ڪتاب جو نالو: ملير کان مالمو تائين
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 1994
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 14 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 349 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 254 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جو هي سفرنامو ”ملير کان مالمو تائين“ سئيڊن بابت آهي۔ مالمو سئيڊن جو شهر آهي جتي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي آهي۔ جتي دنيا جي مختلف ملڪن جي ڏيڍ سئو کان وڌيڪ مئرين انجنيرن ۽ ليڪچرارن کي ٻن سالن جو ڪورس ڪرڻ کانپوء ايم ايس سي جي ڊگري ڏني ويندي آهي۔ الطاف شيخ صاحب پڻ هتي ٻه سال گذاريا ۽ ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن (انجنيئرنگ) جي ڊگري حاصل ڪئي۔ سندس هن سفرنامي ۾ سئيڊن بابت تمام گهڻي ڄاڻ ڏنل آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • پنهنجي پاران
  • پنهنجي پاران
  • پيش لفظ
  • ٽُ ڪئري ڪول...
  • سر ڪپيو وڃي
  • تون مذهب کي وچ ۾ آڻيندين
  • هيڪاندي ماٺ مايوس ڪري ٿي
  • ڪليم ڪوڙو قبضو سچو
  • ماجرا ڇا آهي
  • سيارو ۽ خودڪشي
  • ٿرماميٽر ڏسڻ بنا گهران نه نڪرجي
  • پنجابي ضرور سکي وينداسين
  • ملڪ جي خوشحاليءَ جو ماپو
  • هينئر اسين ڀنگي چوڪيدار به نه آهيون
  • پوسٽ مان چوري
  • سسٽم ڊانوان ڊول ٿي ويو آهي
  • نئون آيل ڦاسيو وڃي
  • پاڪستاني ڪهڙا ذليل آهن
  • ويزا نٿا ڏيو ته يونيورسٽي ڇو ٿا ٺاهيو
  • جانورن کان بدتر سمجهڻ
  • ڀلا هيءَ ڪٿي جي آهي؟
  • ان معاملي ۾ ٿڌائي ٿڌائي آهي
  • وڏي آفيسر هجان ها
  • رمبوت حطام
  • سنگل پئرنٽ
  • ڏوهه ڪنهن جو آهي
  • پاڻ وٽ ڪهڙا مهمان ايندا
  • ڪمپليٽ سوٽ خريدڻ
  • وندر جي وندر
  • غلط جانورن جي کَلَ جو چمپل
  • اسانجي ٽي وي کِلَ ۽ خواري
  • ڇا هي اسلام آهي
  • ڇاواپڊا جو ڏوهه آهي
  • رڌ بچاءَ ۽ زور ڏيڻ لاءِ مائي رکان ها
  • ڪڪڙ ۽ واڱڻ جي دعوت
  • ڇاواپڊا جو ڏوهه آهي
  • يو جسٽ ويٽ ائنڊ سي
  • عالم برزخ ۾
  • سنڌ ۾ رهڻ جنجال ڪيو پيو وڃي
  • کڏ ۾ هڻ انهن ڳالهين کي
  • ڌوڙ وڏي ڍير مان پائجي
  • بنگلاديش جي مفروحا ۽ ملائيشيا جي ڊيزي
  • ريفريجريٽر نه پر ڊيپ فريزر
  • خطرناڪ ماڻهوءَ جي ملڪ جي آهين
  • ها بابا سڀ مٿي چڙهي ويندا
  • فيلي باهمت عورت آهي
  • مئڊا گاسڪر جي لالائو
  • ڪجهه مئڊاگاسڪر بابت
  • يو.اين.او ۽ آءِ. ايم.او
  • سمنڊ تي ڪيترن جو ئي واسطو آهي
  • دنيا جي ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ
  • موراڪو جو اڪوح عبدالوهاب
  • تنزانيا، زنجبار ۽ درٻيلو
  • عمان جو سلطان ۽ آغا خاني
  • گلوبل وارمنگ
  • قيامت ۾ يقين رکين ٿو
  • ڪجهه عيدي امين ۽ يوگنڊا بابت
  • هوم ميڊ هيئرڪٽ
  • ڪهڙو مٿو ڪنهنجو آهي
  • هرڻ (Rein- Deer) ۽ بگهڙ
  • ڪوئي مهانڊو جانور
  • بيماريون ۽ موت آدمشماري کي صحيح رکڻ لاءِ آهن
  • سهڻي سيڪريٽري
  • نانگ جهڙو نالو
  • نيپالي گورکا يا شيدي غلام
  • هتي جي بائبلوٽيڪ
  • سئيڊن جو ادب ۽ شاعري
  • يونيورسٽي ۾ اليڪشن
  • فڪر جي ڳالهه ناهي
  • نوابشاهه جي اليڪشن ۾ بهڻ جو کٽڻ
  • پنجابي فلمن جو ولين

  • پنهنجي پاران

    لکڻ جو ڪم ان لاءِ سولو ٿي سگهي ٿو جنهن کي نه نوڪري ڪرڻ ضرورت هجي نه ڌنڌي ڌاڙيءَ جي لکڻ اُن لاءِ به سولوڪم آهي جنهن کي لکڻ لاءِ اجورو ملي- چڱو خاصو- ايترو جو هن کي ڪنهن نوڪري يا پورهئي جي ضرورت نه پوي.
