ڪتاب جو نالو: ڇا جو ديس ڇا جو وديس
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: سنڌي اڪيڊمي
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 1982
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 14 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 233 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 216 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
خير النساء جعفري لکي ٿي ته ڪنهن سفرنامي جي آغاز لاءِ ”امان ضامن“ ٻانهن تي ٻڌڻ مذهبي لوازمات مان هڪ ريت اهي. پر ٻانهن تي امام ضامن سان گڏ هٿ ۾ جيڪڏهن الطاف جو سفرنامو ساڻ هجي ته سفر ۾ Suffer گهٽجيو صفر رهجيو وڃي. جهاز تي الطاف جو پهريون قدم ڪنهن خوبصورت سفرنامي جو حسين آغاز آهي، سندس جهاز جيئن ئي ڪنهن گولي جيان سمونڊ جو سينو چيريندو پاڻي جي چپن کي ڪنهن چنڊ گرهڻ جيان بن ڇيڙن ۾ ورهائيندو اڳيان اڳيان وڌندو وڃي. تيئن تيئن کيس مشاهدي لاءِ منظر ۽ موضوع ۽ تحرير لاءِ هڪ گهري تاريخ مليو وڃي، جن کي هو فنڪارانه فوٽوگرافي سان ائين جھليو وٺي، جيئن چقمق جھلي لوهه کي. الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ چش ۽ چشڪا به اهڙا ڏنا آهن جو ٻهارين دنيا جون دلچسپيون ۽ رنگينيون پڙهي اچ اسان جو جوان توڙي پوڙهو سفر جو سانباهو ڪري ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • سنڌي ادب جي افق تي جرڪندڙ قطب تارو
  • حافظ صاحب ۽ جنريشن گئپ
  • ميان واليءَ جو ’سائين‘ انجنيئر
  • مون کي جيل مان آزاد ڪنهن ڪرايو؟
  • جهاز جا ڊگھا سفر
  • جهازن جي نوڪرين ۾ موڪلن جا مسئلا
  • ڪافيءَ جي ڪهاڻي
  • ڪناري جا ڪارناما
  • هليو ويندو ههڙي ڏُڪار ۾
  • ڪتاب ته جتي ڪٿي مليو وڃن
  • سگهڙ ۽ سيبائتي زال
  • اسين هتي آهيون جو توهان هتي هئائو.
  • جيڪا پاڻ ڪنواري هُجي....
  • اڳ جا ۽ اڄُ جا جهازي آفيسر
  • گھرُ ۽ گرمي نقصانڪار آهي.
  • سفر ۾ غلطفهميون ۽ جھيڙا جھٽا
  • ”See the Doctor“
  • جهاز جو طوفان ۾ ڦاسڻ
  • پاڻهي کڻي حساب لڳاءِ

  • انتساب

    پنهنجي پيٽارو جي دوست
    سيد عاشق حسين شاهه نالي.....

    اسان جي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ساٿي سيد عاشق حسين شاهه (Kit No. 203) جو تعلق سکر سان آهي. پاڻ 31 ڊسمبر 1948ع تي سيد دائم علي شاهه جي گھر جنم ورتو. سرڪاري نوڪري جي سلسلي ۾، سندس والد جي بدلين ڪري، بنيادي تعليم، عاشق شاهه مختلف شهرن مان حاصل ڪئي ــ خاص ڪري ڪراچيءَ جي N.J.V اسڪول ۽ سکر جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان جتي سندس والد صاحب ڪافي عرصو سپرنٽنڊنٽ پوليس (S.P) ٿي رهيو.
    عاشق شاهه سان اسان جي ملاقات ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ 1961ع ۾ ٿي جڏهن اسان مئٽرڪ جا شاگرد هئاسين ۽ هن اٺين ڪلاس ۾ داخلا ورتي. انوقت ساڻس گڏ داخلا وٺندڙن ۾ سنڌ جون اهم شخصيتون لياقت جتوئي، ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، اقبال ترڪ، قاسم لاشاري، عبدالجبار عباسي، ڪئپٽن رشيد ابڙو، خيرپور جو مرحوم ميجر نجم قاضي، اڄ جا PIA جا مشهور پائلٽ ممتازالحق، بلال حيدر، خالد ليا ۽ غازي هاشم، ميرپور خاص جو ڪرنل مشتاق رسول جنهن جو راولپنڊي ۾ Roots نالي اسڪول آهي، DIG غلام قادر مهر ۽ مرحوم محسن پنهور، سکر جو الطاف منگي ۽ پير جي ڳوٺ جو ائڊمرل بخت علي جماڻي وغيره هئا.
    ڪئڊٽ ڪاليج مان انٽر ڪرڻ بعد عاشق شاهه مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) ڄامشورو ۾ داخلا ورتي جتان 1971ع ۾ اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ انجنيئر جي نوڪري مليس. سال ڏيڍ کن جي نوڪريءَ بعد کيس ماسٽرس ڊگري لاءِ ناروي موڪليو ويو جتي يونيورسٽي آف ٽرنڍام مان Power System Analysis ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي. ان بعد کيس حيدرآباد ريجن جو اليڪٽرڪ انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ ڪجھه سالن بعد سڄي سنڌ صوبي جو چيف اليڪٽرڪ انسپيڪٽر بنايو ويو.
    عاشق شاهه جنهن جون ٻه ٽي ڳالهيون ٻين ڪيترن کان نراليون ۽ قابل ذڪر آهن. هو جڏهن پيٽارو ۾ آيو ته پنهنجي ڪلاس ۾ سڀ کان ننڍو شاگرد هو. هو پهريون پيٽارين آهي جيڪو پروونشل حڪومت ۾ سيڪريٽريءَ جي عهدي تي پهتو ۽ سنڌ گورنمينٽ ۾ هي ننڍي عمر جو آفيسر هو جنهن چاليهن سالن جي ڄمار ۾ ويهون گريڊ حاصل ڪيو. مهراڻ يونيورسٽي جو به هي پهريون گرئجوئيت آهي جيڪو سيڪريٽري ليول تي پهتو.
    عاشق شاهه جون کوڙ مزيدار ڳالهيون آهن جيڪي آئون وقت به وقت پنهنجي سفرنامن ۾ لکندو رهان ٿو. هن سان منهنجي لڳاتار ملاقات رهي آهي. اتفاق اهڙو رهيو آهي جو جڏهن عاشق شاهه اتر قطب جي ملڪ ناروي جي بنهه اتراهين شهر ’ٽرنڍام‘ جي يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ڪري رهيو هو ته انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو جهاز ٽرنڍام بندرگاهه ۾ ويندو هو جنهن جو احوال پنهنجي ناروي واري سفرنامي ۾ لکيو اٿم ته ٽرنڍام ۾ ٻارهو ئي ايتري ٿڌ ۽ برفباري ٿئي ٿي جو اتي جي وهٽن لاءِ اسان پنهنجو جهاز گوار جي ڏرئي سان ڀري ويندا هئاسين. جهاز هلائڻ بعد جڏهن آئون ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪندو هوس ۽ عاشق جي فئملي آسٽريليا ۾ رهندي هئي ته هو آسٽريليا ايندي ويندي مون وٽ ملائيشيا ايندو رهيو ٿي. ڪراچيءَ ۾ کڻي منهنجو ٿورو وقت اچڻ ٿيو ٿي پر منهنجو جن ٽن پيٽاري جي دوستن سان ملاقات هميشه رهي ٿي، عاشق حسين شاهه انهن مان هڪ آهي (۽ ٻيا ٻه آهن؛ خيرپور جو شوڪت جماڻي ۽ جھانگارا باجارا جو اقبال ترڪ).
    عاشق شاهه هڪ ڄاڻو انجنيئر، سٺو آفيسر، هر هڪ جي مدد ڪرڻ وارو عملدار، سچو دوست ۽ وڏي دل وارو انسان آهي. آئون نٿو سمجھان ته هن ڪنهن کي ڪو رنجايو هجي. هن لاءِ انسانيت اهم شيءِ رهي آهي. هن ڪڏهن نوڪريءَ جي به پرواهه نه ڪئي.هو سيڪريٽري جي عهدي تي هو ته پنجاهه سالن جي ڄمار ۾ هن نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏي. اسان سڀني کي حيرت لڳي ۽ پڇيوسين ته هي ڇا ڪيئي؟ اڃا ته ڏهه سال نوڪريءَ جا پيا اٿئي؟
    جواب ۾ پنهنجي روايتي کل کلندي وراڻيائين:
    ”بس ڀاءُ ڪافي ٿيو. سيڪريٽري تائين به پهچي وياسين، هاڻ ته ڪجھه آزاد رهي گھمجي ڦرجي.“
    ۽ واقعي عاشق شاهه کي گھمڻ ڦرڻ، پير پنڌ ڀرڻ ۽ دوستن يارن سان ملڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ڪئپٽن بشير وسطڙو، سرجن سومرو ۽ برگيڊيئر زين العابدين شاهه چوندا آهن ته عاشق شاهه جهڙو ماڻهو اسانجو دوست آهي، اها اسان لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي.
    الطاف شيخ
    15 فيبروري 2009


    سنڌي ادب جي افق تي جرڪندڙ قطب تارو

    لڳي ائين ٿو ته الطاف پيدا ٿيندي ئي پويان کان پنهنجي بند مٺ ۾ ڪو دنيا جو گولو کڻي آيو هو. مٺ ڀيڙي ته ڀانءِ سڄي دنيا جو گولو بنجي ڪنهن تر جيان سندس هٿ تريءَ ۾ سمائجي آئي آ. هٿ کولي ته ڀانءِ اهو گولو سندس هٿ ريکائن مان جاگرافي جو نقشو بنجي سندس سامهون ڦهلجي ويو آهي.
    ڪنهن سفر جي آغاز لاءِ ”امام ضامن“ ٻانهن تي ٻڌڻ مذهبي لوازمات مان هڪ ريت آهي. پر ٻانهن تي ”امام ضامن“ سان گڏ هٿ ۾ جيڪڏهن الطاف جو سفرنامو ساڻ هجي ته سفر ۾ Suffer گھٽجو صِفر رهجيو وڃي.
    ‘زمين جو سئر ڪريو‘ خدا قرآن ۾ فرمايو، ڀائنجي ٿو خدا جو خاص اشارو ڪو الطاف لاءِ ئي هو. نه ته اسان پارا سوين سنڌي، جي اڃان جهڙا ڪر ماءَ جي Placenta ۾ پيا پلجن، ڇڙو حج جي هنج کي ئي دل ۾ سانڍيو وڃيو قبر ڀيڙا ٿين، تن کي الطاف ڄڻ ڪنهن ‘مواصلاتي سياري‘ ذريعي ‘اميدن جو ٻارڙو‘ هنج ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. گھر ويٺي ئي دنيا ڏسڻ جي سڌ سندس قلم جي ڪرامت تي پوري ڪريو ويٺا آهن. نه ته اسان پنهنجي ٻوليءَ جي پهاڪن ۾ ئي ٽنڊي الهيار ‘ڪاڏي منهن مريم، ڪاڏي الهيار‘ کان اڳ نه وڌياسين. هانو لولو ۽ ٻيا ڪيترائي شهر اچارڻ وقت هانوَ تي هٿ هڻي پيا هاءِ هاءِ ڪندا هئاسين، سي اڄ گھر ويٺي ئي هالن ۾ هوائيءَ جا گل ۽ ٽنڊي ۾ ٽمبڪٽو جون يادون چونڊي رهيا آهيون.
    جهاز تي الطاف جو پهريون قدم ڪنهن خوبصورت سفرنامي جو حسين آغاز آهي، سندس جهاز جيئن ئي ڪنهن گولي جيان سمونڊ جو سينو چيريندو پاڻيءَ جي چپن کي ڪنهن چنڊ گرهڻ جيان ٻن چيرن ۾ ورهائيندو اڳيان اڳيان وڌندو وڃي، تيئن تيئن کيس مشاهدي لاءِ منظر ۽ موضوع ۽ تحرير لاءِ هڪ گھري تاريخ جھپيو وٺي، جيئن چقمق جھلي لوهه کي.
    غالباً سندس سفرنامن جو آغاز، ‘منهنجو ساگر منهنجو ساحل‘ کان آهي. في الحال انجام ‘ڇا جو ديس ڇا جو وديس‘. هن ڪتاب ۾ هن پنهنجي باقي اڳين ڪتابن، جن ۾ هن مختلف ملڪن ۽ شهرن جي تاريخ ۽ جاگرافي، اتي جو علم شعور ۽ آگهي ڏَسي آهي ــ خود جهاز جي بدن جي جاگرافي ۽ تاريخ بيان ڪئي آهي. جهاز جي آفيسرن، انجنيئرن ۽ ٻين ڪارڪنن جا چهرا چٽيا اٿس. جهاز جي Physiology ايتري ته باريڪ بينيءَ سان چِٽي اٿس، جو لڳي ائين ٿو ته سڀ پڙهندڙ محض شوق جي خاطر سندس ڪتاب جو مطالعو نه پيا ڪن بلڪ انهن سڀني کي نيٺ ته هڪ ڏينهن جهاز ران ڪمپنين ۾ ئي ڀرتي ٿيڻو آهي.
    ها البت سندس هن سفرنامي ۽ سندس باقي ٻين سفرنامن ۾ هڪ ڳالهه هڪ جهڙي يا Common-Factor آهي. اها هيءَ ته الطاف پنهنجي ٻين سفرن جيان هن دفعي به جيئن ئي وضو ڪري ٽوپي پائي جهاز ۾ گھڙيو، هوڏانهن جهاز جو دروازو بند ٿئي، هيڏانهن الطاف جي شرافت جا دروازا کليو پون ــ شرافت به ڪا اهڙي تهڙي!
    رکي پير نيپئر روڊ تي ــ پر اهو رستو ختم ٿئي وڃيو ڪنهن مسجد جي در تي ــ جنهن مائيءَ ڏانهن منهن ڪري نهاري سا مائي ئي مريم جو ماسڪ پائي کيس عيسى جي نظر سان نهاري.
    هت شڪ آهي ته ڪٿ الطاف به ائين ته ناهي ته پنهنجا تجربا پرائي حوالن سان ظاهر ڪريو ڳالهه ٽاريو ۽ ٽاريو ڇڏي. جي ائين آهي ته پوءِ هن شيدي ڊرائيور جو مشورو به قابل غور هئڻ گھرجي، جنهن جو ذڪر ڪتاب ۾ الطاف ڪنهن سخت مزاج چيف آفيسر جي حوالي سان ڪيو آهي. جنهن متعلق الطاف لکي ٿو ته ڪيئن نه هڪ ٽانءِ واري چيف آفيسر جي هڪ شِيدي بادشاهه ڇيڪ ڇڏائي.
    واقعي ايڏي شرافت يا بيماري آهي يا پيغمبري! مون کي ته هن ڪتاب ۾ الطاف جو لکيل گيسي ڪرڻ وارو مذاق به بيحد وڻيو ــ هنڌائتو ۽ موزون به لڳو ــ لکيو ٿئين هڪ لڱان جهاز جي چمڪندر گھٽيءَ ۾ ڪو بوٽ جو ڊگھو لينگھو پائي ويو. لينگھي کي ڏسي سندس ڪيبن بواءِ چيو ته (فلاڻو هڪ عبادت گذار شخص جنهن سان ان ڪئبن بواءِ جي ڪونه پوندي هئي) گيسي ڪري ويو آهي.
    ضرور ان گيسي ئي ڪئي هوندي، جو ٻڌو اٿم ته پاڻيءَ جي جهاز تي به ڪڏهن ڪڏهن ‘پاڻيءَ مٿي جھوپڙا‘ واري چواڻي پاڻيءَ جي سخت کوٽ ٿي پوندي آهي ۽ جڏهن گھڻي ٿيندي آهي تڏهن ڪاڪوسن ۾ Toilet papers جي به کوٽ ٿي پوندي آهي. پوءِ فضا جڏهن اهڙي هجي ته پوءِ جهاز جا آفيسر پنهنجي ذاتي رنجش جي بنا تي صفائي نصف ايمان آهي جي مقولي تي عمل ڪندي هڪ ٻئي جي ڪيبن جي سامهون پيا گيسيون گتيندا هوندا.
    اهو مذاق ۽ کوڙ اهڙن ننڍن ننڍن دلچسپ واقعن سان هي ڪتاب ڀريل آهي. مون کي ته الطاف جي هڪ دوست آفيسر جي ڏيڏرن کائڻ واري ڳالهه به بيحد مزو ڏنو، حظ ائين ورتم جهڙو ڪر سڀ ڏيڏر مون کاڌا. دراصل ڊگھن سفرن ۾ نئون ۽ اڻڄاتل ماحول ۾ ناروا ڳالهيون به روا ٿي پونديون آهن. جيڪي انسان هجڻ ناتي فطري طور انسان کان سرزد ٿيو وڃن. پوءِ اهي ئي واقعا انسان پنهنجي تنهائي ۾ ورجائي ڪڏهن انهن کان پيو سرشار ٿيندو آهي ته ڪڏهن وري شرمسار.
    حالانڪ الطاف ڪڏهن به اهڙو ذڪر پنهنجي حوالي سان ناهي ڪيو. خدا ڄاڻي هو ڪهڙي ڪمپيوٽر مان پنهنجي مستقبل جو زائچو اڳواٽ ئي ڪڍرايو سفر سڻائو ڪريو ڇڏي، جو ڪڏهن به ڪاڻ مٿس ڪانه آئي. غذا جي باري ۾ ته محتاط ٿي ڀل کڻي کارڪون ۽ آب زمزم کڻندو هجي. پر باقي زندگي جي حساب ڪتاب ۾ سندس بخشش ڪيئن ٿي ٿئي. آئون نه ٿي ڄاڻان بقول ڪنهن جي مذاق ۾ چيل ڳالهه جي ته الطاف گھڻي ڀاڱي ذاتي حوالن کان لهرائي ٿو. اهي ڏيڏر سندس دوستن ته ڇا پڪ پاڻ به کاڌا هوندائين. صرف ڏيڏرن جي ڪهڙي ڳالهه! اڙي ڀائي هن کي ته نانگن کان وٺي ماڻهوءَ جي گوشت تائين جي ذائقي جي پڪ ڄاڻ هوندي. پر ڪڇي ڪيئن ــ جو ڪڇي ته ٿئي ڪافر.... خير آدم خوريءَ جو الزام آئون هروڀرو مٿس ڪونه ٿي هڻان. ڀل هو پنهنجي ذاتي حوالن کي دام ۾ ئي رهڻ ڏي. ڪجھه به سهي ان ڳالهه کان انڪار ته ڪنهن کي به ڪونهي ته الطاف سنڌي ادب ۽ سجاڳ ذهن سان پنهنجي ڌرتيءَ، ان جي شهرن، ڳوٺن، واهڻ ۽ وستين کي پرڏيهه جي شهرن اتي جي وسندين ۽ وستين سان مشابهت ڏني آهي. ان ليکي گويا هن سموري سنڌ کي ڪل ڪائنات مٿان ڪنهن نرم گرم سوَڙ جيان ڀيڙي ڇڏيو آهي، لڳي ٿو ته اسين هڪ ئي سَوڙ جي نرمي گرمي هيٺان ڄڻ هڪ ئي ماءُ جي هنج ۾ پلجندڙ اجيتڙا انسان آهيون. خدا کيس پيدا ڪري گويا سموري سنڌي قوم ۾ ڪنهن رهجي ويل خال کي ڀري ڇڏيو آهي.. يقيناً الطاف جي پيدائش جو مقصد مڪمل آهي.
    خدا سندس وجود تي پڪ سرهو ٿيندو هوندو


    خيرالنساءِ جعفري.....
    پروفيسر سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو


    حافظ صاحب ۽ جنريشن گئپ

    مختلف جهازن ۽ بندرگاهن تي سفر ڪرڻ بعد اڄ جڏهن سوچيان ٿو ته مونکي جاين جڳهين، موسمن ۽ رونقن کان به وڌيڪ ڪجھه دلچسپ ماڻهو ياد اچن ٿا جي مختلف ڪردارن ۾ ڪناري توڙي جهازن تي ملندا رهيا آهن. سٺا يا خراب. انهن جو فيصلو ناهي ڪرڻو. بس انهن جون ڳالهيون، ياد ۽ تازيون هميشه رهنديون.
    هتي فقط ڪجھه اهڙن جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪي مون سان گڏ مختلف جهازن تي رهيا آهن. ڪيترن سان هڪ کان به وڌيڪ سفر ڪرڻ جا موقعا مليا ته ڪن سان فقط هڪ کن وائيج ــ سا به مهيني ٻن جي ڪا مختصر.
    تازو ٻه چار سال اڳ هڪ ففٿ انجنيئر جهاز تي نئون آيو. خبر پيئي ته حافظ آهي. خوبصورت، سمارٽ، 23ـــ24 سالن جو نوجوان، مشينري ءَ جي ڪم ۾ هوشيار. آءٌ چوندو هوس ته هيءَ ڪيڏي نه غلط Combination آهي. هڪ عالم مولوي پنهنجي ڳوٺ جي، مسجد جي حجري ۾ ويهي ته آساني سان پنهنجي نفس کي ڪنٽرول ۾ رکي سگھي ٿو، پر جهاز تي ــ جيڪو هر هفتي ڏيڍ دنيا جي بندرگاهن کي ڪال (Call) پيو ڪري ــ ٻين لفظن ۾ سمنڊ تي جهاز۽ توهان لوڏن ۾ ته ڪناري تي ايمان لوڏن ۾، اتي پنهنجي نفس کي ڪنٽرو ۾ رکڻ وڏي ڳالهه آهي.
    حافظ صاحب مون سان چار پنج Voyages (سامونڊي سفر) ڪيون. آمريڪا جون، يورپ جون، جپان جون. آءٌ کيس غور سان جاچيندو رهندو هوس. ڪي ڪي ماڻهو مذهب جي آڙ ۾ ڪم ۽ پورهئي ۾ ٽوٽپڻو ڏيکاريندا آهن! پر هي جوان هميشه (سي ـ واچ) Sea Watch انجڻ روم ۾، جهار هڪليندڙ مالهيءَ وانگر، ڀڄ ڊُڪ ۾. هيٺين پليٽ فارم تي جنريٽرن کي ڏسي، بئالر لاءِ پمپ هلائي وچين پليٽ فارم تي ‘پيوريفائرن‘ ۽ ‘ايووپريٽر‘ جي جانچ لاءِ ڀڄندو رهندو، اتان سڌو مٿئين پليٽ فارم تي سلينڊر هيڊ ۽ انجيڪٽرن جو ٽيمپريچر پريشر ڏسڻ ۽ ٽربو چارجرن ۽ ڊوميسٽڪ فرج تي نگاهه رکڻ لاءِ. مئنوورنگ پليٽ فارم کي ڏسندو سڌو ٽنل ۾ ڀڄندوـ اسٽرن ٽيوب کي ڏسڻ لاءِ. پگھر ۾ سڄو شل، پنهنجن ڊگھن وارن کي اڳڙيءَ سان ٻڌي ڊوڙندو رهندو ۽ ‘پورٽ واچ‘ ۾ مشينري جي ريپئر ۾ رڌل. سال ڏيڍ جي لڳاتار سفر ۾ مون کيس انيڪ دفعا خط استوا جي گرم ڏينهن ۾ ڏٺو، چائنا سمنڊ ۽ بي آف بسڪي جي طوفاني راتين ۾، ملاڪا ڳچي سمنڊ (Strait) جي ماٺي موسم ۾، ائٽلانٽڪ ۽ نارٿ سي جهڙن خوفناڪ سمنڊن ۾هن همراهه کي اوچتو چڪاس ڪرڻ يا ڪلاڪن جا ڪلاڪ سامهون بيهي ڏٺو هوندو، پر هر وقت ساڳيو سمارٽ ۽ پورهئي ۾ جنبيل. نه بلجن جا فلٽر صاف ڪندي ڪو آر، نه ڊيوٽيءَ کان وڌيڪ ترسي ڪم ڪرڻ ۾ ارهائي. نه بئالر يا جنريٽر تي ڪم ڪندي گھبراهٽ ۽ نه ٻئي جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ وقت منهن ۾ گھنج. هر ڪم پڪي اعتماد ۽ محنت سان. ڪابه نئين ڳالهه سکڻ لاءِ چاهت ۽ آنڌ مانڌ. سندس کڻي ڊيوٽي نه هجي، پر نئين ڪم کي سکڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انجڻ روم ۾ ترسي به، هلندڙ نئون ڪم آخر تائين سکي وٺندو. هڪ دفعو به هن نماز جو سبب ڏئي موڪل نه ورتي هوندي، ان هوندي به هو پنج ئي وقت نماز پڙهي وٺندو هو. شام جي ڪڏهن ڊيوٽي لڳندي هيس ته نماز لاءِ الڳ موڪل وٺڻ بدران ڊنر ۾ اڌ ڪلاڪ موڪل اهڙي وقت ڪندو هو جو سانجھي نماز به ان ۾ پڙهي سگھي. ڪلاڪ ڏينهن جو، ڪلاڪ رات جو ڊيوٽيءَ کان پوءِ قرآن شريف جو به باقاعدي دور ڪندو هوــــ چاهي جهاز سمنڊ تي هجي يا بندرگاهه ۾. جيڪو وقت ڊيوٽيءَ تي نه هوندو هو، جهاز جي مسجد ۾ پيش امام جا فرائض انجام ڏيندو هو. جي ڪو ٻيو بزرگ موجود هوندو ته پاڻ ان کي ئي منٿ ميڙ ڪندو ته توهان وڏا آهيو، بسم اللـه.
    اتفاق سان سندس هڪ جيڏا ۽ ٻيا ففٿ انجنيئر ڪجھه شوقين مزاج هئا. هڪ کي ته بيئر پيئڻ جو شوق ٻئي کي ڇوڪرين سان دوستي رکڻ جو. پر مون ڏٺو ته حافظ هنن کي ڪڏهن به ٽوڪيندو نه هو جيئن اڪثر ٿيندو آهي ته ڪو نئون مذهبي ٿي پيو ته پاڻ کي مذهب ڏي وڌيڪ مائل ڪرڻ بدران ويندو ٻين کي ڇتو ڪندو ۽ ڪفر جون فتوائون ڏيندو.
    کيس، ڪڏهن ڪڏهن آئون چيڙائيندو به هوس ته حافظ صاحب هي ڇا؟ تنهنجي ڀَر ۾ بيهي فلاڻو ففٿ انجنيئر بيئر پيو پئي؟ يا فوٽوءَ ۾ پاڻ، سندس ڀر ۾ ٻيو دوست ففٿ انجنيئر پنهنجي گرل فرينڊ کي ڀاڪر پائي بيٺو آهي. اسان ٽوڪيندا هئاسين ته مرڪي چوندو هو، وقت سٺي خراب جو فرق پاڻهي سيکاري ڇڏيندو، آءٌ فقط دعا ڪري سگھان ٿو.
    حافظ صاحب کي ميوزڪ جو ڏاڍو شوق هو بلڪ اهو ئي شوق هو، ۽ گانا به انگريزي ــ سي به نوان نوان. تن ڏينهن ۾ سئٽرڊي نائيٽ فيور فلم ڊئنمارڪ ۾ رليز ٿي هئي. ان فلم لاءِ بي جيز جا ڳايل گانا، بوني ايم، ڪس، پيچز ۽ هرب، باربرا اسٽرا سينڊ، انيتا وارڊ، ارپشن، ‘ارٿ ـ ونڊ ـ فائر‘ شڪ، دونا سمر، ڊائنا راس ۽ اوليويا نيوٽن وغيره جا گانا ٽاپ تي هوندا هئا ۽ حافظ جي ڪمري ۾ رکي رکي انگريزي گانا شروع ٿيندا هئا ته جهاز جون ڇتيون پيون لڏنديون.
    هڪ ڏينهن کلي چيو مانس ته حافظ صاحب توهان ۽ هي انگريزي گانن جو شوق ــ کوڙو ئي نه ٿو لڳي. توهان کي ته قواليون يا حبيب ولي محمد، ڪي ـ ايل سهگل جهڙن جا گانا وڻڻ کپن؛ انگريزي ڇو.......؟
    حافظ به کلي وراڻيو؛ ‘سائين، انگريزي گانن ۾ ٿرل (Thrill) آهي. ٿرل، جيڪا پنهنجي گانن ۾ نه آهي. انگريزي گانن ۾، خاص ڪري اڄڪلهه هن ڊسڪو ڊانس ميوزڪ ۾، جان آهي، زندگي آهي، آپٽمزم آهي. پنهنجن گانن ۾ پيسيمزم جي بوءِ آهي.‘
    پگھار مان ڪافي حصو جيتوڻيڪ کيس پنهنجي پوڙهي ماءُ کي موڪلڻو پوندو هو. پر هن، بچيل پئسن مان پڇا ڳڇا ڪري ۽ جاچي جونچي بهترين اسٽيريو سيٽ ورتو. اسپيڪر JVC جا، ڊيڪ ‘اڪائي‘ جو ۽ ايمپليفائر ‘ڪين ووڊ‘ جو. پڇيومانس ته سڄو سيٽ اڪائيءَ جو ڇو نه...؟
    ‘اڪائيءَ جو ڊيڪ ٺيڪ آهي‘، پاڻ ٻڌايائين، ‘باقي اسپيڪر اڄ ڪلهه مون کي جي وي سي جا بهتر ٿا لڳن. جيتوڻيڪ مون ٻين جا به ٻڌا آهن، پر هنن ۾ آواز سٺو ۽ صاف اچي ٿو. هڪ سئو ستر واٽ جي انپٽ تي به آواز ڦاٽي نه ٿو ۽ ووفرس جون تارون چانديءَ سان ڳنڍيل آهن. انڪري Mechanical Fatigue گھٽ ٿي رهي ۽ سسٽم ڪافي Flexible آهي ۽ ڪين ووڊ جي ايمپليفائر جي پنهنجي خوبي آهي. سندس Circuitry تمام ائڊوانس آهي. هر ميوزڪل Transient جو صاف ۽ هوبهو Response آهي.‘
    جهاز جو ماحول به گھر جيان سمجھڻ کپي. جتي گھر ۾ پٽ پيءُ يا زال مڙس ۾ به غلط فهمي يا جھڳڙو، ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو رهي ٿو. اتي جهاز تي ٿيڻ به ڪا نئين ڳالهه نه آهي. اسان جون به سال ڏيڍ جي عرصي ۾، هڪ جونيئر آفيسر جي حيثيت ۾ ڪيتريون ئي رنجشون ٿيون هونديون. هن وقت مونکي فقط هڪ ياد آهي.
    حافظ صاحب ۽ هڪ ٻيو ففٿ انجنيئرـــ ٻئي ڪلاس ميٽ ۽ اڪيڊميءَ جي ساڳئي بئچ جا ــ گڏ جهاز تي چڙهيا (Sign-On ٿيا.) هئا. جهاز تي هڪ ڪئبن ڊبل بستري واري هئي ۽ هڪ اڪيلي. ڊبل واري ۾ هڪ جونئر انجنيئر اڳهين گذريل وائيج کان هو. اهو به سٺو پورهيت ۽ محنتي هو ۽ جونئر ۽ ففٿ انجنيئر ۾ فقط هڪ رئنڪ جو فرق هجڻ ڪري مونکي ائين بهتر لڳو ته جيئن ته جهاز تي هي پراڻو آهي، سو هن کي اڪيلي ڪئبن ڏني وڃي ۽ نون آيل ففٿ انجنيئرن کي ڊبل ڪئبن. نه ڄاڻ اها ڪا ڳالهه حافظ کي ڏکي لڳي پر هن ان وقت ان بابت ڪجھه ڪين ڪڇيو. وقت گذرندو ويو. انهن ڏينهن ۾ آئون سيڪنڊ انجنيئر هوس جو سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئر بي تاج بادشاهه هوندا آهن. ڊيوٽي ورهائڻ کان وٺي موڪل ڏيڻ، مشينري ۽ ڊسيپلين، انتظاميه جا مالڪ سمجھڻ کپن. هاڻ ته اڃان اهي رعب تاب گھٽجي ويا آهن، پر اٺَ ڏهه سال اڳ ڳالهه ئي ٻي هئي.
    ستن مهينن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ هڪ ففٿ انجنيئر لٿو ۽ هڪ ٻي اڪيلي ڪئبن خالي ٿي. مون حافظ کي چوائي موڪليو ته تون ان ۾ شفٽ ٿي وڃ. پر ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا هو ان ۾ شفٽ نه ٿيو. بلڪ سندس روم ميٽ کي به شفٽ ٿيڻ کان جھليائين. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. پر وري مونکي ڪو خيال آيو. آءٌ حافظ وٽ آيس ۽ چيومانس ته تنهنجو اهو انڪار منهنجي جاءِ تي ڪوبه هجي ته برداشت نه ڪري سگھهندو. پر هر ڳالهه کي خوشگوار ماحول ۾ نبيرڻ لاءِ بهتر آهي ته هڪ ٻئي جي ڳالهه ۽ رنجش ٻُڌجي. ڇا آءٌ معلوم ڪري سگھان ٿو ته ان انڪار پٺيان ڪهڙو راز آهي، جڏهن ته توکي پاڻ خوشي ٿيڻ کپي.
    ”سر، مونکي ٻي ڪئبن ۾ شفٽ ٿيڻو ناهي.“
    ”آخر ڇو؟ ڪا اهڙي ڳالهه هجي ته مونکي Convince ڪر يا آئون توکي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان.“
    ”توهان مونکي جهاز تي اچڻ مهل ڇو اڪيلي ڪئبن نه ڏني ۽ هڪ جونيئر انجنيئر کي، جيڪو اسان کان هڪ رئنڪ هيٺ آهي، ان کي اڪيلي ڇو....؟“
    ”انڪري جو هو جهاز تي پراڻو هو ۽ ٻي ڳالهه ته توکي ڏيان ها ته توسان گڏ هڪ ٻيو ففٿ انجنيئر جو آيو هو، اهو دل ۾ ڪري ها. اهو به ته ان حساب سان تو جهڙو آهي.“
    ”ها ڀلي هن کي ڏئي ڇڏيو ها. آئون اهو ڪونه ٿو چوان ته مونکي ـــ يعني ”مسٽر آئون“ کي ملڻ کپندي هئي، آئون اهو چوڻ ٿو چاهيان ته ان تي حق جونئر انجنيئر جو نه پر ففٿ انجنيئر جو هو.“
    مون محسوس ڪيو ته ڳالهه واقعي حافظ جي صحيح آهي ۽ هونءَ به حافظ ڪوبه قدم کڻندو يا ڳالهه ڪندو ته سوچي سمجھي. پوءِ جن ڇڏي ڀوت ڇڏي پر حافظ پنهنجو ضد نه ڇڏي. خير، مون کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ چيو:
    ”اها ته ڪا اهڙي ڳالهه نه آهي. هو به توهان جهڙو آهي. اسان ته ففٿ انجنيئر هوندا هئاسين ته سيڪنڊ انجنيئر خبر ناهي ڇا سمجھندا هئا اسان کي. اڄ ڪلهه ته وري به سيڪنڊ انجنيئر سڀني سان سٺو ٿا هلن.“
    ”سر اهي ڏينهن ٻيا هئا“، حافظ مونکي ڌيرج سان چيو، ”هينئر حالتون ٻيون آهن. هينئر جنريشن گئپ اچي ويو آهي. هونءَ جيڪي چئو سو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر هن ڳالهه ۾ آئون صحيح آهيان.“
    مون وڌيڪ حافظ سان بحث نه ڪيو. مٿي پنهنجي ڪئبن ۾ هليو آيس.
    ”جنريشن گئپ“، مون ٿڌي دماغ سان ويهي سوچيو. ”ڪهڙي حساب سان....؟ مونکي عزت جو سوال بڻائي پنهنجي ڳالهه مٿي ۽ ٻئي جي هيٺ ڪرڻ ڇاڪاڻ جو هو ننڍو آهي، هنجي ڪانه ٿي هلي، ڪرڻ صحيح ناهي. انصاف ناهي. جنريشن گئپ واقعي اچي ويو آهي. اسان هاڻ وڏا ۽ سينيئر ٿي ويا آهيون ان ڪري ٻي جي ڳالهه نه ٿا مڃون، پر حقيقت اها آهي ته نوجوان ٽهي اسان کان بهتر آهي. گذريل ڏهن ٻارنهن سالن ۾ به وڏي تبديلي آئي آهي.مشيني ۽ ٽينڪيڪل تبديليءَ کان علاوه ذهني اؤسر پڻ. اڄ جو نوجوان گھٽ پڙهيل هجڻ جي باوجود به وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين آهي. اسان ڊپ وچان پنهنجي سينيئرن، انگريز سيڪنڊ انجنيئرن ۽ چيف انجنيئرن کان ڊڄندا هئاسين ۽ هي اسان کان عزت وچان. اسان جڏهن به ڊيوٽي ڪئي ته وقت پاس ڪرڻ جو سوچي ۽ انگريزن کي ڌاريون سمجھي. هي، ڪم سکڻ ۽ جوابداري محسوس ڪري ۽ اسان کي پنهنجو سمجھي؛ جو اسان کي به هت رهڻو آهي ته هنن کي به. آئون جي هن جي جاءِ تي هجان ها ته مون کي به ڏکيو لڳي ها........“ مون فون ڪري حافظ کي پنهنجي ڪئبن ۾ گھرايو.
    ”اها کڻي دنيا لاءِ عجيب ڳالهه هجي، پر مونکي ان ۾ سڪون ملندو ته صحيح ڳالهه کي صحيح ڳالهه سمجھان؛ ضروري ناهي ته هر ڳالهه ۾ سيڪنڊ انجنيئر صحيح هجي ۽ ففٿ انجنيئر غلط ۽ طاقت جي اوٽ ۾ بدلو وٺبو رهجي. مون طرفان دل صاف سمجھه. باقي ضدي ماڻهو آهين، ڀلي ڪئبن نه چئينج ڪر.“
    هو ساڳين سوچن ۾ هليو ويو، جيئن آيو هو. سندس وڃڻ کان پوءِ ڏهه منٽ کن رکي، اسٽور روم ۾ ڪم سانگي وڃڻ ٿيو ــ جيڪو حافظ جي ڪئبن واري گھٽيءَ ۾ هو. جهڙو حافظ جي ڪئبن ۾ ليئو پاتم ته پنهنجا اسپيڪر وغيره هڙ ۾ ٻڌي، ڪئبن شفٽ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري رهيو هو. سندس اکين ۾ پاڻي هو. مونکي ڏسي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين.
    حافظ صاحب کي اڄڪلهه ويجھڙائيءَ ۾، ساڳئي ڪمپنيءَ جي هڪ ٻئي جهاز تي ائڪٽنگ سيڪنڊ انجنيئر جي پوسٽ ملي آهي. ڪوبي (جپان) ۾ ملاقات ٿي. مبارڪ ڏئي پڇيو مانس ته نئين پوسٽ بابت ڇا خيال آهي.
    سوچي چوڻ لڳو: ”مشينريءَ جو ڪم سولو آهي باقي ائڊمنسٽريشن هلائڻ ۽ هر هڪ سان انصاف ڪرڻ ۽ خوش به رکڻ ڏکي ڳالهه آهي.“
    --------------------------
    (نوٽ: پاڻي واري جهاز تي ڇهن کان ڏهن تائين مئرين انجنيئر ٿين ٿا.چيف انجنيئر کان پوءِ ٻي نمبر تي سيڪنڊ انجنيئر سڏجي، ان بعد ٿرڊ، فورٿ ۽ ففٿ انجنيئر سڏجن. ففٿ انجنيئر جن کي مڪراني ۽ ڪڇي خلاصي ’پنجون‘ به سڏين، ٽي يا چار ٿين. ڪن جهازن تي ففٿ انجنيئرن کان به هيٺائين رئنڪ جا فريش گرئجوئيٽ انجنيئر ٿين جيڪي جونئر انجنيئر سڏجن. بهرحال هي سڀ مئرين انجنيئر هوندا آهن. انهن کان علاوه هر جهاز تي ٻه کن اليڪٽريڪل انجنيئر، ريفريجريشن انجنيئر، اليڪٽريشن، ڊيزل مڪينڪ، موٽر مين وغيره پڻ ٿين. مٿئين جهاز تي آئون سيڪنڊ انجنيئر هوس ۽ 73 ـ 1972 جي ڳالهه آهي. ۽ هي سفرنامو 1981 ڌاري جو لکيل آهي....... الطاف)


