ڪتاب جو نالو: قومن جي تباهيءَ جي تاريخ
مصنف: هارون يحيٰ / خالد ڀٽي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 13 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1758 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 908 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
هن ڪتاب “قومن جي تباهيءَ جي تاريخ” ۾
هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌسلامت پاران
  • حق ۽ واسطا
  • مهاڳ
  • پيش لفظ
  • ڄاڻ سڃاڻ
  • باب پهريون: حضرت نوح عليه السلام جي قوم

  • طوفان نوح
  • قرآن پاڪ ۾ حضرت نوح عه ۽ طوفان جو ذڪر
  • حضرت نوح عليه السلام جو پنهنجي قوم کي حق جي دعوت جي ڏيڻ:
  • حضرت نوح عليه السلام جو پنهنجي قوم کي الله جي پڪڙ کان ڊيڄارڻ :
  • حضرت نوح عليه السلام جي قوم جو انڪار
  • حضرت نوح عليه السلام جي قوم جو حق وارن سان سلوڪ
  • الله پاڪ طرفان حضرت نوح عليه السلام کي ڏکارو نه ٿيڻ جو تاڪيد
  • حضرت نوح عليه السلام جي دعا
  • ٻيڙ يءَ جي تياري
  • حضرت نوح عليه السلام جي قوم جي هلاڪت
  • حضرت نوح عليه السلام جي پٽ جي هلاڪت
  • ايمان وارن جو ڇوٽڪارو
  • طوفان جي نوعيت
  • بلند مقام تي ٻيڙيءَ جو بيهڻ
  • طوفانِ نوح عليه السلام ۾ نصيحت
  • الله سائين وٽ حضرت نوح عليه السلام جو مقام
  • طوفان نوح سان ٿيندڙ تباهيءَ جون حدون
  • ڇا سڀئي جانور ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيا ويا؟
  • طوفان نوح جي اوچائي ڪيتري هئي؟
  • طوفان نوح جو هنڌ يا حدون
  • قديم آثار ۽ طوفان نوح
  • سيلاب جو تذڪرو ڪندڙ مذهب ۽ قومون
  • قديم عهد نامي ۾ طوفان نوح جو تذڪرو
  • جديد عهد نامي ۾ طوفان نوح جو تذڪرو
  • ٻين قومن وٽ طوفان نوح جو تذڪرو
  • باب ٻيو ؛ حضرت ابراهيم عليه السلام جي زندگيءَ جاحالات

  • حضرت ابراهيم عليه السلام جي زندگيءَ جاحالات
  • قديم عهد نامي ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جو تذڪرو
  • قديم عهد نامو ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جي ولادت جو هنڌ
  • قديم عهد نامي ۾ تحريف ڇو ڪئي ويئي؟
  • باب ٽيون

  • حضرت لوط عليه السلام جي قوم جو احوال
  • قومِ لوط جي ڍنڍ جو نشانيون
  • پومپائي (pompeii) جو انجام
  • باب چوٿون

  • عاد قوم جو تذڪرو
  • ارم شهر جا قديم آثار
  • قوم عاد
  • عاد جي اولاد ۽ حضر موت وارن جا حالات
  • عاد جا چشما ۽ باغ
  • عاد جي تباهي
  • باب پنجون

  • ثمود جي قوم جا حالات
  • حضرت صالح عليه السلام جون تبليغي ڪاوشون
  • قديم آثار ۽ ثمود قوم
  • باب ڇهون

  • ٻڏي مرندڙ فرعون جو تذڪرو
  • فرعون جو اقتدار
  • مذهبي عقيدا
  • آمن حو تپ چوٿون (Amenhotep-iv): موحد فرعون
  • حضرت موسيٰ عليه السلام جي بعثت
  • فرعون جي درٻار
  • فرعون ۽ ان جي پيروڪارن تي ايندڙ عذاب
  • مصر مان نڪرڻ
  • ڇا اهو واقعو بحيره روم جي ڪناري يا ڳاڙهي سمنڊ ۾ پيش آيو؟
  • فرعون ۽ سندس لشڪر جو ٻڏڻ
  • باب ستون

  • هل سبا ۽ عرم واري ٻوڏ
  • سبا ملڪ تي ايندڙ عرم جي ٻوڏ
  • باب اٺون

  • حضرت سليمان عليه السلام ۽ راڻي سَبا
  • حضرت سليمان عليه السلام جو محل
  • باب نائون

  • اصحابِ ڪهف
  • ڇا اصحابِ ڪهف ايفيسس ۾ آهن؟
  • ڇا اصحابِ ڪهفِ طرسوس (Tarsus) ۾ آهن؟
  • حاصل ڪلام
  • ڪتابيات، حاشيا ۽ حوالا

  • ترتيب

    سنڌسلامت پاران

    هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي.
    هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نور احمد ميمڻ جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    حق ۽ واسطا

    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2012ع
    ڪتاب جو نالو : قومن جي تباهيءَ جي تاريخ
    ليکڪ: هارون يحيٰ
    سنڌيڪار: خالد ڀٽي
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: امتياز علي انصاري
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 150/= رپيا

    "Qoman Jee Tabahi jee Tarekh"
    By: Haroon Yahiyaa
    Translated by: Khalid Bhatti
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone:021-32737290
    www.sindhica.org
    Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ- ممتاز ڪتاب گهر دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،

    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
    ڪراچي74400


    مهاڳ

    قومن جي تباهي لاءِ جوڙيل الله جو قانون
    مولانا ابوالڪلام آزاد
    توهان ڌرتيءَ جي ڪنهن به حصي تي ڪنهن به قوم کي ڏسو ته معلوم ٿيندو ته سڄي انساني تاريخ هن کانسواءِ ڪجهه به نه آهي ته وارث ۽ ميراث جو هڪ داستان آهي. يعني هڪ قوم جي ڄمت ٿي اها مٽجي وئي ته وري پويان ٻي قوم آئي جيڪا ان جي وارث بڻي. وري اها به مِٽجڻ جي عمل مان گذري ۽ ٽئين وارث جي لاءِ جڳهه خالي ٿي. قرآن چوي ٿو ته هتي وارث ۽ ميراث کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي. هاڻي سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته جيڪي ورثو ڇڏڻ تي مجبور ٿين ٿا، سي ڇو ٿا ٿين ۽ جيڪي وارث ٿين ٿا سي وراثت جا حقدار ڪيئن ٿا بڻجن. قرآن چوي ٿو ته انهيءَ لاءِ خدا جو هڪ اڻٽر قانون ڪم ڪندو آهي ته زمين جو وارث مفيد ماڻهن کي ئي بڻايو ويندو آهي. (انبياءَ 105)
    يعني قومن جي زندگيءَ ۾ هي قانون اڻٽر آهي ته جن ماڻهن ۾ انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ جي صلاحيت هوندي آهي جيڪي صالح قومون هونديون آهن تن کي ئي فرمانروائي ملندي آهي. صلح جي معنيٰ آهي سنوارڻ ۽ فساد جي معنيٰ آهي بگاڙڻ، صالح ماڻهو اهو آهي جيڪو پاڻ کي سنواري وٺي ٿو ۽ ٻين ۾ سنوارڻ جو استعداد پيدا ڪري ٿو. انهيءَ ڪري خدا قانون هي جوڙي ڇڏيو ته زمين جي وراثت سنورجڻ ۽ سنوارڻ وارن انسانن جي حصي ۾ ايندي. انهن ماڻهن لاءِ وراثت جو قطعي حصو ناهي جيڪي ماڻهو اعتقاد توڻي عمل ۾ کري وڃن ٿا ۽ سنوارڻ جي جاءِ تي بگاڙڻ وارا بڻجي پوندا آهن.
    توريت، انجيل ۽ قرآن ٽنهي زمين جي وراثت جو ورائي ورائي استعمال ڪيو آهي ۽ غور ڪيو ته اتي اها صورتحال ڪيئن قطعي ۽ سچي ڪري ڏيکاري ۽ ٻڌائي وئي آهي. دنيا جي هر حصي ۾ اسان ڏسون ٿا ته هڪ قسم جي بدلجندڙ ميراث جو سلسلو لڳاتار جاري آهي. يعني هڪ فرد يا هڪڙو گروهه طاقت ۽ اقتدار حاصل ڪندو آهي، پوءِ اهو هليو ويندو آهي ته ٻيو فرد يا گروهه اچي انهن سڀني شين جو وارث بڻبو آهي. حڪومتون ڇا آهن، اهي به رڳو هڪ ورثو آهن، جيڪي هڪ گروهه مان نڪري ٻئي گروهه جي حصي ۾ اچي وڃن ٿيون. قرآن چوي ٿو ته ائين ڇو آهي؟ اهو انهيءَ لاءِ آهي زمين جي وراثت لاءِ اصلاح ۽ صلاحيت لازمي شرط آهي، جيڪو صالح نه رهندو ته ان جي پيرن جي هيٺان زمين کسڪي ويندي.
    سورت رعد ۾ ٻڌايو ويو آهي اهو جيڪو به آهي سو حق ۽ باطل جي ملهه آهي. پر وري حق ۽ باطل جي حقيقت ڇا آهي؟ ڪهڙو قانون آهي جيڪو حق ۽ باطل جي ملهه ۾ ڪم ڪري ٿو؟ هتي اهو به ٻڌايو ويو آهي ته اهو بقا ۽ انفع يعني انساني نفعي بخشي جو قانون آهي. ليڪن قرآن ڪٿي انفع جي جاءِ تي اصلح جو به لفظ استعمال ڪري ٿو. لفظ ٻه آهن پر معنيٰ هڪ آهي. يعني الله تعاليٰ بقا ۽ هست جي قيام ۽ اصلاح جي لاءِ هي قانون جوڙي ڇڏيو آهي ته هتي اها ئي شيءِ باقي رهي سگهندي، جنهن ۾ انساني نفعي بخشي هجي. جنهن ۾ نفعي بخشي ناهي اها باقي نه رهي سگهندي. ان کي نابود ٿيڻ کپي. انڪري جو نفعي بخشيءَ کانسواءِ ڪائنات هستيءَ جي هيءَ جوڙ، هي حسن ۽ هيءَ ارتقا قائم نٿي رهي سگهي ۽ انساني قافلو اڳتي هلي نٿو سگهي. جيڪڏهن ڪائنات ۾ خوبيءَ جي بقا ۽ خرابيءَ جي ازالي لاءِ هڪ اڻٽر قوت سرگرم نٿي رهي ته پوءِ ائين لازم ٿيندو. اها قوت يا سگهه ڇا آهي؟ اها فطرت جو انتخاب آهي. فطرت هميشه ڇاڻيندي رهندي آهي. ان ڇاڻيءَ مان فساد ۽ نقص ڇڻي گم ٿي ويندا آهن ۽ مٿان صرف خوبي ۽ برتري باقي رهندي آهي. قدرت طرفان ماڻهوءَ کي فطرت جي انهيءَ انتخاب کان بي خبر نه رکيو ويو آهي. قرآن چوي ٿو ته قدرت جي عطا ۽ جمال جو نظام ئي اهڙو آهي جو ان روءِ نفعي بخشي واري شيءِ ئي باقي رکي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو هتي رحمت ڪارفرما آهي ۽ رحمت جي تقاضا آهي ته رڳو فائدو ۽ فيضان هجي ۽ نقصان انهيءَ رحمت جي ريت ۾ نه هوندو آهي. قرآن چوي ٿو ته جهڙي طرح اوهان مادي شين ۾ ڏسو ٿا ته فطرت جي ڇاڻيءَ ۾ نفعي بخش شيون باقي رهنديون آهن ۽ جيڪي نفعي بخش نه هونديون آهن، سي تلف ٿي وينديون آهن. بلڪل ساڳي طرح ساڳيو عمل انساني زندگيءَ جي ڪرت ۾ به جاري آهي ته جيڪي ڪم سچ ۽ حق هوندا سي قائم ۽ ثابت رهندا ۽ جيڪي باطل هوندا سي مِٽجي ويندا. جڏهن به حق ۽ باطل جو مقابلو ٿيندو ته بقا حق جي ٿيندي باطل جي نه. قرآن انهيءَ کي قضا بالحق جو نالو ڏئي ٿو:
    فَاِذَا جَآءَ اَمۡرُ اللّٰہِ قُضِیَ بِالۡحَقِّ وَ خَسِرَ ہُنَالِکَ الۡمُبۡطِلُوۡنَ ( المؤمن-٧٨)
    يعني جڏهن فيصلي جو وقت اچي ويو ته حق کي سربلند ڪيو ويو ۽ باطل پرست تباهه ۽ برباد ڪيا ويا. قرآن چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪائنات اندر فطرت برائي ۽ نقصان کي ڇاڻيندي نه رهي، چڱائي ۽ خوبيءَ کي بقا ۽ ڄمت نه ملي ته جهان جو نظام ئي تاراج ٿي پوي.
    وَ لَوِ اتَّبَعَ الۡحَقُّ اَہۡوَآءَہُمۡ لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَ الۡاَرۡضُ وَ مَنۡ فِیۡہِنَّ ؕ ( المؤمنون-٧١)
    يعني جيڪڏهن حق وارو قانون انهن کريل ماڻهن، ڏاڍن ۽ استحصالين جي خواهشن جي پيروي ڪرڻ لڳي ته پوءِ يقين ڪريو ته هي زمين ۽ آسمان ۽ جيڪو ڪجهه انهيءَ ۾ آهي سڀ درهم برهم ٿي رهجي وڃي. قرآن چوي ٿو ته امتن، ملتن، قومن توڻي جماعتن جو اوج ۽ اڀار، هدايت ۽ ڀٽڪڻ جو معاملو به انهيءَ قانون سان لاڳاپيل آهي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته جيڪو قانون ڪائنات ۾ هر گوشي ۽ هر ذري ۾ پنهنجو عمل ڏيکاريندو هجي، اهو هتي ماڻهن ۾ اچي بيڪار ٿي وڃي. جنهن قانون جي وسعت کان ڪائنات جو ڪو ذرو ٻاهر نه هجي، قومن جو اوج ۽ اڀار ۽ پستي ۽ تباهي وري ان قانون کان ٻاهر هجي، سو ڪيئن ممڪن آهي! قرآن چوي ٿو ته اهي قومن جا گذريل اعمال ئي آهن جيڪي انهن جو مستقبل بڻائن ٿا.
    وري ان جي وڌيڪ تشريح ڪندي چوي ٿو ته خدا ڪنهن قوم جي حالت ايستائين نٿو بدلائي جيستائين اها پنهنجي حالت پاڻ بدلائڻ جي اڳڀرائي نه ڪري. يعني جيڪڏهن ڪا قوم بدحال آهي ۽ پنهنجي اندر هڪ اهڙي تبديلي پيدا ڪري وٺي ٿي جنهن سان خوشحالي پيدا ٿي سگهي ٿي، ته خدا جو قانون هي آهي ته اها تبديلي فوراً انهيءَ جي حالت بدلائي ڇڏيندي ۽ بدحاليءَ جي جاءِ تي خوشحالي اچي ويندي. اهڙي طرح خوشحاليءَ مان بدحاليءَ جو ڦيرو به ائين ئي ايندو آهي. قرآن چوي ٿو ته جڏهن هڪ قوم انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ جي عملي صلاحيت وڃائي ڇڏي ۽ ان پٽاندر پوزيشن جي تبديليءَ جي مستحق بڻجي پئي ته پوءِ ضرور پستي ۾ وڃي رسندي. اها پستي ڪڏهن به ٽري نٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته اها خدا جي جوڙيل هڪ ٺوس قانون جي ذريعي ملي ٿي. پوءِ ڪير آهي جيڪو خدا جي قانون جي نفاذ کي روڪي سگهي ۽ ڪير آهي جيڪو ان جي رڳڙ کان بچائي سگهي. قرآن انهيءَ کي قومن کي قومن سان بدلائڻ جو نالو ڏئي ٿو ۽ وري وري مسلمانن کي خبردار ڪري ٿو ته جيڪڏهن اوهان نفعي بخشيءَ جي صلاحيت وڃائي ڇڏي ته خدا توهان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي قوم کي اوج ۽ ترقي جي عظيم نعمت سان نوازيندو ۽ پوءِ اها قوم اهڙي نه هوندي جيڪا توهان وانگر صلاحيت ۽ سڌاري کان محروم هجي.
    قرآن چوي ٿو ته اسان انهيءَ طرح سان قومن جا ڏينهن بدلائيندا رهندا آهيون ۽ هڪڙين قومن جي هٿان ٻين قومن جو زوال ايندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته جيڪر ظالم قومن جي هٿان مظلوم قومن جي تباهي هميشه انهن جو مقدر بڻجي وڃي. جيڪڏهن اسان ڪمزور کي سگهاري جي ظلم کان بچڻ جي نصرت عطا نه ڪريون ته دنيا جو سُک ۽ سلامتي هميشه لاءِ نهوڙجي وڃي ۽ قومن جي مٿان سلامتيءَ جا دروازا هميشه بند ٿي وڃن. الله جي زمين تي عبادتگاهن جا اهي منارا ڪيرايا وڃن، جن عبادتگاهن ۾ الله جو نالو ڪثرت سان ورتو ويندو آهي. اهي سموريون مقدس عمارتون مٽيءَ جو ڍير بڻجي وڃن، جن ۾ پوڄا ۽ ذڪر جون پاڪ صدائون بلند ٿينديون آهن. هيءَ حسين ۽ جميل دنيا هڪ اهڙي ڀيانڪ هلاڪت ۽ برباديءَ جو منظر ٿي وڃي، جنهن جي مٿاڇڙي تي رڳو مئل انسانن جا هڏاوان پڃرن ۽ ڊٺل عمارتن جي ڀُريل مٽيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه اچي.
    اڀار ۽ پستيءَ جا هي انقلاب، جو پراڻيون قومون مات ٿي وڃن ۽ نيون قومون سندن جاءِ والارين، تاريخ جا اهي سڀ حادثا خدا جي انهيءَ هڪ ئي قانون هيٺ وجود ۾ اچن ٿا ۽ اُهو آهي بقاءِ اصلح يا انساني نفعي بخشيءَ جو فطرتي قانون. هي سڀ انهيءَ قانون جا ڪرشما آهن. انهيءَ ڪري جيڪا قوم حق تي آهي، اها ئي نفعي بخش آهي ۽ انهيءَ جي سلامتي ۽ بقا آهي يا اوج ۽ عروج آهي. ۽ جيڪا قوم حق پرستيءَ کان انحراف جو رستو وٺي ٿي، اها باطل ۽ غير نفعي بخش آهي، ۽ انهيءَ لاءِ بربادي ۽ فنا ۽ زوال ۽ ميسارجڻ آهي.
    قرآن انهيءَ ڳوري حقيقت کي سمجهائڻ لاءِ ان جو مثال ڪيڏن نه سادن ۽ ڪومل لفظن ۾ ڏنو آهي جو ان جي مشاهدي کان ڪا به اک محروم نٿي رهي سگهي. فرمايو ويو ته جڏهن پاڻي وسي ٿو ۽ زمين جي شادابي ۽ گلن جي ويس پهرڻ جو سامان مهيا ٿيڻ لڳي ٿو ته اهو پاڻي نالن ۽ وادين ۾ نهر بڻجي روان ٿئي ٿو. اهو پاڻي ڪٿي به رڪجي نٿو، بلڪه جتي به ميراڻ ۽ ڪچرو موجود آهي ان کي ڌوئيندو گهليندو نالن ۽ ندين مان وڌندو وڃي ٿو. نئين زمين کي اوسر لاءِ جيترو پاڻي گهرجي سو مهيا ڪندو وڃي ٿو. ميراڻ ۽ ڪچرو گج بڻجي ترندا نظر اچن ٿا ۽ اڳتي هلي انهن جو وجود به نظر نٿو اچي. اهڙي طرح اوهان جڏهن سون چاندي يا ڪنهن به ڌاتوءَ کي باهه تي تپايو ٿا ته کوٽ الڳ ٿي وڃي ٿو ۽ خالص ڌاتو نروار ٿي بيهي ٿو. انڪري جو کوٽ جي لاءِ نابود ٿيڻ ۽ خالص ڌاتو لاءِ باقي رهڻ اهو قدرت جو قانون آهي.
    اهو انڪري آهي جو اتي بقاءِ انفع/انساني نفعي بخشيءَ جو قانون ڪم ڪري رهيو هوندو آهي. هتي باقي اهو رهندو جيڪو نفعي بخش هجي جيڪو نفعي بخش ناهي اهو ڇاڻيو ويندو. ساڳي حقيقت حق ۽ باطل جي آهي. حق اها ڳالهه آهي جنهن ۾ نفعو هجي، پوءِ اهو ڪڏهن به مٽجڻ وارو ناهي ۽ باقي رهڻ ان جي فطري تقاضا آهي، ڇاڪاڻ ته حق جي معنيٰ ئي ڄمڻ ۽ باقي رهڻ آهي. ليڪن باطل اهو آهي جيڪو نفعي بخش ناهي، ان ڪري مٽجڻ ئي ان جي فطري تقاضا آهي.
    هن حقيقت جو هڪ اهڙو پاسو به آهي جنهن کي اسان بقاءِ اصلح جي شڪل ۾ ڏٺو آهي ۽ قرآن ان کي اصلح به چيو آهي، ڇاڪاڻ ته صالح به اهو ئي آهي جيڪو نفعي بخش هجي. قدرت هستيءَ جي ڪارخاني ۾ بناوت ۽ تڪميل چاهي ٿي ۽ ان لاءِ اهو بيحد ضروري آهي ته نفعي بخش شيون باقي رکيون وڃن. ۽ غير نفعي بخش شيون ميساريون وڃن. انهيءَ ڪري ئي قرآن نافع کي حق ۽ غيرنافع کي باطل سڏيو آهي. جڏهن قرآن نافع کي حق سڏيو ته اهو واضح ڪري ڇڏيو ته حق ان شيءِ کي چوندا آهن. جيڪا ثابت ۽ قائم رهي ۽ ان جي لاءِ مٽجڻ ۽ زوال پذير ٿيڻ ۽ فنا يا ميسارجڻ ممڪن ئي نه هجي. اهڙي طرح باطل جي معنيٰ به وڃي اها ئي ميسارجڻ بيهندي. جڏهن اهو ڪنهن شيءِ لاءِ چوي ٿو ته هي حق آهي ته صرف اها دعويٰ ناهي، بلڪه دعويٰ سان گڏ ان جي پرک جو هي معيار به پيش ڪري ٿو ته اها ڳالهه حق هجڻ جي ڪري مٽجڻ ۽ ٽرڻ واري ناهي ۽ ان جي بقا ۽ قيام لاءِ صرف ان جو حق هئڻ ڪافي آهي. ۽ جڏهن چيو وڃي ته هيءَ ڳالهه باطل آهي. ان جي عدم ۽ زوالپذيريءَ جي لاءِ ان جو باطل هئڻ ئي ڪافي آهي. وڌيڪ دليل جي ڪا گهرج ئي ڪونهي. هي ٻئي اصطلاح قرآن جا نرالا معارف آهن. ليڪن افسوس آهي ته جيڪڏهن اسان جا عالم انهيءَ جي ٺوس ۽ غيرمتبدل خدائي قانون جي طور تي غور ڪن ها ته جيڪر هنن کي اوڀر ۽ اولهه جي تاويلن جي ضرورت ئي نه پوي ها ۽ قومن جي پستي ۽ اڀار جي لاءِ وهمي سببن تراشڻ جي به ضرورت نه هجي ها.
    ليڪن افسوس جو قوم جي رهنمائن غور ۽ فڪر کان ڪم جو نه ورتو ته پوءِ وڃي اڀار جا وهمي نقشا چٽيا، ڪن وڃي يورپ جي تقليد کي اوج جي ڏاڪڻ سمجهيو ۽ ڪن وڃي غلاماڻي طريقن ۽ خوشامد کي ترقيءَ جو ذريعو سمجهيو. قرآن اسان مسلمانن جي اڀار جو جيڪو ڪارڻ ٻڌايو اهو ڪارڻ اسان جي زوال جو به بيهاريو:
    کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ (آل عمران-١١٠)
    قرآن چيو ته ”اوهان انساني نفعي بخشيءَ لاءِ ڪڍيا ويا آهيو.“
    اَلَّذِیۡنَ اِنۡ مَّکَّنّٰہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَوُا الزَّکٰوۃَ وَ اَمَرُوۡا بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ نَہَوۡا عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ (الحج-٤١)
    ”توهان کي اڀار ۽ عروج انهيءَ لاءِ ڏنو ويندو ته نماز قائم ڪندؤ، زڪواة جو نظام بڻائيندو ۽ ماڻهن کي چڱاين قبول ڪرڻ جو نظام ڏيندو ۽ مداين ڇڏڻ جو ماحول فراهم ڪندؤ. مٿيون ٽئي شيون ڏسو ته انساني نفعي بخشيءَ جو نمونو آهن ته گويا اسان مسلمانن جو ظهور ۽ عروج انساني نفعي بخشيءَ جي لاءِ ئي هو. الله جي ضابطن جي سلطنت قائم ڪرڻ ۽ ان جي عدل واري نظام جو دنيا ۾ ڌاڪو ڄمائڻ، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي نفعي بخشي ٿي سگهي ٿي. انسان لاءِ جو هي چيو ويو آهي ته ان کي صفات الاهي جو مظهر بنجڻو آهي، سو به انهن ٽنهي ڳالهين کانسواءِ نٿو بڻجي سگهي. پهرين ڳالهه وحدت انساني ۽ ڀائپيءَ جو مرڪز نماز بڻجي ٿي، ان لاءِ نماز جو حڪم آهي. ٻي ڳالهه مالي اشتراڪيت جي اسلامي صورت زڪوات جو نظام آهي ۽ ٽين ڳالهه خدائي عدل ۽ انصاف جا ضابطا امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر آهن ۽ اهي ٽئي ڳالهيون اسلامي عظيم مقصدن جو ڳَرُ آهن.
    اسان مسلمانن جيستائين پنهنجي ظهور ۽ عروج جي مقصدن کي سنڀالي رکيو ته دنيا جي لاءِ نفعي بخش رهياسين ۽ اسان خدائي منشا پوري پئي ڪئي. وري جڏهن اسان پنهنجي ظهور ۽ عروج جو مقصد وساري ڇڏيو ته پوءِ اسان کي انهيءَ منصب کان به محروم ٿيڻو پيو ۽ پوءِ اجتماعي حيات جي بجاءِ اجتماعي ممات جو منهن ڏسڻو پيو. نتيجو وڃي اتي پهتو جو اڄ نه ايمان جي دولت حاصل آهي ۽ نه چڱاين ۽ اطاعتن جي ڪا موڙي ميڙيل آهي. زندگي نسوري غفلت ۽ گنهگارين ۾ برباد ۽ حياتيون نسوريون نفس پرستي ۽ نافرمانيءَ ۾ تاراج، نفساني غرضن جي پوڄا ۾ الڳ غلطان آهيون ۽ نفاق ۽ انحراف الڳ پنهنجي لاءِ روڳ بڻايو آهي.
    هوڏانهن وري نه ندامت ۽ ملامت ۽ نه وري توبهه ۽ واپسي جو فڪر، هاڻي پنهنجي زندگيءَ جي بقا جا دعويدار بڻجئون ته آخر ڪهڙي منهن سان!؟
    حقيقت هي آهي ته هن دنيا جي نظام لاءِ جوڙيل قانونن جو بنياد ئي عدل جي سگهه تي آهي. الله تعاليٰ دنيا ۾ پيغمبرن کي به انهيءَ ڪري موڪليندو رهيو ته دنيا ۾ الله جي عدل کي قائم ڪن. پيغمبرن جو سلسلو پڄاڻيءَ کي پهتو ته وري مسلمانن جو فرض منصبي به امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر قرار ڏئي انهن کي عدل جي قيام لاءِ ذميوار بڻايو ويو. انهن کي عدل جي تارازو، صراط مستقيم ۽ قسطاس المستقيم جو اجتماعي قانون ڏئي دنيا وارن جي لاءِ انهن کي ”شهداء“ يعني حق ۽ سچ جي شاهدي ڏيندڙ بڻايو.
    مسلمانن جي مٿان هيءَ ٻٽي ذميواري وڌي وئي ته انهن کي تمڪين في الارض يعني زمين تي ڄمڻ جا موقعا ملندا ته هو نماز ۽ زڪوات جو نظام به قائم ڪندا ۽ شهادة علي الناس يعني انساني نفعي بخشيءَ ذريعي انسانن لاءِ مثال بڻبا. شهادت علي الناس جي ذميواري ته قرآن ورائي ورائي زور ڏئي مسلمانن جي مٿان بيهاري آهي.
    وَ کَذٰلِکَ جَعَلۡنٰکُمۡ اُمَّۃً وَّسَطًا لِّتَکُوۡنُوۡا شُہَدَآءَ عَلَی النَّاسِ وَ یَکُوۡنَ الرَّسُوۡلُ عَلَیۡکُمۡ شَہِیۡدًا ؕ(البقره: ١٤٣)
    ترجمو: اهڙي طرح اسان توهان کي وچ واري امت بڻايوسي تان ته ٻين ماڻهن جي لاءِ اوهان گواهه/مثال بڻجو، جيئن توهان جو رسول توهان جي لاءِ گواهه بڻيل آهي.
    وَلۡتَکُنۡ مِّنۡکُمۡ اُمَّۃٌ یَّدۡعُوۡنَ اِلَی الۡخَیۡرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ (العمران: ١٠٤)
    ترجمو: توهان مان هڪ جماعت هجڻ کپي جيڪا دنيا کي چڱاين جي طرف وٺي اچي، ڀلاين جو حڪم ڪري ۽ براين کان روڪي، پوءِ اهي ئي فلاح يافته ماڻهو آهن.
    کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ (العمران-١١٠)
    ترجمو: توهان ڀلي ۾ ڀلي امت آهيو جو چڱاين جي طرف دنيا کي سڏيو ٿا ۽ مَداين کان روڪيو ٿا.
    مٿين ٽنهي آيتن ۾ الله تعاليٰ مسلمانن جي تخليقي مقصد جو اصل ڪارڻ ۽ ملت جو امتياز ۽ شرف انهيءَ شيءِ کي بيهاريو آهي ته دنيا ۾ حق جو اعلان انهن جو سرمايه زندگي آهي ۽ اهي دنيا ۾ انهيءَ لاءِ اڀاريا ويا آهن ته اهي چڱاين جي طرف داعي هجن ۽ ان مقصد لاءِ انسانيت واسطي مثالي نمونو بڻجن. اهڙي طرح براين ۽ ناحق کي جتي به ڏسن انهيءَ کي روڪين.
    انساني نفعي بخشي الله جي اطاعت جو وڏو مظهر به آهي، انڪري انسانن لاءِ وڏو آدرش به آهي. انسان ڏسون ٿا ته جيتري انسانن جي تمدني زندگيءَ ۾ ان جي اهميت آهي قرآن به پنهنجي اصولن ۾ ان کي پنهنجو فطري اصول ٻڌايو آهي. انساني تاريخ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته اتي اسان کي قومن جو هڪ عروج ۽ اڀار نظر اچي ٿو ۽ ٻيو زوال ۽ پستي. انهن ٻنهي ۾ جيڪا فاصلو پيدا ڪندڙ شيءِ ۽ وجهه آهي سو عدل واري نظام جو خاتمو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو نافذ ٿيڻ آهي. جيستائين قومون پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ عدل واري واٽ تي قائم ۽ جاکوڙيندڙ هونديون آهن. تيستائين خدائي نصرت ۽ ڪاميابي انهن جا قدم چمندي آهي. بقاءِ انفع جو قانون انهن جي پٺ تي هوندو آهي پر جڏهن عدل جي واٽ کان انحراف ڪنديون آهن ۽ ناانصافي کي پنهنجو وطيرو بڻائي ڇڏينديون آهن ته پوءِ فطرت جو قانون حرڪت ۾ ايندو آهي ۽ هڪڙي ئي جهٽڪي ۾ انهن کي غلط حرف وانگر ميساريو ويندو آهي ۽ پوءِ انهن جو نالو ۽ نشان به باقي نه رهندو آهي.
    وڌيڪ پري وڃڻ جي ضرورت ڪونهي. پنهنجي مسلمانن جي تاريخ کي ئي کڻي ڏسو. جيستائين اسان دنيا ۾ حق ۽ انصاف جا حامي ۽ مددگار رهياسون ته الله تعاليٰ به اسان جو مددگار رهيو ۽ دنيا جي ڪا به طاقت اسان جي سامهون نه بيهي سگهي. ليڪن جيئن ئي اسلامي تاريخ جو اونداهو دور شروع ٿيو ۽ مسلمانن جو علم ۽ مذهب حق جو ساٿاري ۽ باطل لاءِ قهاري نه رهيو. ۽ ان جي جاءِ تي حڪمرانيءَ جي طاقت ۽ دولت دنيوي ترقيءَ جو ذريعو ۽ سرچشمو بڻجي ويا ته اجتماعي مرضن منهن ڪڍيو. حاڪم عيش عشرت جي زندگي گهارڻ لڳا ۽ عالم ۽ فقيهه انهن جي درٻار جي زينت بڻجي ويا. خلق خدا کي سلامتي، انصاف ۽ فلاح جو معاشرو جو نه مليو ته ڪائنات جي اصل حاڪماڻي قوت پنهنجو هٿ ڪڍيو ۽ ”قومن جي تبديليءَ جو قانون“ ۽ ”بقا ۽ انفع جو قانون“ ۽ ”عمل بالمحاذات“ جو دستور عمل ۾ اچي ويا ته پوءِ اسان جي پستي ۽ محروميءَ کي نه اسان جون حڪومتون روڪي سگهيون نه ئي فوجي سگهه ڪم آئي. ذلت ۽ رسوائي جي موجون هڻندڙ لهرن کان نه عالم ۽ مشائخ بچي سگهيا ۽ نه وري عامل ۽ زاهد. پوءِ دنيا ڏٺو ته جيترا مسلمان رسواءِ زمانه بڻيا شايد ئي ڪا ٻي قوم ائين غضب ۽ قهر هيٺ آئي هجي.
    وَ ضُرِبَتۡ عَلَیۡہِمُ الذِّلَّۃُ وَ الۡمَسۡکَنَۃُ ٭ وَ بَآءُوۡ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰہِ ؕ جو مصداق، بني اسرائيل کان پوءِ اسان بڻياسون.
    وَ تِلۡکَ الۡاَیَّامُ نُدَاوِلُہَا بَیۡنَ النَّاسِ ۚ (ال عمران-١٤٠)
    اهو وقت جو ڦيرو قومن، جماعتن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ هميشه جاري ۽ ساري رهندو اچي ٿو. انهيءَ گرفت کان ڪو به ماءُ جو لال بچي نٿو سگهي. اها اڻٽر ۽ لازوال حقيقت آهي. (سنڌيڪار: نور احمد ميمڻ)


    پيش لفظ

    بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ
    ذٰلِکَ مِنۡ اَنۡۢبَآءِ الۡقُرٰی نَقُصُّہٗ عَلَیۡکَ مِنۡہَا قَآئِمٌ وَّ حَصِیۡدٌ ﴿۱۰۰﴾ وَ مَا ظَلَمۡنٰہُمۡ وَلٰکِنۡ ظَلَمُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ فَمَاۤ اَغۡنَتۡ عَنۡہُمۡ اٰلِہَتُہُمُ الَّتِیۡ یَدۡعُوۡنَ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ مِنۡ شَیۡءٍ لَّمَّا جَآءَ اَمۡرُ رَبِّکَ ؕ وَ مَا زَادُوۡہُمۡ غَیۡرَ تَتۡبِیۡبٍ ﴿۱۰۱﴾ (سورة هود: 101-100)
    ”(اي پيغمبر!) هيءُ (اڳوڻين) آبادين جي خبرن مان ڪن جو بيان آهي جو اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون. انهن مان ڪي ته هن وقت تائين قائم آهن ۽ ڪي بلڪل اجڙي ويون. ۽ اسان مٿن ظلم ڪونه ڪيو، بلڪه خود هنن پاڻ ئي پاڻ تي ظلم ڪيو. سو (ڏس ته) جڏهن تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل ڳالهه) اچي ويئي تڏهن هنن جا اهي معبود (۽ ڀوتار) ڪنهن به ڪم نه آيا، جن کي الله کانسواءِ (يعني الله کي ڇڏي) پڪاريندا هئا. انهن ڪجهه به فائدو ڪونه پهچايو، اٽلندو سندن تباهيءَ جو باعث ٿيا.“
    الله تعالي انسان کي خلقيو ۽ کيس روحاني ۽ جسماني هيئت عطا ڪئي. هن کي حياتي گذارڻ جو طريقو سيکاريو، ۽ پوءِ موت بعد هڪڙي ڏينهن کيس پنهنجي حضور ۾حاضر ڪندو. خالق هئڻ جي ناطي، انسان جي تخليق جي مقصد جو تعين به، اهو ئي ڪري سگهي ٿو.
    ارشاد رباني آهي:
    اَلَا یَعۡلَمُ مَنۡ خَلَقَ ؕ وَ ہُوَ اللَّطِیۡفُ الۡخَبِیۡرُ (سورة الملڪ: 14)
    ”ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي سو (اهي ڳالهيون) نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ئي ته اونهي نظر وارو پوري خبر رکندڙ آهي.“
    يعني اهو ئي آهي جيڪو انسان ڄاڻي سڃاڻي ۽ کيس درجي به درجي تربيت ڏئي ٿو ۽ سندس ضرورتون پوريون ڪري ٿو. تنهنڪري انسان جي زندگيءَ جو واحد ۽ حقيقي مقصد اهو ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو خلقڻهار ان کي ٻڌايو آهي، ته انسان ان جي معرفت حاصل ڪري ان جي اطاعت ۾ اچي. ان جي حمد ۽ ثنا ڪري، ان جي آڏو پنهنجي عاجزي ۽ بندگيءَ جو اظهار ڪري ۽ سندس عبادت ڪري. انهيءَ مقصد جي تڪميل جي لاءِ الله تعاليٰ جو حقيقي پيغام ۽ وحي جيڪا هن جي موڪليل رسولن جي ذريعي پهتي، انسان جي رهنمائي ءَ جو بنيادي ذريعو آهي. قرآن شريف ،الله پاڪ جو آخري ڪتاب ۽ نه تبديل ٿيندڙ وحي آهي.
    انهيءَ ڪري اسان قرآن مجيد کي پنهنجو حقيقي رهنما تسليم ڪرڻ ۽ ان جي حڪمن جي مطابق تقويٰ اختيار ڪرڻ جا پابند آهيون. ان جي پوئواري ئي دنيا ۽آخرت ۾ اسانجي لاءِ ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي. انهيءَ ڳالهه جي ضرورت آهي، ته اسان قرآن جي بيان ڪيل حقيقتن تي غور ۽ فڪر ڪريون.
    الله تعالي به قرآن پاڪ جي نزول جو مقصد اهوئي بيان ڪيو آهي، ته انسان سوچ ۽ ويچار جي واٽ وٺي:
    ہٰذَا بَلٰغٌ لِّلنَّاسِ وَ لِیُنۡذَرُوۡا بِہٖ وَ لِیَعۡلَمُوۡۤا اَنَّمَا ہُوَ اِلٰہٌ وَّاحِدٌ وَّ لِیَذَّکَّرَ اُولُوا الۡاَلۡبَابِ (سورة ابراهيم: 52)
    ”هي انسانن جي لاءِ هڪ پيغام آهي جو هن لاءِ موڪليو ويو آهي ته ماڻهن کي خبردار ڪيو وڃي ۽ هو معلوم ڪن ته سندن معبود (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) سو هڪ ئي معبود آهي، ۽ پڻ هن لاءِ ته سمجهه وارا ماڻهو ان مان نصحيت وٺن (۽ گناهه ڇڏي چڱا عمل ڪن.)“
    قرآن جو وڏو حصو اڳين امتن (قومن) جي حال احوال تي مشتمل آهي، جيڪو يقيناً غور ۽ فڪر جوڳو آهي. انهن قومن مان اڪثر قومن، الله جي موڪليل پيغمبرن جي دعوت کي ڪونه مڃيو. دنياداريءَ جي مفادن کين ائين ڪرڻ نه ڏنو. دعوت ڏيندڙ به پٺتي نه هٽيا. الله جي طرف مسلسل سڏيندا رهيا. ان تي ڪاوڙ کاڌائون، ساڙ ۽ ڪينو رکيائون ، انهن جي انهيءَ سرڪشيءَ جي ڪري، مٿن الله جو غضب نازل ٿيو ۽ اهي قومون ڌرتيءَ تان ميسارجي ويون.
    قرآن حڪيم ، گذريل قومن جي تباهيءَ جي انهن مثالن کي، پوءِ ايندڙن لاءِ عبرت قرار ڏيئي ٿو. مثلاً الاهي حڪمن سان بغاوت ڪندڙ، يهودين جي گروهه کي ڏنل سزا جو تذڪرو ڪرڻ بعد، ارشاد ٿئي ٿو:
    فَجَعَلۡنٰہَا نَکَالًا لِّمَا بَیۡنَ یَدَیۡہَا وَ مَا خَلۡفَہَا وَ مَوۡعِظَۃً لِّلۡمُتَّقِیۡنَ (سورة البقره: 66)
    ”(ٿيو به ائين) پوءِ اسان انهيءَ حالت کي انهن سڀني لاءِ جن جي اڳ اها حالت ٿي ۽ پڻ پوين لاءِ عبرت جو سبق بنايو ۽ متقين جي لاءِ ان ۾ نصيحت ۽ دانائي رکي.“
    هن ڪتاب ۾ خدائي حڪمن کان انحراف جي سبب هلاڪ ٿيندڙ چند معاشرن جو تذڪرو ڪيو ويندو، اسان جو مقصد اهڙن مڙني واقعن کي چٽو ڪرڻ آهي، جيڪي پنهنجي دور جي لاءِ به هڪ مثال هئا ۽ اسان جي لاءِ به عبرت جو سامان.
    اڳين قومن جي تباهيءَ جي حالتن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو ٻيو مقصد، قرآني آيتن جي آثارن کي خارجي دنيا ۾ ڳولڻ ۽ انجي حقانيت کي بيان ڪرڻ آهي.
    قرآن پاڪ ۾ الله تعالي پنهنجي آيتن جو خارجي (ٻاهرين) دنيا ۾ مشاهدو ڪرڻ جو ذڪر ڪندي ارشاد فرمائي ٿو:
    وَ قُلِ الۡحَمۡدُ لِلّٰہِ سَیُرِیۡکُمۡ اٰیٰتِہٖ فَتَعۡرِفُوۡنَہَا ؕ وَ مَا رَبُّکَ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعۡمَلُوۡنَ
    (سورة النمل:93)
    ”۽ (اي منهنجا پيغمبر!) چؤ ته سچي ساراهه خدا جي آهي (۽ لک احسان انهيءَ جا ئي آهن) هو جلد ئي اوهان کي (فتح ۽ ٻين نعمتن جون) نشانيون ڏيکاريندو جي توهان پاڻ سڃاڻي سگهندؤ. ۽ (ياد رکو ته) توهان (مسلمان) جيڪي جيڪي (چڱا ) عمل ڪري رهيا آهيو سي تنهنجو پروردگار خوب ڄاڻي ٿو(۽ اوهان کي ضرور ڪامياب ڪندو.)“
    يعني انهن نشانين کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ ايمان جي مضبوطيءَ جو ذريعو آهي.
    اڄ جي دور ۾ قديم آثارن جي تحقيقات (کوجنا) ۽ ايجادن جي نتيجي ۾ قرآن ۾ بيان ڪيل، اڳين قومن جي تباهيءَ جا حالات مشاهدي جي قابل ٿي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ اسان اهڙي نوعيت جي ڪجهه آثارن جو مطالعو ڪنداسون (اها ڳالهه ياد رکڻ کپي، ته قرآن ۾ بيان ڪيل ڪجهه قومن کي هن ڪتاب ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، ڇو ته قرآن پاڪ انهن جو زمانن و مڪانن جو تعين ناهي ڪيو، بلڪه رڳو انهن جي باغياڻي طرز عمل، الهيٰ حڪمن ۽ سندس رسولن جي سلسلي ۾ سرڪشيءَ کي بيان ڪندي انهن جي تذڪري مان عبرت ۽ نصيحت وٺڻ جي تعليم ڏني آهي.)
    اسان جو مقصد عصري (جديد) تحقيقات جي روشنيءَ ۾ قرآني حقائق جي وضاحت ڪرڻ آهي، ته جيئن الله پاڪ جي پيغام جي حقانيت ايمان وارن ۽ ٻين غير مسلمانن تي واضح ٿي پوي.


    ڄاڻ سڃاڻ

    اڳوڻيون قومون
    اَلَمۡ یَاۡتِہِمۡ نَبَاُ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِہِمۡ قَوۡمِ نُوۡحٍ وَّ عَادٍ وَّ ثَمُوۡدَ ۬ۙ وَ قَوۡمِ اِبۡرٰہِیۡمَ وَ اَصۡحٰبِ مَدۡیَنَ وَ الۡمُؤۡتَفِکٰتِ ؕ اَتَتۡہُمۡ رُسُلُہُمۡ بِالۡبَیِّنٰتِ ۚ فَمَا کَانَ اللّٰہُ لِیَظۡلِمَہُمۡ وَلٰکِنۡ کَانُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ یَظۡلِمُوۡنَ (سورة توبھ: 70)
    ”ڇا اِنهن ماڻهن کي اُنهن ماڻهن جو احوال نه مليو آهي جيڪي کانئن اڳي ٿي گذريا آهن؟ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم، ابراهيم جي قوم ۽ مدين جا ماڻهو ۽ اهي جن جا ڳوٺ ۽ آباديون اونڌيون(ڪري تباهه) ڪيون ويون. انهن سڀني جا رسول انهن وٽ روشن دليلن سان آيا هئا(مگر هو انڌا ٻوڙا رهيا ۽ تباهه ٿيا) ۽ ائين هرگز ٿي نه ٿو سگهي جو الله تعالي مٿن ظلم ڪري، مگر هو پاڻ ئي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا (۽ پاڻ کي پاڻ تباهه ڪيائون.)“
    الله پاڪ جي هدايت جو پيغام، انسان جي تخليق سان گڏو گڏ ان جي رسولن جي ذريعي، انسان تائين پهچايو ويو. ڪجهه معاشرن انهيءَ پيغام کي قبوليو ۽ ڪن ان کي رد ڪيو. ڪنهن وقت ٿو رڙن ماڻهن ئي پيغمبر سڳوري جي ڏنل، هدايت ڀريل پيغام جي پيروي به ڪئي پر گهڻن پيغام ٻڌڻ جي باوجود ان کي قبول ڪونه ڪيو. هنن نه رڳو نبين سڳورن جي ڏنل پيغام کي رد ڪيو، بلڪه پيغبرن ۽ سندن پيروڪارن کي اذيتون ۽ ايذاءَ به ڏنا. نبين سڳورن تي گهڻو ڪري، ڪوڙ ۽ ٺڳي، جادوگريءَ، چريائپ ۽ خود نمائيءَ جا ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام مڙهيا ويا ۽ انهن باغين جي وڏن، اڪثر نبين سڳورن کي قتل به ڪري ڇڏيو.
    نبي سڳورا انهن قومن کان رڳو، الله پاڪ جي اطاعت ڪرڻ جو مطالبو ڪندا هئا. هو انهن کان ڪنهن مال ملڪيت يا دنياوي نفعي جا طلب گار نه هئا ۽ نڪي هو ماڻهن تي جبر ڪنداهئا. بلڪ اهي ته کين فقط سچائيءَ جي مذهب ڏانهن اچڻ ۽ پيغام ربانيءَ جي اطاعت ڪندي، معاشري جي گمراهه ڪندڙ روش کان پاسي ٿي ڪري، حياتي گذارڻ جي دعوت ڏيندا هئا.
    انهن قومن ۾ نبين سڳورن ۽ معاشري جي انهيءَ باهمي تعلق جي وضاحت، حضرت شعيب ۽ مدين جي ماڻهن جي تذڪري مان ٿئي ٿي. جڏهن حضرت شعيب پنهنجي قوم کي ظلم ۽ ناانصافي تر ڪ ڪرڻ جي تعليم ڏني ۽ الله تي ايمان آڻڻ لاءِ چيو، ته ان تي سندس قوم پاران رد عمل کي قرآن مجيد هيئن بيان ڪري ٿو:
    وَ اِلٰی مَدۡیَنَ اَخَاہُمۡ شُعَیۡبًا ؕ قَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ وَ لَا تَنۡقُصُوا الۡمِکۡیَالَ وَ الۡمِیۡزَانَ اِنِّیۡۤ اَرٰىکُمۡ بِخَیۡرٍ وَّ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ مُّحِیۡطٍ ﴿۸۴﴾ وَ یٰقَوۡمِ اَوۡفُوا الۡمِکۡیَالَ وَ الۡمِیۡزَانَ بِالۡقِسۡطِ وَ لَا تَبۡخَسُوا النَّاسَ اَشۡیَآءَہُمۡ وَ لَا تَعۡثَوۡا فِی الۡاَرۡضِ مُفۡسِدِیۡنَ ﴿۸۵﴾ بَقِیَّتُ اللّٰہِ خَیۡرٌ لَّکُمۡ اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ۬ۚ وَ مَاۤ اَنَا عَلَیۡکُمۡ بِحَفِیۡظٍ ﴿۸۶﴾ قَالُوۡا یٰشُعَیۡبُ اَصَلٰوتُکَ تَاۡمُرُکَ اَنۡ نَّتۡرُکَ مَا یَعۡبُدُ اٰبَآؤُنَاۤ اَوۡ اَنۡ نَّفۡعَلَ فِیۡۤ اَمۡوَالِنَا مَا نَشٰٓؤُاؕ اِنَّکَ لَاَنۡتَ الۡحَلِیۡمُ الرَّشِیۡدُ ﴿۸۷﴾ قَالَ یٰقَوۡمِ اَرَءَیۡتُمۡ اِنۡ کُنۡتُ عَلٰی بَیِّنَۃٍ مِّنۡ رَّبِّیۡ وَ رَزَقَنِیۡ مِنۡہُ رِزۡقًا حَسَنًا ؕ وَ مَاۤ اُرِیۡدُ اَنۡ اُخَالِفَکُمۡ اِلٰی مَاۤ اَنۡہٰکُمۡ عَنۡہُ ؕ اِنۡ اُرِیۡدُ اِلَّا الۡاِصۡلَاحَ مَا اسۡتَطَعۡتُ ؕ وَ مَا تَوۡفِیۡقِیۡۤ اِلَّا بِاللّٰہِ ؕعَلَیۡہِ تَوَکَّلۡتُ وَ اِلَیۡہِ اُنِیۡبُ ﴿۸۸﴾ وَ یٰقَوۡمِ لَا یَجۡرِمَنَّکُمۡ شِقَاقِیۡۤ اَنۡ یُّصِیۡبَکُمۡ مِّثۡلُ مَاۤ اَصَابَ قَوۡمَ نُوۡحٍ اَوۡ قَوۡمَ ہُوۡدٍ اَوۡ قَوۡمَ صٰلِحٍ ؕ وَ مَا قَوۡمُ لُوۡطٍ مِّنۡکُمۡ بِبَعِیۡدٍ ﴿۸۹﴾ وَ اسۡتَغۡفِرُوۡا رَبَّکُمۡ ثُمَّ تُوۡبُوۡۤا اِلَیۡہِ ؕ اِنَّ رَبِّیۡ رَحِیۡمٌ وَّدُوۡدٌ ﴿۹۰﴾ قَالُوۡا یٰشُعَیۡبُ مَا نَفۡقَہُ کَثِیۡرًا مِّمَّا تَقُوۡلُ وَ اِنَّا لَنَرٰىکَ فِیۡنَا ضَعِیۡفًا ۚ وَ لَوۡ لَا رَہۡطُکَ لَرَجَمۡنٰکَ ۫ وَ مَاۤ اَنۡتَ عَلَیۡنَا بِعَزِیۡزٍ ﴿۹۱﴾ قَالَ یٰقَوۡمِ اَرَہۡطِیۡۤ اَعَزُّ عَلَیۡکُمۡ مِّنَ اللّٰہِ ؕ وَ اتَّخَذۡتُمُوۡہُ وَرَآءَکُمۡ ظِہۡرِیًّا ؕ اِنَّ رَبِّیۡ بِمَا تَعۡمَلُوۡنَ مُحِیۡطٌ ﴿۹۲﴾ وَ یٰقَوۡمِ اعۡمَلُوۡا عَلٰی مَکَانَتِکُمۡ اِنِّیۡ عَامِلٌ ؕ سَوۡفَ تَعۡلَمُوۡنَ ۙ مَنۡ یَّاۡتِیۡہِ عَذَابٌ یُّخۡزِیۡہِ وَ مَنۡ ہُوَ کَاذِبٌ ؕ وَ ارۡتَقِبُوۡۤا اِنِّیۡ مَعَکُمۡ رَقِیۡبٌ ﴿۹۳﴾ وَ لَمَّا جَآءَ اَمۡرُنَا نَجَّیۡنَا شُعَیۡبًا وَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مَعَہٗ بِرَحۡمَۃٍ مِّنَّا وَ اَخَذَتِ الَّذِیۡنَ ظَلَمُوا الصَّیۡحَۃُ فَاَصۡبَحُوۡا فِیۡ دِیَارِہِمۡ جٰثِمِیۡنَ ﴿ۙ۹۴﴾ کَاَنۡ لَّمۡ یَغۡنَوۡا فِیۡہَا ؕ اَلَا بُعۡدًا لِّمَدۡیَنَ کَمَا بَعِدَتۡ ثَمُوۡدُ ﴿٪۹۵﴾ (سورة هود: 95-84)
    ”۽ اسان مدين (قبيلي) ڏانهن سندن ڀاءُ (حضرت) شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! الله جي ٻانهپ ڪريو، کانئس سواءِ ڪو به اطاعت لائق ڪونهي ۽ ماپ ۽ تور ۾ گهٽتائي نه ڪريو. مان ڏسي رهيو آهيان ته توهان خوشحال ۽ آسودا آهيو (يعني خدا توهان کي گهڻو ئي رزق ڏنو آهي، پوءِ بي شڪريءَ کان پاڻ بچايو.) مان ڊڄان ٿو ته توهان تي اهڙو عذاب جو ڏينهن نه اچي ڪڙڪي، جو سڀني تي ڇائنجي وڃي. ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! ماپ ۽ تور انصاف سان پوري پوري ڪندا ڪريو، ۽ ماڻهن کي سندن شيون (سندن حق کان) گهٽ نه ڏيو. ملڪ ۾ شرارت ۽ فساد نه پکيڙيندا وتو. جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه مڃو ته پوءِ جيڪي الله جو ڏنل (ڌنڌي ۾) بچي پوي تنهن ۾ ئي توهان جي ڀلائي آهي. ۽ ڏسو(منهنجو ڪم ته فقط نصيحت ڪرڻ آهي.) مان ڪو توهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زور سان اوهان کي پنهنجي راهه تي هلايان.). ماڻهن چيو ته اي شعيب! تنهنجون اهي نمازون (جي تون پنهنجي خدا جي لاءِ پڙهين ٿو) توکي هي حڪم ٿيون ڏين ڇا ته اسان کي اچي چئين ته هنن معبودن (ديوتائن) کي ڇڏي ڏيو جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا رهيا آهن؟ يا (اسان کي اچي چئين ته) توهان کي اهو اختيار ڪونهي ته توهان پنهنجي مال دولت بابت جيئن وَڻيوَ تيئن ڪيو؟ (اسان کي بيشڪ پنهنجي مال دولت جو اختيار آهي) بس رڳو تون ئي هڪ نرم دل ۽ ايماندار ماڻهو وڃي رهيو آهين؟ (حضرت شعيب) چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! توهان هن ڳالهه تي غور نه ڪيو ڇا ته جيڪڏهن مون کي الله جي طرف کان هڪ روشن دليل مليل هجي ۽(پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) مون کي چڱي روزي ڏيئي رهيو هجي (ته پوءِ مان چپ ڪري ويهي رهان ۽ توهان کي حق جي طرف نه سڏيان.) ۽ مان ائين به ڪونه ٿو چاهيان ته جنهن ڳالهه کان توهان کي روڪيان ٿو پر پاڻ ان جي خلاف عمل ڪيان. (مان جيڪي توهان کي چوان ٿو تنهن تي پاڻ به عمل ڪيان ٿو.) مان هن کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو چاهيان ته جيتري قدر منهنجي وس ۾ آهي اوتري قدر حالتن سڌارڻ جي ڪوشش ڪريان. منهنجو ڪم جيڪڏهن سرانجام ٿيڻو آهي ته فقط انهيءَ تي ڀروسو ٿو ڪيان ۽ انهيءَ ئي ڏانهن رجوع ٿو ٿيان. ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! ايئن نه ٿئي جو مون سان ضد ۾ اچي (يعني ذاتي دشمنيءَ جي ڪري) اهڙي ڳالهه ڪري ويهو جو توهان تي به اهڙو عذاب اچي ڪڙڪي جهڙو نوح جي قوم يا هود جي قوم يا صالح جي قوم تي اچي نازل ٿيو. ۽ لوط جي قوم (وارو معاملو) ته توهان کان گهڻو پري ناهي (يعني اهو ٻين کان پوءِ ٿيو آهي ۽ اوهان سڀني کي معلوم آهي، تنهن ڪري عبرت وٺو) ۽ الله کان (پنهنجي گناهن جي ) معافي گهرو ۽ سندس طرف موٽو. منهنجو پروردگار وڏي رحمت وارو ۽ وڏي محبت وارو آهي (اهو اوهان تي رحمت ڪندو ۽ اوهان سان محبت ڪندو.) ماڻهن چيو ته اي شعيب! تون جيڪي به چئين ٿو تنهن مان گهڻيون ڳالهيون ته اسان جي سمجهه ۾ ئي نه ٿيون اچن، ۽ اسان ڏسون ٿا ته تون اسان ماڻهن ۾ هڪ ڪمزور ماڻهو آهين. جيڪڏهن (توسان) تنهنجي برادريءَ جا ماڻهو شامل نه هجن ها ته اسان ضرور توکي سنگسار ڪري ڇڏيون ها (يعني ڀتر هڻي ماريون ها) اسان جي اڳيان تنهنجي ڪا به هلندي پڄندي يا طاقت ڪانهي. (حضرت شعيب ) فرمايو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! توهان تي الله کان وڌيڪ منهنجي برادريءَ جو دٻاءُ آهي ڇا؟ (يعني الله جو ايترو به خيال نٿا رکو، جيترو منهنجي برداريءَ جو) ۽ (الله توهان جي نظر ۾ ڪجهه به ناهي جو) هن کي پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اَٿو. (چڱو ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪي جيڪي توهان ڪيوٿا سو منهنجي پروردگار جي احاطه (علم) کان ٻاهر ناهي. (يعني الله تعاليٰ اوهان جا عمل ڄاڻي ٿو ۽ ضرور انهن جو حساب وٺندو.) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! توهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪندا رهو. مان به (پنهنجي جاءِ تي) عمل ۾ سرگرم آهيان. (يعني پنهنجي فرض ادائي ڪندو رهندس) تمام جلد اوهان کي معلوم ٿيندو ته ڪنهن تي ٿو عذاب اچي جو ان کي خوار خراب ڪري ۽ ڪير سچ پچ ڪوڙو آهي. ترسو، مان به توهان سان گڏ ترسان ٿو. ۽ پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو (تڏهن ڇا ٿيو جو) اسان شعيب کي ۽ انهن کي جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو. پنهنجي رحمت سان بچائي ورتو ۽ جيڪي ماڻهو ظالم هئا، تن کي هڪ سخت آواز اچي پڪڙ ڪئي. پوءِ جڏهن صبح ٿيو تڏهن (ڏٺو ويو ته) هو پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿيا پيا هئا. (اهي اهڙ و ته اوچتو تباهه ٿي ويا جو) گويا هو ڪڏهن به انهن گهرن ۾ رهيا ئي ڪونه هئا. سو ٻڌي ڇڏيو ته مدين جي قبيلي جي لاءِ به اهڙي ئي محرومي ۽ ناڪامي رهي جهڙي ثمود جي قوم لاءِ ٿي هئي. “
    حضرت شعيب کي نيڪيءَ جي دعوت جي موٽ ۾ جڏهن سندس قوم کين سنگسار ڪرڻ گهريو ، ته مدين وارن تي الله جو عذاب لٿو ۽ مٿي ڄاڻايل آيتن جي مطابق اها تباهه ڪئي ويئي. انهيءَ حقيقت جو واحد مثال مدين وارا ئي ناهن بلڪه جڏهن حضرت شعيب  انهن حق جي دعوت ڏني پئي، ته پاڻ قوم جي آڏو ڪيئي اڳين قومن جو احوال به بيان ڪيائون، جيڪي انهيءَ گمراهيءَ جي ڪري تباهه ٿي ويون هيون. اهڙيءَ طرح اهل مدين کانپوءِ به ڪيتريون ئي قومون پنهنجي گمراهيءَ ۽ سرڪشيءَ جي سبب خدا جي عذاب جو شڪار ٿي ويون.
    ايندڙ صفحن ۾ اسان انهن تباهه ٿيندڙ قومن ۽ انهن جي آثارن جو ذڪر ڪنداسون . قرآن پاڪ ۾ انهن قومن جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن تي غور ڪرڻ ۽ ان مان نصيحت وٺڻ جو سبق ڏنو ويو آهي ، ته اهي قومون ڇو تباهه ۽ برباد ٿيون. انهيءَ موقعي تي قرآن ان پاسي ڏانهن خاص طور تي اشارو ڪري ٿو، ته تباهه ٿيندڙ قومن به اعليٰ تهذيبون قائم ڪيون هيون. قرآن انهن قومن جي اعليٰ تهذيبي معيار جو ذڪر هيئن ڪيو آهي:
    وَ کَمۡ اَہۡلَکۡنَا قَبۡلَہُمۡ مِّنۡ قَرۡنٍ ہُمۡ اَشَدُّ مِنۡہُمۡ بَطۡشًا فَنَقَّبُوۡا فِی الۡبِلَادِ ؕ ہَلۡ مِنۡ مَّحِیۡصٍ (سورة قٓ : 36 )
    ”۽ اسان هنن کان اڳي ڪيتريون ئي پيڙهيون تباهه ڪري ڇڏيون جيڪي هنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ هيون. پوءِ هو ملڪن ۾ دربدر رلنديون رهيون. (ڏسو) هن لاءِ ڀڄي ڇٽڻ جي ڪا جاءِ به هئي؟“
    هن آيت سڳوريءَ ۾ تباهه ۽ برباد ٿيندڙ قومن جون ٻه خصوصيتون خاص طور ذڪر ڪيون ويون آهن:
    1. پهرين اها ته اهي نهايت طاقتور قومون هيون. هن جو مفهوم اهو آهي ته انهن هڪ طاقتور ۽ منظم فوجي ۽ انتظامي ڍانچو قائم ڪري ورتو هو ۽ انهيءَ جي ٻل تي علائقي ۾ تسلط حاصل ڪيو هئائون .
    2. ٻي اها، ته انهن مخصوص فن تعمير جا حامل وڏا وڏا شهر جوڙيا هئا.
    اها ڳالهه غور ۽ ويچار جي لائق آهي، ته اهي ٻئي خصوصيتون اڄ جي تهذيب سان به تعلق رکن ٿيون. جنهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ذريعي وسيع عالمي تهذيب، مرڪزي رياستي نظام ۽ وڏا وڏا شهر اڏيا، پر اهو وساري ڇڏيائون ته سڀ ڪجهه الله پاڪ جي حاڪميت سان ئي ممڪن آهي. قرآن انهيءَ حقيقت کي پڌرو ڪري ٿو، ته الله جو انڪار ڪندڙ قومن کي سندن قائم ڪيل وڏيون ۽ مضبوط تهذيبون به نه بچائي سگهيون؛ يعني الله پاڪ جي انڪار ۽ سرڪشي سان واڳيل، اڄ جي تهذيب جو انجام به، اڳين قومن کان ڪجهه مختلف نه ٿيندو.
    قرآن حڪيم ۾ بيان ڪيل تباهيءَ جي اڪثر واقعن جي تصديق، هاڻوڪي دور جي آثار قديم جي ماهران پاران ٿيل تحقيقات ڪري ڇڏي آهي. قرآني واقعن جي تصديق ڪندڙ اهي دريافتون، قرآن جي بيان ڪيل تذڪرن مان عبرت ماڻڻ جي تقاضا ڪن ٿيون. قرآن پاڪ ۾ الله تعالي اسان کي زمين ۾ سفر ڪرڻ ۽ اڳين قومن جي بڇڙن عملن جي انجام جو مشاهدو ڪرڻ جي تعليم ڏني آهي:
    وَمَاۤ اَرْسَلْنَا مِنۡ قَبْلِکَ اِلَّا رِجَالًا نُّوۡحِیۡۤ اِلَیۡہِمۡ مِّنْ اَہۡلِ الْقُرٰی ؕ اَفَلَمْ یَسِیۡرُوۡا فِی الۡاَرْضِ فَیَنۡظُرُوۡا کَیۡفَ کَانَ عَاقِبَۃُ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبْلِہِمْ ؕ وَلَدَارُ الۡاٰخِرَۃِ خَیۡرٌ لِّلَّذِیۡنَ اتَّقَوۡا ؕ اَفَلَا تَعْقِلُوۡنَ ﴿۱۰۹﴾ حَتّٰۤی اِذَا اسْتَیۡـَٔسَ الرُّسُلُ وَظَنُّوۡۤا اَنَّہُمْ قَدْ كُذِبُوۡا جَآءَہُمْ نَصْرُنَا ۙ فَنُجِّیَ مَنۡ نَّشَآءُ ؕ وَلَا یُرَدُّ بَاۡسُنَا عَنِ الْقَوْمِ الْمُجْرِمِیۡنَ ﴿۱۱۰﴾ لَقَدْ کَانَ فِیۡ قَصَصِہِمْ عِبْرَۃٌ لِّاُوْلِی الۡاَلْبَابِ ؕ مَا کَانَ حَدِیۡثًا یُّفْتَرٰی وَلٰکِنۡ تَصْدِیۡقَ الَّذِیۡ بَیۡنَ یَدَیۡہِ وَتَفْصِیۡلَ كُلِّ شَیۡءٍ وَّہُدًی وَّرَحْمَۃً لِّقَوْمٍ یُّؤْمِنُوۡنَ ﴿۱۱۱﴾٪
    (سورة يوسف : 111-109 )
    ”۽ (اي پيغمبر) توکان اڳي اسان ڪنهن به رسول کي نه موڪليو آهي مگر هن طرح جو هو شهر جي رهاڪن مان هڪڙو ماڻهو هو ۽ اسان مٿس وحي نازل ڪيو هو(ائين ڪڏهن ڪونه ٿيو جو آسمان مان فرشتا لٿا هجن.) پوءِ ڇا هي ماڻهو (جيڪي تنهنجي رسول هئڻ تي عجب کائي رهيا آهن) سي زمين تي گهميا ڦريا ڪو نه آهن؟ جو ڏسن ها ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي (نه خراب) ٿي جيڪي اڳي گذري ويا آهن. ۽ جيڪي ماڻهو (برائين کان پاڻ کي) بچائين ٿا تن جي لاءِ يقيناً آخرت جو گهر گهڻو بهتر آهي. پوءِ (اي انسانو!) توهان (اها ڳالهه)نه سمجهندؤ ڇا؟ (۽ انهن اڳوڻين قومن تي هڪدم عذاب ڪو نه آيو هو. هنن کي مهلت ملندي رهي) تان جو الله جا رسول (هنن جي ايمان آڻڻ کان) نا اميد ٿي پيا ۽ ماڻهن خيال ڪيو ته کين ڪوڙا وعدا يا دڙڪا ڏنا ويا هئا. تڏهن (پوءِ اوچتو) اسان جي مدد انهن (رسولن) کي اچي پهتي. پوءِ اسان جن کي چاهيو تن کي بچائي ورتو ۽ (جيڪي منڪر ڏوهاري هئا تن جي لاءِ) ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي ته ڏوهارين کان اسان جو عذاب ٽري وڃي.
    يقيناً انهن ماڻهن جي قصن ۾ سمجهه وارن ماڻهن لاءِ وڏي عبرت (۽ نصيحت جو سبق) رکيل آهي. هي (يعني قرآن مجيد) ڪا دل مان گهڙي ٺاهي ڪڍيل ڳالهه ناهي. پر انهيءَ ڪتاب جي تصديق آهي جو هن کان اڳي اچي چڪو آهي. پڻ انهن ماڻهن لاءِ جي يقين رکن ٿا (هدايت جي) سڀني ڳالهين جو تفصيل آهي (يعني جدا جدا ڪري چٽيون هدايتون ڏنل آهن) ۽(اهو قرآن) سچي راهه ڏيکاريندڙ ۽سراسر رحمت آهي.“
    بيشڪ بصيرت وارن جي لاءِ اڳوڻين قومن جي ذڪر ۾ نصيحت ۽ وصيت آهي. الله جي حڪمن کي رد ڪرڻ، سرڪشي ۽ بغاوت جي واٽ وٺڻ تي، تباهه ٿيندڙ قومون انهيءَ ڳالهه جو واضح مثال آهن، ته الله پاڪ جي آڏو انسان ڪيترو عاجز ، بي وس ۽لاچار آهي. هاڻي اسان قرآن پاڪ جي انهن مثالن جو تاريخي ترتيب سان ذڪر ڪنداسون.