    سنڌي اديبن ۾شايد ئي ڪو اهڙو فل ٽائيم اديب هجي، نه ته سڀ اسان جهڙا آهن، جن کي پيٽ گذر لاءِ نوڪريون به ڪرڻيون آهن ته گهر جا ڪم ڪار به. ۽ اهڙي صورت ۾ لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. لکڻ لاءِ دل چاهيندي به وقت ڪٿان ڪڍجي؟! آفيس به ضروري آهي. ان بعد آرام/ ننڊ به ضروري آهي ۽ گهر جي ڪمن لاءِ ڀڄ ڊڪ- سيڌو سامان آڻڻ، ٻارن کي اسڪول ڇڏي اچڻ، وٺي اچڻ، ۽ ٻيا ڪيترا ڪم جيڪي دنيا جو گاڏو گهلڻ لاءِ ضروري آهن. ماڻهن سان پير ڀرڻ- يعني دوستن يارن سان ملڻ ۽ سندن خوشين غمين ۾ شريڪ ٿيڻ پڻ زندگيءَ جو اهم ڪم آهي. ان کانپوءِ لکڻ لاءِ وقت ڪٿان آڻجي-؟ نوڪريءَ مان-؟ پر منهنجي نوڪري اهڙي قسم جي Demanding ۽ Dangerous آهي جنهن ۾ يا نوڪري ٿي سگهي ٿي يا ڪو ٻيو ڪم. پورا ڪلاڪ ذهني ۽ جسماني طرح ماڻهو کي ڊيوٽي ۾ Concentrate ڪرڻو پوي ٿو. منهنجي نوڪري ڪار جي ڊرائيور يا سرجن وانگر آهي. هو جي ڪار جي اسٽيرنگ ويل مان هٿ يا ڌيان ڪڍي ٻيو ڪم ڪندو ته ڪار بيهي رهندي يا حادثو ٿيندو. ساڳي طرح هڪ سرجن آپريشن کي اڌ ۾ ڇڏيندو ته مريض مرندو. سونوڪريءَ مان وقت ڪڍڻ مون لاءِ مشڪل آهي. ها البت ننڊ آئون گهٽ ڪريان ٿو. سوٿورو وقت ان مان مليو وڃي. ڪڏهن رات جو پهريون اڌ سمهان ٿو ته پويون جاڳي لکان ٿو. يا دير تائين لکي پوءِ سهان ٿو. يا ڪڏهن ته سڄي رات ويٺو جاڳان.
    گهرجي ڪم ڪار کي صفا گهٽائي ڇڏيو اٿم يا ان ۾ منهنجي زال مدد ڪري ٿي. اهڙيءَ طرح ڪجهه اهو وقت به لکڻ لاءِ مليو وڃي. ۽ ٻيو وقت دوستن يارن سان گهٽ ملڻ ڪري مليم ٿو. ڪيترائي ننڍپڻ جا، پيٽارو جا، نيوي جا، ادبي دنيا جا دوست هن شهر ۾ پاڙي اوڙي ۾ رهن ٿا. کين هر وقت ياد رکان ٿو. ساڻن ملڻ لاءِ دل چاهي ٿي پر ساڻن ملڻ کان پاڻ کي جهليندو اچان. جيئن اهو وقت به لکڻ پڙهڻ کي ڏئي سگهان. ان ڪري هيڏانهن هوڏانهن نڪرڻ بدران اڪيلو پنهنجو پاڻ کي ڪرسيءَ ۾ قيد ڪري لکڻ ويهان ٿو. منهنجي ان ڳالهه کان ڪي دوست رُسي ويندا آهن. ڪي دل۾ ڪندا آهن، ڪي چڙ ڪندا آهن. پر پوءِ وري سڀ پرچي سرچي ويندا آهن.
    ”ابا توکي ڪنهن سان پير پنڌ ڀرڻو به آهي يا نه؟“ اقبال ترڪ فون تي ڪاوڙ ڪندو آهي.
    ”هڪ ته هتي آهين ڪونه. جيڪو وقت آهين، ان ۾ به نه ملڻ ٿو اچين ۽ نه اسان کي ٿو گهرائين.“ ڪمانڊر علي مراد ڳوراهو چوندو آهي.
    ”پيٽارو جي سالياني ڊنر تي به جيڪڏهن نه ايندين ته تنهنجي لائيف ميمبر شپ ڪئنسل ڪنداسين.“ اسانجي Petarian ايسوسيئيشن جو صدر آفتاب ميمڻ وارننگ ڏيندو آهي.
    ”تو ته اسان دوستن کي وساري ڇڏيو آهي.“ ڪئپٽن ايس ايم عالم چوندو آهي، ”اهڙو به ڪو دوست بچيو اٿئي جيڪو مرڻ بعد جنازي کي ڪلهو ڏيئي؟“
    ۽ منهنجو مڙني دوستن کي اهو جواب هوندو آهي ته وسارڻ بدران توهان هر وقت منهنجي دل تي آهيو. توهان يارن جي قرب ۽ دل ۾ نه ڪرڻ ڪري ئي ته هي سڀ ڪجهه لکڻ لاءِ وقت ملي ٿو ۽ پوءِ اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي اختر عباسيءَ کان وٺي خيرپور جي ميجر نجم قاضيءَ جهڙا يار به سرچيو وڃن.
    بهرحال هي ڪتاب اهڙن ئي يارن نالي منسوب ڪريان ٿو جن هميشه منهنجين سُستين ۽ اوڻاين کي درگذر ڪري پنهنجي دوستي ياري قائم رکي آهي ۽ مون کي لکڻ جهڙي شوق لاءِ وقت مهيا ڪيو آهي. سندن لسٽ ته وڏي آهي پر مٿين نالن کان علاوه ڪجهه هي به آهن:
    سيوهڻ جو ڪموڊور زيڊ. اي. شاهه
    دادوءَ جو ظهير بابر PNSC
    جهلم جو برگيڊيئر اڪرم.
    پيٽاڙو جو نول راءِ اوڏ، ڪموڊور انيس رحمان، اقبال جماڻي، عالم هاليپوٽو، هالا جو شمس الدين ميمڻ، عبدالحميد ”شهيد“ ۽ ڪئپٽن رشيد ابڙو وغيره.
    الطاف شيخ


    پنهنجي پاران

    جڏهن ڪو ڊگھي قد وارو سهڻو سبيتو شخص ڏسو. سندس اکين تي عينڪ پاتل هجي ۽ کلندي وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان اچي ملي، ته پڪ سمجهو اهو الطاف شيخ آهي. نمرتا ۽ نماڻائيءَ جو پتلو، ڏاڍو پيارو ۽ خلوص وارودل پئي گهرندي ته ويٺو رهي، ساڻس ڪي گهڙيون روح رهاڻ ڪجي. ڇو ته هر جملي تي سندس موهيندڙ مُرڪ ائين لڳندي آهي ته ڄڻ ڪا مکڙي ٽڙڻ واري آهي. ٻه ٽي جملا پورا ڪرڻ کانپوءِ سندس وڏو ٽهڪ ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪو گلاب ٽڙي پيو هجي.
    سڄي دنيا جو سير ڪري آيوآهي، ان کان علاوه پنهنجي مضمون ۾ وڏيون ڊگريون وٺي آيو آهي. پر ان هوندي به مجال جو منجهس ڪا وڏائي يا غرور نظر اچي، يا ويهي ڊاڙون ٻٽاڪون هڻي. هتي اسان وٽ ائين آهي ته شل نه ڪو ٻاهران ٿي اچي. سندس حُليو توڙي هلت چلت ئي بلجي ويندي. ڊاڙون ٻٽاڪون، ”مان هيئن“، ”مان هونئن“ رڳو پيو”مان“، ”مان“ جي ٻولي ٻوليندو. اصل وٺُ ئي ڪونه ڏيندو.