    ميان واليءَ جو ’سائين‘ انجنيئر

    گھڻو اڳ، جڏهن آئون ففٿ انجنيئر هوس، هڪ جونيئر اليڪٽريڪل انجنيئر سان SAIL ڪرڻ جو موقعو مليو. کيس سڀ ”سائين“ چوندا هئا. پهرين مون سمجھيو ته ڪو سنڌي آهي. نس پس سادو ۽ ڳوٺاڻو. جهاز ڪراچيءَ ۾ بيٺو هو ۽ آئون چئين کان رات جو ٻارهين تائين ’پورٽ واچ‘ ڪري مٿي ڪئبن ڏي آيس ته سامهون واري ڪئبن ۾ هڪ همراهه گوڏ ۽ هٿ جي سبيل بافتي جي گنجيءَ ۾ خاڪي وڏو ٿيلهو اڳيان رکي، ان کي کولي رهيو هو. گنجيءَ جي اڳيان وڏي کيسي کي لڳل ڪانٽو کولي چاٻين جو ڇڳو ڪڍي ٿيلهو کولي ان مان ٻيون اهڙيون گنجيون، چمڙي جو چئمپل، گيتلو، ڪجھه لفافا ۽ پنا، ڳڙ ڌاڻي نموني جي ڪا کائڻ جي شيءَ ۽ نم جا ڏندڻ ڪڍيائين. مون کانئس سنڌيءَ ۾ خبر چار پڇي ته وڏي اڪير مان ڀاڪر پائي خبر ناهي ته ڪهڙي ٻوليءَ ۾ شروع ٿي ويو ۽ وائڙو ٿي سوچيندو رهيس ته پنجابي پيو ڳالهائي، سنڌي يا اڙدوــــ يا ڪا ٻي انهن جي ماسات يا ماروٽ ٻولي؟ ! سندس ٻوليءَ ۾ ڪي ڪي پنجابي ۽ اڙدوءَ جا به لفظ هئا. ٺيٺ ملتاني يا سرائيڪي به نه هئي. آءٌ پوءِ فقط هون هان ڪندو رهيس ۽ ڌاڻي کائيندو رهيس ۽ هو ڳالهائيندو رهيو.
    اسان سامونڊي ٺڳن ۾ ههڙو قربائتو ماڻهو ــ يا ته دنيا جي مرچنٽ نيوي جو مستقبل بدلجڻ وارو آهي يا ته پويان ڏينهن اٿس.
    سائين اڙدو يا انگريزي ڳالهائيندو هو ته ان ۾ به پنهنجي مادري زبان جا لفظ ۽ لهجو استعمال ڪندو هو ۽ خاص ڪري ايمرجنسي وقت ڪو ننڊ مان اٿاريندو هوس ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڀڻڪندو انجڻ روم ۾ پهچندو هو. اڄ تائين اها خبر نه پئجي سگھي ته اها پنجاب پاسي جي ڪهڙي ٻولي يا DIALECT آهي.
    جيستائين جهاز ڪراچيءَ ۾ هو ڪنهن به سائينءَ جو ڪو خاص نوٽس نه ورتو، پرلنگر کڻڻ سان سائين جي دلچسپ شخصيت سڄي جهاز تي مشهور ٿي وئي. پاڻ ميانواليءَ جو هو. سڄي عمر ڳوٺ ۾ ئي گذري هيس ۽ جي شهر ۾ ڪجهه وقت رهيو به هو ته شهري هوا پري کان به نه لڳي هئس. جهاز تي سڀني کي کلائيندو هو ۽ واندڪائيءَ ۾ هرڪو سائينءَ جي ڪئبن ۾ هوندو هو. سندس دلچسپ ڪهاڻي سيف الملوڪ جي هوندي هئي. اها بيتن ۾ کڻندو هو ته اڇو صبح ڪري ڇڏيندو هو. هڪ دفعو ٻه دفعا... خبر ناهي پوءِ ته ڪيترا دفعا ٻڌائي چڪو هوندو. ڪوبه سمنڊ نه ڏس بندرگاهه نه ڏس، سائينءَ جي ڪئبن ۾ جهڙو ليئو پائبو ته رڙ ڪري چوندو: ”سائين ٻئٺو. سيف الملوڪ دي ڪهاڻي دسون“. پوءِ ته اهڙو ڇتو ڪيائين جو هرڪو منهن تي چوندو هوس سائين هاڻ ڪا ٻي ڪهاڻي به ٿي وڃي. هيترا بندرگاهه گذري ويا آهن، ڪجھ ڏٺو وائٺو به هوندءِ.
    سائينءَ کي هر بندرگاهه ۾ جونيئر توڙي سينئر اهڙا اهڙا هنڌ گھمائي ايندا هئا، جو هڪ ئي وائيج ۾ سائين سڀني کان تکو ٿي ويو. الله جي ڏني مان اهڙا ته گشا ويهي هڻندو هو، جن جي نه ڀيڻين نه ڀر. اسان جا به ڪن ڪپڻ لڳو. نه ته شروع ۾ ته اهڙو سادو هو جو جهاز تي هڪ دفعو لکنوي فورٿ انجنيئر جي پوڙهي ماءُ، چوڙي دار پاجامون ۽ اڇو برقعو پائي هن کي وٺڻ آئي، جو هو گھران رسي آيو هو ته هاڻ نه ايندس، سو سندس ماءُ هلي آئي. پر هو ته گھر روانو ٿي چڪو هو. سائين ۽ منهنجو ڪراچيءَ ۾ گھر ۽ مائٽ مٽ نه هئڻ ڪري جهاز تي ئي ويٺا هئاسين ۽ کيس مون ٻڌايو ته سندس پٽ گھر روانو ٿي چڪو آهي. سائين حيا شرم کان ڪنڌ مٿي کڻي اهو به نه ڏٺو ته پوڙهي ماءُ آهي يا ٻيو ڪو. هو رڳو پيرن ۾ نظرون وجھي ڳالهائيندو رهيو. ٻئي ڏينهن هو فورٿ انجنيئر آيو ته سائينءَ سڀني اڳيان ڊيوٽِي ميس ۾ چيس: ”سائين! ڪالهه هڪ ٽيڊي ڇوڪري تنهنجو پڇي رهي هئي.“
    فورٿ انجنيئر وائڙو ٿي پڇيس: ”ٽيڊي چوڪري؟!! ڪير هئي؟!“
    ”سائين، اها ته مونکي خبر ناهي مون ته رڳو ڏٺو ته کيس ٽيڊي پاجامون پيو هو ۽ چيائين ته فورٿ انجنيئر جي ماءُ آهيان.“
    سائينءَ جو اهو چوڻ، سڀ اچي کل ۾ پيا. بهرحال سائين پوءِ ته سڀني سان چرچا به ڪرڻ لڳو ۽ ٻيا به مٿس چرچا گھڙڻ لڳا. سائينءَ لاءِ اهو مشهور ڪري ڇڏيائون ته سائين جڏهن جهاز تي نئون آيو هو ته گيڙو رنگ جا ڪپڙا ۽ ڊگھو پٽڪو ٻڌي آيو هو. ڪلهي تي ڊگھي لٺ هئس. جنهن جي پڇڙيءَ ۾ تتر جو پڃرو لڙڪيل هو. چيف انجنيئر جي ڪمري ۾ گھڙي پٽ تي پڃرو ۽ ڏنڊو پاسيرو ڪنڊ ۾ رکي، پلٿ ماري ويٺو ته چيف انجنيئر وائڙو ٿي پڇيس: ”بابا ڪير آهين تون......؟!“
    ته جواب ۾ سائينءَ پٽڪي جي تري مان آفيس مان آندل Appointment آرڊر ڪڍي چيف انجنيئر جي هٿ تي رکيو:
    Dear Sir,
    We are sending Mr.……….. To join your vessel in the capacity of Junior Electrical Engineer…….
    وغيره وغيره
    افغانستان کي پنهنجو سمنڊ نه هجڻ ڪري سندس سڀ درآمدي ۽ برآمدي سامان ڪراچيءَ کان وڃي اچي. ان دفعي به ڪجھه افغانستان جو ڪارگو هو جو آمريڪا وڃي رهيو هو ۽ سڀ جهازي ان پٺيان هئا. اهاني بهاني سان هرڪو هئچ مان اخروٽن سان کيسو نه ته هٿ ۾ چار پنج کڻي ٿي آيو. چيف آفيسر جھلي جھلي بيزار ٿي پيو هو. خاص ڪري سائين ته ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا کڻندو هو. اصل مڙيو ئي نه ٿي. نيٺ جڏهن سائينءَ کي چيف آفيسر گھڻا واسطا ڏنا ته سائينءَ چيو: ”چيف صاحب مونکي آخري دفعو پنهنجي رضا خوشيءَ سان هئچ ۾ وڃڻ جي موڪل ڏي ته ڪجھه اخروٽ کڻي اچان پوءِ بس.“
    چيف آفيسر کي ڳالهه وڻي. اهو سو شرط ورتائينس ته ڪو دٻو يا لفافو کڻي نه ويندين، جيڪي ڪپڙن ۾ يا هٿن ۾ اچي سگھن اهي کڻجانءِ.
    سائين بئالر سوٽ پائي هئچ ۾ ويو، ۽ جڏهن واپس آيو ته کيس ڏسي چيف آفيسر ذري گھٽ بيهوش ٿي ٿيو. سائينءَ ڇا ڪيو هو جو اخروٽ بئالر سوٽ جي ڊگھن کيسن ۾ وجھڻ بدران، ويڪري بئالر سوٽ جا پانچا هيٺ مرين وٽ ڌاڳن سان ٻڌي، اندران سڄو بئالر سوٽ پيرن کان ڳچيءَ تائين اخروٽن سان ڀري اچي نڪتو.
    سائينءَ لاءِ اهو مشهور ٿي ويو ته هوڏانهن جهاز کي دڪي سان ٻڌجي ٿو، هوڏانهن پٽو کولائي هي گھمڻ لاءِ نڪري ٿو. ٻي وائيج ۾ ممباسا ۾ ته پوري ڪري ڇڏيائين. جيئن ئي ڊيوٽي ختم ٿيندي هئس ته ڪناري جو رخ ڪندو هو جهاز جي هلڻ مهل ڪنهن پڇيس: ”سائين سڄو ڏينهن ٻاهر هوندو هئين، ممباسا جي محبت جو ڪو قصو ڪهاڻي؟ آخر هي تنهنجي جوانيءَ ۽ شباب جا ڏينهن آهن.“
    ٺهه پهه وراڻيائين، ”منهنجي جوانيءَ ۽ شباب جا قصا مون کان نه پر ‘ڪسب لنڪا‘ بار جي حبشاڻين کان وڃي پڇو.“
    سائينءَ کي بيئر پيئڻ جو به اهڙو چسڪو لڳو جو سڄو ڏينهن بيئر جو دٻو کليو پيو هوندو هو. سيف الملوڪ جي قصي تي ته پندرهن ويهه دٻا چٽ ڪندو هو، پر سڀ پرايا. بيت بيت تي ڍڪُ پيئندو هو ۽ آخر تائين حرام جو آئوٽ ٿئي. ها البت هڪ ٿرڊ انجنيئر تي خارون هيس، اهو جي اچي ويو ته پوءِ سائين نشي ۾ آئوٽ ٿي ويندو هو. چاهي ان وقت اڃان اڌ دٻو مس پيتو هجيس. هن غريب ٿرڊ انجنيئر کي سڀني اڳيان منهن تي ويهي گاريون ڏيندو هو. پوءِ ٻئي ڏينهن ڳراٽڙي پائي چوندو هوس: ”تون منهنجي پيءُ برابر، مون کي معاف ڪر، نشي ۾ ته حقيقي ماءُ پيءُ کي سڃاڻڻ جو به هوش نٿو رهي“
    ٿرڊ انجنيئر به موقعو ملڻ تي کيس ڇڏيندو نه هو. هڪ دفعي نئين جهاز جي چمڪندڙ گھٽيءَ ۾ خبر ناهي ڪير بوٽ جي کڙيءَ سان ڊگھو گھڪو پائي ويو. چيف آفيسر پڇندو رهيو پر خبر نه پيئي. ٻئي ڏينهن ٿرڊ انجنيئر سائينءَ کي اچي چيو ته سائين ظلم ٿي ويو ففٿ انجنيئر جو بئاءِ (يعني منهنجي ڪئبن صاف ڪندڙ اسٽيورڊ) چيف آفيسر کي ٻڌائي رهيو هيو ته اهو بوٽ جو نشان ناهي پر سائينءَ گيسي پاتي آهي.
    بس پوءِ ته سائينءَ جي هئي مون واري بئاءِ تي گار جي رئي، ۽ اهو مون وارو بئاءِ به هڪ ڪئريڪٽر ائڪٽر هو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مون وارو بئاءِ ‘بابو‘ سائين اليڪٽريڪل انجنيئر تي سخت مڇريل هوندو هو ڇاڪاڻ جو سائين منهنجي ڪئبن ۾ سگريٽ پي، ٽوٽا ائش ٽري ۾ اڇلڻ بدران پيرن سان چيڀاٽي سڄي ڪئبن ۾ پکيڙي ويندو هو ۽ بابو روز ڀڻڪندي اچي ميڙيندو هو. هڪ ڏينهن نيٺ سائينءَ کي منع ڪيم ته يار ائين ٽوٽا نه اڇل، منهنجو بئاءِ بابو مائينڊ ٿو ڪري.
    سائين ڏاڍو کليو ۽ بابوءَ جي Mind ڪرڻ جو لطيفو جهاز تي سڀني کي ٻڌايو ته مون اهو بهتان بابوءَ تي هنيو آهي. هاڻي کيس ڪير سمجھائي ته بابو ڪهڙي قسم جو نوڪر آهي ۽ اسان جونئرن جي هونءَ به جهاز تي هلي به ڇا ٿي؟ هڪ ڏينهن منهنجي هن جهازي نوڪر ’بابوءَ‘ مونکي ننڊ مان اٿاري چيو:
    ”سائين توهان جڏهن سموڪنگ نه ٿا ڪريو ته اهو شخص (يعني اليڪٽريڪل انجنيئر سائين) توهان جي ڪئبن ۾ ڇو ٿو بخارو اچيو ٻاري. صحت لاءِ ڪمري ۾ ايترو دونهن نقصانڪار آهي“
    ننڊ مان اٿارڻ ڪري آءُ باهه ٿي ويس. دانهن ڪري چيومانس: ”تون مون کي ڪچي ننڊ مان ڇو اٿاريو؟ ڇا ان ڳالهه لاءِ؟“
    پر سامهون گھڙيال تي نظر پوڻ سان ڍرو ٿي ويس جو بابو دراصل پاڻ اٿارڻ ۾ دير ڪئي هئي. ان رات کان کيس سيڪنڊ انجنيئر طرفان چيو ويو هو ته اسان کي صبح جوساڍي ستين بجي ئي اٿاري جيئن، جلدي ناشتو ڪري وقت تي پوري اٺين بجي انجڻ روم ۾ پهچون، ۽ ان وقت ته پوڻا اٺ ٿي رهيا هئا. پر مون کي بابوءَ تي سخت چڙ هئي سو يڪدم پلٽو کائي وري دانهن ڪري چيومانس ته تون مون کي دير سان ڇو اٿاريو؟
    بابو ڀڻڪندي ٻاهر نڪري ويو ته هن جهاز جي نوڪري ظلم آهي. اڳواٽ اٿار ته به مصيبت، دير سان اٿار ته به مصيبت. اهو اليڪٽريڪل انجنيئر سائين، منهنجي خلاف سڀني آفيسرن ۾ نفرت پيدا ڪندو وتي.


    مون کي جيل مان آزاد ڪنهن ڪرايو؟

    مٿي ذڪر ڪيل بئاءِ بابو به فقط رئنڪ جو بئاءِ (نوڪر) هو باقي هو نسورو ئي نواب. هو مون کي، هڪ ٻئي ففٽ انجنيئر، هڪ ڪئڊٽ ۽ سيڪنڊ انجنيئر کي Serve ڪندو هو. سيڪنڊ انجنيئر کان سواءِ باقي بچيل اسان جونئرن لاءِ اهڙو نوڪر آزار هو جنهن کي ڪجھه چئي به نه ٿي سگھياسين. بابو هر وقت صاف سٿرن ۽ اوچن ڪپڙن ۾ ٽپ ٽاپ رهندو هو. اسان آفيسر ٿي ڪري بس لاءِ انتظار پيا ڪنداسين، هي هميشه ٽئڪسين ۾ سير ڪندو وتندو هو. تنهن جو راز تڏهن کليو جڏهن آمريڪا ۾ چرس جي ڏوهه ۾ پوليس وٺي ويس. ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ دوران کيس حوالات ۾ بند ڪيو ويو. ترجمي لاءِ گھڻو ڪري آءُ يا جهاز جو ڪو ڪيڊٽ ويندو هو. هڪ ڏينهن جج مون کي چيو ته هن کان پڇ ته جيل ۾ کيس ڪنهن شيءَ جي ضرورت ته نه آهي ته ٺهه پهه پاڻ ئي جج کي انگريزيءَ ۾ جواب ڏنائين:
    ”No I need a pair of clean shirts only.“
    اهو ٻڌي سڀ ڏاڍو کليا. بهرحال ٽيڪساز رياست جي قانون مطابق کيس به بين قيدين وانگر ماني ٽڪي کان علاوه هنڌ، ٽيبل لئمپ، روز جي اخبار ۽ روز سگريٽ پاڻيءَ لاءِ سوا ڊالر خرچي ملندي هئي، جيڪا هو گڏ ڪندو رهيو.
    هفتو ڏيڍ کن جيل ۾ رهيو ۽ ڪيس پاڻ کٽيائين. وڪيل به هن پاران سرڪار ڪيو هو. جڏهن جهاز تي موٽيو ته ڪئپٽن مٿس سخت ڪاوڙيل هو ۽ کيس گھرائي چيو ويو ته ــ هاڻ کيس ڪراچيءَ تائين باقي بندرگاهن ۾ ٻاهر وڃڻ جي موڪل نه ملندي ۽ فارين ايڪسچينج ۾ ملندڙ اڌ پگھارُ به رستي تي ملڻ بدران هاڻ ڪراچي پهچڻ تي ملندو.
    اسان چيو ته اهو به شڪر جو هڪ ته پرديس جي جيل کان آزاد ٿيو ۽ نوڪري به بچي ويس. پر بابوءَ تي ابتو اثر ٿيو. هو ماڳهين اچي اسان سڀني تي ڏمريو ته کيس ڪير آزاد ڪرائي آيو؟ اهو وڪيل ڪنهن ڪيو؟ هتي جهاز کان ته جيل ۾ مزو هو. ڊيلي اخبار به ملندي هئي ته فارين ايڪسچينج به.
    اسان جو جهاز جڏهن ڪراچيءَ کان پرديس ڏي نڪرندو آهي ته اها هن جي Outward Journey سڏبي آهي ي4عني ولايت ڏي سفر، ۽ گھر ڏي (ڪراچي) واپسي واري مسافري کي Homeward Journey سڏين.


