ڪتاب جو نالو: قرآن جو پيغام
مصنف: نور احمد ميمڻ
ڇپائيندڙ: حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 13 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1081 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 380 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌسلامت پاران
  • حق ۽ واسطا
  • ڪتاب ۾

  • نئين دنيا اوهان کي سڏي ٿي!
  • قرآن جي هدايت ڪنهن جي لاءِ؟
  • قرآن ڇا آهي؟
  • رڪاوٽون ۽ ڏکائيون
  • اعتماد ۽ ڀروسو
  • قرآني مشن جي تڪميل
  • عورتن لاءِ قرآن جي هدايت
  • شخصي تبديليءَ جا قرآني محرڪ
  • عدل ڇا آهي؟
  • رباني انسان بڻجو
  • رباني انسانن جو رويو
  • الله جي صفتن کي اپنايو
  • انسانيت جا بنياإي اخلاق
  • اجتماعي اخلاقن تي معاشيات جو اثر
  • اجتماعي تبديلي جا قرآني محرڪ
  • قرآن استحصالي نظام جو خاتمو گهري ٿو:
  • قرآن ڪمزورن کي طاقتور بنائڻ گهري ٿو:
  • قرآن ماڻهن جي شخصيت کي اوسر ڏئي ٿو:
  • قرآن جي تعليم انقلاب جي لاءِ آهي
  • قرآني عملي الاهيات
  • توحيد في الصفات ڇا آهي؟
  • توحيد في العبادت
  • قرآن جو ٻڌايل سماجي شعور
  • سماجي زندگيءَ جو پهريون ايڪو: فرد
  • سماجي زندگيءَ جو ٻيو ايڪو: ڪٽنب
  • سماج جو ٽيون ايڪو: قوم
  • سماج جو چوٿون ايڪو: بين الاقواميت
  • قرآن جو ٻڌايل اقتصادي شعور
  • قرآن سمجهڻ ۾ رڪاوٽ

  • ترتيب

    سنڌسلامت پاران

    هي ڪتاب ”قومن جي تباهيءَ جي تاريخ“ هارون يحيٰ جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي آهي. هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران 2012 ۾ ڇپايو ويو.

    سنڌيڪا وارن جا ٿورائتا آهيون جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي فراهم ڪئي.


    حق ۽ واسطا

    قرآن جو پيغام
    افادات: حڪيم الاسلام مولانا عبيدالله سنڌي
    ليکڪ: ابوالفضل نور احمد سنڌي

    پهريون ڇاپو: 2011ع
    ڪمپوزر: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: ذڪي سنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ: حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي

    ملهه: 40 رپيا


    ملڻ جا هنڌ
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ فون: 071-5628368، سنڌيڪا بوڪ شاب، 23 ٽريڊ سينٽر حيدر چوڪ فون: 03013594679 – ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- العماد بوڪ سيلرز، اردو بازا فون: 0212214521 ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي –سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد – عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو – نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ لاڙڪاڻو – رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو – رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين – رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ دادو – حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ، سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد. سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ، ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز، ڪنول ڪتاب گهر، مورو. حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه، ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ. ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار، رفعت بوڪ هائوس، ماتلي.
    مرچو لال پريمي، بدين. مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565


    خط و ڪتابت لاءِ

    6 سنڌي جماعت ڪو آپريٽو سوسائٽي، جوڳي موڙ بس اسٽاپ
    نيشنل هاءِ وي ڪراچي 75030
    فون: 021-4213117
    موبائل: 03002707097


    ڪتاب ۾

    نئين دنيا اوهان کي سڏي ٿي!

    1. هيءَ نئين دنيا اوهان کي خدا ۽ انسان جي تعلق جي بنيادن، خوبين ۽ نفاستن سان مالامال ڪندي. اوهان تي الله جي صفتن جو صحيح تصور آشڪار ڪندي ته جيئن توهان خدا پرستيءَ جي راهه ۾ ٿاٻا کائڻ ۽ ور وڙانگن رستن تي هلڻ کان بچي وڃو. هيءَ دنيا اوهان کي الله تعالى جي نيابت ۽ بندگيءَ جي عملي لقائن ۽ تعلق کان آگاهه ڪندي، جنهن کانپوءِ الله ۽ اوهان جي وچ ۾ رفاقت جو تعلق قائم ٿيڻو آهي.
    2. هيءَ نئين دنيا اوهان کي الله تعالى جي جوڙيل اٽل اختياري قانونن جو شعور عطا ڪندي. يعني جهڙي ريت دنيا ۾ هر شيءِ جي هڪ خصوصيت ۽ قدرتي تاثير مقرر آهي، تيئن انساني عملن جون پڻ معنوي خاصيتون ۽ نتيجا مقرر آهن. نيڪ عمليءَ جو نتيجو سٺائي ۽ بُري عمل جو نتيجو برائي آهي. ماڻهو ۽ قومون جيڪڏهن هن ڪائنات جي پالڻهار ۽ پروردگار جي عطا ڪيل قانونن مطابق عمل ڪنديون ته يقيناً ان جا بهتر نتيجا نڪرندا.
    3. هيءَ نئين دنيا اوهان جي سوچن ۽ عملن کي اهو ڪامل يقين عطا ڪندي ته انسان جي زندگي هِن دنيا ۾ ختم ڪانه ٿي وڃي ٿي. زندگيءَ جو سلسلو اڳتي به جاري رهي ٿو. انسان کان پنهنجن عملن جو پڇاڻو ٿيڻو آهي. هميشه واري ابدي زندگيءَ ۾ الله تعالى پنهنجي فرمانبردار ٻانهن کي پنهنجي قربت، رضا ۽ سلامتيءَ جي سايي ۾ رکندو پرسندس حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن سان الله تعالى قيامت ڏهاڙي نه ڳالهائيندو ۽ نه کين پاڪ ڪندو، بلڪه اهي دردناڪ عذاب ۾ هوندا.
    4. هيءَ نئين دنيا اوهان کي فلاح ۽ سعادت جي سڌي گس تي چاڙهي ڇڏيندي. اهڙو سڌو گس جنهن ۾ وروڪڙ ۽ کاهيون نه هونديون. هيءَ دنيا توهان کي هاڻوڪي زندگيءَ جي حسناڪين، فلاح ۽ ڪاميابيءَ جي اهڙن رستن کان آگاهه ڪندي، جنهن جي نتيجي ۾ آخرت جون حسناڪيون، فلاح ۽ ڪاميابيون اوهانجو مقدر بڻجي وينديون. اهي ئي چار ڳالهيون دين جو روح آهن.
    *
    قرآن سلامتيءَ جو سڏ آهي، نئين دنيا ۽ نئين زندگيءَ ڏانهن اچڻ جي دعوت آهي. پڪ ڄاڻو ته توهان جي زندگيءَ جو ڪوبه قدم، قرآن ڏانهن ۽ قرآن جي گهراين ۾ سفر کان وڌيڪ عظيم، بابرڪت ۽ لاڀائتو نٿو ٿي سگهي. اهو سفر اوهان کي قرآن جي لازوال مسرتن ۽ انهن اڻ کٽ خزانن ڏانهن وٺي ويندو، جيڪي توهانجي خالق ۽ مالڪ سموري انسانيت لاءِ اُماڻيا آهن. قرآن ۾ اوهان کي علم ۽ دانش جي ناقابل بيان خزانن جي دنيا نظر ايندي جيڪا زندگيءَ جي شاهراهن تي توهان جي رهنمائي ۽ سوچ ۽ عمل جي صحيح سُوڌ سنوار ڪندي. هِتي اُها گهري بصيرت ملندي جيڪا توهان کي مالامال ڪري ڇڏيندي ۽ سنئين دڳ لائيندي. اوهان کي اِن مان اهڙي روشني ملندي جيڪا توهانکي روح جي گهراين تائين منور ڪري ڇڏيندي. هتي توهان جي جذبن ۽ احساسن کي اهڙي حرارت ملندي جيڪا اوهان جي دل ۾ ته نرمي پيدا ڪندي پر اوهان جي ارادن کي جبلن کان به وڌيڪ مضبوطي عطا ڪندي.
    ڪالهه تائين توهان جي زندگيءَ ۾ جن سوالن جي ڪا اهميت ڪانه هئي ته: آئون ڪير آهيان؟ ڇو پيدا ڪيو ويس؟ ۽ منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ پر قرآن جي واديءَ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ توهان کي نه رڳو اشرف المخلوقات واري سڃاڻپ حاصل ٿيندي بلڪه توهان جي زندگيءَ کي هڪ نصب العين عطا ٿيندو. آدميت جو عروج توهان جو مسلڪ ۽ انسانيت جو ڀلو توهان جي فڪر ۽ عمل جو محور بڻجي ويندو. هن زندگيءَ ۾ اها ئي اوهان لاءِ وڏي وٿ هوندي ۽ ان سان ئي توهان کي هڪ عملي انسان جي سڃاڻپ حاصل ٿيندي.
    قرآن هديّ للناس آهي. هن ڪتاب جي ذريعي توهان کي انسانن جي هدايت جي ذميداريءَ جي خبر پوندي. توهان جي سوچ جو دائرو وسيع ٿيندو ۽ توهان انساني تهذيب جي مستقبل لاءِ پاڻ ارپيندا ۽ ان راهه ۾ جيڪا به رڪاوٽ آڏو ايندي ان سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. انسانن لاءِ اوهانجي سوچ انتهائي اهم ليکي ويندي. جڏهن توهان دنيا جي قومن جي عروج ۽ زوال واري صدين جي سفر جو قرآن ذريعي مشاهدو ڪندؤ ته توهان جي مشاهدي لاءِ توهانجي سوچ ۽ فڪر کي باقاعدي استدلال حاصل ٿيندو ۽ سچي مومن واري دانائي توهانجو ورثو بڻجي ويندي.


    قرآن جي هدايت ڪنهن جي لاءِ؟

    قرآن پنهنجا دروازا صرف انهن ماڻهن لاءِ کوليندو آهي، جيڪي زندگيءَ کي اجايو نٿا سمجهن. جيڪي سمجهن ٿا ته ڪائنات جي هيڏي شاهڪار نظام جي موجودگي ۽ انساني تخليق جي هيڏي ڍنگائتي جوڙجڪ ائين اجائي ناهي، بلڪه انسان جي هڪ وڏي ڪردار ۽ ذميداريءَ جو مظهر آهي. ان ڪري اُهي زندگيءَ جي مقصدن جون خوبيون ڳوليندا وتندا آهن: انهن جي اندر بنيادي طور انسانيت/ماڻهپي جو جوهر موجود آهي. هو پنهنجي ان جوهر کي وڌيڪ نکارڻ جو اُلڪو رکن ٿا. اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي الله جي منشا مطابق زندگي گذارڻ چاهين ٿا هيءُ قرآن انهن جي لاءِ هدايت آهي. اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ازلي حقيقتن جي ڳولا ۾ بيتاب ۽ سرگردان رهن ٿا، ووجدڪ ضالا فهدى.”اي پيغمبر، اسان توکي سرگردان (حق جو متلاشي) ڏٺو ته هدايت ڏني سين.“
    هيءَ هدايت دين جي سچن ساٿارين لاءِ آهي. فَاعْبُدِ اللہَ مُخْلِصًا لَّہُ الدِّیۡنَؕ﴿۲﴾ (الزمر 2) . جيڪي مقصد سان سچا هوندا ۽ دل ۾ درد هوندن، صرف انهن کي ئي قرآن جي خزانن مان موتي ميڙڻ جي اجازت آهي. پنهنجو پاڻ کي هن هدايت مطابق پرٽڻ، ان کي هينئين سان هنڊائڻ ۽ مڪمل وابستگي ۽ دل جي حضور سان ڪوشش ڪرڻ وارا ئي هن خزاني ۾ حصيدار ٿي سگهن ٿا.
    ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هن هدايت کي مڪمل وابستگيءَ سان اختيار نٿا ڪن. اهي تلاوت ته ڪن ٿا، پر قرآن جي هدايتن ۽ حڪمن مان لاڀ حاصل نٿا ڪن. اهي احترام جي جذبي تحت هن ڪتاب کي چُمي اکين تي ته رکن ٿا پر اهو پيغام حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿا رهن جيڪو شخصيت کي تبديل ڪري هدايت جي موتين سان مالا مال ڪري ڇڏيندو آهي. بندي کي بشر مان انسان بڻائي ڇڏيندو آهي. ڪي ٻيا ماڻهو خدا جو آواز ته ٻڌيو وٺن پر منجهن اهو عزم، اهو ارادو ۽ اهو حوصلو پيدا ڪونه ٿو ٿئي جيڪو الله جي سڏ جو پڙاڏو ٿيڻ ۽ ان مطابق زندگي گذارڻ لاءِ ضروري هوندو آهي. ڪي ته وري اهو ڪجهه به وڃايو ويهن جيڪو وٽن هوندو آهي ۽ پوءِ قرآن جا ملهائتا موتي ميڙڻ بدران هدايت جي ٻين درن تان چيلهه چٻي ڪندڙ اهڙو بار کنيو واپس موٽن جيڪو کين هميشه چيڀاٽيندو ۽ چيچلائيندو رهندو آهي. اهو ڪيڏو وڏو الميو ۽ بدنصيبي چئبي جو توهان قرآن ڏانهن اچو ۽ وري هٿين خالي موٽي وڃو! نه اوهان جي روح جي تار ڇِڙِي، نه ڪا دل ۾ لهر اُٿِي، نه زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي آئي. جهڙا آيا هيؤ اهڙا ئي واپس موٽي ويؤ!
    قرآن جي تلاوت جي سڀ کان وڏي حق ادائي، ان کي سمجهي پڙهڻ آهي. ان کانپوءِ ٻيو وڏو حق ان کي پاڻ لاءِ راههِ هدايت بنائڻ آهي. ياد رکو ته قرآن حڪيم جيڪو ڪجهه چوي ٿو ان تي عمل لاءِ جيستائين ارادو، عزم ۽ آمادگي پيدا نٿي ٿئي، اوستائين اوهان ان جي تلاوت جو حق ادا نه پيا ڪريو. ان صورت ۾ جيئن اهو چاهي ٿو ان مطابق ظاهري توڙي باطني طرح پنهنجي زندگي، روين ۽ ورتاءَ کي تبديل ڪرڻ کانسواءِ اوهانجي شخصيت جي ائين تعمير نه ٿي سگهندي، جيئن الله تعالى کي مثالي انسان جي تعمير گهربل آهي.
    جيڪڏهن اوهان جي ڪا عملي زندگي ئي ڪانهي ۽ انسانن ۽ سماج جو ڪو ذمو اوهان کنيو ئي ڪونهي. انسانن جي آزادي، وقار ۽ ڀلي جي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن سان سلهاڙيل ئي نه آهيو ته پوءِ توهان قرآن سان پنهنجو عملي تعلق قائم نٿا ڪري سگهو. توهان صرف ٽيبل آڏو ڪرسيءَ تي ويهي قرآن جي مطالعي سان رهنمائي تلاشڻ چاهيو ٿا ته اوهان جي مطالعي ۾ دانشوراڻو اضافو ته ضرور ٿيندو پر خدا کي گهربل هڪ ذميدار انسان طور اوهانجي سُوڌ سنوار ڪانه ٿي سگهندي. اهڙي طرح توهان ڪنهن چوديواريءَ ۾ چند مخصوص مذهبي رسمن جي ادائيگي سان قرآن تي عمل جي حاصلات جو گمان رکو ٿا ته ان صورت ۾ به اوهان قرآن جي تعليمات جي هڪ وڏي حصي کان محروم رهجي ويندؤ.
    قرآن جا حڪم، ان جي اخلاقي تعليم، ان جو سماجي شعور، ان جون معاشي هدايتون ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۽ رخن جي باري ۾ ان جا ٻڌايل اصول ۽ قانون ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ اوستائين نٿا اچي سگهن جيستائين هو عملي طرح انهن کي اختيار نٿو ڪري. نه ڪي اهو شخص هيءُ ڪتاب سمجهي سگهي ٿو جنهن پنهنجي انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ ان جي پيرويءَ کان پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيو هجي ۽ نه وري اها قوم ان کان آشنا ٿي سگهي ٿي، جنهن جا اجتماعي ادارا انسانيت جي تعمير لاءِ قرآن جي ڏسيل تعليمات جي برخلاف عمل ڪري رهيا هجن.


    قرآن ڇا آهي؟

    قرآن ۾ انسان لاءِ جيڪي ڪجهه آهي، ان جي عظمت ۽ اهميت جو ادراڪ ڪرڻ يا ان کي بيان ڪرڻ هن جي وس ۾ ئي ڪونهي پر الله توهار ڪرڻ لاءِ، اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه اندازو هئڻ گهرجي ته هيءُ ڇا آهي، اوهان لاءِ اهو ڪهڙي اهميت رکي ٿو ته جيئن توهان ۾، پنهنجي پوري وجود سان، قرآن سان وابسته ٿيڻ جو جذبو بيدار ٿئي. ڪُلي وابستگي، مڪمل سپردگي ۽ لڳاتار جاکوڙ جو جذبو، جيڪو قرآن جي تقاضا آهي.
    قرآن اوهان لاءِ الله تعالى جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. هيءُ حضرت آدم عليه السلام ۽ ان جي پونئيرن سان رب سائينءَ جي ان وعدي جي تڪميل آهي جڏهن کين چيو ويو هو ته منهنجي طرفان ڪا هدايت اوهان وٽ پهچي ته اهي ماڻهو جيڪي منهنجي انهي هدايت جي پيروي ڪندا، انهن کي نه ئي ڪو خوف هوندو، نه ئي ڪا ڳڻتي. (البقره 38)
    هن دنيا ۾ شر ۽ باطل قوتن جي مقابلي واري جدوجهد ۾ قرآن توهان جي ڪمزور وجود جو سهارو آهي. زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۾ اوهانجي خوف ۽ پريشانيءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ اهو ئي واحد ذريعو آهي. جڏهن خير ۽ شر ۽ لوڀ ۽ قرباني جي ڪشمڪش ۾ توهان سهل پسنديءَ جو شڪار ٿيندؤ ته ان وقت هيءُ ڪتاب اوهان کي عزم ۽ يقين جي مضبوطي عطا ڪندو. جڏهن اوهان ٻاٽ اونداهين ۾ ڀٽڪي رهيا هوندا ته ڪاميابي ۽ نجات جي راهه ڳولي لهڻ لاءِ صرف ۽ صرف قرآن جو سوجهرو ئي اوهان جي ڪم ايندو. اوهان جي شخصي بيمارين ۽ چئني پاسي نظر ايندڙ اجتماعي خرابين لاءِ واحد شفا به هيءُ قرآن ئي آهي. هيءُ توهان جي فطرت ۽ تقدير، توهان جي ذميدارين ۽ فرضن جي ياددهاني، توهان کي پيش ايندڙ خطرن جي رستا روڪ ۽ انعامن لاءِ مسلسل يادگيرو ۽ ذڪر آهي.
    ان ڪري جيستائين توهان پنهنجين سوچن ۽ عملن کي قرآن جي هدايتن مطابق پرٽڻ لاءِ تيار نٿا ٿيو ۽ ان جي عملي شروعات نٿا ڪريو، تيستائين سموري ڪوشش ۽ نيڪ نيتي بي لاڀ رهندي. مراقبن جهڙيون ذهني مشقون ۽ وجداني تجربا اوهان کي قرآن جي حقيقي خزانن جي ويجهو نٿا آڻي سگهن. بشري ڪمزورين، قدرتي مشڪلاتن ۽ خارجي رڪاوٽن جي ڪري قرآن جي پيروي ۽ زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ ۾ ناڪامي ٻي ڳالهه آهي. جيڪڏهن توهان قرآن سان تعلق جي باوجود مثالي عملي زندگي اختيار ئي نه ڪئي آهي ته اوهان قرآن جي هڪ عالم جي حيثيت سان شهرت ته حاصل ڪري سگهو ٿا پر اوهان خدا کي گهربل آئيڊيل انسان نٿا بنجي سگهو.
    قرآن پاڪ اهڙن ماڻهن تي سخت لفظن ۾ لعنت ملامت ۽ ڦٽڪار ڪئي آهي جيڪي خدا جي ڪتاب تي ايمان جو زباني اقرار ته ڪن ٿا، پر جڏهن کين عمل جي لاءِ چيو ويندو آهي يا فيصلائتي صورتحال آڏو ايندي آهي ته اهي ان هدايت کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن، ان کان منهن موڙي ويندا آهن، اهڙن ماڻهن کي ڪافر، فاسق ۽ ظالم قرار ڏنو ويو آهي.


    رڪاوٽون ۽ ڏکائيون

    هميشه خبردار رهو ته جيئن ئي توهان قرآن سان وابسته ٿي ان جو مطالعو شروع ڪندؤ ته شيطان، قرآن ڏانهن ويندڙ رستي ۾ هر ممڪن رڪاوٽون وجهڻ ۽ ڏکيائيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
    قرآن، الله تعالى ڏانهن وٺي ويندڙ صراط مستقيم جو واحد يقيني راهنما آهي. اها واٽ وٺي هلڻ انسان جي تقدير آهي. حضرت آدم جي پيدائش مهل ئي کيس انهن رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کان آگاه ڪيو ويو هو جيڪي انسان کي پنهنجي تقدير جي تڪميل لاءِ طئي ڪرڻيون آهن. انسان جون سموريون ڪمزوريون کولي پڌريون ڪيون ويون. خاص ڪري ارادي جي ڪمزوري ۽ نسيان (ويسلائپ) (طحه :115) اهو به واضح ڪيو ويو ته زندگيءَ جي سفر جي وک وک تي شيطان سندس راهه ۾ رڪاوٽ وجهندو. شيطان الله تعالى کي چيو هو: چڱو، جيئن تو مونکي گمراهيءَ ۾ مبتلا ڪيو آهي، مان به تنهنجي سڌي گس تي انهن انسانن جي تاڙ ۾ ويٺو هوندس. اڳيان، پويان، ساڄي ۽ کاٻي، هر پاسي کان کين گهيري وٺندس. تون انهن مان گهڻن کي شڪرگذار نه لهندين. (الاعراف: 17)
    ظاهر آهي ته شيطان خلاف سڄي زندگيءَ جي جهيڙي ۽ هدايت الاهي مطابق زندگي گذارڻ واري ڪوشش ۾ قرآن توهان جو سڀ کان مضبوط ڀرجهلو ۽ سگهارو ساٿي آهي. ان ڪري قرآن جي مطالعي لاءِ ارادي جي پهرين قدم کان وٺي، ان مطابق زندگي گذارڻ جي آخري قدم تائين شيطان ڪيترين ئي چالن، بهانن ۽ دوکي فريب جون رڪاوٽون وجهندو، جيڪي اوهان کي عبور ڪرڻيون پونديون. شيطان توهان جي نيت ۾ خلل وجهندو. توهان کي قرآن جي معنى ۽ پيغام کان بي خبر ۽ اوجهل رکڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو. اهو اوهان جي ذهن ۾ شڪ شبها پيدا ڪري سگهي ٿو، الله جي ڪلام ۽ اوهان جي روح جي درميان رڪاوٽ وجهي سگهي ٿو. بنيادي تعليمات بدران فروعي معاملن ۾ منجهائي سگهي ٿو. قرآن جي پيروي ڪرڻ کان دور ڪري سگهي ٿو يا قرآن جي مطالعي کي نظرانداز ڪرڻ يا ان کي ٻئي ڀيري لاءِ ملتوي ڪرڻ تي آماده ڪري سگهي ٿو. اهي سڀ خطرا ۽ انديشا خود قرآن ۾ وضاحت سان بيان ڪيا ويا آهن.
    قرآن ۽ اوهان جي وچ ۾ ٽين رڪاوٽ طاغوت، يعني شيطان جا ساٿاري طبقا بنجي سگهن ٿا. طاغوت ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي اکين کان اوجهل قوتن جي مدد سان اوهان سان مهاڏو اٽڪائي سگهي ٿو. اوهان جون پنهنجون خواهشون ۽ جذبا، اوهان جي استاد ۽ مرشد جو طريقو، اوهان جو فرقو ۽ اوهان جي جماعت جو مسلڪ، نظر نه ايندڙ قوتن جي روپ ۾ توهان کي وسوسن، فوري فائدن کان محرومي ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري سگهن ٿا يا تقدس ۽ احترام جي آڙ ۾ اوهان جي سوچ تي جمود ذريعي قرآن جي هدايت کان دور رکي سگهن ٿا. اهڙي ريت اکين کان اوجهل طاغوت يعني طاقتور طبقا ڏنڊي جي زور تي مختلف نقصانن، کٽڪن ۽ پريشانين جي گهيري ۾ آڻي حق ۽ باطل جي ويڙهه ۾ اوهانکي ڪمزور ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته شيطان جي ساٿارين جي ڪٿي به ڪمي ڪانهي. انهن کان پاڻ بچائي هلڻ لاءِ الڳ احتياط جي ضرورت هوندي آهي.


    اعتماد ۽ ڀروسو

    ڄاڻايل سموريون رڪاوٽون اورانگهيندي صرف ۽ صرف الله تي ڀروسو رکو. اهو ئي توهان کي قرآن جي مطالعي جي ڀرپور فائدن ڏانهن لاڙي سگهي ٿو. جهڙي ريت الله تعالى قرآن جي صورت ۾ پنهنجو پيغام پهچائي توهان تي وڏي ۾ وڏي رحمت ڪئي ۽ اوهانکي قرآن ڏانهن آندائين. اهڙي طرح الله جي رحمت ئي آهي جيڪا هِن اهم ۽ نازڪ ڪم ۾ توهان جي مددگار ٿي سگهي ٿي. پر ان لاءِ اوهان جي تڙپ ۽ آرزو ضروري آهي. توهان جي ذهن ۽ دل ۾ جيتري وڌيڪ تڙپ، آرزومندي ۽ جستجو هوندي، توهان سندس رحمت ۽ هدايت جا اوتري قدر وڌيڪ حقدار بڻبؤ. توهانکي انتهائي قيمتي، لاڀائتا ۽ معياري وکرگهرجن، جن کي حاصل ڪرڻ ايترو آسان ناهي. تمام گهڻا خطرا کڻڻا پوندا. ڪيتريون ئي رڪاوٽون اورانگهڻيون پونديون. پوءِ جڏهن توهان پوري سچائي ۽ وابستگيءَ سان مڙني خطرن ۽ سمورن امتحانن مان پاس ٿي نڪرو ٿا ته الله جي قبوليت جا سڀئي در کليو پون.
    توهانجو ارادو ۽ ڪوشش اڻٽر ۽ اولين ذريعا آهن. ان کانپوءِ الله جي مدد ۽ توفيق يقيني ضمانت آهي، جنهن سان توهان پنهنجو رستو ڪاميابي ۽ خوش اسلوبيءَ سان طئي ڪري سگهو ٿا. سچي مومن جي حيثيت سان توهان کي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي. الله ۽ قرآن کان وڌيڪ اهم شيءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ قرآن لاءِ توهان جيتري قدر ڪري رهيا آهيو ان تي فخر نه ڪريو. پنهنجين ڪمزورين ۽ الله تعالى جي مقرر ڪيل حدن کي هميشه نظر ۾ رکو. قرآن ڏانهن ويندي الله تعالى جي رضا جو حصول ئي ذهن ۾ هئڻ گهرجي. اِنهي مقصد جي لاءِ توهان جيڪو به ڪم شروع ڪريو، اهو نياز نوڙت ۽ خدا تي مڪمل اعتماد ۽ ڀروسي واري احساس سان شروع ڪريو. هر وک تي الله جي مدد ۽ سهارو طلبيندا رهو.
    سمجهي پڙهڻ
    هيءَ اهم ڳالهه پڻ هر وقت مدنظر رکڻي آهي ته توهان جيترو به قرآن پڙهي رهيا آهيو، ان کي سمجهڻ لاءِ توهان کي پنهنجي شخصيت کي ان ۾ عملي طور پوري طرح شامل ڪرڻو پوندو. ان عمل ۾ اوهان جي اندر جي انسان جي شموليت سڀ کان اهم ۽ اثرائتو ذريعو ڄاڻڻ گهرجي.
    توڙي جو ڪنهن جي دل تائين قرآن جي رسائيءَ جي لاءِ لازماً اها خبر هئڻ گهرجي ته قرآن کيس ڇا چئي رهيو آهي پر اهو اهڙو اڻٽر شرط ڪونهي جو ان کان سواءِ انسان، قرآن جي برڪتن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري ئي نه سگهي. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي قرآن جو هر لفظ سمجهن ٿا پر سندن دلين جا در قرآن لاءِ بند آهن. ڪي وري اهڙا به آهن جيڪي ان جو هڪ لفظ به نٿا سمجهن پر اهي الله سان تعلق، محبت، قرب، اطاعت ۽ پاڻ ارپڻ جي روح پرور ڪيفيت سان سرشار هوندا آهن. ائين ڇو آهي؟ ان ڪري جو قرآن سان تعلق جو دارومدار تڙپ ۽ جستجوءَ تي آهي ۽ سندن دليون ان کان خالي نه هونديون آهن. پوءِ به ان سان، قرآن جي ڏنل پيغام کي سمجهڻ جي بي انتها اهميت تر جيتري به نٿي گهٽجي.
    هتي اسين ”سمجهڻ“ جو لفظ هِن مفهوم ۾ استعمال ڪري رهيا آهيون ته لفظن جي مطلب جي خبر هجي. غور و فڪر، تدبر، معنى تائين پوري رسائي، صورتحال تي ان کي لاڳو ڪرڻ، اهو سڀ ان ۾ شامل آهي.
    قرآن جي سمجهه حاصل ڪرڻ واري سفر دوران جيڪڏهن توهان پهرئين ئي ڏاڪي تي پاڻ کي پوري طرح اُن الله جي حوالي ڪري پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ ۽ زندگيءَ جي نئين سر تعمير جي شروعات نٿا ڪريو، جنهن اوهان کي قرآن ڏنو آهي ته پوءِ قرآن جي مطالعي مان توهانکي صفا ٿورڙو فائدو ٿيندو. جيڪڏهن عمل جي لاءِ ارادي جي قوت ۽ جاکوڙ جو جذبو ڪونهي ته پوءِ قلبي ڪيفيتن، روح جي وجد آفريني ۽ علم ۾ اضافي سان اوهانکي ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن قرآن اوهان جي ڪردار تي اثرانداز نٿو ٿئي، اوهان اُن جي حڪمن جي پيروي نٿا ڪريو ۽ جن ڳالهين کان اهو روڪي ٿو انهن کان نٿا رڪجو ته پوءِ سمجهي ڇڏيو ته توهان قرآن کي ويجها نه پيا ٿيو.
    قرآن جو هر لفظ اطاعت، عمل ۽ تبديليءَ جي دعوت آهي. اُن جا حڪم نه مڃڻ وارن کي ڪافر، ظالم ۽ فاسق چيو ويو آهي. (المائده: 44-47)
    الله جو ڪتاب هوندي به ان کي نه سمجهڻ ۽ ان تي عمل نه ڪرڻ وارن کي اهڙا گڏهه قرار ڏنو ويو آهي جن تي بار لڏيل آهي پر جيڪو ڪجهه مٿن لڏيل آهي، نه اُن جي باري ۾ ڪا خبر اٿن ۽ نه وري اُن مان ڪو فائدو حاصل ڪري ٿا سگهن.(الجمعه:5)
    ”اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جي خلاف رسول الله ﷺ قيامت ڏهاڙي دانهيندو ته: اي منهنجا پالڻهار، منهنجي قوم هِن قرآن کي ڪُنڊائتو ڪري ڇڏيو هو.“ (الفرقان:30)
    قرآن کي وساري نظرانداز ڪري ڇڏڻ يا ڪُنڊائتو ڪري ڇڏڻ جو مطلب آهي اُن کي نه پڙهڻ، نه سمجهڻ ۽ اُن مطابق زندگي نه گذارڻ ۽ قرآن کي پراڻي دؤر جو اهڙو قصو سمجهڻ جنهن جو هاڻ ڪوبه ڪارج نه رهيو هجي. الله جي رسولﷺ قرآن جي پيرويءَ تي زور ڀرڻ لاءِ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي. پاڻ فرمايائون:
    ”منهنجي اُمت جا گهڻا منافق قرآن پڙهندڙن منجهان هوندا.“ (مسند احمد)
    ”اهو شخص قرآن جو سچو پيروڪار نٿو ٿي سگهي جيڪو اُن جي حرام ڪيل کي حلال سمجهي.“ (ترمذي)
    ”قرآن جي تلاوت ڪريو تان ته جنهن کان اهو روڪي ٿو ان کان رڪجو. جيڪڏهن هيءُ توهان کي اِن قابل نه بڻائي جو توهان رُڪجي وڃو ته ائين سمجهو اوهان ان جي حقيقي معنى ۾ تلاوت نه ڪئي آهي.“ (طبراني)
    صحابين سڳورن لاءِ قرآن سکڻ جو مطلب ان کي پڙهڻ، ان تي غور و فڪر ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ هوندو هو. روايت آهي ته ”جيڪي ماڻهو قرآن پڙهڻ ۾ مشغول هئا، ٻڌائين ٿا ته عثمان ابن عفان ۽ عبدالله بن مسعود جهڙا ماڻهو جڏهن هڪ ڀيرو رسول الله ﷺ کان ڏهه آيتون سکي وٺندا هئا ته جيستائين انهن آيتن ۾ علم ۽ عمل جي حوالي سان جيڪو ڪجهه هوندو هو، ان کي واقعي پِرائي پروڙي نه وٺندا هئا، تيستائين اڳتي نه وڌندا هئا. ٻڌائيندا هئا ته هُنن قرآن ۽ عمل گڏوگڏ سکيو آهي. اهڙي ريت ڪڏهن ته اهي صرف هڪ سورت سکڻ ۾ ڪيترائي سال لڳائي ڇڏيندا هئا.“ (سيوطيِ: الاتقان في علوم القرآن)
    قرآن جي مطالعي سان اوهانجي دل ۾ ايمان پيدا ٿي وڃڻ گهرجي. انهيءَ ايمان مطابق اوهان جي زندگيءَ کي شڪل ملڻ. اهو ڪو اهڙو اينگهائيندڙ مرحليوار عمل ڪونهي جو توهان پهريان ڪيترائي سال قرآن پڙهڻ ۾، پوءِ ان کي سمجهڻ ۾، پوءِ ايمان مضبوط ڪرڻ ۾ لڳايو ۽ ان کان پوءِ ان تي عمل ڪريو. جڏهن توهان الله جو ڪلام ٻڌو ٿا يا ان جي تلاوت ڪريو ٿا ته توهان ۾ ايمان جي چڻنگ دُکي پوي ٿي. جڏهن ايمان اندر ۾ اوتارو ڪري ٿو ته زندگي بدلجڻ شروع ٿي وڃي ٿي. توهان کي هيءَ ڳالهه ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته قرآن مطابق زندگي گذارڻ جي سڀ کان اولين ۽ بنيادي تقاضا هيءَ آهي ته توهان اهم فيصلو ڪريو، توهان ئي سڀ کان وڏو قدم کڻو. ٻيا ماڻهو جيڪو وڻينِ سو ڪن، معاشري جا مطالبا ڪهڙا به هجن، توهان جي آسپاس جيڪي به سوچون ۽ خيال حاوي هجن، پر توهانکي پنهنجي زندگيءَ جو گس مڪمل طور تبديل ڪرڻو آهي. اهو فيصلو وڏيون قربانيون ٿو گهري پر جيڪڏهن توهان قرآن کي خدا جو ڪلام مڃي اُن تي ايمان آڻي ميدان ۾ نڪري پوڻ لاءِ تيار نه آهيو ته پوءِ جيڪو وقت قرآن سان گذاريو پيا، ان جو ڪو بهتر نتيجو سامهون ڪونه ايندو.
    شروع ۾ ئي اهو واضح ڪيو ويو آهي ته قرآن صرف انهن ماڻهن لاءِ هدايت آهي جيڪي ماڻهو آدم جي تخليقي مقصد ”آدميت“ سان جيئڻ گهرن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو خدائي قانونن جي خلاف زندگي گذارڻ جي هاڃيڪارين ۽ ان جي مڪافات عمل واري ڏمر کان بچڻ خاطر عمل لاءِ تيار آهن ۽ اهي ئي متقي آهن (البقره 1-5) قرآن علم ۽ عمل ۽ ايمان ۽ صالح عملن جي وچ ۾ ڪابه دُوري ۽ فاصلو تسليم نٿو ڪري.