    اڄ اهڙو ڪو گُنبذ جو واءَ گهليو آهي، جو نه وڏن جو لحاظ، نه استادن جو ادب، شاگرد استاد کي ڄٽ جاهل پيا سڏين. پر الطاف تي اُن واءُ جو ڪو اثرڪونه پيو آهي، سندس اک ۾ حياءُ، طبيعت ۾ هيٺاهين ۽ نوڙت، هر ڪنهن سان پيار ۽ محبت سان ملندو، مان ساک سان چوان ٿو ته الطاف اهو سٻاجهڙو ۽ سُرت وارو سنڌي آهي، جنهن ڪنهن جي به دل نه رنجائي هوندي. ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليو هوندو. نه ته هتي ته ڪجهه همراهن ڄڻ ان ڳالهه جو ٺيڪو کڻي ڇڏيو آهي ته ڊاڪٽر بلوچ هجي، يا شيخ اياز، ابراهيم جويو هجي، يا الانا، نواز علي شوق هجي، يا شمشير الحيدري هر ڪنهن جي پڳ ۾ هٿ هوندا. اهو ڄڻ فيشن ٿي ويو آهي. اهي سڀ ٿوم مان زعفران بڻجي يعني ٻه اکر لکي دانشوريءَ جو دهمان ٻڌن ٿا.
    الطاف شيخ، جنهن هن وقت تائين 40 کن سفرناما لکيا آهن. سندس سفرنامن هڪ لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار بڻايو آهي. هڪئي صنف تي هيترا سارا ڪتاب لکڻ وارو دنيا جو واحد اديب آهي، جيڪو سنڌي آهي، جنهن لاءِ اسان کي فخر آهي. پر هن شخص ڪڏهن به ڪا علمي اڪابري يا دانشوري جي دعوى ڪانه ڪئي آهي. پنهنجو قلم ڪمپيوٽر وانگر هلائي، پنهنجي جيجل جي جهولي ماڻ موتين سان ڀريندو ٿو رهي.
    آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن ۾
    ۽ اهي الطاف جا هيرا لعل ۽ فيروزا، سنڌي زبان ۽ ادب جو خاموش خدمتگار فيروز احمد نيو فيلڊس وارو پيو گهر گهر ورهائي. هن الطاف جا 38 کن سفر ناما ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن. پر اسان ڪيڏا نه بي حس ٿي ويا آهيون، ڪيڏي نه بي قدري آهي جو اسان جي هن پياري اديب جا هيترا سارا ڪتاب ڇپيا، نه ته سندس ڪنهن ڪتاب جي پڌرائي ڪنهن پنج تاري (Five Star) هوٽل ۾ ٿي ۽ نه وري ڪنهن مڃتا طور سندس مان ۾ ڪا دعوت ڪئي. حقيقت ۾ هن سنڌي ادب تي ۽ اسان سنڌ واسين تي ايڏو وڏو احسان ڪيو آهي، جو سندس تاج پوشي ڪرائي کيس وڏو ايوارڊ ڏيون ها. ٻيو نه ته ساڻس هڪ شاندار شام ته ملهائڻ کپندي هئي. پر هي مولائي نه مشهوري جو بکيو، نه پئسي جو لالچي، ڪنهن به پبلشر کان ڪو معاوضو ڪونه ورتائين. مان سمجهان ٿو ته ڪجهه وٺڻ بدران اڃا ڪنهن کي چار ڏوڪڙ ڇپائيءَ لاءِ ڏنا هوندائين.
    محترم الطاف شيخ جو هيءَ سفر نامو ”ملير کان مالمو“ سندس نئون سفر نامو آهي. مالمو، سئيڊن جو ڏکڻ وارو هڪ شهر آهي، جتي جڳ مشهور ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي آهي. جيڪا دنيا ۾ واحد يونيورسٽي آهي، جتي اٽڪل ڏيڍ سؤ کن ملڪن جا سامونڊي دنيا سان واسطو رکندڙ مئرين انجنيئر، ڪئيپٽن، پورٽ مئنيجر، مئرين اڪيڊيمين جا ليڪچرار وغيره پنهنجي سامونڊي سکيا ۾ وڌيڪ علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ ايندا آهن. ٻن سالن جي تعليم ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين ايم ايس سي جي ڊگري ملندي آهي.
    الطاف شيخ به ٻه سال ان يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري Maritime Administration (انجنيئرنگ) ۾ ڊگري ورتي. هيءَ يونيورسٽيI.M.O (انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن) وارن طرفان سئيڊن ۾ قائم ڪئي وئي آهي. I.M.O يونائيٽيڊ نيشن جي هڪ خاص شاخ آهي، جيڪا دنيا جي سمنڊن ۽ جهاز راني جي سلامتي ڏانهن ڌيان ڏئي ٿي.
    الطاف مالمو ۾ ٻه سال گذاريا. ٻه سال چڱو وقت آهي، اهڙي ڏاهي گهڻو ڪجهه ڏٺو هوندو. ان مان ٿورو ڪجهه پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو اٿائين، سندس اهي ٿورا ڪي ٿورا، ڪين آهن، جو گهر ويٺي پيو دنيا جا سير ڪرائي. حُسن جون ڳالهيون، عشق جون ڳالهيون، ڪن يارن دوستن جون بدافعاليون مطلب ته نراليون ئي نراليون ڳالهيون پيو سُڻائي. سندس طنز و مزاح واري تحرير سبب سندس سفر ناما وڌيڪ وڻندڙ ۽ اثرائتا بڻجي پون ٿا. پڙهڻ مهل ائين لڳندو آهي ڄڻ الطاف آڏو ويٺو هجي ۽ ويٺو مُلڪ مُلڪ جا احوال اوري.
