ڪتاب جو نالو: پڙاڏو سوئي سڏ
مصنف: سراج الحق ميمڻ
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1970
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 12 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1656 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 1114 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
’پڙاڏو سوئي سڏ‘ سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار ۽ تاريخي ناول آهي، جيڪو 1970ع ۾ شايع ٿيو. ناول جو تعارف لکندي محترم رسول بخش پليجو لکي ٿو ته: ”تازو سراج جو ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ شايع ٿيو آهي. اهو ناول سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو هڪڙو بيمثال شاهڪار آهي ۽ سنڌي قوم جو عظيم الشان قوميداستان آهي. اهڙو ناول فقط سراج جهڙو هر فن مولا، انقلابي وطن دوست سنڌي اديب ئي لکي سگهي ٿو، جيڪو ساڳئي وقت ڪهاڻي، شاعريءَ، ناٽڪ، ٻوليءَ جي علم ۽ تاريخي تحقيق جي علم جي ميدانن جو مهندار آهي.
نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ مير آفتاب احمد ٽالپر ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • مصنف طرفان ٻه لفظ
  • پيش لفظ
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 11
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17

  • مصنف طرفان ٻه لفظ

    سنڌ جي تاريخ هونئن ته هر مظلوم قوم جي تاريخ وانگر ظلم جي داستانن سان ڀري پيئي آهي، پر ان تاريخ ۾ ترخانن جو دور سنڌ جي ماضيءَ جو بد ترين دور آهي. جڏهن شاھه بيگ ارغون سنڌ تي قبضو ڄمايو تڏهن هن ايترا ظلم ڪيا، جو ڪنهن شاعر اُن وقت ان حملي جي تاريخ ”خرابيء سنڌ“ مان ڪڍي هئي. ترخانن ۾ مرزا باقيءَ جو دور سڀ کان اونداهو ۽ سڀ کان روشن دور آهي؛ سڀ کان اونداهو ان ڪري جو هن کان وڌيڪ ظالم ٻيو حاڪم نه ٿيو؛ ۽ سڀ کان روشن ان ڪري جو ان ظلم خلاف سنڌي قوم منظم ٿي بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سنڌ جي تاريـخن ۾ ان بغاوت جي يڪي ۽ سربستي ڪهاڻي لکيل ڪانهي، پر مختلف تاريـخن ۾، مختلف شاعرن جي شعرن ۾ ننڍا ننڍا واقعا بيان ٿيل آهن، جن ۾ مون کي هڪ عظيم سلسلو ٿو نظر اچي. انهن ئي واقعن جي هيءَ ڪهاڻي آهي.
    ”ترخان نامي“ جو مصنف لکي ٿو ته ”مردم ولايت سند. . . . هرگز شبي از ترس مرزا باقي بفراغت نرقته بود . . . . . “ يعني سنڌ جا ماڻهو مرزا باقيءَ جي دور ۾ هڪڙي رات به سک سان نه ستا.
    سنڌ جو مورخ، پير حسام الدين راشدي، مرزا باقيءَ تي لکندي چوي ٿو: ” . . . . هي اُهي مقتول ۽ شهيد آهن، جيڪي مورخن لاءِ قابل ذڪر هئا. ورنه مرزا باقيءَ جي حڪم تي اهڙا سوين خدا جا بيگناھه بندا بي دريغ قتل ڪيا ويا. ڪو ڏينهن خالي نه هو جڏهن قتل نه ٿيندو هو. اهو روز جو معمول ۽ مشغلو هو: ڪنهن جو نڪ، ڪنهن جو ڪنڌ، ڪنهن جو هٿ، ڪنهن جي ٻانهن هر روز ڪپرائيندو هو. هاٿيءَ جي پيرن هيٺان لتاڙائي مارائي ڇڏڻ به سندس دل گھريو شغل هو. جڏهن مرزا شاھه رخ مئو، ان وقت قلعي ۾ رهندڙ سڀني عورتن جا ٿڻ ڪپائي ۽ سندن سٿڻن ۾ جيئريون ٻليون وجھرايائين ـــــــــــ سٿڻن ۾ ٻلين وجھرائڻ جو پهاڪو ۽ دڙڪو انهيءَ منحوس ۽ غير انساني ڪاروائيءَ جو سنڌ اندر يادگار آهي. . . . “
    انهن ظلمن جي رد عمل طور سنڌين ڪيئي شورشون ڪيون، جن جو اهو هڪ مقصد هو، هڪ آدرش هو. ان آدرش کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ ئي مون ان کي ناول جي صورت ڏني آهي.
    گاهي گاهي بازخان اين قصهء پارينه را!

    ــــــــــ سراج
    ڪراچي. 3 اپريل 1970ع


    پيش لفظ

    ”سنَها ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسينگن جا،
    جَنين جي جھَڙپَ، هاٿي هنڌائين نه چُري!“
    ساڻيھه جي سڪ يا وطن سان پيار، هڪ مثبت جذبو آهي. منجھس ڪابه منفي ڳالھه نه آهي. نه ڪنهن سان نفرت آهي، نه ساڙ ، نه پٽڻ پائي، نه هلڪڙائي. رڳو پيار ئي پيار. قرباني، اڻٿڪ محنت، پاڻ وسارڻ، سڀڪجھه لُٽائڻ، ڏيڻ ئي ڏيڻ، نڇاور ڪرڻ، ڪجھه نه وٺڻ، منزل سان لڳاءُ ۽ انس، مٽيءَ سان لئون لڳائي مٽي ٿيڻ، نهٺائي، نماڻائي، نوڙت ۽ نياز. انساني اڀار جي چوٽ تي پهچي به پاڻ کي ڪا وَٿ نه سمجھڻ. اهي سڀ، ساڻيھه جي سڪ جي چشمي جون ڌارائون آهن، جي ٿڃ جيان، رت رڳن ۾ تحليل ٿي انسان کي سهڻو، سلوڻو، سورهيه ۽ سٻاجھو بڻايو ڇڏين.
    اڄ، جا هيءَ هاهوڙ مَتي آهي، سا نسورو ڪوڙ، رڳو دولاب ۽ دوکو آهي. علائقه ــــ واريت ڪا بڇڙي بلا ڪانهي. علائقو ته ڇا، ملڪ جي چپي چپي سان، گھٽيءَ گھٽيءَ سان، ڳوٺ ڳوٺ سان پيار آهي، مٿس ناز آهي. گھر سان پيار نه ڪبو ته پاڙي کي ڪيئن پڇبو. پاڙو نه سنواربو ته شهر ڪيئن سڌاربو. جنهن گھر وِساريو، سو ڪهڙي سورهيائي ڪندو. جنهن مِٽ وساريا سو ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندو. ڪهڙا اَڪ ڪارا ڪندو، ڪهڙي کيپ کٽندو. مرڳو پاڻ وڃائيندو، ڪردار وڃائيندو، سورهيائي ۽ سيج وڃائيندو. جيڪي ان مثبت جذبي کي لوئين ٿا، سي قومي ڪردار کي ٽوڙين ٿا، ملڪ جي جڙن کي کوٽين ٿا. دراصل هو پنهنجي اصليت وڃائي ويٺا آهن، اونداهيءَ ۾ ٿاڦوڙا ٿا هڻن، پنهنجون پاڙون پٽائي ويٺا آهن، هاڻ نه پاڙ ٿي کُپين نه مٽي ٿي جاءِ ڏئين، نه ڪو ڪردار ٿو اڀرين.
    سنڌ جي گود ۾ نوان آيل سنڌي به ماءُ جي هنج جي آسيس پيا وٺن. سندن نئين ٽهي، حُب ۽ ملير جي مٽيءَ مان روحاني تسڪين پيئي وٺي. سنڌوءَ جي پاڻي ۽ ڪوهستان جي ڪُڪري سان لڱن کي امائي پيئي؛ پنهنجو پگھر ۽ پسينو ڏئي پيئي. سندن وڏڙا ڪجھه گائون مائون، گاڏڙ جذبن سان، خاموش تماشائي ٿيو ڪجھه وٿين مان ويندو پيا محسوس ڪن. انهن به ساڻيھه ڪونه وساريو آهي. پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي قوميت کي قائم رکڻ لاءِ هزار جتن ڪندا اچن. مٿن سلام هجي. هيڏين مشڪلاتن هوندي، صرف ٻوليءَ جي سهاري مختلف قوميتن کي ”مهاجر“ لڙيءَ ۾ پوئي جيئڻ لاءِ وس ڪندا اچن. ٻوليءَ سان ۽ پنهنجي علائقي سان، ايڏيون جيءَ ـــ جڙيو اٿن جو اوڀر پنجاب جي املھه ماڻڪن کي، جي هم مذهب به آهن ته هجرت جو شرف به حاصل اٿن، ان مخصوص مهاجر لڙيءَ کان ٻاهر ئي رکيو اچن. ٻوليءَ ۽ مهاجريت کي ڪوسو واءُ به لڳڻ نٿا ڏين. شال اهي کين نيبھه هجن. ڀلي هن مٽيءَ ۾ گل ڦولارجن ۽ هڳاءُ پيدا ڪن.
    مَن ۾ ٻيائي ته بهانا لک.گھه ڪبو ته واٽ ڪيئن ڏسبي؟ اک ٻوٽبي ته سوجھرو ڪٿان نظر ايندو؟ مذهب ته کوپا لاهيو ڇڏي، پر جي هروڀرو کوپو چاڙهبو، ته ٻيا پاسا ڪيئن ڏسبا. مذهب ۽ ساڻيھه جو ته ٽڪر ئي ڪونهي. پاڻ وطن جو پيار نصف ايمان آهي. وطن جو پيار ناهي ته ايمان کان وانجھي. پوءِ ”حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو!“ وطن سان پيار ڪندي به ماڻهو مسلمان رهي سگھي ٿو. مسلمان رهندي به وطن سان پيار ڪري سگھي ٿو. پنجابي پڪو مسلمان آهي، ۽ خوبين جي کاڻ آهي، ۽ مسلمان هوندي به پنجابي آهي. پاڪستاني پڪو مسلمان آهي ۽ مسلمان هوندي به پاڪستاني. دراصل وطن سان پيار هن جو امتياز آهي؛ ان ۾ ايڏو سرشار آهي جو افغاني مسلمان سان به ملڪ خاطر ٽڪر کائيندي دير نه ڪندو.
    وطن جي حُب ايڏو اهم جذبو آهي جو ان کان سواءِ ماڻهو اصليت وڃايو ويهي، کوکلو ٿيو پوي؛ خود مطلب، ڪميڻو ۽ ابن الوقت ٿيو پوي. اسفل سافلين جي مڪروه ۽ گندي گج ۾ گندهاڻو ٿيو پوي. انساني عظمت جي چوٽ تي پهچڻ لاءِ، حب الوطنيءَ جي ڏاڪڻ جو ڏاڪو سندس ڪردار کي اجاريندو ۽ سندس اخلاق کي جرڪائيندو وڃي. ان جذبي کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ وڏيءَ جاکوڙ ۽ جتن جي ضرورت آهي. پنهنجي عظمت جي نشانن کي ڳولي هٿ ڪرڻو آهي. تاريخ جي ورقن تان دز لاهي، پنهنجي ڪشمڪش جي ڪارنامن کي چمڪائڻ ۽ وڏي واڪي ڳائڻو آهي. اسان جي هن سرزمين جي وک وک تي تاريخ وکري پيئي آهي. سندس مٽيءَ جي ذري ذري تي اسان جي وڏڙن جون رت ــ ڦونگارون، موتيءَ ـــــ داڻن جيان ڇٽڪاريل آهن. ڳوٺ ڳوٺ، ديھه ديھه، تپي تپي ۾ تاريخ پنهان آهي. گھر گھر، بستيءَ بستيءَ پنهنجا ڪونڌر ڪُهايا آهن. هزارن سالن کان هنن عظيم جدوجهد ڪئي آهي. سوين سوڍا، لکين دودا، ڪئين مائرون، ڪئين ڀينرون بازارن ۾ نيلام ٿي، ڪسجي امر ٿي ويا. اچو ته انهن دودن جي نشاندهي ڪريون ۽ انهن زمين جي ٽڪرن جي ”مٽي ماٿي لايون.“ جت سندن خون جذب ٿي ويو. اُن مٽي جو مان آهي. اها تاريخ، اهو فخر، اهو ناز اسان کي دڳ لائيندو، حب الوطنيءَ کي جرڪائيندو، ڪردار کي اڀاريندو، مردار ٿيڻ کان بچائيندو: تاريخ ويئي ته جذبو ويو، ڪردار ويو، موت آيو.
    حب الوطنيءَ جو ۽ تاريخ جو مذهب سان ڪو ٽڪر نه آهي. عرب، اسلام کان اڳ واري دور جي شاعرن ۽ سورهين تي اڄ به فخر ڪن ٿا. اسين ته حاتم طائيءَ ۽ نوشيروان جا ڳڻ ڳائيندا اچون، جيتوڻيڪ هو مسلمان نه هئا. رستم، سهراب ۽ سڪندر جا نالا پاڻ تي رکندا اچون جيتوڻيڪ هو غير مسلم هئا. ڇا ٿي پيو جي پنهنجي سنڌ ديس جي سورهين جا اسين گيت ڳايون: انهن سورهين جا، جن موهن جي دڙي جي تهذيب جو پايو وڌو، جن ٽيڪسيلا ۽ گنڌارا جي آبياري ڪئي، جن رني ڪوٽ جو قلعو اڏيو ۽ ديبل، اروڙ ۽ برهمڻ آباد جو بنياد رکيو. جن جي تهذيب ۽ تعمير تي سارو پاڪستان ته ڇا، سڄي دنيا فخر پيئي ڪري. جنهن لاءِ شاھه ايران جي درٻاري شاعر چيو ته ”ساقي مون کي شراب، موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ٺهيل پيالي ۾ ڏي، ڪاش اها مٽي منهنجن وڏن جي هجي!“ ٽوينيي، موجوده دنيا جي عظيم تاريخ نويس چيو ”مان دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ تهذيب جي تلاش ۾ ويس. موهن جو دڙو، منهنجي حقير تلاش جي بلند ترين چوٽي آهي!“ ان چوٽيءَ تي پهچندڙ نه هندو هئا نه مسلم، سنڌي هئا، محض سنڌي!
    ”چچنامي“ جي مترجم، علي ڪوفي، ڪئين ڳالهيون لغو ٺاهي، تاريخ کي مسخ ڪري ڇڏيو. سڀ ڄاڻو اها ڳالھه ڄاڻن ٿا ته هو ڪم علم ۽ ڪم ظرف هو، جنهن عشق جي چاشني ملائڻ خاطر تاريخ لکڻ جي مقدس امانت ۾ خيانت ڪئي. ڏاهر جي ڌيئرن کي بدنام ڪرڻ خاطر ۽ سندن لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ لاءِ محمد بن قاسم جي موت جھڙي اهم واقعي کي ڪوڙو ۽ افسانوي رنگ ڏنو. اهو تاريخدانن جو ڪم آهي ته حقيقت کي پرکين ته ڪهڙيون ڳالهيون مَن گھڙت ۽ محض الزام آهن ــــــــــ مثلن چچ ۽ ڏاهر جون شاديون. پر سندن عظيم سلطنتون، سندن نظامِ حڪومت، سندن دور جي خوشحالي، سون ۽ چانديءَ جا ذخيرا، علم ۽ ادب جا اِدارا، فن جو فروغ، وڻج واپار، فوج جو نظام، بهادري ۽ دليري، سندن فتوحات ۽ هار جا اسباب، سڀ ٺوس تاريخي حقيقتون آهن. جيڪڏهن اهي فخر جي درجي تائين اعلى آهن ته ڪو اهم نه آهي جي انهن تي فخر ڪيو وڃي، جيئن موهن جي دڙي واريءَ تهذيب تي هر پاڪستانيءَ کي فخر آهي ۽ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري به انهن عظمت جي نشانن کي محفوظ رکڻ لاءِ جتن ڪيا پيا وڃن. تاريخ قومي امانت آهي. ڪفر ۽ اسلام جو معرڪو نه آهي جو ڪفر جون فتوائون ڪڍي لعنت ۽ ملامت سان قومي جذبي جي تذليل ڪئي وڃي ۽ نوجوان نسل جا هنيانءَ کاڌا وڃن. عجب آهي، فردوسيءَ دهل جي ڏونڪي تي دل آزرده ٿي عرب فاتحن کي ڳوهون کائيندڙ چيو، ۽ آسمان کي نهايت سخت لفظن ۾ ميار ڏيئي ” تفو برتفو“ چيائين ته ڪنهن پاڪستاني مسلمان کي غيرت نه آئي، نه ڪنهن کيس ڪافر چيو، نه ڪنهن شاهنامو ساڙيو. هي ترخاني انصاف جو طريقو اسان جي قومي ڪردار کي نهوڙي نيندو. ضروري آهي ته جنهن مهلڪ مرض جو خطرو آهي تنهن جي نشاندهي ڪجي. ذهني بد ديانتي ۽ ضمير کي دٻائڻ جا جراثيم اسان جي قومي ڪردار کي ڪوڙهيو ۽ مفلوج ڪري رهيا آهن. ڪو هڪ به اهڙو عالم نه آهي جو سچ چوڻ جي همت ساري سگھي. اردوءَ جو ڪو هڪ ـــ اَڌ شاعر به مام ۾ ڳالهائڻ لاءِ مجبور آهي. ٻيو ته ٺهيو، رڳو مرحوم لياقت علي خان جي ملڪي نيتيءَ متعلق ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ به ڪفر جي مطابق سمجھيو پيو وڃي؛ حالانڪ محترمه فاطمه جناح کي لياقت علي خان جي پاليسين سان شديد اختلاف هو. مرحومه ته پنهنجي ڀاءُ متعلق به چوندي هئي ته کانئس ڪي غلطيون سرزد ٿيون آهن. ڪيڏي عظيم، باضمير ۽ ديانتدار رهنما هئي. عزت ۽ احترام پنهنجيءَ جاءِ تي آهن ۽ تاريخي حقيقتون پنهنجي جاءِ تي. جنهن قوم تاريخي حقائق کي اوندھه ۾ رکيو، غلطين جو ڍڪ ڪيو ۽ اکيون ٻوٽي دهرايو، ان جو الله واهي؛ جنهن سبق نه سکيو، تنهن پنهنجي پير تي ڪهاڙو وهايو.
    تاريخ ۽ ادب کي مذهبي طوطو بڻائي، پڃري ۾ ٻولڙيو ڪري رکي نٿو سگھجي. تاريخ ۽ ادب جي وسعت لامحدود آهي. تاريخ هندو، مسلم، ڪرستان يا پارسي نٿي ٿي سگھي، نه ادب. شيڪسپيئر عظيم آهي، ڀلي هو ڪرستان هجي. گورڪي عظيم آهي، ڀلي هو ڪميونسٽ هجي. غالب ۽ شاھه عظيم آهن، ڀلي هو مسلمان هجن. ڪاليداس ۽ ٽئگور عظيم آهن، ڀلي هو هندو هجن. تيمور ۽ نادر سفاڪ هئا، ظالم هئا. ڀلي هو مسلمان چوائين. حجاج بن يوسف، ظالم ۽ ڪفر جي جيئري تصوير هو، جنهن هڪ هٿ ۾ ترار ۽ ٻئي هٿ ۾ قرآن حڪيم جو نسخو کڻي مسلمانن کي مخاطب ٿي چيو هو ته : ”جو مون کي هن ڪتاب جي ۽ رسول جي ياد ڏياريندو، تنهن جو سِر هن ترار سان وڍيندس!“ ٻئي هنڌ چيائين ته ”مسلمانو، توهان جا مٿا مون کي ائين ٿا لڳن ڄڻ سنگ هجن، ڀانيان ته هن ترار سان لُڻي ڇڏيان!“ پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته حجاج کي مسلمانن ۽ اسلام لاءِ ڪهڙي ۽ ڪيتري عزت ۽ احترام هو. هي اهو شخص هو جنهن سنڌ تي ڪاھه جو حڪم ڏنو. ڇا سندس يلغار مسلمانن ۽ اسلام جي عظمت خاطر هوندي؟
    سنڌ جي تاريخ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جو دور، اونداهو بربريت جو دور هو، حالانڪ هو مسلمان هئا. هنن به اسلام جو حربو استعمال ڪيو هو. جڏهن سنڌ تي سنڌ جي ماڻهن جي حڪومت هئي تڏهن ارغونن طرفان پهريائين مذهبي عالم، تبليغ خاطر روانا ڪيا ويا، جن اهو نعرو ڏنو ته مسلمان سڀ ڀائر آهن؛ ڪوبه قنڌاري ۽ سنڌي نه آهي؛ جغرافيائي حدود، ملتِ اسلاميه لاءِ هاڃيڪار آهن. ٺٽي ۾ تبليغ ڪري، ڏڦيڙ وجھي، ٻيڙا ڀرائي، اتر طرف ساڳئي مقصد لاءِ روانا ٿيا. تنهن وقت به ڪلجڳ جا ڪاپڙي پيا هئا. خدا ڀلو ڪري سَن جي محترم جي. ايم. سيد (جنهن کي جابلو ماڻهو ”جيئيم“ سائين ڪري چون ٿا) جي جدِ امجد، سائين حيدر شاھه جو، جنهن ارغون عالمن جا ٻيڙا ساڙائي، فتني کي ٻنجو ڏنو. بهرحال نفاق جو ٻج ڇٽجي چڪو هو. سمن شڪست کاڌي، ۽ ارغون ڪڙڪي پيا. دولھه دريا خان (جنهن هڪ ڀيرو اڳ کين اهڙي شڪست ڏني هئي، جو تاريخ ۾ اڃا پئي ڳائجي) سنڌين کي منظم ڪندي، وڙهندي ماريندي شهيد ٿي ويو. سندس پُٽن تحريڪ اڳتي وڌائي، ۽ سر ڏيئي سرها ٿيا. سنڌ جو چپو چپو اٿي کڙو ٿيو. هن ڪشمڪش جي دور ۾ سنڌ هڪ عظيم ۽ لاثاني سورهيه سپوت پيدا ڪيو، جيڪو گهاڻي ۾ پيڙجي، پيسجي قيمو ٿي ويو پر حب الوطنيءَ جو جذبو پوين پساهن تائين بلند رکندو آيو. اڄ به سندس مزار تي هر جمعي تي هزارين سنڌي حاضري ڀرين ٿا. هي سچو سورهيه، مخدوم بلاول جي نالي سان، ڦلجي اسٽيشن جي ويجھو (ضلعي دادو ۾) مدفون آهي. کيس ”سنڌ سان محبت“ جي پاداش ۾، گھاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو ويو. هو مذهبي رهنما هو، ۽ سنڌ جي نالي ۾ بغاوت جو علم بلند ڪيائين. پڪو مسلمان هوندي، نواب شاھه جي هندن کي خط لکي مدد گھريائين ته ”هي سنڌ جو سوال آهي جنهن سان مذهب جو واسطو ناهي.“ ارغونن سان ٽڪر کاڌائين، ۽ گرفتار ٿيو. کيس مارڻ ارغونن جي لاءِ اهڙو ئي مسئلو هو، جھڙو سندس جيئڻ. کيس معافي گھرڻ جي آڇ ڪئي ويئي. جا هن مرد مجاهد ريٽي، موت کي جيئڻ تي ترجيع ڏني، جيئن، آڳ دکندي، ڌاڳندي رهي، ارغونن جي لاءِ هي وڏو مسئلو هو، جو وري به مذهب جي آڙ ۾ حل ٿي ويو. قرآن شريف جا ورق جتيءَ جي تري ۾ سبرائي، جتي کيس سوکڙي طور ڏني ويئي. بعد ۾ کيس گرفتار ڪرائي، جتي کولرائي، فتوى ورتي ويئي. قرآن جي بي حُرمتي جي جرم ۾ کيس جيئرو پيڙايو ويو! عبرت جو مقام آهي. بي حُرمتي ڪنهن ڪئي ، ۽ پيڙايو ڪنهن کي ويو؟ مذهب ڪنهن جي ڍال بڻيو؟ هيڏا هاڃا ٿين، ڀينر هن ڀنڀور ۾ !
    طاغوتي طاقت جي نشي ۾، تاريخ جي هر دور ۾، ڪئين مڇ مچي، مواڙ ٿي، ٿونا هڻندا آيا آهن. پنهنجي چوڌاري مذهب ۽ ڪوڙي تقدس جو ڍونگ رچائي، ڪارا قانون جوڙي، زبانون وڍائي، ذهني گھُٽ پيدا ڪري، ڀائيندا آهن ته سندن جوڙيل آڇ سدائين قائم رهندي، جنهن ۾ تڙڳندا رهندا، ۽ جاوا ڪندا. پوءِ پيا دُون هڻندا، ڊهون هڻندا، ۽ ٿلها ٿي ٿونا هڻندا. نٿا ڄاڻن ته اُن پاڻيءَ جا ڏينهن ئي اچي بيٺا آهن. اهڙو ڪو ڦرڪو ڦرندو، جو اها اڇ ئي ڪانه هوندي. اهو ٽڪساٽ ئي ڪونه هوندو. ڏتڙيل، ڏکيا، ڏهيرا، سنها، سڪڙا، سَپ، ائين اُڏامندا، جو هڪ ئي جھڙپ سان، هاٿي ۽ مڇ، هندان ئي ڪونه چُرندا. البت، رڇ رڱڻا پوندا. مڇ ۽ ڇڇ ڇڏڻا پوندا. وِک وڌائڻي پوندي. اوڙاھه اڃان اڳڀرو، اڃان اڳڀرو، ڪُن، ڪڙڪاٽ، ڇوليون، ڇوها .......... تيزي، تندي، تياري، تنظيم، جھڙپ.
    سراج انهن سڀني مسئلن کي، ننڍي ناول دوران سلجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس سمجھو ۽ دور رس نگاھه ماضي، حال، مستقبل کي ھڪ جاءِ ڪري، تاريخي پس منظر ۾، حقائق کي بي نقاب ڪيو آهي. سندس تڙپندڙ دل، ماضي جون رت اڏيون، حال جون ڪاوشون، ۽ ناماڻائي سان، دوائون ۽ دعائون جھليو بيٺي آهي. سندس قلم ۾ قرب آهي، مشورو آهي، ۽ انتباھه. سندس اٿاھه قرب اُٿل کائي، مصلحتن جا پنا اورانگھي، لوڪ لڄا لاهي، پاڻ ٻوهي ۾ ڏيئي، سچ ـــ ڪڻا پلئه پائي، سئن پيو ڏئي. اُها سئن، جا تاريخ جي هر دور ۾، سورهيه وَر وَر ڪري ورجائي آهي؛ تنظيم، تربيت، مسلسل جدوجھد، سچائي ۽ اخلاص سان گڏوگڏ، مرڪزيت، صحيح فيصلا، حڪم جي پابندي ۽ پاڻ تي ضابطو، ورنه، سنگھار جي انفراديت، جذباتيت ۽ هوڙهيائي، باوجود دليريءَ ۽ سچائيءَ جي، نور وڃائيندي؛ ۽ دادن جي سياست زنجيرن ۾ جڪڙائيندي. هت، صرف سوڍا کپن، جي پاڻ وڃائي، راڄن جا ويڇا ميساري، غريبن ۽ مسڪينن کي هڪ لڙي ۾ پوئي، شيهي جي ديوار بنائي ڇڏين. مسلمان ، هندو، پارسي، عيسائي، هڪ لڙيءَ ۾ پوئڪي، ٻيو سڀڪجھه ڀُلائي، هڪ قوم ٿي وڃن. قائداعظم جي لفظن ۾، ”جت هندو هندو نه رهندا، ۽ مسلمان مسلمان نه رهندا. ........... ‎“ بس هڪ قوم رهندي، جنهن جو هر فرد ”سوڍو“ هوندو. ..... ڀل ته هڪ سوڍو سوريءَ چڙهي وڃي، سوين ۽ لکين سوڍا سندس جاءِ ڀريندا.
    سراج سان منهنجي پهرين ملاقات، سن 1956ع ۾ ٿي، جڏهن هو سنڌي ادبي بورڊ ۾ هو. ھيرو جوان، کليل پيشاني، گھريون گنڀيرتا ڀريل اکيون، چمڪندڙ چهرو، سادگيءَ واري مرڪ، ننڍڙو ديوتا ٿي چمڪڻ لڳو. منجھائنس ڄاڻ ۽ سمجھه جون جھلڪيون ٿي آيون، جي پيار، مقصد سان لڳاءُ ۽ مسلسل محنت سان ، ڪرڻا ۽ شال سنگھار بڻجي ويون. شال سندس زورِ قلم وڌندو رهي. شال سنگھار ۽ دادن جا جذبا اُسرندا رهن. شال سوڍا، ڪميتن تي چڙهي، جھر جھنگ ڇانئبا وڃن. شال سندن رت ڦونگارون، هن پاڪ ڌرتي تي پئي، لعل ۽ ياقوت اُڳائين. ننڍ وڏائيءَ کي مليا ميٽ ڪري، قوتِ عوام جو نظام قائم ڪن. هن ملڪ جو جھنڊو اوچو رکن، ملڪان ملڪ سندس ڏونڪو وڄائن ۽ کيس ترقيءَ ۽ ڪمال جي بلند ترين چوٽين تائين پهچائين.

    ڪراچي
    10 اپريل 1970ع

    ـــــــــ جمال ابڙو


    1

    سوڍل ڌنوڻ مان هٿ ڪڍي، پنهنجي نرڙ تان پگھر اُگھي، چوني باھه مان ڪڍي سنداڻ تي رکندي، جيوڻ ڏانهن ڏٺو. چونيءَ جي ڳاڙهي ڳاڙهي آڳ مان سنهيون سنهيون چڻنگون اُڏامي، گھڙي لاءِ چمڪي وري وسامڻ ٿي لڳيون. جيوڻ، سوڍل جي اکين ڏانهن ڏسي، ائين ڀانيو ڄڻ هن جي اکين ۾ انهن چڻنگن کان به ڪو وڏو مچ مچي رهيو هو. هو اِنهيءَ مچ کان ڊڄي ويو، ۽ هن تڪڙو تڪڙو، هٿن جي ڪُٻَ ۾ ٿَڪَ ڇنڊيندي، مترڪي ۾ هٿ وڌو. مترڪو مٿي کڻي، هونگار ڪري، چونيءَ تي ڌڪ هنيائين، تڏهن هن کي پڪ ٿي ته لوھه اڃا پورو نرم نه ٿيو هو، يا هن جي پنهنجي دير جي ڪري هڪدم ٺرندو ٿي ويو. مترڪي جي ڌڪ سان چونيءَ جي ڦار وڌيڪ ڦهلجي ويئي، پر سندس چهنب ڪجھه آڏي ٿي ويئي. هن مترڪي جا ٻه ٽي ڌڪ هنيا ته سوڍل بس ڪرڻ جو اشارو ڪيس. هن مترڪو کڻي پاسي تي رکيو، ۽ ساهي کڻڻ لاءِ ڪاٺ جي صندليءَ تي ويهي رهيو. سوڍل چوني کڻي پاڻيءَ جي پاٽ ۾ وڌي؛ شوشڙاٽ ڪري لوھه جي دل ٿڌي ٿي ويئي. پر جيوڻ کي پڪ هئي ته سوڍل جي دل تي اڃا ڇنڊو نه پيو هو. هن جي گول گول نيرين ڀورين اکين ۾ اهوئي مچ ٻرندو رهيو. جڏهن سوڍل ڪاوڙيل رهندو هو، تڏهن ڳالهائيندو بنھه ڪونه هو: فقط ڏند ڪرٽيندو رهندو هو ڄڻ ڪنهن کي ڪچو کائڻ ٿي گهريائين. سوڍل هونئن ئي گھٽ ڳالهائيندو هو؛ جيوڻ کي ساڻس ڳالهائڻ لاءِ وجھه ڳولڻو پوندو هو ته جئين اجايو ڳالهائڻ تي ڇڙٻ نه ڏئي ڪڍي. البت اڄ هن کي سمجھه ۾ نه پئي آيو ته اڄ هن کي ڪنهن تي ڪاوڙ هئي. هو اڃا انهيءَ سوچ ۾ هو ته پريان هن حاجي بابا کي ايندو ڏٺو. حاجي بابا هڪ ٿلهي تسبيح جا داڻا سوريندو، هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو، ڀانڊي اندر گھڙي آيو. سوڍل جي اکين جو مچ وڌيڪ جرڪڻ لڳو، ۽ هن حاجي بابا جي سلام جي جواب ڏيڻ بنان چيو: ”ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“
    ٻڍڙو حاجي بابا، سوال جي جواب ڏيڻ بدران، تسبيح وڌيڪ تڪڙي تڪڙي سورڻ لڳو. جيوڻ کي وري ڀؤ ٿيڻ لڳو ته سوڍو ڪاوڙ مان ڪجھه ڪري نه ويهي. ڇا به هو، حاجي بابا ترخانن جو ماڻهو هو، ۽ سوڍل جي نظر ترخان تي پيئي، ڄڻ رت تي نظر پيس.
    حاجي بابا آرام سان صندليءَ تي ويهندي آهستي چيو: ” امير خان سڏايو اٿئي؟“
    ”ڇو؟“
    ”بابا، مون کي ڪهڙي خبر؟ هوندس ڪو ڪم ڪار . . . . “
    ” آءٌ واندو ڪونه آهيان . . . . “
    ” سوڍل ڏاهو ٿي. امير خان سان هوڏ چڱي نه آهي.“ حاجي بابا تقريبن اکيون پوريندي چيو. تسبيح جا داڻا تڪڙا تڪڙا اڳتي سرندا ٿي ويا.
    سوڍل ڪو جواب نه ڏنو، ۽ هٿ وڌائي وري ڌنوڻ هلائي باھه دکائڻ لڳو. حاجي بابا ڪا گھڙي، هن کي گھوريندو رهيو، ۽ پوءِ اکيون بند ڪندي چيائين: ” توسان ڪي خاص ڳالهيون ڪرڻيون اٿس، ۽ چيو اٿس ته پراڻي ياريءَ جو ننگ وجھجانس!“
    ” منهنجي ڪنهن سان ياري ڪانهي . . . . “ سوڍل ڌنوڻ زور زور سان ڌئيندي جواب ڏنو. سندس اکين جو مچ، گھڙي لاءِ جھڪو ٿي ويو هو، سو ڄڻ وري ڌنوڻ جي زور تي نئين سر ڌڳڻ لڳو هو.
    ” مون کي چوڻ ته نه گھرجي پر ڀانيان ٿو ته ڀاڻهين بابت توسان ڳالهائڻو اٿس.“ حاجي بابا اهڙي طرح چيو، ڄڻ هو ڪو راز ظاهر ڪري ويٺو هو.
    سوڍل سوچ ۾ پئجي ويو: هُن ڪتي جو مون ۾ ڪھڙو ڪم ٿو ٿي سگهي؟ ۽ ڀاڻهم بابت ڇا ڳالهائڻو هوندس؟ وري پراڻيون دشمنيون جاڳائڻيون اٿس ڇا؟ يا وري ڪا نئين باھه دکائڻي آهي؟ هو ڳچ وقت سوچيندو رهيو، ۽ پوءِ هري هري چيائين: ”چڱو، تون هل. آءٌ سانجھينءَ ڌاري ايندس!“
    حاجي بابا تسبيح سوريندو اٿيو، ۽ هڪ نظر ڌنوڻ تي، ۽ ٻي نظر سوڍل تي وجھندي، ٻاهر هليو ويو. جيوڻ کي هميشه هن ترخان حاجيءَ تي چڙ ايندي هئي. هو جڏهن به ايندو هو، سوڍل کي ڪاوڙائي ويندو هو. ڳالهائيندو ائين هو ڄڻ کيس دنيا جھان جي ڪا خبر ڪانه هئي. پر اها به دنيا جھان کي خبر هئي ته ترخان اميرن جي جاسوسن ۽ خابرن مان، حاجي بابا جي پهچ خود مرزا باقي تائين هئي. هن اڃا حاجي بابا بابت ئي پئي سوچيو ته سوڍي جو آواز ٻڌائين: ”جيوڻ، گھوڙي سنبراءِ . . . . !“
    جيوڻ گھوڙي سنبرائڻ لاءِ نڪتو ته سوڍل به ڪَر موڙي اٿي بيٺو. قداور مڙس، ذري گھٽ مٿو ڇت سان ٿي لڳس. موڪرو موڪرو منهن، جنهن جي نرڙ جي گھنجن ۾ اهڙي قسم جي ڏَيا هئي، ڄڻ دائمي طرح ڪنهن تي ناراض هو. گھاٽا گھَرا ڪارا ڀرون، ڀوريون نيريون اکيون، چهچ ڪارا شهپر، کاڏي ٿوري اڳتي نڪتل، ڳتيل ڪسرتي بدن، چيتي جھڙي سنهي چيلھه ـــ هن کي ڏسڻ سان ئي هيبت وٺيو ٿي ويئي. امير خان بابت سوچيندي، هن جي نرڙ جا گھنج وڌيڪ گھاٽا ٿي ويا. هن کي اهي ڏينهن ياد آيا جڏهن جھرڪن جي مَٺَ اڳيان پهريون ڀيرو امير خان سان مليو هو. مرزا عيسى خان ترخان جو زمانو هو. فرنگين ٺٽي کي لُٽي، تهس نهس ڪري ڇڏيو هو، ۽ هلندي هلندي شهر جي چئني طرفن کان باهيون ڏيڻ لڳا هئا. موقعي جو فائدو وٺي ڪيترا ترخان ۽ ارغون سردار به ڦرلٽ ۾ لڳي ويا هئا. سوڍو پنهنجن ساٿين سان مينهن واءٌ ڪريو ٺٽي ڏانهن پئي آيو ته رستي تي امير خان ترخانن جو هڪ دستي سان، جھرڪن کان ايندو نظر آين. سوڍل هڪ ٽڪڙي جي اوٽ وٺي بيهي رهيو. پنهنجن ساٿين کي، ٻُوڙن ۾ لڪي بيهڻ جو اشارو ڪري، پاڻ دڳ جھلي بيهي رهيو. ترخان سڄي واٽ دز اڏائيندا ويجھا پوندا ٿي ويا. جڏهن ترخانن جو سونهون سوڍل اڳيان ٿي لنگھيو ته سوڍل جھٽ ڏيئي، گھوڙي جي لغام کي اهڙي سٽ ڏني، جو گھوڙي جا اڳيان پير ڄڻ مُرين کان نڪري ويا، ۽ گھوڙو اڳتي جھڪي، بازولي پائي، ابتو ٿي ڌڪ کان هڻڪارڻ لڳو، سوار گھوڙي تان اونڌي ــــ منهن اچي سوڍل جي پيرن ۾ پيو. سوڍي هڪل ڪيس: ” ڪير مڙس آهين ؟“
    سونهون پاڻ سنڀالي اٿي بيٺو پر پنهنجي اڳيان پربت جهڙو مڙس ڏسي هيانءٌ ئي کاڄي ويس.
    ”ترخان آهيان؛ امير خان جو سونهون!
    ”ڪٿان پيا اچو ؟ “
    پريان گھوڙن جي سنبن جو ٽاڪوڙ، مٽي ۽ دز کي چيريندو ويجھو پوندو ويو. سونهين جي همت به موٽي آئي، ۽ دڙڪي مان چيائين : ”تون ڪير آهين، ائين رستي روڪ ڪرڻ وارو؟“
    ” مون تون کان پڇيو ته ڪٿان پيا اچو ؟“ سوڍي جي آواز ۾ رُڪ جھڙي سختي اچي ويئي. سونهون وري هيسجي ويو.
    ”فرنگي ٺٽي ۾ گھڙي پيا آهن. ــــ اوڏانهن ٿا وڃون.“
    ” گھڻا مڙس آهيو؟“
    ”سؤ کن ٿيندا . . . “
    سونهين جي جواب ڏيڻ وقت امير خان به پنهنجي جٿي سان اچي پهتو. سونهين جي گھوڙي کي پٽ تي ڪريل، خود سونهين کي ڌڌڙ ۾ اٽيل ۽ هيسيل ڏسي، امير خان ترار ڪڍي، اڳتي وڌي آيو.
    ”ڪير آهين تون ؟“
    سوڍي ڪو جواب ڪونه ڏنو. هن ڳڀرو جوان کي ڏسندو رهيو. پهرينءَ نظر مان سمجھي ويو ته هي ترخان ٻين ارغونن ۽ ترخانن کان جدا طبيعت جو ٿو ڏسجي. الائي ڇو هن کي هڪدم کانئس نفرت ڇو نه ٿي. سندس اتاولو جوش ڏسي، هن کي مٺيان لڳڻ بدران ڄڻ اطمينان ٿيڻ لڳو ته ترخانن ۾ به ته ڪو ماڻهو آهي جنهن ۾ دغا دولاب بدران ڪجھه سڌي سنئين همت جو جزو آهي.
    ” سوڍو منهنجو نالو آهي . . . . . . لهرڪو ڪم ڪندو آهيان.“
    ” تو اسان جي سونهين کي ڇو جھليو آهي ؟ ۽ هن جي گھوڙي کي ڇو ڌڪيو اٿئي؟ . . . . تيمور خان، گرفتار ڪر هن کي. . .!“
    ان نئين جوانيءَ جي جوش تي سوڍل کي کِل اچڻ لڳي پر کِل هن جي مذهب ۾ ئي نه هئي. هو هن اتاولي قنڌاريءَ کي عجيب دلچسپيءَ سان ڏسندو رهيو. ترخانن مان هڪڙو سوار گھوڙي کي اڙي هڻي، وچينءَ صف من نڪري، سوڍل ڏانهن وڌي آيو: سندس هٿ ۾ اگھاڙي ترار هئي، ۽* ٻئي هٿ سان هني مان رسو کولڻ لڳو. هن جو ڌيان رسي کولڻ ۾ ئي هو ته هڪ تير سوساٽ ڪندو، سندس رسي واري ٻانهن ۾ کُپي ويو. هن کان رڙ نڪري ويئي، ترار هيٺ اڇلائي هن اهو هٿ کڻي پنهنجي ٻانهن ۾ وڌو. امير خان جون وايون ولڙيون ٿي ويون. خود سوڍل کي پنهنجن همراهن تي ڪاوڙ اچڻ لڳي: هن جي اشاري کان سواءِ هنن وار ڇو ڪيو. هن پاڻ اڳتي وڌي، ڇڪ ڏيئي تير تيمور خان جي ٻانهن مان ڪڍي ورتو، ۽ هني تي پيل کيسَ مان هڪ ڊگھي لينگھه ڦاڙي، مضبوطيءَ سان سندس ٻانهن ٻڌي ڇڏي ته جئين رت بند ٿي وڃي.
    ”تڪر ڪم شيطان جو آهي، امير خان !“ ائين چئي، هن امير خان تي هڪ نظر وجھندي، پنهنجي گھوڙي ڏانهن وک کنئي.
    امير خان جي اکين مان جنسي باھ نڪرڻ لڳي. سوڍل جي بت بدن کي ڏسي، هُن دل ئي دل ۾ هميشه لاءِ هن کي پنهنجو دشمن ٺهرائي ورتو. هن جا ٻه ماڻهو سندس اکين اڳيان پاڻ ڌڪايو ويٺا هئا. ان بي عزتي کان هن جو رت ٽهڪڻ لڳو هو؛ ۽ اوچتو هن مست اُٺ وانگر گوڙ ڪندي چيو: ”خبردار، پاڻ بچائجانءِ!“ ائين چوندي هن ترار جو وار سڌو سوڍل جي مٿي تي واريو. سوڍل پٺيرو هو، پر هن جي آواز تي ڦُڙتيءَسان ٻه قدم پاسي هٽي ويو. جيڪڏهن هٽڻ ۾ هو پل به دير ڪري ها، ته ترار سندس جسم کي ٻن اڌن ۾ ورهائي ڇڏي ها. امير خان گھوڙي کي ورائي، وري ٻيو وار ڪيو. سندس ساٿين جا هٿ به ترارن جي مٺين ۾ ڦٻندا ويا. هنن کي امير خان جي سورهيائي ۾ يقين هو، هن جي ترار جو وار ڪوبه بچائي نه سگهندو. پر سوڍل اهو وار به بچائي ويو؛ ۽ جئين ئي امير خان وري گھوڙي کي ورايو، تيئن سوڍل ٽپ ڏيئي کڻي امير خان جي ڪمربند ۾ هٿ وڌو، ۽ کيس هڪ ٻالڪ جيان گھوڙي تان مٿي کڻي، وٺي اُڇل ڏنائين. اڳيان بيٺل سوارن مان هڪڙي جي مٿان امير خان ائين ڪريو جيئن حمال ڳوڻيون سٽيندا آهن. ان سوار جي گھوڙي ان اوچتي آفت کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي، ٽهي ٻئي پير اڳيان کڻي ذري گھٽ سوار جو ڪنڌ ڀڳو هو. امير خان جو نَرو کُلي، ڪُلي ۾ سوڌو اچي گھوڙي جي پوين سنبن ۾ پيو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ايترو بي عزت نه ٿيو هو. سوڍل لاءِ دشمني هن جي دل ۾ وڻ وانگر پاڙون هڻي ويئي، هن کي ڪرندو ڏسي هڪ ئي وقت سؤ تراريون مياڻين مان نڪري جھلڪا ڏيڻ لڳيون. امير خان پنهنجي پيڙا کي پنهنجي همراهن کان لڪائيندي، بنان ڪنجھڻ ڪرڪڻ جي اٿي، پنهنجو ڪمر بند سڌو ڪري ٻڌڻ لڳو، ۽ سوڍل کي پنهنجي گھوڙي ڏانهن ويندو ڏسي، هن پنهنجن همراهن کي هلڪو اشارو ڏنو. سوڍل جي ڪميت گھوڙي پنهنجي مالڪ لاءِ خطرو محسوس ڪري، ٻه قدم اڳيان وڌي آئي. سوڍل گھوڙيءَ جي اکين مان خطرو محسوس ڪري، سندس بشڪن تي هٿ گھمائيندي پويان نهاريو. سؤ تلوارون هن جي سِرَ لاءِ آتيون هيون، ۽ گول دائري ۾ هن ڏانهن وڌي رهيون هيون.
    سوڍل ڏاڍيان چيو: ”امير خان، هروڀرو موت کي ڇو ٿا سڏ ڪريو . . . . منهنجي هٿ جي اشاري تي، منهنجا همراه بگھڙن وانگر اوهان تي واهوڙ ڪري وري ويندا، ۽ اوهان مان ڪنهن جو سنَڌ سَنڌ سان ڪونه ملندو.“
    امير خان ۽ سندس همراه اتي ئي ڄمي ويا. امير خان جڏهن پنهنجي ترار مياڻ ۾ وڌي، تڏهن سؤ ترارون هڪ ئي ڇڻڪي سان پنهنجي مياڻين ۾ هليون ويون. ترخانن کي سوڍل جا ساٿي اوچتو ياد اچي ويا، ڄڻ کين پنهنجو موت ياد اچي ويو هو؛ ڪن کي ته ان وسوسي ئي ڏڪڻي وجھي ڇڏي ته جيڪڏهن سوڍل تي حملو ٿئي ها ته سندن ڪهڙو حشر ٿئي ها. امير خان ڪُلو ٻڌي، مٿي تي رکندي سوڍل ڏانهن وڌيو. هن جي اکين ۾ نفرت ماٺي ٿي ويئي هئي، ۽ سياست ان جي جاءِ والارڻ لڳي. سوڍل جي ويجھو پهچي، هٿ وڌائيندي هن چيوۡ؛ ”سوڍل خان، مون کي بهادرن سان ياري رکڻ جو مرض آهي. اچ ته سنڌي دستور موجب پڳ مٽائي ياري رکون!“
    سوڍل ڪو جواب نه ڏنو. ڪنهن سنڌيءَ جي ترخان سان پڳ ــ مَٽ ياري ممڪن ئي نه آهي: ٻه تراريون هڪ ئي مياڻ ۾ ڪيئن اينديون؟ هن نرڙ گھنجائيندي امير خان ڏانهن ڏٺو، هن جي اڳتي وڌيل هٿ ڏي ڏٺو، هن جي سياست ڀريل اکين ڏانهن ڏٺو، ۽ هن جي ساٿين ڏانهن ڏٺو، پر هن جي دل وري به هٿ وڌائڻ تي نه آئي.
    امير خان هن کي دل ــ مَن هڻندو ڏسي، داءُ بدلايو: ”مون ٻڌو هو ته سنڌي سڄڻپي جو هٿ ڪڏهن به نه موٽائيندا آهن. آءٌ هار کاڌل آهيان: منهنجو هٿ موٽائڻ توکي سونهين ڪونه ٿو.“
    لاچار سوڍل، پنهنجو هٿ اڳتي وڌايو. امير خان ائين ڀانيو ڄڻ سندس هٿ ڪنهن رُڪَ جي چنبي ۾ اچي ويو هو. هن گهڻن ئي سورهين سان هٿ ملايو هو، پر هي سڀني کان سرس هو.
    ”ڪاڏي سنبت آهي؟“
    ”ٻڌو اٿم ته ٺٽي کي فرنگي ورائي ويا آهن . . . . اوڏانهن ٿي ويس.
    ”اسين به اوڏانهن ٿي وياسون. حضور مرزا صاحب سلطان محمود جي ڪتن کي منهن ڏيڻ ويو آهي، ۽ ٺٽي ۾ ذات سپاهي ڪونهي.“
    سوڍل کي دل ۾ آيو ته چئي ڏي ته هڪڙو ڪتو ٻئي ڪتي کان هڏي بچائڻ جي فڪر ۾ آهي، ۽ ٻن سانن جي ويڙھه ۾ سنڌيءَ ٻُوڙا پيا لتاڙجن. پر هن چيو ڪجھه به نه. گھوڙي تي لانگ ورائيندي. پنهنجن همراهن لاءِ هٿ مٿي کڻي اشارو ڪيائين.
    امير خان چيو: ” بسم الله،
    اچو ته گڏجي ٺٽي کي فرنگين جي فتني کان آزاد ڪرايون . . . . “
    سوڍل جي دل ان وقت اُڏامي ٺٽي وڃي پهتي هئي، جتي پورچوگيز مال متاع لٽيندي، ٻارن، زالن، ۽ ٻڍڙن کي پنهنجين ٻه مُنهين بندوقن ۽ پستولن سان ماريندا ٿي ويا. امير خان ۽ سوڍل گڏوگڏ هلندا رهيا. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته طوفان تي سوار هئا. سوڍل جي ڪميت کي ڄڻ پَر لڳي ويا هئا: سندس واڇن مان گجي اڏامي، دز ۾ ملندي ٿي ويئي، ۽ سندس ناسن مان آواز ائين نڪري رهيو ڄڻ هو پاڻ پنهنجو ساھه گھٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. جڏهن هو ٺٽي جي ويجھو پهتا، تڏهن سوڍل کي پنهنجي دل ۾ وڍ پوڻ لڳا. سنڌ جي هن سدا ملوڪ شهر مان دونهين جا ڪڪر آسمان تائين پهچڻ لڳا هئا. جتان ڪٿان گھرن جي سڙڻ جا ٽڙڪاٽ، ماڻهن جا ڪوڪرا، ۽ پستولن جي ڌڪائن جا آواز اچي رهيا هئا.
    ”سوڍا خان، اچ ته دريا وارو گس وٺو. فرنگين جا بتيلا اتي هوندا، ۽ ائين ٿو ڀائنجي ته فرنگي هاڻ شهر مان هٽندا ٿا وڃن . . . “
    فرنگين جي ياد ايندي ئي سوڍل وري گھوڙي کي اَڙي هنئي. ٻئي رقيب گھوڙيءَ جي ڪُکين ۾ کُپي ويا، ۽ ڪميت پنهنجي مالڪ جو ارادو سهي ڪري، امالڪ پيچرو ڇڏي ٻيلي ڏانهن ڀڙڪو کاڌو. هنن جي پويان، هنن جي ساٿين جي گھوڙن جي سنبن ڄڻ ته سُپَ ڀري دز ٿي اُڏائي، ۽ ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته ڌرتي ڌٻڻ لڳي هئي. پتڻ جي ويجھو پهتا ته سوڍل کان دانهن نڪري ويئي؛ ڇھه ست بتيلا اڳيئي دريا جي لهواري تي روانا ٿي چڪا هئا. باقي ٽي بتيلا بيٺل هئا، جن ۾ پورچو گيز ڦر جو سامان ڏٽي ڀري رهيا هئا، ۽ شايد اڃا پنهنجن ڪن ساٿين جي اوسيئڙي ۾ هئا. سوڍل رڙ ڪري چيو: ”متان ڇڏيو اَٿوَ حرامخورن کي!“
    هن جو جملو اڃا پورو ئي مس ٿيو ته ٽيهارو کن تير هڪڙي بتيلي ۾ سامان لڏيندڙ پورچوگيزن جي پٺين ۾ کُپي ويا. راڙو راڙ مچي ويئي. تيرن جي جواب ۾ پورچوگيزن پنهنجا بارودي پستول سنڀاليا. اوچتو سوڍل پورچوگيزن جي هڪ انبوھه کي پستول ڇوڙيندو، پتڻ ڏانهن ايندو ڏسي. هن اميرخان کي هڪل ڪئي: ”امير خان، اِتي تنهنجي همراهن جو وارو آهي!“
    اميرخان پنهنجي لشڪر کي اشارو ڪيو، ۽ هن جو دستو سوڍل جي ماڻهن کان جدا ٿي، وڃي پورچوگيزن تي ڪڙڪيو. سوڍل کي الائي ڪهڙو خيال آيو. هن ڪميت کي هلڪو اشارو ڪيو، ۽ گھوڙي پتڻ جي ڀر ۾ دِڪي وٽ اچي بيهي رهي. سوڍل ڪٽارو وات ۾ جھلي، گھوڙيءَ تان درياءَ ۾ ٽپي پيو. سندس ساٿي مسلسل ڦِري گھِري بتيلن ۾ تيرن جو مينهن وسائيندا ويا. پورچوگيزن جا پستول هنن تائين ڪونه ٿي رسيا، پر انهن جي ڌڪائن تي سندن گھوڙا ٽهڻ لڳا هئا. سوڍل کي پاڻيءَ ۾ گھڙندو ڏسي، هنن مان به ڪي گھوڙا ڇڏي پاڻيءَ ۾ لهي پيا.
    سوڍل سڀني کان ويجھي بتيلي جي ڀر ۾ پهچي، پاڻ مٿي کنيو، پر بتيلا ايترا اوچا هئا، جو هنن ۾ هٿ وجھڻ جي جاءِ ڪانه هئي، فقط هڪڙو هنڌ اهڙو هو، جتان بتيلي ۾ چڙهي ٿي سگهيو، ۽ اها جاءِ هئي بتيلي جي مهڙ، جا دِڪي سان ٻڌل هئي. دڪي جي منهن تي پورچوگيزن جو پهرو اڃا موجود هو.فائرن ۽ تيرن جي آواز هنن کي هيڪاري خبردار ڪري ڇڏيو هو. پر سوڍل نه مڙيو، ۽ بتيلي کي ڦِري آيو. جڏهن مهڙ وٽ پهتو، تڏهن گھڙي لاءِ وري پاڻي ۾ هليو ويو. پوءِ وجھه ڏسي هڪ پاسي کان منهن ڪڍيائين. اتي هڪڙو فرنگي بتيلي جي کليل تختي تي زنجير کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو. سوڍل آهستي آهستي هڪڙو هٿ تختي ۾ ڦٻائي، پنهنجو جسم ڪوئي، پاڻ مٿي کڻي ورتو. سندس ٻيو هٿ فرنگي جي ٽنگ ۾ ڦٻي ويو. پورچوگيز کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڌرتي ڦاٽي پيئي، ۽ هو ان ۾ ڪرندو ٿي ويو. هڪ وڏي رڙ ڪري، ٻئي ٻانهون مٿي ڪري، وڃي دريا ۾ ڦهڪو ڪيائين. پنهنجي ساٿي جي رڙ ٻڌي، ڪي پورچوگيز بتيلي مان هيٺ نهارڻ لڳا. سوڍل تختي جي هيٺان لنگھي، ٻئي پاسي ڦري آيو. ٻئي هٿ تختي ۾ وجھي، پاڻ مٿي کڻي، اٿي بيهي رهيو. هن اڃا پاڻ سنڀاليو مس ته هڪڙي پورچوگيز پستول کڻي ڇاتي تي رکيس . . . ۽ گڏوگڏ زور زور سان پنهنجي ٻولي ۾ ڪجھه چوڻ لڳو ”آميگو، آميگو، آميگو، سالوِي مي سالويِ مي . . . !“
    فرنگي تي، پاڻي ۾ ڀنل هن ديو جھڙي مڙس جي هيبت ڇائنجي ويئي هئي، ۽ پستول هوندي به هن جا ٻيئي هٿ ڏڪي رهيا هئا، ۽ ”سالوي مي، سالوي“ چوندو رهيو. سوڍل ڪجھه سوچڻ بنان، پستول واري ٻانهن ۾ هٿ وجھي، ٿورو پاسيرو ٿي پٺي کان ورائي کيس ڌڪو ڏنو. پورچوگيز جي وات مان اکر چچرجي نڪتا ” . . . ميئا ديئو . . . “ هن جي ڪِرڻ سان دڪي تان، وچ واري تختي تان ۽ بتيلي مان پستولن جا واڄٽ شروع ٿي ويا. سوڍل خطرو محسوس ڪري، وات مان ڪٽارو ڪڍي، ڪمربند ۾ هڻي ڇڏيو ۽ هيٺ نمي بتيلي ۾ پير رکيائين. بتيلي ۾ اندر ٿيندي، هن دڪي ۽ بتيلي کي ڳنڍڻ واري سنهي زنجيز کي ڇڪيو. پر سنگھر چڱي مضبوط هئي. سوڍل وري ٻيهر زور لڳايو، ۽ زور لڳائيندي هن جي جسم جون سموريون رڳون تڻڪجي، خود رُڪ جون زنجيرون بنجي ويون. اوچتو زنجير ٻنهي پاسن کان ٽٽي پيئي، ۽ سوڍل آٿرجي پويان ڪري پيو. وال کن سنگھر جو ٽڪر هن جي هٿ ۾ اچي ويو. زنجير هن جي هٿ ۾ ڇا آئي، ڄڻ موت جو فرشتو هن جي هٿ ۾ کيڏڻ لڳو هو. جيڪو فرنگي هن کي نظر آيو ٿي، ان جي منهن تي سنگھر جو اهو گرز ائين ٿي ڪڙڪيو، ڄڻ مٿس کنوڻ ڪِريو ٿي پيئي، ڄڻ سرڻ لامارو ڏيئي، چنبو هڻي وري مٿي اڏامڻ ٿي شروع ڪيو. فرنگين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو، ۽ هنن لٽيل سامان جي پويان لڪڻ شروع ڪيو. هنن کي پنهنجا هٿيار ئي وسري ويا. سنگھر کي ڦيرائيندي، سوڍل بتيلي جي وچ ۾، پڃري مان نڪتل شينهن وانگر گُڙڻ لڳو. اتي ئي هن ڏهاڪو کن زالن ۽ ڪن ڇوڪرن کي رسن ۾ ٻڌل ڏٺو. هو سمجھي ويو ته انهن زالن ۽ ڇوڪرن کي فرنگي لُٽ جي مال سان گڏ ٻانهن طور کنيو ٿي ويا. انهن مان تيرهن چوڏهن ورهين جو هڪ نينگر، سوڍل کي اڪيلو هيترن فرنگين سان وڙهندو ڏسي، ڪنهن عجيب جذبي کان اٿي بيهي رهيو. سندس ٻانهون پويان رسن سان ٻڌل هيون. سوڍل وڌي وٽس آيو. اوڏي مهل هڪ پورچوگيز، هڪ ڳوڻ جي پٺيان لڪي، هڪ ڊگھو چاقو سوڍل ڏانهن اڇلايو. ڇوڪري کان رڙ نڪري ويئي: ”ڀائو، سنڀال!“ سوڍو رڙ ٻڌي، هيٺ جھڪي ويو، ۽ چاقو ”زون“ ڪندي هڪڙي سڙھه ۾ وڃي کُتو. سوڍل پنهنجي ڪٽاري سان ڇوڪري جا رسا ڪپيندي چيو: ”ادل، هي ڪٽارو پاڻ وٽ رک، ۽ ٻين جا بند آزاد ڪر ته آءٌ اجھو آيس!“
    ڇوڪرو سڀني جا رسا وڍڻ کي لڳي ويو، ۽ سوڍل ٽپ ڏيندو فرنگيءَ تائين پهتو ۽ کيس ڳچيءَ کان جھلي، ٻليءَ جي ٻلونگڙي وانگر مٿي کڻي، وٺي اُڇل ڏنائين. فرنگيءَ جو مٿو، هڪڙي سڙھه جي ڪام ۾ اهڙو زور سان لڳو، جو ان جي آواز تي سڀني جو ڌيان اوڏانهن کڄي ويو. فرنگيءَ دانهن به ڪانه ڪئي، ۽ وڍيل بنڊ جيان اتي ئي ٿڌو ٿي ويو. سوڍل سامان جي هڪڙي سٿي کان ٻيءَ سٿي تائين ڦرندو، فرنگين کي سنگھر سان ڪُٽيندو رهيو. فرنگيءَ هاڻ ڊپ کان بتيلو ڇڏي درياءَ ۾ ٽپندا ويا. سوڍل بتيلو خالي ڏسي، وري قيدين ڏانهن موٽي آيو. هن جوانڙي تيسين سڀني جا بند ۡڪٽي، آزاد ڪري ڇڏيو هو. هنن مان ٻه ٽي زائفائون ڌَڪيل به هيون. سوڍل ڇوڪري کان پڇيو: ”ادل، ڪير مڙس آهين؟“
    ”سمون آهيان؛ ٻني جو ويٺل آهيان. ٺٽي ناناڻا گھمڻ آيو هوس. اوچتو هي راڪاس شهر ۾ گھڙي پيا. شهر ۾ جيڪي ترخان سپاهي هئا، سي يا ته شهر ڇڏي ڀڄي يا، ڪي وري اهڙن پاڙن کي لٽڻ لڳي ويا، جتي اڃا فرنگي نه پهتا هئا. فرنگي اصل گھرن ۾ گھڙي پيا. ڪن منهن ڏنو، ڪن نه ڏنو. مدرسن جا جوان گھٽين ۾ فرنگين سان چوٽون کائڻ لڳا. پر هنن فرنگين وٽ الائي ڪھڙا هٿيار هئا، جن مان باھه جا اُلا پئي نڪتا، ۽ پري کان ٿي مار ڪيائون. جڏهن مدرسن جا شاگرد کين سوڙها پوڻ لڳا ته وٺي گھرن کي باهيون ڏيڻ شروع ڪيائون. بس قيامت هئي، ادا ! ڦُرڻ لُٽڻ کان پوءِ وري ٻانهون کڻڻ شروع ڪيائون. منهنجي ڀيڻ کي ــ او، اِجھا هوءَ ويٺي آهي ـــ کنيائون ٿي ته هن ويچاريءَ به بُنڊي کڻي هڪ ــ ٻن جا هَڏ گَڏ ڀڃي وڌا. مون کي به هڪڙو سونٽو هٿ اچي ويو، پر هنن راڪاسن سان ڪير پڄي، اديءَ سان گڏ مون کي به کڻي ٻڌائون. . . . “
    هن جوانڙي اهو سڀ ڪجھه ائين بيان ڪيو ڄڻ اهو واقعو ٻئي ڪنهن سان ٿي گذريو هو؛ ڊپ ۽ ڀؤ جو هن ۾ نالو نشان به ڪونه ٿي ڏٺو. شايد هن سان هيتريون وارداتون ايتريون تڪڙيون تڪڙيون ٿي گذريون هيون، جو هن کي ڊپ جو اڃا موقعو ئي نه مليو هو. سوڍل هن جي ڀيڻ ڏانهن نهاريو؛ منهن مهانڊيءَ جي ملوڪ، سترهن ارڙهن ورهين جي ڪنواري نينگر کي ڳل تي هڪ وڏو چير هو، جنهن سندس منهن ۾ حيا ۽ بيوسيءَ جو عجيب گڏيل رنگ آڻي ڇڏيو هو. سوڍل کي پنهنجي دل وڍجندي محسوس ٿي؛ الا، منهنجي سنڌ جون هي نياڻيون! پنهنجي پاڻ کي ايترو بيوس ۽ ويچارو سمجھڻ لڳيون آهن، جو لاچاري سندن حيا کي ڍڪڻ لڳي آهي! ان نينگر سان گڏ ٻيون به زالون هيون. ڪي اڃا تائين موڙهيل هيون، ته ڪن کي اهو آسرو جاڳيو هو ته سندن لڄ بچائڻ وارا واهرو اچي پهتا هئا. سانجھيءَ جو سج به هن منظر کي ڏسڻ جو تاب نه جھلي، درياءَ جي پرانهين پار ٻڏڻ وارو هو. بتيلو دڪي کان ڇڄي ڌار ٿيڻ ڪري به درياءَ جي لهرن سان هَري هَري ٽُلڪڻ لڳو هو؛ ۽ دريا جي دل ۾ به آنڌ مانڌ مچي ويئي هئي.
    سوڍل پتڻ ڏانهن نهاريو. سندس همراهن پتڻ کي فرنگين کان آجو ڪري ڇڏيو هو، ۽ باقي بتيلن ۾ به هن جي همراهن سندن سِرَن جا ڍير لڳائي ڇڏيا هئا. فرنگي بتيلا ڇڏي درياءَ ۾ ٽپندا ٿي ويا. پتڻ وارن همراهن وري مٿان کين تيرن جو شڪار بنائڻ شروع ڪيو هو. سوڍل ڇوڪري کي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو: ”ادل، هاڻي ڌڻيءَ کي پرتا آهيو. آئون بتيلو وري ٿو دڪي سان لڳايان. تون ۽ هي ٻيا نينگر گڏجي، هنن زائفائن کي هيٺ لاهي، سڀني کي پنهنجي پنهنجي گھر پهچائجو . . . .“
    سڀني جا منهن شڪرگذاري ۽ هڪ عجيب فخر جي احساس کان ٻهڪڻ لڳا هئا. سوڍل وري پاڻي ۾ لهي پيو، ۽ ٽٽل زنجير کي ڇڪي، آڻي دڪي تائين پهتو. قيدي تختي تان هلي، هيٺ لهڻ لڳا. ٻين بتيلن مان به ڪيتريون ئي زائفائون ۽ ڇوڪرڙا آزاد ٿيا هئا. پتڻ تي هُل مچندو ٿي ويو. سوڍل پاڻي کان ٻاهر نڪتو ته امير خان به پنهنجن همراهن سان اچي پتڻ تي نڪتو. هن جا ويهارو لشڪري ڪِري پيا هئا، پر هنن ڪافي فرنگين کي جيئرو جھلي ورتو هو، جن کي رسن ۾ ٻڌيو گھليندا پئي آيا.
    ترخانن بتيلن مان لٿل زائفائن کي ڏٺو ته سندن اکين ۾ چمڪ اچي ويئي، ۽ پنهنجي پاڻ ۾ چرچا گھٻا ڪري ٽهڪ ڏيڻ لڳا هئا. سوڍل فارسي چڱي ڄاڻيندو هو. هو چُپ چاپ هنن جي بڪواس ٻڌندو رهيو؛ پر جڏهن هڪڙي ترخان گھوڙو وڌائي، هڪڙي زائفان اڳيان جھلي، سندس ٻانهن ۾ هٿ وجھڻ لاءِ نوِڙيو، تڏهن سوڍل جي سنگھر سندس ڪلھن ۽ پٺن تي کنوڻ وانگر ڪري پيئي، ۽ هو ڍڳي جھڙو رانڀاٽ ڪري، انهيءَ زائفان جي قدمن ۾ ڪري پيو. سوڍل چپن ۾ چيو : ”ڌاريان سي ئي ڌاريان ــــ فرنگي هجن يا قنڌاري! “ ۽ پوءِ ڏاڍيان رڙ ڪري چيائين: ”امير خان، پنهنجن ماڻهن کي لغام ڏي نه ته . . . . فرنگين جون ڪسرون منجھانئن ڪڍنداسون!“
    خود امير خان کي پنهنجي سپاهين جي ارڏائي بري لڳي هئي، سو پاڻ گھوڙي تان لهي سوڍل وٽ آيو ۽ سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين: ”چڱو ڪيئي، هن حرامخور کي تون سزا نه ڏين ها ته آءٌ سندس سر قلم ڪرڻ وارو هوس!“
    ”هي اسان جو لَڄون آهن: هنن کي هٿ لائڻ موت سان کيڏڻو آهي، امير خان!“
    ”بيشڪ بيشڪ!“
    سوڍل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته امير خان جي انهيءَ ”بيشڪ“ ۾ وڏي ٽوڪ سمايل هئي، پر ان وقت هن کي ڪي ٻيا خيال ستائي رهيا هئا. بتيلن ۾ لڏيل سامان ۽ اسلحو، سونُ، ڪپڙو، هٿيار ۽ سنج سڙا جيڪڏهن هنن ڇڏي ڏنا ته هي قنڌاري پاڻ ورهائي ورڇي کڻندا. هي سنڌين جو مال متاع هو، سندن هڏن جو پورهيو، ان تي هي پرمار ڳجھن وانگر لامارا ڏيڻ لڳندا. اميرخان ڄڻ سندس خيال پروڙي ورتا، ۽ هن کي پاسيرو وٺي چيائين: ”سوڍا خان، هي بتيلا ۽ سامان اسين پنهنجي قبضي ۾ آڻينداسون. جيسين اصل مالڪن جي خبر پوي، تيسين هي سمورو مال سرڪاري توشي خاني ۾ رهندو!“
    ”هي سنڌين جو ملڪ آهي، ۽ سنڌي ئي انهيءَ جي سنڀال ڪندا!“ سوڍي مختصر جواب ڏنو.
    ”ائين وري ڪيئن ٿيندو؟ اسين سرڪاري ماڻهو آهيون: آءٌ جھرڪن جو نائب عامل آهيان. هي مال اسان جي حفاظت ۾ رهندو.“ امير خان جي آواز ۾ ترشي اچي ويئي.
    سوڍل ڄڻ اها ڳالھه ٻڌي اَڻ ٻڌي ڪري ڇڏي؛ ۽ هن پنهنجن همراهن کي هڪل ڪئي: ”سوڀا، قبوليا، شيرو . . . . سامان بتيلن سوڌو اوهان سوگھو ڪريو!“
    سوڍي جا همراه گھوڙن تان لهي بتيلن ڏانهن وڌيا. امير خان به پنهنجن ماڻهن کي اشارو ڪيو، ۽ پاڻ گهوڙي ڏانهن وڌيو. سوڍل وک اڳيان وڌائي کڻي پويان ڀاڪر وڌس. سندس ٻئي ٻانهون پويان موڙي هڪڙي هٿ ۾ جھليائين ۽ سندس ئي خنجر ڪڍي، پٺ ۾ رکندي چيائين: ”اوهان مان ڪو اڳتي وڌيو آهي ته هي خنجر اميرخان جي پٺ ۾ کوڙي ڏيندس. . . “
    سوڍل جي اکرن ۾ ڪاوڙ بلڪل ڪانه هئي، پر ترخان سمجھي ويا ته هن جو هڪڙو هڪڙو لفظ سچو هو. جن پنهنجي ترارين جي مٺين تي هٿ رکيا هئا تن پنهنجا هٿ کڻي ورتا؛ جن پنهنجا ڀالا ۽ نيزا سنڀاليا هئا، تن وري اهي پويان لڙڪائي ڇڏيا. هنن ترخانن اڄوڪي جيتري بي عزتي ڪڏهن به نه سَٺي هئي. هنن مان ڪيترا اهڙا هئا، جن سنڌين جي ڪيترين ئي بغاوتن ۽ شورشن کي ڇيپاٽي ڇڏيو هو، جن ڪيترن سنڌي سورمن کي پنهنجن گھوڙن جي پڇن ۾ گھلي ماريو هو، جن ڪيترن سنڌين سورهين جي اکين ۾ تتل سيخون سرمي ڪانيءَ وانگر گُھمايون هيون، جن ڪيترن سنڌي سوڍن جو سَنڌ سَنڌ ڪري ڪپيو هو؛ پر هي سوڍو ڄڻ ڪنهن مختلف مٽيءَ مان ٺهيل هو، جنهن جي رڳ رڳ ڄڻ رُڪ جي ٺهيل هئي، جنهن جي دل ۾ ڪو رحم نه هو، جنهن ڌڪ پهرين ٿي هنيو، سوچيو پوءِ ٿي! اهي آزمودگار ترخان پاڻ کي بيوس لاچار ڏسي ڏند ڪرٽيندا رهيا.
    سج به درياءَ جي اورين ڪنڌي ٽپي، ٺٽي جي ماڙين ۽ منگھن مان ليئا پائيندو لڪندو لهي ويو هو. قبوليو سڀني کان اڳ بتيلو پڳھه مان ڇوڙي، هڪ ڊگھي لڙهي سان بتيلي کي اڳيان ڌڪي ويو، هن فقط هڪڙُ سڙھه چاڙهائي ڇڏيو، ۽ بتيلو آهستي آهستي لهواري تي، پاسيرو ٿي لڙهڻ لڳو. سندس پويان ٻيا بتيلا به سڌي قطار ۾ رڙهڻ لڳا، ۽ امير خان جي ماڻهن جي ڏسندي وڃي درياءَ جو وچ ورتائون.
    سوڍل پنهنجن ڪن همراهن کي اکين ئي اکين ۾ ڪو نياپو ڏنو. ۽ اهي همراهه گھوڙن کي اڙي هڻي، درياءَ جي ڪنڌيءَ ڪنڌيءَ هليا ويا. سوڍل امير خان جي پٺ تان خنجر هٽائي، سندس ٻانهون ڇڏي ڏنيون. اميرخان پنهنجن ٻانهن کي مهٽيندو سوڍي جي اکين ۾ نهاريندو رهيو. سندس اکين ۾ ڪاوڙ ۽ حيرت جا جذبا هَري هَري ٿي ڍرا ٿيڻ لڳا، ۽ پوءِ هن مرڪ چپن تي آڻيندي چيو؛ ” سوڍا خان، اڄوڪي رات ٺٽي ۾ اسان جي مهماني قبول ڪر!“
    ”بلاشڪ . . . !“ ائين چئي سوڍل پنهنجي باقي ساٿين سان گڏجي اميرخان جي ٺٽي واري حويلي تي پهتو. رستي تي، ٺٽي جي گھٽين ۾ فرنگين جي مچايل تباهي ۽ بربادي کي ڏسي، رت هن جي لؤڻن ۾ دريا وانگر اڇلون کائڻ لڳو هو. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ گھر باھه کان بچيو هو. شهر جي گھٽين ۾ دونهون ايترو هو، جو هو کنگھندا گھٽجندا ترخاني محلي ۾ پهتا هئا.
    ترخاني محلو شهر جي هڪ طرف جامع مسجد جي ويجهو هو. فرنگي جامع مسجد جي سونين نيلن تان به نه ٽريا هئا. ان رات امير خان ميزباني ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي. جڏهن سوڍل طول تي ٽيڪ ڏيئي انگوري جا ڪجھ پيالا پي چڪو، تڏهن اميرخان هن کي وري پڳ مٽائڻ جي دعوت ڏني. سوڍل ان وقت نشي ۾ هو، ۽ کِلندي پنهنجو ڀِنل پٽڪو مٿي تي ٻڌي، لاهي کلي اميرخان جي مٿي تي رکيو، ۽ اميرخان پنهنجي پڳ ڪُلي سوڌي کڻي سوڍل جي مٿي تي رکي.
    ”سوڍل، مون کي قسم آهي هن پڳ جو ته سنڌي ۽ ترخان پاڻ ۾ ڪهڙي به ڏاڙهي پٽ ڪن، آءٌ تنهنجو سر کي هٿ نه لائيندس!“
    سوڍل تي شايد انگوري ايتري چڙهي ويئي هئي، جو هن ڪوبه جواب نه ڏنو. ان کان پوءِ سوڍل جڏهن به ٺٽي ايندو هو، تڏهن اميرخان وٽ اچي مهمان ٿي لهندو هو. سندس ساٿين سنگتين مان ڪيترن کي اها ڳالھه نٿي وڻي، پر سوڍل کي چوڻ جي مجال ڪنهن کي نه ٿي. 968ھه واري بغاوت ڀيري، جڏهن سوڍل ۽ سندس ساٿين مرزا عيسى جي هڪ ارغون سردار امير تيمور جي لشڪر تي راتاهو ڏنو، تڏهن ته ڳالھه سڀني کي ڏکي لڳي. سوڍل ۽ شيرو امير تيمور جي تنبوءَ ۾ گھڙيا ته امير خان وٽس ويٺو هو. اميرخان جي منٿ ڪرڻ تي سوڍل امير تيمور جي جان بخشي ڪري ڇڏي. شيروءَ جڏهن اها ڳالھه سنگت سان ڪئي، تڏهن باقاعدي پئنچائت ويٺي ته سوڍل کي ائين ڪرڻ گھربو هو يا نه. چاچي وريام سڀني پاران ڳالهائيندي چيو: ”سوڍا، ابا انهيءَ امير تيمور ٺٽي شهر جي گھٽين مان سنڌي زائفائن جو لنگھڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن دارون پي مست هاٿيءَ وانگر ٺٽي جي بازارن ۾ ٿو اچي ته ڪنهن جي عزت سلامت نٿي رهي؛ سنڌين کي زن دختر گاريون ڏيندو وتي، ۽ تو ان ڪميني کي جيئدان ڏيئي ڇڏيو، سا ڳالھه اسان کي ڪانه ٿي آئڙي. ڪٿي تون، ڪٿي هڪ ترخان؛ اها ياري ڪئين ٿي ٺهي؟ تون ياريون ڀل رک، پر اسان جي ڪِئي تي پاڻي نه ڦير!“
    سوڍل کي به ڪاوڙ اچي ويئي: ”منهنجي مرضي، جيئن وڻندم، تيئن ڪندس!“
    پوڙهو وريام تڏهن به ماٺ نه ٿيو: ”تنهنجي مرضيءَ جي ڪاڻِ ڪنهن کي ڪانهي، سوڍا! هي سنڌين جي دشمن جو سوال آهي.“ وريام جي لفظن ۾ سختي اچي ويئي. سوڍل ڪو جواب نه ڏنو. هو پنهنجي ڪٽاري سان ڪاٺ جي ٽُڪر مان گھوڙي جي شڪل گھڙيندو رهيو.
    ڪراڙي وريام وري چيو: ”مون کي ارغون ۽ ترخانن سان وڙهندي ڄمارون گذري ويون آهن. آءٌ جڏهن تنهنجي ڄمار هوس، تڏهن منهنجي بدن تي ترخانن جي ترارين ۽ ڀالن جا ايترا ڦٽ هئا، جيترا تنهنجي مٿي تي وار آهن. مرزا شاھ حسن جھڙي جبل سان مون ٽڪر کاڌا؛ مٿس راتاها ڏنم. مرزا عيسى خان منهنجي سِسيءَ جي قيمت هڪ لک اشرفيون رکي هئي. ٺٽي کان بکر تائين مون ارغونن ۽ ترخانن سان چوٽون کاڌيون آهن، پر مون کي قسم آهي پروردگار جو، جيڪڏهن منهنجو پٽ ڪنهن ترخان جي سسيءَ جو جيئدان گھري ها ته آءٌ پهرين کيس دڳ لائي ڇڏيان ها ــــــــ ۽ تون امير تيمور جھڙي فرعون جي جان بخشي آيو آهين! مون کي بخش ڪج پر مون کي ته تنهنجي سنڌي هجڻ . . . . . . “
    ”بس بس چاچا وريام، بس . . . . حد نه اورانگھه . . . “ ائين چئي سوڍل پئنچات ڇڏي هليو ويو هو.
    وري 978ھ واري اٿل وقت، جڏهن سنڌي هڪ ڀيرو وري پنهنجي ڳچيءَ مان ڦاهيءَ جو ڦندو لاهڻ لاءِ سنبريا هئا، ۽ پنهنجو جڻ ــ ٻچو ڪهائي ويهي رهيا، تڏهن وري سوڍل ۽ اميرخان جي ياري جو امتحان آيو هو. چاچو وريام جھلجي پيو هو، ۽ کيس ٺٽي جي سيدن واري چونڪ ۾ ڦاهيءَ تي ٿي لٽڪايائون، سوڍل ويس بدلائي اميرخان وٽ آيو هو، ۽ اچي چاچي وريام جي سِر جي گُهر ڪئي هئائين. اميرخان سندس ڳالھه ٻڌي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي چيو هو: ”اول ته اها ڳالھه منهنجي وس کان ٻاهر آهي. حضور مرزا صاحب وٽ هڪ سنڌيءَ جي سِر لاءِ وڃڻ مون کان ڪونه پڄندو. تنهن کان سواءِ سوڍل مون تنهنجي جان بخشيءَ جو قسم کنيو آهي، نه سنڌي باغين جي جان بخشيءَ جو. هينئر به وقت اهڙو آهي، جو جيڪڏهن منهنجو سُنهن کنيل نه هجي ها ته توکي هتان جيئرو وڃڻ ڪين ڏيان ها . . . . “
    سوڍل کي ان جواب تان ايتري ڪاوڙ آئي هئي، جو ڪٽار جو مٺيو سندس هٿ جي نسن ۾ گھڙي ويو هو. هو اتان اٿي، ڪميت تي چڙهي سڌو آيو سيدن واري چونڪ تي. کيس ترخانن وارو چوغو پيل هو، ۽ ڪُلي تي پٽڪو. پنهنجن منهن ۽ شهپرن کي لڪائڻ لاءِ هن هڪ ترخاني رومال منهن آڏو ڏيئي ڇڏيو هو. چونڪ ۾ هزارين ماڻهو وريام جي ڦاهيءَ چڙهڻ جو ٻڌي اچي گڏ ٿيا هئا. سنڌين جا ڪنڌ هيٺ هئا. ڪيترا اهڙا سنڌي هئا، جيڪي ترخانن جا نوڪر چاڪر هئا، يا ترخانن جا هٿ ٺوڪيا ماڻهو هئا. گھڻو تڻو رڳو تيموري ۽ چنگيزي ارغونن جو هجوم هو. سوڍل ترخانن جي وچ ۾ ترخان ٿي لڳو. اوچتو هاهوڙ ٿي ويئي؛ ڏهاڪو کن سپاهي اگھاڙين ترارين سان ڪراڙي وريام کي وچ ۾ ڪري وٺي آيا. چونڪ جي پوري وچ تي ڦاهيءَ جو ٽياس کوڙيو هئائون. چاچو وريام سڄو رت ۾ رڱيل هو؛ سندس ڏاڙهيءَ جا وار چهچ ڳاڙهي رت ۾ رڱجي چڳون چڳون ٿي چٿرجي ويا هئا. جڏهن کيس ٽياس جي ويجھو آندائون، تڏهن امير تيمور مڇن کي تاءُ ڏيندو، ٽياس تائين آيو، ۽ وڏي واڪي چيائين: ”سنڌيو، اوهان کي معلوم هئڻ گھرجي ته ظلِ الاهيءَ سان بغاوت ڪرڻ وارن ڪتن جوسزا هيءَ آهي!“ ائين چئي جلاد کي اشارو ڏنو. جلاد ٽياس جي ڀرسان پيل تختي تان ڪاري پٽي کڻي، وريام جي اکين ٻڌڻ لاءِ اڳتي وڌي آيو. وريام هٿ سان کيس منع ڪندي، ٽياس ڏانهن ڏٺو.
    اوچتو سوڍل جي ڪميت هڻڪار ڪئي، پوءِ ماڻهن رڳو گھوڙي جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ ٻڌي. سوڍو کنوڻ وانگر ٽياس تائين پهچي ويو. سندس ڀالو امير تيمور جي نڙيءَ مان پار هليو ويو. هن باز وانگر جھپ هڻي، وريام جي چيلھه ۾ ٻانهن ڦٻائيندي، کيس کڻي پنهنجي هني تي رکيو. جيسين ترخان سڄاڻ ٿين، تيسين ڪميت ماڻهن جي ميڙ کي ڇيپاٽيندي، چيريندي ٻاهر نڪري ويئي. ترخانن جا ڪيترا سوار هن ڪڍ لڳا، پر سوڍي جي ڪميت کي ڄڻ پڇ ۾ باھه وچڙيل هئي، ۽ هوءَ کنوڻ جيان کنوندي الائي ڪٿان وڃي نڪتي.
    اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن، سوڍل وري امير خان جي در تي نه ويو هو. امير خان جو کيس سڏائڻ ضرور ڪنهن مقصد سان هوندو. ڀانئجي ٿو ته سنڌين جي اندر جو کورو وري تپي تپي ڄڀيون ڪڍڻ لڳو هو، ۽ اهي ڄڀيون وري قنڌارين کي ساڙڻ لڳيون هيون. اهو ڄڻ ته هڪ اهڃاڻ هو، هڪ چتاءُ هيو ـــــ نئين طوفان، نئين ڇوهي جو! پر هن نئين ڇوهي جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ وري سنڌي ڪک پن وانگر لڙهي ويندا، وري ڳچ ڳرندا، ڪنڌ ڪرندا، سِسين جا لابارا پوندا، سِرن جا لابارا لهندا، ڪنڌن جو فصل ڳاهبو، ۽ سنڌ غلام رهندي! هن شڪايتي انداز سان مٿي نهاريو، ڄڻ آسمان جي هن پار رهڻ وارن تي به هن کي چڙ اچڻ لڳي هئي. سنڌ جي سٻاجھي سٻاجھي صورت هن جي اکين اڳيان اچي ويئي، ۽ هو نهايت پيار مان پنهنجي ڪميت جي ڳچيءَ تي هٿ ڦيرڻ لڳو. هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ان ڪميت گھوڙيءَ ۾ سنڌ جي روح جو ڪو ذرو سمايل هو ـــ وفادار ۽ هميشه قربان ٿيندڙ! سنڌ، هن جي جيجل ماءُ، هن جي پروردگار، جنهن ايامن کان ظلم سٺا هئا؛ يونانين جا، ايرانين جا، ساسانين جا، عربن جا ـــ ۽ هر ڀيري جڏهن سنڌين جي غيرت کي ڌڌڪو ٿي آيو ته هزارين سنڌين، پنهنجا ڪنڌ ڪپائي، وري پنهنجي جيجل ماءُ کي عزت سان رهڻ جو سنيهو ٿي ڏنو. انهن ڪنڌن ۾ هن جي ابن ڏاڏن جو رت چم ماس ۽ هڏا ٻيجي وانگر وري وري ڦٽندا، وري لڻجندا رهيا. هر بار هن جي جيجل سنڌ گھڙي لاءِ ڳاٽ اوچو ٿي ڪيو ته آسمان جي هن پار وسندڙن کيس غيرن جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ٿي ڇڏيو. ائين ڇو ٿي ٿيو؟ سنڌ ڪهڙو ڏوھه ڪيو هو؟ ڇا انهيءَ ڪري جو منجھس هر انسان کي پيار ۽ پاٻوھه ڏيڻ جي عجيب عادت هئي . . . . اي خدا ڇو؟ هتي جا پيارا پيارا سٻاجھڙا ماڻهو، پيارا پيارا کيت، مٺڙا مٺڙا گيت، سهڻا سهڻا ناچ، سهج ـــ سنوان ڳوٺ، وهيون، واهڻ ـــــ هي ٺٽو، هي بکر، هي اروڙ، هي موهن ڪوٽ، هي برهمڻ آباد، هي لڪيءَ جا جبل، پٻ، هالار، اڇا ڪارا جبل، هي ساگر، هي سمنڊ، هي درياءُ، هي ٻيلا ـــــــ هي ڪائنات جا بي مثال تحفا، ۽ هي مٺڙي منهنجي سولي آسماني سنڌي ٻولي، هي مسجدون، هي مندر، هي مٺَ، هي راڳ، هي ويراڳ، هي سماع، هي صوفي، هي ويڄ، هي پورهيت، هي ڪمي ڪاسبي، هي هاري ناري، هي لوهار، هي واڍا، هي اوڏ، اهي اوستا ـــــ هي منهنجي ملوڪ سنڌ ڇا ڪڏهن به ڌارين کان آزاد ڪانه ٿيندي؟
    سوڍل کي پنهنجي دل ڊانوان ڊول ٿيندي محسوس ٿي، ۽ اُن گھڙي جي ان ڪمزوريءَ کان هُن پنهنجو منهن ڪميت جي کهرين کهرين بشڪن ۾ لڪائي ڇڏيو. هن کي انهن بشڪن جي ڪوسي ڪوسي لهس ۾ ڄڻ آرام ملي ويو. ان پيار ڀريءَ ڳراٽيءَ ڪميت کي به ڪونئرو ڪري وڌو، ۽ هو ڪنڌ جھولڻ لڳي، اڳئين سنب سان سنڌ جي مٽيءَ سان پيار ونڊڻ لڳي، ڄڻ هن کي چئي رهي هئي ته ”آءُ سڄڻ، ته آءٌ توکي سنڌ جي آزاديءَ جي راھه تي وٺي هلان!“ سوڍل ڄڻ سندس سنيهو سُڻي ورتو، ۽ هوريان چيائين ”هل مٺي ته هلون!“


