ڪتاب جو نالو: جي ماريا نَه موتَ (ويٽنامي ناول)
مصنف: تنوير عباسي
ڇپائيندڙ: عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1989
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 20 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 840 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 663 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ناول ”جي ماريا نه موت“ ويٽنام جي انهن ڪردارن تي لکيل آهي جن غلامي جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ گيدي ۽ بزدل قومن لاء هڪ مثال قائم ڪيو۔ هن ناول جو سنڌي ترجمو مرحوم ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب جن ڪيو آهي۔
ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران ڊجيٽل بوڪ جي صورت ۾ انٽرنيٽ تي آندو ويو آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • جي ماريا نَه موتَ
  • پنھنجي پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14

  • جي ماريا نَه موتَ

    جي ماريا نَه موتَ

    (ويٽنامي ناول)

    سنڌيڪار: تنوير عباسي

    عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد

    جنوري 1989

    ڪمپوزنگ: شاھنواز سومرو


    پنھنجي پاران

    غلامُ بنائيندڙ طبقا ۽ قومون، مظلوم طبقن ۽ قومن کي طرح طرح جا نقصان ڏيندا آھن. ھو کين گذر جي وسيلن کان محروم ڪندا آھن. سندن آزادي کسيندا آھن. کين جانورن وانگر وھائيندا آھن. سڀ کان وڏو نقصان اھو ڏيندا آھن ته ھو غلامن جي ذھن ۽ دماغ کي غلام بڻائيندا آھن. ھو سندن سوچ کي جڏو، لُولو ۽ لنگڙو ڪندا آھن، ھو کانئن سندن خود اعتمادي، حوصلو ۽ ھمت ڦُري وٺندا آھن ته جيئن ھو ڪڏھن به پنھنجي آزادي وري وٺڻ بابت سوچي به نه سگھن. جن طبقن ۽ قومن سنڌ کي ھزارين سالن کان غلام پئي بڻايو آھي، تن سنڌي قوم کي سڀ کان وڏو ڌڪ ھنيو آھي، جو سنڌين کي پاڻ مان ويساھه ئي نڪري ويو آھي. سنڌين کي ويساھيو ويو آھي ته ’توھين بيوقوف آھيو، جاھل آھيو، نا اھل آھيو، گِيدي ۽ بزدل آھيو، اوھين پنھنجي قسمت بدلائي نه ٿا سگھو، اوھان سان جيڪا جُٺ ٿي آھي اوھان انھيءَ جا لائق ھئا ۽ آھيو.‘
    انھيءَ ڪري جن ماڻھن سنڌي قوم کي جيارڻ ۽ جدوجھد جي ميدان ۾ آڻڻ جو سوچيو ٿي، تن سڀ کان پھرين اھو ضروري ڄاتو ته سنڌين جي دماغن تان دشمن جا چاڙھيل ڪٽ لاٿا وڃن، سندن ذھنن جا زنجير ٽوڙيا وڃن. کين خاطري ڏياري وڃي ته ’اوھان جي غلامي، بي پھچي، بي وسيلائي، نڌڻڪائي، ڪمزوري ۽ اڻڄاڻائي اِھي سڀ عارضي شيون آھن. اوھين به بھادر آھيو. اوھين به سورما ٿي سگھو ٿا. اوھين به پنھنجي آزادي حاصل ڪري سگھو ٿا، اوھين به پنھنجي قسمت بدلائي سگھو ٿا.‘ انھي قومي پاليسيءَ موجب سنڌي ماڻھن مان ڪنھن به ڪا چڱي يا ٿورڙي به مڙسيءَ واري ڳالھ ٿي ڪئي ته ان ڏانھن سڄي قوم جو ڌيان ڇڪايو ٿي ويو. اديبن ۽ لکندڙن ڪوشش ڪري ننڍڙيءَ ۾ ننڍڙي ھمت کي ساراھي، ھمت وارن ماڻھن جي ھمت وڌائي ٿي. ايتري قدر جو ڪنھن خاص مڙسي نٿي ڪئي، رڳو پنھنجي گھر ماٺ ڪيو ويٺو ھو يا ڪنھن رڳو قوم خلاف ڪو ڪُڌو ڪم نٿي ڪيو ته ان جي به تمام گھڻي ساراھه ڪئي وئي ٿي. مثال طور: ڪو وڏو زميندار رڳو قوم دشمن وزارتن ۾ شريڪ نٿي ٿيو يا ڪنھن پنھنجي قوم وڪڻڻ واري ون يونٽ جي ٺھراءَ تي صحيح نٿي ڪئي ته ان کي انھيءَ پاليسيءَ موجب تمام گھڻو ساراھيو ٿي ويو. اھڙيءَ ريت قوم جي مٿان اھو ڀوت لاٿو ويو ته ڪي سنڌي سڀ ڊڄڻا، گِيدي، بزدل ۽ قوم فروش آھن. انھي ڪري سنڌي قوم ۾ ڪافي خود اعتمادي پيدا ٿي ويئي.
    ھر شيءِ جا ٻه پاسا ٿيندا آھن. انھيءَ ھمت افزائيءَ واري پاليسيءَ جو ٻيو پاسو به ھو، جو جلد ظاھر ٿيو. اھو ھي ته ماڻھن ۾ ھي تاثر پيدا ٿي ويو ته ’قومي سورمو‘ ٿيڻ لاءِ ڪا خاص مٿا ڪُٽ ڪرڻ، ڪو ڊگھو ۽ لمبي عرصي وارو قومي ڪردار ادا ڪرڻ، ڪي تمام وڏا ڏک ۽ ڪشالا ڪاٽڻ، ڪا واقعي لاجواب بھادري ۽ سورھيائيءَ ڪرڻ، پنھنجي زندگي ھميشہ ھميشہ لاءِ قوم واسطي وقف ڪرڻ، ڪا وڏي ڄاڻ حاصل ڪرڻ، سکڻ، تحقيق ڪرڻ، زبردست احتياط ۽ خبرداري ڪرڻ واري دور انديشي، دانائي ۽ ڏاھپ کان ڪم وٺڻ، سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ، غلطيون نه ڪرڻ، ھميشہ ھر گھڙي، ھر پل سِر جي سٽ ڏيڻ جي ڪابه ضرورت ڪانھي. ’سنڌي سورمو‘ ٿيڻ ھاڻي ھڪ معمولي ڳالھ ٿي ويئي. ڪو نعرو ھڻي، ڪو ٻه ٽي ڏينھن يا ٻه ٽي سال، سواءِ ڪنھن خاص ايذاءَ ۽ عذاب جي جيل ۾ رھي يا ڪو مضمون يا ڪتاب لکي يا شعر چوي، سٺي تقرير ڪري يا ڪنھن کي دشمن راھه گناھه ماري وجھي، اُن کي به اسان ھڪدم عظيم سورمي ۽ جوڌي جو لقب ڏيئي ڇڏيو ٿي.
    انھيءَ ڪري قوم جي سورھيائيءَ جو معيار تمام پست رھجي ويو آھي. سورھيائي اکر جي معنيٰ تمام خسيس ۽ کِل جھڙي ٿي پئي. ڪن حالتن ۾ ’قومي سورمو‘ ٿيڻ ڄڻ ھڪ تماشو ۽ مذاق بڻجي پيو آھي. ڏٺو ويو آھي ته ھاڻي جماعت اسلامي جھڙن ڪٽر سنڌ دشمن ٽولن جا سنڌي دلال به پاڻ کي ’فلاڻو خان‘_ ’سنڌڙيءَ جو سَپوت‘ ۽ ’جوڌو جوان‘ سڏائڻ لڳا آھن. انھيءَ ڪري ضرورت ٿي آھي ته انھيءَ باري ۾ اسان پنھنجي قومي پاليسيءَ کي درست ڪريون. اڄ انھيءَ ڳالھ جي ضرورت آھي ته سنڌي قوم کي سيکاريو وڃي ته صحيح معنيٰ ۾ ’قومي سورما‘ دنيا ۾ ڪھڙا ٿيندا آھن، ته جيئن سنڌ جا ماڻھو اڳتي ھلي سچا پچا ۽ ’عظيم سورما‘ ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪن، ۽ ڪُوڙن سورمن ۽ دشمن جي دلالن کي ھمت ئي نه ٿئي ته ھو پاڻ کي سورھيائي ۽ سورمائيءَ جا ڪُوڙا لقب ڏيئي سگھن. انھيءَ ڏَس ۾ اسين دنيا جي ھڪ سچي سورمي ۽ ھڪڙي سچي سورھيه جي ھيءَ سچي ڪھاڻي پيش ڪريون ٿا.
    ھيءُ ”سنڌي عوامي ڪتاب گھر“ جو پنجون ڪتاب آھي. ھن کان اڳ ”قيدياڻيءَ جي ڊائري“ – ”ھوچي منھ جي ڪھاڻي“- ”مائوزي تونگ“- ”جيڪي بنگال سان ٿيو“ ڪتاب پڙھندڙن اڳيان پيش ڪري چڪا آھيون.
    پڙھندڙ ساٿي پنھنجي راين ۽ تنقيدن سان اسان جي رھبري ڪندا ته مھرباني.


    رسول بخش پليجو
    تاريخ- 18 آڪٽوبر 1973


    1

    اُن ڀيري ڀيڻ ڪوئِينِ کي گھڙيءَ جو به آرام نه مليو. اِھا خبر مشھور ٿي ويئي ته نگوين تُروئيءَ جي گھر واري ڏکڻ ويٽنام جي عورتن جي ڪانگريس ۾ حصو وٺڻ آئي آھي، ۽ خبر ٻڌڻ سان، سڀني علائقن ۽ ديھن جا عيوضي ساڻس ملڻ آيا. اولھ جي ھڪ ڇاپا مار عورت ته وفد جي رھڻ واريءَ جاءِ ۾ ڊڪندي آئي ۽ جذبات سان ڀريل آواز ۾ ٻڌائڻ لڳي، ”منھنجي ديھ جا ماڻھو ڀاءُ تُروئيءَ جي بدلي وٺڻ لاءِ سڄو مھينو وڙھندا رھيا. ان مھم ۾ مان زخمي ٿي پيئي ھيس. اسان جي دِل ٿي گھري ته ڪوئِين ڀيڻ اسان جي وفد وٽ ھڪ ڏينھن رھي ۽ اسان کي پنھنجي مڙس جون ڳالھيون ٻڌائي. جڏھن اسان اُھي ڳالھيون ٻڌي واپس ورنديون سين، ته دشمنن کي مارڻ جو جذبو اسان ۾ اڃا به وڌندو.
    پنجين ڏينھن ٻارن واريءَ ھڪ مائيءَ ڪوئِينِ کي شفقت مان چيو، ”خبر اٿئي، تُروئي ڪُوانگ نام ڳوٺ جو ھو! تون اُن پاسي جي ماڻھن جي نُنھن آھين. اسان جي دل ٿي چوي ته تون اسان وٽ ھلي رھه.“
    ان کان پوءِ ڪوئِينِ ڀيڻ ھڪ جاءِ تي نه رھي. ڪڏھن ھوءَ ھڪ وفد جي مھمان ھئي، ته ڪڏھن ٻئي جي. سائيگان کان نڪرڻ کان پوءِ، تُروئيءَ جي شاندار ۽ پاڪ حياتيءَ جي احوال لکڻ لاءِ ھي جيڪو موقعو مون کي ساڻس ڳالھائڻ جو مليو ھو، اُن مان آءٌ گھڻو فائدو وٺي نه سگھيس. تڏھن به ھن واعدو ڪيو ته ڪانگريس جي ھر اجلاس کان پوءِ شام جو ڪجھ وقت لاءِ مون کي تُروئيءَ جي صحبت ۾ پنھنجي گذاريل ڏينھن، ساڻس جيل جي ملاقاتين ۽ ڦاسيءَ جي ڪوٺڙيءَ ۾ ڪيل ڳالھين جو احوال ٻڌائيندي رھندي.

    ************************

    ڏھين مئي 1964ع جي تاريخ ھئي. آچر جو ڏينھن ھو. صبح صبح جو مون کي اُلڪو پيدا ٿي پيو، جو تُروئي سڄي رات گھر نه آيو ھو. ٻئي ڪنھن آچر کان وڌيڪ اُنھيءَ آچر تي مون کي ھن جو ڏاڍو انتظار ھو. سڄو ڏينھن اسان ڪيڏانھن ٻاھر نڪري نه سگھيا ھئاسين. ڪنھن مِٽ مائٽ ڏي به نه وڃي سگھيا ھياسين. منھنجا پيءُ ماءُ اُتر جا رھاڪو ھئا. ھو وان گياپ ديھ مان، جيڪا نُونگ پِن جي ضلعي ۾ ھاڊوِنگ پرڳڻي ۾ آھي، ساٺيڪو کن سال اڳ ٻين ڳوٺاڻن سان گڏ لڏي آيا ھئا. ايترن سالن گذرڻ کان پوءِ به ھو سڀ پنھنجي اباڻي علائقي جي ريتن رسمن کي چھٽيل ھئا. ھنن جي ھڪ رسم ھئي ته گھوٽ ڪنوار شاديءَ جي ٻئي ڏينھن ڪنوار جي پيڪن ۾ ويندا ھئا. اسان جي شاديءَ کي ڏينھنِ بدران ھفتا گذري ويا، پر تُروئي ھر آچر تي ڪو نه ڪو بھانو ڪري، ڳالھ نٽائي ڇڏيندو ھو. مان انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ ھيس ته ھِن آچر به ڪنھن نه ڪنھن ڪم جو بھانو ڪندو.
    پر جڏھن اسان جي شاديءَ جو موقعو آيو، ته ھو پنھنجي انجام تي نه بيٺو. ان ڏينھن ھن پنھنجا وڌيل وار به نه ڪترايا. شاديءَ کان پوءِ ھو گھڻو ڪري دير سان گھر ايندو ھو. رات جو دير تائين ويھي الائي ڪھڙا ڪھڙا نقشا ٺاھيندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ھو مون کي پنھنجي ھڪ دوست جي گھر وٺي ويندو ھو، جتي مون کي اڪيلو ڇڏي، ھو ٻيئي اڱڻ ۾ نه کُٽندڙ ڳالھين ۾ لڳي ويندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ھو پٿرين کي ائين ويٺا اڳتي پوئتي ڪندا ھئا، ڄڻ شطرنج کيڏي رھيا ھجن. ھڪ ڀيري مون ھن کان پڇيو، ”اھڙا ڪھڙا توتي وڏا ڪم اچي پيا آھن!“ ھن جواب ڏنو ته ”منھنجي آفيسر بجليءَ جي ھڪ مشين جي مرمت جو ڪم مون تي رکيو آھي، پر اڃا تائين مان ان ڪم جي پوري ڪرڻ جو رستو لھي نه سگھيو آھيان.“ ھڪ ڏينھن، شاديءَ واري مُنڊي سندس ھٿ مان گم ٿي ويئي. اُن جي نگ تي انگريزي اکر ’ڪيو‘ اُڪريل ھو. اھا مُنڊي مون سال 1964ع جي پھرئين چنڊ واري ڏينھن کيس سوکڙي ڪري ڏني ھئي. ھن ٻڌايو ته مُنڊيءَ سندس ڪم ۾ رندڪ ٿي وڌي! ان جواب مون کي حيران ڪري ڇڏيو، ڇوته جڏھن مون اھا مُنڊي کيس ڏني ھئي، ته ھو خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو- ڄڻ کيس ڪا مقدس شيءِ ملي ويئي ھئي! ھن گھڻي پيار مان مُنڊي پنھنجي آڱر ۾ پاتي ھئي، ۽ پوءِ ان کي ڦيرائي، ڏسي، پڪ ڪئي ھئائين ته متان ڪم ڪرڻ وقت ڪٿي کسڪي ڪِري نه پوي! مُنڊي پائيندي، ھن کلندي چيو ھو ته ”ھيءَ منھنجي ھٿ کان تڏھن جدا ٿي سگھندي، جڏھن ڪنھن حادثي ۾ منھنجي آڱر ڪٽجي وڃي.“
    اسان جي شاديءَ کان اڳ به ھن کي مون سان اٿاھه محبت ھئي. سندس ھڪ سوٽِ منھنجي ساڻس واقفيت ڪرائي ھئي، جيڪا ڪارخاني ۾ مون سان گڏ ڪم ڪندي ھئي. ٽپھريءَ جو، روزانو، جڏھن به اسان کي ڪم تان موڪل ملندي ھئي، ته ھو ٻاھر بيٺو منھنجو انتظار ڪندو ھو- پوءِ کڻي اُس ھجي يا مِينھن واچ ھجي. ھڪڙي ڀيري ھو ٻن ھفتن لاءِ پنھنجي ڳوٺ ڪُوانگ نام ويو، جتان مونکي ٻه ڊگھا خط لکيائين. اُھي خط پڙھي، مون کي ائين لڳو، ڄڻ اسان ڪيترن سالن کان ھڪٻئي کان جدا ٿي ويا ھئاسون. مان ڏاڍي چاھه سان اھي خط پڙھندي ھيس. انھن جو اکر اکر مون کي بر زبان ياد ٿي ويو. مان فخر ڪندي ھيس ته مون کي اھڙو وفادار ۽ اٿاھه محبت ڪرڻ وارو پرين مليو آھي. منھنجي گھر وارا به سندس عزت ڪندا ھئا.
    ٻين نوجوانن به مون کي پاڻ ڏي ڇِڪڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، پر ھو سڀني کان اڳرو ھو. ھن ڪڏھن بَڙ بڙ ۽ چاپلوسي نه ڪئي. ھن جو پيار اونھو ۽ سچو ھو، پر ان سان گڏو گڏ ھُو مانائتو ۽ ڳنڀير ھو. ڪا رواجي اوڻائي به وساريندو نه ھو. ھو چوندو ھو ته ”مان توکي اڃا به سٺي ڇوڪري بڻائڻ ٿو چاھيان. اسان جو فرض آھي ته اسان ھڪٻئي سان جيتري محبت ڪريون، اوترو ھڪٻئي کي بھتر انسان بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون.“
    پر شاديءَ کان پوءِ سندس بدليل رخ منھنجي سمجھ ۾ نه ايندو ھو. ھو چُپ چاپ رھندو ھو. مون ڏاڍيءَ اُڻ تُڻ سان ان اوچتي ڦيري جي سبب ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين سو ضرور ھو ته روزانيءَ زندگيءَ ۾ ھو اڳي کان به وڌيڪ منھنجو خيال رکندو ھو. ھڪ ڏينھن مان ڪجھ بيمار ٿي پيس ۽ اڌ ڏينھن ڪم تي وڃي نه سگھيس. ھو ڳڻتيءَ کان بي حال ٿي ويو ۽ دوا درمل لاءِ ائين ڀڄ ڊُڪ ڪرڻ لڳو ڄڻ مان سخت بيمار ھجان. منھنجي دل پرڀائڻ لاءِ ھن مينڊولن وڄائي. مون کي چانورن جي پيڄي ۽ ميوو کارايائين. ڏاڍي قرب سان مون کي دلداريون ڏنائين. رات جو دير تائين ھو منھنجي مٿي کان ويھي پکو ھڻندو رھيو. اسان جي گھر ۾ وھنجڻ جي جاءِ نه ھئي، ۽ اسان پاڙي وارن جو غسلخانو ڪم آڻيندا ھئاسين. ھو منھنجي وھنجڻ لاءِ سدائين مون کي پاڻيءَ جي بالٽي ڀري اُتي رکي ڏيندو ھو. ان ڇنڇر تي شام جو، ٻاھر وڃڻ کان اڳ، ھن منھنجي وھنجڻ جو بندوبست ڪيو. پر جڏھن مون ھن کي ٻاھر وڃڻ لاءِ تيار ٿيندو ڏٺو، ته مون کي ڪاوڙ اچي ويئي، ۽ مون چيو-
    ”جي توکي ٻاھر وڃڻو آھي ته ڀلي وڃ. مان پاڻ به پاڻي ڀري سگھان ٿي.“
    ”اڙي نه- رستي ۾ ھيٺ مٿاھين آھي. ڪٿي ڪِري نه پوين!“ جڏھن ٻاھر وڃڻ لڳو، ته دروازي وٽ بيھي، موٽر سائيڪل ھڪ ھٿ ۾ جھلي، چوڻ لڳو. ”مان مشين جي مرمت مان جلدي واندو ٿي ويندس. سڀاڻي جتي چوندينءَ اُتي توکي گھمائڻ وٺي ھلندس. جي تنھنجي دل چيو، ته ھڪ ٻه ڏينھن ٻاھر به ھليا ھلنداسين-“
    ان ڪري مون کي پڪ ھئي ته ان آچر تي ھو ضرور گھر ايندو، ۽ اسان گھمڻ وينداسين. مون شاديءَ جو وڳو ڪڍيو، ۽ ٻاھر وڃڻ جو پروگرام سوچڻ لڳيس ته ’ڪھڙن مائٽن وٽ پھرين وڃڻ کپي. ان کان پوءِ تُروئيءَ کي مان پنھنجي ساھيڙين وٽ ضرور وٺي وينديس.‘ ڇوته اُنھن ستائي ستائي، منھنجو ساھه ڪڍي ڇڏيو ھو. چونديون ھيون، ”تنھنجو مڙس ته ڪنوار وانگر لڄارو آھي. اڄ ڏينھن تائين اسان کي شڪل نه ڏيکاري اٿس!“
    ان ڏينھن صبح جا نَو وڳا ھوندا. اوچتو پوليس جا اٺ نَو ماڻھو ھڪ ماڻھوءَ کي گھليندا، اسان جي گھر ۾ گھڙي آيا. ان ماڻھوءَ جا ھٿ پٺيان ھٿڪڙين ۾ قابو ھئا. مان پھرين تُروئيءَ کي سڃاڻي نه سگھيس، پر ھن مون ڏسندي ئي واڪو ڪيو- ”ڪوئِينِ- مون کي گرفتار ڪيو اٿن.“ مان وسميءَ ۾ پئجي ويس. ۽ ھُو منھنجي ويجھو آيو. ھو ته رڳو ھڪ رات ٻاھر رھيو ھو، پر ھن جي حالت ئي مٽجي ويئي ھئي! ھن جو لباس رت ۽ گَپ سان لِتل ھو- ايترو، جو ڪپڙن جو اصلي نيرو رنگ ڏسڻ ۾ ئي نه پيو اچي. ھن جو مُنھن ڌَڪن ڪري سڄيل ھو. وار ڇنل ۽ کنڊريل ھئا. سپاھين بي رحميءَ سان کيس ڌِڪو ڏنو، ۽ ھو ٿيڙ کائي اچي پلنگ تي سٽيو. انھن مان ھڪڙي، جيڪو شايد ڪمانڊر ھو، اسان جي ڪوٺيءَ کي چؤڦير ڏسڻ شروع ڪيو- پوءِ ھو ڪروڌ ڀريل آواز ۾ چوڻ لڳو- ”ڏاڍو آرام وارو گھر آھي. نئين شادي ڪيل جوڙي لاءِ مزي واري جاءِ آھي. تڏھن به ھي ٻاھر وڃڻ ۽ فساد ڪرڻ کان نه مُڙيو-“
    ھو ڪوٺيءَ جي شَين ڏي اشارو ڪندي، چوڻ لڳو،
    ”مينڊولين- نوان ڪپڙا-“
    ۽ پوءِ جڏھن مون تي نظر پيس ته چوڻ لڳو-
    ”۽ ھڪ نوجوان ڪنوار! توکي ته خوش ٿي وڃڻ گھربو ھو- آخر توکي ٻيو ڇا گھرجي- ؟
    تُروئي وارن کي اکين اڳيان ھٽائڻ لاءِ مٿي کي جھٽڪو ڏيئي چيو، ”مون توکي رات ڪيئي ڀيرا ته ٻڌايو ھو ته مون کي ھيءُ کپي ته سڀني يانڪين کي ناس ڪرڻ چاھيان ٿو—ڏکڻ کي آزاد ڏسڻ چاھيان ٿو- “
    پوليس ڪمانڊر تُروئيءَ جي آڏو ميز تي جھڪيل ھو. ھن تکين اکين سان تُروئيءَ ڏانھن ڏسي، ڌمڪيءَ سان چيو، ”تنھنجي انھيءَ سورمائيءَ جو جلد علاج ڪري ڇڏينداسين.“ ان کان پوءِ ھو سپاھين تي اچي ڪڙڪيو، جيڪي اڱڻ ۾ بارود جي ڳولا ۾ لڳل ھئا، ۽ کين ھوشياريءَ سان جھاڙو وٺڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ ھو بستري ڏي وڌندي چوڻ لڳو-
    ”ھيءُ بسترو- ھي ڪمبل- ۽ ھي وھاڻا نوان نڪور آھن. ڪھڙا نه نرم ۽ آرام ڏيندڙ آھن! تون پنھنجي گھر ۾ رھي ۽ گھر جي اِنھن سُکن تي خوش ٿي، ويھي نٿو سگھين! اُن جي بدران ويٽ ڪانگ جي ڏٽن ۾ اچي سورمائي ڪرڻ نڪتو آھين! ويٽ ڪانگ پاڻ ته ڀڄي ويا، پر تون اسان جي ھٿ چڙھي وئين! ترس، اڃا توکي ٻيو به مزو چکائينداسين.“
    تُروئيءَ سندس اکين ۾ اکيون وجھي ڏٺو ۽ ٺھ ڦھ چيو، ”جڏھن يانڪِي منھنجي ملڪ جي ماڻھن کي مارڻ لاءِ بندوقن ۽ بمن جا انبار کڻي ٿا اچن، ته مان تو وانگر ناھيان، جو ذلت سان آرام جي زندگي گذاريان.“
    ھو پنھنجي چوڌاري بيٺل سپاھين کان بي پرواھه ٿي، پلنگ جي مٿي کان ٽيڪ ڏيئي، ڏاڍي مزي سان ويٺو ھو. ھن جون اکيون پنھنجي ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ جي چئن ئي پاسي ڦري رھيون ھيون. ھن پنھنجي ڀاڻيجي جي مدد سان ھڪ ھڪ تختو ۽ ناريل جي وڻن جو ھڪ ھڪ پَن ڪري گڏ ڪيو ھو ۽ وڏيءَ محنت کان پوءِ ٻن سالن ۾ ھيءُ گھر ٺاھيو ھئائين. ھو ڪيتري مھل مونکي ڏسندو رھيو. ھن جي اکين ۾ پيار ۽ پاٻوھه جو سمنڊ ڇوليون ھڻي رھيو ھو. ائين پئي لڳو ڄڻ ھو ڪجھ چوڻ ٿو چاھي ۽ مونکي آٿت ڏيڻ ٿو چاھي. جيئن جيئن مون کي ھن جي اٿاھه محبت جو احساس پئي ٿيو، تيئن تيئن غم کان منھنجي حالت خراب ٿيندي پئي ويئي. ھن کي نه سمجھي سگھڻ تي مون پنھنجو پاڻ کي ڏوھاري پئي سمجھيو، ۽ ھن جي وفاداريءَ تي شڪ ڪرڻ لاءِ پنھنجو پاڻ کي مجرم سمجھڻ لڳيس. تجربي نه ھئڻ سببان مان سندس خيالن کان واقف نه ٿي سگھي ھيس، پر ھن جي زندگيءَ جا سڀ راز اڄ منھنجي آڏو کليل ڪتاب وانگر ھئا. مون کي خبر پئجي وئي ھئي ته انقلاب جي لاءِ ھن پنھنجي ذاتي خوشين کي قربان ڪري ڇڏيو ھو. ايستائين جو ھڪ گھُمري ھو پنھنجي شاديءَ کي به ملتوي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو ھو. ھاڻي مون کي معلوم ٿيو ته ھو پنھنجي شادي ٻئي ڪنھن موقعي تي ڪرڻ لاءِ ڇو چوندو ھو. مون کي ان وقت شڪ ٿيو ھو ته مون کي ڇڏڻ ٿو گھري. مان پنھنجي شاديءَ جا دعوت ناما به ماڻھن کي موڪلي چڪي ھيس. مان ان فڪر ۾ ھيس ته اسان جي شادي ھٽي ويئي، ته ماڻھو ڇا چوندا! پوءِ منھنجي اعتراض ڪرڻ تي جڏھن ھو مون کي مڃائي نه سگھيو، ته چپ چاپ ويھي رھيو ھو، ۽ پوءِ چيو ھئائين-
    ”مون کي سمجھ ۾ نه ٿو اچي توکي ڪيئن سمجھايان! اسان جي شادي پروگرام موجب ئي ٿيندي. پر مان توکي منٿ ٿو ڪريان ته منھنجي لاءِ ڪو برو خيال دل ۾ نه آڻجان. توکي خبر ناھي ته مان توسان ڪيترو پيار ڪريان ٿو. مان توکي ڇڏڻ جو سوچي به نه ٿو سگھان. ھاڻي توکي ڪاوڙ ٿي لڳي. پر ھڪ ڏينھن تون سموري ڳالھ سمجھي ويندينءَ.“
    آخر مان سمجھي ويس، ھن کي گرفتار ڪيو ھئائون. مان ڪوٺيءَ جي ھڪ ڪُنڊ ۾ مُنھن لڪائي ڏاڍي رنيس.
    سپاھين بارود جي تپاس وارن اوزارن سان اسان جي اڱڻ جي ذري ذري جي تلاش ڪئي، پر انھن کي ڪابه شيءِ نه ملي. ان کان پوءِ تُروئيءَ کي گھيرو ڪري بيھي رھيا، ۽ مون کان پڇيائون-
    ”ڇا توکي خبر آھي ته تنھنجي مڙس ڪا بارودي شيءِ گھر ۾ لِڪائي آھي؟ ڇا، تو ھن کي ڪا شيءِ لِڪائيندي ڏٺو؟“
    مون روئڻ شروع ڪيو، ۽ کين جواب ڏنو-
    ”مون کي پنھنجي مڙس جي ڪمن جي باري ۾ ڪابه خبر ناھي- نه ئي مون کيس ڪا شيءِ لڪائيندي ڏٺو آھي.“
    ”جي تون صاف ٻڌائيندين ته بارود ڪٿي لڪل آھي، ته ھي گھر توھان لاءِ بھشت آھي، بھشت ئي رھندو. جي تون انڪار ڪندين، ته ياد رک ھي گھر توھان لاءِ دوزخ جي باھه بڻجي ويندو ۽ ھتي ئي تون چيچلائي دم ڏيندين.“
    ”مون کي بارود جي ڪابه خبر ناھي.“ تُروئيءَ جواب ڏنو. اھو ٻڌندي ئي، سپاھي کيس ورائي ويا. ڏاڍو ماريائونس. بجليءَ جا شاڪ ڏنائونس. شاڪ ايڏا سخت ھئا، جو ھو بستري تي ڦٿڪڻ لڳو. ھاڻي مون لاءِ ماٺ رھڻ ممڪن نه ھو. منھنجي دل مان ڊپ ۽ عقل اڏامي ويو. مان ھنن بدمعاشن سان اٽڪي پيس، ۽ پنھنجي مڙس کي بچائڻ لاءِ جُھد ڪرڻ لڳيس. ھڪ سپاھيءَ مون کي پڪڙي ورتو، ۽ مون کي زور سان ھڪ ڪرسيءَ تي ڪيرائي، منھنجي مٿان بيھي رھيو. مون گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو. ھو پستول ڪڍي مون تي تڪي بيٺو. ھاڻي ھنن تُروئيءَ کي مارڻ بند ڪري، کانئس وري پڇا ڪرڻ شروع ڪئي- ”ٻڌاءِ، ٻڌاءِ! بارود ڪٿي آھي؟“
    ھن کي اڀ- ساھي ٿي پيئي ھئي. تنھن ھوندي به ھن اڳي کان وڌيڪ زوردار آواز ۾ چيو، ”مون توھان کي ٻڌايو آھي ته مون کي ڪابه خبر ناھي. جي اڃا به توھان کي ضد آھي ته ٻُڌو! جتي يانڪي ھوندا، اتي ئي بارود ھوندو.“
    ھن ڀيري پوليس ڪمانڊر پاڻ ھن کي مارڻ شروع ڪيو. ھن لَڪڻ سان تُروئيءَ تي ڌَڪن جو وسڪارو ڪيو، ۽ ھر ڀيري ماري بس ڪرڻ کان پوءِ ھو کانئس پڇا ڪندا رھيا. اھڙيءَ ريت ھڪ ڪلاڪ لنگھي ويو. پر ھو کانئس ھڪ به اکر اڪلرائي نه سگھيا. پوءِ ڪمانڊر سپاھين کي حڪم ڏنو ته، ”ھن کي وٺي وڃو!“
    ھو وڏي ڪوشش سان پيرن ڀر بيٺو ۽ مون کي چيائين، ”ڪوئِينِ، ڪوبه فڪر نه ڪجانءِ. منھنجي ڀاڻيجي سان ھتي ئي گذارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجانءِ.“
    ھن جو لباس اڳڙيون ٿي ويو ھو. ھن جي ڪپڙن ۾ ھڪ به بٽڻ نه بچيو ھو. سندس ڇاتيءَ ۽ مُنھن مان رت وھي رھيو ھو. ھن جا پير آھستي آھستي دروازي ڏانھن وڌي رھيا ھئا، پر سندس اکيون مون تي ڄميل ھيون. ھو زوريءَ مُرڪڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. مان ھن سان چِنبڙڻ لاءِ سپاھين جي وچان اڳتي وڌيس، ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳيس، ”تُروئي! منھنجي توسان اٿاھه دل آھي- ياد رکجانءِ، اٿاھه دل آھي-“
    ڪماندر مون ڏي گھوري، چوڻ لڳو-
    ”اِن اٿاھه دل کي پاڻ وٽ رک. ھاڻي ڪو ٻيو مڙس ڳول. ھن جي سزا موت آھي.“
    اُن رات، رات جو يارھين وڳي پوليس جا سپاھي وري آيا. ھنن چيو ته ”تنھنجو مڙس توسان ملڻ ٿو گھري- اصل ھاڻي جو ھاڻي-“
    ھن سان ملڻ جي اميد ۾ مان جھٽ پٽ موٽر تي چڙھي ويٺيس. سوچيم ته جي مون کي اھا خبر پئجي ويئي ته کيس ڪٿي رکيو اٿن، ته مان سندس سار سنڀال لھي سگھنديس ۽ کيس ماني ٻاني پئي پھچائينديس. ٿوريءَ دير ۾ موٽر ھڪ گھٽيءَ ۾ مڙي ويئي، جتان ھنن ھڪ شاگردياڻيءَ کي گرفتار ڪيو. ان کان پوءِ اسان ٻنھي کي شھري پوليس جي ھيڊ ڪوارٽر تي وٺي ويا. پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان پتو پيو ته ان ڇوڪريءَ تي به تُروئيءَ سان واسطو رکڻ جو شڪ اٿن. ان رات ئي مون کان پڇا ڪئي ويئي. ھڪ پوليس سپريڊنٽ مون کان پڇيو-
    ”ڇا توکي پنھنجي مڙس جي سرگرمين جي باري ۾ ڪنھن ڳالھ جي خبر آھي؟“
    ”نه-“
    ”تنھنجي شاديءَ کي گھڻو وقت ٿيو؟“
    ”پورا اوڻيھ ڏينھن.“
    ”ڇا توکي خبر آھي ته اُھي ڏينھن تُروئيءَ ۽ تو جھڙن نَون جوڙن لاءِ ڏاڍا پيارا ۽ خوشين جا ڏينھن ھوندا آھن.“
    ”ھا- مون کي اھو احساس آھي.“
    ”چڱو- جي تون سڀ ڪجھ ٻڌائيندينءَ، ته تو لاءِ زندگيءَ جا اھي پيارا ۽ خوشين ڀريل ڏينھن ڪڏھن به ختم نه ٿيندا-“
    اھو چئي، ھن ڪر موڙيا ۽ ڪرسيءَ سان ٽيڪ ڏئي ويٺو. ھن جو مُنھن ڪُوئي جي منھن جھڙو ھئو ۽ افعالن مان آفيمي ٿي لڳو. چوڻ لڳو-
    ”تُروئيءَ جي سڀ کان گھڻي اچ وڃ ڪنھن وٽ ھئي؟“
    ”ھو ته سڄو ڏينھن ڪم ڪندو ھو. شام جو به ڪم ۾ لڳو پيو ھوندو ھو. ھو ٻاھر تمام گھٽ نڪرندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ٻاھر نڪري، گھٽيءَ ۾ گھمندو ھو. مون کي خبر ناھي ته ڪنھن وٽ ايندو ويندو ھو.“
    ”ڇا ھن وٽ ڪو ماڻھو گھر ۾ ملڻ ايندو ھو؟“
    ”ڪڏھن ڪڏھن- ان وقت به ھو يا گڏجي ساز وڄائيندا ھئا، يا گانو ڳائيندا ھئا- يا وري مرمت جو ڪم ڪندا ھئا، جيڪو کين ٺيڪي ۾ مليل ھو. اسان جي شاديءَ کي اڃا ٿورا ڏينھن ٿيا آھن. ان ڪري مون کي سندس دوستن سان ايتري واقفيت ڪانھي.“
    ”پنھنجي يادگيريءَ تي زور ڏيئي، جيڪا خبر اٿئي، سا ٻڌاءِ. جي تون ڪجھ به نه لڪائيندينءَ ته ھن کي آزاد ڪيو ويندو. مان ھاڻي ھاڻي تُروئيءَ سان مليو آھيان. سچ پچ توھان جو جوڙو ڏاڍو چڱو آھي. مون کي توھان تي رحم ٿو اچي.“
    ھن منھنجو ۽ تُروئيءَ جو ھڪ فوٽو ميز تي اڇلايو، جيڪو اسان جي شاديءَ جي موقعي ڪڍيو ويو ھو. مون کي ان فوٽي ۾ نيري رنگ جي گلن وارو چولو پاتل ھو، ۽ ھٿ ۾ دائودي گلن جو ھڪ گلدستو ھيم. مون سان گڏ تُروئي بيٺو ھو. سپريڊنٽ وڏيءَ ڪوشش سان پنھنجي آواز ۾ نرمائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي-
    ”خدا جو قسم توھان جھڙي نوجوان جوڙي جي جدا ٿيڻ جو سوچي، ھر شخص جي دل ڀڄي پوندي. مان ڪيترن ڏينھن کان ان ڪم تي آھيان ۽ ڪيترن ئي ڪٽنبن جي باغ کي ويران ٿيڻ کان بچايو اٿم. تون مون تي پورو اعتبار ڪري سگھين ٿي. تون تُروئيءَ جي اڳواڻن ۽ ساٿين جي ڳولا ڪرڻ ۽ بارودي شين کي تلاش ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪر. پوءِ پڪ ئي پڪ تون ۽ تُروئي ھڪ ٻئي سان وري ملندؤ ۽ سدائين سکيا ستابا گذاريندؤ.“
    مون چيو، ”مون کي اِنھن معاملن جي ڪابه ڄاڻ ڪانھي. منھنجو سڄو وقت فيڪٽريءَ ۽ گھر جي ڪم ۾ گذري ويندو آھي. اوھان ان فيڪٽريءَ ۾ وڃي ته ڏسو، جتي مان ڪم ڪندي آھيان. توھان کي مون تي اعتبار اچي ويندو. مان ته آچر ڏينھن به ڪم ڪندي آھيان. ھفتي جا باقي ڏينھن لڳاتار ٻارھن ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو اٿم.“
    پوليس سپريڊنٽ تُروئيءَ جي واقفڪارن جي پتي لڳائڻ لاءِ مون کان ۽ اُن شاگردياڻيءَ کان پڇا ڪندو رھيو. اڌ رات جو ھو اسان کي عذاب واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويو- ۽ اسان کي مار ۽ ايذاءَ جا اوزار ھڪ ھڪ ڪري ڏيکارڻ لڳو- ”ڇتن مان لٽڪندڙ ھي رسا قيدين کي ٻَڌڻ لاءِ آھن. رٻڙ جون ھي ڳوڻيون اُنھن جي لاشن کي بند ڪرڻ لاءِ آھن. ھي صابڻ جو پائوڊر آھي، جيڪو زوريءَ قيدين جي نِڙيءَ ۾ اوتيو ويندو آھي.“ ھڪ جاءِ تي ڪيترن قِسمن جون سُيون پيون ھيون. اُنھن مان ھڪڙي کڻي، چوڻ لڳو، ”ھي قيدين جي نَنھنِ ۾ چُڀايون وينديون آھن. ھوڏانھن اُھا پاڻيءَ جي ھودي ڏسو. اُھا ڇالاءِ ھوندي، سو اوھان پاڻ سمجھي وڃو!“
    پوءِ ھو اسان کي ڌمڪائڻ لڳو-
    ”جي توھان اسان کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ھي اوزار توھان تي به آزمايا ويندا.“
    اٽڪل 2 وڳي صبح جو اسان کي پُڇا جي ڪمري ۾ موٽائي آندائون. واٽ تي ھر ڪمري وٽان لنگھڻ وقت مون ان ۾ ليئو پائي ٿي ڏٺو، ته من تُروئيءَ جو مُنھن نظر اچي وڃي. پر مون کي ڪٿي به تُروئي نظر نه آيو، مون پوليس سپريڊنٽ کان پڇيو-
    ”اوھان چيو ھو ته منھنجو مڙس مون سان ملڻ ٿو چاھي. ھو ڪٿي آھي؟“
    ھو چوڻ لڳو، ”ڪالھ منجھند مھل پڇا ڳاڇا لاءِ ھتي ھو. سرڪار کيس ’ٽريننگ پاليسي‘ سمجھائڻ ٿي چاھي، جيئن ھو پنھنجي ڏوھه تي شرمندو ٿي، ويٽ ڪانگ کي ڇڏي، سرڪار سان مِلي وڃي. جي ھو مڃي وڃي ھا، ته توھان جو ميلاپ ٿي وڃي ھا. پر اڃا اسان ڳالھ ئي شروع مس ڪئي، ته ھن دريءَ مان ٻاھر ٽپو ڏنو ۽ پنھنجي ٽَنگ ڀڃائي ويٺو. ھاڻي ھو ’چُورن اسپتال‘ ۾ آھي.“
    اُھو ٻڌي، مان زار زار روئڻ لڳيس.
    ”توھان ماري ماري سندس ٽَنگ ڀڃي وڌي ۽ ھاڻي ماڻھن کي ٿا چئو ته ھن دريءَ مان ٽَپو ڏنو-“
    ھن وچ ۾ ڳالھايو، ”اڌ رات جي وقت گوڙ نه ڪر- مون توکي سچ ٻڌايو آھي. جلد ئي توکي خبر پئجي ويندي. ھتي ڪنھن به شخص توکان ڪجھ به لِڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آھي.“
    ”جي منھنجو مڙس اسپتال ۾ آھي، ته مون کي گھر وڃڻ ڏيو.“
    ”جڏھن تنھنجي موڪل ٿيندي، ته توکي ٻڌايو ويندو.“