    الطاف شيخ هن سفرنامي ۾ سئيڊن بابت ڀرپور ڄاڻ ڏني آهي. هُو سنڌي ماڻهو جي مزاج کان واقف آهي. تنهن ڪري کيس خبر آهي ته هُو ڇا چاهي ٿو؟ انهيءَ لاءِ ضروري ڳالهيون ضرور بيان ڪري ٿو. سندس بيان ڪرڻ جو انداز نهايت ئي پيارو آهي. هو ڪا ڳالهه هڪ لس بيان نٿو ڪري. هُو ڪنهن نه ڪنهن سان گفتگو ڪندو نظر ايندو، پر اها گفتگو گهڻو ڪري هو ڇوڪرين سان ڪري ٿو. ضروري نه آهي ته اها ڇوڪري نوجوان ۽ حسين هجي، پرواهه نه آهي بس اسٽاپ تي انتظار ڪندي ڪا حسين ڇوڪري نظر نه آئي، ته ڪنهن ڪاري ڪوجهي يا ڪراڙيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري انهن جي زباني پڙهندڙن لاءِ وڏي معلومات پهچائي ٿو. ويندي بيرن کان حال احوال وٺي معلومات مهيا ڪري ٿو. مطلب ته جيڪو مليو ان کان ٿورو گهڻو پڇي، ڪانه ڪا مطلب جي ڳالهه پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو.
    سئيڊن جو اهو قانون ڪهڙو نه سٺو ۽ صحيح آهي ته ويزا ان کي ملندي، جيڪو سئيڊن جي زبان سکندو. اسان وٽ سنڌ ۾ انگريزن جي غلاميءَ واري دور ۾ سنڌي سرڪاري زبان هئي. جيئن ته لک پڙهه سنڌيءَ ۾ هلندي هئي، تنهن ڪري انگريزي ڪامورن لاءِ به سنڌي سکڻ لازمي هوندي هئي. سنڌيءَ ۾ مهارت ڪامورن جي ترقي (Promotion) جو سبب بڻجندي هئي. پر اڄ پياري پاڪستان ۾ ڪا جهل پل ڪانه آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان ڀاڄوڪڙ، چور، ڌاڙيل، اسمگلر، هيروئن ۽ هٿيارن جا واپاري اچي ڪٺا ٿيا آهن، جيڪي نه سنڌي ڄاڻن ۽ نه وري سنڌ سان کين محبت آهي. هُو ته هن ملڪ جي تباهي ۽ بربادي لاءِ آيا آهن، يا موڪليا ويا آهن.
    اسان جا ڪيترائي اهڙا پاڪستاني ڀائر آهن، جيڪي جڏهن اعليَ تعليم حاصل ڪرڻ يا نوڪري ڪرڻ لاءِ ڪنهن ڌارئي ملڪ ويندا آهن، ته اتان جي زبان کين ضرور سکڻي پوندي آهي. جتي کين فقط ٻه چار سال رهڻو پوندو آهي، پر جتي کين سڄي عمر رهڻو آهي، جيڪا پاڪستاني زبان آهي. جيڪا دنيا جي قديم زبانن مان هڪ آهي، جيڪا صوفي سونهارن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سامي پارن ڀلارن جي زبان آهي. سا ڪونه ٿا سکن. اهوئي سبب آهي جو ايڏا ويڇا پئجي ويا آهن. پاڪستان سرڪار کي اهڙو قانون پاس ڪرڻ کپي ته قومي زبان سان گڏوگڏ صوبي جي زبان سکڻ لازمي قرار ڏئي. مثلاً جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا. اهي سنڌي جي تعليم حاصل ڪن. يا ائين ٿيڻ کپي ته چئني صوبن جي يونيورسٽين ۾ جيڪي پاڪستان اسٽڊي سينٽر آهن، تن کي پابند بڻايو وڃي، ته اهي ان صوبي جي ٻوليءَ کانسواءِ باقي ٽن صوبن جون ٻوليون سيکارڻ جو اهتمام ڪن. مثلاً پشاور يونيورسٽي جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر لاءِ لازمي هئڻ گهرجي ته اتان جو ڊائريڪٽر پشتو بجاءِ سنڌي، پنجابي ۽ بلوچي زبان سيکارڻ جو بندوبست ڪري، ڇو ته پشتو جو اتي شعبو آهي، پشتو اڪيڊمي آهي، تنهن ڪري پشتو بجاءِٻيون پاڪستاني زبانون پڙهايون وڃن. اهڙيءَ ريت ٻين صوبن جي پاڪستان اسٽڊي سينٽرن کي پابند بڻايو وڃي، ته اهي به ائين ئي ڪن. ان عمل سان قومي ايڪي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ملندي ۽ نفرتن کي گهڻي ڀاڱي ٻُنجو اچي ويندو ۽ هڪ ڀائپي ۽ محبت واري فضا پيدا ٿيندي.
    الطاف جي سفر نامن جي خاص خوبي اها آهي ته هو وطن پرست آهي. هو ڪٿي به هجي، کيس سنڌ ضرور ياد اچي ٿي. ڪنهن کي ڏکيو ڏسي ٿو، ته سنڌ واسين جا سور کيس ياد اچي وڃن ٿا. پر جيڪڏهن ڪو سک ڏسي ٿو، ترقي ۽ خوشحالي ڏسي ٿو ته هڪدم سندس دل ۾ خيال اڀري ته ڪاش سنڌ ۾ به ائين سَرهائي ۽ خوشحالي هجي. اسان سڀ الطاف جي اهڙين آسن اميدن ۽ دعائن سان شامل آهيون. شل ڪو سڪار ۽ سڻائي جو واءُ گُهلي ڏڪار ۽ ڏولائو ڏور ٿئي:
    سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    نواز علي شوق
    حيدرآباد
    30 آگسٽ 1994


    پيش لفظ

    پنهنجي سفر جو ٿورو گهڻو احوال ته سڀڪو لکي سگهي ٿو، پر ’سفرنامو‘اهو جو ڪو رنگ ڍنگ سان لکي. الطاف شيخ هڪ ته اعليٰ تعليم يافته نوجوان، ۽ ٻيو وري ’مَئرين انجنيئر‘ جي حيثيت ۾ سامونڊي سفر جي سهوليتن کيس نت نَوَن ڏيهن جا نوان ڏيک ڏيکاريا، سو وڏي چاهه ۽ ذوق سان سان سفر ناما لکيائين. سندس سفرناما ادبي توڙي فني اعتبار سان معياري آهن.
    الطاف نه رڳو پاڻ دنيا گهمي آهي پر ٻين کي به گهمائي آهي. ’سيئي جوڀن ڏينهن‘ ۽ ’سانباهو سمونڊ جو‘، ’خبرون کيڙائن جون‘، ’جت جَرُ وَهي ٿو جال‘، هڪ ’بندر بازاريون‘، ٻيو ’وايون وڻجارن جون‘، جي ’اوهريا عميق ڏي‘، تن لاءِ ’بندر ديسان ديس‘!