    قرآني مشن جي تڪميل

    قرآن مطابق زندگي گذارڻ واري مقصد جو هڪ ضروري ۽ اهم حصو هيءُ آهي ته آسپاس جي ماڻهن تائين اُن جو پيغام پهچايو. الله جي رسول ﷺ تي جيئن ئي پهرين وحي نازل ٿي ته پاڻ سڳورن ﷺ ان کي ٻين ماڻهن تائين پهچائڻ جي ذميداري محسوس ڪري ورتي. ٻِي وحي ”قُمْ فَاَنۡذِرْ“ جو حڪم کنيو آئي. ٻيو ته ڪيترن ئي هنڌن تي رسول ﷺ جن تي اهو واضح ڪيو ويو ته قرآن کي پهچائڻ، ان کي ٻڌائڻ ۽ ان جي تشريح ڪرڻ توهان جو اولين فرض ۽ توهان جي زندگيءَ جو مشن آهي.
    (الانعام: 19، الفرقان: 1، الانعام: 105، المائده 67، الاعراف: 157)
    پاڻ سڳورن ﷺ جي پيروڪار ۽ الله جي ڪتاب جي حامل هئڻ جي حيثيت سان ساڳيو ئي مشن هاڻ اسانجي ذميداري آهي. اسان وٽ قرآن جي موجودگيءَ جي تقاضا آهي ته اسين ان کي پهرين پاڻ سمجهون ۽ پوءِ ٻين تائين پهچايون. خيرامت جي طور تي اسان کي سڄي انسانيت جي لاءِ دعوت جو منصب عطا ٿيو آهي. ان منصب جي تقاضا آهي ته اسان سڄي انسانيت جي لاءِ مثال بڻجون. شهداءَ علي الناس جو به اهو ئي مطلب آهي. انهيءَ منصب جي ادائگي به رڳو هُدًي الناس، يعني قرآن حڪيم جي ذريعي ئي سرانجام ٿيڻي آهي. انڪري اهو اسان کي سڄي انسانيت تي پڌرو ڪرڻ گهرجي. ٻڌائڻ گهرجي ۽ لڪائي رکڻ نه کپي.
    ”اهل ڪتاب کي اهو وعدو به ياد ڏياريو جيڪو الله کانئن ورتو هو ته توهانکي ڪتاب جي تعليمات ماڻهن تائين پهچائڻي پوندي. اها ڳجهي نه رکندؤ. پر هُنن ڪتاب کي ڇڏي ڏنو ۽ معمولي قيمت تي ان کي وڪڻي ڇڏيو آهي، ڪيڏو ڪڌو ڪاروبار آهي جيڪو ڪري رهيا آهن.“ (آل عمران: 187)
    جيڪڏهن توهان جي دل ۽ هٿن ۾ ڪا ڏياٽي آهي ته ان جي روشني ڦهلجڻ گهرجي. جيڪڏهن توهانجي اندر ۾ ڪو ڀنڀٽ ڀڙڪي رهيو آهي ته ان جو سوجهرو ٻاهر نڪري ٻين تائين پهچڻ گهرجي... جيڪي ماڻهو عارضي دنياوي مقصدن ۽ فوري فائدن کي ترجيح ڏيندي ائين نٿا ڪن، اهي حقيقت ۾ پنهنجو ڀڀ باهه سان ڀري رهيا آهن.
    ”سچ اهو آهي ته جيڪي ماڻهو الله تعالى جي نازل ڪيل حڪمن کي معمولي فائدن تي قربان ڪن ٿا، اهي هڪ وڏي تباهيءَ جو پاڻ پنهنجي هٿن سان انتظام ڪري رهيا آهن. قيامت جي ڏينهن الله تعالى ساڻن ڪونه ڳالهائيندو، نه وري کين پاڪ ڪندو. اهي الله جي لعنت جا حقدار هوندا. (البقره - 174)
    ” جيڪي ماڻهو اسانجي نازل ڪيل تعليمات کي لڪائين ٿا، ان جي باوجود ته اسان سڀني انسانن جي رهنمائيءَ جي لاءِ اهي پنهنجي ڪتاب ۾ بيان ڪري چڪا آهيون، پڪ ڄاڻو ته الله پڻ مٿن لعنت وجهي ٿو ۽ سمورا لعنت وجهڻ وارا به مٿن لعنت وجهن ٿا.“ (البقره: 159)
    ”البته جيڪي اها روش ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي طرز عمل ۾ سڌارو آڻين ۽ جيڪو ڪجهه لڪائيندا هئا، ان کي پڌري پٽ بيان ڪن ته کين معاف ڪري ڇڏيندس.“ (البقره - 160)
    ” پر جيڪڏهن اهي اُن ئي حالت ۾ مري ويا ته مٿن سڀ جو سڀ لعنت وجهندا. جن ماڻهن ڪفر جو رويو اختيار ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويا ته انهن تي الله، فرشتن ۽ سمورن انسانن جي لعنت هجي.“ (البقره: 161)
    ”باقي رهيا اهي ماڻهو جيڪي الله جي عهد ۽ پنهنجن قسمن کي معمولي قيمت تي وڪڻيو ڇڏين ته انهن جو آخرت ۾ ڪوبه حصو ڪونهي. الله قيامت جي ڏينهن ساڻن ڪونه ڳالهائيندو، نه انهن ڏانهن ڏسندو، نه کين پاڪ ڪندو.“
    (آل عمران: 77)
    هاڻي پنهنجو پاڻ کي ڏسو، اڄوڪن مسلمانن کي ڏسو! هِن حقيقت جي باوجود ته ڏينهن رات لکين ماڻهو قرآن جي تلاوت ڪن ٿا پر ان سان ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي. ماڻهن جا حال اهي ئي ساڳيا! صورتحال ۾ ڪو فرق ڇو نٿو اچي؟ ان ڪري جو، يا ته اسين اِن کي پڙهون ٿا پر سمجهون نٿا. جيڪڏهن سمجهون به ٿا ته اِن کي تسليم نٿا ڪريون. جيڪڏهن زبان سان مڃون ٿا ته پوءِ ان تي عمل نٿا ڪريون يا جيڪڏهن عمل ڪريون ٿا ته صرف اُن جي ڪجهه حصي تي عمل ڪريون ٿا ۽ ٻئي حصي کي وري رد ڪريون ٿا. يا جڏهن اسين ان کي پڙهڻ يا ان جي ڪنهن حصي تي عمل ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهيون ته ساڳئي وقت اسين ان کي لڪائڻ ۽ اُن جي روشني ٻي دنيا تائين نه پهچائڻ جو بدترين ڏوهه ڪري رهيا هوندا آهيون:
    ”منجهانئن ڪي اڻ پڙهيل آهن جيڪي الله جي ڪتاب کي صرف پنهنجين خواهشن جو مجموعو سمجهن ٿا ۽ فقط پنهنجي وهم و گمان تي هلندا پيا وڃن. پوءِ هلاڪت ۽ تباهي آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي (قرآن کان ٻاهر) هٿ ٺوڪي شريعت ٺاهين ٿا. پوءِ ماڻهن کي چون ٿا ته اها الله وٽان آئي آهي ته جيئن ان جي ذريعي معمولي قيمت حاصل ڪري سگهن. (البقره: 78: 79)
    ”پوءِ ڇا اوهان ڪتاب جي هڪ حصي تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ٻئي حصي کان انڪار ڪريو ٿا؟ پوءِ اوهان مان جيڪي ماڻهو ائين ڪن انهن جي سزا اِن کانسواءِ ڇا آهي ته دنيا جي زندگيءَ ۾ ذليل ۽ خوار ٿيندا رهن ۽ آخرت ۾ پڻ شديد عذاب ڏانهن سڏيا وڃن.“ (البقره: 85)
    اسانجي ذهنن ۾ تر جيترو به شڪ نه هئڻ گهرجي ته جيستائين اسين قرآن جا گواه هئڻ جي سڀ کان اهم ذميداري ادا نٿا ڪريون جيڪا اُن جو حامل هجڻ ۽ ان کي پڙهڻ جي ڪري اسان تي عائد ٿئي ٿي، تيستائين اسين قرآن جو حق هرگز ادا نٿا ڪري سگهون. اسان جو ماڻهپو، اسان جي انساني عظمت، اسان جو خيرامت هجڻ، اسان سان استخلاف في الارض جو واعدو، اهي سڀ قرآن ۾ ٻڌايل اصولن جي نتيجي ۾ ملڻا آهن جيڪڏهن اسان اهي اتان حاصل نٿا ڪري سگهون ته پوءِ اسان کي تباهي، زوال ۽ خواريءَ کان ڪير به بچائي نٿو سگهي. اسان جي روزاني زندگين ۾ هي طرح طرح جون بي عزتيون، ذلتون، ڌڪا ٿاٻا ۽ جيڪا امن سلامتي ۽ خوشحاليءَ جي اڻهوند اسانجي حصي ۾ آئي آهي اها صرف قرآن ۽ ان جي سونپيل مشن ڏانهن اسانجي روين جي ڪري آئي آهي.
    الله تعالى قرآن سان ڪن قوتن کي زوال ته ڪن کي وري عروج عطا ڪندو آهي. ”ڪاش اهي تورات، انجيل ۽ ٻين ڪتابن تي (سچائيءَ سان) قائم هجن ها جيڪي سندن رب جي طرفان انھن ڏانهن اُماڻيا ويا هئا ته ضرور انهن لاءِ مٿان رزق وسي ها ۽ هيٺان (زمين مان) نعمتون ملن ها.“ (المائده: 66)
    اسين قرآن جي باري ۾ ڪيترو به اعلى علمي معيار حاصل ڪري وٺون، ان جي مڪمل ۽ حقيقي معنى سمجهڻ ۽ دريافت ڪرڻ ۾ اوستائين ڪامياب نٿا ٿي سگهون جيستائين اسين قرآن جي عملي اطاعت نٿا ڪريون.
    رسول الله ﷺ جن پنهنجي صحابه ڪرام کي فرمايو: ”توهان ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا جڏهن توهان پنهنجين نمازن جي سندن نمازن سان، پنهنجن روزن جي سندن روزن سان، پنهنجن نيڪ عملن جي سندن نيڪ عملن سان ڀيٽ ڪندؤ ته اوهان کي پنهنجا اعمال صفا اُڇاترا محسوس ٿيندا. اهي قرآن پڙهندا هوندا پر اهو سندن نڙيءَ کان هيٺ نه لهندو.“ (بخاري)


    عورتن لاءِ قرآن جي هدايت

    قرآن حڪيم کي جهڙي طرح مثالي انسان جي گڻن وارا مسلم ۽ مومن، اطاعت گذار ۽ ذميدار، صادق ۽ صابر، سخي ۽ سٻاجها، روزيدار ۽ پاڪدامن، ذاڪر ۽ داعي مرد پسنديده آهن، بلڪل ساڳئي ريت کيس اهڙيون ئي مثالي عورتون پڻ پسنديده آهن. (الاحزاب 35 ۽ تحريم 5) پر اِن سان گڏ عورت کي الله تعالى اطاعت گذاري ۽ نيڪ دليءَ جي اهڙن نرالن ۽ مورت ڀرين گُڻن سان پڻ نوازيو آهي،جنهن سان اِها انهن خدائي نعمتن جي موجودگيءَ ۾ گهر جي اداري کي هلائڻ جي هنر ۽ همت واري خوبيءَ سان سرشار هوندي آهي. اها، گهر جي ننڍڙي رياست هلائڻ جي اصل ذميوار هوندي آهي. ان رياست مان ايندڙ نسلن جي تعمير ۽ ترقي ٿيڻي آهي. انهن نسلن کي گهر جي اداري مان مليل انهيءَ تربيت جي روشنيءَ ۾ پنهنجو مقام بيهارڻو آهي. ڪاميابيون حاصل ڪرڻيون آهن ۽ وڏن وڏن اجتماعي ادارن سان گڏ پنهنجي ڪامياب شخصيت واري شراڪت رکڻي آهي. عورتن کي پنهنجا فرض ۽ ذميواريون نڀائڻ جو اهڙو هنر ۽ سليقو انسانيت جي آخري منشور قرآن جي اندران حاصل ڪرڻو آهي. انسان جون سموريون ذاتي حيثيتون ۽ اجتماعي ادارن جون سموريون نوعيتون ڪهڙي ريت گڏيل عملي سرگرمين ۾ مربوط رهن، اهو قرآن جو سڀ کان وڏو معجزو آهي. مسلمان عورتون معجزن جي انهيءَ سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي پنهنجي لاءِ سعادتن جا موتي ميڙي سگهن ٿيون. اهڙي ريت قرآن جي انهيءَ هدايت جي روشنيءَ ۾ اهي نه رڳو اطاعت گذاري، نيڪ بختي، پاڻ ارپڻ جي جذبي ۽ رازداريءَ جي صفتن سان پنهنجي گهر کي جنت جو نمونو بڻائي سگهن ٿيون. بلڪه مومناڻين جي خوبين سان اهي پنهنجي خاندان ۽ برادريءَ واري سسٽم کي پڻ انسانن جي لاءِ لاڀائتو بڻائي سگهن ٿيون. اهي ئي محدود دائري واريون چڱايون انساني سماج کي وڏي پئماني تي فلاحي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ جو باعث بڻبيون آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته عورتن جو تربيتي ڪردار سندن ذميدارين ۾ انتهائي اهميت حاصل ڪري وٺندو آهي، جنهن کانپوءِ ڪنهن عورت جي زندگي ان جي لباس ۽ زيورن جي ڏيکاءُ جو شوپيس ڪانه ٿي رهي بلڪه اها خدا جي تخليقي نظام جو هڪ نفيس ۽ شاهڪار نمونو بڻجي زال ۽ ماءُ جي روپ ۾ توڙي استاد ۽ داعيءَ جي حيثيت ۾ معرفتِ خداونديءَ جي گواهه ٿي پوندي آهي.


    شخصي تبديليءَ جا قرآني محرڪ

    قرآن مجيد متقين جي لاءِ هدايت آهي
    قرآن حڪيم جي منڍ ۾ هن ڪتاب جو تعارف ڪرائيندي الله تعالى فرمايو آهي ته هي متقين جي لاءِ هدايت آهي: ہُدًی لِّلْمُتَّقِیۡنَ. (البقره-2) هدايت جي ضرورت گمراهن ۽ گنهگارن کي وڌيڪ هوندي آهي پوءِ قرآن مجيد کي انهن جي بجاءِ سڀ کان اول متقين لاءِ هدايت ڇو قرار ڏنو ويو، جيڪي اڳ ۾ ئي پرهيزگار آهن. جڏهن اسان متقيءَ جي معنى سمجهي وٺنداسين ته اسان جي مٿان هيءَ حقيقت آشڪار ٿي ويندي ته قرآن کي سڀ کان اول متقين جي لاءِ هدايت ڇو قرار ڏنو ويو. حڪيم الاسلام مولانا عبيدالله سنڌي رحمة الله ان جي وضاحت ۾ لکيو آهي ته تقوى هڪ ماڻهپي جو استعداد ۽ صلاحيت آهي، جنهن سان ماڻهو پاڪيزگي، عجز، سخاوت ۽ انصاف ڪرڻ جو اهل بڻبو آهي. ان ڪري جيڪو ان استعداد وارو شخص قرآن جي دنيا ۾ داخل ٿيندو ته اهڙن ماڻهن جي لاءِ قرآن پنهنجي هدايت جا دروازا کولي ڇڏي ٿو.
    مولانا عبيدالله سنڌي رحمة الله تقوى جي معنى ۾ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحمة الله جي ڪتاب ”غنية الطالبين“ جو حوالو ڏيندي پيغمبر ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جو فرمان نقل ڪيو آهي ته تقوى سڄي جي سڄي هن آيت ۾ بند آهي:
    اِنَّ اللہَ یَاۡمُرُ بِالْعَدْلِ وَالۡاِحْسَانِ وَ اِیۡتَآیِٔ ذِی الْقُرْبٰی وَیَنْہٰی عَنِ الْفَحْشَآءِ وَالْمُنۡکَرِ وَ الْبَغْیِۚ یَعِظُكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَکَّرُوۡنَ ﴿۹۰﴾
    ”بيشڪ، الله تعالى انصاف ڪرڻ ۽ ڀلائي ڪرڻ ۽ مائٽن کي ڏيڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ بيحيائي ۽ بڇڙي ڪم ۽ سرڪشيءَ کان روڪي ٿو. اوهان کي نصيحت ڪري ٿو من اوهين ياد رکو.“ (النحل – 90)
    مولانا عبيدالله سنڌي رحمة الله فرمائي ٿو ته قرآن حڪيم ۾ جتي به تقوى جو ذڪر آهي، اتي تقوى جي لاءِ جن خوبين جي اپٽار آهي، اهي خوبيون قرآن حڪيم جي انهيءَ آيت جي تشريح ئي آهن. اهوئي سبب آهي جو قرآن شريف ۾ هي واضح حڪم آيو آهي ته انصاف ڪندڙ ٿيو ته اوهان تقوى کي ماڻي وٺندؤ: اِعْدِلُوۡاہُوَ اَقْرَبُ لِلتَّقْوٰی. (المائده 8) هن آيت ۾ تقوى جي اها تشريح پوري چٽائيءَ سان سمايل آهي.
    هتان واضح ٿيو ته قرآن جي هدايت، عجز، سخاوت، عدل ۽ انصاف جي واٽ تي هلندڙ ۽ ان جي طلبگارن جي لاءِ آهي. جنهن ماڻهوءَ کي ماڻهپي جي خوبين ۽ عدل انصاف سان جيئڻ جي نيت ئي ڪونهي سو قرآن مان هدايت حاصل ڪري نه سگهندو


    عدل ڇا آهي؟

    اِنَّ اللہَ یَاۡمُرُ بِالْعَدْلِ وَاِلاحسَانِ (النحل-90)
    الله عدل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو. عدل جي معنى آهي جيڪا شيءِ پنهنجي نفس لاءِ گهرجي، ان شيءِ جو اهڙو ئي حق ٻئي کي به ڏجي. جيئن پيغمبر ڪريم صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ به اهو ئي پسند ڪريو جيڪو پنهنجي نفس لاءِ ڪريو ٿا.
    وَالۡاِحۡسَانِ – الله احسان ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو. احسان جا ٻه رخ آهن. هڪ هيءُ ته انسان جنهن سان نيڪي ڪري، ان جي گهرج پٽاندڙ ان جي لهڻي جو جيترو حق بڻبو هجي سو ان کي ڏئي ڇڏي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو لهڻو ليکو به ڇڏي ڏئي ته ان کي ”احسان“ چيو ويندو. جڏهن ڪنهن جي بدحاليءَ جي صورتحال سامهون هجي ته پوءِ احسان کي ڇڏڻ عدل جي خلاف ٿي پوندو آهي. احسان جو حڪم الله تعالى جو آهي. فرمانبردار ٻانهو الله جي حڪم کي اکين تي رکي الله جي لاءِ ڀال ۽ ڀلايون ڪري ”في سبيل الله“ جي سعادت ماڻي وٺندو آهي. مولانا عبيدالله سنڌي رحمة الله فرمائي ٿو ته اهڙي ماڻهوءَ تي جڏهن ڪا مصيبت ڪڙڪندي آهي ته الله سندس مٿان، سندس آسپاس ۽ سندس آڏو اچي واهرو بڻبو آهي. الله پنهنجن اهڙن ٻانهن کي اڳتي آڻي سندس مدد ڪرائيندو آهي جيڪي بنا جتائڻ جي سندس ڀرجهلا ٿيندا آهن. ٻانهو جڏهن اهڙا قدرت جا رنگ ڏسندو ته کيس الله جي مهربانيءَ وارو قانون ياد اچي ويندو. بخاري ۽ مسلم جي هن متفق عليه حديث شريف ۾ به اهڙي ئي غيبي تائيد ڏانهن اشارو آهي ته : ”جڏهن بندو، الله جي بندن جو ڀرجهلو ٿيندو آهي ته، الله فرمائي ٿو : مان اهڙي بندي جو هٿ ٿي پوندو آهيان، اک ٿي پوندو آهيان ۽ قدم ٿي پوندو آهيان..“
    اِیۡتَآیِٔ ذِی الْقُرْبٰی ۾ محتاجيءَ جو قيد ڪونهي، بلڪه پاڻ اڳتي وڌي انهن جي بحال ڪاريءَ ۾ مددگار ٿيڻو آهي. وَالۡاَرۡحَامِ اهي ٽي حڪم يعني عدل، احسان ۽ ايتاءِ ذي القربى واجب آهن ۽ تقوى جو روح آهن. اهڙي طرح تقوى جي لاءِ ٻيا ٽي ڪم هي آهن:
    وَیَنْہٰی عَنِ الْفَحْشَآءِ وَالْمُنۡکَرِ وَ الْبَغْیِۚ (النحل-90)
    1- فحشاءِ يعني بي حيائيءَ جي ڪمن کان رڪجڻ. انسان جنهن ڪم کي ماڻهن کان لڪائي ٿو ۽ دل ۾ ان ڪم جو بڇڙو هجڻ کٽڪي ٿو، يعني ضمير ملامت ڪري ٿو ته اهو بي حيائيءَ جو ڪم ليکبو، جنهن کان بچڻ تقوى آهي.
    2- منڪرات يعني جنهن ڪم کي سماج ڏوهه قرار ڏنو آهي، انهن ڪمن کان بچجي.جهڙوڪ: تڪبر، هٺيلائپ، ڪنجوسائپ، لوڀ، ٻيائي، لالچ، بزدلي، بي غيرتي، بي وفائي ۽ مفاد پرستي وغيره.
    3- بغي- يعني فسادي نه ٿجي سماج انصاف جي قيام لاءِ جيڪي ادارا ۽ حڪومت جوڙي ٿو ان سان بغاوت جو اهڙو طريقو اختيار نه ڪيووڃي، جنهن سان فساد ۽ انارڪزم جو انديشو هجي. ان ڪري رياست جا اهڙا قانون جيڪي فطري قانونن ۽ الله ۽ ان جي رسول سان کلي بغاوت نه ڪندڙ هجن، تن جو احترام به تقويٰ ۾ شمار آهي. جيڪو ماڻهو ذري ذري ۾ سماج ۽ رياست جي مڃيل قانونن کي ٽوڙي ٿو، اهو خدا جي نافرمانيءَ جو شڪار ٿئي ٿو. پر جيڪڏهن رياست ظلم ۽ ڏاڍ جو رستو اختيار ڪري ۽ جيڪڏهن اڪثريت جي مٿان افراد جي آمريت قائم ٿئي ته ان جي تبديليءَ لاءِ عوام کي آماده ڪري انقلاب جو طريقو اختيار ڪيو وڃي. اها به تقوى جي زندگيءَ جي لازمي گهرج آهي.
    هتي تقوى جي تعريف ۾ ٽي شيون ڪرڻ جون ۽ ٽي شيون نه ڪرڻ جون آهن، انهن ڇهن ئي شين جو تعلق انسان جي ماڻهپي سان آهي. جيترو وڌيڪ انهن جي پاسداري ڪندو اوترو وڌيڪ سندس ماڻهپو ترقي ڪندو. جيڪو ماڻهو زندگي ۾ عدل (بِالْعَدْلِ) احسان (وَالۡاِحْسَانِ) ۽ اجتماعيت (اِیۡتَآیِٔ ذِی الْقُرْبٰی) جي جذبي سان سرشار آهي (ڪرڻ جون ٽي شيون) ۽ جيڪو ماڻهو بيحيائيءَ جي ڪمن کان بچي، پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي سندرتا کي نهوڙيندو ناهي؛ جيڪو ماڻهو منڪرات جي ذريعي پنهنجي سماجي قدرن جو لتاڙيندڙ ناهي ۽ جيڪو ماڻهو فسادي طريقي سان سماجي معاهدي جو باغي نٿو بڻجي، (نه ڪرڻ جون ٽي شيون) قرآن اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ سراپا هدايت آهي. اهي ئي ماڻهو متقي آهن ۽ پوءِ قرآن انهن ماڻهن جون وڌيڪ خاصيتون هي ٻڌايون آهن ته اهي ماڻهو پنهنجي وقت جي انتهائي معتبر ۽ نيڪوڪار ماڻهن تي اعتبار ڪري انهن جي ٻڌايل وحيءَ جي هدايت جي روشنيءَ ۾ اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا. نماز قائم ڪري الله تعالى جي فرمانبرداريءَ ۽ جوابدهيءَ تي قائم رهن ٿا ۽ الله تعالى جي پاران جيڪو رزق کين عطا ٿيو آهي، تنهن مان بي حساب خرچ ڪن ٿا. اهي قرآن ۽ اڳين ڪتابن کي مڃيندي اديان جي اوريجنل توحيدي وحدتِ فڪر تي يقين رکن ٿا ۽ الله جي حضور ۾ پيش ٿي ذري ذري جو حساب ڪتاب ڏيڻ تي يقين رکن ٿا. اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڻ کي الله جي موڪليل هدايت جو اهل ثابت ڪن ٿا ۽ ان هدايت ماڻڻ جي نتيجي ۾ کين ڪامرانيون ۽ فلاح حاصل ٿيل آهي.
    قرآن جي هدايت مان اهي ماڻهو ميڙاچونڊي ڪري سگهندا جيڪي انسانذات جي فلاح ۽ سعادت جي لاءِ دردمندي ۽ فڪرمندي رکندا هجن. انسانذات جي ابتدا کان وٺي انهن جي فلاح جي لاءِ پيغمبرن ۽ سڌارڪن جي جهد ۽ جاکوڙ جو هڪ ڊگهو پسمنظر آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ ان انساني قافلي جو پيروڪار بڻجڻ ۽ ان قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ جي فڪرمندي ۽ تڙپ رکندڙ ماڻهن جي لاءِ قرآن ۾ هدايت جا انبار آهن. خود پيغمبر ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي لاءِ به قرآن پاڻ سڳورن جي تڙپ کي هينئن بيان ڪيو آهي:
    وَوَجَدَکَ ضَآلاً فَهَدَىٰ (الضحى-7)
    ”اسان توکي (حق جي تلاش ۾) سرگردان ڏٺو سين پوءِ هدايت عطا ڪئي سين.“
    انهيءَ تڙپ جو تعلق وري انسان جي عملي زندگيءَ سان آهي. جنهن ماڻهوءَ سماج ۾ انسانن جي فلاح ۽ ڀلائيءَ جي لاءِ پنهنجي مٿان ڪي ڪم فرض ڪري ڇڏيا آهن. هو، انسانن جي تخليقي مقصدن جي پورائي ۾ سندن مددگار بنجڻ جي فڪرمندي رکي ٿو. ماڻهن کي معرفت خداونديءَ سان وابسته ڪرڻ جون ڪوششون وٺي ٿو، ته پوءِ الله تعالى ان جي لاءِ اڳتي وڌڻ جا رستا آسان ڪندو وڃي ٿو. جيئن فرمايو ويو آهي ته:
    وَالَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمْ سُبُلَنَا. (العنڪبوت-19)
    ”جيڪو اسان جي ٻڌايل رستن تي جهد ۽ جاکوڙ جاري رکندو آهي ته اسان ان کي ضرور ضرور هدايت جي واٽ ڏيکاري ڇڏيندا آهيون.“


    رباني انسان بڻجو

    قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿيو آهي ته ”ڪنهن ماڻهوءَ جو هي ڪم نه آهي ته الله ان کي ڪتاب، حڪم ۽ پيغمبري ڏئي، پوءِ (اهو) وري ماڻهن کي چوي ته الله کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿيو پر (چوندو ته) رباني انسان بڻجو.“ (کُوۡنُوۡا رَبّٰنِیّینَ(-
    )آل عمران -97)
    رباني جو مطلب آهي رب وارو، خدا پرست ربوبيت رتي يا خدا رتي زندگي گذاريندڙ. هي لفظ هڪ مومن جي شخصيت ٻڌائڻ لاءِ نهايت صحيح ۽ بامعنى لفظ آهي. قرآن چوي ٿو ته پيغمبر جي دعوت هڪ ئي لفظ ۾ اها هوندي آهي ته ”اي ماڻهؤ! پنهنجو پاڻ کي رباني انسان بڻايو.“ جڏهن ڪتاب، شريعت ۽ پيغمبر جهڙي هستي به انهيءَ ڳالهه جي مجاز نه آهي ته اها ماڻهن کي پنهنجو ٻانهو، مريد ۽ گروهي پيروڪار ڪري هلائي ته پوءِ هن دور جي پيرن ۽ مذهبي اڳواڻن کي پنهنجو گروهي پوئلڳ بنائڻ جو ڪهڙو جواز آهي. قرآن هي حقيقت چٽي ڪري ٻڌائي ڇڏي آهي ته الله وارو ٿيڻ ۽ ان جي موڪليل هدايت جو پوئلڳ ٿيڻ جي تلقين ڪرڻ وارو ئي ڪتاب، حڪم ۽ پيغمبر جي طريقي تي آهي. سڀني ڪتابن جي اها ئي تعليم آهي ۽ سڀني پيغمبرن انهيءَ ڳالهه جي طرف سڏيو آهي ۽ اها ئي حقيقي انساني آزادي پڻ آهي.
    انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهو پيغمبر جي دعوت قبول ڪندا آهن اهي صرف خدا پرست انسان بڻجي ويندا آهن. ايمان جي نتيجي ۾ منجهن جيڪا شخصيت اڀرندي آهي، اها رباني شخصيت هوندي آهي.
    انسان جي لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ صرف ٻه رويا ممڪن آهن. هڪ پنهنجي مرضيءَ تي هلڻ وارو خود رخي رويو ۽ ٻيو الله جي ڏس تي هلڻ وارو خدا رخي رويو. خود رخي رويي جو مطلب آهي پنهنجي خواهشن ۽ مرضيءَ جي پيروي ڪرڻ، پنهنجي خواهشن ۽ مرضيءَ تي هدايت جا ذريعا ۽ رهبر بنائڻ ۽ پنهنجن ذاتي غرضن جي پورائي کي زندگيءَ جي ڪل حاصلات سمجهڻ. اهڙي سوچ جي ماڻهن وٽ زندگيءَ جو ڪوبه ڪارج ۽ نصب العين نه هوندو آهي. سڄي زندگي پيداگيري، پئسي ۽ ملڪيت پٺيان ڊوڙي مري وڃڻ سندن معمول هوندو آهي. پنهنجي پيدا ڪندڙ ۽ پالڻهار الله سان تعلق جو شعور اهڙن ماڻهن وٽ ڪا اهميت نه رکندو آهي. پوءِ جيڪي ماڻهو پنهنجي خالق ۽ پالڻهار سان تعلق جي تڙپ نٿا رکن ۽ الله کي پنهنجو دوست نٿا بڻائين، انهن جو دوست شيطان يا شيطان صفت شخص بڻجي ويندو آهي. انهن جو ذهن هميشہ تخريب ڪاريءَ جي طرف هلندو آهي ۽ اهي سازشن ۽ انتقام جي طريقن تي ڀروسو ڪندا آهن. جڏهن به ڪو معاملو پيش ايندو اٿن ته فوراً سندن ذهن منفي تدبيرن جي طرف مڙي ويندو آهي. اهڙا ماڻهو هميشہ اونداهين ۾ ڀٽڪندا رهندا آهن ۽ کين ڪڏهن به روشني نصيب نه ٿيندي آهي.
    ان جي ابتڙ مومن اهو هوندو آهي جنهن جي زندگيءَ جو رخ پوري طرح خدا جي طرف هجي. هُن جي سوچ خدا جي رنگ سان رنگيل هجي ۽ هُن جا جذبا خدا لاءِ متحرڪ هجن ۽ ان جو سڄو ڀروسو خدا جي ذات تي هجي. صرف هڪ خدا جي ذات سندس سڀني سرگرمين جو مرڪز ۽ محور هجي. هُن جو ڳالهائڻ خدا جي عظمت ۽ جلال جي احساس هيٺ هجي. خدا جي پچار ۽ خدا جي طرف ماڻهن کي سڏڻ سندس زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سرمايو هجي. سندس اهڙي زندگيءَ کي قرآن حڪيم ۾ ”خدا رتي زندگي“ سڏيو ويو آهي. صِبۡغَۃَ اللّٰہِ ۚ وَ مَنۡ اَحۡسَنُ مِنَ اللّٰہِ صِبۡغَۃً (البقره١٣٨) ”الله جي رنگ ۾ رنگجڻ (خدا رتي زندگي گذارڻ) ٻڌايو ته خدا رتي زندگيءَ کان وڌيڪ به ڪا ڀلي زندگي ٿي سگهي ٿي ڇا؟ (البقره: 138) اهڙو انسان رباني انسان بڻجي پوندو آهي ۽ هو خدا جي رفاقت ۽ قربتن کي هن دنيا ۾ ئي ماڻي وٺندو آهي ۽ آخرت ۾ به اهڙن ٻانهن جي لاءِ اڻ ڳڻيون نعمتون ۽ سک جو واعدو ڪيل آهي.


