليجو جي چواڻي جيڪڏھن سراج ” پڙاڏو......“ نه لکي ھا ته کيس اسين رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيون ھا. الائجي ھاڻ سندس ڪھڙي راءِ بيھندي.
هن ناول جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ شاهنواز سومري ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • ٻه اکر
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • 23
  • 24
  • 25
  • 27
  • 28
  • 29

  • ارپنا

    اَرپيان ٿو
    سِنڌ جي وَريامَن کي

    سِراج


    ٻه اکر

    ” مرڻ مون سين آءُ“ لکڻ وقت آءٌ اڃا جوان مڙس ھوس. ماڻھو چون ٿا ته ھاڻ آءٌ ڪراڙو ٿي ويو آھيان. ان ڪري ممڪن آھي ته مون کي ايترا سال اڳ لکيل ڪتاب سان سٻنڌ جھڪو ٿي ويو ھجي. ايئن ڪونھي. سنڌ جي تاريخ به پيرسن آھي، پر انھيءَ پيرسنيءَ جي باوجود اسان لاءِ، مون لاءِ ايتري ئي اھم آھي، ايتري ئي پياري آھي، جھڙي اُن وقت ھئي جڏھن جوان ھئي.
    ڏک رڳو اھو اٿم ته جياپي جي جنگ ۾ اجائي مصروفيت جي بھاني ڪتاب دير سان پيو ڇپجي. اھا به شابس آھي فيروز احمد کي جنھن تڙ ڀيڙ ڪري مون کان نقل ڪرائي ڇپائي وڌو آھي. نه ته اڃا الائجي ڪيترا وڌيڪ سال پيو ھجي ھا.
    ڪھاڻي ساڳي سنڌ جي آھي، جيڪا ” پڙاڏو سوئي سڏ “ ۾ ھئي. پر اوھان کي سڏ به بدليل ملندو، ۽ سڏ جو پڙاڏو به مختلف لڳندو. ڪيئن نڀايو اٿم، سو اوھان تي ڇڏيل آھي. رسول بخش پليجو جي چواڻي جيڪڏھن سراج ” پڙاڏو......“ نه لکي ھا ته کيس اسين رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيون ھا. الائجي ھاڻ سندس ڪھڙي راءِ بيھندي.

    سِراج


    1

    ” ڪچھريون قائم! بادشاھي برقرار!“ سڀ نظرون اوپري ماڻھوءَ جي مُنھن ۾ سڃاڻپ ڳولڻ لڳيون. جيڪو ماڻھو ”بادشاھي برقرار“ جو سلام ورھائي، سو پنھنجو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ سانوڻ خاص طرح اوپري ماڻھوءَ جي مُنھن ۾ گھور پائي ڏسڻ لڳو. ھن جو ويساھه ھاڻي ڪنھن ۾ به ڪونه ھو. ان کان اڳي جو سانوڻ ڪو ارڏو جواب ڏئي، ڪنھن ڏاڍيان چيو: ” ابا، ڀلي ڪري آئين! “ ھڪ پيرسن سانت کي ٽوڙيندي سلام جي جواب ۾ چيو. پر ھن جي آجيان ۾ نه پنھنجائپ ھئي، نه گرمجوشي.
    ” آءٌ مسافر آھيان، رات جا چار پھر گذاري ھليو ويندس؛ پريان باھڙي ڏٺم ته لڙي آيس. پنڌ پري اٿم ۽ ٻڌو اٿم ته ھن ٻيلي ۾ رات وڳڙي لنگھڻ جوکم کان خالي ڪونھي. “
    سانوڻ کان پوءِ به رھيو ڪونه ٿيو، ۽ رکائيءَ مان چيائين: ” ڪير مڙس آھين ۽ ھت ڪيئن آيو آھين؟ “
    مسافر پھرين ته ڪو جواب نه ڏنو، پر پوءِ ڄڻ ته ھن کي پنھنجي پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي ۽ ھن ڀڙڪو کاڌو:
    ” چيم نه ته آءٌ مسافر آھيان: رات جا چار پھر گذاري ھليو ويندس. ڀلا جي اوھان کي ڪو اعتراض ھجي ته پوءِ وري ڇڪيان پنڌ کي! “ ائين چئي مسافر وڃڻ لاءِ مڙڻ لڳو.
    پيرسن وري به ڌيرج سان چيو: ” ابا، اسان وٽ گھر آئي مھمان تي ڪنھن کي به اعتراض نه ھوندو آھي، ۽ رات جو وڳڙو آھي. تو پاڻ چيو ته ھن ٻيلي مان رات جو مسافري جوکم واري آھي. ھمراھه ته توکان رڳو سڃاڻپ ٿي ڪرائي؟ پر ڀانئجي ٿو ته توکي سڃاڻپ تي به اعتراض آھي! “
    مسافر گھڙيءَ لاءِ چپ ٿي ويو. ھن پنھنجي آس پاس تي نظر وڌي: ڏھاڪو مڙسن جو، ڪانڀون ٻڌيو، باھه جي چوڌاري، گول دائري ۾ ويٺو ھو. ٽانڊن جي ھلڪي جوت ۾ سندن منھن به ٽانڊاڻن جيان ڳاڙھا ٿي لڳا. رکي رکي وڻن جي جُھنڊ منجھان ھوا جا سوساٽ ٿي آيا، ۽ ٽانڊاڻن جي جوت جھڪي ٿيڻ ٿي لڳي، ۽ ماڻھن بدران پاڇولا نچڻ ٿي لڳا. ھن کي اھا ڳالھه به ياد آئي ته جڏھن ھو ٻيلي ۾ داخل ٿيو ھو ته چٻري چيٽ ڪئي ھئي. وري جڏھن باھه جو دئو ڏٺو ھئائين تڏھن به چٻري جي چيٽ جو آواز ڪنن تي پيو ھئس. ۽ جڏھن ھو ويجھو پھتو ھو، تڏھن به ويٺل ماڻھن مان ڪوبه اُٿي نه بيٺو. ان جو ھڪڙو ئي مطلب ٿي ٿو سگھي ته ھنن ھمراھن کي اڳي ئي چِتاءُ ھو ته ڪو اوپرو ماڻھو ٻيلي ۾ داخل ٿيو ھو: اھي سموريون ڳالھيون کن پل ۾ مسافر جي دماغ ۾ گھمي ويون. ھي ڪي عام رواجي ماڻھو نه ھئا. لاشڪ ھي ئي ٻيلي جا شاھينگ ھئا، جن ملڪ ۾ ٿرٿلو وجھي ڇڏيو ھو ۽ ڏکڻ کي اتر کان ڌار ڪري ڇڏيو ھو.........پر ھي مُٺ جيترا ماڻھو شاھي لشڪر کان ڪيئن بچي سگھيا ھئا، جن ٻيلي جي وڻ وڻ جي سار لڌي ھئي......... متان ھي به واقعي مسافر ھجن، پر چٻري جي چيٽ.........
    مسافر ڪجھه سوچي جواب ڏنو: ” سڃاڻپ وطن سان ٿيندي آھي: منھنجو ڪو وطن ڪونھي! “
    ھيءُ جواب نه ھو، ڄڻ ته چھبڪ ھو، جنھن جي شپڪي جو آواز ڪافي دير ھوا ۾ ٽنگجي بيھي رھيو. انھيءَ چھبڪ جو ڏنگ سڀني محسوس ڪيو، پر سانوڻ ائين ڀانيو ڄڻ ته چھبڪ سندس دل کي ڏنگي ويو ھو. ھو اٿي بيھي رھيو، ۽ مسافر کي ڀاڪر پائي، وڏي سڏ چيائين:
    ” ادا، مون کي بخش ڪجانءِ! منھنجو مطلب توکي رنجائڻ نه ھو! “
    ” ڀائو، آءٌ رنج ڪونه ٿيو آھيان......... پر جيئن اوھان ويساھه وڃائي ويٺا آھيو، تيئن آءٌ به ويساھه وڃايل آھيان! “

    سڀني سان کيڪر ڪري، مسافر به ڪانڀ ٻڌي ويھي رھيو. سانوڻ به ساڻس گڏ ويھي رھيو. مسافر خود ئي ڳالھه چوري: ” ڀائو، نالو دلاور اٿم، ذات جو پنوھر آھيان. وينجھرڪي وسينءَ جو ويٺل آھيان. دريا جي ڪپ تي پنھنجو ٻنيءَ جو ٽڪر ھئم: سکيو ٽڪر ته نصيب ڪون ھو: ھر لاباري تي مغل اچي پنھنجو اڌ کڻي ويندا ھئا. جيڪي بچندو ھو، تنھن مان ڏکيا سکيا ڏينھن پيا گذرندا ھئا. دين دنيا ۾ ھڪڙي نياڻي ھيم، جنھن کي ڏسي پيا جيئندا ھئاسون.....“
    مسافر جي ڳچيءَ ۾ ڄڻ ڳنڍ پئجي وئي. سڀني محسوس ڪيو ته مسافر پنھنجي دل کي ڪوري چچري پيو ڳالھائي. ٿڌو شوڪارو ڀريندي مسافر پنھنجي ڳالھه اڳتي وڌائي: گذريل سانوڻ ۾ اسان جي ڳوٺ ڌاڙو لڳو، آءٌ ٺٽي ويل ھئس. موٽي آيس ته گھر ۾ ڪاريءَ وارا ڪک ھئا. منھنجي گھر واري ڀالَن جو بک ٿي ويئي، ۽ منھنجي نياڻيءَ کي شاھينگ پاڻ سان گڏ زوريءَ کڻي ويا. منھنجي ته دنيا ئي اوندھه ٿي وئي. عامل وٽ دانھين ٿي ويس. عامل خط ڏيئي ٺٽي موڪليو. امير وٽ دانھن پھچائڻ ۾ ئي مھينو لڳي ويو. پوءِ ھلي تفتيش: ڳوٺ وارن مان ڪن چيو ھو، ” شاھينگن جون ٻُٽون ٻڌل ھيون، انڪري پڪ نه ھئي ته ڌاڙي ۾ اصل جوابدار ڪير ھئا: پر ھنن وڃڻ مھل ٺٽي جي امير جو نالو اھڙي نموني ورتو ھو جنھن مان گمان ھو ته ڪي مغل سپاھي ھئا!
    ” آخر تفتيش کان پوءِ مون کي چيائون ته ڌاڙو سانوڻ جي ٽولي ھنيو ھو. شاھي لشڪر اڳي ئي سندن ڪڍ ھو، ۽ جڏھن ٽولو جھليو، تڏھن منھنجي نياڻي مونکي پھچائي ڏيندا! “

    سانوڻ جو منھن ٽامڻي ھڻي ويو. ڪا گھڙي ڪنھن ڪونه ڳالھايو. پوءِ سانوڻ چيو: ” مغل ڪميڻا ڪوڙ ٿا ڳالھائين، سانوڻ جي ٽولي ۾ اڃا ڪو اھڙو بي غيرت نه ٿيو آھي جو پنھنجي ئي نياڻين ۾ ھٿ وجھي! “ سانوڻ جي لفظن ۾ باھه جون ڄڀيون اُلر ڪري آيون، ۽ سڀني کي انھن جو سيڪ ٽانڊاڻن کان به وڌيڪ محسوس ٿيو. دلاور کي به ھڪ اڄاتو ڊپ ويڙھي ويو. مڄاڻ ھي به ڪي سانوڻ جا ساٿي ھجن، پوءِ ته ھن جي پنھنجي سر جو به خير ڪونه ھو. ھن سانوڻ ۽ سندس ساٿين بابت ٺٽي ۾ جيڪي ڳالھيون ٻڌيون ھيون، تن کي ياد ڪري ھن جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي. مغلن جڏھن سانوڻ جي ڳالھه ٿي ڪئي، تڏھن سندن منھن تي ڪاوڙ، نفرت ۽ ڊپ جا اھڙا آثار ٿي پيدا ٿيا، جن ھنن کي بدصورت بڻائي ٿي ڇڏيو. البت اھا عجيب ڳالھه ھئي ته ڪنھن به سنڌيءَ جي واتان ھن سانوڻ يا سندس ساٿين جي باري ۾ ڪجھه به نه ٻڌو ھو. پاڻ اھي سرگوشيون سندس ڪنن تي پيون ھيون ته ٺٽي جا مدرسا، مسجدون ۽ يتيم خانا سانوڻ ۽ سندس ساٿين جي مدد تي پئي تڳيا. ھن اھو به ٻُڌو ھو ته ٺٽي شھر ۾ ڪيترا گھر اھڙا ھئا، جن کي ھر مھيني خرچ پکو ڪي اوپرا ماڻھو ڏئي ٿي ويا، جن لاءِ چيو ٿي ويو ته اھي سانوڻ جا ماڻھو ھئا.
    مسافر ھٻڪندي چيو: ” ادا، منھنجو مطلب سانوڻ يا سندس ساٿين جي مَٺائي ڪون ھو. مون ته رڳو اھا ڳالھه چئي، جيڪا ٺٽي جي مغلن ٿي ڪئي......“

    سانوڻ کيس دلداري ڏيندي چيو: ” ڀائو، سانوڻ جي نالي کڻندڙ مغلن جا ٻه مقصد حل ٿا ٿين: ھڪڙو ته پاڻ جيڪي ڌاڙا ھڻن، ڦرون ڪن، سي کين ڦٻيو وڃن، ۽ ٻيو ته سانوڻ ۽ سندس ساٿين لاءِ سنڌين جي دل ۾ نفرت پيدا ٿئي ٿي. خير باقي رھي تنھنجي نياڻيءَ جي ڳولا ، ان جو به ڪو بلو ٿي پوندو. ھاڻ تون ڀلي آرام ڪر، سڀاڻي نئين سج، نيون ڳالھيون! “

    سانوڻ جي اشاري تي ھڪڙو ماڻھو اٿي بيٺو، ۽ گھڙيءَ کانپوءِ فراسي، وھاڻو ۽ رلي کڻي آيو، ۽ اتي ئي باھه کان ٿورو پرڀرو مسافر کي وڇائي ڏنائين. مسافر ڪو وقت پريان ويٺل ھمراھن کي اوندھه مان گھوريندو رھيو. ھن کي سمجھه ۾ نه آيو ته ھي ھمراھه ڪير ھئا، ھت ٻيلي ۾ ڪٿي ٿا رھن. ضرور وٽن ڪا اھڙي جاءِ آھي جتي کاڌي پيتي کانسواءِ ھنڌ بسترا موجود آھن! ۽ ھي ھمراھه ڪير ھو، جنھن ساڻس ائين ٿي ڳالھايو ڄڻ ته ھو سندس ورھين جو ڄاڻو سڃاڻو ھو. ڪيڏي مھل سندس ڳالھائڻ ۾ تلوار واري ڌار ھئي ته، ڪيڏيءَ مھل ماکيءَ کان به مٺو ھو. ۽ سندس ساٿي سندس اڳيان ڪيئن نه سانت ۾ ھئا. متان ھي سانوڻ جا ڪي ساٿي ته نه ھئا! پر جي سانوڻ جا ساٿي ھجن ھا ته ھن کي جيئرو ڪيئن ڇڏين ھا، يا وري کيس پاڻ وٽ ڪيئن ٽڪائين ھا! ۽ اوچتو مسافر کي ڊپ ورائي ويو ته پڪ ئي پڪ سمھڻ کانپوءِ کيس ڪُھي ڇڏيندا. اھو خيال ايندي ئي ھن جي ننڊ پَر ڪري اڏامي ويئي، پر پوءِ رفته رفته جيئن جيئن رات ڀڄندي وئي، ٺرندي ويئي، تيئن تيئن ھن جون اکيون ننڊ کان ڳريون ٿينديون ويون، ۽ ھن کي الائي ڪيڏي مھل ننڊ اچي ويئي•


    2

    سانوڻ جڏھن به ٺٽي ايندو ھو، تڏھن سندس دل ڳري ڳري محسوس ٿيندي ھئي، پوءِ کڻي سوين دفعا ٺٽي آيو ھجي......... ٺٽو، جنھن جي نالي سان ڄڻ سندس روح جڙيل ھو: ھي ٺٽو ئي ته ھو جنھن جي گھٽي گھٽيءَ ۾ سندس وڏي چاچي سوڍي جو نالو ٻُرڻ لڳندو ھو، اڄ به پوڙھا پڪا مغل سوڍي جو نالو ٻڌي ڪنبي ويندا ھئا. سوڍي جي نالي تي ڪئين ڏند ڪٿائون ٺھي پيون ھيون. سوڍي جي ساٿي ھئڻ جي شڪ ۾ سوين شاگردن ۽ استادن کي ٺٽي جي چونڪن ۾ ڦاھيون ڏنيون ھئائون! ھو اھي داستان ٻڌي ٻڌي وڏو ٿيو ھو: ھن جي اکين جي اڳيان اڄ به سوڍي ۽ سنگھار جون شڪليون پنھنجي سموري شجاعت ۽ سورھيائيءَ سان روشن لاٽ جيان بکنديون ھيون. سندس پيءُ جيسين جيئرو ھو، تيسين سندس چپ چپات کي فقط سوڍي يا سنگھار جو نالو ئي ٽوڙي سگھندو ھو: ھن کي صديون اڳ اھو ڏينھن ياد آيو، جڏھن سيوھڻ واري معرڪي کانپوءِ سوڍي جو لاش ڳوٺ پھتو ھو تڏھن ائين ٿي ڀانيو ته سموري سنڌ اٿلي پئي ھئي. مغلن کي اھو اچي ڀؤ ٿيو ھو ته ھي ھزارين ڪانڌي متان وري ڪا نئين بغاوت ڪن. ھن ماتم جا ڪئين رنگ ڏٺا: ٻڍڙا جھور پوڙھا ھن جي لاش اڳيان لنگھڻ وقت ڄڻ ته مرشد جي پيرانديءَ کان ٿي لنگھيا، جنھن ڏانھن سندن عقيدت ڳوڙھن جي روپ ۾ سندن ڏاڙھين کي ڀنڀولي ٿي ويئي. وچوليءَ عمر وارا ۽ جوان ٽمندڙ اکين سان، خاموش، مھبوت، اوچي ڳاٽ لنگھي، ھن جي پيراندي چُمي، ڄڻ ته ڪو عھد ڪندا ٿي ويا. ھن جي دفن ڪرڻ وقت ھزارين اوڇنگارون اُڀ کي وگھارينديون ٿي ويون!
    پر ھن کي اھو منظر به ياد آيو، جڏھن ھن جو پيءُ سوڍي جو آخري ديدار ڪرڻ لاءِ کٽ ڏانھن وڌيو ھو. ھن جي اکين ۾ لڙڪ نه ھئا، ھن ڪوبه سڏڪو نه ٿي ڀريو: سانوڻ جو ھٿ جھلي، سوڍي جي اکين تان گھمائي، کيس مخطب ٿي چيائين، ” سانوڻ، شل توکي به ھھڙو سورھيه موت نصيب ٿئي! “

    ۽ پوءِ ھن جو پيءُ جيسين جيئرو ھو، تيسين کيس سوڍي جون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو، سنڌ جون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو، ٺٽي جو ڳالھيون ٻڌائيندو ھو، ۽ دادن جون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو، جنھن کي ھيبت خان پاڻ سان گرفتار ڪري آگري وٺي ويو ھو؛ سنگھار جون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو جنھن جي خبر نه پيئي ھئي ته ڪٿي ھو!

    ۽ اڄ ھو وري ٺٽي اُسھيو ھو ته ھن کي اھي سموريون ڳالھيون ياد اچي رھيون ھيون. اُن ڳالھه کي ٽيھه ورھيه ٿي ويا ھئا. ھاڻ ته سانوڻ جي عمر به اچي موٽ کاڌي ھئي. ٺٽي جي عمر به موٽ کاڌي ھئي: ارغونن، ترخانن جي حڪومت بدران ھاڻ دھليءَ کان مغلن جي حڪومت ھلندي ھئي. پر سنڌ وارن لاءِ- ٺٽي، سيوھڻ، چانڊڪا، سکر ۽ اروڙ وارن لاءِ ڪو فرق ڪونه پيو ھو. جي ڪو فرق پيو ھو ته اھو ته رفته رفته ماڻھن ۾ ھڪ ڳھر، ڪا ننڊ ڇائنجندي ٿي ويئي ڄڻ ھنن ڪجھه به ياد ڪرڻ نه ٿي گھريو! ايئن به نه ھو ته ڪا سنڌ ۾ ماٺ ٿي وئي ھئي. اڄ به راتاھا ايندا ھا، ننڍيون وڏيون بغاوتون ٿينديون ھيون، پر انھن ۾ اھا ڳالھه نه ھئي جيڪا اڳي ٻڌبي ھئي. ماڻھن ۾ ھڪ عجيب اڻ ڄاڻائي، ڪسمپرسي ۽ بيوسي اچي وئي ھئي. سڀڪو پنھنجي کَل بچائڻ جي فڪر ۾ ھو. اُن کل بچائڻ ۾ ڪيترا سنڌي مغلن وٽ پاڻ وڻائڻ لڳا ھئا. انھيءَ پاڻ وڻائڻ ۾ ڪوبه نقصان نه ھو، فائدو ئي فائدو ھو: ھونئن جيڪا ڳالھه چغلخوري سمجھبي ھئي، سا عادت بڻجندي ٿي ويئي. مغلن جي نوڪري ڪرڻ ۾ ھاڻ ڪو عيب ڪونه سمجھيو ويندو ھو. مغلن جي مخبري ڪرڻ تي ڪن کي واپار وڙي ۾ فائدو ٿيڻ لڳو ھو ته ڪن کي جائدادون ۽ جاگيرون ملڻ لڳيون ھيون. ھڪڙن جي جائدادن ۽ جاگيرن کي ڏسي، ٻيا انھن جي ٽَنگ ڇڪڻ ۾ مصروف ھئا. اڳي مغلن کي سڱ ڏيڻ گناھه کان گھٽ نه ھو، ۽ ھاڻ ڌام ڌوم سان سڱ ڏنا ويندا ھئا. مدرسن ۾ ڪيترا عالم سنڌيءَ بدران فارسيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳا ھئا، ۽ اھڙيون محفلون مچڻ لڳيون ھيون، جتي فارسي شاعريءَ جو داد حاصل ڪرڻ لاءِ پئسا ڏنا ويندا ھئا. امير جي درٻار تائين رسائي حاصل ڪرڻ ڄڻ ته ھڪ ڪاروبار ٿي پيو ھو، ۽ چڱا، ڏسڻا وائسڻا ماڻھو ڪنھن مغل جي دوستيءَ جو دم ڀرڻ لاءِ دعوتون جھليندا ھئا. پنھنجي اولاد کي فارسيءَ جي تعليم ڏيارڻ لاءِ دھلي ۽ آگري موڪليندا ھئا ته جيئن مغلن جي درٻارين ۾ ڪا نوڪري ملي وڃي. ٽيھن سالن ۾ سنڌي ماڻھن جو نقشو ئي بدلجي رھيو ھو: ھاڻ آزادي ۽ غلاميءَ جي ڳالھه ڪنھن به ڪرڻ نه ٿي گھري. ھاڻ جيڪڏھن ڪنھن ارڏي اڙٻنگ ماڻھوءَ سنڌ جي ڳالھه ٿي ڪئي ته ھن کي اھو چئي چپ ٿي ڪرائي ويئي ته سنڌ ھاڻ اسلامي سلطنت جو ھڪ صوبو ھئي، ان جي آزاديءَ جي ڳالھه ڪرڻ اسلام جي خلاف آھي. سنڌ ته باب الاسلام ھئي، ۽ ھاڻ مٿس سچن پچن مومنن جي حڪومت ھئي. انھن جي مخالفن تي اسلامي تعزيرون لڳنديون ۽ کين اھا سزا ملندي جيڪا سزا مرتد جي ھئي. ايئن ماڻھو ڦاھيون چڙھندا رھيا؛ اھي وعظ به ٻڌندا رھيا، ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري، ڪلما پڙھندا، ڇڙوڇڙ ٿيندا رھيا!
    اندر سنڌ ۾ مغلن جا ڪٽڪ، مغل ۽ اسلامي سلطنت جي نالي تي، ھر شيءِ ڦٻائڻ جو ڪاروبار ڪري رھيا ھئا. ڪنھن وٽ ڪو ڀلو وھٽ ڏٺائون ته شھنشاھه جي اصطبل جي نالي ۾ اھو وھٽ به ضبط ته قيمت کان به آڱوٺو. ھر دڪاندار کي عامل امير ۽ شھنشاھه جي نالي تي ٽٿ، چوٿ ۽ ڏھائي ڏيڻي ٿي پئي. ساڳي ڳالھه زمينن سان ھئي: فصل پچي راس ٿيندو ھو ته عامل جا عملدار اچي سھڙندا ھئا. اڌ بٽئي شھنشاھه جي نالي تي، چوٿين پتي امير جي، ۽ ڏھون حصو عامل جي نالي ڍوئي ويندا ھئا. ماڻھن اَن اُپائڻ کان بان ڀري ڇڏي ھئي. مالوند ماڻھن مال رکڻ ڇڏي ڏنو ھو. ايترو اُپائيندا ھئا جو پنھنجن ٻچن جو قوت ٿئي ۽ باقي وڪڻي، ڪو وکر وٺي سگھن. ٽيھن سالن ۾ ڀليون زمينون ڀينگ ٿي ويون ھيون. البت جاگيرن تي ڀلا فصل ٿيندا ھئا، مال به مَيا ھوندا ھئا. ھَرَ ھاريءَ کي کائڻ جيترو اَن ملندو ھو. مال سنڀاليندڙ کي سال جو قوت ملندو ھو. ھزارين زمينن جي مالڪن، مغل حاڪمن کي پنھنجون زمينون ڀڳڙن مُٺ تي وڪڻي ڇڏيون ھيون، ۽ پاڻ ھَرَ ھاري ٿي ويھي رھيا. ٽيھن سالن اندر ھر ٽئين سال اھڙو ڏڪر ٿي پيو جو الله پيو پناھه ڏي. ھزارين ڪٽنب ڪڇ، ڪاٺياواڙ، جيسلمير، ملتان ويندي دکن تائين لڏي ويا. ” جنھن وطن ۾ سک نه ھجي، سو وطن ئي گھوريو “. اھا ھڪ عام چوڻي ٿي ويئي. ان جي برعڪس مغلن جا ڪٽڪ اچي لھندا ھئا. شھنشاھه جي درٻار ۾ سفارشون ۽ رشوتون ھلنديون ھيون ته سنڌ ۾ ڪا ننڍي وڏي نوڪري ملي. پنجن سالن اندر رشوت کان ھزارين دفعا وڌيڪ مال متاع گڏ ڪري دھلي، آگري، لاھور موٽندا ھئا. ڪي ته زمينون خريد ڪري زميندار بڻجي ويھي رھندا ھئا. سنڌ جو ھاري سڀ کان سستو پوندو ھو. سنڌ جو پورھيت به سڀ کان سستو: مار موچڙو ڪر ته ڪم ۾ جامڙد- اھا ڳالھه دھليءَ تائين مشھور ھئي ته سنڌي فقط موچڙي سان سڌا آھن!
    سنڌ جي صورت ئي بدلجي ويئي: سنڌ جا سھڻا ملوڪ شھر ۽ ڳوٺڙا ويران ٿيندا ويا. ڀلا شھرن ۽ ڳوٺڙن سان ڪنھن کي محبت ھجي ته سندن اونو به ڪنھن کي ھجي. ميڙا ملاکڙا بند ٿيندا ويا. ڳائڻ وڄائڻ فقط درٻاري ميراثين تائين محدود ٿي ويو. ناٽڪ ۽ ڀڳتون فتوائن جو شڪار ٿينديون ويون. ماڻھن مان مِٺ محبت موڪلائيندي ويئي.
    سانوڻ اھو سڀ ڪجھه سوچيندي ٺٽي پھتو ھو. ٺٽي ۾ ھونئن ته ھو چاچي علوءَ جي مسافرخاني ۾ اچي ترسندو ھو. چاچو علو جيسين جيئرو ھو، تيسين وٽس وڃبو ھو ته رڳو سوڍي جا ڳڻ ڳائيندو ھو، سنڌ جي ڪا ڳالھه ڳجھارتن جي انداز ۾ کڻندو ھو، ۽ پوءِ روئڻ ۾ اچي پوندو ھو؛ مرحيات مري ويو، پر ڪنھن ارغون، ترخان يا مغل کي مسافرخاني ۾ ترسڻ نه ڏيندو ھو- پر سندس مرڻ کانپوءِ سندس نينگر بلاول مسافرخاني کي رڳو روزگار جو وسيلو ڪري ڪم آڻيندو ھو. سانوڻ لاءِ پوءِ به سڀني کي ڪا اُنسيت ھئي. ھرڪو کيس ڏسي ڄڻ اکين ئي اکين ۾ چوندو ھو ته سوڍي ۽ سنگھار وارن جو ڇوڪرو آھي! اڄ اھو ڇوڪرو پاڻ اچي اڌروٽ ٿيو ھو، پر مسافرخاني ۾ کيس اھائي عزت ملندي ھئي. البت مسافرخاني ۾ مغلن جو به ميڙو متل ھوندو ھو جيڪي ڪٿان ڪٿان ڪھي اچي رات جا چار پھر ڪاٽيندا ھئا. علوءَ جي مسافرخاني جي اڇي ماٽي به مشھور ھوندي ھئي. جيڪو ھڪڙو ڀيرو اھو مڌ پي ويو، سو وري ڀيرو نه ڀڃندو!
    پر سانوڻ اتي نه ترسيو. رڳو بلاول کي پنھنجي گھوڙيءَ جي پارت ڪري ويو. بلاول ڪميت کي وٺي جڏھن ڪُڙھه ۾ داخل ٿيو، تڏھن ڪميت پنھنجي مالڪ بنان اھڙي بي چين ٿي ويئي جو جھل ئي نه پئي ڏي. سانوڻ جيسين خود اچي کيس ٿپڪي ڏيئي توبرو نه ڏئي ويو، تيسين سنج لاھڻ نه ڏنائين. سانوڻ درياھه جو ڪپ ڏيندو، ترخانن جي محلي ۾ داخل ٿيو. ان محلي ۾ ھڪڙو به سنڌي گھر نه ھو. يا ترخانن ۽ ارغونن جا سپاھي رھندا ھئاجن جا ننڍا ننڍا ڪشادا گھر ھڪ ٻئي سان ڀِتو ڀت ڳنڍيل ھئا، يا انھن کان اڳتي مغل عاملن جون چؤحويليون ھيون. اھي چؤحويليون دراصل چئن حويلين کي ڳنڍي ٺاھيون ويون ھيون: ھڪڙي مردان خانو، ٻي زنانخانو، ٽين مھمان خانو ۽ چوٿين چوبخانو جتي محافظ، چوبدار ۽ حوالدار رھندا ھئا. اھي حويليون اصل ۾ ارغون ۽ ترخان سردارن جون ھيون ۽ جڏھن سنڌ اڪبري سلطنت ۾ گڏجي ويئي، تڏھن ارغون ۽ ترخان رفته رفته جاگيرون ھٿ ڪري سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آباد ٿيندا ويا. فقط غريب سپاھي رھجي ويا سي مغل لشڪر ۾ شامل ٿي ويا. اھي اڪثر رات جو چوريون ڪندا ھئا، يا چنڊو خانا ھلائيندا ھئا. مغل عاملن ۽ سردارن لاءِ ڪنيزون ۽ غلامن کي ڦاسائي آڻيندا ھئا. ڪالھه جا حاڪم اڄ جا ڀڙوا ۽ داداگير بڻجي ويا ھئا!
    سانوڻ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريندو، ھڪڙي گھر اڳيان اچي بيھي رھيو. ڪڙو کڙڪائڻ بدران، ھن ھلڪي سيٽي وڄائي، ڄڻ ته ڪو لنگھندڙ پکي پنھنجي ولر کي آواز ڏيندو ھجي. گھري ڪانه گذري ته ھڪڙي پوڙھي شخص دروازي مان منھن ڪڍيو ۽ سانوڻ کي ڏسي ھڪدم دروازو کولي ڇڏيائين. پوڙھي شخص سانوڻ کي ڏسي اھڙي ڏيکائي ڏني، ڄڻ ورھين جي واقفيت ھجيس. سندس وات مان ڪِني انگوريءَ جي ڌپ پئي آئي. سانوڻ کيس کيڪاريو به ڪونه ۽ رڳو ايترو چيائين ته ” ارسلان بيد آھي؟ “
    ” تنھنجي لاءِ نه ھجي ته به حاضر ٿي ويندو. تون اندر ته اچ، ٻاھر ڇو بيٺو آھين؟ “
    سانوڻ اندر ھليو آيو. اندر گھڙڻ سان ڪِني انگوريءَ جي بانس سانوڻ جي ذھن ۾ چڙَ پيدا ڪرڻ لڳي. دالان ٽپي، ورانڊي جي ڄارين واري دروازي کان اندر ڌوڪيندو ويو. ورانڊي جي سامھون ئي ٻه دروازا ھئا. ھڪڙي دروازي منجھان دارونءَ جي بانس جا ڀڀڪا اچي رھيا ھئا. ان دروازي کي ڇڏي، سانوڻ ٻئي دروازي کي ڌڪو ڏنو.
    سامھون ھڪ ٿلھو متارو شخص اڌ ليٽيل ھو، ۽ ھڪڙو ڳڀرو ڇوڪرو سندس ھنج ۾ ليٽيل ھو. سامھون ميز تي اڇي انگوري بلوري صراحيءَ ۾ پيل ھئي، ۽ ھڪڙو جام اڌ ڀريل رکيل ھو. سانوڻ کي ڏسي ڳڀرو ڇوڪرو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو ۽ کٽ کان لھي، ڪورنش ڪري ھٿ ٻڌي بيھي رھيو. ليٽيل شخص به اٿي بيٺو.
    ” سردار خان، تون ڪيئن؟ “ ماڻھو موڪلين ھا ته مان پاڻ اچي حاضر ٿيان ھا، ڀلا ڪا انگوري پيئندين؟ بنھه تازي آھي- جان من، سردار خان لاءِ به ٺاھه! “
    ” نه ارسلان بيگ، انگوريءَ لاءِ وقت ڪونه اٿم. ٺٽي آيو ھئس، سوچيم ته توسان حساب ڪتاب ڪندو وڃان! “
    سردار خان، حساب ڪتاب ته اڳئين دفعي ڪيو ھوسين. ان کانپوءِ حرام جو آءٌ ٻاھر به چُريو ھجان......“ ارسلان بيگ جو منھن لھي ويو. ھن جي شھپرن ۾ ھلڪي لرزش اچي وئي ھئي. سندس منھن جي سرخي پيلاڻ ۾ بدلجڻ لڳي ھئي.
    ” ارسلان، مون توکي چيو ھو ته مغل سردارن، ترخان جاگيردارن تي تنھنجو حق آھي، پر جيڪڏھن ڪنھن سنڌي گھر يا ڳوٺ تي ڌاڙو ھنيو اٿئي ته پوءِ پاڻ ٿو ڄاڻين........پر ڀانئجي ٿو ته منھنجي صلاح تي نه ھلئين...... “
    ارسلان بيگ ھاڻ ته بلڪل ڏڪڻ لڳو: جيڏو مڙس ھو، اوتري منجھس رڦاڻي اچي ويئي. ويتر جو سانوڻ خنجر جي دستي ۾ ھٿ وڌو ته ھن جي حالت غير ٿي وئي. ڏڪندڙ آواز ۾ چيائين: مون کي قسم آھي الله ۽ پنج تن پاڪ جو، مون ان ڏينھن کانپوءِ وري ڪنھن سنڌيءَ جو نالو نه ورتو آھي..... تون مون تي اعتبار ڪر..... “
    سانوڻ ڪا گھڙي خنجر جي مُٺئي تي ھٿ ڦيريندو رھيو ڄڻ ته فيصلو نه پئي ڪري سگھيو. پوءِ ڌيرج سان چيائين: ” گذريل چوڏھينءَ تي وينجھرڪي وسينءَ ۾ ڌاڙو لڳو ھو. پنوھرن جو ڳوٺ آھي، درياھه جي بنھه ڪپ تي. اتي ڪي ترخان ٻُٽون ٻڌي ڌاڙو ھڻي ويا، ۽ ھڪڙي نِينگر به پاڻ سان کڻي ويا آھن..... “
    ” قسم آھي قرآن جو، مون کي ڪا خبر ڪانھي..... ۽ توکي خبر آھي، مون کي ته نِينگرين جو شوق ئي ڪونھي.....! “ ارسلان بيگ ھاڻ ته بلڪل سھڪي رھيو ھو. دارونءَ جو نشو لھڻ جي باوجود ھن جي زبان ٻاتي ٿيندي وئي.
    ” مون کي اعتبار تڏھن ايندو جڏھن ڌاڙو لھي ڏيندين. ھئا ترخان يا ارغون، تنھن جي پڪ اٿم. ممڪن آھي ته ڪو مغل به ساڻ ھجين..... نِينگري سورھن سترھن ورھين جي آھي، نالو نُوري اٿس.....“ سانوڻ اھڙي انداز ۾ چيو جنھن ۾ دڙڪي سان گڏ حڪم به شامل ھو. ائين پئي ڀانيو ته لفظن کان وڌيڪ سانوڻ جي اکين ۾ ڪجھه ھو جنھن ارسلان بيگ جي بدن ۾ ڏڪڻي وجھي ڇڏي ھئي.
    ارسلان بيگ ڪجھه سامت جو ساھه کنيو ۽ چيائين، ” چنڊوخاني جي مھتم کان ٿا پڇون. ارغون يا ترخان ھوندا ته ضرور مال ھت کڻي آيا ھوندا ۽ جوا کيڏي ھوندائون.......... چوڏھين تاريخ تي چيئه نه........ڀلا تون ويھه، ته آءٌ ٿي ٿو اچان......... پر تيسين جيڪڏھن انگورن پين ته حجاب نه ڪجانءِ..... “
    سانوڻ رڳو ڪنڌ ڌوڻ ڪئي، ۽ موڙي تي ويھي رھيو. ارسلان بيگ اتان نڪري پاسي واري ڪمري ۾ لنگھي ويو. ان ڪمري جو در کليو ته ماڻھن جو شور، ٽھڪن، گارين ۽ الٽين جي گڏيل گھمسان جو آواز اچڻ لڳو پر وري ڪوٺي جو در بند ٿيو ته آواز به بند ٿي ويا.
    ٿوري دير کانپوءِ ارسلان بيگ، ھڪڙي سنھڙي سيپڪڙي ارغون سان گڏ وري اندر آيو. ان شخص جي خاص ڳالھه سندس شھپر ھئا، جيڪي ايڏا وڏا ھئا، جو ڏاڙھيءَ کان ٻاھر نڪري آيا ھئا، ۽ ڏاڙھي به قلمن کان شھپرن تائين، ۽ شھپرن کان ھيٺ ائين ڪوڙيل ھئي جو ڏاڙھيءَ جا وار به شھپرن جو حصو بڻجي ويا ھئا. ھن ايندي شرط اچي سانوڻ کي ھٿ ڏنو، ۽ ادب سان ھڪڙي پاسي ٿي بيھي رھيو. ارسلان بيگ پاڻ به کٽ تي اچي ويھي رھيو، ۽ جھيڻي آواز ۾ چيائين، ” شھباز خان، مون کي جيڪو ٻڌايئه، سو سردار خان کي سربستو احوال ڪري ٻڌاءِ........ “
    شھباز خان بي خيالو پنھنجي شھپرن تي ھٿ لائيندي چيو: ” برابر، پندرھين تاريخ ٻه ترخان ۽ ھڪ مغل سپاھي ڪافي مال کڻي آيا ھئا. سڄي رات پيئندا رھيا ۽ جوا کيڏندا رھيا: جڏھن نشي ۾ آيا، تڏھن ڳالھين ڳالھين ۾ اھا ڳالھه ڪيائون ته ھڪ نھايت حسين ڪنيز به درياھه جي ڪپ تان کنئي ھئائون؛ ۽ اھا ڪنيز سندن سردار قيصر بيگ ارغون وٽ آھي پر قيصر بيگ به ڪنيزن بدران غلامن جو شوقين آھي، ان ڪنيز کي ڪنھن مغل امير ھٿ وڪڻڻ جو سوچي رھيو ھو، ۽ اھو به چيو ھئائين ته سؤ سونين مھرن کان گھٽ نه وڪڻندو......... “
    سانوڻ نھايت آھستگيءَ چيو، ” ۽ قيصر بيگ ڪٿي ٿو رھي؟ “
    ارسلان بيگ شھباز خان ڏانھن ڏٺو. شھباز خان ڪنڌ ھيٺ ڪري زمين ۾ نھارڻ لڳو. سانوڻ جي آواز ۾ چھبڪ ڀرجي آيا: ” مون پڇيو ته قيصر بيگ ڪٿي ٿو رھي؟ “
    شھباز خان ھٻڪندي چيو: ” قيصر بيگ مغل لشڪر جي توشي خاني جو عملدار آھي. سندس ٽولي ۾ اڌو اڌ مغل به آھن، جيڪي سپاھي گيريءَ مان عاجز اچي ويا آھن، ۽ ڪجھه نه ڪجھه لالچ ۽ ھٻڇ ۾ اچي قيصر بيگ جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا آھن. قيصر بيگ کي رھڻ لاءِ وڏي حويلي مليل آھي، ۽ انھي حويليءَ ۾ ھٿ وجھڻ موت کي سڏ ڪرڻ آھي..... “
    سانوڻ جي منھن تي ارڏي مرڪ اچي ويئي. ان مرڪ ۾ الائي ڪھڙي ڳالھه ھئي، جو شھباز خان تڪڙو تڪڙو چوڻ لڳو: ” سردار خان....... منھنجو مقصد آھي ته انھن حويلين ۾ سخت پھرو آھي- خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو! “
    سانوڻ ارسلان بيگ ڏانھن ڏٺو. ارسلان بيگ انھيءَ نگاھه کان بچڻ ڪاڻ زمين ۾ گھورڻ لڳو. پر ڄڻ ته ھن جي پويان به ڪي اکيون ھيون، جن سانوڻ جي گھور کي محسوس ڪيو. نيٺ منھن مٿي ڪندي چيائين ” سردار خان، آءٌ مغلن ۽ ارغونن....... ٻنھي سان رھائيو ويٺو آھيان. جيڪڏھن آءٌ يا منھنجو ڪو ماڻھو انھن حويلين جي پاسي جھلجي پيو ته ڏاڍي خراب ڳالھه ٿيندي....... پر توکي انڪار ڪونه ڪندس! “
    سانوڻ جي منھن جي مرڪ ڄڻ وڌيڪ ويڪري ٿي ويئي: ” ته پوءِ اڄ رات قيصر بيگ جي حويليءَ تي ڌاڙو لڳندو، ۽ ائين لڳندو ڄڻ مغلن ڌاڙو ھنيو آھي..... اوھان کي جيڪو مال ھٿ اچي سو اوھان جو. ھن ڀيري اسان جو حصو به توھان کي آيو. باقي ٻانھن آءٌ پاڻ کڻي ويندس. “
    ارسلان بيگ جي منھن تي به مرڪ اچي ويئي. ٺٽي جي شھر اندر مغلن جي ويس ۾ ڌاڙي جا ھن گھڻائي خواب لڌا ھئا، پر سانوڻ جي ڊپ ۽ حصي جي خيال کان ھمت نه ٿي ٿِي. قيصر بيگ خود به وڏو ڌاڙيل ھو، ۽ سندس حويلي سنڌين کان لُٽيل مال سان ڏٽي پيئي ھوندي. اھو سمورو مال، بنان سانوڻ جي حصي جي، ھن کي ٻه ٽي سال ڌاڙا ھڻڻ کان بچائي ڇڏيندو. اھي سمورا اٺسٺا ٺاھيندي، ھن مرڪي چيو: سردار خان، توسان سِر لڳي! “
    ...... پوءِ ڳچ دير ھو ان ڌاڙي جي رٿابندي ڪندا رھيا•


    3

    جڏھن کان رستم بيگ قنڌاري ٺٽي جو عامل بڻجي آيو ھو، تڏھن کان ٺٽي ۾ ڄڻ راڪاس گھمي ويو ھو. سنڌي ته سنڌي پر ارغون ۽ ترخان به ڪا رات سک سان نه ستا ھئا. رستم بيگ کان اڳي سندس شھرت ٺٽي تائين پھتي ھئي: ملتان ۾ ھن جيڪي ڪِيس ڪيا ھئا، اھي چارون ماڻھن رڳو افواھن طور ٻڌيون ھيون. پر ٺٽي پھچڻ کان اڳ ۾، مناديءَ وارا ھر محلي ۾ وَر وَر پڙھو ڏيندا ويا ته آئيندي شھر ۾ سواءِ مغلن جي، ڪوبه گھوڙي تي سواري ڪونه ڪندو؛ ڪوبه ماڻھو مغلن سان، اڳواٽ اجازت کانسواءِ، مخاطب ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندو؛ مغلن جي حرمن جي ڏولي لنگھڻ وقت، ھر ڪو ماڻھو ڪنڌ ھيٺ ڪري بيھندو؛ سيدن کانسواءِ ڪوبه پنھنجي زائفائن لاءِ ڏولي استعمال نه ڪندو؛ ڪوبه دڪاندار مغلن سان شين جي خريداريءَ وقت قيمت تي تڪرار نه ڪندو، ۽ جيڪا قيمت مغل ڏيندا، سا خوشيءَ سان قبول ڪندو؛ ٺٽي کان ٻاھران ڪوبه ماڻھو شھر ۾ داخل ٿيندو ته مقرر ڪيل چوڪين تي پنھنجي سڃاڻپ ڪرائيندو ۽ پنھنجي ترسڻ جو ھنڌ ۽ ڪل وقت درج ڪرائيندو؛ ڪوبه ماڻھو عامل جي منظوريءَ کانسواءِ سانجھيءَ کان پوءِ اوطاق کليل نه رکندو؛ سڀني مدرسن ۾ فارسي تعليم لازمي ٿيندي ۽ ھر مدرسي جو مھتم ان جو پابند ھوندو ته ڪوبه نئون معلم رکڻ کان اڳ، عامل جو اجازت نامو حاصل ڪري؛ ھر نڪاح خوان، ھر پيش امام، ھر ٻانگو مغل، ارغون يا ترخان ھوندو، يا عامل جي منظوري حاصل ڪيل ھوندو؛ شادي ۽ غميءَ کانسواءِ ڪٿي به ڏھن کان وڌيڪ ماڻھو گڏ نه ٿيندا .....................
    اھڙن حڪمن سان گڏوگڏ وفاداري ۽ سازشن جي اطلاع ڏيڻ وارن لاءِ انعامن اڪرامن ۽ مغل حڪومت جي نوڪريءَ جي خاطري ڏني ويئي. مسجدن ۾ ھر نماز کان پوءِ، پيش امام ماڻھن کي تلقين ڪرڻ لڳا ته اسلام ۽ اسلامي حڪومت جي انحرافي ڪندڙ ٻنھي جھانن جي غضب کي دعوت ڏيندو. خطبي ۾ ظل الاھي شھنشاھه جھانگير سان گڏ رستم بيگ جو نالو ائين ورتو ويندو ھو ڄڻ ته خود شھنشاھهِ ھند رستم بيگ جو محتاج ھو ۽ سنڌ کي اسلامي سلطنت ۾ شامل رکڻ جو بار رستم بيگ تي ھو ۽ شھنشاھه کيس ھر شورش، ھر بغاوت کي چيڀاٽڻ جو کليو پروانو ڏيئي ڇڏيو ھو!
    رستم بيگ پنھنجو ڏَکو ويھارڻ لاءِ شھر ته ٺھيو پر ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ ٽِياس کوڙائي ڇڏيا، جنھن تي ڪونه ڪو ماڻھو سازش ۽ شورش جي الزام ۾ ٽنگيل ھوندو ھو، ۽ تيسين اھو لاش ٽياس تان نه لاھيندا ھئا، جيسين ان جي بانس ڪن ڏينھن تائين ماڻھن کي رستم بيگ جو نالو وسارڻ نه ڏيندي ھئي. ماڻھن ۾ ھن جو ايڏو ڊپ ويھي رھيو جو ٽپھريءَ کانپوءِ جتي ڪٿي ھٽَ تاڙَ ٿي ويندي ھئي، ۽ ماڻھو گھرن کي وڏا وڏا تالا ھڻي اندر ئي اندر ٻارن کي ٻوٿاڙي ويھاري ويٺا ھوندا ھئا. سانجھيءَ جي ٻانگ ايندي ھئي، تڏھن به دروازا نه کلندا ھئا، ۽ پيش امام نمازين جي واٽ ڏسندي اوٻاسيون ڏيڻ لڳندا ھئا. ڪن وڏين مسجدن ۾ رڳو مغل، ارغون، ترخان يا مسافر نظر ايندا ھئا. وڏي مصيبت ته مسافرن لاءِ ھئي: ٽپھريءَ کان اڳ جيڪڏھن واندا نه ٿيا ته رات گذارڻ لاءِ ڪوبه مسافرخانو کين ھنڌ کٽولو ڏيڻ جو به روادار نه ٿيندو ھو ته مبادا مغل سپاھي اچي تفتيش ڪن. مغل سپاھي به اھڙا ھِريا جو راھه ويندي کين بيھاري پڇائون ڪندا ھئا ته ڪير آھين، ڪٿان آيو آھين، ڇو آيو آھين، رھين ڪٿي ٿو- ھل چونڪيءَ تي! چونڪيءَ تي وڃڻ معنى سڄو مال متاع ڦرائڻ. ان ڪري ھر ڪو پنج ڏھه درھم ڏيئي جند ڇڏائيندو ھو. ائين ڪو سڻڀو گراھڪ نه ملندو ھون ته مسافر خاني تي چڙھائي ڪندا ھئا، ۽ مسافرخاني وارو ڪجھه ڏيئي جان نه ڇڏائيندو ته مسافرن کان آڏا ابتا سوال جواب ڪري، ڪجھه نه ڪجھه ڦري ماري ايندا ھئا!
    شام ٿيندي ھئي ته مغل سپاھين جا ٽولا محلن ۾ ڪاھي پوندا ھئا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو ملين ته ڄڻ ٻيگھي مچي وين. ھن کي بيعزتو ڪري، جيڪي ڪجھه گيدي ۾ ھوندس، سو ڦري گھر روانو ڪندس. ڪڏھن ڪڏھن ڪا پَڳ، ڪا پڳڙي يا پَٽڪو وڻين ته اھو به ڦريندي ويرم نه ڪندا. جيڪڏھن ڪا ھڙ حاصل نه ٿين ته کيس ماريندا ڪُٽيندا چونڪيءَ تي وٺي ويندا، ۽ تيسين ان جي جان نه ڇڏيندا، جيسين سندس ڪي واھرو وري، ڪجھه ڏيئي سندس جند نه ڇڏائيندا. البت ارغون، ترخان يا دھلي، آگري، فتح پور ۽ ٻين ھنڌن کان آيل ماڻھو، جيڪي فرفر فارسي ڳالھائيندا ھئا، تن کي ھٿ نه لائيندا ھئا، متان ڪو حڪومت جو ماڻھو ھجي ۽ دانھن وڃي دھليءَ يا آگري پھچي.
    جيڪڏھن ڪو راھه ويندو واٽھڙو نه ملين، ۽ سپاھين جو کيسو گرم نه ٿيو ته ھنن ھڪ اھڙو طريقو اختيار ڪيو، جنھن ماڻھن ۾ ھو اڄاتو خوف وجھي ڇڏيو: بيگاھه وقت ۾ ڪنھن در تي کڙڪو ڪري، پاڻ لڪي بيھي رھندا ھئا: اندران ڪنھن ڪڙو کولي، ٻاھر نھاريو ته جھٽ ڏيئي، کيس ڇڪي ٻاھر ڪندا ھئا، ۽ نڪا ھم نڪا تم، ڌڪن بجن جو وسڪارو لائي ڏيندا ھئا. ھن جي رڙين تي اوڙي پاڙي جا مڙس ماڻھو ٻاھر نڪرندا ھئا ته مغل سپاھي اھڙي ڏيکائي ڏيندا ھئا ڄڻ ته ان ھمراھه پاڻ مغلن سان کؤنس شروع ڪئي ھئي. جيڪڏھن اھا چال ڪامياب نه ٿيندي ھئي ته چوندا ھئا ته ھن مغلن، مغل شھنشاھه يا عامل کي گاريون ٿي ڏنيون، ان ڪري ھن کي چونڪيءَ تي وٺي ويندا. چونڪيءَ تي وڃڻ معنى وڌيڪ مار موچڙو، سو پاڙي جا چڱا مڙس، ڪجھه سوکڙيون پاکڙيون پيش ڪري ھمراھه جي جان ڇڏائيندا ھئا!
    ھڪ طرف عام ماڻھن سان اھو ويل ھو، ٻئي طرف ساقي خانن جي آس پاس ماڻھن جا ھجوم ھوندا ھئا. گھڻو تڻو ارغون، ترخان، مغل يا قنڌاري ھئا، پر ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مقامي ماڻھو به ھوندو ھو، جيڪو يا ته شاھي حڪومت جو ڪو اھلڪار ھو يا ڪنھن ارغون، ترخان يا مغل جو دوست يار. اندر رباب جي ڌن تي ڳڀرو ساقي نچندا، مٽڪندا، انگوريءَ جا جام پيش ڪندا ويندا ھئا، ۽ سندن گراھڪ ھڪٻئي کان اڳرا ٿي، کين پاڻ ڏانھن متوجھه ڪرڻ لاءِ حرفتون ھلائيندا ھئا. ڪيترن ساقي خانن ۾ اندر جاءِ نه ھئي ته رستن تي موڙا ڪڍارائي، ساقين ۽ انگورين جا شوقين ويھي پاڻ ۾ ڪچھريون ڪندا ھئا، ۽ جيئن ئي ڪو ساقي جام کڻي ايندو ته کيس ڀاڪر پائڻ، چمي ڏيڻ، يا چھنڊي ھڻڻ لاءِ پاڻ ۾ الجھڻ لڳندا ھئا. اڪثر ساقي خانن ۾ روزانو ساقين تان جھيڙا ٿيندا ھئا، ۽ خنجرن جي مقابلي ۾ ٻه ٽي قتل ضرور ٿيندا ھئا. ڪن ساقي خانن ۾ جوا به ھلندي ھئي، پر جواخانن ۾ فقط اھي اندر وڃي سگھندا ھئا جن کي ساقي خانن جي مالڪ يا ڪنھن وڏي عملدار جي اجازت مليل ھوندي ھئي. انھن جواخانن ۾ اڪثر ائين ٿيندو ھو ته ڪو ارغون يا ترخان يا مغل سڀڪجھه ھارائي ويھندو ھو ۽ جوارين جو قرض نه ڏيئي سگھڻ تي پنھنجي جان وڃائي ويھندو ھو. ھڪڙي ئي ڌڪ سان سندس آنڊا گجيون ڪڍي، ٽنگوٽالي ڪري، رستي تي ڇڏي ويندا ھئس جتان صبح جو يا ته سندس وارث لاش کڻي ويندا ھئا يا وري سرڪاري سپاھي کيس کڻائي ويندا ھئا.
    جڏھن ماڻھن ۾ ڊپ ۽ ھراس انتھا تي پھچي ويو، تڏھن وري ڌاڙا لڳڻ شروع ٿيا. نما شام مھل، ٻٽون ٻڌل ڏھاڪو کن گھوڙيسوار ڪنھن ڪوٺيءَ، حويليءَ يا گھر تي حملي آور ٿيندا ھئا ۽ ديناداستي ماري ڦري، الھه تلھه لٽي ھليا ويندا ھئا. جيڪڏھن ڪنھن ننڍي نيٽي زائفان تي نظر پين ته اھا به زوريءَ کڻي ويندا ھئا. اڪثر ڌاڙا ارغونن، ترخانن، سيدن يا مغلن جي محلن ۾ لڳندا ھئا. سنڌين جي محلن ۾ ورلي ڪو ڌاڙو لڳندو ھو. مغل سپاھين اھو افواھه عام ڪري ڇڏيو ته اھي ڌاڙا سانوڻ جو ٽولو ٿو ھڻي، انڪري سنڌين جي گھرن ۽ حويلين تي ڌاڙا ڪونه ٿا لڳن. درحقيقت سنڌين جي گھرن تي ڌاڙا انڪري ڪونه ٿي لڳا جو سنڌين ۾ دولتمند خاندان ڪي ورلي وڃي بچيا ھئا. سنڌي گھڻو ڪري ھٿ ڪاريگر، ڪمي ڪاسبي، ھَٽ واڻيا ھئا، جيڪي پنھنجي گذر سفر ۾ پورا ھئا! اڪثر دولتمند ماڻھو ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ لڏي ڪڇ، ڪاٺياواڙ، جيسلمير ۽ گجرات ڏانھن ھليا ويا ھئا، جيڪي بچيا ھئا، تن پاڻ وٽ مغل سپاھي پگھاردار رکي ڇڏيا ھئا، انڪري مٿن ڌاڙو ھڻڻ ممڪن ئي نه ھو.
    پر خوف ۽ ھراس ۾ ئي اھڙو ماحول پيدا ٿيندو آھي جنھن ۾ ھڪ طرف افواھن جي بازار گرم ٿيندي آھي، ۽ ٻئي طرف شاھينگن کي جاوا ڪرڻ جو موقعو ملندو آھي، ۽ ٽئين طرف ڪمزور حڪومت کي پنھنجا پير مضبوط ڪرڻ جو وقت ملي ويندو آھي. سنڌي به رفته رفته اھو يقين ڪرڻ لڳا ھئا ته ڌاڙا سانوڻ جي ٽولي ٿي ھنيا. ٻئي طرف مغل سپاھين ۽ لشڪرين کي خدا خدا ڪري اھو موقعو مليو ته ھو ھر واٽ ويندي سنڌيءَ کي سانوڻ جي ٽولي سان لاڳاپيل ھجڻ جو الزام ھڻي ڪجھه رقم ڇڏائي وٺندا ھئا، ۽ کين سنڌين کي بيعزتو ڪرڻ جو به دل گھريو موقعو ملي پوندو ھو. مغل حڪومت جا پير اڃا پختا ڪونه ٿيا ھئا. مرزا غازي بيگ جي مرڻ کانپوءِ خسروخان چرڪس ھالن ۾ ويھي مرزا باقيءَ جي پوٽي مرزا عبدالعلي جي سنڌ جي تاجپوشي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ سندس لشڪر آس پاس مغلن جي عملدارين کي ختم ڪندو ٺٽي ڏانھن وڌندو ٿي آيو. مرزا عبدالعلي اڃا صغير ھو. انڪري ھن جي نالي ۾ سموري حڪومت خسروخان چرڪس پاڻ سنڀالڻ جي فڪر ۾ ھو. جتي ڪٿي مغلن ۽ ارغونن ترخانن ۾ چڪريون پئي لڳيون. ٺٽي ۾ بظاھر ته مغلن جي حڪومت ھئي پر اندران ئي اندران ترخان ان ڏينھن جو انتظار ڪري رھيا ھئا جڏھن خسروخان چرڪس ٺٽي تي ڪاھي ايندو، ۽ ھنن کي وري حڪومت ملندي، جنھن کي ھنن پنھنجو موروثي حق ٿي سمجھيو. ڪيترن سنڌين کي ھنن ڳجھا نياپا موڪليا ھئا ته اسان جو ساٿ ڏيو. اسان وري به سنڌ ۾ رھي، سنڌي ٿي ويا آھيون: مغل ته اوپرا ۽ ڌاريان آھن، جيڪي دھلي ۽ آگري کان ٿا حڪومت ڪن. اسان جو ته مڙھه مقام ئي ھتان جو آھي؛ اسان جي وڏن جا ھڏا به سنڌ جي سرزمين ۾ پوريل آھن ۽ اسين به مري ھن مٽيءَ ۾ دفن ٿينداسون. مغل وري سنڌي سردارن ۽ وڏيرن کي اھو سمجھائيندا رھيا ته ارغونن ۽ ترخانن سنڌين کي لتاڙي چيڀاٽي ڇڏيو ھو. مرزا باقيءَ جا ظلم اڃان تازا تازا ھئا. مغلن سنڌين کي انھي ظلم ۽ جبر کان نجات ڏياري ھئي، ۽ شاھي حڪومت ھيٺ سنڌ ۽ سنڌين کي وڌڻ ويجھڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو اوترو ئي موقعو آھي جيترو ٻين صوبن ۽ صوبيدارن کي!
    ۽ سنڌي جنڊ جي انھن ٻن پُڙن ۾ پيسجي رھيا ھئا. ھنن جون ھمدرديون ڪنھن سان به نه ھيون: ان ڪري ھنن تي ٻنھي ڌرين مان ڪنھن به اعتبار ڪونه ٿي ڪيو. انھيءَ بي اعتباريءَ جي فضا ۾، جڏھن عام بدامني، ڏھڪاءُ ۽ ڏاڍ جو وايو منڊل ڇانيو ته سنڌين کي سمجھه ۾ نه ٿي آيو ته ھو ڇا ڪن، ھنن جي سوچڻ جي قوت ئي ڄڻ ته ڪيڏانھن موڪلائي وئي ھئي. اھي سنڌي عملدار، جيڪي مغل سرڪار جي نوڪريءَ ۾ ھئا، سي پنھنجي عملداري بچائڻ ۾ ايترا بي نَڪا ٿي ويا جو سنڌين کي پاڻ ٻوھي ۾ ڏيڻ کان به نه ٿي مُڙيا. مغل عامل ۽ عملدار به سندن ڪمزوري محسوس ڪري سازشن ۽ شورشن جي جاچ سنڌي عملدارن ۽ ڪامورن جي حوالي ڪندا ھئا، ۽ سنڌي ڪامورا محض پنھنجي وفاداري ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ بيگناھه سنڌين جا نالا ڏيئي ڇڏيندا ھئا. مغل عملدارن انھن کي سزائن ڏيڻ لاءِ قاضي به سنڌي مقرر ڪيا، ۽ اھي سنڌي قاضي جڏھن قضا جي ڪرسيءَ تي ويھندا ھئا، تڏھن سنڌي ڏوھارين کي ٽياس تي ٽنگڻ جي سزا ڏيندا ھئا ۽ ارغونن ۽ ترخانن کي جلاوطنيءَ جي!
    سنڌين ۾ جيڪو واپاري طبقو ھو، سو اڳي ئي سھي جي کَل: اول ته مغل سپاھين جي آنڪي ڀري پيا ڪم ٽپائيندا ھئا. ڳالھه آنڪيءَ کان مٿي چڙھي ويئي ته سنڌ جا وڻ ئي ڇڏي لڏڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ھئا. باقي سمورو ظلم ۽ جبر سنڌ جي ھاري ناري، مالوند، پورھيت، ڪمي ڪاسبي، ھٿ ڪاريگر يا گھوڙين تي ھو. ھو آھه به نه ڀري سگھندا ھئا ته متان سندن ٿڌي شوڪار جو غلط مطلب ورتو وڃي. البت انھن مان جوانن جو طبقو اھڙو ھو، جيڪي اھو ظلم خاموشيءَ سان سھڻ لاءِ تيار نه ھو. انھيءَ طبقي ۾ گھڻائي مدرسن جي شاگردن جي ھئي. ھنن جي اکين ۾ مَچَ متل ھئا، اندر ۾ کورا کاڻل ھئا، ۽ سندن ماٺ ۾ نفرت جي چُڻ ڀُڻ ھئي. ھنن کي رڳو ارغونن ۽ ترخانن يا مغلن ۽ ٻاھرين سان نفرت نه ھئي. ھنن کي پنھنجن کان به نفرت ھئي، جيڪي ھيترو ظلم سھندي به ماٺ ھئا يا مغلن جي چاڪري ڪندي، پنھنجن تي ظلم ڪندا رھندا ھئا. اھڙائي جوان سانوڻ جي ٽولي ۾ شريڪ ھجڻ جي شڪ ۾ ٽياس تي ٽنگيل نظر ايندا ھئا.


    4

    سلطاني ساقي خانو، ھونئن ته عام رواجي ساقي خانو ھو پر ان ۾ ڪي اھڙيون ڳالھيون ھيون، جن جي ڪري عام سپاھي يا لشڪري يا عتاب ۾ آيل ارغون، ترخان يا مغل ان پاسي ڪونه لڙندا ھئا. ھڪڙو ته اھو واحد ساقي خانو ھو، جنھن ۾ ٺٽي جو عامل ٿوري دير لاءِ دل وندرائڻ ايندو ھو، ۽ ھن لاءِ خاص مسند ٺھيل ھئي. ان کانسواءِ ٺٽي جي چونڊ اميرن، ناظمن ۽ عملدارن جون، پنھنجي حيثيت مطابق، مسندون ٺھيل ھيون، جن تي ٻيو ڪوبه ويھي نٿي سگھيو. انھن مسندن جي نگھباني ۽ مھمانداريءَ لاءِ ساقي به علحدہ علحدہ مقرر ٿيل ھئا: انھن مان ڪنھن به ساقيءَ کي مجال نه ھئي جو ٻئي ڪنھن امير کي انگوري پيش ڪري يا ھن جي ٻي ڪا مھمانداري ڪري. انھن مسندن ۽ ساقين لاءِ اھي امير، ماھيانو ڪجھه رقم ساقي خاني جي مالڪ کي گھر ويٺي پھچارائي ڏيندا ھئا. اصل ۾ اھو ساقي خانو مرزا باقيءَ جي ھڪ خاص امير ۽ دوست شمس الدين سلطانيءَ کوليو ھو. مرزا باقي پاڻ به ان ساقي خاني ۾ ايندو ھو ۽ پنھنجي مخصوص مسند تي اچي ويھندو ھو. چيائون ٿي ته ان ساقي خاني ۾ ملا محمد فراخي ۽ مرزا باقيءَ جي پڻ ڀائيواري ھوندي ھئي. ساقي خانو درياھه جي ڪپ تي ھو ۽ سندس پٺين ديوار ۾ ھڪ ڳجھو تھه خانو ۽ دروازو ھو، جنھن ۾ ھر وقت ٻه ٻيڙيون تيار بيٺيون ھونديون ھيون ته جيڪڏھن امير تي اوچتو حملو ٿئي ته اتان آساني ۽ حفاظت سان ڀڄي سگھي!
    ان ساقي خاني جي ھڪڙي ٻي به خاص ڳالھه ھئي ته ساليانو نوروز جي موقعي تي زبردست جشن ملھايو ويندو ھو، ۽ ان جشن جي خاص ڳالھه ڪنيزن ۽ ساقين جو ساليانو نيلام ھوندو ھو. اميرن وٽ جيڪي به ڪنيزون ۽ ساقي ھئا، سي گھڻو تڻو ان نيلام مان ورتل ھوندا ھئا ۽ ساقي به فخر سان ھام ھڻندا ھئا ته ھو سلطاني نيلام ۾ وڪاڻل ھئا. تاتار، ترڪستان، اصفھان، شيراز، قنڌار ۽ ھرات کان ڪنيزون ۽ ساقي اچي گڏ ٿيندا ھئا، ۽ سندن حسن جي ھاڪ ملتان، لاھور، دھلي ۽ آگري تائين پھچندي ھئي، ۽ اتان جا امير ۽ سوداگر اھي ڳالھيون ٻڌي جشن ۾ اچي شريڪ ٿيندا ھئا، ۽ نيلام ۾ ٻولي ڏيندا ھئا. ٺٽي جا سمورا بااثر امير جڏھن پنھنجين پنھنجين مسندن تي ايندا ھئا، ۽ انگوري ۽ ساقين سان دل وندرائيندا ھئا ته وندر کان سواءِ حڪومت ۽ سياست جا معاملا به اتي ئي ٿيڻ لڳندا ھئا، ۽ جيڪڏھن کين تخليئي جي ضرورت ھوندي ھئي ته خود ساقي خاني اندر خاص ڪمرن جو انتظام ٿيل ھو. ھر ڪمري ۾ ٻه ٻه حبشي خواجه سرا پھرو ڏيندا ھئا، ۽ ڪنھن جي مجال نه ھئي جو بنا اجازت جي ڪنھن ڪمري ۾ گھڙڻ جي ڪوشش ڪري. انھن خواجه سرائن کي بنان اجازت ايندڙ ماڻھوءَ کي اُڦٽ ماري رکڻ جي اجازت ھوندي ھئي، ۽ اھڙو پروانو خود وقت جو عامل پنھنجي مھر سان لکي ڏيندو ھو. سياست ۽ حڪمرانيءَ جا مسئلا نبيرڻ وقت جاسوسن ۽ مخبرن کان بچڻ خاطر با اثر امير خود پنھنجا ماڻھو پاڻ سان آڻيندا ھئا، جيڪي ھنن جي درٻارين ۽ صلاحڪارن طور سندن مسندن آڏو اطلسي موڙن تي ويٺا انگوريءَ سان دل وندرائيندا ھئا ۽ سندن نظر ھر وقت ايندڙ ويندڙ ماڻھن تي ھوندي ھئي، ۽ ڪنھن اوپري ماڻھوءَ جي اچڻ شرط، ھنن جا ھٿ پنھنجن خنجرن جي مُٺين تي ڦَٻي ويندا ھئا. ائين ڪيترائي جاسوس ۽ مخبر بي موت مري چڪا ھئا. پر اھڙا قتل عام رواجي ڳالھه ھئي، ۽ گھڙيءَ کان پوءِ امير ۽ سندس درٻاري پنھنجي وندر ۾ مصروف ٿي ويندا ھئا!
    ارغونن ۽ ترخانن جو دور ختم ٿيو ۽ مغل آيا، تڏھن به سلطاني ساقي خاني جي معمول ۽ انتظام ۾ ڪو فرق ڪونه پيو. خود مغل امير ڪا مسند ھٿ ڪرڻ لاءِ مغل عامل کان سفارشون ڪرائيندا رھندا ھئا. پنھنجي خاص ماحول، پنھنجي ذاتي غلامن ۽ ڪنيزن کانسواءِ، مغل اميرن لاءِ به سلطاني ساقي خاني جي وندر ھڪ غنيمت کان گھٽ نه ھئي. مغل اميرن وٽ ڦرلٽ جو تازو پئسو ھو، ۽ ان کي لٽائڻ ۾ ھنن کي ڪو عار محسوس نٿي ٿيو. ارغون ۽ ترخان سردارن سان دوستيون ۽ ياريون رکڻ، ھنن جي سياست لاءِ ضروري ھو. انڪري سلطاني ساقي خانو جيئن پوءِ تيئن اميرن لاءِ عيش عشرت ۽ سياست جو ھڪ مستقل ذريعو بڻجندو ويو.

    سلطاني ساقي خاني جي تھخاني ۾ قيصربيگ جي داخل ٿيڻ سان، اتي اڳ ئي موجود ماڻھن ۾ اوچتو ماٺ ڇانئجي ويئي. قيصربيگ کي ڪنھن به کيڪاريو ڪونه، ھڪڙي ٻن ھمراھن رڳو ڪنڌ جي ڌوڻ سان ھن جو ائين آڌرڀاءُ ڪيو ڄڻ ته ھو سندس اچڻ تي خوش ڪونه ھئا، پر لاچار ھن ۾ ڪم پيو ھون، ان ڪري مجبوراً ھن سان ڳالھائڻ لاءِ تيار ٿيا ھئا. قيصربيگ جو منھن اھا ڳالھه محسوس ڪندي ٽامڻي ھڻي ويو، پر ھن پاڻ تي ضابطو رکندي، ھڪ اطلسي موڙي تي ويھندي چيو: ”مونکي ائين سڏائڻ سان اوھان نه رڳو مونکي خطري ۾ وڌو آھي، پر خود پاڻ وڏو خطرو کنيو اَٿوَ! “
    گھڙيءَ لاءِ ھن کي ڪنھن به جواب ڪونه ڏنو، ۽ ھن جي منھن ۾ تڪيندا رھيا. پوءِ ھڪ پيرسن اڇي ڏاڙھيءَ واري، ھوريان چيو: ” شاھه رخ، تون اسان سڀني پاران ڳالھاءِ! “
    شاھه رخ جي ننڍي قد، ڀريل بُت ۽ معمول کان وڏين ڳاڙھين اکين ۾ اھڙو تيج ھو، جنھن قيصربيگ کي ڪنبائي ڇڏيو. ھن کي پاڻ سان سلوڪ تي جيڪا ڪاوڙ ھئي، سا ڪافور ٿي ويئي، ۽ ھن شاھه رخ ڏانھن سڌو نھارڻ جي ھمٿ نه ساري، اکيون زمين ۾ کوڙي ڇڏيون. شاھه رخ پنھنجي موڙي تان اٿيو، ۽ لاپرواھيءَ سان ڇڪ ڏيئي خنجر جي آبنوسي ڳن ۾ ھٿ وجھي، ڇڪي ڪڍي ورتائين ۽ خنجر جي ڌار کي آڱر سان تپاسيندي، قيصربيگ تائين وڌي آيو. قيصربيگ نه چاھيندي به ڏڪڻ لڳو. سندس ڏڪڻيءَ کي محسوس ڪندي، شاھه رخ ائين ڏيکائي ڏني، ڄڻ ته ھن کي قيصربيگ تي ڪھل اچي ويئي ھجي.
    ” قيصربيگ، تون اسان سڀني کي سڃاڻين ٿو. ائين نه سمجھه ته ھاڻ ترخان حڪومت ۾ نه آھن ته منجھن طاقت نه آھي. اسين اڄ به چاھيون ته تو جھڙن کي ماڪوڙيءَ وانگر چيڀاٽي سگھون ٿا. مغل به توکي اسان جي قھر کان بچائي نه سگھندا. انڪري اسين توکان جيڪي پڇون، تنھن جو صحيح صحيح جواب ڏيندين ته تنھنجي حق ۾ بھتر ٿيندو! “
    قيصربيگ ڪُڇي جھڙي ڀت. لفظن کان وڌيڪ شاھه رخ جي بي پرواھيءَ ھن کي احسان ڏياريو ته ھن جيڪڏھن ھڪڙو لفظ به غلط وات مان ڪڍيو ته شاھه رخ خنجر سان سندس سسي ڪپي ڇڏيندو. ھن جي وات مان ھٻڪندي رڳو لفظ ” جي! “ نڪتو.
    شاھه رخ پنھنجي خنجر جي ڦر سان کيڏندي وري چيو:
    ” اسان کي خبر آھي ته تو ڌاڙا ھڻي گھڻو ئي مال گڏ ڪيو آھي، ۽ مغل اميرن کي رشوتون پھچائي، توشي خاني جي عملداري ھٿ ڪئي آھي. اھا عملداري ڪھڙي ڪم جي، جيڪڏھن تون پنھنجن کي ڪم اچي نه سگھين- ڪيئن؟ “ وري به قيصربيگ جي واتان لفظ ” جي “ نڪتو.
    ” شاباس، اسان کي تومان اھائي اميد ھئي. “ شاھه رخ جي لھجي ۾ نرمي اچي ويئي.
    ” اوھين جيڪو حڪم ڪندؤ تنھن جي پوئواري ٿيندي، “ قيصربيگ ڪجھه ھمٿ ڪندي چيو.
    ” ته پوءِ اسان جي چوڻ تي ھڪڙو ٻيو ڌاڙو ھڻڻو پوندئي! “
    ” جي؟ “
    ” ھا، سڀاڻي ھڪڙو مغل جٿو، حضور مرزا غازي بيگ مرحوم و مغفور جي اھل و عيال، ۽ مرزا عبدالعلي ۽ خسرو خان چرڪس کي گرفتاريءَ ھيٺ، آگري وٺي ويندو. قيدين سان گڏ شھنشاھه ھند لاءِ ڪجھه سوکڙيون پاکڙيون ۽ ٻه لک درھم پڻ آھن. ڌاڙي وقت تون ۽ تنھنجا ھمراھه سنڌين وانگر، سنڌي پوشاڪن ۾ ٻٽون ٻڌل ھوندا. جيڪو مال متاع ۽ نقدي ھٿ اچي، سا اوھان جو حصو، باقي قيدي اسانجي حوالي ٿيندا! مغل لشڪري سمجھندا ته سنڌين شورش ڪري راتاھو ڏنو آھي. تنھنجي ٽولي تي ڪنھن کي به شڪ نه پوندو! “
    ” پر، مغل لشڪرين سان وڙھڻ موت کي دعوت ڏيڻي آھي، ۽ تنھن کان سواءِ مون وٽ ايترا ماڻھو به ڪونھن! “ قيصربيگ کي ھڪ نئين ڊپ اچي ورايو. ھن جي پنھنجي ٽولي ۾ ڪيترا مغل لشڪري ھئا، اھي ڪڏھن به ٻين مغل لشڪرين سان نه وڙھندا، تنھن جي ھن کي پڪ ھئي.
    مرزا شاھه رخ ڄڻ ته ھن جي خيالن کي پروڙي ورتو، ۽ ڌيرج سان چيائين: ” ڌاڙي ۾ ھن ڀيري تنھنجي مغل ساٿين سان اسان جا سؤ کن چونڊ سوار توسان ھوندا. قيدين جي سنڀال ۽ ھنن کي اسان وٽ پھچائڻ ھنن جي ذميداري ٿيندي، باقي مال متاع اوھين کڻي وڃجو. “
    ” جيڪڏھن ڪي مغل مونکي يا ڪن ترخانن کي سڃاڻي وٺن ته پوءِ.....؟ قيصربيگ ڊڄندي ڊڄندي اعتراض ڪيو.
    ” اسان کي يقين آھي ته تون ايترو احمق نه آھين.....“ شاھه رخ جي آواز ۾ وري سختي اچي وئي.
    ” ۽ ھا، ياد رک، جيسين قيدي ڪاميابيءَ ۽ حفاظت سان اسان وٽ پھچن، تيسين تنھنجا ٻئي پٽ- طغرل بيگ ۽ مظفربيگ - تنھنجي سنڌي ڪنيز نوريءَ سان گڏ اسان جي حفاظت ۾ رھندا! “
    قيصربيگ جي دل ۾ چَڪُ پئجي ويو. گھڙيءَ لاءِ ھن جي دل ۾ اھو خيال آيو ھو ته ھو سربستي ڳالھه مغل عامل رستم بيگ يا ديوان معموريءَ سان ڪري، ان مصيبت مان بچي ويندو ۽ ساڳي وقت انعام اڪرام جو به حقدار ٿيندو. پر ھاڻ ته ھن جون سڀ واھون بند ٿي ويون. ھن کي يقين ھو ته جيڪڏھن ھو ڌاڙي ۾ ناڪام ٿيو ته مرزا شاھه رخ سندس معصوم ابھم پٽن کي انھيءَ خنجر سان ٻوٽي ٻوٽي ڪري، ڪتن کي کارائي ڇڏيندو!
    ھن وري به ھمت ساريندي چيو: ” اوھان کي منھنجي وفاداريءَ ۾ شڪ ڪرڻ جي ضرورت نه ھئي! “
    ” برابر، تون صحيح ٿو چوين! پر ھي معاملو تنھنجي وفاداري پرکڻ تائين محدود نه آھي. سنڌ تي ترخانن جو موروثي حق آھي. مغل پَرمار ٿي ھتي آيا آھن. اسان کي ھر قيمت تي کين ھتان ڪڍڻو آھي. سنڌ جي تاج جو حق مرزا عبدالعليءَ جو آھي. اسين اھو حق ھن کي وٺي ڏينداسين، پوءِ ڀلي اسان کي شھنشاھه ھند سان مقابلو ڇونه ڪرڻو پوي. ارغونن ۽ ترخانن ۾ اڃا ايتري مردانگي آھي ته پنھنجو حق تلوار جي زور تي وٺي سگھن! “
    مرزا شاھه رخ ھاڻ ڄڻ پنھنجي پاڻ سان ڳالھائي رھيو ھو. پر اوچتو ھن وري قيصربيگ جي اکين ۾ نھاريندي چيو: ” تنھنجي وفاداري پرکڻ جو اڃا ڪو ٻيو موقعو ايندو. آخر تنھنجي رڳن ۾ به ته ترخاني خون آھي. اسان کي اميد آھي ته تون پنھنجي خون کي ڪونه لڄائيندين. وقت اچڻ تي اسين تنھنجي ھن ” احسان “ کي ھرگز نه وسارينداسين. اسين پاڻ ان جو انتظام ڪنداسون ته توشي خاني جي عملداريءَ کان بھتر ٻيو ڪو عھدو توکي ڏياريون! “
    مرزا شاھه رخ خنجر کي وري مياڻ ۾ وجھندي، وري پنھنجي موڙي تي وڃي ويٺو، ۽ اڇي ڏاڙھيءَ واري ترخان کي ھلڪو اشارو ڪيائين. پيرسن قيصربيگ کي وٺي دروازي تائين آيو. دروازي تي ٽي دفعا ٺڪ ٺڪ ڪيائين ته دروازو کلي پيو، ۽ ھڪڙو حبشي خواجه سرا ادب سان الڳ ھٽي بيھي رھيو.
    ” قيصربيگ، ھن کاٻي ھٿ واري ڪمري ۾ تنھنجو ساقي موجود آھي. جيڪڏھن ڪجھه وندر ڪرڻ گھرين ته تنھنجي مرضي، نه ته کيس پاڻ سان وٺي، واپس پنھنجي مسند ڏانھن وڃي سگھين ٿو. ساقي خاني ۾ موجود امير اڳي ئي اھو ٿا سمجھن ته تون پنھنجي ساقيءَ سان ڪجھه دير اڪيلائيءَ ۾ وندر ڪرڻ لاءِ خلوت گاھه ڏانھن ويو ھئين! “
    قيصربيگ ڄڻ شڪر گذاريءَ مان پيرسن جي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو: ” مھرباني آغا جان. آءٌ ڪجھه دير آرام ڪري پوءِ نڪرندس! “