    2

    سوڍي لانگ ورائي ته ڪميت هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي. سندس من ڳرو ڳرو ٿي پيو هو، ۽ هن کي پنهنجا احساس ۽ اُڌما سمجھه ۾ نٿي آيا؛ انهن ۾ بغاوت ۽ نفرت سان گڏ ڄڻ ته اڪيلائيءَ جو احساس هو ـــــــ سنڌ جي اڪيلائي جو احساس!!. گهوڙيءَ کي شهر جي وچ مان وٺي وڃڻ بدران، هن گھوڙي کي ڪوٽ ڏانهن موڙيو. ڪوٽ جي ٻاهران مينگھواڙن جي چونئرن وٽان لنگھيو تڏهن ڪاريئي پنهنجي زال کي ٺونٺ هڻندي چيو؛ ”اڄ وري ڪو ڀنڀٽ ڀڙڪڻ وارو آهي؛ هي واچوڙو سڀني کي ڪک پن وانگي لوڙهي ويندو. پاڻ کي وري لڏڻو پوندو!“
    جڏهن به ڪو خُلم ٻرندو هو، تڏهن غريب سنڌين جا چونئرا ۽ لوڙها سڙندا هئا، سندس کلن ۾ بُھُه ڀريو ويندو هو. هنن سان اهي وارداتون ايتريون ته گھڻيون ٿي گذريون هيون، جو هر پيڙهيءَ جا ماڻهو ڪن خاص اهڃاڻن مان ايندڙ آفت کي سهي ڪري ويندا هئا.
    سوڍل اميرخان جي ڏيڍيءَ تي پهتو ته ڀر ۾ مغلن واري مسجد مان ٻانگي جو پرُ سوز آواز فضا ۾ گونجڻ لڳو. سوڍل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اڄ ٻانگي جي آواز ۾ ڪو اهڃاڻ هو، ڪو چتاءُ هو، ڪنهن ٿيڻيءَ جو، ڪنهن نئينءَ واردات جو. پهريدارن ڪنهن سوار کي ڇوھه مان ايندو ڏٺو ته پنهنجا ڀالا منڌيئڙي وانگر آڏا ڏيئي بيهي رهيا. پر سوڍل ڪميت جي رفتار نه گھٽائي، ۽ جيڪڏهن پهريدار هٽي نه وڃن ها ته سنبن ۾ چچرجي وڃن ها. سوڍل هنن کان گھڻو اڳتي عين ڏيڍيءَ جي صدر دروازي اڳيان وڃي گھوڙي جھلي. گھوڙيءَ جي سنبن جي آواز هڪ مغلياڻي ٿورو در کولي جھاتي پاتي، پر ڪنهن سنڌيءَ کي ڏسي وري جھٽ تاڙي چاڙهي ڇڏيائين. سوڍل گھوڙي تان لٿو ته پهريدار به ڀالا تاڻيندا اچي پهتا.
    ”تون ڪير؟“ هڪڙي پهريدار ڪڙڪي سان چيو.
    ”سوڍل!“ هن مختصر جواب ڏنو.
    پهريدار خاموش ٿي ويو. هنن کي شايد سوڍل جي اچڻ جي اڳ ئي ڄاڻ ٿيل هئي؛ کين هن جي اچڻ جي ڍنگ تي جا ڪاوڙ هئي، سا هاڻ حيرت ۾ بدلجي ويئي. هنن مان هڪڙي وڌي مرداني اوطاق جي در جو ٽنگيل چڙو وڄايو. گھڙيءَ کان پوءِ هڪ خواجه سرا سوڍل جي آجيان ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو، ۽ ٻيئي هٿ منڌيئڙي وانگر پنهنجي ڇاتيءَ تي ٻڌندي چيائين: ”حضور اوهان جي انتظار ۾ آهن.“
    سوڍل هن سان گڏجي اندر داخل ٿيو. اڱڻ جي اڳيان هڪ نهايت خوبصورت چمن هو، جنهن جي عين وچ تي هڪ ڦوهارو رنگين پاڻي جون پچڪاريون گلن تي اڇلائي رهيو هو. هر طرف سنگمرمر جي مرتبانن ۾ مشعلون ٻري رهيون هيون. ڦوهاري جي چوڌاري چئن ستونن سان هڪ گول چبوترو ٺهيل هو. هر هڪ ستون جي مٿان هڪ نهايت حسين عورت جو بت ٺهيل هو. هر مجسمو ڄڻ ڏسندڙ کي پنهنجي خوبصورت جسم کي ڇُهي ڏسڻ جي آڇ ڪري رهيو هو. سوڍل انهن مجسمن کي دل ئي دل ۾ ساراهيندي رهجي ويو. فن ۽ هنر جو ڪمال هو، جو سونهن سندرتا جي صورت وٺي بيٺو هو. هن کي پنهنجو سنگتي رتن ياد اچي ويو، جيڪو سنگمرمر ۽ آبنوس مان اهڙا پيارا پيارا بت ۽ مجسما گھڙيندو هو، جو ڏسندڙ دنگ رهجي ويندا هئا. مرزا عيسى هڪ مُلي جي چوڻ تي کيس سنگسار ڪرائي مارائي ڇڏيو هو. هي مجسما به رتن جا ٺاهيل هئا، ۽ سوڍل کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ انهن مجسمن ۾ رتن جو روح کيس بدلي وٺڻ لاءِ ٻاڏائي رهيو هو.
    خواجه سرا هن کي بتن ڏسڻ ۾ محو ڏسي، هلڪي کنگھڪار ڪندي چيو: ”حضور جن اوهان جا منتظر آهن!“ ائين چئي وري ادب سان ٻانهون ٻڌي بيهي رهيو. سوڍل چمن مان لنگھي ديوان خاني ۾ قدم رکيو. هن جي بلڪل سامهون هڪ وڏي تخت تي، اميرخان طول تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. سندس سامهون، هڪ مُوڙي تي هڪ حَسين ترڪ ڇوڪرو رباب تي ڪا ايراني ڌُن وڄائي رهيو هو. اميرخان اکيون بند ڪري ان ڌُن ٻڌڻ ۾ مگن هو. سوڍل جي اچڻ تي ڄڻ هو ڇرڪ ڀري اٿي ويھي رهيو.
    ”اچ سوڍل اچ؛ اچي هت منهنجي ڀر ۾ ويھه،“ اميرخان جي منهن تي مرڪ ڦهلجي ويئي.
    سوڍل گھڙيءَ لاءِ پنهنجي چوڌاري ڏسندو رهيو؛ هر طرف ريشم ئي ريشم هو. پردا ريشم جا، قالين ريشم جا، طول ويهاڻا ريشم جا، چادرون ريشم جون. تخت جي ڀر ۾ آبنوسي ميز تي بلوري صراحين ۾ انگوريون ۽ عرق سجايل هئا، ۽ انهن جي ڀر ۾ دل جي شڪل جا بلوري جام چمڪي رهيا هئا.
    ”آءٌ ويهڻ ڪونه آيو آهيان. تو مونکي ڇو سڏايو آهي، اميرخان؟“ سوڍل جي آواز ۾، نه چاهيندي به سختي اچي ويئي.
    ”ڏاڍي ڪا ڪاوڙ اٿئي مون تي! ياد نه اٿئي ته پاڻ پڳ مٽ يار آهيون.“ امير خان صلح جي انداز ۾ چيو.
    ”آءٌ ياري نڀائڻ نه، پر تنهنجو نياپو ٻڌي آيو آهيان.“ سوڍل پنهنجي آواز کي جھيڻو ڪندي چيو.
    ”نياپا پيا ڏبا وٺبا؛ پهرين اچ ته انگوريءَ سان ياريءَ کي تازو ڪريون. ادراڪي، منهنجي جان، اسان کي پنهنجن انهن خوبصورت هٿن سان جام ڀري ڏي!“ اميرخان پيار مان ترڪ ڇوڪري کي چيو. هن جون اکيون هن نينگر جي سراپا کي ڏسي چمڪڻ ٿي لڳيون. ترڪ ساقي ڏاڍي ناز سان اٿيو؛ رباب هڪ پاسي تي رکي، هن هڪ خاص ادا سان ٻه جام ڀريا، ۽ هڪ سوني طشت ۾ رکي اڳتي وڌيو. اميرخان کي جام ڏيڻ کان اڳ هن جام پنهنجن چپن تائين آندو، ۽ سرڪي ڀري کيس پيش ڪيائين. اميرخان مرڪندي، جام ورتو. ترڪ ڳڀروءَ وري سوڍل جو جام پنهنجن چپن تائين آندو، پر هن جي سرڪ ڀرڻ کان اڳ، سوڍل جام سندس هٿن مان کسي ورتو. هن کي ان منظر کان ئي بڇان اچي ويئي هئي. ترڪ ڳڀرو ڪاوڙجڻ بدران دل تي هٿ رکي هڪ نئينءَ ادا سان ڪنڌ نمائي بيهي رهيو.
    اميرخان ٽهڪ ڏيئي چيو: ”اوهين سنڌي اڃا هن ايراني ميوي تي ڪونه هريا آهيو. پر هن ميوي جو مزو سو اسان کان پڇ.“
    ”اهو ميوو اوهان کي نيبھه هجي؛ اسان سنڌين کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو!“ سوڍل پنهنجي آواز ۾ ٽوڪ کي لڪائيندي چيو، ۽ جام پنهنجن چپن سان لڳائي ڇڏيائين.
    هو چپ چاپ پيئندا رهيا. سوڍل جي اندر جي آڳ انگوريءَ وڌيڪ ڀڙڪائي ڇڏي. اڄ انگوري هن جي اندر جي کوري تي ڇنڊو نه وجھي سگهي. هو جيئن جيئن پيئندو ويو تئين تئين هو وڌيڪ سجاڳ ٿيندو ويو. هن کي رتن جو روح سڄي ديوانخاني ۾ ڀٽڪندو، هن جي ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندو محسوس ٿيو؛ ”سوڍل، تون ته ياري نڀائڻ وارو آهين. منهنجي خون جو بدلو ڪڏهن وٺندين؟“ اها ڀڻ ڀڻ هن جي لؤڻن ۾ ٻُرڻ لڳي، ۽ ان سان گڏ هن کي سنڌ جا اهي سمورا ڪونڌر ياد اچي ويا، جيڪي ترخانن ۽ ٻين ڌارين سان وڙهندي ڪُسي ويا هئا. سڀ هڪ آواز ٿي هن جي ڪنن ۾ سرگوشيون ڪرڻ لڳا هئا: ”سوڍل، اسان جي رت جو سڏ ڪڏهن ڏيندين؟“ اهي سرگوشيون پڙاڏا بنجي هن جي ڪنن، هن جي دل، ۽ ۽ پوءِ هن جي رت ۾ هُرڻ ٻُرڻ لڳيون. رت جي انهيءَ هورا کورا هن کي ويهڻ ڪونه ڏنو، ۽ هو اٿي بيٺو. گھڙيءَ لاءِ اميرخان کي گھوريندي، هن چيو: ”اميرخان تو مون کي ڇا لاءِ سڏايو آهي؟ ادي بابت ڇا چَوڻو اٿئي؟“
    اميرخان به ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو. انگوري هن جي پاپڙين ۾ پوسرڻ لڳي هئي، ۽ هن سُرور مان چيو: ”سوڍل، ڇڏ انهن ڳالهين کي. تون ته منهنجو يار آهين. ويھه ته اڄ توکي دنيا جي هڪ نرالي شيءَ ڏيکاريان . . . “ ۽ پوءِ ترڪ ڳڀروءَ ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”جان، اسين اڪيلا ٿيڻ چاهيون ٿا.“
    ترڪ ڳڀرو ڪورنش ڪري، پوئتي هٽندو، ديوان خاني مان نڪري ويو. اميرخان سوڍل کي ويهڻ جو اشارو ڪري، زور سان تاڙي وڄائي. خواجه سرا بنان ڪنهن آهٽ جي، اندر داخل ٿي، ڪنڌ نمائي بيهي رهيو.
    ”پنهنجي مالڪڻ کي چؤ ته اسين سندس منتظر آهيون.“
    خواجه سرا کان ڇرڪ نڪري ويو. هن کي ڄڻ اُن ڳالھه تي اعتبار ئي نٿي آيو، ۽ هو منجھي بيٺو رهيو.
    ”سليمان، اسين ڳالھه ورجائڻ جا عادي نه آهيون!“ اميرخان کي اوچتو ڪاوڙ اچي ويئي.
    ”جي . . . . جي آقا ي من!“ سليمان جو ڪنڌ اڃا ئي وڌيڪ جھڪي ويو، ۽ هو تخت جي پٺيان واري دروازي کان زنان خاني ۾ هليو ويو، سوڍل کي به ڪجھ سمجھه ۾ نه آيو ته اميرخان جو مقصد ڇا هو. ڇا هيءَ ڪو نئون داءُ هو سياست جو؟ هي ڪو نئون ڪوڙڪو هو هن کي ڦاسائڻ لاءِ؟ هو اڃا انهن خيالن ۾ هو ته پازيبن جي هلڪي ڇڻ ڇڻ هن جي ڪن ۾ پئي، * پوءِ هلڪي پيازي، شفاف ململ جي چولي ۾ ملبوس پرين جي هڪ شهزادي اندر داخل ٿي. سوڍل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ مٿس کنوڻ کڙي ويئي، ۽ هن جون اکيون کيريون ٿي ويون. پيازي ململ مان جھلڪندڙ هن جا ڪلها، هن جي ڇاتيءَ جي محراب جي ٻنهي پاسي ڄڻ ته سجدو ڪرڻ جي دعوت ڏيئي رهيا هئا. سندس سنهڙا گلابي چپ به محرابي شڪل ۾، ڊگھي سنهي نڪ هيٺان ائين ٿي لڳا ڄڻ ته ڪو گلابي ڪنول ڏانڊيءَ سوڌو کڙي پيو هو. سدس اکين جا پنبڻ هوش حواس ٻُهاري وڃڻ لاءِ آتا هئا، ۽ ريشم کان به نرم کليل وارن سندس سراپا کي عجيب پس منظر ڏيئي ڇڏيو هو؛ ۽ سڀ کان وڌيڪ هن جي اچڻ سان ڪمري ۾ هڪ عجيب هٻڪار پکڙجي ويئي ۽ فضا واسجي ويئي. سوڍل کي اها خوشبو کائڻ لڳي. هن جي جسم جي اها اُٻ هن جي ناسن کان ٿيندي، هن جي هيٺئين ڌڙ ۾ ڀيڙون ڏيڻ لڳي، ۽ سوڍل کي اهو احساس ٿيندي ئي پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
    ”محبوبي، هي منهنجو پڳ مٽ يار، سوڍل آهي. هن کان مون کي ڪوبه پردو ڪونهي. اچ، اڄ اسان جي ڦٽيل دلين تي پنهنجي مٺي آواز جي جادوءَ سان ڪو مرهم رک!“ امير خان تخت تي هن جي ويهڻ لاءِ طول سڌو رکندي چيو.
    هن سوڍل تي هڪ سرسري نظر وڌي، پر ان سرسري نظر ئي هن جي سَنڌ سَنڌ ۾ هڪ عجيب ڇِڪ پيدا ڪري وڌي. نه چاهيندي به هن جي نگاه، سوڍل جي ڀورين نيرين اکين کان ٿيندي، سندس موڪري ويڪري ڇاتيءَ تي ڄمي ويئي، ڄڻ هوءَ ان ڇاتي ۾ پنهنجي لاءِ ڪا جڳھه ڳولڻ لڳي هئي. ان موڪريءَ ڇاتي کي ڏسي هن کي پنهنجي وطن ترڪستان جا وسيع ميدان ياد اچي ويا. هن کي انهن ميدانن کي کن پَل ۾ طي ڪندڙ سرڪش گھوڙا ياد اچي ويا، جن جي انگ انگ ۾ اَڄاتي اُڇل هئي، جن جون مشڪون انسان کي ڏسي سيٽجي وڌيڪ اُڀري بيهنديون هيون. انهيءَ ويڪري ڇاتي کي ڏسندي ڏسندي هو رباب کڻڻ لاءِ هيٺ جھڪي ته سوڍل کي پنهنجي ڪميت گھوڙي مومل ياد اچي ويئي. رباب کڻي، موٽڻ وقت هن جو هٿ اڻ لکو، هن جي ٻانهن کي ڇُوهي ويو؛ سوڍل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن باھه جو اُلو سندس ٻانهن تي رکي ڇڏيو هو، ۽ هو ٻئي هٿ سان انهي هنڌ کي مهٽڻ ۽ آروس ڪرڻ لڳو.
    هن رباب تي آڱريون ڦيريندي، هڪ ڪهني ڌُن ڇيڙي، ۽ ان ڪُهني ڌُن جي لئي ۾ هن جو سريلو آواز انگوري شراب بنجي ويو. هوءَ ڳائڻ لڳي ـــــــــــ پنهنجي ئي وطن جو هڪ نغمو، جنهن جا سمورا لفظ نه سمجھندي به سوڍل ڄڻ ان جي پيغام کي پروڙي ورتو.
    ”منهنجي وطن جا جوان، غلام وطن جي ڪنوارين کي ويجھو نٿا وڃن؛ منهنجي وطن جو ڪنواريون هٿ کڻي هنن کي ڳراٽي پائڻ لاءِ وڌن ٿيون، پر هو کين ڀاڪر ۾ نٿا آڻين، ڇاڪاڻ ته هنن جو وطن غلام آهي. منهنجي وطن جون ڪنواريون ڳاڙها پيازي گل پنهنجي سينڌ ۾ سجائي، هنن جي آجيان لاءِ پٻن تي بيهي انتظار پيون ڪن، پر هو اچڻ لاءِ آتا نه آهن، ڇاڪاڻ ته هنن جو وطن غلام آهي. منهنجي وطن جون ڪنواريون پنهنجن دروازن اڳيان پنبڻن جي سيج وڇائي، اوسيئڙي جا لڙڪ پيون ڳاڙين، پر هو اچڻ لاءِ آتا نه آهن، ڇاڪاڻ ته هنن جو وطن غلام آهي. . . . ڇاڪاڻ ته هنن جو وطن غلام آهي. . . . !“
    گيت الائي ڪيڏي مهل پورو ٿيو، پر جڏهن سوڍل هن ڏانهن نهاريو تڏهن هن سوڍل جي اکين ۾ هڪ انوکو مچ مچندو ڏٺو؛ اهو مچ ان مچ کان مختلف هجو، جو هن جي اکين ۾ کيس ڏسڻ سان پيدا ٿيو هو. هوءَ به هڪ غم گاڏڙ خوشي محسوس ڪرڻ لڳي؛ ڪيترو نه دکي هو هي غلام ديس جو شهزور انسان!
    ”اها اٿئي اسان جي ليلى، سوڍل! اسان جي دين ايمان جي مالڪ! ليلى، جان . . . اڄ تو اسان کي اهو گيت ٻڌائي نئين حياتي بخشي ڇڏي آهي. اسين تنهنجا احسان ڪيئن لاهي سگھنداسون . . . !“ اميرخان جام ختم ڪندي چيو. هن جي اکين ۾ انگوري بجاءِ ليلى، جھلڪي رهي هئي، ۽ هن اکيون اڌ بند ڪندي چيو: ”ليلى، اسان جو جام خالي آهي !“
    ليلى آئي، ميز تان صراحي کڻي هن ڏانهن موٽي آئي. جام اميرخان جي هٿ مان وٺي، کڻي فرش تي اڇلايائين. بلوري جام اَڻا اَڻا ٿي ويو. اميرخان حيرت مان ليلى جي منهن ۾ نهارڻ لڳو. ليلى جي اکين ۾ شرارت هئي، ۽ چپن تي هڪ دلنواز مرڪ. هن صراحي کڻي اميرخان جي هٿ ۾ ڏني، کيس پي وڃڻ جو اشارو ڪيائين. اميرخان جي چپن تي به مرڪ اچي ويئي. هن صراهي چپن سان لڳائي ڇڏي، پر اڌ صراحي پوري ٿي ته انگوري هن جي واڇن کان وهڻ لڳي. هن کي هڏڪيءَ اچي ورتو. سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو، *۽ اکيون ٻاهر نڪري آيس. هن کان وڌيڪ پيتو نه ٿيو، ۽ هن لڏندي، ٿاٻڙجندي صراحي تخت تي رکي، اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    ليلى وري اٿي، ميز تان اهڙي ساڳي صراحي کڻي، سوڍل اڳيان آئي، ۽ کيس اهڙين نظرن سان ڏٺو، جن ۾ شوخي ۽ شرارت کان سواءِ هڪ التجا به هئي. هن صراحي سوڍل ڏانهن وڌائي. سوڍل صراحي هن جي هٿ مان وٺي، چپن سان لڳائي ڇڏي. هوءَ عجب ۽ ڊپ مان هن وحشي گھوڙي کي ڏسندي رهي. جڏهن صراحي خالي ٿي ويئي، تڏهن سوڍل صراحيءَ کي زور سان آتشدان ۾ اڇلائي ڇڏيو. سوڍل جي اکين جو مچ هيڪاري وڌيڪ مچڻ لڳو. ليلى هڪ هلڪو ٽهڪ ڏيئي، اميرخان جي ڇاتيءَ تي پنهنجي آڱر رکندي چيو: ” ڪانئر . . . .! “ ائين چئي، هڪ خاص ادا سان موڙو ڏيئي، رباب اميرخان جي هنج ۾ اڇلائيندي، زنانخاني ڏانهن هلي ويئي. سوڍل هن طوفان کي ويندي ڏسي، ڳچ وقت زنانخاني جي دروازي ڏانهن نهاريندو رهيو.
    اميرخان جي انا به صراحي وانگر اَڻا اَڻا ٿي ويئي هئي. هن کي ليلى *۽ سوڍل سان گڏ پنهنجي پاڻ تي به ڪاوڙ اچي ويئي، ۽ هو اٿي بيهي رهيو. ڪمري ۾ اچ وڃ ڪندي، هو پنهنجي ڪاوڙ کي ڍري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چوڻ لڳو؛ ” سوڍا خان، ڀاڻهين کي سمجھائي ڇڏ، هن ٺٽي جي ڀري بازار ۾ ترخانن کي گاريون ڏنيون آهن، ۽ امير ڪوڪلتاش کي سندس اوطاق تي وڃي مارڪٽ ڪئي آهي. ترخانن ۾ ڏاڍو تاءُ آهي. امير ڪوڪلتاش مون کي چوائي موڪليو آهي ته آءٌ اهو نياپو تو تائين پهچايان . . هاڻي تون وڃي سگهين ٿو. مون کي تنهنجي ياريءَ جي ضرورت نه آهي. سليمان . . . سليمان . . . ! . . . سوڍل هاڻ وڃڻ لاءِ تيار آهي . . . “
    سليمان زنانخاني جو دروازو کولي اندر آيو، ۽ اميرخان جي اکين کي ڏسي، سوڍي جي اڳيان سڌو ٿي بيهي رهيو. سوڍو پنهنجي موڙي تي ويٺو رهيو ۽ چيائين : ”آءٌ پنهنجي مرضيءَ سان آيو هوس، ۽ هاڻ ويندس به پنهنجي مرضيءَ سان . . . . !“
    ”سوڍا، توکي پنهنجي هٿ سان نه مارڻ جو قسم مون کنيو آهي، نه سليمان! . ۽ سليمان جي خنجر جو وار ڪڏهن به خالي نه ويو آهي . . . . “ اميرخان تي هاڻ انگوري پنهنجو پورو اثر ڪندي ٿي وئي. سوڍل چپ چاپ زنانخاني جي دروازي ڏانهن نهاريندو رهيو؛ هن جي ڪنن ۾ اڃا تائين پازيبن جي ڇم ڇم جو آواز ٻري رهيو هو. اميرخان هن کي اوڏانهن نهاريندو ڏسي بِر ٿي ويو، ۽ هن سليمان ڏانهن نهاريندي چيو: ”سليمان، اسان کي ڳالھه ورجائڻ جي عادت نه آهي . . . . ! “
    سليمان پربت جيڏو جناور هو؛ سندس اکين ۾ رحم ۽ انسانيت جو نالو نشان به نه هو. هو جھنگلي سانَ جيان نڪ مان ڦونگارا ڪڍندو رهيو. اوچتو هن پنهنجي ڪمربند مان ڪاري ڳَن سان هڪ ڊگھيءَ ڦار وارو سنهو خنجر ڇڪي ڪڍيو، ۽ سندس زبان مان لفظ ڄڻ چيرجي نڪتا: ”سنڌي، تون حضور جا لفظ ٻڌي چڪو آهين! “
    سوڍل ڄڻ ته ڪجھه ٻڌو ئي ڪونه. هن هڪ صراحي مان جام ڀريو. اڃا جام چپن تائين آندائين ته انگوريءَ جي تهه تي هن سليمان جو ڪارسرو پاڇولو ڏٺو. هن ڪنڌ جي هلڪي جنبش سان مٿي نهاريو، ۽ خنجر کي تيزيءَ سان پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺائين. هٿ جي هلڪي اشاري سان هن جام ۾ پيل انگوريءَ سليمان جي اکين ۾ اُڇلائي وڌي، ۽ پاڻ موڙي تان هٽي ويو. سليمان جي اکين ۾ اونداھه جا مرچ پئجي ويا، ۽ هن جو وار خالي موڙي تي اچي ڪِريو. خنجر جي نوڪ موڙي جي ناسي چمڙي کي آرپار ڪپي ويئي. وڌيڪ ڌڪ روڪڻ لاءِ، سوڍي جھٽ هڻي، سليمان جي خنجر واري هٿ کي ڪَرائي کان جھلي، پنهنجي هٿ کي هلڪو موڙي ڇڏيو. سليمان جي وات مان ڪِيڪ نڪري ويئي، ۽ هو پٺئين پاسي سڄو ٻيڻو ٿي ويو. پر خنجر هٿ مان نه ڇڏيائين. سوڍي پنهنجي گوڏي سان، سليمان جي گوڏي جي پٺ ۾ زور سان ٺوڪر هڻي سندس ٻانهن ڇڏي ڏني. سليمان مروٽيل ٻانهن سان پٺ ڀر وڃي ڦهڪو ڪيو، ۽ سندس ئي آبنوسي خنجر جي چهنب، سندس چيلھه وٽان گھڙي، دَنَ وٽان نڪري آئي. هن چپن ۾ ئي ڪٺل ڍڳيءَ جھڙي رنڀ ڪئي، ۽ سڌو ٿي ويو. سوڍل کيس پير سان ٿڏو هڻي، اونڌو ڪري خنجر ڇڪي ڪڍي ورتو. خنجر هٿ ۾ جھلي، هو اميرخان ڏانهن وڌي آيو. اميرخان ڊپ کان ڄڻ پنڊ پهڻ ٿي ويو. سوڍل سندس پهراڻ سان خنجر تي لڳل رت صاف ڪندي چيو: ”اميرخان هي آبنوسي خنجر تنهنجي منهنجي ياريءَ جي نشاني طور کنيو ٿو وڃان. . . . “
    سليمان جي رنڀ تي پهريدار پنهنجا نيزا سنڀالي اندر هليا آيا. سليمان کي پٽ تي پيل ۽ سندس پيٽ مان وهندڙ رت کي ڏسي، هو منجھي بيهي رهيا. اميرخان سوڍل جي هٿ ۾ خنجر ڏسي، چيو: ”اوهان کي ڪنهن سڏايو، مردودو ! وڃو . . . . . هڪدم ٽرو منهنجي منهن تان !“
    پهريدار منهن ڀيلو ڪري ٻاهر هليا ويا. سوڍل خنجر جي ڦار تي آڱر ڦيريندي، ڌار ڏسندي چيو: ”اميرخان، تنهنجو نياپو آءٌ ڀاڻهم تائين پهچائيندس، پر ڪنهن ترخان هن کي هٿ لاتو آهي ته منهنجو نالو به سوڍو آهي. . . . “ اميرخان تي هڪ نظر وجھي، هن وري زنانخاني جي بند دروازي ڏانهن نهاريو، ۽ پوءِ ديوان خاني مان نڪري، چمن مان ٿيندو پنهنجي گھوڙيءَ تائين وڌي آيو.


    3

    سنڌ آزاد هئي ته چانڊوڪيون راتيون به آزاد هيون. سمهڻي نماز کانپوءِ ننڍا نيٽا وڃي ميدانن ۾ ونجھه وٽيون ۽ ٻيلهاڙا کيڏندا هئا. پريا مڙس انهن بازين تي شرطون رکندا هئا، مٺايون ورهائيندا هئا. کٽندڙن توڙي هارائيندڙن جون مانيون جھلبيون هيون. لُونگيون ٻڌبيون هيو، پتاشا ورهائبا هئا، ڏونڪا وڄندا هئا، ڇيريون ٻڌبيون هيون، سانگ وجھبا هئا ۽ آزادي ماڻبي هئي. پر جڏهن کان قنڌاري ڪڙڪيا هئا، ۽ سنڌ غلام ٿي هئي، تڏهن کان چنڊ کڻي ڪهڙا به سورنهن سينگار ڪري، سمهڻي کان اڳ سڀ ٽڙي پکڙي ويندا هئا. پيش امام ويچارا انهيءَ اوسيئڙي ۾ هوندا هئا ته من ڪي مومن اچي نڪرن ته ڪا جماعت پڙهجي، پر ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نمازي مسجد ڏانهن رخ رکندو هو.
    اڄ به چنڊ جي سون ورني سورهين رات هئي. چوڌاري چئن ئي ڏَسن تي چانڊوڪي جو سون پڌاريل هو. سنگھار، آخوند نور محمد جي حجري ۾ داخل ٿيو ته اتي جانڻ ٻگھيو، دلاور سمون، صاحب اُنڙ ۽ يارو سومرو اڳي ئي پلٿي ماريو ويٺا هئا. سنگھار کي کيڪاريندي آخوند چيو: ”ابا ڀلي ڪري آئين، جيءُ ڪري آئين. هتان ٿي ويھه . . . . “
    سنگھار آخوند جي پاسي ۾ ويهي رهيو. جانڻ جي پٽ کي ڪوڪلتاش ارغون انڌو ڪرائي کوھه ۾ وجھائي ڇڏيو هو، ۽ سنگھار وٽس عذرخواهي لاءِ وڃي نه سگھيو هو، سو ويهندي وقت سندس ڪلهن ۾ ٻانهن وجھي، همدردي ۾ سڄڻپي جو ڀاڪر وجھندي چيائين: ”ادا جانڻ، ڌڻيءَ جي اها مرضي هئي؛ سندس شيءَ هئي، موٽائي ورتائين. پر سندس موت به موچارو ٿيو جو سنڌ مٿانهن سِر ڏنائين . . . ڌڻي صبر ڏيندء ! “
    جانڻ جي عمر اچي موٽ کاڌي هئي. هڪڙو ئي پٽ هوس دين دنيا ۾، پر ديس تان قربان ٿيو هو؛ ڏک ته گھڻوئي هوس، پر سندس دل ۾ هاڻ فقط اها آرزو هئي ڪوڪلتاش کان بدلو وٺڻ. ان ڪري آخوند نور محمد جي سڏ تي پهرين پهرين جانڻ آيو هو. سندس ڏک سڀني جو پنهنجو ڏک هو. جنهن به سرويچ اهو سڏ ٻڌو هو، سو هلي وٽس آيو هو. هينئر به آخوند سڀني سان گڏجي فاتح پڙهي، وري جانڻ سان عذر خواهي ڪئي.
    جڏهن جن کي اچڻو هو، سي پهتا، تڏهن آخوند سڀني کي چپ رهڻ جو اشارو ڪندي چيو: ”ابا، باھه وري دُکڻ لڳي آهي. اڃا ٽي سال به ڪونه ٿيا آهن جو وري سنڌين کي سنڌ جو سور جاڳائي وڌو آهي. مون اوهان کي هت سڏ ان ڪري ڏنو آهي، جو منھنجن ڪنن ۾ ڪن ترخانن اها ڳالھه وڌي آهي ته مرزا جان بابا مرزا باقيءَ خلاف شورش ڪرڻ وارو آهي. پهرين وچ ۾ سلطان محمود خان پيو هو، مرزا باقيءَ ان کي ترڪتال ٻڌائي ، ڇھه ڪنواريون ترڪ ڪنيزون ۽ ٻيا تحفا ڏيئي راضي ڪري موڪلي ڇڏيو. هاڻ مرزا جان بابا پنهنجي منهن ٺٽي تي چڙهڻ وارو آهي. منهنجو خيال آهي ته اسين مرزا جان بابا جو ساٿ ڏيون! “
    ”نه سائين، نه! مرزا جان بابا به ته نيٺ ترخان آهي؛ مرزا باقيءَ جو ڀاءُ آهي، ڌاريون آهي، اسان جي لاءِ ڳالھه ساڳي؛ مرزا باقيءَ سنڌ جو حاڪم نه ٿيندو ته مرزا جان بابا ٿيندو يا شاھه قاسم ارغون ٿيندو. سنڌ لاءِ ڪهڙو فرق پوندو؟ اهو ٿيو هٿ وٺي پاڻ کي ٻوهي ۾ ڏيڻو. جي مرزا باقي کٽي ويو ته سنڌين جو جڻ ـــ ٻچو رلائي ڇڏيندو، جي مرزا جان بابا کٽيو ته ان تي وري ڪهڙو اعتبار. هو ائين سمجھندو ته سنڌي اڄ مرزا باقي خلاف منهنجو ساٿ ڏيو بيٺا آهن، سڀاڻي منجھن ئي ڪو زور وارو ماڻهو پيدا ٿيو ته ان جو ساٿ ڏيندا. ان ڪري، دشمن سو دشمن ـــــــــــ هنن سمورن کي ختم ڪرڻ جي ڪا سوچيو. “ سنگھار پنهنجي راءِ ڏني.
    ”چئين ته سچ ٿو، پر مرزا جان جي وري به سنڌين سان سڱابندي آهي؛ سميجا سندس سيڻ آهن. اسان لاءِ وري به مرزا جان بابا چڱو.“ دلاور سمي چيو.
    ”سڱابندي سان ڇا ٿو ٿئي؟ ترخان وري به ترخان. هينئر به موچڙا پيا اٿس تڏهن وڃي سميجن وٽ لڪو آهي، نه ته اهي ساڳيا سميجا پڻس جي وقت ۾ وٽس دانهين ٿي ويا ته انهن کي رُکو جواب ڏنو هئائين.“ سنگھار کي ڳالھ پسند نه هوندي هئي ته سڌو چئي ڏيندو هو.
    آخوند نور محمد، ناس جي چپٽي ڏيندي چيو: ”منهنجو مقصد اهو ڪونهي ته مرزا جان بابا کي سنڌ جي حاڪم ٿيڻ ۾ مدد ڪريون. سندس لشڪر ۾ اڌ کان مٿي سميجا ۽ انڙ آهن. اهي ته آخر پنهنجا آهن؛ انهن سان ڳالهيون ٻولهيون ڪجن؛ جيڪڏهن مرزا جان بابا کٽي وڃي ته سندن مدد سان کيس ٿيڙڻ ڏکيو ڪونه ٿيندو.“ آخوند نور محمد تصور ئي تصور ۾ سنڌين جي پنهنجي راڄ کي ڏسڻ لڳو هو.
    ”سنڌين ۾ ڪير آهي جو مرزا جان کي ٿُڏي، کيس گادي وٺي ڏجي.“ جانڻ پهريون ڀيرو ڳالهايو هو.
    ”ادل ڳالھه ته لک جي ڪئي اٿئي. اسان جي فيروز سمي ته ڪو ٻوٽو ڪونه ٻارو. پاڻ ٻيڙو ٻوڙي راهي ٿيو. اهڙو ڪو سردار ڪونهي جنهن کي سمورن راڄن جي حمايت هجي، ۽ ان کي کڻي واڳون ڏجن.“ دلاور سمي چيو. فيروز سمي جو نالو کڻندي، هن جا ڏند ڪرٽجڻ لڳا هئا. فيروز جي بدبختيءَ ۽ ڪمزوري جي ڪري ڇھه سؤ سالن جي ماڻيل آزادي سنڌ وڃائي ويٺي هئي.
    ”اڙي ابا، ڪو سردار نه ملندو ته سنڌ کي آزادي ڪانه ملندي ڇا؟ ڌارين کي ڪڍو، پوءِ پاڻيهي ڪو بلو ٿي پوندو. پنجن ڇهن ڄڻن کي سڀ سنڌي چونڊي ملڪ هلائڻ لاءِ مقرر ڪندا ته ملڪ ڇو ڪونه هلندو. اهي سرداريون ۽ بادشاهيون ئي ته سنڌ جو سِر وڃائين ٿيون. پنهنجي سرداري ۽ بادشاهي قائم رکڻ ڪاڻ ته سمن ۾ ڦيٽاڙو پيو، ۽ وڃي شاھ بيگ جي سنگھر پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌائون“ آخوند نور محمد جون ڳالهيون ئي اهڙيون هونديون هيون، جو ماڻهون ڀانءِ ته ويٺو ٻڌي. ان ڪري کيس عزت به سڀ ڏيندا هئا. وڏي نظر جو ماڻهو هو، ٺلهو ٺڙڪو مُلو ڪونه هو، جن مان خلق سڄي ڪڏهوڪو ڀروسو وڃائي چڪي هئي.
    آخوند نور محمد ته سمورين بغاوتن جو منڍ مهاڙ هو. هن جي ذريعي مڪتبن، مدرسن ۽ دارالعلومن ۾ اندر ئي اندر پيئي شاگردن کي تربيت ملندي هئي؛ ۽ باھه جڏهن به ٻرندي هئي ته انهن شاگردن جو ان ۾ وڏو هٿ هوندو هو. ڪمال ته اهو، جو خود ترخان به هن کي ڏاڍي عزت ڏيندا هئا. مرزا باقي جھڙي ڪنجوس ۽ بي مروت به کيس سورپاءِ موڪلي هئائينس. سندس علم ۽ فقيريءَ جو ايڏو ته نالو هو، جو ڪنهن ترخان کي اهو شڪ نه هوندو هو ته آخوند نور محمد کي پنهنجي درس و تدريس ۽ مسيت کان سواءِ ٻيو به ڪو مقصد هوندو. سنڌ جي سُورهين جا ميڙ وٽس ڪٺا ٿيندا هئا، سي به اهڙي طرح جو ڪنهن کي پتو ڪونه پوندو هو ته ڪير آيو، ڪير ويو. سندس علم ۽ درويشيءَ جي هاڪ همايون ۽ پوءِ اڪبر جي درٻار تائين پهتل هئي. ان ڪري ڪنهن سرڪش ترخان کي به همت نه ٿيندي هئي جو آخوند جو چوڻ موٽائي. بکر کان ٺٽي تائين سندس هزارين فدائي ۽ شاگرد ڦهليل هئا، جيڪي هن جي حڪم تي سر ڏيڻ لاءِ تيار هوندا هئا.
    جڏهن سڀ ڳالهيون بحث مباحثي کان پوءِ صاف ٿيون، تڏهن آخوند چيو؛ ” پهريون ڪم ته هي آهي ته ارغون ۽ ترخان سردارن کي اهڙو هيسائجي، جو جيڪڏهن ڪا شورش ٿئي، ته هو ڪنهن به ڌر جو ساٿ نه ڏين. ٻي ڳالھه اها ته سنڌ جي سرحدن تي اهڙا ماڻهو موڪلجن، جو ڪنهن به ترخان سردار جو ماڻهو قنڌار کان ڪمڪ آڻي نه سگھي. ٻڌو اٿم ته ڪو ترخان سردار قنڌار وڃڻ لاءِ سنڀريو آهي. ان کي ڪنهن طرح روڪڻو آهي.“ آخوند نور محمد هاڻي فيصلي جي انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو. سندس اکين ۾ هڪ نئين جوت جلي رهي هئي، ڄڻ سنڌ جو روح سندس اکين ۾ بکڻ لڳو هو.
    ”اها خبر ڪنهن وڏي ترخان کي هيسائڻ سان پوندي ته قنڌار کان ڪمڪ وٺڻ ڪير ويو آهي. اهو خط به هٿ ڪجي. جڏهن اهو خط هٿ اچي ته . . . . “
    ”آءٌ حاضر آهيان . . .“ سنگھار هڪدم حامي ڀري.
    ”ته پوءِ آءٌ سنگھار سان گڏيو ويندس.“ جانڻ پنهنجي پراڻي يار کي اڪيلو ڇڏڻ نٿي گھريو.
    ”ابا سنگھار، تون نه وڃين ها ته چڱو. تو کان ترخان هونئن ته گھڻو ڇرڪيل آهن. جڏهن کان ڪوڪلتاش کي ڇنڀيو اٿيئي، مون کي ڪيتريون دانهون مليون آهن. پر خير، هاڻ هيئن ڪج، جو ڪنهن طرح اها خبر هٿ ڪر ته قنڌار ڪير ٿو وڃي، ۽ خط ڪنهن ڏي لکيل آهي. جي خط ئي ملي وڃي ته پوءِ واه واه. پوءِ اهو خط کڻي آخوند صالح کي پهچائجو. تنهن کان پوءِ جيئن آخوند صالح چوي تيئن ڪجو. آءُ پاڻهي آخوند صالح سان صلاح ڪندس، پوءِ جيئن ڌڻي کي منظور هوندو، تيئن ڪنداسون.“
    ”اسين صبح جو ساجھر ٺٽي وڃي ڪو جتن ڪنداسون . . . چڱو هاڻ موڪلاڻي ڪانهي.“ سنگھار اٿي بيهي رهيو.
    آخوند نور محمد به اٿي بيهي رهيو، ۽ سنگھار جي اکين ۾ نهاريندي چيائين: ”ڌڻي ساٿي ٿيندءِ . . . ، ابا!“ الائي ڇو آخوند نور محمد کي ائين لڳو ڄڻ هو سنگھار کي آخري ڀيرو ڏسي رهو هو. هن بي اختيار ٿي کڻي سنگھار کي ڀاڪر پاتو. جذبات کان هن جو آواز ڳرو ٿي پيو هو، ۽ سنگھار فقط ايترا لفظ ٻڌا: ”جيئي سنڌ!“ ”جيئي سنڌ!“ جانڻ ۽ سنگھار گڏجي چيو، ۽ ٻاهر نڪري آيا.
    هنن جا گھوڙا مسجد جي پٺئين پاسي ڦٽل مندر ۾ ٻڌل هئا. سنگھار پنهنجي گھوڙي جو توبرو لاهي، هني هيٺيان هڻي، گھوڙي کي لغام چاڙهي سواريءَ لاءِ لانگ ورائي. جانڻ به سوار ٿي گھوڙي کي اڙي هنئي. ٻنهي جي دلين تي گذريل وارداتن، هلندڙ حالتن ۽ ايندڙ وقت جو غبار هو، ۽ گھوڙن جي رفتار تي هنن جا خيال هنن کان به اڳ ۾ ڊوڙڻ لڳا. هنن اڳيان جيڪو آدرش هو، تنهن هنن جي خيالن ۾ هڪجھڙائي ڳؤراڻ پيدا ڪري وڌي، ۽ هو ٻيئي پنهنجي پنهنجي زندگيءَ تي سوچڻ لڳا.


    4

    جانڻ جو راڄ صدين کان دڙي ۽ ٻني جي وچ ۾ وسيل هو. گھڻو تڻو سڀ هَرَ هاري هئا يا مالوند ۽ پورهيت. پنهنجا کير مکڻ، پنهنجي اُن پنهنجي ڏاس، پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڪپھه، هنن کي خدا جو ڏنو سڀڪجھه هو. کائي پي، ونجھه وٽيون، ملهون، ٻيلهاڙا وڙهي، وري وڃي هر چونيءَ جي ڀر جھليندا هئا. زالون به سگھڙ . . . . . پنهنجو سٽ پاڻ ڪتين، پنهنجي ڏاس مان کرزينون پاڻ ئي ٺاهين، پنهنجي اُن مان کٿا ۽ لوئيون ٺاهين. اَن پيهي، گھر هاج لاهي، پاڙي جو زالون ائٽ ۽ چرخا کڻي، ڪنهن هڪڙي گھر اچي گڏ ٿينديون هيون، ۽ پوءِ ائٽ به پيو هلندو هو، ۽ رهاڻ به پيئي رڙهندي هئي. جھان جي نه هنئيءَ ۾ نه کنئيءَ ۾؛ جيڪڏهن ڏک سور هئن، تڏهن به پنهنجي راڄ جا. ڪٿائون ڪهاڻيون به پنهنجيون، پنهنجي مال جون، پنهنجي کير پٽن جون، پنهنجي نياڻين سياڻين جون، پنهنجي ٻنين جون، فصلن جون، ڳائي ماهي ڦرن ٽَڪرن جون. کين جي ڪا ڳڻتي ۽ اونَ هئي ته بس اجھو اها ته ڳوٺ مان چار ڪڏهن ڇھه مڙس اوچتو وڃي ڪنهن لشڪر سان شامل ٿيندا هئا. جڏهن سومرا هوندا هئا ته سومرن جي سينا ۾، جي سما هئا ته سمن جي کاهوڙين سان. ڪي ورندا هئا ته سون سان خرزينون ڀري ايندا هئا، پَٽ ۽ ريشم جا تاڪيا، ڪنجھي جا وٽا، ٽامي جا ٿالھه ۽ ٿالهيون، چاندي مڙهيل جتيون ۽ هنا، ڀرت ڀريل تَل ۽ جھُلون . . . . ۽ پنهنجن سنگتين جي سورهيائين دلاورين جون ڪهاڻيون. اهي جھانگي مانجھي جوان ڄڻ ته ڳوٺ جو نت نئون داستان هئا؛ هنن بابت نينهن ۽ برھه جون ڳالهيون کڻبيون هيون ۽ تھه سياري ۾ سوڙين ۾ برڙجي، پوڙهيون پڪيون، جوانن ۽ جوانڙين کي اهي نينهن جا داستان وَر وَر ڪري ٻڌائينديون هيون، ۽ جوان اهي ئي داستان ٻڌي وڃي لشڪرن ۾ شامل ٿيندا هئا، ۽ جوانڙيون اهڙن ئي جوانن جا ويهي اوسيئڙا ڪڍنديون هيون.
    پر جڏهن کان قنڌاري، مڪڙن جيان سنڌ تي وريا هئا، تڏهن کان ڄڻ انهن داستانن جي ڪا ڪَڙي وڃائجي ويئي هئي. قصا ڪهاڻيون ۽ داستان اُتي ئي بيهي رهيا، اڳتي وڌي نه سگھيا. انهن جي اڳ جي خبر هئي، پر پڇاريءَ جي ڪنهن کي خبر نه هئي. پوڙهيون پڪيون هاڻ فقط پراڻا قصا، پراڻيون ڪٿائون کڻنديون هيون، ۽ پوءِ ڄڻ ٽوڪ هڻي چونديون هيون ته هاڻ اهڙا مانجھي مڙس ڪٿي؟ اهي قصا ڪهاڻيون به کٽنديون ٿي ويون، زندگي هلندي رهي. فقط پورهئي تائين محدود رهجي ويئي. ظاهر ته ڪنهن کي سمجھه ۾ ڪونه ٿي آيو ته ڇو زندگيءَ جي ڪهاڻين جي ڌارا روڪجي ويئي هئي، ڇو زندگي ماٺي ٿي، ڪني ٿيندي ٿي ويئي. مڙسن جي منهن ۾ سرهائي ڇو نه هئي؟ اوسيئڙن ڪڍڻ جھڙا جوان ڇو نه هئا؟ پر هنن کي هڪ ڳالھه ضرور اهڃاڻ طور ياد ٿي آئي. اڳي سنڌ ۾ قنڌاري ڪونه هئا: پنهنجا هئا؛ ڌاريان، پراوا، اوپرا ڪي به نه هئا، ۽ هاڻ سنڌ ۾ جتي ڪٿي قنڌاري هئا، جن پاڻ کي ڪڏهن ارغون ته ڪڏهن ترخان ٿي سڏايو؛ ۽ هنن جي ڪري قنڌار جي رستي کان، يا ملتان جي رستي کان ڪڏهن ايراني ٿي آيا ته ڪڏهن توراني، ڪڏهن تيموري ته ڪڏهن مغل، ڪڏهن عراقي ته ڪڏهن شيرازي. ڪي مولوي بنجي ٿي آيا ته ڪي مسجدن جا پيش امام، ڪي سوداگر بنجي ٿي آيا ته ڪي سوديباز، ڪي لشڪري هئا ته ڪي هزاري ۽ پنج ھزاري. هنن مان هر ڪنهن ترخانن ۽ ارغون سردارن سان پنهنجي مٽي مائٽي ٿي ڏيکاري، ڪي ماما ته ڪي چاچا، ڪي چاچي جا پٽ ته ڪي مامي جا؛ جنهن به فارسي ٿي ڳالهائي سو سرڪار جو مائٽ هو!
    نئين سرڪار جي سائي ۾ جانڻ جو راڄ به ٻين پورهيتن سان ماڪوڙين وانگر پورهيو ڪندو رهيو. راڄ جي وڏڙن کي ڪنهن ڪن ڦوڪ ڏيئي ڇڏي ته جوانن کي گھر کان ٻاهر نه ڪڍندا ته حياتي ائين ئي بنان ڪنهن باھه ٻرڻ جي گذري ويندي. ٻڍڙن به اها ڳالھه کڻي ڳنڍ ٻڌي هئي. جوانن کي ٻاهر جي هوا کان روڪڻ ڪاڻ، اڃا مڇن جي ساوڪ ٿي نڪتين ته کين پرڻائي ٿي ڇڏيائون، ۽ ننڍا نيٽا جوانڙا پنهنجي ونين سان خوش، پنهنجي هَرَ پنهنجي کيڙ ۾ جنبي ويندا هئا. پر جوانن جي منهن ۾ اها سرهائي نه هئي، جا هنن جي پنهنجي منهن ۾ جوانيءَ ڀيري هوندي هئي. هنن جي عمر جيئن جيئن گذرندي ويئي، تيئن تيئن سندن منهن وڌيڪ اَڻڀا ۽ ٻُسا ٿيندا ويا، ۽ ٻڍڙا کين چئي ڏيندا هئا ته: ”ابا، ڪو اهڙو واءُ وريو آهي، جو اوهان ۾ به اُها ڳالھه ئي ڪانهي، جا اسان ۾ هوندي هئي!“ هو کين سمجھائي به نٿي سگھيا، جيتوڻيڪ ڳالھه هميشه سندن چپن تائين اچي ويندي هئي.
    پر رُت بدلي، ۽ وايو منڊل ۾ رت جي بوءِ ڀرجي ويئي. ڪڻڪن جا لابارا هئا. کرا اَن کان بنھه ڦاٽا ٿي. ڳوٺ جا سمورا مڙس اچي کرن اڳيان بيٺا. جنهن جيتري ٻني کيڙي، اهو اوترو اَن کڻندو. پوڙهئي جي ورڇ هئي، اَن جي ورڇ ڪانه هئي ــــ ٻه داڻا هيڏانهن ڪي هوڏانهن. ساڳئي ابي ڏاڏي جو اولاد هئا. اَن جي داڻي تان ڪهڙيون لٺيون ڪهاڙيون کڻبيون. لُهار کي، واڍي کي، رازي کي، ۽ مسيت جي مُلي کي وَٽ ڏيئي، باقي اَن ڳوٺ وارا پنهنجي پنهنجي ورڇ آهر گھر کڻي ويندا هئا. هيلوڪو فصل به ڀل ڀلان جھڙو ٿيو هو. هاڪ پئي پيئي راڄن ۾. پوڙها پيرسن پاڻ ۾ چرچا گهٻا ڪري رهيا هئا ته پريان مٽيءَ جو هڪ واچوڙو هنن ڏانهن وڌندو آيو. واچوڙي ۾ گھوڙن جي سُنبن جو آواز هو، ڄڻ ڪو لشڪر چڙهندو ٿي آيو. جن پيرسنن جنگين وارا ڏينهن ڏٺا هئا، تن انهن سنبن جي آواز مان ئي سڃاتو ته هي ڪي ويري وريا آهن. کين اها اُڻتڻ وٺي ويئي ته ننڍو رت آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڳالھه تان بحثا بحثي ٿي ته رتوڇاڻ ضرور ٿيندي. ان ڪري ننڍن نيٽن کي وڏڙن اها هدايت ڪري ڇڏي ته ڪير به هجي، هنن مان ڪو سوال جواب نه ڪري پاڻيهي وڏا ڳالهائيندا.
    اڃا هنن کي اها صلاح مس ڏني، ته پهريون سوار کين نظر آيو. ترخان پري کان ئي پڌرو. هن جي پويان پنجاهي کن ٻيا به ترخان هئا. هو همراھه وڌي اچي کرن اڳيان لٿو، ۽ فارسي ۾ ڪجھه چيائين.
    ”اسين اها ٻولي ڪانه ڄاڻون، جوان! سنڌي ڳالهاءِ ته سمجھون!“ هڪڙي ٻڍڙي چيو.
    سپاهين مان هڪڙو ڄڻو وڌي اڳيان آيو، ۽ گھڙي لاءِ هو پنهنجي سردار سان ڪجھه ڳالهائيندو رهيو، ۽ پوءِ هنن ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”هي زمينون امير ڪوڪلتاش ارغون جون آهن، انهن جي پيدائش به هن جي آهي، اسين اها کڻڻ آيا آهيون.“
    ههڙي ڳالھه نه ٻُڌي نه سُڻي؛ نه ٿي، نه ٿيندي. هي ڪهڙو واءَ وريو هو جو ماڻهن جو داڻو پاڻي به محفوظّ ڪونه هو. هڪڙي پيرسن ڄڻ ڳالھه نه سمجھندي چيو: ”ابا، اسين هتي ايامن کان ويٺل آهيون: ابي ڏاڏي هتان جا آهيون. اسان کي ته سڌ ئي ڪانهي ته هي ٻنيون ڪي ٻئي ڪنهن جون آهن.“
    ”هي زمينون اصل ۾ سمن جون هيون. سمن کان حڪومت اسان ورتي آهي، ۽ ان زمينن جا مالڪ سما ڪڇ لڏي ويا آهن. ان ڪري حضور جن هيءُ سڄي جاگير امير ڪوڪلتاش کي عنايت ڪئي آهي.“ سپاهيءَ چيو.
    ”ابا، الله الله ڪريو. هي ٻنيون سمن جون وري ڪٿان آيون؟ هنن ٻنين جي نه ڪا اڳي ڪنهن اسان کان گھُر ڪئي آهي، نه ڪو گھرندو به. اسان جي ابن ڏاڏن هنن زمينن کي ڪِيڻون ڏيئي، جھنگ صاف ڪري سنئون پٽ ڪيو. اسان جي وڏڙن هتي هر کيڙيا، پوکون پوکيون؛ تُهان پوءِ اسان انهن کي پنهنجو رت ست ڏنو، ۽ هاڻ اسان جو هي اولاد پيو انهن کي سنڀالي. هر کيڙيون اسين، ٻني ڪنهن ٻئي جي، سا ڳالھه ڪيئن ٿيندي؟“ ٻڍڙي ڄڻ ڪچهري مچائڻ واري ڍنگ ۾ چيو.
    سپاهي وري پنهنجي سردار سان ڀڻ ڀڻ ۾ لڳي ويو، ۽ پوءِ سڌو ٿي چيائين، ”سرڪار اوهان جي حقن تي ويچار ڪندي. پر هيءَ زمين امير ڪوڪلتاش جي جاگير آهي، سو پيدائش مان اَڌ اُن جو آهي. باقي اڌ مان به اڌ اوهان جو، اڌ سرڪار جو!“
    ڳوٺ جي ماڻهن ۾ چوٻول ٿي ويو. نوجوانن جي ڪلهن ۾ ڄڻ ته ڇڪي پوندي ٿي ويئي. سندن هٿن ۾ ڪنهن بانٺي گھوٻاٽي کڻڻ لاءِ گھه ٿيڻ لڳي. پر ٻڍڙن کين اکين ئي اکين ۾ ميڙون منٿون ڪيون، ان ڪري لاچار هو چپ ڪري بيٺا رهيا. سندن نظرون سپاهين ۾ کتل هيون. هو اهوئي سوچي رهيا هئا؛ مڙس مڙس جو مٽ آهي؛ اهڙا هي ڪهڙا آسمان تان لهي آيا آهن، جو ائين زوري اسان جو اَن کڻي ويندا.
    ٻڍڙا پنهنجي پاڻ ۾ چڻ ڀڻ ۾ لڳي ويا. هو ايترو سمجھي ويا ته سپاهي جنهن مقصد لاءِ آيا هئا، تنهن کي پوري ڪرڻ بنان رهندا ڪونه، ۽ پوءِ ننڍن نيٽڻ کي ڪيترو جھلبو. آخر هڪڙي پيرسن سپاهيءَ کي سڏ ڪندي چيو: ”ابا، اها ڳالھ ائين ڪانه نبرندي. اوهين پري کان پنڌ ڪري پيا ٿا ڏسجو، لهو، ڇاندو پاڻي ڪريو، ٿڪ ڀڃو. ڳالھه ڳالھه سان ڇٽندي. پوءِ به اَن اهو پيو آهي، ڀڄي ڪونه ٿو وڃي!“
    سپاهيءَ سمجھيو ته ڳوٺ جا ماڻهو ڊڄي ويا آهن. هو واقعي وڏي منزل هڻي آيا هئا؛ ههڙي صلاح لاءِ ڄڻ اڳيئي آتا هئا. هن پنهنجي سردار کي فارسيءَ ۾ اها ڳالھ سمجھائي. اَن کڻي وڃڻ لاءِ کين ڍڳي گاڏين جي ۽ وهٽن جي به ضرورت هئي، سي به ته ڳوٺ وارن کان ئي ته وٺڻا هئن. ان ڪري سياست کان ڪم وٺڻ بهتر هو. اها صلاح ڪري هو لهي پيا، ۽ اتي ئي تنبو هڻڻ کي لڳي ويا. ٻڍڙن گھرن ڏانهن ماڻهو ڊوڙايا ته ڳوٺان ماني ٺهرائي کڻائي اچن. مهمان نوازي ته هنن جو مَرڪ هو. متان ڌاريان ائين سمجھن ته ٻيلي سنڌين وٽ وياسون ته مانيءَ جي صلاح به ڪانه هنيائون.
    ديڳيون چڙهي ويون، ڦنڊرون ڪسجڻ لڳيون، ۽ ڳوٺ جون زائفائون ٿوٻين تي ڍڳڙن مٿان ڍڳڙ لاهڻ ويهي رهيون. پوڙها مڙس مهمانن کي ماني کارائڻ کي لڳي ويا، پر ڳوٺ جا جوان ڄڻ اڄ خود پنهنجي وڏڙن کان باغي ٿي پيا هئا، سڀني مان جانڻ جي پٽ عمر کان ويٺو ئي نٿي ٿيو. عمر کي ڳوٺ ۾ هونئن ئي اربيلو بيپرواھه سڏيندا هئا. ڪنهن کي وٺ ئي نه ڏيندو هو. وڏن جي ته چوڻ ۾ ئي ڪونه هو. خود جانڻ به کيس ڪونه جھليندو هو. چاچهنس نبو ته کليو کلايو چوندو وتندو هو ته ”ادا، جڏهن کان ڇورو ٻه ٽي ڀيرا شهر گھمي آيو آهي، اصل وڻ گھوڙو ٻڌڻ نٿو ڏئي. رڳو سنڌ سنڌ ڪري منجھي پيو آهي ـــــ سنڌي هيئن، سنڌي هونئن، ڄڻ سنڌ جو ڪاڄ مٿس جھُلي پيو آهي!“
    اڄ به عمر اک هڻي، پنهنجن ساٿين جيڏن کي ونجھه وٽيءَ واري پٽ تي گڏ ٿيڻ جي نِينڍ ڏني. هڪڙو هڪڙو ٿي، وڏڙن جي نظر گسائيندو، کسڪندو ويو. جڏهن ويهارو مڙسن جو گڏ ٿيو، تڏهن عمر چيو: ”آءٌ اوهان کي اڳي ئي چوندو هوس ته هي ڌاريون نانگ ڪڏهن نه ڪڏهن اسان کي به ڏنگيندو. هاڻ ته پنهنجي ڪنين ٻڌوَ، پنهنجي اکيئن ڏٺو ـــ هاڻ ڇا صلاح آهي؟“
    ”جيڪا صلاح سڄي سنگت جي، پر وڏا ڇا چوندا؟“
    ”وڏا اهوئي چوندا جيڪي ترخانن کي چيائون. هينئر اڌ ڏيڻ تي راضي ٿيندا، سڀاڻي هو ٽي پتيون کڻي ويندا، ۽ پرينهن . . . پرينهن اسان جي اکيان اڳيان اسان جي ننگن کي ڪاهي ويندا؛ انهن جي به بٽئي ٿيندي ويرم ڪانه لڳندي!“ عمر جي اکرن مان جنسي باھه جا اُلا نڪري، سڀني کي ساڙڻ لڳا.
    ”ڌرتي اسان جي، پورهيو اسان جو، اَن اپايون اسان ۽ کڻي وڃن ڌاريان، ان کان ٻڏي مرڻ ڀلو،“ هڪ ٻئي جوان خفي ٿيندي چيو.
    ”سچ پچ جي اڄ ماٺ ڪري ويهي رهياسون ته هر لاباري مهل، پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي، ترخان اچي سڀڪجھه ٻُهاري ويندا.“ هڪڙي ٻئي همراھه چيو، جنهن کي اڃا مُڇن جي ساوڪ مس آئي هئي.
    ”۽ پوءِ . . . . . . پوءِ وارو ايندو مال جو، وهٽن جو. جيڪا ڳنئون مينهن پسند آين، سا ٿيندي سرڪاري مال . . . . “ عمر کان صبر ڪيو نٿي ٿيو. هو اڃا ڪجھه چوڻ تي هو، پر ڪجھه سوچي چپ ٿي ويو.
    ”هي ته ”مُئو پر، پٽجي هيل“ واري ڳالھه ٿي ــــــ چي سما هتان لڏي ڪڇ هليا ويا، ان ڪري هيءَ زمين سرڪار جاگير ڪري ڪنهن کي ڏني آهي؛ ۽ اسان جي وڏڙن جا هڏا، جي پورهيو ڪندي ڪندي هن ڌرتيءَ ۾ گڏجي مسجي ويا آهن، ڪيڻون ڏيندي، هر هلائيندي، گُڏون ڪڍندي، آرهڙن سيارن ۾ جو اسان پنهنجو رت ست هن ڌرتيءَ کي ڏنو، سو ڪنهن کي ياد ئي ڪونه ٿو پوي!“ هڪڙي جوان ڄڻ شڪايت پيش ڪندي چيو.
    ”ٻيلي ڳالھه ٻڌي اٿو؛ مڙس اهي جي پنهنجي لڄن تان گھورجي وڃن. هيءَ ڌرتي اسان جي لڄ آهي. اسان جي جيجل ماءُ آهي، جيسين منهنجي سريءَ ۾ ساھه آهي، تيسين ته ڪو ترخان هجي کڻي ترخان جو بابو هجي، ان داڻي ۾ هٿ ڪونه وجھندو. اوهين جي مون سان ساٿ نه ڏيندا ته آءُ اڪيلو به هنن سان وڙهڻ کان نه مڙندس!“ عمر پنهنجو فيصلو ڪندي چيو.
    جوانن ۾ چوٻول پئجي ويو. ”اسين سڀ ساٿ آهيون. اَن اسان جي لاش تان لنگھي کڻندا!“
    ”ته پوءِ اچو ته يڪو نبيرو ڪريون، يا هو اسان کي ماري اَن کڻي وڃن يا اسان جون ڪهاڙيون هنن جي رت سان رڱجي سراڻ چڙهنديون!“ عمر اٿندي چيو.
    سڀڪو پنهنجي گھران وڃي ڪهاڙي کڻي آيو. زالن جو پنهجي پٽن، ڀائرن ۽ گھوٽن کي ڪهاڙيون کڻندو ڏٺو، تڏهن سندن من به گائون مائون ٿيڻ لڳا. يا الاهي خير، هي ويٺي ويٺي نينگرن کي ڇا ٿيو؟ هي ڪهاڙيون ڇا لاءِ؟ هو پلئه کڻي ڌڻي در ٻاڏائڻ لڳيون. ڌڻي منهنجا، پنهنجي رسول جي صدقي هنن کي هر ويريءَ کان بچائج! هنن الائي ڪيتريون باسون باسيون. الائي ڪيترا سوڻ آسون ڪيا، رڳو ان لاءِ ته نينگر صحيح سلامت موٽي اچن.
    جڏهن ترخان ماني کائي واندا ٿيا، تڏهن سنڌي ڳالهائيندڙ سپاهيءَ ڪُراڙن کي چيو ته اَن کڻي وڃڻ لاءِ گاڏيون به هنن کي ڏيڻيون پونديون؛ ۽ هنن اهو به فيصلو ڪيو هو ته ٽن پتين بدران رڳو اڌ ان کڻي ويندا جو هارپ جو حق جتي ڪٿي اڌ حصو هو. پير مردن جا ڪنڌ هيٺ ٿي ويا. هن انڌير جو هنن وٽ سواءِ صبر جي ڪوبه جواب نه هو. جڏهن سپاهي ان جي کرن ڏانهن وڌيا، تڏهن هنن ويهارو مڙسن کي ڪهاڙين سان اڳي ئي اتي بيٺل ڏٺو، جن هنن کي اهڙن نظرن سان ڏٺو، جن ۾ هاڻ ڪابه مهمان نوازي نه هئي.
    پير مرد به پنهنجي نينگرن کي ڪهاڙي سان ڏٺو ته هو به حيران ٿي ويا. جانڻ پٽ کان پڇيو، ”ابا عمر، هي ڇا آهي؟“
    ”بابا، اسان جي جيئري جي ترخان اَن کڻي وڃن ته اهڙي حياتي تي حيف آهي!“
    جانڻ ۽ ٻيا به منجھي بيهي رهيا. ڳالھه جوانن جي سچي هئي. ڪو وقت هو جو هنن به ترخانن سان چوٽون کاڌيون هيون. وهي چري چوندا آهن ته هت ته ڄمار چري ٿي پئي هئي. هنن کي منجھيل ڏسي، سنڌي ڳالهائيندڙ سپاهيءَ چيو، ”اجائي رتو ڇاڻ ٿيندي مڙي وڃو!“ هن آهستي چيو، پر سندس لفظن جو دڙڪو ڪنهن کان ڳجھو نه هو.
    اوچتو سردار پنهنجي ترار اُڀي ڪندي، گھوڙي کي اڙي هنئي. هوڏانهن ڪهاڙيون اُڀيون ٿي پنهنجا نشانا ڳولڻ لڳيون. پيرسنن مان هڪ ٻه ته اڳ ۾ هجڻ ڪري پهرين وارن ۾ اچي ڌڪجي ڪِري پيا. ٻين هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، ٻيو ڪجھه نظر نه آين ته تنبن جا ڪلا، ۽ سڪل بانٺا کڻي ورتا ۽ پنهنجن ٻچن سان گڏ وڙهڻ بيهي رهيا. راڙو راڙ مچي ويئي. گھوڙن جي هڻڪار، ترارين ۽ ڪهاڙين جي ٽڪرائڻ جي آوازن، ترخانن جي رڙين، ۽ ڳوٺاڻن جي هڪلن اهڙو هنگامو پيدا ڪيو، جنهن جا پڙاڏا دور دور پهچڻ لڳا. عمر جي ڪهاڙي باھه جي ڄڀيءَ وانگر ترخانن تي ڪڙڪڻ لڳي. جوانن ڪهاڙيون ائين ٿي هلايون، ڄڻ ڪهاڙين ۾ ساھ پئجي ويو، ۽ باز وانگر هڪڙي شڪار کي ڌڪ هڻندي، ٻئي تائين ٿي پهتيون. جانڻ وٽ ڪوبه هٿيار ڪونه هو. هڪڙي ترخان جو وار بچائي، هن کڻي چيلھه ۾ هٿ وڌس، ۽ پوءِ کيس ٻنهي هٿن ۾ کڻي، وٺي ٻين ترخانن جي وچ ۾ اڇلايائين. ترخان جي ترار هيٺ ڪري پئي، سا جيئن نِئڙي ٿي کنيائين، ته ٻئي هڪڙي ترخان جي ترار سندس ڏورو ڪپي ويئي. سور کان هو وري اُڀو ٿي ويو. ان ترخان وري مٿس وار ڪيو، پر هن جي ٻانهن مٿي رهجي ويئي. هڪڙي سنڌيءَ جي ڪهاڙي سندس چيلھه ڪپي ويئي، ۽ هو رنڀ ڪري منهن ڀر زمين ۾ گڏجي ويو. جانڻ جھٽ هڻي سندس ترار کسي ورتي، ۽ پاسي ۾ هڪ ترخان جي پٺ ۾ لنگھائي ڏني. ترخان اهڙي ڪيڪ ڪئي، جو خود جانڻ جا وار اُڀا ٿي ويا. هن ترار ڇڪي ڪڍي ته ترار سان گڏ ترخان به مٿائنس ڪِريو. ٻي ٻانهن ڌڪيل هجڻ ڪري هو پاڻ سنڀالي نه سگھيو، ۽ آٿڙجي ڪِري پيو. جوانن مان عمر ۽ سندس ٻه ساٿي سردار ڏانهن وڌيا، پر سردار جي چوڌاري ترخانن اهڙو گھيرو ٺاهيو هو، جو جيڪڏهن هو اڳيان وڌي بجاءِ ترخان تي وار ڪرڻ جي گھوڙي جي پٺ تي وار ڪيو. گھوڙي کي ڌڪ لڳو ته اڳيون ٻئي ٽنگون مٿي کڻي پوين ٽنگن ڀر ويهي رهيو، وري اٿڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. گھيري کي ٽوڙڻ لاءِ اهو وجھه ڪافي هو. عمر ۽ ٻه ٻيا همراھه گھيري جي وچ ۾ پهچي ويا. عمر جي ڪهاڙي سردار جي ٻانهن ڪلهي وٽان ڪپي ويئي. سردار ڪريو، ته ترخانن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو، ۽ وار ڪندا، پوئتي هٽڻ لڳا. ڀڄڻ ۾ پيا ته ڪنڌ ورائي پويان ڪونه نهاريائون.
    زالن جو، هاهوڪار ۽ رڙيون ڪوڪون ٻُڌيون، سي پيرين اُگھاڙيون کرن ڏانهن ڀڳيون. اتي پهچي جيڪي ڏٺائون، تنهن هنن جي هنيانءَ ۾ چڪ وجھي ڇڏيو، ۽ سڀڪا پنهنجي ڀاءُ يا مڙس کي ڪريلن ۽ ڌڪيلن ۾ ڳولڻ ۾ لڳي ويئي. ٽي پيرسن، ۽ ٻه جوان سنڌين جا اُڦٽ مري پيا هئا. پنج ڇھ ڌڪجي پيا هئا. عمر کي جنهن ٿي ڏٺو؛ تنهن ٿي سمجھيو ته هو ڪو سڄو ڌڪيو پيو هو، پر هن کي رڳو ڪلهي وٽ هڪ ترار جو ڌڪ لڳل هو. باقي ٻين جي رت هن جا ڪپڙا رت ورنا ڪري ڇڏيا هئا. ترخانن مان نَو ڄڻا ته مئا پيا هئا، ڇھه ڄڻا اهڙا ڌڪيل هئا، جو بچڻ جو آسرو ڪونه هو. ٽي چار ڄڻا پنهنجن ڌڪن کان ڪنجھندا ڪرڪندا نظر آين. انهن مان هڪڙي جي ٽنگ سٿر وٽان ڪپجي ويئي هئي. اهو سنڌي ڳالهائيندڙ ترخان هو.
    جوان ڊوڙي گھرن مان کٽون ۽ تڏا کڻي آيا، ۽ لاشن ۽ ڦٽيلن کي گھر پهچائڻ لڳا. سڀني جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ هئي، جنهن سندن منهن تي سورهيه پڻي کان سرشار هيون. ڪي البت اهو سوچي رهيا هئا ته هيل ته ان جا کرا بچي ويا، پر آئيندي ڇا ٿيندو؟ ڪوڪلتاش کي اهو نياپو مليو ته سانڊي وانگر ڳاڙهو ٿي ويندو ۽ بدلي وٺڻ لاءِ ضرور ڪاهي ايندو. ڦٽيلن کي گھر پهچائي، وري جوانن به پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ شروع ڪئي، ۽ پنهنجي واهڻ کي راتاهي کان بچائڻ جون رٿون رٿڻ ويهي رهيا. ڳوٺ ڏانهن ايندڙ رستن تي پهري ڏيڻ جون صلاحون ڪندي، هنن عمر جي هڪ رٿ تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ان رستي کي هيٺان ئي هيٺان سرنگھه وانگر کوٽي، مٿان وري بُھه ۽ ڪک اهڙي طرح سانداري ڇڏيائون، جو پريان ڪنهن کي به شڪ نه پوي ته انهن ڪکن هيٺان ڪي کاهيون کوٽيل هيون.
    جانڻ جي چوڻ تي ڳوٺ جا پيرمرد به هاڻ صلح بدران پنهنجين زمينن ۽ پنهنجي آبروءَ لاءِ وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا. جانڻ ته ترخانن سان جھيڙي چڪو هو، تنهن کي پڪ هئي ته ڪوڪلتاش حملو ضرور ڪندو. هن ويجھيءَ ڇڪ ۾ پنهنجن سمورن سنگتين کي چوائي موڪليو ته سڄڻپي ڏيکارڻ جو وقت اچي ويو آهي، ۽ جنهن کي واهر ڪرڻي هجي سو هليو اچي. ٿورن ڏينهن ۾ هي ننڍڙو ڳوٺڙو چڱي موچاري ڇانوڻي بڻجي ويو. ماڻهن ۾ هاڻ ڊپ ۽ هراس بدران ايمان ۽ گھمنڊ موٽي آيو هو. رات جو پهري وقت همراھ ڪچهريون ڪندي، ترخانن سان کاڌل چوٽن جون ڪهاڻيون کڻي ويهندا هئا. چار پهر گذارڻ لاءِ سنڌ جي سورهين بابت نڙ بيت، ڳجھارتون ۽ پروليون سر ڪرڻ ويهي رهندا هئا؛ پوءِ جڏهن فجر جي ٻانگ ايندي هئي؛ تڏهن سڀڪو ڪلمو ڀري مسجد جو رخ ڪندو هو. پنهنجي وڏڙن جون ڳالهيون ٻڌي، ننڍن جوانن جا حوصلا جيئن پوءِ تيئن وڌندا ويا. هو روز اٺسٺا ٺاهيندا هئا، مورچن تي ويهي دشمن جو انتظار ڪندا هئا، ماڻهو ٻيلهاڙا وڙهندا هئا، ۽ ڪڏهن ڪڏهن دشمن جي حملي جا سانگ ڪري، پنهنجي رٿائن جي اوڻاين کي ظاهر ڪندا هئا.
    زائفائون پنهنجي مُنهن سُنهن جوانن ۽ وڏڙن جون چوٻوليون ٻڌي پنهنجا اٺسٺا ٺاهينديون هيون ڀٽارين کي ڏهي، منڌيون کڻي، ٻه ٻه چار گڏجي ڏڌ ولوڙڻ ويهنديون هيون ته بجاءِ سئيءَ، يا سيبي، يا سڱن ۽ مٽن مائيٽن جي ڳالهين جي، پنهنجي مڙسالن جي سورهيائين جون ڳالهيون کڻنديون هيون. ڏڌ مکڻ کان واندڪائيءَ کان پوءِ، هو هٿيارن کي هٿ مهٽ ڪرڻ ويهي رهنديون هيون. ڪهاڙين، ترارين ۽ ڀالن جون ساراهون هلنديون هيون، ڳنن جي چَٽن، ۽ ڦارن جي تجلين جون ڪهاڻيون ڳائبيون هيون.
    پر دشمن هنن کان وڌيڪ حرفتي هو. ٽي مهينا گذري ويا پر ڪوڪلتاش جا ماڻهو ڄڻ ته آيا ئي ڪونه هئا. سندس سپاهي، جيڪي ڌڪجي ويا هئا، سي به چڱا ڀلا ٿي، معافيون گھري روانا ٿي ويا. ڪن جوانن جو خيال هو ته کين واس وڃڻ جي موڪل ئي نه ڏجي، پر وڏڙن ان کي سنڌي سورهين جي شان وٽان نه سمجھي، کين کير مکڻ کارائي، رضا خوشيءَ سان موڪل ڏني ته وڃي پنهنجن ٻچن ڀيڙا ٿين. هنن به وڃي ڪوڪلتاش کي ڳوٺ وارن جي تيارن، ۽ پري پري کان آيل سنڌي سرويچن جون خبرون ڏنيون هيون. ايترو وقت جو گذري ويو ته ڳوٺ جي ماڻهن کي پڪ ٿيندي ويئي ته ترخانن شايد پنهنجي غلطي محسوس ڪئي هوندي، يا سرڪار به کين اهڙي ظلم تي لعنت ملامت ڪئي هوندي، ان ڪري ترخان وري ڳوٺ جو رخ نه ڪندا. هنن جون چونڪيون ۽ پهريداريون هري هري ئي سست پونديون ويون. ٻاهريان يار دوست ساٿي سڄڻ به موڪلائي وڃڻ لڳا، ۽ ڳوٺڙو وري اَمن ۽ سڪون جي حياتي گذارڻ ۽ پنهنجي پورهئي ۾ مست رهڻ لڳو.
    محرم جي ڏهين تاريخ هئي، ڳوٺ جي ماڻهن مان اڌ کان مٿي ماڻهو روزائتا هئا. ٺٽي مان هڪ وڏو مولوي وعظ ڪرڻ لاءِ گھرايو هئائون. سانجھي ٻانگ کان ٿورو اڳ، ماڻهو هري هري ٿي مسجد ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. جن جوانن کي چونڪين ۽ مورچن تي رهڻو هو سي به اڄ ٺٽي جي مولوي صاحب جو وعظ ٻڌڻ ڪاڻ مسجد ڏانهن رڙهي آيا هئا. سج جو آخري ڪِرڻو، روزائتن جي منهن تي شڪراني جو پاڇو وجھندي مسجد جي گنبدن کان گھڻو دور، سنڌ ساگر ۾ سمائجي ويو، ۽ دينو ٻانگي پنهنجي پرسوز آواز ۾ ٻانگ شروع ڪئي ”الله اڪبر، الله اڪبر، الله اڪبر، الله اڪبر، اشهد . . . . . . “ اوچتو دينوءَ جو آواز روڪجي ويو ۽ گھڙيءَ ساهت کان پوءِ ”لا الله“ جي آواز جو سوز هڪ نئين معنى سان سمورن ماڻهن تي ڇانئجي ويو، ۽ دينو چاڙهي جي ڏاڪڻ تان ٿڙندو ٿاٻرندو اچي ڪن نمازين جي وچ ۾ ڪريو. هڪ تير سندس نڙگھٽ ۾ کتل هو، ۽ هن جو ساھه ٻانگ جا آخري حرف آلاپڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ان ساڳيءَ گھڙيءَ ۾ زالن ٻارن جون ڪيڪون آسمان ڏارڻ لڳيون. گھوڙن جون هڻڪارون، هٿيارن جا شپڪا، ۽ سوارن جون هڪلون، دز ۽ مٽيءَ جي غبار سان گڏجي، قيامت ۽ محشر جو غوغاءُ بنجي ويون. جوان هڪدم پنهنجن مورچن ڏانهن ڀڳا؛ ڪي پنهنجي گھرن ڏانهن ڊوڙيا؛ ۽ ڪي پيرسن اتي ئي سجدي ۾ ڪري ڌڻيءَ در ٻاڏائڻ لڳا. ڪنهن کي به پنهنجو هوش نه هو؛ پيرين اگھاڙا، هٿيارن بنا هر ڪو پنهنجي منزل ڏانهن وڌي ويو. پير ترخان هيل ڪنهن ڳوٺ تي ڪاھه ڪرڻ بدران وڏيءَ جنگ لاءِ سَنبري آيا هئا. مسجد مان نڪرڻ تي ئي ماڻهن ڏٺو ته ترخان ماڪڙ وانگر ڳوٺ ۾ ڦهلجي ويا هئا، ۽ جيڪو ٿي سامهون آين، ان تي هڪ ئي وقت ۾ ڏھه ڏھه تراريون ۽ ڀالا ٽٽي ٿي پيا. جوان مورچن تي پهچڻ کان اڳ ڌڪجندا، ڦٽجندا، ڪرندا ويا. ڪن جوانن مڙسي ڪري ڪنهن نه ڪنهن ترخان کي گھوڙي تان لاهي، ڪو ڀالو ڪا ترار هٿ ڪري وڌي، ۽ ان طرح سان وڙهندي وڙهندي پنهنجن مورچن ڏانهن وڌڻ لڳا. پر ترخانن جي ڪُت خلق هزارن جي تعداد ۾ هئي. انهن سان وڙهي پوري پوڻ اڻ ٿيڻي هئي . . . . . ۽ پوءِ جڏهن ترخانن گھرن ۽ لوڙهن کي باهيون ڏيڻ شروع ڪيون، تڏهن سڀني جون همتون جواب ڏئي ويون. پنهنجن ٻچن کي بچائڻ لاءِ هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن ڀڳو. هڪڙو ترخان گھوڙو ڊوڙائيندو وڏي چوندو ويو: ”سنڌيو، پنهنجي زائفائن ۽ ٻارن جي جان پياري اَٿو ته پيش پئو . . . . . !“
    جڏهن هاهوڙ ڍري ٿي، تڏهن امير ڪوڪلتاش اڳيان ويهارو کن جوان، ۽ ڳوٺ جا سمورا پيرسن ڪنڌ جھڪايو بيٺا هئا. ستر اَسي مڙس ته ترخانن جي قتل عام جو شڪار ٿي چڪا هئا. ڪوڪلتاش جي منهن تي عجيب مرڪ هئي. هن هڪڙي ترخان کي اشارو ڪيو. ترخان اڳيان وڌي سنڌيءَ ۾ چيو: ”اوهان جي ڳوٺ جو پريو مڙس ڪير آهي؟“
    ڳوٺاڻن جون نظرون جانڻ کي ڳولڻ لڳيون. پر ميڙ ۾ جانڻ ڪون هو. پاڻ ۾ سس پس ڪندي هنن پيرسن حاجي خالقڏني کي کڻي اڳيان ڪيو.
    ”سو تون آهين هتان جو پريو مڙس؟“ ترخان ڄڻ ٽوڪ هڻندي چيو.
    ”ابا، جيڪا سڀني جي صلاح، سا منهنجي. . . . . “ ترخان فارسيءَ ۾ امير ڪوڪلتاش سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو. ڪجھه دير کان پوءِ وري ڳوٺ وارن ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”حضور جن اوهان جي اڳين سرڪشيءَ تي سخت ڪاوڙيل آهن، پر خدا جي خوف، ۽ حضور قبله مرزا باقي بيگ جي رعيت پروري کي خيال ۾ رکي، هي فيصلو ڪيو ويو آهي ته يا ته اوهين سڀ هيءُ ڳوٺ ۽ زمينون خالي ڪري هتان هليا وڃو، يا هت رهي، حضور جن جي زمين تي هارين وانگر رهي، اڌ پيدائش جو سال بسال حضور جن کي ٺٽي پهچائي وڃو!“
    ڪنهن به جواب ڪونه ڏنو. جوانن مان ڪيترن چيو ته هو لڏي وڃڻ لاءِ تيار آهن، پر پيرسن ان تي راضي نه ٿيا. اباڻا ڪک ڇڏي ڀلا ڪٿي دربدر ٿبو! نيٺ صلاح بيٺي ته اڌ اَن ڏيڻ لاءِ راضي ٿجي. حاجي خالقڏني چيو: ”ابا، آهي ته انڌير، پر اسين اڌ اَن جو پهچائي ڏينداسون!“
    سپاهي وري امير ڪوڪلتاش سان ڳالهائڻ ۾ لڳي ويو، ۽ پوءِ وري چيائين: ”حضور جن اوهان جي جواب کان خوش ٿيا آهن، پر اڳين شورش جي عيوض، پنج ڪنواريون نينگريون حضور جن جي حرم لاءِ پيش ڪريو!“
    هن اڃا پنهنجا لفظ ئي پورا مس ڪيا ته عمر لوھُ پائي کڻي ٻک وڌس. اهو سڀڪجھه ايترو اوچتو ٿيو، جو ڪنهن کي به سمجھه ۾ نه آيو ته ٿيو ڇا. ترخان جي رنڀ ڄڻ وري سڀني کي هوش ۾ آڻي ڇڏيو. ترخان جي پنهنجي ترار سندس پيٽ جي آرپار لنگھي ويئي، ۽ هو اُتي ئي ڪُٺل ڍڳي جيان مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائڻ لڳو. جيڏيءَ مهل عمر ترار ڇڪي ڪڍي ته ڏُھ ڀالا سندس سيني جو گھيرو ڪري بيٺا هئا. عمر پنهنجي چوطرف نهاريندي، ترار ڦٽي ڪري ڇڏي.
    گھڙي لاءِ ماٺ ٿي ويئي. ڪوڪلتاش جو منهن ڪاوڙ کان اودو ڪارو ٿي ويو، ۽ هو فارسيءَ ۾ گاريون ڏيڻ لڳو. هن جي حڪم تي عمر کي رسن سان چوکنڀو کڻي ٻڌائون. پوءِ هڪ ترخان اڳيان وڌي چيو: ”حضور جن اوهان تي رحم کائي، اوهان کي ڳوٺ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني. هي ان جو بدلو ٿا ڏيو. هن ڪميڻي هاڻ حضور جي دل مان رحم جون پاڙون پٽي ڪڍي ڇڏيون آهن. هن کي سزا خود حضور جن تجويز ڪندا. اوهان لاءِ هي حڪم آهي ته ڳوٺ ۾ جيڪو به اَن آهي، سو آڻي پيش ڪريو. مون کي حضور جن نوازش ڪري هن ڳوٺ جو عامل مقرر ڪيو آهي. آءٌ سو سپاهين سان هت ڇانوڻي هڻي رهندس. جيئن آءٌ اوهان سنڌين کي اطاعت ۽ فضيلت سيکاريان. ياد رکو، منهنجو نالو شهباز خان آهي، جنهن کان شيطان به پناھه گھرندو آهي. هاڻ وڃو، کرن ۾، گھرن ۾ ڀانڊن ۾ جيڪو به اَن آهي، سو گاڏين تي لڏي حضور جن سان روانو ڪريو. جنهن به گھر ۾ ڪو هٿيار هجي، سو به ڇانوڻيءَ تي پهچايو، ۽ ياد رکو، ڪنهن به ماڻهو ڪا سرڪشي ڪئي آهي، سرڪاري حڪم جي انحرافي ڪئي آهي، ته ان جي گھر جي سمورن ماڻهن، زالن ۽ ٻارن کي آءٌ ٺٽي جي بازارن ۾ نيلام ڪندس. وڃو، ڪتو! اڃا بيٺا آهيو!“
    هن جي اشاري تي ترخان سپاهين، ڀالن جي نوڪن سان گھرن ڏانهن وڌڻ جو اشارو ڏنو. سڀ ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي پنهنجي گھر اڏنهن وڌڻ لڳا. عمر جا ڪي ساٿي سنگتي ڪجھ وقت بيٺا رهيا، پر ترارين ۽ ڀالن جي چوڪن هنن کي، به پنهنجي يار کي ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو.
    ڪيترا گھر سڙي ويا هئا. گھٽين مان لاشن ۽ ڦٽيل همراهن کي کڻندي ئي کين فجر ٿي ويئي. جانڻ ايترو ته ڌڪجي پيو جو پهرين ته سمجھيو ويو ته ڌڻيءَ در پرتو. سڄي رات مختلف گھرن مان دانهن، ڪوڪن ۽ رڙين جا آواز ايندا رهيا. اهڙي قيامت جھڙي رات ته هنن شاھه بيگ واري واردات ڀيري به ڪانه ڏٺي.
    فجر نماز تي جڏهن نمازي آيا، تڏهن مسجد جي ٻاهران کوھه تي هنن جيڪي ڏ‎ٺو، تنهن سندن ڦٽن تي نسورو لوڻ ٻرڪي ڇڏيو. ڳوٺ جو شهزور جوان عمر کوھه ۾ اُبتو ٽنگيل هو. جڏهن کيس کوھه مان ڪڍيائون تڏهن هن ۾ اڃا ساھه باقي هو. پر هن جي بدن تي جتي ڪٿي ڏنڀن جا نشان هئا، جتان ڪچو گوشت سڙي نيرو ٿي ويو هو، ۽ ڪٿان ڪٿان ان نيري رنگ مان رت جا ڦڙا ٻُڙڪي ٻاهر ٿي نڪتا. جتي سندس اکيون هيون، اتي هينئر ڪچي گوشت جا ٻه ٻوٽَ ٻاهر لڙڪي پيا هئا. هن کي مسجد جي هڪ نُکَ تي سمهاري، حڪيم ڏانهن ماڻهو ٿي ڊوڙايائون، تڏهن هن پنهنجو ڏڪندڙ هٿ مٿي کڻي کين منع ڪئي؛ ۽ پوءِ هنن جي ڏسندي ڏسندي، عمر جي چپن مان ”جيئي سنڌ!“ جو جھيڻو سڏ، هن جو ساھه بڻجي اُڏامي ويو.
    جڏهن جانڻ پنهنجي هن ڪونڌر پٽ جو اهو حال اکئين ڏٺو، تڏهن الائي ڇو هن آه به نه ڪئي. هو ايترو ته ڦٽيل هو، جو هن لاءِ اٿڻ به محال هو. پر ان جي باوجود هو سٽ ڏيئي اٿي بيٺو، ۽ جُھڪي سندس نرڙ تي چمي ڏيندي، آهستي آهستي ڀڻڪندي چيائين . . . . ”ابا، سنڌ کي پرتين . . . . . . ڌڻيءَ کي پرتين!“