    رباني انسانن جو رويو

    قرآن جي روءِ سان انسان جو ڌرتيءَ تي خلافتي ڪردار الله تعاليٰ جي منشا آهي ۽ انسان جي لاءِ رب جي منشا تي عمل ڪرڻ ئي اصل آزمائش آهي. ان حيثيت ۾ انسان جي مٿان ٻه ذميواريون بيهن ٿيون. پهرين ذميواري الله تعاليٰ سان انسان جو عبديت، تقديس ۽ شڪر جو تعلق آهي. وَّ ذَکِّرۡ فَاِنَّ الذِّکۡرٰی تَنۡفَعُ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ (الذاريات-٥٥) الله تعاليٰ جو اهو تعلق اصل تخليقي مقصد آهي ۽ ٻين ذميواري انهيءَ تعلق کي سگهارو ڪندڙ ذريعو ۽ منصب آهي. اها آهي ڌرتيءَ جي مٿان خلافت، جي ذميواري، جيڪا الله تعاليٰ جي صفتن اپنائڻ ۽ الله تعاليٰ جي ٻڌايل حڪمن مطابق انسانن سان عدل ۽ احسان سان ڀلايون ڪرڻ آهي.
    ماڻهو الله کي پنهنجو خالق ۽ مالڪ سمجهي، الله جي عظمت ڪبريائي ۽ جوابدهيءَ جي احساس سان جيئندو رهي ۽ الله جي ٻڌايل ضابطن جي مطابق زندگي گذاريندو رهي، ته الله سان پنهنجي تعلق جي امتحان ۾ پاس ٿي ويندو. اها تقوى جي زندگي آهي ۽ قرآن اهڙي زندگي گذارڻ وارن متقين جي لاءِ هدايت آهي. انسان پوري سچائي سان الله جي فرمانبرداريءَ جي واٽ تي هلڻ شروع ڪندو ته الله تعالى ان جي لاءِ رستا آسان ڪندو ويندو.
    الله وڏو آهي، انسان ننڍو آهي. الله قادر آهي، انسان عاجز آهي. الله عطا ڪرڻ وارو آهي، انسان وٺڻ وارو آهي. انهن حقيقتن جو شعور ماڻهوءَ ۾ اعتراف، نوڙت ۽ جوابدهي جو احساس پيدا ڪندو آهي ۽ منجهانئس سرڪشي ۽ آڪڙ ختم ٿي ويندي آهي. هو الله جي محبت ۽ خوف جي جذبن هيٺ دنيا ۾ زندگي گذارڻ لڳندو آهي. اهڙي قسم جو انسان ڌرتيءَ تي ناانصافين، ڏاڍ، استحصال ۽ انسان مٿان انسانن جي غلاميءَ جو منڪر هوندو آهي. هن جو خلافتي ڪردار کيس ڌرتيءَ کي الله جي منشا مطابق سلامتي، فلاح ۽ سڀني جي ڀلي وارو مثالي ماڳ بنائڻ لاءِ اتساهيندو ۽ جهد تي آماده ڪندو رهندو آهي.
    ساڳي طرح اهڙو انسان جڏهن ٻين انسانن جي وچ ۾ ايندو آهي ته انهن سان معاملا ڪندي سندس پوري روش سهڻن اخلاقن واري هوندي آهي. هن جو ڳالهائڻ عجز ڀريو هوندو آهي. هن جو عمل انصاف وارو هوندو آهي. هُن جي هر چرپر هڪ ذميوار ۽ جوابده انسان واري هوندي آهي. اهڙو ماڻهو هر قسم جي منفي ۽ سطحي جذبن کان مٿاهون ٿي ويندو آهي. وڏي سوچ سوچڻ سندس مرڪ بڻجي ويندو آهي ۽ سندس سيني ۾ ٻين ماڻهن جي لاءِ خير خواهيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو آهي. خدا خوفي سندس دل ۾ سمايل هوندي آهي ۽ اها شيءِ کيس هن ڳالهه کان روڪي رکندي آهي ته هو ڪنهن کي ستائي يا ڪنهن سان ناانصافي ڪري. هو هرهڪ کي پنهنجو حق ڏيندو آهي ۽ هن ڳالهه جو سخت احتياط رکندو آهي ته سندس ذات کان ڪنهن کي تڪليف پهچي. هو ڪنهن کي مصيبت ۾ ڏسندو آهي ته ان جي مدد لاءِ بي چين ٿي پوندو آهي.
    خود غرضي ۽ مفاد پرستيءَ کان ڪوهين ڏور هوندو آهي. جيڪي شيون ۽ ڪم پنهنجي لاءِ بهتر نه سمجهندو آهي، هو پنهنجي چوڌاري ماڻهن کي به انهن کان بچائڻ جا جتن ڪندو آهي. پنهنجي چوڌاري انسانن جي بهتري، ڀلائي ۽ ڇوٽڪاري جو هر وقت اونو رکندڙ هوندو آهي. هو سمجهندو آهي ته سندس شخصيت جي ارتقا ۽ سندس رب جي قربتن حاصل ڪرڻ جي اها ئي واٽ آهي، جنهن تي دنيا جا سڀ ڀلوڙ ۽ سچار انسان قائم رهيا آهن. کيس جيڪو ڪجهه به قدرت کان عطا ٿيل هوندو آهي، هو ان کي پاڻ وٽ امانت سمجهندو آهي. پنهنجي سمجهه ۽ علم، پنهنجو مرتبو ۽ حيثيت ۽ پنهنجو مال ۽ مڏي، انهن سڀني جو فائدو خلق خدا کي رسائڻ لاءِ هميشہ ديوانگيءَ جي حد تائين سرگرم رهندو آهي ۽ اهڙين سرگرمين کي هو پنهنجي روح ۽ قلب جو قرار ڀائيندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته اهي ئي ڪم سندس تخليقي مقصدن کي سجايو ڪرڻ جي لاءِ بنياد جي حيثيت رکن ٿا.پاڻ کي ميسر شين جو مالڪ نه، پر امين سمجهندو آهي. ۽ هر وقت اونَ هوندي اٿس ته اها امانت اهري طرح خرچ ٿئي جو ان عمل سان سندس شخصيت جي ترقي ٿئي ۽ مراتب بلند ٿين ته جيئن هو الله جي محبوبيت جو حقدار بڻجي.
    مطلب ته هو هڪ اهڙي انسان جي زندگي گذاريندو آهي جيڪو ڏسي رهيو هجي ته مٿانئس سندس الله بيٺو نگراني ڪري رهيو آهي. اهو الله جيئن هت نگران ۽ نگهبان آهي تيئن مرڻ کانپوءِ به سندس هر قول ۽ فعل جو ذري ذري جو حساب وٺڻ وارو آهي.


    الله جي صفتن کي اپنايو

    ”الله جي صفتن کي اپنايو،“ هيءُ اسانجو مڪمل قرآني تعليمي فلسفو آهي. قرآن خدا پرستيءَ جو بنياد ئي انهيءَ جذبي تي رکيو آهي ته انسان خدا جي صفتن جو عڪس پاڻ ۾ پيدا ڪري. قرآن انسان جي وجود کي هڪ اهڙي سرحد قرار ڏئي ٿو جتي حيوانيت جو درجو ختم ٿئي ٿو ۽ هڪ اعلى حيوانيت جو درجو شروع ٿئي ٿو. اهو چوي ٿو ته انسان جي انسانيت جو جوهر جيڪو ان کي حيواني سطح کان بلند ۽ ممتاز ڪري ٿو، سو الله جي صفتن جو عڪس آهي. ان ڪري انسانيت جي تڪميل ان ۾ آهي ته انسان ۾ وڌ ۾ وڌ الله جون صفتون منعڪس ٿين. اهو ئي سبب آهي جو قرآن جتي به انسان جي خاص صفتن جو بيان ڪيو آهي، اتي سڌي طرح انهن کي خدا ڏانهن نسبت ڏني آهي، ايستائين جو انسانيت جي جوهر کي خدا جو ڦوڪيل روح چيو ويو آهي:
    ثُمَّ سَوَّاهُ وَنَفَخَ فِيهِ مِنْ رُوحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَالْأَفْئِدَةَ (السجده-9)
    ”الله آدم کي سنواري منجهس پنهنجي روح مان ڪجهه ڦوڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪن، اکيون ۽ دليون بڻايائين. (نتيجو هيءُ نڪتو ته ان ۾ عقل ۽ حواسن جون وڏيون روشنيون ٿي ويون.)“
    اشرف المخلوقات خدا جو خليفو بڻايل انسان پنهنجي خلقڻهار کي ڪيئن مڃي؟ ۽ پنهنجي پالڻهار جي رضا ڪيئن ماڻي؟ ان لاءِ قرآن سڄي دنيا جي انسانن کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي انهيءَ الله تي ايمان آڻين جنهن جو تصور خود قرآن پيش ڪيو آهي. هر شخص هر قبيلو ۽ هر قوم ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ خدا جي قائل آهي ليڪن قرآن چوي ٿو ته اوهان جو ائين ئي خدا کي مڃڻ، حقيقت ۾ خدا کي مڃڻ ناهي. اهو ته ان خدا کي مڃڻ آهي جيڪو توهان جي دماغن ۾ پنهنجو تراشيل خدا آهي يا توهان جهڙن ٻين ماڻهن جو گهڙيل خدا آهي. جيڪو شخص خدا جو ته قائل هجي پر ان جي صفتن جو صحيح تصور ان جي سامهون نه هجي ته ان جو ائين ئي خدا کي مڃڻ، حقيقي خدا جي انڪار جيان هوندو. خدا تي ايمان ان شخص جو مڃيو ويندو، جيڪو ان خدا جو قائل هجي جنهن جون صفتون قرآن ڪريم بيان ڪيون آهن. الله تعالى کي انهن صفتن جو حقيقي تناسب سان پنهنجو عقيدو بنائڻ توحيد جي عقيدي يا الله کي مڃڻ جي لازمي تقاضا آهي.
    الله جي صفتن جو تصور جيڪو قرآن قائم ڪيو آهي انهن جي پهرين پڌرائي، سورت فاتحہ آهي. اها پهرين پڌرائي ربوبيت، رحمت ۽ عدالت جي تصوير آهي.
    ربوبيت جي صفت سان الله تعالى سڀني جهانن جو رب آهي. عربي لغت موجب رب اهڙي ذات کي چوندا آهن جيڪا ڪنهن شيءِ کي هڪ ٻئي پٺيان ان جي مختلف حالتن ۽ ضرورتن جي مطابق اهڙي طرح اؤسر ڏيندي رهي جو اها پنهنجي ڪمال واري حد کي پهچي. ٻين لفظن ۾ ربوبيت جي لاءِ ضروري آهي ته وجودن جي لاءِ انهن جي نوعيت پٽاندر پالنا ۽ سارسنڀال هڪ هلندڙ ۽ لڳاتار نظام تحت ٿيندي هجي.
    قرآن مجيد ۾ الله تعالى جي هن صفت جو وڌ ۾ وڌ بيان ٿيو آهي. قرآن مجيد جو پهريون پيغام به هن صفت سان آيل آهي، اِقۡرَاۡ بِاسۡمِ رَبِّکَ الَّذِیۡ خَلَقَ۔ قرآن جي ابتدا به هن صفت سان آهي: اَلۡحَمۡدُلِلّٰہِ رَبِّ الۡعَالَمِیۡنَ۔ ۽ قرآن جي انتها به هن صفت سان آهي قُلۡ اَعُوۡذُ بِرَبِّ النَّاسِ. انهيءَ ڪري ربوبيت يا پالڻهاريءَ جي صفت جو انسان جي مٿان عڪس يا ان جو پرتوو به اوترو ئي اهم آهي. اهو عڪس انسان جي پنهنجي انفرادي زندگيءَ ۾ به هوندو ۽ انسان جي اجتماعي زندگيءَ ۾ به. انسان جي مٿان پالڻهاريءَ جي نظام ۾ شرڪت صرف ايتري ناهي جو پنهنجي دائري ۾ ايندڙ ذميدارين جي ڪجهه خرچن جو بار پنهنجي مٿان کڻي ڇڏي. بلڪه انهن ذميدارين جي هڪ ٻئي پٺيان ان جي مختلف حالتن ۽ ضرورتن جي مطابق ممڪن حد تائين اؤسر ڏيڻ جي ذميداري نڀائڻ، ان ۾ مددگار بنجڻ، ان جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ سڀ شامل آهن. اهڙي طرح جيئن انسان کي ڌرتيءَ تي پنهنجي دائري ۾ پنهنجي اولاد، عزيزن پنهنجي چوڌاري ماڻهن جي لاءِ پرورش جي ڪوششن ۾ شريڪ ٿيڻو آهي، تيئن اجتماعي طور تي اهڙو نظام قائم ڪرڻ جو ڪوششن ۾ شرڪت ۽ جاکوڙ ڪرڻ ۽ حاصل وسيلن کي انهن مقصدن جي لاءِ وقف رکڻ صفت ربوبيت کي اخلاق بنائڻ جي لازمي تقاضا آهي. وري جڏهن اهڙو نظام قائم ٿي وڃي ته سڀني انسانن جي رزق جي وسيلن جي ذميواري ايمان وارن جي مٿان هوندي.
    ڪائنات ۾ موجودات جي هر گوشي ۾ الله جي ربوبيت کان به وڌيڪ هڪ ڪشادي حقيقت ڪارفرما آهي، جنهن تي خود ربوبيت جو انحصار آهي. قرآن ان کي رحمت، رحمانيت يا رحيميت جو نالو ڏئي ٿو. اها رحمت ئي آهي جيڪا هر مخلوق کي جمال ۽ تڪميل عطا ڪري ٿي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته:
    وَرَحْمَتِي وَسِعَتْ كُلَّ شَيْءٍ (الاعراف -156)
    ”منهنجي رحمت دنيا جي هر شيءِ تي ڦهليل آهي.“
    رحمان ۽ رحيم جو مادو به رحمت آهي. عربيءَ ۾ رحمت جي معنى آهي، ”اهڙي رقت ۽ ٻاجهه جنهن سان ڪنهن ٻئي لاءِ شفقت جو اظهار هجي.“ انهيءَ ڪري رحمت ۾ محبت، شفقت، فضل ۽ احسان سڀني جو مفهوم داخل آهي. الله جي رحمت جي صفت جي حوالي سان ٻانهو ٻاجهه، محبت، شفقت، احسان ۽ مهربانيءَ جو مجسم بڻجي الله جي مخلوق لاءِ نفع بخشيءَ جو ذميدار بنجڻو آهي.
    الله جي عدل جي صفت جي تقاضا آهي ته ٻانهو جيڪو به عمل ڪري ٿو، جزا ۽ سزا ان جي مطابق کيس ڏني ويندي ۽ الله جي ذات توري تڪي حساب ڪرڻ واري ڏينهن جي مالڪ آهي. ان ڪري ڪوبه ماڻهو ان جي عدل وارن قانونن مان گذرڻ کان بچي نٿو سگهي.
    انهيءَ ڪري انسان کي جيڪڏهن ٻنهي جهانن ۾ پنهنجي لاءِ آسانيون گهرجن ته پوءِ الله تعالى جي هن صفت جي حوالي سان پنهنجي امتحان گاهه ڌرتيءَ تي پنهنجي عمل ۽ روين ۾ عدالت جو پيڪر بنجي. هُن سان وابسته جيترا ماڻهو آهن، انهن سان عدالت جو وهنوار هلي. سندس سماج کي عدالت جي ضرورت آهي ته ان جي لاءِ هو وابستگي ۽ جاکوڙ ڏيکاري ۽ دنيا جا ٻيا ماڻهو عدالت جا طلبگار آهن ته هي انهن جي لاءِ به پنهنجي جذبي ۽ عمل کي وقف رکي. الله سميع ۽ بصير يعني ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي ته انسان به پنهنجي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کي الله تعالى جي اطاعت ۾ رکي ۽ پنهنجي دائري ۾ ضرورت طلبي ۽ داد رسيءَ جي آواز کي جيءُ چوي. الله جي ذات ناصر آهي ته انسان مدد ۽ نصرت جي جيتري به وسعت رکندو هجي ان لاءِ پاڻ ارپيندو رهي. الله جي ذات المهيمن آهي ته ٻانهو به انساني نگهبانيءَ جون سڀ صلاحيتون الله جي، پاڻ جهڙن ٻين ٻانهن جي حقن جي تحفظ لاءِ وقف رکندو اچي. اهڙي طرح سڀني صفتن جي صورتحال آهي، جن جو پرتوو بنجڻ انسان جي لاءِ بندگي ۽ ٻانهپ جي لازمي تقاضا آهي. قرآن کي انسان جي اهڙي بندگي ۽ ٻانهپ گهربل آهي ۽ اهڙي ٻانهپ سان ئي انسان جي ڌرتيءَ جي مٿان ”خليفي“ واري ڪردار جي ادائيگي منحصر آهي.
    انسان صرف جسم جو نالو ناهي، بلڪه ان جسم کان علاوه هڪ ٻي شيءِ به آهي جنهن کي ان جي ”ذات“ چئجي ٿو. انساني ذات يا شخصيت الله تعالى جي پاران سونپيل آهي ۽ پنهنجي جاءِ تي مستقل حيثيت رکي ٿي. انسان کي اها متعين صورت ۾ نٿي ملي بلڪه ان جي تعمير ۽ ان جو نکري نروار ٿيڻ ئي انساني زندگيءَ جو اصل مقصد آهي. ان کي انساني ذات جي اؤسر چئجي ٿو. انساني ذات جي هيءَ اؤسر الله تعالى جي صفتن اپنائڻ سان ٿئي ٿي. جيترو هي صفتون انسان اپنائيندو ويندو اوترو ئي سندس ذات ۽ شخصيت ڪمال جي طرف وڌندي رهندي ۽ ٻانهو قرب الاهيءَ جي نعمتن سان همڪنار ٿيندو ويندو. انهيءَ سان انسان جي پنهنجي انفرادي زندگي ۾ جيئن کيس شخصيت جي ڪاملتا حاصل ٿيندي، تيئن سندس اجتماعي زندگيءَ ۾ به حُسن، ترقي ۽ آجپو حاصل ٿيندو. انهيءَ سان ئي اهي اصول تشڪيل ۾ ايندا جن سان هڪ جنت نظير فلاحي معاشري جي حاصلات يقيني بڻجي پوندي.
    الله تعالى جي صفتن ۾ ڪابه اهڙي صفت ناهي جنهن کي ڇڏڻو پوي ۽ نه وري ڪا اهڙي صفت آهي جنهن ۾ غلو ۽ شدت اختيار ڪرڻي پوي. ان جون سڀ صفتون پنهنجي پنهنجي موقعي تي بهتر نتيجا سمايل هونديون آهن. انهيءَ ڪري ئي انهن کي ”اسماءُ الحسنى“ جي نالي سان پڪاريو ويو آهي. اهي صفتون اهڙي سهڻي توازن سان دنيا جي ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ ڳوليون ڪونه ملنديون، اهي صرف قرآن حڪيم جي اندر موجود آهن.


    انسانيت جا بنياإي اخلاق

    انسان جي پنهنجي نفس سان هميشہ ڪشمڪش جاري رهي آهي. ڪڏهن هو پنهنجي نفس تي غالب ٿي ويندو آهي، ڪڏهن نفس مٿس غالب ٿي ويندو آهي. ڪيترين صورتن ۾ ته اها ڇڪتاڻ سڄي زندگي جاري رهندي آهي ۽ انهيءَ حالت ۾ انسان دنيا مان رخصت ٿي ويندو آهي. انساني نفس کي فطري طور تي نيڪي ۽ بديءَ جا معيار سمجهايل يا الهام ڪيل آهن. جيئن فرمايو ويو آهي:
    وَنَفْسٍ وَّمَا سَوّٰ ھَا۔ فَاَلْھَمَھَا فُجُوْرَھَا وَتَقْوٰھَا۔ قَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَکّٰھَا۔ وَقَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰهَا.
    (الشمس 7-10)
    ”۽ (قسم آهي) نفس جو جنهن نموني ان کي برابر جوڙيو اٿس، پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاريءَ جي سمجهه ڏني اٿس. بيشڪ اهو مراد کي پهچي ويو جنهن نفس کي پاڪ ڪيو. ۽ بيشڪ اهو بي مراد ٿيو جنهن ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.“
    قدرت جي پاران انهيءَ رهنمائي جي باوجود قرآن انساني نفس جي سڌاري لاءِ نيڪيءَ جي مظاهرن کي کولي کولي پيش ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح قرآن انسانن جي تهذيب نفس جي لاءِ جن بنيادي خوبين جي نشاندهي ڪئي آهي، حضرت امام شاهه ولي الله انهن کي چئن عنوانن هيٺ بيان ڪيو آهي. امام شاهه ولي الله فرمائي ٿو ته سڀني شريعتن جو اصل مقصود ئي اهو آهي ته انسان ۾ اهي چار خصلتون پيدا ٿين. اهڙي طرح جيڪي شيون انهن چئن خصلتن جي خلاف ۽ انهن جو ضد آهن انهن جي نفي ڪئي وڃي. نبين سڳورن جي بعثت ۽ شريعتن جي تعليم انهيءَ لاءِ هئي ته انهن چئن خصلتن جي تلقين ڪن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي رغبت ڏيارين. يا وري جن رسمن ۽ عملن جي ذريعي هي خصلتون پيدا ٿي سگهن ٿيون انهن کي ماڻهن ۾ رائج ڪن. اوهان آسماني مذهبن جي بنيادي تعليم جو مطالعو ڪري انهن جي انسان لاءِ هدايتن جو وچور ٺاهيو ته اوهان هيءَ ڳالهه چٽي طرح محسوس ڪندا ته سڀني شريعتن ۾ ماڻهن کي ترغيب ۽ هيرائڻ جو سڄو زور انهن چئن خصلتن پيدا ڪرڻ جي چوڌاري ڦري ٿو. اهڙي طرح جن شين کان ڊيڄاريو ويو آهي، اهي سڀ شيون هنن چئن خصلتن جو ضد آهن. انهن سڀني شريعتن ۾ وري قرآن جو ڪمال هيءَ آهي ته انساني تهذيب جي نهايت مٿاهين سطح تي باڪمال ۽ فعال، باڪردار ۽ مثالي ماڻهو پيدا ڪرڻ جا ڏس ڏئي ٿو ته جيئن اهي تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ اهليت سان تيار هجن.
    قرآن مجيد ۾ جن خصلتن کي ”بر“ يعني نيڪيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي، اهي سڀ عمل اهڙا آهن جيڪي اهي چار خصلتون پيدا ڪندا آهن. وري جيڪي عمل انهن چئن خصلتن تي ناڪاري اثر وجهندڙ هوندا آهن انهن ۾ پوڻ ”اثم“ يعني بدي آهي. اهي عمل جيڪي انسان کي هن زندگيءَ کانپوءِ جي زندگيءَ ۾ ڪم اچن ۽ انهن جي نه هجڻ جي ڪري انسان خساري جو شڪار ٿيندو يعني اعلى اخلاق، هي ساڳيون چار خصلتون آهن.
    شاهه صاحب فرمائي ٿو ته جنهن شخص هنن چئن خصلتن جي اصل حقيقت کي پنهنجي ذوق ۽ وجدان سان ڄاڻي ورتو ۽ انهن هن راز کي به ماڻي ورتو ته هر زماني ۽ هر قوم ۾ جيڪي به شريعتون بڻيون، انهن شريعتن جا پيش ڪيل حڪم ۽ عمل ڪهڙي طرح انهن چئن خصلتن تائين پهتا ۽ ڪيئن اهي حڪم انهن خصلتن جي تڪميل لاءِ ذريعا ۽ واسطو بڻيا. مطلب ته جنهن شخص انهيءَ راز کي معلوم ڪري ورتو، اهو صحيح معنى ۾ ”فقيهه في الدين“ ۽ ”راسخ في العلم“ آهي. اهو شخص جنهن شريعت جي ظاهري علمن ۾ انهن خصلتن جو راز ڳولي ورتو ۽ انهن جي رنگ ۾ رنگجي ويو ۽ ان پنهنجي ذات جي اصل جوهر ۾ انهن خصلتن جو اثر جذب ڪري ورتو ته ان جو شمار ”محسنين“ ۾ ٿيندو.
    1. طهارت
    انهن چئن خصلتن مان پهرين خصلت پاڪيزگي يا ”طهارت“ آهي. امام شاهه ولي الله وٽ طهارت مان مراد رڳو وضو ۽ غسل ڪونهي بلڪه طهارت مان مقصود وضو ۽ غسل جو اهو روح به آهي جنهن سان انسان کي روشني ۽ بصيرت حاصل ٿيندي آهي. امام شاهه ولي الله جي مطابق هر سليم فطرت ماڻهوءَ ۾ هيءَ خصلت سمايل هوندي آهي ۽ ان ۾ فطري طور تي اهڙو ميلان هوندو آهي ته جيئن هو غلاظتن ۽ واهيات گيرين کان بچيل هجي. اهڙي انسان جي چرپر ۽ اٿي ويٺي مان اندازو لڳايو ويندو آهي ته سندس فطرت سلامت آهي ۽ بحيثيت انسان جي منجهس اهو مادو ۽ استعداد موجود آهي جيڪو انسانيت جي فطري تقاضن ۽ ماڻهپي جي طريقن کي قبول ڪري سگهي ٿو.
    طهارت جو ضد پليتي آهي ۽ ان مان مراد به پليتيءَ جي اها معنوي صورت آهي جيڪا ماڻهپي جي دشمن آهي. انسان جي اندر جڏهن پليتيءَ جي اوندهه گهر ڪري ويندي آهي ته ان جي اندر ۾ شيطاني وسوسا پيدا ٿيندا آهن. اهي وسوسا کيس عام زندگيءَ ۾ سوچن جي انتشار ۾ وڪوڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ هو جيئن سوچيندو رهندو آهي تيئن اهڙا ئي شيطاني خواب به ڏسڻ شروع ڪندو آهي ۽ سندس دل جي مٿان ڪارا تهه چڙهڻ شروع ٿيندا آهن. تان جو ماڻهپو موڪلائيندو ويندو آهي ۽ ڪريل ۽ خسيس حرڪتن جو صادر ٿيڻ ان لاءِ معمول جي ڳالهه بڻجي ويندو آهي. انهيءَ ڪري پاڪيزگي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرآن مجيد جي جابجا ترغيب ۽ احڪامات موجود آهن جنهن کي هيٺين شعبن جي تفصيل ۾ ڄاڻي سگهجي ٿو:
    1- انسان جي پنهنجي ذات يا وجود جي داخلي ۽ خارجي طهارت يا پاڪيزگي.
    2- معاشرتي زندگيءَ ۾ نڪاح ۽ شاديءَ جي ذريعي پنهنجي شخصيت جي پاڪيزگي.
    3- عام وهنوار ۽ ڪاروباري زندگيءَ ۾ ايمانداري ۽ سچائي جي ذريعي پنهنجي ماڻهپي جي ارتقا.
    4- اجتماعي زندگيءَ ۾ انساني نفعي بخشيءَ جي گڏيل مقصدن جي لاءِ جهد ۽ جاکوڙ جي عملي ڪردار ذريعي شخصيت جي ارتقاء ذريعي ملاءِ اعلى سان اتصال.
    امام شاهه ولي الله جي مطابق ملاءِ اعلى روحن جي پارليامينٽ آهي جنهن کي ڪل ڪائنات جي دماغ جي حيثيت حاصل آهي. ملاءِ اعلى وارن جي خاصيت هيءَ آهي ته اهي حيوانيت جي سڀني گندگين کان پاڪ زندگيءَ جو لطف ماڻي خدا جي قربتن جا حقدار بڻجي چڪا آهن، انڪري جن ماڻهن جو ملاءِ اعلى سان اتصال ٿئي ٿو تن کي پنهنجي ڪمن مان ساڳيو خدا جي قربتن وارو سرور ۽ راحت ملي ٿي. اهو اهڙو مقام آهي جيڪو انسانن کي پنهنجي نيڪوڪاري، فضيلت پڻي ۽ خدا کي پسنديده عملي زندگيءَ جي عيوض پنهنجي پالڻهار پاران عطا ٿيندو آهي، جنهن ۾ هڪ طرف اطمينان ۽ مسرت جي زندگي سندن ملڪو بڻجي ويندي آهي ۽ ٻئي طرف سماج ۾ انهن جو شخصي سڀاءُ مانائتو ۽ محترم ليکجڻ ۾ ايندو آهي. هيءَ ولايت ۽ رتبو مراقبن جي مشقتن ۽ بند ڪمري جي رياضتن سان حاصل نٿو ٿئي پر انهن کي ئي حاصل ٿيندو آهي جيڪي پاڻ کي پنهنجي پاڪيزه عملي زندگيءَ سان انسانذات جي ڪمن لاءِ وقف ڪري ٿا ڇڏين.
    2. نوڙت
    طهارت کانپوءِ انسانيت جي ٻي خصلت عجز ۽ نوڙت آهي. تڪبر ۽ وڏائي ان جو ضد آهي ۽ ان جو مذموم هئڻ عالم آشڪار آهي. شيطان جي سڄي بڇڙائيءَ جو محور انجو تڪبر ۽ وڏائي هئي، جنهن جي بنياد تي هو هميشہ جي لاءِ لعنتي بڻيو. انسانن مان جيڪڏهن ڪو انهيءَ خصلت کي اپنائيندو ته اهو به الله وٽ، ان جي ملائڪن وٽ ۽ سمورن انسانن وٽ لعنتي بڻبو.
    قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي: وَبَشِّرِ الْمُخْبِتِيْنَ. (الحج 34) ”عاجزي ڪندڙن کي بشارت ڏي.“ قرآن جي روءِ سان سربلندي ۽ ڪاميابي عاجزي ڪندڙن کي ئي نصيب ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته اڳرائي، سرڪشي وڙهڻ جي عادت انسانن جي وحدت ۾ رڪاوٽ آهن ان ڪري انهيءَ خوبيءَ کانسواءِ خيرخواهي همدردي ۽ وحدت انسانيت پيدا نه ٿي سگهندي ۽ انسانيت اڪمليت ۽ ڪامليت جي طرف وڌي نه سگهندي. ”جيڪا شيءِ جيتري گهرائي سان خطرناڪ آهي ان کان بچڻ جو زور به ان شدت سان ڏنل آهي.“ هڪ حديث قدسي ۾ آيل آهي:
    العظمۃ ازاری والکبرياء ردائی فمن نازعنی فی واحد منهما فقد عذبته (مسلم)
    ”عزت ۽ جلال منهنجي گوڏ آهي ۽ وڏائي ۽ ڪبريائي منهنجي چادر آهي. جيڪو به انهن ٻنهي کي پنهنجي لاءِ اوڍيندو مان کيس عذاب ۾ وجهي ڇڏيندس.“
    عجز ۽ نوڙت، ڪي ڏيکارڻ جهڙا يا جهڪڻ ۽ خوشامد ڪرڻ جهڙا وڙ ڪونهن، پر انسان جي پاران ان جو سڀ کان حقيقي اظهار پنهنجي خلقڻهار ۽ پالڻهار جي حضور ۾ ان جي عظمت ۽ ڪبريائيءَ آڏو عجز ۽ نوڙت ڪرڻ جي ڪيفيت آهي. الله تعالى جي ڪائنات ۾ الله جي نرالي جوڙ ۽ ان جي ڪبريائي سليم فطرت جي ماڻهن لاءِ حيرت جو سامان هوندي آهي، اهڙي طرح زندگيءَ جي پل پل ۾ پنهنجي خالق ۽ مالڪ جي عطائن ۽ مهربانين جا لکين لقاءَ ڏسي ۽ پسي حيرت زده ٿي ٻانهو پنهنجي مالڪ جي حضور ۾ هميشہ عجز ۽ نياز جي ڪيفيت ۾ رهندو آهي. جڏهن وري ٻانهو انڪار ۽ ناشڪريءَ جي نتيجي ۾ الله جي جلال ۽ ڪبريائي جا اهي لقاءَ پسندو آهي جيڪي خدا جي قانونن جي گرفت ذريعي پنهنجا رنگ ڏيکاريندا آهن ته پوءِ ان جي مٿان حيرت ۽ دهشت جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي ۽ ان وقت به ٻانهي جو عجز ۽ نياز کيس الله جي عظمت ۽ ڪبريائيءَ جو غلام بڻائي رکندو آهي.
    عجز ۽ نوڙت جي انهيءَ ڪيفيت سان مومن ٻانهو جيئن پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ پاڻ کي عجز ۽ نوڙت جو سراپا بڻائي ڇڏيندو آهي تيئن هو الله جي مخلوق سان پنهنجي تعلقات ۾ ڪنهن به مرحلي تي عجز ۽ نوڙت کي هٿان وڃڻ نه ڏيندو آهي. هُن جي انسانن سان رويي ۾ هي يقين هميشہ ڪارفرما هوندو آهي ته ماڻهو الله جا ڀاتي آهن (الخلق ڪُلُّهُم عيال الله) انهيءَ ڪري اهي احترام ۽ عزت ۽ حقن جي ادائگي لهڻن ٿا. انهيءَ ڪري آڪڙ، بخيلي ۽ حق تلفيءَ جي رويي کي هو الله جي ناراضگيءَ جو ڪارڻ سمجهندو آهي.
    جڏهن انسان جو هن ڪيفيت سان رنڱجڻ جي نتيجي ۾ ملاءِ اعلى سان سندس اتصال ٿيندو آهي ته پوءِ ان جي شخصيت جي مٿان علم ۽ معارف جي پالوٽ ٿيندي آهي، جيڪي علمن جي اصل سرچشمي تجليات الاهي جو اولڙو هونديون آهن. انهيءَ ڪري عجز ۽ نوڙت جي ضد ڪيفيت، تڪبر ۽ آڪڙ ڪندڙن وٽ، علم ۽ معارف کان محرومي انهن جي بدبختي بڻيل هوندي آهي.
    3. سخاوت
    انسانيت جو ٽيون بنيادي اخلاق سخاوت آهي. امام شاهه ولي الله ان جي لاءِ سماحت جو لفظ استعمال ڪيو آهي جنهن جي معنى ۾ ٻاجهه، سخاوت، رواداري ۽ فياضي سڀ شامل آهن. هن خصلت جو مالڪ هن دنيا ۾ پنهنجي ذات کي، پنهنجي مرتبي کي ۽ پنهنجي تصرف ۾ آيل شين جو مختار ۽ مالڪ هرگز نه سمجهندو آهي، بلڪه انهن سڀني جو پاڻ کي امين سمجهندو آهي. جيئن قرآن شريف ۾ آهي ته:
    اِنَّ اللہَ اشْتَرٰی مِنَ الْمُؤْمِنِیۡنَ اَنۡفُسَہُمْ وَ اَمْوَالَہُمۡ بِاَنَّ لَہُمُ الۡجَنَّۃَؕ۔ (التوبہ 111)
    ”بيشڪ الله تعالى مومنن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ کين جنت عطا ڪندو.“
    الله سان سودو ٿي وڃڻ کانپوءِ مومنن جي جان ۽ مال انهن وٽ صرف امانت آهي جيڪا حقدارن تائين پهچڻي آهي. اها امانت انسان جي ڪاميابيءَ جي آزمائش آهي. انهيءَ ڪري سڌريل فطرت ۽ ماڻهپي واري ماڻهوءَ کي اها امانت پنهنجي حقدارن تائين پهچائڻ جي هميشہ اونَ هوندي آهي. هو پنهنجي ذات مان ٻاجهه ۽ رواداريءَ جا وڙڪري خلق کي فائدو رسائيندو آهي. هو پنهنجي مرتبي ۽ مال جي قربانيءَ سان سخا ۽ فياضيءَ جا واهڙ وهائيندو آهي. هو علم کي به پنهنجي پالڻهار جي امانت ڄاڻي ان جو فيض ان جي ٻانهن تائين پهچائڻ جي سخا کان پاڻ کي محروم نه رکندو آهي. نه صرف پاڻ پر پنهنجي گهر وارن ۽ اولاد کي به مال، مرتبي ۽ علم جي قربانيءَ واري انهيءَ رستي جو پانڌيئڙو بڻائيندو آهي. هيءُ ملڪو پيدا ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته ضدِ سخاوت جيڪي حيوانيت جون خاصيتون آهن، ماڻهو انهن کان بچڻ جو سعيو ڪري. بخيلي، شهواني خواهش ۽ کاڌي پيتي جي هٻڇ کان بچي. ڪم چوري ۽ تن آسانيءَ جي خواهشن جو شڪار نه ٿئي. انتقام جي خواهش کان مغلوب نه ٿئي. حرص جي خواهشن کان پاڻ بچائي ۽ انهن ڪمن لاءِ شريعت جيڪي حدون مقرر ڪيون آهن انهن جو لحاظ رکي.
    جنهن شخص جي زندگيءَ ۾ سخاوت جو هي اخلاق پختو بڻجي وڃي ٿو، ان جي هن دنيا جي زندگي به اطمينان ۽ سلامتي واري بڻجي پوي ٿي ۽ موت جي وقت به هو اهڙو سلڇڻو ۽ پاڪباز بڻجي الله تعالى جي حضور ۾ پهچندو آهي جيئن سون بٺيءَ مان پچي ڪندن بڻجي نڪرندو آهي. امام شاهه ولي الله مطابق انسان جو قبر جي عذاب مان بچي نڪرڻ به انهيءَ سخاوت جي خصلت تي آڌاريل آهي.
    4. عدالت:
    انهن چئن خصلتن مان آخري خصلت عدالت جي آهي. عدالت جا ڪيترائي شعبا آهن، جن جو انسان جي خارجي زندگيءَ سان تعلق آهي. انهن مان هڪ شعبو ادب ۽ فضيلت جو آهي. هڪ ماڻهو پنهنجي چرپر ۽ اٿ ويهه تي لڳاتار نظر رکي ٿو ۽ ان ڏس ۾ جيڪا بهترين وضع ٿي سگهي ٿي سا اختيار ڪري ٿو ۽ ان تي هلي ٿو. کيس جيڪو به معاملو پيش اچي ٿو ان ۾ مناسب رويو اختيار ڪري ٿو. اهڙي طبعي ميلان کي جڏهن هو پنهنجي عادت به بڻائي ڇڏي ٿو ته ان کي ادب چوندا آهن. اهڙي طرح انسان جي پنهنجي ڪمن جي سارسنڀال، ڏيتي ليتي ۽ خرچ کپاڙي ۽ اهڙي قسم جي ٻين معاملن ۾ عدالت جي ريت تي هلڻ کي ڪفايت چوندا آهن. گهر کي چڱيءَ ريت عدالت سان هلائڻ حريت آهي. رشتن کي عدالت سان نڀائڻ حسن معاشرت آهي. شهرن ۽ لشڪرن جي سهڻي انتظام ڪاري ڪرڻ سياست آهي. مطلب ته هي سڀ خصلتون عدالت جا شعبا آهن ۽ انهن سڀني جو اصل هڪ ۽ صرف هڪ آهي ته انسان پنهنجي وجود ۽ شخصيت جي اظهار سان پنهنجي فطرت جي تقاضائن مطابق عدل ڀريو طريقو ۽ نظم اختيار ڪرڻ کانپوءِ ان تي دائميت به ڏيکاري.
    جن ماڻهن ۾ عدالت جي خصلت ڀريل هجي تن کي ملاءِ اعلى سان گهاٽي ويجهڙائي ۽ مناسبت پيدا ٿي پوندي آهي ۽ کين دنيا ۾ به ذهني آسودگيون ۽ ڪشادگيون پيدا ٿي پونديون آهن. انهن ۾ جيترو وڌيڪ عدالت جو استعداد هوندو، اوترو وڌيڪ کين انساني سڌاري جي مقصدن لاءِ منتخب ڪيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري جيڪو شخص ڏسي ته عام زندگيءَ ۾ ذهني آسودگين کان محروم آهي يا کيس انساني فلاح جي ڪمن ۾ سرگرم ٿيڻ جي توفيق نٿي ٿئي ته هو پنهنجي ان محروميءَ تي ملامت وارو ٿئي ۽ ان کان بچڻ جي لاءِ عدل جا طريقا اختيار ڪري. قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته: اِعْدِلُوْا ھُوَ اَقْرَبُ لِلتقویٰ ”عدل وارا ٿيو جو اهو عمل تقوى جي نسورو ويجهو آهي.“ اسان جي سماج ۾ خاص طور تي اسان جا سماجي ۽ سياسي ورڪر جيڪو قوم کي دردن ۽ عذابن مان بچائڻ لاءِ ڪجهه ارپي/ڊليور ڪري نٿا سگهن، ان جو سبب به اهو ئي آهي ته انهن انسانيت جي بنيادي اخلاقن ذريعي پنهنجي اندر اهو حُسن ۽ استعداد ئي پيدا نه ڪيو آهي جيڪو انهن کي ”عظيم عملي انسان“ بڻائي. ۽ اها ڳالهه انسانن جي تهذيبي تاريخ ۾ چٽيءَ طرح نظر اچي ٿي ته تبديلي عظيم عملي انسانن کانسواءِ ڪو به آڻي نه سگهندو آهي.
    جنهن ماڻهوءَ انسانيت جي چئن بنيادي اخلاقن کي پنهنجو الهه تلهه بڻائي ورتو اهو ”بر“، ”تقوى“، ”تزڪيي“ ۽ ”احسان“ جي رستن تي پاڻ کي گامزن محسوس ڪندو. نتيجي ۾ هن دنيا جي ڀلاين ۽ حسناڪين سان گڏ آخرت جون ڀلايون ۽ حسناڪيون به سندس مقدر بڻجي وينديون.
    قرآن انساني عظمت جي ڪمن ۽ سعادتن جي تفصيل ۾ ڪن به مخصوص مذهبي رسمن يا طور طريقن اپنائڻ بجاءِ ايمان ۽ عمل جي هڪ اهڙي چرخي جي صورت بيان ڪئي آهي جنهن جا ڏندا هڪ ٻئي سان جڙيل ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪي اڳتي وڌائيندڙ هوندا آهن. ايمان ۽ عمل جا اهي مظاهر نهايت چٽائي سان بيان ڪري قرآن مذهبن جي مخصوص رسمن ۽ طور طريقن واري تاثر کي يڪسر ختم ڪري ڇڏيو آهي:
    لَیۡسَ الْبِرَّ اَنۡ تُوَلُّوۡا وُجُوۡہَكُمْ قِبَلَ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ وَلٰکِنَّ الْبِرَّ مَنْ اٰمَنَ بِاللہِ وَالْیَوْمِ الۡاٰخِرِ وَ الْمَلٰٓئِکَۃِ وَ الْکِتٰبِ وَ النَّبِیّنَۚ وَاٰتَی الْمَالَ عَلٰی حُبِّہٖ ذَوِی الْقُرْبٰی وَ الْیتٰمٰی وَ الْمَسٰکِیۡنَ وَ ابْنَ السَّبِیۡلِ ۙوَالسَّآئِلِیۡنَ وَ فِی الرِّقَابِۚ وَاَقَامَ الصَّلٰوۃَ وَاٰتَی الزَّکٰوۃَۚ وَالْمُوۡفُوۡنَ بِعَہۡدِہِمْ اِذَا عٰہَدُوۡاۚ وَالصّٰبِرِیۡنَ فِی الْبَاۡسَآءِ والضَّرَّآءِ وَحِیۡنَ الْبَاۡسِؕ اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ صَدَقُوۡاؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الْمُتَّقُوۡنَ (البقره 177)
    ”نيڪي اها ناهي ته اوهان پنهنجا منهن مشرق جي طرف ڪريو ٿا يا مغرب جي طرف. بلڪه نيڪي هي آهي ته ماڻهو الله کي، آخرت ۽ ملائڪن کي، الله جي نازل ڪيل ڪتاب کي ۽ ان جي پيغمبرن کي دل سان مڃي ۽ الله جي محبت ۾ پنهنجو دلپسند مال رشتيدارن ۽ يتيمن تي، مسڪينن ۽ مسافرن تي، گهرجائن کي غلامن جي رهائيءَ تي خرچ ڪري. نماز قائم ڪري، زڪواة ڏئي ۽ نيڪ آهن اهي ماڻهو جڏهن قول ۽ اقرار ڪن ٿا ته ان کي پورو ڪن ٿا ۽ تنگي توڙي مصيبت جي وقت صبر ڪندڙ ( مضبوطيءَ سان ڄمي بيهندڙ) آهن. اهي ئي سچار ۽ متقي ماڻهو آهن.“
    مٿئين آيت ۾ ايمان سان گڏ عمل جي زندگيءَ لاءِ هڪ اهڙي گائيڊ لائين چٽي ڪري ٻڌائي وئي آهي، جنهن تي هلي انسان جي لاءِ سچائي ۽ تقوى جو حصول يقيني بڻجي پوي ٿو.
    ايمان ۽ عمل جا هي مظاهرا انساني سعادتن جو معراج آهن. قرآن پنهنجي مڃيندڙن کان الله تعالى جي عبديت، انجي تقديس ۽ شڪر جي تقاضا ڪري ٿو. پاڪيزگي انسان ۾ عبديت جي مقام کي سگهارو ڪري ٿي. نوڙت الله جي ڪبريائي ۽ تقديس جون حقيقتون پسائي ٿي. سخاوت الله جي شڪر جا موقعا عطا ڪري ٿي ۽ عدالت وري انسانن جي حوالي سان الله جي رضا ۽ محبوبيت ماڻڻ جو ذريعو بڻجي ٿي. جيڪڏهن انسان ۾ هي چار اخلاق موجود ناهن ته پوءِ وٽس سڀ ڪجهه موجود آهي پر الله تعاليٰ جي عبديت، تقديس، شڪر ۽ ان جي رضا حاصل ڪونهي.