    پر الطاف جي سفرنامن جون ’ڳالهيون آهن ڳيچ‘، سمنڊ سان سندس ناتو ۽ سمنڊ کي هن سڃاتو! بس پوءِ ’منهنجو ساگر، منهنجو ساحل‘!هڪ طرف ’مڪلي کان ملاڪا تائين‘ ته ٻئي طرف ’سينگاپور کان ڪوالالمپور‘ ۽ بعضي ’لنڊن تائين لفٽ‘ ته بعَضي ’جرمني کان ٺَڪ ٿائلينڊ، اهي سڀ سندس سفرنامن جا موضوع، ۽ اهي سڀ ’بهترين سفرناما‘.
    الطاف منهنجي پياري دوست گل محمد شيخ جو لائق فرزند آهي، پر سفر نامن جي حوالي سان به هو مون کي ويجهو آهي. جيئن جواني واري وقت کان وٺي کيس ٻاهرين ملڪن ڏسڻ جو موقعو مليو جنهن کيس سفرنامن لکڻ تي آماده ڪيو. تيئن 1946ع ۾ اعليَ تعليم لاءِ جڏهن آءٌ آمريڪا ويس ته سنڌ کان سمنڊ رستي سئن فرئنسسڪو ويندي مون سفر نامو لکيو، جيڪو ان وقت جي رسالي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيو. مون واري ان سفرنامي ۽ الطاف جي ڪن سفرنامن ۾ چڱي خاصي هڪجهڙائي آهي.
    الطاف هن وقت تائين ٽن ڊزنن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن.جن مان ٽيهارو کن سفرناما آهن. سندس هيءَ تازو ڪتاب ’نيوفيلڊس پبليڪيشن‘ ادارو شايع ڪري رهيو آهي. جيڪو گذريل 17 سالن ۾ پوڻن ٻن سَوَن کان وڌيڪ ڪتاب ڇاپي چڪو آهي. هن اداري جو باني ۽ هلائيندڙ ادو فيروز احمد هڪ جفاڪش ۽ اڻٿڪ پبلشر آهي ۽ هر وقت انهيءَ ڳولا ۾ هوندو آهي ته معياري ڪتاب ملي ته هو ڇپائي. نيو فيلڊس ادارو الطاف شيخ جو خاص الخاص پبلشر ٿو ڏسجي، جنهن هن وقت تائين سندس پنجويهه کان مٿي ڪتاب ڇاپيا آهن، هيءَ ڪتاب ان سلسلي جو هڪ اڳتي قدم آهي ۽ اميد ته اڃا به اڳتي قدم، وارو سلسلو جاري رهندو.
    مخلص
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
    حيدرآباد
    18 آگسٽ 1994ع
    نوٽ: هي پيش لفظ پهرئين ڇاپي لاءِ لکيو ويو هو. جڏهن ته هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ”روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو“ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو پيو وڃي.


    ٽُ ڪئري ڪول...

    ايڪانامڪس جي پروفيسر پئٽرڪ الڊرٽن ڪلاس ۾ ٻڌايو: پاڻيءَ جي جهازن جي مستقبل جي ڪا خبر نٿي پوي. ڪو زمانو هو ماڻهو پاڻيءَ جي جهاز ۾ سفر ڪندا هئا. پر هاڻ غريب غربو هوائي جهاز کي پسند ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح قيمتي ۽ اهم سامان، جنهن جو گهڻو ڀاڙو ٿئي ٿو، هاڻ هوائي جهاز رستي اچي وڃي ٿو. اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته ويهه پنجويهه هزار ٽنن جو جهاز وڏي ڳالهه سمجهيو ويندو هو. سئيز ڪئنال بند ٿيڻ تي جهازن جي مالڪنEconomies of Scale جي تحت وڏي کان وڏا ٽئنڪر جهاز شروع ڪيا، جو پنجويهه هزار ٽنن واري جهاز کان هڪ لک ٽن واري جهاز چئوڻو سامان ڍوئيو ٿي، پر سندس تيل پاڻي ۽ جهاز هلائيندڙ جي پگهار تي ڪو ٻيڻو خرچ مس آيو ٿي. يعني تيل (سامان) جو ٽن في ڍوئڻ تي گهٽ خرچ آيو ٿي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻن لکن، ٽن لکن ۽ چئن پنجن لکن ٽنن جا جهاز ٺهڻ لڳا. پوءِ سئيز ڪئنال کلڻ تي سڀني کي احساس ٿيو ته هي وڏا جهاز سئيز ڪئنال اڪري نه سگهندا جو انهن لاءِ هي سوڙهو آهي.
    ”سائين هڪ دفعو وري ننڍا جهاز مشهور ٿيڻ لڳا، جيڪي سئيز ڪئنال مان لنگهي سگهن. وڏن جهازن جا مالڪ انهن کي نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا. پر ڪنهن لوهه جي اگهه تي به نٿي ورتا. آئون هڪ جهازران ڪمپنيءَ جو ايڪانامڪ ائڊوائيزر هوس. اهي هڪ وڏي جهاز ٺاهڻ جو آرڊر جرمن شپ يارڊ کي ڏئي چڪا هئا. سئيز ڪئنال کلڻ جو ٻڌي پهريون ڪيم اهو ڪم جو ڀڳس ان جهاز ٺاهڻ واري ڪارخاني (شپ يارڊ) ڏي. جيئن آرڊر ڪئنسل ڪرائي سگهان. جهاز جو اڃا ترو(Keel) ٺاهيو هئائون. پڇيو مان اسانجي ڪمپني جو هي آرڊر ڪئنسل ڪري سگهندؤ؟“
    ”ضرور ڪنداسين. نو پرابلم.“ شپ يارڊ وارن وراڻيو.
    ”ڇا کاڌ (Compensation) ڏيڻي پوندي؟“ مون پڇيو مان.
    ”سڄي جهاز جي قيمت!“ شپ يارڊ وارن چيو.