    5

    پرھه جي ٿڌڙي هير ٺٽي مٿان ائين گھلي رهي هئي ڄڻ ڪا سجني پنهنجي ننڊاکري ساجن کي پلئه سان واءُ ڪري رهي هجي. مٺا مٺا سيءَ وڻن جي پنن کي ماڪ جي موتين سان رهاڻ ڪرائڻ لڳا؛ ۽ سنڌ جي وڻن ۾ اهي ماڪ جا موتي ڄڻ سنڌ جي ڏکن تي آسمان جي مالڪ جا لڙڪ بڻجي ويا هئا. پوڙهي بيبي خانم اميرخان جي خواب گاھه ڏانهن ويندي، چپن ۾ ڀڻڪندي ٿي ويئي. ديوان خاني ۾ غاليچي تي ڄميل رت ۽ ڀڳل جامن ۽ صراحين جا ٽڪر ڏسي هن کي راتوڪي رات ياد اچي ويئي. سليمان جو ٿڌو ٿيل مڙھه جڏهن پهريدارن کنيو هو، تڏهن ائين ٿي ڀانيو، ڄڻ ته هو ڪو سالن جو مئل هو. منجھانئس هڪ گندي بانس سڄي محلي ۾ ڦهلجي ويئي هئي. سندس اکيون ڪنهن اچرج کان ڦاٽل هيون، ڄڻ مڙدي کي پنهنجي مئل هجڻ جو يقين ئي نه هو. سندس چپن تي ڪنهن گجوراڙيءَ جون ڪڙيون ٻڌجي ويون هيون. اميرخان هڪ ٽڪ هن جي منهن ۾ نهاريندو رهيو هو. خود امير خان جي منهن تي ڄڻ ڪنهن تازي هيڊ هاري ڇڏي هئي. سندس اکيون، جيڪي هونئن ئي انگوري کان پوءِ، اڌو کاريون بند رهنديون هيون، سي اڳئين کان اڳريون کليل هيون. ٻڍڙي بيبي خانم کي مٿس ڪهل اچي ويئي هئي. هن امير خان کي ڪڏهن به ايترو ڊنل نه ڏٺو هو. هن جي ڀرسان پهچي، جڏهن کيس هٿ لاٿو هئائين، تڏهن هو سرءُ جي سڪل پن جيان ٿڙڪڻ لڳو هو، ۽ بيبي خانم ڏٺو هو ته هن اکين جي ڪنڊن ۾ لڙڪ ڀرجندا ٿي آيا. بيبي خانم جي هِنيئي ۾ ڪو ڪهنو سور جاڳي پيو، ۽ هن دل ئي دل ۾ ڌڻيءَ در ٻاڏائيندي، هن جي وڏيءَ عمر لاءِ دعا گھري هئي. هن جي ٻڍڙي ارھه ۾ هن ترخان لاءِ مامتا جون لطيف لهريون جاڳي اٿيون هيون، ۽ سندس هٿ وٺي کيس خواب گاھه تائين وٺي آئي هئي. کيس پلنگ تي ويهاري، هو ليلى کي وٺڻ لاءِ، هن جي ڪمري ڏانهن وڌي آئي. ليلى جا پير پنهنجي ڪمري ۾ پنهنجي پلنگ کان هيٺ لڙڪي رهيا هئا، سندس اڌ کليل اُرھه ڄڻ ته سياٽي کان ڏڪي رهيو هو، سندس اکيون ڇت ۾ ٽنگيل فانوس ۾ کتل هيون، سندس هڪڙو هٿ هنڌ جي ريشمي چادر تي بي سُڌ ٿيو پيو هو، ۽ ٻيو هٿ سندس دن تي اونڌو رکيو هو. بيبي خانم هري هري ٿي، اچي سندس سيرانديءَ کان بيهي رهي، ۽ آهستي آهستي پنهنجي جھور پوڙهي گهنجيل هٿ سان هن جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳي هئي.
    ”ڌيءُ، اڄ هو بيحد اُداس آهي. وڃ، وڃي سندس دل وندراءِ!“ ٻڍڙي بيبي خانم جي آواز ۾ التجا هئي.
    ”آءٌ نه وينديس هن وٽ! هو ڪانئر آهي، بزدل آهي؛ هن مون کي هڪ سنڌيءَ اڳيان بي پردو ڪيو آهي؛ آءٌ نه وينديس. . . . . “ ليلىءَ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.
    بيبي خانم منجھي پئي. هن کي ليلى جي هوڏ جي خبر هئي. هن جيڪڏهن کيس وڃڻ لاءِ زور ڀريو ته هوءَ خنجر پنهنجي پيٽ ۾ ٽنبي ڏيندي. پر امير خان اُداس هو، سندس دل گهايل هئي، ان تي دلداريءَ جو پُهو رکڻ فقط ليلى جي هٿ ۾ هو. هن جي اندر جي عورت جاڳي پئي، ۽ هن چيو: ”اڄ تنهنجي اکين ۾ چمڪ پئي ڏسان؛ تنهنجي اُرھه جي هيءَ مونجھه مون اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي؛ متان ڇوري، سنڌيءَ کي دل ڏيئي ويٺي آهين؟“
    ليلى کي ڄڻ ڪنهن نانگ ڏنگي وڌو؛ جنهن پيڙا کي اڃا هوءَ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، سا هڪ تير بنجي هن جي دل ۾ چڀڻ لڳي، هڪ ڄَرَ بنجي هن جي جسم کي ساڙيندي ويئي، ۽ هوءَ ان جي لهس کان اُڀي ٿي ويئي. سندس اکين مان ڄڻ نظر گم ٿي ويئي، ۽ بنا ڪنهن ديد جي هوءَ بيبي خانم کي گھورڻ لڳي. پر هن جي اکين ۾ ترڪستان جا وسيع ميدان هئا، تناور وڻ هئا، وحشي اڻ پاليل گھوڙا هئا، موڪرين ڇاتين، مضبوط ٻانهن ۽ نيرين اکين وارا دلاور مڙس هئا ــــ ۽ پوءِ هن جي اکين ۾ سوڍل موٽي آيو. هن جي اکين ۾ لڙڪ موٽي آيا، ۽ چپن تي ٻھه ٻھه ڪندڙ مرڪ موٽي آئي. هن جي اکين ۾ ديد به موٽي آئي، ۽ هن بيبي خانم جي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو هو: ”ها، بيبي خانم! آءُ چاهيان ٿي ته ان سنڌيءَ جي ڇاتيءَ ۾، مضبوط ٻانهن ۾ ۽ نيرين اکين ۾ سمائجي گم ٿي وڃان. بيبي خانم، جيجل! مون کي اهو سنڌي آڻي ڏي، يا مون کي وٽس پهچائي اچ!“
    ”آهستي ته ڳالهاءِ ڇوري! امير خان جي ڪَن تي ڀڻڪ پئي ته توکي مون کي گھاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيندو!“ ٻڍڙيءَ کي ڀَوَ کان ڏڪڻي وٺي ويئي. ترخانن جي ڪاوڙ ۽ غضب کان هو واقف هئي. چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي اولاد کي هن پاڻ به ته لوليون ڏيئي، مڇن جي ساوڪ ڏني هئي.
    ”هون. . . . . ، ٻڌندو ته ڇا ڪندو، اهو بزدل!“ ليلى نفرت مان چيو؛ ۽ پوءِ پنهنجي اُرھه سان ارڏائي ڪندي، ان کي ڪُڏائيندي هن چيو هو: ”اڄ کان پوءِ هي اُرھه، هي ٻانهون هڪ نئين انتظار، نئين اوسيئڙي ۾ رهنديون؛ امير خان هاڻ هنن کي هٿ به نه لائي سگھندو. . . .. !“
    هن اڃا جملو پورو مس ڪيو هو ته دروازي تي اميرخان کي بيٺل ڏٺائون. بيبي خانم سڪل پن جيان ڏڪڻ لڳي، ۽ هن کي ليلى جي سر جو خير نظر نه آيو. امير خان اندر اچي، اکين ئي اکين ۾ بيبي خانم کي وڃڻ جو اشارو ڏنو. هوءَ ٻاهر هلي ويئي هئي، ۽ هينئر جڏهن هوءَ موٽي هن جي خواب گاھ ڏانهن وڌي رهي هئي، تڏهن دل ئي دل ۾ مرڪڻ لڳي هئي. هوءَ روز ليلى جي سيني تي اميرخان کي ستل ڏسڻ جي عادي ٿي ويئي هئي ۽ اهو منظر هن کي ڏاڍو وڻندو هو. ڪيترو وقت ٻن خوبصورت جسمن کي پاڻ ۾ ويڙهيل سيڙهيل ڏسندي رهندي هئي، پوءِ اڳتي وڌي، چادر سان کين ڍڪيندي، سڏ ڪري جاڳائيندي هين. اڄ به ساڳئي منظر ڏسڻ لاءِ هوءَ مرڪندي، خواب گاھ ۾ داخل ٿي، پر هنڌ خالي ڏسي، کيس راتوڪي ڳالھ ياد اچي ويئي. هوءَ ليلى جي خواب گاھ ۾ پهتي هئي ته اتي ليلى کي به اڪيلو ستل ڏٺائين. هن کي هدڪ پئجي ويو؛ متان سنڌين وري ڪا بغاوت ڪئي آهي، ۽ راتو رات مرزا باقي بيگ کيس سڏايو هجي. پهريدارن کان پڇڻ کان سواءِ، هن گھوڙن جي ڪڙھه ڏانهن رخ رکيو. اميرخان جو ابلق سڀني گھوڙن کان جدا هڪ خاص ڪڙھه ۾ ٻڌل هوندو هو. اتي پهچي ، هن ڪڙھه جو کرسڻ هٽايو. گھوڙن جي پيرن وٽ لِڏ جي ڍير تي امير خان ستل هو، ۽ سندس پيرانديءَ کان ادراڪي ويڙهيو سيڙهيو ستو پيو هو. امير خان جي وارن ۽ ڪپڙن تي لِڏ ٿڦيل هئي؛ سندس هڪڙو ڳَل ته تازي لِڏ سان لِتل هو. بيبي خانم ويجھو وڃي پهرين ادراڪيءَ کي اٿاريو. ادراڪي ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺو. بيبي خانم کي پاڻ ڏانهن گھوريندو ڏسي، سندس هوش حواس درست ٿيڻ لڳا. هن بيبي خانم کي ٻڌايو ته رات امير خان اوچتو هن جي ڪوٺيءَ ۾ آيو هو، ۽ هو وري ديوان خاني ۾ موٽي پوءِ ڪڙھه ۾ اچي گھوڙي جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجھي، ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو، ۽ کيس ائين ئي اتي ننڊ اچي ويئي هئي.
    بيبي خانم ادراڪي کي موڪلي هڪ صاف چادر گھرائي ورتي. پنهنجي گنديءَ جو پلاند آلو ڪري، هن آهستي آهستي امير خان جو منهن ۽ وار صاف ڪرڻ شروع ڪيا. ٿڌي ٿڌي پاڻي لڳڻ سان، امير خان پاسو ورائي وري سمهي رهيو. بيبي خانم لاچار کيس ڌونڌاڙي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. نيٺ امير خان اکيون کوليندي، پنهنجي چوڌاري نهاريو، پاڻ کي ڪڙھه ۾، لِڏ مٿان ستل ڏسي، هن چيو: ”اسان کي هت ڪنهن آندو؟“
    بيبي خانم ڪوبه جواب نه ڏنو؛ فقط صاف چادر کڻي سندس ڪلهن آڏو ڏنائين. هري هري ڪري رات جا سمورا واقعا امير خان جي دل تي هُري آيا . . . . ۽ ڪاوڙ کان هن جون مٺيون ڀيڙجنديون ويون. هو چادر ڍَڪي، هلي ديوانخاني تائين آيو. غاليچي تي پيل رت کي ڏسي، ۽ هن کي پنهنجي وفادار خواجه سرا سليمان جي يادگيري اچي ويئي، ۽ هن نئڙي ڄميل رت مان چَپٽي ڀري، ترين ۾ مليندي، پنهنجي منهن تي مکي ڇڏيو، ۽ ڀڻڪندي چيائين ته ”آءُ پنهنجي پيءُ جو ۽، تنهنجو بدلو ضرور وٺندس، سليمان! مون کي قسم آهي پروردگار جو، آءُ بدلو ضرور وٺندس!“ هن تاڙي وڄائي، پهريدارن کي گھرايو، ۽ کين گھوڙو سنبرائڻ لاءِ چئي پاڻ تڙ ڪرڻ هليو ويو.
    مرزا باقيءَ جي محل ڏانهن ويندي، هو پوئينءَ رات بابت سوچڻ لڳو. جيئن جيئن سوڍل ياد ايندو ويس، تيئن تيئن هن جي رت جو دورو تيز ٿيندو ويو. هن کي ليلى ياد اچي ويئي، جنهن چيو هو ته ”آءٌ توکي پاڻ وٽ سمهڻ تڏهن ڏينديس، جڏهن ان سنڌيءَ کي گرفتار ڪري منهنجي اڳيان پيش ڪندين!“ ۽ پوءِ ڌڪار مان خنجر جي نوڪ سان هن کي پنهنجي خواب گاھ مان ڪڍي، دروازي کي ڪڙو ڏيئي ڇڏيو هئائين.
    مرزا باقي بيگ اڳي ئي هن جي انتظار ۾ هو، ۽ پريان ئي چيائينس: ”امير خان تو جھڙن دلير سردارن جي هوندي، ترخانن ۽ ارغونن کي هيڏيون بي عزتيون سهڻيون ٿيون پون. ترخان اميرن کي جاگيرن تان اَن ڪونه ٿو ملي. ڪوڪلتاش جھڙي سردار کي گھر ويٺي سنڌي بي عزتو ڪيو ٿا وڃن. هت ٺٽي ۾ اسان کي کليو کلايو گاريون ٿيون ملن. آخوند صالح دارالعلوم ۾ فارسي پڙهائڻ کان انڪار ڪرڻ جي جرات ٿو ڪري، ۽ اسان جي فرمان جي جواب ۾ اسان کي نصيحتون ٿو ڪري!“
    امير خان ڪنڌ جھڪائي بيهي رهيو. ٽيڏيءَ اک سان ڪوڪلتاش ارغون، خسرو خان، برق انداز خان ۽ مرزا باقي بيگ ڏانهن ڏٺائين. سڀ ڊپ کان چپ هئا. مرزا باقيءَ پنهنجي ڏاڙهيءَ ۾ مٺ وجھندي چيو: ”اسان کي سلطنت جون ڳالهيون سنڀالڻيون آهن، اسين ڪيترو وقت انهن ننڍين ننڍين شورشن کي منهن ڏينداسون، جيڪڏهن اهي حال رهيا ته سنڌي اسان کي جوتا هڻي وري قنڌار پهچائي ايندا. هوڏانهن شهنشاھه ڏن نه ملڻ ڪري ڇتو ٿي پيو آهي، ۽ ڪالھه ايلچي آيو آهي، ته ظلِ سبحاني لاهور ۾ منزل انداز آهي ۽ اسين وڃي سندس قدم بوسيءَ لاءِ حاضر ٿيون. هن کي ڪهڙي خبر ته ترخانن ۽ ارغونن جو خون پاڻي ٿيندو وڃي، ۽ هو گاريون کائي چپ ڪري ويهي ٿا رهن، ۽ هر ڳالھه جو تدارڪ اسان کي ڪرڻو ٿو پوي. امير ڪوڪلتاش جي جاگير جي بحاليءَ لاءِ اسان کي کيس لشڪر ڏيڻو پيو، ٺٽي جي سيدن جي ايڏي مجال ٿي آهي، جو ترخانن کي پنهنجي محلي مان نٿا لنگھڻ ڏيڻ جو هو دارون پي گھرن ۾ گھڙي ٿا پون. ويندي ڪافرن جي ايڏي همت ٿي آهي جو پنهنجا فيصلا نبيرا اسان جي قاضين اڳيان ڪرائڻ بدران آخوند صالح وٽ ٿا وڃن. امير خان، اسين ٺٽي جي عملداري تو کي ٿا سونپيون. اسين ڏسڻ ٿا چاهيون ته تون ڪئين ٿو شورش کي منهن ڏين!“
    ڪوڪلتاش ارغون ڪجھه چوڻ ٿي چاهيو، پر مرزا باقيءَ جي منهن تي ڪاوڙ جا ڪڪر ڏسي، وري چپ ٿي ويو. هن کي خبر هئي ته مرزا جي ڪنهن ڳالھه تي اعتراض ڪرڻ جي معنى سڄي خاندان کي مارائڻ هو.
    ”۽ امير خان اسين توکي پنج هزاري مرتبو ٿا بخشيون. اسان کي اميد آهي ته اسان کي مايوس نه ڪندين!“
    چوڌاري ”مبارڪ سلامت!“ جو شور برپا ٿي ويو. اميرخان ادب مان ڪنڌ جھڪائيندي چيو: ”حضور جن جو هر حڪم پورو ٿيندو!“
    اوڏيءَ مهل توشي خاني جو نائب عامل حاضر ٿيو، ۽ چيائين، ”حضور جو اقبال بلند هجي! حضور ڪڻڪ جو ذخيرو ختم ٿيندو ٿو وڃي. سُرن هڻي سموري ڪڻڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، ۽ سڄي ڪڻڪ مٽي بڻجي ويئي آهي، ۽ کاڌي جي لائق نه رهي آهي. عملدار ۽ سپاهي اها ڪڻڪ کائڻ کان انڪار ڪرڻ لڳا آهن. حڪم هجي ته اهو اَن اڇلائي ڇڏيون!“
    ”هون . . . . . . هون! اڄ ٻپهريءَ تي انهيءَ ڪڻڪ جون مانيون ٺاهي پيش ڪيون وڃن، ۽ توشي خان جا عملدار اسان سان ماني کائيندا؛ . . . . . ۽ اهو به حڪم ڏنو وڃي ته ڪجھه مانيون مٽيءَ جون پچائي آنديون وڃن!“
    توشي خاني جو نائب ”جي حضور“ چئي هليو ويو. گھڙيءَ کان پوءِ چوبدار عرض ڪيو: ”ترخانن جي محلي ۾ شورش ڪندڙ ٻه سنڌي حاضر آهن!“
    ”پيش ڪيا وڃن!“ مرزا باقي بيگ جي اکين ۾ خونخوار چمڪ پيدا ٿي ويئي.
    گھڙي کان پوءِ ٻه اڌڙوٽ عمر جا سنڌي چوکنڀا ٻڌل پيش ڪيا ويا. مرزا باقي کين ڏسي تخت تان هيٺ لهي آيو، ۽ چرين وانگر رڙيون ڪندي بي تحاشا کين ٿَڦڙ ۽ مڪون هڻڻ لڳو. جڏهن سندس هٿ ٿڪجي پيا، تڏهن هن چوبدار ڏانهن منهن ڪري چيو: ”هنن کان ڪو سنڌيءَ ۾ پڇي ته ڏوھه قبول ڪن ٿا يا نه، ۽ آئيندي اطاعت لاءِ اقرار ڪن ٿا يا نه؟“
    هڪڙي ترخان امير، اڳتي وڌي سنڌيءَ ۾ چيو: ”اڙي ڏوھه قبوليو ته جيئدان ملندو!“
    سنڌي خاموش رهيا، فقط هلڪي مرڪ سندن چپن تي کيڏڻ لڳي. هڪڙو ٿورو ڏاڍيان کلندي چيو: ”ترخانن جي محلي مان لنگھڻ، جي ڏوھه آهي، ته اسين بروبر ڏوهي آهيون.“
    ”پر اوهان هڪ ترخان امير زاديءَ سان هٿ چراند ڪئي آهي . . . . .“ ترخان امير ڪاوڙ ۾ چيو.
    ”هن پاڻ اسان کي سڏ ڪيو، ۽ پنهنجو اُرھه ڏيکاريندي چيائين ته هٿ لائي ڏسو ته هي قنڌاري ڏاڙهون پڪل آهي يا نه . . . .اسان ته رڳو هن جو چوڻ مڃيو؛ هوءَ به ته ترخان آهي، ۽ ترخانن حاڪمن جو حڪم ڪيئن نه مڃون!“ هن پنهنجي کِل روڪيندي چيو.
    ترخان امير پنهنجي ڪاوڙ روڪيندي، مرزا باقي ڏانهن منهن ڪري چيو: ”حضور هي پنهنجو ڏوھه قبولين ٿا.“
    ”هون . . . . چئين ته آئيندہ وري ترخان اميرن جي محلي ۾ نه ايندا، ۽ اسان جي اطاعت جو قسم کڻڻ!“
    ترخان امير وري سنڌين ڏانهن منهن ڪري چيو: ”ڇورا چئو ته حضور جو سر سلامت، اسين اوهان جا غلام آهيون ته جان بچي پوندو نه ته . . . .“
    ”ڌارين جي حڪومت تي لک لعنت . . . . مرزا باقي سگ است!“ ٻنهي سنڌين هڪ زبان ٿي فارسيءَ ۾ چيو.
    سڀني اميرن کي ڄڻ ڏينڀو چنبڙي ويا. مرزا باقي به تخت تان اُڀو ٿي ويو، ۽ هن ڄڻ وڦلندي چيو: ”هنن جي جيئري کل لاٿي وڃي . . . . اسان جي سامهون . . . . هينئر جو هينئر . . . چوبدار . . . !“
    چار سپاهي تراريون کڻي سنڌين اڳيان اچي بيهي رهيا. ترخان امير مزو ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌي، گھيرو ٺاهي بيهي رهيا. هڪڙي سپاهيءَ اڳتي وڌي ترار جي نوڪ هڪڙي سنڌيءَ جي نرڙ تي رکي وٺي چهڪ ڏنو. رت جي تکي ڪوسي ڌار سنڌيءَ جي نرڙ مان نڪري سپاهي جي سفيد جامي کي رنڱي ڇڏيو. هڪڙو سپاهي هري هري ترار جا چهڪ ڏيندو ويو، ۽ ٻيو کل کي ڇڪيندو لاهيندو ويو. جڏهن ڳلن جو ڪچو ڪچو ماس ظاهر ٿيو، تڏهن هڪڙي ترخان امير کان دل جھلي نه ٿي، ۽ هن اتي ئي پيٽ کي هٿ ڏيئي الٽي ڪري وڌي. مرزا باقي هن کي اهڙين نظرن سان ڏٺو ڄڻ سندن کَل لاهرائڻ جو حڪم ڏيڻ وارو هو. امير کي پنهنجو ڊپ وٺي ويو، ۽ هو وات اُگھندو، آت ڏيندو، پوئتي هٽندو ويو.
    جڏهن منهن جي سڄي کل لهي ويئي، ۽ ڪچي ڪچي گوشت جي بوءِ ماحول ۾ ڦهلجي ويئي، تڏهن ٻئي سنڌيءَ کان رهيو نه ٿيو، ۽ هن پاڻ ڇڏائڻ لاءِ زور لائڻ شروع ڪيا، ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو. ”اوهين انسان نه ڳِجھون آهيو! حرامخور، آدمخور، گونھه خور . . . . “ هڪ سپاهي خنجر ڪڍي سندس نرڙ تي رکيو، ۽ هيٺ چهڪ ڏنائين. هن جو نرڙ وڍجي ٻه ڦاڪون ٿي پيو، ۽ رت جو هڪ ڦوهارو سامهون بيٺل اميرن جي ڪپڙن کي ڳاڙهو ڪري ويو. اوڏيءَ مهل، پنهنجي پاڻ کي ڪجھه سيٽيندي، سنڌيءَ پنهنجي وات ۾ ٿُڪ گڏ ڪري، زور سان مرزا باقيءَ ڏانهن اڇلائي؛ ٿڪ جو بوڻيندو مرزا باقيءَ جي ڏاڙهيءَ ۾ وڃي کُتو. هڪ ترخان امير هڪ ئي ڌڪ سان ان سنڌيءَ جي سِسي دڙ کان جدا ڪري ڇڏي.
    مرزا باقيءَ جي اکين ۾ وحشت نچڻ لڳي، ۽ انهيءَ امير جو تُرو لاهيندي، ان سان پنهنجي ڏاڙهي صاف ڪرڻ لڳو. سڀ امير ششدر ٿي، کسڪڻ جي واٽ ڳولڻ لڳا. عين ان وقت چوبدار عرض ڪيو: ”حضور، ٻپهريءَ جي ماني لڳائي ويئي آهي: حضور جن قدم رنج فرمائين!“
    هو سڀ ديوان خاني ڏانهن وڌيا. دسترخوان تي قسمين قسمين طعام سجايل هئا، ۽ هڪ طرف انگوريءَ جون ڳاڙهيون، گلابي ۽ قرمزي صراحيون سجايل هيون. سهڻن سهڻن ترڪ ڇوڪرن وڌي سڀني جا هٿ ڌُئاريا. امير ۽ سردار انهن ڇوڪرن جي ڳَلن ۾ چهنڊڙيون پائيندا، کلندا، مذاق ڪندا، مرزا باقيءَ جي خوشامد ڪندا، صراحين ڏانهن وڌيا. ترڪ ساقين نازن نخرن ۽ ادائن سان جام ڀري ڀري پيش ڪيا. جڏهن انگوريءَ جو دور ختم ٿيو، تڏهن هنن مانيءَ ڏانهن هٿ وڌايو. مرزا باقي هٿ مٿي کڻي سڀني کي منع ڪئي، ۽ پوءِ توشي خاني جي اعلى عملدار ڏانهن منهن ڪري چيو ”پهرين تون!“
    سامهون ٽن قسمن جون مانيون رکيل هيون: سٺيءَ ڪڻڪ مان ٺهل اڇا کير جھڙا ڍڳڙا، سُريل ڪڻڪ مان ٺهيل ڪارسريون مانيون، ۽ چيڪي مٽيءَ مان ٺهيل ڪاريون ڀوريون مانيون. عامل سٺي مانيءَ ڏانهن هٿ وڌائيندي، جيئن هڪڙي ماني کنئي ته مرزا باقي ٻانهن ۾ ڌڪ هڻندي چيس: ”اها نه، هيءَ ماني کاءُ!“ ۽ مٽيءَ جي مانين ڏانهن اشارو ڪيائين.
    توشي خاني جي عملدارن جي منهن جو پنو لهي ويو. هن مرزا باقيءَ ڏانهن رحم طلب نگاهن سان نهاريو. مرزا باقيءَ جي چپن تي هڪ خونخوار مُرڪ نچڻ لڳي. لاچار هُن هٿ وڌائي، مٽيءَ جي مانيءَ مان ڀور ڀڳو، ۽ وات ۾ وجھي چٻاڙڻ لڳو. مٽيءَ هن جي وات ۾ ڪاري گپ بنجڻ لڳي، ۽ اهو اُٽوڙجڻ لڳو. سندس چپن جي ڪنڊن مان ڪاري ڪاري گجي نڪري، هن جي پهراڻ تي ڪرڻ لڳي. سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هن ڳيت ڏيئي گپ جو ڍُڪ هيٺ لاٿو. سڀني اميرن جو ساھه ان وقت مٺ ۾ اچي ويو. امير خان به ششدر ٿي، ذري مرزا باقيءَ ڏانهن ٿي ڏٺو ته ذري هن مٽيءَ کائيندڙ عامل ڏانهن ڏٺو. جڏهن عامل پاڻ تي جبر ڪري، گپ جو گراھه هيٺ لاٿو، تڏهن مرزا باقي سريل مانيون هنن ڏانھن وڌايون. هنن سريل مانيءَ جو ڳڀو وات ۾ وجھي چاٻا ڏيڻ شروع ڪيا، ۽ گپ جو سواد وات ۽ نڙيءَ مان ڪڍڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا گرھه کڻڻ شروع ڪيا. مرزا باقي هن جي منهن ۾ نهاريندو، هن کي جاچيندو رهيو؛ ۽ پوءِ کلي چيائين: ”ڪيئن ڪهڙي ماني بهتر آهي؟ مٽيءَ جي يا سُريل ڪڻڪ جي؟“
    عامل ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو. سڀني جا ڪنڌ هيٺ هئا. مرزا باقيءَ غضبناڪ آواز ۾ چيو: ”قنڌار ۾ ته اوهان کي کائڻ لاءِ چيڪي مٽي به ڪانه ملندي هئي، ۽ هت سُريل ڪڻڪ کائڻ کان عار ٿو ٿئيو! خبردار، آءٌ وري شڪايت نه ٻڌان!“
    توشي خاني جو عامل ”جي حضور، جي سرڪار!“ ڪندي، پوئين پير اتان نڪري ويو، ۽ باقي اَمير ۽ سردار مرزا باقيءَ سان گڏ پڪل گوشت، ڪڻڪ جي ڍڳڙن، پلائن ۽ ٺٽي جي آچارن تي ڪري پيا، ڄڻ ته هنن ماني زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺي هئي، يا ڄڻ ته هو آخري ڀيرو ماني کائي رهيا هئا. اميرخان کي الائي ڇو هنن هٻڇي ترخانن کان بڇان اچڻ لڳي. هو سوچڻ لڳو: جيڪڏهن سنڌين کي سنئين دڳ لائڻو آهي، ته پهرين هنن ترخانن ۾ وري تنظيم آڻڻ جي سخت ضرورت آهي.
    جڏهن ماني کائي لاٿائون، تڏهن مرزا باقي اميرخان ڏانهن منهن ڪندي چيو: ”اسان قنڌار کان ٻه سو مولوي ۽ استاد گھرايا آهن. ان جو بندوبست ٿيڻ گھرجي ته آخوند صالح واري مدرسي ۽ ٻين سمورن مدرسن ۽ دارالعلومن ۾ هو شاگردن کي فارسي پڙهائين. سنڌي جيسين خيام، حافظ ۽ روميءَ کي نه پڙهندا، تيسين هو بغاوتن کان ڪونه مڙندا. زندگيءَ جي لذيذ شين، شيرازي ترڪن، ۽ صراحين، جامن، ۽ زندگيءَ جي بي ثباتيءَ ۽ لامڪاني منزلن جي ڄاڻ کان پوءِ بغاوت جو خيال اچڻ محال آهي. ان ڪري ضرورت آهي ته سنڌي پنهنجي ڄٽڪي زبان ڇڏي، فارسيءَ ڏانهن مائل ٿين!“
    ”جي، حضور جن سچ ٿا فرمائين!“ اميرخان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
    جڏهن مرزا باقي محل اندر هليو ويو، تڏهن اميرخان سمورن سردارن کي چيو ته قيلولي کان پوءِ سڀ ترخان ساقي خاني ۾ گڏ ٿين ته جيئن ٺٽي جي انتظامي ڪمن بابت ڪي صلاحون ڪجن. هيتري ساري ماني کائڻ کان پوءِ، سڀني سردارن کي اوٻاسيون اچڻ لڳيون هيون، پر مرزا باقيءَ جي موجودگي ۾ اوٻاسي ڏيڻ موت کي سڏ ڪرڻو هو. مرزا باقي جي وڃڻ کان پوءِ، هنن دل کولي اوٻاسيون ڏيڻ ۽ ڪر موڙڻ شروع ڪيا هئا. امير خان هنن جي حالت ڏسي، پنهنجي چپن ۾ ڀُڻڪندو، پنهنجي محل ڏانهن روانو ٿيو.


    6

    ترخاني ساقي خاني ۾ هر ڪنهن ارغون ۽ ترخان سردار لاءِ جدا جدا مسند ۽ تخت ٺهيل هو. قهوي خاني جو مالڪ آتش خان ڄڻ هر امير جو ذاتي دوست هو. هن کي هر هڪ امير جي اندر ٻاهر جي خبر هئي. هن کي اها به خبر هئي ته اڄ فلاڻو امير ڪهڙي ٻانهيءَ يا ٻانهي سان صحبت ڪندو. هن جي جاسوسيءَ جو نظام ايترو پختو هو، جو هن کي اهي خبرون پهچنديون رهنديون هيون ته ڪهڙي امير جي ڪهڙي زال ڪهڙي ٻانهي يا ڪهڙو غلام ڪهڙي امير سان ڦٽل هو، سندن ملاقاتون ڪٿي، ۽ ڪيئن ٿينديون هيون. هر خبر ٻڌي، هو پنهنجي مَنڊي ٽنگ تي ٽيڪ ڏيئي، ٽهڪ ڏيڻ لڳندو هو. امير به هن کان ڏاڍو ڊڄندا هئا؛ هنن کي هميشه اهو کٽڪو رهندو هو ته آتش خان سندن راز مرزا باقيءَ يا ٻئي ڪنهن سردار تائين نه پهچائي؛ ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه اها هئي، جو هن جا ساقي بيحد حَسين هوندا هئا. هر مهيني ايران، ترڪستان، افغانستان ۽ قنڌار کان ٻارهن کان سورنهن ورهين جا خوبصور مست اکين وارا ڇوڪرا غلامن طور وڪامڻ پهرين آتش خان وٽ آندا ويندا هئا، ۽ هو خريد ڪرڻ مهل انهن ڇوڪرن جي جانچ جونچ بلڪل ائين ڪندو هو ڄڻ ڪو وهٽ خريد ڪرڻو هوس؛ سندس ڏند، سندس چيلھه، سندس اکيون، سندس ڳاڙها ڳل، منهن تي تِر، ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس دُڏا جانچي پوءِ خريد ڪندو هو. ترخان امير ان ڏينهن جي انتظار ۾ هوندا هئا، جنهن ڏينهن نوان ساقي قهوو يا انگوري پيئارڻ ايندا هئا، ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن ساقيءَ تي امير پاڻ ۾ وڙهڻ لڳندا هئا. هن جي ساقي خاني ۾ انهن ڳالهين تان خون ٿيڻ ته معمولي ڳالھه هئي؛ ۽ جڏهن ٻه ترخان پاڻ ۾ ڪنهن ساقيءَ تان وڙهندا هئا، تڏهن آتش خان ٻنهي کي، ساقي خاني جي پٺيان هڪ وڏي دالان ۾ وٺي ايندو هو، ۽ هر هڪ کي هڪجھڙو خنجر ڏيئي، مرڪندو وري ساقي خاني اندر موٽي ايندو هو. جيڪو امير سوڀ کٽي موٽي ايندو هو، ساقي ڏاڍي نياز ۽ ادب سان ان کي قهوو يا انگوري پيئارڻ لڳندو هو، ۽ هارايل ترخان کي، جيڪو اڪثر مئل هوندو يا مرڻ ۾ هوندو هو، ٽنگ کان گھلي، پنهنجي ٻن پهريدارن هٿان، سڌو سندس گھر موڪلي ڏيندو هو. اهي ساقي ڏينهن جو ساقي خاني ۾ اميرن جي خدمت ڪندا هئا، ۽ رات جو ڪنهن خاص امير جي خوابگاھه ۾ پنهنجا فرض بجا آڻيندا هئا.
    پر اڄ آتش خان ڪنهن ڳوڙهيءَ سوچ ۾ گرفتار، پنهنجي مَنڊيءَ ٽنگ تي ٽيڪ ڏيئي، ڇت ۾ ٽنگيل فانوسن ۾ نهاري رهيو هو. هن جي جاسوسن هن تائين اهو نياپو اڳي ئي پهچائي ڇڏيو هو ته اميرخان کي ٺٽي جو عامل مقرر ڪيو ويو هو. امير خان هونئن ته آتش خان تي خاص طرح مهربان هو؛ جڏهن کان هن کيس ليلى کي وڪيو هو، امير خان مٿس وڏيون نوازشون ڪرڻ لڳو هو، ۽ هاڻ ته ٺٽي جي حاڪم جي حيثيت ۾ اڃا به وڌيڪ مهربانيون ڪري ٿي سگھيو، پر ان ۾ هڪڙيءَ ڳالھه خلل پيدا ڪري وڌو هو. مرزا باقيءَ کي امير خان جو ترڪ ساقي اِدراڪي بيحد پسند اچي ويو هو، ۽ هن آتش خان کي گھرائي حڪم ڏنو هو ته ادراڪيءَ کي ڪنهن به طرح هٿ ڪري وٽس پيش ڪري. امير خان ادراڪيءَ کي وڪڻڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيندو، سا آتش خان کي پڪ هئي، ۽ سمورن ترخان اميرن ۾ نرالو سردار هو. جيڪڏهن مهربانين تي اچي ته لک مهربانيون ڪندو، پر جيڪڏهن ڪاوڙيو ته هن جھڙو خونخوار ترخان ٻيو نه هو. اڳيان مرزا باقيءَ به گھٽ نه هو. امير خان کي ٺٽي جو عامل مقرر ڪري، هن هڪ ئي تير سان ٻه شڪار ڪيا هئا: هڪ طرف سنڌين جو زور ڀڃڻ لاءِ امير خان کان بهتر ماڻهو نه هو؛ ٻئي طرف امير خان انتظامي ڳالهين ۾ ايترو مصروف هو، جو ادراڪيءَ کي مرزا باقيءَ جي خدمت ۾ پهچائڻ آتش خان لاءِ ڏکيو نه ٿيندو. پر آتش خان لاءِ مسئلو اِهو هو ته جيڪڏهن سڌو سنئون امير خان کان ادراڪيءَ کي خريد ڪرڻ جي ڳالھه ڪندو ته ممڪن هو ته امير خان ڀالو سندس ڇاتيءَ ۾ ٽنبي ڏئي؛ ۽ جيڪڏهن لڪ چوريءَ ادراڪيءَ کي مرزا باقي تائين پهچائي ته اهو امڪان هو ته ادراڪي مرزا باقيءَ کي اهڙو پسند اچي وڃي، جو هو کيس موٽائڻ کان انڪار ڪري وجھي. ان صورت ۾ به امير خان فورن تاڙي ويندو ته ان ۾ آتش خان کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو هٿ ٿي نه ٿو سگھي. اڄ امير خان کيس اڳي ئي چوائي موڪليو هو ته هن کي ٺٽي جي انتظامي مسئلن لاءِ اميرن سان صلاح ڪرڻي هئي، ۽ هو شام ڌاري ساقي خاني ۾ مجلس ڪندا. بيبي خانم به کيس ٻڌائي ويئي هئي ته امير خان سخت تتل آهي؛ سندس خاص خواجه سرا سليمان کي هڪ سنڌي سندس اکين آڏو خون ڪري ويو هو، ۽ وري ليلى به رات کيس پنهنجي خوابگاھه مان ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. اهڙي موقعي تي ادراڪيءَ جي ڳالھه ڇيڙڻ به موت کي سڏ ڪرڻو هو. هو اڃا انهن ئي خيالن ۾ هو ته ترخان اميرن ساقي خاني ۾ اچڻ شروع ڪيو.
    جيئن جيئن امير ۽ سردار پهچندا ويا، ساقي خاني ۾ هُل هنگامو وڌندو ويو. ساقي قهوي جون پياليون ۽ انگوريءَ جا جام کڻندا، مٽڪندا، چيلھ چٻي ڪندا، ناز نخري سان اميرن اڳيان پيش ڪندا رهيا، ۽ امير به هنن سان خوش طبعي ڪندا، چهنڊين ۽ چمين جي ڪوشش ڪندا، جام پيئندا ويا. جڏهن اميرخان ساقي خاني ۾ داخل ٿيو، تڏهن ڪيترا امير احترام کان اٿي بيهي رهيا. پر سرڪش قسم جي ارغون سردارن پنهنجي انگوريءَ ۽ پنهنجي ساقيءَ ۾ مگن، هن ڏانهن نهاريو به ڪونه. آتش خان، اڳتي وڌي، ڪورنش ڪري، امير خاني جي نئين مسند ڏانهن اِشارو ڪري، هٿ ٻڌي بيهي رهيو. اها مسند هونئن امير ڪوڪلتاش ارغون لاءِ هوندي هئي. ڪوڪلتاش جو ننڍو ڀاءُ خسرو خان پاسي واريءَ مسند تي ويٺو هو، سو امير خان کي انهيءَ مسند ڏانهن وڌندو ڏسي گھنڊ پائي کيس گھورڻ لڳو. امير خان انهن نظرن کان بي نياز نئين مسند تي اچي ويٺو. هڪ ڊگھڙي قد جي ساقيءَ پنهنجي چپن تي مِٺي مرڪ آڻيندي، سندس آجيان ڪئي: ”خوش آمديد آقائ من!“
    امير خان جي چپن تي به مرڪ اچي ويئي، ۽ سندس ڳل ۾ چپٽي وجھندي چيائين: ”تنهنجا ڳل ته ڏاڙهونءَ کان به ڳاڙها آهن، ساقي! تون شايد نئون ٿو ڏسجين!“
    ”ادراڪيءَ جا ڳل ته هن کان به ڳاڙها آهن، امير خان!“ خسرو خان ٽهڪ ڏيندي چيو. سمورا امير خسرو خان سان گڏ ٽهڪ ڏيڻ لڳا. امير خان جو منهن ٽامڻي هڻي ويو، ۽ هن رڙ ڪري چيو: ”خسرو خان، ادراڪي ‎ءَ جو نالو و‎ٺڻ کان اڳ، پنهنجو وات عطر عنبير سان ڌوئي اچ! تنهنجو وات ته گونهن سان ڀريل آهي!“
    امير وري ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا. خسرو خان ڪاوڙ کان اُڀو ٿي ويو، ۽ هن پنهنجي خنجر جي مٺئي تي هٿ رکندي چيو: ”امير خان، زبان سنڀالي ڳالهاءُ! ٺٽي جو عامل هوندين، ته پنهنجي لاءِ هوندين!
    امير خان جي اڳيان ننڍي خوبصورت ٽپائيءَ تي انگوريءَ جو جام رکيو هو. هن اک ڇنڀڻ کان سواءِ اهو کڻي، خسرو خان جي ٻوٿ ۾ اُڇلايو. خسروخان جو منهن ۽ ڪپڙا ڳاڙهي انگوريءَ سان رڱجي ويا. خسرو خان ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ ٻي گھڙي خنجر ڪڍي امير خان ڏانهن وڌيو. سڀ امير اُٿي بيهي رهيا. آتش خان منڊڪائيندو، هنن تائين پهتو، ۽ کين منٿون آزيون ڪرڻ لڳو ته مڙي وڃن. پر خسرو خان کيس هٿ سان هٽائيندي چيو: ”هن منهنجي بي عزتي ڪئي، اُن جو حساب کيس هينئر ئي ڏيڻو پوندو! مون کي قسم آهي پنهنجي پيءُ جي ڏاڙهي جو ته ادراڪي اڄ رات منهنجي بغل ۾ هوندو!“
    امير خان به اٿي بيهي رهيو. هن جو هٿ پنهنجي خنجر بدران نيٽ جي ڊگھي لڪڻ ۾ هو، جيڪو مُٺئي وٽان گولائي ۾ وريل هو. هن لڪڻ کي پڇڙيءَ کان جھلي، تيزيءَ سان ان جو هٿيو خسرو خان جي ڳچيءَ ۾ وجھي، زور سان ڇڪ ڏني. خسرو خان پاڻ سنڀالي نه سگھيو، ۽ هو ٿاٻڙجي، امير خان جي مسند جي پاين اڳيان اچي منهن ڀر ڪريو. اميرخان لت کڻي سندس سسيءَ تي رکي، ۽ رڙ ڪري چيائين: ”اوهان جھڙن ذليل ارغون سردارن جي ڪري اڄ سنڌين جو من وڌي ويو آهي. پر ياد رکو، سنڌين کان اڳي آءٌ اوهان کي سڌو ڪندس!“ خسرو خان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته امير خان وري لت هڻي زمين ۾ گڏي ڇڏيس.
    آتش خان امير خان کي آزيون نيزاريون ڪرڻ ۽ صدقا وجھڻ لڳو، تڏهن وڃي امير خان جي ڪاوڙ ڍري ٿي، ۽ ٻن ترخانن کي سڏي چيائين: ”هن حرامخور کي کڻي ڪنهن گند جي ڍير تي ڇڏي اچو! ۽ آتش خان، مون هن کي وري تنهنجي ساقي خاني ۾ ڏٺو آهي ته آءٌ تو کي اگھاڙو ڪري ٺٽي کان قنڌار موڪليندس!“
    خسرو خان جي ڪاوڙ شرمساريءَ ۾ بدلجي ويئي، ۽ جڏهن کي ٻن ترخانن اچي اٿاريو، تڏهن سندس ڪنڌ هيٺ هو. سندس منهن سڄو گپ ٿي ويو هو، ۽ زريءَ جا ڪپڙا مٽيءَ ۽ انگوريءَ ۾ ٿڦجي ويا هئا. هن خنجر مياڻ ۾ واپس رکندي چيو: ”امير خان، ارغونن سان هٿ چراند ڪرڻ جي سزا، اڄ نه ته سڀان، تو کي ضرور ملندي . . . .“
    ائين چئي، ترخانن کان پنهنجي ٻانهن ڇڏائيندي، هو تيزيءَ سان دروازي ڏانهن وڌيو. دروازي تي هڪ پربت جيڏو مڙس بيٺل هو، ۽ هو دروازي کي ائين والاري بيٺو هو، جو ٻاهر نڪرڻ يا اندر اچڻ جيتري جاءِ به نه ڇڏي هئائين. سندس ويڪري ڇاتيءَ ۽ ڊگھن شهپرن کي ڏسي هيبت وٺي ٿي ويئي. هڪ وڏو ڪٽارو سندس ڪمربند ۾ کتل هو، پر سندس هٿن ۾ رسي جي هڪ ٽڪر کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه هو. خسرو خان کي ويندو ڏسي، سڀ امير دروازي ڏانهن نهارڻ لڳا هئا. هن کي دروازي اڳيان بيٺل ڏسي سڀ حيرت مان هڪٻئي جو منهن تڪڻ لڳا.
    آتش خان به حيرت مان هن شخص کي ڏسندو رهيو. هيءُ پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن سنڌيءَ ساقي خاني ۾ اچڻ جي جرات ڪئي هئي. هو به پنهنجيءَ منڊي ٽنگ تي ٽلڪندو دروازي ڏانهن وڌيو.
    ”ڪير آهين تون ڙي؟“ آتش خان پريان ئي واڪو ڪري چيو. ”ترخانن جو موت!“ هن شخص کلندي چيو.
    خسرو خان کي وري پنهنجي ارغوني ترخاني ياد اچي ويئي، ۽ هن خنجر ڪڍندي، گار ڏيندي چيو: ”اوهان سنڌين جي هاڻ اها همت ٿي آهي جو . . . . .“ ائين چئي هن خنجر جو وار ڪيو. هو شخص پنهنجي جاءِ تان تر جيترو به نه هٽيو. جيئن ئي خسرو خان وار ڪيو، هن کڻي خنجر واري ٻانهن ۾ هٿ وڌس. ٻئي هٿ سان رسي جو ٽُڪر زور سان سندس ٻوٿ ۾ ڦهڪائي ڪڍيائين. ڌڪ کان خسرو خان جي اکين ۾ اوندھه ڇانئجي ويئي، ۽ هن جي خنجر وارو هٿ نستو ٿي ويو. آتش خان کي به ڪاوڙ اچي ويئي، ۽ هن به پنهنجو خنجر ڪڍي جيئن وار ڪيو، تيئن هن شخص خسرو خان جي ٻانهن مروڙيندي، کڻي کيس اڳيان ڪيو. آتش خان جو وار خالي نه ويو، ۽ خنجر خسرو خان جي ڇاتيءَ ۾ کپي ويو. خسرو خان جي اکين ۾ ان ڌڪ جي ايذاءَ کان وڌيڪ آتش خان جي ڪيل وار تي حيرت جھلڪڻ لڳي، ۽ هو هڪ ڊگھي ”آ . . . . آه“ ڪندي اڳيان جھڪي پيو. ان گھڙيءَ هن شخص خسرو خان کي زور سان ڌڪو ڏنو. خسرو خان ڄڻ هن جي هٿن ۾ کينهون هو، جنهن سان مرضيءَ مطابق کيڏڻ لڳو هو. خسرو خان جو مٿو زور سان اچي آتش خان جي سيني ۾ لڳو. آتش خان پنهنجي منڊيءَ ٽنگ کي سنڀالي نه سگھيو، ۽ پٺن ڀر وڃي ڦهڪو ڪيائين. اهو سڀڪجھه ايترو جلد ۽ تيزيءَ سان ٿيو جو ٻين ترخانن کي سمجھڻ جو وقت نه مليو ته ڇا ٿي رهيو هو.
    ”نڪرو هتان ٻاهر، اوهان جي کور . . . . . کي . . . . .“ هن شخص رڙ ڪري چيو. هن اڳيان وڌي هڪ وڏي صندل کي ٻنهي هٿن ۾ کڻي، اڳيان بيٺل اميرن ڏانهن اڇلايو. ترخان پاڻ بچائڻ لاءَ هيٺ جھڪي ويا، ۽ صندل زور سان اچي مٿن ڪريو. راڙو راڙ مچي ويئي. امير خان چپ چاپ اهو سڀڪجھ ڏسندو رهيو. هو پنهنجي جاءِ تان چريو به ڪونه. هن سنگھار کي سڃاڻي ورتو هو، ۽ هن تي هڪ ئي گھڙيءَ ۾ ٻه احساس ڇانئجي ويا: هڪ بدلي وٺڻ جو، ۽ هڪ ڊپ جو. انگوريءَ هن جي ٽهڪندڙ رت تي ڄڻ پاڻيءَ وارو ڪم ڪرڻ لڳي، ۽ ڊپ هن جي ڪاوڙ ۽ بدلي وٺڻ جي نيت تي غالب پوندو ويو. هن شخص سان مقابلو ڪرڻ موت کي سڌي سنئين دعوت ڏيڻي هئي. هن کي مارڻ لاءِ ڪنهن دغا دولاب کان سواءِ ڪو چارو ئي ڪونه هو.
    ”نڪرو ٻاهر . . . . اوهان کي چيم، رڍ جا پٽ، هڪدم ٻاهر نڪرو. . . “ سنگھار وري رڙ ڪئي، ۽ هڪ ٻئي صندل کي کڻي ٻنهي هٿن ۾ کنيائين. ترخان پاڻ کي ڌڪ کان بچائڻ لاءِ وري هيٺ جھڪي ويا. امير خان به اٿي بيهي رهيو، ۽ هن فارسيءَ ۾ ترخانن کي چيو ته اتان هليا وڃن. ترخانن کي ڄڻ سامت جو ساھه کڻڻ جو موقعو ملي ويو، ۽ هو هڪڙو هڪڙو ٿي ٻاهر نڪري ويا.
    امير خان ڦڪي مرڪ چپن تي آڻيندي چيو: ”سنگھار خان، اچ ته گڏجي انگوريءَ پيئون!“
    سنگھار چپ چاپ هن ڏانهن وڌندو رهيو. هن جي ويجھو پهچي، رسي جو هڪڙو ڇيڙو، جنهن ۾ سرڪ ساهي ٺهيل هئي، هن ڏانهن اڇلايائين. سرڪ ساهي هن جي ڳچيءَ ۾ پوندي ئي، ڇڪجي ڏاڍي ٿي ويئي، ۽ سنگھار نوڙي کي پاڻ ڏانهن ڇڪ ڏني. امير خان ٻوٿ ڀر ڪري، گوڏن ڀر رڙهڻ لڳو. هن جي خون ۾ بدلي جي باھه وري ڀڙڪڻ لڳي؛ ۽ هو ڄڻ ته ڄاڻي واڻي اِها بيعزتي سهندو ويو، جيئن اها باھه ايترو ڀڙڪڻ لڳي، جو ڊپ جو ان تي ڪوبه غلبو نه ٿي سگھي. ”هي منهنجي پيءُ جو قاتل آهي. . . . هن منهنجي پيءُ کي ٽياس ۾ ابتو ٽنگي ماريو هو . . . . ان جي عيوض اسان سنڌين جو سنڌ سنڌ ڪپي، تازي ڪتن کي کارايو هو، پر سنگھار بچي ويو . . . . يا خدا، مون کي ايترو صبر ڏي، جيئن آءٌ هي بيعزتيءِ جا لڙڪ ان حد تائين پيئندو رهان، جيسين منهنجي بدلي جي آڳ ڄڻ سراڻ تي چڙهي ڀڀڙ بڻجي، سنڌين جي ٻچي ٻچي کي ساڙي جلائي ڦهليار ڪري ڇڏي . . . . .!“
    هن گھٽيل گھگھي نڙيءَ سان چيو: ”سنگھار، مون ته توکي انگوريءَ جي دعوت ڏني . . . ۽ . . تون . . . . “
    سنگھار هن کي ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”مون کي انگوري پيئڻي هوندي ته آءٌ هت اچي حڪمان حڪم پي ويندس . . . ڏسان ڪهڙو ترخان ٿو مون کي روڪي. پر هينئر آءٌ خاص ڪم سان آيو آهيان.“
    امير خان ڪوبه جواب نه ڏنو. سنگھار سرڪ ساهيءَ جي مهڙ کي جھليندي، امير خان کي پنهنجي سامهون اٿاري بيهاريو. هن جي هٿ جي هر جھٽڪي سان امير خان جو اکيون ڄڻ ٻاهر نڪرنديون ٿي نظر آيون.
    ”مرزا باقيءَ قنڌار کان وڌيڪ لشڪر ڇو گھرايو آهي؟“ هن امير خان جي اکين ۾ اکيون وجھندي چيو.
    ”مون کي خبر نه آهي،“ امير خان گھگھي آواز ۾ چيو.
    ”هن . . . ، تو کي خبر نه آهي. . . .“ هن سرڪ ساهيءَ جي ڦندي کي هڪ زوردار جھٽڪو ڏيندي چيو. ”تون ائين ڪونه ٻڌائيندين . . . . امير خان تون مون کي سڃاڻين ٿو. آءٌ ڪنهن ترخان کي مارڻ وقت ٻيهر سوچيندو ڪونه آهيان.“ سنگھار جي آواز ۾ ايترو يقين ۽ پختگي هئي، جو امير خان تي نه چاهيندي به ڊپ وري ڇانئجڻ لڳو. پر هيءُ ڳجھه ته ترخانن جي موت ۽ زندگيءَ جو ڳجھه هو. ان لاءِ هو هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هو، ۽ هن مِڻ مِڻ ڪندي چيو: ”مون کي ڪا خبر نه آهي. جيڪڏهن مون کي خبر هوندي به ته تون اهو ڪئين ٿو سوچين ته آءٌ حڪومت جو راز توکي ٻڌائيندس. . . .“
    ”چڱو، نه ٻڌاءَ. . . . .“ سنگھار گھڙيءَ لاءِ ويچار ۾ پئجي ويو. هي راز اهڙو هو، جو امير خان کي ساھه کان وڌيڪ پيارو هو. پر اهو راز ڄاڻڻ هن لاءِ به ضروري هو. هو ۽ جانڻ آخوند نور محمد سان واعدو ڪري نڪتا هئا ته نه رڳو اهو راز هٿ ڪري ايندا، پر اهو خط به هٿ ڪندا جيڪو قنڌار موڪليو ويو هو. هن پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي. اوچتو هن جي نظر هڪڙي ڳڀرو ساقيءَ تي پيئي، جو هڪ ميز هيٺان ڪرونڊڙو ٿيو اهو سڀ ڪجھه ڏسي رهيو هو، ۽ ڊپ کان ڏڪي رهيو هو. هن کي هڪ ترڪيب سجھي آئي، ۽ هن رڙ ڪري ان ساقيءَ کي سڏ ڪيو. ساقي ڪنبندو، ڏڪندو، ڪورنشون ڪندو، ٻانهو ٻڌندو اڳيان آيو ته سنگھار کي کل اچي ويئي. ساقيءَ هن کي کلندو ڏٺو ته هن جو ساھه به ڪجھه سامت ۾ آيو، ۽ هو ڪجھه اهڙي ادا سان مرڪڻ ۽ اکين ئي اکين ۾ ڪي نياپا ڏيڻ لڳو، جو ڪو ترخان هجي ها ته هو ان هڪڙيءَ ادا تي سڀڪجھه قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ها. هن سنڌي ڄٽ تي ان جو اثر بلڪل ابتو ٿيو ۽ هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. هن جي بيخبريءَ جو فائدو وٺندي، امير خان نوڙيءَ ۾ ٻيئي هٿ وجھي وٺي ڇڪ ڏني. نوڙي سنگھار جي هٿ مان نڪري ويئي، ۽ امير خان ٽپو ڏيئي دروازي ڏانهن ڀڳو. سنگھار جا ٽهڪ اتي جو اتي بند ٿي ويا، ۽ هو ششدر ٿي دروازي ڏانهن ڀڳو. پر عين ان وقت جانڻ ڀالي جي نوڪ سان امير خان کي پوئتي هٽائيندو، کيس سنگھار تائين آڻي پهچايو.
    ”واه جانڻ ڀائو واه . . . . . مون ته سمجھيو هو ته سڄو ڪم خراب ٿي ويو! پر تون ائين دروازي تان هٽي نه اچين ها ته چڱو. الائي ترخان ڪتا، پنهنجي ڪٽڪ سان ڪيڏيءَ مهل اچي نڪرن، ۽ اسين بيخبرا ڦاسي پئون. تون وري وڃي دڳ جھلي بيھه!“
    سنگھار جو هڪڙو هٿ امير خان جي منهن تي اهڙيءَ طرح وريو جيئن سرڻ ڪنهن ننڍي پکيءَ تي لامارو ڏيندي آهي. امير خان پنج ـ اَٺ قدم پوئتي ٿڙندو وڃي هڪ موڙي مٿان اچي ڪريو. سندس نڪ ۽ چپن مان رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو؛ ۽ پوءِ سنگھار ساقيءَ کي فارسي ۾ جيڪي ڪجھه چيو، انهن لفظن تي ساقيءَ کي ته ڇا، خود امير خان کي به اعتبار نه آيو. امير خان ائين ڇرڪيو ڄڻ ڪنهن نانگ ڏنگي وڌس. ساقي به اهو حڪم ٻڌي اچرج ۽ ڀؤ کان سنگھار جي اکين ۾ ڏسڻ لڳو. سنگھار ڪٽارو ڪڍي، ساقيءَ جي نڙگھٽ تي رکندي چيو: ”ڇورا، جي چوڻ نه ڪيو اٿئي ته هيءُ خنجر تنهنجي نڙگھٽ جي پار هوندو!“ ائين چئي هو وري امير خان ڏانهن وڌي آيو. هن جي ٻانهن کي پويان مروٽيندي، کيس اڳيان وڌائيندي، هن ساقيءَ کي اشارو ڪيو. ساقي ڊڄندو، ڪنبندو، لڙڪندو اڳيان وڌيو ۽ پنهنجو ننڍڙو خنجر ڪڍي، هن اميرخان جي شلوار ڏانهن هٿ وڌايو.
    امير خان ڪرڙيءَ وانگر ڦٿڪڻ لڳو. اڃا ساقيءَ هن جي شلوار ڏانهن هٿ وڌايو ته امير خان مئل آواز ۾ چيو: ”سنگھار خان، واسطو اٿيئي رب جو، ان کان ته مون کي ختم ڪري ڇڏ.“
    سنگھار وري ساقيءَ کي اشارو ڪيو، ۽ ساقيءَ اميرخان جي شلوار ڏانهن هٿ وڌايو. امير خان دانهن ڪري چيو: ”بس بس . . . . ٻڌايان ٿو!“ پگھر هن جي نرڙ تان وهي اکين ۾ پوڻ لڳو. هن جو منهن سڪل پن جھڙو اودو اودو ٿي ويو هو.
    ”مرزا باقيءَ کي مرزا جان بابا ۽ شاھه قاسم ارغون جي بغاوتن جي کڙڪ پئجي ويئي آهي، ۽ تنهن کان سواءِ شهنشاه اڪبر به سنڌ تي چڙهاين جون تياريون پيو ڪري. ان ڪري مرزا قنڌار مان ڪَمڪ گھرائي آهي!“ امير خان ڪنڌ هيٺ ڪري گھگھي آواز ۾ چيو.
    ”ڪير ويو آهي اُها ڪمڪ وٺڻ؟“ سنگھار سوال ڪيو.
    ”امير ڪوڪلتاش ارغون. . . . “
    ”ڪڏهن نڪتو آهي ڪوڪلتاش؟“
    ”اڄ صبح جو . . . . !“ امير خان ۾ ڄڻ ساھه ئي ڪونه هو.
    ”هون . . . . .“ ائين چئي سنگھار ساقي کي اشارو ڪيو. ساقي پوئتي هٽي ويو.
    سنگھار امير خان کي اڳيان ڪري دروازي ڏانهن وڌيو. جانڻ کڙڪو ٻڌي، اندر لنگھي آيو، ۽ اکين ئي اکين ۾ سنگھار کي ڪو نياپو ڏنو. سنگھار ڪٽارو امير خان جي پٺ تي رکندي دروازي کان ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر ويهارو کن ترخان ڀالن ۽ ترارين سان ڄڻ هنن جي انتظار ۾ هئا. سنگھار امير خان کي اڳيان ڪندي چيو: ”اوهان مان ڪوبه اڳتي وڌيو آهي ته آءٌ هي خنجر هن جي پٺ ۾ ٽنبي ڏيندس!“
    سڀ ترخان خونخوار اکين سان هنن کي ڏسندا رهيا. امير خان ـــــ مٿي اگھاڙو، نڪ ۽ وات مان وهندڙ رت سان، ڪنڌ هيٺ ڪيو، اڳتي وڌندو رهيو. سنگھار ۽ جانڻ پنهنجن گھوڙن تائين وڌي آيا. امير خان جون ٻانهون ڇڏي، سنگھار وري سرڪ ساهيءَ جو ڇيڙو هٿ ۾ جھلي، گھوڙي تي چڙهيو. جڏهن جانڻ به سوار ٿيو، تڏهن سنگھار چيو: ”امير خان، تون ٺٽي جو عامل مقرر ٿيو آهين. سنڌين تي ظلم ڪرڻ وقت پنهنجي پيءُ جي پڇاڙي ياد رکجانءِ . . . ظلم ڪنهن کي به نه ڦٻندو!“
    ائين چئي پنهنجي گھوڙي کي اڙي هنئي، ۽ سرڪ ساهيءَ واري رسي کي ڇڏي ڏنو. هنن جا گھوڙا دَز جو هڪ واچوڙو پويان ڇڏيندا نظرن کان اوجھل ٿي ويا. امير خان پنهنجي سامهون بيٺل ترخانن تي نفرت ڀري نظر وجھندي چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي؛ ۽ ساقي خاني ۾ اندر گھڙي ويو.


    7

    شهر جي لَنگھي جڏهن هر پاڙي ۾ اهو پڙهو ڏنو ته اڄ کان امير خان ٺٽي جو عامل مقرر ٿيو آهي ته ڪيترن جون دليون دهلجي ويون. هنن کي پڪ ٿي ته هن جي عامل ٿيڻ سان شهر ۾ اهي ظلم ٿيندا، جو اڳي ڪنهن ٻڌو به ڪونه هوندو. ٻپهرن جو شهر جي جامع مسجد جي بلڪل ٻاهران چوسول تي، بڙ جي وڻ ۾ ٻن سنڌين جا کل لٿل جسم ٽنگي ڇڏيائون. جنهن ٿي هنن کي ڏٺو، سو آت ڏيندو الٽيون ڪندو، دل ئي دل ۾ ترخانن کي گاريون ڏيندو، پٽيندو ٿي ويو. اميرخان جي عملداريءَ جي هي پهرين سوکڙي هئي سنڌين لاءِ. جڏهن پوءِ ماڻهو سانجھي نماز پڙهڻ لاءِ مسجدن ڏانهن ٿي ويا ته امير خان کي پنجاهي کن سوارن سان آخوند صالح جي مدرسي ڏانهن ويندي ڏٺائون. ماڻهن ۾ نئين هورا کورا جاڳڻ لڳي. جيڪڏهن آخوند صالح جي مدرسن جا شاگرد ترخانن ۾ ڪاهي پوندا. پوءِ ڇا ٿيندو، سو ڪنهن به سوچڻ نٿي چاهيو. ٻڍڙا ماڻهو، تڪڙا تڪڙا مسجدن ۾ داخل ٿي، وقت کان اڳ نفل پڙهي، دعائون گھرڻ لڳا ته ”الله سائين ٺٽي ۽ سموريءَ سنڌ کي هنن ظالمن جي شر کان پناھه ۾ رکج! اڃا اڳيان گھاءَ ئي ڪونه ڇُٽا آهن ته نئون ڪوس ٿيڻ نه ڏج!“ هندو پنهنجي مندرن ۽ ٽڪاڻن ۾ پنهنجي مورتين اڳيان ٻاڏائڻ لڳا ته ٺٽي تان آفت ٽري.
    امير خان پنهنجي سوارن سان اچي آخوند صالح جي دارالعلوم اڳيان لٿو. هن سان چار پنج قنڌاري مولوي گڏ هئا، جن کي مرزا باقيءَ قنڌار کان سنڌين کي فارسي ۽ صحيح اسلام پڙهائڻ لاءِ گھرايو هو. دروازي اڳيان ننڍيءَ منجيءَ تي هڪ ٻڍڙو ماڻهو چلم جو نڙ وات ۾ وجھي، ڄڻ دنيا کان بي خبر پنهنجي ئي خيالن ۾ غرق هو. گھوڙن جي ٽاپ ٽاپ تي به هن ڪنڌ ورائي ڪونه نهاريو. جڏهن امير خان بلڪل سندس ڀرسان اچي گھوڙو جھيو، تڏهن به هو پنهنجي چلم مان گرڙاٽ ڪڍندو رهيو. امير خان بِر ٿي ويو، ۽ نيزو ڪي، هُن ٻڍڙي کي چوڪ ڏني ته ٻڍڙو ڇرڪ ڀري اٿي بيٺو، ۽ ترخانن کي حيرت مان ڏسڻ لڳو.
    ”بي ادب گڏھه، توکي اها مجال جو اسان جي اچڻ جو ٻڌي، پنهنجي چلم ۾ لڳو پيو آهين؟“ اميرخان ڪڙڪو ڪندي چيو.
    ٻڍڙي ڏند ڪڍندي، پنهنجي ڪنن ڏانهن اشارو ڪندي چيو: ”ڏاڍيان ڳالهاءِ، آءٌ ڪنن کان بنھه ٻوڙو آهيان. ڪير مڙس آهين؟“
    ترخان کلڻ لڳا. هنن کي کلندو ڏسي، امير خان جي ڪاوڙ هيڪاري تيز ٿي ويئي، ۽ هن واڪو ڪري چيو: ”خاموش! آءٌ آهيان، امير خان، ٺٽي جو نئون عامل!“
    ”هوندين، پر هت ڪهڙو ڪم اٿئي؟“ ٻڍڙي لاپرواهيءَ مان چيو.
    امير خان کي پرئي مڙس تي ايڏي ڪاوڙ آئي، جو هن نيزي سان کيس زور سان ڌڪو ڏنو، ته پيرسن ٿيڙ کائيندي وڃي منجيءَ جي پويان ڪريو. پر هو ڪپڙا ڇنڊيندي وري اٿي بيٺو. ”ابا، مڙس ٿو مارين! پاڻ وڏن سان ائين هلبو آهي. واه جو پڻهين سيکاريو اٿئي!“ ٻڍڙي ڄڻ رنج ٿيندي چيو.
    امير خان هن کي بنھه مارڻ وارو هو، پر هڪ قنڌاري مولويءَ کيس فارسيءَ ۾ چيو: ”هينئر ئي سختي ڪبي ته شاگرد ۽ استاد اسان سان ٺهي ڪين هلندا. سياست کان ڪم وٺ، سڄو ڪم خراب نه ڪر!“
    ٻڍڙي ڄڻ ڪجھه ٻڌوئي ڪونه. وري پنهنجيءَ کٽ تي ويهي رهيو، ۽ پنهنجي چلم جي نڙ ۾ ڦوڪون ڏيڻ لڳو. امير خان ڀڻ ڀڻ ڪندي، ٻڍڙي کي سزا ڏيڻ جو اِرادو ترڪ ڪري ڇڏيو، ۽ نرمي سان چيائين: ”پوڙها، در کول، اسان کي آخوند صالح سان ملڻو آهي. هي عالم سڳورا قنڌار کان هلي ساڻس ملڻ آيا آهن.“
    ”جي، ڇا چيئي؟ ٿورو ڏاڍيان ڳالهاءِ، مون ڪونه ٻڌو“ هن وري پنهنجي ڪنن ڏانهن اشارو ڪري پنهنجي ٻوڙاڻ ظاهر ڪئي.
    امير خان پنهنجي ڪاوڙ کي روڪيندي، ڏاڍيان پنهنجي ڳالھه ورجائي چئي.
    ”پوءِ ائين چئو نه؛“ ائين چئي، ٻڍڙو اٿيو، ۽ اچي مولوين کي هٿ ڏنائين، ۽ سنڌيءَ ۾ ساڻن خوش خيروعافيت ڪرڻ لڳو. هاڻ ته امير خان کي به کل اچي ويئي، ۽ چيائين: ”پريا مڙس، هي اڃا ڪالھه قنڌار کان آيا آهن. سي تنهنجي سنڌيءَ ڪيئن سمجھندا!“
    ”ابا، قنڌار کان آيا آهن، ڀلي ڪري آيا، جيءُ ڪري آيا!“ ۽ پوءِ آهستي چيائين: ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي، تو کي قنڌارئون جوکو!“
    امير خان رڙ ڪري چيو: ” پوڙها، ڇا چيئي؟“
    ”ابا، چيم ته دين جا عالم سڳورا آهن. سنڌ جي قسمت، جو قنڌارئون هلي آيا آهن!“
    ”چڱو، هاڻ در کول!“ امير خان وري خفي ٿيندي چيو.
    ”هي مدرسو آهي علم جو گھر. هن ۾ هٿيار پهري لنگھڻ ڪبيرو گناھ آهي، ۽ هنن سپاهين جو وري علم سان ڪهڙو واسطو؟ هي دروازو دين جي عالمن سڳورن لاءِ بيشڪ کلندو، پر هنن سپاهين لاءِ هرگز نه کلندو!“ پوڙهي ۾ الائي ڪٿان جان اچي ويئي. هن جو سينو اڳيان وڌي آيو، ۽ سندس اکين ۾ هڪ نئين جوت جاڳي آئي.
    امير خان قنڌاري مولوين سان هري هري مشورو ڪرڻ لڳو. هو فقط پنهنجون ڏاڙهيون لوڏيندا رهيا. آخر ڪنهن ڳالھه تي هو پاڻ ۾ يڪراءِ ٿيا، تڏهن امير خان ڏاڍيان چيو: ”تون دروازو کول. فقط آءٌ هنن عالمن سڳورن سان آخوند صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيندس. سپاهيو، اوهين چاليھه قدم پوئتي هٽي بيهو، ۽ اسان جو انتظار ڪريو!“
    سپاهي هڪدم گھوڙا موڙي پوئتي هٽي ويا. امير خان دروازي ڏانهن وڌيو. ٻڍڙي تي ڄڻ ڪو اثر نه ٿيو، چيائين ”چُه چُه چُه، هٿيار لاهي هت رکو، دروازو پوءِ کلندو!“
    امير خان لاچار ٿي ترار مياڻ مان ڪڍي، پوڙهي جي کٽ تي رکي، ۽ نيزو هيٺ زمين تي رکي ڇڏيائين. ٻڍڙو پاڻ اڳتي وڌي آيو، ۽ ڇڪ ڏيئي امير خان جي ڪمر بند مان خنجر ڇڪي ورتائين. پوءِ ڏاڍي نئڙت سان قنڌاري مولوين ڏانهن وڌي آيو، ۽ هڪ هڪ ڪري مولوين جي ڪمربندن مان خنجر ڪڍي ورتائين. مولوي حيرانيءَ مان هن پيرسن جي چستيءَ ۽ ڦڙتيءَ کي ڏسندا رهيا. خنجر پاڻ وٽ قابو ڪري، پوڙهو دروازي تائين آيو، ۽ دروازي تي هٿ سان ٺڪ ٺڪ ڪيائين. اندران ڪو هلڪو آواز آيو. ٻڍڙي چيو: ”دين جا عالم سڳورا قنڌار کان پنڌ پيا آهن. هنن جي آجيان لاءِ دروازو کوليو!“
    ٻڍڙي جا لفظ پورا ٿيا ته وڏي دروازي ۾ هڪڙو ننڍڙو دَرُ کلي پيو. اهو دروازو اهڙو هو جنهن مان هڪ ئي وقت فقط هڪڙو ماڻهو لنگھي ٿي سگھيو، ۽ ان کي به هيٺ جھڪڻو ٿي پيو. ٻڍڙي چيو: ”هيءُ علم جو در آهي. هت جھڪڻ قسمت وارن کي نصيب ٿيندو آهي!“
    امير خان دل ئي دل ۾ خار کائيندو، مولوين جي پويان اندر داخل ٿيو. اندرئين پاسي ننڍي قد جو هڪ همراھه کين وٺي، آخوند صالح جي حجري ڏانهن هلڻ لڳو. اتي پهچي، هن سڀني کي جتيون لاهڻ جو اشارو ڪيو. جتيون لاهي هو اندر داخل ٿيا ته هڪ تڏي تي هڪڙي ڪرڙوڍ ماڻهوءَ کي ويٺل ڏٺائون، جنهن جي چهچ ڪاري ڏاڙهيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي اڇا وار به ظاهر ٿيڻ لڳا هئا. سندس منهن ۾ عجيب ڇڪ ۽ ڏيا هئي. هو ڪنهن ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول هو. هنن کي ايندو ڏسي هو اُٿي بيٺو، ۽ سندن آجيان ڪندي، کين ويهڻ لاءِ چيائين. امير خان کي پٽ تي تڏي تي ويهڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو. زمين سندس دڏن ۾ چڀڻ لڳي، ۽ هو ذري ذري پاسا بدلائي سڌو ٿي ويهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
    قنڌارين مان هڪ مولويءَ پنهنجي اچڻ جو مقصد بيان ڪندي چيو: ”حضور مرزا باقي بيگ جن جي راءِ آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو خاطر خواه بندوبست ڪرڻ لاءِ، ملڪ جي سمورن مدرسن ۾ فارسي ۽ دينيات پڙهائي وڃي. ان ڪري هن قنڌار کان دين جا عالم گھرايا آهن. جن کي درس تدريس جو ڊگھو تجربو آهي. هن دارالعلوم ۾ اسان پنجن ڄڻن کي پڙهائڻ جو حڪم مليو آهي.“
    آخوند صالح ڪنهن ڳوڙهي خيال ۾ ٻڏي ويو؛ ۽ پوءِ ڪجھه سوچيندي چيائين: ”گھڻو تڻو سڀ مدرسا ۽ دارالعلوم آهن ئي ديني تعليم لاءِ، اسان جي مدرسن ۾ ڪي شاگرد هونئن ئي فارسي پڙهن پيا.“
    ”سرڪار چاهي ٿي ته فارسيءَ جي تعليم عام ڪئي وڃي. هر شاگرد ضرور فارسي پڙهي، علم جي دنيا سان روشناس ٿئي!“ مولوين مان هڪڙي چيو.
    ”فارسي هتان جي ماڻهن جي ٻولي ڪانهي. انهيءَ ڪري ان کي فقط ڪي ڪي اهڙا شاگرد پڙهڻ گھرندا جن کي ان جي سکڻ جو شوق هوندو. تنهن کان سواءِ سرڪاري طرح فارسي پڙهائڻ جو ڪهڙو ضرور آهي، جڏهن اسان وٽ فارسي سيکارڻ جا استاد اڳي ئي موجود آهن.“ آخوند صالح نهايت آهستي ۽ ڌيرج سان ڳالهائي رهيو هو.
    هڪ مولويءَ کي شايد جوش اچڻ لڳو هو: ”فارسيءَ هتان جي حاڪمن جي زبان آهي، اسلامي حڪومت جي زبان آهي. اسلامي زبان آهي. ايران، افغانستان ۽ هندوستان جي مسلمانن جي واحد سڌريل زبان آهي. قنڌار کان دهليءَ تائين فارسيءَ جو چرچو آهي. فارسي سکڻ سان سنڌي پنهنجي حاڪمن جي قريب ايندا، منجھن اسلام جو درد پيدا ٿيندو. ترخانن ۽ سنڌين جي وچ ۾ هن وقت جيڪي غلط فهميون آهن، سي دور ٿي وينديون.“
    آخوند صالح فورن ڪوبه جواب نه ڏنو. پوءِ چئن ئي مولوين تي هڪ نظر وجھندي، امير خان جي اکين ۾ اکيون اٽڪائيندي، کيس گھوريندي چيائين: ”سنڌين جي مٿان سرڪاري طرح سان زور زبردستيءَ سان ڪابه زبان مڙي ويندي ته هو هرگز هرگز ڪونه پڙهندا. هنن کي پنهنجي زبان سان بيپناھه محبت آهي. هنن جي ٻولي دنيا جي قديم ٻولين مان آهي ـــــ فارسيءَ وانگر هزارين سال پراڻي، ۽ فارسيءَ جھڙي ئي مائيدار ۽ مٺي ٻولي آهي. اڄ تائين هنن ڪابه ٻاهرين زبان قبول نه ڪئي آهي. برهمڻن کين پنهنجي ڌرم سان گڏ سنسڪرت پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو نه پڙهيا. عربن اسلام آندو، پر هو سنڌين تي عربي مڙهي نه سگھيا. تاريخ شاهد آهي ته هِنن کي ڪڏهن به هنن جي زبان سان ڪابه نفرت نه آهي؛ فارسيءَ کي هو هڪ سٺي زبان سمجھن ٿا، فارسيءَ جي علم، شاعريءَ ۽ ادب کي هو ڏاڍي چاھه سان پڙهن ٿا، پر جيڪڏهن فارسيءَ هنن تي زوريءَ مڙهي ويئي، ته هنن ۾ ان جي خلاف نفرت پيدا ٿي پوندي!“
    ”هي سرڪاري حڪم آهي، ان جي تعميل سنڌين کي ڪرڻي پوندي. سرڪاري ڪاروبار لاءِ به ضروري آهي ته سنڌي فارسي سکن، جيئن هو حڪومت جو ساٿ ڏيئي سگھن. جيڪي فارسي سکيا آهن، سي فارسيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳا آهن. سرڪار طرفان اهڙن ماڻهن کي وظيفا ملي رهيا آهن. هنن تي عام بخششون ڪيون ويون آهن؛“ امير خان ڳالھه کي ختم ڪرڻ لاءِ چيو.
    ”اهڙن ماڻهن کي ڪوبه سنڌي عزت جي نگاھه سان نٿو ڏسي، جيڪي محض سرڪاري خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ فارسيءَ ۾ تڪبندي ڪرڻ لڳا آهن. اوهان کي خود خبر آهي، ۽ آءٌ به چڱيءَ پر ڄاڻان ٿو ته ايراني، مغل ۽ خود اسان جا حاڪم پرپٺ سندن فارسيءَ تي ڪيئن کلندا ٿا رهن. ان ڪري جيڪڏهن فارسيءَ خلاف نفرت پيدا ڪرڻ نٿا گھرو، ته اِن هوڏ تان لهي وڃو!“ آخوند صالح نهايت نرم لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو، مگر سندس اٽل ارادي ۽ اڏول شخصيت مولوين تي رعب طاري ڪري ڇڏيو هو.
    ”پر سرڪار جي حڪم جي انحرافي ڪرڻ جي مجال ڪنهن کي ٿيندي؟ جيڪو فارسي سکڻ کان انڪار ڪندو، ان جي زبان ڪپي ڇڏي ويندي.“ امير خان ڪاوڙجندي چيو.
    ”ته پوءِ سرڪار کي هر سنڌيءَ جي زبان ڪپڻي پوندي؛ فارسي ٻولڻ کان هو گونگا رهڻ وڌيڪ پسند ڪندا!“ آخوند صالح ساڳئي ڌيرج سان چيو.
    ”پر اوهين کين صحيح صلاح ڏيندا ته شاگرد اوهان جو چوڻ ضرور مڃيندا.“ هڪڙي مولوي مرعوب ٿيندي چيو.
    ”اوهان شايد وساري ڇڏيو آهي ته آءٌ به سنڌي آهيان. تنهن کان سواءِ آءٌ ڪڏهن به پنهنجي شاگردن کي غلط صلاح نه ڏيندس،“ آخوند جواب ڏنو.
    امير خان اٿي بيهي رهيو. هو ڪجھه وقت غور سان آخوند صالح ڏانهن نهاريندو رهيو، ۽ پوءِ آهستي چيائين: ”آءٌ ٺٽي جو عامل آهيان. يا ٺٽي ۾ هر شاگرد فارسي پڙهندو يا سمورا مدرسا بند ڪيا ويندا.“ ائين چئي هو حجري کان ٻاهر نڪري آيو. قنڌاري مولوي به چپ چاپ امير خان جي پويان نڪري آيا.
    امير خان جنهن به مدرسي ۾ ويو، اتي اهڙو ئي کُتو جواب مليس. هر ملاقات کان پوءِ هن جي ڪاوڙ جو مچ ڀنڀٽ بڻجندو ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو ساجھر هو وري سئو کن سپاهي ساڻ ڪري آخوند صالح جي دارالعلوم ڏانهن ويو. قنڌاري مولوي هن سان گڏ هئا. ٻڍڙي وري دروازي کولڻ کان انڪار ڪيو؛ پر امير خان مولوين جي صلاح تي نه هليو، ۽ هن پنهنجو ڀالو ٻڍڙي جي نڙگھٽ ۾ ٽنبي ڇڏيو. سپاهين کي حڪم ڏنائين ته دروازي کي ڀڃي کولين. سپاهي ڪامون کڻي دروازي کي ڀڃڻ بيهي رهيا. پراڻو دروازو اٺن ڏهن ڌڪن کان پوءِ چيرجي پيو. دروازي چيرجڻ سان ننڍو در هڪدم چوڙن کان نڪري ويو. سپاهي اگھاڙين ترارين سان مدرسي ۾ گھڙي پيا. امير خان مولوين سان گڏجي پڙهڻ جي ڪوٺين ڏانهن وڌيو. پهرينءَ ئي ڪوٺي ۾ آخوند صالح درس ڏيئي رهيو هو. امير خان جي اشاري تي هڪڙو مولوي اچي آخوند جي ڀر ۾ بيهي رهيو.
    آخوند صالح ڄڻ هن کي ڏٺوئي ڪونه، ۽ هو شاگردن کي چئي رهيو هو: ”اڄ شايد آءٌ اوهان کي آخري درس ڏيئي رهيو آهيان. هي قنڌاري مولوي، اوهان کي ترارين جي زور تي فارسي پڙهائڻ آيا آهن. منهنجي اوهان کي رڳو اها صلاح آهي ته . . . . . . “
    هن اڃا جملو ختم ئي نه ڪيو ته امير خان جي اشاري تي ٻه سپاهي هن کي ڪمري مان گھلي ٻاهر ڪڍي ويا. هيءُ درس ننڍن ڇوڪرن جو هو، ۽ ڪنهن جي به عمر پنڌرهن سورهن ورهين کان مٿي نه هئي. قنڌاري مولويءَ امير خان ڏانهن ڏٺو، ۽ منبر تي چڙهي چيائين: ”طفلانِ من . . . .“
    اڃا هن ايترو چيو ته ٻه ڇوڪرا اٿي بيٺا، ۽ ٻنهي گڏجي چيو: ”اسين فارسي ڪونه پڙهنداسون!“
    امير خان وري ٻيو اشارو ڏنو، ۽ ٻن سپاهين اڳتي وڌي ڇوڪرن کي گھِلي ٻاهر ڪڍيو، ۽ گھلڻ وقت کين ٿڦڙن سان ڪُٽيندا ويا. ٻارڙا هيسجي ويا. ڪمري ۾ موت جھڙي خاموشي ڇانئجي ويئي. ڇوڪرا هراس ۽ ڊپ کان سپاهين ۽ قنڌاري مولوين کي ڏسندا رهيا. امير خان کين سنڌيءَ ۾ چيو: ”ڇوڪرا، هي عالم اوهان کي پڙهائڻ لاءِ قنڌار کان آيو آهي. جيڪو ڇوڪرو فارسي نه پڙهندو، ان کي اگھاڙو ڪري، هن نيٽ سان ڪُٽيندس . . . . . ٻڌايو اوهين فارسي پڙهندئو يا نه؟“
    ٻار اڳيئي هيسيل هئا، ان ڪري ڪنهن به جواب نه ڏنو. امير خان ڪجھه سوچي، قنڌاري مولويءَ کي اتي ئي ڇڏي ٻاهر نڪري آيو. سپاهين کي پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪري، هن گھوڙي کي جامع مسجد واري چونڪ ڏانهن موڙيو. سپاهين کي چيائين ته ڦاهيءَ جو ڦندو تيار ڪن. ڦاهيءَ جو ٽياس ٺهندو ڏسي، آسپاس کان ماڻهو اتي گڏ ٿيڻ لڳا. امير خان جا سپاهي ٽياس جي چوڌاري هڪ وڏو گھيرو ٺاهي بيهي رهيا. ڳالھه شهر ۾ باھه جيئن ڦهلجندي ويئي ته ترخان آخوند صالح کي ڦاهيءَ تي ٿا چاڙهين. ماڻهو پنهنجا ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏي، اگھاڙين پيرين، مٿي اگھاڙي جامع مسجد ڏانهن ڀڳا.
    جڏهن ڦاهي تيار ٿي ويئي، تڏهن امير خان آخوند صالح جي اڳيان اچي بيهي رهيو، ۽ چيائين: ”آخوند، توکي ماريندي مون کي خوشي ڪانه ٿي ٿئي. اڃا به مڙي وڃ: پنهنجي مدرسي ۾ قنڌاري مولوين هٿان فارسي پڙهائڻ جو رضانامو لکي ڏي ته توکي ڇڏي ڏيندس، نه ته. . . . .“
    آخوند صالح جي منهن تي عجيب نُور ٻهڪي رهيو هو، ۽ هن چيو: ”تو جھڙا هزارين جاهل مون ڏٺا آهن. جيڪڏهن مون کي ڦاسيءَ تي چاڙهيندين ته سنڌ فارسي ٻولڻ سکندي ڇا؟ اوهين هڪڙي هڪڙي سنڌي استاد کي ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏيو، تڏهن به سنڌي مدرسن ۾ فارسي زوريءَ پڙهائي نه سگھندئو!“
    امير خان هڪ سپاهيءَ کي اشارو ڏنو، جنهن وڌي ڦاهيءَ جي سرڪ ساهي آخوند صالح جي ڳچيءَ ۾ وڌي. ميڙ ۾ چرپر ٿيڻ لڳي، ۽ ماڻهن جي دلين ۾ وَڍَ پوڻ لڳا. پر سپاهين جي ڀالن هنن کي اڳيان وڌڻ نه ڏنو. امير خان وري ٽياس واري سپاهيءَ کي اشارو ڏنو؛ هن هڪ ئي ڌڪ سان ڦاهيءَ وارو تختو آخوند جي پيرن هيٺان ڪڍي ڇڏيو. آخوند جي وات مان ذرو به آواز نه نڪتو. الائي ڪيئن هن جي لڙڪندڙ جسم جي منهن تي اهائي نوراني مُرڪ اڃا تائين قائم هئي. امير خان حيرت مان هن کي ڏسندو رهيو. هن سوچيو ته ڦاهيءَ جي تختي تي هنن سنڌين مرڪڻ ڪٿان سکيو آهي؟
    هن وري ڇوڪرن ڏانهن ڏٺو، ۽ هڪ ڀيرو وري هنن کان پڇائين: ”اڙي ڇورا ٻڌايو، فارسي پڙهندئو يا نه؟“
    ڇوڪرن جواب نه ڏنو. هو ته پنهنجي استاد جي لڙڪندڙ جسم کي ڏسي روئندا رهيا. امير خان وري سپاهين کي اشارو ڪيو. سپاهين ڇوڪرن کي چوکنڀو ٻڌي، پهرين هڪ ڇوڪري جي، ۽ پوءِ ٻئي جي ڄِڀَ پاڙؤن وڍي ڇڏي، ڇوڪرا ٻڪرن جيان رانڀاٽ ڪرڻ لڳا. رت سندن واڇن مان وهڻ لڳو. ڪجھه رت نڙيءَ ۾ وڃڻ ڪري، هو اٽوڙجڻ ۽ کنگھڻ لڳا؛ کنگھي وري ٻاڪارڻ ٿي لڳا. ميڙ ٿيل ماڻهن کي ڄڻ ڪو نانگ ڏنگي ويو هو، ۽ هو پنڊ پهڻ ٿي هن ڪِيس کي نه ڏسندڙ اکين سان ڏسندا رهيا.
    امير خان ڏهاڪو کن سپاهي اتي ڇڏي، اتان هليو ويو؛ ۽ شهر ۾ پڙهو ڏياريائين ته جيڪو آخوند پنهنجي مدرسي ۾ فارسي نه پڙهائيندو، ان جو حشر آخوند صالح جھڙو ٿيندو؛ جيڪو شاگرد فارسي پڙهڻ کان انڪار ڪندو، ان جي زبان ڪپي ويندي، ۽ جيڪو مائٽ فارسي پڙهائڻ ڪري ٻارن کي مدرسن مان اٿاريندو، ان جو سمورو مال متاع ضبط ڪيو ويندو.
    شام تائين آخوند صالح ۽ ٻنهي شاگردن کي ڏسڻ لاءِ هشام سنڌين جا اچي گڏ ٿيا. ههڙو ڪيس نه ٿيو نه ٿيندو. ماڻهن جي آنڊن ۾ وڍ پوڻ لڳا. هزارين ماڻهو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا، ۽ ڪي خاموش هنن ٽن قربان ٿيندڙن کي ڏسندا، اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندا، ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا. ٻڍڙا ۽ پيرسن پنهنجن آنڊن کي مهٽيندا مسجدن ۾ وڃي پنهنجي رب سان شڪايتون ڪرڻ لڳا. چونڪ ۾ ڄڀ وڍيل شاگردن جا منهن سڄندا ويا. سندن ڪنڌ هڪڙي پاسي لٽڪي پيا، ۽ مکيون مڙي سندن رت ڀريل واڇن تي گڏ ٿيڻ لڳيون!