    باب پهريون: حضرت نوح عليه السلام جي قوم

    طوفان نوح

    وَ لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖ فَلَبِثَ فِیۡہِمۡ اَلۡفَ سَنَۃٍ اِلَّا خَمۡسِیۡنَ عَامًا ؕ فَاَخَذَہُمُ الطُّوۡفَانُ وَ ہُمۡ ظٰلِمُوۡنَ (سورة العنکبوت: 14 )
    ”۽ هي حقيقت آهي ته اسان (حضرت) نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو. هن انهن سان گڏ ساڍا نوَ سال حياتيءَ جا گذاريا (۽ کين سمجهاڻيون ڏنيون. ته به هنن مان گهڻا منڪر رهيا ۽ ظلم ڪندا رهيا) سو طوفان هنن کي پڪڙي ورتو(۽ هو ٻڏي مئا) ڇو ته هو (پڇاڙي تائين) ظلم ڪندا رهيا.“
    گهٽ يا وڌ دنيا جي سڀني تهذيبن ۾طوفان نوح ڄاڻايل آهي پر حضرت نوح جي طوفان جي تذڪرو قرآن پاڪ سڀ کان سرس ڪيو آهي. حضرت نوح جي قوم پاران پنهنجي پيغمبر جي نصيحت کان سرڪشي، ان جو رد عمل ۽ وري ان جي نتيجي ۾ طوفان جو اچڻ، اهي سڀ واقعا قرآن مجيد ۾ مختلف هنڌن تي بيان ڪيا ويا آهن.
    حضرت نو ح کي، سندس قوم ڏانهن، جيڪا الله جي آيتن جو انڪار ڪندي گمراهيءَ ۽ شرڪ ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي، مبعوث ڪيو ويو ته پاڻ ان تائين حق جو پيغام پهچائين. حضرت نوح جي لڳاتار تبليغ ۽ الله پاڪ جي ڏمر ۽ پڪڙ کان ڊيڄارڻ جي باوجود سندس قوم شرڪ ۾ ڦاٿي رهي. سورة المؤمنون ۾ انهيءَ تفصيل کي هيئن بيان ڪيو ويو آهي:
    وَ لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖ فَقَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ اَفَلَا تَتَّقُوۡنَ ﴿۲۳﴾ فَقَالَ الۡمَلَؤُا الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا مِنۡ قَوۡمِہٖ مَا ہٰذَاۤ اِلَّا بَشَرٌ مِّثۡلُکُمۡ ۙ یُرِیۡدُ اَنۡ یَّتَفَضَّلَ عَلَیۡکُمۡ ؕ وَ لَوۡ شَآءَ اللّٰہُ لَاَنۡزَلَ مَلٰٓئِکَۃً ۚۖ مَّا سَمِعۡنَا بِہٰذَا فِیۡۤ اٰبَآئِنَا الۡاَوَّلِیۡنَ ﴿ۚ۲۴﴾ اِنۡ ہُوَ اِلَّا رَجُلٌۢ بِہٖ جِنَّۃٌ فَتَرَبَّصُوۡا بِہٖ حَتّٰی حِیۡنٍ ﴿۲۵﴾ قَالَ رَبِّ انۡصُرۡنِیۡ بِمَا کَذَّبُوۡنِ ﴿۲۶﴾
    (سورة المؤمنون: 26-23 )
    ”۽ هي حقيقت آهي ته اسان نوح کي سندس قوم جي طرف (هدايت لاءِ) موڪليو هو. کين چيو هو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! الله جي ٻانهپ ڪريو. کانئس سواءِ اوهان جو ڪو به معبود ڪونهي. پوءِ ڇا توهان (بد عملن جي نتيجن کان) نٿا ڊڄو؟.“ سندس قوم جي جن سردارن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن اهو ٻڌي (ماڻهن کي) چيو ته هيءُ ماڻهو (حضرت نوح) سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهي ته توهان جهڙو هڪ ماڻهو آهي. هو چاهي ٿو ته توهان کي ڏيکاري ته مان اوهان کان وڏو ۽ افضل آهيان. جيڪڏهن الله تعاليٰ (ڪو پيغمبر موڪلڻ) چاهي ها ته ڪنهن فرشتي کي نه موڪلي ها؟ (هو اسان جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ کي ڇو پيغمبر ڪري موڪلي ها) اسان پنهنجي اڳوڻن وڏن کان ته ڪا به اهڙي ڳالهه ڪڏهن به ڪا نه ٻڌي. هو ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته هو هڪ انسان آهي جو متوالو ٿي پيو آهي . تنهنڪري (سندس ڳالهين تي ڪن نه ڏيو.) ڪجهه ڏينهن انتظار ڪريو (۽ ڏسو سندس پڇاڙي ڪهڙي ٿي ٿئي.)تنهن تي (حضرت) نوح() دعا گهري ته ”اي منهنجا رب! هنن ماڻهن مون کي ڪوڙو سمجهي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سو هاڻي تون منهنجي مدد ڪر.“
    جيئن ته آيتن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ، حضرت نوح جي قوم جي سردارن، حضرت نوح تي الزام مڙهيو ته هو ذاتي مفاد، عزت ۽ مان مرتبي، قيادت ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي لاءِ مٿن برتري حاصل ڪرڻ ٿو گهري. انهن سردارن وقتي طور تي حضرت نوح سان گذارو ڪندي کين دٻاءَ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪيو. تنهن تي الله پاڪ حضرت نوح کي ٻڌايو ته هي سرڪش ماڻهو، جن ايمان جي دعوت کي ٿڏيو ۽ سرڪشي اختيار ڪئي، سگهو ئي ٻڏي مرندا ۽ ايمان وارن کي نجات عطا ڪئي ويندي.
    نيٺ جڏهن تباهي ءَ جو وقت آيو، زمين منجهان پاڻيءَ جا چشما ڦاٽي نڪتا ۽ گڏوگڏ سخت مينهن پوڻ شروع ٿي ويو، جيڪو عظيم طوفان ۾ بدلجي ويو. الله پاڪ حضرت نوح کي هر جنس جا نر ۽ مادي جوڙا ۽ پنهنجي ڪٽنب کي، سواءِ انهن جي جن جي تباهيءَ جو فيصلو ٿي چڪو هو، ٻيڙيءَ ۾ وٺي وڃڻ جو حڪم ڪيو.
    ڌرتيءَ تي موجود سڀني ماڻهن کي تباهه ڪيو ويو ، ايستائين جو حضرت نوح جي پٽ کي به، جنهن اهو سوچيو هو ، ته ڪنهن ويجهي جبل تي چڙهي ڪري، پنهنجي جان بچائيندو. حضرت نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ موجود ماڻهن کان سواءِ، سڀئي ٻڏي ويا . جڏهن ٻوڏ ختم ٿيڻ تي آئي ۽ پاڻي لٿو، ته حضرت نوح جي ٻيڙي جودي جبل وٽ اچي بيهي رهي ، جيڪا قرآن مجيد جي بيان مطابق هڪ اوچي جڳهه هئي.
    قديم آثار، ارضيات ۽ تاريخ جون شاهديون ٻڌائن ٿيون ته اهو واقعو قرآن ڪريم جي بيان ڪيل تفصيل جي مطابق ئي پيش آيو. گذريل ڪيترين تهذيبن جي رڪارڊ ۾ ۽ تاريخي دستاويزن ۾ انهيءَ ٻوڏ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ جي خصوصيتن ۽ جڳهن جي نالن ۾ اختلاف آهي، مگر گمراهه ماڻهن جي انهيءَ انجام کي هم عصر ماڻهن جي آڏو بطور عبرت جي بيان ڪيو ويو آهي.
    قديم عهد نامي ۽ جديد عهد نامي کان سواءِ طوفان نوح جو تفصيل انهيءَ طرز تي سميري، آشوري ۽ بابل جي تاريخ، يوناني ڪهاڻين، هندوستان جي شتاپتا، براهمه، مها ڀارتيه جنگين، برطانوي جزيرن، جي ويلز جي آکاڻين، نارڊڪ ريڊا، ليٿوليائي داستانن ۽ چين جي آکاڻين ۾ به ملي ٿو. سوال هي آهي ته جاگرافيائي ۽ تهذيبي لحاظ کان فاصلن تي واقع انهن ڏورانهن خطن ۾ جيڪي طوفان جي اچڻ واري هنڌ کان تمام گهڻو پري آهن، ايترو مفصل ۽ مستند تفصيل ڪيئن موجود ٿي سگهي ٿي؟
    انهيءَ سوال جو جواب تمام چٽو آهي. اها حقيقت ته، بنا ڪنهن پيغام رسانيءَ وارن ذريعن جي موجودگي جي، مختلف قومن جي تاريخ ۽ لکتن ۾ طوفان نوح جو ذڪر ملي ٿو. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انهن کي انهيءَ جو اطلاع قدرتي وسيلي ئي مليو. تاريخ جي سڀ کان وڏي تباهي مچائيندڙ واقعي يعني طوفان نوح جو اطلاع مختلف قومن کي، ڏانهن ايندڙ نبين سڳورن ڏنو. اهڙيءَ طرح طوفان نوح جي خبر پوريءَ دنيا جي قومن ۾ پکڙجي ويئي.
    جيتوڻيڪ طوفانِ نوح جو ذڪر مختلف قومن، تهذيبن ۽ مذهبن ۾ ملي ٿو پر ان ۾ گهڻن ئي هنڌن تي تحريف ڪئي ويئي آهي، جنهن ڪري هي واقعو پنهنجي اصل بيان کان هٽي ويو. ڇو ته انهيءَ ۾ بدنيتي يا غلط بيانيءَ جي ڪارڻ ڪيترائي غلط تفصيل شامل ٿي ويا. تنهن هوندي به تحقيق انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪري ٿي، ته سيلاب جي انهيءَ تفصيل جو واحد ۽ اعتبار جوڳو ذريعو قرآن پاڪ ئي آهي، جنهن پوري سنجيدگيءَ سان انهيءَ واقعي جو تفصيل بيان ڪيو آهي.


    قرآن پاڪ ۾ حضرت نوح عه ۽ طوفان جو ذڪر

    قرآن پاڪ جي ڪيترن ئي آيتن ۾ طوفان نوح جو ذڪر ڪيو ويو آهي، هيٺ واقعن جي ترتيب جي مطابق ڪجهه آيتون بيان ڪيون وڃن ٿيون:


    حضرت نوح عليه السلام جو پنهنجي قوم کي حق جي دعوت جي ڏيڻ:

    لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖ فَقَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ (سورة الاعراف: 59)
    ”بيشڪ اسان (حضرت) نوح کي سندس قوم ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو. سو هن پنهنجي قوم کي (همدردي ۽ محبت وچان) چيو ته اي منهنجي (پياري) قوم! الله جي بندگي ڪريو (شيطان جي بندگي ڇڏي ڏيو يعني پاڻ تي ظلم ڪرڻ ۽ ٻيا گناهه جا ڪم ڦٽي ڪريو. ياد رکو ته) الله کانسواءِ توهان جو ڪو به معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪريو. خدا جي حڪمن جي خلاف ڪنهن جي به حڪم جي تعميل ڪرڻي ناهي.) بيشڪ مون کي اوهان جي بنسبت ڏاڍو خوف آهي ته متان اوهان تي وڏي ڏينهن جو عذاب اچي ڪڙڪي.“
    اِنِّیۡ لَکُمۡ رَسُوۡلٌ اَمِیۡنٌ ﴿۱۰۷﴾ۙ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۰۸﴾ۚ وَ مَاۤ اَسۡـَٔلُکُمۡ عَلَیۡہِ مِنۡ اَجۡرٍ ۚ اِنۡ اَجۡرِیَ اِلَّا عَلٰی رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۰۹﴾ۚ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۱۰﴾ؕ (سورة الشعراء: 110-107)
    ”مان توهان جي لاءِ اعتبار جوڳو پيغمبر آهيان. تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي پيروي ڪريو (ڇو ته مان فقط خدا جا حڪم ٿو پهچايان.)
    ۽ (ڏسو ته) مان انهيءَ ڪم لاءِ (جو ڪيان ٿو پيو ) ڪنهن به قسم جو اجورو يا عيوضو اوهان کان ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي. تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل ڪيو (ڇو ته اهي خدا جا حڪم آهن.)“
    وَ لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖ فَقَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ اَفَلَا تَتَّقُوۡنَ (سورة المةمنون: 23)
    ”۽ هي حقيقت آهي ته اسان نوح کي سندس قوم جي طرف (هدايت لاءِ) موڪليو هو. هن کين چيو هو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! الله جي ٻانهپ ڪريو. کانئس سواءِ اوهان جو ڪو به معبود ڪونهي . پو، ڇا توهان (بد عملن جي نتيجن کان) نٿا ڊڄو؟“


    حضرت نوح عليه السلام جو پنهنجي قوم کي الله جي پڪڙ کان ڊيڄارڻ :

    اِنَّاۤ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖۤ اَنۡ اَنۡذِرۡ قَوۡمَکَ مِنۡ قَبۡلِ اَنۡ یَّاۡتِیَہُمۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ
    (سورة النوح: 1)
    ”بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (پيغام رسائيندڙ ڪري) موڪليو، ته تون پنهنجي قوم کي (سندس غلط ڪارين جي نتيجي ۾) مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي (ان جي تباهه ڪندڙن نتيجن کان) ڊيڄار!“
    فَسَوۡفَ تَعۡلَمُوۡنَ ۙ مَنۡ یَّاۡتِیۡہِ عَذَابٌ یُّخۡزِیۡہِ وَ یَحِلُّ عَلَیۡہِ عَذَابٌ مُّقِیۡمٌ
    (سورة هود: 39)
    ”اهو وقت پري ناهي جڏهن اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته اهو ڪير آهي جنهن تي اهڙو عذاب ايندو جو کيس خوار خراب ڪندو، ۽ وري (آخرت ۾ به) دائمي عذاب مٿس نازل ٿيندو.“
    اَنۡ لَّا تَعۡبُدُوۡۤا اِلَّا اللّٰہَ ؕ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ اَلِیۡمٍ (سورة هود: 26)
    ”الله کانسواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪريو . مان ڊڄان ٿو ته متان اوهان تي عذاب جو درد ناڪ ڏينهن نه اچي وڃي.“


    حضرت نوح عليه السلام جي قوم جو انڪار

    قَالَ الۡمَلَاُ مِنۡ قَوۡمِہٖۤ اِنَّا لَنَرٰىکَ فِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ (سورة الاعراف:60 )
    ”سندس قوم جي سردارن چيو ته (اي نوح!) اسان توکي يقيناً کُلي ۽ چٽي گمراهي ۾ ڏسي رهيا آهيون.“
    قَالُوۡا یٰنُوۡحُ قَدۡ جٰدَلۡتَنَا فَاَکۡثَرۡتَ جِدَالَنَا فَاۡتِنَا بِمَا تَعِدُنَاۤ اِنۡ کُنۡتَ مِنَ الصّٰدِقِیۡنَ
    (سورة هود : 32 )
    ” تنهن تي انهن ماڻهن چيو ته اي نوح! تو اسان سان بحث ڪيا ۽ گهڻائي بحث ڪري چڪين (هاڻي انهن ڳالهين مان ورندو ڪجهه به ڪين). جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن ڳالهه جو تو وعدو ڏنو آهي (يعني چيو آهي ته اوهان تي عذاب ايندو ۽ برباد ٿي ويندؤ.) اهو آڻي ڏيکار.“
    وَ یَصۡنَعُ الۡفُلۡکَ ۟ وَ کُلَّمَا مَرَّ عَلَیۡہِ مَلَاٌ مِّنۡ قَوۡمِہٖ سَخِرُوۡا مِنۡہُ ؕ قَالَ اِنۡ تَسۡخَرُوۡا مِنَّا فَاِنَّا نَسۡخَرُ مِنۡکُمۡ کَمَا تَسۡخَرُوۡنَ (سورة هود : 38 )
    ”تنهن تي حضرت نوح ٻيڙي ٺاهڻ لڳو ۽ جڏهن جڏهن سندس قوم جا (هيٺلا) سردار وٽانئس لنگهندا هئا، تڏهن (کيس ٻيڙي ٺاهڻ ۾ مشغول ڏسي) مسخريون ڪرڻ لڳندا هئا. حضرت نوح کين چوندو هو ته توهان مون تي ٽوڪون ٿا ڪيو ته (ڀلي ڪيو.) اهڙيءَ ئي طرح اسان به (توهان جي بيوقوفين تي هڪڙي ڏينهن) کلنداسين.“
    فَقَالَ الۡمَلَؤُا الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا مِنۡ قَوۡمِہٖ مَا ہٰذَاۤ اِلَّا بَشَرٌ مِّثۡلُکُمۡ ۙ یُرِیۡدُ اَنۡ یَّتَفَضَّلَ عَلَیۡکُمۡ ؕ وَ لَوۡ شَآءَ اللّٰہُ لَاَنۡزَلَ مَلٰٓئِکَۃً ۚۖ مَّا سَمِعۡنَا بِہٰذَا فِیۡۤ اٰبَآئِنَا الۡاَوَّلِیۡنَ ﴿ۚ۲۴﴾ اِنۡ ہُوَ اِلَّا رَجُلٌۢ بِہٖ جِنَّۃٌ فَتَرَبَّصُوۡا بِہٖ حَتّٰی حِیۡنٍ ﴿۲۵﴾ (سورة المؤمنون : 25-24 )
    ”سندس قوم جي جن سردارن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن اهو ٻڌي (ماڻهن کي) چيو ته هيءُ ماڻهو (حضرت نوح) سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهي ته توهان جهڙو هڪ ماڻهو آهي. هو چاهي ٿو ته توهان کي ڏيکاري ته مان اوهان کان وڏو ۽ افضل آهيان. جيڪڏهن الله تعالي (ڪو پيغمبر موڪلڻ) چاهي ها ته ڪنهن فرشتي کي نه موڪلي ها؟ (هو اسان جهڙي هڪڙي ماڻهو ءَ کي ڇو پيغمبر ڪري موڪلي ها.) اسان پنهنجي اڳوڻن وڏن کان ته ڪا به اهڙي ڳالهه ڪڏهن به ڪانه ٻڌي.“ هو ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته هو هڪ انسان آهي جو متوالو ٿي پيو آهي تنهن ڪري (سندس ڳالهين تي ڪن نه ڏيو.) ڪجهه ڏينهن انتظار ڪيو (۽ ڏسو سندس پڇاڙي ڪهڙي ٿي ٿئي.)
    کَذَّبَتۡ قَبۡلَہُمۡ قَوۡمُ نُوۡحٍ فَکَذَّبُوۡا عَبۡدَنَا وَ قَالُوۡا مَجۡنُوۡنٌ وَّ ازۡدُجِرَ (سورة: القمر-9 )
    ”کانئن اڳي نوح جي قوم به (حضرت نوح جي نصيحت کي) ڪوڙو ٺهرايو. سو هنن اسان جي ٻانهي (حضرت نوح) کي نه مڃيو ۽ چيائون ته هي مجنون (چريو) آهي ۽ هن کي تڙي ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏنائون.“


    حضرت نوح عليه السلام جي قوم جو حق وارن سان سلوڪ

    فَقَالَ الۡمَلَاُ الَّذِیۡنَ کَفَرُوۡا مِنۡ قَوۡمِہٖ مَا نَرٰىکَ اِلَّا بَشَرًا مِّثۡلَنَا وَ مَا نَرٰىکَ اتَّبَعَکَ اِلَّا الَّذِیۡنَ ہُمۡ اَرَاذِلُنَا بَادِیَ الرَّاۡیِ ۚ وَ مَا نَرٰی لَکُمۡ عَلَیۡنَا مِنۡ فَضۡلٍۭ بَلۡ نَظُنُّکُمۡ کٰذِبِیۡنَ (سورة هود-27)
    ”تنهن تي قوم جي انهن سردارن جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي، چيو ته اسان تو ۾ هن کانسواءِ ٻي ڪا به ڳالهه ڪانه ٿا ڏسون ته تون به اسان وانگر هڪڙو انسان آهين، ۽ جيڪي ماڻهو تنهنجي پٺيان لڳا آهن تن ۾ به انهن ماڻهن کانسواءِ ٻيو ڪو به نٿو ڏسجي جي حقير ذليل آهن. (يعني جيڪي مسڪين توتي ايمان آڻي رهيا آهن سي اُهي آهن جن کي اسان ڌڪاريندا آهيون ۽ کين نفرت سان ڏسندا رهيا آهيون.) ۽ اهي ماڻهو بنا سوچڻ سمجهڻ جي تنهنجي پٺيان لڳي پيا آهن. اسان ته اوهان ماڻهن ۾ پاڻ کان ڪا به بهتري ۽ برتري ڪانه ٿا ڏسون. (يعني اوهان اسان کان ڪنهن به ڳالهه ۾ افضل ڪو نه ٿا ڏسجو.) بلڪ اسان ته سمجهون ٿا ته توهان ڪوڙا آهيو.“
    قَالُوۡۤا اَنُؤۡمِنُ لَکَ وَ اتَّبَعَکَ الۡاَرۡذَلُوۡنَ ﴿۱۱۱﴾ؕ قَالَ وَ مَا عِلۡمِیۡ بِمَا کَانُوۡا یَعۡمَلُوۡنَ ﴿۱۱۲﴾ۚ اِنۡ حِسَابُہُمۡ اِلَّا عَلٰی رَبِّیۡ لَوۡ تَشۡعُرُوۡنَ ﴿۱۱۳﴾ۚ وَ مَاۤ اَنَا بِطَارِدِ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۱۱۴﴾ۚ اِنۡ اَنَا اِلَّا نَذِیۡرٌ مُّبِیۡنٌ ﴿۱۱۵﴾ؕ (سورة الشعراء-115-111 )
    ”هنن (منڪرن) جواب ڏنو ته (اي نوح! اسان ڏسون ٿا ته) بلڪل رذيل ۽ خسيس ماڻهو تنهنجي پيروي ڪري رهيا آهن (۽ تو وٽ اچن ٿا) ڇا اهڙيءَ حالت ۾ اسان (سردار) توتي ايمان آڻيون (۽ انهن خسيس ماڻهن سان گڏجي ويهون؟) حضرت نوح جواب ڏنو ته مون کي ڪهڙي خبر آهي ۽ ،ڪيئن خبر پوي ته اهي(مسڪين ماڻهو) ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪندا آهن. خدا شال توهان کي سمجهه ڏئي (۽ توهان سمجهو ته) انهن ماڻهن (جي عملن وغيره) جو حساب وٺڻ ته فقط منهنجي پروردگار جي ذمي آهي (نه ڪه منهنجي ذمي.) ۽ مون کي هرگز مناسب ناهي ته مان ايمان آڻيندڙن کي تڙي ڪڍان (هنن جي دلين جي خبر ته فقط الله کي آهي.) (وڌيڪ حضرت نوح عليه السلام کين فرمايو ته) مان ته فقط (الله جي نافرماني ڪندڙن کي) چٽيءَ طرح خبردار ڪندڙ آهيان. (۽ ايندڙ عذاب جي خبر چٽيءَ طرح ٿو ٻڌايان.)“


    الله پاڪ طرفان حضرت نوح عليه السلام کي ڏکارو نه ٿيڻ جو تاڪيد

    وَ اُوۡحِیَ اِلٰی نُوۡحٍ اَنَّہٗ لَنۡ یُّؤۡمِنَ مِنۡ قَوۡمِکَ اِلَّا مَنۡ قَدۡ اٰمَنَ فَلَا تَبۡتَئِسۡ بِمَا کَانُوۡا یَفۡعَلُوۡنَ (سورة: هود-36 )
    ”۽ حضرت نوح کي وحي ڪيو ويو ته تنهنجي قوم مان جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن کانسواءِ هاڻي ٻيو ڪو به ايمان نه آڻيندو . پوءِ جيڪي اهي (ڪافر) ڪري رهيا آهن تنهن تي (اجايو) ڏک ۽ غم نه ڪر.“


    حضرت نوح عليه السلام جي دعا

    فَافۡتَحۡ بَیۡنِیۡ وَ بَیۡنَہُمۡ فَتۡحًا وَّ نَجِّنِیۡ وَ مَنۡ مَّعِیَ مِنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ (سورة الشعراءَ-118 )
    ”سو هاڻي منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ قطعي فيصلو ڪري ڇڏ ۽ مون کي ۽ انهن مؤمنن کي جيڪي مون سان شامل آهن (هنن حق جي دشمنن کان ) بچائي وٺ.“
    فَدَعَا رَبَّہٗۤ اَنِّیۡ مَغۡلُوۡبٌ فَانۡتَصِرۡ (سورة القمر-10 )
    ”سو هن پنهنجي پروردگار کي پڪاريو ته مان عاجز آهيان تون منهنجي مدد ڪر.“
    قَالَ رَبِّ اِنِّیۡ دَعَوۡتُ قَوۡمِیۡ لَیۡلًا وَّ نَہَارًا ۙ﴿۵﴾ فَلَمۡ یَزِدۡہُمۡ دُعَآءِیۡۤ اِلَّا فِرَارًا ﴿۶﴾
    (سورة نوح- 6-5 )
    ”(نوح) چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجيءَ قوم کي رات ۽ ڏينهن (تنهنجي عظمت کي مڃڻ ۽ تنهنجي حڪمن تي هلڻ لاءِ) سڏيو.“ پوءِ منهنجي سڏڻ تي (دين کان) هيڪاري زياده ڀڄڻ لڳا.“
    قَالَ رَبِّ انۡصُرۡنِیۡ بِمَا کَذَّبُوۡنِ (سورة المؤمنون-26 )
    ”(تنهن تي حضرت نوح دعا گهري ته) اي منهنجا رب! هنن ماڻهن مون کي ڪوڙو سمجهي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سو هاڻي تون منهنجي مدد ڪر.“
    وَ لَقَدۡ نَادٰىنَا نُوۡحٌ فَلَنِعۡمَ الۡمُجِیۡبُوۡنَ (سورة الصفــٰت-75 )
    ”۽ هيءَ حقيقت آهي ته (حضرت) نوح() اسان کي پڪاريو (۽ اسان هن جي پڪار ٻڌي ۽ سندس مدد ڪئي.) سو اسان (پڪار ڪندڙن جي) مددڪرڻ ۾ ڪهڙا نه چڱا آهيون.“


    ٻيڙ يءَ جي تياري

    وَ اصۡنَعِ الۡفُلۡکَ بِاَعۡیُنِنَا وَ وَحۡیِنَا وَ لَا تُخَاطِبۡنِیۡ فِی الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا ۚ اِنَّہُمۡ مُّغۡرَقُوۡنَ
    (سورة هود-37 )
    ”۽ (حضرت نوح کي خدا فرمايو ته) اسان جي نظرداريءَ هيٺ ۽ اسان جي حڪم مطابق هڪڙي ٻيڙي ٺاهڻ شروع ڪري ڏي، هنن ظالمن جي باري ۾ هاڻي اسان سان ڪجهه به عرض معروض نه ڪر.يقيناً اهي ماڻهو غرق ٿيڻ وارا آهن.“


    حضرت نوح عليه السلام جي قوم جي هلاڪت

    فَکَذَّبُوۡہُ فَاَنۡجَیۡنٰہُ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗ فِی الۡفُلۡکِ وَ اَغۡرَقۡنَا الَّذِیۡنَ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِنَا ؕ اِنَّہُمۡ کَانُوۡا قَوۡمًا عَمِیۡنَ (سورة الاعراف-64 )
    ”پوءِ (اهڙي سهڻين هدايتن ملڻ بعد به) هنن (منڪرن) (حضرت) نوح کي ڪوڙو ٺهرايو (۽ ڌمڪيون ڏنيون). پر اسان کيس ۽ جيڪي ساڻس (دين ۾) شامل هئا، ٻيڙيءَ ۾ (چاڙهي ٻوڏ کان) بچايو. مگر جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو، تن کي (ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾) غرق ڪري ڇڏيو سين. يقيناً اهي (منڪر) ماڻهو (دل ۽ دماغ جا) انڌا ٿي ويا هئا.“
    ثُمَّ اَغۡرَقۡنَا بَعۡدُ الۡبٰقِیۡنَ (سورة الشعراء- 120 )
    ”پوءِ جيڪي ماڻهو (پٺتي) باقي رهيا تن (منڪرن) کي اسان ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو.“
    وَ لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖ فَلَبِثَ فِیۡہِمۡ اَلۡفَ سَنَۃٍ اِلَّا خَمۡسِیۡنَ عَامًا ؕ فَاَخَذَہُمُ الطُّوۡفَانُ وَ ہُمۡ ظٰلِمُوۡنَ (سورة العنکبوت-14 )
    ”۽ حقيقت آهي ته اسان حضرت نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو. هن انهن سان گڏ ساڍا نو سوسال حياتيءَ جا گذاريا ( ۽ کين سمجهاڻيون ڏنيون. ته به هنن مان گهڻا منڪر رهيا ۽ ظلم ڪندا رهيا) سو طوفان هنن کي پڪڙي ورتو (۽ هو ٻڏي هئا.) ڇو ته هو (پڇاڙي تائين) ظلم ڪندا رهيا.“
    فَاَنۡجَیۡنٰہُ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗ بِرَحۡمَۃٍ مِّنَّا وَ قَطَعۡنَا دَابِرَ الَّذِیۡنَ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِنَا وَ مَا کَانُوۡا مُؤۡمِنِیۡنَ (سورة الاعراف- 72 )
    ”پوءِ (ٿيو به ائين) اسان (حضرت) نوح کي ۽ انهن کي جي ساڻس (دين ۾) شامل ٿيا هئا. (ايندڙ تباهيءَکان) پنهنجي رحمت سان بچايو. مگر جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ ايمان نه آندائون تن جون پاڙون به وڍي پٽي ڇڏيون سين.“


    حضرت نوح عليه السلام جي پٽ جي هلاڪت

    طوفان جي ابتدائي مرحلي تي حضرت نوح عليه السلام ۽ سندس پٽ جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگوءَ کي قرآن پاڪ هن طرح بيان ڪري ٿو.
    وَ ہِیَ تَجۡرِیۡ بِہِمۡ فِیۡ مَوۡجٍ کَالۡجِبَالِ ۟ وَ نَادٰی نُوۡحُۨ ابۡنَہٗ وَ کَانَ فِیۡ مَعۡزِلٍ یّٰـبُنَیَّ ارۡکَبۡ مَّعَنَا وَ لَا تَکُنۡ مَّعَ الۡکٰفِرِیۡنَ ﴿۴۲﴾ قَالَ سَاٰوِیۡۤ اِلٰی جَبَلٍ یَّعۡصِمُنِیۡ مِنَ الۡمَآءِ ؕ قَالَ لَا عَاصِمَ الۡیَوۡمَ مِنۡ اَمۡرِ اللّٰہِ اِلَّا مَنۡ رَّحِمَ ۚ وَ حَالَ بَیۡنَہُمَا الۡمَوۡجُ فَکَانَ مِنَ الۡمُغۡرَقِیۡنَ ﴿۴۳﴾
    (سورة هود-43-42 )
    ”۽ (ڏسو) اهڙين لهرن ۾ جي جبلن وانگر اٿن ٿيون، ٻيڙي انهن (ماڻهن) کي کڻي وڃي رهي آهي . ۽ (حضرت) نوح پنهنجي پٽ کي سڏ ڪيو جو ڪناري وٽ بيٺو هو ۽ چيائين ته اي منهنجا پٽ! اسان سان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيءَ ۽ ڪافرن سان نه رهي پئو.هن چيو ته مان ڪنهن جبل تي پناه وٺندس جو مون کي پاڻيءَ (۾ ٻڏڻ) کان بچائي وٺندو. (حضرت) نوح چيس ته (تون ڪهڙي خام خيال ۾ گرفتار ٿي ويو آهين.) اڄ الله جي (ٺهرايل) ڳالهه کان بچائڻ وارو ڪو به ڪونهي. سواءِ ان جي جنهن تي الله پاڻ رحم ڪري ۽ (ڏسو) ٻنهي جي وچ ۾ هڪڙي لهر اچي ويئي. پوءِ هو انهن مان ٿيو جيڪي ٻڏڻ وارا هئا.“


    ايمان وارن جو ڇوٽڪارو

    فَاَنۡجَیۡنٰہُ وَ مَنۡ مَّعَہٗ فِی الۡفُلۡکِ الۡمَشۡحُوۡنِ (سورة: الشعرا-119 )
    ”سو اسان هن کي ۽ سندس ساٿين کي جيڪي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ (سوار) هئا (دشمنن کان ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ کان) بچائي سلامت رکيو.
    فَاَنۡجَیۡنٰہُ وَ اَصۡحٰبَ السَّفِیۡنَۃِ وَ جَعَلۡنٰہَاۤ اٰیَۃً لِّلۡعٰلَمِیۡنَ (سورة: العنکبوت- 15 )
    ”پر اسان (حضرت) نوح کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي (جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا هئا.) بچائي ورتو . ۽ اسان ان ٻيڙيءَ کي(جا جودي جبل جي چوٽيءَ تي وڃي بيٺي هئي.) جهان جي سڀني ماڻهن لاءِ (عبرت جي) نشاني بنايو.“


    طوفان جي نوعيت

    فَفَتَحۡنَاۤ اَبۡوَابَ السَّمَآءِ بِمَآءٍ مُّنۡہَمِرٍ ﴿۫ۖ۱۱﴾ وَّ فَجَّرۡنَا الۡاَرۡضَ عُیُوۡنًا فَالۡتَقَی الۡمَآءُ عَلٰۤی اَمۡرٍ قَدۡ قُدِرَ ﴿ۚ۱۲﴾ وَ حَمَلۡنٰہُ عَلٰی ذَاتِ اَلۡوَاحٍ وَّ دُسُرٍ ﴿ۙ۱۳﴾ (سورة القمر: 13-11 )
    ”سو اسان آسمان جا دروازا زبردست برسات سان کولي ڇڏيا (۽ مينهن پرٽجي پيو.) ۽ (ان سان گڏ ) زمين مان چشما به وهائي ڇڏياسين. سو (آسمان ۽ زمين جو) پاڻي گڏجي پيو ۽ (الله جي) حڪم موجب ٺهرايل حد تائين چڙهيو. ۽ اسان هن کي (يعني حضرت نوح عليه السلام کي سندس ماڻهن سميت) تختن ۽ ڪِلين واري ٻيڙي تي کڻي وياسين.
    حَتّٰۤی اِذَا جَآءَ اَمۡرُنَا وَ فَارَ التَّنُّوۡرُ ۙ قُلۡنَا احۡمِلۡ فِیۡہَا مِنۡ کُلٍّ زَوۡجَیۡنِ اثۡنَیۡنِ وَ اَہۡلَکَ اِلَّا مَنۡ سَبَقَ عَلَیۡہِ الۡقَوۡلُ وَ مَنۡ اٰمَنَ ؕ وَ مَاۤ اٰمَنَ مَعَہٗۤ اِلَّا قَلِیۡلٌ ﴿۴۰﴾ وَ قَالَ ارۡکَبُوۡا فِیۡہَا بِسۡمِ اللّٰہِ مَ‍‍جۡؔرٖىہَا وَ مُرۡسٰىہَا ؕ اِنَّ رَبِّیۡ لَغَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۴۱﴾ وَ ہِیَ تَجۡرِیۡ بِہِمۡ فِیۡ مَوۡجٍ کَالۡجِبَالِ ۟ وَ نَادٰی نُوۡحُۨ ابۡنَہٗ وَ کَانَ فِیۡ مَعۡزِلٍ یّٰـبُنَیَّ ارۡکَبۡ مَّعَنَا وَ لَا تَکُنۡ مَّعَ الۡکٰفِرِیۡنَ ﴿۴۲﴾ (سورة هود: 42-40 )
    ”(هي سڀ ڪجهه يعني مسخري وغيره ٿيندي رهي.) تان جو جڏهن وقت اچي ويو ته اسان جي (مقرر ڪيل) ڳالهه ظهور ۾ اچي ۽ (فطرت جو) تنور جوش ۾ آيو، تڏهن اسان (نوح کي) حڪم ڏنو ته هر قسم (جي جانورن) جا ٻه ٻه جوڙا ٻيڙيءَ ۾ چاڙهه ۽ پنهنجي اهل عيال کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل. مگر اهل عيال ۾ اهي ماڻهو داخل ناهن جن بابت اڳ ئي چيو ويو آهي (ته غرق ٿيڻ وارا آهن) پڻ انهن کي به پاڻ سان کڻ، جن ايمان آندو آهي ۽ نوح سان گڏ ايمان ڪونه آندو هئائون سواءِ ڪن ٿورن ماڻهن جي. ۽ (حضرت نوح سنگتين کي) چيو ته ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. الله جي نالي سان ان ٻيڙيءَ کي هلڻو آهي ۽ الله ئي جي نالي سان ان کي بيهڻو آهي. بيشڪ منهنجو پروردگار بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهي. ۽ (ڏسو) اهڙين لهرن ۾ جي جبلن وانگر اٿن ٿيون، ٻيڙي انهن (ماڻهن) کي کڻي وڃي رهي آهي. ۽ (حضرت) نوح پنهنجي پٽ کي سڏ ڪيو جو ڪناري وٽ بيٺو هو ۽ چيائين ته اي منهنجا پٽ! اسان سان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيءُ ۽ ڪافرن سان نه رهي پؤ.“
    فَاَوۡحَیۡنَاۤ اِلَیۡہِ اَنِ اصۡنَعِ الۡفُلۡکَ بِاَعۡیُنِنَا وَ وَحۡیِنَا فَاِذَا جَآءَ اَمۡرُنَا وَ فَارَ التَّنُّوۡرُ ۙ فَاسۡلُکۡ فِیۡہَا مِنۡ کُلٍّ زَوۡجَیۡنِ اثۡنَیۡنِ وَ اَہۡلَکَ اِلَّا مَنۡ سَبَقَ عَلَیۡہِ الۡقَوۡلُ مِنۡہُمۡ ۚ وَ لَا تُخَاطِبۡنِیۡ فِی الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا ۚ اِنَّہُمۡ مُّغۡرَقُوۡنَ ﴿۲۷﴾ (سورة المؤمنون- 27 )
    ”پوءِ اسان نوح ڏي وحي موڪليو ته اسان جي نظرداريءَ هيٺ ۽ اسان جي وحي موجب هڪ ٻيڙي ٺاهه. پوءِ جڏهن اسان جي حڪم جو وقت اچي وڃي ۽ تنور جا شعلا ڀڙڪي اٿن (يعني انڪار ڪندڙن تي عذاب جو وقت اچي وڃي) تڏهن تون هر هڪ جانور جا ٻه ٻه جوڙا ٻيڙيءَ ۾ پاڻ سان کڻجانءِ ۽ پنهنجي گهروارن کي به. پر گهر جي اهڙن ماڻهن کي نه کڻندين جن جي لاءِ (ٻڏڻ جو) فيصلو اڳي ئي ٿي چڪو آهي. جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن جي لاءِ اسان وٽ ڪو به عرض ۽ التجا نه ڪجانءِ. اهي ضرور غرق ٿيندا.“


    بلند مقام تي ٻيڙيءَ جو بيهڻ

    وَ قِیۡلَ یٰۤاَرۡضُ ابۡلَعِیۡ مَآءَکِ وَ یٰسَمَآءُ اَقۡلِعِیۡ وَ غِیۡضَ الۡمَآءُ وَ قُضِیَ الۡاَمۡرُ وَ اسۡتَوَتۡ عَلَی الۡجُوۡدِیِّ وَ قِیۡلَ بُعۡدًا لِّلۡقَوۡمِ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿۴۴﴾ (سورة هود-44 )
    ”۽ (پوءِ الله جو) حڪم ٿيو ته اي زمين! پنهنجو پاڻي پيئي ڇڏ، ۽ آسمان برسات کي بند ڪر. پوءِ پاڻي لهي ويو. ۽ حادثي پڄاڻي ڪئي، ۽ ٻيڙي جودي جبل تي بيهي رهي ۽ (الله جو) فيصلو ٿيو ته نا مرادي ۽ ناڪامي انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي ظالم آهن.“


    طوفانِ نوح عليه السلام ۾ نصيحت

    اِنَّا لَمَّا طَغَا الۡمَآءُ حَمَلۡنٰکُمۡ فِی الۡجَارِیَۃِ ﴿ۙ۱۱﴾ لِنَجۡعَلَہَا لَکُمۡ تَذۡکِرَۃً وَّ تَعِیَہَاۤ اُذُنٌ وَّاعِیَۃٌ ﴿۱۲﴾
    (سورة الحاقة: 12-11 )
    ”اي ماڻهؤ! نبين جي ساٿ ڏيڻ تي اسان توهان جوساٿ ڏنو ۽ (نوح نبيءَ جي وقت ۾) جڏهن پاڻي حد کان لنگهي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو سون. هن لاءِ ته ان (واقعي) کي اوهان لاءِ يادگار (۽ عبرت) بڻايون ۽ ان (قسم جي مڪافات وارن واقعن) کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُ (نصيحت وٺڻ جي لاءِ) ياد رکي.“


    الله سائين وٽ حضرت نوح عليه السلام جو مقام

    سَلٰمٌ عَلٰی نُوۡحٍ فِی الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۷۹﴾ اِنَّا کَذٰلِکَ نَجۡزِی الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۸۰﴾ اِنَّہٗ مِنۡ عِبَادِنَا الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۸۱﴾ (سورة: الصفـٰـٰت: 81-79 )
    ” سڀني (ماڻهن ۾ يا سڀني) جهانن ۾ (حضرت) نوح تي سلام هجي (يا سلامتي هجي مٿس). بيشڪ اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙي ئي طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون. بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. “


    طوفان نوح سان ٿيندڙ تباهيءَ جون حدون

    طوفان نوح جا انڪاري اهو جواز بيان ڪندا آهن ته پوري ڌرتيءَ جو احاطو ڪندڙ عالمگير طوفان نا ممڪن آهي، طوفان جي اچڻ جو انڪار ڪرڻ جو مقصد قرآن پاڪ جي حقانيت جو انڪار ڪرڻ آهي.
    انهن جي مطابق وحيءَ تي آڌاريل سڀئي آسماني ڪتاب ، قرآن مجيد سميت هڪ عالمگير طوفان جو تذڪرو ڪن ٿا، جيڪو حقيقتن ۽ امڪان جي ابتڙ آهي.
    پر انهيءَ بنياد تي قرآن پاڪ جو انڪار درست ناهي. قرآن پاڪ الله جي طرفان نازل ڪيل ۽ واحد تحريف (ڦيرڦار) کان پاڪ الاهي ڪتاب آهي. قرآن حڪيم ٻين قصن ڪهاڻين ۽ خمسه موسوي (Pentateuch) جي نسبت طوفان نوح جا مختلف انداز بيان ڪيا آهن. قديم عهد نامه جا پهريان پنج ڪتاب، خمسه موسوي جي مطابق هيءُ طوفان عالمگير هو، جنهن پوريءَ دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو هو. پر قرآن پاڪ ائين بيان نٿو ڪري. طوفانِ نوح بابت قرآني آيتون ٻڌائين ٿيون ته اهو طوفان هڪ مخصوص علائقي ۾ آيو، جنهن پوريءَ دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ نه آندو، بلڪه ان طوفان کان فقط حضرت نوح عليه السلام جي ئي قوم تباهه ٿي هئي، جنهن کي حضرت نوح عليه السلام اڳ ۾ ئي خبردار ڪري چڪو هو.
    جڏهن قرآن حڪيم ۽ قديم عهدنامي جي بيانن کي ڏٺو وڃي ته اهو فرق واضع ٿي وڃي ٿو. قديم عهد نامو جيڪو تاريخ جي مختلف دورن ۾ تغير ۽ تبدل (مٽا سٽا) جو شڪار رهيو، تحريف جي سبب اصل آسماني ڪتاب قرار نٿو ڏيئي سگهجي ، اهو طوفان نوح، جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:
    ۽ خدا وند ڏٺو ته زمين تي انسان جي بدي وڌي ويئي ۽ هن جي دل جا تصور ۽ خيال هميشه خراب ٿين ٿا. تڏهن خداوند زمين تي انسان کي پيدا ڪرڻ ڪري ملول ٿيو ۽ دل ۾ غم ڪيائين، ۽ خداوند چيو ته مان انسان کي، جنهن کي مون پيدا ڪيو ، روءِ زمين تان مٽائي ڇڏيندس. انسان کان وٺي حيوان ۽ سرندڙ جانور ۽ هوا جي پکين تائين، ڇو ته مان انهن جي ٺاهڻ ۾ ملول آهيان ، مگر نوح خداوند جي نظر ۾ مقبول ٿيو. (پيدائش8:6-5)
    جڏهن ته قرآن پاڪ ۾ اهو واضح طور بيان ڪيو ويو آهي ته طوفان نوح عليه السلام سان پوري دنيا نه بلڪه رڳو حضرت نوح عليه السلام جي قوم تباهه ٿي. جهڙيءَ طرح حضرت هود کي عاد جي قوم ڏانهن (هود: 5)، ۽ حضرت صالح کي ثمود ڏانهن (هود: 61) يا نبي ڪريمؐ کان اڳ ٻين نبين سڳورن کي سندن قوم ڏانهن مبعوث ڪيو ويو هو، حضرت نوح عليه السلام کي به پنهنجيءَ قوم ڏانهن موڪليو ويو هو ۽ پوءِ حق جي دعوت کي قبول نه ڪرڻ جي ڪري سندس قوم ئي طوفان وگهي هلاڪ ٿي ويئي هئي.
    وَ لَقَدۡ اَرۡسَلۡنَا نُوۡحًا اِلٰی قَوۡمِہٖۤ ۫ اِنِّیۡ لَکُمۡ نَذِیۡرٌ مُّبِیۡنٌ ﴿ۙ۲۵﴾ اَنۡ لَّا تَعۡبُدُوۡۤا اِلَّا اللّٰہَ ؕ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ اَلِیۡمٍ ﴿۲۶﴾ (سورة هود: 26-25 )
    ”۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو . هن چيو ته (اي منهنجي قوم!) مان توهان کي (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) کليو کلايو خبردار ڪرڻ وارو آهيان. الله کانسواءِ ڪنهن جي ٻانهپ نه ڪريو. مان ڊڄان ٿو ته متان اوهان تي عذاب جو دردناڪ ڏينهن نه اچي وڃي.“
    طوفان نوح سان، هلاڪ ٿيندڙ ماڻهو به اهي ئي هئا، جن حضرت نوح عليه السلام جي ڏنل حق جي دعوت کي رد ڪيو هو. لاڳاپيل آيتون انهيءَ حقيقت کي ڪيترن ئي هنڌن تي واضح ڪن ٿيون:
    فَکَذَّبُوۡہُ فَاَنۡجَیۡنٰہُ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗ فِی الۡفُلۡکِ وَ اَغۡرَقۡنَا الَّذِیۡنَ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِنَا ؕ اِنَّہُمۡ کَانُوۡا قَوۡمًا عَمِیۡنَ (سور﷦ة الاعراف : 64)
    ”پوءِ (اهڙين سهڻين هدايتن ملڻ بعد به) هنن (منڪرن) حضرت نوح( ) کي ڪوڙ ٺهرايو ۽ (ڌمڪيون ڏنيون.) پر اسان کيس ۽ جيڪي ساڻس (دين ۾) شامل هئا، ٻيڙيءَ ۾ (چاڙهي ٻوڏ کان) بچايو. مگر جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو تن کي (ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾) غرق ڪري ڇڏيوسين. يقيناً اهي (منڪر) ماڻهو (دل ۽ دماغ جا) انڌا ٿي ويا هئا.“
    فَاَنۡجَیۡنٰہُ وَ الَّذِیۡنَ مَعَہٗ بِرَحۡمَۃٍ مِّنَّا وَ قَطَعۡنَا دَابِرَ الَّذِیۡنَ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِنَا وَ مَا کَانُوۡا مُؤۡمِنِیۡنَ (سورة الاعراف: 72 )
    ”پوءِ (ٿيو به ائين) اسان هود کي ۽ انهن کي جي ساڻس (دين ۾) شامل ٿيا هئا. (ايندڙ تباهيءَ کان) پنهنجي رحمت سان بچايو . مگر جن اسانجي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ ايمان نه آندائون تن جون پاڙون به وڍي پٽي ڇڏيون سين.“
    وڌيڪ اهو ته قرآن پاڪ انهيءَ الوهي اصول کي به بيان ڪيو آهي، ته ڪا به قوم ان مهل تائين تباهه نٿي ڪئي وڃي . جيستائين ان ۾ الله جو نبي مبعوث نه ٿئي. ڪنهن قوم کي تباهه ان وقت ڪيو ويندو آهي، جڏهن ان ڏانهن الله جي عذاب کان ڊيڄارڻ وارو اچي وڃي ۽ قوم ان جي دعوت کي ٿڏي ڇڏي.
    سورة القصص ۾ ارشاد فرمايو ويو:
    وَ مَا کَانَ رَبُّکَ مُہۡلِکَ الۡقُرٰی حَتّٰی یَبۡعَثَ فِیۡۤ اُمِّہَا رَسُوۡلًا یَّتۡلُوۡا عَلَیۡہِمۡ اٰیٰتِنَا ۚ وَ مَا کُنَّا مُہۡلِکِی الۡقُرٰۤی اِلَّا وَ اَہۡلُہَا ظٰلِمُوۡنَ (سورة﷦ القصص: 59 )
    ”۽ (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار اهڙو ناهي جو بستيون ۽ شهر برباد ڪري ڇڏي جيستائين پهريائين انهن جي مرڪزي شهر ۾ هڪڙو رسول نه موڪلي ، جو اسان جا حڪم کين پڙهي ٻڌائي (۽ پوءِ به هو انهن حڪمن جي پيروي نه ڪن.) ۽ اسان ڪڏهن به شهرن کي برباد نٿا ڪريون سواءِ هن حالت جي جو انهن جا ماڻهو ظلم ڪندڙ ۽ خدا جي نافرماني ڪندڙ) هجن.“
    هڪ اهڙي قوم جنهن ۾ ڪو نبي مبعوث نه ٿيو هجي، ان کي تباهه ڪرڻ الله جي سنت ناهي. تنهن ڪري طوفان نوح سان ڪا به اهڙي بستي تباهه نه ڪئي ويئي، جنهن ڏانهن الله جي عذاب کان ڊيڄارڻ وارو نه آيو هو،سواءِ حضرت نوح عليه السلام جي قوم جي.
    قرآن پاڪ جي انهن آيتن مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته طوفان نوح عالمگير نه هو، پر هڪ مخصوص علائقي تائين محدود هو. سيلاب جي ممڪنه علائقي ۾، ٿيندڙ قديم آثارن جي کوٽائين مان به، اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اهو طوفان عالمي نوعيت جو نه، بلڪه اهو هڪ اهڙو عظيم طوفان هو، جنهن سان واديءِ دجله ۽ فرات جو هڪ خاص حصو ئي متاثر ٿيو.


    ڇا سڀئي جانور ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيا ويا؟

    انجيل جي شارحن جو اهو خيال آهي ته حضرت نوح عليه السلام جي مڙني جانورن جي قسمن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو ۽ اهو سندن انهيءَ ئي کنيل قدم جو نتيجو آهي جو طوفان اچڻ باوجود ڌرتيءَ تان جانور معدوم ڪونه ٿيا. انهيءَ عقيدي جي مطابق زمين تي رهندڙ هر جانور جو هڪ جوڙو ٻيڙيءَ تي سوار ڪيو ويو.
    جيڪي ماڻهو انهيءَ عقيدي کي شڪ ۽ شهبي کان مٿانهون قرار ڏين ٿا، انهن کي گهڻين ئي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو... اهو ته ايڏي وڏي تعداد ۾ آندل جانورن کي ڪيئن ٻيڙيءَ ۾ رکيو ويو؟ انهن جي کاڌ خوراڪ جو ڪهڙو انتظام ڪيو ويو؟ ۽ پڻ اهو ته، انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ڪهڙيءَ طرح رکيو ويو؟
    مٿين مڙني سوالن جو جواب ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ ٻيو اهو ته مختلف کنڊن ۾ رهندڙن جانورن کي ڪيئن ڪٺو ڪيو ويو؟
    وڌيڪ ڏکيو سوال هيءُ آهي ته نانگ، وڇون، ۽ ٻين جهنگلي ۽ زهريلن جانورن کي ڪيئن پڪڙيو ويو ۽ سيلاب ختم ٿيڻ تائين، انهن کي انهن جي قدرتي ماحول کان ڪهڙيءَ طرح پري رکيو ويو؟
    عهد نامه عتيق جي تفصيلات تي اهي سوال اڀرن ٿا. جڏهن ته قرآن پاڪ ۾ اهڙو ڪو ئي بيان موجود ناهي، ته روءِ زمين جي سڀني جانورن کي طوفان کان اڳ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو ويو هو. جيئن ته اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي ته اهو طوفان زمين جي هڪ خاص علائقي ۾ آيو هو، تنهنڪري ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيل جانور رڳو اهي ئي هوندا، جيڪي طوفان کان متاثر ٿيندڙ علائقي ۾ رهندا هوندا.
    تنهن هوندي به اها ڳالهه بلڪل پڌري آهي ته انهيءَ علائقي ۾ موجود جانورن جا سمورا قسم ٻيڙيءَ ۾ گڏ ڪرڻ هڪ ڏکي ڳالهه آهي. حضرت نوح عليه السلام ۽ مٿس ايمان آڻيندڙ ڪجهه فردن جي لاءِ اهو ممڪن نه هو ته هو پنهنجي اردگرد واري ماحول ۾ موجود سڀئي جانور ڳولي، انهن کي گڏ ڪَن ها (سورة هود:40) وڌيڪ اهو ته انهن جي لاءِ انهيءَ علائقي ۾ موجود جيت جڻن جي جملي قسمن کي گڏ ڪرڻ ۽ وري انهن جي نر ۽ ماديءَ جي تميز ڪرڻ به ممڪن نه هو. تنهن ڪري غالب گمان اهوئي آهي، ته حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙيءَ ۾ رڳو اهي ئي جانور گڏ ڪيا ويا، جن کي پڪڙڻ سؤلو ۽ سنهنجو هو ۽ جيڪي پالتو ۽ انسان جي لاءِ ڪارائتا هئا. حضرت نوح عليه السلام يقيناً ٻيڙيءَ ۾ جيڪي جانور کنيا، انهن ۾ ڳئون، رڍون، گهوڙا، اٺ ۽ اهڙيءَ طرح جا ٻيا جانور شامل هئا، جيڪي طوفان کان پوءِ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ لاءِ ضروري هئا، ڇو ته ٻوڏ جي ڪري چوپاين جو وڏو حصو تباهه ٿي ويو هو. هتي قابل غور نڪتو هيءُ آهي ته حضرت نوح عليه السلام کي الله پاڪ جي طرفان ٻيڙيءَ ۾ جانورن کي سوار ڪرڻ جي حڪم جي حڪمت هيءَ هئي ته طوفان کانپوءِ جيئن اهي جانور نئين زندگي شروع ڪرڻ ۾ ڪم اچي سگهن، نڪي اهو، ته انهن جو نسل محفوظ رهي. جيئن ته طوفان عالمي نه، بلڪه علائقائي هو، تنهن ڪري جانورن جو نسل ختم ٿيڻ جو سوال ئي پيد ا ڪونه ٿو ٿئي. ها! اهو ممڪن هو، ته طوفان کانپوءِ ٻئي علائقي کان جانور هجرت ڪري انهيءَ علائقي ۾ اچن ها ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هتي ٻيهر اڳ جيان آباد ٿين ها. بنيادي مسئلو طوفان کانپوءِ علائقي ۾ نئين زندگيءَ جي آغاز ڪرڻ جو هو ۽ حضرت نوح عليه السلام جي گڏڪيل جانورن جو بنيادي مقصد به اهو ئي هو.


    طوفان نوح جي اوچائي ڪيتري هئي؟

    طوفان نوح بابت بحث جو هڪ نڪتو هيءُ به آهي ته ڇا پاڻي جبلن کان به اوچو ٿي ويو هو؟ قرآن پاڪ جي مطابق طوفان کان پوءِ حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙي ”الجودي“ تي اچي بيهي رهي. گهڻو ڪري الجودي مان مراد هڪ مخصوص پهاڙي ورتي وڃي ٿي. جڏهن ته عربيءَ ۾ ”جودي“ ”مٿانهين جڳهه“ يا”پهاڙي“ کي چوندا آهن. تنهن ڪري ان حقيقت کي وسارڻ نه گهرجي، ته قرآن پاڪ ” جودي“ مان مراد ڪو مخصوص جبل ناهي ورتو، بلڪه ان ڏانهن اشارو ڪيو آهي ، ته طوفان کانپوءِ ٻيڙي هڪ بلند جڳهه تي اچي بيهي رهي. ان کان سواءِ لفظ ”جودي“ جي معنيٰ مان به، اهو واضح ٿي وڃي ٿو، ته طوفان جو پاڻي هڪ مخصوص سطح تائين بلند ٿي ڪري بيهي رهيو هو ۽ جبلن کان اوچو نه ٿيو هو. عهد نامه عتيق جو اهو بيان، ته سيلاب سڄي زمين تي آيو هو جي ابتڙ، اهو طوفان رڳو ڌرتيءَ جي هڪ مخصوص علائقي ۾ ئي آيو هو.


    طوفان نوح جو هنڌ يا حدون

    واديءِ دجله ۽ فرات (Mesopotamia) جا ميدان، طوفان نوح جا هنڌ ٻڌايا ويا آهن. تاريخ جون سڀئي اوائلي تهذيبون هن علائقي ۾ هيون. دجله ۽ فرات جي وچ ۾ رهڻ ڪري اها جڳهه ڪنهن وڏي طوفان جي لاءِ مناسب جڳهه ٿي سگهي ٿي. سيلاب جي حوالي سان، هن واديءَ ۾ موجود هڪ وڏو معاون سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ٻئي درياهه طغياني (چاڙهه) ۾ پنهنجن ڪپرن ۽ ڪنارن کان ڦاٽي پيا هجن ۽ سڄو سارو علائقو پاڻيءَ هيٺ آيو هجي.
    انهيءَ علائقي کي سيلاب جو هنڌ قرار ڏيڻ جو ٻيو تاريخي سبب هي آهي ته هن علائقي جي ڪيترن ئي تهذيبن جي تاريخي رڪارڊ مان ڪيئي اهڙيون شاهديون مليون آهن ته انهيءَ دور ۾ هتي سيلاب آيو هو. حضرت نوح عليه السلام جي قوم جي تباهي ڏسي ڪري، انهيءَ علائقي جي ٻين قومن انهيءَ عظيم تباهيءَ ۽ ان جي اثرن کي محفوظ ڪرڻ جو خيال ڪيو هوندو. اها ڳالهه مشهور آهي ، ته طوفان بابت اڪثر داستان واديءِ دجله ۽ فرات ۾ ئي وڌيا ويجهيا آهن. اسان جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم اهي آثار قديمه جون دريافتون آهن، جن مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته هڪ ڀيرو ضرور هن علائقي ۾ وڏو طوفان آيو هو، جنهن جي اسان اڳتي هلي وضاحت ڪنداسون. انهيءَ طوفان جي نتيجي ۾ هڪ عرصي تائين هتي زندگي معطل رهي. انهيءَ علائقي جي کوٽائين جي نتيجن ۾ هڪ وڏي تباهيءَ جي کوڙ سارن آثارن جو انڪشاف به ٿيو آهي.
    واديءِ دجله ۽ فرات ۾ ٿيندڙ کوٽائين مان انهيءَ ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي، ته هيءُ علائقو تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا دجله ۽ فرات جي چاڙهه جي ڪري ٻوڏ جي ور چڙهندو رهيو آهي. مثلاً واديءَ دجله ۽ فرات جي ڏکڻ ۾ هڪ وڏي قوم اُر ( Ur) جي حڪمران ابي سين (Ibbi-Sin) جي دور ۾ ٻه هزار قبل مسيح جي قريب هڪ سال ۾ آسمان ۽ زمين جي درميان حدن ۽ آفاق کي غرقاب ڪندڙ سيلاب کانپوءِ جي سال طور ملهايو ويندو آهي.(1) اهڙيءَ طرح 1700 قبل مسيح جي لڳ ڀڳ، بابل جي حمورابي (Hammurabi) جي دؤر جي هڪ سال کي ايشنونا (Eshnuna) شهر جي طوفان جي تباهيءَ جي سال طور ڄاتو وڃي ٿو.
    ڏهين صدي ق. م ۾ نيبومڪن ايپال (Nabu-Mukin-Apal ) جي دور حڪومت ۾ بابل شهر ۾ هڪ وڏو طوفان آيو. (2) حضرت عيسيٰ کانپوءِ ستين، اٺين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين صديءَ ۾ به هن علائقي ۾ وڏا طوفان آيا.
    ويهين صديءَ ۾ به 1925ع ، 1930ع ۽ وري 1954ع ۾ هتي طوفان آيا.(3) تاريخ جي انهن واقعن مان اهو پڌرو ٿئي ٿو، ته هيءَ وادي گهڻو ڪري طوفانن جي زد ۾ رهي ۽ جيئن قرآن حڪيم بيان ڪيو آهي، تيئن عين ممڪن آهي ته ڪنهن وڏي طوفان جي سبب اها سڄي وادي تباهه ٿي ويئي هجي.