    پوءِ سڄي جهاز جي قيمت ته نه ڏنيسين پر چڱو خاصو معاوضو ۽ منٿ ميڙ سان ان جهاز مان جند ڇڏائيسين. نه ته ايڏو وڏو جهاز ڪنگال ڪري ڇڏي ها. ننڍن جهازن وارا سئيز ڪئنال مان شارٽ ڪٽ ڪرڻ تي هڪ ٽن جي ڍوئرائڻي پنج ڊالر وٺن ته به ڪمائين، اسين اٺ وٺون ها ته به گهران چٽي ڀري ڏيون ها. ان وقت جاڪيترائي وڏا جهاز اڄ بار کڻڻ بدران هڪ هنڌ بيٺا آهن ۽ کين ڪٽ لڳي رهي آهي.“
    وري هڪ دؤر آيو جنهن ۾ هرڪو ”ڪارون ڍوئڻ جا جهاز“ ٺهرائڻ لڳو، جو تيل جي مهنگائيءَ ڪري يورپ توڙي آمريڪا ۾ جپاني ننڍڙيون ڪارون وڌيڪ کپڻ لڳيون. جپان کان ڪارون کڻڻ لاءِ هن قسم جا جهاز مشهور ٿيڻ لڳا جن ۾ ڪار کي کڻي رکڻ بدران ڊرائيو ڪري اندر جهاز ۾ بيهاريو ويو ٿي. پر هاڻ ڪجهه سالن کان اهڙو دؤر اچي ويو آهي جو جپان ۾ پورهيتن جي وڏن پگهارن ڪري اهي جپاني ڪارون جپان ۾ ٺهڻ بدران ايشيا جي مختلف ملڪن ۽ يورپ آمريڪا ۾ ٺهڻ لڳيون آهن. هاڻ ڪار کڻندڙ جهاز (Car Carriers) جي ڪا ضرورت ئي نه رهي آهي.
    ”اڳ ۾ دنيا جي سمنڊن تي رڳو برطانيا جو راڄ هو. پر هاڻ ته هر هڪ ملڪ کي جهازران ڪمپنيون آهن. پر هڪ عمل اڃا تائين ساڳيو آهي ته غير ترقي يافته ملڪن مان ڪچو مال يورپ ۾ ۽ آمريڪا ڏي وڃي ٿو ۽ اتان ٺهيل ٺڪيل مال واپس اچي ٿو. پر ان ڏينهن کان يورپ جا ترقي يافته ۽ ڪارخانيدار ملڪ ڊڄي رهيا آهن جڏهن آفريڪا ۽ ايشيا جو ڪچو مال موڪليندڙ ملڪ انڊسٽري/ ڪارخانن ۾ اڳتي وڌي ويندا ۽ پنهنجي ڪچي مال، مثال طور، ڪپهه، ڪڻڪ، ڪمند، لوهي پٿر مان پنهنجي ئي ملڪن جي ڪارخانن ذريعي ڍاڳو، ڪپڙو، بسڪٽ، کنڊ ۽ لوهه ٽامو ٺاهي وٺندا. ان صورت ۾ نه فقط جهازن جي وڏي تعداد جي ضرورت گهٽجي ويندي پر جهازن جي عمل دخل تي انهن ملڪن جي گهڻي هلندي جن وٽ ڪچو مال پيدا ٿئي. انهن ڳالهين کان علاوه مزدورن جي وڏين پگهارن ۽ يونين بازين به مال جي آمد رفت جو نقشو ڦيرائي ڇڏيو آهي.“
    ۽ پوءِ اسان کان پڇيو: ”توهان ننڍي هوندي ته اهو پهاڪو پڙهيو هوندو ته To Carry Coal to New Castle يعني ان جاءِ تي اها شيءِ کڻي وڃڻ جيڪا اُتي اڳهين گهڻي ۾ موجود آهي ۽ سستي ملي ٿي. ٻين لفظن ۾ بيوقوفي جو ڪم ڪرڻ. پر هاڻ توهان کي تعجب لڳندو ته نيوڪئسل ۾ آسٽريليا کان ڪوئلو گهرايو وڃي ٿو. ان ڪري نه ته ڪو انگلينڊ ۾ ڪوئلي جون کاڻيون خالي ٿي ويون آهن پر ان ڪري ته ڪوئلي جي کوٽائي ڪندڙ مزدورن جون وڏيون پگهارون ۽ ٻيون گهرجون پوريون ڪرڻ تي خرچ اچي ٿو جو آسٽريليا جو ڪوئلو سستو پوي ٿو.


    سر ڪپيو وڃي

    اسان جو هي پروفيسر الڊرٽن انگريز آهي. سندس آمريڪن سان هرگز نٿي پوي. ڳالهه ڳالهه ۾ کين ٽوڪيندو آهي پر پنهنجن انگريزن کي به نه بخشيندو آهي. ٽائٽئنڪ جهاز جيڪو اڄ کان مني صدي اڳ ٻڏي ويو ان بابت چيائين:
    ”ٽائٽئنڪ جهڙا ٻيا جهاز به ٻڏندا رهيا آهن ۽ رهن پيا، پر پريس جي گهڻي گوڙ شور ڪري ٽائٽئنڪ جهاز کي مشهوري ملي ۽ ان بعد جهاز جي سلامتي بابت بين الاقوامي قانون SOLASٺهيو.“
    هڪ ڏينهن اڳ انگلينڊ جي اليڪشن جي نتيجي تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي چيائين: ”جان ميجر هرگز نه کٽي ها ۽ نه کٽڻ کپيس. سندس مخالف کائنس تمام وڌيڪ بهتر آهي.“ پر جان ميجر فقط ان ڪري انگلينڊ جو وزير اعظم ٿي ويو جو کيس ٽي وي تي ڳالهائڻ جو ڍنگ اچي ٿو. ماڻهو امپريس ٿي ويا ۽ اکيون پوري کيس ووٽ ڏنائون.“
    حادثن جي پاليسي بابت چيائين؛ ”جهازن جي مالڪن جي ڪنجوسيءَ ڪري سندن خراب جهازن کي هلائيندڙ موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا. اهڙن حادثن لاءِ دنيا جا ملڪ ڪوشش ۾ آهن ته ڪو آفيسر يا خلاصي سمنڊ تي حادثي جو شڪار ٿي وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ هن فئملي کي ٻه ٽي لک رپيا ته ملن.“ ۽ پوءِ ساهه کڻي چيائين،“ ۽ جي اهو آمريڪن آهي ته پوءِ پڪ ويهه ٽيهه لک.“
    آسٽريليا وارن لاءِ هڪ ڏينهن چيائين:”آئون نٿو سمجهان ته ڪي اهي وري شريفن جا پٽ آهن. اڳئين زماني ۾ اسان جي انگلينڊ جيلن جي کوٽ ڪري، جيڪو چوري چڪاري ڪندي پڪڙبوهو ان کي آسٽريليا موڪلبو هو.“ ۽ پوءِ ڪجهه سوچي چيائين: ”اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن ڏينهن ۾ پنهنجو قائدو قانون هو. ننڍي ننڍي ڳالهه لاءِ به عجيب سزائون هيون. ڪنهن پاڙي واري جي ڪڪڙ چورائي ته حاڪم اهو فيصلوڏيندو هو ته هن جو سر ڪپيو وڃي، يا آسٽريليا موڪليو وڃيس يا رايل نيويءَ جي جهاز تي اٺن مهينن لاءِ سفر ڪرايو وڃيس. ۽ ڪيترا دفعا چور پنهنجي لاءِ اهوئي بهتر سمجهندو هو ته هن سر جو ڪپيو وڃي.“


    تون مذهب کي وچ ۾ آڻيندين

    مئنجمينٽ جو پروفيسر هڪ ستر اسي سالن جو پوڙهو فرينچ ڪئپٽن حوسن نالي آهي. هڪ ڏينهن جهازي ڪمپنين جي نقصانن بابت ٻڌائيندي اسان کان سوال ڪيائين:
    ”جهاز کي نفعي ۾ هلائڻ لاءِ ڪهڙيون شيون ضروري آهن؟“
    ”سائين سٺا جهاز.“ اڳئين ڪرسيءَ تي ويٺل ٽيونيشيا جي شاگرد اياز جواب ڏنس.