    5

    ٺٽو سنڌ وانگر دريا دل ھو. ملوڪ به اھڙوئي ھو، جھڙي سنڌ. پر جڏھن کان سنڌ جي سينڌ ۾ غلاميءَ جي ڌوڙ وسي ھئي، تڏھن کان ٺٽي جي جواني به ڄڻ موڪلائي ويئي ھئي. اڳي نما شام ٿيندي ھئي، ته ھڪ طرف سنک وڄندا ھئا ته ٻئي طرف ٻانگن جو پُرسوز آواز سڄي وايومنڊل کي ننڊاکرو ڪري ڇڏيندو ھو. ماڻھو جڏھن مندرن ۽ مسجدن مان موٽندا ھئا ته چويارين ۾ ورھائجي، خاص ٺھيل ٿلھن تي اچي ويھندا ھئا. اھي ٿلھا، ڪي ڳاڙھي پٿر مان، ته ڪي اڇي سنگمرمر جا ٺھيل ھئا. ھر ٿلھي جي مٿان ھڪڙو وڏو شمعدان ٽنگيل ھوندو ھو. ڪن جي مٿان وري ڏيئن سان سجايل فانوس ٻاربا ھا. انھن ٿلھن تي ويھي ماڻھو اوڀاريون لھواريون ڪندا ھئا ۽ سڄي ڏينھن ۾ جيڪي وھيو واپريو ھو، ان جي سڌ ٻڌ ھڪ ٻئي کي ڏيندا ھئا. جوانڙا وري پنھنجون مجلسون محفلون دريا جي ڪپ تي مچائيندا ھئا. ڪي ته دنگين ۽ ٻيڙين ۾ چڙھي لھندڙ سج جو نظارو ڪندا ھئا. ڪي وري دريا جي ڪپ تي ٺھيل گلشن ۾ ٺھيل پنج- درين ۽ ڇھه- درين ۾ ويھي درياھه کي ۽ دريا ۾ موٽندڙ سج جي شفقي ليڪ کي تڪيندا ھئا. ماڻھن جو عقيدو ھو ته دريا ۾ لھندڙ سج کي تڪڻ سان مَن جون مرادون پوريون ٿينديون. ارغونن کان اڳي ڇٻر جا اٺاس ميلن تائين پکڙيل ھئا. پر ان غريب گاھه کي ارغونن جي گھوڙن جي سُنبن ائين چچري ڇڏيو ھو ڄڻ مٿن ڪنھن ھر ھلائي، ڪيڻ ڏئي ڇڏي ھئي. ڪجھه وقت کان پوءِ دريا جي پاسي سنڌين جي وڃڻ تي ئي بندش پئجي ويئي ڇاڪاڻ ته دريا جي ڪپ کان ٿوروئي پرڀرو ارغون ۽ ترخان سردارن جون حويليون ھيون، جن جون دُڇٽيون، دريا جي پاسي کلنديون ھيون ۽ ارغون ۽ ترخان بِيبيون، دريا جو نظارو ڪرڻ لاءِ، اطلسي موڙا ۽ مسندون وجھائي، دالانن ۾ اچي وھنديون ھيون. ھونئن ته ارغون ۽ ترخان جوانن جي دريا جي ڪپ تي گلگشت ڪرڻ تي منع ڪانه ھئي، پر جڏھن کان ڪن ترخان بيبين ۽ ڪنيزن جي عشق جا داستان مشھور ٿيا، تڏھن کان ان پاسي وڃڻ جي ڪنھن کي به ھمٿ نه ٿيندي ھئي. البت ٻنھي پتڻن تي اڃا به ماڻھن جا ھجوم نظر ايندا ھئا.
    مغلن جي حڪومت آئي ته ڪيتريون حويليون مغل اميرن والاري ورتيون. مغلن کي شھرن سينگارڻ جو شوق ھو. انڪري ھنن وري دريا جي ڪپ تي چمن ۽ گلشن رکائڻ شروع ڪيا. نئين سر نئون گاھه ھڻائڻ تي به ڌيان ڏنائون. البت شھر جي اندر مغل اميرن جو خير ڪو گذر ٿيندو ھو. انڪري شھر جي پڪ- سرين گھٽين ۽ رستن جي مرمت ڏانھن گھڻو ڌيان ڪونه ڏنائون. فانوسن ۽ شمعدانن کي ٻارڻ جو انتظام نئين سر شروع ٿيو. پر مغل سپاھين ۽ لشڪرين جي ڏھڪار جي ڪري به ماڻھن ٿلھن ۽ دِڪن تي وھڻ ئي ڇڏي ڏنو ھو. ماڻھو سانجھي ٻانگ اچڻ تي پنھنجن گھرن ۾ ئي ٻوٿاڙجي ويھي رھندا ھئا.
    پر جڏھن مغل لشڪرين گھرن تي اچي زوريءَ ماڻھن سان ڏاڍايون شروع ڪيون ته سڀني ۾ چوٻول ڦھلجي ويو. ڪجھه تجربيڪار پيرسن ۽ بزرگ ماڻھن ڪجھه جوانن جي مدد سان ان جو ڪو بلو ڪرڻ جو سوچيو. رٿ اھا بيٺي ته آخوند صالح واري مدرسي ۾ ڪي چڱا مڙس گڏ ٿي صلاح ڪن ته ان جو ڪھڙو بلو ڪجي؟ آخوند صالح وارو مدرسو ٺٽي جي دل ھو. جڏھن آخوند صالح کي ارغونن ٽياس تي ٽنگايو ھو تڏھن کان ته جيڪو به ماڻھو ان مدرسي وٽان لنگھندو ھو، سو دل ئي دل ۾ شوڪارا ڀريندو، تعظيم ۾ ڪنڌ جھڪائي لنگھي ويندو ھو. ھاڻ ان مدرسي جو مھتم حافظ بلال سومرو ھو. ھن جي سڀڪو عزت ڪندو ھو. خود ارغون ۽ مغل سردار به ھن جي علم ۽ ڏاھپ جو مان ڪندا ھئا پر ھو صفا گوشه نشين ماڻھو ھو. ڪنھنجي شادي مراديءَ ۾ به نه ويندو ھو. ٿور- ڳالھائو ته ھونئن ئي مشھور ھو. ٺٽي جي عامل جي سڏ تي وڃڻ کان به لھرائيندو ھو. سندس فتوائن جي ھاڪ سموري سنڌ ۾ ھئي، ۽ مغل مولوي به ان ۾ ڪو نقص ڪڍي نه سگھندا ھئا.
    سڀ نينڍ ڏنل ماڻھو، ھڪ ھڪ ٿي حافظ بلال جي حجري ۾ پھتا، ۽ نُکن تي ويھندا ويا. حافظ بلال نماز کان فارغ ٿي، سڀني سان خير عافيت ڪري پاڻ مصلي تي ئي ويٺو رھيو. ھن جي اکين ۾ ڪو اڄاتو غم ڇوليون ھڻي رھيو ھو، ۽ دل چوندي به ھن جي اکين ۾ نھارڻ محال ھو ڄڻ ته ڏسندڙن کي اھو ڊپ ھو ته ھن جي اکين جو اھو غم ڏسندڙ جي وجود ۾ نه گھڙي اچي. اڪثر ماڻھو سوچيندا ھئا ته حافظ بلال کي ڪھڙو غم ھو؟ ھو ڪھڙي گوندر ۾ گرفتار ھو؟ ان سوال جو جواب حافظ بلال وٽ به نه ھو. ھن گھڻا ڀيرا چاھيو ھو ته ھن جو غم به عام انسانن وانگر اکين جي لڙڪن ۾ وھي، ڪي قدر گھٽجي وڃي. پر ھن کي ياد نه ھو ته ھن جي اکين ڪڏھن رنو ھجي. جڏھن آخوند صالح جو لاش مدرسي ۾ آندو ھئائون، تڏھن حافظ بلال سمجھيو ھو ته ھن جي دل ڦاٽي پرزا پرزا ٿي ، ھن جي پاسراٽين جي وٿين مان نڪري ايندي. پر ان جي بدران فقط ھن جون مُٺيون ڀيڙجي ويون ھيون، ۽ ھن پنھنجي چپ کي چڪ ھڻي زخمي ڦٽي وڌو ھو. ڪو عرصو ھن ڪنھن سان ڳالھايو به نه ھو. ڪيترن استادن ۽ شاگردن اھو به محسوس ڪيو ھو ته حافظ بلال نماز پڙھڻ به ڇڏي ڏني ھئي. فجر جو دؤر ڪرڻ به ڇڏي ڏنو ھئائين. ھڪ ٻن استادن نماز لاءِ کيس چيو ھو ته ذري گھٽ کين ڇڙٻ ڏئي چيو ھئائين ” نماز؟ ڇو؟ ڇالاءِ؟ ..... ھا، ھا، نماز! “
    ۽ پوءِ ھن نماز وري شروع ڪئي ھئي. شروع شروع ۾ ھن امامت ڪرڻ کان بنھه نھڪر ڪري ڇڏي، بلڪ باجماعت نماز کان ئي لھرائيندو ھو. ان جو اصل سبب اھو ھو ته پھريون ئي سجدو ايڏو ڊگھو ٿي ويندو ھو ڄڻ ٻين سجدن ۽ رڪعتن جي گنجائش ئي نه رھي ھئي. پر رفته رفته ھو پنھنجي پاڻ ۾ موٽي آيو ھو. باقائدي نماز پڙھڻ سان گڏ امامت به شروع ڪيائين ۽ دؤر به شروع ڪيائين. دعا گھرڻ وقت جماعتين کي ائين محسوس ٿيندو ھو ته ڄڻ ھو ڪنھن صحرا ۾ ڪنھن بيوس لاچار مسافر جي اڪيلي صدا ٻڌي رھيا ھئا، ” اي ستن آسمانن جا خدا، پنھنجي حبيب جي صدقي، سنڌ تان ھي ڏرت ۽ ڏاڍ ڏور ڪر! ھاڻ اسان ۾ سھڻ جي طاقت ڪانھي! تون ته مظلومن ۽ مجبورن جو اجھو آھين، پوءِ..... اسان کي پنھنجي پناھه ۾ رک، يا اسان کي ساڃھه ڏي ته سمجھي سگھون ته ھي سڀ اسانجي آزمائش آھي!..... پر اي منھنجا مولا، ھيءَ آزمائش به آخر ڪيستائين؟ آخر ڪيستائين؟ آخر ڪيستائين؟.....“
    دعا گھرندي ھن جو آواز ڳؤرو ٿي ويندو ھو ۽ نمازين جي نڙيءَ ۾ ڳوڙھا اٽڪي پوندا ھئا، سڏڪا اڀرندا ھئا ۽ لفظ ” آمين “ به ھڪ سڏڪو بڻجي، مسجد جي گنبذن ۾ اٽڪي پوندو ھو. حافظ بلال جي دعا جا لفظ ڄڻ ته ستن آسمانن سان ٽڪرجي، شڪايتن ۽ شڪون ۾ بدلجي، ماڻھن جي دلين ۾ گھڙي پوندا ھئا ۽ ماڻھو دعا لاءِ کنيل ھٿ پنھنجي منھن تائين آڻڻ وساري وھندا ھئا؛ فقط ھڪ ٿڌو شوڪارو اٿندو ھو، ۽ ڪا گھڙي ماڻھن مٿان لٽڪندو ٽنگجي پوندو ھو، ۽ ھوا ۾ تحليل ٿيڻ وقت ھوا کي به لھسيندو ويندو ھو!
    سڀني پاڙن جا چڱا مڙس ۽ مُکي اچي گڏ ٿيا ھئا. سندن منھن تي عجيب بيوسي ۽ لاچاريءَ جا اولڙا ھئا ڄڻ ته ھو ڪنھن وڏي بيابان ۾ بي يار و مددگار ڀٽڪڻ کانپوءِ ڪنھن وسندي ءَ ۾ پھتا ھئا. پر کين پڪ نه ھئي ته اتي به کين مصيبتن کان پناھه ملندي. سڀني جون اکيون حافظ بلال تان ھٽنديون، ھجري ۾ موجود ماڻھن جي منھن ۾ اُميد جو ڪو ترورو تلاش ڪري رھيون ھيون، ۽ اوچتو جڏھن ڪنھن سان اکيون ٽڪريون ٿي ته ڄڻ ڪجھه شڪي ٿي ھيٺ جُھڪي ٿي ويون: ڄڻ کين ھڪٻئي جي اکين تي اعتبار نه ھو. ڪي ماڻھو انھيءَ بي اعتباريءَ کان بچڻ لاءِ تسبيح جا داڻا سورڻ ٿي لڳا، پر انھن داڻن سورڻ ۾ يڪسوئيءَ بدران ڪنھن ڳالھه کي لڪائڻ جو رنگ وڌيڪ ھو. گھڻو تڻو سڀ پوئتي موٽندڙ عمر جا ھئا. ڪي ته بنھه پيرسن ھئا. البت ھڪ ٻه ڄڻا جوانيءَ جي خون ۾ ھئا پر انھن جوانن ۾ ڄڻ وقت کان اڳ ڳنڀيرتا لھي آئي ھئي.
    حافظ بلال کي پنھنجي ھنن ديس واسين تي رحم اچڻ لڳو: ھي ويچارا پنھنجي ئي وطن ۾ ڪيڏا بيوس ۽ بيواھا ٿا ڀانئجن. ڇا ھاڻ سنڌ جي ماڻھن جي اھائي تقدير آھي ته پنھنجي ئي وطن ۾ پاڻ کي ايڏا اٻاڻڪا سمجھڻ لڳن؟ سنڌ، جنھن ھر ڪنھن کي محبت، پيار ۽ پاٻوھه ڏني ائين ڇو بيوس ٿي محسوس ڪري. اھو سوچيندي ئي حافظ بلال جي اکين ۾ سختي موٽي آئي، ۽ ھن کنگھڪار ڪندي چيو: ”چاچا يار محمد، ڇا صلاح بيٺي؟ “
    چاچو يار محمد سڀني کان پيرسن ھو. سندس منھن تي عمر کان وڌيڪ تجربي جا گھنج ھئا. ھن جي اڇي ڏاڙھيءَ ۾ ھڪڙو به ڪارو وار نه ھو، پر تڏھن به سندس منھن ۾ ڪا اھڙي ڏيا ھئي جو ڏسندڙ جو ڌيان ھن جي اڇي ڏاڙھيءَ ڏانھن وڃڻ بدران ان ڳنڀيرتا ڏانھن ٿي ويو، جيڪا ھن جي اکين ۾ ٿي وسي. ھن پنھنجا جھور ھٿ، پنھنجي منھن تي ڦيرائيندي چيو: ” ابا، صلاح وري ڪھڙي بيھندي؟ سنڌين ۾ ڪڏھن ڪا صلاح به بيٺي آھي؟ انڪري ته تو وٽ لنگھي آيا آھيون ته من تون ڪا راھه ڏسين، جيڪا سڀني کي وڻي! “
    حافظ بلال جو منھن حيا ۽ حجاب کان ڳاڙھو ٿي ويو. ڪجھه ھٻڪندي چيائين: ” اوھين سڀ مونکان وڏا آھيو. اوھانجي وڏي نظر آھي، وڏو تجربو آھي. آءٌ ڀلا ڪھڙي راھه ڏسي سگھندس؟ “
    ” ابا، عقل عمر سان ھجي ھا ته آءٌ برابر سڀني کان ڏاھو ھجان ھا، پر جڏھن عقل ٿي ورھايو تڏھن اسان جي ابن ڏاڏن پَرَڻُ جھليو ھو. تڏھن ته ڌارين جي ھٿان موچڙا کائيندي، اڇي ڏاڙھي ٿي آھي. “ چاچي يار محمد اھا ڳالھه ڪجھه ماڻھن کي کلائي، بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ ڪئي، پر سندس آخري لفظن کلائڻ بدران ماڻھن کي وڌيڪ گنڀير بنائي ڇڏيو.
    ” جي حڪم ھجي ته آءٌ ڪوشش ڪري نئين امير رستم بيگ سان ملي ، مغل لشڪرين جي حرڪتن بابت کيس ٻڌايان: من ڪو بلو ڪري وجھي! “
    ” ابا، امير ٽنگون ٽيڙيون آھن، تڏھن ته لشڪرين جو مَنُ وڌيو آھي. امير تائين دانھن ته ڪڏھوڪو پھچائي اٿائون پر امير کي نڪا جونءَ نڪي ليک- پاڻ آڪرو ته سنڌي شورشون ٿا ڪن، انڪري سندن چڪاس ضروري آھي! “ چاچو يا محمد ھاڻ ڪاوڙ ۾ اچي ويو ھو.
    ” ته پوءِ ته پنھنجو ئي ڪو بلو ڪرڻو پوندو........ “ حافظ بلال ڪجھه سوچيندي چيو.
    ” ابا خيرل، تو جيڪا ڳالھه ٿي ڪئي، سا ڪري ٻڌاءِ ته سڀ سڻن، “ چاچي يار محمد ھڪ ھمراھه جي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو.
    خيرل بنھه سنھڙو سيپڪڙو ھمراھه ھو، جنھن جي منھن مان سندس عمر جي ڪا خبر نٿي پئي. سندس شھپرن ۾ ڪو اڇو وار ڪونه ھو. البت لوڻن وٽ وارن ۾ اڇا پوڻ شروع ٿيا ھئس. سندس ھڪڙي ڳل تي ھڪ ڊگھو گھاءُ ھو، جيڪو تازي سيرب جي ڪري ائين ٿي ڀائنيو ڄڻ ته حجم کيس ٽڪو ڏئي وڌو ھو ۽ رتائجي ويو ھو. سندس اکين ۽ نڪ جي بيھڪ انھيءَ گھاءَ جي ڪري وڌيڪ نمايان ٿي پئي ھئي، ۽ خاص ڪري گھرا گھاٽا ڀرون سندس منھن ۾ حشمت ڀري رھيا ھئا. ھن جي جسم جي سنھائپ سندس منھن مان بنھه ڪانه ٿي لکائي ۽ ائين ٿي ڀائنيو ڄڻ ته ان بت تي اھو جسم نٿي ٺھڪيو.
    ھن ڳلو صاف ڪندي چيو: ” مون اھا ڳالھه ٿي ڪئي ته ھر پاڙي ۾ ٻه ٽي ماڻھو سانجھي نماز کانپوءِ پنھنجي پاڙي ۾ چونڪي ڏين، ۽ لشڪري اچن ته کين سمجھائين ته پاڙي ۾ ڪنھن اوپري ماڻھوءَ کي ڏسي ھو پاڻ کيس لشڪرين جي حوالي ڪندا. کين سانجھيءَ کانپوءِ گشت ڪرڻ جي ضرورت ڪانه رھندي. “
    ” صلاح ته سٺي آھي پر لشڪري مڃيندا ڪونه، ھنن کي آھي پنھنجو ڀڀ ڀرڻو، سي مرڳو ھمراھن کي ئي ٻڌي وٺي ويندا......... “ ھڪ ھمراھه وچان آواز ڏنو.
    سڀني لوڻا ڦيرائي ان ھمراھه کي ڏٺو. ھي ھمراھه به ڪراڙو ھو. سندس منھن مان ائين پئي ڀائنيو ته ڪافي ڊنل ھو. ھن جي ڳالھائڻ وقت ئي سندس بدن جي ٿڙڪڻي ظاھر ھئي. چاچي يار محمد کيس ڏسي چيو: ” حاجي نور محمد سچ ٿو چوي. اڃا ڪالھه سندس ٻنھي ڇوڪرن کي لشڪري وٺي ويا، ۽ حاجي لشڪرين کي وڃي اشرفيون ڏيئي، سندن جان ڇڏائي آيو..... “
    حافظ بلال حاجي نور محمد کان پڇيو: ” حاجي، ڀال تنھنجي ڇوڪرن کي ڇو جھليائون؟ تنھنجا ڇوڪرا ته ڏاڍا سلڇڻا ۽ سدورا آھن...... “
    ” ڀائو راھه ويندي ٿوروئي جھليا. اندر گھر ۾ ويٺا ھئا. در تي کڙڪو ٿيو: ننڍو ڇوڪرو علي محمد ٻاھر نڪتو ته لشڪرين جھٽ وجھي کڻي کيس قابو ڪيو، ۽ چؤکنڀو کڻي ٻڌائونس. سندس رڙين تي وڏو ڇوڪرو صالح نڪتو ته ان سان به ساڳي ڪار ڪيائون- چي ” توھان سانوڻ جي ٽولي سان شامل ٿي ڌاڙا ٿا ھڻو. ھلو چونڪيءَ تي! “ پوءِ ته ٻنھي کي ماريندا ڪٽيندا، گھليندا وڏي چونڪيءَ تي وٺي ويا. آءٌ پڇائون ڪندو اتي پھتس، ۽ مَس مَس پنج اشرفيون وٺي کين ڇڏيائون. پنج اشرفيون به نه پيا وٺن، پر جڏھن کين ٻڌايم ته مون وٽ ان کان وڌيڪ پائي به ڪانھي، تڏھن مڃيائون..... “ حاجي نور محمد جو ڊپ ھاڻ ڀڄي پيو ھو، پر يڪي ساھيءَ ڳالھه ڪندي، سھڪي ۾ پئجي ويو.
    ” ابا حافظ، رڳو حاجي نور محمد سان اھا تعدي ڪانه ڪئي اٿن. ھي جيئندو ويٺو آھي، ان جو ڪڙو کڙڪائي، کيس ٻاھر سڏي، چونڪيءَ تي وٺي ويا ۽ ھڙ ۾ جيڪي ھوس، سو ڦري کيس ڇڏيائون. سونھاري جي ننڍڙي معصوم ڇوڪر کي به وٺي ويا ۽ جيسين ڪجھه ڏنائين نه، تيسين ته ٻڌائين ئي نه پيا ته ڪو ڇوڪر وٽن ھو. ھر پاڙي ۾ اھڙا روز واقعا پيا ٿين، ھاڻ ته ھت رھڻ ئي جنجال ٿي پيو آھي..... “
    ” غلام قومن سان ائين ئي ٿيندو آھي، چاچا! “ حافظ بلال اھي لفظ ڪجھه اھڙي انداز سان چيا، جو سڀني جي بدن ۾ سياٽو پئجي ويو. اھي لفظ نوان نه ھئا، اھي لفظ ھنن پنھنجي دل ۾ محسوس ڪيا ھئا، پر اھي لفظ جڏھن حافظ بلال جي زبان مان ادا ٿيا ته انھن ۾ ھڪڙي نئين معنى ڀرجي آئي، جنھن ھنن کي پھريون ڀيرو ان حقيقت جو احساس ڏياري، سندن بدن ۾ سيءُ وجھي ڇڏيو.
    ” ھائو ابا، سچ ٿو چوين: غلام نه ھجون ھا ته اھا ڪار ٿوروئي ٿئي ھا! ھاڻ ته ڪاروبار ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آھي: جيڪي لُھاڻا، ميمڻ ۽ کتري لڏي ويا آھن، انھن جي ملڪيتن تي ارغون، ترخان ۽ مغل زوريءَ قبضا ڪندا وتن. امير ۽ عامل کين عام اجازت ناما ۽ پروانا پيا ڏين. جُٺ ته اھا آھي ته جن دڪانن ۽ جاين جي مسواڙ پيا ڀريون ۽ پيڙھين کان اتي ويٺا آھيون، اھي دڪان ۽ جايون به ارغون، ترخان ۽ مغلن جي نالي پيا ٿين. حڪم وري اھو ته مسواڙون انھن نون مالڪن کي ڏيو نه ته خالي ڪريو! اجھو ھي خالقڏنو ويٺو آھي. ابي ڏاڏي کان ويرسي مل جي جاءِ ۾ مسواڙ تي ويٺا آھن. ويرسي ويو، پر پٽن کي ھت ڇڏي ويو. سندس ڪوٺي اڃا وڏي بازار ۾ آھي. ھاڻ ان جاءِ جي ملڪيت ھڪ مغل معموري بيگ جي حوالي ٿي آھي، ۽ مسواڙ اھو پيو وٺي. ويرسيءَ جا ڇوڪرا دانھين ٿي ويا ته مرڳو بي عزتا ٿي آيا. امير جي عملدارن کين دڙڪو ڏنو ته ماٺ ڪري ويھن نه ته ان ڪوٺيءَ تان به کين اٿاريندا جو اھا به لڏي ويل ويرسيءَ جي ملڪيت آھي. مُٺِي به ماٺ ته، مُٺي به ماٺ، ڪري ويھي رھيا. ھاڻي وري مغل خالقڏني کي چوائي موڪليو آھي ته مسواڙ وڌائي ڏي نه ته اُٿ جاءِ مان! ڪيئن ابا خالقڏنا، سچ ٿو چوان نه؟ “
    ” ھائو چاچا، مون واري جاءِ ته ويئي، پر ھاڻ ته دڪان جي پويان پيا آھن ته دڪان اسان کي وڪڻي ڏي! آءٌ ٻچڙيوال ان دڪان مان ئي روزگار ويٺو ڪمايان، سو ڪيئن دڪان ڇڏيان؟ امير کي عريضي موڪليم پر ڪجھه نه ٿيو. ھاڻ وري ٻي عريضي آگري موڪلي اٿم. من اتان ڪو انصاف ٿئي! “ خالقڏنو ڳالھه ڪندو اچي سڏڪن ۾ پيو. سندس ڀر ۾ ويٺل ھڪ ھمراھه کيس ڪلھن ۾ ڀاڪر وجھندي، دلداري ڏني ته ماڳھين اچي اوڇنگارن ۾ پيو.
    حافظ بلال جو منھن ڪاراٽجي ويو، پر ھن پاڻ تي ضبط ڪندي چيو: ھاڻ ته ڀانئجي ٿو ته مغلن به ارغونن ۽ ترخانن وانگر فيصلو ڪري ورتو آھي ته شھرن جي ملڪيتن ۽ واپار وڙي تي قبضو ڪندا ويندا ته سندن حڪومت قائم رھندي. شھرن تي قبضو مڪمل ٿيو ته ٻھراڙيون خودبخود قبضي ھيٺ اچي وينديون! “
    ” ابا، ٻھراڙين تي ته ھونئن ئي سندن قبضو آھي. زمينون يا ته جاگيرن طور ارغون اميرن ۽ مغل سردارن کي مليل آھن، يا وري ننڍن ننڍن زميندارن کان ڀڳڙن مٺ تي زمينون وٺندا وڃن! محصول ايترا آھن جو ھَرَ ھاري ۽ مالوند ماڻھو فقط ايترو ٿا اپائين جو سال جو قوت بچي. اناج کي شھرن ۾ پھچائڻ جا گھَٽ به سڀ ھنن جي ھٿ ۾ آھن. سو ٻھرايون به ھاڻ ھنن جي قبضي ۾ آھن..... “ چاچي يار محمد حافظ بلال جي ڳالھه کي ٽيڪو ڏيندي چيو.
    ” ھي جو شھرن ۾ لشڪرين ٻائيتال مچايو آھي، ان جو ڪھڙو مقصد ٿي ٿو سگھي..... “ ڪنھن ھمراھه ڄڻ پنھنجي پاڻ سان ڳالھائيندي چيو.
    ” ان جا گھڻائي مقصد آھن: ھڪڙو ته سنڌي پاڻ ڪا شورش يا بغاوت نه ڪري سگھن. ننگ سلامت نه ھوندا ته ڪير شورش جو سوچيندو؟ ٻيو ته سنڌي ارغونن يا ترخان کي شورشن ۾ مدد نه ڪن. ٽيون ته سنڌي عاجز اچي، شھرن مان لڏي وڃن ته ملڪيتون ٻاھران ايندڙن لاءِ خالي ٿين، واپار وڙو به ٻاھرين جي ھٿ ۾ اچي، جن جو دھلي، آگري، فتح پور ۽ ٻين ھندوستاني شھرن سان ڳانڍاپو ھجي، ۽ جيڪي ان ڳانڍاپي جي ڪري مغل شھنشاھت سان وفادار رھندا اچن. باقي رھندا ڪمي، ڪاسبي، ھٿ ڪاريگر، سي جيڪو مال ٺاھيندا سو سستن اگھن تي خريد ڪري، اھي ٻاھريان واپاري ڏيساور موڪليندا، يا دھليءَ ۽ آگري جي بازارن ۾ وڪري لاءِ موڪليندا. ظاھر آھي ته ڪاريگر ۽ ڪمي ڪاسبيءَ جو روزگار ھنن جي ھٿ ۾ ھوندو ته انھن تي سندن ئي حڪم ھلندو! “ حافظ بلال جي آواز ۾ پڙاڏو پيدا ٿيندو ويو- نفرت جو پڙاڏو، احتجاج جو پڙاڏو!
    ڪا گھڙي ماٺ ٿي ويئي. ماڻھن کي پنھنجو ساھه کڻڻ به محسوس ٿيڻ لڳو. ان نفرت جي لھَس سندن ان احساس کي ھيڪاندو ڪري ڇڏيو. پر گھڙيءَ کانپوءِ ڪنھن جي کنگھڪار تي، ڄڻ سڀ حال ۾ موٽي آيا.
    ” منھنجي صلاح آھي ته اسين ٻه چار ڄڻا گڏجي شھر جي عامل سان يا ڪوٽوال سان ملي، ھر ماھه لشڪرين جي لاءِ ھڪ مقرر رقم کين ڏيون. اھا رقم ڦوڙي ڪري کين پھچائجي. لشڪرين جو ڀِڀُ ڀريو ته ھو ڏاڍائيءَ کان ڪيٻائيندا! “ اھي لفظ ھڪڙي ٿلھي متاري ھمراھه چيا، جيڪو سڀني کان پٺيان ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو ھو. ھن جي بت بدن مان ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته ھو پنھنجي ٿولھه مان بيزار ھو. سندس منھن تي به ٿولھه جي ٿوٿر چڙھيل ھئي. سندس چپ ٿلھا، نڪ نسبتاً سنھو ھو. ٿوٿر جي ڪري سندس اکيون ننڍڙيون ٿي نظر آيون، ۽ سندس پيشاني ائين ھڪدم پوئتي موٽ ٿي کاڌي، جو سندس ڀرن ۽ وارن ۾ تمام ٿورو فاصلو ھو. جيترو ھو ٿلھو ھو، سندس آواز اوترو ئي سنھو ھو، تقريباً زنانو ھو. ھن ڳالھه کي جاري رکندي چيو: ” ڪپڙي بازار ۾ ڪجھه لشڪري ائين ھريا ھئا، جو مال چُڪائي ھليا ويندا ھئا، ۽ پوءِ ھڪڙو لشڪري ڪپڙو سوڌڻ جي بھاني سان دڪاندار سان اٽڪي پوندو ھو، ۽ سڄي بازار جي اکين اڳيان اھو دڪاندار لشڪرين جي ھٿان ڏاڍي مار کائي، ڪپڙو به ڏيندو ھو ته تاوان طور ھڪ ٻه اشرفيون به ڏيڻيون پونديون ھئس. جڏھن اھي واقعا روز ٿيڻ لڳا، ته سڀني گڏجي، ڪپڙي بازار جي چونڪيءَ جي عملدار کي ان ڳالھه تي راضي ڪيو ته سندس چونڪيءَ جي لشڪرين لاءِ مھيني در مھيني وِيھه اشرفيون ڏينداسون: اھو ڏينھن اڄوڪو ڏينھن، وري ڪو لشڪري ڪپڙي بازار ۾ ڪونه آيو آھي! “
    ” بروبر، وري ڪنھن سپاھيءَ جو پاڇو به ڪپڙي بازار نه آيو آھي، “ ھڪڙي ٻئي ھمراھه ھن جي ڳالھه کي ٽيڪو ڏنو.
    ” پر اھو ته ڀُنگ ڏيڻ ٿيو: اڃا اھڙا به ڪمزور نه ٿيا آھيون جو ظلم خلاف ڀُنگ ويٺا ڏيون! اڄ ھڪڙن لشڪرين کي ڀُنگ ڏنوسون، ته سڀاڻي وري ٻيا مِٺائبا! “ خالقڏني چئي ڏنو.
    ” نه نه، ائين ڪون ٿيندو...... اھو ته ھٿ وٺي ھنن کي حرام تي ھيرائڻ ٿيندو! پوءِ ته ھر بازار مان، ھر محلي مان، ڀُنگ وٺڻ شروع ڪندا! “ چاچي يار محمد خار وچان چيو.
    حافظ بلال سڀني جون ڳالھيون ٻڌندو رھيو. ھن جي منھن تي ھڪڙو رنگ آيو ٿي، ھڪڙو ويو ٿي. جڏھن ڀُنگ جي ڳالھه تي بحث مباحثو ختم ٿيو، تڏھن ھن موجود ماڻھن تي سرسري نظر وجھندي چيو: ” اڃا به ڪنھن کي ڪا تجويز ڏيڻي ھجي ته ڀلي ڏئي. “
    ھڪڙي نوجوان کنگھڪار ڪندي سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو. نوجوان پنجويھن ڇويھن سالن جو ٿي لڳو. سندس منھن ۾ پورھيتن واري سختي ھئي. سندس سنھيون مڇون ڪَڪي رنگ جون ھيون، ڄڻ ته باھه جي تـوَ جي ڪري ڳاڙھسريون ٿي ويون ھيون. مضبوط جسم، ڊگھو قد، ويڪرا ڪُلھا، جن ۾ ڪا اڄاتي اُڇل ٿي ڀانئي. ھن جي آواز ۾ ھڪ عجيب گونج ھئي: ائين پئي ڀانيو ڄڻ ايترن ماڻھن جي اڳيان ڳالھائيندي آواز سندس نڙيءَ جي پويان ٿي آيو.
    ” آءٌ اوھان سڀني کان شايد ننڍو آھيان، ان ڪري وڏن اڳيان مونکي ڳالھائڻ ته نه گھرجي: پر ڳالھه ئي اھڙي آھي جو جھل نه ٿي ٿئي. مون ھيل تائين ماٺڙي ڪري ويٺي وڏن جون ڳالھيون ٻڌيون. ائين پيو ڀانيان ڄڻ سڀڪو ائين ٿو سمجھي ته مغلن جو ٻِلو يا منٿ ميڙ سان ڪجي يا ڀُنگ ڏئي جند آزاد ڪجي. سڄي ڄمار سنڌين ڀُنگ ڏئي گذاري آھي! يا ڪھڪائيندي، نمندي، نياز نئڙت سان، پاڻ تان ڌارين جون ھلائون واري ڇڏيون آھن. ڪڏھن اھو ڪنھن نه سوچيو آھي ته مڙس ٿي مقابلو ڪرڻ سان به مغلن جو بِلو ڪري سگھجي ٿو..... “
    نوجوان پاڻ ۾ گھڻو ئي ڌيرج پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر سندس آواز ۾ نفرت وڌندي ويئي. ھن گھڙيءَ لاءِ پنھنجي آس پاس نھاريو، ۽ ھن تي نااميديءَ بدران بيزاري اچي وئي. ” سو جي سڀني جي صلاح نه به بيٺي ته اسان ڪجھه ننڍن نيٽن سوچيو آھي ته مغل سپاھين کي اھڙي سيکت ڏيون جو سنڌين جي پاڙي ۾ اچڻ کان ئي بان ڀري ڇڏين.....! “
    ھن پنھنجي ڳالھه اھڙي نموني ڪئي، ڄڻ ته ھن چوڻ ته گھڻو ئي ڪجھه ٿي چاھيو، پر ڪنھن سندس وات تي ھٿ رکي، کيس ڳالھائڻ کان روڪي وڌو ھو! ڪا گھڙي ڪنھن به ڪجھه ڪونه ڳالھايو، ڄڻ ته ھو ھن ھمراھه جي ڳالھه کي تورڻ تڪڻ ۾ مصروف ھئا. پوءِ چاچي ياروءَ ھوريان کنگھڪار ڪندي چيو: ” ابا، تون علوءَ واڍي جو ڇوڪرو وريام آھين نه؟ جزاڪ الله! ڌڻي وڏي ڄمار ڏينئي! ڳالھه ته منھنجي دل وٽان ڪئي اٿئي، پر رڳو ھڪڙي ڳالھه ٿي ماري. جيڪڏھن مغل سپاھي عامل وٽ دانھين ٿي ويا ته پوءِ ڪھڙو حشر ٿيندو، سو ڪو سوچيو اٿئي؟ اوھين ته جھلجي ويندؤ، پر ھر پاڙي تي اھڙا ڏنڊ ۽ تاوان وجھندا، جو ڀريندي حال اٿئون! “
    پيرسن جي ڳالھه سڀني کي دل سان لڳي، پر ڪنھن به وچ ۾ ڳالھائڻ مناسب نه سمجھيو. حافظ بلال کي چوڻو پيو: ” وريام، ابا، ان اعتراض جو ڪو جواب ڏيندين؟ “
    وريام حافظ بلال سان اکيون ملائيندي چيو: ” ڀُنگ ڏيڻ کان ته اھو ڏنڊ ڏيڻ چڱو ٿيندو! تنھن کانسواءِ مغل امير وٽ ڳالھه پھتي ته خود لشڪرين جي ڏاڍاين جي ڳالھه به نڪرندي. ڳالھه آگري تائين پھچڻ جو به خيال ٿيندن! “
    ” بروبر “ ، ” واھه جي ڳالھه ڪئي اٿئي، “ ” اھا چڱي صلاح ٿي..... “ اوچتو ماڻھن وچ وچ ۾، پنھنجو پنھنجو خيال ڏيکارڻ شروع ڪيو. نيٺ حافظ بلال چيو: ھاڻ ھيئن ٿا ڪريون ته ھر محلي مان پنج پنج جوان گڏجي چونڪي ڏين. مغل لشڪرين کي اطلاع ڏيڻ لاءِ آءٌ پاڻ ٿو عامل وٽ وڃان ته لشڪرين کي ڏاڍاين ڪرڻ کان روڪين نه ته جھيڙو ٿيندو ۽ ڳالھه آگري تائين پھچندي. ابا وريام، ھرو ڀرو مغل لشڪرين سان کؤنس نه ڪجو. ارغون سردارن اڳي ئي مغلن کي ميڇ ڏني آھي ته سنڌي وري شورش ڪرڻ وارا آھن. ارغون ۽ ترخان پاڻ ڪجھه ڪرڻ وارا آھن، متان اھو الزام به اسان تي لڳي! چاچا يار محمد، ھاڻ ھر پاڙي ۾ چونڪيءَ جا جوان مقرر ڪرڻ توتي ۽ وريام تي ٿا ڇڏيون. آءٌ سڀاڻي ئي عامل سان ڳالھه ڪندس. مونکي ھونئن ئي مدرسي جي ڪم لاءِ سڏايو اٿن! “
    حافظ بلال ڳالھه ڪئي، معنيٰ فيصلو ٿي ويو. ماڻھن مان ڪي اڃا به ڊني ڊپ کان ان ڳالھه سان متفق نه ھئا، پر حافظ بلال اڳيان اعتراض ڪرڻ جي حجت ڪنھن به نه ڪئي. سڀ اھا دعا گھرندا اٿيا ته خدا ڪو مغلن کي ساڃھه ڏي! *


    6

    ٺٽي جي رات ڪھاڙيءَ جي دَڪَ جيان ٺري پئي ھئي. ھوا به ڪنھن اھنج، ڪنھن ايذاءَ کان ڦوڪون ڏيڻ لڳي ھئي. سوساٽ ائين ٿي ٿيو ڄڻ ته وڻن جي بدران ماڻھن جي دلين مان شوڪارا ٿي ڦٽي نڪتا. سمھڻيءَ جي ٻانگ جي آواز انھن شوڪارن کي وڌيڪ درديلو بڻائي ڇڏيو، ڄڻ ته ٻانگي جڏھن ”حي علي الصلواة “ ، ” حي علي الصلواة “ ، ٿي ورجايو تڏھن سندس دل مان دانھن ٿي نڪتي؛ ۽ جڏھن ھن پنھنجي پر سوز آواز ۾ ” حي علي الفلاح “، ” حي علي الفلاح “ جو سڏ ڏنو، تڏھن به ھن جي دل جي درد اھا شھادت ٿي ڏني ته نماز لاءِ ڪوبه نه ايندو، ڀلائيءَ لاءِ ڪوبه نه ايندو! ظلم جي چؤديواريءَ اندر ويچارڙا ماڻھو الله جي سڏ تي لبيڪ چوڻ کان به سراپجي ويا ھئا، متان مغل لشڪري مسجد مان نڪرندي ڇِتن ڪتن وانگر ورائي وڃن!
    سانوڻ ڪُميت کي سيدن واري مسجد جي بَـڙَ جي اوٽ ۾ ڇڏي ڏنو، ۽ آھستي سندس ڪن ۾ سرٻاٽ ڪندي چيائين: ” مِٺي، منھنجو اتي ئي انتظار ڪجان! “ ڪميت ڄڻ ته سندس نياپو سمجھي، ڪنڌ ھيٺ ڪري بيھي رھي، ۽ سانوڻ لغام ورائي سندس ڳچيءَ مان اُڪاريندي، ھَني ۾ ھڻي ڇڏيو. مغلاڻي پڳ جو پلاند ورائي، ٻُٽ ٻَڌندي، مسجد جي پٺ وٺي، ترخانن جي محلي جي پھرين چؤبُرجيءَ جي اوٽ وٺي بيھي رھيو. چؤبُرجيءَ ۾ ان وقت ڪوبه نه ھو: شايد چوڪيدار نماز پڙھڻ لاءِ مسجد ھليو ويو ھو، يا پنھنجي ڪنھن ساٿيءَ سان پَٽ شَٽ ھڻڻ لاءِ حويلين مان ڪنھن حويليءَ جي ڏيڍيءَ ۾ مصروف ھو. مغلن جي ٻھروپ ۾ جيڪڏھن ڪو ترخان ھن کي ڏسي به ھا ته به مڙيوئي خير ھو، پر تڏھن به احتياط سان پنھنجي آس پاس جو جائزو وٺندي، ھو اڳيان وڌيو. ھڪ پيرسن ترخان مسجد ڏانھن وڃڻ لاءِ رستي تي مليس: ھڪ مغل سردار کي ڏسي، ادب مان ڇاتيءَ تي ھٿ رکي، آجيان ڪندي اڳتي وڌي ويو. سانوڻ کي پڪ ٿي ته سندس ٻھروپ ھرو ڀرو ايترو وائکو نه ھو جو ڪير سندس اصليت سمجھي وڃي. ٽي چؤبرجيون ٽپي، جڏھن ھو ھڪ وڏي ڏيڍيءَ وٽ پھتو ته ھلڪي پکيءَ جو آواز ڪن تي پيس. ھن به ھوبھو ان پکيءَ جي ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو ته ڏيڍيءَ جي اوٽ مان ھڪڙو مغل ٻاھر اچي ساڻس مليو.
    ” سردار خان، ھن ڏيڍيءَ کان اڳيان واري حويلي قيصر بيگ جي آھي. منھنجي جاسوسسن خبر ڏني آھي ته قيصر بيگ پاڻ موجود ڪونھي. البت پھرو اڳي کان وڌيڪ آھي. اٽڪل پندرھن سورنھن سپاھي آھن: انھن جو بِلو اسين پاڻ ڪنداسين؛ باقي زنانخاني ۾ سنڌي ڪنيز- منھنجو مطلب آھي ته نينگريءَ کي کڻڻ توتي ڇڏيل آھي! “
    ” چڱو، پر مال لٽڻ وقت ھروڀرو خونريزي نه ٿئي، نه ته آس پاس جي حويلين جا پھريدار نه گڏ ٿي وڃن! “
    سانوڻ پوءِ ڪجھه سوچيندي چيو: ” ۽ ارسلان، خاص طرح زائفائن کان زيور وغيرہ لھرائڻ به مونکي پسند ڪونھي. “
    ” سردار خان، تون ڇٽو آھين. جيڪي ڪجھه مال خاني واري ڪوٺي ۽ اندر وارين ڳجھين ڪوٺين مان مليو، فقط سو کڻنداسين..... “
    ائين چئي ارسلان وري ھڪ پکيءَ جي ٻولي ٻولي ته آس پاس مان ڏھاڪو کـن ھمراھه، مغلن جي ويس ۾، ٻُٽون ٻڌل، پاڇولن جيان ڏيڍيءَ اڳيان نمودار ٿيا: ارسلان جي اشاري تي، سڀ گڏجي قيصر بيگ جي حويليءَ جي دروازي تائين اھڙي نموني پھتا ڄڻ سپاھين جو جٿو، ڪنھن عملدار جي حڪم تي، ڪو خاص پيغام کڻي پھتو ھو. سندن جُتين جي آواز ۾ به سپاھين واري تنظيم ھئي. سانوڻ، ارسلان جي ماڻھن جي ھن چال جو خيال ايندي ئي، مُرڪڻ لڳو. ارسلان بيگ برابر چڱي تياري ڪري آيو ھو. ڏيڍيءَ جي چوبي دروازي تي پھچي، ارسلان جا ماڻھو، سپاھين وانگر ھڪ آواز ٿي بيھي رھيا. ان آواز تي چوبي دروازي ۾ ھڪڙي ننڍڙي دري کلي پئي، ۽ ھڪ پھريدار سِسي ٻاھر ڪڍي پڇيو: ” اوھين ڪير؟ “
    ” ٺٽي جي عامل عاليجاھه رستم بيگ جو خاص پيغام توشي خاني جي عمال، مرزا قيصر بيگ لاءِ آندو اٿئون، ھڪدم کيس ڄاڻ ڪيو وڃي! “
    ” پر حضور مرزا صاحب جن ته موجود ڪونھن! “ پھريدار ھيسجي چيو.
    ” ته پوءِ اسين انتظار ڪنداسون. سپاھيو، توھين اتي ئي بيھجو، ۽ تون مھمان خانو کولاءِ ته اسين انتظار ڪنداسون! “ ارسلان بيگ ڪڙڪي سان چيو.
    ” پر..... پر حضور..... “ پھريدار کي سمجھه ۾ ئي نه پئي آيو ته ھو ڇا ڪري.
    ” گستاخ، اھا پَر پَر ڇاجي لڳائي اٿئي؟ اسين توکي عاليجاھه حضور رستم بيگ جي نالي تي حڪم ٿا ڪريون ته اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو وڃي .....! “
    ” حضور، آءٌ ڇا ڪريان، مون کي ته اھو حڪم ..... “
    ” حڪم جا سَڪا.....! “ ارسلان بيگ غضبناڪ ٿيندي، کڻي پھريدار جي منڍيءَ ۾ ھٿ وڌو. پھريدار جون اکيون ٻاھر نڪري آيون، ۽ ھن ھٻڪندي چيو: ” جيڪو حڪم..... جيڪو حڪم.....! “
    ارسلان اوچتو ھن جي مُنڍي ڇڏي ڏني، ۽ پھريدار ٿاٻڙجي وڃي پويان ڪريو، ۽ ٿوري دير ۾ دروازي جي لوھي تاڙي کلڻ جو آواز ٿيو. دروازو کليو ته ارسلان، ۽ سانوڻ جي پٺيان ارسلان جا ھمراھه به ڌوڪيندا اندر داخل ٿيا.
    ” سپاھيو، گرفتار ڪريو ھنن گستاخن کي! ھنن مغل امير جي حڪم عدوليءَ جي جرئت ڪئي آھي.... “
    پھريدارن کي سمجھه ۾ نه آيو ته ھو ڇا ڪن، جيسين ھو ھٿيار سنڀالين، تيسين ارسلان جي ھمراھن ترارن جي نوڪ تي سمورن ڏھاڪو کن پھريدارن کي رَسن سان چوکنڀو ٻڌي ڇڏيو. احتياط طور ھنن سندن واتن ۾ سندن ئي پٽڪن جو وَرُ ڏيئي، رڙين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اڳتي جيڪي پھريدار ملين، تن سان به ساڳي ڪار ڪيائون. ارسلان ۽ سندس ساٿي مھمان خاني مان ٿيندا، مَردانخاني ۾ داخل ٿيا، ۽ سانوڻ زنانخاني ڏانھن رخ رکيو.
    زنانخاني جي دالان ۾ به ديو جيڏا خواجه سرا ھڪ اوپري مغل کي حڪما حڪمي اندر ايندي ڏسي، گھڙيءَ لاءِ وماسجي ويا. پر پوءِ ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿي، آدمبوءِ تي، پنھنجا خنجر ڪڍي، سانوڻ تي اُلر ڪري آيا. سانوڻ کي گھڙيءَ لاءِ پاڻ تي ڪاوڙ اچي وئي ته ھن پھريون ڇو ڪونه سوچيو ته زنانخاني تي خواجه سرا پھرو ڏيندا ھوندا! ان کانسواءِ ھن ھروڀرو خونريزي ڪرڻ به نه ٿي گھري.پر ھنن ديون مان ائين جان ڇڏائڻ به محال ھو. ھو ڪجھه سوچيندي، ٽپ ڏيئي ٻٽي قدم پوئتي ھليو ويو. خواجه سرا مست ھاٿين جيان جھوليندا، اڳيان وڌيا، ۽ ھو اڃا ئي ڪجھه قدم پوئتي ھليو ويو. ھن کي ائين پوئتي ھٽندو ڏسي، خواجه سرا اھو سمجھڻ لڳا ته سندن شڪار خوف کان ڀڄڻ جي تيارين ۾ ھو. انڪري ھو ھڪ ٻئي پويان ڌوڪيندا آيا. تيسين سانوڻ خنجر بدران، پنھنجي ڪمربند ۾ لڳل رسو کولي، سرڪساھيءَ کي ويڪرو ڪندي، پنھنجي مٿان ڦيرائيندي، ھڪڙي ديوَ ڏانھن اُڇليو. رسو خواجه سرا جي ڪلھن تائين آيو ته سانوڻ ڇڪ ڏيئي قابو ڪري ڇڏيو. ان ڇڪ تي خواجه سرا منھن ڀر اچي ڏاڪڻ تي ڦھڪو ڪيو. جھَپ ھڻي سانوڻ سندس ھٿ مان خنجر ڦري ورتو، عين ان وقت ٻيو خواجه سرا مٿس اُلر ڪري آيو. سانوڻ ڦڙتيءَ سان پوئتي نه ھٽي ھا ته خنجر سندس ڪلھي کان دل تائين کُپي وڃي ھا. خواجه سرا جو وار خالي ويو ته پنھنجي ئي زور ۾ ٻه ٽي قدم اڳتي نڪري ويو. جيسين ھو پنھنجي ٻانھن وري مٿي ڪري، ان کان اڳ سانوڻ خواجه سرا کان کسيل خنجر سان ، سندس ان ئي ٻانھن تي ڪنھن باز وانگر لامارو ڏنو. خنجر خواجه سرا جي ٻانھن کي ڏوري کان ڪرائيءَ تائين ڪپي ويو، ۽ خنجر سندس ھٿ مان ڇڏائجي اچي فرش تي ڪريو. سانوڻ الائي ڇو ھن کي مارڻ نه ٿي چاھيو. انڪري جيئن ئي خواجه سرا ڍڳي جيان رنڀ ڪري، ڪريل خنجر کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته سانوڻ ھڪ زوردار لَت چيلھه تي ڦھڪائي ڪڍيس، ۽ ھو منھن ڀر اونڌو ٿي ڪري پيو. خنجر سندس پٺيءَ وٽ آڻيندي، سانوڻ فارسيءَ ۾ چيو: ” اٿڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئي ته ھي خنجر دل جي پار ھوندءِ.....! “
    خواجه سرا ھڪ ڊگھي ” ھون “ ڪري، اتي ئي پئجي رھيو. سانوڻ ان خواجه سرا کي به رسي سان چوکنڀو ٻڌي، وري ٻئي خواجه سرا جون به ٽنگون ٻانھون ٻڌي، ٻنھي کي وري گڏ ٻڌي ڇڏيو، جيئن ھڪٻئي جا بند ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪن!
    سانوڻ جڏھن زنانخاني ۾ داخل ٿيو ته گھڙيءَ لاءِ ترخانن جي دولت ۽ عيش عشرت جي سامان ڏسڻ ۾ محو ٿي ويو. بلوري شمعدانن ۾ ٻرندڙ شمعن زنانخاني کي ڏينھن جھڙو روشن ڪري ڇڏيو ھو. اطلس ۽ ڪيمخواب سان سجايل پلنگن ۽ مسندن، شمعن جي چرندڙ روشنيءَ ۾، عجيب جھرمر لائي ڏني ھئي. ھو ان خواب مان تڏھن سجاڳ ٿيو جڏھن ٻه ڪنيزون سندس قدمن ۾، سندس پيرن کي جھلي چئي رھيون ھيون: ” رحم آقا! رحم! الله، الله جي رسول جي صدقي، رحم! “
    الائي ڇو ھن جي دل کي جھوٻو اچي ويو. ھي زائفائون ڪيتريون نه لاچار ۽ مظلوم ھيون! ھن ڪجھه پوئتي ھٽندي چيو ” اوھان ڊڄو نه، مون کي رڳو اھو ٻڌايو ته سنڌي نينگر نُوري ڪٿي آھي؟ “ ھن ڪنيزن کي اٿاريندي چيو.
    ” اسان کي ڪا خبر ڪانھي، آقا! قسم آھي خدا جو، اسان کي ڪا خبر ڪانھي..... “ ٻنھي ڪنيزن يڪ آواز ٿي چيو.
    سانوڻ ڪجھه سوچيندي خوابگاھه جي ڪمري ڏانھن وڌيو، ۽ پير سان زور ڏنائين ته دروازو کلي پيو. اندر ھڪ وڏي شاھي پلنگ تي ھڪ قداور زائفان، ڄڻ ته ھن جي منتظر ھئي. ھوءَ ھڪدم اٿي بيٺي ۽ ھن ڏانھن ايندي چيائين: ” خدا جي واسطي، منھنجا معصوم ٻچڙا مونکي واپس ڏيو، نه ته.....نه ته مونکي به پاڻ سان وٺي ھلو! “
    سانوڻ ھن جُملي لاءِ بلڪل تيار نه ھو. ھو سمجھي ويو ته ھيءَ قيصر بيگ جي زال ھوندي، پر ھن جي معصوم ٻارن کي ڪير کڻي ٿو سگھي؟ متان ھنن جي اچڻ کان اڳ، ٻيا ڪي مغل سندس ٻارن کي کڻي ويا آھن. ھن ڪجھه سوچيندي چيو: خانم، مونکي تنھنجي ٻارن جي ڪا خبر ڪانھي. آءٌ ته ھڪ سنڌي نينگري، نُوريءَ جي تلاش ۾ ھتي آيو آھيان..... مھرباني ڪري، ٻڌاءِ ته اھا ڪٿي آھي؟ “
    ” ھا، ظالم ان ڪنيز کي به منھنجي جگر گوشن سان گڏ وٺي ويا! “ زائفان سُڏڪندي چيو.
    ” مرزا شاھه رخ ۽ سندس حواري..... ٻيو وري ڪير؟ “ زائفان اھڙي انداز سان چيو ڄڻ ته کيس يقين ئي نه پئي آيو ته ھڪ مغل سردار کي اھا خبر ئي نه ھوندي.
    ” پر ڇو؟ “ سانوڻ ڳالھه کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    ” اسان کي ته ڪا خبر ڪانھي! لاشڪ ته حضور مرزا قيصر بيگ سان حسد جي ڪري! ھن اوھان مغلن جي ملازمت اختيار ڪئي ته سمورا ارغون سردار ھن سان ڪاوڙجي پيا آھن، پر ان ۾ اسانجي معصوم پٽن جو ڪھڙو ڏوھه..... ؟ يا خدا ھو الائي ڪٿي آھن؟ الائي ظالمن، ھنن سان ڪھڙا ظلم ڪيا ھوندا؟....... “ ۽ ھوءَ وري اچي سڏڪن ۾ پئي.
    ” اھا ڪڏھن جي ڳالھه آھي؟ “ سانوڻ ڌيرج سان پڇيو.
    ” ڪالھه رات جو..... ارغون سردارن پيغام موڪليو ته حضور جن پنھنجن شھزادن کي نئين سنڌي ڪنيز نُوريءَ سان گڏ، مرزا شاھه رخ جي حويليءَ تي گھرايو آھي..... مون بي عقل عورت، ھنن تي اعتبار ڪري، پنھنجا سڪيلڌا نُوريءَ سان گڏ، ھنن جي ماڻھن سان گڏ موڪلي ڏنا.....حضور جن جڏھن صبح جو آيا ته مون سان ڳالھه ڪيائون ته منھنجا شھزادا مرزا شاھه رخ جي بنديخاني ۾ آھن! ھنن حضور جن تي ڪو ڪم رکيو آھي، جيڪو نه ٿيو ته ھو ظالم کين ڪُھي ڇڏيندا..... يا الله، مان ڪيئن ڪريان.....! “ ھاڻ ته ھوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
    سانوڻ جي دل چيو ته ھن مظلوم عورت کي ڪا دلداري ڏي، پر ھن کي ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو. ھن رڳو ايترو چيو ته: ” خانم الله تي رک، زندگي ۽ موت الله جي وس آھي، مرزا شاھه رخ جي وس ڪونھي.....! “
    ائين چئي ھو تڪڙو ٻاھر نڪري آيو. ويندي ويندي ھن زائفان جو ھيڻو آواز ٻڌو.... ” پر توھان..... ڪير ......؟ “
    ھوٻاھر نڪتو ته ھن ٻنھي خواجه سرائن کي ائين ئي پيل ڏٺو. ھو سمجھي ويو ته ارسلان بيگ جا ھمراھه اڃا زنانخاني ڏانھن نه آيا ھئا. ھنن کي شايد مردانخاني ۾ ئي گھربل دولت ملي ويئي ھئي. ھن ڪجھه سوچي، پکيءَ جي ٻولي ٻولِي ته مردانخاني مان به ساڳيو جواب مليس. ھنن کي مال لُٽيندو ڇڏي ھن ڏيڍيءَ ڏانھن رخ رکيو، ۽ ٻاھر نڪري آيو.


    7

    ٺٽي جو آسمان ظلم ۽ جبر جي دونھاٽيل ڇت وانگر ڄڻ ته ھيٺ لھي آيو ھو. تارن ۾ به اھا جوت نه ھئي، ۽ نه چنڊ ۾ اھا چانڊوڪي ھئي، جيڪا سنڌ جي سدا ملوڪ آسمان ۾ ھوندي ھئي. وريام مٿي آسمان ۾ نھاريندي سوچيو ته آزاديءَ جو آسمان ڪيترو نه گدلو ۽ دونھاٽيل دونھاٽيل ٿو لڳي! تمام پريان ڪُتن جي اوناڙ ھن جي احساس کي ھيڪاري جھوري وڌو، ۽ ھن جي دل ڀرجي آئي: سنڌ، منھنجي مٺي جيجل، اڄ تنھنجي موچاري ڌرتيءَ تي انسانن جي گيتن جي گونجار بدران رڳو ڪتن جون اونايون وڃي بچيون آھن. الائي ھن کي ڇو اھو خيال آيو ته شايد سنڌ تي خدا جو ڏمر آھي جو ان ڪڏھن به گھڻو وقت سُک نه ڏٺو آھي. ھن جي اکين اڳيان تاريخ جا اھي دور اچي ويا، جن ۾ سنڌ تي اتر، ڏکڻ، اوڀر ۽ اولھه کان ڪاٽڪن جا ڪٽڪ آيا، ۽ سنڌ کي تاراج ڪري، سنڌين جي خون جا دريا وھائي ھليا ويا: ڪي ڪاٽڪو رھجي ويا ۽ صدين تائين سنڌ جو رت چوسيندا رھيا، تان جو سنڌ سندن قبرستان بڻجي ويئي. ھن کي اھو دور به ياد آيو جڏھن سنڌ ڌارين کان آجي ھئي، ۽ پري پري تائين سنڌ جي شادابيءَ جي ھاڪ ھوندي ھئي. پر ان شادابيءَ جي ھاڪ ئي سنڌ تي ڏولاون جا ڪڪر آندا. جڏھن به سنڌي پنھنجي ڌرتيءَ جي لڄ رکڻ ۾ ناڪام ٿيا، جڏھن به نفرتن جو ڪارو پاڻي، مذھبن جي نٺرتا ۽ ڪٽرپڻو، سنڌين ۾ سجاڳ ٿيو، تڏھن سنڌ جو آسمان اونداھو ٿي ويو، ۽ سنڌ جي مَھر ڀري ڌرتي، رک ۽ ريتيءَ جو بيابان بڻجي ويئي! ۽ اڄ جڏھن مغل پرمار سنڌ جون ٻوٽيون پٽي رھيا ھئا، تڏھن سنڌ جو آسمان تارن ۽ چنڊ ھوندي به اونداھو ھو. ڌرتيءَ تي گلن ۽ گاھن جي ساوڪ بدران سينور جي ساواڻ ڦھليل ھئي. غلاميءَ جو ڪِنو پاڻي، ماڻھن جي حياتين ۾ زھر ڀري رھيو ھو!
    ” وريام ڀائو، ڪھڙن خيالن ۾ گم آھين؟ “ سندس سنگتي ڏاتر ڏني کيس ٺونٺ ھڻندي پڇيو.
    ” ڏاترنا، اھو پئي سوچيم ته اڄ آسمان ڪيترو نه دونھاٽيل دونھاٽيل پيو لڳي! “ ھن جي نڙيءَ ۾ ڪا ڳنڍ اٽڪي پئي ھئي. ھن کي ڪجھه به سمجھه ۾ نه آيو ته ھو پنھنجي سنگتيءَ کي ڪھڙو جواب ڏئي.
    ” غلاميءَ جو آسمان ھميشہ دونھاٽيل ھوندو آھي، وريام! “ ڏاتر ڏني ڄڻ ته سندس دل جي ڳالھه جھٽي ورتي ھئي.
    ” اھو دونھون ھٽائڻ اسان جي وس ۾ ڪونھي..... “ سندس ھڪڙي ٻئي ساٿي غلاموءَ وچ ۾ چئي ڏنو.
    ” پنھنجي وَس ۾ ڇو ڪونھي .....؟ اڄ به جيڪڏھن سنڌي ٻڌي ڪري، الله توھر ڪن، ته مغلن کي آگرو به ھٿ ڪونه ايندو! “ ھڪڙي ٻئي ھمراھه ڳالھه ۾ شامل ٿيندي چيو.
    ” جکرا، چئين ته سچ ٿو..... ھڪڙي سانوڻ ارغونن ۽ ترخانن کانسواءِ مغلن کي به ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آھن! جي اسين گڏجي ھمٿ ڪريون ته اھڙا سوين سانوڻ سنڌ ۾ ملي پوندا- ڦُڙي ڦُڙي تلاءَ وانگر! پوءِ ڌارين کي ڌِڪڻ ڏکيو نه ٿيندو! “ وريام جي منھن تي ھڪ نئين جوت اچي ويئي.
    ” پويان ابو امڙ نه ھجي ته آءٌ ته ڪڏھوڪو وڃي سانوڻ سان شامل ٿيان ..... “ جکري حسرت مان چيو.
    ” ادل، ھر ڪنھن سان ” ابو امان “ لڳو ئي پيو آھي! ڪنھن کي ابو امان آھي ته ڪنھن کي اولاد آھي، ننگ آھن، ملڪيت آھي، ھَٽُ آھي، ھَـرُ ھُرلو آھي، زمين آھي، مال آھي..... اھي به ته ابو امان آھن. جيڪڏھن ائين سوچبو ته پوءِ سنڌ لاءِ ڪير اٿندو؟ اسان جو سڀ کان وڌيڪ ابو امڙ ته سنڌ جي ڌرتي آھي: جنھن مٽي ۽ پاڻيءَ مان جڙيا آھيون، ان جو به ته ڪو حق آھي! سنڌ آزاد آھي ته ابو امڙ به آزاد آھن، اولاد به آزاد آھي، ھَـرُ ھُرلو به آزاد آھي. غلام ابي امڙ کي ڇا ڪنداسون؟ “ وريام ڄڻ ته پنھنجي پاڻ سان ٿي ڳالھايو.
    اوچتو ھو خاموش ٿي ويو، ۽ اشاري سان پنھنجي ھمراھن کي به ھوشيار ڪري ڇڏيائين. سامھون ڪجھه مغل لشڪري گشت ڪندي محلي ۾ داخل ٿيا ھئا. وريام ۽ سندس ساٿين کي ڏسي، لشڪري پاڻ ۾ ڪجھه سُس پُس ڪرڻ لڳا، ۽ پوءِ اڳتي وڌندا آيا. جڏھن وريام جن جي ويجھو پھتا، تڏھن ھڪ وچولي عمر جي مغل ڪڙڪي سان فارسيءَ ۾ پڇيو: ” توھين ڪير؟ “
    وريام جواب سنڌيءَ ۾ ڏنو: ” اسين ھن محلي جا پھريدار آھيون. “
    ” پر پھريداريءَ جو ڪم اسان مغلن جو آھي:اوھين ڪير ٿيندا آھيو پھريداري ڪرڻ وارا؟ “ مغل ٿورو شڪي ٿيندي چيو.
    ” محلي وارن اھو فيصلو ڪيو آھي ته مغل سپاھين کي محلي جي ماڻھن سڃاڻڻ ۾ تڪليف ٿي ٿئي ، سو محلي جي پھريداري خود محلي جا جوان ڪندا..... “ وريام تحمل سان چيو.
    ” ان لاءِ اوھان کي شھر جي ڪوٽوال کان اجازت وٺڻي پوندي، “ مغل رُکائيءَ مان چيو.
    ” ڪوٽوال ان جي اجازت حافظ بلال کي روبرو ڏيئي ڇڏي آھي، “ وريام وري به ڌيرج سان جواب ڏنو.
    ” اسان کي ڪنھن به حافظ بلال جي خبر ڪانھي. ڪھڙي خبر اوھين سردار خان جي ٽولي جا شاھينگ ھجو، “ مغل اڃان ئي سختيءَ سان چيو: ” اوھان کي اسان سان گڏ چونڪيءَ تي ھلڻو پوندو! “
    ” سرادر خان جي ٽولي جا ھجون ھا ته ائين ٿلھي تي ڪونه ويٺا ھجون ھا. رھي چونڪيءَ تي ھلڻ جي ڳالھه، سو اسين ڪونه ھلنداسون، “ وريام پنھنجي پنھنجي ڪاوڙ روڪيندي چيو.
    ” گستاخ، تنھنجي اھا ھمٿ..... “ ائين چئي جيئن ھن ھٿ وڌائي وريام کي ٿڦ ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ته وريام سندس ھٿ کي ڪرائيءَ وٽ کڻي جھليو. مغل محسوس ڪيو ڄڻ ته سندس ڪرائي رُڪ جي چنبي ۾ جڪڙجي ويئي. ٻيا ست مغل ھيلتائين ماٺ ڪري بيٺا ھئا، تن پنھنجي ھمراھه جي بيوسي ڏسي، وريام تي باھوڙ ڪئي. پر تيسين وريام جي ھمراھن پنھنجي چيلھن مان خردم ڇوڙي، مغلن تي وسڪارو لائي ڏنو. جنھن مغل جي پٺيءَ، ڪلھي يا ٻانھن تي خردم جو چمڙو ٿي پيو، تنھن جي دانھن خردم جي شپڪي سان گڏ ريھه بڻجي ٿي ويئي. مغلن پنھنجي ھمراھه جي پچر ڇڏي پاڻ بچائڻ شروع ڪيو، ۽ خنجر ۽ ترارون ڪڍي بيھي رھيا. وريام مغل مُھندار جي ڪرائيءَ کي ٿورو موڙو ڏيئي، زور سان گوڏو سندس پيٽ ۾ کوڙي ڇڏيو. مغل کان دانھن نڪري ويئي ۽ ٻيڻو ٿي ويو. وريام سندس ڪياڙيءَ تي پنھنجي ھٿ جي پٺ سان اھڙو ڌڪ ھنيو، جو مغل جي دانھن اڌ ۾ ڪپجي ويئي، ۽ فقط ” اوھه “ جو آواز سندس ناسن مان ٿيندو، ھوا ۾ ڦھلجي ويو، ۽ ھو ٻوٿ ڀر اچي وريام جي پيرن ۾ ڪريو. وريام پنھنجي چيلھه مان خردم ڇوڙي پنھنجي ساٿين جي مدد کي پھچي ويو. ھڪڙي پاسي ترارون ۽ خنجر ھئا، ٻئي پاسي خردم! خردم جي شپڪي سان مغلن ريھه ٿي ڪئي ۽ انھن رڙين تي پاڙي وارا به آھستي آھستي در کولي، وڌندا آيا. مغلن جو ھيترن سنڌين کي وڌندو ڏٺو، سو ڄڻ کين موت نظر آيو، ۽ ھنن ” يا معافي، يا معافي “ چئي ھٿيار ڦٽا ڪيا.
    وريام پنھنجن ھمراھن کي اشارو ڏنو، جن مغلن جا خنجر ڀالا ۽ ترارون کڻي، پنھنجي قبضي ۾ ڪيون، ۽ پوءِ وريام مغلن جي مھندار کي ڳٿر کان جھلي، ڏند ڀڪوڙيل آواز ۾ حڪم ڏنو:” جيڪڏھن وري ھن محلي ڏانھن رخ رکيو اٿَـوَ ته پاڻ ٿا ڄاڻو....! وڃو ڪتي جا.... ! “
    جيڪي مغل پٽ تي ڪريا ھئا، سي به ڪپڙا ڇنڊيندا اٿيا، ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري، پنھنجي پنھنجي چونڪين ڏانھن روانا ٿيا، ۽ وريام محلي وارن کي چيو: ” ڀائو، ھي ڪتا موچڙي سان سڌا آھن. اوھين ھاڻ بي اونا ٿي گھر وڃو. سڀاڻي ڏينھن شينھن آھي، ڏسون ته مغل ڇا ٿا ڪن؟ “
    پاڙيوارا پاڻ ۾ چميگوئيون ڪندا ڇڙوڇڙ ٿي ويا، ۽ وريام پنھنجي ساٿين سان وري اچي ٿلھي تي ويھي رھيو.

    اھو سڄو مھينو سنڌين سک سان سمھي ننڊون ڪيون. اھو سڄو مھينو مغل لشڪرين ڪٿي نه ڪٿي موچڙا کاڌا. لشڪرين جون ليلڙاٽيون ٻڌي، خود سنڌين کي کِل ٿي آئي. جن مغل لشڪرين کي ھنن ديو ٿي سمجھيو، سي ته بنھه ڪي جيتامڙا ھئا، جن کي پيرن ھيٺان چيڀاٽڻ ڏکيو نه ھو. بشرطيڪ سنڌين ۾ ٻڌي ۽ تنظيم ھجي! اھي خبرون آس پاس کان ٿينديون سيوھڻ ۽ بکر تائين پھتيون، ۽ جٿي ڪٿي شھرين ۽ ڳوٺاڻن پنھنجي بچاءَ لاءِ جوانن جا جٿا ٺاھي ورتا. سنڌين جو خاص ھٿيار خردم ھو. ڪن جوانن ڪھاڙيون ۽ تراريون به سنڀالي ورتيون.
    سنڌين جو مَن وڌي ويو ھو. ھاڻ ته ھو اھو به سوچڻ لڳا ھئا ته بٽئيءَ وقت اڌ کان وڌيڪ سرڪاري عملدارن کي چوٿ ۽ ڏھائي به ڪين ڏيندا. شھرن ۾ واپارين آنڪي ڀرڻ کان لھرائڻ شروع ڪيو. ماڻھن ۾ خود اعتمادي موٽي آئي. تان جو ٺٽي ۾ اھو ھُل ھُلي ويو ته ارغون شاھي قافلي تي حملو ڪري، شاھي قيدين- مرزا عبدالعلي، خسرو خان چرڪس ۽ مرزا غازي بيگ جي حرم- کي ڀڄائي ويا آھن، ۽ عنقريب ارغون ٺٽي جي مغل امير رستم بيگ خلاف اعلان جنگ ڪرڻ وارا آھن.


    8

    رستم بيگ پنھنجي چوڌاري اگھاڙن جسمن جو جائزو ورتو، ۽ انھن جسمن تي چھبڪ جا نِيل ڏسي، ھن جو وات پاڻيءَ سان ڀرجي ويو، ۽ ھڪڙي چپ جي ڪناري کان، واڇ مان گِگَ وھڻ لڳيس: شپڙڪو ڪري ھن اھا گگ واپس پنھنجي وات ۾ آندي، ۽ سندس اکين ۾ ھَوس جا ڏورا وڌيڪ ڳاڙھا ٿي ويا. ھڪڙي ڪنيز جي اگھاڙن دُڏن تي نيل ڪجھه رَتائجي آيا ھئا. ھن نئڙي انھن نيلن تي ھٿ ڦيريو ته ڪنيز کان سيسراٽ نڪري ويو ۽ ھن جي وات مان آواز چچرجي نڪتو: ” رحم آقا، رحم..... ! “ رستم بيگ جي نڙيءَ مان به لذت جو سيسراٽ نڪري ويو، ۽ پوءِ ھو جلدي جلدي پنھنجو ڪمر بند کولڻ لڳو......... عين ان وقت سندس خاص خواجه سرا، تاشي خان، اندر اچي ڪنڌ نوڙائي بيھي رھيو. رستم بيگ پنھنجي اوگھڙ ڍڪڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪئي، ۽ فقط ايترو چيائين ” تاشي، ڏسين نٿو ته اسين مصروف آھيون! اھڙي ڪھڙي قيامت آئي آھي جو اسان جي آرام ۾ خلل انداز ٿيو آھين؟ “
    ” حضور جو سر سلامت ھجي: ھينئر ھينئر خبر آئي آھي ته ارغون سردارن، سنڌين جي مدد سان شاھي قافلي تي حملو ڪري، شاھي قيدي آزاد ڪري ورتا آھن! “ تاشي بنا ڪنھن ھٻڪ جي چيو. ھو اھڙن نظارن ۽ اھڙن واقعن جو عادي ھو.
    ” ڇا؟ ھنن جي اھا جرات؟ ! پر..... پر پوءِ آءٌ ظل الاھيءَ کي ڪھڙو جواب ڏيندس؟ ڇا قافلي سان مغل سپاھي ننڊ ۾ ھئا؟ “ رستم بيگ ڄڻ ته پنھنجي پاڻ سان ڳالھائي رھيو ھو.
    ” سپاھين مان ڪيترا ارغون سردارن کان وڏيون رقمون وٺي چڪا ھئا، ۽ وقت اچڻ تي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا! قاصد ته اھو نياپو آندو آھي! “ تاشي خان ائين ڳالھه ڪئي ڄڻ ھن کي اڳي ئي ان ڳالھه جو خدشو ھو.
    ” تاشي........... تاشي، تون گستاخ ٿيندو وڃين! اسان جي غضب کي سڏ نه ڪر، پنھنجي حيثيت سڃاڻ: مغل سپاھي ائين پئسن تي ڪيئن ٿا وڪامي سگھن؟ رستم بيگ غضبناڪ ٿيندي چيو.
    ” حضور جو سر سلامت ھجي: جيڪڏھن حڪم ھجي ته آءٌ پنھنجي زبان بند رکان! “ تاشي خان جواب ۾ اھڙي ڏيکائي ڏني، ڄڻ ھن ھاڻ مسئلي ۾ پوڻ نه ٿي گھريو.
    رستم بيگ پنھنجي ڏاڙھيءَ ۾ آڱريون وجھندي، ڦڻيءَ وانگر ھيٺ لاھيندي، پنھنجي آس پاس جو جائزو ورتو ۽ پوءِ بيد جي لڪڻ سان ٻنھي ڪنيزن کي چوڪ ڏيندي چيو: ” اٿو، ھاڻي وڃو، وڃي پنھنجي ڪم ڪار سان لڳو، ۽ ھان، ھي اشرفيون پاڻ ۾ ورھائي کڻو...... تاشي، اسان جا شاھي ڪپڙا ڪڍ، اسين ديوانِ خاص وڃڻ گھرون ٿا! “
    ڪنيزون تڪڙيون تڪڙيون اُٿندي، پلنگ تي پيل پنھنجا ڪپڙا سنڀالينديون، ٻاھر نڪري ويون. تاشي خان درٻار ۾ وھڻ وارا ڪپڙا آڻي پلنگ تي رکيا، ۽ ھٿ ڪڇن ۾ وجھي ادب سان ھڪ پاسي بيھي رھيو.
    رستم بيگ ڪپڙن پائڻ کان اڳ، بيد جو لڪڻ پنھنجي ٻئي ھٿ تي ھڻندي، ڪمري ۾ ڪجھه وقت اچ وڃ ڪندو رھيو. اوچتو ھو ھڪ شاھي آئيني اڳيان اچي بيھي رھيو، ۽ غور سان پنھنجي پاڻ کي ڏسڻ لڳو. ھن جي نظر پنھنجي اوگھڙ تان ٿيندي، ڇاتيءَ تائين پھتي، جتي ڇاتيءَ کان ٿورو مٿڀرو ھڪ ڊگھو چھڪ ھو، ڄڻ ته ڪنھن خنجر سان ڳچيءَ جي ماس ڪورڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، اھو گھاءُ ڀرجي نه سگھيو ھو. ھن جي نظر منھن تي پئي: سندس ڏاڙھي تقريباً چؤڪنڊياري ھئي. خضاب جي ڪري ان جي چؤڪنڊي صورت ھيڪاري واضح ٿي وئي ھئي، ۽ سندس منھن کي ھٿرادو ويڪراڻ ڏئي رھي ھئي. سندس اکيون ائين اندر کتل ھيون ڄڻ ته مئل ماڻھوءَ جون اکيون ھيون، جيڪي اوچتو جيئريون ٿي پيون ھيون. ھن کي پنھنجي چھري کان ڀؤ ٿيڻ لڳو، ۽ ھن رڙ ڪندي چيو:
    ” تاشي، الله سائين اسان کي ايترو بدصورت ڇو خلقيو؟ ڇا اسين حضرت شاھه اسماعيل صفويءَ جا پڙَپوٽا نه آھيون؟ ڇا اسان جو والد بزرگوار حضرت سلطان حسين مرزا قنڌار جو حَسين ترين ماڻھو نه ھو؟ ۽ مون کي جواب ڏي ته ظل الاھي اسان کي محض اسان جي بَدصورتيءَ جي ڪري ڇو ٿو تنبيھه ڪري؟ ڇا اسان ملتان جي صوبيداريءَ جي وقت مغل شھنشاھيت کي مضبوط نه ڪيو؟ ڇا اسان ظل الاھيءَ جي ھڪڙي ھڪڙي مخالف کي ھاٿيءَ جي پيرن ھيٺان، گھوڙن جي سُنبن ۾، اذيت خانن ۾ چيڀاٽي نه ڇڏيو ھو؟ ٻڌاءِ، تاشي خان، جواب ڏي، تون ته اسان سان ھميشہ گڏ رھيو آھين؟ ڇا بدصورت ھجڻ گناھه آھي؟ ! “ مرزا رستم بيگ جي وات مان گِف وھڻ لڳي، ۽ ھن بيد جو لڪڻ زور سان آئيني تي وھائي ڪڍيو. آئينو وچان ڀڄي ٽي ٽڪر ٿي ويو، ۽ ڀڳل جاين تان مرزا رستم جي شڪل، وڌيڪ ٽيڏي ٿي، نھايت ڀيانڪ ٿي پئي.
    تاشي خان اڳتي وڌي مرزا جي ھٿ مان لڪڻ ائين ڇڏايو ڄڻ ڪنھن ٻار جي مٺ کولي، سندس ضد ڀڃي رھيو ھو، ۽ کيس ڪلھن ۾ ٻانھن وجھي، پلنگ تائين وٺي آيو. ” ڪير ٿو چوي ته حضور جن، منھنجي وات ۾ شل ڪنڊا پون، بدصورت آھن. مردن کي خوبصورتيءَ جي نه پر مردانگيءَ جي ضرورت ھوندي آھي، ۽ اوھان پنھنجي مردانگي ثابت ڪري ڏيکاري آھي. قنڌار ۾، ملتان ۾، ۽ وقت آيو آھي ته ٺٽي ۾ پنھنجي مردانگي ثابت ڪري ڏيکاريو! ظل الاھيءَ جي دشمنن کي اھڙي سيکت ڏيو جو وري ڪنھن کي آڱر چورڻ جي به ھمت نه ٿئي! “ تاشي خان نھايت دلداري ۽ پاٻوھه مان اھي لفظ به چوندو ويو، ۽ مرزا کي ڪپڙا به پارائيندو ويو.
    جڏھن مرزا ديوان خاني ۾ آيو ته سڀ امير امراءَ اندر ئي اندر ڪنبڻ لڳا. اڄ وري مرزا جي کاٻي واڇ ڦڙڪي رھي ھئي. سندس اکيون ڄڻ ته ڇنڀڻ وساري ويٺيون ھيون. مسند تي ويھڻ کان اڳ ھن عبدالرزاق معموريءَ ڏانھن ڏٺو، جيڪو اھڙي ڏيکائي ڏئي رھيو ھو ڄڻ ته ڪجھه ٿيو ئي ڪونه ھو. معموريءَ کي اھو به خيال ھو ته مرزا مونکي ڪجھه به نه ڪري سگھندو، ڇاڪاڻ ته ھن کي شھنشاھه جھانگير پاڻ ٺٽي جو ديوان مقرر ڪيو ھو، ۽ ظل الاھيءَ جي مقرر ڪيل ڪنھن به ماڻھوءَ تي ھٿ کڻڻ جي مرزا رستم جھڙي ظالم ۽ نود کي به ھمت نه ٿيندي! اوچتو معموريءَ کي مخاطب ٿيندي، مرزا رستم ڏاڍي ڌيرج سان چيو: ” معموري، مون کي خبر آھي ته ظل الاھي پاڻ توکي ديوان مقرر ڪيو آھي. مون کي اھا به خبر آھي ته شاھي قيدين کي حفاظت سان لاھور پھچائڻ جو ڪم به ظل الاھيءَ پاڻ توتي رکيو ھو. ھاڻ ٻڌاءِ ته آءٌ ظل الاھيءَ کي ڪھڙو جواب موڪليان؟ “
    مرزا جي ڌيرج تي سڀني کي حيرت وٺي ويئي. اڄ جو مرزا رستم ڪالھه جي مرزا رستم کان بلڪل مختلف ھو. معموري به ڪجھه نه سمجھندي، ڪنھن اڄاتي خوف کان، ھٻڪندي چيو: ” حضور مرزا صاحب جن کي خبر آھي ته آءٌ پاڻ سڄو انتظام ڪري ويو ھوس، پر ڀانئجي ٿو ته جن جٿن جو بندوبست مون ڪيو ھو، سو اوھان کي پسند نه ھو ۽ اوھان جيڪي جٿا موڪليا، سي سڀ لشڪري ميدان ڇڏي ڀڄي ويا! “
    ” معموري.....! توکي جيڪڏھن اسان جي قھر جو ڊپ نه آھي ته گھٽ ۾ گھٽ خدا جي قھر کان ڊڄ! اسان تي تھمت ھڻڻ کان اڳ ڪجھه ته سوچين ھا! “
    معموريءَ کي رڦڻي وٺي وئي. ھن کي ته اھوئي ٻڌايو ويو ھو ته مرزا رستم بيگ پاڻ مغل لشڪرين بدران ترخان سپاھين کي مقرر ڪيو ھو. ھن ترخان سپاھين جي سپھه سالار مظفر بيگ ڏانھن معنيٰ ڀريل نظرن سان ڏسندي چيو: حضور، گھٽ ۾ گھٽ مظفر بيگ ته ائين ٿي چيو..... “
    مظفر بيگ سڄو پِيلو ٿي ويو. ھن پنھنجي جاءِ تان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو سڄو ٿڙڪي رھيو ھو. مظفر بيگ حد کان وڌيڪ ٿلھو مڙس ھو، انڪري ھو پنھنجي ڏڪڻيءَ کي روڪي نه سگھيو. ھن کي موت مرزا رستم جي اکين مان پاڻ ڏانھن گھوريندي نظر آيو.
    ” مظفر بيگ، توکي ڇا چوڻو آھي؟ “ مرزا رستم اڃا تائين ڌيرج سان ڳالھائي رھيو ھو، جيتوڻيڪ سڀني کي اھو نظر اچي رھيو ته مرزا جون مُٺيون مسند جي مُٺين تي ڀڪوڙجي ويون ۽ ممڪن ھو ته ھن جا ھٿ ڦٽجي ويا ھئا!
    ” حضور، مون کي ھي پروانو اوھان جي خاص معتمد قيصر بيگ ارغون موڪليو..... “ ائين چئي ڏڪندڙ ھٿن سان ھن پنھنجي چوغي مان پروانو ڪڍي اڳيان وڌايو، ۽ ٽيڏي اک سان قيصر بيگ جي خالي مسند ڏانھن نھاريائين.
    تاشي خان اڳتي وڌي پروانو مظفر بيگ جي ھٿن مان ورتو، ۽ ادب سان مرزا رستم جي اڳيان جھليائين. مرزا کيس اشارو ڪيو. تاشي خان پروانو کولي مُھر ڏانھن ڏٺو، ۽ ھڪ ھلڪي مرڪ ھن جي چپن تي اچي وئي. ھن ٿورو اڳتي وڌي مرزا کي ڪَن ۾ ڪا ڳالھه چئي. مرزا جي منھن تي ڪوبه نئون رنگ نه آيو. جڏھن تاشي خان پوئتي موٽي، پنھنجي جاءِ تي بيھي رھيو، تڏھن مرزا پھريون ڀيرو خفگيءَ مان چيو: ” ۽ اڄ قيصر بيگ ڪٿي غرق ٿي ويو آھي؟ “
    قيصر بيگ جي نائب پائندہ خان، ادب مان ھٿ ڇاتيءَ تي رکندي چيو: ” حضور، قيصر بيگ جي طبيعت ٻن ڏينھن کان ناساز آھي، انڪري حاضر نه ٿي سگھيو آھي! “
    ” چه چه چه ..... طبيعت ناساز ٿي پئي آھي يا ڪو نئون ساقي مليو اٿس؟ “ مرزا رستم بيگ غضبناڪ ٿيندي چيو.
    پائندہ بيگ خاموش رھيو، پر ھن کي پڪ ٿي ته قيصر بيگ جو خير ڪونھي. انڪري موقعو ڏسي ھن چيو: ” گستاخي معاف ٿئي ته بندو ڪجھه عرض ڪري! “
    ” چئه چئه ..... “ مرزا بيزاريءَ مان چيو.
    ” حضور، نئين ساقيءَ جي ته مونکي خبر ڪانھي. البت ھڪ نئين سنڌي ڪنيز حاصل ڪئي اٿس، جيڪا ايتري حسين آھي جو ھن کي شاھي حرم ۾ ھئڻ گھرجي! “
    عين انوقت قيصر بيگ ديوانخاني ۾ داخل ٿيو، ۽ ڪورنش ڪري، پنھنجي مسند ڏانھن وڌيو. مرزا رستم ڄڻ ته ھن کي ڏٺوئي ڪونه، ۽ ڄڻ ته پنھنجي منھن چوڻ لڳو ھو: ” ھون، شاھي حرم جي لائق ڪنيز! پر قيصر بيگ وٽ ايتري دولت ڪٿان آئي جو اھڙيون ڪنيزون ٿو خريد ڪري؟! “
    قيصر بيگ، جتي ھو اُتي ئي ڄمي ويو. ھن پھرين تڪڙي نظر پنھنجي نائب پائندہ خان تي وڌي، ۽ پوءِ مرزا رستم بيگ ڏانھن مھاڙ ڪري چيائين: ” حضور، جو اقبال بلند ھجي! مون کي پاڻ اھا سنڌي ڪنيز تحفي ۾ ارسلان بيگ ڏني ھئي، ۽ سندس حُسن ڏسي مون حضور جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ ٿي گھري ته جيڪڏھن ظل الاھيءَ جي لائق ھجي ته کيس لاھور موڪلڻ جو فيصلو اوھان حضور پاڻ ڪريو، ۽ جيڪڏھن اوھان جي حرم لائق ھجي ته حضور جن اھو حقير تحفو پاڻ قبول ڪن ..... باقي، مون لاءِ؟ سو ته حضور جن کي اھو معلوم آھي ته منھنجي وندر ساقين سان آھي، ڪنيزن سان منھنجي ڪا دلچسپي ڪانھي! “
    سمورا امير قيصر بيگ جي ھمٿ جو داد ڏيڻ لڳا. حيرت ان ڳالھه جي ھئي ته مرزا جي طبيعت مان واقف نه ھوندي به قيصر بيگ اھا ڳالھه ڪئي ھئي!
    ” اسان کي تنھنجي ذوق جي خبر آھي، قيصر بيگ! پر تو اھا ڪنيز پاڻ وٽ لڪائي ڇو ويھاري آھي؟ “ مرزا ٿورو سختيءَ سان پڇيو.
    ” حضور جن جو اقبال بلند ھجي، ظل الاھيءَ جي حڪومت ۾ شينھن ٻڪري گڏ پيا پاڻي پيئن، پر ھتي، گستاخي معاف، حضور جن جا پنھنجا امير به دستبرد کان محفوظ نه آھن! “
    قيصر بيگ اھڙي ڳالھه ڪئي جو سڀ امير، مٺيون ڀڪوڙي، اڀا ٿي ويھي رھيا.
    ” تون ڇا ٿو چوڻ گھرين، قيصر بيگ؟ “
    ” حضور جو اقبال بلند ھجي! شھر جي ڪوٽوال کي خبر آھي: ڪالھه رات، ڏھاڪو کن مغل منھنجي گھر آيا، ۽ حضور جن جي پيغام جو بھانو ڪري، اندر داخل ٿيا ۽ منھنجن پھريدارن کي رسن سان ٻڌي، منھنجي ٻن معصوم پٽن ۽ سنڌي ڪنيز کي پاڻ سان کڻي ويا، ۽ مَردانخاني جي ڪوٺين ۾ جيڪو مال متاع ھو، سو لُٽي کڻي ويا! “
    قيصر بيگ ڪجھه دير ترسندي، ھٿ آسمان ڏانھن ڦھلائيندي، وري چيو: ” حضور، مون کي پنھنجي مال متاع لُٽجڻ جو خيال ڪونھي. حضور جي بخشش ۽ عطا مان ان کان به وڌيڪ ھن وفادار کي ملي پوندو. پر آءٌ .... حضور جن جي اڳيان التجا ٿو ڪريان ته منھنجي معصوم پٽن جي جان بچائي وڃي! “ قيصر بيگ اوڇنگار ڏيندي چيو.
    مرزا رستم بيگ پنھنجي مسند تان اُڀو ٿي ويو. ھن ٻئي ھٿ کڻي پنھنجي ڏاڙھيءَ ۾ وڌا، ۽ وڌندو ڪوٽوال وٽ آيو، ۽ سندس ڳچيءَ ۾ ھٿ وجھي ڌونڌاڙيندي چيائين: ” مون کي اڃا آئي مھينو به ڪونه ٿيو آھي ته ھھڙيون سازشون شروع ٿي ويون آھن؟! تون شھر جو ڪوٽوال آھين! تنھنجي سامھون منھنجي اميرن جا پٽ ۽ ڪنيزون اغوا ڪيون ٿيون وڃن، مال لٽيو ٿو وڃي، شاھي قيدي ڇڏايا وڃن ٿا، ۽ تون ايترو بي غيرت آھين جو درٻار ۾ اچڻ جي جراَت ٿو ڪرين! جيڪڏھن اميرن سان ائين ٿو ٿئي ته خدا ڄاڻي عام مغلن سان ڇا ٿيندو ھوندو؟ “
    ڪوٽوال ڪڇي جھڙي ڀت. ھن کي پگھر اچي ويا. ھن جي ھٿن ۾ به اھڙي ڏڪڻي شروع ٿي ويئي، ڄڻ ته سيئوتپ چڙھي آيو ھوس.
    ” حضور، آءٌ وعدو ٿو ڪريان ته قيصر بيگ جي پٽن ۽ ڪنيز کي اڄ ئي ھٿ ڪري ڏيکاريندس!“
    پائندہ بيگ وري اٿي بيھي رھيو. ھن کي ڪوٽوال تي به باھيون ھيون: ” حضور، جان جي امانَ ملي ته آءٌ ڪجھه عرض ڪريان! “
    مرزا، پائندہ بيگ ڏانھن اھڙين نظرن سان نھاريو، جو گھڙيءَ لاءِ ھن کي خيال آيو ته ڳالھه نه چوري ته چڱو. پر پوءِ ڪجھه سوچيندي چيائين: حضور؛ ترخانن ۽ ارغونن جون سازشون ھڪڙي پاسي آھن، ٻئي پاسي سنڌين جو شورشون آھن. مغل لشڪري ٺٽي جي شھر ۾ پھرو نه ٿا ڏيئي سگھن. سنڌين پنھنجا ھٿياربند جوان ھر محلي ۾ بيھاري ڇڏيا آھن. جيڪو مغل لشڪري لنگھي ٿو، ان کي مارڪُٽ ڪري ڀڄي ٿا وڃن. پڇي ڏسو ڪوٽوال کان؟ “ ائين چئي پائندہ بيگ، ڪوٽوال ڏانھن ڏسندي، ھلڪي مرڪ مرڪندي ويھي رھيو.
    مرزا اچ وڃ ڪندي، پنھنجي مسند جي اڳيان بيھي رھيو. ھن جي کاٻي واڇ ڦڙڪڻ لڳي، ۽ گف سندس چپن جي ڪنڊ ۾ جمع ٿيڻ لڳي. پر اڃا به ھن پنھنجي پاڻ تي ضابطو رکندي، فقط قھري نگاھن سان ڪوٽوال ڏانھن ڏٺو. ڪوٽوال کي ھاڻ ته سڌو سنئون پنھنجو موت نظر اچڻ لڳو.
    اوچتو ھن ۾ الائي ڪٿان ھمٿ اچي وئي، اٿي بيٺو، ۽ چيائين: ” حضور جو اقبال بلند ھجي! مغل لشڪري ڏاڍا شھزور ٿي ويا آھن: رستي ھلندي سنڌين کي ڦُريندا وتن. ماڻھن جي گھرن ۾ گھڙيو پون. کين جھل پل ڪرڻ وارو ڪير ڪونھي. وڏي مدرسي جو مھتم مولانا حافظ بلال مون وٽ دانھين ٿي آيو، ۽ حضور .... ھن ٿي چيو ته جيڪڏھن اسان ان ڳالھه جو بِلو نه ڪيو ته ھو ظل اِلاھيءَ وٽ دانھين ٿي ويندا. سو خدا جي خلق تان آزار لاھڻ لاءِ مون کين اجازت ڏني ته ھو پنھنجي پنھنجي محلي جي پھريداريءَ لاءِ نوجوان مقرر ڪن. اسان کي به آخر عدل جھانگيريءَ جو مثال قائم ڪرڻو آھي. خدا جي خلق تان آزار لاھڻ ئي الله تعاليٰ حڪومت اسان جي حوالي ڪئي آھي. جيڪڏھن ان ۾ مونکان ڪا خطا ٿي آھي ته آءٌ ھر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آھيان! “
    ڪوٽوال جي انھيءَ جراَت ۽ سچ چوڻ تي اميرن کي حيرت به لڳي، ۽ ڪي ته ڪنڌ ائين ڌوڻڻ لڳا ڄڻ ته ھو ڪوٽوال سان ان ڳالھه ۾ متفق ھئا ته سنڌ ۾ به عدل جھانگيريءَ جو مثال قائم ڪرڻ گھرجي. “
    پائندہ بيگ پنھنجي سڄي ڪئي ڪمائي رائيگان ٿيندي ڏٺي ته وري اٿي بيھي رھيو: ” حضور، اھو حافظ بلال اھو آھي، جنھن پنھنجي مدرسي ۾ فارسي لازمي طرح پڙھائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. سردار خان جو ٽولو ملڪ ۾ ڌاڙا ھڻندو وتي، سو ان حافظ بلال جي مدرسي ۾ اچي، حافظ بلال کي لُٽيل مال ڏئي ويندو آھي ته جيئن مدرسي جو خرچ ھلائي. اھڙي ماڻھوءَ جي چوڻ تي ڪوٽوال صاحب مغل لشڪرين تي تھمتون ٿو ھڻي! “
    مرزا رستم بيگ اوچتو اھڙي رڙ ڪئي جو سڀ ھيسجي ويا: ” بس ڪريو، خدا جي واسطي بس ڪريو! ھاڻ مون ۾ وڌيڪ برداشت ڪرڻ جي قوت ڪانھي! اڄ کان پائندہ بيگ ٺٽي جو ڪوٽوال آھي. ٻن ڏينھن اندر سمورن سازشين - ارغون ھجن يا ترخان، امير ھجن يا لشڪري، - کي گرفتار ڪيو وڃي؛ سنڌي باغين جا سر قلم ڪيا وڃن؛ سنڌي پھرو بند ڪيو وڃي؛ قيصر بيگ جي پٽن ۽ شاھي ڪنيز کي اغوا ڪرڻ وارن کي اھڙي سزا ڏني وڃي، وري اسان جي ڪنھن امير جي مال دولت يا اھل و عيال ۾ ھٿ وجھڻ جي ھمٿ ڪنھن کي نه ٿئي! ۽ پائندہ بيگ اسان حڪم ٿا ڏيون ته قيصر بيگ جي سنڌي ڪنيز، شاھي ڪنيز طور، ظل اِلاھيءَ جي حضور ۾ اسان جي طرفان پيش ڪئي وڃي، ۽ شاھي قيدين واري قافلي سان گڏ رواني ڪئي وڃي .... پر .... پر اسين پاڻ ھن کي ڏسڻ گھرون ٿا. ھن کي سفر تي موڪلڻ کان اڳ اسين تصديق ڪرڻ گھرون ٿا ته ھوءَ واقعي شاھي حرم جي لائق آھي! ۽ شاھي قيدين کي واپس حاصل ڪرڻ سپھه سالار جي ذميداري آھي، جيڪڏھن ٻن ڏينھن اندر شاھي قيدي واپس نه مليا ته ڪنھن جي به سر جو خير ڪونھي .... ھاڻ وڃو: فقط سپھه سالار، مظفر بيگ، پائندہ بيگ ۽ قيصر بيگ ھتي ترسن. ٻين لاءِ درٻار برخواست! “
    امير ھري ھري ٿي، پنھنجي جان بچي وڃڻ جا شڪرانا بجا آڻيندا، کسڪڻ لڳا. قيصر بيگ ذري ذري پائندہ بيگ ڏانھن اھڙين اکين سان ٿي ڏٺو جن ۾ نفرت سان گڏ حسد جي باھه ڀڙڪي رھي ھئي. پائندہ بيگ اھڙي ڏيکائي ڏني ڄڻ ته ڪوٽوالي ھن جو حق ھو. ھو سوچي رھيو ھو ته ھر چونڪيءَ تان جيڪڏھن ڏھه اشرفيون به روز اچن ته ٻارنھن چوڪين تان ھڪ سو ويھه اشرفيون گڏ ٿينديون، ۽ ٿورن ڏينھن ۾ ھن کي توشي خاني جي مال ۾ گھوٻين ھڻڻ ۽ قيصر بيگ سان حصو پتي ڪرڻ کان وڌيڪ ملڪيت ملندي. ان کانسواءِ ارغونن ۽ ترخانن کي ھڪ طرف ته سنڌين کي ٻئي طرف سازش جي الزام ھيٺ گرفتار ڪري کانئن چڱي خاصي رقم حاصل ڪري سگھبي، ۽ پوءِ ظل الاھي جي خدمت ۾ سوکڙيون پاکڙيون موڪلي، ٺٽي جي صوبيداريءَ جو خواب ضرور پورو ٿيندو! البت تاشي خان کي پنھنجي پاسي ڪرڻو پوندو. ھن کي خبر ھئي ته تاشي خان ظل الاھيءَ جو مخبر ۽ خاص اعتماد وارو ماڻھو آھي، ۽ ھو ھر ڳالھه جي مخبري سڌو سنئون شھنشاھه ھند وٽ ڪندو رھي ٿو. اھو سوچيندي ھن تاشي خان ڏانھن نھاريو، ۽ پوءِ ٻنھي جي اکين ھڪ ٻئي سڃاڻي ورتو!
    قيصر بيگ ان ٻُڏتر ۾ ھو ته ھاڻ جڏھن ڳالھه کلي پئي آھي ته مرزا شاھه رخ وارن جو نالو کڻي يا نه. ھن کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي ته جڏھن ھنن شاھي قيدين کي ڇڏائڻ جو ڪم مٿس رکيو ھو ته پوءِ ھاڻ ھن جي پُٽن ۽ سنڌي ڪنيز کي اڃا ڇو ھن جي حوالي نه ٿا ڪن؟ ھاڻ ته رستم بيگ کي به شڪ پئجي ويو آھي. ھن کي وري پنھنجي پٽن ۽ سنڌي ڪنيز نُوريءَ جو خيال آيو. ھن پاڻ سوچيو ھو ته سنڌي ڪنيز کي ظل الاھيءَ جي خدمت ۾ موڪلي ڏيندو ته جيئن توشي خاني جي عملداري قائم رھندي اچي. ھوءَ ھئي به ته شاھي حرم جي لائق: ڇا نڪ ڇا نقشو: ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته خدا کيس واندڪائيءَ ۾ ويھي ٺاھيو ھو. شاھي ڪپڙن ۾ ھوءَ نورجھان بيگم کي به مات ڪري ڇڏيندي. جيڪڏھن ھن کي پاڻ ڪنيزون وڻنديون ھجن ھا ته ھو ھن کي پاڻ وٽ رکڻ لاءِ بغاوت ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻائي ھا، پر ھن کي ته پنھنجي ساقين کانسواءِ گھڙي پل به سُک نه ٿي آيو! ۽ ھن جا معصوم پٽ؟ شاھه رخ وارن وٽ ڇوڪرن کي باندي رکڻ جو ڪھڙو جواز ھو؟ شاھي قيدي ملين ته پوءِ منھنجي پٽن کي پاڻ وٽ ڇو جھليو ويٺا آھن؟ ترخان اميرن مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ مون کي ڪھڙيون پڳون ٻَڌايون، جيتوڻيڪ ھو پاڻ به ته مرزا باقي بيگ جي اولاد مان ھو. سندس ماءُ ڪنيز ھئي ته ڇا ٿي پيو! ائين ته مرزا شاھه رخ به ..... مرزا رستم سان مرزا شاھه رخ جي ڳالھه ڪرڻ مناسب ٿيندي يا نه؟ جيڪڏھن ھنن کي ڪو شڪ پئجي ويو ته ٻنھي ڇوڪرن کي قتل ڪرڻ کان ڪونه مڙندا! بھتر ائين ٿيندو ته پھرين آءٌ پاڻ ساڻن ڳالھائي ڏسان ..... نه نه ...... ائين دير ٿي ويندي، ۽ ڇوڪرن کي ڪجھه نقصان پھچڻ جو انديشو ٿيندو. مرزا رستم سان ڳالھه ڪڍڻ سان مغلن سان وفاداري به ظاھر ٿي پوندي ۽ ڇوڪرن جي جان به بچي پوندي. مغلن سان سڌو سنئون وڙھڻ جي مرزا شاھه رخ وارن کي به ھمٿ نه ٿيندي. مون کي پھرين ئي اھو سوچڻ گھرجي ھا پر ٻن لکن درھمن جي لالچ مون کان منھنجا پٽ به وسارائي ڇڏيا. ته ڇا مرزا مظفر بيگ منھنجي پٽن کي ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو؟ ھن مظفر بيگ ڏانھن نھاريو. عين ان وقت مظفر بيگ به ڏانھس نھاريو. ٻنھي جي اکين ھڪٻئي جو نياپو سمجھڻ کان اڳ زمين ۾ ڪجھه ڳولڻ شروع ڪري ڏنو!
    مرزا مظفر بيگ کي پنھنجي سپھه سالاري خطري ۾ نظر اچڻ لڳي: جيڪڏھن شاھي قيدي حاصل نه ٿيا ته مرزا رستم بيگ سندس جڻ ٻچو ڪھائي ڇڏيندو. پر شاھي قيدين کي ڇڏائڻ مان ارغونن جو ڪھڙو مطلب ٿي ٿو سگھي؟ سواءِ ان جي ته ھڪ ڀيرو وري ھو مرزا عبدالعليءَ کي تخت نشين ڪري، مغلن خلاف ڪو محاذ قائم ڪن. پر قيصر بيگ جي پٽن ۽ سنڌي ڪنيز جي اغوا جي واقعي جو شاھي قيدين سان ڪھڙو سٻنڌ آھي؟ متان قيصر بيگ به ڪا چال کيڏي رھيو آھي؟ ھن وري قيصر بيگ ڏانھن نھاريو، جيڪو اڃا تائين زمين ۾ گھوري رھيو ھو!
    تاشي بيگ ٽنھي ڏانھن واري واري سان ڏٺو، ۽ دل ئي دل ۾ظل الاھيءَ کي مڪمل احوال لکڻ لاءِ مضمون سندس دماغ ۾ ھُرڻ لڳو. پائندہ بيگ صوبيداريءَ جي شوق ۾ يقيناً ھر ڳالھه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. قيصر بيگ جي پٽن جي اغوا جو معمو البت ھن کي به سمجھه نه ٿي آيو، ۽ مظفر بيگ پنھنجي سپھه سالاري قائم رکڻ لاءِ ارغونن سان جنگ ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو. پر ڇا ھن وقت ارغون سرادرن سان ڦٽائڻ مغل شھنشاھيت لاءِ فائديمند ٿيندو؟ ڇونه سمورو ڏوھه سنڌين جي شورش تي ھڻجي! ۽ ھن جي نظر مرزا رستم تي پئي، جنھن پنھنجي ھيٺئين چپ کي چڪ ھڻڻ شروع ڪيو ھو، ۽ تاشي خان سمجھي ويو ھو ته ھن کي وري ڪنيزن جو اگھاڙو جسم ۽ بيد جو لَڪڻ ياد اچي رھيو ھو!*