    جهاز جا ڊگھا سفر

    ڪارخاني مان نئين جهاز جي نڪرڻ کان اسڪريپ (دفن) ٿيڻ تائين باقاعدي مسافري نمبر لکيا ويندا آهن. هر مسافريءَ جي ڌارڌار نمبر هيٺ، خرچ پکو، تيل پاڻي، مرمت، حادثا، حساب ڪتاب وغيره رکيو ويندو آهي.
    آفيسر، هڪ ئي جهاز تي يڪا ٻه سال کن به رهي سگهن ٿا. اڃان به جي وڌيڪ هو چاهين، سندن ضروت آهي يا جهازران ڪمپنيءَکي سندن جاءِ تي موڪلڻ لاءِ ٻيو ڪو ماڻهو نه مليي سگھي، ته هو وڌيڪ به جهاز تي رهي سگھن ٿا.. جيئن مثال طور هن جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر موڪل بنا يڪو ٽن سالن کان جهاز تي Sail ڪري رهيو آهي. هن کان اڳ ٻه سال کن ٻئي جهاز تي هو. موڪل تي لٿو ته هن جهاز تي سيڪنڊ انجنيئر جي کوٽ ٿي پئي ۽ کيس پهرين جهاز تان لاهي هن جهاز تي، گھٽ ۾ گھٽ هڪ Voyage ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن تي هو هو راضي ٿي ويو. افواهن موجب اها مسافري ڏور اوڀر پاسي جي هئي ۽ ٽن مهينن اندر جهاز موٽي اچڻو هو سو هن به دل ۾ نه ڪيو.
    اتفاق سان جهاز کي ٻي مسافري ڏور اوڀر جي ننڍي ڪرڻ بدران، پروگرام ۾ تبديلي ڪري، ڊگھي ڪرڻي پئجي وئي. ٿيو هيئن جو جهاز تي چانور چاڙهي جهاز کي ڪراچيءَ کان ٻاهر ته ڪڍيو ويو پر اهو نه ٻڌايو ويو ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو واپاري سڄو جهاز سيمنٽ، کنڊ يا چانورن سان ڀرائي، پوءِ پاڻ مختلف ملڪن جي حڪومتن يا واپارين سان سودو ڪندا ويندا. هو پاڻ ڇهه سؤ ميل في ڪلاڪ جي رفتار وارن هوائي جهازن ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي تائين ويندا ۽ اگھه پار جو جائزو وٺندا ۽ سٺو گراهڪ ڳوليندا. ۽ اسان جو پاڻيءَ جو جهاز هڪ ڏينهن ۾ چار سئو ميل مس اڳتي رڙهندو رهندو. مثال طور ڪنهن کي بمبئي مان سستو سيمنٽ وٺي ڪنهن عرب ملڪ يا رياست ۾ مهانگو ڪري وڪڻڻو آهي. جهاز کي چيو ويندو ته ڳاڙهي سمنڊ يا ايراني نار ڏي هلندو اچ جنهن تائين هن کي ٽي ڏينهن ته گھٽ ۾ گھٽ لڳي ويندا، تيسيتائين واپاري دبئي، دوحا، مسقط، ايران، سعودي جهڙن ملڪن ۾ اگھه پار ۽ سودي تي نبيرو ڪري وٺندا. پر جي ڏسندا ته ٻيلي جهاز اچي ايراني نار يا ڳاڙهي سمنڊ جي منهن وٽ پهتو آهي ۽ هاڻ ته کيس هڪ گس ٻڌائڻو پوندو ته اهڙي صورت ۾ هو اسان کي وائرليس ذريعي ايراني نار ۾ پڇڙي واري ملڪ ڪويت عراق ڏي اچڻ لاءِ چوندا آهن يا ڳاڙهي سمنڊ ۾ اندر گھڙي سئيز ڪئنال تائين وڌڻ لاءِ چوندا آهن. پوءِ جي سئيز ڪئنال لاءِ چيو ويو ته معنى هن ک ٽي چار ڏينهن ٻيا به ملي وينداپر پوءِ انهن ڏينهن ۾ ايراني نار جي ملڪن کي رد ڪري فقط ڳاڙهي سمنڊ جي ملڪن ۾ واپار جي لهه وچڙ رکندا. يعني يمن، جبوتي، عدن کان وٺي مصر، سعودي عرب، حبش ۽ سوڊان تائين. اڃان به اڳتي رستو کليل هجڻ ڪري، سئيز ڪئنال جي ٻي پاسي لبيا، تيونس، الجيريا ويندي موراڪو تائين. ۽ پوءِ جتي سودو سٺو ٺهي ويس اتي جهاز کي اچڻ لاءِ تار ڪندو ۽ جهاز وارا گاريون ڏيندا اتي پهچي ويندا آهن. جهاز وارا خوش ان ڪري نه هوندا آهن جو اسين چاهيندا آهيون ته ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ منزل جي خبر پئجي وڃي، جيئن گھٽ ۾ گھٽ خط گھرائڻ لاءِ ان ملڪ جي ائڊريس مائٽن مٽن کي ڏئي نڪرون.
    بهرحال، اها مٿين مثالي مسافري ته ننڍي هئي. ڏور اوڀر جي ملڪن کان به ننڍي پر اسان جو سيڪنڊ انجنيئر ان کان گھڻي وڏي مسافريءَ ۾ ڦاسي پيو هو. جهاز کي چيو ويو ته ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي هلي. ڪراچي کان ڪيپ آف گڊ هوپ يعني ڪيپ ٽائون تائين پندرهن ڏينهن کن جو پنڌ آهي. بهرحال اميد اها رکي وئي ته جهاز کي اتي پهچڻ کان اڳ مگديشو يا ممباسا ۾ ئي وڃڻ لاءِ چيو ويندو ۽ اتان چانهن وغيره کڻي مهيني اندر واپس ڪراچي پهچي به وينداسين. پر پوءِ جڏهن مسافري شروع ٿي ته جهاز جي مالڪن طرفان ڪا خبر چار نه پئي ملي. هر وقت ريڊيو آفيسر کان پڇبو هو ته ريڊيو روم جا رسيور ته ٺيڪ آهن نه؟ جيئن ريڊيو ڪيپ ٽائون، پورٽ لوئيس، ڪولمبو وغيره ذريعي آيل نياپو حاصل ڪري سگھجي.
    نيٺ ڪيپ ٽائون به پهچي وياسين جتي جي ريڊيو اهو اطلاع ڏنو ته توهان لاءِ فقط اهو نياپو آهي ته اڃان ڪنهن بندرگاهه جو فيصلو نه ٿيو آهي سو ڪيپ کي ڦري آفريڪا جي ٻئي پاسي مٿي اچو. اهو ٻڌي هر هڪ کي بيزاري ٿيڻ لڳي جيڪا انتظار ۽ غير مطمئن حالتن ۾ پيدا ٿيندي آهي. ظاهر آهي جيتري منزل پري ٿي اوتري وطن موٽڻ لاءِ واپسي به وڌي.
    نيٺ ڪو سودو، اولهه آفريڪا جي ملڪ آئوري ڪوسٽ ۾ ٺهيو ۽ جهاز سڄي اولهه آفريڪا جا انيڪ ملڪ: نئمبيا، ائنگولا، زائر، ڪانگو، گئبان، ڪئمرون، نائجيريا، ڌومي ۽ گھانا لتاڙي آئوري ڪوسٽ جي بندگاهه ”عابد جان“ چانور لاهڻ لاءِ پهتو. پر قصو اتي به ختم ٿيڻ وارو نه هو، جو جهاز ”هوم ورڊ جرني“ تي به سامان سان ڀرجي اچڻ کپي. خالي موٽڻ ۾ ته نقصان آهي سو به هيڏي پنڌ کان! ۽ آفريڪا جي انهن آس پاس وارن ملڪن ۾ ڪو اهڙو سامان ئي ڪونهي جو اسان جي ملڪ يا ڀر وارن عرب ملڪن لاءِ ملي. جهازي ته اهو ئي سوچي ته مونن ۾ منهن وڌا ته اکرين کان ڪهڙو ڊڄڻ، اهو سهسائي ويٺا ته عابد جان مان سڌو گھر موٽڻ ته ڏکيو آهي پڪ انگلينڊ يا يورپ جا ڪجھه ملڪ مٿي ۾ لڳي ويندا.
    عابد جان ۾ چانور لاهڻ ۾ ويهه ڏينهن لڳي ويا ان کان پوءِ خالي جهاز انگلنڊ ڏي روانو ٿيو. روز لنڊن آفيس کان خبرچار وٺندا رهياسين ته هن جهاز لاءِ ڪهڙا حڪم احڪام آهن، انگلنڊ اچي يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ڏي وڃي؟ پنجين يا ڇهين ڏينهن ڪناري (Canary) ٻيٽن وٽ لنڊن آفيس هن جهاز جي تقدير جو حساب ٻڌايو ته جهازين جو داڻو پاڻي ڪئناڊا ۽ آمريڪا لکيل آهي سو هن پاسي بي آف بسڪي اڪري وڌيڪ اچڻ بدران، اتان ئي کاٻي پاسي لڙِي وڃو ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪري ڪئناڊا جي بندرگاهن: مانٽريل ۽ سينٽ جان مان ڪجھه سامان کڻڻ وڃو، باقي سامان لاءِ ان حد جي نمائندي کان نيويارڪ آفيس مان احوال وٺندا رهجو.
    ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪرڻ ۽ مانٽريل پهچڻ ۾ وڌيڪ ڏهه ڏينهن لڳي ويا. پهچڻ سان خبر پئي ته مانٽريل بندرگاهه ۾ گوديءَ جي مزورن ٻن ڏينهن کان ‘اڻ ڄاتل مدت‘ تائين هڙتال شروع ڪئي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جهازيءَ جو خواب، ‘بندرگاهه ۾ هڙتال آهي‘، جيئن هن کي سمنڊ تي ڌڪا کائڻ بدران بندرگاهه تي فرحت ملي سگھي. پر اهو بندرگاهه هر جهازيءَ جو گهڻو ڪري هوم پورٽ هوندو آهي. مانٽريل يا ڪو ٻيو ڌاريون بندرگاهه ٻي ڪنهن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ته ٿي سگھي ٿو پر اسان جي ڪنواري ۽ باعصمت سيڪنڊ انجنيئر لاءِ هرگز نه. هن جلد ڪراچي پهچي، موڪل تي لهڻ چاهيو ٿي. ڪجھه چيف انجنيئريءَ جي امتحانن جي پڙهائيءَ لاءِ، ڪجھه گھرو ڪم ڪارين ڪارڻ، ۽ ڪجھه لڳاتار سفر بعد ٿڪ ڀڃڻ لاءِ.
    جهاز ڪئناڊا کان پوءِ ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان لنگھڻ بدران بحر روم پار ڪري سئيز ڪئنال مان شارٽ ڪٽ ٿي ڪئي ته پورٽ سعيد وٽ انجڻ جي وڏي بريڪ ڊائون (حادثو) ٿي پئي ۽ جيڪي ڏهه ڏينهن کن آفريڪا کي ڦيرو ڪرڻ ۾ بچاياسون، ان کان وڌيڪ وقت لڳي ويو. ڪراچي جڏهن پهتا ته سڄي ايندي ويندي جي مسافري Round Voyage ڇهن مهينن کان به مٿي جي ٿي وئي.ڪجھه وڏي سفر جي ڪري، ڪجھه خراب سمنڊ ملڻ ڪري ۽ ڪجھ انجڻ جي تڪليف جي ڪري سڀ ٿڪل هئا ۽ سيڪنڊ انجنيئر، ٿرڊ انجنيئر، فورٿ انجنيئر، ٻه ففٿ انجنيئر ۽ ڊيزل مڪينڪ ۽ ٻئي اليڪٽريڪل انجنيئر موڪل وٺڻ جي موڊ ۾ هئا.
    آءٌ ان زماني ۾ موڪل کائي ڊيوٽِيءَ لاءِ آفيس ۾ رپورٽ ڪري چڪو هوس ۽ مون کي هن جهاز تي چڙهڻ (Sign-on ڪرڻ) لاءِ چيو ويو. چيف انجنيئر کان جلدي جلدي ٻن ڏينهن اندر چارج وٺي کيس آجو ڪيم. باقي حالتن جو جائزو وٺي مون کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو ته ڪجھه پراڻي اسٽاف جو هجڻ ضروري آهي. جيئن انجڻ جون ڪجھه پراڻيون بيماريون ۽ Behavior معلوم ڪرڻ ۾ هنن جي مدد ملي سگھي. ان لاءِ موڪل تي ويندڙن مان سيڪنڊ انجنيئر جي راضي ٿي وڃي ته پوءِ ٻين مڙني جي ضرورت ناهي. پر سيڪنڊ انجنيئر جي خبر پيم ته موڪل تي لھڻ لاءِ پڙ ڪڍيو بيٺو هو ۽ اڃان جهاز کي آئي هفتو به ڪونه ٿيو هو، سو اهڙي حالت ۾ ڪنهن جهازيءَ کي، ٻي مسافريءَ لاءِ چوڻ ”بلوو ڪرائڻ ٿيو“.
    پندرهن ڏينهن اندر جهازي به سامت ۾ آيا ۽ اهو ڪافي وقت آهي ــ تازو ٿيڻ لاءِ، گھرو ۽ آفيس جا ڪم ڪار لاهڻ لاءِ، مائٽن مٽن دوستن يارن سان ملي سڪ پوري ڪرڻ لاءِ، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اهو محسوس ٿيڻ لاءِ ته حقيقت ۾ نه اسان کي مائٽن لاءِ سڪ آهي نه هنن کي اسان لاءِ. (ان کان ته سمنڊ تي سڪون آهي. ان کان ته فارين پورٽ ۾ مزو آهي). جهڙا خيال اچڻ لاءِ. ايتري ۾ ٻي مسافري جو پڪو پروگرام به اچي ويو ته ٽرئمپنگ (بنا معلومات جي ڪارگو لاءِ هيڏانهن کان هوڏانهن ڌڪا کائڻ) بدران مقرر اشڪيڊيول (يا شيڊيول) ڪولمبو، سنگاپور، هانگ ڪانگ، پوسان (ڪوريا)، اوساڪا ۽ يوڪوهاما وڃڻ جو آهي. اهو ٻڌي مون اچي سيڪنڊ انجنيئر کي پاسو ڏنو ته ميان جتي پوڻا ٽي سال کن لڳاتار Sail ڪيو اٿئي، اتي هڪ ٻي ننڍڙي Voyage جپان واري پاڙي جي به ڪري وٺُ. وقت ئي ڇا لڳندو. بس هتان نڪرانداسين ته ڪولمبو، ان بعد سينگاپور، هانگ ڪانگ ۽ پوءِ جپان جو ڦيرو ڪري واپس ڪراچي کان اچي نڪرنداسين.
    ”سر ڳالهه ته صحيح آهي. مون کي پاڻ ڀيڻ جي شاديءَ لاءِ هانگ ڪانگ ۽ جپان مان شاپنگ ڪرڻي آهي، پر ايندي ايندي منهنجا لڳاتار ٽي سال پورا ٿي ويندا ۽ منهنجي ٽن سالن تي موڪل هڪ سال کان به مٿي ٿي ويندي. (جهاز تي سال تي ساڍا چار مهينا کن پگھار سان موڪل ٿئي ٿي... ۽ سامونڊي نوڪريءَ ۾ اها سڀ کان سٺي ڳالهه آهي.) ۽ سال کان مٿي گڏ ٿيل موڪل قانون مطابق ڪئنسل ٿي ويندي. ان لاءِ مون کي آفيس طرفان لکت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن ته آءٌ آفيس جي گھرج تي Sail ڪندس، ان ڪري منهنجي سال کان مٿي جي موڪل قائم رهي.“
    مون هن لاءِ اهڙو بندوبست به ڪري ورتو، پر هو وڏي مسافريءَ کان اهڙو گھٻرايل هو، جو جهاز تي نئين سفر لاءِ Sign-on ڪرڻ لاءِ تيسين انتظار ڪندو رهيو؛ جيسين جهاز تي جپان جي ڪارگو جو پهريون ڪانٽو ڪرين (Crane)لاٿو. پوءِ پڪ ٿيس ته هاڻ هن جهاز کي جپان ڏي وڃڻو ئي وڃڻو آهي. پوءِ ٻڏان تران واري ڪيفيت مان پاڻ کي ڪڍي، هڪ مهينو ٿي، دل لڳائي نئين سفر لاءِ انجڻ جي تياري ڪرائڻ ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو ۽ هوڏانهن جهاز سنگاپور، ڪولمبو، هانگ ڪانگ لاءِ پٽاٽا، بصر، ڪپهه، ڌاڳو، سڪل مڇي جو ٻورو Fish powder، ڪوس جي جانورن جا کُر ۽ سنڱ، هڏن جو ٻورو ۽ ٻيو برامدي سامان ڍوئڻ لڳو.


    جهازن جي نوڪرين ۾ موڪلن جا مسئلا

    مٿي ذڪر ڪيل سيڪنڊ انجنيئر ۽ ٻيا آفيسر: ڪئڊٽ کان ڪئپٽن تائين، جونئر ۽ ففٿ انجنيئر کان چيف انجنيئر تائين ۽ ريڊيو آفيسر وغيره، جهازران ڪمپني جا پڪا ملازم ٿين. هنن کي موڪل تي به پگھار ۽ ٻيون سهولتون ملن ۽ ڪمپني ڪنهن به وقت ضرورت پوڻ تي کين موڪل تان به واپس گھرائي سگھي ٿي. باقي عملو، جنهن ۾ پيٽي آفيسر: ڊيڪ سرنگ، انجڻ سرنگ، چپي (واڍو)، بٽلر يا پرسر اچي وڃن ٿا ۽ هيٺيون عملو: خلاصي باهه وارا، تيل وارا، بورچي، سئلون بئائز، جنرل سرونٽ ۽ ڀنگي اچي وڃن ٿا، هڪ سال جي نوڪريءَ تي ايندا آهن ۽ سرڪاري ۽ غير سرڪاري، ملڪي ۽ غير ملڪي مختلف جهازران ڪمپنين جي ضرورت پٽاندڙ، ملڪ جي گورنمينٽ شپنگ آفيس، واري وٽي تي کين جهازن تي موڪليندي رهندي آهي. مثال طور هڪ بورچي ڪنهن جهاز تي چڙهيو، پوءِ سال اندر ٻه مسافريون ٿين يا ٽي چار، ان بعد جهاز جي ڪراچي پهچڻ تي هن کي لاهي ٻئي کي رکيو ويندو آهي ۽ هو موڪل تي هليو ويندو آهي. وري سندس وارو جڏهن ايندو آهي ته سرڪاري شپنگ آفيس کيس گھرائي ڪنهن به آيل جهاز تي، جاءِ خالي ٿيڻ تي رکندي آهي ۽ اهو وارو گھڻو ڪري مهيني ٻن بعد اچي ويندو آهي.
    اهو طريقو جهازين لاءِ به سٺو آهي، جو ڪي ڪي خانگي جهاز ران ڪمپنين جا مالڪ جيڪڏهن پگھار جي، کاڌي پيتي جي يا ڪا ٻي سهوليت نه ڏيندا آهن ته ان جهازيءَ جي سرڪاري طرح مدد ڪئي ويندي آهي ۽ ڪمپنين تي زور آندو ويندو آهي. ساڳئي وقت جهاز ران ڪمپنين جا مالڪ کانئن مقرر ڊيوٽي کان وڌيڪ ڪم نٿا وٺي سگھن، جو هنن کي نوڪري ڏيڻ يا کسڻ وارا پاڻ ناهن.
    ڪي ڪي مشهور ۽ سٺيون جهازران ڪمپنيون جن جا روسٽر ٺهيا پيا آهن ۽ اهي سرڪاري شپنگ ڪمپنيءَ جي معرفت ساڳيا ساڳيا ماڻهو رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. اهو ان ڪري ته سندن ناموس ڪري هرڪو ماڻهو انهن ڪمپنين ۾ وري وري نوڪري ڪرڻ چاهي ٿو. مثال طور جيئن پاڪستان جي نئشنل شپنگ ڪارپوريشن آهي. اهڙي طرح ڪجھه فارين نئشنل شپنگ ڪارپوريشنس آهن. اهڙي طرح ڪجھ فارين ڪمپنيون به آهن. جيئن ڪويت شپنگ ڪمپني آهي. پي اينڊ او ڪمپني ته هميشه پاڪستان جا خلاصي رکي. خاص ڪري سرحد پاسي جا پٺاڻ. جيڪي، همٿ، محنت ۽ ايمانداريءَ سان هن ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪندا اچن ۽ ان وفاداريءَ جي بدلي ۾ پي اينڊ او ڪمپني به سندن پرگھور لهندي اچي ۽ پگھارن کان علاوه کين بونس ۽ رهڻ لاءِ گھر پڻ ٺاهي ڏنا اٿس. پر هاڻ ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ڪجھه شڪايتن ڪري هن ڪمپنيءَ پنهنجي پاليسيءَ ۾ ردوبدل آندي آهي ــ جا پڻ عام ڳالهه آهي. جيئن خمينيءَ کان اڳ ايران جي مشهور آريا شپنگ ڪمپني هميشه هندستاني پنهنجن جهازن تي رکندي هئي، پر خميني جي اچڻ کان پوءِ هندستاني ۽ فلپينين کي ڪڍي انهن جي جاين تي پاڪستاني جهازين کي رکيو پيو وڃي، جيڪي شراب نٿا پيئن.
    اسان جي ملڪ ۾ اڄڪلهه سڀ خانگي جهازران ڪمپنيون ۽ سرڪاري ڪمپنيون ملائي هڪ ئي ”پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن“ ٺاهي وئي آهي، پر ڪيترائي پاڪستاني واپاري اهڙا آهن جن جا جهاز ٻاهرين ملڪن ۾ رجسٽر ٿيل آهن. جيئن انڊس شپنگ ڪمپني، ادريس شپنگ ڪمپني، اورينٽل شپنگ ڪمپني ۽ گوڪل صاحب جي گلف ايسٽ شپنگ ڪمپني وغيره، جيڪي ڪمپنيون گھڻو ڪري پاڪستاني آفيسر ۽ خلاصي رکن. پر اهي ڪمپنيون (پرائيويٽ) ۽ ولايتي، هيٺين عملي وانگر آفيسرن کي ه هميشه لاءِ پڪو رکڻ بدران سال سال جي مدي لاءِ Sail ڪرائين. ڪي ڪي ڪمپنيون نوَ نوَ مهينن جو مدو رکن ۽ نوَ مهينا جتي به پورا ٿين ته ڪمپني جي خرچ تي ان آفيسر يا خلاصي کي هوائي جهاز رستي گھر موڪليو ويندو آهي ۽ ضرورت تي وري نئون Contract اتي جو اتي يا مهيني اڌ کان پوءِ ڪيو ويندو آهي.
    هاڻ ته ڪجھه ڪمپنين ـــ آريا شپنگ ڪمپنيءَ، ڪجھه عرب ملڪن جي جهازران ڪمپنين، نوڪريءَ جو مدو گھٽائي ڇهه مهينا به ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ اسان جا ماڻهو به خوش آهن، جو ڇهه مهينا جلدي گذريو وڃن ۽ مهينو اڌ موڪل ڪري، ضروري گھرو ڪم ڪاريون لاهي، تازا ٿي وري نوڪريءَ تي چڙهن. ڇو ته هيءَ سامونڊي نوڪري اهڙي آهي، جو هڪ دفعو نوڪريءَ تي ماڻهو چڙهيو ته پوءِ شادي مرادي، موتي فوتي يا ٻين ڪمن ڪارين تي يڪدم موڪل ملڻ ڏکي آهي، جو جيسين مهينو ڏيڍ اڳواٽ اطلاع نه ڪجي ۽ ڪمپني بندوبست نه ڪري تيسين يڪدم Relieve ڪرڻ وارو ماڻهو ملڻ ڏکيو آهي ۽ اڄڪلهه هونءَ ئي جهازن تي Automation گھڻي ٿيڻ ڪري جهاز تي عملي جو تعداد گھٽجي بنهه سخت ضرورت وارن ماڻهن جو وڃي ٿيو آهي. سو هڪ ماڻهوءَ جي غير موجودگي به جهاز جو هلڻ مشڪل بڻايو ڇڏي. ڪجھه انشورنس ڪمپنين ۽ بندرگاهه اٿارٽين جا قاعدا قانون به سخت ٿي ويا آهن. مثال طور اسان جو هي جهاز هتي جپان ۾ بيٺو آهي ۽ ڪنهن جهازي ــ چيف آفيسر يا سيڪنڊ انجنيئر جي گھر ڪو مسئلو ٿي ٿو پوي ۽ هن کي پاڪستان وڃڻ لاءِ موڪل کپي. آفيس وارا کڻي موڪل به ڏين ۽ جهاز هڪ ماڻهو بنا، تڪليف سان ئي سهي، هلي به سگھي، پر انشورنس ڪمپني نه مڃيندي. هوءَ اهو ئي چاهيندي ته ان جاءِ تي ان ئي وقت اوترو ئي قابل ماڻهو جهاز ران ڪمپنيءَ جا مالڪ موڪلين نه ته ٻي صورت ۾ جهاز جو ڪنهن به قسم جو حادثو ٿيو ته انشورنس ڪمپني ٻڌل نه رهندي ۽ اها ڳالهه وري جهاز ران ڪمپني قبول نه ڪندي. ڇو جو جهاز کڻي ڪيترو به نئون هجي ۽ هر مشڪل کي منهن ڏئي سگھي، پر تڏهن به جهاز ران ڪمپني دل نه جھليندي، جو ٿي سگھي ٿو ڪو دشمنيءَ ۾ يا حادثي طور جهاز کي باهه لڳي وڃي، ٽڪر ٿي وڃي يا ٻڏي وڃي ته ڪروڙها روپين جو جهاز ۽ ان کان پنجوڻي ڏهوڻي ماليت جوسامان ڪير ڀري ڏيندو.
    پاڪستاني ملڪي ڪمپني وري به هڪ جهازيءَ جي مجبوري ڏسي ڪجھه نه ڪجھه بندوبست ڪري وٺندي آهي.ڪو موڪل تي هوندو ته ان کي سندس خواهش يا پنهنجي مرضي يا آرڊر تي به گھرائي Fly ڪري وٺندي پوءِ کڻي ٻنهي جو ڀاڙو موڪل وٺندڙ کان ڀرائي وٺي، پر في الحال مجبور جو ڪم ته ٿي ويندو. ۽ هڪ اهو به سبب آهي، جو ٻاهرين ملڪن جي جهازن تي چئوڻو پنجوڻو پگھار هجڻ جي باوجود به گھڻا ماڻهو پاڪستاني ڪمپني ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪن ٿا. ان کان سواءِ جهاز هر وقت واپس ڪراچي ايندا رهن ٿا ۽ کين ٻن ٽن مهينن بعد ڪراچيءَ ۾ مهينو کن رهڻ جو موقعو مليو وڃي ۽ اهو عرصو به هڪ قسم جو اڌ موڪل سمجھڻ کپي. پنهنجي ملڪ جي ڪمپنيءَ جي جهازن تي نوڪري ڪرڻ جو اهو به فائدو آهي ته اسان جا جهازي ٻاهرين ملڪن مان گھر جي استعمال جو چڱو خاصو سامان: سيڪنڊ هئنڊ ريفريجريٽر، ٽي وي کان فرنيچر، موٽرسائيڪل تائين آڻيندا رهن ٿا، جو ٽئڪس ڏيڻ کان پوءِ به چڱو سستو پوي ٿو يا خدا ناخواسته ڪا بيماري ٿيو پوي ته به هنن کي گھڻو فڪر نه ٿو ٿئي. جيئن هن دفعي هڪ خلاصي کي آنڊي جي آپريشن ڪوريا ۾ ڪرائڻي پيئي ۽ هو اتي رهجي ويو. پر سندس سامان سڙو سندس ڪو دوست مائٽن کي پهچائي ڇڏيندو. پاڻ چاق ٿيڻ بعد ڪمپنيءَ جي ڪنهن ٻي جهاز تي موٽي ايندو يا پي اين آءِ ڪلب (انشورنس ڪمپني ٽائپ) جي خرچ تي باءِ ايئر ڪراچيءَ ايندو. اهڙي طرح هڪ ٻئي خلاصي کي هرنيا جي تڪليف آهي. پر هو چاهي ٿو ته آپريشن ڪراچيءَ ۾ مائٽن اڳيان ٿئي ۽ هن کي اها تسلي آهي ته ڪجھه ڏينهن بعد جهاز کي ڪراچيءَ وڃڻو ئي آهي نه ته ڌارين ڪمپنين جا جهاز ڪڏهن ڪڏهن يڪو سال ته ڇا، پنج پنج سال به ڪراچيءَ نٿا اچن.


    ڪافيءَ جي ڪهاڻي

    ۽ پوءِ جڏهن جهاز سئيز ڪئنال اڪرڻ لاءِ، پورٽ توفيق پهچندو آهي ته اسان جا ڪجھه جهازي پٺيان ملڪ وساري في الحال پورٽ سعيد جي اڳيان واري دنيا يورپ جو سوچيندا آهن.
    هڪ اسان جي جهاز جو اڌ انگريز سيڪنڊ آفيسر ته سئيز ڪئنال لتاڙڻ بعد جيئن ئي جهاز بحر روم ۾ گھڙندو آهي ته سڀ اڙدو ۽ پنجابي ڪيسيٽ، ٽيبل جي هيٺين خاني ۾ وجھي، لنڊا رانسٽئٽ، ائمل فائر، لابئانڊا، ٽانيا ٽڪر، ائمن مري، سموڪي، گريز ۽ ٻين انگريز ڳائڻن ۽ گروپن جا ڪيسيٽ وڄائڻ شروع ڪندو آهي. ٻيو نه ته بحر روم ۾ گھڙڻ سان ئي جيڪا ٿڌي ٿڌي هير شروع ٿئي ٿي. سا في الحال ڳاڙهي سمنڊ جي گھاريل گرمي وساريو ڇڏي. شربت بدران چانهه مزو ڏئي ٿي.
    اسان جو فورٿ انجنيئر ته سيڪنڊ آفيسر کان به ٻه رتيون وڌيڪ انگريز آهي. ”اسٽيورڊ ڪافي لائو“ ۽ سڄو زور ڪافيءَ تي ڏيندو آهي. چوندو آهي ته: ”ڪافي پيئڻ سان کيس انگلنڊ ۽ اسڪاٽلنڊ جون گھٽيون ياد اچن ٿيون، جتان لنگھندي ٽهڪندڙ ڪافيءَ جو هُڳاءُ پيو ايندو آهي. يا ته سينگال ۽ موراڪو جا مسافرخانا ياد اچن ٿا. جن جي ٻاهران، شام جي وقت، ٿڌڪار ۾ رکيل ڪاٺ جي بينچن تي ويهندي اندران عربي ميوزڪ ۽ ٻاهران ٻَڌل اٺن جي چڙن جو رکي رکي آواز پيو ايندو آهي. سامهون واريءَ جون ڊٻون هونديون آهن. ڪي مسافر پيا ايندا ته ڪي پيا ويندا. جيئن جيئن رات پوندي ويندي، ڪچهري مچندي ويندي. شِيدي بئرا ترڪي ٽوپي ۽ جبن ۾، پيالين ۾ قهوو (ڪافيءَ) وجھي پيا ڏيندا، جنهن جي تکي سڳنڌ دل ۽ دماغ کي فرحت بخشيندي آهي“.
    قهوو يا ڪافي ــــ جيڪا هاڻ ڪوهيءَ جي نالي سان جپان ۾ مشهور ٿي وئي آهي، تنهنجو مزو واقعي ٿڌ سان لاڳو آهي ـــ کڻي انگلنڊ هجي يا ڪويت. پئن آمريڪن جو هوائي جهاز هجي يا اسان جو هي پاڻيءَ وارو جهاز. روس، ناروي، ڊئنمارڪ پاسي، سخت سياري ۾ جهاز جو ڊيڪ جڏهن سنهي برف سان جھنجھيو پيو هجي، ان وقت ٽي (Tea) ٽائيم ۾، ڊيوٽي ميس جون دريون بند ڪري ڏڪندڙ هٿن سان ويهي ڪافي پئجي ـــ اهڙو ڪو مزو ٻيو..!
    ڪافي ڪو قديمي کاڌو ناهي بلڪ تمام ويجھڙائي ۾ ايجاد ٿيل آهي، جنهن جو تعلق اسلامي دنيا سان گھڻو چيو وڃي ٿو. ڪافي دراصل وچ اوڀر جي عرب ملڪن کان شروع ٿي. ڪافيءَ جو پهريون ذڪر ڏهين صدي ڌاري کان ٿيو آهي. ڪافيءَ لفظ ڪي چون ٿا ته عربي لفظ قهوي مان نڪري ترڪي لفظ ڪاهوي مان ٿيندو، انگريزي لفظ ڪافي ٿيو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته اٿوپيا (حبش) جي شهر ڪافا مان نڪتل آهي، جنهن جي چؤڌاري ڪافي گھڻي ٿئي ٿي ۽ خاص ڪري پهريان ٻوٽا اتان شروع ٿيا. بهرحال نالو ڪٿان به پيو پر اها حقيقت آهي ته ڪافي پهرين اٿوپيا کان يمن ۾ آئي.
    ريڊرس ڊائجسٽ ۾ هڪ قصو آيو هو ته هڪ يمني شيخ اشا دلي نالي، اٿوپيا ۾ سير ڪري رهيو هو ته اتي جي جابلو علائقي ۾ هن ڏٺو ته ٻڪرين جو هڪ ڌڻ نچي رهيو هو. هن کي ڏاڍو تعجب لڳو. ويجهو اچي ڏٺائين ته هو هڪ عجيب قسم جي ٻوٽن ۾ لڳل ٻيرن جهڙي شيءَ کائي رهيون هيون. اهي ٻير هن پاڻ به پٽي کاڌا. پر رکا کائڻ سان ڪڙا لڳس. سو پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي اهو پاڻي ڇاڻي پيتائين جيڪو دراصل ڪافيءَ جو پهريون ڪوپ هيو.
    پيئڻ ۾ ته اهو کيس ضرور ڪڙو لڳو هوندو، پر هن پنهنجي ٿڪل جسم ۾ چستي ۽ دماغ کليل محسوس ڪيو ۽ گھڻي دير تائين هن جي اکين مان ننڊ غائب ٿي وئي. هي ان ٻوٽي جا ٻج يمن کڻي آيو جتي هي نئين پيئڻ جي شيءَ تمام ڪامياب وئي. خاص ڪري ڪچا ٻج ٽهڪائڻ بدران کيس ڀڃي سوڪ ڪري پوءِ ٽهڪائي پيئڻ ۾ وڏو مزو هو. پر، جلدي ان ڪافي پيئڻ جي فئشن تي ڪن ملن طرفان مخالفت ٿيڻ لڳي. اهو ته ظاهر هو ته ان جي پيئڻ سان بدن ۾ ڪجھه چستي پيدا ٿي ٿئي. پر آيا ان ۾ شراب وارو نشو آهي ۽ جي ان جو استعمال خراب ڳالهين ڏي رغبت ڏياري ٿو ته پوءِ اسلامي نقطي نگاهه کان ان تي بندش پوڻ کپي. اهو ڪافي پيئڻ جو رواج سن 1500 ڌاري مڪي ۽ مديني تائين پهچي ويو جتي جي هوٽلن ۾ شهر جا نوجوان، ڪافي پي، رات جو دير تائين ميوزڪ ۽ ڪچهريءَ تي ويٺا هوندا هئا. ان گوڙ ۽ کلڪي ڪري ڀر ۾ رهندڙ شهرين جو سک ڦٽڻ لڳو ۽ شڪايتون ڪرڻ لڳا.
    28 مئي سنه 1511 تي جمع ڏينهن مملوڪ خاندان جي ملٽري گورنر ڪعبي شريف مان سانجھي نماز تان موٽڻ وقت ڪجھه نوجوان کي هل هنڀوڇي مچائيندي ۽ گڏو گڏ ڪٽليءَ مان ڪافي ڀري پيئندي ڏٺو. پاڻ سخت ناراض ٿي ويو: ”هي ڇا پي رهيا آهن؟“ هن پڇيو. سندس گارڊ ٻڌايو ته اها ڪافي آهي جيڪا بلڪل غير نقصانڪار آهي.
    ”غير نقصانڪار!“ گورنر ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”اها شيءَ جيڪا ماڻهو پي شرافت جا بنيادي اصول وساري ڇڏي، اها ڪيئن غير نقصانڪار ٿي سگھي ٿي. هنن کي سزا ڏني وڃي.“
    ٻئي ڏينهن صبح ساڻ مڪي ۾ رهندڙ مختلف فقهن جي ججن کي محلات ۾ گھرايو ويو. ان ئي ڏينهن شام ۽ مصر کان آيل يارهن ججن ۽ عالمن کي پڻ سڏائي اهو سوال پڇيو ويو ته آيا ڪافي تي قانوني طرح بندش وڌي وڃي يا پيئڻ جي اجازت ڏني وڃي.
    ست ڏينهن کن بحث مباحثا هلندا رهيا. آخر ڪميشن اهو فيصلو ڪيو ته ڪافيءَ کي هوٽلن ۾ پيئڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. ٻئي ڏينهن کان هوٽلن ۽ دڪانن ۾ ڪافي پيئڻ تي بندش وڌي وئي. پر اها بندش گھڻو وقت هلي نه سگھي جو اوچتو ئي قاهره جي سلطان، پنهنجي گورنر جي ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو جنهنڪري ”ڪافي“ هيڪاندي مشهور ٿي وئي، ۽ جڏهن 1517۾ ترڪن مصر ۽ عربستان پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو ته ڪافي اتي به مشهور ٿي وئي.
    1954 ۾ ترڪن جي حڪومت ۾ ترڪ حاڪم سليمان جي ڏينهن ۾ اليبو ۾ ۽ دمشق جي ٻن واپارين قسطنطنيه ۾ اچي ”ڪافي هائوس“ کوليو، ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻيا به شروع ٿي ويا ۽ اهي ”قهوه گھر“ شهر جي ذهين ماڻهن، شاعرن، اديبن، پروفيسرن، عالمن ۽ سرڪاري آفيسرن جي ويهڻ ڪري ”علم جا اسڪول“ ليکجڻ لڳا.
    1582 ۾ ليونارٽ راوولف نالي هڪ ڊاڪٽر؛ آگسبرگ جرمنيءَ مان پنهنجي سفرنامي جو ڪتاب شايع ڪيو، جيڪو وچ اوڀر بابت آهي..............
    ”ٻين سٺين شين کان علاوه مسلمانن وٽ هڪ پيئڻ جي شيءِ آهي، جنهن کي هو Chaube ڪوبي سڏين ٿا.“ هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي. ”اها مس جهڙي ڪاري آهي ۽ ڪيترين ئي بيمارين جو علاج چئي وڃي ٿي... خاص ڪري پيٽ جي. هو، اها مٽِيءَ يا چينيءَ جي ننڍين پيالين ۾ پيئن ٿا. پياليءَ کي چپن ويجھو آڻي تمام ننڍڙو ڍڪُ ڀري، وري ڀر واري کي پيئڻ لاءِ ڏين ٿا......“ وغيره وغيره..
    اهو مٿيون ذڪر 1582 جو آهي ۽ پورا سؤ سال کن پوءِ، اها ڪافي يورپ جي ملڪن ۾ مشهور ٿي.
    1683 ۾ ترڪن، ويانا تي چڙهائي ڪئي پر گھيرو ڪامياب نه رهيو ۽ سندن ڇڏيل سامان تي ويانا جي ماڻهن کڻي قبضو ڪيو. ان مان ۾ پنج سؤ ڳوڻيون عجيب خوشبوءِ وارن چؤنرن سان ڀريل هيون. کين جيئن ته ڪافيءَ جي خبر نه هئي سو اهو ڦر جو مال ڊئنيوب نديءَ ۾ اڇلائڻ وارا هئا ته ڪولچزڪي نالي هڪ پولش ـــ جيڪو گھڻو وقت ترڪن وٽ رهي چڪو هو، ۽ هن جنگ ۾ ويانيز جي مدد ڪئي هئي، تنهن اهي ڳوڻيون پاڻ وٽ رکيون ۽ ويانا ۾ پهريون ڪافي گھر کوليو.
    پهرين ان ڪافيءَ ماڻهن کي مزو نه ڏنو جو اها ٽرڪش نموني جي ڪافي تمام گھاٽي هجڻ ڪري ڪڙي ٿي لڳي. ماڻهن جي پسند وٽان ٺاهڻ لاءِ هو ڇاڻيل ڪافيءَ ۾ کنڊ ۽ کير به وجھڻ لڳو. اهڙي ريت سترهينءَ صديءَ تائين سڄي يورپ ۾ ڪافي پيئڻ جو رواج پئجي ويو. ان بعد آمريڪا ۾. تازو هاڻ، آمريڪا جي جپان تي قبضي بعد آهستي آهستي جپان ۾ به پئجي ويو آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي جپان جي وڏن شهرن جي خوبصورت علائقن ۾ ”ڪوهي ــ هائوس“ کلي ويا آهن. جپاني زبان ۾ ”ي“ جي اڳيان ”ف“ استعمال نه ٿيندي آهي، سو ڪافي بدران ”ڪوهي“ سڏجي. سو هاڻ اسان جو فورٿ انجنيئر صاحب نه فقط اولهه ۾ سئيز ڪئنال پار ڪرڻ بعد، پر اوڀر ۾ پڻ، تائيوان چئنل اڪرڻ کان پوءِ ڪافيءَ جو مزو وٺي سگھي ٿو ۽ ڪافي پي ٽوڪيو جي گنزا، اوساڪا جي اميدا ۽ نمبا، يوڪوهاما جي آسيزاڪيچو ۽ چائنا ٽائون ۽ ڪوبي جي موتو ــ ماچي بازارون ياد ڪري سگھي ٿو، جتان لنگھندي ڀُڳل ڪافيءَ جي ٽهڪڻ جي خوشبوءِ ايندي آهي.