    2

    اُنھيءَ وقت مون کي خبر پئي ته مون کي به گرفتار ڪيو اٿن. مون کي اُتي پوليس لاڪپ ۾ رکيو ويو، ۽ گھران ڪپڙن ۽ بستري آڻڻ جي موڪل به ڪانه ڏنائون. مون کي روز پُڇا جي ڪمري ۾ آڻيندا ھئا، جتي ميڪنمارا کي قتل ڪرڻ جي منصوبي ۾ جھليل ماڻھن کان پڇا ٿيندي ھئي ۽ کين مارون ۽ عذاب ڏنا ويندا ھئا. سڀني کان وڌيڪ ظلم ھڪ ڇوڪري لوئيءَ تي ٿيو. ھن کي تُروئيءَ سان گڏ گرفتار ڪيو ھئائون. جنھن ڏينھن تُروئيءَ ڀڄڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، انھيءَ ڏينھن لوئي، پنھنجي ھٿڪڙي ڀڃي قيدخاني جي ڀت تي چڙھڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر بدقسمتيءَ سان ھن کي ٻيھر پڪڙي ورتائون. مون ھِتي کيس پھريون ڀيرو ڏٺو ھو. سندس عمر مس ڪا ارڙھن سال کن ھئي. ھو ۽ تُروئي ھڪ ئي ڳوٺ جا رھندڙ ھئا. جڏھن لوئيءَ کي پھرئين ڀيري گرفتار ڪيو ھئائون، ته ٻيا قيدي سندس شڪل شبيھ ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا ھئا. مٿي جا وار تمام وڏا ھئس، جيڪي سندس ڳچيءَ تائين پئي لڙڪيا. اصل لوفر پئي لڳو. پر پوءِ سندس ساٿي قيدين کي سندس اصل حقيقت جي خبر پئجي ويئي. ھو ھڪ حجام جي دڪان تي ڪم ڪندو ھو ۽ ھن پنھنجا وار دڪان جي مالڪ جي چوڻ تي وڌايا ھئا، ته جيئن گراھڪ دڪان ڏانھن ڇڪي سگھجن. جڏھن قيدين کي خبر پئي ته ھن ميڪنمارا کي مارڻ ڳالھ ۾ حصو ورتو آھي، ته ھو سندس چڱي سار سنڀال لھڻ لڳا.
    لوئيءَ کي پڇا جي ڪمري ۾ لٺين سان ماريو ويو ھو. مان لوئيءَ جي ان عذاب تي رُنيس پئي. مون کي خبر ھئي ته تُروئيءَ تي اُن کان به وڌيڪ ظلم ٿيا ھوندا. ھنن لوئيءَ کي بيحد سنگدليءَ سان ماريو، پر ھن زبان مان ھڪڙو به اکر نه ڪڍيو. جڏھن ھو مار کائي کائي بيھوش ٿي ويو، ته ھن کي ھڪ ڪُنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيائون. پوءِ، جڏھن اسان کي پنھنجي ماني وٺي اچڻ لاءِ ٻاھر ڪڍيائون، ته ٿوريءَ دير لاءِ لوئيءَ سان ڳالھائڻ جو وجھ ملي ويو. ھن مون کي تڪڙ ۾ ٻُڌايو ته ”تُروئيءَ بيان ۾ چيو آھي ته ھن سڄو ڪم پنھنجي مرضيءَ سان ڪيو آھي ۽ اُن ڳالھ ۾ ڪنھن سان به ھن جو واسطو نه آھي. ھو مار کائڻ جي باوجود اُھوئي جواب ڏيندو رھيو. ھو وڏو بھادر آھي. جڏھن ھن دريءَ مان ٽپو ڏنو، ته مان به اُتي ھوس. پھرين ھن پوليس وارن ڏانھن ۽ پوءِ دريءَ ڏانھن ڏٺو. ان کان پوءِ اوچتو ھن ھٿڪڙين جي باوجود دريءَ مان ٻاھر بازار ۾ ٽَپو ڏنو. جي ھو بازار مان لنگھندڙ موٽر مٿان نه ڪري ھا، ته پڪ ئي پڪ ڀڄي وڃي ھا.“
    ھنن جي ظلم جو ٻيو شڪار تُروئيءَ جو ڀاڻيجو ٿيو. ’ھوئا‘ جي عمر رڳو سترھن سال ھئي. ھو به تُروئيءَ سان گڏ فاٽ ڊيم گھٽيءَ ۾ لگوٽ اَنٿ ڪمپنيءَ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو ھو. ھيءَ ڪمپني بجليءَ جي موٽرن ۽ بجليءَ تي ھلندڙ گھرو استعمال جي شين جي مرمت ڪرڻ ۾ خاص طرح ماھر ھئي. پوليس اھو دليل گھڙيو ته جيئن ته مامو ڀاڻيجو ٻيئي گڏ ڪم ٿا ڪن، ان ڪري ڀاڻيجي ضرور مامي جي مدد ڪئي ھوندي يا کيس تُروئيءَ جي ڪمن جي ضرور ڪانه ڪا ڄاڻ ھوندي. خبر ناھي ھُوئا کي ڪيترا ڀيرا ماريو ھئائون، پر ھن ھر ڀيري اِھائي ڳالھ پئي چئي ته ”مون کي اھائي خبر آھي ته مامو رڳو اُھو ڪم ڪندو آھي، جيڪو کيس مالڪ ڏيندو آھي. ان کان وڌيڪ مان ڪجھ به نه ڄاڻان-“
    ٽن ڏينھن کان پوءِ پوليس سپريڊنٽ مون کي تُروئيءَ سان ملائڻ وٺي ويو. جڏھن ڪار بازارن مان لنگھي رھي ھئي ته ھو ٻاھر اشارو ڪري چوڻ لڳو-
    ”ڏِس ته سھي، تُنھنجو تُروئي ڪھڙو نه بيوقوف آھي. ماڻھو ڪيئن نه سک سانت سان پنھنجا ڪم پيا ڪن ۽ مزا پيا ماڻين، ۽ ھو آھي، جو ويٽ ڪانگ جي ڳالھين ۾ اچي ويو آھي! ۽ ھاڻي توھان زال مڙس ھڪ ٻئي کان ڌار قيد ۾ پيا آھيو.“
    ھو ٻيون به ڳالھيون ڪندو رھيو. پر ھن جا لفظ موٽر جي انجڻ جي شور ۾ دٻجي پئي ويا ۽ مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ لفظ ئي ٻڌي ٿي سگھيس. ”چورن اسپتال“ جي در تي پھچي، مون پنھنجي مڙس لاءِ ڪجھ ميوو ورتو.
    تُروئي ٻين ڇھن ماڻھن سان گڏ ھڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ھو. ڪوٺيءَ کي ڇت تائين لوھه جو مضبوط جھنگلو لڳل ھو. درين کي شيخون لڳل ھيون ۽ شيخن کان ٻاھر درين جي تاڪن کي به ڪارو رنگ ڏنو ويو ھو. ڀر واريءَ ڪوٺيءَ ۾ پوليس گارڊ جو پھرو ھو. تُروئيءَ جڏھن مون کي اندر گھڙندي ڏٺو، ته اُٿي ويھڻ جي ڪوشش ڪيائين. ھو ڏاڍو نٻل ٿي ويو ھو. ان ڪري وري ھنڌ تي ليٽي پيو. ھن مون کي ڏسندي ئي پھريون سوال ڪيو.
    ”جن کي گرفتار ڪيو ھئائون- ڇا سڀني کي ڇڏي ڏنائون! جلدي ٻڌاءِ، ڇا سڀني کي ڇڏي ڏنائون؟“
    مان ھن جي ڀرسان ھنڌ تي ويھي رھيس. اُھي ماڻھو جن سان ھن جو ايڏو قرب ھو، انھن تي اڃا عذاب ٿي رھيا ھئا. ”ھا- سڀني کي ڇڏي ڏنو اٿن. تون فڪر نه ڪر. رڳي مان ئي باقي رھجي ويئي آھيان.“ ھن کي فقط گنجي ۽ چڍي پاتل ھئي. ھن جي سيني تي ٺؤنشن ۽ لٺين جي ڌڪن جا نِير ھئا. ھن جي ساڄي ٽَنگ ڌُڏ کان گوڏي تائين پلستر ۾ جڪڙيل ھئي. ھن جو بُت روڙجي ڪاٺيون ٿي ويو ھو. اکيون ڏرا ڏيئي ويون ھيس، ۽ کاڏي لڙڪي پيئي ھيس. ھن جو سڄو مُنھن، خاص ڪري نرڙ، زخمن سان ڀريو پيو ھو. اھا حالت ڏسي، مان لُڙڪ روڪي نه سگھيس.
    ”ڇا توکي ڏاڍي تڪليف آھي؟“
    ”نه، گھڻي ناھي- ننڊ اچي وڃي ٿي- ڇا ھنن توکي به ماريو آھي؟“
    ”نه-“
    ”سچ ٿي چوين؟“
    ”تون پاڻ ڏس- ھا- ھنن مون کان الاھي سوال پڇيا آھن-“ ھن منھنجا ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ ورتا ۽ مون کي پيار ۽ ٻاجھ جي نظرن سان ڏسندو رھيو. مون چچريل آواز ۾ چيو-
    ”مون کي معاف ڪر- ان ڏينھن شام جو جڏھن تون ٻاھر پئي وئين ته مون توسان بد تميزي ڪئي ھئي. ۽ توسان ڪاوڙجي وئي ھيس. ھاڻي مون کي معاف ڪر ۽ منھنجو ڏوھه وساري ڇڏ.“
    ھن مُرڪيو، ۽ سندس منُھن تي ڏک جون ريکائون اُڀري آيون.
    ”نه، ان وقت ڏوھه منھنجو ھو، مان ئي قصوروار ھوس. مان توسان ڪڏھن به ڪاوڙجي نه سگھندس. مون کي توسان اجھاڳ محبت آھي، اجھاڳ محبت.“
    اُن وقت پوليس سپريڊنٽ وچ ۾ ٽَپ ڏيئي چيو،
    ”ھاڻي اِن قسم جون ڳالھيون گھر وڃي ڪجو. مان توھان ٻنھي کي وري ملائڻ آيو آھيان.“ پوءِ تُروئيءَ کي چوڻ لڳو.
    ”چريا، تو دريءَ مان ٽپو ڇو ڏنو! مان ته رڳو توکي سرڪار جي پاليسي پئي سمجھائي. جيئن ئي تون حڪومت جي پاليسيءَ کي سمجھي ويندين ۽ ويٽ ڪانگ سان ناتا ڇنندين، توکي گھر وڃڻ جي موڪل ملي ويندي. توکي ان ڳالھ جي خوشي ته نه ٿي، پر مون ته اڃا ڳالھ به شروع نه ڪئي ھئي، ته تون.“
    تُروئيءَ سندس ڳالھ ڪٽي ڇڏي.
    ”مون کي سرڪار جي پاليسي سمجھائڻ ۾ پنھنجو وقت نه وڃاءَ.“
    پوليس سپريڊنٽ ڪاوڙ پِي، ڏاڍي مِٺي لھجي ۾ چيو،
    ”مون کي خبر آھي ته اصلي ڏوھاري تون نه، ڪو ٻيو آھي.“
    تُروئيءَ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چيو، ”قصوروار ٻيو ڪوبه ڪونھي. آمريڪي حملي آورن کي مارڻ ڪو ڏوھه ڪونھي، پر مُلڪ جي خدمت آھي. مئڪنمارا کي ختم ڪرڻ جو منصوبو، مون اڪيلي ئي ٺاھيو ھو. ان ۾ ڪوبه شخص شامل ناھي.“
    پر پوليس سپريڊنٽ ڏاڍي ڌيرج سان کيس مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو.
    ”ان معاملي تي چڱيءَ طرح سوچ. ڇا توکي احساس ناھي ته تو وڏو سنگين جرم ڪيو آھي. تو ھڪڙي اعليٰ ترين مُدبَر جي جان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.“
    ”مون کي خبر آھي ته ھو آمريڪي سامراجين جو مُک آھي. ان ڪري ئي مون کيس ختم ڪرڻ ٿي چاھيو.“
    سندس چؤڦير بيٺل سپاھين جون غضبناڪ نگاھون ھڪٻئي سان مليون.ھو تُروئيءَ کي ٺونشن ھڻڻ لاءِ آتا ھئا. ھو پنھنجن ھٿن کي مھٽڻ لڳا. پر سپريڊنٽ جو آواز ساڳيو ئي سانتيڪو ھو.“
    ”ڪجھ پنھنجيءَ سھڻيءَ جوان زال جو خيال ڪر. ان تي رحم ڪر. ان جي شاديءَ کي اڃا ڪجھ ڏينھن ٿيا آھن. ھِن جي زندگي تباھه نه ڪر.“
    ”جڏھن کان مان گرفتار ٿيو آھيان، تون اِھوئي راڳ آلاپيندو ٿو رھين، ۽ ھر ھر منھنجي شاديءَ جي ڳالھ ٿو ڪرين. ڄڻ پنھنجي زال جو خيال منھنجي وطن جي خيال تي ڇانئجي ويندو. تو اسان جي شاديءَ جي تصوير منھنجي آڏو رکي، محبت ۽ خوشيءَ جي فلسفي تي وڏيون تقريرون ڪيون آھن. مان توکي صاف صاف ٿو ٻڌايان ته تون اجايو وقت ٿو وڃائين. جيستائين اسان جي ڌرتيءَ تي يانڪي موجود آھن، ڪنھن به شخص کي خوشي ملي نه سگھندي.“
    تُروئيءَ جھڙي سختيءَ سان پوليس سپريڊنٽ کي سِڌيون ٻڌايون، اھڙي ئي ٿڌائيءَ سان لاٽاريندي، ھن چيو،
    ”تنھنجي وقت ڪَٽڻ لاءِ ڪالھ مون اُتر جي ھڪ شاگرد جي بيان ڪيل ڪھاڻيءَ جو ٽيپ رڪارڊ آندو. ھن ڏکڻ ڏي ڀڄي اچڻ جي خيال کان سترھين ويڪرائي ڦاڪ پار ڪئي.ڪميونسٽ لوھي پردي منجھان ڀڄي ايندڙ شخص کي ڏسڻ يا ان جي تجربن کي ٻڌڻ جو موقعو مشڪل سان ملندو آھي. پر تو سرڪار جي نرميءَ ۽ فراخ دليءَ کي سمجھڻ کان انڪار ڪيو، ۽ رڪارڊ کي ڀڄڻ جي جراَت پڻ ڪئي. تون سڀني حدن کان اُڪر ي ويو آھين. توسان انساني رواداريءَ جي ڪابه پاليسي اختيار ڪري نه ٿي سگھجي.“
    ”جيڪڏھن اھو بدمعاش منھنجي آڏو ھجي ھا، ته مان رڪارڊ نه پر سندس کوپري به ڀڃي ڇڏيان ھا. ھن نه رڳو اُتر جي خلاف ڪوڙا الزام ھنيا، پر صدر ھوچي مِن جي بي عزتي ڪرڻ جي جراَت پڻ ڪيائين. بي غيرت ڪٿان جو.“
    ھو ھڪ ھڪ لفظ تي زور ڏيئي، وڏي آواز ۾ ڳالھائي رھيو ھو، ۽ بستري تي سھڪي رھيو ھو. ائين پئي لڳو ته ھو اڃا گھڻو ڪجھ چوڻ ٿو چاھي. پوليس سپريڊنٽ جو مزاج ٿڌو ئي رھيو.
    ”مان وري ڪنھن مھل ايندس.“ ۽ مون کي چيائين، ”توکي به ھلڻو پوندو. وقت ختم ٿي ويو آھي.“
    مون جھٽ جھٽ ڪري ھڪڙو سنگترو ڇليو، ۽ ڪجھ ڦارون تُروئيءَ جي وات ۾ وجھي، باقي سندس ھٿ ۾ ڏنيون، ۽ ھن تي جھُڪي آھستي سندس ڪَن ۾ چيم،
    ”تون جتي به ويندين، مان تنھنجي پٺيان اينديس. جي ھي توکي ڪيڏانھن ٻئي ھنڌ وٺي وڃن، ته ڪنھن نه ڪنھن طرح گھر وارن کي خبر ڪجانءِ.“


    3

    ان کان پوءِ مون کي جنرل پوليس ڊپارٽمينٽ ھيٺ ھڪ ٻئي قيدخاني ۾ موڪليو ويو. مون کي جنھن کوليءَ ۾ بند ڪيائون، ان ۾ ڏھه عورتون ٻيون به ھيون. ۽ منھنجي عمر جون ھيون. ’الف‘ (ڪوئِينِ ھتي پنھنجي ساٿي قيدياڻين جي اصل نالن ظاھر ڪرڻ بدران الف بي چيو) ھڪ اسڪول جي شاگردياڻي ھئي ۽ کيس آمريڪا خلاف ھڪ پلي ڪارڊ (تختيءَ) جي نمائش ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ھئائون: ’ب‘ ھڪ واپاري ڪوٺيءَ ۾ ڪم ڪندي ھئي. ۽ ھن کي وحشين وانگر ايذاءَ ڏنا ھئائون، ڇوته ھوءَ جتي ڪم ڪندي ھئي، پوليس کي اتان قومي آزادي محاذ جون لکيتون ۽ اشتھار مليا ھئا. روز صبح جو جڏھن ھوءَ پڇا کان موٽندي ھئي، ته ھن لاءِ ھلڻ به ڏکيو ٿي پوندو ھو. ھوءَ ڀِت جو سھارو وٺي، ڏاڍي تڪليف سان ھلي سگھندي ھئي. ھڪڙي ڏينھن ظالمن ھن جي نَنھنِ جي ھيٺان سُيون چڀايون ھيون، ۽ ھن جي زخمن مان رت پئي وھيو. ڪوٺيءَ ۾ گھِڙڻ سان ھوءَ پنھنجي ھڪ ساھيڙيءَ سان چنبڙي پيئي، ۽ ان جي ڇاتيءَ ۾ منھن لڪائي، سانوڻيءَ جي مِينھن وانگر روئڻ لڳي. جڏھن ٻين عورتن کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ويتر سندس صبر جا بند ڀڄي پيا، ۽ سُڏڪن کان سندس آواز به نه پئي نڪتو.
    ”مون کي دل کولي روئڻ ڏيو. مان رڳو پنھنجن وٽ روئي سگھان ٿي. ھنن آڏو مون ڪڏھن به ڳوڙھا نه ڳاڙيا آھن. پو مون کين ڏيکاريو آھي ته مون کي ساڻن نفرت آھي.“
    مون کي ان جاءِ تي آئي ٻه ڏينھن ٿيا ھئا. پر مون اڃا ڪنھن سان به دوستي نه ڪئي ھئي، ڇو ته ٻيون قيدي عورتون مون سان رکائيءَ ۽ شڪ واري ھلت ھلنديون ھيون.
    اُن ڏينھن رات جي مانيءَ کانپوءِ، کوليءَ ۾ اوچتو ڪنھن راڳ جا ٻول ٻڌڻ ۾ آيا. ھڪ مائيءَ راڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ٻيون سڀ گڏجي، ڌيمي سُر ۾، ساڻس سُر ملائڻ لڳيون. ’ب‘ به ڳائڻ لڳي. مون حيرت سان ڏٺو. سندس گھاوَن سان چُور جسم ۽ مُنھن کي ڏسي، مون کي کانئس ڏک ڀريا ٻول ٻڌڻ جي اميد ھئي، پر اُنھن چپن مان دل اُڀاريندڙ گيت ڦُٽي رھيا ھئا. اھڙا گيت، جن جو مان تصور به ڪري نه ٿي سگھيس. ھوءَ لوھه جي سيخن کي ٽيڪ ڏيئي، اسان ڏي مُنھن ڪري، ليٽي پيئي ھئي ۽ جولاني آواز ۾ ڳائي رھي ھئي. ھن جا ڦَٽيل ھٿ گيت جي تار سان ھيٺ مٿي ٿي رھيا ھئا. جڏھن ھن ڏٺو ته منھنجون اکيون روئي روئي ڳاڙھيون ٿي ويون آھن، ته ھن مون کي چيو،
    ”گڏجي ڳائڻ چڱو آھي، تون ايتري اداس ڇو آھين؟ ھاڻي روئڻ ڇڏ ۽ اسان سان ملي ڳاءِ.“
    ڇوڪريون واري سان پھرو ڏيئي رھيون ھيون. جڏھن سنتري ويجھو پئي آيو ته سڀني گانو بند ڪري پئي ڇڏيو، ۽ پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ ٿي لڳيون. ھي گيت ڪافي ڊگھو ھو، ۽ اُن جو سُر اتر جي ھڪ موسيقار ٺاھيو ھو، ۽ اُتي اُن کي ”اميد جو نغمو“ چوندا آھن. ان کان پوءِ مون کي روئڻ جي سگھ نه ٿي. مون محسوس ڪيو ته اُن قيد ۾ منھنجي ھلت نه پئي ٺھڪي، ڇوته اُتي ته اميد ڀريو ماحول ھو.
    مان ان وقت وڌيڪ حيران ٿي ويس، جڏھن ڏٺم ته ’ب‘ ان گيت کي به بر زبان ياد ڪرڻ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. سندس دل زندگيءَ جي محبت سان ٽمٽار ھئي. مون کي مٿس ڀروسو ٿيڻ ٿيڻ لڳو، ۽ سندس ھر سوال جو جواب ڌيرج سان ڏيڻ لڳيس.
    ٻئي ڏينھن صبح جو وري اسين ڳالھيون ڪرڻ لڳيوسين. مون ھن کي پنھنجي ڪھاڻي ٻڌائي. مون جڏھن پنھنجي مڙس جو نالو ورتو، ته حيران ٿي ويئي، ۽ يڪدم پڇيائين.
    ”ڇا چيئي، نِگويِن وان تُروئي؟ ڇا تون ان شخص جي زال آھين، جنھن ميڪنمارا کي ذري گھٽ ماريو ھو!“
    ”ھا، مان اُنھيءَ جي ئي زال آھيان.“
    ”ڇا اھو صحيح آھي ته ھن دريءَ مان ٽپو ڏنو ھو، ۽ سندس ٽَنگ ڀڄي پيئي آھي!“
    ”ھا، مان ساڻس اسپتال ۾ ملي آئي آھيان.“
    ”او خدا!“ ھن رڙ ڪئي، ۽ مون کي پنھنجائيءَ وارين نظرن سان ڏسڻ لڳي. ھن جا سُڄيل ھٿ منھنجي ڪُلھن تي ٿپڪيون ھڻڻ لڳا، ۽ ھوءَ چئي رھي ھئي.
    ”گذريل سال جڏھن ميڪنمارا اولاھين زون جي پڙتال پئي ڪئي، ته ان وقت به ھو موت کان بچي ويو ھو، ۽ سندس بچاءَ جو ھوائي جھاز حملي جي مُنھن ۾ اچي ويو ھو. ھن ڀيري به ھو مرندي مرندي بچيو آھي. جيتوڻيڪ تُروئيءَ ھن کي مارڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آھي، پر تڏھن به ھو يانڪي موت جي خوف ۾، ڏڪي رھيو ھوندو. ھاڻي جنھن ماڻھوءَ کي پڪڙيو اٿن، ان ٻڌايو ته آخر پوليس بارودي سرنگ ڳولي ورتي. ھنن ڪانگ لائِي پل جي آس پاس سڄو پَٽ بارود جي تلاش ۾ نوسيو، پر کين پُل تان لنگھڻ جي ھمت نه ٿي. ميڪنمارا کي ھڪ ھيليڪاپٽر ۾ تان سُونِ ھَٽ جي ھوائي اڏي کان ري پبليڪن اسپتال آندائون، جتان ھو وڏو چڪر ڪري آمريڪي سفارت خاني ۾ پھتو. تُروئيءَ ھڪ ڪاروائيءَ سببان کيس ڪُوئي وانگر لِڪي وڃڻو پيو.“
    اھا خبر يڪدم سڀني قيدين تائين پھچي ويئي ته تُروئيءَ جي زال کولي نمبر 4 ۾ موجود آھي. اسان جي کوليءَ جي آمھون سامھون واريءَ کوليءَ مان ھڪ زوردار آواز آيو.
    ”ٻُڌو اٿئون ته ڀيڻ تُروئي (ڪوئِينِ) اِتي آھي؟ ڇا اُھا آھي، جنھن کي ھلڪي نيري رنگ جو بلائوز پاتل آھي!“
    ”ھا، مان ئي آھيان.“ مون جواب ڏنو.
    ”تون خوش آھين؟ ھنن توکي ماريو ته ناھي؟“
    آواز ڪنھن وڏيءَ عمر واريءَ عورت جو ھو.
    مون چيو، ”اڃا ته نه ماريو اٿن- اڃا پڇا ٿا ڪن ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن-“
    ”اسان ھتي جيل ۾ تُروئيءَ بابت گھڻو ڪجھ ٻُڌو آھي. کيس سڃاڻڻ وارن قيدين کان سواءِ پوليس وارا به سندس ثابت قدميءَ جون ڳالھيون ٿا ڪن- جيتوڻيڪ ھنن ھزارين فوجي پھري تي لڳايا، پر تڏھن به تُروئيءَ سُرنگ ھڻي ڇڏي ۽ اُھو ڌاڙيلن جو سردار مرندي مرندي بچي ويو-“
    ”ڌيءُ تنھنجي عمر گھڻي آھي؟“
    ”وِيھ سال.“
    ”توکي ڪنھن شيءِ جي ضرورت ته نه آھي؟“
    مون کي سمجھ ۾ نه آيو ته ڪھڙو جواب ڏيان. ايتري ۾ ھڪ قيديءَ چيو، ”ھيءَ ته ھٿين خالي آئي آھي. ھن کي ڪنھن به شيءِ آڻڻ جي مُھلت ئي نه مِلي-“
    منجھند جو ڪوٺين جا در کوليائون، ته جيئن قيدي ماني کائي اچن. وجھ ڏسي، ڪيترن قيدين مون کي شيون ڏنيون- ڪپڙا، ڪمبل، مڇرداني، ڏندن جو برش، ميوا ۽ ٻيون روزاني استعمال جون شيون. مانيءَ تي ڪيتريون عورتون وڙھي پيون. ھر ڪنھن مون کي پاڻ سان وٺي وڃڻ ۽ ماني کارائڻ پئي گھُري. اُنھيءَ ھمدرديءَ سان منھنجي دل وڏي ٿي ويئي. ائين لڳو ڄڻ گھڻي وقت کان پوءِ مان سَڳن مائٽن سان ملڻ آئي ھجان. ڀيڻ ’الف‘ منھنجي ڀرسان ويٺي ھئي. ان منھنجي ڪَن ۾ چيو، ”توکي ڪا شيءِ کپي! ڪا پريشاني ته ڪين اٿئي؟ ڪا اھڙي ڳالھ ھجي ته، اسان تنھنجي حفاظت ۽ مدد ڪريون. اسان توکي خوش رکڻ ٿيون چاھيون، جيئن تُروئيءَ کي آٿت ملي.“
    ھن چيو، آءٌ تُروئيءَ سان ملي آھيان-“ اھو ٻڌندي ئي، مان بيتابيءَ مان پڇڻ لڳيس، ” تون ھن کي ڪٿي ملينءَ- ھن جي حالت ڪيئن ھئي؟“
    ھوءَ چانورن جو گرھه ڳِھي، آھستي چوڻ لڳي-
    ”جڏھن دريءَ مان ٽپو ڏيڻ کان پوءِ ھن جي ٽَنگ ڀڄي پيئي، ته ھنن کيس ڏاڍو ماريو. اُنھيءَ ئي شام جو کيس چُورن اسپتال جي وارڊ ۾ داخل ڪيائون. اسپتال جي قيدي عورتن ۽ مون ھڪ ماڻھوءَ کي کڄي ايندي ڏٺو، جنھن جو منھن تائين سڄو جسم ڪمبل سان ڍڪيل ھو. سپاھين ھن کي اسان جي دروازي جي سامھون ليٽايو. ھو اڃا نوجوان ھو . ھن جي عمر مشڪل سان وِيھ سال ھئي.“
    ”اسان سندس پھريدار کان خبرچار وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُن فقط ايترو ٻڌايو ته ’ھي اھو شخص آھي، جنھن ميڪنمارا کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي-‘ اھو ٻڌي اسين سندس ٽھل ٽڪور ڪرڻ لاءِ ڊوڙيون سين پر پوليس اسان کي ماري پوئتي ھٽائي ڇڏيو. نيٺ اسان ھڪ کي موڪل ملي ويئي- اُن اُنھيءَ نوجوان سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو بيھوش ھو. ھن جون اکيون بند ھيون ۽ سندس ساھه سُتل ماڻھوءَ وانگر آھستي ھلي رھيو ھو. ھن جو پھريدار وارڊ جي سنتريءَ جو انتظار ڪري رھيو ھو، جيڪو ماني کائڻ ويو ھو. سنتري ڪُنجي کڻي آيو ۽ نوجوان کي ھڪ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيائون. اُنھيءَ ئي رات جو نوين وڳي پوليس وارا گاڏي وٺي آيا ۽ کيس ڪنھن ٻئي ھنڌ وٺي ويا. اسان ان جي سبب پڇڻ لاءِ گيٽ تي بيٺل سنتريءَ کي چوريو، ته ھو ڪنڌ ڌوڻي چوڻ لڳو ته ”ھي ويٽ ڪانگ ته وڏا خطرناڪ آھن. منجھد جو ڀڄڻ لاءِ ھن دري مان ٽپو ڏنو ۽ پنھنجي ٽَنگ ڀڃي وڌائين. اسان جو خيال ھو ته ھاڻي ھو ھتي ڪجھ ماٺ ڪري ويھندو، پر اڄ شام جو جيئن ئي اسان ڪوٺيءَ جو در کوليو، ته عجيب لقاءُ ڏٺوسين- ھو پنھنجون پٽيون پيو کولي ۽ ڀڄڻ لاءِ ڪوشش پيو ڪري! ان ڪري ھاڻي کيس اھڙي جاءِ تي موڪليو اٿن، جتي سخت نظرداري ٿيندس. جيڪڏھن ھو ڀڄي وڃي ھا، ته اسان کي به جيل وڃڻو پوي ھا-‘
    ٻه ڏينھن پوءِ، اسان کي سندس اُنھن پھريدار پوليس وارن سان ملڻ جو وجھ مليو. اُنھن تُروئيءَ جون اسان کي ڪي ڳالھيون ٻڌايون. ’جنھن رات کيس چُورن اسپتال جي پھرينءَ قيد ڪوٺڙيءَ مان ٻئي ھنڌ موڪليو ھئائون، اُن رات اڌ رات جو پڇا ڪندڙ بدمعاشَ اُتي جاچ ڪرڻ آيا. جڏھن ھُنن ھڪڙي ئي ڏينھن ۾ ٻه ڀيرا ھن جي ڀَڄڻ جو ٻُڌو، ته سندن مُنھن لھي ويا. تُروئيءَ جي ھڪ ٽَنگ ڀڄي پيئي ھئي. ھن جا ٻيئي ھٿ ھٿڪڙين ۾ جڪڙيل ھئا. ظالمن جي مارڪُٽ کان سندس جسم چُور چُور ھو، پر سندس حوصلي ۽ ھمت ۾ اڃا ڪا گھٽتائي نه ٿي ھئي. ھُو بدمعاشن جي ھر ڳالھ جو کُتو جواب ڏيندو پئي آيو، ۽ ھنن ۾ اک ئي نه پئي ٻڏيس. بدمعاشن ھن تي ڪميونسٽن جي ايجنٽ ھجڻ جو الزام لڳايو. ھنن ڪميونزم تي ھر قسم جا بھتان مڙھيا- سندس خلاف ڪميونسٽن جي مددگار، تخريب ڪار ۽ دھشت پسند ھجڻ جا الزام لڳايا.‘ تُروئي اُن جو اھو جواب ڏيندو آيو ته ’ مون سڄي حياتيءَ ۾ ڪميونسٽن کي ڪنھن کي به نقصان پھچائيندي نه ڏٺو آھي. ھوڏانھن يانڪين جي ٽولن جا ٽولا ھتي ايندا پيو ڏسان- سائيگان مٿان سندن جھاز اڏامندا پيا وتن، ۽ ھو اسان جي ماڻھن کي گولين ۽ بمن سان ماريندا ٿا وتن.‘ ان کان پوءِ ھن ڏاڍي سخت نموني ۾ چيو ته ’ان ھوندي به جي اوھان لوفرن مون کي ڪميونسٽن جو ايجنٽ سڏيو، ته مان اُن کي پنھنجي لاءِ عزت سمجھندس- ڪميونسٽ ته ھن مُلڪ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم پيا ڪن- آمريڪي ٽوڊين کي پنھنجي ھلت تي شرم اچڻ گھرجي.‘
    ان رات بدمعاشن، پوليس کي سندس ويجھو رھي چوڪسي رکڻ جو حڪم ڏنو، جيئن ھو وري ڀڄڻ جي ڪوشش نه ڪري. ان ڪري پوليس وارا، سندس کٽ جي ڀرسان پھرو ڏيندا ھئا. تُروئي، کين ويجھو ڏسي، سياسي حالتن تي ڳالھائيندو ھو، ۽ کين سمجھائيندو ھو. اُنھن مان ھڪڙو سپاھي تُروئيءَ جي ڏاڍي عزت ڪندو ھو. اُن اسان کي ٻڌايو ته ’جڏھن تُروئي، ھُنن ٺَڳن ساڻ جھيڙو ڪندو ھو، ته سندس آواز ۾ تيزاب جھڙو تيک ھوندو ھو، ۽ سندن ھر ڳالھ جو باھه جي ڄڀيءَ وانگر ساڙيندڙ جواب ڏيندو ھو. پر ھنن جي ھلئي وڃڻ کان پوءِ جڏھن ھو اسان سان ڳالھائيندو ھو ته سندس آواز ۾ ماکيءَ جھڙو ميٺاڄ اچي ويندو ھو-‘
    سپاھيءَ ٻڌايو ته ’مان لِڪائي لِڪائي پيئڻ جو پاڻي کيس ڏيندو ھوس ۽ بُت اگھڻ لاءِ کيس ٽوال آلو ڪري ڏيندو ھوس.‘