    9

    سانوڻ جڏھن به ٻيلي ۾ داخل ٿيندو ھو ته ھن کي ھميشہ ائين محسوس ٿيندو ھو، ڄڻ ته وڻ به ھن سان گڏ ھلڻ لڳا ھئا ۽ ھن سان چُڻ ڀُڻ ۽ سرگوشيون ڪرڻ لڳندا ھئا: ڄڻ چوندا ھجن ته اسين سنڌ جي ڌرتيءَ جو سُھاڳ آھيون، جنھن کي لُٽڻ لاءِ سوين ڀيرا راتاھا لڳندا رھيا آھن، پر اسين اڏول آھيون. سنڌ جا وڻ، سنڌ جي ڌرتيءَ وانگر سدورا ۽ سدا حيات آھن. ھي بڙ جا وڻ، ھي پِپر جا وڻ، ھي سُھانجي جا وڻ، ھي ٽاليون، ھي لئيون، ھي ٻٻر، ھي ديويون - انھن سڀني ۾ ھڪڙي خاصيت عام آھي ته انھن کي وڍي ڇڏيو ته وري اُسري ايندا. اھا خاصيت دنيا جي ٻئي ڪنھن به وڻ ۾ ڪانھي. شايد اھوئي ” آواگون “ جو ڪرشمو آھي جو سنڌ جا قديم ماڻھو به وڻن جي پوڄا ڪندا ھئا. بڙ ۽ پپر، ديوي ۽ سھانجڙي جي وڻن تي اڄ به مائيون، سُه- وَريتيون سھاڳڻيون، آکا وجھن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اھي وڻ پراچين وقت کان تخليق جي ديويءَ جو اھڃاڻ آھن! سانوڻ جي دل سندس سيني ۾ ڦنڊجڻ لڳي: ڄڻ ته ٻاھر نڪرڻ تي ھئي، ڄڻ ته وڻ وڻ کي ڀاڪر پائڻ، ڳراٽڙيون وجھڻ لاءِ آتي ھئي. اوڏي مھل چانھن پکين جو ھڪڙو ولر، ھڪڙي وڻ تان اٿي، سانوڻ جي اکين اڳيان، ٻئي وڻ تي وڃي ويٺو. پرن ۽ کنڀن جي ڦڙ ڦڙ تي ھن مٿي نھاريو: الا، منھنجي سنڌ جا پکي به ڪھڙا نه سھڻا آھن: ست رنگا سھڻا، سيبتا، ڄڻ ته بھشت جا پکي ھجن! سانوڻ کي پڪ ٿي ته بھشت ۾ به اھڙا پکي نه ھوندا. پويان تلورن جي ھوڪار ٻڌي ھو بيھي رھيو. ھنن جي جواب ۾ ڪارڙي تتر به ٻولي ٻولي، ۽ سانوڻ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو: ھن ائين ڀانيو ڄڻ ته ان تترجي تنوار ھن جي دل کي لوڏي ويئي. ” يا الله! تو بيشڪ سنڌ کي نوازيو آھي، پر ھي سدائين ڏورانھن ڌارين جو ڏُرت سنڌ تي ڇو مڙھيو اٿئي؟ سنڌ کي سک سمھڻ ڇو نٿو ڏين؟ “ ھن پنھنجي پالڻھار سان شڪايت ڪئي. ھن کي پنھنجي پيءَ جو ھي گفتو ياد اچي ويو: ” سانوڻ سنڌ آھي ته پاڻ به آھيون، نه ته مولا جو ٻيو به ملڪ گھڻو ئي پيو آھي ساھه کڻڻ لاءِ! “ ھن کي پنھنجي مستاني پيءُ جون مستانيون ڳالھيون ھُري آيون، ۽ وري ھن جي دل ڀرجي آئي. نڙيءَ ۾ ڳنڍ پئجي ويس.
    اوچتو ھن جي ڪُميت جا ڪَن کڙا ٿي ويا، ۽ ھن جي چال ۾ اَڻ لکو فرق پئجي ويو. سانوڻ خوابن جي دنيا مان موٽي آيو. گھڙي دير کانپوءِ، چٻري جي چيٽ سان گڏ گھوڙن جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ جو آواز ھن جي ڪن تي پيو. ھن ڪميت کي ھلڪي ھٿ جي ٿپڪي ھنئين ته ڪميت پاڻھي ڄاڻ، کٻڙن جي ڊگھن ٻوڙن ۾، منھن وجھندي لڪي بيھي رھي. سانوڻ ڪمربند مان ڪٽارو ڪڍي، ٻوٽن جي جھُنڊ ۾ اوڪڙو ويھي رھيو. ھن جي ڪنن ھن کي ٻڌايو ته اڳيان ٻه سوار ھئا، جن جي ڪڍ ڏھاڪو سوار مينھن واءُ ڪندا پئي آيا. ھن کي اھو به يقين ھو ته مغل يا ترخان وس پڄندي ٻيلي جو رخ ڪونه ڪندا. ھن اندازو لڳايو ته مغل سپاھي ڪن سنڌي ھمراھن يا ترخانن کي جھلڻ ٿي آيا. ھن جي ھمراھن جي چتاءَ مان ھن کي اھا پڪ ٿي ويئي ته ٻيلي ۾ گھڙندڙ ماڻھو سڄڻ ڪونه ھئا. پر جيڪڏھن ويرِي ڪن سنڌي ھمراھن جي پويان آھن ته پوءِ ..... اڃا ھو انھن خيالن ۾ ھو ته اڳين سوارن مان ھڪڙي جي گھوڙي جي ڊگھي ۽ ڊنل ھڻڪار مان ھن کي پڪ ٿي ويئي ته گھوڙي جي پُٺ ۾ ڀالَو يا تير کُپي ويو ھو. ساڳئي وقت اڳين سوارن جي گھوڙن جي سنبن جو آواز اوچتو بند ٿي ويو.
    ھن جي سَرلن ڪَنن، پري جو ھڪڙو آواز جھٽي ورتو .... ” ڏاترنا، او ھنن کٻڙن جي جُھنڊ ۾... “ ٻن ھمراھن جي ڊوڙڻ ۽ سھڪڻ جو آواز ھاڻ چٽو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. سانوڻ جتي لڪل ھو، ان جي پٺئين پاسي، ٻه ھمراھه گسڪندا، سھڪندا، کٻڙن ۾ گھڻو اندر پيھي آيا. سانوڻ محسوس ڪيو ته ھمراھه پنھنجي ساھه کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا، پر ھنن جي ناسُن مان آواز سسڪندو ايئن تي نڪتو، ڄڻ ڪو ٻڏندڙ ماڻھو اوچتو پاڻيءَ مان ٻاھر نڪري شپڙڪا ڪري ساھه کڻندو آھي.
    گھڙي نه گذري ته ڏھاڪو کن مغل لشڪرين به کٻڙن جي جھُنڊ وٽ اچي پنھنجا گھوڙا جھليا. ھڪڙي مغل ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو: ” تيمور خان، نامراد سنڌي ھتي ئي ڪٿي لڪل آھن: تون ھي پاسو وٺ ته آءٌ ھن پاسي ٿو ڏسان. اچو، توھين مون سان اچو ... “
    سانوڻ وري سرٻاٽ ٻڌو: ” وريام يَر منھنجي ڪري ..... “
    ” شُشُ ......... “
    کٻڙ ڪافي گھاٽا ھئا، پر سانوڻ کي پڪ ھئي ته جيڪڏھن مغل ھن پاسي آيا ته ڪميت جي بُوءِ تي مغلن جا گھوڙا ضرور ھڻڪندا. ۽ نه رڳو مغل ھن کي ڏسي وٺندا، پر پوءِ ھنن ٻن ھمراھن جو به خير ڪونه ٿيندو. ڪجھه سوچيندي ھن وات تي مٺ ڏيندي، ڳيري جي ڊگھي ” گھون .... گھون .... “ جو آواز ڪڍيو. گھڙي نه گذري ته چوڌاري کٻڙن ۽ لئين مان ڳيرن جي ڊگھي ” گھون .... گھون ... “ جو آواز اچڻ لڳو. سانوڻ وري سرٻاٽ ٻڌو: ” ير، اھو آواز ٻڌءِ .... بنھه ھنن کٻڙن مان پيو اچي .... “
    اوچتو ھڪ چٽو آواز الائجي ڪٿان ٻُريو: ” مغل سپاھيو، ..... اوھين گھيري ۾ آھيو .... پنھنجا ھٿيار ڦٽي ڪريو ..... نه ته ..... “
    مغلن جي گھوڙن جي سنبن جو آواز بيھي رھيو. لغامن ڇڪڻ جو آواز به چٽو ٻڌڻ ۾ آيو. مغلن جي مُھندار جي آواز مان ئي سانوڻ سمجھي ويو ته مغلن جو ڊپ کان ساھه سڪي ويو ھو.
    مغل مُھندار چئي رھيو ھو ..... ” تيمور خان ..... ھاڻ ڇا ڪجي؟ “
    ” شھباز خان ..... ھي سنڌين جي ڪا چالبازي ٿي ڏسجي ..... مجال آھي ڪنھن سنڌيءَ جي جو مغلن جي ..... “
    اوچتو ھن جو آواز بند ٿي ويو، ۽ ان جي بدران ھڪ دل ڏاريندڙ رِيھه وايو منڊل ۾ ڦھلجي ويئي، گھوڙن جي سنجن تان، ڪنھن ماڻھوءَ جي گسڪي، ڪرڻ جو آواز، سانوڻ جي ڪَنن جھٽي ورتو.
    ھن جي چپن تي ھلڪي مُرڪ ڦھلجي وئي. ۽ ان وقت ئي فضا ۾ آواز ٻُرڻ لڳو ..... ” مغل سپاھيو ..... اڃا به جيڪڏھن ھٿيار ڦٽي نه ڪيوَ ته .... “
    اڃان اھو جملو پوروئي نه ٿيو ته ڀالن ۽ ترارن ۽ خنجرن جي زمين تي اڇلجڻ جا آواز اٿيا. ۽ آس پاس کان کٻڙن مان، لئين مان ۽ ٻيلي جي وڻن تان ويھارو مڙسن جو مغلن جي چوڌاري نمودار ٿيو. سانوڻ به ڪميت جھلي، کٻڙن مان ٻاھر نڪري آيو، ۽ وڌندو اچي مغلن اڳيان بيھي رھيو. ھن ڏٺو ته ھڪڙي گھوڙي جي سُنبن وٽ تيمور خان اونڌو پيو ھو ۽ ھڪڙو ڀالو سندس پُٺ ۾ کتل ھو.
    ” شھباز خان، توھان کي خبر ڪانھي ڇا ته ھن ٻيلي ۾ مغلن ۽ ترخانن کي گھڙڻ جي اجازت ڪانھي ..... ! “ سانوڻ جي آواز ۾ رُڪ جھڙي سختي ھئي.
    ” ..... جي جي ..... نه، اسان کي اھڙي خبر ڪانه ھئي.... ھن ڀيري معافي ڏيو .... “
    ” خير ڏٺو ويندو ......... جُڙيا، ھي ھٿيار ميڙيو، ھنن گھوڙن کي ڪُڙھه ۾ موڪليو، ۽ ھنن مغلن کي مھمانخاني وٺي ھلو .... ، ۽ ھن لاش کي ائين جو ائين کڻائي ھلو .... “
    اھو حڪم ڏيئي، ھو وري کٻڙن جي پٺئين ڀر ھلي آيو، ۽ چيائين: ” ڀائو، ھاڻ ڪو جوکم ڪونھي. ڀلي ٻاھر اچو .... “
    ڪا گھڙي چپ ٿي ويئي. پر پوءِ ٻه جوان مڙس کٻڙن مان ٻاھر نڪتا. انھن مان ھڪڙو گھڻو ھيسيل ھو. البت ٻئي جي منھن تي ھڪ عجيب ارڏو رنگ ھو.
    سانوڻ ڪا گھڙي ھنن جوانن کي گھوري ڏسندو رھيو. جوان ھن جي ان گُھور کان ڪيٻائڻ خاطر زمين ۾ نھارڻ لڳا: سانوڻ جي مُک تي مرڪ اچي ويئي: ھلڪي، معنيٰ ڀري ۽ شرارت سان ڀرپور. ھن جي دل چيو ته ھنن جوانن کي ڀاڪر ۾ ڀري وٺي؛ پر ھن پنھنجي آواز ۾ سختي آڻيندي چيو: ” ڪير مڙس آھيو؟ “ ۽ ھن پاسي ڪيئن آيا آھيو؟ “
    ڪا گھڙي چپ ٿي وئي. پوءِ ھڪڙي ھمراھه ھلڪي لاپرواھيءَ سان چيو: ” منھنجو نالو وريام آھي. ننگر ٺٽي جو آھيان. بابو علي محمد واڍڪو ڪم ڪندو آھي. ھي منھنجو سنگتي ڏاترڏنو آھي. ھي به ٺٽي جو آھي، رازڪو ڪم ڪندو آھي. باقي ھت ڪيئن آياسين، سو تنھن ۾ ٻئي ڪنھن جو ڇا؟ اسان کي اھا خبر ڪانھي ته ھي ٻيلو به ڪنھن مغل يا ارغون ترخان ملھه ڳنھي ورتو آھي جو ان کان گوشو ڪريون! “ نوجوان جو ڌيرج ۽ لاپرواھيءَ سان ائين ڳالھائيندو ڏسي، سانوڻ جي دل ڦنڊجڻ لڳي. ٻيلي، اڃا سنڌي بنھه ويل به ڪونه ھئا!
    پر ھن وري به حشمت سان چيو: ” سڄي ٺٽي کي خبر آھي ته ھي ٻيلو سردار خان جو ڳڙھه آھي. اوھان کي ڊپ ڪونه ٿيو ته متان ......... “
    ھن اڃا جملو ئي پورو ڪونه ڪيو ته ھمراھه سندس ڳالھه ڪپيندي چيو: سردار خان به ماڻھن جھڙو ماڻھو ھوندو، ڪو مٿي تي سڱ ڪونه ھوندس جو کانئس ڊڄجي ..... “
    سانوڻ ڏٺو ته ھن ھمراھه جي سنگتيءَ کيس ٺونٺ ھڻي ماٺ ڪرڻ جو اشارو ڏنو، پر ھمراھه ٿوري دير ھٻڪي وري چوڻ لڳو: ” مڙس مڙس جو مَٽ آھي ..... اھا سا پڪ اٿئون ته راھه ويندن واٽھڙن سان ھٿ چراند ڪونه ڪندو ھوندو، نه ته پوءِ سردار خان ۽ عام مغلن ۽ ترخانن ۾ ڪھڙو فرق رھندو. ھونئن به .... “
    اوچتو ھمراھه چپ ٿي ويو. ھن جيڪي چوڻ ٿي چاھيو، سو مناسب ڪونه ھو، وريام سوچيو: آخر به ته ھن ھمراھه سندن جان بچائي ھئي.
    سانوڻ به سمجھي ويو ته نوجوان ھن کي ڪو طعنو مھڻو ڏيڻ ٿي گھريو، سو چيائين: ” ھونئن به ڇا .....؟ “
    وريام سانوڻ جي اکين ۾ نھاريندو چيو: ” اوھان اسان سان ڀلائي ڪئي آھي، اسان جي جان بچائي اٿوَ، سو ان لاءِ اوھان جو ٿورو، خدا ڪندو ته لاھي وجھنداسون. ھاڻ جيڪڏھن اجازت ھجي ته اسين ڇڪيون پنڌ کي! “
    سانوڻ سمجھي ويو ته ھمراھه ڳالھه کائي ويو، سو ھن به ڳالھه مٽائڻ خاطر چيو: ” ڀلا ھي مغل اوھان جي پويان ڇو پيا ھئا؟ “
    ” اھو مغلن کان پڇو! “ وريام وري به لاپرواھيءَ سان چيو.
    ” پر به، ڪا ته ڳالھه ھوندي؟ “
    ” ادا ڳالھه ھيءَ آھي ته ..... “
    ” وريام جي سنگتيءَ اڃا ڳالھه چوري مس ته وريام دھمان ڏيندي چيس، ” ڏاترنا، تون ماٺ ڪر .... مون کي ڳالھائڻ ڏي. مغلن ۽ اسان جو مامرو اسان جي مٿي جو سور آھي. ڪنھن اوپري ماڻھوءَ سان ڪرڻ جھڙي ڳالھه ڪانھي. “
    سانوڻ کي ” اوپري “ لفظ تي چڙ به آئي ته ٿورو ڏک به ٿيس. ھن وري به وريام کي گھوريندي چيو: ” سنڌي ھڪ ٻئي لاءِ اوپرا ڪڏھن کان ٿيا؟ “
    وريام ٺھه پھه جواب ڏنو: ” مغل ته ڌُريان ئي ڌاريا آھن- پر سڀ سنڌي به ھاڻ ” پنھنجا “ نه رھيا آھن. مغلن جي نوڪري ڪندڙ يا سنڌين سان لاتعلق ٿي، ٻيلن ۽ جَھنگن ۾ گھاريندڙ سنڌي ” اوپرا “ نه چئبا ته ڀلا ٻيو کين ڇا چئبو؟ “ وريام جي لفظن ۾ ھاڻي سختي نه ھئي، پر انھن ۾ لڪل مھڻي ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو. سانوڻ جي دل کي جھوٻو اچي ويو.
    ” ڀائو تون سچ ٿو چوين، جيڪو سنڌي ٻين سنڌين سان ڏک ڏولاوي ۾ ڀائيوار نه آھي، سو برابر ”اوپرو“ ئي سڏبو...... “ ھن جو آواز ڏکارو ھو، پر وريام ڏٺو ته ھن ترت ئي پنھنجي پاڻ تي ضابطو رکي ورتو، ۽ ڌيرج سان چيائين: ” آءٌ بروبر اوھان جي لاءِ اوپرو آھيان. نالو سانوڻ اٿم. ھي ٻيلو منھنجي ........ “
    سانوڻ گھڻو ڪجھه چوڻ ٿي چاھيو پر سندس نڙيءَ ۾ ڳنڍ پئجي وئي. ھن جون اکيون اڄاتن لڙڪن سان پوسرڻ لڳيون. ھن کي پنھنجي ڪمزوريءَ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، پر عين ان وقت وريام اڳتي وڌي اچي کيس ڀاڪر وڌو، پوءِ ڀڻڪندي چيائين ” ڀائو، بخش ڪجانءِ ..... منھنجو مطلب توکي ڏکوئڻ جو ڪونه ھو..... اسين ته تنھنجو نالو ٻڌي، ھيڏانھن ٿي آياسون ...... تون ئي ته ھڪڙو آسرو وڃي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ بچيو آھين .... “
    سانوڻ به ڪا گھڙي وريام کي ڀاڪر ۾ جھلي بيٺو رھيو. سندس دل ڀرجي آئي ھئي .... سنڌ جو اڪيلو آسرو .... ھن کي پنھنجي پاڻ تي شرمساري ٿيڻ لڳي. جڏھن سنڌي ھڪ ڦوروءَ، ھڪ رھزن، ھڪ ڌاڙيل کي پنھنجو آسرو سمجھڻ لڳن، تڏھن چئبو ته سنڌين جي بيوسي پنھنجي پاتار کي وڃي پھتي ھئي .... ھن کي جڏھن به اھو خيال ايندو ھو تڏھن ھن کي ان نفرت جو مَٽُ ڪو ٻيو جذبو به ڪونه سُجھندو ھو .... ھو ڪنھن سان اندر جو حال به ته بيان نه ٿي ڪري سگھيو.... اوچتو ھن کي اھو خيال آيو ته ان شرمساريءَ کان بچڻ لاءِ، ھو ھنن ھمراھن کي سڄي ڳالھه ڪري ٻڌائي .......
    ” ادل ...... تون ڀليو آھين ..... آءٌ سانوڻ سان گڏ سردار خان ڌاڙيل به آھيان ..... ھڪڙو ڦورو، رھزن ۽ ڌاڙيل ..... مون جھڙا ٻيا به مون سان آھن ..... سنڌ جو آسرو اسين نه، پر اوھين نوجوان آھيو..... اسين ته ..... اسين ته ..... “
    ھو پنھنجي ڳالھه پوري نه ڪري سگھيو. وريام کي ھن جي دل جي ڌڪ ڌڪ صاف ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ھن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته سانوڻ جي دل سڏڪا ڀري رھي ھئي. ھن کي ان سڏڪا ڀريندڙ دل تي رِيس ٿيڻ لڳي ..... اھي سڏڪا ھڪ دردمند دل جا سڏڪا ھئا ..... جيسين ڪا دل سنڌ لاءِ ائين سڏڪندي رھندي، تيسين سنڌ سدا حيات رھندي.
    ھن سانوڻ کي ڀاڪر مان ڪڍندي، سندس ڀورين اکين ۾ نھاريندي چيو ..... ” اسان کي خبر آھي ڀائو سانوڻ ..... اسان کي اھا به خبر آھي ته تون اھي ڌاڙا ڇو ٿو ھڻين- نفرت جو اھو روپ به سنڌ لاءِ غنيمت آھي ڀائو ..... ! “
    سانوڻ کي ڄڻ ڪو ڏڍ ملي ويو. ھن جي شرمساري ڄڻ ته ڪي قدر گھٽجي وئي. ان جي بدران ھڪ نئون احساس ھن جي سموري جسم ۾ ڦھلجي ويو ..... جنھن جو ڇيد ڪرڻ ھن نه ٿي گھريو.
    اندر جي ان ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ ھن چيو ..... ” اچو ته ھلون، منھنجا ھمراھه الائي ڇا سوچيندا ھوندا ته اسان کي وري ڇا ٿيو..... “
    سانوڻ وريام ۽ ڏاتر ڏني کي وٺي جڏھن مڏيءَ تي آيو ته تڏي تي ويٺل ھمراھه اٿي بيھي رھيا. ھر ھڪ سان سانوڻ سندن واقفيت ڪرائي. جيسين خوش خيرعافيت ۽ کِيڪرون ختم ٿيون، تيسين ھمراھه ماني به کڻي آيا. ڳاڙھن چانورن جي ماني ۽ بِھن جي ھن ٻوڙ مان وريام ۽ ڏاترڏني کي جيڪو مزو آيو، ان کان وڌيڪ ھنن ھمراھن جي پيار ۽ پنھنجائپ ھنن جي دل موھي وڌي. ماني ٽڪيءَ کان واندا ٿي، ھمراھه ڪانڀون ٻڌي، حال احوال وٺڻ ويھي رھيا. جڏھن وريام ڳالھائڻ شروع ڪيو، تڏھن ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته ٻيلي جا وڻ به ھن جي ڳالھه ٻڌڻ ڪاڻ ماٺ ٿي ويا!
    ” ادا، ڪھڙا سُور روئي ڪھڙا روئجن. سنڌي محلن ۾ مغل لشڪرين جڏھن ري گناھه آئي وئي کي ستائڻ شروع ڪيو، تيسين به اسين به ماٺ ھئاسون؛ پر جڏھن گھرن ۾ گھڙي، ڪنھن نه ڪنھن کي کڻي ٿي ويا، ۽ مارڪُٽ ڪري، ڏوڪڙ وٺي ڇڏڻ جو ڌنڌو بڻائي ڇڏيائون، تڏھن اسان کان به رھيو نه ٿيو. چڱن مڙسن ته اھو ٿي چيو ته جيئن بازارن ۽ منڊين ۾ سڀني واپارين ۽ ھَٽائِين گڏجي ھر ھفتي ھڪڙي مقرر رقم حد جي مغل چونڪيءَ تي ٿي پھچائي، تيئن محلن ۾ به ايئن ڪجي، ۽ ھر چونڪيءَ جي عملدار کي مغل لشڪرين لاءِ ھفتي جي آنڪي ڀري ڏجي. اسان ننڍن کي اھا ڳالھه نه وڻي، ۽ اسان پنھنجون ٽوليون ٺاھي، محلن ۾ چونڪي ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ۽ حافظ بلال شھر جي ڪوٽوال کي اھڙي ڄاڻ به ڪري آيو.... “
    وريام ڳالھه ائين ٿي ڪئي، ڄڻ ته ھو ڪنھن اڄاتي ڪاوڙ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. سندس نرڙ تي ھڪ دائمي گھُنڊ پئجي ويو. ھن عمر ۾ اھو گھُنڊ ڄڻ ھن کي جوانيءَ جو داغ ٿي مليو ھو. ھن ھڪ اونھو ساھه کڻي ڳالھه کي اڳتي وڌايو.
    ” ڪجھه ڏينھن ته ٺاپر اچي وئي. ٻن چئن ھنڌن تي مغل لشڪري پنھنجي شڪار جي ڳولا ۾ نڪتا، پر اسان جي ھمراھن کين ڪا حرڪت ڪرڻ نه ڏني. ٽي چار جھڙپون به ٿيون، جن ۾ ٻنھي ڌرين جا ماڻھو ڌڪجي پيا. پر نيٺ جڏھن ڏٺائون ته محلن ۾ ڪا کيچل ڪرڻ مھانگي ٿي پين ته اچڻ جي پچر ڦِٽي ڪيائون ..... پوءِ الائي ڇا ٿيو، جو مرزا پائندہ بيگ، توشي خاني جي نائب عامل کي ڪوٽواليءَ جو منصب مليو، ۽ اڳيون ڪوٽوال ڪنھن تھخاني جي حوالي ٿي ويو. مرزا پائندہ بيگ ايندي شرط باھه ٻاري ڏني آھي. سنڌين جي محلن ۾ اسان جون چونڪيون بند ڪيون ويون آھن. اسان جي ويھارو کن ھمراھن کي راتو رات گھرن مان اٿاري کڻي ويا آھن. ٻين جي پويان آھن. محلن جي چڱن مڙسن ۽ مُکين کي چونڪين تي گھرائي بي عزتو ڪيو وڃي ٿو- چي، اوھان سنڌين مغلن خلاف سازش ڪئي آھي. دھليءَ ڏي ڪي ارغون قيدي پئي موڪليائون، تن کي به ڪي سنڌي شاھينگ حملو ڪري ڇڏائي ويا آھن، جيسين اھي ھٿ نه آيا آھن، تيسين جيڪي سنڌي جھليا اٿن، سي ترنگ ۾ ھوندا! ممڪن آھي ته ٻين کي عبرت ڏيڻ لاءِ انھن کي ٽياس تي ٽنگين. اسان جي پنھنجي چونڪيءَ ۾ اسين ڇھه ڄڻا ھئاسين. رات جي پيٽ ۾ ھڪڙو گھوڙيسوار دستو محلي ۾ داخل ٿيو. اٽڪل ويھارو کن مغل لشڪري ڄڻ جنگ لاءِ تيار ٿي آيا ھئا. اسين به سمجھي وياسون ته اڄ خير ڪونھي .... دوبدو ٿيڻ سان به ڪا ھڙ حاصل نه ٿئي ھا .... سو اٽڪل سان مون ۽ ھن ڏاترڏني ھنن کي پاڻ سان مصروف رکي، ٻين ھمراھن کي ٽري وڃڻ لاءِ اشارو ڪيوسون. ھمراھه جڏھن صحيح سلامت نڪري ويا ته پوءِ اسان به رکيو کڙين تي زور..... “ ائين چئي وريام مرڪي ڏنو. پر ان مُرڪ مان ظاھر ھو ته ھو پاڻ تي کلي رھيو ھو.
    ” مغلن اسان جي پچر نه ڇڏي ..... جڏھن ٻي ڪا واھه نه ڏٺيسون، تڏھن ٻيلي ڏانھن رخ رکيوسون ..... ٻيو مڙئي خير. اجھو ائين اوھان تائين نڪتا آھيون .... “ وريام ڳالھه کي مختصر ڪندي چيو.
    ڪچھريءَ ۾ ماٺ ٿي وئي. ائين ٿي ڀانيو، ڄڻ ته وڻ به گھڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويا ھئا. اھا ماٺ سڀني کي ڏاڍي ڏکي پئي لڳي، پر ڳالھه به اھڙي ھئي. مغل لشڪرين تيسين سنڌي محلن ۾ ڪھڙو ٻائيتال وڌو ھوندو، تنھن کي خيال ۾ آڻي، سڀني کي ماٺ لڳي وئي.پوءِ سانوڻ ئي ماٺ کي ٽوڙيو: ” پوءِ ته مغل لشڪرين جو ڪو بِلو ڪرڻو پوندو ..... ڀلا وريام، ارغون قيدين جي باري ۾ ڪا سُڻس؟ “
    ” ڪجھه ارغون ڇوڪرا، جيڪي مدرسي ۾ ٿا پڙھن، تن جي واتان ٻڌجي ٿو ته اھو ڪم خود ارغونن جو آھي، پر نالو سنڌين جو پيا کڻن .... ارغون ۽ ترخان سڌو سنئون مغلن سان کئونسڻ نٿا گھرن .... گھڻن ڳالھين ۾ ھو ھڪ ٻئي سان ھمراھي به ڪن پيا ..... آخر سيوھڻ، چانڊڪا ۽ بکر تي اڃا سندن راڄ آھي، جيتوڻيڪ آنِڪي دھليءَ جي ڀرين پيا. رڳو ٺٽو ئي آھي جتي مغل سڌو سنئون حڪم ويٺا ھلائين ..... ۽ ھو ڀانئين ته مغلن کي ايترو بدنام ڪن جو دانھن دھليءَ تائين وڃي، ۽ شورشون ڪري مغلن کي زير ڪن، ۽ پوءِ دھليءَ ۽ آگري جي وڏي سرڪار کي سوکڙين پاکڙين سان راضي ڪري، سندن آنِڪي ڀري، ٺٽي تي وري راڄ ڪن. ڪجھه وقت تائين قصو ھلي ته پوءِ شھنشاھه جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاھڻ سولو ٿا سمجھن! “
    سانوڻ ڪا گھڙي وريام کي گھوريندو رھيو: جيڪڏھن سنڌي نوجوان سياست جي اھڙي سمجھه رکن ٿا ته پوءِ اڃا به ڳالھه ھٿان ڪانه وئي آھي. پر اھڙا وريام سنڌ ۾ آھن گھڻا؟!
    ” ڀلا ھينئر جيڪڏھن ڪا شورش ڪجي ته نتيجو ڪھڙو نڪرندو .... ٺٽي جي ماڻھن جو ساٿ ملندوسون يا نه؟ “ ھڪڙيءَ ڪنڊ مان ھڪڙي ھمراھه ڳالھه اڇلائي پَـڙَ ۾ وڌي.
    ” ادا اھا ڳالھه ڏاڍي ڏکي آھي ..... نوجوانن مان ته شايد ڪافي ساٿ ڏيندا، سواءِ انھن جي، جن جي مائٽن کي مغلن نَوازيو آھي، ۽ کانئن ان جي عيوض وفاداريءَ جا پروانا لکائي ورتا اٿن. ٻيا اھي جن ارغونن ترخانن- ۽ ھاڻ مغلن- سان سڱابنديون ڪيون آھن، سي به اسان جي ويجھو ڪونه لڙندا. ھو ڏسندا ته اسان جو پاسو زور آھي ته وات ٽڪاڻي اسان سان ڪندا، پر جيڪڏھن مغل زور ٿيا ته وڏي واڪي چوندا ته سنڌي اچي ڇِتا ٿيا آھن، ظل اِلاھيءَ جي اسلامي حڪومت سان ٽڪر کائڻ بيوقوفي سان گڏ ڪُفر آھي! ان لاءِ ھو چار اَٺَ مُلان به اھڙا اڳيان آڻيندا، جيڪي سندن پٺڀرائيءَ ۾ فتوائون به جاري ڪندا. اسان جا ماڻھو ويچارا ھڪڙو ته ستايل گھڻو آھن، ۽ سالن کان سُک نصيب نه ٿيو اٿن، ۽ ٻيو ته اٻوجھه اھڙا آھن جو شل نه ٻُڌن ته ڪنھن مُلان فتويٰ ڏني آھي؛ اصل اھڙا ونئن ويندا ڄڻ ته ڌُريان ئي ڌاريا آھن! اھي ماڻھو، جن کي واپار وڙي جون ڪوٺيون آھن، ۽ جن جا ڀلاوڻا سورت، دھلي ۽ آگري تائين آھن، يا جن کي بَندرن جي اوڳاڙيءَ جا ٺيڪا آھن، سي مغلن جي چانئٺ جا اڳي به سلامي ھئا ۽ ھاڻ به ٿيندا. باقي رھيا ڪمي ڪاسبي، واڍا، لوھر، رازا، ڪوري، ھاري ناري؛ سي بلاشڪ اسان جو ساٿ ڏيندا: ھنن جو روز ته الله تي آھي پر ھنن جو الله ۽ اسان جو الله ساڳيو آھي! “
    ” منھنجو پنھنجو به اھوئي خيال آھي، ..... پر ھن وقت مغلن ۽ ارغونن ۾ جيڪو جھيڙو آھي، ۽ خلق کي جيڪي آزار پھتا آھن، تنھن مان سمجھان ٿو ته ھاڻ ڪجھه نه ڪيوسون ته پوءِ ويلَ ھٿان نڪري ويندي. دوبدو مقابلي لاءِ شايد اڃا وقت کپي ..... پر گھٽ ۾ گھٽ اھو ته ڪجي ته مغلن کي ترخانن جي حرفت جو ڄاڻ ڪجي جيئن اسان جي خلق تان ڪجھه بار جھڪو ٿئي .... “
    سانوڻ ڄڻ ته پاڻ سان ڳالھائيندو ڳالھائيندو ڪنھن اونھي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. سڀ ھمراھه ماٺ ٿي ويا. ھنن کي خبر ھئي ته جڏھن سانوڻ ائين، پنھنجي پاڻ ۾ غائب ٿي ويندو آھي ته پوءِ ...... ته پوءِ ڪوچ ڪرڻ جي ھَڪَل ضرور ٿيندي آھي.
    جڏھن سانوڻ وري ڳالھايو، تڏھن ائين ٿي ڀانيو، ڄڻ ھن ۾ ڪو نئون روح وارد ٿيڻ لڳو ھو. ھن جي آواز مان پاٻوھه ۽ نرمي پَر ڪري اُڏامي ويئي! ھو ڳچ وقت پنھنجي ھمراھن کي ھڪ ھڪ ڪري ھدايتون ڏيندو ويو، جن مان ڪجھه وريام کي سمجھه ۾ آيون، ته ڪجھه بنھه ڪونه آيون.
    اوچتو ھن سانوڻ جو آواز ٻڌو، جنھن ۾ اھڙي حُجت ھئي، جيڪا فقط پنھنجن سان ئي ڪري سگھبي آھي، پر جنھن مان اھا ڳالھه به بَکندي آھي ته اھا حجت حڪم جو درجو رکي ٿي.
    ” وريام، توکي ۽ ڏاترڏني کي موٽي ٺٽي وڃڻو پوندو..... اھو ڪم توتي آھي ته مغلن جي ڪَن تي اھا ڳالھه پوي ته شاھي قيدين کي سنڌين نه، پر ترخانن ڀڄايو آھي..... ۽ شورش سنڌي نه پر ترخان ڪرڻ وارا آھن..... ۽ اھو به ته ترخانن جو وڏو لشڪر سيوھڻ کان ٺٽي تي چڙھڻ وارو آھي ته جيئن خسرو خان چرڪس، مرزا عبدالعليءَ جي نالي ۾ ٺٽي تي قبضو ڪري! “
    سانوڻ گھڙيءَ لاءِ وريام جي اکين ۾ نھاريندي، وري چيو: ” ۽ وريام، ڀائو! سنڌ لاءِ رڳو بھادري نه، پر عقل ۽ مَت به ڪم آڻڻي پوندي.....! ھاڻ سنڌ کي پرتئو! “
    وريام جي دل ۾ عجيب احساس ڪَر موڙڻ لڳو ته سانوڻ ڄڻ ته ھن کي اعتبار جي امانت ڏيئي ڇڏي ھئي، ۽ ان امانت جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ھن کي جيڪڏھن پنھنجو ساھه به گھورڻو پيو ته به سنڌ تان صدقي ٿيڻ جو بھانو ملي پوندو.*


    10

    رات جي ڪُک ۾ ڪُھرام متل ھو. ھري ھري ٿي سمورا تارا جھُرندا جھَڪا ٿيندا ويا. اُماس جي اوندھه ۾ ڪا باک ڦٽڻ لڳي ھئي. نُوري آسمان ۾ اکيون وجھي، پرھه ڦٽڻ جو انتظار ڪندي ڪندي ٿڪجي پئي ھئي، پر ننڊ ھن جي نيڻن کان ڪوھين ڏور ھئي. ھن جو اکيون ڄڻ ته ننڊ وڃائي ويٺيون ھيون. ھن کي اوندھه کان ايترو ڊپ نٿي ٿيو، جيترو ننڊ کان! اوندھه ھن کان پنھنجي جيجل کسي ورتي ھئي، ۽ ننڊ ھن کي انسانن جي اندر لڪل وحشي بگھڙن جي وجود کان واقف ڪيو ھو. ٿورن ئي ڏينھن ۾ ھن جي اکين جيڪي ڏٺو ھو، سو ٿوھر بڻجي ھن جي ماڻڪين ۾ ٽنبجي پيو ھو، ۽ جڏھن اکيون ٿڪجي بند ٿيڻ لڳنديون ھيون ته وري ڪنھن نئين واردات کان اُمالڪ پٽجي وينديون ھيون. ھن وري کڙندڙ جھَڪي ٿيندڙ تاري جي مَرندڙ ترورن جي پويان ڪجھه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان وقت ڀر واري کٽ تان ايندڙ سڏڪن جي آواز ھن کي ڇرڪائي ڇڏيو.....
    ” امان جاني.... امان جاني! “ ننڍڙي ٻالڪ ننڊ ۾ سڏڪندي ڀڻ ڀڻ ڪئي.
    ھو پنھنجي کٽ تان اُٿي، ڀر واري کٽ تائين آئي، ۽ ٻارڙي جي ڇاتيءَ تي ٿڦڪيون ڏئي، ھن کي سمھارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر ھن جي اوپرن ھٿن کيس ھيڪاري جاڳائي وڌو، ۽ وڏي آواز سان ڍنڍڪڻ لڳو.
    ” امان جاني..... امان جاني! “
    ھن جي روئڻ تي، ھن جي ڀر ۾ ستل نينگر به جاڳي پيو. نينگر اٺن نون سالن جي عمر جو ھو، پر بدن ۾ اھڙو ڀريل ھو جو ٻارنھن تيرھن ورھين جو ڇوڪراٽ ٿي لڳو.
    ” ڪنيز ھن کي چپ ڪراءِ، اسان جي آرام ۾ خلل ٿو پوي! ۽ ھن کي سمجھاءِ ته حضور مرزا قيصر بيگ جا شھزادا روئيندا نه آھن! “ ڇوڪري پنھنجي آواز ۾، ننڊا کرائي ھوندي به، رعب تاب آڻڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    نُوري ڪا گھڙي ھن کي ڏسندي رھي. ھن پنھنجي ڳوٺ جا ٻار به ڏٺا ھئا، جيڪي روئندا به ھئا کلندا به ھئا، کيڏ به ڪندا ھئا، تنگ به ڪندا ھئا، ڪپڙي لٽي پائڻ ۾ مائرن يا ڀينرن کي تنگ به ڪندا ھئا، ھڪ ٻئي کي دڙڪا دھمان به ڏيندا ھئا، کيڏندي کلندي ڪُڏندي وڙھندا به ھئا، پر منجھن ھڪ خاص ڳالھه ھوندي ھئي، جنھن جو احساس ھن کي فقط ھاڻ ٿيو ھو: منجھن معصوميت ھئي، اڻ لکو پر منھن تي بکندڙ ماڻھپو ھو، ھنن ۾ ٻاراڻي ھئي جيڪا قدرتي ھئي، جنھن کانسواءِ ھوءَ ھنن کي تصور ۾ به آڻي نٿي سگھي. ان جي برعڪس، ھي به ٻار ھئا، پر منجھن ٻاروتڻ نه ھو، منجھن معصوميت بدران بناوٽ ھئي، سندن کيڏ ۽ ضد به بناوٽي ۽ نرڄائي وارو ھو، ھنن جي منھن مان ماڻھپو نٿي بکيو، سندن منھن تي ڪوبه احساس قدرتي نه ھو؛ جيڪي پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي اڳيان به ٻار نه ھئا. جيڪي پنھنجي ماءُ پيءُ جي اڳيان انگل ڪرڻ وقت به ٻار نه ھئا. ھي ٻار نُوريءَ جي آزمودي جي دائري کان بنھه ٻاھر ھئا. انڪري ھوءَ ھنن کي سمجھڻ، سمجھائڻ ۽ پرچائڻ کان لاچار ھئي.
    ان مھل پري کان فجر جي ٻانگ جي صدا آئي ته ڇوڪرو ھڪدم ٽپ ڏيئي ھيٺ لٿو.
    ” ڪنيز، اسين وضو ڪرڻ ٿا گھرون.... اسان حضور ابا جان کي ٻڌائڻ گھرنداسون ته سندن حڪم جي تعميل ۾ اسين ڪابه ڪوتاھي نٿا ڪريون، ۽ اسين نماز لاءِ ھنن سان گڏجي ھلڻ لاءِ تيار آھيون! “
    نينگر جي آواز تي ٻارڙي اوچتو پنھنجو روئڻ بند ڪري ڇڏيو. نُوري اُتي ئي ويٺي رھي. نينگر جي وڏي آواز ڳالھائڻ تي ھڪڙو ڪارو ديو جھڙو حبشي اگھاڙي خنجر سان در کولي اندر ھليو آيو. ھن نھايت خونخوار نظرن سان نينگر کي گھوريندي چيو: ” ڪنيز، ھنن کي خاموش رھڻ سيکار، نه ته ھنن سان گڏ تنھنجي سر جو به خير ڪونھي! “
    حبشيءَ جي آواز ۽ اگھاڙي خنجر جي اولڙي ھيڪاري نوريءَ جو ساھه سڪائي ڇڏيو. ھن ٿورن ئي ڏينھن اندر جيڪي ڪجھه ڏٺو ھو، ان ھن کي سيکاري ڇڏيو ھو ته اگھاڙو ھٿيار پنھنجي اُڃ لاھڻ کانسواءِ، واپس مياڻ ۾ موٽي نه ويندو آھي. حبشيءَ جي دڙڪي ۽ خنجر ڇوڪرن کي به ھيسائي ڇڏيو، ۽ ھو ٻئي نوريءَ کي چنبڙي پيا. روڄ ھنن جي نڙگھٽ اندر ئي گھٽجندو رھيو. ٻئي ٻار ڪرڙِيءَ وانگر پئي ڪنبيا. وڏي ڇوڪري جو رعب تاب ۽ حشمت به پَر ڪري اُڏامي ويا.
    نوريءَ به ڪنبندي، ھيسيل آواز ۾ چيو: ” ھاڻ ھي نه روئندا؛ آءٌ ھنن کي ماٺ ڪرائينديس. اوھين وري آواز نه ٻڌندا. “
    حبشيءَ پھريون ڀيرو نوريءَ کي چتائي ڏٺو، ۽ الائي ڇو ھن جي دل پنھنجو ڌڪ گسائي وئي. يا الله، تو ھن ڇوڪريءَ کي ڪيڏو نه حسن بخشي ڇڏيو آھي. ھن سوچيو ته ھن سموري عمر ارغون سردارن جي حرمن جي نگھباني ڪئي آھي، پر ھھڙو حسن، ھھڙي سونھن، ھھڙي دلڪشي ھن ڪڏھن به نه ڏٺي ھئي. ڇا غلام به ايڏا دلڪش ٿي سگھن ٿا؟ ھن کي بصري جي بازار ۾ وڪامڻ وقت، پنھنجي ڏاڏي جا چيل لفظ ياد اچي ويا: ” اسين ڪوجھا انھيءَ ڪري آھيون، جو غلام آھيون. جڏھن غلاميءَ جا زنجير ڪٽجي ٿا وڃن، تڏھن قومن ۾ حسن ۽ دلڪشي به موٽي ايندي آھي! “
    حبشيءَ جي اکين ۾ ڪو ڪُھنو ڌنڌ لھي آيو. ھن کي اھو وقت ياد آيو، جڏھن ھن کي ٻين سان گڏ زنجيرن ۾ جڪڙي، جھاز ۾ سوار ڪيو ھئائون. ھن جھاز ۾ پنھنجي ساٿي غلامن سان پنھنجي ڏاڏي جي ٻڌايل ڳالھه کنئي ھئي. ھن جي ڳالھه جو ھن جي ساٿين تي عجيب اثر ٿيو ھو. ھنن مان ڪنھن چيو ھو ته پوءِ ڇونه اسين به آزادي ماڻيون ۽ حسن ۽ دلڪشي ماڻيون! ۽ پوءِ ھنن سڀني گڏجي، جھاز تي بغاوت ڪري، آزادي حاصل ڪري ورتي ھئي. وڙھندي وقت ھن کي ائين محسوس ٿيو ھو، ڄڻ ته سج جا ڪرڻا ھن جي رت ۾، پنھنجو سمورو حسن اوتي رھيا ھئا. جيئن جيئن ھو پنھنجي آقائن کي ڪپيندو، وڍيندو، ڪيرائيندو ويو، تيئن تيئن ھن جو اھو احساس وڌيڪ اونھو ٿيندو ويو ته ھن جي بدصورتي ھن جي جسم تان، ڪنھن پراڻي کَل وانگر لھندي ٿي ويئي، ۽ ھڪ نئين خوبصورت کَل ان جي جاءِ وٺندي ويئي. سج جا ڪرڻا ھن کي پنھنجو حسن بخشي رھيا ھئا. ھن جي ڪوجھائي تبديل ٿي رھي ھئي.
    جڏھن ھن ۽ ھن جي ساٿين جھاز تي قبضو ڪري، آزادي حاصل ڪئي ھئي، تڏھن جھاز جي عيشي تي بيھي، ھن وشال سمنڊ مٿان سج جي کڙندڙ شعاعن کي مخاطب ٿي رڙ ڪندي چيو ھو: ” اي سمنڊ، ڏس اڄ آءٌ به تو وانگر آزاد آھيان! اي سج، ڏس اڄ آءٌ به تو وانگر آزاد آھيان! ۽ آءٌ ايڏو ئي خوبصورت آھيان، جيترو تون خوبصورت آھين! “ ھن کي پنھنجا سمورا ساٿي ايترائي سھڻا لڳا، جيترو ھو پاڻ سھڻو ھو.
    ۽ پوءِ ھنن گڏجي ھڪ گيت ڳاتو ھو؛ جنھن جا لفظ، اڳ ڄاتل نه ھوندي به، پاڻمرادو ھنن جي ويڪرين ڇاتين مان، گونجي اٿيا ھئا:
    ” سج سھڻو آھي،
    - ڇاڪاڻ ته آزاد آھي!
    سمنڊ سھڻو آھي،
    - ڇاڪاڻ ته آزاد آھي!
    پکي سھڻا آھن،
    - ڇاڪاڻ ته آزاد آھن!
    جبل سھڻا آھن،
    - ڇاڪاڻ ته آزاد آھن!
    ٻيلا سھڻا آھن،
    - ڇاڪاڻ ته آزاد آھن!
    دريا سھڻا آھن،
    - ڇاڪاڻ ته آزاد آھن!
    اسين سھڻا آھيون،
    - ڇاڪاڻ ته اسين آزاد آھيون!
    - ڇاڪاڻ ته اسين آزاد آھيون!

    پر پوءِ، جڏھن ھو بصري پھتا، ۽ ھنن جي آقائن ۽ خريدارن جي محافظ آقائن، پنھنجي ٻين غلامن ۽ لشڪرين جي مدد سان، ھنن کي وري غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏھن ھو ائين وڙھيا ھئا، ڄڻ پھاڙ وڙھي رھيا ھئا، ڄڻ سج وڙھي رھيا ھئا، ڄڻ سمنڊ وڙھي رھيا ھئا! ھڪ ھڪ ٿي ھن جا ساٿي ڪرندا ويا. لشڪرين جي ڪٽڪ اڳيان ھي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا، سَنگن وانگر لڻجندا ويا!
    جڏھن ھن کي وري زنجيرن ۾ جڪڙي امير جي اڳيان آندائون، تڏھن ھن کان پڇيو ھئائون: ” تو بغاوت ڇو ڪئي؟ “
    ” غلام بغاوت ڇو ڪندا آھن؟ “ ھن ڄڻ پاڻ کان سوال ڪيو.
    ” اھوئي ته توکان پڇون ٿا ته غلام ٿي ڪري تو ڇو بغاوت ڪئي؟ “
    ” مون سونھن حاصل ڪرڻ ٿي گھري، ۽ مون ٻڌو آھي ته آزاديءَ سان ڪوجھائي ختم ٿي ويندي آھي! “
    ۽ پوءِ ھن کي ھميشه لاءِ ڪوجھو ڪرڻ لاءِ جڏھن ھن جي مردانگي ھن کان کسي ورتائون، ۽ کيس خواجه سرا جو لقب ڏنائون، تڏھن ھن کي ھيڪاري وڌيڪ يقين ٿي ويو ته آزادي سونھن آھي، آزادي مردانگي آھي. آزادي کسڻ سان انسانن کي ھميشه لاءِ اندران توڙي ٻاھران، ڪوجھو بنائڻ آقائن جو دستور آھي!

    ۽ ھن وري ھن سنڌي نينگِريءَ ڏانھن ڏٺو: شايد سنڌي واحد قوم آھن جيڪي غلام ھوندي به سھڻا آھن! ھن جي دل چيو ته ھن چوڏھينءَ جي چنڊ کان به خوبصورت وينگس کان پڇي ته تون غلام ھوندي به ايڏي سھڻي ڇو آھين؟
    ۽ پوءِ ھن خنجر وري پنھجي مياڻ ۾ وجھي ڇڏيو، ۽ ھوريان چيائين ” تون ھنن کي ماٺ ڪراءِ، نه ته .... “ ھن جي دڙڪي ۾ ھاڻ اھا ڪاٽ نه ھئي، اھا خنجر جي اگھاڙي ڌار نه ھئي، ۽ ھو ائين ئي ڀڻ ڀڻ ڪندو ٻاھر ھليو ويو.
    نُوري ڪا گھڙي، ھن حبشيءَ کي ويندي ڏسندي رھي. ڊپ کان ھن جي بدن جي رڦڻي جڏھن جھڪي ٿي، تڏھن ھن وري ڇوڪرن ڏانھن نھاريو، جيڪي اڃا تائين ھن جي ٽنگن سان چنبڙيا پيا ھئا. ھنن ٻارن سان ھن جو ڪوبه رشتو ناتو ڪونه ھو، پر تڏھن به حبشيءَ جي خنجر ۾، ھنن جي موت جا امڪان ڏسي، ھوءَ دھلجي ويئي ھئي، ڊڄي ويئي ھئي، ۽ ڪھڪاءَ کان ھنن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ پناھه ڏيڻ جو جذبو الائي ڪٿان ۽ ڪيئن ھن جي دل ۾ پيدا ٿيو ھو. اھو ان جي باوجود ٿيو ھو ته اھي ڇوڪرا مرزا قيصر بيگ جا پٽ ھئا، جنھن جي اشاري تي، ھن جي ماءُ ۽ ھن جا سوٽ ماسات ڀالن جو بَکُ ٿيا ھئا. ھن کي اھا رات ياد آئي، جڏھن ھن جي ڳوٺ تي ڌاڙو لڳو ھو ....... *


    11

    ھنن جي دنيا ڏاڍي مختصر، ڏاڍي ماٺيڻي، ڏاڍي ساڃھه واري ھئي. اٺ ڏھه گھر مس ھئا، جيڪي ڏاڏاڻي يا ناناڻي سڱ سان پاڻ ۾ موتين وانگر پوتل ھئا. ھنن جو خوشيون به گڏيل ھيون، ھنن جا غم به گڏيل ھئا. ھنن جون محبتون به گڏيل ھيون ته دشمنيون به گڏيل ھيون. رڳو ننڍن نيٽن جي دشمنين ۾ ھڪڙي نئين دشمنيءَ نئين سر منھن ڪڍيو ھو، اھا دشمني ھئي مغلن جي خلاف. اھا دشمني ھڪ اڳين دشمنيءَ جو نئون روپ ھئي. اڳين دشمني ترخانن لاءِ ھئي، ۽ ھاڻ ان جو روپ مغلن جي دشمنيءَ ورتو ھو. پر اھا دشمني به ڄڻ ته ذاتي به ھئي خانداني به: جنھن ۾ اھا ڳالھه وڌيڪ نمايان ھئي ته جڏھن به ترخانن يا مغلن جي ڳالھه نڪرندي ھئي ته پنھنجا ذاتي جھيڙا جھٽا ۽ تڪرار ختم ٿي ويندا ھئا.
    نُوريءَ کي ياد آيو ته سندس ماسات خيرل جي گھوڙي، ” چنبيليءَ “ جي ھاڪ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦھليل ھئي. ڪٿان ڪٿان جا ماڻھو رڳو گھوڙيءَ کي ڏسڻ لاءِ اچي مھمان ٿيندا ھئا، ۽ پوءِ اوطاقن ۾ گھوڙن جي نسلن- ۽ خاص طرح سنڌ جي گھوڙن- تي سُگھڙ سڄيون سڄيون راتيون پيا بيت ۽ پروليون ڏيندا ھئا. سڪندر جي گھوڙي ” بوسيفل “ کان دولھه دريا خان جي گھوڙي ” ملوڪ “ تائين، گھوڙن جا شجرا بيتن ۾ بيان ٿيندا ھئا. خيرل ته پنھنجي گھوڙيءَ جو مَٽ جَنتي گھوڙن کان به مٿاھون ڀائيندو ھو، ۽ جڏھن ھو ٺٽي جي پير سڪندريءَ واري گوءِ کٽي آيو، تڏھن ته ھيڪاري ھن جو مانُ ايڏو مٿاھون ٿيو، جو ماڻھو ڀوڳ ڪري چوندا ھئس ته خيرل ته شادي به چنبيليءَ سان ڪندو، جو رات ڏينھن پيو چنبيليءَ جي ٽھل ٽڪور ڪري!
    پوءِ جڏھن ٺٽي جي عامل جا ماڻھو شھنشاھه جھانگير لاءِ گھوڙِي ڏسڻ آيا، تڏھن ته ھنن جو ڳوٺ ڄڻ ته سنڌ جو مرڪز بڻجي ويو. سيوھڻ مان ترخانن، بکر مان سيدن ۽ چانڊڪا مان اميرخانين ايلچي موڪليا ته گھوڙي اسان کي ڏيو ته شھنشاھه کي پيش ڪريون: قيمت جيڪا خيرل چوندو، سا کيس ملندي. ٺٽي جي عامل ته پنھنجو خاص ماڻھو- قيصر بيگ- موڪليو ته گھوڙي ڪاھي اچي. خيرل اصل، ڪنھن جي ڳالھه مڃڻ لاءِ تيار نه ھو. ڳالھه وڃي لاھور پھتي. جھانگير جا خاص ماڻھو گھوڙي ڏسڻ آيا. وڏي درٻار لڳي. پنوھرن جي چڱي مڙس جنھن اھو مامرو پئنچائت جي اڳيان اڇلي وڌو، ته به خيرل اصل ” ھا “ نه ڪئي. پنھنجي پير مرشد سائين چڱي ڏني شاھه جو به چيو نه ڪيائين. نيٺ ٺٽي جي عامل سپاھين جو شاھي دستو موڪلي ڏنو ته خيرل قيمت وٺڻ تي راضي نه ٿئي، ته گھوڙي زوريءَ ڪاھي اچن.
    ان رات سڄي ڳوٺ جو ساھه مُٺ ۾ ھو. چوڌاري ڳوٺ کي مغل لشڪرين گھيرو ڪري ورتو ھو. ڪنھن کي به ڳوٺ مان ٻاھر نڪرڻ جي اجازت نه ھئي. نه وري ڪو ڳوٺ ۾ اندر داخل ٿي ٿي سگھيو. خيرل کي سمجھائڻ لاءِ وري پئنچائت ويٺي. مرشد جو خليفو پاڻ به ھلي ملي آيو مغلن جي سفارش لاءِ؛ پر خيرل وڻ گھوڙو ٻڌڻ نه ڏنو. مغلن دڙڪو ڏنو ته اسين ڳوٺ کي باھه ڏيئي حملو ڪري، گھوڙي ڪاھي وينداسون! پر ان جو خيرل تي اثر خير ڪي ٿيو. ھن فقط ايترو ئي چيو ته ” گھوڙي منھنجي آھي، زوريءَ يا لالچ سان گھوڙي ھرگز نه ڏيندس! “
    مغلن کي ڪاوڙ ته ڏاڍي ھئي. ھو سنڌ جا حاڪم ھئا، سنڌي ھنن جي رعيت ھئا. رعيت جي اھا مجال جو پنھنجي وھٽن کي، مغلن جي حڪم جي باوجود، سندن خدمت ۾ پيش نه ڪن! پر چيائون ٿي ته گھوڙيءَ جي ھاڪ ٻڌي خود ملڪه اعظم نورجھان ضد ڪيو ھو ته گھوڙي کيس پيش ڪئي وڃي.
    جڏھن پئنچائت جي فيصلي تي به خيرل نه بيٺو، تڏھن مغلن آخرڪار گھوڙي زوريءَ ڪاھڻ جو فيصلو ڪيو. سؤ کن مغل لشڪري، نما شام جو ڀالا اُلاريندا ڳوٺ ۾ داخل ٿيا. ھنن جي اڳيان ڪابه رنڊڪ نه ھئي. مغل ڪجھه شڪيا ته ضرور ڪا کيڏ رٿيل ھئي. ھنن جي تجربي ھنن کي ٻڌايو ته ڪنھن به سنڌي ڳوٺ تي چڙھڻ سولو نه ھو. ننڍا نيٽا جوان مئي مارائي کانسواءِ ڳوٺن تي قبضو ڪرڻ نه ڏيندا ھئا. تعداد ۾ ٿورا ھوندي به ائين وڙھندا ھئا، ڄڻ بکئي شينھن پنھنجي چُر جي حفاظت ٿي ڪئي. پر اڄ ڳوٺ جا سمورا مرد پنھنجي پنھنجي ويڙھي اڳيان خاموش بت بڻيا بيٺا ھئا. ڪنھن به مغلن سان اٽڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ۽ ھو سڌا اچي خيرل جي ڪُڙھه تي بيٺا. خيرل جي ڪُڙھه ۾ به مڪمل ماٺ ھئي. خيرل به اُتي ڪونه ھو، نه ئي ڪو سندس سنگتي ساٿي موجود ھو. البت چنبيلي اُتي موجود ھئي، پر سندس خوبصورت مُنڍي ڌڙ کان ڌار ھئي. .....!
    مغل جيئن آيا، تيئن واپس وريا. ھنن کي سنڌين جو ھيءُ ضد بنھه سمجھه ۾ نه آيو. شھنشاھه جي حڪم تي خيرل کي اشرفين جي خرزين جي آڇ ڪئي وئي ھئي، پر خيرل اشرفين جي خرزين وٺڻ بدران پنھنجي اھڙي سونھاري گھوڙيءَ کي پنھنجي ھٿن سان ڪُھي ڇڏيو. ھي سنڌي پڪ ئي پڪ عقل جا انڌا آھن! پر ھاڻ ھو نورجھان بيگم کي ڪھڙو جواب ڏيندا؟ ان تي سوچيندا، مغل موٽي ويا!
    ان جي ٽئين ڏينھن ڳوٺ تي ڌاڙو لڳو. ٻٽون ٻڌل ويھارو مڙسن جو، ڳوٺ تي ڪاھي آيو. گھوڙن جي ھڻڪارن، ڪھاڙين، ڀالن ۽ بڙڇين جي آوازن تي نُوري ۽ سندس ماءُ ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺيون ھيون. نوريءَ جي اکين آڏو، ھڪڙو ڀالو ماڻس جي ڇاتيءَ کي ڇيھون ڇيھون ڪندو ويو، ۽ ھن جي جيجل ماءُ جي وات مان ڪلمو به چيرجي نڪتو ھو. ھوءَ ڊوڙي ماءُ تائين آئي، ۽ کڻي کيس ڀاڪر ۾ ڀريائين؛ ” امان .... منھنجي جيجل امان! “ ھوءَ سڏڪن سان ماءُ کي ھنج ۾ لوڏيندي رھي. پر پوءِ ھڪڙي مڙسالي ھن جي ٻانھن ۾ ھٿ وجھي، ھن کي ڇڪي اٿاريو، ۽ ٻئي ھٿ سان خنجر جي چھنب ھن جي نڙيءَ تي کڻي رکيائين. ان وقت به ھن کي پنھنجي مرڻ جو ڪو خيال نه ھو. ھن ڇڪ ڏيئي، پاڻ ڇڏائي، وري پنھنجي جيجل ڏانھن موٽڻ ٿي گھريو. ان ڇڪ ۾ ھن جي نڙيءَ ۾ خنجر جي چھنب سان چھڪ اچي ويو، ۽ رت لار ڪري، ھن جي چولي کي پِسائڻ لڳو. پر ھن کي ان زخم جو ڪو احساس نه ٿيو. ھن جو دماغ ھر احساس کان وانجھو ھو، سواءِ ان احساس جي ته ھن جي مٺڙي امڙ ھن جي اکين اڳيان، ڪُسي وئي ھئي. ھن وري ماءُ ڏانھن رومڙ ڪئي، ۽ ائين ڪندي ھن مڙسالي جي ھٿ ۾ خنجر اُڀو ٿيندي، پاڻ ڏانھن ايندو ڀانيو، پر ان وقت پريان ڪنھن فارسيءَ ۾ رڙ ڪري ڪجھه چيو، جيڪو ھوءَ سمجھي نه سگھي. اُلاريل ھٿ روڪجي ويو. خنجر مياڻ ۾ ھليو ويو، ۽ ان جي بدران، ھن مڙسالي، ھن جي وارن کان ڇڪي، ھن جي منھن ۾ ڏٺو. گھڙيءَ لاءِ، ھن جي ھيسيل اکين، انھيءَ مڙسالي جي منھن ۽ اکين ۾ نھاريو: ٻٽ ٻڌل ھئڻ ڪري، فقط ھن جون اکيون ئي نظر آيون. انھن اکين ۾ ديد ڪنھن بگھڙ جي ديد ھئي: انسانن جي اکين ۾ ھن ڪڏھن به اھڙي ديد نه ڏٺي ھئي. شَيرين اکين جي وچ ۾، نِيرين پتلين ۾، رت جا ڏورا ڄڻ ٻاھر نڪرڻ تي ھئا. انھن اکين ۾ جيڪي ڪجھه ھو، تنھن کي ڏسي پھريون ڀيرو نوريءَ جي نَس نَس ۾ ڊپ ويڙھجي ويو، ۽ ھوءَ انھيءَ ڊپ کان ٿڙڪڻ لڳي. ڪنھن اڄاتي اُمالڪ احساس ھيٺ، ھن مڙسالي کي ڌڪو ڏنو. ھو آٿڙجي پويان ڪريو، ۽ ھوءَ دروازي ڏانھن ڀڳي، پر در تي ٻٽون ٻڌل ٻه ٻيا مڙسالا، خنجر ھٿن ۾، ڄڻ ھن جي انتظار ۾ بيٺا ھئا. اُن وقت نُوريءَ پھريون ڀيرو رڙ ڪئي، اھڙي رڙ، جيڪا ھوءَ ڳچ وقت تائين وساري نه سگھي. اھا رڙ، ھن جي روح مان روڙجي نڪتي ھئي. ان رڙ ۾ ڪي به لفظ نه ھئا، پر اھا رڙ سڄي ڳوٺ جي رڙ بڻجي ٻُرڻ لڳي.
    ھن جي ٻنھي ٻانھن کي رسي سان ٻڌي، ھن جي چيلھه ۾ به کڻي رسو ٻڌائون، پر ھن ائين ڀانيو ڄڻ ته ھن جو سڄو بدن ساڻو ۽ سُن ٿي ويو ھو. ھن کي ڪنھن به ايذاءَ جو احساس نه ھو. ھن جي ڳچيءَ جي زخم ۾ رڳو ڌنئون ڌنئون پئي ٿي، پر ان ۾ به ايذاءَ جو احساس نه ٿي ڀانيائين. ھاڻ ته ھن کي پنھنجي مٺي جيجل به ياد نه ھئي. جيڪڏھن ڪو احساس ھوس ته اھو ته پراين مڙسالن جي اڳيان ھوءَ مٿي اگھاڙي ھئي، ۽ ھن جي ڇاتي گنديءَ سان ڍڪيل نه ھئي، ۽ رکي رکي اھي پرايا مڙسالا ھن کي گھور پائي ڏسندا ٿي رھيا، پاڻ ۾ سُس پُس ڪندا ٿي رھيا، جن جي ٻولي ھن نه ٿي سمجھي. ڌارين جي انھن اگھاڙين نظرن ۾، ھن پاڻ کي ننگو ٿي محسوس ڪيو. جڏھن ھڪڙي مڙسالي ھن کي ڪلھن وٽان کڻي گھوڙي تي ويھاريو، تڏھن ته ھيڪاري ھن جو اھو احساس کيس وڌيڪ کائڻ لڳو. گھوڙي تي وھڻ کان ڳچ وقت کان پوءِ به، ھن کي اھي ڌاريان ھٿ پنھنجي بدن ۾ کُتل ٿي محسوس ٿيا.
    جڏھن ھن کي ٺٽي آندائون ۽ قيصر بيگ جي سامھون، سندس رسا کوليائون، تڏھن ھن سندن گفتگوءَ جو فقط ھڪ لفظ سمجھيو، جيڪو قيصر بيگ، ھن جي کاڏي مٿي ڪندي، سندس منھن ۾ گھوريندي چيو: ” سبحان الله! “
    جڏھن ٻيا ھليا ويا، تڏھن وري قيصر بيگ، اُٿي بيٺو، ۽ ڪڏھن پري کان، ڪڏھن ويجھو اچي، ھن کي جاچيندو، نھاريندو رھيو. ھن جي منھن تي سرھائيءَ سان گڏ حيرت به ھئي، ۽ ھن وري ھڪڙو ڀيرو چيو: ” سبحان الله! “ ٿوري دير کان پوءِ تاڙي وڄايائين ته ھڪڙي ھن جيڏي ڇوڪري، اندر اچي ادب سان بيھي رھي. قيصر بيگ ھن کي فارسيءَ ۾ ڪو حڪم ڏنو، ۽ ھن ڇوڪريءَ فقط ” بلي آقا! “ جا لفظ اچاريا.
    ڇوڪريءَ ھن کي پاڻ سان ھلڻ جو اشارو ڏنو، ۽ ھوءَ بنان ڪجھه سمجھڻ جي ھن سان گڏ ھلي آئي. ھوءَ ھن کي ھڪڙي سجايل ڪمري ۾ وٺي آئي. ھن سڄي ڄمار اھڙو ڪمرو ڏسڻ ته ڇا تصور ۾ به نه آندو ھو. ھتي ته ھر شيءِ ڄڻ بخمل ۽ ريشم جي ٺھيل ھئي. پٽ تي غاليچو وڇايل ھو، جنھن ۾ ھن جا پير اندر گھڙندا ٿي ويا، ۽ ھوءَ ٿاٻڙجندي بچي. سامھون ھڪ شاھي پلنگ تي ڪيمخواب جي طول وھاڻي تي ٽيڪ ڏيو، ھڪ مائي ويٺي ھئي. ھن جو سمورو بدن گلابي ريشم جي پھراڻ سان ڍڪيل ھو، جنھن مان ھن جو بدن پئي نظر آيو. ٻه ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون، ھن جي پلنگ وٽ ، گوڏا کوڙيو ويٺيون ھيون. پلنگ جي سيرانديءَ کان، ھڪڙي ٻي جوان ڇوڪري، ريشمي جھالر وارو پکو جھُلي رھي ھئي.
    ھن جي اچڻ تي، مائيءَ رڳو اک جي اشاري سان ھن سان گڏ آيل ڇوڪريءَ کان ڪجھه پڇيو. ڇوڪريءَ فارسيءَ ۾ ڪجھه چئي ادب سان پوئتي ھٽي بيھي رھي. ان وقت مائي اٿي ويھي رھي ۽ گھور ڪري ھن کي ڏسڻ، جاچڻ لڳي. ھن جي اکين ۾ ڪابه سرھائي نه ھئي، البت حيرت ضرور ھئي. اوچتو مائيءَ ڪجھه چيو، پر نُوريءَ کي ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو. مائيءَ ھيٺ ويٺل ڇوڪرين مان ھڪڙيءَ کي ڪجھه چيو. ھن ڇوڪريءَ ھن ڏانھن مھاڙ ڪري چيو: ”خانم پڇي ٿي ته فارسي نه ٿي اچئي ڇا؟“ ھن رڳو ڪنڌ ڌوڻي نھڪر ڪئي.
    ” نالو ڇا اٿئي؟ “
    ھوءَ منجھي پئي. ھنن کي ڇا ٻڌائي ته فقط چار پھر اڳ ھوءَ نُوري ھئي، جنھن جي ھڪ ماءُ ھئي، جيڪا ھن کي ايترو ڀائيندي ھئي، جو ڄڻ کيس دل ۾ جاءِ ڏيڻ ٿي گھريائين، جنھن جو ھڪ پيءُ ھو، جيڪو ھن جي وِک وِک تان ٻلھار ٿيندو ھو، ھن کي پنھنجا سوٽ ماسات ھئا، جن سان انگل آرا ڪري، ھوءَ ڏينھن رات وساري ويھندي ھئي، ھن جو پنھنجو ڳوٺ ھو، جنھن جا لاکيڻا ماڻھو پيار محبت ۽ ماڻھپي کانسواءِ ڪجھه ڪين ڄاڻندا ھئا. اڄ ھوءَ اھا نوري ته ڪانه ھئي. اڄ ھوءَ بندياڻي ھئي، جنھنجو سڀ ڪجھه کسجي چڪو ھو. ھوءَ ڪيئن چوي ته ھن جو نالو نوري ھو! نوري نالو ته انھن سمورن رشتن ناتن جو نالو ھو. انھن کانسواءِ ته ھوءَ ڪجھه به نه ھئي.
    ھن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
    ” تون گونگي آھين ڇا؟ “
    ھن وري به ڪو جواب ڪونه ڏنو.
    مائيءَ جي نظر ھن کي گھوريندي رھي، ۽ پوءِ ھن ڇوڪريءَ کي وري ڪجھه تڪڙو تڪڙو چيو.
    ھوءَ ڇوڪري وڌي ھن وٽ آئي، ۽ کاڏيءَ کي مٿي ڪري، ھن جي ڳچيءَ تي زخم کي ڏٺائين. ھن جي چولي جو ڇاتيءَ وارو سڄو حصو چھچ ڳاڙھي رت سان ريٽو ٿي، ھن جي بدن سان چنبڙي پيو ھو.
    ” آئي، تنھنجي ته سڄي سِسي وڍي پئي آھي! “
    ان وقت جيڪي ڪجھه ھن سان ٿيو ھو، ھڪ واچوڙي وانگر ھن جي اکين، ڀرن ۽ لوڻن ۾ پوسرڻ لڳو. ھڪڙو سڏڪو ھن جي اندارن، الائي ڪٿان، ڪنھن اونھائيءَ مان اٿيو، ۽ ھن جي ڳچيءَ جي زخم ۾ ڦٿڪڻ لڳو. ھن جي اکين اڳيان ڪارا ڳاڙھا ساوا ترورا، پاڇولن وانگر ترڻ لڳا، ۽ انھن ترورن ۾ ھن کي پنھنجي جيجل ماءُ جي ڀالي سان چچريل سسي نظر آئي. ھن جي مغز ۾ پھرين رڳو ھلڪي گھوماٽ محسوس ٿي، ۽ ھن ھٿ وڌائي، ڇوڪريءَ جي ڪلھي کي جھلي، پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھوءَ پوءِ به پاڻ سنڀالي نه سگھي، ۽ اتي ئي ڍرڪي پئي ۽ ڏندڻجي ويئي.
    جڏھن ھوءَ ھوش ۾ آئي، تڏھن ھن ائين سمجھيو ته ھوءَ ڪنھن اھڙي ھنڌ پئي آھي، جتي مختلف پکي چرپر لايو ويٺا آھن، اھڙا پکي جن جون لاتيون ھن لاءِ بلڪل اوپريون ھيون. ھري ھري ٿي، ھن کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ آئي ته اھي پکي نه، پر زائفائون ھيون، جيڪي اوپري ٻوليءَ ۾ ڪنھن ڳالھه تي بحث لايو ويٺيون ھيون. جڏھن ھن اکيون کوليون، تڏھن ھن جي پھرين نظر اُن ڇوڪريءَ تي پئي، جنھن ھن سان سنڌي ڳالھائي ھئي. ڇوڪريءَ به ھن کي سجاڳ ٿيندي ڏسي ورتو، ۽ ھوءَ ٽپ ڏيئي اچي وٽس پھتي.
    ” مائي، اسان ته سمجھيو ته ھاڻ وڃي الله کي پرتيئن! “
    ” توھين ڪير آھيو؟ “ ھن جھيڻي آواز ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي. ھن جي آواز تي سموريون ڇوڪريون اچي ھن جي کٽ تي ڳاھٽ ٿيون. ھن اھو ڀانيو ته ھو ھن کي عجيب نظرن سان ڏسي رھيون ھيون: انھن نظرن ۾ حسد ھو، نفرت ھئي، حيرت ھئي، پر ھڪ اڻ- لکي حسرت به ھئي.
    ” اسين حضور مرزا قيصر بيگ جي حرم جون ڪنيزون آھيون! “ سنڌي ڳالھائڻ واري ڇوڪريءَ چيو.
    ” ڪنيزون ڇا ٿينديون آھن؟ “
    ” ڪنيزون؟ ..... ھا، شايد سنڌيءَ ۾ انھن کي ٻانھيون چئبو آھي. “
    ” ٻانھيون ته راڻين وٽ ھونديون آھن ..... “
    ” ھا، راڻين وٽ به ٿينديون آھن ..... ! “ ڇوڪري پاڻ به منجھي پئي.
    ” پوءِ اوھين ڪيئن ٻانھيون ٿيون .....؟! “ ھن معصوميت منجھان سوال ڪيو.
    ڪا گھڙي ھوءَ نينگر چپ ٿي ويئي. ھن جي اکين ۾ ھڪ عجيب ڏک جو پاڇولو لھي آيو: ڄڻ ھن کي ڪا ڳالھه ياد اچي ويئي.
    ” حضور مرزا اسان کي قنڌار جي بازار ۾ خريد ڪيو ھو..... سو ھاڻ اسين ھن جي ملڪيت آھيون. جيڪي ائين وڪامنديون آھن، تن کي ڪنيزون چئبو آھي! “
    ھن کان ڇرڪ نڪري ويو. ھوءَ امالڪ اُٿي ويھي رھي. ” ڇا بازارن ۾ ماڻھو به وڪامندا آھن؟ انسان انسانن کي ڪيئن وڪڻندا ھوندا؟! “ ھن ڄڻ پنھنجي پاڻ کان سوال ڪيو.
    ھن نُوريءَ کي چتائي ڏٺو پر ھن جي اکين ۾ بي اعتباري ۽ معصوميت کانسواءِ ڪجھه ڪونه ھو. ھن سوچيو ته ھن کي ڪيئن سمجھائي سگھندي. ھن جي ٻوليءَ ۾ شايد اھڙا لفظ ئي نه ھجن، جنھن سان ھوءَ پنھنجو مطلب ھن کي سمجھائي سگھي. پر پوءِ ھن کي ھوريان ھوريان غاصبن ۽ سوداگرن، جنگين ۽ مال غنيمت جا داستان ويھي ٻڌايا. ھيءَ ان زماني جي ڳالھه ھئي، جڏھن ھڪڙن انسانن جو پورھيو، ٻين انسانن جي ملڪيت بڻجي ويو، ۽ انساني رشتن ۾ آقا ۽ غلام جو تصور پيدا ٿيو، ۽ پوءِ جڏھن انسانن نئين رشتي، نئين تصور کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏھن نئين طاقت جي نشي ۾ چُور آقائن، چند سِڪن، چند غلامن، چند ڪنيزن جي ڏکڻا ڏيئي، پنڊتن، پروھتن، پادرين ۽ مُلن کان اھا فتوا ورتي، اھا سَند حاصل ڪئي ته انسان ازل کان آقا ۽ غلام جي رشتي ۾ ٻڌل آھي، ۽ انھيءَ رشتي کي قائم رکڻ ۾ ئي خدا جي خوشنودي آھي. انھيءَ تصور جا مخالف خدا سان بغاوت جا ڏوھاري آھن. ھنن جي سزا ٽياس تي ٽنگجڻ آھي. جڏھن ٽياس تي ٽنگجڻ وارا گھٽجندا ويا، تڏھن انھيءَ نئين رشتي ڦھلجڻ شروع ڪيو، ۽ ھڪ ماڻھوءَ کان ھڪ ڪٽنب، ھڪ ڪٽنب کان ھڪ قوم تائين آقائن ۽ غلامن جي ورھاست ٿيڻ لڳي. انسان وڪامڻ لڳو، ۽ انھيءَ وڪري جو کٽيو کائيندڙن وري به پنڊتن، پروھتن، پادرين ۽ مُلن جي فتوائن جي مدد سان فاتح ۽ مفتوح، حاڪم ۽ محڪوم قومن جي نئين رشتي جو نئون سرشتو قائم ڪيو. جيڪو ڏاڍو سو گابو- ٿي ته ويو، پر ان گابي کي ڌائڻ وارن ھميشہ ڏاڍن جو ساٿ ڏنو. ائين جڏھن يونانين ايرانين کي فتح ڪيو ته ايراني غلام ۽ ڪنيزون بازارن ۾ وڪامڻ لڳا. جڏھن عربن ايران ۽ سنڌ کي فتح ڪيو، تڏھن بغداد ۽ دمشق جي بازارن ۾ ايراني ۽ سنڌي غلام ۽ ڪنيزون وڪامڻ لڳا. جڏھن تاتارين بغداد کي تاراج ڪيو، تڏھن عرب غلام ۽ ڪنيزون وڪاڻيون ۽ پوءِ جڏھن شھنشاھه ھند جي نالي ۾ قنڌار کي مرزا غازي بيگ تاراج ڪيو، تڏھن ھوءَ پنھنجي سموري قبيلي جي نوجوان ڇوڪرين سان گڏ قنڌار جي بازار ۾ ارغون سوداگرن جي ھٿ وڪاڻي، فقط ويھن اشرفين جي عيوض! پوءِ ھن کي ٺٽي جي بازار منجھان مرزا قيصر بيگ چاليھن اشرفين ۾ خريد ڪيو ھو، ۽ ھوءَ ھاڻي ھن جي حرم جي ڪنيز ھئي! ھن جي جسم، جان ۽ روح جو مالڪ مرزا رستم بيگ ھو. جيئن وڻيس، تيئن ھن کي ھلائي، جيئن وڻيس، تيئن ھن کي استعمال ڪري!
    ” ۽ شڪر ڪر ته توتي فقط اھو ڪم آھي ته تون خانم جي خاص ڪنيز آھين، ۽ تنھنجي حوالي، حضور جي فرزندن جي خدمت چاڪري آھي! جيڪڏھن ھنن کي خوش رکندينءَ ته انعام اڪرام سان نوازبيئن. پر جيڪڏھن ڪا شڪايت ٿي ته تنھنجي کَل سلامت نه ھوندي! “
    ” ته ڇا ٺٽي ۾ به ٻانھين جي بازار آھي، جتي زائفائون وڪامن ٿيون؟! “ نُوريءَ کي اعتبار ئي نٿي آيو.
    ” ھائو، ھاڻي ته ارغون سوداگرن سان گڏ مغل سوداگر به غلام ۽ ڪنيزون وڪڻڻ ٺٽي ايندا آھن، ۽ وڏا واڪ لڳندا آھن ..... “ ڪنيز ھن کي يقين ڏياريو.
    ” زائفائن سان گڏ مڙسالا به وڪامندا آھن ڇا؟ “ ھن جي حيرت جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي.
    ” تون ته صفا ڪا ٻالي ڀولي آھين. ھا، ھي ڪارا ديون جھڙا خواجه سرا، ۽ ڳڀرو ساقي به ائين ئي وڪامندا آھن، جيئن اسين وڪامنديون آھيون ...... تون پنھنجي سوچ ته حضور مرزا صاحب توکي پاڻ وٽ ٿو رکي يا بازار ۾ نيلام ٿو ڪري. يا وري سوکڙيءَ طور ٺٽي جي عامل مرزا رستم بيگ کي ٿو ڏينئي ..... مرزا رستم بيگ وٽ وئينءَ ته پوءِ ...... ته پوءِ ...... “ ڪنيز ڳالھه کائي وئي.
    ” ته پوءِ ڇا؟ “ نوريءَ کان رھيو نه ٿيو، ۽ سوال ڪري ويٺي. ھڪ نئون ڊپ ھن جي سَنڌ سَنڌ ۾ اوتجي آيو.
    ” ڏس نه، ڪنيزون مالڪن جي ملڪيت آھن، ھنن جي حرم ۾ شامل آھن. مالڪ جيڪي وڻين، ساڻن ڪن. جيڪڏھن ڪو آقا خدا ترس آھي، شريعت جو پابند آھي ته پوءِ ڪنيزن مان ٿيندڙ ٻارن کي به نوازي ڇڏيندا آھن! “ ۽ پوءِ آواز کي جھيڻو ڪندي چيائين: ” اسان جو آقا مرزا قيصر بيگ به حضور آنجھاني مرزا باقيءَ جي، ھڪ ڪنيز مان ڄاول اولاد آھي ۽ ھن کي جيڪا عزت ۽ مرتبو مليو آھي، سو به انھيءَ ناتي جي ڪري ..... ! پر تون ڪو فڪر نه ڪر، حضور مرزا صاحب جن ڪنيزن سان گھٽ دلچسپي ٿا رکن! “ پوءِ ھن وڏو ٽھڪ ڏنو. ھن جي ٽھڪن ۾ ٻيون ڪنيزون به شامل ٿي ويون.
    ” پر ھاڻ تون پنھنجي باري ۾ به ته ڪجھه ٻڌاءِ ..... تو جھڙي چوڏھين جي چنڊ کي شھنشاھه ھند جي حرم کي سينگارڻ گھرجي. تون ھتي ڪيئن؟ ۽ ھي زخم توکي ڪيئن لڳو؟ “
    ھن جڏھن سڏڪي سڏڪي سڄي روداد ڪنيزن کي ٻڌائي، تڏھن ھن ڏٺو ته ھنن جي اکين ۾ به لُڙڪ ھئا. ڪا گھڙي ماٺ ٿي وئي. ۽ پوءِ سنڌي ڳالھائيندڙ ڪنيز، ھن کي ڳراٽڙي پائيندي چيو: ” ڀيڻ، غلام قومن سان ائين ئي ٿيندو آھي ..... توسان جيڪي ٿيو آھي، اھو اسان مان ھر ھڪ سان ٿي چڪو آھي. تو ته رڳو پنھنجي جيجل وڃائي آھي، اسان جي اڳيان ته اسان جا قبيلن جا قبيلا، پيءُ ماءُ ڀائر، ڀينرون، پوڙھا، ابھم ٻارڙا- ائين ترارين ۽ ڀالن جو بک ٿيا آھن. اسان ايترو خون وھندي ڏٺو آھي، اسان جي اندر جي انسان تي ايترا گھاوَ رسيل آھن، جو ھڪڙو ھڪڙو گھاءُ ھڪ داستان بڻجي سگھي ٿو. تنھنجي ڳچيءَ تي خنجر جو چھڪ آھي، پر اسان جي ته روح ۾ ھزارين خنجرن جا چھڪ آھن..... “
    ھوءَ ڳالھائيندي رھي. آواز ڄڻ ته ھن جي چپن مان نه پر ھن جي چچريل روح مان ٿي نڪتو. ھن جي اکين مان لڙڪ سانوڻ جي مينھن وانگر پئي ٽميا. پر ھن جي روئڻ ۾ ڪوبه سڏڪو نه ھو، ڪابه اوڇنگار نه ھئي- فقط ھڪ رڙ ھئي، ھڪ دھڪندڙ چيٽ ھئي، جنھن کي ڪو آواز ڪونه ھو، فقط لھس ھئي، فقط احساس جي چڻنگ ھئي، جيڪا ھن جي لڙڪن سان به اُجھامي نه سگھي. نوريءَ کي پنھنجو غم به ڄڻ وسري ويو. ھيءُ ھڪ نئين غم جو احساس ھو: ڀاڱي ڀائيوار غم جو احساس، شريڪ غم جو احساس!
    ھن ھڪ ٿڌو ساھه کڻي چيو: ” مون ته الائي ڇا ڇا ڏٺو، پر ھن کي ڏس! “ ھن پنھنجي ڀر ويٺل ھڪ ڪنيز کي ڳراٽري پائيندي چيو. ” ھيءَ ھڪڙي قبيلي جي مُکيءَ جي ڌيءُ ھئي. نئين نئين شادي ٿي ھيس. سال کن مس ٿيو ھوس. ٻه جاڙا پٽڙا ڄڻيائين. اڃا سھانجو به پورو ڪونه ڪيو ھئائين ته سندن ڳوٺ تي مرزا غازي بيگ جي سپھه سالار رونشي خاطر حملو ڪيو. ھن جي اکين اڳيان ھن جي گھوٽ کي، ھن جي سھري ۽ سس کي، ڀالا ٽنبي ماريائون..... ۽ پوءِ ھن ڏانھن وڌيا.... “
    گھڙيءَ لاءِ ھوءَ وري ماٺ ٿي ويئي: ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ساھه جو ڪو گولو، ھن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو ھو، جنھن کي ڳيت ڏيئي، ھيٺ لاھڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين.
    ” .... ۽ پوءِ ھن ڏانھن وڌيا.... ھن جا معصومڙا- اٺن ڏينھن ۽ نون راتين جا ابھم جيتامڙا- ننڍڙي پينگھڙي ۾ ستل ھئا. ھيءَ انھن ڏانھن ڀڳي..... پر جيسين ھوءَ اتي پھتي، تنھن کان اڳ..... سپھه سالار ٽھڪ ڏيندي، ھڪڙو ڀالو ٻنھي ۾ ٽنبي ڏنو، ۽ ھو ٻئي جيتامڙا، بنا ٻاڪارڻ جي..... ھا، ھنن چون به ڪانه ڪئي..... ڀالي ۾ ائين ٽنبيل ھئا، جيئن سيخ ۾ ڪباب پچائڻ لاءِ ٻوٽيون ٽنبيل ھونديون آھن! .... اھو سڀ ڪجھه ھن پنھنجي اکين سان ڏٺو: ھوءَ بي اعتباريءَ ۾ رڙ به ڪري نه سگھي، پوءِ جڏھن ھن کي اعتبار آيو، ۽ ھن جي روح مان ريھه نڪتي، ته اھا ريھه به ھن جي چپن ۾ ئي چيڀاٽجي ويئي..... ۽ ٽي لشڪري، بگھڙن وانگر ھن کي چنبڙي پيا..... کلندي، ٽھڪ ڏيندي، ھن جي بدن تان ڪپڙا زوريءَ لاٿائون، ۽ پوءِ...... ھن الف ننگي، نئين ويائيل زخمي ماءُ تي..... ٽنھي ڄڻن پنھنجي مردانگيءَ کي ائين آزمايو..... جو جڏھن ھن کي اسان جي قافلي ۾ آندائون تڏھن رت جا لوٿڙا ھن جي سٿرن، گوڏن ۽ مُرين تي ڪِنا ٿيڻ لڳا ھئا؛ رت ھن جي پيرن جي آڱرين جي وٿين ۾ ڄمي ويو ھو....! ان وقت کان اڄ ڏينھن تائين ھن وري ھڪ لفظ به نه ڳالھايو آھي، ۽ مشھور آھي ته ھيءَ گونگي آھي! “
    ھن پھريون ڀيرو اوڇنگار ڏني، پنھنجي ڀر ۾ ويٺل ان ڪنيز کي ڀاڪر ۾ ڀيڙي ڇڏيائين. ۽ ٻنھي جي اوڇنگارن نوريءَ جي دل ۾ نئين سر ڀالا ٽنبي ڇڏيا. ھن کي الائي ڇا ٿيو، ھن وڌي ٻنھي ڪنيزن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريو، ۽ ھن جا پنھنجا سڏڪا، پنھنجون اوڇنگارون ھنن جي اوڇنگارن ۾ ملي، ھڪ گڏيل مشترڪ ماتم بڻجي ويون.
    اھا رات، ھو ڳچ وقت روئنديون، سڏڪنديون، ھڏڪنديون رھيون، پوءِ ڪنيز ھڪ ڳالھه ڪئي، جنھن ڳالھه نوريءَ جي دل ۾ نوان ولوڙا وجھي ڇڏيا.
    ” چري، تنھنجي ته قسمت چڱي آھي جو حضور مرزا صاحب کي ڪنيزن سان وندرڻ جو شوق ڪونھي.... تون ننڍي آھين، ڪنواري آھين! الله سائين توکي ڄڻ ته فرصت ۾ ويھي ٺاھيو آھي. جيڪڏھن حضور مرزا صاحب پاڻ وندرائڻ جو سوچي ھا ته تون مھينن جا مھينا خوابگاھه کان ٻاھر جي روشني ڏسڻ کان سِڪي وڃين ھا! “
    ” تنھنجي ٻي خوشقسمتي اھا آھي ته توکي ٺٽي جي عامل مرزا رستم بيگ کي سوکڙي طور ڏيڻ بدران اھو سوچيو اٿن ته توکي شھنشاھه ھند جي خدمت ۾ ڪنيز طور موڪليو وڃي. اُتي ته تون راڄ ڪندينءَ راڄ! اھا ٻي ڳالھه آھي ته تنھنجو حسن ڏسي، ملڪه ھند نورجھان بيگم توکي انارڪليءَ وانگر ڀت ۾ چُڻائي ڇڏي يا شھنشاھه جي خوابگاھه ۾ پھچڻ کان اڳ تيزاب سان تنھنجي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي.....! “
    ” پر جيڪڏھن جھانگير جي نظر توتي پئي ته پوءِ..... ڪھڙي خبر..... تون ھن جي دل جي ملڪه بڻجي وڃين ۽ ملڪه ھند به ٿي وڃين..... پوءِ اسان ساھيڙين کي نه وساري ڇڏجانءِ! راڄ راڻيون رعيت تي نظر وجھڻ وساري ويھنديون آھن، منھنجي ڀيڻ! “

    نوريءَ ائين ڀانيو، ڄڻ ھو ھن تي ٺٺوليون پيون ڪن. پر ڪا ڳالھه ھئي، جنھن ھن جي ھنئين ۾ ھدڪ وجھي ڇڏيو. ۽ ھن سندس وات تي ھٿ آڻيندي چيو: ” ادي، اھڙي وائي ته نه ڪر! اوڙاھه ۾ وجھه راڄ راڻين کي! دعا ڪر ته الله سائين وڇڙيا ملائي يا موت ڏئي وطن جي مٽي نصيب ڪري!.... مون کي ته ڪو اھڙو ڏس ڏيو جو ھن ڪوٽ مان پرَ ڪري اڏامي وڃان، الا، منھنجي ابي جو ڪھڙو حال ھوندو؟! ٻانھن ۾ چَڪ وجھي امان لاءِ سُڏڪندو ھوندو.... الائي، آءٌ ياد به ته آھيانس ڪين نه! نه نه- مونکي ڪيئن وساريو ھوندائين..... “
    ھوءَ پنھنجي پاڻ سان ڳالھائيندي رھي. ھن جي اکين ۾ لڙڪن جي ڪينجھر ڇُلڪي پئي ھئي. اَبي جي ياد ھن کي وري جھوري وڌو. سڏڪا ھن جي ڇاتيءَ ۾ ويرون پيدا ڪندا رھيا، ۽ ڪنيزون ھن جي ھيانءَ ۾ متل طوفان کي پنھنجي ڇاتيءَ ۾ محسوس ڪرڻ لڳيون. ھڪڙي انسان جو ڏک ٻين جي دفن ٿيل عذابن کي به جاڳائي وجھندو آھي!
    ڪنيز وري کيس ڳراٽڙي پاتي، ڪا گھڙي ھن کي ڇاتيءَ سان لائي، ڄڻ ھن جو درد پنھنجي دل ۾ محسوس ڪندي رھي، پوءِ سندس اٿاھه اونھين اکين ۾ نھارڻ لاءِ، سندس کاڏيءَ کي ٻن آڱرين سان مٿي کڻندي، چيائين: ” چري متان دل لاٿي اٿئي..... اسان کي ڀيڻ ڪيو اٿئي ته اسين به توکي ڀينر ٿي ڏيکارينديوسون. تو تان قربان ٿي وينديوسون..... جي ڪو وجھه مليو ته توکي ھن بنديخاني مان ڪڍي، اسين اھو سمجھنديوسون ته حياتي ثاب پئي! پر توکي به تيسين ھن حويليءَ ۾ ڪنيزن وانگر گھارڻو پوندو. متان ڪنھن کي شڪ نه پئجي وڃي..... خانم، توکي اميرزادن جي سنڀال سڙي جو حڪم ڏي ته قبول ڪجانءِ.... پوءِ رک الله تي..... ڌڻي مڙئي چڱي ڪندو. “
    ۽ ائين ھوءَ اميرزادن جي ٽھل ٽڪور لاءِ خاص ڪنيز بڻجي ويئي. پر اڃا ٿورائي ڏينھن ٿيا ته خانم ھن کي چيو ته شھزادن کي حضور مرزا پاڻ وٽ سڏايو ھو، ۽ ھنن سان گڏجي وڃي. پھرين ته اھا ڳالھه ٻڌندي ئي، ھن جي پيٽ ۾ ڊپ ولوڙا وجھي ڇڏيا. ھوءَ پراين مڙسالن وٽ ڪيئن ويندي؟ ۽ خبر ناھي ڪير ھوندا اُتي؟ ۽ جيڪڏھن ھن کي رستم بيگ جي حوالي ڪيائون ته پوءِ.....؟ ان ” پوءِ “ ھن جي بدن ۾ نئين ٿڙڪڻي وجھي ڇڏي. ھن کي ڪنيزن مرزا رستم بيگ جي خصلتن بابت اھڙيون ڳالھيون ٻڌايون ھيون، جو مرزا رستم بيگ جو تصور ئي ھن جا وار ڪانڊاري ڇڏيندو ھو. پر جي ٿي انڪار ڪري ته پوءِ ھن جي ھتان بچي نڪرڻ جو به ته آسرو ڪونه ھو! اھو سوچي، ھوءَ جڏھن ڏوليءَ ۾ اميرزادن سان گڏجي، حويليءَ مان نڪتي، تڏھن ھن دل ئي دل ۾ اھا دعا گھري ته ” يا الله، تون بيواھن جو واھرو آھين، منھنجي واھر ڪجانءِ! “
    جڏھن ڏوليءَ وارن ڏوليءَ کي زمين تي رکيو، تڏھن ئي ھن کي اوچتو خيال آيو ته مرزا قيصر بيگ پنھنجن پٽن کي اھڙي ويران ڀڙڀانگ جاءِ تي ڪيئن گھرايو ھوندو. ھوءَ جيسين ان بابت سوچي، تنھن کان اڳ ٻه حبشي، اگھاڙين ترارين سان ڏوليءَ ڏانھن وڌي آيا، ۽ ھنن کي لھڻ جو اشارو ڪيائون.
    ھيٺ لھي وڏي اميرزادي ھڪڙي حبشيءَ کي تُرشيءَ مان چيو: ” اسان کي ھڪدم حضور ابا جان جي خدمت ۾ وٺي ھل.....! “
    حبشي ڪا گھڙي ھن اڙٻنگ اميرزادي کي ڏسندو رھيو، ۽ پوءِ لاپرواھيءَ سان چيائين: ” ڪنيز! ھنن ٻنھي کي اندر وٺي وڃ..... پر ياد رک ته جيڪڏھن تو يا ھنن ڇورن ڪو گوڙ مچايو ته مون کي اھڙو حڪم مليل آھي ته ھنن جون سسيون ڌار ڪرڻ ۾ ويرم نه ڪريان! “
    نوريءَ حبشيءَ جي اکين ۾ نھارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُتي سواءِ خونخوار بگھڙ جي نھار کانسواءِ ڪجھه نه ھو، ۽ ھن کي يقين ٿي ويو ته جيڪڏھن ھن جو وَس پڄي ته ھوند ھينئر ئي ھو ھنن کي اگھاڙي تلوار جو بَک بڻائي ڇڏي.
    ھن اشاري سان وڏي اميرزادي کي ماٺ ڪرائي، ۽ کين وٺي اندر آئي. ھن کي پاڻ تي حيرت ھئي ته ھن کي پنھنجي جان جو ڪوبه ڊپ ڊاءُ ڪونه ھو. پر ھن کي ھنن ابھم ٻارن جي حياتيءَ جو ئي اونو ھو. ھوءَ ته سمجھي ويئي ھئي ته مرزا قيصر بيگ جي نالي تي، سندن دشمنن ھن جي پٽن کي ھتي آندو ھو. ڇالاءِ؟ اھو ھن جي سمجھه کان ٻاھر ھو.*