    8

    ٺٽي جي سينڌ اڃا ستارن سان سنيگاريل هئي. ٿڌي کير جھڙي چانڊوڪي پاڇولن سان راند ڪندي، سوڍل جي دل جيئن ٽلڪڻ لڳي هئي. ترخانن جي محلي ۾ سپاهين ۽ چوڪيدارن جي هوڪن کان سواءِ سڄو ٺٽو بي خبريءَ جي ننڊ ستل هو. سوڍل سوچڻ لڳو هي ننڊ پيل ماٺيڻو ٺٽي جو شهر الائي پنهنجي گھرن اندر ڪهڙن ماتمن ۽ روڄن کي لڪايو ستو پيو آهي. سنڌ جي هن سونهاري شهر جي گھٽين مان اڪيلو لنگھندي هن کي عجيب لڳي رهيو هو. هن ڏاڍي پيار مان ڪميت جي بشڪن تي ٿڦڪي هنئي، ۽ ڪميت سراءِ جي اڳيان ڪنڌ نمائي بيهي رهي. سوڍل ڪڙو کڙڪايو. ڪو جواب نه مليس ته وري ڏاڍيان ڪڙو هڻڻ شروع ڪيائين. نيٺ ڊڄندي ڊڄندي ٻڍڙي علوءَ اچي دروازو کوليو. هيڏيءَ رات جو ڪنهن مسافر جو اچڻ هن کي هميشه ڊيڄاري ڇڏيندو هو. ترخان پنهنجي ڀڄي ويل ترڪ ڇوڪرن يا ٻانهن جي ڳولا ۾ اڪثر آڌيءَ ويل اچي سراءِ جو دروازو کولائيندا هئا، ۽ مسافرن ۽ کيس مارڪٽ ڪري هليا ويندا هئا.
    ”ڪير؟“ ٻڍڙي علوءَ ڊڄندي ڊڄندي سوال ڪيو.
    ”آءٌ آهيان سوڍل!“ سوڍل مختصر جواب ڏنو.
    ”سوڍل، تون؟ هن مهل؟ اچ، اچ، ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ تون هل اندر ته آءٌ گھوڙي ڪڙھه ۾ ٻڌي ٿو اچان . . . . داڻو ڏيانس؟“ ٻڍڙي گھوڙيءَ جو لغام هن کان وٺندي پڇيو.
    سوڍل سراءِ ۾ اندر اچي، ڏئي جي وٽ کي ٿورو ڇنڊي مٿي کنيو، ۽ وڇايل هنڌ تي، مٿو ٻنهي هٿن ۾ جھلي ويهي رهيو. رت سندس مغز ۾ ڪنهن درياءَ وانگر ڇوليون هڻي رهيو هو. هن جو سمورو بدن ڪنهن عجيب آڳ کان جلي رهيو هو. هن جي اکين اڳيان رکي رکي ٻه ڳارها چپ چميءَ جي شڪل ٺاهي اُڀري ٿي آيا، ۽ هن ڄڻ ان تصور کي هٽائڻ لاءِ پنهنجيون اکيون مهٽڻ ٿي شروع ڪيون.
    ٻڍڙو علو موٽي آيو. هن کي ائين ڪنهن سوچ ۾ ويٺل ڏٺائين، ته ڏاڍي پاٻوھ مان چيائين: ”ڇو سوڍل، ڪهڙين ڳڻتين ۾ آهين؟“
    ”ڪجھه به ڪونهي. تون منهنجي لاءِ ڪا ڪوٺڙي کول،“ هن ڄڻ سوال کان پاڻ بچائڻ ڪاڻ چيو.
    ڪوٺيءَ ۾ وڇايل هنڌ تي، هو جُتي لاهڻ بنان ئي ليٽي پيو. علو به سندس آڏو بيهي، غور سان سندس منهن ۾ نهاريندو رهيو. هو سوڍل کي ورهين کان سڃاڻندو هو. ترخانن خلاف هن جي ڪارنامن کان ڪير واقف ڪونه هو؟ هر ڪنهن بغاوت جي منڍ مهاڙ ۾ سوڍل هوندو هو. چاچي وريام واري واقعي کان پوءِ ته سمورا ماڻهو سوڍل کي پنهنجو سڳو مِٽ سمجھندا هئا ۽ وڏي ڳالھه ته ترخانن ۾ جيترو ڊپ سوڍل جو هوندو هو، ايترو ڪنهن جو نه هو.
    سوڍل جڏهن به ٺٽي ايندو هو، رهندو علوءَ جي سراءِ ۾ هو؛ علو به هن جي خاص ڪوٺڙي هن لاءِ خالي رکندو هو، چاهي هن کي مسافرن کي پڌر ۾ سمهارڻو پوي. مسافرن جي خدمت چاڪريءَ لاءِ هن وٽ ٻه ٽي ماڻهو هئا، پر سوڍل لاءِ ماني ٽڪي هو پاڻ کڻي ايندو هو، سندس هنڌ پنهنجن هٿن سان وڇائيندو هو، سندس گھوڙي کي داڻو پاڻي پاڻ ڏيندو هو. سوڍل جي باغي هجڻ جي خبر هونئن ته سڄي سنڌ کي هئي، پر سندس اندر جي اڌمن کان ٻڍڙو علو وڌيڪ واقف هو. هن کي هن جي طبيعت، هن جي مزاج جي چڱيءَ طرح خبر هئي. اڄ به هو سمجھي ويو ته سوڍل ڳالهائڻ نٿو گھري. پر کانئس رهيو نه ٿيو. ۽ پڇيائين: ”سوڍا، بکيو هوندين؛ ڪجھه تيار ڪرائي وٺان؟“
    ”نه چاچا، البت اُڃيو آهيان. اٿئي ڪجھه رکيل؟“ سوڍي آهستي چيو.
    ”بابل، تنهنجي لاءِ سڀڪجھه آهي. ڪالھه اڇي جي ماٽي ڪلالڻ ڏيئي ويئي آهي، سا تنهنجي ملڪ آهي!“
    گھڙيءَ کان پوءِ هو ماٽي ۽ وٽي سوڍي اڳيان رکي، چُپڙي ڪري ٻاهر نڪري ويو. سوڍي وٽي ڀري سرڪ پيتي ته ڄڻ ته مچ تي ڇنڊو پئجي ويو. هو الائي ڪيتري دير پيئندو رهيو: جئن جئن پيئندو ويو، تئن تئن ننڊ هن جي اکين کان ڪوهين دور ڀڄندي ويئي. هو پنهنجي ڪوٺڙيءَ ۾ اچ وڃ ڪندو رهيو. هن جي ذهن ۾ واچوڙا ورندا رهيا، ۽ هو انهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ وري ماٽيءَ ڏانهن موٽي ٿي آيو. ليلى جو هر انگ هن جي جسم ۾ کنوڻ وانگر کنوندو رهيو: هن جا چپ، هن جون اگھاڙيون ٻانهون، هن جو اُرھه، هن جو دُن، هن جي جسم جي جھلڪ، هن جي آواز جي لَي رکي رکي هن جي ذهن کي ڏينڀن وانگر ڏنگيندا رهيا، ۽ هن کي پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ اچي ويئي. ”آءٌ ايترو هيڻو ٿي ويو آهيان، جو هڪ زال منهنجي جسم، دل ۽ دماغ تي ڇائنجندي ٿي وڃي. آءٌ هڪ ترخان زال جو مقابلو ئي نٿو ڪري سگھان ته سنڌ ترخانن کان ڪيئن آزاد ٿيندي!“
    اوچتو ”سنڌ“ جو نالو زبان تي ايندي ئي، هن جي ذهن ۽ جسم جي ڇڪ ۽ تڻڪ لهي ويئي. واچوڙا بيهي رهيا. هن وري اهو نالو اچاريو ”سنڌ!“ ۽ هن کي محسوس ٿيو ڄڻ ته هن جي بدن ۾ نئون رت اوتجندو ٿي ويو. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن کي امرت جو پيالو ملي ويو. هن هڪ دفعي وري سنڌ جو نالو زبان تي آندو، ۽ هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ هن جي اندر ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هئي، جيڪا به ڪشمڪش هئي، سا بيهي رهي هي. ان نالي ڄڻ نانگ جي مڻ وانگر، هن جي جسم مان زهر ڇڪي ڪڍي ورتو هو، ۽ هن ائين ڀانيو ته ان پارس جي سندس زبان سان ڇهاءَ جي ڪري، هو سڄو سونو ٿي پيو هو. هن جو هر انگ، هن جو لڱ لڱ سونو ٿي پيو هو، ۽ هن کي پڪ ٿي ته هن جو رت به سونو ٿي ويو هو. جيڪڏهن ھن جو رت وهيو ته هر رت ڦُڙي مان هڪ نئون سنڌي پيدا ٿيندو. هن جي هر انگ وڍڻ سان سوين انگ پيدا ٿي پوندا، ۽ هن کي سنڌ جي اَمر هجڻ جو يقين ٿي ويو، پنهنجي امر هجڻ جي يقين اچي ويو، ۽ هن ڄڻ نعرو هڻندي چيو: ”جيئي سنڌ، سدا جيئي سنڌ!“
    ان نعري لحظي ۾ هن جا سڀ دک دور ڪري ڇڏيا، ۽ هو من ئي من ۾ تجويزون ۽ رٿائون ٺاهيندو، بستري تي ليٽي پيو. هن سوچيو ته سنگھار کي اميرخان جي نياپي ڏيڻ جي بهاني پنهنجيءَ رٿ ۾ شامل ڪري، جبل هليو ويندو ۽ لشڪر گڏ ڪري ٺٽي تي چڙهي ايندو. سنگھار جي گھر جو سوچيندي هن کي سانول ياد اچي ويو. سانول جو معصوم مکڙو ياد ڪندي هو اٿي بيٺو. چاچي علوءَ کي گھوڙي سنبرائڻ لاءِ سڏ ڪيائين.
    جڏهن ٻڍڙي علوءَ کيس گھوڙيءَ جي تياري جو ٻڌايو تڏهن الائي ڇو سوڍل کيس ڀاڪر پائيندي چيو: ”چاچا علو، آءٌ ڳوٺان ٿي ٿو اچان، ڏينهڪ موٽندس. پر ان وچ ۾ ٺٽي ۾ سنگھار جو ٻڌين ته ماڻهو موڪلي، کيس منهنجي لاءِ ترسائج!“
    ٻڍڙو علو سنڌ جي هن جوڌي جوان کي پيار ۽ سڪ مان ڏسندو رهيو، ۽ جڏهن سوڍل جي ڪميت سندس نظرن کان اوجھل ٿي ويئي، تڏهن هن آسمان ڏانهن نهاريندي، ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: ”ڌڻي منهنجا، اسان بروبر سڄي عمر گناهن ۾ گذاري، پر تون اسان جي گناهن ڏانهن نه ڏس. . . . ههڙن سوڍن کي سلامت رکج . . . . . . مَنَ سنڌ وري منهن کڻي موچاري ٿئي.“ ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ ڪجھه پڙهندي، هڪ ڊگھو شوڪارو ڀري، سوڍي جي ڪوٺڙيءَ ۾ داخل ٿيو.
    ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ
    سنگھار جي زال، ڀاڳل چاڏيءَ مان مکڻ تاريندي هڪ وڏو چاڻو ٺاهي کڻي وٽيءَ ۾ رکيو، ۽ پاڻ وري نيهر سڌي ڪري، منڌيءَ کي ڦيرائڻ ويهي رهي. ڏُڌ ولوڙيندي، خود هن جي دل به ولوڙجندي ٿي ويئي. سنگھار کي اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو هو: پاڻ چئي ويو هو ته ڏينهڪ موٽندو، ۽ مٿان هي چوٿون سج چڙهي آيو هو. ”ڌڻي منهنجا، تون خير سان ورائينس!“ هن دل ئي دل ۾ ڪا باس باسيندي چيو. منڌي ڦيرائيندي هن جون آسروند اکيون، هر ھر در ڏانهن کڄيو ٿي ويون. هن جي دل کي وسوسا کائڻ لڳا هئا. مڙس سان پڄي ڪانه سگھندي هئي نه ته هوند کيس شهر ڏانهن ڪڏهن به نه ڇڏي ها. هن ڪڏهن به مڙس سان ڪا هوڏ ڪانه ڪئي هئي؛ ۽ هوڏ ڪري ها ته به سنگھار مڃيس ٿورو ئي ها. هو پاڻ هوڏ تي چڙهندو هو ته پنهنجي سر جو ئي سانگو نه ڪندو هو، ۽ شهر ۾ هن جي هوڏ ته هميشه ڪو نئون رنگ لائيندي هئي. ٻاگھيءَ جي مڙس علو پنوهر کيس گھڻائي ڀيرا چيو هو ته: ”ماسي، چاچو سنگھار جڏهن ٿو شهر وڃي تڏهن ٿو ارغونن ۽ ترخانن سان وڙهي. تون نٿي سمجھائينس؟ ترخان ته نيٺ به مُلڪ جا والي آهن؛ لڏائينس نه ته منهنجو نالو لاهي ڇڏجانءِ!“
    ڀاڳل رڳو هڪڙو ڀيرو ڊنو ڊپ ڪري کيس چيو هو: ”آ، سڻين ٿو؛ علو پنوهر ٿو چئي ته تون ترخانن سان ٿو کؤنسين، ۽ ترخان مرڳو اسان کي لڏائيندا!“ سنگھار جو جواب ٻڌي هن جا ته تاڪ لڳي ويا هئا. ”ترخان لڏائيندا منهنجي آڱوٺي کي! آءٌ ڪو علو پنوهر ٿورو ئي آهيان، جو پيءُ کي جھلائي، جاگير پنهنجي نالي لکائي آيو آهي. هو ته ترخانن جو نمڪ ويٺو کائي، سو هن کي پنهنجي لڏائڻ جو ڀؤ ٿو ٿئي! علو تنهنجي ماروٽ جو پٽ آهي ته ڇا ٿيو، سمجھائي ڇڏينس ته منهنجي گھر ۾ اهڙيون ڪانئرتا جون ڳالهيون نه ڪري. هون، ترخان لڏائيندا جو آءٌ سندن ڪڙئي تي ويٺو آهيان! سنگھار کي لڏائڻ وارو ماءُ پٽ اڃا ڄائو ئي ڪونهي!“
    هوءَ وري نيهر لاهي، مکڻ اُگھڻ لڳي. وٽيءَ تي نظر پيس ته مکڻ جو چاڻو غائب ٿي ويو هو. هن حيرت مان پنهنجي ڏيراڻيءَ ڏانهن نهاريو، جا پڌر ۾ سَوڙ سبي رهي هئي. هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي هن چيو: ”ائي ٻڙي، ڏٺئي! رَن ٻلي منهنجي اکين اڳيان مکڻ جو چاڻو چٽ ڪري ويئي!“
    ڏيراڻيس منهن مٿي ڪري هن ڏانهن نهاريو، ۽ ڪجھه ڏسي چيائين: ”ادي، ٻلي ته ڪانهي؛ البت تنهنجي پٺيان هڪ نور ويٺو پنهنجا چنبا صاف ڪري. ڀانيان ٿي ته مکڻ انهيءَ نور کنيو آهي!“
    ڀاڳل حيران ٿي پويان نهاريو، ۽ پويان سانول کي ويٺل ڏسي، اچي ٽهڪڙن ۾ پيئي. ”گھوري وڃانءِ، اها چٽ وٽار توکي پاراتو ڏياريندي. آءٌ ته سچ پچ نور کي پٽڻ واري هيس. اچي هان، هي ٻيو چاڻو به کائي چڙھه ڪر!“ هن وٽي سانول ڏانهن وڌائيندي چيو. سانول سندس ننڍي ڏير جو اڪيلو پٽ هو. گھر ۾ ٻار به اهو هڪڙو ئي هو، ۽ پنهنجو اولاد به ڪونه هوس، ان ڪري سانول ئي هن لاءِ سڀ ڪجھه هو. ماءُ کان وڌيڪ گھرندي هيس. سانول سندس لاڏ جي ڪري، تنگ به کيس ئي ڪندو هو. پر هوءَ سدائين گھوري پيئي ويندي هئس. چنچل به حد درجي جو هو. ڪنهن کان ڪونه ڊڄندو هو. سڄو ڏينهن ڳوٺ جي نينگرن سان ڪنهن نه ڪنهن کيچل ۾ لڳو پيو هوندو هو.
    ”جيجي، چوريءَ جي مکڻ ۾ جيڪو مزو هو، سو هن ۾ ڪٿي. پر جيجي تو مکڻ لاهي ڇڏيو، اڄ منهنجي مهي به وسري ويئي؟“
    ”صدقي وڃانءِ، هوءَ رکي اَٿئي جاري ۾. وٽو ڀريل اٿئي، جي بچائي اَٿيئي ته پاڻ ٿو ڄاڻين!“ ڀاڳل کلندي چيو. گھڙيءَ لاءِ هن کي سنگھار جي اونَ به وسري ويئي.
    سانول ٺينگ ڏيندو جاري تائين پهتو، ۽ مهيءَ جو وٽو ڳٽ ڳٽ ڪري پي ويو. ڀاڳل ۽ ماڻس کيس پيار مان ڏسنديون رهيون. جڏهن وٽو خالي ڪري هن جاري تي رکيو، تڏهن ماڻس سئيءَ ۾ ڌاڳو پوئيندي چيو: ”ابا، اڄ کٿاب کان سويري ڪيئن آيو آهين؟“
    ”اسان آخوند کي ڳالھه ئي اهڙي ٻڌائي، جو سڀني کي موڪل ڏنائون.“ سانول سادگيءَ سان جواب ڏنو.
    ”ڀلا اسان کي ڪونه ٻڌائيندين ڇا اها ڳالھه؟“ ڀاڳل منڌيءَ تان اٿندي چيو. سانول کلي ڏنو. هن کي اڃا تائين آخوند جي ڊپ تي کل پئي آئي. هن سڄي ڳالھه ڪري ٻڌائي ته کٿاب ۾ نئون قنڌاري مولوي آيو هو. سڀني ڇوڪرن گڏجي ”ترخاني تُرا واٽ تي؛ جيئن گڏھه هلن گھاٽ تي!“ ڳائي، ترخاني مولويءَ جي آجيان ڪئي هئي؛ ۽ آخوند قنڌاريءَ جي ڪاوڙ جي ڊپ کان سڀني کي موڪل ڏيئي ڇڏي. سانول اها ڳالھه ڪئي ته ڀاڳل کي وري سنگھار ياد پيو. تڏهن چئبو ته اهي ڳالهيون سچيون هيون ته سڄي سنڌ ۾ ترخانن خلاف سنڌين ۾ وري تاءُ پيدا ٿيڻ لڳو هو، ۽ وري ڪا هلچل ٿيڻ واري هئي. هن جو ته هنيون ئي هڄي ويو. اڳين هلچلن ۾ هن جا ٻه ڪونڌر ڀاءُ ۽ هڪڙو ڀائيٽو قربان ٿي چڪا هئا. اڳين بغاوت ڌاري ته پڻس به ڌڪجي پيو هو، ۽ مري بچيو هو. ”اي ڌڻي منهنجا، اسان سنڌين ڪهڙو ڏوھه ڪيو آهي؟ ملڪ اسان جو، جُوءِ اسان جي، پورهيو اسان جو، پوءِ به سِر ڏيڻ لاءِ سنڌي اڳ ۾! هي ڪهڙو انڌير آهي، منهنجا مالڪ! ترخان ته پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي، رڳو تراريون تکيون ڪندا وتن!“
    ”ابا، تو وري ٻي ڪا کيچل ته ڪانه ڪئي آهي؟“ ماڻس به هن جي ڳالھ ٻڌي، ڪنهن ڳوڙهي ويچار ۾ پئجي ويئي هئي. هن کي سانول جي کيچلن مان هميشه ڊپ ٿيندو هو اڳئين ڀيري به هڪڙي ارغون کي ذري گھٽ کوھه ۾ ٻوڙي ماريو هئائون. هڪڙي ٻوڙي گونگي فقير کي اڳيان ڪري ارغون کي چيائون ته مسجد واري ڀانڊي ۾ خزانو پوريل هو، جنهن جي گونگي فقير کي خبر آهي. ارغون خزاني جو نالو ٻڌي هرکجي ويو، ۽ گونگي کان پڇائون ڪرڻ لڳو. گونگو رڳو هٿ جا اِشارا ڏيڻ لڳو؛ تڏهن سانول ۽ سندس ساٿين کيس چيو ته هي درويش ڏينهن جو وات سان ڪونه ڳالهائيندو آهي، پر چوي ٿو ته جيڪڏهن اکيون ٻڌي اسان سان هلين ته توکي هلي خزانو ڏيکاريون. ارغون جھٽ راضي ٿي ويو. سانول هڪڙي ڇوڪري جي پٽڪي سان اکيون ٻڌيون ۽ کيس مسجد واري کوھه وٽ وٺي آيا. کوھه جي ڪنڌيءَ وٽ پهچي، ڇوڪرا گونگي فقير کي وٺي اتان کسڪي ويا. ارغون به خزاني جي لوڀ ۾ جھڙو اڳتي وڌيو تهڙو ڌُو وڃي کوھه ۾ ڦهڪو ڪيائين. شڪر جو کوھه کاري پاڻيءَ ڪري لٽائي ڇڏيو هئائون نه ته ارغونن ٻڏي مري ها. هن کي ڏاڍا ڌڪ لڳا، پر مئو ڪونه. رڙين تي ڪن نمازين اچي کيس کوھه مان ڪڍيو. ارغون ترخان عامل وٽ دانهين ٿي ويو، پر سچي ڪنهن نه ڪئي، ۽ ڳالھه لئه مٽي ٿي ويئي.
    ”نه امان، اڄ رڳو نامدار خان چرڪس جي ڪبوترن جي وڏي پڃري ۾ ٻه ٻليون وجھي ڇڏيونسون!“ سانول کلندي چيو.
    ”آ ابا، اهو ڪهڙو ڪِيس ڪيو؛ ويچارا اَويکا پکيئڙا انهن کي ڇو ٿا ڏکويو!“ ڀاڳل کي ڪبوترن تي رحم اچي ويو. هن اڃا ڳالھه پوري مس ڪئي ته پري کان گھوڙي جي سنبن جو آواز ويجھو پوندو ويو. ڀاڳل دل ئي دل ۾ دعا گھرڻ لڳي ته شل اهو سنگھار هجي. پر هيءَ چال سنگھار جي گھوڙي جي ڪانه هئي. جڏهن آواز ويجھو ٿيو تڏهن گھوڙي جي هڻڪار مان ڀاڳل سهي ڪيو ته هي سندس ڏير سوڍل جي ڪميت اچي در تي جھلي هئي. سوڍل جو اچڻ هميشه ڀاڳل کي ڪو اُڊڪو ڏيئي ڇڏيندو هو. سوڍو ۽ سنگھار پاڻ ۾ ٺهندا ئي ڪين هئا، ۽ ڀاڳل هميشه سوڍل جو طرف وٺندي هئي. سوڍل جو اچڻ سدائين ڪنهن ايندڙ فتني جو اهڃاڻ هوندو هو. هن جي ڏائي اک زور سان ڦڙڪڻ لڳي، ۽ دل ئي دل ۾ هوءَ وري باسون باسڻ ۽ دعائون گھرڻ لڳي.
    سوڍل ڄاڻ ڪري اندر هليو آيو. سانول جو سوڍل کي ڏٺو ته ڊوڙي سندس پٺن تي چڙهي ويو. ”چاچا . . . . چاچا!“
    سانول کي پنهنجن سمورن چاچن مان سوڍل سان دل هئي؛ هن جي ڏيا، هن جي هيبت ۽ هن جي ٺاهوڪي شڪل کان سواءِ هن ماڻهن کان سوڍل جي پهلوانيءَ ۽ سورهيائيءَ جون ايتريون ته ڳالهيون ٻڌيون هيون، جو هن دل ئي دل ۾ کيس پنهنجو سورمو بنائي ڇڏيو هو. سوڍل کي به پنهنجي ڀائيٽي سان ڏاڍي محبت هئي. هن ۾ کيس شايد پنهنجي ئي طبيعت جي ارڏائي نظر ايندي هئي ــــ اها ئي بيڊپائي، پاڻ تي ڀروسو، ۽ سڀ کان وڌيڪ سندس موڪري ڇاتي، ڪشادو نرڙ، نيريون ڀوريون اکيون ۽ ڳتيل جسم کيس ڏاڍو وڻندو هو. هو جڏهن به ايندو هو تڏهن گھڻو تڻو وقت سانول سان گذاريندو هو. سانول سان گڏجي کيتن ۾، درياءِ جي ڪپ تي يا ٽڪرين تي گھمڻ هليو ويندو هو، ۽ هن کي هن جي سرزمين جي ذري ذري جي ڪهاڻي ٻڌائيندو هو. يونانين کان وٺي ڄام فيروز تائين سنڌ جي سموري تاريخ مان سنڌين جي بهادري، قربانين ۽ بغاوت جا قصا ٻڌائيندو هو. سنڌين جي پاڻ ۾ نا اتفاقيءَ، ڌارين جي دغابازين، خونريزين ۽ ڦرلٽ جا واقعا هن کي ٻڌائيندو هو. هو هن کي آزاديءَ ۽ غلاميءَ جو فرق ٻڌائيندو هو. هن کيس ڪيترا ڀيرا اهي ڳالهيون ٻڌايون هيون ته سومرن کان اڳ جڏهن ڌاريان سنڌ کي هڙپ ڪريو ويٺا هئا تڏهن ٽئين سال ڏڪر پوندو هو. سومرن ۽ سمن جي راڄ ۾ هڪ ڀيرو به سنڌ ڏڪر نه ڏٺو. وري جڏهن قنڌاري ڪڙڪيا ۽ سنڌ وري غلام ٿي ته سنڌ ۾ هر ٻئي ٽئين سال ڏڪر پوڻ لڳو. ماڻهن جو رت ست سڪندو ٿي ويو. سنڌين جيڪي ٿي اُپايو، سي پرمار قنڌاري ميڙيندا ٿي ويا. ماڻهو پنهنجو پورهيو، پنهنجو اَن هوندي، پيٽ سان پٽيون ٻڌڻ لڳا هئا. سڀ کان وڏي ڳالھ ته جڏهن به سنڌ غلام رهي، تڏهن ماڻهن کي پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ تي به بندشون سَهڻيون ٿي پيون. عرب آيا ته عربي ڳالهائڻي ٿي پين، قنڌاري آيا ته فارسيءَ جو غلام ٿيڻو پين! جنهن قوم جي زبان تي تالا لڳايا وڃن، ان قوملاءِ سر ڏيڻ جو وقت ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته زبان ئي آهي جا ماڻهوءَ کي ماڻهپو ٿي ڏئي، ۽ ڌاريون ماڻهو، اوپرو ماڻهپو ائي آهي، جئين ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري! سانول کي الائي ڇو اِهي ڳالهيون ايتريون وڻنديون هيون، جو انهن ڏينهن ۾ هن کان هر کيچل وسري ويندي هئي. هن کان مڪتب وسري ويندو هو، پنهنجا سنگتي وسري ويندا هئا، ۽ هو اهوئي چاهيندو هو ته سوڍل سان گڏ هو سنڌ جي وسين واهڻن جا سير ڪندو رهي!
    پر اڄ سوڍل ڪنهن اهڙي اونهي ويچار ۾ هو، جو ڀاڄاين سان خوش خير عافيت ڪرڻ کان پوءِ کٽ تي ويهي، هو ڪيتري دير چپ چاپ ڌرتيءَ ۾ نهاريندو رهيو. ڪافي وقت ائين ويهڻ کان پوءِ، هن پڇيو: ”ڀاڄائي، سنگھار ڪٿي آهي؟“
    ”ادا، اڄ چوٿون سج چڙهيو آهي پر اڃا نه وريو آهي ـــ چئي ويو هو ته ڏينهڪ موٽندس.“ ڀاڳل پنهنجي شوڪاري کي روڪيندي چيو.
    ”ويو ڪيڏانهن؟“ سوڍل مختصر سوال ڪيو.
    ”ننگر ٺٽي. ڏاس کڻائي ويو هو. چيو هئائين ته موٽندي ٻه ــ ٽي کيس ۽ اجرڪون وٺڻيون آهن.“
    ”هُون . . . . . !“ ان هُونءَ ۾ هن جي دل جي سموري واردات اوتجي آئي هئي، پر ڀاڃايس سهي ڪري نه سگھي.
    سوڍل اٿي بيٺو، ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ در ڏانهن وڌيو. ڀاڳل جي هينئين ۾ هُڙڪ پئجي ويئي. سوڍل اڄ پهريون ڀيرو ٽڪر کان سواءِ وڃڻ لاءِ سنڀريو هو. هن وسوسي کي دور ڪرڻ لاءِ چيو: ”ادا ماني ته کائين ها!“
    ”نه ڀاڄائي، مون کي سنگھار کي نهارڻو آهي، ۽ اڳيان پربت جيڏو پنڌ آهي، چڱو سانول، هيل پنهنجي ڪچهري نه ٿي. وري آئيندي . . . . . ڌڻي کي پرتؤ!“ ۽ هو دروازي کان ٻاهر هليو ويو.
    ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ
    ٻپهريءَ کان اُتر لڳڻ شروع ٿيو هو؛ ۽ اوچتو ئي اوچتو آسمان تي نيرا نيرا ڪڪر به ڊوڙڻ لڳا، جن جي روءِ جيئن پوءَ تيئن ڪاري ٿيندي وئي. هوا ۾ به تکائي اچي ويئي، ۽ منگھن ۾ هوا لڳي، سوساٽ ڪندي ماڻهن جي ڪنن ۾ پڙاڏا پيدا ڪندي ويئي. ماڻهن اجرڪن، لوئين ۽ شالن سان پنهنجا ڪن ڍڪڻ شروع ڪيا. شهر ۾ جيڪي مسافر هئا، سي سويري ئي پنهنجن ڳوٺن ڏانهن ورڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا وهٽ پلاڻڻ لڳا هئا. شهر جا دڪان دڙا به سوير بند ٿيڻ لڳا ۽ هٽ ــ تاڙ ٿي ويئي. پر هٽ ــ تاڙ جو سبب سيءُ ڪونه هو. ماڻهن جي دلين کي سيئي تپ اچي ورتو هو: ٺٽي جو نڪ، آخوند صالح، جنهن جي نيڪيءَ جو قسم کنيو ويندو هو، اڄ جامع مسجد واري چونڪ ۾ ڦاهيءَ تي لٽڪيل هو. سنڌين جا پراڻا گھاءَ وري چڪڻ لڳا هئا. زالون ٻارن کي ٻوٿاري، گھرن کي ڪڙا ڏيئي ويهي رهيون، ۽ پنهنجي مڙسالن جي صحيح سلامت اچڻ لاءِ ڌڻي در ٻاڏائڻ لڳيون. ڪو سوار تکو تکو ڪٿان لنگھيو ٿي ته سوين اکيون دروازن جي لوگھن مان ان کي ڏسڻ ٿي لڳيون. هِن اُتر واءُ، سيءَ سان گڏ رت جي بوءِ به پاڻ سان آندي هئي. دڪان دڙا بند ڪري ماڻهو پنهنجن گھرن بدران جامع مسجد واري چوسول ڏانهن وڃي رهيا هئا ـــ هنن پنهنجي ڀاءُ، آخوند صالح، جو آخري ديدار ڪرڻ ٿي گھريو. اهو آخوند صالح جنهن وٽ سڀ ڇيڙا نبيرا ٿيندا هئا؛ ڪنهن لُچ جي سزا کان وٺي مرڻي پرڻي جون ڳالهيون آخوند صالح سان اوريندا هئا، ۽ هو هر ڪنهن سان کلندو، چرچا ڀوڳ ڪندو، جيڪو فيصلو ڪندو هو، اهو سڀني کي وڻندو هو. لُچ کان لچ ماڻهو به آخوند صالح جي ڏنل سزا کلندي ڀوڳيندو هو. هاڻ ماڻهو ڪنهن وٽ ڇيڙيندا نبيريندا؟ هن جي هوندي ته ترخانن جا مقرر ڪيل قاضي رڳو مکيون ويٺا ماريندا هئا. هن جي هوندي شهر ۾ ڏوھه گھٽ ٿيندو هو؛ هن جي هوندي نياڻيون سياڻيون بنان ڪنهن ڀؤ جي بازارن مان سودو وٺڻ اينديون هيون؛ هن جي هوندي ماڻهو پنهنجا دڪان دڙا بنان تالي جي ڇڏي نماز پڙهڻ هليا ويندا هئا. هن جو ڏَکو ايترو هوندو هو، جو ترخانن کي به پنهنجي محلي کان ٻاهر ڪا لچائي ڪندي ڊپ ٿيندو هو؛ ۽ اهو آخوند صالح اڄ هزارين سنڌين جي اڳيان ٽياس ۾ ٽنگيل هو. هو چپ چاپ ٻن معصومن جي وڍيل زبانن کي، رتو رت ٿيل وات کي ڏسندا رهيا. هنن جي اندر ۾ مچ دکندو رهيو: ان مچ کي ڀنڀٽ بڻائڻ ۾ اُتر واءُ بيڪار هو، ڀيڙ ڀڙڪائڻ لاءِ ته ڪنهن ڇوهي جي گھرج هئي، ڪنهن طوفان جي ضرورت هئي.
    چاچو علو به هنن کي ڏسي آيو هو، ۽ ذري ذري پنهنجي ڏاڙهي وات ۾ وجھي، چڪ هڻي پنهنجا لڙڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. واپس ويندڙ مسافرن سان ڳالهائڻ بدران سندن اکين ۾ ڪجھه ڳوليندو رهيو: متان ڪا جوت، ڪو ٻارڻ، ڪو مچ مچندو هجي. پر هن انهن ۾ به پنهنجي اکين جيان رڳو لڙڪ چمڪندا ڏٺا. سندن اکيون وساڻل هيون، سندن منهن تي هيڊ هاريل هئي، ۽ هو چپ چاپ پنهنجا اُٺ، پنهنجا گھوڙا پلاڻي رهيا هئا ــــ واپس وڃڻ لاءِ، پنهنجي ٻچن ڀيڙو ٿيڻ لاءِ، ڪنهن گوشائتيءَ ڪنڊ ۾ منهن لڪائي روئڻ لاءِ!
    اوچتو ڪنهن تيز گھوڙي جي ٽاپ ٽاپ ٻڌي، چاچو علو ٻاهر نڪري آيو. هن پريان ئي سوڍل کي سڃاتو: هو حيران ٿي ويو ته سوڍل ايترو ترت ڪيئن موٽيو هو. پر سندس دل جي هڪ ڪنڊ ۾ اميد جو ڏيئو ازخود ٻري پيو. ”اسان جو سوڍل ضرور ان جو ڪو تدارڪ ڪندو!“ ٻڍڙو علو ڄڻ سندس انتظار ۾ هو، ۽ ڊوڙيندي وڃي ڪميت جي لغام ۾ هٿ وڌا. ڪميت ٽهي، ٻيئي نرا کڻي ذري گھٽ کيس ماريو هو.
    ”چاچا، خير ته آهي؟“ سوڍل هن جي منهن جي رنگ ۽ هن جي اتاولائي ڏسي چيو.
    ”بابل، ڪهڙو خير ٿو پڇين! مدرسن ۾ فارسي پڙهائڻ جي مامري تان، ترخانن آخوند صالح کي ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو آهي، ۽ ٻن معصومن جي ڄڀ ڪٽي کين جامع مسجد واري چونڪ ۾ لڙڪائي ڇڏيو اٿن!“
    سوڍل ائين ڀانيو ڄڻ ڪنهن کيس منهن وارو چهبڪ وهائي ڪڍيو. هن جا هٿ گھوڙي جي رينن تي ايترو ڇڪجي ويا، جو ڪميت کان به دانهن نڪري ويئي. هن چپ ۾ چڪ هڻندي چيو: ”سنگھار ته شهر ۾ ڪونهي؟“
    ”ٻڌو هوم ته آخوند نور محمد کيس ڪنهن ضروري ڪم سان موڪليو آهي؟“
    سوڍل ڄڻ ته هن جو جواب ٻڌو ئي ڪونه. رت هن جي هٿن پيرن مان چڙهي هن جي لوڻن ۽ اکين ۾ ڇلڪڻ لڳو. رت جي انهيءَ ڇوهي هن جي اکين ۾ ڪوهيڙا پيدا ڪري وڌا، ۽ لڙڪن کان بچڻ لاءِ هن وري گھوڙيءَ جي لغام کي اهڙي سٽ ڏني، جو ڪميت جو ذري گھٽ ڪنڌ ڀڳو هو؛ ۽ هو پنهنجي مالڪ جي آساري سمجھڻ واري هن تنبيھه تي حيران ٿي ويئي. پر هن جيڪا وک کنئي، اهڙي وک هن ڪڏهن به نه کنئي هئي. گھڙي دير کان پوءِ سوڍل پريان ئي آخوند صالح کي ٽياس تي ٽنگيل ڏٺو. هشام ماڻهن جا سندس چوڌاري مڙيل هئا، فقط هڪڙو پاسو خالو هو جتي سپاهي پنهنجا ڀالا تيار جھليو بيٺا هئا. سوڍل ڪميت کي هلڪو اشارو ڏنو، ۽ ڪميت هڪڙي سپاهيءَ جي گھوڙي جي ڀر مان کنوڻ وانگر لنگھي ويئي. ان وقت سوڍل جو ڪٽارو گھوڙيسوار جي چيلھه ڪپيندو ويو، ۽ هو رڙ ڪري اڳيان جھڪي پيو. سوڍل ساڳيءَ گھڙي هن کان ڀالو کسي ورتو هو. ڪميت تيزيءَ ۾ گھڻو اڳيان نڪري آئي هئي، پر وري سوڍل جي اشاري تي ڀڙڪو ڏيئي، واپس سپاهين جي وچ مان سرڙاٽ ڪندي نڪتي. سوڍل جو ڀالو ٻن سپاهين جي ڇاتين کي ڏاريندو ويو. هن آسماني آفت ترخانن جا اوسان خطا ڪري ڇڏيا، ۽ جيسين پاڻ سنڀالين، تيسين سوڍل جي ڪميت وري هڪ ڀيرو ڪاريهر وارو وَرُ کاڌو، ۽ هڪ ترخان جي دانهن آسمان ڏارڻ لڳي. باقي ترخان سپاهين، ڳالھه کي نه سمجھي، گھوڙن کي پوئتي هٽائڻ شروع ڪيو، ۽ پوئين پير ڀڄڻ جي واٽ نهارڻ لڳا. سوڍي تي ڄڻ ڪو جن ڀوت سوار هو، ۽ هن سندن پويان ڪميت کي ڇڏيندي، ٻن ترخانن جي پٺين ۾ واري واري سان ڀالو ٽنبي ڏنو؛ ۽ پوءِ ڪميت کي ورائي، اچي آخوند صالح جي لڙڪندڙ لاش اڳيان بيهي رهيو. ماڻهو حيرت ۽ ڀَوَ کان هن موت جي فرشتي جي اچڻ تي سوچي رهيا هئا. سوڍل آخوند صالح جي ڳچيءَ مان رسو ڪپيندي، سندس لاش کي آهستي آهستي پنهنجي گھوڙيءَ تي لاهي، ميڙ ڏانهن منهن ڪندي چيو: ”سنڌيو حيف هجو! اوهان ترخانن کان سئوڻا هوندي به ماٺ ڪريو تماشو ڏسي رهيا آهيو. اوهان جي دل جي ٽڪرن جي ڄڀ وڍي ترخانن اوهان کي به گونگو ڪري ڇڏيو آهي. اوهين جيڪڏهن خالي هٿين ترخانن تي وري پئو ها تڏهن به آخوند صالح هينئر جيئرو هجي ها! هان، هي وٺو آخوند صالح جو لاش، وڃي کيس دفن ڪريو، ۽ پوءِ رلين ۾ منهن ڏيئي ويهي رُئو!“
    هو لاش کڻي ماڻهن جي ميڙ ڏانهن موٽي آيو. ٻن چئن ڄڻن وڌي لاش کي هيٺ لاٿو. سوڍل وري گھوڙي ورائي، ٻنهي ڇوڪرن وٽ آيو. ڇوڪرا ايترو رت ڇڏڻ ڪري بنھه ذردا ٿي ويا هئا. انهن مان هڪڙي جو جسم سڄو سيٽجي ويو هو؛ سوڍل سمجھي ويو ته نينگر جھان ڇڏي ويو هو. ٻئي کي به هوش ڪونه هو. سوڍل ٻن چئن کي اشارو ڪري، ڇوڪرا سندن حوالي ڪيا.
    اوچتو ماڻهن جي پويان ڄڻ درياءَ جو بند ٽٽي پيو. گھوڙن جي ٽاپين جو هڪ سمنڊ هنن ڏانهن وڌي رهيو هو. رخ مان ئي ماڻهن سمجھيو ته گھوڙا ان طرف وڌي رهيا هئا. هنن کي پڪ ٿي ته ڀڄي ويل سپاهي امير خان کي وٺيو ٿي آيا. پر ائين نه هو؛ پريان هنن ڪن شاگردن کي ڊوڙي ايندو ڏٺو. سوڍل به ان ايندڙ طوفان جو انتظار ڪندو رهيو. شاگرد رڙيون ڪندا آيا: ”مرزا جان بابا جو لشڪر ٺٽي ۾ ڪاهي پيو آهي، ۽ مرزا باقيءَ جي ڪڍ آهي . . . . . . مرزا باقيءَ جو لشڪر ڇانوڻيون ڇڏي ڀڄندو ٿو وڃي . . . . . . . سنڌيو، وقت اچي ويو آهي! مرزا باقيءَ جھڙي ظالم مان جند ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو . . . . . . !“
    ماڻهو ڄڻ ان اعلان جي انتظار ۾ هئا، ۽ هزارين سنڌين جو هي هجوم طوفان وانگيان ترخانن جي محلن ڏانهن وڌڻ لڳو؛ ڪنهن ڪا لٺ کنئي، ڪنهن بانٺو، ڪن پنهنجي ڪمر بندن مان ڪٽارا ۽ خنجر ڪڍيا ته ڪي خالي هٿين اڳيان وڌڻ لڳا. ٿوريءَ دير ۾ مرزا جان بابا جو لشڪر به اچي ساڻن گڏيو، ۽ سنڌين نعرو هنيو: ”مرزا جان بابا زنده باد!“ ”مرزا باقي ڪتو مرده باد!“
    مرزا جان بابا لشڪر جي اڳيان هو؛ اهي نعرا ٻڌي هن جي همت ٻيڻي ٿي ويئي، ۽ هن زور سان چيو: ”شاباس بهادرو، مرزا باقي بيگ جو ٻوٽيون ڪري ٺٽي جي ڪتن کي ڏيو . . . . . الله اڪبر، وَڌو ۽ مٿن عقابن وانگر ڦهلجي وڃو . . . . . . !“
    گھوڙن جي هڻڪارن، هٿيارن جي ڇڻڪي، گھوڙن جي سنبن جي آوازن، پويان ايندڙ پيادي لشڪر جي قدمن، ماڻهن جي نعرن ۽ رڙين ڄڻ قيامت جو شور برپا ڪري وڌو. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ڌرتي ڌٻي، ڦاٽڻ تي هئي، ڄڻ سمنڊ شهر کي پائي رهيو هو، ڄڻ آسمان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ٺٽي تي ڪِرڻ وارو هو.
    سوڍل منجھي بيهي رهيو. هن کي ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿي آيو. سنڌين جي ان بغاوت کي هو بلڪل سمجھي نه سگھيو. شينهن جي خلاف بگھڙ کي پنهنجي واڙي ۾ آڻڻ جي سنڌي مت هن جي من کي ڪانه آئڙي، ۽ هن جو شرم کان ڪنڌ جھڪي ويو. هن کي پنهنجي هن قوم جي بيوقوفيءَ تي ڪاوڙ بدران لڄ اچڻ لڳي. اهي سنڌي، جن کي ترخانن کي سنڌ مان لوڌي ڪڍڻو هو، سي اڄ انهن ئي ترخانن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا هئا. الائي ڇو هن پاڻ کي پهريون ڀيرو ويچارو، بيوس ۽ نستو محسوس ڪيو، ۽ ان بيوسيءَ مان ڪُميت جي بشڪن ۾ مٺيون وجھندي، هن جي دل مان دانهن نڪري ويئي: ”هيءَ جنگ منهنجي جنگ نه آهي!“ هل هنگامي جو طوفان، ۽ هي لشڪر ڄڻ هن جي دل مٿان لنگھي رهيو هو، ۽ هو چپ چاپ اڻ ڏسندڙ اکين سان هنن کي ڏسندو رهيو. جڏهن هو اڪيلو رهجي ويو، تڏهن هن کان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ٿڌو شوڪارو نڪري ويو، ۽ هن ڪميت کي علوءَ جي سراءِ ڏانهن موڙي ڇڏيو.


    9

    رات جو پهريون پهر گذريو ته سنڌ جو سهڻو آسمان به ڄڻ ننڊاکرو ٿي اکيون ٻوٽڻ لڳو هو. رکي رکي تارن پاڻ کي سجاڳ رکڻ لاءِ ٽمڪڻ ٿي شروع ڪيو. چنڊ به تارن کي اوجاڳي جا ويڻ ڏيڻ لڳو هو. ان ٿڌيري ننڊاکري وايو منڊل ۾ گھنگھرن ۽ دف جو اوپرو آواز وراڪا ڏيندو، پڙاڏا ڪڍندو سنگھار جي ڪن تي پيو. جانڻ به اهو آواز ٻڌو هو، ۽ ٻنهي ڄڻ ته هڪڙيءَ ئي دل سان سوچيندي، گھوڙن کي اڙي هنئي. گھوڙن ڀڙڪو کائي، رهيل رت ست سنڀالي وک وڌائي. پريان سڏ پنڌ تي هنن کي مشعلن جي روشني ٽمڪندي نظر آئي. جئن جئن ويجھو پوندا ويا، تئن تئن پاڇولا مشعلن جي سوجھري ۾ نچندا نظر آيا. وڻن جي هڪ جھگٽي اڳيان اچي، انهن ڪيترن ماڻهن جي کلڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ جا آواز ٻڌا. جانڻ ۽ سنگھار ڪجھه وقت گھوڙن کي ائين ٽهلائيندا رهيا، ۽ ساڳئي وقت پنهنجي اڳئين قدم تي چپ چاپ سوچيندا رهيا. ڪجھه سوچيندي جانڻ چيو: ”سنگھار، ڀائو، ڪوڪلتاش تي منهنجو حق آهي، تنهن جو خيال رکجانءِ!“
    سنگھار پهرين ته جواب ئي نه ڏنو، پر پوءِ هڪ ڊگھو ساھه کڻندي چيائين: ”جانڻ پنهنجي ذاتي وير کي سنڌ جي جھيڙي کان مٿانهون متان سمجھين!“
    ”سنڌ جو جھيڙو به ته اسان جو ذاتي جھيڙو آهي، ادا!“
    ”چئين سچ ٿو؛ پر اسان کي پهرين اهو خط هٿ ڪرڻو آهي، جيڪو ڪوڪلتاش قنڌار کڻيو ٿو وڃي. جيڪڏهن ڪوڪلتاش مري پيو ته خط ملڻ ڏکيو ٿي پوندو،“ سنگھار کيس سمجھائيندي چيو.
    جانڻ ڪجھه سوچ ۾ پئجي ويو. هن چپ چاپ گھوڙن کي ٻڌي، آهستي آهستي هنن تنبن ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. هنن صلاح اها بيهاري ته لڪندي لڪندي هو ڪوڪلتاش جي تنبوءَ ۾ گھڙڻ جي ڪوشش ڪندا، ۽ ڪوڪلتاش کي مارڻ جو ڊپ ڏياري، خط هٿ ڪري اٽڪل سان نڪري ايندا. پر تنبن جي ويجھو پهچڻ تي هنن جيڪي ڏٺو، تنهن وري اُمالڪ هنن جي دلين ۾ ذاتي وير جو اهڙو زهر ڦهلائي ڇڏيو، جنهن ۾ انسان سر جو سانگو وساري ويهندو آهي. اهو ذاتي وير ذاتي نفرت کان به وڌيڪ چيچلائيندڙ هو ــــــــ اهڙو وير جو انسان جي انسان تي ظلم جي رد عمل طور پيدا ٿيندو آهي. هنن ڏٺو ته هڪ گول دائري ۾ ويهارو کن ترخان ويٺل هئا. هڪڙيءَ مسند تي ڪوڪلتاش ويٺل هو: سندس هٿ ۾ انگوريءَ جو جام هو، ۽ سندس گوڏي ته هڪ خوبصورت ساقي ليٽيل هو، جنهن جي ڳلن تي هٿ ڦيري رهيو هو. سندس نظرون دائري جي وچ تي کتل هيون. دار جي پوري وچ تي تتل ٽانڊا پکڙيل هئا، جن تي ٻه سنڌي ٽپ ڏيئي رهيا هئا. ٻه ـ ٽي ترخان ڀالن جي چوڪن سان هنن کي ٽانڊن تي نچائي رهيا هئا، ۽ ٻه ڳڀرو ساقي گھنگھرو ٻڌل دف وڄائي رهيا هئا. باقي ويٺل ترخان ٽهڪ ڏيئي کلي رهيا هئا. ڪن جي بغل ۾ ڳڀرو ساقي ليٽيل هئا، جي هنن جي کل ۽ ٽهڪن جي شور ۾ سنڌي پاڻ کي ٽانڊن جي سيڪ کان بچائڻ لاءِ ٽپ ڏيندا ٿي ويا اهو منظر ايترو چيچلائيندڙ هو، جو سنگھار پنهنجي چپ کي چڪ هڻي ڦٽي وڌو؛ ۽ خود پنهنجو ئي رت هن جي نڙيءَ ۾ ڪنهن ڄر وانگر ساڙيندو محسوس ٿيو. جانڻ جا هٿ به پنهنجي ڀالي ۾ کپي ويا، ۽ پوءِ هڪ ئي وقت ٻه ڀالا هوا کي تير وانگر گھمائيندا، ڪوڪلتاش جي سيني ۾ کپي ويا. سنگھار جانڻ کي هلڪو اشارو ڪري، پاڻ ٽانڊن جي ڀر ۾ ويٺل هڪ ترخان ڏانهن ائين لُوه وڌي، جو ذري گھٽ پاڻ به ٽانڊن ۾ ڪريو هو. ترخان ٻوٿ ڀر وڃي ٽانڊن ۾ ڪريو، ۽ هن جي وات مان نڪرندڙ ڪيڪ به ڄڻ ٽانڊن تي سيڪجي نڪتي. اهو سڀڪجھه ايترو جلد ٿيو، جو ترخانن کي سمجھه ۾ نه آيو. ڪيترا ته نشي ۾ ايترا چور هئا جو هنن ان کي به تماشو سمجھي وڌيڪ ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا.
    سنگھار ڪِريل ترخان کي اتي ڇڏي، ٻئي ترخان ڏانهن رخ رکيو. اهو ترخان ڪجھه پٺيرو بيٺل هو، ۽ خطرو محسوس ڪندي جئن ڀالو پوئتي ورايائين تئن سنگھار جو هڪڙو هٿ ڀالي جي وچ تي کپي ويو. ٻئي هٿ جي پٺ سان ڪهاڙي وانگر هن جي ڪلهي جي ڦڻ هيٺان اهڙي زور سان هنيائين جو ترخان سور کان ٻيڻو ٿي ويو. ڀالي مان سندس هٿ ڇڏائجي ويو، ۽ اتي ئي ڍيري ٿي ڪِري پيو. سنگھار ڄڻ ته اکيون پوري اهو سڀ ڪجھه ڪندو ٿي ويو. ڪاوڙ کان هن جي اکين اڳيان الائي ڪهڙا ڌنڌ ڇانئجي ويا هئا، جن مان هن کي فقط ترخان ئي ترخان نظر اچي رهيا هئا. جيڪي ترخان نشي ۾ هئا، سي پاڻ بچائڻ ڪاڻ، ڀڄڻ بدران اتي ئي ڪرونڊڙا ٿي ڌرتيءَ ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. سنگھار جو ڀالو کنوڻ وانگر سندن نڙگھٽ ڦاڙيندو، سينا چيريندو، هڪ نئين وِڄا سان چمڪندو رهيو. جن ترخانن ۾ اڃا ڪجھه هوش هو، تن مان ڪي ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ وڃي تتل ٽانڊن ۾ ڪِريا. ترخانن جي رڙين ۽ دانهن سان گڏ، سندن هنج ۾ ليٽيل ساقين جون ڪيڪون آسمان ڏارڻ لڳيون. سنگھار تي ڄڻ ڪو ڀوت سوار هو، ۽ ڀالي سان گڏ، هن پنهنجي لتن ۽ ٿڦڙن سان ترخانن ۽ ساقين کي ٽانڊن ۾ ڌڪڻ شروع ڪيو.
    ٽانڊن تي نچڻ وارا سنڌي حيرت مان هي خواب جھڙو منظر ڏسندا رهيا. پوءِ پنهنجي واهروءَ کي اڪيلي سر ڏسي، پاڻ ٽانڊن کان ٻاهر نڪري، ويهي رهڻ بدران ڪريل ترخانن جا ڀالا کڻي، پنهنجي دل جون باهيون ڪڍڻ بيهي رهيا. هنن کي پنهنجا سڙي اڱر ٿيل پير به وسري ويا؛ پيرن جي ڇالن کان وڌيڪ هو دلين جي ڇالن جي باھه ڇنڊڻ بيهي رهيا. جنهن ترخان کي هنن ڪنجھندو ڪرڪندو ٿي ڏٺو، انهيءَ جي ڪنجھه ڪرڪ کي هنن هميشه لاءِ بند ڪري ٿي ڇڏيو.
    جڏهن جانڻ ڪوڪلتاش جي تنبوءِ مان هڪڙي شاهي پيتي کڻي ٻاهر نڪتو، تڏهن هن جيڪي ڏٺو، سو اعتبار جوڳو نه هو. مشعلن جي ڦڙڪندڙ روشنيءَ ۾ سنگھار کي هڪ سسيءَ بدران ڏھه سسيون نظر آيون. ڏهاڪو کن ترخان اُڦٽ مئا پيا هئا؛ ڪي ترخان ٽانڊن مان نڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئا ته نچڻ وارا همراھه انهن کي دڳ لائيندا ٿي ويا. ٻه چار ترخان شايد جان بچائي ڀڄي نڪتا هئا. ٻه ـ ٽي ساقي پنهنجي منهن کي ٻانهن سان ڍڪي سڏڪا ڀري روئي رهيا هئا.
    سنگھار جانڻ کي ڏسي پريان ئي سوال ڪيو: ”جانڻ، خط مليو؟“
    ”هائو، هن پيتيءَ ۾ سمورين سوکڙين پاکڙين سان خط به موجود آهي!“ جانڻ جواب ڏنو.
    سنگھار جي منهن جي تڻڪ ڍري ٿي ويئي، ۽ هو وڌي ڪوڪلتاش جي ڀر ۾ اچي بيهي رهيو. ڪا گھڙي هو ٻيئي هڪ ٽڪ ڪوڪلتاش جي مڙھه کي ڏسندا رهيا. جنهن جي سيني مان رت وهي سڄي مسند کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو. سنگھار جانڻ جي ڪلهي ۾ ٻانهن وجھندي چيو: ”ادا، سنڌ جي ويرين مان هڪڙو ته گھٽ ٿيو!“
    هنن مُڙي هنن ٻن سنڌي همراهن ڏانهن ڏٺو، جن کي وري پيرن جي ڇالن ڦوڦينڊن پٽ تي ويهاري ڇڏيو هو، ۽ هو ٿڌي ٿڌي مٽي پيرن تي وجھي رهيا هئا. حال احوال ڏيڻ تي هنن ٻڌايو ته هو ٻيئي ڀائر هئا. هيءَ سندن ئي ٻني هئي، ۽ ٿورو ئي پريان سندن اَن جو کرو هو. ترخانن جي اَن کڻي وڃڻ جي ڊپ کان هو کري تي چونڪي ڏيئي رهيا هئا ته اوچتو هنن ترخانن هتان لنگھندي کين ڏسي ورتو. بس پوءِ ته ري گناھه کين جھلي آيا، ۽ رونشي خاطر چيائون ته سنڌي ترخانن جا غلام هئا ان ڪري هو ٻيئي سمورن ترخانن جا پير ڌئارين. انڪار ڪرڻ تي هنن پهرين ته کين لتن ۽ مڪن سان ڏاڍي مار ڪڍي؛ پوءِ گوشت پڪائڻ وارن ٽانڊن تي کين نچائڻ شروع ڪيائون.
    جانڻ کان رهيو نه ٿيو، ۽ چيائين: ”ڀائو، جيسين سنڌ غلام هوندي، تيسين سنڌين کي عقوبتون سَهڻيون پونديون. شل ڌڻي سنڌين کي ڪا ساڃاھه ڏئي!“
    سنگھار ترخانن جا ٻه گھوڙا پلاڻي، هنن ٻنهي ڀائرن کي ڏنا ته چڙهي ڳوٺ پهچن. هلندي وقت کين چيائين: ”ادل، جيڪڏهن پنهنجي ڳڻتين ۽ اَن جي اُلڪي کان ڪا وار کائي ملنوَ ته پنهنجي ڏيھه کي هنن ڏڪارين کان ڇڏائڻ تي به ٿورو سوچجو. پاڻ وٽ چوندا آهن ته ٻه ته ٻارهن. هر ڳوٺڙي جا ماڻهو اهو پھه پچائين ته هنن ڌارين کي تڙي ڪڍجي، ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جو سنڌ هنن کان آجي ٿي پوندي!“
    هو ٻيئي ڀائر هڪ نئين ساڃھه پائي، ڪو اونهو ويچار ويچاريندي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن هليا. سنگھار ۽ جانڻ به ترخانن جا ٻه ڀلا گھوڙا پلاڻي، وري ٺٽي ڏانهن رخ رکيو. هنن جون دليون ڄڻ ڪنهن بار کان هلڪيون تي پيون هيون. سنڌ جي آسمان جي دل به ڄڻ هلڪي ٿي پيئي، ۽ چنڊ تارن کي اک هڻي، کين جاڳائي وڌو، ۽ هڪ نئين جوت تارن جي اَڇي پٽي ۾ ڦهلجندي ويئي.
    ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ
    ٺٽي کان ٽي ـ چار ڪوھه پري هئا ته جانوءَ جو گھوڙو ٿاٻو کائي منهن ڀر وڃي ڪِريو. جانو پاڻ نه سنڀالي ها ته پاڻ به گھوڙي جي هيٺان اَچي وڃي ها. پهر سج جو چڙهي آيو هو، ۽ هو الائي ڪيڏي منزل ڪري آيا هئا. گھوڙا پگھر کان ڄڻ وهنجي ويا هئا. هنن جي پنهنجي جسم ۾ به ٿَڪ تنبو کوڙيندو ٿي ويو. جانڻ پاڻ سنڀالي گھوڙي کي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گھوڙو جيئن ڪِريو، تيئن وري چُريو به ڪونه.
    سنگھار به گھوڙي تان لهي پيو، پنهنجي گھوڙي کي پاٻوھه سان مٿي تي هٿ رکندي چيائين: ”جانڻ، ويچارو گگدام وڃي ڌڻيءَ سان مليو. ان ۾ به ڪا چڱائي هوندي. ڪا گھڙي اسين به ٿَڪ ڀڃون ته چڱو!“
    ”جيڪا تنهنجي صلاح!“ جانڻ جو آواز به ننڊاکرو ٿيڻ لڳو هو.
    ٿوهرن جي ڊگھن ٻوڙن جي وچ ۾ ٿورو پٽ صاف ڪري ڪنڌ هيٺان ٻانهن ڏيئي ٻيئي ليٽي پيا. ٿڪ هنن جي بدن مان نچوئجي اکين ۾ اچي ويو، ۽ نه چاهيندي به هنن جون اکيون پورجي ويون. هنن اڃا ائين ڀانيو هو ته سندن اک مس لڳي هئي ته پريان گھوڙي جي ٽاٻڙ ٽاٻڙ جي آواز تي ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺا. سج لڙي وڃي درياءُ جي پرين ڀر کني هئي. پاڇولا اُبتا ٿي جھڪا ٿيڻ لڳا هئا.
    ”يَرَ، پاڻ کي ته سنجھا ٿي ويئي.“ جانڻ اون مان چيو.
    سنگھار کي پاڻ تي ڪاوڙ اچي ويئي. پيتيءَ تي نظر پوندي، هن کي آخوند صالح جي هدايت ياد اچي ويئي، جنهن آخوند نور محمد جو نياپو ٻڌي، کين چيو هو: ”ڀائو، ان ڳالھه تي سڄو دارومدار آهي. جي ترخانن جو اهو خط قنڌار پهچي ويو ته سمجھه ته سنڌ ڪڏهن به آزاد نه ٿيندي. ٻئي طرف جيڪڏهن خط ملي وڃي ته گھڻيون ڳالهيون صاف ٿي پونديون. ڀانيان ٿو ته قنڌارين شهنشاھه اڪبر خلاف ايران جي بادشاھه ڏانهن لکيو آهي. اهو خط اڪبر تائين پهچايوسين ته اڪبر ترخانن جو سنڌ مان ٿڏو پٽائي ڇڏيندو، ۽ سنڌ جي آزاديءَ جي ڪا مڙئي صورت نڪري پوندي. ڌڻي سوڀارو ڪريو:‎؛ ٿَڪ ٺٽي اچي ڀڃجو!“
    شرمساريءَ کان سنگھار جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو. ٿوهرن کان ٻاهر نڪري پيچري جي منهن تي بيهي رهيو. گھوڙيسوار کي پريان ئي هٿ کڻي بيهڻ لاءِ اشارو ڪيائين. گھوڙيسوار ان ٻڏتر ۾ هو ته هي الائي ڪير هو؟ بيهي يا نه بيهي! پر ڪجھه سوچي هو بيهي رهيو.
    ”ڀائو، ڪير مڙس آهين؟ ايترو تڪڙو ڪيڏانهن سنبت آهي؟“ سنگھار پڇيو.
    ”آءُ پاڻ سيد آهيان ـــ شيرازي سيدن مان! ٺٽي ۾ محشر متو پيو آهي؛ ڌڻي پيو پناھه ڏي. آءٌ پنهنجي ڳوٺ پيو وڃان!“ سيد سهڪندي چيو.
    ”ڇو، خير ته آهي؟ ٺٽي ۾ ڪهڙو محشر متو پيو آهي؟ وري ڪا شورش ٿي آهي ڇا؟“ سنگھار اُڻتڻ مان وري پڇيو. جانڻ به اچي سندس ڀر ۾ بيهي رهيو.
    ”اوهان ڪونه ٻڌو آهي ڇا؟ ڪالھه ٺٽي جي عامل آخوند صالح کي مارائي وڌو آهي. مرزا جان بابا جو لشڪر ٺٽي ۾ ڪاهي پيو، پر شورش ڪامياب نه ٿي . . . . . ۽ اڄ مرزا باقي ڇتو ٿي پيو آهي، ۽ جيڪو ٿو سامهون اچيس تنهن کي هاٿيءَ جي پيرن ۾ ٿو لتاري . . . . . . . لشڪر کي ڇوٽ ڏني اٿس ته ٺٽي جي گھرن ۾ گھڙي پون ۽ باغين کي جھلي اچن . . . . . !“ سيد ويچارو ڏاڍو ڊنل ٿي ڏٺو.
    ”هان! ڇا چيئه؟ اميرخان آخوند صالح کي مارائي وڌو آهي. . . . . . “ سنگھار جي دل مان دانهن نڪري ويئي، ۽ هن جا هٿ گھوڙي جي بشڪن ۾ ڀيڙجي ويا.
    ”هائو، فارسي پڙهائڻ تي آخوند صالح راضي نٿي ٿيو . . . . . جامع مسجد واري چونڪ ۾ کيس ٽياس تي ٽنگي ڇڏيائون . . . . . ادا، هنن ڪميڻن کي . . . . . “ مسافر ڪجھه چوڻ تي هو، پر سنگھار سندس ڳالھه ڪٽيندي چيو: ”شاھه سائين، بخش ڪجانءِ، پر اهو گھوڙو ڇڏڻو پوندءِ. اسان کي ٺٽي پهچڻو آهي، ۽ اسان جو هڪڙو وهٽ مري پيو آهي. . . . “
    سنگھار ڄڻ ته پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو. هن کي ته اها به خبر نه پيئي ته شاھه سائين گھوڙي ڇڏڻ کان صفا نابري واري بيٺو. هن کي اهو به ياد نه رهيو ته هن شاھه کي هڪ ٻالڪ جيان چيلھه کان هيٺ لاٿو، ۽ ٻيءَ گھڙيءَ هو شاھه جي گھوڙي تي سوار ٿي، ٻيئي گوڏا گھوڙي جي ڪکين ۾ هڻندو ويو. هن کي ته پنهنجو ساٿي جانڻ به ياد نه پيو. جانڻ پيتي ساڻ ڪري هن جي ڪڍ لڳو آيو. هن جي اکين مان ته لڙڪن بنھه بس نٿي ڪئي. آخوند صالح کي ڪيئن ماريو هوندائون . . . . . . ٺٽي جو نڪ، آخوند صالح . . . . . ٺٽي جي آبرو، ٺٽي جي لڄ . . . . جانڻ الائي ڇا ڇا سوچيندو رهيو.
    درياءَ تي پهچندي، شهر ڏانهن وڃڻ بدران سنگھار ترخانن جي اُن محلي ڏانهن رخ رکيو، جنهن ۾ ترخانن جون حويليون هيون. مرزا باقيءَ جي حويلي ته بنھ درياءَ جي ڪپ تي هئي.
    ترخانن جي حويلين تي سخت پهرو هوندو هو، پر اڄ جتي ڪٿي سپاهي بيٺل ٿي نظر آيا. پريان شهر مان گوڙ گھمسان، نعرن ۽ نوبتن جو هُل پڙاڏو پيدا ڪندو هن جي ڪنن ۾ ايندو رهيو، پر ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته سنگھار جي ڪنن ۾ تاڙيون پئجي ويون هيون. محلي جي منهن تي پهتو ته پري کان ڏهاڪو کن ترخانن کي پهرو ڏيندي ڏٺائين. جانڻ به کيس هڪل ڪئي. سنگھار کي اوچتو وري پنهنجو يار جانڻ ياد اچي ويو. گھڙيءَ لاءِ هو بيهي رهيو، ۽ پوءِ ترخانن ڏانهن ڏسندي جانڻ کي چيائين ”جانڻ، آخوند صالح سان انجام ته ڪونه پاڙيوسون. هاڻ تون خط کڻي وڃي آخوند نور محمد کي پهچاءِ . . . . . ڌڻيءَ کي پرتين، جيئرا هونداسون ته جدائيون ڪونهن!“
    جانڻ ۾ خود به وڌيڪ ٻڌڻ جي طاقت نه رهي هئي. هن جي اندر ۾ وڍ پوندا ٿي ويا. پر خط آخوند نور محمد کي پهچائڻ به ضروري هو. هن سنگھار جي اکين ۾ نهارڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: ”سنگھار پنهنجو خيال رکجانءِ . . . . سنڌ کي اڃا تو جھڙن مڙسن جي گھرج آهي . . . . . چڱو، موڪلاڻي ڪانهي . . . . . . . جيئي سنڌ!“
    جانڻ گھوڙو موڙي پوئتي موٽي ويو، ۽ سنگھار وري گھوڙي کي اڙي هنئي. محلي اڳيان بيٺل ترخان جيسين پنهنجا ڀالا سنڀالين، تنهن کان اڳي سنگھار جو گھوڙو سندن وچان نڪري ويو. جتي ڪٿي پهريدار هن سوار کي حيرت سان ڏسندا رهيا. سامهون هڪ وڏي حويليءَ جي اڳيان چوبدار ڀالن جا ويهارو منڌيئڙا ٺاهيو بيٺا هئا، ۽ شاهي دروازي اڳيان وڏيون مشعلون ٻري رهيو هيون. سنگھار سمجھي ويو ته هجي نه هجي پر اها حويلي باقي بيگ جي هئي. ان حويليءَ ۾ داخل ٿيڻ ناممڪن هو. ان ڪري هو آسپاس جو جائزو وٺندي اها حويلي به ٽپي ويو. ان سان گڏ جيڪي لاڳو حويليون هيون، تن جي ڪنگرن کي ڏسندو هو اڳيان وڌندو رهيو. جڏهن هو حويلين جي هڪ قطار کان اڳتي نڪري آيو، تڏهن هو گھوڙو جھلي لهي پيو. ان هنڌ تي اونداھه ۾ هن ايڪڙ ٻيڪڙ ترخانن کي پهرو ڏيندو ڏٺو. حويلين کان پوءِ گھوڙن جون ڪڙهيون هيون، ۽ ان کان پوءِ ڇانوڻي شروع ٿِي ٿَي. مرزا باقيءَ جي حويليءَ ۾ داخل ٿيڻ جو هڪڙوئي طريقو هو؛ ڀر واري حويليءَ ۾ داخل ٿي، حويليءَ جي پٺئين پاسي درياءَ ۾ ٽپي، اتان مرزا جي حويليءَ جي پٺين ديوار ذريعي داخل ٿجي. ڀر واري حويليءَ تي به سخت پهرو هو، ۽ الائي پٺيان فصيلن تي پهرو آهي يا نه؟ اها ڳڻ ڳوت ڪندو، اوندھه مان هلندو، هو مرزا باقيءَ جي حويليءَ کان اڳيان نڪري، ساڳيءَ قطار جي اڳئينءَ حويليءَ ڏانهن هلڻ لڳو. پهريدارن ڏانهن ائين وڌيو، ڄڻ ته هو ڪنهن ڪم سانگي هنن ڏانهن اچي رهيو هو.
    پهريدارن مان ٻه ڄڻا هڪ سنڌيءَ کي اڳيان وڌندو ڏسي، پاڻ اڳيان وڌي آيا. هڪڙي پهريدار خونخوار اکين سان کيس ڏسندي چيو: ”ڪير آهين تون؟ ۽ ترخان اميرن جي محلي ۾ اچڻ جي توکي ڪيئن جراَت ٿي؟“
    ”هيءَ حويلي ڪنهن جي آهي؟“ سنگھار ڄڻ هن جي ڳالھه ٻڌي ئي ڪانه.
    ”ٺٽي جي عامل، امير خان جي،“ پهريدار جواب ڏنو.
    ”ته پوءِ آءٌ صحيح جاءِ تي آيو آهيان.“ ائين چئي، سنگھار اڳيان وڌڻ لڳو. ”کيس ڄاڻ ڪريو ته سنگھار خان ملڻ آيو آهي، ۽ ڪو خاص پيغام آندو اٿس. . . . “
    ”امير خان حويليءَ ۾ موجود ڪونهي،“ پهريدار هن جي ڳالھه ڪاٽيندي چيو.
    سنگھار ڄڻ ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو؛ ۽ پوءِ پهريدار کي گھوريندي چيائين: ”پوءِ ڪو اهڙو ماڻهو هجي، جنهن کي آءٌ اهو پيغام پهچايان. . . . “
    پهريدار به ڪجھه سوچ ۾ پئجي ويا. ”ڪنهن جو پيغام آهي؟“ هڪڙي پهريدار چيو.
    ”اهو ته اوهان کي ڪونه ٻڌائيندس . . . .پر آهي مرزا جان بابا بابت . . . . “ سنگھار ڌُڪو هڻندي چيو.
    پهريدارن کان ڇرڪ نڪري ويو. مرزا جان بابا سنڌين وٽ وڃي لڪو هو، سا کين به خبر هئي. متان هي ماڻهو اها خبر کڻي آيو هجي. پهريدار هڪٻئي جي منهن ۾ ڏسندا رهيا. پوءِ هڪڙي پهريدار چيو: ”ڪٿي آهي مرزا جان بابا؟“
    ”نه بابا نه، اوهان کي ڪونه ٻڌائيندس. مون کي پنهنجي سسي پياري آهي، آءٌ ڳالھه ڪندس به ته امير خان جي ڪنهن خاص ماڻهوءَ سان . . . . نه ته ٺهيو!“ سنگھار سمجھي ويو ته ڌڪو صحيح لڳو هو. مرزا جان بابا جي سسيءَ جي قيمت لکين اشرفيون لڳي هوندي. ان جو ڪو اَتو پتو وٺڻ لاءِ امير خان جا ماڻهو سولا ڳالھه کي ڪونه ڇڏيندا. ڳالھه ڪري هو واپس مڙڻ لاءِ پوئتي مڙيو ته هڪ پهريدار کڻي ٻانهن مان ورتس. ”چڱو اچ، مير منشيءَ کي سڏي ٿا پڇون!“
    هو کيس وٺي دروازي تائين آيا، جتي چار ٻيا به پهريدار موجود هئا. تن به پڇيو ته ڳالھه ڇا هئي. نيٺ هنن به اها صلاح ڏني ته مير منشيءَ سان صلاح ڪجي، جيڪڏهن نياپو ضروري هجي ته سنڌيءَ کي زوريءَ ترسائجي. سنگھار اهڙو ڏيک ڏنو ڄڻ هنن جي ڪا ڳالھه ڪانه ٿي سمجھيائين. هڪڙي پهريدار دروازي تي ٺَڪ ٺَڪ ڪئي. دروازي مان هڪ ننڍڙي تاڪي کلي پئي، ۽ اندرئين پهريدار پڇيو ته ڇا آهي. پهريدار کيس سڄي ڳالھه سمجھائي.
    ”چڱو بيھه ته آءٌ کيس سڏائي ٿو وٺان!“ ائين چئي، هن وري تاڪي بند ڪري ڇڏي.
    پهريدار مرزا جان بابا بابت چرچا گھٻا ڪرڻ لڳا. سنگھار اهڙي طرح هنن سان گڏ بيٺو هو، ڄڻ هنن جي ڳالهين کي سمجھڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين. هنن کي کلندو ڏسي، پاڻ به کلڻ شروع ڪيائين. ڪجھه دير کان پوءِ تاڪي وري کلي ۽ اندرئين پهريدار چيو، ”مير منشي پيو اچي!“
    پهريدار هڪدم ڳالهيون بند ڪري، ڀالا سنڀاليا. سنگھار هنن جي اڳيان ائين بيٺو هو، ڄڻ پهريدارن کيس اتي بيهڻ لاءِ مجبور ڪيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ، شاهي دروازي ۾ هڪڙي ننڍڙي دروازي کلڻ جو آواز آيو، ۽ ان ننڍي در مان ننڍڙي قد جو هڪڙو ماڻهو ٻاهر نڪرڻ لڳو. مشعلن جي روشنيءَ ۾ سنگھار هرين هن جي ٻچي ڏاڙهي ۽ هڪ ڪاڻي اک ڏٺي. هو اڃا دروازي جي تاڪن جي وچ ۾ ئي هو ته سنگھار هرڻ وارو ڇال ڏيئي دروازي ڏانهن ڌوڪي ويو. مير منشي هڪ ننڍي ٻار وانگر هن جي ٽنگن ۾ وچڙي، وڃي ٻوٿ ڀر ڪريو، پر ايتري ۾ سنگھار دروازي جي اندر پهچي چڪو هو، ۽ اندريون پهريدار جيسين ڪجھه سوچي، تنهن کان اڳ سنگھار جو ڪٽارو سندس پٺ ۾ کپي ويو ساڳئي وقت هن ڌِڪو ڏيئي، دروازي جي تاڪي چاڙهي ڇڏي. ٻاهريان پهريدار دروازي تي آواز ڪندا رهيا. سنگھار مير منشيءَ کي سندس جامي کان ڇڪي اُٿاريو، ۽ کيس اڳيان وڌڻ جو اشارو ڪيائين. مير منشي ڪُرڙيءَ وانگر ڪنبندي، ٽيڏيءَ اک سان هن پربت جيڏي مڙس کي ڏسندو رهيو.
    حويليءَ جي ايوان ۾، اڳيان گھوڙن جي ڪُڙھه هئي، جنهن ۾ پنج ڇھه ڀلا گھوڙا ٻڌل هئا. انهن کان اڳتي هڪ پٿرائون رستو هو جو اڳيان ديوان خاني، ۽ زنان خاني ڏانهن ٿي ويو. مير منشيءَ کي اڳيان ڪندي سنگھار هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو اڳيان وڌندو رهيو. جڏهن حويليءَ جي چمن ۾ پهتا، تڏهن خوبصورت پٿر جي مرتبانن ۾ ٻرندڙ مشعلن جي روشنيءَ ۾ هن جيڪو ڏٺو، تنهن کي خيالن ئي خيالن ۾ اندر جي آکاڙي ۾ پهچائي ڇڏيو. اڇي ڳاڙهي پٿر مان ٺهيل سهڻيون سهڻيون اُپسرائون ڄڻ ته جيئريون جاڳنديون هن جي آجيان ڪري رهيو هيون. انهن خوبصورت مجسمن ۽ بتن کي ڏسڻ ۾ هو ڪجھه اهڙو محو ٿيو جو مير منشيءَ وجھه ڏسي، گھُت هنئي، ۽ زنان خاني ڏانهن ڀڳو. هن جي ڊوڙڻ جي آواز تي سنگھار ڄڻ خواب مان جاڳي پيو، ۽ هن کي پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ اچي ويئي. مير منشي زنان خاني جي دورازي تي ٺڪ ٺڪ ڪندي تڪڙو تڪڙو فارسيءَ ۾ رڙيون ڪندو ٿي ويو. جڏهن سنگھار به لوھه پائي هن تائين پهتو تڏهن دروازو کلي پيو، ۽ ٻه ڪارا ديو جھڙا خواجه سرا هن ڏانهن وڌيا. ٻنهي جي هٿن ۾ ڊگھن ڳنن وارا خنجر هئا. گھڙيءَ لاءِ سنگھار به هنن جي ٿولھه ڏسي هيبت ۾ پئجي ويو. هو پاڻ به ڪافي ڳري بدن جو هو، پر هنن مان هر هڪ هن کان ٻيڻي بدن جو هو. سيءَ جي باوجود، پيٽ کان مٿي هنن جو جسم اگھاڙو هو، ۽ ڏياٽين ۽ مشعلن جي لڏندڙ سوجھري ۾ هنن جا ڪارا بدن تيل جي ڪري چمڪي رهيا هئا. سندن اکين ۾ بگھڙ جي اکين واري بيرحمي ۽ خونخواري جھلڪي رهي هئي، ۽ هڪ پل ۾ هنن کي منهن ڏيڻ جا ڪئين اٺسٺا هن جي اکين اڳيان لنگھي ويا، ۽ ڪجھه سوچيندي هو پوئتي هٽڻ لڳو. خواجه سرا ڄڻ بي اونا ٿي هن ڏانهن وڌندا رهيا. هنن کي اهو يقين ٿي چڪو هو ته سندن شڪار ڊڄي ڀڄڻ جون راهون ڳولڻ لڳو هو، ۽ هنن جي اکين اڳيان اهي شڪار لنگھي ويا، جن کي هو بنان ڪنهن هٿيار جي، سکڻ هٿن سان چيري ڦاڙي ماريو هو. پوئتي هٽندي، سنگھار هڪ وڏي مشعل وٽان لنگھيو ته جھٽ ڏيئي اها کڻي ورتائين، ۽ ٻي گھڙيءَ مشعل جو ڀنڀٽ هڪڙي کدڙي جي منهن ۾ ٽنبي ڏنائين. سنگھار پنهنجي ڄمار ۾ اهڙي دل ڏاريندڙ ۽ اينگھندڙ دانهن ڪانه ٻڌي هئي، ڄڻ ڪنهن وهٽ کي ٻوٿ ٻڌڻ کان سواءِ ڪاسائيءَ ڪاتي ٽنبي ڏني هجي. ان رڙ سڄي حويليءَ ۾ ڊيڄاريندڙ پڙاڏو پيدا ڪري وڌا. ديو جھڙو خواجه سرا پنهنجي منھن تي هٿ ڏيئي اتي ئي ويهي رهيو. ٻيو خواجه سرا پنهنجي ساٿيءَ جو حال ڏسي، مشعل کان ڇرڪڻ لڳو هو، ۽ هاڻ سنگھار بدران پوئتي هٽڻ لڳو. زنان خاني جي دروازي وٽ پهچندي، دڪين اڳيان سنگھار مشعل ڏانهس وڌائي. خواجه سرا کي دڪين جو خيال ئي ڪونه رهيو، ۽ جھڙو پاڻ بچائڻ لاءِ پوئتي هٽيو ته ٿاٻڙجي وڃي پٺيان ڪريو. خنجر سندس هٿ مان ڇڏائجي ويو. سنگھار مشعلن جو ڀنڀٽ سندس منهن ۾ ٽنبيندي، ڪريل خنجر کڻي ورتو، هن جي رڙ ۾، رنڀ بدران زناني چيٽ جو اَنگ هو، ۽ هو اونڌو ٿي دڪين تي ڦٿڪڻ لڳو.
    سنگھار مشعل هٿ ۾ جھلي دروازي ڏانهن وڌيو. دروازو ٻيڪڙيل ڏسي، هن کي شڪ پئجي ويو، ۽ ٻه پير پوئتي هٽي، وارن کان جھلي، دڪين تي ڪريل خواجه سرا کي هُن اٿاري بيهاريو، ۽ کيس آهستي فارسيءَ ۾ چيائين: ”جي ڪا حرڪت ڪئي اٿئي، ته خنجر پيٽ ۾ ٽنبي ڏيندوسانءِ!“
    هن ديو الائي ڳالھه سمجھي يا نه، پر هو خاموش انڌن وانگر اڳيان هٿ وڌائي، اڳيان وڌندو رهيو. دروازي جي ويجھو، سنگھار خواجه سرا کي زور سان ڌڪو ڏنو. دروازو چرڙاٽ ڪري کلي پيو، ۽ جئن ئي هو ٿاٻڙجي اڳيان ڪرڻ تي هو ته هڪ ئي وقت ٻه خنجر سندس جسم ۾ کپي ويا. خواجه سرا جي دانهن سندس نڙگھٽ ۾ ئي پورجي ويئي. سنگھار مشعلن جي روشنيءَ ۾ ٻن نون خواجه سرائن کي پنهنجي همراھه تي حملو ڪندو ڏٺو. جيسين هو پنهنجي غلطي محسوس ڪن، تنهن کان اڳ سنگھار جو خنجر هڪڙي جي پيٽ ۾ کپي ويو. هو دانهن ڪري پنهنجي ڪِريل ساٿيءَ مٿان جھڪي پيو. ٻئي خواجه سرا جڏهن هن نئين حمله آور ڏانهن ڏٺو تڏهن هن باھه جو هڪ مچ پنهنجي منهن ڏانهن وڌندو ڏٺو. اهو مچ، ويجھو اڄڻ ته ايڏو وڏو ٿيندو ويو، جو خواجه سرا کي پنهنجي اکين ۾ مرچ پوندا محسوس ٿيا، ۽ هن اکين کي اُن مچ کان بچائڻ لاءَ پنهنجا ٻيئي هٿ مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هن جا هٿ اکين تائين پهچن، تنهن کان اڳ هن جي اکين ۾ هميشه لاءِ اونداھ ڇائنجي ويئي، ۽ هو ٻارن وانگر سڏڪا ڀري، اوڇنگارون ڏيڻ لڳو.
    سنگھار هنن کي اتي ئي ڇڏي، اندر وڌي ويو، ۽ ڪيترن ڪمرن مان ٿيندو، ترخانن جي گڏ ڪيل دولت تي، دل ئي دل ۾ کين گاريون ڏيندي، هو اهڙي ڪمري اڳيان اچي بيهي رهيو، جنهن لاءِ هن سوچيو ته اهو ڪمرو ٿي سگھي ٿو، جتان درياءَ ۾ لهي سگھجي ٿو. ان ڪمري جي در مان، هڪ ٻڍڙي عورت هٿ ٻڌندي، ڊپ کان ٿڙڪندي ٻاهر نڪتي: ”رحم، آقا، رحم!“
    ٻڍڙيءَ جي آواز ۾ اهڙي نيزاري هئي جو سنگھار جي دل ۾ رحم ڄڻ پهريون ڀيرو موٽي آيو هو. ٻڍڙيءَ کي مٿي تي هٿ رکندي چيائين: ”امان، اسين سنڌي، وس پڄندي، زائفائن تي هٿ نه کڻندا آهيون!“ ائين چئي هن دروازي کي هري هري ڌڪو ڏنو. دروازي کلڻ سان هن جيڪي ڪجھه ڏٺو، سو جيڪڏهن هو ڪوشش ڪري ها تڏهن به بيان نه ڪري سگھي ها. هن جي بلڪل سامهون اندرسڀا جي ڪا اپسرا، آرسي جھلي، پنهنجي ڊگھن وارن کي ڦڻي ڏيئي رهي هئي. سندس ٻانهون ڪلهن تائين اگھاڙيون هيون؛ سندس اڌ منهن وارن ۾ اچي ويو هو، ۽ باقي اڌ منهن ۾ جا سونهن هئي، سا سنگھار جي دل ۾ ڏانوڻ وجھندي ويئي. نيم شفاف ململ جي پهراڻ مان هن جو جسم ائين جھاتيون پائي رهيو هو ڄڻ هن جي انگ انگ ۾ ڪا هلڪي مشعل ٻري رهي هئي، جنهن جي روشني ململ مان ڇڻي هن جي اکين ۾ ترورا پيدا ڪرڻ لڳي. سندس ڇاتيءَ کي ڏسندي هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سنڌوءَ جي لهرين تي ڪي ٻيڙي هلڪا لوڏا کائيندي، هن کي پنهنجي پناھه ۾ وٺڻ لاءِ سڏي رهي هئي، ۽ جڏهن هن ڳالهايو، تڏهن ته سنگھار پاڻ کان ڊڄي ويو: هن جو آدرش هن جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    ”سنڌي، تون اچي وئين! مون کي پڪ هئي ته ضرور ايندين؛ پر ايترو انتظار ڪرائبو آهي. . . !“
    هن جي آواز جو جادو، هن جي ڪنن مان ٿيندو، دل تائين پهتو، ۽ هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ان جا لفظ ماحول کي لوري ڏيئي سمهارڻ شروع ڪيو هو. هو به انهيءَ ننڊ ۾ پنڊ پهڻ ٿيندو ٿي ويو. پوءِ هن وري ان جادوءَ کي ڀڻڪندو ڏٺو، ۽ ان ڀڻ ڀڻ ۾ ڪجھه غير يقيني ڪيفيت هئي: ”نه نه. . . . . تون ته اهو ڪونه آهين . . . . پر هيءَ دل ڇو توڏانهن مائل ٿيڻ لڳي . . . . اچ، منهنجي ويجھو اچ . . . . . يا خدا، مون ڪيترو نه انتظار ڪيو آهي . . . . هو نه سهي، تون سهي . . . . . تون ۾ به مون کي هوئي نظر اچي رهيو آهي. . . .!“
    هوءَ آرسي رکي، اُٿي بيٺي. سنگھار هن کي ڏسندو ئي رهيو. هن جي دل ڪنئري ڪنئري ٿيندي، ڀُرڪڻ لڳي. پر اوچتو ٻاهران ماڻهن جي اچڻ جا تڪڙا تڪڙا قدم ٻڌي، سنگھار پنهنجي ننڊ مان جاڳي پيو. ساڳئي وقت هن جادوءَ به چيو: ”پهريدار پيا اچن . . . . . اهو دروازو بند ڪر!“
    سنگھار وري حقيقتن جي دنيا ۾ موٽي آيو، ۽ هن وڌي دروازي جي تاڪي چاڙهي ڇڏي. دروازي کولڻ لاءِ ماڻهن دروازي کي زور سان ڌڪا ڏيڻ شروع ڪيا. سنگھار هڪڙي نظر هن تي وجھندي، مٿي نهاريو. اُها نهار ۽ اُها نگاھ هڪ نياپو هئي، ڄڻ چوندي هجي: ”جاني، جيئرو بچيس ته موٽي ايندس، منهنجو انتظار ڪجانءَ!“
    پوءِ آسپاس نهاريندي، هن ڇت ۾ ٽنگيل جھليءَ جي ريشمي رسي کي ڇڪ ڏيئي ٽوڙي وڌو؛ ۽ ان مان سرڪ ساهي ٺاهي، هن ڀت جي ڪنگرن مٿان اڇلائي. سرڪ ساهي هڪڙي ڪنگر ۾ ڦاٿي ته رسي جي آڏڪ تي هو ڀت تي چڙهي ويو. مٿي چڙهي، هن چوڌاري نظر ڦيرائي. مرزا باقيءَ جي حويلي چڱي پري هئي. وچ تي پهرو به سخت هو. هن رسي ڇڪي ڀت جي ٻئي پاسي لڙڪائي، ۽ آهستي آهستي لهندي، درياءَ ۾ ٽپي پيو. پاڻيءَ ۾ اندران ئي اندران هو مرزا باقيءَ جي حويليءَ جي فصيلن ڏانهن ترڻ لڳو.
    حويليءَ جي بنھه هيٺان هن ٻه چار ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون: هڪ چڱي موچاريءَ سينگاريل ٻيڙيءَ جي ڀر مان، رسي جي هڪ ڏاڪڻ هڪ وڏي دريءَ تائين پئي ويئي. پر اتي به پهردارن جا پاڇولا نظر اچي رهيا هئا. هو پاڻيءَ اندران ٻيڙيون به ٽپي ويو ــــــــــ ۽ اتان وڃي منهن ڪڍيائين، جتي پهريدار ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٿي نظر آيو. حويليءَ جي ان ڇيڙي تي پهچڻ کان پوءِ، فصيل تائين چڙهڻ اهڙو مسئلو هو، جنهن تي سنگھار اڃا تائين ڪونه سوچيو هو. فصيل چڱي موچاري اوچي ئي، ۽ رسيءَ کان سواءِ ان تي چڙهڻ ممڪن نه هو. لاچار هو وري بنان ڪنهن آواز جي ٻيڙين وٽ پهتو، ۽ هڪڙي ٻيڙيءَ جي پٺيان ڪنڌ مٿي کنيائين. ان ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي ترخان جو مٿيون ڌڙ هن کي نظر اچي رهيو هو. سنگھار سوچيو ته جي زوريءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي، سڙھه مان نوڙي هٿ ڪبي، ته ٻين ٻيڙين ۽ فصيلن وارا پهريدار هوشيار ٿي ويندا، ۽ پوءَ حويليءَ ۾ داخل ٿيڻ ناممڪن ٿي پوندو. اهو سوچي هو ٻيڙيءَ کي ڦري آيو. اها ٻيڙي ٻي هڪ وڏي ٻيڙيءَ سان بنھه سنهي رسي سان ٻڌل هئي. بنان ڪنهن آواز جي، هن ڪٽاري سان رسي ڪپي ڇڏي، ۽ ننڍي ٻيڙي کي هلڪو لوڏو ڏنائين. ٻيڙي لهواري تي هري هري ٿي لڙهڻ لڳي. هو به ٻيڙيءَ جي ڪڍ لڳو آيو. جڏهن ٻيڙي چڱي موچاري اڳتي نڪري، وهڪري جي تيزيءَ تي تکي ٿيڻ لڳي، تڏهن ترخان کي هوش آيو ۽ هو اٿي بيٺو، ۽ پاڻ کي ٻين ٻيڙين کان ايترو پري، لهواري تي لڙهندو ڏٺائين، تڏهن هن پنهنجن همراهن کي سڏ ڪرڻ شروع ڪيا. پر تيسين ٻيڙيءَ ايترو پري نڪري چڪي هئي، جو هن جي سڏ تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. ترخان سڏن کي بيڪار سمجھي، ونجھه کڻي ٻيڙيءَ کي موڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ونجھه تي پوندي ئي، سنگھار جھٽ ڏيئي کڻي منجھس هٿ وڌو؛ ۽ ڇڪ جو ڏنائين ته ترخان ونجھه سوڌو اچي مٿانئس ڪريو. هن پاڻ بچائيندي، ترخان کي ڳچيءَ کان جھلي، کيس هيٺ ٿيلهو ڏنو. گھڙيءَ کان پوءِ ترخان بدران رڳو پاڻيءَ جي بڙ بڙ ٻڌڻ ۾ آئي، ۽ هن ترخان کي ڇڏي ڏنو. ٻيڙي تيسين اڳيان وڌي ويئي. هو تيزي سان ٻيڙيءَ ڏانهن وڌيو. ٻيڙيءَ ۾ هن کي چڱي ڊگھي نوڙي هٿ اچي ويئي، ۽ هو ٻيڙيءَ کي ائين ئي ڇڏي حويليءَ جي ڪوٽ جي ڀت ڏانهن ترڻ لڳو.
    ڪوٽ جي ڀت تان هلندو هو هڪ کُڏ تي لهي پيو. اتان سمورا کڏ هڪٻئي سان گڏيل هئا. اوندھه جو فائدو وٺندي، منگھن جي پويان لڪندي، هو ان کڏ تي پهتو، جتي هن سمجھيو ته اتان رسي جي ڏاڪڻ ٻيڙين تائين ٿي پهتي. ان کڏ جا سمورا منگھه ڳاڙهي پٿر ۽ ساڳ جي ڪاٺ جا ٺهيل ٿي ڀانيا. منگھن کي تپاسيندو، هو هڪ اهڙي ويڪري منگھه وٽ پهتو جنهن جو پڙ مٿي کنيل هو. هن هيٺ نهاريو: ڪمري ۾ هلڪي زرد روشني ڦهليل هئي، منگھه جي بنھه هيٺان هڪ ٽپائيءَ تي صراحيون ۽ جام سجايل هئا، ۽ ان ميز جي ڀر ۾ ڄڻ ڪنهن کٽ جي پاسي ۾، هڪ ترار مياڻ ۾ پيل رکي هئي. اهو جائزو وٺي، سنگھار ٿڪ ڀڃڻ لاءِ منگھه کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو هو. آسمان ۾ تارا ٽمڪندا ڄڻ هن کي مٿي اڏامڻ جي دعوت ڏيندا رهيا. ڀنل ڪپڙن، ۽ کليل هوا ۾ هن کي سيءُ به ڏکيو لڳڻ لڳو؛ ٿڪ ۽ سيءُ کان ننڊ هن جي اکين ۾ مورچا هڻڻ لڳي. جئن تئن ڪري هوءَ پاڻ کي جاڳائڻ جا جتن ڪرڻ لڳو. هن سمجھيو ته رات اچي آڌي ٿي هئي، ۽ پهريدارن جا آواز به ڍرا ٿيندا ٿي ويا.
    هن منگھه جي ٿلهي رسي کي وٽ ڏيئي مٿي ڦاسائي ڇڏيو، جيئن رسي تي زور اچڻ ڪري منگھه جو پڙ نه بند ٿي وڃي؛ ۽ پوءِ هو آهستي آهستي رسيءَ جي ذريعي هيٺ لهڻ لڳو. هيٺ پهچڻ تي هن جيڪي ڏٺو، ان لاءِ هو بلڪل تيار نه هو. اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي هن قاتل تي حملو ڪرڻ به هن کي ڪانئرتا نظر آئي. مرزا باقي بيگ هنڌ تي بلڪل سنئون سڌو ستل هو؛ سندس جوءِ جي هڪڙي ٽنگ هن جي مٿان واريل هئي، ڄڻ ننڊ ۾ به هن مٿان پاڻ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئي. پلنگ جي ڀر ۾، هڪڙي سوني ٿالهيءَ تي هڪ ننڍڙي شمع ٽم ٽم ڪندي، هلڪي زرد روشني پکيڙي رهي هئي. هو دل من هڻڻ لڳو: ان نظاري هن کي انسان جي هن ڪمزور پهلوءَ تي سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو.
    هو اڃا دل من هڻي رهيو هو ته اوچتو ڪنهن هنگامي جو هُل در جي ٻاهران ٻڌائين. هن جھٽ ڏيئي، مرزا باقيءَ جي ترار مياڻ مان ڪڍي ورتي. عين ان وقت دروازو وڏو چيڪاٽ ڪري کلي پيو، ۽ هن ٻن ترخانن کي اگھاڙين ترارين سان مرزا باقيءَ جي پلنگ ڏانهن وڌندو ڏٺو. دروازي کلڻ سان شمع ڀڙڪو ڏيئي وسامي ويئي، ۽ ڪمري ۾ ٻاٽ اونداھه ڇانئجي ويئي. سنگھار ترار سنڀالي پلنگ ڏانهن وڌيو. اڃا وک اڳتي وڌايائين ته سندس هٿ شمع واري ٿالهيءَ کي وڃي لڳو. ٿالهي زور سان پٽ تي ڊهڻ سان وڏو ٽڙڪاٽ ڪندي، ڪنهن ڪنڊ ۾ هلي ويئي. عين ان وقت هن هڪ زنانيءَ رڙ جو آواز ٻڌو. اهو آواز ٻڌندي ئي هن پلنگ تي وار ڪيو، پر سندس ترار خالي هنڌ کي ڪپي ويئي. جيسين هن پاڻ سنڀالي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. تيسين ڪو ماڻهو، ڀت ۾ لڳل دريءَ جو تاڪ کولي، درياءَ واري پاس ٽپي ويو. هن به دريءَ ڏانهن لُوھه وِڌي ــــ ۽ پوءَ هن ماٺيڻي سنڌوءَ ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪِرڻ جو پاڻياٺو پڙاڏو ٻڌو. هن دريءَ ۾ منهن وجھي هيٺ نهاريو: هڪ ٻيڙي تڪڙو تڪڙُ ان هنڌ ڏانهن وڌڻ لڳي، جتي ماڻهوءَ جي ڪِرڻ جو آواز آيو هو. ان وقت سنگھار کي پنهنجي پويان ڪنهن ماڻهوءَ جي ساھه کڻڻ جو آواز ڪن تي پيو، ۽ هو اڇانگ ڏيئي دريءَ کان پري هٽي ويو. ايندڙ ترخان جو وار دريءَ جي چائنٺ ۾ کُپي ويو. سنگھار ٿورو اڳيان وڌي، هن کي پنهنجي پير سان هلڪي ٺوڪر ڏني. ترخان، دريءَ تان ٿاٻڙجي، هوا ۾ هٿورايون ڏيندي، وڃي درياءَ ۾ ڦهڪو ڪيو.
    ڪمري ۾ ماٺ ٿي ويئي. سنگھار کي پڪ ٿي ته گھڙيءَ کان پوءِ مرزا باقيءَ جا واهرو پهريدار يا انهن حملي ڪندڙن ترخانن جا ساٿي ڪمري ۾ ڪاهي پوندا. هو تيزيءَ سان دروازي ڏانهن ڀڳو. دروازي مان ايندڙ هلڪي ڳاڙهي روشنيءَ ۾ هن مرزا باقيءَ جي زال کي ٻوٿ ڀر ڪِريل ڏٺو، سندس سسي ٻيڻي ٿي سندس ڌڙ هيٺان اچي ويئي هئي. هاڻ هن کي پڪ ٿي ته دريءَ مان ڀڄي ويل ماڻهو خود مرزا باقي هو. هن کي پنهنجي بيوقوفي تي ڪاوڙ اچي ويئي. اڄ سنڌ جو قاتل، آخوند صالح جو خوني، هڪ ڪوڙي جذبي جي ڪري هن هٿن مان نڪري ويو.
    هن اونداھه ۾ ٻئي ترخان کي نهارڻ جي ڪوشش ڪئي. پنهنجي پويان کڙڪو ٻڌي، هن پٺيان نهاريو. ترخان اڳيان وڌي مرزا باقيءَ جي زال جي لاش کي سڌو ڪري، سندس ڳچيءَ ۽ ڪنن مان زيور پٽي لاهڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هو. هن سوچيو ته هي لالچي ڪتا، ڳجھن وانگر لاشن تان به نٿا ٽرن. ۽ پوءِ هڪ ئي ڌڪ سان هن جھڪيل ترخان جي سِسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي. گھڙيءَ لاءِ ڪمري ۾ ماٺ ٿي ويئي، پوءِ ترخانن جي هڪ انبوھه جو ان ڪمري ڏانهن وڌڻ جو آواز هن جي ڪن تي پيو، ۽ هووري منگھه هيٺ پهچي مٿي چڙهي ويو.
    درياھ ۾ ٽپندي، هو اهوئي سوچيندو رهيو ته هو اڄ پنهنجو آدرش ڪن ڪوڙن جذبن ڪري وڃائي ويٺو هو. شرمساري ۽ لڄ کان هن جي اکين ۾ لڙڪ مڙڻ لڳا. جيڪڏهن هو مرزا باقيءَ کي ختم ڪري ڇڏي ها ته دنيا ائين ئي سمجھي ها ته ترخان پاڻ ۾ وڙهي مئا هئا، ۽ سنڌين تي اهو الزام ڪونه اچي ها. گھڙيءَ جي غلطيءَ مرزا باقيءَ کي حياتي موٽائي ڏني. امير خان جي حويليءَ جي ديوار تي چڙهندي، الائي ڇو هن کي بار بار اهو خيال اچڻ لڳو ته هاڻ جيئڻ جاڙ آهي. آخوند صالح جي وير وٺڻ جو موقعو هٿن مان نڪري ويو. آخوند صالح جو نالو زبان تي ايندي ئي، هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن جو روح هن کي ملامت ڪرڻ لاءِ هن جي چوڌاري وسڻ لڳو هو؛ ۽ پوءِ الائي ڇو هن کي سوڍل ياد اچي ويو. شل سوڍل اهو بدلو مرزا باقيءَ کان وٺي، پر سوڍل به هن ناڪاميءَ جو ٻڌي ڇا سوچيندو؟ پر سوڍل ڇو ٻڌي؟ هو ڪنهن اهڙي طرف نڪري ويندو جتي هن جو ڪوبه ساٿي سنگتي نه پهچي سگھندو! اهو سوچيندو هو ليلى جي ڪمري ۾ ٽپي پيو!