    ڪناري جا ڪارناما

    هڪ ففٿ انجنيئر مون سان گڏ هوندو هو ، جنهنکي سڀ سندس نالي بدران، سندس رنگ ڪري پيار مان ”ڪارو“ سڏيندا هئا. ساڻس گڏ منهنجو سٺو ساٿ رهيو. دراصل جنهن جهاز تي اسان ٻئي ففٿ انجنيئر هئاسين ان جهاز جي انجڻ ۽ چيف انجنيئر جي اهڙي حالت هئي جو، جيڪڏهن ”ڪارو“ ان ڏکئي زندگيءَ ۾ کل ڀوڳ جا لمحا پيدا نه ڪري ها ته جيڪر اسان جي نروس بريڪ ڊائون ٿئي ها.... انجڻ جي بريڪ ڊائون جو ته اهو حال هوندو هو ته ڊيوٽيءَ کان پوءِ وهنجي سهنجي تيار ٿي اڃان جهاز جي ڏاڪڻ وٽ پهچ ته ڪن تي ايمرجنسي الارم جو آواز ايندو..... هل سائين وري انجڻ روم ۾. ڪڏهن جنريٽر جو ٽربو چارجر خراب، ڪڏهن فيڊ پمپ هلڻ نه ڪري بئالر ٿو ڦاٽي. سوين مرض ان جهاز جي مشينريءَ سان لاڳو هئا. بهرحال هٿ پير ڪارا. وري ڪير وهنجي ٻاهر نڪري. ماٺ ڪري اچي سمهي پوندا هئاسين. اسان جي جهاز لاءِ خليج بنگل وارو سمنڊ ڪراس ڪرڻ ته ائين هوندو هو جيئن اٺُ لاءِ پتڻ ٽپڻ. ٻه ٽي دفعا ته ضرور خراب ٿئي ۽ پوءِ چٽگانگ بندرگاهه ۾ پهچڻ تي گھمڻ ڦرڻ بدران ان جي مرمت ۾ لڳي ويندا هئاسين. هڪ ڏينهن اسان جو ڪارو انجڻ روم جي تيل هاڻي ڍانگري پائي، چٽگانگ جي اجالا سئنيما ۾ فلم ڏسي آيو. سيڪنڊ انجنيئر چيس ته آفيسر آهين شهر ۾ ههڙن افعالن ۾ وڃبو آهي؟
    قسطن ۾ ٽهڪ ڏئي قسطن ۾ وراڻيائين:
    ”مڙسي ڪيم، ائين ئي هليو ويس، نه ته اها هڪڙي فلم به نصيب نه ٿئي ها.“
    ”اهڙي ڪا انجڻ خراب آهي ڇا، جو توهان کي هر وقت انجڻ روم ۾ رهڻو ٿو پوي.“ سيڪنڊ انجنيئر شڪي ٿيندي پڇيو.
    ”فلم ۾ هڪ هنڌ هيرو ٿو پڇي، مون توکي ڏک ئي ڪهڙو ڏنو آهي ته هيروئن ٿي چوي ته اهو پڇ ته تو مون کي سک ئي ڪهڙو ڏنو آهي. سو ان وانگر توهان به اهو پڇبو ته اهو وقت ئي ڪهڙو آهي جو اسانکي انجڻ روم ۾ رهڻو نه ٿو پوي؟“

    ”ڪارو“ رنگ جو ڪارو هو پر دل جو صاف هو. ڪم ۾ پڻ هوشيار هو. پاڻ هن کان اڳ هڪ ٻي ڪمپنيءَ ۾ به چڱا سال رهيو هو ۽ فورٿ انجنيئر تائين پهتو هو پر جھيڙو ڪري هيڏانهن هليو آيو هو ۽ وري نئين سنئين ففٿ انجنيئر ٿيو هو. اسان اڃان نوان آيا هئاسين. سو اسان جي مدد ڪندو هو. ساڙ، ريس، حسد وغيره ته بلڪل نه هوس، جيڪو اڪثر جونئرن ۾ هوندو آهي. ڪل چار ڄڻا اسان ففٿ انجنيئر هئاسين. هڪ ”ڊي ــ ورڪ“ ڪندو هو باقي ٽي ڄڻا چوويهن ڪلاڪن جي ڊيوٽي ورهائي کڻندا هئاسين. وچ ۾ڪا غلطفهمي به پيدا ٿيندي هئي ته هي صلح ڪرائي ڇڏيندو هو. چوندو هو ته جي وڙهنداسين ته سينيئر لاهه پٽي ڇڏيندا.
    جهاز جي جنريٽرن جو اهو حال هو جو ايگزاسٽ پائيپن تي چانهن ٺهندي هئي. پائيپن تان lagging لهڻ ڪري ۽ ليڪيج ڪري چؤڌاري ايڏي ته گرمي ۽ دونهون رهندو هو جو ويجهو ويندي ڇرڪبو هو. جڏهن پائيپ ڳاڙها باهه ٿي ويندا هئا ته ٿرڊ انجنيئر سمجھي ويندو هو ته تيل گھڻو پيو وڃي ۽ اندازي سان ان فيول پمپ جي نٽ کي هيٺ ڪري تيل جو مقدار گھٽ ڪندو هو ۽ پائيپ نارمل حالت ۾ اچي ويندا. يا وري جڏهن انهن تي چانهن ٺهندي دير لڳندي هئي ته تيل وڌائي ڇڏيندو هو. پر جي فرق نه پوندو هو ته سمجهي ويندو هو ته انجيڪٽر ڊرپ پيو ڪري ۽ معاملو اوور هالنگ تائين ملتوي ڪندو هو.
    ڊيوٽي ختم ٿيڻ وقت اسان کي لاگ بڪ ۾ مختلف مشيشنن جا ٽيمپريچر ۽ پريشر لکڻا پوندا هئا. پر جنريٽرن جو دونهون ايڏو هوندو هو جو ڪوبه ان جي ويجھو نه ويندو هو ۽ اسان غلط سلط لکي ڇڏيندا هئاسين، ڇو ته پڪ هئيسين ته ڪو چيڪ ڪرڻ وارو به نه وڃي سگھندو. سو گذريل واچ وارا ٽيمپريچر هوبهو ڪاپي ڪري لکندا هئاسين ۽ ساڳيا ٽيمپريچر مهينن جا مهينا پيا لکبا هئا، جي ڪجهه هن ريت هئا:
    ”340، 350، 330، 370، 350.“
    هڪڙي يونٽ جو ٿرماميٽر ڀڳل هو سو ان جي خاني ۾ ننڍي اَڙي ڏئي ڇڏيندا هئاسين. هڪ دفعي جھلجي پياسين جڏهن اوچتو سيڪنڊ انجنيئر ڪنهن مهل هيٺ اچي ان جاءِ تي نئون ٿرماميٽر هڻي ويو ۽ اسان هفتو کن اها ئي اَڙي ڏيندا آياسين. بهرحال ان کان پوءِ جنريٽر جا ٽيمپريچر لکڻ وقت اهو سو ڪم ڪندا هئاسين جو پري کان ئي ڏسندا هئاسين ته پتل جا ڇهه ڊگھا ٿرماميٽر پنهنجين جاين تي آهن يا ڪو نڪري ويو، جو ”ڪاري“ اسان کي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته سيڪنڊ انجنيئر جو وري به دڙڪن ڏيڻ تي موڊ ٿيو ته ماٺ ڪري ٻه کن ٿرماميٽر ڪڍي ويندو، ۽ اسان جي آهي ڪاپيءَ تي ڌُم.
    ڪجهه ڏينهن بعد مون کي اوچتو خيال آيو ته هي اسان، جو روز ساڳيا ساڳيا ٽيمپريچر پيا لکون اهي پڙهي به ته سيڪنڊ انجنيئر ڪڏهن شڪبو ته ڳالهه ڇا آهي. هاڻ اهڙي به سٺي حالت ۾ جنريٽر ناهي جو مهينن کان ساڳيا ٽيمپريچر ڏئي. سو ان ڏينهن لاگ بڪ ۾، تبديلي خاطر ٻن ٽن ٽيمپريچرن ۾ ڏهائي پنج کن وڌائي گھٽائي ڪجھه هن ريت لکيم:
    340، 5ء349، 340، 5ء 329، 370، 5ء 350
    مون کان پوءِ ڪاري جي واچ هئي سو دستور موجب سڄي انجڻ جو رائونڊ لڳائي، هڪ ڪنڊ وٽ سگريٽ دکائي آڱوٺو ڏيکاري مون کي اشارو ڪيائين ته سڀ صحيح آهي نه؟ ۽ مون به ساڳئي بين الاقوامي اشاري سان کيس پڪ ڏني. سگريٽ جا ٻه چار ڪش هڻي ڊيسڪ وٽ آيو ۽ لاگ بڪ تي ٺونٺيون رکي پڙهڻ لڳو. آءَ تيسين واچ جو آخري ڪم ــ بلج پمپ هلائي بلجون (انجڻ روم ۾ گڏ ٿيل پاڻي ۽ ڪنو تيل) ڪڍي رهيو هوس ۽ ٽنل جو چڪر ڏئي موٽيس ته اڌ رستي تي ”ڪارو“ وائڙن وانگر مليو ۽ پڇيائين: ”خير ته آهي“
    ”ها بلڪل خير آهي. ڇو؟“
    ”هي ٽيمپريچرن ۾ اڄ ردوبدل پئي نظر اچي ـــ؟“
    ”Just for a change ــ مڙيئي سيڪنڊ انجنيئر تي به رعب وهي ته اسان هڪٻئي تان ڪاپي ڪري ڪونه ٿا لکون پر باقاعدي ٿرماميٽر ۽ گيجون ڏسي ٿا لکون.“
    ڪارو ڏاڍو کليو ۽ چيائين: ”يار تنهنجي ‘جسٽ فار چينج‘ اڄ في الحال ڏڪائي ڇڏيو. مون سمجھيو ته ڪو نئون واقعو رونما ٿيو آهي. پر ايتري Height of accuracy به اڄ ڪلهه شڪ ۾ وجھي ڇڏيندي آهي. گھٽائي وڌائي لکڻو هئي ته سڄيون ساريون پنج يا ڏهه ڊگريون ڪرين ها. هي ڊيسيمل پنج ڊگريون ڏسي مون کي پنهنجي ڪمپنيءَ جو ساليانو حساب ڪتاب ياد اچي ويو. جنريٽرن جو ايگزاسٽ ٽيمپريچر نه ٿيو پر نَو ڪروڙ ستهٺ لک ٽيهتر هزار ست سؤ ٽيانوي روپيا ۽ اوڻاسي نوان پيسا ــ نفعو يا نقصان ــ هن سال ‘فلوٽنگ اسٽاف‘ ۽ ‘آفيس ــ اسٽاف‘ کي بونس ڏنو وڃي يا ايڪانامي ڊرائيو سخت ڪئي وڃي.“
    آخر برڪتن ڀريو اهو هفتو آيو، جڏهن پينانگ (ملايا) ۾ جهاز جي گھڻي ترسڻ ڪري هڪ جنريٽر اوورهال ڪرڻ لاءِ وقت ملي ويو. هڙئي پسٽن، ڪنيڪٽنگ راڊون، ٽوپيون، بيرنگ وغيره ڪڍيون ويون ــ ڪاري چواڻي ”جنريٽر کي اگھاڙو ڪيو ويو“ مختلف ماپون ۽ جاچون ڪرڻ بعد، خراب پرزا ڪڍيا ويا ۽ نوان اسپيئر ۾ رکيل لڳايا ويا ۽ ٽرائل لاءِ هلايو ويو. ڪارو ڊيوٽيءَ تي هو ان وقت. اڄ سيڪنڊ انجنيئر به خوش هو. ڊيوٽي ميس ۾ هميشه وانگر سندس هڪ پاسي هڪڙو چمچو فورٿ انجنيئر ٻئي پاسي ٻيو چمچو ٿرڊ انجنيئر ويٺا هئا ۽ باقي پرين ڪرسين تي ڪُت خلق ـــ يعني اسان ٻه ففٿ انجنيئر، هڪ جونئر انجنيئر ۽ هڪ ڪاري جي لاءِ ڇڏيل ڪرسي.
    ”ٿرڊ صاحب، تنهنجي بيبي (يعني جنريٽر) جو مسئلو ته حل ٿي ويو. چار پنج ڪلاڪ اڃان به ڀلي ائين هلي پوءِ لوڊ تي چاڙهينداسين“ سيڪنڊ انجنيئر سوپ پيئندي ٿرڊ انجنيئر کي چيو.
    جهاز جي جنريٽرن جو انچارج گھڻو ڪري هر جهاز تي ٿرڊ انجنيئر هوندو آهي. ٿرڊ انجنيئر به خوش، مرڪي رهيو هو. اتي ڊيوٽي انجيئر اسان جو يار ”ڪارو“ هٿ ڌوئي ماني لاءِ آيو. هنکي به پٺيان ٿپڪي هڻندي هڪل ڪري پڇيائين: ”ڪارا، هيٺ انجڻ روم ۾ تيل وارو ته ڇڏي آيو آهين نه؟“
    اهو سيڪنڊ انجنيئر خوشي ۽ ڪاوڙ ٻنهي ۾ هڪل سان ڳالهائيندو هو. ڪاري فقط گونگي ’ها‘ ڪري، ڪنڊ واري خالي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. ناشتو به نه ڪيو هئائين جو جنريٽر جي آخري اسيمبلي جي هنگامي ۾ صبح ساڻ سيڪنڊ انجنيئر سڀني کي ائين هيٺ انجڻ روم ۾ هڪلي ويو جيئن سج لهڻ تي ڍورن کي واپس وٿاڻن تي نئجي.
    سيڪنڊ ۽ ٿرڊ انجنيئر ٻٽاڪ سٽاڪ هڻندا رهيا ۽ ڳالهه کلڻ جي نه هجي ته به ٻڌا ٻڌا ٽهڪ ڏيندا رهيا ــ آخر جنريٽر جو اوور هال ٿيو هو سو سينئر خوش هئا ــ باقي اسان لاءِ ته ”انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين.“ چاهي جنريٽر صحيح هجي يا خراب، پورٽ هجي يا سمنڊ. چار ڪلاڪ رات جا ۽ چار ڪلاڪ ڏينهن جا انجڻ روم ۾ واچ (چوڪي) ٿي ڪرڻي. هوڏانهن ڪنڊ ۾ڪارو آرام سان ماني کائي رهيو هو. اونين سوپ (بصر جو شوروو) هو ته به گھرايائين. ڦڪو لڳس. لوڻ ۽ ميگي ساس گھرائي وڌائين. ان بعد مينو مطابق سائيڊ ڊش. قيمي جا ڪٽليٽ هئا، هڪ کاڌائين، وڻيس، وري ٻيو گھرايائين. ڪنهن شايد ٽوڪيس به ته اڃان مين ڊش به کائڻ لاءِ آهي. بس به ڪر. پر ڪارو پنهنجي مسڪين صورت کي وڌيڪ مسڪين ٺاهي، ماٺ ۾ کائيندو رهيو. جواب به سندس پاران ڪنهن ٻئي ڏنو ته ڀل کائي. کائڻ کان ڪنهن کي جھلبو ناهي آخر ڪم به ته ڪري ٿو.
    سائيڊ ڊش کائي ڪاري بس ڪئي ته اسٽوورڊ چانورن لاءِ پليٽ اڳيان رکي چانورن ۽ ٻوڙ جو ڊش آڻي رکيس. ڪا مهل اهو کائيندو رهيو. ان بعد فروٽ آيو. ڪاري آهستي آهستي صوف تان کل لاٿي ۽ سنهيون ڦاڪون ڪري کائڻ لڳو. سيڪنڊ انجنيئر ۽ ٻيا اسين سڀ اٽيڪيٽ خاطر ويٺا رهياسين ته ڀل ڪارو به ختم ڪري ته سڀ گڏ اٿون. هاڻ باقي آخري ائٽم چانهن يا ڪافي ئي ته رهيو ٿي. ڪاري صوف جي آخري ڦار وات ۾ وڌي ۽ پليٽ تان منهن مٿي ڪري سيڪنڊ انجنيئر ڏي نهاريو جيڪو ڪو پنهنجو ’پراڻو‘ ڪارنامو ان وقت ٻڌائي رهيو هو.
    ”سيڪنڊ انجنيئر صاحب ــ سيڪنڊ صاحب“ ڪاري سڏ ڪيو. اسان سڀ وائڙا ٿي وياسين ته هي چوڻ ڇا ٿو چاهي. سيڪنڊ به پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي هن ڏي ڌيان ڏنو.
    ”سيڪنڊ صاحب لنچ تي اچڻ وقت، ايترو چئي ڪاري چؤڌاري نظر ڊوڙائي ۽ پوءِ بيان جاري رکيو ”جنريٽر جي ڪرئنڪ ڪيس مان آواز اچي رهيو هو. شايد ڪا بيرنگ ڍري رهجي وئي آهي.“
    ”هان!“ نه فقط سيڪنڊ انجنيئر تي وڄ ڪري، پر ٿرڊ انجنيئر کي به ڄڻ سيڪ اچي ويو.
    ”گڏهه! تو مون کي اچڻ سان ڇو نه ٻڌايو ـــ؟“ سيڪنڊ انجنيئر پنجابي فلمن جي هيرو وانگر خوفناڪ رڙ ڪئي .......... يعني تينون غيرت نهين آندي هي......
    ”سائين ان ڪري جو پوءِ توهان مون کي ماني کائڻ نه ڏيو ها.“
    ”نانسينس. اسٽوپيڊ. ايوري باڊي ڊائون ان انجن روم.“ (Everybody down in Engine room)
    در وٽ بيٺل اسٽيوورڊ کي سڀ ڌڪا ڏيندا هيٺ انجڻ روم ڏي ڊوڙڻ لڳاسين. پٺيان ڪاري جو آواز ڪن ٿي پيو جو سڀ کان پٺيان هو ۽ بئاءِ کي چئي رهيو هو ته ” اسٽيورڊ! چانهه منهنجي انجڻ روم ۾ ئي کڻي اچ.“

    .......................................................

    ڪاري سان پوءِ ڪيترائي سال ملاقات نه ٿي. خبر پئي پوندي هئي ته اڄڪلهه فلاڻي جهاز تي آهي. هاڻي فورٿ انجنيئر ٿيو آهي. يا ڪنهن پورٽ ۾ پهچڻ سان خبر پوندي هئي ته ڪاري جو جهاز به هفتو کن اڳ هن پورٽ ۾ هو يا اتان لنگھي فلاڻي سمنڊ ڏي روانو ٿيو آهي. سال تي سال گذرڻ بعد اسين پوءِ ٿرڊ انجنيئر ٿي ويا هئاسين. امتحان ڏناسين ۽ سيڪنڊ انجنيئر ٿي به ڪافي سال مختلف جهازن تي Sail ڪيوسين. پوءِ هو پئسي جي تڪليف ڪري ڪنهن فارين ڪمپنيءَ ۾ هليو ويو جو کيس گھر جون جوابداريون هيون. ڀيڻ ڊاڪٽري پئي پڙهيس ان جو خرچ، ڀاءُ پائليٽ ٿيڻ لاءِ Flying-Hours آمريڪا ۾ پورا ڪري رهيو هو، تنهنجو خرچ به مٿس هو جو پيءُ ننڍپڻ ۾ گذاري ويو هون.
    هڪ دفعو ته خبر پئي ته هن هڪ اهڙي جهاز تي به Sail ڪيو جنهن جي سفر کي Suicidal Voyage ”موت ڏي سفر“ جيڪر سڏجي. هڪ واپاريءَ پراڻو ڀڳل جهاز هانگ ڪانگ مان سستو ڪو ورتو. جنهن کي هن ڪراچيءَ ۾ ڀڃائي، لوهه ٽامو پتل ڪاٺ ۽ ٻيو سامان ڪڍي وڪڻڻ ٿي چاهيو. پر جهاز جي حالت اهڙي خوفناڪ هئي جو گھڻي آڇ تي به ڪو چيف انجنيئر يا سيڪنڊ انجينيري پاس ڪيل ائڪٽنگ چيف انجنيئر نٿي مليس. پوءِ خبر پئي ته اسان وارو همراهه ”ڪارو“ ان جهاز کي ڪراچيءَ وٺي آيو. آءٌ ساڻس ملڻ ويس. جهاز کي ماءُ ڀيڻ جو گاريون ڏئي چوڻ لڳو: ”ملاڪا نار کان هيسيتائين، هن جهاز منهنجي مٿي جا وار اڇا ڪري ڇڏيا آهن.“
    ”پارٽنر، اهي ته اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ به اڇا هئي.“ مون ياد ڏياريومانس.
    ”واقعي...؟“ سگريٽ جا ڪش هڻندي هن قسطن ۾ ٽهڪ ڏنو.

    .......................................................

    ساڻس وري چڱي طرح ملاقات چيف انجنيئريءَ جي امتحان دوران ٿي هئي. ڪارو جيترو پرئڪٽيڪل ڪم ۾ هوشيار اوترو ئي لکڻ پڙهڻ جو چنڊو. چوندو هو ”مون کان امتحان نه وٺو. اهو لکائي وٺو ته جهاز بيهندو ڪونه.“
    امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ سڀ ڦلڙا منهن ڪري ڇٻر تي پپر جي وڻ هيٺان اچي ويهندا هئاسين. عجيب مايوسي ڇانئجي ويندي هئي جو هنن امتحانن ۾ ورلي ڪو هڪ يا ٻه پاس ٿئي، جيتوڻيڪ هر مهيني ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته يڪا ٽي چار مهينا ڪو پاس نه ٿيندو آهي. بلڪ خراب امتحان ڏيڻ ڪري سزا خاطر هنن کي ڇهه ڇهه مهينن لاءِ واپس سمنڊ تي وڌيڪ نوڪري ڪري، پوءِ امتحان ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويندو آهي. ۽ هنن امتحانن ۾ جن ۾ انسان، جهاز ۽ سامان جي سلامتي جو سوال رهي ٿو، معمولي غلطي به خراب رزلٽ آڻي ٿي. ڪارو به ٻين وانگر، ٽي چار ڪاهون ڪري چڪو هو، پر هڪ هي ئي هيو جيڪو مايوس ٿيڻ بدران هميشه وانگر خوش رهندو هو ۽ ٻين کي به کلائيندو رهندو هو. چوي ته: ”هر ماڻهوءَ کي امتحان هال ۾ گھڙڻ ۽ ڦاهيءَ تي چڙهڻ وقت پنهنجي طبيعت کي خوش رکڻ کپي، جيئن دشمن سڙي وڃن ته هن تي ڪو اثر ناهي.“
    اسان سڀ سندس ڳالهيون ٻڌندا رهندا هئاسين. امتحان جي پاس يا فيل ٿيڻ جي خوف کان علاوه Sea-time جي سزا جي ڀوت ڪري، اسان کان ته ان وقت گھڻو ڳالهايو به نه ٿيندو هو پر هن جي ڪمينٽري جاري هوندي هئي.
    ”امان چوي ٿي ته امتحان ۾ پاس نٿو ٿئين، بادام گھوٽي کارايئين ته من ڪو فرق پوي. کيس سمجھايم ته امان امتحان هال ۾ مون کي ملهه ڪانيهي وڙهڻي، ممتحن چوي ٿو ته ڪجھه افعال اٿانو ته لکي ڏيکاريو.“
    ”اليڪٽرو ٽيڪنالاجي“ جي پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ ٻڌايائين:
    ”يار رات پڙهندي پڙهندي عشق ڪرڻ جو اچي موڊ ٿيو سو بس هليو ويس ڇوڪريءَ وٽ پيار جون ڳالهيون ونڊڻ“
    ”ڪهڙي ڇوڪريءَ وٽ ــ؟“ ڪنهن پڇيس.
    ”ڪهڙي وري ڪهڙي. ايتري Short Notice تي ڪهڙي انجڻ يا ڇوڪري راضي ٿيندي ــ؟“ پنهنجي ئي منڱينديءَ وٽ ويو هوس. ٻئي ڏينهن تي امتحان. دل ۾ سوين وسوسا الائي پاس ٿيندس يا نه. پت ڪار رهجي ايندي يا نه. سو ان Situation ۾ ڪهڙا ٻين جا هلي در کڙڪايان. ٿوري دير سندس پٺئين در جي ڏاڪڻ تي ويهي ڪچهري ڪري اٿڻ وارو هوس ته مٿان منهنجي ٿيڻ واري سسُ اچي نازل ٿي. چيائين ”اچُ پٽ اندر. ڪيترن ڏينهن کان اسان توکي ياد پئي ڪيو.“ ڇوٽ ۾ چيومانس ته امتحانن پنائي رکيو آهي. مون کي ڌيڻين سان ئي ڪچهري ڪندي مزو ڪونه ٿو اچي؛ سو اندر اچي توسان ڪهڙيون خبرون ڪريان.
    ٿوري دير ترسي سگريٽ جو آخري ڪش هڻي، سگريٽ پير هيٺان چيڀاٽي چوڻ لڳو:
    ”مونکي هونءَ به پنهنجي سسُ تي باهيون آهن. ڏٺي نه ٿي وڻيم. هوءَ به مون تي خارون کائي ٿي. مڱڻيءَ رات به وڏو جھيڙو ڪيائين.“
    ”ته پوءِ شادي ڇو ٿو ڪرين ...؟“ ڪنهن ڪتاب مان منهن ڪڍي پڇيس.
    ”ڇو سسُ سان شادي ٿو ڪريان ڇا...؟“
    ۽ سڀ ڪتاب بند ڪري اچي کلڻ لڳا. پر هڪ همراهه جيڪو وڌيڪ سنجيدو ٿي لڳو تنهن ڪاري کي چيو:
    ”ڀلا اهي سڀ گھر جون ڳالهيون امتحان هال جي اڳيان ٻڌائڻ ضروري آهن ڇا؟ ڇڏ ته ڪجھه پڙهي آخري لمحا سجايا ڪريون.“
    ڪاري پنهنجا قسطن وارا ٽهڪ ڏيندي چيو:
    ”اڙي بيوقوفو! ڏهه مهينا پڙهي اڪ ڪارا ڪيانؤ، هاڻ ويم مهل ڏهه منٽ سڦل ڪرڻ آيا آهيو.“