    12

    سنڌ رنگن جو ديس آھي. شايد سنڌ دنيا ۾ اڪيلو ملڪ آھي، جنھن جي ڌرتي توڙي آسمان ۾ ڪائنات جا سمورا رنگ سمايل آھن. وريام جڏھن نماشام جو آسمان ۾ نھاريندو ھو ته ھن کي ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ ته انڊلٺ جا ست ئي رنگ ھن جي اکين ۾ گھڙندا ٿا وڃن. ھن کي اھو حسن ڏسي پنھنجي دل ڦنڊجندي، ويڪري ٿيندي محسوس ٿيندي ھئي. سنڌ جي آسمان جي سونھن ئي پنھنجي ھئي. اھو ساڳيو احساس ھن کي فجر مھل ٻيلي مان ٻاھر نڪرندي محسوس ٿيو ھو. سج جي اڀرندڙ ترورن ۾ ھن آسمان ڏانھن نھاري، وري پنھنجي آس پاس نھاريو. ھر وڻ جو رنگ پنھنجو ھو. ھر وڻ جي پنن ۾ رنگ ڄڻ ته جيئرا ٿيندا ٿي ويا: ساوا، پِيلا، ڳاڙھا پن سج جي ترورن ماڻ ڄڻ نوان رنگ ڄڻيندا ٿي ويا- ايترا رنگ جو ڪنھن نيروٽيءَ جي تصور کان به گھڻا ھئا. ھن کان رھيو نه ٿيو، اوچتو ڏاترڏني جي ٻانھن ڌونڌاڙيندي چيائين:
    ” ڏاترڏنا، ھي رنگ ته ڏس! “
    ڏاترڏني مٿي نھاريو: ھن ان کان اڳ ڪڏھن به اھڙو منظر نه ڏٺو ھو. وڻن جي پنن مان اولڙا ڪندڙ ترورا ھر پن، ھر ٽاريءَ ۾ انڊلٺ جا رنگ جاڳائيندا پئي ويا. انھن ترورن جي پرئين ڀر، سج جي ٿالھي، پنھنجي گھيري ۾ ڦرموٽيءَ وانگر ڦرندي، ڄڻ ته رنگ ولوڙي رھي ھئي. ھن جي دل ۾ ڪو اھڙو اُڌمو اٿيو، جنھن ھن جي بدن ۾ سياٽو وجھي ڇڏيو. ھن جي اکين ۾ الائجي ڇو پاڻي ڀرجي آيو، ۽ انھن لڙڪن جي ڌُنڌ مان پنھنجي سنگتيءَ کي ڏسندي چيائين:
    ” ادل، تو سچو آھين. پر انھن رنگن ۾ آزاديءَ جو رنگ الائي ڪڏھن ڀربو! “
    ھن جو آواز ڳؤرو ٿي ويو. وريام کڻي کيس ڀاڪر وڌو.
    ” رک ڌڻيءَ تي! انھن رنگن ۾ آزاديءَ جو رنگ به اوس اڀرندو..... سج اڀريو آھي ته آزادي به ڄاڻ اڀري! “
    ” شل، مون ۾ به تو وانگر ويساھه موٽي اچي، وريام! “
    ڏاترڏني کان سڏڪو نڪري ويو. وريام کيس پاڻ کان ٿورو پرڀرو ڪندي، سندس اکين ۾ نھاريندي چيو:
    ” ڏاترڏنا، سسيءَ ۾ جيسين ساھه آھي، تيسين اھو ويساھه قائم رھندو، مري وياسون ته به ان ويساھه تان صدقي ٿينداسون .... ! “
    ” سانوڻ ۽ توکي ڏسي ته مون جھڙي ڪانئر ۾ به ويساھه ساھه کڻڻ ٿو لڳي، وريام! پر الائي ڇو.... منھنجي دل ۾ نااُميدي سرجڻ ٿي لڳي ..... ڏس نه: سنڌ تي روز نت نئون ظلم ۽ ڏاڍ ٿو ٿئي، پر ماڻھن ۾ ماٺ لڳي پئي آھي. حافظ بلال وٽ تو ماڻھن جو حال ڏٺو: ڀُنگ ڏيئي جيئيدان وٺڻ لاءِ ھرڪو تيار ھو! سڀني کي پنھنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ، گھر يا دڪان جو فڪر ھو: اٽي لٽي جو فڪر ھو: ڪنھن به سنڌ جي ڳالھه ڪانه ٿي ڪئي. آءٌ ته ائين ٿو ڀانيان ته جيڪڏھن مغل ترخانن وانگر ظلم نه ڪن، ۽ ماڻھن کي سانھن ستيءَ سان پيٽ گذر ڪمائڻ ڏين ته ھوند سنڌ ڪنھن کي به ياد ڪانه ايندي ....! سنڌي قوم ھاڻ اھا قوم نه رھي آھي، جنھن ۾ دولھه دريا خان جھڙا ماڻھو پيدا ٿين، جيڪي پاڻ سان اھو وچن ڪن ته جيسين سنڌ آزاد نه ٿي آھي، تيسين سڻڀو گرھه نه کائبو، ٿانوَ ۾ پاڻي نه پيبو، ۽ چيلھه سئين ڪرڻ ڪاڻ به کٽ تي نه سُمھبو! “
    ڏاترڏني اڳي ڪڏھن به انھن ڳالھين جو ڇيد نه ڪيو ھو. پر سانوڻ وٽ مھمانيءَ ڄڻ ته ھن کي جاڳائي وڌو ھو!
    ” ۽ تون پاڻ ڏس ته سانوڻ ۽ تو جھڙا گھڻا ڄڻا آھن، جيڪي اُٿندي وھندي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ٿا سوچين .....؟ سچي ڳالھه ته اھا آھي ته تنھنجي سنگت نه ھجي ته آءٌ به جيڪر، ٻين وانگر ظلم سھي سھي، ” نڌڻڪا گھوڙا، غيباڻا ھسوار “ واري ڳالھه وانگر، ترخان نه ته مغلن جي سواري قبول ڪريو ويٺو ھجان ھا! “
    وريام ڪا گھڙي ماٺ ميٺ ۾، ڏاترڏني سان گڏ ھلندو رھيو. پوءِ ڄڻ پنھنجي پاڻ سان ڳالھائيندي چوڻ لڳو:
    ” ڏاترنا، ائين به ھروڀرو ڪونھي! رڳو اسانجي تَــرَ ۾ باھه ٻريل ڪانھي. سنڌ جا واھرو جٿي ڪٿي دونھين دکايو ويٺا آھن: شورن جو راڄ مغلن کي گنجي ٽڪر کان لنگھڻ نٿو ڏئي. اڪبر جي سپھه سالارن شورن جا سوين ڪونڌر نڌڻڪا ڪري ٽياس تي ٽنگي ڇڏيا، پر شورن پوءِ به کين لَڪَ لنگھڻ نه ڏنا. مٿي سيوھڻ، چانڊڪا، بکر ۾ به مغلن توڙي ترخانن کي سنڌي سک سمھڻ ڪونه ٿا ڏين. دونھين دکندي، دکندي نيٺ وري ڀڀڙ ٿيندي، ۽ اھو ڏينھن پري ڪونھي، جڏھن ترخانن کي قنڌار ۽ مغلن کي لاھور ۽ آگري جا وڻ ڏسڻ به نصيب ڪونه ٿيندا! ياد رکو ته سنڌي شل پنھنجا ويري پاڻ نه ٿين، باقي آزاديءَ کي، ھنن انڊلٺ جي رنگن جيان، اسين پاڻ ڏسنداسون - اھو منھنجو ويساھه آھي! “
    ڏاترڏنو ڪا گھڙي، پنھنجي ھن يار جي اکين ۾، اُتساھه ۽ ويساھه جون ڏياٽيون ڏسندو رھيو، ۽ پوءِ کڻي کيس ڀاڪر وڌائين. ٻنھي مان ڪنھن به ڪجھه نه ڪڇيو. ماٺ ميٺ ۾ ھلندا رھيا. جڏھن ٺٽي جا وڻ ويجھا ڏٺائون، ۽ دريا جي لھرن جو سانتيڪو سرلو سڏ ٻڌائون، تڏھن ڄڻ ته سندن پيرن ۾ ساھه پئجي ويو، ۽ اھي ھٺيلا پير نئينءَ سنئينءَ ڀونءِ کي بسم الله چوندا اڳتي وڌڻ لڳا.
    اوچتو ڏاترڏني کڻي ٻانھن ۾ ھٿ وڌس. وريام جا ويچار ھن کان گھڻو اڳ ٺٽي جي سدا ملوڪ گھٽين ۽ چؤنڪن ۾ وڃي پھتا ھئا، سي اُتي ئي ڄمي ويا. ھن رڳو اکين ۾ سوال آڻي پنھنجي ساٿيءَ کي ڏٺو، ۽ چپن ۾ ڪا سرگوشي ڪندي چيائين:
    ” ڏاترنا، خير ته آھي؟ “
    ” ادل، سانوڻ جا لفظ ياد ڪر ته آزاديءَ لاءِ ھاڻ رڳو جوش جي نه، پر ھوش جي ضرورت آھي. مغل، چؤنڪ چؤنڪ تي اسان لاءِ آتا ويٺا ھوندا. ھنن جي خابرن کي رڳو سُڻس پوڻ جي ويرم آھي. ڳجھن وانگر لامارا ڏيئي، اسان جو ماس پٽي ڇڏيندا- سو ڪو سوچيو اٿيئي؟ “
    وريام کي به ڄڻ ته پنھنجي اٻھرائيءَ تي پشيماني ٿيڻ لڳي. پر پوءِ مُرڪي چيائين: ” مون به سڄي واٽ پئي، انھن لفظن تي سوچيو آھي. رک ڌڻيءَ تي! “
    ” پر به، مون کي به ته ڪجھه ٻڌاءِ نه! آءٌ اڳي ئي عقل جو اڪابر، متان ڪا اھڙي حرڪت ڪري وجھان، جو ٻئي ويٺا ڪاٺ ۾ چَپرون ڳوليون! “
    وريام کي به کِل اچي ويئي. ڏاتر ڏني ڳالھه ته کِل جھڙي ڪئي ھئي، پر ان ۾ جيڪو سچ سمايل ھو، تنھن ھن کي ھيڪاري ششدر ڪري ڇڏيو.
    ” ڏاتر ڏنا، ٻڌ ته ٻڌايانءِ! مون اھو سوچيو آھي ته ترخان ھن وقت مغلن جا ترا ڪڍڻ ۾ مصروف آھن. پر خبر ناھي ته ھو ڪٿي ۽ ڪھڙي وقت ڌڪ ھڻندا. سو سوچيو اٿم ته مدرسي ۾ جيڪي ترخان شاگرد پاڻ سان پڙھندا ھئا، انھن مان ڪو انت ڪڍجي. من ڪا اھڙي ڳالھه جي سُڌ پئجي وڃي جو جنھن مامري لاءِ نڪتا آھيون، ان جو ڪو سماءُ سانوڻ تائين پھچائي سگھون يا پاڻ ڪو ان جو بِلو ڪري وجھون! “
    ” ڳالھه ته بروبر سٺي سوچي اٿئي. پر انھن ترخانن تي ٻيلي پنھنجو ته ڪو اعتبار ڪونھي. متان، ڪو نئون ڳٽ ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي! باقي، تون ڄاڻ : ڏاھو به تون، سردار به تون، تون اڳيان، آءٌ پويان ..... پر جي پوءِ آءٌ کڻي کُڙين تي زور رکان ته مون کي ميار نه ڏج! “ ڏاترڏني ٽھڪ ڏيئي، وٺي کڙين تي زور رکيو.
    وريام به کلندي سندس ڪَڍ ڊڪندو آيو. پتڻ اُڪري، جڏھن اچي مسجد وٽ پھتا، تڏھن وريام کيس ھلڪو اشارو ڏنو. ڏاتر ڏنو گھُت ھڻي، مسجد جي پٺئين ڀر ھليو ويو. وريام پٽڪي جي ڀير کي ٿورو موڙو ڏيئي، مسجد جي در مان اندر لنگھي، حجري ۾ اندر ڌوڪيندو آيو.
    حجري ۾ مولوي صاحب چئن پنجن ٻارن کي دؤر ڪرائي رھيو ھو.
    ” السلام عليڪم يا حضرت مولانا! “ وريام خالص ترخانن واري لھجي ۾ چيو.
    مولويءَ منھن تي خفگي آڻيندي چيو: ” عليڪم السلام، عليڪم السلام..... “
    وريام مولويءَ جي اکين ۾ اھڙيءَ طرح نھاريو، ڄڻ ڪجھه چوڻ گھرندو ھجي، پر ٻارن جي موجودگيءَ جي ڪري ھٻڪي رھيو ھو. مولويءَ ڪجھه سوچي ٻارن کي چيو: بس بس، اوھان کي ھاڻي موڪل آھي، مون وٽ ھي مھمان آيو آھي، باقي سبق وري سڀاڻي پڙھنداسون ....! “
    ٻارن جو موڪل جو ٻڌو، سي سڀ ٽپ ڏيئي اُٿيا، ۽ سيپارا رحلن تي ئي ڇڏي، خوشيءَ مان ٺينگ ڏيندا، حجري کان ٻاھر ڀڳا.
    مولويءَ وريام ڏي، ڪجھه شڪي نظرن سان ڏسندي چيو: ” ھا، ھاڻي ٻڌايو ته اوھين پاڻ ڪير آھيو، ۽ مون وٽ ڪھڙي ڪم سان آيا آھيو .....؟ “
    وريام ڪجھه به جواب نه ڏنو. ھن ائين ڏيکائي ڏني، ڄڻ اڃا تائين دل مَنُ پئي ھنيائين ته ڳالھه ڪڍان يا نه. گھڙيءَ گھڙيءَ، حجري جي در کان ٻاھر پئي ٽيڏيءَ اک سان ڏٺائين.
    مولويءَ وري چيو: ” بي خوف ٿي ڳالھايو. ٻاھر ڪير به ڪونھي، ۽ نه ڪو اچڻو آھي! “
    وريام کنگھڪار ڪري چيو: ” جي، جي! اوھين درست ٿا فرمايو..... پر ڏسو نه، معاملو ٿورو ڳنڀير آھي. ڀتين کي به ڪن آھن ..... مون کي پنھنجو ته ڪو فڪر نه آھي، پر آءٌ توھان کي ڪنھن تڪليف ۾ وجھڻ نه ٿو گھران! “ ائين چئي ھن وري، ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. ٻه پير پوئتي وڃي، حجري کان ٻاھر نظر وڌائين، ۽ وري موٽي آيو.
    ” دراصل حضرت، ڳالھه ھيءَ آھي ته آءٌ سڌو سيوھڻ کان پيو اچان. مون حضور مرزا شاھه رخ لاءِ ارغون سردارن جو پيغام آندو آھي ..... پر ٺٽو منھنجو ڏٺل ڪونھي، ۽ ٻي ڳالھه ته ڪي ڳالھيون اھڙيون آھن، جو مغلن کي کڙڪ پئجي ويئي ته پوءِ .... ته پوءِ..... “
    وريام پنھنجي منھن تي ڊَپَ، اُڻ تُڻ ۽ رازداريءَ جا اھڙا ڀاوَ آندا، جو مولويءَ کي جيڪڏھن ڪو شڪ شبھو ھو، سو به ڪافور ٿي ويو.
    ” ھا، جڏھن کان شاھي قيدي غائب ٿيا آھن، تڏھن کان مغل بنھه ڇِتا ٿي پيا آھن ..... اسان کي ته ھٿ ڪونه ٿا لائين پر شڪ اسان ۾ به اٿن ..... البت سنڌين سان ويل ٻاري ڏنو اٿن ..... ڪو گھر خالي ڪونه ڇڏيو اٿن جتان ڪو سنڌي نه جھليو ھجين ..... پائندہ بيگ مغلن کي به خوش رکندو اچي، ۽ سنڌين کان آنڪيون ڀرائيندو پنھنجو گھر به ڀريندو وڃي ..... مغل ھن جي ڪوٽواليءَ کان خوش آھن جو مغل لشڪرين کي نڪا آھي جھل نه پل: سنڌين وٽ جيڪو مال چڱو ٿا ڏسن سو ڄڻ پنھنجو مِلڪ سمجھي ڦريندا وتن ..... اڃا ترخانن ۾ ھٿ وجھڻ جي ھمٿ ڪانه ٿي ٿئيس، پر اک سڀني تي اٿس. آئي وئي کي، کڻي ڪو ارغون ترخان ڇونه ھجي، چونڪين تي حاضري ضرور ڀرڻي ٿي پوي .... “
    ” ڀلا، شاھي قيدين جي باري ۾ ڪا خبر.....! “ وريام ڏاڍي رازداريءَ مان چيو.
    مولوي ڪا گھڙي چپ ٿي ويو. پر پوءِ چئي ويٺو: ” سڄو شڪ سنڌين تي اٿن ..... سو في الحال مڙيوئي خير آھي! “
    ” يا حضرت، پوءِ ته اوھان کي منھنجي مدد ضرور ڪرڻي پوندي ..... ڏسو نه، ڳالھه اصل ۾ اھا آھي ته ..... “
    ” ھا ھا چئو! “
    ” ھي پيغام ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان حضور مرزا شاھه رخ تائين ضرور پھچائڻو آھي ته مغلن کي ڪنھن خابروءَ خبر ڏني آھي ته شاھي قيدي ڪٿي آھن، ۽ مغل ڪو قدم کڻڻ وارا آھن...“ وريام اڃا ئي رازداريءَ مان اوندھه ۾ تير اڇلايو.
    ” ناممڪن .... ناممڪن! خود قيصر بيگ به اھڙي حماقت نه ڪندو..... سندس ٻئي نالائق ڇوڪرا توڻي سندس سنڌي ڪنيز اسان جي قبضي ۾ آھن، ۽ کيس خبر آھي ته مغلن کي ڪجھه ٻڌايائين ته پوءِ انھن جو خير ڪونھي! “
    ” سو ته اوھين برابر ٿا چئو، پر اسان جا ڪجھه ماڻھو مغلن جھلي وڌا آھن .... ۽ انھن کان سچي ڪرائڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونھي..... انھيءَ کان اڳ جو ڪو ڦاٽ ڦاٽي، شاھي قيدين کي ۽ خاص طرح .... “
    وريام گھڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويو. سندس چھري تي پريشاني، رازداري ۽ اُٻھرائپ جو تاثر اھڙو ھو، جو ڏاتر ڏنو کيس ڏسي ھا ته يا ته کِل کي روڪي نه سگھي ھا، يا وري ھن کي وريام بدران ڪو سچو پچو ارغون ترخان سمجھي ھا!
    ” اوھان جو اشارو حضور مرزا عبدالعليءَ ڏانھن آھي ..... “ مولوي به ھاڻ مڪمل طرح سان ھن سان راز ونڊي رھيو ھو.
    ” جي بلڪل ..... ڏسو نه، حضور مرزا عبدالعلي ئي اسان جو آخري سھارو آھي ..... جيڪڏھن ھن کي ڪجھه ٿي پيو ..... شل منھنجي زبان ۾ ڪيئان پون ..... ته پوءِ ..... “
    ” توھين دل نه لاھيو..... شاھي قيدين تي ڪنھن پکيءَ جو به پاڇو ڪونه پوندو ..... ھا باقي، احتياط وري به لازم آھي .... اوھين پيغام مونکي ڏيو ته آءٌ مرزا شاھه رخ تائين پاڻھي پھچائيندس ..... اوھانجو ائين ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ شڪ جو باعث بڻجندو..... “
    وريام مولويءَ جي حرفت کي سمجھندي به ائين ڏيکائي ڏني ڄڻ ته ھن کي ڪوبه شڪ نه پيو ھو.
    ” انھيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي ڳالھه ٿيندي جو پيغام به حفاظت سان پھچي، ۽ ڪنھن کي شڪ به نه پوي .....! “
    ۽ پوءِ ھن آخري ڌُڪو ھنيو: ” پر يا حضرت، اوھين جيڪڏھن سلطاني ساقي خاني ڏانھن ويندا ته ھيڪاري وڌيڪ شڪ پوندن ته ھڪڙي عالم دين جو ساقي خاني ۾ ڪھڙو ڪم .....! “
    ھن جي انھيءَ ڌُڪي ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو.مولوي پنھنجي ڏاڙھيءَ کي مُٺ ۾ وٺندي چيو.” ڳالھه ته اوھان سياڻپ واري ڪئي آھي..... مرزا شاھه رخ جي حويليءَ تي به مغلن پنھنجا جاسوس بيھاري ڇڏيا آھن، جيڪي آئي وئي تي نظر رکندا اچن. ٻيا ارغون سردار به عتاب ھيٺ آھن....! “
    مولوي ڪجھه وقت خاموش ٿي ويو. ھو شايد دل مَنُ ھڻي رھيو ھو ته ھن اوپري ترخان سان اھي راز جون ڳالھيون ڪرڻ به گھرجن يا نه. ھن کي اُھي زمانا ياد آيا جڏھن ارغونن جي حڪمراني ھئي: تڏھن ھن جي ڪھڙي نه پذيرائي ٿيندي ھئي. شھر جي سڀ کان وڏي مسجد جو پيش امام ھو: سندس شاگرد سمورن اميرن جا صاحبزادا ھئا. خود اميرن جون گھر واريون ھن کان تعويذ لکائڻ، پاڻي پڙھائڻ ۽ دعائون ڪرائڻ اينديون ھيون، ۽ ھن کي اميرن جي بدعتن ۽ ساقين سان وندر بابت قصا ڪھاڻيون ٻڌائي، پنھنجي عشقن ۽ محبتن جا راز ٻڌائي وينديون ھيون. پوءِ اھي ئي ڳالھيون، ھو خوابن جي تعبير ٻڌائڻ، فال وجھڻ، ڪؤنرو ڦيرائي ساقين، ڪنيزن ۽ خود اميرزادين جي بي وفائين جي ڪشف ٿيڻ جھڙن معجزن لاءِ استعمال ڪندو ھو. ارغون امير سدائين سندس سلامي ھوندا ھئا، ۽ وڃڻ وقت اشرفين جون ٿيلھيون ھن جي حجري ۾ ڄاڻي واڻي وساري ويندا ھئا. ھن اھو مشھور ڪري ڇڏيو ھو ته انھن ديني ۽ خير جي ڪمن لاءِ ھو ڪوبه اُجورو قبول نه ڪندو. فقط فتوى ڏيڻ لاءِ ديني معاوضو يعني اڍائي اشرفيون ھن جو حق ھو. اميرزادا جڏھن ھن وٽ پڙھڻ ايندا ھئا ته پنھنجي حويلين جا ڪيترا راز ٻاراڻين ڳالھين ۾ ھن کي ٻڌائي ويندا ھئا، ۽ ھو ڪنھن نه ڪنھن ذريعي سان واسطيدار ماڻھن تائين اھي راز پھچائي، مٿن پنھنجي احسان جي مُھر ھڻي ڇڏيندو ھو، ۽ ائين سمورا امير ھن جي اڳيان پويان پيا ڦرندا ھئا: ڪي ڊپ کان، ڪي دشمنيون پاڙڻ ڪاڻ، ته ڪي وري سچ پچ ھن کي الله جو برگزيدو ٻانھو ۽ ولي الله سمجھي احترام خاطر!

    ۽ پوءِ جڏھن مغل آيا- نامراد، بدبخت، ملعون- تڏھن پھرين ته کيس ھٽائي، ھڪڙي مغل مولويءَ کي وڏيءَ مسجد جو پيش امام ڪيائون. ان کان پوءِ ھن جو مدرسو بند ڪيائون جيڪو ھن جي علم ۽ خبرچار جو سڀ کان وڏو ذريعو ھو. ۽ پوءِ ھڪڙي رات مغل لشڪري، رات وڳڙي اشرفين سان ڏٽيل ھن جون صندوقون کڻي ھليا ويا- دينا داستي؛ ڏٺي وائٺي، ھن سان مشڪري ڪندي ٽھڪ ڏيندا غائب ٿي ويا. ان ڏينھن کان ھن کي مغلن لاءِ شديد نفرت ھئي. جيڪي بدعتون ۽ برائيون ھو ارغون ترخانن ۾ نظرانداز ڪري ڇڏيندو ھو، سي مغلن ۾ ڏسي، ھن جو ديني جذبو جوش ۾ اچي ويندو ھو. اڳي ته ڪنھن سنڌيءَ کي ڏسندو ھو ته ڌِڪار کان منھن ٻئي پاسي موڙي ڇڏيندو ھو؛ ۽ ھاڻ سنڌين کي زوريءَ بيھاري کين مغلن جي غيرشرعي حرڪتن کان آگاھه ڪندو ھو، ۽ چوندو ھو ته ” ھي مغل رڳو نالي ۾ مسلمان آھن: ڏسو نه، ھنن ھندن مان شاديون ڪيون پر ڪنھن به راڻيءَ کي مسلمان ڪونه ٿا ڪن. انھن جو اولاد وري مسلمان ڪيئن چئبو؟ اھي شاديون حرام آھن: اھو اولاد حرام آھي. سنڌ تي ھاڻ حرامين جي حڪومت آھي. اسين ارغون ترخان وري به مسلمان آھيون، سنڌ ۾ رھي سنڌي ٿي ويا آھيون. اوھان ۽ اسين ٻئي مظلوم آھيون، اچو ته گڏجي ھن غير اسلامي حڪومت کي ٿڏا ھڻي ختم ڪريون .....“
    ھن کي سنڌين جي رڳو ھڪڙي ڳالھه سمجھه ۾ ڪانه ايندي ھئي: سنڌين سان جڏھن به ھو اھي ڳالھيون ڪندو ھو، تڏھن سنڌي کِلڻ لڳندا ھئا. ” بروبر، مولوي صاحب بروبر، پر جيڪڏھن مغلن کي ھتان ڪڍون ته حڪومت ڪير ڪندو؟! “ ھن جي دل ته چوندي ھئي ته کين چئي ڏي ته ” بدبختو مغلن حڪومت اسان کان کسي ھئي، ان ڪري حڪومت تي حق وري به اسان ارغونن ترخانن جو آھي، پر متان سنڌين کي اھا ڳالھه ڏکي لڳي، ان ڪري چوندو ھو ته بابا، توھان ۽ اسين، پراڻا سنڌي ۽ نوان سنڌي، ھنن ڌارين کي ھتان ڪڍون، پوءِ پيا فيصلا ڪنداسون ته حڪومت ڪير ڪري! “ اھا ڳالھه ٻڌي، سنڌي ھيڪاري وڌيڪ کِلڻ لڳندا ھئا، ٽھڪ ڏيڻ لڳندا ھئا، ۽ چوندا ھئا: ” مولوي صاحب، عرب سڳوري ۽ اُٺ واري ڳالھه ٻڌي اَٿـوَ .....! “
    پر اڃا به مولوي صاحب سنڌين مان نااميد نه ٿيو ھو. ھن سانوڻ ۽ سردار خان جو ڳالھيون ٻڌيون ھيون. جيڪڏھن سانوڻ جھڙو سنڌي، ۽ سردار خان جھڙو ترخان ھمٿ ڪن ته مغلن کي ڀڄائڻ ڪا وڏي ڳالھه ھرگز ڪانه ھئي. ان لاءِ ھن پنھنجي ڪن پراڻن ترخان شاگردن کي به تيار ڪيو ھو ته ھو سنڌي مدرسن جي شاگردن سان ياريون دوستيون رکي، ڪو اھڙو اٺسٺو ٺاھين جو سنڌين کان بغاوت ڪرائجي، ۽ پوءِ جڏھن سنڌي مغلن کي ڊوڙائي ڪڍن، تڏھن سيوھڻ کان ترخانن جو لشڪر ٺٽي پھچي، امن امان قائم ڪرڻ جي بھاني، حڪومت پنھنجي ھٿ ۾ آڻي! مولوي صاحب ارغون ۽ ترخان اميرن کي اھي صلاحون ڏيندو ھو، ۽ ھو به ان ڳالھه ۾ ھن کان پري ڪونه ھئا!
    پر ھاڻ ته خود ارغونن جي تاج جي واليءَ مرزا عبدالعليءَ جي سر جو سوال ھو. ھن کي اھڙو موقعو وري ڪونه ملندو ته پنھنجي قوم جي خيرخواھيءَ ۾ پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي، مرزا عبدالعلي ۽ خسروخان چرڪس جي جان بچائي وجھي. ھو انھن ٿورن ماڻھن مان ھو، جن کي مرزا شاھه رخ وٽ عزت ملندي ھئي. ھن شاھه رخ کي مختلف ڳالھين لاءِ مختلف تعويذ لکي ڏنا ھئا. وڏي ڳالھه ته ھن شاھه رخ کي سچن موتين جي معجون جي دٻلي پيش ڪئي ھئي، ۽ ھاڻ شاھه رخ وري ڳڀرو ساقين ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ھو، ۽ ھن جي گھر واريءَ ۽ ڪنيزن به ھن جي صحت ۽ مردانگيءَ جا نوان قصا ھن کي ٻڌايا ھئا. ھن کي خبر ھئي ته شاھه رخ اڃا تائين قيصر بيگ جي پٽن کي رڳو انڪري ڪونه آزاد ڪيو ھو، جو سنڌي ڪنيز ” نُوري “ ھن کي پسند اچي ويئي ھئي. ھو روز سنڌي ڪنيز کي ڏسڻ لاءِ لال حويليءَ ويندو ھو، ۽ اُتي ئي شاھه رخ سان ھيءَ ڳالھه ڪرڻ وڌيڪ مناسب ھئي. ائين ھن کي نه حويليءَ تي وڃڻو پوندو ۽ نه ئي سلطاني ساقي خاني جي تھخاني ۾!
    ائين پسار ڪندي، مولويءَ وري ھڪ ڀيرو ھن نوجوان ترخان کي ٽيڏيءَ اک سان ڏٺو، ۽ دل من ھڻندي چئي ويٺو: ” نوجوان، ٻڌ! توتي ۽ مون تي ترخان قوم جو وڏو بار آھي، آءٌ توکي پاڻ لال حويليءَ وٺي ٿو ھلان: شاھه رخ جو سمورو وقت اتي ٿو گذري. ھڪڙي پاسي ھو حضور مرزا عبد العلي ۽ خسرو خان چرڪس تي پاڻ ذاتي طرح نگھبانيءَ جو فرض پيو نڀائي ته ٻئي طرف قيصر بيگ جي سنڌي ڪنيز ھن جي دل تي ڌاڙو ھڻي چڪي آھي، اھا به اُتي ئي آھي. قيصر بيگ جا پٽ ان جي حوالي آھن پر شاھه رخ کي صحيح رخ ئي نٿي ڏئي، وڏي ڪا بدبخت آھي جو مرزا شاھه رخ جھڙي امير جي ڪنيز ٿيڻ نٿي گھري. قيصر بيگ ۾ ڇا رکيو آھي؟ پر خيال رکجانءِ، قيصر بيگ جي ڪنيز واري ڳالھه ڪنھن سان نه ڪجانءِ ..... پر ھڪڙي ڳالھه وري به ڪَن ۾ ٿو ٻڌايانءِ ......! “
    ” يا حضرت، ھيءَ ڪھڙي ڳالھه ٿا ڪريو...... مون کي قسم آھي اوھان جي ڏاڙھي مبارڪ جو، جيڪڏھن اوھان وري اھڙي ڳالھه ڪئي ته آءٌ ھينئر جو ھينئر سيوھڻ روانو ٿي ويندس، ۽ پنھنجي ئي خنجر سان پنھنجي زبان ڪپي ڇڏيندس. مون تي اعتماد......“ وريام کي فارسي ته ترخانن جھڙي ايندي ھئي، پر ھن کي اھا خبر نه ھئي ته ترخانن ۾، مغلن وانگر، ٻئي جي ڏاڙھيءَ جو قسم کڻبو آھي يا نه!
    ” نه نه....... مون کي تو ۾ اعتماد آھي ..... پر احتياط لازم آھي ..... “ مولويءَ ته ان قسم کي پنھنجي عزت افزائي سمجھو ھو. ” چڱو، تون اتي ويھه ته آءٌ پنھنجي حويليءَ تان ٿي اچان. ڄاڻ ڪري ڇڏيان متان ڪا پڇا ڳاڇا ٿئي .... ! “
    مولويءَ وريام کي ڪَن ۾ ڪجھه ڳالھيون ٻڌائي، کيس اتي ئي وھاري، ھيڏانھن ھوڏانھن لوڻا ھڻندي، مسجد مان نڪري ويو. گھڙيءَ کانپوءِ ڪارڙي تتر جي ٻولي ٻولي، ڏاتر ڏنوحجري ۾ اندر ھليو آيو.
    وريام ھن کي ڪي ڳالھيون تفصيل سان سمجھائيندي چيو: ” ڏاترنا، ڀائو، ڀلائي ڪج، ٿورو عقل کان ڪم وٺج، مغلن تائين اھا ڳالھه ھينئر جو ھينئر پھچائڻي آھي ته شاھي قيدي مرزا شاھه رخ جي قبضي ۾ آھن، ۽ مرزا قيصر بيگ جا پٽ به ان وٽ آھن، ۽ ترخان مرزا عبد العليءَ جي نالي ۾ خسروخان چرڪس کي حڪومت وٺي ڏيڻ لاءِ وڏي شورش ڪرڻ وارا آھن، ۽ اڄ ٽپھريءَ ڌاري شاھي قيدين کي لال حويليءَ مان ٻئي ڪنھن ھنڌ وٺي ويندا ..... “
    ” پر وريام، مون تي ڪير اعتبار ڪندو...... الائجي آءٌ سڄو ڪم مرڳو بگاڙي نه ويھي رھان ..... ۽ توکي اڪيلو ھنن بگھڙن جي چُرِ ۾ گھڙڻ آءٌ به ڪونه ڏيندس. آءٌ به توسان ..... “
    ” ادل منھنجو فڪر نه ڪر...... جيڪڏھن مون کي ڪجھه ٿيو به ته ڪھڙي وڏي ڳالھه ٿي پوندي؟ مون تو جھڙا سنڌي ته روزانو سوين راھه ويندي بي ڏوھيا پيا مارجن. آءٌ ته وري به سنڌ جي ڪنھن ڪم ته ايندس ..... ڏاھو ٿي، ھوڏ نه ڪر. اھو منھنجو توسان وچن آھي ته اڪيلو آءٌ به ڪونه مرندس. آءٌ ھن مولويءَ کي سڃاڻان ..... فقط ھن جي ذريعي ئي آءٌ سانوڻ جي سياست کي ڪارائتو ڪري سگھندس ..... ھا ٻڌ، تون مظفر بيگ واري ڇوري قاسم سان چڱو گھرو آھين، ۽ مظفر بيگ رستم بيگ ۽ مغلن جو سپھه سالار به آھي ۽ اعتبار جوڳو ماڻھو به. ان کي ڪنھن طرح سان نياپو ڏيئي پڻس تائين اھا خبر ڪج ! ..... چڱو، ھاڻي الله کي پرتين، سنڌ کي پرتين! حياتي ھوندي ته ...... “
    ڏاتر ڏني کڻي وات تي ھٿ ڏنس: ” تڏھن ته چيم ٿي ته توکي اڪيلو ڪونه ڇڏيندس: پر، مون جھڙي ڪانئر تي ايڏو ڪم رکي، تون مرڳو پاڻ به مارائيندين، ۽ مون کي به آپگھات ڪرائيندين ..... “
    ” چريو نه ٿي ..... ۽ ھا، پنھنجا اٺ ڏھه سنگتي لال حويليءَ جي چوپاسي بيھاري ڇڏجان، متان ڪا اوچتي ضرورت پوي ..... پر ڪو اھڙو ھٿيار نه کڻجو، جو ڏٺا ٿي پئو...... پاڻ وارو ھٿيار خردم پھراڻ جي ھيٺان چيلھه سان ھجي ته ڀلو..... چڱو، ھاڻ تون وڃ ..... مولوي ايندو ھوندو. تون ھوندين ته ھن کي شڪ پئجي ويندو...... ڏاھو ٿي ..... چڱو، ٻيڙا ئي پار..... ! “
    ڏاترڏني جي دل ته نٿي چيو، پر وريام ۾ ھن کي اَڻ ميو ويساھه ھو، ۽ سچ پچ ته جيڪڏھن لال حويليءَ ۾ پھريدارن سان جھيڙڻو پيو ته اسين ٻه ڄڻا ڇا ڪري سگھنداسون، ڏاترڏني سوچيو.
    ھن وريام کي ڀاڪر ۾ ڀيڙي، سندس اکين ۾ گھوري چيائين ” وريام، متان اٻھرو ٿين! سنڌ کي اڃا تنھنجي گھرج آھي! “
    ائين چئي، ھو تڪڙو تڪڙو حجري کان نڪري ويو•


    13

    پائندہ بيگ کي ڪوٽوالي ڇا ملي، ڄڻ ته راڪاس وانگر مٿي تي سِڱ ڄمي پيس. ماڻھن کان رستم بيگ جو نالو ئي وسري ويو. ٽپھريءَ کانپوءِ جتي ڪٿي ڪڪڙوڪون لڳي ويندي ھئي. ٻن ھفتن ۾ حالت اتي پھتي جو ماڻھن ٺٽي جي عملداريءَ مان لڏڻ شروع ڪيو. پر لڏڻ وارا وڃن ته ڪيڏانھن وڃن: اڃا اٺ پلاڻي يا ڍڳي گاڏين ۾ پنھنجو سامان سڙو ڀري نڪرندا ھئا ته مغل لشڪري ڳجھن وانگر لامارا ڏيئي، ھڙ کڻي ويندا ھئن. وڏي ڳالھه ته عزت آبروءَ جي ھئي. شل نه ساڻن ڪا جواڻ جماڻ نينگري ھجي: مغل حڪما حڪمي ٻانھن کڻي ويندا ھئا. لڏي پلاڻي فقط اھي سگھيا، جن پنھنجي لاءِ محافظ به مغل رکيا: کين اشرفين جون ٿيلھيون ڏيئي جان ۽ عزت آبروءَ جي امان حاصل ٿي ڪيائون. ميمڻ، شيخ، لھاڻا، ڀٽي ۽ ڀاٽيه ته پنھنجا سمورا محلا خالي ڪري ڀڄڻ جي تيارين ۾ ھئا، پر سيدن جا پاڙا، جيڪي ھونئن ارغونن ترخانن جي ڏينھن ۾ امن امان ۾ رھيا، سي به پنھنجي عزيزن قريبن کي نياپا سنيھا موڪلڻ لڳا ته ٻيلي، اسان جو ڪو بلو ڪريو، نه ته اسين ڄاڻ بنان ڄاڻ اوھان جا مھمان اچي ٿينداسون.
    ٺٽي جون مسجدون ۽ مدرسا به ويران ٿيندا ويا. ائين ٿي ڀانيو ته پکي پکڻ به موڪلائي ويا ھئا يا موڪلائڻ تي ھئا. گھٽيون ڀڙڀانگ، بازاريون برباد ۽ مڏيون مردار ۽ مسافرخانا مجاورن جا آستانا بڻجي ويا. جيڪڏھن سنڌين سان ويل ھو ته ارغون ترخان به سک ڪونه ٿي ستا. ھنن لاءِ ساقي خانن ۽ غلامن جي نيلامن ۾ شامل ٿيڻ تي تيسين منع ھئي جيسين ڪنھن مغل امير جي پناھه ۾ نه ھجن. مغل شھزادن کي لاھور، آگري، دھلي ۽ فتح پور مان دعوتون ڏيئي گھرايو ويو ته قنڌاري ۽ شيرازي ساقي جيترا سنڌ ۾ سستا آھن، اھڙا خود قنڌار ، ھرات ۽ شيراز ۾ به نه ھوندا. مغلن جا قافلا ٺٽي تي ڪڙڪڻ لڳا: ڪي خريداريءَ جي شونق ۾، ڪي ساقي خانن ۽ ڪنيزن جي شھرت ٻڌي آيا ته ڪن کي وري رستم بيگ، تاشي خان، معموري ۽ پائندہ بيگ دعوتون ڏيئي گھرائي ورتو ته ٺٽي جا محلات اوھان جا منتظر آھن، ترخانن ۽ ارغونن جون جاگيرون ۽ زمينداريون کين مفت ٿي ڏنائون. مغل شھزادا، اميرزادا ۽ سوداگر پاڻ سان سوين ھاري ناري، منشي، ڪاراوا ۽ ڪامورا وٺي آيا. ٿوري وقت ۾ ٺٽي ۾ ائين ٿي ڀانيو ته سنڌي ته رڳو اٽي ۾ لوڻ وڃي رھيا آھن. ٺٽو سنڌ جو شھر نه پر لاھور يا آگري جو ڪو محلو بڻجي ويو ھو. سنڌي ويچارا ته ڊپ کان پاڻ ۾ به سنڌي ڪونه ڳالھائيندا ھئا، متان سڃاپي پون ۽ مغل لشڪري کانئن آنڪي ڀرائڻ لاءِ اچي ڪڙڪن. ھنن ته پنھنجي پوشاڪ به بدلائي ڇڏي. مغلن وانگر ڪمربند ۽ چست پاجامو پائڻ لڳا. پر ڇا ڪن، سندن سنڌي شڪل شبيھه ته پري کان پڌري ٿي پوندي ھئي. ۽ وڏي ڳالھه ته منجھانئن اھا ڳالھه بلڪل نه وئي ته رستي تي ھلندي، مغلن ۽ ترخانن جي ابتڙ، سندن اکيون پنھنجن پيرن ۾ ھونديون ھيون: ھڪ ته متان ڪنھن پرائي زائفان تي نظر کڄي وڃي ۽ ٻيو ته ڪو جيت جيتامڙو پيرن ھيٺ اچي چيڀاٽجي نه وڃي!
    سنڌين جو ڪو اوھي واھي ته ھو ڪونه جنھن کي دانھن ڏين. ارغونن ۽ ترخانن ته وري سيوھڻ ۽ قنڌار تائين مرزا غازي بيگ وٽ دانھون ڪوڪون ڪيون ته ھنن جو تدارڪ ٿيندو رھندو ھو ۽ مغل وري ڪنھن ارغون ترخان محلي ڏانھن رخ ڪونه رکندا ھئا. مرزا غازي بيگ جي جھانگير جي درٻار ۾ وڏي ھلندي پڄندي ھئي، مغل رڳو ان کان ٿي ڊنا. ھونئن به ارغونن ترخانن ۾ اڃا ھٿياربند گھڻا ھئا. ھنن وٽ محافظ به ھئا ۽ پنھنجا لشڪري به، جيڪي جيتوڻيڪ وڙھڻ جو ڍنگ وساري ويٺا ھئا پر تلوار ۽ ھٿيار جو سپ نه ھو ته به سراپ ضرور ھو. مغلن کي به آخر پنھنجي جان پياري ھئي، ان ڪري سمورو عتاب سنڌين تي ھو. ماڻھو ته ائين به چوڻ لڳا ته سنڌين کان الله سائينءَ به منھن موڙي ڇڏيو ھو. اھائي ڳالھه ھئي، جنھن ماڻھن کي وري حافظ بلال ڏانھن ڏسڻ تي مجبور ڪيو.
    حافظ بلال کي ماڻھن پنھنجو آخري سھارو ٿي سمجھيو. ان لاءِ ٻه سبب ھئا: ھڪ ته ھنن کي اھا ڳالھه سمجھڻ لاءِ ٻي ڪا واھه ڪانه ٿي سجھي ته آخر الله سائين بار بار سنڌين جو اھڙو ڏکيو امتحان ڇو ٿو وٺي؟ سنڌي ويچارا ته نه ڪنھن جي ” ھنئيءَ ۾ نه کنئيءَ ۾! “ سنڌ ته سدائين رحمت ۽ پيار جي ڌرتي ھئي، جنھن انسانن کي ته ڇا، سمورن جاندارن کي امان ڏني ھئي، پناھه ڏني ھئي. سنڌين ۾ ته ايتريون برائيون ۽ بدعتون به ڪونه ھيون: پنھنجيءَ ۾ پورا، گھر کان زمين يا ڌنڌي ڌاڙيءَ تائين يا مسجد تائين. دين ڌرم جا ارڪان جيترا سنڌين ٿي مڃيا ۽ واپرايا اوترا شايد ملائڪن کي به ياد نه ھوندا. گگدامن تي ڪھل ته ڪو سنڌين کان سکي. آئي جو آڌرڀاءُ ڪندي ڪندي ھنن سنڌ سندن حوالي ڪري ڇڏي. رسول (صلعم ) جي پيروي ڪندي ڪندي جيسين ڪنھن مسافر يا غريب يتيم پاڙيواري کي گرھه نه کارائيندا، تيسين پاڻ گرھه نه کائيندا. ۽ سنڌ، ڄڻ ته نبين ۽ اوتارن جي سرزمين، جنھن تي الله سائين پاڻ مھربان ھو: ڇا سندس ماڻھو، ڇا سندس پکي پکڻ، ڇا سندس گل ۽ ٻوٽا، ڇا سندس سنڌو ۽ سمنڊ، ڄڻ ته الله سائين جنت ٺاھيندي ٺاھيندي، سنڌ خلقي ويٺو! پوءِ به ھن جي ماڻھن سان ايڏو ظلم، ايترو بغداد ڇالاءِ؟ الله سائين مٿن ڇو ڏمريو ھو؟ اھا ڳالھه پڇڻ لاءِ ھو حافظ بلال جي چانئٺ جا اچي سلامي ٿيندا ھئا.

    - ۽ حافظ بلال جي اکين ۾ ايڏي ويراني اچي ويئي ھئي جيتري سموري سنڌ ۾ به ڪانه ھئي. ھر ھڪ ماڻھوءَ جي روئداد ٻڌي ھن کي ائين محسوس ٿيندو ھو، ڄڻ ته اھو سڀ ڪجھه ھن سان، ھن جي گھر وارن سان، ھن جي پنھنجي ڀاتين سان ٿيو ھو، ۽ لڙڪ ھن جي سُنھاريءَ ۾ منجھي پوندا ھئا: ۽ انھن لڙڪن کي لڪائڻ لاءِ ھو آسمانن جي ھن پار پنھنجي رب پاڪ کي، دل ئي دل ۾، ٻاڏائڻ لڳندو ھو: ” اي ٻنھي جھانن جا مالڪ، تو جن شين قسم سنھن کنيا آھن، انھن ۾ تو سنڌ جو به قسم کنيو آھي؛ تنھنجي محبوب ۽ سمورن نبين جي سردار کي سنڌ جي ھير جي خوشبو معطر ڪري ڇڏيو ھو، پوءِ به سنڌ تي ھي ڏمر ڇو؟ ھي آپدائون ۽ آفتون ڇو؟ سنڌي ماڻھوئڙا ايڏو مجبور ۽ معذور ٿي پيا آھن جو ھنن مان تو ۾ يقين لڏي ويو آھي. اي ٻنھي جھانن جا مالڪ، آخر ڇو؟ آخر ڪيستائين؟ “
    آسمان ھن جي اکين جي لڙڪن جو تاب نه جھلي، ڄڻ ته لاجواب ٿي ويندا ھئا، ۽ ان وقت حافظ بلال جلال ۾ اچي چوندو ھو: ” مون وٽ ڇو آيا آھيو؟ آءٌ ڪير ٿيندو آھيان، الله جي ڳُجھه ۾ مداخلت ڪرڻ وارو؟ انھيءَ ساڳئي الله اوھان کي به ٻانھون ڏنيون آھن. انھيءَ ساڳئي الله مغلن لاءِ، ترخانن لاءِ به ترارين ۽ ڀالن ٺاھڻ لاءِ ساڳيو لوھه خلقيو آھي، جيڪو اوھان لاءِ خلقيو اٿس. تراريون ۽ ڀالا ٺاھيو به اوھان ٿا، وڪڻو به اوھان ٿا. ھڪڙو ڀيرو اھي پنھنجي حفاظت لاءِ ڇونه ٿا استعمال ڪريو؟ “
    حافظ بلال جو اھو جلال، اھا ڪاوڙ، اھو دليل ماڻھن کي سمجھه ۾ نه ايندو ھو. پر سانوڻ اڪيلو ماڻھو ھو، جنھن ھن جي ان جلال، ان ڪاوڙ ۽ ان دليل کي سمجي ورتو.

    ” حافظ، ھاڻ موڪل ڏي ته رت جي راند اسين به شروع ڪريون! “ سانوڻ حافظ بلال جي اکين ۾ نھارڻ کانسواءِ چيو. ھن جڏھن اھي ساڳيون ڳالھيون ٻڌيون، تڏھن ٻيلو ھن لاءِ آڙاھه بڻجي ويو، فراشين تي ليٽندي ھن کي ائين ڀاسندو ھو ته ھو ٽانڊن تي ستو پيو ھو ۽ ان باھه تي ڇنڊو وجھڻ لاءِ، ھو ٻين وانگر حافظ بلال وٽ ھلي آيو ھو!
    ” سانوڻ، رت جي راند رڳو الله جي راھه ۾ جائز آھي. آءٌ ڪيئن چوان ته اوھين اھا شروع ڪريو! “ حافظ بيوسيءَ مان چيو.
    ” ته پوءِ اسان کي ٻڌاءِ ته الله جي راھه ڪھڙي آھي، حافظ. “ سانوڻ کان رھيو نه ٿيو ” ڇا الله جي راھه اھا نه آھي ته بيوسن ۽ بيواھن ماڻھن تي جيڪو بيداد پيو ٿئي، تنھن کي بند ڪريون. سنڌين جي جان ايتري سستي، ايتري ارزان ٿي وئي آھي جو مغل لشڪري وندر خاطر سنڌين کي مارڻ لڳا آھن ته جيئن سندن ترارين ڀالن جي مشق پڪي ٿئي. سنڌين جي مال ملڪيت تي ھو ائين ٿا مِڙي اچن ڄڻ ته انھن ۾ سنڌين جو پورھيو ۽ پگھر شامل ئي ڪونھي. سنڌين جي زائفائن کي ھو ائين ٿا کڻن ڄڻ ته اھي مال غنيمت جو ڪنيزون آھن؟ سنڌين جي مندرن ۽ مٺن کي ته کڻي ڇڏي ڏيو، سنڌين جي مسجدن کي به نه ٿا بخشين- چي، جيسين ڪو مغل مولوي نماز نه پڙھائيندو، تيسين نماز جائز ڪانھي. سنڌين جي مدرسن کي ان لاءِ ٿا بند ڪن ته اتي سنڌي ٿي پڙھائي وڃي؟ ڇا الله سائين انھن ڳالھين کي عين اسلام ۽ سنڌين جي انھيءَ بيوسيءَ کي شرڪ ۽ ڪفر ٿو سمجھي؟...... حافظ، مون ھيستائين صبر ڪيو آھي، پر ھاڻ مون کان صبر نه ٿو ٿئي ...... الله ٿو ڄاڻي ته اڳي ئي گھڻي دير ٿي ويئي آھي ..... “
    سانوڻ جو سمورو بدن پئي ڪنبيو، ۽ پھريون ڀيرو حافظ بلال ھن جي اکين ۾ اھڙا لڙڪ ڏٺا ھئا، جن بنھه بس نٿي ڪئي. ھن جي پنھنجي دل ۾ چڪَ پئجي رھيا ھئا. ھن کي پنھنجي پاڻ کان، پنھنجي اسلام کان، پنھنجي مدرسي کان، پنھنجي سموري حياتيءَ کان نفرت ٿيڻ لڳي ھئي. ھن اُٿي کڻي سانوڻ کي ٻکُ وڌو..... ڪا گھڙي ٻنھي جون دليون، ھڪڙي ئي آواز ۾، ھڪڙي ئي ڏک ۾، ڌڙڪنديون رھيون، ۽ پوءِ جڏھن ھن سانوڻ کي پاڻ کان ڌار ڪيو، تڏھن ٻنھي جون اکيون لڙڪن جي ڌنڌ کان ھڪ ٻئي کي ائين ڏسي رھيون ھيون جيئن ڪو ماڻھو ڀڳل آرسيءَ ۾ پنھنجو منھن ڏسي، منھن پاسي ڪري ڇڏيندو آھي- ڪنھن اڄاتي ڊپ کان، ڪنھن اڄاتي سمجھه کان، ڪنھن اوچتي ڄاڻ کان!
    ۽ پوءِ ان وقت، مدرسي جي صدر دروازي تي ڪڙو کڙڪڻ جو آواز ٿيو. جمعي جو ڏينھن ھو. مدرسي ۾ موڪل ھئي. سواءِ حافظ بلال ۽ سانوڻ جي، ايڏو سارو مدرسو بلڪل خالي ھو. سانوڻ جي اچڻ جي اطلاع تي مدرسي جي پھريدار ۽ پنھنجن چئن خاص شاگردن کي، جيڪي وٽس ئي رھندا ھئا، تن کي به ڪم ڪار ڏسي، ھيڏانھن ھوڏانھن موڪلي ڇڏيو ھئائين.
    ” اوھين وھو ته آءٌ ٿو ڏسان ..... “ سانوڻ اُمالڪ اُٿيو.
    ” نه سانوڻ، ڪو اوپرو ماڻھو توکي ڏسندو ته تنھنجي حياتيءَ کي به خطرو ٿي پوندو، ۽ مدرسي تي به حرف ايندو...... “ آخوند بلال جُتي پائيندي چيو.
    حافظ بلال دروازو کولڻ کان اڳ، ننڍي تاڪي کولي ٻاھر نھاريو: ٻاھر مغل لشڪرين جو وڏو ھٿياربند جٿونظر آيس، جنھن جي اڳواڻي خود نئون ڪوٽوال پائندہ بيگ ڪري رھيو ھو. صورتحال ڏسي ھن جي ھنئين ۾ ھدڪ پئجي ويو، ۽ پھريون ڀيرو ھن جي دل ۾ ڊپ ۽ مختلف وسوسن اچي گھيرو ڪيو. ھو ڪڏھن به پنھنجي لاءِ نه ڊنو ھو. ھن کي اُلڪو رڳو سانوڻ جو ھو. سانوڻ جھلجي پيو ته ڄڻ سموري سنڌ جھلجي پئي. ھن کي پڪ ھئي، ته ھن ڀيري مغل پوري تياري ڪري آيا ھئا، ۽ سموري ڪوٽ جي ڀت ۽ فصيلن کي ھنن گھيرو ڪري ورتو ھو. پڪ ئي پڪ ڪنھن مغل يا ترخان جاسوس سانوڻ کي ڏسي ورتو ھو نه ته خود رستم بيگ کي به مدرسي سان ھٿ چراند ڪرڻ جي ھمت نه ٿئي ھا. پر ھاڻي ڇا ڪري- اھو ايڏو وڏو فيصلو ھو، جو ھن ايترو تڪڙو ڪرڻ نٿي گھريو. دروازو کولڻ جي معنيٰ سانوڻ کي جھلائڻ ھو. جيڪڏھن دروازو نه کوليائين ته مغل دروازو ڀڃي اندر داخل ٿيندا. ان صورت ۾ به ھو پاڻ ۽ سانوڻ جھلجي پوندا.
    ھن پاڻ ظاھر ڪرڻ بنان ڪجھه قدر آواز بدلائي چيو: ” ڪير؟ “
    ” حافظ، دروازو کول: آءٌ آھيان پائندہ بيگ، شھر جو ڪوٽوال! “
    ” اوھان کي خبر آھي ته ھن مدرسي ۾ مغلن جي اچڻ جي منع آھي ...... خود شھنشاھه ھند جو پروانو رستم بيگ وٽ آھي ... “
    ” ھوندو، پر اڄ آءٌ خود حضور مرزا رستم بيگ جي حڪم تي آيو آھيان. اسان کي خبر پئي آھي ته سردار خان جو ٽولو شھر ۾ آيل آھي، ۽ اوھان ھن کي پناھه ڏني آھي ...... اسين مدرسي جي تلاشي وٺنداسون. “
    ” آءٌ پروانو ڏسڻ ٿو گھران ..... “ حافظ ڪجھه سوچيندي چيو.
    ” پھرين دروازو کول ته پروانو به توکي ڏيکارينداسون ..... “ پائندہ بيگ بي صبريءَ مان چيو.
    ” تيسين دروازو نه کلندو، جيسين پروانو نه ڏيکاريندا ..... “
    حافظ بلال تاڪي بند ڪري ڇڏي، ۽ تڪڙو تڪڙو پنھنجي حجري ڏانھن موٽڻ لڳو. اڃا اڌ پنڌ تي ھو ته ھن دروازي کي زوريءَ کولڻ لاءِ لشڪرين جي ھلان جو آواز ٻڌو. دروازو ايڏو وڏو ۽ مضبوط ھو جو سواءِ ھاٿين جي يا وڏي بُنڊ سان ڀڄڻ جي، ان کي کولڻ محال ھو.
    حافظ حجري ۾ پھتو ته حجرو خالي ھو. سانوڻ کي روڪڻ ھونئن به حافظ ناممڪن ٿي سمجھيو، پر ھن کي رڳو اھو اُلڪو ھو ته سانوڻ ٻاھر صحيح سلامت الائجي پھچندو يا نه. ھن کي سانوڻ جي ھمت ۽ جرئت ۾ ايترو ايمان ھو ته مغل جيئري سانوڻ کي گرفتار ڪرڻ جو خواب خيال به نٿي ڪري سگھيا، پر..... نه نه، يا خدا، ائين نه ڪجانءِ، سانوڻ اسان کي بخشي بچائي ڏي .... !
    حافظ بلال سجدي ۾ ھو، جڏھن ھن وڏي دروازي جي ڦاٽڻ جي آواز جو خوفناڪ پڙاڏو، ۽ گھوڙن جي ھڻڪارن ۽ ٽاٻڙ ٽاٻڙ جو آواز ٻڌو. پائندہ بيگ حجري ۾ داخل ٿيو ته اوڏيءَ مھل به حافظ بلال سجدي ۾ ھو. حافظ بلال جي شخصيت جي رعب ھن کي اڳتي وڌڻ نه ڏنو. ھن جو ھٿ خنجر جي مٺئي تي ئي روڪجي ويو، ۽ ھو اندر ئي اندر حافظ کي گھٽ وڌ ڳالھائيندو رھيو.
    جڏھن حافظ سلام ورايو، تڏھن ھڪڙي نظر پائندہ بيگ تي وڌائين، ۽ ٻي نظر سان ھن ٻاھر بيٺل سپاھين کي ڏٺو.
    پائندہ بيگ، ڪجھه قدر پريشانيءَ مان چيو: ” اسان کي اطلاع مليو ته مشھور باغي ۽ ڌاڙيل سردار خان اوھان وٽ ٽڪيل آھي ..... “
    حافظ ڪو جواب نه ڏنو. ھو گھور پائي، پائند بيگ کي ڏسندو رھيو.
    ” ..... ظاھر آھي ته اسان کي غلط اطلاع مليو ھو، ڇاڪاڻ ته اسان مدرسي جي ڪوٺي ڪوٺي اُٿلائي وڌي آھي، پر سردار خان ھتي ڪونه ٿو ڏسجي. حضور مرزا رستم بيگ جو فرمان آھي ته اوھين مغلن سان تعاون ڪريو، ۽ سمورن سنڌين کي سمجھايو ته ھو جتي به ھن کي ڏسن، اسان کي ڄاڻ ڪن ته خدا جي خلق تان آزار لھي ..... ! “
    ” خدا جي خلق تي آزار مغلن جو آھي يا سردار خان جو، اھو مامرو ھڪڙو الله پاڪ ٿو ڄاڻي، ٻيو اسين شھنشاھه ھند کي لکڻ وارا آھيون ..... “ حافظ بلال ڌيرج سان چيو.
    پائندہ بيگ جو ھٿ وري خنجر جي مٺئي ڦٻي ويو. جيڪڏھن رستم بيگ ھن کي حافظ بلال تي ھٿ کڻڻ کان منع نه ڪئي ھجي ھا ته ھو ان کان گھڻو اڳ خنجر حافظ بلال جي ڇاتيءَ ۾ ٽنبي ڏئي ھا. البت ھن کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نٿي آئي ته ھن ماڻھوءَ ۾ ڪھڙي ڳالھه ھئي جو ھن سان ڳالھائڻ وقت، ھن جي پنھنجي زبان ھٻڪڻ ٿي لڳي.
    ” في الحال اوھان کي اسان سان ھلڻو پوندو. اھوئي شاھي فرمان آھي. اوھان جو فيصلو حضور مرزا رستم بيگ جن ڪرڻ پسند فرمايو آھي ...... “
    ” ۽ جيڪڏھن آءٌ نه ھلان ته ..... “ حافظ بلال وري به ڌيرج سان چيو.
    ” ته پوءِ اسان کي اھو حڪم آھي ته اوھان کي گرفتار ڪري حضور مرزا صاحب جن وٽ پيش ڪريون ..... ! “
    ” ته پوءِ ڪريو مونکي گرفتار، ڇاڪاڻ ته آءٌ اوھان سان ھلڻ لاءِ بلڪل تيار نه آھيان ..... ! “
    پائندہ بيگ منجھي پيو. ھن جو حڪم بلڪل واضح ھو ته حافظ بلال کي ڪجھه ٿيو ته پائندہ بيگ ذاتي طرح ان لاءِ جوابدار ھوندو. ھن سنڌيءَ کان مغل ايترو ڇو ٿا ڊڄن، اھا ڳالھه اڃا تائين ھو سمجھي نه سگھيو ھو. آءٌ تاشي خان سان ضرور ڳالھائيندس ته آخر ھو شھنشاھه ھند کي اصل حقيقتن کان واقف ڇونه ٿو ڪري ته مغل شھنشاھت کي ترخانن ۽ ارغونن کان نه پر اصل خطرو حافظ بلال جھڙن سنڌين کان آھي، جن جو سمورو وجود مغلن لاءِ نفرت جو اعلان ڪندو ٿو رھي، جن جي اکين ۾ سمورن ڌارين لاءِ ڌڪار کان سواءِ ٻيو ڪجھه نه آھي، جن جي لفظ لفظ ۾ ڌارين لاءِ وڄ جا شعلا ۽ باھه جا ڀڀڙ پوشيدہ آھن!
    لاچار ٿي ھن سپاھين کي آواز ڏنو: ” حافظ صاحب کي عزت سان شاھي مھمانخاني وٺي ھلو. پر ڏسو کيس ڪجھه ٿيو ته اوھان جي سرن جو خير ڪونھي ..... ! “
    سپاھي ھي حڪم ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويا. ھڪڙي سنڌيءَ کي گرفتار ڪرڻ ۾ ايترو احتياط ھنن جي خواب خيال ۾ ئي ڪونه ھو. سنڌين کي ته ھو ڪتن ٻلن وانگر گھلي يا گھوڙن جي پڇن ۾ ٻڌي ڪاھي وڃڻ جا عادي ھئا، ۽ جيڪڏھن ڪو سنڌي گھلجڻ يا ڪاھجڻ کان بچي ويندو ھو ته ھن جي بدن جي اھڙي حالت ھوندي ھئي جو ھو ٻاڏائي چوندو ھو ته يا الله، مون کي موت ڏي ته ھن عذاب کان نجات ملي!
    ھو به دل من ھڻندي، اڳتي وڌيا، ۽ جيئن تيئن ڪري، حافظ کي کنڀي کڻي ورتائون ۽ اچي کيس گھوڙي تي چاڙھيائون. حافظ مدرسي جي حالت ڏسي سمجھي ويو ته دروازي کي ڀڃڻ جا انتظام اڳي ئي ڪري آيا ھئا. ڀڳل دروازي سان گڏ رسن سان ٻڌل بنڊ به اتي ئي پيو ھو، ۽ ويھارو کن سپاھي ھڪڙو ٻيو بنڊ رسين جي ڇيڙن سان کنيو بيٺا ھئا .....*


    14

    ٺٽي ۾ لال حويليءَ لاءِ مشھور ھو ته ان ۾ جنن ڀوتن جو واسو آھي. سندس وڏي دروازي تي ھميشہ ھڪ شاھي قلف چڙھيل نظر ايندو ھو، جيڪو ايترو ڪٽجي ويو ھو، جو ھر ڪو ائين ڀائيندو ھو ته ان کي ڪنھن ورھين تائين ڪونه کوليو ھو. ان جي ٻه ماڙ جاءِ جون در دريون به ڪنھن ڪڏھن کليل ڪونه ڏٺيون ھيون. رات جو اڪثر چٻرن ۽ چمڙن جون چيٽون ٻڌڻ ۾ اينديون ھيون. فقط ان جي مٿئين برج ۾ ڪڏھن ڪڏھن ڪا شمع ٻريل نظر ايندي ھئي، ۽ ائين ڀائنبو ھو ڄڻ ته ڪو ماڻھو شمع جي روشنيءَ ۾ سڄي شھر کي جاچي تپاسي رھيو ھو. حويليءَ ۾ اوڙي پاڙي مان ماڻھو پنھنجا گھر ڇڏي لڏي ويا ھئا. البت ماڻھن ۾ اھو مشھور ھو ته مرزا باقي اڪثر رات جو ان حويليءَ ۾ پنھنجي ٻن خواجه سرائن سان گڏجي ايندو ھو، ۽ پوءِ سموري رات ان حويليءَ مان ڪنھن زائفان جي رڙين ۽ ڪيڪن جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا. ماڻھن ۾ اھا ڳالھه مشھور ھئي ته مرزا باقيءَ جي ماءُ اتي قيد ٿيل ھئي، جنھن کان خزاني جو ڏس پڇڻ لاءِ مرزا باقي تتل سيخن سان ڏنڀ ڏيندو ھو ۽ اھي ڪيڪون ھن جي ماءُ جون ھيون.
    ھڪڙي ڀيري وڏي مدرسي جا ٻه شاگرد ھوڙھيائي ڪري حويليءَ ۾ ٽپي پيا، پر جڏھن واپس موٽيا ته ھنن تي ڄڻ ماٺ جي مُھر لڳي ويئي، نه ڪنھن کي سڃاتائون ٿي، نه ڪنھن سان ڳالھايائون ٿي، رڳو ڪنڌ ڌوڻ لڳي پئي ھئن ۽ آخرڪار چريا ٿي پيا. ان واقعي کان پوءِ وري ڪنھن کي ان حويليءَ ۾ وڃڻ جي ھمت نه ٿي ھئي. مغل ته اڳي ئي ويساھه ويسوڙا ھئا، تن جو اھي ڳالھيون ٻڌيون ته اتان لنگھڻ ئي ڇڏي ڏنائون.
    وريام جڏھن مولويءَ سان گڏ حويليءَ جي ويجھو پھتو، تڏھن گھڙيءَ لاءِ حويليءَ بابت سموريون ڪٿائون اکين اڳيان تري آيس، ۽ ھن جي دل به ڪنھن اڄاتي ڊپ کان ڪنبڻ لڳي. پر مولوي ھن کي حويليءَ جي بدران، ان جي ڀرسان ٻوڌين جي ڦٽل ٺل ۾ وٺي آيو. ھيڏانھن ھوڌانھن نھاري مولويءَ ھن کي ٺل ۾ اندر لھڻ جو اشارو ڪيو. وريام ان ٺل ۾ پنھنجي سنگتين سان ڪنئين ڀيرا آيو ھو. ھو اڪثر اتي لڪ لڪوٽي راند ڪندا ھئا. اندر ٺل ۾ ايتريون ڏاڪڻيون ھيون جو ھڪڙي ھڪڙي ڏاڪڻ مان ٽي ٽي ڏاڪڻيون ڦٽي ٿي نڪتيون. اندر ھڪ ٻئي مٿان ٽي طبق ھئا، جن مان ھر طبق تي پوري وچ تي ٻڌ جو شاھي بت ھو، جنھن جي پٿر تي ڪنھن پراڻي ٻوليءَ جا لفظ اُڪريل ھئا. اھي ڏاڪڻيون ان بت جي ڪنھن نه ڪنھن عضوي ۾ اچي ٿي پوريون ٿيون. بت جي اکين وٽ جيڪي ڏاڪڻيون ٿي کُٽيون، اتان ھو پنھنجي ساٿين کي ڏسي سگھندا ھئا، پر ھيٺيان ساٿي ھنن کي ڏسي نه سگھندا ھئا.
    مولوي مٿئين طبق تي وڃڻ بدران، ھيٺئين طبق ۾ لھي پيو، جتي بنان سِسيءَ جي ھڪڙو بت ھوندو ھو، ۽ ڇوڪرا ان بت ۾ اندر منھن ڪري سيٽيون وڄائيندا ھئا ته سموري ٺل ۾ ڳچ وقت تائين اھي سيٽيون ٻڌڻ ۾ اينديون ھيون. مولوي انھيءَ بت جي اڳيان بيھي ھڪڙي لوھي ڪِلَ کي ڪجھه ڦيرا ڏنا ته بت جي پيٽ وٽان ھڪڙو وڏو پٿر ھٽي ويو. مولوي ھن کي اشارو ڪري ھيٺ لھڻ لڳو. ھو به مولويءَ جي پويان ھليو آيو. ھيٺ لھڻ لاءِ ھڪ بنھه سوڙھي ڏاڪڻ ھئي. جڏھن وريام اندر آيو ته مولوي وري به ڀت ۾ لڳل ھڪ ڪل ٻه ٽي ڦيرا ڏنا ته لنگھه بند ٿي ويو. وريام کي حيرت ان ڳالھه تي ھئي ته لنگھه بند ٿيڻ جي باوجود ھن تھخاني ۾ چڱي روشني ھئي. ڏاڪڻ ايتري ڊگھي ھئي جو ڄڻ ته کٽڻي ئي ڪانه ھئي. ” حق تي مرزا عبدالعلي ۽ خسرو خان چرڪس کي مغل ڳولي نه سگھيا ھئا! “ وريام سوچيو.
    ڏاڪڻ ھڪ گول ڪوٺيءَ ۾ اچي ختم ٿي. اُتي پھچي مولوي، ھڪڙي ڀت تي ٺڪ ٺڪ ڪئي ته ڀت مان ھڪڙي تاڪي کلي پئي، جنھن مان ھڪ خونخوار حبشيءَ جي سسي صاف نظر آئي. مولويءَ ھن کي تڪڙو تڪڙو ڪجھه چيو ته ھن ھڪدم تاڪي بند ڪري ڇڏي، ۽ گھڙيءَ کان پوءِ ھڪ شاھي پٿر پنھنجي جاءِ تان ھٽي ويو. مولوي ھن کي اڳيان وڌڻ جو اشارو ڏنو. ھيءَ ھڪ ڊگھي سرنگھه ھئي، جنھن ۾ ٿوري ٿوري فاصلي کانپوءِ ھڪڙو پاڏي جھڙو خواجه سرا اگھاڙي ترار سان بيٺل نظر آيو. وريام کي ھاڻ پنھنجي پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. ھتان جيئرو بچي نڪرڻ بنھه اڻ ٿيڻي ھئي. ھيءَ ھن پنھنجي پاڻ کي دشمن جي ھٿن ۾ ڏيئي ڇڏڻ جي ڪھڙي ڳھيلپ ڪئي ھئي. ھتي ته ھن جا سنگتي ساٿي ته ڇا مغل شھنشاھت جا سمورا لشڪر به ھن کي ڳولين ته به ھو کانئن ڪونه لڀي سگھندو. ھن کي ڏاتر ڏني جا لفظ ياد آيا: ” وريام، متان اٻھرو ٿين: سنڌ کي تنھنجي گھرج آھي! “
    جڏھن سرنگھه پوري ٿي، تڏھن وريام ڏٺو ته ھو ھڪڙي اھڙي ڪوٺيءَ ۾ پھتا، جيڪا زمين جي مٿان ھئي، ۽ لوھي سيخن جي دريءَ مان ٻاھر نظر پوڻ تي ھو سمجھي ويو ته ھو لال حويليءَ جي عمارت جي پوئين حصي ۾ ھئا. ان ڪوٺيءَ ۾ به ديو جھڙو خواجه سرا اگھاڙي ترار سان ڪنھن اشاري جو منتظر ھو. ان خواجه سرا مولويءَ کي سڃاڻي ورتو، ۽ ھٿ سيني تي رکي حڪم ملڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    ” اسان کي سڌو حضور مرزا شاھه رخ وٽ وٺي ھل! اسين تڪڙا آھيون! “
    ” جيڪو حڪم، آقا! “
    ھو ھنن کي ڪئين ڪوٺيون اُڪري، ھڪ وڏي سينگاريل ڪمري ۾ وٺي آيو.
    ” اوھين وھو ته آءٌ حضور مرزا صاحب کي ڄاڻ ڪري ٿو اچان. حضور جن پنھنجي خاص ڪمري ۾ آرام ۾ مصروف آھن! “ حبشيءَ سر نمائي چيو.
    ٿوري دير کانپوءِ، ھو موٽي آيو، ۽ کين پاڻ سان اچڻ جو اشارو ڏنائين. وريام جڏھن ڪمري ۾ داخل ٿيو، تڏھن ھن کي ڄڻ پنھنجي اکين تي اعتبار ئي نه آيو. ھي ڪمرو يقيناً ڪنھن بادشاھه جي آرام گاھه ھو. چوڌاري اطلس ۽ ڪمخواب جا خوبصورت پردا ٽنگيل ھئا. سامھون ئي ھڪ شاھي پلنگ ھو، جنھن تي ريشمي جھالرن سان سينگاريل ڪمخواب جي چادر ۽ وھاڻا ھئا. زمين تي جيڪي قالين ۽ غاليچا وڇايل ھئا، ائين ٿي معلوم ٿيو ته ھن ئي وقت ڪاريگر انھن کي ٺاھي، پنھنجي فن جو انعام حاصل ڪري ويا ھئا. ڪمري جي ھڪڙي طرف ھڪ گول ميز تي بلوري صراحين ۾ مختلف قسمن جون انگوريون سجايل ھيون ۽ انھن جي اڳيان سونا گلاس ھڪڙي قطار ۾ رکيا ھئا. ان ميز جي ئي ويجھو، ھڪ اطلسي طول وھاڻي تي، ھڪ ڳڀرو جوان ڪنھن ساز جي تارن سان کيڏي رھيو ھو، ۽ ان کان ٿورو ئي پرڀرو ڊينڊي قد جو ھڪ ٿلھو بد زيبو ماڻھو، ھڪ ريشمي پٿراڻيءَ تي طول وھاڻي تي ٽيڪ ڏيئي، اڌ ليٽيو پيو ھو.
    ” يا مولانا، اچو اچو...... معاف ڪجو، جو اوھان کي ھتي ئي سڏائي ورتو اٿم! دراصل اڄ اسين ڏاڍو ٿڪجي پيا آھيون! “
    مولويءَ ھڪڙي نظر ساقيءَ تي وڌي، جنھن ساز ھڪ طرف رکي ڇڏيو ھو.
    ” مون کي خبر آھي ته اوھين ساقين کي ناپسند فرمايو ٿا ..... پر ھي ساقي بلڪل بي ضرر آھي ..... اسين ھن کان فقط سندس راڳ ٻڌندا آھيون! “
    ” پر اوھان سان جيڪي ڪجھه ڳالھائڻو آھي، ان ۾ ھن جي موجودگي بي ضرر نه ٿيندي! “
    مرزا شاھه رخ اُُڀو ٿي ويو، ۽ اشاري سان ساقيءَ کي ٻاھر وڃڻ جو چئي، سڌو ٿي ويٺو.
    ” ھي نوجوان ڪير آھي .... ؟ “ مرزا شاھه رخ اھڙي ڏيکائي ڏني، ڄڻ وريام کي پھريون ڀيرو ڏٺو ھو.
    ” ھن غلام اوھان جي لاءِ سيوھڻ کان ھڪ پيغام آندو آھي ..... “ وريام پنھنجي بھترين فارسيءَ ۾ ڪنڌ نمائي چيو.
    ” چئو..... اسان کي مولوي صاحب کان ڪابه پرديداري ڪانھي. “ شاھه رخ ٿورو اٻھرو ٿي چيو.
    ” مون به حضرت مولانا کي، جيترو ضروري ھو، آگاھه ڪري ڇڏيو آھي، پر مولوي صاحب کي مملڪت جي مسئلن کان ٻاھر رکجي ته چڱو: آخر مغل به حضرت مولانا تي اعتماد ڪن ٿا ..... “
    مولويءَ کي وريام جي ڳالھه ايتري پسند آئي، جو مرزا شاھه رخ ڪجھه چوي، تنھن کان اڳ ھن چئي ڏنو: ” نوجوان درست ٿو چوي، مون ته رڳو حضور مرزا عبدالعليءَ جي جان جي حفاظت خاطر ھي جوکم کنيو آھي، نه ته منھنجو سياست ۾ ڇا وڃي ..... آءٌ مغلن جو اعتماد قائم رکي پنھنجي قوم جي وڌيڪ ڪارائتي خدمت ڪري سگھان ٿو! “
    ائين چئي مولوي اٿي بيٺو. مرزا عبدالعليءَ طرف اشارو ٻڌي، شاھه رخ به اُڀو ٿي ويو.
    ” چڱو ڀلا، في امان الله! .....ھا، پر مولوي صاحب، اوھان جي نئين معجون جي اسان کي اڃا به ضرورت آھي ..... آءٌ اوھان کي ٻه محافظ گڏي ٿو ڏيان، جيڪي اوھان کي مسجد تائين پھچائي ايندا ..... “
    ” نه نه، ان جي ڪا ضرورت ڪانھي. ائين ته پاڻ مغلن کي وڌيڪ شڪ پوندو..... آءٌ پاڻ ھليو ويندس ..... ۽ توھان جي معجون به ڪنھن وقت ڏئي ويندس ..... رڳو، جڏھن الله تعالى اوھان کي ڪامياب ڪري، اسان ديني عالمن کي نه وساري ڇڏجو..... “
    ” ھي ڪھڙيون ٿا ڳالھيون ڪريو، مولانا! ڇا اڳي توھان کي گھٽ اھميت ۽ عزت ڏني اٿئون؟ بس، اسان لاءِ دعا به ڪندا رھجو ته ھنن مردود مغلن مان جند آزاد ڪرائي، حق حقدار تائين پھچايون ..... ! “
    ” بيشڪ بيشڪ ..... ! “ ائين چئي مولوي ٻاھر ھليو ويو.
    ” ھا نوجوان، تو ڪھڙو پيغام آندو آھي؟ ۽ تون آھين ڪير؟ “ شاھه رخ ۾ وري به رعونت موٽي آئي.
    ” منھنجو نالو وريام آھي، اوھان کي رڳو اھو اطلاع پھچائڻو آھي ته مرزا عبدالعلي ۽ خسرو خان چرڪس ۽ ٻين شاھي قيدين کي ھٿ ڪرڻ لاءِ مغل لشڪر، مظفر بيگ جي سربراھيءَ ۾، ھن حويليءَ تي حملو ڪرڻ وارو آھي. سو جيترو جلد ھتان نڪري وڃو، اوترو چڱو! “ وريام اھڙي انداز سان اھي لفظ چيا، جو شاھه رخ جي منھن تان ھڪڙو رنگ ٿي آيو، ٻيو ٿي ويو. ھن جا نشا ئي ڪافور ٿي ويا. ھو اُٿي بيھي رھيو، ۽ پوءِ اُتي ئي اچ وڃ ڪرڻ لڳو. سندس ھڪڙو ھٿ پنھنجي نڪ کي سھسائيندو رھيو.
    وريام ھن کي چڱي طرح جاچي ڏٺو. قد جو ايترو ننڍو ماڻھو ترخانن ۾ گھٽ ھوندو. پر ھن ٻڌو ھو ته خود ترخان ھن کان بي انتھا ڊڄندا ھئا، ۽ چوندا ھئا ته ھو جيترو زمين جي مٿان آھي، ان کان ٻيڻو زمين جي اندر آھي. سندس حرفت، جرئت ۽ سنگدلي سمورن ترخان سردارن کان سَوائي ھئي. ڪنھن جو دشمن ٿيو ته ان جو سمورو جڻ ٻچو ڪھائي ڇڏيندو. ھن ۾ گھڻيون خصلتون مرزا باقيءَ واريون ھيون، ۽ ھي به اھي ئي نسخا آزمائيندو ھو جيڪي مرزا باقي واپرائيندو ھو. زائفائن جي سٿڻن ۾ ٻليون وجھائڻ، ٻن ھاٿين جي پڇن ۾ ماڻھن کي ٻڌائي، چيرائڻ، اکين ۾ ڳاڙھيون تتل سرائيون وجھائڻ ھن لاءِ عام رواجي ڳالھه ھئي. سمورن ساقي خانن ۾ تھخانا ٺھرائي، ساقين جي بھاني اميرن کي اُتي گھرائي ذليل ڪرائڻ ھن جو خاص ڪرتب ھو. ساقين ۽ ڪنيزن جا نيلام به ھن جي اختيار ھيٺ ٿيندا ھئا، ۽ ساقي خانن جي نگران ماڻھن ۾ ھن جا خابرو ھن تائين ھر ڳالھه پھچائي ويندا ھئا. خود اميرن جي گھرن ۾ ڪي خواجه سرا ۽ ڪنيزون ھن جي اڱوٺي ھيٺ ھوندا ھئا، جتان ھن کي آئي وئي جي پئي خبر پوندي ھئي.
    اوچتو ھو بيھي رھيو، ۽ وڌي وريام تائين آيو. ڪا گھڙي ھن کي گھوريندو رھيو. وريام ايتريون خونخوار اکيون گھٽ ڏٺيون ھيون جن جي ڏورن ۾ ئي موت نظر ايندو ھو. پر وريام اڏول ٿي بيٺو رھيو.
    ” پر توکي ڪٿان خبر پئي، ۽ سنڌين کي اسان سان ڪھڙي ھمدردي آھي جو ھيءُ چتاءُ اسان کي موڪليو اٿن! “ مرزا شاھه رخ اھي لفظ ائين چيا ، ڄڻ پنھنجي پاڻ سان ٿي ڳالھايائين.
    ” سوال ڏاڍو معقول آھي ..... آءٌ ان جا ڪيترائي جواب ڏيئي سگھان ٿو. سنڌين سان اوھان پنھنجي وقت ۾ جيڪي ڪلور ڪيا آھن، انھن کي ياد ڪري، آءٌ خود اھو ٿو سوچيان ته آخر اوھان سان ڀلائيءَ جو پير ڇو ڀريون؟ سنڌين کي اڃا تائين مرزاباقيءَ جا ظلم چڱي طرح ياد آھن ..... “
    ” پنھنجي زبان بند رک، بد زبان ڪتا! حضور مرزا باقيءَ جو نالو وٺڻ کان اڳ زبان کي عطر ۽ گلاب سان ڌوئڻ لازم آھي ..... “ شاھه رخ رڙ ڪندي چيو.
    وريام سڌو ڪوبه جواب نه ڏنو. ھو ھلي ھڪ اطلسي موڙي تي ويھي رھيو. ھن ڄاڻي واڻي شاھه رخ ڏانھن پٺ ڏيئي موڙي ڏانھن رخ رکيو ھو ته جيئن شاھه رخ ھن تي ڪو وار ڪري. پر شاھه رخ وڏو سياستدان به ھو. ھن کي وقت جي نوعيت ۽ اھميت کان پنھنجو جلال گھٽ پيارو ھو.
    ” خير، توھين ڀلي پنھنجي زبان کي عطر ۽ گلاب سان ڌوئي، پوءِ مرزا باقيءَ جو نالو کڻو پر سنڌين ۾ جيڪڏھن ھڪڙو به سنڌي جئرو ھوندو ته شاھه بيگ يا مرزا باقيءَ جو نالو جڏھن به زبان تي آڻيندو ته ھن کي ھڪدم ڪنھن مروان مرونءَ جو خيال ايندو آھي؛ جيڪو ڇِتو ٿي نه رڳو ماڻھن کي چڪيندو آھي ، پر پنھنجي پاڻ کي به چڪ پائيندو آھي. سنڌين لاءِ سمورا ڌاريان ۽ اوپرا غاصب، جيڪي صدين کان مرونءَ ۽ بگھڙ وانگر سنڌ جو ماس چڪيندا، چيريندا، ڦاڙيندا، سندن رت پيئندا رھيا آھن، سي مرون ئي سڏبا ايندا .....! “ وريام به ھاڻ پاڻ کي جھلي نه سگھيو.
    ” بس ڪر گستاخ ڇوڪرا! تنھنجي جوانيءَ تي رحم ٿو اچي نه ته ھينئر جو ھينئر تنھنجي زبان نڙيءَ مان پٽي پنھنجي ڪتن کي کارائيندس! “ شاھه رخ وڦلڻ لڳو. ھن کي پنھنجي سياست به وسري ويئي.
    ” سنڌين جون زبانون مرزا باقيءَ به پٽي ڪتن کي کارائيون، سو تون به آخر ان جو اولاد آھين .....! “ وريام ڪاوڙ ۾ چئي ويٺو. پر پوءِ پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳو ته مرڳو اصل ڳالھه ٿي خراب ٿئي. پر ھن کي سمجھه ۾ نه پئي آيو......
    اوڏي مھل شاھه رخ زور سان تاڙي وڄائي. گھڙي ڪانه گذري ته ھڪڙو پربت جيڏو حبشي خواجه سرا اندر ڌوڪيندو آيو. ھن شاھه رخ کي بيٺل ۽ وريام کي موڙي تي ويٺل ڏٺو ته منجھي پيو.
    وريام ھن ديو کي ڏٺو ته گھڙيءَ لاءِ ھيسجي ويو. ھن کي پنھنجي يار ڏاترڏني جا لفظ ياد آيا: ” وريام، اٻھرو نه ٿجانءِ .....! “ پر ھاڻ ته تير ڪمان مان ڇٽي چڪو ھو. يا اٻھرائي تنھنجو آسرو! ھن پنھنجي ڪمربند مان خنجر ڪڍي، نشانو طئي ڪري اڇل ڏني. خنجر حبشيءَ جي نڙگھٽ ۾ ڳن تائين کپي ويو، ۽ ھاٿيءَ جيان رنڀ ڪري، ھن ٻئي ھٿ کڻي پنھنجي ڳچيءَ ۾ وڌا. پر خنجر ھن جي شاھه رڳ ڪپي ويو ھو، ۽ ھو ڪنھن ڊھندڙ ڀت جيان منھن ڀر ڦھڪو ڪري اچي شاھه رخ جي پيرن وٽ ڪريو. اھو سڀڪجھه ايترو تڪڙو ٿيو جو شاھه رخ جا اوسان به خطا ٿي ويا.
    وريام جي دل به زور زور پاسراٽين ۾ ڌنوندي رھي. پر ھاڻ وقت نه ھو. ھن اُمالڪ ٽپ ڏيئي، شاھه رخ جي ڳچيءَ ۾ ٻانھن ورائي، سندس پٺ ۾ چيلھه وٽ گوڏو ڏيئي، پوئتي سٽ ڏني، شاھه رخ سڄو ٻيڻو ٿي ويو، ۽ وريام جي ڪوڙڪي ۾ ڪٻر جيان ڦٿڪڻ لڳو. سندس ناسن مان ساھه ائين ٿي کڄيو، ڄڻ تمام وڏي ڊوڙ پائي آيو ھو.
    ” اسين اوھان ترخانن جھڙا ڪميڻا ڪونه آھيون جو بي گناھه ڪنھن تي ھٿ کڻون، ۽ احسان جو بدلو ڪميڻپ سان ڏيون. آءٌ جي چاھيان ته ھينئر جو ھينئر تنھنجو مڻڪو ڀڃي، تنھنجو لاش تو وارن ڪتن کي کارائي ڇڏيان ..... ھاڻ سڏ ڪر نه پنھنجن پالتو ڪتن کي ته تنھنجي جان بخشي ڪرائين ..... سنڌ تان مغلن جو ڏرت ھٽائڻ نه ھجي ته ھوند اوھان سمورن ترخانن کي قنڌار پھچائي ڇڏيون! “
    ائين چئي ھن شاھه رخ کي اڳيان اُڇل ڏني. شاھه رخ دانھن ڪري وڃي منھن ڀر ڪريو. ڳچ وقت ھو اُتي ھانبارو ھڻندو رھيو. پوءِ سڌو ٿي، وريام کي ڏسندو رھيو. اُتان اُٿي ڪنجھندو اچي ھڪڙي موڙي تي ويھي رھيو. سندس اکين ۾ رت مڙي آيو ھو، جنھن کيس وڌيڪ خونخوار بڻائي ڇڏيو ھو. ھو اھو سوچي رھيو ھو ته ھو پنھنجي پھريدارن کي سڏي، پر ھن وقت ھن کي پنھنجي جان جو خطرو سُجھي رھيو ھو ته جيڪڏھن ھن اھڙي ڪا حرڪت ڪئي، جنھن مان ھن سنڌيءَ کي ذرو به شڪ پيو ته ھو مونکي مارڻ ۾ ويرم ئي ڪونه ڪندو.
    اوڏيءَ مھل وريام ھيٺ جھڪي، حبشيءَ جي نڙ گھٽ مان پنھنجو خنجر ڇڪي ڪڍي ورتو، ۽ پنھنجي ڪمربند ۾ ھڻي ڇڏيائين، پوءِ شاھه رخ ڏانھن منھن ڪري چيائين: ” تون سمجھين ٿو ته اسين سنڌي ايترا ڳھيلا آھيون جو ھت ائين اڪيلو تو جھڙي بگھڙ وٽ ھليو آيس ..... ھن حويليءَ جي چوڌاري منھنجا ھمراھه منھنجي انتظار ۾ آھن، آءٌ جيڪڏھن مقرر وقت تي نه پھتس مغلن جي اچڻ کان اڳي، توکي ۽ تنھنجي ساٿين کي- خود مرزا عبدالعلي ۽ خسرو خان چرڪس سوڌو سمورن شاھي قيدين- کي ڳترا ڳترا ڪري ڇڏيندا ......! “
    ائين چئي وريام ڪارڙي تتر جي ٻوليءَ کي ھڪ ڊگھي سينڍ ۾ ٻوليو ته حويليءَ جي چوڌاري ساڳي سينڍ جو آواز ٻُرڻ لڳو. شاھه رخ جو منھن پنھنجو رنگ ئي ڇڏي ويو. سندس اکين جي خونخواريت به ڊپ ۾ بدلجي ويئي.
    ” آءٌ شرمندو آھيان، نوجوان! مون توکي غلط سمجھيو...... ڏس نه اسان جي بزرگن سنڌ جي خدمت به ته ڪئي آھي. برابر، سنڌين سان ڪجھه زيادتيون ٿيون آھن ..... “
    ” اسين ته فيروز سمي جي مدد ڪاڻ ھت آياسين ..... ۽ جڏھن اسان ڏٺو ته ھت ماڻھن ۾ پنھنجي حڪومت ھلائڻ جي ساڃھه ڪانھي ته اسان کين تربيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ..... ۽ ان کان سواءِ ڏس نه، ھت سنڌ جي سموري ڪاروبار تي ھندن جو قبضو ھو، رفته رفته مسلمانن ڪاروبار ڪرڻ سکيو. سومرن کان سمن تائين درٻار ۾ وڏا وڏا عھدا- ديوان، منشي، محصول دار، باندري ۽ ٻيڙياتا سڀ- ھندو ھئا. اسان انھن جي بدران مسلمانن کي اھي عھدا ۽ ملازمتون ڏنيون. اسان سمورن سنڌين کي فارسي لازمي طرح پڙھائي عالم فاضل ٿيڻ جو موقعو ڏنو. اڄ ڪيترا سنڌي عالم، شاعر، محدث ۽ فقيھه فارسيءَ ۾ علم جا دريا پيا وھائين. سڀ کان وڏي ڳالھه ته ھت زمين جي ملڪيت جو پراڻو سرشتو اھڙو ھو جو ڪنھن وٽ به ڏھن ويھن جريبن کان وڌيڪ زمين ڪانه ھئي. ڪنھن سال مينھن نه پوندو ھو ته ماڻھو ويچارا اڌاري سڌاري پيٽ گذران ڪندا ھئا. اسان وڏيون زمينداريون ۽ جاگيررون قائم ڪيون، جنھن ۾ زميندار ۽ جاگيردار پنھنجن ھارين نارين کي خوش رکندا اچن. ۽ ڏسو ته دين جي ڪيڏي نه خدمت ٿي آھي: سوين مسجدون ٺھرايون اٿئون، رڳو ٺٽي ۾ ئي ڏسو ته ماڻھن ۾ روزو نماز ڪيترو وڌيو آھي! تاريخ اسان جي دور کي اسلامي تاريخ ۾ وڏو اعزاز بخشي چڪي آھي: سمورا مورخ، وقائع نگار ۽ انشاء پرداز اسان جي ديني ۽ علمي خدمتن جا معترف آھن! “
    وريام کي ھاڻ دل ئي دل ۾ کل اچڻ لڳي ھئي. طوطي وانگر اھو سبق ھن گھڻن ارغونن ۽ ترخانن کان ٻڌو ھو. مجال آھي جو لفظن ۾ ڪا ھير ڦير ٿئي. مدرسي ۾ ھنن کي جيڪي ترخان يا ارغون استاد مليا، تن کي به اھو سبق بر زبان ياد ھو ۽ ھو وري کين ياد ڪرائڻ جا جتن ڪرائيندا ھئا ته ارغونن کان اڳ ته سنڌي سڀ ڪفر ۽ شرڪ ۾ مبتلا ھئا، ارغونن ۽ ترخانن خالص اسلامي جذبي سان کين اچي انھيءَ مان پار اُڪاريو ۽ انھيءَ ديني جھاد ۾ جيڪڏھن سنڌ جي آزادي کسي ويئي ته اھو ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ ھاڻ ھڪ وسيع اسلامي سلطنت جو حصو بڻجي ويئي آھي، ۽ ترخان يا ارغون يا مغل امير سان گڏ شھنشاھه ھند ۽ بغداد جي اميرالمومنين جا نالا به خطبي ۾ گڏوگڏ ورتا وڃن ٿا. ڇا اھا فخر جي ڳالھه نه ھئي؟ وريام ۽ سندس ساٿين کي ته رونشو سجھي ايندو ھو: ھو پاڻ ۾ شرط رکندا ھئا ته ڪنھن ڏينھن ڪنھن مولويءَ، استاد يا عالم جي تقرير دلپذير ۾ گھڻن لفظن جي ڦير گھير ٿي ٿئي. وريام چوندو ھو ته اھا تقرير سڀني کي حفظ ٿيل آھي، ان ڪري لفظن ۾ ڪابه ڦير گھير ڪانه ٿيندي، ۽ لاشڪ ڪو اھڙو ڪتاب يا فرمان سڀني وٽ موجود آھي، جيڪو ھو سبق وٺڻ کان اڳ وري ھڪڙو ڀيرو دورو ڪري ٿا اچن!
    شاھه رخ جي انھيءَ تقرير جو اثر وريام تي ھوبھو ساڳيو ٿيو، ۽ اھو سوچي، ھن جي کِل ھيڪاري وڌي ويئي ته نه رڳو عالم، مولوي ۽ اُستاد پر امير اُمرا ۽ ٻيا ارغون يا مغل به جڏھن سماجي سطح تي ٿا ڳالھائين ته انھن کي به اھا ساڳي تقرير ياد ڪرڻي ٿي پوي يا اھي ساڳيا فرمان ۽ ڪتاب پڙھڻا ٿا پون!
    شاھه رخ وريام کي مرڪندو ڏٺو ته ھن جي ھمت به موٽي آئي.
    ” خير نوجوان!، ڇڏ انھن ڳالھين کي ..... اچ مقصد جي ڳالھه تي، اوھان کي ڪٿان خبر پئي ته مغلن کي لال حويليءَ ۾ شڪ پئجي ويو آھي ته شاھي قيدي ھت رھيل آھن .... ! “
    وريام وري ھن دنيا ۾ موٽي آيو. ھيستائين ھن جيڪي ڪجھه چيو ھو، سو بنا سوچڻ سمجھڻ جي، پر ھاڻ ھن کي به سياست ھلڻي ھئي جنھن لاءِ سانوڻ جا لفظ اڃا تائين پئي ڪنن ۾ ٻُريا ته ” وريام، سنڌ لاءِ ھاڻ ھوش ۽ مَت جي به ضرورت آھي .... ! “
    ” اسان جا پکي به اوھان جي پکين وانگر ھر ھنڌ چڳندا ٿا رھن، مرزا صاحب! اوھان جي ئي ھڪڙي محافظ قيصر بيگ سان سودو ڪيو ته سندس ڇوڪرا لال حويليءَ ۾ قيد آھن. قيصر خان سان اوھان وعدي خلافي ڪئي ته ھو سڌو مظفر خان وٽ پھتو، ۽ ھاڻ ..... اوھان اڳي ئي دير ڪري ڇڏي آھي. مظفر خان پنھنجو سمورو لشڪر وٺي لال حويليءَ جو محاصرو ڪرڻ وارو ھوندو..... پر اڃا به وقت نه ويو آھي. جلدي ڪريو، شاھي قيدين کي ھتان ڪڍي وڃو، پر حويليءَ واري سرنگھه ۽ بت واري ٺل وٽان نه، جو اُتي مغل اڳي ئي پھچي ويا ھوندا. البت سامھون نڪري وڃو ته پوءِ .... ڀانئجي ٿو ته مغل سامھون ڪونه پھتا آھن ڇوته مغل پھتا ھجن ھا ته منھنجا ھمراھه اُتان کسڪي وڃن ھا.....! “
    وريام کي ڳالھه ٺاھيندي، بار بار اھو خيال پئي آيو ته ڳالھه جو منڍُ آھي نه پير، شاھه رخ ان کي ڪيئن مڃيندو. پر ھن کي اھا به حيرت ھئي ته ڳالھه ٺاھڻ کان پوءِ، خود ھن کي ڄڻ اھو يقين ٿيندو ويو ته اصل صحيح ڳالھه به اھا آھي. سياست برابر جوکم جو پورھيو آھي، ھن سوچيو.
    شاھه رخ ڪنھن اونھي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. ھو دل مَن ھڻي رھيو ھو ته ڳالھه تي ڪيتري قدر ڀروسو ڪري ٿي سگھيو. آخري حربي طور ھن چيو: ” پر اوھان سنڌي اسان کي اھو چتاءُ ڇو ٿا ڏيو؟ “
    ” سولي سڌي ڳالھه آھي: اوھين ارغون ترخان وري به ھتي ته آھيو. اوھان جا مڙھه مقام به ھتي آھن. مغل ته بنھه ڌاريان آھن، ۽ ھنن کي سنڌ تي حڪومت ھلائڻ جو ۽ لاھور يا آگري مان فرمان جاري ڪرڻ جو ڪھڙو حق ٿو پھچي؟ اوھان سان ته پوءِ به اسين ڳالھائي سگھون ٿا، جھيڙو به ڪري سگھون ٿا، اوھين نيٺ به ته پنھنجا آھيو.... “
    وريام اھي لفظ چئي ته ويٺو، پر سندس زبان ۾ ڄڻ ته ڇالا پئجي ويا، ھن کي پنھنجو اندر ملامت ڪرڻ لڳو. دشمن کي ” پنھنجو “ چوڻ جو لعنتاڻو سھڻ جي ھن ۾ اڃا سگھه نه ھئي، نه ھوشمندي، کڻي اھا سياست خاطر ئي ڇونه ھجي. سنڌي ھجڻ کي ھو سچو ھجڻ جي برابر سمجھندو آيو ھو. جن ھن جي سنڌ جي آزاديءَ کي پائمال ڪيو، جن سنڌ جي سٻاجھن ماڻھن کي چيچلائي چيچلائي ماريو، ۽ جن سنڌ کي مال غنيمت سمجھي پئي ڦريو لٽيو آھي، تن کي ” پنھنجا “ سڏڻ کان ھو مارجي وڃڻ کي ترجيح ڏئي ھا! پر سانوڻ جا لفظ ھن جا محافظ بڻجي، ھن کي ڏڍ ڏيندا رھيا، تڏھن به ھن ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيو.
    ” ته پوءِ اچ ته ھلون ..... وقت اڳي ئي گھڻو وڃايو اٿئون، اچ ته ملي ھنن مغلن کي ھتان لوڌي ڪڍڻ جا ڪي جتن ڪريون! “
    شاھه رخ، ھن کي پنھنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪري، تاڙي وڄائي. ھڪڙو ٻيو حبشي خواجه سرا ايتري تيزيءَ سان نمودار ٿيو، جو وريام کي شڪ پيو ته ڄڻ ته ھو دروازي جي ٻاھران اڳي ئي ھنن جون ڳالھيون ٻڌي رھيو ھو.
    ” ھيبت خان، ھڪدم ڪوچ ڪرڻ جي تياري ڪريو. شاھي قيدين جون ڏوليون ۽ گھوڙا سپاھه جي وچ ۾ ھلندا، ۽ رستو اصلوڪو مک دروازي وارو وٺبو. رستي تي ڪابه روڪ برداشت نه ڪبي. مک دستي جي مھنداري تون ڪندين. اسين پويان واري دستي سان ھونداسين .... ۽ ھا، قيصر بيگ جي حرامزادن کي اسين پنھنجن ھٿن سان جھنم رسيد ڪنداسون، ھو ملعون مغلن کي نيٺ خبر پھچائڻ کان باز نه رھيو. ھن جي سزا اھا ئي آھي، ۽ قسم آھي اسان کي پنھنجي سمورن بزرگن جي روحن جو ته قيصر بيگ کي به اسين انشاءَالله پنھنجن ھٿن سان ان جو سبق سيکارينداسون! “
    ” حڪم جي تعميل ٿيندي، آقا! “ ھيبت خان ڪنڌ جھڪائي بند مٺ پنھنجي سيني تي رکندي چيو. ھن جي اکين ۾ ڪو ڪھنو ڌنڌ موٽي آيو، ۽ وريام کي ھن جي غلاميءَ تي ڏاڍو رحم آيو. ھي مغرور اکين وارو ھيڏو انسان ھن ڪميني اڌ- انسان اڳيان ايڏو مجبور ۽ لاچار ھجي، سا غلامي شايد اسان سنڌين جي غلاميءَ کان به وڌيڪ دردناڪ آھي. الائجي ڇو ھن کي ھيبت خان لاءِ عجيب ھمدرديءَ جو جذبو اھڙيءَ ريت اڀري آيو، جو ھن کي ٿوري دير اڳ پنھنجي ھٿان مرندڙ خواجه سرا جي موت تي شرمساري محسوس ٿيڻ لڳي.
    ھيبت خان ھنن کي ھڪڙيءَ ڪوٺيءَ تائين پھچائي، پاڻ پوئين پير موٽي ويو. ان ڪوٺيءَ جي اڳيان ھڪڙو ٻيو حبشي اگھاڙي ترار سان پھرو ڏيئي رھيو ھو. ھنن جي اچڻ تي، ھن دروازي کي زور سان ڌڪو ڏيئي کولي ڇڏيو.
    وريام جيڪي ڏٺو، تنھن ھن جي وجود کي لوڏي ڇڏيو. سامھون ئي سامھون کٽ تي نُوري کاڏيءَ کي ھٿ ڏيو ويٺي ھئي. وريام ائين ڀانيو ڄڻ ته ھن جي اندر ئي اندر کنوڻ کڙي پئي. ھن جو سڄو اندر، گھڙيءَ لاءِ، سھائو ٿي ويو، ۽ انھن اکين ۾ الائجي ڇا ھو، جو ھن سمجھيو ڄڻ ته انھن اکين ۾ جيڪو ڏک، درد ۽ ايذاءُ ھو، تنھن ھن کي ڏوراپو ڏنو ته وريام، ائين ڪبو آھي، ائين سار لھبي آھي، ايتري دير ڪبي آھي! ھن جو سمورو وجود وڍجي ويو، اھو ڏوراپو، اھو مھڻو ٻڌي!
    دروازي کلڻ تي، نوريءَ ائين ٽپ ڏنو، جيئن ھرڻيءَ جو ابھم معصوم ٻچڙو، خطرو محسوس ڪري ٽپو ڏيندو آھي. ان وقت ھن جي اکين ۾ ايذاءَ سان گڏ خوف جا پاڇولا لھي آيا، ڄڻ ته اڳي ئي جُھڙاٽيل آسمان تي نئون ڪارو ڪڪر لھي آيو.
    شاھه رخ ھٿ وڌائي، حبشيءَ کان سندس اگھاڙي ترار ورتي، ۽ کٽ ڏانھن وڌيو، جتي ٻه ننڍا نينگر ليٽيل ھئا. شاھه رخ کي اوڏانھن وڌندو ڏسي، نوريءَ وري سٽ ڏيئي، کٽ ڏانھن مڙي، ٻنھي ڇوڪرن کي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو. ڇوڪرا به شاھه رخ جي ھٿ ۾ ترار ڏسين نوريءَ کي چنبڙي پيا.
    ” ڪنيز، تون ھٽي وڃ. ھنن حرام جي تخمن جو وقت پورو ٿي ويو آھي! “ شاھه رخ رڙ ڪندي چيو.
    نوري ھيڪاري ٻارڙن کي چنبڙي پئي. ھوءَ پاڻ ڪرڙيءَ وانگر پئي ڏڪي، پر ٻارن کي وڌيڪ ڀاڪر ۾ ڀيڙيندي چيائين: ” ھنن معصون اوھان جو ڪھڙو ڏوھه ڪيو آھي ..... الله، الله جي رسول جي صدقي، اھڙو ڪِيس نه ڪريو..... “ نوريءَ سنڌيءَ ۾ رڙ ڪري چيو.
    ” ڪنيز، اسين توکي ڪوبه ايذاءُ ڏيڻ نٿا گھرون ..... تون اسان وٽ شان مان سان رھندينءَ، پر ھنن نانگ جي ٻچن کي اسين ھينئر جو ھينئر ختم ڪرڻ گھرون ٿا ..... نادر خان، ھن ڪنيز کي ھٽاءِ ..... “
    حبشي چپ چاپ کٽ ڏانھن وڌيو. وريام ڄڻ ڪنھن اوٿاري مان جاڳي پيو. ڪمربند مان خنجر ڪڍندي، ھو وڌي اچي نوريءَ ۽ ھن جي وچ ۾ بيھي رھيو، ۽ ڏند ڀيڙيندي، پاڻ تي ضبط ڪندي ڏاڍيان چيائين: شاھه رخ، ھن نينگريءَ يا ٻارن کي ڪجھه ٿيو ته آءٌ اتي جو اتي توکي خون ڪري ڇڏيندس .....! “
    ھن حبشيءَ جي اکين ۾ شوڪي نھاريو، ۽ کيس چيائين: ” خبردار جيڪڏھن ھن ڏانھن ھٿ وڌايو اٿئي .... ! “ ھن خنجر جي اشاري سان حبشيءَ کي پوئتي ھٽڻ جو اھڃاڻ ڏنو. حبشيءَ وٽ ڪوبه ھٿيار ڪونه ھو، پر پنھنجي آقا جي موجودگيءَ ۾ پوئتي ھٽڻ ۾ ھو ھٻڪڻ لڳو، ۽ سوال طلب نظرن سان مرزا شاھه رخ ڏانھن ڏٺو. شاھه رخ سنڌي ڪنيز اڳيان پنھنجي حڪم جي انحرافي ۽ ھيٺاھينءَ تي باھه ٿي ويو، ۽ ھن اگھاڙي ترار جو وار وريام ڏانھن موڙي ڇڏيو.
    وريام ھن کي ايترو ويجھو ھو، جو جيڪڏھن چاھي ھا ته انھيءَ وار دوران ئي خنجر ھن جي پيٽ ۾ کوڙي ڇڏي ھا. پر ان جي بدران وريام ھن کي پيٽ واري لت ڦھڪائي ڏني. شاھه رخ پويان ٿاٻڙجندي وڃي، پاڻيءَ جي ننڍي ناديءَ تي ڪريو. ترار سندس ھٿ مان ڇڏائجي ويئي. وريام جھٽ ڏيئي، ترار کڻي ورتي. اھو سڀ ڪجھه ايترو تڪڙو ٿيو جو نادر خان کي به اڳيون قدم کڻڻ جو موقعو ئي نه مليو.
    وريام تلوار جي چھنب شاھه رخ جي نڙيءَ تي رکندي چيو: ” شاھه رخ، مون توکي ڏاڍو عقل مند سمجھيو ھو، پر سمورن ترخانن وانگر تنھنجو عقل به تنھنجي دُن ۾ آھي ..... ۽ نادر خان، جيڪڏھن پنھنجي آقا جي زندگي پياري اٿئي ته ھتان ٻاھر ھليو وڃ، ۽ وڃي ھيبت خان کي ڪوچ ڪرڻ ۾ مدد ڪر، مغل اجھو آيا ڪين آيا .... نه ته ھيءَ ترار آءٌ ھن جي نڙگھٽ جي پار اُڪاري ڇڏيندس! “ وريام جي لفظن ۾ رُڪ جھڙي سختي اچي ويئي.
    نادر خان ھڪڙو ڀيرو وري شاھه رخ ڏانھن نھاريو، ۽ چپ چاپ ڪنڌ ھيٺ ڪري ٻاھر نڪري ويو. وريام به ھڪڙي نظر شاھه رخ تي وڌي، جيڪو ھڪڙي ٻانھن جي زور تي اُٿڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ھار ۽ شرمساري ھن جي اکين ۾ وري خونخوار ڪيفيت جي جاءِ اچي والاري ھئي.
    ۽ پوءِ وريام نُوريءَ ڏانھن ڏٺو. پر ھو ھن جي منھن ۾ نھاري نه سگھيو. انھن اکين ۾ جيڪا نماڻائي ۽ ايذاءُ ھو، ان کي گھوري ڏسڻ جي به وريام ۾ پھچ ڪانه ھئي. ھن جي نظر فقط سندس ڳچيءَ جي گھاءَ تي وڃي پئي، جيڪو جيتوڻيڪ سُڪي ويو ھو، پر اڃا به رتايل ٿي نظر آيو. ان ڳچيءَ جي پس منظر ۾ نوريءَ جي منھن ۾ معصوميت ائين ٿي ٻھڪي، جو وريام جي دل ڪنھن عجيب احساس کان ھڪ نئين سُر ۾ ڌڙڪڻ لڳي.
    ۽ پوءِ ھن پنھنجائپ مان چيو: ” ٿوريءَ دير ۾ ھتان ٻاھر ھلڻو آھي. ھي نينگر قيصر بيگ جا آھن نه؟ “
    نوريءَ کان وريام جي واتان سنڌي ٻڌي ڇرڪ نڪري ويو. الا، منھنجي جيجل جي ٻولي ڪيڏي نه مٺي ۽ سُريلي آھي، جيڪا ٻڌڻ سان سڀ ڏک سور ماٺا ڪريو ڇڏي. ھن پھريون ڀيرو نظر کڻي وريام کي ڏٺو، جنھن کي پوشاڪ ته ترخانن جھڙي پيل ھئي، پر سندس اکيون نج نبار سنڌي اکيون ھيون. سنڌي اکيون ته پري کان پڌريون: انھن جي پنھنجائپ به نرالي ته نھار به نرالي. سنڌي اک جو شرم به پنھنجو، پاڻي به پنھنجو، حياءُ به پنھنجو ته ان نياپو سنيھو به پنھنجو. وريام جي اکين ۾ ھن کي جيڪي ڪجھه نظر آيو، تنھن ھن کان سمورا ظلم وسارائي ڇڏيا، جيڪي ڌارين ھن کي ڏنا ھئا. ھن جي اندر جا گھاوَ ته ڏاڍا گھرا ھئا، پر انھن اکين ۾ ھن جيڪو پاٻوھه ۽ پنھنجائپ ڏٺي، تنھن ھن جا وار ڪانڊاري ڇڏيا.
    ھن رڳو ڪنڌ ڌوڻ ڪري ” ھا “ ڪئي.
    ” ھيءَ ڪنيز اسان جي ملڪيت آھي: قيصر بيگ جا ڇوڪرا جيڪڏھن تون پاڻ سان وٺي وڃين ته ڀلي وٺي وڃ: پر سنڌي ڪنيز اسين موٽائي نه ڏينداسون! اسين کيس پنھنجي حرم ۾ آڻڻ ٿا گھرون! “
    شاھه رخ وڌي اچي نوريءَ جي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو. پر ساڳيءَ گھڙيءَ وريام جي ابتي ھٿ جي لپاٽ ھن جا وائيسر ئي ڦيرائي ڇڏيا، ۽ ھو وري به ٿيڙ کائيندو وڃي ناديءَ جي مٿان ڪريو.
    ” ڪميڻا، آئيندي ڪنھن سنڌي نياڻيءَ کي ائين ٻانھن ۾ ھٿ وڌو اٿئي، يا ان کي ڪنيز سڏايو اٿئي، ته آءٌ تنھنجي سسي ڪپي ڇڏيندس. اوھين لائق ته انھيءَ جا آھيو جو سنڌين تي ھڪڙي ھڪڙي ظلم جي عيوض اوھان جو ھڪڙو ھڪڙو سَنڌ ويھي ڪپجي ته به ھوند دل ٿڌي نه ٿئي، پر شڪر ڪريو جو سنڌي اڃا ظلم جي موٽ ۾ ظلم ڪرڻ ڪونه سکيا آھن .... ھاڻ نڪر ھتان، متان منھنجو ارادو بدلجي وڃي! “
    وريام ھاڻي ڪاوڙ کان سڄو پئي رڦيو. ھن جي دل ته اھو ٿي چاھيو ته اتي جو اتي شاھه رخ جي سسي ڪپي ڇڏي، پر وري به ھن کي سانوڻ ياد اچي ويو، ۽ ھو ڪاوڙ کي پي ويو. شاھه رخ ٻاھر ويو ته ھن چيو:
    ” اچو ته ھلون. “
    وڏي ڇوڪري ھيسيل انداز ۾ چيو: ” ڪنيز، ھاڻي وري اسان کي ڪيڏانھن ٿا وٺي ھلن. اسين ته ھاڻي ڳالھايون به ڪونه ٿا! “ وريام گھڙيءَ لاءِ ڇوڪرن ڏانھن نھاريو. ٻنھي ٻارن جي اکين ۾ ڊپ ايترو ته خيما کوڙي ويو ھو، جو ھو نوريءَ جو پلاند ڪنھن به صورت ۾ ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھئا.
    ” اوھان کي اوھان جي گھر ٿا وٺي ھلون! “ وريا م کين دلداري ڏيندي، فارسيءَ ۾ چيو.
    ھو نوري ۽ ڇوڪرن کي وٺي، سرنگھه واري رستي کان ٻوڌي ٺل کان ٻاھر نڪتو. ٻاھر نڪري، ھن ڪارڙي تتر جي ٻولِي ٻولَي ھمراھن کي اطلاع ڏنو. کٻڙن جي ھڪڙي ٻوڙي مان ڏاتر ڏنو ڊوڙ پائي، وريام سان ٻکين پئجي ويو.
    ” يَـرَ ، ايڏي دير..... سڄو ڏينھن لنگھي ويو آھي. حرام جو مانيءَ جو ڀور به کاڌو ھجيم.....! “ ڏاترڏني ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو.
    ” ادل، بک ته مونکي به ڏاڍي لڳي آھي، پر تون ڏي حال احوال! “
    ڏاترڏني جي نظر جڏھن نوريءَ تي پئي ته ھن جي زبان ڄڻ ته ڪکجي پئي. وريام کان آٿت ملڻ تي ھن چيو: ” لال حويليءَ جي اڳيان سمورن لنگھن تي مغل لشڪري مظفربيگ جي اڳواڻيءَ ۾ شاھي قيدين جي آجيان لاءِ تيار بيٺا آھن. پاڻ وارا به ڪجھه ھمراھه اتي ئي آس پاس لڪل آھن، مغل مٽيا ته ڪکَ پن ٿي ويندا. ڀلا ھاڻ؟ “ ڏاترڏني سوال ڪندي وري نوريءَ ۽ ٻنھي نينگرن کي ڏٺو.
    ” ڀلا، پنھنجا سمورا ھمراھه پيادا آھن يا ڪو وھٽ به آھي؟ “
    ” مون سمجھيو ته متان وھٽ جي ضرورت پوي، سو ٻه گھوڙيون مغلن کان اُڌاريون وٺي آيو آھيان .... ! “ ڏاترڏني مرڪندي چيو.
    وريام کان به ٽھڪ نڪري ويو. مغلن کان گھوڙيون اڌارڻ جو مطلب ھن به خوب ٿي سمجھيو. پوءِ ڳچ وقت ھو ڏاترڏني پاسي تي وٺي، ڳالھيون سمجھائيندو رھيو، ۽ پوءِ ھڪڙي گھوڙيءَ تي نينگرن ۽ نوريءَ کي سوار ڪرائي، ٻيءَ تي پاڻ چڙھي ھو قيصر بيگ جي حويليءَ ڏانھن روانو ٿي ويو.*