    4

    اُن ڏينھن قيدي عورتن کي جيل جي اڱڻ ۾ اُس ۾ ويھڻ جي موڪل ڏنائون. اسان جھڙين نويل ڇوڪرين کي اس تي ويھي، يا بيگار ڪرڻ وقت، ڀيڻ ’الف‘ يا ٻين قيدياڻين جي واتان دشمن جي قيدخانن ۾ وطن دوست قيدين جي جدوجھد جي ڪھاڻين ٻڌڻ جو سٺو وجھ ملي ويندو ھو. ڀيڻ ’الف‘ ڪيترن ئي جيلن ۾ رھي چڪي ھئي. ھن کي ڪيترائي سال انڌارين ڪوٺين ۾ به رکيو ويو ھو. ھن جي مڙس کي موت جي سزا جو حُڪم ٻڌايو ويو ھو ۽ شايد ماري به ڇڏيو ھيائونس. زندگيءَ ۾ اھڙين سخت حالتن ڏسندي به، ھوءَ اسان جھڙن قيدين لاءِ خوشي ۽ اميد جو ڪرڻو ھئي. ھوءَ گھڻو ڪري ڌيمي سُر ۾ اسان کي ’ڀاءُ ڊونگ‘ نالي ھڪ گيت ٻڌائيندي ھئي. اسان جي قيد خاني ۾ ان گيت کي ”ڪميونسٽ ڪردار جو گيت“ سڏيو ويندو ھو. ھوءَ اسان کي ”ڀاءُ ڊونگ“ جي انقلابي ڪارنامن ۽ گياڊِن جيل ۾ سندس بھادراڻي موت جا واقعا ٻڌائيندي ھئي. ھوءَ ڊونگ جي زال جي ڏاڍي ساراھه ڪندي ھئي، جنھن کي پنھنجن ڪيترن ئي ٻارن جي سار سنڀال لھڻي پوندي ھئي. ان ھوندي به ھوءَ بھادريءَ سان پنھنجي مڙس جو ساٿ ڏيندي رھي ۽ جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ آخري دم تائين انقلاب لاءِ وڙھندي رھي. مون کي خاص ڪري اھڙين زالن جي ڪھاڻين ٻُڌڻ جو شوق ھو، جيڪي ڏکين وقتن ۾ وفاداريءَ سان پنھنجي مڙسن جو ساٿ ڏينديون رھيون. اُھي ڳالھيون ٻڌي مون کي شرم پڻ ايندو ھو، ڇوته نه رڳو مان پنھنجي مڙس جي انقلابي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿي ھُيس، پر ڪڏھن ڪڏھن ھُن لاءِ جنجال پڻ بڻجي ويندي ھيس. ويچارو تُروئي- جڏھن ھو دير سان گھر موٽندو ھو، ته رستي ۾ منھنجي اباڻي گھر ضرور ليئو پائيندو ھو ۽ منھنجي ننڍڙي ڀيڻ کي پاڻ سان گڏ وٺي ايندو ھو، جيئن مان سندس سِڪ ۽ پيار ۾ شڪ نه ڪريان. ان قسم جون گذريل ڳالھيون ھڪ ھڪ ٿي، منھنجي اکين آڏو ڦرڻ لڳيون، ۽ منھنجي دل ۾ سُين وانگر چُڀڻ لڳيون.
    مان ھاڻي سوچيان ٿي ته منھنجي شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ، تُروئيءَ کي پنھنجي انتھائي مشڪل ۽ خطرناڪ فرض لاءِ ڪيڏي نه قوت ۽ سوچ خرچ ڪرڻي پيئي ھوندي، ۽ ان سان گڏ منھنجي دل وٺڻ لاءِ منھنجو خيال به ڪرڻو پيو ھوندس.
    ڀيڻ ’الف‘ منھنجي آلين اکين ۾ ڏسي چيو-
    ”ڳوڙھن کي پِي وڃڻ جي ڪوشش ڪر- جي تون روئڻ لڳينءَ، ته ھو شڪ ڪندا ۽ اسان کي وري بند ڪري ڇڏيندا.“
    مون چيو، ”ٻين ماڻھن کي پنھنجي انقلابي ڪمن ۾ پنھنجي مڙس يا زال جي مدد ملندي آھي. ۽ ھِتي مان آھيان، جا نه رڳو تُروئيءَ جي ڪا مدد نه ڪري سگھيس، پر ڪيترا گھمرا سندس راھه ۾ رڪاوٽ پڻ بڻجي پيس. مون کي اُن ڳالھ جو ڏک آھي ته مان تُروئيءَ جو ڀروسو حاصل ڪري نه سگھيس-“
    ڀيڻ ’الف‘ مون کي سمجھائيندي چيو، ”انقلابي ڪم ۾ھر شخص کي پنھنجو ڪم پاڻ ئي پورو ڪرڻ گھرجي. جيستائين سندس فرض ۾ اھا ڳالھ شامل نه ھجي، پنھنجي ڪم جي باري ۾ ٻئي شخص سان ڳالھ ٻولھ نه ڪرڻ گھرجي. اِھو اَٽل قاعدو آھي، ۽ ھر واسطيدار ماڻھوءَ تي ان جي پابندي ضروري آھي. جي تُروئيءَ کي توتي ڀروسو نه ھجي ھا، ته ھو توسان شادي ڇو ڪري ھا؟ توسان پيار ڇو ڪري ھا؟ ڀلا اِھو ته ٻڌاءِ ته توھان پاڻ ۾ ڪنھن معاملي تي ڳالھ ٻولھ به ڪندا ھئا؟“
    ”ھا- ھو گھڻو ڪري مون سان اٽڪي پوندو ھو-“
    ”ڪھڙين ڳالھين تي؟“
    مون ڪجھ سوچي چيو، ” جيڪڏھن مان پاڙي وارن جو خيال نه ڪندي ھيس، ته ھو مون تي نڪته چيني ڪندو ھو. ھن کي ڀڀڪيدار پوشاڪ پسند نه ھئي. ھو چوندو ھو، ’اسان مزدور ماڻھو آھيون، ۽ اسان کي ڏيک ويک کان پاسو ڪرڻ گھرجي. ان ڪري منھنجا ڪپڙا يا ته نيرا آھن يا اڇا- کيس اِھي رنگ ڏاڍا پسند ھئا. ھو سئنيما وڃڻ کان انڪار ڪندو ھو ۽ چوندو ھو ته ’جڏھن سائيگان به ھنوئيءَ جھڙو ٿي ويندو، ته اسان ڏاڍيون سئنيمائون ڏسنداسين.‘ ٻن سالن جي گڏ رھڻ ڪري اسان ھڪ ٻئي جي عادتن کان چڱيءَ طرح واقف ٿي وياسين، ۽ اُن عرصي ۾ ھڪ ڀيرو سئنيما ڏٺيسين-“
    ڀيڻ ’الف‘ پچيو، ”ھاڻي ته توکي خبر پئجي ويئي ھوندي ته تُروئِي يانڪِين کان ڪيتري نفرت ڪندو ھو- ڇا تنھنجي آڏو به ھن اھا ڳالھ ظاھر ڪئي؟“
    ”ھا ھا- ڪيترا ڀيرا. ھن مون کي ٻڌايو ھو آمريڪي ڊِيَم ٽولي 1954ع ۾ ڪميونسٽن جي خلاف جيڪي ڪاھون شروع ڪيون، ھن پھريون ڀيرو پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ اُنھن جو نظارو ڏٺو. ھن مون کي ٻڌايو ھو ته ’مون چاڊِ وڪِ ۽ وان ٽِرنِ جھڙا ماڻھو به ڏٺا، جن جا ھٿ تارُن سان ٻڌل ھئا، ۽ ڪنھن کي به خبر ناھي ته ھو ڪاڏي ويا- انھن مان ڪوبه ماڻھو اڄ تائين موٽي نه آيو آھي.‘ اُنھن جي ڳالھ ڪندي، ھن جي ڀيڻ ھڪ ڀيري ھن ھن کي تڏھن چيو ھو ته ’چڱو ٿيو جو تون اڃا ٻار آھين، نه ته تنھنجو به اھڙو حشر ٿئي ھا.‘ اسان جي لاڳاپن وڌڻ کان پوءِ ھن کي اِنگ نام ضلعي ۾ پنھنجي ڳوٺ وڃڻو پيو. ان کان پوءِ ھو ’ھُوئِي‘ ويو. اُنھن ڏينھن ۾ اُتي ٻوڌين کي پھريون ڀيرو ڪچليو پئي ويو. جڏھن ھو سائيگان موٽي آيو، ته ھن جي اندر ۾ ڪاوڙ جا مچ پئي ٻريا. ھن مون کي ٻڌايو ته ’مون پنھنجي اکين سان انسان کي ٽئنڪن ھيٺان چپجندي ۽ بمن سان انساني جسمن جا عضوا اڏامندي ڏٺا آھن. سچ پچ ته يانڪي فرانسين کان به وڌيڪ وحشي آھن.‘ ان کان پوءِ جڏھن ھو اُنھن واقعن جو ذڪر ڪندو ھو، ته چوندو ھو، انسانن جي مظاھرن کي دٻائڻ لاءِ توبن جو استعمال- سڄيءَ دنيا ۾ شايد ڏکڻ ويٽام ئي ھڪ اھڙو مُلڪ آھي، جتي اِھو ڏاڍو ٿو ٿئي. ھن ڪڏھن غلطيءَ مان به آمريڪي حمله آورن کي آمريڪي ڪونه چيو ھو- اسان جڏھن گھمڻ نڪرندا ھئاسين ۽ ڪو آمريڪي ٽولو سامھون ايندو ڏسندو ھو، ته چوندو ھو، ’ھِنن گندن سُوئرن کي لنگھي وڃڻ ڏي.‘ ۽ مون کي پوئتي ھٽائي ڇڏيندو ھو. آمريڪي حمله آورن کي ھو ائين سڏيندو ھو. ڪجھ ڏينھن اڳ، آمريڪين خلاف ھن ۾ ڪنھن به سرگرميءَ جو آثار نه ڏٺم. پر ھن جي ڳالھين ۽ ڪم ڪار مان ڀائيندي ھيس ته ھي ڪنھن اھڙي جماعت ۾ شامل ٿي ويو آھي، جيڪا آمريڪين جي خلاف آھي. اسان جي شاديءَ کان يڪدم پوءِ ھڪ ڏينھن ھو گھر آيو، ته سندس منھن جوش ۽ خوشيءَ سان ٻھڪي رھيو. ھن چيو، ’اڄ ته زبردست خبر آھي. تو ٻڌي آھي؟‘ مون اڻ ڄاڻائي ظاھر ڪئي. ھن چيو، ’اسان جي عوام ھڪ پندرھن ھزار ٽنن جو جھاز ٻوڙيو آھي. ۽ ان تي ڪيئي ھوائي جھاز به چڙھيل ھئا. ڪاش مان به ڪو اھڙو ڪارنامو ڪري سگھان.‘ ان کان ڪجھ ڏينھن پوءِ ھو منجھند جي مانيءَ تي گھر نه آيو. اُنھي ڏينھن مَئي جي 6 تاريخ ھئي.
    ”ٻين مزدورن سان گڏ ھو ھڪ ٽيڪسي ڊرائيور جي جنازي سان ويو. جڏھن ھو گھر آيو، ته مون کي ٻڌايائين ته جنازي کُلم کُلا آمريڪين خلاف مظاھري جو صورت اختيار ڪئي ۽ ماڻھن نعرا لڳايا ته، ’آمريڪي قاتل- مرده باد!‘ ان ڏينھن 22 مَئي تائين آمريڪا خلاف ھفتي ملھائڻ جو فيصلو ٿيو. ٽيڪسي ڊرائيورن فيصلو ڪيو ته اُھو ھفتو ھو آمريڪين کي پنھنجي ٽيڪسين ۾ ويھڻ نه ڏيندا. ٻين ڌنڌن وارن، ايتري تائين جو اخبار وارن ۽ بوٽ پالش وارن به، آمريڪين جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو. تُروئي پڻ آمريڪا جي خلاف جدوجھد جي اُن ھفتي جي انتظار ۾ ھو. پر 9 مَئي تي ھو گرفتار ٿي پيو.“
    ڀيڻ ’الف‘ ڪنڌ ڌوڻيو--”پياري ڪوئِينِ- تون ڏاڍي سادي ڇوڪري آھين. توکي اِن ڳالھ جي خبر ئي نه پيئي ته تُروئيءَ کي توتي پورو ڀروسو آھي! ھو توکي ڪنھن انقلابي ڪم لاءِ تيار ڪري رھيو ھو. سائيگان جھڙي شھر ۾، جتي دشمن قبصو ڪيو ويٺو آھي، عوام جي محبت ۽ پناھه کان سواءِ ڪوئي به شخص يڪدم جاسوسن جي ھٿ چڙھي سگھي ٿو. تُروئيءَ جي نڪته چينيءَ جو سبب اِھو ھو ته جيئن تون پنھنجي پيرن تي بيھي سگھين، جيئن توکي چڱي مَٺي جي خبر پئجي وڃي. ھن جو مطلب ھو ته توکي آھستي آھستي خبر پئجي وڃي ته ڏکڻ ۾ ھي مصيبتون ڪنھن پيدا ڪيون آھن، ۽ اُنھن لاءِ تنھنجي دل ۾ نفرت جو جذبو پيدا ٿئي ۽ توکي انقلاب ۾ شامل ٿيڻ جي ضرورت جو احساس ٿئي. تنھنجون ڳالھيون ٻڌي، منھنجي دل ۾ تنھنجي مڙس لاءِ عزت ويتر وڌي ويئي آھي. سائيگان شھر ھر قسم جي براين سان ڀريل آھي. ان ۾ ويھن سالن جي نوجوان جو رڳو ھڪ ڀيرو فلم ڏسڻ، سو به پنھنجي زال جي دل رکڻ لاءِ، ڏاڍو حيران ڪندڙ آھي.“
    اِنھيءَ ڳالھ تي مان پريشان ٿي ويس، ۽ چيم ”اسان جيڪا فلم ڏٺي ھئي، اُھا مھاتما ٻُڌ جي حياتيءَ جي باري ۾ ھئي.“ مون کي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي، جڏھن مون ھن کان فلم جي باري ۾ پڇيو، ته ھن چيو ته ”مون کان ته سڄي فلم وسري ويئي آھي!“
    ٻين قيدين اھا ڳالھ ٻڌي وڏا ٽھڪ ڏنا. ڪن پنھنجي کِل لڪائڻ لاءِ وات تي ھٿ ڏنو. ڀيڻ ’الف‘ پڇيو، ”ڇا ھن توکي پنھنجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو!“ اسان جون سڀ ساٿياڻيون ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان اسان جون ڳالھيون ٻڌي رھيون ھيون. اِھو ڏسي اسان ٻيئي اڱڻ جي ٻئي ڇيڙي تي کسڪي ويونسين، ۽ مون پنھنجي ڪھاڻي وري شروع ڪئي.
    ”مون کي ھن جي ڳوٺ ۾ وڃڻ جو موقعو ڪڏھن به نه مليو. ھن انجام ڪيو ھو ته ’اسان ڪنھن ڏينھن اوڏانھن ھلنداسين، ۽ شاديءَ کان پوءِ ڪجھ ڏينھن جي موڪل اُتي گذارينداسين.‘ ھن ٻڌايو ته ’ڪوانگ نام ھڪ غريب علائقو آھي. اُتي چانورن جي ڪجھ پوک ٿيندي آھي ۽ ماڻھن کي روزگار جي ڳولا ۾ ٻين علائقن ۾ رُلڻو پوندو آھي. البت اُتي ھڪ شيءِ گھڻي آھي- اُھا آھي پاڻي. اُتي سائيگان وانگر ماڻھن کي سرڪاري نلڪن تي ھڪ ڏول پاڻيءَ لاءِ پاڻ ۾ وڙھڻو نه پوندو آھي.‘ ھن ٻڌايو ته سندس ڳوٺ وٽان وَھندڙ درياھه، ٿوبُون، ڪيڏو نه سھڻو آھي! ھن جي گھر کان درياھه سؤ ميٽر تي آھي. اُن جو پاڻي ڏاڍو شفاف آھي. ان جي ڪنارن تي بانس جا جھڳٽا پاڇو ڪيون بيٺا ھوندا آھن. ’جڏھن سائيگان جا ماڻھو وانگ تائو ۾ سمنڊ جي ڪناري خوشين لاءِ گڏ ٿيندا آھن، ته مان کين چوندو آھيان ته جي توھان اسان جي ڳوٺ ھلو، ته ڏسندؤ ته اسان جي درياھه جا واريءَ وارا ڪِنارا سمند جي ڪناري کان گھٽ ناھن. اُتي اسان کي اُس تي ويھڻ لاءِ گھڻو وقت ملندو. ھن ننڍپڻ ڏاڍن ڏکن ۾ گذاريو ھو. ھو اڃا ٻار ھو، ته ھن جي ماءُ لاڏاڻو ڪري ويئي. ھو اڃا ٽن سالن جو ھو ته فرانسين انقلابين جي ڳولا ۾ ان علائقي تي حملو ڪيو. ھن جي ماءُ ھن کي کڻي جھنگ ۾ لِڪي ويئي، ۽ ڪجھ مھينن کان پوءِ بُک ۽ بيماريءَ کان مري ويئي. ھن جي پيءُ کي فرانسين گرفتار ڪيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ھو روزگار جي تلاش ۾ پري پري نڪري ويو ۽ سالن کان پوءِ گھر ايندو ھو. تُروئيءَ کي سندس چاچي، ڀاءُ ۽ ڀاڻيجيءَ پاليو.“
    ’شاديءَ کان اڳ ۾ اسان ڪنھن ڳالھ تي وڙھي پياسين. اُن تي ھن کي ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ چيائين، ’ننڍپڻ کان ئي مان پنھنجي ماءُ جي ھنج کان پري ٿي ويو آھيان. مان پنھنجي پيءُ کي به سالن ۾ ھڪ ڀيرو ڏسندو آھان. سدائين گھر جي ماحول لاءِ سِڪندو آھيان. ھاڻي مون کي پنھنجي پياري ملي آھي- اُھا به ڪاوڙجي مون کي ڏکوئي ٿي! تنھنجي ڪٽنب کي اتر کان اچي ھتي رھڻو پيو ۽ مون کي روزگار لاءِ ڪوانگ نام کي ڇڏڻو پيو. اسان ٻنھي جا مسئلا ھڪجھڙا آھن. ھاڻي قسمت سان اسان جو ميلاپ ٿيو آھي. اسان کي ھڪ ٻئي سان قرب ونڊڻ کپي.‘
    ”جڏھن تُروئِي پندرھن سالن جو ٿيو، ته ھو روزگار جي اُميد ۾ وڏي ڀاءُ وٽ وانانگ ويو. پر سندس ڀاءُ ۽ ڀاڄائي بيحد غريب ھئا، ۽ ھن محسوس ڪيو ته کيس مٿن بار ٿيڻ نه کپي. ان ڪري ھن سائيگان وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ھڪ ڏينھن ھو بندر تي ويو ۽ سائيگان وڃڻ واري جھاز ۾ چڙھي پيو. ھن وڃڻ کان اڳ ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ ڏي ھڪ دوست ھٿان خط لکي موڪليو، جنھن اُھو کين تُروئيءَ جي رواني ٿيڻ کان اڳ پھچايو. تُروئيءَ جھاز جي ڊيڪ تي بيھي، جڏھن ڪناري ڏي ڏٺو، ته پنھنجي ڀاءُ کي سائيڪل تي ڏاڍو تيز بندر ڏي ايندو ڏٺائين. ھو جھاز جي ھيٺئين حصي ۾ لڪي ويو. ڀاڻس پريشانيءَ ۾ رڙيون ڪري رھيو ھو. ’تُروئي! گھر ھليو آ! اسان گڏجي گذارو ڪنداسين! تنھنجي ڀاڄائي ۽ آءٌ تنھنجو چڱيءَ طرح خيال رکنداسين! منھنجا ڀاءُ، نه وڃ! ايترو پري نه وڃ!‘ ڀاءُ جو آواز ٻڌي، تُروئِي سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. ھن کي پنھنجي ڀاءُ سان بيحد پيار ھو، پر ھن پنھنجي ڀاءُ تي بار بڻجڻ نه پئي گھريو، ڇوته زال کانسواءِ ڀاڻس کي ڪيئي ٻار پڻ ھئا. ڀاڻس بندر تي زور سان سڏيندو رھيو، ’تُروئِي، موٽي آءُ! اسان وٽ جو ڪجھ آھي، گڏجي کائينداسين- منھنجا ڀاءُ، موٽي آءُ!‘ تُروئيءَ جو ڀاءُ ائين پڪاريندو رھيو، جيستائين جھاز لنگر کنيو. ڪيترا ڀيرا تُروئِيءَ مون سان ڀاءُ جي اُن دردناڪ پڪار جو ذڪر ڪيو- ۽ اھو ذڪر ڪندي ھو ڏَڪي ويندو ھو.
    ”ھتي پھچڻ کان پوءِ نه ھن کي ڪنھن ڪم سِکڻ جي مُھلت ملي ۽ نه وري ھو پنھنجي پيءُ کي لھي سگھيو. ان ڪري ھن رڪشا ڊرائيور بڻجي، روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪئي. شھر جي واقف نه ھجڻ ڪري سوارين کي رلائڻو پوندو ھوس، جنھن تي گراھڪ کيس گھٽ وڌ به ڳالھائيندا ھئا ۽ ڀاڙو به گھٽ ڏيندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ته رستو به پڇائڻو پوندو ھوس. ان ڪري ڪنھن سوار کي ڪاوڙ لڳندي ھئي، ته بنا ڀاڙي ڏيڻ جي ٻي رڪشا ڪري ھليو ويندو ھو. ھن جي زندگيءَ جو اُھو دور ڏاڍين مشڪلاتن ۾ گذريو. گھڻو ڪري ھو رات جو خالي پيٽ تي سمھندو ھو. ھو چوندو ھو ته ’ماڻھو چون ٿا ته پوڙھا روزيءَ ڪمائڻ لائق نه ھوندا آھن، پر مان ته جوان ۽ سگھارو آھيان- سڄو ڏينھن سخت محنت ڪرڻ کان پوءِ به پيٽ ڀري کائي نه ٿو سگھان!‘ ھو پنھنجي چوڌاري ماڻھن وٽ ايتري دولت ڏسندو ھو، جو کين خبر ئي نه ھئي ته ايڏي دولت ڪاڏي ڪجي. جيئن سندس رڪشا جو مالڪ ھو، جنھن کي فقط ھڪ ڪم ڪرڻو پوندو ھو- اھو ھو غريب ماڻھن جا ڪمايل پئسا ڳڻي وٺڻ ۽ گڏ ڪرڻ، جيڪي سندس رڪشائون مسواڙ تي وٺي ھلائيندا ھئا. اھڙن رڪشائن ۾ رڪشا ھلائيندڙن جي مالڪن وٽ کاڌي جي ڪابه کوٽ ڪانه ھئي. ھو ڊرائيورن کي گارگند ڪرڻ پنھنجو حق سمجھندا ھئا.
    ”ڪجھ ڏينھن کان پوءِ سندس پري جي ھڪ مائٽ کيس بجليءَ جي دڪان تي ڪم سکڻ لاءِ لڳايو- ھن ٻن ڪارخانن ۾ ڪم ڪيو، جتي پڻ کيس پيٽ ڀري کائڻ جيتري به ڏھاڙي نه ملندي ھئي. ان کان پوءِ ھو نِگو ڪاٽِ ھليو آيو، ۽ گرفتار ٿيڻ تائين اتي ئي ڪم ڪندو رھيو.“
    اسان جو اُس ۾ ويھڻ جو وقت ختم ٿي چڪو ھو. وارڊر، رڙ ڪري اسان کي واپس ڪوٺين ۾ وڃڻ جو حڪم ڏنو. ان کان پوءِ جڏھن به وجھ ملندو ھو، تڏھن ٻيون قيدي عورتون مون کي تُروئيءَ جي ڳالھين ٻڌائڻ لاءِ چونديون ھيون. مون کي پنھنجي مڙس جي باري ۾ ڳالھائيندي شرم ايندو ھو، پر ڀيڻ ’الف‘ ھڪ ڀيري مون کي چيو، ”اسان جھڙا ماڻھو، جن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو آھي ۽ جن کي لڳاتار سختيون سَھڻيون ٿيون پون، تن کي پنھنجي بھادر ساٿين جي زندگيءَ ۽ جدوجھد جي ڳالھين مان ھمت ۽ حوصلو ٿو حاصل ٿئي. انھن ڳالھين مان اسان کي ھر آزمائش جي مقابلي ڪرڻ لاءِ نئين طاقت ٿي ملي، ۽ دشمن جي خلاف اسان جي ڌڪار وڌي ٿي وڃي. مان تُروئِيءَ جي باري ۾ ٻيون به ڳالھيون ٻڌڻ چاھيان ٿي، جيئن اسان ھن جي ڪارنامن جي پيروي ڪري سگھون. ڀاءُ ڊُونگ بابت گيت لکيو ويو آھي. جيل ۾ قيد ڪاٽڻ وارن ساٿين لاءِ ھاڻي ڀاءُ تُروئِيءَ بابت به ھڪ گيت جي ضرورت آھي.“
    ھڪ ڏينھن ڪن پوليس وارن مون کي سڏايو، ۽ پڇيو- ”ڇا تون پنھنجي مڙس سان ملڻ گھرين ٿي؟“ مون جواب ڏنو، ” مان ھر وقت ساڻس ملڻ لاءِ تيار آھيان.“ ھنن چيو، ”پر ھڪ شرط سان- ته تون کيس ڏوھه باسڻ لاءِ تيار ڪر-“
    مان چپ ٿي ويس. ڀيڻ ’الف‘ مون کي پوليس جي اٽڪلن کان واقف ڪيو ھو. پوليس وارا ڪن زالن کي پنھنجي مڙسن تي دٻاءَ وجھڻ لاءِ استعمال ڪندا ھئا. اھو گُر ھاڻي مونتي ٿي آزمايائون. ھو مون کي ايترو جلد وٺي ويا، جو مان تُروئِيءَ لاءِ ڪا کائڻ جي شيءِ به وٺي نه سگھيس. مون سمجھيو ھو ته اسپتال ۾ ايترا ڏينھن رھڻ ڪري ھو ڪافي سَگھو ٿي ويو ھوندو، پر ھن کي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته سندس حالت ساڳي ھئي. ھن جو رنگ پيلو ھو ۽ مُنھن ۾ لٿل ھو. ھن جا وار وڌي، ڪَنن تائين اچي ويا ھئا. ھن جي کاڏيءَ ۾ کُٻ پئجي ويو ھو. ھن جي جسم تي مٽيءَ جا تھ ڄمي ويا ھئا. ھن جي سُڪل ھٿن ٿي نيريون رڳون اڀري آيون ھيون. ھن منھنجي ٻانھن کان وٺي، مون کي پنھنجي ڀرسان ويھاريو ۽ چوڻ لڳو-
    ”ھاڻي منھنجي طبيعت ٺيڪ آھي. مان چڱو ڀلو ٿي ويو آھيان.“ ھن جي ڇاتي اگھاڙي ھئي. ھن جو جسم ھڪ ڪپڙي ۾ ويڙھيل ھو، جيڪو پگھر ۾ ٻڏل ھو. ھن جا وکريل وار ھن جي نرڙ تي پيل ھئا. مون پنھنجي آڱرين سان سندس وار سنواريندي، پڇيو.
    ”ڇا توکي اڳي کان آرام آھي!“
    ھن جي جواب ڏيڻ کان اڳي ئي ھڪ پوليس واري مون کي اتان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. تُروئِيءَ مضبوطيءَ سان منھنجي ٻانھن پڪڙي، پر ھن بدمعاش زور سان جھٽڪو ڏيئي، منھنجي ٻانھن ڇڪي ورتي، ۽ منھنجي مڙس کي چوڻ لڳو-
    ”پنھنجو ڏوھه باس، نه ته توکي جنرل پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ وٺي ويندس. اُتي توکي اڳي کان به وڌيڪ ايذاءَ ڏيندا. چڱيءَ طرح سوچ ته تون اُنھن ايذائن کي سَھي سگھندين!“
    تُروئِيءَ چيو، ”مون ڪوبه ڏوھه نه ڪيو آھي. مان فقط ھڪ ڳالھ قبول ڪيان ٿو ته مون ميڪنمارا کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي ۽ ان ۾ ڪامياب نه ٿيس-“
    ”جيڪڏھن تون ڏوھه نه باسيندين، ته توسان خاص قسم جو سُلوڪ ڪنداسين. ان وقت اسان کي ظالم نه چئجانءِ. جي تون پنھنجو ڏوھه نه باسيو، ته ياد رک تنھنجي زال به جيل ۾ سڙندي رھندي.“
    تُروئي اھو ٻڌي چپ ٿي ويو، ۽ ان بدمعاش ڏي ڪاوڙ ڀريل اکين سان ڏٺائين. تنھن تي بدمعاش تيش ۾ اچي، چيو-
    ”تولاءِ آزاد ٿيڻ جو ھيءُ پويون وجھ آھي، ۽ تون اھو به وڃائين ٿو! تون حڪومت خلاف بڪواس ڪندو ٿو رھين، ۽ آمريڪين تي گند اڇلائيندو ٿو وتين. تون جيڪي ڳالھيون ساٿين سان ٿو ڪرين، اسان اھي ٽيپ ڪري ڇڏيون آھن. تون جو ڪجھ چوندو رھيو آھين، اُھو پنھنجي ڪَنن سان ٻڌڻ چاھين ٿو؟ تو آمريڪي بچاءَ وزير کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ ھاڻي تون قومي فوج تي الزام تراشي ٿو ڪرين؟ تون وزير اعظم جي بي عزتي ڪرڻ کان به نه مڙئين-“
    ”مون پنھنجي خيالن کي ڪڏھن به لڪل نه رکيو آھي، ۽ سدائين سچي ڳالھ چئي اٿم. تون اھڙيون اخبارون آڻيدو رھيو آھين، جيڪي آمريڪي مشيرن جي تعريف ۾ زمين آسمان ھڪ ڪري ڇڏينديون آھن، ۽ ھنن کي ويٽام جي عوام جو دوست سڏينديون آھن. مون انھن کي ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏيو، جو اھي ڪوڙ لکنديون آھن. مان چاھيان ٿو ته انھن اخبارن جي پڙھندڙن کي مان آمريڪي مشيرن جو اصلي روپ ڏيکاريان، جي ويٽ نام جي عوام جا دوست نه، پر جاني دشمن آھن- ۽ انھيءَ ڪري اُنھن سڀني کي ڳولي ڳولي ختم ڪرڻ گھرجي.“
    پوليس واري ڪاغذن جو ھڪ ٿھو ڪڍيو، جنھن تي ھن تُروئِيءَ کان صحيح وٺڻ ٿي گھري. ھن انھن ڪاغذن جي لکت پڙھي ٻڌائي، ۽ پوءِ چوڻ لڳو-
    ”ھاڻي توکي صاف ٻڌائڻو پوندو ته ان ڪم لاءِ توکي ويٽ ڪانگ کان گھڻا پئسا مليا ھئا-“
    تُروئِي بستري تي ئي ليٽيو رھيو، ۽ لفظ لفظ تي زور ڏيندي چيائين، ”مان پئسن جي ڪري آمريڪين جي مخالفت نه ٿو ڪريان، پر مان ته اُنھن جو ساھه ڪڍڻ ٿو گھران. مون جو ڪجھ ڪيو آھي، اُن جو مقصد آھي ڏکڻ ويٽام کي آزاد ڪرڻ ۽ ظلم جي چنبي مان ڇڏائڻ. اِھوئي منھنجو جواب آھي.“
    اُھو ٻڌي، ھو بدمعاش مون ڏي وريو- ”پنھنجي مڙس کي چئو ته پنھنجو ڏوھه باسي، نه ته کيس ماري ڇڏيندا-“
    مون چيو، ”مون کي ھن جي ڳالھين جي خبر ئي ناھي- مان ڪھڙي ڏوھه باسڻ لاءِ چوانس.“
    تُروئي بستري تي سنئون سمھيو پيو ھو. ھن جون ٻانھون بستري تي ھيون ۽ ھن جون اکيون ڇت تي ڄميل ھيون. ھن جي مُنھن تي اونھي ڳنڀيرتا ھئي. ھو پنھنجي آس پاس کان بيخبر پئي لڳو.
    پوليس واري چيو، ”تون اُھوئي ماڻھو آھين، جنھن ڪانگ لائي پُل اڏائڻ جو ارادو ڪيو ھو-“
    ”منھنجو ارادو ميڪنمارا کي مارڻ جو ھو- آمريڪي بچاءَ جي وزير کي-“
    ”تو آپگھات جي نيت سان دريءَ مان ٽپو ڏنو. تو پنھنجي خلاف سڀ ثابتيون لڪائڻ ٿي گھريون- ڇا اِھو صحيح آھي؟“
    ”اھو غلط آھي- مون جھڙا ماڻھو آپگھات نه ڪندا آھن. مان ڪجھ وقت جيئرو رھي، آمريڪي حملي آورن کي ماري سگھڻ جي نيت سان ٽپو ڏنو ھو. جي مان مري وڃان ھا، ته اھو ھڪ اتفاق چئي سگھجي ھا-“
    ھو بدمعاش وري وري کانئس سوال ڪندا رھيا، ۽ مٿس واھيات ڳالھيون مڙھيندا رھيا. ھنن جو مقصد ھو ته ھن جي جراَت واري ڪاروائيءَ کي بدنام ڪيو وڃي، جنھن جو سڄي سائيگان ۾، خاص ڪري نوجوانن ۽ شاگردن تي، ڌاڪو ڄميل ھو. ھنن کيس اُٿاري ويھاريو ۽ کانئس ڪاغذن جي ٿھي تي صحيح وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جن ۾ ڪُوڙ جا دفتر ڀريل ھئا. ھن ڪاغذن کي پڙھڻ کانپوءِ قلم کنيو ۽ ھڪ ھڪ ڪري سڀني فُقرن کي ڪاٽيندو ويو، ۽ سڀ ڪاغذ آڏين سِڌين لڪيرن سان ڀرجي ويا. پڇاڙيءَ ۾ ھن قلم پوليس واري جي جھول ۾ اڇلايو ۽ بستري تي ليٽي پيو.
    ھن کي دٻائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، ھو کيس اڳي کان به وڌيڪ ايذاءَ ڏيڻ جا دڙڪا ڏيڻ لڳا. ھنن مون کي به دڙڪا ڏيئي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ چيائون ته ”خبردار، جي ھڪ به لفظ ٻاھر ڪڍيو اٿئي، نه ته تنھنجو خير نه ھوندو-“ مان اڱڻ ۾ بيھي روئڻ لڳيس. جڏُن مون ڊوڙي پنھنجي مڙس وٽ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ٻن ٺوڳي بدمعاشن مون کي ٻانھن کان پڪڙي ڪار ڏي گھلڻ شروع ڪيو.
    جڏھن قيدخاني جي ڪوٺيءَ ۾ موٽي آيس، ته منھنجون ساٿياڻيون ڦِري آيون، ۽ ’ب‘ مون کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. اُن کان پوءِ به جڏھن ھوءَ منھنجون اکيون آليون ڏسندي ھئي، ته مون کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي، ۽ منھنجي ڏک ميسارڻ لاءِ مون کي ڪھاڻيون ٻڌائيندي ھئي، يا ڪنھن نه ڪنھن ڪم ۾ لڳائي ڇڏيندي ھئي. تازو مون ويھاڻي جون ٻه ڇُھون ٺاھيون ھيون. ڀيڻ ’ب‘ مون کي انھن تي ڀرت ڀرڻ ۽ تُروئيءَ سان گڏ پنھنجو نالو سِکڻ سيکاريو. جيتوڻيڪ سندس ھٿ سُئـيُن لڳڻ ڪري، اڃا به سڄيل ھئا، پر ھوءَ سَنھي ڪم سيکارڻ وقت پاڻ سُئي کڻي، ڪم شروع ڪندي ھئي. ھوءَ چوندي ھئي، ”جڏھن تون ڇُـھُن تي ڀرت جو ڪم پورو ڪرين، ته انھن کي پنھنجي مڙس وٽ کڻي وڃجانءِ، ۽ کيس چئجانءِ ته ’ کولي نمبر 4 جي قيدياڻين کيس شاديءَ جي سوکڙي ڏني آھي. جيتوڻيڪ دير ٿي ويئي آھي، پر اسان کي اميد آھي ته ھو ضرور قبول ڪندو!‘ ڪم جي وقت اسان ڀيڻ ’ب‘ جي پسند جو گيت ”پنھنجي مجاھدن لاءِ ڪپڙا ٿا سِبون-“ ڳائينديون ھيون سين-