    قديم آثار ۽ طوفان نوح

    اها ڪا اتفاقي ڳالهه ناهي جو قرآن پاڪ ۾ ذڪر ڪيل تباهيءَ کان متاثر ٿيندڙ اڳوڻين قومن جا اًهڃاڻ ۽ آثار هاڻوڪي دور جي تحقيقات جي نتيجي ۾ هٿ اچن پيا. قديم آثارن جا شاهد انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪن ٿا ته جيڪا قوم جيترو اوچتو تباهه ٿي، ان جا آثار به اوترائي مڪمل طور تي محفوظ ٿي ويا.
    جڏهن به ڪائي تهذيب قدرتي آفتن، هنگامي لڏپلاڻ يا جنگ جي ڪارڻ اوچتو تباهه ٿي، ان جا آثار بهتر طور تي محفوظ ٿي ويا. اهڙين تهذيبن جي ماڻهن جا گهر ۽ سندن استعمال هيٺ رهندڙ شيون. مٽيءَ ۾ دٻجي ڪري مختصر وقت ۾ پنهنجي اصل صورت ۾ محفوظ ٿي ويون . اهڙيءَ طرح انساني پهچ کان پري هئڻ جي ڪري، ڊگهي عرصي تائين محفوظ رهيا ۽ جڏهن به انهن جو انڪشاف ٿيو، اهي ماضيءَ جا حوالا معلومات جا املهه ذخيرا ثابت ٿيا.
    هاڻوڪي دور ۾ به طوفان نوح جي حوالي سان ڪيترائي آثار هٿ آيا آهن. ٽي هزار قبل مسيح ۾ ايندڙ انهيءَ عظيم طوفان آنًا فانًا هڪ تهذيب کي ڌرتيءَ تان مڪمل طور تي ميساري ڇڏيو ۽ اتي هڪ بلڪل نئين تهذيب ظاهر ٿي. طوفان نوح جا آثار هزارين سالن تائين محفوظ رهيا، ته جيئن بعد ۾ ايندڙ نسلن لاءِ عبرت بڻجي.
    واديءِ دجله ۽ فرات (Mesopotamia) ۾ ايندڙ انهيءَ طوفان جي تحقيق جي لاءِ هتي ڪيتريون ئي کوٽائيون ڪيون ويون. هن علائقي ۾ ٿيندڙ کوٽائين جي نتيجي ۾ هتان جي چئن شهرن ۾ طوفان نوح جا آثار هٿ لڳا آهن. واديءِ دجله ۽ فرات جا اهي چار شهر اُر (Ur)، ايرڪ (Erech)، ڪش (Kish) ۽ شروپڪ (Shuruppak) آهن.
    انهن شهرن ۾ ٿيندڙ کوٽائين مان ظاهر ٿئي ٿو، ته اهي شهر ٽي هزار سال قبل مسيح جي لڳ ڀڳ طوفان جي زد ۾ آيا هئا. سڀ کان پهريان اسان شهر ار (Ur) ۾ ٿيندڙ کوٽائين جو جائزو وٺون ٿا:
    ڪنهن به تهذيب جا سڀ کان قديم ۽ وائلي آثار شهر ار (Ur) جي کوٽائين مان آڏو آيا آهن، جيڪي ست هزار سال قبل مسيح پراڻا آهن. انهن کي هاڻي ”تل المقير“. (Tell al Muqqayar) جو نالو ڏنو ويو آهي. هڪ نهايت ئي ابتدائي تهذيب جو مرڪز هوندي، ار (Ur) هڪ اهڙو شهر هيو، جتي هڪ ٻئي پٺيان ٻيون ڪيتريون ئي تهذيبون وڌيون ويجهيون.
    ار(Ur) شهر جي قديم آثارن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هتي وڏي طوفان کانپوءِ زندگي معطل ٿي ويئي هئي ۽ تنهن کان پوءِ هڪ نئين تهذيب جنم ورتو. آر ايڇ هال (R.H.Hall) جنهن جو تعلق برٽش ميوزيم سان هيو، هن هتي پهرين کوٽائي ڪئي. آر ايڇ هال(R.H.Hall) کان پوءِ انهن کوٽائين کي جاري رکندڙ ليو نارڊ وولي (Leonard Wulley) برٽش ميوزيم ۽ پنسلوانيا يونيورسٽيءَ جي گڏيل ڪوشش ۽ ڪاوشن سان ٿيندڙ کوٽائين جي نگراني ڪئي. سڄيءَ دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ اهي کوٽايون 1922ع کان 1934ع تائين جاري رهيون.
    سر وولي (Sir Wulley) بغداد ۽ خليج فارس جي وچ واري صحرا ۾ کوٽايون ڪيون. ار (Ur) شهر جا باني ماڻهو واديءِ دجله ۽ فرات جي اتر کان آيا هئا ۽ پاڻ کي ”عبيدي“ سڏائيندا هئا. کوٽائين جو اصل مقصد انهن ئي ماڻهن بابت معلومات هٿ ڪرڻ هو. آثار قديمه جو جرمن ماهر ورنر ڪيلر (Werner Keller) ، وولي جي کوٽائين جو تفصيل هيئن بيان ڪيو آهي:
    ”ار ((Ur جي شاهن جون قبرون“ ... وولي انهن قبرن جي دريافت تي نهايت پرجوش هو. هن سميري امراي (حاڪمن ) جي انهن قبرن تي نشان لڳائي ڇڏيا، جن جو اصلي شاهاڻو شان ان وقت آڏو آيو، جڏهن هڪ عبادت گاهه جي ڏکڻ ۾ ، 50 فوٽ اوچي دڙي جي کوٽائي ڪئي ويئي، جتي انهن قبرن جي هڪ ڊگهي قطار موجود هئي. پٿرن مان ٺهيل اهي تهه خانا سچ پچ ته هڪ خزانو هئا. اهي تهه خانا قيمتي ساغرن ، حيرت ۾ وجهندڙ شڪل ۽ صورت جي صراحين ۽ گلدانن ، ڪاشيءَ جي ٿانون، موتين ۽ ٻڙن جي ڪم واري سامان ۽ مٽيءَ مان ٺهيل، چانديءَ جي تهه چڙهيل ٿانون سان ڀريل هئا. بربط (ساز جو قسم) ۽ سارنگيون ديوارن سان رکيل هيون.(4) ووليءَ، بعد ۾ پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو: ”هي سڀ ڪجهه اچانڪ ٿيو هو ۽ پوءِ ٿيندڙ دريافتن اسان جي شڪ جي تصديق ڪري ڇڏي. هڪ بادشاهه جي مقبري جي فرش هيِٺان اسان کي سڙيل ڪاٺيءَ جي رک (خاڪ) جي تهه ۾ رکيل مٽيءَ جون ڪيئي تختيون مليون، جن تي قبرن جي تحرير کان به پراڻي طرز جي لکت لکيل هئي. انهيءَ تحرير مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته اهي تختيون (الواح) 3000 ق. م جون آهن، يعني اهي مقبرن کان به، ٻه، ٽي صديون پراڻيون هيون.
    جڏهن وڌيڪ کوٽائي ڪئي ويئي، ته مٽيءَ جو نئون تهه آڏو آيو، جنهن ۾ گهريلو استعمال جي ٿانون جا ٽڪرا گهڻائيءَ ۾ موجود هئا. ماهرن جي مطابق هتي ٿانو هڪ ڊگهي عرصي تائين هڪ طرز جا رهيا. اهي ٿانو بلڪل انهن ٿانون وانگر هئا، جيڪي بادشاهن جي قبرن مان مليا هئا.يعني صدين تائين سميري تهذيب ۾ ڪا وڏي تبديلي ڪونه آئي هئي. يعني تمام جلد ئي هنن تهذيب جي حيران ڪندڙ بلندين کي ڇهي ورتو هو.
    جڏهن ڪيئي ڏينهن جي کوٽائيءَ کانپوءِ ووليءَ جي ڪارڪنن کيس ٻڌايو، ته هو سڀ کان هيٺين تهه تائين پهچي چڪا آهن ته، هو انهيءَ زميني تهه کي ڏسڻ جي لاءِ پاڻ اتي لٿو. ڏسندي ئي ووليءَ به ان کي آخري تهه سمجهيو. اهو واريءَ جو تهه هو، جيڪا پاڻيءَ جي ڪنهن وڏي ريلي (وهڪري) سان ئي جمع ٿي سگهي پيو. هنن وڌيڪ کوٽائيءَ جو فيصلو ڪيو. 6 فوٽ هيٺ گهرائيءَ تائين خالص مٽي ئي مٽي هئي، پر جڏهن هو. 10فوٽ اونهائيءَ تائين پهتا ته، مٽيءَ جو تهه اهڙيءَ طرح اچانڪ ختم ٿي ويو جهڙيءَ طرح شروع ٿيو هو. هتي کيس انساني سڪونت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا آثار نظر آيا. انهيءَ جڳهه مان ملندڙ ٿانو ۽ واهپي جون ٻيون انيڪ شيون نهايت ئي ساديون سوديون ۽ هٿ سان ِٺهيل هيون. هتي ڌاتوءَ مان ٺهيل ڪا به شيءَ ڪو نه ملي. اهي اوزار جيڪي هتان مليا سي پٿر جا ٺهيل هئا. يعني انهيءَ تهذيب جو تعلق پٿرجي دور سان هو.
    ار(ur) جي انهيءَ پهاڙيءَ جي هيٺان موجود انهيءَ مٽيءَ جي تهه جو سبب سيلاب ئي ٿي سگهي ٿو. جنهن ٻن مختلف دؤرن جي انساني تهذيبن کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو هو. ٻوڏ جي ايندڙ پاڻيءَ مٽيءَ ۾ محفوظ مختلف آبي جانورن جي آثارن جي صورت ۾ پنهنجا مستقل، واضح ۽ پڌرا نشان ڇڏيا هئا.
    خورد بيني تجزيي سان به اهو ثابت ٿي ويو، ته ار (Ur) جي پهاڙيءَ جي هيٺان، مٽيءَ جو اهو تهه سيلاب جو ئي نتيجو هو، جنهن قديم سميري تهذيب کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو هو، واديءِ دجله ۽ فرات جي صحرا (رڻ پٽ) جي هيٺان موجود انهيءَ تهه ۾ گلگا ميش جا جنگي داستان ۽ حضرت نوح عليه السلام جي داستان جا تفصيل ڪٺا ٿي ويا هئا.
    ليونارڊ وولي (Leonard Wooley) جي انهن خيالن کي ميڪس ميلون (Max Mallowon) به بيان ڪيو آهي، ته سيلاب جي ايندڙ مٽيءَ مان يڪدم ٺهندڙ اهو تهه ڪنهن وڏي ۽ خوفناڪ طوفان سان وجود ۾اچي سگهي ٿو. وولي به انهيءَ سيلابي مٽيءَ جي تهه جو ذڪر ڪيو، جنهن سميري تهذيب جي شهر ار(ur) ۽ العبيد جي شهر کان ڌار ڌار ڪري ڇڏيو هو، جنهن جا رهاڪو، سيلاب جي آثارن جي مطابق رنگين ٿانو استعمال ڪندا هئا. (5)
    اهي شاهديون ٻڌائن ٿيون ته سيلاب کان ار(ur) شهر به متاثر ٿيو هو. ورنر ڪيلر (Werner Keller) به انهن کوٽائين جي اهميت جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته مٽيءَ جي انهيءَ تهه ۾ موجود آباديءَ جا آثار ٻڌائن ٿا ته هتي هڪ عظيم سيلاب آيو هو.(6)
    سيلاب کان متاثر ٿيندڙ واديءِ دجله ۽ فرات جو ٻيو وڏو شهر سميرين جو شهر ڪش هو، جنهن کي اڄ ڪلهه ”تل الحمير“چون ٿا.
    قديم سميري ماخذن جي مطابق هيءُ شهر ڪيئي حڪمران خاندانن جي، رهڻ جو هنڌ هو. (7)
    واديءِ دجله ۽ فرات جي ڏکڻ ۾ واقع شهر شروپڪ جنهن کي ”تل فرح“ چون ٿا، اهو به سيلاب کان متاثر ٿيو. انهيءَ علائقي ۾ 1920ع کان 1930ع جي وچ ڌاري پنسلوانيا يونيورسٽيءَ جي Frich Schmidt جي اڳواڻيءَ ۾ تحقيقات ڪئي ويئي. هن علائقي ۾ ٿيندڙ کوٽائين مان انساني آبادي جي ٽن دورن جو ڏس پتو مليو، جن جو تعلق قبل تاريخ زمانه(تايخ جي اڳ واري زماني) جي آخري دور کان اُر(ur) جي ٽيئن حڪمران خاندان جي دور (2112-2004. ق م) تائين آهي. هتان ملندڙ آثارن ۾ نمايان کان نمايان اعلي طرز تي اڏيل گهر ۽ لوهه جون اهي تختيون آهن، جن تي انتظامي نوعيت جي لفظن جي لکت آهي، جيڪا 4000 هزار سال قبل مسيح جي هڪ اعلي ترقي يا فته معاشري جو ثبوت ڏيئي ٿي. (8).
    انهن دريافتن مان آڏو ايندڙ هڪ اهم نڪتو هيءُ آهي، ته انهيءَ شهر ۾ 3000-2900 ق.م ۾ خوفناڪ سيلاب آيو هو، ميلون (Mallawon ) جي بيان ڪيل تفصيل جي مطابق شمٽ (Schmidt) 4کان 5 ميٽر گهرائيءَ کانپوءِ زرد مٽيءَ جي تهه تائين پهتو، جيڪو (سيلاب جي نتيجي ۾) مٽيءَ ۽ واريءَ مان وجود ۾ آيو. مٽيءَ جو اهو تهه هموار زمين ۾، دڙن دڪن جي بنست گهٽ گهرائيءَ تي واقع آهي. شمت (Schmitdt ) انهيءَ کي مٽي ۽ واريءَ جو محلول (مرڪب) قرار ڏنو، جيڪا حڪمران نصر جي قديم بادشاهت جي وقت کان موجود هئي ۽ درياهه ۾ ملندڙ واريءَ جهڙي هئي، جيڪا طوفان نوح سان ئي آئي.(9) شروپڪ شهر ۾ ٿيندڙ کوٽائين مان به 3000-2900 ق. م جي وچ ڌاري آيل سيلاب جا آثار مليا. غالباً هيءُ شهر به ٻين شهرن وانگر طوفان نوح کان شديد متاثر ٿيو هو.(10)
    سيلاب کان متاثر هاڻوڪو لڌل شهر ايرڪ آهي، جيڪو شروپڪ جي ڏکڻ ۾ واقع آهي ۽ هينئر ”تل الورقه“سڏجي ٿو. ٻين شهرن وانگر هتي به سيلاب جي مٽيءَ جو تهه موجود آهي، جنهن جو تعلق ٻين شهرن وانگر 3000-2900 ق.م جي دور سان آهي.(11)
    دجله درياهه ۽ فرات پنهنجي واديءَ کي هڪ سري کان ٻئي سري تائين ڪٽن ٿا. آثارن مان ائين ٿو لڳي ته ، طوفان جي دوران اهي ٻئي درياهه ۽ پاڻيءَ جا ٻيا ننڍا وڏا مڙئي ذريعا ڦاٽي نڪتا ۽ شديد برساتن جي موجودگيءَ ۾ هڪ عظيم طوفان ۾ تبديل ٿي ويا، قرآن حڪيم جي مطابق:
    فَفَتَحۡنَاۤ اَبۡوَابَ السَّمَآءِ بِمَآءٍ مُّنۡہَمِرٍ ﴿۫ۖ۱۱﴾ وَّ فَجَّرۡنَا الۡاَرۡضَ عُیُوۡنًا فَالۡتَقَی الۡمَآءُ عَلٰۤی اَمۡرٍ قَدۡ قُدِرَ ﴿ۚ۱۲﴾ (سورة القمر: 12-11 )
    ”سو اسان آسمان جا دروازا زبردست برسات سان کولي ڇڏيا (۽ مينهن پرٽجي پيو).۽ (ان سان گڏ) زمين مان چشما وهائي ڇڏياسين. سو (آسمان ۽ زمين جو) پاڻي گڏجي پيو ۽ (الله جي حڪم) موجب ٺهرايل حد تائين چڙهيو.“
    جيڪڏهن اسان سيلاب جي سببن جو، هڪ ٻئي پٺيان جائزو وٺون ته ، اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو سيلاب بلڪل هڪ قدرتي عمل هو. انهيءَ سيلاب جو معجزاڻو پهلو سڀني سببن جو هڪ ئي وقت ڪٺو ٿيڻ ۽ حضرت نوح عليه السلام جو پنهنجي قوم کي، وقت کان اڳ اطلاع ڏيڻ هو.
    تحقيقات وسيلي، آڏو ايندڙ معلومات مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سيلاب کان متاثر ٿيندڙ علائقو اوڀر ۽ اولهه کان تقريباً 160 ڪلوميٽر (ويڪر۾) ۽ اتر ۽ ڏکڻ کان 600 ڪلوميٽر ڊيگهه ۾ پکڙيل آهي. يعني سيلاب پوري واديءِ دجله ۽ فرات کي پنهنجي زد ۾ ورتو. سيلاب کان متاثر ٿيندڙ شهر يعني اُر، ايرڪ، شروپڪ ۽ ڪش به هڪ قطار ۾ واقع آهن. انهيءَ ڪري انهن چئني شهرن جي آبادي ۽ آس پاس وارا علائقا سيلاب کان متاثر ٿيا. وڌيڪ اهو ته 3000 ق-م هن علائقي جي جاگرافيائي بيهڪ ۽ بناوٽ به اڄ کان بلڪل مختلف هئي. انهيءَ دور ۾ فرات جو تهه اڄ جي ڀيٽ ۾ اوڀر طرف گهڻو هو. اهڙيءَ طرح هيءُ اُر، ايرڪ، شروپڪ ۽ ڪش کان گذرندو هو. اهڙي ئي طرح جڏهن ”آسمان ۽ زمين جي پاڻيءَ جا چشما ڦاٽي نڪتا“ ته فرات پنهنجي ڪنارن کان ٻاهر وهي نڪتو ۽ چار ئي شهر تباهه ۽ برباد ٿي ويا.


    سيلاب جو تذڪرو ڪندڙ مذهب ۽ قومون

    اهي سموريون قومون، جن ڏانهن نبي سڳورا حق جو پيغام کڻي آيا، انهيءَ سيلاب کان آگاهه هيون. تنهن هوندي به هيءُ واقعو پنهنجي اصلي يا بدليل شڪل ۾ انهن قومن جي مقامي داستانن جو به حصو بڻجي ويو.
    الله تعاليٰ، طوفان نوح جي خبر پنهنجي نبين سڳورن ۽ ڪتابن جي ذريعي مختلف قومن تائين پهچائي، ته جيئن اها سندن جي لاءِ نصيحت ۽ عبرت جو سامان ٿئي. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هر دؤر ۾ آسماني ڪتابن ۾ تحريف ڪئي ويئي ۽ طوفان نوح جي تفصيل ۾ به ديو مالائي عنصر شامل ٿي ويا. رڳو قرآن پاڪ ئي واحد آسماني ڪتاب آهي، جنهن جي تفصيلات جي جديد تحقيق به تصديق ٿي ڪري. ڇو ته قرآن ڪريم کي هر طرح جي مٽا سٽا ۽ تبديلي کان محفوظ رکڻ جي ذميداري، الله سائينءَ پاڻ کنئي آهي ۽ قرآن هميشه جي لاءِ الله پاڪ جي حفاظت ۾ آهي.
    اِنَّا نَحۡنُ نَزَّلۡنَا الذِّکۡرَ وَ اِنَّا لَہٗ لَحٰفِظُوۡنَ (سورة الحجر:9 )
    ”بيشڪ اسان پاڻ الذڪر (يعني قرآن، جيڪو سرار نصيحت آهي) نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسان پاڻ ان جا نگهبان آهيون.“
    هاڻي اسان انهيءَ ڳالهه جو جائزو وٺندا سون ته طوفان نوح جو تذڪرو، تحريف ڪيل شڪل ۾.... قديم عهد نامي ۽ جديد عهد نامي ۾ ۽ مختلف قومن جي روايتن ۾ ڪهڙيءَ طرح ڪيو ويو آهي.


    قديم عهد نامي ۾ طوفان نوح جو تذڪرو

    حضرت موسيٰ عليه السلامتي توريت نازل ڪيو ويو. اڄ اصل نازل ٿيندڙ توريت مان ڪجهه به موجود ناهي ۽ هاڻوڪي ”صحف خمسه“ جو اصل وحي ٿيل توريت سان ڪو واسطو ڪونهي. يهودي عالمن انجي متن کي به ڦير ڦار (تحريف) جو نشانو بڻايو. بني اسرائيل جي ٻين نبين سڳورن تي نازل ٿيندڙ ڪتاب به انهيءَ تغير ۽ تبدل (ڦير ڦار) جو شڪار ٿيا. انهيءَ ڪري اسان مجبور آهيون ته، انهن صحيفن کي اسان ”محرف صحف موسوي“ (يعني حضرت موسيٰ عليه السلامجا تحريف ٿيل صحيفا) جو نانءُ ڏيون، جيڪي اصلي وحيءَ جي مضمون کي بيان ڪرڻ بدران، مختلف قبيلن جي حالات ۽ تاريخ تي مشتمل آهن. تنهن هوندي به اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي جو انهن تبديلين جي باوجود توريت جو موجوده متن طوفان نوح کي بيان ڪري ٿو ۽ ان جون ڪيئي ڳالهيون قرآن شريف جي بيان سان به ڪي قدر مشابهت رکن ٿيون.
    عهد نامه قديم جي مطابق، الله تعاليٰ حضرت نوح عليه السلام کي خبردار ڪيو ته، جيئن ته زمين گناهن سان ڀرجي ويئي آهي، تنهنڪري ايمان وارن کانسواءِ باقي سڀني کي هلاڪ ڪيو ويندو. پوءِ هن حضرت نوح عليه السلام کي ٻيڙي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس پنهنجي گهرواري، ٽنهي پٽن، سندن زالن ۽ هر زنده شيءِ جي جوڙن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪرڻ لاءِ چيو .
    ستن ڏينهن کانپوءِ جڏهن سيلاب جو وقت آيو ته زمين هيٺان پاڻيءَ جا سموار چشما ڦاٽي نڪتا ۽ آسمان کان به پاڻي وسڻ لڳو ۽ هڪ عظيم سيلاب هر شيءِ جو گهيرو ڪيو. اهو سيلاب چاليهه ڏينهن ۽ رات جاري رهيو. نوح عليه السلام جي ٻيڙي پاڻيءَ ۾ ترندي رهي. اهڙيءَ طرح رڳو ٻيڙيءَ جا سوار ئي محفوظ رهيا. جڏهن ته انهن کان سواءِ هر ساهوارو سيلاب (ٻوڏ) جي حوالي ٿي ويو. سيلاب کانپوءِ ئي برسات بند ٿي ۽ ان جي 150هين ڏينهن کانپوءِ سيلاب جو پاڻي گهٽ ٿيو.
    ستين مهيني جي سترهين ڏينهن، ٻيڙي پهاڙيءَ تي اچي بيهي رهي. حضرت نوح عليه السلام هڪ پکي (ڳيري) کي موڪليو ته جيئن پاڻيءَ جي لهي وڃڻ جي خبر ملي. جڏهن پکي واپس ڪو نه آيو، ته پاڻ سمجهايائون ته پاڻي لهي ويو آهي. پوءِ الله پاڪ کين ٻيڙيءَ مان لهي ، زمين ۾ پکڙجي وڃڻ جو حڪم ڏنو.
    عهد نامي جو اهو بيان گهڻن ئي تضادن تي ٻڌل آهي. مثال طور ان جي هڪڙي متن ۾ حضرت نوح عليه السلام جي مدت به مختلف بيان ڪئي ويئي آهي، ڪٿي 40 ڏينهن ته ڪٿي وري 50 ڏينهن بيان ڪئي وئي آهي. قديم عهدنامي ۾ مختلف هنڌن تي طوفان نوح جو تذڪرو هينئن بيان ڪيو ويو آهي:
    ”۽ خدا، نوح کي چيو ته سڀني ماڻهن جو خاتمو منهنجي آڏو اچي پهتو آهي، ڇو ته انهن جي ڪري زمين ظلم سان ڀرجي وئي آهي، تنهنڪري ڏس! مان زمين سميت انهن کي هلاڪ ڪندس.“
    تون پنهنجي لاءِ ٻيڙي ٺاهه، انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڪوٺڙيون تيار ڪجانءِ ۽ ان جي اندر ۽ ٻاهر چيڙهه جي کؤنر لڳائجانءِ.
    ۽ ائين ڪجانءِ جو ٻيڙيءَ جي ڊيگهه ٽي سو هٿ، ان جي ويڪر پنجاهه هٿ ۽ ان جي اوچائي ٽيهه هٿ هجي.
    ۽ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ هڪ روشندان ٺاهجانءِ، ۽ مٿان کان هڪ هٿ ڇڏي، ان کي پورو ڪجانءِ ۽ انهيءَ ٻيڙي جو دروازو ان جي پاسي ۾ رکجانءِ، ۽ ان ۾ ٽي درجا ٺاهجانءِ ،هيٺيون، ٻيون ۽ ٽيون.
    ۽ ڏس! مان پاڻ زمين تي طوفان آڻڻ وارو آهيان ته جيئن هر شهر کي جنهن ۾ زندگيءَ جو دم آهي، دنيا مان ختم ڪريان ۽ جيڪي زمين تي آهن مري وڃن. پر توسان مان پنهنجو عهد قائم رکندس ۽ تون ٻيڙيءَ ۾ وڃجانءِ ، تون ۽ توسان گڏ تنهنجا پٽ ۽ پٽن جون زالون.
    ۽ جانورن جي هر قسم مان ٻه ٻه پاڻ سان ٻيڙيءَ ۾ کڻج، ته جيئن اهي توسان گڏ جيئرا رهن.
    ۽ پکين جي مڙني قسمن منجهان ۽ چوپاين جي هر قسم مان ۽ زمين تي سرندڙن (جيتن) جي هر قسم مان ٻه ٻه تو وٽ اچن ته جيئن اهي جيئرا رهي سگهن.
    ۽ تون هر طرح جي کاڌي جي شيءِ کڻي پاڻ وٽ جمع ڪجانءِ ڇو ته اهوئي تنهنجي ۽ انهن جي کائڻ لاءِ هوندو.
    ۽ نوح ائين ئي جيئن ان کي خدا حڪم ڏنو هو، ان طرح ئي عمل ڪيائين.“ (پيدائش- 6: 22-13)
    ”۽ ستين مهيني جي سترهين تاريخ تي ٻيڙي ارارط جي جبلن تي بيهي رهي.“ (پيدائش-6: 8-4)
    ”سڀاڻي پاڪ جانورن مان ست ست نر ۽ مادي کڻجانءِ ۽ انهن مان جيڪي پاڪ ناهن ٻه ٻه نر ۽ انهن جي مادي پاڻ سان کڻجانءِ.“
    ۽ هوا جي پکين منجهان به ست ست نر ۽ مادي کڻجانءِ ته جيئن زمين تي انهن جو جو نسل باقي رهي.“ (پيدائش- 7:3- 2)
    ”۽ مان انهيءَ عهد کي قائم رکندس ته سڀئي جاندار طوفان جي پاڻيءَ سان ٻيهر هلاڪ نه ٿيندا ۽ نه ڪڏهن زمين کي تباهه ڪرڻ لاءِ ٻيهر طوفان ايندو.“ (پيدائش: 11-8)
    قديم عهد نامي جي مطابق ته: ”زمين تي موجود هر ساهوارو مري ويندو.“ هڪ عالمگير طوفان جي ذريعي سڀني ماڻهن کي سزا ڏني ويئي ۽ رڳو اهي ئي ماڻهو محفوظ رهيا، جيڪي حضرت نوح عليه السلام سان گڏ ٻيڙيءَ تي سوار هئا.


    جديد عهد نامي ۾ طوفان نوح جو تذڪرو

    جديد عهدنامو به، ڪنهن لحاظ کان وحي تي ٻڌل ڪتاب ناهي، بلڪه هي حضرت عيسيٰ جي حالات تي مشتمل آهي. هن جو آغاز اناجيل اربعه (چئن انجيلن) کان ٿئي ٿو، جيڪو حضرت عيسيٰ کان هڪ سو سال بعد متي، مرقس، لوقا ۽ يوحنا لکيو، جيڪي ڪڏهن به حضرت عيسيٰ سان گڏ ڪونه رهيا. انهن چئني انجيلن ۾ به واضح تضاد آهن، خاص ڪري يوحنا وارو انجيل باقي ٽن انجيلن کان بلڪل مختلف آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين هڪ ٻئي جي مشابهه آهن. جديد عهد نامي جا بقايا ڪتاب مختلف لکتن تي مشتمل آهن، جيڪي حضرت عيسيٰ کان پوءِ جي رسولن سڳورن جا حالات بيان ڪن ٿا. تنهن ڪري جديد عهد نامو ڪنهن به طرح الوهي ڪتاب ناهي، بلڪه نيم تاريخي نوعيت جو ڪتاب چئي سگهجي ٿو.
    جديد عهد نامي ۾ طوفان نوح جو تذڪرو هن طرح ڪيو ويو آهي:
    ” حضرت نوح عليه السلام کي گمراهه قوم ڏانهن هدايت جو پيغام ڏيئي ڪري موڪليو ويو پر انهن گمراهيءَ جي واٽ ورتي. تنهن تي الله پاڪ نافرمانن کي طوفان جي وسيلي هلاڪ ڪيو ۽ ايمان وارن کي حضرت نوح عليه السلام سان گڏ ٻيڙيءَ تي سوار ڪري نجات ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.“
    جديد عهد نامي جي انهيءَ مضمون کي بيان ڪرڻ جا مختلف هنڌ هي آهي:
    ”جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٿيو، تيئن ئي ابن آدم جي اچڻ جو وقت ٿيندو.“
    ڇو ته جهڙيءَ طرح طوفان کان اڳ وارن ڏينهن ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا ۽ شادي وهانءُ ڪندا هئا، ان ڏينهن تائين جو نوح ٻيڙيءَ ۾ داخل ٿيو.
    ”۽ جيستائين طوفان اچي انهن سڀني کي وهائي نه ويو، انهن کي پتو نه پيو. اهڙيءَ طرح ابن آدم جو اچڻ ٿيندو.“ (متي- 24: 29-27)
    ۽ نڪي پهرين دنيا کي ڇڏيائون، بلڪه بي دين دنياتي طوفان موڪلي ڪري راستبازيءَ جي دعوت ڏيندڙ نوح کي ۽ ٻين ستن ماڻهن کي بچائي ورتو.“ (پطرس جو ٻيو خط- 2:5)
    ۽ جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٿيو هو، اهڙيءَ طرح ابن آدم جي ڏينهن ۾ به ٿيندو.
    ته ماڻهو کائيندا پيئندا هئا ۽ انهن ۾ شادي وهانءُ ٿيندو هو. ان ڏينهن تائين جڏهن نوح ٻيڙيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ طوفان سڀني کي اچي هلاڪ ڪيو. (لوقا-27:28-26
    جيڪي انهيءَ اڳلي زماني ۾ نافرمانيون هيون، جڏهن خدا نوح کي صبر ۽ تحمل ڪري ترسائي رهيو هو ۽ ٻيڙي تيار ٿي رهي هئي، جنهن تي سوار ٿي ڪري ٿورڙا يعني اٺ ڄڻا بچيا.“
    (پطرس:1-203)
    هو ڄاڻي واڻي، اهو وساري ويٺا ته خدا جي ڪلام جي ذريعي آسمان قديم کان موجود آهن ۽ ڌرتي پاڻيءَ منجهان ٺهي ۽ پاڻيءَ ۾ قائم آهي.
    انهيءَ ذريعي سان هن زماني جي دنيا ٻڏي مري کپي ويئي.
    (پطرس: 11-203)


    ٻين قومن وٽ طوفان نوح جو تذڪرو

    سميري تهذيب:
    ”رانليل“ نالي هڪ ديوتا ماڻهن کي ٻڌايو ته ٻيا ديوتا انسانيت کي تباهه ڪرڻ گهرن ٿا، پر هو پاڻ ان کي بچائڻ گهري پيو. انهيءَ ڪهاڻيءَ جو هيرو سيپر شهر جو مخلص بادشاهه ”زيو سودار“ آهي. رانليل ديوتا، زيو سودرا کي ڇوٽڪاري جو طريقو ٻڌايو.
    جيتوڻيڪ موجوده متن ۾ ٻيڙيءَ جو ذڪر موجود ڪونهي مگر زيو سودرا، نجات جي اسباب ۾ ٻيڙيءَ جي موجودگيءَ جا اشارا ملن ٿا. سيلاب جي بابلي تفصيلات تي ڀاڙيندي اهو نتيجو آسانيءَ سان اخذ ڪري سگهجي ٿو ته سميري تفصيلات ۾ سيلاب جا ڪارڻ ۽ ٻيڙي ٺاهڻ جي معاملن جو تذڪرو به موجود هو.
    بابلي تهذيب:

    هتي سميري هيرو زيو سودرا جو هم منصب هيرو ات نپشتم آهي، جڏهن ته ٻيو نمايان ڪردار گلگاميش آهي. پيرائتي داستان جي مطابق گلگاميش بقا جي راز جي ڳولا ڪرڻ جو عزم ڪيو. کيس اهڙي خطرناڪ سفر جي ڏکائين کان آگاهه ڪيو ويو. ٻڌايو ويو ته هو اهڙي سفر تي نڪتو آهي، جنهن ۾ هن کي خطرناڪ پهاڙين ۽ موتمار درياهن مان گذرڻو پوندو. اهڙيءَ طرح جو سفر سج ديوتا ”شمس“ جي حمايت سان ئي طئي ٿي سگهي ٿو، پر گلگاميش استقامت سان بيٺو رهيو ۽ نيٺ ات نپشتم تائين پهچڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو.
    انهن ٻنهي جي ملاقات جي تفصيل جو ڪو ذڪر ڪو نه ٿو ملي. ات نپشتم، گلگاميش کي ٻڌايو ته موت ۽ حيات جا اسرار ديوتا پاڻ وٽ رکندا آهن ۽ ڪنهن کي به انهيءَ کا آگاهه ناهن ڪندا. تنهن تي گلگاميش، هن کان پڇيو ته هن ڪهڙيءَ طرح بقا ماڻي، جنهن جي جواب ۾ هن گلگاميش کي طوفان جو داستان ٻڌاي.انهيءَ طوفان جو تذڪرو گلگاميش جي جنگي ذڪر جي مشهور ٻارهن تختين ۾ به ملي ٿو.
    ات نپشتم ، گلگاميش کي ٻڌايو ته اهو ديوتائن جو هڪ راز آهي. هن ٻڌايو ته ان جو تعلق عڪاد جي سرزمين جي اوائلي ۾ اوائلي شهرن مان هڪ شهر شروپڪ ما ن آهي، انهيءَ تفصيل جي مطابق ”اي“ (Ea) پنهنجي جهوپڙيءَ سان کيس مخاطب ٿيندي ٻڌايو، ته، سمورا ديوتا زمين تان هر نشان کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن پر انهيءَ تباهي ءَ جو سبب ڪونهي ٻڌايو ويو. ”اي“(Ea) ديوتا، هڪ ٻيڙيءَ ٺاهڻ جو چيو، جنهن ۾ هن کي تمام زنده شين جي ٻجن (بنياد) کي محفوظ ڪرڻو هو. ديوتا هن کي ٻيڙيءَ جي شڪل ۽ بناوٽ ۽ تور ماپ ۽ وزن به ٻڌايو. انهيءَ ٻيڙيءَ جي ڊيگهه، ويڪر ۽ اوچائي پاڻ ۾ هڪ جيتري هئي. جڏهن طوفان آيو ته، هن ڇهن ڏينهن راتين ۾ سڀ ڪجهه اونڌو ڪري ڇڏيو. ستين ڏينهن طوفان ختم ٿي ويو. ات نپشتم ٻاهر اچي ڏٺو ته هر طرف گپ ۽ گارو پکڙيل آهي. ٻيڙي”ڪوه نسير“ تي اچي بيهي رهي.
    سميري ۽ بابل جي تاريخ جي مطابق ”زري شهروزيا خشيره“ هڪ 925 ميٽر ڊگهي ٻيڙيءَ جي ذريعي انهيءَ طوفان کان بچي سگهيو. ساڻس گڏ، سندس خاندان، دوست، ڪجهه پکي ۽ جانور به هئا. انهيءَ طوفان ۾ آسمان کان تمام گهڻو پاڻي وسيو، سمنڊ ۽ درياهه گهڻي پاڻيءَ جي ڪري پنهنجي ڪپرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ نيٺ ٻيڙي ”ڪوه ڪوريڊا“ تي اچي بيهي رهي.
    آشوري- بابلي تاريخ جي مطابق ”عبرتو تو يا خسيره“ پنهنجي خاندان، سان گڏ، پکين ۽ جانورن سان بچي ويو. هن جي ٻيڙي 600 هٿ ڊگهي ۽ 60 هٿ اوچي ۽ ويڪري هئي. سيلاب 6 ڏينهن رات تائين جاري رهيو. جڏهن ٻيڙي ”ڪوه نذار“ تي پهتي ته ٻيڙي مان ڇڏيل فاخته واپس آئي پر ڪانءُ واپس ڪو نه آيو.
    سميري، آشوري ۽ بابلي تاريخ جي ڪجهه احوالن جي مطابق ڇهن ڏينهن راتين تائين جاري رهندڙ انهيءَ طوفان ۾ رڳو ات نپشتم ۽ انجو خاندان ئي محفوظ رهيو. جڏهن ستين ڏينهن هن ٻاهر ڏٺو ته طوفان ختم ٿي چڪو هو ۽ هر طرف مٽي ۽ گپ گارو پکڙيو پيو هو. جڏهن ٻيڙي ”ڪوه نذار“ تي اچي بيٺي ته هن هڪ ڪبوتر ، هڪ ڪانءُ ۽ هڪ جهرڪ ٻاهر موڪليو، ڪانءُ لاشن کي پٽڻ لڳو جڏهن ته ٻيا ٻه پکي اڏامي ويا ۽ واپس ڪونه آيا.
    هند جي معرو ف جنگي ماهرن شتاپٿ، برهمنه ۽ مها ڀارتيه جي مطابق منو ۽ رشي ئي طوفان کان محفوظ رهيا. داستان جي مطابق جڏهن منو هڪ مڇيءَ کي پڪڙڻ کانپوءِ ڇڏي ڏنو ته اها هڪدم وڏي ٿي ويئي ۽ هن منو کي طوفان جو اطلاع ڏنو ۽ چيائينس ته هو هڪ ٻيڙي ٺاهي ۽ انکي پنهنجي سڱن سان ٻڌي ڇڏي. اها مڇي ديوتا وشنوءَ جو پر توو (مظهر ) هئي. انهيءَ مڇيءَ سيلاب ۾ ٻيڙيءَ کي سنڀالي رکيو ايستائين جو ٻيڙي اتر ۾ ”ڪوه هسموت “(Himvat ) تي اچي بيهي رهي.
    ويلز:
    برطانيا جي ڪلٽ (Celt) علائقي جي معروف داستان جي مطابق دوائنون (Dwynwen ) ۽ دوائفڪ (Dwyfach) هڪ عظيم طوفان ۾ ٻيڙي ءَ ۾ سوار ٿي ڪري بچي ويا. جڏهن لنليون (Liynllion) جنهن کي ڇولين (موجن) جي ڍنڍ به چوند ا آهن، مان اٿندڙ اهو عظيم طوفان ختم ٿيو ته دوائنون ۽ دوائفڪ برطانيه کي نئين سر آباد ڪيو.
    سڪينڊي نيويا:
    نارڊڪ ايڊ (Nordic Edda) جي ڪهاڻين مطابق برگالمير (Bergalmir) ۽ سندس زال هڪ عظيم طوفان ۾ هڪ وڏي ٻيڙيءَ ۾ ويهي ڪري محفوظ رهيا.
    لٿونيا:
    لٿونيائي داستانن جي مطابق ڪجهه ماڻهو ۽ جانور هڪ عظيم طوفان ۾ هڪ پهاڙي ءَ جي چوٽيءَ تي پناهه وٺي محفوظ رهيا. جڏهن طوفان جون لهرون پهاڙ جي چوٽيءَ تي پهتيون ته خداوند انهن ڏانهن هڪ وڏو خول ڦٽو ڪيو، جنهن تي سوار ٿي ڪري، هو انهيءَ المناڪ تباهيءَ کان محفو رهيا.
    چين:
    چيني داستانن جي مطابق هڪ شخص ياؤستن ٻين ماڻهن سان گڏ يا رڳو پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ڪري طوفان ۽ زلزلن کان محفوظ رهيا . انهيءَ طوفان ۾ هر طرف پاڻي ڦاٽي نڪتو ۽ زمين تباهه ۽ برباد ٿي ويئي. نيٺ طوفان ختم ٿي ويو.
    يوناني ڏندڪٿائون:
    جڏهن ماڻهو تمام گهڻا بدڪار ٿي ويا. ته زيئسس ديوتا انهن کي هڪ طوفان جي ذريعي تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. رڳو ڊيوڪيلئن (Deucalion) ۽ سندس گهرواري طوفان کان محفوظ رهيا. ڇو ته ان کي ۽ سندس پٽ کي هڪ ٻيڙي تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو. اهي ٻئي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ جي نائين ڏينهن ٻيڙي مان ”ڪوه پرناسوس“ تي لٿا.
    اهي سمورا داستان هڪ واضح تاريخي حقيقت بيان ڪن ٿا تاريخ گواهه آهي ته هر قوم تائين الله جي هدايت جو پيغام پهتو ۽ اهڙيءَ طرح اڪثر قومون طوفان نوح کان آگاه ٿي ويون. پر جڏهن ماڻهو وحي کان پري ٿي ويا، ته طوفان نوح جا واقعا پيڙهي به پيڙهي ڦيرڦار جو شڪار ٿي ويا ۽ اهڙيءَ طرح داستانن جو روپ ورتائون. حضرت نوح عليه السلام جي قوم ۽ طوفان نوح جي تفصيل کي پوري سنجيدگيءَ ۽ سچائيءَ سان بيان ڪرڻ وارو واحد ڪتاب قرآن حڪيم آهي. قرآن پاڪ اسان جي آڏو نه رڳو طوفان نوح بلڪه ٻين ڪيترين ئي قومن جي باري ۾ به تاريخي واقعا بيان ڪري ٿو. ايندڙ بابن ۾ اسان قرآن حڪيم جي بيان ڪيل انهن ئي حقيقي واقعن جو مطالعو ۽ اڀياس ڪنداسون.


    باب ٻيو ؛ حضرت ابراهيم عليه السلام جي زندگيءَ جاحالات

    حضرت ابراهيم عليه السلام جي زندگيءَ جاحالات

    مَا کَانَ اِبۡرٰہِیۡمُ یَہُوۡدِیًّا وَّ لَا نَصۡرَانِیًّا وَّلٰکِنۡ کَانَ حَنِیۡفًا مُّسۡلِمًا ؕ وَ مَا کَانَ مِنَ الۡمُشۡرِکِیۡنَ ﴿۶۷﴾ اِنَّ اَوۡلَی النَّاسِ بِاِبۡرٰہِیۡمَ لَلَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُ وَ ہٰذَا النَّبِیُّ وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ؕ وَ اللّٰہُ وَلِیُّ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۶۸﴾ (سورة آل عمران: 68-67 )
    ”(حضرت) ابراهيم عليه السلام نڪي يهودي هو نڪي نصراني (عيسائي) (نڪي ڪنهن ٻئي گروه بنديءَ جو پيروي ڪندڙ هو) بلڪه (پنهنجي زماني جي سڀني گمراهين کان) پاڪ، حق تي هلندڙ خدا جو فرمانبردار ٻانهو هو. يقناً هو مشرڪين منجهان نه هو. حقيقتاً (حضرت) ابراهيم عليه السلام کي ويجها ماڻهو ته اهي آهن جن سندس پيروي ڪئي ۽ پڻ هي نبي ( حضرت محمد ﷺ) ۽ جن مٿس ايمان آندو آهي (سي حضرت ابراهيم عليه السلام کي ويجها آهن، نه اهي جن خدائي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري فرقا ٺاهيو آهي ۽ توحيد جي راهه کان هٽي ويا آهن) ۽ ياد رکو ته الله انهن جو مددگار ۽ محافظ آهي جيڪي سچو ايمان رکن ٿا.“
    قرآن حڪيم ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جو تذڪرو اڪثر هنڌن تي ڪيو ويو آهي. الله تعالي، حضرت ابراهيم عليه السلام کي خاص طور تي ماڻهن جي لاءِ بطور مثال (اسوه) جي بيان ڪيو آهي. پاڻ پنهنجي بت پرست قوم کي الله جو پيغام ڏنائون ۽ انهن کي بڇڙي انجام کان ڊيڄاريائون ته هو الله کان ڊڄن. سندس قوم ڏنل آگاهيءَ کي ٻڌڻ بدران هن جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏني. پوءِ جڏهن سندس قوم جا ظلم حد اورانگهي ويا، ته کين پنهنجي گهرواريءَ، حضرت لوط  ۽ پنهنجي ڪجهه پوئلڳن سان گڏجي، ڪنهن ٻيءَ جاءِ ڏانهن هجرت ڪرڻي پيئي.
    حضرت ابراهيم عليه السلام جو تعلق حضرت نوح عليه السلام جي آل سان هو. قرآن حڪيم جي مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام حضرت نوح عليه السلام جي پيروي ڪري رهيا هئا.
    سَلٰمٌ عَلٰی نُوۡحٍ فِی الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۷۹﴾ اِنَّا کَذٰلِکَ نَجۡزِی الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿۸۰﴾ اِنَّہٗ مِنۡ عِبَادِنَا الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۸۱﴾ ثُمَّ اَغۡرَقۡنَا الۡاٰخَرِیۡنَ ﴿۸۲﴾ وَ اِنَّ مِنۡ شِیۡعَتِہٖ لَاِبۡرٰہِیۡمَ ﴿ۘ۸۳﴾
    (سورة الصٰفٰت: 83-79 )
    ”سڀني (ماڻهن ۾ يا سڀني) جهانن ۾ (حضرت) نوح تي سلام هجي (يا سلامتي هجي مٿس.) بيشڪ اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙي ئي طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون. بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. پوءِ اسان ٻين کي ٻوڏ ۾ غرق ڪري ڇڏيو. ۽ يقيناً سندس جماعت مان (يعني سندس طريقي تي هلندڙ) (حضرت ) ابراهيم به هو.“
    حضرت ابراهيم عليه السلام جي زماني ۾ واديءِ دجله ۽ فرات جي ميدانن۽ اناطوليه جي وسط (وچ) ۽ مشرق (اوڀر) ۾ رهندڙ ڪيترائي ماڻهو سج، چنڊ ستارن ۽ سيارن جي پوڄا ڪندا هئا. هنن جو سڀ کان اهم ديوتا ”چنڊ ديوتا“ هو، جنهن کي سن (Sin) چوندا هئا. انهيءَ ديوتا کي ڊگهي ڏاڙهيءَ واري انسان جي صورت ۾ تراشيو ويو هو، جيڪو هلال (پهرين تاريخ جي چنڊ) جي شڪل واري چنڊ جو لباس پهريل هو. ان سان گڏ اهي ماڻهو، انهن ديوتائن جو تصويرون ۽ مجسما ٺاهيندا هئا، جن کي هو پوڄيندا هئا. سندن عقيدن ۽ عبادتن جو اهو هڪ وسيع نظام هو، جيڪو مشرق جي انهن ملڪن ۾ پکڙيل ۽ هڪ طويل عرصي تائين هتي موجود رهيو .انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو انهن ديوتائن کي 600 عيسويءَ تائين پوڄيندا رهيا .انهيءَ عقيدي جي اثرن هيٺ واديءِ دجله ۽ فرات کان اناطوليه جي مرڪز تائين ڪيترائي، زيگورات (Ziggurats) نالي پوڄا گهر تعمير ڪيا ويا، جيڪي عبادت گاهن کانسواءِ بطور رصد گاه جي به استعمال ٿيندا هئا ۽ هتي ديوتائن، خاص ڪري ”چنڊ ديوتا“ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. (12)
    عقيدن ۽ عبادتن جو اهو نظام جنهن جو انڪشاف اڄ آثارن هٿ اچڻ تي ٿيو آهي، قرآن مجيد ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. قرآن پاڪ جي بيان مطابق، حضرت ابراهيم عليه السلام انهن ڪوڙن خدائن جي عبادت ڪرڻ کي رد ڪندي، هڪ ٻئي سچي خدا جي عبادت اختيار ڪئي. قرآن پاڪ حضرت ابراهيم عليه السلام جي طريقي کي هيئن بيان ڪيو:
    وَ اِذۡ قَالَ اِبۡرٰہِیۡمُ لِاَبِیۡہِ اٰزَرَ اَتَتَّخِذُ اَصۡنَامًا اٰلِہَۃً ۚ اِنِّیۡۤ اَرٰىکَ وَ قَوۡمَکَ فِیۡ ضَلٰلٍ مُّبِیۡنٍ ﴿۷۴﴾ وَ کَذٰلِکَ نُرِیۡۤ اِبۡرٰہِیۡمَ مَلَکُوۡتَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ لِیَکُوۡنَ مِنَ الۡمُوۡقِنِیۡنَ ﴿۷۵﴾ فَلَمَّا جَنَّ عَلَیۡہِ الَّیۡلُ رَاٰ کَوۡکَبًا ۚ قَالَ ہٰذَا رَبِّیۡ ۚ فَلَمَّاۤ اَفَلَ قَالَ لَاۤ اُحِبُّ الۡاٰفِلِیۡنَ ﴿۷۶﴾ فَلَمَّا رَاَ الۡقَمَرَ بَازِغًا قَالَ ہٰذَا رَبِّیۡ ۚ فَلَمَّاۤ اَفَلَ قَالَ لَئِنۡ لَّمۡ یَہۡدِنِیۡ رَبِّیۡ لَاَکُوۡنَنَّ مِنَ الۡقَوۡمِ الضَّآلِّیۡنَ ﴿۷۷﴾ فَلَمَّا رَاَ الشَّمۡسَ بَازِغَۃً قَالَ ہٰذَا رَبِّیۡ ہٰذَاۤ اَکۡبَرُ ۚ فَلَمَّاۤ اَفَلَتۡ قَالَ یٰقَوۡمِ اِنِّیۡ بَرِیۡٓءٌ مِّمَّا تُشۡرِکُوۡنَ ﴿۷۸﴾ اِنِّیۡ وَجَّہۡتُ وَجۡہِیَ لِلَّذِیۡ فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ حَنِیۡفًا وَّ مَاۤ اَنَا مِنَ الۡمُشۡرِکِیۡنَ ﴿ۚ۷۹﴾ (سورة الانعام: 79-74 )
    ”۽ (ڏسو!) ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو ته ڇا توهان (پٿر جي) بتن کي معبود ڪري ٿا مڃو؟ مان يقين سان سمجهان ٿو ته تون ۽ تنهنجي قوم کليل ۽ چٽي گمراهي ۾ مبتلا آهيو. ۽ اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن جي ۽ زمين جي بادشاهت جا جلوا ڏيکاري ڇڏيا، انهيءَ لاءِ ته هو يقين رکڻ وارن مان ٿي پوي. پوءِ جڏهن هن تي رات جي اونڌاهي اچي ويئي تڏهن هن هڪڙو تارو (زهره آسمان ۾ چمڪندي) ڏٺو. هن چيو ته هي منهنجو پروردگار آهي (جنهن جي بندگي سڀ ماڻهو ڪن ٿا.) پر جڏهن اهو تارو لهي ويو تڏهن چيائين ته مان انهن شين کي پسند نٿو ڪريان جي گم ٿي وڃن ٿيون. پوءِ جڏهن چنڊ چمڪندو اڀريو تڏهن ابراهيم چيو ته هي منهنجو پروردگار آهي، پر جڏهن اهو به لهي ويو، تڏهن چيائين ته جيڪڏهن منهنجي پروردگار مون کي واٽ نه ڏيکاري هجي ها ته مان ضرور انهيءَ قوم منجهان ٿيان ها جي سڌي واٽ ڀلجي پري نڪري ويا آهن. پوءِ جڏهن (حضرت ابراهيم) سج اڀرندو ڏٺو، تڏهن چيائين ته هي منهنجو پروردگار آهي، هي سڀني کان وڏو آهي، پر جڏهن اهو به لهي ويو تڏهن چيائين ته اي منهنجي قوم! توهان جن کي خدا سان شريڪ ٺهرايو ٿا تن کان مان بيزار آهيان. مون هر طرف کان منهن موڙي فقط انهيءَ هستيءَ ڏي پنهنجو رخ ڪيو آهي جو (بنايل ناهي پر) آسمان ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي ۽ (جنهن جي حڪم ۽ قانون تي آسمان ۽ زمين جي سڀ مخلوقات هلي رهي آهي.) ۽ مان انهن مان نه آهيان جي ساڻس شريڪ ٿا ٺهراين.
    قرآن پاڪ ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جي ڄمڻ جي هنڌ ۽ وطن جو تفصيلي ذڪر موجود ناهي. البته حضرت لوط  ڏانهن موڪليل فرشتن جو، حضرت ابراهيم عليه السلام وٽ اچڻ ۽ سندن زوجه محترمه کي ٻار جي ولادت جي خوشخبري ڏيڻ جو ذڪر بيان ڪيو ويو آهي، ته حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت لوط  ، همعصر هئا ۽ هڪ ٻئي جي ويجهو به رهندا هئا.
    قرآن پاڪ ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام بابت بيان ڪيل هڪ اهم واقعو ، جنهن جو ذڪر قديم عهد نامي ۾ ناهي، سو ڪعبته الله جي تعمير آهي. قرآن مجيد ۾ اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته انهيءَ جي اڏاوت حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ سندس پٽ حضرت اسمعيل  ڪئي. اڄ مؤرخن کي ڪعبة الله جي ماضيءَ بابت رڳو ايتري ڄاڻ آهي ته اهو ڪعبة الله قديم زماني کان هڪ مقدس جاءِ رهي آهي. حضور ﷺ جن کان اڳ، جاهليت جي دور ۾ ڪعبة الله ۾ بت رکڻ جو عمل، حضرت ابراهيم عليه السلام تي نازل ٿيندڙ آسماني مذهب جي تعليمات ۾ تحريف ۽ بگاڙ جي عمل جو نتيجو هو.


    قديم عهد نامي ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جو تذڪرو

    حضرت ابراهيم عليه السلام بابت مفصل معلومات جو ذريعو قديم عهد نامو آهي. جيتوڻيڪ انجو بيان ڪيل اڪثر تفصيل معتبر ناهي. قديم عهد نامي جي مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام اُر (Ur) شهر ۾ 1900 قبل مسيح ۾ پيدا ٿيو، جيڪو واديءِ نيل جي ميدانن جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع، پنهنجي دؤر جو هڪ مشهور شهر هو. جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام پيدا ٿيو ته سندس نالو ”ابراهام“ نه بلڪه ”ابرام“ رکيو ويو، جنهن کي بعد ۾ خدا وند ڪريم تبديل ڪرڻ فرمايو.
    قديم عهد نامي جي مطابق هڪ ڏينهن خداوند تعالي حضرت ابراهيم عليه السلام کي حڪم ڏنو ته، هو پنهنجو وطن ۽ ماڻهو ڇڏي هڪ اڻ ڄاتل ملڪ ڏانهن هجرت ڪري ۽ اُتي نئين بستيءَ جو بنياد رکي. 75 سالن جو حضرت ابراهيم عليه السلام انهيءَ پڪار تي لبيڪ چئي ۽ پنهنجي اهليه ”سارائي.“ جنهن کي بعد ۾ ”ساره“ يعني شهزادي چيو ويو ۽ ڀائٽي حضرت لوط سان گڏجي نڪري پيو. انهيءَ چونڊيل زمين ڏانهن سفر جي دوران، هو ڪجهه دير لاءِ حران ۾ ترسيا ۽ وري پنهنجو سفر جاري رکيائون. جڏهن پاڻ ارض موعود يعني واديءِ ڪنعان ۾ پهتا، ته کين ٻڌايو ويو ته هيءَ جڳهه سندن لاءِ خاص طور تي چونڊي کين عطا ڪئي ويئي آهي. جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام 99 سالن جا ٿيا، پاڻ الله تعاليٰ سان عهد ڪيائون ۽ سندن نالو مَٽايو ويو. سندن وفات 175 ورهين جي ڄمار ۾ ٿي ۽ کين اولهندي ڪناري ۾ حبرون (الخليل) جي شهر ۾، ميڪپيلا (Machpelah) جي غار ۾ دفن ڪيو ويو. اها جڳهه اڄ ڪلهه اسرائيل جي قبضي هيٺ آهي. اها جاءِ حضرت ابراهيم عليه السلام ڪجهه رقم ڏيئي ڪري خريد ڪئي هئي. اها سندس ۽ ڪٽنب جي ارض موعود ۾ پهرين ملڪيت هئي.


    قديم عهد نامو ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جي ولادت جو هنڌ

    حضرت ابراهيم عليه السلام جي ڄمڻ جو هنڌ، هميشه بحث جو موضوع رهيو آهي. عيسائين ۽ يهودين جي دعويٰ آهي ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي ولادت واديءِ دجله ۽ فرات جي ڏکڻ ۾ ٿي. جڏهن ته اسلامي دنيا جي نقطه نظر مطابق سندن ولادت عرفه حرّان جي ويجهي علائقي ۾ ٿي. جديد تحقيقات ٻڌائي ٿي ته، يهودين ۽ عيسائين جو نظريو حقيقت تي ٻڌل ناهي.
    يهودي ۽ عيسائي پنهنجي دعويٰ قديم عهد نامي جي آڌار تي ڪن ٿا ۽ ان تي ئي ڀاڙين ٿا. قديم عهد نامي جي مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام واديءِ دجله ۽ فرات جي ڏاکڻي شهر اُر (Ur) ۾ پيدا ٿيا. انهيءَ شهر ۾ ڄمڻ ۽ شروعاتي زندگي گذراڻ کانپوءِ، قديم عهد نامي مطابق، پاڻ مصر روانا ٿي ويا ۽ هڪ طويل سفر کانپوءِ مصر پهتا. سفر دوران پاڻ ترڪيءَ جي علائقي حرّان مان به لنگهيا.
    البته قديم عهدنامي جي ملندڙ هاڻوڪي هڪ نسخي، انهيءَ سموري تصور کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي. ٽئين صدي قبل مسيح جي انهيءَ يوناني نسخي ۾ ، جنهن کي قديم عهد نامي جو سڀ کان جهوني ۾ جهونو نسخو تسليم ڪيو ويو آهي. اُر (Ur) شهر جو ڪو به ذڪر ناهي، هاڻوڪي دور جي اڪثر محققن جي مطابق ذڪر ٿيل اُر (Ur)يا ته غلط آهي يا بعد ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. چئبو ته حضرت ابراهيم عليه السلام اُر(Ur) شهر ۾ پيدا ناهن ٿيا ۽ نڪي پنهنجي حياتيءَ ۾ پاڻ ڪڏهن واديءِ دجله ۽ فرات ڏانهن ويا.
    ان کان سواءِ اڪثر جڳهن ۽ علائقن جا نالا وقت سان گڏوگڏ تبديل به ٿيندا رهندا آهن . اڄ واديءِ دجله ۽ فرات مان مراد عراقي سرزمين جو اهو ڏاکڻو حصو آهي، جيڪو فرات درياهه ۽ دجله جي وچ ۾ موجود آهي. جڏهن ته اڄ کان ٻه هزار سال اڳ انهيءَ واديءِ مان مراد اهو اتريون علائقو هيو، جيڪو حرّان تائين، ايستائين جو موجوده ترڪي جي علائقن تائين پکڙيل هو. انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسان قديم عهد نامي ۾ ڄاڻايل واديءِ دجله ۽ فرات جي ميدانن کي درست به مڃيون ته تڏهن به اهو تصور ڪرڻ سراسر غلط ٿيندو ته ٻه هزار سال اڳ جي واديءِ دجله ۽ فرات ۽ اڄوڪي وادي هڪ ئي هنڌ آهي.
    جيتوڻيڪ حضرت ابراهيم عليه السلام جي ڄمڻ واري شهر اُر(Ur) جي هنڌ تي اختلاف آهن پر اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته، حرّان ۽ ان جي قريبي علائقن ۾ سندن قيام رهيو وڌيڪ اهو ته قديم عهد نامي تي ڪئي ويندڙ تحقيق به انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي، ته سندن ڄمڻ جو هنڌ حرّان آهي. مثلاً قديم عهد نامي ۾ حرّان جي علائقي کي ”واديءِ ارم“ قرار ڏنو ويو آهي. (پيدائش 11: 131 ۽10:28) ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جي خاندان جي فردن کي ”ابنائي ارمي“ قرار ڏنو ويو آهي. (استثنا. 5:26)
    اسلامي ماخذن جي مطابق انهيءَ ڳالهه جو پڪو ۽ پڌرو ثبوت موجود آهي ته، حضرت ابراهيم عليه السلام جي ڄمڻ جو هنڌ حرّان ۽ عرفه آهي. عرفه ۾ ، جنهن کي پيغمبرن جي سرزمين چيو ويندو آهي، حضرت ابراهيم عليه السلام بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيو ن ۽ داستان مشهورآهن.


    قديم عهد نامي ۾ تحريف ڇو ڪئي ويئي؟

    قديم عهد نامي ۽ قرآن مجيد جي بيان ڪيل تفصيل مان ابراهيم عليه السلام ۽ ابراهام ٻه مختلف پيغمبر معلوم ٿين ٿا. قرآن پاڪ جي مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام کي بت پرست قوم ڏانهن بطور پيغمبر ڪري موڪليو ويو. اهي ماڻهو سج، چنڊ ۽ ستارن ۽ ٻين بتن جي پرستش ڪندا هئا. پاڻ سندن عقيدن ۽ عبادت جي نظام جي خلاف جدوجهد ڪيائون . انهن کي هٿ ٺوڪيل ۽ جڙتو توهماتي (وهمي) عقيدن کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائون، جنهن جي نتيجي ۾ ، سڄو سماج، ايستائين جو سندن والد به دشمن ٿي بيٺو.
    جڏهن ته قديم عهد نامي ۾ انهيءَ تفصيلات مان ڪجهه به ڄاڻايل ناهي. کين باهه ۾ اڇلايو وڃڻ، برادريءَ جي بتن کي ڀڃڻ وغيره جو قديم عهد نامي ۾ بيان ڪونهي ڪيو ويو. بلڪه ان ۾ کين يهودين جي پَڙَ ڏاڏي طور بيان ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه واضح آهي ته قديم عهد نامي ۾ سندن بابت اهو تصور ، يهودين پنهنجي نسلي مٿڀرائپ ثابت ڪرڻ جي لاءِ شامل ڪيو. يهودين جو عقيدو آهي ته، هو خدا جي چونڊيل ۽ هميشه لاءِ اعليٰ ۽ برتر قوم آهي. پنهنجي انهيءَ عقيدي کي بيان ڪرڻ لاءِ هنن کليو کلايو الوهي صحيفي ۾ ڦير ڦار ڪئي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو قديم عهد نامي ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام کي يهودين جي پڙ ڏاڏي طور بيان ڪيو ويو آهي.
    عيسائي، جيڪي قديم عهد نامي کي تسليم ڪن ٿا، اهي به حضرت ابراهيم عليه السلام کي يهودين جو پڙڏاڏو مڃين ٿا، پر انهن وٽ يهودي نه بلڪه عيسائي آهن. عيسائي نسلي حضرت ابراهيم عليه السلام جي برتريءَ کي يهودين وانگر وڌيڪ اهميت ڪونه ٿا ڏين، انهن جو اهو اختلافي موقف ٻنهي مذهبن جي وچ ۾ اختلاف جو بنياد آهي. انهن جي دليلن جي وضاحت قرآن ۾ الله تعالي هيئن فرمائي آهي:
    یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ لِمَ تُحَآجُّوۡنَ فِیۡۤ اِبۡرٰہِیۡمَ وَ مَاۤ اُنۡزِلَتِ التَّوۡرٰىۃُ وَ الۡاِنۡجِیۡلُ اِلَّا مِنۡۢ بَعۡدِہٖ ؕ اَفَلَا تَعۡقِلُوۡنَ ﴿۶۵﴾ ہٰۤاَنۡتُمۡ ہٰۤؤُلَآءِ حَاجَجۡتُمۡ فِیۡمَا لَکُمۡ بِہٖ عِلۡمٌ فَلِمَ تُحَآجُّوۡنَ فِیۡمَا لَیۡسَ لَکُمۡ بِہٖ عِلۡمٌ ؕ وَ اللّٰہُ یَعۡلَمُ وَ اَنۡتُمۡ لَا تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۶۶﴾ مَا کَانَ اِبۡرٰہِیۡمُ یَہُوۡدِیًّا وَّ لَا نَصۡرَانِیًّا وَّلٰکِنۡ کَانَ حَنِیۡفًا مُّسۡلِمًا ؕ وَ مَا کَانَ مِنَ الۡمُشۡرِکِیۡنَ ﴿۶۷﴾ اِنَّ اَوۡلَی النَّاسِ بِاِبۡرٰہِیۡمَ لَلَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُ وَ ہٰذَا النَّبِیُّ وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ؕ وَ اللّٰہُ وَلِیُّ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۶۸﴾ (سورة آل عمران: 68-65 )
    ”اي اهل ڪتاب ! توهان (حضرت ) ابراهيم عليه السلام بنسبت ڇو جهڳڙو ڪري رهيا آهيو؟ (ته هن جو طريقو يهودين جو طريقو هو يا نصرانيت جو طريقو هو.) حالانڪه تورات ۽ انجيل (جن جي نالي ۾ اهي جماعتون يهودين ۽ عيسائين جون ٺهيون سي.) (حضرت) ابراهيم عليه السلام کان گهڻو پوءِ نازل ٿيا. (پوءِ جنهن گروه بنديءَ جو انهيءَ وقت وجود ئي ڪونه هو، تنهن جو پيروي ڪندڙ هو ڪيئن ٿي سگهي ٿو) ڇا توهان (اهڙي سولي ڳالهه به) سمجهي نٿا سگهو. ڏسو! توها ن اهي ماڻهو آهيو جن انهن ڳالهين متعلق ئي جهڳڙا ڪيا، جن بابت (اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه) علم هو. پر هن ڳالهه بابت ڇو ٿا جهڳڙو ڪيو، جنهن بابت توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي. الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، توهان ڪجهه به نٿا ڄاڻو. (حضرت) ابراهيم عليه السلام نڪي يهودي هو نڪي نصراني (عيسائي) (نڪي ڪنهن ٻئي گروه بندي جو پيروي ڪندڙ هو.) بلڪه (پنهنجي زماني جي سڀني گمراهين کان) پاڪ، حق تي هلندڙ خدا جو فرمانبردا ٻانهو هو. يقيناً هو مشرڪين منجهان نه هو. حقيقاً (حضرت) ابراهيم عليه السلام کي ويجها ماڻهو ته اهي آهن جن سندس پيروي ڪئي ۽ پڻ هي نبي (حضرتﷺ) ۽ جن مٿس ايمان آندو آهي (سي حضرت ابراهيم کي ويجها آهن، نه اهي جن خدائي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري فرقا ٺاهيا آهن ۽ توحيد جي راهه کان هٽي ويا آهن) ۽ ياد رکو! ته الله انهن جو مددگار ۽ محافظ آهي جيڪي سچو ايمان رکن ٿا.“
    الغرض قديم عهد نامي جي تفصيلات جي برعڪس (ابتڙ) قرآن پاڪ جي مطابق حضرت ابراهيم عليه السلام اها شخصيت آهي، جنهن پنهنجي قوم کي الله جي اطاعت ڪرڻ جي ترغيب ۽ ان جي عذاب کان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي نوجوانيءَ وارن ڏينهن کان ئي پاڻ پنهنجي بت پرست قوم کي بت پرستي ترڪ ڪرڻ جي تلقين ڪيائون. سندن قوم ردعمل ۾ کين قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي قوم جي ظلمن کان بچي وڃڻ تي پاڻ نيٺ هجرت ڪيائون.