    15

    قيصر بيگ جا پٽ، جڏھن کان مرزا شاھه رخ وارن پاڻ وٽ جھليا ھئا، تڏھن کان ھن جي زندگيءَ ۾ ڄڻ ڪو وڏو زلزلو اچي ويو ھو، جنھن ھن جي حياتيءَ ۾ ھڪ نئون موڙ آڻي ڇڏيو ھو. ھو جڏھن درٻار مان اُٿي حويليءَ ۾ داخل ٿيندو ھو ته ھن کي در دريون به ماتم ڪندي محسوس ٿيندا ھئا. ھن جي زال روئي روئي بيمار ٿي پئي ھئي، ۽ ڪنيزن کي ته اھو اچي خيال ٿيو ھو ته خانم ھاڻ ڪانه بچندي. قيصر بيگ اندر داخل ٿيندو ھو ته جوڻس جون اکيون ھن کان پھريون سوال اھوئي ڪنديون ھيون ته منھنجي ٻچڙن جي ڪا خير خبر؟ ۽ جڏھن قيصر بيگ جي اکين ۾ مايوسيءَ جا پاڇا ڏسندي ھئي ته ھوءَ نئين سر اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳندي ھئي، ۽ ڏنڌڻجي ويندي ھئي. قيصر بيگ سندس اھا حالت ڏسي پاڻ به روئڻھارڪو ٿي ويندو ھو.
    ھو روز درٻار رڳو ان ڪري ويندو ھو ته من پائندہ بيگ يا مظفر بيگ کان ڪا خوشخبري ٻڌي. پر اُتي ته روز ڪاريءَ وارا ڪک بيان ٿيندا ھئا. ” يا الله، ھنن کي زمين ڳھي ويئي يا آسمان ۾ غائب ٿي ويا منھنجا شھزادا؟ “ ھن مرزا شاھه رخ جي ڳالھه اڃا تائين ان ڪري ڪانه ڪئي ھئي جو ھڪڙو ته رستم بيگ اصل ڳالھه جي خبر پوندي ئي جيئري سندس کل لھرائڻ ۾ ويرم نه ڪندو، ۽ ٻيو ته شاھه رخ سندس پٽن کي ڪُھندي ذرو به قياس نه ڪندو. ھو اھڙين ٻن باھين جي وچ ۾ ڀسم ٿي رھيو ھو، جنھن مان جند آزاد ڪرائڻ ھن جي وس کان ٻاھر ھو. رکي رکي ھن کي اھو خيال ايندو ھو ته الله سائين کيس سندس گناھن جي ھيءَ سزا ڏيئي رھيو ھو. ھن کي اھي سمورا قتل، ڌاڙا ۽ ڪِيس ياد آيا، جيڪي ھن سنڌين سان ڪيا ھئا، ۽ خاص طرح ھن کي نوريءَ جي گھر وارو ڌاڙو ياد آيو جنھن ۾ نوريءَ جي ماءُ قتل ٿي ھئي، ۽ نوري ھن جي ھٿ چڙھي ھئي. ڪيڏيون نه دل ڏاريندڙ رڙيون ڪيون ھئائون. ان وقت ھن کي اھو قياس ڪونه پيو ته سنڌي به آخر انسان آھن، جن ڪڏھن ڪنھن کي ڏکويو ڪونه ھو. ھو ويچارا ته جيت جناور کي مارڻ کان پيا ڪيٻائيندا ھئا. وھٽن کي ” امان “، ” ابو “ ڪري سڏيندا ھئا. ڪنھن جيت تي، اوچتو ۽ اڄاتو، پير اچي وين ته پيا توباھون ڪندا، جانا ڀريندا ۽ پاڻ کي گنھگار سمجھندا. اھڙا نھٺا ۽ نئڙت وارا جو ظلم ٻيا ڪندا ھئا ته شرمندا پاڻ پيا ٿيندا. شروع شروع ۾ ارغونن ۽ ترخانن سنڌين تي جيڪي ظلم ڪيا، ته ان تي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ارغون ۽ ترخان شرمسار ٿيندا ھئا. ان جي برعڪس جڏھن مغلن، ارغونن ۽ ترخانن سان ڏاڍايون ڪيون، ۽ ھو ٺٽو ڇڏي لڏڻ لڳا تڏھن سوين سنڌين ھنن کي پناھون ڏنيون، سندن سامون جھليون، کين پنھنجن ڳوٺن ۾ آڻي وھاريائون. ڪن ته کين وھٽ ڏنا، ته جيڪڏھن سيوھڻ، بکر يا ٻئي پاسي وڃڻ گھرن ته پنھنجي عيال سان حفاظت سان نڪري وڃن. ڪن سنڌين کين مھينن جا مھينا ويھي کارايو. سندن لاڏ ڪيو جو ھو سندن مھمان ھئا. جيڪي ڳالھيون سنڌين لاءِ ھونئن قبول ڪرڻ محال ھو، اھي به ھنن برداشت ڪيون. ڪنيزن ۽ غلامن سان سندن ورتاءُ سندن کي ھرگز نٿي آئڙيو، ھنن ته انھن ڪنيزن ۽ غلامن کي به اھڙي ئي ماني کارائي جيڪا پاڻ کائيندا ھئا. کين سڏي پاڻ سان وھاري کارائيندا ھئا متان ھو اھو سمجھن ته سنڌي به کين غلام يا ڪنيزون ٿا سمجھن.
    ۽ انھن ئي ترخانن، جڏھن مغلن سان ٺاھه ڪيو ۽ حڪومت جي ڪاروبار ۾ ساڻن ڀائيوار ٿيا يا وري پنھنجيءَ وارا ٿيا ته سنڏين جو مڏيون ضبط ڪرايائون، سنڌين جي ملڪيتن تي قبضا ڪيائون، سنڌين کي بيگناھه ڪوڙن الزامن ۾ گرفتار ڪرائي ڀُنگ ۽ آنڪيون ڀرائيندا ھئا. جن محلن ۾ سنڌي ٿورا ھئا، انھن جي گھرن ۾ گھڙي، ھنن جي ننگن ۾ اکيون وڌائون ۽ جڏھن سنڌي پنھنجن ننگن خاطر مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿيا ته مغل لشڪرين کي اھي دانھون ڏنائون ته سنڌين اسان سان ڏاڍائي ڪئي آھي. سوين سنڌين تي چغليون ھڻي کين بغاوت جي ڏوھه ۾ ٽياس تي ٽنگائي ڇڏيائون. ائين سنڌين جي زندگيءَ کي عذاب بڻائڻ ۾ ھنن ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي، ۽ جڏھن قيصر بيگ جھڙن ڌاڙا ھڻڻ ۽ راتاھا ڏيڻ شروع ڪيا ته سندن نشانو فقط سنڌين جا محلا ھئا يا ننڍا واھڻ ۽ وسيون، ھنن ۾ نه قياس ھو، نه ڪا ٿي ڪھل پين ......
    ۽ اڄ جڏھن ھن سان پاڻ ظلم ٿيو ھو ته قيصر بيگ کي اھي سمورا ظلم ۽ اتياچار اچي ياد پيا ھئا. ھن کي سندس زال به اھو ٻڌايو ھو ته جڏھن سندس گھر تي ڌاڙو لڳو، ۽ مغل سپاھين جي ويس ۾ ترخان ڪاٽڪو سندن الھه تلھه لٽي ويا، تڏھن ھڪڙي سنڌيءَ جيڪو سنڌي ڪنيز جي ڳولا ۾ آيو ھو، تنھن کيس آٿت ڏنو ھو، دلداري ڏني ھئي ته زندگي ۽ موت الله جي وس ۾ آھي، مرزا شاھه رخ جي وس ۾ ڪونھي، ۽ جي حياتي رھي ته ھو کيس سندس معصوم ٻچڙا ڳولي ڏياريندو! قيصر بيگ ڌاڙي کانپوءِ جڏھن خبر چار لڌي تڏھن خبر پيس ته اھو سنڌي سانوڻ ھو، جنھن کان سردار خان جي نالي، ارغون ۽ ترخان ته ڇا، خود مغل به ائين ٽھندا ھئا، ڄڻ ته ڪو خوفائتو خواب ڏٺو ھئائون. قيصر بيگ کي پڪ ھئي ته سنڌي پنھنجو وچن ضرور پاڙيندو. پر وري به پڪ ڪرڻ لاءِ ھن پنھنجي ھٿيڪي ۽ خاص ماڻھوءَ کي پيغام ڏئي سانوڻ ڏي موڪليو ھو ته جيڪڏھن سانوڻ ھن جا پٽ موٽارائي ڏئي ته ھو ھن جو اھو احسان زندگيءَ ڀر ڪونه وساريندو ۽ ان جي عيوض ھو جيڪو به گھرندو، سو ھو اکين سان پھچائيندو. پر ان کي به ايترا ڏينھن ٿي ويا ھئا .....
    اوچتو حويليءَ جي ڏيڍيءَ ۾ تيز تيز قدمن ۽ اٻھرن جملن جو آواز ڪن تي پيس. الائي، وري ڪھڙي نئين آفت آئي آھي، قيصر بيگ سوچيو. پر سندس خاص خدمت گار خواجه سرا محمود خان تڪڙو اندر ھليو آيو.
    ” آقا، مبارڪون ھجنوَ. اوھان جا شھزادا- ۽ سنڌي ڪنيز خير سان واپس اچي ويا آھن. ھڪڙو سنڌي ساڻن گڏ آھي ....! “
    جيسين قيصر بيگ حيرت ۽ خوشيءَ جو اظھار ڪري، تنھن کان اڳ ھن جي زال چرين وانگر، مردانخانو ٽپي، ڏيڍيءَ ڏانھن ڀڳي، ۽ قيصر بيگ جو به لحاظ ڪونه ڪيائين. پنھنجي ٻنھي پٽن کي، ھڪ ئي وقت ۾، ڀاڪر ۾ ڀيڙي، چرين وانگر کين ائين چمڻ لڳي، جو مرڳو نينگرن جو ساھه منجھڻ لڳو، ۽ ھو روئڻھارڪا ٿي ويا. نينگرن جڏھن قيصر بيگ کي ايندو ڏٺو ته پنھنجي ماءُ جي ڀاڪر مان نڪرڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳا.
    ننڍو نينگر ته پيءُ جي ٽنگن ۾ چنبڙي پيو. قيصر بيگ کيس ٻانھن ۾ جھلي، سندس نرڙ تي چمي ڏني. البت وڏو نينگر ڄڻ ته بت بڻجي ويو، ڄڻ ھن کي پنھنجي محبت جي اظھار ڪرڻ جي منع ٿيل ھئي.
    ” سلام، ابا حضور! اسان اوھان جي حڪم مطابق ھڪڙي به نماز قضا ڪانه ڪئي! “
    قيصر بيگ جي چپن تي مرڪ اچي ويئي، ۽ ھن وڌي کڻي وڏي پٽ کي ڀاڪر پاتو. ڪوشش ڪرڻ جي باوجود، ھن جي ڀاڪر ۾ به، وڏي نينگر جون ٽنگون پئي ڏڪيون، ۽ ھو وڏا وڏا ساھه کڻي رھيو ھو، ڄڻ ته پنھنجي ڊپ تي ضابطو رکڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو.
    ” ۽ ابا حضور، ھن سنڌيءَ اسان کي دشمنن جي قيد مان آزاد ڪرايو آھي! “
    قيصر بيگ کان ڄڻ ڇرڪ نڪري ويو، ۽ ھو ڄڻ آسمانن کان زمين تي موٽي آيو. زمين، جتي حقيقت جو اُگرو مھانڊو ھن جي سامھون ھو، جتي پيءُ جي شفقت ۽ محبت کان به اڳتي ڪجھه ھو.
    ھن ڪڏھن سانوڻ کي ڪونه ڏٺو ھو. انڪري ھن سمجھيو ته ھيءُ ئي سانوڻ ھوندو. ھن احسانمنديءَ جي نظرن سان وريام کي ڏٺو ۽ اڳتي وڌي، ھن کڻي کيس ڳراٽيءَ لاتو.
    ” سنڌي، اسين تنھنجو ھي ٿورو ڪڏھن به لاھي نه سگھنداسون! “
    وريام، ھر ٻئي سنڌيءَ وانگر، ٿورن مڃڻ تي ڄڻ ککو وکو ٿي ويو، ۽ ڦڪي کل کلندي چيائين: ” حياتي ته الله جي وس آھي، مرزا شاھه رخ جي وس ۾ ته ڪانھي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ چوندا آھن ته ويريءَ کان واھرو وڌيڪ ويجھو ھوندو آھي. سو اوھان جي ڇوڪرن جي حياتي، مون نه پر ھِن بچائي آھي! “
    وريام نوريءَ ڏانھن اشارو ڪندي چيو. قيصر بيگ جو ڌيان ھيستائين سنڌي ڪنيز، نوريءَ ڏانھن ويوئي ڪونه ھو. ھن جڏھن نوريءَ ڏانھن ڏٺو، تڏھن ڄڻ ھن جو ماضي موٽي آيو. نوري، قيصر بيگ جي زال ۽ سندس ٻانھين جي وچ ۾ گھيريل ھئي. ھڪڙي ڪنيز ته کيس ڀاڪر ۾ جھليو بيٺي ھئي، پر سندس منھن جو ھڪڙو پاسو پاڇولي جيان قيصر بيگ جي نظرن ۾ کپي ويو. ” ھي حسن ته ھن دنيا جو حسن ئي ڪونھي! “ قيصر بيگ سوچيو.
    ” ھا، ابا حضور، سنڌي ڪنيز، اسان جي جان بچائي، اوھان جي انعام جي مستحق ٿي آھي! “ قيصر بيگ جي وڏي نينگر اھڙي انداز سان اھي لفظ چيا ڄڻ ته ھو ڪنھن درٻاري امير وانگر ٺٽي جي عامل اڳيان ڳالھائي رھيو ھو.
    ” بيشڪ بيشڪ! يقيناً اسين ھن کي انعامن اڪرامن سان نوازينداسون. ھي نوجوان به اسان جي انعام اڪرام جو مستحق آھي! “ قيصر بيگ ۾ ترخان امير موٽي آيو.
    وريام کي ھن گفتگوءَ منجھائي وڌو. ھن جي تصور ۾ به اھو نه ٿي آيو ته ڪو پٽ ۽ پيءُ، ايڏي وڇوڙي کانپوءِ، ائين بناوٽي انداز ۾ ھڪ ٻئي سان ڳالھائي ٿي سگھيا. ھن رڳو ان مونجھاري کان بچڻ لاءِ چيو: ” ڇڏيو انعامن اڪرامن جون ڳالھيون. ھاڻي اسين اجازت گھرنداسون .....! “
    نه چاھيندي به ھن جي نظر نوريءَ ڏانھن کڄي ويئي. نوري، جيڪا قيصر بيگ جي زال ۽ سندس ڪنيزن جي وچ ۾، ڄڻ ته چوڏھينءَ جي چنڊ وانگر پئي ٻھڪي. اھي سموريون زائفائون سندس اڳيان سچ پچ ته ٻانھيون ٿي لڳيون.
    ” ائين وري ڪيئن ٿيندو؟ اوھان اسان تي ايڏو احسان ڪيو آھي، سو گھٽ ۾ گھٽ اسان سان ٻه گرھه ته گڏ کائڻا پوندا، اوھان کي ...... محمود خان، مردانخاني ۾ طعام جو انتظام ھڪدم ٿيڻ گھرجي .....! “ قيصر بيگ جي اندر جو ترخان امير ھاڻ پنھنجي اصلوڪي صورت ۾ ڳالھائڻ لڳو.
    ” نه نه، حجاب ڪونھي، اوھان جي وڏي مھرباني .... “ ۽ پوءِ ھن نوريءَ ڏانھن منھن ڪري چيو: ” ھاڻي ھلو ته ھلون اڳيان به وڏو پنڌ آھي! “
    جيسين نوري ڪو جواب ڏئي، تنھن کان اڳ محمود خان وڏي سڏ چيو: ” آقا، مردانخاني ۾ سمورو انتظام حاضر آھي! “
    وريام وري منجھي پيو. ھن جي دل ھت ھڪ گھڙي به گذارڻ نٿي گھريو. ڪا ڳالھه ھئي، جنھن ھن کي منجھائي وڌو ھو، ڪا ڳالھه ھئي، جنھن ھن جي دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ گمان ۽ شڪ جي صورت ۾ چھنڊڙي پئي ھنئين. ھن کي ھي سڄو مانڊاڻ ائين لڳو، جنھن ۾ سچ لاءِ ڪا گنجائش ئي ڪانه ھئي، جنھن ۾ ڪنھن سنڌيءَ جي جاءِ نه ھئي. ھن بيوسيءَ مان ھڪ ڀيرو وري نوريءَ ڏانھن نھاريو. عين ان وقت نوريءَ جي نظر به ھن جي اکين سان مھاڏو اٽڪائي بيھي رھي. ٻنھي جون اکيون، ھڪ ٻئي کي سمجھندي سمجھائيندي به ، ڪو فيصلو ڪري نه سگھيون. نوري، ھڪ نئين ڊپ کي سانڍيندي، ٻين ڪنيزن سان گڏ زنانخاني ڏانھن ھلي ويئي، ۽ وريام ھن کي ويندو ڏسندي، قيصر بيگ سان گڏجي مردانخاني ڏانھن ھليو آيو.
    ڪنھن ھڪڙي ترخان يا مغل امير جو مھمان خانو، مَردانخانو يا خوابگاھه ڏسڻ سان ڄڻ ته سمورن ترخان ۽ مغل اميرن جا مھمان خانا، مردانخانا يا خوابگاھون ڏسڻ جي برابر آھي. تڏھن به وريام، ھن مھمانخاني ۾ جيڪي ڏٺو، تنھن ھن کي وري اھي ڳالھيون ياد ڏياري ڇڏيون ته ھي سڀڪجھه سنڌ جي رت پونءِ مان ٺھيو آھي. ترخانن سنڌين کي جيترو لٽيو ڦريو، سو ھنن جي عشرتخانن ۾ قالين ريشم ۽ ڪيمخواب، ۽ بلوري صراحين ۽ جامن مان جھلڪي رھيو ھو. ھن جي دل چاھيو ته ڇا به ٿي پوي، ھن کي عشرتخاني مان ھڪدم ٻاھر نڪري سنڌ جي آزاد ھوا ۾ ساھه کڻڻ گھرجي، نه ته گھُٽ ۽ ٻوسٽ کان ھو مڄاڻ ڪو اھڙو قدم کڻي ويھي، جيڪو سنڌين جي شان وٽان نه ھجي!
    جڏھن محمود خان ھن کي انگوريءَ جو ٽيون جام ٺاھي ڏنو، تڏھن وريام ھن جي اکين ۾ جيڪي ڏٺو، تنھن ھن کي ڊيڄاري ڇڏيو. انھن اکين ۾ ھن لاءِ اھڙي دشمني ھئي، جيڪا فقط ھڪڙو غلام پنھنجي آقا جي اشاري ۽ چوڻ تي ٻين سان ڪندو آھي، ۽ جنھن دشمنيءَ ۾ سچائيءَ ھوندي به سچائي نه ھوندي آھي ..... ۽ پوءِ ھن ڄڻ خواب ۾ اھي لفظ ٻڌا، جيڪي جيتوڻيڪ قيصر بيگ جي چپن مان پئي نڪتا پر وريام سمجھيو ته محمود خان ڳالھائي رھيو ھو.
    ” سنڌي ڪنيز جي سودي ڪرڻ سان اسين وري توشي خاني جي عملداري حاصل ڪرڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسون. رستم بيگ جڏھن سنڌي ڪنيز کي ڏسندو، تڏھن ھن کي پائندہ بيگ يا مظفر خان جي نسبت اسان کي ترجيح ڏيڻي پوندي..... ۽ جڏھن اسين تاشي خان تي اھو راز فاش ڪنداسون ته سردار خان در اصل ھڪڙو سنڌي باغي ۽ ڌاڙيل آھي، تڏھن ھو شاھي درٻار ۾ اسان جي لاءِ ضرور ٻه اکر چڱا لکي موڪليندو. - ۽ ھڪڙو ٻيو فائدو به ٿيندو ته شاھي قيدين کي جھلڻ جو جيڪو الزام ترخانن تي آھي، سو به لھي ويندو، جڏھن اسين اھو ثابت ڪري ڏيکارينداسون ته اسان شھزادا ۽ سنڌي ڪنيز، اسان اُن سنڌي باغي سردار خان عرف سانوڻ جي قبضي مان ڇڏايا آھن. ھن وقت ترخانن کي مغلن جي قھر کان بچائڻ لاءِ اھو لازمي آھي ته رستم بيگ تي اھو واضح ڪري ڇڏجي ته اصل ڏوھاري سنڌي آھن، جن شاھي قيدين کي، ۽ اسان جي شھزادن ۽ سنڌي ڪنيز کي ان ڪري پاڻ وٽ رکيو ته جيئن مغل ۽ ترخان ھڪ ٻئي سان وڙھي پون، ۽ سنڌي ان جو فائدو وٺي، مغلن خلاف شورش ڪري، مغلن کي لوڌي ڪڍن. “
    اھي لفظ، ٽانڊاڻن جيان وريام جي دماغ جي انھن ڪُنڊن ۾ ٻارڻ ٻاريندا ويا، جيڪي آھستي آھستي ھن جي پنھنجي وجود جي نفرتن ھيستائين کوليون ھيون، پر جيڪي ھاڻ ڪنھن انداھي ڪمري جيان، ان ٻارڻ جي دونھين کان وڌيڪ دونھاٽجي، اونھي غار ۾ تبديل ٿي رھيون ھيون.

    ” آقا، اوھان جي حڪم جي تعميل ۾ ذري جي به ڪوتاھي نه ٿي آھي. سنڌي ھاڻ اھڙي ننڊ ۾ غلطان آھي جو چار پھر ته ھن جي اک کلڻ محال آھي، ۽ تاشي خان اوھان جي حڪم موجب، ھن سنڌي ۽ سنڌي ڪنيز کي حضور مرزا رستم بيگ جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ پنھنجي لشڪرين جو دستو ڏياري موڪيلو آھي، جيڪو اوھان جي اجازت جو منتظر آھي! “ محمود خان ڪورنش ڪندي چيو.
    ” شاباس، محمود خان! اسان کي تومان اھائي اميد ھئي! “
    قيصر خان جي چپن تي جيڪا مُرڪ ھئي، ان ۾ ڪا خوشي ڪانه ھئي.*


    16

    حافظ بلال جي گرفتاريءَ ڄڻ ته سنڌ اٿلائي وڌي. مغلن جا ماشا ئي ڦري ويا ته ھي زلزلو آيو ڪيئن؟ سنڌين ۾ ايڏي ھمٿ ۽ جرئت آئي ڪٿان؟ ھي ڏٻرا ڏٻرا جيتامڙا ايترو سينو ساھڻ ڪٿان سکيا آھن؟ ھي بکن ۾ پاھه ٿيندڙ ڪمي ڪاسبي، ھي غلامن جا غلام اوچتو ئي اوچتو ڳاٽ اوچو ڪرڻ ڪِيئن لڳا.
    خود ترخانن کي سمجھه ۾ نه آيو ته ھيءُ ڪھڙو ممڻ متو ھو؟ حافظ بلال سنڌين جو ڇا لڳي، جو ھي ائين مڇرجي پيا آھن؟ ۽ ھي سانوڻ ڪير ھو، جنھن جو نالو ٺٽي کان سيوھڻ تائين ٻُرڻ لڳو ھو؟ ھنن جيڪا پاڻ شورش سوچي ھئي، سائي ھنن کان وسري ويئي. ھي مامرو ته اھڙو ھو جنھن مان ھوبه فائدو وٺي ٿي سگھيا. مرزا شاھه رخ ته ارغون اميرن سان اھي صلاحون ڪرڻ شروع ڪيون ته ھيءُ وقت ھو جو خسرو خان چرڪس بدران ھو پاڻ مرزا عبدالعليءَ جي نالي ۾ ٺٽي ۾ پنھنجو فرمان جاري ڪري، ۽ خطبي ۾ سندس نالو مرزا عبدالعليءَ جي نالي سان گڏ پڙھجي، ۽ پوءِ سيوھڻ ۽ بکر کان ڪمڪ گھرائي، پاڻ ئي حڪومت سنڀالي. شھنشاھه ھند کي سوکڙيون پاکڙيون موڪلي پنھنجي پاسي ڪري وجھي، ۽ صوبيداريءَ جو پروانو حاصل ڪري! پر ھن کي سمجھه ۾ نه ٿي آيو ته سنڌين مان ڪنھن سان ڳالھائي: ھڪڙي پاسي سما ۽ پليجا ھئا، ٻئي پاسي شورا ۽ ابڙيجا ھئا، ٽئين پاسي جوکيا ۽ سومرا ھئا: چئني طرفن کان شاھي قافلن، مغل جاگيردارن ۽ خود ارغونن جي ننڍين ننڍين زميندارين تي راتاھا لڳڻ لڳا ھئا. مغلن جا لاش ٺٽي ۾ ائين پھچي رھيا ھئا ڄڻ ته منجھن ڪا وبا ڦھلجي ويئي ھئي.....
    پھرين ته مامرو ٺٽي ۾ مدرسن جي سنڌي شاگردن شروع ڪيو، ۽ سندن ھٿيار ھو خردم! مغلن کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته راتو رات ايترا خردم سنڌين وٽ ڪٿان آيا. سندن ٻيو ھٿيار ھو باھه جا موئرا! اھي گھڻو ڪري گھوڙيسوارن تي ٿي استعمال ڪيائون. اوچتو ئي اوچتو ھڪڙي ڊگھي ڇڙ ۾ ٻڌل، تيل ۾ ٻڏل، واڻ جو موئرو، دکائي کڻي ٿي گھوڙي جي اکين ۾ ڏنائون. اھي اُماڙيون ڏسي، گھوڙا پري کان ئي ٽھڻ ٿي لڳا، ۽ پنھنجي سوارن کي ڪيرائي، منھن واءُ ڪري ٿي ويا، ۽ پوءِ ڪريل مغلن تي خردمن جو سٽڪارو ٿي ويندو ھو. ھنن جا لاش جڏھن ٺٽي پھچندا ھئا تڏھن ائين ڀانئبو ھو ڄڻ ته گھاڻي ۾ پيڙجي نڪتل ھئا.
    پائندہ بيگ اڃا رستم بيگ جي درٻار ۾ ئي ڪونه پھتو ھو ته سڄي شھر ۾ ڄڻ ته ڍنڍورو گھمي ويو ته مغل آخوند بلال کي ٻڌي ويا آھن ۽ مدرسو ڀڃي ڇڏيو اٿن. ان جو پھريون رد عمل خود پائندہ بيگ جي حويليءَ تي ٿيو. سو کن شاگرد ٻرندڙ موئرا ۽ اُماڙيون ھٿن ۾ کڻي مغلن جي حويلين ۾ پھتا. پھريدارن کي سمجھه ۾ نه آيو ته ھي ڪير ھئا ۽ ڇا ٿا گھرن. پھريان چار پھريدار ته رونشو سمجھي، ساڻن مسخري ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندا آيا، ۽ پنھنجون اکيون وڃائي ويٺا. پر شاگردن ٻي ڪنھن به حويليءَ ڏانھن نھاريو به ڪونه، ۽ سڌو پائندہ بيگ جي حويليءَ ڏانھن ڌوڪيندا ويا. اُتي وڏي چونڪي ھئي. شاگردن جي موئرن ۽ اُماڙين مان ايترو دونھون پئي نڪتو جو ڄڻ ته ڪنھن دونھين جو ڪڪر حملي آور ٿيو ھو.
    چونڪيءَ جي پھريدارن به پھرين ته ڪجھه به ڪونه سمجھيو، پر جڏھن دونھين کان اکيون پوسرڻ لڳين، تڏھن پھرين جٿي جا گھوڙيسوار اڳتي وڌيا. شاگردن ايڏي ڦڙتيءَ سان اُماڙيون گھوڙن جي اکين ۾ ڏنيون جو گھوڙن جا اڳيان سُنب آسمان ڏانھن اُڀا ٿي ويا. جيڪو مغل ڪرندو ويو، ان تي خردمن جو اھڙو وسڪارو ٿيو جو سندس چيٿون به چٿجي چيڀاٽجي ويون. مغلن کان ٻي غلطي اھا ٿي جو اندرين پھريدارن شاھي دروازو کولي شاگردن تي ھلان ڪئي. شاگردن انھيءَ ھلان جي دوران ئي حويليءَ ۾ پکڙجي ويا، جڏھن موٽيا تڏھن سڄي حويلي باھه جو مچ بڻجي چڪي ھئي، ۽ باھه جا شعلا آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا. اندران ڪنيزن، خواجه سرائن، ساقين ۽ زائفائن ۽ ٻارن جون ڪيڪون ۽ رڙيون باھه جي سرڙاٽن ۾ ملي ڄڻ ته مچ کي وڌيڪ مچائڻ لڳيون.
    ان ھڪڙي رات ۾ چوويھه حويليون سڙيون. ٻن کانسواءِ باقي سڀ وڏن درٻارين ۽ اميرن جون حويليون ھيون. ٻه حويليون انھن ارغون سردارن جون ھيون جيڪي نئين ڪوٽوال جي سفارش تي رستم بيگ جا درٻاري بڻيا ھئا. ان ھڪڙي رات ۾ ٻاونجاھه مغل خردمن جو شڪار ٿيا. ان ھڪڙي رات ۾ اٺ ساقي خانا به باھه جي نذر ٿيا، ۽ جڏھن صبح ٿيو تڏھن سموري شھر جي مٿان دونھين جو ھڪ شاھي ڪڪر ڦھليل ھو. ان ڏينھن ڪنھن ھڪڙي مغل مسجد مان ٻانگ جو آواز نه آيو! خود سنڌي مسجدن مان جڏھن ماڻھو فجر جي نماز پڙھي نڪتا، تڏھن گھڻن کي خبر ڪانه ھئي ته رات ٺٽي ۾ مغلن سان ڇا ٿيو ھو! ھنن کي سمجھه ۾ نه آيو ته ٺٽي تي ھي ڪارو ڳاڙھو ڌُنڌ ڇا جو ھو! ھو صلواتون ۽ درود پڙھندي، تڪڙا تڪڙا پنھنجي گھرن ڏانھن راھي ٿيا.
    جڏھن سج ڪني ڪڍي ته سج سان گڏ دريا مان باھه جي ھڪ وڏي مَچ به ڪني ڪڍي. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته سڄي دريا کي باھه وڪوڙي ويئي ھئي. مغل اميرن ۽ لشڪرين جون سموريون ٻيڙيون، مغل ۽ ارغون سوداگرن جا بتيلا ڀڀڙ بڻجي ويا ھئا. پتڻ جي ھڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ٻيڙيون ۽ بتيلا باھه جون ڄڀيون آسمان ڏانھن اڇلي رھيا ھئا. سِڙھن ۽ رسن کي جڏھن باھه ٿي وڪوڙيو تڏھن خوفناڪ آوازن سان سڙڪاٽ ڪري ٻيڙا ھڪڙي پاسي لڙي ٿي پيا.
    جيئن جيئن ڏينھن چڙھندو ويو، تيئن مغلن جا چچريل لاش به شھر ۾ پھچڻ لڳا: گھڻو ڪري سمورا لاش خردمن جا سَٽيل ھئا. خاص طرح ڪيپراٽيءَ وٽ ھڪڙو وڏو ڳَوڙھو، جيڪو رتائجي ويو ھو. يا وري لوڻيءَ وٽ ساڳئي قسم جو ڏينو ھو، جنھن مان رت ٽِمي ڏاڙھيءَ جي وارن ۾ وچڙي پيو ھو.
    عجيب ڳالھه اھا ھئي ته ان ڏينھن ڪنھن به سنڌيءَ پنھنجي ڪوٺي، پيڍي يا دڪان، مسافرخانو يا اُڻت جو ڪارخانو ڪونه کوليو. ڏھاڙيءَ تي روزي ڪمائڻ وارا پورھيت- رازا، واڍا، لُھر، ڪاريا، موچي، ۽ حمالي ڪرڻ وارا بارگيو- ڄڻ ته شھر ڇڏي ويا ھئا. چئن ئي پاسي ھٽتاڙ ھئي. سنڌي پنھنجي محلن اڳيان پٿلي ماري، ڪانڀون ٻڌيو ويٺا ھئا. ڪنھن به ڌارئين، اوپري ماڻھوءَ کي سلام جو جواب به ڪونه ٿي ڏنائون. ھنن ته پاڻ ۾ به ڪونه ٿي ڳالھايو.
    ٽپھريءَ تائين مغلن ۽ ارغونن ۾ به ماٺ ٿي ويئي. ساقي خانا به ڪونه کليا. چونڪين تي سپاھي ۽ لشڪري ته موجود ھئا پر اڄ ڄڻ ته کين گشت ڪرڻ جي منع ٿيل ھئي. ٽپھريءَ کان پوءِ رکي رکي اھي خبرون اچڻ لڳيون ته ايندڙ ويندڙ شاھي قافلن، سوداگرن جي قافلن تي سنڌين حملا ڪيا آھن. ۽ سمورا گھَٽ، گھيڙ ۽ لڪ بند ڪري ڇڏيا اٿن. اڳين شورش ڀيري به شورن، مغلن ۽ ارغونن کي گنجي ٽڪر وٽ راتاھا ڏيئي سندن گھٽ بند ڪري ڇڏيا. ھيٺ پليجن اَن ۽ نِير جون گاڏيون روڪي ڇڏيون. مٿي سومرن ۽ ڪلھوڙن لڪ بند ڪري ڇڏيا ھئا. مھاڻن ۽ ميربحرن مال ڍوئڻ ماڻھو کڻڻ کان نابري واري ڇڏي.
    سانجھيءَ مھل ماڻھن ۾ اھو چوٻول ڦھلجي ويو ته سانوڻ ۽ سندس ھمراھه حافظ بلال کي ڇڏائڻ لاءِ راتاھو ڏيندا! *


    17

    ڪنھن سنڌيءَ لاءِ سنڌ ڇا آھي، سو ڪنھن اھڙي سنڌيءَ کان پڇجي، جيڪو سنڌ جا وڻ ڇڏي ٻاھر نڪتو ھجي. ڏاترڏني جي چوياريءَ جڏھن سنڌ جو سرحدون اورانگھيون ته سڀ ڄڻ سراپجي ويا. ھونئن به جنھن ڳالھه لاءِ، ھنن لاھور اُسھڻ جو ارادو ڪيو ھو، تنھن کان ھو اڳي ئي ششدر ھئا: سنڌ ۾ اُٿل پٿل ھئي، ھر ھنڌ اھو چوٻول ھو ته ھيلوڪي ويڙھه آخري ويڙھه ٿيندي، ۽ مغل ڄاڻ ته سنڌ مان ٽپڙ ٻڌڻ وارا ھئا، رڳو شل ارغون ۽ ترخان ڪا ڦِڙتي نه کائين. اھڙي وقت سنڌ کي ائين وڙھندو ڇڏي نڪرڻ تي، ڏاترڏني ۽ سندس ھمراھن جون دليون پشيمانيءَ ۽ وسوسن جي ڪري جائتيون نه ھيون. ڏاترڏني کي پنھنجي دل ۾ ھڪ عجيب ٻوسٽ محسوس ٿيڻ لڳي، بلڪل ائين جئن ننڍڙي ھوندي، ھن جي امڙ، ھن کي ٿڃ ڌارائيندي، اڌ ۾ ڪنھن سانجڻ کي وڃي لڳندي ھئي، ۽ ڪجھه بک، ڪجھه ھيڪلائپ ۽ ڪجھه اَجھي آسري کسجي وڃڻ کان ٻاڪارڻ لڳندو ھو. اڄ به ھن جي دل ائين ئي ٻوھاڙ ڪري روئڻ ٿي گھريو: ھن جو ساھه منجھڻ لڳو ھو. پاڻ کي پرڀائڻ لاءِ ھن پنھنجي آس پاس نھار ڪئي. بظاھر ڪا تبديلي به ڪانه ھئي. وڻڪار ھئي، ساوڪ ھئي، ھُرلن ۽ نارن جا آواز ھئا، ڍڳي گاڏين جا چيڪٽ ھئا، وڏي ڳالھه ته ھنن جھڙن ئي انسانن جا ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ ۽ واھڻ ھئا، جتان انسانن جي خوشين ۽ غمين جا ساڳيرا چوٻول ھئا، پر تڏھن به ڄڻ ته انھن ۾ ڪا ڳالھه مڙئي گھٽ ھئي. وڻڪار ھئي، پر انھن وڻن ۾ اھا سونھن ۽ سڳنڌ نه ھئي جيڪا سنڌ جي وڻن ۾ ھئي؛ ساوڪ ھئي پر ان ساوڪ ۾ اھا ٿڌاڻ ۽ سڪون ڏيندڙ اھا ڪيفيت نه ھئي جيڪا سنڌ جي ساوڪ ۾ ھئي؛ ھرلن ۽ نارن جا آواز به ضرور ھئا، پر انھن ۾ اھو سنگيت نه ھو، جيڪو سنڌ جي نارن ۽ ھرلن ۾ ھو!
    ھن سوچيو ته ھن جي دل جي اھا حالت سنڌ جي چانئٺ ڇڏڻ ڪارڻ ھئي. پر رکي رکي ڄڻ ته سندس دل جي ڪنھن ڪنڊ اھا چغلي ٿي ھنئي ته ان سان گڏ پنھنجي سنگتي وريام جي واھر ڪرڻ جي ڳاراڻي ھن جي دل کي ويچارو ڪري وڌو ھو. اڃا به ٽينءَ ڪنڊ ۾ اھا شرمساري به ڪرُ کنيو بيٺي ھئي ته سنڌ ۾ اُٿل پٿل ھئي، ۽ ھو پنھنجي ذاتي ياري نڀائڻ ھليو ھو! جيئن جيئن ڏينھن ٿي گذريا تيئن ٿي ھن جي پشيمانيءَ ھن کي چيچلايو: ” ڏاترنا، وريام ڇا چوندو ته سنڌ کي نڌڻڪو ڇڏي منھنجي جان بچائڻ لاءِ نڪتين! يَر حيف اٿئي! “ رات جو سمھندو ھو ته اوٿارا اچڻ لڳندا ھئس ته وريام سندس پيرانديءَ کان بيٺو آھي، سندس ھٿ ۾ پنھنجي ئي وڍيل سِسي آھي، ۽ اھا سِسي چئي رھي ھئي: ” ڏاتر ڏنا، جنھن سنڌ تي پنھنجي ذاتي ياريءَ کي ترجيح ڏني، سو نه منھنجو يار ٿي ٿو سگھي نه سنڌ جو! “ ۽ انھيءَ سِسيءَ جي اکين ۾ لُڙڪ ائين ٿي وھيا، ڄڻ ته منجھن سنڌو اُٿلي پيو ھو. انھن کي روئندو ڏسي، ھو ڇرڪ ڀري اُٿي ويھندو ھو، ۽ ڪلمو ڀري، توباھون ڪندو، اچي پنھنجي گھوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجھي اوڇنگارون ڏيئي روئندو ھو. ھن جا سنگتي ساٿي ھن جي اھا حالت ڏسي کيس سمجھائيندا ھئا، آٿت ڏيندا ھئا، پر ھو تيئن وڌيڪ ٻوھاڙ ڪري روئندو ھو!
    ” ادل مونکي ڇڏي ڏيو. ھن ندوريءَ دل کي ڇا ڪريان: اصل نٿي ماٺ ٿئي. جيجل سنڌ ٿي ياد اچيم، ڀانيان ته اُڏامي ٺٽي پھچان! پر الا، وريام کي اڪيلو ڪيئن ڇڏيان! ڇا چوندو ته منھنجي سنگتين منھنجي ڪاڻ ئي ڪانه ڪڍي! “
    اُن وقت ھن کي سمورو منظر اکين اڳيان اچي ويو. جڏھن وريام انجام تي نه پھتو ته ھن کي اچي ھورا کورا لڳي. يَـرَ وريام انجام تي نه آيو: لاشڪ ڪنھن آھيءَ ۾ اچي ويو آھي. ھن جي ساٿين کيس اھي خبرون ڏنيون ته مظفر بيگ جي لشڪر شاھي قيدين کان سواءِ سمورن ترخانن کي به گرفتار ڪري ورتو ھو. مغل ھنن جي لاءِ ائين تيار ھئا، جو ھنن کي ھٿيار کڻڻ جي به مھلت ڪانه ملي. مرزا شاھه رخ البت ڪنھن طرح سان گوھي ڏيئي واپس حويليءَ ۾ ھليو ويو، ۽ مغلن کيس گھڻو ئي تھخانن ۾ ڳوليو، پر کين ھٿ نه آيو. مغلن کي حويليءَ مان ايترو مال متاع ھٿ آيو جو سندن اکيون ڦاٽي ويون. ايترو خزانو ته فقط بادشاھن وٽ ئي ھوندو آھي. ھنن کي اھا خبر ڪانه ھئي ته شاھه رخ اھو سمورو مال متاع ۽ ھٿيار پنوھار ان لاءِ گڏ ڪيا ھئا ته جيئن ترخانن جو شاھي لشڪر تيار ڪري مغلن خلاف بکر کان ٺٽي تائين بغاوتون ڪري کين ملتان، لاھور ۽ دھليءَ تائين اُماڻي اچي! مغلن جو ايترو خزانو ڏٺو، سو شاھي قيدين کان به وڌيڪ ان کي ميڙڻ ۾ لڳي ويا، ۽ جنھن کي جيڪي ڪجھه ھٿ آيو، ان سان خرزينون ڀريندو ويو. مظفر خان پنھنجي لشڪرين کان واقف ھو. جيڪڏھن کين روڪي ھا ته شاھي قيدي به وڃن ھا ته خزانو به! سو پاڻ ڳچ وقت اھا روبڪاري ڏسندو رھيو. ھن جا پنھنجا خاص ماڻھو ھن جي حصي جو خزانو خچرن تي ڀرائي روانا ٿيا، ۽ مظفر خان شاھي قيدي ساڻ ڪري نما شام جو اچي مرزا رستم بيگ جي درٻار ۾ پھتو.
    جئن جئن پاڇولا لڙندا ويا، تيئن تيئن ڏاتر ڏني جا وسوسا وڌندا ويا. ھن کي اھا ته خبر ھئي ته وريام مرزا قيصر بيگ جي حويليءَ ويو ھو، جتي ھن جي نينگرن کي ڇڏي، کيس نوريءَ کي ساڻ ڪري اچڻو ھو ته جئن سڀ گڏجي سانوڻ جي ٻيلي پھچي، نوريءَ کي سندس پيءُ جي حوالي ڪن. ڏاتر ڏني جڏھن نوريءَ کي ڏٺو ھو، تڏھن ھن ائين سمجھيو ھو ڄڻ سنڌ گھوڙي چڙھيل ھئي: ھن ۾ حسن ۽ سونھن به سنڌ جھڙي ھئي ته ھن ۾ معصوميت ۽ مظلوميت به سنڌ جھڙي ھئي. ان مظلوم سنڌ کي ڏسي، ھن کي سنڌ جون سموريون ٻاگھيون، سموريون نُوريون ۽ سموريون ماروئيون ياد اچي ويون. ھن وريام ڏانھن نھاريو: ھي وريام اھو وريام نه ھو. ھي وريام ڄڻ ته ڪنھن جادو جي اثر ھيٺ ھو: ھن کي وريام جي مُک تي ھڪ اھڙي مرڪ نظر آئي، جنھن کي ڪنھن خاص جذبي سان مشابھت ڏيئي نٿي سگھيو. عجيب مرڪ ھئي اھا، جنھن ۾ ڪا نئين ڄاڻ ھئي، نئين جوت ھئي، نئين خوشي ھئي، ۽ ڪو نئون اُتساھه ھو، ھڪ نئون پاٻوھه، ھڪ نئين پريت ھئي. ھن کي پنھنجو ھي يار ان وقت ڏاڍو وڻيو. دل چيس ته ھن کي وڌيڪ ڀاڪر پائي، کيس مٺيون ڏئي، کيس ڳراٽڙي پائي، کيس چوي ته وريام سنڌ مبارڪ ھجئي! پر ھو اھو سڀ ڪجھه ھن کي چئي نه سگھيو!
    ھو پھرين ته اڪيلي سر مرزا قيصر بيگ جي حويليءَ تي ويو، پر پوءِ جڏھن سنگتين سمجھايس تڏھن ھو وري قاسم بيگ وٽ ھليو آيو. قاسم بيگ سان جڏھن ڳالھه ڪيائين ته ھو به ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو. ھن سنڌي مغلن سان وَڙُ ڪيو ھو جو سندس پيءُ شاھي قيدي ھٿ ڪري سرخرو ٿيو ھو. پڻس کي پڪ ئي پڪ خلعت ۽ شاھي جاگير ملندي. ھو کيس ساڻ ڪري، مرزا رستم بيگ جي درٻار ۾ وٺي آيو. اُتي جوابدار کيس سڃاڻندا ھئا، تن ھڪڙي سنڌيءَ کي ساڻس ڏٺو پر کيس ڪا جھل پل ڪانه ڪيائون. ڏاتر ڏني اُتي جيڪي ڏٺو، تنھن ذري گھٽ ھن کي ڪا اڍنگي حرڪت ڪرڻ تي مجبور ڪيو. پر ھن کي وريام جا لفظ ياد آيا ۽ ھو بت بڻجي سڀڪجھه ڏسندو رھيو.
    قيصر بيگ چئي رھيو ھو: ” حضور، شھنشاھه جو بخت بلند ھجي، منھنجن پٽڙن کي ترخانن نه پر سنڌين کنيو ھو. مبارڪ جو حقدار آھي مظفر بيگ جنھن شاھي قيدي ڇڏائي ورتا آھن، پر انھيءَ ۾ به ترخان اميرن جو ڪو ھٿ ڪونه ھو: انھن کي به سنڌين ....! “
    اوچتو مظفر بيگ جو ڳرو آواز آيو: ” اھو غلط آھي: شاھي قيدين کي ترخانن ئي ڀڄايو ھو. اسانکي پڪا پختا ثبوت مليا آھن ته لال حويلي ترخانن جي ڪمين گاھه آھي، جتي مغلن خلاف سازشون پئي ٿيون. اھو ته حضور جن جو اقبال بلند ھجي، اوھانجي خابرن ۽ تاشي خان جي جاسوسن جي مھرباني آھي، ۽ منھنجي فرزند ارجمند مرزا قاسم بيگ جي ھمت آھي- شل کيس حضور جن جي قدمن ۾ عزت واري جاءِ ملي- جو اسين بروقت اتي پھتاسون ۽ شاھي قيدين کي ھٿ ڪري سگھياسون. اسانکي رڳو اھو افسوس آھي ته مرزا شاھه رخ اسانجي چنبي مان نڪري ويو. پر آخر ويندو ڪيڏانھن! حضور جن جي حڪمرانيءَ ۾ مغل شھنشاھيت جو ڪوبه دشمن گھڻو وقت پاڻ لڪائي نه سگھندو، ۽ ضرور سزا پائيندو! سنڌين کي ڏوھه ڏيڻ سراسر ناانصافي آھي! “
    مرزا قيصر بيگ جو منھن لھي ويو. ھن تاشي بيگ ڏانھن نھاريو، پر اُتي پنھنجي لاءِ ڪا ھمدردي نه ڏسي، ھن پائندہ بيگ ڏانھن ڏٺو. اُتي به پنھنجي لاءِ اٿاھه نفرت ڏسي، ھن ھڪدم پنھنجي ڳالھه بدلائي.
    ” حضور، منھنجو مطلب ھرگز اھو نه ھو ته ھن اڍنگي ڪم ۾ ڪن بدبخت ترخانن جو ھٿ ڪونھي. مون ته رڳو پٽن ۽ ڪنيز- حضور جي قدمن جي خاڪ کان ڪمتر- جي ڳالھه ٿي ڪئي ته کين سنڌين جي باغي ٽولي جي مھندار سانوڻ کنيو ھو، ۽ منھنجي ماڻھن سخت مقابلي ۽ حرفت سان کيس گرفتار ڪري منھنجي پٽن ۽ ڪنيز کي ڇڏايو. ان جو ثبوت ان بدبخت سنڌيءَ جو ھي مڙھه آھي .....! “
    اُن وقت ڏاترڏني جي نظر، قيصر بيگ جي پيرن وٽ وريام جي مڙھه تي پئي ..... ڇا ظالمن وريام کي ماري ڇڏيو آھي؟ ھن جي دل شاھدي ڏني ته ته ائين ٿي نٿي سگھيو ته وريام کي ڪجھه ٿيو ھجي، ۽ ھن جي دل اڃا جيئري ڌڙڪندي رھي ھا! پر تڏھن به ھن ائين ڀانيو ته ھن جي دل سندس پاسراٽيون ٽوڙي ٻاھر نڪرڻ تي ھئي. پر قاسم بيگ کيس ڪلھي تي ھٿ رکي، ڪو اشارو ڏنو ته ھن پاڻ کي سنڀالي ورتو.
    مرزا قيصر بيگ چئي رھيو ھو: ” حضور آءٌ مظفر بيگ کي سندس عظيم ڪاميابيءَ تي مبارڪون ٿو ڏيان، جيڪڏھن ھو منھنجي نينگرن ۽ ڪنيز کي به ھٿ ڪري ھا ته سندس مانُ اڃان ئي مٿاھون ٿئي ھا، پر خير..... آءٌ پنھنجن ڇوڪرن جي آزاديءَ جي خوشيءَ ۾، اوھان جي احسانن جي عيوض، ھي سنڌي باغي ۽ سنڌي ڪنيز اوھانجي قدمن ۾ شھنشاھه ھند لاءِ تحفي طور پيش ٿو ڪريان ته جيئن منھنجي وفاداريءَ ۾ شڪ ڪندڙن ۽ حاسدن جو ڪارو منھن ٿئي! محمود خان، سنڌي ڪنيز کي وٺي اچ ! “
    مرزا قيصر بيگ جو خاص خواجه سرا محمود خان ٿوري دير ۾ نوريءَ کي درٻار ۾ وٺي آيو. نوري جڏھن درٻار ۾ آئي ته ائين ڀانيو ڄڻ ڪنھن اُماوس جي رات ۾ بي مندائتو چوڏھينءَ جو چنڊ کڙي پيو. ھري ھري ٿي سڀ امير پنھنجي مسندن تان اُٿي بيھي رھيا.
    ” سبحان الله....! “ ” بيشڪ سموري ساراھه الله پاڪ لاءِ آھي! “ ” سموري تعريف جل شانه لاءِ آھي، جنھن ھي حسن خلقيو آھي! “ ” الله اڪبر، جنت جي حور زمين تي لھي آئي آھي! “
    ھر امير پنھنجي منھن پئي ڀڻڪيو. مرزا رستم بيگ جا ٻئي ھٿ تخت جي مٺئي ۾ کُپي ويا ھئا. ھن جي وات مان به ” سبحان الله، سبحان تنھنجي قدرت! “ جا لفظ ادا ٿيندي رھجي ويا. پوءِ ھو ھري ھري ٿي، تاشي خان سان اکيون ملائي، ھيٺ لھي آيو. نوري جي چوطرف ڦرندي، طواف ڪندي، ھو چپن ۾ ئي ڀڻڪندو رھيو. ھن جي دل ۾ ڪھرام متل ھو، جنھن جي ڏِک ڏيڻ کان ھو ڪيٻائي رھيو ھو. ھن جي دل ۾ رکي رکي اھو خيال اچي رھيو ھو ته قيصر بيگ ھي ڇا ڪيو، ھن ڀري درٻار ۾ ھن ڪنيز کي شھنشاھه ھند جي تحفي طور پيش ڪري ڇڏيو. ھي تحفو ته ھن کي پاڻ کي ملڻ گھرجي ھا! ھن وري تاشي خان ڏانھن، ڄڻ رحم طلب نظرن سان نھاريو. جيڪڏھن تاشي اھو چئي ڏئي ته ھيءَ ڪنيز شھنشاھه ھند جي لائق نه آھي ته پوءِ اميرن کان اھو قبول ڪرائڻ- ۽ خود قيصر بيگ کان- اھا آڇ ڪرائڻ ڏکيو نه ھو ته ھيءَ ڪنيز مرزا رستم بيگ کي ٿي سونھين!
    پر تاشي خان جي اکين ۾ ھن فھمائش ڏٺي، شايد ان فھمائش ۾ ھن جي بدصورتيءَ جو عڪس به شامل ھو. ھن کي پنھنجي پاڻ مان بُڇان اچڻ لڳي. ھن جي ڏائي اک ڦڙڪڻ لڳي. لَڪڻ ھن جي ھٿ جي مٺ ۾ ڀڄي پيو. لڪڻ جي ڀڄڻ سان ھن ۾ انسان بدران مغل امير موٽي آيو، جيڪو شھنشاھه ھند جي پاران ٺٽي جو عامل ھو. ھن جي اکين ۾ حسن جو عڪس سياست ۾ بدلجي ويو، ۽ ھن تقريباً رڙ ڪري چيو:
    ” بيشڪ، ھيءَ ڪنيز شھنشاھه ھند جي حرم جي لائق آھي، ۽ قيصر بيگ، توکي ھن تحفي لاءِ يقيناً شھنشاھه ھند کان وڌيڪ قيمتي سوکڙيون پاکڙيون ۽ عزتون ملنديون. تيسين اسين تنھنجي توشي خان جي عملداري بحال ڪرڻ جو حڪم صادر ڪريون ٿا! “
    ” ۽ مظفرخان، اسين توکي به مبارڪباد ٿا ڏيون ته تو شاھي قيدي ورايا آھن. اسين چاھيون ٿا ته ان سنگين جرم جي جوابدارن کي ھڪدم گرفتار ڪري اسانجي اڳيان پيش ڪيو وڃي، کڻي اھي سنڌي ھجن، ترخان ۽ ارغون امير ھجن يا مغل سردار ھجن. اسانکي قسم آھي شھنشاھه ھند جي قدم بوسيءَ جو، اسين مغل شھنشاھت جي حفاظت لاءِ پنھنجي جان ڏيندي به فخر محسوس ڪنداسون.... “
    ” ۽ مظفر خان، ھي ھڪڙي مولويءَ جي گرفتاريءَ تي جيڪي شورشون شروع ٿيون آھن، تن کي ھڪدم ٻنجو ڏنو وڃي. مغل عامل اڃا ايترا ڪمزور نه ٿيا آھن جو مدرسن جا شاگرد ان کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏين. اسين چاھيون ٿا ته شھنشاھه ھند جي رعيت کي امن ۽ سلامتي پلئه پوي ۽ ان لاءِ جيڪڏھن سمورن سنڌي مولوين کي ڦاھي چاڙھڻو پوي،، سمورن مدرسن کي ڀسم ڪرڻو پوي، سنڌ جي شھرن کي منھدم ڪرڻو پوي ته اسانجي طرفان توکي اجازت آھي! “
    ” ۽ شاھي قيدي، ھن سنڌي باغيءَ ۽ سنڌي ڪنيز سميت ھينئر جو ھينئر، خاص پھري ھيٺ حضور صاحبقران جي خدمت ۾ لاھور موڪليو وڃي، جتي سندن تقدير جو فيصلو شھنشاھه ھند پاڻ ڪندا. تاشي خان، اھڙو پروانو جاري ٿئي ۽ عرضداشت ھڪدم رواني ڪر ته جيئن اسين مملڪت جي ٻين ڪمن ڏانھن ڌيان ڏيئي سگھون! “ *


    18

    ڏاترڏنو ۽ سندس سنگتي، لاھور جي اڪبري دروازي تي، ان وقت پھتا، جڏھن سانجھي لڙي چڪي ھئي، ۽ سموري شھر تي ايترو ڌُنڌ ۽ ڪوھيڙو ڇانيل ھو، جو سندن گھوڙا به ڪنھن اڄاتي خوف کان ٽھڻ لڳا ھئا. لاھور، جنھن لاءِ ھنن ٻڌو ھو ته قومن کي غلام بڻائڻ جا سمورا اٺسٺا ھن ئي شھر ۾ ٺھندا ھئا، جتي بادشاھه غلام بڻجندا ھئا ۽ غلام بادشاھه بڻجندا ھئا. چون ٿا ته جڏھن قطب الدين ايبڪ لاھور پھتو ھو، تڏھن ھن وصيت ڪئي ھئي ته آءٌ جڏھن به مران ته مون کي ھتي دفن ڪجو ڇاڪاڻ ته لاھور جي شھر جي مفتين ۽ قاضين ھن کي اھي نسخا ڏسيا ھئا، جن کي آزمائي ھن پنھنجي طاقت کي مڃرايو ھو، ۽ انھيءَ لاھور جي شھر جي اذيت گاھن ھن جي دشمنن کي کانئس رحم جي التجا ڪرڻ تي مجبور ڪيو ھو. جڏھن به ڪنھن قوم مرڪز خلاف ڪا بغاوت ٿي ڪئي ته لاھور جي مفتين کان اھا فتوى حاصل ڪرڻ ۾، مرڪز ويرم ئي نه ڪندو ھو ته اھا بغاوت بادشاھه خلاف نه، پر دين اسلام جي خلاف بغاوت آھي: ۽ ھن جو باغي واجب القتل آھي. باغين کي سئين راھه تي آڻڻ لاءِ لاھور جا اذيت خانا به اوترائي مشھور ھئا، جيترا لاھور جا باغ باغيچا. راويءَ جي ڪناري تي ھي خوبصورت شھر پنھنجي پيٽ ۾ ايترا اذيت خانا نپائي چڪو ھو، جو ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لاھور جو نالو ٻڌڻ سان ئي ماڻھو ڪنبي ويندا ھئا. ڏاترڏني ۽ سندس سنگتين کي ھر ڪنھن اھا صلاح ڏني ته اول ته لاھور وڃڻ جو خيال لاھي ڇڏين، پر جيڪڏھن وڃڻو ئي اٿن ته ھڪ ڳالھه ڳنڍ ٻڌي ڇڏين ته اُتي ڪنھن به شخص تي اعتبار نه ڪن، ۽ خاص طرح سان مٺو ڳالھائڻ وارن، مروت ڪندڙن، ۽ اخلاق سان پيش ايندڙن تي بلڪل ڀروسو نه ڪن! انھيءَ ميٺاج جي پويان زھر، ان مروت جي پويان ڪينو ۽ ان اخلاق جي پويان ڪا سازش ھوندي!
    مغلن به لاھور انھيءَ ڪري اچي وسايو ھو، جو ھيءُ ئي شھر ھو، جتي ھر شئي ٻاھران بي انت خوبصورت ھئي پر اندران ئي اندران مغل سازشن لاءِ سڀ کان وڌيڪ سازگار ماحول ھن شھر ۾ ھو. سڀ کان وڏي ڳالھه اھا ھئي ته جن جنگين ۾ مغل لشڪري ويڙھه کان نٽائيندا ھئا، اتي لشڪرين جي اڌ پگھار تي به وڙھڻ لاءِ ماڻھو ملي ٿي سگھيا. لاھور تاريخي شھر ھو، ۽ تاريخ ۾ ھن شھر جي عجيب حيثيت ھئي. شھنشاھه ھمايون ۽ شيرشاھه سوريءَ جي لشڪرين ۾ اڪثر سپاھي ھتان جا ھئا، ۽ ڪي ته پاڻ ۾ بنھه ويجھا عزيز ھئا، ۽ دوبدو وڙھڻ وقت ھڪ ٻئي کي سڃاڻڻ جي باوجود ھڪ ٻئي جي رت جا پياسا ھئا. شير شاھه سوريءَ واري مامري ۾ بنگال ۾ جيڪو ڪوس ۽ قتل عام ٿيو، ان ۾ انھن سپاھين جي تصور سان ئي زالن جا ٻار ڪري پوندا ھئا!
    قطب الدين ايبڪ کان وٺي شھنشاھه ھند جھانگير پنھنجي سمورين جنگين لاءِ سپاھي ھتا ڀرتي ٿي ڪيا، ۽ انھن سپاھين جي شھرت ھڪ طرف ڪابل ۽ قنڌار تائين ھئي ته ٻئي طرف دکن ۽ بنگال تائين. اھي سپاھي جڏھن مال غنيمت جون خرزينون ڀري واپس ايندا ھئا، تيسين لشڪرين جا نوان نسل تيار ٿي ويندا ھئا، ۽ ائين نسل در نسل سپاھگيري ھن علائقي جو دائمي پيشو بڻجي ويو. جيڪو به مناسب قيمت ادا ڪري، ان لاءِ وڙھڻ لاءِ تيار رھندڙ نسل. جڏھن قنڌارين، ترڪن ۽ مغلن سان لھه وچڙ ۾ آيا، تڏھن ھنن ۾ سندن تھذيب جي ھڪ نئين ڳالھه شامل ٿي، سا ھئي سازش. قنڌارين ھنن کي ڀاڪر پائي، پيٽ ۾ خنجر ھڻڻ جو ڏانءُ سيکاريو. ترڪن ھنن کي بي خبريءَ ۾ پٺ ۾ خنجر ٽنبي ڏيڻ جو گُر ڏَسيو، ۽ مغلن ھنن کي شراب ۽ شربت ۾ زھر ملائڻ جا نسخا آزمائڻ جي سکيا ڏني!
    سڀيتائن جي ان سنگم لاھور کي پنھنجي الڳ سڀيتا بخشي ھئي. جيڪڏھن سپاھگيري ۽ سازش طاقت جو سرچشمو ھو ته ان جو ردعمل به اوتروئي طاقتور ھو. جيڪڏھن ھڪ پاسي سپاھي ۽ سازشي ٽولا ھئا ته ٻئي طرف عام ڪمي ڪاسبي، ڪڙمي ۽ ڪتڻ وارا ڪاريگر ھئا. صوفي بزرگ ھئا. سنتَ ساڌو ھئا. مسعود سعد سلمان ۽ داتا گنج بخش جھڙا انسان ھئا جن عام ماڻھن کي سچ ۽ سياڻپ جو ڏس ڏنو. لوڪ- ڪوي پنھنجي ڪويتائن ۾ ماڻھن کي پيار ۽ سنگيت جو سنديش ڏيندا رھيا. سپاھگيري ۽ سازش، لالچ ۽ طمع خلاف صوفي بزرگ پنھنجي خانقاھن ۾ مچَ مچايو ويٺا ھئا. پنجن دريائن جي ھيءَ ڌرتي سندن گيتن جي گونجار جي باوجود، سپاھگيري ۽ سازش جي ڪوھيڙن ۾ گھيريل ھئي.
    اڪبري دروازي جي ويجھو ئي سراءِ اڪبري لاھور جو سڀ کان وڏو مسافر خانو ھو. ان مسافر خاني ۾ مختلف ملڪن جي سوداگرن ۽ مسافرن لاءِ جدا جدا ڪوٽ ٺھيل ھئا. مختلف مسافرن لاءِ پنھنجي پنھنجي پسند جا بالا خانا، چؤبرجيون، ساقي خانا ۽ قھوہ خانا ھئا. پر سڀني ڪوٽن جا پھريدار مغل لشڪري ھئا. ڏاترڏني مسافرخاني جي مھتمم لاءِ قاسم بيگ جي چٺي آندي ھئي، ۽ ڪجھه وري مغل لشڪرين جي مُٺ گرم ڪرڻ سان، ھنن کي ترخانن جي سراءِ ۾ ترسڻ جو اجازت نامو ملي ويو. ڏاترڏني پاڻ سان پنج ساٿي آندا ھئا، جن کي اھا ھدايت مليل ھئي ته جيسين پاڻ ۾ اڪيلا نه ھجن، تيسين ھو سنڌي نه ڳالھائيندا. سندن فارسي ۾ به ترخانن واري لانڍ ھئي. سندن پوشاڪ به ترخان سوداگرن واري ھئي، ۽ وڏي ڳالھه ته ھنن پنھنجا ترخان نالا به ياد ڪري ڇڏيا ھئا. ڏاترڏني کي نالو ڏنو ھئائون طغرل بيگ. جڏھن پھريون ڀيرو ڪنھن ساٿيءَ کيس طغرل بيگ سڏيو ته ھو خود وائڙو ٿي ھيڏانھن ھوڏانھن لوڻا ھڻڻ لڳو. پوءِ جڏھن ياد آيس تڏھن خود ششدر ٿيو ۽ پوءِ کِل ۾ اونڌو ٿي ويو. ھن کي وريام جا لفظ ياد ھئا ته ادل، سنڌ لاءِ جيڪڏھن ناٽڪ ڪرڻو پوي ته اھڙو ناٽڪ ڪبو جو اصل ماڻھوءَ ۽ ويسڌاريءَ ۾ به ڪو فرق نظر نه اچي.
    گھوڙن کي ٿانيڪو ڪري، ڪوٺين ۾ سامان رکائي، منھن ھٿ ڌوئي، جڏھن سڀ ساٿي پنھنجي چؤبرجيءَ پھتا، تڏھن پھريون ڀيرو ھنن کي احساس ٿيو ته ھو جنھن مھم تي اٻھرا ٿي نڪتا ھئا، تنھن جي ڪاميابيءَ جو تِـرَ جيترو به آسرو ۽ اميد ڪانه ھئي. پھريون ته ھنن کي اھو معلوم ڪرڻو ھو ته شاھي قيدين جو قافلو پھتو يا نه. جيڪڏھن پھتو ته وريام ۽ نوريءَ کي ڪٿي رکيو اٿن. نوريءَ کي ته پڪ ئي پڪ زنانخاني نيو ھوندائون. وريام کي الائجي ڪٿي رکيو ھجين. جيڪڏھن اھا خبر پئجي به وڃي ته پوءِ ھن کي ڇڏائڻ لاءِ ھي ڇھه ڄڻا مغل شھنشاھت جي مرڪز اندر ڪھڙا ڦاڙھا ماريندا. ھروڀرو پاڻ کي ٻوھي ۾ ڏيڻ ۽ موت کي دعوت ڏيڻ سان نه وريام کي آزادي ملندي نه ئي ڪو مغل شھنشاھت کي لوڏو ايندو. جيئن جيئن ھو پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا، تيئن تيئن ھنن جا حوصلا ڊھندا پٽ پوندا ويا.
    ” يَـرَ، اٻھرائي ڪري کوھه ۾ ٽپو ته ڏنو اٿئون، پر اتان بچي نڪرڻ جو به ڪو بلو سوچيو اٿَـوَ يا نه؟ “ دوسو سمي ڄڻ ته سڀني جي دل ۾ کُکندڙ ڳالھه وڏي واڪ چئي ڏني.
    دوسو سمو انھن سمن مان ھو، جن قسم کنيو ھو ته جيسين ڌاريا سنڌ تي قابض آھن، تيسين کٽ تي نه سمھندا، ۽ سومرن وانگر وري ڪڏھن پَٽُ نه پھريندا. ھونئن به سنڌ جو سمورو ريشم ۽ پَٽُ پھرين ترخانن ۽ ھاڻي مغلن جي قبضي ۾ ھو: ڪاريگر انڪار ڪندا ھئا ته ساڻن اھڙيون عقوبتون ٿينديون ھيون، جو ڪنھن کي به انڪار ڪرڻ جي ھمت ڪانه ٿيندي ھئي. سمن ۽ ابڙن جا ڪيترا خاندان انھن عقوبتن جي ڪري ڪڇ ھليا ويا ھئا، ۽ انھن سان گڏ پاٽولي ۽ ميمڻ به پنھنجو ھنر بچائڻ لاءِ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وڃي سام وٺڻ تي مجبور ٿيا ھئا.
    ” ڀائو، ياري نڀائڻ ۽ سنڌ سان سر لڳائڻ کي جيڪڏھن کوھه ۾ ٽپو ڏيڻ ٿو سمجھين ته پوءِ اھو ٽپو ڏسي وائسي ڏنو اٿئون. ويندي ويندي به جان ويندي، سا سنگت تان گھوري، سنڌ تان گھوري! “
    ھي جواب سڀني کان ننڍڙي جوان جيون مينگھواڙ ڏنو، جنھن جي ڪٽنب موچڪو ڌنڌو ئي ڇڏي ڏنو ھو جو ترخانن ۽ مغلن جون جتيون ٺاھڻ کان ھنن بک مرڻ وڌيڪ چڱو ٿي سمجھيو. ھنن سان به گھڻيون ئي ڏاڍايون ڪيائون پر ھو نه مڙيا. گھڻا تڻا ته مارواڙ لڏي ويا. جيڪي رھيا سي گھوڙن جا سنجَ ۽ تَـلَ ٺاھي پيا گذران ڪندا ھئا.
    ” ھا، سچي، ھتي ته موچين جو دروازو به آھي. شايد اُتي ڪو ڏس پتو ملي پوي ..... “ ڏاترڏني ڳالھه بدلائڻ لاءِ چيو. ھن سوچيو ته مايوسيءَ مان ته مرڳو سڄو پنڌ ئي اجايو ٿيندو.
    ” ادا، موچي دروازي کانسواءِ ھتي ڀاٽي دروازو به آھي، جتي اسانجا ڪي واقف رھن ٿا. ڇونه انھن سان ملي ڪو بِلو ڪجي. “ ھيءَ صلاح موليڏني کتريءَ ڏني. کترين جا ڪيترا پاڙا ترخانن جي زماني ۾ لڏي ملتان ۽ لاھور وڃي ويٺا ھئا. موليڏني جي پيءُ کي مرزا باقيءَ ھاٿيءَ جي پيرن ھيٺان لتاڙائي مارايو ھو. ھن جي اڳيان ترخانن جو نالو وٺبو ھو ته بِـرُ ٿي ويندو ھو. سو جڏھن سنگت چيس ته ترخان سوداگرن جو ويسُ پائڻو آھي ته اصل ۾ پِـڙُ ڪڍي بيھي رھيو. ” نه نه، اُنھن لُچن جو لباس پائڻ به لُچائي آھي. مون کان ڪانه ٿيندي! “
    پر يارن جي منٿن ميڙن وڃي کيس راضي ڪيو. ھن جي خاص ڪرتبن ۾ اھو شامل ھو ته ھن وٽ اھڙو بارود ھوندو ھو، جنھن کي باھه ڏيڻ سان ايترو دونھون ٿيندو ھو، جو ان جو وجھه وٺي ھو دشمن جي گھيري مان نڪري ويندو ھو، ۽ ويندي ويندي ٻه چار ھمراھه به ڪيرائي ويندو ھو.
    ” ادا، واھه جي صلاح آھي. ايئن ته اسان جا ھمراھه به مغلن جي چاڪريءَ ۾ آھن. اھي داتا گنج بخش جي تُربت جي ڀرسان ڪٿي رھن ٿا. انڌن وڃي ملتان لڌو، سو پاڻ به ھنن کي ڳولھي لھنداسون. آھن کڻي مغلن جا نوڪر، پر سنڌ لاءِ وسئون ڪونه گھٽائيندا.....! “ جانو جوکئي چيو. ھن جو ڪٽنب گھوڙن رکڻ ۽ پالڻ ۾ سنڌ ھند ۾ پنھنجي نالي سان ھو. اصل ڪنھن تي اک ئي ڪانه ٻڏندي ھئن. ھنن جي مڙسالن توڙي زائفائن ۾ ڪا اھڙي ڳاالھه ھئي جو ذات گھوڙو ھنن جي ٻچڪار ٻڌي بيھي رھندو ھو ڄڻ ته ھنن گھوڙن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪجھه چئي ڏنو ھو. اھا ڳالھه جانوءَ ۾ به ھئي. مجال آھي جو گھوڙو پنھنجي سوار جي چوڻ ۾ اچي، جي جانو کيس ٻچڪار ڏيئي بيھاري ڇڏي. جيسين جانو اشارو نه ڪندو تيسين گھوڙو اڙي ھڻڻ تي ٻئي اڳيان سُنب کڻي اڀا ڪندو ۽ سوار پنھنجو ڪنڌ بچائڻ ۾ پورو ھوندو.
    ” منھنجي صلاح آھي ته پاڻ ٽي ٽي ڄڻا ٿي نڪرئون، ۽ جنھن کي جتان ڪو حال احوال ملي، سو پاڻ ۾ صلاح ڪري، ان موجب قدم کڻون. باقي ايئن رڳو ھمت ھارڻ مان نه وريام جي لاءِ ڪجھه ڪري سگھنداسون ۽ نه ڪو ٻيو ڪارج سِڌ ٿيندو، جنھن لاءِ ھت آيا آھيون.....! “ ھي ھمراھه ڪڏھن به ذات نه ٻڌائيندو ھو. پاڻ کي سڏائيندو ئي ھو جکرو سنڌي. ھونئن ذات جو ھي به سمون ھو پر چوندو ھو ته يَـرَ، فيروز سنڌ سان جيڪا ڪئي، ان کانپوءِ سمو سڏائڻ ڏاڍي اڍنگي ڳالھه آھي. مَن سنڌي سڏائڻ سان اھا اڍنگائي ڌوپجي وڃي. ننڍو نيٽو ھو ته ڪا عشق جي لپاٽ لڳي ھيس، تڏھن کان ڏاڙھي رکي جھنگ منھن ڪري نڪري ويو. پر جڏھن به سنڌ ۾ ڪا شورش ٿيندي ھئي، ته ھن کي سڀڪو وچ ۾ ڏسندو ھو. ھن جي گيدي ۾ سَرن مان ٺھيل ننڍا سڱ يا تِير ھوندا ھئا، جنھن جي منھن ۾ سئيءَ جھڙي سيخ ھوندي ھئي، ۽ ھو ڦوڪ سان سرائي وات ۾ وجھي دشمن جي اکين کي نشانو بڻائڻ ۾ اھڙو قابل ھو جو کيس ترخان توڙي مغل پري کان ڏسندا ھئا ته لنوائي ويندا ھئا. ھن سان کـؤنسڻ معنيٰ پنھنجون اکيون وڃائڻ!
    ڏاترڏنو جانو جوکئي ۽ موليڏني کي ساڻ ڪري ھڪڙي ترخان ساقي خاني ۾ ھليو آيو. باقي ھمراھه ڏس پڇائيندا داتا درٻار ھليا ويا. ڏاترڏني سنگتين کي ھوشيار ڪيو ته سنڌي ڳالھائڻ بند، ڪنھن سان جھيڙو به ڪرڻو نه ھو. رڳو اھا خبرچار لھڻي ھئي ته شاھي قيدي ڪٿي لٿا، ۽ ڪٿي رکيا اٿن.
    ھو ھڪڙي خالي مسند ڏسي اڳتي وڌيا ته ساقي خاني جي مھتم اڳيان وڌي کين منع ڪئي: ” آقا، معاف ڪجو، پر ھيءَ مسند خاص مرزا معظم بيگ لاءِ مخصوص آھي. ھن کي خاص عاليجاھه کان پروانو مليل آھي. اوھين دل ۾ نه ڪجو. ھي ٻيون مسندون خالي آھن، جتي مرضي پويوَ، اتي وھو، ۽ جنھن ساقيءَ ڏانھن آڱر کڻو، سو حاضر آھي! “
    جانوءَ ڏاترڏني ڏانھن ڏٺو. ڏاترڏني موليڏني ڏانھن ڏٺو، ۽ پوءِ ٽيئي مھتم کي پاسيرو ڪندي، مسند تي ٺھي جُڙي ويھي رھيا. وِھندي جانوءَ وڏي آواز ۾ چيو: ” معظم بيگ وري به ڪنيز جو اولاد آھي. اسين نِج ترخان آھيون. اسان جو حق ھن کان مٿاھون آھي، ۽ اسين پري کان پنڌ پيا آھيون! “ اھو سڀ ڪجھه ھن ايڏي وڏي واڪ ۽ ايتري ترخاني لانڍ سان چيو، جو ويھارو کن اکيون ھن ڏانھن کڄي چيون.
    اُن وقت ڏاترڏني ڪمربند مان ھڪڙي سوني اشرفي ڪڍي ھڪڙي ساقيءَ جي رباب جي سوراخ ۾ اھڙي انداز سان وڌي جو ان جي چمڪ سڀني کي نظر اچي. سوني اشرفيءَ جي معنيٰ ھئي ته ھي ته خود شھنشاھه ھند جا ڪي مصاحب ھئا. نه رڳو ساقي ڪورنش ۾ وڇائجي ويو، پر ڳچ ماڻھو تعظيماً اُٿي بيھي رھيا، ۽ ڇاتيءَ تي ھٿ رکي تيسين بيٺا رھيا، جيسين ھو ويھي نه رھيا. مھتمم به ککو وکو ٿي ويو. ھي جيڪڏھن شھنشاھه ھند جا مصاحب ھئا ته پوءِ معظم بيگ وڃي کڏ جي تري ۾ پوي.
    ” آقا، غلام کان خطا ٿي وئي. مون لاءِ جيڪا سزا تجويز ڪريو، سا اکين تي. پر ان جو ھڪڙو ازالو اھو ٿو ڪريان جو مون وٽ شھزادن لاءِ خاص انگوري اڄ ئي آئي آھي، اھا قبول فرمايو.....! “
    جانوءَ جوکئي اک جي اشاري سان ھن کي ايئن اجازت ڏني، ڄڻ ھن شھزادن کي به پنھنجو غلام ٿي سمجھيو. ٻه ڳڀرو ساقي بلوري صراحيءَ ۾ انگوري ۽ بلوري جام ھڪ وڏي طشت ۾ کڻي آيا جنھن جي تري ۾ ڳاڙھو مخمل وڇايل ھو، ۽ جنھن جي اولڙي انگوريءَ کي به قرمزي رنگ ڏيئي ڇڏيو ھو. جانوءَ وري به اک جي اشاري سان ساقين کي حڪم ڏنو ته انگوري جامن ۾ اوتين. جڏھن انگوري اوتي، ساقي ناز انداز سان ھٿ سيني تي رکي پوئتي ھٽي بيھي رھيا، تڏھن جانوءَ اکين ئي اکين ۾ پنھنجي ساٿين کي ڪو نياپو ڏنو ته منھنجو ساٿ ڏجو. جام ھٿ ۾ کڻي ھو ٽيئي اُٿي بيھي رھيا، ۽ جانوءَ وڏي آواز ۾ چيو: ” ھي صحت جو جام تجويز ٿو ڪريان حضور مرزا عبدالعلي لاءِ، جيڪو اڄ شھنشاھه ھند جي قيدخاني ۾ آھي. آءٌ حضور عالي مرتب شھنشاھه ھند جي خاص مصاحبن مان آھيان، پر آءٌ پھرين ترخان امير آھيان ۽ پوءِ مصاحب. مون کي قسم آھي پنھنجي بزرگن جي ڏاڙھين مبارڪن جو ته جيسين مرزا عبدالعليءَ کي عزت نه بخشي وئي، تيسين آءٌ شاھي درٻار ۾ حاضري نه ڏيندس، پوءِ کڻي منھنجي جان ھلي وڃي! “
    ايئن چئي ھن جام چپن سان لڳائي ڇڏيو. ڏاترڏني لاءِ اھو وڏو امتحان ھو. ھن ڪڏھن انگوري ڪانه پيتي ھئي. ھن جو ھٿ پئي لُڏيو. پر ھت سياست کيڏڻي ھئي، ۽ جانوءَ جي ڳالھه موٽائڻ سان سمورو ناٽڪ ڊھي پوي ھا. جانوءَ جي آواز ۾ واھه جو کڙڪو شڙڪو ھو: قداور مڙس، جابلو رنگت، ڀنڀي ڏاڙھي، ۽ گرجدار آواز.
    ڪا گھڙي سموري ساقي خاني تي ماٺ ڇانئجي ويئي، ۽ پوءِ پھرين ھوريان، پوءِ تڪڙا ساقي خاني ۾ موجود سمورا ترخان اُٿي بيٺا، ۽ جام چپن سان لڳائي وڏي واڪ چيائون، ” حضور مرزا عبدالعليءَ جي صحت ۽ ڪامرانيءَ لاءَ! “
    ۽ پوءِ ھڪڙو ھڪڙو ٿي ترخان امير ھنن جي مسند ڏي آيو، ۽ ساڻن ڀاڪر پائي مليو، ۽ کين پنھنجي مسند تي اچڻ جي دعوت ڏيندو ويو. جانوءَ جو مقصد به اھو ھو، ۽ پوءِ ھو ٽيئي ڄڻا ٽن مختلف مسندن تي ترخان اميرن سان سرگوشيون ڪرڻ ويھي رھيا!
    جڏھن ھو اُٿيا، تڏھن ھنن کي نه رڳو سموريون خبرون ملي ويون، پر ڪن ترخانن مان ان لاءِ به راضي ٿي ويا ته جيڪڏھن ضرورت پئي ته شاھي درٻار ۾ سنڌ ۾ مغلن جي ڏاڍاين جي ڳالھه شھنشاھه جي خاص خابرن جي ڪَن تي آڻيندا، ۽ پنھنجن ماڻھن جي ذريعي سنڌ جي سمورن ترخان اميرن کي نياپا سنيھا ڪندا ته وقت اچي ويو آھي ته سنڌين جي حمايت سان مغلن خلاف ڪا منظم شورش ڪري مغلن کي سنڌ مان ٽپڙ کڻڻ تي مجبور ڪن. ڏاترڏني بيماريءَ مان اٿڻ جو بھانو ڪري انگوريءَ جي آڇ کي لنوائي ڇڏيو. البت جانو ۽ موليڏني ترخان اميرن کي اھڙي موٽ ڏني، جو خود ترخان واھه واھه ڪندا رھيا. ھنن لاءِ سڀ کان ڏکيو مسئلو ھو ساقين جي ناز نخرن ۽ سندن اکين جي پيغامن کي لنوائڻ جو. ترخان تھذيب ۾ ساقيءَ جي اکين جي پيغامن کي موٽائڻ يا لنوائڻ بدذوقيءَ سان گڏ وڏي جوکم جي ڳالھه ھئي: ھڪ ته ساقي رُسي وڃن ته اُنھن کي پرچائڻ بيحد ضروري ھو، ۽ ٻيو ته ساقيءَ جو مالڪ ان کي پنھنجي بيعزتي سمجھندو ھو ته سندس ساقيءَ جي حسن ۽ ناز و انداز کي ڪو ٻيو شخص ايئن رد ڪري ڇڏي! پر ان جو علاج به جانوءَ ڳولي لڌو. ھڪڙي ساقيءَ جي ڳَل ۾ چھنڊڙي وجھندي چيو: ” جانم، ھن وقت اسين ڏاڍن ڳنڀير مملڪتي مسئلن تي پيا صلاح مشورا ڪريون: ان ڪري رزداريءَ جي تقاضا آھي ته اوھين انگوريءَ جا جام رکي ھليا وڃو. ھتان فرصت ملي ته پوءِ سڄي رات پئي آھي. “ اھي لفظ ھن ايڏي لُچائيءَ سان چيا جو ترخان اميرن کان به ٽھڪ نڪري ويو، ۽ ھنن به پنھنجي ساقين کي اکين ئي اکين ۾ ڪو اھڙو اشارو ڪيو جو ھنن ڏانھن ساقين جي تير اندازي بنھه بند ٿي وئي. ھڪڙو اڌ ڀيرو ساقي خاني جي مھتم ڳالھين ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي تڏھن به جانوءَ اھڙو رخ اختيار ڪيو ڄڻ ھن جي موجودگي رازداريءَ لاءِ ھاڃيڪار ٿي سگھي ٿي. ترخان اميرن ان جو بِلو اھو ڪيو جو کيس ڪو اھڙو ڪم ڏسي ڇڏيائون جو ڳچ وقت لاءِ مھتم به ھنن جي ويجھو نه آيو.