    5

    -قيدخاني ۾ ھڪ نئون قيدي آيو ھو. چئن سالن جي عمر جو ھڪڙو ننڍڙو پنھنجي ڏاڏيءَ سان گرفتار ٿي آيو ھو. ڀريل سينو، مضبوط ٻانھون- ڪنھن ھاري گھر جو ٻار پئي لڳو. سنترين کيس اڱڻ ۾ کليل ڇڏي ڏنو ۽ سندس ڏاڏي اسان جي کوليءَ کان ڪجھ پرڀرو ھڪ کوليءَ ۾ بند ھئي. ھو ھر کوليءَ آڏو گھمندو پئي وتيو ۽ ھر کوليءَ ۾ ليئا پئي پاتائين. ڪڏھن ڪڏھن اڱڻ ۾ پکين کي لھندو ڏسي، اُنھن ڏانھن ڊوڙ پائيندو ھو. ھڪ ڀيري ھڪ پوليس واري کي سائيڪل تي ويندو ڏسي، چيائين، ”اڙي تون چاچي تُروئيءَ جي سائيڪل ڇو ٿو ھلائين! موٽائي ڏي نه ته چاچي کي چوندوسانءِ-“
    اسين سندس ٻاراڻين حرڪتن تي کِلي ڏينديون ھيونسين. مان سوچيندي ھيس ته شايد سندس چاچي جو نالو به تُروئي ھوندو. ھڪ ڏينھن ھو منھنجو نالو وٺي مون کي سڏڻ لڳو. ڪنھن ھن کي چوٿين نمبر چڪري ڏي موڪلي ڏنو. ھن اسان جي کوليءَ جي آڏو اچي سڏ ڪيو- ”چاچِي ڪوئِينِ!“ مون پڇيو، ”ننڍڙا ڪھڙو ڪم اٿئي!“ مون کي عجب لڳو ته ننڍڙي کي منھنجي نالي جي خبر ڪيئن پيئي.
    ھن ھڪ سنگتڙو مون کي ڏنو ۽ چيائين، ”ھُتي، جيڪو چاچو آھي، اُنھيءَ ھيءُ سنگتڙو ڏنو اٿئي- ۽ پڇي ٿو ته توھان خوش آھيو-“
    مون سيخن مان ھٿ وڌائي، سندس ھٿ پڪڙيو، ۽ سنگتڙو ڇِلي کيس ڏنم، ته چيائين، ”ھُتي چاچن اِلاھي ڏنا اٿم-“ مون سندس پتڪڙو ھٿ جھلي چيو-
    ”تنھنجو نالو ڇاآھي؟“
    ”ڊان-“
    ”چڱو ڊان- ھاڻي وڃي چاچن کي چؤ ته چاچي ڪوئِينِ بلڪل ٺيڪ آھي- ۽ توھان جي ٿورائتي آھي.“
    ھو ”چڱو چاچي!“ چئي، مَردن جي بلاڪ ڏي ڊوڙي ويو. ھو ڏاڍو ذھين ٻار ھو، ۽ جلد ئي سڀني رستن جو واقف ٿي ويو. ھو ھڪ کوليءَ کان ٻيءَ تائين نياپن پھچائڻ ۽ شين پھچائڻ لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، ۽ سنترين کان لڪائي شيون ھيڏي ھوڏي کڻي وڃڻ جو ڍنگ سکي ورتائين. پوليس جي ايذائن کان ڪمزور ٿيل قيدين کي ماني پھچائڻ لاءِ ھو کولين آڏو بنا ٿَڪجڻ جي ڊڪندو وتندو ھو. جڏھن ڪنھن سنتريءَ کي ڏسندو ھو، ته ھو وڏن وانگر ھٿ پويان لڪائي ڇڏيندو ھو. گھڻو ڪري لوئِيءَ جو وڌيڪ آڳو پيڇو ڪندي ڏِسبو ھو، جيڪو ٿورن ڏينھن کان جيل ۾ آيو ھو. ھڪ ڏينھن کوليءَ کان ٻاھر، مان ڪم تي لڳيس، ته ھڪ شخص ننڍڙي کي ھٿ کان وٺي، مون وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو-
    ”ھي ڇاھي! تون پنھنجي ڀائيٽي کي نٿين سڃاڻين؟ ڊان تنھنجي مڙس کي سڃاڻندو آھي ۽ گھڻو ڪري ان جي باري ۾ پڇندو آھي. ھن جي ڪٽنب تي به تُروئِيءَ جي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو شڪ ڪيو اٿن، ۽ ان ڪري ئي ڏاڏيءَ سان گڏ ھن کي جيل ۾ وڌو اٿن. ان کان پوءِ ھو ٻار کي چوڻ لڳو- ”ھيءَ چاچي ڪوئِينِ آھي- چاچي تُروئِيءَ جي زال- ھن کي سلام ڪر-“
    ننڍڙي ادب کان سيني تي ھٿ ٻڌي، پيار سان چيو، ”سلام چاچي ڪوئِينِ-“
    مون کيس ھنج ۾ ويھاريو، ۽ چيو، ”ھان- تون چاچھين تُروئِيءَ کي سڃاڻين!“
    ھن ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
    ”ھائو، مون لاءِ رانديڪا آڻيندو ھو ۽ پنھنجي موٽر سائيڪل تي چڙھي، اسان جي گھر ايندو ھو.“
    ”توکي خبر آھي ته چاچھين تُروئِي ھاڻي ڪاٿي آھي؟“
    ”ان کي جيل ۾ وڌو اٿن-“
    مان زار زار روئڻ لڳيس ۽ ننڍڙي ڊان کي پنھنجي سيني سان لڳائي ڇڏيم. گھڻن اسان کي ماءُ پُٽ پئي سمجھيو- ڄڻ اسين وڏي جدائيءَ کان پوءِ مليا ھئاسين. ننڍڙي کي تُروئِي ڪيڏو ياد ھو! ھن سچ پچ اھو سمجھيو ته وارڊر منھنجي مڙس جي سائيڪل تي چڙھيل آھي، ان ڪري ھن واپس وٺڻ پئي چاھيس. ان مان لڳو ٿي ته ننڍڙي کي تُروئِيءَ سان ڪيڏو اُنس ھو! اڃا ڊان جا پھريان ڏند به نه ڀڳا ھئا، ته سندس ماءُ کانئس جدا ٿي ويئي ھئي. پوءِ جيل ۾ اچڻ واري ھڪ قيديءَ ٻڌايو ته تُروئِيءَ جو ان ٻار سان ڏاڍو پيار ھو. ڊان اڃا ڇھن مھينن جو ھو ته ماڻس گرفتار ٿي ويئي، ۽ قيد ۾ ماري ماري کيس ماري ڇڏيائون. ھُن ويچاريءَ جو قُصور اِھو ھو ته ھُن اُنھيءَ دشمن جي ڪٺ پتلي حڪومت کي مڃڻ ۽ ان جي جھنڊي کي سلام ڪرڻ کان انڪار ڪيو ھو، ۽ ڪميونسٽن جي نندا نٿي ڪيائين. پڻس کي روزگار لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي ھئي ۽ ننڍڙي ٻار جي سار سنڀال لاءِ وقت ئي نه ملندو ھوس. تُروئِيءَ کي ٻار تي ڪھل ايندي ھئي ۽ گھڻو ڪري ھُن لاءِ رانديڪا وٺي ايندو ھو ۽ کيس وھنجاريندو ھو. ٻار جي ڏاڏي چوندي ھئي ته ’ڊان پيءُ کان وڌيڪ تُروئِيءَ کي ياد ٿو ڪري.‘
    مون سوچيو ته ٻار جي سار سنڀال لاءِ ھاڻي مون کي مڙس جي جاءِ سنڀالڻ کپي. قيد جي اُنھن ڏينھن ۾ ڊان منھنجي دُک جو بار ھلڪو ڪري ڇڏيو ھو. ھو سڄو ڏينھن ڳالھيون ڪندو ھو ۽ سوين سوال پڇندو ھو. ڪڏھن ڪاوڙجي پوندو ھو ته دڙڪو ڏيندو ھو ته ”مان چاچا تُروئِيءَ کي چوندس.“ مان کيس ڪجھ کائڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن ڪا مٺائي ڏيندي ھيس، ته چوندي ھئيمانس ته، ”ھي چاچھين تُروئِيءَ موڪلي آھي-“ اھو ٻڌي، سندس مُنھن اميد ۽ خوشيءَ کان ٻھڪڻ لڳندو ھو، ۽ يڪدم پڇندو ھو، ”چاچا تُروئِي ڪڏھن ايندو؟“
    ڪڏھن ڪڏھن سج لھڻ کان پوءِ سندس ڏاڏيءَ جي کوليءَ مان سندس آواز ايندو ھو- ”چاچي ڪوئِينِ- توکي چاچا تُروئِي ياد ايندو آھي؟“ اِھو ٻڌي، سڀ ٽھڪ ڏيڻ لڳنديون ھيون، ۽ کيس چونديون ھيون، ”بس بس- ھاڻي سمھي پؤ.“
    ٻيون قيدياڻيون ڊان کان ھر وقت تُروئِيءَ جون ڳالھيون ٻڌي، چونديون ھيون ته ”ڊان وانگر، جي تُروئِيءَ جو پنھنجو ٻار ھجي ھا، ته ڪيترو پيار ڪريس ھا!“ ان تي مون کي ياد ايندو ھو ته منھنجي مڙس کي ڪيڏي آس ھوندي ھئي ۽ چوندو ھو ته ”ائين ناھي ته ڪو مان ڌيئرن کي نه ٿو چاھيان، پر ھروڀرو دل ٿي چوي ته پھريون ٻار پٽ ھجي-“ اُنھن ڏينھن ۾ مون کي مڙس سان ملاقات جي ڏاڍي خواھش ھئي. مون ارادو ڪيو ته جڏھن به ملاقات جو وجھ مليو، ته مان ننڍڙي ڊان کي ساڻ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنديس. ھن کي ڏسي ھو ڪيڏو نه خوش ٿيندو!


    6

    اُنھيءَ شام جو ڪوئِينِ ڀيڻ دل جمعيءَ سان پنھنجي ڪھاڻي بيان نه ڪري سگھي. ھوءَ گھڙيءَ گھڙيءَ وقت ڏسي رھي ھئي. اوچتو ڀر واري ڪمري مان آواز آيو- ”ڪوئِينِ- ھاڻي وقت ٿيڻ وارو آھي-“
    سڀني ماڻھن ڪالھ رات ريڊيو ھَنوئيءَ تان اعلان ٻُڌو ھو ته اڄ رات ساڍي اٺين بجي ھڪ فلم جو اکين ڏٺو احوال نشر ٿيندو. فلم جو نالو ھو. ”نِگوينِ وان تُروئِي ھميشہ زندھه رھندو ھو-“ اُھا فلم اتر جي سئنيما گھرن ۾ ڏيکاري پئي ويئي.
    منڍ کان ئي سڀني کي ائين لڳو، ڄڻ ھو خود فلم ڏسي رھيا ھجن- ۽ پنھنجي اکين سان تُروئِيءَ کي قتل جي جاءِ ڏي ويندو ڏسي رھيا ھجن. ٻڌائڻ واري جو آواز ڪڏھن ڏک کان ڀرجي پئي آيو، ته ڪڏھن نفرت کان ٿڙڪيو ٿي. ھو اسان کي فلم جي ڏيکن جو ٻڌائي رھيو ھو- ’تُروئِي ھاڻي اخباري عيوضين سان ٿو ڳالھائي- ھاڻي ڀاڄين جي ٻاري وٽ ترسيو آھي- ھاڻي پنھنجي اکين تان پَٽي ڇِني اڇلائي اٿس-‘
    ڪوئيِنِ ٽرانزسٽر ريڊيو جي پيتي پنھنجي ٻانھن ۾ جھليو بيٺي ھئي ۽ ھڪ ھڪ لفظ کي ڪن لڳائي پئي ٻڌائين. ھوءَ پنھنجن اُڌمن کي لڪائڻ جي سخت ڪوشش ڪري رھي ھئي. پر ھن جا لڙڪ سانوڻ جي مينھن وانگر بي اختيار وھندا پئي ويا. وقت به وقت سائيگان جون عيوضياڻيون سڏڪن ۾ پئجي ٿي ويون. ان کان پوءِ پردي تي نظارو بدلجي ٿو- ۽ ريڊيو تي اسان کي ٻڌائڻ وارو ڳالھ کي پوئتي وٺي ٿو وڃي- فلم جو ائين ٺھيل ھئي-
    ’ھَنوئيءَ جا ماڻھو رات ڏينھن زبردست مظاھرا ڪري رھيا آھن- گھٽي گھٽي مشعالن جي روشنين سان چمڪي رھي رھي آھي- ھڪ جلسي ۾ تُروئِيءَ کي غائبانه بجليءَ جي ڪارخاني جو اعزازي مزور بڻايو پيو وڃي- ”ٿاءِ نِگويِن جي لوھه ۽ رُڪ جي ڪارخاني“ ۾ سڀ کان اوچيءَ جاءِ تي سندس تمام وڏي تصوير لڳائي ويئي آھي- ھڪ اسڪول جي ڪلاس ۾ شاگردن کي سندس داستان ٻڌايو ٿو وڃي- ”ھو اڃا به جيئرو آھي- سڄي اُتر ۾ جڳھ جڳھ تي سندس تصويرون لڳل آھن- جھنگلن، جبلن، ۽ ٻيٽن تائين- سمنڊن کان زمين تائين-“
    ھَنوئيءَ کان ٻڌائڻ واري جو آواز اسان ڊزن کن عورتون ۽ مرد ڏکڻ ويٽنام جي آزاد علائقي جي ھڪ ننڍڙي گھر ۾ ٻڌي رھيا ھئاسين. ”تُروئِيءَ سان سمنڊ ۾“ نالي وارو ويڙھو جھاز ڏسجي پيو- سامونڊي لھريون اُن سان ٽڪرجي رھيون آھن. انھن جو آواز ٻڌڻ ۾ پيو اچي- تُروئِيءَ جي نالي تي ٺھيل ھيءُ جھاز ڏينھن رات پنھنجي مادر وطن جي حفاظت ۾ لڳو پيو آھي-
    اُنھن ڏينھين اسان جو علائقو ڏکڻ ويٽنام جي عورتن جي ڪانگريس لاءِ وقف ھو. اسان جي چوڌاري بيشمار ريڊيا وڄي رھيا ھئا، جن مان ھاڻي شاعر ’توھُو‘ جو دردناڪ ۽ جذباتي آواز اچي رھيو ھو. ھو پنھنجو گيت ”ياد رکجو!“ ٻڌائي رھيو ھو- اتي پروگرام پورو ٿيو.
    ريڊئي بند ٿيڻ سان ئي سائيگان جي عيوضياڻين ۾ جوشيلي گفتگو شروع ٿي ويئي. ھنن مان ھر ھڪ ڪنھن نه ڪنھن ڳالھ تي راءِ ڏيئي رھي ھئي- ”اُتر جا ماڻھو تُروئيءَ سان عزيزن کان وڌيڪ محبت ٿا ڪن-“ تُروئِي ھاڻي سچ پچ ته اُتر جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ياد آھي-“ تُروئيءَ جو نالو ۽ سندس ڪم اُتر جي ھڪ ھڪ فوجيءَ، ھڪ ھڪ خلاصيءَ ۽ ھڪ ھڪ ھواباز جي دل ۾ ٻُري رھيا آھن.“
    اسان سان ويٺل ڀيڻن مان ھڪ پروفيسر ڀيڻ چوڻ لڳي- ”ھاڻي اسان کي تُروئِيءَ جي موت بابت تفصيل سان ٻڌايو-“
    ”اُتر وارن وٽ شايد تُروئِيءَ جي موت بابت رُڳي ننڍڙي فلم آھي. ھڪ شاگرد، جنھن جو صحافي ڀاءُ، ’چِي ھوئا‘، پنھنجي ڪلاسين کي ٻڌايو ته ڪن اخبار وارن تُروئِيءَ جي پوئين وقت جون – خاص ڪري جڏھن ھو سندن سوالن جا جواب ڏيئي رھيو ھو، تنھن وقت جون تصويرون ڪڍي ورتيون ھيون. آمريڪي ٽولي اُن وقت ڪيترن غير ملڪي صحافين کي به دعوت ڏني ھئي. ھُنن اِھو اُن اميد تي ڪيو ھو ته گولين ھڻڻ واري دستي جي آڏو اچي، تُروئِيءَ جي ھمت ٽُٽي پوندي، ۽ ھو لاچار ٿي ڏوھه باسي وجھندو. ڪي ڀاڙيتُو اديب ۽ جاسوس ھن کان چيڙائيندڙ سوال ڪري، کيس ڦاسائڻ لاءِ تيار بيٺا ھئا. پر جڏھن ھنن کيس موت جي سزا وارن ڏوھارين جي کوليءَ مان ٻاھر ايندي ڏٺو، ته کين يڪدم احساس ٿيو ته ھو کيس لوڏي نه سگھندا. تُروئِي اخبار وارن کي ڏسي مُرڪيو. حاضرينن مان ڪيترا موت جي سزا جو تصور ڪندي ڏَڪي رھيا ھئا، پر تُروئِي بلڪل اَڏول ھو ۽ وڏي شان سان اخبار وارن جي سوالن جا جواب ڏنائين. جنھن شاگرد جو مون ذڪر ڪيو آھي، اُن جيڪي ڪجھ پنھنجي اخبارنويس ڀاءُ کان ٻُڌو، ته تُروئِيءَ ھُن کي چيو، اُھو ھيئن آھي-
    ’- تون اخبارنويس آھين- ھتي جو ڪجھ به ٿي رھيو آھي، ان جي توکي پوريءَ ريت ڄاڻ ھجڻ گھرجي. آمريڪين اسان جي مُلڪ تي اڳرائي ڪئي آھي. ھو ھوائي جھازن ۽ بمن سان اسان جي ماڻھن کي ماري رھيا آھن. ميڪنمارا اسان جي ويٽ نام کي فتح ڪرڻ جو ناپاڪ منصوبو ٺاھيو آھي. مون کي پنھنجي وطن سان اٿاھه محبت آھي. مان آمريڪين کي پنھنجي سرزمين کي برباد ڪرڻ جي موڪل نه ڏيندس. مان پنھنجي عوام جي خلاف ناھيان- آمريڪين جي خلاف ضرور آھيان. انڪري ئي مون ميڪنمارا کي ختم ڪرڻ ٿي گھريو. ڇوته ھو ويٽ نام ۾ ٿيندڙ سڀني قتل ۽ خون جي ڏوھن جو اصل ڏوھاري ھو.‘
    ھڪ اخبارنويس پُڇيس- ’ڇا توکي مرڻ کان اڳ ڪنھن ڳالھ جو ڏک آھي؟‘
    ھن يڪدم چيو، ”مون کي ڏُک رڳو اِن ڳالھ جو آھي ته مان ميڪنمارا کي ماري نه سگھيس-“
    جڏھن ھڪ ڪئٿلڪ پادري ھن جي گناھه بخشائڻ واريءَ آخري مذھبي رسم لاءِ تيار ٿيو، ته ھن چيو، ’مون ڪوبه گناھه نه ڪيو آھي. ان رسم جي ضرورت آمريڪين کي ھوندي، جن اڻ ڳڻيا گُناھه ڪيا آھن-“
    ھن پنھنجي زندگيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين ھر شخص کي حيران رکيو ۽ سيني تي گولين جي پھرين وسڪاري کان پوءِ به نعرا ھڻندو رھيو-
    ’ويٽ نام - زندہ باد!‘
    ڪي اخبارنويس ھيءُ دل چيريندڙ نظارو سھي نه سگھيا، ۽ چيخون ڪرڻ لڳا. ھنن کي اھڙو گمان به نه ھو ته ڪو انسان اھڙيءَ ماٺ سان موت جو مقابلو ڪري سگھي ٿو يا ڪنھن شخص کي پنھنجي وطن سان ايتري اٿاھه محبت به ٿي سگھي ٿي. تُروئِيءَ مرڻ کان اڳ پنھنجي مُنھن تان ڪارو نقاب پَٽي اڇلايو ۽ چوڻ لڳو- ’نه نه!- مرڻ کان اڳ مون کي ھن سرزمين کي آخري ڀيرو ڏسڻ ڏيو- پنھنجي پياريءَ سرزمين کي!‘

    انسان دشمن ٽولا سالن کان ماڻھن جي ذھنن ۾ زھر ڀريندا رھندا آھن، ۽ چوندا آھن ته ڪميونسٽن جو ڪوبه وطن نه ٿيندو آھي- پر اُن گھڙيءَ ڪن اخبار نويسن اکين سان حقيقت ڏسي ورتي ته ڪميونسٽن کان وڌيڪ ڪوئي به ويٽ نامين جي وطن سان محبت نٿو ڪري. ھو زندگيءَ جي آخري دم تائين پنھنجي اباڻيءَ سرزمين سان محبت ڪن ٿا.
    تُروئِي آخري وقت تائين وڙھندو رھيو. ھن جي موت جي خبر ڇاپڻ واريون سڀ اخبارون ھٿؤن ھٿ کَپي ويون. ”ڊان چوموئي“ ۽ ”نئين جمھوريت“ جون سڀ ڪاپيون يڪدم وڪجي ويون. ماڻھن کي ان واقعي جي ھڪ ھڪ تفصيل پڙھڻ جو شوق ھو. انھن ۾ لکيو ويو ھو ته تُروئِيءَ مرڻ کان اڳ ۾ ٽي ڀيرا نعرو لڳايو ھو ته ”صدر ھوچي من، زندہ باد!“
    ڪوئِينِ جون ساٿي عيوضياڻيون رات جو گھڻيءَ دير تائين سندس مڙس جي بھادريءَ واري موت جي باري ۾ ڳالھيون ڪنديون رھيون. سندن خواھش ھئي ته تُروئِيءَ جي سڄيءَ زندگيءَ جي فلم تيار ٿيڻ گھرجي. ان ڳالھ ٻولھ ۾ ڪوئِينِ تُروئِي جي باري ۾ اُن رات مون سان وڌيڪ ڳالھيون ڪري نه سگھي.
    ٻئي ڏينھن شام جو ڀيڻ ڪوئِينِ ٻُڌايو ته،
    - جيل ۾ ھڪ ڏينھن صبح جو مون کي مرد قيدين جي ھڪ جماعت لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ ٽھڪائڻ جو ڪم ڏنائون. اُتي ڏٺم ته کولين جو ھڪ نئون بلاڪ اَڏايو پئي ويو. اوچتو ھڪ پوليس واري چيو. ”فان ٿِي ڪوئِينِ- تون يڪدم پنھنجو سامان کڻي، آفيس ۾ پھچي وڃ!“ اِن طرح سان سڏائڻ وارن قيدين کي گھڻو ڪري پري پري جلاوطن ڪندا آھن. اتي ڪم ڪندڙ سڀني ماڻھن پنھنجو ڪم بند ڪيو. لوھه ڪٽڻ وارا، سِرون ۽ سيمنٽ ڍوئڻ وارا سڀ ھٿ ڇنڊي، منھنجي چوڌاري گڏ ٿي ويا. ھر ڪنھن مونکي دلاسي ڏيڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ چيو- ھنن مون مون کي ھدايت ڪئي ته ”ھو توکي جتي به وٺي وڃن، پنھنجي عظيم ۽ بھادر مڙس جو شان رکجانءِ.“
    ان وقت منھنجي دل گھريو ته تُروئِيءَ کي اِن ڳالھ جي خبر پوڻ گھرجي، ڇوته وڃڻ کان اڳ، جي مان ھن سان ملي نه سگھيس ته ھو ڏاڍو پريشان رھندو. مون گڏ ٿيل ماڻھن کي چيو ته ”مان ڀانيان ٿي ته تُروئِيءَ کي چاڪ ٿيڻ کان پوءِ ھتي ئي موڪليندا، پر جي توھان مان ڪنھن جو ساڻس ڪٿي به ملڻ ٿئي ته کيس ٻڌائجو ته مان چاڪ چڱي ڀلي آھيان. ھاڻي خبر ناھي مون کي ڪاڏي ٿا وٺي وڃن. ان ڪري، جي مان گھڻي عرصي تائين ساڻس نه ملي سگھيس، ته ھو ڳڻتي ڪندو. مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ کيس ڳولي لھنديس-“
    ھڪ ماڻھوءَ مون کي تسلا ڏني. سندس مُنھن ۽ ڪُلھن تي گھاون جا نشان ھئا. ھو سندس گھران اچڻ واريون شيون به مون کي ڏيندو ھو- ھن چيو، ”تون فڪر نه ڪر- جڏھن اسان تُروئِيءَ سان ملنداسين، ته ان کي ٻڌائينداسين ته سندس زال جيل ۾ پنھنجو وقت ڪيئن گذاريو. اُھو ٻڌي ھو ڏاڍو خوش ٿيندو. اسان جو مُلڪ جلد ئي مِلي ھڪ ٿي ويندو، ۽ پوءِ توھان ٻيئي ملي سگھندؤ. ان ڪري ھاڻي خوشيءَ سان موڪلاءِ.“
    اُھي سڀ تُروئِيءَ جي ڏاڍي عزت ڪندا ھئا، ۽ مون سان ھمدرديءَ سان پيش ايندا ھئا. ھنن ۾ اُتر کان سواءِ وچولي توڙي ڏکڻ جا ماڻھو ھئا ۽ انھن مان ڪيترا معذور ۽ بيحد ڪمزور ٿي ويا ھئا، ۽ گھڻا جنرل پوليس ڊپارٽمينٽ جي قيد خانن ۾ رھي چڪا ھئا.
    مَردن کان موڪلائي، جڏھن مان عورتن جي بلاڪ ۾ آيس ته اُتي سڀني کي خبر پئجي چڪي ھئي ته مان ۽ ڪجھ ٻيون قيدياڻيون جلاوطنيءَ جي سفر تي وڃڻ واريون آھيون. ننڍڙو ڊان ۽ سندس ڏاڏي به اسان سان ھلي رھيا ھئا. ساٿياڻين مون کي ڪيتريون ئي سوکڙيون ڏنيون، جن ۾ ڪپڙا، صابڻ، ٽوال ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون ھيون- جيئن مون کي نئين قيد خاني ۾ تڪليف نه ٿئي. ھنن کان موڪلائڻ وقت دل جي اُڌمن کان منھنجون اکيون ڀرجي آيون. ھر ڪا مون کي آٿت ڏيڻ لڳي ۽ صبر جي ھدايت ڪرڻ لڳي، پر سندن اکيون پاڻ ڳوڙھن سان ڀريل ھيون. ڀيڻ ’ب‘ مون کي مختصر نصيحت ڪئي، ”روئڻ بدران ڳائيندي ڪر- جي روئڻ جي ضرورت ھجي، ته به دشمن جي آڏو نه روئجانءِ.“
    مان آخري وقت ۾ به قيدياڻين کي تُروئِيءَ لاءِ پيغام ڏنو. جڏھن مان ڊان جي ھٿ کي جھلي اڱڻ ۾ آيس، ته ڀيڻ ’الف‘ سڏ ڪيو. ھن نصيحت ڪئي ته، ”چڱيءَ طرح ياد رک ته ھو مَردن تي اثر وجھڻ لاءِ سندن زالن کي سندن ڪمزوري سمجھي، ايذائيندا آھن يا لالچ طور ڪم آڻيندا آھن. تون جتي به ھجين، ھوشيار رھجانءِ ۽ انھن جي چالبازين ۾ نه اچجانءِ. تُروئِيءَ تي ڪوبه بار نه وجھجانءِ-“
    اُن کان پوءِ اڻ ٿيڻي ڳالھ ٿي. جيل جي آفيس ۾ ڪلاڪ کن کان پوءِ ھنن مون کي، ننڍڙي ڊان ۽ سندس ڏاڏيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان جو ڪوبه سبب نه ٻُڌايائون. مون اھا خبر ٻين قيدين کي ٻڌائڻ ٿي گھري، پر سنتريءَ مون کي موڪل نه ڏني.