    هليو ويندو ههڙي ڏُڪار ۾

    گذريل سفر جو سيڪنڊ انجنيئر ياد ٿو اچي. جيترو عمر ۾ ننڍو اوترو سوچ ويچار ۾ اڪابر. گول مٽول. ڏسڻ سان لڳندو ته ههڙي ٿلهي ماڻهوءَ لاءِ ته هلڻ ئي عذاب. هي انجڻ روم جون اڻانگيون ڏاڪڻيون، ٽئنڪن ۽ بئالرن جا سوڙها مئن هول، Seavenge Spaces جي سوراخن ۽ ٽنل ڊور مان ڪيئن لنگھندو هوندو. هيٺ بلجن ۽ پائيپن جي وچ ۾ سوڙهين وٿين ۽ ڪرئنڪ ڪيس ۾ اندر وڃي ڪرئنڪ شفٽ جي ڊفليڪشن، يا لائينر ۾ اندر لهي ان جي ڪئليبريشن ڪيئن ڪندو هوندو. پر هن سيڪنڊ انجنيئر جي ڪهاڻي ڪم جي ڪهاڻي هئي. هو موڪل کان به وڌيڪ ڊيوٽيءَ کي اهميت ڏيندو هو. جهاز چاهي هوم پورٽ ۾ هجي يا ولايت جي ڪنهن بندرگاهه ۾، سندس ناتو انجڻ روم سان ڳنڍيل هو. سندس دماغ وري ڪمپيوٽر هو. کانئس ڪابه شيءَ انجڻ جي مختلف پرزن جي ماپن، تورن کان جهاز جي هزارين اسپيئر پارٽس بابت، کڻي پڇ ته اتي جو اتي ٻڌائيندو ــ رڳو ڪجھه سيڪنڊن لاءِ نرڙ تي گھُنج آڻي، پنهنجي ٿلهي عينڪ کي هيٺ مٿي ڪندو هو ــ ڄڻ ان گھڙيءَ سندس ڪمپيوٽر دماغ ۾ سوال Feed ٿي رهيو هجي ۽ سي پي يو مان ٿيندو ڄڻ ته مانيٽر جي اسڪرين تي جواب آيو.
    سندس شوق ۽ فقط شوق پڙهڻ هوندو هو. يادگيري جو ايڏو تکو جو مهينا گذري وڃن، پر هڪ دفعو پڙهيل ڪتاب مان ٺهڪندڙ حوالو، موقعي تي يڪدم ٻڌائي ويندو. گھڻو پسند تاريخ، سائنس، آرڪيالاجي، شاعري ۽ مذهب جهڙا سبجيڪٽ هئس. تاريخي ڳالهه ڪا هجي، عثمانيه سلطنت، پمپائي، سڪندراعظم، حضرت موسى عليه السلام ۽ موهن جي دڙي کان وٺي انڊو پاڪ، انگلنڊ؛ يورپ ويندي چين، منگوليا تائين ــ مختلف معرڪن ۽ واقعن جا سن تائين ياد هئس. ساڳيو حال آرڪيالاجي ۾ موهن جي دڙي، هڙپا، ميسوپوٽيما، بئبلان کانوٺي ڪمپوچيا، ٿائلنڊ ۽ هندستان جي ائنڪور ۽ الورا اجنتا تائين ـ نه فقط پڙهڻ پر انهن مان ڪيترون جايون موڪلن ۾ وڃي ڏسي به آيو هوندو. موهن جي دڙي، سيوهڻ ۽ ڀنڀور بابت اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو جو ڪيترا دفعا ويندي اسان کي به ڌيان ۾ نه آيون هونديون.
    بئنڪاڪ شهر جي هڪ هوٽل ۾ جتي چؤڌاري هپي ويٺا هئا، ويهندي ٻڌايائين ته سيوهڻ شهر جي فضا ۾ ههڙوئي، نشو ۽ هڳاءُ هوندو آهي. چانهه، کاڌي کان وٺي ويندي پاڻي پيئڻ جي ڪرين ۽ مٽن مان ڀنگ، گانجي ۽ چرس جي ڌپ پئي ايندي آهي. ان ڳالهه کي اسان جي سرڪار ۽ اتي جي ماڻهن کي ڌيان ۾ رکڻ کپي نه ته نوجوان ٽهيءَ جو بُرو حال ٿيندو. سيوهڻ ۾ قلندر جي مزار تي ٻاهران آيلن ۾ عقيدتمند ٿورا ۽ سٽي باز، نشئي، واپاري، ڪچي ايمان وارا، وسوسي ۽ سمگلر گھڻا ڏسڻ ۾ ايندا.
    موهن جي دڙي ۾ ڪٿي ڪٿي پراڻي سر نڪري وئي آهي ته ان جي جاءِ تي حيدرآباد جي ڪنهن کوري جون سرون لڳايون ويون آهن. اها غلط ڳالهه آهي، ڏسڻ وارو بددل ٿيو وڃي ته ڇا ٻيون به شيون واقعي قديمي آهن يا اڄ جون نقلي آهن. جيئن هتي جپان ۾ جيڪو پراڻو قلعو يا جڳهه ڏسڻ وڃ ته لکيل هوندو هي اڄ کان ٻه هزار سال اڳ جو آهي. ان بعد سن 200 ۾ ان جي نئين سر مرمت ڪئي وئي، 1330 ۾ وري ڊاهي پراڻي طرز جهڙو هوبهو ٺاهيو ويو ۽ هاڻ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ 1952 ۾ پراڻي نقشي کي ڏسي نسورو ان جهڙو ڏسندڙن لاءِ ٺاهيو ويو آهي. نتيجي طور پري پري کان ڪهي ايندڙ شوقين اهو معلوم ڪري، گاريون ڏيو وڃن. موهن جو دڙو هڪ اهڙي شيءَ آهي، جنهن، افسوس جو، لوڪل (مقامي) اديبن، شاعرن، عالمن، محققن، آرڪيالاجسٽ يا سائنسدانن تمام گھٽ، نه برابر لکيو آهي. جيڪو ڪجھه آهي سو ڌارين جو ڪيل آهي.
    سنگاپور جي ڪلفرڊ پيئر کان B.P پيئر تائين لانچ ذريعي وڃي رهيا هئاسين. سنگاپور جي بندرگاهه کي خوبصورت ۽ وڏو ڪرڻ لاءِ اتي جي حڪومت، ڪلفرڊ پيئر اڳيان پنج ڇهه چورس ميل سمنڊ جو حصو مٽيءَ سان ڀري زمين ٺاهي رهي آهي ۽ سمنڊ جي ڇولين کان بچڻ لاءِ چؤڌاري سڄي بائونڊريءَ اڳيان وڏا وڏا پٿر ڏنا ويا آهن. سمنڊ مان ان حاصل ڪيل زمين تي رستا، جايون، آفيسون، پارڪ ۽ بندرگاهه ٺاهڻ کان اڳ پهريون ڪم، جيڪو اتي جي سرڪار ڪيو آهي، سو اهو ته سڄي بائونڊريءَ جي چؤڌاري ٿوري ٿوري فاصلي تي وڻ پوکائي ڇڏيا آهن.
    سيڪنڊ انجنيئر انهن وڻن ڏي اشارو ڪري چيو: ”اهي فقط ڇانوَ لاءِ نه رکيا پيا وڃن، پر اهي ان ڪري آهن جو انهن جون پاڙون جيترو هيٺ پيون وينديون هڪ مظبوط بند ۽ آڏ ٺاهينديون وينديون، جيئن سمنڊ جو پاڻي نه ته زمين ڏي وڌي ۽ نه زمين کي پائي. ساڳي وقت حاصل ڪيل زمين تي نه ته پوسل ٿئي ۽ نه اها زمين اڳتي ڪجھه سالن بعد هيٺ وهي. ۽ اهو ئي طريقو سڄي دنيا ۾ سڀ کان اڳ شيرشاهه سوريءَ ۽ پوءِ انگريزن مشهور ڪيو ۽ وڻن مان فائدو ورتو. اسان جي ملڪ ۾ به انگريزن، رستا ۽ شاخون، واٽرڪورس ٺاهڻ سان سندن ٻنهي ڪپرن تي وڻ پوکائي ڇڏيا. جيئن نه ته درياءَ پائي ۽ سم ڪلر ڪري، نه وري پڪا رستا هيٺ زمين ۾ ويهي وڃن. ”موهن جو دڙو“ ڏي ويندي، اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ته ڪيترن ضلعن ۾، ڪيترن هنڌن تي، ماڻهن اهي وڻ ته ڪٽي ڇڏيا آهن پر رستي جي ٻنهي پاسن کان انگريزن جي زماني کان ڇڏيل زمين تي به ڪيترن زميندارن کڻي پوک ڪئي آهي. نتيجي طور پڪا رستا هيٺ ويهندا وڃن. ساڳيو حال شاخن جو آهي. وڻ ڪٽڻ ڪري پاڻي زمينن هيٺان ڪاهي پيو آهي ۽ آخر واٽر ليول ان خطرناڪ حد تي پهچي ويندي جو ڪوڏر هڻ ته هيٺ پاڻي نظر ايندو. انگريز ڪو بيوقوف نه هئا جوانهن اهي وڻ اسان جي ملڪ ۽ ٻين سندن راڄڌانين؛ سنگاپور، سلون، ڪينيا، نائيجيريا وغيره ۾ پوکرايا. اڄ به اهي وڻ رستن جي ڪنارن تي سنگاپور ۽ ڪولمبو ۾ موجود آهن ته اهي رستا اسان جي رستن کان وڌيڪ بهتر آهن. جيتوڻيڪ انهن ٻنهي هنڌن تي اسان کان سؤ دفعا وڌيڪ مينهن ٿو پوي.“
    اسان جي سيڪنڊ انجنيئر کي صرف اهو ارمان هوندو هو ته موهن جي دڙي جي پراڻي ٻولي ڊيسائفر ٿئي ته اسان کي انيڪ رازن جي خبر پئجي وڃي. کيس سنڌي پڙهڻ نه ايندو هئي ته به خبر پوندي هيس ته ان سلسلي ۾ سراج ميمڻ، غلام علي الانا وغيره ڪجھه ڪم ڪري رهيا آهن ته يڪدم انهن جو جيڪو به ڪتاب ملندو هوس، مون وٽ کڻي ايندو هو ته انهن مان ڪجھه ٽڪرا کيس ترجمو ڪري ٻڌايان.
    هونءَ هي پهريون مئرين انجنيئر ڏٺو هوم جيڪو بائرن ۽ ڪيٽس جي شاعريءَ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندو هو. مذهب بابت ته اسان جاهلن ۾، جهاز تي اٿارٽي هو. ڪابه ڳالهه ڪبي ته يڪدم ٻڌائيندو ته آيا اها ڪيتري قدر صحيح آهي. قرآن شريف ۾ ان جو ذڪر ٿيل آهي يا حديث سڳوريءَ ۾ آيل آهي. ڪڏهن ڀلجي پوندو هو ته صاف صاف ٻڌائيندو هو ته پڪ نه آهي، ڏينهن ٻه ترسو واندڪائيءَ ۾ قرآن شريف ۾ ڏسي ٻڌائيندو سانوَ.
    پاڻ جيتوڻيڪ اهل شيعت هو پر کيس فقه حنفي، مالڪي ۽ حنبلي جي مختلف مسئلن کان وٺي بائيبل، قاديانين جي ڪتابن تائين جو ٿورو يا گھڻو مطالعو هو. هر ڳالهه جو بحث ڳوٺاڻي ۽ دقيانوسي مُلي وانگر ڪرڻ بدران پڙهيل ڳڙهيل عالم يا مولويءَ وانگر دليلن ۽ حوالن سان ڪندو ۽ ٻڌندڙ متاثر ۽ مطمئن ڪري ڇڏيندو هو.
    بهرحال اهي سڀ سبجيڪٽ سندس پاسيرا هوندا هئا. خاص جنهن سان روزي پاڻي لکيل آهي.. يعني مئرين انجنيئرنگ ۽ ان سان واسطو رکندڙ سائنس. ان ۾ ڀڙُ هوندو هو. مون کان جونئر هو پر آءٌ سندس هر ڳالهه هميشه ٻڌندو هوس. ضروري نه هوندي به ڪيتريون ئي مشينري جي ردو بدل ۽ مرمت جون ڳالهيون ساڻس به ڪندو هوس ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪڏهن ڪڏهن تمام سٺا خيال ۽ صلاحون ڏيندو هو ۽ پنهنجي ڪمپنيءَ يا دنيا جي ٻين جهازن جي مشينريءَ جا حوالا ڏئي ٻڌائيندو هو. سندس ڪئبن شام جي وقت چڱو خاصو ڪچهري خانو رهندي هئي. ۽ سڀ اچي گڏ ٿيندا هئا. کيس ”ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ حالتن مان يڪدم اڳتي جو نتيجو ڪڍڻ“ جي صلاحيت به قابل تعريف هئي ۽ سندس هر ڳالهه ۾ چرچو، ڀوڳ ۽ طنز جو پهلو شامل هوندو هو؛ پوءِ چاهي ڪا عام ڳالهه هجي يا ڪو سنجيدو مسئلو.
    هڪ دفعي ڳالهه ڪندي چيومانس ته يار سيڪنڊ صاحب ٻي سفر ۾ جي ملائيشيا يا ٿائلينڊ کان مڇي، يا فلپين کان فروٽ يا ڪو ٻيو ريفريجريٽيڊ ڪارگو مليو ته پوءِ هڪ سٺو فرج انجنيئر به کڻڻ ضروري ٿي پوندو ۽ هڪ ففٿ انجنيئر کڻي گھٽ کڻبو.
    ”اڄڪلهه جيڪي فرج انجنيئر Sail ڪري رهيا آهن انهن ۾ ڪوبه مونکي ته خاص ڪونه ٿو سجھي.“ سيڪنڊ انجنيئر پنهنجي عينڪ هيٺ مٿي ڪري ٻڌايو.
    مون هڪ جو نالو کنيو.
    ”اهو رڳو سامهون، منهن تي چپٽي وڄائي چوندو، بس اجھو، هينئر ٿو ٺيڪ ڪريان. باقي، ڪم نه پڄندس. ٻيو ته ٺهيو، گئس جي Leakage هوندي ته هئلائيڊ لئمپ کڻي اها به ڳولڻ جي تڪليف نه وٺندو. ڪولنگ پمپ جا فلٽر به ان نواب لاءِ ڪو ٻيو صاف ڪري.“
    ”چئبو ته جهاز تي ريفر ڪارگو نه هجي ته پوءِ هن کي کڻجي، ڪچهري لاءِ.“
    ”ڪچهري وري ڪهڙي؟ ماڳهين جهيڙا اچي ڪرائي. انجڻ ڊيپارٽمينٽ جي ڳالهين کي وڪڙ سڪڙ ڏئي ڊيڪ وارن کي ٻڌائي ۽ ڊيڪ وارن جا غلط سلط نياپا انجڻ وارن وٽ. هيڏانهن جي هوڏانهن لڳائڻي ٿي.“
    ”ڀلا ٻيو به هڪ فرج انجنيئر آهي، گوري رنگ جو، جنهن جي زال شايد ڊاڪٽر يا سول انجنيئر آهي.“ مون چيومانس.
    ”بس سر ان جو به الڳ داستان آهي.“ سيڪنڊ انجنيئر هڪ دفعو وري عادت مطابق آڱر سان چشمي کي هيٺ مٿي ڪيو.
    ”ڪنهن جو داستان ــ سندس يا سندس زال جو؟“
    ”بس ٻنهي جو. بهرحال ان کان به هاڻ ڪم نٿو پڄي. ويتر جي زال جو خط ايندس ته اهو سڄو ڏينهن صبح کان شام تائين پاڻ کي ڪئبن ۾ بند ڪري ويٺو روئندو ــ معنى ڪم کان آئوٽ آف آرڊر. ۽ ظاهر آهي جوڻس جو هر بندرگاھ ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ خط ته اچي ئي اچي.“
    ڪراچيءَ کان جهاز جي Sailing ۾ باقي ڪي ٻه ڏينهن کن وڃي بچيا. اڃا هڪ ٻه انجنيئر ۽ ڊيزل مڪينڪ کُٽا ٿي. جلدي جلديءَ ۾ جيڪو اسٽاف تي هو ان کي رکيو ويو. اڃا به هڪ ڊيزل مڪينڪ کُٽو ٿي، اتفاق سان ان ئي ڏينهن موڪل کائي هڪ ڊيزل مڪينڪ آفيس آيو هو پر ان جي ايتري ناموس نه هئي. سيڪنڊ انجنيئر سان صلاح ڪيم. چشمي کي هيٺ مٿي ڪندي چيائين:
    ”ها مون به اهو ئي ٻڌو آهي. مڙئي ميٽر ڪجھه آئوٽ اٿس. پر هلي ويندو ههڙي ڏڪار ۾.“

    .......................................................


    ڪتاب ته جتي ڪٿي مليو وڃن

    جهاز تي هڪ آڳ وارو ڪجھه ڏينهن کان لڳاتار ڪو نه ڪو مسئلو کڻي ٿي آيو. ڪڏهن ڪا شڪايت ڪڏهن ڪا پريشاني. هڪ ڏينهن جيئن ئي هو پنهنجي تازي تواني تڪليف بيان ڪري نڪتو ته سيڪنڊ انجنيئر عينڪ کي هيٺ مٿي ڪندي چيو:
    ”چيف صاحب! هن شخص جي دماغ جي پائپ لائن پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين سمجھه ۾ نه اچي سگھي ته چاهي ڇا ٿو؟“

    .......................................................

    جهاز تي گھڻو ڪم هجڻ ڪري اسان چاهيو ٿي ته ڪوشش ڪري سٺا انجنيئر کڻجن جيڪي محنتي ۽ ڪم وارا هجن، جيئن سمنڊ تي مشڪلاتن کي مرڪندي منهن ڏيئي سگھن. ٿرڊ انجنيئر انهن ڏينهن ۾ هڪ ئي هو جيڪو موڪل کائي آيو هو ۽ ٻي ڪابه Choice نه هئي. سيڪنڊ انجنيئر سان صلاح ڪيم ته همراهه ڪيئن آهي.
    سيڪنڊ انجنيئر وراڻيو: ”ڪم جي پروڙ ٻن ڏينهن ۾ پئجي نه سگھي آهي ته ڪيترو ٿو اچيس پر باڊي بلڊر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻيو نه ته ‘گدها ــ مزوري‘ ته ڪري سگھندو. پوءِ هن وائيج ۾ کڻي ٻيو ڪم پاسيرو ڪري، مين انجڻ جا يونٽ اوورهال ڪنداسين.“
    صلاح سٺي هئي. ڪراچي ڇڏڻ بعد پهريون پورٽ ڪولمبو آيو. نمبر ٻئي يونٽ جو پسٽن صاف ڪرائڻ لاءِ ڪولمبو پورٽ اٿارٽيءَ کان Immobilization جي اجازت گھريسين جن روئي پٽي مس مس ها ڪئي سا به فقط هڪ ڏينهن لاءِ، جيتوڻيڪ ڪم گھٽ ۾ گھٽ ٻن ڏينهن جو هو. بندگاھ وارن جي اها ڳالهه جائز هئي ته ڪو اناج جو جهاز ڪولمبو اچڻو آهي ۽ ان جي اچڻ شرط اسان جي جهاز کي ٻاهر ڪڍڻو پوندن جيئن جاءِ خالي ٿئي ۽ ان لاءِ انجڻ هر وقت تيار هجي. بهرحال اسان سڄو فورس انجنيئرن جو استعمال ڪري ٻئي ڏينهن صبح کان ڪم شروع ڪري اوورهالنگ پوري ڪرڻ ٿي چاهي. آخر ڪار مشڪل ڳالهه ته فقط مٿيان نٽ کولڻا آهن تن لاءِ اسان جو باڊي بلڊر ٿرڊ انجنيئر جو ويٺو آهي......! گن (ڏهن سيرن وارو مترڪو) کڻي اچي وٺندس ته ٻن ڪلاڪن ۾ سڀ نٽ ڍرا ۽ ٻاهر.
    ٻئي ڏينهن ساڍي ڏهين بجي واري چانهه تي سيڪنڊ انجنيئر مٿي تي هٿ رکي اچي سامهون ويٺو.
    ”ڪر خبر....؟“ مون پڇيومانس.
    ”چيف صاحب پاڻ غلط گھوڙي تي بازي هڻي ويٺاسين. هن ڦيڦي ٿرڊ انجنيئر کان ته گن ئي نٿي کڄي، پاني کي هڻي نٽَ کولڻ ته وڏي ڳالهه آهي.“

    .......................................................

    جپان ۾ هڪ ڏينهن ٿڌ اچي سخت ٿي، پر ته به اسان جو سيڪنڊ انجنيئر ڪم ڪندو رهيو. مونکي خبر پئي ته شام جو پڇڻ ويوسانس. چئي ته بلڪل ٺيڪ آهيان. بس ڪن بند ٿا رهن. ۽ کُلن ٿا به ته ڪڏهن مونو ۽ ڪڏهن اسٽيريو. ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا ته به حالت ساڳي رهيس. ڪيڏو چيومانس ته ڊاڪٽر وٽ وڃ، پر هي وڃي ئي نه. آخر هڪ ڏينهن ڊاڪٽر وٽ ويو. تنهن E.N.T اسپيشلسٽ وٽ وڃڻ لاءِ چيس ۽ اسان جي ٽوڪيو آفيس اڳواٽ ٻئي ڏينهن تي اسپيشلسٽ کان وقت وٺي ڇڏيو پر جيئن ٽئڪسي آئي ته سيڪنڊ انجنيئر موٽائي ڇڏي. چي اهي ڊاڪٽر چريا آهن انهن کي منهنجي مرض جي خبر ناهي ان جو علاج انهن وٽ ناهي، جوشاندو پيئڻ سان آءٌ ٺيڪ ٿي ويندس جيڪو جهاز تي هن ڀيري ڪنهن وٽ ڪونهي. ٻن ڏينهن بعد انجڻ روم ۾ فورٿ انجنيئر سان ڳالهه ڪيم ته ڪٿان جوشاندو ملي سگهندو؟
    ”جوشاندو” “ فورٿ انجنيئر تعجب مان پڇيو.
    ”ڪيترو کپي؟ مون سان ڳالهه ڪريو ها. مون وٽ ته پنج ڇهه ٿيلهيون جوشاندي جون پيون آهن.“
    پوءِ هڪ ڪاڙهي جڏهن سيڪنڊ انجنيئر پيتي تڏهن نزلي کان فرحت ٿيس ۽ ٻئي ڏينهن تي ئي چاق چڱو ڀلو نوبنو ٿي ويو!.

    .......................................................

    هڪ دفعي سيڪنڊ انجنيئر اهڙو ڪم ڪيو جيڪو چرچي خاطر ڪيترن کي ٻڌائي چڪو هوندس. جهاز تي پلاسٽڪ جي ٿيلهين (Shopping Bags) گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو فئشن آهي. ڪنهن دڪان تان شيءَ وٺنداسين ته دڪاندار کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ وڌيڪ ٿيلهي وجھڻ لاءِ چونداسين، جو اهي ٿيلهيون وطن وري، سامان وجهي ڏيڻ ۾ ڪم اچن ٿيون.
    آمريڪا جي هڪ بندرگاهه، فلڊلفيا ۾ اسان جو جهاز تمام پري وڃي بيٺو جتان شهر ايترو پري هو جو ٽئڪسي ۾ وڃڻ جو ته سوال ئي نٿي پيدا ٿيو پر بس اسٽاپ به گھٽ ۾ گھٽ ڏيڍ ميل پري هو ۽ سخت سرديءَ جو ميل ڏيڍ پنڌ ائين آهي جيئن اونهاري ۾ لڪ ۽ جھولي ۾ سکر يا جيڪب آباد ۾ نڪرجي. اسان اهو سوچي رهيا هئاسين ته هڪ Sea men Club جي ننڍي بس آئي. همراهه ڪجهه رسالا کڻي مٿي آيو ۽ خلاصين جي ميس ۾ ڇڏي اسان کي چيائين ته اسان جي چاهيون ته شام جو هو اسان کي سي ــ مينس ڪلب وٺي هلندو جتي ٽي وي ڏسڻ، بلرڊ ۽ ٽيبل ٽينس راند کيڏڻ ۽ ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ جو بندوبست آهي. شهر جي وچ ۾ آهي سو شهر به وڃي سگھو ٿا ۽ وري رات جو توهان کي ڇڏي به ويندس.
    رسالن ۽ ڪتابن لاءِ پڇيومانس ته ٻڌايائين ته اتي جام آهن، جيڪي کپنوَ اهي هلي کڻجو. جيڪي ٿورا کڻي آيو هو انهن ۾ بائبل ۽ ٻيا مذهبي ڪتاب هئا. هڪ نيشنل جاگرافڪ مئگزن هو، سو ڪڍي پڙهڻ لاءِ مٿي کڻي آيس. ٿوري دير بعد سيڪنڊ انجنيئر آيو ۽ پڙهڻ لاءِ گھريائين. ٻڌايومانس ته هي ئي في الحال اٿم شام جو ڪلب هلجانءِ ته هلي کڻي اينداسين.
    شام جو بس آئي ۽ ڪيترائي ڄڻا هليا. اتي سي مينس ڪلب جو چئپلن به اچي مليو. اٿڻ مهل اسان ڪجھه رسالن ۽ ڪتابن لاءِ چيس. پاڻ هيٺ بيسمينٽ (بهري) ۾ وٺي هليو. جتي ٽي چار ننڍا ڪمرا هئا جيڪي ذري گھٽ ڇتين تائين ڪتابن سان ڀريا پيا هئا. پاڻ چيائين:
    ”هن شهر جي ماڻهن کي Sailors جو ڏاڍو خيال آهي. اسان رڳو هڪ دفعو اخبار ۾ ڏنو هو ته ڪنهن وٽ به پڙهڻ يا وندر جو ڪو فالتو سامان هجي ته اسان ڏي موڪليو. جيئن جهازين کي ڏيون جيڪي زندگيءَ جو ڪافي حصو ڪناري جي خوشين کان ڪٽيل زندگي، سمنڊ جي ويرانين ۽ تنهائين ۾ گذارين ٿا.
    اشتهار پڙهڻ کان پوءِ هاڻ ايترا ته ماڻهو رسالا ۽ ڪتاب کڻيو اچن ٿا جو رکڻ جي جاءِ ناهي ۽ موٽائي ڇڏڻا ٿا پون. ڪجھه ماڻهو ته تاش، ليوڊو، ڪيرم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رانديون ڇڏي ويا آهن. ريڊرس ڊائجسٽ، پلي بئاءِ، نيويارڪر ۽ ٻيا ڪيترا رسالن وار مهني جون بچيل ڪاپيون هتي ڇڏيو وڃن ته ڀلي جهازين کي ورهائي ڏيو.
    بهرحال هي جيڪو به هتي سامان پيو آهي سو توهان لاءِ آهي. هي سڄو ڪلب ئي توهان لاءِ وقف ٿيل آهي جتي وندر جون گھڙيون گذاري سگھو ٿا. ڪتاب به جيڪي کڻي سگھو ٿا کڻو.“
    اسان کانئس ڪنهن کوکي يا پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ جي گھر ڪئي جنهن ۾ چونڊيل ڪتاب وجھي کڻي سگھون. پاڻ آخري ڪنڊ واري ڪمري جي پٺيان واري گھٽيءَ ڏي اشارو ڪري ٻڌايو ته ايڏانهن ٿيلهين جا انبار پيا اٿانوَ، جيڪي وڻنوَ کڻو. ان بعد پاڻ ته مٿي ٽي وي ڏسڻ هليو ويو.
    اسان پهرين ڪا مضبوط ٿيلهي ڳولڻ ۾ لڳاسين. مختلف ماپن جون ٿيلهيون، سؤ سؤ جي بنڊلن ۾ ڪتابن جي بنڊلن سان گڏ رکيون هيون. ڪي ٿيلهيون ته ماڻهوءِ جي قد جيڏيون ڪچرو وجھي اڇلڻ لاءِ هيون ۽ تمام مضبوط هيون. جيڪي ننڍيون هيون سي به ٻه فٽ کن ته ڊگھيون هيون. مون جلدي ٻه وڏيون ٿيلهيون کڻي، هڪ جي اندر ٻي وجھي وڌيڪ مضبوط ڪئي ۽ هڪ ٻه ڪتاب اتان ئي کنيا. باقي ڪتاب ٻين ڪمرن مان چونڊي کڻڻ لڳس. سيڪنڊ انجنيئر اتي ئي لڳو رهيو. هڪ ٻه دفعو سڏ به ڪيومانس ته هيڏانهن به ڪافي مختلف قسمن جا ڪتاب رکيا آهن. آخر ڪجھه دير بعد کيس هلڻ لاءِ آواز ڏنم.
    اسان ٻئي ڪتابن سان ٿيلها ڀري مٿي آياسين. ايتري ۾ ٻيا خلاصي به اچي ويا. انهن به ڪجھه ڪتاب کنيا ڪجھه راندين جو سامان ۽ بس ۾ چڙهي جهاز تي آياسين.
    ٻئي ڏينهن سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ سندس چونڊ جا ڪتاب ڏسڻ لاءِ گھڙيس ته چوڻ لڳو:
    ”چيف صاحب ڪجھه رسالا ته پڙهڻ لاءِ ڏيو.“
    ”اڙي بابا تون سڄو سارو اڌ گڏهه ڪتابن جو کڻي آيو آهين.“ مون ڪنڊ ۾ رکيل سندس ٿيلهيءَ ڏي اشارو ڪندي چيو.
    ”مون رسالا نه کنيا، ان ڪري توهان کي ڪجھه ڏيڻا پوندا.“
    ٿيلهيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيس:
    ”ته ڇا تو رڳا ڪتاب کنيا ڇا...؟“ اهو چئي جهڙو کڻي ٿيلهيءَ جو منهن کوليان ته سڄي ٿيلهي پلاسٽڪ جي ٿيلهن سان ڀري پئي هئي.
    اسان ڏاڍو کلياسين، سيڪنڊ انجنيئر چيو:
    ”سائين ڪتاب ته ٻين هنڌان به ملي ويندا، ٿيلهيون ڪٿان اچن...!“

    .......................................................


    سگهڙ ۽ سيبائتي زال

    يوڪوهاما (جپان) ۾ هڪ سک سردار جو ساڙهين جو دڪان آهي. ساڙهيون پسند ڪندي اسان مرد فيصلو ڪري نه سگھياسين ته زالن لاءِ ڪهڙي رنگ ۽ ڪپڙي جي وٺڻ کپي. چؤڌاري سوين قسمن جون ساڙهيون لڙڪي رهيون هيون. ڪيترين رنگن ۽ نقشن جون هيون.
    دراصل اسان ڪو پڪو ارادو ڪري ڪپڙو وٺڻ نه آيا هئاسين. اسان جو ٻڌو ته جپان جي هن شهر يوڪوهاما ۾ به ڪنهن پاڻ جهڙي ڪاري جو دڪان آهي. سو هڪ قسم جي تجسس ۽ شوق خاطر سردارجي جي دڪان ۾ لنگھي وياسين. اڳيان سائين سک ۽ سندس زال سردارني به پڪي قسم جا واپاري هئا. پهرين نظر ۾ ئي اسان کي تاڻي ويا ته اسان ائين وائڙن وانگر پيا ڦرون ۽ ڄاڻ سڃاڻ ۾ بلڪل ڇسا آهيون، سو اسان کي ڪجھه خريد ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ٻين لفظن ۾ جيئن آيا آهيون ته چڱي طرح ڦاسون ۽ سندس هٿن مان نه نڪرون.
    مون سان گڏ ٻيو اسان جي جهاز جو ڪئپٽن هو. آءٌ هن کان پڇان ته هيءَ ساڙهي ڪيئن ٿي لڳي ۽ هو مون کان پڇي. جواب وچان ئي سردارجي يا سردارنيءَ ٿي ڏنو. هڪ ساڙهيءَ لاءِ سردار جي چوي:
    ”واهه واهه! ان ساڙهيءَ جو ته جواب ئي ڪونهي. اڄڪلهه اهو ڪپڙو ٽاپ تي آهي. گھر ۾ به پهري سگھجي ته ٻاهر ڪاڄ ڪڙي ۾ به.“
    پر اسان ان تان به رڙهي وري ٻئي ڪپڙي کي آڱرين سان ڇهڻ لڳاسين.
    ”اها به سٺي ساڙهي آهي.“ سردارنيءَ پنهنجي ٻن رئندڙ ٻارن کي ٿڦڙ هڻڻ جي اشاري سان ماٺ ڪرائيندي اسان کي مخاطب ٿي چيو، ”انڊين ايئرلائن جون ايئرهوسٽس ته ان تي ئي مرن. ٻي ڪنهن ڏي نگاهه ئي ڪونه ڌرنين.“
    ايتري ۾ سردارجيءَ کي کڙڪ پئجي وئي ته اسان جو تعلق هندستان سان نه پر پاڪستان سان آهي. سو جيئن ئي اسان ٻي سيڪشن ۾ رکيل ساڙهيون ڇهڻ لڳاسين ته سردارجيءَ يڪدم چيو:
    ”سرڪار ان مال جي اڄڪلهه ايتري ته ڊمانڊ آهي جو ڪارخانيدار پوري نٿا ڪري سگھن. پي آئي اي جي جيڪا به فلائيٽ اچي ٿي ته اسٽيورڊ کان ايئر هوسٽس تائين سڌو هن دڪان تي اچي، اهي ساڙهيون خريد ڪريو وڃن. ڪڏهن ڪڏهن ته P.I.A جون ايئرهوسٽسون ٽوڪيو مان ئي فون ڪنديون ته اسين اچي نٿيون سگھون تون گاڏي ڀري کڻي اچ.“
    اسان ٿورو وڌيڪ رڙهي پلين رنگ جي ساڙهين کي ڏسڻ لڳاسين.
    ”جيڪڏهن توهان کي ساڙهيءَ تي گؤنٽي ڦليءَ جو ڪم ڪرائڻو آهي“، سردارجيءَ ڪن اڳيان ويجھو اچي ڄڻ ڪو وڏو راز ٿي فاش ڪيو، ”ته منهنجي صلاح وٺوم، اکيون پوري ان ڪپڙي مان ڪجھه رنگ وٺي وڃو.“
    ايتري ۾ ڪئپٽن کيسي مان سگريٽ جو پاڪيٽ ٿي ڪڍيو ته ان سان گڏ خط به نڪري آيو. مون ائين کڻي پڇيومانس ته اڄ ٽپال آئي هئي ڇا. ته هن ٻڌايو ته سندس ماءُ جو خط آهي. گذريل بندرگاهه اوساڪا ۾ آيو هو. سردارجيءَ ماءُ جو نالو ٻڌي شايد سمجھيو ته ماءُ لاءِ ڪا ساڙهي اسان کي گھرجي، ڇاڪاڻ ته ان کان پوءِ جن ساڙهين کي اسان گھورڻ لڳاسين ان لاءِ سردارجيءَ يڪدم چيو:
    ”اهي رنگ ۽ پئٽرن تمام سوبر قسم جا آهن ۽ گھٽ ماڻهو ٿا وٺن. ڇاڪاڻ ته وڏن جي پائڻ جهڙا آهن. منهنجي ماءُ جو گذريل هفتي امرتسر کان خط آيو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ’منهنجي لاءِ آڻين ته اهي ساڙهيون آڻجانءِ نه ته ٺهيو‘.“
    اسان پاڻ ۾ آهستي فيصلو ڪيو ته ڳالهه ته ڏاڍي ڳري ٿي. هاڻ ڪجھه وٺڻ ئي کپي. سردارجيءَ سمورو وقت اسانجي اڳيان پويان ڦريو آهي، هٿين خالي نڪرڻ سٺو نه ٿيندو. آخر ڪئپٽن هڪ ڪپڙي جي تاڪئي تي هٿ رکندي چيس:
    ”چڱو سردارجي هن ڪپڙي مان، منهنجي زال جي شرٽ لاءِ ٻه وال ته ڦاڙجانءِ“
    سردارجي، جيڪوو خوشيءَ مان گز هٿ ۾ کڻي، تيز قدمن سان تاڪئي ڏي وڌي رهيو هو سو ٻن والن جو ٻڌي ڍرو ٿي ويو. ڄڻ سٽ اچي ويس. پر همت نه هاري ڪئپٽن کي وري سمجھائڻ لڳو.
    ”سائين منهنجي ڳالهه مڃو ته هن ڪپڙي مان 6 وال ساڙهيءَ جا ۽ 2 وال بلائوز لاءِ وٺي وڃو. ڀاڀيءَ کي ساڙهي ضرور وڻندي. ساڙهي ڪيترا ڀيرا پائڻ کان پوءِ به بيڪار نه ٿي وڃي. ڪيترا دفعا چوڙڻ بعد ان مان توهان جي بيگم بستر لاءِ چادر ٺاهي سگھي ٿي. پيتي يا ٽيبل لاءِ ڪور جڙي سگھي ٿو. وهاڻڻ جو ڇهون ۽ ٿانون ڍڪڻ لاءِ ويٺڻ ٺاهي سگھجن ٿا. ڏسو نه منهنجي پتنيءَ پنهنجي پراڻين ساڙهين مان هي درن ۽ درين لاءِ ڪهڙا نه سندر پڙدا ٺاهيا آهن.“
    اسان سامهون واري دريءَ تي لڳل بي سُرا ڦاٽل، ميرا ۽ بي ترتيب پڙدا، ايئر ڪنڊيشنر جي هوا ۾ اڏامندا ڏسڻ لڳاسين. ڪنڊ ۾ سندس ”سگھڙ“ ۽ ”سيبائتي“ زال پنهنجي واکاڻ ٻڌي مرڪڻ لڳي ۽ ڪجھه دير اڳ تائين جيڪا رکي رکي پنهنجي نٺر ٻارن کي وڌيڪ چيغم کائڻ تان مٿي هاڻا چنبا هڻي رهي هئي سا هاڻ پيار سان ٻارن جي مٿي تي هٿ ڦيرڻ لڳي.
    .......................................................


    اسين هتي آهيون جو توهان هتي هئائو.

    انگلنڊ ۾ اڄڪلهه ننڍي کنڊ ۽ ويسٽ انڊيز جا ايترا ماڻهو آهن جو اوترا انگريز سندن راڄ ۾ شايد ئي اسان جي ملڪن ۾ رهيا هجن. لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۾ ته انگريزن جي ٽوپلن کان وڌيڪ سکن جا رنگين پٽڪا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    اهو به ڪو زمانو هو ــ سورهين صديءَ جي آخر وارو، جڏهن انگلنڊ ۾ رڳو اڇي چمڙي جا انگريز يا ڪجھه يورپين، واپار وڙي لاءِ هوندا هئا. ڪجھه حبشي المغرب جا مزوري خاطر انگلنڊ پهتا ته انهن جي خبر ٻڌي ايلزڀيٿ (پهرين) ڪاوڙ ۾ اچي وڏن شهرن جي سڀني ميئرن کي خط لکيو هو:

    “There are black Moors in this realm; those kind of people should be send forth of the land……”

    ۽ ان حڪمنامي جاري ٿيڻ تي جرمن سوداگرن تي اهو ڪم سونپيو ويو ته ڪاري چمڙيءَ جي ماڻهن کي هن ملڪ مان ٻاهر ڪڍن. ان هڪ ئي شهنشاهي آرڊر تي، انگلنڊ، چند آيل رنگين چمڙيءَ جي ماڻهن کان صاف ٿي ويو.
    انگريز قوم، جپانين وانگر ڪافي حد تائين هڪ جهڙن Homogenous ماڻهن جي ئي سمجھڻ کپي جيئن اسان وٽ به اڃا ڪن ڪن قومن ۾ آهي ته هو پنهنجن قبيلن (ڏاڏي پوٽين) ۾ ئي شاديون مراديون ڪن ۽ هڪ ئي رنگ، روپ، نقش نگار ۽ عادتن ڪردارن (ويندي بيمارين) جا ماڻهو نظر ايندا. انگريز قوم به سيلٽڪ Celtic ۽ ائنگلو سئڪمن قبيلن جي پيداوار آهي جا اتر کنڊ جي نارڊرڪ ‘ڦورن‘ــ وائڪنگ جي ملاوت سان هڪ ئي قسم جي هلندي اچي.