    ھنن کي اھا خبر پئي ته شاھي قيدي پھچي ويا آھن، ملڪهء ھند نورجھان بيگم مرزا عبدالعليءَ جي جان بخشي ڪرائڻ ۽ کيس پنھنجي امانَ ۾ رکڻ جو ذمو کنيو آھي. ان جي عيوض ھن کي ترخان سوداگرن جي ذريعي دنيا جو سڀ کان قيمتي نوَلکو ھار پيش ڪرڻ ڪرڻ جي آڇ ڪئي ويئي آھي. البت خسرو خان چرڪس جو خير ڪونه ٿو ڏسجي. ھن جي خلاف شھنشاھه جي خابرن سندس ڪَن ڀري ڇڏيا آھن ۽ شايد ھن کي جيڪڏھن موت جي سزا نه ملي تڏھن به سندس نُور کسڻ جو حڪم صادر ٿي چڪو آھي.
    سنڌي باغين جي فيصلي لاءِ مرزا رستم بيگ جي مراسلي جي روشنيءَ ۾ سڀاڻي فيصلو ٿيندو. البت سنڌي ڪنيز وارو مامرو ڪجھه منجھي پيو آھي. ملڪه ھند نورجھان بيگم نٿي چاھي ته ڪنيز شھنشاھه ھند اڳيان پيش ڪئي وڃي. ڪنيز جي حسن کي ڏسي شھنشاھه الائي ڪھڙو فيصلو ڪري وجھي. حرم سراءِ ۾ ته اھي چوٻول ھئا ته سنڌي ڪنيز لاءِ شھنشاھه جي ڪَنَ تي اھا ڳالھه وڌي ويئي آھي ته انارڪلي ڄڻ وري جئري ٿي موٽي آئي آھي، ۽ سندس حسن جنت جي حورن کان به سرس آھي. شھنشاھه ٻه ڀيرا سنڌي ڪنيز کي ڏسڻ جي خواھش جو اظھار ڪري چڪو آھي، پر نورجھان بيگم کيس ڪجھه ترسڻ تي مجبور ڪري وڌو آھي. ڪن شاھي ڪنيزن جو ته اھو به چوڻ آھي ته نورجھان بيگم سنڌي ڪنيز کي ڳجھه ڳوھه ۾ ختم ڪرائي ڇڏيندي!
    اڌ رات کان پوءِ ٽيئي ڄڻا بظاھر ٿڙندا ٿاٻڙجندا، مدھوشيءَ ۾ پنھنجي چؤبرجي پھتا. آس پاس جو جائزو وٺي ھو پنھنجي ساٿين جو انتظار ڪرڻ ويھي رھيا. جانو ڪنھن اونھي خيال ۾، مونن ۾ منھن وجھي ويھي رھيو. ڏاترڏني سمجھيو ته مايوسيءَ کان بچڻ خاطر ئي سھي، جانوءَ ايئن ڪنڌ کڻي گوڏن ۾ وڌو آھي. سو کيس ڪُلھن ۾ ٻانھن وجھندي چيائين: ” مٺا، دل نه لاھه، الله مڙئي سڻائي ڪندو. ڪونه ڪو بِلو ڪري وجھنداسون. ڏينھن شينھن آھي. حالي ته سمھي ننڊ ڪر، صبح جو اول خير، ڪا مڙئي مت اچي ويندي! “
    ڏاترڏنا، تون پاڻ سُنھن کڻي ٻڌاءِ ته توکي ننڊ ايندي اڄ رات؟ اسان جو يار ڪوٽ ۾ قابو آھي، ۽ اسين کيس ايترو ويجھو ھوندي به سمھي ننڊون ڪريون ته پوءِ حيف آھي اھڙي ياريءَ تي! “ جانوءَ شوڪارو ڀريندي چيو.
    ” ادل، ھن انگوريءَ ته ڄڻ ٽانڊاڻن جو ڪم ڪيو آھي. ھونئن ته شايد ننڊ اچي به وڃي ھا، پر انگوريءَ منھنجو اندر اُجاري ڇڏيو آھي، ۽ اکيون بند ٿو ڪريان ته وريام کي شاھي درٻار ۾ ھٿڪڙين ۽ پير ڪڙين ۾، زنجيرن ۾ جڪڙيل ٿو ڏسان. سو يار ڪجھه ڪرڻو آھي ته ھينئر ئي ڪجھه ڪريون. ڏينھن برابر شينھن آھي، پر ڏينھن سازشن کي لڪائي به ڇڏيندو آھي. ايئن نه ٿئي جو اسان کي دير ٿي وڃي! “
    موليڏني اڃا اھا ڳالھه پوري ڪئي ته دوسوءَ وارا به اچي نڪتا. ھنن جيڪي حال احوال ڏنو، تنھن تتُ به تقريباً ساڳيو ھو. البت ھو ھڪڙي ڪاميابي حاصل ڪري موٽيا ھئا. ھو اھا خبر وٺي آيا ھئا ته وريام کي ڪٿي رکيو ھئائون. اھو ڪوٽ دريا جي ڪناري تي ھڪڙي مغل عقوبت خاني جي ڀر ۾ ھو، ان جو ھڪڙو رستو اھڙو ھو، جنھن تي پھرو گھٽ ھو، ڇاڪاڻ ته ان پاسي مغل اميرن جون حويليون ھيون، ۽ ھر حويليءَ تي ھونئن ئي مغل لشڪرين جو چڱو خاصو پھرو ھوندو ھو، ۽ ڪنھن به اوپري ماڻھوءَ کي اوڏانھن وڃڻ جي ھمت ڪانه ٿيندي ھئي.
    جانو اھا ڳالھه ٻڌي اُٿي بيھي رھيو. ” پوءِ ته ان جو ھڪڙو ئي رستو آھي ته ھينئر جو ھينئر اوڏانھن ھلون. رات وڳڙي ۾ ڪنھن کي شڪ به ڪونه پوندو، ۽......... “
    ” ڀائو، ھي لاھور آھي. ٺٽو ڪونھي جو رات جو اکيون پوري به اسين پنھنجو ماڳ لھي سگھندا آھيون. ھت ھڪڙو ته اسين اڻ واقف، ٻيو ته اوندھه ۾ ٻاھر نڪرڻ جي گھَٽ کي پرکي ڪونه سگھنداسون..... “ دوسو ڪجھه چوندي چوندي ماٺ ٿي ويو.
    ڏاترڏني جي دل ته ائين ٿي چاھيو ته اُڏامي پنھنجي يار جا بند خلاص ڪرڻ لاءِ پھچي وڃي. پر ھن کي به دوسوءَ جي ڳالھه ۾ وزن نظر آيو.
    ” جانڻ، دوسو سچ ٿو چوي. اُٻھرائيءَ مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو! “ ھن جانوءَ ڏانھن نھارڻ کانسواءِ چيو.
    ” جانوءَ جي ڳالھه وڌيڪ وزنائتي آھي، ڏاترنا! ڏينھن جو شينھن جي غار ۾ داخل ٿيڻ مونکي ته ڪونه ٿو آئڙي. باقي جيڪا سنگت جي مرضي! “ موليڏني به شايد انتظار ڪرڻ نٿي گھريو.
    ” يَـرَ، منھنجي به ڳالھه ته سڄي ٻڌو، وريام کي صبح جو شاھي درٻار ۾ پيش ڪرڻو اٿن ته ضرور فجر کان به اڳي کيس اتان وٺي ويندا، ۽ اسين اسين ھٿ مھٽيندا رھجي وينداسون. ٻي ڳالھه ته اڄ رات ڌنڌ ۽ ڪوھيڙو اڳي ئي آھي. موليڏني وارو دونھون اڄ ڪنھن کي به شڪ پوڻ ڪونه ڏيندو، ھو سمجھندا ته اھو به ڌُنڌ آھي، ۽ تيسين اسين ھمراھه کي ڪڍي نڪري اينداسون....! “
    اھا ڳالھه سڀني کي وڻي. پر جيڪڏھن وريام کي ڪڍي نڪري به اچن ته پوءِ ھن کي صحيح سلامت لاھور مان ٻاھر ڪيئن ڪڍندا، ان ۾ ايترا ته سوال ھئا جو ڪنھن به اُن تي سوچڻ نٿي گھريو. وريام ھميشہ ھر مسئلي جو حل ڪڍي ويندو آھي، سو جڏھن ڪو اھڙو مونجھارو ٿيو ته پوءِ ته وريام به ساڻن ھوندو. نه ته به ويندي ويندي به جان ويندي، سو اُن تان ھنن آھَوھونئن ھونئن ئي لاھي ڇڏيو ھو.
    ” پوءِ اچو ته ھلون..... پر ادل، ھوشياري ۽ حرفت سان ھلڻو آھي. جيڪڏھن ڪابه ڀُل چُڪ ٿي، ته وريام.... “ *


    19

    سنڌوءَ تي جڏھن سج اڀرندو آھي، تڏھن سج وڌيڪ سھڻو ۽ روشن ٿي ويندو آھي. سنڌوءَ تي جڏھن سج لھندو آھي تڏھن به سج وڌيڪ سھڻو ۽ قداور ٿي پوندو آھي. سنڌوءَ جو اُفق به سنڌي ماڻھن جي دل جيان معصوم پر ڪشادو لڳندو آھي. سنڌوءَ جي شفق به ڄڻ ته سنڌي ماڻھن جي اندر جي جذبن جيان سدا حيات ۽ سدا رنگين لڳندي آھي. جڏھن سنڌو دريا جو اھو حال آھي ته سنڌو ساگر جي اُفق توڙي شفق ڪيترو نه سدا حيات ۽ پاڪيزہ ھونديون.... سندس ڊونڊي ڄڻ ته سندس ارادو پروڙي ھوريان ھوريان ٽلڪندي، اچي پتڻ سان لڳي! پتڻ تي پھچي، وات تي ٻُڪ جھلي، تماچيءَ اھڙو آواز ڪڍيو، جھڙو بوڙينڊي مان نڪرندو آھي، پر ان سينڍ ۾ ڪنھن ڪونج جي پنھنجي ولر کي پڪارڻ واري ڪوڪار به ھئي. ھن جي سينڍ اڃا پوري ئي ڪانه ٿي ته ڪچي مان اھڙيون ساڳيون ڪوڪارون چئني طرفن کان ھڪ آواز ٿي ھن کي موٽ ڏئي ويون.
    تماچيءَ جي چپن تي مرڪ اچي وئي: سڀ ھمراھه پھري سجاڳ آھن، ۽ ڀانئجي ٿو ته مغلن وري ھيڏانھن رخ نه ڪيو آھي، ۽ پوءِ ھن کي چاچو گُھرام ياد اچي ويو، ۽ ھن کي سانوڻ ۽ سندس سنگتي ياد اچي ويا.....
    ھن جو ڪٽنب صدين کان مانجھندن واري پتڻ جو پاتڻي ھو. ھن جي وڏن سنڌوءَ جي پاڻيءَ سان وچن ڪيو ھو ته ھو جيئندا به سنڌوءَ لاءِ ته مرندا به سنڌوءَ لاءِ. سڪندر جي وقت کان ھو دريا جي ٻنھي ڪنڌين جا راکي ھئا. ھن جي ڪنھن تَـڙَ پَـڙَ تَـڙَ ڏاڏي جڏھن سڪندر جي لشڪرين جا غوراب لھوارا ايندا ڏٺا ھئا، تڏھن پنھنجي بنھه ننڍڙين مَڪڙين ۽ ڊونڊين ۾، مانگر جي تيل جا شاھي موئرا ٻاري، لُڌڙي وانگر انھن مڪڙين ھيٺان، تڙڳندو، کين ڌِڪيندو غورابن جي وچ ۾ پھچائي آيو. رات جي پوئين پھر، دريا جي وچ سِير ۾ باھين کي ائين پاڻ ڏانھن سُرندو ڏسي، يوناين کي پڪ ٿي ويئي ته ھي پڪ ڪو جنن ڀوتن جو ديس آھي، جنھن جا ماڻھو ته ماڻھو، پر جن ڀوت به پنھنجي ديس جي ڌرتيءَ ۽ دريا کي ڌارين کان بچائڻ ڪاڻ راتيون جاڳي پھرو ڏيندا ٿا رھن. خبر تڏھن پين جڏھن باھه جا اھي سُرندڙ مچ سندن غورابن سان اچي لڳا، ۽ سندن ڏسندي ڏسندي اُھي باھه جو بک ٿيڻ لڳا. ھيءَ باھه به عجيب ھئي جو جيئن ٿي ان کي پاڻي مليو، تيئن اھا وڌيڪ ٿي ڀڙڪي اُٿي. حالت اھا ٿي جو يوناين کي پنھنجي غورابن مان دريا ۾ ٽپي پنھنجي جان بچائڻي پئي. جڏھن غورابن جا سِڙھه سڙڻ لڳا، تڏھن ھنن کي اروڙ جي سِرائين جا اھي لفظ ياد آيا ته جيسين ھڪڙو به سنڌي جيئرو آھي، تيسين سنڌوءَ جا ٻيئي ڪنارا يونانين لاءِ دوزخ جا آڙاھه بڻيل رھندا. اروڙ جي ماڻھن جو اھو پاراتو اڄ ھو اکئين ڏسي رھيا ھئا.
    ۽ پوءِ جڏھن به ڌارين سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۽ سنڌوءَ جي پيٽ کي سنڌ کي غلام بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو تڏھن سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنڌين تي رھندڙ پاتڻين، مھاڻن ۽ ميربحرن ھنن جي غورابن، جھازن ۽ ٻيڙين کي ساڙي ڀسم ڪري سنڌو ساگر جي حوالي ٿي ڪيو. جڏھن به سنڌ آزادي ۽ ڇوٽڪاري جو ساھه ٿي کنيو، تڏھن سنڌوءَ جي ھنج ۾ سڙھه سنوان ۽ لاڄو نوان ٽلڪندا رھيا، ۽ ٻيڙيون ۽ ٻيڙياتا سنڌوءَ کي اروڙ کان ديبل تائين وڻج واپار جي شاھراھه بڻائي، سنڌ کي سون جون سوغاتون ڏيندا رھيا. پر جڏھن به سنڌ غلام ٿي، ته سنڌوءَ جو پيٽ پاڻيءَ سان پُر ھوندي به سڃو ۽ سکڻو ٿي پوندو ھو. ڌارين کي پار اُڪارڻ کان پاتڻي بس ڪري ويھي رھندا ھئا. ٻيڙياتا ٻيڙا ساڙي ڇڏيندا ھئا ته متان دشمن جا ماڻھو يا مال ڍوئڻو پوي!
    تنھن رات سندس چاچو گُھرام پتڻ جا ٻه پُور اُڪاري جڏھن گھر آيو، تڏھن اصل ھٿن مان پيو وڃي. سندس منھن مشعل وانگر پئي ٻريو. سندس ڇاتيءَ سنڌوءَ جيان پئي ڇوليون کاڌيون. ھن چاچي گھرام کي اھڙي پور ۾ ڪڏھن ڪونه ڏٺو ھو. ھو ته اھڙو ماڻھو ھو جنھن جا سمورا جذبا ۽ احساس سندس منھن جي گھنجن ۾ پنڊ پھڻ ٿي ويا ھئا.
    ” چاچا خير ته آھي. اڄ ڏاڍو موج ۾ ٿو ڏسجين. پتڻ تان پيو اچين يا ڪنھن ڪلاڙڪي ھَٽ تان! ؟ “ ھن کلي کيس کيڪاريو.
    ” اَبل، اصل ڳالھه ئي نه پُڇ. ائين سمجھه ته ته ڪو نئون مَڌُ پي آيو آھيان..... “چاچي گھرام سھڪندي چيو.
    ” پَـرَ به ڳالھه جي ڦوري کي ڦولھه ته سھي ته اھو وري ڪھڙو نئون مَـڌُ آھي جو اصل وٺ ئي ڪونه پيو ڏين ....؟ “ ھاڻ ھن کي به اچي ھورا کورا لڳي. ” متان ٻيڙيءَ ۾ ڪا وينگس ته ڪونه وھاري آيو آھين؟ “ ھن چرچي مان چيو.
    ” نه ڙي بابل..... آءٌ ھن عمر ۾ ڪھڙي وينگس وھاريندس.... پر ڳالھه ئي اھڙي آھي جو.... “
    ” چاچا، ھاڻ ڳجھارتون نه ڏي؛ ڪجھه انت ڏي نه ته پاڻ ڪونه ٺھنداسون.... “ تماچيءَ ڪُوڙيءَ ڪاوڙ ۾ چيو.
    گھرامُ مانجھندن واري پتڻ جي پاتڻي ھجڻ سان گڏ تَـر جو ڏاڍو مڙس ھو. ھن کان ھر ڪو ڪَن ھڻندو ھو. تماچي جڏھن کان ساڃھه ڀريو ٿيو ھو تڏھن کان ھو پنھنجي چاچي گھرام جي ڏنگائيءَ جون ڳالھيون ٻڌندو آيو ھو. ھن کي عجب اھو ٿيندو ھو ته جڏھن گھرام گھر ايندو ھو، ۽ ھو ڊوڙي سندس ڊڍيءَ تي چڙھي ويندو ھو تڏھن ھو ايترو ڪونئرو ۽ مِٺو ھوندو ھو جو گھڙيءَ لاءِ ھن کي به اھي ڳالھيون وِسري وينديون ھيون جيڪي ھن جا جيڏا ۽ سنگتي راند روند ڪندي ھن کي چاچي گھرام بابت ٻڌائيندا ھئا. ڊڄي ڊڄي چوندا ھئا ته ” متان کيس اھو ٻڌائين ته اسان توکي اھي ڳالھيون ٻڌايون آھن. “ پوءِ جڏھن ھو گھر ايندو ھو تڏھن ھن کي سموريون ڳالھيون دل تان لھي وينديون ھيون ۽ ڊوڙي وڃي کيس ٻَک وجھندو ھو. ھن کيس سدائين ايترو پيار ۽ پاٻوھه ڏنو ھو، جو ھن کي سمجھه ۾ ڪين ايندو ھو ته ھن جا ساٿي ھن لاءِ ايترو ڊيڄوڙي ۾ ڇو ورتل ھئا، جو کيس پريان ايندو ڏسندا ھئا ته ٽڙي پکڙي ويندا ھئا.
    پوءِ جيئن تيئن ھن کي ساڃھه ايندي ويئي، تيئن تيئن چاچي گھرام جو اسرار ھن تي کُلندو ويو. ھڪڙي ھڪڙي ڪري ھن کي ھو پنھنجون ڳالھيون ٻڌائيندو رھيو. جڏھن کيس شاھه تارُو بڻائڻ لاءِ دريا جي سِير ۾ وٺي ٽٻيون کارائيندو ھو، تڏھن ھن کيس ٻڌايو ته ڪنھن زماني ۾ جڏھن دريا ۾ ترڻ جي گوءِ ٿيندي ھئي، تڏھن ھو ۽ تماچيءَ جو پيءُ شيرل، سڀني کان گوءِ کڻي ويندا ھئا. جڏھن کيس ونجھه ھڻڻ، ۽ ٻيڙي ھلائڻ سيکاريائين، تڏھن کيس ٻڌايائين ته ” ادو ۽ آءٌ ٻيڙين جي گوءِ ۾ ھميشہ سڀني ھمراھن کان گوءِ کڻي ويندا ھئاسون! “
    ۽ پوءِ جڏھن کيس ٻيا ھُنر سيکارڻ سان گڏ، ٻنھي ھٿن ۾ ٻه ڪُھاڙيون جھلڻ ۽ ھڻڻ سيکاريائين، تڏھن شوڪارو ڀري چيائين: ” ڪھاڙيءَ ۾ ادو مونکان ٻه رتيون ڪسر ھو. ھڪڙو ھٿ پويان ٻڌي، ھڪڙي ئي ھٿ ۾ ڪُھاڙيءَ سان ھو مونکي ٻنھي ھٿن ۾ ڪھاڙيون ھوندي به ماري ويندو ھو.....! “ ۽ پوءِ ان ڏينھن کيس ھن جيڪي ٻڌايو، تنھن تماچيءَ جو سُک ڦٽائي وڌو، ۽ ھو ھڪ نئون تماچي بڻجي ويو.
    ” تماچي، تون سنڌ جي انھيءَ سدا ملوڪ سورھيه شيرل جو نينگر آھين، جنھن، جيسين جيئرو ھو، تيسين ڪنھن ڌارئين کي سنڌوءَ جو پتڻ اُڪرڻ نه ڏنو، ۽ نه وري ڪنھن دشمن جي ٻيڙيءَ کي ھتان لھڻ ڏنائين.... “
    ” تون اڃا ڄائو ھئين.... ارغونن سنڌ کي تاراج ڪري ڇڏيو ھو. مرزا باقيءَ جو زمانو ھجي.... ادي جن مانجھندن کان مٿي ڪنھن ارغون ٻيڙي کي مَٽڻ نٿي ڏنو. آءٌ تن ڏينھين جبل ويل ھوس. مرزا باقيءَ فرنگين کان ٻه غوراب اُڌاري، شاھي سوکڙيون ملتان موڪلڻ لاءِ، ٺٽي کان مٿي چاڙھيون. ٻنھي غورابن ۾ سوين ارغون ۽ ترخان لشڪري ھئا. تنھن کان سواءِ ننڍيون وڏيون ٻيڙيون به ويھارو کن ھيون، تن ڏينھين سنڌ ۾ مرزا باقيءَ خلاف سنڌين شورش ڪئي، ۽ ادي جن کي نياپو مليو ته اھي ٻيڙيون ۽ غوراب مَٽي ويا ته ملتان مان ارغونن لاءِ ڪُمڪ اچي لھندي، ۽ سنڌ جا بند، جيڪي ٽُٽڻ تي ھئا، سي وري ڳٽ بڻجي ويندا..... “
    تماچيءَ ان وقت پنھنجي ھن ڪونئري ۽ مٺي چاچي جي اکين ۾ جيڪا روءِ ڏٺي، تنھن ھن کي پھريون ڀيرو پنھنجي جيڏن ۽ سنگتين جي ڳالھين جي سَچَ جي جھلڪ ڏيکاري ڇڏي. انھن اکين ۾ ڪو اھڙو مچ متل ھو، جو ڄڻ ته ھن جي ساري وجود کي ساڙي رھيو ھو، ۽ ھو مڇيءَ جي ڇلرن وانگر باھه جي تَـوَ کان اُڀامي پيو ھو.
    ” ..... ادي جن وارا ڪُل ئي ٻارنھن ھمراھه ھئا. وٽن ٽي ٻيڙيون ھيون، سي به پراڻيون، گٺل پيٺل، ۽ ٽڙڪيل. پر واھه ڙي ادا واھه، واھه ڙي تنھنجي سورھيائي..... مرزا باقيءَ جي غورابن سان ۽ ٻيڙين سان ھنن اھا ڪار ڪئي، جيڪا اسان جي وڏڙن سڪندر جي ٻيڙي سان ڪئي. مانگرن جي تيل مان شاھي موئرا ۽ اُماڙيون ٺاھي، ھو پنھنجيون ٻيڙيون تاري مرزا باقيءَ جي ٻيڙي جي وچ ۾ لھي پيا..... جڏھن ارغونن جي ٻيڙين ۽ غورابن جا سِڙھه سڙيا، تڏھن ادي جن انھن ۾ چڙھي پيا. ادي جي ٻنھي ھٿن ۾ ڪھاڙيون ھجن، ۽ ارغونن جا ڪنڌ! ذات ارغون ڪونه بچيو..... ادي جن جي ھمراھن مان چار ڄڻا مارجي ويا، ۽ ٽي ڄڻا ڌڪجي پيا. ٻيو مڙئي ٿيو خير..... پوءِ ته جيڪي جشن ٿيا..... ٺٽي مان، سيوھڻ کان، نيرون ڪوٽ مان، ويندي اروڙ ۽ روھڙيءَ مان ماڻھو اھي سڙيل غوراب ڏسڻ آيا ۽ جشن ۾ شريڪ ٿيا.....! “
    پوءِ ھن ڏٺو ته چاچو گھرام ڳالھه ڪندي ڪندي ڄڻ ڪومائجي ويو. ھن جي منھن مان رت ست ئي نڪري ويو..... ۽ ٿڌو شوڪارو ڀري چيائين، ” پوءِ جڏھن ارغونن جا سوٽ ماسات مغل سندن واھرو ٿي آيا، ۽ سنڌ جي ويڙھه ھارائيسون، تڏھن ارغونن ۽ مغلن گڏجي ادي جن تي راتاھو ڏنو. انھيءَ ساڳئي پتڻ کان سڏ پنڌ تي، ڪارڙي ٽَڪر واري مقام وٽ اسانجا واھڻ ھئا. گھڻو تڻو سڀ ڪکانوان چئونرا ھئا. مغلن مان ھڪڙا چئونرن کي باھه ڏيئي، چوڌاري گھيرو ڪري بيھي رھيا؛ جيڪو ڏانھن ٿي ڀڳو آيو، تنھن کي تيرن سان ٿي ڪيرايائون. زالون ۽ ٻارڙا باھه کان بچي پتڻ ڏي ڀڳا ته ارغونن جا جٿا سندن پويان پيا..... دريا ۾ ٽپڻ کان سواءِ ٻي واٽ ئي ڪانه بچي ھئن، سي وڃي سنڌوءَ جي ھنج ڀيڙا ٿيا..... سڄي رات ويڙھه ھلندي رھي..... چون ٿا ته ادي وارن کي جيڪڏھن ويھارو کن واھرو پھچن ھا ته مغلن ۽ ارغونن کي وري ٺٽي جو منھن ڏسڻ نصيب نه ٿئي ھا..... پر پوءِ قادر جي قدرت اڳيان بندي جو ڪھڙو اختيار..... ھڪڙو ھڪڙو ٿي ڪرندا ويا.... “
    پوءِ ھن پھريون ڀيرو پنھنجي اڙٻنگ چاچي کي سڏڪو ڀريندي روئندي ڏٺو..... ” ڀلا ڙي گھرام، تنھنجو ڪونڌر ڀاءُ ۽ ڪُوپا سنگتي ايئن قتلام ٿي ويا، ۽ تون جبل تي الوليون ڪندي وتئين! حيف آھي اھڙي جيئڻ تي! “
    پر سندس چاچو گھرام، اھو گھرام نه رھيو جنھن جي سموري جبل ۾ ھاڪ ھئي ته عشق ڪري ته ڀلي گھرام ڪري. ھن آڏو جبل به جالي نه سگھيو. سو ساڳيو مٺو ماڻھو ڪڙو زھر ٿي پيو. پنھنجي ٽولي ٺاھي، جتي ڪو ارغون ترخان يا مغل ڏٺائين، يا سنڌين مان ڪنھن مغل يا ارغون جي دلالي ڪندڙ کي ڏٺائين، تنھن جو سڄو لڱ نه ڇڏيائين. ڪو راتاھو ڏيئي وري جبل ھليو ويندو ھو. جڏھن شورشون ماٺيون ٿي ويون، تڏھن به ھو ڪين مُڙيو. ارغون اھڙا عاجز ٿيا، جو لڪيءَ ۽ سَن جي سيدن کي وچ ۾ وڌائون. انھن کي به جواب ڏنائين: ” مرشد، جيسين ارغون ۽ مغل سنڌ جي ڌرتيءَ تي موجود آھن، تيسين منھنجي ساڻن ويڙھاند جاري رھندي. پوءِ کڻي اڪيلو سِر رھجي وڃان! “
    ” پر، بابا اھا ويڙھاند پنھنجن جي ئي خلاف ٿي وڙھي. ارغونن پتڻ جھلي ڇڏيا آھن. ڪچي ۾ ٻنھي پاسن تي ماڻھن کي لڏائڻ لڳا آھن. مڇي جھلڻ تي پابندي وجھي ڇڏي اٿن. ڀلاوڻن کي مال خريدڻ تي موچڙي مار لڳي پئي آھي. آخر اُھي به ته سڀ سنڌين جو نقصان آھي! “
    گھُرام جي دل چيو ته چئي ڏي ته ” سائين، اوھان کي سنڌين جو ايڏو سُور ڪونھي، جيڏو پنھنجي جاگيرن ڦرجڻ جو اونو آھي! “ پَـرَ مُڙي ويو. البت ھوڏ مان مرشد جي منھن ۾ شُوڪي نھاريندو رھيو.
    ” تون سمجھين ٿو ته اسين ڪو مغلن ۽ ارغونن جي سفارش ڪرڻ آيا آھيون ته ڀُليو آھين. پر ھر ڳالھه جو وقت ھوندو آھي، گھرام! ھن وقت سنڌي ٽڙي پکڙي ويا آھن. منجھن ڪو گڏجي وري مغلن يا ارغونن سان مُھاڏو اٽڪائڻ جو اٺسٺو به ڪونھي. جيڪڏھن ايئن بدامني ۽ ڏڦير رھيو ته ارغون اسان کي پاڻ ۾ ويڙھائيندا رھندا، ننڍا ننڍا محاذ کوليندا، اسان کي ڇڙوڇڙ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. ڪجھه وقت سانھه ستيءَ سان گذرڻ ڏي ته سمورا سنڌي وري پنھنجن پيرن تي بيھڻ جھڙا ٿين. پوءِ وري به....! ھڪڙي سيد سڳوري کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ” سائين، اُھي سياست جون ڳالھيون منھنجي سمجھه کان ٻاھر آھن. مون کي رڳو اھا خبر آھي ته ارغون سنڌ کي ڄؤرن وانگر چنبڙيا پيا آھن. سنڌ جو رت چوسي ٿُلھا ٿنڀرا ۽ متارا ٿيندا وڃن. انھن کي سنڌ جي سرير تان روڙي ڪڍڻو آھي ته ھڪڙو ھڪڙو سِنڌي پنھنجي ليکي جيسين ساڻن نه وڙھندو، تيسين ڇوٽڪارو ڪونه ملندو! “ ھن اُٿندي چيو. ھن لاءِ ھيءَ ميڙ بي معنيٰ ھئي. ھيءَ منٿ بي اثر ھئي. ھن کي سنڌ جي ميڙ ۽ منٿ دل ۾ وَڍَ وجھي ڇڏيا ھئا. ھن کي پنھنجو ڪونڌر ڀاءُ ۽ ڪُوپا سنگتي ڇاتيءَ تي چڙھيل ٿي ڀانيا، جيڪي ارغونن ۽ مغلن جي تِيرن ۽ سنگينن جو بَک ٿيا ھئا.
    ” ڀلا يار اسان جي ميڙَ نٿو مڃين ته ھن ابھم جو به ته سوچ جيڪو ڀاڻھين جي اڪيلي نشاني وڃي بچيو آھي. تون پنھنجي ويڙھاند ۾ پورو آھين، ۽ ھي معصوم ايئن بي آسري لُڌڙن جي زندگي پيو گھاري. ھيءُ سمورو نسل، جيڪو يتيم ٿي ويو آھي، انھيءَ کي به ته ويڙھاند جي لائق بڻائڻ جو ڪو سوچيو اٿئي.....! “
    ھو جيئن اُٿيو ھو تيئن ئي اُمالڪ ويھي رھيو. ھن تماچيءَ ڏانھن ايئن نھاريو، ڄڻ کيس پھريون ڀيرو ڏٺو ھئائين. تماچيءَ جي ان معصوم مُک ۾ ھن کي پنھنجو ڀاءُ، ٻنھي ھٿن ۾ ڪھاڙيون کڻي وڙھندو جھيڙيندو نظر آيو. ۽ پوءِ ھن کڻي تماچيءَ کي ھنج ۾ کنيو. کيس پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين:
    ” انھيءَ مھڻي ماري وڌو، سائين! مون آڻ مڃي. مون رڳو پاڻ لاءِ پئي سوچيو. مون رڳو پنھنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي باھه کي ٿڌو ڪرڻ جا پئي جتن ڪيا. پر سنڌ ته ھن تماچيءَ جي آھي. ھي نسل سنڌ جو آئيندو آھي. اسين ته ويڙھاند ۾ ارغونن کان مار کائي، پنھنجا گھاوَ ويٺا سيڪيون. پر جي ھي نه وڙھيا ته پوءِ.....! “ ھو ڄڻ پنھنجي پاڻ سان ڳالھائي رھيو ھو.
    مرشدن کي وَچن ڏيئي ھو پتڻ تي موٽي آيو. جبل وڃڻ به ڇڏي ڏنائين. گھڻئي نياپا سنيھا آيس. پر ھو وري جبل نه ويو. ھو تماچيءَ ۽ سندس جيڏن جو اُستاد بڻجي ويو. ھو ڪنھن سان به ڪين ڳالھائيندو ھو. ماڻھو سندس ويجھو اچڻ کان به ڪيٻائيندا ھئا. ھو به ڪنھن کي به ويجھو ڪونه پوندو ھو. رڳو ھا، ھون ڪري پنھنجي ڪم سان ڪم، پتڻ کان گھر، گھر کان آکاڙو، آکاڙي کان وري گھر. ايئن سال گذري ويا، ۽ تماچي ۽ سندس جيڏن سنگتين ھن نئين گھرام جي ماٺ مان اھو ڪجھه پِرايو، جيڪو ھوند ھو ڪنھن مدرسي مان به ڪونه پِرائين ھا. ھن کين نه رڳو وڙھڻ سيکاريو، پر کين اھا مَت موٽائي ڏني، جيڪا سنڌين کي پيڙھيءَ کان پيڙھيءَ تائين رت جي ڳاڙھن جزن ۾ شامل ٿي ملندي آھي.....
    ” چاچا، پڪ ئي پڪ، تون ڪنھن نئين پِريت جو پنڌ ڏسي آيو آھين....! “ تماچيءَ وري چرچو ڪندي چيو.
    ” نه ڙي بابل، ھيءُ ته پراڻي پِريت جو پنڌ آھي، جتي ھاڻ توکي به مون سان گڏ ھلڻو آھي.....“ گھرام جي اکين جا مچ ڪجھه ماٺا ٿيندا نظر آيا. تماچيءَ جي دل به ڪنھن اڄاتي جذبي کان وڌيڪ تکي ڌڙڪڻ لڳي.
    ” ٻڌ، سانوڻ وارن جو نياپو پھتو آھي ته فيصلي جو وقت اچي ويو آھي! اڄ رات اُنڙن واري ڍوري ۾ سمورن راڄن جا ماڻھو اچڻا آھن. اسان کي به ڪوٺ ڏني اٿن..... تماچي، ٻڌين ٿو، سنڌ وري اُٿل کائڻ واري آھي.....! “
    تماچيءَ سانوڻ وارن جون رڳو ڳالھيون ٻڌيون ھيون. اھڙن سورھين جون رڳو ڳالھيون ته ڳائبيون آھن. ھو ماڻھو نه پر ڏند- ڪٿائون بڻجي ويندا آھن، اھڙيون ڏند ڪٿائون جنھن کان سواءِ ڪابه ڪچھري رِھاڻ ۾ نه بدلبي آھي.
    تماچي ۽ سندس سنگتي ساٿي جڏھن گھرام سان گڏجي اُنڙن واري ڍوري ۾ پھتا، تڏھن سانجھي اچي ٿي ھئي. ھر راڄ مان ڏھاڪو ھمراھه آيا ھئا. سڀ پاڻ ۾ ايئن ٿي مليا ڄڻ ته ھو صدين کان ھڪ ٻئي کي سڃاڻندا ھئا. ايئن ٿي حُب ۽ قرب سان مليا ڄڻ ته ويجھا مائٽ ھئا. ھنن جي مائٽي سنڌ جي ناتي جي ڪري ايتري مانائتي ھئي جو ھتي ذات پات ۽ رت جي رشتن کي ڪا اھميت ڪانه ھئي. ھي ته سِر جو سڏ ھو، سسيءَ جو سودو، ڪَنڌن جو ڪاروبار ھو: ھتي ڪير ٿو ذات پڇي، ڪير ٿو قبيلي جي ڳالھه ڪري. ھي سما، ھي سومرا، ھي اُنڙ ھي ابڙا، ھي شورا ھي سھتا، ھي مُھاڻا ھي ميربحر، ھي جوڻيجا ھي پليجا، ھي ميمڻ ھي ڪوري، ھي سوڍا ھي مينڌرا، ھي راڻا ھي راجپوت، ھي نانگا ھي مھيسر، ھي لاکا ھي لھاڻا، ھي جت ھي جاڙيجا، ھي سرائي ھي ڪلھوڙا، ھي کتري ھي مھتا، ھي ڪاريا ھي مينگھواڙ، ھي چنا ھي چنڊ، ھي سورج ونشي ھي چندر ونشي، ھي سيد ھي سادات، ھي قاضي ھي عرب، ھي انصاري ھي قريشي، ھي شيخ ھي شيدي، ھي مسلمان، ھي ھندو، ھي ٻڌ، ھي جين- ھي سڀ ھڪڙي ڪڙم قبيلي جا مِٽ ھئا. سنڌ جي مٽيءَ ۽ سنڌوءَ جي پاڻي جي اڪيلي واحد رشتي ۾ سڀ رنگ، نسل، ڀيد ڀاوَ وساري، فقط سنڌي ھجڻ جي ناتي ۽ نالي ۾ نھال ھئا. جيڏو سنڌ جو نانءُ ھو، جيڏو سنڌوءَ جو مانُ ھو، اوڏو ئي سنڌي ھجڻ جو ناتو رشتو مھان ھو.
    پوءِ تماچيءَ ھڪ نظر سنڌ جي ھنن پانڌيئڙن تي وڌي. مشعلن جي روشنيءَ ۾ سندن روءِ سنڌ جي مٽيءَ جھڙي مڻيادار ھئي. انھن ۾ پيرسن به ھئا ته ڳڀرو جوان به ھئا: سنوان نڪ، سيبتا مُک، چاپئيون ڏاڙھيون، ويڪريون ڇاتيون، اڏول جسم، اُڀامندڙ جذبا کڻي ھي سڀ ھت سنڌ جي سنيھي کي مانُ ڏيڻ آيا ھئا.
    گھرام ھن کي سانوڻ سان ملڻ وٺي آيو. سانوڻَ گھرام کي ڏٺو ته کيس ٻَکين پئجي ويو. ڪا دير کيس ڀاڪر ۾ ڀري بيٺو رھيو، ڄڻ ھن کيس پاڻ کان جدا ڪرڻ نٿي گھريو.
    ” گھرامَ، ايئن ياريون نڀائبيون آھن. ايئن وساربو آھي.....؟ “ سانوڻ ڏوراپو ڏيندي چيو.
    ” سانوڻ، آءٌ تنھنجو مَياري آھيان. آءٌ به پنھنجي پَـر ۾ توکي سانڍيندو اچان..... ھان، ھن سان مِل. ھي ادي شيرل جو نينگر تماچي آھي! “ گھرام تماچيءَ کي اڳيان ڪندي چيو.
    سانوڻ ڪا گھڙي تماچيءَ کي ڏسندو رھيو. پوءِ سندس اکين ڪو اھڃاڻ سڃاڻي کڻي کيس ڀاڪر ۾ وڌائين.
    ” آءٌ به چوان ته ھي جوان ڪنھن جي پيو ياد ڏيارينم! مٺا، تنھنجي ته شڪل به ھوبھو شيرل جھڙي آھي....! “ سانوڻ پاٻوھه مان چيو.
    ” اٿس رڳوشڪل ادي شيرل واري، باقي ٻيو مڙئي خير سمجھه! “ گھرام منھن ٻئي پاسي ڪندي چيو.
    ” نه ڙي گھرام، اھو ٿي نٿو سگھي. شيرل جو نينگر تنھنجو منھنجو ڀائيٽو ٿيو، سو ايئن پاڻ کي به ته لائون نه ڪر! “ سانوڻ کِلندي چيو.
    سانوڻ ڳچ وقت تماچي ۽ سندس سنگتين کان خبرون چارون وٺندو رھيو. دريا جي ٻنھي ڪنڌين تي ھُن جي ھمراھن جيڪي مورچا ٺاھيا ھئا، دريا جي پيٽ ۾ جيڪي ڪُن سنڀاليا ھئا، تن جون ڳالھيون ٻڌي سانوڻ کي ڪا حيرت ڪانه ٿي. آخر به ته تماچي شيرل جو پُٽ ھو، جنھن سنڌوءَ کي ارغونن ۽ مغلن جي ٻَيڙن جو قبرستان بڻائي ڇڏيو ھو.
    ” تماچي، ھاڻ اسان کي زمين سان گڏ پاڻيءَ تي به معرڪا ڪرڻا آھن. مغل بکر کان ڪجھه لشڪر ۽ ڪجھه ھٿيار سنڌوءَ جي ذريعي سيوھڻ ۽ ٺٽي پھچائڻ جو سوچيو ويٺا آھن. ھن دريا جا ھو ايترا ھيراڪ ڪونه آھن. ان ڪري ھنن جي انھيءَ گَھٽَ کي بند ڪرڻ جو ڪم اوھان تي آھي: وڏيون شاھراھون اسان جي ڪيترن ساٿين اڳي ئي بند ڪري ڇڏيون آھن. شورن ھنن جا سمورا لنگھه بند ڪري ڇڏيا آھن. سو يوناين وانگر دريا جي ڪنڌيءَ ڪنڌيءَ ھو ڪچي مان لنگھندا. اتي به اسان کي اوھان جي مدد جي ضرورت ٿيندي. تنھن کان سواءِ توھان مٿي آھيو. اسين ھيٺ آھيون. اوسي پاسي مان جيڪي جوان اسان سان ساٿ ڏيڻ گھرن، تن کي تڪڙو اسان وٽ پھچائڻ لاءِ به اوھان جا ٻيڙياتا ۽ پاتڻي ڪو بِلو ڪن ته وَھه واھه! “
    تماچي ڀانيو ته ھن جي دل ويڪري ٿي ڦاٽڻ تي ھئي. ھي سانوڻ، جنھن سنڌ تان سِر گھورڻ جو وچن ڏنو ھو، سو ھنن کي اھڙو اعتبار جھڙو سمجھي ٿو جو ھنن کي دريا جي رکوالي جو ڪم ٿو سونپي. ڇا اسين سندس اعتبار کي پورو ڪري سگھنداسون؟ ھن چاچي گھرام ڏانھن نھاريو، جنھن جون نظرون به پنھنجي ڀائيٽي ۾ کپيل ھيون. ھن چاھيو ٿي ته تماچيءَ کي ھن مھل ڇاتيءَ سان لائي چوي: ” تماچي، يَـر تون شل ادي جن جا اڻپورا اَٺسٺا سچا ڪري ڏيکارين! “ پر ھن پاڻ جھلي، سانوڻ سان گڏجي ميڙ ڏانھن موٽي آيو.
    اوچتو ڄڻ ڪنھن اڳواٽ ڄاڻ مِلڻ تي، سمورا ماڻھو ھيٺ ويھي رھيا: ڪي ڪانڀون ٻڌي ويٺا ته ڪي ايئن ئي اُڀ کوڙي ويٺا ھئا، ڄڻ بس ھاڻ ئي اُٿي گھوڙي تي چڙھڻ وارا آھن. ڪي جوان البت چئني طرفن کان پھري سجاڳ بتن وانگر بيٺا ھئا. ھنن جون نظرون ميڙ جي بدران انھن راھن ڏانھن ھيون جتان راتاھا لڳي ٿي سگھيا.
    ۽ پوءِ سانوڻ جو آواز سنجھا جي ويڳاڻپ کڻي بلند ٿيو.
    ” سنڌ جا مُھندارو اوھان تي سنڌ جو سلام ھجي، جو اوھان منھنجي سڏ ۾ سڏ ڏنو آھي. آءٌ گھڻي ڊيگھه ڪونه ڪندس. الله ٿو ڄاڻي ته اڳي ئي گھڻي دير ٿي ويئي آھي. جيڪا حالت اڄ آھي، سا جيڪڏھن تڏھن ڪريون ھا جڏھن مغل اڃا پنھنجا پَير کوڙڻ ۾ مصروف ھئا، ته شايد ھي ڏينھن به ڪونه ڏسون ھا، ۽ ھنن کي لاھور ۽ دھليءَ روانو ڪرڻ ۾ اسان کي ايتري گھل ڪرڻي ڪانه پوي ھا! پر خير، سو ڳالھه ٿي ڪيم. مغلن جيڪي جٺيون سنڌين سان پئي ڪيون، انھيءَ به اسان کي ڪونه ڌونڌاڙيو. شايد ان جو سبب اھو ھو ته ھو وڏي سياست آزمائي رھيا ھئا. ڪن راڄن کي ھنن ريھي ريبي پنھنجو ڪري ڇڏيو. جنھن راڄ کي ھنن پنھنجي لاءِ خطرو ٿي سمجھيو، ان کي ٻين سنڌي راڄن سان ويڙھائي، کيس اڪيلو، ھيڪل ڪري ھنن سندس جڻ ٻچو رلائي ڇڏيو. ھڪڙي راڄ جو اھو حال ڏسي، ٻيا پنھنجي سلامتيءَ کي سنڌ کان مٿاھون سمجھي يا ته ماٺ ڪري ويھي رھيا يا درٻار جھانگيريءَ ۾ خلعتون وٺي ٿانيڪا ٿي ويھي رھيا ته جيئن مغلن جي شِر کان بچيل رھن. ھنن جي ٻي سياست سنڌين کي ويڙھائڻ جي ھئي جنھن ۾ جيڪڏھن ڪنھن راڄ خلاف ڪو قدم کڻڻو ھون ته مغلن بدران ھو ڪنھن سنڌي راڄ جي ڪاموري يا ڪوٽوال کي انھن سان نبيرڻ لاءِ موڪلي ڏيندا رھيا. اوھان کي ياد آھي ته ساموئي وارن سومرن خلاف راتاھا شورن کان ڏياريائون. وري نئين باران وارن جوکين کي زير ڪرڻ لاءِ پليجن کي ڀڙڪايائون. پليجن شورش ڪئي ته مٿن سمن کي بڇي ڇڏيائون. ايئن اسان جا راڄ ھڪ ٻئي جي پَٽڪي لاھڻ ۾ پورا ھئا. “
    ” ۽ پوءِ ارغونن ۽ ترخانن کي پنھنجو سوٽ ماسات سڏي، کين وڏيون وڏيون جاگيرون ۽ پنج ھزاريون ڏھه ھزاريون ملازمتون ڏيئي کين سنڌين سان پراڻا وير پاڙڻ ڇڏي ڏنائون. مرزا قيصر بيگ جھڙا ترخان سنڌي راڄن تي ڌاڙا به ھڻندا رھيا ۽ مغل درٻار ۾ توشي خان جون عملداريون به ماڻيندا رھيا. جيڪي ارغون ترخان ۽ سندن ڀرتي ڪيل پٺاڻ ۽ قنڌاري راڄ سنڌ ۾ رھي سنڌي ٿيڻ جي ھام ھڻڻ لڳا ھئا، سي به اوچتو مغلن جي ھُشيءَ تي اسان سان مھاڏو اٽڪائي بيھي رھيا. اسان جا پنھنجا سوداگر ۽ ڪوٺيدار مغلن سان ڦٽائڻ بدران اسان کي اسلامي سلطنت جي وفاداريءَ جي تلقين ڪندا رھيا ڇاڪاڻ ته ھنن جا ٺيڪا، ڀلاوڻيا ۽ ڪوٺيون خطري ۾ ھيون. محصولداريون ۽ تپيداريون به سنڌي ڪامورن کي سنڌ کان وڌيڪ پياريون آھن. ھو غلامن کان وڌيڪ شاھه جا غلام آھن! “
    سانوڻ ڪا گھڙي ماٺ ٿي ويو، ڄڻ سوچيندو ھجي ته اڳتي ڳالھه کي کڻي يا اتي ئي ختم ڪري.
    ” پر ان وچ ۾ سنڌ پيسجندي رھي. عام سنڌي پيڙجندو رھيو. نه ھنن جا ننگ سلامت ھئا، نه وڻج واپار، نه زمينون نه مال، نه پورھيو نه ڪسب. مغل ته خير حاڪم ھئا پر ترخان ۽ ارغون به نئين سِر سنڌين جي پويان پئجي ويا. ڄڻ ته ھنن کي نئين سر پراڻا حساب چڪتو ڪرڻ جو موقعو مليو ھو. خاص طرح سان جڏھن کان پائندہ بيگ ڪوٽوال مقرر ٿيو، تڏھن کان ته اھو ڏينھن خالي نه ھو جڏھن ڪنھن نه ڪنھن سنڌي محلي، ڪنھن نه ڪنھن سنڌي راڄ تي آفت نه آئي ھجي. سموري سنڌ سان اھو حال ھو. جڏھن به ڪنھن سنڌي راڄ پنھنجي حد جي عامل جي دانھن مٿي ٿي پھچائي ته داد ٿيڻ جي بدران ھنن سان بيداد ٿي ٿيو. اھڙيون عقوبتون ٿي ڪيائون جو ماڻھو مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ ڪري ويھي رھيا! “
    سانوڻُ گھڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويو، سموري ميڙ ۾ ماڻھو ڄڻ بت بڻجي، ساھه روڪي، سانوڻ جون ڳالھيون ٻڌي رھيا ھئا، سي به ھن جي ماٺ تي ڄڻ ته خواب مان جاڳي پيا. ھنن جو روڪيل ساھه شوڪارو بڻجي نڪتو. ڪنھن پنھنجي ڪانڀ ڇوڙي نئين سر ٺاھي جوڙي ڪَشي ٻڌي ته ڪنھن پنھنجي پَٽڪي جو ور سڌو ڪيو. جيڪي بيٺا ھئا، تن به پنھنجي پيرن تان بار ھلڪو ڪرڻ لاءِ، گوڏا سڌا ڪرڻ شروع ڪيا.
    پوءِ وري سانوڻ جو آواز گونجيو. ” پر شابس آھي سنڌ جي مدرسن جي شاگردن کي، جن ھن ڀيري اسان کي ڌونڌاڙي، ڄڻ ته خواب مان جاڳائي وڌو آھي. جڏھن حافظ بلال ۾ ھٿ وڌائون ته ڄڻ ته سنڌ جا سمورا مدرسا اُڀامي اُٿيا. ڪالھوڪا نينگر ڄڻ ڇِتا ٿي پيا. ھي ننڍا نيٽا جن جنگين جون رڳو ڳالھيون ۽ ڏند ڪٿائون ٻڌيون ھيون، پتنگن وانگر ڀڙڪي اٿيا، حافظ بلال جي مچ تي مرڻ لاءِ سانڀاھي آيا. مغلن سان اھو ڪجھه ڪيائون جيڪو اوھان اسان جھڙا جھيڙاڪ ماڻھو به ھوند ڪين ڪن. اوھان ته ٻڌو سَؤ ھوندو پر مون اکين سان ڏٺو آھي. مغلن جي ھڪڙي به حويلي سڄي ڪانه ڇڏيائون. جتي جتي مغلن جون رسدگاھون، اناج جا ڀانڊا، گاھه جون دنون ۽ مال خانا ھئا، وھٽن جون ڪُڙھيون ھيون، تن کي راتو رات ڀسم ڪري ڇڏيائون. پائندہ بيگ کي حڪما حڪمي مغلن جي ڳڙھه منجھان کڻي ويا، ۽ ٻئي ڏينھن مرزا رستم بيگ جي حويليءَ جي سامھون ٽياس تي سندس لاش ٽنگيل ھو! “
    ھن وري ھڪ ڊگھو ساھه کڻي چيو: ” ڏينھنڪ مغلن ۾ ٽاڪوڙا پئجي ويا. ساقي خانا بند ٿي ويا. غلامن جا نيلام گھر ويران ٿي ويا. مغل سوداگرن پنھنجيون مڏيون ۽ ڪوٺيون بند ڪري ڇڏيون. ڪيترن مغلن ته لاھور ۽ دھلي وڃڻ لاءِ قافلا سنڀارڻ شروع ڪيا. ترخانن جڏھن اھو رنگ ڏٺو، تڏھن انھن به مغلن مان ڪسرون ڪڍڻ شروع ڪيون. ھنن سمجھيو ته مغل اِجھو ٿا سنڌ ڇڏين، وارو ڪريون ته سنڌ تي سيوھڻ کي مرڪز بڻائي وري ترخانن جي غلاميءَ جو ڳٽ وجھڻ ڏکيو ڪونه ٿيندو!“
    اھو چوندي سانوڻ جي لفظن ۾ جيڪو زھر اوتجي آيو، سو ماڻھن کي ڄڻ ته پنھنجي نڙيءَ ۾ محسوس ٿيڻ لڳو.
    ” ۽ پوءِ مغل لشڪري سنڌي محلن، راڄن ۽ سنڌي واھڻن ۾ ڪاھي پيا. شروع شروع ۾ ھنن کي ماڻھن کي ھيسائڻ ۽ مارڪُٽ ڪرڻ ۾ ڪجھه ڪاميابي به ٿي. ايتري قدر جو ڪن ماڻھن اھو به چوڻ شروع ڪيو ته ھنن وات ڳاڙھن ڇورن جي ڪري مغل لشڪري ڇتا ٿي پيا آھن. ڪن ته پنھنجن نينگرن کي سمجھائڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر ڇوڪر نه مڙيا. ھنن وري به ٽوليون ٺاھي مغلن تي راتاھا ڏيڻ جي واٽ ورتي. مغلن ۾ ھائيدوس مچي ويئي. پر پوءِ ھٿياربند لشڪرين اڳيان ھي اسان جا مھندار نينگر ھيڻا ٿيڻ لڳا، جن وٽ جيڪڏھن ڪو ھٿيار ھو ته اھو ھو خردم يا باھه جا موئرا! “
    ” جڏھن ھنن جو ريٽو رت سنڌ جي ڌرتيءَ کي ريج ڏيڻ لڳو تڏھن اسان پارا اَٽي تي چٽي به جاڳي پيا. اولاد ڪنھن کي پيارو ڪونھي! ھي ته سنڌ ۽ سنڌوءَ جو اولاد ھو، ۽ پوءِ ھري ڏاڍي ھر ھنڌ جوانن ۽ وڏڙن به پنھنجون ڪُھاڙيون، لوڙھيون، ڀالا ۽ بڙڇيون سنڀاليون، ۽ پنھنجن ٻچن سان گڏ بيھي رھيا آھن. ھاڻ اھا ويڙھه رڳو مدرسن جي شاگردن جي نه رھي آھي. ھاڻ ھيءَ سنڌ جي ويڙھه بڻجي ويئي آھي. “
    ” سو اُنھيءَ ويڙھه ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آءٌ اوھان وٽ ميڙ کڻي آيو آھيان. ھيءَ ويڙھه اڳين سمورين شورشن کان نرالي آھي. ترخان به اسان جا ايترائي ويري آھن، جھڙا مغل. پر ھن ڀيري ترخان ماٺ ڪري شعل پيا ڏِسن. مغلن کي ڪڍڻ لاءِ ھو به آتا آھن، پر ھو مغلن کان پوءِ وري پنھنجي عملداريءَ جا خواب پيا ڏسن. سو ھن ڀيري ھٿيار ۽ ھمت سان گڏ اسان کي سياست جي جنگ به وڙھڻي آھي. “
    ” سو اڄ آءٌ وري سنڌ جو سڏ ڏيڻ آيو آھيان. سِـرَ جي سئن ھڻڻ آيو آھيان. آءٌ سنڌ پاران اوھان آڏو جھول جھلڻ آيو آھيان. ھونئن به غلاميءَ جو جيئڻ به ڪھڙو جيئڻ آھي. جي سـر ڏيڻ سان اسان جي سدا ملوڪ سنڌ آزاديءَ جو ساھه کڻي ته ھوند اھڙو موت ھن حياتيءَ کان ھزار دفعا وڌيڪ ملھائتو آھي.
    ” ھن ڀيري ھيءَ جنگ ايئن وڙھو، ڄڻ ھيءَ اسان جي آخري جنگ آھي. اچو ته سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي وڃون. مغلن تي نه رڳو زمين تنگ ڪريون، پر ھي سدا سھڻو دريا به جيئن ھنن جي پناھه گاھه نه بڻجي سگھي. اچو ته ھنن جا گھٽَ گھيڙ بند ڪريون. ھنن کي فقط ھڪڙو رستو ڏسيون- سو اھو ته سنڌ ھاڻ ھنن لاءِ قبرستان بڻجي ويندي. ٺٽي کان اروڙ تائين، بُلڙيءَ کان بکر تائين ھنن لاءِ فقط لاھور ۽ دھليءَ ڏانھن واپسيءَ جو رستو آھي. جيسين آخري مغل سرحد پار نه اُڪري، تيسين سُک نه سمجھو. ھي ٿر، ھي بر، ھي جبل، ھي ڪرڙ، ھي ڪانڊيرا ھاڻ آزاديءَ لاءِ اسان اڳيان جھول جھليو بيٺا آھن. اچو ته ھنن جو سڏ سڻون، اچو ته ھنن کي موٽَ ڏيون..... “
    ھن جي آواز ۾ الائي ڪٿان جو درد ڀرجي آيو. ماڻھن جي دل ڪنئري ڪنئري ٿيندي ويئي. ايئن پئي ڀانيو ته ماڻھو اِجھو ٿا ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي، آٿت ڏين ته اڙي ادا، ھاڻ غلاميءَ جا بند کُلڻ وارا آھن. ھاڻ آزاد سنڌ ۾ ساھه کڻڻ جا ڏينھن اجھو ڪي آيا. پر..... پر ڳچ وقت ماڻھن تي ماٺ ڇانيل رھي. ۽ پوءِ ڄڻ ته ميڙ ۾ ھڪ اَڄاتي لھر اُڀري، ۽ ھَري ھَري ٿي، ماڻھو سانوڻ سان ڀاڪر پائي ملڻ لاءِ اڳتي ايندا ويا. سانوڻ ھنن سان ايئن ٿي مليو، ڄڻ ھو ورھين کان ھڪ ٻئي جا واقف ھئا ۽ ورھين جي وڇوڙي کان پوءِ مليا ھئا. سڀني جي اکين ۾ ھڪڙوئي احساس ھو. ھڪڙو ئي اُتساھه ھو. ھڪڙوئي خيال ھوته سنڌ لاءِ ھن کي ئي ڪجھه ڪرڻو آھي. ھن کي ئي سنڌ جي جنگ اڪيلي سر وڙھڻي آھي. ھن کي ئي اڪيلي سر سنڌ جو سڏ اونائڻو آھي. ايئن نه ٿئي جو پوئتي رھجي وڃي. ايئن نه ٿئي ته ھو سنڌ جو مياري ٿي پوي. ايئن نه ٿئي جو ھن کي ھن جي ماءُ، ھن جي ڀيڻ، ھن جي زال اھو مھڻو ڏيئي وجھي ته تو سنڌ جو سڏ نه اونائيو. سنڌ جي ڌرتي، سنڌ جو آسمان، ھي سنڌو، ھي مھراڻ، ھي ڍنڍون، ھي ڍورا، ھي پَٽ متان شڪايت ڪري وجھن ته تو اسان لاءِ ڪجھه نه ڪيو!
    تماچي چُپ چاپ ھي جذبو ڏسندو رھيو. پنھنجي دل ۾ محسوس ڪندو رھيو. ھي ھن لاءِ بلڪل نئون احساس ھو. نئون تجربو ھو. ھن پنھنجي چاچي ڏانھن نھاريو. ھن سانوڻ ڏانھن نھاريو. ھن ھر ماڻھوءَ ۾ نھاريو، ۽ ھر چھري ۾، ھر مُک ۾ ھن کي پنھنجو ابو شيرل نظر آيو، جنھن جي ٻنھي ھٿن ۾ ڪھاڙيون ھيون، جنھن جي اکين ۾ اھو سنيھو ھو، جيڪو فقط ھڪ آزاد وطن جو آزاد ماڻھو ئي ٻڌي سُڻي ۽ محسوس ڪري ٿي سگھيو. ھن دل ئي دل ۾ چيو: ” بابا، آءٌ اِجھو آيس. مون تنھنجو سڏ سڻي ورتو آھي. مون سنڌ جو سڏ ٻڌي ورتو آھي. آءٌ توکي وچن ٿو ڏيان ته جيسين سِسيءَ ۾ ساھه آھي، تيسين سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي آزاد رکندس- جئن مون کان اڳي، توکان به اڳي سنڌي ماڻھن ان کي يونانين، عربن، ترڪن ۽ ارغونن کان آزاد رکيو ھو! “ *


    20

    سنڌ جو وڻ وڻ ڦُلارجي پيو ھو. جيڏانھن ٿي نظر ويئي، اوڏانھن سنڌ جي سونھن ڪَرُ کڻي، اکين ۾ گھڙندي ٿي ويئي: کيٽ سُرھا، ٿَرَ بر سُرھا، ڍنڍون ڍورا سُرھا، سنڌو سُرھو، جبل جا پھڻ به سُرھا ٿي پيا ھئا. سنڌ جا ماڻھو به ڪنھن نئين سرھاڻ ۾ واسجندا ٿي ويا. سندن منھن تي مُرڪ موٽي آئي ھئي: ھيج ۽ ھٻڪار جو اھو رنگ سانوڻ اڳ ڪڏھن ڪونه ڏٺو ھو. ھو جتان ٿي لنگھيو، جوانن جا جٿا اچي ٿي ھن سان مليا: ڪنھن کي ڀاڪر پائي ڪنھن کي پائي. ڳوٺن ۽ واھڻن وٽان ٿي لنگھيو ته جوانن کان سواءِ پوڙھا پيرسن به کين اڳڀرو ڪري ٿي آيا. ڪيڏي نه آس ھئي ھنن جي اکين ۾: لُڙڪن گاڏڙ آس، مُرڪ گاڏڙ آس، جنھن ھنن جي منھن کي نئون نُور ٿي بخشيو: ھن نئڙي کين ملڻ جي ٿي ڪئي ته ھن کي ٻکن ۾ کڻي ٿي ورتائون: ” ابا، اسين اڳي ئي گناھگار، وڌيڪ گناھگار ته نه ڪر. تون ته سنڌ ڪلھن تي کڻيو وتين، تون ته نه جھُڪ! سلام ته سنڌ تي آھي، ۽ انھيءَ مھابي توتي سلام آھي، تون ڪيئن ٿو نئڙي اسان سان ملين! “
    ۽ سانوڻ جي ھنئين ۾، اھي ڳالھيون ٻڌي، ھدڪ پئجي ويندو ھو. جيڪڏھن ھنن نُورراني ماڻھن جي آس پوري نه ڪري سگھياسون ته ھنن جو نُور کسجي ويندو، ۽ سندن مُنھن تي وري پراڻا گھاوَ نوان گھنج بڻجي، کين وڌيڪ پوڙھو ڪري ڇڏيندا! وينجھرن جي واھڻن وٽان لنگھيو ته ڄڻ ھن کي ڏانوڻ پئجي ويا. جوانن جو ھڪڙو جٿو اچي ھن سان مليو، پر انھن جي پويان ھن ڏٺو ته ڪجھه زائفائون ٿالھيءَ ۾ ڏِيا ٻاريو بيٺيون ھيون. انھن مان ھڪڙي ھڪڙي ٿي اڳيان آئي، ۽ ٽي ڀيرا ھن تان ٿالھي گھوري، ٿالھيءَ مان سنيڌر جي چپٽي کڻي ھن کي تلڪ ڏيندي ويئي. ۽ پوءِ ھن جي پيرن مان مٽيءَ جي چپٽي کڻي، پنھنجي سينڌ ۾ وجھندي پويان ھٽي بيھي رھي. جڏھن آخري زائفان، سنڌ جي مٽيءَ جي چپٽي، پنھنجي سينڌ ۾ وڌي، تڏھن سانوڻ کي پنھنجي دل ڇاتيءَ کان ٻاھر نڪرڻ لاءِ تڙڦندي محسوس ٿي. پوءِ ھڪڙي زائفان چيو: ” ڀائو، جڏھن رام راوڻ سان وڙھڻ نڪتو ھو، تڏھن ستن سھاڳڻين، سندس آرٿي ڪڍي، کيس موڪلاڻي ڏني ھئي: اھا وارتا پستڪن ۾ لکي پيئي آھي، پر اڄ اسان رام اکئين ڏٺو آھي. اسان جي سنڌ به سيتا جيان رانوڻ جي پنجوڙن ۾ آھي. اسين به سَت سُھاڳڻيون اڄ توکي رانوڻ سان وڙھڻ جو سوڳنڌ ٿيون ڏيون. اسان کي اسان جي سيتا ورائي ڏي. اسان کي سنڌ ورائي ڏي. شل سنڌوءَ جو جل ۽ سنڌ جي مٽي تنھنجي راکي ٿئي! “
    سانوڻ بُت بڻجي سنڌ جي ھنن نياڻين ڏانھن نھاريندو رھيو؛ سندس اکين جي لڙڪن ۾ ھنن جون صورتون ستارا بڻجي چمڪنديون رھيون. سڀ ماڻھو ڄڻ منڊجي ويا ھئا. پوءِ ھڪ پيرسن کنگھڪار ڪري چيو: ” ابا، اسين سنڌي ڏاڍا ويساھه وسوڙا آھيون. اسين ھندو ته اوھان مسلمينن کان به وڌيڪ ويساھه وڃائي ويٺا ھئاسون. پر تو اسان کي ويساھه موٽائي ڏنو آھي. ھنن ستن سُھاڳڻين جو تو ۾ ويساھه، سمجھه ته سموري سنڌ جي سُھاڳڻين جو ويساھه آھي. سو جيئن رام سيتا موٽائي امر ٿي ويو، تيئن تون به سنڌ موٽائي امر ٿي ويندين.... وڃ، سموري سنڌ جون دعائون ۽ پراٿنائون توسان ساڻي آھن.....! “ پيرسن جي نڙيءَ ۾ ڄڻ اکر اٽڪي ٿي پيا. سندس اکين مان لڙڪ سنڌوءَ جيان پئي وھيا.
    سانوڻ اُمالڪ پيرسن جا پير ڇُھي، سندس ڀاڪر ۾ سڏڪندي چيو: ” ڪاڪا! ڌڻيءَ لڳ، مون تي ايڏو بار نه وجھو، جو آءٌ کڻي نه سگھان. سنڌ جيڪڏھن آجي ٿي ته ھنن سھاڳڻ ڀينرن جي صدقي آجي ٿيندي.....! “ لفظ ھن جي نِڙيءَ ۾ اٽڪي پيا، ھو ڪا گھڙي ڪاڪي جي ڀاڪر ۾، بنا آواز، سڏڪندو رھيو، ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو اچي پنھنجي ھمراھن سان مليو، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو اشارو ڪيائين.
    سنڌ جي نياڻين جي سينڌ ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي اھڃاڻ ھن کي لوڏي وڌو ھو. شل ان سينڌ ۽ اُن مِٽيءَ جو مانُ رکي سگھون! ھيلوڪي اٿل ھن جي پنھنجي اميدن کان به وڌيڪ ثابت ٿي ھئي. ماڻھو ھئا جيڪي مينھن وساڙن وانگر وسندا ٿي ويا. ھن جو ٻيلو ته سمورو جوانن سان ڀرجي ويو ھو، پر ڪچي توڙي پڪي تي، بکر کان ٺٽي تائين سنڌين جا مورچا ۽ محاذ ٺھي پيا ھئا. اتر کان ڏکڻ، اوڀر کان اولھه تائين جتي ڪٿي اھو چوٻول ھو ته ھيل سڄي سنڌ ۾ جيڪا ويڙھاند ٿيندي، سا آخري ٿيندي. جئن جئن وقت گذرندو ويو تئن تئن سنڌين جا حوصلا وڌندا ويا. مغل جتي ڪٿي ڊنل ۽ ڇرڪيل ھئا. ھنن کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته ھن اُٿل کي ڪيئن منھن ڏين. سڌو سنئون ڪٿي به مھاڏو ڪونه ھو. ڪا وڏي جنگ به ڪانه ھئي. رڳو راتاھا ھئا، ڪڏھن ڇانوڻين تي، ڪڏھن ڪنھن مورچي تي، ڪٿي ڪنھن قافلي تي، ڪٿي ڪنھن رسدگاھه تي! مغلن لاچار ٿي ترخانن ڏانھن نياپا ڪيا، پر ترخان ماٺ ھئا: ھنن ڪنھن جو به پاسو ڪونه ٿي ورتو. ايتري قدر جو رستم بيگ جي درٻار ۾ ترخان امير حاضريءَ ۾ ناغو ڪرڻ لڳا. ۽ پوءِ رستم بيگ مظفرخان جي ذريعي سانوڻ کي نياپو موڪليو ته جيڪڏھن سنڌين کي مغلن کان ڪي شڪايتون ھيون ته رستم بيگ انھن جي تدارڪ ڪرڻ لاءِ وعدا وعيد ڪرڻ ۽ ڳالھيون ٻولھيون ڪرڻ لاءِ تيار ھو بشرطيڪ ھي شورشون ۽ راتاھا بند ٿين! ۽ ان ڪم لاءِ وچ ۾ ٽياڪڙ ٿيڻ لاءِ ٺٽي جي جامع مسجد جو مغل پيش امام، ۽ سنڌين جي ٻن وڏين مسجدن جا پيش امام ۽ عالم رضامند ھئا.
    سانوڻ کي جڏھن اھو نياپو پھتو ھو، تڏھن ھن جون مُٺيون ڀڪوڙجي ويون ھيون. ھي اھي ساڳيا مولوي ھيا، جن رستم بيگ جي ڀريءَ درٻار ۾ چيو ھو ته ” حافظ بلال اسلامي حڪومت خلاف بغاوت ڦھلائي رھيو آھي. ھن جو علمي مرتبو برابر وڏو ھو، پر بغاوت کي فقط شھنشاھه ھند ئي معاف ڪري سگھي ٿو! “ انھن ئي ٽنھي مولوين فتوا تي صحيحون ڪيون ھيون ته حافظ بلال واجب القتل آھي. ان ڪري ھن کي سزا ڏيڻ لاءِ شھنشاھه کي عريضو موڪلجي، يا حافظ کي لاھور روانو ڪري، شھنشاھه آڏو پيش ڪيو وڃي، جئن حضور جن پاڻ ھن کي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪن!
    ھن کي حافظ بلال وارو مامرو جئن ٿي ياد آيو، تئن ٿي ھن جي تن بدن ۾ باھه ڀڙڪڻ لڳي. ھن سنڌ جي نَڪ، حافظ بلال کي، نيئرن ۽ سنگھرن ۾ جڪڙي، ھڪ عام ڏوھاريءَ جيان لاھور موڪلي ڇڏيو، ۽ ھو ڪجھه به ڪري نه سگھيو. جڏھن مدرسي جي شاگردن پائندہ بيگ جي حويليءَ کي ساڙيو ۽ پائندہ بيگ کي موت جي سزا ڏني، تڏھن به ھن جي دل تي ڇنڊو ڪونه پيو. ھن جي دل ته اھو ٿي چاھيو ھڪڙي ھڪڙي مغل کي پنھنجي ھٿن سان نِپوڙي ماري، پر پوءِ شاگردن جي لڳايل چڻنگ جڏھن سموري سنڌ ۾ ڀنڀٽ ٻاريو، تڏھن ھن کي پنھنجي پاڻ ۽ پنھنجي ساٿين سان جھيڙڻو پيو. ھن جي مرضي ھئي ته ھو مغلن جي انھيءَ قافلي تي راتاھو ڏين پوءِ کڻي ھنن کي سنڌ جي سرحد ڇونه اُڪرڻي پوي، پر سندس اندر واري کيس مھميز ڏني ته ھي وقت وڃايوسون ته وري ڪڏھن به ھٿ نه ايندو. حافظ بلال ساھميءَ جي ھڪڙي پُڙ ۾ ھو ته اُن جي ٻئي پُڙ ۾ سنڌ جي آزاديءَ جي ويڙھاند ھئي! ھن جي ھمراھن مان به ڳچ ڄڻا ھن جي راءِ سان شامل ھئا پر گھڻائي اُنھن جي ھئي، جن اھو ٿي چيو ته ھن مھل تي خود حافظ بلال ھجي ھا ته اھو به چوندو ته ھڪڙي حافظ بلال جي حياتيءَ کان سنڌ جي آزاديءَ جو آسرو وڌيڪ اھم آھي! مغلن کي ٿورو وقت به مليو ته چئني طرفن کان ھنن جا واھرو ماڪڙ جيان سنڌ تي اچي ڪڙڪندا. ايران کان، قنڌار کان، ملتان کان ۽ ھيٺان ڪڇ کان ڪٽڪ لٿا ته پوءِ رڳو ھٿ مھٽيندا رھجي وينداسون. پر سانوڻ جي چري دل اصل نٿي مڃيو. ھن جي روح ۾ حافظ بلال جو نوراني چھرو وَرَ وَرَ ڪري ڀنڀٽ ٻاريندو رھيو، ۽ پوءِ ھن ھمراھن کي چئي ڏنو: ” ڀائو، ڳالھيون اوھان جون سڀ سچيون ۽ سيبتيون آھن، پر ھن ندوري دل کي ڇا ڪريان. مون کي تيسين سُک نه ايندو جيسين حافظ کي نه ورايو اٿم. سو مون کي بخش ڪجو..... “
    پري کان خابروءَ جي گھوڙي جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ ٻڌي، سانوڻ ماٺ ٿي ويو، نه ته ھو پنھنجي جنون ۾ الائي ڇا چوڻ وارو ھو، ڇا ڪرڻ وارو ھو. خابروءَ جڏھن چٺي سندس ھٿ ۾ ڏني، تڏھن سڀني ڏٺو ته پھريون ڀيرو سانوڻ جي ھٿن ۾ اڻ لکي ڏڪڻي اچي وئي ھئي. ھن ھڪ اونھو ڊگھو ساھه کڻي، چٺيءَ تي نظر وڌي!
    حافظ بلال لکيو ھو: ” سانوڻ، اُٻھرو نه ٿجانءِ! سنڌ اڳيان آءٌ ڪا وَٿُ ڪين آھيان، متان مون ڪارڻ، سنڌ جو سڏ موٽائي ڇڏين! ڀانيان ٿو ته ھھڙي مھل وري ڪڏھن به ڪانه ايندي: جيڪڏھن منھنجي موت سان سنڌ آزاد ٿئي ته سمجھندس ته ھيءَ حياتي ته سجائي ٿي، پر عافيت به سجائي ٿيندي. مغل مونکي لاھور نه موڪلين ھا ته آءٌ پاڻ درٻار ۾ حاضر ٿي مغلن جيڪي سنڌ سان ڪئي آھي، سا شھنشاھه اڳيان بيان ڪريان ھا. سنڌ جا ماڻھو ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيا آھن: ھنن جي جاڳ کي سجايو فقط تون ئي ڪري سگھين ٿو. آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان ته ھن وقت مھلَ سڃاڻ، سنڌ جي ھڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين جيڪا باھه ٻري آھي، ان مان سنڌ جي ڇوٽڪاري جو صبح ڄاڻ ته ٿيو. الله، الله جو رسول ڪندو ته جڏھن موٽندس ته آزاد سنڌ کي پنھنجي اکئين ڏسندس. جي نه، ته ڌڻيءَ در اھائي التجا آھي ته غلام سنڌ ڏسڻ کان اڳ مون کي موت ڏيئي، پنھنجي ھن گناھگار بندي جي مغفرت ڪندو. چڱو: الله کي پرتؤ، سنڌ کي پرتؤ! “
    خط پڙھي، سانوڻ کي ھڪ ئي وقت ڪئين خيال اچي ويا: ھن جي دل ھلڪي ٿي ويئي: ھن جي اکين مان لڙڪ ايئن ٿي وھيا ڄڻ ھو ورھين کان ڪونه رُنو ھو، تڏھن اکين اڄ روئي ڪثر پوري ڪرڻ ٿي گھري. ھن کي پنھنجي سنگتين سان اکيون ملائڻ ۾ شرمساري محسوس ٿيڻ لڳي. ھن جي دل چيو ته ھو سنڌ جي مٽيءَ مان مُٺ ڀري، ان کي چُمي، پنھنجا سمورا وچن ورجائي ته وري ڪوبه جذبو سنڌ کان مٿاھون ڪونه ڪندو. ھن جي دل اھو به ٿي چاھيو ھر ھڪ ھمراھه کان، پلاند وجھي معافي گھري ته ادا، مون کي بخش ڪر، مون کان گھڙيءَ لاءِ سنڌ وسري ويئي ھئي! ھن جي اندر ۾ جيڪو مانڌاڻ متل ھو، سو جڏھن جائيتو ٿيو، تڏھن ھو بي اختيار اُٿيو، ۽ پنھنجي ھمراھن کي ھڪ ھڪ ڪري، يا ٽولن ۾ سمجھاڻيون ڏيندو ويو. پنھنجي خاص چوياريءَ کي رڳو ايترو چيائين: ” اُٿو، ته ھلون. سنڌ ۾ لھي پئون. سنڌ جي ماڻھن جي دلين ۾ لھي پئون، متان مھل ٽري وڃي! “
    ۽ پوءِ ھو سنڌ ۾ لھي پيا: واچوڙي وانگر ھڪڙي واھڻ کان ٻئي واھڻ تائين، ھڪِڙي ڀِٽ کان ٻي ڀِٽ تائين، ھڪڙي لَڪَ کان ٻئي لڪ تائين، ھڪڙي پرڳڻي کان ٻئي پرڳڻي تائين! ھنن جي اکين مان ننڊ ايئن غائب ٿي ويئي، ڄڻ ھنن جون اکيون ننڊ جون ھيراڪ ئي ڪونه ھيون. ماڻھن ھنن جون مھمانيون ٿي جھليون، پر ھنن وٽ ٻه گرھه کائڻ جي به وارکائي ڪانه ھئي. ڏينھن رات جا سنڌا مِٽجي ويا ھئا. ھڪڙا وھٽ ٿڪجي ٿي پيا ته اُنھن کي اُتي ٿي ڇڏيائون. نوان وھٽ، نوان ارادا، نيون منزلون! نئين پھچ، نئين ڳالھه! نوان ھٿيار نوان اوزار، نوان جذبا، نوان حوصلا بڻجي ٿي ويا! راڄن جا راڄ راتورات پنھنجا پراڻا وير وساري، ڀاڪرين پئجي ويا. ڪنھن راڄ دِل من ٿي ھنيو ته ٻيا راڄ ھنن وٽ ميڙ کڻي ٿي آيا! نياڻيءَ ميڙ! ٻيلي ڏاھا ٿيو، ھيءَ مھل سوچڻ جي ڪانھي: ھيءَ مھل ڌڪ ھڻڻ جي مَھل آھي؛ ھيءَ مھل ملھائيندا ته مھل به امر ٿي ويندي، اوھين به امر ٿي ويندا! او ادل، او ڀائو وسارين متان، مياري ٿي پئون!
    سڄي سنڌ جا پورھيت، ڪمي ڪاسبي نئين پريت جي پورھئي ۾ لڳي ويا. لوھار ڪُھاڙيون، ڪاترون، بڙڇيون، ڀالا، تراريون ۽ تير ٺاھڻ ۾ ھڪ ٻئي سان شرطون پڄائڻ لڳا. واڍن گاڏيون ائين ٿي ٺاھيون ڄڻ انھن گاڏين جي چاڪن تي سندن پنھنجي گوءِ جو دارو مدار ھو. موچي ۽ مينگھواڙ وھٽن جي سنجن سان گڏ چمڙي جا چابڪ ۽ خردم ٺاھيندي ٺاھيندي، بچيل چم جي ليڙن مان غليلون ٺاھڻ ويھي رھيا. جبلن جي لَڪن تان شاھه چور ۽ ڌاڙيل لھي پيا ۽ ننڍن نيٽن کي ويڙھه جا انگ سيکارڻ ويھي رھيا. ھر ڪنھن کي ھورا کورا ھئي ته ڪيئن ھٿ ونڊائي. جھور پيرسن به جوانن کي اڳين شورشن ۾ ڪاميابين ۽ ناڪامين جا ڪارڻ سمجھائيندا، کين نيون اٽڪلون ٻڌائڻ لڳا. ننڍن نينگرن وري ھڪڙي ھڪڙي مورچي کان ٻئي مورچي تائين، ھڪڙي محاذ کان ٻئي محاذ تائين خبرون پھچائڻ جو ڪم پاڻ تي ٿي کنيو. رسد گاھه ڪٿي آھي، گاھه جون دنون ڪٿي آھن، وھٽن لاءِ ڪُڙھيون ڪٿي ھيون، ان لاءِ وڻن جا ڇوڏا لاھي، مٿن نشان ڪڍي ٿي ڇڏيائون. مغلن جي عام شاھراھن جي وچ وچ ۾ کاھيون کوٽي، انھن کي ڪانن ۽ بُھه سان ايئن لٽي ٿي ڇڏيائون جو مجال آھي جو سندن وھٽن کي به ڪو شڪ پوي. راتين لاءِ زائفائون موئرا ۽ مشعلون ٺاھڻ ويھي رھيون. سڄو ڏينھن پنھنجي مڙسالن کي مھل ياد ڏياريندي، رات جو جنڊ پيھڻ ۽ اڳوڻن وقتن جي سورھين جون ڳالھيون کڻڻ جا اٺسٺا ٺاھيندي، سنڌ جون سيتائون، ٻاگھيون، موملون ۽ ماروئيون سنڌ تان صدقو ٿيڻ لاءِ ساٺ سوڻ ڪرڻ لڳيون ھيون. سڄ سڀاڻي جا ڪري، سا روءِ سنڌين جي ھئي. ھر ڪنھن جي اندر ۾ ڄڻ ڪو نئون سوجھرو سمائجي ويو ھو!
    سنڌ جي ھيءَ حالت مغلن کان ڳجُھي ڪانه ھئي، پر لکا ڪانه ٿي ڏنائون. پر سندن ٽپالي ٺٽي کان لاھور تائين ھر ڳالھه شھنشاھه جي ڪَن تائين پھچائڻ لاءِ روز ٿي روانا ٿيا. ترخانن به پھريون ته دل مَنُ پئي ھنيو. ھنن سنڌين جون ڪيترون ئي شورشون ڏٺيون ۽ ٻڌيون ھيون. پر ھيلوڪي اُٿل شورش نه ھئي: ھيءَ اُٿل دريا جي اُٿل کان به وڌيڪ وسيع، وڌيڪ تِکي ۽ وڌيڪ ڦھلجندڙ ھئي. مغل انھيءَ اٿل آڏو بيھي سگھندا يا نه، پر اھا کين پڪ ھئي ته سنڌ وري ساڳي سنڌ نه رھندي. سنڌي جياپي جي جنگ لاءِ تيار ھئا؛ جياپي جي ھن جنگ ۾ جيڪڏھن ھو سُرخرو نه به ٿيا، تڏھن به سنڌ کي وري غلام بڻائڻ تي ھڪ کان وڌيڪ ڀيرو سوچڻو پوندو. اھو سوچي ھنن سانوڻ ڏانھن نياپا سنيھا موڪلڻ شروع ڪيا. سانوڻ ڪَنَ لاٽار ڪندو رھيو. ھن جو جواب اھو ھو ته ڏسنداسين، سوچينداسين!
    پوءِ مرزا شاھه رخ پنھنجو خاص ايلچي موڪليو. ڪچھريءَ ۾ سمورن ھمراھن کي سانوڻ مرزا شاھه رخ جو نياپو پڙھي ٻڌايو: ” اسين پنھنجي حمايت جو ھٿ اوھان ڏانھن وڌائڻ وقت اھو به ڄاڻون ٿا ته سنڌين کي اسان سان شڪايتون آھن. اسان مان گھڻن برابر سنڌين سان ڏاڍايون ڪيون آھن. پر اھو تڏھن جڏھن اسان کي سنڌ جي گھڻي سڃاڻپ ڪانه ھئي. ھاڻ اسين اوھان کي سڃاڻون ٿا: اوھين اسان کي سڃاڻو ٿا: ماضيءَ کي دفن ڪرڻ ۾ ٻنھي ڌرين جو فائدو آھي. اسين ھاڻ قنڌار واپس موٽي ڪين وينداسون، اسان جو مرڻ جيئڻ سنڌ سان آھي. اسان جو نئون نسل ھن مِٽيءَ مان سرجيو آھي. اسان به سنڌوءَ جو پاڻي پيتو آھي. اسان جي بزرگن جا مڙھه مقام ھتي آھن. وڏي ڳالھه ته اسين به مري ھن مٽيءَ ۾ پورباسون. . مغل ڌاريان آھن، غاصب آھن. اسين اوھان جا پنھنجا آھيون. اسين اوھان سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي، غاصبن سان وڙھڻ لاءِ پنھنجي دوستيءَ جو ھٿ ڊگھيرڻ جي آڇ ٿا ڪريون. سيوھڻ پرڳڻي جي ترخان حڪومت به مغلن خلاف جنگ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ تيار آھي، بشرطيڪ ھنن کي اھو يقين ٿي وڃي ته سنڌي مغلن خلاف جنگ ۾ پوئتي نه ھٽندا. اسان کي اوھان جي جواب جو انتظار رھندو. “
    ڪا گھڙي ڪچھريءَ ۾ ماٺ ٿي ويئي. پوءِ ھڪ ھمراھه ڀڻڪيو: ” ھي اوچتو ترخانن کي سنڌين لاءِ ھمدردي ڪيئن جاڳي پيئي آھي؟ يَـرَ، مون کي ته مٿن اعتبار ڪونه ٿو اچي، باقي جيڪا صلاح سنگت جي! “
    ” آھي ته منھنجو به اھو خيال، پر ھن وقت جيڪڏھن ٻن محاذن تي وڙھياسون ته پورا ڪونه پونداسون. سيوھڻ کان سواءِ ھنن جون جاگيرون بکر تائين آھن. کين رکو جواب ڏيڻ سان پاڻ نقصان ۾ ته ڪين پونداسين؟ “ جنھن ھمراھه ھي سوال وچ ۾ اڇلائي وڌو، تنھن جي سڄي عمر ترخانن سان جھيڙيندي گذري ھئي.
    اڌو اڌ ھمراھن جو خيال ھو ته ترخانن تي اعتبار ڪرڻ ۾ جوکو ئي جوکو آھي. ھمراھن جو ٻيو اڌ ان خيال جو ھو ته ممڪن آھي ته ترخانن ۾ واقعي اھو جذبو پيدا ٿيو ھجي ته ھنن جون ٽي چار پيڙھيون ڄايون نپنيون سنڌ ۾ آھن، ۽ ھاڻ سنڌ سان ئي سندن آئيندو سلھاڙيل آھي. جيڪڏھن سنڌ ۽ سنڌين سان وير وڌائون ته ڪا مھل اھڙي ته اچي سگھي ٿي جو ھنن کي سنڌ جا وڻ ئي ڇڏڻا پون.
    سانوڻ چپ چاپ سنگت جون ڳالھيون پئي ٻڌيون. ھن جي جاسوسن ۽ خابرن ھن تائين اھي سموريون ڳالھيون پھچايون ھيون ته مرزا شاھه رخ پاڻ مرزا عبدالعليءَ جي نالي ۾ حڪومت جا خواب ڏسي رھيو ھو. مغل درٻار ۾ پنھنجي گماشتن جڏھن کيس ڪو اميدن ڀريو جواب نه موڪليو، تڏھن کان ھن اھو سوچيو ھو ته سنڌين کي اڳيان ڪري، مغلن جي طاقت جو اندازو ڪري، ان مطابق قدم کڻي. جيڪڏھن مغل زور ٿي ويا وري به پنھنجن گماشتن، ۽ خاص طرح پنھنجي محسن ملڪه نورجھان جي ذريعي شھنشاھه کي راضي ڪري وجھندو. پر جيڪڏھن مغل سنڌين جي اڳيان بيھي نه سگھيا ته آخري موقعي تي پنھنجي فوج جي ذريعي، سنڌين جي خاص مرڪزن تي حملو ڪري، ٺٽي ۾ پنھنجي عملداريءَ جو اعلان ڪري ڇڏيندو.
    ٻئي طرف ھن وقت ترخانن کي کُتو جواب ڏيڻ جو مطلب اھو ھو ته ھو مغلن تي راتاھا ڏيڻ لاءِ، ترخان سرحدون ٽپي ڪونه سگھندا، ۽ ممڪن ھو ته ھنن کي ترخانن سان به معرڪا ڪرڻا پون. ھن کي اھو احساس ھو ته ھن وقت سندن طاقت ايتري ڪانه ھئي جو ٻن ويرين سان مھاڏو اٽڪائي سگھن. ھن پنھنجي انھن خيالن جو اظھار ڪيو ته ڳالھه سڀني کي وڻي، ۽ رٿ اھا بيٺي ته ترخانن کي رُکو جواب ڏيڻ بدران، کين ريھي ريبي آسري ۾ رکجي. گھڻي رد ڪَڌَ کان پوءِ ھنن ترخانن کي نياپو موڪليو: ” اسين اوھان سان متفق آھيون، پر اوھان جو وچ ۾ ٽپي پوڻ فائديمند ڪونه ٿيندو، ڇو جو مغلن سڌو سنئون اوھان سان ڪانه ڦٽائي آھي. ان ڪري اسان کي ساڻن وڙھن ڏيو. البت مغلن کي پنھنجي جاگيرداري جي سرحدن ٽپڻ جي اجازت نه ڏيو. مغلن جي چُر پُر تي نظر رکو، ۽ اسان کي اطلاع ڏيندا رھو. جڏھن اھڙو وقت آيو، جو پاڻ ۾ گڏجي ھنن کي سنڌ مان ڪڍڻ لاءِ آخري معرڪو ٿيو ته پوءِ اوھان کي تڪليف ڏينداسون! “
    ايلچي جڏھن اھو نياپو پھچائي آيو، تڏھن ٺٽي ۾ اھا حالت ھئي جو مغل سمورن ترخان اميرن کي پنھنجي پاسي ڪرڻ ۽ سندن حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ويھن ئي ننھَن جو زور آزمائي رھيا ھئا. کين ريھي ريبي، وڌيڪ جاگيرن جا وعدا وعيد ڪري، ڪن کي دڙڪو داٻ ڪري ھيسائي ته ڪن کي وڏيون وڏيون ملازمتون آڇي، ڪن کي سندن ساقيخانا ۽ نيلام گھر واپس ڪري، ته ڪن کي ڪنيزن ۽ ساقين جي ذريعي قائل ڪرڻ جا جتن ڪري رھيا ھئا. ھي نياپو ملڻ سان مرزا شاھه رخ جا ماڻھو چوطرف روانا ٿي ويا. ھونئن جو سندن جاگيردارين جي حدن مان سنڌي ھٿياربند رڳو رات جي اونداھين ۾ لنگھي ٿي سگھيا، تن کي ھاڻ جنھن به مھل سندن مرضي ھجي، ترسڻ يا لَنگھڻ جي اجازت ملي ويئي. ڪيترن ھنڌن تي مغلن جيڪڏھن جوابي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ جٿا ٿي موڪليا ته جيتوڻيڪ ترخانن کين منع ڪانه ٿي ڪئي، پر سنڌين کي اڳواٽ خبر پھچي ٿي ويئي. پر ترخانن اھو سڀڪجھه اھڙي نموني ٿي ڪيو، جو مغلن کي مٿن اھو شڪ بِنھه ڪونه پيو ته ھو اھو سڀڪجھه سنڌين سان ڪنھن ٺاھه ھيٺ ڪري رھيا ھئا. ھنن رڳو اھو ٿي سمجھيو ته ترخان ڇاڪاڻ ته سنڌين جي وچ ۾ ٿا رھن، ان ڪري ھنن سنڌين کي مڇرائڻ نٿي گھريو!
    شاھه رخ ان صورتحال تي ڏاڍو خوش ھو، ۽ پنھنجي اميرن کي سندس ھدايت اھا ھئي ته سنڌين اسان کي تريءَ تي بھشت رکي ڏنو آھي. اسان جي سياست ايتري ڪامياب ٿي آھي جو سنڌي سمجھن ٿا ته اسين ساڻن گڏ آھيون. ٻئي طرف مغل به اسان کي پنھنجو دشمن ڪونه ٿا سمجھن. اسان کي وڙھي، سنڌين لاءِ پنھنجي ماڻھن کي مارائڻ جي به ڪا حاجت ڪانھي! ويٺا رنگ ڏسو، ۽ پنھنجا جٿا تيار ڪندا رھو. جڏھن مغل ۽ سنڌي ھڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ وڙھي ڍانگا ٿيندا، ۽ ٻئي گھايل ڪُڪڙن وانگر پنھنجون کـڙھون مڏيون جڏيون ڪري، ساڻا ٿي پوندا، تڏھن اسان جا شيردل لشڪري مٿن لومڙ واري اھا لوھهَ ڪندا جو تاريخ جا مشاھير مرزا شاھه رخ جي عقلمندي ۽ حرفت کي سونن اکرن ۾ لکندا!