    باب ٽيون

    حضرت لوط عليه السلام جي قوم جو احوال

    کَذَّبَتۡ قَوۡمُ لُوۡطٍۭ بِالنُّذُرِ ﴿۳۳﴾ اِنَّاۤ اَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِمۡ حَاصِبًا اِلَّاۤ اٰلَ لُوۡطٍ ؕ نَجَّیۡنٰہُمۡ بِسَحَرٍ ﴿ۙ۳۴﴾ نِّعۡمَۃً مِّنۡ عِنۡدِنَا ؕ کَذٰلِکَ نَجۡزِیۡ مَنۡ شَکَرَ ﴿۳۵﴾
    وَ لَقَدۡ اَنۡذَرَہُمۡ بَطۡشَتَنَا فَتَمَارَوۡا بِالنُّذُرِ ﴿۳۶﴾ (سورة القمر: 36- 33 )
    ”(حضرت) لوط جي قوم به خبردار ڪندڙ (پيغمبرن) کي نه مڃيو. اسان هنن جي مٿان پٿرن جو مينهن وسايو سواءِ (حضرت) لوط جي ماڻهن جي. انهن کي اسان اسر جي وقت (شهر مان ڪڍي ٻاهر ڪيو ۽ تباهه ٿيڻ کان) بچائي ورتو. اهو (مٿن) اسان جو فضل ٿيو. اسان اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن کي چٽو بدلو ڏيندا آهيون، جيڪي خدا جي نعمت جو قدر ڪندا آهن (۽ سندس حڪمن تي هلندا آهن.) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته (حضرت) لوط هنن کي اسان جي سخت پڪڙ بابت خبردار ڪيو هو پر هو ان تنبيهه بابت جهڳڙو ڪندا رهيا.“
    حضرت لوط عليه السلام ، حضرت ابراهيم عليه السلام جو همعصر هو. کين حضرت ابراهيم عليه السلام جي ويجهن ماڻهن ڏانهن نبي بڻائي موڪليو ويو. اهي ماڻهو قرآن پاڪ جي بيان مطابق، غير فطري عمل يعني لواطت وارو ڪم ڪندا هئا. جنهن جي ان وقت تائين دنيا کي خبر ڪونه هئي جڏهن حضرت لوط عليه السلام انهن کي غير فطري عمل ۽ بدڪاريءَ کان منع ڪئي ۽ الله پاڪ جي عذاب کان ڊيڄاريو ته، هنن نه رڳو حضرت لوط عليه السلام جي حق جي دعوت جو انڪار ڪيو، بلڪه سندس نبوت جي به تڪذيب ڪئي ۽ پنهنجي ڪُڌي عمل تي ڄميا بيٺا رهيا. نيٺ سندن انجام اهو ٿيو جو اهي هڪ خوفناڪ تباهيءَ جي ذريعي هلاڪ ڪيا ويا.
    قديم عهد نامي ۾ حضرت لوط عليه السلام جي شهر کي ”سدوم“سڏيو ويو آهي. تحقيقات جي مطابق بحيره احمر (Read Sea) جي اتر ۾ واقع اهو شهر اهڙيءَ طرح تباهه ٿيو، جهڙيءَ طرح ان جو تفصيل قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. قديم آثارن جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته، هيءُ شهر بحيره مردار (Dead Sea) جي علائقي ۾ واقع آهي، جيڪو اسرائيل ۽ اردن جي سرحد سان گڏوگڏ پکڙيل آهي. انهيءَ تباهيءَ جي آثارن جي مطالعي کان اڳ اسان اهو، ڏسون ٿا ته قوم لوط کي اهڙيءَ طرح سزا ڇو ڏني ويئي.
    قرآن حڪيم حضرت لوط عليه السلام جي دعوت و انذار (ڊيڄارڻ) ۽ ان جي رد عمل ۾ سندس قوم جي رويي کي هيئن ٿو بيان ڪري:
    کَذَّبَتۡ قَوۡمُ لُوۡطِۣ الۡمُرۡسَلِیۡنَ ﴿۱۶۰﴾ۚۖ اِذۡ قَالَ لَہُمۡ اَخُوۡہُمۡ لُوۡطٌ اَلَا تَتَّقُوۡنَ ﴿۱۶۱﴾ۚ اِنِّیۡ لَکُمۡ رَسُوۡلٌ اَمِیۡنٌ ﴿۱۶۲﴾ۙ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۶۳﴾ۚ وَ مَاۤ اَسۡـَٔلُکُمۡ عَلَیۡہِ مِنۡ اَجۡرٍ ۚ اِنۡ اَجۡرِیَ اِلَّا عَلٰی رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۶۴﴾ؕ اَتَاۡتُوۡنَ الذُّکۡرَانَ مِنَ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۶۵﴾ۙ وَ تَذَرُوۡنَ مَا خَلَقَ لَکُمۡ رَبُّکُمۡ مِّنۡ اَزۡوَاجِکُمۡ ؕ بَلۡ اَنۡتُمۡ قَوۡمٌ عٰدُوۡنَ ﴿۱۶۶﴾ قَالُوۡا لَئِنۡ لَّمۡ تَنۡتَہِ یٰلُوۡطُ لَتَکُوۡنَنَّ مِنَ الۡمُخۡرَجِیۡنَ ﴿۱۶۷﴾ قَالَ اِنِّیۡ لِعَمَلِکُمۡ مِّنَ الۡقَالِیۡنَ ﴿۱۶۸﴾ؕ (سورة الشعراءَ: 168-160 )
    ”(ساڳيءَ طرح) (حضرت) لوط جي قوم جي ما ڻهن به رسولن کي نه مڃيو. ڏسو! سندن برادريءَ جي ماڻهن کي (حضرت) لوط عليه السلام چيو ته (افسوس توهان سخت شرمناڪ ۽ غلط ڪم ڪري رهيا آهيو) . ڇا توهان خدا (جي عذاب) کان ڊڄوئي نٿا. يقيناً مان اوهان ڏي رسول ڪري موڪليل آهيان، ۽ (توهان کي معلوم آهي ته) مان امين آهيان (مون تي اعتبار ڪيو مان توهان کي توهان جي ئي چڱائي لاءِ ضروري نصيحت ٿو ڏيان). ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو. ۽ (ياد رکو ته) مان هن ڪم لاءِ (يعني خدائي حڪمن پهچائڻ جي عيوض) توهان کان ڪو به اجورو ڪونه ٿو گهران، منهنجو اجورو ته جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي. ڇا سڄي جهان ۾ توهان ئي آهيو جي نرن ڏي (بد فعليءَ لاءِ) وڃون ٿا؟ (يا سڄي جهان ۾ توهان کي رڳو نر ئي بدفعليءَ لاءِ پسند آهن ڇا؟ ) ۽ توهان جي لاءِ توهان جي پروردگار جيڪي زالون پيدا ڪيون آهن تن کي ڇڏي ٿا ڏيو (۽ ڇوڪرن ۽ مردن ڏي ٿا وڃو) حقيقت هيءَ آهي ته توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي ليڪو لنگهي بيٺا آهيو. هنن (فاحش ماڻهن) جواب ڏنو ته اي لوط! جيڪڏهن تون (هن واعظ ۽ نصيحت کان) باز نه ايندين ته اسان توکي ضرور (هن ملڪ مان ئي) ڪڍي ڇڏينداسين. (تنهن تي) (حضرت لوط) چيو ته مون کي اوهان جي (برن) عملن کان سخت نفرت آهي (سو مان پاڻ اوهان وٽ رهڻ ۾ راضي نه آهيان.)“
    يعني حق جي واٽ ڏانهن سڏڻ جي جواب ۾ قوم کين ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون. قوم، هدايت واري واٽ ڏانهن سڏڻ ڪري ، سندس مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ کين ايمان وارن سان گڏ وطن مان نڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ آخرڪار پاڻ پنهنجي ساٿين سان گڏجي خدائي حڪم موجب مصر ڏانهن هليا ويا. ٻين هنڌن تي قرآن حڪيم انهيءَ تفصيل کي هيئن بيان ڪيو:
    وَ لُوۡطًا اِذۡ قَالَ لِقَوۡمِہٖۤ اَتَاۡتُوۡنَ الۡفَاحِشَۃَ مَا سَبَقَکُمۡ بِہَا مِنۡ اَحَدٍ مِّنَ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۸۰﴾ اِنَّکُمۡ لَتَاۡتُوۡنَ الرِّجَالَ شَہۡوَۃً مِّنۡ دُوۡنِ النِّسَآءِ ؕ بَلۡ اَنۡتُمۡ قَوۡمٌ مُّسۡرِفُوۡنَ ﴿۸۱﴾ وَ مَا کَانَ جَوَابَ قَوۡمِہٖۤ اِلَّاۤ اَنۡ قَالُوۡۤا اَخۡرِجُوۡہُمۡ مِّنۡ قَرۡیَتِکُمۡ ۚ اِنَّہُمۡ اُنَاسٌ یَّتَطَہَّرُوۡنَ ﴿۸۲﴾
    (سورة الاعراف: 82-80 )
    ”۽ (لوط کي به اسان هڪڙي قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو.“ هن پنهنجي قوم کي چيو ته (وڏي شرم جي ڳالهه آهي) ڇا توهان اهڙو بي شرميءَ جو ڪم ٿا ڪيو جو اوهان کان اڳي سڄي جهان ۾ ڪنهن نه ڪيو. (يعني) توهان عورتن کي ڇڏي مردن ڏي شهوت راني ڪرڻ لاءِ ويندا آهيوڇا؟ بلڪه (افسوس ۽ شرم!) توهان (فطرت جي) حدن کان ٻاهر نڪري ويا آهيون. پر هن جي قوم جي جواب ٻيو ڪو به ڪونه هو سواءِ هن جي جو چوڻ لڳا ته هنن (يعني حضرت لوط ۽ ايمان وارن) کي پنهنجي شهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍو. اهي ماڻهو (ڏسو جو) اچي پاڪ ۽ صاف بڻيا آهن!.
    حضرت لوط، قوم کي هڪ واضح سچائيءَ جي طرف سڏيو ۽ بڇڙي انجام کان به ڊيڄاريو پرانهيءَ ڊيڄارڻ طرف قوم ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو ۽ حضرت لوط عليه السلام جي دعوت ۽ عذاب کان ڊيڄارڻ کي لڳاتار ٿڏيندا ۽ ڪوڙو ڪندا رهيا. ارشاد رباني آهي:
    وَ لُوۡطًا اِذۡ قَالَ لِقَوۡمِہٖۤ اِنَّکُمۡ لَتَاۡتُوۡنَ الۡفَاحِشَۃَ ۫ مَا سَبَقَکُمۡ بِہَا مِنۡ اَحَدٍ مِّنَ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۲۸﴾ اَئِنَّکُمۡ لَتَاۡتُوۡنَ الرِّجَالَ وَ تَقۡطَعُوۡنَ السَّبِیۡلَ ۬ۙ وَ تَاۡتُوۡنَ فِیۡ نَادِیۡکُمُ الۡمُنۡکَرَ ؕ فَمَا کَانَ جَوَابَ قَوۡمِہٖۤ اِلَّاۤ اَنۡ قَالُوا ائۡتِنَا بِعَذَابِ اللّٰہِ اِنۡ کُنۡتَ مِنَ الصّٰدِقِیۡنَ ﴿۲۹﴾
    (سورة العنکبوت: 29-28 )
    ”۽ (حضرت) لوط عليه السلام کي به اسان (هڪڙي قوم ڏي) پيغمبر ڪري موڪليو. هن انهيءَ قوم جي ماڻهن کي چيو ته توهان اهڙا بي شرميءَ جا ڪم ٿا ڪيو، جهڙا توهان کان اڳي سڄي جهان ۾ ڪنهن به نه ڪيا. ڇا توهان (عورتن جي بجاءِ) مردن ڏي ٿا وڃو؟ ۽ پڻ رهزني ٿا ڪيو؟ (يعني واٽن تي ويهي مسافرن کي ٿا لٽيو ۽ ڦريو؟) ۽ پنهنجي مجلسن ۾ به اهو ساڳيو نفرت جهڙو ڪم ٿا ڪيو. پر سندس قوم جي ماڻهن وٽ (انهن سمجهاڻين متعلق) فقط هي ئي جواب هو جو کيس چيائون ته جيڪڏهن تون سچو آهين (هن ڳالهه ۾ ته اسان تي عذاب ايندو.) ته ڀلا آڻ اسان تي خدا جو عذاب.“
    جڏهن حضرت لوط عليه السلام پنهنجي قوم جو اهو طرز عمل ڏٺو ته هن الله تعاليٰ کان مدد گهري:
    قَالَ رَبِّ انۡصُرۡنِیۡ عَلَی الۡقَوۡمِ الۡمُفۡسِدِیۡنَ (سورة العنکبوت: 30 )
    ”اي منهنجا پروردگار! منهنجي هنن (ظالمن ۽) بگاڙو وجهندڙ ماڻهن جي خلاف مدد ڪر.“
    رَبِّ نَجِّنِیۡ وَ اَہۡلِیۡ مِمَّا یَعۡمَلُوۡنَ (سورة الشعراء: 169 )
    ”(۽ حضرت لوط عليه السلام پوءِ خدا کي پڪاريو ته) اي منهنجا پروردگار! مون کي ۽ منهنجي خاندان جي ماڻهن کي هنن (فاحش) ماڻهن جي عملن (جي شامت کان يا سندن ظلم) کان بچائي وٺ.“
    حضرت لوط عليه السلام جي انهيءَ دعا تي، الله تعالي انساني صورت ۾ ٻه فرشتا موڪليا. حضرت لوط عليه السلام ڏانهن اچڻ کان اڳ، فرشتا، حضرت ابراهيم عليه السلام جي خدمت سڳوري ۾ آيا. فرشتن حضرت ابراهيم عليه السلام کي اها خوشخبري ڏيڻ کانپوءِ ته، کيس هڪ پٽڙو ٿيندو، پنهنجي اچڻ جو مقصد بيان ڪيو، ته هو حضرت لوط عليه السلام جي نافرمان قوم کي تباهه ڪرڻ لاءِ آيا آهن:
    قَالَ فَمَا خَطۡبُکُمۡ اَیُّہَا الۡمُرۡسَلُوۡنَ ﴿۳۱﴾ قَالُوۡۤا اِنَّاۤ اُرۡسِلۡنَاۤ اِلٰی قَوۡمٍ مُّجۡرِمِیۡنَ ﴿ۙ۳۲﴾ لِنُرۡسِلَ عَلَیۡہِمۡ حِجَارَۃً مِّنۡ طِیۡنٍ ﴿ۙ۳۳﴾ مُّسَوَّمَۃً عِنۡدَ رَبِّکَ لِلۡمُسۡرِفِیۡنَ ﴿۳۴﴾
    (سورة الذاريات: 34-31 )
    ”(حضرت ابراهيم) چيو ته اي خدا جا موڪليل (فرشتؤ! هاڻي ٻڌايو ته) توهان ڪهڙي ڪم لاءِ موڪليا ويا آهيو. هنن جواب ۾ چيو ته اسان هڪڙي سخت گنهگار قوم جي ماڻهن ڏي موڪليا ويا آهيون. انهيءَ لاءِ (ته) مٿن پڪل پٿر وسايون. جيڪي (پٿر) تنهنجي پروردگار وٽان انهن ماڻهن لاءِ نشان ڪيل ۽ مقرر ڪيل آهن جيڪي گناهن ۾ ليڪو لنگهي بيٺا آهن. (يعني سدوم ۽ غموره جي ماڻهن تي پٿر وسائينداسين. جيڪي حضرت لوط عليه السلام کي نٿا مڃين. پوءِ هو هليا ويا.)“
    اِلَّاۤ اٰلَ لُوۡطٍ ؕ اِنَّا لَمُنَجُّوۡہُمۡ اَجۡمَعِیۡنَ ﴿۵۹﴾ اِلَّا امۡرَاَتَہٗ قَدَّرۡنَاۤ ۙ اِنَّہَا لَمِنَ الۡغٰبِرِیۡنَ ﴿٪۶۰﴾
    (سوره: الحجر: 60-59 )
    ”مگر هڪ خاندان اُتي لوط عليه السلام جو آهي. ان خاندان جي سڀني ڀاتين کي اسان بچائي وٺنداسين. مگر سندس زال نه بچندي، هن جي لاءِ اسان جو اندازو ٿي چڪو آهي ته هوءَ پٺتي رهندڙن سان شامل ٿيندي.“
    حضرت ابراهيم عليه السلام کان موڪلائڻ بعد، الله پاڪ جا موڪليل اهي فرشتا، حضرت لوط عليه السلام وٽ آيا. جيئن ته حضرت لوط عليه السلام انهن سان اڳ ۾ ڪڏهن ڪونه مليا هئا، تنهنڪري انهن کي ڏسندي ئي پريشان ٿي ويا، پر پوءِ بعد ۾ ساڻن گفتگو ڪرڻ تي اطمينان محسوس ڪرڻ لڳا:
    وَ لَمَّا جَآءَتۡ رُسُلُنَا لُوۡطًا سِیۡٓءَ بِہِمۡ وَ ضَاقَ بِہِمۡ ذَرۡعًا وَّ قَالَ ہٰذَا یَوۡمٌ عَصِیۡبٌ
    (سورة هود: 77 )
    ”۽ جڏهن اسان جا فرشتا (حضرت) لوط وٽ پهتا تڏهن هو سندن اچڻ تي خوش ڪونه ٿيو، ۽ سندن موجودگي کيس پريشان ڪري وڌو. هن چئي ڏنو ته اڄوڪو ڏينهن وڏي مصيبت جو ڏينهن آهي.“
    قَالَ اِنَّکُمۡ قَوۡمٌ مُّنۡکَرُوۡنَ ﴿۶۲﴾ قَالُوۡا بَلۡ جِئۡنٰکَ بِمَا کَانُوۡا فِیۡہِ یَمۡتَرُوۡنَ ﴿۶۳﴾ وَ اَتَیۡنٰکَ بِالۡحَقِّ وَ اِنَّا لَصٰدِقُوۡنَ ﴿۶۴﴾ فَاَسۡرِ بِاَہۡلِکَ بِقِطۡعٍ مِّنَ الَّیۡلِ وَ اتَّبِعۡ اَدۡبَارَہُمۡ وَ لَا یَلۡتَفِتۡ مِنۡکُمۡ اَحَدٌ وَّ امۡضُوۡا حَیۡثُ تُؤۡمَرُوۡنَ ﴿۶۵﴾ وَ قَضَیۡنَاۤ اِلَیۡہِ ذٰلِکَ الۡاَمۡرَ اَنَّ دَابِرَ ہٰۤؤُلَآءِ مَقۡطُوۡعٌ مُّصۡبِحِیۡنَ ﴿۶۶﴾ (سورة الحجر: 66-62 )
    ” (تڏهن حضرت لوط عليه السلام کين) چيو ته توهان ته ڪي ڌار يا ماڻهو ٿا ڏسجو. هنن چيو ته اها ڳالهه ناهي، بلڪه اسان تو وٽ اُها ڳالهه کڻي آيا آهيون جنهن بابت ماڻهو شڪ آڻيندا هئا (يعني تباهيءَ جي خبر، جنهن تباهيءَ بابت هي ماڻهو مسخريون ڪندا هئا. اسان جو اچڻ هڪڙي حق جي ڳالهه لاءِ آهي، ۽ اسان بيشڪ سچي ڳالهه ٿا ٻڌايون. ۽ گهرجي ته جڏهن ڪجهه رات اڃان رهيل هجي، تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن سان گڏ نڪري هليو وڃ، تون هنن جي پٺيان ٿي هلجانءِ، ۽ هن ڳالهه جو خيال رکجانءِ، ته ڪو به مڙي پٺئين پاسي نه نهاري، جاڏي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي تاڏي (رخ رکي) هلندا وڃن. مطلب ته اسان لوط عليه السلام کي هيءَ حقيقت چٽي ڪري ٻڌائي ته (تباهي اچڻي آهي ۽) شهر جي ماڻهن جي پاڙ، صبح ٿيندي ئي، پٽجڻ واري آهي.“
    انهيءَ وچ ۾ قوم کي خبر پئجي ويئي ته حضرت لوط عليه السلام وٽ ڪجهه مهمان آيل آهن. هنن انهن مهمانن کي به پنهنجي بري ارادي جي پورائي ڪرڻ لاءِ ڪا ڏکيائي ۽ شرم ڪونه محسوس ڪيو. ڇو ته اهو سندن پهريان کان معمول هو. اهي ماڻهو حضرت لوط عليه السلام جي گهرجي چوڌاري گڏ ٿي ويا. پنهنجي مهمانن جي عفت ۽ عزت جي ڳڻتيءَ کي آڏو رکندي حضرت لوط عليه السلام پنهنجي قوم کي هن طرح خطاب ڪيو:
    قَالَ اِنَّ ہٰۤؤُلَآءِ ضَیۡفِیۡ فَلَا تَفۡضَحُوۡنِ ﴿ۙ۶۸﴾ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ وَ لَا تُخۡزُوۡنِ ﴿۶۹﴾
    (سورة الحجر: 69-68 )
    ”(حضرت لوط عليه السلام کين) چيو ته ڏسو! هي (نوان ماڻهو) منهنجا مهمان آهن سو منهنجي بي عزتي نه ڪيو. خدا کان ڊڄو، ۽ مون کي شرمسار نه ڪريو.“
    پر قوم چيس:
    قَالُوۡۤا اَوَ لَمۡ نَنۡہَکَ عَنِ الۡعٰلَمِیۡنَ (سورة الحجر: 70 )
    ”هنن چيو ته اسان توکي هن ڳالهه کان جهلي ڪين ڇڏيو هو ته ڪنهن به قوم جي ماڻهن کي پاڻ وٽ نه رهاءِ؟ (جيڪڏهن رهائيندين ته پوءِ جيڪي اسانکي وڻندو سو ڪري گذرنداسين)“
    اهو سوچيندي ئي هو ۽ سندس مهمان بي آبروءَ جو شڪار ٿي ويندا، حضرت لوط عليه السلام فرمايو:
    قَالَ لَوۡ اَنَّ لِیۡ بِکُمۡ قُوَّۃً اَوۡ اٰوِیۡۤ اِلٰی رُکۡنٍ شَدِیۡدٍ (سورة هود: 80 )
    ”)حضرت) لوط عليه السلام چيو ته شال ائين هجي ها جو مون کي اوهان جي مقابلي ڪرڻ جي طاقت هجي ها، يا ڪو مضبوط سهارو (ڪنهن جماعت جي مددگاري) هجي ها جنهن جو آسرو يا پناهه يا مدد وٺي سگهان ها! “
    فرشتن حضرت لوط عليه السلام کي ياد ڏياريو ته اوهان ڳڻتي نه ڪريو ڇو ته اسان الله تعالي جا موڪليل آهيون:
    قَالُوۡا یٰلُوۡطُ اِنَّا رُسُلُ رَبِّکَ لَنۡ یَّصِلُوۡۤا اِلَیۡکَ فَاَسۡرِ بِاَہۡلِکَ بِقِطۡعٍ مِّنَ الَّیۡلِ وَ لَا یَلۡتَفِتۡ مِنۡکُمۡ اَحَدٌ اِلَّا امۡرَاَتَکَ ؕ اِنَّہٗ مُصِیۡبُہَا مَاۤ اَصَابَہُمۡ ؕ اِنَّ مَوۡعِدَہُمُ الصُّبۡحُ ؕ اَلَـیۡسَ الصُّبۡحُ بِقَرِیۡبٍ (سورة هود: 81 )
    ”)تڏهن) انهن مهمانن (يعني فرشتن) چيو ته اي لوط! اسان تنهنجي پروردگار جا موڪليل آهيون. (گهٻرائڻ جي ڳالهه ئي ڪانهي) هي ماڻهو ڪڏهن به تو وٽ پهچي نه سگهندا (جو توکي ايذاءُ ڏين يا توتي غالب پون). تون هيئن ڪر جو جڏهن رات جو هڪ حصو گذري وڃي تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي پاڻ سان وٺي نڪري هليو وڃ ۽ اوهان مان ڪو به هيڏي هوڏي نه ڏسي (يعني ڪنهن به ڳالهه جو فڪر نه ڪري) مگر تنهنجي گهرواري (توسان گڏ نه هلندي. هوءَ پٺتي رهجي پوندي ۽) جيڪو هنن ماڻهن تي (حادثو) اچڻو آهي، سو مٿس به (يعني تنهنجي زال تي به) ايندو. انهن ماڻهن جي لاءِ عذاب جو مقرر وقت صبح آهي ۽ صبح جي اچڻ ۾ ڪا دير ڪانهي.“
    جڏهن حضرت نوح عليه السلام جي قوم جا بڇڙا عمل پنهنجي انتها کي پهتا ته الله پاڪ حضرت لوط عليه السلام کي پنهنجي فرشتن جي ذريعي بچائي ورتو. صبح ٿيندي ئي ماڻهو انهيءَ تباهيءَ جي ور چڙهيا، جنهن کان حضرت لوط عليه السلام انهن کي خبردرا ڪندو رهيو هو:
    وَ لَقَدۡ رَاوَدُوۡہُ عَنۡ ضَیۡفِہٖ فَطَمَسۡنَاۤ اَعۡیُنَہُمۡ فَذُوۡقُوۡا عَذَابِیۡ وَ نُذُرِ ﴿۳۷﴾ وَ لَقَدۡ صَبَّحَہُمۡ بُکۡرَۃً عَذَابٌ مُّسۡتَقِرٌّ ﴿ۚ۳۸﴾ (سورة القمر: 38-37 )
    ”۽ هيءَ به حيققت آهي ته هو سندس مهمانن کي (بد ارادي سان) کانئس کسي کڻي وڃڻ لڳا. پر اسان سندن اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون. (۽ اهي مهمان سلامت نڪري ويا ۽ ڪافرن کي چيو ويو ته) هاڻي منهنجي عذاب ۽ تنبيهه جو مزو چکو. ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ئي دائمي (تباهيءَ جو) عذاب مٿن اچي ڪڙڪيو.“
    قومِ لوط جي تباهيءَ جي تفصيل کي قرآن پاڪ هيئن بيان ڪيوآهي:
    فَاَخَذَتۡہُمُ الصَّیۡحَۃُ مُشۡرِقِیۡنَ ﴿ۙ۷۳﴾ فَجَعَلۡنَا عَالِیَہَا سَافِلَہَا وَ اَمۡطَرۡنَا عَلَیۡہِمۡ حِجَارَۃً مِّنۡ سِجِّیۡلٍ ﴿ؕ۷۴﴾ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّلۡمُتَوَسِّمِیۡنَ ﴿۷۵﴾ وَ اِنَّہَا لَبِسَبِیۡلٍ مُّقِیۡمٍ ﴿۷۶﴾
    (سورة الحجر: 76-73 )
    ”مطلب ته سج نڪرندي هڪ خوفناڪ آواز اچي مٿن ڪڙڪيو.“ پوءِ اسان ان بستيءَ کي زيرو زبر ڪري تباهه ڪري ڇڏيو، ۽ انهن ماڻهن تي پڪل مٽيءَ جي پٿرن جي برسات وسائي. بيشڪ هن واقعي ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن جيڪي (حقيقت جي) ڄاڻ سڄاڻ رکڻ وارا آهن ۽ (لوط عليه السلام جي قوم جي) هيءَ بستي (ڪنهن نامعلوم ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪانه هئي، اها ته) اهڙي شاهي رستي تي آهي جنهن تي آمد رفت جو سلسلو (هاڻي به)قائم آهي (۽ اوهان پنهنجي اکين سان اهي پٿر ۽ کنڊر ڏسي سگهو ٿا.“
    فَلَمَّا جَآءَ اَمۡرُنَا جَعَلۡنَا عَالِیَہَا سَافِلَہَا وَ اَمۡطَرۡنَا عَلَیۡہَا حِجَارَۃً مِّنۡ سِجِّیۡلٍ ۬ۙ مَّنۡضُوۡدٍ ﴿ۙ۸۲﴾ مُّسَوَّمَۃً عِنۡدَ رَبِّکَ ؕ وَمَا ہِیَ مِنَ الظّٰلِمِیۡنَ بِبَعِیۡدٍ ﴿٪۸۳﴾ (سورة هود: 83-82 )
    ”پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو، تڏهن (اي پيغمبر!) اسان ان (آباديءَ) جون سڀ بلنديون (يعني بلند عمارتون) هيٺاهينءَ ۾ بدلا ئي ڇڏيون ( يعني ڪيرائي زمين جي برابر هموار ڪري ڇڏيون) ۽ انهن (علائقن) تي باهه ۾ پڪل پٿر لاڳيتا وسايا. جيڪي پٿر تنهنجي پروردگار جي حضور ۾ (انهيءَ مطلب لاءِ) نشان ڪيا ويا هئا. اها بستي ۽ علائقا هنن ظالمن (يعني مڪي جي شريرن) کان پري ڪونه آهن (اهي مڪي جا ظالم پنهنجي مسافريءَ وقت اتان لنگهندا رهن ٿا ۽ جيڪڏهن چاهين ته ان مان عبرت وٺي سگهن ٿا)“
    ثُمَّ دَمَّرۡنَا الۡاٰخَرِیۡنَ ﴿۱۷۲﴾ۚ وَ اَمۡطَرۡنَا عَلَیۡہِمۡ مَّطَرًا ۚ فَسَآءَ مَطَرُ الۡمُنۡذَرِیۡنَ ﴿۱۷۳﴾ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیَۃً ؕ وَ مَا کَانَ اَکۡثَرُہُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۱۷۴﴾ وَ اِنَّ رَبَّکَ لَہُوَ الۡعَزِیۡزُ الرَّحِیۡمُ ﴿۱۷۵﴾٪
    (سورة الشعرا: 175-172 )
    ”۽ پوءِ ٻين کي اسان ناس ڪري ڇڏيو. ۽ اسان هنن (فاحش ماڻهن) تي پٿون جو مينهن وسايو. سو (ڏسو ته) جن ماڻهن کي خبردار به ڪيو ويو (پر ته به نصيحت نه مڃيائون.) تن تي ڪهڙو نه بڇڙو مينهن وسيو. بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي عبرت جي نشاني آهي، مگر (افسوس جو) هنن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. ۽ (نٿا ڄاڻن ته) تنهنجو پروردگار ئي آهي جو سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.“
    جڏهن حضرت لوط عليه السلام جي قوم تي عذاب نازل ٿيو ته صرف حضرت لوط عليه السلام ۽ سندن ڪجهه ايمان وارا جيڪي سندن اهل بيت ئي هئا، انهن کي نجات ملي، حضرت لوط عليه السلام جي گهرواري ، جيڪا مٿن ايمان نه رکندي هئي، سا به تباهيءَ جي ور چڙهي ويئي:
    وَ لُوۡطًا اِذۡ قَالَ لِقَوۡمِہٖۤ اَتَاۡتُوۡنَ الۡفَاحِشَۃَ مَا سَبَقَکُمۡ بِہَا مِنۡ اَحَدٍ مِّنَ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۸۰﴾ اِنَّکُمۡ لَتَاۡتُوۡنَ الرِّجَالَ شَہۡوَۃً مِّنۡ دُوۡنِ النِّسَآءِ ؕ بَلۡ اَنۡتُمۡ قَوۡمٌ مُّسۡرِفُوۡنَ ﴿۸۱﴾ وَ مَا کَانَ جَوَابَ قَوۡمِہٖۤ اِلَّاۤ اَنۡ قَالُوۡۤا اَخۡرِجُوۡہُمۡ مِّنۡ قَرۡیَتِکُمۡ ۚ اِنَّہُمۡ اُنَاسٌ یَّتَطَہَّرُوۡنَ ﴿۸۲﴾ فَاَنۡجَیۡنٰہُ وَ اَہۡلَہٗۤ اِلَّا امۡرَاَتَہٗ ۫ۖ کَانَتۡ مِنَ الۡغٰبِرِیۡنَ ﴿۸۳﴾ وَ اَمۡطَرۡنَا عَلَیۡہِمۡ مَّطَرًا ؕ فَانۡظُرۡ کَیۡفَ کَانَ عَاقِبَۃُ الۡمُجۡرِمِیۡنَ ﴿٪۸۴﴾ (سورة الاعراف: 84-80 )
    ”۽ (لوط عليه السلام کي به اسان هڪڙي قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو) (هن پنهنجي قوم کي چيو ته (وڏي شرم جي ڳالهه آهي.) ڇا توهان اهڙو بي شرميءَ جو ڪم ٿا ڪريو جو اوهان کان اڳي سڄي جهان ۾ ڪنهن به نه ڪيو. (يعني) توهان عورتن کي ڇڏي مردن ڏي شهوت راني ڪرڻ لاءِ ويندا آهيو ڇا؟ بلڪه (افسوس ۽ شرم!) توهان ماڻهو (فطرت جي) حدن کان ٻاهر نڪري ويا آهيو. پر هن جي قوم جو جواب ٻيو ڪو به ڪونه هو سواءِ هن جي جو چوڻ لڳا ته هنن (يعني حضرت لوط عليه السلام ۽ ايمان وارن) کي پنهنجي شهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍو. اهي ماڻهو (ڏسو جو) اچي پاڪ ۽ صاف بڻيا آهن! پوءِ اسان لوط کي ۽ سندس ماڻهن کي (ايندڙ مصيبت کان) بچايو (يعني شهر مان ٻاهر آندو) سواءِ سندس زال جي جا پٺتي رهيل (عذاب چکڻ وارن منڪرن) ماڻهن ۾ رهجي پئي. ۽ پوءِ (اسان انهن منڪرن تي پٿرن جو مينهن وسايو. پوءِ ڏسو ته گنهگارن جي پڇاڙي ڪهڙي (نه خراب) ٿي.“
    اهڙيءَ طرح حضرت لوط عليه السلام ۽ سندس گهرڀاتي سواءِ هڪ عورت جي بچايا ويا. قديم عهد نامي مطابق پاڻ حضرت ابراهيم عليه السلام سان گڏ هجرت ڪيائون، ۽ نافرمان ماڻهو تباهه ڪيا ويا ۽ انهن جي آبادين کي زمين ۾ غرق ڪيو ويو.


    قومِ لوط جي ڍنڍ جو نشانيون

    فَلَمَّا جَآءَ اَمۡرُنَا جَعَلۡنَا عَالِیَہَا سَافِلَہَا وَ اَمۡطَرۡنَا عَلَیۡہَا حِجَارَۃً مِّنۡ سِجِّیۡلٍ ۬ۙ مَّنۡضُوۡدٍ
    (سورة هود: 82 )
    ”پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن (اي پيغمبر!) اسان ان (آباديءَ) جون سڀ بلنديون (يعني بلند عمارتون) هيٺاهينءَ ۾ بدلائي ڇڏيون) (يعني ڪيرائي زمين جي برابر هموار ڪري ڇڏيون ۽ انهن(علائقن) تي باهه ۾ پڪل پٿر لاڳيتا وسايا.“
    قرآن پاڪ جو اهو بيا ن ته ”انهيءَ بستيءَ کي تباهه ڪيو ويو. ٻڌائي ٿو ته اهو علائقو خوفناڪ زلزلي سان مڪمل تباهه ڪيو ويو. حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ، جتي تباهيءَ جو اهو واقعو پيش آيو ان جا واضح نشان موجود آهن.
    آثار قديمه جو مشهور ماهر جرمن ورنر ڪيلر (Werner Keller) جي چوڻ مطابق ته:
    ”واديءَ سديم، سدوم ۽ گموراه سميت، هن علائقي ۾ ڦهليل گهري کاهيءَ سان گڏ پاتال ۾ اندر نيئي وئي. انهن جي تباهي هڪ زلزلي جي نتيجي ۾ ٿي. انهيءَ زلزلي سان گڏ ڌماڪو، کنوڻ، قدرتي گئس ۽ باهه جو لڳڻ به انهيءَ تباهي ۾ شامل هو (13).“
    حقيقت اها آهي ته حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ، جنهن کي بحيره مردار به چيو وڃي ٿو، زلزلن جي انهيءَ علائقي ۾ انتهائي حساس حصي تي واقع آهي:
    بحيره مردار جو تهه ڌرتي جي تهه جي گهرائين ۾ آهي. اها وادي اتر ۾ موجود طبريه ڍنڍ (Taberiye Lake) جي ڏکڻ ۾واقع واديءِ عرابه (Arabah Valley.) جي وچ تائين پکڙيل آهي. (41)
    مٿي ڄاڻايل آيت جي آخري حصي ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ”اسان مٿن پڪل مٽيءَ جا پٿر وسايا.“ انهيءَ مان شايد هيءَ مراد ٿي سگهي ٿي ، ته انهيءَ موقعي تي آتش فشان ڌماڪو ٿيو هجي ۽ ان مان جيڪي پٿر نڪتا هجن، اهي ٿي سگهي ٿو ته پڪل حالت ۾ هئا. سورة شعراء ۾ ان کي هيئن بيان ڪيو ويو آهي.
    وَ اَمۡطَرۡنَا عَلَیۡہِمۡ مَّطَرًا ۚ فَسَآءَ مَطَرُ الۡمُنۡذَرِیۡنَ (سورة الشعراء: 173 )
    ”۽ اسان هنن (فاحش ماڻهن) تي پٿرن جو مينهن وسايو. سو (ڏسو ته) جن ماڻهن کي خبردار به ڪيو ويو (پر ته به نصيحت نه مڃيائون) تن تي ڪهڙو نه بڇڙو مينهن وسيو.“
    انهيءَ بابت ورنر ڪيلر (werner keller) لکي ٿو:
    ”(انهي ءَ دوران) انهيءَ سڄي کاهيءَ جي تهه ۾ ستل آتش فشان مان (بي شمار) مواد نڪتو. بشان جي ويجهو اردن جي مٿاهين واديءَ ۾ هاڻي به ختم ٿيل آتش فشان جا وڏا ۽ موڪرا منهن موجود آهن ۽ چُنَ جي پٿر جي مٿاڇري واري زمين تي لاوي ۽ ٻئي مواد جا تهه ڄميل آهن. (51)“
    لاوي ۽ پٿريلي مواد جا اهي تهه انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن ته، انهيءَ هنڌ ڪڏهن آتش فشان موجود هو جنهن ڪري ڌماڪي سان گڏ زلزلا به آيا هئا. حضرت لوط عليه السلام جي قوم جي تباهيءَ جو احوال ٻڌائيندڙ قرآني بيان ته، ”اسان مٿن پڪل پٿر وسايا“ شايد انهيءَ آتش فشان تباهيءَ جي طرف اشارو ٿو ڪري ۽ باقي وڌيڪ حقيقت الله ئي ٿو ڄاڻي ۽ قرآن جو اهو بيان ته، ”جڏهن اسان جو حڪم آيو ته، انهيءَ شهر کي برباد ڪيو ويو.“ به شايد زلزلن ۽ باهه ڏانهن اشارو آهي، جن جي اثر جي سبب تباهه ڪندڙ اثرات پيدا ٿيا ۽ زمين جي سطح نيست و نابود ٿي ويئي. وڌيڪ الله بهتر ٿو ڄاڻي.
    بنا شڪ ۽ شهبي جي، حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ جون اهي واضح نشانيون نهايت ئي دلچسپ آهن. اهي سمورا واقعا جن جو تذڪرو قرآن پاڪ ۾ ڪيو ويو عموماً ”شرق الاوسط“، ”جزيره نما عرب“ ۽ مصر ۾ واقع ٿيا آهن. انهن ملڪن جي بلڪل وچ ۾ حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ موجود آهي. حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ ۽ سمورا واقعات جيڪي ان جي چوڌاري پيش آيا، ارضياتي طور تي به خصوصي توجهه جا مستحق آهن. اها ڍنڍ بحيره روم کان 400 ميٽر هيٺ آهي، جيئن ته ڍنڍ جي گهرائي 400 ميٽر آهي، تنهن ڪري ان جو تهه بحيره روم جي سطح (مٿاڇري) کان 800 ميٽر هيٺ آهي. اهو زمين ۾ سڀ کان هيٺاهون مقام آهي. ٻيا علائقا جيڪي سمنڊ جي مٿاڇري کان هيٺ آهن، وڌ کان وڌ 100 ميٽر اونها آهن . حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ جي ٻي نمايان خصوصيت ان جي پاڻي ءَ ۾ لوڻ جي وڌيڪ مقدار جو هجڻ آهي، جنهن مان انجي گهاٽائي 30سيڪڙو جي قريب آهي. انهيءَ ڪري ڪو به زنده جاندار مثلاً مڇي وغيره هن ڍنڍ ۾ جيئري نٿي رهي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو مغربي ادب ۾ ان کي بحيره مردار (dead sea) چيو ويندو آهي.
    حضرت لوط عليه السلام جي قوم جو واقعو، جيڪو قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيو ويو آهي، لڳ ڀڳ 1800 قبل مسيح تي پيش آيو.
    جرمن محقق ورنر ڪيلر (werner keller ) پنهنجي قديم آثارن ۽ ارضياتي تحقيق جي روشنيءَ ۾ بيان ڪيو آهي ته ، سدوم ۽ گمو راه شهر، سديم واديءَ ۾ موجود هئا، جيڪي لوط جي ڍنڍ جي آخري هيٺاهين کان هيٺاهين ڪناري تي واقع هئا ۽ اهي علائقا ڪنهن وقت تمام گهڻي آباديءَ وارن شهرن تي مشتمل هئا.
    حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ جون نمايان بناوتي خصوصيتون، قرآن حڪيم ۾ بيان ڪيل واقعا تي تفصيل کي وڌيڪ واضح ڪن ٿيون.
    بحيره مردار جي اوڀر ندي ڪناري تي ” اللّسان “ جيڪو جزيره نما آهي هڪ زبان وانگر پاڻيءَ ۾ پري تائين هليو وڃي ٿو .عربيءَ ۾ ” اللّسان “ جي معني زبان ئي آهي. خشڪيءَ تان نظر نه ايندڙ هيءَ زمين هڪ وڏي زاويي سان گڏ پاڻيءَ ۾ ڪري ٿي، جنهن سان سمنڊ ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. هن جزيره نما جي ساڄي پاسي کان زمين هيٺ گهرائيءَ طرف 1200 فوٽن تائين اونهو لاهه ٺاهي ٿو ۽ جزيره نما جي کاٻي طرف پاڻي نمايان حد تائين گهٽ اونهو آهي. گذريل ڪجهه سالن جي مشاهدي جي مطابق اها اونهائي 50 کا ن 60 فوٽن تائين آهي. بحيره مردار جو اهو غير معمولي گهٽ اونهو حصو، جيڪو جزيره نما ”اللّسان“ جي ٻن ڏاکڻين ڪنارن تائين پکڙيل آهي، واديءَ سديم تي مشتمل هيو. (16)
    ورنر ڪيلر (werner keller) جي مطابق اهو گهٽ اونهو آهي، جيڪو بعد ۾ دريافت ٿيو، ڪنهن زبردست زلزلي جي ڪري وجود ۾ آيو هو ۽ اهو ئي اهو هنڌ هو، جتي قوم لوط جا شهر سدوم ۽ گموراه آباد هئا.
    ڪڏهن هن علائقي ۾ پيادل سفر به ممڪن هو. پر هاڻي هيءُ واديءِ سديم، بحيره مردار جي هيٺاهين حصي جي پاڻيءَ جي هڪ هموار سطح سان ڍڪيل آهي. هن علائقي ۾ ٻه هزار سال قبل مسيح تي ايندڙ زلزلي ۽ تباهيءَ سان اتر ۾ لوڻياٺو پاڻي هن پاسي آيو ۽ اهڙيءَ طرح انهيءَ هنڌ کارو (نمڪين) پاڻي گڏ ٿي ويو.
    حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ ۾ ماضيءَ جا اهڃاڻ (آثار) به ڏاڍا واضح آهن. جيڪڏهن ماڻهو ٻيڙيءَ تي ڍنڍ جي ڏاکڻي ڪنار ي ڏانهن سفر ڪري ۽ سج ساڄي طرف چمڪي رهيو هجي ته نهايت ئي حيرت انگيز منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ساحل(ڪناري) کان ڪجهه فاصلي تي پاڻي اندر آهي. ٻيلا ڏاڍو واضح طور تي نظر اچن ٿا جن کي غيرمعمولي حد تائين لوڻياٺي پاڻيءَ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. چمڪندڙ سبز پاڻيءَ ۾ وڻن جا ٿڙ ۽ پاڙون نهايت ئي واضح طور تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهي چمڪندڙ وڻ ڪڏهن واديءِ سديم ۾ نهايت ئي دلڪش ۽ سهڻا ڏيک ڏيندا هئا.
    قوم لوط تي ايندڙ تباهيءَ جو ميڪانڪي پهلو به ارضيات جي ماهرن جي تحقيقات سان آڏو آيو آهي. اها تحقيقات ٻڌائي ٿي ته قوم لوط کي تباهه ڪرڻ وارو عظيم زلزلو زمين کان 190 ڪلوميٽر جي فاصلي تائين ڦاٽڻ سان پيش آيو. جنهن سان ”شيرين“ درياهه جو تهه وجود ۾ آيو. ”درياهه شيرين“ جي اونهائي 180 ميٽرن تائين آهي. اهي ٻئي حقيقتون ۽ اهو ته حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ سمنڊ جي سطح کان 400 ميٽر هيٺ آهي، اهي انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن ته هن علائقي ۾ ڪو غير معمولي ارضياتي (زميني) واقعو پيش اچي چڪو آهي. درياهه شيرين ۽ حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ جي دلچسپ ساخت (بناوت) زمين جي انهيءَ حصي مان لنگهندڙ شگاف جو هڪ ٿورو حصو ئي بڻائي ٿي. انهيءَ شگاف جي ڊيگهه ۽ بناوت هاڻي ئي دريافت ٿي آهي.
    اهو شگاف ڪوه ثور جي ويجهو کان شروع ٿي، حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ جي ڪنارن تائين پکڙبو صحراءِ عرب ۽ خليج عقبه تائين وڃي پهچي ٿو ۽ بحيره احمر(Rea Sea) کان گذرندو وڃي آفريڪا ۾ ختم ٿئي ٿو. انهيءَ سموري فاصلي سان گڏوگڏ آتش فشانيءَ جا واقعا عام آهن. ڪارو پٿر ۽ لاوو اسرائيل ۾ گليليءَ جي پهاڙين ۽ اردن جي مٿانهن ميداني علائقن، خليج عقبه ۽ ٻين ويجهڙ وارن علائقن ۾ عام جام آهن
    اهي سمورا آثار ۽ جاگرافيائي شاهديون انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته، حضرت لوط عليه السلام جي ڍنڍ ۾ وڏي تباهيءَ جو واقعو پيش اچي چڪو آهي. ورنر ڪيلر (werner keller) لکي ٿو ته:
    ”وادي سديم، سدوم ۽ گموراه سميت، هن علائقي ۾ پکڙيل اونهي کاهيءَ سان گڏ پاڻيءَ ۾ پيهائي ويئي هئي. ان جي تباهي هڪ وڏي زلزلي جي نتيجي ۾ واقع ٿي. انهيءَ زلزلي سان گڏ ڌماڪا، وڄ ، قدرتي گئس ۽ باهه جو لڳڻ به انهيءَ تباهيءَ ۾ شامل هئا. انهيءَ سڄي تباهيءَ جي عمل دوران انهيءَ گهري کاهيءَ جي تهه ۾ ستل آتش فشان جو مواد نڪتو. بشان جي قريب اردن جي مٿانهين واديءَ ۾ هاڻي به ختم ٿيل آتش فشان جا وڏا منهن موجود آهن. ۽ چن جي پٿرن جي سطح واري زمين تي لاوي ۽ ٻئي مواد جا تهه ڄميل آهن. (17)
    ڊسمبر 1957ع تي نيشنل جيوگرافڪس انهيءَ تي هيءُ تبصرو ڪيو:
    ”سدوم جي بي آب ۽ ويران چوٽي بحيره مردار کان مٿي بلند ٿئي ٿي. سدوم ۽ گموراه تباهه شده شهرن کي ڪنهن به ڪونه ڏٺو، مگر محققن جو خيال آهي ته اهي انهي چٽانن جي هن ڀر سديم جي واديءَ ۾ واقع هئا. شايد ڪنهن وڏي زلزلي جي نتيجي ۾ اهي شهر بحيره مردار جي سيلاب جي ور چڙهي ويا.“ (81)


    پومپائي (pompeii) جو انجام

    قرآن حڪيم جون هي آيتون اسان کي انهيءَ حقيقت کان آگاهه ڪن ٿيون، ته خدائي قانون ۾ ڪڏهن به ڪا تبديلي ناهي ايندي:
    وَ اَقۡسَمُوۡا بِاللّٰہِ جَہۡدَ اَیۡمَانِہِمۡ لَئِنۡ جَآءَہُمۡ نَذِیۡرٌ لَّیَکُوۡنُنَّ اَہۡدٰی مِنۡ اِحۡدَی الۡاُمَمِ ۚ فَلَمَّا جَآءَہُمۡ نَذِیۡرٌ مَّا زَادَہُمۡ اِلَّا نُفُوۡرَا﴿۴۲﴾ اسۡتِکۡـبَارًا فِی الۡاَرۡضِ وَ مَکۡرَ السَّیِّیَٔ ؕ وَ لَا یَحِیۡقُ الۡمَکۡرُ السَّیِّیُٔ اِلَّا بِاَہۡلِہٖ ؕ فَہَلۡ یَنۡظُرُوۡنَ اِلَّا سُنَّتَ الۡاَوَّلِیۡنَ ۚ فَلَنۡ تَجِدَ لِسُنَّتِ اللّٰہِ تَبۡدِیۡلًا ۬ۚ وَ لَنۡ تَجِدَ لِسُنَّتِ اللّٰہِ تَحۡوِیۡلًا ﴿۴۳﴾ (سورة فاطر: 43-42 )
    ”هي (قريش منڪر) الله جي نالي تي وڏا زوردار قسم کڻندا هئا ته جيڪڏهن اسان وٽ ڪو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) اچي ته ٻين قومن کا ن وڌيڪ بهتر (فرمانبرداريءَ ۽ ) هدايت جي واٽ وٺنداسين، پر جڏهن (سچ پچ) خبردار ڪندڙ (حضرت محمدﷺ) وٽن اچي ويو آهي، تڏهن فقط هن ڳالهه ۾ وڌيڪ ٿيا آهن جو (حق ۽ نيڪي کان) وڌيڪ بيزار ۽ دور ٿيا آهن. اها (سندن بيزاري سندن) تڪبر سببان آهي جو ملڪ ۾ ڪندا رهن ٿا. ۽ سندن بڇڙن منصوبن ڪندڙن کي ئي وڪوڙي ويندا (۽ خوار خراب ڪندا) پوءِ ڇا هي ماڻهو انهيءَ قانون (جي عمل ۾ اچڻ) لاءِ ترسيا ويٺا آهن جو اڳوڻن (منڪرن) سان لڳايو ويو هو (۽ کين تباهه ڪيو ويو هو)؟ سو (اي پيغمبر!) تون الله جي انهيءَ قانون ۽ دستور ۾ ڪابه ڦير ڦار ڪانه ڏسندين، نڪي ڏسندين ته الله جي انهيءَ قانون جي تعميل هٽي ويندي. (يعني اهو قانون) ضرور عمل هيٺ ايندو ۽ بنا ڦير ڦار عمل هيٺ ايندو.“
    يقيناً الله پاڪ جي قانون ۾ ڪابه ڦير ڦار ناهي ايندي . هر اهو شخص جيڪو الله تعالي جي قانون جي مخالفت ڪندو آهي ۽ ان کان بغاوت ڪندو آهي ، اهو هن الٰهي قانون جي تحت انجام کي رسندو آهي. سلطنت روم جو شهر پومپائي(pompeii) به انهيءَ طرح جنسي بد فعلين جو شڪار هو. انجو انجام به حضرت لوط عليه السلام جي قوم جهڙو ٿيو ۽ انهيءَ شهر جي تباهي به هڪ آتش فشان وسوويس (vesuvius) جي ڦاٽڻ سان واقع ٿي.
    وسوويس(vesuvius) اطاليه (Italy) خاص ڪري نيپلز (Naples) جي علامت قرار ڏنو ويندو آهي. گذريل ٻن هزار سالن کان خاموش هئڻ جي باوجود ان کي”ڊيڄاريندڙ پهاڙي“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. انهيءَ آتش فشان کي اهو نالو هروڀرو ڪونه ڏنو ويو. اها تباهي جيڪا سدوم ۽ گموراه ۾ آئي، اهڙي طرح جي ئي آهي، جيڪا پومپائي (pompeii ) تي آئي.
    وسوويس (vesuvius) جي ساڄي طرف نيپلز ۽ کاٻي طرف پومپي شهر واقع آهي.
    انهيءَ وڏي آتش فشان مان ٻه هزار سال اڳ نڪرندڙ لاوو ۽ باهه هن شهر جي رهندڙن کي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو هو. اها تباهي ايتري اوچتو ۽ اچانڪ هئي جو بلڪل ڏينهن جي وقت روان دوان زندگي ان جي لپيٽ ۾ اچي ويئي ۽ اڄ به ان جا آثار اهڙيءَ طرح موجود آهن جيئن ٻه هزار سال اڳ هئا. ائين لڳي ٿو ته وقت جي وهڪري کي بيهاريو ويو هجي.
    پومپائي کي دنيا جي نقشي تان اهڙيءَ طرح ميسارڻ هرگز به مقصد ڪو نه هو. تاريخي شاهديون، شاهد آهن ته، هيءُ شهر گناه ۽ بدڪارين جو اڏو هو. انهيءَ شهر ۾ بدڪاري ۽ زنا ايترو ته عام هئي جو بدڪارين جي اڏن جو شمار ئي ڪونه هو. رنڊين جي گهرن ۾ اصل ماپ جا مرداڻا خاص عضوا ٽنگيا ويندا هئا. يعني انهن ماڻهن جي روايت جي مطابق خاص عضوا ۽ ميل ميلاپ کي ڳجهو ڪونه رکيو ويندو هو، بلڪه ان جي نمائش ڪئي ويندي هئي.
    مگر وسوويس (vesuvius) جي آتش فشان سڄي شهر کي آنًا فانًا ڌرتيءَ تان ميساري ڇڏيو. انهيءَ الميي جو دلچسپ پهلو هيءُ آهي ته، آتش فشان جو شور ٻڌي ڪري به ڪو شخص ڪونه فرار ٿيو. يعني اهي پنهنجي موج مستيءَ ۾ ايترا ته مگن هئا، جو انهن کي ڪو خيال ئي نه آيو. هڪڙو خاندان جيڪو کاڌو کائي رهيو هو، انهيءَ حالت ۾ پٿر بڻجي ويو. لاووي مان پٿر بڻجندڙ اڪثر جوڙا جنسي فعل ۾ مشغول هئا. سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها ته اڪثر جوڙا هم جنس هئا ۽ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين تي مشتمل هئا. کوٽائين مان نڪرندڙ اڪثر پٿر بڻجندڙ انساني چهرا بلڪل صحيح ۽ سالم آهن ۽ سندن چهرن مان پريشاني ۽ ڊڄ نمايان آهي.
    انهيءَ تباهيءَ جي منظر جو ناقابل فهم (سمجهه ۾ نه ايندڙ) پهلو هيءُ آهي ته اهي هزارين ماڻهو ڪهڙيءَ طرح ڪا شيءِ بنا ڏٺي ۽ ٻڌي، موت جي اوسئيڙي پيا رهيا؟ انهيءَ پهلوءَ جو جواب هيئن ملي ٿوته پومپي آئي جي تباهي به ماضيءَ جي قومن جي انهيءَ تباهيءَ سان مشابهه آهي، جنهن کي قرآن ”اوچتي تباهي“ سان ڳنڍيو آهي . سورة يسٰين ۾ شهر جي رهواسين جي تباهيءَ کي هن طرح هڪ لمحي ۾ اوچتو تباهي چيو ويو، ارشاد ٿئي ٿو:
    اِنۡ کَانَتۡ اِلَّا صَیۡحَۃً وَّ احِدَۃً فَاِذَا ہُمۡ خٰمِدُوۡنَ (سورة: يــٰسين: 29 )
    ”هنن کي هيئن سزا ڏني ويئي جو) رڳو هڪڙو ڌڌڪو ٿيو پوءِ ڏسو ته هو سڀ (رک وانگر) وسامي چپ ٿي ويا.“
    سورة القمر ۾ گموراه جي تباهيءَ کي ائين ئي هڪ مهل تباهي ءَ سان ڳنڍيو ويو آهي:
    اِنَّاۤ اَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِمۡ صَیۡحَۃً وَّاحِدَۃً فَکَانُوۡا کَہَشِیۡمِ الۡمُحۡتَظِرِ (سورة: القمر: 31 )
    ”اسان هنن جي مٿان هڪڙو اڪيلو سخت ڌڪاءُ نازل ڪيو، ۽ (ان زلزلي ۾) هو واڙ ٺاهيندڙ جي سڪين ڪاٺين جهڙا ٿي پيا.“
    پومپائي جي رهواسين جي تباهي به اهڙيءَ طرح اچانڪ ٿي، جيئن مٿي ڄاڻايل آيتن ۾ بيان ڪئي ويئي آهي. انهيءَ جي باوجود اڄ به حالات اهي ئي آهن، جيڪي پومپائي شهر جي رهواسين جا هئا. ڪيپري جو جزيرو اهو هنڌ آهي، جتي هم جنس پرست ۽ اوگهڙ پرست ماڻهو رهندا آهن. ٽورسٽ ڪمرشل ۾ ڪيپريءَ جي جزيري کي ”هم جنس پرستن جي جنت“ طور پيش ڪيو ويندو آهي. نه رڳو ڪيپري يا اٽليءَ ۾ بلڪه پوري دنيا ۾ ان طرح جو اخلاقي زوال طاري آهي ۽ ماڻهن جي روش اها آهي جو هو ماضيءَ جي انهن خوفناڪ تجربن مان ڪجهه به سکڻ لاءِ تيار ناهن.


    باب چوٿون

    عاد قوم جو تذڪرو

    وَ اَمَّا عَادٌ فَاُہۡلِکُوۡا بِرِیۡحٍ صَرۡصَرٍ عَاتِیَۃٍ ۙ﴿۶﴾ سَخَّرَہَا عَلَیۡہِمۡ سَبۡعَ لَیَالٍ وَّ ثَمٰنِیَۃَ اَیَّامٍ ۙ حُسُوۡمًا ۙ فَتَرَی الۡقَوۡمَ فِیۡہَا صَرۡعٰی ۙ کَاَنَّہُمۡ اَعۡجَازُ نَخۡلٍ خَاوِیَۃٍ ۚ﴿۷﴾ فَہَلۡ تَرٰی لَہُمۡ مِّنۡۢ بَاقِیَۃٍ ﴿۸﴾ (سورة الحاقة: 8-6 )
    ”۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ تيز (ٿڌي) هوا سان هلاڪ ڪيو ويو. جنهن کي (الله) مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار هلايو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون اُتي ڏسين ها ته) تون ان قوم کي ان (زمين تي ائين منهن ڀر اونڌو) ڪريل ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ (پيل ) آهن.پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ (اهي ڌرتيءَ تان نيست ۽ نابود ٿي ويا.“
    قرآن حڪيم ۾ڄاڻايل تباهيءَ جي ور چڙهندڙ هڪ قوم عاد به آهي، جنهن جو تذڪرو حضرت نوح عليه السلام ، جي قوم کان پوءِ ڪيو ويو آهي. ان قوم ڏانهن حضرت هود کي موڪليو ويو. پاڻ ٻين نبين سڳورن وانگر، انهن کي شرڪ ڇڏڻ ۽ هڪ الله تي ايمان آڻڻ ۽ ان جي اطاعت ڪرڻ جو درس ڏنائون. پر ان جي موٽ ۾ قوم سندن دشمن بڻجي ويئي. هنن حضرت هود تي ڪم عقلي، ڪوڙ ۽ ابن ڏاڏن جي ٻڌايل زندگيءَ جي نظام کي برباد ڪرڻ جو الزام مڙهيو. قرآن پاڪ حضرت هود جي دعوت حق ۽ سندس قوم جي رد عمل کي هئين بيان ڪيو آهي:
    وَ اِلٰی عَادٍ اَخَاہُمۡ ہُوۡدًا ؕ قَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ اِنۡ اَنۡتُمۡ اِلَّا مُفۡتَرُوۡنَ ﴿۵۰﴾ یٰقَوۡمِ لَاۤ اَسۡـَٔلُکُمۡ عَلَیۡہِ اَجۡرًا ؕ اِنۡ اَجۡرِیَ اِلَّا عَلَی الَّذِیۡ فَطَرَنِیۡ ؕ اَفَلَا تَعۡقِلُوۡنَ ﴿۵۱﴾ وَ یٰقَوۡمِ اسۡتَغۡفِرُوۡا رَبَّکُمۡ ثُمَّ تُوۡبُوۡۤا اِلَیۡہِ یُرۡسِلِ السَّمَآءَ عَلَیۡکُمۡ مِّدۡرَارًا وَّ یَزِدۡکُمۡ قُوَّۃً اِلٰی قُوَّتِکُمۡ وَ لَا تَتَوَلَّوۡا مُجۡرِمِیۡنَ ﴿۵۲﴾ قَالُوۡا یٰہُوۡدُ مَا جِئۡتَنَا بِبَیِّنَۃٍ وَّ مَا نَحۡنُ بِتَارِکِیۡۤ اٰلِہَتِنَا عَنۡ قَوۡلِکَ وَ مَا نَحۡنُ لَکَ بِمُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۵۳﴾ اِنۡ نَّقُوۡلُ اِلَّا اعۡتَرٰىکَ بَعۡضُ اٰلِہَتِنَا بِسُوۡٓءٍ ؕ قَالَ اِنِّیۡۤ اُشۡہِدُ اللّٰہَ وَ اشۡہَدُوۡۤا اَنِّیۡ بَرِیۡٓءٌ مِّمَّا تُشۡرِکُوۡنَ ﴿ۙ۵۴﴾ مِنۡ دُوۡنِہٖ فَکِیۡدُوۡنِیۡ جَمِیۡعًا ثُمَّ لَا تُنۡظِرُوۡنِ ﴿۵۵﴾ اِنِّیۡ تَوَکَّلۡتُ عَلَی اللّٰہِ رَبِّیۡ وَ رَبِّکُمۡ ؕ مَا مِنۡ دَآبَّۃٍ اِلَّا ہُوَ اٰخِذٌۢ بِنَاصِیَتِہَا ؕ اِنَّ رَبِّیۡ عَلٰی صِرَاطٍ مُّسۡتَقِیۡمٍ ﴿۵۶﴾ فَاِنۡ تَوَلَّوۡا فَقَدۡ اَبۡلَغۡتُکُمۡ مَّاۤ اُرۡسِلۡتُ بِہٖۤ اِلَیۡکُمۡ ؕ وَ یَسۡتَخۡلِفُ رَبِّیۡ قَوۡمًا غَیۡرَکُمۡ ۚ وَ لَا تَضُرُّوۡنَہٗ شَیۡئًا ؕ اِنَّ رَبِّیۡ عَلٰی کُلِّ شَیۡءٍ حَفِیۡظٌ ﴿۵۷﴾ وَ لَمَّا جَآءَ اَمۡرُنَا نَجَّیۡنَا ہُوۡدًا وَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مَعَہٗ بِرَحۡمَۃٍ مِّنَّا ۚ وَ نَجَّیۡنٰہُمۡ مِّنۡ عَذَابٍ غَلِیۡظٍ ﴿۵۸﴾ وَ تِلۡکَ عَادٌ ۟ۙ جَحَدُوۡا بِاٰیٰتِ رَبِّہِمۡ وَ عَصَوۡا رُسُلَہٗ وَ اتَّبَعُوۡۤا اَمۡرَ کُلِّ جَبَّارٍ عَنِیۡدٍ ﴿۵۹﴾ وَ اُتۡبِعُوۡا فِیۡ ہٰذِہِ الدُّنۡیَا لَعۡنَۃً وَّ یَوۡمَ الۡقِیٰمَۃِ ؕ اَلَاۤ اِنَّ عَادًا کَفَرُوۡا رَبَّہُمۡ ؕ اَلَا بُعۡدًا لِّعَادٍ قَوۡمِ ہُوۡدٍ ﴿٪۶۰﴾ (سورؤ هود: 60-50 )
    ”۽ اسان عاد (قوم) ڏي سندن ئي برادريءَ مان (حضرت) هود کي پيغمبر ڪري موڪليو. (حضرت هود) کين چيو ته (اي منهنجي) قوم جا ماڻهؤ! الله جي ٻانهپ ڪريو. کانئس سواءِ اوهان جو ڪو به معبود (يا حاڪم يا بادشاهه) ڪونهي. يقين ڪريو ته توهان هن کانسواءِ ڪجهه به نه آهيو ته (حقيقت جي خلاف) ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندڙ آهيو. اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! مان هن ڳالهه جي لاءِ توهان کان ڪو عيوض (يا انعام) ڪو نه ٿو گهران. منهنجو بدلو يا اجر ته انهيءَ تي آهي جنهن مونکي پيدا ڪيو. پوءِ ڇا توهان (اهڙي صاف ڳالهه به) نٿا سمجهو. ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! پنهنجي پروردگار کان (پنهنجي غلطين ۽ گناهن جي) مغفرت (يعني معافي ) گهرو، (۽ آئينده جي لاءِ) سندس حضور ۾ توبهه ڪيو. هو توهان جي لاءِ مينهن وسائيندڙ ڪڪر موڪلي ٿو (جن سان توهان جون پوکون ۽ باغ سر سبز ٿين ٿا.) ۽ توهان جي قوتن ۾ نيون نيون قوتون وڌائي ٿو.(جنهن ڪري ترقيون ڪري رهيا آهيو) ۽ (ڏسو!) ائين نه ٿئي جو گناهه ڪري (حق ۽ حقيقت کان) منهن موڙي ڇڏيو.(هنن ماڻهن) چيو ته اي هود! تون اسان وٽ ڪو (مضبوط) دليل ته ڪونه کڻي آيو آهين ۽ اسان تنهنجي چوڻ تي پنهنجي معبودن (ديوتائن) کي ڇڏي ڪونه ڏينداسين. اسان توتي ايمان آڻڻ وارا هرگز نه آهيون. اسان جيڪي به چئي سگهون ٿا سو هي آهي ته اسان جي معبودن مان ڪنهن معبود جي توتي مار پئي آهي يا پٽ لڳي آهي. (تنهنڪري اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين). (تنهن تي) هود چيو ته مان الله کي شاهد ٿو ڪريان ۽ اوهان به شاهد رهو ته جن هستين کي توهان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي تن کان مان بيزار آهيان. توهان سڀ گڏجي منهنجي خلاف جيڪي به تدبيرون ڪري سگهو ٿا. سي ضرور ڪيو، ۽ مون کي (ڪجهه به) مهلت نه ڏيو (پوءِ ڏسو ته نتيجوڇا ٿو نڪري). منهنجو ڀروسو الله تي آهي جو منهنجو به. پروردگار آهي ۽ اوهانجو به. ڪوبه چرندڙ ساهوارو ڪونهي جو سندس قبضي کان ٻاهر هجي. منهنجو پروردگار (حق ۽ عدل جي) سڌي واٽ تي آهي (يعني سندس راهه ظلم جي ٿي نٿي سگهي). پوءِ جيڪڏهن (تنهن هوندي به ) توهان منهن موڙيو ته (ياد رکو ته) جنهن ڳالهه لاءِ مون کي پيغمبر ڪري موڪليو ويو آهي، سا ڳالهه مون پهچائي (ان کان وڌيڪ منهنجي اختيار ۾ ڪجهه به ناهي) ۽ (مون کي ته هيئن ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته) منهنجو پروردگار (توهان کي برباد ڪري) ڪنهن ٻيءَ قوم کي توهان جي جاءِ ڏيندو ، ۽ توهان سندس ڪجهه به (ڪم) بگاڙي نه سگهندؤ. يقيناً منهنجو پروردگار هر چيز ته نگهبان آهي. ۽ (ڏسو!) جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن اسان پنهنجي رحمت سان هود کي بچائي ورتو ۽ انهن ماڻهن کي به بچائي ورتو جن ساڻس گڏ (سچائي تي) ايمان آندو هو، ۽ اهڙي عذاب کان بچايو جو وڏو سخت عذاب هو. هي آهي بيان عاد قوم جو. هنن پنهنجي پروردگار جون نشانيون (تڪبر ۽ خود غرضيءَ کان) ڪوڙيون ٺهرايائون ۽ سندس رسولن جي نافرماني ڪئي، ۽ هر هڪ تڪبر ڪندڙ سرڪش جي حڪم جي پيروي ڪئي. ”۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) دنيا ۾ هنن تي لعنت وسي (يعني الله جي رحمت جي برڪتن کان محروم رهيا.) ۽ قيامت جي ڏينهن به (مٿن لعنت پيئي) سو ٻڌي ڇڏيو ته عاد جي قوم پنهنجي پروردگار جي ناشڪري ڪئي ۽ پڻ ٻڌي ڇڏيو ته عاد جي لاءِ محروميءَ جو اعلان ٿيو جا هود جي قوم هئي.“
    عاد قوم جو تذڪرو ٻئي هنڌ، سورة شعرا ۾ ڪيو ويو آهي ، انهيءَ سورة ۾ قوم عاد جون ڪجهه خصوصيتون بيان ڪيون ويون آهن، انهيءَ تفصيل مطابق عاد بلند مقامات تي پنهنجا نشان تعمير ڪندا هئا. ۽ پنهنجي رهائش لاءِ اعليٰ ۽ عمدي اڏاوت ڪندا هئا. سندن گهڻو ڪري سماجي رويو بغاوت، گمراهي ۽ ظلم تي ٻڌل هو. جڏهن حضرت هود، انهن کي انهيءَ روش کان مڙي وڃڻ جي تلقين ڪئي ۽ الله جي عذاب کان ڊيڄاريو ته، هنن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. کين انهيءَ ڳالهه جي پڪ هئي ته، حضرت هود جي دعوت ۽ ڊيڄارڻ اسان جو ڪجهه بگاڙي نه سگهندو:
    کَذَّبَتۡ عَادُۨالۡمُرۡسَلِیۡنَ ﴿۱۲۳﴾ۚۖ اِذۡ قَالَ لَہُمۡ اَخُوۡہُمۡ ہُوۡدٌ اَلَا تَتَّقُوۡنَ ﴿۱۲۴﴾ۚ اِنِّیۡ لَکُمۡ رَسُوۡلٌ اَمِیۡنٌ ﴿۱۲۵﴾ۙ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۲۶﴾ۚ وَ مَاۤ اَسۡـَٔلُکُمۡ عَلَیۡہِ مِنۡ اَجۡرٍ ۚ اِنۡ اَجۡرِیَ اِلَّا عَلٰی رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۲۷﴾ؕ اَتَبۡنُوۡنَ بِکُلِّ رِیۡعٍ اٰیَۃً تَعۡبَثُوۡنَ ﴿۱۲۸﴾ وَ تَتَّخِذُوۡنَ مَصَانِعَ لَعَلَّکُمۡ تَخۡلُدُوۡنَ ﴿۱۲۹﴾ۚ وَ اِذَا بَطَشۡتُمۡ بَطَشۡتُمۡ جَبَّارِیۡنَ ﴿۱۳۰﴾ۚ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۳۱﴾ۚ وَ اتَّقُوا الَّذِیۡۤ اَمَدَّکُمۡ بِمَا تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۱۳۲﴾ۚ اَمَدَّکُمۡ بِاَنۡعَامٍ وَّ بَنِیۡنَ ﴿۱۳۳﴾ۚۙ وَ جَنّٰتٍ وَّ عُیُوۡنٍ ﴿۱۳۴﴾ۚ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ ﴿۱۳۵﴾ؕ قَالُوۡا سَوَآءٌ عَلَیۡنَاۤ اَوَ عَظۡتَ اَمۡ لَمۡ تَکُنۡ مِّنَ الۡوٰعِظِیۡنَ ﴿۱۳۶﴾ۙ اِنۡ ہٰذَاۤ اِلَّا خُلُقُ الۡاَوَّلِیۡنَ ﴿۱۳۷﴾ۙ وَ مَا نَحۡنُ بِمُعَذَّبِیۡنَ ﴿۱۳۸﴾ۚ فَکَذَّبُوۡہُ فَاَہۡلَکۡنٰہُمۡ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیَۃً ؕ وَ مَا کَانَ اَکۡثَرُہُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۱۳۹﴾ وَ اِنَّ رَبَّکَ لَہُوَ الۡعَزِیۡزُ الرَّحِیۡمُ ﴿۱۴۰﴾٪ (سورة الشعراء: 140-123 )
    ”ساڳيءَ طرح) عاد قوم جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو. ڏسو! سندن برادريءَ جي ماڻهو حضرت هود هنن کي چيو ته (توهان ڇو برائين ۾ ڪاهي پيا آهيو) ڇا توهان الله تعالي (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ئي نٿا؟ يقيناً مان اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهيان (۽ توهانکي خبر آهي ته مان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي ۽ نه ڪڏهن (امانت ۾ خيانت ڪئي آهي) مان سچ پچ اعتبار جوڳو آهيان. تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو ( ڇو ته مان فقط خدا جا حڪم ٿو پهچايان. انهن تي عمل ڪرڻ ۾ اوهان جي ئي چڱائي آهي). ۽ (ڏسو!) مان هن ڪم لاءِ (يعني خدا جي حڪمن پهچائڻ جي عيوض) اوهان کان ڪو به اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي. ڇا توهان هر هڪ مٿاهين جاءِ تي (فقط ڏيک ويک لاءِ) اجا يا بي فائدا يادگار ٿا بنايو.؟ ۽ توهان وڏا وڏا محلات ٿا ٺاهيو، (ڄڻ ته) اميد ٿا رکو ته توهان انهن ۾ هميشه رهندؤ. (توهان وساري ٿا ڇڏيو ته هيءَ زندگي هڪ ڏينهن جي برابر آهي.) جڏهن (ڪنهن به معاملي ۾ ڪنهن سان به) وڙهو ٿا ته (انصاف کي ڇڏي) ظلم ۽ ڏاڍائي واري واٽ ٿا وٺو. سو خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. انهيءَ (مهربان) خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو جنهن (پنهنجي فضل سان) توهان کي (گهڻيون ئي نعمتون ) ڏنيون آهن جي توهان پاڻ ڄاڻو ٿا. ۽ (توهان کي خبر آهي ته ) هن اوهان کي ڍور ڍڳا (۽ ٻي دولت) ۽ اولاد (۽ لشڪر وغيره) عطا ڪيا آهن.۽ باغات ۽ چشما ( به عطا ڪيا اٿس). ۽ (انهن نعمتن هوندي به جو توهان سندس نافرماني ڪري ظلم ۽ گناهه جا ڪم ٿا ڪيو سو) مون کي وڏو انديشو آهي ته هڪ وڏي سخت ڏينهن جو عذاب توهان تي اچي ڪڙڪندو. انهن (منڪرن) جواب ۾ چيو ته ( اي هود! تون اجايو پنهنجو ۽ اسان جو مغز ٿو کائين) تون اسان کي وعظ نصيحت ڪرين توڙي نه ڪرين، اسان جي لاءِ ساڳي ڳالهه آهي. (اسان تنهنجون ڳالهيون ڪونه مڃينداسين). اهي (عذاب کان ڊيڄارڻ جون) ڳالهيون ته اڳوڻن ماڻهن جون آهن. (جن کي اهڙي ڳالهين ڪرڻ جي عادت ٿي ويئي هئي، تون جهونن خيالن جو ماڻهو آهين، اسان نئين روشني وارا آهيون.) ۽ (انهن منڪرن وڌيڪ هيئن به حضرت هود کي چئي ڏنو ته) اسان تي عذاب بلڪل ڪونه ايندو. مطلب ته هنن (حضرت) هود کي نه مڃيو. تنهن ڪري اسان به هن کي برباد ڪري ڇڏيو. بيشڪ انهيءَ واقعي ۾(سمجهه واري قوم لاءِ وڏي) عبرت جي نشاني آهي مگر (افسوس ته) هنن ماڻهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين. ۽ (هو نٿا ڄاڻن ته) يقيناً تنهنجو پروردگار سڀني تي غالب ۽ وڏي رحم وارو آهي. “
    جن ماڻهن حضرت هود جي مخالفت ۽ الله جي حڪمن سان بغاوت ڪئي، اهي هلاڪ ڪيا ويا، هڪ خوفناڪ طوفان، عاد کي اهڙيءَ طرح تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، ڄڻ ته انهن جو وجود ئي نه هو.