    “While as an angel is the English Child”

    وليم بلئڪ شاعر جو اهو راڳ آهي جيڪو هن ٻه صديون اڳ لکيو هو ـــ ايلزبيٿ پهرينءَ جي مٿي بيان ڪيل ڏيهه نيڪاليءَ بعد.
    پر افسوس جو ان ڳالهه کان ڪجھه عرصو پوءِ، بقول ٽائيم رسالي جي، هاڻ:
    “Brown as a berry are some English Children”

    انگلنڊ جي ڪيترن دڪانن، ڪارخانن، اسڪولن ۽ محلن ۾ هلندڙ ماڻهن جي ڳهتن ۾ اڇي برف جهڙي چمڙي جي ماڻهن کان وٺي، چانهن جي رنگ جهڙا هندستاني، ڪڻڪ رنگا پاڪستاني ۽ چاڪليٽي رنگ جا ويسٽ انديزي نظر ايندا.
    لنڊن جي خوبصورت علائقي ريجنٽ جو پارڪ روڊ، رمضان جي مهيني ۾، نماز تي مسلمانن جي سجدي وقت سڄو ڍڪجي ويندو آهي. ڪارنابي Carnaby اسٽريٽ جنهن جي بلي بلي دڪانن، اڄ کان پندرهن ويهه سال اڳ دنيا ۾ مني اسڪرٽن جو فئشن آندو. ان ۾ اڄڪلهه مشرقي شيون وڪامي رهيون آهن ۽ موراڪو، مصر ۽ مدراس جي بازارين جو ڏيک ڏئي ٿي. اڌ کان وڌيڪ دڪانن تي هندستانين ۽ پاڪستانين جو قبضو آهي يا گھٽ ۾ گھٽ انهن جا مئنيجر آهن. مڊلئنڊ جي اسڪولن ۾ جتي ٻار رسيس ۾ کائڻ لاءِ سئنڊوچ آڻيندا هئا اتي اڄڪلهه ڪيترن ٻارن جي ٽفنن ۾ ٻوڙ ماني نظر اچي ٿو. براڊفورڊ، مانچسٽر جهڙا شهر ته اڄ جي انگلنڊ جا نه پر 1950 جي پاڪستان هندستان جا شهر لڳن ٿا.
    بمبئي، شڪارپور، نارائڻ گنج ۽ ڪئنڊيءَ ۾ ڪنهن زماني ۾ جيڪا سٺي مستي، ڳڙڌاڻي، آچار، مٺا ڀڳڙا، لپئي، پيهون، ستون، ڏريو ۽ چم چم وغيره ملندو هو ان لاءِ اڄ سڪجي ٿو. پر انگلنڊ جي انيڪ پاڪستاني، هندستاني، بنگلاديشي ۽ سلوني دڪانن ۾ اڄ به انهن کاڌن جي شين کان وٺي نوکليءَ جون گوڏيون، گنگا جو پاڻِي، ڪولمبو جا کاڄا ۽ مسالا ۽ چارسدي جي نسوار عام جام ملي سگھندي. ڀر ۾ ويٺل تتر جي ٻوليءَ تي پنجابي دڪاندار جو لوٽي ۾ لسي ٺاهڻ، سندس ڪشادي ڇاتيءَ تي وارن سان گڏ ڍير تعويذن جو لڏڻ، ملباريءَ جي ميٽ جهڙي چانهه سان گڏ پاڙي اوڙي جون تازيون گلائون ۽ اسڪينڊل پيش ڪرڻ، سنڌي واڻئي جي ڳُڙ جهڙين ڳالهين سان گڏُ ڪپڙي جي ويٽ ڪرڻ ۽ ”شات ڀائي چمپا، جاگو ري جاگو“، جي بئڪ گرائونڊ ڌن تي بنگاليءَ کي انگلنڊ ۾ چم چم وڪڻندو ڏسي، دل چوي ٿي ته هنن ماڻهن تان جيڪر قربان ٿجي، جن پرڏيهه کي ڏيهه بڻايو آهي.
    اهي سڀ ڳالهيون اهڙيون آهن، جن کي ڪيترا انگريز برداشت نه ٿا ڪن. هڪ اسڪول جي بنگالي ماسترياڻيءَ ٻڌايو:
    ”هي نه ٿا چاهين ته اسان جي عجيب ۽ غريب مخلوق سندن ڌرتي والاري، پنهنجي من مستيءَ تي هلي ان ڪري ڏينهون ڏينهن نفرت وڌي رهي آهي اڄ کين اسان جي ٻوڙ داڳ ڪرڻ جي خوشبوءِ کان به چڙ ٿي لڳي.“ هن جذباتي ٿيندي چيو، ”۽ جڏهن پاڻ اسان جي سوني ڌرتيءَ تي شراب جي ڌپ پکيڙيندا رهيا تڏهن.......؟“
    هڪ ٽئڪسيءَ ڊرائيور سک ٻڌايو: ”ڏينهون ڏينهن وطن کان ايندڙن لاءِ قاعدا قانون سخت ٿيندا وڃن. نوان دستور لاڳو ٿيندا وڃن. جيڪي هتي ڏاڏن، پڙڏاڏن کان رهندا اچن انهن کي به نه ٿو بخشيو وڃي.“
    هڪ سنڌي بئريسٽر شڪايت ڪندي چيو: ”اسان ته پيڙهيون اڳ، پنهنجا مائٽ مٽ ڇڏي هتي ئي رهي پياسين ۽ اسان کي انگلنڊ جي شهريت پاسپورٽ ۽ قوميت آهي. اسان جو نوڪريون هتي، گھمڻ ڦرڻ هتي، اسان جون مسجدون هتي، ٻارن لاءِ اسڪول هتي، اسان به قانوني طرح اهڙائي برٽشر سڏائڻ جو حق رکون ٿا جهڙا ڀوريءَ چمڙيءَ جا انگريز.“
    انگلنڊ ۾ جتي انگريز ڌارين لاءِ نعرو هڻڻ ٿا:

    “Go back – do not enter”

    اتي پاڪستاني، هندستاني ۽ جئمڪين، ان ظلم جي خلاف جلوس ڪڍندا رهن ٿا. ويجھڙائيءَ ۾ هڪ عورتن جي جلوس ۾ کنيل هڪ بئنر تي لکيل نعرو، هن وقت ياد اچي رهيو آهي.

    “We are here, because you were there.”

    .......................................................


    جيڪا پاڻ ڪنواري هُجي....

    هر جهاز جي ڊيوٽي ميس به خوب هوندي آهي، جتي وڏن وڏن جهازن سياستدانن، فلمي اداڪارن کان وٺي، جهاز جي چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جون کلي دل سان گلائون هلنديون آهن. جتي سيڪس کان مذهب تائين دنيا جي هر عنوان تي بنا روڪ ٽوڪ بحث هلندو آهي. گھڻو ڪري ٿرڊ انجنيئر جو ڊيوٽي ميس تي راڄ هوندو آهي. هو ان جو بي تاج بادشاهه هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اها پڳ سيڪنڊ انجنيئر تي هوندي آهي ۽ پاڻ کان جونيئر سڀ چؤڌاري ميڙي ويٺو هوندو آهي. ڊيوٽيءَ ميس جون ڪجھه ڳالهيون جي هن وقت ياد اچي رهيون آهن:
    هڪ دفعي جپان ۾ ڊيوٽي ميس ۾ چانهه جي ڪوپ تي ڪچهري هلي رهي هئي، رات جا اٺ کن ٿيا هئا. ڪجھه همراهه اڃا اوساڪا شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گھمي رهيا هئا. هن دفعي جهاز، جپان ۾ چڱا ڏينهن بيٺو هو. موسم به سٺي هئي. انجڻ روم جو به گھڻي ڀاڱي ڪم سمنڊ تي يا ڏور اوڀر جي شروعاتي ملڪن: ملايا، ٿائلنڊ ۽ فلپين ۾ لاهي ڇڏيو هوسين. آءٌ تن ڏينهن ۾ جهاز جو ٿرڊ انجنيئر هوس. جپان جي شهر ۾ پهريون دفعو شايد آيو هوس يا پهريون دفعو چڱي طرح گھمڻ لاءِ مليو هو سو خوش هوس.
    سيڪنڊ انجنيئر چيو: ”هي ته ڪجھه به ناهي، آءٌ جڏهن فارين ڪمپنيءَ جي جهاز تي هوندو هوس ته اهو جهاز جاپان ته خبر ناهي ڪيترا دفعا ايندو هو ۽ هر بندرگاهه ۾ ڪيترو وقت يڪساهي بيٺو هوندو هو. ان جهاز جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. اڄڪلهه جي ماڊرن جهازن تي ڪم ڪندڙ توهان جهڙا انجنيئر انهن جهازن جي مشينن بابت ته سوچي به نه ٿا سگھن. روز سمنڊ تي بريڪ ڊائون هوندي هئي ۽ بندرگاهن ۾ اوور هالنگ ۽ سروري. جهاز رنڊيءَ وانگر مٿان نئون نڪور لڳندو هو هيٺ انجڻ روم ۾ وڃي ڏس ته ڪٻاڙخانو هوندو هو. بس ائين ئي ڌڪن ٿاٻن تي هلندو هو ــ نڌڻڪن يتيم ٻارن وانگر.
    ”هڪ دفعي هتي جپان ۾ سندس مشينري اهڙي خراب ٿي پئي جو يڪا ٽي مهينا متسوبشي ورڪشاپ وارا مرمت ڪندا رهيا. جهاز جا انجنيئر رڳو ڪڏهن ڪڏهن انجڻ روم ۾ وڃي باڊي بلڊنگ ڪري موٽي ايندا هئا. هڪ ڏينهن مون به سلينڊر هيڊ واري پليٽ فارم تي ڪڇو پائي ڏنڊ پئي هنيا ته مٿان چيف انجنيئر اچي ويو. چي، ”هي انجڻ روم آهي يا ڀولوءَ جو آکاڙو....؟“
    ”ڀولوءَ جو آکاڙو ـــ مون فقط دل ۾ ورندي ڏني. ان جهاز جو هڪڙو جنريٽر ته سڄو نڪري ورڪشاپ ۾ ٺهڻ ويو هو. ڪرئنڪ شافٽ جي اها حالت هئي، جو ان لاءِ ورڪشاپ خاص بيئرنگ تيار ڪري ڏني هئي، جهڙو گولي پيالي وارو سنڌُ (Hip Joint). پوءِ جڏهن ڊگ ڊگ ، ڊگ ڊگ ڪري جنريٽر هليو ته مين بيئرنگ ۾ شافٽ ائين ٿي گھمي ڄڻ ڪو مهري اٺ گپ ۾ هلي رهيو هجي.
    يوڪوهاما پورٽ اٿارٽيءَ وارا به هن جهاز مان تنگ ٿي پيا ته ڪڏهن جان ڇُٽندي. ٽن مهينن کان هي مروان جاءِ والاريو ٻيٺو آهي. رڳو رکي رکي ڪارو دونهون ٿو ڪڍي.آخر ٻن ٽگن Tags ذريعي ڇڪي آڻي ائنڪريج (کلي سمنڊ) تي ڇڏيائون ته باقي مرمت پاڻهي اتي ترسي ڪريو ۽ اتان ئي هليا وڃو. پر بئالر آخر تائين صحيح نه ٿيڻا هئا سي نه ٿيا. ماڳهين هلندڙ جنريٽر به بيهي رهيا. نياپي موڪلڻ لاءِ بيٽريون به چارج ٿيل نه هيون جو کڻي وائرليس ڪجي. آخرڪار بندرگاهه وارن کي لئمپ ذريعي سنگنل ڪيوسين ته پائلٽ موڪلي اسان کي ٽگن ذريعي اندر گھرايو وڃي. پر پورٽ وارا اسان جي جهاز مان ڪو اهڙا ڪڪ ٿيو ويٺا هئا جو ڳالهه ٻڌڻ بنا ساڳيو جواب ته مهرباني ڪري لنگر هتان کڻي ڪوريا هليا وڃو. ڪوريا ۾ توهان جي جهاز لاءِ ڪارگو انتظار ڪري رهيو آهي.“

    .......................................................

    شنگھائي ۾ پهچڻ سان فرج انجنيئر شهر جو چڪر هڻي اچي ڊيوٽي ميس ۾ خبرون ٻڌايون:
    ”يار چيني اسان جو ڏاڍو خيال ڪن ٿا. ٻين ملڪن جا ماڻهو کڻي هتي هجن يا نه پر پنهنجن ملڪن جا چڱا خاصا آهن. فرينڊشپ اسٽور ۾ ته پي آئي اي جي هڪ ايئر هوسٽس به نظر آئي.“
    ”پاڪستان ۾ ٻوڏ آئي آهي ان بابت ته جيڪر خبر چار وٺينس ها. هوءَ ويجھڙائيءَ ۾ آيل هوندي.“ فورٿ انجنيئر چيو.
    ”ڇڏيار. آءٌ ريفريجريشن انجنيئر، منهنجي حيثيت ئي ڪهڙي. چيف انجنيئر يا ڪئپٽن هجان ها ته پاڻ ئي ڊوڙي اچي ملي ها. خير مون به کنگھيومانس ڪونه. اهو به چين ٿي پيو آهي، جي بئنڪاڪ، بالي يا برمودا هجي ها ته اهڙين تهڙين تي پهرين نگاهه به نه وجھان ها.“
    هڪ دفعي ڪجھه دير فلمي دنيا جون ڳالهيون ڪندي فورٿ انجنيئر چيو: ”هن جهاز جو جيڪو اڳيون چيف انجنيئر هيو، ان تي هڪ هالي وڊ جي فلم ايڪٽريس مرندي هئي.“
    ”ڪهڙي فلم ايڪٽريس...؟“ سيڪنڊ آفيسر ٽهڪ ڏيندي پڇيس، ”اهڙو افعال مون کي ته منجھس نظر ڪونه آيو هو جو فلم ائڪٽريس مريس! يا ته هوندي ڪا اهڙي ئي شميم آرا جهڙي.“
    ”ڪهڙي شميم....؟“ ڪئڊٽ پڇيو.
    ”آهي هڪڙي ٻڪريءَ مهانڊي. اڄڪلهه ته شايد ئي فلمن ۾ ڪا ايندي هجي. مون ئي ڪا هڪ اڌ سندس فلم ڏٺي آهي، اڌ مان اٿي وڃڻ لاءِ. کيس شادين ڪرڻ جو شوق ڏاڍو هوندو هو.“
    ”هوندو هو....؟! اڃا به اٿس چئه.“
    ”اڙي اها ته ناهي جنهن چيو هو ته جيڪو ڪشمير تي جھنڊو کوڙيندو، ان سان شادي ڪنديس؟“
    سڀ کلڻ لڳا.
    ”موڪلن ۾ جڏهن گھر لاهور ويو هوس،“ ٿرڊ آفيسر ٻڌايو؛ ”ته پاڙي ۾ رهندڙ هڪ ڇوڪريءَ ٻڌايو هوم ته اها ڏائڻ جيڪر اهو دڙڪو نه ڏئي ها ته سندس ميجر ڀاءُ ضرور کوڙي ڏيکاري ها.“

    .......................................................

    ”يار جهاز سنگاپور ۾ ترسندو يا نه؟“ هڪ دفعي سنگاپور وٽان لنگھڻ کان ٻه ڏينهن اڳ فورٿ انجنيئر پڇيو.
    ”خبر ناهي. ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته پاڻيءَ لاءِ هڪ ڏينهن کن ترسندو. آهي سڀڪجهه وڏن جي هٿ ۾. کين شاپنگ ڪرڻِي هوندي ته اهاني بهاني ضرور ترسائيندا نه ته Evaporator جو پاڻي پياريندا.“ سيڪنڊ آفيسر وراڻيو.
    ”جهاز تي ڪيميڪلز ته آهن ڪونه. بنا انهن جي، ايويپوريٽر جو پاڻي صحت لاءِ نقصانڪار آهي.“ هڪ ڪئڊٽ چيو.
    ”ڏسجي. اسان انجنيئر پٺيان ’آفٽر پيڪ‘ مان دٻا ڀري پاڻي ڪڍي پيئنداسين. باقي توهان ڊيڪ سائيڊ وارا پيا ايووپوريٽر جو پاڻي پيئجو.“
    ”اها ته توهان انجنيئرن جي ذلالت آهي.“ سيڪنڊ آفيسر چيو.
    ”۽ توهان ڊيڪ وارا پنهنجو پاڻ کي نٿا ڏسو........!!“ فورٿ انجنيئر وراڻيو.

    .......................................................

    هن دفعي اسانجو جهاز جهڙوئي چين جي بندرگاهه سئمڪانگ ۾ لنگر ڪيرايو ته ڪنهن افواهه اڏايو ته مائوزي تنگ مري ٿيو آهي.
    ”يار مائو آهي ته جيئرو يا...........“ فرج انجنيئر پڇيو.
    ”نه يار جيئرو آهي. هن کي چينين اهڙا ڪشتا کارايا آهن جو هن صديءَ ۾ ته سندس مرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“ اليڪٽريڪل انجنيئر وراڻيو.
    ”نه يار پوڙهو ته ڏاڍو ٿي ويو آهي. هاڻي رڳو نموني خاطر آڏون ٽيڪون ڏيئي بيهاريندا هوندس.“ ان وقت ڊيوٽي ميس ۾ داخل ٿيندڙ ٿرڊ انجنيئر چيو.
    ”ڪجهه به آهي. مون کي جي اڪيلائيءَ ۾ ملي ته کانئس رڳو اهو پڇان ته ماڻهن کي تو ڪهڙي گولي ڏني آهي جو ڏينهن رات تنهنجي ملڪ جا ڪروڙها ماڻهو ڪم ۾ رڌا پيا آهن. پيڪنگ، شنگهائي ڪئنٽن نه ڏس ته ننڍا ڳوٺ سئماڪنگ، دهرين وغيره نه ڏس.. جتي ڪٿي عورتون، مرد، ڇوڪريون، ڇوڪرا سادا ڪپڙا پائي ڪم ۾ لڳا پيا آهن. فئشن ۽ نواب پائيءَ جو ته نالو نشان ئي ڪونهي. وڏي کان وڏي آفيسر ۽ پارٽي ميمبر کي به اهي ڪپڙا ۽ نئڙت، نيازمندي آهي ته بندرگاهه تي ڪم ڪندڙ مزور پورهيت کي به.“ فرج انجنيئر چيو.
    ”تڏهن ته چين ايڏي ترقي ڪئي آهي. هتي اسان جا وزير، گورنر ايندا هٿين خالي آهن ۽ ويندا مرسڊيز ۽ ڪئڊلڪ ڪارن ۾.“ ٿرڊ انجنيئر وراڻيو.
    ”يار مونکي وري نڪسن اڪيلائيءَ ۾ ملي ته پنهنجي منهن پڇانس ته هي واٽر گيٽ وار ڦڏو ڪهڙو آهي جو تنهنجي ملڪ جون اخبارون مٿو کائي ويون آهن.......“
    ”اڙي ميان، اهو ڪجھه ڪونهي، ٺلهي بڪواس آهي، پاڻ بلڪل معصوم آهي ان چڪر ۾. سندس جيڪي چمچا آهن اهي کيس ڦاسائي رهيا آهن.“ اليڪٽرڪ انجنيئر چيو.
    ”ڇڏ يار. اهڙي به ڇا ڳالهه . ملڪ جو صدر ٿي ڪري کيس ڪا ٻيٽ ئي ڪانه ٿي پوي. ڪڏهن ڪنهن چڪلي جي اهڙي ڪا پوڙهي انچارج ٻڌي اٿانوَ جيڪا پاڻ ڪنواري هجي....؟ ته پوءِ....؟“ فرج انجنيئر سڀني کان سوال ڪري اٿي کڙو ٿيو.

    .......................................................


    اڳ جا ۽ اڄُ جا جهازي آفيسر

    جن ڏينهن ۾ جهاز جي سيڪنڊ انجنيئرن جي کوٽ هوندي هئي انهن ڏينهن ۾ ٿرڊ انجنيئرن کي پرمٽ تي سيڪنڊ انجنيئر Sail ڪرايو ويندو هو ۽ اهي هڪ خاص قسم جا سيڪنڊ انجنيئر هوندا هئا، جن بابت اڄ جا انجنيئر سوچي نٿا سگھن.
    اڄ جو سيڪنڊ يا چيف انجينيئر معنى وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل، سلجھيل، جونئرن جو خيال رکندڙ ۽ کين انجڻ جي ڪم بابت سمجھائڻ ۽ سيکارڻ وارو. پر انهن ڏينهن جو سيڪنڊ انجنيئر.... الامان. بس خدا کانپوءِ هو ئي پاڻ کي وڏي هستي سمجھندو هو جهاز جو داداگير ۽ سندس حساب سان هڪ ”وڏي ۽ اهم هستي“ سمجھيو ويندو هو. سندس ڏهڪاءُ سڄي جهاز تي پکڙيل هوندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته گورا چيف انجنيئر به کانئس ڊڄندا هئا. پڙهيل ته گھڻو نه هوندو هو پر اهو جملو اڪثر جتي ڪٿي چوندو نظر ايندو (سو به انگريزيءَ ۾) ته ”آئي هئو بن آسڪڊ تو سيل ائز سيڪنڊ انجنيئر.“ يعني پاڻ اهڙي اهم شيءِ آهي جو ڪمپنيءَ هن کي منٿ ميڙ ڪري سيڪنڊ انجنيئر ڪيو آهي نه ته پاڻ ته کنگھي به ڪونه ۽ واقعي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي. چيف انجنيئرن ۽ سيڪنڊ انجنيئرن جي کوٽ ڪري جهازن جا مالڪ مجبور هوندا هئا جو بين الاقوامي قاعدن موجب مڪمل اسٽاف بنا جهاز هلي نه ٿو سگھي ۽ ڪنهن به بندرگاهه ۾ اچڻ ۽ نڪرڻ جي اجازت ناهي. اهڙي صورت ۾ خدانخواسته جي جهاز جو حادثو ٿي پوي ته انشورنس ڪمپني ڪجھه به نه ڏيندي ۽ اها ڳالهه مالڪ ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگھي. مجبوراً هن کي چيف انجنيئر ته ڪو فارينر رکڻو پوندو هو جنهن جي پگھار جي چٽي ته برداشت ڪئي ويندي هئي پر ڪوشش ڪري انشورنس ڪمپنيءَ کان اها اجازت ورتي ويندي هئي ته بنا سرٽيفڪيٽ واري ٿرڊ انجنيئر کي سيڪنڊ انجنيئر Sail ڪرڻ جي پرمٽ ڏني وڃي، ۽ اهڙي ريت جهازن جا مالڪ ڪو ڌاريون ڳري پگھار تي رکڻ بدران سندس ئي ڪمپنيءَ جي ٿرڊ انجنيئر کي عارضي طرح سيڪنڊ انجنيئر رکندا هئا. ڪمپني به خوش ته نئون ٺهيل سيڪنڊ انجنيئر به خوش.
    آهستي آهستي مئرين اڪيڊمي کلڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جا انجنيئر سيڪنڊ ۽ چيف انجنيئريءَ جو امتحان پاس ڪرڻ لڳا. حڪومت طرفان ۽ انشورنس ڪمپنيءَ طرفان مالڪن تي زور آندو ويو ته هو هنن کي رکن ۽ ائڪٽنگ سيڪنڊ انجنيئر آهستي آهستي ٿي واپس (سندس حساب سان ڊموٽ ڪري) ٿرڊ انجنيئر ڪيا ويا جن مان ڪجھه ته ان ”ڊموشن“ جي ڏک ۽ بيعزتيءَ ڪري جهازي نوڪري ڇڏي ويا. ڪجھه، جن پاڻ ۾ همت ساري.... بلڪ منجھن هئي پر آسانيءَ سان سيڪنڊ بڻجڻ ڪري، امتحان نه پئي ڏنائون، انگلنڊ يا ڪراچيءَ مان امتحان پاس ڪيائون.
    1970 کان 1980، مرچنٽ نيوي جو اهو دور آهي جنهن ۾ تيز رفتاريءَ سان آفيسر ۽ خلاصين جو ويڇو گھٽجي ويو. 1970 کان اڳ آفيسرن ۽ خلاصين جي جهاز تي الڳ ماني هوندي هئي. خلاصي جهاز جي پوئين حصي Poop ۾ رهندا هئا جتي خراب سمنڊ ۾ تڪليف ٿي ٿئي. مقرر ڊيوٽين کان وڌيڪ پيڙيا ويندا هئا. پر هاڻ حالتون مختلف آهن. سڀني لاءِ ماني ساڳي آهي، سڀني لاءِ رهائش ساڳئي هنڌ ۽ ايئرڪنڊيشنڊ آهي. خلاصين ۽ آفيسرن جو ڊيوٽي ٽائيم ۽ ڊيوٽي مقرر آهي. ڊيوٽيءَ بعد ڪو ٿورو ئي ويڇو وڃي رهيو آهي ۽ نه فقط اهو پر آفيسرن جو به پاڻ ۾ ويڇو نه رهيو آهي. چيف آفيسر ۽ ڪئڊٽ ڊيوٽيءَ بعد کلي ڳالهائين ٿا ۽ گڏ گھمڻ وڃن ٿا. سيڪنڊ انجنيئر ۽ ففٿ انجنيئر هڪ ئي ٽيبل تي گڏ ماني کائين ٿا ۽ ڊسڪوٿي ۾ ڊانس لاءِ وڃن ٿا. ڪئپٽن ريڊيو آفيسر ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر اڪثر چرچو ڀوڳ ڪندي نظر اچن ٿا ۽ نه فقط گڏ شاپنگ تي وڃن ٿا پر هڪٻئي جو سامان کڻائي اچن ٿا.


    گھرُ ۽ گرمي نقصانڪار آهي.

    جهاز ڪراچيءَ کان ڪولمبو هليو، ان کان پوءِ سنگاپور کان ڦري جپان وڃڻو هو. آئون ان جهاز تي چيف انجنيئر هوس جهاز جي مختلف مشينن تي رهيل ڪم ۽ انجنيئرن ۽ هيٺين عملي جي ڪم جي رفتار ڏسي نيٺ سيڪنڊ انجنيئر سان دل جي ڳالهه ڪيم ته هي ڪم ڪيئن هلندو. ”جهاز جي خط استوا ڏي وڌڻ ڪري جنريٽرن جو Exhaust ٽيمپريچر به وڌندو رهي ٿو. ائين نه ٿئي، جو هڪ ڏينهن پاڻهي بند ٿي وڃن.“
    سيڪنڊ انجنيئر ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”بس رڳو ڪولمبو ۽ سنگاپور کي هٿ لاهي، جهاز مٿي اتر طرف جيئن روانو ٿيندو ته ٿڌ شروع ٿيڻ سان سڀ مشينون به صحيح ٿي وينديون ته جهاز جا ماڻهو به. سيءَ سان گڏ سڀني جي ڪم جي رفتار به وڌي ويندي.“
    مون کي پنهنجي سيڪنڊ انجنيئريءَ جو زمانو ياد آيو. خط استوا جي پٽيءَ وٽان لنگھندي جيئن ئي گرمي ۽ گھم وڌندي هئي ته ڪنهن جي به ڪم ڪرڻ تي دل نه چوندي هئي. موڪل واري ڏينهن ڪئبن ۾ ويٺو هيس ته به جسم سور کان پيو ڪڙهندو ۽ هر وقت ننڊ جو گھيرٽ ۽ غنودي طاري رهندي هئي. آفريڪا جي ڪنهن شهر ۾ جهاز هوندو ته شام جو گھمڻ تي دل نه چوندي جيسين منجھند جو ٿوري دير ننڊ نه ڪجي. شايد اهو ئي سبب آهي، جو خط استوا جي ليڪ کان پنجويهه ٽيهه ڊگريون کن هيٺ ۽ مٿي، آفريڪا توڙي عرب ملڪن ۾ منجھند جو ٻه ٽي ڪلاڪ دڪان بازاريون بند رهن ٿا ۽ ماڻهو منجهند جي ماني کائي ٿوري دير سمهي رهندا آهن.
    ممباسا ۾ جيئن ئي ٻارهن ٿيندا هئا، ڪلنڊني روڊ کان سئلم روڊ تائين دڪان بند ٿيڻ شروع ٿيندا هئا. ”ڪوسٽل ـ ڊريپر“ دڪان جا مالڪ: مينا ۽ ٻلديو يڪدم ماني کائي، پنکو هلائي پٽ تي وڇايل غاليچي تي ئي سمهي رهندا هئا. ”اليڪٽرانڪ ريڊيو“ دڪان جو کوجو مالڪ، ڪلب ۾ ماني کائي اتي ئي ڊگھي ڪوچ تي سمهي رهندو هو ۽ آهستي آهستي سڀ رستا ۽ بازاريون سنسان ٿي وينديون هيون، ڄڻ ڪو راڪاس گھمي وڃي. چؤڌاري ڪڪڙون ڪون لڳي ويندي هئي. پوءِ ٻه ٿيڻ تي آهستي آهستي مالڪ ورندا ۽ دڪان ائين کوليندا، جيئن هڪ دفعو صبح جو کوليا ويا هئا. مسلمان، بوري ۽ کوجا پنهنجي عقيدي موجب روزگار جي دعا گھرندا، هندو واس دکائي پنهنجي نموني سان گراهڪن جي آمد جي پرارٿنا ڪندا.
    اهو ساڳيو حال سنڌ جي گرميءَ جو آهي. پر هاڻ ڏينهون ڏينهن ندين، عمارتن ۽ وڻڪاريءَ ڪري ڪجھه موسم بدليل آهي ۽ اها گرمي نه رهي آهي، جيڪا اڄ کان چاليهه، سٺ سال اڳ جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو. بهرحال تنهن هوندي به چيٽ جي ڏينهن ۾ ڪانگ جي اک پيئي نڪرندي آهي ۽ سم، ڪلر، پوسل هيڪاندي گھم ۽ اٻس پيدا ڪيو آهي.
    گرميءَ سان گڏ جي گھم آهي ته اها هيڪاندي خراب، جو سستي ۽ ننڊ جي گھيرٽ کي وڌائي ٿي. ڪولمبو ۾ ريڊيو آفيسر ته صبح جو نيرن ڪري ڏهين تائين ننڊ جي هڪ قسط پوري ڪندو هو ۽ ٻي منجھند جي مانيءَ کان پوءِ. ڪولمبو ۾ جهاز تي هيلٿ آفيسر هڪ ڊاڪٽرياڻِيءَ پنهنجي ملڪ جي ترقي پذيرائي جو ڏوهه مزورن تي هڻي چيو: ”اسان جي ملڪ جا ماڻهو سست ۽ ٽوٽي آهن. پورهيو ته پڄين ئي نه ٿو. انگلنڊ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ دوران انگريزن کي محنت مزوري ڪندي ڏسندي هيس ته رشڪ ۽ سڌ ٿيندي هيم ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو به ائين چست ٿي ڪم ڪن ته هي ملڪ الائي ڇا مان ڇا ٿي سگھي ٿو.“
    بهرحال ان ۾ سڄو ڏوهه ماڻهن تي ٿاپڻ صحيح نه آهي جو انگلنڊ يا اتراهن ۽ ڏاکڻين ٿڌن ملڪن جا ماڻهو جي هنن ٽراپيڪل ملڪن ۾ اچن ته انهن سان به ذري گھٽ اهڙي ئي ويڌن ٿئي ۽ اسان جا ماڻهو، جڏهن انهن ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿا يا هي جهاز جڏهن ٿڌن ملڪن ۾ پهچن ٿا ته ڏسندي ئي ڏسندي اسان جي ماڻهن جي پورهئي جي رفتار۽ Efficiency ايترو وڌيو وڃي، جو تعجب ٿو لڳي. اسان جي ملڪن ۾ به اهو ڏٺو ويو آهي ته سياري ۾ ۽ اونهاري ۾ جن آفيسن ۾ ايئرڪنڊيشن لڳل آهي ته ڪم جي آئوٽ پٽ ۾ ڪافي فرق اچيو وڃي جو ايئر ڪنڊيشن هوا کي ٿڌو ۽ گھم کان صاف ٿو ڪري.
    دنيا جي نقشي کي ڏسبو ته دنيا جي غريب ملڪن کي گرم هوا ۾ گذارو ڪرڻو پوي ٿو. بلڪ گرم هوا وارا ملڪ ڊيولپمينٽ جي خيال کان غريب آهن. (اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجھه عرب ملڪ، انڊونيشيا وغيره هينئر تيل نڪرڻ ڪري راتو رات امير ٿي ويا آهن. فقط پئسي ۾). اها گرم ۽ گھميل هوا جيڪا پورهيت جي Productivity گھٽائي ٿي، پر بيماري، گاهه (جيت جڙا) ۽ ماڻهو (آدمشماري) وڌائي ٿي.. شايد سندس ترقي پذيرائيءَ جوئي سبب آهي....... منهنجي خيال ۾ ته:
    ”انڊونيشيا، فلپين، سريلنڪا، هندستان (ڏکڻ هندستان خاص ڪري) بنگلاديش، برما، پاڪستان، عرب ملڪ، آفريڪا کنڊ جا ان پٽي تي آيل ملڪ، اڳتي وچ آمريڪا جا ملڪ: پاناما، گئاٽمالا، نڪرا گئا، اڪيڊار، بولويا، پيرو وغيره سڀئي ملڪ هڪ ئي پٽيءَ تي آهن ۽ سڀني ملڪن جي گرم ۽ گھميل هوا جي ڪري هڪڙو ئي حال آهي. سائوٿ آفريڪا ۽ روڊيشيا جيتوڻيڪ آفريڪا ۾ آهن، پر اتي جا ماڻهو سست نه آهن، ڇو جو اهو حصو خط استوا کان گھڻو پري ڏکڻ ۾ آهي، جيترو ترڪي، اٽلي اسپين ٻئي پاسي آهن. سائوٿ آفريڪا جي شهرن: ڪيپ ٽائون، ايسٽ لنڊن وغيره ۾ ته جولاءِ آگسٽ ۾ ايترو ئي سيءُ پوي ٿو، جيترو ڊسمبر جنوريءَ جي مهينن ۾ نيويارڪ، فلڊلفيا، تاشقند، مئڊرڊ ۽ پيڪنگ ۾.“
    هڪ سائنس جي رسالي ۾ پڙهيو هوم ته گرمي پايو ڪيميڪل Biological Cycless ۽ Biochemical Reactions وڌائي ٿي. انهيءَ ڪري گرمي ۽ گھم ۾ ٻنين ٻارن جا جيت جڙا ٿين ٿا، جيڪي فصلن کي ۽ گدامن ۾ رکيل مال کي چٽ ڪريو ڇڏين. نتيجي طور اهي نقصان به مٿين ملڪن جي ئي قسمت ۾ آهن.
    گرميءَ کان علاوه مٿين ٽراپيڪل ملڪن جو مسئلو اڻپورو مينهن به آهي. مٿين غريب ملڪن ۾ يا ته تمام گھڻو مينهن پوند؛. جيئن ملايا، بنگلاديش، سريلنڪا، انڊونيشيا، ڏکڻ هندستان ۾. يا ته وري مينهن نه برابر پوندو. جيئن مصر، پاڪستان، هندستان جو راجستان وارو حصو، چين، روس جو ڏاکڻو حصو (گوبيءَ جو رڻ پٽ وغيره)، سعودي عرب، ڪويت ۽ ٻيا عرب ۽ آفريڪا جا ملڪ.... (صحرا بيابان جي هيٺيان مٿان وارا). مٿين ترقي پذير ملڪن ۾ گھڻو ڪري سوڪڙ هوندي آهي ۽ مينهن وسندو به ته هڪ ئي وقت لڳاتار نارا ٿي جيڪا پڻ خراب ڳالهه آهي. مثال طور اتر نائجيريا ۾ سوڪڙ لڳي پئي هوندي، سڄي سال جو مينهن چند ڏينهن ۾ هڪ انچ في ڪلاڪ جي حساب سان وسي ماڳهين ٻوڙ ٻوڙان ۽ نقصان ڪري ويندو ۽ جاوا ۾ ته اڍائي انچ في ڪلاڪ جي حساب سان وسي ٻنيون ٻارا لوڙهي ويندو آهي. اهڙي قسم جي مينهوڳي جرمني، سئٽزرلينڊ، ڪئناڊا، امريڪا، آسٽريليا، نيوزيلينڊ وغيره ۾ نه ٿي ٿئي. جاوا جيترو مينهن جيتوڻيڪ جرمنيءَ ۾ به وسي ٿو، پر هڪ ئي وقت، ماڻهن، گھرن ۽ ڌرتيءَ سان يڪ ساهي راڱا ڪرڻ بدران، ڌيرج سان ڦڙ ڦڙ جي صورت ۾، ساهين سان سڄو سال وسندو رهي ٿو.