    اجتماعي اخلاقن تي معاشيات جو اثر

    دنيا جي سماجي مفڪرن جو گهڻو ڪري هي رايو آهي ته بلند ۽ اعليٰ اخلاقي نظرين جي ذريعي ماڻهن جا انفرادي اخلاق بلند ڪري سگهجن ٿا، جنهن سان اجتماع کي فائدو رسي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اهڙا مفڪر اجتماعيات کي اخلاقيات جي ماتحت رکڻ جي طريقن ۽ ڪوششن کي همٿائيندا رهيا آهن. پر ان جي ابتڙ امام شاهه ولي الله جو نظريو هي آهي ته بنيادي انساني اخلاقن تي ته فرد جي سگهه ۽ پهچ آهي، پر اجتماعي اخلاق جيڪي معاشري ۾ تهذيب ۽ ڪلچر جي اجتماعي تشڪيل ڪن ٿا، ان تي اجتماعي معاشيات جو گهرو اثر پوي ٿو. انهيءَ ڪري اجتماعي يا قومي اخلاقن جي درستيءَ لاءِ ضروري آهي ته عدل ڀريو معاشي نظام قائم ڪيو وڃي. جيستائين اهڙو نظام قائم نٿو ٿئي اوهان اجتماعي قومي اخلاقن جي سڌاري جو مقصد حاصل نٿا ڪري سگهو. هڪ ماڻهوءَ کي روزگار جا موقعا ڪونهن، پاڻ به پيٽ بکيو گذاري ٿو ۽ ٻچن جي بکئي هجڻ تي به پريشان آهي. سماج ان جي درد کي ونڊڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ رياست ان پاسي کان بي فڪر آهي ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ مان اعليٰ اخلاقي ڪردار جي توقع رکي نٿا سگهو. ۽ سماج ۾ جڏهن اهڙن ماڻهن جو تعداد وڌيل آهي ته پوءِ اتي اوهان کي اجتماعي قومي اخلاق به جڙيل نه ملندا.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته فرد جي به هڪ مستقل حيثيت آهي ۽ فردن جا اخلاقي سڌارا به سماج کي بهتر بنائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا پر ڳالهه هي آهي ته وڏي اجتماعي ۽ قومي تبديليءَ ۾ رياست جو اقتصادي معاملن ڏانهن رويو هميشہ بيحد اهم رهيو آهي. انساني تاريخ انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي ته جيڪڏهن رياست معاشي حالتن کي بهتر ڪري ماڻهن جي اڪثريت کي انهن جي بنيادي ضرورتن جي پورائي جو ماحول فراهم ڪيو آهي ته پوءِ انسانن ۾ اخلاقي سڌاري جا وسيع مقصد حاصل ٿيا آهن. قرآن مجيد انهيءَ ڪري ئي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته:
    اَلَّذِیۡنَ اِنۡ مَّکَّنّٰہُمْ فِی الْاَرْضِ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَوُا الزَّکٰوۃَ وَ اَمَرُوۡا بِالْمَعْرُوۡفِ وَ نَہَوْا عَنِ الْمُنۡکَرِؕ وَ لِلہِ عَاقِبَۃُ الْاَمُوۡرِ ﴿۴۱﴾ (الحج (41)
    ”انهن کي جيڪڏهن زمين ۾ طاقت ڏينداسون ته نماز قائم ڪندا ۽ زڪوات ڏيندا ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙي ڪم کان روڪيندا ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله جي اختيار ۾ آهي.“
    امام شاهه ولي الله رحمة الله جو چوڻ آهي ته انسان جي عملن جا محرڪ ٻه شيون هونديون آهن: هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍا ننڍا خيال ۽ ٻيو خراب معاشي حالتون. دلين ۾ انهن خيالن پيدا ٿيڻ جو هڪ سبب انساني جبلت آهي ۽ ٻيو سبب انسانن جون بگڙيل معاشي حالتون آهن جيڪي انسان کي گهيراءُ ۾ آڻي ڇڏين ٿيون. شاهه صاحب جن فرمائين ٿا:
    انما الاخلاق بالاحوال لابالعلوم (بد ور بازغه 41)
    ”اخلاق علمن جي ذريعي پيدا نٿا ٿين، پر انهن حالتن ۾ پيدا ٿيندا آهن جن ۾ انسان زندگي گهاريندو آهي“
    هيءُ ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو ايترا بلند نظر ۽ پختي اخلاق وارا هجن جو معاشي بدحاليءَ کان متاثر نه ٿين، پر ماڻهن جي اخلاق تي معاشي بدحاليءَ جو اثر ضرور پوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو قرآن به انساني سڌاري ۽ فلاح جي لاءِ رياست جي ذميدارين ۾ معاشي نظام کي بهتر رکڻ کي ضروري قرار ڏنو آهي.


    اجتماعي تبديلي جا قرآني محرڪ

    قرآن حڪيم انسانن جي سڌاري لاءِ جتي انهن جي ذات ۽ شخصيت جي تبديليءَ جا راز ڏسيا آهن، اتي انهن جي اجتماعي تبديليءَ جي اسرارن کي به بيان ڪيو آهي. قومن ۽ وستين جي تذڪرن ۽ انهن جي هدايت ۽ گمراهي ۽ فلاح ۽ خساري جي هلت کي کولي کولي بيان ڪيو آهي. قرآن، اجتماعي تبديليءَ لاءِ قومن جي آزاديءَ کي بيحد اهم قرار ڏنو آهي. حضرت موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل جي آزاديءَ لاءِ فرعون وٽ ڪَهي ويو ۽ جڏهن هن اها آزادي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ حضرت موسيٰ عليه السلام کي ان آزاديءَ واسطي ويڙهه جي لاءِ تيار ٿيو. قرآن توحيد جو تصور آزاديءَ جي معنيٰ ۾ واضح ڪيو آهي. توحيد جي ذريعي ئي هر قسم جي ذهني، شخصي غلامين مان نڪري، هڪ الله جي عبديت ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. اهڙي طرح توحيد جي ذريعي گروهي ۽ قومي غلامين مان نڪري آزاد ۽ سماجوادي فلاحي معاشرو جوڙي سگهجي ٿو. پيغمبر اسلام جيڪو انقلاب آندو ان ۾ جيئن فردن کي سردارن، پيرن ۽ مستڪبرن کان نجات ڏياري سلامتي ۽ امن جو شخصي اطمينان عطا ڪيو ويو، تيئن قيصر ۽ ڪسريٰ جي عالمي طاقتن جي غلاميءَ مان قومن کي آزاد ڪري نئون بين الاقوامي خداپرست- انسان دوست نظام وجود ۾ آندو. ان نظام ۾ سڀني قومن ۽ طبقن کي تحفظ ۽ سڃاڻپ ۽ انهن جي حقن کي ۽ وسيلن کي مڪمل تحفظ حاصل هو.
    قرآن، اجتماعي تبديليءَ ۾ رڪاوٽ بنجندڙ قوتن کي ٽن حصن ۾ ورهائي انهن سان مهاڏو اٽڪائي انسانن کي هر حال ۾ آزاديءَ جي نعمت سان سرفراز ڪرڻ جي تعليم ڏني آهي.
    (1) الْمُسْتَكْبِرِیۡنَ (آمر ۽ جابر: فرعون ۽ شداد انهن جا نمائندا هئا.)
    (2) مُتْرِفِیۡنَ (دولتمند- سرڪش: قارون ۽ ابولهب انهن جا نمائندا هئا.)
    (3) الۡاَحْبَارُ وَالرُّہۡبَانُ (مذهبي پيشوائيت: آذر مشرڪ ۽ يهودين جا عالم نمائندا هئا.)
    قرآن انهن ٽنهي طبقن سان نبين جي اصولي ويڙهه ۽ جهاد جي ترجماني ڪري مڪمل تبديليءَ جي واٽ ڏيکاري آهي جنهن کي اڄ جي دور ۾ انقلاب جي واٽ چئجي ٿو.
    برصغير جي برک عالم حڪيم الاسلام مولانا عبيدالله سنڌيءَ قرآن حڪيم جي تفسير ۾ انهن ٽنهي طبقن جي خاتمي ۽ انڪار کي لاالہ جي اصول تي چٽو ڪري ٻڌايو آهي. ساڳي وري قرآني انقلاب جي الالله واري واٽ جي به ڀرپور چٽائي ڪئي آهي، جنهن جو خلاصو هن ريت آهي:
    جيڪڏهن قرآن حڪيم جي تعليم تي مجموعي حيثيت سان نظر وڌي وڃي ته اها بلڪل ساڳي طرح انقلابي تعليم ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ نبي اڪرمﷺ جو عمل بلڪل قرآني انقلاب جو عملي تفسير معلوم ٿئي ٿو. اسان هتي لفظ ”جهاد“ کي ڇڏي، ڄاڻي واڻي ”انقلاب“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. اهو ان ڪري ته جهاد جي لاءِ جنهن نظام جي ضرورت آهي، ان کان اسان محروم ٿي چڪا آهيون. لفظ جهاد ميسر نه رهڻ جي حالت ۾ لفظ انقلاب کان وڌيڪ ٻيو عوام لاءِ ڪو معنى خيز لفظ موجود نه آهي، جو اسان استعمال ڪري سگهون. انقلاب جي لاءِ ٽن شين: نصب العين، جماعت ۽ لائحه عمل جي ضرورت هوندي آهي. اوهان قرآني جماعت جي نصب العين کي ڏسو:
    قرآن ۾ جٿي ڪٿي آمنوا و عملو الصٰلحٰت. يعني ايمان ۽ عمل صالح جي دعوت ڏني وئي آهي. ايمان ڪهڙي شيءِ آهي؟ ڪنهن ڳالهه کي نصب العين بنائي ان لاءِ مڪمل اطمينان ۽ کليل دل سان پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهجي، ته ان کي ايمان چئجي ٿو. ان ايمان جي مرڪز ۾ قرآن حڪيم کي ڏسو ته حضرت نبي ڪريمﷺ ۽ سندن پاڪ جماعت جو عمل بلڪل انقلابي نظر ايندو. جيئن قرآن حڪيم فرمائي ٿو ته: ہُوَ الَّذِیۡۤ اَرْسَلَ رَسُوۡلَہٗ بِالْہُدٰی وَ دِیۡنِ الْحَقِّ لِیُظْہِرَہٗ عَلَی الدِّیۡنِ كُلِّہٖۙ. (التوبہ-33) ”يعني الله تعالى ئي پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين، صحيح ۽ پائدار قانون ڏئي رڳو هن لاءِ موڪليو آهي ته هو ان کي سڀني قانونن تي غالب ڪري.“
    هاڻي نبي اڪرمﷺ ۽ سندس ساٿين جي زندگيءَ تي نظر وجهو ته بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن قرآن حڪيم کي پنهنجو منزل مقصود بنايو ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه ان تي قربان ڪيو.
    ان کان پوءِ جماعت ڏي ڏسو:
    صحابه ڪرام (رضوان الله تعالى عليهم اجمعين) جو هڪ خاص تعداد آهي، جيڪو پيغمبر جو شروع کان وٺي آخر تائين ساٿي ۽ سهڪاري ٿي رهيو. قرآن حڪيم ۾ انهن جو ذڪر گهڻو ڪري نبي اڪرمﷺ سان گڏ اچي ٿو. جيئن سورت فتح ۾ آهي ته: مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللّٰه ِ وَالَّذِينَ مَعَهُ (الفتح-29) ”محمد رسول الله ۽ ان جا ساٿي،“ سوره توبہ ۾ آهي ته: لٰکِنِ الرَّسُوۡلُ وَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مَعَہٗ (التوبہ-88) ”محمّد رسول الله ۽ اهي ماڻهو جيڪي ان سان گڏ شريڪ ايمان آهن.“ هي اهي ماڻهو آهن، جن کي هن آيت ۾ معين ڪيو ويو آهي: وَالسّٰبِقُوۡنَ الۡاَوَّلُوۡنَ مِنَ الْمُہٰجِرِیۡنَ وَالۡاَنۡصَارِ وَالَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُمۡ بِاِحْسَانٍۙ (التوبہ-100) ”يعني مهاجرن ۽ انصارن مان پهريون ايمان آڻڻ وارا ماڻهو ۽ اهي ماڻهو جيڪي انهن جي صحيح نموني پيروي ڪن.“
    هن آيت ۾ حضرت نبي ڪريمﷺ جن جي جماعت جا ٻه حصا ڪيا ويا آهن:
    (1) اهي ماڻهو جن مهاجرن ۽ انصارن مان پهريان ايمان آندو، انهن کي ”حزب الله“ قرار ڏنو ويو.
    (2) اهي ماڻهو جيڪي انهن جي پوري طرح پيروي ڪن. هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي قيامت تائين رسول اللهﷺ ۽ پهرين جماعت جي پيروي ڪندا رهندا.
    هاڻي پروگرام تي نظر وجهو:
    نبي ڪريمﷺ جن جي زماني ۾ مهاجرن ۽ انصارن جو پهريون ٽولو ”حزب الله“ جي نالي سان سڏيو ويو. ان جو پروگرام اهو ئي هو، جيڪو قرآن حڪيم ڏنو. هي جماعت پنهنجا فيصلا قرآن حڪيم ۽ نبي اڪرمﷺ جن جي تشريحن مطابق ڪندي رهي. تنهن کان پوءِ جيڪي به ماڻهو سندن مڪمل پيروي ڪندا، يعني (متبعين باحسان) ٿيا ته اهي به قرآن حڪيم ۽ نبي ڪريمﷺ جن جي فرمانن مطابق فيصلا ڪندا ۽ جتي نيون حالتون پيدا ٿينديون ته هو اتفاق ۽ اڪثريت جي فيصلن کان ڪم وٺندا. اڳواڻ ان جماعت مان هوندو، جيڪو پنهنجي ساٿين جي مشوري سان هلندو.
    حضرت عثمانؒ جي شهادت تائين واري زماني ۾، جنهن کي امام الائمه شاهه ولي الله محدث دهلويؓ خير القرون  قرار ڏئي ٿو، انهيءَ طرز تي ڪم ٿيندو رهيو ۽ وارَ برابر به تبديلي نه ٿي. ان کان پوءِ اختلاف ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا. ان ڪري شاهه ولي الله وٽ صرف عثمان ذوالنورين جي شهادت تائين، وارو زمانو قابل سند آهي.
    قرآن حڪيم جو گهرائي سان مطالعو ڪيو وڃي ته سڄو قرآن ان انقلابي اصول تي ٻڌل نظر اچي ٿو ۽ جن ماڻهن کي ان سڀ کان پهريائين دنيا ۾ متعارف ڪرايو، تن ان کي انقلابي رنگ ۾ پيش ڪيو، نه ارتقائي رنگ ۾.


    قرآن استحصالي نظام جو خاتمو گهري ٿو:

    قرآن حڪيم جيڪو انقلاب آندو اهو حقيقت ۾ ڪسرى ايران ۾ ۽ قيصر روم جي خلاف هو. ان وقت جي مهذب دنيا جو گهڻو حصو ٻنهي حڪومتن جي ماتحت اچي چڪو هو. ڪسرى ايران جي حڪومت اوڀر ۾ هندستان (سنڌ) تائين پهچي چڪي هئي ۽ قيصر روم جي حڪومت اولهه ۾ مراڪش تائين پکڙيل هئي. ان ڪشادي علائقي ۾ انسانن جي تمام وڏي آبادي موجود هئي پر انهن کي انساني حقن کان محروم ڪيو ويو هو. اميرن، جاگيردارن ۽ شاهي خاندانن گڏجي هارين، مزدورن ۽ واپارين کي اهڙي طرح لٽڻ ڦرڻ شروع ڪيو، جو اهي ويچارا واهو گڏهن، ڍڳن ۽ چوپاين واري حالت تائين پهچي چڪا هئا جن کي صرف ان لاءِ زنده رکبو آهي ته انسان جي ڪم ايندا رهن. سياسي ٽولن سان گڏ علمي ۽ مذهبي جماعتن به ڄڻ ته ”سازش“ ڪري رکي هئي ۽ هي پويون ٽولو عوام کي پنهنجي حال تي مطمئن رکڻ لاءِ مذهبي تلقين ڪندو هو ۽ ان جي عيوض پگهار طور، سياسي گروپ، لٽيل ڦريل مال مان کين حصو ادا ڪندو هو. ويچارو عوام چڪيءَ جي انهن ٻن پڙن- اقتصادي سرمائيداري ۽ علمي سرمائيداري – جي وچ ۾ پيسبو رهيو. امام شاه ولي الله انهن جي حالت جو”حجة الله البالغه“ ۾ دردناڪ نقشو چٽيو آهي جيڪو عبرت حاصل ڪندڙ اکين لاءِ ڏسڻ جهڙو آهي.
    اهڙيون حالتون ان زماني ۾ مڪي ۾ رهندڙ مٿئين ڪلاس جي ماڻهن پيدا ڪيون هيون. اتي به رئيسن جو هڪ اهڙو طبقو سرگرم هو جن عام ماڻهن کي اقتصادي لحاظ کان ڪمزور بنايو ۽ پروهتن (مذهبي راهبن) جي ٽولي ذهني طرح انهن کي غلام بنائي رکيو هو.
    دنيا جي هيءَ حالت هئي جو جڏهن نبي ڪريمﷺ جن نبوت جو اعلان فرمايو، قرآن حڪيم ان وقت جي صورتحال جو نقشو هنن لفظن ۾ چٽيو آهي:
    ظَهَرَ الْفَسَادُ فِي الْبَرِّ وَالْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ أَيْدِي النَّاسِ (الروم-41)
    ”انسانن جي ڪرتوتن جي ڪري خشڪي ۽ پاڻيءَ ۾ فساد برپا ٿي چڪو هو.“
    ان متعلق امام شاه ولي الله فرمائي ٿو:
    فلما عظمت هذه المصيبة واشتد هٰذ المرض سخط عليهم الله والملٰئکۃ المقربون وکان رضاه تعالى في معالجه هذا المرض بقطع مادته (حجة الله البالغه جلد پهريون ص104)
    ”جڏهن اها مصيبت يعني اقتصادي ڦرلٽ چوٽيءَ کي پهچي وئي ۽ اهو مرض شدت اختيار ڪري ويو، تڏهن خدا تعالى ۽ ان جا ملائڪ سخت ناراض ٿيا ۽ الله تعالى جي حڪمت ۽ رضا اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي جڏهن انهن ۾ پاڻمرادو اصلاح جي ڪابه گنجائش باقي ناهي، تڏهن ان مرض کان انسانيت کي ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ ان جي پاڙ – قيصر ۽ ڪسرى جي حڪومت کي انسانيت جي روڳ مان ڪٽي ڦٽو ڪجي.“
    شاهه صاحب وڌيڪ لکن ٿا ته ان عظيم انقلاب کي جاري ڪرڻ لاءِ:
    بعث نبيا اميا صلي الله عليه واله وسلم لم يخالط العجم والروم ولم يترسم و جعله ميزانا يعرف به الهدى الصالح المرضي عندالله من غير المرضي..... وقضي بزوال دولتهم بدولته ورياستهم برياسته بانه هلک کسرى فلا کسرى بعده وهلک قيصر فلا قيصر بعده.
    ”الله تعالى ان پيغمبر کي موڪليو، جيڪو امّي هو ۽ ايراني ۽ رومي رسم ۽ رواج کان آزاد هو. ان کي الله تعالى هدايت لاءِ، جيڪا خدا تعالى وٽ پسند هئي، معيار مقرر ڪيو، ته جيئن ان کي ڏسي چڱي مٺي ۾ فرق جي ڄاڻ ٿئي ۽ الله تعالى فيصلو ڪيو ته ان نبي ڪريمﷺ جي حڪومت جي ذريعي ڪسرى ۽ قيصر جون حڪومتون ۽ سندن ليڊرشپ کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن ڪسرى ۽ قيصر فنا ٿي وڃن ۽ پوءِ انهن جي ڪسرائيت ۽ قيصريت نه رهي.“
    اڄ ڪلهه يورپ ۾ ۽ ان جي سياسي محڪوم ملڪن ۾ چند مٿئين طبقي جي ماڻهن جي مالي ترقي ۽ عام ماڻهن جي معاشي بدحالي جي جيڪا حالت آهي ۽ ان ڪري جيڪا اخروي زندگي کان بي پرواهي ۽ غفلت آهي، اها رومي ۽ ايراني حڪومتن وانگر آهي. انهن مٿين طبقن جي ذهنيت ۽ عوام جي استحصال جا اصول اهي ئي آهن، جيڪي هنن حڪومتن جا هئا. امام شاهه ولي الله فرمايو آهي:
    وما تراهُ من ملوک بلادِک بعينک عن حکاياتهم
    ”يعني توهان جي پنهنجي ملڪ جي اميرن ۽ حاڪمن جي جيڪا حالت آهي، ان کي ڏسو ته توهان کي ٻين ملڪن جي اميرن ۽ حاڪمن جي حالت ڏسڻ جي ضرورت نه رهندي.“
    اهو جملو اڄ به اوتروئي صحيح آهي، جيترو امام ولي الله دهلويءَ جي دؤر ۾ هو. اڄ به برطانيه جي قبضي هيٺ هندستان جي اها حالت آهي، جو هڪ طرف سرمائيدار ۽ دولت جي پوڄارين جو هڪ ننڍڙو طبقو آهي، جن جي آمدني هزارن کان وٺي ڪروڙن تائين آهي. ٻئي طرف مسڪينن جو گهڻو طبقو اهڙو آهي، جن جي ماهوار آمدني بلڪل ٿورڙي آهي. مٿئين طبقي هيٺئين طبقي کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو آهي ۽ زيردست طبقو پنهنجي انساني حقن لاءِ هٿ پير هلائڻ ته پري رهيو، هيءَ سگهه ۽ ڄاڻ به نٿو رکي سگهي ته ان جا انساني حق ڪهڙا آهن؟ ۽ ان جي حاصلات جا گس ڪهڙا آهن؟


    قرآن ڪمزورن کي طاقتور بنائڻ گهري ٿو:

    قرآن حڪيم اهو ٻڌايو ته زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي، سو بنا ڪنهن فرق جي سڀني انسانن جي لاءِ آهي. خَلَقَ لَكُمْ مَا فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا. ”جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي، اهو توهان سڀني لاءِ آهي.“ انسانن جي ڪنهن خاص طبقي لاءِ نه آهي. ان ڪري هر هڪ ماڻهوءَ کي ان جي ضرورت مطابق حصو ملڻ گهرجي. جيڪي ماڻهو پيداوار جي ذريعن تي قبضو ڪري ويهن ٿا ۽ محتاجن کي انهن جي ضرورت مطابق فائدي وٺڻ جو موقعو نٿا ڏين، اهي الله جي ڏنل نعمتن جو قدر نٿا ڪن. اهي نٿا ڄاڻن ته الله تعالى جي نعمتن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪري، هو بلند درجي تي پهچي سگهن ٿا ۽ انهن نعمتن جي صحيح استعمال نه ڪرڻ ڪري، تباهي جي کڏن ۾ ڪرندا وڃن ٿا. ائين ڪرڻ سان سماج جي هڪ وڏي حصي جي ضرورتن کان انسان ڪهڙي طرح نه انڌو ٿي وڃي ٿو ۽ ان غفلت سبب ڪيترو نه نقصان کڻي ٿو.
    سورة مزمل ۾ هن ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته سرنديءَ وارن ماڻهن جو فرض آهي ته ، اهي کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ پنهنجي محتاج ڀائرن جي خبرچار رکن. صرف ڪنهن ضرورتمند کي ٽڪر ڏئي ان جو پيٽ ڀرڻ ڪافي نه آهي پر ان جي بحال ڪاري ڪرڻ يا اهڙو نظام قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجون توانايون صرف ڪرڻ جي ضرورت آهي. رسول الله ﷺ جن هڪ ماڻهوءَ کي ڪاٺيون وڪڻي پاڻ ڪمائڻ سيکاريو. محتاجن جي سارسنڀال لهڻ جو اهو به اصولي طرح بهتر طريقو آهي. يعني جنهن شخص وٽ جيتري موڙي هجي، ان جي ذريعي کيس پلاننگ ڪري ڏجي ۽ گذر سفر لاءِ دڳ لائي ڇڏجي ۽ مالي حوالي سان به مسڪينن جي بحالڪاريءَ جو ڪم انهن جي اصل مدد آهي. ته جيئن هو مدد واري موڙيءَ مان ڪنهن اهڙي ڌنڌي/ڪاروبار سان لڳي وڃي جو هو سڀاڻي هيٺيون هٿ نه رهي. باقي جيڪي دائمي محتاج آهن مثلاً: بي واهه عورتون، جهور پوڙها ۽ اکين يا ٻين عضون کان محروم ته اهڙن مستحقن جي دائمي مدد فرض عين آهي. اڄ ڪلهه اسان جي معاشري ۾ جنهن ذليل طريقي سان محتاجن کي ٽڪر ڏنو وڃي ٿو، سو انهن جي تباهه ڪرڻ جو بدترين ذريعو آهي. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته حاجتمندن لاءِ هر جاءِ بيت المال ۽ بحال ڪاريءَ جو نظام هجي، جتي انهن لاءِ اهڙي نموني گذر جو بندوبست ڪيو وڃي، جيئن سندن انسانيت کي صدمو نه پهچي. جيڪي ماڻهو ڪم ڪري سگهن ٿا، انهن کي ڪم سان لڳايو وڃي، جي ضرورت هجي ته انهن کي ڪم ڪار جا اوزار ۽ وسيلا به مهيا ڪيا وڃن. اها ئي انهن جي صحيح سار سنڀال آهي.
    ان انقلاب لاءِ قرآن حڪيم مسڪينن جي اجتماعي تنظيم جو پروگرام پيش ڪري ٿو.
    قرآن حڪيم ڪمزور ماڻهن کي انساني اجتماع ۾ حق ڇو ٿو ڏئي؟ يعني هو خوشحال ماڻهن کي ڇو ٿو مجبور ڪري ته اهي پنهنجي ڪمائيءَ مان هڪ حصو محتاجن ۽ مسڪينن لاءِ ضرور ڪڍن، جيڪو انهن (محتاجن) جو ”حق“ قرار ڏنو ويو آهي.
    وَفِي أَمْوَالِهِمْ حَقٌّ لِلسَّائِلِ وَالْمَحْرُومِ. (الذاريات-19)
    ”يعني هي ان شخص جو حق آهي، جنهن جي حالت سوال ڪرڻ تائين پهچي وڃي ۽ جيڪو معاش جي ذريعن کان محروم ٿي ويو هجي.“
    ان جو سبب هيءَ آهي ته خدا تعالى انسان جي جوڙجڪ ڪجهه اهڙي رکي آهي جو هو اجتماع ۾ ئي اڳتي وڌي سگهي ٿو. انفرادي زندگيءَ ۾ ان کي پنهنجي لڪيل قوتن کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ جو موقعو نٿو ملي ۽ هو جامد (Atrophied) ٿي رهجي وڃي ٿو. فرد جي ان جمود جو اثر، انساني اجتماع جي ٻين فردن تي پاڻ هرتو پوندو رهي ٿو. تنهن ڪري اجتماع (سماج) کي ان نقصانڪار اثر کان بچائڻ لاءِ فردن جي، ادارن جي ذريعي سار سنڀال لهڻ نهايت ضروري آهي. جيڪو معاشرو محتاجن جي پَرگهور نٿو لهي، اهو ختم ٿيڻ گهرجي. اصل ۾ اهڙي معاشري کي ”اجتماع“ چوڻ ئي غلط آهي. اجتماع هڪٻئي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ خاطر جڙندو آهي. جيڪڏهن ”اجتماع“ ماڻهن جي پرگهور نٿو لهي، سندن سرپرستي نٿو ڪري سگهي ته اهو ختم ڪرڻ جي لائق آهي.
    محتاجن جي ضرورتن لاءِ قرآن حڪيم زڪواة مقرر ڪئي آهي. هيءَ ڳالهه چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ته زڪوات جو موجوده نصاب، ان زماني ۾ مقرر ٿيو هو، جڏهن بيت المال عام ماڻهن جي فائدي لاءِ قائم هو ۽ ان مان ماڻهن جي ڪفالت پوري ٿيندي هئي. جيڪڏهن مسلمانن جي زڪوات جي آمدني ماڻهن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ناڪافي هجي ته هر هڪ مالدار جو وڌيڪ حصو يا سموري جو سمورو سرمايو کسي ان ڪم ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.