    ”ٻيو ڇا ضروري آهي؟“ پروفيسر پڇيو.
    ”ڍوئڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو سامان.“ ڪنهن ٻئي شاگرد وراڻيو. پر پروفيسر جواب مان اڃا مطمئن نٿي لڳو.
    ”سائين آئون ٻڌايانوَ؟“ نائيجرجي آفريڪن شاگرد علي جمبا پڇيو.
    ”ها. ڪوبه ٻڌائي.“ پروفيسر چيو.
    ”سر! ان ملڪ جا خلاصي ۽ آفيسر جيڪي گهٽ پگهار وٺن.“
    پروفيسر کي اڃا سٺي جواب جي ضرورت هئي. هو هال جي ٻي ڪنڊ ڏي نظر ڊوڙائڻ لڳو. اتان ملاوي (آفريڪا) جي شاگرد مسٽر چيزاليءَ اٿي چيو:
    ”اهڙا بندر گاهه جتي جهاز کي گهڻو ترسڻو نه پوي.“
    ”مثال: ملاويءَ جا بندرگاهه.“ ترڪيءَ جي حسن بقال زور سان چيو ۽ سڀ کلڻ لڳا ڇو جو آفريڪا جو ملڪ ملاوي افغانستان وانگر آهي. جنهن کي پنهنجو بندرگاهه يا سمنڊ ناهي.
    پروفيسر اسان کي ماٺ ڪرائي ۽ پوءِ نيٺ پاڻ ئي ٻڌايائين. ”جهازن توڙي ڪنهن هوٽل، ڪارخاني يا واپار وڙي کي سٺي طرح هلائڻ لاءِ سٺي مئنيجمينٽ پڻ ضروري آهي. سٺي مئنيجر تي خرچ ڪرڻ ڪڏهن به نه گهٻرائجي.“
    ”سائين ايمانداري ۽ خدا جو خوف به ته ضروري آهي.“ هڪ ايراني شاگرد اٿي چيو.
    ”ايمانداري، نيڪ نيتي، انصاف، محنت، ڪم جي ڄاڻ، وقت جي پابندي، اهي سڀ هڪ سٺي مئنيجر جي خوبين مان ڪجهه آهن.“ پروفيسر وڌيڪ بحث ۾ پوڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ايراني شاگردن کي ويهاري چيو.
    هڪ ڏينهن ’پورهيت کي ڪم ۾ دلچسپي ڏيارڻ‘ (Motivation) جي عنوان تي مٿيون پروفيسر ڳالهائي رهيو هو ته ’موٽيويشن‘ڇا آهي. ”انسان جي گهرج وارين شين جو پورائو ڪرڻ“ هن ٻڌايو.
    ”مسلو Maslow نالي هڪ عالم جي ٿيوري مطابق انسان جي سڀ کان اول گهرج کاڌو آهي. بکئي پيٽ تي انسان گل گلڪارين، باغ بستانن جو نٿو سوچي. ان بعد سلامتي آهي. ان بعد سماجي ضرورتون آهن. ان بعد سوسائٽي ۾ عزت وغيره وغيره.“
    موراڪو جي شاگرد اڪوح عبدالوهاب هٿ مٿي کنيو..
    ”آئون ان ٿيوريءَ سان Agree نٿو ڪريان.“
    ”ڇو ڀلا؟“ پروفيسر سبب پڇيس.
    ”هينئر نٿو ٻڌائي سگهان جو هن وقت هال ۾ ڪجهه Lady- Students (عورتون) به ويٺيون آهن.“
    ”چڱو هاڻ ويهه. مون تنهنجي ڳالهه سمجهي.“ پروفيسر بيزاريءَ مان، هٿ جي اشاري سان کيس ويهڻ لاءِ چيو.
    پروفيسر هن کي ويهاريو ئي مس ته ايراني شاگردن مان هڪ هٿ مٿي کنيو.
    ”سائين! انسان لاءِ کاڌو، سلامتي، يا عزت کان به وڌيڪ ٻي شيءِ آهي.“ ايرانيءَ چيو.
    پروفيسر پنهنجي واچ ۾ وقت ڏٺو. سندس پيرڊ ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو ۽ اڃا ته کيس ٻه ٽي ٻيون ڳالهيون به ٻڌائڻيون هيون ۽ هي وقت ڪو بحث مباحثي جو نه هو. هن ايراني کان سندس فلسفو پڇڻ بدران هٿ جي اشاري سان کيس ويهڻ لاءِ چيو.
    ”ويهي رهه. هاڻ تون وري مذهب کي وچ ۾ آڻيندين.“
    ساڳئي مٿين پروفيسر هڪ ڏينهن واهه جي ڳالهه ڪئي. چيائين: ”ڪيترن ايشيائي ۽ آفريڪي ترقي پذير ملڪن ۾ پڙهيل ڳڙهيل يا هوشيار ماڻهن مان فائدو نٿو ورتو وڃي. گهڻو ڪري سرڪاري ادارن ۾ ڪيترا صاحب پنهنجي هيٺان ڪم ڪندڙن کي اعليَ تعليم يا هنر سکڻ لاءِ موقعا نٿا ڏين. يونائيٽيڊ نئشن جي ڪيترن ادارن جون مفت جون اسڪالرون ائين ضايع ٿيو وڃن پر صاحب جونيئرن کي ان ڪري نٿا موڪلين ته متان هو وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ ڪري کانئن وڌيڪ پڙهيل لکيل نه سڏجن ۽ نه وري پاڻ اهڙي موقعي مان فائدووٺن ٿا جو کين ڊپ آهي ته سندن غير حاضري ۾ متان سندن ڪرسي کانئن کسجي وڃي يا متان ڪو جونيئر کانئن مٿانهون ٿي وڃي.