    ارم شهر جا قديم آثار

    1990ع جي پڇاڙيءَ ۾ سڄيءَ دنيا جي معروف ۽ مشهور اخبارن ۾ هيءَ خبر شايع ٿي، ”عرب جو وساري ڇڏيل شهر دريافت“ ، ”عرب جو داستاني شهر دريافت ”واريءَ جو سمنڊ عبار دريافت ٿي ويو.“
    آثار قديمه جي ماهرن جي انهيءَ دريافت جي اهميت ان ڳالهه جي ڪري به وڌي ويئي، جو انهيءَ شهر جو تذڪرو قرآن پاڪ به ڪيو آهي. ڪيترائي اهڙا ماڻهو، جن جو اهو خيال هو ته قرآن ۾ ذڪر ڪيل قوم عاد يا ته ڪنهن داستان سان تعلق رکي ٿي يا ان جي هنڌ جو تعين ناممڪن آهي، هن دريافت سان اهي حيرت جي ڪُن ۾ ٻڏي ويا. اهو شهر جيڪو عرب جي بَدُنِ (ٻهراڙيءَ وارن) جي زباني داستانن ۾ موجود هو. ان جي دريافت سان تمام گهڻي دلچسپي ۽ تجسس پيدا ٿي ويو.
    قرآن حڪيم ۾ ڄاڻايل انهيءَ شهر کي قديم آثارن جو هڪ شوقين ماهر، نڪولس ڪليپNicholas Clapp) ) دريافت ڪيو(19). نڪولس ڪليپ کي عربي تاريخ ۽ دستاويزي فلمن جو ماهر هئڻ جي ڪري، پنهنجي تحقيق جي دوران، عرب جي تاريخ بابت هڪ نادر ڪتاب ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. اهو ڪتاب هڪ انگريز محقق برٽرم ٿامس (BertramThomas) جو عريبيا فليڪس (Arabia Felix) هيو جيڪو هن 1932ع ۾ لکيو هو. انهيءَ ڪتاب ۾ ”جزيره نما عرب“ جي ڏکڻ وارن حصن جو تفصيل بيان ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اڄ جي يمن ۽ عمان جو اڪثر حصو شامل آهي. انهيءَ علائقي کي يوناني يوڊيم عريبيا (Eudaimon Arabia) ۽ قرون وسطيٰ (وچئين دور) جاعرب اسڪالر ”اليمن السعيده“ چوندا هئا.(20)
    انهن سڀني نالن جو مفهوم ”خوش نصيب عرب“ آهي. ڇو ته انهيءَ دور ۾ انهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو دنيا جا سڀ کان وڌيڪ خوش نصيب سمجهيا ويندا هئا.
    ۽ انهيءَ خوش نصيبيءَ جا ڪجهه سبب به هئا. ان علائقي جا ماڻهو هڪ اهم خطي جا رهواسي هئا، جتي اهي هند ۽ اترين علائقن جي وچ ۾ گرم مصالحن جي تجارت ۾ مرڪز ي ڪردار ادا ڪندا هئا. انهيءَ علائقي ۾ ”لوبان ” ۽ ”پاياب“ نالي وڻن مان خوشبودار مادو به پيدا ٿيندو هو، جنهن جي انهيءَ دور ۾ مذهبي ڏڻن تي استعمال جي ڪري، سون کان به وڌيڪ قدر ۽ قيمت هئي. ان جا مالڪ ان خطي جا رهندڙ ئي هئا.
    انگريز محقق ٿامس انهن خوش نصيب قبيلن جي حالات کي تفصيل سان بيان ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي، ته هن انهن مان هڪ قبيلي جي آباد ڪيل شهر کي ڳولهي لڌو آهي.(21). بدوين جي مطابق اهو شهر”عبار“ هيو. انهيءَ علائقي جي هڪ دوري دوران صحرا ۾ رهندڙ خانه بدوشن کيس پراڻا رستا به ٻڌايا ته هي رستا انهيءَ قديم شهر ”عبار“ ڏانهن وڃن ٿا، پر پوءِ ٿامس پنهنجي انهيءَ انتهائي دلچسپيءَ واري تحقيق جي تڪميل کان اڳ ئي گذاري ويو.
    ڪليپ (Clapp) کي، انگريز محقق ٿامس جي ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ انهيءَ ڳالهه جي پڪ ٿي ته هن ڪتاب ۾ ڄاڻايل گمنام شهر جو وجود آهي، هاڻي هن، انهيءَ شهر جي ڳولا ڪرڻ شروع ڪري ڏني. انهيءَ شهر جي دريافت لاءِ هن ٻه طريقا اختيار ڪيا. پهريائين هن، انهن خانه بدوشن جي ٻڌايل رستي جي کوج لڳائي. پوءِ ناسا(Nasa) کي درخواست ڪيائين ته انهيءَ علائقي جي فضائي تصوير ڏني وڃي. گهڻي جاکوڙ کانپوءِ هن ناسا(Nasa) جي ذميداران کي انهيءَ علائقي جي تصوير هٿ ڪري ڏيڻ تي راضي ڪري ورتو.(22)
    ڪليپ (Clapp) ڪيليفورنيا جي هنٽنگٽن Huntington) ) لائيبريريءَ جي پراڻن مسودن ۽ نقشن جو مطالعو جاري رکيو. هن جو مقصد هن علائقي جي ڪنهن نقشي جو دريافت ڪرڻ هو. ٿوري ئي عرصي ۾ هن هڪ نقشو هٿ ڪيو. اهو نقشو 200ع ۾ يوناني مصري جاگرافيءَ جي ماهر بطليموس ٺاهيو هو. انهيءَ نقشي ۾، علائقي ۾ موجود پراڻي شهر جو محلِ وقوع ۽ ان ڏانهن ويندڙ سمورا رستا ڏيکاريا ويا هئا.
    قرآن حڪيم جي بيان جي مطابق عبار ۾ فن ۽ اعليٰ تهذيب جو نمونو، ڪيئي، عمارتن جي اڏاوت ڪئي ويئي، انهن مان اڄ رڳو هي آثار باقي آهن.
    انهيءَ دوران هن کي اطلاع مليو ته ناسا (Nasa) تصويرون ٺاهي ورتيون آهن، انهن تصويرن ۾ ڪجهه قافلن جا رستا به نظر اچي رهيا هئا. جن کي شايد نه عام اک سان ۽ نڪي وري آسماني منظر سان ئي ڏسي سگهجي پيو. انهن تصويرن جي ڀيٽ، پراڻي نقشي سان، ڪرڻ بعد ، ڪليپ (clapp) انهيءَ نتيجي تي پهتو، ته پراڻي نقشي ۾ جيڪي رستا ڏيکاريا ويا هئا، اهي ئي رستا هئا جيڪي سيٽلائيٽ مان ورتل تصويرن ۾ منظر اچي رهيا هئا. انهن رستن جي آخر ۾ هڪ وسيع جڳهه موجود هئي، جيڪا لازماً ڪڏهن ڪو شهر هئي.
    نيٺ خانه دوشن جي زباني ڪهاڻين ۾ بيان ٿيندڙ قديم ۽ افساني شهر جو محل وقوع هٿ ڪيو ويو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ کوٽايون شروع ڪيون ويون ۽ واريءَ جي هيٺان پراڻي شهر جا آثار آڏو اچڻ لڳا. اهڙيءَ طرح انهيءَ پراڻي شهر کي واريءَ جو شهر (اطلانيطه) عبار قرار ڏنو ويو.
    اهي ڪهڙيون شاهديون هيون، جن مان اهو ثابت ٿئي ٿو، ته اهو شهر انهيءَ قوم عاد جي بستي آهي، جنهن جو تذڪرو قرآن حڪيم ۾ ڪيو ويو آهي؟
    کوٽائين جي شروعات ۾ ئي جڏهن آثار آڏو اچڻ شروع ٿيا ته اها حقيقت واضح ٿي چڪي هئي ته اهو تباهه ٿيل شهر قرآن مجيد ۾ ڄاڻايل عاد ۽ ارم جي ٿنڀن جو شهر آهي. ڇو ته آڏو ايندڙ اڏاوتن ۾، منارا به شامل هئا، جن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ ڪيو ويو آهي. کوٽايون ڪندڙ ٽوليءَ (Team) جي نگران، محقق ڊاڪٽر زرينز (Dr. Zarins) ٻڌايو ته جيئن ته منارن جي تعمير عبار جي اهم خصوصيت هئي ۽ ارم ۾ به منارا يا ٿنڀا تعمير ڪيا ويا هئا، تنهن ڪري اهو، انهيءَ ڳالهه جو قوي ثبوت هو ته آڏو ايندڙ شهر قرآن مجيد ۾ ڄاڻايل عاد جو شهر ارم هو. قرآن پاڪ ۾ ارم جو تذڪرو هئين ڪيو آهي:
    اَلَمْ تَرَ کَیۡفَ فَعَلَ رَبُّکَ بِعَادٍ ۪ۙ﴿۶﴾ اِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ ۪ۙ﴿۷﴾ الَّتِیۡ لَمْ یُخْلَقْ مِثْلُہَا فِی الْبِلَادِ ۪ۙ﴿۸﴾
    (سورة الفجر:8-6)
    ”(اي پيغمبر! اهي اڳين قومن لاءِ خدا جي پڌري پيغام کي ڇو نه ٿا هنڊائن ) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ عاد ( جي قوم) (يعني) ٿنڀن وانگر قدآور ارم (جي قوم) سان ڪيئن ڪيو؟! جنهن (جي فن ۽ ٺٺ ٺانگر) جهڙو (ان دور جي) شهرن ۾ ڪونه پيدا ڪيو ويو.“


    قوم عاد

    انهن شاهدين مان اسان چئي سگهون ٿا ته عبار لازماً اهو ئي ارم شهر آهي، جنهن جو تذڪرو قرآن حڪيم ۾ ڪيو ويو. قرآن پاڪ جي مطابق انهيءَ شهر جي رهندڙن، حضرت هود جي دعوت تي لبيڪ ڪونه چيو، جيڪو وٽن الله جو پيغام کڻي آيو هو ۽ انهيءَ ڪري اهي تباهيءَ جي ور چڙهي ويا.
    ارم شهر جو بنياد رکندڙ عاد جي سڃاڻپ به بحث جو موضوع رهي آهي. ڇو ته تاريخي رڪارڊ ۾، اهڙي ڪنهن قوم جو ذڪر ڪونه ٿو ملي، جنهن اهڙو ڪلچر يا اهڙي تهذيب قائم ڪئي هجي. ان مان اهو گمان ٿو ٿئي ته اهڙيءَ طرح جي ڪنهن قوم جو وجود تايخ ۾ ڪڏهن رهيو ئي ناهي. پر ٻئي طرف اها ڳالهه به حيرت جو ڪارڻ نه هجڻ گهرجي، ته انهن ماڻهن جو تذڪرو قديم تهذيبن جي تاريخ يا رڪارڊ ۾ موجود ناهي. ڇو ته اهي ماڻهو ڏکڻ عرب ۾ رهندا هئا ۽ اهو علائقو واديءِ نيل يا مشرق وسطيٰ (وچ اوڀر) کان تمام گهڻي فاصلي تي ۽ الڳ ٿلڳ واقع هو ۽ انهن ماڻهن جو، انهن سان تمام محدود تعلق هو. اها هڪ عام ڳالهه آهي، جو اها رياست يا ملڪ جنهن بابت همعصر گهٽ ڄاڻندا هجن، انجو تذڪرو تاريخ ۾ نه اچي، پر انجي باوجود مشرق وسطي جا ماڻهو عاد بابت ڪهاڻيون بيان ڪندا رهيا آهن.
    عاد جي اڳيئن تاريخي تحريري رڪارڊ ۾ ذڪر نه هئڻ جو هڪ ڪارڻ هيءُ آهي ته، انهيءَ دور ۾ تحريري ابلاغ جو نه هئڻ به آهي. ان ڪري اهو بلڪل ممڪن آهي ته، اها تهذيب جنهن جو بنياد عاد رکيو، انهيءَ دور جي انهن تهذيبن سان گڏ، تاريخ ۾ ان جو ذڪر ڪونه ڪيو ويو، جيڪي پنهنجو بنيادي تحريري رڪارڊ رکنديون هيون. جيڪڏهن اها تهذيب ڪجهه وقت وڌيڪ رهي ها ته، ممڪن هو ته اڄ اسان کي انهن ماڻهن بابت وڌيڪ ڄاڻ هجي ها.
    جيتوڻيڪ عاد بابت ڪو لکت ۾ ثبوت موجود ناهي، پر ان کانپوءِ واري نسل بابت اهم معلومات جو ملي وڃڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ عاد بابت قرآني انداز قائم ڪرڻ ممڪن آهي.


    عاد جي اولاد ۽ حضر موت وارن جا حالات

    عاد ۽ کانئس پوءِ ايندڙ اولاد جي قائم ڪيل تهذيب ۾ سڀ کان پهريان ڏسڻ جي جڳهه، ڏکڻ يمن آهي. هيءَ اها ئي جڳهه آهي، جتي واريءَ جو سمنڊ هٿ ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي ”خوشنصيب عرب“ چيو ويو هو. موجوده تاريخ کان اڳ ۾ جنوبي (ڏکڻ) يمن ۾ چئن قسمن جون قومون رهيون، جن کي يونانين ”خوش نصيب“عرب چيو هو. اهي اهل حضر موت، اهل سبا، اهل مينا ۽ قطبي آهن.انهن ماڻهن جي حڪمراني ڪجهه عرصي تائين هڪ ئي دور ۾ ويجهڙ وارن علائقن ۾ قائم هئي.
    ڪيترن ئي هاڻوڪن سائنسدانن جو خيال آهي ته عاد جي قوم هڪ تغير ۽ تبدل جي دور مان گذري ۽ وري تاريخ جي هڪ مرحلي تي ظاهر ٿي. اوهيو (Ohio) يونيورسٽيءَ جي هڪ محقق ڊاڪٽر ميڪائيل ايڇ رحمٰن(Dr. Mikail H. Rahman) جي خيال ۾ عاد ڏکڻ يمن جي چئن قبيلن منجهان هڪ قبيلي حضر موت وارن جا ابا ڏاڏا آهن. 500 ق-م ۾ هن علائقي ۾ رهندڙ اهل حضرموت واحد ذڪر ڪيل قوم آهي، جنهن کي ماڻهو ”خوش نصيب عرب“ چوندا هئا. اها قوم ڏکڻ يمن جي علائقي تي طويل عرصي تائين حڪمران رهي ۽ زوال جي طويل موت کانپوءِ 240ع تي بلڪل نيست و نابود ٿي ويئي.
    حضرميءَ جو نالو به ظاهر ڪري ٿو ته عاد جي اولاد مان آهن. يوناني مصنف پلائني (Pliny) جنهن جو تعلق ٽئين صدي ق-م سان آهي، اهو به انهيءَ قبيلي کي ”ادرمي“ جي نالي سان ڄاڻائي ٿو، جنهن مان مراد حضرمي ئي آهي . (23)
    يونانين جي اصطلاحن ۾ اسم کي بطور لاحِقه (يعني لاحق جي تانيث، پٺيان لڳايل، وابسته لفظ ٺاهڻ لاءِ، لفظ جي آخر ۾ ڪوئي لفظ لڳائڻ جيئن نامه بر ۽ دلبر وغيره) استعمال ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري انهن جو گهڙيل لفظ ”ادرم“ صاف طور تي قرآن حڪيم ۾ ذڪر ڪيل ”عاد ارم“ جي بگڙيل شڪل معلوم ٿئي ٿي.
    جاگرافيءَ جو ماهر بطليموس (150-100ع) ٻڌائي ٿو ته جزيره نما عرب جي ڏکڻ ۾ ”ادرمي“ قوم رهندي هئي. انهيءَ علائقي کي تاحال ”حضرموت“ چيو ويندو هو. حضرمي رياست جي گاديءَ جو هند ”شيبواه“ حضرموت واديءَ جي اولهه ۾ موجود هو. ڪيئي پراڻين روايتن مطابق، عاد ڏانهن مبعوث ٿيندڙ پيغمبر حضرت هود جي مزار به حضرموت ۾ ئي آهي.
    هڪ ٻي نشاني جيڪا حضرمين کي عاد جي نسل ۽ تسلسل هئڻ کي تقويت ڏيئي ٿو، سندن دولت آهي. يونانين ، حضرمين کي وڌ ۾ وڌ آسودي قوم قرار ڏنو. تاريخ مان خبر پوي ٿي ته، حضرمي لوبان جي پوک ۽ پيداوار ۾ نهايت ئي ترقي يافته هئا. جيڪو پنهنجي دور جو تمام گهڻو قيمتي ٻوٽو هيو. هنن انهيءَ ٻوٽي جي استعمال کي ڏاڍي وسعت ڏني. هن ٻوٽي جي پوک اڄ جي نسبت، حضرموت ۾ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هئي.
    حضر موت جي دارالحڪومت ”شيبواه“ جي کوٽائين مان به ڪافي دلچسپ معلومات آڏو آئي آهي. 1975ع ۾ ٿيندڙ انهن کوٽائين مان شهر جي آثارن تائين، واريءَ جي اونهن تهن جي ڪري، پهچڻ ڏاڍو مشڪل هو، تنهن هوندي به کوٽائيءَ جي پڄاڻيءَ تي آڏو ايندڙ آثار حيرت ۾ وجهندڙ هئا. آڏو ايندڙ شهر، هيل تائين دريافت ٿيندڙ شهرن منجهان وڌيڪ دلچسپيءَ وارو هو. ديوارن سان ڀرپور اهو شهر قديم يمن جي، هيل تائين سامهون ايندڙ مڙني ماڳن کان، تمام وڏو هو ۽ ان جو محل حقيقي معنيٰ ۾ هڪ پرشڪوه ۽ عظيم عمارت هئي.
    بنا شڪ شبهي جي اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته، حضرمين تعمير جي فن جي اها مهارت پنهنجي ابن ڏاڏن کان حاصل ڪئي هئي. حضرت هود، عاد کي خدائي عذاب کان خبردار ڪندي ارشاد فرمايو هو:
    اَتَبۡنُوۡنَ بِکُلِّ رِیۡعٍ اٰیَۃً تَعۡبَثُوۡنَ ﴿۱۲۸﴾ وَ تَتَّخِذُوۡنَ مَصَانِعَ لَعَلَّکُمۡ تَخۡلُدُوۡنَ ﴿۱۲۹﴾ۚ
    (سور﷦ة الشعراء: 129-128 )
    ”ڇا توهان هر هڪ مٿاهين جاءِ تي (فقط ڏيک ويک لاءِ) اجايا بي فائدا يادگار ٿابنايو؟ ۽ توهان وڏا وڏا محلات ٿا ٺاهيو. (ڄڻ ته) اميد ٿا رکو ته توهان انهن ۾ هميشه رهندؤ. (توهان وساري ٿا ڇڏيو ته هيءَ زندگي هڪ ڏينهن جي برابر آهي).“
    ”شيبواه“ ۾ موجود عمارتن جي هڪ اهم خصوصيت انهن جا وڏا وڏا ٿنڀا آهن. اهي ٿنڀا گول ۽ منفرد بناوت جا ٺهيل آهن، جڏهن ته يمن جي ٻين علائقن ۾ ملندڙ ٿنڀا چورس ٺهيل آهن. ”شيبواه“ جي ماڻهن اڏاوتي فن جي اها انفراديت پنهنجي ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ماڻي هوندي. نائين صديءَ جي قسطنطنيه جي بزنطين بشپ ايڊفوٽيئس (Ad. Photius)، قديم يوناني مسودن تائين پهچ رکندڙ هو، جيڪي اڄڪلهه موجود به ناهن. هو اگاٿر شيڊس(Agathara chides) (132 ق.م) جي بحيره احمر (Read sea) بابت تصنيفن کان به آگاه هو. هن ڏکڻ عرب بابت ڏاڍي تحقيق ڪئي. هو پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته:
    ”اهو چيو ويندو آهي ته ڏکڻ عرب جي ماڻهن اهڙا ٿنڀا ٺاهيا هئا، جن تي سون چڙهيل هو يا اهي چانديءَ جا ٺهيل هئا. انهن ٿنڀن جي درميان وٿي ڏسڻ وٽان آهي.“(24)
    جيتوڻيڪ فوٽيئس (photius) جو اهو بيان حضرمين سان سنئون سڌو تعلق نٿو رکي، پر اهي انهيءَ علائقي جي ماڻهن جي عمارتي ذوق ۽ اڏاوتي ڪاريگريءَ ڏانهن ضرور رهنمائي ڪري ٿو. ڪلاسيڪل يوناني مصنفن پلائني (pliny) ۽ اسٽرابو (strabo) انهن شهرن کي”خوبصورت عبادت گاهن ۽ محلاتن سان سينگاريل ۽ سنواريل“ شهر لکيو آهي.
    جڏهن اسان اهو تصور ڪريون ٿا ته انهن شهرن جارهاڪو عاد جي اولاد هئا ته قرآن پاڪ جو قوم عاد بابت اهو فرمائڻ سمجهه ۾ اچي ٿو ته: اِرَمَ ذَاتِ الۡعِمَادِ ”شهر ارم بلند ٿنڀن وارو“ (سورة الفجر: 7)


    عاد جا چشما ۽ باغ

    اڄ جيڪڏهن ڪو ڏکڻ عرب ڏانهن سفر ڪري ته کيس تمام وڏو رڻ پٽ ۽ بيابان جهاڳڻو پوندو. انهيءَ علائقي جا اڪثر ماڳ، سواءِ ٿورڙن کان، واريءَ سان ڍڪيل آهن. اهي رڻ پٽ ۽ صحرا سوين بلڪه هزارين سالن کان هتي موجود آهن.
    پر قرآن شريف اسان کي عاد قوم بابت حيران ڪندڙ معلومات ڏئي ٿو. حضرت هود انهن کي خدائي عذاب کان خبردار ڪندي، سندن ڌيان انهن باغن ۽ چشمن ڏانهن ڇڪايو، جن سان الله پاڪ کين نوازيو هو:
    فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۳۱﴾ۚ وَ اتَّقُوا الَّذِیۡۤ اَمَدَّکُمۡ بِمَا تَعۡلَمُوۡنَ ﴿۱۳۲﴾ۚ اَمَدَّکُمۡ بِاَنۡعَامٍ وَّ بَنِیۡنَ ﴿۱۳۳﴾ۚۙ وَ جَنّٰتٍ وَّ عُیُوۡنٍ ﴿۱۳۴﴾ۚ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ.
    (سور ة الشعراء : 135-131)
    ”سو خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. انهيءَ (مهربان) خدا (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو، جنهن (پنهنجي فضل سان) توهان کي (گهڻيون ئي نعمتون) ڏنيون آهن جي توهان پاڻ ڄاڻو ٿا. (توهان کي خبر آهي ته) هن اوهان کي ڍور ڍڳا (۽ ٻي دولت) ۽ اولاد (۽ لشڪر وغيره) عطا ڪيا آهن. ۽ باغات ۽ چشما (به عطا ڪيا اٿس.) (انهن نعمتن هوندي به جو توهان سندس نافرماني ڪري ظلم ۽ گناه جا ڪم ٿا ڪيو سو) مون کي وڏو انديشو آهي ته هڪ وڏي سخت ڏينهن جو عذاب توهان تي اچي ڪڙڪندو.“
    پر جيئن ته اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته عبار جنهن کي ارم شهر قرار ڏنو ويو آهي ۽ جيڪو عاد جو شهر هو، هاڻي مڪمل طور تي صحرا ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، ته پوءِ حضرت هود ڇو اهڙيءَ طرح خطاب ڪيو؟
    انهيءَ سوال جو جواب تاريخ جي ماحولياتي انقلاب سان جڙيل آهي. تاريخي رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته اهي علائقا جيڪي هينئر مڪمل طرح صحرا (رڻ پٽ) ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، اهي ڪڏهن نهايت ئي زرخيز ميدان هئا. انهن جو وڏو حصو سرسبز باغن سان ڍڪيل هو. جيئن قرآن حڪيم بيان ڪيو آهي ۽ ڪجهه هزار سال اڳ تائين هتان جا ماڻهو ڏاڍا سکيا ستابا هئا. جهنگلن ۽ ٻيلن علائقي جي سخت موسم کي خوشگوار ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ رڻ پٽ موجود هئا، پر ايتري گهڻي ايراضيءَ تي ڪونه هئا.
    ڏکڻ عرب ۾ عاد جي رهڻ جي حوالي سان به، ڪيترائي اشارا مليا آهن، جيڪي انهيءَ سوال جي وضاحت ڪن ٿا. انهن اهڃاڻن ۽ آثارن جي مطابق هن علائقي جا ماڻهو اعليٰ معيار جي آبپاشي نظام جا مالڪ هئا ۽ انهيءَ آبپاشيءَ نظام جو واحد مقصد زراعت هيو. اهي ئي علائقا جتي اڄ زندگي محال آهي، ڪڏهن اُتي پوکي راهي ۽ ٻني ٻارو ٿيندو هو.
    هن علائقي جي فضائي تصويرن مان به هن علائقي ۾ ندين نهرن ۽ ڊيمن تي مشتمل اهڙي آبپاشي نظام جو ڏس پتو مليو آهي، جنهن ۾ انهن شهرن جي 200،000 کان وڌيڪ ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون هيون.(52) جيئن ان بابت هڪ محقق ڊوئي (doe) لکيو:
    ”مآرب جو علائقو ايڏو زرخيز هيو جو اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مآرب ۽ حضر موت جو سڄو درمياني (وچ وارو) علائقو ڪنهن وقت پوک هيٺ رهيو آهي.“ (62)
    معروف يوناني مصنف پلائني (pliny) هن علائقي کي ڏاڍو زرخيز علائقو سڏيو آهي، جتي ڌُنڌ (ڪوهيڙو) ڇانيل رهندو هو. هي وڻن واريون پهاڙيون، درياهه ۽ وسيع ٻيلا هئا. حضر موت جي دارالحڪومت ”شيبواه“ مان ملندڙ ڪيترن ئي ڪتبن مان اهڙيون لکتون مليون آهن، ته هتي گهڻي تعداد ۾ ڍور ڍڳا هوندا هئا، جن مان ڪيترن جي قرباني ڪئي ويندي هئي. انهن سڀني حقيقتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هيءُ علائقو تمام گهڻو زرخيز علائقو هو.
    صحرائن جي ڦهلجڻ ۽ زرخيز زمينن کي هڙپ ڪرڻ جي رفتار جو اندازو پاڪستان جي سمٿ سونين انسٽيٽيوٽ (Smith sonian institute) جي رپورٽ مان ڪري سگهجي ٿو. رپورٽ مطابق اهي علائقا جيڪي قرون وسطٰي (وچئين دور) ۾ زر خيز هئا، اڄ رڻ پٽ ٿي ويا آهن، جتي 6 ميٽر بلند واريءَ جا دڙا آهن. اهڙيءَ طرح صحرا سراسري طور تي 6 انچ روز جي رفتار سان وڃن ٿا وڌندا، اها رفتار تمام بلند عمارتن کي به دفن ڪري سگهي ٿي. ڄڻ ته اهي ڪڏهن هيون ئي ڪونه. انهيءَ ڪري يمن ۾تهمنه(Timma) جي 1950ع ۾ ڪيل کوٽايون، هاڻي وري ٻيهر واريءَ هيٺ اچي چڪيون آهن. مصر جا احرام به ڪڏهن واريءَ ۾ دفن هئا ۽ تمام ڊگهي عرصي تائين کوٽائين کانپوءِ منظرعام تي اچي سگهيا . يعني اهي علائقا جيڪي اڄ صحرا آهن، بلڪل ممڪن آهي ته ماضيءَ ۾ بلڪل مختلف ڏيک ڏيندا هجن.


    عاد جي تباهي

    قرآن حڪيم ۾ عاد جي تباهيءَ جو ڪارڻ ”خوفناڪ هوا“ کي قرار ڏنو ويو آهي. قرآن مجيد جي انهن آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي موتمار هوائون ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن گهلنديون رهيون، ايستائين جو عاد مڪمل طور تباهه ۽ برباد ٿي ويا:
    کَذَّبَتۡ عَادٌ فَکَیۡفَ کَانَ عَذَابِیۡ وَ نُذُرِ ﴿۱۸﴾ اِنَّاۤ اَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِمۡ رِیۡحًا صَرۡصَرًا فِیۡ یَوۡمِ نَحۡسٍ مُّسۡتَمِرٍّ ﴿ۙ۱۹﴾ تَنۡزِعُ النَّاسَ ۙ کَاَنَّہُمۡ اَعۡجَازُ نَخۡلٍ مُّنۡقَعِرٍ ﴿۲۰﴾ (سورة القمر: 20-18 )
    ”عاد جي قوم به (پيغمبرن جي تعليم کي) نه مڃيو ۽ ان کي رد ڪيو، سو (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ منهنجي تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي. اسان انهن (عاد قوم جي ماڻهن) جي مٿان هڪڙو سخت طوفان اهڙي ڏينهن موڪليو جو سخت نڀاڳائي ۽ زبردست مصيبت وارو ڏينهن هو. جنهن انهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پٽي (اڇلائي) ماريو جو ڄڻ ته هو پارڙؤن پٽيل کجين جا ٿڙ هئا.“
    وَ اَمَّا عَادٌ فَاُہۡلِکُوۡا بِرِیۡحٍ صَرۡصَرٍ عَاتِیَۃٍ ۙ﴿۶﴾ سَخَّرَہَا عَلَیۡہِمۡ سَبۡعَ لَیَالٍ وَّ ثَمٰنِیَۃَ اَیَّامٍ ۙ حُسُوۡمًا ۙ فَتَرَی الۡقَوۡمَ فِیۡہَا صَرۡعٰی ۙ کَاَنَّہُمۡ اَعۡجَازُ نَخۡلٍ خَاوِیَۃٍ ۚ﴿۷﴾
    (سورة الحاقة: 7-6 )
    ”۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ تيز (ٿڌي) هوا سان هلاڪ ڪيو ويو. جنهن کي (الله) مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار هلايو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ ! جيڪڏهن تون اُتي ڏسين ها ته) تون ان قوم کي ان (زمين تي ائين منهن ڀر اونڌو) ڪريل ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ (پيل) آهن.“
    جيتوڻيڪ ماڻهن کي باربار خبردار ڪيو ويو هو، پر انهن نبين سڳورن جي دعوت تي ڪو ڌيان ڪو نه ڏنو. هي ايڏي وڏي مغالطي ۾ گرفتار هئا، جو جڏهن تباهي بلڪل سندن مٿان اچي پهتي، تڏهن به انهن کي پنهنجي اصلاح جو ڪو خيال ڪو نه آيو ۽ پنهنجي انڪار تي ڄميا رهيا:
    فَلَمَّا رَاَوۡہُ عَارِضًا مُّسۡتَقۡبِلَ اَوۡدِیَتِہِمۡ ۙ قَالُوۡا ہٰذَا عَارِضٌ مُّمۡطِرُنَا ؕ بَلۡ ہُوَ مَا اسۡتَعۡجَلۡتُمۡ بِہٖ ؕ رِیۡحٌ فِیۡہَا عَذَابٌ اَلِیۡمٌ (سورة الاحقاف: 24 )
    ”پوءِ جڏهن هنن ان (عذاب) کي هڪڙي ڪڪر جي صورت ۾ پنهنجي وادين جي سامهون ايندي ڏٺو، تڏهن (ڀلجي خوشيءَ مان) چيائون ته هي هڪڙو ڪڪر آهي جو اسان تي مينهن وسائيندو (۽ اسان جي وادين کي آباد ڪندو). نه نه (آباد ڪرائڻ وارو مينهن نه اَٿو) بلڪه اهو اُهو (عذاب) اَٿو، جنهن لاءِ (ٽوڪ وانگر) توهان تڪڙ لائي ڏني هئي. اهو سخت طوفان اَٿو جنهن ۾ درد ناڪ عذاب رکيل آهي.“
    هن آيت ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ماڻهن بادل ڏٺو، جنهن ۾ عذاب هيو پر اهي سمجهي ڪو نه سگهيا ۽ ان کي مينهن جو ڪڪر سمجهندا رهيا. هيءَ آيت انهيءَ منظر کي بيان ٿي ڪري ته، ڪهڙيءَ طرح عذاب آيو. واريءَ جا وڏا وڏا دڪا دڙا به پري کان بارش جي بادلن جهڙا لڳن ٿا. اهو بلڪل ممڪن آهي ته عاد انهيءَ مماثلت (مشابهت) کان ڌوڪو کاڌو هجي ۽ عذاب کي سمجهي نه سگهيا هجن. ڊوئي (Doe) پنهنجي ذاتي تجربن جي روشنيءَ ۾ اهڙيءَ طرح جي واريءَ جي طوفان بابت لکي ٿو:
    ”اهڙيءَ طرح جي طوفان جي پهرين علامت گرد و غبار جي هڪ ديوار آهي، جيڪا ڪيئي فوٽ بلند ٿي سگهي ٿي ۽ انهيءَ ۾ تمام تيز هوائون هونديون آهن.“ (27)
    هينئر عاد جي آثارن”عبار“ کي ڪيئي ميٽر اونهو واريءَ جو تهه کوٽي ڪري دريافت ڪيو ويو آهي. ائين ٿو لڳي ته قرآن حڪيم جي بيان مطابق اٺن ڏينهن ۽ ستن راتين تائين هلندڙ واريءَ وارين هوائن، هن شهر کي ڪيئي ٽَن واريءَ ۾ پوري ڇڏيو ۽ ماڻهو زنده دفن ٿي ويا.
    عبار ۾ ٿيندڙ کوٽايون به انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون. فرانسيسي رسالو (CaM’Interesse) لکي ٿو ته عبار شهر طوفان جي نتيجي ۾ 12 ميٽر ٿلهي واريءَ جي تهه هيٺ دٻجي ويو. (28)
    عاد جو واريءَ ۾ دفن ٿيڻ جو هڪ اهم ثبوت، عاد جي شهر جو تذڪرو ڪندي قرآن مجيد ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”احقاف“ آهي:
    وَ اذۡکُرۡ اَخَا عَادٍ ؕ اِذۡ اَنۡذَرَ قَوۡمَہٗ بِالۡاَحۡقَافِ وَ قَدۡ خَلَتِ النُّذُرُ مِنۡۢ بَیۡنِ یَدَیۡہِ وَ مِنۡ خَلۡفِہٖۤ اَلَّا تَعۡبُدُوۡۤا اِلَّا اللّٰہَ ؕ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ عَذَابَ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ (سورة الاحقاف: 21 )
    ”(اي منهنجا پيغمبر!) عاد قوم جي ڀاءُ (حضرت هود) جو بيان (هنن عربن کي) ٻڌاءِ ، ڏسو! هن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي، جيڪي احقاف ۾ رهندا هئا، خبردار ڪيو، ۽ هن کان اڳي توڙي پوءِ ٻيا به خبردار ڪندڙ (پيغمبر سڳورا) ٿي گذريا آهن (انهن به پنهنجن پنهنجن ماڻهن کي خبردار ڪيو ته ) الله کانسواءِ ڪنهن جي به پوڄا نه ڪيو (۽ ڪنهن به قسم جي نامناسب ڪاڻ نه ڪڍو. نڪي بادشاهن ۽ سردارن جي، نڪي پيرن، فقيرن ۽ ٻين جي. جيڪي پاڻ کي ڪرامت جا صاحب ٿا سڏائين) (جيڪڏهن ٻين جي غلامي ۽ پوڄا ڪندؤ ته) مون کي خوف آهي ته ڪنهن وڏي (سخت)ڏينهن جو عذاب اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندو.“
    ”احقاف“، حقف جو جمع آهي ۽ عربي زبان ۾ ان مان مراد واريءَ جا دڙا آهن. يعني عاد واريءَ جي دڙن واري علائقي ۾ رهندا هئا. اهڙيءَ طرح تمام وڏو چٽو ثبوت آڏو اچي ٿو ته، انهن جي هلاڪت واريءَ ۾ دفن ٿيڻ سان ٿي هوندي. هڪ توضيح (وضاحت) جي مطابق گهڻي استعمال جي ڪري ”احقاف“ پنهنجي اصل معنيٰ جي بدران انهيءَ شهر ۽ علائقي جو نانءُ ٿي ويو، جتي عاد رهندا هئا. پر انهيءَ مان ان بنيادي حقيقت جي نفي ڪونه ٿي ٿئي ته، اُهو واريءَ جو علائقو نه هو، بلڪه انهيءَ تصور کي وڌيڪ تقويت ملي ٿي ته اهو علائقو واريءَ جي دڙن طور مشهور هو.
    طوفان سان عاد تي اهڙيءَ طرح تباهي آئي جو اهي کجيءَ جي پورن ٿڙن وانگر اکڙجي ويا. اهڙيءَ طرح اهي ماڻهو جيڪي زمينن جي پوکي راهي، ڊيمن جي اڏاوت، آبپاشي ۽ ٻين سرگرمين ۾ مصروف هيا، هڪ لحظي ۾ تباهه ۽ برباد ڪيا ويا. پوک جي قابل سمورو علائقو، آبپاشيءَ جون نهرون ۽ ڊيم وغيره واريءَ ۾ دفن ٿي ويا ۽ سڄو شهر پنهنجي رهاڪن سميت واريءَ ۾ غرق ٿي ويو. شهر جي تباهيءَ کانپوءِ اتي صحرا ٿي ويو ۽ انهن جو ڪو نانءُ نشان باقي نه رهيو.“
    يعني ائين چئي سگهجي ٿو ته تاريخ ۽ قديم آثارن جون شاهديون ٻڌائن ٿيون ته عاد ۽ شهر ارم، جن جي تباهيءَ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آيو آهي، وجود رکندا هئا، پوءِ جي تحقيقات مان انهن ماڻهن جا آثار، واريءَ مان دريافت ڪيا ويا.
    واريءَ ۾ دفن انهن آثارن مان عبرت وٺڻ جي ضرورت آهي، جنهن طرف قرآن بار بار ڌيان ڇڪائي ٿو. عاد سرڪشي ۽ گمراهيءَ جي ڪري حق جي راهه کان منحرف ٿي ويا هئا. تنهن ڪري مٿن عذاب آيو. ارشاد رباني آهي ته:
    ”(هاڻي) ڪير آهي جيڪو قوت ۽ اقتدار ۾ برتر آهي؟“
    انهيءَ آيت ۾ اڳتي فرمايو ويو:
    ”ڇا هنن انهيءَ تي ويچار ڪونه ڪيو ته الله، جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي، انهن کان طاقت ۽ اقتدار ۾ برتر ۽ اعليٰ آهي؟“
    (سورة فصلت: 15 )
    انهن تمام تاريخي حقيقتن جو حاصل مطلب هيءُ آهي ته، انسان انهيءَ ناقابل ترديد ۽ ابدي حقيقت کي هميشه جي لاءِ پنهنجي دل جي ڦرهيءَ تي نقش ڪري ڇڏي ته رڳو الله تعاليٰ جي هستي ئي عظيم، برتر ۽ اعليٰ آهي ۽ انسان جي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي ته، هو الله تعاليٰ سان پنهنجي بندگيءَ واري تعلق کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪري.


    باب پنجون

    ثمود جي قوم جا حالات

    کَذَّبَتۡ ثَمُوۡدُ بِالنُّذُرِ ﴿۲۳﴾ فَقَالُوۡۤا اَبَشَرًا مِّنَّا وَاحِدًا نَّتَّبِعُہٗۤ ۙ اِنَّاۤ اِذًا لَّفِیۡ ضَلٰلٍ وَّ سُعُرٍ ﴿۲۴﴾ ءَاُلۡقِیَ الذِّکۡرُ عَلَیۡہِ مِنۡۢ بَیۡنِنَا بَلۡ ہُوَ کَذَّابٌ اَشِرٌ ﴿۲۵﴾ سَیَعۡلَمُوۡنَ غَدًا مَّنِ الۡکَذَّابُ الۡاَشِرُ ﴿۲۶﴾
    (سورة القمر: 26-23 )
    ”ثمود جي ماڻهن به خبردار ڪندڙ (پيغمبرن) کي نه مڃيو. هنن چيو ته ڇا اسان مان هڪڙو انسان، اڪيلو ئي اڪيلو! اسان هن جي پيروي ڪيون ۽ سندس تابعدار ٿيون! جيڪڏهن ائين ڪيون ته گمراهي ۽ چريائي ءَ ۾ پئجي وينداسين. ڇا اسان سڀني جي وچئون اچي هن (مڙس) تي (خدائي) پيغام نازل ٿيو آهي؟ (بلڪل نه) بلڪه هو ڪوڙو ٻٽاڪي آهي. (اي حضرت صالح!) هي (نادان) سڀاڻي ئي ڏسي وٺندا ته ڪير ڪوڙو ۽ ٻٽاڪي آهي.“
    جيئن ته مٿي ڄاڻايل آيتن ۾ بيان ٿيو ته، ثمود قوم به الله جي تنبيهه تي غور ۽ ويچار نه ڪيو ۽ پيغمبرسڳوري جي دعوت کي ٿڏيو. نتيجي ۾ اها به قوم عاد وانگر تباهه ٿي ويئي. جديد دور جي تاريخ ۽ قديم آثارن مان لاڳاپاپيل تحقيقات، ثمود قوم جي رهڻي ڪهڻي ، علائقي ۽ ان جي ٻي تفصيلات،جنهن جو اڳ ۾ ڪو پتو نه هو، تنهن کي پڌرو ڪيوآهي. اڄ جي آثار قديمه جي ماهرن جي تحقيقات مطابق ثمود قوم، تاريخي وجود رکندڙ قوم ثابت ٿي چڪي آهي.
    ان کان اڳ جو ثمود قوم بابت آثار قديمه جي تحقيقات جو تفصيل بيان ڪيو وڃي، انهن جو پنهنجي نبين سڳورن سان جهيڙي جو داستان، جيڪو قرآن حڪيم بيان ڪيو آهي، بيان ڪيو وڃي ٿو. جيئن ته قرآن پاڪ جو خطاب هر دور ۽ هر قوم لاءِ آهي، تنهن ڪري قرآن پاڪ ثمود قوم جي انڪار ۽ انجام کي هر زماني جي ماڻهن جي لاءِ عبرت جي سبق طور پيش ڪري ٿو.


    حضرت صالح عليه السلام جون تبليغي ڪاوشون

    قرآن شريف جي مطابق، حضرت صالح عليه السلام کي ثمود قوم ڏانهن موڪليو ويو هو. پاڻ ثمود قوم جا ڄاتل سڃاتل ۽ نامور فرد هئا. سندس قوم جيڪا حضرت صالح عليه السلام کان دين حق جي دعوت جي اميد ڪونه رکندي هئي، کانئن ڪفر ۽ شرڪ ترڪ ڪرڻ جو اعلان ٻڌي، حيرت ۾ پئجي ويئي. شروع ۾ سندس قوم مٿس بهتان هڻڻ ۽ الزام مڙهڻ شروع ڪيا :
    وَ اِلٰی ثَمُوۡدَ اَخَاہُمۡ صٰلِحًا ۘ قَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ ہُوَ اَنۡشَاَکُمۡ مِّنَ الۡاَرۡضِ وَ اسۡتَعۡمَرَکُمۡ فِیۡہَا فَاسۡتَغۡفِرُوۡہُ ثُمَّ تُوۡبُوۡۤا اِلَیۡہِ ؕ اِنَّ رَبِّیۡ قَرِیۡبٌ مُّجِیۡبٌ ﴿۶۱﴾ قَالُوۡا یٰصٰلِحُ قَدۡ کُنۡتَ فِیۡنَا مَرۡجُوًّا قَبۡلَ ہٰذَاۤ اَتَنۡہٰنَاۤ اَنۡ نَّعۡبُدَ مَا یَعۡبُدُ اٰبَآؤُنَا وَ اِنَّنَا لَفِیۡ شَکٍّ مِّمَّا تَدۡعُوۡنَاۤ اِلَیۡہِ مُرِیۡبٍ ﴿۶۲﴾ (سورة هود: 62-61 )
    ”۽ اسان ثمود ڏانهن سندن برادريءَ مان (حضرت ) صالح کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! الله جي ٻانهپ ڪيو، کانئس سواءِ اوهان جو ڪو به معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) اهو ئي آهي جنهن اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ وري ان ۾ ئي اوهان کي رهايو(يعني زمين کي اوهان سان آباد ڪيو ۽ رونق ڏني) پوءِ اوهان کي گهرجي ته کانئس بخشش گهرو ۽ سندس طرف رجوع ٿي زندگي بسر ڪيو. يقين رکو ته منهنجو پروردگار (هر هڪ کي) ويجهڙو آهي ۽ (هر هڪ جي) دعائن جو جواب ڏيندڙ آهي. ماڻهن چيو ته! اي صالح! هن کان اڳي ته تون اهڙو (اعلي دل ۽ دماغ وارو) ماڻهو هيئن جو اسان سڀني جون تو ۾ ڏاڍيون اميدون هيون. پوءِ ڇا تون اسان کي روڪين ٿو ته انهن معبودن (ديوتائن) جي پوڄا نه ڪريون جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن.(هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي؟) اسان کي به انهيءَ ڳالهه ۾ وڏو شڪ آهي. جنهن جي اسان کي دعوت ڏيئي رهيو آهين ۽ جنهن کي اسان جو دليون قبول ئي نه ٿيون ڪن.“
    انهيءَ معاشري جي چند فردن، حضرت صالح عليه السلام جي دعوت قبول ڪئي. جڏهن ته اڪثريت انڪار ڪري ڇڏيو. خاص ڪري انهيءَ قوم جي وڏن سردارن حضرت صالح عليه السلام جي دعوت کي رد ڪري ڇڏيو ۽ ساڻن دشمنيءَ وارو رويو اختيار ڪيو. هنن حضرت صالح عليه السلام تي ايمان آڻيندڙن کي تنگ ڪرڻ ۽ کين ظلم ۽ ستم جونشانو بڻائڻ شروع ڪيو. اهي حضرت صالح عليه السلام جي جان جا دشمن بڻجي ويا، ڇو ته حضرت صالح عليه السلام انهن کي گمراهي ڇڏي، هڪ الله جي عبادت ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. الله جي نبيءَ تي ڏمرجڻ رڳو ثمود قوم جوئي عمل نه هو، بلڪه ثمود قوم اها ئي غلطي ورجائي رهي هئي، جيڪا هن کان اڳ حضرت نوح عليه السلام جي قوم ۽ عاد قوم ڪئي هئي. اهو ئي سبب آهي جو قرآن حڪيم انهن ٽنهي قومن جو تذڪرو هيئن ڪري ٿو:
    اَلَمۡ یَاۡتِکُمۡ نَبَؤُا الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ قَوۡمِ نُوۡحٍ وَّ عَادٍ وَّ ثَمُوۡدَ ۬ؕۛ وَ الَّذِیۡنَ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ ؕۛ لَا یَعۡلَمُہُمۡ اِلَّا اللّٰہُ ؕ جَآءَتۡہُمۡ رُسُلُہُمۡ بِالۡبَیِّنٰتِ فَرَدُّوۡۤا اَیۡدِیَہُمۡ فِیۡۤ اَفۡوَاہِہِمۡ وَ قَالُوۡۤا اِنَّا کَفَرۡنَا بِمَاۤ اُرۡسِلۡتُمۡ بِہٖ وَ اِنَّا لَفِیۡ شَکٍّ مِّمَّا تَدۡعُوۡنَنَاۤ اِلَیۡہِ مُرِیۡبٍ ﴿۹﴾ (سورة ابراهيم: 9 )
    ”پوءِ ڇا توهان تائين انهن ماڻهن جي خبر ڪانه پهتي آهي، جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن؟ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم ۽ اهي قومون جي انهن کانپوءِ آيون ۽ جن جو حال الله ئي کي معلوم آهي. ۽ انهن سڀني قومن ڏي انهن جا رسول روشن دليلن سان آيا هئا. پر انهن سندن ڳالهيون موٽائي ڇڏيون (۽ ٻڌڻ کان ئي انڪار ڪيائون) انهن چيو ته جيڪا ڳالهه توهان کڻي آيا آهيو، تنهن کان اسان کي انڪار آهي، ۽ جنهن ڳالهه ڏانهن توهان سڏيو ٿا، تنهن تي اسان کي يقين ڪونهي، اسان شڪ ۽ شبهي ۾ پئجي ويا آهيون.“
    حضرت صالح عليه السلام جي لڳاتار نصحيت جي باوجود، اها قوم شڪ ۽ شبهي ۾ پيل رهي. تنهن هوندي به انهيءَ گمراه قوم ۾ هڪ ننڍڙو جٿو اهڙو به هو جيڪو حضرت صالح، تي ايمان رکندو هو. جڏهن انهيءَ قوم تي ٺاهوڪو عذاب آيو، ته ايمان وارا ان عذاب کان محفوظ رهيا. ثمود قوم جي سردارن، حضرت صالح عليه السلام تي ايمان آڻيندڙن کي پنهنجي ظلم ۽ ستم سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي:
    قَالَ الۡمَلَاُ الَّذِیۡنَ اسۡتَکۡبَرُوۡا مِنۡ قَوۡمِہٖ لِلَّذِیۡنَ اسۡتُضۡعِفُوۡا لِمَنۡ اٰمَنَ مِنۡہُمۡ اَتَعۡلَمُوۡنَ اَنَّ صٰلِحًا مُّرۡسَلٌ مِّنۡ رَّبِّہٖ ؕ قَالُوۡۤا اِنَّا بِمَاۤ اُرۡسِلَ بِہٖ مُؤۡمِنُوۡنَ ﴿۷۵﴾ قَالَ الَّذِیۡنَ اسۡتَکۡبَرُوۡۤا اِنَّا بِالَّذِیۡۤ اٰمَنۡتُمۡ بِہٖ کٰفِرُوۡنَ ﴿۷۶﴾ (سورة الاعراف: 76-75 )
    ”تنهن تي (حضرت صالح جي) قوم جي هٺيلن سردارن انهن مسڪينن ضعيفن کان جن (حضرت صالح تي) ايمان آندو هو، (ٽوڪ طرح) پڇيو، ته توهان کي خبر آهي ڇا ته صالح سچ پچ پنهنجي پروردگار جي طرفان موڪليل مرسل آهي؟ هنن(مسڪين مومنن) وراڻي ڏني ته بيشڪ اسان انهن (سچين حقيقتن ۽ حڪمن تي) ايمان آندو آهي، جن سان هن کي خدا موڪليو آهي.هٺيلن سردارن تنهن تي چيو ته جن ڳالهين تي توهان (چٽو سمجهي) ايمان آندو آهي، تن کان اسان انڪار ٿا ڪريون (جو اسان کي اها تعليم ڪانه ٿي وڻي.) ڀلا خود غرض ظالمن کي تعليم ڪيئن وڻندي ته مسڪينن سان عدل ۽ احسان ڪيو ۽ خدا جي زمين تي تڪبر سان نه گهمو.“
    ايمان وارن جي استقامت جي باوجود، ثمود قوم الله ۽ حضرت صالح عليه السلام جي رسالت بابت شڪ ۽ شبهي ۾ مبتلا رهي. ايستائين جو هڪ گروه پڌري پٽ ۽ وڏي واڪي حضرت صالح عليه السلام کي ڪوڙو ٺهرائڻ شروع ڪري ڏنو.
    حضرت صالح عليه السلام ۽ الله پاڪ جي تڪذيب ڪندڙ انهيءَ گروه حضرت صالح عليه السلام کي قتل ڪرڻ جي سازش شروع ڪري ڏني.
    قَالُوا اطَّیَّرۡنَا بِکَ وَ بِمَنۡ مَّعَکَ ؕ قَالَ طٰٓئِرُکُمۡ عِنۡدَ اللّٰہِ بَلۡ اَنۡتُمۡ قَوۡمٌ تُفۡتَنُوۡنَ ﴿۴۷﴾ وَ کَانَ فِی الۡمَدِیۡنَۃِ تِسۡعَۃُ رَہۡطٍ یُّفۡسِدُوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ وَ لَا یُصۡلِحُوۡنَ ﴿۴۸﴾ قَالُوۡا تَقَاسَمُوۡا بِاللّٰہِ لَنُبَیِّتَنَّہٗ وَ اَہۡلَہٗ ثُمَّ لَنَقُوۡلَنَّ لِوَلِیِّہٖ مَا شَہِدۡنَا مَہۡلِکَ اَہۡلِہٖ وَ اِنَّا لَصٰدِقُوۡنَ ﴿۴۹﴾ وَ مَکَرُوۡا مَکۡرًا وَّ مَکَرۡنَا مَکۡرًا وَّ ہُمۡ لَا یَشۡعُرُوۡنَ ﴿۵۰﴾ (سورة النمل: 50-47 )
    ”هو چوڻ لڳا ته (اي صالح!) تون ۽ تنهنجا ساٿي (مؤمن) اسان جي لاءِ نڀاڳا ۽ منحوس ثابت ٿيا آهيو (حضرت) صالح فرمايو ته توهان جو نڀاڳ الله جي طرف کان آهي (ڇو ته توهان الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ڇڏي ظلم تي سنبري بيٺا آهيو) بلڪه توهان اها قوم آهيو، جنهن جي آزمائش ٿي رهي آهي.“ ۽ انهيءَ شهر ۾ نَوَ شخص هئا، جيڪي ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو ڪندا هئا ۽ سڌرڻ جو منجهن امڪان ئي ڪونه هو. انهن هڪٻئي کي چيو ته اچو ته الله جي نالي تي قسم کڻون ۽ واعدو ڏيون ته اسان رات جي وقت (لڪي ڇپي) صالح ۽ سندس عيال تي وڃي ڪڙڪنداسين (۽ کين قتل ڪري ڇڏينداسين) ۽ پوءِ سندس وارثن کي (ڪوڙ هڻي) چونداسين ته اسان ته سندس عيال جي قتل ٿيڻ جي جاءِ به نه ڏٺي آهي ۽ يقيناً اسان سچ ٿا چئون (ته اسان کي ڪا خبر ڪانهي.) هنن ته اهو منصوبو يا تجويز ٺاهي، پر اسان (يعني الله تعاليٰ) به پنهنجي تجويز تيار رکي، جنهن جو هنن کي پتو به ڪونه پيو (هو ناڪامياب ٿيا، اٽلندو پاڻ تباهه ٿيا.)“
    ماڻهن کي پنهنجي دعوت تي يقين ۽ الله جي اطاعت جي رغبت ڏيارڻ لاءِ حضرت صالح عليه السلام کين اُٺڙيءَ جو معجزو ڏيکاريو. اهو ڏسڻ لاءِ ته، ڇا ماڻهو سندس اطاعت ڪن ٿا يا نه، پاڻ انهن کي چيائون ته، هو اُٺڙيءَ کي پاڻيءَ پيارڻ ۾ شريڪ ڪن ۽ ان کي تڪليف نه ڏين. گمراه ماڻهن اطاعت جي بدران اُٺڙيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. سورة الشعراءَ ۾ اهو واقعو هيئن بيان ڪيو ويو.
    کَذَّبَتۡ ثَمُوۡدُ الۡمُرۡسَلِیۡنَ ﴿۱۴۱﴾ۚۖ اِذۡ قَالَ لَہُمۡ اَخُوۡہُمۡ صٰلِحٌ اَلَا تَتَّقُوۡنَ ﴿۱۴۲﴾ۚ اِنِّیۡ لَکُمۡ رَسُوۡلٌ اَمِیۡنٌ ﴿۱۴۳﴾ۙ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۴۴﴾ۚ وَ مَاۤ اَسۡـَٔلُکُمۡ عَلَیۡہِ مِنۡ اَجۡرٍ ۚ اِنۡ اَجۡرِیَ اِلَّا عَلٰی رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۱۴۵﴾ؕ اَتُتۡرَکُوۡنَ فِیۡ مَا ہٰہُنَاۤ اٰمِنِیۡنَ ﴿۱۴۶﴾ۙ فِیۡ جَنّٰتٍ وَّ عُیُوۡنٍ ﴿۱۴۷﴾ۙ وَّ زُرُوۡعٍ وَّ نَخۡلٍ طَلۡعُہَا ہَضِیۡمٌ ﴿۱۴۸﴾ۚ وَ تَنۡحِتُوۡنَ مِنَ الۡجِبَالِ بُیُوۡتًا فٰرِہِیۡنَ ﴿۱۴۹﴾ۚ فَاتَّقُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوۡنِ ﴿۱۵۰﴾ۚ وَ لَا تُطِیۡعُوۡۤا اَمۡرَ الۡمُسۡرِفِیۡنَ ﴿۱۵۱﴾ۙ الَّذِیۡنَ یُفۡسِدُوۡنَ فِی الۡاَرۡضِ وَ لَا یُصۡلِحُوۡنَ ﴿۱۵۲﴾ قَالُوۡۤا اِنَّمَاۤ اَنۡتَ مِنَ الۡمُسَحَّرِیۡنَ ﴿۱۵۳﴾ۚ مَاۤ اَنۡتَ اِلَّا بَشَرٌ مِّثۡلُنَا ۚۖ فَاۡتِ بِاٰیَۃٍ اِنۡ کُنۡتَ مِنَ الصّٰدِقِیۡنَ ﴿۱۵۴﴾ قَالَ ہٰذِہٖ نَاقَۃٌ لَّہَا شِرۡبٌ وَّ لَکُمۡ شِرۡبُ یَوۡمٍ مَّعۡلُوۡمٍ ﴿۱۵۵﴾ۚ وَ لَا تَمَسُّوۡہَا بِسُوۡٓءٍ فَیَاۡخُذَکُمۡ عَذَابُ یَوۡمٍ عَظِیۡمٍ ﴿۱۵۶﴾ فَعَقَرُوۡہَا فَاَصۡبَحُوۡا نٰدِمِیۡنَ ﴿۱۵۷﴾ۙ (سورة: الشعراء: 157-141 )
    ”ثمود قوم جي ماڻهن به رسولن کي ڪو نه مڃيو. ڏسو! سندن برادريءَ جي ماڻهو (حضرت) صالح کين چيو ته ڇا توهان (مسڪينن تي ظلم ڪري رهيا آهيو ۽) خدا کان ڊڄو ئي نٿا؟“
    (مان توهان کي صاف صاف سچي ڳالهه ٿو ٻڌايان ته) مون کي اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهي (۽ توهان کي معلوم آهي ته) مان معتبر آهيان (تنهنڪري هن ڳالهه ۾ به مون تي اعتبار ڪيو). سو توهان الله تعاليٰ (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو(ڇو ته مان رڳو خدا جا حڪم ٿو پهچايان). ۽ (توهان ڏسو ٿا ته) مان انهيءَ ڪم لاءِ (يعني اوهان کي خدا جا حڪم پهچائڻ لاءِ) ڪو اجورو يا عيوضو ته ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي. ڇا (توهان هيئن ٿا سمجهو ڇا ته) جيڪي هتي هن دنيا ۾(نعمتون) آهن، سي ماڻڻ لاءِ اوهان کي (دائمي طور) امن امان ۾ ڇڏيو ويندو؟ توهان (دائمي) باغن ۽ چشمن ۾ امن امان جي حالت ۾ ڇڏيا ويندؤ ڇا؟ ۽ توهان (دائمي ڀلين) ٻنين ۽ کجور جي وڻن ۾ ڇڏيا ويندؤ؟ ڇا جو کجورن جا ڇڳا (کارڪن جي بار کان) ٽٽڻ تي آهن.۽ توهان ٽَڪرن کي ٽڪي وڏي هنر ۽ ڪاريگريءَ سان جايون ٺاهيو ٿا. (اوهان اهي نعمتون خدا جي طرف کان نٿا سمجهو ۽ سندس نافرماني ٿا ڪيو.) سو خدا (وٽان ايندڙ عذاب) کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو (ڇو ته مان فقط اهي حڪم ٿو پهچايان جي الله تعاليٰ وٽان ٿا اچن. ۽ انهن جا حڪم نه مڃيو جيڪي ليڪو لنگهي بيٺا آهن، (۽) جيڪي ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو ٿا ڪن، ۽ سڌارو ڪو نه ٿا ڪن. (ظالم ۽ خود غرض سردارن تي انهيءَ نصيحت جو اثر ڪو نه پيو) هنن چيو ته (اي صالح! تون آهين ڇا؟!) تو تي ڪو جادو جو اثر پئجي ويو آهي (جو بي عقليءَ جون ڳالهيون پيو ڪرين. تون ڪجهه به نه آهين سواءِ هن جي ته اسان جهڙو ماڻهو آهين. جيڪڏهن تون سچ ٿو چئين (ته مون کي رسول ڪري موڪليو ويو آهي) ته ڀلا آڻ ڪا نشاني (يعني ڏيکار ڪو معجزو). (حضرت صالح) فرمايو ته هيءَ ڏاچي (نشاني) آهي. هن کي به پاڻي پيئڻ جو حق آهي ۽ اوهان کي به (پنهنجي مال کي) پاڻي پيئارڻ جو حق آهي (پر واري سان) مقرر ڏينهن تي. ۽ ان ڏاچيءَ کي ڪو ايذاءُ يا تڪليف نه پهچائجو. نه ته هڪڙي وڏي سخت ڏينهن جو عذاب اچي توهان تي ڪڙڪندو. پوءِ به هنن ڏاچيءَ جا پير ڪاٽي ڇڏيا. پر پوءِ پشيمان به ٿيا (۽ ڊنا ته متان عذاب سچ پچ اچي وڃي.“
    حضرت صالح عليه السلام پنهنجي قوم کي هدايت جي راهه ڏانهن راغب ڪرڻ جي لاءِ ڪيتري جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪئي. قرآن مجيد تنهن کي هيئن بيان ڪري ٿو:
    کَذَّبَتۡ ثَمُوۡدُ بِالنُّذُرِ ﴿۲۳﴾ فَقَالُوۡۤا اَبَشَرًا مِّنَّا وَاحِدًا نَّتَّبِعُہٗۤ ۙ اِنَّاۤ اِذًا لَّفِیۡ ضَلٰلٍ وَّ سُعُرٍ ﴿۲۴﴾ ءَاُلۡقِیَ الذِّکۡرُ عَلَیۡہِ مِنۡۢ بَیۡنِنَا بَلۡ ہُوَ کَذَّابٌ اَشِرٌ ﴿۲۵﴾ سَیَعۡلَمُوۡنَ غَدًا مَّنِ الۡکَذَّابُ الۡاَشِرُ ﴿۲۶﴾ اِنَّا مُرۡسِلُوا النَّاقَۃِ فِتۡنَۃً لَّہُمۡ فَارۡتَقِبۡہُمۡ وَ اصۡطَبِرۡ ﴿۫۲۷﴾ وَ نَبِّئۡہُمۡ اَنَّ الۡمَآءَ قِسۡمَۃٌۢ بَیۡنَہُمۡ ۚ کُلُّ شِرۡبٍ مُّحۡتَضَرٌ ﴿۲۸﴾ فَنَادَوۡا صَاحِبَہُمۡ فَتَعَاطٰی فَعَقَرَ ﴿۲۹﴾
    (سورة: القمر: 29-23 )
    ”ثمود جي ماڻهن به خبردار ڪندڙ پيغمبرن کي نه مڃيو. هنن چيو ته ڇا اسان مان هڪڙو انسان، اڪيلو ئي اڪيلو! اسان هن جي پيروي ڪيون ۽ سندس تابعدار ٿيون! جيڪڏهن ايئن ڪيون ته گمراهي ۽ چريائيءَ ۾ پئجي وينداسين. ڇا اسان سڀني جي وچئون اچي هن (مڙس) تي (خدائي) پيغام نازل ٿيو آهي؟ (بلڪل نه) بلڪه هو ڪوڙو ٻٽاڪي آهي. (اي حضرت صالح!) هي (نادان) سڀاڻي ئي ڏسي وٺندا ته ڪير ڪوڙو ۽ ٻٽاڪي آهي؟ اسان ڏاچي موڪلڻ وارا آهيون جا هنن لاءِ آزمائش آهي، سو تون ترس ۽ ڏس ۽ صبر اختيار ڪر. ۽ هنن کي ٻڌائي ڇڏ ته پاڻي سندن وچ ۾ ورهايل آهي ۽ هر ڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي (۽ پنهنجي) ڍورن کي پاڻي پياري. پر هنن ڇا ڪيو جو پنهنجي (هڪ شرير) سنگتيءَ کي سڏيائون. سو هن هڪ تلوار هٿ ۾ کنئي ۽ ان ڏاچيءَ جا پير ڪپي وڌائين“
    جڏهن مسلسل گمراهي ۽ خود سريءَ جي باوجود ثمود قوم جي وٺ پڪڙ نه ٿي ته، هوءَ وڌيڪ گستاخ ٿي ويئي. هنن حضرت صالح عليه السلام تي حملو ڪيو ۽ ان کي ڪوڙو ۽ ٺڳ قرار ڏنو:
    فَعَقَرُوا النَّاقَۃَ وَ عَتَوۡا عَنۡ اَمۡرِ رَبِّہِمۡ وَ قَالُوۡا یٰصٰلِحُ ائۡتِنَا بِمَا تَعِدُنَاۤ اِنۡ کُنۡتَ مِنَ الۡمُرۡسَلِیۡنَ (سورة: الاعراف: 77 )
    ”پوءِ (ڇا ڪيائون جو) انهيءَ ڏاچيءَ کي زخمي ڪيائون، ۽ هيٺلائيءَ سان پنهنجي پروردگار جي حڪم جي مخالفت ڪيائون. ۽ (آڪڙ ۾ ڀرجي) چيائون ته اي صالح! جيڪڏهن تون مرسلن (موڪليلن) منجهان آهين ته ڀلا آڻ اهو عذاب، جنهن جو اسان کي خوف ڏياريندو آهين. (اسان کي ته يقين آهي ته نڪي تون سچو رسول آهين نڪي اسان تي ڪو عذاب ايندو)“
    پر الله جي تائيد ۽ نصرت، حضرت صالح عليه السلام سان گڏ هئي. ڪافرن ۽ مشرڪن جا ناپاڪ منصوبا ناڪام ٿي ويا ۽ الله تعاليٰ، حضرت صالح عليه السلام کي انهن جي سازشن کان محفوظ رکيو.
    مختلف طريقن سان حق جي دعوت پنهنجي قوم جي آڏو رکڻ کانپوءِ جڏهن حضرت صالح عليه السلام ڏٺو ته انهن منجهان ڪو به حق ڏانهن موٽڻ لاءِ تيار ناهي ته پاڻ انهن کي خبردار ڪيائون ته هو ٽن ڏينهن جي اندر اندر هلاڪ ڪياويندا.
    فَعَقَرُوۡہَا فَقَالَ تَمَتَّعُوۡا فِیۡ دَارِکُمۡ ثَلٰثَۃَ اَیَّامٍ ؕ ذٰلِکَ وَعۡدٌ غَیۡرُ مَکۡذُوۡبٍ (سورة: هود: 65 )
    ”پر ماڻهن (زياده ضد ۾ اچي) ان کي ماري ڇڏيو. تڏهن (حضرت) صالح کين چيو ته (هاڻي توهان کي فقط) ٽي ڏينهن (جي مهلت آهي) پنهنجي گهرن ۾ کائي پي وٺو. هيءُ (خدائي) واعدو آهي. هرگز ڪوڙ نه ٿيندو.“
    ٽن ڏينهن کانپوءِ حضرت صالح عليه السلام جو فرمان سچو ثابت ٿيو ۽ ثمود قوم برباد ڪئي ويئي:
    وَ اَخَذَ الَّذِیۡنَ ظَلَمُوا الصَّیۡحَۃُ فَاَصۡبَحُوۡا فِیۡ دِیَارِہِمۡ جٰثِمِیۡنَ ﴿ۙ۶۷﴾ کَاَنۡ لَّمۡ یَغۡنَوۡا فِیۡہَا ؕ اَلَاۤ اِنَّ ثَمُوۡدَا۠ کَفَرُوۡا رَبَّہُمۡ ؕ اَلَا بُعۡدًا لِّثَمُوۡدَ ﴿٪۶۸﴾ (سورة هود: 68-67 )
    ”۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن کي هڪ وڏي زور واري ڪڙڪي اچي پڪڙيو. جڏهن صبح ٿيو تڏهن سڀ پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿيا پيا هئا.(۽ هو اهڙو اوچتو مري ويا) گويا انهن گهرن ۾ ڪڏهن رهيائي ڪو نه هئا. سو ٻڌي ڇڏيو ته ثمود قوم پنهنجي پروردگار جي ناشڪري ڪئي ۽ پڻ ٻڌي ڇڏيو ته ثمود جي قوم (هر طرح جي نعمتن کان) محروم رهي.“