    قرآن ماڻهن جي شخصيت کي اوسر ڏئي ٿو:

    انسان کي اجتماعي شڪل ۾ رکي، قرآن حڪيم انهن ۾ چند لازمي اخلاقن جي تعليم سيکاري آهي. بقول امام ولي الله، اهي چار بنيادي اخلاق آهن: (1) طهارت (پاڪيزگي) (2) اخبات (نوڙت) (3) سماحت (سخاوت) (4) عدالت (جنهن جو تفصيلي ذڪر اسين پوئتي پڙهي آياسين) قرآن انسانن جي انسانيت جي تڪميل ڪرڻ چاهي ٿو. انهن اخلاقن جي پورائي سان انسان جي نفس ۾ اهڙيون حالتون گڏ ٿي وڃن ٿيون، جن جو مجموعو (Sum total) انساني معاشري (Society) کي بلند ڪري ڇڏي ٿو ۽ اهي ئي ڪيفيتون ان جي مرڻ کان پوءِ واري حياتي ۾ ان لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿيون.
    امام شاهه ولي الله انسان جي زندگيءَ کي هڪ ايڪو سمجهي ٿو، جنهن جو هڪ حصو هن دنيا جي زندگي ۾ گذاريو وڃي ٿو ۽ ٻيو حصو ان مان ئي پيدا ٿئي ٿو ۽ ان کان پوءِ ترقي جاري رهي ٿي. ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب هي آهي ته انسان پنهنجي معاشري ۾ رهندي صالح عملن ۽ سٺن اخلاقن جا جيڪي اثر پنهنجي نفس ۾ گڏ ڪري ٿو، اهي هن لاءِ اڳئين حياتيءَ ۾ جنت جي زندگي پيدا ڪن ٿا ۽ هو خراب عملن ۽ بداخلاقن جا جيڪي اثر گڏ ڪري ٿو، اهي هن لاءِ جهنم جي زندگي پيدا ڪن ٿا. بس قرآن جي انقلاب جي منشا رڳو هيءَ آهي ته انساني سماج ۾ سٺن اخلاقن جو غلبو ۽ حاڪميت هجي يعني اها جماعت حڪومت ڪري، جيڪا قرآن جا ڏسيل اخلاق ماڻهن ۾ پيدا ڪري.
    قرآن حڪيم هي اخلاق اوپرا کڻي انسانن جي مٿان نٿو ٿاڦي، پر اهي اخلاق خود انساني فطرت جي تقاضا آهن، جن کي هن معاشري ۾ رهي عملي طرح اپنائڻ گهرجي. قرآن حڪيم انهن اخلاقن لاءِ مشق (Exercise) جا طريقا به تجويز ڪري ٿو ۽ ان جا موقعا به فراهم ڪري ٿو. جيڪا جماعت اهي اخلاق پاڻ ۾ پيدا ڪندي، اها جسماني، اخلاقي ۽ عملي پاڪائي کي پنهنجي لازمي ڪرت بنائيندي. اها خدا سان تعلق پيدا ڪندي ۽ انهن سببن کي استعمال ڪندي به صرف خدا تي ڀروسو ڪندي. هن ڪم مان اها جماعت ڪو ذاتي نفعو حاصل نه ڪندي بلڪه ان جو مقصد رڳو خدمت خلق هوندو، ڇو ته اهو خدا جي رضامندي جو سبب آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اها جماعت اهڙو عدل ۽ انصاف ڀريو نظام قائم ڪندي، جنهن مان سوسائٽيءَ جي خاص طبقي کي فائدو نه پهچندو، پر اهو نظام سڀني طبقن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جو ضامن هوندو. اها پارٽي سڀني انسانن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي باوجود مالدارن تي ٽيڪس هڻندي ۽ اهڙي طرح جيڪا رقم گڏ ٿيندي، اها مسڪينن ۽ غريبن ۾ ورهائي ويندي.
    قرآن جي اها انقلابي جماعت جڏهن اقتدار جون واڳون سنڀاليندي ته اها اهڙن ماڻهن کان حساب ڪتاب ڪندي جيڪي عدالت جي راهه ۾ رڪاوٽ هوندا يا جيڪي پاڪائي ۽ ٻين سٺن اخلاقن جي خلاف ورزي ڪندا ۽ عوام کي خدا ڏانهن ويندڙ رستي – صراط مستقيم کان روڪيندا. هيءَ جماعت هر ملڪ ۾ پهريائين قومي سطح تي ڪم ڪندي، پر انسانيت جي اعلى اصولن کي سامهون رکندي ۽ بين الاقوامي نظام جي مقام تي پهچي به ڪنهن خاص قوم يا طبقي جي مفادن يا ضرورتن پٽاندڙ پاليسيون نه جوڙيندي، بلڪه انسانذات جي مشترڪ انساني ضرورتن مطابق حڪم هلائيندي. هن جماعت جون پيدا ڪيل قوميتون صحيح بين الاقوامي اجتماع جي پيدا ڪرڻ جو باعث بنبيون.
    اهوئي بين الاقوامي انقلاب آهي، جيڪو قرآن حڪيم آڻڻ گهري ٿو ۽ هيءُ مطلب آهي ان دعا جو، جيڪا هر انسان کي گهرڻ کپي ته؛ وَّاجْعَلْنَا لِلْمُتَّقِیۡنَ اِمَامًا ”اسان کي بين الاقوامي انصاف ڪرڻ وارن جو اڳواڻ بناءِ.“
    قرآن حڪيم جنهن بين الاقوامي انقلاب جو بنياد وڌو، ان کان پهريائين سوين قومي انقلاب هر ملڪ ۾ ۽ هر قوم ۾ آيا، پر قرآن حڪيم جنهن نوعيت جو جامع انقلاب آڻڻ گهري ٿو، ان قسم جو انقلاب اڄ تائين ڪٿي به نه آيو هو. ان ڪري ان جي نوعيت کي سمجهڻ آسان نه هو. جيڪڏهن قرآن حڪيم ڪنهن خاص ملڪ يا قوم جي مقامي انقلاب کي عنوان بنائي، پنهنجي بين الاقوامي انقلاب جو تصور ڏئي ها ته ان بين الاقوامي انقلاب جي حقيقت چڱي طرح ذهن نشين نه ٿئي ها. ڇو ته هڪ قوم جي قومي انقلاب کي صرف اها ئي قوم سمجهي سگهي ٿي، جنهن ۾ اهو انقلاب آيو هجي. ٻيون قومون ان کي نٿيون سمجهي سگهن ۽ نه وري ان مان عبرت حاصل ڪري سگهن ٿيون.


    قرآن جي تعليم انقلاب جي لاءِ آهي

    اهڙين حالتن ۾ قرآن لاءِ ضروري هو ته هو پنهنجي بين الاقوامي انقلاب کي روشناس ڪرائڻ لاءِ ڪنهن اهڙي فڪر کي موضوع بڻائي جيڪو سڀني قومن ۾ ڄاتل سڃاتل هجي. اهو قيامت جو فڪر آهي، جنهن جو مطلب هيءُ آهي ته هڪ ڏينهن هيءَ ڪائنات ذرا ذرا ٿي ويندي، ان کان پوءِ خدا تعالى سڀني انسانن کان سندن عملن جو پڇاڻو ڪندو. هيءُ فڪر سواءِ ڪنهن ٿورڙي فرق جي سڀني قومن ۾ مڃيل آهي ۽ مڃيل رهيو آهي. جيئن نبي ڪريمﷺ جن جي دؤر تائين يهودين ۽ عيسائين جي ذريعي هيءُ فڪر مهذب دنيا جي تمام وڏي حصي ۾ متعارف ٿي چڪو هو. هندن ۾ به ”پرئين“ جو مسئلو هن فڪر جي قريب قريب موجود آهي ۽ اهڙي طرح ٻين سڀني قومن ۾ پڻ اهو عقيدو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي. قرآن پنهنجي بين الاقوامي انقلاب کي پکيڙڻ لاءِ هن ئي فڪر کي ذريعو بنايو آهي.
    ان طرح قرآن حڪيم هي چوڻ گهري ٿو ته: جهڙي طرح انسانذات تي هڪ ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن ان جي فردن کان ان باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي ته طاقتورن، ڪمزورن جا حق ڪيتري قدر پورا ڪيا؟ ۽ لاچارن جي خدمت ڪيتري ڪئي؟ اهڙي طرح دنيا ۾ به قرآن حڪيم جي علمبردار جماعت انهن اصولن تحت ڏاڍن کان حساب ڪتاب وٺندي. جيئن ابوبڪر صديق رضي الله پنهنجي تقرير ۾، جيڪا هُن خلافت جي ذميداري سنڀالڻ وقت ڪئي، فرمايائون: ”توهان مان هر ڪمزور طاقتور آهي، جيستائين ان کي ان جو حق نه ڏياريان ۽ هر طاقتور ڪمزور آهي، جيستائين ان کان ڪمزور جو حق نه ورتو وڃي.“ هيءَ انقلابي جماعت انسانذات جي سڀني مفادن جي محافظ هوندي. ظاهر آهي ته ان قسم جي عالمگير انقلاب جي تشبيهه قيامت جي ڪائنات گير انقلاب کان سواءِ، ٻئي ڪهڙي انقلاب سان ڏئي سگهجي ٿي؟ پر افسوس آهي ته هن انقلاب ۽ قيامت ۾ جيڪو ربط آهي، ان تي سوچڻ وارا عالم تمام گهٽ آهن. حقيقت هيءَ آهي ته قيامت جي انسانيت گير حادثي کان پهريائين، قرآن جي جامع ۽ ڪامل وسيع انسانيت هيٺ انسان دوست انقلاب جو اچڻ ضروري آهي؛ يعني هي ضروري آهي ته سڀني انسانن ۾ هڪ اهڙي بين الاقواميت پيدا ٿئي، جنهن ۾ دنيا جون سڀ قومون شامل هجن ۽ ان مرڪزي اداري تي، جيڪو قومن کي ڪنٽرول ڪري، قرآن حاڪم هجي. دنيا هڪ ڀيرو هيءُ نظارو حجاز ۾ ڏٺو آهي ۽ ٻيهر پڻ ڏسندي، جڏهن ان کي قائم ڪرڻ، پنهنجو فرض ڪري سمجهندي ۽ هاڻي ان تحريڪ جي شروعات ان جڳهه کان ٿيندي، جتي قرآن جو علم ۽ فهم سڀ کان وڌيڪ هوندو. انشاءَ الله تعالى.
    اسان جا مفسر جڏهن قرآن حڪيم جي آيتن جو تفسير ڪندا آهن ته هو اڪثر قرآن حڪيم جي بيان ڪيل واقعن کي ڪجهه خاص قصن ۽ شخصن سان ملائي تشريح ڪندا آهن ۽ ان کي شان نزول چوندا آهن. ان سلسلي ۾ اسين امام شاه ولي الله جي مسلڪ جا پيروڪار آهيون، جيڪو فرمائي ٿو ته:
    ”خاص واقعن کي عام طور تي جيئن بيان ڪرڻ جي هروڀرو تڪليف ڪئي ويندي آهي، ان جو اسباب نزول ۾ ڪوبه دخل نه آهي، سواءِ ڪن آيتن جي، جن ۾ ڪنهن اهڙي واقعي ڏانهن اشارو هجي، جيڪو رسول ڪريمﷺ جي زماني ۾ يا انهن کان اڳ ۾ ٿيو هجي. ڇاڪاڻ جو ٻڌندڙن جي دل ۾ شان نزول جي اشاري سان هڪ قسم جو انتظار پيدا ٿئي ٿو، جيڪو قصي جي تفصيل معلوم ڪرڻ کان سواءِ ختم نٿو ٿئي. ان ڪري اسان تي لازم آهي ته انهن تفسيري علمن جو اهڙي طرح تفصيل ڪيون، جيئن خاص خاص واقعن جي بيان ڪرڻ جي تڪليف نه ڪرڻي پوي.“ (فوز الڪبير في اصول التفسير)
    مثال طور سورة المدّثر جي آيت نمبر 8 کان 25 تائين پئسي جي پوڄاري ماڻهن جو نفسياتي تجزيو (Psychological Analysis) ڪيل آهي. هنن آيتن کي نبي ڪريمﷺ جن جي زماني جي هڪ منڪر وليد بن مغيره سان لاڳو ڪري جان ڇڏائڻ ڪافي نه آهي پر انهن آيتن کي هر زماني سان لاڳو ڪري ڏٺو وڃي ۽ هر ماڻهو پنهنجي ذهنيت جو جائزو وٺي فيصلو ڪري سگهي ٿو ته ڪيتري قدر هو ان سرمائي پرست سوچ ۾ ڦاٿل آهي؟ پر افسوس هي آهي ته اسلامي تاريخ جي اُن دور ۾ جڏهن اسان جي اميرن، عوام جي جواب طلبي کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪن عالمن انهن آيتن کي نبوي دؤر جي شخصن ۽ واقعن سان وابسته ڪري عوام ۾ هيءُ غلط تصور پيدا ڪيو ته، هنن آيتن جو اطلاق عام نٿو ٿي سگهي. اهڙي سوچ پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ، هن قسم جي تعليم به ڏيڻ شروع ڪئي ته: ما اقامو الصلواة فادفعواها اليهم. ”يعني جيستائين امير ۽ حاڪم صرف نماز پڙهندا رهن ته انهن کي زڪوات ادا ڪندا رهو.“ مولانا سنڌي انهيءَ دليل کي رد ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته اهڙن دعويدارن کي معلوم نه آهي ته جيڪو امير ٿي ڪري زڪواة جي نظام ذريعي محتاجن جي خدمت نٿو ڪري، اهو زڪوات جي روح جو انڪاري آهي ۽ اهڙي شخص جي نماز صحيح نه آهي. ان ڪري اڪيلائيءَ ۾ نماز پڙهڻ کي دين جو مدار نه بنايو ويو. ان لاءِ هيءَ آيت سامهون رکڻ گهرجي:
    وَ مَاۤ اُمِرُوۡۤا اِلَّا لِیَعْبُدُوا اللہَ مُخْلِصِیۡنَ لَہُ الدِّیۡنَ۬ حُنَفَآءَ وَ یُقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ وَ یُؤْتُوا الزَّکٰوۃَ وَ ذٰلِکَ دِیۡنُ الْقَیِّمَۃِؕ (البينہ 5) ”يعني انهن کي هيءُ حڪم ٿيو آهي ته بندگي ڪريو رڳو الله جي، حضرت ابراهيم عليه السلام وانگر ۽ قائم ڪيو نماز، ڏيو زڪوات ۽ اها ئي واٽ آهي مضبوط ماڻهن جي.“
    ان جو نتيجو هيءُ نڪتو جو امير ته پنهنجي سرمائيداراڻي ريت جي غير ذميوار حرڪتن کان نه رڪيا، پر عوام کي ٽيڪس ڀرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. جنهن مان امير عيش ۽ عشرت جي زندگي گذارڻ لڳا. ائين هلندي هلندي عوام جي دلين مان انقلاب جو تصور ۽ حاڪمن کان جواب طلبي جي سوچ به ختم ٿيندي رهي. جڏهن ته بقول علامه جصّاص رازي الحنفي جي ته، نبي اڪرمﷺ جن لاءِ به پنهنجي ساٿين سان مشورو ڪرڻ واجب هو. جيئن قرآن شريف ۾ آهي، (وَشَاوِرْهُمْ فِي الْأَمْرِ-(آل عمران-159).
    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڄ مسلمان ان وساريل سبق کي وري ياد ڪن ته اسان جا حڪمران اسان جي آڏو جوابدار آهن. هي اُهي حق جا اکر آهن، جن کي آمريڪين ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سمجهيو ۽ اعلان ڪيو ته No taxation with out representation (جيڪي ماڻهو اسان جي آڏو جوابده نه آهن، ته انهن کي ڪوبه حق نه آهي ته هو ڪو ٽيڪس وصول ڪن). شهريت (Citizenship) جو هيءُ ابتدائي اصول آهي، جنهن جي آسان صورت اسلام، پارٽي پاليٽڪس (Party Politics) جي شڪل ۾ پيش ڪئي آهي، جنهن جي عملي صورت خلافت راشده جو پاڪ دؤر هو.
    مطلب ته قرآن حڪيم جي تعليم انقلابي تعليم آهي. هن انقلاب جو پهريون نشانو (Target) قيصر ۽ ڪسرى جي تباهي هو ۽ ان جو مستقل پروگرام قانون جو راڄ هو، جنهن جو هڪ ذريعو مسڪينن جي تنظيم آهي. هي اهي تابناڪ اصول آهن، جنهن سان دنيا ۾ قرآني انقلاب جي قيامت صغرى قائم ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ اها جماعت استحصالي طبقن کان حساب ڪتاب ڪندي آهي. عرب ۾ ان انقلاب جو نمونو هڪ دفعو ظاهر ٿي چڪو آهي، جنهن جا ڪرڻا ڪجهه ملڪن ۾ اڃا تائين چمڪي رهيا آهن. جيڪڏهن هي صحيح آهي ته اسلام هميشه انسانيت جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل طبقن ۾ آيو آهي ۽ هاڻي به اهڙن طبقن ۾ رهجي ويو آهي، ته پوءِ جيڪڏهن مسلمانن هوش سنڀاليو ته دنيا کي هڪ عظيم انقلاب جي اميد رکڻ گهرجي، جيڪو نه فقط عظيم هوندو پر عالمگير به هوندو. اهو انقلاب قرآن جي اصولن تي هوندو. ممڪن آهي ته امام شاهه ولي الله جي طريقي جو هندستاني مسلمان به ان انقلاب ۾ چڱو خاصو ڪردار ادا ڪري. قرآن سان واسطو رکندڙن اسان جي ديس واسين جو فرض آهي ته هو وقت جي رفتار کي سڃاڻن ۽ امام شاه ولي الله جي حڪمت کي سمجهي قرآن حڪيم کي اپنائن، جيڪو هن سائنسي دور ۾ بين الاقوامي انقلاب آڻڻ وارو واحد ڪتاب آهي.


    قرآني عملي الاهيات

    عملي الاهيات (Applied Divinity) الله تعالى تي ايمان جي عملي طريقن کان واقف ڪري ٿي. الله تعالى تي ايمان، جهڙيءَ ريت زبان جي اقرار (اقرار باللسان) سان گهربل آهي، ساڳيءَ ريت هيءُ به گهربل آهي ته تصديق بالقلب يعني دل جي سچائي ساڻ الله تعالى جي فرمانبرداريءَ کي زندگيءَ جو مقصد تسليم ڪيو وڃي. انسان زمين تي الله تعالى جو خليفو آهي، ان خلافتي ڪردار جي ادائگيءَ لاءِ الله تعالى وحي جي تعليمات جي رهنمائي عطا ڪئي آهي. ان جي روشنيءَ ۾ اطاعتِ خداونديءَ جي عملي طريقن جو شعور عملي الاهيات جو موضوع آهي. الاهيات جو عقيدو (Faith) انسان کي الله تعالى جي شڪر، تقديس ۽ عبادت جي اصولن (Principles)، تصورات (Concepts) ۽ علامتن (Symbols) کان واقف ڪري ٿو. جڏهن ته عملي الاهيات انسان کي الله تعالى جي شڪر، تقديس ۽ عبادت سان وابستگي (Devotion) سگهاري ڪري ٿي. انسان جي شخصيت کي ارتقا جا مشاهدا (Observations) پسائي ٿي ۽ انهن ٻنهي جي درستگي ۽ بگاڙ جي نتيجن (Results) کان واقف ڪري ٿي.
    اهڙيءَ طرح عملي الاهيات الله جي نه تبديل ٿيندڙ قانونن جي بنياد ۽ مُحرڪ جوتعين ڪري ٿي. قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ جي انهن نه تبديل ٿيندڙ قانونن جو تفصيل موجود آهي، جن جي ڄاڻ ذريعي انسان جي مٿان ايمان جا عملي طريقا واضح ٿي اچن ٿا. انهن طريقن کي ڄاڻڻ جي نتيجي ۾ انسان کي پنهنجي عملن ذريعي هڪ طرف الله تعاليٰ سان پنهنجي شڪر، تقديس ۽ عبادت جي حقن جي ادائگيءَ جو شعور پختو ٿئي ٿو ۽ ٻئي طرف ان سان انساني سماج جي فلاح ۽ ترقيءَ جا بنياد مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا آهن. ٻين لفظن ۾ عملي الاهيات دراصل ايمان جو عملي اظهار آهي، جنهن سان اسان کي پنهنجي خالق جي ڏسيل تخليقي مقصدن نڀائڻ لاءِ اتساهه ملي ٿو.
    عملي الاهيات جو تفصيل سمجهڻ لاءِ اسان کي الله تعالى جو اهو تعارف سمجهڻو پوندو جيڪو وحيءَ جي ذريعي ان پاڻ سمجهايو آهي.
    قرآن الله تعالى جي ذات جو تعارف هن ريت ٻڌايو آهي:
    لَیۡسَ کَمِثْلِہٖ شَیۡءٌ (الشورى-11) ”ان جي مثل ڪابه شيءِ ناهي.“ ڪنهن به شيءِ سان اوهان ان جي مشابهت نٿا ڏئي سگهو.
    لَا تُدْرِكُہُ الۡاَبْصَارُ۫ وَ ہُوَ یُدْرِكُ الۡاَبْصَارَ (انعام-103) ”انسان جون نطرون ان کي ڏسي نٿيون سگهن، پر هُو انسان جي نطرن کي ڏسي رهيو آهي.“
    قُلْ ہُوَ اللہُ اَحَدٌ ﴿۱﴾ۚ اَللہُ الصَّمَدُ ﴿۲﴾ ۚ لَمْ یَلِدْ۬ۙ وَ لَمْ یُوۡلَدْ ﴿۳﴾ ۙ وَ لَمْ یَكُنۡ لَّہٗ كُفُوًا اَحَدٌ ﴿۴﴾٪
    (سورة اخلاص)
    ”الله اڪيلو آهي. بي نياز آهي، ان کي ڪنهن جي محتاجي ڪانهي، نه ان مان ڪو پيدا ٿيو آهي، نه هُو ڪنهن مان پيدا ٿيو آهي ۽ نه ڪا هستي ان جي درجي ۽ برابريءَ جي آهي.“
    الله تعالى جي صفتن جو تعارف قرآن هن ريت ڪرايو آهي:
    قُلِ ادْعُوا اللہَ اَوِادْعُوا الرَّحْمٰنَؕ اَیًّا مَّا تَدْعُوۡا فَلَہُ الۡاَسْمَآءُ الْحُسۡنٰیۚ (الاسراء-110)
    ”اي پيغمبر! کين چئو ته خدا کي الله جي نالي سان سڏيو يا رحمان چئي سڏيو، جنهن به صفت سان سڏيو ان جون سموريون صفتون حُسن ۽ خوبيءَ جون صفتون آهن.“
    قرآن ۾ الله تعالى جي ٽن بنيادي صفتن جو ذڪر موجود آهي.
    ربوبيت جي صفت:
    ربوبيت جو مطلب آهي ته: جيئن الله تعالى جي خالقيت ڪائنات ۽ ان جي هر شيءِ پيدا ڪئي آهي، اهڙيءَ ريت ان جي ربوبيت ڪائنات جي سنوارَ، پورو پورو اندازو ۽ ترتيب به رکي آهي. وَ خَلَقَ کُلَّ شَیۡءٍ فَقَدَّرَہٗ تَقۡدِیۡرًا (الفرقان-٢) ”انهيءَ سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ پوءِ هر شيءِ لاءِ ان جو پورو پورو اندازو رکيو.“
    قرآن ۾ ٻي جاءِ تي آهي فَسَوَّيٰ – يعني شين کي خلقي انهن کي سنواريائين. اهڙي طرح دنيا ۾ هر مخلوق جي پالنا ۽ اوسر جو سامان پڻ مهيا ڪيو آهي:
    وَمَا مِنۡ دَآبَّۃٍ فِی الۡاَرْضِ اِلَّا عَلَی اللہِ رِزْقُہَا
    ”زمين ۾ ڪوبه چرندڙ جاندار اهڙو ڪونهي جنهن جو رزق الله جي مٿان نه هجي.“(هود.6)
    رحمت جي صفت:
    وري هن ڪائنات ۾ جيڪا به شيءِ جوڙي وئي ته ان جي خوبي ۽ ڪمال اهو آهي جو اها خلقت جي نظام لاءِ نهايت سهولت ۽ فائدي واري آهي. اهي شيون پنهنجي مفيد هئڻ ۾ اهڙيون ته نراليون آهن جو محسوس ٿئي ٿو ته هر تخليق ان کانسواءِ ڪجهه ناهي ته الاهي رحمت جو ظهور آهي.
    ذٰلِکَ عٰلِمُ الْغَیۡبِ وَالشَّہَادَۃِ الْعَزِیۡزُ الرَّحِیۡمُ ﴿۶﴾ۙ الَّذِیۡۤ اَحْسَنَ كُلَّ شَیۡءٍ خَلَقَہٗ (سجده – 6،7)
    ”اهو الله آهي لڪل توڻي ظاهري شين جو ڄاڻندڙ، طاقت وارو، رحمت وارو، جنهن جيڪا شيءِ ٺاهي، حُسن ۽ خوبيءَ سان ٺاهي.“
    عدل جي صفت:
    هن دنيا جي ڪارخاني ۾ تعمير، جوڙ، سونهن ۽ سوڀيا مان جيڪو ڪجهه به آهي ان مان عدل ۽ توازن ظاهر ٿئي ٿو. فطرت جي تقاضا آهي ته ڪائنات ۾ ربوبيت ۽ رحمت سان گڏ پڇاڻو ۽ مڪافات پڻ هجي ته جيئن نقصان ۽ فساد جو ازالو ٿئي.جيڪڏهن عدل اڻ لڀ هجي ها ته جيڪر دنيا مان ذميواري ۽ جوابدهيءَ جو تصور ئي ختم ٿي وڃي ها ۽ پوءِ هر طرف رڳو ڇڙواڳي، انارڪي ۽ فساد ئي فساد هجي.
    الله تعاليٰ جي ذات عادل آهي ۽ عدل جو خلقڻهار آهي. هُن حساب ڪتاب خلقيو آهي ۽ حساب ڪتاب جو ڏينهن به جوڙيو آهي. مٰلِکِ یَوْمِ الدِّیۡنِؕ ”حساب ڪتاب جي ڏينهن جو مالڪ آهي“ (فاتحه-3) اهو عدالت الاهي جو اعلان آهي.
    جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته الاهيات جو عقيدو انسان ۾ شڪر، تقديس ۽ عبادت جو جذبو پيدا ڪري ٿو. اهڙي طرح انسان انهن جذبن جي اصل مرڪز ذات الله تعاليٰ جي معرفت جي شعور کي حاصل ڪري ٿو. قرآن حڪيم الله تعاليٰ جي ان معرفت واري شعور کي توحيد جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. قرآن حڪيم ايمان بالله يا توحيد جا ٽي پهلو بيان ڪيا آهن:
    1- توحيد في الربوبيت: قُلْ اَعُوۡذُ بِرَبِّ النَّاسِ ۙ﴿۱﴾: يعني انسانن لاءِ اڪيلي پالڻهار جي پالنا وارن قانونن اپنائڻ سان انسان پالڻهار جي حفاظت جي دائري ۾ اچي وڃي ٿو.
    2- توحيد في الصفات: مَلِکِ النَّاسِ ۙ﴿۲﴾: يعني انسانن جي اڪيلي حاڪم ۽ مالڪ جي احڪامن ۽ ضابطن اختيار ڪرڻ سان انسان احڪم الحاڪمين جي حفاظت جي دائري ۾ اچي ويندو آهي.
    3- توحيد في العبادت: اِلٰہِ النَّاسِۙ﴿۳﴾: يعني انسانن جي اڪيلي خالق ۽ معبود کي عبادتن ۽ نيازمنديءَ سان سمورا حق حوالي ڪري انسان الله تعالى جي حفاظت جي دائري ۾ اچي ويندو آهي.
    هيءُ پيغمبرِ انسانيت جي ذريعي ايمان وارن کي قرآن جي هدايت جو حتمي ۽ آخري پيغام آهي جيڪو هڪ لحاظ کان سموري قرآن جو خلاصو آهي. قرآن جي ٻين قانونن وانگر انهن قانونن ۾ پڻ ڪابه رعايت ناهي.
    توحيد في الربوبيت ڇا آهي؟
    جڏهن ماڻهو الله تعالى جي ربوبيت واري توحيد جو اقرار ڪندو آهي ته هُو عقل جي پوري شعور ۽ دل جي سمورين گهرائين سان اڪيلي، ڪائنات جي پالڻهار جي پالنا وارن قانونن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اختيار ڪندو آهي. قرآن حڪيم ۾ الله پنهنجي پالڻهاريءَ وارن قانونن جو تعارف هن ريت ڪرايو آهي:
    1- الله سمورن جهانن جو پالڻهار آهي ۽ ان جي پالنا سڀني لاءِ عام آهي.
    2- زمين تي ڪوبه اهڙو جاندار ڪونهي جنهن لاءِ الله تعالى رزق جو بندوبست نه ڪيو هجي.
    3- خالق کل شيءِ. رب کل شيءِ: هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ به اُهوئي آهي ۽ هر شيءِ جو پروردگار ۽ مالڪ به اهوئي آهي.
    4- رزق جا سڀ ذريعا ان جا ئي عطا ڪيل آهن. ايستائين جو زمين ۾ نشوونما جي صلاحيت به ان جي ئي حڪم سان آهي. اَمْ نَحْنُ الزّٰرِعُوۡنَ (الواقعه-64) ۽ زمين کي پاڻيءَ جي عطا به ان جي ئي بندوبست سان آهي. اَمْ نَحْنُ الْمُنۡزِلُوۡنَ ﴿۶۹﴾ (الواقعه -69)
    قرآن جي روءِ سان الله تعالى جي پالڻهاريءَ وارن قانونن کي عملي طور تي اختيار ڪرڻ جون صورتون هي آهن:
    1- جهڙيءَ ريت الله تعالى جي پروردگاري عام آهي، اهڙيءَ طرح ايمان وارن کي سندس نيابت جي ذميداري هن طرح ادا ڪرڻي آهي جو عام ربوبيت يعني انسانن جي پالڻهاري ۽ پرگهور جي نظام کي پنهنجي انفرادي زندگي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ قائم ڪرڻو آهي، ته جيئن سمورن انسانن کي رزق جا مناسب موقعا ۽ وسيلا حاصل ٿين. ائين:
    (الف) ماڻهو پنهنجي ضرورتن کان وڌيڪ مال الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو پابند آهي. قرآن مجيد ان جو حڪم زڪواة، انفاق ۽ العفو سان ڏنو آهي.
    (ب) پنهنجي نگرانيءَ ۾ شامل سمورن فردن جي ذميداري سهڻي طريقي سان سرانجام ڏي.
    (ج) اهڙن مقصدن لاءِ ٿيندڙ اجتماعي ڪوششن ۾ عملي طور تي شريڪ رهي.
    2- جڏهن هر شيءِ جو خالق اهوئي آهي ۽ پالنا جا انتظام ڪندڙ به اُهو ئي آهي، ته ان صورت ۾ انسان نائب طور مليل شين جو فقط امين آهي. امانت جي تقاضا هيءَ هوندي آهي ته اُهي شيون اصل مالڪ جي مرضي ۽ منشا سان استعمال ٿي سگهن ٿيون. انسان جو پنهنجو اختيار ختم ٿي وڃي ٿو. انسان کي اُهي امانتون پنهنجي حقدارن تائين پهچائڻيون آهن. هن جهان ۾ ڪاميابي ۽ سرخروئي لاءِ اُهائي ان جي آزمائش آهي.
    جيڪڏهن انسان توحيد في الربوبيت جي انهن تقاضائن ۽ لوازمات کي پورو نٿو ڪري ۽ الله تعالى جي عطا ڪيل رزق کي پنهنجي جاگير قرار ڏيئي اسراف ۾ استعمال ڪري ٿو يا پنهنجي عياشيءَ واري آرام طلب زندگيءَ ۾ وڃائي ٿو يا پنهنجي اولاد جي اڻکٽ آرام ده مستقبل جي نذر ڪري ٿو ته پوءِ اُهو توحيد جي قرآني تصور جو منڪر آهي ۽ ان جو الله تعالى تي ايمان، الله جي ٻڌايل طريقن مطابق نه آهي.


    توحيد في الصفات ڇا آهي؟

    قرآن حڪيم اسان کي ٻڌائي ٿو:
    1- الله تعالى جي هستي جامعِ ڪمالات آهي ۽ پوري ڪائنات جي مٿان سندس ئي حاڪميت آهي. هُو پنهنجي اقتدار ۽ اختيار کي پنهنجي جوڙيل قانونن مطابق استعمال ڪندو آهي. اُهي قانون ٺوس ۽ غير متبدل آهن. ڪائنات جي گوناگونيءَ ۾ سيارن ۽ ڪهڪشائن جي نظام کان وٺي اسان جي شمسي نظام تائين سمورا سيارا ۽ گرهه الله تعالى جي مقرر وقتن ۽ قانونن جي پابندي ڪري رهيا آهن ۽ ان ۾ ڪنهن کي به تبديليءَ جو اختيار ڪونهي. ان جو نتيجو هيءُ آهي ته ڪروڙين سال گذرڻ باوجود ڪائنات جي نظام ۾ ڪابه ابتري يا فساد رونما ناهي ٿيو.
    انهن ڪائناتي قانونن وانگر انسانن جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي فساد ۽ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ خالق طرفان قانون مقرر آهن جن تي عمل ڪرڻ سان انسانن جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي به اها ئي ڪاميابي ۽ استحڪام ملي سگهي ٿو ۽ انسان احڪم الحاڪمين جي حفاظت جي دائري ۾ اچي سگهي ٿو. قرآن اسان کي ٻڌائي ٿو ته الله تعالى جا جوڙيل قانون سندس صفتن ۾ جلوه گر آهن. الله تعالى جي انهن اڻ ڳڻين سمورين صفتن جون جامع سندس ربوبيت، رحمت ۽ عدالت جون ٽي مرڪزي صفتون آهن جيڪي انسانن کي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ لاءِ ضابطن جو بنياد فراهم ڪن ٿيون.
    2- انسان کي الله تعالى زمين تي پنهنجو خليفو بنائي موڪليو آهي. ان حيثيت ۾ هو الله تعالى جي صفتن جي پوئلڳ ٿيڻ جو پابند آهي. انسان ذات جون پنهنجون بنيادي صفتون هڪ محدود ۽ سميٽيل شڪل ۾ خود خدا جي ذات جو عڪس آهن. تنهنڪري انساني شخصيت جي نشوونما تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي ۽ هُو الله جو ولي (دوست هئڻ) جو درجو ۽ انساني ڪماليت ۽ سرخروئي تڏهن ئي حاصل ڪري سگهي ٿو جڏهن الله تعالى جي صفتن کي پنهنجو معيار بڻائي.
    الله تعالى جي صفتن جو تابعدار بڻجڻ لاءِ سماج ۾ جتي انفرادي ڪوششن جي ضرورت آهي، اتي ان کان وڌيڪ اجتماعي ڪوششن ۾ شريڪ ٿيڻ سان انهن مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. خلقِ خدا سان همدردي ۽ خير خواهي، بيڪسن سان مهربانيون، مسڪينن ۽ محرومن جي بحال ڪاري توڙي بندگي ۽ ٻانهپ جون ٻيون ذميداريون هڪ ته ماڻهو انفرادي طور تي به ادا ڪري سگهي ٿو پر انهن ڪمن لاءِ وڏن نتيجن جو تعلق ظالماڻي نظام جي تبديلي ۽ عدل ۽ انصاف واري اجتماعي نظام قائم ڪرڻ سان آهي. تنهنڪري سماج مان ظلم ۽ زيادتيءَ واري نظام جي خاتمي جي انقلابي ڪوششن ۽ سماجي تبديليءَ جي تحريڪن ۾ عملي شرڪت انسان جي خلافتي ڪردار جي ادائگيءَ جون لازمي تقاضائون آهن. ان کانسواءِ توحيد جو ڪوبه ڌنڌلو ۽ رواجي تصور اسلام جو تصور نه آهي. انهن تقاضائن کانسواءِ جيڪڏهن ڪو توحيد تي عمل جي دعوى ڪري ٿو ته اُهو سخت غلط فهميءَ جو شڪار آهي.
    مختصر لفظن ۾ توحيد في الصفات هيءَ آهي ته الله تعالى جهڙيءَ ريت هن ڪائنات جو خالق آهي. اهڙيءَ طرح ان کي هلائيندڙ احڪم الحاڪمين آهي ۽ هُن پنهنجي سموري مخلوق لاءِ ضابطا مقرر ڪيا آهن، انسان کي اشرف المخلوقات جي حيثيت ۾ پنهنجو نائب بڻائي پنهنجي صفتن جي پيرويءَ جي ذريعي کيس پنهنجي ذات جي ترقيءَ جو رستو ٻڌايو آهي. تنهن ڪري توحيد في الصفات جي تقاضا هيءَ آهي ته:
    1- انسان الله تعالى جي ٻڌايل ضابطن جو پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي سمورن مسئلن ۾ پابند آهي.
    2- الله تعالى جي صفتن جو رنگ پنهنجو پاڻ تي غالب ڪري. ۽ انهن صفتن جي برڪت ۽ اثرن سان خدا جي مخلوق لاءِ پاڻ کي ڪارائتو ثابت ڪري، ته جيئن ان ريت الله تعالى جي قرب ۽ رضا جو حقدار بڻجي سگهي.
    3- انساني آزادين ۽ انسانن جي سلامتي ۽ فلاح واري نظام جي قيام لاءِ ٿيندڙ اجتماعي ڪوششن ۾ باقاعده عملي حصو وٺي.