    11

    آخوند نور محمد فجر جي نماز پڙهائي، واندو ٿي جماعتين ڏانهن ڏسڻ لڳو. سندس بلڪل سامهون هڪڙو ٻڍڙو ترخان دور ڪندي، اهڙي طرح جھومي ۽ جھولي رهيو هو ڄڻ ته وجد ۾ اچي ويو هو. ڪل اَٺ ڏھه جماعتي وڃي بچيا هئا، جيڪي تلاوت ڪرڻ لڳا هئا. گھڻا تڻا نماز پڙهي هليا ويا هئا. جيڪي دور ڪري رهيا هئا، تن مان گھڻو تڻو سمورا ترخان ئي هئا. آخوند پاڻ به تسبيح پڙهندي، سوچڻ لڳو ته نمازون هي پڙهن، مذهب جو هر ڏڻ هي ڌوم ڌام سان ملهائين، مذهب جي نالي ۾ حڪومت هي ڪن، دين جو نالو کڻي زڪواتون ۽ ڏن هي وصول ڪن، ۽ ظلم ۽ ڪيس ڪرڻ ۾ به سڀ کان خونخوار جانور هي آهن. هر قسم جي ذلت هنن ۾ آهي، شرابي، زاني ۽ منافق هي آهن، ۽ الله سائين به هنن جو ساٿ ڏيندو اچي. ”نعوذ بالله . . . . . . استغفرالله!“ هن جي وات مان ڏاڍيان نڪري ويو. ”ڌڻي منهنجا، بخش ڪجان، منهنجي وات مان ڪفر جا ڪلما نڪري ويا!“ ۽ هو وري اتي ئي سجدي ۾ ڪِري پيو، ۽ ڪيترو وقت ڌڻيءَ در ٻاڏائيندو رهيو. سجدي مان اُٿي، هن وري ان ترخان ڏانهن ڏٺو، جنهن جي دور ڪرڻ جو آواز سڄيءَ مسجد ۾ ٻُرڻ لڳو هو. آهستي آهستي ٿي ماڻهو دور ختم ڪري، آخوند کان موڪلائي، اُٿندا ويا. آخر ۾ فقط آخوند ۽ اهو پوڙهو ترخان رهجي ويا.
    پوڙهي ترخان مسجد خالي ڏسي قرآن مجيد بند ڪري، رحل سوڌو، سامهون جاري ۾ رکي موٽي آيو. آخوند وٽ پهچندي ئي هن هوريان چيو: ”جيئي سنڌ، سائين“
    آخوند نور محمد کان ڇرڪ نڪري ويو. هو پنهنجن خيالن ۾ محو، گذريل ڏينهن جي حالتن تي سوچي رهيو هو، جيتوڻيڪ تسبيح سوريندي، سندس وات مان ”الله هو، الله هو“ جو ڀڻڪو نڪرندو رهيو. مرزا جان بابا جي شورش، شاھ قاسم ارغون جو راتاهو، مرزا باقيءَ جو پنهنجي محل مان ٽپو ڏيئي ڀڄي وڃڻ، ۽ ترخان لشڪر گڏ ڪري مرزا جان بابا پويان وڃڻ، ۽ ٺٽي ۾ لشڪرين هٿان عام ڪوس جون ڳالهيون وَر وَر ڪري هن جي دل ۾ چير وجھنديون ٿي ويون. سنڌين جو رت پاڻيءَ وانگر وهي رهيو هو؛ سنڌين جون لڄون وچ شهر ۾ لُٽجي رهيو هيون؛ ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ محلي ۾، جي سنڌين مقابلو ٿي ڪيو ته انهن گھرن کي باهيون ٿي ڏنائون. مرزا باقي ڄڻ ته ڇتي ڪتي وانگر چڪ وجھي رهيو هو. رڳو پنهنجي ڇتي رت تي سنڌين جي رت سان ڇنڊي وجھڻ لاءِ، سنڌي محلن ۾ مست هاٿي هڪلارائي ڇڏيا هئائين؛ ۽ ڪيترا سنڌي، ٻار ٻچا، وڏا ننڍا، انهن جي پيرن ۾ چيڀاٽجي چچرجي ويا هئا. آخوند نور محمد جي اکين ۾ درياءَ اٿلندو ٿي آيو. ”اي منهنجا مولا سائين، هي ڪهڙو انصاف آهي!“ هو ورد ڪندي پنهنجي ڌڻيءَ سان شڪايتون ڪندو ٿي ويو؛ ۽ جڏهن هن ”جيئي سنڌ“ جو سلام ٻڌو، تڏهن هن کان ڇرڪ نڪري ويو. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي، ٻڍڙي ترخان ڏانهن ڏٺو. ٻڍڙي ترخان جي اکين ۾ نئين چمڪ مرڪي رهي هئي، ۽ هو آخوند جي سامهون اچي، سندس پير چمڻ لاءِ هيٺ جھڪي ويو. آخوند حيرت مان ترخان جي حرڪت ڏسندو رهيو، ۽ پوءِ سندس ڪنن تي اهو آواز آيو: ”آءٌ دادن آهيان، سائين!“
    آخوند جي مغز ۾ ڄڻ ڦيري پئجي ويئي، ۽ هن اٿڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: ”دادن . . . . تون!“ پوءِ هن کي ڀاڪر پائيندي، نرڙ تي چمي ڏيندي چيائين: ”چريا، هي ڪهڙو ويس ڪيو اٿئي. مون ته ذري گھٽ، تو سوڌو هنن ترخانن جماعتين کي پاراتو ٿي ڏنو!“
    ”سائين هن ويس کان سواءِ سلامت پهچڻ به ته مشڪل هو،“ دادن پنهنجي مٿي تان ڪلو لاهيندي چيو. پوءِ هٿ وجھي هٿرادو اڇي ڏاڙهي به لاهي ورتائين.
    ”چئبو ته اهي خبرون چئني پاسي ڦهلجي ويون آهن،“ آخوند تسبيح پنهنجي صدريءَ جي کيسي ۾ وجھندي چيو.
    ”ها سائين؛ مون کي اها خبر سيوهڻ ۾ پئي ته مرزا جان بابا جي شورش ناڪام ٿي ويئي، ۽ ترخانن ٺٽي ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌين کان وير وٺڻ شروع ڪيو آهي. مرزا باقي سمجھي ٿو ته مرزا جان رڳو سنڌين، خاص طرح سميجن، انڙن ۽ جاڙيجن جي چرچ تي بغاوت ڪئي آهي.“
    ”مون کان هن ڀيري وڏي چُڪ ٿي ويئي. اڳئين وانگر سنڌين جا جٿا، شهرن ۾ سنڌي پاڙن جي بچاءُ لاءِ گڏ ڪونه ڪرايم. مون الائي ڇو پڪ ٿي ويئي هئي ته خود ترخان لشڪري مرزا باقيءَ جي ظلمن خلاف اُٿي کڙا ٿيندا. پر ائين نه ٿيو. مدرسن جي شاگردن کان جيڪي پڳو، سو ڪيائون. پر آخوند صالح کان پوءِ شاگردن جي به دل ٽٽي پئي آهي!“ آخوند نور محمد کان ٿڌو شوڪارو نڪري ويو.
    ”آخوند صالح کان پوءِ؟ . . . . . . . ڇو سائين، خير ته آهي؟ آخوند صالح کي ڇا ٿيو؟“ دادن کي ڪو وسوسو ويڙهي ويو.
    ”ظالمن آخوند صالح کي ان ڏينهن ئي ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو، جنهن ڏينهن مرزا جان بابا جو لشڪر ٺٽي ۾ داخل ٿي رهيو هو.“
    ”پر به ڇو؟“
    ”مرزا باقيءَ قنڌار کان ڪي مولوي گھرايا آهن ته مدرسن ۾ زوريءَ فارسي پڙهائين. آخوند صالح کين پنهنجي دارالعلوم ۾ فارسي پڙهائڻ جي اجازت نٿي ڏني . . . . الا، هاڻ اهڙو ماڻهو ڪٿان آڻينداسون . . . . . ٻڌ دادن، تون هاڻ سڀ ڪم ڪاريون ڦٽا ڪري، وڃ ٺٽي، ۽ وڃي آخوند صالح وارو دارالعلوم سنڀال. آءٌ چٺي لکي ٿو ڏيان . . . . .“ آخوند دادن جي اکين ۾ نهاريندي چيو.
    ”پر سائين، دهليءَ وارو ڪم اڌ ۾ پيو آهي. . . . هي خط ملتان مان نواب سعيد اوهان لاءِ ڏنو آهي،“ دادن صدريءَ اندران خط ڪڍندي چيو.
    ”منهنجي نظر هاڻ ويئي . . . . . تون ئي پڙهي ٻڌاءِ“ آخوند کيس حڪم ڪيو.
    دادن خط پڙهڻ لڳو، ۽ آخوند اکيون بند ڪري ٻڌندو ويو. نواب سعيد لکيو هو ته شهنشاھ اڪبر سڌو سنئون سنڌ جي معاملن ۾ دخل ڪونه ڏيندو. البت هو شهنشاھ اڪبر کي مرزا باقيءَ جي ظلمن کان آگاھه ضرور ڪندو. جيڪڏهن قنڌار بابت مرزا باقيءَ جون ايران سان ڳالهيون ثبوت سان اڪبر اڳيان پيش ڪجن ته ڪم ٺهي پوندو. شهنشاھ شايد ايندڙ بهار ۾ لاهور اچي، اتي هو قدم بوسي حاصل ڪري سنڌ بابت ساڻس ذڪر چوريندو. آخر ۾ هن مليل تحفن جو شڪريو ادا ڪيو هو.
    ”هون . . . . چئبو، ته اسان جو سوکڙيون پاکڙيون هاڻ نواب سعيد تي به اثر ڪونه ٿيون ڪن . . . . . . ڀلا ملتان ۾ عام ماڻهن جو ڇا خيال آهي؟“ آخوند ڪجھه سوچيندي چيو.
    ”ملتان وارا ظاهر آهي ته ترخانن جي حڪومت کان دهليءَ جي ٻانهپ کي وڌيڪ پسند ٿا ڪن. مغل شهنشاھت سان هن وقت جھيڙڻ بلڪل ڪونه گھرندا. البت جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪا تحريڪ شروع تي ته هو هميشه وانگر پنهنجي وطن جي ماڻهن کي مدد ڏيڻ کان ڪونه لهرائيندا: سومرا، لانگاھه ۽ ٻيا راڄ ته پنهنجا ماڻهو به ڏيڻ لاءِ تيار آهن . . . .!“ دادن جواب ڏنو.
    ”سنڌ ۾ تحريڪ . . . . سنڌ ۾ تحريڪ! جڏهن به سنڌ ۾ ڪا تحريڪ ٿي هلي ته سنڌين جو جيئڻ مشڪل ٿيو پوي. هنن کي نڌڻڪو ڏسي، ترخان سندن ٻچن کي گھاڻن ۾ پيڙايو ڇڏين. رهي مغلن کان سڌو سنئون مدد گھرڻ، سو سنڌ ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي هڪڙي غلاميءَ مان نڪري ٻيءَ غلاميءَ ۾ وڃڻ نٿا گھرن. هو اهو ٿا چون ته ترخان ته سنڌ اندر محدود آهن. جيڪڏهن سنڌين ۾ ڪا منظم پڪي پختي بغاوت، ٺٽي کان ملتان تائين، ڀڙڪي اُٿي ته ترخانن کي ٿُڏي ڪڍڻ ايترو ڏکيو نه آهي، جيترو ان وقت ٿيندو، جڏهن مغل لشڪر ترخانن کي ڪڍي، ڇانوڻي هڻي سنڌ ۾ ئي ويهي رهندو . . . . . . هڪ طرح سان هنن جو چوڻ به صحيح آهي: مغل شهنشاهيت سان وڙهڻ سنڌين کان زور آهي!“
    ”پر سائين، ترخان ته خوني آهن، ظالم آهن. مغل وري به مٿاهين طرح حاڪم رهندا؛ هي روز روز جي رتو ڇاڻ ته بند ٿي پوندي. سنڌين کي ڪا گھڙي سامت جو ساھه کڻڻ جو ته وجھه ملندو . . . . .“ دادن ڄڻ خفا ٿيندي چيو.
    ”پر مغل هڪڙو ڀيرو ڄمي ويا ته کين ٿڏڻ ناممڪن ٿي پوندو. ترخان ته پاڻ ۾ وڙهڻ ۾ پورا آهن؛ کين ڌڪي ڪڍڻ ايترو ڏکيو ڪونهي. هونئن به هو ايترا مضبوط نه آهن. جڏهن به ڪو حاڪم ظلم ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيهندو آهي ته اها سندس ڪمزوريءَ جي نشاني آهي؛ بلڪ ائين سمجھه ته هن جو موت ويجھو اچي پهتو آهي. هو ائين ٿو سمجھي ته ظلم ڪرڻ سان هو ماڻهن کي هيسائي سگھندو. پر اصل ۾ اهو ظلم ئي عام ماڻهن کي هڪٻئي جي وڌيڪ ويجھو آڻي، آخري ڌڪ لاءِ تيار ڪندو آهي. رڳو سنڌين ۾ ٿوري تنظيم به پيدا ٿي پوي، ته ڪا پنهنجي فوج ٺاهي وجھن، ته هنن ظالمن کي قنڌار جي واٽ ڏيکارڻ ڏکيو نه آهي“ آخوند دل ئي دل ۾ اَٺسٺا ٺاهندي چيو.
    ”جيسين تنظيم جو اوسيڙو ڪنداسون، تيسين ترخان به ته قنڌار کان مڪڙن وانگر لهندا ٿا اچن. ايران سان اندروني طرح ته سندن به ڪانه ٿي پوي. سنڌ ۾ سڻڀو ٽڪر ڏسي، قافلن جا قافلا ٿا روز اچن!“ دادن ڏند ڀيڙيندي چيو.
    ”مون کي خبر آهي، قنڌار ۽ ايران بابت نواب سعيد واري ڳالھه به سچي آهي. مغل قنڌار هٿ ڪرڻ جا بهانا پيا ڳولين، مغلن تائين رڳو اها خبر پهچي ته مرزا باقي شاھه عباس سان ڪهڙا پيو اَٺسٺا ڪري، ته مغل هڪڙو ڏينهن به ترخانن کي رهڻ ڪونه ڏين . . . . پر بيھه، هي خط ڀاڻهين سنگھار امير ڪوڪلتاش کان هٿ ڪري موڪليو آهي، مون کي ته ياد ئي ڪونه پيو. آخوند صالح پنهنجي ڪنهن ماڻهوءَ کان ان خط جي باري ۾ ٻڌو هو: . . . . . !“
    آخوند نور محمد اُٿي، قرآن رکڻ واري جاري مان قرآن هيٺ منبر تي رکندي، جاري جي پوئين ڪاٺ جي تختي کي هڪڙي پاسي سيريو ته ان مان هڪ ٻيو جارو نظر اچڻ لڳو. هٿ وجھي آخوند ان مان هڪ فرمان ڪڍي، دادن کي ڏنو، ۽ چيائين: ” پڙھه متان ڪا ڪم جي ڳالھه هجي.“
    دادن فرمان کولي پڙهڻ لڳو. خط قنڌار جي حاڪم ڏانهن مرزا باقي جو لکيل هو. ان ۾ حاڪم جي سوکڙين سان گڏ، ايران جي بادشاھه لاءِ به سوکڙين جو ذڪر هو، ۽ منجھس مغلن، خاص طرح اڪبر لاءِ، نفرت جو دل کولي اظهار ڪيل هو.
    آخوند خط ٻڌي، هڪدم اُٿندي چيو: ”دادن، هي خط ضرور اڪبر تائين پهچڻ گھرجي. تون اڄ ئي دهليءَ روانو ٿي وڃ. ڪنهن طرح درٻار تائين پهچي، شهنشاھه کي سنڌين جي اطاعت جو يقين ڏيار. ترخانن تي اڪبري لشڪر ڪڙڪيو، ته پوءِ سنڌ جي آزادي جو ڪو بلو ٿي پوندو!“
    دادن ڪو جواب نه ڏنو. هو سنڌ جي آئيندي جي خيالن ۾ محو ٿي ويو. ايترو وقت سنڌ کان ٻاهر رهيو هو، جو هن کي اهو اندازو ئي ڪونه هو ته سنڌ ۾ ڪهڙو محشر متل هو. هو محض ترخانن کي ڪڍڻ لاءِ، سنڌ کي هڪ نئون دور، سانت، سانهن ستيءَ ۽ امن جو دور ڏيڻ لاءِ، مغلن جي مدد وٺڻ لاءِ تيار هو. سالن جا سال ملتان، لاهور، دهليءَ ۽ آگري ۾ رهي مغلن کي ترخانن جي ظلمن بابت ٻڌائيندو رهيو هو. مغل پنهنجي ڪامرانيءَ جي نشي ۾ چُور، فقط همدرديءَ طور هن کي ٻه ــ چار اکر همت افزائي لاءِ چوندا رهندا هئا. دادن کي خار ته ڏاڍا ايندا هئا، پر وقت جو خيال ڪري، هو تيئن وڌيڪ سندن خوشامدون ڪندو هو. درٻارين کي نت نوان تحفا، ۽ نيون نيون سوکڙيون پيش ڪندو هو. آخوند نور محمد جا شاگرد هن لاءِ ڪٿان ڪٿان جا عجائب آڻي گڏ ڪندا هئا. هن کي الائي ڇو اڪبر ۾ اميد هئي ته هو سنڌ لاءِ ضرور ڪجھه ڪندو. اڪبري درٻار تائين پهچڻ لاءِ هن طرح طرح جا نسخا آزمايا هئا. سوکڙين پاکڙين کان وٺي سنڌ جي عملداريءَ جون لالچون آڇڻ جي باوجود هو اڪبري تخت تائين نه پهچي سگھيو. ان راھه ۾ هن کي جيڪي تجربا ڏسڻا ۽ سهڻا پيا، تن کي ياد ڪري اڄ به هن جا وار ڪانڊارجي ٿي ويا. خاص طرح هڪ واقعو اهڙو هو، جنهن هن جي زندگيءَ کي هڪ نئين موڙ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان جي ياد ائيندي ئي، هن جي دل الائي ڇو زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. وري آگري وڃڻ جو ٻڌي، هن جو ذهن سڀڪجھه وساري ويٺو، ۽ بي خيالو ٿي، هن آخوند نور محمد کان موڪل ورتي. رستي تي هن کي وري اهو واقعو سربستو ياد اچڻ لڳو.
    هو نئون نئون آگري ويو هو، ۽ هڪ سنڌي سوداگر جي ويس ۾، هن اڪبري درٻار تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن ڪيترائي کيس اَجرڪون، لونگيون ۽ پٽ پٽيهر اُن راھه ۾ نثار ڪري ڇڏيا، پر ڪٿان به ڪو اميد جو ترورو نظر نه آيس؛ ۽ هو دل شڪستو ٿي واپس ملتان وڃڻ جو سوچڻ لڳو. آگري جي آخري سير ڪرڻ ۽ گھوڙن جي بندوبست ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي سراءِ کان ٻاهر نڪتو. آگري جي نين عمارتن ۽ محلاتن کي اچرج مان ڏسندو، پنهنجي ئي خيالن ۾، هڪ چمن ۾ گھڙي آيو هو. ڪا گھڙي ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ، سنگمرمر جي هڪ ڦوهاري جي دڪيءَ تي ويهي رهيو. پنهنجي سفر ۽ هن مهم جي ناڪاميءَ تي سوچيندي، پنهنجي خيالن جي وهڪري کي ڄڻ ڇهي ڏسڻ لاءِ ڦوهاري جي پاڻيءَ ۾ هٿ سان لهرون پيدا ڪرڻ لڳو. اوچتو هن پنهنجي پٺيان، تڪڙن تڪڙن قدمن جو آواز ٻڌو، پريان ڪنهن جي ڊوڙڻ جو آواز به هن جي ڪن تي پيو. ڦوهاري جي پٺيان سروَ جي وڻن جي هڪ گھاٽي قطار پويان، ڪنهن جي تڪڙي تڪڙي ساھه کڻڻ جو آواز اچڻ لڳو، ۽ پوءِ ڊوڙي ايندڙ قدم به اتي اچي روڪجي ويا.
    ”هاڻ ٻڌاءِ، تون ڪٿي لڪندينءَ؟“ ڪنهن مرد کلندي فارسيءَ ۾ چيو.
    ”هيبت خان، توکي رب جو واسطو آهي، منهنجي پچر ڇڏ!“ ڪنهن زناني آواز ليلائيندي چيو.
    ”اڄ مس مس ته اڪيلو ملڻ جو موقعو مليو آهي، سو ڪيئن وڃڻ ڏبو. بس، هڪ چمي عنايت ڪر، آءٌ ڪتي وانگر پڇ لوڏيندو هليو ويندس،“ مرداني آواز کلندي چيو.
    ”خدا جي واسطي، شرم ڪر! ڪا ڪنيز، يا ڪو خواجه سرا اچي ويو ته اسان ٻنهي جي سِسين جو خير ڪونهي!“ زال ليلائيندي چيو.
    ”مون سڀ بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. هت هن وقت ڪوبه ماڻهو ڪونه ايندو. ڏس زيبا، آءٌ تنهنجي محبت ۾ ڪباب وانگر پيو پچان، ۽ توکي خيال ئي ڪونهي؛ ۽ تنهن کان سواءِ هن نوروز تي اسان جي مڱڻي جو به اعلان ٿي ويندو!“ مردانو آواز اڳيان وڌندو رهيو. ان جي وڌڻ تي سروَ جي هڪ وڻ ۾ سرڙاٽ ٿيو، ۽ زناني آواز ۾ هلڪي ڪِيڪ ان سروَ ۾ اٽڪي پيئي.
    ”ته پوءِ ايترو بي صبر ڇو ٿيو آهين. حضور خان دوران کان اڳواٽ ئي ڇو نٿو سڱ گھرين؟“
    ”لاهور واري واقعي کان پوءِ آءٌ خان دوران ۽ خود شهنشاھه جي نظرن ۾ اچي ويو آهيان. سو جي هن وقت سڱ گھريم ته جواب ملندم. پر حضور بادشاھ بيگم واعدو ڪيو آهي ته هن نوروز تي شهنشاھه کي راضي ڪري، مڱڻو ڪرائي ڇڏيندي . . . . . “
    ” ته پوءِ نوروز تائين ترس . . . . . آءٌ ڀڄي، ڪانه ٿي وڃان. هاڻ وڃ، ڌڻيءَ جي واسطي وڃ: جيڪڏهن ڪنهن ڏسي ورتو منهنجي به جان ويندي ته تنهنجي به. . . . .“
    ”ٻڌ زيبا، هاڻ مون کان انتظار نٿو ٿئي. مون سمورو انتظام ڪري ڇڏيو آهي. ٻاهر منهنجا خادم ٻه گھوڙا جھليو بيٺا آهن. تون مون سان گڏجي هل ته هميشه لاءِ خان دوران ۽ شهنشاھه کان محفوظ، ڪنهن اهڙي پرڳڻي ۾ هليا هلون جتي شهنشاھه يا خان دوران جي ماڻهن جو پاڇولو به ڪونه پهچي سگھندو. اچ، جانِ من. . . . . . “
    ”هيبت خان، ڏس، منهنجي ويجھو ايندين ته آءٌ وٺي رڙيون ڪنديس! ڏس . . . . . . پري ٿي . . . . . . ائي الا . . . . . !“
    هن جي ڪيڪ ٻڌي، مرداني آواز ٽهڪ ڏيئي چيو: ”جيتريون ڪيڪون ڪرڻيون هجنئي، سي ڪر . . . . . محل ۾ هن وقت ڪير ئي ڪونهي؛ جي آهن به ته منهنجا ماڻهو! اچ ته . . . . “
    زناني ڪِيڪ وري سروَ جا وڻ ٽپي، دادن جي ڪنن ۾ پهتي. هاڻ هن کان به رهيو نه ٿيو. هو سمجھي ويو ته غلطيءَ کان ڪنهن محل جي چمن ۾ گھڙي آيو هو، ۽ پاڻ کي ظاهر ڪرڻ موت کي سڏڻ هو. پر هن عورت جي ڪيڪن هن کي پاڻ ظاهر ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو. هو ٽپ ڏيئي اُٿيو، ۽ سَرو جي وڻن وچان لنگھي، اُتي پهتو جتان اُهي آواز اچي رهيا هئا. هڪ ڄامڙو مغل، هڪ نهايت حسين نازنين جي ٻانهن پويان ورائي، کيس چمي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. دادن کي ڏسي، هن کان ڇرڪ نڪري ويو، ۽ هن ڇوڪريءَ کي ڇڏيندي، ترار ڇڪي ڪڍي.
    ”تون ڪير آهين، مردود؟ ڀانيان ٿو ته توکي کُٽيءَ هتي آندو آهي . . . .. “ هيبت خان غضبناڪ آواز ۾ رڙ ڪري چيو.
    ”مسافر آهيان. رڙيون ٻڌيم ته هليو آيس.“ دادن مختصر جواب ڏنو.
    ”هتان هڪدم هليو وڃ، نه ته . . . . . “
    ”آءٌ پاڻيهي هليو ويندس؛ پهرين تون هن کي وڃڻ ڏي ته آءٌ به هليو ويندس.“ دادن فارسي اهڙيءَ طرح ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ مادري زبان هُيس.
    ”هاڻ سمجھيم زيبا، ته تون ڇو مون کان لهرائيندي آهين! تو پنهنجي لاءِ اڳي ئي چگھه چونڊي رکيو آهي، ۽ سو به هڪ ڌاريون . . . . “ ڪاوڙ کان هيبت خان سڄو ڏڪڻ لڳو هو. هن ترار اُڀي ڪندي چيو: ”آءٌ تنهنجي هن يار کي هميشه لاءِ دوزخ جو منهن نه ڏيکاريان ته منهنجو نالو هيبت خان نه آهي!“ ائين چئي هن دادن تي وار ڪيو.
    دادن ڦڙتيءَ سان هڪ پاسي هٽي ويو. هيبت خان لڳاتار هن تي وار ڪندو ويو، دادن هر وار خبرداري سان بچائيندو پوئتي هٽندو ويو. سَرو جي وڻن مان ٿيندو، هو ڦوهاري تائين هٽي آيو. هيبت خان پنهنجا وار خالي ويندا ڏسي، ڄڻ ڇتو ٿي پيو، ۽ اڳي کان اڳرو ٽپ ڏيئي وار ڪرڻ لڳو. ڇوڪري ڊپ کان پيلي ٿي ويئي، ۽ دل ئي دل ۾ ڪنبندي، مسافر جي جان وڃڻ جو منظر ڏسندي رهي. هيبت خان خود اڪبر جي شهزور دوستن مان هو. ٻيئي گڏجي نپنا هئا. هن جي نيزي بازيءَ ۽ تلوار جي وار جي هاڪ سموري ملڪ ۾ ڦهليل هئي. هوءَ اهوئي سوچيندي رهي ته هن جي ڪري، هڪ غريب مسافر جي جان قربان ٿي رهي هئي.
    دادن پاڻ بچائيندي، ڦوهاري جي دڪي جي اَڏڪ وٺي بيهي رهيو. هيبت خان هن کي دڪي ۾ ڦاٿل ڏسي هڪ ڀرپور وار ڪيو. دادن وري ڦڙتيءَ سان هٽي ويو. هيبت خان جي ترار ڪڙڪاٽ ڪندي، سنگمرمر جي دڪيءَ ۾ وڃي کتي، ۽ دڪيءَ جا ڇوڏا چورو بنجي آسپاس اڏامڻ لڳا. ان مهل دادن پنهنجي ٽنگ اڳتي وڌائي، ۽ هبيت خان جي پير کي هلڪي اڙي هنئي. هيبت خان جون ٻيئي ٽنگون مٿي کڄي ويون، ۽ هو دڪي تان اُٿلي وڃي ڦوهاري جي پاڻيءَ ۾ ٻوٿ ڀر ڪريو. ترار سندس هٿ مان ڇڏائجي ويئي. دادن جھٽ ڏيئي ترار کڻي ورتي.
    هيبت خان پاڻيءَ ۾ ڪرڻ سان گھٻرائجي ويو، ۽ هاڻ مسافر جي هٿ ۾ ترار ڏسي هيڪاري اوسان خطا ٿي ويس، ۽ هو تڪڙو تڪڙو اٿي، ٽمندڙ ڪپڙن سان، حوض جي ٻئي پاسي کان نڪري وٺي ڀڳو. هن کي ائين ڀڄندو ڏسي، ڇوڪريءَ کي به کل اچي ويئي، ۽ هوءَ وڌي دادن ڏانهن آئي.
    دادن ڪنڌ هيٺ ڪري ترار کي غور سان ڏسندو رهيو. سون چانديءَ سان مڙهيل مٺئي سان خوبصورت ترار هن جي هٿن ۾ عجيب ڏڪڻي وجھي ڇڏي. ڪاش، سنڌين وٽ ههڙيون تراريون هجن، ته ترخان ڪڏهوڪا ٽنگون ڪلهي تي رکي قنڌار وڃي ساھه پٽين ها. ڇوڪريءَ جو پاڇو پنهنجي پيرن تي پوندو ڏسي، هو ڄڻ ڪنهن خواب مان جاڳي پيو. هن ترار ٻنهي هٿن سان هن کي پيش ڪندي چيو: ”اجازت هجي ته هيءَ خوبصورت ترار آءٌ اوهان کي پيش ڪريان. منهنجي هيءَ ڪنهن ڪم جي ڪانهي!“
    نازنين غور سان هن کي ڏسندي رهي. هن جي اکين ۾ ته ڪي اٿاھه گھرايون هيون، ۽ هن مرد جي منهن تي ڪنهن عجيب دک جي ڇايا هئي، جنهن هن جي منهن کي هڪ نئون حسن، نئين مردانگي بخشي ڇڏي هئي. زيبا ڪئين حسين ۽ ڳڀرو مغل ڏٺا هئا، پر جيڪا ڀلائي هن جي منهن ۾ هئي سا هن ڪڏهن نه ڏٺي هئي. الائي ڇو هن جي دل چاهيو ته پنهنجي خوبصورت سان هٿن سان ان منهن تي ڳراٽڙي پائي، ان دک جي ڇايا هٽائي ڇڏي. پر اهي خيال پاڻ تائين رکندي هن چيو: ” تراريون مڙسن کي سونهن! ۽ هيءَ ترار ته هيڪاري توکي وڌيڪ سونهندي، مسافر! “
    ”ترار پاڻ وٽ رکي، سڄي مغل لشڪر کي پاڻ تي بر ڪرڻ ڪونه ٿو چاهيان. آءٌ سيلاني ماڻهو آهيان، مون کي ترار سان ڪهڙو ڪم. چڱو، آئون هلان ٿو،“ هن وڃڻ لاءِ وک کڻندي چيو.
    ڇوڪريءَ هن کي ويندي ڏسي، کڻي ٻانهن کان جھليس. ”مسافر، تو مون تي ايڏو احسان ڪيو آهي؛ ٻڌاءِ ته آءٌ توکي اُن جو ڪهڙو انعام ڏيان. . . “
    دادن هن ڏانهن نهاريو. مغل حُسن ۾ هندي آميزش جو هيءُ شاهڪار پاڻ ئي هڪ وڏو انعام هو. ڪنڍيون اکيون، گلاب جي پنکڙين جھڙا سنها چپ ۽ هيءَ اٿلون کائيندڙ ڇاتي! پر عورت جو تصور به هن جي خيالن کان ڪوهين ڏور هو. هن کلي چيو: ”احسان انعام لاءِ ڪيو وڃي ته اهو احسان ڪيئن ٿيو؟ تنهن کان سواءِ مون اوهان تي ڪوبه احسان نه ڪيو آهي. پاڻ آءٌ ڏوهاري آهيان جو هڪ عام باغ سمجھي آءٌ اوهانجي محل جي چمن ۾ گھڙي پيو آهيان!“
    ”نه نه، تنهنجو ڪهڙو ڏوھه؟ دروازي تي پهريدار به ته ڪونه هو، اڄ شهزادي جي سالگرھه جي جشن ۾ سڀ ڪنيزون ۽ پهريدار به ويا آهن . . . مون کي اتي هيبت خان سان ملڻ جو ڊپ هو، ان ڪري نه ويس، مون کي اتي نه ڏسي ، هت هليو آيو.“
    دادن ڪجھه سوچيندي چيو: ”جيڪڏهن پڇڻ برو نه لڳي ته ڀلائي ڪري اهو ٻڌايو ته اوهين ڪير آهيو، ۽ هي محل ڪنهن جو آهي؟“
    ”آءُ زيبا خانم آهيان. حضور خان دوران نواب مجاهد خان جي دين جي ڌيءُ، هي محل حضور جن مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي بخشي ڇڏيو آهي . . .. “
    دادن ڪجھه سوچ ۾ پئجي ويو. خان دوران مجاهد خان جي ڌيءُ ـــ اهو مجاهد خان، جو اڪبر جي ساڄي ٻانهن چيو وڃي ٿو.، جنهن جي ڳالھه ٽارڻ خود شهنشاھگ کي ڏکي لڳندي آهي.
    ”اجنبي، تون ڇا پيو سوچين؟“ زيبا جي آوز ۾ ميٺاج اوتجي آيو.
    ”توهان مون کي انعام جي آڇ ڪئي آهي: مون کي ڪنهن اِنعام اڪرام جي خواهش ڪانهي، پر توهين مون تي به هڪ احسان ڪري سگھو ٿيون!“
    زيبا خوشيءَ کان ٽڙي پئي، ۽ هن دل ئي دل ۾ چيو: ”اجنبي، الائي ڇو، تون مون کي ڏاڍو وڻي ويو آهين. تون جيڪڏهن چاهين ته منهنجي جان به حاضر آهي؟“ پر هن ڏاڍيان چيو: ”جيڪي چوندين، سو ٿيندو . . . . “
    ”حضور خان دوران سان هڪ ملاقات!“
    ”بس؟“ هن حيرت مان چيو، ۽ پوءِ ڪجھه سوچيندي چيائين: ”پر ڇا جي لاءِ؟“
    ”ائين ئي . . . . . مون ٻڌو آهي هن جي سيني اندر هڪ انسان جي دل ٿي ڌڙڪي، جنهن ۾ انسان لاءِ پيار ۽ ظالمن لاءِ نفرت جا خزانا آهن. اهڙي انسان سان ملڻ خوش نصيبي آهي!“ هن پنهنجي اصل مقصد کي زال ذات کان لڪائڻ ئي مصلحت سمجھي.
    ”پر تون آهين ڪير . . . . . ؟ ڪپڙن ۽ پٽڪي مان ته تون ڪنهن دور ديس جو ماڻهو ٿو لڳين. مسافر، مون تي ڀروسو ڪر ته آءٌ به توتي ڀروسو ڪرڻ لڳان!“ هن دادن جي اکين ۾ نهاريندي چيو. انهن اکين ۾ هاڻ ڪئين ڳالهيون پاسا ورائي رهيون هيون.
    ”مون تي ڀروسو ڪرڻ مان مطلب . . . . ؟“ هن پڇيو.
    ”حضور خان دوران جا ڪيترائي دشمن آهن . . . . “ ۽ پوءِ هن آهستي چيو:
    ”شاهي درٻارن ۾ حسد کان ڪو به ماڻهو بچيل نه آهي. آءٌ نٿي چاهيان ته بنان پڇا ڳاڇا جي، ۽ اڳواٽ معلومات جي آءٌ حضور جن سان ڳالھ چوريان. تون مون کي پنهنجي متعلق ٻڌاءِ.“ زيبا هن کي لڳاتار جاچيندي، دل من هڻندي چيو.
    دادن به ڪنهن اونهي خيال ۾ سمائجي ويو. خيال جي سونهن هن جي لفظن ۾ اوتجي آئي: ”آءٌ ان ديس کان آيو آهيان، جتي هڪ سونو درياءُ ٿو وهي، جنهن جا کيت سون اُپائين ٿا، جتي جا ماڻهو پاڻ ۾ پيار ۽ قرب ونڊڻ کان سواءِ، جانورن ــــ ڍڳين، مينهن، گھوڙن ۽ اُٺن کي ڀانئين ٿا، ڇاڪاڻ ته پيار ۽ محبت کان سواءِ هنن کي ٻئي ڪنهن جذبي جي خبر ئي ڪانهي. اهي محبتي، سٻاجھا ماڻهو هينئر قنڌار کان آيل ترخانن ۽ ارغونن جي غلاميءَ ۾، محبت کان وانجھا ٿيندا وڃن، نفرت سکندا وڃن، هنن ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته انسان ٻئي انسان تي ظلم به ڪري سگھي ٿو. پر ارغونن ۽ ترخانن هنن اڳيان ڪجھه اهڙا مثال قائم ڪيا آهن، جيڪي آئيندي هلي شايد هنن کي به آزمائڻا پون. آءٌ چاهيان ٿو ته ان کان اڳ آءٌ مغل سلطنت جي ضمير کي جھنجھوڙي جاڳايان، ۽ کين ان تي آماده ڪريان ته هو منهنجي ديس جي ماڻهن کي، غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي ڦٽو ڪرڻ ۾ مدد ڪن . . . . . “
    هو جذبات جي انهيءَ ڌارا ۾ ائين وهڻ لڳو، ڄڻ هن جي اڳيان هڪ زائفان بدران سموري انسانذات موجود هئي، جنهن کان هو سنڌ لاءِ مدد گھرڻ آيو هو. سنڌ جو نالو، سنڌ جا کيت ۽ سنڌ جا وڻ ٽڻ ياد ڪري، هن جي اکين ۾ نئين جوت جاڳي اٿي هئي، ۽ ان جوت مان اڻ لکا لڙڪ ليئا پائڻ تي هئا.
    زيبا هن رُخ لاءِ بلڪل تيار نه هئي. اجنبيءَ جو آواز هن تي ڪامڻ ڪندو هن کي پنڊپهڻ بڻائيندو ويو، ۽ هوءَ اها دعا گھرندي رهي ته خدا ڪري هو پنهنجي ڪهاڻي ائين بيان ڪندو رهي، ۽ هوءَ هن کي ائين ڏسندي ٻڌندي رهي، ۽ ائين رات پئجي وڃي؛ ۽ پوءِ هوءَ هن ٿڪل دکي مسافر کي سجايل سيج تي ويهاري، پاڻ سندس پيرانديءَ کان ويهي، کيس پنهنجي ڪنهن درد جون حڪايتون ٻڌائڻ لڳي؛ هوءَ حڪايتون ٻڌائيندي رهي، ۽ هو اهي حڪايتون ٻڌندو رهي ــــــــ ۽ ائين سموري زندگي گذري وڃي. پر درد جي حڪايت بند ٿي ويئي، ۽ هن ڏٺو ته اجنبيءَ جي اکين ۾ دک جا پاڇولا وڌيڪ گھرا ٿي ويا هئا.
    ”ڪٿي آهي محبتي ماڻهن جو اهو ديس؟“ هن مرڪندي پڇيو.
    ”دور، آسمانن جي هن پار . . . . . . . ۽ ان جو نالو آهي سنڌ!“ دادن به مُرڪ جو جواب مرڪ سان ڏنو.
    ”۽ ان ديس جا ماڻهو، تون چئين ٿو ته محبت کان سواءِ ٻيو ڪجھه نه ڄاڻن؟ مون اتان جو هڪڙو ئي ماڻهو ڏٺو آهي، ان کي الائي محبت جي ڄاڻ آهي . . . . “ هن جي چپن تي هڪ شوخ ۽ چنچل مرڪ ڦهلجي ويئي.
    ”ظلم خلاف وڙهندي، هن کان به سڀڪجھه وسري ويو آهي . . . . .“ دادن جواب ڏنو.
    زيبا هن اجنبيءَ جي منهن تي ڏک جا پاڇولا وري ڏسڻ نٿي گھريا، ان ڪري هن شوخي ڇڏي چيو: ”آءٌ اڄ رات ئي حضور سان ڳالھه ڇيڙينديس. تون سڀاڻي صبح جو مون کي وري هت ملج . . . . . چوبدار توکي ڪونه روڪيندا.“
    دادن هن ڏانهن نهاريو. زيبا جي اکين ۾ هڪ نئين گھرائي اچي ويئي هئي، ۽ دادن کي اهي اکيون ڏاڍيون پياريون لڳيون. هن جي دل ۾ اها آرزو جاڳڻ لڳي ته هو انهن اکين کي هٿ لائي، ڇُهي ڏسي، انهن گھراين کي محسوس ڪري سگھي.
    اوچتو پريان ٽن ــ چئن ماڻهن جي ڊوڙڻ جو آواز ٻڌي، ٻنهي ڪنڌ ورائي نهاريو. هيبت خان پنهنجن ٽن ماڻهن سان هنن ڏانهن وڌندو ٿي آيو. زيبا خانم گھٻرائجي ويئي، ۽ هن تڪڙ مان دادن جي ٻانهن ۾ هٿ وجھندي چيو: ”آءٌ هنن کي روڪڻ جي ڪوشش ٿي ڪريان. تون ڪنهن طرح کسڪي وڃڻ جي ڪوشش ڪر!“ هوءَ سڄي ٿڙڪي رهي هئي، ۽ هن جو آواز ڳرو ٿي ويو هو.
    الائي ڇو دادن هن کي ڪلهن ۾ ٻانهن وجھندي چيو: ”خانم، منهنجي ڳڻتي نه ڪر. تون منهنجي اڳيان هجين ته مون کي هيبت خان جي سموري لشڪر جي به پرواھه ڪانهي.“
    ”پر تون وڙهي ڪيئن سگھندين؟ هي اول درجي جا ظالم آهن!“ هن اڃا جملو مس پورو ڪيو ته هيبت خان جي رڙ ڪن تي پيس: ”گرفتار ڪريو هن ڪميڻي کي!“
    هيبت خان پاڻ ٿورو پرڀرو بيهي رهيو، ۽ هن جا همراھه تراريون ڪڍي، هن ڏانهن وڌيا. دادن ڄڻ ٽوڪ ڪندي چيو: ”هيبت خان، مڙس مڙس جو مٽ آهي. تون مقابلو ڪرين ها ته ڪا ڳالھه به هئي. هي ڀاڙي جا خچر ڇو وٺي آيو آهين؟“
    زيبا کي ٿورو پوئتي هٽائي دادن اڳيان وڌي آيو، ۽ ٻنهي هٿن سان ترار هن جي همراهن کي اهڙي طرح آڇي، ڄڻ هو گرفتاريءَ لاءِ پاڻ کي پيش ڪري رهيو هو. زيبا حيرت ۽ ڊپ کان هن کي ڏسندي رهي. ٽيئي مغل، هن کي پيش پوندو ڏسي، هيبت خان ڏانهن ڏسڻ لڳا. هيبت خان وري به واڪو ڪري چيو: ”هن کي چوکنڀو ٻڌي، پاڻ سان وٺي هلو. هن کي سزا اسين پاڻ ڏينداسون!“
    ٽنهي مغلن تراريون مياڻين ۾ وجھي ڇڏيون، ۽ هن کي ٻانهن کان وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيا. هڪڙي هڪڙيءَ ٻانهن ڏانهن هٿ وڌايو، ٻئي ٻيءَ ٻانهن ڏانهن. عين ان گھڙيءَ هن ترار مان هٿ ڪڍي ڇڏيا، ۽ هٿ اُڀا ڪري، مغلن ڏانهن وڌايا. ٻنهي مغلن جون ڳچيون هن جي هٿن ۾ اچي ويون، ۽ هن ڪلهن کي جھٽڪو ڏيئي، ٻنهي هٿن کي هڪٻئي جي ويجھو آڻي ڇڏيو. ٻنهي مغلن جا مٿا ايترو زور سان ٽڪرايا، جو ٻنهي جي اکين ۾ ڌنڌ ڇانئجي ويو. ٻنهي جي يڪي دانهن باغ جي وڻن ۾ پڙاڏا وجھي ڇڏيا. مغل بي سُڌ ٿي، اتي ئي ڪِري پيا. ٽيون مغل سمجھي نه سگھيو ته اِهو ڇا ٿيو. هو ڪجھه سوچي تنهن کان اڳ دادن ٻيئي هٿ کڻي ڪمربند ۾ وڌس، ۽ ڪنهن ٻڪريءَ جي ڦر وانگر کڻي مٿي کنيائين. مغل هن جي مٿان ڇڙيون هڻڻ لڳو. دادن هن کي هٿن ۾ ئي لاٽونءَ وارو ڦيرو ڏيئي، کڻي هيبت خان ڏانهن اُڇلايو. هيبت خان گھڻو ئي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مغل مٿس ڇپ وانگر اچي ڪِريو. هيبت خان به ٿاٻڙجي پٺن ڀر وڃي ڦهڪو ڪيو. مغل به ڳرو مڙس هو، تنهن جي زور سان مٿان اچي ڪِرڻ سان، هيبت خان جي ڪياڙيءَ ۾ ايڏو زوردار ڌڪ لڳو جو هن جي اکين ۾ ڳاڙها پيلا ترورا ڇانئجي ويا. دادن نئڙي ترار کڻي ورتي، ۽ آهستگيءَ سان وڌي، هنن تائين آيو. ترار جي چهنب هيبت خان جي نڙيءَ تي رکندي چيو: ”هيبت خان، مون کي ڪنهن انسان جي خون وهائڻ کان سخت چِڙ آهي. پر جي وري تو ڪا ٻاراڻي حرڪت ڪئي آهي، ته هيءَ ترار تنهنجي نڙگھٽ جي پار هوندي . . . . . اٿو، نڪرو هتان، آءٌ وري اوهان جي بڇڙي شڪل هت نه ڏسان!“ دادن ائين ڳالهائي رهيو هو ڄڻ اڃا تائين هن کي ڪاوڙ نه آئي هئي.
    زيبا اچرج مان اهو سڀڪجھه ڏسندي رهي. هن کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه پئي آيو. جنهن نموني هن مغل کي مٿي کنيو هو، ان مان ائين ٿي ڀانيو، ڄڻ هن لاءِ اها ته ڪا ٻاراڻي ڳالھه هئي. هن مغل درٻار جي اڪثر پهلوانن ۽ ويڙهاڪ جوڌن جوانن کي ڏٺو هو، پر ايتري اطمينان سان وڙهندو هن ڪنهن کي به ڪونه ڏٺو هو. جڏهن دادن وٽس موٽي آيو، تڏهن هن جي اکين ۾ هن لاءِ هڪ نئون پيار ڀرجي آيو. هن جي دل چاهيو ته هوءَ انهن مضبوط ٻانهن ۾ سمائجي وڃي، پر حيا هن کي روڪي وڌو؛ خبر نه آهي ته اجنبي ڇا سمجھي!
    ”جيڪڏهن تنهنجي ديس جا سڀ ماڻهو تو جھڙا آهن ته پوءِ مغل شهنشاهت به ان کي غلام نٿي بنائي سگھي، اي عجيب مسافر!“ هن چوڻ چاهيو، پر چئي نه سگھي؛ ۽ هن جي اکين ۾ ڪجھه ڳوليندي رهي. دادن ڪنهن عورت جي اکين ۾ نهارڻ سکيو ئي ڪونه هو. الائي ڇو هن کي پنهنجو وجود هلڪو ٿي، تحليل ٿيندو محسوس ٿيو. هن کلي چيو: ”خدا جي واسطي، پنهنجي انهن اکين کي جھل، نه ته آءٌ بي سڌ ٿي ڪِري پوندس!“
    زيبا به کلي ڏنو. هيبت خان کي جيئدان مليو ته تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو. زيبا هن سان گڏجي دروازي تائين آئي، ۽ چيائين: ”اجنبي، آءٌ صبح جو ناشتي تي تنهنجو انتظار ڪنديس. منهنجي ڪنيز توکي پاڻهي وٺي ايندي. صبح جو آءٌ توکي حضور خان دوران سان ملاقات جو پڻ ٻڌائيندس. . “
    ”جو حڪم . . . . .“ دادن چيو.
    ”پنهنجو خيال رکجان . . . . . هيبت خان ڏاڍو ڏنگو ماڻهو آهي،“ زيبا ويندي ويندي ڄڻ کيس ياد ڏياريندي چيو.
    دادن ڪافي اڳتي نڪري اچڻ کان پوءِ، وري پوئتي نهاريو.
    هوءَ اڃا تائين دروازي تي بيٺي هئي. هن کي نهاريندو ڏسي زيبا جو هٿ مٿي کڄي ويو. الائي ڇو، دادن کي پنهنجو هٿ به مٿي کڄندو محسوس ٿيو، ۽ جواب ۾ هٿ لوڏيندي، هن وري پنهنجي واٽ ورتي. هو الائي ڪيترو وقت بي مقصد ۽ اجايو هيڏانهن هوڏانهن گھمندو رلندو رهيو. هن کي پنهنجي من ۾ هڪ عجيب بي آرامي محسوس ٿي رهي هئي. هن کي ڪڏهن به اهڙو احساس پيدا نه ٿيو هو، ۽ هو سوچڻ لڳو ته ڇا قصن ڪهاڻين وانگر آءٌ به نازنين کي پنهنجي دل ڏيئي ويٺو آهيان؟ پر هن لاءِ ته پيار ۽ پريت جو سوال ئي ڪونه ٿي پيدا ٿيو. هن جي محبت ته فقط هڪڙي هئي: سنڌ . . . . . سنڌ! هن کي ٻئي ڪنهن هستيءَ سان محبت ڪرڻ لاءِ نه فرصت هئي، نه دل! جيسين سنڌ آزاد نه ٿي هئي، تيسين هن جو تن من، دل دماغ ٻئي ڪنهن پاسي لڙڻ لاءِ تيار ئي نه هئا!
    سراءِ ۾ پهچي هن ماني گھرائي کاڌي. سراءِ جو مالڪ هن کي اڃا اتي ئي ڏسي حيران ٿي ويو. هو صبح لاڪون غائب هو ۽ هن چيو هو ته هو اڄ ئي سنڌ موٽي ويندو. ماني کائي، هو پنهنجي ڪوٺڙيءَ ڏانهن موٽي آيو. الائي ڇو هن کي ڪو خيال آيو، ۽ هن بستريءَ تي وهاڻو رکي، مٿان اجرڪ وجھي ڇڏي. پاڻ ڏيو وسائي، سڄو کيس ۾ ويڙهجي، هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. هن جي دل ۾ رکي رکي زيبا، پنهنجي سمورين رعناين سان لهي ٿي آئي، ۽ هن ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ڪا پراڻي وسريل ڳالھه هن کي ياد اچڻ لڳي هئي. اهو احساس ايترو نئون ۽ دل لڀائيندڙ هو، جو هن ان کي وسارڻ به نٿي گھريو. هن اکيون بند ڪري، پنهنجي سموري جسم ۾ ان احساس کي ڊوڙائڻ ٿي گھريو.
    ڳچ وقت ائين زيبا جي خيالن سان دل وندرائيندي، هن در پٺيان آهٽ ٻڌي، هو اٿي بيهي رهيو. ايترو وقت اوندھه ۾ ويهڻ ڪري هن جون اکيون اوندھ جون عادي ٿي ويون هيون. هن ڏٺو ته هڪ شخص هوريان هوريان، پير پير ۾ پائي وڌندو آيو. اوچتو ان شخص پنهنجو هٿ مٿي کنيو. هڪ سنهي آبدار خنجر جو ڦر اوندھه ۾ گھڙي لاءِ چمڪيو، ۽ هنڌ تي رکيل وهاڻي ۾ کُپي ويو. عين ان گھڙيءَ، پٻن تي هلندي، دادن هڪڙي هٿ سان کڻي ڳچيءَ کان جھليو، ۽ ٻيو هٿ کڻي سندس وات تي ڏنائين. ان اوچتي حملي تي هن ماڻهوءَ جا اوسان خطا ٿي ويا. خنجر کي اتي ئي ڇڏي، هن پنهنجو وات ڇڏائڻ لاءِ ٻيئي هٿ دادن جي ٻانهن ۾ وجھي زور لائڻ شروع ڪيا، پر جئن پوءِ تئن، دادن جو ڳچيءَ وارو هٿ وڌيڪ ڀيڙجندو ويو، ۽ هن ماڻهوءَ جي بچاءُ جون ڪوششون هري هري ٿي ڍريون ٿينديون ويون. جڏهن دادن سندس جسم پنهنجن هٿن ۾ لڙڪندو محسوس ڪيو، تڏهن هن کي پنهنجي بستري تي ليٽائي ڇڏيائين. بستري هيٺان رسو ڪڍي، کيس چوکنڀو ٻڌي، سندس وات تي ڪپڙو ٻڌي هن کي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ڇڏي ڏنائين؛ ۽ پاڻ هنڌ ٺاهي بالم ٿي سمهي رهيو.
    پرھه جو سوير ئي هن جي اک کلي. هن پنهنجي ڪوٺڙي تي نظر وجھندي، پنهنجي قيديءَ کي ڏٺو. قيدي جاڳي رهيو هو، ۽ حيرت ۽ ڊپ مان هن طرف ڏسڻ لڳو. هن کي ڄڻ اها پڪ هئي، ته اٿڻ شرط دادن کيس هميشه لاءِ پورو ڪري ڇڏيندو. دادن اوٻاسيون ڏيندي اُٿيو، ۽ خنجر کڻي پنهنجي قيديءَ ڏانهن وڌيو. قيديءَ جي بدن ۾ ٿڙڪڻي اچي ويئي، ۽ بنديل وات مان گھگھي آواز سان هن کي خدا ۽ رسول جا واسطا وجھڻ لڳو. دادن مرڪندو، هن جي ويجھو پهتو، ۽ نوڙي ڪپيندي، کيس آزاد ڪندي چيائين: ”مون اڃا ڪنهن مغل جي جان وٺڻ تي ڪونه سوچيو آهي. ان ڪري توکي جيئدان ٿو ڏيان. هيبت خان کي منهنجا سلام ڏج. پر وري جي مون توکي ڪڏهن پنهنجي سامهون ڏٺو ته ڪونه بخشيندوسانءِ! هاڻ ٽر هتان، متان منهنجو ارادو نه بدلجي وڃي!“
    قيدي حيرت مان هن کي گھوريندو رهيو، ۽ ڪا گھڙي پنهنجي جاءِ تان چريو به ڪونه. دادن کلي چيو: ”توکي پنهنجي بچڻ جي اڃا پڪ ڪانهي. پر ميان ٽر منهنجي منهن تان: ڇا ياد ڪندين ته ڪنهن سنڌي سوڍي سان ڪم پيو هو!“
    قيدي اچرج مان هن ڏانهن ڏسندو، پوئتي هٽندو، لُوھ پائي دروازي مان نڪري ويو.
    سج چڙهيو ته دادن به تيار ٿي، سراءِ جي مالڪ کان گھوڙو هٿ ڪري، زيبا جي محلات ڏانهن روانو ٿيو. محل جي دروازي تي هڪ پهريدار اچي سندس گھوڙي جي واڳ جھلي. گھوڙي تان لهي، هو ٻئي پهريدار سان گڏ اندر داخل ٿيو. ڪجھه پنڌ اڳيان هلڻ کان پوءِ، پهريدار ادب سان کيس اڳتي هلڻ جو اِشارو ڪري، پاڻ اتي ئي بيهي رهيو. واٽ ويندي ٻنهي طرفن کان تازن کڙيل گلن جي خوشبوءَ تي سوچيندو، هو محل جي ڏيڍيءَ تائين پهتو. هڪ ٻانهي اُتي اڳي ئي موجود هئي، تنهن تقريبن سجدو ڪندي چيو: ”خانم، اوهان جي منتظر آهي!“
    ٻانهيءَ سان گڏجي هو محل اندر داخل ٿيو. محل جي رنگ روپ هن جي اکين کي کيرو ڪري ڇڏيو. ٿوري ٿوري پنڌ تي، اَڇي، ڳاڙهي ۽ قرمزي پٿر جا تخت، دِڪا ۽ چبوترا ٺهيل هئا، جن جي مٿان بيحد سهڻا سهڻا بُت ۽ مجسما ٺهيل هئا، هر بت ڪونه ڪو ساز وڄائي، گيت سنگيت جي دنيا ۾ مگن هو. انهن بتن کي ڏسندو، فن ۽ هنر جي هن سندر ميلاپ تي واه واه ڪندو، اندر داخل ٿيو. اندرئين حصي کي ڏسي، هن کي مغلن جي دولت جي افسانن تي يقين اچي ويو. جنهن ڪمري ۾ هن پير رکيو، ان جي چائنٺ کان ئي هڪ ٿُلهو قالين پٿريل هو، جنهن تي هلڻ سان هن جي جتي اندر هلي ٿي ويئي. ڇت ۾ ٽنگيل فانوسن ۾ ڳاڙها، ساوا، پيلا بلوري مڻيا موتي لڙڪي جھرمر جھرمر لايو بيٺا هئا. ڪمري جي پوري وچ تي هڪ گول ميز رکيل هئي، جنهن تي طرح طرح جا ميوا سجايل هئا. ناريلن کان وٺي انگورن تائين، ميون جي مختلف رنگن ڄڻ فانوسن جي مڻين کي به شھه ڏيئي ڇڏي هئي. اها ميز ئي ايڏي وڏي هئي جو ويھه ــــ پنجويھه ماڻهو بيهي کائي ٿي سگھيا، ان ميز جي پٺيان هڪ اوچي دڪي تي هڪ نهايت سهڻو غاليچو وڇايل هو، ۽ چئني طرف ريشمي جھالرن سان طول وهاڻا رکيل هئا. سامهون ديوار تي شينهن جي سِسي کُتل هئي، ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان سونن روپن ڳنن سان ترارون، ڪاترون، خنجر ۽ ڪرپان ٽنگيل هئا. دادن انهن کي ڏسڻ ۾ محو هو ته ٻانهيءَ کيس ويهڻ جو اشارو ڪندي چيو: ”اوهين ويهو ته آءٌ خانم کي ڄاڻ ڪري ٿي اچان.“ ائين چئي هوءَ ان ڪمري مان کُلندڙ هڪ ننڍي دروازي مان اندر هلي ويئي.
    دادن هڪ ڪنڊ کان ان دڪي تي ويهي رهيو. دڪو ڪنهن پٿر يا ڪاٺ بدران شايد سڄو ئي مخمل مان ٺهيل ٿي ڏٺو. مغلن جي هن شان، آرام ۽ عيش جي دنيا ۾ هو اهڙو گم ٿي ويو جو هن کي زيبا جي اچڻ جي به خبر نه پيئي. زيبا، هن کي ائين خيالن ۾ گم، ڪا گھڙي ڏسندي رهي. هن پرديسي مسافر جي کاڏي مٿي کڻي، سندس اکين ۾ نهاريندي، منجھن پنهنجي لاءِ ڪا جاءِ ڳولڻ لاءِ هن جي دل ماندي ٿيڻ لڳي. ڪيترو نه معصوم هو هي انسان! هن سوچيو. مغلن جي دنيا ۾ هن جو وجود ائين هو، ڄڻ هزار گناهن جي هجوم ۾ هڪ پاڪيزگي، هزار پاپن ۾ هڪ پُڃ! هن جي دل چاهيو ته هوءَ هن کي ائين خيالن ۾ محو، پنهنجي ئي من ۾ جھاتيون پائيندو ڏسندي رهي، ائين هن کي پنهنجي سامهون پنهنجي دکي دنيا کي بدلائڻ لاءِ آٺسٺا ٺاهيندي ڏسندي رهي، ائين ئي ڏينهن گذري وڃن، ائين ئي جڳن جا جڳ لنگھي وڃن! هوءَ اِن آس کي گھڻو وقت لڪائي نه سگھي، ۽ هن کان هڪ ٿڌو ساھه نڪري ويو. دادن ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو. ۽ هن ڏانهن ڏسي فقط ايترو چئي سگھيو: ”اوه . . . . . . تون!“
    اڄ زيبا جي اکين ۾ ڪالهوڪو ڊپ نه هو. ان جي بدران هڪ اهڙي ڪيفيت هئي، جا اُڃايل جي اکين ۾ پاڻي ڏسڻ سان پيدا ٿيندي آهي، کڻي پاڻيءَ بدران رڃ ئي ڇونه هجي، جنهن ۾ اُڃ سان گڏ، اُڃ اُجھائڻ جي آس به شامل هوندي آهي. انهن ننڊاکرن اکڙين جي اها ڪيفيت ڏسي دادن جي دل کي به جھوٻو اچي ويو، ۽ هن سوچيو: ڪاش، آءٌ انهن اکين جي ان ڪيفيت کي سدائين ڏسندو رهان. هن کي پاڻ ڏانهن ائين نهاريندو ڏسي زيبا جي اکين ۾ هڪ نئون رنگ اچي ويو، ۽ ان رنگ هن جي پنبڻين جي ڇانَو ۾ سندس ڳلن تي ڪئين سج اُڀاري ڇڏيا، ۽ هوءَ ٻيو ڪجھه نه ڏسي، پنهنجي هڪڙي آڱر وات ۾ وجھي، مرڪ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
    ”اڙي اوهين اُٿي ڇو بيٺا آهيو؟“ زيبا مرڪ تي ضابطو نه رکي سگھي. دادن وري ويهي رهيو. زيبا کي وري ڪا ڳالھه ياد اچي ويئي، ۽ هن پڇيو: ”رات ته خير سان گذري نه؟“
    دادن جي چپن تي به مرڪ کيڏڻ لڳي، ۽ هن چيو: ”هيبت خان پنهنجي هڪ پنڊاري ٺڳ کي موڪليو هو. پر ٺڳ به ڪو وڏو اوجاڳايل هو. منهنجي ڪوٺڙيءَ جي ڪنڊ ۾ سڄي رات سمهي ننڊون ڪري، صبح جو ڪورنش ڪري روانو ٿي ويو!“
    ”اوهان کي کِل سُجھي آهي؛ مون کي اونَ کان حرام جو سڄي رات ننڊ آئي هجي.“ زيبا جي اکين ۾ اونَ اوتجي ائي.
    ”آءٌ اوهان جي اونَ جا ٿورا ڪيئن لاهي سگھندس؟“ هن مرڪي چيو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ وري چيائين: ”ڀلا منهنجي لاءِ ڇا حڪم آهي؟“
    زيبا جي اکين ۾ شڪايت ڀرجي آئي، ڄڻ چوندي هجي: ”پرديسي، مون سمجھيو ته تنهنجن خيالن تي آءٌ قبضو ڪري چڪي آهيان. پر تنهنجي من ۾ ته اڃا تائين تنهنجو ديس پيو وسي!“ پر ڏاڍيان چيائين: ”مون حضور جن سان ڳالھه چوري هئي. هنن اوهان کي ظلِ اِلاهيءَ جي حضور پيش ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي. هن وقت به شاهي قلعي ۾ اوهان جي انتظار ۾ آهن.“
    ”سچ؟. . . . . اوه، آءٌ اوهان جا احسان ڪيئن لاهي سگھندس،“ دادن کي ان ڳالھه جو يقين ئي نٿي آيو. هن جي ذهن تي سنڌ، سنڌ جي سٻاجھي ڌرتي، ۽ سندس سٻاجھڙن ديس واسين تي ترخانن جا اڪيچار ظلم تري آيا. زيبا هن جي اکين ۾ وري دک جي پاڇولن کي ڏسي منجھي پيئي، ۽ هن رڳو ان مونجھه لاهڻ لاءِ چيو: ”اوهين دکي نه ٿيو. اوهان کي دکي ڏسي، مون کي الائي ڇا ٿو ٿئي!“ چوڻ کي ته هو چئي ويئي، پر سندس منهن حياءَ ۽ حجاب کان ڳاڙهو ٿي ويو. دادن پنهنجي دک جي هن نئين ڀائيوار کي ڏسندي، سوچڻ لڳو ته هن اڃا ته رڳو منهنجي دک جون ريکائون ڏٺيون آهن. جيڪي ڪجھ منهنجي دل دماغ تي ۽ ٻين سنڌين جي من تي وهي واپري رهيو آهي، ان کي ڏسي ته هن جو الائي ڪهڙو حال ٿئي ها. هن اُٿندي چيو: ”آءٌ سندن خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ تيار آهيان!“
    ”ترسو ته سهين، نيرن . . . . .“ زيبا ڪجھه چوڻ گھريو. پر دادن هڪدم کيس روڪيندي چيو: ”اوهين ناراض نه ٿجو. پر جيسين . . . . .“ هن ڳالھ روڪي وڌي. هن زيبا کي ڏکوئڻ نٿي چاهيو. هن جو قسم کنيل هو ته جيسين سنڌ آزاد نه ٿيندي، تيسين ڪنهن به ڌارئين جي ماني نه کائيندو. زيبا به سمجھي ويئي، ۽ هن کي پيشمانيءَ کان بچائڻ لاءِ چيائين: ”حضور جا ٻه سپاهي اوهان کي شاهي قلعي وٺي هلندا . . . . . پر مون سان هڪڙو وعدو ڪريو وڃو. . . . “ هوءَ وري ماٺ ٿي ويئي. موزون لفظن جي تلاش به ڪڏهن ڪڏهن نهايت درد انگيز ٿي پوندي آهي. ان تلاش هن جي اکين ۾ هڪ تانگھه، هڪ پياس پيدا ڪري وڌي.
    ”جيڪو حڪم. . . . .!“
    ”نه نه، حڪم ڪونهي. . . . . هڪڙي منٿ آهي، جي مڃو، اوهان جو ڪم ٿي وڃي ته هتان ڀيرو ڪري وڃجو!“ هن اهو جملو اهڙو تڪڙو چيو، جو هن جي ساھه جي مونجھه دادن جي دل کي ڇهي ويئي. دادن چاهيو ته هو کيس پنهنجي ٻانهن ۾ جھلي کيس يقين ڏياري ته هن جي پنهنجي دل به کيس ڏسڻ کان سواءِ رهي نه سگھندي. پر زيبا هن کي ڪجھه چوڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. پنهنجيءَ دل جي واچوڙن کي لڪائڻ لاءِ هو تڪڙي اندر هلي ويئي، ۽ دادن اچرج مان دروازي جي لڏندڙ پردي کي ڏسندو رهجي ويو.
    هن کي ڄڻ زيبا جي وڃڻ جو اعتبار ئي نه پئي آيو. ايتري ۾ ساڳي ٻانهي اندر لنگھي آئي، ۽ چيائين: ”سپاهي اوهان جي انتظار ۾ آهن.“
    ٻانهيءَ سان گڏجي هو ٻاهر هليو آيو. ٻه سپاهي گھوڙن تي سوار هن جي انتظار ۾ بيٺا هئا. هن جو گھوڙو به سپاهين سان هو . . . هو وڌي گھوڙي تائين آيو، ۽ گھوڙي تي چڙهي سپاهين سان گڏجي روانو ٿيو. چڱيءَ دير کان پوءِ دادن محسوس ڪيو ته هو شهر جي حدن تي اچي پهتا هئا. هو ڪجھه سوچ ۾ پئجي ويو، ۽ هن جي ڇهين حس هن کي چتاءُ ڏيڻ لڳي هئي. زيبا ته چيو هو ته خان دوران هن جو انتظار شاهي قلعي ۾ ڪري رهيو هو. هن وقت هو شهر کان ٻاهر ڇا ڪري رهيو هوندو. آخر هن کان رهيو نه ٿيو، ۽ هن سپاهيءَ کان پڇيو: ”اڃا ڪيترو پري هلڻو آهي؟“
    سپاهيءَ جي چپن تي مرڪ اچي ويئي، ۽ کلندي چيائين: ”بس ڄاڻ پهتاسون!“
    دادن جو شڪ پختو ٿيندو ويو، ۽ اوچتو گھوڙي جي لغام ڇڪي هو بيهي رهيو، هن کي ڳالھ سمجھه ۾ نه پئي آئي: زيبا هن سان دوکو ڇو ڪيو هوندو؟ هن ۾ سندس ڪهڙي رمز ٿي سگھي ٿي. اڃا هو انهن ئي خيالن ۾ هو ته هن جي آسپاس کان سپاهي نمودار ٿيڻ لڳا ـــــــ وڻن جي جھڳٽن مان، کاهين مان. گھڙيءَ ۾ هو سڄو سپاهين ۾ گھيرجي ويو. هن جا راهبر سپاهي به گھوڙا جھلي بيهي رهيا. سپاهين جو گھيرو هن تي سوڙهو ٿيندو ويو. هن آسپاس جو جائزو وٺندي پنهنجي گھوڙي کي زور سان اڙي هنئين، ۽ هڪ پاسي ڀڳو. کيس ان پاسي ڀڄندو ڏسي ڳپل سپاهي هن جي پٺيان ڀڳا. سامهون ٻه ـــ ٽي مغل هن جي رستي روڪڻ لاءِ ڀالا ڪڍي اڳتي وڌيا. جڏهن هو هن جي ويجھا پهتا، تڏهن ڦڙتيءَ سان هڪڙو پير رڪيب مان ڪڍي، هو گھوڙي جي ٻئي پاسي جھڪي ويو ــــــ تقريبن گھوڙي جي هڪ پاسي رڪيب ۾ لٽڪندي، هو تير وانگر هنن جي وچان نڪري ويو. جيئن ئي هنن جي ڀالن جي زد کان فاصلي تي پهتو، وري ٽپ ڏيئي گھوڙي تي سڌو ٿي ويهي رهيو، ۽ رڪيب گھوڙي جي ڪکين ۾ هڻندو سڌو ئي سڌو هلندو رهيو. پويان سپاهين جو سمورو ٽولو به هوا سان ڳالهيون ڪندو هن جي پٺيان لڳو آيو. هن کي بچڻ جي ڪا راھه نظر نه آئي. ٽيهارو کن سپاهي وري به هن جي پٺيان گھيرو تنگ ڪرڻ لڳا هئا. هن جي ذهن ۾ موت جي خيال بدران پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ غلبو ڪندي ٿي ويئي: هڪ حسين عورت جي فريب ۾ اچي هو پنهنجو آدرش وساري ويٺو هو، ۽ پويان سنڌ ۾ هن وقت الائي ڇا ٿي رهيو هوندو. سپاهي جئن پوءِ تئن کيس ويجھا پوندا ويا. هن وري رڪيب گھوڙي جي پيٽ ۾ هڻي ڪڍيا، ۽ گھوڙو باھه جي ڄڀيءَ وانگر ڀڙڪو کائي وري اڳيان نڪري ويو. هن کي ڪا تجويز سمجھه ۾ نه پئي آئي؛ جيڪڏهن مقابلو ڪيائين ته سپاهي کيس ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندا؛ جيڪڏهن پيش کڻي پئي، تڏهن به شايد سپاهين کي اهو ئي حڪم هو ته هو جيئرو نه رهي. پنهنجي سامهون هن کي ڪي گھر نظر اچڻ لڳا. گھرن اڳيان کليل ميدان ۾ ٻه چار ماڻهو، ڪا لانڍي اڏڻ لاءِ بانس جا ڊگھا لڙها کوڙي رهيا هئا. گھوڙن جا آواز ٻڌي اهي ماڻهو به ڪم ڇڏي اُٿي بيهي رهيا. دادن جي نظر پٽ تي پيل تڏن تونئرين ۽ بانس جي لڙهن ٿي پئي. انهن جي اڳيان ٻه لڙها زمين ۾ کتل هئا. دادن ويجھو پهچي هڪڙي لڙهي ۾ هٿ کپائي سٽ ڏني. ڪچي تازي مٽي مان لڙهو ڄڻ ڪنهن وڻ وانگر پاڙون پٽجي آيو. دادن گھوڙي جي رفتار گھٽائي، کيس لانڍي کان ڦيڙائي سپاهين ڏانهن رخ رکيو. لڙهي کي پنهنجي چيلھ ۽ ڪرائيءَ جي ڪُٻ ۾ جھليندي، هن پهريون وار ڪيو. لڙهو ڪافي ڳرو، ڊگھو ۽ مضبوط هو. پهرئين ئي وار سان هڪڙو مغل ابتو ٿي گھوڙي تان ڪريو، ۽ پويان ايندڙ گھوڙن جي سنبن ۾ چچرجي ويو. گھوڙا به ان اوچتيءَ آفت تي ٽهڻ لڳا. هن جي وار ڪرڻ تي پوئتي هٽندڙ گھوڙو اڳيان وڌندڙ گھوڙن سان ٿي ٽڪريو، ته گھوڙا اڳيان نرا کڻي پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي سوارن کي ڪيرائڻ لڳا. سپاهين ۾ ڌمچر مچي ويو. دادن ڦري گھمي، ايتري تيزيءَ سان ۽ ايترو پري کان وار ڪري رهيو هو، جو جن سپاهين وٽ ڀالا هئا، اهي به کيس پهچي نه پئي سگھيا. پنجن ـــــ اٺن وارن کان پوءِ دادن ڏٺو ته سپاهين جو تعداد ايترو گھڻو هو، جو هو وري کيس چوڌاري ورائيندا ٿي ويا. هن ڇا ڪيو جو لڙهو مضبوط جھلي، گولائيءَ ۾ ڦرڻ لڳو. سپاهي ڄڻ هن نئين هٿيار جي ڀؤ کان وسامجي ويا. لڙهي جو ڌڪ جيتوڻيڪ ايترو موتمار ڪونه هو، تڏهن به هر سپاهي ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته ان جي چپيٽ ۾ اچڻ ڪري، گھوڙن جي سنبن ۾ چچرجي مرڻ جو خطرو هو.
    گھوڙن جي هڻڪارن، سپاهين جي رڙين ۽ هل هنگامي تي ڪيترا ماڻهو ڀڄندا ٿي آيا، ۽ هو هن اڪيلي مڙس کي ايترن سارن مغلن سان منهن ڏيندو ڏسي دل ئي دل ۾ واه واه ڪندا رهيا. پر وري به سپاهين جي گھڻائيءَ، ۽ گھوڙي جي چڪر کائي ڪري پوڻ جي ڊپ کان دادن کي سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو. هن جي ٻانهن به ڊگھي لڙهي جي ڇڪ ۽ دٻاءٌ کان ساڻي ٿيندي ٿي ويئي. جڏهن هن گھيري کي وري سوڙهو ٿيندي ڏٺو، تڏهن هن وري گھوڙي کي اڙي هڻي گھرن ڏانهن موڙيو. هن جي لڙهي جي ڊپ کان سپاهي پاڻيهي هٽي ويا، ۽ تکو تکو گھوڙي کي اڙيون هڻندو گھرن ڏانهن رخ ڪيائين. سپاهي به سندس ڪڍ لڳا آيا. جڏهن هو پهرئين گھر جي ويجھو پهتو، تڏهن لڙهو سڌو ڪري، زمين ۾ کپائڻ وانگيان هيٺ زور ڏيندي، هن لغام مان هٿ ڪڍي ڇڏيو، ۽ رڪابن مان پير ڪڍي ڇڏيا. لڙهي جو هڪڙو ڇيڙو ڄڻ زمين ۾ انگاس وانگر اُڀو کپي ويو، ۽ ان جي ئي ڇيڙي تي ٻنهي هٿن جي زور تي دادن چنبڙيل هو. گھوڙو هن جي ٽنگن وچان نڪري ويو. سپاهي اچرج ۽ حيرانيءَ ۾ هن بازيگريءَ کي ڏسندا رهجي ويا؛ اک ڇنڀ ۾ دادن لڙهي جي ڇيڙي تان هڪ گھر جي کڏ تي ٽپو ڏنو. لڙهو ايندڙ سپاهين جي وچ ۾ ڪِري پيو، ۽ دادن هڪ کڏ کان ٻيو کڏ ٽپي، ڇتيون ٽپندو سپاهين جي اکين اڳيان اوجھل ٿي ويو.
    هڪڙي کُڏ تي ساھه پٽيندي، هن پنهنجي چوڌاري نهاريو. سپاهين ۽ ماڻهن جو هل هنگامو تيئن پوءِ جھڪو ٿيندو ويو. کڏن جي سڌيءَ قطار تي هلندو، هو آخري کڏ تي پهچي بيهي رهيو. ساڄي پاسي گھٽيءَ ۾ هن کي هڪڙي مسجد جا منارا نظر آيا. هو انهيءَ گھٽيءَ ۾ لهي، مسجد ڏانهن وڌي آيو. مسجد ۾ پهچي وضوءَ واري حوض مان پاڻي پي، هٿ منهن ڌوئي، مسجد جي صفحي ۾ هڪ نک تي ويهي رهيو. هو ايترو ٿڪجي پيو هو، جو هن جو سَنڌ سَنڌ چڙهي پيو هو ــــــــ خاص ڪري هن جي ٻانهن کيري کيري ٿي ويئي هئي. اڳين نماز پڙهي، هو وري مسجد کان ٻاهر نڪتو، ۽ پڇا ڪندو هو هڪڙي مسافر خاني ۾ پهتو. ماني گھرائي کائي، هن سراءِ جي مالڪ سان گھوڙي هٿ ڪرڻ لاءِ ڳالھه ٻولھه شروع ڪئي. ڳالهين مان کيس اها به خبر پيئي ته سپاهي اڃا واپس ڪونه ويا هئا، ۽ ڳوٺ جي عامل وٽ وڃي لٿا هئا. هو سراءِ جي مالڪ کي گھوڙي لاءِ ڏوڪڙ ڏيئي، وري مسجد ۾ موٽي آيو. ڏينهن جو واپس وڃڻ خطري کان خالي نه هو. ان ڪري هو رات جو انتظار ڪندو رهيو.
    سانجھي نماز پڙهي هو وري شهر روانو ٿي ويو، ۽ شهر ۾ ان وقت داخل ٿيو، جڏهن مسجدن مان سمهڻيءَ نماز جون ٻانگون اچي رهيو هيون. نئين نئين رات ۽ گھوڙي جي لوريءَ جھڙي چال هن جي ٿڪ کي وري چوري وڌو ۽ ننڊ هن جي اکين ۾ خيما کوڙڻ لڳي هئي. دادن سراءِ ڏانهن وڃڻ بدران زيبا جي محل ڏانهن رخ رکيو. محل جي دروازي تي پهريدار هن کي زنده سلامت ڏسي، هن کي حيرت مان تڪڻ لڳا. هڪڙي پهريدار وڌي اچي سندس گھوڙي جي واڳ جھلي ۽ چيائين: ”خدا جو شڪر آهي جو اوهين زنده سلامت آهيو!“
    ”ڇو؟ ڇا ٿيو؟“ دادن وڌيڪ حالتن ڄاڻڻ لاءِ اڻڄاڻ ٿي پڇيو.
    ”حضور خان دوران جن شهر جي چئني طرفن اوهان جي ڳولا ۾ ماڻهو موڪليا هئا؛ کين جڏهن کان سازش جي خبر پيئي آهي، سندس سامهون جيڪو ٿو وڃي، اهو پنهنجي سر جو خير گھرندو ٿو واپس وري.“ پهريدار پاڻ به ڪافي ڊنل ٿي ڏٺو.
    ”اوه . . . . . پر کين ڪنهن ٻڌايو؟“ هن اڳ وٺندي چيو.
    ”ٻه سپاهي، جيڪي اوهان کي وٺڻ لاءِ موڪليا هئائون. تن کي هيبت خان جي ماڻهن سخت ڦٽي وڌو هو، پر مئا ڪونه. هو هنن کي مئل سمجھي هڪڙي کاهيءَ ۾ اڇلائي ويا، ۽ پنهنجا ماڻهو انهن جي جاءِ تي موڪلي ڇڏيائين جيڪي اوهان کي وٺي ويا. ڪنهن ماڻهوءَ انهن زخمي سپاهين کي ڏسي ورتو؛ کين اتان کڻائي حضور جن اڳيان پيش ڪيائون. هنن سربستي ڳالھه ڪري ٻڌائي. وڌيڪ اوهان کي خود خبر آهي . . . . . ! “
    ”هون . . . . . !“ دادن اها ”هون“ اهڙيءَ طرح ڪئي ڄڻ کيس ڪا ڳالھه ياد اچي ويئي. هن کي زيبا تي شڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ ۽ شرمساري ٿيڻ لڳي، ۽ اهو سوچي هو هيڪاري ششدر ٿيڻ لڳو ته زيبا جو پريشانيءَ کان ڪهڙو حال هوندو.
    سپاهين سان گڏجي هو ڏيڍيءَ تائين آيو. ڄاڻ ڪرڻ تي جڏهن ٻانهي در تي آئي، ۽ دادن کي ڏٺائين، تڏهن کانئس حيرت ۽ خوشيءَ مان ڪِيڪ نڪري ويئي، ۽ هوءَ کيس وٺي اندر آئي. ساڳئي ڪمري ۾ کيس ويهاري هوءَ اندر هلي ويئي. هن ڪمري ۾ پهچندي ئي هن جي جسم جو سمورو ٿڪ نچوڙجي سندس اکين ۾ ڀرجي آيو. سندس جسم نرم ريشمي مخمل ۽ طول وهاڻن جي گذار کي ڳوليندو، ڍرڪندو ويو، ۽ گھڙيءَ کان پوءِ هو گھري ننڊ ۾ پئجي ويو.
    زيبا جڏهن ڪمري ۾ پهتي، تڏهن ائين ٿي ڀانيو ڄڻ هوءَ پنهنجن ڪپڙن مان بيزار هئي، يا ڪپڙا منجھانئس بيزار هئا. جنهن اُڇل ۽ بيساختگيءَ سان هوءَ دادن ڏانهن وڌي، ان مان ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ هن پنهنجو ڪانڌ ڳولي لڌو هو. هن تقريبن ٻيئي ٻانهون مٿي کڻندي، هن آجيان لاءِ قدم اڳتي وڌايو . . . . . . پر پوءِ جڏهن هن پنهنجي مسافر کي گھريءَ ننڊ پيل ڏٺو، تڏهن هن جون ٻانهون وري هيٺ موٽي آيون. هن جي منهن تي مُرڪ سان گڏ، هن اجنبي لاءِ اَٿاھه پيار ۽ همدردي جو رنگ اچي ويو. ڪيڏو نه ٿڪل هو هن جو مسافر! هن جي دل چاهيو ته هن جي ڪنڌ هيٺان وهاڻو ڪڍي، کيس پنهنجي گوڏي تي سمهاري، پنهنجن پنبڻين جي ڇانوَ ۾ ان وقت تائين کيس ڏسندي رهي، جيسين هوءَ به هن جي ننڊ جو حصو نه بنجي وڃي. پر هوءَ ائين نه ڪري سگھي. هوءَ محض هن کي گھوريندي، ڏسندي رهي. ڪيترو نه سڪون هو هن جي منهن تي. زيبا کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو ننڊ ئي ننڊ ۾ مرڪي رهيو هو. هن جي دل ۾ اها آس ڪرَ موڙي اُٿي ته شل اها مرڪ هن جي لاءِ هجي! ان مرڪ کي ڇهي ڏسڻ لاءِ هوءَ وڌي هن جي ويجھو آئي، ۽ آڱر وڌائي هن سندس چپن تائين آندي. هن جي آڱر رکڻ سان ڄڻ اها مرڪ هن جي ساري منهن ۾ ڦهلجي ويئي. هن جي کهرن کهرن شهپرن جي ڇهاءُ هن جي سموري جسم ۾ اهڙي چلولي ڪتڪتائي پيدا ڪري وڌي جو هن جي اکين ۾ به آرس جاڳي پيو. هن جا ٻيئي آرس ڀڃڻ ۽ ڪر موڙڻ لاءِ مٿي کڄڻ لاءِ آتا ٿيڻ لڳا، پر پنهنجي ڇاتيءَ ۾ جاڳيل ڇوليءَ کي محسوس ڪندي، حجاب ۽ حياءَ هن جي هٿن کي چُرڻ نه ڏنو. ڪيڏيون نه تمنائون هيون هن جي دل ۾ ان وقت! هن جي دل چيو ته هوءَ اجنبي مسافر کي سڏ ڪري چوي: ”اي ڪٺور دل مسافر، تو هيءَ ڪهڙي پيڙا بخشي ڇڏي آهي، جو نه اُٿندي آرام نه ويهندي سڪون، نه جاڳندي سک نه سمهندي آٿت!“
    هوءَ الائي ڪيترو وقت اهي تمنائون، ڪي آسون اميدون، ۽ ڪي ڏوراپا هن جي ننڊ تان نڇاور ڪندي رهي. اوچتو دادن ڇرڪ ڀري جاڳي پيو، ڄڻ ته ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو هئائين. هن پنهنجي سامهون زيبا کي پاڻ تان گھوريندو ڏٺو ته هن جي دل به ٺاڪئين ٿي پيئي. اهڙين صدقي ويندڙ نظرن جو جواب ڏيئي به ڪهڙو ٿي سگھيو. زيبا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيائين: ”آءٌ پرديسي مسافر آهيان: خدارا اهڙين نظرن سان نه ڏس، جو آءٌ پنهنجو ديس وساري ويهي رھان!“
    ”ڪاش، ائين ٿي سگھي!“ زيبا دل جي ڳالھه چپن تي آڻي ويٺي؛ ۽ الائي ڇو هن جي اکين جي ڪنڊن مان لڙڪ، بي اختيار وهندا، هن جي ڳلن تان ٿڙڪندا، هن جي چولي ۾ جذب ٿيڻ لڳا. انهن لڙڪن کي ڏسي، دادن جون ٻه به ويون، ڇھه به ويون، ۽ هن هٻڪندي چيو: ”هي لڙڪ ڇو؟“
    ”پرديسي سائين، زندگيءَ جو هر سک، هر خوشي مون کي ميسر آهي. پر الائي ڇو، جڏهن کان توکي ڏٺو اٿم، هر خوشي ڦڪي ۽ بناوٽي ٿي معلوم ٿئي. تو الائي مون تي ڪهڙو ڦيڻو پڙهيو آهي، جو آءٌ بلڪل بي شرم ٿي پئي آهيان، جو هيئن پنهنجي دل جو حال پئي بيان ڪريان. آءٌ هڪ مغل سردار جي ڌيءُ آهيان، جيڪي گھُران سو ملي سگھيم ٿو. پر هن وقت . . . . هن وقت آءٌ تنهنجي ڪنيز آهيان، زر خريد ٻانهي آهيان، جئن وڻئي تئن هلائينم، پر پنهنجي قدمن کان پري نه ڪر!“
    دادن جي عجيب حالت هئي. هو اهو سوچڻ لڳو ته اهي لفظ درحقيقت هن ٻڌا هئا، يا زيبا جي اکين جي ڪيفيت ۽ سندس خاموشي لفظ بنجي هن جي دل ۾ ٻُرڻ لڳا هئا؛ ۽ گھڙيءَ کان پوءِ هن زيبا کي پنهنجي ڀاڪر ۾ سڏڪا ڀريندو ڏٺو. هن جي پهراڻ جو آڳ، هن جي لڙڪن سان پسندو رهيو، ۽ هن جي روح جي سدا بهار سڳنڌ، هن جي چپن تان ٽپي، هن جي روح ۾ سمائجندي ويئي. ان سڳنڌ کي دائميت بخشڻ لاءِ هن هڪ ڊگھو ساھ کنيو، ۽ زيبا جو روئندڙ ساھه هن جي ساھه سان ملي هڪ نئون ساھه بنجي ويو. هو الائي ڪيتري دير، دنيا کان بيخبر، ائين بت بنيا هڪٻئي جي وجود ۾ گم ٿيندا ويا. اوچتو هنن پنهنجي پويان ڪنهن جي کنگھڪار ٻڌي. هنن جا گم ٿيل، تحليل ٿيندڙ وجود، وري جيئرا جاڳندا جسم بنجي ويا، جن کي ڪنهن اوپري ساھه ڇرڪائي وڌو. دادن پنهنجي سامهون، ويڪري پيشانيءَ ۽ سنهين مڇن سان هڪ قدآور مغل کي بيٺل ڏٺو، جنهن جي منهن ۾ ايڏي حشمت هئي، جا ماڻهن ۾ گھٽ نظر ايندي آهي. هن جي منهن تي اهڙي ڪيفيت هئي، جنهن مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل هو ته ان ڪيفيت ۾ پيار هو، ڪاوڙ هئي يا رڳو ٽوڪ هئي. هن کي ڏسي، دادن زيبا کان ٿورو پرڀرو هٽي بيهي رهيو.
    ”پرديسي، مون تنهنجي دليريءَ جون ڳالهيون ٻڌيون آهن، پر اڄ ته پنهنجي اکين سان ڏسي به ورتم!“
    دادن فيصلو نه ڪري سگھيو ته اهي لفظ هن سچيءَ دل سان ٿي چيا يا ٽوڪ طور چيا هئائين. هو ڪوبه جواب ڏيئي نه سگھيو. زيبا به هيسجي ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهي؛ هوءَ بار بار اندر ويندڙ دروازي ڏانهن نهارڻ لڳي ڄڻ موقعي ملڻ تي لُوه پائي اوڏانهن ڀڄي وڃڻ جي انتظار ۾ هئي.
    ”توکي خبر آهي ته هڪ مغل شهزاديءَ سان ائين کُلي طرح سان پريت ونڊڻ جي ڪهڙي سزا آهي؟“
    دادن وري به فيصلو ڪري نه سگھيو ته ان جملي ۾ دڙڪو هو يا پنهنجائپ جو اظهار. پر هن ڀيري هن چئي ڏنو: ”آءٌ هر سزا لاءِ تيار آهيان، حضور!“
    ”هر سزا لاءِ؟“ مغل ٿورو سختيءَ سان چيو.
    ”جي ها . . . . هر سزا لاءِ!“ دادن جي لفظن ۾ سچائي نه هوندي به خود سپردگي ضرور هئي. هن خان دوران مجاهد خان جي لفظن جي سختيءَ کي محسوس ڪندي چيو.
    ”ته پوءِ ان سزا لاءِ تيار ٿيءُ!“ مغل سردار جي لفظن ۾ دڙڪو ته ضرور هو پر ڪاوڙ نه هئي.
    ”بندو حڪم جي انتظار ۾ آهي!“ دادن به هاڻ بيپرواهيءَ مان چيو.
    ”تنهنجي سزا اها آهي ته زيبا سان تنهنجو نڪاح هڪدم ٿيڻ گھرجي!“
    زيبا اهي لفظ ٻڌي حياء کان سڄي ڳاڙهي ٿي ويئي، ۽ لُوھه پائي دروازي ڏانهن ڀڳي، ۽ اندر هلي ويئي. دادن اهي لفظ ٻڌي وائڙو ٿي ويو. هن جي اندر ۾ عجيب جنگ ڇڙي پيئي، ۽ هن هٻڪندي چيو: ”مگر . . . . .“
    مجاهد خان اڳيان وڌي آيو، ۽ سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين: ”سنڌي جوان، آءٌ تنهنجي بهادريءَ ۽ دليريءَ کان ايترو متاثر ٿيو آهيان جو آءٌ پنهنجي نياڻي توکي نڪاح ۾ ڏيئي پنهنجي خوش بختي ٿو سمجھان“.
    دادن جي ذهن ۾ جنگ جو گھمسان وڌي ويو: هن جي اڳيان اهڙو ٻه ــ واٽو هو، جتي پهچي هو ڪو فيصلو نٿي ڪري سگھيو. هن کي اهو خواب ياد اچي ويو، جڏهن سنڌ هن جي جيجل ماءُ جو روپ وٺي، جھولي جھلي کانئس سندس حياتيءَ جي بيک گھري هئي. ٻئي طرف زيبا جو تصور هو، ۽ زيبا سان گذاريل گھڙين هن کي آئيندي جو خوبصورت تصور آڇيو هو. اوچتو ئي اوچتو، ذهن جي هڪ ڪنڊ مان، آخوند نور محمد جو چهرو، باھه جي مچ وانگر ڀڙڪي آيو، ۽ سندس ڪنن ۾ سندس آواز ٻُرڻ لڳو: ”تو قسم کنيو آهي دادن، ته جيسين سنڌ آزاد نه ٿي آهي، تيسين تون شادي نه ڪندين!“ ۽ دادن ڄڻ ته انهن لفظن جي ڄَرَ کان تڙپندي چيو: ”نه سائين نه، اوهان جي وڏي مهرباني، پر اهو ناممڪن آهي!“
    مجاهد خان جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. هن جو هڪڙو ڀِرون مٿڀرو ٿي، ڦڙڪڻ لڳو، ۽ هن پاڻ تي جبر ڪندي چيو: ”ڇا مطلب؟“
    ”مون کي غلط نه سمجھو، حضور! زيبا منهنجي زندگيءَ جو حصو بنجي چڪي آهي؛ کيس حاصل ڪرڻ آءٌ پنهنجا وڏا ڀاڳ سمجھندس، پر . “
    ”پر ڇا . . . . ؟“
    ”پر مون قسم کنيو آهي ته جيسين منهنجو وطن آزاد نه ٿيندو، تيسين آءٌ شادي نه ڪندس . . . .“
    مجاهد خان جي منهن جو رڻ بدلجي ويو. هن جي نظرن ۾ دادن لاءِ پهريون ڀيرو پيار ۽ عزت گڏجي هڪ نئين ڪيفيت بنجي جھلڪڻ لڳي. هن وڌي سندس ڪلهن ۾ ٻانهن وجھندي چيو: ”آفرين آهي توکي، نوجوان ــــ صد آفرين! تنهنجي ان وطن دوستيءَ تي، تنهنجي ان جذبي تي . . . پر جيڪڏهن ان وقت لاءِ ترسياسون ته شايد زيبا کي سڄي عمر ڪنواري رهڻو پوندو . . . . “ مجاهد خان کي ان خيال تي ئي کل اچي ويئي.
    دادن پهرين ته ڪوبه جواب نه ڏنو. پر گھڙيءَ کان پوءِ هن جي اکين ۾ هڪ نئين جوت، نئين چمڪ اچي ويئي، ۽ هن جون اکيون هيرن وانگر جرڪڻ لڳيون، ۽ هن ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندي چيو: ”ائين نه چؤ، حضور! سنڌين جي غيرت جاڳي پئي آهي، سنڌين جي رت ۾ سنڌو اُٿلي پيو آهي، ۽ هاڻ اهو وقت پري نه آهي جڏهن سنڌ غلاميءَ جي نيئرن کي ڪک پن وانگر لوڙهي ڇڏيندي. جيڪڏهن مغل اسان جي مدد نه ڪندا تڏهن به . . . .“
    ”پر به اسين . . . . يا ظل الاهي سنڌين جي مدد ڇو ڪن؟ هروڀرو ترخانن جي سرحدن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ به ته عقلمندي نه آهي. تنهن کان سواءِ ترخان خود به ظل الاهي جي اطاعت ڪرڻ لاءِ تيار آهن.“ مجاهد خان دادن کي ويهڻ جو اِشارو ڪري، پاڻ به ويهي رهيو.
    ”سنڌين جو ظلِ الاهيءَ تي خاص حق آهي. همايون جڏهن بي يارو مددگار سنڌ پهتو، تڏهن سنڌين ئي کيس جيءَ ۾ جايون ڏنيون. ارغونن ۽ ترخانن ته کيس گھڙيءَ لاءِ به سک سان رهڻ نه ڏنو. سندس رت جا پياسا ارغون ڏينهن رات شبِ خون جا منصوبا گھڙيندا رهيا. سنڌين کيس هرطرح جي مدد ڪئي؛ سندس مهمانيون جھليون، کيس ٻيڙيون ڏنائون، اَن ڏنائون، گاھه ڏنائون ـــ ۽ پنهنجون جانيون پيش ڪيون. ان کان پوءِ هڪ وڏو حق اڪبر تي سنڌ جي مٽيءَ جو آهي. اڪبر سنڌ ۾ پيدا ٿيو؛ هڪ طرح سنڌ اڪبر جو وطن آهي. بادشاهت ۽ سلطاني دور انديشين جي ڪري جيڪڏهن هو سنڌ کي اهو مان نه ڏئي ته اها ٻي ڳالھه آهي. پر جنهن واءُ سندس ڪنن ۾ پرلاءُ وڌو، سو سنڌ جو واءُ هو؛ جنهن دائي کيس ڄڻايو، سا سنڌ جي هڪ سٻاجھڙي جيجل هئي، جنهن مولويءَ سندس ڪن ۾ پهرين ٻانگ ڏني، سو به سنڌي هو. جنهن سرزمين شهنشاھه هند کي ڏکئي وقت ۾ پناھه ڏني، اجھو، ڏنو، آسرو ڏنو، جڏهن ارغون ۽ ترخان سندس خون سان هولي کيڏڻ لاءِ آتا هئا ـــــ ڇا ان سرزمين جو اڪبر تي ڪو حق نه آهي؟“
    مجاهد خان هڪ عجيب حيرت مان هن جا لفظ ٻڌندو رهيو؛ ۽ جڏهن هن دادن جي اکين ۾ ٻرندڙ جوت جي پويان، لڙڪن جو هڪ اٿاھه سمنڊ لهرون هڻندو ڏٺو، تڏهن هن متڪبر مغل سردار جي دل به لڙهي ويئي. هن کيس ڪلهي تي هٿ سان زور ڏيندي چيو: ”ڪاش، تنهنجا اهي لفظ شهنشاھ ٻڌي ها! مون کي پڪ آهي ته هڪدم ترخانن خلاف لشڪر چاڙهي موڪلي ها. آءٌ اهو مقدمو انهن لفظن ۾ ته پيش ڪونه ڪري سگھندس. پر آءٌ توکي هڪ يقين ڏيارڻ گھران ٿو ته شهنشاھه مون کي اڳي ئي اهڙو فرمان عطا ڪيو آهي، ۽ اڄ کان هڪڙي مهيني اندر سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن بدران سنڌين جو پنهنجو راڄ هوندو. وقت نهايت موزون آهي؛ سنڌي باغين جي مدد سان سنڌ کي نجاب ڏيارڻ ڏکيو نه ٿيندو. جڏهن مون اهو ڪم سرانجام ڏنو، تڏهن آزاديءَ جي پرواني سان گڏ هڪ ٻي به سوغات توکي اُتي ئي پيش ڪندس. پر هڪ ڳالھه ياد رک: جيڪڏهن منهنجي زيبا کي توکان ڪا شڪايت پيدا ٿي ته . . . . منهنجو نالو به مجاهد خان آهي!“
    دادن جي تتل دل تي ڄڻ ڇنڊو پئجي ويو . . . . ۽ هو شڪر گذار نظرن سان مجاهد خان جي منهن ۾ نهاريندو رهيو. تصور ئي تصور ۾ آزاد سنڌ هن جي ذهن تي اُڀري آئي . . . . پر الائي ڇو اهو تصور ڪجھه مڪمل نه هو، ڄڻ ڪا ڳالھه ٿيڻي اڻ ٿيڻي رهجي ويئي، ڄڻ تصوير ۾ رنگ ڀرڻ جي باوجود، تصوير مڪمل نه ٿي سگھي! شايد سنڌ جي غلاميءَ کي هاڻ ايترو وقت ٿي ويو هو جو ان جي آزادي جي تصوير ذهن تي اڀرڻ کان ڪيٻائي رهي هجي! شايد ائي ئي هوندو ــــــ هن سوچيو. شڪ ۽ گمان جي ان تروري کي هڪ ڪنڊ ۾ دٻائيندي، هو به مرڪڻ لڳو ۽ چيائين: ”زيبا ته مون کي ساھه کان پياري آهي، سائين. شل اهو ڏينهن جلد اچي، آءٌ به اوهان وانگر هڪ آزاد مرد وانگر پنهنجي مردانگيءَ جو نعرو هڻي سگھان!“ الائي ڇو، نه چاهيندي به هن جي لفظن ۾ ٽوڪ ڀرجي آئي.
    مجاهد خان کي اها ٽوڪ محسوس ئي ڪانه ٿي، ۽ هن چيو: ”اهو وقت آيو رهيو. تون سنڌ وڃي پنهنجي باغين کي خوشخبري ڏي ته مجاهد خان واچوڙي وانگر سنڌين جا بند خلاص ڪرڻ لاءِ اڏامندو ٿو اچي. . . پر وري متان هيبت خان جي ور چڙهي وڃين. ٻڌو اٿم ته هن تنهنجي لاءِ ٺڳن جا ٽولا ڇڙواڳ ڇڏي ڏنا آهن. منهنجا ماڻهو توکي اڳڀرو ڇڏي ايندا. تون ڪڏهن اُسهندين؟“
    ”اڄ ئي. اوهان جي وڏي مهرباني، پر مون کي اوهان جي سپاهين جي ضرورت ڪانهي. هيبت خان جي ماڻهن سان آءٌ پاڻهي پڄندس!“ دادن هن کي يقين ڏياريو.
    ”چڱو، خدا حافظ ٿيندءِ!“ ائين چئي مجاهد خان ٻاهر هليو ويو.
    دادن به وڃڻ لاءِ دروازي ڏانهن وڌيو ته زيبا وري اندران هلي آئي. هن جي اکين ۾ اڃ ڄڻ سرهاڻ چڙهي آئي هئي. هن ڪن لائي سڀ ڳالهيون بيهي ٻڌيون هيون، ۽ هوءَ دادن جي منهن ۾ نهاري اکيون جھڪائي بيهي رهي. دادن کي به هي وڇوڙو کائڻ لڳو، جو ٻين سمورن وڇوڙن کان نرالو هو. هن جي دل چيو ته هو چئي ڏئي: ”زيبا، منهنجي جان، وطن جي سڏ مون کي مجبور ڪري وڌو آهي، نه ته منهنجي دل کي هت ٻيڙيون پئجي ويون آهن!“ هن ڪجھه چوڻ لاءِ چپ چورڻ گھريا ته زيبا آڱر کڻي چپن تي رکيس.
    ”مون کي سڀ خبر آهي. ڌڻي ساڻي ٿيندءِ . . . . . پر مون کي وسارجانءِ نه!“ ائين چئي ته ويئي، پر پوءِ اچي سڏڪن ۾ پيئي. دادن کڻي ڀاڪر وڌس، ۽ پوءِ ڪي مدتون، ڪي صديون هن کي آٿت ڏيندي، پرڀائيندو، پرچائيندو رهيو؛ ۽ پوءِ جڏهن هن موڪلايو، تڏهن زيبا جي لڙڪن ۾ مرڪ جھرمر لائي ڏني هئي.