    قديم آثار ۽ ثمود قوم

    قرآن حڪيم ۾ ذڪر ٿيل اڳوڻين قومن مان ثمود اهي ماڻهو آهن، جن بابت اڄ اسان کي ڪافي ڄاڻ ملي آهي. تاريخي شاهديون، ماضيءَ ۾ ثمود جي موجودگيءَ جي تصديق ڪن ٿيون.
    قرآن حڪيم ۾ ڄاڻايل ”اصحاب الحجر“ ۽ ثمود کي هڪ ئي قوم سمجهيو وڃي ٿو، يعني ثمود جو ٻيو نانءُ ”اصحاب الحجر“ آهي. يعني ثمود ته قوم جو نالو آهي ۽ ”الحجر“ انهيءَ شهر جو نالو آهي جيڪو انهن ماڻهن ٺاهيو.
    يوناني جاگرافيدان پلائني (pliny) جا تفصيل، انهيءَ جي تائيد ڪن ٿا. پلائني (pliny) جي لکتن مطابق ڊوماٿا (Domatha) ۽ حجرا (Hijra) اهي جايون هيون، جتي ثمود قوم رهندي هئي. حجرا (Hijra) ئي بعد ۾ ”شهر حجر“ بڻجي ويو.(92)
    ثمود بابت تمام گهڻو آڳاٽو تاريخي حوالو، بابل جي بادشاهه سرگون ثاني (800 ق-م) جي اتر عرب ۾ مهمات جي دوران، انهن سان لڙائيءَ ۾ کين شڪست ڏيڻ جا تفصيل آهن. يونانين وٽ ارسطو، بطليموس ۽ پلائنيءَ جي تحريرن ۾ انهن کي تيمودائي (Tamudaei) يعني ثمود چيو ويو آهي.(30)
    نبي ڪريمﷺ جن جي بعثت کان اڳ ۾، تقريباً 400 يا 600 عيسويءَ ۾، اهي ماڻهو بلڪل ختم ٿي ويا. قرآن مجيد ۾ عاد ۽ ثمود جو ذڪر گَڏ گَڏ ڪيو ويو آهي. اڪثر هنڌن تي ثمود قوم کي عاد جي انجام مان عبرت وٺڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي. يعني ثمود کي عاد بابت گهڻي ڄاڻ حاصل هئي:
    وَ اِلٰی ثَمُوۡدَ اَخَاہُمۡ صٰلِحًا ۘ قَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ قَدۡ جَآءَتۡکُمۡ بَیِّنَۃٌ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ ؕ ہٰذِہٖ نَاقَۃُ اللّٰہِ لَکُمۡ اٰیَۃً فَذَرُوۡہَا تَاۡکُلۡ فِیۡۤ اَرۡضِ اللّٰہِ وَ لَا تَمَسُّوۡہَا بِسُوۡٓءٍ فَیَاۡخُذَکُمۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ ﴿۷۳﴾ وَ اذۡکُرُوۡۤا اِذۡ جَعَلَکُمۡ خُلَفَآءَ مِنۡۢ بَعۡدِ عَادٍ وَّ بَوَّاَکُمۡ فِی الۡاَرۡضِ تَتَّخِذُوۡنَ مِنۡ سُہُوۡلِہَا قُصُوۡرًا وَّ تَنۡحِتُوۡنَ الۡجِبَالَ بُیُوۡتًا ۚ فَاذۡکُرُوۡۤا اٰلَآءَ اللّٰہِ وَ لَا تَعۡثَوۡا فِی الۡاَرۡضِ مُفۡسِدِیۡنَ ﴿۷۴﴾ (سورة الاعراف: 74-73 )
    ”ثمود جي قوم ڏي به اسان سندن ڀاءُ (حضرت) صالح کي (پيغمبر ڪري) موڪليو. (حضرت) صالح کين چيو ته اي منهنجي قوم! الله جي بندگي ڪيو. اوهان جي لاءِ کانئس سواءِ ڪو به معبود ڪونهي (جو بندگيءَ جو لائق هجي) توهان جي پروردگار وٽان توهان ڏي روشن دليل اچي چڪو آهي. هيءُ (جا ڏسو ٿا) خدا جي (موڪليل) ڏاچي آهي، جا توهان لاءِ نشاني آهي. ان ڏاچيءَ کي ڇوٽ ڇڏيو ته خدا جي زمين تي چرندي وتي. ۽ برائي جي نيت سان ان کي رڳو هٿ به نه لائجو. (جيڪڏهن ان کي ڪو نقصان رسائيندو ته) پوءِ اوهان تي سخت عذاب اچي ڪڙڪندو. ۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن الله تعاليٰ اوهان کي عاد قوم کانپوءِ زمين تي سندن جانشين ڪيو، ۽ زمين تي توهان کي (چڱيون) رهڻ جون جايون ڏنيون. توهان ان زمين جي ميدانن تي محلاتون ٺاهيو ٿا ۽ جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر ٺاهيو ٿا (يعني جبلن ۾ اندر غار ٺاهي تراشي تراشي سهڻا گهر بڻايو ٿا) پوءِ الله تعاليٰ جي (اهڙن) نعمتن کي ياد ڪريو (۽ سندس نعمتن لاءِ شڪر گذار ٿي ڪري صالح عمل ڪيو) ۽ زمين تي فتنا فساد نه ڪندا وتو.“
    جيئن ته انهن آيتن مان ظاهر آهي ته عاد ۽ ثمود جو پاڻ ۾تعلق موجود آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته عاد، ثمود جي ئي تاريخ ۽ تهذيب جو حصو هجي. حضرت صالح عليه السلام پنهنجي قوم کي ياد ڏياريو ته هوءَ عاد جي حالتن ۽ انجام تي غور ڪن ۽ ان مان سبق پرائين.
    اهڙيءَ طرح عاد کي، حضرت نوح عليه السلام جي قوم جي انجام مان عبرت حاصل ڪرڻ جي تلقين ڪئي ويئي هئي يعني جهڙيءَ طرح عاد، ثمود قوم جي لاءِ تاريخي حوالو هو، تهڙيءَ طرح حضر نوح عليه السلام جي قوم، عاد جي لاءِ حوالو هئي. اهي ماڻهو هڪٻئي کان آگاه هئا ۽ شايد هڪ ئي نسل جو تسلسل هئا.
    قرآن حڪيم ۾ بيان ٿيل انهن واقعن جي تاريخي ترتيب مرتب ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن اسان انهيءَ حقيقت کي قبول ڪيون ته ثمود قوم جو زمانو اٺين صدي قبل مسيح آهي ته انهيءَ بنياد تي ٻين قومن جو تاريخي تعين ممڪن آهي. قوم نوح جي تباهيءَ کانپوءِ جيڪا قوم سڀ کان پهريان عذاب ۾ گرفتار ٿي، سا حضرت لوط عليه السلام جي قوم هئي. پوءِ حضرت موسيٰ عليه السلامجي زماني ۾ فرعون (جيڪو گهڻو امڪان آهي ته راميسس-II هيو) ۽ سندس فوج جو بحيره احمر (Red sea) ۾ ٻڏي وڃڻ جو واقعو پيش آيو. ان کانپوءِ قوم عاد تي تباهه ڪندڙ طوفان آيو.
    ان کان پوءِ ثمود جي تباهيءَ جو واقعو پيش آيو. سڀ کان پهريان حضرت نوح عليه السلام جي قوم جي تباهي عمل ۾ آئي. جيڪڏهن ترتيب کي آڏو رکيو وڃي ته انهن قومن جي تاريخي ترتيب هن طرح ٺهي ٿي:
    • حضرت نوح عليه السلام ٣٠٠-٥٢٠٠ ق-م
    • حضرت ابراهيم ۽ ٢٠٠٠ ق- م جي آغاز جو زمانو.
    • حضرت لوط 
    • حضرت موسيٰ ٣١٠٠ ق- م
    • حضرت هود  ۽ قوم عاد ٣١٠٠ ق-م
    • حضرت صالح عليه السلام ۽ قوم ثمود ٨٠٠ ق-م
    جيتوڻيڪ هن تاريخي ترتيب کي بلڪل درست قرار ڏيئي نٿو سگهجي پر قرآن حڪيم ۽ ٻئي موجوده تاريخي مواد جي روشنيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ واقعن جي ترتيب اها ئي آهي.
    اسان اڳ ۾ به بيان ڪري چڪا آهيون ته، قرآن حڪيم عاد ۽ ثمود ۾ تعلق کي بيان ڪري ٿو. ثمود کي عاد جي انجام مان سبق پرائڻ جي تلقين ڪئي ويئي. تنهن هوندي به عاد ۽ ثمود جو شهر ۽ سندن رهڻ جا هنڌ هڪ ٻئي کان بلڪل الڳ ۽ پري هئا.
    ظاهر ۾ ته انهن ۾ ڪو رابطو نظر ڪو نه ٿو اچي، ته پوءِ قرآن حڪيم ثمود جو تذڪرو ڪندي کين عاد قوم ڇو ياد ڏياري ؟
    جيڪڏهن ٿوري تحقيق ڪئي وڃي ته حقيقت الم نشرح ٿي وڃي ٿي. عاد ۽ ثمود ۾ جاگرافيائي فاصلو مبهم آهي. تاريخي شاهديون ٻڌائن ٿيون ته، ثمود ۽ عاد ۾ وڏا قوي (مضبوط) رابطا هئا، ثمود، عاد کي سٺي نموني سڃاڻيندي هئي، ڇو ته اهي ٻئي قومون هڪ ئي اصل (يعني نسل) سان تعلق رکنديون هيون. ثمود جي حقوق جي تحت انهن قومن جو تفصيل برٽانيڪا مائڪرو پيڊيا Britannica Micropeadia هن طرح بيان ڪري ٿو:
    ”ثمود قديم عرب ۾، چوٿين صدي ق-م جي ستين صدي عيسويءَ جي پهرين اڌ جو، هڪ معروف قبيلو يا گروه هو. جيتوڻيڪ ثمود جو آغاز ڏکڻ عرب کان ٿيو، پر شروعاتي زماني ۾ ئي ان جي هڪ وڏي حصي، اتر ڏانهن سفر ڪيو ۽ جبل اثلب (Athlab) جي دامن ۾ قيام ڪيائين. هاڻوڪي تحقيقات ۽ آثارِ قديمه جي دريافتن مان ثمودي دور جي پٿرن تي تحريرون ۽ تصويرون جبل اثلب ۽ وچ عرب جي اڪثر علائقن ۾ سامهون اچن ٿيون.“ (31)
    سامي حرفن (اکرن ) ۾ ثمودي طرز تحرير تي مشتمل مختلف تحريرون اتر ۽ پوري حجاز ۾ نظر اچن ٿيون. (32)
    اها رسم الخط سڀ کان پهريان وسطي (وچ) يمن جي اتر ۾ دريافت ڪئي ويئي ۽ ان کي ثمودي رسم الخط قرار ڏنو ويو آهي. اهو علائقو ”ربع الخالي“ جي اتر کان حضر موت جي ڏکڻ ۽ شيبواه جي اولهه تائين پکڙيل آهي.
    ان کان اڳ اسان ڏسي آيا آهيون، ته عاد جنوبي (ڏکڻ) عرب ۾ رهندا هئا. اها تمام اهم ڳالهه آهي، ته ثمود جا ڪجهه اهڃاڻ (آثار)، عاد جي علائقي خاص ڪري حضر موت جي ارد گرد جي علائقن ۾ به موجود آهن. اها ئي اها جڳهه آهي ، جتي عاد جي اولاد رهيل هئي ۽ ان جي گاديءَ جو هنڌ به اتي ئي موجود هو. اها صورت حال قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيل عاد ۽ ثمود جي تعلقات ۽ رابطن جي وضاحت ڪري ٿي. انهيءَ لاڳاپي کي حضرت صالح عليه السلام ثمود کي عاد جي اولاد قرار ڏيندي هيئن بيان ڪيو:
    وَ اِلٰی ثَمُوۡدَ اَخَاہُمۡ صٰلِحًا ۘ قَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ قَدۡ جَآءَتۡکُمۡ بَیِّنَۃٌ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ ؕ ہٰذِہٖ نَاقَۃُ اللّٰہِ لَکُمۡ اٰیَۃً فَذَرُوۡہَا تَاۡکُلۡ فِیۡۤ اَرۡضِ اللّٰہِ وَ لَا تَمَسُّوۡہَا بِسُوۡٓءٍ فَیَاۡخُذَکُمۡ عَذَابٌ اَلِیۡمٌ ﴿۷۳﴾ وَ اذۡکُرُوۡۤا اِذۡ جَعَلَکُمۡ خُلَفَآءَ مِنۡۢ بَعۡدِ عَادٍ وَّ بَوَّاَکُمۡ فِی الۡاَرۡضِ تَتَّخِذُوۡنَ مِنۡ سُہُوۡلِہَا قُصُوۡرًا وَّ تَنۡحِتُوۡنَ الۡجِبَالَ بُیُوۡتًا ۚ فَاذۡکُرُوۡۤا اٰلَآءَ اللّٰہِ وَ لَا تَعۡثَوۡا فِی الۡاَرۡضِ مُفۡسِدِیۡنَ ﴿۷۴﴾ (سورة الاعراف: 74-73 )
    ”ثمود جي قوم ڏي به اسان سندن ڀاءُ (حضرت) صالح کي (پيغمبر ڪري) موڪليو. (حضرت) صالح کين چيو ته اي منهنجي قوم! الله جي بندگي ڪريو. اوهان جي لاءِ کانئس سوا ڪوبه معبود ڪونهي (جو بندگيءَ جو لائق هجي) توهان جي پروردگار وٽان توهان ڏي روشن دليل اچي چڪو آهي. هيءُ (جا ڏسو ٿا) خدا جي (موڪليل) ڏاچي آهي جا توهان لاءِ نشاني آهي. ان ڏاچيءَ کي ڇوٽ ڇڏيو ته خدا جي زمين تي چرندي وتي. ۽ برائيءَ جي نيت سان ان کي رڳو هٿ به نه لائجو. (جيڪڏهن اُن کي ڪو نقصان رسائيندؤ ته) پوءِ اوهان تي سخت عذاب اچي ڪڙڪندو. ۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن الله تعاليٰ اوهان کي عاد قوم کانپوءِ زمين تي سندن جانشين ڪيو، ۽ زمين تي توهان کي (چڱيون) رهڻ جون جايون ڏنيون. توهان ان زمين جي ميدانن تي محلاتون ٺاهيو ٿا ۽ جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر ٺاهيو ٿا (يعني جبلن ۾اندر غار ٺاهي تراشي تراشي سهڻا گهر بنايو ٿا) پوءِ الله تعاليٰ جي (اهڙين) نعمتن کي ياد ڪريو (۽ سندس نعمتن لاءِ شڪر گذار ٿي ڪري صالح عمل ڪيو) ۽ زمين تي فتنا فساد نه ڪندا وتو.“
    مختصر اهو ته، ثمود کي پنهنجن پيغمبرن جي دعوت کي ٿڏڻ ۽ گمراهي ۽ سرڪشيءَ جي قيمت ڀرڻي پيئي ۽ نيٺ تباهيءَ کي پهتا. اهي عظيم گهر ۽ عمارتون جيڪي هنن تعمير ڪيون هيون ۽ ملڪ ۾ جيڪي فن جا نمونا هنن تخليق ڪيا هئا. سي کين عذاب کان بچائي نه سگهيا. ثمود قوم به اهڙيءَ طرح تمام سخت عذاب ۾ مبتلا ڪئي ويئي، جهڙيءَ طرح ان کان اڳ ۾ ۽ پوءِ ايندڙ باغي ۽ سرڪش قومون عذاب ۾ گرفتار ٿيون.


    باب ڇهون

    ٻڏي مرندڙ فرعون جو تذڪرو

    کَدَاۡبِ اٰلِ فِرۡعَوۡنَ ۙ وَ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِہِمۡ ؕ کَذَّبُوۡا بِاٰیٰتِ رَبِّہِمۡ فَاَہۡلَکۡنٰہُمۡ بِذُنُوۡبِہِمۡ وَ اَغۡرَقۡنَاۤ اٰلَ فِرۡعَوۡنَ ۚ وَ کُلٌّ کَانُوۡا ظٰلِمِیۡنَ (سورة الانفال: 54 )
    ”جهڙو دستور فرعون جي ماڻهن جو هو ۽ انهن (فاسقن) جو جي انهن کان اڳي ٿي گذريا، اهڙو ئي دستور (فسق جو) اوهان جو به آهي. هنن پنهنجي پروردگار جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ته اسان کين سندن گناهن سبب تباهه ڪري ڇڏيو ۽ فرعون جي ماڻهن کي (سمنڊ ۾) ٻوڙي ڇڏيو ۽ اهي سڀ ظالم هئا.“
    آڳاٽي مصري تهذيب ۽ ان جي دؤر ۾ قائم ٿيندڙ واديءِ دجله ۽ فرات جون شهري رياستون، دنيا جون تمام جهونيون تهذيبون ۽ منظم رياستون سمجهيون وڃن ٿيون، جن جو سماجي نظام گهڻو ترقي يا فته هو . انهن ماڻهن ٽي هزار سال قبل مسيح لکڻ سکي ورتو هو ۽ نيل درياهه جو، پنهنجي قومي ۽ معاشي سرگرمين جي لاءِ استعمال ۽ ٻاهرين خطرن کان پنهنجي ملڪ کي بچائڻ جي تدبيرن کا ن به آگاهه هئا. اهڙيءَ طرح مصرين جي تهذيب نهايت ئي ترقي ڪيل بڻجي ويئي هئي:
    اهوئي ”مهذب“ سماج هيو، جتي ڊگهي عرصي تائين فرعونن جي اقتدار جو دؤر رهيو، جنهن کي قرآن ڏاڍو واضح ۽ دليل جي انداز سان ڪفر ۽ ظلم جو نظام قرار ڏنو آهي. هو حق جي دعوت جي مقابلي ۾ غرور، تڪبر، هٺ ۽ گستاخي جي رويي جا ڏوهي ٿيا. جنهن جي نتيجي ۾ اعليٰ ترقي يا فته تهذيبون، سماجي ۽ سياسي نظام ۽ نه وري عسڪري طاقت ئي انهن کي تباهيءَ کان بچائي سگهيون.


    فرعون جو اقتدار

    مصري تهذيب جو دارو مدار نيل درياهه جي زرخيزيءَ تي هو. آبپاشيءَ جي سهولتن سبب مصرين جي گهڻائي واديءِ نيل ۾ آباد هئي. اهڙيءَ طرح هو برسات تي ڀاڙڻ جي بدران پنهنجي زمين کي، نيل درياهه جي پاڻيءَ سان آباد ڪري سگهندا هئا. معروف مؤرخ ارنسٽ ايڇ گومبرچ (Ernst H.Gombrich) جي مطابق آفريقا نهايت ئي گرم علائقو آهي ۽ ڪنهن وقت ته ڪيترن ئي مهينن تائين هتي برسات ناهي پوندي. ان ڪري هن وسيع براعظم جا اڪثر علائقا تمام گهڻو خشڪ آهن. اهي علائقا وسيع رڻ پٽن ۽ بيابانن تي مشتمل آهن . نيل درياهه جا ٻئي طرف به صحرائن تي مشتمل آهن ۽ مصر ۾ بارشون گهٽ وڌ ٿينديون رهنديون آهن. پر هن ملڪ ۾ بارشن جي ايڏي ضرورت ڪونهي پوندي، ڇو ته سڄي ملڪ جي وچ مان نيل درياهه وهي ٿو.(33)
    نيل درياهه جي انهيءَ مرڪزي حيثيت جي ڪري جيڪو به هن تي قبضو ڪندو آهي، تنهن کي مصر جي معيشت ۽ زراعت جي وڏي حصي تي قبضو حاصل ٿي ويندو آهي. مصر جي فرعونن به ملڪ تي اهڙيءَ طرح قبضو ڄمايو هو. واديءِ نيل جي تنگ ۽ عمودي بناوت جي ڪارڻ، ماڻهو هتي پنهنجي رهائشي گهرن کي گهڻو ڦهلائي ڪو نه پيا سگهن. اهڙيءَ طرح مصرين پنهنجي رهڻ لاءِ وڏن گهرن بدران ننڍيون ننڍيون بستيون ۽ ڳوٺ اڏيا هئا. ان ڪري به فرعونن جو پنهنجي عوام تي اقتدار ۽ قبضو وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿي ويو هو.
    شاه مينيس (King Menes) کي قديم مصر جو پهريون فرعون سمجهيو ويندو آهي. هن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 3000 ق-م ۾ پوري مصر کي متحد ڪيو هو. فرعون جي اصطلاح جو لاڳو ٿيڻ حقيقت ۾ انهيءَ محل تي ٿيندو هو، جنهن ۾ مصري بادشاهه رهندو هو، مگر وقت گذرڻ سان گڏو گڏ اهو خود بادشاهه جو لقب بڻجي ويو. اهڙيءَ طرح عظيم مصري حڪمرانن پاڻ کي فرعون سڏائڻ شروع ڪيو.
    ملڪ جا مالڪ، منتظم ۽ حڪمران هئڻ جي ڪري فرعونن کي قديم مصر جي مسخ شده مشرڪاڻي مذهب ۾ سڀ کان وڏي ديوتا جو مظهر سمجهيو ويندو هو. قديم مصري زمينن جو انتظام، ان جي آمدن جو نظم و نسق، رياستي معاملا ۽ مملڪت جا ٻيا ڪم ڪار، فرعون جي اقتدار هيٺ ئي هلايا چلايا ويندا هئا.
    فرعونن کي حاصل، مطلق اقتدار جي ڪري، هو ملڪ ۾ مختيارِڪل هئا. جيڪي گهراندا هئا سو ڪندا هئا. فرعونن جي اقتدار جي شروعات يعني شاهه مينيس (King Menes) جي زماني کان ٿي، جنهن مٿين ۽ هيٺين (يعني سڀني) مصرين کي متحد ڪري، عظيم مصري سلطنت قائم ڪئي هئي، نيل درياهه جي پاڻيءَ جي عوام تائين، شهرن جي ذريعي پهچ جو انتظام ڪيو ويو هو. ان سا ن گڏوگڏ ئي تمام رياستي پيداوار کي حڪومتي قبضي ۾ ورتو ويو هو. سڀني جنسن جي پيداوار ، بادشاهه جي استعمال ۾هئي. اهو ئي رعيت (عوام) ۾ ضرورت آهر تقسيم ڪندو هو. ملڪ ۾ ايتري با اختيار بادشاهه جي لاءِ اها ڳالهه سندس لاءِ ڏکي نه هئي، هو عوام کي هر لحاظ کان پنهنجو مطيع ۽ فرمانبردار بڻائي وٺندو هو. مصري بادشاهه فرعون هڪ مقدس هستي سمجهيو ويندو هو، جيڪو ماڻهن جي هرطرح جي ضرورتن جو ڪفيل هو. اهڙيءَ طرح ان کي ديوتا جو درجو حاصل ٿي چڪو هو. اهڙيءَ طرح هو ريان هوريان فرعون پنهنجو پاڻ کي ديوتا سمجهڻ لڳا هئا.
    قرآن حڪيم ۾ بيان ٿيل فرعون جي ڪجهه ڳالهين مان اها خبر پوي ٿي ته فرعون ان طرح جو عقيدو رکندا هئا. فرعون، حضرت موسيٰ عليه السلامکي مخاطب ٿيندي چيو هو، ته جيڪڏهن تون مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي خدا جو ذڪر ڪندين ته مان توکي قيد ڪندس. (سورة الشعراءَ: 29) ان سان گڏو گڏ هن پنهنجي پوئلڳن سان مخاطب ٿيندي چيو هو ته مان پاڻ کان سواءِ توهان جو ڪو خدا نٿو ڏسان. (سورة القصص: 38) فرعون جي انهيءَ گفتگوءَ مان صاف پڌرو آهي ته هو پاڻ کي مصرين جو خدا سمجهندو هو.


    مذهبي عقيدا

    مؤرخ هيرو ڊوٽس (Hero dotus) جي مطابق، قديم مصري نهايت ئي ”پارسا“ ماڻهو هئا، پر انهن جو مذهب يعني دين حق وارو نه هو، بلڪه سندن مذهب مشرڪاڻو ۽ گمراهه ڪندڙ هو، پر هو پنهنجي انتهائي رجعت پسنديءَ جي ڪري ان کي ڇڏي ڪونه پئي سگهيا.
    قديم مصري انهيءَ قدرتي ماحول مان، جنهن ۾ هو رهن پيا، ڏاڍا متاثرهئا. مصر جي جاگرافي، بيروني حملو ڪندڙن کان، تحفظ جو مناسب ذريعو هئي. مصر هر طرف کان صحرائن، پهاڙن ۽ سمنڊن سان گهيريل هئي. ان تي ڪنهن به حملي جا ٻه ئي رستا ممڪن هئا، جتان مصري نهايت سولائيءَ سان پنهنجو دفاع ڪري پئي سگهيا. انهن قدرتي سببن جي ڪري ئي، مصري بيروني دنيا کان الڳ ٿلڳ هئا. پر صدين تي پکڙيل انهيءَ علحيدگي ۽ اڪيلائيءَ هنن کي متعصب قوم بڻائي ڇڏيو هو. اهڙيءَ طرح مصرين جي نگاهه ۾ ڪنهن به نئين ترقيءَ يا دريافت جو ڪو امڪان ڪونه هو. وڌيڪ اهو ته هو پنهنجي مذهب سان جڙيل هئڻ ڪري، ڏاڍا شدت پسند هئا. قرآن جي لفظن ۾”ابن ڏاڏن جو مذهب“ سندن سڀ کان اهم زندگيءَ جو قدر بڻجي چڪو هو.
    اهو ئي سبب هو جو، جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلاموٽن حق جي دعوت کڻي، فرعون وٽ آيو ته فرعون ۽ سندس درٻارين اهو چوندي انڪار ڪري ڇڏيو ته:
    قَالُوۡۤا اَجِئۡتَنَا لِتَلۡفِتَنَا عَمَّا وَجَدۡنَا عَلَیۡہِ اٰبَآءَنَا وَ تَکُوۡنَ لَکُمَا الۡکِبۡرِیَآءُ فِی الۡاَرۡضِ ؕ وَ مَا نَحۡنُ لَکُمَا بِمُؤۡمِنِیۡنَ (سورة يونس: 78 )
    ”هنن (جواب ۾) چيو ته ڇا توهان اسان ڏي هن لاءِ آيا آهيو ته جنهن راهه تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو، تنهن کان اسان کي هٽائي ڇڏيو ۽ هن ملڪ ۾ اوهان ٻنهي ڀائرن کي سرداري (۽ بادشاهي) ملي وڃي؟ اسان ته توهان کي مڃڻ وارا ڪونه آهيون.“
    مصرين جا مذهبي عقيدا، سندن معبود ديوتائن جي چوڌاري گهمندا هئا. انهن ديوتائن ۽ ماڻهن ۾ رابطي جو ذريعو مذهبي پيشوا هئا، جيڪي معاشري جا اڳواڻ به هئا. جادو ۽ سفلي (اهي منتر يا اهو عمل جنهن ۾ خبيث ارواحن کان مدد ورتي وڃي) عملن جا ماهر اهي پيشوا اهڙي طبقي ۾بدلجي ويا هئا، جن جي اطاعت به ماڻهن جي لاءِ فرعون جي حڪم جي مطابق ضروري هئي.
    قديم مصر جو مذهب ڪيئي شاخن ۾ ورهايل هو. ان مان، رياستي مذهب، ماڻهن جا عقيدا ۽ سندن عقيدو حيات بعدالموت سڀ کان اهم هو. رياستي ۽ حڪومتي مذهب مطابق فرعون، هڪ مقدس هستي هو. هو زمين تي ماڻهن لاءِ خدا جو پرتوو هو ۽ سندس منصب ماڻهن کي انصاف ڏيڻ ۽ کين ظلم کان محفوظ رکڻ هو.
    ماڻهن جا عقيدا گهڻو ڪري پيچيده هئا. سندن عقيدن جا ٻه پهلو، جيڪي رياستي مذهب سان ٽڪرائبا هئا، وقت جي فرعون جي طاقت سان دٻايا ويندا هئا. بنيادي طور تي ماڻهو ڪيئي خدائن تي يقين رکندا هئا ۽ انهن خدائن جو مظاهرو انساني ڌڙ تي جانورن جي سرن سان ڪيو ويندو هو. انهن عقيدن سان گڏوگڏ ڪيئي مقامي روايتون به مذهب جو حصو هيون، جيڪي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين بدلبيون رهنديون هيون.
    حيات بعد الموت (موت کانپوءِ زندگي) مصري عقائد جو هڪ لازمي عنصر هو. سندن عقيدو هو ته جسم جي مرڻ کانپوءِ روح زنده رهندو آهي.
    سندن مطابق مرڻ کانپوءِ روح کي خدا، جيڪو هڪ جج هيو ۽ ان سان گڏ موجود ٻين 42 ججن جي آڏو پيش ڪيو ويندو ۽ سندن سامهون هڪ تارازيءَ تي انجو وزن ڪيو ويندو. اهي ماڻهو جن جا عمل سٺا هوندا، انهن کي مرڻ کانپوءِ اعليٰ ۽ خوبصورت هنڌن ڏانهن موڪليو ويندو، جتي اهي خوش رهندا ۽ جيڪي برا عمل ڪندا آهن، انهن کي عذاب ۽ تڪليف واري هنڌ ڏانهن موڪليو ويندو آهي. هتي بدڪردار روحن کي هميشه لاءِ هڪ عجيب و غريب مخلوق ”ردار خور“ عذاب ڏيندي رهندي آهي.
    مصرين جو ”حيات بعد الموت“ جو عقيدو توحيد ۽ حق پرستاڻي مذهب جي عقائد سان گهري مشابهت رکي ٿو. اهو ئي عقيدو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو، ته قديم مصري تهذيب تائين حق جو پيغام ضرور پهتو هو، مگر بعد ۾ ٿيندڙ تبديلين ۽ ڦير ڦار واري عمل جي نتيجي ۾ توحيد تي ٻڌل مذهب، شرڪ ۽ بت پرستيءَ ۾ مٽجي ويو. يعني مصري ماڻهن ۾ به وقت بوقت نبي سڳورا مبعوث ٿيندا رهندا هئا. جيڪي کين هڪ الله جي دعوت جو سڏ ڏيندا رهيا. حضرت يوسف جي تاريخ به ڏاڍي اهم آهي ڇو ته سندن هوندي ئي اسرائيل جو پٽ مصر آيو ۽ اتي آباد ٿيو.
    تاريخ ۾ اهڙيون شاهديون موجود آهن ته، حضرت موسيٰ عليه السلامجي اچڻ کان اڳ به مصرين ۾ توحيد جي دعوت ڏيندڙ ماڻهو موجود هئا، انهن مان هڪ نهايت ئي دلچسپ شخصيت فرعون جي هئي، جنهن کي تاريخ ۾ آمن حو تپ چوٿون (Amenhotep-iv) جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.


    آمن حو تپ چوٿون (Amenhotep-iv): موحد فرعون

    مصر جا اڪثر فرعون ظالم، ويڙهاڪ ۽ بي رحم ماڻهو هوندا هئا. انهن مصر جو مشرڪاڻو مذهب اختيار ڪيو هو ۽ انهيءَ مذهب جي ذريعي هو رعيت کان پنهنجي عبادت ڪرائيندا هئا. پر مصري تاريخ ۾ هڪ فرعون بلڪل مختلف ۽ انوکي ڪردار وارو به رهيو آهي. هو هڪ الله جي عبادت جو اقرار ڪندو هو. ان ڪري کيس پنهنجي دؤر جي مذهبي ٺيڪيدار ن جي سخت مخالفت سان منهن ڏيڻو پيو. ڇو ته مشرڪاڻو مذهب ئي سندن ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو هو. انهن مذهبي رهنمائن کي فوج جي حمايت به حاصل هئي. نيٺ انهيءَ فرعون کي قتل ڪيو ويو. چوڏهين صدي ق-م ۾ عروج ماڻڻ وارو اهو فرعون آمن حوتپ چوٿون هو.
    جڏهن اهو 1375 ق-م ۾ تخت نشين ٿيو ته کيس صدين کان جاري رجعت پرستي ۽ مشرڪاڻين روايتن کي منهن ڏيڻو پيو. ان دؤر تائين معاشرتي نظام ۽ ماڻهن جا شاهي خاندان سان واسطا ۽ لڳ لاڳاپا بنا تغير جي هلندا پيا اچن. هن معاشري ، بيروني ارتقا (ٻاهرين واڌ ويجهه) ۽ مذهبي روشن خياليءَ تي پنهنجو هر دروازو بند ڪري ڇڏيو هو. اهو انتها پسنداڻو رويو، جنهن جو تذڪرو قديم يوناني سياحن به ڪيو آهي، مصري سماج جي انهيءَ جاگرافيائي بناوت جي ڪري هيو، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون.
    مصر جي فرعونن جي طرف کان نافذ ڪيل سرڪاري مذهب جي حوالي سان عوام تي، هر قديم ۽ روايتي عقيدي تي غير مشروط ايمان آڻڻ ضروري هيو. مگر آمن حوتپ چوٿين انهيءَ سرڪاري مذهب کي اختيار ڪو نه ڪيو. مؤرخ ارنسٽ گومبرچ (Ernst Gombrich) جي مطابق: ”صديون پراڻيون روايتن منجهان گهڻين روايتن کي هن ختم ڪري ڇڏيو. هو ماڻهن جي تراشيل (گهڙيل) بيشمار بتن جو احترام ڪو نه ڪندو هو. هن جي خيال ۾ هڪ خدا (Aton) ئي واحد معبود هو، جنهن کي هو سج جي صورت ۾ بيان ڪندو هو ۽ پنهنجي انهيءَ معبود جي نالي تي هن پنهنجو نالو ”اخن ايتون“ رکيو هو. هن پنهنجي درٻار، بتن جي پرستش ڪندڙ مذهبي پنڊتن جي دور کان قائم ڪري ورتي هئي. انهيءَ هنڌ کي هاڻي الامارنه (El-Amarha) چون ٿا.“ (34)
    پيءُ جي گذاري وڃڻ کانپوءِ آمن حوتپ چوٿين تي دٻاءُ وڌو ويو. انهيءَ دٻاءُ جو ڪارڻ مصر جي روايتي مشرڪاڻي ۽ گهڻ معبودي مذهب جي مقابلي ۾ هڪ نئين توحيدي مذهب جو پرچار ڪرڻ هو ۽ اهو ته هو زندگيءَ جي هر مسئلي ۾ واضح تبديلي آڻڻ گهري پيو. مگر مذهبي اڳواڻ کيس انهيءَ مذهب جي پيغام جي تبليغ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي راضي نه هئا، تنهن تي هن پنهنجي سمورن ساٿين سميت ٿيبس (Thebes) جي شهر کان نڪري ڪر ي”تل الاامارنه“ جي ماڳ تي اچي ڪري قيام ڪيو. هتي هن ”اخن ايتون“ جي نالي سان هڪ نئون ۽ جديد شهر آباد ڪيو. آمن حوتپ چوٿين پنهنجو نالو جنهن جو مفهوم ”آمن جي رحمت“ هيو، تبديل ڪري ”اخن ايتون“ يعني ”ايتون جو مطيع“ رکيو. مصري گهڻ معبودي عقائد مطابق ايمن سڀ کان وڏي معبود جو نالو هو، جڏهن ته آمن حوتپ جي مطابق ايتون آسمانن ۽ زمينن جي خالق جو نالو آهي، يعني صفتن جي لحاظ کان”الله“ سان مشابهت هئي.
    آمن حوتپ جي سرگرمين مان مصر جا مذهبي پيشوا ناراض ته هيا ئي سهي، ان دوران پيدا ٿيندڙ هڪ معاشي بحران مان فائدو وٺندي هنن آمن حوتپ کان اقتدار کسڻ جو منصوبو ٺاهيو. ايستائين جو هڪ سازش جي ذريعي کيس زهر ڏياري هلاڪ ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح بعد ۾ ايندڙ فرعونن مذهبي پيشوائن جي اثر رسوخ جي آڏو نهايت محتاط هئا.
    ”اخن ايتون“ کانپوءِ عسڪري پس منظر رکندڙ فرعون اقتدار ۾ ايندا رهيا. هنن پراڻي مشرڪاڻي مذهب کي هٿي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. لڳ ڀڳ هڪ سو سالن کانپوءِ راميسس-II تخت نشين ٿيو، جيڪو مصري تاريخ جو طويل دور رکندڙ حڪمران هو. اڪثر مؤرخن جي خيال ۾ راميسس-II ئي بني اسرائيل جي ٻارن کي قتل ڪرڻ ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام جي خلاف جنگ ڪندڙ حڪمران هو. (35)


    حضرت موسيٰ عليه السلام جي بعثت

    پنهنجي شديد سرڪشيءَ جي ڪارڻ قديمي مصري پنهنجا بت پرستاڻه عقيدا ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونه هئا. جيتوڻيڪ وقت بوقت ڪيترائي حق وارا کين هڪ خدا جي عبادت طرف سڏيندا رهيا. پر آل فرعون پنهنجي گمراهيءَ سان چنبڙ ي رهي. آخر ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام رسول بڻجي آيو. ڇو ته هاڻي مصري قوم هڪ پاسي ته پنهنجي مشرڪاڻي مذهب ۽ بت پرستيءَ ۾ حد کان لنگهي ويئي هئي ۽ ٻئي پاسي هنن بني اسرائيل کي به غلام بڻائي ڇڏيو هو. حضرت موسيٰ عليه السلام کي، مصر وارن جي آڏو دعوت حق رکڻ ۽ آل بني اسرائيل کي غلاميءَ کان نجات ڏيارڻ ۽ حق جي واٽ ڏيکارڻ جو ”عظيم مشن“ سونپيو ويو. قرآن حڪيم جي مطابق:
    نَتۡلُوۡا عَلَیۡکَ مِنۡ نَّبَاِ مُوۡسٰی وَ فِرۡعَوۡنَ بِالۡحَقِّ لِقَوۡمٍ یُّؤۡمِنُوۡنَ ﴿۳﴾ اِنَّ فِرۡعَوۡنَ عَلَا فِی الۡاَرۡضِ وَ جَعَلَ اَہۡلَہَا شِیَعًا یَّسۡتَضۡعِفُ طَآئِفَۃً مِّنۡہُمۡ یُذَبِّحُ اَبۡنَآءَہُمۡ وَ یَسۡتَحۡیٖ نِسَآءَہُمۡ ؕ اِنَّہٗ کَانَ مِنَ الۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۴﴾ وَ نُرِیۡدُ اَنۡ نَّمُنَّ عَلَی الَّذِیۡنَ اسۡتُضۡعِفُوۡا فِی الۡاَرۡضِ وَ نَجۡعَلَہُمۡ اَئِمَّۃً وَّ نَجۡعَلَہُمُ الۡوٰرِثِیۡنَ ۙ﴿۵﴾ وَ نُمَکِّنَ لَہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ وَ نُرِیَ فِرۡعَوۡنَ وَ ہَامٰنَ وَ جُنُوۡدَہُمَا مِنۡہُمۡ مَّا کَانُوۡا یَحۡذَرُوۡنَ ﴿۶﴾ (سورة القصص: 6-3 )
    ”اسان (حضرت) موسيٰ ۽ فرعون جا سچا سچا احوال توکي انهن ماڻهن جي لاءِ ٻڌايون ٿا جن ايمان آندو آهي. (ٻڌو!) فرعون بادشاهه (مصر جي) ملڪ ۾ تڪبر ۽ سرڪشيءَ جو طريقو اختيار ڪيو، ۽ ان ملڪ جي ماڻهن کي جدا جدا ٽولين ۾ ورهائي ڇڏيائين. جن مان هڪ ٽوليءَ کي (يعني اسرائيلن کي) دٻائي، هيڻي حالت ۾ رکيائين. انهن جي پٽن کي مارائي ڇڏيندو هو ۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندو هو. يقيناً هو وڏو فتني باز ۽ بگاڙ ڪندڙ هو. ۽ اسان چاهيو ٿي ته جن کي ملڪ ۾ دٻائي هيڻو ڪيو ٿي ويو، تن تي پنهنجو فضل ڪيون ۽ کين ماڻهن جا امام (يعني اڳواڻ يا پيشوا) ڪيون ۽ کين ئي وارث (يعني زمين تي ڪنهن ملڪ يا ملڪن جا حاڪم بنايون. ۽ ملڪ ۾ انهن جا پير ڄمايون ۽ انهن کي طاقتور ڪيون. ۽ فرعون (۽ سندن وزير) هامان سندن لشڪرن کي انهن (بني اسرائيلن) جي هٿان اهي ئي ڳالهيون پيش آڻيون جن کان بچڻ لاءِ سڀ حيلا هلائي رهيا آهن.
    فرعون بني اسرائيل جي ٻارن کي وڌڻ کان جهلي رهيو هو ۽ هر نئين ڄاول ٻار کي قتل ڪري ڇڏيندو هو. ان ڪري خدائي رهنمائيءَ تحت، حضرت موسيٰ عليه السلام جي والده، حضرت موسيٰ عليه السلام جي پيدا ٿيندي ئي، ان کي هڪ صندوق ۾ بند ڪري پاڻيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پاڻ يعني حضرت موسيٰ عليه السلام جن فرعون جي محل تائين پهتا. قرآن حڪيم انهيءَ مضمون کي هن طرح بيان ڪيو آهي:
    وَ اَوۡحَیۡنَاۤ اِلٰۤی اُمِّ مُوۡسٰۤی اَنۡ اَرۡضِعِیۡہِ ۚ فَاِذَا خِفۡتِ عَلَیۡہِ فَاَلۡقِیۡہِ فِی الۡیَمِّ وَ لَا تَخَافِیۡ وَ لَا تَحۡزَنِیۡ ۚ اِنَّا رَآدُّوۡہُ اِلَیۡکِ وَ جَاعِلُوۡہُ مِنَ الۡمُرۡسَلِیۡنَ ﴿۷﴾ فَالۡتَقَطَہٗۤ اٰلُ فِرۡعَوۡنَ لِیَکُوۡنَ لَہُمۡ عَدُوًّا وَّ حَزَنًا ؕ اِنَّ فِرۡعَوۡنَ وَ ہَامٰنَ وَ جُنُوۡدَہُمَا کَانُوۡا خٰطِئِیۡنَ ﴿۸﴾ وَ قَالَتِ امۡرَاَتُ فِرۡعَوۡنَ قُرَّتُ عَیۡنٍ لِّیۡ وَ لَکَ ؕ لَا تَقۡتُلُوۡہُ ٭ۖ عَسٰۤی اَنۡ یَّنۡفَعَنَاۤ اَوۡ نَتَّخِذَہٗ وَلَدًا وَّ ہُمۡ لَا یَشۡعُرُوۡنَ ﴿۹﴾
    (سورة القصص: 9-7 )
    ”سو (اسان ڇا ڪيو جو) (حضرت) موسيٰ عليه السلام جي والده کي وحي موڪليو سين ته تون پنهنجي ٻچڙي کي پنهنجي ٿڃ پياريندي رهه. پوءِ جڏهن ان بابت توکي خطرو ڏسڻ ۾ اچي (ته فرعون جي ماڻهن کي خبر پوڻ تي آهي ۽ هو تنهنجو پٽ کي مارائي ڇڏيندا) تڏهن ٻچڙي کي (پيتيءَ ۾ وجهي نيل درياهه جي) پاڻيءَ تي لوڙهي ڇڏجانءِ ، ۽ ڪو به خوف ڪونه رکجانءِ، نڪي ڪو غم ڪجانءِ. يقيناَ اهو ٻچڙو تو کي موٽائي ڏينداسين ۽ کيس (وڏي هوندي) پنهنجو رسول ڪنداسين.(جڏهن والده موسيٰ کي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪيو تڏهن) پوءِ فرعون جي ماڻهن (جن پيتي لڙهندي ڏٺي) ان کي کڻي ورتو، انهيءَ لاءِ نه ته هو (آخر) هنن جي مخالفت ڪري ۽ سندس غمن ۽ تڪليفن جو باعث ٿئي. (پر فرعون جي ماڻهن کي ان وقت ڪهڙي خبر ته هو ڪو سندن مخالفت ڪندو ۽ تڪليفن جو باعث ٿيندو) انهيءَ ۾ شڪ ئي ڪونهي ته فرعون، هامان ۽ سندن لشڪر خطار ڪار ۽ گنهگار هئا. ۽ فرعون جي زال (جا شايد نيڪ عورت هئي) فرعون کي چيو ته هيءُ (سهڻو ٻچڙو) منهنجي لاءِ ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي.ان کي متان قتل ڪرائين. ممڪن آهي ته اسان کي هن مان گهڻو ئي فيض ۽ فائدو پهچندو. گود جو پٽ ڪنداسين، مگر هنن کي خبر بلڪل ڪانه هئي (ته ان ڪم جو آخر نتيجو ڪهڙو نڪرندو.)
    فرعون جي زال، حضرت موسيٰ عليه السلام کي قتل ٿيڻ کان بچايو ۽ کيس پنهنجو پٽ بڻائي ورتو. اهڙيءَ طرح پاڻ پنهنجو ننڍپڻ فرعون جي محل ۾ گذاريائون. اها الله پاڪ جي تائيد هئي جو سندن والده آيا (دائي) بڻجي محل ۾ آئي.
    نوجوان ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏهاڙي حضرت موسيٰ عليه السلام ڏٺو ته هڪ مصري بني اسرائيل جي هڪ فرد کي اذيت ڏيئي رهيو آهي. پاڻ انهن کي ڇڏائيندي جڏهن مصريءَ کي هڪ مُڪ وهائي ڪڍيائون ته اهو اُتي ئي مري ويو. ان جي باوجود جو پاڻ فرعون جي محل ۾ رهن پيا ۽ ملڪه کين پنهنجي پٽ بڻايو هو. شهر جي سردارن فيصلو ڪيو ته حضرت موسيٰ عليه السلام جي سزا موت هئڻ گهرجي. اهو ٻڌي ئي حضرت موسيٰ عليه السلام مصر کان مدين هليا ويا. مدين ۾ قيام جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ الله تعاليٰ ساڻن سنئون سڌو ڪلام ڪيو ۽ کين نبوت جو منصب عطا فرمايو. کين حڪم ٿيو ته پاڻ واپس فرعون وٽ وڃن ۽ ان کي الله جي دين جو پيغام پهچائين.


    فرعون جي درٻار

    حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت هارون عليه السلام خدائي حڪم جي تعميل ۾ فرعون وٽ ويا ۽ ان تائين دين حق جو پيغام پهچايو. هنن فرعون کي بني اسرائيل جي ٻارن تي ظلم ڪرڻ کان منع ڪيو ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيو. اها ڳالهه فرعون جي سهپ کان ٻاهر هئي ته اهو حضرت موسيٰ عليه السلام جيڪو فرعون جي محل ۾ وڌيو ويجهيو ۽ فرعون جو ممڪنه جانشين به هيو، ان سان هن طرح مخاطب ٿيو. فرعون حضرت موسيٰ عليه السلام تي ناشڪري هئڻ جو الزام مڙهيو:
    قَالَ اَلَمۡ نُرَبِّکَ فِیۡنَا وَلِیۡدًا وَّ لَبِثۡتَ فِیۡنَا مِنۡ عُمُرِکَ سِنِیۡنَ ﴿ۙ۱۸﴾ وَ فَعَلۡتَ فَعۡلَتَکَ الَّتِیۡ فَعَلۡتَ وَ اَنۡتَ مِنَ الۡکٰفِرِیۡنَ ﴿۱۹﴾ (سورة الشعراء: 19-18 )
    ”(حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون اهو حڪم مڃيو ۽ فرعون وٽ ويا ۽ اهو پيغام کيس پهچايائون. تنهن تي فرعون) چيو ته (اي موسيٰٰ!) توکي اسان ننڍپڻ ۾ نپايو ۽ پاليو ڪين هو ڇا؟ ۽ تون پنهنجي عمر جا ڪيترائي سال اسان ۾ نه رهيو هئين ڇا؟ (جو هاڻي احسان فراموش ٿي بني اسرائيلن کي اسان جي غلاميءَ مان ڪڍڻ آيو آهين. ۽ (هيءَ ڳالهه به ياد رک ته) تون انهيءَ وقت اُهو (هڪ مصريءَ کي قتل ڪرڻ وارو) ڪم به ڪيو هو جو (توکي ياد هوندو ته تو سچ پچ) ڪيو هو. تون ته وڏو احسان فراموش آهين.“
    فرعون جذباتي داوَ پيچ استعمال ڪري ۽ کيڏ کيڏي، حضرت موسيٰ عليه السلام تي حاوي ٿيڻ پئي گهريو. هو انهيءَ ڳالهه تي ته هن ۽ سندس زال، حضرت موسيٰ عليه السلام جي پرورش ڪئي هئي، کانئس اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جي تقاضا ڪري رهيو هو. جيئن ته حضرت موسيٰ عليه السلام هڪ مصريءَ کي به قتل ڪيو هو، ان ڪري اهو سڀ ڪجهه مصري قانون تحت سخت سزا جو ڪارڻ بڻجي سگهي پيو. اهڙيءَ طرح جذباتي فضا پيدا ڪري فرعون، حضرت موسيٰ عليه السلام کي متاثر ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي درٻارين جي حمايت به حاصل ڪرڻ گهري پيو.
    پر اها حق جي دعوت، جنهن کي حضرت موسيٰ عليه السلام کڻي آيو هو، ايترو اثرائتي هئي جو فرعون جي حيثيت هڪ عام ماڻهوءَ جهڙي ٿي پئي. ڇو ته دعوت حق مان اها ڳالهه پڌري ٿي چڪي هئي ته فرعون خدا نه هو ۽ کيس حضرت موسيٰ عليه السلام جي اطاعت ڪرڻي هئي. ان کانسواءِ آل اسرائيل کي آزاد ڪر ڻ ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام سان گڏجي وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي به هن جي افرادي قوت نمايان گهٽجي رهي هئي، جيڪا سندس لاءِ سنگين معاشي بحران جو ڪارڻ بڻجي سگهي پئي. انهن سببن جي ڪري فرعون حضرت موسيٰ عليه السلام پاران ڏنل حق جي دعوت تي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو. هن مذاق اڏائڻ شروع ڪيو ۽ فضول ۽ اجايا سوال پڇي، موضوع مَٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ حضرت هارون تي باغي هئڻ ۽ سياسي مقصدن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جا الزام هنيا. هن دين حق جي پيروي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تنهن تي الله تعاليٰ مٿس ڪجهه مصيبتون ۽ مشڪلاتون به مسلط ڪيون.


    فرعون ۽ ان جي پيروڪارن تي ايندڙ عذاب

    فرعون ۽ ان جو قريبي حلقو بت پرستيءَ ۽ ابن ڏاڏن جي گمراهيءَ واري مذهب تي ايتري حد تائين هٺ ڌرمي سان ڄميو بيٺو رهيو جو ان کي ڇڏڻ جو تصور ڪرڻ به محال هو. حضرت موسيٰ عليه السلام جا ٻه واضح معجزا، سندن چمڪندڙ هٿ ۽ ازدها بڻجي ويندڙ عصا (لٺ) به انهن کي پنهنجي توهماتي(وهم ۽ وسوسن واري) دين کان نه هٽائي سگهيا، بلڪه هو پنهنجي ڪفر تي وڌيڪ ڄمي بيهي رهيا ۽ چوڻ لڳا:
    وَ قَالُوۡا مَہۡمَا تَاۡتِنَا بِہٖ مِنۡ اٰیَۃٍ لِّتَسۡحَرَنَا بِہَا ۙ فَمَا نَحۡنُ لَکَ بِمُؤۡمِنِیۡنَ
    (سوره: الاعراف: 132 )
    ”(فرعون ۽ سندس ماڻهن حضرت موسيٰ کي) چيو ته ڪهڙي به نشاني اسان ڏي آڻين جنهن سان اسان تي جادو ڪرين (يا اسان تي ڪا مصيبت آڻين) ته به اسان توتي ايمان ڪونه آڻينداسين.“
    مصرين جي انهيءَ رويي جي ڪري الله تعاليٰ انهن تي مسلسل عذاب موڪليو، جن مان هر هڪ جدا معجزي جي حيثيت رکي پيو ۽ اهڙيءَ طرح آخرت جي دائمي عذاب کان اڳ، دنيا ۾ به انهن کي عذاب جو مزو چکايو. انهن عذابن مان پهريون خشڪ سالي ۽ فصلن جي تباهيءَ جو عذاب هو. انهيءَ بابت قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي:
    وَ لَقَدۡ اَخَذۡنَاۤ اٰلَ فِرۡعَوۡنَ بِالسِّنِیۡنَ وَ نَقۡصٍ مِّنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّہُمۡ یَذَّکَّرُوۡنَ
    (سورة الاعراف: 130 )
    ”۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) فرعون جي ماڻهن کي خشڪ سالي (پاڻيءَ جي گهٽائي) ۽ فصلن جي ڪميءَ جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو، انهيءَ لاءِ ته من ايئن هو خدا کي ياد ڪن ۽ نصيحت حاصل ڪن.“
    جيئن ته مصرين جي زرعي نظام جو بنياد نيل درياهه تي هيو، ان ڪري قدرتي حالتن جي تبديلين کان گهڻو متاثر ڪو نه ٿيندا هئا. پر دعوت حق جي انڪار جي ڪري مٿن غير متوقع تباهي آئي. نيل درياهه جو پاڻي اچانڪ ئي تمام گهڻو گهٽجي ويو ۽ سندن زرعي علائقن ۾ آبپاشي ڪندڙ نهرون خشڪ ٿي ويون. سخت ۽ شديد گرميءَ جي ڪري فضل سڙي سڪي ويا. اهڙيءَ طرح فرعون ۽ سندس حوارين تي غير متوقع بدحالي طاري ٿي ويئي . انهن غير متوقع حالتن، فرعون جو دٻدٻو ۽ رعب تاب گهٽائي ڇڏيو، حالانڪه ان کان اڳ سندس حال هي هيو ته:
    وَ نَادٰی فِرۡعَوۡنُ فِیۡ قَوۡمِہٖ قَالَ یٰقَوۡمِ اَلَیۡسَ لِیۡ مُلۡکُ مِصۡرَ وَ ہٰذِہِ الۡاَنۡہٰرُ تَجۡرِیۡ مِنۡ تَحۡتِیۡ ۚ اَفَلَا تُبۡصِرُوۡنَ (سورة الزخرف: 51 )
    ”۽ فرعون پنهنجي قوم ۾ اعلان ڪري چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! مان مصر جو بادشاهه نه آهيان ڇا؟ هي نهرون منهنجي پيرن هيٺان نه ٿيون وهن ڇا؟ ڇا توهان نٿا ڏسو؟“
    بجاءِ انجي جو، هو انهن حالتن مان ڪجهه سبق پرائين ها، هنن حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ بني اسرائيل کي نحوست قرار ڏيئي ڇڏيو. ڇو ته انهن تي، سندن آبائي مذهب جي توهمات جي حڪمراني هئي. اهڙيءَ طرح هنن پاڻ لاءِ هڪ نهايت ئي وڏي عذاب جي چونڊ ڪري ورتي، جنهن لاءِ اها تڪليف ته هنن لاءِ هڪ معمولي شروعات هئي پر ان کانپوءِ ته عذاب جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو. قرآن حڪيم، مٿن ايندڙ مختلف عذابن کي هن طرح بيان ڪري ٿو:“
    فَاَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِمُ الطُّوۡفَانَ وَ الۡجَرَادَ وَ الۡقُمَّلَ وَ الضَّفَادِعَ وَ الدَّمَ اٰیٰتٍ مُّفَصَّلٰتٍ ۟ فَاسۡتَکۡبَرُوۡا وَ کَانُوۡا قَوۡمًا مُّجۡرِمِیۡنَ (سورة الاعراف: 133 )
    ”پوءِ اسان هنن تي طوفان (يا ٻوڏ) آندي ۽ ماڪڙ ۽ جونئان ۽ ڏيڏر ۽ رت. اهي سڀ جدا جدا چٽيون نشانيون هيون. تڏهن به هو تڪبر ڪندا رهيا ۽ هو گنهگار ماڻهو هئا.“
    فرعون ۽ سندس سنگت (ساٿارين) تي ايندڙ انهن عذابن جو تذڪرو قرآن حڪيم کان سواءِ قديم عهد نامي ۾ به موجود آهي:
    ”۽ سمورو مصر ملڪ رتو رت ٿي ويو.“ (سورة: اخراج 21:7)
    ”۽ جيڪڏهن تون انهن کي وڃڻ ڪونه ڏيندين ته، ڏس مان تنهنجي ملڪ کي ڏيڏرن سان ڀري ڇڏيندس ۽ درياهه بيشمار ڏيڏرن سان ڀرجي ويندو ۽ اچي تنهنجي گهر ۾ ، تنهنجي آرام گاهه ۾ ، تنهنجي پلنگ ۽ تنهنجي ملازمن جي گهرن ۾، تنهنجي رعيت،تندورن ۽ اَٽي ڳوهيندڙن ۾ وتندا گهمندا.“ (اخراج- 8: 3 ۽ 2)
    ”جڏهن خداوند، موسيٰ عليه السلام کي چيو، هارون کي چئه ته لٺ ڦيرائي زمين تي هڻ ته جيئن سموري مصر ملڪ ۾ جونئون پئجي وڃن. (اخراج- 16:8)
    ”۽ ماڪڙ سڄي ملڪ تي ڇانئجي ويئي ۽ اُتي مصر جي حدن ۾ ديرو ڪيائين ۽انهن جي دل اهڙي ڀاري هئي جو، نه ته ان کان اڳ ڪڏهن اهڙي ماڪڙ آئي هئي ۽ نه وري ڪڏهن ايندي.“
    (اخراج 14:10)
    ”تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو ته، اهو خدا جو ڪم آهي. پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ جيئن خداوند چئي ڇڏيو هو، هن انهن جي ڪو نه ٻڌي.“ (اخراج- 19:8)
    آل فرعون تي انهن تڪليفن جو نزول جاري رهيو، ايستائين جو مٿن ڪجهه عذاب سندن معبودن جي صورت ۾ آيا. مثلاً، هنن نيل درياهه ۽ ڏيڏرن کي ، تقدس ۾ خدائي درجو ڏنو هو. هو انهن کان مدد طلب ڪندا هئا. مگر انهن کين معبودن جي شڪل ۾ عذاب ڏنو، ته جيئن هو پنهنجي غلطين جو احساس ڪري ان جو ازالو ڪري سگهن.
    قديم عهد نامي جي شارحن جي مطابق نيل درياهه جو پاڻي انهن لاءِ رت ۾ تبديل ٿي ويندو هو ۽ جڏهن اهي پاڻي پيئندا هئا ته اهو سرخ مواد ۾ مَٽجي ويندو هو. ڪجهه توضيحات( وضاحتن) جي مطابق انهيءَ سرخ رنگ جو سبب هڪ خاص قسم جو بيڪٽيريا هو.
    مصرين جي لاءِ نيل درياهه زندگيءَ جو سر چشمو هو. نيل درياهه ۾ ڪائي به خرابي سڄي مصر لاءِ موت برابر هئي. جيڪڏهن اهي بيڪٽيريا سڄي نيل درياهه کي سرخ ڪري ڇڏين ها ته، ان پاڻيءَ کي استعمال ڪندڙ هر شخص انهيءَ بيڪٽيريا جي اثر کان بيمار ٿي پوي ها.
    هاڻوڪي تحقيقات جي مطابق سرخ رنگ جو ڪارڻ پروٽوزوان (Protozoan)، زوپلانڪٽان(Zoo Plankton) ، تازي پاڻيءَ جي ايلجي فائٽو ڪلانڪٽان (phytoplankton) ۽ ڊائنو فليجي ليٽس (Dinoflagellates) آهن. اهي سمورا پروٽوزوان (protozoan)، فنگس ۽ ٻوٽا پاڻيءَ جي آڪسيجن کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ان ۾ نقصانڪار زهريلا مادا پيدا ڪندا آهن، جيڪي مڇين ۽ ڏيڏرن جي لاءِ خطرناڪ ۽ موتمار آهن.
    انجيل ۾ ”اخراج“ جي تفصيلات جو حوالو ڏيندي، نيشنل ميرين فشريز سروس جي ماهر پيٽريشا اي ٽيسٽر (Patricia A. Tester) نيويارڪ، اڪيڊمي آف سائنس جي روداد ۾ لکي ٿو ته، فائٽو پلانڪٽان جي5000 قسمن مان 50 قسم زهريلا آهن، جيڪي سامونڊي جيوت جي لاءِ مهلڪ ٿي سگهن ٿا. ڪينيڊا جي صحت کاتي جي ايون سي ڊي ٽاڊ (Ewen C.D. Todd) انهيءَ اشاعت (ڇاپي) ۾ تاريخي حوالن سان لکي ٿو ته سڄيءَ دنيا ۾ مختلف دٻائن جي ڪري ٺهندڙ مخصوص فائٽو پلانڪٽان تقريباً ٻن ڊزنن جي قريب آهي. ڊبليو ڊبليو ڪارمائيڪل (w.w. Carmichacl) ۽ آئي آر فالڪانر (I.R. Falconer)، بليو گرين ايلجيءَ مان ٿيندڙ بيمارين جو ذڪر ڪيو آهي. نارٿ ڪيرولينا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ جي آبي ماحوليات جي ماهر جون ايم برخولڊر (Joan M. Burkholder) درياهن جي ڪپرن تي ملندڙ ڊائنو فليجليٽ (Dino Flagellate) جو تذڪرو ڪيو آهي، جنهن سان مڇيون مري وينديون آهن. (36)
    فرعون جي زماني ۾ ان طرح جا واقعات لاڳيتا ظاهر ٿيا. اهڙيءَ طرح جڏهن درياهه جو پاڻي زهريلو ٿيو ته مڇيون به مري ويون ۽ مصرين جي کاڌ خوراڪ جو هڪ اهم ذريعو ختم ٿي ويو. جڏهن شڪار خور مڇيون ختم ٿي ويون ته ڏيڏرن جي نسل وڌڻ جا امڪان تيزيءَ سان پيدا ٿي ويا. جڏهن نيل درياهه ۾ ڏيڏر حد کان وڌيڪ وڌي ويا، ته درياهه جي زهريلي ماحول کان نڪرڻ جي لاءِ اهي ٻاهر نڪري پيا ۽ ٻاهر مرڻ ۽ ڳرڻ لڳا. نيل درياهه ۽ ان جي اردگرد جو ماحول گندگي سان ڀرجي ويو هو. درياهه جو ڌوئڻ پوئڻ ۽ وهنجڻ سهنجڻ لاءِ قابل نه رهيو. ڏيڏرن جي ختم ٿي وڃڻ ڪري مختلف قسم جا جيت جهڙوڪ ماڪڙ، جونئان وغيره عام ٿي ويون.
    پر انهيءَ سموري تباهي ۽ عذاب جي حالتن جي باوجود فرعون يا سندس قوم نڪي الله تعاليٰ ڏانهن متوجهه ٿي ۽ نه ئي انهن پنهنجي هٺ، هوڏ، گمراهيءَ ۽ ڪفر جي روش کي ترڪ ڪيو. بلڪه پنهنجي منافقاڻي ذهنيت جي ڪري، انهن حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ الله کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن مٿن اهو خوفناڪ عذاب آيو، ته هو هڪدم حضرت موسيٰ عليه السلام ڏانهن ويا ۽ کيس چيائون ته هو هنن کي انهيءَ عذاب کان نجات ڏياري:
    وَ لَمَّا وَقَعَ عَلَیۡہِمُ الرِّجۡزُ قَالُوۡا یٰمُوۡسَی ادۡعُ لَنَا رَبَّکَ بِمَا عَہِدَ عِنۡدَکَ ۚ لَئِنۡ کَشَفۡتَ عَنَّا الرِّجۡزَ لَنُؤۡمِنَنَّ لَکَ وَ لَنُرۡسِلَنَّ مَعَکَ بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ ﴿۱۳۴﴾ۚ فَلَمَّا کَشَفۡنَا عَنۡہُمُ الرِّجۡزَ اِلٰۤی اَجَلٍ ہُمۡ بٰلِغُوۡہُ اِذَا ہُمۡ یَنۡکُثُوۡنَ ﴿۱۳۵﴾ (سورة الاعراف: 135-134 )
    ”۽ جڏهن جڏهن هنن تي ڪو عذاب ايندو هو، تڏهن تڏهن چوندا هئا ته اي مُوسيٰ! جهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار توسان عهد ڪيو آهي تهڙيءَ طرح اسان جي لاءِ کانئس دعا گهر. پوءِ جيڪڏهن اسان تان هي عذاب ٽاريندين ته اسان ضرور توتي ايمان آڻينداسين ۽ توسان گڏ (وڃڻ لاءِ) بني اسرائيلن کي موڪلي ڏينداسين. پوءِ جڏهن اسان هنن تان اهو عذاب مقرر مدي بعد ، جنهن مدي کي پهچڻا هئا، ٽاري ڇڏيو. تڏهن هنن هڪدم بد عهدي ڪئي ۽ واعدو نه پاڙيو (يعني ايمان نه آندائون ۽ بني اسرئيلن کي موڪل نه ڏنائون).“


    مصر مان نڪرڻ

    حضرت موسيٰ، فرعون ۽ سندس قوم کي الله جو پيغام پهچايو ۽ سرڪشيءَ جي صورت ۾ سخت عذاب کان ڊيڄاريو پر موٽ ۾ انهن بغاوت جي روش اختيار ڪندي. حضرت موسيٰ عليه السلام کي ڪوڙو ٺهرايو. هاڻي الله تعاليٰ طرفان انهن لاءِ ذلت ڀريو انجام مقرر ڪيو ويو. حضرت موسيٰ عليه السلام کي هن طرح اطلاع ڏنو ويو:
    وَ اَوۡحَیۡنَاۤ اِلٰی مُوۡسٰۤی اَنۡ اَسۡرِ بِعِبَادِیۡۤ اِنَّکُمۡ مُّتَّبَعُوۡنَ ﴿۵۲﴾ فَاَرۡسَلَ فِرۡعَوۡنُ فِی الۡمَدَآئِنِ حٰشِرِیۡنَ ﴿ۚ۵۳﴾ اِنَّ ہٰۤؤُلَآءِ لَشِرۡ ذِمَۃٌ قَلِیۡلُوۡنَ ﴿ۙ۵۴﴾ وَ اِنَّہُمۡ لَنَا لَغَآئِظُوۡنَ ﴿ۙ۵۵﴾ وَ اِنَّا لَجَمِیۡعٌ حٰذِرُوۡنَ ﴿ؕ۵۶﴾ فَاَخۡرَجۡنٰہُمۡ مِّنۡ جَنّٰتٍ وَّ عُیُوۡنٍ ﴿ۙ۵۷﴾ وَّ کُنُوۡزٍ وَّ مَقَامٍ کَرِیۡمٍ ﴿ۙ۵۸﴾ کَذٰلِکَ ؕ وَ اَوۡرَثۡنٰہَا بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ ﴿ؕ۵۹﴾ فَاَتۡبَعُوۡہُمۡ مُّشۡرِقِیۡنَ ﴿۶۰﴾ فَلَمَّا تَرَآءَ الۡجَمۡعٰنِ قَالَ اَصۡحٰبُ مُوۡسٰۤی اِنَّا لَمُدۡرَکُوۡنَ ﴿ۚ۶۱﴾ (سورة الشعراء: 61-52 )
    ”۽ اسان موسيٰ کي وحيءَ جي رستي حڪم ڏنو ته منهنجي بندن (بني اسرائيلن ۽ ٻين مؤمنن) کي راتو واهه (مصر ملڪ مان) ڪڍي وڃ، پڪ آهي ته فرعون ۽ سندس ماڻهو (اوهان کي روڪڻ ۽ پڪڙڻ لاءِ) اوهان جي پوئتان هوندا. (انهيءَ وچ ۾ ) فرعون (ڇا ڪيو جو سڀني) شهرن ڏانهن پنهنجا قاصد موڪليائين (۽ بني اسرائيلن جي خلاف لشڪر گڏ ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو) ۽ (چوڻ لڳو ته) هي (بني اسرائيل) هڪ ننڍڙي (۽ هيڻي) ٽولي آهن.( تنهن هوندي به ايتري جرئت ڪئي اٿن جو) اسان جي خلاف غصي جو اظهار ڪرڻ لڳا آهن (يا اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي اسان کي غصو ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ آهن). ۽ (هو ڏسن ئي نٿا ته) اسان بيشڪ وڏو لشڪر آهيون ۽ (هنن جي مقابلي لاءِ اڳ ئي ) خبردار (۽ تيار) آهيون. ۽ پڻ خزانن ۽ چڱين جاين (يا چڱن عهدن ۽ ڌنڌن) کان اسان کين محروم ڪيو. (برابر فرعون ۽ سندس ماڻهن بني اسرائيلن سان) اهڙي هلت ورتي هئي (۽ کين غلام بنائي رکيو هو) پر اسان (يعني الله تعاليٰ پوءِ) بني اسرائيلن کي (شام ملڪ ۾) اهڙين شين (يعني باغن وغيره ) جو وارث ڪيو. حضرت موسيٰ بني اسرائيلن سان رات جي وقت روانو ٿي ويو) پوءِ صبح جو سج اڀرڻ بعد فرعون ۽ سندس ماڻهو (انهيءَ خبر پوڻ تي) سندن پٺيان پيا.پوءِ جڏهن ٻنهي ٽولين هڪٻئي کي ڏٺو تڏهن (حضرت) موسيٰ جي ساٿين ڊڄي چيو ته پڪ آهي ته اسان کي پڪڙي وٺندا.“
    انهن حالتن ۾ جڏهن بني اسرائيل سمجهيو ته هو پڪڙجي پيا ۽ فرعونين سمجهو ته هو هينئر بني اسرائيل جي پڪڙ ڪندا ته حضرت موسيٰ، الله تعاليٰ جي مدد ۽ نصرت تي يقين رکندي فرمايو:
    قَالَ کَلَّا ۚ اِنَّ مَعِیَ رَبِّیۡ سَیَہۡدِیۡنِ (سورة الشعراء: 62 )
    ”(حضرت) موسيٰ عليه السلام فرمايو ته هر گز ڪونه پڪڙي سگهندا. بيشڪ منهنجو پروردگار مون سان (مدد گار) آهي. اهو ئي اجهو ٿو مون کي(حفاظت جي) واٽ ڏيکاري“
    انهيءَ وقت الله پاڪ سمنڊ کي چيرندي حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ بني اسرائيل کي بچائي ورتو. جڏهن بني اسرائيل لنگهي ويا ته فرعون ۽ ان جي قوم تي سمنڊ جو رستو بند ٿي ويو ۽ اهي ٻڏي ويا.
    فَاَوۡحَیۡنَاۤ اِلٰی مُوۡسٰۤی اَنِ اضۡرِبۡ بِّعَصَاکَ الۡبَحۡرَ ؕ فَانۡفَلَقَ فَکَانَ کُلُّ فِرۡقٍ کَالطَّوۡدِ الۡعَظِیۡمِ ﴿ۚ۶۳﴾ وَ اَزۡلَفۡنَا ثَمَّ الۡاٰخَرِیۡنَ ﴿ۚ۶۴﴾ وَ اَنۡجَیۡنَا مُوۡسٰی وَ مَنۡ مَّعَہٗۤ اَجۡمَعِیۡنَ ﴿ۚ۶۵﴾ ثُمَّ اَغۡرَقۡنَا الۡاٰخَرِیۡنَ ﴿ؕ۶۶﴾ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیَۃً ؕ وَ مَا کَانَ اَکۡثَرُہُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۶۷﴾ وَ اِنَّ رَبَّکَ لَہُوَ الۡعَزِیۡزُ الرَّحِیۡمُ ﴿٪۶۸﴾ (سورة الشعراء: 68-63 )
    ”پوءِ اسان موسيٰ عليه السلام کي وحي رستي حڪم ڪيو ته سمنڊ تي پنهنجي لٺ هڻ. (هن لٺ هنئي ته) سمنڊ ڇڄي(ٻه ڀاڱا ٿي) پيو، ۽ هر هڪ ڀاڱو هڪ وڏي جبل جهڙو ڏسڻ ۾ آيو. ۽ ٻين کي (يعني فرعون ۽ سندس ماڻهن کي) اسان اڃان به وڌيڪ ويجهو آندو. ۽ (حضرت ) موسيٰ کي ۽ سندس سڀني ساٿين کي ته (دشمن جي لشڪر توڙي سمنڊ کان) بچائي ورتو سين. پر ٻين کي (يعني فرعون ۽ سندس ماڻهن کي) ٻوڙي ڇڏيوسين. بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي نشاني آهي (مڪي جي ماڻهن جي عبرت وٺڻ لاءِ) مگر انهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين. ۽ تنهنجو رب بيشڪ غالب ۽ مهربان آهي (يعني منڪر مغلوب ٿيندا ۽ مؤمنن تي الله تعاليٰ جي مهرباني ٿيندي.)“
    حضرت موسيٰ عليه السلام جي عصا (لٺ) ۾ به ڪيتريون ئي معجزي جون خصوصيتون هيون. پهرين وحيءَ دوران الله تعاليٰ انهيءَ عصا کي نانگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ اهو نانگ فرعون جي جادوگرن جي مڙني جادوءَ جي تماشن کي ڳهي ويو. هاڻي وري انهيءَ عصا سان حضرت موسيٰ عليه السلام نيل درياهه کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. عصا، حضرت موسيٰ عليه السلام کي عطا ٿيندڙ هڪ عظيم معجزو هئي.