    21

    ڪاري رات، لوھي ڪڙن ۽ سنگھرن جا آواز، انسانن جي روح مان نڪرندڙ دانھون ۽ چيٽون، پھريدارن ۽ لشڪرين جا ٽھڪ به اھي ھئا آواز، جيڪي وريام جي خوابن ۾ گڏجي مسجي ويا ھئا. مغلن سنڌ ۾ جيڪي ڪجھه ڪيو ھو، اھو ھن پنھنجي اکئين ڏٺو ھو، ھن پنھنجي روح تي اھي ظلم واريا ھئا: ھر سنڌي، جڏھن گھوڙن جي سُنبن ۾ چچرجي مرندو ھو، ھر سنڌي، جڏھن ٻن ھاٿين جي پُڇ ۾ ٻڌجي چيريو ويندو ھو، جڏھن ڪنھن سنڌيءَ جي اکين ۾ تتل سيخون گھمايون وينديون ھيون، جڏھن سنڌي نياڻين جي سُٿڻن ۾ ٻِليون وجھرايون وينديون ھيون، جڏھن سنڌي زائفائن جي عضون کي ھڪ ھڪ ڪري ڪپيو ويندو ھو، تڏھن وريام ۽ ھن جھڙا ٻيا سنڌي اھو سڀڪجھه پنھنجي پاڻ تي ٿيندو محسوس ڪندا ھئا. سنڌي مَنُ، جنھن رڳو پيار ۽ محبت سکي ھئي، سو مَنُ نفرت سِکڻ لڳو ھو. سنڌي روح جو پاڻي مرڻ لڳو ھو، ۽ جڏھن روح جو پاڻي مرندو آھي، تڏھن نفرت جا رڻ پٽ انسان جي اندر ۾ ايئن ڦھلجڻ لڳندا آھن، جيئن دريا جي موٽي وڃڻ کانپوءِ وارِي وَسڻ لڳندي آھي. انھن رڻن پٽن ۾ رڳو دشمنيءَ جا ٿوھر ڄمندا آھن، جيڪي ڪنھن وڻ ويڙھيءَ وانگر ھر انساني گُڻ، ھر انساني جذبي کي سُڪائي ٺوٺ ڪري ڇڏيندا آھن. ھنن مان پاٻوھه، پيار، نئڙت ۽ شراڪت جا جذبا مري ويندا آھن. صدين کان پوءِ به روح جا اھي بيابان، نفرتن جا اھي رڻ پٽ پري ساوا نه ٿي سگھندا آھن.
    جڏھن ھن پاڻ کي لوھي سنگھرن، پيرڪڙن ۽ ڪاٺ جي ڊگھي مُھري ۾ ٻڌل، ڪنھن اونداھي تُھخاني ۾ ڏٺو ھو، تڏھن ھن کي ھري ھري ٿي، سڀ ڳالھيون ياد اچڻ لڳيون، ۽ ھن کي پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي. ھن ھڪڙي ترخان امير تي اعتبار ڪري، سانوڻ جي اعتماد کي ڇيھو رسايو ھو، ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته نُوريءَ کي آزاد ڪرائڻ کان پوءِ وري ترخانن يا مغلن جي حرمسرائن ۾ يا بنديخانن جي بيداد نگريءَ ۾ اُماڻي ڇڏيو ھو. نُوريءَ جو خيال ايندي ئي ھن کي پاڻ مان بُڇان اچڻ لڳي. ڇا ھو ايترو انڌو ٿي ويو ھو جو قيصر بيگ جي اکين ۾ مڪاري ۽ دغابازي به پڙھي نه سگھيو. ھن جي اکين ۾ نوريءَ لاءِ ھَوس کي به محسوس نه ڪري سگھيو. ڇا سوچيندي ھوندي نوري به؟ ھڪڙو سنڌي ھن جو واھرو ٿي آيو، پر آخر ۾ وري به ويري ثابت ٿيو. ھڪڙي ترخان امير جي بنديخاني مان ڪڍي ٻئي ترخان امير جي حرمسراءِ ۾ پھچائي آيو! شرمساريءَ جي لُڙڪن کان ھن جون اکيون پوسرڻ لڳيون. نوري، جنھن ايترو ظلم سَٺو ھو، سا وري نِت نئين ظلم جو شڪار ٿي رھي ھوندي. اوڏيءَ مھل، پاسي واري بنديخاني مان ڪا انساني دانھن اُٿي، ھن جي روح کي ڏڪائي ويئي. ھيءَ دانھن پڪ ئي پڪ نوريءَ جي ھوندي. شايد ھنن نوريءَ کي به چيچلائڻ لاءِ ھن تھخاني ۾ رکيو آھي. ھن کي قيصر بيگ جا لفظ ياد اچڻ لڳا، جيڪي ھن انگوريءَ جي آخري جام پيئندي، تَتل شيھي وانگر پنھنجي ڪنن ۾ اوتجندا ٻڌا ھئا، ۽ ويھن ئي ننھن جو زور لڳائن جي باوجود ننڊ ھن کي بيھوشيءَ جي ڪُن ۾ نھوڙي ويئي ھئي..... نوري، شھنشاھه جھانگير جي حرم ۾ داخل ٿيندي، ۽ قيصر بيگ کي توشيخاني جي عملداري وري حاصل ٿي ويندي! ھن کي وَرَ وَرَ ڪري نوريءَ جو معصوم مُک ياد اچڻ لڳو. ھن کي نوريءَ جي ڳچيءَ تي رتايل گھاءُ به ياد آيو. اھو ياد ايندي ئي ھن جي دل جي رفتار، بنان ارادي، ايتري تکي ٿي ويئي جو ھن سمجھيو ته اجھا ٿي سندس ڇاتيءَ جا بند ٽوڙي ٻاھر نڪري. سنڌ جو سمورو حسن اُن مُکَ، اُن گھاوَ ۾ اوتجي آيو ھو، ڄڻ انسان جو ڪو حَسين جذبو ضربجي پيو، ڄڻ فرشتن جھڙو ڪو معصوم احساس ڌڪجي پيو ھو. ھن کان ٿڌو شوڪارو نڪري ويو. اُن وقت ھن کي پنھنجي بدن جا سمورا گھاوَ ۽ ايذاءَ وِسري ويا. نيئرن ھن جي ٻانھن ۽ پيرن جي مُرين ۾ ڦَٽَ ڪري وڌا ھئا. ڪاٺ جي مُھريءَ ھن جي ڇاتيءَ جا ڇوڏا لاھي ڇڏيا ھئا. اُڃ کان ھن جا چپ پنھنجي ئي ڏندن کي ڀڪوڙي اُڀامي پيا ھئا ۽ مٿن ڇلر ڄمي ويا ھئا. ھن جو سَنڌ سَنڌ سور کان ڪرڪڻ لڳو ھو، پر نوريءَ جي ياد ايندي ئي ڄڻ ته ھن جي زخمن تي ڪنھن پَھو رکي ڇڏيو.
    ھن کي اھو منظر ياد آيو، جڏھن ھنن جو قافلو ٺٽي مان ڪوچ ڪرڻ تي ھو. ھن کي نيئرن ۽ سنگھرن سان جھنجھي ڇڏيو ھئائون. ڪاٺ جي ٿلھي مُھري کي ھن جي بغلن ۾ ڏيئي، ھن کي ايترو سوگھو ڪيو ھئائون جو ھن ٿورو به ڪنڌ مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته سندس ڪُلھن جون ٻئي ڦڻيون ۽ پاسراٽيون ٽڙڪڻ ٿي لڳيون. ھڪڙي سنگھر جو ھڪڙو ڇيڙو سندس ڳچيءَ مان ٿيندو، ھَني ۾ ٻڌل ھو ته ٻيو ڇيڙو ٻنھي رڪابن ۾ ويڙھيل ھو. جيڪڏھن گھوڙي رڳو ھڻڪاريو ٿي، تڏھن به ھن کي پنھنجو ڪنڌ مروڙبو ٿي ڀانيو. قافلو ڪنھن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ سيڙيو بيٺو ھو. مغل لشڪري ھڪ ٻئي سان چرچا گھٻا ڪندي، ڪنھن سنڌي ڪنيز جي اچڻ جي ڳالھه ڪري رھيا ھئا. ۽ پوءِ مغل لشڪري اوچتو ماٺ ٿي ويا. ھن جيئن تيئن ڪري ڪنڌ کي ٿورو موڙي، ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. قافلي جو مھندار چئن لشڪرين سان گڏ پي آيو، ۽ ھن جي پويان ٻن مغل ٻانھين سان گڏ نُوري ھئي. ھن جي اکين ۾ ڄڻ وري ھڪ ڀيرو کنوڻ جو تجلو لھي آيو. ھن جي دل ايئن محسوس ڪيو ته ڄڻ ڀونءِ پڻ بسم الله ٿي ڪئي.
    نوري ھن جي ڀرسان لنگھي، ۽ گھڙيءَ لاءِ بت بڻجي بيھي رھي. پوءِ ھن جي ڪَنن ھڪ سڏڪو ٻڌو: ” گھوڙا مُٺيس! مُئن کي شل قھر پوي.....! “
    ھوءَ اُمالڪ، لوھهَ پائي ھن تائين پھچي ويئي. گھوڙي جي تَلَ ۾ ٻئي ھٿ وجھي، ھن وريام جي اکين ۾ نھاريو ھو. وريام ايئن ڀانيو ڄڻ صدين جو پراڻو درد انھن اکين ۾ لھي آيو ھو: اھو درد ڪنھن اھڙي گھاوَ جو اولڙو ھو، جيڪو فقط ھڪڙو مظلوم، بيوس ۽ بي واھو انسان ئي محسوس ڪري سگھيو ٿي. ھن جي اکين ۾ لُڙڪ ايئن ٿي جرڪيا، جيئن ڪنھن آرسيءَ تي پاڻيءَ – ڦوٽا جرڪندا آھن. انھن اکين ۾ نھاريندي، وريام کي پھريون ڀيرو محسوس ٿيو ته ان ڪَرب ۾ ھڪ ذاتي درد به ھو، جيڪو ذاتي طرح ھن لاءِ ھو. اھو محسوس ڪندي ئي ھن جون پنھنجون پيڙائون، پنھنجا ايذاءَ، پنھنجا درد ھن کي بنھه وسري ويا. دل ئي دل ۾ ھن دعا گھري: ” يا الله، انھن اکين کي ڪو ڏک نه ڏجانءِ. ھن جي حصي جا سمورا ڏُک سور منھنجي بِلي ڪري ڇڏ! “
    ” مُئن ناس ٿين، ھي اوھان سان ايڏو قھر ڇو ڪيو آھي؟ ڪھڙو ڏوھه ڪيو آھي اسان سندن...!“ نوري جي سڏڪن ۾ اھڙي بيوسي ھئي، جو وريام جي دل چيو ته ھو پنھنجا نيئر ٽوڙي، کيس ڳراٽڙي پائي، دلداري ڏي.
    ” اسين سنڌي جو آھيون..... “ وريام کي به ڄڻ ساڳي بيوسيءَ جو جواز ڳولڻو پيو.
    ” سنڌي ھجڻ ڪھڙي مذھب ۾ گناھه آھي؟ نه نه،....ھي مون ندوري نانگيءَ جي ڪارڻ ٿيو آھي.... منھنجو نصيب ته ازل کان ڦٽل آھي: منھنجي مٺي امڙ به مون ڪارڻ ويرين جي بڙڇين جو بَکُ ٿي وئي.... ۽ ھاڻ، منھنجي ڪري اوھان .....! “ نوريءَ اوڇنگار ڏيندي، پنھنجو منھن گھوڙي جي بُشڪن ۾ لڪائي ڇڏيو. ھن جو سمورو بدن سڏڪن جي ڪري پئي لرزيـو. وريام جي دل ۾ وَڍَ پوڻ لڳا. ھن جي سموري بدن ۾ اھڙو سور سٽون ڏيڻ لڳو جنھن ۾ ھن جي روح جو ايذاءُ شامل ٿي ويو.
    پوءِ ھن چيو: ” منھنجي ھڪڙي ڳالھه مڃينديئن؟ “
    نوريءَ پنھنجو منھن مٿي کڻي، وريام جي اکين ۾ ايئن نھاريو، جيئن ڪو چئيوان ٻار، پنھنجي ڪنھن سگھاري مائٽ جو چيو ٻڌڻ لاءِ آتو ھوندو آھي. ھن جي اکين ۾ اڃا به لڙڪ ھئا. ھن جي ڳلن تان ڳوڙھا ٽِمي، ھن جي پھراڻ ۾ جذب ٿي رھيا ھئا. وريام ۾ ھاڻ انھن اکين ۾ لڙڪ ڏسڻ جي سھپ نه ھئي.
    ” آءٌ ته اوھان جي گولي آھيان....! “ نوريءَ جي اکين ۾ اھي لفظ چوندي مھل ھڪ اھڙو احساس ظاھر ٿيو، جنھن جو ھو ڇيد ڪري نه سگھيو.
    ” ڀلائي ڪري، پاڻ کي ايئن بيوس سمجھي، رڳو ڳوڙھا ڳاڙڻ بدران، ھاڻ ڪو حوصلو به ڌار! منھنجي ھن حالت کي وساري ڇڏ! اڳيان جيڪي اچڻو آھي، ان کي منھن ڏيڻ لاءِ ھمت ۽ بھادريءَ جي ضرورت آھي. ظلم جڏھن سھپ جي سرحد اورانگھيندو آھي، تڏھن سمجھه ته ظالم جا ڏينھن اچي پورا ٿيا آھن. مغلن به سنڌين جي سھپ جي سرحد اورانگھي آھي، ۽ سنڌين ھاڻ، پير جھلي ھنن سان مقابلو ڪرڻ جو حوصلو حاصل ڪري ورتو آھي. اسان وٽ ھاڻ رڳو پنھنجو ساھه آھي يا نيئر ۽ سنگھرون! جيڪڏھن رڳو رليءَ ۾ منھن وجھي ويٺا روئنداسون ته پوءِ ھي نيئر ۽ سنگھرون پاڻ وڌيڪ ويڙھجنديون وينديون. پر جي سَٽ ڏيئي، انھن کان آجو ٿيڻ جي ھمت ڪئيسون ته اھي ساڳيون سنگھرون ظالم جي ڪنڌ ۾ ھونديون. آءٌ يا مون جھڙا سوين سنڌي ان راھه ۾ صدقو ٿياسون ته سنڌ تان گھورياسون! سو منھنجي لاءِ پاڻ نه ڏکوءِ؛ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم سان جھيڙڻ لاءِ سوچ! جي ٿي سگھئي ته مغلن تي اھو ثابت ڪجانءِ ته سنڌ جون ڄايون به مانَ مريادا لاءِ سِرُ سھسائي سگھن ٿيون....! “
    نوري ھن شھزور جون ڳالھيون ٻڌندي، ھن جي اکين ۾ ٻرندڙ مچ ۾ ڪجھه ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي رھي. ھن ايئن سمجھيو ته اھي اکر وريام جي واتان نه، پر ھن جي اندر مان پئي آيا، ڄڻ جيڪي ھن سوچيو پئي، تنھن کي اظھار جو روپ ملي ويو ھو. ھن جي دل اھو به چيو ته انھن لفظن کي چوڻ وارن گھايل گھايل چپن تي ھو پنھنجا ھٿڙا گھمائي، کين يقين ڏياري ته اھي ھن جي دل ۾ لھي ويا آھن.. ھن بنان ڪنھن ارادي، پنھنجا ھٿ وڌائي، وريام جي سنگھرن ۾ جڪڙيل ھٿن کي جھلي ورتو، ۽ پنھنجو منھن ھن ڏانھن ڪندي، ڪجھه چوڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان مھل ٻنھي ڪنيزن لوھه ڏيئي، کيس ڇڪي ورتو، ۽ کيس ايئن ڇڪيندي، بگيءَ ڏانھن وٺي ويون.
    زندان جي پرئين ڀر وري ڪنھن جي درد ڀري دانھن اُٿي، وريام کي حال ۾ موٽائي آندو. ھاڻ ھن جا ڪَنَ انھن دانھن ۽ ڪوڪن ٻڌڻ تي ھِري ويا ھئا، پر ڪا ڪا دانھن اھڙي ايندي ھئي جو ھن جو روح به ڪنبي ويندو ھو. ھو پنھنجي حواسن جي مدد سان فقط اھو اندازو لڳائي سگھيو ھو ته ھن تھخاني ۾ ڪيترائي بنديخانا ھئا. ڪن ۾ ھن وانگر نيئرن ۽ سنگھرن ۾ جڪڙيل اسير ھئا، جن کي ڪڏھن به کوليو ڪونه ويندو ھو. ڪن ۾ وري اھڙا ھئا، جن کي سندن بندن کان آزاد ڪري ٻاھر وٺي ايندا ھئا، ۽ جڏھن واپس ايندا ھئا ته اڪثر لاش ۽ مڙھه ھوندا ھئا. ڪن تھخانن ۾ وري عقوبت خانا ۽ اذيتگاھون ھيون، جتي ھر قسم جا ايذاءَ ڏيڻ جا انتطام ھئا. انھن مان رکي رکي اھڙيون ته دل ڏاريندڙ رڙيون ۽ دانھون ھن جي ڪَنن تي پھچنديون ھيون، جو ھن کي ايئن محسوس ٿيندو ھو ڄڻ ته انسانن کي گھاڻي ۾ پيڙھيو ٿي ويو، ۽ سندن عضون کي ھڪ ھڪ ڪري ڪپيو پئي ويو! مغلن جي عقوبت گاھن جون ھن ڪنئين ڳالھيون ٻڌيون ھيون، پر ھت پھچي ھن اھو ڀانيو ته اھي ٻڌل ڳالھيون ته ساڀيان جي مقابلي ۾ بنھه تڇ ھيون. سچ انھن کان وڌيڪ ھيبتناڪ ھو.
    ھن کي اھا خبر ڪانه ھئي ته آخر ھن کي ھت ڇو ۽ ڇالاءِ رکيو ويو ھو. ھن کي رڳو اھا خبر ھئي ته ھن تي قيصر بيگ جي نينگرن ۽ نوريءَ کي کڻڻ جو الزام ھو. پر پوءِ ھن کي لاھور موڪلڻ جو ڪھڙو مقصد ٿِي ٿي سگھيو. ھن جي ان ڏوھه جي سزا ته مغل عامل، رستم بيگ به ھن کي ڏيئي ٿي سگھيو. ڪنھن سنڌيءَ کي ڦاھي چاڙھڻ، ھاٿيءَ جي پيرن ۾ لتاڙائڻ يا کيس گھاڻي ۾ پيڙائڻ رستم بيگ لاءِ عام رواجي روزاني معمول جي ڳالھه ھئي. پوءِ ھن ڀيري ھنن کيس شھنشاھه ھند اڳيان پيش ڪرڻ جو ڇو سوچيو آھي؟ ان ۾ مغل ڪھڙي سياست کيڏي رھيا ھئا؟ ھن اھو ته سمجھيو ھو، ته ھنن کيس سانوڻ سمجھيو ھو، جنھن کي ھو سنڌ ۾ بغاوتن جي منڍ مھاڙ سمجھندا ھئا. پر جيڪڏھن ھنن چواڻيءَ ھو سانوڻ کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته پوءِ سانوڻ کي جيئرو شھنشاھه اڳيان پيش ڪرڻ ۾ ڪھڙي سياست ھئي؟ ڇا مغل ترخانن جي سياست ۽ سازشن کان ايترو ڊڄي ويا ھئا جو ھنن سنڌين کي سانوڻ جي ذريعي ترخانن خلاف اُٿارڻ جو پئي سوچيو؟ ته ڇا رستم بيگ جي عملداريءَ جا ڏينھن اچي پورا ٿيا ھئا، ۽ ترخان امير لاھور جي درٻار ۾ ھن خلاف ڪو خلم ٻارڻ ۾ گوءِ کڻي ويا ھئا؟
    ۽ سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ سنڌ ۾ ھيل جا اُٿل آئي ھئي، سابه ھميشہ جيان پاڻيءَ جو ڦوٽو ثابت ٿيندي؟ سنڌين جي سمورين اُٿلن کان ھيءَ اٿل وڌيڪ منظم، وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ پائدار ٿي ڀانئين، جو اھا ھيٺين سطح کان اُٿي ھئي. شاگردن، ڪمين ڪاسبين ۽ پورھيتن مغلن کي للڪاريو ھو، ۽ اھي ئي سڀ کان اڳ ۾ ھئا. منظم ويڙھاند وڙھڻ وارا جٿا ۽ ٽوليون- سانوڻ، جيوڻ جوکئي، نوري سمي، علڻ پليجي، خيروشوري، شيرل مُھاڻي- وارا ھمراھه به ھن اٿل تي حيران ھئا، ۽ سانوڻ جي صلاح سان سڄي سنڌ ۾ ڪا ھِڪ- ھِڪاڻي ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪري رھيا ھئا. ھيلوڪي اٿل ٺلھي شورش ڪانه ھئي، آزاديءَ جي جنگ ھئي. سنڌ جي آزاديءَ جي جنگ جا سانڀاھا ھئا، ۽ ھُو، ھت مغلن جي بنديخاني ۾ پنھنجي عقل جي انڌائيءَ جي ڪري سنگھرن ۾ سلھاڙيل ھو! شرمساريءَ جي احساس کان ھن جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا: ” منھنجي جيجل جو مانُ مٿاھون ڪرڻ جو وقت آيو، ۽ آءٌ پنھنجي عقلمنديءَ جي عيوض ھت ايئن اجايو سور چرندو مري ويندس! “ ھن ڏاڍيان چئي ڏنو.
    ھن کي وري نوري ياد آئي: ۽ ھو پنھنجي جذبن جو ڇيد ڪرڻ لڳو. ھن جئن ٿي سوچيو، تئن سندس ڪاوڙ وڌندي ٿي ويئي، پنھنجي ڪمزوريءَ تي، پنھنجي بي عقليءَ تي، پنھنجي جذباتيت تي! جيڪڏھن ھن کي نوري نظر نه اچي ھا ته ڇا جيڪا سياست ھن جي ھن حالت جي ذميدار ھئي، سا ھن کي ڀنڀلائي سگھي ھا! سنڌ جون الائي ڪيتريون نُوريون ترخانن ۽ مغلن جي ھَوس ۽ ظلم جو شڪار ٿي ويون، ۽ سندن نالو نشان به باقي نه رھيو. پوءِ ھن ڇو اھو جوکم کنيو؟ ان ۾ ھن جا پنھنجا ذاتي احساس ۽ شخصي جذبا ته ذميدار ڪونه ھئا؟ ھن جي دل ھزار ان کان انڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رھي، پر سندس ذھن جي ھڪڙي ڪُنڊ ۾ ميار منھن ڪڍي ھن کي چيڙائيندي رھي. ڇا نوري سنڌ کان مٿاھين ھئي، جو منھنجي ذھن مون کي ڀنڀلائي ڇڏيو.... ۽ پوءِ ھن کي وري نوريءَ جي اھا صورت ياد اچي ويئي، جيڪا ھن مرزا شاھه رخ جي حويليءَ ۾ ڏٺي ھئي! ڪائنات جو سمورو حسن، ۽ ان حسن جي پس منظر ۾ ھن جي ڳچيءَ جو رتايل ڳاڙھو ڳاڙھو زخم ھن جي اکين اڳيان نچڻ لڳو. ۽ عين ان وقت سنڌ جو تصور ھن جي روح مان نروار ٿيو. ڪائنات جو سمورو حسن به سنڌ اڳيان تڇ ھو، ڪجھه ڪين ھو. سنڌ ڇا نوريءَ کان گھٽ گھايل ھئي؟ ڇا سنڌ نوريءَ کان گھٽ مظلوم ھئي؟ ڇا سنڌ نوريءَ کان گھٽ باندي ھئي؟ پوءِ ھن جي جذبن ھن کي ڇو ڀنڀلايو؟ لڙڪ ھن جي اکين کي پوسرائيندا رھيا، ۽ ھو سڏڪا ڀري روئڻ لڳو! ھن جي روح جو ايذاءُ ھن جي لڱن جي ايذاءَ تي ڇانئجي ويو، ۽ ھن وڏي سڏ چيو: ” نه نه، ايئن ڪونھي. سنڌ تان ھزارين نُوريون قربان، سنڌ تان سوين وريام صدقي! الله سائين، مون کي ھيئن نه مارجانءِ جو آءٌ سنڌ جا وڻ به ڏسي نه سگھان! مون کي سنڌ جي مٽيءَ ۾ مرھجانءِ ته جئن پنھنجي جيجل جي جھول ۾ سڪرات سولي ٿئي! “ *


    22

    ڌاريون آسمان به ڌارين جيان اوپرو لڳندو آھي: بلڪل ايئن جئن ماڻھو ته سڀ ماڻھن جھڙا برابر آھن پر سنڌي ماڻھو ھر ٻئي ماڻھوءَ کان نرالو آھي. ھن جي جوڙجڪ ۾ الائجي الله سائينءَ ڪھڙي جوڙ رکي آھي جو سنڌي پري کان پڌرو! اھا رڳو مھانڊن جي ڳالھه ڪانھي. اھا رڳو ھن جي ٻوليءَ جي ڳالھه به ڪانھي. پر سنڌيءَ جي من جي اوجر ڄڻ ھن جي منھن ۾ ٻھڪڻ لڳندي آھي. جيئن ڪنھن ابھم ۾ معصوميت جرڪڻ لڳندي آھي. نوريءَ کي وريام جو منھن ياد اچي ويو: ايذائن جي اولڙي ۾، ھن ايئن سمجھيو ھو ته ان مُک ۾ اھو سڀڪجھه ھو، جيڪو ھن ھميشہ پنھنجي تصور ۾ اڳڪٿيو ھو: معصوميت سونھن، دليري ۽ صاف دلي! ھن وري آسمان ڏانھن نھاريو: ڏاکڻي ڪنڊ ۾ تارن جو ھڪ جھڳٽو ڪڏھن جھڪو ٿِي ٿي ويو ته ڪڏھن وڌيڪ روشن ٿي جرڪڻ ٿي لڳو. ڪا گھڙي ھوءَ وشال آڪاس ۾ ڪجھه ڳوليندي رھي، ۽ پوءِ ھن چيو: ” ھو ڏس: او ھو، ھن تاري ھيٺ منھنجو وطن آھي، منھنجا مارو آھن! “
    ” سانئڻ، اھو تون ڪيئن ٿي چئين ته انھيءَ تاري ھيٺ تنھنجو وطن ھوندو؟ “ قيصر بيگ جي ڪنيز ھن کي عجب جي نظرن سان ڏٺو. قيصر بيگ جون ٻه ٻانھيون ھن سان گڏجي آيون ھيون. پھرين ته ھوءَ به ھنن جھڙي ڪنيز ھئي، ۽ ٻن ڪنيزن ھن سان بنھه پنھنجائپ وارو سُلوڪ ڪيو ھو، ۽ ھڪ ٻئي جي ڏکن سورن ۾ ڀائيوار ٿيون ھيون. پر جڏھن کان ھنن کي ٻڌايو ويو ھو ته نوريءَ کي شھنشاھه جي حرم ۾ سوکڙيءَ طور موڪليو پيو وڃي، ۽ ٻه ٻيون ڄڻيون ھن سان گڏجي وينديون، ۽ ھن جي ڪنيزن طور ڪم ڪنديون، تڏھن کان ھنن نوريءَ سان بنھه مختلف سلوڪ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، کيس ” سانئڻ “ جو لقب ڏيئي ٿي سڏيائون. ڪن سنڌي نه ڄاڻندڙ ڪنيزن ته ھن کي ” خانم “ به سڏڻ شروع ڪيو ھو. ھونئن جو پنھنجي دردن جا داستان کولي بيان ڪرڻ ويھي رھيون ھيون، ھاڻي ھن سان ڳالھائڻ جون به روادار ڪونه ھيون. ھن کي پاڻ سمجھه ۾ نٿي آيو ته اھو وِيڇو ڪيئن ۽ ڇو پيدا ٿي پيو ھو، ۽ ھن اکين ۾ ڳوڙھا آڻي کانئن پڇيو ھو:
    ” اديون، مون کي گھٽ ۾ گھٽ ٻڌايو ته سھي ته مون ڪھڙو ڏوھه ڪيو آھي، جو اوھان مون سان اھو ورتاءُ شروع ڪري ڏنو آھي؟ “
    پھرين ته ڪنھن به جواب ڪونه ڏنو، پوءِ ھڪڙيءَ چيو: ” اسان ڪنيزن کان ڪا خطا ٿي ھجي ته اسان کي معاف ڪجو! سانئڻ! “
    ” وري به اھا ” سانئڻ! “ اوھان ته مونکي ڀڻيپو آڇيو ھو. ڀينر ايئن ڪنديون آھن؟ “ نوريءَ کان سڏڪو نڪري ويو.
    ٻنھي ڪنيزن کي الائي ڇا ٿي ويو. ھڪ ئي وقت ٻنھي ڄڻين کڻي کيس ڀاڪر ۾ ڀريو، ۽ پاڻ به سڏڪندي چيائون: ” مٺي، تون ساڳي مورک جي مورک آھين! ھاڻ تون شھنشاھه ھند جي حرم لاءِ سوغات آھين، ۽ تون اسان جي سانئڻ بڻجي ويئي آھين. توکي ياد آھي ته اسان توکي چيو ھو ته جيڪڏھن توکي شھنشاھه لاءِ سوکڙي طور موڪليائون ته پوءِ تون رستم بيگ جھڙي بگھڙ جي چنبي کان بچي وينديئن. توکي خبر ڪانھي ته الله سائين توتي ڪيڏو نه وڏو احسان ڪيو آھي! “
    ” مون نصيب ڦٽيءَ جي لاءِ ته ڪو فرق ڪونھي. رستم بيگ جي ٻانھي ٿي گذاريان يا قيصر بيگ جي يا وري جنھن کي اوھين شھنشاھه ٿيون چئو. آءٌ پنھنجي مارن کان پري، مارئيءَ وانگر ڪوٽ ۾ قابو ھونديس. ڪوٽ ڪھڙو به ھجي، آءٌ ته اھائي باندي ٿي رھنديس! “ نوريءَ سڏڪندي چيو.
    ” نه چري، تون اھو تڏھن ٿي سمجھين جڏھن تو رستم بيگ جي حرم کي ۽ سندس ڪنيزن کي ڪونه ڏٺو آھي. اسان ڏٺو آھي، سو اسين سمجھي سگھون ٿيون ته خدا توتي ڪيڏو مھربان آھي!“ ھڪڙي ڪنيز ھن کي پاڻ کان جدا ڪندي چيو.
    ۽ پوءِ ھن سَٽ ڏيئي پنھنجو ڪفتان پنھنجي ڪلھن وٽان ڪيرائي ڇڏيو، ۽ ھن ڏانھن پٺ ڏيئي بيھي رھي. نوريءَ جيڪو ڏٺو، تنھن ھن کان پنھنجو حال ۽ ماضي گھڙيءَ لاءِ وسارائي ڇڏيو. ڪنيز جي گوڏن کان چيلھه تائين، ۽ خاص ڪري سندس چڏن ۽ دُڏن تي ايترا ته ڪارا نيل ھئا ڄڻ ڪنھن ھن کي تتل سيخن سان ويھي ڏنڀ ڏنا ھئا. انھن مان ڪي نيل اھڙا ھئا جيڪي ڪٿان ڪٿان رتايل ھئا. اھي اھڙا ھنڌ ھئا جتي چمڙي ڦاٽي پوڻ تي ڪڙيون ٻڌجي ويون ھيون وقت گذرڻ سان سڪي اُٿڙي ويون ھيون. نوريءَ کي پنھنجي اکين تي اعتبار ئي ڪونه ٿي آيو: ڇا ھڪڙو انسان ٻئي انسان تي، سو به ضعيف زال ذات تي اھڙو ظلم ڪري ٿي سگھيو. ھن اُمالڪ کڻي ڪنيز کي ڀاڪر ۾ ڀريو، ۽ سندس وارن ۾ منھن لڪائي اوڇنگارون ڏيڻ لڳي.
    ” ۽ جڏھن حضور مرزا صاحب پنھنجي چابُڪ سان اسان کي نوازيندا ھئا، تڏھن ھُنن جي اھا خواھش ھوندي ھئي ته..... ته...... اسين سُور ۽ پيڙا کان رڙيون ڪرڻ بدران لذت ۽ فرحت جا شوڪارا ڀريون!“ ھن اھي لفظ اھڙي طرح چيا، جنھن ۾ ڪوبه احساس ڪونه ھو. نوريءَ کي رڳو اھو محسوس ٿيو ته ھن جو زخمي جسم ڪن اندرين زلزلن جي ڪري سڄو ڌڏي رھيو ھو. ھوءَ ڳچ وقت ھن کي ڀاڪر ۾ ڳراٽڙيون پائيندي رھي. ھن کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته ھن جي جسم جي انھن زلزلن کي ڪيئن ماٺو ڪري، ۽ ھن جي بي آواز مظلوميت جي روڄ کي ڪيئن چُپ ڪرائي.
    ” بس ڪر منھنجي ڀيڻ، بس ڪر! مون کي بخش ڪر جو مون توکي اھو ڪجھه ياد ڏياريو آھي، جنھن منھنجي روح کي رنجايو آھي ته توسان ته الائي ڪھڙي قيامت ھوندي! “
    ”نوري، منھنجي ڀيڻ، ھاڻ سور سھسائي سھسائي اسان جا جذبا به مُڏا ٿي ويا آھن: پنھنجي وطن کان ڏور، پنھنجن مِٺن عزيزن قريبن کان پري؛ اسين فقط اندر ئي اندر ٽھڪون ۽ ڪڙھون ٿيون. تون ته پنھنجي وطن ۾ پنھنجن کان ايترو ويجھو ھوندي به ايڏي ڏور آھين، ۽ تنھنجا گھاوَ به اڃا تازا تازا ۽ نوان نڪورا آھن، سو تنھنجي لاءِ اسان جو به ھڏ ٿو ڪُرڪي.....! “ ڪنيز سندس اکين ۾ نھاريندي پاٻوھه مان چيو. ان پاٻوھه ۾ وري پنھنجائپ موٽي آئي ھئي.
    ٻي ڪنيز به ھن جي کاڏي مٿي ڪري، سندس منھن ۾ نھاريندي چيو: ” خدا شل ڪنھن به عورت کي حسن نه ڏي: جنھن دنيا ۾ اسين ساھه پيون کڻون اُتي سونھن عذابن جو سبب بڻجي ٿي وڃي. رستم بيگ جي ڪوڙڪي مان نڪري، تنھنجا پَـرَ ڪَتري، توکي شھنشاھه جي حرم جي پڃري ۾ قيد ڪرڻ لاءِ ٿا موڪلين. ٻي ڪا چتر ۽ چالاڪ عورت ھجي ھا ته ھوند خوشيءَ ۾ ڪانه ماپي ھا ۽ راڄ راڻي ٿيڻ جا سپنا ڏسڻ لڳي ھا. پر تون..... تون ته اُتي به روئي روئي پنھنجو جيءُ جھوري وجھنديئن. تون پنھنجي نصيب آڏو مجبور آھين: اسين پنھنجي نصيب آڏو مجبور آھيون. پر اسان وٽ اھڙيون به آھن جن پنھنجو نصيب پاڻ خلقيو آھي. اسان جي سنگلاخ وادين ۾ اڄ به اھڙيون عورتون آھن جيڪي پنھنجي زبان جي بدران خنجر جي نوڪ سان ڳالھائينديون آھن، جيڪي اڙٻنگ گھوڙن جي اگھاڙيءَ پٺيءَ تي لانگ ورائي ظالمن سان دوبدو مقابلا ڪنديون آھن، ۽ جڏھن جياپي جي جنگ ھارائڻ لڳنديون آھن، تڏھن ظالمن جي ھٿ چڙھڻ بدران خنجر جي نوڪ پنھنجي ڇاتيءَ ۾ ٽنبي ڏينديون آھن..... ھاڻي توکي فيصلو ڪرڻو آھي ته تون پنھنجو نصيب پاڻ خلقيندينئن يا پاڻ کي، اسان وانگر، ٺلھو مردارن وانگر جيئرو رھي، پاڻ کي نصيب جي حوالي ڪري ڇڏينديئن! “
    نوري يادگيرين جي انھيءَ ڌُنڌ مان موٽي آئي، ۽ شڪايتي انداز ۾ چيائين: ” تو وري مون کي سانئڻ سڏيو؟ “
    ٻانھي گھڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويئي. پوءِ ھيڏي ھوڏي ڏسي چيائين: ” مون توکي اڳ به سمجھايو آھي. ھيءُ مغل محل آھي، جتي ڀتين کي به ڪَن ٿيندا آھن. ھت پاڻ تي به اعتبار ڪرڻ جوکائتو آھي. ان ڪري تنھنجي- ۽ اسان جي به- سلامتي انھيءَ ۾ آھي ته اسين ٻاھرين طور اھوئي ڏيکاءُ ڏيون ته تون اسان جي سانئڻ آھين، ۽ اسين تنھنجون ڪنيزون! “
    ۽ پوءِ ھن کي ٻانھن کان وٺي آڻي پلنگ تي وھاريائين. ” ھاڻ ٻڌاءِ ته تو اھو ڪيئن سمجھيو ته انھيءَ تاري ھيٺ تنھنجو وطن ھوندو.....؟ “ ھن نوريءَ کي ڇيڙيندي چيو.
    ” بس، ايئن ئي چيم. ھيڏي ساري ڪاري ڌارئين آسمان ۾ انھيءَ تاري ۾ ئي جوت ھئي. ايئن ڀانيم ته ان تاري جي جوت منھنجي ڌرتيءَ، منھنجي ديس سنڌ جو اولڙو ھجي ته به شڪ ناھي. نه ته ھيترا سارا تارا ايئن ايترا اونداھا ڪيئن ھجن ھا! “
    ٻانھي حيرت مان ھن کي ڏسندي رھي. ھن جو سنڌين سان گھٽ واسطو پيو ھو، پر جڏھن به ھوءَ ڪنھن سنڌيءَ سان ملي ھئي، تڏھن ھن اھو محسوس ڪيو ھو ته اڇن اوجرن ماڻھن سان ملي ھئي، ۽ لاشڪ اھا اوجر ۽ شفاف روشني ماڻھن ۾ سندن ڌرتيءَ کان کين ملي ھئي. نوريءَ جي اچڻ کان پوءِ ته ھن کي ھيڪاري يقين ٿي ويو ھو ته سنڌ جي ڌرتيءَ کي خدا ڪا اھڙي خصوصيت عطا ڪئي ھئي جو اُن جا ماڻھو مَنَ جا ايڏا اڇا اُجرا ھئا، ۽ شڪلين ۾ به ھن اڃا تائين ڪو ماڻھو ڪوجھو ڪونه ڏٺو ھو. جيڪڏھن ڪنھن جو رنگ ڪارسرو ھو تڏھن به سندس منھن ۾ ڪا اھڙي مڻيا ھئي جو ھن جو اُجرو مَنُ پيو جرڪندو ھو!
    ” ڀلا، اھو ته ٻڌاءِ ته تنھنجو ھو سنڌي ڳڀرو..... ڇا نالو ٻڌايو ھيئي، ھا، وريام، اھو ڀلا ڪھڙي تاري ھيٺ ھوندو؟ “ ھن وري به کيس ڇيڙيندي چيو.
    گھڙيءَ لاءِ نوريءَ جي اکين ۾ ھڪ اھڙو رنگ آيو، جنھن ۾ حيا، حجاب سان گڏ ھڪ خوشيءَ جو لياڪو ھو. پر ٻيءَ گھڙيءَ ھن جي اکين ۾ اٿاھه ڏک لھي آيو. ھوءَ ڄڻ سڄي ڪومائجي ويئي، ۽ ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيائين: ” الائي ڪٿي ھوندو؟ الائجي ھن سان ڇا ڪيو ھوندائون؟ تو ته ڏٺو ھو ته ھن کي ڪيئن کڻي سنگھرن ۾ سوگھو ڪيو ھئائون.....! الله سائين، رڳو ھڪڙو ڀيرو ھن کي ڏسان، پوءِ پساھه پورا ٿين ته ھن تان گھوريس! “
    ٻانھيءَ وري کڻي ڀاڪر وڌس، ۽ نوري ھن جي ڇاتيءَ ۾ منھن وجھي ڪيترو وقت سُڏڪندي رھي.
    اوچتو ٻاھر تڪڙن تڪڙن قدمن جو آواز ٻڌي ٻئي ڇرڪجي اُٿي بيھي رھيون. ٻه ديوقامت خواجه سرا دروازو کولي، ھڪڙو ھڪڙي پاسي، ٻيو ٻئي پاسي ٿي بيھي رھيو. سندن ھٿ ڪمربندن ۾ آبنوسي خنجرن جي مٺين تي ھئا، ۽ پوءِ واچوڙي وانگر، ملڪهء ھند نورجھان جي خاص ٻانھي، اندر ھلي آئي.
    ” ملڪهء عالم، ملڪهء ھند جن سنڌي ڪنيز کي عزت بخشڻ لاءِ تشريف فرما ٿي رھيون آھن!“
    نوريءَ جي ڪنيز ته ھڪدم فرش تي سجدي ۾ وڇائجي ويئي. نوريءَ کي سمجھه ۾ نه آيو ته ھوءَ ڇا ڪري. حبشين کي ڏسي ھن جو ساھه اڳي ئي سڪي ويو ھو. ھوءَ ڪنھن بت وانگر اُتي ئي بيٺي رھي. ھن زائفان کي جيڪا پوشاڪ پيل ھئي، تنھن جي جرڪي ھن جي اکين کي ڄڻ کيرو ڪري ڇڏيو. ھن کي نھايت زرق برق پر نھايت شفاف ريشمي ململ جو ڊگھو پھراڻ پيل ھو جنھن مان ھن جو ھر انگ صاف نظر پئي آيو: فقط چيلھه ۾ ٻڌل ھيرن جواھرن سان سان جڙيل ڪمربند وارو جسم نظر ڪونه ٿي آيو. ھوءَ ايترو تڪڙو اندر آئي ھئي، جو ڄڻ واچوڙا پاڻ سان کڻي آئي ھئي، ۽ انھيءَ واچوڙي ۾ ھن جا اُرھه ايئن دمڪي رھيا ھئا ڄڻ ڪبوتر اڏامڻ لاءِ پَـرَ سوئي رھيا ھئا. ھوءَ انھيءَ اُرھه، ۽ اُرھه کان ھيٺ ڏسندي پنھنجي دل ۾ ڀنواٽيون پونديون محسوس ڪندي رھي. ھن کي يقين ٿي ويو ته جيڪڏھن ھن ڪنھن شيء کي نه جھليو ته ھوءَ اُتي ئي ڦھڪو ڪري ڪِري پوندي. ھن قيصر بيگ جي خانم کي به زرق برق پوشاڪن ۾ ڏٺو ھو، پر ھي نظارو ھن جي تصور کان به گھڻو اڳتي ھو.
    اوچتو چئن ڪنيزن جي وچ ۾، ھڪڙي قداور مائي، مٿي تي ڇٽ پھريو، ھوريان ھوريان اندر داخل ٿي. ڪنيزن نورجھان بيگم لاءِ ھن کي جيڪي ڪجھه ٻڌايو ھو، سو ھن ساڀيان اڳيان بنھه تڇ برابر ھو. ڇَٽ جي بِلوري ھيرن جواھرن ھن جي منھن کي اھڙو تيج ۽ تجلو ٿي ڏنو، جو ڄڻ ته ھن جو منھن مشعل وانگر پئي ٻَريو. ھن جي ڊگھي ڳچي به ھيرن جي ھارن سان جھِنجھي پئي ھئي. ريشم جي لباس جي چَتي چَتيءَ تي اھڙن موتين جو ڀرت ڀريل ھو جيڪو اکين ۾ گھڙندو ٿي ويو. پر جنھن ڳالھه نوريءَ کي ڇرڪائي وڌو، سي ھن جون اکيون ھيون. ھن ايتريون خوبصورت ۽ سھڻيون اکيون ڪڏھن به نه ڏٺيون ھيون. پر انھن ۾ رڳو خوبصورتي ۽ سونھن ڪانه ھئي: انھن ۾ ھڪ اھڙي چمڪ ھئي جا ڪنھن شڪاري پکيءَ ۾ ھوندي آھي. ان چمڪ ۾ شڪار جي بيوسيءَ تي سوڀ جو رنگ ھو. ان ۾ زخمي چيتي واري رتو رت جلالي ڪيفيت ھئي. ھن کي اھي اکيون ڏاڍيون وڻيون، پر ساڳئي وقت انھن اکين کان ھن کي بي انتھا خوف محسوس ٿيڻ لڳو، ۽ ھوءَ ھلڪي واءُ ۾ لرزندڙ پَنَ وانگر ٿڙڪڻ لڳي.
    ملڪه جي ھڪڙي ٻانھيءَ ھن کي ڪو اشارو ڪيو، پر ھوءَ ان اشاري کي بنھه نه سمجھي سگھي. سندس پنھنجي ڪنيز، جيڪا سجدي مان اُٿي، ھن کي چيو: ” مون وانگر جھُڪي، ملڪهء ھند جي قدمن ۾ وڇائجي وڃ! “
    ملڪه نورجھان ڪنيز ڏانھن ڏسندي چيو: ” تو ھن کي سندس زبان ۾ ڇا چيو؟ “
    ڪنيز ڪنڌ ھيٺ ڪندي فارسيءَ ۾ چيو: ” قربان وڃان، مون کيس چيو ته سجدہ ريز ٿي ملڪهء عالم جي قدم بوسي ڪري! “
    ” ھون.....! “ نورجھان ڪنڌ جي جنبش سان ھن کي ھٽڻ جو اشارو ڪري، اڳتي وڌي آئي.
    نوريءَ جي کاڏيءَ کي پنھنجي آڱر سان مٿي کڻي، ڪا گھڙي ھن جي ڊنل ھرڻيءَ جھڙين اکين ۾ نھاريندي رھي. پوءِ ٿورو ھٽي، ھن جي سموري سراپا کي ڏٺو.
    ” ھيءَ واقعي غضب جي حسين نينگري آھي! “ ملڪه ڀڻڪيو.
    ” اوھان جي ته قدمن جي خاڪ برابر به ڪانھي! “ ڪنيز ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ چيو.
    ” ھن کان پڇ ته ھوءَ خوش آھي شاھي حرم ۾ داخل ٿيڻ تي! “
    ڪنيز نوريءَ کي ساڳي ڳالھه سنڌيءَ ۾ چئي ته نوري اچي سُڏڪن ۾ پئي. ” باھه لڳي شاھي حرم کي، شل زمين مون کي جاءِ ڏي ته آءٌ ان ۾ غرق ٿي وڃان.....! “
    ڪنيز ترجمو ڪندي چيو: ” چوي ٿي ته ملڪه عالم جي قدمن ۾ جاءِ ملي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي خوشبختي ٿِي ٿي سگھي! “
    نورجھان ھلڪو ٽھڪ ڏنو. ” توکي ڪوڙ ڳالھائڻ نٿو اچي. اسين ھن جي سڏڪن مان ئي سندس دل جو حال ڄاڻي ويون آھيون. ھيءُ حُسن ترڪ يا مغل حُسن ڪونھي جيڪو آسمانن ڏانھن اُڏامڻ گھرندو آھي. ھيءُ حُسن اھڙو حُسن آھي جيڪو پنھنجي مٽيءَ ۾ مانُ گھرندو آھي..... تون اسان سان اچ! “
    جھڙي طرح واچوڙي وانگر ھو آيون، تئن ئي وري واچوڙي وانگر ھو ھليون ويون. دروازي کان ٻاھر نڪري، نورجھان پنھنجي ھڪڙي آڱر مان ھڪڙي مُنڊي لاھي ڪنيز کي ڏيندي چيو: ” ھيءَ پاڻ وٽ رک. ماھه بيگم، باقي تون ھن کي سمجھائي ڇڏج. پر سيگھه ڪجو، قبلهء عالم تي ڀروسو ڪونھي ته ڪيڏيءَ مھل کين ھيءُ جنت جو ميوو ياد پئجي وڃي.....! “
    ڪنيز وري سجدي ۾ ڪري پئي. نورجھان جي وڃڻ کان پوءِ ماھه بيگم، ملڪه جي خاص ڪنيز، ھن کي ڳچ وقت ڪي ڳالھيون سمجھائيندي رھي.*


    23

    لاھور جي رات اوندھه کان به وڌيڪ ڀنڀلائيندڙ ھئي: ھيٺ ڌنڌ ھو، ان کان ٿورو مٿي، مٽيءَ جو اڌوگابرو شاھي ڪڪر ٿي نظر آيو، ۽ ان کان به مٿي تارن تائين رات جي اصل اوندھه ڦھليل ھئي، جنھن مان تارا نظر ته آيا ٿي، پر ايئن ٿي ڀانيو ته سندن روشني ڪنھن ڪوڙڪي ۾ گرفتار ھئي، ۽ رکي رکي ٿي منھن ڪڍيائين. جيستائين نظر ٿي ويئي، تيستائين اوندھه جا مختلف ڇانورا ٿي نظر آيا، ڄڻ اوندھه کي به پنھنجو ڪو جسم ھو جو آسمان ۾ مٿي ۽ منھن ڀر ابتو ٽنگيل ھو. شايد رات ۽ اوندھه جي ڪردار جو اھو اولڙو لاھوري ماڻھن جي پنھنجي ڪردار ۾ به ھو: ٻاھر ھڪڙو اندر ٻيو؛ پنھنجن سان ھڪڙو ڌارين سان ٻيو؛ پنھنجي ئي اندر واري سان ھڪڙو، پر ٻاھريون ٻيو ٻيو!
    ” يَـرَ، ھھڙي رات ته نه ڏٺيسون، نه ٻڌيسون! “ ڏاتر ڏني پنھنجي منھن ڀڻڪندي چيو.
    ” ڏاتر ڏنا، ظلم جون راتيون اھڙيون بدصورتون نه ھونديون ته ٻيون ڪھڙيون ھونديون! “ جانوءَ سندس سُر وٺايو.
    ” ادل، شُڪر ڪر جو ھي ڌنڌ آھي، نه ته ھيستائين ٻن چئن چونڪين سان ته مامرو ڪرڻو پوي ھا! “ دوسوءَ پنھنجا ھٿيار سنڀاليندي چيو.
    ” سو ته ڏسي وٺون ھا، پر ھاڻ ھن اجگر جھڙي ڪوٽ جو دروازو ڪيئن کلندو؟ “ جيون ڄڻ پنھنجي پاڻ کان سوال پڇيو.
    ” دروازو کلڻ ته ڏاڍو ڏکيو آھي. پر ڪوٽ جي پرئين ڀر، لشڪرين جو ھڪڙو مورچو ٺھيل آھي. ھيٺ دريا ۾ ٻيڙيون بيٺل آھن. لاشڪ مغلن پنھنجي ڪن خاص مقصدن لاءِ اھو مورچو ٺاھيو آھي ته جيئن ڪنھن کي ڀڄائڻ ۾ سولائي ٿئي. يا شايد ٺاھيو ئي اسان لاءِ اٿن. سو اچو مون سان: آءٌ سڄو واءُ سواءُ وٺي ويو آھيان! “ جکري پنھنجون ڪانيون ۽ سرائيون گيدي ۾ رکندي چيو.
    ڪوٽ ڪافي وڏو ھو. جڏھن ڦري آيا، تڏھن ڌنڌ ۾ مورچي جا بُرج به ايئن ٿي ڀانيا ڄڻ ڪي ماڻھو ٻانھون مٿي ڪريو بيٺا آھن. جکري چيلھه مان رسو کولي، سرڪساھي ٺاھي اُڇل ڏني. سرڪساھي ھڪڙي ڪُنگري ۾ سوگھي ٿي ويئي. ھن پنھنجي ھمراھن کي ترسڻ جو اشارو ڏيئي، فصيل تي بانبڙا پائي ايئن چڙھي ويو، ڄڻ ته اھا ھن جي روزاني ڪرت ھئي. ڪوٽ جو ڪنگرو اورانگھي، ھو بنا آواز مورچي جي پٺيان لھي پيو، ۽ ڏيڍيءَ جي اوٽ وٺي بيھي رھيو. ڪل چار پھريدار ھئا. ٻه ڄڻا ھڪڙي پاسي، ٻه ڄڻا ٻئي پاسي چونڪي ڏيئي رھيا ھئا: موٽ ۾ چارئي ڄڻا مورچي جي دوڇٽيءَ وٽ، ھڪٻئي کي ڏسي،، بند مٺ پنھنجي سيني تي رکي، سلام ڪري، وري پنھنجي چونڪيءَ تي ھليا ٿي ويا.
    ھو چپ اوندھه ۾ لھي پيو: اڳيان ويندڙ سپاھين جي پويان پھچي، ٻنھي ھٿن ۾ خنجر جھلي اُڀا ڪيا: ٻنھي لشڪرين جي ڪلھي ۽ ڳچيءَ جي ڪوري ماس ۾ خنجر کنوڻ وانگر لڳي ويا! ٻئي ڄڻا ريھه ڪري، ڪپيل بُنڊ جيان سڌا ئي سڌا پٺيءَ ڀر اچي ڪريا، ۽ اُتي ئي ڪٺل ڪبوتر وانگر ڦٿڪي ڦٿڪي ٿڌا ٿي ويا. ھن ڇڪ ڏيئي، خنجر ڪڍي ورتا، ۽ ٻين ٻن سپاھين طرف ھلڻ لڳو. پنھنجي ساٿين جي ريھه ٻڌي، ٻئي لشڪري پنھنجي چڪر پوري ڪرڻ کان اڳ تڪڙا تڪڙا موٽي پئي آيا. اڃا جکري کان ويھارو قدمن تي ھئا ته جکري سَرائي وات ۾ وجھي ڦوڪ ڏني: ھڪڙي ۽ پوءِ ٻي. ٻئي لشڪري پنھنجي پنھنجي اک وڃائي، اک مان سنھون تِير ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ دانھون ڪرڻ ويھي رھيا. جکري جو ھٿ ٻه ڀيرا مٿي کڄيو، ۽ ٻئي ٿڌا ٿي ويا. ھن وري به ڇڪ ڏيئي پنھنجا تِير سندن اکين مان ڪڍي ورتا. پوءِ ڌيرج سان ھلندي، ھن اچي رسيءَ کي ھلڪي ڇڪ ڏني.
    اشارو ملندي ئي سمورا ھمراھه رسيءَ جي مدد سان مٿي پھچي ويا. جکري رسو ويڙھي وري چيلھه سان ڪمربند ۾ ھڻي ڇڏيو.
    ” ھاڻ ڪيڏانھن؟ “ ڏاترڏني جکري کان پڇيو.
    ” ھيٺ! ھن پڃري مان ڀانئجي ٿو ته ھتان لھي لشڪري پنھنجي ڪمين گاھه ۾ ويندا ھوندا، جتي ھنن جا ٻيا ھمراھه پنھنجي چونڪيءَ جي واري لاءِ تياري ڪندا ھوندا. منھنجو اندازو آھي ته ويھارو کن ھمراھن جو ھوندو. اتي ئي ڪٿي، تھخانا شروع ٿيندا ھوندا.....! “ جکري ايئن چيو ڄڻ ھو اڳي ئي اُتان ٿي آيو ھو. پر ھن رڳو جبلن جي غارن جي حساب تي ڌُڪو ھنيو ھو.
    ھو تڪڙا تڪڙا ھيٺ لھڻ لڳا. اوندھه ۾ لسن پٿرن جي ڏاڪن تان لھڻ به جان جو جوکو ھو، سو ھو ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي، آھستي آھستي ھيٺ لھڻ لڳا. ھنن جا حواس پھري سجاڳ ھئا. سندن ھڪڙو ھٿ پنھنجي ھمراھه جي ھٿ ۾ ھو ته ٻيو ھٿ خنجر جي مُٺئي تي ھو: مڄاڻ ڪو.....!
    جڏھن اڌ جيترا ڏاڪا لٿا ته ڌُنڌ منجھان ھنن ھڪڙي وڏي فانوس جي پِيلي پِيلي روشني ڏٺي.
    ” ھي ته شاھي فانوس ٻاريو ويٺا آھن. آھن به الائجي گھڻا ڄڻا؟ “ جانوءَ چيو.
    ” ھاڻي منھنجو وارو آھي، جانو! “ موليڏني پنھنجي پھراڻ مان ھڪڙي دٻلي ڪڍي، ان کي کوليندي چيو: ” ٻُڌو، ھن مان چپٽي ڀري ھٿن ۾ چڱيءَ طرح مَلي ڇڏيو، ۽ پوءِ ٻنھي ھٿن سان مُنھن کي به مَکُ ڏيئي ڇڏيو. جيڏي مھل آءٌ پنھنجي جادوگري ڏيکاريان ۽ چوڌاري دونھون ڦھلجي وڃي ته اوھان جا ھٿ ۽ منھن بنھه انھيءَ فانوس وانگر چمڪڻ لڳندا. اھو انڪري ٿو چوان جو ايئن نه ٿئي اسين ھڪ ٻئي جي خنجرن جو بَک ٿي وڃون! “ موليڏني کين سمجھاڻي ڏيندي، وري پنھنجي پھراڻ مان ھڪ ڊگھو سِڱ ڪڍيو. اھو سڱ ڪنھن ڪُنڍي مَينھن جو ٿي ڏٺو. ان کي ھڪڙي پاسي کان ڦوڪون ڏيڻ شروع ڪيائين ته گھڙيءَ کان پوءِ ان مان چڻنگون نڪرڻ لڳيون.
    پوءِ ھن ھڪ دٻلي ڪڍي، ان مان اڇي اٽي جھڙي ڪنھن شيء جون ٻه چار چپٽيون سِڱ جي منھن ۾ وڌيون. سڱ اندر ٽڙڪاٽ ۽ چڻنگون نڪرڻ لڳيون ته ھن ان کي فانوس ڏانھن اُڇل ڏني. گھڙي نه گذري ته فانوس جي روشنيءَ کي ڄڻ ته ڪو جن ڀوت ڳِھي ويو: ان جي بدران چوڌاري اڇو اڇو دونھون ڦھلجندو ويو، ۽ ڏھاڪو مڙسن جو اٽوڙجڻ ۽ کنگھڻ، کنگھڪارڻ ۽ اوڪارڻ جا آواز اچڻ لڳا.
    ھو تڪڙا تڪڙا ھيٺ چونڪيءَ ۾ لھي پيا: ڄڻ مغلن جو موت پيلن ھٿن ۽ پيلن منھن سان منجھن لھي پيو. مغلن رڳو پنھنجي سامھون پيلي منھن سان ڪو جسم ڏٺو، ۽ اوچتو ڪو پِيلو ھٿ مٿي کڄيو ۽ خنجر بڻجي وِڄُ جيان ٿي کڙيو. ھنن کي پڪ ھئي ته ھيءُ ڪا غيبات ھئي جا مٿن اچي ڪڙڪي ھئي. موت کان وڌيڪ ھو انھيءَ غيبات جي ڊپ کان دانھون ڪرڻ لڳا. مرڻ کان به اڳي ھنن جا ھينئان جنات جي ڊپ کان ھڄي ويا، ۽ ھنن کي بچاءَ ۾ پنھنجا ھٿيار به ياد ڪونه آيا!
    ” يَـرَ، ھي ته ڪا ڪاسائيءَ واري ڪار ڪئي اٿئون! “ ڏاترڏني ڪجھه لڄي ٿيندي چيو.
    ” ۽ ھنن جي چاچن مامن جو سنڌ ۾ ڪوس ڪيو، سو ڪھڙي حساب ۾! “ جانو جوکئي چڙ مان چيو.
    ” پر سنڌ جي مغلن جو حساب ھنن کان وٺڻ مون کي به ڪونه ٿو آئڙي! “ جکري به شوڪارو ڀريندي چيو.
    ” ادل، پاڻ لشڪرين ۽ فوج جي سپاھين کي بَکُ بڻايو آھي. ھنن جي حاڪمن ته اسان جي معصومن، مسڪينن، بي پھچ نياڻين جي رت سان ھٿ رنڱيا آھن.....! “ جيوڻ به ورچجي چيو.
    ” ٺھيو، ڇڏيو انھن ڳالھين کي، اجھو ٿي فجر جي ٻانگ اچي ۽ سڄو ڪوٽ جاڳي پوندو..... “ ڏاتر ڏني وري انساني جذبن کان حقيقتن جي ڪوٽ ۾ موٽي آيو.
    چونڪيءَ مان ٻاھر نڪتا ته سامھون ئي سامھون تھخاني جو دروازو نظر آين. دروازو اڌ کليل ھو، ۽ ھيٺ ويندڙ ڏاڪا صاف نظر ٿي آيا.
    ” توھين ھيٺ ھلو ته آءٌ پنھنجي واپسيءَ جو ڪو بندوبست ڪري اچان. ڪوٽ جو مُک دروازو به شايد فجر جي ٻانگ تي کوليندا، ۽ پاڻ کي سواري به ضروري آھي! “ جانوءَ صلاح ڏني.
    ” آءٌ به توسان گڏيو ٿو ھلان. ھڪڙي کان وري به ٻه چڱا! “ جيوڻ صلاح ھنيس.
    ” نه ڀائو، اندر الائجي گھڻا پھريدار ھجن، سو تون ھنن سان ھُج ته ڀلو. منھنجي ڳڻتي نه ڪر. گھوڙا کڻي مغلن جا ھجن، ڌڻي اھي به سڃاڻن ٿا! “ جانوءَ کلي چيو، ۽ پنھنجي اندازي موجب گھوڙن جي ڪڙھه جي ڳولا ۾ ھڪڙي پاسي لھي پيو.
    ڏاتر ڏنو ۽ سندس ساٿي تھخاني ۾ لھندا ويا پر ڏاڪا کُٽن ئي نه.
    ” يَـرَ، متان ھتي ڪا اھڙي ڪَل ته ڪانھي، جنھن سان ڪو دروازو کُلندو ھجي. ايترو ھيٺ ته تھخانو به ڪونه ويندو آھي! “ ھن کي ٻُڌ جي بت وارا تھخانا ياد آيا.
    ” ڳالھه سچي ٿو ڪرين. ھيٺ ته رڳي اوندھه آھي، نه آدم نه آدم جي ذات.....! “ جکري پھرين کاٻي پاسي ۽ پوءِ ساڄي پاسي ڀِت ۾ ھٿوراڙيون ڏيڻ شروع ڪيون:
    ” يَـرَ، ڏاڍي ڳالھه ٿي..... “ موليڏني ھمٿ ھاريندي چيو.
    ” ھلو ته وري مٿي ھلون: پڪ ئي پڪ ھن تھخاني جا ڪَلَ پرزا مٿي چونڪيءَ ۾ ھوندا!“ جکري ڪجھه سوچيندي چيو.
    جئن ھو مٿي چڙھڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو ٻه ٻه ڏاڪا مٿي چڙھيا، ته مُک دروازو ھڪ وڏو چِيڪٽ ڪري بند ٿي ويو! ڏاڪڻ تي ٻاٽ اونداھي ڇانئجي ويئي!*


    24

    ساموئيءَ جا پَٽَ، سنڌ جي تاريخ جيان، ھر سنڌيءَ لاءِ ھڪ عجيب ڇڪَ ۽ ڪشش جو ڪارڻ رھيا آھن: اھي ئي پَٽَ ھئا، جتي سنڌين، عربن، تغلقن، غزنوين، غورين ۽ پوءِ ترڪن سان وڏا مامرا ۽ مقابلا ڪيا ھئا. ھت ڪوپن ۽ ڪونڌرن ثابت ڪيو ھو ته جيڪڏھن سنڌي پنھنجيءَ تي اچن، پنھنجا ويڇا وساري، فقط سنڌ جي ازلي ابدي رشتي ناتي ۾، ٻه ته ٻارنھن بڻجي، وڙھن ته ڪوبه ڌاريون ھنن جي اڳيان بيھڻ ۽ مقابلو ڪرڻ جو سَتُ ڪونه ساريندو. ھت ھر سنڌيءَ جي وڏڙن جا ھڏا، ھن ڌرتيءَ جي مٽيءَ کي مانُ ڏيئي، آزاديءَ جي گلن جو ڀاڻ بڻيا ھئا؛ ھر سنڌيءَ جي بزرگن پنھنجي رت سان ريج ڏيئي، ايندڙ نسلن جي ڇوٽڪاري جا فصل اُپايا ھئا. ھن پَٽَ جي مٽيءَ جي سڳند پنھنجي متوالن کي پريان ئي پڪاري وٺندي ھئي. جڏھن به ڪو سنڌي واٽھڙو بڻجي ھتان لنگھندو ھو ته ھن جا قدم اُتي بيھي ويندا ھئا، سندس نرڙ ۾ ان مٽيءَ کي سجدي ڪرڻ جي آرزو اُٿندي ھئي، ۽ ھو اُن مانائتيءَ مٽيءَ مان لپ ڀري، ڪا گھڙي ان ۾ گھوري نھاريندو ھو ڄڻ ان ۾ آزاديءَ جي آھوتيءَ کي ڳوليندو ھو. سندس اکين اڳيان تاريخ جا اھي ورق ورندا ھئا جن تي آزاديءَ لاءِ سنڌين پنھنجي رت سان اتھاس کي قلمبند ڪيو ھو.
    سانوڻ ھڪڙي نظر ساموئيءَ جي آسمان تي وڌي، ۽ ٻي نظر ھن پنھنجن ھمراھن ۽ ساٿين جي لشڪر تي وڌي، جيڪي ھڪڙي ئي سڏ تي ڪٿان ڪٿان ڪَھي پھتا ھئا: سندن جسم تازن معارڪن ۽ راتاھن ۾ مليل گھاوَن سان سينگاريل ھئا، ۽ سندن روح ھڪ ئي عبادت لاءِ سجدہ ريز ھئا: سنڌ لاءِ سر ڏيڻ جي عبادت، سنڌ کي آزادي ڏيارڻ جي عبادت! تنبو ۽ خيما ھئا جي آسمان جي ھڪڙي ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين، سنڌ جي ٿَر جي ڀٽن وانگر، سمنڊ سمان ٿي ڀانيا. ھن ايئن ڀانيو ته ڄڻ سنڌ جو آسمان به ھنن جي آجيان ۽ مانَ ۾ مٿن سلامي ھو. ھو اڃا انھن خيالن ۾ ھو ته پري کان گھوڙن جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ جو گھُٻيل آواز ھن جي ڪن تي پيو. ھاڻ ھن جا ڪن اھڙا ھِري ويا ھئا جو ھن کي اڳي ئي پَرون پئجي ويندا ھئا ته نياپو آڻيندڙ پنھنجا ھئا يا اوپرا ۽ سندن نياپو خير جو ھو يا نه. ھن جي خابرو جٿن اصل نياپي کان گھڻو اڳ کيس ان نياپي بابت چتائي ٿي ڇڏيو.
    ” جيئي سنڌ! “ ايندڙ ھمراھن وٽس پھچي سلام ورايو.
    ” سدا جيئي! “ سانوڻ ڀڻڪيو.
    ” سنگھار پاتڻيءَ جا سلام پھچن.....! “ ھڪڙي نوجوان اڳتي وڌندي چيو.
    ” ادل، تون تماچي ته ڪين آھين، شيرل جو نينگر! “ سانوڻ ٻه قدم اڳتي ايندي چيو، ۽ پوءِ ھن کي سڃاڻيندي، کيس ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين.
    ” اھو ساڳيو.....! “
    سانوڻ سڀني سان ڀاڪر پائي مليو، ۽ خوش خير عافيت کان پوءِ چيائين: ” ڀلا ڪريو خبرون چارون.....! “
    خبرون مڙئي خير. مغلن جا ويھارو بتيلا، ھٿيارن سان ۽ توپن جي گولن سوڌا اسان واري پتڻ تائين پھتا ھئا. ڪل چار سو کن لشڪري ھئا. اسان جي ھمراھن سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ھنن لاءِ جاءِ پيدا ڪري وڌي. البت ٻن توپن ۽ سو کن ڀالن ۽ ترارين کان سواءِ ٻيو ھٿيار بچائي ڪونه سگھياسون. توپون ۽ گولا ڪاھي آيا آھيون. چاچي سنگھار ٿي چيو ته اھي ھٿيڪا ڪري پھچايو: مڙئي ڪم اچي ويندا. ٻيو مڙئي خير! “
    سانوڻ ڪا گھڙي ھن نوجوان کي گھوريندو رھيو. ھن جي دل ۾ ھن لاءِ اٿاھه پيار اچي ويو، ۽ ھن وري وڌي کڻي کيس ڀاڪر وڌو.
    ” شيردل جي اولاد مان مون کي اھائي اُميد ھئي! “ ھن کيس مٺي ڏيندي چيو.
    ” چڱو ھاڻ موڪلاڻي ڪانھي! “ تماچي ھن پيار کان مرڳو ششدر ٿيڻ لڳو. ھنن اڃا ته ڪا اھڙي ڳالھه ڪانه ڪئي ھئي، جنھن تي سانوڻ جھڙو سرواڻ ھن جي واکاڻ ڪري.
    ” ايئن ڪيئن ٿيندو؟ مانيءَ ٽڪر کائو، پوءِ وري ڪچھري ڪبي..... نورل، ھمراھن کي لنگر تي وٺي وڃ ته جيئن ھنيانءُ سڄو ڪن. وھٽن کي به داڻو ڏيو! “
    ” ڪچھريون پيون ٿينديون، پر ڪنھن پکيءَ ٿي ٻوليو ته ڪجھه ٻيڙا ٻيا به لھوارا پيا اچن، سو انھن جو به ڪو بِلو ڪرڻو آھي! “ تماچيءَ سانوڻ جي اکين کان بچندي چيو.
    ” سنگھار پاڻھي انھن جو بِلو ڪندو. توھان کي ٿَڪ ڀڃڻ کان سواءِ وڃڻ جي موڪل ڪانھي. پنھنجن وٽان بکيو موٽڻ ھونئن ئي سٺو سوڻ ڪونه ٿيندو آھي! “
    تماچي ۽ سندس ھمراھه لاچار نورل سان گڏجي لنگر ڏي روانا ٿيا. ٻه ھمراھه سندن گھوڙن کي داڻو ڏيڻ لاءِ ڪاھي ويا. سانوڻ ھنن کي ويندو ڏسي، دل ئي دل ۾ دعا ڪئي ته الله سائين، ھھڙا سرويچ شل سلامت رھن ته پوءِ ٻيڙا ئي پار آھن. گذريل ٻن ڏينھن کان ھن کي جتان ڪٿان اھي خبرون پھتيون. نه رڳو دريا مغلن جو قبرستان بڻجي ويو ھو، پر سنڌ ۾ جيڪي به لَڪ ۽ لنگھه ھئا، اُتان ھن کي اھي ئي خبرون مليون ته اھي به مغلن جا مقام بڻجي رھيا ھئا.
    لاکن ۽ مھرن ملتان کان ايندڙ مغل فوج تي راتاھا ڏيئي سندن سمورا گھَٽ بند ڪري ڇڏيا ھئا. بکر ۾ مورچي بند مغل لشڪر جڏھن ھيٺ لٿو ته چاچڙن ۽ سھتن ھنن کي پوئتي موٽائي ڇڏيو. جيڪي گھَٽ بدلائي ھيٺ لٿا ته کين شورن ۽ سومرن اھڙو سوگھو ڪيو جو قرآن ميڙ ڪري پنھنجي جان بچائي پوئين پير ويا. خود ٺٽي جي آس پاس مغلن جي ڇانوڻين تي جوکين، جتن، سمن ۽ پليجن سڌا سنوان حملا ڪري، باھيون ڏيئي، اکوڙي ڇڏيو، ۽ ھو ٽولا ٽولا ٿي اچي ٺٽي سھڙيا ھئا. جڏھن مغل چئن ئي پاسن کان ھن شورش کان سراپجي ٺٽي پھتا، تڏھن پھريون ڀيرو رستم بيگ کي اھو احساس ٿيو ته ھيل سنڌي کين ڪڍڻ کان سواءِ ڪونه مڙندا. ھن لاھور قاصد موڪليا، ۽ پاڻ سمورو لشڪر تيار ڪري سانوڻ سان سڌو منھن مقابل ٿيڻ جو تياريون ڪرڻ لڳو. جنگ جي نوبت وڳي ته سنڌي به مورچي بند ٿي ويھي رھيا.
    سانوڻ ھڪ نظر پنھنجي ساٿ تي وڌي. ٺٽي کان ساموئيءَ واري پنڌ ۾ ھن کي اھا پڪ ھئي مغل ڍورا ڪونه ٽپندا جيسين کين ٻاھران ڪمڪ نه پھچي. ڍوري جي مٿئين ڪپ تي مغلن پوري ساز سامان سان صف بندي ڪئي ھئي. سانوڻ پنھنجي سموري ساٿ کي چئن حصن ۾ ورھايو ھو. ٻه حصا اھڙي طرح مورچي بند ھئا، جو جيڪڏھن پٺيان حملو ٿئي ته اُن لاءِ به ھو تيار رھن. اڳيان ٻه حصا ھن اھڙي طرح ورھايا ھئا جو جڏھن ويڙھه شروع ٿئي ته مغلن کي وچ ۾ ڪري وڙھجي. ھن لاءِ وقت ڄڻ ھڪ ئي ھنڌ بيھي رھيو ھو. ھن کي ڪنھن به سُتل ڪونه ڏٺو ھو. ڏينھن رات جو فرق مٽجي ويو ھو. ھن کي گرھه کائڻ جي به واندڪائي ڪانه ھئي. ھڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ھن جي ڪُميت ايئن ٿي آئي ويئي ڄڻ ھن جو ساھه انھن ٻن ڇيڙن ۾ ورھايل ھو. ساڄي کاٻي، ڏکڻ اتر، اولھه اوڀر جا سنڌا ميسارجي ويا ھئا: ھن کي ھر وقت اھا اڻ تڻ ھئي ته ھر جٿي جا مھندار الائجي پنھنجي ھمراھن جي کاڌي پيتي ۽ آرام جو خيال رکن ٿا يا نه. ھو پاڻ مختلف لنگرن تي وڃي بيھندو ھو ۽ ھمراھن کان کاڌي خوراڪ جون پڇائون ڪندو ھو. ھمراھه کِلي چوندا ھئس: ڀانئجي ٿو ته سانوڻ جي پنھنجي لنگر ۾ ھڏو ڀت رڌوئي ڪونھي، جو ھيڏانھن ھوڏانھن جھوتون پيو ڏئي! “
    جڏھن مغلن پھريون حملو ڪيو، تڏھن ايئن ٿي ڀانيو، ڄڻ ته ڌرتي ڌُٻڻ لڳي ھئي. ھزارين گھوڙا، جڏھن مظفر خان جي اڳواڻيءَ ۾ ڪنھن سمنڊ جي وِير وانگي چڙھي آيا، تڏھن گھڙيءَ لاءِ سانوڻ جي دل ھڄندي ويئي: ھن تربيت يافته مغل گھوڙي سوارن جي دستي جي اڳيان الائجي ڪيترا لشڪر ھيبت کان ئي ھار مڃي پيش پيا ھئا. گھوڙن جي سُنبن جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ اھڙي ترتيب ۽ منظم نموني سان ھڪ خوفناڪ گجگوڙ بڻجي ويئي، جو ايئن ٿي ڀانيو ڄڻ ته ڌرتيءَ جو ھنيانءُ ڦاٽڻ تي ھو. رکي رکي مغلن ھڪ آواز ٿي نعرو ٿي ھنيو، ڄڻ ته فتح اڳي ئي ھنن جي تقدير ۾ لکيل ھئي. سانوڻ جي ڪميت جا ڪَن به انھيءَ آواز تي، ڪنھن کاٻي ته ڪڏُھن ساڄي پئي ڦريا، ۽ سندس بدن ۾ ھڪ عجيب ھلچل ۽ اُڇل کي سانوڻ محسوس ڪندي، سندس ڳچيءَ تي ٿڦڪيون ھڻي، ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر ڪُميت کي سُک نه پئي آيو.
    جڏھن مغل ڍوري جي مٿئين ڪَپَ تان اڌو اڌ ورھائجي ھيٺ لھڻ لڳا، تڏھن سانوڻ ھٿ مٿي کڻي ڪو اشارو ڪيو. ھن جو ھٿ اڃا مٿي ئي ھو ته کانڀاڻين جي پَٽِ، پَٽِ جا ھزارين آواز ايئن اٿيا ڄڻ ته سِرڻين جي شاھي لشڪر ھڪ ئي وقت ڀڙڪو کائي اُڏام لاءِ پنھنجون کنڀڙاٽيون وڄائڻ شروع ڪيون ھيون. کانڀاڻين مان ڳوڙھن جو مِينھن مغل گھوڙيسوارن تي وسيو، تڏھن نه مغل لشڪري نڪي سندن گھوڙا انھيءَ لاءِ تيار ھئا. سوين مغل اُڇل کائي جئن ئي گھوڙن جي دُنب طرف ٿڙيا، تئين سندن گھوڙا به ڳوڙھن جي ڌڪ کان، اڳيان سُنب مٿي کڻي اُڀا ٿي ويا: پونين ٽَنگن سندن ساٿ نه ڏنو، ۽ ھڪ ڊگھي ڊنل ھڻڪار سان، پنھنجي سوار کي ھيٺ اڇلائيندي، پاڻ سنڀاليندي جئن ڀڙڪو کاڌائون ته پنھنجي ئي سوار کي چچريندا ويا. مغلن جي دانھن ۽ گھوڙن جي ھڻڪار آسمان ۾ پڙاڏا وجھي ڇڏيا.
    سانوڻ جي ٻئي اشاري تي، ٻه ٻه سو سنڌي گھوڙيسوار انھيءَ گھمسان ۾ ٻنھي پاسن کان لھي پيا: ھنن جي ھٿ ۾ فقط ڀالا ھئا. ڪريل مغل اُٿن، تنھن کان اڳ ڀالا سندن نڙگھٽن، ڇاتين يا پٺين کي ڏاريندا ويا. چچرجي نڪرندڙ انساني دانھن جا نوان پڙاڏا زخمي گھوڙن جي ھڻڪارن سان ملي سموري مغل فوج کي اھو چتاءُ ڏيندا ويا ته ھيلوڪي ويڙھاند سندن آخري ويڙھاند ھئي، ۽ ھو وري سنڌين سان ڪڏھن مد مقابل ڪونه ٿيندا! مظفر خان پنھنجي بھترين تربيت يافته گھوڙيسوارن جي ھن شاھي دستي جي اِن شامت جي امڪان تي به ڪونه سوچيو ھو. ھن جيڪي به جنگيون وڙھيون ھيون، تن ۾ ھن جي انھيءَ دستي جو ڏھڪاءُ ئي ڪافي ثابت ٿيو ھو. پر ھيءَ شڪست ھن جي سپھه سالاريءَ جي سموري ساک ٻُھاري ويئي. ڪاوڙ ۽ شرمساريءَ مان ھٿ مھٽيندي، ھن پنھنجي مُک پيادل دستي کي اشارو ڪيو.
    ان دستي جو ھر مغل سپاھي پنھنجي خونخواري ۽ بھادريءَ لاءِ مشھور ھو. ھر ھڪ سپاھي زرھه پوش ھو: ھڪڙي ھٿ ۾ ڍال ۽ ٻئي ھٿ ۾ ترار کڻي، ھر سپاھي ٻئي سپاھيءَ سان ايئن قدم ملائي اڳتي وڌيو ڄڻ سڄي دستي جو ھڪڙو ئي جسم ھو، جنھن ھڪڙي ئي وقت تي ھڪ ئي ٻرانگھه ٿي کنئي. سؤ سؤ سپاھين جي اڳيان سندن مھندار ھو، جنھن کي ڍال ته ساڳي ھئي، پر سندس ھٿ ۾ ترار جي بدران ڀالو ھو.
    مغل چئن صفن ۾ اڳتي وڌيا: ھر صف ۾ سؤ سؤ سپاھين جا چار جٿا ھئا. رکي رکي ھنن ھڪ ئي وقت نعرو ٿي ھنيو: تيز ترڪ گامزن! تيز ترڪ گامزن! مغلن جي انھيءَ صف بنديءَ کان راجپوت، روھيلا ۽ پٺاڻ ايترو ھيسيل ھوندا ھئا جو انھن دستن کي ڏسندي ئي ھو قلعن جا دروازا بند ڪري پنھنجو پاڻ محاصرو ڪرائي ويھندا ھئا. سانوڻ ھڪڙي نظر انھن صفن تي وڌي، ۽ دل ئي دل ۾ ھڪ آرزو تري آيس ته جيڪڏھن سنڌي اھا صف بندي سکي پون ته ھنن کي غلام بڻائن جي ڪنھن کي به ھمت ڪانه ٿيندي.
    جڏھن مغلن ۽ سنڌين جي وچ ۾ ٽي سؤ کن وِکن جو مفاصلو رھجي ويو، تڏھن مغلن جي رفتار ۾ تيزي اچي ويئي، ۽ ھو اڳتي وڌڻ لاءِ ڊُڪڻ لڳا. سانوڻ ڌڙڪندڙ دل سان مغلن کي ڪنھن باز وانگر نظر ۾ رکندو آيو، ۽ عين اُن گھڙيءَ، جڏھن مغلن سندس مقرر ڪيل سَنڌو ٽپيو، تڏھن ھن ھٿ مٿي کڻي اشارو ڪيو. ميدان جي ٻنھي ڇيڙن تي بيٺل سنڌي شُھسوارن ھڪ ئي وقت پنھنجن گھوڙن کي ھڪل ڪئي. گھوڙن جي پُڇن ۾ ڊگھا رسا ٻڌل ھئا. جئن پوءِ تئن گھوڙن جي رفتار تيز ٿيندي ويئي، ۽ پوءِ مغلن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته زمين ھنن جي پيرن ھيٺان کسڪندي ٿي ويئي. ڊگھيون شاھي تؤنريون ھنن جي پيرن ھيٺان ڇڪجنديون ويون، ۽ مغل جيسين پاڻ سنڀالين ۽ سمجھن ته زمين ڪيئن سندن پيرن ھيٺان کسڪڻ لڳي ھئي، تنھن کان اڳ ھو چئن پنجن پُرھين جيڏين کاھين ۾ ڪرندا ويا. کاھين جي تري ۾ تيرن کان به تِکا سَرَ ڀالن جيان ٽُنبيل ھئا: اھي سَرَ ڪرندڙ مغلن جي سٿرن ، چَڏن، چيلھين، ۽ پاسراٽين ۾ کُپندا ويا. سندن دانھون ۽ چِيٽون انھن کاھين مان ايئن اُٿيون ڄڻ ته قبرن ۾ مڙدا جاڳي رڙيون ڪرڻ لڳا ھئا. عين اُن وقت سنڌي گھوڙيسوارن جا دستا کاھين ۾ ڪرڻ کان بچي ويل مغلن تي وڄ جيان اچي ڪڙڪيا. مغلن جا ھوش اھڙا خطا ٿي ويا ھئا، جو پنھنجي بچاءَ ۾ وڙھڻ بدران، ھنن پوئتي موٽ کاڌي، ۽ پنھنجون سموريون روايتون وساري کڻي کُڙين تي زور رکيو. انھيءَ ڀاڄ ۾ ھنن پوئتي نھاريو به ڪين. نڪي سنڌين کين ڪا اھڙي مھلت ڏني. مغل لاباري جي سَنگن جيان ڪرندا ويا. سمورو ميدان مغلن جي مڙھن ۽ لاشن سان اَٽجي ويو، ۽ جڏھن آخري مغل ڪِريو، يا سنڌين جي مقرر ڪيل سَنڌي کي ٽپي ويو، تڏھن سنڌين به پنھنجن گھوڙن جي واڳ ورائي، پوئتي موٽ کاڌي.
    ھڪڙي ھڪڙي مُھندار سانوڻ کي پنھنجي پنھنجي دستي بابت حال احوال ڏنو.
    ” منھنجا ويھارو کن ھمراھه ڪري پيا، ڪجھه ڦٽجي پيا آھن.....! “ ھڪڙي مُھندار پنھنجي واري تي ڏکارو ٿي چيو.
    ” ادل، ڀانيان ٿو ته تنھنجا ساٿي ڪجھه اُٻھرا ھئا: پر خير، سنڌ تان صدقو ٿيا.....! “ ٻئي ھمراھه ھن سان ھمدردي ڪندي چيو.
    ” ادل، ڀانيان ٿو ته مغل اڄوڪي رات وري اسان سان ھٿ چراند ڪونه ڪندا! “ ٻئي ھمراھه ڳالھه کي نئون موڙ ڏيئي ڇڏيو.
    ” مظفر خان پنھنجي ڏاڙھيءَ ۾ چَڪ وجھي، رستم بيگ جي اڳيان پنھنجي ڪوتاھين جو اعتراف ڪندو ھوندو، ۽ رستم بيگ جي وات مان گف پئي وھندي ھوندي. ھنن جو سمورو گھمنڊ ڊھي پيو آھي....! “ ھڪڙي ساٿيءَ پنھنجي راءِ ڏني.
    ” منھنجا مٺا، مغلن کي اڄوڪي ويڙھاند ڇرڪائي ڇڏيو آھي. ان ڪري ھو سڀاڻي وڌيڪ چالاڪيءَ ۽ نئين ترتيب سان حملو ڪندا. ڀانيان ٿو ته فجر جي ٻانگ وقت ھو ڪو نئون حملو ڪندا.....! “ سانوڻ اھڙي نموني ڳالھه ڪئي ڄڻ ھو ايندڙ حملي کي پنھنجي اکين سان ڏسي رھيو ھو.
    ” پوءِ ڀلا ڪھڙي صلاح آھي؟ “ ھڪڙي ھمراھه اُتساھه مان چيو. ھن جو سمورو منھن رت جي ڇنڊن سان رتائجي ويو ھو.
    ” يارل، تون ٻنھي گھُمرن ۾ وڙھيو آھين: تون ته ڀلائي ڪري وڃي ڪو ساھه پَٽ. فجر جو چونڪيءَ تي وري تنھنجي جٿي جو وارو به ته آھي.....! “ سانوڻ پاٻوھه مان چيو.
    ” ۽ ڍولڻ، تون به وڃي چيلھه سڌي ڪر: تون به ٻنھي چڪرين ۾ ھئين.....! “
    ” ۽ بخشا تون به.....! “
    پر سانوڻ جي ڳالھه کي سڀڪو لنوائيندو ويو. ھنن کي خبر ھئي ته سندن سرواڻ راتين جون راتيون ڪونه ستو ھو. ڍولڻ کان رھيو نه ٿيو. چيائين ” سانوڻ ڀائو، اسان کي چيلھه سنئين ڪرڻ جي صلاح ته ڏئين ٿو پر پنھنجو به ڪو خيال اٿئي، ڪين نه؟ “
    ” مون ڪھڙي ڪوڏر ھنئي آھي؟ مٿان بيھي رڳو پئي ٽوٽي لڱن کي پرڀايم..... “ سانوڻ کلندي چيو.
    ” جيسين تون به گھڙي پھر آرام نه ڪندين، تيسين اسين به..... “ يارل ڪنھن ضدي ٻار وانگر چئي ڏنو.
    سانوڻ ڪا گھڙي ماٺ ٿي ويو. پوءِ ھڪ ڊگھو اونھو ساھه کڻي چيائين: ” ننڊون به پيا ڪنداسون.. پر منھنجي ته مرضي آھي ته مغل فجر جو اسان ڏي اچن، اڄوڪي رات اسين سندن مھمان ٿيون.... منھنجا به سَنڌ ويٺي ويٺي سُڪي ويا آھن! “
    ” آءٌ به ائين ٿو چوان..... “ ڍولڻ اُڇاترو ٿي چيو.
    ” آءٌ به چوڻ وارو ھوس ته مغلن تي ھڪڙو وار ٻيو به ٿئي! “ يارل به سُر وٺايو.
    پوءِ صلاح بيٺي ته سمھڻيءَ کان پوءِ، مغلن تي ٻن پاسن کان راتاھو ڏجي: سانوڻ مکيه ڇانوڻي جي پاسي، ۽ ڍولڻ جا دستا ان جي ٻئي پاسي جتي رسدگاھه ۽ گھوڙن جون ڪڙھيون ھيون.
    ” چڱو، ھاڻي وڃي ڪجھه تازا توانا ٿيو. سمھڻيءَ کان پوءِ وري گڏباسون.....! “ سانوڻ اُٿندي چيو.*