    توحيد في العبادت

    الله تعالى توحيد جي عقيدي لاءِ ڪلمي طيب جا لفظ ٻڌايا آهن: لاالٰہ الاالله. هن ڪلمي جا ٻه حصا آهن. هڪ سلبي يعني سڀ کان پهريائين سڀني غلامين ۽ باطل روايتن جو انڪار. هن ڳالهه جو يقين ۽ هن حقيقت جو اعتراف ته دنيا ۾ ڪابه هستي ناهي جيڪا عبادت ۽ اطاعت جي حقدار هجي، جنهن کي آقا، داتا ۽ دستگير تسليم ڪجي ۽ جنهن کي حاجت روا مڃجي. ڪلمي طيب ۾ سيکاريل انڪار ان ظالماڻي نظام ۽ سماج کان به آهي جيڪو خدا جي مخلوق کي پنهنجي جبري غلاميءَ ۾ آڻي ٿو. ان خوف جو به انڪار آهي جيڪو ڏاڍ ذريعي فردن ۽ قومن تي مسلط ڪيو ويندو آهي. ان پيري مريديءَ ۽ مسلڪي رهبريءَ جو به انڪار آهي جنهن ۾ مرشدن ۽ مسلڪي رهبرن کي پنهنجي ذاتي ۽ مسلڪي سوچ انسانن جي ذهنن تي مسلط ڪرڻ جو حق حاصل هجي ٿو. مطلب ته اهو انڪار سمورين باطل ۽ سرڪشيءَ سان قابض فرعونن، طاقتور سرڪش آمرن، قارونن ۽ آذري مذهبي پيشه ورن کان بغاوت جو پيغام آهي. جڏهن ان ريت زمين صاف ٿي وڃي ته ان تي نئين عمارت جي اڏاوت سولي ٿي پوي ٿي.
    ڪلمي پاڪ جو ٻيو پهلو ايجابي آهي. يعني سمورين طاغوتي قوتن جي انڪار بعد هن ڳالهه جو اقرار ته الله تعاليٰ هڪ ئي قوت اهڙي آهي جنهن جي اطاعت ضروري آهي ۽ انهيءَ لاءِ ئي ٻانهپ جا سمورا حق آهن، جيڪو ڪائنات جو خالق آهي ۽ پنهنجي تخليق جي سمورين ضرورتن ۽ نفعي نقصان جو علم رکي ٿو. جيڪو انهن ضرورتن پٽاندڙ قانون ٺاهيندو آهي. جيڪو اشرف المخلوقات جي عزت جو محافظ آهي ۽ پيغمبرن ۽ ڪتابن جي ذريعي انسان جي عزتِ نفس کي لتاڙجڻ کان بچائڻ سندس مرضي ۽ مشيت آهي. جنهن جو فيصلو ۽ حڪم حرفِ آخر جي حيثيت رکي ٿو. هُو پنهنجي سلطنت جي ذري ذري تي پنهنجي حڪمن جي بجا آوري چاهي ٿو ۽ سندس حڪمن تي هلڻ کانسواءِ ڪوبه چارو ڪونهي. سندس اختيارن کي ڪوبه چئلينج نٿو ڪري سگهي ۽ هُو پنهنجي اقتدار ۾ اڪيلو آهي. سڀ سندس آڏو سر بسجود هوندا آهن ۽ پر هُو ڪنهن آڏو جهڪندو ناهي. الٰہ جون اُهي سموريون معنائون فقط الله تعالى جي ذات ۾ موجود آهن. ڪوبه فرشتو، جن يا ٻي مخلوق انهن صفتن جي مالڪ ناهي. تنهنڪري ٻانهپ جا سمورا حق، سموريون محتاجيون، سڀ نيازمنديون، سڀ عبادتون، سڀ تقاضائون ۽ سڀ وابستگيون انهيءَ ذات جي ئي لائق آهن. راضپو به انهيءَ ذات جو کپي ۽ ڀروسو به انهيءَ ذات تي هجي.
    سموري ڪائنات ۾ حڪم ۽ حڪومت پڻ الله تعالى جي آهي. پوءِ جيڪڏهن ڪو شخص يا گروهه الله تعالى جي ان اختيار ۾ دخل اندازي ڪري پنهنجي جبر ۽ تسلط سان انسانن يا قومن کي غلام بڻائي وٺي، انهن جي ذهنن کي ذات يا مسلڪ جو غلام بڻائي وٺي ۽ استحصالي طريقن سان انهن جي وسيلن تي قابض ٿي وڃي ته اهو عمل الله تعالى جي مالڪيءَ جي اختيار ۽ حڪم ۾ شرڪ بڻجي پوي ٿو. تڏهن الله تعالى جي مشيت انهن غلام فردن ۽ قومن جي آزادي چاهيندي آهي، ته جيئن آزادي ۽ انصاف ڀريو معاشرو ميسر ٿئي جتي هُو ڪنهن به ڏاڍ ۽ ظلم کانسواءِ الله تعالى جي احڪامن تي عمل ڪري سگهن.
    اهو ئي سبب هو ته حضرت موسى عليه السلام بني اسرائيل جي آزاديءَ جو مطالبو فرعون آڏو رکيو. فَاَرْسِلْ مَعِیَ بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ (الاعراف-105) فرعون چيو ”مون کانسواءِ ڪوبه رب ۽ حاڪم ڪونهي.“ ان کانپوءِ حضرت موسى عليه السلام بني اسرائيل کي فرعون جي غلاميءَ مان ڪڍي آزاديءَ جي نعمت سان سرفراز ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ته جيئن هُو آزاد ماحول ۾ حقيقي خدا جي احڪامن جي پابندي ڪري سگهن.
    سمورن نبين جي تعليم ۽ جدوجهد ۾ انهن قومن جي غاصبن ۽ جابرن سان مزاحمت جي جدوجهد جو ذڪر قرآن وري وري ڪيو آهي. خود پيغمبر اسلام  لاءِ قرآن اهو ئي ٻڌايو آهي ته پاڻ سڳورن کي انسانن ڏانهن ساڳي ئي طرح سان موڪليو ويو آهي، جهڙي طرح موسيٰ  کي فرعون ڏانهن موڪليو ويو هو. اهو ئي سبب آهي جو پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي دؤر جي سرڪش، طاقتور ۽ ظالم سردارن سان مسلسل جهاد ڪري انهن جي جبر ۽ ڏاڍ جو خاتمو آندو. ان دؤر جي ٻن غاصب عالمي طاقتن، قيصر ۽ ڪسرى جي خاتمي کي پنهنجي نبوي مشن جي مقصدن ۾ ڳڻايو. توحيد جو بنيادي تصور پڻ انسان کي سمورين غلامين کان نجات ڏيارڻ آهي. انسان کي ذهني غلامين، انفرادي غلامين ۽ گروهي ۽ قومي غلامين کان نجات ڏياري هڪ الله تعالى جي عبديت ۽ امن ۽ سلامتيءَ جي نظام ۾ آڻڻ توحيد جو اصل مقصد آهي. تنهنڪري توحيد جي تصور مان انساني آزادين کي جيڪڏهن ڪڍي ڇڏجي ته اهو تصور پنهنجو روح ۽ جامعيت ٻئي وڃائي ويهندو.
    مختصر لفظن ۾ توحيد في العبادت کي انسان جو عملي طرح مڃڻ هيئن آهي ته:
    1- جهڙيءَ ريت خالق ۽ رب هستي الله تعالى جي ذات آهي، ساڳيءَ طرح اسان جي سمورين عبادتن، تقديس ۽ شڪر جي مستحق ذات پڻ اُها ئي آهي. اهڙيءَ ريت ڪوبه اهڙو ڪونهي جنهن کي ذات باري تعالى جي صفتن ۾ شريڪ ڪجي.
    2- اسان جو جيئڻ مرڻ، اسانجون نمازون ۽ اسانجون قربانيون سڀ الله تعالى لاءِ آهن ۽ اسان کي وحي جي ذريعي جيڪا تعليم ڏني ويئي آهي اسان انهيءَ کي ئي زندگيءَ جو ضابطو مڃيون.
    3- اسان کي کپي ته جيڪي فرد ۽ قوتون طاقت يا ڏاڍ جي زور تي فردن، گروهن يا قومن کي غلام بڻائي سندن محنت ۽ وسيلن مان ناجائز فائدو حاصل ڪن انهن سان مقابلي ۽ مزاحمت واري پيغمبري طريقي جي پيروي ڪريون ۽ جيڪي فرد يا جماعتون اها جهد سرانجام ڏيئي رهيون هجن انهن جو ڀرپور ساٿ ڏنو وڃي.
    الله تعالى زندگي گذارڻ جو باقي تفصيل پنهنجي نازل ڪيل ڪتاب قرآن حڪيم ۾ کولي بيان ڪيو آهي ۽ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي زندگي قرآن حڪيم تي عمل جو مثالي نمونو آهي. ان جي روشنيءَ ۾ اسان الله تعالى سان عملي تعلق، تعبد ۽ تخلق قائم ڪريون. اُها ئي عملي الاهيات آهي.


    قرآن جو ٻڌايل سماجي شعور

    انسان پنهنجي تخليق کان وٺي اڄ تائين پنهنجي تمدني ۽ سماجي زندگيءَ لاءِ جن مرحلن مان گذريو آهي، ان ۾ سندس چار حيثيتون انساني دنيا ۾ مڃيل رهيون آهن. قرآن حڪيم انسان جي انهن چئن حيثيتن جي حدن ۽ دائرن جو واضح طور تعين ڪيو آهي، جنهن سان هُو پنهنجي متوازن شخصيت ۽ ڪامياب زندگيءَ سان گڏ سڌريل ۽ فلاحي معاشرو جوڙي سگهي. فرد، خاندان، قوم ۽ بين الاقواميت جي انهن چئن حيثيتن جي جوڙجڪ جو توازن قرآن جي رُوءِ سان هن ريت سامهون اچي ٿو:


    سماجي زندگيءَ جو پهريون ايڪو: فرد

    قرآن حڪيم ۾ انساني شخصيت، انساني شعور ۽ انساني نفس لاءِ ”نفس“ جو اصطلاح ئي استعمال ٿيو آهي.
    انساني شخصيت:
    انسان الله تعالى جي پيدا ڪيل اڻ ڳڻي مخلوق مان هڪ آهي جنهن کي الله تعالى پنهنجي سموري مخلوقات تي فضيلت ڏني آهي.
    وَلَقَدْ کَرَّمْنَا بَنِیۡۤ اٰدَمَ وَحَمَلْنٰہُمْ فِی الْبَرِّ وَ الْبَحْرِ وَرَزَقْنٰہُمۡ مِّنَ الطَّیِّبٰتِ وَفَضَّلْنٰہُمْ عَلٰی کَثِیۡرٍ مِّمَّنْ خَلَقْنَا تَفْضِیۡلًا ﴿۷۰﴾٪ (اسراء-70)
    ”۽ اسان انسان ذات کي عزت بخشي ۽ ان کي سمنڊن ۽ خشڪين ۾ سواري ڏني ۽ پاڪ رزق عطا ڪيو ۽ پنهنجي ڪيتري ئي مخلوق تي فضيلت ڏني.“
    الله تعالى پنهنجي هن تخليق کي ڪيترين ئي وصفن سان نوازيو آهي. انساني شخصيت بنيادي طور تي انهن ئي وصفن جي مجموعي جو نالو آهي. اها انسان جي شعوري ڪيفيت آهي جنهن کي سوچڻ، سمجهڻ، تدبر ڪرڻ جي صلاحيت يا غور و فڪر سان تعبير ڪيو ويو آهي جنهن سان انسان هڪ باشعور مخلوق بڻجي ٿو. انسان جي تڪريم ۾ سمنڊ ۽ خشڪيءَ ۾ سواريءَ جو ذڪر انسان جي تخليقي صلاحيتن جي بدولت انسان جي عظمت ڏانهن اشارو آهي. تنهنڪري حضرت شاه رفيع الدين رح انسان جي وصف هينئن بيان ڪري ٿو:
    وما يتفڪر وصنع باالآلات انسان ارضيا
    ترجمو: ”جو عقل سان سوچيندو آهي ۽ اوزارن جي مدد سان شيون ٺاهيندو آهي، اُهو هن زمين تي وسندڙ انسان آهي.“ (تڪميل الاذهان ص25)
    قرآن اسان کي ٻڌائي ٿو ته انساني شخصيت هڪ مستقل ايڪو آهي ۽ هو دنيا ۽ آخرت ۾ پنهنجي عملن جو پاڻ ذميوار آهي:
    كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا کَسَبَتْ رَہِیۡنَۃٌ ﴿۳۸﴾ (مدثر 38)
    هر نفس پنهنجي ڪسب (عملن) عيوض گروي آهي.
    یَوْمَ لَا تَمْلِکُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَیْأاً وَالْأَمْرُ یَوْمَئِذٍ لِلَّهِ ۔ (انفطار-19)
    ترجمو: ”جنهن ڏينهن ڪوبه نفس ڪنهن ٻئي نفس جو ڀلو نه ڪري سگهندو، ان ڏينهن فقط الله جو حڪم هوندو.“
    انساني نفس:
    قرآن حڪيم مطابق انساني شخصيت جو ٻيو حصو انساني نفس/نفس آهي. اهو ٻيو حصو انسان پاران زمين تي پنهنجي خلافتي ڪردار جي ادائگيءَ لاءِ پنهنجي راضپي سان حاصل ڪيل امانت آهي، جنهن تي انسان مڪمل دسترس رکي ٿو. هيءَ امانت انساني نفس کي مڪمل طور متوازن حالت ۾ پئدائش وقت عطا ٿيندي آهي. جيڪو انسان ان امانت کي الله جي حضور ۾ پهچائڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ ان جو توازن بگڙڻ نه ڏنو اهو ڪامياب ۽ سوڀارو هوندو ۽ جنهن ان جي توازن کي بگاڙي ڇڏيو اهو ناڪام ۽ نامراد هوندو. ان توازن جي قائم رهڻ جو بنيادي دارومدار حلال رزق ڪمائڻ ۽ انساني نفعي بخشيءَ تي آهي. انهن ٻنهي ڪمن سان انساني نفس جو توازن برقرار ۽ سگهارو رهندو آهي. جڏهن ته ظلم سان، پوءِ ان جي نوعيت ڪهڙي به قسم جي هجي ان جو توازن بگڙي ويندو آهي. اهو ظلم يعني عدل جي ابتڙ ڪم ڪيترو به معمولي ڇونه هجي ڪنهن نه ڪنهن درجي تي نفس جي توازن تي منفي اثر مرتب ڪندو آهي. اهو توازن جيترو وڌيڪ بگڙندو ان درجي تي نفس جي توازن تي منفي اثر مرتب ڪندو آهي ۽ آخرت ۾ ڪاميابيءَ جا امڪان اوترا ئي گهٽ ٿيندا ويندا. تنهنڪري ئي قرآن مجيد ۾ مؤمنن کي نفس جي حفاظت جو حڪم ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن انسان صالح ۽ انساني نفع بخشيءَ جا عمل ڪندو رهي ۽ حلال رزق تي ڪاربند رهي ته هڪ منزل اهڙي ايندي آهي جتي انسان پنهنجي رب کان ۽ سندس رب پنهنجي ٻانهي کان راضي ٿي ويندو آهي. هيءَ منزل قرآن جي اصطلاح ۾ ”نفس مطمئنه“ سڏجي ٿي جيڪا انساني زندگيءَ جو آخري مقصد آهي.


    سماجي زندگيءَ جو ٻيو ايڪو: ڪٽنب

    قرآن حڪيم خانداني زندگيءَ ۾ اولاد، والدين ۽ مٽن مائٽن سان روين ۽ لاڳاپن جي ضرورت ۽ نفاست تي بيحد زور ڏنو آهي. ان ۾ اولاد ۽ مٽن مائٽن سان انهن روين ۽ لاڳاپن ۾ صلهءِ رحميءَ جا حڪم آهن، والدين سان انتهائي مهرباني ۽ خدمت جي جذبي سان احسان جو حڪم ڏنو ويو آهي.
    اولاد:
    هيءُ رشتو انساني فطرت جي گهرائين سان ڳنڍيل آهي، ان جي باوجود انسان ان رشتي کان مٿانهون ٿي ڪري پنهنجي تخليقي مقصدن جي پورائي لاءِ پنهنجي ترجيحات جي چونڊ ڪندو رهي. هن رشتي بابت قرآن ۾ چيو ويو آهي ته: هڪ طرف رزق جي کوٽ جي خوف کان اولاد جي قتل تائين تيار ٿي ويندو آهي ۽ ٻئي طرف ان جي محبت ۾ پنهنجي خالق ۽ رب کان ويڳاڻو بڻجي ويندو آهي، تنهنڪري قرآن حڪيم ۾ انسان جو خوف ۽ محبت جي توازن ڏانهن وري وري ڌيان ڇڪرايو ويو آهي. فرمايو ويو:
    وَ لَا تَقْتُلُوۡۤا اَوْلَادَكُمْ خَشْیَۃَ اِمْلَاقٍؕ نَحْنُ نَرْزُقُہُمْ وَ اِیِّاكُمۡؕ(الاسراء 31)
    ”۽ پنهنجي اولاد کي مفلسيءَ جي انديشي سبب قتل نه ڪريو، اسان انهن کي به رزق ڏيون ٿا ۽ توهان کي به.“
    جيڪي ماڻهو مسڪينيءَ جي ڊپ کان اولاد جي پئدائش کي روڪين ٿا يا پٽن لاءِ وسيلن بچائڻ جي غرض سان پنهنجي نياڻين کي پيدا ٿيڻ نٿا ڏين يا قتل ڪري ڇڏين ٿا، اُهي ماڻهو انسانيت جا سڀ کان وڏا ڏوهاري آهن. ڪجهه ماڻهو مسيڪينيءَ جي ڊپ کان پنهنجن ٻارن کي ڪم سان لڳائين ٿا ۽ تعليم ۽ تربيت نٿا ڏيارين اهو پڻ قتل جي مترادف آهي.
    ٻئي طرف فرمايو ويو آهي:
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تُلْہِكُمْ اَمْوَالُكُمْ وَ لَاۤ اَوْلَادُكُمْ عَنۡ ذِكْرِ اللہِۚ وَ مَنۡ یَّفْعَلْ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الْخٰسِرُوۡنَ ﴿۹﴾ (المنافقون-9)
    ”اي ايمان وارؤ! توهان جا مال ۽ توهان جو اولاد توهان کي الله جي ياد ۽ فرمانبرداريءَ کان غافل نه ڪن ۽ جيڪي ائين ڪندا ته اهي ئي خساري ۾ پوڻ وارا ماڻهو آهن.“
    انسان پنهنجي مال کي ٻيڻو ڪرڻ پويان ۽ پنهنجي اولاد جي اڻ کٽ مستقبل سنوارڻ جي چڪر ۾ جائز ناجائز دنياداريءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پنهنجو خسارو ڪري ٿو. تنهنڪري اولاد لاءِ فڪرمندي به ايتري ڪرڻي آهي جنهن سان انسان ان چڪر ۾ خدا سان پنهنجو ناتو نه ٽوڙي ويهي. انسان جو پنهنجو الله جي حضور ۾ سرخروئيءَ سان وڃڻ بيحد اهم آهي.
    والدين:
    انسان جي مٿان پيءُ ماءُ جو احترام ۽ خدمت سڀ کان پهريون حق آهي ۽ ساڻن احسان ڪرڻ جو حڪم آهي.
    وَ وَصَّیۡنَا الْاِنۡسَانَ بِوَالِدَیۡہِ اِحْسٰنًا ؕ حَمَلَتْہُ اُمُّہٗ كُرْہًا وَّ وَضَعَتْہُ كُرْہًاؕ وَ حَمْلُہٗ وَ فِصٰلُہٗ ثَلَاثُوۡنَ شَہۡرًا ؕ حَتّٰۤی اِذَا بَلَغَ اَشُدَّہٗ وَ بَلَغَ اَرْبَعِیۡنَ سَنَۃًۙ قَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِیۡۤ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَکَ الَّتِیۡۤ اَنْعَمْتَ عَلَیَّ وَ عَلٰی وَالِدَیَّ وَ اَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰہُ وَ اَصْلِحْ لِیۡ فِیۡ ذُرِّیَّتِیۡۚ اِنِّیۡ تُبْتُ اِلَیۡکَ وَ اِنِّیۡ مِنَ الْمُسْلِمِیۡنَ ﴿۱۵﴾ (الاحقاف-15)
    ”۽ اسان انسان کي حڪم ڏنو آهي ته پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪري. سندس ماءُ کيس پيٽ ۾ سانڍيو ۽ تڪليف سان ڄڻيو. ۽ سندس ٿڃ ڇڏائڻ ٽيهن مهينن ۾ ٿي. ايستائين جو هُو پختگيءَ کي پهتو ۽ چاليهن ورهين کي پهتو ته چوڻ لڳو ته اي منهنجا رب! مون کي توفيق ڏي ته مان تنهنجي احسان جو شڪر ادا ڪريان جيڪو تو مون تي ڪيو ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيو ۽ هي ته اهو نيڪ عمل ڪريان جنهن سان تون راضي ٿئين. پوءِ منهنجي اولاد کي منهنجي لاءِ نيڪ ڪجانءِ. مان توڏي رجوع ٿيان ٿو ۽ يقيناً مان تنهنجي فرمانبردار ٻانهن مان آهيان.“
    هتي هر طرح سان خدمت ڪرڻ جي تاڪيد آهي. هڪ هنڌ فرمايو ويو آهي ته:
    وَقَضٰی رَبُّکَ اَلَّا تَعْبُدُوۡۤا اِلَّاۤ اِیَّاہُ وَ بِالْوَالِدَیۡنِ اِحْسَانًاؕ اِمَّا یَبْلُغَنَّ عِنۡدَکَ الْکِبَرَ اَحَدُہُمَاۤ اَوْ کِلٰہُمَا فَلَا تَقُلۡ لَّہُمَاۤ اُفٍّ وَّلَا تَنْہَرْہُمَا وَقُلۡ لَّہُمَا قَوْلًا کَرِیۡمًا ﴿۲۳﴾ وَ اخْفِضْ لَہُمَا جَنَاحَ الذُّلِّ مِنَ الرَّحْمَۃِ وَقُل رَّبِّ ارْحَمْہُمَا کَمَا رَبَّیٰنِیۡ صَغِیۡرًا ﴿۲۴﴾ رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِمَا فِیۡ نُفُوۡسِكُمْؕ اِنۡ تَكُوۡنُوۡا صٰلِحِیۡنَ فَاِنَّہٗ کَانَ لِلۡاَوَّابِیۡنَ غَفُوۡرًا ﴿۲۵﴾ (الاسراء-23-25)
    ”۽ تنهنجي رب فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته توهان ان کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان سٺو سلوڪ ڪريو. جيڪڏهن هُو توهان جي آڏو پوڙهائپ کي پهچي وڃن، انهن مان هڪ يا ٻئي، ته کين اُڦ نه چئو ۽ نه کين ڇڙٻ ڏيو ۽ ساڻن احترام سان ڳالهايو ۽ انهن آڏو نرميءَ سان عجز جون ٻانهون جهڪائي ڇڏيو ۽ چئو ته اي رب! انهن ٻنهي تي رحم فرماءِ، جيئن ته انهن مون کي ننڍپڻ ۾ پاليو. تنهنجو رب خوب ڄاڻي ٿو ته توهان جي دلين ۾ ڇا آهي. جيڪڏهن توهان نيڪ رهندؤ ته هُو (اڳين ڪوتاهين تي) توبهه ڪندڙن کي معاف ڪندڙ آهي.
    اقربا:
    قرآن حڪيم انسان جي سڦلائتي ۽ اثرائتي عملي زندگيءَ لاءِ عدل ۽ احسان جي روين سان گڏوگڏ اقربا (ويجهن مٽن مائٽن ۽ پاڙيسرين) سان صلئه رحميءَ جو حڪم وڏي اهميت سان واضح ڪيو آهي.
    اِنَّ اللہَ یَاۡمُرُ بِالْعَدْلِ وَالۡاِحْسَانِ وَ اِیۡتَآیِٔ ذِی الْقُرْبٰی (النحل-90)
    ترجمو: ”بيشڪ الله حڪم ڏئي ٿو عدل جو ۽ احسان جو ۽ قرابت دارن کي ڏيڻ جو .“
    ماڻهو جيئن پنهنجي ٻارن ٻچن جي ضرورت کي ڏسي تڙپي اٿندو آهي ۽ ان کي پورو ڪندو آهي، اهڙيءَ طرح کيس ٻين عزيز و اقارب ۽ پاڙيسرين جي ضرورتن جو پڻ احساس هئڻ گهرجي. هر هڪ صلاحيت مند شخص پنهنجي مال تي فقط پنهنجو ۽ پنهنجي گهر وارن جو ئي حق نه سمجهي بلڪه پنهنجن مٽن مائٽن جي حقن ادا ڪرڻ کي به پنهنجي ذميداريءَ ۾ شامل ڪري. قرآن انفاق کي ايمان جو لازمي حصو قرار ڏنو آهي ۽ جتي به انفاق جي استعمال ۽ خرچ جو بيان ڪيو ان ۾ پيءُ ماءُ کانپوءِ اقربا (مٽن، ماٽئن، پاڙيسرين) کي شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوءِ يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن تي خرچ ڪرڻ جو حڪم آهي ۽ اهو پڻ صلئه رحميءَ جي درجي ۾ آهي.
    یَسْئَلُوۡنَکَ مَاذَا یُنۡفِقُوۡنَ۬ قُلْ مَاۤ اَنۡفَقْتُمۡ مِّنْ خَیۡرٍ فَلِلْوَالِدَیۡنِ وَالۡاَقْرَبِیۡنَ وَالْیَتٰمٰی وَالْمَسٰکِیۡنِ وَابْنِ السَّبِیۡلِؕ وَمَا تَفْعَلُوۡا مِنْ خَیۡرٍ فَاِنَّ اللہَ بِہٖ عَلِیۡمٌ ﴿۲۱۵﴾ (البقره-215)
    ”ماڻهو پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪريون. چئه ته جيڪو مال توهان خرچ ڪريو ته ان ۾ حق آهي توهان جي ماءُ پيءُ جو ۽ مٽن مائٽن جو ۽ يتيمن جو ۽ محتاجن جو ۽ مسافرن جو. اوهان جيڪي به خير جا ڪم ڪيو ٿا الله انهيءَ کي ڄاڻي ٿو. (۽ ان جو صلو ڏئي ٿو.)“
    فَاٰتِ ذَا الْقُرْبٰی حَقَّہٗ وَ الْمِسْکِیۡنَ وَابْنَ السَّبِیۡلِؕ ذٰلِکَ خَیۡرٌ لِّلَّذِیۡنَ یُرِیۡدُوۡنَ وَجْہَ اللہِ۫
    وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الْمُفْلِحُوۡنَ (الروم-38)
    ”پوءِ مٽن مائٽن کي سندن حق ڏيو ۽ مسڪين کي ۽ مسافر کي. اهو ڀلو آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله جو راضپو چاهين ٿا ۽ اُهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن.“
    الله تعالى انسانن لاءِ ڪاميابي ۽ سلامتيءَ جو جيڪو محفوظ قلعو ٻڌايو آهي ان جو رستو لازمي طور تي خرچ ڪرڻ جي شاهراهه تان گذرندو آهي. سندس فرمان آهي ته رزق جي ججهائي ملندي ئي ان بنياد تي آهي ته ان ۾ ماءُ پيءُ، يتيمن، مسڪينن، سوالين، محرومن ۽ مسافرن جو حق آهي. جنهن اهو حق ادا ڪيو اهو الله جو راضپو ماڻيندو ۽ ان جي رحمت ۽ برڪت مان پڻ لهڻيدار بڻبو ٿيندو.