    سفر ۾ غلطفهميون ۽ جھيڙا جھٽا

    چوندا آهن ته ماڻهو جي خبر مسافريءَ ۾ ٿي پوي اها ڳالهه اڄ کان هزارين سال اڳ به صحيح هئي، جڏهن ماڻهو اٺن، گڏهن تي سفر ڪندا هئا يا ڪاٺ جي بتيلن تي ۽ اڄ به، جڏهن فرحت بخش ويڪرا هوائي جهاز، پئسينجر لائينر ۽ بليٽ ٽرينيون نڪتيون آهن.
    ڪڏهن ڪڏهن سفر ۾ سٺا دوست به پاڻ ۾ معمولي ڳالهين تان وڙهي پوندا آهن ۽ ڏٺو ويو آهي ته اهو جهيڙو، خاص ڪري پئسا خرچ ڪرڻ بعد، يا سفر جي موٽ تي ٿئي ٿو، پوءِ اهو سفر چاهي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ هجي، جيئن اسان، جو واپار جي سلسلي ۾ هجي، يا ڪنهن پاڪ جڳهه جي زيارت، تيرٿ، جي لاءِ ميلا ملاکڙا ته پري پر حج جي موقعي تي به ڪي ڪي وڙهي پوندا آهن. اهڙا ڪيترا مثال آهن ته ڪيترا سٺا سٺا رفيق، جي ويندي وقت هر قرباني ۽ تڪليف سهڻ لاءِ تيار هوندا، پر واپسي تي خريداري جي ننڍين ننڍين شين تي پيا وڙهندا. ننڍيون ۽ معمولي ڳالهيون غلطفهمي مان ٿي وڏي جھيڙي جو رخ اختيار ڪنديون آهن. حاجين جي جهاز تي ڏسبو آهي ته حج تي ويندي وقت وڏو جوش ۽ جذبو هوندو آهي. واپسيءَ تي ڪيترن جي دانهن جا دفتر کلي ويندا آهن. ڪو شڪايت کڻيو پيو ايندو ته سندس ڪنهن رفيق تاڪيو ڪپڙي جو چورايو آهي. ڪو پيو ايندو ته سندس هنڌ، ڀر واري، چانهه ڪيرائي خراب ڪيو آهي. ڪو ٻئي کي گاريون ۽ موچڙا هڻيو پيو ايندو ته هن سندس پير چپيو ۽ ٻيون ڪيتريون دانهون ۽ جھڳڙا. ۽ جتي حاجين جو اهڙو حال، اتي اسان جهڙن گنهگارن جي ڇا ڳالهه ڪجي.
    اها هڪ انساني ڪمزوري ۽ نفسياتي ڳالهه ڏٺي وئي آهي ته مسافريءَ ۾ ــ خاص ڪري واپس ورڻ وقت ڪيترن جو برداشت جو مادو ختم ٿيو وڃي. پوءِ کڻي ڪو حاجي هجي يا واپاري، جهازي هجي يا ٽورسٽ ــ هني مون ملهائڻ وارا جوڙا ئي آخري ڏينهن ۾ حساس ۽ چڙچڙا ٿيو پون ۽ وتندا وڙهندا. خاص ڪري اسان جا جهازي ته موٽڻ وقت هٿن مان پيا ويندا آهن ۽ جيئن جيئن جهاز ڪراچيءَ کي ويجھو پهچندو آهي، ظاهر آهي ته گرمي وڌندي آهي، جيڪا پڻ پنهنجو اثر ڏيکاريندي آهي.
    هر جهاز تي، هر دفعي، موٽڻ وقت ننڍا وڏا ڦڏا فساد، جهيڙا جھٽا ۽ غلطفهميون ٿينديون رهن ٿيون. پوءِ هڪ دفعو جهاز ڪراچي پهچي ويو، هرڪو گھر هليو ويو ته هن کي انهن گذريل ڳالهين تي خود تعجب ۽ کل ايندي آهي. موڪل تي لهڻ وقت، نموني خاطر پڙهندڙن لاءِ اهڙو ڪو جھڳڙو فساد ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، پر بيڪار رهندو آهي. هن دفعي ارادو ڪيو هوم ته جيئن ئي ڪا اهڙي ڳالهه ٿيندي ته سمنڊ تي ئي لکي وٺندس. هن وقت اسان جو جهاز Outward Journey ختم ڪري واپس ڪراچيءَ ڏي وڃي رهيو آهي. جپان ڇڏي ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ جهاز، سڄو ڏکڻ ــ چيني سمنڊ جھاڳي سڀان سنگاپور وٽان لنگھندو پوءِ سريلنڪا ٻيٽ جي هيٺيان ڦيرو کائي مٿي ڪراچي لاءِ، وڌيڪ ڏهن ڏينهن جو سفر ڪندو.
    هيستائين ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون زباني ڏي وٺون ۽ غلطفهميون ٿي چڪيون آهن، جن جي فقط ٿوري گھڻي خبر پئجي سگھي آهي، سواءِ هڪ جهڳڙي جي. جنهن ۾ گذريل ٻه ــ ٽي ڏينهن ڪافي ڇڪتاڻ رهي ۽ ان ڊرامي ۾ منهنجو به ڪردار اچي وڃي ٿو، ان ڪري شروع کان آخر تائين پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ سربستو احوال لکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. مختلف ڪردارن سان ڪيترو انصاف ۽ پنهنجي طرفداري ڪئي اٿم، سو چئي نه ٿو سگھجي.
    ٽيون ڏينهن ڊنر کان پوءِ ٿوري دير بوٽ ڊيڪ تي چڪر هڻي، دستور موجب مٿي برج تي چيف آفيسر سان ڪچهري لاءِ ويس ته ساڄي پاسي واري ونگ ۾ ڪڇي ڊيڪ سرنگ، هڪ پٺاڻ خلاصي ۽ سکاڻي، چيف آفيسر جي سامهون ڪجھه بحث ڪري رهيا هئا. مون سمجھيو ڪو سندن ڊيڪ جو مسئلو هوندو سو ويجھو وڃڻ بدران پري کان ئي چيف آفيسر کي ’هيلو‘ ڪري پاسيرو ٿي، چارٽ روم ۾ اچي پنج ڏهه منٽ چارٽ تي بيٺس، جهاز ان وقت تائيوان ٻيٽ جي سامهون 120 کن ڊگريون ڊگھائي ڦاڪ تي هو. ٻارهين کان چئين بجي واچ وارو سيڪنڊ آفيسر، پينسل جي نشان سان جهاز جي چئين بجي واري پوزيشن تي چؤنڪڙي ٺاهي ويو هو. ۽ ٻارهين بجي واري پوزيشن تي نشان خاطر ننڍو سج ٿرڊ آفيسر ٺاهيو هو.
    پلڪار کڻي سندس هڪ چهنب چئين بجي واري پوزيشن تي رکيم ۽ ٻي ٻارهين بجي (Noon) پوزيشن تي رکي، پهرين نقشي جي پاسي ڏنل اسڪيل تي ماپيم، ته اهو مفاصلو پوري هڪ ڊگري ٿي ٿيو. يعني جهاز چئن ڪلاڪن ۾ هڪ ڊگري يا سٺ ميل هلي رهيو آهي. معنى جهاز پندرهن ناٽ (ڪلاڪ ۾ پندرهن ناٽيڪل ميل) ڪري رهيو آهي. هن پراڻي جهاز لاءِ اها چڱي رفتار آهي. چارٽ روم جي دري مان ڏٺم ته چيف آفيسر اڃا ڪنهن فيصلي ۾ رڌل هو. مٿي آسمان ڏي نهار ڪيم، سج لٿي ڪي چند منٽ ٿيا هئا، پر وينس ۽ مارس سيارا صاف نظر اچڻ لڳا هئا. ويگا، ڪيوپلا، حمل، بيٽل جيوز ۽ ٻيا ڪيترا تارا چِٽا ٿي رهيا هئا. اڃان چيف آفيسر کي انهن جي سائيٽ وٺي حساب لڳائڻو هو ته جهاز سندس واچ ۾ ڪهڙِي رفتار سان هلي رهيو آهي ۽ ڪٿي پهتو آهي. سو وڌيڪ اتي ترسڻ بدران سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾هليو آيس؛ جتي سيڪنڊ انجنيئر ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر پکن جو حساب ڪري رهيا هئا ته جهاز تي ڪنهن ڪنهن وٽ پکا آهن ۽ ڪنهن وٽ نه، ڇو جو جهاز هاڻي گرميءَ واري پٽيءَ ۾ گھڙي چڪو هو.
    هي جهاز جيتوڻيڪ سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ آهي، پر ڪنهن وقت گھٽ گرمي جي حالت ۾، يا ايئرڪنڊيشنڊ خراب هجڻ جي حالت ۾، جهازين کي پکا ڏنا ويا آهن. اڳئين سفر ۾ هڪ ٻه پکا گھٽ هئا، جن جي اڳئين چيف انجنيئر جهازران ڪمپنيءَ جي ڪناري و اري آفيس ۾ شڪايت ڪئي هئي ۽ آفيس وارن هن دفعي اجازت ڏني هئي ته ڪنهن به بندرگاهه مان ڇهه پکا وٺي سگھون ٿا. سو جپان ويندي وقت، هانگ ڪانگ مان ڇهه پکا ورتا ويا هئا. تن ڏينهن ۾ سيءُ هيو، ڪنهن به پکو نه گھريو هو. ان هوندي به اليڪٽريڪل انجنيئر کي چيو هوم ته هڪ هڪ کان پڇي، جن وٽ نه هجي انهن کي ڏئي، انهن پکن جو اڪلاءُ ڪري. پر انهن ئي ڏينهن ۾ ونچن، جنريٽر ۽ انجڻ روم جي هڪ بلوئر تي ايترو ته ڪم نڪري پيو جو ٻنهي اليڪٽريڪل انجنيئرن کي فرصت نه پئي ملي جو آيل پکا ــ جن جا پرزا الڳ الڳ ٿيل هئا، اسيمبل ڪري ورهائي سگھن.
    ٽيون چوٿون ڏينهن، جيئن ئي جپان جا ڏاکڻا ٻيٽ اوڪيناوا ٻيٽ ڇڏياسين ته گرميءَ يڪو کڻي زور رکيو ۽ صبح کان هڪ آگ وارو مٿو کائي ويو ته گرمي آهي پکو نه اٿم. سيڪنڊ انجنيئر چيو ته گذريل وائيج ۾ ته هن شڪايت ڪانه ڪئي. بهرحال کيس هڪ پکو ڏنو ويو. پڇا ڳاڇا لاءِ شام رکيسين. ان کي ڏسي يڪدم هڪ ڊيڪ خلاصي به سيڪنڊ انجنيئر وٽ آيو هو، جنهن کي چيو ويو ڪلاڪ ٻه ترس ته ان سلسلي ۾ حساب ڪتاب ڪري يڪو سڀني کي ڏيون ٿا. آئون به ان وقت سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ وڃي ويٺس ۽ پڇا ڪيم ته اڳئين دفعي ڪنهن ڪنهن وٽ هيو. اليڪٽريڪل انجنيئر به نئون آيل هو. سيڪنڊ انجنيئر ئي پهرين جو هو تنهن چيو ته گذريل سفر ۾ ته شايد سڀني وٽ هئا، پر هڪ آڳ وارو جيڪو موڪل تي لٿو سو شايد پنهنجي سامان سان گڏ پکو به کڻي ويو آهي يا ته هن وٽ هوندو ئي ڪونه ۽ گھريو ان ڪري نه هوندائين جو ڪئناڊا ۾ هئاسين ۽ اتي ٿڌ هئي. ايتري ۾ انجڻ سرنگ کي گھرايو ويو ته سندس ماڻهن، يعين ٽن تيل وارن ۽ ٽن آگ وارن کان پڇا ڪري ته هنن وٽ اڳئين دفعي ڪيترا پکا هئا.
    ڊيڪ سرنگ ۽ انجڻ سرنگ مختلف کاتن جا ڪمدار سمجھڻ کپن. روز سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف انجنيئر پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي سرنگن کي ڪم ٻڌائيندا آهن، جي سڄي ڏينهن جي رپورٽ شام جو اچي ڏيندا آهن. سو ان وقت جيسين انجڻ سرنگ معلوم ڪري اچي. تيسين اسان ايئرڪنڊيشنر بابت سوچڻ لڳاسين ته هلايون يا نه. جنريٽرين تي اڳهين ڪافي Load هو ۽ ايتري گرمي نه هئي جو اي سي هلايو وڃي، جيڪو گھٽ ۾ گھٽ چاليهه ڪلو واٽ وڌيڪ لوڊ ڇڪيندو ۽ جنريٽرن جا ايگزاسٽ ٽيمپريچر به ڪافي وڌندا ۽ ساڳي وقت انجڻ روم جي گرمي تي وڌيڪ اثر وجھندا، جا اڳهين ٽيتاليهه چوئيتاليهه ڊگرين تي پهچي چڪي هئي ۽ ظاهر آهي، جيڪي انجنيئر، ڊيزل ميڪنڪ، تيل وارا انجڻ روم ۾ ڪم پيا ڪن انهن کي تڪليف ٿيندي ۽ هونءَ به اي سي اسان انجنيئرن لاءِ فائدي واري شيءِ نه آهي ــ جو هڪ ته ان جي هلڻ سان وڌيڪ مشينن جي نگهباني ڪرڻي ٿي پوي ۽ ٻيو انجڻ روم جي سخت گرميءَ مان ٿڌن اي سي ڪمرن ۾ يڪدم گھڙڻ سان بيمار ٿيڻ جو ڊپ رهي ٿو. اها انجنيئرن جي خودغرضي واري ڳالهه آهي. ڇو ته اسان جي فائدي جي ڳالهه ناهي ته ان کي ليکيون ڪونه ٿا. بهرحال اهو فيصلو ڪيو ويو ته اڄ اي سي ڪونه ٿا هلايون. هڪ ٻه ڏينهن رکي پوءِ هلائينداسين. ايتري ۾ چيف آفيسر جو فون سيڪنڊ انجنيئر ڏي آيو جو ان ريت هو. ان وقت شام جا ساڍا ست ٿيا هئا.
    چيف آفيسر؛ ”يار اسان جي بندن کي گرمي لڳي رهي آهي. هڪ خلاصي پکي لاءِ آيو آهي.“
    سيڪنڊ انجنيئر: ”يار تون واچ ختم ڪري اٺين بجي مون وٽ اچ ته حساب ڪريون ته ڪنهن ڪنهن وٽ ڪونهي. ائين هرڪنهن جي چوڻ تي ڏبو وڃبو ته ڇهه آيل پکا ته پورا نه پوندا.“
    چيف آفيسر: ”يار سرنگ مون وٽ آيو هو ته گرمي آهي. يا ته اي سي هلايو وڃي يا پکا ڏنا وڃن.“
    سيڪنڊ انجنيئر: ”اها ڳالهه ئي غلط آهي. ايندي وقت ڏهه ڏينهن سنگاپور ۾ ۽ چار پنج ڏينهن ملاڪا اسٽريئٽ مان لنگھندي لڳا هئا تڏهن به اي سي ڪونه پئي هليو پر پکي نه هجڻ جي ڳالهه ڪنهن ڪانه ٿي ڪئي. بهرحال تون نه هيٺ اچ ته روبرو ڳالهه ٻولهه ڪريون ٿا.“
    سيڪنڊ انجنيئر فون رکي چيو: ”هونءَ ته اي سي کڻي هلايون ها پر هاڻ جي اها ڳالهه داداگيري واري آهي ته اي سي هلايو يا پکا ڏيو ته اي سي آڱوٺو هلندو ۽ مونسان سرنگ واري مٿيئين ڳالهه ڪيائين جا مون کي به نه وڻي جو ڊيڪ سرنگ پاڻ کي واقعي داداگير سمجهي رهيو هو ۽ چيف آفيسر نئون ۽ ڪم جو ايترو تجربيڪار نه هجڻ ڪري سرنگ هن تي حاوي ٿيڻ لڳو هو جو هن کان اڳ ايندي وقت سرنگ جو هت ٻيو به ان قسم جو مظاهرو مون کي ياد آيو:
    جهاز جپان ڏي ويندي وقت، سنگاپور کان سٺ ميل کن اڳ خراب ٿي پيو. خراب ته اڳهين هو پر پروگرام اهو هو ته جپان جي ڊراءِ ڊاڪنگ دوران اتي جي شپ يارڊ کان اهي خرابيون دور ڪرائبيون پر هاڻ ٽن مان هڪ جنريٽر جواب ڏئي ويو ٻيو اڳهين خراب هو ۽ هلڻ لائق نه هو ۽ ٽيون اڪيلي سر جهاز جو لوڊ نه ٿي کڻي سگھيو سو جهاز کلئي سمنڊ ۾ بيهاري ڇڏيوسين ۽ ٻه ڏينهن ٻه راتيون لڳاتار جهاز جا انجنيئر خراب جنريٽر تي ڪم ڪندا رهيا. آخر جهاز هلڻ لائق ٿيو. جنهن تنهن جي دل ۾ اهو هو ته جهاز سنگاپور کان ستر اسي ميل اڳيان خراب ٿيڻ بدران سنگاپور ۾ ٿئي ها ته اهي ٻه ڏينهن انجڻ ڊپارٽمينٽ کان سواءِ باقي جهازين کي گھمڻ ڦرڻ جو موقعو ملي وڃي ها. بهرحال هاڻ به سنگاپور وٽان جهاز ڦيرو ڪري مٿي جپان ڏي وڃڻو آهي ۽ جي هينئر به اهاني بهاني سنگاپور جهاز کي ترسايو وڃي ته اها سستي جڳهه آهي ۽ خريداري به ڪري سگھبي. سو ايندي ويندي انجنيئرن کان سندن بئاءِ ۽ ٻيا پڇندا رهيا ته سنگاپور وڃڻ جو آسرو آهي يا نه.
    آءٌ ۽ سيڪنڊ انجنيئر بلڪل خوش نه هئاسين ته جهاز سنگاپور وڃي جو اسان جا جهازي انجنيئر توڙي ڊيڪ آفيسر ماضيءَ ۾، جهاز کي اهاني بهاني، سنگاپور، هانگ ڪانگ، جبرالٽر، عدن، لاس پاماس ايترا دفعا وٺي ويا آهن جو هاڻ ايمرجنسي ۾ ويندي به ڪناري جي آفيس وارن کي شڪ ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي.
    جنريٽر ٺهي راس ٿيو. في الحال ڪا خرابي نه هئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڌو جپان هلبو. اها ڳالهه ٻڌي ڪيترن کي ڏک ٿيو ته سڏ پنڌ تي سنگاپور آهي ۽ ان جي ايترو ويجھو لنگھي وڃجي ٿو جو رستن تي موٽر ڪارون هلندي پيون نظر اچن، پر اتي ڪلاڪ ٻن لاءِ به ترسبو ڪونه.
    پمپ ۽ ٻي مشينري هلائي، لنگر کڻي اڳتي وڌڻ لڳاسين. جنريٽر صحيح پئي هليو پر سندس بيرنگ جي تيل جو دٻاءُ آهستي آهستي گھٽجي رهيو هو. سيڪنڊ انجنيئر سان به صلاح مشورو ڪيم ته سنگاپور تائين ڏسون ٿا جي ايترو پريشر رهيو ته ٺيڪ آهي نه ته گمان واري حالت ۾ اڳتي نڪري پوڻ جوکم ٿيندو. مون کي رڳو اهو الڪو هو ته Stand-By جنريٽر ته صفا ڪم جو نه هو جو کڻي ايمرجنسي ۾ هلائجي، ۽ هڪ دفعو سنگاپور اڪري ماڻهو ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ گھڙيو ته پوءِ الله ئي مالڪ آهي جو پري پري تائين نه ڪنارو نه اوهي واهي. ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ انهن ڏينهن ۾ ’الله ڏئي ۽ بندو سهي.‘ دنيا جي خراب سمنڊن مان هڪ هوندو آهي. جي انجڻ بند ٿي وئي ته جهاز ان خراب سمنڊ ۾ اهڙو ڪڏائيندو جو پاڻ سنڀالڻ به جنجال ٿي ويندو.
    ايتري ۾ سنگاپور اچي ويو. ڪپتان کي لنگر ڪيرائڻ لاءِ چيم جيئن گھٽ ۾گھٽ سنگاپور ۾ پنهنجي جهازران ڪمپني جي آفيس ۽ ڪنهن ورڪشاپ سان وائرليس ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪري سگھان. ڪپتان کي پنهنجي ڪئبن ۾ گھرائي فيصلو ڪيوسين ته بنا مرمت جي نه هلنداسين. ايتري ۾ ريڊيو آفيسر پنهنجي ريڊيو روم مان ڊوڙندو آيو ته ڪراچي هيڊآفيس کان ريڊيو ذريعي هي نياپو مليو آهي. نياپو پڙهيوسين ته ان ۾ هو ته جهاز کي سنگاپور ترسائي مرمت ڪرايو ۽ انشورنس ڪمپني جي سروير کي به گھرائي ڏيکاريو جيئن بعد ۾ هن کان نقصان جو خرچ پکو ورتو وڃي.
    اسان خوش ٿياسين ته اهو سٺو ٿيو جو آفيس وارن به ساڳيو فيصلو ڏنو. اڃا اسان ٽئي ويٺا هئاسين ۽ ٻي ڪنهن کي ان بابت اڃا نه ٻڌايو هئوسين، ته ايتري ۾ چيف آفيسر، ڪپتان کي اچي پنهنجي ڊيڪ سرنگ جي اها ڳالهه ٻڌائي ته هو ٿو چوي ته جهاز خراب آهي ته سنگاپور ترسايو ڇو نٿو وڃي. اسان کي حياتي پياري آهي.
    ڪپتان ٻڌي باهه ٿي ويو ۽ ٻاهر نڪري سرنگ کي ڪافي ڇنڊ ڪڍيائين ته اسان ته ٻارن ٻچن سان Sail پيا ڪريون توکان وڌيڪ اسان کي خيال آهي ۽ اسان ان ڳالهه لاءِ جوابدار آهيون.
    پوءِ اسان تعجب کائيندا رهياسين ته هي ماڻهو آهي ڪيئن؟ ڪپتان ڪجھه چيف آفيسر تي به ڪاوڙيو ته هن اهڙي ڍر ڏني اٿن جو ايتريقدر مٿي تي چڙهي ويا آهن. حياتي پياري هجڻ کان وڌيڪ سنگاپور گھمڻ جي شوق همراهه کي ماندو ڪيو آهي.
    بهرحال، اها ڳالهه ڊيڪ سرنگ جي وري ڌيان ۾ آئي ته هو پاڻ کي داداگير ٿو سمجھي يا ته چيف آفيسر چاڙهيو اٿس ته ٻئي ڊپارٽمينٽ ــ يعني انجڻ ڊپارٽمينٽ خلاف ڦڏو ٿئي ۽ A.C هونءَ ڪو شرافت سان چوي ها ته کڻي هلائجي پر هاڻ نه هلندو، جو هونءَ به قاعدي (آرٽيڪل) مطابق هلائڻ ضروري ناهي. باقي پکا جن وٽ ناهن انهن کي ملڻ جو حق آهي.
    چيف آفيسر جي فون کي ڏهه منٽ به نه ٿيا هوندا جو ساڳيو ڊيڪ سرنگ سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ اچي زور زور سان پکو گھرڻ لڳو. هو نشي ۾ ڌُت هو. ان ڪري هن سان وڌيڪ ڳالهائڻ بدران کيس چيو ويو ته تون هل ته پکو چيف آفيسر جي معرفت موڪليون ٿا. هو نڪري ته ويو پر خلاصين کي ٻڌائڻ ۽ هنن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ دانهون ڪندو ويو ته ڇا آفيسرن لاءِ پکا آهن. ڇا اسان انسان نه آهيون. وغيره وغيره. هي اهي ڊائلاگ آهن جيڪي، ڪجھه عرصو اڳ تائين، هيٺين عملي کي ڀڙڪائڻ لاءِ لڳايا ويندا هئا. جيئن اسان وٽ سياستدان زبانن يا فرقن جي آڙ وٺي، جذباتي عوام کي ڀڙڪائي پنهنجو مطلب ڪڍندا آهن. پر ڊيڪ سرنگ جو، هينئر اهو نعرو هلي نٿي سگھيو جو ڪجھه سالن کان جهاز جا خلاصي ۽ آفيسر ذري گهٽ هڪ جهڙين سهولتن هيٺ آهن. کاڌو، پيتو، رهائش، دوا درمل وغيره وغيره. پر اسان جو سرنگ دانهون ڪري اهي نعرا هڻندو رهيو. ايتري ۾ ڪجھه جونئر انجنيئر ۽ آڳ وار، هن کي ورندي ڏيڻ ۽ جھيڙي کي مچائڻ لاءِ نڪري نروار ٿيا. پر سيڪنڊ انجنيئر کين سمجھائي واپس ڪئبنن ۾ موڪليو ته هو نشي ۾ آهي سو هينئر هن سان ڳالهائڻ بيڪار آهي ۽ ٻي ڳالهه ته قانون کي ائين هٿن ۾ کڻڻ نه کپي.
    مون تيسين ڪئپٽن کي فون ڪري حالت کان آگاهه ڪيو. ڪپتان سخت هن تي ناراض هو ته هو سيڪنڊ انجنيئر جي ڪئبن ۾ سڌو ڇو ويو. چيف آفيسر ٻڌايس ته هو نشي ۾ آهي شايد. پر شراب تي هڪ ته بندش آهي ٻيو وچ سمنڊ تي آيو ڪٿان؟ ڪنهن جو اهو به رايو هوته هن مڪر ڪري اهو ڊرامو ڪيو آهي. ۽ سيڪنڊ انجنيئر چواڻي ته شراب پيئڻ جو بس اهو ئي هڪ فائدو آهي ته جنهن کي وڻي ان کي گاريون ڏجن ۽ پوءِ اهو چئي ڦري وڃجي ته آءٌ نشي ۾ هوس. بهرحال اهو فيصلو ٿيو ته سرنگ کي معافي وٺڻي پوندي.
    بعد ۾ چيف آفيسر کي، جو منهنجي پاڙي واري ڪئبن ۾ رهيو ٿي، سمجھايم ته ايترو ڳالهه کي وڌائڻ مان ڪهڙو فائدو. آءٌ جڏهن شام جو برج تي تو وٽ آيو هوس، ته پکي جي ڳالهه مون سان ئي کڻي ڪرين ها. اهي ورهائڻ لاءِ ته آيا آهن. هو ماڳهين پنهنجا داستان کولي ويهي رهيو ۽ آءٌ به سندس دل هلڪي ڪرڻ لاءِ ٻڌڻ لڳس..................
    ”اليڪٽريڪل انجنيئر اسان جي ماڻهن کي تنگ ٿو ڪري. ڪئبن ۾ بلب فيوز ٿي ويا آهن ته اهي به نه ٿو بدلائي. ڪارگو لائٽن لاءِ به رلائي ٿو ته خراب لائٽون کيس ورڪشاپ ۾ پهچايون وڃن ۽ انجڻ روم ۾ جڏهن به ڊيوٽي انجنيئر کي فون ڪري اليڪٽريڪل انجنيئر کي موڪلڻ لاءِ چئون ٿا ته ڊيوٽي انجنيئر هر وقت اهو چوي ٿو ته تيل وارو واندو ڪونهي پنهنجو سکاڻي موڪلي ڳوليو. ۽ ٽئنڪون پمپ ان ۽ آئوٽ ڪرڻ وقت به سيڪيورٽي انجنيئر نٽائيندو رهي ٿو........ وغيره.“
    اهڙي قسم جون شڪايتون سيڪنڊ انجنيئر ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر به ڪجھه ڏينهن کان چيف آفيسر جون ڪري رهيا هئا ته چيف آفيسر، جو اڳئين مسافريءَ ۾ هنن سان، سيڪنڊ آفيسر رهي چڪو آهي ۽ هن سفر ۾ آفيسرن جي کوٽ هجڻ ڪري پرمٽ تي ائڪٽنگ چيف Sail ڪري رهيو آهي سو پاڻ کي سمجھي ٿو.
    اليڪٽريڪل انجنيئر جي وڌيڪ پروموشن نه هجڻ ڪري ڏهن سالن کان هو ساڳي پوسٽ تي آهي جڏهن سيڪنڊ انجنيئر ۽ چيف آفيسر، جونئر انجنيئر ڪئڊٽ ٿي آيا هئا. سو ظاهر آهي ڪجھه نفسياتي طرح به اهو ماڻهو بيزار رهي ٿو ۽ هو ڪجھه وڌيڪ عزت چاهي ٿو ۽ ساڳئي وقت اسان جو چيف آفيسر هڪ ته ننڍي عمر ڪري منجھس ٻاروتڻ ۽ ٻيو هر ماڻهو نئين پوسٽ تي پهرين Voyage ۾ عجيب گھٻراهٽ جو شڪار رهندو آهي. مون سان چيف آفيسر ۽ اليڪٽريڪل انجنيئر، ٻئي مختلف جهازن تي، هن کان اڳ به Sail ڪري چڪا هئا ۽ ٻئي سٺا نينگر هئا پر هن وقت هڪ ته غلط فهمي ڪري ۽ ٻيو مسافريءَ جي ٿڪ ڪري ــ جو واپسي سفر تي گھڻو محسوس ٿئي ٿو، ٻنهي جي چيڙاڪ ۽ حساس طبيعت ٿي پئي هئي. بقول هڪ جهازيءَ جي ته ”ڳالهه ۾ ڪجھه ناهي، پر گھڻا ڏينهن ٻاهر رهڻ ڪري، هاڻ سڀ گھر ٻار کي، يار دوستن کي ياد ٿا ڪن. ۽ ٻيو پئسا به سڀني جا کپي ويا آهن سو ان ڪري به ڇتائي آهي. هڪ دفعو جهاز ڪراچيءَ پهچي سڀ تازا توانا ٿين ۽ پوءِ جهاز نڪري ته ڏس ڪيئن سڀ کير کنڊ ٿيو ٿا وڃن.“
    چيف آفيسر کي مون پنهنجي منهن سمجھايو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. اهڙي دشمني اليڪٽريڪل انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر، ٿرڊ انجنيئر يا ڪو ٻيو تڏهن رکي سگھي ٿو جڏهن هنن کي چيف انجنيئر کان ڪو اشارو مليل هجي. پنهنجي دل بلڪل صاف آهي ۽ آءٌ ڪڏهن به نه چاهيندس ته ذاتي جھڳڙو يا آفيشل طرح ڪو جھيڙو جهاز جي هلچل ۾ رنڊڪ پيدا ڪري. جهاز ڪافي پراڻو آهي ۽ گذريل سفر جو به ڪيترو ڪم رهيل آهي. سو اليڪٽريڪل انجنيئر انجڻ جي مشينري پٺيان لڳا رهن ٿا ـــ هڪ موٽر اوورهال ڪن ٿا ته مٿان ٻي رکان ٿو. ان کان علاوه بندرگاهه ۾ ونچن جي حالت ته اکين سان ڏسو ويٺا ته اهڙيون خراب آهن جو جپان ۾ ورڪشاپ وارن به مرمت کان انڪار ڪري ڇڏيو. نيون وڃي لڳرايو. سو اهڙين مشينرين کي هي ئي پراڻو اليڪٽريڪل انجنيئر آهي جو منهن ڏيون ويٺو آهي. نتيجي ۾ هن کي وقت نه ٿو ملي جو لائيٽن ڏي ڌيان ڏئي. بلب بدلائڻ ۾ ڇاهي. آءٌ خود به پاڻ ڪندو آهيان. چئين ته تنهنجو بلب به بدلائي ڇڏيندس ۽ جيسين انجڻ روم جو تعلق آهي ته اهي، واقعي اليڪٽريڪل انجنيئر ڏي، تيل وارو موڪلي نه سگھندا جو بندرگاهه ۾ به مشينري هلندي رهي ٿي ۽ سڀ مشغول رهن ٿا. ۽ اهو هر جهاز تي دستور آهي ته اليڪٽريڪل انجنيئر کي، ڊيڪ جي ڪم لاءِ توهان جو سکاڻي ڳولڻ ويندو آهي. ٽئنڪن کي ڀرڻ ۽ خالي ڪرڻ ۾ منهنجا خود پهرين ڏينهن کان سڀني انجنيئرن کي اهي Instructions آهن ته جيئن تون چوندين تيئن توسان ساٿ ڏين. جيئن تون نئون آهين ڪا ڪارگو رکائڻ ۾ ڀل چڪ ٿئي ته Stability لاءِ جهاز کي سڌو ڪرڻ خاطر پاڻي يا تيل کاٻي ساڄي يا اڳيان پويان ٽئنڪن ۾ ٽرانسفر ڪندا رهن. پر حقيقت اها آهي جو اهو ڪم ايترو حد کان وڌي ويو جو مون پاڻ جهليومان ته ڪجھه خيال سان تيل ٽرانسفر ڪريو، خاص ڪري بلجن جي معاملي ۾، جو تيل گئلن ٻه به ٻاهر هليو ويو ته جپان جي قانون مطابق ڪمپنيءَ تي لکن جو ڏنڊ پئجي ويندو ۽ ساڳئي وقت انجنيئر به جپاني ڪورٽن ۾ گھلبا رهندا. بهرحال ان هوندي به اليڪٽريڪل انجنيئر کي به سمجھائي ٿو ڇڏيان.
    اليڪٽريڪل انجنيئر به ان تي مڇريو ويٺو هو ته هي چيف آفيسر ڳالهائڻ جو بدتميز آهي ۽ ڊيڪ سرنگ کي به هن موڪليو آهي، سندس بيعزتي ڪرڻ لاءِ. مون کيس به سمجھايو ته اهڙي ڳالهه ناهي پاڻ ۾ ٺهي وڃو ۽ ڪئپٽن خود محسوس ڪيو آهي ته واقعي چيف آفيسر جي غلطي هئي جو سندس ماڻهوءَ (ڊيڪ سرنگ) کي ائين نه وڃڻ کپندو هو. جيڪڏهن نشي ۾ نه هو ته سنئين سڌي غلط ڳالهه هئي ۽ جي نشي ۾ هو ته هيڪاندي غلط ڳالهه ٿي جو جهاز تي جڏهن شراب جي جھل آهي ته اهو آندو ڪنهن ۽ هن پيتو ڇو؟ ۽ هاڻ ڪئپٽن اهو فيصلو ڪيو آهي ته ڊيڪ سرنگ سڀاڻي توهان کان معافي وٺندو.
    ٻئي ڏينهن صبح ساڻ چيف آفيسر فون ڪيو ته ڊيڪ سرنگ هن وٽ بيٺو آهي ۽ معافيون پيو وٺي.
    ”بس يار توهان پنهنجو پاڻ ۾ ٺهي وڃو.“ مون چاهيو ٿي ته هاڻ اها ڳالهه جلد ختم ٿي وڃي ۽ خاص ڪري سرنگ غلطي محسوس ڪئي آهي ته پوءِ بس.
    اهو سڄو ڏينهن روزمره وانگر ڪم هلندو رهيو. منجھند وقت ڪپتان، چيف آفيسر ۽ سيڪنڊ آفيسر هڪ ئي وقت مون وٽ اچي نڪتا ۽ ڪوڪ پيئندي مختلف ڳالهين تي خبر چار هلندي رهي:
    ”جهاز جي اڄ جي رفتار ته سٺي آئي آهي، سڀان ڏکڻ چيني سمنڊ ختم ٿي ويندو ۽ سنگاپور پهچنداسين.“
    ڪجھه مذهبي مسئلا ته اسلام ۾ طلاق بعد ٻار پيءُ جا ڇو ٿا ٿين ۽ ڇو نه ماءُ جا؟ قيامت جي ڏينهن ماءُ جي نالي سان ڇو سڏيو وڃبو. ڪجھه سياسي ڳالهيون: امريڪا غلط گھوڙن تي شرطون پيو رکي ۽ سندس حشر ايران، تائيوان، ويٽنام کان ڏکڻ ڪوريا تائين ساڳيو آهي.
    بهرحال هڪ بجي ڌاري سڀ مانيءَ لاءِ اٿي ويا. شام جو سيڪنڊ انجنيئر وري آيو ۽ ڪجھه دير بئالر فيڊ پمپ ۽ اسٽرن ٽيوب جي Gland بابت ٻڌائيندو رهيو ته Leakage وڌي وئي آهي ۽ ڪراچي پهچڻ سان ڪو ٽوٻو گھرائي هيٺ سمنڊ ۾ لاهي وڌيڪ پئڪنگ وجھڻي پوندي، وغيره وغيره. ان بعد چوڻ لڳو:
    ”هاڻ هڪ غير سرڪاري مسئلو.........“
    ”ڪهڙو.....؟“ کلي پڇيومانس.
    ”مسئلو اهو آهي ته سرنگ معافي نه ورتي آهي.“
    ”يار صبح چيف آفيسر چيو پئي ته سرنگ معافيون پيو وٺي.“
    ”اهو چيف آفيسر فقط توهان کي چيو آهي پر سرنگ اسان وٽ نه آيو آهي ۽ هو شايد معافي نٿو وٺڻ چاهي ٿو مون کي ته ڪا Feeling ناهي پر هينئر مون وٽ جونئر سڀ وفد ٺاهي آيا ۽ هڪ جذباتي نوجوان (ففٿ انجنيئر) ته ايترو به چيو ته چيف انجنيئر صاحب رڳو حڪم ڪري. ۽ انجڻ کي بند ڪري جهاز کي روڪي ان ڳالهه جو فيصلو ڪرايون. اسان هر ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.“
    مون کلندي وراڻيومانس ته فيصلو پنهنجي جاءِ تي، پر غريب ڪمپنيءَ جو ڪهڙو ڏوهه جو جهاز کي بيهاري کيس ٽوٽ وجھجي. باقي سرنگ معافي نه ورتي ته پوءِ ٻه پاڻي ضرور ٿيندا. نه ته هرهڪ کي چوندو وتندو ته منهنجو رعب آهي جو انجنيئر ۽ ڊيڪ آفيسر به منهنجي هٿ ۾ آهن.
    سيڪنڊ انجنيئر ويو ته ڪئپٽن کي فون ڪيم ته هيڏانهن اچ ته چانهن پيون، سو ڀڄندو آيو ته خيريت ته آهي. کيس سيڪنڊ انجنيئر واري ڳالهه ٻڌايم ۽ پاڻ ۾ فيصلو ڪيوسين ته ڊيڪ سرنگ ضرور معافي وٺي نه ته سڀان هرڪو پنهنجو پاڻ فيصلو ڪندو رهندو. ڪپتان منهنجي ڪئبن مان ئي برج تي فون ڪري چيف آفيسر کي چيو ته ميان ڊيڪ سرنگ کي تو اڃا ڪجھه نه چيو اٿئي جو معافي وٺي. جواب ۾ هن ٻڌايو ته هينئر هينئر کيس وري گھرائي ڇنڊ ڪڍي اٿم ۽ معافيءَ لاءِ وڃي پيو. ۽ هن اچي معافي ورتي.
    ان بعد ڪپتان سان گڏ ڪجھه ان مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي ته خبر پئي ته ان سڄي شيطاني چرخي پٺيان ڳڙ جي آڱر لڳائڻ وارو ريڊيو آفيسر هو جنهن جي چيف آفيسر سان نه ٿي ٺهي. هن ڊيڪ سرنگ کي چيف آفيسر خلاف ڀڙڪائي موڪليو ته تنهنجو صاحب ڪهڙو آهي جو توهان جو خيال نه ٿو رکي. چيف آفيسر جي وري اليڪٽريڪل انجنيئر سان لڳل هئي تنهن موقعي مان فائدو وٺي ڊيڪ سرنگ کي تتل حالت ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر ڏي موڪليو. پر اتفاق سان سيڪنڊ انجنيئر ۽ آءٌ به ان وقت ويٺا هئاسين. وري جونئرن کي غيرت ڏيارڻ ۾ به ريڊيو آفيسر جو هٿ هو. جن کي جيتوڻيڪ سڄي قصي جي خبر نه هئي پر هن ريڊيو آفيسر، هنن اڳيان وڃي اهڙيون لهپون رکيون ۽ Mob-mentality پيدا ڪئي جو هو سڀُ گوڙ لاءِ آماده ٿي ويا. پر ان سڄي قصي ۾ Credit ڪئپٽن کي ڏيڻ کپي جنهن سڄي معاملي کي سلجھائي ڇڏيو. ۽ سلجھائي به اهڙو ڇڏيو جو ٻئي ڏينهن کان سڀ کير کنڊ ٿي و يا ۽ ڪمال اهو جو چيف آفيسر جي شاديءَ جي ڏينهن به ٻئي ڏينهن تي اچي ويو ته سيڪنڊ انجنيئر جو برٿ ڊي به ساڳي ڏينهن تي جو سيڪنڊ انجنيئر چيو ته ڪيڪ ٺاهي ٿو کارايان ته چيف آفيسر ڪلفي ٺاهڻ لاءِ اڳواٽ ئي کير ڪاڙهڻ لڳو. ان وقت جهاز سنگاپور وٽان لنگھي رهيو هو.
    سنگاپور ۾ موجود اسانجي برانچ آفيس وارن وائرليس تي اسان کي ٻڌايو ته ڪراچي هيڊ آفيس مان ٽيليڪس آيو آهي ته سڄي دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ ڦيرڦار اچڻ ڪري موجوده حالتن مطابق سنگاپور ۾ تيل وري به سستو آهي سو جهاز جي ٻي سفر جو تيل به هتان ۽ هينئر ئي وٺي پوءِ اڳتي وڌو.
    انڌي کي گھرجي هڪ اک، هتي ٻئي پئي مليون. اسان به اهو ئي ٿي چاهيو ته سنگاپور ۾ ڏينهن ٻه ترسي ڪجھه ٿڪ ڀڃجي. جپان کان نڪتي يڪ ساهيءَ ڏهه ڏينهن کن ٿي ويا هئا. يڪدم ائنڪر ڪيرائي پائلٽ جو انتظار ڪيو ويو جنهن جهازکي آڻي اندر سنگاپور ۾ ٻڌو. ڊيوٽي وارن کان علاوه ٻيا سڀ ڪمپنيءَ جي لانچ ۾ شهر گھمڻ ۽ فلمون ڏسڻ هليا ويا. ٻئي ڏينهن جڏهن جهاز هليو ته عملي جي وچ ۾ اهڙو امن ۽ شانتي هئي جهڙي گھوٽ ڪنوار جي وچ ۾، شاديءَ کان پوءِ ڪجھه ڏينهن.