    11

    ليلى سنگھار کان سنڌ وسارائي ڇڏي. ليلى جي ڀاڪر ۾ سنگھار کي پنهنجي وجود جي ئي سڌ نه رهندي هئي. جڏهن سرهئي مير بحر کيس ڪينجھر جي ڪپ تي تماچيءَ واري ماڙي کولي ڏني، تڏهن هو پنهنجي پراڻي يار سنگھار کي سڃاڻي نه سگھيو. هن جي اکين ۾ جو ڪجھه هو، سو هن پنهنجي سنگتيءَ، جبل جي جھانگيءَ جي اکين ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن ائين ڀانيو ڄڻ ته سنگھار ڪا ڳالھه ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي . . . . ۽ سنگھار سرهئي جي اکين جي آڏيءَ پڇا کان تنگ اچي، ماڙيءَ کان ٻاهر اچڻ ئي ڇڏي ڏنو. هن کان هر ڳالھه وسرندي ٿي ويئي ـــــ ڀاڳل، جنهن لاءِ هن جو روح آتو هوندو هو، اها به هن جي من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پنڊ پهڻ بنجي ويئي هئي. هو جڏهن ليلى کي کڻي هتي پهتو هو، تڏهن ھنکي فقط ايترو ياد هو ته مرزا اقي هن جي هٿن مان نڪري ويو هو، ۽ آخوند صالح ۽ ٺٽي جو بدلو وٺي نه سگھيو هو. ان هار، ان شڪست هن کي پاڻ ـــ ڌڪارڻ جي ڪُڻ ۾ ٻوڙڻ شروع ڪيو، جنهن کان پاڻ بچائڻ لاءِ هن ليلى جي جسم جي رنگينن ۾ هٿوراڙيون هڻڻ شروع ٿي ڪيون. ڪُن جئن پوءِ تئن اونهو ٿيندو ٿي ويو، ۽ پوءِ انڊلٺ جا ست ئي رنگ ڄڻ هن جي اکين کي کيرو ڪري، هن کي اٿاھه اوندھه ۾ گھليندا لوڙهيندا ٿي ويا.
    ليلى به ڄڻ هن ۾ ڪجھه ڳوليندي ٿي رهي: هن جي اکين ۾، هن جي ٻانهن ۾، هن جي منهن جي هيٺانهينءَ مٿانهينءَ ۾، هن جي ڇاتيءَ جي وارن ۾ ــــــــ الائي ڇو هن کان هڪ هلڪي اَڻ لکي آه نڪري ويندي هئي. ڪجھه به نه پائيندي به، هن ان ڳولا، ان تجسس کي ڇڏڻ نٿي گھريو. هوءَ وري وري هن جي اکين ۾ نهارڻ لڳندي هئي؛ من اهو سڀڪجھه کيس ملي وڃي، جنهن جي هن کي ڳولا هئي. اهو سڀڪجھه نه ملندي به هن اهو ڪجھه وڃائڻ نٿي گھريو، جيڪو هن کي حاصل هو. ان ڪري هوءَ گھڙيءَ لاءِ به سنگھار کي پاڻ کان جدا ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. الائي ڇو هن کي اهو خيال ستائيندو هو ته جيڪڏهن سنگھار ماڙيءَ مان نڪتو ته وري موٽي نه ايندو. هوءَ هزار بهانا بنائي هن کي ٻاهر نڪرڻ کان روڪيندي هئي. سرهيو جڏهن اچي سڏ ڪندو هو، تڏهن هن جي هنئين ۾ هدڪ پئجي ويندو هو، ۽ هوءَ ڪو نه ڪو انگل ڪري سنگھار کي روڪي ڇڏيندي هئي. هن کي اهو خيال بار بار ايندو هو ته سرهئي سان ملڻ سان هن کي وري نه سنڌ ياد اچي وڃي، هن کي وري نه آخوند صالح ياد اچي وڃي ــــــ ۽ اهي ڳالهيون هن جي ذهن تان ميسارڻ لاءِ هن ڇا ڇا نه جتن ڪيا هئا!
    هن کي هڪ ٻيو به اُڊڪو ستائيندو هو، سو امير خان جي جاسوسن جو. آسپاس ترخانن جون ننڍيون ننڍيون ڇانوڻيون هيون. خود ڪينجھر تي ميربحرن ۽ مهاڻن کان محصول اڳاڙڻ لاءِ روزانو ترخانن جو هڪ جٿو ايندو هو. هنن جي گھوڙن جي سنبن جو آواز ٻڌندي ئي، هن جي دل دهلجي ڌڙڪڻ لڳندي هئي. ست راتيون ۽ ست ڏينهن ته هن اکين ئي ۾ ڪاٽي ڇڏيا هئا. ان جي ابتڙ سنگھار، جئن پوءِ تئن هڪ عجيب ڳهر ۾ ڳهرجندو ٿي ويو، ۽ هوءَ هن جي ننڊاکرين اکين ۾ ڪنهن عجيب پيڙا جا پاڇولا ڏسندي رهندي هئي. هوءَ چاهيندي هئي ته پنهنجي نرم نرم آڱرين سان هن جي منهن تي ٿڌڙا ڪڍي، اها پيڙا لاهي ڇڏي. هن جي اکين تي آڱريون ڌريندي، هوءَ سوچيندي هئي ته هِنن اکين ۽ هُنن اکين ۾ ڪيترو نه فرق هو: هِنن اکين ۾ پيڙا سان گڏ ٿڪ جو احساس آهي، هُنن اکين ۾ پيڙا سان گڏ نٺرتا جي باھه هئي. الائي ڇو تڏهن به هوءَ ان نٺرتا جي باھه کي ڇهي ڏسڻ جي آرزو روڪي نه سگھندي هئي. هن پنهنجي آڱرين جي چهنبڙين ۾ ان نٺرتا جي باھه جو سيڪ محسوس ڪرڻ ٿي گھريو. پر نٺرتا بدران هِنن اکين مان هن جي آڱرين ۾ هڪ اهڙي جلن جي ڀاونا ٿيندي هئي، جنهن ۾ سياري جو ساڙ هوندو هو؛ ۽ پوءِ هن کي پنهنجي وطن جون برف پوش چوٽيون ياد اچي وينديون هيون. هن جو سڄو بدن ڪانڊارجي ويندو هو، هوءَ ڏڪندي ڏڪندي، ان نئين سيءَ لاهڻ لاءِ، سنگھار جي ڀاڪر ۾، ڪنهن هيسيل ٻار وانگر ڪرونڊڙي ٿي سمهي رهندي هئي.
    صبح جي پهر، ڪينجھر جي ڇاتيءَ تي لڏندا لمندا، جڏهن واهوندا ورندا هئا تڏهن ليلى کي ڪنهن جي اچڻ جو گمان ٿيندو هو، ۽ هوءَ هر آهٽ، هر کُڙڪي تي سنگھار کي اڃان ئي زور سان چنبڙي پوندي هئي. هنن کي آئي اَٺ ڏينهن ٿي ويا هئا، ۽ هري هري ٿي ليلى جي دل مان امير خان جي اچڻ جو ڀؤ لهندو ٿي ويو، ۽ هوءَ اهو سوچي رهي هئي ته اڄ جڏهن سرهيو کين ڪينجھر جي سير جي دعوت ڏيڻ ايندو تڏهن هوءَ انگل ڪري سنگھار کي هلڻ لاءِ زور ڀريندي، ۽ ڪينجھر جي پيٽ تي هندوري جا لوڏا کائيندي، هوءَ پنهنجي وارن کي آزاد ڇڏي ڏيندي. پر ان ڏينهن سرهئي جي آواز بدران گھوڙن جي هڻڪارن ۽ سنبن جي پڙاڏن هن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ لائي ڏني. پهرين ته هن ننڊ پيل سنگھار جي ڀاڪر ۾ سمائجي، انهن آوازن کان نٽائي سمهي رهڻ جي ڪوشش ڪئي پر جڏهن اهي آواز بنھه ويجھا پوندا ويا، تڏهن هن سنگھار کي جاڳائڻ ئي مناسب سمجھيو. سنگھار الوٽ ننڊ ۾ هو، جنهن مان هن جاڳڻ نٿي گھريو. جڏهن ليلى هن کي جاڳائڻ لڳي، تڏهن هن عادت موجب ليلى کي ڇڪي ويجھي آڻڻ لاءِ ٻانهن کي سيرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ليلى سندس ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: ”جان، ڀانيان ٿي ته ٻاهر امير خان اچي پهتو آهي!“
    هو ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. عين ان وقت ماڙيءَ جي در تي کڙڪو ٿيو. الائي ڇو سنگھار جي ننڊاکرين اکين ۾ اهڙي چمڪ اچي ويئي، جنهن مان ليلى ائين ڀانيو ڄڻ هن کي سڀڪجھه وري ياد اچي ويو هو، ۽ هو پنهنجي پاڻ تي مرڪي رهيو هو. در تي ٻيو ڀيرو کڙڪو ٿيو، ۽ سنگھار آرس ڀڃي اٿي بيٺو. ڪنڊ ۾ رکيل ڀالو کڻندي، هن ليلى جي کاڏيءَ کي هٿ سان مٿي کڻندي، سندس اکين ۾ گھوريندي چيو: ”جيئرو هوندس ته امير خان ته ڇا، سمورن ارغونن ترخانن جي لاشن کي لتاڙي وري توکي کڻي هليو ويندس. پر جي مري ويس ته مئن تي ميار نه ڪج!“ ليلى هن جا لفظ ٻڌي، هن کي چنبڙي پيئي ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
    سنگھار ڀالو سنڀالي دروازي تائين آيو. گھوڙن جي هڻڪارن مان ئي سمجھي ويو ته امير خان هيل وڏو لشڪر سانباهي آيو آهي. هن چوطرف نهاري اندازو لڳايو ته ترخانن کي دروازي ڀڃڻ کان سواءِ ٻي ڪا واھه ڪانه هئي. ماڙيءَ جون ڀتيون ايتريون اوچيون هيون جو ڪو ترخان ان تي چڙهڻ جي همت ڪانه ڪندو. پٺيان ته ڪينجھر هئي، سو اتان به ڪنهن ترخان کي همت ڪانه ٿيندي. هن لاءِ به هڪڙي راھه کليل هئي ته هو ماڙيءَ جي کڏ تي چڙهي، پٺئين پاسي ڪينجھر ۾ ٽپو ڏئي، ۽ جي بخت ساٿ ڏنس ته مير بحرن مان ڪو ساٿي هن جي واهر ڪندو. پر اهو خيال ايندي ئي هن سوچيو ته ليلى ڇا سوچيندي ته کيس امير خان جي حوالي ڪري، پاڻ پنهنجي کل بچائي ڀڄي ويو. اهو خيال اچڻ سان ئي ڀڄڻ جي راهن تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏنائين. هن کي امير خان جي خيالن جي به ڄڻ سڌ هئي، ۽ هن کي پڪ هئي ته جيڪڏهن هو امير خان سان ليلى جي عيوض پنهنجي جان جو سودو ڪري تي امير خان خوشيءَ سان اهو سودو قبول ڪندو. پر اهو خيال به هن لاءِ ايترو ڪُڌو ۽ ڪجسو هو جو ان تي سوچڻ به نٿي گھريائين. فقط هڪڙو ئي طريقو هو ته ترخانن سان وڙهندي، ڪو گھوڙو هٿ اچي وڃي، ۽ هو ترخانن جي نرغي مان نڪري وڃي.
    دروازي جي ڀر ۾ بيهي هو دروازي ٽٽڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. دروازو ڪافي مضبوط هو. ترخانن هڪ بنڊ کڻي دروازي تي ڦهڪائڻ شروع ڪيو. پنجن ـــ اٺن ڌڪن کان پوءِ دروازي جو هڪڙو تاڪ ٽي ٽڪر ٿي ويو، ۽ پوءِ هڪ ئي ڌڪ سان سمورو دروازو چوڙن کان نڪري ويو. جڏهن دروازو ڪِريو، تڏهن دروازي سان گڏ پنج ـــ ڇھه ترخان بنڊ سوڌا اچي ٻوٿ ڀر ڪِريا. هنن جي پويان ترخان اگھاڙين ترارين سان اندر ڌوڪيندا آيا. سنگھار جو ڀالو، هڪڙي ترخان جو پيٽ چيري، وٽ کائي ٻئي ترخان جي ران ۾ چڙهي پيو. ٻيئي ڄڻا رڙ ڪري اتي ئي ڪِري پيا. سنگھار جو ڀالو هنن جي جسم ۾ ئي رهجي ويو. هن جھٽ ڏيئي ڪرندڙ ترخان جي هٿ مان ترار ڦري ورتي، ۽ ايندڙ ترخانن سان وڙهندي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. ترخانن جو هڪ سيلاب اندر ڌوڪيندو ٿي آيو ڄڻ هنن کي ڪنهن وڏي لشڪر سان مقابلو ڪرڻو هو. هن سيلاب کي روڪڻ سنگھار لاءِ ناممڪن هو. هو فقط اها ڪوشش ڪرڻ لڳو ته سوڙهي ڏيڍيءَ مان نڪري کليل ميدان ۾ پهچي وڃي.
    سنگھار جي ترار ترخانن تي ائين ٿي ڪڙڪي ڄڻ ترار ۾ ساھه پئجي ويو هو. ترخان ڪِرندا، نت نئين ڪوششن سان اندر اچڻ جا جتن ڪرڻ لڳا. سنگھار دروازي جي هڪ پاسي کان ايندڙ ترخانن ڏانهن اهڙي لُوهه وڌي جو هڪ ترخان ڪلهي وٽان ڪپجي پورا ٻه اڌ ٿي ويو. ٻيا ترخان سراپجي هن جي اڳيان هٽي ويا، ۽ سنگھار ميدان ۾ نڪري آيو. پر ميدان ۾ پهچي هن محسوس ڪيو ته اهائي هن جي غلطي هئي. سامهون گھوڙيسوارن جو هڪ جٿو گھيرو ٺاهي، ڀالا اُڀا ڪري هن ڏانهن وڌڻ لڳو هو. جيسين هو سوچي، تنهن کان اڳ هڪ ٿلهي نوڙ جي سرڪ ساهي هن جي مٿان ڪِري ۽ ڪلهن جي ڏورن وٽ پهچي، هن کي پنجوڙ وانگر جڪڙي ويئي. ڇڪ اچڻ تي هو پاڻ سنڀالي نه سگھيو، ترار هن جي هٿ مان ڇڏائجي ويئي، ۽ هو پٺن ڀر وڃي ڪِريو. نوڙَ، هن کي ٺونٺين مٿان، اهڙو قابو ڪري ڇڏيو، جو ڇڪ اچڻ تي ٺونٺين کان هيٺ جون ٻانهون کيريون ٿيڻ لڳيون. هن پاڻ سنڀالي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سرڪ ساهيءَ واري ترخان پريان ئي نوڙ کي ڇڪ ڏني، ۽ هو وري پاسي ڀر ڪِري پيو. ترخانن کي هاڻ تماشو ٿي آيو، ۽ هو هڪ وڏو گھيرو ٺاهي بيهي رهيا. نوڙ واري ترخان وري پنهنجي هٿ کي جھٽڪو ڏنو؛ سنگھار جون ٽنگون ريتيءَ تان ٿِڙي اڳتي گھلجي ويون، ۽ هو اونڌو ٿي ڪِري پيو. ترخانن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. نوڙ واري ترخان کي ڄڻ رونشو سُجھي آيو، ۽ امير خان ڏانهن نهاريندو، آهستي آهستي نوڙ کي ڇڪڻ لڳو. سنگھار جا گوڏا، ٻانهون، ڇاتي ۽ منهن گھلجڻ سان، ريتيلن پٿرن سان گسندا، گھڪندا رهڙجڻ ۽ ڇلجڻ لڳا. هن کي پڪ ٿي ويئي ته امير خان هن کي ائين گھلائي، يا گھوڙي جي پُڇ سان ٻڌي مارائڻ ٿو گھري. ترخان وري گھوڙي کي پوئتي هٽائيندي، ٿوري ڇڪ ڏني؛ سنگھار کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن جي ڇاتيءَ جا وار ڪنهن ڇڪ ڏيئي پٽي ورتا، هن جو هيٺيون چپ هڪ چهبندار پٿر ۾ لڳي اڌ وڍجي ويو. هن کي پنهنجي ئي رت جو کارو کارو سواد زبان تي محسوس ٿيو. گھڙيءَ لاءِ هن جو سمورو بدن ڄاهي وانگر سيٽجي ڪانڊارجي ويو. جيسين ترخان ٻي ڇڪ ڏئي، ان کان اڳ هن ڪوشش ڪري ٻيئي هٿ رسي ۾ کُپائي ڇڏيا. هڪڙي گوڏي کي ڌرتيءَ ۾ کُپائيندي، ٻئي گوڏي کي ٿورو ٻيڻو ڪندي، هن هڪ اونهو ساھه کنيو، ۽ ٻانهن کي هيٺ جنبش ڏني. رسي وارو ترخان ان ڇڪ لاءِ بلڪل تيار نه هو ۽ گھوڙي جي ڳچيءَ مٿان بولاٽي کائيندي اچي ٻوٿ ڀر ڪِريو. رسو هن جي هٿ مان ڇڏائجي ويو. جيسين ترخان اٿي سڌو ٿئي ۽ وري رسي کي کڻي، تيسين سنگھار گوڏن ڀر سڌو ٿي، رسي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. پيٽ وٽان رسي کي ڍرو ڪندي، هن سرڪ ساهي کولي وڌي. ترخانن جا ٽهڪ بند ٿي ويا، ۽ هنن جي ڏسندي سنگھار اها ئي سرڪ ساهي پنهنجي مٿان ورائيندي هٿ کي هلڪو اشارو ڏنو. سرڪ ساهي امير خان جي مٿان وڄ وانگر ڪڙڪي، سندس چيلھه وٽ کُپي ويئي. سنگھار جي هٿ وري جنبش کاڌي، ۽ امير خان گھوڙي تان پٽجي، گھوڙي جي هڪ پاسي، مٿي ڀر اونڌو لٽڪي پيو، ۽ سندس هڪڙي ٽنگ، جنهن جو پير ٻئي پاسي رڪيب ۾ پيل هو، رڪيب سوڌو مٿي کڄي ويئي. عين ان وقت هڪ ڀالو سنگھار جي ڪلهي جي ڦڻ ۾ کُپي ويو، ۽ هو ٻوٿ ڀر وڃي ڪِريو. ترخان تراريون ڪڍي هن کي ڦري آيا. هڪڙي ترخان امير خان کي اٿاري، رسي کان آزاد ڪرايو. امير خان چپ چاپ هلندو، سنگھار جي مٿان اچي بيهي رهيو. سندس اکين ۾ ڪاوڙ ڄڀيون ڪڍڻ لڳي هئي ــــ ۽ پوءِ هن هٿ وڌائي، ڪريل سنگھار جي پٺ مان ڀالو ڪڍي ورتو. پنهنجن ماڻهن کي اشارو ڪري، هو وري پنهنجي گھوڙي ڏانهن موٽي آيو. ترخان سنگھار کي چوکنڀو ٻڌي، کيس اڳيان ڌڪيندا، ماڙيءَ ۾ داخل ٿيا.
    ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ
    امير خان ليلى جي چائنٺ لنگھي، دروازي کي ڪُنڊو هڻي ڇڏيو، ۽ هڪ ٽڪ ليلى کي ڏسندو رهيو. ليلى دروازي کي پٺيري، وهاڻي کي ڀاڪر پائي، ليٽي پيئي هئي. سڏڪن جي ڪري هن جو سڄو بدن لڏي رهيو هو. امير خان کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ليلى سان گڏ هن جي دل جي سموري ڪائنات لڏي رهي هئي. ليلى جا وار، ڳچيءَ تان وري وهاڻي تي ويڙهجي ويا هئا، ۽ سندس ڪلها سنهي ململ جي پهراڻ مان ائين جھلڪي رهيا هئا، ڄڻ رنگ جي ڪا وير لهي چڙهي رهي هئي. امير خان ڪيترو وقت ان مرمرين سڏڪندڙ جسم مان ڦٽندڙ حُسن کي ڏسندو رهيو. هن کان رهيو نه ٿيو، ۽ هن هري هري چيو: ”جان . . . . .!“
    ان لفظ جي ڳوراڻ ۾ امير خان جي سموري هستي سميٽجي آئي. ان ڳوراڻ ليلى جي سڏڪن تي ڄڻ باھه تي تيل وارو ڪم ڪيو، هن جو ڀاڪر وهاڻي ۾ وڌيڪ سوڙهو ٿي ويو. امير خان پنهنجو ڪمربند کولي، ترار سوڌو در جي ڪنڍي ۾ ٽنگي ڇڏيو، ۽ وڌي ليلى جي مٿان بيهي رهيو. خداوند! تو هي حسن ڇو خلقيو؟ پهراڻ جي گھيري ۽ وارن جي سرحد تي ليلى جو جسم هن کي ايترو حسين معلوم ٿيو، جو هن کان وڌيڪ ضبط نه ٿي سگھيو، ۽ هن پنهنجا چپ ان کپ ۾ کپائي ڇڏيا. ليلى جي جسم جو ڌڌڪو اوچتو بند ٿي ويو، ۽ هن سٽ ڏيئي جيئن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي. تيئن امير خان جو ڀاڪر سندس جسم کي وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهجي ويو. امير خان جون ٻانهون هن جي ڇاتيءَ تي منڌيئڙو ٺاهي ويون، ۽ هن جا هٿ هن جي ڪُڇن ۾ ڦٻي ويا. هن جا چپ سندس ڳچيءَ ۽ ڪلهي جي لاهيءَ تي ٿڙڪڻ لڳا ۽ هن جي جسم جي اجھل آڳ ۾ جلڻ لڳا. پر ليلى نانگ وانگر پنهنجي بدن کي ڪوئيندي، هن جي ڀاڪر مان نڪري، هن جي سامهون بيهي رهي. هن جي اکين ۾ ڳوڙهن جو ڌنڌ هو، ۽ ان ڌنڌ جي پويان هن جون اکيون ڄڻ ٻه مشعلون ٻري رهيون هيون. انهن اکين کي امير خان ڪڏهن به روئندو نه ڏٺو هو؛ هن انهن ۾ محبت ڏٺي هئي، ارڏائيون ۽ البيلائيون ڏٺيون هيون، دليريءَ جا سنيها ۽ ويڻ ڏٺا هئا، پر هن لڙڪن جي طوفان ۾ ٻرندڙ سرخ مشعلون نه ڏٺيون هيون. امير خان انهن شعلن ۾ وڌيڪ نهاري نه سگھيو. هن جي اندر ئي اندر ڪنهن شيءِ جي ڀڄي پوڻ جو پڙلاءُ، سندس جسم ۾ هڪ سرد لهر بنجي داخل ٿيو ۽ هن کي پنهنجو سمورو وجود سن ٿيندو، کيرو ٿيندو محسوس ٿيو. ان کيرائيءَ کان بچڻ لاءِ هن وري ڳالهائڻ جو سهارو ورتو.
    ”جان اسين اچي ويا آهيون!“
    ليلى ڪوبه جواب نه ڏنو. هوءَ لڳاتار هن کي گھوريندي رهي. لڙڪن جي ڌنڌ مان هاڻ نفرت جو ڇوهو اٿي ليڪا پائڻ لڳو هو.
    ”جان، اسين هن سنڌيءَ کي اهڙي سزا ڏينداسون جو زمانو اسان جي انتقام کان ڪنبڻ لڳندو . . . . . جان، اسان جو آغوش تنهنجي لاءِ بيقرار آهي . . . . !“
    ليلى جي اکين جو ڌنڌ صاف ٿيڻ لڳو، ۽ ٻيءَ گھڙيءَ هن پنهنجي ڪمربند مان سنهو خنجر ڇڪي ڪڍيو، ۽ امير خان تي اُلر ڪري آئي. سندس لفظ باھه جا اُلا بنجي اميرخان کي ساڙڻ لڳا! ”بزدل، نامرد، خوني . . . .، منهنجي ويجھو آيو آهين ته هي خنجر تنهنجي سيني جي پار هوندو . . . . آءٌ تو جھڙن سوين ترخان سردارن تي هڪ سنڌي پورهيت کي ترجيح ڏيان ٿي، جن ۾ سچائي آهي، سڪ آهي ۽ دليري آهي . . . . تون ته ڪتو آهين . . .. ڪتو . . !“
    هن الائي ڇا ڇا چوڻ ٿي گھريو، پر اوچتو امير خان سندس خنجر واري ٻانهن ۾ کڻي هٿ وڌو، ۽ سندس ٻانهن موڙي پويان ورائي ڇڏي. سور کان ليلى کان ڪيڪ نڪري ويئي، ۽ خنجر سندس هٿ مان ڪِري پيو. امير خان جي تن بدن ۾ باھه لڳي ويئي هئي، ۽ هن ڏند ڪرٽيندي چيو: ”ليلى، اسين تنهنجي حُسن جي خيال کان توکي ايذائڻ نٿا چاهيون. تون هڪ ڀيرو هڪ سنڌيءَ اڳيان اسان جي بيعزتي ڪري چڪي آهين. پر هن سنڌيءَ کي اسين تنهنجي اکين اڳيان اهڙي سزا ڏينداسون جو وري تو کي ڪنهن سنڌيءَ جي نالي وٺڻ جي جراَت نه ٿيندي . . . . تنهنجي هن جوانيءَ ۽ هن حسن جو قسم، اسين اهوئي خنجر تنهنجي سيني جي پار پهچائي ڇڏيون ها، جيڪڏهن اسان کي اهي ڏينهن ياد نه هجن ها، جڏهن اسان تنهنجي حسن کي ڏسي پنهنجو هوش حواس وڃائي ويٺا هئاسون! ياد ڪر ليلى، اهو ڏينهن، جڏهن تو غلامن جي قطار ۾ ٻاڏائيندڙ اکين سان اسان کي اهڙو نياپو ڏنو، جنهن کي اسين نظرانداز نه ڪري سگھياسون؛ ۽ ياد ڪر اهي ڏينهن جڏهن اسان تنهنجي هر خواهش جو احترام ڪيو . . . . تنهنجي ڀاءُ کي خريد ڪري، آزاد ڪري، ترڪستان واپس موڪليو؛ تنهنجي پيرسن پيءُ کي قنڌار جي قيدخاني مان آزادي وٺائي ڏني . . . . ۽ اڄ تون . . . ليلى. . . .تون. . . .!“
    امير خان کي به الائي ڇا ٿيو؛ هن جو گلو ڀرجي آيو، ۽ هن جي اکين ۾ لڙڪ اچڻ لاءِ آتا ٿيڻ لڳا. هن کي اهي ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن امير خان بهادر سردار هوندي به جنگ جھيڙي، ظلم ۽ غارتگريءَ کان نفرت ڪندو هو، ۽ هن سموري زندگي ليلى ۽ ادراڪيءَ جي محبت ۾ گذارڻ جو پڪو پھه ڪيو هو. جڏهن سنڌين جون بغاوتون زور وٺنديون ويون، ۽ سنڌين خلاف ڪاروائيون ڪندي، جڏهن ٿڪجي پوندو هو، تڏهن ليلى جي هنج ۾ هن کي دنيا جون سموريون برايون، لڙائيون ۽ جنگيون وسري وينديون هيون. هو کلي ليلى کي چوندو هو ته هونئن ته جھاد الله سائين طرفان فرض آهي، پر حق تي مسلمان جھاد في سبيل الله ۾ پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿين ٿا جو هنن کي جنت ۾ ليلى کان به سهڻيون حورون ۽ انگوريءَ کان بهتر شراب ملڻ جي پڪ هئي. ليلى شوخيءَ مان چوندي هئي: ”ڇا مون کان به ڪا حور وڌيڪ سهڻي ٿي سگھي ٿي؟“ ۽ هوءَ رُسي ويهي رهندي هئي. امير خان هن کي پرچائڻ لاءِ هزار جتن ڪندو هو. ان وقت ۽ هن وقت جي وچ ۾ رت جا درياءَ، هن جي سمورن نازڪ ۽ لطيف احساسن کي لوڙهي ويا ها. سنڌين جو ميرانجھڙو ڳاڙهو رت، جنهن جي رنگ تي سنڌوءَ جي پرئين ڪناري تي ٻڏندڙ سج مان ڦٽندڙ شفق جو گمان ٿيندو هو، هاڻ هن جي خوابن تي سوار ٿي چڪو هو. پر انهن خوابن ۾ هن کي پنهنجو رت به گڏجندو، مسجندو، وهندو نظر ايندو هو . . . . . ۽ خوابن جي ان ڌنڌ ۾ ٻه اڏول هستيون هن کي بار بار نظر اينديون هيون ـــــــــــ سنگھار هن جي پيءُ جو قاتل، ۽ سوڍو، هن جي محبت جو قاتل! انهن ٻن شخصن جي خواب ۾ اچڻ سان هن کي ٽياس تي ٽنگيل پنهنجي پيءُ جو لاش نظر ايندو هو ۽ سليمان جون ڊپ ۽ بي اعتباري کان ڦاٽل اکيون هن کي گھورڻ لڳنديون هيون، ۽ هو ان اوٿاري مان، پگھر ۾ شم ٿي ڇرڪ ڀري اُٿي ويهندو هو.
    اهي خيال ايندي ئي، هن ليلى جي ٻانهن کي ڇڏي ڏنو، ۽ کيس ٻاهر هلڻ جو اشارو ڪيو. اميرخان جي اکين ۾ جيڪي ڇايائون هيون، ليلى انهن ۾ نهارڻ جي ڪوشش ڪندي، ڪنڌ نِوڙائي، هن جي اڳيان هلندي، دروازي کان ٻاهر هلي آئي. ماڙيءَ جي آڳنڌ ۾، زخمن کان چُور سنگھار چوکنڀو ٻڌل هو. ڏهاڪو کن ترخان ترارين ۽ ڀالن سان مٿس پهرو ڏيئي رهيا هئا. سنگھار جا ڪپڙا سندس ئي رت ۾ رڱجي، بدن سان چنبڙي پيا هئا. سندس ساڄي ڪلهي ۾ لڳل ڀالي جي ڦاٽ مان رت اڃا تائين سيڙهون ڪري وهي رهيو هو. سندس شبيھه ايتري ڇرڪائيندڙ هئي، جو ليلى هن کي ڏسندي هڪ هنڌ ڄمي ويئي ۽ پوءِ اتي ئي مولهوٽو ٿي ڪِري پيئي.
    امير خان کيس پنهنجي ٻانهن ۾ کڻي ورتو، ۽ هڪ ترخان کي پاڻي آڻڻ لاءِ چيائين. هڪ ٻئي ماڻهو کي هُن هڪ ٿلهي سيخ تپائي آڻڻ لاءِ چيو. جڏهن ليلى کي هوش آيو، تڏهن هن پاڻ کي هڪ موڙِي تي ويٺل ڏٺو: امير خان جي ٻانهن سندس ڪلهن آڏو هئي، ۽ سوين ترخانن جون اکيون حيرت مان هن جي حُسن جا ڍُڪ ڀري رهيون هيون. اميرخان ڄڻ ته هن جي حسن کي عام بڻائي، هڪ عجيب اطمينان محسوس ڪري رهيو هو. سامهون سنگھار چوکنڀو ٻڌل هو. سندس اکين ۾ ڪا مرڪ موٽي آئي هئي: رت جي ڳاڙهاڻ ۾، هن جي اکين جي لال لال مرڪ ليلى جي اندر ۾ وڍ وجھڻ لڳي. هن جي دل اُن مرڪ کي پي وڃڻ لاءِ اُڇلون ڏيڻ لڳي؛ هن جي جسم ۾ اهڙي ٿڙڪڻي اچي ويئي، جو ان کي امير خان جو ڀاڪر به روڪي نه سگھيو. پوءِ هن جيڪي ڏٺو، ان تي هن کي اعتبار نٿي آيو: هڪ ترخان ٿلهي تتل سيخ کي ڪاٺ جي ڳن کان جھليندي، سنگھار جي سامهون اچي بيهي رهيو. امير خان ليلى کي ڀاڪر ۾ سوڙهو ڪندي چيو: ”سنگھار، تو منهنجي پيءُ کي ٽياس تي ٽنگايو هو، ۽ مون ان وقت ئي توکان بدلي وٺڻ جو قسم کنيو هو. مون سوڍي جي بغاوت جي خيال کان، ان جي پوئواريءَ ۾ پئي دير مدار ڪئي؛ ۽ هاڻ آءٌ توکي ٽياس تي ابتو ٽنگائي سگھان ٿو، توکي گھوڙن جي پڇن ۾ ٻڌائي، چيرائي مارائي سگھان ٿو، هاٿيءَ جي پيرن ۾ لتاڙائي مارائي سگھان ٿو. ائين به ڪري ٿو سگھان ته تنهنجو سَنڌ سَنڌ، انگ انگ ڪري ڪپيان ۽ ڪتن جي حوالي ڪريان. پر تنهنجو ڏوھه انهن سزائن کان به وڌيڪ سنگين آهي؛ تو اسان کان ليلى کي جدا ڪيو. ان جي سزا توکي اهڙي ملڻ گھرجي، جو موت اُن اڳيان ڪائي سزا نه هجي، چؤ، تون پنهنجي لاءِ ڪهڙي ٿو سزا مقرر ڪرين؟
    سنگھار ڪوبه جواب نه ڏنو. هڪ ٽِڪ ليلى ۾ نهاريندو رهيو. هاڻ هن جي اکين ۾ اهڙي ڪيفيت هئي، جو ليلى هن سان نظر ملائڻ کان ڪيٻائڻ لڳي. انهن اکين کان پاڻ بچائڻ لاءِ، پنهنجا ٻيئي هٿ منهن آڏو ڏيئي ڇڏيا. پوءِ هن سنگھار جو جواب ٻڌو.
    ”امير خان، پڻهين کي ٽياس تي مون ڪونه ٽنگيو هو؛ سندس ظلمن پاڻ کيس ٽنگايو هو. سنڌين تي ظلم ڪرڻ واري هر ظالم جو اڄ نه ته سڀاڻي اهو حشر ضرور ٿيڻو آهي. سنڌ ۾ رڳو آءٌ سنگھار ڪونه آهيان: سوين هزارين سوڍا ۽ سنگھار آهن، جي ظالمن کي ٽياس تي ٽنگيندا رهندا! رهي ليلى، سو تو هن کي لُٽ جو مال سمجھيو آهي؛ منهنجي لاءِ ته هوءَ فقط هڪ وينگس آهي، جنهن جي اکين ۾ الماس آهي، جنهن جي چپن ۾ ماکيءَ جھڙو مڌ آهي، جنهن جي بدن ۾ هرڻن واري اُڇل آهي، جنهن جي هنئين ۾ اهڙي ھورا کورا آهي، جنهن کي فقط منهنجي دل ٿي سمجھي، تون ڇا سمجھندين؟ ۽ سزا ـــــ سا تون پنهنجي دل کان پڇ ته هڪ بزدل، گيدي ۽ ڪانئر هڪ سورهيه سرويچ کي ڪهڙي سزا ڏيڻ چاهيندو!“
    ”بس ڪر بدزبان . . . . اوهان سنڌين کي اهڙو سبق سيکاريندس جو وري صدين تائين اوهان سنڌين کي زبان کولڻ جي جرات نه ٿيندي!“ ائين چئي هن پنهنجي ماڻهوءَ کي اشارو ڏنو. ترخان هڪ پل به نه سوچيو، ۽ هن سيخ سنگھار جي اکين ۾، سرمي جي ڪانيءَ وانگر ڦيرائي، هٽائي ڇڏي. وايو منڊل ۾ سڙندڙ کل جي بوءِ ڦهلجي ويئي. سنگھار جي وات مان آواز به نه نڪتو. هن جي اکين جي جاءِ تي ٻه ڪارا گھرا ٽمندڙ چُگھه بنجي ويا. ليلى جي نڙيءَ مان اهڙي ڪِيڪ نڪتي، جو ٻين ترخانن سان گڏ امير خان به ڏڪي ويو. ليلى هن جي ڀاڪر مان جھرڪيءَ وانگر ڀڙڪو کائي اڏمي نڪتي، ۽ سنگھار جي پوئتي لڙيل سر ۾ ڀاڪر وجھي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.


    12

    سوڍل ڄڻ ته پنهنجي سموري سُرت وڃائي ويٺو. راتين جون راتيون، ڏينهن جا ڏينهن پنهنجي ڪوٺڙيءَ کان ٻاهر نه نڪتو. هڪ ئي هنڌ ويٺو رهيو، ۽ سامهون پيل اڇي جي ماٽيءَ ۾ نهاريندو رهيو. هن جي اکين کي پاڻ ڇنڀڻ وسري ويو هو. سوجھرو بدلجي اوندھه ٿي، اوندھه بدلجي سوجھرو آيو. پر هو اتي ئي ويٺو رهيو. ٻڍڙو علو هن جي اها حالت ڏسي ڳڻتين ۾ پئجي ويو. هن کيس وندرائڻ لاءِ گھڻيون ئي ڳالهيون ڪيون، پر سوڍل اک به نه ڇنڀي؛ ڄڻ هو دنيا ۾ اڪيلو هو ــــــــــ هن جو ڪو مِٽ نه هو، ڪو ساٿي نه هو، ڪو سنگتي نه هو. هن کي ڄڻ اهو به وسري ويو ته هو ڪير هو، ڪٿي هو ۽ ڇو هو، هت ڇو آيو هو، ۽ هي سڀڪجھه ڇا هو. علو هن کي سڀ خبرون ٻڌائيندو رهيو؛ مرزا جان بابا جي لشڪر ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاريو؛ مڪليءَ تي هن لشڪر ۽ مرزا باقيءَ جي لشڪر جي اڃا تائين خونريز جنگ پئي هلي؛ مرزا باقي پاڻ لشڪر جي مهنداري ڪري رهيو هو؛ هن سمورن ترخانن کي وڏن وڏن انعامن جو لالچون ڏيئي پنهنجي پاسي ڪري ورتو هو، مرزا جان بابا جي سسي آڻڻ واري کي پنهنجي ڌيءُ نڪاح ۾ ڏيڻ جو ڍنڍورو ڏياريو اٿائين؛ حد ته اها آهي جو ڍنڍوري ۾ اهو به چيو اٿس ته جو سنڌي يا ترخان مرزا جان بابا جو سر آڻيندو، ان کي ڌيءَ سان گڏ بکر جي عملداري به ڏيندو: هوڏانهن شهر ۾ شورش کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ امير خان ڳجھه وانگر لامارا ڏيئي رهيو آهي ـــــــ هزارين سنڌين کي رڳو شڪ ۾ مارائي ڇڏيو اٿن؛ اهو گھر خالي نه آهي، جنهن ۾ ترخان گھڙي مارڪٽ نه ڪري ويا هجن، ويندي سيدن تان به نه ٽريا؛ سيد علي شيرازيءَ جي پاڙي ۾ رت جا تلاءَ لڳا پيا آهن؛ سڀني کان وڌيڪ شُورش ٺٽي جي شاگردن ڪئي هئي، سو سوين مدرسن کي باهيون ڏياري پٽ ڪري ڇڏيو اٿن؛ سوين شاگردن کي هاٿين جي پيرن هيٺان لتاڙي ماريو اٿن؛ آخوندن، قاضين، ملن ۽ مولوين جون ڏاڙهيون پٽائي، سندن زبانون وڍائي، کين اگھاڙو ڪري سندن لاش درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيا اٿن؛ جنهن گھر ۾ باغين جو شڪ ٿو پوين، ان گھر جي زالن جي سٿڻن ۾ ٻليون وجھائي، کين گھٽين ۾ ٿا گھلارائين. انهن قهرن ۽ ڪيسن جو ٻڌي به سوڍل جي اکين ۾ جھپڪو نه آيو. هو هڪ ٽِڪ وٽيءَ ۾ پيل اڇي دارونءَ ۾ گھوريندو رهيو . . . . . . . هن کي ان سان ڪهڙو واسطو؟ اهي سنڌي هن جا ڇا ٿين؟ هي ٺٽو هن جو ڇا ٿئي؟ هيءَ سنڌ ڪير آهي؟
    ڏينهن گذري ويا، پر سوڍل جي حالت ۾ ڪو فرق نه آيو: سندس نرڙ تي سيءَ هوندي به پگھر جا ڦڙا موتين وانگر چمڪندا رهيا. پر هڪ ڏينهن چاچو علو ڊڄندو، هن جي ڪوٺڙيءَ ۾ داخل ٿيو، هلڪي کنگھڪار ڪيائين، پر سوڍل پنهنجي دنيا ۾ گم هو. ٻڍڙو علو تڏهن به نه مڙيو ۽ چيائين: ”سوڍل، شاھه قاسم ارغون مرزا باقيءَ تي راتاهو ڏنو آهي. مرزا باقي محل جي دري مان ٽپو ڏيئي ڀڄي ويو آهي!“
    ان خبر جو به سوڍل تي خير ڪو اثر نه ٿيو. علوءَ وري چيو: ”ان وقت سنگھار به مرزا باقيءَ جي محل ۾ گھڙي پيو هو. اوندھه ۾ هو مرزا باقيءَ تي وار نه ڪري سگھيو، ۽ مرزا باقي دريءَ مان درياءَ ۾ ٽپو ڏيئي نه ڀڄي ها ته . . . “
    سوڍل ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو. ”سنگھار . . . . سنگھار؟ ڪٿي آهي سنگھار؟“
    چاچو علو چپ ٿي ويو. هو سوڍل جي اکين کان ڊڄي ويو. هن جي ڀورين اکين ۾ رت اوچتو مڙي آيو هو، ۽ انهن ۾ جيڪو مچ مچڻ لڳو هو، سو ڏاڍو ڀوائتو هو.
    ” مون توکان سوال ڪيو، چاچا علو! ڪٿي آهي سنگھار؟“
    ”امير خان جي ليلى کي کڻي ويو آهي، ۽ امير خان ڪڍ ويو اٿس . . . .“
    سوڍل تي ڄڻ ڇت ڪري پيئي. هن جو هٿ ٽامي جي وٽيءَ تي سوگھو ٿي ويو، ۽ هن جو سمورو بدن سيٽجي تڻڪجي ويو. ٽامي جي وٽي ٽڙڪاٽ ڪري ڀڄي پيئي. ٽامي جو هڪ ٽڪرو هن جي هٿ جي تريءَ ۾ چڙهي پيو. اڇي دارونءَ سان گڏجي هن جي هٿ مان وهندڙ رت هن جي سٿڻ کي ڳاڙهو ڪرڻ لڳو. چاچو علو ڊڄندي اڳيان وڌيو ۽ چيائين: ”سوڍل، تنهنجو هٿ ڦٽجي پيو آهي!“
    سوڍل اوچتو اٿي بيهي رهيو. هن جي انگ انگ کي ڪي اڄاتيون ڄرون ساڙڻ لڳيون. هن جي بدن ۾ هلڪي ٿڙڪڻي پئجي ويئي، ۽ هن ڏند ڀيڙيندي چيو: ”منهنجي گھوڙي سنبراءِ!“
    ”شهر جا ڪجھه جوان مڙس توسان ملڻ آيا آهن، سوڍل! هو چون ٿا ته تون جيڪڏهن سندن مهنداري ڪرين ته هو سنڌ تان سر گھورڻ آيا آهن!“
    سوڍي ڄڻ ورچندي چيو: ”چاچا، مون چيو ته گھوڙي سنڀراءِ!“
    ٻڍڙو علو دل ئي دل ۾ سوڍل سان خفا ٿيندي، ٻاهر نڪتو. هن جي پويان سوڍل به ٻاهر هليو آيو. ٻاهر ويهارو مڙس ڄڻ هن جي اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ بيٺا هئا. سڀني گڏجي چيو: ”جيئي سنڌ!“
    اهو آواز ايترو ڳورو هو، ايترو معصوم هو، ايترو چيچلائيندڙ هو، جو سوڍل جي اکين ۾ لُڙڪ ڀرجي آيا، ۽ لڙڪن جي اُن ڌنڌ مان، جوانن کي ڏسندي هن ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: ”جيئي سنڌ . . . . جيئي سنڌ !“
    ”سوڍا، اسين توسان آهيون. سنڌ توسان آهي، سنڌ تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهي!“ هنن مان هڪڙي جوان چيو، جو ڪنهن دارالعلوم جو شاگرد ٿي ڏٺو.
    ”سنڌ . . . . ! سنڌ ؟ سنڌ؟ !“ سوڍل تقريبن روئندي چيو.
    ”ڪٿي آهي سنڌ؟ هيءَ چچريل چيريل، وڍيل ڪپيل سنڌ، جنهن تي ڳجھون لامارا ڏيئي رهيون آهن ـــــــــــ اها آهي سنڌ ؟ اها آهي دودي جي سنڌ؟ اها آهي تماچيءَ جي سنڌ؟ اها آهي دولھه دريا خان جي سنڌ ؟ . . . . . هو ڏس! سنڌ جو لاش سڙي رهيو آهي، هو ڏسو ٺٽو جلي رهيو آهي!“
    هو الائي ڇا ڇا چوندو رهيو. هن جي ذهن ۾ سنڌ وري ڪَرَ موڙيا هئا، پر ان سان گڏ ٻه ڳاڙها چپ، ٻه اگھاڙيون ٻانهون ۽ ڇوليون هڻندڙ ارھه به ڪَرَ موڙي جاڳي پيا هئا.
    ”مون کي معاف ڪجو يارو، آءٌ سنڌ لاءِ نه، آءٌ پنهنجي جنگ وڙهڻ نڪتو آهيان. آءٌ کوکلو آهيان. مون کي ڇڏي ڏيو. آءٌ پنهنجي اندر جو جھيڙو نبيرڻ پيو وڃان. اوهين مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو!“ سوڍل ڄڻ پاڻ کي اندران ئي اندر وڍيندو ٿي ويو، ۽ اکر سندس وات مان ڄڻ ڦٽجي زخمي ٿي ٿي نڪتا.
    ”اسين به توسان آهيون، سوڍا !“
    هن ڪوبه جواب نه ڏنو. گھڙيءَ لاءِ هنن جوانن کي گھوريندو رهيو. اوچتو الائي ڪيئن هن کي پنهنجو ڀائيٽو سانول ياد اچي ويو، ۽ هن ڄڻ زوريءَ مرڪندي چيو: ”جيڪا اوهان جي مرضي: منهنجو ڪو ٺڪاڻو ڪونهي، منهنجو ڪو ماڳ ڪونهي، مون سان گڏجي جي اوهين به ڀٽڪڻ ٿا گھرو ته پوءِ بسم الله !“
    ٻڍڙو علو سوڍل جي گھوڙيءَ سان گڏ هڪ ٻيو گھوڙو به ڪاهيندو آيو. سوڍل کيس ڏسي چيو: ”چاچا، هي ٻيو گھوڙو ڪنهن جي لاءِ آندو اٿئي؟“
    ”پنهنجي لاءِ! ماني ٽِڪي ڪري ڄاڻان، فارسي ڳالهائي ڄاڻان ـــــ من آءٌ به ڪنهن ڪم اچي وڃان !“
    ”۽ هيءَ سراءِ ؟ “ هڪ جوانڙي پڇيو.
    ”سنڌ سامت جو ساھه کنيو ته سرائون گھڻيون. گھڻو ئي سنڌ جو ليمڪ کاتو اٿم. من هي پوڙو هڏ به ڪم اچي وڃي!“
    سوڍي سوار ٿيڻ کان اڳ پڇڻ ٿي گھريو ته سنگھار ڪهڙي پاسي ويو. پر ان جي بدران هن سوال ڪيو: ”امير خان ڪهڙي طرف ويو؟“
    ”ڪينجھر ڏانهن!“ هڪڙي همراھه جواب ڏنو.
    سوڍو وڌي پنهنجي ڪميت تائين آيو، ۽ سندس منهن ۽ ڪنن تي هٿ ڦيرائڻ لڳو. گھوڙيءَ پنهنجي مالڪ کي ڪي ڏينهن ڪونه ڏٺو هو، سا منهن مٿي کڻي سندس منهن سان منهن ملائڻ لڳي. سوڍي چيو: ”چري، آءٌ مئو ٿورو ئي آهيان!“ ڪميت خوشيءَ کان پنهنجي کل ڦڙڪائڻ لڳي، ڄڻ هن وري سوڍل جي سوار ٿيڻ جي آس ٿي ظاهر ڪئي. سوڍي لانگ ورائي ته سڀني همراهن پنهنجن گھوڙن کي ڪميت جي پٺيان ڇڏي ڏنو.
    ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ
    سانجھين جو سج هنن کي سامائيءَ جي هُڙين ۾ لٿو. گھوڙن جي سهڪ جو هانبارو لڳل هو. مٽيءَ ۽ ڌڌڙ کان هنن جا منهن ڀورا ٿي ويا هئا. سج جا آخري ڪرڻا، هڙيءَ جي وڻن تان کڙي، پکين کي پنهنجا آکيرا ياد ڏياري رهيا هئا. علوءَ گھوڙو اڳتي وڌائيندي چيو: ”سوڍل گھوڙا ٿڪجي پيا آهن: وڌيڪ هلياسون ته وهٽ مري پوندا. رات اتي ئي ڊاٻو ڪجي ته ڪيئن!“
    سوڍل جا خيال هن جي ڪميت کان به تيز سنگھار، ليلى ۽ امير خان کان به اڳتي نڪري ويا هئا. علوءَ جو آواز ٻڌي، هن رڳو ايترو چيو: ”جيڪا سنگت جي صلاح!“
    علو ڄڻ ته هڙيءَ جي وڻ وڻ کان واقف هو: هن کي اها خبر هئي ته اڇو پٽ ڪٿي آهي، پاڻي ڪٿي آهي يا شڪار ڪٿي آهي. هو همراهن کي وٺي اچي هڪ تلاءَ وٽ بيٺو. سڀ اتي ئي لهي پيا. گھوڙن کي ٿورو پنڌ ڪرائي، کين پاڻيءَ تي ڇڏي ڏنائون. علو ٽن چئن ساٿين سان هُڙيءَ اندر هليو ويو، ۽ ٿوري وقت کانپوءِ ٻن همراهن جي ڪلهن تي هڪ وڏو ڦاڙهو هو. هڪڙي ٻئي ساٿيءَ جي ڀاڪر ۾ هڪ ننڍڙو هرڻ هو. همراھه باھه ٻاري هرڻن کي پچائڻ ويهي رهيا. چئن همراهن کي هنن آسپاس جي نظرداري لاءِ موڪليو ـــــــ باقي ساٿي ٽوليون ٺاهي اوڀاريون لهواريون ڪرڻ ويهي رهيا.
    سوڍو هنن کان الڳ، هڪڙي ڊٻ تي ويهي ڪجھه سوچيندي رهيو. هن جي من ۾ جيڪو انڌڪار متل هو، ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي ڪٽاري سان زمين تي آڏا ابتا ليڪا ڪڍڻ لڳو. ليڪا هن کي نظر نٿي آيا، پر هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ انهن ليڪن مان ليلى جو سمورو بدن جاڳي هن ڏانهن جھڪڻ لڳو هو. اهو خيال ئي هن کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، ۽ هو وري اٿي بيهي رهيو. ڪٽارو ڪمربند ۾ هڻي، پير سان ليڪا ڊاهڻ لڳو. مچ جي سوجھري ۾ هن جا ساٿي هن جي حرڪتن کي ڏسي اچرج کائيندا رهيا. سوڍي بابت هنن جيڪي ٻڌو هو، هي سوڍو ان کان بلڪل مختلف هو. سڀ کان وڌيڪ ڳڻتيءَ علو کي هئي. هن ڄڻ دل ئي دل ۾ چيو: ”اَٺ راتيون ڪونه ستو آهي ــــــ ڌڻي منهنجا تون خير ڪجانس!“
    پڪل هرڻ جي هڪڙي ران کڻي جڏهن علو سوڍل وٽ آيو، تڏهن سوڍو وري پنهنجي دنيا ۾ موٽي آيو، ۽ هن شڪر گذاريءَ سان علوءَ ڏانهن ڏٺو. علو سندس منهن تي سرهائي ڏسي پاڻ به مرڪڻ لڳو. سوڍو اڃا کائڻ ۾ ئي هو ته هڪڙو همراھه ڊڪندو هن تائين پهتو ۽ سهڪندي چيائين: ”سوڍل، ڏهاڪو کن ترخان هڪ ڏولي کڻايو ٺٽي پيا وڃن!“ سوڍل گوشت جو ٽڪر علوءَ جي هٿ ۾ ڏيندي اٿي بيٺو. ”ڪير آهي ڏوليءَ ۾؟ پڇيئي؟“ ”امير خان جي ٻانهي آهي ــــــــــــ ليلى ٿا چونس!“ همراھه سهڪندي جواب ڏنو.
    سوڍل کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هُڙي لاٽونءَ وانگر ڦرڻ لڳي هئي. هن جا ساٿي، مچ تي پچندڙ ڦاڙهو، سامهون توٻرن مان داڻو چرندڙ گھوڙا به هڙيءَ سان گڏ ڦرڻ لڳا هئا. هو پنهنجو هٿ مٿي تي آڻي، پنهنجي هڪڙي ڳل کي مهٽڻ لڳو، ۽ پوءِ هو تيزيءَ سان هڪڙو ڀالو کڻندي پنهنجي ڪميت تائين پهتو. هن جا ساٿي به اٿي بيهي رهيا، ۽ پنهنجن گھوڙن ڏانهن وڌيا. سوڍي هنن ڏانهن نهارڻ بنان چيو: ”مون اوهان کي چيو هو ته منهنجي پنهنجي جنگ آهي. ڀلائي ڪري اوهين اتي ئي ترسو!“
    هن جي لفظن ۾ ڪو دڙڪو ڪونه هو، پر هن جي آواز ۾ اهڙي ڪيفيت هئي. جو همراھه اتي ئي ڄمي ويا. سوڍل ڪميت تي سنج به نه وڌا؛ توبرو سندس ڪنن مان ڪڍي، هيٺ ڇڏيندي، آهستي چيائين: ”هل مِٺي!“
    ڪميت به ڄڻ پنهنجي مالڪ جي ڪيفيت کي سمجھي ويئي هئي. بنان لغام جي پنهنجي سوڍل جي ٺلهي اشاري تي، هن هڙيءَ کي چيرڻ شروع ڪيو. هن جي چال ۾ عجيب لوڏ اچي ويئي، ڄڻ هن کي اهو احساس هو ته سوڍل بنان سنجن جي چڙهيو آهي، متان ڏکيو ٿئي. پر ان لوڏ جي باوجود هن جي رفتار ۾ فرق نه آيو. ڪميت اڃا هڙيءَ کان منهن ڪڍيو ته پريان ئي ٻرندڙ مشعلون نظر آيس. اوندھه مان اچڻ ڪري، مشعلن جي تکي روشنيءَ ۾ ترخانن جا لڏندڙ خاڪا هو چڱيءَ طرح ڏسي ٿي سگھيو. ڀالو سڌو ڪندي، ترخانن جي وچ ۾ ڇٽل تير وانگر اچي ٽُٽو. پهرئين ئي وار سان ٻه ترخان دل ڏاريندڙ رڙيون ڪندا گھوڙن کان هيٺ اچي ڊٺا. گھوڙن به هن اوچتي مصيبت کان ٽهڻ شروع ڪيو، ۽ نرا کڻي پنهنجن ئي سوارن کي لتاڙيندا هڪ پاسي نڪري ويا. سوڍل جو ڀالو ائين ڪڙڪي رهيو هو، ڄڻ ڀالي ۾ عقاب جو روح سمائجي ويو هو ۽ هو ڳولي ڳولي ترخانن جا سينا پرڻ ڪندو ٿي ويو. ڪميت جي هڻڪار ترخانن جي دلين ۾ ڏهڪاءُ وجھي ڇڏيو. هڪڙي ترخان جي ترار جي چهنب سوڍي جي ڳل کي بنھه اک هيٺان چهڪ ڏيئي ويئي. اتان وهندڙ رت هن جي مڇن مان ٿيندو هن جي چپن تي ڳڙڻ لڳو. پنهنجي ئي رت جو سواد محسوس ڪري سوڍي مان ڄڻ ڏھه سوڍا ٿي پيا. هن ڪمربند مان ڪٽارو ڪڍي، ٻنهي هٿن سان وار ڪرڻ شروع ڪيو. ڀالو هڪ ترخان جي نڙيءَ کي ڇيهون ڇيهون ڪندي، کاڏيءَ جي پار هليو ويو. سوڍي ڇڪ سان ڀالو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته ترخان لڙڪي گھوڙي تان ڪِري ڀالو پاڻ سان گھليندو ويو. هن ترخان جي ڪِرڻ سان باقي بچيل ترخانن گھوڙن کي اڙيون هڻي کڻي هڪ پاسي منهن ڪيو. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ هنن ڪو جن ڀوت ڏٺو هو، ۽ لڳاتار گھوڙن کي اڙيون هڻندا ٿي ويا. گھڙي کن ۾ هو غائب ٿي ويا.
    سوڍو ٽپ ڏيئي گھوڙي تان لهي پيو. سامهون ڏوليءَ جا ڪمهار ڏولي اتي ئي ڇڏي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ اوندھه ۾ ڪنهن پاسي نڪري ويا هئا. سوڍل پٽ تي ڪريل مشعلن مان هڪڙي کڻندي ٿڪل قدمن سان ڏوليءَ تائين آيو، ۽ پردو هٽائي ڇڏيائين.
    ليلى هڪڙي ٻانهن جي سهاري تي ليٽيل هئي: هڪڙي هٿ جي تريءَ تي سندس مٿو جھليل هو. هن جا ڇڙواڳ وار ڪلهن تان وري هن جي ڇاتيءَ تي پکڙي ويا هئا. مشعل جي ڀڙڪندڙ روشنيءَ ۾ سوڍل هن ڏانهن نهاريو. سوڍل کي ڏسي ليلى جي منهن جي ڪيفيت ئي بدلجي ويئي. هن جي چپن تي هڪ عجيب مرڪ ڇانئجي ويئي. هن جي اکين ۾ هڪ نئين شوخي ڀرجي آئي. سوڍل هن جي اگھاڙين ٻانهن ڏانهن نهاريندي ائين محسوس ڪيو ڄڻ هن جي ڏورن جو ماس ڪنهن عجيب اڇل کان ٿڙڪڻ لڳو هو ــــــــــ ۽ پوءِ هن جي نظر هن جي اڌ اگھاڙي ارھه جي محراب تي پيئي. هن جي نظر اتي ٽڪي نه سگھي، ۽ اتان لهندي هن جي دُن تي جھلجي پيئي: دُن جي هيٺان، پاسي تي، اڇي ڳن سان هڪ خوبصورت خنجر هيرن سان جڙيل مياڻ ۾ کُتل هو. سوڍل مشعل ڏوليءَ جي تختي آڏو بيهاري ڇڏي.
    ليلى گھڙي کن هن کي ڏسندي رهي. مرڪ سندس چپن تان سڄي منهن تي ڦهلجي ويئي، ۽ جڏهن ان مرڪ جي جوت هن جي اکين ۾ پهتي، تڏهن سڌي ٿي ويهي رهي. سندس ڇاتي زور سان هيٺ مٿي ٿيڻ لڳي، ۽ سوڍل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ زمين هن جي پيرن هيٺان ڌٻڻ لڳي هئي. ليلى هن جي اکين ۾ نهاريندي چيو: ”جانِ من، مون کي پڪ هئي ته تون مون کي ڳولي لهندين! . . . . . پر ايتري دير ڪبي آهي! اچ . . . . . . اوري آءُ ته آءٌ توکان سنڌ وسارائي ڇڏيان!“
    سوڍل هٿ وڌائي، سندس نرڙ جي وچ تي ڏسڻي آڱر رکي ڇڏي. نرڙ تان سندس وار هٽائيندي، آڱر سان ڄڻ رستو نهاريندي، هن جو هٿ لهندو ويو. هن جي آڱر هن جي نڪ تان لهي هن جي چپن تائين پهتي ته ليلى چپن کي سوڙهو ڪندي هن جي آڱر کي چُمي ڏني، پر آڱر هيٺ لهندي ويئي. هن جي کاڏيءَ جي خال تان گسڪندي، هن جي خوبصورت ڳچيءَ تان مڙي، هن جي ارھه جي محراب ۾ اٽڪي پيئي. پر جلد ئي اتان ٿڙي هن جي چولي مٿان هلندي، هن جي دُن تان ڦرندي، خنجر جي ڳن تي اچي بيهي رهي، ۽ هن ليلى جي اکين ۾ نهاريندي خنجر مياڻ مان ڪڍي ورتو.
    ليلى اُميد ڀرين اکين سان هن کي ڏسندي رهي. هن جي ٻانهن ۾ اڇل ايندي ويئي، ۽ هن وحشي گھوڙي کي پنهنجي سيني ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ، هوءَ ٻانهون کولي گوڏن ڀر اٿڻ لڳي. سوڍي اوچتو پنهنجي هٿ کي هلڪو اشارو ڏنو، ۽ خنجر جو ڦر ڳن تائين هن جي ارھه جي محراب ۾ داخل ٿي ويو. ليلى هڪ ڳيت ڏيئي هڏڪي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجي منهن تي مرڪ قائم رکڻ لاءِ چئن ئي ننهن جو زور لائي، ٻيئي هٿ کڻي هن جي پهراڻ ۾ وڌا، ۽ پنهنجو منهن هن جي ڇاتيءَ جي وارن ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي، هوءَ ڍرڪندي هن جي قدمن ۾ ڪِري پيئي.
    سوڍل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ گھمندڙ، چڪر کائيندڙ دنيا بيهي رهي هئي. هن جي ذهن ۾ متل سمورا طوفان ۽ واچوڙا بيهي رهيا. هن جي اندر جو مچ اُجھامڻ لڳو هو: فقط هن جي دل جي جاءِ تي هڪ وڏو گھرو خال بڻجندو ٿي ويو، ۽ الائي ڇو هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجڻ لڳا هئا. هن پنهنجي پويان ڪنهن جي زور سان ساھه کڻڻ جو آواز ٻڌي پويان نهاريو. ڪميت سندس پٺيان ڪنڌ جھڪايو بيٺي هئي. هن جا ايندڙ لڙڪ واپس موٽي ويا، ۽ هن پيار مان ڪميت جي بشڪن تي هٿ ڦيريندي ڀڻ ڀڻ ڪئي: ”آءُ مٺي ته هلون. منهنجي جنگ پوري ٿي: هاڻ اچ ته سنڌ جي جنگ ڇيڙيون!“
    ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ
    ماٺيڻي، مهر ڀرئي، سنڌوءَ ۾ جڏهن اُٿل ايندي آهي، تڏهن ائين ڀانئبو آهي ته هن ۾ نوح جي ٻيڙي به ڪانه بچندي. واهڻ وستيون، کيت کرا، نديون نارا، هيٺاهيون مٿاهيون پاڻيءَ جي اڇ ۾ ڍڪبيون، سنڌوءَ جي هنج ۾ گم ٿي وينديون آهن، ۽ پريان ائين ڀانئبو آهي ڄڻ اُڀ ۽ ڌرتي پاڻ ۾ ملي، هڪ ساگر جي صورت ۾ وهڻ لڳا آهن. اُڀ پاڻ بچائڻ لاءِ پوئتي هٽندو رهندو آهي، ۽ ڌرتي پنهنجي پاڻ ۾ سمائجندي، پاڻ بچائيندي، نيون حدون، نوان ڪنارا، نوان ساحل ڳوليندي رهندي آهي ــــــــــــــ ۽ هر طرف پاڻيءَ جون ڳالهيون ڳڻبيون آهن، هاهوڪار مچندي آهي. ماڻهو ته ماڻهو، پکي پکڻ ۽ جيت جناور ٻاڏائيندڙ اکين سان ڪو نئون اجھو، ڪا نئين پناھه ڳولڻ لڳندا آهن.
    چون ٿا ته اهڙين مُندن ۾، جڏهن سنڌي سيلاني، غوراب ڀري، مڪڙا سنڀالي، سڙه سنوان ڪندا هئا، تڏهن سندن اکن وجھڻ، جَرَ ڏيا ٻارڻ کان پوءِ به سيلاني نه ورندا هئا، تڏهن اهي پاڻ ــ وهيڻيون چريون سُر سامونديءَ جا آلاپ ورلاپ ڪنديون، گھر موٽي اينديون هيون، ۽ ساگر جي سيني ۾، هنن جي موٽڻ تي، اهڙي اُٿل ايندي هئي، پاڻيءَ تي اَڇ ئي اَڇ آڪاس ۾ اهڙا رنگ ڀرڻ لڳندي هئي، جو ماڻهو چوندا هئا ته جيڪڏهن ساگر جي هيءَ اَڇ به اڇل کائي وجھي ته . . . . . . . ؟ !
    پر هيل ونين جي ورلاپن بدران هڪ نئون راڳ، نئون سنگيت ساگر جي ويرن مان ٿيندو، سنڌوءَ جي لهرن ۾ پڙاڏا پيدا ڪندي، ماڻهن جي سينن ۾ ٻرڻ لڳو هو. ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي وات ۾ اهائي وائي هئي : تو ٻڌو، مون ٻڌو، هِن ٻڌو، هُن ٻڌو ـــــــــــ آخر ۾ ترخانن ٻڌو ته سوڍو ڪاهيندو ٿو اَچي. جتان جتان اهو آلاپ اٿيو ٿي، اتان ترخان اڳواٽ ئي ٽپڙ ٻڌي ٺٽي پهچڻ لڳا.
    سوڍو هڪ سمنڊ هو، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، وڳر واهڻ مان، شهرن وستين مان، ساگر ڦٽي، تيز ڌارائن جي روپ ۾ سمائجندا ٿي ويا. ڦڙي ڦڙي تلاءُ، تلاءُ تلاءُ ندي، ندي ندي ساگر ۽ ساگر ساگر سمنڊ بنجي ڇوليون هڻڻ، اُڀ ۾ راهون پيدا ڪرڻ لڳو. ماڻهن ۾ عجيب غريب ڳالهيون، آکاڻيون ۽ قصا ڪهاڻيون پکڙجي ويون: پوڙهيون پڪيون ۽ وڏڙا جڏهن مچ جي چوڌاري ويهي اوڀاريون لهواريون ڪندا هئا، تڏهن روز نت نئين ڪهاڻي جنم وٺندي هئي.
    سوڍو ۽ سندس ساٿي جتان ٿي لنگھيا، اتي ڄڻ ته منڊل لڳي ٿي ويا. ڳوٺاڻا هنن جي آجيان لاءِ اکيون وجھيو ويٺا هوندا هئا. ڦنڊرون ڪسنديون هيون، دنبا ۽ ٻڪر پچندا هئا، دهل دمام وڄندا هئا، ڏونڪن تي نچون ٿينديون هيون، ماڻهو ڇيريون ٻڌي مورا ڳائيندا، جھمر وجھندا، هنن جي مرحبا ڪندا هئا، ۽ سڄو وايو منڊل ”جيئي سنڌ“ جي پڙاڏن سان گونجڻ لڳندو هو. اهي پڙاڏا ٻڌي آسپاس جي ڳوٺن مان ترخان پنهنجا گھوڙا پلاڻڻ لڳندا هئا.
    پر سوڍو ۽ سندس ساٿي ته ڪي عجيب انسان هئا: سڄا بت ڀڀوت، چاپئون ڏاڙهيون لَٽ ۾ اڇيون، ڪپڙن تي رت جا ڇنڊا ڄڻ هولي کيڏي آيا هئا، اکين ۾ مچ ڄڻ هر گھڙيءَ ڪنهن ڳولا، ڪنهن تلاش ۾ هئا. ماڻهن سان اهڙي قرب سان ملندا هئا ڄڻ ورهين جا وڇڙيل هئا. سوڍي کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو ائين ڳاهٽ ٿيندا هئا، ڄڻ ته هنن نه ڏٺو ته سندن قيام ئي ڪانه ٿيندي. سنڌي سٻاجھڙا اٻوجھن جيان، هن جي ڪا نشاني هٿ ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ ٿي لڳا. جي هن جا ساٿي نه سنڀالين ته ماڻهو هن جي ڪپڙن کي ڦاڙي، ليڙون کڻي وڃڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهڻ جھڙڻ ٿي لڳا. جتان جتان ٿي لنگھيا، انهن هنڌن تان ٻيو ڪجھه نٿي ملين ته ماڻهن مٽيءَ جون ننڍڙيون هڙون ٻڌڻ ٿي شروع ڪيون، ۽ سوڍو هنن سٻاجھڙن جون اهي اٻوجھائيون ڏسي الائي ڇو، ڪنڌ جھڪائي پنهنجي سنڌ جي ان ڌرتيءَ کي گھورڻ لڳندو هو، جا ماڻهن کي ايتري پياري هئي.
    جنهن جنهن ڳوٺ ۾ سوڍل پنهنجي سِينا سان داخل ٿي ٿيو، اتي وڏڙا گھرائي، سندن پنچائت چونڊائي، ڳوٺ جي ڪرڙوڍ ماڻهن ۽ جوانن کي حفاظت لاءِ هٿيار پنوهار ڏيئي، اڳتي وڌندو هو. هر ڳوٺ مان ڪيترائي جوان مڙس هن سان شامل ٿيندا هئا. سوڍي جي سِينا چوماسي جي درياءَ وانگر ويران وير وڌندي ويئي. سوڍل کي ڄڻ ته اکين ۾ ننڊ ئي ڪانه هئي: جتي به رات پوندي هين، اتي چونڪي ڏيندڙ جوان اڪثر هن کي پنهنجي منهن ستل همراهن جي قطارن مان لنگھندو، سندن منهن ۾ گھوريندو، چئن پاسن پاڻ پهرو ڏيندي ڏسندا هئا. هن جي ساٿين هن کي آرام ۽ سک ڏيڻ لاءِ هزار جتن ڪيا، پر سوڍل ڄڻ سک سمهڻ سکيو ئي نه هو.
    سوڍل جي زندگي شفق جي ڳاڙهي ڪڪر واري زندگي بنجي ويئي، جنهن ۾ روشنيءَ ۽ اجالي کان سواءِ رَت جون ڌارائون شامل هيون. هن جي اکين ۾ نيون ڏياٽيون ٻرڻ لڳنديون هيون، هن جي جوت هن جي چوڌاري ڄڻ نُور جو هڪ ڪڪر پيدا ڪري وڌو هو. انهن ڏياٽين جي ڄر ۾ نهارڻ سان ئي ڏسندڙ کي ڀنواٽي پئجي ويندي هئي. هو هميشه کان وڌيڪ، اڳي کان اڳرو، چپ ۽ سانتيڪو ٿي پيو هو. پر ان سانت ۾ هڪ نئين لهر هئي ـــــــ جيئن ڪنهن سمنڊ ۾ اُٿندڙ آنڌي ۽ طوفان کان اڳ ماٺ ۽ سانت جي لهر اُڀري ايندي آهي. هن سان ڳالهائڻ جي ڪنهن کي همت نه ٿيندي هئي؛ فقط چاچو علو ڪنهن طرح هن کي ڳالهائڻ تي مجبور ڪري سگھندو هو. پر هيءَ اُٿل به اهڙي هئي، جو سوڍو ته ڇا، ٻيا جوان به ڳالهائيندا گھٽ هئا، هر وقت ايندڙ لڙائين جي انتظار ۾ سندن دليون ڌڙڪنديون رهنديون هيون.
    سنڌ جي ڳوٺن جي جوانن جو من به ايترو وڌي ويو هو، جو هو پنهنجي منهن سنهن ترخانن کي دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيڻ لڳا ته هو به سوڍل جا ماڻهو هئا، جيڪڏهن هو پنهنجي ظلمن ۽ ڏاڍاين کان باز نه آيا ته هو سوڍل وٽ دانهين ٿي ويندا. ڪيترن راڄن اڳواٽ مهمانين جھلڻ لاءِ ماڻهو ٿي موڪليا، پر سوڍي جو هڪڙوئي جواب هوندو هو ته ”ادا، جي منهنجي مهماني جھلڻي اٿو، ته ڪو جٿو جوانن جو ٺاهي اچي اسان سان شامل ٿيو!“ ايئن سوڍل جا ساٿي مينهوڳيءَ جي درياءُ وانگر وڌندا ڦهلجندا ٿي ويا. ٿوري وقت ۾ ڪهاڙين، لوڙهين ۽ بانٺن جي بدران هنن وٽ ترخانن کان ڦريل تراريون، ڀالا ۽ بڙڇيون اچي ويون. هنن جي تنظيم ۾ خاص ڳالھه اها هئي، جو منجھن ڪوبه فرق نه هو. هڪ ئي طرح جو کاڌو سڀ کائيندا هئا، هڪ ئي طرح سان جيجل ڌرتيءَ کي وڇاڻو بنائي سمهندا هئا. چونڪي ۽ پهرو ڏيڻ جو وارو به سڀني تي ايندو هو. انهن ۾ سوڍل به شامل هوندو هو. فقط هڪڙو فرق هو ــــــــــــــــ سو اهو ته جنگ جھيڙي وقت سوڍل جي هر ڳالھه ڄڻ لوھ تي ليڪو هئي. ڪنهن کي هن جي ڳالھه اورانگھڻ جي همت نه ٿيندي هئي. ترخانن جي ننڍين ننڍين ڇانوڻين تي راتاها ڏيڻ هنن جو معمول ٿي ويو. هنن جي طاقت اڃا ايتري نه هئي، جو سڌو سنئون ترخانن جي لشڪرن سان وڙهن. ان ڪري سوڍل اڪثر پنهنجن همراهن جي چونڊ جٿي سان ننڍين ننڍين ڇانوڻين تي اهڙيءَ طرح راتاها ڏيندو هو، جو ترخانن کي اها خبر نه پئجي سگھندي هئي ته حملو ڪنهن، ڪهڙي وقت ۽ ڪٿان ڪيو.
    هڪڙي اُماس رات جو هو پنهنجن ويهارو کن ساٿين سان پنهنجي باقي لشڪر کان گھڻو اڳتي نڪري آيو. واپس ورڻ تي هئا ته پريان کين مشعلن جي روشني ليئاڪا پائيندي نظر آئي. سوڍل جون اکيون اوندھه کي چيرينديون روشنيءَ جي ان نقطي ڏانهن ڏسنديون رهيون. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ان نقطي جا ترورا هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا ٿي ويا، ۽ اهي ترورا هنن جي هلڻ تي جئن پوءِ تئن ڏانهن ويجھا پوندا ٿي ويا. جڏهن هو بنھه ويجھا پهتا، تڏهن سوڍل پنهنجن ماڻهن کي گھوڙن تان لهڻ جو اشارو ڏنو. گھوڙن کي اتي ئي وڻن ۾ ٻڌي، هو پيرين پيادا روشنيءَ ڏانهن وڌيا. بنھه ويجھو پهچڻ تي هنن ڏٺو ته اٽڪل پنجاهي کن تنبو کُتل هئا. ٻن تنبن اڳيان مشعلون ٻري رهيون هيون. ڪجھه پهريدار واري واري سان تنبن جي چوڌاري گول چڪر هڻي پهرو ڏيئي رهيا هئا.
    سوڍل، پنهنجن ماڻهن کي هڪ هيٺانهين هنڌ ٿي بيهڻ جو اشارو ڪري، پاڻ تنبن جي اوٽ مان ٿيندو، مشعلن وارن تنبن جي ويجھو پهتو. هڪڙي تنبوءَ جي ٻاهران چار پهريدار بيخبر پاڻ ۾ يٽ شٽ هڻي رهيا هئا. اتي روشني ايتري تيز هئي، جو اوندھه مان نڪرڻ جوکم جو ڪم هو. پر سوڍل اوندھ جي اوٽ مان نڪري، پنهنجي ڪٽار هٿ ۾ جھلي، آهستي آهستي تنبوءَ جي پٺيان نڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. عين ان گھڙيءَ هڪڙو پهريدار پنهنجي چونڪيءَ جو چڪر ڪاٽي، هن جي سامهون لنگھڻ وارو هو. هنن جي وچ ۾ فقط چند قدمن جو فاصلو هو. سوڍل هڪدم تنبوءَ جي اوٽ ۾ ساھه روڪي بيهي رهيو. هن کي پڪ هئي ته اتان لنگھندي پهريدار جي نظر هن تي ضرور پوندي. پر هو اُن لاءِ اڳيئي تيار هو. جڏهن پهريدار بنھه هن سان منهان منهن ٿيڻ وارو هو ته هن چيتي وارو ڇال ڏيئي، هڪڙو هٿ هن تي وات تي ڏيئي ڇڏيو ۽ سندس ٻيو هٿ هن جي چيلھه کي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين چيري ويو. ترخان جي دانهن هن جي هٿ ۾ ئي چچرجي مري ويئي. جڏهن سوڍل کي پڪ ٿي ته ترخان جي رڳن مان به آواز مري ويو، تڏهن کيس گھلي هڪ تنبوءَ جي پويان اهڙيءَ طرح ڊگھاري سمهاري ڇڏيو، جو پريان رڳو سندس پير نظر اچن. هو پاڻ به اتي ئي اوندھه ۾ بيهي، ٻئي پهريدار جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ڪجھه گھڙين کان پوءِ ٻيو پهريدار ڄڻ ڪجھه ڳوليندو، تنبوءَ جي اونداهن پاڇن ۾ نهاريندو، هن ڏانهن وڌڻ لڳو. سوڍل سمجھي ويو ته هو پنهنجي ساٿيءَ کي ڳولي رهيو هو. هن کي پنهنجي چڪر ۾ ان پهريدار جي نه موٽڻ تي حيرت هئي. جڏهن اتي پهچي، هن کي سندس پير نظر آيا، ۽ پاڇولي ۾ ائين ٿي نظر آيو ڄڻ اوندھه جو فائدو وٺي، موقعو ڏسي هو ڄاڻي واڻي سمهي رهيو هو. تڏهن پهريدار جي منهن تي مرڪ سان گڏ ڪا شرارت سجھي آئي، ۽ هن فارسيءَ ۾ گار ڏيندي چيو: ”ننڊون ڪر، حرامخور . . . . بيھه ته . . . . .“ جئن ئي هن کي ٽنگن مان جھلي ٻاهر ڇڪڻ تي هو ته هڪ لوهي چنبو سندس ڳچيءَ ۾ ڦٻي ويو. هن جي اکين ۾ مشعلن جي روشني ۽ اوندھه واري واري سان نچڻ ٽپڻ ۽ غائب ٿيڻ لڳي. هن رڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن سندس ڄڀ کي پاڙئون پٽي ڇڏيو هو. هن ڳچيءَ جي سور کان روئڻ ٻاڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ائين ڀانيو ڄڻ ته هن جون اکيون پنهنجي جاءِ تان ٻاهر نڪري رهيون هيون. هن ڪوشش ڪئي ته ڪنهن طرح سان پنهنجي جان ڇڏائي، پر هن کي پنهنجون ٽنگون ڌرتيءَ کان مٿي لڙڪنديون محسوس ٿيون. گھڙيءَ کان پوءِ پهريون ڀيرو هن کي اهو احساس جاڳيو ته موت بنھه هن جي دل تائين اچي پهتو هو، ۽ هو هڪ سڪل بنڊ جيان پنهنجي ساٿيءَ مٿان ڪري پيو.
    سوڍل هنن کي اتي ئي ڇڏي، وري پنهنجي جاءِ تي موٽي آيو. هن کي پڪ نه هئي ته اڃا ڪو ٻيو پهريدار چڪر تي ايندو يا نه. ڪجھه وقت انتظار ڪري هو هڪڙي تنبوءَ جي پٺيان پهچي، پنهنجي ڪٽاري سان ان جي ٿلهي ڪپڙي کي چهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. اندر گھڙڻ جيترو لوگھو ڪري، هو تنبوءَ ۾ ٽپي پيو. ٻاهر ٻرندڙ مشعلن مان ڇڻي ايندڙ روشنيءَ ۾ هن جيڪي ڪجھه ڏٺو، تنهن هن جي دل ۾ چڪ وجھي ڇڏيو: رسن سان چوکنڀو ٻڌل سنگھار هن ڏانهن نه ڏسندڙ اکين سان نهاري رهيو هو. اکين جا جاءِ تي ٻه وڏا چُگھَه هئا، جن مان رت گاڏڙ پيلو پاڻي وهي، سندس ڏاڙهيءَ ۾ سڪي ويو هو. سندس سمورو جسم ڦٽن ۽ چيرن سان چچريو پيو هو. ايترو زخمي ۽ نابين هجڻ جي هوندي، ترخانن هن کي اهڙو سوگھو ٻڌي ڇڏيو هو، جو ائين ٿي ڀانيو ته ترخانن کي اڃا به هن کان ڊپ ٿي ٿيو. گھڙيءَ لاءِ سوڍل جو مَن سُن ٿي ويو. هن جي پنهنجي اکين ۾ مرچ پوڻ لڳا. هن جي سڄي بدن ۾ سُيون چُڀڻ لڳيون. محض ان احساس کان بچڻ لاءِ، هو ڪٽارو هٿ ۾ جھلي، دروازي ڏانهن وڌيو. ٻاهر نڪرڻ سان ڄڻ هن کي جن پئجي ويو. ڳالهيون ڪندڙ پهريدارن کي ڳالھه سمجھه ۾ نه آئي ته هو ڪير هو ۽ ان تنبوءَ مان ڪيئن نڪتو. پهرئين ترخان کي باھه جو هڪ تيز اُلو پنهنجي ٻنهي ڪلهن جي پوري وچ ۾ کپندو محسوس ٿيو، ۽ هن ايڏي رنڀ ڪئي، جو سندس ساٿين جون دليون ڪنبي ويون. هن جي ڪرڻ وقت، سوڍل سٽ ڏيئي هن جو ڀالو کسي ورتو، ۽ سامهون بيٺل ترخان جي پيٽ ۾ ٽنبي ڏنو. اُن ڀالي کي اتي ئي ڇڏي، هن پاسي ۾ بيٺل ٽئين ترخان کي ڪمربند ۾ هٿ وجھي کڻي مٿي کنيو، ۽ کيس اهڙي اُڇل ڏنائين جو هو جنڊ جي ڳري پُڙَ وانگر مٿي ڀر جيئن ڪريو، تئن وري چريو به ڪونه. اهو سڀڪجھه ايترو جلد ٿيو، جو چوٿين پهريدار کي يقين نه پئي آيو ته اها سڀڪجھه حقيقت هئي يا هو خواب ڏسي رهيو هو. جيسين هو ڪجھه ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي، تيسين سوڍل جو هٿ زوزاٽ ڪندو هن جي منهن تي وري ويو. ترخان تي ڄڻ وڄ ڪري پيئي. هو ابتو ٿي ٿاٻڙجي پويان ڪري پيو، ۽ پوءِ سندس ئي ڀالو سوڍل هن جي پيٽ ۾ ٽنبي ڏنو. ڀالي کي وٽ ڏيئي ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين ته ڀر واري تنبوءَ وارا پهريدار ڀالا سڌا ڪري هن تي اُلر ڪري آيا. هن اتان ئي ڀالي کي اُڇل ڏني. هڪڙو پهريدار پاڻ بچائڻ لاءِ جئن هيٺ جھڪيو، تئن ڀالو سندس پيٽ بدران سندس ڳچيءَ جي رڳن کي چيري ويو ۽ هو اتي ئي ڍير ٿي ويو. ٻئي پهريدار جئن سنگھار تي حملو ڪيو، تئن سوڍل جا ٻئي هٿ سندس ڀالي ۾ کپي ويا. ڀالي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي، هن پنهنجو گوڏو ايترو زور سان ترخان جي پيٽ ۾ هنيو جو ترخان کي پاڻ کي هوا ۾ کڄندو محسوس ڪيو ــــــــ جيسين هو وري سڌو ٿئي، تيسين ڄڻ ڪو جبل هن جي مٿان ڪري پيو، ۽ سوڍل جي آخري ڌڪ تي هن جو مڻڪو ٺڪاءُ ڏيئي ڀڄي پيو.
    سوڍل پنهنجي آسپاس جو جائزو وٺندي محسوس ڪيو ته ترخانن جي رڙين تي تنبن ۾ چُرپُر ٿيڻ لڳي هئي. ماڻهن جي اُٿڻ، هڪٻئي کي هڪلن ڏيڻ ۽ هٿيارن کڻڻ جا آواز ڦهلجڻ لڳا. سوڍل وري تنبوءَ ۾ گھڙي ويو، ۽ سنگھار کي ڪنهن ڀريءَ وانگر ڪلهي تي کڻي، هو تڪڙو ٻاهر نڪري آيو. تنبن جي پٺيان اچي، اوندھه مان هلندو، اچي پنهنجن ساٿين وٽ پهتو. هن پنهنجن ڪن ساٿين کي هري هري ڪو حڪم ڏنو. چار ڄڻا اڳتي وڌي تنبن ڏانهن وڃڻ لڳا؛ ۽ پاڻ باقي همراهن سان موٽي اچي گھوڙن تائين رسيا.
    سوڍل سنگھار جا رسا ڪپيندي، کيس پنهنجي ڪميت تي ويهاريو ۽ همراهن کي سوار ٿيڻ جو اشارو ڪري، پاڻ اڳيان وڌي ويو. گھڙيءَ کان پوءِ سمورن تنبن مان باھه جا شعلا نڪرڻ لڳا، ۽ همراهن جي ڏسندي ڏسندي تنبن کي باھه وڪوڙي ويئي. باھه جي روشنيءَ ۾ هنن وري سوڍل کي پنهنجن ساٿين سان موٽندي ڏٺو. سندس ساٿي گھوڙن تي چڙهيا ته سوڍل به ڪميت تي، سنگھار جي پويان چڙهي ويٺو. گھوڙيءَ کي مالڪ جي اشاري تي ڄڻ نئين جان اچي ويئي، ۽ هو اهڙي طرح هلڻ لڳي ڄڻ زمين بدران پاڻيءَ تي ترندي ٿي ويئي.
    پنهنجي منزل تي پهچي، هن آهستي ڪري سنگھار کي لاٿو. همراھه چوڌاري گھيرو ٺاهي، هن زخمي نابين کي ڏسڻ بيهي رهيا. سوڍل چاچي علوءَ کي اشارو ڏنو، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ علو ڪوسي پاڻيءَ سان سنگھار جا ڦٽ ڌوئڻ ويهي رهيو. اوچتو سنگھار بنھه هوريان چيو: ”ڪو ڳالهائي ڇو نٿو! ابا، ڪو سنڌي به ڄاڻي ٿو اوهان مان . . . . . !“
    هن اهي لفظ ايتري درد مان چيا جو سڀني جي دل کي جھوٻو اچي ويو. سنگھار وري چيو: ”ڪير مڙس آهيو؟“
    سوڍل نرميءَ سان چيو: ”ادا، آءٌ آهيان سوڍل!“
    گھڙيءَ لاءِ هڪ ڳوري ڳوري ماٺ ڇانئجي ويئي. پوءِ سنگھار جي منهن تي مرڪ مڙي آئي. ”آءٌ به چوان ته امير خان جي لشڪر ۾ گھڙي پوڻ وارو ته رڳو سوڍو ئي ٿي سگھي ٿو. پر سوڍا، هاڻ آءٌ تنهنجي ڪهڙي ڪم جو . . . . . !“
    سوڍو منهن هيٺ ڪري، پنهنجن ئي خيالن ۾ محو هو. سچ ته اکين سان سنگھار ۱۰۰ مڙسن جو مٽ هو، ۽ هاڻ . . . . . هن جو معذور نابين ڀاءُ! هن کي پنهنجي ڀاڄائي ڀاڳل جو سهاڳ ياد اچي ويو، ۽ هو ڪجھه سوچيندو اتان اُٿي ويو.
    ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ
    سوڍو ڪوبه ڪم سنگت جي صلاح کان سواءِ ڪونه ڪندو هو. جيڪڏهن کيس صلاح نه وڻندي هئي، ته چپ چاپ ويٺو هوندو هو. هن جي منهن تي ڪجھه اهڙو رنگ اچي ويندو هو، جو همراھه پنهنجي راءِ تي ٻيهر سوچڻ لڳندا هئا، ۽ ٿيندو اُهوئي هو جيڪي سوڍو چاهيندو هو. هن جي سنگت ۽ پئنچائت انهن همراهن جي هئي، جيڪي پنهنجا جٿا ٺاهي، ارغونن ۽ ترخانن سان پنهنجي سِر چوٽون کائي، اچي سوڍي سان شامل ٿيا هئا. اهي همراه به پنهنجن ساٿين سان صلاحون ڪري، پوءِ اچي سوڍي سان حال احوالي ٿيندا هئا. نتيجو اهو ٿيندو هو جو جيڪو به ڪم هو ڪندا هئا، ان ۾ سمورن ماڻهن جي هڪ ئي راءِ هوندي هئي. جڏهن سوڍي جي سِينا ۾ ڏهاڪو هزار ماڻهو گڏ ٿيا، تڏهن ننڍن جوانن ۾ ڪجھه بي آرامي پيدا ٿيڻ لڳي. هنن پنهنجا اڳواڻ موڪلي سنگت ڪوٺائي ته هاڻ گھڻو ئي لشڪر گڏ ٿيو آهي، ڇو نه ٺٽي تي چڙهي، مرزا باقيءَ تي سڌي سنئين هلان ڪجي، ۽ يڪو فيصلو ڪجي: يا ته سنڌ آجي ٿئي يا سڀ سِر ڏيئي سرها ٿين. سوڍي جي منهن تي جيڪو رنگ آيو، تنهن مان ڪنهن کي به اها سڌ پئجي نه سگهي ته هو به ان راءِ جو هو يا نه. جيسين ڪو فيصلو ٿئي، تيسين هڪڙي ڪنڊ مان آواز آيو، جنهن ۾ سوڍي وارو تاءُ ته ڪونه هو پر جنهن مان ڀروسي جا اُهڙائي اُهڃاڻ هئا. اهو آواز سنگھار جو هو، جنهن چيو ته ”ڀائو، ٺٽي واري ڇانوڻي ۾ ستر هزار ترخان لشڪري آهن. درياءِ جي اورين ڀر چاليهارو هزار ترخان ڇانوڻي هنيو ويٺا آهن. تنهن کان سواءِ ٺٽي کان ڇھه ڪوھه پري مرزا باقي جي جان نثارن جو دستو آهي، جيڪي سمورا گھوڙي سوار ۽ زره پوش آهن. ٺٽي شهر اندر ئي امير خان جي هٿ هيٺ پندرهن هزار ارغون ۽ ترخان فوجي شهر کي هيسائڻ لاءِ خيما کوڙيو ويٺا آهن. سو اُٻهرو ٿيڻ مان ته ڪو فائدو ڪونه ورندو. پاڻ سنڌي گھڻو ئي سرويچ سهي، پر ويري جي وِتَ جي سار نه ڪرڻ دانائي نه آهي. تنهن کان سواءِ مرزا جاني بيگ سيوهڻ ۾ ويٺو آهي. بکر جو ڪوٽ به ته ترخانن سان ڏٽيو پيو آهي. قنڌار وارو رستو کليو پيو آهي. ايئن نه ٿئي جو اڳين هلچلن وانگر هيءَ اُٿل به اڻ ڏٺي ويريءَ هٿان پوري ٿي وڃي !“
    ماٺ لڳي ويئي. سڀني کي اها ڳالھه دل سان لڳي آئي. هنن مان ڪيترن ته اُهي ڇانوڻيون ڏٺيون به ڪونه هيون. لشڪر جا اهي انگ ٻڌي، ڪيترن جي منهن تي نااُميدي جو رنگ اوتجي ويو. سنگھار، سوڍي ۽ ٻين سوين همراهن، جن انهن ڇانوڻين تي راتاها ڏنا هئا، تن کي خبر هئي ته مقابلو ڪنهن سان هو.
    ”ڀلا پوءِ؟“ هڪڙي جوان، جنهن کي ڪنن ۾ ڊگھيون واليون پيل هيون، ۽ سندس منهن ۾ عجيب مَڻيا هئي، اتاولو ٿيندي چيو.
    ”ادل، جي مون کان ٿا پڇون ته آءٌ ته ان مت جو آهيان ته اول پنهنجي به ڪا هڪ هڪاڻي ڇانوڻي ڪجي. ڪو سڀرو ڪوٽ هٿ ڪري، اتي ويهي تياريون ڪجن. ماڻهو، هٿيار پنهوار، گھوڙا، وهٽ ۽ ٻيو سامان سڙو گڏ ڪجي. اتانهون راتاها ڏيئي قنڌار واري نانگ ــ ٻِرَ کي بند ڪجي. اتانهون سيوهڻ تي چڙهجي ته جئن اتر وارن ڀائرن جي ساٿ سان قنڌار، ملتان ۽ ٻين گھٽن مان ترخانن کي پهچندڙ واهر کي روڪي سگھجي. پوءِ وارو ڪجي بکر جي ڪوٽ تي. سيوهڻ ۽ بکر ڪِريا ته ٺٽي ۾ به ٽاڪوڙو پئجي ويندو. پوءِ مڙسن واري ملھه ڪجي ٺٽي ۾! ادل، سنڌ کي ويرين کان آجو ڪرڻ هڪ ــ ٻن ڏينهن جي ڳالھه نه آهي. هن لاءِ ته سموري حياتي، حياتيءَ جا سمورا ڏينهن، سمورن ڏينهن جا پَهر پَهر، ۽ پهر پهر جي هڪ هڪ گھڙي گھورڻي پوندي!“
    واه واه ٿي ويئي! ڪوڪرا پئجي ويا. اُتي جو اتي صلاح بيٺي ته تَرَ لاءِ ڪي ماڻهو ڇڏي، باقي لشڪر موهن ڪوٽ تي چڙهي. موهن ڪوٽ کي ڇانوڻي بڻائي، سيوهڻ تي راتاها ڏجن. سوڍي جي منهن تي سرهائي ڏسي، جوانن جا منهن به ٻھه ٻھه ٻهڪڻ لڳا. سر ترين تي هجن ته مرڪ به ٻهڪڻ لڳندي آهي. کلندي، ڪڏندي سر ڏيڻ ته ڪو سنڌين کان سکي. پيٽ بکئي، انگ اگھاڙي هوندي به ساڻيھه جي نالي تان قربان ٿيڻ به ڪو سنڌين کان سکي. ائين ٿي ڀانيو ته پتنگن پاڻ بچائڻ جو پھه ڪندي، پاڻ وساري ڇڏيو هو.
    موهن ڪوٽ تي لشڪر ڇا چڙهيو، ارغونن ترخانن ڀانيو ته مٿن وَڄ ڪري پيئي. هنن مان وڏيءَ عمر جي ڪيترن ترخانن سنڌين جو اڳيون بغاوتون ڏٺيون هيون، راتاهن واريون راتيون ياد هئن، پر هيئن ڏينهن ڏٺي جو لشڪر چڙهي اچڻ ته دريا خان کان پوءِ هنن نه ڏٺو نه ٻڌو هو؛ ۽ هي سنڌي ته ڪي عجيب مخلوق هئا، جن وٽ ڀالن ۽ ترارين بدران ونگ واريون موڪريون ڪهاڙيون هيون. جن وٽ تراريون يا ڀالا هئا، تن اڳيان ڍالون به نٿي ڍاريون. هو وڙهيا ائين ٿي ڄڻ هيءَ سندن آخري جنگ هئي، جنهن ۾ هار جيت بدران هنن لاءِ رڳو شايد هڪڙو ئي آدرش هو ته ڪوٽ جي دروازي تائين اڳ ڪير ٿو پهچي. ڪي ترخان ته هنن کي ڏسي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا هئا. هي مُٺ جيترا سنڌي قنڌاري ڪاٽڪن سان ڪيئن وڙهڻ آيا هئا. هنن جو ڪل لشڪر سندن گھوڙيسوارن کان به گھٽ هو، جن کان ٽيڻا چئوڻا پيادل لشڪري ڀالن، ترارين ۽ خنجرن سان الڳ هئا. هنن سنڌين کي ته سڌيون صِفون ٺاهڻ به نٿي آيون. وڙهڻ لاءِ اڳتي ائين پئي وڌيا ڄڻ ته ڪنهن مرونءَ جي شڪار تي، رونشي خاطر نڪري پيا هئا. پر . . . . پر گھڙيءَ کان پوءِ کلندڙ ترخانن کي اهو ڏسي حيراني وٺي ويئي ته سنڌي سندن لشڪر کي اهڙا سوڙها پوندا ٿي ويا، جو ترخان پوئتي هٽڻ ۽ ڪوٽ جي دروازن ڏانهن نهارڻ لڳا هئا. هي ته سنڌي نه، يقينن ڪا جنات هئي، جا بازن وانگر اُڏامندي، حملا ڪندي ٿي آئي. هنن جو ته ڪو اڳواڻ، ڪو سردار، ڪو مهندار ئي ڪونه هو. ڪلهو ڪلهي سان لائي هو ائين ٿي وڙهيا، ڄڻ سڄي فوج هڪڙو ئي ماڻهو هو، جو پنهنجي سر تان سانگو لاهي وڙهڻ لڳو هو. هنن مان ته ڪي ائين ٿي وڙهيا، جو هنن کي ڏسندي ئي ڊپ وٺي ٿي ويو. هنن مان هڪڙي ماڻهو ته ٻنهي هٿن سان وڙهي رهيو هو. هن جي گھوڙي ترخانن جي وچ ۾ کنوڻ وانگر وراڪا ڏيئي رهي هئي. هن جو ڀالو هڪ ئي وقت ٻن ٻن ترخانن مان پار لنگھي ٿي ويو. هن جي آسپاس مان ترخان ائين پوئتي هٽڻ ٿي لڳا، ڄڻ ڪنهن جن ڀوت تي نظر بيٺي هين. هنن جي ائين ٽهڻ ۽ هٽڻ سان، سندن پويان وڙهندڙ ترخانن جا گھوڙا به ٽهي، هٽندي پنهنجن ئي پيادن تي چڙهڻ لڳا هئا.
    ڏينهن به چڙهندو ٿي آيو، ۽ سنڌي به سج جي فوج سان گڏ چڙهندا ٿي آيا. ڌرتي تپڻ لڳي، هٿيار تپڻ لڳا، گھوڙا تپڻ لڳا ۽ رت به تپڻ لڳو. رت جي اِن اُتت کان سنڌين جو من وڌي ويو هو، ۽ پوءِ هنن هڪ يڪو نعرو هنيو: ”جيئي سنڌ!“ ان نعري آسمان چيري وڌو، ڪوٽ جا ڪنگر ڌٻي ويا، ۽ ترخانن جون دليون دهلجي ويون. ترخانن ڄڻ ان نعري جي انتظار ۾ هئا، ۽ هو وڙهڻ ڇڏي ڪوٽ جي دروازن ڏانهن ڀڳا. پر سنڌين سندن پٺ نه ڇڏي، ۽ جنگ ڪوٽ اندر نئين سر مچڻ لڳي. پر هاڻ ڄڻ ته جنگ ۾ اهو جوش نه رهيو هو. ترخان لاباري جي سنگن وانگر ڪرندا ٿي ويا. گھوڙا سوارن کان سواءِ پيادن کي چيريندا هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا؛ ۽ پوءِ ترخانن جي هڪڙي ٽولي وري دروازي کان ٻاهر ڀڄڻ شروع ڪيو ته ڄڻ سڀني ترخانن کي پهريون ڀيرو پنهنجو ساھه ۽ پنهنجي جان ياد آئي، ۽ هو به ان ٽولي جي پويان ڀڄڻ لڳا. انسانن جو هڪ درياءُ لهندڙ وير وانگر پوئتي لهڻ لڳو هو، پر سنڌين سندن پٺ نه ڇڏي. جيستائين کين ملندا ويا، تيسين کين ڪيرائيندا ويا.
    جڏهن سوڍل ۽ سندس لشڪر ڪوٽ جا مورچا ٽپي، شهر ۾ داخل ٿيا ته موهن ڪوٽ جي ماڻهن جي عجيب حالت هئي. هنن ڏونڪن جي ڇيڄ وجھي، هنن سورهيه سرويچن جي آجيان ڪئي. درين مان، ماڙين مان، کُڏن تان، چانئٺن تان، ٻنڀي ٻنڀي تان سون ــ ورنيون ڦلن مٺيون اڇلينديون، پنهنجن ڀائرڙن جي آجيان ڪنديون ٿي ويون. اڄ ته ڪنهن کي ڍار سولي ڪرڻ ۽ اکڙي ڪڍڻ جو به خيال نه رهيو هو: ڀائرن کان ڪهڙو حجاب. ٻڍڙيون هٿ کڻي، ڳراٽڙيون پائي کين دعائون ڪري رهيون هيون، ڄڻ هنن جا پنهنجا وڇڙيل ٻچڙا صدين کان پوءِ اچي کين مليا هئا. الا، هي ڪهڙو سمو هو، جنهن ۾ خوشيءَ کان ڇيڄون پئجي رهيون هيون، جھمريون لڳي رهيون هيون، دهلن، ڏونڪن ۽ شرنائين تي هو جمالي جي تنوار هئي، پر اکين مان لڙڪن جي بادل بس نٿي ڪئي! هر شخص ساڳئي وقت کِلي به رهيو هو ته روئي به رهيو هو! سوڍل پنهنجي ڪميت جو لغام ڇڏي ڏنو هو: رت جي ڇنڊن سان هن جا ڪپڙا ائين ڀِنل هئا، ڄڻ هو ڪنهن رت جي ساگر مان ٽُٻي هڻي آيو هو. هو جتان ٿي لنگھيو، اتي ماڻهو هن کي ڇهڻ، هن سان هٿ ملائڻ، هن سان ڳالهائڻ لاءِ ڳاهٽ ٿيڻ ٿي لڳا، ۽ ڪميت، ڪجھه سوچي، بيهي ٿي رهي. هنڌ هنڌ تي هن کي هارن، ڳانن ۽ رکڙين سان جھنجھي ٿي ڇڏيائين. سوڍل جي منهن تي ته اڄ اهڙي سرهائي هئي، جا اڳي ڪڏهن به نه آئي هئي. پر هن جي منهن ۾ هڪ نئين ڏيا، نئين جوت ٻهڪڻ لڳي هئي. پر هن جي دل ۾ هڪ نئون طوفان به متل هو. الا، شل هي منهنجي ڏيھ جا ماروئڙا ائين ٻهڪندا، مهڪندا، چهڪندا رهن ـــــــــ اها آس، اها اميد هن جي دل مان اُڌمو کائي ٻاهر نڪتي، ۽ ٻه لڙڪ هن جي پلڪن ۾ موتي بڻجڻ لاءِ تڙپڻ لڳا !