    *******


    7

    مان فيڪٽريءَ ۾ ڪپھ صاف ڪرڻ جي ڪم تي موٽي ويس. تُروئِيءَ کي وقت به وقت کاڌي جي شين پھچائڻ ۽ شاديءَ جي رھيل قرض لاھڻ لاءِ منجھند ۽ رات جي وقت ڪم ڪرڻ شروع ڪيم- ھن کي ھڪ ٻيءَ اسپتال ”چوڪُوآن“ ۾ موڪليو ھئائون- ۽ ھن جي ملاقات تي سخت پابندي ھئي. جيترا ڀيرا مان ھن سان ملڻ ويس، ھر ڀيري روئيندي رھيس. رڳي مان نه، پر ان اسپتال ۾ ايندڙ ھر ملاقاتيءَ جون اکيون آليون رھنديون ھيون. ان اسپتال ۾ قيدين سان انتھائي بي رحميءَ جو سلوڪ ڪندا ھئا. اُتي قيدين سان ملاقات جو عجيب ۽ ڏاڍو ڏکوئيندڙ طريقو ھو. اسپتال جي وڏي دروازي جي ھڪ سوراخ مان رڳو ڏسڻ جي موڪل ھئي. دروازو اڱڻ وٽ ھو، ۽ اڱڻ جي پرئين پاسي پندرنھن وال پري، ھڪ لوھه جي ڄاري ھئي، جا ھڪ ننڍيءَ ڀت جي مٿان ھئي. مريض قيدي ڀت جي پوئين پاسي لوھه جي ڄاريءَ مان سوراخ ۾ اکيون وجھي، زور سان رڙيون ڪري، تُروئِيءَ کي سڏيندي ھيس. مان سندس جسم جو مٿيون حصو ڏسي سگھندي ھيس- ۽ ھن کي به منھنجي آواز مان خبر پوندي ھئي ته سوراخ مان ڏسندڙ اکيون منھنجون آھن. در وٽ ڏاڍي پِيھ ھوندي ھئي- ماڻھو پنھنجي پيارن جي ھڪ جھلڪ ڏسڻ لاءِ گھڙيءَ گھڙيءَ سوراخ وٽ ايندا ھئا. ان گھڙيءَ ۾ جيستائين ڪو پنھنجي قيديءَ کي ڳولي، تيستائين ڪو ٻيو کيس پري ڪري اچي سوراخ وٽ بيھندو ھو. جڏھن مان پھريون گھمرو ملاقات لاءِ آيس، ته لوھه جي در سان لڳي انتظار ڪرڻ لڳيس. ھڪ عورت ٻڌائي رھي ھئي، ”مون کي ائين ڪرڻ ۾ چار سال لڳي ويا ته منھنجو مڙس ھتي ھو. گذريل ڀيري مان ھتي آيس، ته منھنجي پٽ پنھنجي پيءُ جي فقط ھڪ جھلڪ ڏٺي. مان توھان کي منٿ ٿي ڪريان ته سوراخ وٽ مون کي ٿوري دير وڌيڪ بيھڻ ڏيو- ڇوته مون کي جلدي ’ھوئٖي‘ وڃڻو آھي.“
    گذريل ڀيري ھن جي پٽ پنھنجي پيءُ جي ھڪ جھلڪ ڏٺي ھئي. ھو ھڪ سنتريءَ پٺيان لڪي لڪي اندر وڃي رھيو ھو، ته پڪڙي ورتائونس، ۽ مار ڏيئي، ٻاھر ڪڍي ڇڏيائونس.
    وڏي در ۾ پوليس وارن جي اچ وڃ لاءِ ھڪ ننڍڙو دروازو به ھو. مريض قيدين لاءِ کاڌي پيتي جون شيون اتي وٺندا ھئا. ھڪ ڀيري مان دروازي تي تُروئِيءَ ھڪ ھڙَ پئي ڏني، ته ڪجھ وڌيڪ وقت لڳي ويو. ۽ دروازو ھڪ يا ٻه منٽ کليل رھيو. تُروئِيءَ مون کي در وٽ ڏسي، خوشيءَ مان رڙ ڪئي-
    ”تون آزاد ٿي وئينءَ؟“
    ”ھا-“
    ”ھاڻي ڪيئن آھين؟“
    ”بلڪل ٺيڪ آھيان.“
    ھو بيساکين تي ھلي، لوھي سيخن واريءَ دريءَ وٽ آيو، ۽ پنھنجو ھٿ ٻاھر ڪڍي لوڏڻ لڳو. پوءِ ان کان اڳي جو مان ڪوئي جواب ڏيان، دروازو بند ٿي ويو.
    مان ڊڪي وڏي در وٽ پھچي ويس ۽ اندر ليئو پاتم. ھو اڃا بيساکين تي پريشان بيٺو ھو. مون سندس نالو وٺي سڏ ڪيو ۽ ھٿ دروازي جي سوراخ ۾ وجھي لوڏڻ لڳيس. اندران سنتريءَ مون تي گارين جو وسڪارو لڳائي ڏنو، ۽ ھڪ پٿر کڻي مون ڏي اڇلايائين، جيڪو دروازي کي اچي لڳو. منھنجي مڙس کي ڏاڍو صدمو آيو ۽ ھن چيو-
    ”پياري ڪوئِينِ! تون ھفتي ھفتي نه، پر پندرھين پندرھين ڏينھن ھتي ايندي ڪر. ڇوته ھتي ھر ڀيري توکي ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي. ڪوئِينِ، تون منھنجو آواز ٻڌين ٿين-“
    مون پنھنجا سڏڪا جھليندي چيو، ”مون کي ڇونه ھن کان ڏھوڻي تڪليف ٿئي، ته به مان توسان ملڻ لاءِ اينديس. تون منھنجي ڳڻتي نه ڪر!“
    مون کيس سٺي کاڌي پھچائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ جيئن به ِٿي ٿي سگھيو، مان کيس ڪافي شيون پھچائيندي رھيس. مون کي خبر پئجي ويئي ته چوڪُوآن اسپتال ۾ قيدين کي آھستي آھستي ماريو ويندو آھي. ھنن کي وچڙندڙ بيمارين وارن، خاص ڪري سلھ ۽ ڪوڙھه جي مريضن سان گڏ رکيو ويندو آھي. ماني کين صفا ردي ۽ اڻ پوري ملندي آھي. ان ڪري مون چاھيو ٿي ته تُروئِي جلد ئي صحتمند ٿي وڃي، جيئن ھو ٽيون ڀيرو ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري سگھي.
    منھنجي ماءُ به ھن سان ملڻ لاءِ بيقرار ھئي، پر مون ھن کي جھليو. ڇو ته مون ڄاتو ٿي ته ناٺيءَ سان ھوءَ ھڪ لفظ به ڳالھائي نه سگھندي، ۽ کيس صدمو ٿيندو. پر ھن منھنجي ڳالھ نه مڃي، ۽ ايندڙ ملاقات تي منھنجي ننڍي ۾ ننڍي ڀيڻ ڪِينِ ۽ پاڻ تيار ٿي بيٺيون. ھوءَ چوڻ لڳي ته، ”مان ھڪ منٽ ڇا ھڪ سيڪنڊ ئي تُروئِيءَ کي ڏسان، ته به چڱو-“
    منھنجيءَ ماءُ جو ھو دلگھريو ناٺي ھو. امان کي يارھن ٻار ھئا، پر ھن ناٺيءَ کي ھوءَ سڀني کان وڌيڪ ڀائيندي ھئي. ھڪ ڀيري مزدورن جي بستيءَ ۾ باھه لڳي. تُروئِي ۽ ٻيا مزدور ڪم ڇڏي، باھه وِسائڻ ۾ لڳي ويا. اُھا باھه اسان جي گھر وٽ ھئي. ھن اسان جي گھر مان ڪيتريون شيون ڪڍي، سڙڻ کان بچايون. اُن واقعي کان پوءِ اُن بستيءَ جا ماڻھو تُروئِيءَ جي ڏاڍي عزت ڪرڻ لڳا- خاص ڪري منھنجي ماءُ. اِن ڪري مجبور ٿي، امان کي ملاقات تي وٺي وڃڻو پيم. ھن ڀيري ڀاڳن سان ڪجھ گھڙين لاءِ در کليل رھڻ جو موقعو ملي ويو. جيئن ئي امان منھنجي مڙس کي ڏٺو، خوشيءَ مان وٺي رڙ ڪيائين- ”منھنجا ٻچا، ڏس! تنھنجي ماءُ آئي آھي! تنھنجو حال ڪيئن آھي؟“
    ننڍڙيءَ ڪِينِ دانھن ڪئي- ”ادا! ادا!“
    تُروئِي کين ڏسي مرڪيو. ھن جواب ۾ ڪجھ چيو، پر ان وقت اڱڻ ۾ ايترو گوڙ ھو، جو سندس لفظ ٻڌڻ ۾ ئي نه آيا. اسان جي اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳا ۽ ھوءَ الاھي دير در وٽ بيٺي رھي. اُتي ڊزن کن مائرون ھڪ ٻئي سان ڏک سور اوري رھيون ھيون. ايتري ۾ ھڪ موٽر آئي، جنھن مان ھڪ پوليس آفيسر لھي، انھن عورتن وٽ ويو ۽ ھڪ کي چوڻ لڳو، ”تون وري ھتي به آئي آھين؟ مان جتي به وڃان ٿو، توکي ڏسان ٿو. ڇا تنھنجي ڇوڪري بيمار ٿي آھي، جو ھتي ڏسڻ آئي آھينس؟“ اُن عورت ڪنڌ ورائي، بنا ڪجھ ڪڇڻ جي، غمگين اکين سان پوليس واري کي ڏٺو. مون کيس سڃاڻي ورتو. ھوءَ چاچِي ’ج‘ ھئي، جنھن سان ٿورا ڏينھن اڳ منھنجي واقفيت ٿي ھئي. اُھو ڏينھن اربعا جو ھو ۽ ڏاڍو مينھن پئي پيو. مون در تي چنبڙي سوراخ تي اکيون ڄمائي، پنھنجي مڙس کي ٿي ڳوليو. پر مينھن جي ڪري ھو مون کي نظر نه آيو. مون ھن کي ڪيترائي سڏ ڪيا، پر منھنجا سڏ به برسات جي شور ۾ گم ٿي پئي ويا. مان سڄي پُسي ويس، ۽ ٿڪجي در وٽ روئڻ لڳيس، ته ڪنھن منھنجي ڪلھن تي برساتي ڪوٽ وڌو ۽ مون کي ٻانھن کان جھلي، ھڪ ويجھيءَ جاءِ ۾ وٺي آئي. اھا چاچي ’ج‘ ھئي. جڏھن ٻڌايومانس ته مان تُروئِيءَ جي زال آھيان، ته پيار مان ٿپڪي ھڻي، چيائين، ”مون ھتي توکي ڪيترا ڀيرا ڏٺو آھي.“
    پوليس آفيسر کيس چيو ته، ”مون توکي اڳي به چيو آھي ته پنھنجيءَ ڌيءُ کي رڳو ان ڳالھ تي راضي ڪر ته ھوءَ آمريڪي جھنڊي کي سلام ڪري ۽ مڃي ته ڪميونسٽ دھشت پسند آھن، ته کيس يڪدم آزاد ڪري ڇڏينداسين. تون چئن سالن کان رلندي ٿي وتين ۽ جيلن جي درن تي ڌِڪا ٿي کائين. ائين اجايو پنھنجي زندگي خراب نه ڪر.“
    چاچيءَ ’ج‘ جواب ڏنو، ”مون ھن کي ڄڻيو آھي. ان ڪري سنديس سار سنڀال لھڻ به منھنجو فرض آھي. ھوءِ جھنڊي کي سلام ڪري يا نه- ڪميونسٽن کي چڱو سمجھي يا خراب- اھا سندس مرضي- مان پنھنجي ڌيءُ کي اُن لاءِ ڪجھ نه چونديس.“
    مان ڏھون ڀيرو تروئِيءَ سان ملڻ ويس، ته ھو چوڪُوآن ۾ ڪونه ھو. گيٽ واري مون کي اڻ سڌو ٻڌايو ته ”تنھنجي مڙس جي طبيعت ھاڻي ٺيڪ ٿي ويئي آھي ۽ کيس جيل موڪليو اٿئون-“ منھنجو شڪ برابر ثابت ٿيو. ھن کي ٻيھر جنرل پوليس ڊپارٽمينٽ جي قيدخاني ۾ موڪليو ھئائون. ڀيڻ ’الف‘ جيل مان ڀڄڻ کان پوءِ مون کي ٻڌايو ته-
    4 آگسٽ جو صبح ھو. جيل جي اڱڻ ۾ پورھئي ڪرڻ وارن جو گوڙ ھو. ھڪ گاڏي زالن جي کولِين واري بلاڪ وٽ اچي بيٺي. گاڏيءَ جو در کليو ئي مس، ته اندران ڪنھن وڏي آواز ۾ چيو ته ’مان پاڻ ھلي سگھان ٿو-‘ ان کان پوءِ اسان ھڪ قيديءَ کي ڏٺو، جيڪو پوليس جي ٻن بدمعاشن جي ھٿن کان پاڻ ڇڏائي رھيو ھو. پر ھو ھلڻ کان معذور ھو ۽ گاڏيءَ جي فرش تي رڙھي رھيو ھو ۽ پنھنجي معذور ٽَنگ کي گھليائين پئي، جيڪا سڄي پٽين ۾ ويڙھيل ھئي. ھن کي چڍي ۽ ڀوري رنگ قميص پيل ھئي. جڏھن ھن اکيون مٿي کنيون، ته مون کيس سڃاڻي ورتو ۽ واڪو ڪيم- ’تُروئِي موٽي آيو آھي-‘ اُھو ٻڌي سڀ قيدياڻيون ڊڪ پائي، وراندي ۾ اچي پھتيون، جتي اچڻ جي منع ھئي. ھر ڪنھن جي دل ٽپا کائي رھي ھئي. سڀ چئي رھيون ھيون، ’ڪوئِينِ جو مڙس اچي ويو- تُروئِي موٽي آيو-‘ اھا خبر جھٽ پٽ کولين ۾ پھچي ويئي. مرد قيدي به اچي پھتا. سندن جسم پگھر ۾ آلا ھئا. ڄنگھن ۽ ٻانھن تي گاري ۽ سيمينٽ جا تھ چڙھيل ھئا. ھو گاڏيءَ کي ڦري آيا، ۽ اتاوليءَ مان پڇڻ لڳا، ’تُروئِي ڪٿي آھي؟‘ ان وقت يڪدم ڊزن کن پُٺا جھڪي ويا ۽ گاڏيءَ سان لڳ انساني پٺن جو ڄڻ ٿھو ٺھي پيو. تُروئِي ٻاھر نڪري آيو ۽ ھڪڙي قيديءَ جي چيلھ ۾ ٻک وڌائين. ساٿي سندس ڳِٽن سان ڳٽا گسائي رھيا ھئا. ٻين سندس جسم ۽ معذور ٽَنگ کي سھارو ڏنو. اھو سڀ ڪجھ ايترو تڪڙو ٿيو، جو ھو ڀاڙيتو ٺڳ ڏسي، وائڙا ٿي ويا. پوءِ ھو گاريون ڏيڻ لڳا- ’پري ٿيو- توھان کي ھن خونيءَ جي ويجھو اچڻ جي موڪل ناھي-‘ ھنن تُروئِيءَ کي پنھنجي ساٿين جي گھيري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيا. اسين قيدياڻيون درين جي سيخن مان کين پِٽينديون رھيونسين- ’ناپاڪ سوئر- توھان کي ھڪ زخميءَ سان اھڙيءَ ھلت جي جرئت ڪيئن ٿي- ھي ظلم آھي- سراسر ظلم-‘ مرد قيدي تُروئِيءَ کي گھيري ۾ وٺي ’سي‘ بلڊنگ ۾ آيا، جتي ھر نئين آيل جي ڪاغذن کي ڏٺو ويندو آھي. اُتي ھنن تُروئِيءَ کي ھڪ بينچ تي ليٽايو ۽ پوءِ پوليس وارن کي پنھنجي مڪروھه ڪاروائيءَ جي موڪل ڏني-
    ”ٻئي ڏينھن يعني 5 آگسٽ تي تُروئِيءَ کي مقدمي جي شنوائيءَ لاءِ کوليءَ مان ڪڍيائون. ھو پنھنجي دوست لوئيءَ جو سھارو وٺي، ڏاڍيءَ تڪليف سان ھلي، عورتن جي بلاڪ جي ڇيڙي تائين پھچي، گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٿوريءَ دير کان پوءِ گاڏي آئي ۽ ھن کي کڻي ويئي.“
    ھتي پھچي، ڀيڻ ’الف‘ ٿوري دير چپ ٿي ويئي. پوءِ ھن تفصيل سان مون کي انھن ڏھن منٽن جو احوال ٻڌايو، جيڪو ھوءَ تُروئِيءَ جي ويجھو رھي ھئي. ڀيڻ ’الف‘ انھن ڏھن منٽن کي زندگيءَ جو قيمتي حصو چوندي آھي. ھن چيو، ”مان ھن کان اٽڪل ٽي وال پري ھيس. عورتن جو بلاڪ ننڍڙيءَ ميز جي بلڪل سامھون آھي، جتي جيل اندر ۽ ٻاھر ويندڙ گاڏين جي داخلا ٿيندي آھي. تُروئِي ميز وٽ ھڪ ڪرسيءَ تي ويٺل ھو. ھن کي چڍي ۽ نيري قميص پيل ھئي. ھن جي وارن کي ڦڻي ڏنل ھئي. ھاڻي ھو ايترو ڏُٻرو نه پئي لڳو. سندس چپن تي مُرڪ ته نه ھئي، پر تڏھن به اسان کي ھن خوشيءَ ڀريل نظرن سان پئي ڏٺو. ھنن ڪميڻن کي ھن جو اسان جي ويجھو ويھڻ نه وڻيو. ھنن اسان کي مار جو دڙڪو ڏيئي، اتان ھٽائڻ جي ڪئي، پر اسان ڄمي ويھي رھيون سين، ۽ اتان چُريوسين به ڪين. پوءِ ھنن تنگ ٿي اسان کي چوڻ ڇڏي ڏنو. تُروئِي زالن جي بلاڪ آڏو ويھي رھيو. ھن جي اکين ۾ جياريندڙ ٻھڪ پيدا ٿي ويئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ھو مُرڪي ڪجھ چوڻ ٿو گھري. اسان سُس پُس ڪري ھڪٻئي کي تنھنجو پيغام ياد ڏياريو، پر افسوس آھي جو اسان اھو کيس نه پھچائي سگھيونسين، ڇوته چار بدمعاش لڳاتار سندس چوڌاري بيٺا رھيا، ۽ تي ته اصل چُريائي نٿي. توکي ته سندن نالا به ياد ھوندا- گياپ، لُوڪ ۽ تام ھيُو. تُروئِيءَ کي اتي ويٺي ٻه منٽ ٿيا ھوندا ته بدمعاش لُوڪ کيس ٽوڪ مان چيو: ’تون اڃا جوان آھين- مون کي خبر آھي ته تنھنجي زال به سھڻي ۽ جوان آھي، ۽ توھان جي شادي نئين نئين ٿي آھي. توکي پنھنجي خوشيءَ جو خيال ڇونه ٿو اچي. تون ويٽ ڪانگ جي گَشن ۾ اچي، اھري قِسم جو ڏوھه ڪيو-‘
    تُروئِيءَ اسان تان نظرون ھٽائي، زھريلي مُرڪ سان چيو- ’ڏوھه- ؟ مون ته پنھنجي وطن جي ڀلائيءَ لاءِ ھيءُ ڪم ڪيو- ڇا آمريڪي حمله آورن کي قتل ڪرڻ ڏوھه آھي؟‘
    ’تون پنھنجي ڪم کي صحيح ڪيئن ٿو چوين! تون معذور ٿي ويو آھين- ويٽ ڪانگ جي گَشن تي لڳڻ جو اھو نتيجو اٿئي-‘
    ھاڻي تُروئِيءَ ان بدمعاش جي اکين ۾ اکيون وجھي، سختيءَ سان جواب ڏنو، ’مون کي ڪنھن به گَشو نه ڏنو آھي. مون کي آمريڪي حمله آورن کان سخت نفرت آھي. مون کي ميڪنمارا کان نفرت آھي، جنھن ڏکڻ تي ايتريون مصيبتون آنديون آھن. مون کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.‘
    ”گياڊِنِ جيل جو بدنام ٺڳ گياپ سندس سامھون ويھي رھيو ۽ چوڻ لڳو، ’ان جو نتيجو به ته ظاھر آھي! تو پنھنجي ٽَنگ به ڀڃائي- ۽ جيل ۾ به پيو آھين-‘
    تُروئِيءَ جو منھن ڪاوڙ مان لال ٿي ويو- ھن ميز کي جھلي، ھڪ ھڪ لفظ چِٻي چِٿي چيو، ’اوھان سڀ ڪن کولي ٻڌو- جيڪو ڪجھ مون چيو آھي، اُھو صحيح آھي. مون حمله آورن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھيءُ ڪم ڪيترو به خطرناڪ ڇونه ھجي، مان زخمي ۽ اپاھج ٿي وڃان يا مري وڃان- اُن ۾ مونکي ڏاڍي خوشي ٿي حاصل ٿئي. مان اُنھن ٽوڊين، پڇ- لٽڪائو ڪتن وانگر جيئڻ نٿو گھران، جيڪي پنھنجي حياتي سلامت رکي، پنھنجي وطن کي ۽ وطني ڀائرن کي نقصان ٿا پھچائين.‘
    اُھو ٻڌي، گياپ جي مُنھن تي ڦڪائي ظاھر ٿي-
    ’تو اسان کي ٽوڊي چيو آھي.‘
    تُروئِيءَ ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. اسان جون دليون ڌڙڪڻ لڳيون. ھن جي چوڌاري بيٺل بدمعاش جھنگلي جانورن وانگر گِرڻ لڳا، پر ھن کي ھيسائي نه سگھيا. اُن کان اڳ مان حياتيءَ ۾ اھڙو بي ڊپو شخص نه ڏٺو آھي. مون کي اھڙن مجاھدن سان گڏجي وڙھڻ ۽ سندن ساٿي سڏائڻ تي فخر آھي. ھُن وڏيءَ دليريءَ سان سندن بڪواس جو جواب ڏنو.
    گياپ چڙي پيو، ’ائين سھي- پر اسان ته ھڪ ڏينھن به ڏکيو نه گھاريو آھي. اسان کي خوب کائڻ پيئڻ لاءِ ملي ٿو. اسان جون زالون توڙي ٻار عيش پيا ڪن. جي تون ائين ڳالھائيندين ۽ ڪِئي تي نه پڇتائيندين، ته پوءِ اسان مان نرميءَ جي اميد نه رکجانءِ-‘
    تُروئِيءَ اِھو ٻڌي، بگڙي ويو، ۽ انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چيائين، ’مان توھان وانگر زندگي گھاري نٿو سگھان. اھڙيءَ حياتيءَ کان موت بھتر ٿو سمجھان-‘
    اُن تي ڳاڙھي وات واري ڊگھي تام ھِيؤ کِلي، تُروئِيءَ جي ڀڳل ٽنگ ڏي اشارو ڪري چيو، ’تون موت جي منھن ۾ اچي به ضد تي قائم آھين. پنھنجي ڀڳل ٽنگ ته ڏس! ھي ويٽ ڪانگ جي ڦندي ۾ اچي وڃن جو نتيجو آھي.‘
    ھاڻ تُروئِيءَ کان جھليو نه ٿيو. ھو ڀڳل ٽنگ سان اٿي بيٺو، ۽ پنھنجي ٻانھن مٿي ڪري ٻه ٽي قدم اڳتي ھليو. پوءِ بدمعاش ڏي ڏسڻ کان سواءِ زورائتي آواز ۾ چيائين، ”توھان ڪميڻا آھيو. مان توھان سان ڳالھائڻ نٿو گھران-“
    لوئِي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو ھو. ھُن تُروئِيءَ کي بيٺل ڏسي، يڪدم ٽپو ڏنو- ۽ ڊوڙ پائي وٽس پھچي ويو، جيئن ھو ڪِري نه پوي. پر ان وقت مون کي تُروئِيءَ جي شخصيت ۾ اڻ ڄاتي طاقت آيل پئي لڳي. ھو سڌو ٿي بيٺو ۽ آسمان ڏي نھارڻ لڳو.
    موٽر جي پھچندي ئي ھنن کيس ڌڪو ڏيئي، ان ۾ ويھاريو. ان ڏينھن لوئِيءَ ۽ سندس خلاف ڪيس ھلڻو ھو. جڏھن گاڏي رواني ٿي، ته اسان سڀ بيھي رھيوسين ۽ نعرا ھڻي، کين روانو ڪيوسين. ھو موٽر جي در کي جھلي، مڙي، اسان کي ڏسڻ لڳو. ان کان پوءِ جڏھن به ٻين قيدين سان ملڻ ٿيندو آھي، ته اُنھن املھ ڏھن منٽن جي ڳالھ ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندا آھن، جن ۾ مون کي تُروئِيءَ کي ويجھو ڏسڻ جو وجھ مليو آھي. اُن کان پوءِ جڏھن به پوليس اسان کي ماريندي آھي يا جلاوطنيءَ جو حڪم ڏيندي آھي، ته اسان ھڪ ٻئي کي چونديون آھيون ته ’اسان کي تُروئِيءَ وانگر بھادر ٿيڻ کپي ۽ اُن وانگر زندگي گھارڻ کپي.‘


    8

    -سائيگان ۾ حالتون روزبروز خراب ٿينديون پئي ويون. ھاڻي رات جو به مظاھرا ٿيندا ھئا. منھنجا پيءُ ماءُ پاسي واري ڳوٺ ۾ رھندا ھئا. اتي پينٽر، ملازم، رڪشا ڊرائيور، شاگرد ۽ کنڊ جي ڪارخاني جا مزور وڏي تعداد ۾ رھندا ھئا. ھنن سڀني ڪم ڇڏي ڏنو، ۽ ’کانِ‘ کان (جيڪو ان وقت ٽوڊي حڪومت جو اڳواڻ ھو) استعيفا جو مطالبو ڪرڻ لڳا، ۽ جھندا ۽ بئنر کڻي، سندس ھيڊ ڪوارٽر وٽ مظاھرا ڪرڻ لڳا. نگويِن کانِ منھنجي مڙس کي موت جي سزا ڏيڻ واري حڪم نامي تي صحيح ڪئي ھئي. ھاڻي اُنھيءَ ئي کانِ تي چوڌاري لعنتن جو وسڪارو ٿي رھيو ھو. قيد ۾ رھندي، مون ٻڌو ھو ته جي شھر سائيگان جا ويھ لک ماڻھو شھر جي اندران ۽ ٻاھران ٻَڌي ڪري ٽوڊي حڪومت تي حملو ڪن، ته دشمن جو خاتمو ٿي وڃي. اُنھن ڏينھن ۾ مان سخت پريشان ھُيس. ۽ منھنجي دل ۾ ھروقت اِھو خيال ھو ته سائيگان جا ماڻھو اُٿي کڙا ٿين، ته مان يڪدم قيدخاني ھلي وينديس، ۽ مڙس کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ماڻھن سان ملي، جيل جي ڀتين کي ڊاھي ڍير ڪنديس. مون کي خبر نه ھئي ته ھو ڪھڙي جيل ۾ آھي. سترھين آگسٽ تي ھن کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو ھو ۽ ھاڻي ھو الائي ڪٿي ھو! مان ھن کي روز ڳوليندي ھيس.
    مان اُن ڳڻتيءَ ۾ ڳري رھي ھيس. ڇا، ھو اڃا به چِي ھُوا جيل ۾ آھي، يا مونکي بيوقوف بڻائڻ لاءِ روز سندس جيل مٽائيندا رھن ٿا! ممڪن آھي ته ھِن وقت تائين ماري ڇڏيو ھجننس. مان کيس ڳولڻ لاءِ جيل ۾ موت جي سزا وارن قيدين جي وارڊ ۾ پھتيس. مان اڃا ھڪ سنتريءَ جي جواب جو انتظار ڪري رھي ھيس، ته اوچتو منھنجي ڪنن تي آواز پيو، ”ڪوئِينِ- ڪوئِينِ!“
    اُھو منھنجي مڙس جو آواز ھو. جڏھن مان ڊوڙ پائي ٻاھر آيس، ته جيل جي ھڪ گاڏي منھنجي آڏو لنگھي ويئي. گاڏيءَ جي ننڍڙيءَ دريءَ مان مونکي تُروئِيءَ جو منھن نظر آيو. ھو مونکي سڏي رھيو ھو ۽ الوداع چئي رھيو ھو. مان بدحواس ٿي گاڏيءَ جي پٺيان ڊوڙيس ۽ رڙيون ڪرڻ لڳيس ته ”ماڻھؤ، منھنجي مڙس کي بچايو- ھي کيس مارڻ ٿا وٺي وڃن-“ گاڏي ھڪ موڙ وٽ نظرن کان اوجھل ٿي ويئي. مان رستي جي اڏامندڙ دز کي ڏسندي رھجي ويس. مان مدد لاءِ پڪاري رھي ھيس ۽ ”تُروئِي، منھنجا تُروئِي!“ پڪاري رھي ھيس. آفيس جي دريءَ مان منھن ڪڍي، ھڪ سنتريءَ چيو، ”ڇاجي لاءِ ٿي رڙيون ڪرين. ھو تنھنجي مڙس جون تصويرون ڪڍڻ ويا آھن. ٽپھريءَ جو موٽي ايندا. مان توکي پاسِ ڏيندس. ٽين وڳي اچجانءِ توکي ملاقات جي موڪل ملندي.“
    مون کي ھن کي اعتبار نه آيو- ”سچ ٿو چوين؟“
    ”ھا ھا- ھي وٺ پاسِ.“
    اُن کان پوءِ مون کي اطمينان ٿي ويو. ٽين وڳي مان اُتي پھتيس. موت جي سزا وارن قيدين جي ڪمري ۾ تُروئِي منھنجي انتظار ۾ ھو. ھو پنھنجي ٻانھن ڪَنڌ جي ھيٺان ڏيئي، ھڪ بينچ تي ليٽيو پيو ھو. سندس ڀرسان ھڪ قيدي ويٺو ھو، جيڪو ٽماڙ تان سھارو ڏيئي کيس ھيٺ لاھي آيو ھو. ڪجھ فُٽ پري، ھڪ پوليس جو ماڻھو ننڍڙيءَ ميز آڏو ويٺو ھو. تُروئِيءَ جو دوست مونکي ايندو ڏسي، اٿي ويٺو. ھن کي اڇي قميص ۽ ليڪن واري چڍي پيل ھئي.
    مون کاڌي جي شين جي ٽوڪري ھٿ ۾ مضبوط جھلي، ته ڪٿي ڪِري نه پوي. مون کي پنھنجي قيدي ساٿين جي نصيحت ياد آئي ته ”پنھنجو ڪَنڌ سدائين مٿي رکجانءِ. ڇا به ٿئي، روئجان نه! روئڻ سان تنھنجي پيارن جي پريشاني وڌي ويندي.“ مون نٿي گھريو ته تُروئِيءَ کي زندگيءَ جا بچيل ٻه ٽي ڏينھن منھنجي ڪري پريشاني ٿئي. اُن ھوندي به بي اختيار منھنجي اکين مان لُڙڪ وھي ھليا، ۽ مان انھن جي لوڻياٺ پنھنجي چَپن تي محسوس ڪئي. مون سندس نالو وٺڻ گھريو، پر منھنجي نِڙي گھُٽجي ويئي.
    مون لُڙڪ پي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. چَپ ۾ چڪ وڌم. ۽ ڪجھ چوڻ کانسواءِ سندس ويجھو ويس. ھن پنھنجون ٻانھون کولي ڇڏيون ۽ منھنجون ٻيئي ٻانھون سوگھيون جھلي، مون کي پنھنجي ڀرسان بينچ تي وھاريو. مون پنھنجو مٿو سندس ڪُلھي تي رکي ڇڏيو. پر مونکي غم تي ڪو وس ئي نه ھو. مون ڳالھائڻ گھريو، پر زبان مان سندس نالو به اڪلي نه سگھيو. مان ھن کي چنبڙي پيس، ۽ منھنجي جھلَ جي آخري ڪوشش به نه ھلي ۽ مان سڏڪا ڀرڻ لڳيس.
    ھن ڪيترو وقت منھنجي وارن کي پئي پيار سان لسايو، ۽ پوءِ چوڻ لڳو، ”توکي اھا خبر پڙھي صدمو ٿيو ھوندو-“ مون سُڏڪن سان گھُٽيل آواز ۾ چيو، ”مان ڇا ٻڌايان- مون کي مائٽن ۽ سڄڻن ڏاڍي رک رکاءَ سان اھا خبر ٻڌائي، پر ھو پاڻ به روئڻ لڳا. مان ڪيترا ڏينھن ڳوليندي رھيس ته تون ڪھڙي جيل ۾ آھين. بابا اپيل ڪرڻ لاءِ ھڪ وڪيل ڪيو آھي.“
    تُروئِيءَ ان تي ڪاوڙجي چيو، ”وڪيل ٻڪيل نه ڪيو- اجايو پئسا ٿا وڃايو-“ ان کان پوءِ ھن منھنجا ڳوڙھا اُگھي چيو، ”مون سان ناتو رکي، تو ڏاڍا ڏُک پرايا آھن. ڇا تون به مونکي ڏوھي ٿي سمجھين؟“
    ”مان توسان پيار ٿي ڪريان، مون کي توسان شڪايت ڇو ٿيندي؟ مون گھڻن وقتن تي توکي سمجھڻ ۾ ڏاڍي غلطي ڪئي، پر جيل ۾ ساٿين مون کي تعليم ڏني ۽ مون کي غلطين کي سمجھڻ لائق بڻايو. جڏھن مون غلطي محسوس ڪئي، ته مان ڏاڍي شرمندي ٿيس. مون کي اھو وھم گمان ۾ به نه ھو ته تون انقلابي ڪم ۾ لڳل آھين، اِن ڪري مان ڪڏھن ڪڏھن شَڪي ۽ جھيڙاڪار ٿي پوندي ھيس، ۽ تنھنجي ڪم ۾ رنڊڪ وجھندي ھيس-“
    ھو چوڻ لڳو، ”اسان جي شاديءَ کان ٿورو ئي اڳ مان اُن ڪم ۾ ڏاڍو رُڌل ھوس. اُن ڪري مون کي ڏينھن رات گھر کان ٻاھر رھڻو پوندو ھو. اُنھيءَ قسم جي ڪمن ۾ اصول موجب پنھنجي ڪم کي راز ۾ رکڻو پوندو آھي. اِنھيءَ ڪري ڪڏھن ڪڏھن مان توسان ڪوڙ به ڳالھائيندو ھوس. اِن ڪري ئي تون منھنجي وفاداريءَ تي شڪ ڪرڻ لڳينءَ. مون کي اُن جي خبر ھئي، ۽ تولاءِ مون کي ڏُک ٿيندو ھو. جڏھن کان اسان جي شادي ٿي، مان انجام موجب توکي گھمائڻ نه وٺي ويس، پر اُن کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه ھو. مون کي خبر آھي ته مون توسان چڱو ورتاءُ نه ڪيو. شاديءَ کان پوءِ روز شام جو مان نڪري ويندو ھوس ۽ رات جو دير سان گھر موٽندو ھوس، جو مون کي گڏجاڻين ۾ وَڃڻو پوندو ھو، ۽ پنھنجي اوزارن کي ٺيڪ طرح سان لڳائڻ لاءِ دشمن جي چرپر تي نظر رکڻي پوندي ھئي. آءٌ پاڻ کي سٺو مڙس نه بڻائي سگھيس. جي تون ڪاوڙجي ويندي ھئينءَ، ته مان اھو چئي، لنوائي ڇڏيندو ھوس ته مون کي پنھنجو ڪم ڪرڻو آھي. جي تنھنجي جاءِ تي مان ھجان ھا، ته اھڙيون حالتون مون کي پڻ شڪي بڻائي ڇڏين ھا. تون وفادار زال ثابت ٿي آھين. ڪا ٻي رواجي عورت اھڙين حالتن جو مقابلو نه ڪري سگھي ھا. مون کي خبر ھئي ته تون ڏاڍي پريشان آھين، پر مان توسان کولي ڳالھ نه ٿي ڪري سگھيس. مون سوچيو ته پنھنجو ڪم پورو ڪري، پوءِ توکي ٻڌائيندس. ھاڻي ته تون سڀ ڪجھ سمجھي ويئي آھين-“
    ”مون کي ان وقت خبر پئجي ويئي ھئي، جڏھن ھو توکي ھٿڪڙيون ھڻي گھر وٺي آيا ھئا.“
    ھن چيو، ”مان ڪيترا ڀيرا چوندو ھوس، ته مون کي ڪُوڙن ۽ دوکيبازن کان سخت نفرت آھي، ۽ ماڻھوءَ کي ننڍي کان ننڍيءَ ڳالھ لاءِ به ڪوڙ نه ڳالھائڻ نه کپي. ان ھوندي به مون پاڻ ئي توکي دوکو ڏنو ۽ ڪُوڙ ڳالھايا. مون کي ان لاءِ ڪابه ڦِڪائي، ڪوبه پڇتاءُ ڪونھي، ڇوته اِئين مون انقلاب جي عظيم مقصد خاطر ڪيو- ايندڙ وقت ۾ جي توکي سائيگان جي شھر ۾ انقلابي ڪم ڪرڻو پيو، جيڪو دشمن جي ايجنٽن ۽ جاسوسن سان ڀريو پيو آھي، ته توکي به ڳالھيون ٺاھڻيون پونديون.“
    مان ھڪ سنگتڙو ڇلڻ لڳيس، ته ھن مون کي جھليو ۽ چيائين، ”اِھو مان پوءِ کائيندس. اسان وٽ ڪجھ گھڙيون بچيل آھن. مون کي اڃا گھڻيون ڳالھيون ڪرڻيون آھن. جڏھن ھو مونکي جنرل پوليس ڊپارٽمينٽ جي قيدخاني ۾ وٺي آيا، ته ٻين قيدين مون کي تنھنجون سڀ ڳالھيون ٻڌايون. ھنن ٻڌايو ته تون ڪافي اڳتي وڌي آھين. تون ھنن جون نصيحتون ڌيان سان ٻڌندي ھئينءَ. منھنجي لاءِ اِھا خبر مِٺي گيت مثل ھئي. اڃا به مون کي قيد مان ڀڄي سگھڻ جي اميد آھي. ٿي سگھي ٿو دشمن ڪنھن به وقت ڪابه ڪاروائي ڪري. جيڪڏھن ڪو بُري ۾ برو واقعو ٿئي، تڏھن به تون دوستن سان ڪم کي جاري رکجانءِ.“
    ھو خبرداريءَ سان ڳالھائي رھيو آھي، پر مون سندس مطلب جھٽي ورتو ۽ سمجھي ويس ته ”بُري ۾ بُرو واقعو“ ڇا آھي. ھن رومال ڪڍيو ۽ منھنجا ڳوڙھا اگھيا. ۽ پوءِ منھنجي ڪَن ۾ چيائين، ”منھنجا ساٿي اھو بندوبست ڪندا ته تون اڪيلي نه رھجي وڃين. تو جيل ۾ پنھنجي اکين سان سڀ ڪجھ ڏٺو آھي. مان اڪيلو ناھيان. ظلم ۽ ڏاڍ جي ھوندي، ھزارين ساٿي انقلاب سان وفادار آھن. تون جن ماڻھن کي گھٽين ۾ گھمندو ٿي ڏسين، اھي رڳو پيٽ ڀرڻ لاءِ ھڏ نٿا ھڻن، پر انقلاب لاءِ پڻ ڪم ڪن ٿا. ھر شخص پاڻ تي مقرر ٿيل فرض پورو ٿو ڪري. بيشمار عورتون پنھنجي مڙسن، ماءُ پيءُ پنھنجن پٽن ۽ ڀينرون پنھنجن ڀائرن کان ڌار ٿي چڪيون آھن. تون به انھن جي مثال تي ھل. توکي به ڪونه ڪو انقلابي ڪم ڪرڻ کپي- پوءِ رڳو اشتھار ورھائڻ يا ڪا سٺي خبر مشھور ڪرڻ جو ڪم ڇونه ھجي.“
    مون چيو، ”مان ڊڄان ٿي- ھو مون تي اعتبار نه ڪندا- مان ڪو نه ڪو انقلابي ڪم ڪرڻ گھران ٿي- تنھنجي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ اڳي کان وڌيڪ اُن تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جي چاھنا اٿم-“
    ھُن ڳالھه جو رخ ٻئي پاسي موڙيو-
    ”ڇا- سچ پچ ھُنن اُتر تي بمباري ڪئي آھي؟“
    ”ھا-“
    ”گھڻا ڀيرا؟“
    ”رڳو ھڪ ڀيرو-“
    ”ڇا اسان جي ماڻھن ڪو ھوائي جھاز ڪيرايو؟“
    ”چار آمريڪي جھاز-“
    ”اسان جو ڪو نقصان ٿيو؟“
    ”گھڻو نه- ڪناري سان فقط ڪجھ ڳوٺن تي حملو ٿيو-“
    ھو ڏاڍو خوش ٿيو- ”اتر تي حملو ڪري، ھو رڳو تباھيءَ کي سڏيندا. جي ھو وري حملو ڪن، ته خبرون خيال سان پڙھجان، ۽ ايندڙ ملاقات ۾ مون کي تفصيل سان ٻڌائجان.“ (آمريڪا 5 آگسٽ 1964ع تي اتر ويٽ نام تي پھريون ھوائي حملو ڪيو ھو.)
    ان کان پوءِ ھو دوستن ۽ مائٽن جي باري پڇڻ لڳو. “جڏھن تون مائٽن سان ملين، ته منھنجي پاران کانئن معافي وٺجانءِ. ھو اسانجي شاديءَ تي به آيا، پر مان ھڪ ڀيرو به انھن وٽ نه ويس. امان ته ڏاڍي ڏکويل ھوندي-“
    سنتريءَ ملاقات جي وقت ختم ٿيڻ جو اعلان ڪيو. مون تُروئِيءَ کي اٿي بيھڻ ۾ مدد ڏني ۽ ساڻس چنبڙي پيس. مون کي ائين لڳو ته ڄڻ وري مان ھن سان ملي نه سگھنديس. مون آخري سوال ڪيو-
    ”ڇا مان توسان وري ملي سگھنديس؟“
    ھن مونکي ٻانھن ۾ وٺي چمي ڏني. سندس ڳَل منھنجي ڳوڙھن سان ڀڄي ويا. ھن منھنجي مُنھن کي ڏسندي چيو، ”اسان ضرور ملنداسين- خاطري ڪر-“
    مون ٻنھي ھٿن سان سندس ڪُلھن کي پڪڙيو ھو. ھن آھستي آھستي منھنجي مٿي کي پنھنجي سيني کان الڳ ڪيو، ۽ ھو منھنجي وارن کي پيار سان لسائڻ لڳو.
    ”پنھنجي جيل جي ساٿين وانگر حياتي گذار- مصيبتن کي صبر ۽ ھمت سان سَھڻ سِک ۽ دل وڏي ڪر-“
    مون ھن کي ڪمري جي ٻئي ڇيڙي تائين سھارو ڏنو. اتان ٻئي قيديءَ کيس سنڀاليو ۽ ٻيئي ڏاڪڻ تي چڙھڻ لڳا. منھنجون نظرون کيس اوستائين ڏسنديون رھيون، جيستائين ھو اُنھن کان اوجھل ٿي ويو، ۽ مان اتان موٽي آيس.
    مون ٽيھين آگسٽ جو جو ڏاڍيءَ بي صبريءَ سان انتظار ڪيو. ان ڏينھن مون کي تُروئِيءَ سان وري ملڻو ھو. مون سوچيو ته ’ڇا اسان جي ھيءَ ملاقات آخري ٿيندي! مون تُروئِيءَ لاءِ اِلاھي شيون تيار ڪيون. ڪپڙن ۽ ٿيلھن تي مون پنھنجي ھٿ سان تُروئِيءَ جو ۽ پنھنجو نالو ڀريو. پلاسٽڪ جي ھڪ لَڪڻ ۽ ھڪ ڪوپ تي به مون ٻيئي نالا لکيا. مون قيدين کان ٻُڌل سڀ گيت ياد ڪيا ھئا ۽ انھن مان سڀ کان وڌيڪ وڻيل گيت رومال تي ڀريم. ان ڪم ۾ مون کي ڪي ٽي راتيون لڳيون، ڇو ته ھڪ ھڪ ٽاڪو خبرداريءَ سان ھڻڻو ٿي پيو- تُروئِيءَ ھي سڀ ڏسي ڪيترو نه حيران ٿيندو. ھو اعتبار ئي نه ڪندو ته ڪو اِھو سڄو ڪم مون ڪيو آھي.‘ ڀرت ڀري، مان پيڪن ۾ ويس، ۽ مشين تي ڪپڙن کي جھالر لڳايم. منھنجي ڀيڻ اِھو گيت بابا کي پڙھي ٻڌايو-