    ”See the Doctor“

    منهنجو هن جهاز تي گھڻو اٿڻ ويهڻ ڪئپٽن سان آهي ۽ هن ڪئپٽن ۾ سڀ کان سٺي ڳالهه مون کي جا لڳي ٿي سو آهي سندس Sense of Humor (حس لطافت) عام ڳالهه به اهڙي دلچسپ نموني سان بيان ڪندو جو ڪيڏي به بوريت ڇانيل هجي، وڻندي پئي.
    هڪ ڏينهن ٻڌايائين ته جڏهن هو ڪئڊٽ هو ته هڪ دفعي سندن چيف آفيسر، جو ڪنهن زماني ۾ اڪيڊمي ۾ اسان جو پروفيسر به رهي چڪو آهي ۽ پنهنجي زماني جو تمام سخت قسم جو آفيسر مڃيو وڃي ٿو ۽ ڪنهن سان کلي به نه ڳالهائيندو هو، سو کيس ۽ هڪ ٻئي ڪئڊٽ کي امريڪا جي هڪ شهر بالٽيمور ۾ گھمائڻ لاءِ وٺي هليو.
    ”هاڻ اسان ٻئي ڪئڊٽ پويان ويٺا هجون.“ ڪئپٽن ٻڌايو، ۽ پاڻ چيف آفيسر، ٽئڪسي ڊرائيور سان اڳيان ويٺل هو. پاڻ آمريڪا جو اهو شهر تمام گھڻا دفعا ڏسي چڪو هو، سو اسان تي رعب رکڻ لاءِ گھمائڻ نڪتو هو.
    ٽئڪسي ٿورو اڳيان هلي ته هڪ خوبصورت عمارت ڏي اشارو ڪندي، پنهنجي ڪڙڪ آواز ۾، رعب سان انگريزيءَ ۾ چيائين ته اها اسپتال اٿانوَ. هن جو ائين چوڻ، ٽئڪسيءَ جي شيدي ڊرائيور چيغم چٻاڙڻ بند ڪري، چيف آفيسر ڏي نهاري، پنهنجي علامتي امريڪن ٽون ۾ چيو:

    You Sailors! Always After Nurses

    هن جو اهو چوڻ اسانجو چيف آفيسر ککو وکو ٿي ويو. ظاهر آهي سندس بيعزتي ٿي، اسان جونئرن اڳيان. يڪدم ڦڪي مرڪ مرڪي، آڱر سان نه نه ڪري، ڊرائيور کي چيو: ”نه نه. اسان انهن مان نه آهيون جي ڇوڪرين پٺيان پئون.“ (يعني شريف ماڻهو آهيون). پر سائين شيدي ڏاڏو به ڪو موڊ ۾ هو؛ تنهن هڪ دفعو وري روڊ تان نگاهون هٽائي اسان جي چيف آفيسر کي شڪي نظرن سان ڏسي چيو: ”ته پوءِ تون پڪ ڇوڪرن پٺيان هوندين!“ اجھو. هي ته ماڳهين آسمان تان ڪريو وڻ ۾ ٽنگيو وارو حساب. اها ته بيعزتي به بيعزتين جهڙي. هونءَ کڻي غم کائي وڃي؛ اسانجو ’نڪ تي مک به نه ويهارڻ وارو‘ چيف آفيسر پر اسان جونئرن اڳيان خاموشي نيم رضا، سو چيف آفيسر يڪدم شيدِيءَ کي سمجھايو:
    ”نه نه هرگز نه؛ تو اسان کي غلط سمجھيو آهي. اسان نه ڇوڪرين جي پٺيان آهيون نه ڇوڪرن جي ڪڍ.“ اسان سمجھيو ته ڳالهه کي ٻنجو اچي ويو پر شيديءَ کي ان ڏينهن اسان جي رعبدار چيف آفيسر کي ڪو ذليل ڪرڻو هو؛ سو چيف آفيسر جي ان جواب تي يڪدم ٽئڪسيءَ تي بريڪ هڻي؛ تعجب مان چيف آفيسر کي مٿي کان پيرن تائين ڏسي چوڻ لڳو:

    Man! Then you must see the Doc. something wrong with you.

    (جوان! بهتر آهي ته ڪنهن حڪيم ڊاڪٽر وٽ هليو وڃُ. لڳي ٿو ته توکي ڪا بيماري آهي)
    .......................................................


    جهاز جو طوفان ۾ ڦاسڻ

    ڪڏهن ڪڏهن اسان وارو ڪئپٽن ڳالهه سڌي طرح ٻڌائڻ بدران ائين اشارن ۾ ڪري ويندو جو يڪدم سمجهه ۾ نه ايندي. ڳالهين ڪندي هڪ ڏينهن چئي ويو ”...................يار اسان ڏاڙهي واري جي پاڙي مان لنگھي رهيا هئاسين ته اتي خبر پئي ته اڳيان هوا جو دٻاءُ گھٽجي رهيو آهي. سخت طوفان جي اڳڪٿي آهي...................“.
    هاڻي مٿي ذڪر ڪيل ڏاڙهيءَ وارو ٻيو ڪو نه پر ڪيوبا جو فيڊل ڪاسترو آهي ۽ سندس پاڙو ــ ٽرينڊاڊ؛ ٽباگو ۽ جئميڪا وغيره.

    .......................................................

    ڪيوبا ۾ اسان جي جهاز جو هڪ ڊيزل مڪينڪ هيئر ڪٽ ڪرائي آيو. حجام اهڙي ته ڪريوڪَٽ ٺاهيس جو خَط (Side Burns) ته ڪتري ڇڏيائينس، پر چؤڌاري ڪنن کان به مٿي پاڪيءَ سان لسو ڪري ڇڏيس.
    ڪئپٽن به کيس ڏسي يڪدم محسوس ڪيو. ٻئي ڏينهن مون کي کلي چيائين: ”يار آهي ته خير تنهنجو ڊيزل مڪينڪ مٿي تي پتيلو رکيو پيو هلي.....؟“

    .......................................................

    ساسيبو (جپان) بندرگاهه کان نڪتاسين ته موسم بهتر هئي، سو پائلٽ کي گھرائي جپان جي اندرين سمنڊ مان لنگھڻ بدرران ڪيوشو ۽ شڪاگو ٻيٽن جي وچ مان لنگھي ٽوڪيو ٿي وياسين. نڄاڻ ريڊيو آفيسر ڪا موسم جي رپورٽ غلط ورتي هئي. سو جهڙو شمنو سيڪي واري پل ٽپي کلئي سمنڊ ۾ آياسين ته طوفان اچي جهاز کي ڪڏايو. تازو جهاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ ڪرائي آيا هئاسين سو بنهه خالي ۽ هلڪو هو. اڃا هاڻ ڀرجڻ لاءِ پهرين بندرگاهه ٽوڪيو ڏانهن وڃي رهيا هئاسين. خالي هجڻ ڪري ويتر گھڻو اٿلي پٿلي رهيو هو ۽ جهاز جي پٺ، پروپيلر (پکي) سميت پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري ٿي آئي ۽ پکو پاڻيءَ ۾ نه لڳڻ ڪري جهاز اڳتي وڌيو ئي ڪونه ٿي.
    بمگو چئنل مان نڪرڻ کان پوءِ ته جهاز هيڪاندو هٿن مان پئي ويو. ٽائفون اهڙو سخت قسم جو، جو جهاز کي جيتري به رفتار ڏيون ڪجھه فرق نه پيو پوي. ماڳهين سامهون کان لڳندڙ طوفان جهاز کي پٺتي ۽ پاسن ڏي ڌڪيو پئي ويو.
    آخر فيصلو اهو ٿيو ته جيڪي ٿيو، سو ٿيو. هاڻي اڳتي اوڙاهه ۾ پاڻ کي اٽڪائڻ بدران اتي ئي توسا ـ بي Tosa-Bay جي ڪنڊ پاسي ۾، ڪنهن آڏ ۾ لڪي طوفان کان پناهه وٺجي، نه ته اڄ جهاز ٻڏندو ۽ جي بچيو ته به نقصان ضرور ٿيندس. ٻنهي حالتن ۾ انشورنس وارن کان ”خراب موسم“ جا Damage وصول ڪرڻ وقت ظاهر آهي هو به چوندا، ته ”انڌا هئائو ڇا جو ههڙي حال ۾ ۽ ههڙي موسم ڏسي ڇو اڳتي لاءِ ڪوچ ڪيانوَ؟.“
    نيٺ اهڙي جڳهه ڳولڻ لڳاسين، جتي لنگر اڇلڻ سان هيٺ سمنڊ جي تري ۾ اهو چڱيءَ طرح کُپي وڃي ۽ هنڌ اهڙو جابلو نه هجي، جو لهر سان گڏ لنگر ٻاهر نڪري اچي ۽ جهاز ڪنهن ٽڪريءَ سان وڃي لڳي. آخر الله الله ڪري هڪ هنڌ ڪجھه چڱيرو لڳو ۽ بسم اللـه ڪري لنگر ڪيرايوسين. پر جهاز جي حالت اها جيئن نئلو پاڏو ڪليءَ مان رسو ڇنائڻ جي ڪوشش ڪري.
    خير اسان ته پنهنجي حساب سان مطمئن هئاسين. نڄاڻ اسان جي ڀرسان ڪو وڏو شاهي آفت جيڏو آئل ٽئنڪر به بيٺو هو. سندس جنريٽر ڪي بند هئا، سو اوندهه ڪانڀار ڪيو بيٺو هو. اوچتو جو بتيون ٻريون ته وائڙا ٿي وياسين. (سندس انجڻ خراب ٿي پئي هئي ۽ مرمت هلي رهي هئي. اوچتو صحيح ٿي ويو ۽ جنريٽر هليا ته بتيون ٻري ويون.) هاڻ ڪجي سو ڪجي ڇا. ايترو ويجھو هڪ ٻئي جي ڀر ۾ بيهڻ، سو به هڪ ٽئنڪر جي، معنى ”آ ڍور مونکي سڱُ هڻ“، وارو حساب ٿيو ۽ اصول مطابق اسان هن جي ڀر ۾ آياسين. اصول مطابق ماٺي سمنڊ ۾ به اهڙي آفت جهڙي جهاز جي بر ۾ بيهڻ نه کپي. هن وقت ته طوفان لڳي رهيو هو ۽ سمنڊ جي ڇتائي به ڏسڻ وٽان هئي. هاڻ لنگر کڻي وري ڪيڏانهن ڀٽڪجي. مس مس ته ڪا سڻائي جاءِ ملي هئي.
    آخر ڪپتان کي آئڊيا آئي سو وائرليس V.H.F ذريعي ٽئنڪر جي ڪئپٽن کي ڪوڙ ڪري چيائين: ”اسان جو ڪارگو شفٽ ٿي پيو آهي.“
    ڪئپٽن جو اهو چوڻ ۽ هو درويش لنگر کڻي اٿي روانو ٿيو.
    سمجھه ۾ نه آيو ته هو اسان سان همدردي ڪري هليو ويو ۽ سخت طوفان ۾ ٻي ڪا لڪڻ جي جاءِ وڃي ڳولهيائين يا شايد جنريٽر صحيح ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ جيئن ئي صحيح ٿيا ته اٿي هليا.

    .......................................................


    پاڻهي کڻي حساب لڳاءِ

    هن جهاز تي چڙهڻ وقت، هن ڪئپٽن سان پهريون دفعو ملاقات سندس ڪئبن ۾ ئي ٿي. پڇيومانس ته جهاز ڪولمبو وڃي رهيو آهي يا وري ڪئنسل ٿيو.
    ”هاڻ ڪولمبو مشڪل آهي. سڌو هانگ ڪانگ هلنداسين. پوءِ ڀلا انجڻ جي تيل جو به ان طرح حساب لڳائجانءِ.“
    ڪولمبو ڪئنسل ٿيڻ جو ٻڌي مون کي خوشي نه ٿي.
    ”هونءَ ڪولمبو جو ڪارگو ملي ها ته سٺو هو ۽ آرام به ملي وڃي ها ۽ ٿوري گھڻي انجڻ جي مرمت به ڪرائي وٺان ها. هتي ڪراچيءَ ۾ ته هوم پورٽ ڪري ڪو وٺ ئي نه ٿو ڏئي.“
    ”يار ڪولمبو به ڪا جاءِ آهي...........؟“ ڪئپٽن چيو. اتي ڀرواري جهاز جو ڪئپٽن به اچي نڪتو. تنهن وهندي چيو:
    ”ڪولمبو کڻي ڇا به ٿي وڃي، پر هڪ شيءِ کان نه ويندو... اهو آهي، اتي جو سامونڊي کاڌو، سستو ۽ سٺو.“
    ”واقعي“، مون چيو، ”هوٽلون ڪولمبو جون چڱيون ۽ سستيون آهن. اڳين سال اسانجو جهاز يڪو مهينو ڪولمبو ۾ بيٺو هو. ماڻهن جو سڄو زور هوٽلن تي هو.“
    ”ڪولمبو ۾ مون ٻڌو آهي وڏي تبديلي آئي آهي. هن حڪومت سير سپاٽي کي همٿايو آهي ۽ شيون پڻ سستيون ٿي ويون آهن. ڏهه سال اڳ جي رونق ۽ رنگيني هڪ دفعو وري موٽي آئي آهي.“
    اتي بئرو قيمي جي ٽڪين جون سئنڊوچون کڻي آيو. ڪئپٽن کائڻ لاءِ چيو.
    ”آهن ڇاجون ٺهيل...............؟“
    ”يار مون ته ڏيڏر به کاڌا هئا. خبر اٿئي،“ اسان واري ڪئپٽن ٻڌايو، ”ائنٽورپ (بيلجم) ۾ بئرو کڻي آيو. اسان پڇيس ڇاجو گوشت آهي. چوڻ لڳو:

    One that hops in Bushes

    اسان سمجھيو پڪ تتر هوندا. اهي ئي ته گاهه ، ٻوٽن ۾ ڦڙ ڦڙ ڪري ٽپا ڏئي اڏامندا آهن. لذيذ به اهڙا ئي هئا. کائي پي جڏهن بک اجھائي ۽ شرير ۾ سامت آئي ته وري سوچيوسين ۽ پوءِ ........ . دير سان يڪدم ڌيان ۾ آيو ته اڙي هي ڇا، اهي ته پڪ ڏيڏر هوندا. ۽ پوءِ بئاءِ به ڪٿان ڊڪشنري ڏسي اچي چيو؛ ييس سرــ ايف . آر . او . جي.
    مون سان گڏ جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر هو، تنهن بجو ڏئي چيس: هي وٺ ته گھڻا اٿئي، ڌوڙ اٿئي منهن ۾، پهرين نٿي ڊڪشنري ڏٺئه.“

    .......................................................

    جهاز بئنڪاڪ ڏي وڌي رهيو هو. بئنڪاڪ، اندر نديءَ ۾ آهي. جيئن هالا پراڻا، درٻيلو، ٻڍاپور، روهڙي وغيره سنڌو نديءَ ۾ آهن ۽ جي سنڌوندي اونهي هجي ته ڪوبه جهاز عربي سمنڊ ۽ پورٽ قاسم کان ٿيندو اندر اچي سگهي ها. اهڙي طرح بئنڪاڪ، نديءَ جي ڇوڙ کان چاليهه پنجاهه ميل کن اندر آهي. اسان سمنڊ جي ان هنڌ تي اچي پهتاسين، جتي نديءَ ڇوڙ ٿي ڪري ان بعد پائلٽ، اسان جي جهاز کي سوڙهي ۽ ور وڪڙن واري نديءَ مان اندر وٺي هلڻ لاءِ آيو. اڌ کن رستو پار ٿي چڪو هو، ان بعد آءٌ مٿي برج تي چڪر لاءِ ويس. سامهون ٿائي پائلٽ، جهاز کي مختلف ڊگرين تي موڙڻ لاءِ سکاڻيءَ کي چئي رهيو هو.
    وڃڻ سان کيس سلام ڪيم. پاڻ جواب ڏنائين، پر گھٽيل گھٽيل. پر آءٌ ان وقت خوش خوش هوس. سو سندس اها بي رُخي نظرانداز ڪري ڀرسان وڃي بيٺس ۽ خبرون پڇڻ لڳس:
    ”پائلٽ، ڪريو خبر هيءَ ندي ته مٺي پاڻيءَ جي آهي نه؟“
    جواب يڪدم ڏيڻ بدران، ٿوري دير ترسي سامهون ئي نظرون رکندي مرزيل ’ها‘ ڪيائين.
    مون کانئس ڪيترائي سوال ٿائلنڊ بابت ڪرڻ چاهيا ٿي، خاص ڪري هن ندي ۽ ان جي ڪلچر بابت. سندس بي رُخيءَ کي وري درگذر ڪري، کانئس ٻيوسوال پڇيم:
    ”معاف ڪجو. هيءَ ندي ڪٿان شروع ٿئي ٿي....؟ ٿائلنڊ جي ئي ڪنهن جابلو سلسلي کان يا لائوس، ڪمپوچيا، چين کان هلندي اچي.“
    پائلٽ چپ. منهن تي ساڳيو دٻو چڙهيل. ڪنڊ ۾ ڪئپٽن وائرليس تي ڳالهائي بس ڪئي ۽ سڌو مونکي پاڻ سان وٺي چارٽ روم ۾ آيو.
    ”پائلٽ کي ڇڏ ته بئنڪاڪ تائين پهچائي... مڇريو ويٺو آهي.“
    ”ڇو........؟ خير ته آهي !“ ظاهر آهي مون تعجب مان پڇيو، ”مفت ۾ وٺيو ٿو هلي ڇا.....؟“
    ”نه گھڻي سامان آڻڻ ڪري پنهنجي جهاز جو ڊرافٽ گھڻو آهي ۽ ندي ايتري اونهي ڪونهي. پائلٽ پنهنجي جهاز کي وٺي هليو ئي ڪونه ٿي. منٿن سان مڃيو اٿس. چوي ته ٻاهر ئي کلئي سمنڊ ۾ جهاز کي بيهاري سامان لاهي ۽ چاڙهي وڃو. هر هر پيو چيو چوي ته جهاز گرائونڊ ٿيو ته ٻڌل نه آهيان. بهرحال هاڻ بئنڪاڪ پهچون ته کيس پنهنجي طرفان به ڪجھه تحفو ٿو ڏيان.“
    ”ڏاڍي ڳالهه ٿي.....“ مون کيس کلندي چيو، ”چئبو ته بئنڪاڪ جا بانس، گدامڙي، سوپاريون ۽ ادرڪ ڏاڍي مهانگي پئي.“
    ”مون کي ته باسن جي ڏنڊن جو فڪر آهي. خبر ناهي جيت مار دوا هڻي جهاز تي چاڙهيندا يا نه، ڇو ته انهن ۾نانگ ٿا ٿين. هڪ دفعو اڳ به، اهو ڪارگو کنيوسين، سڄي ڊيڪ تي ٺونٺ جيڏا نانگ پئي هليا.“
    ائين چئي ڪجھه دير چارٽ تي اها ندي ڏسندا رهياسين، جيڪا بئنڪاڪ کانپوءِ اڳتي ته صفا سوڙهي ٿي، ڪوئي جي پڇ جهڙي سنهي ٿي ٿي وئي ۽ ان هنڌ تي شايد ڪو بتيلو به مس هلندو هجي.
    ٿوري دير بعد، وري ٻاهر اچي برج (جهاز جي ڪنٽرول روم) ۾ بيٺاسين ۽ نديءَ ۾ ترندڙ ننڍيون وڏيون ٻيڙيون، سمپان، بارجون، بتيلا ۽ ان کان علاوه وڻن جا پن، ڪچا ناريل، پڪل ناريلن جا کوپا ۽ بج، بانس جا چيريل بانٺا، گاهه ۽ ٻيو ڪن ڪچرو ترندو ڏسندا رهياسين. رکي رکي ڪناري تي ڪو خوبصورت پگوڊا ڏسڻ ۾ آيو ٿي ته ڪچيون پڪيون ڪنڊائتيون جايون ۽ جھوپڙيون به. يا وري ناريل، رٻڙ جي وڻن ۽ ڊگھي گاهه جي چهچ ساوڪ.
    ”پائلٽ! بئنڪاڪ ڪڏهن پهچنداسين؟“ ڪپتان کي ٿي کڻي کُٽي سو هاڻ پڇي ويٺس.
    ”ڪئپٽن مفاصلي جي به توکي خبر آهي ته پنهنجي جهاز جي رفتار جي به. پاڻهي ئي کڻي ضرب ڪٽ ڪري حساب لڳاءِ“ پائلٽ اڇل مان ورندي ڏئي وري کڻي دٻو چاڙهيو.
    ڪئپٽن مرڪي، مون کي پاڻ ڏي ڇڪي چيو، ”ڏٺئي پيارا !! ٿيئي پڪ.....“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393829
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159304
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