    ڇا اهو واقعو بحيره روم جي ڪناري يا ڳاڙهي سمنڊ ۾ پيش آيو؟

    حضرت موسيٰ عليه السلام ڪهڙي هنڌ درياهه کي ٻن حصن ۾ ڪيو، انهيءَ تي ڪو واضح نقطه نظر موجود ناهي. جيئن ته قرآن حڪيم ۾ انهيءَ جو ڪو تفصيل موجود ناهي.ان ڪري ان بابت صحيح راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي . ڪجهه شاهدين جي آڌار تي اهو واقعو مصر جي بحيره روم (Mediterranean sea) جي ڪنارن تي پيش آيو. انسائيڪلو پيڊيا جوڊيشا (Encyclopedia Judaica) جي مطابق:
    ”اڪثر محققن جي خيال ۾ بني اسرائيل جي شهر بدر ٿيڻ جو واقعو بحيره روم جي ساحلن تي واقع ڳاڙهي سمنڊ (Red sea) جي هڪ ساحلي ڍنڍ تي پيش آيو.(37)
    ڊيوڊ بن گوريان (David Ben Gurion) جي مطابق: اهو واقعو راميسس- II جي دورِ حڪمرانيءَ ۾ قاديش (Kadesh) جي شڪست کانپوءِ پيش آيو. قديم عهد نامي جي ڪتاب ”اخراج“ جي مطابق اهو واقعو واديءَ جي اتر ميگڊول (Migdol) ۽ بال زيفون (Beal-Zephon) جي علائقي ۾ پيش آيو.“(38)
    انهيءَ نقطئه نظر جو دارو مدار قديم عهد نامي تي آهي. قديم عهدنامي جي ڪتاب ”خراج“ جي تشريحن مطابق فرعون ڳاڙهي سمنڊ ۾ ٻڏو هو. انهيءَ نقطه نظر وارن ماڻهن مطابق لفظRed-Sea اصل ۾ Sea of Reeds يعني ٻُوڙن، سُرن ۽ ڊڀن وارو سمنڊ آهي.
    جيئن ته ان جي Red Sea سان مماثلت آهي، تنهن ڪري گهڻن هنڌن تي ان مان مراد بحيره احمر (ڳاڙهو سمنڊ) ورتي ويئي آهي. پر Sea of Reeds مان مراد بحيره روم جي مصري ساحل آهي . قديم عهدنامي ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جي سفر دوران اختيار ڪيل رستن جي ذڪر ۾ ميگ ڊول ۽ بال زيفون جا لفظ به استعمال ٿيا آهن ۽ اهي علائقا مصري ساحلن ۾ واديءِ نيل جي اتر ۾ واقع آهن.Sea of Reeds جي تذڪري سان انهيءَ ڳالهه کي تقويت ملي ٿي ته شايد اهو واقعو مصر جي ساحلن تي پيش آيو هجي. ڇو ته انهيءَ علائقي ۾ساحل تي پاڻيءَ جي موجودگيءَ جي سبب ڪثرت سان ڊڀ ۽ ٻوڙا پيدا ٿيندا آهن.


    فرعون ۽ سندس لشڪر جو ٻڏڻ

    قرآن حڪيم اسان کي بحيره احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃڻ جي خبر ڏيئي ٿو. قرآن پاڪ جي تفصيل مطابق حضرت موسيٰ، مصر کان، بني اسرائيل سان گڏ روانو ٿيو. فرعون لاءِ اها ڳالهه ناگوار هئي ته بني اسرائيل سندس اجازت کانسواءِ، حضرت موسيٰ عليه السلام سان گڏجي روانا ٿي وڃن. هو پنهنجي لشڪر سان گڏجي تعاقب لاءِ نڪري پيو:
    وَ جٰوَزۡنَا بِبَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ الۡبَحۡرَ فَاَتۡبَعَہُمۡ فِرۡعَوۡنُ وَ جُنُوۡدُہٗ بَغۡیًا وَّ عَدۡوًا (سوره: يونس: 90 )
    ”۽ پوءِ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ جي پار اڪاريو . هي ڏسي فرعون ۽ سندس لشڪر سندن پٺيان پيو...“
    جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام ۽ بني اسرائيل سمنڊ تي پهتا، ويجهو هيو جو فرعون ۽ سندس لشڪر انهن کي اچي پڪڙي ها، انهيءَ منظر کي ڏسندي ئي بني اسرائيل، حضرت موسيٰ عليه السلام سان شڪايت ڪرڻ لڳا. قديم عهد نامي مطابق هو حضرت موسيٰ عليه السلام کي چوڻ لڳا ته، هو کين پنهنجي گهرن مان ڪڍي ڪري موت ڏانهن ڇو وٺي آيو. جيتوڻيڪ هو گهرن ۾ فرعون جا غلام هئا، پر هئا ته زنده. انهيءَ منظر کي قرآن مجيد هيئن بيان ڪيو:
    فَلَمَّا تَرَآءَ الۡجَمۡعٰنِ قَالَ اَصۡحٰبُ مُوۡسٰۤی اِنَّا لَمُدۡرَکُوۡنَ (سورة الشعراء : 61 )
    ”۽ پوءِ جڏهن ٻنهي ٽولين هڪٻئي کي ڏٺو تڏهن (حضرت) موسيٰ جي ساٿين (ڊڄي) چيو ته پڪ آهي ته اسان کي پڪڙي وٺندا.“
    حقيقت اها آهي ته بني اسرائيل جي شڪايت جو اهو ڪو پهريون واقعو نه هو، بلڪه ان کان اڳ ۾ به هو ڪيترائي ڀيرا اهڙيءَ طرح جي گستاخيءَ واري رويي جو اظهار ڪري چڪا هئا:
    قَالُوۡۤا اُوۡذِیۡنَا مِنۡ قَبۡلِ اَنۡ تَاۡتِیَنَا وَ مِنۡۢ بَعۡدِ مَا جِئۡتَنَا ؕ قَالَ عَسٰی رَبُّکُمۡ اَنۡ یُّہۡلِکَ عَدُوَّکُمۡ وَ یَسۡتَخۡلِفَکُمۡ فِی الۡاَرۡضِ فَیَنۡظُرَ کَیۡفَ تَعۡمَلُوۡنَ (سورة الاعراف: 129 )
    ”بني اسرائيلن ۾ اهڙو صبر ۽ يقين ڪونه هو تنهن ڪري مايوسي ۽ رنجيدگيءَ ۾) هنن چيو ته اسان جي نصيب ۾ ته اڳ به ايذاءَ ۽ مصيبتون هيون ۽ تنهنجي اسان ڏي (رسول ٿي) اچڻ کانپوءِ به (ساڳيون ئي مصيبتون آهن) تنهن تي (حضرت) موسيٰ فرمايو ته (نا اميد نه ٿيو) ممڪن آهي ته اوهان جو پروردگار اوهانجي دشمن کي تباهه ڪري ڇڏي ۽ اوهان کي ملڪ ۾ (سندن) جانشين ڪري (يعني اوهان کي غلبو ۽ حڪومت ڏيئي) ۽ پوءِ الله تعاليٰ توهان کي آزمائي ته (غلبي جي حالت ۾) توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪيو.“
    پر بني اسرائيل جي انهيءَ رويي جي باوجود، حضرت موسيٰ عليه السلام کي پنهنجي جدوجهد جي شروعات کان ئي الله جي مدد ۽ نصرت تي پورو ڀروسو هيو. الله تعاليٰ جو حضرت موسيٰ عليه السلام سان وعدو هيو ته انجي هر حال ۾ مدد ڪئي ويندي:
    قَالَ لَا تَخَافَاۤ اِنَّنِیۡ مَعَکُمَاۤ اَسۡمَعُ وَ اَرٰی (سورة: طھٰ: 46 )
    ” ارشاد ٿيو ته خوف نه ڪيو. مان توهان سان آهيان. مان سڀ ڪجهه ٻڌان ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڏسان ٿو.“
    جڏهن حضرت موسيٰ، فرعون جي جادوگرن سان پهريون ڀيرو منهن مقابل ٿيو ته کيس ڪجهه خوف محسوس ٿيو. يعني حق ۽ باطل جي جنگ جي انهن مرحلن مان خير ۽ خوبيءَ سان گذرڻ لاءِ حضرت موسيٰ عليه السلام جي بارگاهه خداونديءَ مان تربيت ڪئي ويئي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام جي قوم جي ڪجهه ماڻهن خوف محسوس ڪيو ته پاڻ فرمايائون:
    قَالَ کَلَّا ۚ اِنَّ مَعِیَ رَبِّیۡ سَیَہۡدِیۡنِ (سورة الشعراء: 62 )
    ”(حضرت موسيٰ) فرمايو ته هرگز ڪونه پڪڙي سگهندا. بيشڪ منهنجو پروردگار مون سان (مدد گار) آهي. اهو ئي اجهو ٿو مون کي (حفاظت جي) واٽ ڏيکاري.“
    تنهن تي الله تعاليٰ، حضرت موسيٰ عليه السلام کي وحي ڪئي ته پنهنجي عصا پاڻيءَ تي هڻ. تنهن تي سمنڊ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو ۽ پاڻيءَ جو هر حصو ٻن عظيم پهاڙن ۾ بدلجي ويو. (سورة الشعراء: 63).
    جنهن وقت اهو عظيم واقعو پيش آيو ته ان کي ڏسندي ئي فرعون کي سمجهڻ گهربو هو ته، اهو معجزو ڪنهن عام انسان جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ انهيءَ ۾ خدائي قدرت ڪا رفرما آهي. اهي ئي ماڻهو جن کي مارڻ لاءِ فرعون ڪڍ لڳو هو، انهن کي پاڻي واٽ ڏيئي رهيو هو. جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه جي ڪا ضمانت نه هئي، ته بني اسرائيل جي لنگهي وڃڻ بعد سمنڊ جو پاڻي وري روان دوان ٿي ويندو... فرعون ۽ سندس ڇاڙتا بني اسرائيل جي تعاقب ۾ پاڻيءَ ۾ لهي پيا. شايد اهو، انهيءَ غير معمولي صورتحال جو اثر هو، جو فرعون ۽ سندس ٽولي جي سوچ ۽ سمجهه کسجي ويئي ۽ هو پنهنجي گمراهيءَ ۾ ايترو غرق ٿي ويا جوان مان ڪو به سبق ڪونه ورتائون:
    وَ جٰوَزۡنَا بِبَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ الۡبَحۡرَ فَاَتۡبَعَہُمۡ فِرۡعَوۡنُ وَ جُنُوۡدُہٗ بَغۡیًا وَّ عَدۡوًا ؕ (سورة يونس: 90 )
    ”پوءِ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ جي پار اڪاريو. هي ڏسي فرعون ۽ سندس لشڪر سندن پٺيان پيو، انهيءَ لاءِ ته (بني اسرائيلن سان ) ظلم ۽ شرارت ڪن.“
    فرعون جي آخري لمحن کي قرآن حڪيم هن طرح بيان ڪري ٿو:
    حَتّٰۤی اِذَاۤ اَدۡرَکَہُ الۡغَرَقُ ۙ قَالَ اٰمَنۡتُ اَنَّہٗ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا الَّذِیۡۤ اٰمَنَتۡ بِہٖ بَنُوۡۤا اِسۡرَآءِیۡلَ وَ اَنَا مِنَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ (سورة يونس: 90 )
    ”پر جڏهن حالت هيءَ ٿي جو فرعون سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳو، تڏهن (عاجز ٿي) پڪاريائين ته مان هاڻي يقين ٿو ڪريان ته انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود ڪونهي، جنهن تي بني اسرائيل ايمان آندو آهي، ۽ مان به انهيءَ ئي جي فرمانبردارن ۾ آهيان.“
    هتي حضرت موسيٰ عليه السلام جو هڪ ٻيو معجزو به موجود آهي، جنهن جي يادگيري قرآن پاڪ جي هيٺئين آيت ۾ ڏياري ٿي وڃي:
    وَ قَالَ مُوۡسٰی رَبَّنَاۤ اِنَّکَ اٰتَیۡتَ فِرۡعَوۡنَ وَ مَلَاَہٗ زِیۡنَۃً وَّ اَمۡوَالًا فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا ۙ رَبَّنَا لِیُضِلُّوۡا عَنۡ سَبِیۡلِکَ ۚ رَبَّنَا اطۡمِسۡ عَلٰۤی اَمۡوَالِہِمۡ وَ اشۡدُدۡ عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ فَلَا یُؤۡمِنُوۡا حَتّٰی یَرَوُا الۡعَذَابَ الۡاَلِیۡمَ ﴿۸۸﴾ قَالَ قَدۡ اُجِیۡبَتۡ دَّعۡوَتُکُمَا فَاسۡتَقِیۡمَا وَ لَا تَتَّبِعٰٓنِّ سَبِیۡلَ الَّذِیۡنَ لَا یَعۡلَمُوۡنَ ﴿۸۹﴾ (سورة يونس: 89-88 )
    ”۽ (حضرت ) موسيٰ دعا گهري ته اي خدا! تو فرعون ۽ سندس سردارن کي هن دنيا جي زندگيءَ ۾ زيب ۽ زينت جو سامان ۽ مال ۽ دولت جون شوڪتون ڏنيون آهن. پوءِ اهو (سڀ ڪجهه) هن لاءِ آهي ڇا ته هو ماڻهن کي تنهنجي راهه کان روڪي گمراهه ڪن؟ اي خدا! سندن دولت ناس ڪري ڇڏ ۽ سندن دلين تي مهر لڳائي ڇڏ انهيءَ لاءِ ته هو ايمان نه آڻين، تان جو دردناڪ عذاب پنهنجي سامهون ڏسن. الله تعاليٰ فرمايو ته: ”اوهان ٻنهي جي دعا قبول ڪئي ويئي. سو هاڻي اوهان (پنهنجي راهه ۾) مستقيم ۽ محڪم ٿي وک وڌايو، ۽ انهن ماڻهن جي تابعداري نه ڪيو جيڪي (منهنجي ڏسيل واٽ کي ) نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.“
    انهن آيتن مان بلڪل پڌرو آهي ته حضرت موسيٰ عليه السلام کي سندس دعا جي جواب ۾اهو ٻڌايو ويو هو ته فرعون ان وقت ئي ايمان آڻيندو، جڏهن هو عذاب کي ڏسي وٺندو . جڏهن فرعون پاڻيءَ ۾ غرق ٿيڻ لڳو ته، هن الله تي ايمان جو اقرار ڪيو. پر سندس اهو رويو غير مخلصاڻو ۽ ڪوڙ تي آڌاريل هو. اهو ممڪن هو ته، هو پاڻ کي ٻڏڻ کان بچائڻ واسطي، اهو اقرار ڪري رهيو هجي. انهيءَ ڪري آخري لمحي تي ايمان آڻڻ کي الله پاڪ قبول ڪونه ڪيو. هاڻي فرعون ۽ سندس لشڪر عذاب کان نه پيو بچي سگهي:
    آٰلۡـٰٔنَ وَ قَدۡ عَصَیۡتَ قَبۡلُ وَ کُنۡتَ مِنَ الۡمُفۡسِدِیۡنَ ﴿۹۱﴾ فَالۡیَوۡمَ نُنَجِّیۡکَ بِبَدَنِکَ لِتَکُوۡنَ لِمَنۡ خَلۡفَکَ اٰیَۃً ؕ وَ اِنَّ کَثِیۡرًا مِّنَ النَّاسِ عَنۡ اٰیٰتِنَا لَغٰفِلُوۡنَ ﴿٪۹۲﴾ (سورة يونس: 92-91 )
    ”(الله فرمايو ته) ها! هاڻي تو ايمان آندو! (هاڻي ڇا ٿيندو) اڳي تون هميشه نافرماني ڪندو هئين ۽ تون بگاڙو ڪندڙ انسانن ۾ هڪ (وڏو) بگاڙو ڪندڙ هئين. پوءِ اڄ اسان تنهنجي جسم کي (سمنڊ جي لهرن مان )بچائي ٻاهر ڪڍنداسين، انهيءَ لاءِ ته انهن ماڻهن جي واسطي جيڪي تو کان پوءِ اچڻا آهن (حق جي قدرت جي) هڪ نشاني ٿئي. (مگر افسوس ) اڪثر انسان اهڙا آهن جيڪي اسان جي نشانين کان بلڪل غافل آهن.“
    قرآن مجيد اسان کي ٻڌائي ٿو ته فرعون ۽ سندس لشڪر پنهنجي انت ۽ انجام کي پهتو. جيئن ته فرعون ۽ سندس لشڪر ڪفر ۽ عناد (سورة يونس: 90)، گناهه (سورة القصص: 8)، سرڪشي (سورة القصص : 40) جا ڏوهي ۽ الله جي حضور ۾ حاضريءَ کان انڪار ڪندڙ (سورة القصص- آيت : 39)هئا، تنهنڪري انهن کي سخت عذاب ڏنو ويو. تنهن ڪري اسان کيس ۽ سندس لشڪرن جي پڪڙ ڪئي ۽ انهن کي سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو. سو ڏسو! ته ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي. (سورة القصص: 40) انهن جو اهو انجام حقيقت ۾ انهيءَ ڳالهه جو نتيجو هو ته انهن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو ۽ ڊيڄارڻ تي ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو. (سورة الاعراف: 136). فرعون جي قوم جي هلاڪت کانپوءِ ڇا ٿيو؟ قرآن پاڪ ان کي هيئن ٿو بيان ڪري:
    وَ اَوۡرَثۡنَا الۡقَوۡمَ الَّذِیۡنَ کَانُوۡا یُسۡتَضۡعَفُوۡنَ مَشَارِقَ الۡاَرۡضِ وَ مَغَارِبَہَا الَّتِیۡ بٰرَکۡنَا فِیۡہَا ؕ وَ تَمَّتۡ کَلِمَتُ رَبِّکَ الۡحُسۡنٰی عَلٰی بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ ۬ۙ بِمَا صَبَرُوۡا ؕ وَ دَمَّرۡنَا مَا کَانَ یَصۡنَعُ فِرۡعَوۡنُ وَ قَوۡمُہٗ وَ مَا کَانُوۡا یَعۡرِشُوۡنَ (سورة: الاعراف: 137 )
    ”۽ (پوءِ) اسان انهن ماڻهن (بني اسرائيلن) کي جي (مصر ۾) ڪمزور سمجهيا ويندا هئا، انهيءَ ملڪ ۾ مشرق ۽ مغرب جو وارث ڪيو (يعني بادشاهي ڏني) جنهن ملڪ تي اسان نعمتون ۽ برڪتون ڪيون(يعني فلسطين جو ملڪ) ۽ تنهنجي پروردگار جو نيڪ واعدو بني اسرائين جي حق ۾ پورو ٿي ويو. هن ڪري هنن (ان زماني ۾ مصيبتن تي ) صبر ڪيو ۽ (حق جي راه تي ) ثابت قدم رهيا.(مگر جن ظالمن مٿن ظلم ڪيو هو، تن جو حال هي ٿيو جو) جيڪي وڏا ڪاريگريءَ جا ڪم ۽ محلاتون فرعون ۽ سندس ماڻهن ٺاهيون هيون، تن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو.“


    باب ستون

    هل سبا ۽ عرم واري ٻوڏ

    لَقَدۡ کَانَ لِسَبَاٍ فِیۡ مَسۡکَنِہِمۡ اٰیَۃٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنۡ یَّمِیۡنٍ وَّ شِمَالٍ ۬ؕ کُلُوۡا مِنۡ رِّزۡقِ رَبِّکُمۡ وَ اشۡکُرُوۡا لَہٗ ؕ بَلۡدَۃٌ طَیِّبَۃٌ وَّ رَبٌّ غَفُوۡرٌ ﴿۱۵﴾ فَاَعۡرَضُوۡا فَاَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِمۡ سَیۡلَ الۡعَرِمِ وَ بَدَّلۡنٰہُمۡ بِجَنَّتَیۡہِمۡ جَنَّتَیۡنِ ذَوَاتَیۡ اُکُلٍ خَمۡطٍ وَّ اَثۡلٍ وَّ شَیۡءٍ مِّنۡ سِدۡرٍ قَلِیۡلٍ ﴿۱۶﴾
    (سورة: سبا: 16-15 )
    ”سبا جي ماڻهن لاءِ خود سندن گهرن يا ڳوٺن ۾ وڏي نشاني هئي. (سندن رستن يا واهن جي ٻنهي پاسن تي هر هنڌ ) ٻه باغ هئا. هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کاٻي پاسي، (هنن کي الله وٽان ارشاد مليل هوته) پنهنجي پروردگار جي رزق مان کائو پيئو ۽ سندس شڪر گذاري ڪيو. (يعني سندس نعمتون ورهائڻ ۾ ٻين ماڻهن سان عدل ۽ احسان ڪيو) اهو ڏاڍو سهڻو ۽ آباد ۽ آسودو ملڪ هو ۽ (سندن) پروردگار (هنن جو خطائون) باربار بخشيندڙ هو. پر پوءِ هنن (خدا جي حڪمن کان) منهن موڙيو، تنهنڪري اسان هنن جي مٿان وڏي ٻوڏ عرم واري موڪلي ۽ سندن ڪَوڙا ڦل، لَيون ۽ ننڍڙيون بيڪار ٻيريون وڃي رهيون.“
    سبا قوم جو شمار ڏکڻ عرب جي چئن وڏين تهذيبن ۾ ٿيندو هو. انهن ماڻهن جو دور 1000- 750 ق-م کان 550 عيسويءَ تائين آهي. انهيءَ دوران تقريباً ٻن صدين تائين ايران ۽ عرب مٿن حملو ڪندا رهيا. اهل سبا جي تهذيب جو تاريخي عرصو هڪ متنازع (اختلافي) معاملو آهي. هنن پنهنجي حڪومتي دستاويزن جو رڪارڊ 600 ق-م کان رکڻ شروع ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو ان کان اڳ، انهن بابت ڪا ڄاڻ ڪونه ٿي ملي.
    قومِ سبا بابت تمام گهڻو پراڻو حوالو آشوري بادشاهه سارگنII (722-705ق-م) جي سالانه جنگي حالتن جي تاريخ آهي. سارگن ٽيڪس ڏيندڙن جو رڪارڊ تيار ڪرائيندو هو. ان ۾ سبا ملڪ جي بادشاهه يت اماره (Yithi-amara) جو به ذڪر ملي ٿو.
    سبائي تهذيب بابت اسان وٽ اهو تمام اوائلي حوالو آهي. تنهن هوندي به انهيءَ ماخذ تي ئي ڀاڙيندي به اهو چئي سگهجي ٿو ته تاريخي رڪارڊ جي ابتدا تمام گهڻو اڳ، يعني لڳ ڀڳ 700 ق-م جي دوران به اهلِ سبا موجود هئا. اهڙيءَ طرح سبا جي تاريخ وڌيڪ پراڻي ۽ قديم ليکجي ٿي.
    رياست اُر (Ur) جي آخري بادشاهن مان ارد ننار (Arad-Nannar) جي ڪتبن مان به ”سبهم“ جو تذڪرو ملي ٿو، جنهن مان سبا ملڪ ئي مراد ورتو ويو آهي.(39) جيڪڏهن واقعي ئي ان مان مراد سبا ملڪ ئي هجي ته ان جي تاريخ 5200 ق- م جي قريب ليکبي.
    سبا بابت تاريخي حوالا ٻڌائن ٿا ته اها به فونيقي (Phonenician) قبيلن وانگر ئي تهذيب هئي. خاص ڪري تجارتي سرگرمين ۾ هڪ جهڙي هئي. انهيءَ ڪري انهن ماڻهن شمالي (اتر)عرب کان لنگهندڙ اڪثر شاهراهن جي تعمير ڪئي هئي. جيئن ته سبائين کي واپار جي مال جي نقل و حمل لاءِ اتر عرب، بحيره روم ۽ غزه وغيره کان گذرڻو پوندو هو، ان ڪري هو علائقي جي بادشاهه سارگن II کان اجازت وٺڻ ۽ ان کي ڪجهه ٽيڪس ڏيڻ جا پابند هئا. جڏهن سبائين آشوري حڪومت کي ٽيڪس ادا ڪرڻ شروع ڪئي ته ان جو نالو به سرڪاري رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو.
    تاريخ ۾ اهل سبا کي مهذب قوم طور سڃاتو وڃي ٿو. سبا جي حڪمرانن جي ڪتبن ۾ ”بحالي“، ”وقف” ۽ ”تعمير“ جا لفظ ڪثرت سان استعمال ٿيا آهن، انهن ماڻهن جي فنِ تعمير جو هڪ نمونو مآرب ڊيم (Ma' rib Dam) فني مهارت جو کليل ثبوت آهي. انهن جي عسڪري قوت به ايتري ئي گهڻي عمده هئي . هڪ ڊگهي عرصي تائين سندن تهذيب جي بقا جو هڪ سبب سندن مضبوط فوج به هئي.
    اهلِ سبا جي فوج، علائقي جي مضبوط ترين فوج هئي. انهيءَ فوج جي ڪري اها رياست پنهنجا وڏا وڏا ارادا ۽ ڪم پورا ڪندي هئي. سبا جي حڪومت قديم قطبائي رياست (Qataban State) جا اڪثر علائقا فتح ڪري ورتا هئا. آفريڪا کنڊ جا ڪيئي علائقا به انهن جي قبضي هيٺ هئا. هن 24 ق. م ۾ مغربي مهمات جي دوران پنهنجي دور جي مضبوط ترين رياست ”سلطنتِ روم“ جي مصري گورنر مرڪس ايليس گيلس (Marcus Aelius Gallus) کي شڪست ڏني. سبا ملڪ جديد پاليسين کي رائج ڪرڻ واري مملڪت هئي ۽ جتي اڻ ٿيڻي هوندي هئي، اُتي طاقت جو استعمال ڪندي هئي. پنهنجي ترقي يا فته تهذيب ۽ فوجي طاقت جي ٻل تي سبا ملڪ پنهنجي علائقي جو هڪ سپر پاور هيو.
    سبا ملڪ جي غير معمولي طاقتور فوج جو تذڪرو قرآن حڪيم ۾ به بيان ڪيو ويو. سبائي فوج جي ڪمانڊر جا لفظ جيڪي هن پنهنجي ملڪه سان گفتگوءَ دوران استعمال ڪيا، انجي اعتماد ۽ فوجي طاقت کي ظاهر ڪن ٿا:
    قَالُوۡا نَحۡنُ اُولُوۡا قُوَّۃٍ وَّ اُولُوۡا بَاۡسٍ شَدِیۡدٍ ۬ۙ وَّ الۡاَمۡرُ اِلَیۡکِ فَانۡظُرِیۡ مَاذَا تَاۡمُرِیۡنَ
    (سورة: النمل: 33 )
    ”سردارن ورندي ڏني ته اسان وڏي طاقت وارا ۽ سخت لڙاڪو آهيون (تنهن ڪري سليمان سان به لڙڻ لاءِ تيار آهيون پر اسان کي تنهنجي راءِ تي ڀروسو آهي.) معاملو تنهنجي هٿ ۾ آهي.(اسان چاهيون ٿا ته تون پاڻ فيصلو ڪرين) خيال ڪري ڏس ته ڪهڙو حڪم ٿي ڏئين.“
    مملڪت سبا جي گاديءَ جو هنڌ مآرب، پنهنجي جاگرافيائي اهميت جي سبب ڪري نهايت آسودو علائقو هو. گاديءَ جو هنڌ ”درياهه اجنانه“ جي تمام ويجهو هو.
    جبلِ برق، جتان کان درياهه لنگهندو هو، ڊيم جي تعمير لاءِ نهايت ئي موزون مقام هو. پنهنجي تهذيب جي قيام جي ابتدائي دور ۾ اهلِ سبا، هتي هڪ اهم ڊيم تعمير ڪيو ۽ ان مان آبپاشيءَ جو ڪم وٺڻ شروع ڪيائون. اهڙيءَ طرح هو ڏاڍا خوشحال ٿي ويا. مارب جو انهيءَ دور جي نهايت ئي ترقي يا فته شهرن ۾ شمار ٿيندو هو. انهيءَ علائقي جو دورو ڪندڙ يوناني مؤرخ پلائني (Pillny) هن شهر جي زرخيزيءَ ۽ ساوڪ جي ڏاڍي تعريف ڪري ٿو. (40)
    مآرب جي ڊيم جي بلندي 16 ميٽر، ويڪر 60 ميٽر ۽ ڊيگهه 220 ميٽر هئي. انگن اکرن مطابق هن ڊيم مان سيراب ٿيندڙ ڪل ايراضي 9600 ايڪڙ هئي، جنهن مان 5300 ايڪڙ ايراضي ڏاکڻين ميدانن ۽ بقايا اترين ميدانن مان هئي. سبا جي اڪثر ڪتابن مان ان جو تذڪرو ”مآرب ۽ ٻه ميدان“ چئي ڪري ڪيو ويو آهي.(41) قرآن حڪيم ”ساڄي ۽ کاٻي ٻه باغ“ چئي ڪري انهن کي ٻن ميدانن ۽ انهن ۾ موجود انگورن جي باغن ڏانهن اشارو ٿو ڪري. انهيءَ ڊيم ۽ آبپاشيءَ جي نظام جي ڪر ي هيءُ علائقو پنهنجي زرخيزي ۽ ڦل ڏيڻ جي ڪري پوري يمن ۾ مشهور ٿي ويو. فرانسيسي محقق جي هالوي (J. Holevy) ۽ آسٽريا جي محقق گلازر (Glaser) تاريخي شاهدين مان ثابت ڪيو آهي ته مآرب جو ڊيم اوائلي دور کان موجود هو. حميري ٻوليءَ ۾ لکيل اڪثر دستاويزن ۾ انهيءَ ڳالهه جو ذڪر موجود آهي، انهيءَ ڊيم سان پورو علائقو زرخيز ٿي ويو هو.
    پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هن ڊيم جي ڪيئي ڀيرا مرمت ڪئي ويئي، پر ان جي باوجود 245ع ۾ هي ڊيم تباهه ٿي ويو. اها تباهي عرم جي انهيءَ عظيم سيلاب جي نتيجي ۾ هئي جنهن جو تذڪرو قرآن مجيد ۾ به ڪيو ويو. انگورن جا باغ، زر خيز ميدان، جن کي اهل سبا سوين سالن کان پوکيندا پيا اچن، مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. ڊيم جي تباهيءَ کان پوءِ، اهل سبا زوال جي اٿاهه گهرائين ۾ ڪري پيا. سبا مملڪت ڊيم جي تباهيءَ سان گڏ ئي ختم ٿي وئي.


    سبا ملڪ تي ايندڙ عرم جي ٻوڏ

    جيڪڏهن اسان مٿي ذڪر ڪيل تاريخي مواد جي روشنيءَ ۾ قرآن حڪيم جو مطالعو ڪريون ته اسان کي انهن ٻنهي ۾ حيرت انگيز هڪجهڙائي ملي ٿي. قديم آثارن جي دريافتن ۽ تاريخي مواد، ٻئي قرآني بيان جي تصديق ڪن ٿا . هيٺ ڏنل آيت مطابق سبا ملڪ جا اهي ماڻهو جن نبين سڳورن جي دعوت تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجي سرڪشيءَ تي ڄميا رهيا ۽ خوفناڪ ٻوڏ جي ور چڙهي ويا. انهيءَ سيلاب جو تذڪرو قرآن شريف هيئن ڪيو:
    لَقَدۡ کَانَ لِسَبَاٍ فِیۡ مَسۡکَنِہِمۡ اٰیَۃٌ ۚ جَنَّتٰنِ عَنۡ یَّمِیۡنٍ وَّ شِمَالٍ ۬ؕ کُلُوۡا مِنۡ رِّزۡقِ رَبِّکُمۡ وَ اشۡکُرُوۡا لَہٗ ؕ بَلۡدَۃٌ طَیِّبَۃٌ وَّ رَبٌّ غَفُوۡرٌ ﴿۱۵﴾ فَاَعۡرَضُوۡا فَاَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِمۡ سَیۡلَ الۡعَرِمِ وَ بَدَّلۡنٰہُمۡ بِجَنَّتَیۡہِمۡ جَنَّتَیۡنِ ذَوَاتَیۡ اُکُلٍ خَمۡطٍ وَّ اَثۡلٍ وَّ شَیۡءٍ مِّنۡ سِدۡرٍ قَلِیۡلٍ ﴿۱۶﴾ ذٰلِکَ جَزَیۡنٰہُمۡ بِمَا کَفَرُوۡا ؕ وَ ہَلۡ نُجٰزِیۡۤ اِلَّا الۡکَفُوۡرَ ﴿۱۷﴾ (سورة: سبا: 17-15 )
    ”سبا جي ماڻهن لاءِ خود سندن گهرن يا ڳوٺن ۾ وڏي نشاني هئي. (سندن رستن يا واهن جي ٻنهي پاسن تي هر هنڌ) ٻه باغ هئا. هڪڙو ساڄي پاسي ۽ ٻيو کاٻي پاسي. (هنن کي الله تعاليٰ وٽان ارشاد مليل هو ته) پنهنجي پروردگار جي رزق مان کائو پيئو ۽ سندس شڪر گذاري ڪيو (يعني سندس نعمتون ورهائڻ ۾ ٻين ماڻهن سان عدل ۽ احسان ڪيو) اهو ڏاڍو سهڻو ۽ آباد ۽ آسودو ملڪ هو ۽ (سندن) پروردگار (هنن جون خطائون) بار بار بخشيندڙ هو. پر پوءِ هنن (خدا جي حڪمن کان) منهن موڙيو تنهن ڪري اسان هنن جي مٿان وڏي ٻوڏ عرم واري موڪلي ۽ سندن ٻن (قطارن وارن) باغن کي ڦيرائي اهڙا ٻه باغ ڪياسين جن ۾ ڪَوڙا ڦل، لَيون ۽ ننڍڙيون ٻيريون وڃي رهيون. اهو هو عيوضو جو اسان کين سندن بي شڪريءَ جي ڪري ڏنو. ۽ اهڙي سزا اسان فقط انهن کي ڏيندا آهيون جيڪي بي شڪر ٿيندا آهن (۽ اسان جون نعمتون خراب طرح ڪم آڻي ظلم ڪندا آهن.)“
    جيئن ته انهن آيتن مان ظاهر آهي ته سبا ملڪ پنهنجي غير معمولي حسن، ڦلن ۽ ميون سان ڀريل باغن ۽ زرخيزيءَ جي حوالي سان پوري علائقي ۾ بينظير هو .تجارتي شاهراه تي واقع هئڻ ڪري اهل سبا جي زندگيءَ جو معيار نهايت بلند هو ۽ هي پنهنجي دور جو خوبصورت ترين شهر هو.
    مملڪت سبا، جتان جا حالات ايترا ڀلا هئا جو هن شهر جي رهاڪن کي ”الله جو رزق کائڻ ۽ انجي اطاعت ڪرڻ“ جو درس ڏنو ويو هو، پر اهي ائين نه ڪري سگهيا. هنن اها واٽ ورتي، جنهن مان سندن خوشحالي، محروميءَ ۾ مٽجي ويئي. هنن اهو سمجهيو هو ته هي سموري زرخيزي ۽ خوشحالي سندن پنهنجي فن ۽ هنر جو نتيجو آهي. هو شڪر گذاريءَ جي بدران سرڪشي ڪرڻ لڳا ۽ الله کان پري ٿي ويا. جيئن ته سموري خوشحاليءَ جا هو پاڻ دعويدار بڻجي ويا، تنهن ڪري کانئن اهو سڀ ڪجهه کسجي ويو ۽ مها ٻوڏ سندن زندگيءَ جي هر آسائش کي وهائي کڻي وئي.
    قرآن حڪيم، اهل سبا کي ڏنل سزا کي ”سيل العرم“ قرار ڏنو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”عرم جي ٻوڏ“ قرآن حڪيم جا اهي لفظ سبا قوم جي تباهيءَ جي انداز کي بيان ڪن ٿا. عرم ڊيم يا بند کي چونداآهن. يعني ”سيل العرم“ مان مراد اها ٻوڏ جيڪا ڊيم يا بند جي ٽٽڻ سان آئي هئي. مسلم مفسرين ”سيل العرم“ جي انهيءَ قرآني اصطلاح ۽ ان جي وقت ۽ هنڌ جي تشريح ڪئي آهي. مولانا مودودي رحمة الله پنهنجي تفسير ۾ لکي ٿو:
    ”سيل العرم“ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ”عرم“ جنوبي عرب جي ٻوليءَ جي لفظ ”عارمين“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ ڊيم يا بند آهي. يمن ۾ ٿيندڙ کوٽائين مان آڏو ايندڙ آثارن مان هي لفظ انهيءَ معنيٰ ۾ ڪثرت سان استعمال ٿيندي ڏٺو ويو. مثلاً: يمن جي حبشي بادشاهه ابره جي احڪامي ڪتبن ۾ جيڪي 543-542ع ۾ مآرب جي وڏي ديوار ڇڄڻ بعد لکيل هي لفظ ڊيم (بند) جي مضمون ۾ بار بار استعمال ڪيو ويو. تنهن ڪري ”سيل العرم“ مان مراد اهو سيلاب آهي جيڪو ڊيم جي تباهيءَ جي ڪري اچي ٿو.
    قرآن حڪيم جو ارشاد: ”سندن ٻن باغن کي ڦيرائي ٻه باغ ڪياسين، جن ۾ ڪَوڙا ڦَلَ، لَيوُن ۽ ننڍڙيون بيڪار ٻيريون وڃي رهيون.“ (سورة: سبا: 16) انهيءَ منظر کي نمايان ڪري ٿي. يعني ٻوڏ کانپوءِ سڄو ملڪ ٻڏي وڃڻ ڪري ويران ٿي ويو. اهي نهرون ۽ پهاڙن جي وچ ۾ آبپاشيءَ جي نظام جون ديوارون جيڪي سبائين تعمير ڪيون هيون، سڀ ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ويون. نتيجي ۾ اهو ئي علائقو جيڪو ٻوڏ کان اڳ ۾ خوبصورت باغن تي مشتمل هو، هينئر جهنگ ۾ بدلجي ويو. هاڻي اُتي لاڻين ۽ ڪجهه ٻيرين جي وڻن، کانسواءِ باقي ٻيو ڪجهه ڪو نه بچيو. (42)
    آثار قديمه جو عيسائي ماهر ورنر ڪيلر (Werner Keller ) پنهنجي ڪتاب ”ڪتاب مقدس حق آهي“ ۾ انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي، ته ”سيل العرم“ جو واقعو اهڙيءَ طرح ئي پيش آيو، جهڙيءَ طرح قرآن مجيد بيان ڪيو آهي ۽ اهو ته قديم آثارن ۾ ڊيم ۽ انجي ٽٽڻ جي آثارن جي قرآن مجيد جي بيان ڪيل واقعن تصديق ڪئي آهي. (43)
    سيلابِ عرم جي تباهي کانپوءِ اهو سمورو علائقو ريگستان ۾ تبديل ٿي ويو. زرعي زمينن جي خاتمي سان اِهل سبا پنهنجي آمدنيءَ جي ذريعن کان محروم ٿي ويا. اهي ماڻهو جن الله جي دين کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ گمراهيءَ تي ڄميا بيٺا رهيا، نيٺ سندن انجام عذاب جي صورت ۾ ٿيو. انهيءَ تباهيءَ کانپوءِ سبا قوم وکرجي ويئي، سندن اتر عرب، مڪي ۽ شام ڏانهن لڏپلاڻ جي ڪري شهر جا سمورا گهر ويران ٿي ويا. (44)
    جيئن ته هيءُ واقعو قديم عهدنامي ۽ جديد عهدنامي جي ترتيب کان پوءِ پيش آيو، انهيءَ ڪري، ان ۾ هن جو ڪو به ذڪر موجود ناهي. مآرب شهر جيڪو ڪڏهن هڪ طاقتور مملڪت جي گاديءَ جو هنڌ هو، هاڻي رڳو هڪ ويران رڻ پٽ آهي. هيءُ شهر انهيءَ دعوت کي رد ڪرڻ وارن لاءِ عبرت جو ماڳ آهي. سورة الڪهف ۾ باغ جي ٻن مالڪن جو واقعو بيان ڪيو ويو آهي. انهن مان هڪڙو ته اهلِ سبا وانگر نهايت ئي زرخيز باغ جو مالڪ آهي، مگر اهو به ان وانگر الله کان دوريءَ جو ڏوهي ٿئي ٿو. هو اهو سمجهي ٿو ته حالات جو ساز گار هئڻ ۽ خوشحالي سندس پنهنجي سوچ، سمجهه، علم ۽ هنر جو ثمر آهي ۽ ان ۾ قدرت جي عطا کي ڪو عمل دخل ناهي:
    وَ اضۡرِبۡ لَہُمۡ مَّثَلًا رَّجُلَیۡنِ جَعَلۡنَا لِاَحَدِہِمَا جَنَّتَیۡنِ مِنۡ اَعۡنَابٍ وَّ حَفَفۡنٰہُمَا بِنَخۡلٍ وَّ جَعَلۡنَا بَیۡنَہُمَا زَرۡعًا ﴿ؕ۳۲﴾ کِلۡتَا الۡجَنَّتَیۡنِ اٰتَتۡ اُکُلَہَا وَ لَمۡ تَظۡلِمۡ مِّنۡہُ شَیۡئًا ۙ وَّ فَجَّرۡنَا خِلٰلَہُمَا نَہَرًا ﴿ۙ۳۳﴾ وَّ کَانَ لَہٗ ثَمَرٌ ۚ فَقَالَ لِصَاحِبِہٖ وَ ہُوَ یُحَاوِرُہٗۤ اَنَا اَکۡثَرُ مِنۡکَ مَالًا وَّ اَعَزُّ نَفَرًا ﴿۳۴﴾ وَ دَخَلَ جَنَّتَہٗ وَ ہُوَ ظَالِمٌ لِّنَفۡسِہٖ ۚ قَالَ مَاۤ اَظُنُّ اَنۡ تَبِیۡدَ ہٰذِہٖۤ اَبَدًا ﴿ۙ۳۵﴾ وَّ مَاۤ اَظُنُّ السَّاعَۃَ قَآئِمَۃً ۙ وَّ لَئِنۡ رُّدِدۡتُّ اِلٰی رَبِّیۡ لَاَجِدَنَّ خَیۡرًا مِّنۡہَا مُنۡقَلَبًا ﴿۳۶﴾ قَالَ لَہٗ صَاحِبُہٗ وَ ہُوَ یُحَاوِرُہٗۤ اَکَفَرۡتَ بِالَّذِیۡ خَلَقَکَ مِنۡ تُرَابٍ ثُمَّ مِنۡ نُّطۡفَۃٍ ثُمَّ سَوّٰىکَ رَجُلًا ﴿ؕ۳۷﴾ لٰکِنَّا۠ ہُوَ اللّٰہُ رَبِّیۡ وَ لَاۤ اُشۡرِکُ بِرَبِّیۡۤ اَحَدًا ﴿۳۸﴾ وَ لَوۡ لَاۤ اِذۡ دَخَلۡتَ جَنَّتَکَ قُلۡتَ مَا شَآءَ اللّٰہُ ۙ لَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللّٰہِ ۚ اِنۡ تَرَنِ اَنَا اَقَلَّ مِنۡکَ مَالًا وَّ وَلَدًا ﴿ۚ۳۹﴾ فَعَسٰی رَبِّیۡۤ اَنۡ یُّؤۡتِیَنِ خَیۡرًا مِّنۡ جَنَّتِکَ وَ یُرۡسِلَ عَلَیۡہَا حُسۡبَانًا مِّنَ السَّمَآءِ فَتُصۡبِحَ صَعِیۡدًا زَلَقًا ﴿ۙ۴۰﴾ اَوۡ یُصۡبِحَ مَآؤُہَا غَوۡرًا فَلَنۡ تَسۡتَطِیۡعَ لَہٗ طَلَبًا ﴿۴۱﴾ وَ اُحِیۡطَ بِثَمَرِہٖ فَاَصۡبَحَ یُقَلِّبُ کَفَّیۡہِ عَلٰی مَاۤ اَنۡفَقَ فِیۡہَا وَ ہِیَ خَاوِیَۃٌ عَلٰی عُرُوۡشِہَا وَ یَقُوۡلُ یٰلَیۡتَنِیۡ لَمۡ اُشۡرِکۡ بِرَبِّیۡۤ اَحَدًا ﴿۴۲﴾ وَ لَمۡ تَکُنۡ لَّہٗ فِئَۃٌ یَّنۡصُرُوۡنَہٗ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ وَ مَا کَانَ مُنۡتَصِرًا ﴿ؕ۴۳﴾ ہُنَالِکَ الۡوَلَایَۃُ لِلّٰہِ الۡحَقِّ ؕ ہُوَ خَیۡرٌ ثَوَابًا وَّ خَیۡرٌ عُقۡبًا ﴿٪۴۴﴾ (سورة: الکهف: 44-32 )
    ”۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن(يعني مڪي جي ڪافرن) کي هڪڙو مثال ٻڌاءِ. ٻه ماڻهو هئا. انهن مان هڪ جي لاءِ اسان انگورن جا ٻه باغ مهيا ڪر ي ڇڏيا. انهن جي چوڌاري کجور جي وڻن جو حاطو هو. انهن جي وچ واري زمين ۾ پوکن جو ٻنيون هيون. پوءِ ٻئي باغ ميون سان ٽمٽار ٿي ويا. پيدائش ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ڪا نه ٿي. اسان انهن جي وچ ۾ (ريج لاءِ) هڪڙي نهر جاري ڪري ڇڏي هئي. هن جي پيدائش (يا دولت) گهڻي ٿي ويئي. پوءِ هڪ ڏينهن (هٺ ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي) پنهنجي (مسڪين) دوست سان (جنهن کي باغ يا ٻي دولت ڪانه هئي) ڳالهيون ٻولهيون ڪندي کيس چئي ڏنو ته مان توکان وڌيڪ مالدار آهيان ۽ منهنجي هٿ ۾ ماڻهو به طاقتور آهن. پوءِ هو (اهڙيون ڳالهيون ڪندي) پنهنجي باغ ۾ گهڙيو ۽ هو (هٺ ۽ وڏائي ڪرڻ سان حقيقت ۾ ) پاڻ تي پاڻ ظلم ڪري رهيو هو. هن (وڏائيءَ ۾ ڀرجي) چيو ته مان نٿو ڀانيان ته اهڙو (عاليشان باغ) ڪڏهن به ويران ٿي سگهي ٿو. ۽ مان نٿو ڀانيان ته (قيامت جي ) گهڙي قائم ٿيندي. ۽ جيڪڏهن کڻي هيئن ٿئي به ته مان پنهنجي پروردگار وٽ (قيامت جي ڏينهن) رجوع ڪيو وڃان، ته به (مون کي ڪهڙو کٽڪو هئڻ گهرجي) مون کي ضرور (اُتي به ) هن کان ئي بهتر مڪان ملندو. هي ٻڌي سندس دوست چيو. (هڪ ٻئي سان گفتگو جو سلسلو جاري هو ته) ڇا تون انهيءَ هستيءَ کان انڪار ٿو ڪرين جنهن توکي پهريائين مٽيءَ مان ۽ پوءِ نطفي (يعني منيءَ) مان پيدا ڪيو (جنهن ڪري توکي وڏائي ڪرڻ ۽ خدا کي وسارڻ نه گهرجي. ڏس ته مٽي ۽ مني ظاهري طور ڪهڙيون نه حقير شيون آهن) ۽ پوءِ توکي انسان بنائي نمودار ڪيو. پر مون کي ته يقين آهي ته اهو ئي الله منهنجو پروردگار آهي، ۽ مان پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو ڪريان. ۽ جڏهن تون پنهنجي باغ ۾ آئين (۽ ان جي رونق ۽ ميوا ڏٺا) تڏهن تو هيئن ڇو نه چيو، ته اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو الله چاهي ٿو. سندس مدد کانسواءِ ڪو به ماڻهو، ڪجهه به ڪري نٿو سگهي. ۽ هي جو تون ڏسين ٿو(۽ سمجهين ٿو) ته مان تو کان مال ۽ اولاد ۾ گهٽ آهيان. يعني مون کي دولت به ڪانهي ۽ ماڻهو به هٿ ۾ ڪونه آهن. سو (انهيءَ تي هٺ ۽ وڏائي نه ڪر) عجب ناهي ته منهنجو پروردگار تنهنجي هن باغ کان به بهتر (باغ هن دنيا ۾ ۽ آخرت ۾) مون کي ڏيئي ڇڏي. ۽ تنهنجي باغ تي آسمان مان ڪا اهڙي حساب ڪيل آفت موڪلي جو واريءَ وارو ميدان ٿي وڃي. يا ان جي نهر جو پاڻي بلڪل هيٺ هليو وڃي، ايتري قدر جو تون ان تائين پهچي نه سگهين. ۽ پوءِ (ڏسو!) ائين ئي ٿيو جو سندس دولت (برباديءَ جي) گهيري ۾ اچي ويئي. هو هٿ مهٽيندي افسوس ڪرڻ لڳو ته هاءِ هاءِ!! هنن باغن تي ڪيڏا نه خرچ (۽ تڪليفون) ڪيون ويون هيون! (اهي سڀ برباد ٿي ويون) ۽ باغن جو هي حال ٿيو جو ٽاريون ڪري زمين جي برابر ٿي ويون. هاڻي هو چوي ٿو ته هاءِ هاءِ!! جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيان ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها. نڪي هئس ڪي ماڻهو (يا اولاد) جيڪي الله کانسواءِ هن جي مدد ڪن ها. نڪي پاڻ کي ئي ڪا طاقت هيس جو پاڻ کي برباديءَ کان بچائي ها. هن مان ثابت ٿي ويو ته في الحقيقت سڄو اختيار الله جي هٿ ۾ آهي. اهو ئي آهي جو بهتر ثواب (يعني نعمتون) ڏيڻ وارو آهي، ۽ انهيءَ ئي جي هٿ ۾ چڱي (۽ بهتر) عاقبت (يعني پڇاڙي) آهي.
    جيئن ته انهن آيتن مان ظاهر آهي ته، باغ جي مالڪ جي غلطي الله تعاليٰ جي وجود جو انڪار ڪرڻ نه هو، بلڪه هو انهيءَ مغالطي جو شڪار هو ته، جيڪڏهن بالفرض قيامت آئي ۽ هن کي الله جي آڏو پيش ٿيڻو پيو، ته هو ان کان وڌيڪ بهتر باغن سان نوازيو ويندو، يعني دنياوي راحت ۽ خوشحالي رڳو هن جي ذاتي ڪاوشن جو نتيجو هئي.
    في الحقيقت شرڪ في التوحيد (توحيد ۾ شرڪ) اهو ئي آهي ته انسان هر اها شيءِ جيڪا الله جي آهي، تنهن کي غير الله سان جوڙي ۽ منسوب ڪري ڇڏي ۽ خدائي عذاب کان ايترو بي ڊپو ٿي وڃي جو هو اهو سمجهڻ لڳي، ته اها بلندي ۽ ذاتي مقام جيڪو کيس حاصل آهي، سو ان لاءِ هر حال ۾ کيس قدرت جي حمايت حاصل رهندي.
    انهيءَ مغالطي ۽ لغزش جو شڪار اهلِ سبا ٿيو، تنهن ڪري کين اها سزا ملي يعني انجو سمورو مال ملڪيت برباد ٿي ويو ته جيئن اهي ۽ دنيا وارا، اهو ڄاڻي سگهن ته هو پاڻ ڪنهن به طاقت يا اختيار جا في نفسه مالڪ ناهن، بلڪه قدرت پاران اهو کين عطا ڪيو ويو آهي.


    باب اٺون

    حضرت سليمان عليه السلام ۽ راڻي سَبا

    قِیۡلَ لَہَا ادۡخُلِی الصَّرۡحَ ۚ فَلَمَّا رَاَتۡہُ حَسِبَتۡہُ لُجَّۃً وَّ کَشَفَتۡ عَنۡ سَاقَیۡہَا ؕ قَالَ اِنَّہٗ صَرۡحٌ مُّمَرَّدٌ مِّنۡ قَوَارِیۡرَ ۬ؕ قَالَتۡ رَبِّ اِنِّیۡ ظَلَمۡتُ نَفۡسِیۡ وَ اَسۡلَمۡتُ مَعَ سُلَیۡمٰنَ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ (سورة النمل : 44)
    ”پوءِ راڻيءَ کي چيو ويو ته (هاڻي) وڏي محلات ۾ هل. پوءِ جيڪي (اڱڻ ۾) ڏٺائين تنهن کي پاڻيءَ جو دُٻو سمجهيائين ۽ (ڪپڙن کي پُسڻ کان بچائڻ لاءِ ڪپڙا مٿي کنيائين ۽) پنيون ظاهر ڪري وڌائين. (تنهن تي) (حضرت) سليمان کيس چيو ته هڪ محلات آهي جا شيشي جي وڏين سرن يا ٽڪرن سان بنايل آهي (ڪپڙن مٿي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. راڻي غور ڪري) چيو ته اي منهنجا پروردگار! (مان ڀليل هيس) مان پاڻ تي ظلم ڪندي رهيس.هاڻي مان(حضرت) سليمان سان شامل ٿي، انهيءَ ئي الله جي ٻانهپ قبول ٿي ڪيان جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.“
    ڏکڻ يمن ۾ موجود مُلڪَ سبا جي تاريخي رڪارڊ جي مطالعي مان، حضرت سليمان ۽ ملڪئه سبا جي ملاقات 950 ق-م جي درميان انهيءَ علائقي ۾ هڪ ملڪه (راڻي) جي رهڻ ۽ ان جي اتر ڏانهن يروشلم ڏانهن سفر ڪرڻ جون شاهديو مليون آهن. سورة نمل ۾ انهن ٻنهي حڪمرانن جي وچ ۾ رابطن، انهن جي حڪومت ۽ مملڪت جي اقتصادي ۽ سياسي حالتن جو تفصيل سان بيان ٿيو آهي. ملڪه سبا بابت اهو واقعو جيڪو سوره نمل ۾ بيان ڪيو ويو آهي، هد هد جي انهيءَ تفصيل سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو حضرت سليمان جي فوج جي رڪن طور سندن آڏو بيان ڪري ٿو:
    فَمَکَثَ غَیۡرَ بَعِیۡدٍ فَقَالَ اَحَطۡتُّ بِمَا لَمۡ تُحِطۡ بِہٖ وَ جِئۡتُکَ مِنۡ سَبَاٍۭ بِنَبَاٍ یَّقِیۡنٍ ﴿۲۲﴾ اِنِّیۡ وَجَدۡتُّ امۡرَاَۃً تَمۡلِکُہُمۡ وَ اُوۡتِیَتۡ مِنۡ کُلِّ شَیۡءٍ وَّ لَہَا عَرۡشٌ عَظِیۡمٌ ﴿۲۳﴾ وَ جَدۡتُّہَا وَ قَوۡمَہَا یَسۡجُدُوۡنَ لِلشَّمۡسِ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ وَ زَیَّنَ لَہُمُ الشَّیۡطٰنُ اَعۡمَالَہُمۡ فَصَدَّہُمۡ عَنِ السَّبِیۡلِ فَہُمۡ لَا یَہۡتَدُوۡنَ ﴿ۙ۲۴﴾ اَلَّا یَسۡجُدُوۡا لِلّٰہِ الَّذِیۡ یُخۡرِجُ الۡخَبۡءَ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ یَعۡلَمُ مَا تُخۡفُوۡنَ وَ مَا تُعۡلِنُوۡنَ ﴿۲۵﴾ اَللّٰہُ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ رَبُّ الۡعَرۡشِ الۡعَظِیۡمِ ﴿ٛ۲۶﴾ قَالَ سَنَنۡظُرُ اَصَدَقۡتَ اَمۡ کُنۡتَ مِنَ الۡکٰذِبِیۡنَ ﴿۲۷﴾ (سورة النمل : 27­22)
    ”پر هد هد ڪو گهڻو وقت پري ڪو نه رهيو، (هو انهيءَ ئي وقت پهچي ويو ۽ (چيائين ته اي حضرت سليمان!) مان اهو (ملڪ) ڏسي ۽ گهمي آيو آهيان جو تو نه ڏٺو ۽ نه گهميو آهي، ۽ مان سبا (شهر) مان سچو حال احوال لهي تو وٽ کڻي آهيان. مان ڏٺو ته اُتي هڪ عورت ماڻهن تي حڪومت هلائي رهي آهي، ۽ هن کي هر چيز موجود ڪري ڏنل آهي، ۽ کيس هڪڙو وڏو شاندار تخت آهي. مون هي به ڏٺو ته پاڻ ۽ سندس ماڻهو خدا کي ڇڏي سج کي سجدو ڪري رهيا آهن، ۽ شيطان سندن نظر ۾ (اهڙن) عملن کي سهڻو ۽ چٽو ڪري ڏيکاريو آهي. سو هن انهن ماڻهن کي (سڌيءَ) راهه کان روڪي رکيو آهي. تنهن ڪري هنن کي سچي هدايت نه ملي آهي.ايتري حد تائين (شيطان هنن کي ڀلايو آهي.) جو انهيءَ الله کي سجدو نٿا ڪن جو آسمان ۽ زمين جي لڪل شين کي ظاهر ڪري ٿو ۽ جيڪي به توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي به توهان ظاهر ڪيو ٿا سڀ ڄاڻي ٿو. پر فقط الله ئي اها ذات آهي جنهن کان سواءِ ڪو به معبود ڪونهي، ۽ اهو ئي وڏي تخت جو رب آهي. (يعني حقيقي بادشاهه هڪ الله آهي). (حضرت) سليمان (راڻي بلقيس بابت احوال ٻڌي هد هد کي) چيو ته چڱو اسان ڏسنداسين ته تو سچ چيو آهي يا ڪوڙ ڳالهايو اٿئي.
    هد هد کان اها خبر چار ٻڌي. حضرت سليمان هن کي هيءُ حڪم ڏنو:
    اِذۡہَبۡ بِّکِتٰبِیۡ ہٰذَا فَاَلۡقِہۡ اِلَیۡہِمۡ ثُمَّ تَوَلَّ عَنۡہُمۡ فَانۡظُرۡ مَا ذَا یَرۡجِعُوۡنَ
    (سورة النمل : 28)
    ”منهنجو هي خط کڻي وڃ ۽ انهن (سبا شهر جي ماڻهن) جي اڳيان وڃي اڇلاءِ. پوءِ انهن کان هٽي بيهه ۽ ترسي ڏس ته ڪهڙو ٿا جواب ڏين.“
    راڻي سبا جڏهن خط و صول ڪيو ته، ان کانپوءِ ڪهڙا ڪهڙا واقعا پيش آيا؟ قرآن مجيد انهن کي هيئن بيان ڪري ٿو:
    قَالَتۡ یٰۤاَیُّہَا الۡمَلَؤُا اِنِّیۡۤ اُلۡقِیَ اِلَیَّ کِتٰبٌ کَرِیۡمٌ ﴿۲۹﴾ اِنَّہٗ مِنۡ سُلَیۡمٰنَ وَ اِنَّہٗ بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ ﴿ۙ۳۰﴾ اَلَّا تَعۡلُوۡا عَلَیَّ وَ اۡتُوۡنِیۡ مُسۡلِمِیۡنَ ﴿٪۳۱﴾ قَالَتۡ یٰۤاَیُّہَا الۡمَلَؤُا اَفۡتُوۡنِیۡ فِیۡۤ اَمۡرِیۡ ۚ مَا کُنۡتُ قَاطِعَۃً اَمۡرًا حَتّٰی تَشۡہَدُوۡنِ ﴿۳۲﴾ قَالُوۡا نَحۡنُ اُولُوۡا قُوَّۃٍ وَّ اُولُوۡا بَاۡسٍ شَدِیۡدٍ ۬ۙ وَّ الۡاَمۡرُ اِلَیۡکِ فَانۡظُرِیۡ مَاذَا تَاۡمُرِیۡنَ ﴿۳۳﴾ قَالَتۡ اِنَّ الۡمُلُوۡکَ اِذَا دَخَلُوۡا قَرۡیَۃً اَفۡسَدُوۡہَا وَ جَعَلُوۡۤا اَعِزَّۃَ اَہۡلِہَاۤ اَذِلَّۃً ۚ وَ کَذٰلِکَ یَفۡعَلُوۡنَ ﴿۳۴﴾ وَ اِنِّیۡ مُرۡسِلَۃٌ اِلَیۡہِمۡ بِہَدِیَّۃٍ فَنٰظِرَۃٌۢ بِمَ یَرۡجِعُ الۡمُرۡسَلُوۡنَ ﴿۳۵﴾ فَلَمَّا جَآءَ سُلَیۡمٰنَ قَالَ اَتُمِدُّوۡنَنِ بِمَالٍ ۫ فَمَاۤ اٰتٰىنَِۧ اللّٰہُ خَیۡرٌ مِّمَّاۤ اٰتٰىکُمۡ ۚ بَلۡ اَنۡتُمۡ بِہَدِیَّتِکُمۡ تَفۡرَحُوۡنَ ﴿۳۶﴾ اِرۡجِعۡ اِلَیۡہِمۡ فَلَنَاۡتِیَنَّہُمۡ بِجُنُوۡدٍ لَّا قِبَلَ لَہُمۡ بِہَا وَ لَنُخۡرِجَنَّہُمۡ مِّنۡہَاۤ اَذِلَّۃً وَّ ہُمۡ صٰغِرُوۡنَ ﴿۳۷﴾ قَالَ یٰۤاَیُّہَا الۡمَلَؤُا اَیُّکُمۡ یَاۡتِیۡنِیۡ بِعَرۡشِہَا قَبۡلَ اَنۡ یَّاۡتُوۡنِیۡ مُسۡلِمِیۡنَ ﴿۳۸﴾ قَالَ عِفۡرِیۡتٌ مِّنَ الۡجِنِّ اَنَا اٰتِیۡکَ بِہٖ قَبۡلَ اَنۡ تَقُوۡمَ مِنۡ مَّقَامِکَ ۚ وَ اِنِّیۡ عَلَیۡہِ لَقَوِیٌّ اَمِیۡنٌ ﴿۳۹﴾ قَالَ الَّذِیۡ عِنۡدَہٗ عِلۡمٌ مِّنَ الۡکِتٰبِ اَنَا اٰتِیۡکَ بِہٖ قَبۡلَ اَنۡ یَّرۡتَدَّ اِلَیۡکَ طَرۡفُکَ ؕ فَلَمَّا رَاٰہُ مُسۡتَقِرًّا عِنۡدَہٗ قَالَ ہٰذَا مِنۡ فَضۡلِ رَبِّیۡ ۟ۖ لِیَبۡلُوَنِیۡۤ ءَاَشۡکُرُ اَمۡ اَکۡفُرُ ؕ وَ مَنۡ شَکَرَ فَاِنَّمَا یَشۡکُرُ لِنَفۡسِہٖ ۚ وَ مَنۡ کَفَرَ فَاِنَّ رَبِّیۡ غَنِیٌّ کَرِیۡمٌ ﴿۴۰﴾ قَالَ نَکِّرُوۡا لَہَا عَرۡشَہَا نَنۡظُرۡ اَتَہۡتَدِیۡۤ اَمۡ تَکُوۡنُ مِنَ الَّذِیۡنَ لَا یَہۡتَدُوۡنَ ﴿۴۱﴾ فَلَمَّا جَآءَتۡ قِیۡلَ اَہٰکَذَا عَرۡشُکِ ؕ قَالَتۡ کَاَنَّہٗ ہُوَ ۚ وَ اُوۡتِیۡنَا الۡعِلۡمَ مِنۡ قَبۡلِہَا وَ کُنَّا مُسۡلِمِیۡنَ ﴿۴۲﴾ وَ صَدَّہَا مَا کَانَتۡ تَّعۡبُدُ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ ؕ اِنَّہَا کَانَتۡ مِنۡ قَوۡمٍ کٰفِرِیۡنَ ﴿۴۳﴾ قِیۡلَ لَہَا ادۡخُلِی الصَّرۡحَ ۚ فَلَمَّا رَاَتۡہُ حَسِبَتۡہُ لُجَّۃً وَّ کَشَفَتۡ عَنۡ سَاقَیۡہَا ؕ قَالَ اِنَّہٗ صَرۡحٌ مُّمَرَّدٌ مِّنۡ قَوَارِیۡرَ ۬ؕ قَالَتۡ رَبِّ اِنِّیۡ ظَلَمۡتُ نَفۡسِیۡ وَ اَسۡلَمۡتُ مَعَ سُلَیۡمٰنَ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿٪۴۴﴾ (سورة النمل : 44­29)
    (هد هد ويو ۽ خط پهچائين تنهن تي) راڻي بلقيس چيو ته اي اميرؤ! مون کي هڪڙو وڏي شان وارو خط مليو آهي. اهو خط (حضرت) سليمان وٽان آيو آهي ۽ هن طرح لکيل آهي ”الله جي نالي سان شروع ٿا ڪيون جو ڏاڍو مهربان ۽ وڏي رحم وارو آهي. توهان (سبا جي راڻي ۽ ٻيا ماڻهو) منهنجي مقابلي ۾ هٺ، وڏائي ۽ سرڪشي نه ڪجو، بلڪه فرمانبردار ٿي مون ڏي هليا اچو. (جڏهن راڻي بلقيس کي حضرت سليمان جو خط پهتو تڏهن) چيائين ته اي (منهنجا) اميرؤ! مون کي پنهنجي راءِ ٻڌايو (ته ڇا ڪجي)؟ جيستائين توهان راءِ نه ڏيندا آهيو. تيستائين مان ڪنهن به (وڏي قومي) ڪم جو قطعي فيصلو ڪو نه ڪندي آهيان. سردارن ورندي ڏني ته اسان وڏي طاقت وارا ۽ سخت لڙاڪو آهيون (تنهن ڪري سليمان سان لڙڻ لاءِ به تيار آهيون پر اسان کي تنهنجي راءِ تي ڀروسو آهي) معاملو تنهنجي هٿ ۾ آهي (اسان چاهيون ٿا ته تون پاڻ فيصلو ڪرين) خيال ڪري ڏس ته ڪهڙو حڪم ٿي ڏيئن. راڻيءَ (تنهن تي) چيو ته (توهان کي خبر هوندي ته ) بادشاهه جڏهن ڪنهن (پرائي) ملڪ ۾ گهڙن ٿا. تڏهن ان کي تباهه ڪري ٿا ڇڏين، ۽ ان ملڪ جي عزت وارن ماڻهن جي بي عزتي ٿا ڪن.(جڏهن اهي بادشاهه فتح ڪندا اڳتي وڌندا ويندا آهن تڏهن) ائين ئي ڪندا آهن. سو مان هيئن ٿي ڪيان جو (پهريائين) هنن ڏانهن (يعني حضرت سليمان ۽ سندس اميرن ڏانهن ) ڪو تحفوٿي موڪليان. پو ڏسنديس ته ايلچي ڪهڙو جواب وٺي ٿا موٽن. پوءِ جڏهن (راڻيءَ جا ايلچي) سليمان وٽ آيا (۽ سوغات پيش ڪيائون) تڏهن حضرت سليمان فرمايو ته ڇا توهان مون کي دنيا ئي دولت ڏيڻ ٿا چاهيو. (ٻڌو!) الله تعاليٰ جيڪي (يعني جيڪا روحاني دولت) مون کي عطاڪئي آهي سا ان کان گهڻو بهتر آهي جا اوهان کي ڏني اٿس. (مان دنيا ئي دولت ۽ اوهان جي سوغات تي راضي ڪو نه ٿو ٿيان.) بلڪه اوهان ئي آهيو جو پنهنجي (دولت ۽) سوغات تي خوش ٿا ٿيو. (حضرت سليمان وڏي ايلچيءَ کي پوءِ هي به چيو ته) موٽي وڃ هنن ڏانهن (يعني پنهنجي راڻي ۽ اميرن ڏانهن ) اسان پنهنجي اهڙن لشڪرن سان مٿن حملو ڪنداسين جن جو مقابلو هو ڪري نه سگهندا. ۽ اسان کين خوار خراب ڪري ان (ملڪ) مان ڪڍي ڇڏينداسين، ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪرڻ جهڙا ٿيندا. (ايلچي هليا ويا حضرت سليمان پوءِ) فرمايو ته، اي منهنجا سرداؤ! اوهان مان ڪير راڻيءَ جو تخت کڻي مون وٽ پهچي ويندو، انهيءَ کان به اڳي جو هو ماڻهو فرمانبردار ٿي مون وٽ پهچي وڃن. (تنهن تي ) جنن مان هڪڙي وڏي طاقت واري جن چيو ته توهان پنهنجي درٻار مان اٿندا، تنهن کان به اڳي اهو تخت اوهان جي خدمت ۾ اچي پيش ڪندس. يقيناً مون کي ان ڪم لاءِ وڏي ڪافي طاقت آهي ۽ مان ڀروسي جي لائق آهيان. (پر) هڪڙي شخص جنهن کي (خدائي) ڪتاب جو ڪجهه علم هو چيو ته مان ان تخت کي اک ڇنڀڻ کان به اڳي آڻي سگهندس. (ان شخص کي حڪم مليو ته هو جهٽ پٽ تخت کڻي آيو) پوءِ جڏهن (حضرت) سليمان اهو تخت پنهنجي اڳيان ڏٺو تڏهن چيائين ته هي منهنجي رب جي فضل جو نتيجو آهي (جو مون وٽ اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي اهڙا ڪم ڪري ٿا سگهن ايترو فضل هن لاءِ آهي ته) منهنجو رب مون کي آزمائي ته مان شڪر ٿو ڪيان (۽ سندس نعمتون سندس راهه ۾ ڪم ٿو آڻيان) يا ناشڪري ٿو ڪيان. ۽ حقيقت هيءَ آهي ته جيڪو به شڪر ٿو ڪري سو پنهنجي (فائدي) لاءِ ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪو به ناشڪري ٿو ڪري (ته پنهنجو ئي نقصان ٿو ڪري نه الله تعاليٰ جو) الله تعاليٰ ته يقيناً بي نياز، بي پرواهه آهي (ڪا به حاجت ڪانهيس) ۽ بيشڪ هو وڏي شان وارو ۽ سخا وارو آهي. حضرت سليمان (پوءِ) فرمايو ته راڻيءَ جي تخت جي شڪل هن لاءِ (ايتري قدر) مٽائي ڇڏيو (جو جڏهن ڏسي ته مشڪل سڃاڻي سگهي) پوءِ ڏسنداسين ته هوءَ حق کي سڃاڻي ٿي سگهي يا انهن منجهان آهي جيڪي هدايت وٺڻ جيتري سمجهه نٿا رکن. (راڻيءَ کي سندس ايلچين حضرت سليمان جو پيغام پهچايو، ۽ هوءَ حضرت سليمان ڏي وڃڻ لاءِ رواني ٿي) پوءِ جڏهن (حضرت سليمان وٽ) پهتي تڏهن کانئس پڇيو ويو ته هيءُ تخت تنهنجو آهي ڇا؟ راڻيءَ جواب ڏنو ته ڄڻ ته اهو ئي آهي (۽ وڌيڪ چيائين ته) اسان کي هن کان اڳ ئي خدا وٽان ڪجهه علم مليل هو (هاڻي توهان جي عقل، علم، سچائي ۽ پيغمبريءَ جي خبر به پئجي ويئي) سو هاڻي فرمانبرداري قبول ٿا ڪيون ۽ اسلام ٿي اچون ٿا. (راڻي بلقيس بيشڪ سمجهه واري هئي پر سندس وڏا توڙي سندس ماڻهو سج جي پوڄا ڪندڙ هئا) انهيءَ ئي ڳالهه کيس (سچي دين کان) روڪي رکيو هو. جو هوءَ (ٻين وانگر) خدا کي ڇڏي ٻين شين جي پوڄا ڪندڙ هئي ۽ بيشڪ هوءَ ڪافرن جي قوم منجهان هئي (۽ انهن ۾ ڄائي نپني هئي). پوءِ راڻيءَ کي چيو ويو ته (هاڻي) وڏي محلات ۾ هل. پوءِ جيڪي (اڱڻ ۾ ) ڏٺائين تنهن کي پاڻيءَ جو دُٻو سمجهائين ۽ (ڪپڙن کي پسڻ کان بچائڻ لاءِ ڪپڙا مٿي کنيائين ۽ ) پنيون ظاهر ڪري وڌائين . (تنهن تي) حضرت سليمان کيس چيو ته هڪ محلات آهي جا شيشي جي وڏين سرن يا ٽڪرن سان بنايل آهي. (ڪپڙن مٿي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. راڻي غور ڪري) چيو ته اي منهنجا پروردگار! (مان ڀليل هيس) مان پاڻ تي ظلم ڪندي رهي هيس. هاڻي مان حضرت سليمان سان شامل انهيءَ ئي الله جي ٻانهپ قبول ٿي ڪيان جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.