    ”لھرن ۽ تيز ھوائن ۾،
    طوفانن ۽ واچوڙن ۾،
    دل توسان وفا ڪندي رھندي،
    تون خطرن کان محفوظ رھين،
    شل کَٽي اچين ھت خيرن سان،
    ۽ وطن وري ٿئي ھڪ مِلي-“

    بابا دانھن ڪئي، ”اڙي جي پوليس تو وٽ ھي ڏسي ورتو، ته توکي ماري ڇڏيندي- اڳ ۾ ئي گھڻيون تڪليفون ڏٺيون اٿئي-“
    ”توھان فڪر نه ڪريو. ھاڻي مون کي ڪوبه پڪڙي نٿو سگھي-“ 30 آگسٽ صبح جو مان چِي ھُوا جيل ۾ پھتيس. مان اڃا جيل جي آفيس ۾ گھڙيس مَس، ته اتان جي پوليس سارجنٽ مون ڏي اشارو ڪندي چيو، ”سرڪار نگويِن وان تُروئِيءَ سان تنھنجي ملاقات تي بندش وجھي ڇڏي آھي. اڳئين گھمري، تو ھن جي ڪَن ۾ الائي ڪھڙي ڦوڪ ڏني، جو ھن جيل ۾ ھنگامو مچائي ڇڏيو.“
    ”مون ھن جي طبيعت پڇي ھئي، ۽ گھرو ڳالھيون ڪيون ھيونسين. ان کان سواءِ ته مون ڪابه ڳالھ نه ڪئي ھئي-“
    مون ڏاڍيون منٿون ڪيون، پر ڪجھ نه وريو. ھن کاڌي جي شين پھچائڻ کان به انڪار ڪيو. جيل جي در تي مسز ’ج‘ ملي ويئي. ھن مون کي ڏسندي ئي روئي ڏنو-
    ”تنھنجي مڙس کي موت جي سزا ڏني اٿن نه؟“
    ”ھائو-“
    ”تون ھن سان ملڻ آئين آھين-“
    ”پر ھو ملڻ نه ٿا ڏين-“
    ھن کاڌي جي شين پھچائڻ جو بار پاڻ تي کنيو ۽ مون کي اڳتي ملاقات لاءِ پاس ھٿ ڪرڻ جو طريقو ٻڌايو. منھنجي قسمت چڱي ھئي، جو ان ڏينھن ھوءَ ملي ويئي. سنديس ڇوڪريءَ کي تازو چوڪُوآن اسپتال مان چِي ھُوا جيل ڏي موڪليو ھئائون. پنھنجي ڇوڪريءَ جي سار سنڀال لھندي ۽ جيلن جي درن تي رلندي، ھن کي ڪيئي سال ٿي ويا ھئا. ان ڪري ھن جي پوليس وارن سان واقفيت ٿي ويئي ھئي، ۽ پاس ھٿ ڪرڻ جا طريقا سکيا ھئائين.
    نيٺ مون کي 18 سپٽمبر تي چِي ھُوا جيل اچڻ لاءِ چيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته ان ڏينھن مون کي پاس ملندي، ۽ تُروئِيءَ سان ملاقات جي تاريخ ٻڌائيندا. جڏھن مان اُن تاريخ تي اتي پھتيس، ته پوليس واري ٻڌايو ته ”اڄ ٽپھريءَ جو تون ملاقات ڪري سگھين ٿي.“ ھُن بَڪ ڪئي ته ”تنھنجي مڙس ڪئٿلڪ مذھب قبول ڪيو آھي. اڄ پادري کيس ڪرستان ڪري آيا آھن-“
    مان جيل جي در کان ڊڪ پائي ٻاھر آيس، ۽ جلدي جلدي ميوو ۽ ٻيون شيون ورتم. تُروئِي نه سگريٽ پيئندو ھو نه چانھ. ميون سان دل ھيس. مان ٻنھي ھٿن ۾ لفافا کڻي، جھٽ ملاقاتي ڪمري ۾ پھتيس. اُتي ھو منھنجو منتظر ھو.
    ”توکي ڏاڍو انتظار ڪرڻو پيو-“
    ھن منھنجي ڳَلن تان وارن جون چڳون ھٽائيندي چيو، ”ھا، ڪافي وقت کان. تنھنجو ساھه ڇو ڀرجي آيو آھي؟“
    ”مون کي اميد نه ھئي ته ڪو اڄ توسان ملڻ ڏيندا. انڪري مان ڪپڙا ۽ ٿيلھو نه آڻي سگھيس. مون کي اڄ ئي پاس ملي آھي. ھونءَ ته پاس ملڻ کان ٻه ڏينھن پوءِ ملاقات ڪرائيندا آھن، پر چيائون ته ڪو خاص واقعو ٿيڻ وارو آھي. سو جي ملڻو اٿئي ته اڄ ئي ملي وٺ. ان ڪري مان ڊڪ پائي تولاءِ شيون وٺي آيس، جيئن گھڻو انتظار نه ڪرڻو پوي.“
    ھن منھنجي پارسلن کي ڏسندي چيو، ”تون اجايو خرچ ٿي ڪرين. مون کي ايڏين شين جي ضرورت ناھي. تون شاديءَ جي قرض لاھڻ لاءِ پئسو بچاءِ-“
    ”قرض جو فڪر نه ڪر- مون بندوبست ڪري ڇڏيو آھي- پر اِھو ته ٻڌاءِ ته تون سچ پچ ڪئٿلڪ ٿي ويو آھين ڇا؟ مذھب مٽايو اَٿئي ڇا؟“
    ”ڪير ٿو چوي؟“ ھن حيرانيءَ مان پڇيو.
    ”جيل جي آفيس وارا-“
    ”اِھو ڪوڙ آھي- مان اِئين ڪڏھن به نه ڪندس. ڪجھ پادري آيا ھئا، ۽ مون کي ھِرکائڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر مون کُتا جواب ڏنن. ھاڻي ھو ڄاڻي واڻي اھڙيون ڳالھيون ٿا ھُلائين، جيئن ٻاھر وارن ساٿين تي اِھو تاثر پوي ته مان دشمن سان ملي ويو آھيان.“
    ”تنھنجون پٽيون ڪڏھن کُليون؟“
    ”پندرھين تاريخ. امان ۽ بابا ڪيئن آھن؟“
    ”خوش آھن- ننڍڙي ڪِين توسان ملڻ لاءِ ضد ڪندي آھي. مان ته ڊان کي به آندو پئي، پر پوليس مون تي ھر وقت نظر ٿي رکي. مان نٿي گھران ته اُن ويچاري جي گھر تي وري ڪا مصيبت اچي.“
    ”اسپتال ۾ مون سان ملاقات کان پوءِ ننڍڙي ڪِينِ ڇا چوندي آھي؟“
    ”ھوءَ ماڻھن کي وڏائيءَ سان چوندي آھي، ته مون ادا کي ڏٺو آھي- ھو ڪاٺين تي پئي ھليو، ۽ مون کي ڏسي مُرڪيو ھو-“
    ”مون کي ھن سان ڏاڍي دل آھي، مون کي ڏسي ھُن ڪيئن نه ھٿ لوڏيو، ۽ ’ادا‘ ’ادا‘، چيو ھو! مون کي سندس ويجھي نه ڏسڻ جو ڏک رھجي ويو. تون ھن مھيني جي پڇاڙيءَ ۾ ملڻ اچين، ته کيس وٺي اچجانءِ. ڊان لاءِ به ڪجھ رانديڪا وٺي وڃجانءِ ۽ چئجانس ته ھي چاچا تُروئِيءَ موڪليا آھن. اِن عمر ۾ مان به ائين ھوندو ھوس. مون وانگر ھو به پيار جو بکيو آھي. منھنجي خاطر ھُن جو خيال رکجانءِ! انجام؟“
    مون چپن ۾ پڇيو، ”اڳئين ملاقات تي تو ھتي ڪھڙو ھنگامو ڪيو ھو! چون ٿا ته تو وڏو گوڙ ڪيو ھو ۽ منھنجي ملاقات به بند ڪري ڇڏيائون-“
    ”مون ٻين قيدين کي خوش ڪرڻ لاءِ اُنھن کي به اِھا خوشخبري ٻڌائي ته آمريڪين اتر ويٽنام تي بمباري ڪئي، پر اسان جو ڪوبه نقصان نه ٿيو ۽ اٽلو سندن ڪيئي ھوائي جھاز تباھه ٿيا. سڀني ساٿين اھا خوشخبري ٻڌي، خوشي ڪئي. ڦاسيءَ واري سڄي بلاڪ ۾ جوش پيدا ٿي ويو. تنھنجي خبر آمريڪي ڀاڙيتو بدمعاشن جي ڪوڙ کي ظاھر ڪري ڇڏيو.“
    ”توکي ٽيھين تاريخ منھنجي نه اچڻ تي ضرور مايوسي ٿي ھوندي. مسز ’ج‘ جنھن توکي کاڌي جون شيون پھچايون، تنھن ٻڌايو ته تون سڄو ڏينھن بي آرام ھئين، ۽ ھڪڙي گھڙي به خوش نه ھئين!“
    تُروئِيءَ کِلي ڏنو-
    ”اُنھيءَ ڏينھن انتظار کان ڄڻ مان ڪَنڊن جي سيج تي ڦٿڪيس پئي. منھنجا ڪَن سنتريءَ ڏي ھئا، ته ڄڻ اِجھو ٿو ملاقات لاءِ سڏي. مان توسان ملڻ لاءِ ڏاڍو بي تاب ھيس. مون وٽ تنھنجي تصوير ھئي، جيڪا ھن جھلي ورتي ۽ ڦاڙي ڇڏي. جڏھن سج لٿو ۽ تون نه آئينءَ، ته مون کي اُلڪو ٿي پيو، متان تون بيمار ٿي پيئي ھجين يا توکي گرفتار ڪيو ھجينِ.“
    ڦاسيءَ واري بلاڪ مان ھڪ عورت لٿي ۽ بينچ جي ٻئي ڇيڙي تي پنھنجي ماءُ وٽ وڃي ويٺي. سنديس ماءُ روئي رھي ھئي ۽ سُڏڪن کان سنديس آواز گھُٽجي پئي ويو. سندس ڳالھائڻ مان ھوئي جي پاسي جو لھجو پئي ظاھر ٿيو.“
    مون تُروئِيءَ کي ٻڌايو ته ڪُوانگ نام کان سندس مائٽ آيا ھئا. ملاقات لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪيائون، پر ڪامياب نه ٿيا.
    ”ڇا ھو اڃا تائين اِتي آھن؟“
    ”نه ھليا ويا.“
    ھن چيو، ”کين خط لکي ٻڌائجان ته مان خوش آھيان- ........ اڄڪلھه ڪٿي آھي؟ آزاد ٿيو آھي؟“
    تُروئِي دلگير لھجي ۾ چيو، ”کيس منھنجا سلام ڏجان. ھن کي رڳو ان ڪري گرفتار ڪيو ھئائون، جو ھو ويچارو اسان سان گڏ ساڳيءَ جاءِ ۾ رھندو ھو. ھن کي چئجان ته فڪر نه ڪري. ھاڻي ته ھُن کي جاءِ وڪڻي، ڪنھن ٻئي ھنڌ وڃڻو پوندو. ھن جي جاءِ وِڪي ته تون ڪٿي رھندينءَ؟“
    ايتري ۾ ھڪ پوليس وارو آيو، ۽ مونکي ھڪ ڪاغذ ڏنائين. تُروئِيءَ ان تي لڳل تصوير ڏسي ورتي ۽ پڇيائين-
    ”ھيءَ تصوير ڪڏھن ڪڍايئه؟“
    ”ھاڻي- ھاڻي ملاقات جي درخواست سان گڏ تصوير به لڳائڻي ٿي پوي.“
    ”تصوير ۾ ڏاڍي لَٿل ٿي ڏسجين-“
    ھن پريشان ٿي، مون ڏي ڏٺو.
    ”تنھنجو رنگ پِيلو ٿي ويو آھي- ڇو؟“
    ”ڇا، پاڙيوارا اڃا سندن جاءِ ۾ وھنجڻ جي موڪل ڏينئي ٿا؟“
    ”مان ته خوش آھيان.“
    ”ھائو، ھو مون سان چڱو ھلندا آھن.“
    ھن غسلخاني جي ڏاڪڻ بابت تاڪيد ڪندي چيو، ”اھا ڏاڍي ڏکي آھي- پاڻيءَ جي اڌ بالٽي کڻي چڙھندي ڪر. اِئين ڪِرڻ جو امڪان گھٽ آھي-“
    ”اِنھن معمولي ڳالھين جو فڪر نه ڪر. ھاڻي مان بدلجي ويئي آھيان. اڳي کان مضبوط ٿي ويئي آھيان. مون کي اڱڻ ۾ اڪيلي نڪرڻ تي به ڊپ اصل نٿو ٿئي.“
    ھُن ڳالھ بدلائي-
    ”شھر جو ماحول ڪيئن آھي؟“
    ”حاڪمن ڪجھ رعايتون ڏنيون آھن. اِن ڪري ھاڻي گھڻا مظاھرا ڪونه ٿا ٿين. جڏھن بغاوت ٿي، ته مان سڄي رات ھڪ گھڙي به ننڊ ڪري نه سگھيس، ۽ گوليءَ جي آواز جي منتظر ھيس. پر صبح جو حالتون معمول ٿي اچي ويون، ته ڏاڍي مايوس ٿيس. شھر کان ٻاھر سخت لڙائي ٿيندي رھي. پاڙي جا لارين ۽ ٽيڪسين جا ڊرائيور ٻڌائيندا آھن، ته کين آزاد فوج جا سپاھي اڪثر ملندا رھندا آھن. ڪڏھن آزاد فوج جا سپاھي سندن موٽرن ۽ بَسن کي روڪي اُتي ئي جلسو شروع ڪندا آھن. گھڻو ڪري اسان گھر ۾ رات جو گولين ڇُٽڻ جا آواز ٻڌندا آھيون. تون به اھڙا آواز ٻڌندو آھين؟“
    ھن ڪنڌ لوڏيو ۽ منھنجي ڳالھ ٻڌندو رھيو.
    ”ڪُوانگ نام جي دوستن جو چوڻ آھي ته تنھنجو اباڻو ضلعو ذري گھٽ آزاد ٿي ويو آھي، ۽ اتي آزاد فوج جا ھزارين سپاھي موجود آھن. فرانسيسين خلاف لڙائيءَ واري وقت کان ھاڻي وڌيڪ بارود ۽ نوان ھٿيار اٿن. ھاڻي ته سائيگان ۾ به حالتون بدلجي ويون آھن. جي توکي ٻاھر اچڻ جو وجھ مليو، ته پاڻ اچي ڏسندين، ته ننڍڙا ننڍڙا ٻار به نِگويِن کانِ کي گاريون پيا ڏين. ڪو ماڻھو ھن ’سرڪار‘ جي عزت نٿو ڪري. شاگردن ۽ نوجوانن سندس گھر کي گھيراءُ ڪيو، ۽ ھو ٻاھر نڪري معافي وٺڻ تي مجبور ٿي ويو. ڇا اھڙين حالتن ۾ ھيءَ سرڪار قائم رھي سگھي ٿي؟“
    مون سندس ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ ورتو. مون محسوس ڪيو ته ھو اڳي وانگر ڪمزور ناھي. اسپتال ۾ سندس ھٿ تي نِيريون رڳون ڏسڻ ۾ اينديون ھيون. ھو پنھنجي آڱر کي ھٿ لائي چوڻ لڳو.
    ”مون پنھنجي شاديءَ جي مُنڊي وڪڻي ڇڏي ھئي. جنھن ڏينھن مونکي سُرنگ لڳائڻي ھئي، اُن ڏينھن تار کُٽي پيئي. ساٿين سان ملڻ جو وقت نه مليو، ۽ مون وٽ ڪوڏي به ڪانه ھئي. ان وقت فقط اُھا مُنڊي ھئي. مون دل کي سمجھايو ته جنھن ڪم لاءِ تون جان به ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو آھين، ان جي خاطر مُنڊيءَ جي قرباني ڪھڙي شيءِ آھي. اُن ڪري جڏھن تو مُنڊيءَ لاءِ پڇيو، ته مان ڪو خاطرخواہ جواب ڏيئي نه سگھيس، ۽ توکي ائين چئي لنوائي ڇڏيم ته اُن ڪم ۾ رنڊايو پئي! توکي اِن ڳالھ تي ڪاوڙ لڳي ھوندي!“
    مون پنھنجو مُنھن سندس ھٿن ۾ لڪائي روئي ڏنو.
    ”ھاڻي اھا ڳالھ نه ڪر. مان ڪيڏي اڻڄاڻ ھيس! جي مان تنھنجي اعتبار لائق ھجان ھا، ته تون سنئون سڌو مون کي تار خريد ڪرڻ لاءِ چوين ھا، ۽ مان توکي موٽايان ڪين ھا.“
    ”مون کي ھيءُ فرض شاديءَ کان اڳ ۾ سوپيو ويو ھئائون. توکي ته خبر ھوندي ته اُھو ڏاڍو خطرناڪ ڪم ھو. ڪمان وارا مون کي شاديءَ جي موڪل ڏين پيا، پر مون پاڻ زور ڪري ڪم جاري رکيو. مان ڏينھن کان آمريڪي حملي آورن کي مارڻ جو وجھ ڳوليندو ھوس. ۽ وري مون کي سندن سردار کي ختم ڪرڻ وجھ ٿي مليو. اُھو مان ڪيئن وڃان ھا! توکي فڪر کان بچائڻ لاءِ مان ھر ڪا ڳالھ توکان لڪائيندو آيس. اُن فرض پوري ڪرڻ کان پوءِ منھنجو ارادو ھو ته توکي به تنظيم ۾ شامل ڪريان. مون کي اُميد ھئي ته زال سان گڏ ڪنھن ڏينھن تون منھنجي ساٿياڻي به ٿي ويندينءَ-“
    ھن ٿوري دير چپ رھي، پوءِ پڇيو-
    ”ڇا تون اُميد سان آھين؟“
    مون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    مون کي لڳو ته ان جواب ھن کي مايوس ڪري ڇڏيو. مان ماٺ رھيس. ايتري ۾ سنتريءَ ٻڌايو ته ملاقات جو وقت ختم ٿيو.
    تُروئِيءَ جي عمر جو ھڪ قيدي اسان وٽ آيو. تُروئِيءَ اُن جي سڃاڻپ ڪرائي ته، ”ھي منھنجو دوست ھتي منھنجي ڏاڍي سار سنڀال لھندو آھي-“
    مون ان دوست کي چيو، ”منھنجو مڙس بيمار آھي، اوھان جي مھرباني، جو اوھان ھن جي سنڀال ٿا ڪريو.“
    ”ٿوري مڃڻ جي ڪھڙي ضرورت- جيل ۾ گڏ رھڻ وارن کي ضرور ھڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گھرجي. اسان ٻيئي ھڪ ٻئي جو خيال رکندا آھيون. ان ڪري توکي ڳڻتي ڪرڻ نه کپي.“
    جڏھن مان موڙ وٽ تُروئِيءَ کي شين جو پارسل ڏنو، ته ھن ٻيھر مون کي سمجھائيندي چيو، ”جي توکي وري ھتي اچڻ ڏين، ته منھنجي لاءِ کاڌي جي شين تي ايڏو خرچ نه ڪجانءِ.“


    9

    - مسز ’ج‘ مون کي پنھنجي ڌيءُ ڪري سڏيو ھو. ھوءَ مون کي بيمار ھوندي به تُروئِيءَ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪندي ڏسندي ھئي، ته ڏاڍو ڏک ٿيندو ھوس، ۽ چوندي ھئي-
    جڏھن مان تنھنجي عمر جي ھيس ته منھنجو مڙس به جيل ۾ ھو. مون کي تو وانگر ڏاڍا ڏک ڏسڻا پيا. ان سان مان جيل ۾ ملڻ ۽ کيس کاڌي جون شيون پھچائڻ ويندي ھيس. ھن کي آزاد ڪيائون، پر ٻيھر گرفتار ٿيو. آخر ھو چِي ھُوا جيل ۾ مري ويو.
    کيس ٻه پٽ ۽ ھڪ ڌيءُ ھئي. پٽس ستن اٺن سالن کان سويت روس ۾ پڙھي رھيو ھو. ٻيو سپاھي ھو ۽ اُتر جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ھو. ڌيڻس چار سال جيل به ڪاٽيو. ھن کي ڏکڻ ويٽنام جي قومي محاذ آزاديءَ جي اعلان جا اشتھار ورھائيندي گرفتار ڪيو ھئائون. ھاڻي مسز ’ج‘ پنھنجي ڀاڻيجيءَ وٽ رھندي ھئي، ۽ روزي ڪمائڻ لاءِ ڦيري ڪري شيون وڪڻندي ھئي. ھن مون کي چوريءَ آندل ڪجھ تصويرون ڏيکاريون، جيڪي روس ۽ اتر ويٽنام مان آيون ھيس. ھڪ ۾ سندس پٽ ڊائلن سان ڀريل ڪنٽرول پئنل تي ويٺو ھو. ٻي ھَنوئيءَ ۾ قومي ڏينھن تي ڪڍايل ھئي، جنھن ۾ نُھڻس پنھنجي ٻارن سان بيٺي ھئي. مسز ’ج‘ تصويرون ڏيکاريندي اُتساھه مان چيو، ”اسان ڪنھن ڏينھن ھِنن وانگر خوشين واري حياتي ماڻينداسين-“
    پوءِ ھن چيو، ”تُروئِيءَ کي چئجانءِ ته مون کي روس ۽ اُتر ويٽنام وارن ٻارن کان وڌيڪ اُنھن جي ڳڻتي آھي، جيڪي چِي ھُوا جيل ۾ آھن.“
    ان مان سندس مطلب تُروئِيءَ ۽ پنھنجي ڌيءُ جو ھو.

    ھن ڀيري مان ننڍڙي ڪِينِ کي به وٺي ويس. اسان ورانڊي کان لنگھي اُتي پھتاسين، جتي تُروئِي اسان جو انتظار ڪندو ھو.
    ھن تي پھريائين ڪِينِ جي نظر پيئي، ۽ رڙ ڪيائين، ”ادا-“
    ھن کي ڏسي، منھنجي دل بھار بھار ٿي ويئي. ھن جي صحت اڳي کان سڌريل ھئي. ھن جا وار به ڪٽيل ھئا. پر سندس ٽَنگ اڃا پوري طرح ٺيڪ نه ٿي ھئي. ھو منڊڪائيندو، در ڏي آيو، ۽ ننڍڙي ڪِينِ جي وارن تي شفقت سان ھٿ ڦيرائيندي پڇيائين-
    ”بابا ۽ امان خوش آھن؟“
    ”بلڪل خوش آھن. تون ڪجھ ٿُلھو ٿي ويو آھين. ھائو نه-“
    ھن مرڪيو، گرفتاريءَ کان پوءِ اھڙي سٺي صحت ڪڏھن به نه ٿي ھُيس. ھُن منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺي چيو-
    ”منھنجي تور وڌندي رھندي. پر تون ڇو لھي ويئي آھين؟ ايڏي گھڻي محنت نه ڪر.“
    مون کيس آٿت ڏيڻ لاءِ چيو، ”ائين ناھي- مان روز اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم نه ڪندي آھيان.“
    ننڍڙي ڪِينِ پڇيس، ”توھان کي ڪھڙي ٽَنگ ۾ ڌڪ لڳو ھو؟“
    ھن ساڄيءَ ٽَنگ ڏي اشارو ڪري چيو، ”ھِن ۾- پر ھاڻي ته ھيءَ بلڪل ٺيڪ آھي.“
    ڪين چيو، ”پوءِ مونکي کڻو نه!“
    ھُن ڪِينِ کي ھنج ۾ کنيو، ۽ چيائين، ”اسڪول ويندي آھين؟ اُتي ڪجھ لکڻ پڙھڻ سکيو اٿئي؟“
    ”ھا- ھاڻي مان الاھي لفظ پڙھي ويندي آھيان. ادي ڪوئِينِ ھاڻي اسڪول مان ته وٺي آئي آھي! توھان ڪٿي رھندا آھيو؟“
    ”مٿي ٽين ماڙ تي- ڏاڍو مٿي-“
    ”مان به ڏسڻ ھلان؟“
    تُروئِيءَ ٽھڪ ڏيئي، ٻڌايس، ”توکي ڪيئن ڇڏيندا. مان ته اتي قيدي آھيان.“
    ”توھان گھر ڪڏھن موٽي ايندؤ؟“
    تُروئِي کيس دلاسو ڏيئي، چيو، ”نئين سال موٽڻ جي ڪوشش ڪندس. تون ڪوئِينِ سان ملندي رھندينءَ نه!“
    ”مان جڏھن به ملڻ ويندي آھيانس، روئندي آھي-“
    ننڍڙي ڪِينِ منھنجو راز ظاھر ڪري ڇڏيو. تُروئِي جي منھن تي ڳڻتي ظاھر ٿي. ”تون سدائين روئندي ڇو آھين؟“
    ”مان ڪڏھن روئندي آھيان!“ مون ڪوڙ ڳالھايو.
    ”ھن کي ڪوڙ ڳالھائڻ جو ڪھڙو ضرور؟“ ھن عمر ۾ ڪوڙ ڳالھائڻ ناممڪن آھي. ھوءَ ضرور سچ چوندي ھوندي. تون ضرور روئندي ھوندينءَ.“
    مان لاجواب ٿي، ماٺ ٿي ويس. تُروئِي چوڻ لڳو.
    ”تون اھڙين حالتن ۾ ٿي رھين، جڏھن تحريڪ روز بروز وڌندي ۽ زور وٺندي ٿي وڃي. توکي خوش رھڻ کپي، ۽ ٻين ماڻھن جي خوشين ۾ شامل ٿيڻ کپي. گذريل ڏينھن کان ھتي جا ساٿي قيدي ڏاڍي جوش ۽ خوشيءَ مان ڳائيندا آھن. سائيگان ۾ ھڙتال ٿيڻ، سڄي شھر ۾ پاڻيءَ ۽ بجليءَ جو بند ٿيڻ، اِھي ڪھڙيون نه دل وڌائيندڙ ڳالھيون آھن! ھن کان اڳ ھڙتال جي اپيل تي رڳو ڪارخانن جا مزور ھڙتال ڪندا ھئا. ھن ڀيري سڀ شامل ٿي ويا. جڏھن مون کي ’نوجوان سنگت‘ ۾ داخل ڪيائون، ته پڙھائيءَ جي مختصر ڪورس تي موڪليائون. اسان جو ليڪچرر وڏي ڪمال جو ماڻھو ھو. ھُن مون کي ڪيتريون ڳالھيون ٻڌايون. مان ھڪ مزور ھوس، پر اُن ڪورس کان پوءِ پھريون ڀيرو پنھنجي مزور طبقي جي طاقت جي خبر پيم. ھڪ ڀيري ليڪچرر مون کي چيو، ”تون بجليءَ جو ڄاڻو آھين نه- چڱو ٻڌاءِ، تنھنجي گھر ۾ بجليءَ جون گھڻيون شيون آھن؟ مون وٽ ته ھڪ به نه آھي!“ مون مون جواب ڏنو ته، ’اسان وٽ روشنيءَ جو ھڪڙو ئي ذريعو گاسليٽي بتي آھي. مان جنھن ضلعي ۾ رھندو آھيان، اُتي سڀني جي اِھا حالت آھي.‘ اھو ٻڌي، ھو مرڪيو- ’واھه، بجليءَ جا ڄاڻو، بجليءَ جي ڪمن ڪرڻ وارا خود بجليءَ کان خالي رھن! ڇا اِھو دستور چڱو آھي؟ آمريڪن ڪوارٽرن کي ته ھڪ نظر ڏس. سندن ڪُتن جي ڪمرن ۾ به بجليءَ جا بلب پيا ٻرن. بجليءَ وارن کي فقط ھڪ ڏينھن ڪم بند ڪرڻ ڏيو، پوءِ ڏسو ته سڄو شھر اوندھه ۾ وٺجي ويندو. ھو سڀ ٽارچ کڻي اوندھه ۾ نه ڀٽڪن ته شرط آھي! ھنن کي ڪھڙي خبر ته بجليءَ جو جنريٽر ڪيئن ھلائبو آھي!‘ مان سُن ٿي، سندس ڳالھيون ٻڌندو رھيس. پر اُن ڳالھه جو سوچي به نه پئي سگھيس ته سڀ مزور پنھنجي طاقت ڏاکارڻ لاءِ ھڪ وقت ڪم بند ڪرڻ تي راضي ٿي ويندا. پر پوءِ ھڪ ڏينھن سموري بجلي بند ٿي ويئي، ۽ سڄي جيل جو پاڻي به بند ٿي ويو. شھر ۾ ٽريفڪ جو گوڙ بند ٿي ويو، ۽ اسان ٻڌو ته سائيگان ۾ عام ھڙتال ٿي آھي. شھر ۾ ٽريفڪ بيھي رھي. بازار سڃي ٿي ويئي، ۽ سڄي شھر جي زندگي بيھي رھي. اُن ڏينھن اسان ڏاڍو خوش ٿياسين. ڦاسيءَ وارو بلاڪ اسان جي انقلابي نغمن سان گونجڻ لڳو. سنتري اسان کي اجايو مارڻ لڳا، پر ھو اسان جي نغمن کي قيد ڪري نه سگھيا. اسان کي پنھنجي جان جي ڪابه پرواھه ڪانه ھئي. ڇوته اسان سمجھي ورتو ته اسان جي طاقت زبردست ٿي ويئي آھي. جي ھنن اسان کي ماري به ڇڏيو، تڏھن به سندن ڏينھن ٿورا آھن!‘
    مون بينچ تي ويٺي سنتريءَ ڏانھن ڏٺو. ھو رسالن جا پنا اٿلائي رھيو ھو. مون جلدي ٿيلھو کوليو ۽ تُروئِيءَ لاءِ تيار ڪيل وڳو ڪڍيو. ڀرٿ وارو رومال ھيٺان رکيل ھو. مون ان کي مُٺ ۾ ۾ بند ڪيو، ۽ آھستي پڇيو، ”جيڪي شيون مان توکي ڏيندي آھيان، تن جي تلاشي وٺندا آھن ڇا؟“
    ھن ڪنڌ لوڏي ھائو ڪئي.
    مان سپاھيءَ جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڪپڙن کي کولڻ ۽ ويڙھڻ لڳيس ۽ تُروئِيءَ کي رومال ڏيکاري، چيم، ”ھي کڻي وڃي سگھندين؟“
    ھو رومال تي ڳاڙھي رنگ جو ڀرت ڏسي، ششدر ٿي ويو-
    ”پر ھي ڪنھن ڀريو آھي؟“
    مون کي ان گھڙيءَ جو ڏاڍو انتظار ھو. ھن جي اُنھيءَ پڇڻ تي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.
    ”مون پاڻ-“ مون ٻڌايس. ”جيل جي ساٿاڻين مون کي ڀرت جو ڪم سيکاريو ھو.“
    تُروئِيءَ جي منھن تي اطمينان ظاھر ٿيو.
    ”تون ڏاڍي سٺي آھين.“ ھن مرڪي چيو، ”جي جيل ۾ وڌيڪ رھين ھا، ته اڃا به گھڻيون ڳالھيون سکين ھا. مون کي ته ھيءُ گيت برزبان ياد آھي، پر ڪوٺيءَ ۾ موٽي ٻين قيدين کي به ٻڌائيندس. ھِن کي لڪائي گھر کڻي وڃ. جي ھنن تنھنجي تلاشي ورتي، ته توکي ڏاڍو ماريندا.“
    ”ھنن توکي الاھي گيت سيکاريا ھوندا.“
    ”ھا- مثلاً ’مجاھدن لاءِ ڪپڙا ٺاھيو‘ – ’ھين لانگ پُل وٽ‘ – ’اشتراڪي روح‘ – ’اميد جو نغمو‘ – ’وطن جو اشتراڪي بھار‘ – ’اباڻو وطن‘ – اُن کان سواءِ مون ڪيترا ٻيا گيت به سِکيا آھن، مثلاً ’ڦاسيءَ تي ويندڙ جو گيت‘ – ’اچو ته اڳتي وڌون‘ – ھو ھر گيت جو عنوان ورجائيندو ويو ۽ چيائين-
    ”تون ھاڻي اشتراڪي نغما به سکي ويئي آھين- ڏاڍو چڱو! ھڪ مزور جي حيثيت ۾ تنھنجي لاءِ اھو ضروري آھي. پراڻن ساٿين مون کي ٻڌايو آھي ته جڏھن اسان سوشلسٽ سماج اڏينداسين، ته اسان مان ھر ھڪ کي خوشي نصيب ٿيندي. اسان مان ھر ڪو پنھنجي محنت جو ڦل حاصل ڪندو ۽ ڪوبه دُکي نه رھندو. اتر جا ماڻھو ته اڳ ۾ ئي اُن واٽ تي ھلي رھيا آھن. جيتوڻيڪ مان ڪميونسٽ نه ٿي سگھيس، پر تڏھن به چاھيان ٿو ته ھڪ ڪميونسٽ وانگر جدوجھد ۾ حصو وٺان!“
    ”مون کي اُھي گيت چڱيءَ طرح ياد ڪونھن، ڇو ته مان لکي نه سگھيس، تڏھن به منھنجي دل اُنھن گيتن ڪري ڏاڍي وڌي ٿي، ۽ سٺي آئيندي جي آس سان اُھا ڀرجي ٽمٽار ٿي وڃي ٿي.“
    ”جي ھي سوئر ھتي نه ھجي ھا ، ته مان توکان گيت ٻڌان ھا- اسان جا ساٿي ھڪ ئي مقصد جي حامي ھجڻ ڪري ھڪ ٻئي کي ڀائيندا آھن. مِٺي! تون به سندن مثال تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجان. مان ھجان يا نه ھجان، ھنن وانگر زندگي گذارجان ۽ اُنھن وانگر انقلاب سان وفادار رھجانءِ!“
    ھو ڪجھ دير سوچيندو رھيو، پوءِ وري ڳالھايائين-
    ”ڏس تو وري روئڻ شروع ڪيو. تڪليفن کي ھمت سان سَھه، ياد رک، تون منھنجي زال آھين-“
    ھن منھنجي اکين ۾ نھاري مُرڪيو، ۽ زوريءَ پنھنجي منھن تي خوشيءَ جا آثار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر ھن جون اکيون ڳوڙھن سان ٽمٽار ھيون. ھن پنھنجي موت جي خيال کان منھنجو ڌيان ھٽائڻ لاءِ آئيندي جي باري ۾ ڳالھيون شروع ڪيون. ھو ننڍڙيءَ ڪِينِ سان کيڏندو رھيو، ۽ ان سان انجام ڪيائين ته، ”جيل مان ڇُٽڻ کان پوءِ توکي بندر جي ڀر واري باغ ۾ گھمائڻ وٺي ھلندس، ۽ الاھي ڪيڪ کارائيندس.“ شاديءَ کان پوءِ جڏھن اسان گھر ويا ھياسين، ته ننڍڙي ڪِينِ سان گڏ انھيءَ باغ ۾ گھميا ھياسين.
    تُروئِيءَ پوءِ مون کي پنھنجي ميڊولين سنڀالي رکڻ جي ھدايت ڪئي. پاڻ جڏھن ٻاھر ھو، تڏھن چانڊوڪين راتين ۾ پاڙي جا ٻار ھن جي ميڊولين ٻڌڻ ايندا ھئا.
    جڏھن منھنجي اٿڻ جو وقت ٿيو، ته ھن چيو-
    ”پندرھين آڪٽوبر تي، جي توکي ملاقات ڪرڻ ڏين، ته خط لکجانءِ- مان انتظار ڪندس.“