    13

    دادن جڏهن اهي خبرون ٻڌيون ته مجاهد خان مِينهن واءُ ڪريو، سنڌ تي چڙهندو اچي، تڏهن هن جي دل ۾ ٻه جذبا جاڳي اُٿيا، جن جو بظاهر هڪٻئي ۾ ڪو به لاڳاپو ڪونه هو. هڪ جذبو ته هن جي لونءَ لونءَ ۾ ائين سمائجي ويو، جئن ڀتر اڇلائڻ سان ڪنهن ماٺي پاڻيءَ ۾ جاڳندڙ لهرون چئني ڪنارن تائين ڦهلجي وينديون آهن، ۽ زيبا کي وري ڏسڻ جو امنگ هن جي جسم جي چئن ئي ڪنارن ۾ ڪَرَ موڙي جاڳي پيو. ٻيو جذبو، جذبو نه پر هڪ آرزو، هڪ خواب جي تعبير جيان هو، ۽ هن تصور ئي تصور ۾ سنڌ مان ترخانن کي هار کائي قنڌار ڏانهن موٽندو ڏٺو، ۽ ان جي نتيجي ۾ آزاد سنڌ وري هڪ ڀيرو دنيا جي نقشي تي اُڀرندي نظر آيس. پر الائي ڇو، اهو پويون تصور ايترو ڌنڌلو ڇو هو. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ان تصور تي ڪو ڪارو پاڇولو پوندو ٿي ويو. ان پاڇولي کي سڃاڻندي به هن ان کي سڃاڻڻ نٿي گھريو. ڇا مغل ترخانن جي وات مان هي سڻڀو گراھه ڪڍي، ان کي وري سنڌين جي حوالي ڪندا؟ هيءَ سوني سرزمين، جنهن تي سڪندر جھڙي شهنشاھ کي انهيءَ چوڻ تي مجبور ڪيو ”ڪاش! سنڌ يونان جو حصو هجي ها ته يونانين کي ٻيءَ دنيا سان جنگيون ئي جوٽڻيون نه پون ها؟“ ـــــــ سا سرزمين اڪبر سنڌين کي موٽائي ڏيندو؟ اهي سوال اهڙا هئا، جن تي هن سوچڻ نٿي گھريو، پر رکي رکي اهو سوال هن جي ذهن جي تهخانن مان ڀڙڪو ڏيئي ٻاهر نڪري ٿي آيو. هن ڪوشش ڪئي ته زيبا جو تصور ان ڪاري پاڇولي تي ڇائنجي وڃي، ۽ ان جي جوت ان اونداهي ڌنڌ کي لڪائي ڇڏي. پر هر ڀيري پاڇولي جي اوندهه ان جوت کي کائيندي ٿي ويئي.
    جڏهن کان هو واپس موٽيو هو، ترخانن جا جاسوس هن جي ڪڍ هئا، ۽ هن کي هر وقت ترخانن جي پوشاڪ ۾ رهڻو ٿي پيو. هن جي دل پنهنجي اباڻي گھر ڏسڻ لاءِ آتي هئي، پر آخوند نور محمد جي حڪم تي هو ٺٽي هليو آيو هو. اڪبر تائين مرزا باقيءِ واري خط پهچائڻ لاءِ هن کي لاهور ڏانهن روانو ٿيڻو هو، پر ٺٽي جي مدرسن جي تنظيم لاءِ هو ڪجھه ڏينهن ٺٽي ۾ ئي رهي پيو هو. ترخانن جا ظلم ڏسي، هن جو رت ٽهڪڻ ٿي لڳو، ۽ الائي ڪيئن ترخانن کان بدلي وٺڻ جي آرزوءَ کي هو دل ئي دل ۾ رکندو ٿي ويو. ٺٽي ۾ هن جو رهڻ ڦرندڙ سياست جي ڪري به ضروري هو. ملتان، لاهور، آگري کان هن جا ساٿي هن کي خبرون چارون پيا پهچائيندا هئا.
    هن جڏهن سوڍي ۽ سنگھار جون ڳالهيون خود ترخانن جي وٽان ٻڌيون، تڏهن هن کي پنهنجي دل ڦنڊندي، وڏي ٿيندي محسوس ٿيندي هئي. سوڍي کان ته هو ايترو هيسيل هو، جو ڪڏهن به ساڻس اکيون ملائي نه ڳالهايو هو. سوڍي جي اکين ۾ نهارڻ سولو به نه هو. سوڍي کي هن جي ملتان وڃي مدرسن ۾ رهڻ ۽ ڪتابن تي وقت خراب ڪرڻ به نٿي وڻيو. ايتريقدر جو هڪ ــ ٻن ڏينهن لاءِ هو ته اول ته ڳالهائيندو ئي نه هو، پر جي منهان منهن ڳالهائڻو ٿي پيس ته چئي ڏيندو هوس ته ”دادن، پاڻ پورهيت ماڻهو، جي ائين مدرسن ۽ خٿابن ۾ لڳاسون، ته ڪو وقت ايندو جو اسان کي سنڌ ئي وسري ويندي. اها ڪوڙي سياست ڇڏ، وطن ۾ ويهي ڪجھه نه ڪجھه وطن لاءِ به سوچ. وطن ڌارين کان آجو ٿئي، پوءِ اهي مڪتب، اهي مدرسا به ڀڄي ڪونه ٿا وڃن! “ ان جي برعڪس سنگھار دادن جي دل وٽان هو. پاڻ به آزاد طبيعت جو هو ـــــ جيئن وڻندو هوس، تيئن ڪندو هو. جڏهن جبل هليو ويو هو، تڏهن به رڳو دادن مٿس ڪو اعتراض ڪونه ڪيو هو. سنگھار به دادن سان ائين ملندو هو، ڄڻ پاڻ ۾ سڳا ڀائر نه پر ڪي پڳ مٽ يار هئا. ڪڏهن ڪڏهن رازداريءَ سان چوندو هوس ته ”ميان ڇڏ انهن ڪتابن ڪڙن کي؛ هل ته ڪي ڌاڙا هڻون، ترخانن کي ڦريون: گھڻو ئي مال متاع گڏ ڪيو اٿن!“ ۽ پوءِ وري پاڻ ئي چوندو هو ته ”نه نه ميان، مون ته اِهو ڀوڳ ٿي ڪيو. متان انهن ڳالهين ۾ پيو آهين. ڀل پيو پڙھه ۽ علم پراءِ. اسين ته ڄٽ جا ڄٽ رهجي وياسين. اسان جو ڪو ڀاءُ به ته پڙهيل ڳڙهيل سڏجي!“ سنگھار ۽ ڀاڳل جي واقعي تي به دادن هن سان ساٿ ڏنو هو، ۽ ان تي سوچيندي ئي هن کان ٽهڪ نڪري ويندو هو. هن کي ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ سوڍو ڪنهن شيشي ۾ بند جِن هو، جنهن کي ڇيڙڻ ۾ ڇيهو ئي ڇيهو هو، ۽ سنگھار کليل هوائن جو ڪو آزاد پکيئڙو هو، جو هر قسم جي ٻنڌڻن کان پري ڀڄندو هو.
    پر جڏهن سوڍي جي سينا جون ڳالهيون هن تائين پهتيون تڏهن دادن کي ڄڻ پنهنجي سموري حياتي اجائي ۽ وڃايل محسوس ٿي. هن کي ائين ٿي لڳو، ڄڻ هو اهڙي دِلي جو ڍڪڻ هو، جنهن مان هاڻ ماڻهن پاڻي پيئڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. هن کي پنهنجي حال تي شرمساري ٿيڻ لڳي، ۽ هو پڇتاءُ جي ان پاڻ ـــــ وهيڻي ويڻ کان بچڻ لاءِ آخوند نور محمد کان ٻن ڏينهن جي موڪل وٺي گھر هليو آيو.
    هڪ ترخان کي گھر ۾ گھڙندو ڏسي، ڀاڳل جو ته ساھه ئي مُٺ ۾ اچي ويو، پر هن پنهنجي ڏيراڻيءَ ڏانهن ٽيڏيءَ اک سان ڏسندي، اهڙي ڏيکائي ڏني ڄڻ ته هن اجنبيءَ کي ڏٺو ئي ڪونه هو. هو در ٻيڪڙي اڃا ٻنڀو اڪريو ئي ڪونه ته پنهنجي پويان ڪجھه کڙڪو محسوس ڪيائين ـــــــ ۽ هن جيڪي ڪجھه ڏٺو، تنهن هن جي من کي گائون مائون ڪري ڇڏيو. هن جي ننڍي ڀاڄائي ڪٽارو هٿ ۾ جھلي اهڙيءَ طرح بيٺل هئي جو هن جي وک کڻڻ تي، هوءَ اهو ڪٽارو سندس پٺ ۾ ٽنبي ڏيئي ها. سنڌ جون نياڻيون سياڻيون ايترو ستايل هيون، جو ست ٻل هوندي به هنن جي هٿن ۾ ڪٽارا ۽ خنجر اچي ويا هئا! پاڻ بچائڻ جو احساس ڪمزور کان ڪمزور جيتامڙي کي به ڌڪ الارڻ تي مجبور ڪريو وجھي!
    ”ڀاڄائي، آءٌ آهيان دادن!“ هن جو آواز ڪنهن نامعلوم دک ۾ ڀرجي ويو هو. ننڍي ڀاڄايس ويچاري هڪي ٻڪي ٿي ويئي. ڀاڳل کان به ڇرڪ نڪري ويو، ۽ هٻڪندي کيس کيڪاري چيائين: ”جيئين، منهنجو ته ساھه ئي سڪي ويو هو!“
    ”سانوڻ ڪٿي آهي؟ گھر ۾ پهر ڪانه ٿي ڏسجي. ادو سنگھار ڪٿي؟“
    ڪنهن به جواب نه ڏنو . . . . . . ڀاڄائيءَ جي منهن ۾ نهاريندي، مايوسيءَ جي ڳوڙهن جي اُجھاڳ سمنڊ ۾ ڪجھه ڳوليندي، هن کان رهيو نه ٿيو، ۽ چيائين: ”ادي، خير ته آهي . . . . ؟ ڇا ٿيو ادي کي؟“
    ڀاڳل ڪو به جواب نه ڏنو. گھڙيءَ کان پوءِ ننڍي ڀاڄايس چيو: ”ادي کي وئي مهينا ٿي ويا آهن. اسين در ۾ اکيون وجھيو ويٺيون آهيون ته اِجھو ٿو ادو اچي. . . . .“
    ڀاڳل منهن تي گندي ڏيئي، اچي سڏڪن ۾ پيئي. دادن کي به ڪنهن اڄاتي خيال کان وڍ پوڻ لڳا.
    ”پر به ٿيو ڇا؟“ هن جي انهن لفظن ۾ دلداري به هئي ۽ اٿاھه درد به.
    ”ٻڌو اٿئون ته ترخانن جھلي وڌو اٿس . . . . . !“
    دادن منجھي پيو. هن ٺٽي ۾ ته اهڙي ڪا ڳالھه ڪانه ٻڌي. اها ڳالھه سا ٻڌي هئائين ته مرزا باقيءَ جي حويليءَ ۾ گھڙي پيو هو، ۽ مرزا باقيءَ جان بچائي ڀڄي نڪتو هو. اتان سنگھار کي ڳوٺ ڏانهن سوار ٿيندو ڏٺو هئائون. آخوند نور محمد به هن جي جھلجڻ جي ڳالھه ڪانه ڪئي.
    ” . . . . . ۽ بابو ڪٿي؟“ دادن اهو سوال ڪندي به سنگھار بابت سوچيندو رهيو.
    ”چڱو ڀلو آهي . . . . . ويو هوندو مسيت ۾، يا ڏيي سوناري جي هٽ تي . . . . . ادي جي پڇا ڳاڇا لاءِ ڏيي جي هٽ تي ويهي، اوسي پاسي جي ماڻهن کان پيو خبرون وٺندو آهي . . . . . يا سانوڻ کي ساڻ ڪري مال جي خبر چار وٺڻ نڪري ويندو آهي.“
    دادن ڄڻ ٿڪجي، هڪ منجيءَ تي ويهي رهيو. پنهنجي اُن مومل ڀاڄائيءَ جي منهن ۾ ڏک جو ريکائون ڏسندو، پنهنجي هيٺئين چپ کي ڏندن سان ڪرٽيندو رهيو. ڪئين انومان هن جي دل ۾ اُٿندا، گھٽجندا وڌندا رهيا. هن وري پنهنجي ڀاڄائيءَ ڏانهن نهاريو، جنهن جي اکين مان لڙڪن بنھه بس نٿي ڪئي. ائين ٿي محسوس ٿيو، ڄڻ ته اکيون هن جي پنهنجي وس نه هيون، ۽ نه لڙڪن تي هن جو ڪو وس ٿي هليو. هن وري به کيس ڏڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”ادي، ائين روئڻ سان ته ادو موٽي ڪونه ايندو. ادو سو مڙسن جو مٽ آهي. هن کي جھلڻ ترخان جي وس کان ٻاهر آهي. تون ڌيرج ڪر . . . . “ هن کي پنهنجا لفظ کوکلا ۽ بي معنى محسوس ٿيڻ لڳا.
    ”ادا، ندوريءَ دل کي ڇا ڪريان . . . . ماڳهئون ڳالھه وسري ئي نٿي . . . . . جنهن ڏينهن ويو هو، اُن ڏينهن کان ئي ڪئين وسوسا دل کي ويڙهي ويا آهن . . . . . اڳين هلچلن ڀيري ته مون کي خيال به ڪونه ٿيو، پر هينئر الائي ڇو دل کي ڀرم ورائي ويو آهي . . . . . مون کيس منع به ڪئي، پر ڪين مڙيو . . . . هاڻ به . . . . . “ هوءَ وري به اچي سڏڪن ۾ پيئي.
    دادن کي هنن جي پيار ۽ محبت جي خبر هئي. سنگھار کي ڪجھه ٿيندو هو ته ڀاڳل ڄڻ چري ٿي پوندي هئي. سنگھار جي ڪري هن پنهنجا مائٽ ئي تياڳي ڇڏيا هئا. هو اڃا سنگھار ۽ ڀاڳل واري واقعي تي سوچ ۾ هو ته پڻس به اندر لنگھي آيو. پيءُ پٽ ڪا گھڙي هڪٻئي کي ڏسندا رهيا. پير مرد جي منهن تي هڪ ترخان کي پنهنجي گھر ۾ ڏسي اچرج ۽ ڪاوڙ اچي ويئي هئي . . . . . پر اهي اکيون ته ڪنهن ترخان جون ٿي ئي نه ٿي سگھيون، ۽ ٻيءَ گھڙيءَ هن پنهنجي دادن کي سڃاڻي ورتو؛ ۽ پير مرد جي دل هن کي ڀاڪر پائڻ لاءِ ڄڻ ڪنهن گل وانگر کلڻ لڳي. پر هن جي وات مان نڪري ويو: ”ابا، منهنجي اولاد پنهنجي سسي بچائڻ لاءِ ڪڏهن کان ويرين جي ويس جو ٻهروپ ڪرڻ شروع ڪيو آهي؟“ هن پوڙهي جي اڏول دل ڇا ڇا نه سَٺو هو.
    ”بابا، سسي بچائڻ لاءِ نه، ڪنهن خاص مقصد لاءِ هيءُ ويس ڌاريو اٿم . . . . . “ دادن پنهنجي شرمساريءَ کي لڪائڻ لاءِ چيو.
    پوڙهي پيءُ کي پنهنجي هن پٽ کي ڀاڪر ۾ جھليندي، ڄڻ پنهنجي اُها وَهي ياد اچي ويئي، ۽ هن کيس ڀاڪر ۾ ڀيڙيندي چيو: ”اهڙو ڪم ئي گھوريو، جيڪو پنهنجي ڏاڏڻي پَر ڇڏائي، ابا ! “
    هو ڪيترو وقت اوڀاريون لهواريون ڪندا رهيا. هن کي پڻس ٻڌايو ته ترخانن ٻه ـــــ ٽي ڀيرا ڳوٺ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجو بچاءُ ڪندا پئي آيا. هاڻ ته زائفائون به هٿيار کڻي، ترخانن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳيون هيون. هو اڃا انهن ئي ڳالهين ۾ هئا ته ڌنو به گاھ جي ڀري کڻي اندر لنگھي آيو. هو به هڪ ترخان کي پنهنجي گھر ۾ ويٺل ڏسي ۽ پيءُ سان ڳالهيون ڪندو ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو.
    دادن وڌي اچي ڀاڪر پاتس. دادن جو آواز ٻڌي، ڌني جي مرڪ موٽي آئي. دادن پنهنجي هن ڀاءُ کي ڪڏهن به سمجھي نه سگھيو هو؛ جنهن کي دنيا سان ڪو واسطو نه هو؛ جيڪو رستي هلندي پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندو هو، جيڪو ڍورن ڍڳن، رڍن ٻڪرين سان ائين ڳالهائيندو هو، ڄڻ هو هڪٻئي جي ٻولي سمجھندا هئا؛ جنهن کي رت ڏسڻ سان اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو؛ جيڪو جڏهن چَنگُ وڄائيندو هو تڏهن ائين ڀائنبو هو ته پکي پکڻ، جيت جناور هن جي چنگ ٻڌڻ لاءِ اچي ڳاهٽ ٿيا هئا. ڪا ڳئون يا مينهن نه مِڙندي هئي، ته هو پنهنجو چَنگُ ڪڍي وڄائيندو هو، ۽ پڻس کير جو چونئريون ڀريندو ويندو هو!
    ڌني کيس ڀاڪر پائيندي، چُمي ڏيندي چيو: ”دادن، وساري ڇڏيو اٿئي!“ دادن ڪوبه جواب نه ڏنو؛ فقط هن جي ڀاڪر ۾ هن جي دل ۾ وڄندڙ چنگ جي پيار ڀري تنوار محسوس ڪندو رهيو. پر پوءِ هن اهڙي ڳالھ ڪئي، جنهن دادن کي ڇرڪائي وڌو: ”دادن، سوڍي کي تون وڃي سمجھاءِ: هروڀرو ماروئڙا نه ڪُهائي وجھي!“
    دادن ماٺ ۾ اچي ويو. ڌني جي انهن لفظن نه رڳو هن کي ڇرڪائي وڌو، پر هن کي ڪجھه سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو. هن سندس منهن ۾ نهاريندي چيو: ”ڌنا، توکي ڪيئن خبر پيئي ته سوڍي جي ماڻهن جي ڪُسڻ جو خطرو آهي؟“
    ”ڪنهن پکيءَ ٿي ڳالھه ڪئي ته مغل بکر مٽي، اچي سيوهڻ رسيا آهن . . . . .“ ڌني اٻوجھائي مان چيو: ”. . . . ۽ سوڍو موهن ڪوٽ تان سيوهڻ تي چڙهڻ جون پيو ڪري!“
    ”موهن ڪوٽ؟“
    ”سوڍو موهن ڪوٽ ۾ لٿو پيو آهي . . . . “
    هاڻ ته دادن جي اچرج جي حد ئي نه رهي. هن هميشه پنهنجي هن ڀاءُ کي اٻوجھه ۽ گھڻو تڻو مورک سمجھيو هو، جنهن کي دنيا سان ڪو واسطو ڪونه هو. پر جنهن ڳالھه ڏانهن هن اشارو ڪيو، ان مان ته ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته سنڌ ۾ ٿيندڙ هر اُٿل پٿل ۽ جنگ جھيڙي جي کيس خبر هئي. هن آخري ڪوشش ڪندي چيو: ”پر ادل، مغل سوڍي سان ڇو وڙهندا؟ هو ته مرزا باقيءَ کي سيکت ڏيڻ آيا آهن!“
    ڌني جي اکين ۾ ڪروڌ ڀرجي آيو. دادن هن جي اکين جي ان نئين رنگ کي ڏسي حيرت ۾ پئي ويو. هي اهو ڌنو هو، جنهن لاءِ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ اوپري ۽ اڍنگي ڪُريت هئي. هو ته پيار ۽ پريت جو ڪانکي هو. ٻين جي ڪاوڙ تي هن جو پنهنجي مَنَ دکي ٿيندو هو. پر اڄ هن جي اکين ۾ اهڙا اهڃاڻ هئا، جن ۾ ازلي دک کان سواءِ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا واچوڙا پئي وسيا؛ ۽ پوءِ ڄڻ هن نه چاهيندي به چئي ڏنو: ”مغل سوڍي يا سنڌين جا مِٽ ڪونهن: مرزا باقيءَ جا مائٽ آهن، دادن!“
    ”مرزا باقيءَ جا مائٽ؟ سو ڪيئن؟“
    ”مغل ۽ ارغون ترخان هونئن به سوٽ ماسات آهن. جڏهن مرزا باقيءَ کي سنڌين جا پادر سُجھي آيا، تڏهن هن پنهنجي ڌيءَ اڪبر کي موڪلي ڏني. اها مائي جڏهن اڪبر جي حرم ۾ داخل ٿي ته آگري ۾ چوٻول پئجي ويو ــــــــــــــ چي: ”خونيءَ جي ڌيءُ خونڻ آئي آهي. پر جڏهن اڪبر، سندس کاڏيءَ کي مٿي کڻي سندس اکين ۾ گھور پائي نهاريو، تڏهن هن پنهنجو منهن لڄ کان ٻنهي هٿن سان ڍڪي ڇڏيو: ان مهل اڪبر کي سنڌين جي خون بدران فقط انهن هٿن جي مينڌيءَ جو رنگ نظر آيو؛ ۽ جاه و جلال جو بادشاه ڪمزور آواز ۾ وڦلڻ لڳو: ”مجاهد خان، اسين چاهيون ٿا ته سنڌ جي فتني کي ٻنجو ڏنو وڃي ته جئن مرزا باقي آئيندي اسان جي اطاعت جا فرض وڌيڪ خوبيءَ سان بجا آڻي سگھي!“
    هي يقينن ڌني جا لفظ نه هئا. سياست ۽ ملڪ گيريءَ جا اهي پيچيدا مسئلا هو ائين بيان ڪري رهيو هو، ڄڻ پاڻ اڪبري درٻار ۾ حاضر هو، ۽ اهو سڀڪجھه سندس اکين اڳيان ٿي رهيو هو.
    هن وڌي ڌني جي ٻنهي ڪلهن تي هٿ رکندي چيو: ”ادل، تو ته منهنجا ڇيھه ڇني وڌا آهن. مون کي سمجھه ۾ نٿو اچي ته آءٌ توکي ڇا چوان. پر رڳو ايترو ٻڌائينم ته تو اهي خبرون ڪٿان ٻڌيون. ان سڄي ڳالھه تي سنڌ جي آزاديءَ جو دارومدار آهي!“ ڳالھه ڪندي مهل دادن جي دل ڪنهن عجيب اڊڪي کان ڏڪي رهي هئي.
    ڌنو ڪا گھڙي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. پر پوءِ هن جي منهن ۾ سرهائي اچي ويئي ۽ هن دادن جي اکين ۾ نهاريندي چيو: ”بابل، اسين بروبر فقير ماڻهو آهيون، پر بنھه اهڙا فنا في الله به ڪونه آهيون، جو گھر ٻرندي اکين تي هٿ رکي ويٺا هجون. اسان فقيرن جي آستانن تي به مچ پيا ٻرن: جوڳيئڙا، سنياسي ۽ بابو بيکاري هنڌ سنڌ گھمندا وتن. محل سرائن جي چائنٺ کان حرم جي ٻنڀن تائين رسائي اٿن. اسان جي ته ننڊ به عبادت آهي، دادن! ۽ عبادت ۾ ڏيھه جو ڏکڙو شامل نه هجي ته اها عبادت ڪهڙي؟ اسان جا جوڳيئڙا ۽ ڪنن ۾ واليون وجھندڙ ڪاپڙي هينئر به سنڌ ۾ ڦهليا پيا آهن، ۽ جيڪي پڄين ٿو سو پيا ڪن!“
    لفظ جذبا بنجي، دادن جي ڪنن ۾ شيهو اوتيندا ٿي ويا. هن کي پنهنجي سڄي حياتي وئرٿ ۽ اجائي ويل ڀاسڻ لڳي. ڪوڙي سياست جا ڪوڙا اڊمبر ۽ ڪوڙا ٻهروپ ڪندي، هن پنهنجي جوانيءَ جو ڳچ حصو ڳاري ڇڏيو هو، ۽ هاڻ، جڏهن سياست جو ناٽڪ پورو ٿيڻ تي هو، تڏهن هو پنهنجي ئي گھر ۾، اوپري ڌارئين ٻهروپ ۾ اٺسٺن ۽ اڻتڻ جي تاڃيءَ پيٽي ۾ وچڙندو ڦاسندو ٿي ويو. شرم ۽ پڇتاءَ کان هن جي ڇاتيءَ ۾ ڪو ڇوهو ڇُلي آيو؛ ۽ هن ڌني کي وري ڀاڪر پائيندي چيو: ”ڌنا، تو اڄ مون کي اهڙي ڌونڌاڙ ڏني آهي، جو مَنَ جو مڻڪو ٽٽندو ٿو ڀانيان. هاڻ موڪلاڻي ناهي. جيئرا هونداسين ته گڏباسين، نه ته ڌڻيءَ کي پرتؤ!“
    ڌنو ڪو وقت هن کي ڀاڪر ۾ جھليو بيٺو رهيو، ڄڻ دل ئي دل ۾ هن کي ڪو نياپو، ڪو سنيهو ڏيڻ ٿي گھريائين پوءِ ڀڻ ڀڻ ڪندي چيائين: ”سنگھار سوڍي ساڻ آهي. جي اوڏانهين ٿو وڃين ته کيس موڪلي ڏج. ٻڌو اٿم ته پاڻ هلڻ جھڙو ڪونهي. مون اديءَ کي ٻڌائڻ مناسب ڪونه سمجھيو!“
    دادن جڏهن ڀاڄائين کان موڪلايو، تڏهن الائي ڇو ڀاڳل کان ”هاءِ!“ نڪري ويئي. هن اپسوڻ ڪرڻ نٿي گھريو، پر اهو سوچيندي هن جي دل ۾ چڪ پئجي ويو ته هي الائي ڪهڙو واءُ وريو هو، جو هڪ ئي گھر جا ٽي ڪونڌر مڙس، ڀور ڀڃڻ بنان ڪنهن سٽاڻي سانگ سنبري نڪتا هئا. پنهنجا لڙڪ روڪيندي، گھٽيل آواز ۾ چيو: ”ابا، ڌڻي ويرين کان رکندءِ!“
    ائين چئي اچي اوڇنگارن ۾ ڇٽي. لڙڪ سندس اکين مان وهي، سندس چولي جي آڳي ۾ سمائجڻ لڳا. دادن کان پنهنجي هن ڀاڄائي جو ڏک ڏٺو نٿي ٿيو. هو سوچڻ لڳو: الائي ڪيتريون ونيون وريتيون پنهنجي اڻموٽ ڪونڌرن جي موٽ جي آس لڳائي، پنهنجي اکين جا ساگر سڪائينديون ٿي ويون. ان ڏک جي ته ڪا ڪنڌي ئي ڪانه هئي. ان کي ٻنڌ ڏيڻ ڪيتري نه ڏکي هئي. پر هن دلاسو ڏيڻ لاءِ چيو: ”ادي، ادو سلامت آهي. منهنجو توسان وچن آهي ته آءٌ کيس تو وٽ موڪلي ڏيندس!“
    پوءِ نون لڙڪن ۾ نهارڻ جو تاب نه جھلي، هو پيءَ کان موڪلائي، تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري آيو. ڌنو به پويان لڳو آيس. در کان ٻاهر نڪري، دادن کي گھوڙي تي چاڙهڻ کان اڳ چيائين: ”دادن، انهن ڪپڙن مٿان، هيءَ منهنجي خفني پائي ڇڏ، ۽ ترو لاهي هي منهنجو پٽڪو ٻڌي ڇڏ، جنهن پاسي تون اُسهيو آهين، اتان ترخاني وَيس ۾ لنگھڻ جوکائتو آهي!“
    ڌنو، ڪفني کيس ڏيندي، ڪو وقت بيهي، هنکي ويندو ڏسندو، ۽ پوءِ گھر ڏانهن موٽندي، ڀڻ ڀڻ ڪندي چيائين: ”دادن تون ته موٽي ايندين پر شل سنڌ به موٽائي اچين!“
    ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ ــ
    ڪاري رات، ڪارو پنڌ ۽ ڪارا جبل جھاڳيندي، دادن جي من تي ڪارن ڪڪرن جو طوفان متل هو. جتان جتان ٿي لنگھيو، اتي ترخانن ۽ سوڍي جي جنگين جون ڳالهيون ٿي ٻڌائين. جوانن جا جٿا، جتان ڪٿان پئي پنڌ پيا. ڪي اُٺن تي، ڪي گھوڙن تي، ڪي ڍڳي گاڏين ۾، ته ڪي پيرين پنڌ نڪري پيا هئا. هي اهڙو عجيب منظر هو، جنهن دادن جي من جي واچوڙن کي تيز ڪري ڇڏيو. هنن مان ڪن وٽ تراريون، ڀالا ۽ گُرز هئا، گھڻن وٽ ڪهاڙيون هيون، پر ڪن وٽ ته ٺلها بانٺا، لوڙهيون ۽ سونٽا هئا، اهڙن هيڻن هٿيارن جي باوجود هنن جي منهن تي اهڙي جوت ٿي جرڪي، جنهن دادن جي دل ڌوڏي ڇڏي. ڪڙمين، پورهيتن، ڪمين ڪاسبين جو هي ڇڙواڳ ۽ ڇڙوڇڙ لشڪر مغلن جي شاندار منظم فوج سان وڙهڻ نڪتو هو. هي سڀ ڪجھه ڇا هو؟ هي جونڙا، هي ڪڙوڍ، هي ٻڍڙا ڪنهن سان وڙهڻ نڪتا هئا؟ مجاهد خان سان؟ ان مجاهد خان سان، جنهن جي فوجي تربيت ۽ تنظيم سموري هندستان ۾ مشهور هئي، جنهن راجپوتن ۽ راٺوڙن سان جنگيون جوٽيون هيون؛ جنهن جو هڪڙو لشڪري جيڪڏهن پنهنجي صف ٽوڙي ٻاهر نڪرندو هو، ته انکي درُا هڻائي مارائي ڇڏيندو هو، جنهن جي گھوڙيسواريءَ تي سڀ امير ريس ڪندا هئا! ڌڻي منهنجا، منهنجي هنن ماڻهن کي امان ۾ رکج!
    ۽ هي ماڻهو هن وقت ڪهڙيءَ سوچ ۾ هئا؟ دادن جي دل ۾ آيو ته هو هر سنڌيءَ جي من ۾ گھڙي، اهو سڄو منظر ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ته انهن دلين ۾ ڇا هو؟ هن جي دل خود ئي هن کي جواب ڏيڻ لڳي ته هن وقت هنن سنڌين جي دل ويريءَ جي سڃاڻ بدران رڳو اها ڄاڻ آهي ته سنڌ دکي آهي، سنڌ غلام آهي، ۽ سنڌ کي هِنن هُنن ويرين کان آجو ڪرڻو آهي. اهي سوچون سوچيندي، هڪ ڳوٺ ڀرسان لنگھندي، هن ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿيل ڏٺو. ميڙ جي وچ ۾ دونهين جا ڪڪر وَرَ کائي مٿي چڙهندا ٿي ويا. هو به وڌي اچي ميڙ جي ويجھو ٿيو. هن جيڪي ڏٺو، تنهن هنکي هڪ ڀيرو وري سنڌ ۾ ترخانن جي موجودگيءَ ۽ ظلم جو احساس ياد ڏياري ڇڏيو. ويهارو کن ترخان ڀالن سان سنڌين جي ميڙ کا اڳيان وڌڻ کان روڪيو بيٺا هئا. وچ ۾ هڪ وڏو مچ ڌڳي رهيو هو، ۽ مچ جي اڳيان چار ــ پنج ترخان هڪ قداور جوان کي چوکنڀو ٻڌيو بيٺا هئا. هڪڙيءَ زائفان جون ٻانهون پويان ٻڌل هيون، ۽ ننڍڙا معصومڙا ٻار ٻن ترخانن جي هٿن ۾ ڦٿڪي رهيا هئا. انهن جي ڀر ۾ هڪڙو ترخان مولوي، پنهنجي ڏاڙهيءَ تي گھمائيندي، ڪجھه ڀڻ ڀڻ ڪري رهيو هو، ۽ ٻئي هٿ سان هڪ ڊگھي تسبيح سوري رهيو هو، دادن به گھوڙي تان لهي پيو. گھوڙو هڪڙي وڻ سان ٻڌي، ميڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪلها هڻڻ لڳو. ميڙ جا ماڻهو ڊگھي ڪفني پاتل هن جوڳي فقير کي، ائين ڪلها هڻندي ۽ گُھتون هڻندي ڏسندا رهيا، پر ڪنهن به هن ڏانهن ڪو خاص ڌيان نه ڏنو.
    اوچتو مولويءَ پنهنجي مٿي کي مٿي کنيو. ميڙ ۾ جيڪا چڻ ڀڻ هئي سا هڪدم بند ٿي ويئي، ڄڻ ماڻهن پنهنجو ساھه روڪي ورتو هو. مولويءَ پهرين ته هڪڙي آيت سڳوري پڙهي، ۽ پوءِ وڏي آواز ۾ چيائين: ”مومنو، مسلمانو، ديندارو! قران ۾ حڪم آيو آهي ته زانيءَ جي سزا موت آهي. زانيءَ کي سنگسار ڪرڻ عين ثواب آهي. اسان جي هن ديني حڪومت ۾ به زانيءَ کي اها ئي سزا ملندي، جيڪا شعريت مقرر ڪئي آهي. هن خبيث سنڌي،.......... منهنجو مطلب آهي ته هيءَ شخص جيڪو پاڻ کي مسلمان ٿو سڏرائي، دين جي رستي کان هٽي، پاڻ کي جھنمي ثابت ڪري چڪو آهي. سڀني مومنن جي اها دلي خواهش ٿيندي ته جھنمين کي دوزخ جي باھه جو نظارو ڏيکارجي ته جئين ٻين سنڌين ............ منهنجو مطلب آهي ته ٻين مومنين لاءِ عبرت جو نشان بنجي. چنانچه، منهنجو مطلب آهي، تنهنڪري حضور اميرالمومنين جي خليفي ۽ سنڌ جي حاڪم، ظل الاهي حضرت مرزا محمد باقي بيگ خان ترخان جي فرمان شاهيءَ موجب، هنن ٻن زانين کي، ۽ هنن ٻنهي ولدالزنا، منهنجو مطلب آهي ته حرامي ڦرن کي سنگسار ڪيو ويندو، ۽ پوءِ هنن کي هن باھه جي مچ ۾ اڇلايو ويندو!
    مولويءَ پنهنجي جُبي جي اندران هڪ فرمان ڪڍي، ماڻهن کي ڏيکاريندي، فرمان کي ڏاڍيان پڙهڻ شروع ڪيو. فرمان فارسيءَ ۾ هو، تنهن ڪري ماڻهن کي رڳو نالا سمجھڻ ۾ ئي آيا. پر دادن جئن جئن فرمان جا لفظ ٻڌندو ويو تئن تئن هنجون مٺيون ڀيڙجنديون ويون. رت هن جي لوڻن ۾ ڇوليون هڻڻ لڳو. فرمان ۾ چيو ويو هو ته هن ڳوٺ جي تماچي ولد دودي چني، هڪ ترخان امير زاديءَ کي ڀڄائي پاڻ وٽ سريت ڪري ويهاريو هو، ۽ بنا نڪاح جي، هنن ٻه ٻار پيدا ڪيا هئا. هنن جي گرفتاري عمل ۾ اچڻ کان پوءِ ڳوٺ جي عامل لاءِ اهو حڪم هو ته هو مولويءَ جي فتوا تي عمل ڪري. هنن کي سزا ڏيارڻ جو بندوبست ڪري.
    دادن جي وات مان ذري گھٽ ڏاڍيان اُهي لفظ نڪرڻ وارا هئا: ”مار، چئبو ته هي جھڳڙو آهي ئي ترخان امير زاديءَ جو! ترخانن جي ته شريعت به پنهنجي ته اسلام به پنهنجو!“ ۽ پوءِ هن اُن ترخان امير زاديءَ ڏانهن نهاريو، جا سنڌي وڳي ۾، هڪ نماڻي ڳوٺاڻي پئي لڳي. سندس اکين ۾ ڊپ جو درياءَ لهرون هڻي رهيو هو، پر ڪنهن ڪنهن وقت پيار جو هڪ اٿاھه ساگر، هن جي اکين مان وهي، تماچيءَ ۽ پنهنجي معصومڙن کي ڄڻ پاڻ سمائيندو ٿي ويو. هن جون نگاهون مچ بدران تماچيءَ ۾ کُتل هيون، ۽ هن ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل پنهنجي بادل ڀرين اکين سان پنهنجي معصومڙن ڏانهن ٿي ڏٺائين. ٻن پراڻن لڙڪن هن جي چپن تي هڪ اهڙي مرڪ آڻي ڇڏي هئي، جنهن هن جي موڪري منهن ۾ ڊپ کي لڪائي ڇڏيو هو.
    ماڻهن ۾ وري ڀڻ ڀڻ ۽ بي آرامي ڦهلجي ويئي هئي. مولويءَ وري به ماڻهن کي ماٺ ڪرائڻ جي لاءِ هٿ مٿي کنيو: پوءِ وڏي واڪ چيائين: ”اوهان مان ڪهڙو مومن آهي، جو سڀ کان اول هنن کي سنگسار ڪرڻ جي لاءِ پهريون پهڻ اڇليندو؟ دين جي خيال کان اهي وڏي سعادت آهي، ۽ ان جو اجر ٻنهي جھانن جي سرخروئي آهي!“
    ميڙ ۾ ماٺ ٿي ويئي. ڄڻ اوچتو سڀ مري ويا هئا. ڄڻ سڀني جي وائي هلي ويئي هئي، ڄڻ سڀ گونگا ٿي ويا هئا. هنن ۾ ته چرپر به بند ٿي ويئي ڄڻ ته هو پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا. هنن جي منهن تي ڪي ڇايائون هيون، جن ۾ ترخانن جي ڀالن ۽ ترارين جا پاڇولا ٽڙڪي رهيا هئا. پر اوچتو، ڪو ميڙ کي چيريندو اڳتي وڌڻ لڳو. ماڻهن ڏٺو ته اهو گيڙو رتي ڪفنيءَ ۾ ڪو جوڳي فقير هو. ڪن ماڻهن هن کي اڳي ئي خاص نظرن سان پئي جاچيو، پوءِ هن جي مولويءَ ڏانهن وڌڻ تي ماڻهن جي گونگي زبان ۾ وائي موٽي آئي، ۽ ان چڻ ڀڻ مان جوڳيءَ جي ڪنن تي اهو آواز پهتو: ”هي وري ڪميڻو ڪير؟“
    پر دادن وڌندو رهيو ............ هن جو رخ مولويءَ ڏانهن هو. مولويءَ جي منهن تي خوشيءَ جا اهڃاڻ مڙي آيا، ڄڻ هن کي اُميد ڪانه هئي ته ڪو ڪو سنڌي پهڻ اڇلائڻ لاءِ تيار ٿيندو. مولوي هن مومن کي ڀاڪر پائي ملڻ لاءِ ٻه وکون اڳيان وڌي آيو. جڏهن کيس ڀاڪر پاتائين، تڏهن اوچتو ڪنهن تکي شيءَ جي چهنب پنهنجي پيٽ ۾ چڀندي محسوس ٿيس، ۽ ان کان به تکي چهنبدار فارسي ۾ ٻڌڻ ۾ آيس: ”ملا، هڪدم سپاهين کي حڪم ڪر ته هنن کي ڇڏي ڏين نه ته هي خنجر تنهنجن آنڊن، گُجين جي پار هوندو!“
    مولويءَ جي منهن تي هيڊ هارجي ويئي، ۽ هو سڄو ڏڪڻ لڳو. ڪٽاري جي چهنب جئن پوءِ تيئن هن جي چمڙيءَ ۾ اندر گھڙندي ٿي ويئي، ۽ هن کي پڪ ٿي ته رت وهي، هن جي دُن ۾ گڏ ٿيڻ لڳو هو. رت جي آلاڻ هن جي ڏڪڻيءَ کي هيڪاري وڌائي ڇڏيو، ۽ هو ڪرڙيءَ وانگر ڦٿڪڻ لڳو.
    آءُ وڌيڪ ڪونه ترسندس .............. آءُ ڏهن تائين انگ ڳڻيندس ........... هڪ، ٻه........“ دادن هري هري چيو.
    مولوي هٻڪندڙ آواز ۾، هڪڙي ترخان کي رڙ ڪري چيو: ”هنن کي آزاد ڪريو....... هنن کي وڃڻ ڏيو........... “ ترخانن ڄڻ ته اهي لفظ ٻڌا ئي ڪونه. هو مولويءَ جي منهن ۾ ڏسندا رهيا. ”ٽي ........ چار ......... ! ان آواز سان مولويءَ محسوس ڪيو ته خنجر سندس پيٽ ۾ آڱر جي ٻن ڏوڏن جيترو اندر هليو ويو. هن دانهن ڪندي چيو: ”خدا جي واسطي جھٽ ڪريو ..... هنن کي آزاد ڪريو نه ته ................. نه ته ............. !“
    ”پنج، ڇهه ...........! ۽ ڪٽارو ٿورو وڌيڪ اندر هليو ويو. ”.......... آءٌ ......... نه ته آءٌ امير کي چئي، اوهان کي مارائيندس .............. جھٽ ڪريو!“
    ترخانن اهي لفظ ٻڌي تماچيءَ، سندس زال ۽ ٻارن جا رسا کولڻ شروع ڪيا. ميڙ ۾ وري ماٺ ٿي ويئي، ۽ سوين اکيون هڪ ٽڪ جوڳيءَ جي ڀاڪر ۾ مُلي کي ٿڙڪندو ڏسنديون رهيون. جڏهن هنن جا بند لٿا، تڏهن جوڳيءَ ڏاڍيان سنڌيءَ ۾ چيو: ”تماچي، هن ميڙ جي پٺيان، کاٻي پاسي، نم ۾ منهنجو سرخو ٻڌل آهي. ان تي چڙهي لهارڪي وسينءَ هليا وڃو. وچ ۾ ساهي به نه پٽجو. اتي مدرسي ۾ منهنجا همراھه ملندءِ، تن کي چئج ته دادن سلام ڏنا آهن ............ تڪڙو وڃ ته جيئن رات نه پويئي ...... شل ٻچڙن سان خوش هوندين!“
    تماچي ۽ سندس زال هن جوڳيءَ ڏانهن ڪجھه اهڙين نظرن سان ڏٺو، جن ۾ بي اعتباريءَ سان گڏ پنهنجائپ هڪ نئين پنهنجائپ هئي، جنهن جو ڪو نالو هو، جنهن جا ڪي اهڃاڻ هئا: انهن اهڃاڻن کي سڃاڻيندا، سوچيندا، هو ميڙ مان نڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا. ميڙ ۾ ڄڻ ڪنهن گھاري پوڻ سان لوگھو پئجي ويو، ۽ ميڙ جا ڪي ماڻهو ”مبارڪون هجئي ادا، لک لک مبارڪون!“ چوندا هنن کي ڳراٽيون پائيندا، ڀاڪرن ۾ اڳتي وڌئندا، کين گھوڙي تائين رسائي آيا.
    ميڙ وري ڄمي ويو، ۽ ماڻهن اڃا به مولويءَ کي ساڳيءَ طرح سان ٿڙڪندو ڏٺو. جوڳيءَ وري فارسيءَ ۾ چيو: ”هاڻ هنن ترخانن سپاهين کي چئو ته موٽي اچي پنهنجي ڇانوڻيءَ تي وڃن . . . .“
    ترخان سپاهي به هاڻ ڳالھه کي سمجھي ويا هئا، ۽ هنن مان ٽي ڄڻا، ڀالا سڌا ڪري، جوڳيءَ جي پويان اچي بيهي رهيا. جوڳيءَ ڄڻ کين ڏٺو ئي ڪونه، ۽ ڏاڍيان فارسيءَ ۾ ئي چيائين: ”اوهان مان هڪڙي به وک اڳتي کنئي آهي ته آءٌ خنجر مُلان جي پيٽ ۾ ٽنبي ڏيندس!“
    ترخان جتي هئا، اتي ئي ڄمي ويا. هو منجھي پيا ته ڇا ڪن. مولويءَ جو مارجڻ معنى هنن جو پنهنجو موت هو. هي مولوي انهن مولوين مان هو، جن کي قنڌار مان خاص طرح سنڌين کي دين سيکارڻ ۽ فارسي پڙهائڻ لاءِ گھرايو ويو هو. هن کي ڪجھه ٿيو ته مرزا باقي سندن جڻ ـــ ٻچو رلائي ڇڏيندو. هڪ ترخان همت ڪري چيو: ”سنڌي، تو کي کٽيءَ کنيو آهي شايد! مولوي صاحب کي ڇڏ نه ته . . . . “
    هن اڃا جملو پورو ئي نه ڪيو ته مولويءَ جي وات مان دانهن نڪري ويئي، ۽ هن رنڀندي چيو: ”خبيث، پنهنجي زبان کي لغام ڏي، ۽ سنڌي جيئن چوي تيئن ڪريو!“
    ترخان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيا. جوڳيءَ جي منهن تي مرڪ اچي ويئي، ۽ هن اشاري سان هڪ ـــ ٻن جوان مرد جوانن کي ميڙ مان سڏي چيو: ”ڀائو، هنن ترخانن کان ڀالا ۽ تراريون وٺي هٿ ڪريو. . . . . “
    ٻه جوان ترخانن کان ڀالا ۽ تراريون گڏ ڪندا ويا. جنهن ترخان هٿيار ڏيڻ کان ڪجھه لهرايو ٿي ته هنن جوڳيءَ ڏانهن ٿي ڏٺو. جوڳيءَ سان سندن نظر ملندي ئي مولويءَ کان ڪيڪ نڪري ٿي ويئي، ۽ ترخان کي هٿيار پيش ڪرڻا ٿي پيا. جڏهن هٿيار سمورا گڏ ٿي ويا، تڏهن جوڳيءَ وري گھوڙن جي گھُر ڪئي. ترخان گھوڙن تان لهي پيا. جوڳيءَ جي اشاري تي، ٻه جوان ٽي گھوڙا ڪاهي اچي جوڳيءَ جي ويجھو پهتا. جوڳيءَ جوانن کي گھوڙن تي سوار ٿيڻ جو اشارو ڪري، مولويءَ کي ڇڏي ڏنو. ميڙ جي ماڻهن ڏٺو ته جوڳيءَ جي ڪٽاري جي چهنب ڳاڙهي رت سان چمڪي رهي هئي. ھٿيار جوانن ۾ ورهائي، پاڻ به هڪڙو ڀالو کڻي، جوڳي گھوڙي تي چڙهي ويٺو ۽ ترخانن سان گڏجي ميڙ مان نڪري ويو. جوڳيءَ ميڙ تي هڪڙي نظر وجھندي چيو: ”ڀائرو، اوهان هيترن جي هوندي، ترخان ائين ڪونڌر ڪهندا وتن، ۽ اوهين رڳو تماشو ڏسندا رهو، يا گونگا لڙڪ ڳاڙيندا رهو، سو وقت هاڻ ويو. سموري سنڌ ڪَرَ موڙي جاڳي پيئي آهي. جيجل سنڌ جو سڏ اوهان کي به آهي. جن کي ساھه کان لڄ پياري آهي، سي ٽڙي پکڙي وڃن، ۽ سنڌ جي انهن سپوتن سان وڃي ساٿ ڏيو، جيڪي هن سرزمين کي ترخانن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ سر سان ڪفن ٻڌيو وتن اهو نياپو ڏيندا، اهو سنيهو ياد رکجو: ڪجھه سوچيو، متان گھڙي ٽري وڃي!“
    ائين چئي هن گھوڙو ميڙ جي هڪ طرف موڙيو، ۽ ويندي وقت وڏي واڪ چيائين: ”جيئي سنڌ!“
    ميڙ مان ماڻهن ڪن هري ڪن ڏاڍي چيو: ” سدا جيئي سنڌ!“ ۽ لڙڪن جي گھري ڌنڌ مان هو هن جوڳيءَ کي ويندو ڏسندا رهيا!
    ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ ـ
    هيل ته سنڌوءَ ۾ ڪا ڳاڙهي، رت ريٽي اَٿل آئي هئي. جئن جئن ڏينهن لنگھندا ويا، سنڌوءَ جو پاڻي وڌيڪ ڳاڙهو، رت ورنو ٿيندو ٿي ويو. ڪنهن کي اها سڌ نه هئي ته پاڻيءَ جو اهو ورن ڪئين ٿيو. جوڳي فقيرن ته اهو ٿي چيو ته جتان جتان سوڍل ٿي لنگھيو، اتان پاڻيءَ جي روءِ ڳاڙهي رت ورني ٿيندي ويئي. فقيرن جي ڳالهه ڪنهن سمجھي ته ڪنهن نه سمجھي،
    پر دادن جئن جئن ڪنهن ڳوٺ، ڪنهن واهڻ، ڪنهن وسيئن مان ٿي لنگھيو، تڏهن انهن واهڻ واسين جي ماڻهن تي سرهائي موٽندي ٿي ڏٺائين. جڏهن موهن ڪوٽ پهتو ته دهلن دمامن تي ماڻهو جھمريون هڻي رهيا هئا. لاڏا ۽ جمالا ڳائي رهيا هئا. هن اتي ٻڌو ته سيوهڻ جو ڪوٽ ڪِري پيو هو ۽ سوڍي جو لشڪر سيوهڻ ۾ ڪاهي پيو هو. مرزا جاني بيگ جان بچائي ڀڄي نڪتو هو. چيائون ٿي ته ٺٽي مان نئون لشڪر آڻي وري سيوهڻ تي چڙهندو. دادن جي دل ۾ ڪئين آسون اميدون وڌنديون وڻ ٿينديون ويون. هيلوڪي اٿل آزاديءَ جي اٿل هئي ............ پر مغل ...........؟ اهو خيال به پنهنجي ذهن ۾ آڻڻ نٿي گھريو ته مغل ڪو سنڌ جي آزاديءَ آڏو ايندا.
    سيوهڻ کان ڪوهين دور پري هو ته هن کي سيوهڻ جي ڪوٽ جي ڪنگرن تي ڦڙڪندڙ سنڌ جا ست رنگا، انڊلٺ جي رنگن جا جھنڊا نظر آيا. هن کي الائي ڪهڙو خيال آيو، ۽ هو گھوڙي تان لهي سجدي ۾ ڪري پيو. ”الله سائين، ان انڊلٺ کي وري نه ڇيڙجانءِ! منهنجا مولا، سنڌين جي آسن اميدن جي انهن ستن رنگن تي پنهنجي رحمت ڪج!“ هو جڏهن سجدي مان اٿيو، تڏهن هن جي اکين ۾ لڙڪن سان گڏ انڊلٺ جا ست ئي رنگ مڙي آيا. پر جڏهن هو گھوڙي ڏانهن وڌيو، ته پنهنجي چوڌاري ويهارو کن مغل سپاهي بيٺل ڏٺائين. هو اٿيو ته به مغل ڀالا سڌا ڪري هن ڏانهن وڌي آيا.
    ”تون ڪير؟“ هڪڙي فارسيءَ ۾ چيو.
    ”مسافر!“ دادن مختصر جواب ڏنو.
    ”هن پاسي ڪيڏانهن سنبت آهي؟“ مغل وري پڇيو.
    ”سيوهڻ،“ دادن وري مختصر جواب ڏنو.
    ”سيوهڻ ۾ ڪئين داخل ٿيندين؟“ مغل جي آواز ۾ سختي اچي ويئي.
    ”ڇو؟ سيوهڻ ۾ داخل ٿيڻ تي منع پيل آهي ڇا؟“ دادن وري حيرانيءَ مان پڇيو.
    مغل هڪٻئي جي منهن ۾ ڏسڻ لڳا. هو غور سان دادن جي منهن ۾ گھورڻ لڳا. هڪڙي مغل جي نظر هن جي گيڙوءَ رتي ڪفني تي هئي. هو ٿورو اڳيان وڌي آيو، ۽ بيخبريءَ ۾ هن ڪفني کي هڪ پاسي کان زور سان ڇڪ ڏني. ڪفنيءَ جو هڪ ٽڪر مغل جي هٿ ۾ اچي ويو. ان جي هيٺان دادن کي پيل ترخاني پهراڻ ۽ ڪمربند ۾ لٽڪيل خنجر نظر اچڻ لڳو.
    ”هون ........... تون سنڌي آهين يا ترخان؟“ مغل مرڪندي پڇيو.
    ”ترخان!“ دادن ڪجھه سوچيندي چيو.
    ”پوءِ هي ٻهروپ ڇو؟“ مغل هنجي منهن ۾ نهاريندي چيو.
    ”سنڌين کان بچڻ جي لاءِ،“ دادن وري به مختصر جواب ڏنو.
    ”پوءِ سيوهڻ ڪئين ٿي وئين؟“ مغل سوال ڪيو.
    دادن منجھي پيو. جيڪڏهن ٿو چوي ته سنڌين خلاف جاسوسي ڪرڻ ٿو وڃان ته ان جي خبر چار پڇندا. جيڪڏهن سيوهڻ تي سوڍل جي قبضي کان اڻ ڄاڻائي ٿو ظاهر ڪري ته ترخان هجڻ جي حثيت ۾ مرزا جاني بيگ جي شڪست کان بيخبريءَ تي اعتبار ڪونه ڪندا. ڪجھه سوچيندي هن اٽلو سوال ڪيو: ”پر اوهين ڪير آهيو؟ ۽ هئين رستي روڪ ڪرڻ جو اوهان کي ڪهڙو اختيار آهي.؟“
    مغل کلڻ لڳا. هنن کي ڄڻ هن جي ان سوال تي کل اچڻ لڳي هئي. ٻيءَ گھڙيءَ هڪڙي مغل جي اشاري تي ٻه ٻيا مغل اڳيان وڌي آيا، ۽ هن کي قابو جھلي بيهي رهيا. ان مغل وڌي، هن جي جامي ۽ صدريءَ جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي. هن جي صدريءَ جي اندر کين مرزا باقيءَ جو قنڌار لکيل خط ملي ويو. مغل جڏهن ان کي پڙهڻ شروع ڪيو ته سندس منهن تي حيرت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا. هن بي اعتباريءَ ۽ ڪاوڙ مان دادن کي گھوريندي چيو: ”سچ ٻڌاءِ تون ڪير آهين؟ ۽ هي خط ڪيڏانهن ٿو کڻي وڃين؟“
    دادن ڪو جواب نه ڏنو. ان خط جي اهميت جو کيس خيال ئي نه رهيو هو. اوچتو هن ڄڻ خوشامد جي انداز ۾ چيو: ” هي خط آءٌ حضور خان اعظم مجاهد خان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ وڃي رهيو هوس ته جئن انعام حاصل ٿئي!“
    ”پر توکي هي خط ڪٿان مليو؟“ مغل جي بي اعتباري جئن پوءِ تئن وڌندي ويئي.
    ”اهو آءٌ فقط خان اعظم کي ٻڌائيندس!“ دادن هن جي بي اعتباريءَ جو فائدو وٺندي چيو.
    ”چـڱو، توکي خان اعظم جي حضور پيش ڪيو ويندو. پر خبردار جي ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئي ته پاڻ ٿو ڄاڻين!“
    احتياطن مغلن هن جا هٿ کڻي پويان ٻڌا. کيس ائين گھوڙي تي چاڙهي، هو اڳتي وڌيا. ٿورو ئي اڳتي وڌڻ سان مغلن جي بي پناھ لشڪر تي هن جي نظر پيئي. سيوهڻ جي قلعي جي هڪ ميلن ۽ ڪوهن ۾ اهو لشڪر ڦهليل هو. جئن وڌندا ويا تئن لشڪر جا آواز هن جي ڪنن تائين ايندا ويا. جڏهن ويجھو پهتا ته ان لشڪر کي ڏسي دادن جو هنيون ئي هڄي ويو. هن لشڪر کي منهن ڏيڻ ناممڪن هو. ٽيهه هزار سوار ۽ لک کن پيادل جو هي مغل لشڪر سنڌ ته ڇا، سموري هندستان کي ڏهڪائڻ جي لاءِ ڪافي هو.
    جڏهن هو مختلف تنبن وٽان ٿيندي، مجاهد خان جي شاهي شامياني اڳيان پهتا، تڏهن دادن کي پهريون ڀيرو زيبا ياد اچي ويئي. زيبا جو ان وقت ياد اچڻ به هن کي ڏاڍو ڏکيو لڳو، جڏهن سنڌ جي انڊلٺي جھنڊي هيٺان هي منحوس ڪڪر مغل لشڪر جي صورت ۾ پنهنجي اکين آڏو ڏسي رهيو هو. پر جڏهن هو مجاهد خان اڳيان حاضر ڪيو ويو، تڏهن مجاهد خان جومنهن رنگ ڇڏي ويو. ”تون“ مجاهد خان ڄڻ هن کي ڪنهن به صورت ۾ ڏسڻ نٿي گھريو.
    ”آءٌ حضور جن جي خدمت ۾ پاڻ حاضر ٿيڻ وارو هوس ته اوهان جا هي همراھه نماز پڙهندي، مونکي جھلي آيا آهن!“ دادن مجاهد جي اکين کي پاڻ ڏانهن موٽائڻ لا۽، کيس ٽوڪ هڻندي چيو.
    مجاهد خان پنهنجن ماڻهن کي اشارو ڪيو، ۽ تنبو خالي ٿي ويو. مجاهد خان تنبوءَ ۾ عجيب پريشانيءَ جي عالم ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳو. ڪو وقت هو ائين اچ وڃ ڪندو رهيو. پوءِ هڪ هنڌ بيهي رهيوـــــــ ۽ دادن سندس منهن ۾ نهاريندو، هن جي بيچينيءَ کي پڙهندو رهيو. مجاهد خان کيس وري ويهڻ جو اشارو ڪيو، تڏهن دادن کلي چيو: ”حضور جن جيسين بندي جا بند خلاص ڪرڻ جو حڪم نه فرمائين، تيسين بندو آرام سان ڪئين ٿو ويهي سگھندو!“
    انهن لفظن جي ٻٽي معنى مجاهد خان کي هيڪاري بي آرام ڪري وڌو. هن پاڻ وڌي، پنهنجي خنجر سان، سندس ٻانهون کوليندي، ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو‎: ”سنڌي، اسان کي شرمسار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر! خدا جو قسم، ظل الاهيءَ جي حڪم عدوليءَ جو خيال نه هجي ها ته آءٌ ڪڏهن به هن مهم تي نه اچان ها!“
    دادن ڪوبه جواب نه ڏنو. مغل جو واعدو ڪِني پاڻيءَ جي بوءِ مثل هو، جا بوءِ هنن جي دماغ ۾ ڄڻ گھر ڪري ويئي هئي. پر مجاهد خان هڪ سپاهي هو، سپاهي جو واعدو لوهه تي ليڪو هوندو آهي. پر اڪبر جو حڪم عدوليءَ جو بهانو ان ليڪي کي به ڊاهي ويو. هن آخري ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو: ”پر حضور اوهين ظل الاهي جي سلطنت جا به خير خواهه آهيو. جو شخص قنڌار جي معاملي ۾ ايران سان معاهدا ڪندو وتي، صفوين جي اشاري تي مغل سلطنت سان هٿ چراند ڪرڻ لڳو آهي، انکي سزا ملڻ بدران ظل الاهي هن کي انعام اڪرام سان ٿو نوازي ـــــــــــ اها ڳالهه مونکي سمجھه ۾ نٿي اچي!“
    ”تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته مرزا باقي صفوين جي اشاري تي ٿو هلي؟“ مجاهد خان جي اچ وڃ اوچتو رڪجي ويئي.
    ”جن سپاهين مونکي گرفتار ڪري آندو هو، انهن منهنجي جامي تلاشي ڪري، هڪ اهڙو دستاويز پاڻ وٽ رکيوآهي، جو ان حقيقت کي ثابت ڪري سگھي ٿو.“ دادن وري اوندهه ۾ تير اڇلائڻ واري انداز ۾ چيو.
    مجاهد خان جي حڪم تي اهو خط پيش ڪيو ويو. مجاهد خان جئن جئن اهو خط پڙهندو ويو، سندس منهن ڳاڙهو ٿيندو ويو. اوچتو هن تاڙي وڄائي، وري سپاهين کي گھرائي ورتو.
    ”محمود خان کي حڪم ڪيو وڃي ته هڪدم مون وٽ هليو اچي!“ مجاهد خان اهو حڪم ڏيندي ديوان تي اچي ويهي رهيو.
    سوچ ۽ فڪر جا آثار هن جي منهن تي ڪاوڙ ۾ بدلجندا ويا، ۽ جڏهن محمود خان ڪورنش ڪري، مجاهد خان ڏانهن نهاريو ته هن جي دل ڪنهن اجائي ڊپ کان ٽڪڻ لڳي هئي.
    ”محمود خان، اسين چاهيون ٿا ته هي خط اسان جي پنهنجي خط سان ڳڏ ظل الاهيءَ کي پيش ڪري، انجو جواب فورن آندو وڃي. ظل الاهي لاهور ۾ منزل انداز آهي؛ اسين چاهيون ٿا ته آگري رواني ٿيڻ کان اڳ هو هن خط جو ملاحظو ڪن!“
    ”جو حڪم، خان اعظم!“ محمود خان ٽڪندي چيو.
    ”۽ هن سنڌي کي اسان جي شاميانيءَ ۾، اسان جي مهمان طور رکيو وڃي!“
    ”حڪم جي هڪدم پيروي ٿيندي، حضور!“ محمود خان ائين چئي تڪڙو ٻاهر هليو ويو.
    مجاهد خان دادن تائين آيو. ڪنهن نئينءَ اميد کان دادن جي اکين ۾ سرهائي موٽي آئي. پر مجاهد خان جي اکين ۾ اڃا تائين اُڻتڻ هئي، جنهن کي لڪائڻ لاءِ هن رومال ڪڍي پنهنجو منهن اگھڻ ٿي شروع ڪيو. پوءِ ٻيئي هٿ دادن جي ڪلهن تي رکي هن چيو: ”اسين سنڌين جي بهادريءَ جا متعرف آهيون. مرزا جاني بيگ جي ايڏي ساري لشڪر کي شڪست ڏيڻ تي اسين حيران آهيون. پر جيڪڏهن سنڌين اسان جو مقابلو ڪيو ته اسين لاچار کين سيکت ڏيڻ تي مجبور ٿينداسين!“
    ”پر حضور، سنڌين جو مغلن سان ته ڪوبه جھيڙو جھڳڙو ڪونهي. هو مقابلو ڪرڻ ڇو چاهيندا؟ هنن جي جنگ ته ترخانن سان آهي!“ دادن نهٺائيءَ مان جواب ڏنو.
    ”خير، پر هي سنڌي لشڪر جو سپھه سالار سوڍو خان ڪير آهي. اسان سندس همت ۽ مردانگيءَ جون ڏاڍيون ڳالهيون ٻڌيون آهن. ڇا اهو سچ آهي ته هو هڪ عام لوهار آهي؟“ دادن محسوس ڪيو ته مجاهد خان جي پوين لفظن ۾ طنز ۽ ٽوڪ جو اهڙو نشتر هو، جيڪو سڌو سنئون هن کي چڙ ڏيارڻ لاءِ هو. هو سوچڻ لڳو ته ڇا هُو هن کي ٻڌائي ته سوڍو ڪير هو. سوڍي جو تصور ڪندي ئي هن جي اکين ۾ عجيب اُمنگ ڀرجي آيو، ۽ هن ڄڻ ٻاراڻي اتساھه سان چيو: ”سنڌ جي لشڪر ۾ وڙھندڙ هر سپاهي سوڍو آهي، حضور! ۽ انهن سپاهين جي برابر ڪي امير، نواب ۽ درٻاري ڪونهن. انهن ۾ گھڻو ڪري ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي وطن تان سر گھورڻ ۾، پنهنجيءَ لڄ ۽ آبروءَ لاءِ پنهنجو سڀڪجھه قربان ڪرڻ لاءِ سر سان ڪفن ٻڌي نڪتا آهن. جيسين سنڌ آزاد نه ٿي آهي، تيسين هو سک سان نه سمهندا! “
    ”پوءِ جي کين اسان سان مقابلو ڪرڻو پيو ته . . . . . . . . . “ مجاهد خان هاڻ خوش طبعي ڪرڻ لڳو هو.
    ”خدا اهو ڏينهن نه آڻي، حضور! پر جيڪڏهن هنن تي جنگ مڙهي ويئي ته مغل به ياد ڪندا ته ساڻيھه تان سر ڏيڻ وارا سنڌي بهادريءَ ۽ جان نثاريءَ ۾ مغلن کان ڪنهن به طرح گھٽ نه آهن !“ دادن وري به نهٺائي مان چيو.
    ”ترخانن جي ٻي ڳالھه آهي، ۽ مغلن جي لشڪر سان سامهون ٿيڻ ٻي ڳالھ آهي. اسين جي چاهيون ته سيوهڻ هڪڙي ڏينهن ۾ فتح ڪري سگھون ٿا. اسان جو لشڪر ٿڪل آهي. ان ڪري اسين نٿا چاهيون ته هڪدم کين وڙهڻ تي مجبور ڪريون. پر جيڪڏهن سنڌي اسان جي اطاعت جو اعلان ڪن، ۽ سيوهڻ جو قلعو اسان جي حوالي ڪن ته اسين ظل الاهيءَ اڳيان سندن مقدمو ٻيهر پيش ڪرڻ لاءِ تيار آهيون!“
    مجاهد خان جي انهيءَ ڦِڙتيءَ دادن جي دل ۾ پهريون ڀيرو مغلن لاءِ نفرت جي چڻنگ دکائي ڇڏي. ڌاريان نيٺ ڌاريان. هنن مان ڪا اميد رکڻ عبث آهي. هو ڪو ترش جواب ڏيڻ وارو هو پر اوڏيءَ مهل محمود خان مير منشي مڪارم خان سان اندر لنگھي آيو، ۽ دادن چپ ٿي ويو.
    ”چڱو، تون هاڻ آرام ڪر. اسين صبح جو وري توکي سڏائينداسون ۽ ان مسئلي تي گفتگو ڪنداسين! “ مجاهد خان سندس ڪلهي تي هلڪو زور ڏيندي چيو.
    دادن پنهنجي تنبوءِ ڏانهن ويندي، سڄي واٽ مغل لشڪر سان سوڍي جي مقابلي تي سوچيندو رهيو. جڏهن ساڻس گڏ هلندڙ سپاهي، هڪ تنبوءَ اڳيان بيهي رهيو، تڏهن دادن به پنهنجن خوابن مان جاڳي پيو. انهيءَ تنبوءَ اڳيان بيٺل پهريدارن کي سپاهي دادن متعلق هدايتون ڏيئي واپس هليو ويو. دادن جي دکي من ۾ هزارين انومان ۽ وسوسا محشر مچائڻ لڳا هئا. اڪبر ڪهڙو جواب موڪليندو؟ مغل لشڪر ۾ ڪهڙا سردار مرزا باقيءَ جي پاسي هئا؟ خود مجاهد خان کڻي سنڌ جي خلاف نه هجي، پر سندس صلاحڪارن جا ڪهڙا خيال هئا؟ اهي سموريون خبرون وٺڻ لاءِ هن وٽ ڪوبه ذريعو ڪونه هو. هو ڪن هيٺ ڪري، تنبوءَ ۾ داخل ٿيو ته پنهنجي سامهون جيڪي ڏٺائين، تنهن هن جي ذهن جي واچوڙن کي اتي ئي بيهاري ڇڏيو. زيبا پنهنجي اکين ۾ اٿاھه پيار آڻي، هن جي آجيان لاءِ بيٺل هئي. سندس چپن تي اهڙي مرڪ هئي جنهن هن کان اهو وسارائي ڇڏيو ته هاڻ مغل به سنڌ جا اوڏائي دشمن هئا، جيترا ترخان.
    ”زيبا، تون؟“ دادن جي لفظن ۾ پنهنجائپ بدران اچرج هو.
    ”اوهان ڪا خبر نه ورتي ته مون کي ئي اچڻو پيو!“ زيبا جي اکين ۾ پيار ڇلڪڻ لڳو، ۽ هن نه چاهيندي به پنهنجا ٻيئي هٿ دادن جي هٿن ۾ ڏنا. دادن جي اکين ۾ نهاريندي هن کي وري دک جو ڇايائون نظر آيون، جن کي هوءَ صدين کان سڃاڻندي هئي. هن جو دکي مسافر اڃا تائين اوترو ئي دکي هو. هن جي پنهنجي دل کي به جھوٻو اچي ويو، ۽ هن هٻڪندي چيو: ”هاڻ ته حضور جن پنهنجو واعدو پورو ڪيو، پوءِ اوهين ايترو دکي ڇيو آهيو؟“
    ”زيبا، خان اعظم فقط ايترو وعدو پورو ڪيو ته هو سنڌ تي مغل لشڪر چاڙهي آيو آهي، پر ظالمن خلاف نه، مظلومن خلاف. . . . “
    ۽ هو ڪيترو وقت زيبا کي سنڌ بابت مغل سياست جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو، سوڍي جون ڳالهيون ڪندي، دادن جي اکين ۾ جا جوت جاڳي آئي، ان هن کي ايڏي معصوميت ڏيئي ڇڏي، جو اهو معصوم دادن هن جي روح کي روئاڙي ويٺو.
    ” نه نه، ائين هرگز نه ٿيندو! آءٌ حضور کي ائين ڪرڻ نه ڏيندس!“ هوءَ ڄڻ پنهنجي پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي هئي. جڏهن ٻانهي کيس ٻڌائڻ آئي ته مجاهد خان کيس سڏايو هو، تڏهن ويندي وقت هن دادن کي اهڙين نظرن سان ڏٺو، جن ۾ پيار سان گڏ هڪ اهڙي عزم جا اهڃاڻ هئا، جو دادن کي به پنهنجا انومان ۽ وسوسا گھڙيءَ لاءِ وسري ويا ۽ هو گھرجندڙ اکين سان ان نئين زيبا جو تصور ڪندي پنهنجي هنڌ تي ليٽي پيو.
    زيبا جي موجودگيءَ، زيبا جي پيار ۽ زيبا جي همدرديءَ دادن جي مايوسي کي پاڻ وڌائي ڇڏيو هو. اهو احساس زيبا کي به هو. جيتوڻيڪ هن جي آدرش ۾ زيبا جي پيار ۾ ڪو جھيڙو نه هو، پر انهن ۾ ايترو فاصلو هو، جنهن کي طي ڪرڻ ناممڪن ٿي نظر آيو . . . . پوءِ جڏهن اڪبر جو جواب پهتو، ۽ زيبا کيس ٻڌايو ته اڪبر اهو حڪم ڏنو هو ته باوجود خان اعظم جي خط جي، مرزا باقيءَ خلاف سنڌين جي شورش کي ختم ڪيو وڃي، تڏهن ته دادن پهريون ڀيرو زيبا کي اهڙين نظرن سان ڏٺو، جن ۾ اٿاھه درد جو دريا هنن جي پيار کي لوڙهيندو ٿي ويو. زيبا هن جي اکين جو اهو منظر ڏسڻ نه گھريو، ۽ هوءَ هٿ منهن تي رکي، تکي تکي تنبوءَ کان ٻاهر هلي ويئي.
    ان ئي ڏينهن مجاهد خان هن کي سڏايو هو، ۽ کانئس نظرون بچائيندي چيائين، ”سنڌي اسين نهايت شرمسار آهيون. ظل الاهيءَ اسان جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ۽ اسان کي مجبورن سيوهڻ تي حملو ڪرڻو پوندو!“
    دادن ڪوبه جواب نه ڏنو. هن جي دل ۾ ان مهل فقط هڪڙو ئي خيال هو: هو ڪنهن طرح مغل لشڪر کان نڪري سيوهڻ پهچي. هو ڪجھه چوڻ وارو هو ته مجاهد خان وري چيو: ”پر اسين چاهيون ٿا ته ڪنهن خونريزيءَ ڪرڻ بنان، جيڪڏهن سنڌي اطاعت جو قسم کڻن ته اسين ساڻن صلح ڪرڻ ۽ مرزا باقيءَ ۽ سنڌين جي وچ ۾ بهتر لاڳاپن قائم ڪرڻ لاءِ ذميداري کڻڻ لاءِ تيار آهيون. ان لاءِ اسان سوچيو آهي ته محمود خان، دلاور خان، ۽ تون گڏجي سنڌين جي سپھه سالار سان صلح جون ڳالهيون ڪريو!“
    دادن کي ڄڻ ڪَکَ جو سهارو ملي ويو، ۽ هو مجاهد خان ڏانهن شڪر گذاريءَ جي نظرن سان ڏسندي، شامياني کان ٻاهر نڪري آيو.