    حضرت سليمان عليه السلام جو محل

    اهي سورتون ۽ آيتون جن ۾ سبا جي راڻيءَ جو ذڪر آهي، تن ۾ حضرت سليمان عليه السلام جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. قرآن حڪيم ۾ حضرت سليمان عليه السلام بابت ٻين ڪيترن ئي تفصيلن مثلاً سندس عظيم مملڪت ۽ محل جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. ان جي مطابق حضرت سليمان عليه السلام وٽ پنهنجي دور جي سڀ کان وڏي ترقي يافته ٽيڪنالاجي هئي. سندس محل ۾ عجيب و غريب فن پارا ۽ ڏسندڙن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ قيمتي شيون به هيون. محل ۾ داخل ٿيڻ جو رستو شيشي سان ٺهيل هو. قرآن حڪيم، محل ۽ انجي عظمت جو اثر، ملڪه سبا تي ٿيڻ کي هيئن بيان ڪري ٿو:
    قِیۡلَ لَہَا ادۡخُلِی الصَّرۡحَ ۚ فَلَمَّا رَاَتۡہُ حَسِبَتۡہُ لُجَّۃً وَّ کَشَفَتۡ عَنۡ سَاقَیۡہَا ؕ قَالَ اِنَّہٗ صَرۡحٌ مُّمَرَّدٌ مِّنۡ قَوَارِیۡرَ ۬ؕ قَالَتۡ رَبِّ اِنِّیۡ ظَلَمۡتُ نَفۡسِیۡ وَ اَسۡلَمۡتُ مَعَ سُلَیۡمٰنَ لِلّٰہِ رَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ (سورة النمل: 44)
    ”(پوءِ) راڻيءَ کي چيو ويو ته (هاڻي) وڏي محلات ۾ هل. پوءِ جيڪي (اڱڻ ۾) ڏٺائين تنهن کي پاڻيءَ جو دُٻو سمجهيائين ۽ (ڪپڙن کي پسڻ کان بچائڻ لاءِ ڪپڙا مٿي کنيائين ۽) پنيون ظاهر ڪري وڌائين. (تنهن تي ) حضرت سليمان کيس چيو ته هڪ محلات آهي جا شيشي جي وڏين سرن يا ٽڪرن سان بنايل آهي. (ڪپڙن مٿي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. راڻي غور ڪري) چيو ته اي منهنجا پروردگار! (مان ڀليل هيس) مان پاڻ تي ظلم ڪندي رهي هيس. هاڻي مان (حضرت) سليمان عليه السلام سان شامل ٿي انهيءَ ئي الله جي ٻانهپ قبول ٿي ڪيان جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.
    يهودي لکتن ۾ حضرت سليمان عليه السلام جي محل کي ”معبدِ سليمان“ چيو ويندو آهي. اڄ انهيءَ محل يا معبد جي اولهندي ديوار ئي سلامت آهي جنهن کي ”ديوار گريه“ به چيو ويندو آهي. انهيءَ محل ۽ يروشلم ۾ موجود ڪيترين ئي ٻين جڳهن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جو سبب يهودين جو گستاخاڻو ۽ سرڪش رويو هو. قرآن شريف ان کي هيئن بيان ڪري ٿو:
    وَ قَضَیۡنَاۤ اِلٰی بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ فِی الۡکِتٰبِ لَتُفۡسِدُنَّ فِی الۡاَرۡضِ مَرَّتَیۡنِ وَ لَتَعۡلُنَّ عُلُوًّا کَبِیۡرًا ﴿۴﴾ فَاِذَا جَآءَ وَعۡدُ اُوۡلٰىہُمَا بَعَثۡنَا عَلَیۡکُمۡ عِبَادًا لَّنَاۤ اُولِیۡ بَاۡسٍ شَدِیۡدٍ فَجَاسُوۡا خِلٰلَ الدِّیَارِ ؕ وَ کَانَ وَعۡدًا مَّفۡعُوۡلًا ﴿۵﴾ ثُمَّ رَدَدۡنَا لَکُمُ الۡکَرَّۃَ عَلَیۡہِمۡ وَ اَمۡدَدۡنٰکُمۡ بِاَمۡوَالٍ وَّ بَنِیۡنَ وَ جَعَلۡنٰکُمۡ اَکۡثَرَ نَفِیۡرًا ﴿۶﴾ اِنۡ اَحۡسَنۡتُمۡ اَحۡسَنۡتُمۡ لِاَنۡفُسِکُمۡ ۟ وَ اِنۡ اَسَاۡتُمۡ فَلَہَا ؕ فَاِذَا جَآءَ وَعۡدُ الۡاٰخِرَۃِ لِیَسُوۡٓءٗا وُجُوۡہَکُمۡ وَ لِیَدۡخُلُوا الۡمَسۡجِدَ کَمَا دَخَلُوۡہُ اَوَّلَ مَرَّۃٍ وَّ لِیُتَبِّرُوۡا مَا عَلَوۡا تَتۡبِیۡرًا ﴿۷﴾ (سورة بني اسرائيل: 7­4)
    ”۽ اسان ڪتاب (تورات) ۾ بني اسرائيلن کي هن فيصلي جي خبر ڏيئي ڇڏي هئي ته توهان ضرور ملڪ ۾ ٻه ڀيرا خرابيون پکيڙيندؤ ۽ تمام وڏي آڪڙ ۽ سرڪشي ڪندؤ پوءِ جڏهن انهن ٻن وقتن مان پهريون وقت اچي ويو، تڏهن (اي بني اسرائيلو!) اسان توهان جي مٿان اهڙا بندا(حملي ڪرڻ لاءِ) موڪليا جيڪي ڏاڍا خوفناڪ هئا . پوءِ اهي اوهان جي آبادين (ڳوٺن ۽ شهرن) جي اندر پکڙجي ويا. ۽ الله جو وعدو ته انهيءَ ئي لاءِ هو ته پوريءَ طرح تعميل هيٺ اچي ۽ پورو ٿي وڃي. پوءِ (ڏسو!) اسان زماني جي گردش توهان (بني اسرائيلن) جي دشمن جي خلاف ۽ توهان جي موافق ڪري ڇڏي ۽ مال، دولت ۽ اولاد جي گهڻائيءَ سان اوهان جي مدد ڪئي سين ۽ اوهان کي (وري) وڏي تعداد ۽ جميعت وارو ڪري ڇڏيوسين. جيڪڏهن توهان نيڪيءَ جا ڪم ڪيا ته پنهنجي لاءِ ئي ڪيا، ۽ جيڪڏهن برائيون ڪيون ته به پنهنجي لاءِ ڪيون. پوءِ جڏهن ٻئي واعدي جو وقت آيو (تڏهن اسان پنهنجي ٻين بندن رومين کي اوهان جي مٿان حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو) انهيءَ لاءِ ته توهان جي چهرن تي ذلت ۽ خواري ڦيرائي ڇڏين، ۽ اهڙيءَ ئي طرح ديول ۾ داخل ٿي وڃن جهڙيءَ طرح پهرئين ڀيري (بابل وارا) حملو ڪندڙ داخل ٿيا هئا. ۽ جيڪي به ڏسن ۽ هٿ ڪن تنهن کي ٽوڙي ڀڃي ناس ڪري ڇڏين.“
    اهي مڙئي قومون جن جو ذڪر ڪيو ويو، پنهنجي گستاخاڻي رويي ۽ الله پاڪ سان سرڪشي جي ڪري عذاب جون مستحق ٿيون. يهودي صدين تائين هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ سفر ڪندا رهيا، ته جيئن حضرت سليمان عليه السلام جي زماني ۾ ارضِ مقدس ۾ کين پنهنجو وطن نصيب ٿئي. پر وري سندن بغاوت، الله جي حدن کي اورانگهڻ ۽ بد ديانتيءَ جي ڪري عذاب جو شڪار ٿيا.
    اڄ جي دور جا جديد يهودي جيڪي ماضي قريب ۾ هن علائقي ۾ وري آباد ٿيا آهن، پنهنجي گمراهيءَ تي فرحان و شادان ٿي ڪري انهيءَ رويي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، جهڙو هنن پهرين تنبيهه کان اڳ ڪيو هو.


    باب نائون

    اصحابِ ڪهف

    اَمۡ حَسِبۡتَ اَنَّ اَصۡحٰبَ الۡکَہۡفِ وَ الرَّقِیۡمِ ۙ کَانُوۡا مِنۡ اٰیٰتِنَا عَجَبًا (سوره الڪهف : 9)
    ”(اي پيغمبر) تو خيال ڪيو آهي ته غار ۾ رقيم وارا (اصحابِ ڪهف) اسان جي نشانين مان عجيب نشاني هئا.“
    قرآن حڪيم جي ارڙهين سورة الڪهف ۾ انهن ماڻهن جو تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي، جن الله تعاليٰ جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ لاءِ ۽ وقت جي حاڪم جي ظلم ۽ ستم کان بچڻ لاءِ غار ۾ پناهه ورتي هئي. قرآن حڪيم ۾ انهيءَ واقعي کي هيئن بيان ڪيو ويو:
    اَمۡ حَسِبۡتَ اَنَّ اَصۡحٰبَ الۡکَہۡفِ وَ الرَّقِیۡمِ ۙ کَانُوۡا مِنۡ اٰیٰتِنَا عَجَبًا ﴿۹﴾ اِذۡ اَوَی الۡفِتۡیَۃُ اِلَی الۡکَہۡفِ فَقَالُوۡا رَبَّنَاۤ اٰتِنَا مِنۡ لَّدُنۡکَ رَحۡمَۃً وَّ ہَیِّیٔۡ لَنَا مِنۡ اَمۡرِنَا رَشَدًا ﴿۱۰﴾ فَضَرَبۡنَا عَلٰۤی اٰذَانِہِمۡ فِی الۡکَہۡفِ سِنِیۡنَ عَدَدًا ﴿ۙ۱۱﴾ ثُمَّ بَعَثۡنٰہُمۡ لِنَعۡلَمَ اَیُّ الۡحِزۡبَیۡنِ اَحۡصٰی لِمَا لَبِثُوۡۤا اَمَدًا ﴿٪۱۲﴾ نَحۡنُ نَقُصُّ عَلَیۡکَ نَبَاَہُمۡ بِالۡحَقِّ ؕ اِنَّہُمۡ فِتۡیَۃٌ اٰمَنُوۡا بِرَبِّہِمۡ وَ زِدۡنٰہُمۡ ہُدًی ﴿٭ۖ۱۳﴾ وَّ رَبَطۡنَا عَلٰی قُلُوۡبِہِمۡ اِذۡ قَامُوۡا فَقَالُوۡا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ لَنۡ نَّدۡعُوَا۠ مِنۡ دُوۡنِہٖۤ اِلٰـہًا لَّقَدۡ قُلۡنَاۤ اِذًا شَطَطًا ﴿۱۴﴾ ہٰۤؤُلَآءِ قَوۡمُنَا اتَّخَذُوۡا مِنۡ دُوۡنِہٖۤ اٰلِہَۃً ؕ لَوۡ لَا یَاۡتُوۡنَ عَلَیۡہِمۡ بِسُلۡطٰنٍۭ بَیِّنٍ ؕ فَمَنۡ اَظۡلَمُ مِمَّنِ افۡتَرٰی عَلَی اللّٰہِ کَذِبًا ﴿ؕ۱۵﴾ وَ اِذِ اعۡتَزَلۡتُمُوۡہُمۡ وَمَا یَعۡبُدُوۡنَ اِلَّا اللّٰہَ فَاۡ وٗۤا اِلَی الۡکَہۡفِ یَنۡشُرۡ لَکُمۡ رَبُّکُمۡ مِّنۡ رَّحۡمَتِہٖ وَیُہَیِّیٔۡ لَکُمۡ مِّنۡ اَمۡرِکُمۡ مِّرۡفَقًا ﴿۱۶﴾ وَ تَرَی الشَّمۡسَ اِذَا طَلَعَتۡ تَّزٰوَرُ عَنۡ کَہۡفِہِمۡ ذَاتَ الۡیَمِیۡنِ وَ اِذَا غَرَبَتۡ تَّقۡرِضُہُمۡ ذَاتَ الشِّمَالِ وَ ہُمۡ فِیۡ فَجۡوَۃٍ مِّنۡہُ ؕ ذٰلِکَ مِنۡ اٰیٰتِ اللّٰہِ ؕ مَنۡ یَّہۡدِ اللّٰہُ فَہُوَ الۡمُہۡتَدِ ۚ وَ مَنۡ یُّضۡلِلۡ فَلَنۡ تَجِدَ لَہٗ وَلِیًّا مُّرۡشِدًا ﴿٪۱۷﴾ وَ تَحۡسَبُہُمۡ اَیۡقَاظًا وَّ ہُمۡ رُقُوۡدٌ ٭ۖ وَّ نُقَلِّبُہُمۡ ذَاتَ الۡیَمِیۡنِ وَ ذَاتَ الشِّمَالِ ٭ۖ وَ کَلۡبُہُمۡ بَاسِطٌ ذِرَاعَیۡہِ بِالۡوَصِیۡدِ ؕ لَوِ اطَّلَعۡتَ عَلَیۡہِمۡ لَوَلَّیۡتَ مِنۡہُمۡ فِرَارًا وَّ لَمُلِئۡتَ مِنۡہُمۡ رُعۡبًا ﴿۱۸﴾ وَ کَذٰلِکَ بَعَثۡنٰہُمۡ لِیَتَسَآءَلُوۡا بَیۡنَہُمۡ ؕ قَالَ قَآئِلٌ مِّنۡہُمۡ کَمۡ لَبِثۡتُمۡ ؕ قَالُوۡا لَبِثۡنَا یَوۡمًا اَوۡ بَعۡضَ یَوۡمٍ ؕ قَالُوۡا رَبُّکُمۡ اَعۡلَمُ بِمَا لَبِثۡتُمۡ ؕ فَابۡعَثُوۡۤا اَحَدَکُمۡ بِوَرِقِکُمۡ ہٰذِہٖۤ اِلَی الۡمَدِیۡنَۃِ فَلۡیَنۡظُرۡ اَیُّہَاۤ اَزۡکٰی طَعَامًا فَلۡیَاۡتِکُمۡ بِرِزۡقٍ مِّنۡہُ وَ لۡـیَؔ‍‍‍تَلَطَّفۡ وَ لَا یُشۡعِرَنَّ بِکُمۡ اَحَدًا ﴿۱۹﴾ اِنَّہُمۡ اِنۡ یَّظۡہَرُوۡا عَلَیۡکُمۡ یَرۡجُمُوۡکُمۡ اَوۡ یُعِیۡدُوۡکُمۡ فِیۡ مِلَّتِہِمۡ وَ لَنۡ تُفۡلِحُوۡۤا اِذًا اَبَدًا ﴿۲۰﴾ وَ کَذٰلِکَ اَعۡثَرۡنَا عَلَیۡہِمۡ لِیَعۡلَمُوۡۤا اَنَّ وَعۡدَ اللّٰہِ حَقٌّ وَّ اَنَّ السَّاعَۃَ لَا رَیۡبَ فِیۡہَا ۚ٭ اِذۡ یَتَنَازَعُوۡنَ بَیۡنَہُمۡ اَمۡرَہُمۡ فَقَالُوا ابۡنُوۡا عَلَیۡہِمۡ بُنۡیَانًا ؕ رَبُّہُمۡ اَعۡلَمُ بِہِمۡ ؕ قَالَ الَّذِیۡنَ غَلَبُوۡا عَلٰۤی اَمۡرِہِمۡ لَنَتَّخِذَنَّ عَلَیۡہِمۡ مَّسۡجِدًا ﴿۲۱﴾ سَیَقُوۡلُوۡنَ ثَلٰثَۃٌ رَّابِعُہُمۡ کَلۡبُہُمۡ ۚ وَ یَقُوۡلُوۡنَ خَمۡسَۃٌ سَادِسُہُمۡ کَلۡبُہُمۡ رَجۡمًۢا بِالۡغَیۡبِ ۚ وَ یَقُوۡلُوۡنَ سَبۡعَۃٌ وَّ ثَامِنُہُمۡ کَلۡبُہُمۡ ؕ قُلۡ رَّبِّیۡۤ اَعۡلَمُ بِعِدَّتِہِمۡ مَّا یَعۡلَمُہُمۡ اِلَّا قَلِیۡلٌ ۬۟ فَلَا تُمَارِفِیۡہِمۡ اِلَّا مِرَآءً ظَاہِرًا ۪ وَّ لَا تَسۡتَفۡتِ فِیۡہِمۡ مِّنۡہُمۡ اَحَدًا ﴿٪۲۲﴾ وَ لَا تَقُوۡلَنَّ لِشَایۡءٍ اِنِّیۡ فَاعِلٌ ذٰلِکَ غَدًا ﴿ۙ۲۳﴾ اِلَّاۤ اَنۡ یَّشَآءَ اللّٰہُ ۫ وَ اذۡکُرۡ رَّبَّکَ اِذَا نَسِیۡتَ وَ قُلۡ عَسٰۤی اَنۡ یَّہۡدِیَنِ رَبِّیۡ لِاَقۡرَبَ مِنۡ ہٰذَا رَشَدًا ﴿۲۴﴾ وَ لَبِثُوۡا فِیۡ کَہۡفِہِمۡ ثَلٰثَ مِائَۃٍ سِنِیۡنَ وَ ازۡدَادُوۡا تِسۡعًا ﴿۲۵﴾ قُلِ اللّٰہُ اَعۡلَمُ بِمَا لَبِثُوۡا ۚ لَہٗ غَیۡبُ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ ؕ اَبۡصِرۡ بِہٖ وَ اَسۡمِعۡ ؕ مَا لَہُمۡ مِّنۡ دُوۡنِہٖ مِنۡ وَّلِیٍّ ۫ وَّ لَا یُشۡرِکُ فِیۡ حُکۡمِہٖۤ اَحَدًا ﴿۲۶﴾ (سورة الڪهف : 26: 9)
    ”(اي پيغمبر!) تو خيال ڪيو آهي ته غار ۽ رقيم وارا (اصحابِ ڪهف) اسان جي نشانين مان ڪا عجيب نشاني هئا. ڳالهه هيئن آهي ته ڪي جوان هڪ غار ۾ وڃي ويٺا هئا ۽ هنن دعا گهري هئي ته اي اسان جا پروردگار! پنهنجي طرفان اسان تي رحمت موڪل، ۽ تون اسان جي هن ڪم لاءِ ڪاميابيءَ جا اسباب پيدا ڪري ڇڏ. پوءِ غار ۾ ڪيترن ئي سالن تائين اسان هنن جا ڪن (دنيا جي طرف کان) بند ڪري ڇڏيا. پوءِ اسان هنن کي اٿاري کڙو ڪيو، انهيءَ لاءِ ته معلوم ٿي وڃي ته ٻنهي جماعتن مان ڪهڙي آهي جا گذريل مدت جو اندازو بهتر طريقي سان لڳائي سگهي ٿي. (اي پيغمبر!) اسان توکي انهن ماڻهن جو سچو قصو بيان ڪري ٻڌايون ٿا. اهي ڪي نوجوان هئا جن پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هو. اسان کين هدايت جي واٽ تي زياده مضبوط ڪري ڇڏيو هو. ۽ هنن جي دلين کي صبر ۽ (استقامت تي) محڪم ڪري ڇڏيو هو. جڏهن هو (حق جي راهه ۾ ) اُٿي کڙا ٿيا، تڏهن هنن (صاف صاف) چئي ڏنو ته اسان جو پروردگار ته اهو ئي آهي جو زمين ۽ آسمانن جو پروردگار آهي. اسان هن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به معبود (سمجهي) پڪارڻ وارا ڪونه آهيون جيڪڏهن اسان ائين ڪيون ته اها سخت نامناسب ۽ خراب ڳالهه ٿيندي. اهي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن الله کانسواءِ ٻيا معبود کڻي ورتا آهن. جيڪڏهن اهي (سچ پچ) معبود آهن ته پوءِ هو ڇو نٿا ان لاءِ ڪو چٽو دليل پيش ڪن (هنن وٽ ته ڪو دليل ئي ڪونهي) پوءِ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهي. (پوءِ هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته) جنهن صورت ۾ اسان انهن ماڻهن کان ۽ انهن (معبودن) کان جن کي هو الله کانسواءِ پوڄين ٿا پاسو ڪيو آهي (۽ ڇڏي ڏنو آهي) تنهن صورت ۾ هلو ته هلي ڪنهن غار ۾ پناهه وٺون. اسان جو پروردگار اسان تي پنهنجي رحمت جي ڇانو ڪندو، ۽ اسان کي هن معاملي لاءِ ثمر ۽ سامان مهيا ڪري ڏيندو. ۽ (جنهن غار ۾ وڃي ويٺا سا اهڙيءَ طرح جي هئي جو) جڏهن سج اڀري ٿو تڏهن توهان ڏسندو ته غار جي ساڄي طرف لڙيل رهي ٿو، ۽ جڏهن لهڻ لڳي ٿو تڏهن وري کاٻي طرف لڙي لهي ٿو وڃي. (يعني ڪنهن به حالت ۾ اُس يا سج جا سڌا ڪرڻا اندر نٿا پهچن) ۽ هو ان غار جي اندر ڪشادي جاءِ ۾ ويٺا رهيا آهن. اها الله جي نشانين مان هڪ نشاني آهي. (جو هنن حق جي لاءِ دنيا جا سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيا آهن) (حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن لاءِ الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راه کولي ٿو ڇڏي سو ئي (سچي) راهه تي آهي، ۽ جنهن لاءِ (سندس ئي ضد ۽ هوس پرستيءَ سبب) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي، تنهن لاءِ ڪو به سندس ڪارساز ۽ راه ڏيکارڻ وارو ڪونه لهندؤ ۽ ڏسندؤ. ۽ توهان انهن کي ڏسو ته توهان سمجهندؤ ته هو جاڳن ٿا، حالانڪه هو ننڊ ۾ آهن. اسان هنن کي ساڄي پاسي ۽ کاٻي پاسي موڙيون ٿا (يعني هو پاسو ورائين ٿا جيئن اسان سمهڻ ۾ جاڳندي توڙي ننڊ ۾ پاسو ورائيندا آهيون) ۽ هنن جو ڪتو چائٺ وٽ پنهنجون اڳيون ٽنگون ڊگهيون ڪيون ويٺو آهي. جيڪڏهن توهان ليئو پائي هنن کي ڏسو ته جيڪر منهن ڦيرائي پٺتي ڀڄي هلياوڃو، ۽ توهان تي (ان نظاري کان) دهشت ڇانئجي وڃي. ۽ (ڏسو) اهڙيءَ ئي طرح هيءَ ڳالهه ٿي جو اسان هنن کي وري اٿاري کڙو ڪيو. انهيءَ لاءِ ته پاڻ ۾ هڪٻئي کان پڇاڳاڇا ڪن. انهن مان هڪڙي چوندڙ پڇيو ته اسان هتي ڪيتري مدت رهيا هونداسين؟ سڀني چيو ته هڪڙو ڏينهن يا هڪڙي ڏينهن جو ڪجهه حصو. پوءِ(جڏهن پوري مدت معلوم ڪري نه سگهيا تڏهن) چيائون ته اسان جو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيتري مدت تائين هتي رهي پيا هئاسين. (هاڻي) هڪڙي ماڻهوءَ کي هي چانديءَ جو سڪو ڏيئي شهر ۾ موڪليو. وڃي ڏسي ته ڪنهن وٽان چڱو طعام ٿو ملي، ۽ جتان ملي اُتان ڪجهه طعام وٺي آڻي، مگر چپ چاپ ۾ رهي جيئن ڪنهن کي به اسان جي خبر نه پوي.جيڪڏهن ماڻهن کي خبر پئجي ويندي ته (پوءِ هو ڇڏڻ وارا ناهن) يا ته اوهان کي سنگسار ڪري ماريندا يا ته مجبور ڪندا ته وري سندن دين ۾ موٽي داخل ٿيو. جيڪڏهن ائين ٿيندو (يعني وري سندن بت پرستيءَ جي دين ۾ داخل ٿيندؤ)ته پوءِ ڪڏهن به فلاح (يعني ڪاميابي ۽ دائمي سعادت) حاصل نه ڪندا.۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) اهڙيءَ طرح (يعني هڪ ماڻهوءَ طرفان سڪو کڻي وڃي بازار ۾ ڏيکارڻ سان) اسان ماڻهن کي سندن حال کان واقف ڪيو (هنن جي ڳالهه لڪي ڪين سگهي) ۽ هن لاءِ واقف ڪيوسين ته ماڻهن کي معلوم ٿئي ته الله جو واعدو سچو آهي، ۽ قيامت جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، ان وقت جي ڳالهه آهي ته ماڻهو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا ته هنن (غار جي ساٿين) جي معاملي ۾ ڇا ڪجي؟ ماڻهن چيو ته هن غار تي هڪ عمارت ٺاهيو (ته يادگار ٿئي) جيڪي هنن تي ٿي گذريو، تنهن کي سند ن پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو، پوءِ انهن ماڻهن، جي ان معاملي ۾ غالب پيا. چيو، ته (ٺيڪ آهي) اسان ضرور هنن جي مٿان (يا ڀرسان) هڪ عبادت گاهه بنائينداسين. ڪي ماڻهو چوندا آهن ته غار وارا ماڻهو ٽي هئا، چوٿون هو سندن ڪتو. ڪي ماڻهو وري چون ٿا ته پنج هئا ۽ ڇهون سندن ڪتو هو. اهي سڀ (رڳو ڌڪا ٿا هڻن ۽) غيب جي انڌاري ۾ تير ٿا اڇلائين. ۽ ڪي چون ٿا ته ست هئا، اٺون هو سندن ڪتو.(اي پيغمبر!) تون چئه ته انهن جو سچو تعداد ته منهنجو پروردگار ئي بهتر ٿو ڄاڻي، ڇو ته هنن جو حال تمام ٿورا ماڻهو ٿا ڄاڻن. (۽ جڏهن ته صورتحال اها آهي) تون ماڻهن سان هن باري ۾ بحث ۽ جهڳڙو نه ڪر، مگر (بحث) فقط انهيءَ حد تائين ڪر جو صاف معلوم ڳالهه هجي. (يعني اونهين ۽ غير يقيني ڳالهين ۾ پوڻ نه گهرجي) نڪي انهن ماڻهن مان (جن ۾ اهي روايتون هلندڙ آهن) ڪن کان هن باري ۾ پڇا ڪر (ڇو ته سندن ڏنڊ ڪٿائون اعتبار جوڳيون ناهن). ۽ ڪا به ڳالهه هجي ته ائين ڪڏهن به نه چئو ته سڀاڻي مان اهو ڪم ڪري ڇڏيندس. سواءِ هن جي جو سمجهي ڇڏيو ته ٿيندو اهو ئي جو الله تعاليٰ چاهيندو ۽ جڏهن ويسر ٿئيوَ ته وري الله تعاليٰ جي يادگيري تازي ڪري چئو ته اميد آهي ته منهنجو پروردگار هن کان به زياده ڪاميابيءَ جي راه منهنجي لاءِ کولي ڇڏيندو ۽ (چون ٿا ته) هو (غار جا سنگتي) ٽي سؤ سالن تائين غار ۾ رهيا ۽ ماڻهن نو سال ٻيا به وڌايا آهن. (اي پيغمبر!) تون چئه ته الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته هو ڪيتري مدت رهيا. هو آسمان ۽ زمين جون سڀ لڪل ڳالهيون ڄاڻي ٿو. وڏو ئي ڏسندڙ ۽ وڏو ئي ٻڌندڙ آهي. هن کانسواءِ ماڻهن جو ڪوئي ڪارساز ڪونهي ۽ نه هو پنهنجي حڪم ۾ ڪنهن کي شريڪ ٿو ڪري.“
    معروف عقيدي مطابق اصحاب ڪهف کي اسلامي ۽ عيسائي ٻنهي حوالن سان تقدس حاصل آهي. انهن تي رومي شهنشاهه دقيانوس (Decius) ظلم ۽ ستم ڪري رهيو هو، ان جي باوجود هنن پنهنجي قوم کي ڪفر ۽ شرڪ ترڪ ڪرڻ ۽ هڪ الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ جي تلقين ڪئي. جڏهن ماڻهن سندن دعوت ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ بادشاهه جو ظلم به هنن کي قتل ڪرڻ تائين پهتو، ته هنن پنهنجن گهرن کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ دور جو تاريخي رڪارڊ ان ڳالهه جو گواهه آهي، ته ڪيترائي حڪمران ان دور ۾ دهشت گردي، ظلم ۽ ڏاڍ جي پاليسي تي هلي رهيا هئا ۽ دينِ عيسويءَ تي ڪار بند رهڻ وارن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هئائون.
    اتر اولهندي انا طوليه جي رومن گورنر پلينيس (pilinius) 113-19ع، شهنشاهه ٽرايانوس (Trayanus) کي هڪ خط لکيو، ته هن مسيح جي ڪجهه پوئلڳن کي سزائون ڏنيون، ڇو ته اهي بادشاه جي مجسمي (بت) جي عبادت نه ڪندا هئا. اهو خط ابتدا ئي دور جي عيسائين تي ظلم ۽ ستم جو هڪ ثبوت آهي. اهڙين حالتن ۾ جڏهن انهن نوجوانن تي دين حق کي ڇڏڻ ۽ باطل دين جي پيروي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ته هنن چيو:
    فَقَالُوۡا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ لَنۡ نَّدۡعُوَا۠ مِنۡ دُوۡنِہٖۤ اِلٰـہًا لَّقَدۡ قُلۡنَاۤ اِذًا شَطَطًا﴿۱۴﴾ ہٰۤؤُلَآءِ قَوۡمُنَا اتَّخَذُوۡا مِنۡ دُوۡنِہٖۤ اٰلِہَۃً ؕ لَوۡ لَا یَاۡتُوۡنَ عَلَیۡہِمۡ بِسُلۡطٰنٍۭ بَیِّنٍ ؕ فَمَنۡ اَظۡلَمُ مِمَّنِ افۡتَرٰی عَلَی اللّٰہِ کَذِبًا ﴿ؕ۱۵﴾ (سورة الڪهف : 15-14)
    ”تڏهن هنن (صاف صاف) چئي ڏنو ته اسان جو پروردگار ته اهوئي آهي جو زمين ۽ آسمانن جو پروردگار آهي، اسان هن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به معبود (سمجهي) پڪارڻ وارا ڪونه آهيون. جيڪڏهن اسان ائين ڪيون ته اها سخت نامناسب ۽ خراب ڳالهه ٿيندي. اهي اسان جي قوم جا ماڻهو آهن جن الله کانسواءِ ٻيا معبود کڻي ورتا آهن. جيڪڏهن اهي (سچ پچ) معبود آهن ته پوءِ هو ڇو نٿا ان لاءِ ڪو چٽو دليل پيش ڪن (هنن وٽ ته ڪو دليل ئي ڪونهي) پوءِ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهي.“
    جيستائين اصحابِ ڪهف جي غار جو تعلق آهي ته ان بابت ڪيترائي خيال آهن. تنهن هوندي به گهڻو امڪان اهو ئي آهي ته اها غارا ايفيسسس (Ephesus) ۽ طرسوس (Tarsus) ۾ موجود آهي.
    تمام عيسائي حوالن جي مطابق اها غار ايفيسس (Ephesus) ۾ موجود آهي. ان ڳالهه سان ڪيئي مسلمان محقق ۽ مفسر به متفق آهن. جڏهن ته ڪن جي خيال ۾ اهو تصور غلط آهي ۽ غار جو اصل مقام طرسوس (Tarsus) آهي. هن باب ۾ اسان ٻنهي خيالن جو جائزو وٺنداسون. البته سڀئي عيسائي ۽ مسلمان محقق ۽ مفسر انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته اهو واقعو رومي شنهشاه دقيانوس (250 عيسوي) جي زماني ۾ پيش آيو.
    نِيرو ۽ دقيانوس عيسائين تي ظلم ڪندڙ مشهور رومي شهنشاهه آهن. پنهنجي مختصر دورِ حڪمرانيءَ ۾ هنن هڪ قانون لاڳو ڪيو، جنهن تحت هر شخص تي، رومي ديوتائن کي قرباني پيش ڪرڻ ضروري هو. هر شخص تي اها قرباني ڪرڻ ۽ ان جو تصديقي ثبوت حاصل ڪرڻ ضرور هو، جيڪي هو حڪومتي ڪارندن کي پاڻ وٽان گهرائي ڏيکاريندو هو. جيڪو ائين نه ڪندو هو، کيس سزا ڏني ويندي هئي. عيسائي لکتن موجب عيسائين جو گهڻو تعداد جيڪو بت پرستيءَ جو اهو عمل ڪرڻ کان انڪار ڪندو هو، هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پناه جي ڳولا ۾ هجرت ڪندو رهندو هو ۽ اصحابِ ڪهفِ به انهن ٽن شروعاتي عيسائين منجهان هئا.
    ٻي هيءَ ڳالهه به غور ۽ ويچار جي قابل آهي، ته اڪثر مسلم ۽ عيسائي مؤرخن واقعي کي هڪ داستان طور بيان ڪيو آهي ۽ ان ۾ وقت گذرڻ سان گڏو گڏ ڪيتريون ئي غير ضروري روايتون به شامل ٿي ويون آهن. جڏهن ته حقيقت ۾ هي رڳو داستان نه بلڪه هڪ تاريخي واقعو آهي.


    ڇا اصحابِ ڪهف ايفيسس ۾ آهن؟

    اصحابِ ڪهفِ جي پناهه جي جاءِ بابت مختلف خيال آهن. انهيءَ اختلاف جو وڏو سبب هر علائقي جي ماڻهن جي اها خواهش آهي ته انهن بهادر ماڻهن جو تعلق سندن وطن سان جڙيل هجي. اُتي اهڙيءَ طرح غارون موجود آهن ۽ وري انهن سڀني هنڌن تي ان جو مثال، مختلف غارن وٽ عبادت گاهن جي اڏاوت آهي.
    اهو مشهور آهي ته ايفيسس (Ephesus) عيسائيت جو مقدس ماڳ آهي. هتي حضرت بيبي مريم جو گهر آهي، جنهن کي بعد ۾ چرچ ۾ تبديل ڪيو ويو. تنهنڪري اهو بلڪل ممڪن آهي ته اصحابِ ڪهف هتان جي ئي غار ۾ رهيا هجن. اڪثر عيسائي ڪتابن ۾ به انهيءَ هنڌ کي اصحابِ ڪهف جو مقام قرار ڏنو ويو آهي.
    ان جو تمام اوائلي تاريخي ثبوت، شامي پادري جيمز آف سارس (James of Saruc) (پيدائش 452ع) آهي. معروف مؤرخ گبن (Gibbon) ڪتاب ”سلطنِت روما جي زوال جي تاريخ“ ۾ جيمز جي ڪتابن جا ڪيئي حوالا ڏنا آهن. انهيءَ مطابق ست عيسائين نوجوانن کي عيسائيت ترڪ ڪرڻ ۽ غار ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪندڙ بادشاهه جو نالو دقيانوس هو. دقيانوس جي حڪمرانيءَ جو دور 249ع کان 251ع تائين آهي ۽ اهو دور حضرت عيسيٰ  جي پيروڪارن تي ظلم ۽ ستم جي حوالي سان مشهور آهي. مسلم مفسرن جي خيال ۾ اهو واقعو ايفي سس(Ephesus) يا ايفي ساس (Ephesos) ۾ پيش آيو. گبن جي مطابق انهيءَ هنڌ جو نالو ايفي سس (Ephesus) آهي. اناطوليه جي اولهندي ڪناري تي واقع هيءُ شهر سلطنت روما جو هڪ وڏو بندرگاه ۽ وڏو شهر هيو. انهيءَ شهر جا کنڊر اڄ به ”ايفي سس جو پراڻو شهر“ جي نالي سان مشهور آهن.
    اصحابِ ڪهف جي سجاڳيءَ وقت، رومي حڪمران جو نالو مسلم محققن جي مطابق تيزئيسس (Tezusius) ۽ گبن جي خيال ۾ ٿيو ڊوسيئس ٻيو (Theodosius-II) آهي. اهو حڪمران سلطنت روما جي عيسائي ٿي وڃڻ کانپوءِ .450-408ع جي دوران اقتدار ۾ رهيو.
    ڪجهه مفسرين جي خيال ۾ هيٺ ڏنل آيتن جي روشنيءَ ۾ غار ۾ داخل ٿيڻ جو رستو اتر کان هو ته جيئن روشني اندر نه اچي سگهي. اهڙيءَ طرح غار جي ڀرسان لنگهندڙُ ، اندر نه پيو ڏسي سگهي. قرآن حڪيم ان کي هيئن بيان ڪري ٿو:
    وَ تَرَی الشَّمۡسَ اِذَا طَلَعَتۡ تَّزٰوَرُ عَنۡ کَہۡفِہِمۡ ذَاتَ الۡیَمِیۡنِ وَ اِذَا غَرَبَتۡ تَّقۡرِضُہُمۡ ذَاتَ الشِّمَالِ وَ ہُمۡ فِیۡ فَجۡوَۃٍ مِّنۡہُ ؕ ذٰلِکَ مِنۡ اٰیٰتِ اللّٰہِ ؕ مَنۡ یَّہۡدِ اللّٰہُ فَہُوَ الۡمُہۡتَدِ ۚ وَ مَنۡ یُّضۡلِلۡ فَلَنۡ تَجِدَ لَہٗ وَلِیًّا مُّرۡشِدًا (سورة الڪهفِ : 17)
    ”۽ (جنهن غار ۾ وڃي ويٺا سا اهڙيءَ طرح هئي جو) جڏهن سج اڀري ٿو تڏهن توهان ڏسندؤ ته غار جي ساڄي طرف لڙيل رهي ٿو ۽ جڏهن لهڻ لڳي ٿو تڏهن وري کاٻي طرف لڙي لهي ٿو وڃي. (يعني ڪنهن به حالت ۾ اُس يا سج جا سڌا ڪرڻا اندر نٿا پهچن) ۽ هو ان غار جي اندر ڪشادي جاءِ ۾ ويٺا رهيا آهن. اها الله جي نشانين مان هڪ نشاني آهي. (جو هنن حقن جي لاءِ دنيا جا سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيا). (حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن لاءِ الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ٿو ڇڏي سو ئي (سچي) راهه تي آهي ۽ جنهن لاءِ راهه گم ڪري ٿو ڇڏي، تنهن لاءِ ڪو به سندن ڪارساز ۽ راهه ڏيکارڻ وارو ڪونه لهندؤ ۽ ڏسندؤ.“
    قديم آثارن جو ماهر ڊاڪٽر موسيٰ باران پنهنجي ڪتاب ايفي سس (Ephesus) ۾ انهيءَ کي ئي اصحابِ ڪهف جي پناهه جي جاءِ ڄاڻائيندي لکي ٿو:
    ” 250 ع ۾ ايفي سس (Ephesus) جي ستن نوجوانن بت پرستيءَ کي ڇڏي ڪري عيسائيت اختيار ڪئي. پناهه وٺڻ لاءِ اهي
    پي ان(Pion) پهاڙيءَ جي اوڀرندي هيٺاهينءَ جي غار ۾ هليا ويا. رومي سپاهين انهن کي ڏٺو ۽ سندس داخل ٿيڻ جي راهه تي هڪ ديوار اڏي ڇڏي.“(45)
    اڄ اها حقيقت سامهون اچي چڪي آهي، ته انهن کنڊرن ۽ قبرن تي ڪيتريون ئي مذهبي عمارتون تعمير ڪيون ويون. آسٽريا جي آرڪيالوجيڪل انسٽيٽيوٽ جي 1926ع جي کوٽائين دوران پي اَن (Pion) جبل جي مشرقي هيٺاهينءَ ۾ ستين صديءَ (ٿيوڊوسيئسII- جو دور ) جي تعمير ٿيل اصحابِ ڪهف متعلق عمارتون آڏو آيون آهن.“(46)


    ڇا اصحابِ ڪهفِ طرسوس (Tarsus) ۾ آهن؟

    اصحابِ ڪهف جي قيام جي ٻي جڳهه طرسوس (Tarsus) بيان ڪئي وڃي ٿي. هن شهر جي اتر اولهه ۾ اين ڪي لس (Encilus) يا بين ڪي لس (Bencilus) نالي جبل ۾. قرآن حڪيم ۾ بيان ڪيل تفصيل مان، هڪجهڙائي رکندڙ اصحابِ ڪهف جي هڪ غار موجود آهي.
    گهڻن مسلم محققن جي خيال مطابق اهو تصور درست آهي. معروف قرآن جي مشهور مفسر امام طبري رحمة الله اصحابِ ڪهف جي پهاڙيءَ جو نالو بين ڪي لس (Bencilus)بيان ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ الامم المملوڪ“ ۾ شهر جو نالو طرسوس لکيو آهي(47). جڏهن ته هڪ ٻيو مفسر محمد امين پهاڙيءَ جي نالو پين ڪي لس (Pencilus)۽ شهر جو نالو طرسوس ئي لکيو آهي. اهو بلڪل ممڪن آهي ته پين ڪي لس (Pencilus) جو اُچار به بين اين ڪي لس ٿي ويو هجي. ان مطابق انهن لفظن ۾ فرق جو ڪارڻ اکر ”B“ جي مختلف ادائيگيءَ جو انداز يا وقت گذرڻ سان گڏو گڏ ”B“ اکر جو ختم ٿي وڃڻ آهي.(48)
    امام فخرالدين رازي رحمة الله ، جيڪو قرآن جو مشهور عالم آهي، لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ انهيءَ جڳهه کي ايفي سس (Ephesus) چيو وڃي ٿو، پر ان مان مراد طرسوس ئي آهي، ڇو ته اهو به طرسوس جو ئي ٻيو نالو آهي.(49)
    ان کانسواءِ قاضي بيضاويرحمة الله، امام نسفيرحمة الله، جلالين، التبيان، المالي (Elmali)، نصوحي بلمن (O. Nasuhi Bilmen) ۽ ٻين ڪيترين ئي محققن جي خيال مطابق اها جڳهه طرسوس ئي آهي. اهي سڀئي مفسرَ سورة ڪهف جي سترهين آيت ”تون کين غار ۾ ڏسين ها ته ائين لڳئي ها ته سج جڏهن اڀري ٿو ته سندن غار کان هٽي ساڄي پاسي لهي مڙي وڃي ٿو.“ جي وضاحت ۾ لکن ٿا ته انهيءَ غار جو منهن اتر طرف واقع آهي. (50)
    اصحابِ ڪهفِ جي قيام جي جڳهه سلطنت عثمانيه جي دور ۾ به تحقيق جو موضوع رهي. انهيءَ حوالي سان عثماني آرڪيوز جي کاتي ۽ وزارتِ عظميٰ ۾ خط و ڪتابت به ٿيندي رهي. طرسوس جي مقامي انتظاميه پاران عثماني وزارتِ خزانه کي خط لکيو ويو ته اصحابِ ڪهف جي غار ۾ سار سنڀال ڪرڻ جي پگهار جو انتظام ڪيو وڃي. جنهن جي جواب ۾ خزاني واري وزارت طرفان اهو لکيو ويو، ته انهن ماڻهن کي سرڪاري خزاني مان پگهار ڏيڻ کان اڳ انهيءِ معاملي جي تصديق ضروري آهي، ته ڇا سچ پچ اها اصحاب ڪهف جي غار آهي. انهيءَ بابت ٿيندڙ تحقيق اصحابِ ڪهف جي مقام جي تعين ڪرڻ ۾ ڪافي معاون ۽ مدد گار ثابت ٿي سگهي ٿي.
    نيشنل ڪائونسل جي طرفان ڪيل تحقيق ۾ لکيو ويو، ته طرسوس جي اتر ۾، صوبي ادانه ۾، طرسوس کان ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي هڪ پهاڙيءَ تي هڪڙي غار آهي، جنهن جو منهن قرآن حڪيم جي تفصيل جي مطابق اتر ڏانهن ئي واقع آهي.(51)
    اهو سوال ته اصحاب ڪهف ڪير هئا؟ سندن زمانو ۽ علائقو ڪهڙو هو؟ هر دور ۾ محققن جو موضوع رهيو آهي ۽ ان بابت وقت بوقت چڱي خاصي ڄاڻ به آڏو ايندي رهي ٿي. تنهن هوندي به هٿ آيل يا مليل ڄاڻ منجهان، ڪنهن کي به يقيني چئي نٿو سگهجي ۽ اصحاب ڪهف جنهن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ آيو آهي، جي زماني ۽ علائقي بابت ڪو تعين، هاڻي تائين ڪنهن پڪي ثبوت ۽ تاريخي شاهديءَ جو گهرجائو آهي.






    1- مٿي ڄاڻايل بحث ليکڪ جو پنهنجو خيال آهي. هاڻوڪن عالمن جو غالب رجحان عثمان (اردن) جي قريب واقع غار طرف آهي. حوالو جهان ديده (مولانا محمد تقي عثماني) نوٽ از: سعود عثماني


    حاصل ڪلام

    اَوَ لَمۡ یَسِیۡرُوۡا فِی الۡاَرۡضِ فَیَنۡظُرُوۡا کَیۡفَ کَانَ عَاقِبَۃُ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِہِمۡ ؕ کَانُوۡۤا اَشَدَّ مِنۡہُمۡ قُوَّۃً وَّ اَثَارُوا الۡاَرۡضَ وَ عَمَرُوۡہَاۤ اَکۡثَرَ مِمَّا عَمَرُوۡہَا وَ جَآءَتۡہُمۡ رُسُلُہُمۡ بِالۡبَیِّنٰتِ ؕ فَمَا کَانَ اللّٰہُ لِیَظۡلِمَہُمۡ وَلٰکِنۡ کَانُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ یَظۡلِمُوۡنَ (سورة الروم: 9)
    ”(غور ۽فڪر جي طاقت ڪانه اٿن ته ڪم از ڪم تاريخي واقعا هن ئي دنيا ۾ ڪامراني ۽ ناڪاميءَ جا ڏسن) ڇا هي ماڻهو ڌرتيءَ تي سير سفر ڪونه ٿا ڪن؟ ۽ (سير سفر ڪندي) نٿا ڏسن ته جيڪي (بدڪارنا فرمان) ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن، تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي؟ اهي ماڻهو هئا به هنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ. هنن زمين کي کيڙيو ۽ آباد ڪيو ۽ جيتري قدر هنن ماڻهن ملڪ کي آباد ڪيو آهي، تنهن کان گهڻو وڌيڪ هُنن آباد ڪيو هو (۽ آدمشماري گهڻي وڌائي هئي) ۽ انهن ڏي به رسول چٽين نشانين سان آيا هئا (مگر هنن مٿن ويساهه نه ڪيو ۽ نافرماني ۽ ظلمن ۾ وڌندا ويا. تنهن ڪري خدا کين تباهه ڪري ڇڏيو. (ڏسو!) خدا اهڙو ناهي جو هنن سان بي انصافي ڪري، پر هنن پاڻ تي ظلم ڪيو (جو بد عمل ڪري پاڻ تي تباهي آندائون).“
    اهي سڀئي قومون جن جو اسان ذڪر ڪيو، الله پاڪ جي حڪمن کان منهن موڙڻ، سرڪشي ۽ شرڪ جهڙين برائين ۾ هڪ جهڙيون هيون. اهي ڌرتيءَ تي فساد برپا ڪندڙ، ظلم ۽ ڏاڍ سان ٻين جو مال ملڪيت ڦٻائيندڙ ۽ جنسي گناهه ڪندڙ باغي ماڻهو هئا. انهن سڀني ۾ ٻي هڪجهڙي ڳالهه سندن اوسي پاسي يا ڀرپاسي ۾ رهندڙ ايمان وارن سان دشمني ڪرڻ ۽ انهن کي هر طرح سان آزار پهچائڻ هيو. قرآني تعليمات جو مقصد رڳو تاريخ جو درس ڏيڻ هرگز ناهي، بلڪه نبين سڳورن جي تذڪرن کي، قرآن مجيد مثال جي طور بيان ڪري ٿو. اهي قومون جيڪي اڳ ۾ تباهه ڪيون ويون، اهي ايندڙ قومن لاءِ عبرت جو سبق آهن ته جيئن اهي حق جي واٽ تي رهن:
    اَفَلَمۡ یَہۡدِ لَہُمۡ کَمۡ اَہۡلَکۡنَا قَبۡلَہُمۡ مِّنَ الۡقُرُوۡنِ یَمۡشُوۡنَ فِیۡ مَسٰکِنِہِمۡ ؕ اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّاُولِی النُّہٰی (سورة طٰھ : 128)
    ”ڇا هنن ماڻهن کي هن ڳالهه مان به هدايت (۽ نصيحت) نٿي ملي ته کانئن اڳي آيل قومن جا ڪيترائي دورگذري چڪا آهن جن کي اسان (گناهن جي بدلي ۾) تباهه ڪري ڇڏيو. هي ماڻهو انهن جي (ڊٺل) شهرن ۽ آبادين ۾ گهمن ڦرن ٿا (انهن جا کنڊر هنن جي اکين اڳيان آهن، ته به افسوس! جو عبرت نٿا وٺن) جيڪي ماڻهو سمجهه وارا آهن تن جي لاءِ هن ئي ڳالهه ۾ (نصيحت ۽ عبرت جون) گهڻيون ئي نشانيون آهن.“
    جيڪڏهن اسان انهن واقعن کي بطورِ مثال ۽ عبرت لاءِ پنهنجي آڏو رکون ته مجموعي طور اسان جا حال به گناهه ڪرڻ ۽ الله پاڪ جي حڪمن کان پري رهڻ ۾، تباهه ٿيندڙ قومن کان ڪي گهڻو بهتر ناهن. مثال طور: اڄ اسان جي سماج ۾ موجود لواطت ۽ هم جنس پرستيءَ جو شڪار اڪثر ماڻهو، اسان کي حضرت لوط عليه السلام جي قوم جي يادگيري ڏيارين ٿا. هم جنس پرست، معاشري جي اهم ۽ نمايان ماڻهن سان جنسي محفلن ۾ شرڪت ڪري، انهن سڀني بدڪارين ۽ بڇرائين جو مظاهرو ڪن ٿا، جيڪي سدوم ۽ گموراه. ۾ ڪيون ويندويون هيون. خصوصًا دنيا جي وڏن شهرن ۾ ڪجهه اهڙا گروه به آهن جيڪي انهن سرگرمين ۾ پومپي شهر جي رهواسين کان به گوءِ کڻي ويا آهن.
    سڀني اڳوڻين قومن کي قدرتي آفتن جهڙوڪ: زلزلن، طوفان ۽ ٻوڏ وغيره جي ذريعي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جديد دور جا اهي معاشرا جيڪي انهن قومن وانگر گمراهيءَ جو شڪار ٿي چڪا آهن. اهڙيءَ طرح ئي عذاب ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿا.
    اسان کي اها ڳالهه ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته الله پاڪ جڏهن گهري ۽ جنهن کي گهري عذاب ڏيئي سگهي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ان کي دنيا ۾ عذاب نه ڏئي بلڪه آخرت ۾ عذاب ڏئي، قرآن حڪيم ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
    فَکُلًّا اَخَذۡنَا بِذَنۡۢبِہٖ ۚ فَمِنۡہُمۡ مَّنۡ اَرۡسَلۡنَا عَلَیۡہِ حَاصِبًا ۚ وَ مِنۡہُمۡ مَّنۡ اَخَذَتۡہُ الصَّیۡحَۃُ ۚ وَ مِنۡہُمۡ مَّنۡ خَسَفۡنَا بِہِ الۡاَرۡضَ ۚ وَ مِنۡہُمۡ مَّنۡ اَغۡرَقۡنَا ۚ وَ مَا کَانَ اللّٰہُ لِیَظۡلِمَہُمۡ وَلٰکِنۡ کَانُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ یَظۡلِمُوۡنَ (سورة العنڪبوت:.40)
    ”سو اسان انهن سڀني کي سندن گناهن (۽ ظلمن) سببان پڪڙ ڪئي. ڪن ڏي اسان سخت طوفان (پٿرن جي برسات سان) موڪليو، ڪن کي دهشت ناڪ آواز گهيري فنا ڪري ڇڏيو، ڪن کي اسان جي حڪم سان زمين ڳهي ويئي ۽ ڪن کي اسان ٻوڙي ماري ڇڏيو. ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ جو اهو وڙ نه هو (۽ نه آهي) ته هنن سان بي انصافي ڪري، حقيقت هيءَ آهي ته هنن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو آهي (۽ پاڻ کي پاڻ تباهه ڪيو، جيئن هاڻي زبردست قومون پاڻ کي پاڻ تباهه ڪري رهيون آهن.)“
    قرآن پاڪ ۾ فرعون جي خاندان جي هڪ (ايمان واري) فرد جو ذڪر موجود آهي، جنهن حضرت موسيٰ عليه السلام تي ايمان آندو هو، پر پنهنجي ايما ن کي ڳجهو رکيو هئائين هن پنهنجي قوم کي چيو:
    وَ قَالَ الَّذِیۡۤ اٰمَنَ یٰقَوۡمِ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ مِّثۡلَ یَوۡمِ الۡاَحۡزَابِ ﴿ۙ۳۰﴾ مِثۡلَ دَاۡبِ قَوۡمِ نُوۡحٍ وَّ عَادٍ وَّ ثَمُوۡدَ وَ الَّذِیۡنَ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ ؕ وَ مَا اللّٰہُ یُرِیۡدُ ظُلۡمًا لِّلۡعِبَادِ ﴿۳۱﴾ وَ یٰقَوۡمِ اِنِّیۡۤ اَخَافُ عَلَیۡکُمۡ یَوۡمَ التَّنَادِ ﴿ۙ۳۲﴾ یَوۡمَ تُوَلُّوۡنَ مُدۡبِرِیۡنَ ۚ مَا لَکُمۡ مِّنَ اللّٰہِ مِنۡ عَاصِمٍ ۚ وَ مَنۡ یُّضۡلِلِ اللّٰہُ فَمَا لَہٗ مِنۡ ہَادٍ ﴿۳۳﴾ (سورة المؤمن: 33­30)
    ”(تنهن تي انهيءَ مرد مؤمن ) جنهن (حضرت موسيٰ عليه السلام تي لڪ ڇپ ۾) ايمان آندو هو، چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! مون کي ڏاڍو خوف ٿو ٿئي ته متان توهان تي به اهڙو (تباهيءَ جو) ڏينهن اچي وڃي جهڙو (اڳوڻين) قومن تي اچي ويو هو.جهڙو حضرت نوح جي قوم تي، عاد ۽ ثمود جي قومن تي ۽ انهن کان بعد وارين قومن تي اچي ويو هو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن سان بي انصافي ڪرڻ هرگز نٿو چاهي (تباهي تڏهن ٿي اچي جڏهن ڪا قوم ظلم ۾ چوٽ چڙهي ٿي وڃي.) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهؤ! مون کي ڏاڍو خوف آهي ته متان توهان تي اهو (واويلا جو) ڏينهن اچي وڃي، جنهن ڏينهن هڪٻئي کي (مدد لاءِ) سڏيو ويندو (۽ روڄ راڙو مچي ويندو) جنهن ڏينهن توهان پٺي ڏيئي ڀڄندؤ (۽) اوهان کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪو به ڪو نه هوندو. ۽ (ياد رکو ته) جن کي الله (سندن ئي بد عملن جي ڪري) گمراه ڪري ٿو ڇڏي، تن جي لاءِ ٻيو ڪو به هادي يا واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي.“
    هر پيغمبر سڳوري پنهنجي قوم کي عذاب کان ڊيڄاريو، قيامت ۽ حشر جو ڏهاڙو ياد ڏياريو ۽ انهيءَ صاحبِ ايمان وانگر الله جي پڪڙ کان بچڻ جي تلقين ڪئي. نبين سڳورن جون حياتيون پنهنجي قوم تي، انهن حقيقتن کي واري واري پڌرو ڪرڻ ۾ گذري ويون پر اڪثر ماڻهن انهن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ ٿڏي ڇڏيو ۽ دنياوي عزت آبرو ۽ مال متاع جي حصول جو الزم مڙهيو. انهن نبين سڳورن جي دعوت ۽ سيرت تي غور ڪرڻ بدران، اهي پنهنجي طور طريقي تي هلندا رهيا. پر ڪجهه ته ان حد کي پهتا، جو هنن نبين سڳورن ۽ ايمان وارن کي قتل ڪري ڇڏيو. نبين سڳورن جي دعوت تي لبيڪ چوندڙ ڳاڻيٽي ۾ تمام ٿورڙا ئي ماڻهو هئا، پر جڏهن عذاب آيو ته الله تعاليٰ نبين سڳورن ۽ سندن پوئلڳ ايما ن وارن کي انهن کان نجات ڏياري، جيتوڻيڪ هزارين سال گذري چڪا آهن، ماڳن مڪانن، طور طريقن، تهذيبن ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ تبديليون آيو ن آهن ۽ ترقي ٿي ويئي آهي پر ڪفر وارن جو مٿي ڄاڻايل باطل سماجي نظام ساڳيو ئي آهي. اسان جي سماج جي ڪجهه حصن ۾ اهي سموريون خرابيون موجود آهن، جيڪي اڳين قومن ۾ هيون. ثمود وانگر تور ماپ ۾ جيڪي کوٽ ڪندا هئا، اسان جي معاشري ۾ ملاوٽ ۽ ماپ تور ۾ ڪمي عام آهي. هم جنس پرستي عام ٿي چڪي آهي. هم جنس پرست هر موقعي تي ان کي پنهنجو حق سمجهندي پنهنجو دفاع ڪن ٿا ۽ ڪنهن به لحاظ کان قوم لوط کان گهٽ ڪونهن. معاشري جا ڪيئي ماڻهو دنياوي نعمتن ۽ دولت جي موجودگيءَ جي باوجود، ناشڪرا ۽ باغياڻي طرزِ عمل ۾، سبا وارن ۽ عرم وارن کان به اڳتي وڌي ويا آهن ۽ اهل ايمان سان بدسلوڪيءَ ۾ قوم نوح ۽ سماجي انصاف جي لتاڙ ۾ قوم عاد جهڙا ٿي ويا آهن.
    اهي اهڃاڻ ۽ آثار نهايت ئي خوفناڪ ۽ خطرناڪ آهن.
    اسان کي ياد رکڻ گهرجي، ته سماج ڪيترين به تبديلين مان ڇو نه لنگهي وڃي ۽ ٽيڪنالاجي ڪيڏي به ترقي ڇو نه ڪري، اخلاقي زوال جي هوندي ان جي ڪا به اهميت ناهي، اهو سڀ ڪجهه اسان کي الله تعاليٰ جي عذاب کان نٿو بچائي سگهي. قرآن پاڪ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته:
    اَوَ لَمۡ یَسِیۡرُوۡا فِی الۡاَرۡضِ فَیَنۡظُرُوۡا کَیۡفَ کَانَ عَاقِبَۃُ الَّذِیۡنَ مِنۡ قَبۡلِہِمۡ ؕ کَانُوۡۤا اَشَدَّ مِنۡہُمۡ قُوَّۃً وَّ اَثَارُوا الۡاَرۡضَ وَ عَمَرُوۡہَاۤ اَکۡثَرَ مِمَّا عَمَرُوۡہَا وَ جَآءَتۡہُمۡ رُسُلُہُمۡ بِالۡبَیِّنٰتِ ؕ فَمَا کَانَ اللّٰہُ لِیَظۡلِمَہُمۡ وَلٰکِنۡ کَانُوۡۤا اَنۡفُسَہُمۡ یَظۡلِمُوۡنَ (سورة الروم: 9)
    ”غور (۽ فڪر جي طاقت ڪانه اٿن ته ڪم از ڪم تاريخي واقعا هن ئي دنيا ۾ ڪامراني ۽ ناڪاميءَ جا ڏسن) ڇا هي ماڻهو ڌرتيءَ تي سير سفر ڪونه ٿا ڪن؟ (سير سفر ڪندي) نٿا ڏسن ته جيڪي (بدڪار ۽ نافرمان )ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن، تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي؟ اهي ماڻهو هئا به هنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ. هنن زمين کي کيڙيو ۽ آباد ڪيو ۽ جيتري قدر هنن ماڻهن ملڪ کي آباد ڪيو آهي تنهن کي گهڻو وڌيڪ هنن آباد ڪيو هو (۽ آدم شماري گهڻي وڌائي هئي) ۽ انهن ڏي به رسول چٽين نشانين سان آيا هئا (مگر هنن مٿن ويساه نه ڪيو ۽ نافرماني ۽ ظلمن ۾ وڌندا ويا. تنهن ڪري خدا کين تباهه ڪري ڇڏيو.) ڏسو! خدا اهڙو ناهي جو هنن سان بي انصافي ڪري، پر هنن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو(جو بد عمل ڪري پاڻ تي تباهي آندائون).“
    سُبْحٰنَکَ لاَ عِلْمَ لَنآ اِلاَّ مَا عَلَّمْتَنَا اِنَّکَ اَنْتَ الْعَلِیْمُ الْحکِیْمُ۔
    ”سڀ پاڪايون ۽ وڏايون تنهنجي لاءِ آهن. اسان ته فقط ايترو ڄاڻون ٿا ته جيترو تو اسان کي سيکاريو آهي. تون ئي آهين جو علم ۽ حڪمت ۾ ڪامل آهين.“


    ڪتابيات، حاشيا ۽ حوالا

    1. Max Mallowan, Nuh's Flood Reconsidered, Iraq XXVI-2, 1964, p.66.
    2. Ibid.
    3. Muazzez Ilmiya Cig, Kuran, Incil ve Tevrat'in Sumer'deki Kokleri (The Roots of Qura'an, Old Testament and New Testament in Sumer), 2.b., Istanbul: Kaynak, 1996.
    4. Werner Keller, Und die Bibel Hat doch recht (The Bible as History; a Confirmation of the Book of Books), New York: William Morrow, 1964, pp. 24-29.
    5. Max Mallowan, Nuh's Flood Reconsidered, Iraq; XXVI-2, 1964, p.70.
    6. Werner Keller, Und dia Bibel hat doch rectt (The Bible as History; a confirmation of the Book of Books), New York: William Morrow, 1964, pp.23-32.
    7. "Kish", Britannica Micropaedia, Volume 6, p. 893.
    8. "Shuruppak", Britannica Micropaedia, volume 10, p. 772.
    9. Max Mallowan, Early Dynastic Period in Mesapotamia, Cambridge Ancient History 1-2, Cambridge; 1971, p.238.
    10. Joseph Campbell, Eastern Mythology, p. 129.
    11. Bilim ve Utopya, July 1996, 176. Footnotep.19.
    12. Everett C. Blake, Anna G. Edmonds, Biblical Sites in Trukey, Istanbul: Red-house Press, 1977, p.13.
    13. Werner Keller, Und die Bibel hat doch recit (The Bible as History; a Confirmation of the Book of Books), New York: William Morrow, 1964, p. 75-76..
    14. "Le Monde dela Bible", Archeologie et Histoire, Jul-Auggust 1993.
    15. Werner Keller, Und die Bibel hat doch recht (The Bible as History; a Confirmation of the Book of Books), New York: William Morrow, 1964, p.76.
    16. Ibid, pp.73-74.
    17. Ibid, pp. 75-76.
    18. G. Ernest Wright, "Bringing Old Testament Times of Life", National Geographic, Vol. 112, December 1957, p. 833.
    19. Thomas H. Maugh II, "Ubar, Fabled Lost City, Found By LA Team", The los Angeles Teimes, 5 February 1992.
    20. Kamal Salibi, A History of Arbia, Caravan Books, 1980.
    21. Bertram Thomas, Arabia Felix: Across the "Empty Quarter" of Arabia, New York: Schreiber’s Sons 1932, p.161.
    22. Charlene Crabb, "Frankinecense", Disocover, January 1993.
    23. Nigel Groom Frankincense and Myrrh, Longman, 1981, p. 81.
    24. Ibid., p. 72.
    25. Joachim Chwaszcza, Yemen, 4PA Press, 1992.
    26. Ibid.
    27. Brain Doe, Southern Arabia, Thames and Hudson, 1971, p.21.
    28. Ca M'Interesse, January 1993.
    29. "Hier", Islam Ansiklopedisi: Islam Alemi, Tarihi, Cografya, Etnografya ve Bibliyografya Lugati, (Encyclopedia of Islam: Islamic World, History, Geography, Ethnography and Biblliography Dictionary) Vol. 5/1, p. 275.
    30. Philip Hitti, A History of the Arabs, London: Macmillan, 1979, p.37.
    31. "Thamuds", Britannica Micropedia, Vol. 11, p. 672.
    32. Brain Doe, Southern Arabia, Thames and Hudson, 1971, pp.21-22.
    33. Ernst H.Gombrich, Gencler icin Kisa Bir Dunya Tarihi, (Translated into Trukish by Ahmet Mumcu from the German Original Script, Eine Kurze Weltgeschichte Fur Junge leser, Dumont Buchverlage, Koln, 1985), Istanbul: Inkilap Publishing House, 1997, p. 25.
    34. Ernst H. Gombrich, The Story of Art, London MCML, The Phaidon Press Ltd., p.42.
    35. Eli Barnavi, Historical Atlas of The Jewish people, London: Hutchinson, 1992, p.4; "Egypt", Encyclopedia Judaica, Vol. 6, p. 481 and "The Exodus and Wanderings in Sinai", Vol. 8.p. 575; Le Monde de la bible, No: 83, July-August 1983, p. 50; Le Monde de Bible, No: 102, January-February 1997, pp.29-32; Edward F. Wente, The oriental Institute News and Notes, No.144, Winter 1995; Jacques Legrand, Chronicle of The World, Paris: Longman Chronicle, SA International Publishing , 1989, p.68; David Ben Gurion, A Historical Atlas Of the Jewish People, New York: Windfall Book, 1974, p. 32.
    36. http://www2.plaguescape.com/a/plaguescape/
    37. "Red Sea", Encyclopedia, Judacia, volume, 14, pp. 14-15.
    38. David Ben-Gurion, The Jews in Their land, New York: A Windfall Book, 1974, pp. 32-33.
    39. "Seba" Islam Ansiklopedisi: Islam Alemi, Tarihi, Cografya, Etnografya ve Bibliyoggrafya Lugati, (Encyclopedia of Islam: Islamic World, History, Geography, Ethnography, and Bibliography Dictionary) Vol. 10, p. 268.
    40. Hommel, Explorations in Bibel lands, Philadelphia: 1903, p. 739.
    41. "Marib", Islam Ansiklopedisi: Isalm Alemi, Tarihi, Cografya, Etnografya ve Bibliyografya Lugati, Vol. 7,p. 323-339.
    42. Mawdudi, Tefhimul Kurran, Cilt4, Istanbul: Insan Yayinlari, p.517.
    43. Werner Keller, Und dia Bibel hat doch recht (The Bible as History; a Confirmation of the Book of Books), New York: William Morrow, 1956, p.207.
    44. New Traveller's Guide to Yemen, p.43.
    45. Musa Baran, Efes, pp.23-24.
    46. L. Massignon, Opera Minora, v.III, pp. 104-108
    47. At-Tabari, Tarikh-al Uman.
    48. Muhammed Emin.
    49. Fakhruddin ar-Razi.
    50. From the commentaries of Qadi al-Baidawi, an-Nasafi, al-Jalalayn and at-Tibyan, also Elmalili, Nasuhi Bilmen.
    51. Ahmet Akgunduz, Tarsus ve Tarihi ve Ashab-i-Kef. Ahmet Akgunduz,Tarsus ve tarihi ve Ashab-I kehf- (Ahmed and History and the Companions of the Cave).


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259594
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