    سماج جو ٽيون ايڪو: قوم

    قوم انساني سماج جو ٽيون اجتماعي ادارو آهي. الله تعالى انسانن جي تعارف لاءِ قبائل ۽ اقوام جو وجود پنهنجي مشيت قرار ڏنو آهي.
    وَ جَعَلْنٰكُمْ شُعُوۡبًا وَّ قَبَآئِلَ لِتَعَارَفُوۡا (الحجرات-12)
    ”اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ٺاهيو ويو ته جيئن سڃاتا وڃو.“
    (ترجمو: امام راغب اصفهاني)
    انسان جي تمدني زندگيءَ جي انهن ٻن ادارن قوم ۽ قبيلي جي ذريعي انسان جي سڃاڻپ قائم رهندي آهي، اها سڃاڻپ الله تعاليٰ جي مشيت آهي جيڪا هر حالت ۾ قائم رهڻ کپي. جيڪڏهن تمدني زندگيءَ جو ڪو به عمل، طريقو يا نظريو انهيءَ سڃاڻپ کي ميساريندو ته اهو الله تعاليٰ جي مشيت جو انحراف ٿيندو. ان وقت ايمان وارن جو فرض بيهندو ته اهي قومن ۽ قبيلن جي ان سڃاڻپ جي بقا لاءِ مزاحمت ۽ جهاد ڪن. پر اهي ٻئي سڃاڻپون انسان جي فوقيت ۽ عظمت جو بنياد نه آهن. تنهنڪري فرمايو ويو: اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنۡدَ اللہِ اَتْقٰكُمْ. ”الله تعاليٰ وٽ توهان مان عزت وارو اهوئي آهي جيڪو سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار آهي.“ قرآن تمدني زندگيءَ ۾ انساني سماج جي هن ٽئين اداري، قوم جي تشڪيل ۽ جوڙجڪ جو بنياد ٻوليون ۽ زبانون ٻڌايو. فرمايو:
    وَمَاۤ اَرْسَلْنَا مِنۡ رَّسُوۡلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِہٖ لِیُبَیِّنَ لَہُمْ (ابراهيم -4)
    ”۽ اسان جيڪو به پيغمبر موڪليو ان قوم جي ٻوليءَ ۾ موڪليو. ان لاءِ ته جيئن (سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهه جو) مطلب چٽو ڪري ڏيکاري.“
    پوءِ انهن ٻولين جو هجڻ به الله تعالى ان ريت ڪمال قدرت سان پنهنجي شعائر مان ڳڻايو آهي، جيئن زمين ۽ آسمان جي تخليق ان جي ڪمال قدرت سان تخليق ٿي آهي.
    وَ مِنْ اٰیٰتِہٖ خَلْقُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَ اخْتِلَافُ اَلْسِنَتِكُمْ وَ اَلْوَانِكُمْ ؕ
    اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّلْعٰلِمِیۡنَ ﴿۲۲﴾ (الروم-22)
    ”۽ ان جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين جي پئدائش ۽ توهان جي ٻولين ۽ توهان جي رنگن جو اختلاف آهي. بيشڪ، انهيءَ ۾ جهانن وارن (قومن) جي لاءِ نشانيون آهن.“
    الله تعالى کي انسانن جي آزادي پياري آهي، ته جيئن هُو نيڪي ۽ بدي ۽ حق ۽ باطل جي ٻن رستن جي چونڊ ۾ مجاز بڻجي سگهن. بلڪل انهيءَ ريت قومن جي آزادي پڻ پياري آهي ته جيئن قومون ڪنهن جبر ۽ غلاميءَ کانسواءِ پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي فطري طريقن تي عمل پيرا ٿي سگهن. تنهنڪري انساني تاريخ ۾ جڏهن به فردن ۽ قومن تي غلاميون مسلط ٿيون، الله تعالى پيغمبرن ۽ مصلحين جي ذريعي انهن غلامين مان ڪڍڻ جا موقعا عطا ڪيا. سڀني نبين سڳورن جي اُها جدوجهد تفصيل سان قرآن مجيد ۾ هر هنڌ موجود آهي. بني اسرائيل جي مٿان مصر جي فرعونن جي مسلط ڪيل غلامي ختم ڪرڻ لاءِ حضرت موسى عليه السلام جيڪا جدوجهد ڪئي سڄي قرآن ۾ ان جو وري وري ذڪر ٿيو آهي. حضرت موسى عليه السلام فرعون جي درٻار ۾ کليل لفظن ۾ بني اسرائيل جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو:
    فَاَرْسِلْ مَعِیَ بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ ﴿۱۰۵﴾ؕ (الاعراف 105)
    ”پوءِ بني اسرائيل کي (آزاد ڪري) مون سان وڃڻ ڏي.“
    الله تعالى کي فردن ۽ قومن جون اُهي آزاديون بهتر شخصيت ۽ سماج جي تشڪيل لاءِ پسنديده آهن. ان کانپوءِ فردن کي بهتر خاندان جي تشڪيل طرف وڌڻو آهي، تيئن قومن کي بهتر ملت جي قيام وارو مقصدن حاصل ڪرڻ جي ذميداري آهي.
    سماج:
    انسانن جي آبادي جيڪا قبيلن ۽ قومن مان ٺهندي آهي، قرآن حڪيم ۾ ان لاءِ ”القريه“ يا ”القرى“ جو اصطلاح استعمال ٿيو آهي. امام راغب اصفهاني مفردات ۾ لکن ٿا ”القريه اهو هنڌ آهي جتي ماڻهو گڏجي آباد ٿين ته مجموعي حيثيت ۾ انهن ٻنهي (ماڻهن ۽ وستيءَ) کي قريه چوندا آهن.“ (ص846) انسانن جي اجتماع ۽ انهن جي هنڌن کي انفرادي طور پڻ ”قريه“ سڏيو ويندو آهي.
    انساني آبادين کي هدايت جي راهه تي هلائڻ لاءِ الله تعالى طرفان هڪٻئي پٺيان ۽ ڪڏهن مختلف قومن ڏانهن هڪ ئي وقت پيغمبر ۽ سڌارڪ ايندا رهيا آهن. الله تعالى هر دؤر ۾ وحي جي تعليم جي ذريعي انساني سماج جي سڀني فردن، رشتن ۽ ادارن کي هلائڻ لاءِ مڪمل رهنمائي ڪئي. جيڪي معاشرا وحيءَ جي تعليم کي قبول ڪندا رهيا، کين امن، سلامتي ۽ اطمينان نصيب ٿيو پر جن معاشرن ان تعليم کان منهن موڙي پنهنجي سرڪشي ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ ظلم ۽ ناانصافيءَ وارو رستو اختيار ڪيو، قدرت کين پنهنجي گرفت ۾ ورتو.
    وَکَذٰلِکَ اَخْذُ رَبِّکَ اِذَاۤ اَخَذَ الْقُرٰی وَہِیَ ظَالِمَۃٌؕ اِنَّ اَخْذَہٗۤ اَلِیۡمٌ شَدِیۡدٌ ﴿۱۰۲﴾ (هود-102)
    ”۽ تنهنجي پروردگار جي پڪڙ اهڙي هوندي آهي جڏهن هُو انساني آبادين کي ظلم ڪندي پڪڙيندو آهي. پڪ سان سندس پڪڙ وڏي دردناڪ ۽ ڏاڍي سخت هوندي آهي.“
    سڀني انساني آبادين ۽ معاشرن ۾ هادي ۽ نذير موڪليا ويا، جن کين چڱاين تي هلڻ ۽ مداين کان بچڻ ۽ ڪامرانيءَ جو رستو ٻڌايو. ان لاءِ کين باقاعدي مهلت ڏني وئي. ان جي باوجود جڏهن هُو ظلم ۽ ناانصافيءَ جون سموريون حدون ٽپي ويا ته هلاڪت سندن مقدر بڻجي وئي:
    وَمَا کَانَ رَبُّکَ مُہۡلِکَ الْقُرٰی حَتّٰی یَبْعَثَ فِیۡۤ اُمِّہَا رَسُوۡلًا یَّتْلُوۡ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِنَاۚ وَمَا كُنَّا مُہۡلِکِی الْقُرٰۤی اِلَّا وَ اَہۡلُہَا ظٰلِمُوۡنَ ﴿۵۹﴾ (القصص-59)
    ”۽ (ياد رکو، توهان جي پروردگار جو قانون هيءُ آهي ته) هُو تيستائين انسانن جي وسندين کي (سندن عملن جي نتيجي ۾) هلاڪ نه ڪندو آهي، جيستائين سندن مرڪزي وسنديءَ ۾ هڪ پيغمبر مبعوث نه ڪري ۽ خدا جون آيتون پڙهي ڪري نه ٻڌائي. ۽ اسان ڪڏهن به وسندين کي هلاڪ ڪرڻ وارا نه آهيون فقط ان حالت ۾ ته ان جي باشندن ظلم جو شيوو اختيار ڪيو هجي.“
    قرآن حڪيم اهڙي ظالم معاشري کي تبديل ڪرڻ ڏانهن سڏي ٿو:
    وَمَا لَكُمْ لَا تُقَاتِلُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللہِ وَالْمُسْتَضْعَفِیۡنَ مِنَ الرِّجَالِ وَالنِّسَآءِ وَالْوِلْدَانِ الَّذِیۡنَ یَقُوۡلُوۡنَ رَبَّنَاۤ اَخْرِجْنَا مِنْ ہٰذِہِ الْقَرْیَۃِ الظَّالِمِ اَہۡلُہَاۚ وَاجْعَلۡ لَّنَا مِنۡ لَّدُنۡکَ وَلِیًّاۚ وَّاجْعَلۡ لَّنَا مِنۡ لَّدُنۡکَ نَصِیۡرًا (النساء-75)
    ”۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان وڙهو نٿا الله جي راهه ۾ ۽ انهن ڪمزور مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن لاءِ جيڪي چون ٿا ته اي خدا اسان کي هن وسنديءَ مان ڪڍ جنهن جا رهاڪو ظالم آهن ۽ اسان لاءِ پاڻ وٽان ڪو ڀرجهلو بيهار ۽ اسان لاءِ پاڻ وٽان ڪو مددگار اٿار.“
    قرآن حڪيم، ”مستضعفين“ ۽ ”مستڪبرين“ جا ٻه طبقا واضح ڪري ٻڌايا آهن ته مستڪبرين جو طبقو الله جي باغين ۽ سرڪشن جو طبقو آهي جيڪو سندس ٻانهن کي غلام بنائي انهن جي وسيلن ۽ محنت جو استحصال ڪري ظلم ڪندڙ بڻجي ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ انهن مستضعفين يعني غريب ڪمزورن جي طاقت کي منظم ڪري ان ظالماڻي سماج کي بدلائي انصاف ۽ عدل وارو معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ قرآن حڪيم جا واضح احڪام آهن، ته جيئن الله تعالى جا ٻانها آزادي، اطمينان ۽ سلامتيءَ سان ان جي اطاعت ۽ راضپي لاءِ پاڻ حوالي ڪري سگهن. اهڙو معاشرو جيڪو طاقت جي زور تي انسانن ۽ قومن کي غلامي ۽ جبر ۾ رکي يا ڪمزور مردن، عورتن ۽ ٻارن کي طبقاتي غلاميءَ جي ماتحت ڪري وٺي، انهن ٻنهي صورتن ۾ هر قسم جي مزاحمت جا طريقا اختيار ڪرڻ قرآن جي مڃيندڙن لاءِ بيحد ضروري آهن. ۽ جيڪڏهن جنگ کانسواءِ اهو ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي ته قرآن مذڪوره آيت ۾ نه فقط ان آخري اقدام جو مطالبو ڪيو آهي بلڪه ظلم جي خلاف ان جنگ کي في سبيل الله جو رتبو قرار ڏنو آهي.
    جيستائين سماج ۾ ظالماڻي نظام کي تبديل ڪرڻ جون اهي ڪوششون جاري رهنديون آهن تيستائين الله تعالى سڄي سماج کي مهلت ڏيندو آهي ته شايد ڪڏهن هي ماڻهو پنهنجي حالت بدلائين. تڏهن الله تعالى جي ذات انهن سعادتمندن جي حفاظت ڪندي آهي جيڪي ان ڀلائيءَ جي ڪم ۾ سرگرم ٿيندا آهن. پر جڏهن اڪثريت ڪنهن به صورت ۾ تبديليءَ لاءِ تيار نه هوندي آهي ته پوءِ خدائي قانون موجب کين ڏوهاري قرار ڏيئي کين پنهنجي انجام ڏانهن ڌڪيو ويندو آهي.
    فَلَوْلَا کَانَ مِنَ الْقُرُوۡنِ مِنۡ قَبْلِكُمْ اُولُوۡا بَقِیَّۃٍ یَّنْہَوْنَ عَنِ الْفَسَادِ فِی الۡاَرْضِ اِلَّا قَلِیۡلًا مِّمَّنْ اَنۡجَیۡنَا مِنْہُمْۚ وَاتَّبَعَ الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا مَاۤ اُتْرِفُوۡا فِیۡہِ وَکَانُوۡا مُجْرِمِیۡنَ ﴿۱۱۶﴾ وَمَا کَانَ رَبُّکَ لِیُہۡلِکَ الْقُرٰی بِظُلْمٍ وَّ اَہۡلُہَا مُصْلِحُوۡنَ ﴿۱۱۷﴾ (هود117-116)
    ”پوءِ ائين ڇو نه ٿيو جو توهان کان اڳين قومن ۾ اهڙا خير وارا هجن ها جيڪي زمين ۾ فساد ڪرڻ کان روڪين ها. اهڙا ٿورا ماڻهو نڪتا جن کي اسان انهن مان بچائي ورتو. ۽ ظالم ماڻهو ته انهيءَ عيش ۾ پيا رهيا جيڪو کين مليو هو ۽ (ان سببان) هُو ڏوهاري هئا ۽ تنهنجو رب اهڙو ناهي جو هُو وسندين کي ناحق تباهه ڪري، جيتوڻيڪ ان جا رهاڪو سڌارڪ ڪردار ادا ڪندڙ هجن.“


    سماج جو چوٿون ايڪو: بين الاقواميت

    اسلام ۾ قومن جو وجود انسانن جي تعارف لاءِ مثبت ۽ الله تعالى جي مشيت ۽ مرضيءَ جي تقاضا آهي. پر اسلام قومن کي مستقل درجو ڏيڻ سان گڏوگڏ کين هڪ بين الاقواميت جي عملي سلسلي ۾ رکڻ گهري ٿو ته جيئن ان عمل سان ملت جي صورت ۾ وسيع انساني اجتماعيت قائم ٿي سگهي.
    اقوام:
    الله تعالى کي جهڙيءَ ريت پنهنجن ٻانهن جي انفرادي غلامي، استحصال ۽ غير الله جي ٻانهپ پسند ناهي، اهڙيءَ طرح انسانن جي منظم ترين اجتماع ”قوم“ جي غلامي ۽ استحصال پڻ هرگز منظور ڪونهي. تنهنڪري طاقت ۽ ڏاڍ جي بنياد تي جڏهن به انسانن کي محڪوم بڻايو ويو آهي ته الله تعالى ڪن لاءِ ڪن جي ذريعي مدافعت ڪرائي قومن جي آزادي ۽ ڇوٽڪاري جا اسباب ٺاهيا آهن. قرآن حڪيم ۾ چيو ويو آهي:
    الَّذِیۡنَ اُخْرِجُوۡا مِنۡ دِیَارِہِمْ بِغَیۡرِ حَقٍّ اِلَّاۤ اَنۡ یَّقُوۡلُوۡا رَبُّنَا اللہُؕ وَلَوْلَا دَفْعُ اللہِ النَّاسَ بَعْضَہُمۡ بِبَعْضٍ لَّہُدِّمَتْ صَوَامِعُ وَ بِیَعٌ وَّ صَلَوٰتٌ وَّ مَسٰجِدُ یُذْکَرُ فِیۡہَا اسْمُ اللہِ کَثِیۡرًاؕ وَ لَیَنۡصُرَنَّ اللہُ مَنۡ یَّنۡصُرُہٗؕ اِنَّ اللہَ لَقَوِیٌّ عَزِیۡزٌ ﴿۴۰﴾ (الحج-40)
    ”جيڪي ماڻهو پنهنجي وسندين مان ناحق تڙيا ويا، توڻي جو اهي پنهنجي الله کي پنهنجو پالڻهار مڃيندڙ هئا ۽ (ڏسو) جيڪڏهن الله ڪن ماڻهن جي هٿان ڪن ماڻهن جي مدافعت نه ڪرائيندو رهي ها. (۽ هڪ گروهه کي ٻئي گروهه تي ظلم ۽ تشدد جي کلي ڇُوٽ ڏيئي ڇڏي ها) ته ڪنهن قوم جي عبادتگاهه زمين تي محفوظ نه رهي ها. خانقاهون، گرجا، عبادتگاهون، مسجدون جن ۾ ڪثرت سان الله جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، سڀ ڪڏهن جو ڊاهي ڇڏيا وڃن ها. (پر ياد رکو ته) جيڪو به الله جي واٽ جي حمايت ۾ هوندو تنهن جي الله به ضرور مدد ڪندو. پڪ سان هو بيحد سگهارو ۽ سڀني تي غالب آهي.“
    قرآن حڪيم تمدني زندگيءَ ۾ قومن جي سڃاڻپ ۽ تعارف سان گڏ کين عدل ۽ انصاف تي عمل پيرا رهڻ جو تاڪيد ڪيو آهي ته ڪنهن به طرح سندن خواهشن، سندن مفادن ۽ سندن ضرورتن جي طلب ان حد تائين نه پهچي وڃي جو هُو ٻين قومن سان انصاف ڪرڻ ڇڏي ڏين. تنهنڪري فرمايو ويو:
    وَلَا یَجْرِمَنَّكُمْ شَنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰۤی اَلَّا تَعْدِلُوۡاؕ اِعْدِلُوۡا۟ ہُوَ اَ قْرَبُ لِلتَّقْوٰی۫ وَاتَّقُوا اللہَ۫ اِنَّ اللہَ خَبِیۡرٌۢ بِمَا تَعْمَلُوۡنَ ﴿۸﴾ (مائده-8)
    ”۽ (ڏسو!) ائين ڪڏهن نه ٿئي جو ڪنهن قوم جي دشمني توهان کي هن ڳالهه تي نه اُڀاري ته (ساڻن) انصاف نه ڪريو. (هرحال ۾) انصاف ڪريو، اها ئي تقوى سان ٺهڪندڙ ڳالهه آهي. ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو. توهان جو ڪجهه ڪريو ٿا هو ان جي خبر رکندڙ آهي.“
    ملت:
    دين الاهيءَ جو بنياد انسان ذات جي هيڪڙائي ۽ ڀائپي آهي. الله تعالى جا جيترا به رسول دنيا ۾ آيا سڀني اِها تعليم ڏني هئي ته توهان اصل ۾ هڪ امت آهيو ۽ اوهان سڀني جو پروردگار هڪ ئي آهي. تنهنڪري توهان سڀني کي کپي ته انهيءَ هڪ پروردگار جي بندگي ڪريو.
    قرآن حڪيم چوي ٿو ته شروعات ۾ سڀ انسان قدرتي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ انهن ۾ نه ڪنهن قسم جو اختلاف هو نه ڪو جهڳڙو. پوءِ ائين ٿيو ته انساني نسل جي گهڻائي، معيشت جي ضرورتن جي وسعت، تڪڙن مفادن جي هٻڇ ۽ پنهنجي اولاد جي آئيندي بابت خدشن سبب طرحين طرحين اختلاف پيدا ٿيا ۽ انهن اختلافن ۽ تفرقي، ظلم ۽ فساد جي صورت اختيار ڪري ورتي. هر گروهه ٻئي گروهه سان نفرت ڪرڻ لڳو ۽ هر زبردست زيردست جا حق ڦٻائڻ لڳو. جڏهن اِها صورتحال پيدا ٿي ته ضروري ٿيو ته انسان ذات جي هدايت ۽ عدل ۽ سچائيءَ جي قيام لاءِ وحي الاهيءَ جي روشني ظاهر ٿئي، تنهنڪري اُها روشني ظاهر ٿي ۽ خدا جي رسولن جي دعوت ۽ تبليغ جو سلسلو قائم ٿيو.
    کَانَ النَّاسُ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً۟ فَبَعَثَ اللہُ النَّبِیِۡنَ مُبَشِّرِیۡنَ وَمُنۡذِرِیۡنَ۪ وَ اَنۡزَلَ مَعَہُمُ الْکِتٰبَ بِالْحَقِّ لِیَحْكُمَ بَیۡنَ النَّاسِ فِیۡمَا اخْتَلَفُوۡا فِیۡہِؕ (بقره-213)
    ”شروعات ۾ سڀ انسان هڪ ئي گروهه هئا (پوءِ انهن ۾ اختلاف پيدا ٿيو) پوءِ الله نبين کي مبعوث ڪيو. هُو (نيڪ عمليءَ جي نتيجن جي) خوشخبري ڏيندا ۽ (بدعمليءَ جي نتيجن کان) تنبيهه ڪندا هئا ۽ انهن سان گڏ ”الڪتاب“ (يعني وحي الاهيءَ جي لکيل ڪتاب جي تعليم) نازل ڪيو، ته جيئن جن ڳالهين ۾ ماڻهو اختلاف ڪرڻ لڳا هئا، انهن ۾ اهو فيصلو ڪندڙ هجي.“
    قرآن حڪيم حضرت ابراهيم عليه السلام جي شخصيت کان شاهدي ڏياري ٿو ته جهڙيءَ ريت هُو دين حق واري راهه تي سموري انسان ذات لاءِ الله تعالى جي وحدانيت جي مڃوتيءَ ۾ هر قدم تي اڳ کان اڳرو ۽ نيڪ عمليءَ واري زندگيءَ جو مثال هو، ته ان کي پنهنجي لاءِ حجت بڻايو.
    وَقَالُوۡا كُوۡنُوۡا ہُوۡدًا اَوْ نَصٰرٰی تَہۡتَدُوۡاؕ قُلْ بَلْ مِلَّۃَ اِبْرٰہٖمَ حَنِیۡفًاؕ وَمَا کَانَ مِنَ الْمُشْرِکِیۡنَ
    (البقره-135)
    ”۽ يهودي چون ٿا ته يهودي ٿي وڃو، هدايت ماڻيندؤ. نصارى چون ٿا ته نصراني ٿي وڃو، هدايت ماڻيندؤ. (اي پيغمبر) تون چؤ ته! (الله جي عالمگير هدايت توهان جي انهن گروهه بندين جي پابند نٿي ٿي سگهي) هدايت جي راهه ته اُها ئي حنيفي راهه آهي جيڪا ابراهيم جو طريقو هئي ۽ هُو مشرڪن مان نه هو.“
    قرآن حڪيم امت واحده جي تشڪيل لاءِ امت محمديه تي هيءَ ذميداري لاڳو ڪئي ته هُو انسانيت کي معروف (سلامتيءَ جي قدرن) سان بهره ور ڪن ۽ منڪر (هلاڪت جي مظاهر) کان بچائين.
    كُنۡتُمْ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالْمَعْرُوۡفِ وَتَنْہَوْنَ عَنِ الْمُنۡکَرِ وَتُؤْمِنُوۡنَ بِاللہِؕ
    (آل عمران 110)
    ”توهان ڀلاري ۽ ذميداريءَ واري امت آهيو جنهن کي ماڻهن لاءِ ڪڍيو ويو آهي ته توهان ڀلائيءَ جو حڪم ڏيو ٿا ۽ برائيءَ کان روڪيو ٿا ۽ الله تي ايمان آڻيو ٿا.“
    انسان کي زمين تي خليفو بڻائي نيابت الاهي عطا ڪئي وئي آهي. نيابت الاهيءَ جي ذميدارين جو تعلق انسان جي انفرادي زندگيءَ کان وڌيڪ اجتماعي زندگيءَ سان آهي، تنهنڪري قرآن حڪيم انسانن جي اجتماعيت کي قائم رکڻ لاءِ انسانيت ۽ دين جي هيڪڙائي ۽ وحدت کي هر حال ۾ برقرار رکڻ جي تلقين ڪئي آهي.
    یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اتَّقُوۡا رَبَّكُمُ الَّذِیۡ خَلَقَكُمۡ مِّنۡ نَّفْسٍ وَّاحِدَۃٍ وَّخَلَقَ مِنْہَا زَوْجَہَا وَبَثَّ مِنْہُمَا رِجَالًا کَثِیۡرًا وَّنِسَآءًۚ وَاتَّقُوا اللہَ الَّذِیۡ تَسَآءَلُوۡنَ بِہٖ وَالۡاَرْحَامَؕ اِنَّ اللہَ کَانَ عَلَیۡكُمْ رَقِیۡبًا
    (نساءِ-1)
    ”اي انسانو! پنهنجي پروردگار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو. اهو پالڻهار جنهن توهان کي اڪيلي جان مان پيدا ڪيو (يعني جهڙيءَ ريت مرد جي نسل مان ڇوڪرو پيدا ٿيندو آهي ته ڇوڪري به پيدا ٿيندي آهي) پوءِ انهن ٻنهي جي نسل مان مردن ۽ عورتن جو وڏو تعداد دنيا ۾ پکيڙيو (۽ مٽن مائٽين ۽ قرابتن جو تمام وڏو دائرو ظاهر ٿيو) پوءِ ڏسو، جنهن جي نالي تي هڪٻئي کان (مهر ۽ محبت جو) سوال ڪندا آهيو. قرابت داريءَ جي معاملي ۾ بيپرواهه نه ٿي وڃو. يقين رکو ته الله توهان تي (توهان جي عملن جو) نگهبان آهي.“
    قرآن انسانيت جي ان وحدت کي قائم رکڻ لاءِ ايمان جي مرڪزي نڪتن ۽ عمل لاءِ ”المعروف“ ۽ ”المنڪر“ جا تفصيل پڻ بيان ڪيا آهن. معروف عرف مان ورتل آهي جنهن جي معنى سڃاڻڻ آهي.تنهنڪري ”معروف“ اهڙي ڳالهه ٿي جيڪا انسانن جي سلامتي ۽ ڪاميابيءَ لاءِ ڄاتل سڃاتل ڳالهه ۽ مڃيل حقيقت هجي. ”منڪر“ جي معنى انڪار آهي. يعني اهڙي ڳالهه جنهن مان انساني تباهيءَ جي محرڪات ۽ پڌرن مظاهر جو انڪار ڪيو ويو هجي. قرآن نيڪي ۽ برائيءَ لاءِ اهي لفظ ان ڪري اختيار ڪيا جو هو چوي ٿو ته دنيا ۾ عقيدن ۽ فڪرن جو ڪيترو به اختلاف ڇو نه هجي، پر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي سٺي هجڻ تي سڀني کي اتفاق آهي. ديانتداري سٺي ڳالهه آهي، بدديانتي برائي آهي. ان سان ڪنهن کي به اختلاف ڪونهي ته ماءُ پيءُ جي خدمت، پاڙيسرين سان سهڻو سلوڪ، مسڪينن جي پرگهور، مظلوم جي دادرسي انسان جا سٺا اعمال آهن ۽ ظلم ۽ بدسلوڪي خراب عمل آهن. ڄڻ ته اِهي اُهي ڳالهيون ٿيون جن جي سٺائي عام طور تي ڄاتل سڃاتل هجي ۽ جن جي خلاف وڃڻ عام طور تي انڪار ۽ اعتراض جوڳو آهي. دنيا جا سمورا مذهب، دنيا جا سمورا اخلاق، دنيا جون سموريون حڪمتون، دنيا جون سموريون جماعتون ٻين ڳالهين ۾ ڪيترو به اختلاف رکنديون هجن، پر جيستائين انهن عملن جو تعلق آهي سڀ هڪ ئي راءِ ۽ خيال رکن ٿا.
    قرآن چوي ٿو ته ان ئي عملي واٽ کي انسان ذات لاءِ خدا، ”دين“ قرار ڏنو آهي. اهو ئي سڌو ۽ درست دين آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه ٽيڏ ۽ خامي ناهي. اهو ئي ”دين حنيف“ آهي جنهن جي دعوت حضرت ابراهيم ڏني هئي. انهيءَ جو نالو قرآن جي اصطلاح ۾ ”الاسلام“ آهي، يعني خدا جي مقرر ڪيل قانونن جي فرمانبرداري.
    قرآن حڪيم دين لاءِ ”الاسلام“ جو لفظ ان ڪري اختيار ڪيو آهي جو ”الاسلام“ جي معنى ڪنهن کي مڃي وٺڻ ۽ فرمانبرداري ڪرڻ آهي. هُو چوي ٿو ته دين جي حقيقت ئي اها آهي ته الله تعالى جيڪو قانون انسان جي سعادت لاءِ مقرر ڪيو آهي ان جي ڀليءَ ڀت پوئواري ڪئي وڃي. هُو چوي ٿو ته اها ڳالهه فقط انسان لاءِ ئي نه آهي پر سموري ڪائنات انهيءَ بنياد تي قائم آهي. سڀني جي بقا ۽ قيام لاءِ الله تعالى ڪونه ڪو عملي قانون مقرر فرمايو آهي ۽ سڀ ان جي اطاعت ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن هڪ پَلَ لاءِ به ان کان روگرداني ڪئي وڃي ته ڪائنات جو نظام درهم برهم ٿي وڃي.