    10

    ڪانگريس جي موقعي تي، ڪوئِينِ گھڻو ڪري نوجوان ڇاپه مار عورتن جي اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندي ھئي. ڇاپه مار عورتون پنھنجن ڪارنامن جو بيان ڪنديون ھيون. اُنھن مان ڪن ته اھڙن معرڪن جي اڳواڻي به ڪئي ھئي. اسان جي آخري گفتگوءَ ۾ ڪوئِينِ اُنھن بابت پنھنجا تاثرات ھيئن بيان ڪيا-
    - ھِنن جون ڳالھيون ٻڌي، مان وائڙي ٿي ويئي آھيان. ھي سڀ منھنجي عمر جون آھن، پر ھِنن جي آڏو مان پاڻ کي ٻار ٿي سمجھان. ھِنن جي واتان ڄڻ وڏن جون ڳالھيون ٿي ٻڌان. ھِنن مان ھڪڙي ڇوڪري سؤ کان وڌيڪ لڙايون وڙھي چڪي آھي، ۽ چئن پنجن قسمن جي ھٿيارن کي ھلائي سگھي ٿي. ھوءِ اڪيلي سر وڏي بھادريءَ سان آمريڪي فوجين کي گرفتار ڪري چڪي آھي. مان حيرت مان سندس ڪھاڻيون ٻڌي، سوچيو ته جڏھن ڪانگريس جا اجلاس ختم ٿيندا، ته ڇا مان به ساڻن گڏ وڃي سگھنديس! جي اِئين ممڪن ٿيو، ته منھنجي خواھش ھئي ته مون کي فوج جي ڪنھن دستي ۾ شامل ڪيو وڃي. منھنجو مڙس به آزاديءَ جي فوج ۾ ھو ۽ اُن لِڪل دستي ۾ شامل ھو، جيڪو سائيگان ۾ ڪم ڪري رھيو ھو. ھُن کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ سان ئي ميڪنمارا کي مارڻ جو ڪم سونپيو ويو. ھن جي سالن جي آرزو ھئي ته ھو آزاديءَ جي فوج ۾ ڀرتي ٿئي، سائيگان ۾ ڪم ڪري. فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ھُن جيڪا درخواست ڏني ھئي، اُھا اڄ تائين سندن ڪمانڊر وٽ سانڍيل آھي. پنھنجي درخواست ۾ ھُن آمريڪين سان نفرت ظاھر ڪئي ھئي. ۽ مرڻ تائين وڙھڻ جو انجام ڪيو ھو. ھُن پنھنجو انجام پورو ڪري ڏيکاريو. سندس خون جي بدلي وٺڻ لاءِ مان سندس ئي نقش قدم تي ھلڻ ٿي گھران. مان چاھيان ٿي ته منھنجي ھٿ ۾ بندوق ھجي ۽ مان دشمن سان جنگ ڪريان. يا مون کي آزاديءَ جي مجاھدن جي خدمت لاءِ ٻيو ڪو ڪم ڏنو وڃي- اُنھن جي خدمت لاءِ، جيڪي تُروئِيءَ جي جيئڻ مرڻ جا ساٿي آھن.
    ڪوئِينِ جي دل ۾ ھڪ طوفان متل ھو. مون کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته مان ڇا جواب ڏيان. نيٺ ھوءَ پاڻ ئي چوڻ لڳي.
    ”مون پنھنجي ساٿي ڇاپه مار ڇوڪرين سان اھا ڳالھ ڪئي آھي. ھُنن جو چوڻ آھي ته ڇاپه مار جنگ ايڏي ڏکي ناھي. البت اُن لاءِ دشمن کان نفرت ڪرڻ ضروري آھي. ھر اھو ماڻھو، جيڪو دشمن کان نفرت ٿو ڪري، ڇاپه مار بڻجي سگھي ٿو. اُن جي نفرت جيتري وڌيڪ ھوندي، سندس حوصلو اوڏو ئي وڏو ھوندو. بندوق ھلائڻ جي سکيا ۾ گھڻو وقت نٿو لڳي. مون کي پڪ آھي ته جي مان سخت محنت ڪيان، ته ھُنن لاءِ ڪمائتي ٿي سگھان ٿي. منھنجي سيني ۾ دشمن خلاف باھه ڀڙڪي رھي آھي. مان آزاد علائقي ۾ اِن ڪري آئي آھيان ته ھتي پھچي، مان تُروئِيءَ جي خون ۽ پنھنجي تباھيءَ جو بدلو وٺان.“
    اِھو چئي، ڪوئِينِ پنھنجي سامان مان ڪاري رنگ جو وڳو ڪڍيو ۽ مُرڪي مون کي ٻڌائڻ لڳي:
    ”ھتي اچڻ کان پوءِ ماڻھن مون کي گھڻا تحفا ڏنا آھن. سيءَ شروع ٿيڻ سان مون کي ڪمبل ۽ گرم ڪپڙا ڏنا اٿن. پر جيڪا سوکڙي مون کي سڀ کان پياري آھي، اِھو ڪارو سوٽ آھي. اُن ڏينھن مون کي اٿاھه خوشي ملي. سائيگان مان ڀڄي مان آزاد علائقي ۾ سفر ڪندي رھيس. رستي ۾ بي شمار ڇاپه مار عورتن ۽ مَردن سان ملڻ ٿيو. سڀني کي اھڙوئي لباس پاتل ھو. منھنجي رھنمائي ڪرڻ واري لاڳاپي جي ايجنٽ ٻڌايو ته ھيءُ جنگ جي ميدان جو لباس آھي. ڪانگريس جو اجلاس پورو ڪري، مون ھيءُ لباس پائي، ڇاپه مار ڇوڪرين ۽ ٻين نوجوان عيوضياڻين سان سان ڏکڻ ويٽنام جي نوجوانن جي ڪانگريس ۾ شريڪ ٿيڻ وينديس.
    اُن ڏينھن رات جو دير تائين اسان ڳالھيون ڪيون. ڪوئِينِ پنھنجي مڙس جي داستان جو آخري حصو ٻڌايو، جيڪو ھيئن آھي:
    اٺين آڪٽوبر تي سائيگان جي اخبارن ۾ خبر آئي ته ايندڙ ھفتي تُروئِيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي. اھا دل چيريندڙ خبر مون کي ننڍڙي ھاڪر ٻڌائي. اُن جو منھن به اُڌمي جي ڪري ڳاڙھو ھو. روزاني اخبار ’ھان ڊونگ‘ اھا خبر پھرئين صفحي تي ڇاپي ۽ باڪس ۾ ھيءَ عبارت ڏني ھئي:
    ”گذريل مئي ۾ جنھن ماڻھوءَ ميڪنمارا جي رستي ۾ ڪانگ لائي پُل جي ھيٺان بارودي سُرنگ وڇائي ھئي، گولين جي مُنھن ۾ ڏنو ويندو. اُھو پھريون شخص ھوندو، جيڪو گولين جي وسڪاري ھيٺ ماريو ويندو.“
    ڪجھ اخبارن ۾ صاف صاف لکيل ھو ته جلسن جلوسن ۽ ھڙتالن جي زور وٺڻ ڪري ’کانِ‘ جو ٽولو ڪيترن ماڻھن کي کلي عام موت جي سزا ڏيندو، جيئن ان سان مخالفت جي وڌندڙ تحريڪ کي روڪي سگھجي.
    مون موڪل وٺڻ لاءِ فيڪٽريءَ جو طرف ورتو، جيئن تُروئِيءَ جي سزا گھٽائڻ لاءِ ڪا واٽ ڳولي سگھان. اُتي ڪيئي عورتون مون کي ڏسي، پنھنجون اکيون اُگھندي، چپ چاپ ھليون ويون. منھنجون اُھي ساھيڙيون، جيڪي ھونءَ گھڻو ڳالھائينديون ھيون، اُھي به غم جي ڪري ماٺ ھُيون. جڏھن مان فيڪٽريءَ جي در کان نڪتيس، ته ھڪ ڇوڪري ٿورو پنڌ منھنجي پٺيان آئي ۽ منھنجي ڪَن ۾ چوڻ لڳي-
    ”ھتي پِير مرد پاڻ ۾ چون ٿا ته ھي رڳو دڙڪو آھي. سرڪار اِئين ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگھندي. ان ڪري تون بردبار ٿيءُ. حوصلي کان ڪم وٺ.“
    مان ٿڪجي پنھنجي پيڪن ۾ پھتس ته منھنجو پيءُ ھڪ گراھڪ جي وارن ڪٽڻ ۾ مشغول ھو. ھو جلدي واندو ٿي، مون کي ھڪ وڪيل وٽ وٺي ويو. ان وقت مون کي تُروئِيءَ جا لفظ ياد اچي ويا، جيڪي ھن موت جي سزا وارن قيدين جي بلاڪ ۾ پھرينءَ ملاقات وقت مون کي چيا ھئا- ”مون لاءِ وڪيل نه ڪجانءِ. اجايو پئسا وڃائيندينءَ.“ پر ھاڻي مون کي ائين لڳو ته ھن جي چوڻ تي عمل ڪري نٿي سگھان. جيستائين ھن جي سزا گھٽائڻ جي ذري برابر به اميد آھي، مان ڪابه ڪسر نه ڇڏينديس ۽ نه خرچ ڪرڻ ۾ پڪائي ڪنديس. اخبارون پڙھي منھنجي دل خوف کان ڌڙڪڻ لڳي. ڪاش مون کي 15 آڪٽوبر کان اڳ ھڪ ڀيرو ملاقات جي موڪل ملي!
    يارھين آڪٽوبر تي جڏھن وڪيل کي پنج ھزار ’پياستر‘ في ڏيئي، گھر موٽيس، ته منھنجي ننڍڙيءَ ڀيڻ دروازي مان ئي رڙيون ڪيون-
    ”ادو نه مرندو-“
    ”مان ان وقت ايترو ته ڪاوڙيل ھيس، جو مون اُن ڏي ڏٺو به ڪونه. ڀلا ھي ڪو مسخريءَ جو وقت ھو مان غم جي بار ھيٺان چپجي رھي ھيس. ھُن اخبار منھنجي ھٿ ۾ ڏني.
    ”اِھو اخبار ۾ لکيل آھي،“ ھن چيو. ”ڏس، ھِن ۾ ادا جي تصوير به آھي.“ مون اخبار ’ٿِينِ چِي‘ ۾ ڇپيل تصوير تي نظر وڌي. اُن ۾ تُروئِي ھڪ ميز وٽ بيٺو ھو ۽ ميز تي ھڪ سُرنگ ۽ تارون پيون ھيون. مٿان ھيءَ ھيڊنگ ھئي-
    ”ھڪ ٽيليفون: ويٽ ڪانگ نگويِن وان تُروئِيءَ جي جان جي بدلي ۾ ھڪ آمريڪي ڪرنل جي جان-“
    خبر جي عبارت ھيءَ ھئي.
    ”وينزولا جي ڇاپي مارن ھڪ آمريڪي ڪرنل کي پڪڙيو آھي ۽ ويٽ ڪانگ نگويِن وان تُروئِيءَ جي بدلي ۾ اُن جي جان بخشڻ جي آڇ ڪئي اٿن. ھُنن اعلان ڪيو آھي ته جي نِگويِن کي موت جي سزا ڏني ويئي، ته ڪلاڪ جي اندر ڪرنل سمولن کي گولي ھڻي ڇڏيندا.“
    اِھا خبر پڙھي، مان حيرت ۾ پئجي ويس ۽ اُن تي اعتبار ئي نه پئي آيم. مون سوچيو ته شايد اخبارن ھي نئون ڦٽاڪو ڇوڙيو آھي. ٿوريءَ دير کان پوءِ پاڙي جا ماڻھو ٻيون اخبارون کڻي آيا، ۽ مون کي مبارڪون ڏيڻ لڳا.
    ھڪ چيو، ”تنھنجي مڙس جي موت جي سزا جو ٻڌي، منھنجي دل پئي ڏڪي. ھِن عمر ۾ بيوہ بڻجڻ ڪيڏو نه دردناڪ آھي.“
    ٻيءَ چيو، ”منھنجو خيال آھي ته ھُن کي سزا ڏيئي ڇڏيندا. اِھا عجيب ڳالھ آھي ته دور ديس جا ماڻھو سندس جان بچائڻ جي ڪوشش ڪن. سچ پچ ته ھو ڏاڍو شريف ۽ ڳنڀير سڀاءَ جو ڇوڪرو آھي. ڪنھن ٿي ڄاتو ته ھو ڪو اھڙا ڪم ڪندو.“
    مون ھڪ ھڪ ڪري سڀ اخبارون پڙھيون. سڀني ۾ ساڳي ئي خبر ھئي. رڳو سرخين ۾ فرق ھو. ھڪ ھيڊنگ ھيءَ ھئي:
    ”ڪميونسٽن طرفان ھڪ فون.“
    مان اُن معاملي ۾ وڌيڪ خبر رکڻ لاءِ ’فونوھان‘ ۾ پنھنجي گھر روانِي ٿيڻ لڳيس. رستي ۾ ھڪ ڄاتل سڃاتل آواز منھنجو نالو وٺي، مون کي سڏ ڪيو. ھڪ واقف در وٽ بيھي، مون کي سڏي رھيو ھو. چيائين، ”اندر اچ، تمام ضروري ڳالھ آھي-“
    جڏھن مان ڪمري ۾ ويس ته ھن مون کي ٻه اخبارون ڏيکاريندي چيو ته ”ڌيءُ تون ڏاڍي ڀاڳ واري آھين. جيتوڻيڪ تُروئِيءَ جو بم ڦاٽي نه سگھيو، تڏھن به آمريڪي بچاءَ جي وزير جھڙي موٽي مرغي جي جان وٺڻ جي ڪوشش جي بدران ھو سندس حياتيءَ پٺيان پيا آھن. پر ھاڻي پڇاڙيءَ ۾ ھُنن جي خلاف معاملو اُٿلي ويو آھي.“
    ڀر واري ڪمري مان ھڪ ڇوڪري آئي ۽ دل جي اُڌمي سان مون کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳي، ”ڪوئِينِ ڀيڻ ، اسڪول ۾ اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي. اڄ منجھد جو اسان ھڪ گڏجاڻي ڪئي ۽ تُروئِيءَ جي باري ۾ ڳالھايوسين. ھن جو نالو سڄيءَ دنيا ۾ روشن ٿي ويو آھي. آھي نه؟ ايترو پري ڏکڻ آمريڪا جي ماڻھن کي به سندس گرفتاريءَ جي خبر پئجي ويئي آھي، ۽ ھو کيس بچائڻ جي ڪوشش پيا ڪن-“
    مون کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڇا چوان. مون کي اُن خبر جي صحيح يا غلط ھجڻ جي ڄاڻ نه ھئي. اُن ڪري جواب ۾ مون رڳو مُرڪيو. ڇوڪريءَ جي پيءُ چيو، ”منھنجو اندازو برابر نڪتو. تُروئِي گھڻو ڪري ھتي ايندو ھوسندس ڳالھائڻ مان مون کي سندس شخصيت جو پتو پئجي ويو ھو. ھو ٻين نوجوانن کان بلڪل مختلف ھو. آمريڪين بابت ڪڏھن به چڱو نه ڳالھايائين. ھو سدائين اُتر جي باري ۾ چڱيون ڳالھيون ڪندو ھو.“
    جڏھن مان گھر پھتيس، ته پاڙي واريون منھنجي انتظار ۾ ھيون. مون کي ڏسي، ھنن شرارت شروع ڪئي- ”ٻڙي، مڙس جي گھر اچڻ لاءِ آڌر ڀاءُ جون تياريون شروع ڪر! چڱو ڀلا، ھاڻي خوشيءَ ۾ ته روئي ڏيکار-“
    فونوھان جا ماڻھو ڏاڍا غريب آھن. گھڻو ڪري سڀ گھورڙيا آھن. مشڪل سان ڪو اخبار يا ڪتاب پڙھندو آھي. ھن مان ڪنھن کي به خبر ناھي ته وينزولا ڪٿي آھي. اُنھن کي حيرت ھئي ته وينزولا جي ماڻھن کي تُروئِيءَ جي سزا جي خبر ايڏي جلد ڪيئن ملي! ان کان وڌيڪ حيران اِن ڳالھ تي ھئا ته ھو تُروئِيءَ جي بدلي ۾ آمريڪي آفيسر کي ڪيئن پڪڙي سگھيا. ھنن مون کان پڇيو. مان به ھُنن وانگر صفا اڻ ڄاڻ ھيس ته وينزولا وڏو ملڪ آھي يا ننڍو- امير آھي يا غريب. ايترو سمجھيم پئي ته ڏکڻ ويٽ نام وانگر اُتي به آمريڪا جي خلاف ڇاپه مار ڪم پيا ڪن. تُروئِيءَ سان ھمدردي به ان ڪري ھين.
    ماڻھو مون سان ملڻ ايندا رھيا ۽ پاڻ سان گڏ اخبارون کنيو پئي آيا. اُن ڏينھن سائيگان ۾ اخبارن جي وڪري جو رڪارڊ ڀڄي پيو. چاچو ’م‘ جنھن کي پڙھڻ به نه ايندو ھو، ”سانگ مونگ“ اخبار جو پرچو کڻي آيو، ۽ چوڻ لڳو-
    ”مون بازار ۾ گِلم پئي وِڪيا، ته افواھه ٻڌم ته جنھن ماڻھوءَ ڪانگ لائي پُل پئي اُڏائي، ان کي موت جي سزا کان بچايو ويو آھي. اخباري ھاڪر زور زور سان ھوڪا پئي ڏنا: ’اچي ويئي تازي خبر- ٽيليفون ڪال ھڪ جان بچائي-‘ مون تُروئِيءَ جو نالو ٻڌي، ھڪ اخبار ورتي. پڙھي ته نٿو سگھان، پر اُن ۾ تُروئِيءَ جي تصوير ته سڃاڻي ٿو سگھان.“ گھڻا ماڻھو ڪم تان موٽڻ مھل منھنجي گھر آيا. ڪن کي تڪڙ ھئي، انڪري تُروئِيءَ واري خبر تي ڳاڙھي پينسل سان نشان ڪري، اخبار ڇڏي ويا. منھنجي گھر ۾ عرصي کان اُداسي ڇانيل ھئي. ھاڻي اُھو وري خوشين سان ڀرجي ويو. ھر ڪنھن ڄاڻڻ ٿي چاھيو ته نيٺ وينزولا جا ماڻھو منھنجي مڙس سان ايڏي محبت ڇو ٿا ڪن-
    اُنھيءَ شام جو چاچي ’ز‘ سان ملڻ ويس. مون ڀانيو ٿي ته ھو اُن ”زندگين جي سودي“ واري ڳالھ تي روشني وجھندو. چاچو ’ز‘ تُروئِيءَ کي چڱي طرح سڃاڻندو ھو ۽ اسان جي شاديءَ تي به آيو ھو. ڊيِئم سرڪار جي ڏينھن ۾ ڪيترا سال جيل ڪاٽي آيو ھو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ماڻھن جي ڪاروبار جي حساب ڪتاب رکڻ جو ڪم ڪندو ھو ۽ ائين روزي ڪمائيندو ھو- ھن ٻڌايو ته،
    ”اڄڪلھ دنيا ۾ ھر ھنڌ آمريڪين جي مخالفت لڳي پيئي آھي. تنھنجو مڙس مون سان ملڻ ايندو ھو ته اھڙيون ڳالھيون ٻڌائيندو ھو. ڇا، ھُن توکي اُن بابت نه ٻڌايو ھو!“
    ھن مون کي اِھو ٻڌايو ھو ته سائيگان ۾ ھنن جي مخالفت آھي، پر ٻيو ڪنھن لاءِ ڪونه ٻڌايائين-“
    ”وينزولا ۾ به اھوئي پيو ٿئي- اُھو ملڪ آمريڪا جي ڀرسان آھي- اُتي آمريڪا جو ظلم ڏاڍو سخت آھي. اُتي تيل جا وڏا ذخيرا آھن، پر يانڪي اُھي کنيو وڃن. اِن ڪري وينزولا جا ماڻھو سندن مخالف آھن. وينزولا ۾ به ڏکڻ ويٽ نام وانگر ڇاپي مار آھن ۽ آزاديءَ جو محاذ آھي. جي تنھنجو مڙس ميڪنمارا کي ماري ڇڏي ھا، ته وينزولا جا ماڻھو به خوشيون ۽ شادمانا ڪن ھا، ڇوته سندن مُلڪ تي حملن ڪرائڻ ۽ سندن ماڻھن کي قتل عام ۽ گرفتار ڪرائڻ وارو ساڳيوئي ميڪنمارا آھي. اِن ڪري تنھنجي مڙس جي گرفتاريءَ جو مٿن ڏاڍو اثر پيو-
    سندن مُلڪ ۾ به ھزارين ماڻو قيد آھن ۽ ڪيترن ئي کي موت جي سزا ڏني اٿن. تنھن ھوندي به ھنن سڀ کان پھرين تنھنجي مڙس ۽ ڏکڻ ويٽ نام جي ماڻھوءَ جو فڪر ڪيو-“
    ان کان پوءِ ھُن نقشي تي وينزولا ڏي اشارو ڪري چيو، ”سائيگان جي ماڻھن ۾ ھِن ڳالھ تي ھِن ملڪ لاءِ ڏاڍي محبت ۽ عزت پيدا ٿي آھي. منھنجي زال به پڇيو پئي ته وينزولا ۽ اسان جي ملڪ ۾ ايڏي دوستي ڪيئن ٿي-“
    جڏھن مان جيل ۾ ھيس ته ڀيڻ ’الف‘ پھريدارن کان لڪي، سياسي حالتن جي باري ۾ ڳالھيون ڪندي ھئي. ھوءَ ٻڌائيندي ھئي ته سڄيءَ دنيا جا ماڻھو آمريڪا جي خلاف ڏکڻ ويٽ نام جي ماڻھن جي جدوجھد جي پٺڀرائي ٿا ڪن. انھن ڏينھن ۾ مون کي خيال به نه ھو ته اُن پٺڀرائي جو مطلب ڇا ٿو ٿي سگھي. ھاڻي وينزولا کان آيل ھڪ خبر سڄي سائيگان کي ڌوڏي رکيو. منھنجون اکيون کُلي ويون. دور ديس وارا دوست نه رڳو آمريڪين خلاف اسان جي جدوجھد کان واقف ھئا، پر ھنن کي ڏکڻ ويٽنام جي اُن شخص جو نالو به ايندو ھو، جنھن کي موت جي سزا اچڻي ھئي. منھنجي مڙس لاءِ اھڙي قسم جي حمايت وڌندي رھي. ھي رڳو سائيگان يا ڏکڻ ويٽنام جو نه، پر سڄيءَ دنيا جو مسئلو ھو.
    مون گھٽين مان لنگھندي ماڻھن کي اُن خبر جي بابت ڳالھائيندي ٻڌو. ھو حيران ھئا ته ايترو گھڻو پري واري لاطيني آمريڪا جي مُلڪ ۽ اسان جي ملڪ جي جدوجھد ۾ ڪيڏو نه قرب آھي! اِھي ڳالھيون ٻڌي، مان خوشي وچان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيس. ھر ڪنھن تُروئِيءَ بابت پئي ڳالھايو. ماڻھو اِن ڳالھ تي خوش ھئا ته تُروئِيءَ کي موت کان بچڻ جو وجھ ملي ويو آھي. پوليس مون تي سخت نظر رکي ھئي، تڏھن به ماڻھو اھا خوشخبري ٻڌي مون کي مبارڪون ڏيڻ لاءِ آيا پئي. سائيگان ۾ اخبارن وارا واڪا ڪري اِھا خبر ٻڌائي رھيا ھئا. ائين ٿي لڳو ته ھو گھر گھر اِھا خبر پھچائڻ ٿا گھرن. ھو وڏي واڪي چئي رھيا ھئا: ”ميڪنمارا کي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري کي بچايو ويو-“ ھڪ ڇوڪري ته اخبار کي ٽوپلي تي ويڙھي مٿي ۾ پاتو جو اُن ۾ تُروئِيءَ جي تصوير ھئي. تصوير ۾ ھو ٽريبونيل جي آڏو بي ڊپائيءَ سان بيٺي مرڪيو. ان کان پوءِ، ھو ڇوڪرو ماڻھن جي انبوھه کي چيري، اڳتي ويو. اُن اخبار تي ايڏي ھيڊنگ ھئي، جا ويھن والن کان به پڙھڻ ۾ پئي آئي. اھا ھئي: ”نِگويِن وان تُروئِيءَ جي موت جي سزا ھٽي ويئي-“ اخبار واري رڙيون ڪري پئي ٻڌايو: ”ويٽ ڪانگ نِگوين وان تُروئِيءَ کي ڪميونسٽن جي ھڪ فون بچايو-“
    ان وقت مون کي پنھنجي ھڪ ساھيڙيءَ جي ڀيڻ ’و‘ ياد آئي. ھوءَ اسڪول ۾ پڙھندي ھئي ۽ پڙھڻ کان پوءِ اخبارون وڪڻندي ھئي. ٻه ڏينھن اڳ ھن روئندي مون کي ٻڌايو ته جلد ئي تُروئِيءَ کي موت جي سزا ملندي. مون سوچيو پئي ته ھِن وقت ھوءَ ڪٿي ھوندي! ممڪن آھي ته ڪٿي نه ڪٿي اخبارون وڪڻندي ھجي، ۽ تُروئِيءَ واريءَ خوشخبريءَ لاءِ رڙيون ڪري، نِڙي پئجي وئي ھونديس.
    مان ڪپھ جي جنھن ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي ھيس، ان جي سڀني کاتن ۾ ان خبر تي تبصرو پئي ٿيو. سڀ مزور مون کي پِٽائڻ لڳا. چي: ”تنھنجي مڙس جي آزاد ٿيڻ تي ڊپ ۾ ميڪنمارا جا لونءَ ڪانڊارجي ويندا.“ ھن ويل سڄو شھر تنھنجي مڙس بابت ٿو ڳالھائي. اِھا وڏي عزت آھي-“


    11

    ڪي نوجوان ڏاڍيءَ دلچسپيءَ مان ڳالھائي رھيا ھئا- ”آمريڪي ڪرنل ۽ تُروئِيءَ جي مٽا سٽا سائيگان ۾ نه ٿيندي. قومي آزادي محاذ ان تي راضي نه ٿيندو آزاد ٿيل علائقن ۾ به مٽا سٽا نٿي ٿي سگھي. ضرور ٽئين ملڪ ۾ اھو ڪم ٿيندو-“
    ”ان کان پوءِ تُروئِي ضرور اُتر ڏي ويندو. پنھنجي زال کي به وٺي ويندو.“
    ”زالس کي ھتان وڃڻ ڏيندا؟“
    ”ڇونه- قومي آزادي محاذ وارا ڪو ماڻھو موڪلي، گھرائي وٺندس.“
    ”ڪوئِينِ ڀيڻ، سچ ٻڌاءِ! تون سچ پچ ويندينءَ ھلي-“
    مان اِھي ڳالھيون ٻڌي، خوشيءَ کان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيس. پر مون پنھنجي جذبن کي لڪايو پئي.
    ”ايترو پري ڇو ٿا وڃو! اڃا ته پڪ ئي ناھي ته اڳتي ڇا ٿيندو-“
    ”پر ھيءَ حقيقت آھي ته جي تُروئِيءَ کي موت جي سزا ڏيندا، ته آمريڪي ڪرنل کي به گولي لڳندي.“
    منجھند جو ھڪ عورت پئي چيو ته ”ڏاڍي ڏک جي ڳالھ آھي ته اسان ڪوئِينِ کان الڳ ٿي وينديوسين ۽ ھوءَ پنھنجي مڙس سان ھلي ويندي-“ منھنجي ھڪ ساھيڙيءَ ريس مان چيو، ”تنھنجا ڀاڳ وڏا آھن. جلد ئي تون اُتر ڏي ويندينءَ-“
    سڀ اسان جي مستقبل جي باري ۾ ڳالھائي رھيا ھئا. مان وڪيل جي آفيس ۾ پنھنجي مڙس جي جان بچائڻ لاءِ قانوني مدد جو بندوبست ڪري رھي ھيس. منھنجي دل ۾ خوشين جا گل ٽڙي پيا ۽ مان آئيندي جي سھاڻي تصور ۾ گم ٿي ويس. مون کي رڳو اُھا خوشي نه ھئي ته تُروئِيءَ جي جان بچي ويندي يا ھو وري آزاد ٿيندو. مون کي وڏي خوشي ان ڳالھ جي ھئي ته ھو اتر وڃي سگھندو ۽ اُتي ھن کي چاچي ھو (ھوچي مِن) سان ملاقات جو شرف حاصل ٿيندو، ۽ سندس زندگيءَ جي وڏي خواھش پوري ٿيندي. ھو مون سان ھوچي مِن جي باري ۾ ڳالھيون ڪندي چوندو ھو: ”جي قسمت سان اتر وياسين، ته کيس ڏسڻ لاءِ سندس گھر جي سامھون ويھي انتظار ڪنداسين-“ پوءِ ھو چوندو ھو ته ”اُتر جي ساٿين کي ساڻس ملڻ جو موقعو ملي ٿو، اسان کيس ھڪ ڀيرو به ڏسي نٿا سگھون-“
    مون سوچيو ته مٽا سٽا جي خبر ھن کي ڪيڏو نه خوش ڪندي! خاص ڪري جڏھن ٻڌندو ته ھو جلد ئي اتر روانو ٿيڻ وارو آھي، ته ھن جي خوشين جي حد ئي نه رھندي.


    12

    مون کي ٽپال ۾ تُروئِيءَ جو خط مليو. منھنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. شايد ھن به اھا خوشخبري ٻڌي ھجي. خط ۾ ھيءَ عبارت ھئي-

    پياري ڪوئِينِ،
    اميد آھي ته تون خوش ھوندينءَ. مون کي مٿي ۾ سور رھندو آھي، جنھن ڪري ننڊ نٿي اچي. منھنجي صحت خراب ٿي ويئي آھي. مون کي ڦودني جي ملم جي ھڪ دٻلي گھرجي. ايندڙ ملاقات تي کڻي اچجانءِ.
    منھنجي لاءِ ڪوبه فڪر نه ڪر. مائٽن ۽ دوستن کي سلام چئجان. انھن سان ملندي رھجان ۽ ڏک ميسارڻ جي ڪوشش ڪجانءِ. ياد اٿئي مون توکي ڇا چيو ھو؟
    تنھنجو تُروئِي.

    ان سان گڏ ھڪ ٻيو خط ھو.

    پيارا لوئي-
    مون کي خبر آھي ته تون ڪوئِينِ وٽ آيو آھين. جي ھوءَ روئڻ تي ضبط نه ڪري سگھي، ته سندس ڌيان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، ۽ کيس وندرائڻ لاءِ کِلڻ جون ڳالھيون ڪجانءِ-
    مان ڏاڍو شڪر گذار رھندس.
    تُروئِي.
    ھڪ ٻئي ڪاغذ تي ھن منھنجي پيءُ ۽ ماءُ، پنھنجي ڀائيٽي ’ھوئا‘ ، ڀاءُ ’پ‘ (جنھن جي گھر ۾ اسان کي جاءِ مليل ھئي) ۽ ڪجھ پاڙيسرين ڏي مختصر پيغام لکيا ھئا ۽ کين سلام چيا ھئائين، ۽ کين منھنجو خيال رکڻ لاءِ چيو ھئائين.
    ظاھر ۾ ائين پئي لڳو ته ھن کي اڃا وينزولا واري معاملي جي ڪا خبر نه ملي آھي. ھن ڀانيو پئي ته ايندڙ ھفتي کيس موت جي سزا ملندي، پر ھن ان ڳالھ کي خط ۾ لکڻ مناسب نه سمجھيو ھو. ان ڪري منھنجي دل ۾ ڳڻتيءَ بدران اڻ تڻ پيدا ٿي ويئي، ڇوته ٻين ڪيترن ڳالھين منھنجي دل ۾ وڏي آس پيدا ڪئي ھئي. آمريڪي سفارت خاني، جنھن ’کانِ‘ کي حُڪم ڪيو ھو ته تُروئِيءَ کي موت جي سزا ڏني وڃي، تنھن ئي ھن کي حڪم ڏنو ته ان کي ملتوي ڪيو وڃي. سائيگان جون اخبارون تُروئِيءَ جي خبرن کي اڳي کان وڌيڪ تفصيل سان ڇاپڻ لڳيون. ھن جو نالو اخبارن ۾ وڏن وڏن اکرن ۾ ايندو ھو ۽ ڪڏھن ته اخبار جي نالي واري بوتي کان به وڏو ھوندو ھو. ڪن اخبارن جي اسٽالن تي لائوڊ اسپيڪر لڳل ھئا، جن تي سرخيون ٻڌائيندا ھئا: ”تاريخ ۾ جان بخشيءَ جو پھريون واقعو-“ ”آمريڪي سفارت خاني دخل ڏنو-“
    ٻئي ڏينھن مون کي تُروئِيءَ سان ملاقات ڪرڻي ھئي. مون کاڌي جون شيون ۽ دوائن جو پيڪٽ تيار ڪيا ۽ کيس خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ خط لکي رکيم.