    14

    سج به اڄ لهڻ جي نه پئي ڪئي، ڄڻ کيس ڪنهن گھاتيءَ جو اڊڪو هجي ـــــــــ رات جي لشڪر کي پنهنجي تيرن سان گھايل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، هن ڪنڌ ورائي پويان نهاريو. رات جو لشڪر ماڪڙ جيان هن کي چوڌاري ورائيندو ٿي ويو. هن جي تيرن جي باوجود اوندھه دونهين وانگر دکندي، وڌندي، ڌرتيءَ کي ڳڙڪائيندي ٿي ويئي، ۽ ڪجھه دير کان پوءِ هن پاڻ کي اونداهي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي، بي يارو مددگار، اوندھه جي ڏنگن کان ڏنگجندو، اوندھه جي ڇولين جو کاڄ بڻجندي ڏٺو. سوڍل سج جي ان ان بيوسيءَ کي ڏسي، ڪنهن سوچ ۾ اچي ويو. ائين ڇو آهي ته روشني هميشه اوندھه جو کاڄ بڻجندي ٿي وئي. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سنڌ ان سج مثل هئي، جو اوندھه جي لشڪر، مغلن جي ماڪڙ کان مات کائڻ لڳو هو. اهو خيال ايندي ئي هن جي دل جي ڌڪ ڌڪ تيز ٿي ويئي، ۽ هو سوچڻ لڳو ته اها مايوسي ڇو؟ هنن جڏهن ترخانن جي اوندھه کي تڙي ڪڍيو هو ته مغلن جي اونداھه کي تڙي ڪڍڻ به ڏکيو نه ٿيندو. هن کي اهو وقت ياد اچي ويو جڏهن هو سيوهڻ تي چڙهڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا، ۽ همراهن مان ڪن اهو ٿي چيو ته مرزا جاني بيگ جي ويهن هزارن سوارن ۽ اڌ لک پيادن سان وڙهڻ لاءِ سنڌين جو هي ويهارو هزار لشڪر ڪيئن پورو پوندو، تڏهن هڪڙي ننڍي نينگر، جنهن جي عمر اڃا سترهن ورهيه به ڪانه هئي، تنهن اوچتو رڙ ڪري چيو هو ته ”ادا، اسين سج وانگر ترخانن جي اونداھه تي ڇائنجي وينداسين!“ ۽ ٿيو به ائين هو. سنڌي ائين وڙهيا هئا، ڄڻ هنن مان هر هڪ کي ڏھه ڏھه سر ڄمي پيا هئا، ۽ هو ترخانن کي ائين ڪُهندا ٿي ويا ڄڻ ترخان ڪچا سنگ هئا جيڪي هنن جي پهچڻ کان اڳ پاڻ نمي ٿي پيا. سوڍي کي مرزا جاني بيگ جي جيئرو نڪري وڃڻ جو ڏاڍو رنج ٿيو هو، پر صادق سومري کلي چيو هو ته: ”ٺٽي جي ملھه ڪنداسون ته مرزا جاني بيگ ته ڇا پڻس به اسان جي اڳيان ليلهڙاٽيون ڪندو. دل نه لاھه، سوڍا، وارا ڄمارا آهن!“ اهي ڳالهيون ياد ڪري، هن جي چپن تي مرڪ اچي ويئي، ۽ هن دل ئي دل ۾ چيو ته سنڌ جو سج وري اڀرندو ۽ مغلن جي هن اونداھه کي مڪڙن وانگر ڀڄائي ڪڍندو. اهو سوچيندي، هو مورچي تان هيٺ لهي آيو.
    هڪڙو ننڍڙو ڇوڪر، هن جي ڪميت مومل جي بشڪن ۾ آڱرين سان ڦڻي ڏيئي رهيو هو. ڪيترو نه پيار هو ان ۾. سوڍل کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ مومل به ڇوڪرڙي کي پنهنجو وڇيرو ٿي سمجھيو، ۽ موقعو ملندي ئي هن جي ڳچيءَ ۽ ٻانهن کي ائين ٿي چٽائين جئن ماءُ پنهنجي کير پياڪ وڇيري کي چٽيندي آهي. اهو ڇوڪر ۽ هو پاڻ ۾ ائين ڳالهائيندا هئا، جو ڇوڪرو کلندو ويندو هو، ۽ مومل ڪنڌ ڌوڻيندي، ڪن ڦڙڪائيندي، سنب هڻندي رهندي هئي. جڏهن کان هو سيوهڻ آيو هو، اهو ڇوڪر ڄڻ خاص هن جي گھوڙيءَ کي روز ڏسڻ لاءِ هليو ايندو هو، ۽ سوڍل کي پنهنجو ڀائيٽو سانوڻ ياد اچي ويندو هو.
    هو وڌي اچي نينگر جي پٺيان بيهي رهيو. نينگر مومل جي بشڪن ۾ مشغول هو، پر سوڍل جي ويجھو اچڻ تي مومل جي چمڙي ڄڻ جتان ڪٿان اُبڙڻ لڳي هئي. سندس وارن ۾ هٿ ڦيرائيندي چيو: ”پٽ، هاڻ رات ٿي ويئي آهي، تون وڃي گھر ڀيڙو ٿيءُ!“
    ”چاچا . . . . . هي مغل ڪير آهن؟“ نينگر اوچتو سوال ڪيو.
    ”ترخانن جا ئي سوٽ ماسات آهن، پٽ!“ سوڍي کلي جواب ڏنو.
    ”پر ڪي چون ٿا ته هو ترخانن کي سڌو ڪرڻ آيا آهن. . . . “
    ”چون ته هو پاڻ به ائين ٿا پٽ! پر . . . . “
    ”پر ڇا ؟ . . . . . “
    ڇوڪر کي ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو.
    اوچتو پريان ڪنهن جي گھوڙي جي سنبن جو آواز ٻڌي، سوڍل ماٺ ٿي ويو. الائي ڇو سوڍل جي دل ۾ ڪو ڀرم ڀري آيو: گھوڙي جا سنب هميشه هن کي ڪجھه نه ڪجھ ٻڌائيندا هئا، ۽ هو سوچڻ لڳو، هيءَ چال سڃاتل هوندي به ڪيتري نه اڻ پرکي آهي. هو پنهنجي ئي خيالن ۾ وري مومل جي بشڪن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو. گھوڙيسوار وٽس پهچي، جھيڻي آواز ۾ چيو: ”جيئي سنڌ!“
    ”جيئي سنڌ! ڇو ميان جھيڻو پيو ڳالهائين؟“
    ”مغلن جا ٽي همراھه اڇو جھنڊو کڻي، ڪوٽ جي دروازي تي بيٺا آهن. چون ٿا ته مجاهد خان جو ڪو نياپو ڏيڻو اٿن!“
    ”آءٌ ملان ٿو اندر. تون کين وڃي وٺي اچ. پر ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ سندن اکيون ضرور ٻڌجو!“ سوڍي ڄڻ کيس ياد ڏياريندي چيو.
    سوڍو مورچي جي ڏاکڻي طرف، پنهنجي تنبوءَ ۾ هليو ويو. هن جي چوياري اڳيئي ويٺي هئي. کين ٻڌايائين ته مغلن جو ڪو نياپو آيو آهي، ڏسجي ته ڇا ٿا چون. مغل جڏهن اندر آيا، ۽ سندن اکين ٻڌل پٽيون لاٿائون، تڏهن هنن جي اکين ۾ اچرج ۽ حيرت ڇانئجي ويئي. هو مغل درٻارن، صوبائي عاملن جي مجلسن، ڪيمخواب ۽ اطلس جي گاديلن، سونن تختن، بلوري صراحين ۽ جامن ڏسڻ جا عادي هئا. هنن کي هي تڏن تونئرين تي ويٺل، سادا سوٽي ڪپڙا پهريل امير بلڪل ڪونه آئڙيا. اها حيرت هڪڙي مغل جي اکين ۾ ڪانه هئي، جنهن پنهنجي تري جي پلاند سان اکين کان سواءِ باقي سڄو منهن ڍڪي ڇڏيو هو. ان مغل جي اچرج بدران ڪا اَڄاتي گھرائي ۽ پنهنجائپ ٿي ڀانئي.
    دعا سلام جو جواب ڏيندي، سوڍي کين پنهنجي اڳيان پيل ٻيءَ هڪ تونئري تي ويهڻ جي آڇ ڪئي. منهن ڍڪيل مغل ته هڪدم ويهي رهيو، پر ٻيا ٻه مغل بيٺا رهيا. هيٺ ويهڻ هنن پنهنجي شان وٽان نٿي سمجھيو. پر ويٺل مغل ٿورو درشتيءَ سان کين ويهڻ لاءِ چيو ته لاچار هو ويهي رهيا، پر سندن منهن مان بيزاري صاف ظاهر هئي.
    سوڍي فارسيءَ ۾ پاڻ ئي شروعات ڪئي: ”ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟“
    منهن ويڙهيل مغل چيو: ”ظل الاهي، شنهشاھه هند حضور محمد جلال الدين اڪبر جي پاران امير الامراء خان دوران خان اعظم نواب مجاهد خان جي سلامن کان پوءِ معلوم هجي ته ظل الاهي سنڌ ۾ بغاوتن ۽ شورشن کي ناپسند فرمائين ٿا، ۽ چاهين ٿا ته سندن سموري رعيت امن امان ۽ عافيت سان رهي. ان خيال سان سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ حضور جن خان اعظم کي مامور فرمايو آهي. خان اعظم اوهان جي همت، دليريءَ ۽ قربانين جو قدر ڪري ٿو، پر هو چاهي ٿو ته جئن ته هاڻ هو انصاف ۽ عافيت قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سرزمين تي پهچي چڪو آهي، ان ڪري اوهين پنهنجي بغاوت کي ختم ڪريو، ۽ شنهشاهه هند جي اطاعت ڪريو ته اوهان کي عام معافي نامي جو پروانو عنايت ڪيو ويندو! ان مضمون جو هي خط خان اعظم طرفان آءٌ اوهان کي پيش ٿو ڪريان.“ هن، خط سوڍي کي ڏيندي، ٻنهي مغلن ڏانهن نهاريو، جن ڪنڌ ڌوڻي هن جي حمايت جو اعلان ڪيو.
    سوڍو ڪا گھڙي چپ رهيو. پوءِ خط پڙهي، مغلن تي نظر وجھندي چيائين: ”شنهشاھه هند کي ۽ خان اعظم نواب مجاهد خان کي سڀني سنڌين طرفان سلامن بعد معلوم ٿئي ته اول ته سنڌين ظالمن خلاف بغاوت ڪئي آهي، جنهن سان مغل حڪومت جو ڪو واسطو ڪونهي. ٻيو ته مغل شهنشاھه جي ڪنن تائين يقينن ترخانن جي ظلم ۽ ستم جا داستان پهچي چڪا هوندا، ان ڪري بجاءِ سنڌين جي، شنهشاھه جو عتاب انهن تي ڪرڻ گھرجي، ۽ ٽيون ته سنڌي ڪنهن به ڌارئين ــــــــ اهو ترخان هجي يا مغل ـــــــ جي اطاعت قبول ڪرڻ کان سر ڏيڻ وڌيڪ پسند ڪندا !“
    آخري لفظ چوندي سوڍي جي اکين ۾ عجيب شوخي ڀرجي آئي، ۽ سندس لفظن ۾ هڪ عجيب ڪوڙاڻ ڀرجي آئي. مغلن جي منهن تي ڪاوڙ جو رنگ اچڻ لڳو.
    ”اوهان کي معلوم هجي ته ظل الاهي يقينن ظالمن کي ختم ڪري پنهنجي رعيت جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ جتن ڪرڻ جو حڪم صادر ڪرڻ فرمائيندا. پر ان لاءِ ضروري آهي ته پهرين رعيت پنهنجي اطاعت جو اعلان ڪري.“ مغل ڄڻ سوڍي جي ڳالھه نه سمجھندي چيو.
    ”سنڌي ڪنهن به ڌارئين جي اطاعت هرگز نه ڪندا!“ سوڍي وڌيڪ سختيءَ سان چيو.
    هڪڙي مغل کان رهيو نه ٿيو، ۽ وچ ۾ چئي ڏنائين: ”اوهان کي شايد حضور جن جي غضب کان ڊپ نٿو ٿئي. پر ياد رکو ته خان اعظم سمورن باغين کي هڪڙو هڪڙو ڪري هاٿين جي پيرن ۾ ڇيپاٽي مارائيندو، گھوڙن جي پُڇن ۾ گھلائيندو ــــــ ان وقت تائين، جيسين هنن جي رڙين کان سنڌ ته ڇا آسمان به پناھه گھرڻ لڳندو !“ مغل ڪاوڙ ۽ وڏائيءَ کان پاڻ به ٿڙڪڻ لڳو هو.
    سوڍي جي منهن جو رنگ ئي بدلجي ويو. هن مغل کي اهڙين نظرن سان ڏٺو، جنهن ۾ نهارڻ سان مغل کي سڌو سنئون پنهنجو موت نظر اچڻ لڳو. هن ڏند ڀيڙيندي چيو: ”مغل، جيڪڏهن تون منهنجي تڏي تي آيل نه هجين ها ته آءٌ سکڻن هٿن سان توکي ان ساڳئي آسمان جا تارا ڏيکاريان ها. اسان اهڙا سوين ظلم پنهنجي اکئين ڏٺا آهن، پنهنجن هنن هڏن تي سالن جا سال سٺا آهن. پر هاڻ اهو ماءُ پٽ ڄائو ئي ڪونهي جو سنڌين تي اهي ظلم ڪري. وڃو! اُٿو هتان، ۽ وڃي پنهنجي خان دوران کي سلام ڏيو، ۽ کيس چئو ته شنهشاھه کي اهو نياپو موڪلي ته سنڌ جي سرزمين هن جي پيءُ کي پناھه ڏني، جنهن جو نمڪ خود سندس رت ۾ شامل آهي، جنهن ڌرتيءَ سندس پهريون ساھه کيس بخش ڪيو هو، سان سنڌ وقت اچڻ تي سندس مقابلي ڪرڻ کان ڪانه ڪيٻائيندي. اسين سنڌي شهنشاهيت ۽ وڏيءَ سياست مان نه ڄاڻون، پر جيڪڏهن ڪنهن به کڻي اهو اڪبر ڇو نه هجي، سنڌ کي ميري اک سان نهاريو ته اهو شخص پنهنجون ٻيئي اکيون وڃائي ويهندو! هاڻ اُٿو، وڃو!“
    مغل انهن لفظن جي ڪوڙاڻ کي محسوس ڪندي، جک کائيندو، ڏند ڪرٽيندو رهيو. منهن ويڙهيل مغل جي اکين ۾ هڪ عجيب احساس اوتي آيو، جنهن کي ڪوبه سمجھي نه سگھيو. هن اُٿندي وقت ڌيرج سان چيو: ”آءٌ آخري دفعو اوهان کي چوڻ گھران ٿو ته اڪبري فوج سان جھيڙڻ موت کي سڏ ڪرڻو آهي. جيڪڏهن اوهين ظل الاهيءَ جي اطاعت جو قسم کڻو ته خان اعظم ڪوشش ڪندو ته مرزا باقيءَ جا ظلم بند ٿين ۽ حڪومت ظل الاهيءَ جي قانون مطابق هلي!“
    ”ان جي معنى ته اوهان جو ظل الاهي مرزا باقيءَ کي سنڌ مٿان قائم رکڻ گھري ٿو، ۽ هو چاهي ٿو ته اسين هڪ طرف مرزا باقيءَ کي سنڌ کي تاراج ڪرڻ ڏيون، ۽ ٻئي طرف مغلن جو ڳٽ به پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھون ۽ سندن ڏن الڳ ڀريندا رهون. جيسين اسان جي سريءَ ۾ ساھه آهي، تيسين اسين ترخانن سان جنگ جوٽينداسون. ان ۾ اڪبر ته ڇا، سڄي دنيا هن جي پٺڀرائي ڪري ته اسين سڄي دنيا سان وڙهڻ کان ڪونه مڙنداسون!“ سوڍي ملاقات ختم ڪندي چيو.
    مغل ٻاهر نڪري آيا. ڪجھه وقت هو ٽيئي ٻاهر بيهي پاڻ ۾ سُس پُس ڪندا رهيا. گھڙيءَ کان پوءِ منهن ويڙهيل مغل ٻين کي اتي ئي بيهڻ لاءِ چئي، پاڻ وري اندر هليو آيو. سوڍي هن کي اندر ايندو ڏسي چيو: ”هاڻ وري ڇا آهي؟“
    مغل ڪوبه جواب نه ڏنو: ”هڪ ٽِڪ سوڍي جي منهن ۾ نهاريندو رهيو. انهيءَ نگاھه ۾ عجيب پيار ۽ پنهنجائپ هئي. سوڍو هنجي ان گھُور کي نه سمجھندي، تکائي مان ڪجھه چوڻ وارو هو ته مغل پنهنجي ڪُلي جو پلاند ڇڪي منهن تان لاهي ڇڏيو.
    ”دادن، تون؟“
    ”ها ادا، آءٌ آهيان دادن!“ ۽ دادن سوڍي کي ڀاڪر پائڻ لاءِ اڳتي وڌي آيو. سڀ حيرت مان هن مغل کي ڏسڻ لڳا. پر سوڍي جي اکين ۾ پيار بدران نفرت جو هڪ درياءُ ڏسي، دادن اتي ئي ڄمي ويو. هيءُ سوڍو هن جي ڀاءُ سوڍي کان بنھه مختلف هو.
    ”تون دشمن جو پانڌي آهين، دادن . . . . .“
    سوڍو وڌيڪ ڪجھه چئي نه سگھيو. هن ائين ڀانيو ڄڻ ته اکر هن جي نڙيءَ ۾ اڙجڻ اَٽوڙجڻ لڳا هئا. هن جي دل ته ائين ٿي چاهيو ته هڪ ئي ڌڪ سان پنهنجي هن ڀاءُ کي پورو ڪري ڇڏي. پر هن وقت هو سندس تڏي آيل مهمان هو ۽ مهمان تي هٿ کڻڻ هن جو مَرڪ نه هو.
    دادن جي دل ۾ چير پوڻ لڳا. هن کي پاڻ کان، سڄي دنيا کان بڇان اچڻ لڳي، ۽ ڪڏهن نه روئڻ وارو دادن ڄڻ روئي ويٺو: ”ادا، اهو ويڻ ته نه ڏينم! منهنجو سر سنڌ تان صدقي، ڌڻيءَ لڳ اهڙو ويڻ ته نه ڏينم!“
    اهي لفظ نه ڄڻ ورلاپ هئا، جي چوياريءَ ۾ ويٺل سڀني ماڻهن تي ڄڻ ڇپ بڻجي ڪِري پيا. سوڍي جي دل به انهن لفظن جي درد ۽ ڳوراڻ تي جھوٻو کائي ويٺي ۽ هن وڌي دادن کي ڀاڪر وڌو. پوءِ دادن ٻين سان ڀاڪر پائي مليو. سموري سنگت هن همراھه جي نئين روپ ٻهروپ تي حيران هئي. دادن وري سوڍي سان گڏ ويهي رهيو.
    ”ادا، هيءَ مغلن جي چٽي دراصل منهنجي آندل آهي. آخوند نور محمد ۽ ٻين وڏڙن جو خيال هو ته جيڪڏهن اڪبر مرزا باقيءَ خلاف لشڪر چاڙهي موڪليندو ته ترخان قنڌار ڀڄي ويندا، ۽ سنڌ ٿوري وقت لاءِ اڪبر سلطنت جو صوبو بنجي امن امان ۾ گذاري سگھندي. سو آءٌ آگري وڃي اهو بندوبست ڪري آيس!“ دادن سوڍي ڏانهن نهارڻ بنان، ڪنڌ هيٺ ڪري چيو.
    ”آخوند نور محمد يا ٻين کي ڪهڙو حق هو جو سنڌ جا ائين سودا ڪندا وتن. ترخانن جي غلاميءَ مان ته اسين وڙهي به جند ڇڏائي وڃون ها، پر هن مغل ڪاٽڪن جي غلاميءَ مان ڪيئن آزاد ٿبو؟“ سوڍي ڄڻ ته پاڻ تي ناراض ٿيندي چيو.
    ”مجاهد خان مون سان وعدو ڪيو هو ته ترخانن کان پوءِ سنڌ رڳو نالي ماتر اڪبري سلطنت ۾ رهندي. ڪوبه مغل صوبيدار مقرر ڪونه ٿيندو، ۽ سنڌ خود مختياري حاصل ڪري سگھندي!“ دادن هوريان چيو.
    ”آزادي ۽ خود مختياريءَ ۾ وڏو فرق آهي، دادن! پوءِ مغلن جا اهي واعدا ڪيڏانهن ويا، ۽ هاڻ مغل مرزا باقيءَ جي حمايت ڪيئن پيا ڪن؟“ صادق سومري وچ ۾ پڇيو.
    ”مجاهد خان جڏهن ملتان مٽي ۽ بکر ۾ ترخانن کي شڪست ڏني، ۽ اوهان جو لشڪر جدا سنڌ مان کين تڙڻ لڳو، تڏهن مرزا باقيءَ پنهنجي نياڻي مرزا پائنده بيگ سان گڏ اڪبر جي خدمت ۾ موڪلي ڏني. مغل درٻارين لاءِ بيش بها سوکڙيون پاکڙيون موڪلي، اهڙي سياست هليو، جو اڪبر مرزا باقيءَ ڏانهن معافي نامو ڏياري موڪليو ۽ ان سان گڏ مجاهد خان کي فرمان موڪليائين ته مرزا باقيءَ جئن ته اطاعت قبول ڪئي آهي تون اُتي جي شورشن کي ختم ڪري موٽي اچ!“ دادن ڳالھه کوليندي چيو.
    اڪبر جي انهيءَ ڦِـڙتيءَ تي سڀني کي اچرج لڳي ويو. سوڍو ڪا گھڙي چُپ ٿي ويو. پوءِ دادن ڏانهن منهن ڪندي چيائين: ”پوءِ تون ڇا ٿو چئين ته هاڻ ڇا ڪجي؟“
    دادن به ڪجھه سوچ ۾ پئجي ويو. هن جي نظرن اڳيان مجاهد خان جي منظم لشڪر جو نظارو هو، ۽ هو دل ئي دل ۾ سنڌين جي مُٺ جيترن ڏهيسرن جي لشڪر سان مغل لشڪر کي ڀيٽيندو رهيو. ڇا به هجي، سنڌي سر تريءَ تي رکي پنهنجي وطن تان قربان ٿيڻ ۽ پنهنجا ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ تيار هئا، پر اڳيان مغلن جي ڏيڍ لک فوج هئي، جنهن وٽ هاٿي هئا، توپون ۽ تفنگ هئا، روهيلا، راجپوت ۽ مغل گھوڙيسوار هئا. هنن سان مقابلو ڪرڻ هٿ وٺي مارائڻو هو. ٻئي طرف سنڌين جي هيءَ فوج باقي رهجي وڃي ته ترخانن کي ٿُڏڻ ڏکيو نه ٿيندو. پوءِ جي اڪبر وچ ۾ پيو ته نالي ماتر سندس اطاعت ڪرڻ، مغل سردارن ۽ درٻارين کي سوکڙيون پاکڙين سان سنڌ جي آزادي برقرار ته رهي سگھندي. هن کي اها به خبر هئي ته مغلن جي اشاري تي مرزا جانيءَ بيگ به پنهنجي نئين فوج وٺي اچڻ لاءِ ٺٽي مان نڪري چڪو هو. هن وقت ٻن قوتن سان مقابلو ڪرڻو هو، ان ۾ سراسر ڇيھو ئي ڇيھو هو. پر مغل هن لشڪر جي پيش پوڻ ۽ مرزا باقيءَ کان پڇئي بنان ڪڏهن به نه ويندا. مجاهد خان کڻي پاڻ هن جو چوڻ مڃي به، پر ٻين مغل اميرن کي ته اڪبر جي خوشنودي وڌيڪ پياري هئي. هو اڃا ان سوچ ۾ ئي هو، ته هڪڙو همراھ اندر لنگھي آيو، ۽ هري هري سوڍي جي ڪن ۾ ڪا ڳالھه ڪري هٽي بيهي رهيو. سوڍي جو منهن ٽامڻي هڻي ويو. هن جي اکين ۾ هميشه واري ڏيا موٽي آئي. صادق سومري کان رهيو نه ٿيو، ۽ پڇي ويٺو: ”سوڍا، ڪهڙي خبر؟“
    ”ڪوٽ جي پٺئين ڀر، ڊٺل ٺل وٽ امير خان ۽ مرزا جاني بيگ مرزا باقي جون نئون لشڪر وٺي اچي پهتا آهن . . . . .“
    دادن سوڍي جي اکين ۾ نهاريو، جن ۾ مچ مچڻ لڳا هئا. هو اهڙو رنگ هو، جنهن کان دادن هميشه ڊڄندو هو. پر دادن کان رهيو نه ٿيو ۽ هن چيو: ”ادا، مون کي به مغلن کان خبر پيئي هئي ته مرزا جاني بيگ نئون لشڪر وٺي، ڪوٽ جي پٺئين ڀر اچي لهڻ وارو هو. هاڻ مغلن سان وڙهڻ چريائي ٿيندي. منهنجي خيال ۾ ته مجاهد خان سان صلح ڪرڻ ئي عقلمندي آهي!“
    ”دادن، اسين هت عقلمندي ڪرڻ ڪونه آيا آهيون. عقلمندي ڪرڻي هجي ها ته پنهنجا گھر تڙ ڪونه ڇڏيون ها!“ سوڍي پنهنجي ڪاوڙ تي ضابطي آڻڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    ”پر ادا، هنن ٻن لشڪرن سان ڪيئن وڙهبو؟ امير خان وارو لشڪر به پنجاهي هزار ٿيندو. مغل اڳيان حملو ڪندا ته امير خان پٺيان . . . . .“
    ”ته پوءِ اسين ٻنهي کي منهن ڏينداسون!“ سوڍي ڄڻ بحث ختم ڪرڻ لاءِ چيو.
    ”پر پنهنجي طاقت به ته سارڻ کپي!“ دادن جي وات مان نڪري ويو.
    سوڍي هن کي اهڙيءَ نظر سان ڏٺو جنهن ۾ هاڻ پنهنجائپ ۽ پيار بلڪل نه هو. ڪجھه سوچيندي؛ هن چيو: ”دادن، تون مغلن جو نياپو کڻي آيو هئين، ان جو جواب، جھيڙو شروع ٿئي، تنهن کان اڳ کين پهچاءِ ته چڱو!“
    اهو ويڻ وري به دادن جي دل ۾ وڍ وجھندو ويو. سنڌين جي وچ ۾ هن جي سڳي ڀاءُ هن کي بنھه ڌاريون سمجھيو هو. هن کي به هاڻ ڪاوڙ اچي ويئي. سوڍو پنهنجي ڏاڍ مڙسيءَ سان هزارين سنڌين کي ڪهائي ويهندو. هن کي انهن هزارين ڪونڌرن جو خيال اچي ويو، جيڪي سنڌ ۽ سوڍي جي اشاري تي سر گھورڻ لاءِ تيار هئا. هن جو هيءُ ڀاءُ رڳو وڙهڻ ڄاڻي، سياست ۽ حڪمت عملي هنن لاءِ بنھه اوپريون ڳالهيون هيون. پر هن پاڻ ته انهن معاملن کي سمجھيو ٿي، پوءِ ڪيئن اهي ڪونڌر ڪهائڻ لاءِ ماٺ ڪري ويهي. هن کي ڌني جا لفظ ياد اچي ويا ته سوڍو سنڌي سورما نه ڪهائي ويهي. هن به ٿورو رنج ٿي چيو: ”ادا مون کي پنهنجي ساھه جي ڳڻتي ڪانهي، جو اهو ويڻ ٿو ڏينم ته آءٌ وڃي مغلن وٽ رسان! آءٌ ته هنن هزارين سنڌين لاءِ ٿو سوچيان جن کي رڳو هينئر نه، آئيندي به ويرين سان وڙهڻو آهي. وڙهڻ کان سواءِ برابر چاڙهو ڪونهي، پر اهڙيءَ طرح وڙهجي، جو وڙهڻ مان ڪو مقصد به حاصل ٿئي. ائين ٺلهو وڙهي، رڳو سورهيائي ڏيکارڻ ته اجائي آهي!“
    سڄي سنگت کي هن جي لفظن ڪجھه سوچڻ تي مجبور ڪري وڌو. قبول محمد دادن جو پاسو کڻندي چيو: ”سوڍا، ڳالھه سوچڻ جھڙي ته آهي!“
    سوڍي ڪوبه جواب نه ڏنو: فقط ڏک جو هڪ پاڇولو هن جي منهن تي لهي آيو، دادن کان اهو دک ڏٺو نٿي ٿيو، ۽ هن ڄڻ معافي معافي گھرندي چيو: ”ادا، آءٌ ننڍو آهيان، پر آءٌ ڪي سال مغلن سان رهيو آهيان. هنن سان اُٿيو ويٺو آهيان. مون کي هنن جي وڙهڻ جھُڙڻ، جنگين ڪرڻ، دوکيبازين ۽ ڪمزورين جي مڙئي ٿوري گھڻي ڄاڻ آهي. جي منهنجي صلاح وٺو ته پنج سو يا هزار کن همراھه تيار ڪري، مغلن تي اهڙي نموني حملو ڪجي، جو مغل ائين سمجھن ته سنڌين راتاهو ڏنو آهي. مغل اهڙيءَ حالت ۾ ترخانن جي مدد ڪرڻ بدران پنهنجا مورچا ۽ پنهنجي بچاءُ جا هنڌ مضبوط ڪرڻ ۾ لڳي ويندا. اوهين ان وچ ۾ ترخانن تي حملو ڪري، مرزا جاني بيگ ۽ امير خان کي اکوڙڻ جي ڪوشش ڪريو ته جئن هو پٺيان اوچتو حملو نه ڪري سگھن. ترخانن جيڪڏهن ميدان ڇڏي ڀڄندا ته مغل به سڌو سنئون وڙهڻ کان گوٿناٿ ڪندا، مَن تيسين آءٌ مجاهد خان کي سمجھائڻ ۾ ڪامياب ٿي پوان.“
    صلاح سڀني کي وڻي، سوڍي به نهڪار نه ڪئي. صادق سومري تي ڪم رکيائون ته مغلن تي راتاهي لاءِ همراهن کي تيار ڪري. دادن صادق سومري کي مغلن جي سموري ڇانوڻي ۽ لشڪر جي بيهڪ ۽ بناوٽ سمجھائي، کيس چيو ته بجاءِ سڌي حملي ڪرڻ جي، ننڍين ننڍين ٽولين ۾ ورهائجي، رسد خاني، گاھه جي دنن، ڪڙهين، ۽ اسلحه خانن کي باهيون ڏين. صادق سومري کي ڳالهيون سمجھائي، دادن سوڍي کان موڪلائڻ لاءِ اٿي بيٺو. ٻيئي ڀائر ڪا گھڙيءَ هڪٻئي ڏانهن ڏسندا رهيا، ۽ پوءِ ٻنهي جون ٻانهون هڪٻئي ڏانهن وڌي آيون. دادن سوڍي جي ڀاڪر ۾ ايڏو قرب ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو. سوڍي جي چپن مان هلڪو ڀڻڪو نڪتو: ”دادن ڌڻيءَ کي پرتين!“
    دادن هلڻ تي هو ته پويان وري سڏ ٿيس. سڃاتل آواز ٻڌي، دادن ڪنڌ ورائي پويان نهاريو. هڪڙي همراهه جي ڪلهي تي هٿ رکي، سنگھار بيٺو هو، ۽ پنهنجي نه ڏسندڙ اکين سان هن ڏانهن نهاري رهيو هو. دادن جي آنڊن ۾ وڍ پئجي ويو. هن ڪنڌار مڙس کي نابين ڏسڻ جو تصور به هن جي لاءِ چيچلائيندڙ هو. ترخانن خلاف هن جي نفرت ڄڻ ڀڙڪو کائي جاڳي پيئي هن کي محسوس ٿيو ڄڻ هن جي نفرت نئون روپ وٺي آئي هئي. هن وڌي بي اختيار کڻي سنگھار کي ڀاڪر پاتو. ڳچ وقت هڪٻئي جي ڳراٽيءَ ۾ بيٺا رهيا. پوءِ سنگھار کنگھندي، پاڻ تي ضابطي رکڻ جي ڪوشش ڪندي، چيو: ”دادن، سنڌ جي پارت اٿئي!“
    ڪيڏو نه درد هو انهن لفظن ۾ ڄڻ هو چئي رهيو هو، ادا منهنجي لڄ جي پارت اٿئي! دادن جي دل ۾ سڏڪو اُڀري آيو، ۽ هو ڪنڌ هيٺ ڪري ٻاهر نڪري آيو. مغل ايترو وقت هن کي ويل ڏسين ششدر ٿيڻ لڳا هئا. سونهين ٽنهي جي اکين تي وري به پٽيون ٻڌي، ڪوٽ جي دروازي تي سندن اکيون کولي، گھوڙا سندن حوالي ڪيا. دادن هڪڙو ڀيرو وري پويان نهاريو: سندن نظرن جي سامهون سنڌ جو ست ـــ رنگو جھنڊو عجيب انداز سان ڦڙڪي رهيو هو. هن دل ئي دل ۾ نعرو هنيو ”جيئي سنڌ!“
    .............. ..................... ...............
    رات ننڊ جي سهيلي ٿي سڏجي، پر جن نيڻن ۾ سنڌ وسي، تن ۾ ننڊ ڪٿي! سنڌ پنهنجي آزادي لاءِ سوين راتيون اوجاڳا ڪڍي، جاڳي جاڳي پنهنجن سورويرن سومرن کي به سمهڻ نٿي ڏنو. ساڻيھه جاڳي ته سانگيئڙن کي ننڊون ڪٿي. اهڙي ئي هڪ اوجاڳيل رات جو، جڏهن سوڍو ڦٽل ٺل جي ترائيءَ ۾ لٿو، تڏهن سندس ساٿين کي رڳو اهو خيال هو ته ترخان هنن جي قدمن جي آواز تي سجاڳ نه ٿي پون. ان گھڙيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو، جنهن گھڙيءَ تي سنڌ جي هيءَ ننڊاکري ڌرتي هنن جي نعري سان گونجي ويندي؛ ۽ پوءِ جڏهن اها گھڙي آئي، ۽ سنڌ جي ويهن هزارن زبانن مان هڪ ئي وقت ”جيئي سنڌ“ جو نعرو بلند ٿيو، تڏهن ترخانن جا ڏيل ڏڪي ويا، ۽ مرزا جاني بيگ ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. هر طرف رڙيون ۽ ڪوڪون هيون. ”سنڌي اچي ويا!“ ”سنڌي اچي ويا!“ چوندا ترخان سپاهي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڊوڙڻ لڳا، پر ڪٿان به ڀڄڻ جي واٽ نه هئي. هر طرف کان سنڌي ئي سنڌي هئا. اتر ـــ ڏکڻ، اوڀر ـــ اولھه سنڌي هئا. مرزا جاني بيگ بدحواسيءَ مان امير خان جي تنبوءَ ۾ گھڙي پيو، ۽ ڄڻ روئندي چيائين: ”امير خان، هاڻ ڇا ٿيندو!“
    امير خان هن ڊڄڻي ترخان کي ڪو آٿت ڏيڻ بدران، ٻاهر نڪري پنهنجن ماڻهن کي جاڳائڻ ۽ منظم ڪرڻ ۾ لڳي ويو. هن جا مهندار پنهنجن پنهنجن لشڪرين کي گڏ ڪري، صف بندي ڪرائڻ ۾ لڳي ويا. پر جيسين سمورو لشڪر جاڳي، پاڻ تيار ڪري، تيسين سنڌين جو گھيرو تنگ ٿيڻ لڳو. دانهن ۽ ڪوڪن سان ڌرتي ڪنبڻ لڳي. ان راڙوراڙ هيڪاري امير خان جي لشڪرين جي همت ٽوڙي وڌي، ۽ پنهنجن مهندارن جي آٿت ڏيارڻ جي باوجود هنن مان ڪيترا ڀڄي نڪرڻ لاءِ اوندھه جو فائدو ڳولڻ لڳا. پر ڀڄڻ جون سموريون راهون سنڌين جي قبضي ۾ هيون. اڳيان پويان سنڌي هئا. لاچار هو موٽي وري اچي اچي ٿي صفن ۾ بيٺا. جئن تئن ڪري امير خان ڪجھه جٿا بندي ڪري هڪ پاسي کان حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو. امير خان کي پنهنجي سر اڳيان وڌندو ڏسي لشڪرين ۾ ڪجھه همت موٽي آئي هئي، ۽ هو به هاڻ ڀڄڻ جون واهون بند ڏسي مقابلي لاءِ تيار ٿيڻ لڳا. هنن جو انداز ايترو هو، جو امير خان سوچڻ لڳو ته اڃا به جيڪڏهن ترخان ڄمي، پير کوڙي مقابلو ڪن ته سنڌين کي منهن ڏيڻ ڏکيو ڪونه هو؛ ۽ اهوئي سوچي هو واڪا ڪري هنن کي مقابلي ڪرڻ لاءِ همٿائيندو رهيو. کين انعامن اڪرامن جي لالچن ڏيڻ ۽ مرزا باقيءَ جي غضب کان ڊيڄارڻ کان سواءِ هنن جي غيرت کي للڪاريندو رهيو. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ امير خان چريو ٿي پيو هو، جو هڪ پاسي کان ٻئي پاسي جنون جي حالت ۾ رڙيون ڪندو ٿي ويو. پر اوچتو سنڌين جو هڪ جٿو هنن ڏانهن ڪاهيندو آيو، ۽ امير خان جيڪي ڏٺو، تنهن هن جو ساھه سڪائي ڇڏيو. ان جٿي جي اڳيان هن جو پڳ مٽ يار سوڍو پاڻ هو. امير خان کي پنهنجين ٽنگن مان طاقت نڪرندي محسوس ٿيڻ لڳي. هن گھڻو ئي پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سوڍي کيس نه مارڻ جو قسم کنيو هو، پر ڊپ هن جي سموري بدن ۾ ٿرڪڻي وجھي ڇڏي.
    سوڍو ڇا آيو، ڄڻ ترخانن جي صفن کي ڪو درياءُ پائيندو ٿي ويو. هن جو ڀالو ائين ٿي ڪڙڪيو ڄڻ ترخانن تي کنوڻ ڪِري ٿي پيئي. هن جي ڪميت اهڙا وَرَ ٿي کاڌا، جو جن ترخانن هن کي ڏسڻ جي ٿي ڪوشش ڪئي، تن جو اکيون کيريون ٿيڻ لڳيون. ڪيترا ترخان ته هن کي ڏسڻ ۾ اهڙا محو ٿِي ٿي ويا، جو هنن کان وڙهڻ ئي وسري ٿي ويو. جڏهن ياد آين، تڏهن سوڍي يا ڪنهن ٻئي سنڌيءَ جي ڪهاڙي سندن ڪنڌ ڪيرائي ٿي ويئي. سوڍي جي نظر به امير خان تي اوچتو پيئي، ۽ هن ڪميت کي هلڪو اشارو ڏنو. ڪميت کي هلڪو اشارو ڏنو. ڪميت جڏهن امير خان جي ويجھو پهتي، تڏهن امير خان پهريون وار پنهنجي ڍال تي روڪيندي، رڙ ڪري چيو: ”سوڍا خان، تنهنجو ته قسم سنهن کنيل آهي ته مون تي وار نه ڪندين!“
    ”سنڌ مٿان اهڙا هزار سنهن قسم قربان!“ سوڍي رڙ ڪري چيو، ۽ سندس ڀالو امير خان جو نڙگھٽ چيري ويو.
    امير خان کي ڪِرندو ڏسي ترخانن ۾ ٽاڪوڙا پئجي ويا. هاڻ وڙهڻ بدران هو پاڻ بچائڻ جون واهون ڳولڻ لڳا. اھي راهون راهون ڳوليندي، هو ڪرندا ٿي ويا. هنن جي رڙين ۽ ڪوڪن کان آسمان ۾ پڙاڏا پوڻ لڳا. ڪنهن سندن لشڪر ۾ اهو هل ڦهلائي ڇڏيو ته مرزا جاني بيگ تنبن جي پٺيان واريءَ کاهيءَ مان ڀڄي ويو آهي، ۽ اتي سنڌي اڃا نه پهتا آهن. ترخان سر تان سانگو لاهي، ان کاهيءَ ڏانهن ڀڳا. اهو ئي هڪڙو هنڌ هو، جنهن کي بند ڪرڻ سنڌين جي وس کان ٻاهر هو. ترخان ڄڻ ته اکيون بند ڪري ان کاهيءَ ۾ ٽپندا ٿي ويا. ترخانن کي ڪيرائيندي ڪيرائيندي سوڍي جي همراهن جون ٻانهون ساڻيون ٿيڻ لڳيون هيون، ۽ پوءِ جڏهن پرڀات جو پهريون ڪرڻو پورب کان ليا پائڻ لڳو، تڏهن سنڌين وري نعرو هنيو: ”جيئي سنڌ!“
    ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ان پرڀات وڳري ۾ سڄي ڪائنات ان نعري جي وراڻيءَ ۾ جيئي سنڌ جو نعرو هڻڻ لڳي هئي. ان وراڻيءَ کان پوءِ ڄڻ ماٺ ٿي ويئي. ماحول ۾ هڪ عجيب سڪوت ڇانئجي ويو. هزارين ترخانن جي لاشن کي لتاڙيندي سوڍو جڏهن ان کاهيءَ جي منهن تي پهتو، تڏهن کاهيءَ جي تري ۾، هن کي انهن ترخانن جا مڙھه نظر آيا، جن کاهي ذريعي ٽپو ڏيئي سنڌين کان بچڻ جي واٽ ورتي هئي.
    رسد خاني ۽ اسلحه خاني جو سمورو سامان لڏي، هو وري پراڻي ٺل کان ڦري جڏهن ڪوٽ ۾ گھڙيا، تڏهن سيوهڻ جي سمورين مسجدن مان فجر جي ٻانگ جو آلاپ اچڻ لڳو سوڍو ڪميت کي شهر وچان ڪڍي، وڏي برج تي چڙهي آيو، ۽ هن جيڪي ڏٺو، تنهن سندس دل ٻيڻي ڪري وڌي. مغلن جي هزارين تنبن مان باهه جون ڄڀيون نڪري، مٿي اڏامڻ لڳيون هيون، مغلن جي رڙين ۽ واڪن جو گھمسان اُڀ ڦاڙڻ لڳو هو. سوڍي جي منهن تي مرڪ اچي ويئي، ۽ هو وري هيٺ لهي آيو. هيٺ اڃا پهتو ئي مس ته صادق سومرو ۽ سندس همراھه ڪوٽ جي در کان اندر لنگھي آيا. سوڍي اڳيان وڌي صادق سومري کي ڀاڪر پائي چيو: ”واھه جو ڪم ڪيو اٿئي، صادق!“
    صادق پنهنجي هن يار کي عجيب پيار مان ڏسڻ لڳو، جنهن ترخانن جي هيڏي لشڪر کي ڀڄائي ڪڍيو هو، پر جنهن جي منهن تي اهڙو اهڃاڻ هو، ڄڻ ڪجھه ٿيو ئي ڪونه هو.
    ”سوڍا، هاڻ پاڻ وڙهي پونداسون. هيڏي ويڙھه کائي آيو آهين، ۽ وڃي ڪو ساھ پٽين ۽ ساهي کڻين، ان بدران برج تي چڙهي پيو جھوتون ڏين! هل، هلي آرام ڪر. خبرون چارون به پوءِ ڪنداسين!“ صادق ڪوڙي ڪاوڙ ڪندي چيو.
    ”جيڪا تنهنجي مرضي!“ سوڍي مرڪندي چيو، همراهن سان گڏجي پنهنجي ڇانوڻيءَ ڏانهن وڌي ويو.


    15

    صادق سومري جي راتاهي مغلن جا وڻ وڄائي ڇڏيا. هنن کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته حملو ڪنهن ۽ ڪيڏيءَ مهل ڪيو. بظاهر ته ڪو لشڪر به نظر ڪونه ٿي آيو. پر رکي رکي پهريدارن، ۽ رسد خاني جي تنبن مان ڪيڪن ۽ رڙين ڪنهن ڌارئين جي موجودگيءَ جو اعلان ٿي ڪيو. پوءِ جڏهن گھوڙن جي گاھه جي دَنين مان باھه جون ڄڀيون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون، تڏهن محافظ دستا اوڏاهين ڀڳا. پر دشمن هجي ته لڀي. جيسين هو گاھه جي پهريدارن کي ڳولين، تيسين رسدخاني جي شاميانن مان دانهون ڪُوڪُون ٻڌڻ ۾ آيون، ۽ هڪٻئي پٺيان سمورن تنبن ۽ شاميانن کي باھه وڪوڙيندي ويئي. انهن مان سوين تنبن ۾ رسد خاني جا ملازم ستل هئا. تن جو پاڻ کي چوڌاري باھه ۾ وڪوڙيل ڏٺو ته انهن جي رڙين سڄي مغل لشڪر کي ڏهڪائي ڇڏيو. انهن رڙين تي مجاهد خان ۽ ٻيا مغل سردار ڇرڪ ڀري جاڳي پيا، ۽ هنن جيڪي ڏٺو، سو اعتبار ڪرڻ جھڙو نه هو. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ڪنهن وڏي شهر کي چوڌاري باھه ورائي ويئي هئي، ۽ ماڻهن کي ڀڄڻ جي واھه ڪانه هئي، ۽ هنن جي ڏسندي ڏسندي رسدخاني، اسلحه خاني جا هزارين تنبو باھه جو کاڄ بڻجڻ لڳا. مجاهد خان ڪاوڙ کان پنهنجي چپن ۾ چڪ وجھڻ لڳو. جڏهن محمود خان ڊڄندي ڊڄندي چيو: ”حضور، شايد سنڌين شب خون هنيو آهي!“ تڏهن مجاهد خان سڄو ڏڪڻ لڳو. هن محمود خان کي ڳٿڙ کان جھلي، اهڙي ڌونڌاڙ ڏني، جو هو اتي ئي بي سڌ ٿي ڪِري پيو. ٻيا مغل سردار محمودخان جو اهو حال ڏسي، وري پنهنجي تنبن ۽ شاميانن ڏي وڃڻ لاءِ مڙيا، ته مجاهد خان ڪڙڪو ڪندي چيو: ”هڪدم سڄي لشڪر کي مقابلي لاءِ تيار ڪيو وڃي ۽ طبل جنگ وڄايو وڃي!“
    توتارن ۽ ڌمالن باھه جي شور کي هيڪاري خوفناڪ بڻائي ڇڏيو. مغلن جي اَٿاھه لشڪر ٿوريءَ ئي دير ۾ صفون ٻڌي، حملي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي بيهي رهيو. مجاهد خان پنهنجي سفيد گھوڙي تي سوار ٿي، گھوڙيسوارن جي دستن جو معائنو ڪري، پيادل فوج جي سردارن کي ڪوٽ ڏانهن وڌڻ جو حڪم ڏنو. فيلدارن کي هاٿين کي اڳيان ڪرڻ لاءِ چئي، هو وري گھوڙي سوارن ڏانهن موٽي آيو. دستن مهندارن کي گڏ ڪري، هن غضبناڪ آواز ۾ چيو: ”آءٌ چاهيان ٿو ته سنڌين هن شب خون جي اهڙي سزا ڏني وڃي، جو هنن کي وري ظل الاهيءَ جي لشڪر تي آڱر کڻڻ جي همت نه ٿئي. اڄ جو اڄ سيوهڻ جو قلعو اسان جي قدمن ۾ هئڻ گھرجي. دلاور خان، آتش خان، بينظير خان ۽ رامسنگھه جا دستا هر اول دستا ٿي اڳتي وڌندا. ٻيا سپھه سالار هنن جي پويان هلندا. جڏهن هاٿي دروازو ڪيرائين تڏهن هر اول دستن جا چار ئي سالار الڳ الڳ دروازن کان سنڌين تي حملو ڪندا. خدا جو قسم، جيڪڏهن هي حملو ناڪام ٿيو ته اوهان جا سِرَ پنهنجي هٿن سان وڍي، ظل الاهيءَ جي خدمت اقدس ۾ موڪلينداسين . . . . ! رامسنگھه، ترخانن کي هڪدم حڪم ڪيو وڃي ته هو پٺيان هڪدم قلعي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، جئن سنڌين کي ڀڄڻ جو موقعو نه ملي!“
    مغل فوج جو هي سمنڊ جڏهن سيوهڻ تي چڙهڻ لاءِ آيو نڪتو، تڏهن زيبا جو ساھه مٺ ۾ اچي ويو. هوءَ تڪڙي تڪڙي دادن جي تنبوءَ ۾ لنگھي آئي. ”اوهين اِتي آرام سان ويٺا آهيو، ۽ حضور جن قلعي تي حملي ڪرڻ وارا آهن!“ هن سهڪندي چيو.
    ”تون ڪا ڳڻتي نه ڪر. سيوهڻ کي فتح ڪرڻ ۾ خان اعظم کي ڪي سال کپن!“ دادن کلي چيو.
    زيبا کي هن جي اِها کل نه وڻي. هن کي مجاهد خان جي ڪاوڙ ۽ بهادريءَ جي خبر هئي. هن ائين سمجھيو ته ڏينهن چڙهڻ کان اڳ مجاهد خان قلعو فتح ڪري وٺندو، ۽ پوءِ هن جي دادن جو ڇا ٿيندو؟ هن دادن کي اهڙين نظرن سان ڏٺو، جنهن ۾ هڪ عجيب اِلتجا هئي، ڄڻ چوندي هجي، ”سڄڻ، هن ڪوڙيءَ سياست جي جھڳڙن کان دور مون کي پاڻ سان وٺي هل! دادن به ان نظر کي پروڙي ويو؛ ۽ نه چاهيندي به هن چئي ڏنو: ”زيبا، منهنجي ڳالھ مڃ، خان اعظم کي آزمائڻ ڏي، ۽ جڏهن ھو ناڪام ٿي موٽندو، تڏهن مغل لشڪر کيس خود مجبور ڪندو ته سنڌ تان هٿ کڻي؛ ۽ جڏهن خان اعظم لاهور ڏانهن اُسهندو تڏهن جي تون منهنجو ساٿ ڏيندينءِ ته اسين به پنهنجي ڪا منزل حاصل ڪنداسون!“
    زيبا ڪجھه چوڻ تي هئي، ته هن تنبوءَ جي پٺيان ڪجھه کڙڪو ٻڌي ورتو. هن اشاري ئي اشاري ۾ دادن کي ڳالھه سمجھائي. دادن ڀڙڪو ڏيئي ٻاهر نڪتو، پر تيسين ڪو ماڻهو تڪڙو اتان کسڪي ويو، ۽ هن جي نظرن کان غائب ٿي ويو. جڏهن هو واپس تنبوءَ ۾ آيو ته اتي زبيا ڪانه هئي. هن ڪن لائي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ هري هري ٿي پاسي واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيو. تنبوءَ ۾ داخل ٿيڻ سان ٻه مغل هڪ ئي وقت هن تي ترارين سان حملو ڪري آيا. دادن ڦڙتيءَ سان اڳيان ٽپ ڏيئي، وار ته بچائي ويو، پر مغل وري ڦري آيس. هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، هن ديوان تي پيل هڪڙي چادر کڻي ورتي، ۽ ڪنهن طرح سان هڪڙي مغل جي ٻوٿ ۾ ڦهڪائي ڏنائين. جيسين اهو مغل چادر مان منهن ڪڍي، تيسيسن هن ٻئي مغل جو وار روڪي، کيس ڪنڌ تي اهڙو زوردار ڌڪ هنيو جو هو گوڏن ڀر ويهي رهيو. هن جي هٿ مان ترار ڦري، هن ٻئي مغل جي پيٽ ۾ ٽنبي ڏني. ڍڳي جھڙي رنڀ ڪري مغل اُتي ئي اونڌو ٿي ڪري پيو.
    دادن ترار کڻي ٻاهر نڪتو، ۽ هڪ هڪ تنبوءَ ۾ ڏسندو ويو، پر هن کي زيبا ڪٿي به نظر نه آئي. مغلن جي حرمن ڏانهن وڃڻ خطري کان خالي نه هو، ۽ هاڻ هن جو ائين تنبوءَ ۾ رهڻ به جوکائتو هو. هن کي اهو سمجھه ۾ نٿي آيو، ته هن تي ڪنهن حملو ڪرايو جڏهن سڀني کي خبر هئي ته هو مجاهد خان جو مهمان هو. البت ڪيترا مغل سردار هن کي شڪ جي نظرن سان ڏسڻ لڳا هئا. اهو سوچي، هو گھوڙو هٿ ڪري، پاڻ به مغل لشڪر جي پويان هلڻ لڳو.
    مغلن جي فوج جڏهن سيوهڻ تي چڙهڻ لاءِ اڳتي وڌي تڏهن سندن پويان ٻرندڙ مچ سندن ئي پاڇولن کي عجيب منظر ڏيئي ڇڏيو. اهي لڏندڙ ٿڙڪندڙ پاڇولا ائين ٿي معلوم ٿيا ڄڻ جنن ڀوتن جو ڪو ڪٽڪ هنن جي اڳرائي ڪندو ٿي ويو. جئن جئن سج جا ڪِرڻا چڙهندا آيا، تئن تئن پاڇولن جو اهو لشڪر مغل لشڪر جي پيرن هيٺان لتاڙجندو ويو، ۽ جڏهن پهر سج جو چڙهي آيو، تڏهن سيوهڻ جي قلعي هيٺان انسانن جو هيءُ سمنڊ حملي جي تيارين ۾ لڳي ويو. مجاهد خان فيلدارن کي اشارو ڪيو. ڏھه ڏھه هاٿي قلعي جي چئن دروازن ڏانهن وڌڻ لاءِ تيار ڪيا ويا. پر جڏهن فيلبانن هاٿين کي سوئا ٽنبي، کين دروازن ڏانهن وڌڻ جي هُشي ڏني، ان وقت ڪوٽ جي ڪُنگرن ۽ بُرجن مان تيرن جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو. فيلبان بولاٽيون کائيندا ڪِرندا ويا، ۽ هاٿي رانڀاٽ ڪندا، موٽي پنهنجي ئي لشڪر ۾ ڪاهي پيا. فيلدارن جئن تئن ڪري وري هاٿين کي تيار ڪري، نئين سر نَون فيلبانن سان چاڙهي موڪليو پر هنن جو به اهوئي حشر ٿيو. جئن جئن ڏينهن چڙهندو آيو، تئن تئن سنڌ جي ڌرتيءَ به مغلن کي تپائڻ شروع ڪيو. اڃ ۽ بک هنن کي وري پنهنجا تنبو ۽ خيما ياد ڏيارائي ڇڏيا. سنڌ جي سهڻي اس هنن جي بدنن ۾ سيون ٽنبڻ لڳي، ۽ هنن وَرَ ور ڪري پير مٽائڻ ٿي شروع ڪيا.
    مجاهد خان ناڪام ٿيندڙ حملن کان فيلدارن کي گاريون ڏيڻ لڳو. پر جڏهن ترخانن ڏانهن موڪليل رامسنگھه جا ماڻهو موٽيا، ۽ مجاهد خان کي ترخانن جي لشڪر بدران سندن سڙندڙ لاشن جي خبر ڏنائون تڏهن مجاهد خان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي تڪڙ ۽ اُٻهرائيءَ تي پيشمان ٿيڻ لڳو. پر حملي کي اڌ ۾ ڇڏڻ به نٿي چاهيو. هن حڪم ڪيو ته ڪمند اُڇلائي فصيلن تي چڙهڻ وارا دستا اڳيان وڌن. راٺوڙن ۽ روهيلن جا اهي دستا پنهنجا ڪمند ۽ٌ رسا سنڀالي قلعي ڏانهن وڌيا. قلعي کي جئن ئي ويجھا پهتا ته هنن جي مرحبا به تيرن جي اهڙي وسڪاري سان ٿي جو سندن صفن جون صفون ڪِرنديون چٽ ٿينديون ويون. ٻين انهن جي جاءِ ورتي، ۽ اهي به پنهنجن ئي همراهن مٿان ڪرندا ويا. جڏهن سج نيزي چڙهي آيو، تڏهن اڃ ۽ بک کان مغل لشڪر بيحال ٿيڻ لڳو. مختلف جٿن جا سردار مجاهد خان کي جنگبنديءَ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا. بغاوت بلوي جي ڊپ کان لاچار مجاهد خان جنگبنديءَ جو حڪم ڪيو، ۽ مغل لشڪر پنهنجن خيمن ڏانهن موٽڻ لڳو.
    خيمن کي پهچندي ئي لشڪري پاڻيءَ جي مٽن ۽ نادين تي ٽٽي پيا. جڏهن هنن جي اڃ لٿي تڏهن هنن کي کاڌي جو خيال آيو: ان سان گڏ هنن کي سنڌين جي راتاهي جو خيال آيو. رسد خانو سڄو ڦلهيار ٿيل هو: سمورو اَن، گھوڙن ۽ جانورن لاءِ گاھه باھه جي نذر ٿي ويو هو. هاهوڪار مچي ويئي. بکيو لشڪر انڌي هاٿيءَ جيان ٿونا هڻڻ لڳو. مغل سردار ۽ امير پنهنجن ئي لشڪرين ۽ سپاهين کان ڊڄڻ لڳا. نئين رسد پهچڻ ۾ وقت لڳندو، ان وچ ۾ لشڪر جي بغاوت کي ڪير منهن ڏيندو. اها صورتحال ڏسي سمورا امير ۽ سالار مجاهد خان جي شامياني اڳيان گڏ ٿيڻ لڳا. مجاهد خان به صورتحال سمجھي ويو هو؛ پر هو ڪري به ڇا ٿي سگھيو. مجاهد خان کي اها به پڪ هئي ته نئين رسد پهچڻ ۾ ايترو وقت لڳي ويندو جو نئين حملي ڪرڻ جو خيال به ملتوي ڪرڻو پوندو. تنهن کان سواءِ قلعي کي فتح ڪرڻ آسان نه هو. هي قلعو تاريخ ۾ سڀني لاءِ ڏکئي ۾ ڏکيو قلعو هو. سڪندر اعظم جھڙي فاتح کي به هزارين سپاهي قربان ڪرڻا پيا هئا، ۽ ڇهن مهينن جي انتظار کان پوءِ قلعي هٿ ڪرڻ جي صورت نڪتي هئي. خلجين ۽ تغلقن به ان قلعي پويان ئي جوتا کائي دهليءَ جو رستو ورتو هو. جن فاتحن اهو قلعو فتح ڪيو هو، تن هميشه ڪنهن نه ڪنهن دوکيبازيءَ ۽ دغا کان ڪم ورتو هو. سڌو سنئون قلعي کي فتح ڪرڻ ناممڪن هو. بهتر هو ته سنڌين سان صلح ڪري، اڪبري لشڪر کي وري لاهور ۽ آگري جي عافيت ڏانهن موٽائجي. ٻئي طرف اڪبر جي غيض ۽ غضب کان مغل سردارن جا هنيان ئي کاڄي ٿي ويا. هنن مان ڪنهن به ان رٿ پيش ڪرڻ ۾ اڳرائيءَ جي همت نه ڪئي، جيتوڻيڪ سڀني جي دل آگري پهچڻ لاءِ ملندي هئي، جتي جون محفلون، عيش عشرتون هنن جي انتظار ۾ هيون. مجاهد خان خود ئي اهڙي راءِ ڏيکاري، تڏهن گھڻن مغلن سردارن کيس پنهنجي همراهي هجڻ جو يقين ڏياريو. فيصلو اهو ڪيائون ته دادن کي ڪن مغلن سان گڏ وري سنڌين ڏانهن صلح جي پيشڪش لاءِ موڪلجي.
    دادن جڏهن شامياني ۾ پهتو، تڏهن سڀني مغلن جا لٿل منهن ڏسي، هن جي چپن تي مرڪ اچي ويئي. هن کي پڪ ٿي ته مجاهد خان پنهنجي دليريءَ ۽ سورهيائيءَ جي گھمنڊ ۾ پاڻ پوئتي هٽڻ کي مغل شان جي گھٽتائي سمجھي، هاڻ مغل لشڪر جي واپسيءَ جو ڪو عزت وارو رستو ڳولي رهيو هو.
    مجاهد خان پنهنجي ڪاوڙ ۽ شرمساريءَ کي لڪائيندي چيو: ”سنڌي، اسين نٿا چاهيون ته وڌيڪ خونريزي ٿئي. ان ڪري جيڪڏهن سنڌي وڌيڪ شورشون بند ڪن ته اسين شهنشاھه هند طرفان کين معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. موهن ڪوٽ ۽ سيوهڻ جا اجازت ناما ۽ شاهي پروانا پڻ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، بشرطيڪ سنڌي ڪو نئون حملو نه ڪندا جيسين ظل الاهي سنڌين ۽ ترخانن جو ڪو تصفيو ڪري!“
    دادن غور سان هن شڪست کاڌل مغرور مغل کي ڪو وقت ته ڏسندو رهيو. پوءِ ڌيرج سان چيائين: ”مون ته اڳي ئي عرض ڪيو هو ته سنڌي خود مغل لشڪر سان وڙهڻ نٿا گھرن. مغل ته هروڀرو سنڌ جي اندروني جھيڙي ۾ مداخلت ڪن ٿا. موهن ڪوٽ، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن لاءِ به هنن کي شاهي پروانن جي ڪا ضرورت ڪانهي: اهي ته آهن ئي هنن جا پنهنجا. رهي ڳالھه شورشن جي، سو جيسين ترخان حڪمران رهندا، شورش بند نه ٿيندي. جيسين هڪڙو به ترخان سنڌ جي سرزمين تي موجود آهي، تيسين هنن جي بغاوت جاري رهندي. آءٌ سنڌين پاران اوهان کي رڳو اها پڪ ڏيئي ٿو سگھان ته مغل لشڪر جي واپسيءَ وقت سنڌي ڪوبه حملو نه ڪندا!“
    ”پر شنهشاھه جي اطاعت ته شرط آهي.“ هڪڙي سردار وچ ۾ چئي ڏنو.
    ”سنڌي اڳ ته شايد شنهشاھه جي اطاعت جي اعلان ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائين ها، پر جڏهن کان ظل الاهيءَ مرزا باقيءَ جي حمايت جو اعلان فرمايو آهي، تڏهن کان ته هو مرڻ وڌيڪ پسند ڪندا، ۽ شهنشاھه جي اطاعت جو اعلان هرگز نه ڪندا!“
    ”پر سنڌي مغل شهنشاهيت کان ڪيترو وقت بچندا . . . . . . ! “ رامسنگھه جي دل جو راجپوت لفظن جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو.
    ”مغل شهنشاھه . . . . . “
    دادن ڪجھ چوڻ ٿي گھريو، پر اوچتو لشڪر ۾ شور ۽ هنگامي جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. لشڪري زور زور سان نعرا هڻي رهيا هئا. ڪنهن کي سمجھه ۾ نه آيو ته ڇا ٿي رهيو هو. مجاهد خان کي پڪ ٿي ته لشڪر ۾ بغاوت ڦهلڻ لڳي هئي. اڃا هو ڪجھه چوڻ تي هو ته لشڪرين جو هڪ شاهي دستو شامياني کي گھيرو ڪري بيهي رهيو. ڪجھه اگھاڙين ترارين سان اندر گھڙي آيا، ۽ مغل سردارن جي پويان بيهي رهيا. ڪنهن کي به نڪرڻ جو موقعو نه ملي سگھيو. اوچتو هيبت خان اگھاڙي ترار هٿ ۾ جھلي اندر هليو آيو، ۽ مجاهد خان ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”مجاهد خان، اڪبري لشڪري جي هيڏي بيعزتي تنهنجي لاءِ ڪافي نه هئي، جو هاڻ سنڌين سان صلح جون ڳالهيون ٿو ڪرين!“ پوءِ ٻين سردارن ۽ اميرن ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”اوهين پاڻ کي مغل امير ٿا سڏايو! حيف آهي اوهان جي حياتيءَ تي! اڪبري فوج جا سالار مُٺ جيترن سنڌين سان مقابلو ڪرڻ بدران آگري ڏانهن موٽڻ جو تياريون ٿا ڪن. ظل الاهيءَ کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندؤ؟ لشڪر جو سمورو کاڌو سنڌين جي راتاهي تباھه ڪري ڇڏيو، ۽ انهن کي کاڌي کارائڻ بدران اوهين ميدان ڇڏي ڀڄڻ جون صلاحون پيا ڪريو. اڄ کان هن لشڪر جو سپھه سالار آءٌ آهيان: مجاهد خان کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو. اوهان مان جيڪو مون سان ساٿ ڏيڻ گھري، سو هٿ مٿي کڻي. آءٌ سنڌين کي اهڙي سيکت ڏيندس، جو هنن کي وري ڪنهن مغل بادشاھه جي حڪم عدوليءَ جي همت نه ٿيندي. سمورو لشڪر مون سان آهي. جيسين ٻاهران رسد پهچي، جنهن لاءِ مون اڳي ئي ماڻهو موڪلي ڇڏيا آهن، تيسين سڀني سردارن، اميرن، سالارن، جٿن جي مهندارن جي ذاتي رسدگاهن مان کاڌو لشڪرين ۾ تقسيم ڪيو ويندو. جنهن امير يا سردار ائين ڪرڻ ۾ ڪو اعتراض ڪيو، ته ان کي لشڪرين جي حوالي ڪيو ويندو!“
    سڀني اميرن جا ڪنڌ هيٺ ٿي ويا. هنن کي پنهنجن ئي لشڪرين هٿان مرڻ جا خيال ستائڻ لڳا. هيبت خان هنن سڀني کي ڏسندي وري چيو: ”مجاهد خان کي ظل الاهيءَ جي خدمت ۾ پيش ڪري آءٌ سموري حقيقت بيان ڪندس. انهن سردارن ۽ اميرن جا نالا پڻ پيش ڪندس جن مجاهد خان جو ساٿ ڏنو، يا هن کان پوءِ ڏيندا. جيڪڏهن ظل الاهيءَ مون کي ئي قصور وار ڪيو ته آءٌ خوشي سان سزا ڀوڳيندس، پر مونکي قسم آهي پروردگار جو، آءٌ مغل لشڪر، مغل شهنشاھ ۽ خاندان تيموريه جي بيعزتي ٿيڻ ڪونه ڏيندس!“
    ٻاهر سڄو لشڪر هيبت خان جي حق ۾ نعرا هڻي رهيو هو. ڪنهن به سردار کي هيبت خان جي منهن ۾ نهارڻ جي همت نه ٿي، ۽ پوءِ هري هري ٿي امير ۽ سردار هٿ مٿي کڻندا، هيبت خان کي پنهنجي وفاداريءَ جو يقين ڏياريندا ويا. فقط مجاهد خان، دلاور خان، محمود خان، ۽ رامسنگھه چار ڄڻا هئا، جن پنهنجا هٿ مٿي کنيا.
    ”اڄ کان اسين سيوهڻ تي سڌي حملي ڪرڻ بدران انکي گھيرو ڪري ويهنداسون، ۽ سندن مڪمل ناڪابندي ڪنداسون، کڻي اسان کي هت ڇهه مهينا ڇونه ويهڻو پوي. سنڌي ٿورن ڏينهن ۾ تنگ ٿي اسان کان امان گھرندا ................. !“
    اوچتو هن دادن ڏانهن منهن ڪري چيو: ”سنڌي، تو هيبت خان کي نه سڃاتو آهي. مونکي اِها به خبر آهي ته سنڌين اهو شبخون ڪيئن، ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو. ان ڪري تنهنجو احتساب منهنجي وس ۾ آهي! وٺي وڃو هنن مردودن کي! هن سنڌيءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙي مٿس سخت پهرو بيهاري ڇڏيو!“
    مجاهد خان جو ڪنڌ هيٺ هو. مغل لشڪر جي هن ڄاڻو سپهه سالار هڪڙي ئي ڏينهن ۾ پنهنجي اٻهرائيءَ ۽ گھنڊ ۾ ايتريون شڪستون کاڌيون هيون، جو شرمساريءَ کان هو جُھور پوڙهو نظر اچڻ لڳو هو. دادن کي الائي ڇو هن پوڙهي مغل تي رحم اچي ويو. سپاهين سان گڏ ٻاهر ويندي، مجاهد خان ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: ”سنڌي، اسين نهايت شرمنده آهيون، جو اسين تنهنجي ڪابه ڳالهه پوري نه ڪري سگھياسين ............ شايد خدا کي اِن ڪري ئي اسان جي هي ذلت منظور آهي!“ مجاهد خان پنهنجين اکين جي لڙڪن لڪائڻ لاءِ هڪڙو هٿ منهن آڏو ڏيئي ڇڏيو.


    16

    مغلن جي ناڪابندي جئن پوءِ تئن سخت ٿيندي ويئي. قافلن جا قافلا مغلن جي ور چڙهندا ويا، ۽ سيوهڻ جي شهر تي هڪ منحوس پاڇو نمودار ٿيڻ لڳو. ماڻهن ۾ هڪ عجيب بيچينيءَ ۽ بي آرامي ڦلجندي ويئي. پر ڪنهن به وات مان ڪجھه نٿي چيو. جڏهن مهينو راتين جو پورو ٿيو ته شهر ۾ اَن کٽڻ لڳو، ۽ پهريون ڦيرو شهر جي ماڻهن کي احساس ٿيو ته هاڻ ويلا ڪاٽڻا پوندا. سوڍي جا همراھه هن کي سموريون خبرون پهچائيندا رهندا هئا، شهر ۾ ڪنهن به مغلن جي پيش پوڻ جي ڳالهه نٿي ڪئي. ماڻهن ۾ هڪ عجيب جذبو هو ــــــــــــ کلندي ڪڏندي ويلا ڪاٽيندا ٿي ويا، بکون ڪاٽيندا ٿي ويا، مغلن کي گاريون ڏيندا ٿي ويا: ڄڻ هنن آڻ مڃڻ بدران بکن ۾ پاھ ٿي مرڻ کي بهتر ٿي سمجھيو. پر سوڍي ۽ ٻين همراهن کان سَٺو نٿي ٿيو. سنڌ جي هن ملوڪ شهر جي ماڻهن هنن جي ڪري ئي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا هئا. هو ته ان خيال جو هو ته مغلن سان ٻاهر نڪري منهن ڏيڻ گھرجي، پر الائي ڇو سنگت ان خيال جي هئي ته مغل پاڻيهي ڪڪ ٿي ڀڄي ويندا. هونئن به مغل لشڪر جي ڀيٽ ۾ هو ايترا ٿورا هئا جو سڌو سنئون مقابلو ڪرڻ ممڪن نه هو.
    هڪڙي ڏينهن، پنهنجن همراهن سان آخري صلاح ڪرڻ لاءِ هن چوياري سڏائي، ته چاچي علو کيس اطلاع ڏنو ته مغلن جا ماڻهو ڪو نياپو ڏيڻ پيا اچن، ساڻن ٽي ڄڻا سنڌي به شامل آهن. سوڍل کي ڪو وسوسو ويڙهي ويو. هن جي دل ۾ پهريون ڀيرو ڪا نستائي، ڪا ڪمزوري محسوس ٿيڻ لڳي. هن کي پنهنجي ان وسوسي جي پاڻ ئي ڪا ڄاڻ نه پئجي سگھي، پر جڏهن مغل ۽ ٽيئي سنڌي اندر آيا تڏهن سندن منهن مان ئي هو سمجھي ويو ته هن جو وسوسو سچو هو. هنن هڪ خط آڻي سوڍي جي هٿ ۾ ڏنو. سوڍو جئن جئن پڙهندو ويو تئين تئين هن جي منهن جو رنگ بدلجندو ويو. هڪڙي همراھه کان رهيو نه ٿيو، تنهن چيو ”سوڍا، خير ته آهي؟“
    سوڍي ڪو جواب ڪونه ڏنو، ۽ خط کڻي سندس هٿ ۾ ڏنو. جنهن جنهن ٿي خط پڙهيو، تنهن جي منهن جو پنو لهندو ٿي ويو. آخوند نورمحمد لکيو هو ته سنڌين جي مغل شهنشاھه سان ڪا لڙائي ڪانهي، ان ڪري مغلن سان صلح ٿو ڪجي. ان جو فيصلو سڀني راڄن به ڪيو هو، ۽ سمورن راڄن جي وڏڙن جون مهرون ان خط هيٺان لڳل هيون. مغلن چيو ته جيڪڏهن سنڌي وڙهڻ ڇڏين ۽ قلعو مغلن جي حوالي ڪن ته هو ڪنهن به سنڌي کي هٿ ڪونه لائيندا، هر ڪنهن کي پنهنجن راڄن ۾ موٽي وڃڻ جي اجازت هوندي. ڪچهريءَ ۾ موجود سمورن ماڻهن کي ڄڻ ڪنهن سراپي ڇڏيو هو.
    ٿوريءَ دير کانپوءِ سوڍي چيو: ”ادا، ائين ملول ٿيڻ مان ته ڪجھه ڪونه ورندو. پهرين ڏسون ته همراهن جي ڪهڙي صلاح آهي ته پوءِ اهڙو جواب هنن کي ڏجي! صادق، پهرين تون همراهن جي خبر ڪر!“
    صادق سومرو سڀني کان ننڍو هو. جانٺو جوان، وڙهڻ مهل ڀالي ۽ تلوار بدران ڪهاڙيءَ تي وڌيڪ ڀروسو ڪندو هو. ترخانن سندس ڳوٺ ساڙي ڦلهيار ڪري ڇڏيو هو. سندس پيءُ کي انڌو ڪري کوھه ۾ ٽنگايو هئائون. هو به سوڍل جيان گھٽ ڳالهائيندو هو.
    ”سوڍا، منهنجا همراھه صلح ڪڏهن به ڪونه قبوليندا. اسين سنڌ جي لاءِ وڙهڻ نڪتا آهيون. جيسين ڌارئين لشڪر جو هڪڙو ماڻهو به سنڌ ۾ هوندو تيسين اسين وڙهندا رهنداسين!“
    سوڍل کي هن دلير مڙس لاءِ ڏاڍو پيار هو. کيس ڏکوئڻ نه ٿي گھريائين، پر هن وقت ته ڳالهه صاف ڪرڻي هئي، سو ڪنڌ هيٺ ڪري چيائين: ”پر اوهان جي سومرن جي راڄ جي وڏڙن جو فيصلو همراھه ٻڌندا ته پوءِ؟“
    ”وڏڙن جو ڇا وڃي هن جھيڙي سان؟ اسين اول سنڌي آهيون آخر سنڌي آهيون. سومرن جي راڄ جو ان ۾ ڇا وڃي؟ سڀڪو راڄ پنهنجا ڇيڙا نبيرا ڪندو آهي. اسين راڄن برادرين جي چوڻ تي وڙهڻ ٿوروئي آيا هئاسون، يا ڪو راڄن اسان کي چوائي موڪليو هو ته ميان وڃي سنڌ لاءِ وڙهو. ويڙھه سڀڪنهن جي پنهنجي آهي، جنهن کي سنڌ جي سينڌ لاءِ مانُ آهي، سو وڙهڻ آيو آهي: ڪو سمون، ڪو سيد، ڪو سومرو، ڪو لهاڻو ٿي هت وڙهڻ ڪونه آيو. رهي ڳالهه مغلن سان صلح جي: ته اسين ترخانن سان به ڪري ٿي سگھياسون. جيڪي هنن گھريو ٿي، سو جي پيا ڏيون ها، ته ترخانن کي ڪو ڇتي ڪتي ڪونه کاڌو هو. اسين پنهنجي لڄ، پنهنجي مَان، پنهنجي ماءُ جيجل ۽ پنهنجي جند جان لاءِ ٿا وڙهون. سو ٻيلي مون کي معاف ڪريو: آءٌُ ته وڙهندس، کڻي سئو راڄ ميڙ کڻي اچن!“ صادق ڪاوڙ مان اُٿي بيهي رهيو. ٻاهر نڪرڻ تي هو ته سوڍل کڻي ڀاڪر وڌس. ”تڪڙ نه ڪر، منهنجا مٺا. ڳالهه ڳالهه سان ڇٽندي. وڙهڻ ۾ آءٌ ته توسان آهيان، پر ڏسون ته اسين آهيون ڪيترا جيڪي وڙهنداسون!“
    ”آءٌ به وڙهڻ لاءِ تيار آهيان!“ قبول محمد سميءَ مختصر جواب ڏنو. پر ائين ٿي ڀانيوته هن جي ڳالهائڻ مان يقين ۽ ويساھه نڪري ويو هو. سمن تازو بادشاهي وڃائي هئي، ۽ سمن جو راڄ ڪڇ ۾ مورچا ٺاهي، وري سنڌ لاءِ وڙهڻ جون تياريون ڪري رهيا هئا. انڙ، جوڻيجا، راهوجا، سميجا، جاڙيجا ــــــــ سمورا راڄ سمن سان هئا. سو وڃايل بادشاهيءَ بدران اڪبر جي جھنڊي هيٺ سنڌ جي صوبيداريءَ جي لالچ ڪا گھٽ ڪانه هئي. انڪري ئي هن جي ڳالهه ۾ پڪو پختو ويساھه ڪونه هو. پر سوڍل کي پڪ هئي ته ڇابه ٿئي، قبول محمد راڄن کي ڇڏي، هن سان شامل ٿي بيهندو.
    سيدن مان مبارڪ شاھه سوڍي جو سوال ٻڌي چپ ٿي ويو. ترخانن شيرازي سيدن کي ڪو ايڏو تنگ ڪونه ڪيو هو: پاڻ کين انعام اڪرام، منصفيون ۽ منشيريون ڏنيون هئائون. سيد وڙهڻ اِن ڪري نڪري پيا هئا، جو سنڌ ئي اهڙو وطن هو جنهن هنن کي گھڻي ۾ گھڻو مان ڏنو هو، ۽ هاڻ سنڌ هنن لاءِ اهڙو ئي وطن هو جھڙو سندن وڏڙن لاءِ ايران يا عربستان هو ـــــ ۽ وطن لاءِ وڙهڻ ته ايرانين ۽ عربن جي به رت ۾ هو. پر اڪبر جي درٻار ۾ به شيرازي ۽ هراتي سيدن جو وڏو مَان هو، ڪي ته پنج ـــ هزاري درجن تي وڃي پهتا هئا. وڏي سياست جي اڳيان سيدن جا ماڻهو به بيهي سگھندا يا نه، ان جي خاطري ڪانه هئي. سوڍل به هن جي دل من هڻڻ کي سمجھيو ٿي، پر پڪ ڪرڻ لاءِ وري چيائين: ”شاھه سائين تون ماٺ ۾ آهين؟“
    ”ٻيلي سوڍل ڳالهه ڏاڍي ڳري آهي. مون ۾ جيسين ساھه آهي، تيسين ته آءٌ سنڌ تي ساھ ڇڏيندس. باقي همراهن مان اَڌو اڌ ماڻهو مون سان آهن. اڌ جي پڪ ڪونه ٿو ڏيان. چئين ته پڇي پڪ ڪريان.“
    ”روپا، تون خبر ڪر.“ سوڍي روپي ڏانهن منهن ڪندي چيو.
    ”ادا، واڻيا آهن سَهي جي کَل: گھڻي ئي وطن جي سِڪ اٿن، پر مُکين جي فيصلي کان پوءِ وڙهندا اصل ڪونه. ترخانن باهيون ٻاريون ته اَڌو اڌ ٺٽي جا لهاڻا لڏي ويا ـــــــ ڪي اتر ويا ته ڪي ڏکڻ. ڪن پنجاب وڃي وسايو آهي ته ڪي ڪڇ هليا ويا آهن. سو جي هاڻ ڏٺائون ته ترخانن بدران مغل به راڄ ڪندا، ۽ اڪبر جي راڄنيتيءَ ۾ سندن ٽڪاڻا ۽ واپار ونگو سلامت رهندا، ته ماٺ ويهي رهندا. هٽ ــــ واڻئي جو من آهي ناڻي جو مَٽُ؛ جتي چار ڏوڪڙ سلامت سمجھندو، اتي وطن وسري ويندن. سو يار، واڻين مان فقط اهي وڙهندا، جن جي من ۾ هٽ بدران هٺ، ناڻي بدران ماڻو، ۽ ٽڪاڻي بدران سنڌو درياءَ وهندو هوندو. باقي رهي منهنجي ڳالھه، سو منهنجو سِر توسان آهي!“
    روپو انهن ماڻهن مان هو، جن سڄي عمر جنگيون جوٽيون هيون. پرتگالين ڀيري جڏهن ٺٽي جي گھٽيءَ گھٽيءَ مان باھه جا اُلا ٽڙڪاٽ ڪري پئي نڪتا، تڏهن روپي جو جٿو هزارين ٻارڙن ۽ زائفائن کي صحيح سلامت ڪڍي ويو هو. پرتگالين تي ائين ئي حملا ڪيائين جو هنن کي اها خبر نٿي پيئي ته ڪنهن ڪيئن ٿي حملو ڪيو. ترخانن به سندن جوان مڙسيءَ کي ساراهيو هو.
    سنڌ تي ههڙو وقت به ايندو، جڏهن ماڻهو سنڌ بدران پنهنجن راڄن جو سوچيندا، سوڍل ان تي ڪڏهن سوچيو به نه هو. هي اهڙو ڍُڪ هو، جنهن جي تِکَ ۽ ڪوڙاڻ سڀ کان وڌيڪ تکي ۽ ڪڙي هئي. هن کي پنهنجي تارونءَ ۾ ان جو ڪڙو سواد ٽڙڪندو محسوس ٿيو. پر هو ڪري به ڇا ٿي سگھيو. هيءَ هن جي پنهنجي جنگ هئي، پر هاڻ اها جنگ جدا جدا ٽولن جي جنگ بڻجي ويئي هئي. هيءَ سنڌ جي جنگ هئي، پر هاڻ راڄن جي جنگ بڻجي ويئي هئي. هن کي پنهنجي پاڻ مان ۽ پنهنجي جنگ مان ويساھه نڪرندو محسوس ٿيو. هن جي دل ۽ دماغ ۾ هڪ نئين نفرت جنم وٺي رهي هئي. پر هن کي اهو سمجھه ۾ نٿي آيو ته اها نفرت ڪنهن جي خلاف هئي. شايد هن کي پنهنجي پاڻ کان ئي نفرت ٿيڻ لڳي هئي. ان نفرت کي لڪائڻ لاءِ هن پنهنجن يارن، ساٿين سنگتين ڏانهن نهاريو. هر ڪنهن جي نظر سوڍل ۾ کُتل هئي. هن جي منهن تي نفرت، ڪاوڙ ۽ ورچ گڏجي، هڪ عجيب رنگ آڻي ڇڏيو هو، ۽ هن جا سمورا ساٿي پنهنجي پاڻ کي ان رنگ لاءِ جوابدار سمجھي رهيا هئا. هي سورهيه مڙس، جنهن کي ڏسڻ سان ترخانن جو ساھه سڪي ويندو هو؛ جنهن کي راڄ ۽ پاڙا ته ٺهيو، پنهنجو ڪٽنب به ياد نه هو؛ جنهن کي سنڌ جي لفظ ٻڌڻ سان بدن ۾ کنوڻيون لڳنديون هيون ــ اهڙي مڙس کي ڏکوئڻ ڪنهن نٿي گھريو؛ ۽ جيڪا شيءَ هن کي ڏکوئيندي هئي، سا هئي سنڌ کان مٿي ٻيءَ ڪنهن ذاتي جنگ کي اهميت.
    هن به ته پنهنجي ذاتي جنگ جھيڙي هئي، ۽ ان جھيڙي جا گھرا گھرا گھاوَ هن جي هنئين جي وڍن ۾ ٿي جھلڪيا. اهي وڍ ۽ چير ڄڻ وري چڪڻ لڳا هئا، ۽ انهن مان رت نچوئجي هن جي اکين ۾ گڏ ٿيڻ لڳو، ۽ ڪنهن ڌنڌ مان نهاريندي، هن مغلن کي چيو: ”هِن جو جواب اوهان کي سڀاڻي ملي ويندو!“


    17

    سنڌ جي ڌرتيءَ، سنڌ جي آسمان، سنڌ جي وڻن ٽڻن، سنڌ جي مٽي جي ذرڙن، ۽ سنڌ جي ماڻهن اهڙي جنگ نه اڳ ڪڏهن ڏٺي، نه پوءِ ڪڏهن ڏسندا. سوڍو پنهنجي لشڪر سان جڏهن ميدان ۾ لٿو، تڏهن سج به ڪهڪاءَ کان هڪ ڪڪر پٺيان لڪي ويو. سج به هن ٻئي سج کي لهندي، غروب ٿيندي ڏسڻ نٿي گھريو. اٺ ــــــ ڏھ هزار سنڌين جو لشڪر مغلن جي لک فوج سان وڙهڻ نڪتو هو: پر ڇا ويڙھه هئي! مغلن سوين جنگيون ڏٺيون هيون، پر هيءَ جنگ ڄڻ زمين ۽ آسمان جي جنگ هئي. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته سنڌين کي ڪِرڻ آيو ئي نٿي. ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ته هر سنڌيءَ جي زخم مان هڪ نئون سنڌي اتي جو اتي پيدا ٿي وري وڙهڻ ٿي لڳو. مغلن کي هندن جا اُهي ديوتا ياد اچي ويا جن کي ڏھه ڏھه سر ۽ ويھه ويھه ٻانهون هونديون هيون. پر هنن سنڌين جي هر ٻانهن ويهن ويهن مغلن تي وار ڪندي ٿي ويئي. هڪڙي ترار هڪ ئي وقت ٻه ـــــ ٻه سريون اُڇلائيندي ٿي ويئي. هڪڙي ترار هڪ ئي وقت ٻه ـــــ ٻه ڪنڌ ڪپي ٿي ويئي. مغل سپاهي هنن جي ويجھو وڃڻ کان ڪيٻائڻ لڳا هئا. سردارن ۽ سپھه سالارن جي هُشيءَ ڏيارتي هو وري اڳتي وڌي ٿي آيا، پر هڪ نئين ڏهڪاءُ سان پوئتي هٽڻ ٿي لڳا. هڪ عجيب ڳالھه اها هئي ته سڄي وايو منڊل ۾ ڪيڪون ۽ دانهون رڳو مغلن جون هيون. سنڌين جي نڙيءَ ۾ ڄڻ آواز بند ٿي ويو هو، ۽ جيڪڏهن ڪو آواز هو ته اهو ڪِرڻ وقت هن جي زبان مان ”جيئي سنڌ!“ جو نعرو ٿي نڪتو. ان جو آواز ٻڌندي ئي ڄڻ سنڌين ۾ نئون روح، نئين جان، نئون رت اچي ٿي ويو، ۽ مغلن جون صفون ٽوڙيندا اڳتي وڌڻ ٿي لڳا. ڪا گھڙي ته اهڙي به آئي ٿي، جڏهن مغلن جو لشڪر پوئتي موٽڻ، ۽ ڀڄڻ جي راھه ڳولڻ لاءِ پويان نهارڻ ٿي لڳو. پر وري پنهنجي سپھه سالارن اميرن جي هشيءَ تي اڳيان وڌڻ ٿي لڳا.
    سنجھا ٿي ويئي، پر اڃا به ڪي سنڌي وڙهي رهيا هئا؛ ڄڻ هنن وڙهي مرڻ جو قسم کنيو هو، ۽ جڏهن سج ان نظاري ڏسڻ جو وڌيڪ تاب جھلي نه سگھيو، ۽ اولھه ۾ ڪنهن دور دراز گھرائيءَ ۾ منهن لڪائي روئڻ جو بهانو ڪري، هڪ ڪاري ڪڪريءَ پويان لڪي ويو، تڏهن آخري سنڌي به ڪِري پيو. ساري ماحول تي موت ڇانئجي ويو. ان وقت ائين ڀانيو ڄڻ ته ڌرتيءَ جو پنهنجو ساھه بند ٿي ويو هو. ڪوٽ جي برجن تي چڙهيل سنڌي پنهنجي ڪونڌرن لاءِ روئڻ به وساري ويٺا هئا. ٻانگن کي ٻانگون ڏيڻ وسري ويون هيون. قلندر جي نوبت به اڄ پهريون ڀيرو خاموش رهي. هي عجيب ماتم هو؛ خاموش، چپ! ائين ٿي ڀانيو ڄڻ سنڌين هميشه لاءِ ماتم ڪرڻ جو پھه ڪيو هو، ۽ اهو خاموش ماتم صدين تائين انسان ذات جي ضمير ۾ بڙڇيءَ جو گھاءُ بنجي چڪندو رهندو!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259586
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