    قرآن جو ٻڌايل اقتصادي شعور

    الله تعالى انسان کي زمين تي پنهنجو خليفو بڻايو آهي ۽ خليفو هئڻ جي حيثيت ۾ انسان الله تعالى جي منشاء ۽ حڪمت عمليءَ کي سرانجام ڏيڻ جو پابند آهي. هي حڪمت عملي الله تعالى پنهنجي رسولن جي ذريعي سندن ئي ٻوليءَ ۾ وقت بوقت دنيا جي هر ملڪ ۽ قوم جي سامهون پيش ڪئي:
    ” لِکُلِّ قَوْمٍ ہَادٍ ۔ “(الرعد-7)
    ”هر هڪ قوم جي لاءِ راهه ڏيکاريندڙ آهن. “
    انسانن جي انهيءَ هدايت واري واٽ جي لاءِ ”قرآن حڪيم“ الاهي دستور جو آخري ايڊيشن آهي جنهن ۾ الله تعالى جي انهيءَ منشاء ۽ حڪمت عمليءَ جي تشريح آهي. ان تشريح ۾ سڀ کان پهريون اصول: اَلْحَمْدُ لِلہِ رَبِّ الْعَالَمِیْنَ۔ آهي. ”الله تعالى سڄي جهان وارن جي پالڻهار لاءِ سڀ ساراهه آهي.“
    پالڻهاريءَ جو مفهوم ۽ خلافت جي ذميواري:
    پالڻهاريءَ جو مفهوم هي آهي:
    هُوَ انشاءُ الشيءِ حالا فحالا الي حدالتمام
    ”ڪنهن شيءِ جي ان جي مختلف حالتن ۽ ضرورتن مطابق محبت ۽ شفقت سان اهڙي طرح پال پوس ڪندو رهڻ جو اها پنهنجي توڙ واري حد تي پهچي وڃي.“
    (مفردات امام راغب اصفهاني)
    هتان هيءَ حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي ته ربوبيت يا پالڻهاريءَ جو مفهوم صرف اسباب مهيا ڪرڻ تائين ختم نٿو ٿي وڃي بلڪه اسباب جي تنظيم جوڙي هلائڻ جو نظام به ان ۾ داخل آهي. انسان جيئن ته خليفو آهي، انهيءَ ڪري خليفي هئڻ جي حيثيت ۾ اهڙو نظام حيات قائم ڪرڻ جو پابند آهي، جنهن ۾ صرف الله جي حڪمت عملي جو عڪس نظر ايندو هجي. خليفو هن ڳالهه جو به پابند آهي ته جيڪي پيداواري وسيلا سڀني انسانن جي گڏيل ميراث ڪري پيدا ڪيا ويا آهن ” خَلَقَ لَکُمۡ مَّا فِی الۡاَرۡضِ جَمِیۡعًا “(البقره: ٢٩) هو انهن جي تقسيم جي نظام جو اهڙو بندوبست ۽ نگراني ڪري، جنهن سان ڪي طاقتور ماڻهو يا طبقا ڪمزور ماڻهن يا طبقن جو حق غضب ڪري نه سگهن. قرآن حڪيم ۾ جهڙي طرح زمين جهڙي بنيادي پيداواري وسيلن کي الله تعاليٰ پاڻ ڏانهن منسوب ڪيو آهي ته ”ان لاءِ جيڪو پاڻي موڪليون ٿا سو اسان ٿا موڪليون. ءَاَنۡتُمۡ اَنۡزَلۡتُمُوۡہُ مِنَ الۡمُزۡنِ اَمۡ نَحۡنُ الۡمُنۡزِلُوۡنَ ( واقعه: ٦٩) يا جيڪا ”زمين ۾ اوڀڙ جي صلاحيت آهي اها به اسان جي تخليق ڪيل آهي.“ ءَاَنۡتُمۡ تَزۡرَعُوۡنَہٗۤ اَمۡ نَحۡنُ الزّٰرِعُوۡنَ (پارو ٢٧؛ آيت واقعه: ٦٤) انهيءَ بنياد تي زرعي زمين به الله جي آهي ۽ اها سڀني انسانن جي گڏيل افادي لاءِ آهي. هاڻي خليفي جو ڪم آهي ته هو زمين جي تقسيم ۽ استفادي جو اهڙو نظام رکي جنهن ۾ سرمائي يا طاقت جي بنياد تي ڪو به ماڻهو پنهنجي آبادي ڪرڻ جيتري حق کان وڌيڪ پاڻ وٽ قبضي ۾ نه آڻي سگهي. عليٰ هٰذالقياس قدرت جا پيدا ڪيل سڀئي پيداواري وسيلا انسانن جو مشترڪه سرمايو آهن ۽ ان ۾ سڀني کي برابر جي استفاديءَ جو استحقاق آهي، باقي ان مهيا وسيلن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو نتيجو انسان جي پنهنجي محنت تي آهي. الله جيڪو ڪجهه ڏئي ٿو اهو مقرر نظام ۽ عدل سان ڏئي ٿو. جيئن پنهنجي رحمت سان وسڪارو ڪري ٿو ته سڀني لاءِ پاڻي وسائي ٿو پر ان جو فائدو اهو هاري وڌيڪ بهتر حاصل ڪري سگهندو جنهن اڳواٽ محنت ڪري زمين کيڙي ان ۾ ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح هر ماڻهو پنهنجي صلاحيت جي مطابق هڪ نظام هيٺ ان مان استفادو حاصل ڪري سگهي ٿو.
    قرآن حڪيم ۾ فرمايو ويو آهي:
    اِنَّا کُلَّ شَيءِ خَلَقۡنٰهُ بِقَدۡر (القمر-49)
    ”بيشڪ، اسان سڀ ڪنهن شيءِ کي ان جي اندازي سان پيدا ڪيوآهي. “
    هتان هيءَ ڳالهه به چٽي طرح واضح آهي ته ربوبيت جو مفهوم ڪنهن خاص شعبي جي حيات لاءِ مخصوص ڪونهي بلڪه ان ۾ ذهني ۽ جسماني، روحاني ۽ سماجي، اخلاقي ۽ اقتصادي مطلب ته هر قسم ۽ هر شعبي جي ترقي ۽ اوسر ان ۾ شامل آهي. انهيءَ ڪري رب العالمين جي خليفي لاءِ سندس انتهائي وسعت جي حد تائين اهڙو نظام قائم ڪرڻ ضروري آهي، جنهن سان تربيت ۽ پالنا توڻي ترقي ۽ سلامتي جو نظام هڪجهڙن ڪائناتي ۽ عالمگير اصولن تي هجي. اهڙي طرح جنهن وقت به جهڙيون ضرورتون هجن، تن سڀني جي پٽاندر هجي، تان ته ڪنهن به مذهب ۽ ملت جي فرق کانسواءِ سڀني کي هڪجهڙا ذريعا ۽ موقعا حاصل ٿي سگهن ۽ ان مان هڪ مقرر نظام ۽ عدل هيٺ پنهنجي پنهنجي صلاحيتن پٽاندر سڀ ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
    حقيقت ۾ انهيءَ مقصد جي پورائي لاءِ ئي هن جهان جون اصل جوڙون جوڙيندڙ زمين ۽ آسمان جي هر شيءِ انسان جي لاءِ مسخر ڪئي آهي ۽ سڄي مخلوق کان ان کي تڪريم وارو بڻائي هيءَ خلافت واري ”امانت“ کيس سپرد ڪئي آهي:
    وَسَخَّرَ لَکُم مَّا فِیْ السَّمَاوَاتِ وَمَا فِیْ الْاَرْضِ جَمِیْعاً مِّنْہُ (الجاثيه-13)
    ”۽ جيڪي آسمان ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تن سڀني کي پنهنجي طرفان اوهان جي لاءِ ڪم ۾ لاتو اٿس.“
    اِنَّا عَرَضْنَا الْاَمَانَۃَ عَلَی السَّمَاوَاتِ وَالْاَرْضِ وَالْجِبَالِ فَاَبَیْنَ اَنۡ یَحْمِلْنَہَا وَاَشْفَقْنَ مِنْہَا وَحَمَلَہَا الْاِنسَانُ (الاحزاب-72)
    ”بيشڪ، اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن جي اڳيان امانت کي آندو. پوءِ انهن ان جي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ ان کي انسان کنيو.“
    خلافت امانت آهي ۽ خليفو امين الله:
    انهيءَ بنياد تي خلافت نج امانت هوندي ۽ خليفو امين الله هوندو. خلافت هر حيثيت ۾ سڀني امانتن جي سنڀال ۽ نگراني ڪندي ۽ انهن کي اهڙي طرح تنظيم ۽ تقسيم ۾ آڻيندي جو اها مخلوق جي لاءِ الله تعالى جي صفت ”رزاقي“ جو مظهر بڻجي پوي.
    اِنَّ اللہَ یَاْمُرُکُمْ اَن تُؤَدُّوۡا الاَمَانَاتِ اِلَی اَہْلِہَا وَاِذَا حَکَمْتُمۡ بَیْنَ النَّاسِ اَن تَحْکُمُوۡا بِالْعَدْلِ
    (النساءِ-58)
    ”بيشڪ، الله اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته امانتون سندن مالڪن کي پهچائي ڏيو ۽ (حڪم ڪري ٿو ته) جڏهن اوهين ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو ته انصاف سان فيصلو ڏيو.“
    وَاَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَکُمۡ مُّسْتَخْلَفِیْنَ فِیْہِ (الحديد-7)
    ”۽ ان (مال) مان خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس.“
    ڇاڪاڻ ته خلافت الاهي ۾ هر شيءِ جو حقيقي مالڪ الله آهي انهيءَ ڪري قرآن جي روءِ سان مملڪت جون سڀ شيون ماڻهن کي فقط ”امانت“ جي طور تي استعمال لاءِ ڏنيون وڃن ۽ هر فرد جي حيثيت ”امين“ واري هجي. انهيءَ قسم جي نظام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ خلافت جي سامهون هڪڙا طئي ٿيل مقصد هوندا ۽ ٻيا انهن مقصدن جا طريقي ڪار هوندا. مقصد قرآن مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۽ طريقي ڪار رياست هر دور ۾ پنهنجي موجود حالتن پٽاندر جوڙيندي. قرآن جا اهي مقرر ڪيل مقاصد هي آهن ته جهڙي طرح الله پنهنجي سڄي مخلوق جي لاءِ رزق جي بخشش عام ڪئي آهي ۽ ان جي تقسيم واري نظام ۾ ڪنهن کي خاص بنائڻ ۽ ترجيح ڏيڻ جي صورت پيدا نٿي ٿئي، بلڪل ساڳي طرح رياست جو فرض آهي ته اها الله جي مخلوق لاءِ رزق جي وسيلن جي ضرورتن پٽاندڙ عدل سان اهڙي طرح تقسيم ڪري جو مرتبي، مذهب ۽ نسل جو فرق به ان جي آڏو نه اچي. ساڳي وقت ان جو هي به فرض آهي ته اها انسانن جي لاءِ انهن ڪيل محنت ۽ سعيي جو محنتاڻو به نظر انداز نه ڪري ته جيئن ترقيءَ جي لاءِ انساني مهارتن مان وڌ ۾ وڌ فائدو سماج کي رسي سگهي.
    جهڙي طرح الله پنهنجي سڄي مخلوق جي رزق جو ذميوار آهي ۽ رزق جي ذريعن جو سڄو ڦهلاءُ سندس قدرت آهي، بلڪل اهڙي طرح رياست جو فرض بڻبو ته اها عوام جي مفاد کي سامهون رکندي سندن ضرورتن ۽ مصلحتن پٽاندڙ رزق جي ذريعن جي تنظيم ۽ تقسيم ڪري. اهڙي طرح الله جي مخلوق جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري پنهنجي ذميدارين کي نڀائي.
    وَمَا مِنۡ دَآبَّۃٍ فِیْ الاَرْضِ اِلاَّ عَلَی اللہِ رِزْقُہَا (هود-6)
    ”۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن جي روزي الله جي ذمي نه هجي.“
    پيداوار جي ذريعن جي تقسيم ڪيئن ٿئي؟
    رهيو طريقي ڪار جو مسئلو ته ان مقصد تائين پهچڻ جو ڪهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي؟ انهيءَ سلسلي ۾ رياست جي سامهون ٻه ڳالهيون اهم هجڻ گهرجن.
    1- پيداواري ذريعن جو نظام. 2- پيداوار جي تقسيم. ڇاڪاڻ ته مقصد متعين آهن، تنهن ڪري انهن مقصدن کي سامهون رکي اهڙو نظام جوڙيو وڃي جو لازمي طرح الله جي مخلوق کي رزق طيب مهيا ٿي سگهي. پوءِ ڀلي پيداوار جا ذريعا فردن جي حوالي هجن يا جماعتن جي حوالي. البت ان ۾ رڳو هيءَ ڳالهه بيحد ضروري آهي ته انهن فردن توڙي جماعتن جي لازمي طور تي هڪ ”امين“ واري حيثيت هجي. انهن کي به تيستائين ان امانت سنڀالڻ جو حق حاصل هوندو جيستائين اهي مٿي ڄاڻايل مقصدن جي حاصلات لاءِ رياست جو هٿ ونڊائيندا رهندا. ٻي صورت ۾ رياست ان مقصد لاءِ هر اصلاح ڪرڻ جي مجاز آهي. جيڪڏهن ڪٿي اها ذميواري رياست ادا نٿي ڪري ته پوءِ الله جا مڃيندڙ پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي حيثيت ۾ اهي ذميواريون نڀائيندا ۽ گڏوگڏ اهڙي نظام جي قيام لاءِ جاکوڙيندا جنهن سان رياست، الله جي فرمانبرداري ۽ رزق جي تقسيم جي ذميوار بڻجي.
    پيداوار جا ذريعا عام ڀلي لاءِ آهن:
    بهرحال هي هڪ طئي ٿيل ڳالهه آهي ته خلافت الاهي ۾ پيداوار جا ذريعا ذاتي وقار ۽ اقتداري سگهه وڌائڻ جي لاءِ نه هوندا آهن ۽ نه اِن لاءِ هوندا آهن ته انهن جي بنياد تي ڪوبه اڪيلو ماڻهو يا جماعت رزق جي وسيلن تي قابض ٿي ڪمزورن کي پنهنجي غلاميءَ تي مجبور ڪري سگهن. جيڪڏهن الله جي قانونن کي ٽوڙي ڪنهن سماج ۾ فردن يا جماعتن ايئن ڪيو آهي ته پوءِ الله تعالى اهڙن ماڻهن ۽ وستين کي هلاڪت ۽ تباهيءَ ۾ وڌو آهي:
    وَکَمْ اَہْلَکْنَا مِنۡ قَرْیَۃٍ بَطِرَتْ مَعِیْشَتَہَا (القصص-58)
    ”۽ ڪيترائي ڳوٺ اسان برباد ڪيا جيڪي پنهنجي گذران ۾ حد کان لنگهي ويا.“
    فَلَمَّا نَسُوۡا مَا ذُکِّرُوۡا بِہٖ فَتَحْنَا عَلَیْہِمْ اَبْوَابَ کُلِّ شَیْءٍ حَتَّی اِذَا فَرِحُوۡا بِمَا اُوۡتُوۡا اَخَذْنَاہُمۡ بَغْتَۃً فَاِذَا ہُمۡ مُّبْلِسُونَ۔ (الانعام-44)
    ”پوءِ کين جيڪا نصيحت ڪئي وئي تنهن کي انهن جڏهن ڀُلائي ڇڏيو تڏهن اسان مٿن سڀ ڪنهن شيءِ جا دروازا کوليا. تان جو جيڪي (رزق جا وسيلا) کين ڏنا ويا تنهن سان جنهن وقت خوش ٿيا تڏهن اسان انهن کي اوچتو پڪڙيو ۽ پوءِ اهي اتي جو اتي (هن دنيا ۾ ئي) نااميد ٿيا. “
    وَاِذَا اَرَدْنَا اَنۡ نُّہْلِکَ قَرْیَۃً اَمَرْنَا مُتْرَفِیْہَا فَفَسَقُوۡا فِیْہَا فَحَقَّ عَلَیْہَا الْقَوْلُ فَدَمَّرْنَاہَا تَدْمِیْراً۔ (بني اسرائيل-16)
    ”۽ جڏهن به اسان ڪنهن وستيءَ کي برباد ڪرڻ گهريو ته ان جي آسودن ماڻهن کي حڪم ڪيوسون، پوءِ انهن (رزق جي وسيلن ورهائڻ) ۾ نافرماني ڪئي، پوءِ ان وستيءَ تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي، پوءِ اسان ان کي چڱيءَ طرح نهوڙي ناس ڪري ڇڏيو.“
    هتي هيءَ ڳالهه به واضح ٿيڻ کپي ته خلافت الاهي ۾ انفرادي ۽ اجتماعي ملڪيت جي به ڪا اهميت ڪونهي، اصل شيءِ مقصد آهي. جيڪڏهن فردن ۾ تقسيم ڪرڻ سان هي مقصد حاصل ٿي وڃي ٿو ته پيداوار جا ذريعا فردن ۾ تقسيم ڪيا ويندا پر جيڪڏهن اجتماعي طور تي ڪم يا پوک ڪرائڻ ۾ عام ماڻهن جو نفعو هجي ته ان کان به ڪا روڪ ٽوڪ ناهي.
    حقيقت هي آهي ته اسلام خدمت خلق تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو. ان جي نظر ۾ فرضن جي اهميت وڌيڪ آهي، حق انهيءَ سان پاڻهرتو لاڳاپيل آهن. يعني جهڙيءَ طرح اسلام جي عدالت مان هر شخص کي هي حق ملي ٿو ته هو زنده رهي ۽ زندگيءَ جي ضرورتن مان نفعو حاصل ڪري، ان کان وڌيڪ هن ڳالهه جي تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ته هو ٻين کي به زنده رهڻ ڏئي ۽ ايثار ۽ قرباني ۾ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍي وڃڻ جي ڪوشش ڪري.
    ملڪيت جي مسئلي جو غلط تصور:
    بدقسمتيءَ سان دولتمندن، تاريخ جي هر دور ۾ مذهبي پيشه ورن جي سهڪار سان پيداواري ذريعن جي انتظام ڪاريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ذاتي ملڪيت جي مسئلي کي ڏني آهي. عام اشياءَ جي ملڪيت کي انسانن جي اجتماعي وسيلن تائين وسيع ڪيو ويو آهي. ان جي نتيجي ۾ انفرادي ۽ اجتماعي مسئلا ايڏا ڳنڀير بڻجي ويا آهن جو انهن انسانن کي پنهنجي اصل مقصد کان ڪوهين پري ڪري ڇڏيو آهي ۽ الله جي مخلوق جي حقيقي خوشحالي ۽ بحال ڪاري انهيءَ ڇڪتاڻ جي ور چڙهي وئي آهي. ذاتي ملڪيت جي انهيءَ غلط تصور، گهڻو ڪري اهڙا انسانيت دشمن نتيجا پيدا ڪيا آهن جو هڪ طرف گهر ويٺي بنا محنت، دولت ۽ عياشي جي سامان جي گهڻ ٿي وئي آهي ۽ ٻئي طرف محنت ۽ مشقت جي باوجود غربت ۽ مفلسيءَ جا ڇرڪائيندڙ منظر عام جام ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    امير جي امير تر ٿيڻ ۽ غريب جي غريب تر ٿيڻ جي ڪري انسانيت جو بيحد نقصان ٿئي ٿو. هڪ طرف دولت ۽ عياشيءَ جي سامان جي گهڻ ٿيڻ جي ڪري انفرادي زندگيءَ ۾ انسانن کي پنهنجي شخصيت جي تڪميل ۽ تزڪيي واري زندگيءَ کان محرومي ملي رهي آهي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ مسلمانن کي سڄي انسانيت جي لاءِ مثالي نموني جو جيڪو ڪردار ادا ڪرڻو هو، ان جي محرومي پلئه پئجي رهي آهي. اهڙي طرح هڪ طرف الله تعاليٰ مومنن سان جيڪو انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو هو ته ان جي بدلي ۾ کين جنت عطا ڪندو، ان سودي جو انحراف ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف وري غربت ۽ مفلسيءَ جي ڪري ماڻهن جو وڏو تعداد پاڻ ۾ اعليٰ انساني قدر پيدا ڪرڻ جي محروميءَ جي نتيجي ۾ پنهنجي خلقڻهار سان پنهنجو تعلق جوڙي رکڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي.
    ملڪيت بابت اسلام جو نظريو:
    اسلام هن مسئلي کي هڪ ئي لفظ ”خلافت“ سان طئي ڪري ڇڏيو آهي. زمين ۽ آسمان جي هر شيءِ جو حقيقي مالڪ الله تعالى آهي ۽ زمين آسمان جون سڀ شيون ”خليفي“ جي حيثيت ۾ انسان کي ”امانت“ طور استعمال لاءِ ڏنيون ويون آهن. اهڙي طرح هر ”امين“ کي ان جي استعمال جو حق ان وقت تائين آهي جيستائين انهيءَ سان عام ڀلي واري مقصد ۾ خلل پوڻ جو انديشو نه هجي. ٻي صورت ۾ خلافت کي ان جو جائز حق ڇڏي باقي مال ۾ هر تصرف جو اختيار ڏنو ويو آهي. يعني رياست بگڙيل مالي نظام کي سنوارڻ جو هر قسم جو اختيار رکي ٿي.
    ثُمَّ جَعَلْنَاکُمْ خَلاَئِفَ فِیْ الاَرْضِ مِنۡ بَعْدِہِمۡ لِنَنۡظُرَ کَیْفَ تَعْمَلُوۡنَ۔ (يونس -14)
    ”وري اسان اوهان کي انهن کانپوءِ زمين ۾ جانشين ڪيو ته ڏسون اوهين ڪهڙي طرح ڪم ڪريو ٿا.“
    وَاَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَکُمۡ مُّسْتَخْلَفِیْنَ فِیْہِ (الجديد-7)
    ”۽ ان (مال) مان خرچ ڪريو، جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس.“
    ظاهر آهي خرچ ڪرڻ جو خدا جي پاران استخلاف ملڻ يعني ڌرتيءَ تي نائب هجڻ جو مقصد ئي ان مال جي ورهاست جو هڪ منصفاڻو نظام جوڙڻ آهي.
    اِنَّ اللہَ اشْتَرٰی مِنَ الْمُؤْمِنِیۡنَ اَنۡفُسَہُمْ وَ اَمْوَالَہُمۡ بِاَنَّ لَہُمُ الۡجَنَّۃَ
    ”الله تعاليٰ مومنن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، هن جي بدلي ۾ نه انهن لاءِ جنت آهي.“
    سودي ٿي وڃڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي ملڪيت مطلق رهندي آهي، بلڪه اها سودي ڪرڻ واري جي مرضيءَ تي اڪلاءَ ۾ ايندي آهي.
    ان ڪري هيءَ ڳالهه طئي آهي ته اسلام ۾ ملڪيت کي استعمال جو ۽ ان مان نفعي وٺڻ جو ايترو ئي حق محدود رکيو ويو آهي. ان ڪري اسلام ۾ جتي به شخصي ۽ اجتماعي ملڪيت جو ذڪر آهي، ان مان ڄاڻايل قسم جي ملڪيت ئي مراد آهي. باقي جيڪي ملڪيت جا ٻيا تصور اسلام جي نالي سان پيش ڪيا وڃن ٿا سي پيشه ور مذهبي ماڻهن پنهنجي حياتيءَ جي ٿورڙي نفعي لاءِ غاصب حڪمرانن کي جوڙي ڏنا آهن. (وَاشۡتَرَوۡ بِہٖ ثَمَنًا قَلِیۡلًا) اهي تصورات اسلامي اقتصاديات جي سرمائيداراڻي تشريح (Capitalist Economic Interpretation) آهن، جيڪا سراسر قرآن جي تعليم ۽ الله تعالى جي منشا جي خلاف ورزي آهي.
    قرآن سرمائي جو بنياد محنت کي بيهاري ٿو.
    قرآن حڪيم انسان کي لهڻيدار ان شيءِ جو ئي ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس محنت شامل آهي. لَیْسَ لِلِاْ نْسَان اِلَّا مَاسَعَیٰ۔ انسان جي لاءِ اهو ئي آهي جنهن لاءِ هُن محنت ڪئي آهي. اهڙي طرح سان سرمايو جيئن ته ليکو لهڻو آهي، ان ڪري ان جو بنياد به محنت ئي آهي، پوءِ اها جسماني محنت هجي توڙي ذهني مشقت واري محنت، اهڙي ئي بنياد تي قرآن ڪاروبار ۾ حلال ڪمائي جو بنياد بيع يعني واپار تي رکيو آهي جو ان ۾ ماڻهوءَ جي مشقت شامل آهي. پر جي ان ۾ سود يعني عدم محنت جي ڪا به شڪل شامل ٿيندي ته ان کي حرام قرار ڏنو ويو. اَحَلَّ اللھُ الْبَیْعَ وَحَرَّمَ الرِّبٰو۔ الله اوهان جي لاءِ واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ ربا يعني سود کي حرام بڻايو آهي. هاڻي قرآن جي ٻڌايل هن چٽي اقتصادي اصول کي سڀني اقتصادي پهلوئن تي منطبق ڪبو. پوءِ جتي به محنت شامل نه هوندي اتي ان ڪمائي کي سود وانگر حرام سمجهبو. ۽ جتي ماڻهوءَ جي جسماني محنت ۽ ذهني مشقت موجود هوندي ته ان ڪمائيءَ کي بيع وانگر حلال سمجهبو. مزارعت ۽ مضاربت وغيره ۾ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو سرمائي جي بنياد تي سرمايو ڪمائيندو ته انهيءَ جي لاءِ اهو حرام ٿيندو.


    قرآن سمجهڻ ۾ رڪاوٽ

    بيشڪ، قرآن مجيد جي اعجاز جا گهڻا ئي ڪارڻ آهن. ان جو انداز ۽ فن بديع، گذريل تاريخ ۽ اڳوڻين امتن جي حالتن جو بيان ۽ ان جون پيشن گوئيون ۽ ان جي بلاغت؛ اهي سڀ ان جي مڙني اعجازن (معجزن) مان ڪجهه آهن پر قرآن مجيد جو اصل اعجاز (معجزو) ان جي تعليم ۽ انسانن جي هدايت جو اهو نظام آهي، جيڪو اُن پيش ڪيو آهي. چئجي کڻي ته قرآن مجيد جي علمي ۽ عملي افاديت ئي ان جو سڀ کان وڏو معجزو آهي، جنهن مان هر ماڻهو اهو عربي هجي يا عجمي، عوام مان هجي يا عالم، فلسفي هجي يا سادي طبيعت وارو، فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ قرآن جي انهيءَ اعجاز کي سمجهي سگهي ٿو پر جيڪڏهن قرآن جو اعجاز صرف عربي ٻولي جي فصاحت ۽ بلاغت جو پابند ٿي وڃي ته انهيءَ صورت ۾ ڳاڻ ڳڻين ٿورن ماڻهن کان سواءِ ٻيا ماڻهو قرآن جي اعجازي خوبين کان محروم رهجي ويندا. قرآن حڪيم هڪ انقلابي نظام جي دعوت ڏئي ٿو. اهو انقلابي نظام بين الاقوامي ۽ سموري انسانيت تي مشتمل آهي. ايندڙ دنيا تائين جڏهن به مسلمانن جي ڪا جماعت انهيءَ تي عمل ڪندي ته انهيءَ مان اهي ئي نتيجا پيدا ٿيندا جيڪي اسلامي تاريخ جي پهرئين دؤر يعني خلافت راشده ۾ دنيا وارن ڏٺا هئا. اهو قرآن جو اثر آهي.
    مسيحي دنيا قرآن جي انهيءَ اثر بخشڻ واري صلاحيت کي عوام جي نظرن کان لڪائڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش ڪندي اچي پئي. مصر جي مشهور عيسائي مؤرخ ۽ مصنف جرجي زيدان لکيو آهي ته ”حضرت ابوبڪر﷦ ۽ حضرت عمر﷦ جي خلافت جو نظام صرف اتفاقي ڳالهه هئي. يعني گذريل زماني ۾ اسلام جي عظيم الشان انقلاب جو سبب قرآن جي تعليم نه هئي پر اتفاق سان ڪجهه فرد اهڙا پيدا ٿيا، جن هڪڙو دفعو ائين ڪري ڏيکاريو، پر اهو سدائين ائين ٿئي اهو غلط آهي.“ انهيءَ کان سواءِ قرآن جي وڏن وڏن سماجي ۽ معاشرتي انقلابي اثرن کي زائل ڪرڻ لاءِ ٻيا به حربا استعمال ڪيا وڃن ٿا، جن مان هلندڙ زماني ۾ هڪ حربو روايتي سيرت وارن جلسن جو نظام آهي. انهيءَ سان ماڻهن جو توجهه قرآن مجيد جي تعليم کان هٽي شخصيت پرستيءَ طرف لڙي وڃي ٿو ۽ هيئن سمجهيو وڃي ٿو ته اسلام جو سمورو تاثير قرآن بدران نبي ڪريمﷺ جي بيمثال شخصيت ۾ لڪل آهي، جيڪڏهن آئينده به ڪا معجزاتي شخصيت ظاهر ٿي پوي ته ممڪن آهي ته اهو اثر ٻيهر پيدا ٿي سگهي. امام مهدي جو ظهور ۽ مسيح جي نازل ٿيڻ جو عقيدو به اهڙي ذهنيت جو نتيجو آهي.
    قرآن مجيد سموري انسانيت جي بنيادي فڪر جو ترجمان آهي. اهو بنيادي فڪر نه ڪڏهن بدليو آهي، نه ئي آئينده ڪڏهن بدلبو ۽ سڀني دينن، مذهبن ۽ فلسفن جو بنياد ۽ اصول اهوئي فڪر آهي. انهيءَ بنيادي فڪر کي الله جي فطرت چئو، انهيءَ کي دين جو نالو ڏيو يا انهيءَ کي انساني ضمير سان تعبير ڪيو. انهيءَ انساني ضمير جي ترجماني انبياءَ، صالح (سڌارڪ) ۽ حڪيم (روشن فڪر دانشور) ڪندا آيا آهن. زماني سان هلندي هلندي اصل فڪر ۾ ٻاهريان مغالطا شامل ٿيندا ويا ۽ وري وري نئين نذير ۽ بشير جي ضرورت پئي. قرآن مجيد انهيءَ بنيادي فڪر جو ترجمان آهي ۽ اهو بنيادي فڪر عالمگير، ازلي، ابدي ۽ لازوال آهي. قرآن ۾ بيشڪ انهيءَ فڪر جو لباس عربي آهي پر لفظن ۽ ترتيبن جون جيڪي معنائون آهن اهي اهل نظر کان لڪل ڪونهن. خالص ۽ نج انسانيت جو قيام قرآن جو نصب العين آهي. قرآن ان ڳالهه جو رستو ڏيکاريو ۽ هڪ دفعو انهيءَ کي وجود ۾ آڻي ڏيکاريو.
    قرآن مجيد ۾ آيو آهي ته: ”شَرَعَ لَكُمۡ مِّنَ الدِّیۡنِ مَا وَصّٰی بِہٖ نُوۡحًا وَّ الَّذِیۡۤ اَوْحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ وَمَا وَصَّیۡنَا بِہٖۤ اِبْرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰۤی اَنْ اَقِیۡمُوا الدِّیۡنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوۡا فِیۡہِ “ هن توهان جي دين جو اهو رستو مقرر ڪيو آهي جنهن جي، نوح کي وصيت ڪئي ۽ اي پيغمبر! جيڪا توکي وحي ڪئي آهي اها ئي وحي ابراهيم، موسى ۽ عيسى کي اسان ڪئي هئي. ۽ اها هيءَ ته هن دين کي قائم ڪيو ۽ ان ۾ تفرقو نه وجهو.“ حضرت مجاهد کان هن آيت جي تفسير ۾ روايت آهي ته الله تعالى فرمائي ٿو اي محمد اسان توهان کي ۽ انهن کي هڪڙي ئي دين جي وصيت ڪئي آهي. قرآن جو هڪڙو ٻيو ارشاد آهي: وَ اِنَّ ہٰذِہٖۤ اُمَّتُكُمْ اُمَّۃً وَّ احِدَۃً وَّ اَنَا رَبُّكُمْ فَاتَّقُوۡنِ ﴿۵۲﴾ فَتَقَطَّعُوۡۤا اَمْرَہُمۡ بَیۡنَہُمْ زُبُرًاؕ كُلُّ حِزْبٍۭ بِمَا لَدَیۡہِمْ فَرِحُوۡنَ (المؤمنون:53، 54) ”۽ هيءَ توهان جي امت هڪ ئي امت آهي ۽ آءٌ توهان جو رب آهيان ته توهان مون کان ڊڄو، پوءِ ماڻهن پاڻ ۾ ڦيٽاڙو وجهي پنهنجا پنهنجا دين جدا ڪيا، ۽ جيڪو طريقو جنهن وٽ آهي، اهو انهيءَ ۾ خوش آهي.“
    هڪ ٻي جاءِ تي قرآن حڪيم فرمائي ٿو: ”لِكُلٍّ جَعَلْنَا مِنۡكُمْ شِرْعَۃً وَّمِنْہَاجًا (مائده 5) ”اسان توهان مان هر هڪ لاءِ هڪ شريعت ۽ خاص رستو بڻايو.“ حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته شريعت ۽ منهاج جي معنى واٽ ۽ رستي جي آهي. ۽ ٻئي هنڌ ارشاد آهي ته: لِكُلِّ اُمَّۃٍ جَعَلْنَا مَنۡسَكًا (الحج: 67) ”اسان هر هڪ امت لاءِ عبادت جا طريقا مقرر ڪيا آهن ته اهي ان تي هلن“. شاهه ولي الله قرآن جي انهن آيتن جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ فرمائي ٿو ته معلوم هئڻ گهرجي ته دين اصل ۾ هڪ آهي ۽ سمورا انبياءِ ڪرام عليهم الصلواة والسلام ان تي متفق آهن. سڀني جو اتفاق آهي ته خدا کي هڪ مڃيو وڃي ۽ ان جي عبادت ڪئي وڃي، ان کان هر قسم جي مدد گهري وڃي ۽ جيڪي ڳالهيون ان جي بارگاهه جي مناسب نه آهن انهن کان ان کي پاڪ مڃيو وڃي. هيءُ مڃيو وڃي ته الله تعالى پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ان تي پنهنجو ڪتاب نازل فرمائي ٿو. هن تي به سڀئي متفق آهن ته قيامت حق آهي ۽ مرڻ کان پوءِ زنده ٿيڻ حق آهي. اهڙي نموني سمورا انبياءِ ڪرام نيڪيءَ (بر) جي اصولي قسمن تي متفق آهن. جيڪو فرق آهي سو مخصوص صورتن ۽ هيئتن جو آهي، جن تي مختلف قسم جي نيڪين، فائديمند تدبيرن، معاش ۽ معاشرت جي سهولتن جو دارومدار آهي، ان جو نالو شريعت ۽ منهاج آهي. شاهه ولي الله صاحب لکي ٿو ته معلوم هئڻ گهرجي ته اهي اطاعتون ۽ عبادتون جنهن جو حڪم الله تعالى سڀني دينن ۽ مذهبن ۾ هڪجهڙي نموني تي ڏنو آهي، اهي انساني نفس ۾ خاص اثر پيدا ڪن ٿيون ۽ انهن تي عمل ڪرڻ سان انساني نفس ۾ ڪشادگي ۽ فرحت پيدا ٿئي ٿي ۽ ڇڏي ڏيڻ سان تنگي ۽ مونجهه پيدا ٿئي ٿي. انبياءِ ڪرام جي شريعتن ۽ رستن وانگر انهن جي تلقين ڪيل عبادتن ۽ اطاعتن ۽ انهن جي ارڪان ۽ آداب ۾ به اختلاف هوندو آهي پر انهن سڀني جو اصل روح هڪ هوندو آهي.
    اسلامي تعليمات جو خلاصو قرآن جي هن آيت: هُوَ الَّذِي أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَى وَدِينِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهُ عَلَى الدِّينِ كُلِّهِ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُونَ. (التوبہ: 33) ۾ ڏنو ويو آهي. يعني قرآن جو اصلي مقصد سڀني دينن کان اعلى دين، سڀني فڪرن کان بلند تر فڪر يا سڀني کان بلند بين الاقوامي نظريو جيڪو گهڻي کان گهڻي انسانيت تي ڦهليل هجي پيش ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ آهي. هي دين ٻين دينن کي غلط نه ٿو ڪري بلڪ انهن سڀني جي بنيادي سچائين کي تسليم ڪري ٿو. ان جو چوڻ آهي ته تاريخ ۾ هيئن ٿيندو آيو آهي ته هڪ قوم هڪ مذهب کي اختيار ڪري ٿي. جيئن جيئن زمانو گذري ٿو، اها دين کي پنهنجي رنگ ۾ رنگيندي وڃي ٿي، اهڙي طرح انساني دين قومي دين بڻجي وڃي ٿو. انهيءَ جي باوجود ان قوم جو ضد هجي ٿو ته ان جو دين ئي سڄي انسانيت جو دين آهي ۽ صرف سندن قوم ئي انسانيت جي علمبردار ۽ نمائنده آهي. بيشڪ، شروع ۾ انهن جو دين انساني دين هوندو آهي ۽ ان ۾ هر رنگ ۽ هر نسل واري کي فائدو ملي ويندو آهي، پر آهستي آهستي انهن جو اهو دين قومي يا گروهي دين بڻجي ويندو آهي. پڇاڙيءَ ۾ ته نوبت اتي وڃي پهچندي آهي ته هر فرد هي سمجهڻ لڳندو آهي ته مان ۽ صرف مان ئي حق تي آهيان باقي ماڻهو سڀ گمراه ۽ ڪافر آهن. پوءِ نتيجو هي نڪرندو آهي ته جيڪو دين سموري انسانيت کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ وارو بڻجي آيو، ان تي اهڙو وقت اچي ويندو آهي جو اهو انتهائي انتشار ۽ جهڳڙن جو سبب بڻجي ويندو آهي. قرآن مجيد جي نظر ۾ اهوئي ڪفر آهي. قرآن انهن سڀني قومي ۽ گروهي مذهبن کي جيڪي انسانيت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا هئا، مردود قرار ڏئي ڇڏيو ۽ هيءَ تلقين ڪئي ته خدا جو سچو مذهب اهو آهي جيڪو خدا جي زياده ويجهو هجي ۽ خدا کي ويجهي هئڻ جي معنى هيءَ آهي ته اهو فرقن ۽ گروهن کان مٿي ٿي ڪري سموري انسانيت کي پنهنجي دامن ۾ سمائي وٺي. قرآن سڀني قومن، دينن ۽ مذهبن جي مرڪزي نڪتن کي جيڪي سموري انسانيت تي لاڳو ٿي سگهن پيا، يڪجا ڪيو ۽ سڄي دنيا کي هيءَ دعوت ڏني ته صرف هي هڪڙو بنياد آهي، جنهن تي صحيح انسانيت جي تعمير ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن يهودين جي قوم ۾ انهيءَ انسانيت جو فقدان آهي ته پوءِ توڙي جو هو پنهنجي زبان سان پاڻ کي ”ابناء الله“ ۽ ”احبائہ“ (يعني خدا جو پٽ ۽ دوست) سڏائين تڏهن به گمراه آهن. جيڪڏهن عيسائي به انهيءَ کان خالي آهن ته انهن جو ابن الله سڏائڻ کين ڪنهن ڪم نه ايندو. اهڙي نموني مسلمانن تي به اهو حڪم لاڳو ٿي سگهي ٿو. قرآن هڪڙي ساهمي آهي، جنهن ۾ سڀئي توري سگهجن ٿا. يهودي، عيسائي، مسلمان جي هن ۾ ڪابه تميز ڪانهي. جيڪو سرنهن جي داڻي جيترو به گهٽ ٿيندو ته اهو الله وٽ پڇا مان گذرندو. اصل دين اهوئي آهي، باقي سڀ ان جا ذريعا ۽ وسيلا آهن جن کي اصطلاح طور شريعتون ۽ رسمون چيو ويو آهي. اهي شريعتون ۽ رسمون اصل دين تائين پهچڻ جو ذريعو آهن. انهن شريعتن جي وجود ۽ انهن جي فائديمند هجڻ کان انڪار ناهي. پر جيڪڏهن اهي شريعتون ۽ رسمون بي روح بڻجي وڃن ۽ انهن سان اهو اصل مقصد حاصل نه ٿي سگهي ته پوءِ انهن جي ڪابه معنى نه ٿي رهي. قرآن مجيد انهن بي روح رسمن جي خلاف جهاد جي تلقين ڪري ٿو ۽ يهودين جي انهيءَ ظاهري دين داري تي ان سڀني کان زياده تنقيد ڪئي آهي. قرآن مجيد فطري دين جو علمبردار آهي. ان جي معنى هيءَ آهي ته اهو اهڙي تعليم ڏئي ٿو، جيڪا انسانيت جي صحيح فطرت جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ سڄي نوع انسان جي فائدي لاءِ آهي پر جيڪڏهن قرآن کي هڪ فرقي يا گروهه جو ڪتاب بڻايو وڃي ته پوءِ هي ثابت ڪرڻ ته اهو ازلي ۽ ابدي آهي ۽ ان جي تعليم سڀني لاءِ ۽ هر زماني لاءِ آهي، ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو. ڇو ته قرآن جي عالمگيريت صرف هن بنياد تي آهي ته اهو سموري انسانيت جو ڪتاب آهي.
    بيشڪ، قرآن مجيد جي تعليم جو نتيجو هڪڙي زماني ۾ ۽ هڪڙي خاص مظهر ۾ جلوه نما ٿيو. هاڻي ضروري ڪونهي ته ٻئي زماني ۾ به بعينہ ساڳي صورت ۾ ظاهر ٿئي. جيڪو زمانو گذري ويو اهو وري واپس نه ايندو. جيڪو پاڻي وهي وڃي ٿو، اهو موٽندو ناهي. قرآن مجيد تي عمل ڪري خلافت راشده جي پهرئين دؤر ۾ اصحابن جيڪا حڪومت ٺاهي، هاڻي بلڪل ساڳي اهڙي حڪومت نه ٺهي سگهندي. جيڪي ماڻهو قرآن کي انهيءَ نموني سمجهن ٿا اهي قرآني حڪمت جي صحيح مفهوم کي نه ٿا ڄاڻن. يقيناً خلافت راشده جي حڪومت قرآني حڪومت جو هڪ نمونو هئي پر اهو نمونو ساڳيو جو ساڳيو هر دؤر ۾ منتقل نه ٿو ٿي سگهي. البت ان جي بنيادن ۽ اصولن تي قرآني حڪومت جو نئون نظام ٺهي سگهي ٿو. قرآن مجيد اڄ به پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگهي ٿو، پر ان لاءِ ضروري آهي ته قرآن کي عقل ۽ اجتهاد سان سمجهيو وڃي ۽ ان جي تعليم جي عالمگيريت جي جڙ معلوم ڪئي وڃي. نه ته جيڪڏهن قرآن فهميءَ جي حد صرف لفظن تائين محدود رهي ۽ انساني فڪر جي گهرائين ۽ زماني جي اٿل پٿل کان قرآن پڙهڻ وارا اڻ ڄاڻ رهيا ته پوءِ نتيجو گذريل صدين جو اسان جي سامهون آهي ۽ اوهان به سمجهي سگهو ٿا.
    مطلب ته قرآن جو اصلي مقصد عام انسانن جو سڌارو ۽ ترقي آهي. اهو سموري انسانيت کي انهن جي بنيادي اصولن ۽ مقصدن طرف موٽائڻ آيو هو. ان جو پيغام هي هو ته سڀ انسان هڪ آهن، رنگ، نسل ۽ قوم جو فرق حقيقي ناهي. الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته:
    ” يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُمْ مِنْ ذَكَرٍ وَأُنْثَىٰ وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰہ ِ أَتْقَاكُمْ“ (الحجرات: 13).
    قرآن مجيد زندگي جا اهي عالمگير ۽ نه بدلجندڙ اصول پيش ڪيا آهن. انهن کي جيڪڏهن غور سان سمجهجي ته ذهن انساني وحدت جي صحيح روح کي حاصل ڪري سگهي ٿو. انهيءَ بنياد تي اسلام شروع زماني ۾ قيصريت ۽ ڪسرويت کي جيڪي ان وقت جبري استحصال جا بڇڙا نشان هئا ختم ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ ان جي جاءِ تي اهڙو نظام قائم ڪيو جنهن ۾ انساني برابري، هر هڪ سان انصاف ۽ ڀائپي جا بنيادي اصول هئا. قرآن جي سموري تعليم جو دارومدار انهن نيڪ عملن تي آهي. جيستائين اعلى نصب العين انسان جي سامهون متعين (مقرر) نه هجي ته ان مان صالح عملن جو ظاهر ٿيڻ ممڪن ناهي. ان ڪري قرآن مجيد بار بار الله تي ايمان آڻڻ جو زور ڏنو آهي يعني ايمان باالله نصب العين آهي ۽ عمومي انسانيت جي فلاح ۽ بهبود انهيءَ نصب العين کي عمل ۾ آڻڻ جو ذريعو ۽ طريقو آهي. جيڪڏهن بصيرت واري نظر سان ڏٺو وڃي ته ايمان بالله جو عقيدو انسانيت لاءِ هڪ اعلى نصب العين جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن دنيا ۾ انهيءَ کان وڌيڪ بلند تصور ممڪن ڪونهي. الله جي تصور ۾ وحدت انسانيت ۽ وحدت ڪائنات سڀ اچي وڃن ٿا ۽ ذهن جي سامهون لامحدود آفاقيت ۽ بي ڪنار ڪشادگيون حاصل ٿي وڃن ٿيون. الله جو صحيح تصور سڀني گهرائين کي پنهنجي اندر سموهي ورتو آهي. ڪابه اهڙي بلندي ۽ وسعت ڪانهي جيڪا انهيءَ تصور کان بلند ۽ وسيع تر سوچي سگهجي. صحيح خدا پرستي اڳتي هلي لازمي طور انسان دوستيءَ جو سبب بڻجي ٿي. قرآن مجيد انهيءَ خدا پرستيءَ جي تعليم ڏئي ٿو. اهو چوي ٿو ته سڀني انسانن کي هڪ سمجهو ۽ جنهن ڳالهه تي توهان کي ايمان آهي ته اها حق آهي، اها هر هڪ کي چئو ۽ وري وري ان کي ذهن نشين ڪرايو ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه ان جي دل ۾ نه ٿي اچي سگهي ته کيس نرميءَ سان سمجهايو (وَجَادِلْہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحْسَنُ) ۽ جيڪڏهن نرميءَ سان ڪم نه هلي ته رستي ۾ جيڪي غير فطري رڪاوٽون آهن انهن کي طاقت سان هٽايو، ڇو ته اهي رڪاوٽون انسانن کي انهن جي صحيح انسانيت کان پري رکڻ جو سبب آهن، حق لاءِ جهاد جي اهائي معنى آهي. بيشڪ، جهاد بڇڙن عملن جي خلاف هوندو آهي پر حقيقت ۾ ان مان مقصد بڇڙائيءَ جي پاڙ پٽڻ آهي. بڇڙائيءَ سان جنگ ڪرڻ سموري انسانيت جي سڀ کان وڏي خدمت آهي. اهوئي قرآن مجيد جو ايمان باالله ۽ جهاد في سبيل الله آهي. هڪڙو عقيدو آهي ۽ ٻيو عمل. هڪڙو نصب العين آهي، ٻيو انهيءَ جو مسلڪ. اهي ٻئي لازم ملزوم آهن. جيڪڏهن هڪڙو ناقص هوندو ته ان جو مطلب هيءُ ٿيو ته ٻئي ۾ به ڪجهه ڪمي آهي.
    ايمان باالله ۽ جهاد في سبيل الله انهن معنائن ۾ هڪ ڪسوٽي آهي، جنهن تي هر فرد، هر جماعت، هر قوم، هر نظام ۽ قانون کي پرکي سگهجي ٿو ۽ ان ۾ ڪنهن به روءِ رعايت جي گنجائش ناهي. هڪ زماني ۾ مسلمان انهن ٻنهي خصلتن جا مالڪ هئا. تنهن ڪري قرآن مجيد انهن کي ”امت وسطا“ جو خطاب ڏنو. جيئن ارشاد آهي ته امتياز صرف هن بنياد تي هو ته اهي ايمان باالله ۽ جهاد في سبيل الله کي صحيح معنائن ۾ مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪند ا هئا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259767
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386715
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