    13

    پندرھين آڪٽوبر تي صبح جو مان چِي ھُوئا جيل پھچي ويس. در تي ھڪ وڏو نوٽيس لڳل ھو- ”نئين تنظيم جو مرڪز، اعليٰ قومي ڪائونسل جو آڌرڀاءُ ٿو ڪري.“ اُتي ڪو خاص واقعو ٿيڻ وارو ھو. موت جي سزا واري بلاڪ تائين ٻنھي پاسي فوجي بيٺا ھئا. مون سوچيو ته شايد ھو اعليٰ قومي ڪائونسل جي ميمبرن کي سلامي ڏيڻ لاءِ بيٺا آھن. مان فوجين جي قطارن مان چپ چاپ لنگھي، جيل جي آفيس ڏي ويس.
    موت جي سزا وارن ڏي ملاقات لاءِ ايندڙ زالن مان ڪابه ايتري بي خوف ۽ آسائتي ٻي ڪابه نه ھئي، جيتري مان ھيس. مون سوچيو پئي ته جي ملاقات جي موڪل ملي ويئي، ته ڪيڏي نه وڏي خوشخبري ٻڌائيندي مانس. اخبارن جيڪي مضمون لکيا ھئا، اُھي سڄا سارا ٻڌائيندي مانس. اھو به ٻڌائيندي مانس ته سڄي شھر ۾ ڪيڏي نه خوشي پئي ملھائجي!
    مان دير تائين انتظار ڪندي رھيس. ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت گذري ويو. ھڪ پوليس واري ٻڌايو ته ”اڄ ھتي ڪي مھمان اچڻا آھن، ان ڪري سڀ ملاقاتون رد ڪيون ويون آھن، ۽ کين ڪابه شيءِ وٺڻ جي موڪل ناھي. تون ڪنھن ٻئي وقت اچجانءِ“
    مون چيو ته گھٽ ۾ گھٽ ھي شين جا پئڪيٽ ته منھنجي مڙس تائين پھچايو، پر ھن انڪار ڪيو، ۽ منجھند کان پوءِ اچڻ لاءِ چيائين. مان وري فوجين جي قطارن جي وچ مان لنگھي، وڏي دروازي ڏي موٽي آيس. فوجي بُتن وانگر چُپ ڪيو، ڄميا بيٺا ھئا. موت جي قيدين واري اڱڻ کان ٻاھر مون کي ڪيئي اخباري عيوضي نظر آيا، جن ۾ ويٽنامي به ھئا، ته پرڏيھي به. ھو تڪڙ ۾ اتاولا ٿي نظر آيا، ۽ سندن ڪلھن تان ڪئميرائون پئي لڙڪيون.
    وڏي دروازي تان ھڪ فوجي گاڏيءَ کي ايندو ڏسي، مان ھٽي ويس. گاڏيءَ ۾ جنازو ھو. مون سوچيو، ”شايد اڄ ڪو قيدي مري ويو آھي.“ جيل جي ديوار کان ٻاھر آھُونگ گھٽيءَ ۾ فوجين جا دستا چست بيٺا ھئا. مان پنھنجي سائيڪل کڻڻ لاءِ اسٽينڊ تي ويس، ته ڪنھن چيو، ”ھيءَ ان ماڻھوءَ جي زال آھي، جنھن ڪانگ لائي پُل ھيٺان سُرنگ لڳائي ھئي- پر ھيءَ موٽي ڇو آئي آھي؟“
    اُن پاڙي جا ماڻھو ھاڻي مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻندا ھئا، جو مان مھينن کان مڙس سان ملڻ ايندي ھيس، ته ھنن جي دڪانن تان شيون وٺندي ھيس. ھنن جي تُروئِيءَ سان محبت ھئي ۽ مون سان به ڏاڍي ھمدرديءَ سان پيش ايندا ھئا. ھو سدائين مون کي سٺا ميوا ۽ ڪيڪ ڏيندا ھئا ۽ چوندا ھئا ته، ”توھان کان اسان نفعو نه وٺنداسين. رڳو لاڳت جا پئسا ڏيو.“
    مان مڙيس، ته پوڙھيءَ اشاري سان مون کي سڏيو. ھن جي مُنھن تي غم جا ڪڪر ڇانيل ھئا. ”تون موٽي ڇو آئينءَ- تنھنجي مڙس کي ڄاڻ ته موت جي سزا ڏنائون- تون ملاقات جو مطالبو ڇونه ٿي ڪرين؟“
    مون کي پنھنجي ڪَنن تي اعتبار نه آيو-”نه! نه!- اھو ڪيئن ٿيندو؟- ائين ٿي نٿو سگھي- مان ھاڻي اُتان ٿي اچان. ھنن چيو ته منجھند کان پوءِ ڀلي مڙس لاءِ کائڻ جون شيون موڪلجانءِ. سزا ته روڪي اٿن. اخبارن ۾ به اھڙيون خبرون آيون آھن.“
    ”اِھا ته سڀني کي خبر آھي. اڄ صبح تائين اسان به خوشيون ٿي ڪيون. اسان جيل وٽ سالن کان شيون پيا وڪڻون. اھو پھريون موقعو ھو جو ٻن انساني حياتين جي مٽا سٽا پئي ٿي. پر ھي پنھنجي انجام تان ڦري ويا. ھن پرانھين مُلڪ ۾ آمريڪي ڪرنل کي ته ڇڏي ڏنو اٿن، پر تنھنجي مڙس کي موت جي سزا ملڻ واري آھي. فوجين ٻڌايو آھي ته ڪانگ لائي پل ھيٺان سُرنگ لڳائڻ واري ماڻھوءَ کي گولي ھڻندا-“
    مان چري ٿي ويس. اُھا مائي مون کي پنھنجي گھر وٺي ويئي، ۽ سڏڪندي، چوڻ لڳي، ” ھنن ڪوڙ نه ڳالھايو آھي. ھو اڄ صبح جو تنھنجي مڙس کي گولي ھڻندا. ھن لاءِ ڪائي به آندي اٿن. اخبار جا عيوضي ۽ فوٽوگرافر به اچي ويا آھن. ٻچڙي، تون جلدي موٽي وڃ. اھا ڳالھ ھڪ واقف ڪار مون کي ٻڌائي آھي.“ ھن جي ڳالھ برابر نڪتي. مان روئندي، سڏڪا ڀريندي، جيل جي در ڏي ڊوڙيس. لوھي در مضبوطي سان بند ڪري ڇڏيو ھئائون. ڪجھ فوجين مون کي ڇِڪي ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مان رڙيون ڪري انھن کان پاڻ ڇڏائڻ لڳيس. ”توھان منھنجي مڙس کي ماري نٿا سگھو. توھان کي ان جو ڪو حق ناھي. توھان کي ملاقات ڪرائڻي پوندي.“
    پر ھڪ فوجيءَ منھنجون ٻئي ٻانھون پڪڙي ورتيون، ۽ چيائين، ”ڪنھن کي به اندر وڃڻ جي موڪل ناھي. توکي پاس وٺڻ لاءِ درخواست ڏيڻي پوندي.“
    پوءِ ھو مون کي پري گھلي ويا ۽ جيل جو رستو بند ڪرڻ لاءِ فوجين جو ھڪ ٻيو ٽولو پھچي ويو. مان موت جي سزا واري بلاڪ ڏي منھن ڪري، پنھنجي سڄيءَ طاقت سان پنھنجي مڙس جو نالو وٺي پڪاريو. مون ڀانيو ٿي ته ٿي سگھي ٿو ته ھِن ئي گھڙيءَ کيس گولي ھڻڻ لاءِ وٺي ويندا ھجن. پر فوجين مون کي ڌڪا ڏيئي در کان ھٽائي ڇڏيو. جڏھن منھنجو وس نه ھليو، ته مان سائيڪل اسٽئنڊ ڏي ڀڳيس، ۽ پنھنجي سائيڪل تي تيزيءَ سان گھر جو رخ ڪيم، جيئن بابا سان صلاح ڪيان ته ھاڻي ڇا ڪجي. ڪجھ ماڻھو مون کان پڇڻ لڳا-
    ”موٽي ڇو آئينءَ- ڇا ملاقات جي موڪل نه ڏنائون؟“
    ”ھنن مون کي روڪي ڇڏيو- مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ھنن ھڪ به نه ٻڌي. ھنن در جو رستو به بند ڪري ڇڏيو. ھاڻي بابا کي ڳولڻ گھر ٿي وڃان-“ ماڻھو اھو ٻڌي سرڪار کي وڏي وات گاريون ڏيڻ لڳا.
    ”اھو ظلم آھي- وحشي پڻو آھي- مڙس کي قتل ٿا ڪن- ھن جي زال کي پويون ڀيرو ملڻ به نٿا ڏين- وحشي ڪٿان جا.“
    تُروئِيءَ جو پيءُ به ڪوانگ نام کان اچي ويو ھو. ھن به حياتين جي مٽا سٽا واري خبر ٻڌي ھئي، ۽ ان جي نتيجي جي انتظار ۾ ھو. جڏھن مون گھر پھچي کيس احوال ٻڌايو، ته منھنجي ۽ تُروئِيءَ جي ماءُ تي ڄڻ وِڄ ڪري پيئي. اسان ٽيئي وڪيل وٽ پھتيوسين. وڪيل کي به اعتبار نه آيو. چيائين، ”اُھا اڻ ٿيڻي آھي. موت جي سزا ھٽائڻ جو حڪم باقائدي نڪتو آھي. اُن ۾ ڪابه ڦير گھير ٿئي ھا ته مون کي ضرور سُڌ ڏين ھا. مان بچاءَ جو وڪيل آھيان. جنھن کي موت جي سزا ٿا ڏين اُھو ڪو ٻيو ھوندو-“
    مون چيو ته، ”جيل جي ڀرسان رھندڙ ماڻھن چيو آھي ته ھي ساڳئي ئي ماڻھوءَ کي سزا ٿا ڏين، جنھن ڪانگ لائي پل کي اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي- توھان پڃا ته ڪريو ته اسان کي به آٿت اچي.“
    وڪيل ڪجھ ترسيو. نيٺ ھن جيل جي آفيس کي ٽيليفون ڪيو. ھن جي منھن تي وحشت ڇانئجي ويئي- ”ڇا اھو سچ آھي- سچ آھي-“
    ”ھن کي سزا ڏيئي ڇڏيائون- يارھين بجي- ھاڻي ته اسان رڳو ميت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.“
    اِھو ٻڌي، منھنجون ٽنگون ساھه ڇڏي ويون ۽ مان ھڪ ڪرسيءَ ۾ ڪري پيس. مان ميز تي ڊگھي ٿي پئجي رھيس ۽ ان ڳالھ مون تي ايترو اثر ڪيو، جو اکين جا ڳوڙھا به سُڪي ويا.
    ”ھا- ھاڻي ته ميت وٺڻ جي ڪوشش ڪجي-“ بابا سڏڪندي چيو، ”اُن لاءِ اسان کي ٻين تي ڀاڙڻ نه کپي-“ مون ٽيڪسي ڪئي ۽ مڙس جي لاش جي ڳولا ۾ سڄي شھر جا ٿاڻا ۽ ڪورٽون رُليس. پر ھو يا ته منھنجي ڳالھ ئي نه ٻڌن، يا اُبتو سُبتو ڏس پيا ڏين. ان کان پوءِ مان شھر جي قبرستانن ۾ رُليس. ھڪ ھنڌ ٽيڪسي ڊرائيور حيران ٿي پڇيو، ”توھان قبرستانن ۾ ائين ڇو ٿيون رُلو؟“
    ”ھنن منھنجي مڙس کي ماري ڇڏيو آھي- خبر ناھي لاش ڪٿي دفن ڪيو اٿن-“
    ”ڇو ماريو اٿن توھان جي مڙس کي؟“
    مان چپ رھيس، پر ھن پنھنجو سوال ورجايو.
    ”ھن ڪانگ لائِي پُل ھيٺان سُرنگ ھنئي ھئي-“
    ”ڇا چيو تو؟“ ھن ايترو زور سان چيو، جو رستي جا ماڻھو به ڏسڻ لڳا. ”سندس نالو تُروئِي آھي- نِگويِن وان تُروئِي؟“
    منھنجي چپن مان اَکر به نه اُڪليو. منھنجي اکين مان ڳوڙھا وھي نڪتا. مون اُڌمن کي سوگھو رکڻ لاءِ چَپن ۾ کڻي چڪ وڌو. ڊرائيور منھنجي مڙس جو نالو ائين ورتو، ڄڻ ان سان پراڻي دوستي ھيس. ھن جو منھن ڳاڙھو ٿي ويو. ھن وري پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو، ”ڇا نِگويِن وان تُروئِي توھان جو مڙس آھي، جنھن ميڪنمارا کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.“ مون ڪنڌ لوڏيو-
    ھن سيٽ جي پٺيان اخبار ڪڍي، مون کي ڏني- ”اخبار ۾ ته لکيل آھي ته سزا روڪي اٿن- پوءِ ھن کي ماري ڇڏيائون.“
    مان اخبار تي نظر وجھي نه سگھيس. دل تي ڏاڍي چوٽ آئي.
    ”ادا- اڃا به ڪو قبرستان رھيل ھجي ته اُتي وٺي ھل-“
    ڊرائيور در بند ڪيو. ٽئڪسي ھوا سان ڳالھيون ڪرڻ لڳي. مون کي ياد ناھي ته ان ڏينھن ڪيڏو ھلي ھيس. مٿي ۾ ڏاڍا چڪر پئي آيا.
    بين ٿينڪ مارڪيٽ جي ٽئڪسي اسٽينڊ وٽ ھُن پنھنجي ٽئڪسي جھلي، ۽ ڪجھ ماڻھن کي گڏ ڪري چيائين-
    ”ڀائرو! اڄ صبح نِگويِن وان تُروئِيءَ کي ماري ڇڏيائون-“ پر ماڻھن کي اعتبار نه آيو- ”اِھو ڪيئن ٿيندو- آمريڪي سفارت خاني سزا روڪڻ جو حڪم ڏنو ھو-“
    ڊرائيور مون ڏي اشارو ڪري چيو-
    ”ھيءَ تُروئِيءَ جي گھر واري آھي ۽ ميت جي تلاش ۾ ڀٽڪندي ٿي وتي-“ سڀني جون اکيون مون تي کُپي ويون-
    ”ڇا اِھو سچ آھي؟“
    ”ھا-“
    ھو سڀ ماٺ ٿي ويا. اسان جي ٽيڪسيءَ جو مُنھن ھاڻي گياڊِن ڏي ٿيو. سج لھي ويو ھو، پر پتو اڃا به نه پيو ته ھن کي ڪٿي دفن ڪيو اٿن. مان ٿڪجي ٽُججي گھر موٽيس. ڊرائيور منھنجي گھر وٽ ٽيڪسي بيھاري. ھو ڏک مان سيٽ تي ليٽي پيو. سڄو پگھر ۾ شل ھجي- قميص به پگھر ۾ پُسي ويئي ھيس. نيٺ ھو ٽيڪسيءَ مان لھي پيو-
    ”مان رات جو وڌيڪ ڳولا ڪندس- جي ڪا خبر پيئي ته توھان کي ٻڌائيندس-“
    مون ھن کي ڀاڙي جا پئسا ڏنا. ھن پئسا ڳڻي، اڌ مون کي موٽائي ڏنا.
    ”مان رڳو اوترا پئسا وٺندس، جن مان منھنجي زال ۽ ٻار ماني کائي سگھن. ھي پئسا رکي ڇڏيو، متان سڀاڻي ڪم اچنَوَ-“
    ٻئي ڏينھن صبح جو اخبارن مان خبر پيئي ته سرڪار منھنجي مڙس کي ميونسپالٽيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو آھي. اسان سڀ گھر جا ڀاتي اوڏانھن وياسين. ھڪ ننڍڙو ڪَتبو به کڻي وياسين، جنھن تي سندس نالو لکيل ھو. اُھو اسان قبر تي ھنيو. قبرستان ۾ پوليس اسان جي انتظار ۾ ھئي، ۽ اسان جي چر پر تي نظر پئي رکيائين، ۽ ھڪ ھڪ ڄڻي جو فوٽو ڪڍيائون-
    اسان جي گھر ۾ منھنجي ماءُ سڀني کان پوءِ اِھا خبر ٻڌي. ھوءَ بِن لونگ ۽ بن ھُوئا ۾ ڦيري تي ويئي ھئي. اتان موٽندي، ھوءَ گوشت ۽ ميوو وٺي آئي. اُھو سڄو بندوبست ھُن تُروئِيءَ جي ملاقات واري ڏينھن لاءِ ٿي ڪيو. ھوءَ در تي پھتي، ته ننڍڙيءَ ڪِينِ اُھا دھشت ناڪ خبر ٻڌايس.
    ”امان- ھنن ادا کي گولي ھڻي ڇڏي-“
    امان اِھو ٻڌي، اڌ چري ٿي ويئي ۽ زمين تي ليٽي پار ڪڍڻ ۽ ’کانِ‘ ۽ آمريڪين کي پِٽڻ لڳي. گوڙ تي پاڙي وارا ڊوڙندا آيا. پوليس جا جاسوس جيڪي اسان جي گھر جي جاسوسي ڪندا ھئا، اھي به دروازي تي پھچي ويا. بابا کي اچي ڳڻتي ٿي ۽ ھو امان کي سمجھائڻ لڳو.
    ”ايترو گوڙ نه ڪر- مون کي تنھنجي بيماريءَ جي خبر آھي. پاڻ تي ضابطو رک.“ پر امان ھڪ به نه ٻڌيس. ”مون کي جيئن وڻندو، تيئن ڪنديس- روئي پنھنجو ڏک ھلڪو ڪنديس- تُروئِيءَ جي خونين تي ڪو قھر پوي، ڀلي اچي مون کي به مارين. مان ھنن کان نٿي ڊڄان- منھنجو ڪھڙو نه سھڻو ناٺي ھو- دنيا ۾ ھن جھڙو ڪو آھي!“
    غم ۽ نفرت جي شدت سببان ھوءَ آپي کان ٻاھر نڪري ويئي. کانِ ھوئيءَ کان ڊوڙندي ھوءَ فونوھان ۾ منھنجي گھر اچي پھتي. اُتي تُروئِيءَ جي تصوير ڏسي، وري اچي روئڻ ۾ پيئي. گھر جي ٻئي حصي ۾ جتي ’ب‘ رھندو ھو، ٽوڊي سرڪار جو جھنڊو لڳل ھو. امان اھو لاھي، ٽڪرا ٽڪرا ڪري لتاڙيو.
    امان اُتر جي رسم موجب کانِ ھُوئي جي پيگوڊا ۾ منھنجي مڙس جي ماتم ۾ ستن ھفتن جي دعائن واري رسم ملھائڻ جو بندوبست ڪيو. پھرين ھفتي جي شروع ۾ راھبن ھڪ ڪاري تختي تي ھيءَ عبارت لکي پيگوڊا جي ٻاھران ھڻي ڇڏي-
    ”22 آڪٽوبر 1964ع تي شام جو ستين بجي نِگوين وان تُروئِيءَ جي روح کي ثواب پھچائڻ لاءِ پيگوڊا ۾ دعائون گھريون وينديون. مھاتما ٻڌ جا پوئلڳ ان مجلس ۾ شريڪ ٿين!“
    دعا جي مجلس شروع ٿيڻ کان اڳ پوليس جا جاسوس دروازي تي چوڪسيءَ لاءِ پھچي ويا. مون کي ڊپ ھو ته پوليس جي خوف کان ڪو ماڻھو اچڻ جي ھمت نه ڪندو، پر ايترا ماڻھو گڏ ٿيا، جو اڳي ڪڏھن به اھڙيءَ مجلس ۾ ايترا ماڻھو نه آيا ھئا. گھڻا ماڻھو پاڻ سان لوبان ۽ گل کڻي آيا ھئا. پيگوڊا جي ان رسم ۾ منھنجي دل کي ڏاڍو آٿت مليو. تُروئِيءَ جي مرڻ واري ڏينھن تي سائيگان ۾ ماڻھن ڪيترائي اشتھار ورھايا، جن سندس قاتلن ’کانِ‘ ٽولي کي ننديو ويو ھو، ۽ تُروئِيءَ جي بھادريءَ جي تعريف ڪئي ويئي ھئي. اسان جي فيڪٽريءَ ۾ ڪپھ کڻي ايندڙ ھڪ ڊرائيور مون کي ٻڌايو ته بن ھُوئا جي شاھي رستي تي، جتي رات ڏينھن ٽريفڪ ھوندي آھي، ان جي مٿان به ھڪ ڪپڙو ٽَنگيل ھو، جنھن تي لکيل ھو، : ”نِگوين وان تُروئِيءَ جو جذبو زندھه باد.“ گھڻين ھوٽلن ۽ سَرائُن جي مالڪن 16 آڪٽوبر 1964 وارين اخبارن کي سنڀالي رکيو ھو، جو سندن گراھڪ انھن کي ڏسڻ جي فرمائش ڪندا پئي آيا. انھن اخبارن ۾ تُروئِيءَ جي آخري گھڙين جون تصويرون ھيون. 16 آڪٽوبر صبح جو بن ٿان مارڪيٽ جي فضا ايتري ڏک واري ھئي، جو سڄو ڪم ڪار بند ٿي ويو ھو. مسز ’م‘ مون کي ٻڌايو ته اُن ڏينھن پوليس سپرنٽيڊنٽ مارڪيٽن جو ماحول ڏسي، حيرت مان چوڻ لڳو ته، ” ھِن ويٽ ڪانگ لاءِ ھي سڀ ماڻھو ڏک ڇو ٿا ڪن!“
    اُن ڏينھن پوليس جي موجود ھوندي، پيگوڊا ۾ ڪافي ماڻھو گڏ ٿي ويا. اتي مون کي ڏسي، ڪيئي ماڻھو مون وٽ آيا، ۽ اسان جي خانگي حياتيءَ جي بابت پڇڻ لڳا: مثلاً، ”توھان جي شاديءَ کي گھڻو وقت ٿيو؟“- ”تون ڇا ڪندي آھين؟“- ”اھڙي بھادر پٽ جا پيءُ ماءُ ڪيئن ھئا؟“ ان کان پوءِ ھو ڏک ۾ ڀرجي چوڻ لڳا، ”تنھنجي مڙس وطن لاءِ جان قربان ڪئي آھي ۽ توتي ڏُکن جو ڏونگر ڪِري پيو آھي. جي پوليس تنھنجي پٺيان نه ھجي ھا، ته اسان توکي وٺي وڃي پنھنجي گھر رھايون ھا-“
    ”توھان ھن مجلس ۾ اچي، وڏي مھرباني ڪئي آھي. مون کي ڊپ ھو ته پوليس جي ڀؤ کان ڪوبه نه ايندو!”
    ”تون ٺيڪ ٿي چوين. ڪجھ ماڻھو برابر ڊنل آھن ۽ ھن وقت پنھنجي گھرن ۾ تنھنجي مڙس لاءِ دعائون ٿا گھرن، پر مون ۽ منھنجي ساھيڙين چيو، ھُن ته موت جي مُنھن ۾ به بھادري ڏيکاري، ته اسان رڳو دعائن جي مجلس ۾ به وڃڻ کان ڇو ڊڄون.“
    ڀيڻ ’ڪ‘ به ان مجلس ۾ آيل ھئي. ڪجھ ڏينھن اڳ ھن خوشيءَ مان ٻھڪندي مون کي چيو ھو، ”تُروئِيءَ جي آزاد ٿيڻ تي دعوت ڪرين ته مون کي نه وسارجانءِ!“
    ھوءَ مون کي ڏسي چوڻ لڳي، مون کي ھن مجلس جي خبر دير سان پيئي، ان ڪري مان گل ۽ خوشبوءِ نه آڻي سگھيس-“ پوءِ پڇيائين، ”تو آزاد ريڊيو ھَنوئي ٻُڌو آھي؟“
    ”مون وٽ ته ريڊيو ئي نه آھي. جي ھجي به ھا، ته ايترن جاسوسن ھوندي اُھي اسٽيشنون ٻڌي به ڪيئن سگھان ھا-“
    ”اعلان ڪيو اٿن ته ھُنن تُروئِيءَ کي ’ڏکڻ ويٽنام جي سُورمي‘ جو لقب ۽ ان سان گڏ ’ويٽ نام جي قومي نشان‘ جو مان ڏنو آھي. ويھن سالن جي آزاديءَ جي جنگ ۾ ايڏو وڏو اعزاز ڪنھن کي به نه مليو آھي. توکي فخر ڪرڻ کپي.“
    ”مون شھر ۾ ھڪ پَترو ورھائبو ڏٺو آھي، جنھن ۾ تُروئِيءَ جي حياتيءَ، ۽ ھُن جي اَمر ڪارنامن ۽ انھن اعزازن جو ذڪر ھو-“
    پيگوڊا جي ايوانن ۾ ماڻھن جو ميڙ منھنجي چوڌاري گڏ ٿي ويو.مون ھنن کي ٻڌايو ته حڪومت ھن کي قتل ڪرڻ کان اڳ مون کي پوئين ملاقات جي موڪل به نه ڏني. ھنن لاش به منھنجي حوالي نه ڪيو. سندس موت جي خبر ته اخبارن ۾ آئي ھئي، پر مون سان ۽ جيڪو منھنجي ڪٽنب سان وحشي پڻو ڪيو ويو، ان جي خبر ماڻھن کي ھاڻي پيئي.
    چئن ھفتن کان پوءِ مان تُروئِيءَ جي اباڻي ڳوٺ ڪوانگ نام رواني ٿي ويس. اُن ڳوٺ ۾ ھيءُ منھنجو پھريون ڀيرو وڃڻ ٿيو ھو. وڃڻ وقت ماڻھن کي چيم ته جي وقت تي موٽي نه سگھان ته دعائن جي مجلس جي ڪم ڪار کي سنڀالين-
    ھنن مون کي پڪ ڏياري ته ”جيترا ڏينھن توکي وڻن تون وڃ. تُروئِي اسان سڀني لاءِ، پنھنجي ساٿين لاءِ ۽ مُلڪ لاءِ جان قربان ڪئي آھي. اُنڪري سندس ڪم جي نظرداري ڪرڻ اسان جو فرض آھي. ھڪڙو ڪم ڪجانءِ، تُروئِيءَ جي ھڪ تصوير آڻي پيگوڊا ۾ رکجانءِ، ته اسان ھر پندرھين تاريخ ان تي گل چاڙھينداسين ۽ اگربتيون ٻارينداسين.“
    مان پڇاڙيءَ جي ھفتي جي دعائن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وقت تي سائيگان پھچي ويس. اُن ۾ پھرين کان وڌيڪ ماڻھو آيا. ھو مون کان تُروئِيءَ جي ڳوٺ جي باري ۾ پڇڻ لڳا. مون ھنن کي ٻڌايو ته ڪيئن اُتي آزادي محاذ جا ماڻھو مون سان ملڻ ايندا ھئا ۽ ڪھڙيون ڳالھيون ڪندا ھئا. ھنن تُروئِيءَ جي بدلي ۾ اڻ ڳڻيا دشمن ماريا آھن ۽ انجام ڪيو اٿن سندس بھادر زندگي سدائين سندن رستي جو سوجھرو بڻيل رھندي. ھنن تُروئِيءَ جي ساراھه ۾ گيت به چيا آھن. ھنن مون کي ھدايت ڪئي ته تُروئِيءَ جي خاندان کي به انقلاب ۾ حصو وٺي، پاڻ کي اُن قومي سورمي جي لائق ثابت ڪرڻ کپي، جنھن کي قومي آزادي محاذ طرفان وڏي ۾ وڏو اعزاز ڏنو ويو آھي.


    14

    ھڪ ڏينھن رات جو دير سان پيگوڊا مان موٽيس، ته ھڪ ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ چپ چاپ ڀيڻ ’الف‘ جو پيغام منھنجي ھٿ ۾ ڏنو. منھنجي دل خوشيءَ کان ٽِڙي پيئي. ھوءَ جيل مان ڀڄي آئي ھئي، ۽ سائيگان ۾ ٿي رھي. مون کي ھنن جي مدد وٺڻ لاءِ ساڻن ملڻ جي ڏاڍي خواھش ھئي. گھر پھچي مون در بند ڪيو ۽ بتي ٻاري خط پڙھڻ لڳيس.

    ”مان تنھنجي ڏک ۾ ڀائيوار ٿيڻ لاءِ توسان ملڻ اچي نه سگھيس، تڏھن به ڄاڻان ٿي ته تنھنجي دل نه رڳو غم سان پر مڙس جي ڪري فخر سان ڀريل آھي. اسان سڀني جو اھو حال آھي. اسان کي پنھنجي عظيم ساٿيءَ تي فخر آھي، جنھن جي قربانيءَ کي نه رڳو سڄي ملڪ ۾ پر سڄيءَ دنيا ۾ ادب ۽ عزت جي نظرن سان ڏٺو ٿو وڃي.“
    ”رات اسان ھَنوئي ريڊيو تان ھڪ شعر جو پروگرام ٻڌو: ”اسان اڳتي وڌي رھيا آھيون-“ اُن جي ليکڪ ’توھُو‘ تنھنجي مڙس جي باري ھڪ گيت پڙھيو- اُھو لکي نٿي سگھان، پر جلد ئي اھو سڄو گيت ملي ويندو. مان شاگردن جي ھڪ گروپ کي سڃاڻان. ھو ’توھُو‘ جا سڀ شعر گڏ ڪندا آھن. اديب ۽ شاعر تُروئِيءَ کي شاندار لفظن ۾ ساراھين ٿا- جيئن ته ’ھڪ عظيم نوجوان‘- ’ھوچي مِنِ جي دور جو روشن ستارو.‘
    ”ھو ايڏي پڪي ارادي ۽ اڏول ھمت سان موت جي آڏو آيو، جو مون ڪن شاگردن کي پاڻ ۾ چوندي ٻڌو: ’جي اسان به موت جي منھن ۾ اچي وڃون، ته اسان کي به تُروئِيءَ وانگر جان ڏيڻ کپي- ھنن پنھنجن نوٽ بوڪن ۾ سندس تصويرون ھڻي ڇڏيون آھن. ھڪ گروپ ته ھن جي جيل جي ڪوٺيءَ مان نڪرڻ کان وٺي آخري نعري ھڻڻ تائين سؤ کن ڪتاب گڏ ڪيا آھن. ھڪ عام بجليءَ واري جي صورت ۾ ھن جي حياتي مزورن ۽ شاگردن لاءِ ھڪ روشن مثال بڻجي چڪي آھي . گھڻن ماڻھن ڳجھيون گڏجاڻيون ڪري تُروئِيءَ جي آخري گھڙين جون تصويرون ماڻھن کي ڏيکاريون. گھڻن گروپن وچ شھر ۾ سندس يادگار قائم ڪري ڇڏيا آھن. جي اھي سڀ ڳالھيون تو نه ٻڌيون ھونديون، ته مون کي حيرت ٿيندي.
    ”ھڪ يادگارُ ريپبليڪن فوٽ بال گرائونڊ جي گيٽ جي ٻاھران تِڪاؤ پُل جي ڇيڙي وٽ آھي. ھڪ چِي ھُوئا جيل ۾ اندر آھي، جيڪو واقعي حيران ڪندڙ آھي. جڏھن تون موت جي سزا واري بلاڪ ۾ تُروئِيءَ سان ملڻ ويندي ھوندينءَ، ته تو ڏٺو ھوندو ته اتي ڪيڏو نه سخت پھرو آھي! تنھن ھوندي به ھڪ انقلابي ٽولو اڱڻ ۾ گھڙي اُنھيءَ جاءِ تي يادگار ٺاھي آيو، جتي کيس ٻَڌي گوليون ھنيون ھئائون. نوجوانن موٽندي ان يادگار جو فوٽو به ڪڍيو. گھڻن ماڻھن ھيءَ ڳالھه ٻڌي ته پھريائين اعتبار ئي نه پئي آين. ڪنھن انقلابي مجاھد جي شان ۾ يادگار، سو به چِي ھُوئا گرائونڊ ۾ ڪيئن ٿو ٺھي سگھي! سو به اُتي جتي گولي ھنئي ھئائون! جڏھن پوليس پاڻ مڃيو، ته پوءِ ڪنھن کي به شڪ نه رھيو.
    ”دشمن جو خيال ھو ته تُروئِيءَ کي قتل ڪري ھو اسان جي انقلابي تحريڪ ۾ رڪاوٽ آڻي سگھندو. پر حالتون ان جي ابتڙ ثابت ٿيون. ھِن وقت ڪم اڳي کان اڳرو آھي. اسان جي گروپ جي ھر ميمبر تُروئِيءَ جي بدلي وٺڻ لاءِ آمريڪي حملي آورن کي مارڻ لاءِ پنھنجي خدمتن جي آڇ ڏني آھي. اسان نون ميمبرن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ”نِگوين وان تُروئِيءَ جي ياد“ جي نالي جا ڪوشش شروع ڪئي، اُن جا حيرت جھڙا نتيجا نڪتا. ھُن جا ڪارناما، ھُن جون ڳالھيون، ھن جي زندگيءَ جو احوال، جيڪو تو مون کي جيل ۾ ٻڌايو، اُھي سڀ ڳالھيون انقلابي تربيت جي سلسلي ۾ بحث ۽ تعليم لاءِ ڪم جون ڳالھيون ثابت ٿيون.“
    ”جڏھن پيگوڊا ۾ دعائن جي مجلس جو ٻڌم، ته ڪجھه خوشبوءِ ۽ گل ھن ننڍڙيءَ ھٿان موڪليم ۽ ھيءُ خط به کيس ڏنم. ھڪ ڀيرو وري مان ڪجھه ڳالھيون توکي چونديس. تون اھڙيءَ طرح پنھنجي حياتي گزارجانءِ، جيڪا تنھنجي مڙس جي شان وٽان ھجي. مان توکي ھر طرح سان مدد ڪنديس. توکي وري به خط لکنديس، ايندڙ خط ۾ ھڪ اھڙي ڳالھه لکنديس، جو پڙھي تون خوش ٿي ويندينءَ.“
    چنڊ جي ٻارھين مھيني جي پنجويھين تاريخ وري مان پنھنجي مڙس جي تُربت تي ويس. پوليس جا ٻه جاسوس ھميشه وانگر منھنجي پٺيان لڳا. مون ھنن تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. قبر تي گُلن چاڙھڻ ۽ اگربتين ٻارڻ کان پوءِ، مان چپ چاپ گھڻي دير تائين اُتي بيٺي رھيس. جاسوس بيھي بيھي، ٿڪجي پيا، ۽ نيٺ ھڪ قبر تي ويھي رھيا.
    ھنن کي ڪھڙي خبر ته منھنجي دل ۾ ڪھڙو طوفان آھي. ٻئي ڏينھن مان سائيگان ڇڏڻ واري ھيس. مڙس جي تُربت کان ڌار ٿيڻ واري ھيس. پوليس جي سخت نظر سببان منھنجو شھر ۾ رھي، انقلابي ڪم ڪرڻ ڏکيو ھو. مون آخري فيصلو ڪيو ته سڀاڻي آزاد علائقي ڏي ھلي وينديس. مان ھر اھو ڪم ڪنديس، جنھن وسيلي مان مڙس جو بدلو وٺي سگھان. جيل جي ٽينءَ ملاقات ۾ ھن جو ڪجھ چيو ھو، مان اُن تي عمل ڪرڻ جو پڪو پھ ڪيو آھي. ھن چيو ھو-
    ”جي اسان ڊگھي عرصي لاءِ جدا ٿي وڃون ۽ حالتون ڇا به ھجن- دشمن کان ڪڏھن به نه ڊڄجانءِ، ھر طريقي سان انقلاب ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، ۽ انھن ساٿين جي ھدايتن تي پورو عمل ڪجانءِ، جيڪي توسان جيل ۾ رھيا آھن-“

    ”مون کي قبول آھي-“ مون پاڻ کي چيو،
    ”تُروئِي! منھنجا سرتاج! منھنجا ساٿي! مان
    توسان انجام ٿي ڪيان ته جھڙي طرح تو
    زندگي گذاري آھي، آخري ساھه تائين مان
    تنھنجي پيروي ڪنديس!“

    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428741
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