    25

    شاھي حرمسرائن ۾ جڏھن رات ايندي ھئي، ۽ ھڪ ھڪ ٿي فانوس ٻرندا ھئا، تڏھن ڪنيزن ۽ ٻانھين جون دليون وِسامڻ لڳنديون ھيون. ھنن کي اڳيان جبل جيڏي رات ڪاري راڪاس وانگر لڳندي ھئي. ھر ڪنھن کي گذريل رات جا چَڪ ۽ چھنڊڙيون ياد اينديون ھيون، ۽ سندن ماسُ انھيءَ تصور کان ئي پوسرڻ لڳندو ھو. الائجي ڪنھن جي شامت ايندي؟ جن شھزادن کي ساقين سان پاڻ وندرائڻ جي ھَير ھوندي ھئي، انھن حرمن جون ٻانِھيون وري به ڪجھه سامت ۾ ھونديون ھيون. پر انھن کي وري شھزادين ۽ بيگمن جا سور سَھڻا پوندا ھئا. اڪثر بيگمون ورھين جا ورھيه پنھنجي مڙسن سان ڪونه سُمھنديون ھيون. انھن مان ڪن لاءِ ڪنيزن کي ڪي اھڙا جوان ڳولي آڻڻا پوندا ھئا، جيڪي ڪجھه اشرفين ڪمائڻ خاطر ان لاءِ تيار ھوندا ھئا ته سندن اکين تي ڪاري پٽي ٻَڌل ھوندي، ۽ رات گذرڻ کان پوءِ وري ان شھر جو منھن نه ڏسندا. پر مغلن ۾ چغلخوريءَ جي اھڙي وبا ڦھليل ھئي جو ڪابه شھزادي يا بيگم گھڻو تڻو جوکم کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيندي ھئي. اھڙي صورت ۾ ڪنيزن ۽ ٻانِھن کي مردانا ڪپڙا پائي، شھزادين سان سُمھڻو پوندو ھو، ۽ سڄي رات باھه جي مچ ۾ ڪباب ٿيڻو پوندو ھو.
    پر اڄوڪي رات ٻين راتين کان مختلف ھئي. سموريون ڪنيزون ۽ ٻانھيون، شھزاديون، بيگمون ۽ اميرزاديون اڄ رات ھار سينگار ۾ ھڪٻئي کان سرسي حاصل ڪرڻ لاءِ آتيون ھيون، جو اڄ شھنشاھه ھند سنڌي ڪنيز وٽ اچڻو ھو، ۽ ملڪهء عالم نورجھان بيگم جو اھو حڪم ھو ته اڄوڪي رات شھنشاھه کي ايتري انگوري پيارڻي ھئي، ۽ ايترو مصروف رکڻو ھو جو شھنشاھه کي سنڌي ڪنيز جو وجود ئي وسري وڃي. اھو موقعو اھڙو ھو، ھر ڪنيز ۽ ٻانھي، ھر شھزادي ۽ اميرزادي انھيءَ آسري کي اکين ۾ سجائي ڇڏيو ته شھنشاھه متان رات وٽس گذارڻ لاءِ ريجھي پوي.
    ” ھي اڄ ھنن ٻانھين کي ڇا ٿيو آھي، جو ايڏا ھار سينگار پيون ڪن؟ “ نوريءَ معصوميت مان پڇيو.
    ” اڄ شھنشاھه کي ھت اچڻو آھي: توکي ڏسڻ ٿو اچي! “ ھن جي ڪنيز مختصر جواب ڏنو.
    ” آئي گھوڙا مُٺيس! “ نوريءَ جي دل دھلجي ويئي. ٻانھيءَ ھن کي جيڪي ڳالھيون ٻڌايون ھيون، تنھن وقت کان ھن جي مَن جي مونجھه وڌندي ٿي ويئي. ھڪڙي پاسي وريام جي ڪا سُڌ ڪانه ٿي پئي ته ڪھڙي حال ۾ آھي ته ٻئي پاسي اھو کُٽڪو ته کيس صدقي جي ٻڪريءَ وانگر شھنشاھه اڳيان پيش ڪيو ويندو.
    ” منھنجو جي چيو مڃين ته اُٿي تون به ڪي ساٺ سوڻ ڪر، سانئڻ! اھڙي تقدير ڪنھن ڀاڳ واريءَ جي ھوندي آھي، جو تخت ڌڻي ھن وٽ پاڻ ھلي اچي! “ ڪنيز کيس وري ھڪ ڀيرو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ” اھي ڀاڳ ٻين کي نيبھه ھجن: مون مسڪين کي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏي....! “ نوريءَ جي اکين ۾ لُڙڪ اچي ويا.
    ” ايئن روئڻ مان مھل ته ڪانه ٽرندي. منھنجي مڃ. ڀلا جي ٻيو نه ته شھنشاھه جي آجيان ڪرڻ لاءِ ڪو وڳو ته چڱو پاءِ! نه ته، نورجھان بيگم منھنجي جيئري کل لھرائي ڇڏيندي.....! “
    ” تو مون سان وچن ڪيو ھو ته..... “ نوري ٻاڏائيندي ڪنيز ڏانھن نھاريو.
    ڪنيز ڪا گھڙي پنھنجي آڱر ۾ پيل مُنڊيءَ کي گھوريندي رھي. ھن کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته ھوءَ ڇا ڪري. جيڪڏھن نورجھان بيگم جو چيو نٿي ڪري تڏھن به سندس حشر کيس ساريو پيو ھو. سندس کَلَ لھرائي، ان ۾ بُھه ڀري، کيس ڪنھن ڀِت ۾ لِنبي ڇڏيندا. جيڪڏھن شھنشاھه نوريءَ کي ھتي نه ڏٺو ته شايد اُتي جو اُتي سندس خاص مصاحب کيس ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندو. ھن کي نوريءَ سان برابر ھمدردي ھئي پر ھن کي ھيءَ ضِدي نينگر بنھه سمجھه ۾ نٿي آئي جيڪا ڀاڳ کي ايئن لتون پئي ھڻي. جيڪڏھن شھنشاھه مٿس ھرکجي وڃي ته کيس پَٽَ راڻي ڪرڻ کان ڪونه گُسندو، ۽ پوءِ ملڪهء عالم به سندس وار ونگو ڪري نه سگھندي. پاڻ ھن جي گولي ٿي گذارڻ جا جتن ڪندي. پر ھيءَ سنڌي نينگر ته ڪا ڳالھه ٻڌڻ جي به روادار ڪانه ھئي: ھي محل ماڙيون، ھي ريشم، ھي اطلس، ھي تخت ۽ تاج، ھي نولکا ھار ۽ ھيرا جواھر ته ھن لاءِ ڪا معنى ئي نٿا رکن: جيڪڏھن ڪا ھورا کورا اٿس ته رڳو وريام لاءِ، جيڪو شاھي تھخاني ۾ موت جو مزمان ھو، ۽ ھاڻي موت کان ڪوھين ڏور شايد پنھنجي وطن وريو ھوندو. پوءِ ھن کي به وريام ياد اچي ويو....
    جڏھن نوريءَ کي اھا خبر پيئي ته وريام کي شاھي درٻار ۾ پيش ڪري موت جي سزا ڏني ويندي، تڏھن کان ته ھوءَ بنھه اونڌي منجي ڪري پار ڪڍڻ ويھي رھي. کائڻ پيڻ کان بنھه بس ڪري ڇڏيائين: روئي روئي اکيون سڄائي ڇڏيائين:
    ” الا، ھن مئيءَ دل کي ڇا ڪريان. اصل وسريم ئي نٿو..... “ ھن جي سمجھائڻ تي چيو ھئائين.
    ” پر ھن سان ته تنھنجو ڪو سَڱ به ڪونھي: متان دل ته کانئس ڪانه ڦرائي ويٺي آھين....“ ھن رڳو کيس کلائڻ ڪاڻ چيو ھو.
    ” ھن سان ته منھنجا ٻٽيھه سَڱ آھن: تون ڪيئن سمجھنديئن اسان جي سَڱن کي. سڀ کان وڏو سَڱ ته اھو آھي ته ھو سنڌي آھي، سِنڌ لاءِ سِر ڏيڻ جو قسم کنيو اٿس. مون کي مُئن ترخانن کان بچائڻ ۾ به ٻيو ڪوبه سَڱ ڪونه ھو. آءٌ برابر ھن جي مائٽياڻي ڪانه ھيس، نه ئي ڪو ٻيو ناتو ھوس، سواءِ انھيءَ جي ته ھڪ سنڌي نِياڻي ڌارين جي پنجوڙ ۾، ڪوٽن ۾ قابو ھئي. مون کي بچائيندي بچائيندي تنھنجي آقا جي ابھمن کي بچائي ويو.... “ نوريءَ ٿڌو ساھه کڻندي چيو ھو.
    ” ھا، سا ته ڳالھه آھي، پر ھوءَ دل ڦرائڻ واري ڳالھه کائي وئينءَ! “ ھن وري کيس ڇيڙڻ لاءِ چيو.
    ھوءَ گھڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويئي: پوءِ ڪنڌ ھيٺ ڪري چيو ھئائين: ” اھي دل ڦرڻ ڦرائڻ واريون ڳالھيون ته توھين ٿيون ڄاڻو. مون کي ته اھا به خبر ڪانھي ته دل ڪيئن ڦربي آھي يا ڦرائبي آھي.... ھا، منھنجي دل رڳو اھو ٿي چوي ته جيڪڏھن الله سائين مَن جي مراد پوري ڪري ته آءٌ کانئس رڳو اھا مراد گھرنديس ته سڄي عمر ھن جي گولي ٿي گذاريان، بلڪل ايئن جيئن منھنجي امڙ بابي سائينءَ جي گولي ٿي گذاريندي ھئي. اٿندي وھندي، ستي يا جاڳندي ھن کي بابي سائينءَ کان سواءِ ٻي ڪا ڳالھه ئي ياد ڪانه ھوندي!.... پر منھنجي اھڙي قسمت ڪٿي: ھاڻ ته رڳو اھا آس اٿم ته رڳو ھڪڙو ڀيرو کيس ڏسان سھي، پوءِ جي موت اچي وڃي ته سمجھنديس ته..... ته..... “ ۽ پوءِ ھوءَ وري اچي سڏڪن ۽ اوڇنگارن ۾ پئجي ويئي.
    ھن کي سنڌين جي انھيءَ ورونھن جو ڪو تجربو ڪونه ھو. ھيءُ ڪھڙو نينھن ھو، جيڪو نوريءَ کي وريام سان ايئن وڪوڙيو بيٺو ھو، جو ڄڻ ھوءَ پاڻ ڪجھه به نه آھي، ھن جو سڄو وجود وريام جي نالي سان ئي ڪا معنى رکي ٿو. نه سمجھڻ جي باوجود، ھن کي سندن انھيءَ نينھن سان ريس ٿيڻ لڳي. انھيءَ ريس ۾ ڪوبه حسد ڪونه ھو. ھن سوچيو، جيڪڏھن انسانن ۾ اھڙو پيار، اھڙو نينھن ممڪن آھي، ته پوءِ تاتارين، قنڌارين، ارغونن ۽ مغلن جي وحشي ظلم ۽ بيداد جي باوجود، انسانذات ۾ اعتبار قائم رھي سگھي ٿو. ھن کي ان نوريءَ تي به پيار اچي ويو: اھڙن نج نبار سچن جذبن تي پيار اچي ويو.
    ” ڀلا جي تنھنجي وريام کي شاھي قلعي جي تھخاني مان بچائي ڏيکاريان ته موٽ ۾ ڇا ڏينديئن؟ “ ھن ڪجھه سوچيندي چيو.
    ” ته پوءِ..... ته پوءِ، آءٌ سڄي ڄمار تنھنجي گولي ٿي گذارينديس. مون وٽ ته رڳو پنھنجو پساھه آھي، سو جيڪڏھن تنھنجي ڪم اچي وڃي ته وڏا ڀاڳ سمجھنديس..... پر ڇا، اھا ٿيڻي ٿي سگھي ٿي.....! “ ھوءَ وري مايوس ٿي ويئي. سندس ھرڻيءَ جھڙين معصوم اکين ۾ ڳوڙھن جا واچوڙا لھي آيا.
    شھنشاھه ھند لاءِ موڪليل خاص ڪنيز جي خدمتگار ڪنيز جي حيثيت ۾ سموريون مغل ٻانھيون پيون ھن جي اڳيان پويان ڦرنديون ھيون. ھنن نوريءَ کي اکئين ڏٺو ھو، ۽ ھنن کي اھو ته يقين ٿي ويو ھو ته جيڪڏھن شھنشاھه نوري کي ڏٺو ته پوءِ پڪ ئي پڪ ھن جو ئي ٿي رھندو، ۽ ڪھڙي خبر ته نڪاح وجھي کيس پنھنجي نئين ملڪه بڻائي ڇڏي. ھن جي لاءِ ته سندس انارڪلي نئين سر جيئري ٿي پوندي. سو ڪنيزن سان ھن اھي وچن ڪرڻ ۾ ڪو اھم نه سمجھيو ته جيڪڏھن نوري سان راءُ راضي ٿيو ته ھوءَ ساڻن اھڙو پير ڀريندي، جيڪو ھنن جي تصور ۾ به نٿي اچي سگھيو. پوءِ پنھنجي سر جو سانگو لاھي ھن نورجھان بيگم جي خاص ٻانھيءَ کي ھيٺاھيون مٿاھيون ٻڌائي، ان لاءِ تيار ڪيو ته شاھي تھخاني ۾ ھڪڙي نوجوان جي جان بخشي ڪرائي ڏي.
    اھا ٻانھي ھن کان به وڌيڪ ھمت واري نڪتي، ۽ ھوءَ ھن کي ساڻ ڪري، شاھي محل جي تھخانن مان گھُتون ڏياريندي، شاھي قلعي جي عقوبت خاني جي تھخاني ۾ وٺي آئي. جتي ڪوبه پھريدار گڏين، سو ملڪهء عالم جي مُنڊي ۽ مُھر ڏسي، ھٿ ادب جا ٻڌي، ھنن کي روڪڻ لاءِ معافيون گھرندي، کين اڳڀرو ڪندو رھيو.
    ھن جڏھن مغل عقوبت خانا ڏٺا، تڏھن کيس وري اھي سڀ بيداد ياد اچي ويا، جيڪي تاتارين ۽ ترڪن ھن جي ڪٽنب سان ڪيا ھئا، ۽ ھوءَ ۽ سندس ڪيتريون ھم وطن نينگريون بازارن ۾ نيلام ٿيون ھيون. ھن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ستمگرين جا ڪئين داستان ٻُڌا ھئا: پر ھن عقوبت خاني ۾ انسانن جي حالت ڏسي، ھن جا لڱ ڪانڊارجي ويا. ھن زنجيرن ۾ جڪڙيل انسانن کي ڏٺو، جن جي زخمن ۾ ناسور پيدا ٿي، ڪيئان پئجي ويا ھئا؛ ھن سنگھرن ۾ سوگھا جوان ڏٺا، جن جي اکين ۾ تتل سيخون گھمائي، کين ڏينھن جي سُھائيءَ ۽ نور کان محروم ڪيو ويو ھو ۽ سندس اکين بدران رڳو ماس جا لوٿڙا ۽ چُگھَه ھئا، جن مان پِيلي پِيلي پاڻيٺ وھي، سندن ڳلن تي سُڪي، ٿڙب ٿڙب ٿي ويئي ھئي؛ ھن ڳڀرو جوان ڏٺا، جن جا عضوا ڪپي، کين اگھاڙو ڪري، اُبتو ٽنگي ڇڏيو ھئائون. مختلف عقوبتخانن مان چِيٽن ۽ رڙين جي پڙاڏن ھن کي ڪنبائي ڌوڏي ڇڏيو، ۽ ھڪڙو ڀيرو وري ھن جي روح ۾ ستل نفرت جاڳي پئي: ھي مغل انسانذات جا قاتل، آخر ڪيستائين آزاد قومن جي انسانن کي ايئن چيڀاٽيندا رھندا.
    ھو پڇائينديون پڇائينديون وريام جي تھخاني ۾ پھتيون، ۽ جڏھن شاھي ٻانھيءَ سنڌي نوجوان جو ڏس پڇيو ته پھريدار ڪنڌ ھيٺ ڪري بيھي رھيو.
    ” ڪٿي آھي ھو نوجوان؟ ڪڇين ڇو نٿو؟ ڇا ھن کي ماري ڇڏيوَ؟ “ ھن رڙ ڪندي چيو.
    ” نه خانم نه، ھن جا ڪي ساٿي، ھن کي ھتان ڪڍي ويا آھن: پر ويندا ڪيڏانھن؟ اسان جا ماڻھو سندن پٺيان آھن. ملڪهء عالم کي خاطري ڏيارجو ته ھن کي ترت گرفتار ڪري، سندن خدمت ۾ پيش ڪندس! “
    ھن جي دل چاھيو ته ھوءَ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيئي. پنھنجي خوشيءَ جو اظھار ڪري. سنڌين وري اھو ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ته ھو شينھن جي پڃري مان به آزادي حاصل ڪري سگھن ٿا. نوريءَ کان ھن جيڪي ٻڌو ھو، تنھن کي ھنن ثابت ڪري ڏيکاريو، ۽ ھن جي دل مان اھا دعا نڪتي: ” الله سائين، تون مظلوم سنڌين جو ساڻي ٿجانءِ! “
    ھو تڪڙيون تڪڙيون محل ۾ موٽي آيون، ۽ جڏھن ھن نوريءَ کي سربستي ڳالھه ڪري ٻڌائي، ته نوريءَ اُٿي کڻي ڀاڪر وڌس. سندس اکين مان ڳوڙھا لڙي، سندس چوليءَ کي پسائيندا رھيا، پر سندس منھن جي چھڪ مان ھوءَ ھن جي دل جو حال سمجھي ويئي. گھڙيءَ لاءِ نوري ھن کي ڀاڪر ۾ ڀِيڙي، سندس ڇاتيءَ ۾ منھن لڪائي، لُڙڪ لاڙيندي رھي، ۽ پوءِ سڏڪا ڀريندي چيائين: الله سائينءَ نيٺ منھنجي به ٻڌي: شل الله سنڌ جا وڻ ڏيکاريس، مونکي نه ڏيکاريائين ته آءٌ گھوريس!.... “
    ھوءَ وري حال ۾ موٽي آئي. شھنشاھه ھند ڄاڻ ته آيو. ھن نوريءَ کي اڃان، ھن جي آجيان لاءِ به تيار ڪونه ڪيو ھو، ۽ نه ئي ھن نورجھان جي حڪم موجب شھنشاھه جي انگوريءَ ۾ مُنڊيءَ ۾ پيل دوا ملائي ھئي. ماھه بيگم کيس سمجھائي ويئي ھئي، ته اھو محلول پيڻ کان پوءِ شھنشاھه اگھور ننڊ ۾ پئجي ويندو، ۽ پوءِ ھوءَ پاڻھي کيس کڻائي ويندي. ھن ھڪڙي نظر وري نوريءَ تي وڌي: ھي فرشتن جھڙو پاڪ ۽ معصوم حُسن فقط ان لاءِ ھڪ عياش بادشاھه جي عشرت جو سامان بڻجندو، جو اھو حسن غلام آھي! ڇا غلاميءَ جو اھوئي نصيب آھي؟ آءٌ به غلام آھيان، ھيءَ به غلام آھي. ھن جو مونتي ڪوبه حق ڪونھي، منھنجي اندر جي نفرت ڪيڏانھن ويئي؟ جنھن شخص جي ظالم ابن ڏاڏن جي ڪري، مون جھڙيون ھزارين معصوم نينگريون بازارن ۾ نيلام ٿيون، ۽ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيون ويون، تنھن کي آءٌ، ھي غلام پر ملڪوتي حسن، ايئن پيش ڪري ڏيان ڄڻ آءٌ به ظلم جي ڪُٽڻ ۽ ڌُوتي آھيان! “
    ھن کان ڇرڪ نڪري ويو: ان بغاوت جي چڻنگن جو ھن ڪڏھن به قدر نه ڪيو ھو. پر ھاڻ اھي چڻنگون ڀنڀٽ بڻجي ھن جي روح کي ساڙي رھيون ھيون. ھوءَ اُٿي، نوريءَ کي ھٿ کان وٺي، کيس سينگارڻ ويھي رھي. نوري حيرت مان ھن ۾ ايندڙ تبديليءَ کي ڏسندي رھي.
    ” سيگھه ڪر شھنشاھه اچڻ وارو ھوندو، دير ٿي ويندي! “
    ھن ان سينگاريل نوريءَ کي ڏٺو ته وري ھن جي ھمت جواب ڏيئي بيھي رھي. نه نه، ھي حسن ته خدا جي تخليق آھي، ان کي موت جي ڀاڪر ۾ ڏيڻ جو مونکي ڪھڙو حق آھي: ھيءَ سنڌي نينگر ھن راڻيءَ جي پوشاڪ ۾ ته ڪائنات جي ملڪه ٿي لڳي، جنھن جي اڳيان ته نورجھان بيگم جھڙيون راڻيون به ٻانھيون ٿيون لڳن! الا، ھن جون اکيون ته..... انھن ۾ روشني انھيءَ صبح جي روشني آھي، جنھن جو قسم پاڻ الله سائينءَ کنيو آھي. ھن جو مُکُ ته..... جنت جي حورن جا مُکَ ڄڻ ته ان مُکَ اڳيان ڪابه حيثيت نٿا رکن! ۽ ھيءَ پيشاني، ھي ڳَل، ھيءَ ڳچي، ھي جسم، ھي سراپا.... ھن جي پنھنجي جسم ۾ ھن ڏانھن نھاريندي ئي ڪيتريون ئي برقي لھرون ڊوڙي ويون. سلام آھي سنڌ جي مٽيءَ تي، سلام آھي سنڌوءَ جي پاڻيءَ کي جنھن ھھڙي حسن کي خلقيو آھي: ۽ پوءِ ھن کي سنڌ جي ڌرتي، سنڌوءَ جو پاڻي ياد آيو، جنھن ۾ ھن غلام ھوندي به آزاديءَ جي سڳنڌ محسوس ڪئي ھئي، جتي جا اڙٻنگ جوان ڏسي ھن کي پنھنجي آزاد وطن جا آزاد اڙٻنگ جوان ياد ٿي آيا، جتي انسانن ۾ ماڻھپو، اڃا تائين، غلاميءَ جي عذابن جي باوجود، سدا حيات ھو!
    ” ٻڌ نوري، منھنجي ڀيڻ! اڄ ھڪ غلام ڀيڻ ٻيءَ غلام ڀيڻ کي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ خواب مان جاڳي پئي آھي: جيڪڏھن تون به مون وانگر غلام ٿي گذارڻ چاھين ته آءٌ اڃا به تنھنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، پر مون تنھنجي اکين ۾ ڏٺو آھي ته ان غلاميءَ کان تون موت قبول ڪنديئن، ۽ مُرڪندي مري وينديئن! ڀلي ته شھنشاھه عالم تي اھو ثابت ٿئي ته سنڌ جي نوريءَ لاءِ غلاميءَ بدران موت وڌيڪ شانائتو آھي..... اچي، منھنجي ڀيڻ، ھي زھر جو پيالو: آءٌ منھن ھن پاسي ٿي ڦيرايان ته جئن منھنجي جذبي ۾، تنھنجو معصوم منھن ڏسي، ڪو ڪُھنو رحم نه جاڳي پوي.....! “ ھوءَ الائجي فارسيءَ ۾ ڇا ڇا چوندي ويئي. سندس اکين مان لڙڪ نيسارا ڪري پئي وھيا. زھر جو پيالو ھن جي ھٿن ۾ پئي لرزيو. ھن جو سڄو بدن پئي ڪنبيو.
    نوريءَ ھن ڏانھن نھارڻ کان سواءِ، پيالو ھن کان ورتو، ۽ ڳٽ ڳٽ ڪري پي ويئي. سندس اکين ۾ مُرڪ موٽي آئي.
    ” آءٌ تنھنجا ٿورا ته قيامت ۾ به لاھي ڪين سگھنديس..... پر مونکي پڪ آھي ته اسين ٻئي جھان ۾ به گڏجي ھن مانڊاڻ جي خلاف مُرڪنديون، مَرڪنديون سون! “
    نوري وڌي اچي پلنگ تي ويھي رھي. زھر سندس نڙيءَ کان ھيٺ لھندي ئي، ھن جي نَس نَس ۾ ڦھلجندو ويو. سندس اکين ۾ نوان پاڇولا لھي آيا. ھن ائين ڀانيو ڄڻ ته ھيءَ سندس محسن ڀيڻ ھن کان پري ھٽندي ٿي ويئي. ھن پنھنجي ھٿن کي اڳتي وڌائيندي چيو:
    ” منھنجي مٺي ڀيڻ، اچ منھنجو ھٿ جھلي ويھه ته آءٌ تنھنجي احسانن جي ھنج ۾ پنھنجا پساھه پورا ڪريان! مون کي تو مان پنھنجي امڙ جي سڳنڌ ٿي اچي..... ٻڌ، وريام مون لاءِ ضرور ايندو: کيس چئج ته سنڌ کي سندس ضرورت آھي: موٽي وڃي ۽ سنڌ تان صدقو ٿئي: ايئن نه ٿئي ته آءٌ ٻئي جھان ۾ لانئين ٿيان! “
    نوري جي اکين ۾ وريام لھي آيو، ۽ ھن پنھنجون اکيون ان تصور کي محفوظ ڪرڻ لاءِ بند ڪري ڇڏيون، ۽ گھڙيءَ کان پوءِ ھن ھڪ اونھو ساھه کنيو، ۽ سندس پساھن جي ڏور ٽٽي پئي. ھن جا ھٿ ڪنيز جي ھٿن ۾ ڍرڪي پيا. ھن جي منھن تي اڃان تائين اھڙي مُرڪ ھئي، جنھن کي محسوس ڪرڻ لاءِ، ھن سندس چپن تي ھٿ ڦيرائي، کڻي پنھنجي اکين تي رکيو.
    اوچتو تڪڙن تڪڙن قدمن جو آواز ٻڌي، ھوءَ اُٿي ادب سان، ڪنڌ نمائي بيھي رھي. ٻه حبشي خواجه سرا، اندر اچي، اگھاڙين ترارن سان، دروازي تي بيھي رھيا!
    شھنشاھه جھانگير، سموري مغل شان سان، جڏھن اندر آيو ته ڪنيز جي دل ۾ ڊپ اچي واسو ڪيو، ۽ ھوءَ ڏڪندڙ جسم سان، ھن جي قدمن ۾ وڇائجي ويئي. جھانگير ھن ڏانھن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، ۽ وڌي اچي پلنگ وٽ بيھي رھيو.
    ” سبحان الله، سڄي ساراھه ان رب لاءِ جنھن ھھڙو حسن خلقيو آھي..... پر ڇا آءٌ ايڏي وڏي انعام جو لائق آھيان.....! “ جھانگير ڀڻڪندي چيو.
    ھن ھٿ جي اشاري سان، خواجه سرائن کي ٻاھر وڃڻ جو حڪم ڏنو. جئن ئي ھو ٻاھر ويا، ھن ھٿ وڌائي، نوريءَ جو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ کنيو، ۽ پوءِ موت جي ٿڌاڻ محسوس ڪري، ھن کان ھڪ ڊگھو ڇِرڪ نِڪري ويو، ۽ ھن ھٿ ڇڏي ڏنو. ھن جي وات مان اھڙو چچريل آواز نڪتو، جيڪو ڪنھن ھوڏي ٻار جي ھٿ مان رانديڪو کسجڻ تي نڪرندو آھي.
    ” ڪنيز، ھي ڪھڙو مذاق آھي اسان سان.... قسم آھي اسان کي پنھنجي بزرگن جي شان جو، اسين پنھنجي ھٿن سان، ھن لاءِ جوابدار شخصن کي راھه عدم موڪلينداسون.....! “
    ” قبلهء عالم، ھيءَ ناچيز ٻانھي ئي ان لاءِ جوابدار آھي.....! “ ھن گھگھي آواز ۾ چيو.
    جھانگير ڪاوڙ ۽ غضب ۾ پلنگ وٽان موٽ کاڌي، ۽ ٻئي ھٿ ڪنيز جي ڳچيءَ ۾ وجھي، رڙ ڪندي چيو: ” آخر، توکي اھا ھمت ڪيئن ٿي؟ توکي اسان کان ڊپ به نه ٿيو؟ “
    ” حضور، ھن ٿي چيو ته ھن جي وطن کي مغلن غلام بڻايو آھي، پر ھن جي روح کي شھنشاھه جھانگير به غلام بڻائي نٿو سگھي! ھن مونکي انھيءَ رشتي جو واسطو وڌو، جيڪو فقط غلام قومن جي انسانن ۾، ھڪٻئي جي مان مريادا ۽ اَنا جو رشتو ھوندو آھي، ۽ ان واسطي جي تقاضا فقط ھڪڙي ھئي ته آءٌ ھن کي موت جي ننڊ بخشي ڇڏيان! باقي رھيو اوھان جو غضب، سو مون جھڙين کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي! “
    جھانگير جي ڪَنن ۾، ھن جو ھڪڙو ھڪڙو لفظ نِت نوان پڙاڏا پيدا ڪندو ويو. ھن جا ھٿ ھن جي ڳچيءَ تان ڍرا ٿي ويا..... ۽ پوءِ ھو وري وڌي اچي پلنگ جي ڪنڊ تي ويھي رھيو، ۽ نوريءَ جي منھن ۾ گھوريندو رھيو. پوءِ ھو اُمالڪ اٿيو، ۽ چادر جو پلاند ڇِڪي، ھن نوريءَ جي مُنھن تي وجھي ڇڏيو، ۽ تڪڙو تڪڙو ٻاھر نڪري ويو!*


    27

    اونداھي تھخاني جي ھيبت گھڙيءَ لاءِ ڏاترڏني جا حواس خطا ڪري ڇڏيا.
    ” يَـرَ، اسان سان ڏاڍي ٿي؛ اسان کي ته ٻاھرئين دروازي جي اندر توڙي ٻاھر ڪو مغل نظر ڪونه آيو، پوءِ ھي دروازو ڪيئن بند ٿيو؟ “ ڏاترڏني ڄڻ پاڻ سان ڳالھائيندي چيو.
    ” ڀانيان ٿو ته اسان جو پير ڪنھن اھڙي ڏاڪي تي پيو، جنھن تي زور اچن سان دروازو خود بخود بند ٿي ويو ھوندو، ۽ پھريدارن کي به اطلاع ملي ويو ھوندو ته ڪو اڻ ڄاڻ ماڻھو اندر داخل ٿيو آھي.... “ جکري ڪجھه سوچيندي چيو.
    ” ڀلا پوءِ؟ “ دوسوءَ به ڄڻ پاڻ کان سوال پڇيو.
    ” پوءِ وري ڇا؟ ضرور ھنن ئي ڏاڪن ۾ يا ڀِت ۾ ڪا ڪَل ھوندي، جنھن سان ڪو گھَٽ يا لنگھه کلندو ھوندو..... منھنجي خيال ۾ ٿوريءَ دير ۾ مغلن مان ڪو خبرچار وٺڻ ضرور ڪٿان ايندو، پوءِ ماشا مولا! تيسين ويھي ٿا ٿَڪ ڀڃون. باقي جيڪڏھن اسان ھٿوراڙيون ڏيڻ شروع ڪيون ته پوءِ مرڳو ڪٿي، زمين ئي پيرن ھيٺان نڪري وڃي، ۽ اسين ڪنھن ٻئي اوڙاھه ۾ وڃي ڪِرون! “ جيوڻ صلاح ڏني.
    چارئي ڄڻا، ٿوري ٿوري پنڌ تي، مختلف ڏاڪن تي، سنڀالي ويھي رھيا. جيوڻ جتي ويٺو، اتي ڀِت جي پويان ھن جي ڪنن ڪو آواز جھٽي ورتو. ھن چمڙي جي ھڪڙي وَڍي، بجڪي مان ڪڍي، ھٿيڪي ڪئي، ۽ ڪنھن اڄاتي حملي لاءِ تيار ٿي ويٺو. سندس ڀرسان، ٻه ڏاڪا ھيٺ دوسوءَ کي به ھن ڄاڻ ڪري ڇڏيو.
    گھڙي نه گذري ته اوچتو جيوڻ جي پاسي واريءَ ڀِت مان ھڪ وڏو پٿر ھٽي ويو، ۽ ٻه مغل، اگھاڙيون ترارون کنيو، اندر ڏاڪڻ ڏانھن ڌوڪيندا آيا. جيوڻ به ھنن لاءِ اڳئي تيار ھو. ھڪڙي مغل جئن ئي پٺ ڏني، چمڙي جي وَڍي، ھن جي ڳچيءَ ۾ ڦاھي وانگر ويڙھجي ويئي، ۽ ھڪڙي جھٽڪي سان، ھن جو مڻڪو ڀڄي پيو. ھن رڙ ڪري، پنھنجا ھٿ ڳچيءَ تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن جا ھٿ ھوا ۾ ھٿوراڙيون ڏيندا رھجي ويا. ترار ھن جي ھٿ مان نڪري، ڏاڪن تان ڪَڙ ڪَڙ ڪندي، ھڪ ڏاڪي تي خاموش ٿي ويئي.
    ٻيو مغل جيسين پاڻ سنڀالي تنھن کان اڳ دوسو مٿس اوچتو اچي ڪڙڪيو، ۽ ھن جي نِڙگھٽ کي گدري جي ڦار وانگر ڪپي ويو. ھن ايڏي دانھن ڪئي جو ان جي پڙاڏي سان سڄو تھخانو لرزي ويو.
    ” يَـرَ، تون سچو ھئين..... اچو ته ھلون! “ ڏاترڏني ھڪل ڪئي. لنگھه ٽپي، اندر ٿيا. سامھون ئي سامھون دِڪي تي ٻه مغل سپاھي آھليا پيا ھئا. جکرو کِنوڻ جيان مٿن ڪڙڪيو، ۽ ھنن کي اھا سمجھڻ جي مھلت ڪانه ڏنائين ته ھيءَ آفت ڪٿان نازل ٿي. جکري پنھنجو خنجر ھنن جي ئي ڪپڙن تي صاف ڪندي وري ڪمربند ۾ ھڻي ڇڏيو.
    ھنن ھڪڙي تھخاني کان ٻئي تھخاني تائين جيڪي ڏٺو، تن سندن پيٽ ۾ ولوڙا وجھي ڇڏيا. ظلم ڏسي ھو جوان ٿيا ھئا. ترخانن ۽ مغلن سنڌين سان جيڪي ظلم ڪيا ھئا، سي ھنن اکئين ڏٺا ھئا، پر ھِنن، عقوبت خانن ۾ جيڪي ڏٺو، تنھن ھنن جو انسانذات مان ايمان لوڏي ڇڏيو. ھت ھنن اھڙو لقاءُ ڏٺو، جيڪو خواب ۾ به ڊيڄاري ڇڏي. ھتي ھنن اھڙا جوان ڏٺا، جن جي بدن تان تازي کَل لاٿي ويئي ھئي، ۽ سندن رتايل جسمن مان رت بدران ڪا پِيلي پاڻيٺ ٽِمي رھي ھئي. ھنن جھور پيرسن ڏٺا، جن جا نڪ ۽ چپ ايئن ڪپيل ھئا، جو ھنن جي ڄاڙين ۽ ڏندن پويان سندن اندريان نڙگھٽ پئي نظر آيا. ھنن ڪيترن انسانن کي اھڙيءَ حالت ۾ ڏٺو، جنھن ۾ ايئن ٿي ڀانيو ڄڻ سُوئي سان سندن جسمن ۾ پور- وڇوٽيءَ تي ڪنھن ويھي سوراخ ڪيا ھئا. ڪن کي اکين بدران رڳو وڏا وڏا چُگھَه ھئا. ڪي ابتا ٽنگيل ھئا ته ڪن جي ٽَنگن کي ٻن زنجيرن ۾ ڇڪي، چيرڻ لاءِ، اُھي زنجيرون چرخين تي چڙھيل ھيون. ڪن کي ايترو ته ماريو ھئائون، جو ھو سڃاڻپ کان ٻاھر ھئا ۽ سندن بدن سُڄي اُڀامي پيا ھئا. انسانن جي ڪنجھڻ، ڪرڪڻ يا دانھڻ بدران ھنن اھڙا آواز پنھنجي ڪنن ۾ تتل شيھي وانگر اوتجندا محسوس ڪيا ڄڻ ته ننڍڙين ڇيلين کي واري واري سان ڪنھن سِير پئي وڌي!
    ڏاترڏني کان پاڻ سنڀالڻ مشڪل ٿي پيو، ۽ ھو پيٽ کي جھلي، اُتي ئي آت ڏيئي اُلٽيون ڪرڻ ويھي رھيو.
    ” ڏاترنا، مڙس ماڻھو ٿي، اچ ته وريام جي ڪا سار لھون! “ جکري کيس ڪلھي ۾ ٻانھن ڏيندي چيو.
    ” يَـرَ، ھي مغل ته ڳِجھن کان به ليڪو ليڪو لنگھي ويا. ھنن ته مرزا باقيءَ جھڙن ڳورپٽن کي به مات ڏيئي ڇڏي آھي..... آخر الله سائينءَ ھن ظلم کي ايڏي ڍر ڪيئن ڏني آھي؟ ! “ دوسوءَ ٿڌو ساھه کڻندي چيو.
    انھيءَ نظاري ھنن کي به ڄڻ ڇِتو ڪري وڌو: ڪنھن مغل سپاھيءَ تي نظر پوندي ئي، ھو چارئي ڄڻا مڇريل درندن وانگر مٿن اچي ٿي ڪڙڪيا. ھنن تي به ڄڻ ڪو انڌُ طاري ٿِي ٿَي ويو. ايئن تھخانا ٽپندا، ھو وريام تائي پھتا. ڪا گھڙي چارئي ڄڻا پنھنجي ھن يار کي ڏسندا رھيا. سنگھرن ۽ مھريءَ جي ڪاٺ ۾ جڪڙيل ھن يار کي ڏسي، ھنن جي دل چيو ته اتي ئي ويھي دل کولي پار ڪڍي، اوڇنگارون ڏيئي روئن، ۽ تيسين بس نه ڪن، جيسين وريام پاڻ کين ماٺ نه ڪرائي.
    ڏاترڏني ۽ جکري جڏھن وريام جون سنگھرون ۽ نيئر کولڻ شروع ڪيا، تڏھن وريام جھيڻي آواز ۾ چيو: ” ڏاترڏنا، منھنجي سنڌ جو ڪھڙو حال آھي؟ “
    ھنن جي دل ۾ چَڪُ پئجي ويو. وريام کي ھن مھل به جيڪڏھن ڪجھه ياد ھو ته رڳو سنڌ ھئي.
    ” ۽ اوھان مان ڪنھن سلام ڇو ڪونه ورايو؟ “ وريام ڏوراپو ڏيندي چيو.
    ” جيئي سنڌ، منھنجا مٺا، سدا جيئي سنڌ! “ ڏاترڏني کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي، ھڪ ڊگھو سڏڪو ڀريندي چيو.
    ” دوسو، ھي ڏاتر ڏني کي ڇا ڪيو اَٿو، جو رَنن وانگر پيو سڏڪا ڀري؟ “ ھن ڏاترڏني کي ڇيڙڻ خاطر چيو.
    ۽ پوءِ جڏھن ھنن مان ھر ھڪ وريام کي وَرَ وَرَ ڪري ڀاڪر وڌا ۽ ڳراٽڙيون پاتيون ته سندن ڳچ ڳري پيا. وريام به بنھه ٻارن وانگر ڍنڍڪي پيو.
    يَـرَ، مون ته ايئن سمجھيو ھو ته ھاڻ سنڌ جي مٽي به نصيب ڪانه ٿينديم، شابس اٿو، جو....! “ وريام وڌيڪ ڪجھه چوڻ ٿي چيو.
    ” بس بس، ھاڻ گھڻو ئي ٿيو. اسان جو ساھه اڳي ئي پيو منجھي، وري اھي ڳالھيون ڪري، اسان کي ھيڻو نه ڪر! “ جيوڻ ڪنڌ ھيٺ ڪندي چيو.
    ھو ھلڻ لاءِ تيار ٿيا ته وريام کين روڪي ڇڏيو. ” ھنن مان گھڻن لاءِ اسين گھڻو ڪجھه ڪري ڪونه سگھنداسون. پر جيڪي اڃان سڄي لڱين آھن، انھن جا بند خلاص ڪريون ته من ھنن مظلومن جي مھابي، اسان جي سنڌ جا بند کلي پون....! “ وريام آھه ڀريندي چيو.
    ” ڌڻي مڙئي چڱي ڪندو. ھيل سنڌ ۾ جيڪا ويڙھاند پئي ھلي، تنھن جو مثال پنھنجي تاريخ ۾ ڪونھي. سانوڻ سڄيءَ سنڌ کي جنگ جو ميدان بڻائي ڇڏيو آھي، ۽ مغلن سان اھا ڪار ڪئي اٿس، جو اڄ ڪي سڀان مغل لاھور موٽڻ لاءِ منٿون ڪندس! “ جکري اتساھه مان چيو.
    وريام اڳتي ھلڻ بدران، اُتي ئي بيھي رھيو. ھن پنھنجي يارن جي اکين ۾ گھوري نھاريو، ڄڻ انھن ۾ کيس ڪنھن شئي جي ڳولا ھئي.
    ” يَـرَ حيف اَٿـوَ: سانوڻ پيو سنڌ لاءِ وڙھي، ۽ اوھين مون کي بچائڻ لاءِ پنڌ پيا آھيو! اوھان کي سنڌ کان به آءٌ وڌيڪ مِٺو آھيان: سنڌ جي آزاديءَ کان به منھنجي آزاديءَ کي مٿاھون سمجھيوَ..... ڏاترڏنا، جکرا، دوسو، ۽ جيوڻ! تون به ! اھڙي ياري، اھڙيءَ سنگت کي ٻَن ڏيو ھا. آءٌ ڪھڙو مٿان ٿي لٿو ھوس: اڃا حافظ بلال لاءِ اچو ھا ته به ڪا ڳالھه ھئي! “
    ھنن جا ڪنڌ ھيٺ ھئا. ھو چون به ته ڇا چون! ڏاترڏني کي ته اڳي ئي پرون پيل ھئا ته وريام جو اھو ويڻ کيس وڍي ويندو. ” وريام، سنڌ کي تنھنجي وڌيڪ گھرج آھي. سانوڻ، ڪو ھڪڙو ماڻھو ڪونھي، تيئن وريام به ڪو ھڪڙو ماڻھو ڪونھي. اوھين سنڌ جا اھڃاڻ آھيو....! “ ڏاترڏني پنھنجي بچاءَ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    ” واھه واھه، ڏاڍي عقل جي ڳالھه ڪئي اٿئي، ڏاترنا! آءٌ به اھو ٿو چوان. “ جکري سُر وٺائيندي چيو.
    ” دل ۾ نه ڪجو، پر اوھان اٻھرا ٿي، رڳو ياري نڀائڻ آيا آھيو. ذاتي طرح آءٌ ھن ياريءَ تي جيترو به ناز ڪريان، سو ٿورو آھي. پر جتي سنڌ جو سوال ھجي، اتي ياريون دوستيون نڀائڻ اجائي ڳالھه آھي. سنڌ کي رڳو سانوڻ يا وريام جي ضرورت ڪانھي، ھر ھڪ سنڌيءَ جي ضرورت آھي، جيڪو سندس آزاديءَ لاءِ سِر گھورڻ لاءِ تيار ھجي....! “
    ” بروبر، سچو آھين. اسان برابر ڀُليل آھيون..... اسان کي بخش ڪجانءِ! “ ڏاتر ڏني ڪنڌ ھيٺ ڪندي ڀڻڪو ڪڍيو.
    وريام وڌي کڻي کيس ڀاڪر پاتو. ” ڏاترنا، رڳو اھا دعا ڪر ته اسين سگھو سنڌ پھچون، متان دير ٿي وڃي، ۽ ھٿ مھٽيندا رھجي وڃون! “
    ھو تڪڙا تڪڙا اتان نڪتا، ۽ مختلف تھخانن ۾ اسيرن جا نيئر کوليندا، کين آٿت ڏيندا، سندن دل وڌائيندا، کين مُک دروازي جو ڏس ڏيندا ويا. ڏاتر ڏني وريام کي ٻڌايو ته جانو شاھي دروازي تي وھٽن جو انتظام ڪرڻ لاءِ پويان آھي.
    ” چڱو، توھين ھلو ٻاھر، پر پنھنجي سنڀال ڪجو. ڏينھن چڙھي آيو آھي. مغلن ۾ چؤٻول شروع ٿي ويو ھوندو ته ھي ھيترا سارا اسير ڪيئن آزاد ٿي نڪتا، ۽ سندن پھريدارن ۽ سپاھين کي ڇا ٿيو. ھروڀرو جھيڙو نه ڪجو. باقي جي سِر تي اچي ته پوءِ جھڙي مَھلَ ڏسو تيئن ڪجو! “ وريام ڏاترڏني جي ڪمربند مان خنجر ڪڍندي، پنھنجي ڪمربند ۾ ھڻندي چيو.
    ” ۽ تون؟ ڪيڏانھن سنبت آھي؟ “ ڏاترڏني کي وريام جي دل ۾ متل طوفان جي ڄاڻ ھئي، پر تڏھن به پڇڻ کان رھي نه سگھيو.
    ” تون ڳڻتي نه ڪر! وري مغلن جي وَر ڪونه چڙھندس. مون کي ڪو نياپو ڏيڻو آھي. آءٌ ٽپھريءَ تائين نه پھتس ته اوھين روانا ٿي وڃجو! “ وريام پنھنجي يارن کان نظرون بچائيندي چيو، ۽ تڪڙو تڪڙو ھڪڙي پاسي نڪري ويو.*

    (27)

    مغلن جو شان، شوڪت ۽ ٻاھريون دٻدٻو اھڙو ھو، جو عام ماڻھوءَ کي ٻيو ڪجھه سوچڻ جو موقعو ئي ڪونه ملندو ھو. ھڪڙي پاسي باغ باغيچا، چوڏول، ۽ چؤبرجيون، ٻارنھن دريون ۽ محراب ته ٻئي طرفان مسجدون ۽ مسافرخانا، کوھه ۽ لنگرخانا. ماڻھن ۾ اھو مشھور ھو ته ھاڻ ته اسلامي دؤر دوران آھي. شريعت جا صاحب قاضي مقرر ٿيل ھئا، ۽ غريبن کي انصاف پلئه وجھڻ جا سمورا انتظام موجود ھئا. خود شھنشاھه پنھنجي شاھي محل جي در تي انصاف جو وڏو گھِنڊ ٽنگائي ڇڏيو ھو، ۽ ڏينھن رات انصاف جا طلبگار اھو گھِنڊ وڄائي، شھنشاھه کان ذاتي طرح، روبرو انصاف حاصل ڪري ٿي سگھيا. ملڪ ۾ علم وارن جي به ڏاڍي عزت ھئي، ۽ کين انعام اڪرامن سان نوازيو ويندو ھو. ھڪڙي شاعر مغل حڪومت جي اسلام جي خدمت بابت نئون شاھنامو لکيو ته کيس خلعت پارائي وئي، ۽ شھنشاھه پنھنجي ھٿن سان، فردوسيءَ وانگر، کيس اشرفين جي خرزين ڀرائي ڏني. شينھن ٻڪري ھڪڙي ئي گھاٽ تي پاڻي پي رھيا ھئا. مجال آھي ڪنھن امير يا نواب جي ته پنھنجي رعيت سان ڪا زيادتي ڪري. البت فقط ھڪڙي ڳالھه رعيت تي به لازم ھئي ته ھو مغل حڪومت يا مغل اميرن جي مڪمل اطاعت ڪن، ساڻن سينو نه ساھين. روز وڏن شھرن ۾ پڙھو گھمايو ويندو ھو ته اسلامي حڪومت جون سرحدون وسيع کان وسيع تر ٿينديون وڃن، ۽ اسلامي حڪومت جي باغين کي بھادر مغل فوج چيڀاٽي ڇڏيو آھي.
    ساقي خانن، طوائف گھرن ۽ غلامن جي نيلام گھرن جو ڄار جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڦھلجندو ويو. مغل شھزادن، اميرن ۽ اميرزادين جون بگيون ۽ رَٿ شھرن ۾، ” ھٽو پري، ھٽو پري، شاھي سواري ٿي لنگھي.“ جي اعلانن سان، ايئن ٿي ڊوڙيا ڄڻ ته ڪنھن گوءِ ۾ شامل ھئا. ڪئين ماڻھو انھن جي ڦيٿن ھيٺان چچرجي مرندا ھئا. ھنن کي ڪا جھَل پَل ڪانه ھئي. ڪنھن وٽ ڪا چڱي وَٿُ ڏٺائون، ڪا سھڻي نينگر نظر آين، ته ٻئي ڏينھن اھا سندن حرمسرائن جي زينت بڻجي ويندي ھئي. جيڪڏھن ڪنھن شڪايت طور ٻڙڪ ٻاھر ٿي ڪڍي ته راتو رات ھنن جو جڻ ٻچو رُلي ويندو ھو. مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ، ھڪ عام دستور ھو. ماڻھو زندھه رھڻ لاءِ چاپلوسي، خوشامد، فريب، رياڪاري، ڦند ڦير سِکي پيا ھئا. قاضين، مولوين، مفتين، درٻارين، محافظن کي وَڍيون ڏيڻ عام رواج ھو. سوداگرن سان حصا پتيون ڪرڻ سان امير امراءَ شاھي درٻار ۾ کين خلعتون ۽ رعايتون وٺي ڏيندا ھئا. جاگيرداريون ايئن وڪامنديون ھيون، جيئن عام وَکر وڪامندو ھو، رڳو ان جي منڊي شاھي محل ۽ حرمسرائن جي اندر سجيل ھوندي ھئي. نولکا ھار، ھيرا جواھر، اطلس ۽ ڪيمخواب جي عيوض ڪنھن جي پَڳ لھندي ھئي، يا پَڳ ٻڌبي ھئي. راڻين، شھزادين ۽ اميرزادين جي عشقن جا داستان ٻڌي سوداگرن، وڻج واپارين ۽ پوءِ- ڍاون جون نينگريون به ليلى بڻجي مجنون ڳولينديون وتنديون ھيون.
    ۽ عام انسان اھو سڀ ڪجھه ڏسي، نئين سڄ نيون عقوبتون سھڻ جي تياري ڪندا ھئا. جھانگير جي تخت نشينيءَ کان پوءِ مغل دٻدٻي جو ھڪ نئون نظارو ماڻھن کي ڏسڻ ۾ آيو: سو ھو ديوان عام ۾ شھنشاھه جي کُلي ڪچھري! اُتي گھنڊ وڄائڻ وارن عام فريادين کي انصاف پلئه پوندو ھو، باغين کي سزائون ملنديون ھيون، نت نين فتحن ۽ ڪاميابين تي مبارڪن ڏيڻ وارن کي خلعتون پارايون وينديون ھيون ۽ شھزادن جي سالگرھن تي قبول پوندڙ تحفن ۽ سوکڙين جا اعلان ٿيندا ھئا. ماڻھو انھي رونشي ڏِسڻ لاءِ ھزارن جي تعداد ۾ اچي ميڙاڪا ڪندا ھئا!
    اڄ به ديوان عام ۾ کُلي ڪچھريءَ جو ڏينھن ھو. صبح کان وٺي ھشام ماڻھن جا شاھي قلعي جي ديوان عام ۾ اچي ڳاھٽ ٿيڻ لڳا ھئا. ماڻھن ۾ چوٻول ھو ته اڄ ڪجھه سنڌي باغين کي درٻار ۾ پيش ڪيو ويندو، ۽ ڪن ترخان اميرن کي حڪم عدولي ڪرڻ تي پڻ سزائون ڏنيون وينديون. امير اُمرا، راڻيون، بيگمون، اميرزاديون ۽ شھزادا، وقت کان اڳي پھچي رھيا ھئا، ۽ پنھنجي پنھنجي خاص مسندن تي براجمان ٿي رھيا ھئا. باله آخر شھنشاھه ھند، ظل الاھيءَ جي سواري به اچي پھتي. ظل الاھيءَ سان گڏ ملڪهء عالم نورجھان بيگم به پنھنجي ڪنيزن جي گھيري ۾ طائوسي تخت تي اچي ويٺي. ھنن جي پويان ڇَـٽُ جھليندڙن سان گڏ خواجه سرائن جو ھڪ جٿو اگھاڙين ترارين سان موجود ھو.
    شھنشاھه جي اشاري تي، درٻار جي مھتم، اعتماد الدوله، اڄ جو فرمان پڙھي ٻڌايو.
    ” ظل الاھيءَ جي پاڇي ۾ رھندڙ سمورين قومن تي سلامن کان پوءِ، اڄ جي کُلي ڪچھريءَ ۾ سنڌ جو مسئلو ظل الاھيءَ جي سماعت ۽ باغين لاءِ سزا جو منتظر آھي. سنڌ جي صوبيدار رستم بيگ مرزا جو مراسلو پڙھڻ جي اجازت جو طلبگار آھيان! “
    ماڻھن ۾ اوچتو ماٺ ٿي ويئي. ماڻھن تائين اھي افواھه پھچي چڪا ھئا ته سنڌ ۾ مغلن جا ڏينھن اچي پورا ٿيا ھئا، ۽ اھو ڏينھن پري ڪونھي، جڏھن مغلن کي ھزيمت ۽ شڪست کائي، سنڌ ڇڏڻي پوندي. ماڻھو اسلامي حڪومت جي انھن باغين بابت خود شھنشاھه جي واتان فرمان ٻڌڻ لاءِ آتا ھئا. شھنشاھه ھٿ جي اشاري سان اجازت ڏني، ۽ اعتماد الدوله پڙھڻ شروع ڪيو:
    ” ظل الاھيءَ تي واضح ھجي ته جڏھن کان اعلى حضرت شھنشاھه ھند جلال الدين اڪبر جنت مڪانيءَ جي زور بازوءَ سان سنڌ کي مغل سلطنتِ اسلاميه ۾ شامل ڪيو ويو آھي تڏھن کان سنڌ جي سرڪش باغين ڪيترا ڀيرا شورشون ڪري، سنڌ جي رعيت کي مملڪت تيموريه جي فيضان کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ھر ڀيري سندن سرزنش ڪري کين تھه تيغ ڪيو ويو آھي. پر ھن ڀيري ڪن نام نھاد عالمن جي چُرچ تي باغين وري شورش ڪئي آھي جنھن کي ظل الاھيءَ جي فرمانن موجب مڪمل طرح ختم ڪرڻ لاءِ اسلامي لشڪر جي جانبازن مڪمل انتظام ڪيا آھن. پر بدبخت سنڌي ڪافي سخت جان ثابت ٿيا آھن، ۽ اھو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته جيڪڏھن تُرت ظل الاھيءَ جي ڪمڪ نه پھتي ته سنڌين جو فتنو خراب صورتحال اختيار ڪري سگھي ٿو.... “
    سموري ميڙ تي ماٺ ڇانئجي ويئي. رعبدار لقبن القابن ۽ فارسي زبان جي مبالغي کان ماڻھو واقف ھئا، ۽ ھنن کي پھريون ڀيرو اھو احساس ٿيو ته سنڌ مغلن جي ھٿن مان نڪرڻ واري ھئي. جن اميرن ۽ سوداگرن جا سنڌ ۾ خاص مفاد ھئا، تن جي مُنھن جو رنگ پِيلو ٿيندو ٿي ويو، ۽ ھو پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا.
    ۽ پوءِ اعتماد الدوله آخري حصو پڙھندي چيو: ” اسين خاص طرح سان باغين جو ھڪڙو سرڪردو اڳواڻ، حافظ بلال، جيڪو پاڻ کي عالم دين به سڏائي ٿو، خدمت اقدس ۾ موڪلي رھيا آھيون (جن لاءِ شاھي فرمان موجود آھي ته مٿس ظل الاھيءَ جي اجازت کان سواءِ ھٿ نه کنيو وڃي )، ته ظل الاھيءَ جن پاڻ سندن سزا تجويز ڪن. ان کان سواءِ ھي به گوش گذار ڪريون ٿا ته ظل الاھيءَ جا معتمد ۽ تابعدار ڪجھه ترخان امير پڻ سلطنت تيموريه لاءِ پڻ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ لڳا آھن، ۽ ھنن خسرو خان چرڪس جي سربراھيءَ ۾ ميرزا عبدالعليءَ جي نالي ۾ شورش ڪرڻ جي جرئت ڪئي، تن کي پڻ سزا جي استحقاق لاءِ خدمت اقدس ۾ موڪليو ٿو وڃي! “
    مراسلو ختم ٿيو ته شھنشاھه تخت تان اُٿي بيھي رھيو. سمورن درٻارين جو ساھه مٺ ۾ اچي ويو. خاص طرح سان ترخان اميرن جو منھن لھي ويو.
    ” خسرو خان چرڪس، مرزا عبدالعلي ۽ سندس سمورن ساٿين کي ھڪدم شاھي قلعي جي عقوبت خاني تائين پھچايو وڃي، ۽ کين اھڙي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، جو وري ڪنھن کي احسان فراموشيءِ جي جرئت نه ٿئي! “
    جھانگير جو آواز چھبڪ جيان گونجيو. درٻارين ۾ سرگوشيون شروع ٿي ويون. اوچتو ملڪه نورجھان بيگم اُٿي بيھي رھي، ۽ شھنشاھه کي ٻانھن کان وٺي ، کيس وري آڻي تخت تي وھاريائين، ۽ کيس ڪَن ۾ ڪجھه چيائين.
    جھانگير ھٿ مٿي کڻي وري چيو: ” ملڪه جي سفارش تي اسين مرزا عبدالعليءَ جي ننڍيءَ عمر جي ڪري کيس معاف ڪريون ٿا. پر خسرو خان چرڪس جي سزا تي ھڪدم عمل ٿئي! “
    ڪجھه سپاھي ڪٽھڙي ۾ بيٺل خسرو خان چرڪس کي گھليندا درٻار کان ٻاھر وٺي ويا. اعتماد الدوله ھڪ چوبدار کي اشارو ڪيو. چار سپاھي ديوان عام جي ساڄي پاسي واري دروازي کان ھڪ قيديءَ کي وٺي آيا.
    شھنشاھه قيديءَ کي ڏٺو ته وري اُٿي بيھي رھيو، ۽ ھن جي وات مان نڪتو: ”بلال تون؟ “
    حافظ بلال ڳچ وقت شھنشاھه سان اکيون ملائي بيٺو رھيو. ملڪه نورجھان به حيرت مان ھن شخص کي ڏسندي رھي، ۽ ھن جي منھن تي ڪجھه ڏسي، سندس ھٿ تخت جي مٺين ۾ ڦٻي ويا. ان وقت ھڪڙي چوبدار زور سان چيو: ” بدبخت، جي سِر جو خير گھرين ته ھڪدم سجده ريز ٿي وڃ! “
    حافظ بلال تي انھن لفظن جو عجيب اثر ٿيو. ھن جي چپن تي ھلڪي مُرڪ ڦھلجي ويئي، ۽ ھن وڏي آواز سان چيو: ” جيڪڏھن ظل الاھيءَ جو حڪم ھجي ته ھيءُ بندو الله کان سواءِ کيس به سجدو ڪرڻ لاءِ تيار آھي! “ ھن جي فارسيءَ ۾ اھڙي طنز ھئي، جو خود مغل سردار ۽ ايراني درٻاري حيران ٿي ويا.
    ” تون درٻار ۾ گستاخي ڪري رھيو آھين، بلال! اسان کي قسم آھي ستن آسمانن جو ته جيڪڏھن اسان کي تنھنجي پراڻي رفاقت جو خيال نه ھجي ھا ۽ استاد محترم جو لحاظ نه ھجي ھا ته اسين ھينئر جو ھينئر پنھنجي ھٿن سان تنھنجي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيون ھا! تو اسلامي حڪومت کان سنڌين کي بغاوت تي اُڀاريو آھي، ۽ خدا جي خلق جي خون وھائڻ جو ذميدار آھين. اسين توکي ڪا سزا ڏيون، ان بدران تون پنھنجي پاڻ لاءِ سزا مقرر ڪر. اھا رعايت اسين توکي ان لاءِ ٿا ڏيون، جو اسين تنھنجا دوست رھيا آھيون، ھم-سبق رھيا آھيون، ۽ تون اسان جي استاد محترم جو فرزند آھين، جيتوڻيڪ تو ھن جي فرزنديءَ جي توھين ڪئي آھي! “
    شھنشاھه ڪاوڙ کان سھڪڻ لڳو ھو: پنھنجي تلوار جي مُٺئي تان ھٿ ھٽائيندي، وري وڃي تخت تي ويٺو.
    ” اي جلال الدين اڪبر جا پُٽ، آءٌ پنھنجي ھر بيان، ھر ڪلام کي بسم الله الرحمان الرحيم سان شروع ڪرڻ جو عادي آھيان. پر اڄ دل ٿي چوي ته ھھڙي درٻار ۾ الله جو نالو نه کڻان، ڇوته ھو ٻنھي جھانن جو پالڻھار ۽ رب العالمين آھي، پر ھي جھان جتي مغل حڪمران ھجن يقيناً ھن جي نالي تي تھمت ٿيندي! “
    حافظ بلال جي لفظن ۾ الائجي ڇا ھو، جو درٻار ۾ اھڙي ماٺ ڇانئجي ويئي جو ڪنھن کنگھڪار ٿي ڪئي ته به ماڻھن کي ڏکي ٿي لڳي، ۽ سڀني ھن ڏانھن شوڪي ٿي نھاريو. ماڻھن کي ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ ته لفظ ھنن جي ڪنن بدران ھنن جي دلين تي نازل ٿي رھيا ھئا، ۽ انھن لفظن ۾ ٻيو به ڪجھه ھو، جيڪو ھو سمجھڻ کان قاصر ھئا. ڇا اھو ڪو ٿيڻيءَ جو ڊپ ھو؟ ڪو نئون عرفان ھو؟ نئون ادراڪ ھو؟ ماڻھو فيصلو نه ڪري سگھيا.
    ” ان ڪري الله جي نالي بدران شروع ڪريان ٿو سنڌ جي نالي سان جيڪا ڏاڍي مھربان آھي، جنھن جي مِھر کان خدا تو جھڙن سمورن ماڻھن کي محروم رکڻ جي سزا ڏني آھي: جنھن جي ڌرتي ۽ جنھن جي مٽيءَ مان خود مٺي مُرسل کي جنت جھڙي ٿڌي ھِير گھُلندي محسوس ٿي ھئي. ڪا ته ڳالھه ھئي جو الله جي محبوب کي به سنڌ مان سڳنڌ آئي ھئي. ڪا ته ڳالھه ھئي جو سمورن ظالمن کي ان مھربان سنڌ جي ٿڃ کان محروم رکيو آھي. ھا، ظالم سندس رت ضرور پيئندا رھيا آھن، پر ھنن کي سندس ٿڃ ۽ مقدس پاڻي نصيب ۾ نه آھي! افسوس آھي جھانگير تون ھڪڙو شخص آھين جنھن لاءِ مون الله سائينءَ کان دعا گھري ھئي ته توکي سندس شفقت ۽ مِھر نصيب ٿئي، پر اھا تنھنجي تقدير نه ھئي. بيشڪ الله پاڪ سمورن انسانن جي تقدير کان واقف آھي ۽ ھو نعمتون ۽ برڪتون انھن کي نصيب ڪري ٿو جيڪي ان جا مستحق آھن. تو ان جي بدران ٻين وانگر ھن جو رت پيتو آھي. خدا توکي معاف فرمائيندو! “
    ” ۽ اي جھانگير، تنھنجي ھڪڙي ٻي به بدقسمتي آھي ته ظلم ۽ وحشي حڪومت کي تون اسلامي حڪومت سڏي، الله جي غضب کي دعوت ڏيندو رھيو آھين. ياد ڪر اھي ڏينھن جڏھن تنھنجو استاد محترم، ۽ منھنجو سنڌي پيءُ توکي اھو سبق ڏيندو ھو ته اسلام ڇا آھي، سلامتي ڇا آھي، عدل ڇا آھي، احسان ڇا آھي! مون ٻڌو آھي ته تو انصاف لاءِ ڪو گھِنڊ به ٻڌايو آھي ته جيئن فريادي تنھنجي ضمير کي بيدار ڪري توکان انصاف جا طلبگار ٿين! “
    ” پر واقعي الله سائين ڪن ماڻھن جي دلين تي مُھرون ھڻي ڇڏيون آھن، سندن اکين تي پردا ۽ ڪَنن ۾ تاڙيون وجھي ڇڏيون آھن. جيڪڏھن ايئن نه ھجي ھا ته سنڌ جو فرياد ضرور ٻڌن ھا! ياد رک ته سنڌ جي فرياد عرش کي ڪنبائي ڇڏيو آھي: ستن آسمانن ۾ اھو فرياد ٻُري رھيو آھي. فرشتا به الامان ۽ الحفيظ چوندا وتن، انھيءَ فرياد کان ته متان الله جو قھر جوش ۾ اچي، ھن سموريءَ ڪائنات کي ڀسم نه ڪري ڇڏي! پر نه ٻڌو ته تو نه ٻڌو! پوءِ آءٌ ڪيئن نه چوان ته تنھنجي دل تي الله جي طرفان مُھر لڳل آھي! “
    لفظ تَتل شيھي وانگر سمورن ماڻھن جي روحن تي ڪرندا رھيا. گھڻن ماڻھن جي اکين مان نه چاھيندي به لُڙڪ لڙي پيا ھئا. ڪن شھزادين جا سڏڪا به ٻڌڻ ۾ پئي آيا!
    ” رھي ڳالھه سزا جي! سو، مون ته پاڻ کي اڳي ئي سزا ڏيئي ڇڏي. توکي خبر ڪانھي ته سنڌي ھجڻ ڪيڏي وڏي سزا آھي! اسين سنڌي چوندا آھيون ته اسين ميڻ مان ٺھيل آھيون، ۽ ميڻ بتيون بڻجي سموريءَ دنيا کي سوجھرو، پيار، عافيت، سچائي ۽ ماڻھپو پھچائيندا رھيا آھيون. پر ان جي سزا اھا آھي ته اسين سڙندا وِگھرندا ٿا رھون. سو تون ڪھڙي سزا ڏيندين؟ ڇا ميڻ جيان وِگھرڻ کان وڏي ڪا سزا آھي؟“
    ” اسين سزا جا مستحق ته تڏھن کان آھيون، جڏھن کان اسان ۾ ماڻھپو آيو آھي. آءٌ، منھنجو بابو مرحوم ۽ ٻيا به ڪيترا برابر وڌيڪ سزا جا مستحق آھن، جو اسان اھو سمجھيو ته قنڌاري بگھڙن، ارغونن ۽ ترخانن جي مقابلي ۾ مغل چڱا آھن ڇو جو ھو شايد وڌيڪ تھذيب يافته آھن يا شايد ان ڪري جو جلال الدين اڪبر جي پيٽ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي ھو. ان جي سزا اسان کي ضرور ملڻ گھرجي ته اسان بگھڙن جي سوٽن ماساتن کي بگھڙ نه سمجھيو. اسان کي سزا ضرور ملڻ گھرجي ته اسان شاھه بيگ يا مرزا محمد باقيءَ کان جلال الدين اڪبر ۽ سليم جھانگير کي بھتر سمجھيو، جيتوڻيڪ ٻنھي ۾ ڪو فرق ڪونه ھو. شاھه بيگ جي چولي ۾ جلال الدين اڪبر آيو ۽ مرزا باقيءَ جي چولي ۾ جھانگير ويٺو آھي! “
    ماڻھن جو ساھه روڪجي ويو. اکر وِڄ جيان کنوندا ويا، ھنن جي روح کي لھسائيندا ويا. عجيب ڳالھه اھا ھئي ته ڪنھن کي به ڪاوڙ نه ٿي آئي. شرمساريءَ جو ھڪڙو عجيب احساس ھو جيڪو ڪنھن ڪوھيڙي جيان ماڻھن کي ويڙھيندو ويو.
    ” تون چوندين ته آءٌ انصاف ڪونه ٿو ڪريان! ممڪن آھي ته ائين ھجي. شاھه بيگ سنڌي نياڻين جا ٿڻ ڪپايا، مرزا باقيءَ سندن سٿڻن ۾ ٻليون وجھايون، ۽ جھانگير ٻئي ڪم ڪيا: ھڪ ئي وقت سندن ٿڻ ڪپايا ۽ پوءِ چولن ۾ رت چَٽڻ لاءِ جھنگلي ٻِليون وجھايون! مرزا باقيءَ سنڌين کي ھاٿين جي پيرن ھيٺان چيٿاڙي ماريو: جھانگير سنڌين کي ٻِن شھزور گھوڙن جي پُڇن ۾ ٻڌي چِيرائي ڇڏيو! ارغونن ۽ ترخانن سنڌين کا عُشر ۽ خُمس جي نالي ۾ ڦرلٽ ڪئي، ۽ ھاڻ جھانگير سنڌين سان عدل جي نالي ۾ اڌو اڌ جو حصيدار آھي.“
    ” ارغونن ۽ ترخانن سنڌين کي زوريءَ فارسي ٿي پڙھائي ته سنڌي به سندن اسلام جي خدمتن کي سمجھي سگھن. گھٽ ۾ گھٽ ھنن سنڌي پڙھڻ کان منع ڪانه ٿي ڪئي. مغلن سنڌي پڙھڻ کي ڪُفر جو درجو ڏيئي، سنڌي مدرسن کي ئي بند ڪري ڇڏيو آھي. جيڪي مدرسا باقي آھن، تن جا مھتمم مون وانگر جھانگير جي درٻار ۾ پيش ٿين ٿا ته اسين مملڪت اسلاميه تيموريه خلاف سنڌين کي بغاوت لاءِ ٿا اڀاريون! ارغونن فارسي نه پڙھڻ تي اسان جون زبانون ٿي وڍيون، ۽ جھانگيري عدل ۽ انصاف تحت اسان جون زبانون سنڌي پڙھڻ جي ڏوھه ۾ ڪپيون ٿيون وڃن! “
    ” ھا، برابر، ممڪن آھي ته آءٌ مغلن سان انصاف نه ڪندو ھجان! اھو انصاف مون جھڙن بدبختن اڳي به ڪونه ڪيو ۽ اسان مغلن کي ارغونن کان بھتر سمجھيو جيتوڻيڪ ھو شايد انھن کان بھتر نه پر بدتر ھئا! سو ان ڏوھه لاءِ به اسين سزاوار آھيون. “
    درٻار تي سُڪوت ۽ سناٽي جو عالم ھو. سڀني جي دل ۾ ھو ته جھانگير ھن کي خاموش ڇونه ٿو ڪرائي. ساڳئي وقت سندن دل جي ھڪ ڪنڊ ۾ اھا آرزو ھئي ته ھو ڳالھائيندو رھي، سندن روحن کي ايئن سنگسار ڪندو رھي.
    ” اي ھندوستان جا بادشاھه، تون اسان کي ان کان وڌيڪ ڪھڙي سزا ڏيندين ته اسين تنھنجا غلام آھيون. غلامي سڀ کان بدصورت، سڀ کان سنگين سزا آھي. جيڪڏھن اعتبار نه اچئي ته ھنن حبشين کان پڇي ڏس، ھنن ڪنيزن ۽ ٻانھين کان پڇي ڏس! سندن روح ۾ ايڏا زخم آھن، جو جيڪڏھن بيدار ٿيا ته اوھان مان ھڪڙي ھڪڙي مغل کي، ھڪڙي ھڪڙي ارغون ۽ ترخان کي، ايئن چيري ڦاڙي ڇڏيندا، جيئن تيمور، بابر، شاھه بيگ ۽ ٻين ھنن جي ابن ڏاڏن کي چيريو ڦاڙيو ھو! ڊڄو انھيءَ ڏينھن کان جڏھن غلامن ۾ غلاميءَ خلاف نفرت جو جبل ڦاٽي، سندن روح کي ڏاري، اڻيون اڻيون ڪري ڇڏيندو! “
    سنڌين جي روح ۾ به ھاڻي ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو آھي. سندن روح به اڻا اڻا ٿي ويا آھن. سنڌي جيڪي ماکيءَ کان مٺا ماڻھو ھئا سي اڄ زھر کان به ڪڙا ٿي پيا آھن. سنڌي، جن سڄيءَ انسانذات کي تھذيب سان نوازيو ھو، سي اڄ غير مھذب ٿي رھيا آھن. سنڌي، جن کي پيار کان سواءِ ٻئي ڪنھن جذبي جي ڄاڻ ڪانه ھئي، تن ۾ ھاڻ نفرت جا اوڙاھه دُکي پيا آھن. سنڌي، جيڪي ھر آئي جو آڌرڀاءُ ڪندا ھئا، سي ھاڻ پنھنجن کان به ڇرڪڻ لڳا آھن. سنڌي ھاڻي غلاميءَ مان اھڙا عاجز ٿيا آھن جو ڪنھن به نالي تي غلامي قبول نه ڪندا، پوءِ کڻي اھا غلامي اسلام جي نالي ۾ ھجي يا ويندي الله جي نالي ۾! ھنن لاءِ ھاڻ ھر ڌاريون اوپرو آھي. ھو ھاڻ ڪنھن جي لاءِ به مھر ۽ چڱائيءَ جا جذبا رکڻ جي عياشي نٿا ڪري سگھن: ھاڻ ھو انسانن منجھان محض ساھوارا بڻجي رھيا آھن- ڇا انھيءَ کان وڏي سزا ڪنھن قوم کي ڏيئي سگھجي ٿي! “
    ” ۽ جھانگير، آءٌ نه رڳو تنھنجو باغي آھيان، پر ھر ڌارئين جو باغي آھيان جيڪو سنڌ کي غلام بڻائڻ جو سوچيندو؛ آءٌ ان اسلام جو به باغي آھيان جيڪو مغل- اسلام جي نالي ۾ خدا جي خلق سان بيداد ڪندو وتي. سو اُٿ، پنھنجي، جھانگيري عدل جو مانُ رک، مون کي سزا ڏي. ڪھڙي سزا تجويز ڪندين منھنجي لاءِ؟ آءٌ واجب القتل ته ان ڏينھن کان آھيان جنھن ڏينھن کان سنڌي ھجڻ جو احساس مون ۾ ڪَـرَ موڙي جاڳي پيو ھو. پر قتل ته نھايت معمولي سزا آھي. منھنجو موت ته منھنجي لاءِ ڇوٽڪارو ثابت ٿيندو. ھي منھنجون اکيون، ھي منھنجو روح ھاڻ وڌيڪ وقت سنڌ کي غلام ڏسڻ نٿا گھرن، سو اھا ته تنھنجي مون مٿان نيڪي ۽ احسان ٿيندو جيڪڏھن مون کي موت جي سزا ڏِين: منھنجي رڳو ھڪڙي آخري خواھش آھي، روح جي آرزو آھي، منھنجي سموري وجود جي التجا آھي ته مون کي سزا ڏي، موت جي سزا ڏي، موت جي سزا، پر ھتي نه! مون کي سنڌ جي ڌرتيءَ تي ٽياس تي ٽنگاءِ! ايئن مرزا باقيءَ آخوند صالح کي ٽياس تي ٽنگيو ھو! گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي ڌرتيءَ جي ھنج ته ملنديم: مرڻ وقت ماءُ جيجل جي ھنج نصيب ٿئي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو با برڪت موت ٿي سگھندو! سو سيگھه ڪر، متان.... متان....! “
    ماڻھن پوءِ ھڪڙو سڏڪو ٻڌو. ھنن ايئن محسوس ڪيو ڄڻ ته آسمان کان سڏڪو نڪري ويو، ڄڻ ته خدا کان سڏڪو نڪري ويو ھو! ماڻھن کان اوڇنگارون نڪري ويون. ڪيتريون شھزاديون ۽ اميرزاديون منھن ويڙھي، اندر طرف ڀڳيون. ۽ پوءِ ماڻھن ڏٺو ته جھانگير اُٿي بيٺو: ھن جي اکين ۾ لُڙڪ ھئا. ھو به سڏڪا ڀري رھيو ھو، ۽ ھيٺ لھي ھن کڻي حافظ بلال کي ڀاڪر وڌو.
    ” بلال، اسان کي معاف ڪر! اسان کي خبر نه ھئي ته اسين ايڏا بدبخت آھيون. اسان پنھنجي مَـنَ مستيءَ ۾ اھو سمجھندا آياسون ته اسان رعيت کي امن ۽ سلامتي ڏني آھي، پر اسين برملا اعتراف ٿا ڪريون ته اسين تنھنجا ڏوھاري آھيون، اسين سنڌ جا ڏوھاري آھيون. اسين سواءِ ان جي ٻيو ڇا ٿا ڪري سگھون ته سنڌ کي آزادي ڏيون. اعتماد الدوله، ھڪدم فرمان جاري ڪيو وڃي ته عيسى خان ثاني سيوھڻ مان ھڪدم ٺٽي پھچي، سنڌين ۽ اسان ۾ صلح ڪرائي، ۽ رستم بيگ پنھنجي فوج سان لاھور پھچي، ۽ حافظ بلال جنھن لاءِ چوي، سنڌ جي صوبيداري ان جي حوالي ٿئي! “ *


    28

    وريام جي روح ۾ ڪُھرام متل ھو: ھن ايئن محسوس ڪيو ڄڻ ھو ٻن شھزور گھوڙن جي پُڇن ۾ ٻڌل ھو ۽ ٻئي گھوڙا ھڪٻئي جي ابتڙ ڇڪي ھن کي چيري ٻه اڌ ڪري رھيا ھئا. ھڪڙي طرف سنڌ ھئي، ٻئي طرف نوري ھئي. سنڌ کي ھن جي ضرورت ھئي، پر نوريءَ کي به ته ھن جي ضرورت ھئي! متان مون کي ته نوريءَ جي ضرورت ڪانھي؟ اھو سوال ھن جي ذھن ۾ پونڪپ جيان ڌڏڻ لڳو!
    ھو تھخانا ٽپندو، محل سراءِ جي ھيٺان اچي پھتو ھو. جيڪڏھن محل اندر پھچي به ويو تڏھن به نوريءَ کي الائي ڪٿي رکيو ھوندائون. ھڪڙي پھريدار کان خنجر جي نوڪ تي ھن سڀ پار پتا ته پڇيا ھئا پر مغل محل سراءِ کي اندران ھن ڪڏھن ڏٺو ڪونه ھو، پر وري به دل کي اھو ڏڍ ڏيندو رھيو ته انڌن وڃي ملتان لڌو، سو آءٌ به پنھنجي منزل تي ضرور رسندس. پنھنجي پويان ھلڪو کڙڪو ٻڌي، ھو ڇپ ھڻي بيھي رھيو. ڪا ڪنيز پنھنجي ٻار سان سرگوشيون ڪري موٽي رھي ھئي. اھوئي موقعو ھو، ھن سوچيو. ھو ٻليءَ پير ھلندو اچي مٿانئن ڪڙڪيو. ڪنيز جو ساھه سڪي ويو. ” آقا رحم، خدا جي واسطي مون تي رحم ڪر! “
    ” ڊڄ نه، آءٌ توکي ڪوبه ايذاءُ ڪونه ڏيندس. رڳو مونکي سنڌي ڪنيز جي حجري تائين پھچائڻ ۾ مدد ڪر! “
    ڪنيز گھڙيءَ لاءِ دل من ھنيو، پر پوءِ پنھنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪري اڳيان ٿي. ڪيترائي مرحلا ٽپي، ھوءَ ھن کي نوريءَ جي حجري تائين وٺي آئي.
    ” ھاڻ ته مونکي ڇڏ. اھو خنجر ته ھٽاءِ! “ ڪنيز منٿ ڪندي چيو.
    پر ھن رڳو ھٿ جي اشاري سان کيس اندر ھلڻ جو اھڃاڻ ڏنو. سامھون پلنگ تي ڪا زائفان اڇي چادر تاڻيو ستل ھئي، ۽ ھڪڙي ڪنيز نماز پڙھي رھي ھئي. ھن کي ڏسي، ھن سلام ورايو. ھن جي اکين ۾ اٿاھه درد جو دريا ڇوليون ھڻي رھيو ھو. لڙڪ سندس ڳَلن تي سُڪي ويا ھئا.
    ” وريام توکي ڏاڍي دير ٿي وئي! “
    ” ڇو، ڇا ٿيو؟ “ ھن ڪجھه نه سمجھندي چيو.
    ھوءَ ٻه قدم کڻي پلنگ تائين آئي، ۽ نوريءَ تان چادر ھٽائي ڇڏيائين. وريام نوريءَ ڏانھن ڏٺو: ان مُرڪ کي ڏٺو، جيڪا ھن جي چپن تي برف جيان ڄمي وئي ھئي. ھن سندس بند اکين ڏانھن ڏٺو. ھن ايئن محسوس ڪيو ڄڻ ته جيتوڻيڪ ھن جون اکيون بند ھيون پر ھوءَ کيس ڏسي رھي ھئي، ۽ سندس اکيون کليل ھجڻ جي باوجود انڌيون ھيون. ھن جي روح اندر ڪا شيءِ ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي وئي، ۽ ھو گھڙيءَ لاءِ پلنگ جي ڪُنڊ تي ويھي رھيو.
    ” ھن جي آخري خواھش اھا ھئي ته تون سنڌ موٽي وڃ، سنڌ کي تنھنجي ضرورت آھي. چيائين، چئجانس ته سنڌ کي پرتين! “ ھن اکيون کڻي ڪنيز جي منھن ۾ نھاريو، جنھن جي اکين ۾ درياھه ھلي رھيو ھو.
    ” ۽ ٻڌ وريام: مغلن تي ڪوبه اعتبار نه ڪجانءِ! نوريءَ جو سُنھن آھي توکي، مغلن تي اصل ڀروسو نه ڪجانءِ، متان نوريءَ کان پوءِ سنڌ به وڃائي ويھين! “
    ھو اُٿيو. چوطرف ھر شيءِ مان نوريءَ جي مُرڪ لياڪا پائيندي نظر آئي. ھن کي پنھنجو احساس پاڻ سمجھه ۾ نٿي آيو. نوريءَ جي مرڻ جو اعتبار ڪرڻ ھن جي وس کان به ٻاھر ھو. ھن کي اعتبار نٿي آيو ته انھن اکين ۽ انھيءَ مُرڪ وارو ماڻھو ڪو لاش به ٿِي ٿي سگھيو. پر ھن نوريءَ جا لفظ سڃاتا. ” سنڌ کي پرتين! “
    ھن جي روح جي رڻ ۾ درد جا ٿوھر ڄمي پيا. ھن جون اکيون به پوسرڻ لڳيون پر ھن کين منع ڪري ڇڏي. ” نه، روئڻو نه آھي! “ اکين جو روڄ ٻاھر اچڻ بدران ھن جي روح ۾ رڙڻ لڳو. ” نه، روئڻو نه آھي! “
    ۽ جڏھن شاھي قلعي جي دروازي تي پھتو ۽ پنھنجي ھمراھن سان مليو ته رڳو ايترو چيائين: ” ھلو ته ھلون: امن جي ڌرتيءَ ڏانھن جتي جنگ اسان جو انتظار ڪري رھي آھي. “ *


    29

    سنڌ ۾ گُلابن جي موسم ھئي. ڪڻڪون پچي راس ٿيون ھيون. سنڌ جا سھڻا پکي به سنڌ واسين وانگر سَرھا ھئا: چھه چھه لائي ڏني ھئائون. ڪونجن جون قطارون ڪنھن ڏورانھين ديس لاءِ اُسھيون ھيون. وڻن تي ٻُور ڏسي منجھي پيون ھيون، ۽ سنڌ جي سُھڻي آڪاس ۾ پئي ڦيريون پاتائون. سنڌ سڄي ڦلارجي پئي ھئي. ماڻھن ۾ عجيب اڙٻنگ جذبا ۽ اڌما جاڳي پيا ھئا. مغلن جتان ڪٿان ٽپڙ ٻَڌڻ شروع ڪيا ھئا. دريا جي پيٽ ۾ به ٻيڙا لھوارا اچڻ بدران اوڀارا چڙھڻ لڳا ھئا. انھن کي ڪنھن به ڪجھه نٿي چيو. جيڪي قافلا اتر پئي ويا، تن کي به ڪنھن ڪجھه ڪونه ٿي چيو. ٺٽي ۾ مغل سوداگرن پنھنجو مال ۽ مڏيون وڪڻڻ لاءِ سنڌين سان ڳالھائڻ شروع ڪيو. پر سنڌي اھو سودو ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئا. ڪن ترخانن ڪي ڪوٺيون سوديون ھيون. الائجي ڇو ترخان به ڊنل ڊنل ھئا. سنڌين کي سامھون اچڻ کان لھرائڻ لڳا ھئا. ٺٽي ۾ افواھه ھلي رھيا ھئا ته رستم بيگ کي به ڪوچ ڪرڻ جو فرمان مليو آھي.
    ساموئيءَ جي ميدان ۾ به مغل ڇانوڻين ۾ بنھه ماٺ ھئي. ايئن ٿي ڀانيو ڄڻ ته ھو دل مَن ھڻي رھيا ھئا ته سنڌين کي صلح جي آڇ ڪجي يا نه. سندن ايترو نقصان ٿيو ھو، جو وڌيڪ ماڻھو مارائڻ به اجايو ھو. ڳالھه رڳو اھا ھئي ته جيڪڏھن لشڪر پوئتي موٽ کاڌي ته سنڌي ٺٽي تائين کين لُڻندا ويندا. ھنن ھڪ ٻه ڀيرو ايلچي موڪلي خبر چار وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ته سنڌي ڪھڙن شرطن تي صلح ڪندا. اُتان فقط ھڪڙو جواب ٿي آيو. ” مغل سنڌ ڇڏي وڃن. رستم بيگ مغل سلطنت پاران آڻ مڃي ۽ شڪست کي تسليم ڪري! “
    سانوڻ ھڪ ڀيرو وري سموري ميدان جو چڪر ھڻي آيو. ھن جي ڏاڙھي وڌي ويئي ھئي: ھن کي سونھاري ڏاڍي ٿي ٺھي. ھمراھن کي ساڻس رڳو اھا شڪايت ھئي ته ھن کي ھفتا ٿي ويا آھن پر آرام نٿي ڪيائين، نه ئي ھڪ ھنڌ ٽِڪي ڪي ٻه گرھه ٿي کاڌائين. ھڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ويندو ايندو رھي ٿو.
    ” يار، ايئن ته تون پاڻ کي اگھو ڪري وجھندين! “ يارل کيس منٿ ڪندي چيو ھو.
    ” ادل، ھاڻ اگھائيءَ جو وقت ويو: ھاڻ ته سنڌ سَگھي ٿي آھي، سو آءٌ ڪٿي ٿو اگھو ٿيان! “ ھن کِلي ڳالھه ٽاري ٿي ڇڏي.
    اڄ به جڏھن سنگت گڏ ٿي، ته پھرين سڀني اھائي ڳالھه کنئي. پر ھو وري به لنوائي ويو. ” اڄ ته سنڌ جي ڳالھه ڪريون. سڀاڻي ڏٺو ويندو! منھنجي صلاح آھي ته ھاڻ مغلن ۾ دم نه رھيو آھي. يڪو نغارو وڄائي، مٿن حملو ڪريون ۽ آخري فيصلو ٿي وڃي! “
    سڀني جي اھا راءِ ھئي، ۽ فيصلو اھو بيٺو ته ٽاڪ منجھند جو جڏھن سج نيزي تي اچي، تڏھن نوبت وڄائجي. اڳيان سانوڻ جو جٿو ھوندو، جنھن ۾ ھزار کن ھمراھه ھوندا. کاٻي ساڄي کان ٻيا جٿا ھوندا. پر پُٺ خالي نه ڇڏبي. اتي وارا ھمراھه سامھون تيار رھندا متان..... متان ترخان ڪا حرڪت ڪن.
    ھو اڃا اٿڻ تي ھئا ته گھوڙي جي ٽاٻڙ ڪنن تي پين. سندن ئي خابرو ھو.
    ” جيئي سنڌ! “
    ” سدا جيئي! “
    ” جيئندا، ڏي خبر! “
    ” سانوڻ، ڳالھه سمجھه ۾ نٿي اچي پر مرزا عيسى ترخان ثاني لشڪر سان پيو اچي. اڌو اڌ ترخان آھن، ٻيو اڌ مغلن جو آھي. ترخان سيوھڻ کان لٿا آھن. مغل بکر جا ٿا ڏسجن! “ جيئندي ھٻڪندي چيو.
    ” انھيءَ ۾ سمجھه ۾ نه اچڻ واري ڪھڙي ڳالھه آھي. ترخانن سمجھيو آھي ته مغل پورا ٿيا پيا آھن. سنڌين ۾ شايد وڙھڻ جو دم ڪونه رھيو ھوندو، سو موقعو اھوئي آھي ته سنڌ تي وري قبضو ڪريون! “
    ” سو ته برابر، پر..... “ جيئندو وري به منجھي پيو.
    ” پَـرَ ڇا؟.....“ سانوڻ ٿورو ورچي چيو.
    ” جھنڊو اڇو ڦڙڪائيندا اچن، حافظ بلال گڏ اٿن! “ جيئندي کي اڃا به پنھنجي ڳالھه تي يقين نٿي آيو.
    ” ھان! سو وري ڪيئن؟ “ سڀني کان دانھن نڪري ويئي.
    ” ٻيلي، ڳالھه ته ڏاڍي ڳري ٿي. پر خير، نورل پويون محاذ مضبوط رکجو. اڳئين محاذ مان به پنج ھزار کن ھمراھه پوئين محاذ تي موڪلجو. اصل ڪنھن به قيمت تي، عيسى ترخان جا ماڻھو پنھنجو سَنڌو نه ٽپن: جيڪو ٽپي، سو وري جيئرو نه موٽي! “ سانوڻ سختيءَ سان چيو.
    ھو به مُنجھي پيو. حافظ بلال تي شڪ ڪرڻ تي ھن جي دل اصل مڃي ئي نه. پر حقيقت اکين ۾ پئي گھوريو. ھن نئڙي سنڌ جي مٽيءَ مان ٻُڪ ڀري، کيس چُمي، پنھنجي وارن ۾ وھائي ڇڏيو. ” الله سائين، منھنجي مٺيءَ سنڌ کي امانَ ۾ رکجانءِ! “
    ٿوري دير به ڪانه گذري ته حافظ بلال به اچي لٿو. سانوڻ ڪا گھڙي سندس اکين ۾ نھاريندو رھيو. سندس اکين مان اعتبار ھليو ويو ھو. ھو اڳتي نه وڌيو ته حافظ بلال جي دل روئي ڏنو.
    ” سانوڻ، ڀائو، مون ۾ ٿو شڪ آڻين؟ “ حافظ جي روح مان رڙ نڪري ويئي.
    ” حافظ، معاف ڪجانءِ، پر ھاڻ اسين اُتي پھتا آھيون، جتي ٿوري چُڪ به سنڌ کي وري غلام بڻائي ڇڏيندي! سو ڀلائي ڪري، ٻڌاءِ ته تون مغلن ۽ ترخانن سان ڪيئن؟ سانوڻ ڪوشش ڪئي ته رُکو نه ٿئي. پر رُکائيءَ کي روڪي نه سگھيو.
    ” آفرين آھي توتي، سانوڻ! آءٌ توکي ميار ڏيان ته شل ڪِنوٿي مران..... تنھنجو شڪ بجا به آھي، ۽ ضروري به آھي.....! پر..... “
    پوءِ ھن سڄي سَٿ کي سربستي ڳالھه ڪري ٻڌائي.
    ” عيسى خان رڳو مرزا رستم بيگ کان سنڌ اسان جي حوالي ڪرائڻ جو پروانو لکائي ڏيندو. لشڪر ھن ان ڪري آندو آھي ته متان مغل شھنشاھه خلاف بغاوت ڪن جئن قنڌار ۾ ٿيو ھو! “
    اڌو اڌ ماڻھن اٿي حافظ کي ڀاڪر وڌا، پر الائي ڇو سانوڻ جي ڀاڪر ۾ اھا گرمجوشي ڪانه ھئي.
    ” تون چئين ٿو ته پوءِ اعتبار ڪرڻو ٿو پوي! “ سانوڻ اڃا به بي دليو ٿي چيو.
    صلاح اھا بيٺي ته ڏھاڪو ھمراھه سانوڻ ۽ حافظ بلال سان گڏجي، اڌ پنڌ تي رستم بيگ ۽ مظفر خان وارن سان گڏجاڻي ڪندا. عيسى خان ترخان جي اڳيان رستم بيگ سنڌ جو پروانو لکي ڏيندو. پوءِ مغل لاھور وڃڻ جون تياريون ڪندا ۽ عيسى خان ترخان مغلن سان گڏجي موٽي ويندو. سانوڻ پنھنجا ھمراھه چونڊي، ڍورو ٽپي مٿي آيو ته ھڪڙي پاسي کان رستم بيگ ۽ مظفر خان ٿي آيا ته ٻئي طرفان عيسى خان پنھنجي جھندي سان ڪجھه ماڻھن سان پئي آيو.
    سلام دعا کان پوءِ ڳالھيون ھليون. سانوڻ جو چوڻ ھو ته مغل ٺٽي موٽي نه وڃن. رستم بيگ جو چوڻ ھو ته مغلن جا مال ملڪيتون ٺٽي ۾ ھيون، انھن کان سواءِ ھنن جو حويليون به ھيون، سندن حرم ۽ ڪنيزون ھيون، تن کي پويان ڪونه ڇڏيندا. ڳالھه ته برابر جائز ھئي، پر سانوڻ اصل نه مڙيو. نيٺ عيسى خان وچ جو رستو ڪڍيو ته مغلن جا فقط ٻه دستا ٺتي ويندا، ۽ عيسى خان جا لشڪري کين قافلن ٺاھڻ ۾ مدد ڪندا.
    ” اوھان جا گھڻا لشڪري ويندا ٺٽي؟ “ سانوڻ عيسى خان کان پڇيو.
    عيسى خان سانوڻ جي گھور کان اکيون بچائيندي چيو: ” گھڻا نه، فقط جيترا ضروري ھوندا: اجھو ھيترا....! “ ھن ھڪ طرف اشارو ڪيو.
    ھن جي اشاري تي ھزار کن گھوڙي سوار، ڀالا ھٿن ۾، برق رفتاريءَ سان ھنن ڏانھن وڌندا آيا. حافظ گھوڙن جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ ٻڌي، اٿي بيھي رھيو ته سامھون ھڪڙي ترخان ڀالو سندس پيٽ ۾ ٽنبي ڏنو. مغل ۽ ترخان سنڌين تي ڀالا تاڻي بيھي رھيا.
    ” سانوڻ، پاڻ سان دولاب ڪيو اٿن..... سنڌ تي قربان ٿي وينداسون پر سنڌ کي مغلن يا ترخانن وٽ وري غلام بڻجڻ نه ڏينداسون! “ وريام رڙ ڪئي.
    ھڪڙو ٻيو ڀالو عيسى خان ترخان جي نڙگھٽ ۾ کُپي ويو. سانوڻ ۽ سندس ھمراھه به ھٿيار ڪڍي پنھنجي سامھون بيٺل مغلن ۽ ترخانن سان مقابل ٿيا. مغلن سمجھيو ھو ته ترخان شھسوارن کي ڏسي سنڌي ھيسجي ويندا. پر ھيلوڪا سنڌي ھيسجڻ وارا ڪونه ھئا.
    سانوڻ کي ڄڻ ته جِن پئجي ويو. ھن جو ڀالو ايئن ٿي ڪڙڪيو ڄڻ ته منجھس کِنوڻ لھي پئي ھئي. سانوڻ جا ھمراھه به مڃيل جنگجو ھئا. وريام ۽ سندس ھمراھن کي ڏسي، ھنن جي دل ٻيڻي ٿي ويئي. ترخانن جا شھسوار جيسين پھچن، تنھن کان اڳ رستم بيگ ۽ عيسى خان سان آيل سمورا مغل ۽ ترخان ڪري پيا ھئا. وريام سانوڻ جي ساٿين کي ٻيلھه چڙھڻ جو اشارو ڪري، گھوڙن کي موڙو ڏنو. ھرڪو سنڌي وريام جي ڪنھن نه ڪنھن ساٿيءَ جي گھوڙي تي ٻيلھه چڙھي پيو، ۽ پوءِ ترخان سوارن جي نظرن جي اڳيان ھو ڍورو لھي پيا.
    ھو اڃا پنھنجي پاسي لٿا ته جنگ جي نوبت وڳي.
    ” سانوڻ، آءُ ته يڪو فيصلو ڪري وجھون. تون مغلن وارو پاسو سنڀال، اسين پوئين پاسي ترخانن کي ٿا پُڄون. ھونئن ئي لابارن جا ڏينھن ويجھا آھن! “
    ” بسم الله، دلبر بسم الله: جيئي سنڌ، جيئرا رھياسون ته آزاد سنڌ ۾ ساھه کڻنداسون، نه ته پرتاسون سنڌ کي! “ سانوڻ حجت ڪري چيو.
    ۽ پوءِ رڻ ۾ راڙو ٿيو. سنڌي ھڪ پاسي مغلن سان وڙھيا ته ٻئي پاسي ترخانن سان. سانوڻ، وريام، نورل، جکرو، جيوڻ، يارل، سنگھار، تماچي ۽ سوين ھزارين سوڍا ايئن وڙھيا ڄڻ ته اڄ نه وڙھيا ته پوءِ کِلڻھاب ٿي پوندا. مغل ۽ ترخان ايئن ٿي ڪريا ڄڻ ته منجھن لابارو پئجي ويو ھو....
    ۽ پوءِ سج لھڻ تي سڄو آسمان خون جو رنگ وٺي بيھي رھيو: ان شفق ۾ سنڌ جو ست رنگو انڊلٺي جھنڊو ايئن ٿي جھوليو ڄڻ ته سنڌين آسمان تي جھنڊو کوڙي ڇڏيو آھي. *
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515340
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205431
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