    خوش قسمتيءَ سان ڪو نوجوان اعلى تعليم يا هنر سکي اچي ٿو ته هن جي قابليت اداري جي فائدي لاءِ ڪم ۾ آڻڻ بدران ضايع ڪئي وڃي ٿي. هن کي جوڳي Post ڏيڻ بدران ڪا اهڙي ڪنڊ پاسي واري پوسٽ ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ هو پنهنجي حاصل ڪيل علم ۽ قابليت استعمال ڪري نٿو سگهي. هو نمايان ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن گمنام ٿيو وڃي ۽ آهستي آهستي سکيل ڪم وساريو ڇڏي. يا اهڙي قابل ماڻهو کي ڪم ۾ اوور لوڊيڊ يا انڊر لوڊيڊ رکي خوار ڪيو وڃي ٿو. اهو هن ريت: پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڄاڻو نوجوان کي حد کان وڌيڪ ۽ ڳولي ڳولي اهو اهڙو ڏکيو ڪم ڏنو وڃي ٿو جو هو پورو ڪري نه سگهي ۽ پوءِ هر وقت هن کي خوار ڪيو وڃي ٿو ته ڪجهه نٿو اچيس. ٿورو ڪم به نٿو پڄيس، يا وري هن کي ڪجهه به ڪم نٿو ڏنو وڃي. ويٺو مکيون ماري. ماٺ ماٺ ۾ ويهي نيٺ اُٻاسيون ۽ جهوٽا کائڻ لڳي ٿو يا آفيس ڇڏي هيڏانهن هوڏانهن ڦيريون پائي ٿو ۽ پوءِ سندس صاحب هر هڪ کي اهوئي چوي ٿو ته همراهه پنهنجي سيٽ تي نظر نٿو اچي کيس ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ ڌوڙ ڏجي.


    هيڪاندي ماٺ مايوس ڪري ٿي

    هڪ ٻئي عنوان تي ساڳئي پروفيسر ڳالهائيندي، هڪ ڏينهن چيو ته جهاز اور لوڊ ۽ انڊر لوڊ ڪميونيڪيشن ڪري نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿين ٿا.
    جهاز ٻن بندرگاهن جي وچ ۾ ڪيترائي ڏينهن سمنڊ تي جڏهن هوندو آهي ته جهازيءَ کي نه برابر خبر چار ملي ٿي. پهريون ڏينهن اڌ سندس ڏاڍو سڪون سان گذري ٿو. ڊيوٽي ۽ ننڊون ڪندو رهي ٿو. پر پوءِ ذهن ڪجهه ڳالهائڻ ٻولهائڻ بدران، ٻڌڻ سڻڻ، فيصلو ڪرڻ جو سوچي ٿو. پر ڪجهه آهي. ائٽلانٽڪ پئسفڪ جهڙن سمنڊ ۾ ٽي وي، نه اخبار نه ريڊيو گذريل بندرگاهه ۾ درپيش آيل ڳالهين جو هڪ ٻئي سان هڪ ٻه دفعا ذڪر ورجائي ورجائي ماٺ ٿيو وڃي ۽ پوءِ هن جو دماغ عجيب ڪيفيت هيٺ رهي ٿو جيڪا ڪيفيت جيل جي تنهائي يا لڳاتار ڊگهيون ننڊون ڪرڻ ڪري به محسوس ٿئي ٿي. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن جيئن ئي بندرگاهه اچي ٿو ته هنجي هڪ نارمل ماڻهوءَ جيان وري به زندگي نٿي رهي. هو بندرگاهه وارا سمورا ڏينهن اوور لوڊ ڪميونيڪيشن (گفتگو ۽ ڄاڻ) جو شۡڪار رهي ٿو. جهاز جو جيٽيءَ سان لڳڻ سان جهاز جو ايجنٽ ٽپال کڻي ايندو جنهن ۾ گهرو ڳالهيون ۽ مسئلا هڪ طرف هوندا ته هيڊ آفيس طرفان آيل حڪم احڪام ۽ مسئلا ٻئي طرف. جهاز جي انشورنس ڪمپنيءَ ۾ سروي سان واسطو رکندڙ الڳ اچي نڪرندا، جهاز جي مشينري جو نقص ٺاهڻ لاءِ ورڪشاپ وارا الڳ پنهنجي پنهنجي فلاسافي ٻڌائڻ ۾ لڳي ويندا۽ فيصلي لاءِ تري تي بهشت وارو حساب گهرندا. جهاز جي اڳتي سفر لاءِ گهربل تيل پاڻي وغيره جي ضرورت جو حساب ڪتاب معلوم ڪرڻ لاءِ آئل ڪمپنيءَ وارا بحث مباحثو ڪرڻ لاءِ بيٺا هوندا. مطلب ته هڪ منٽ ۾ ساهه کڻڻ جي فرصت نه پئي ملندي آهي ۽ آهستي آهستي مٿي ۾ سور ۽ دماغ مائوف ٿيڻ لڳندو آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ جهازيءَ جو اهڙو حال ٿي ويندو آهي جو دعا گهرندو آهي ته ههڙي بندرگاهه جي زندگيءَ کان سمنڊ ڀلو. پر سمنڊ تي به سندس حال نارمل نه هوندو آهي. اتي وري هيڪاندي ماٺ کيس مايوس ڪندي آهي.“
    جنهن کي رستي جي خبر نه
    ۽ هڪ انڊين پروفيسر- ڪئپٽن وانچيسور پڻ آهي. پاڻ پي ايڇ ڊي هجڻ ڪري ڊاڪٽر پڻ سڏجي ٿو. يعني ڊاڪٽر پروفيسر ڪئپٽن وانچيسور. پاڻ ڏهن سالن کان هن يونيورسٽيءَ ۾ آهي. اسان کي بين الاقوامي معاهدا (Conventions) ۽ شپنگ ائڪٽ پڙهائيندو آهي. وچ وچ ۾ پنهنجي سامونڊي زندگيءَ جا قصا ۽ حادثا ٻڌائي پنهنجو خاص جملو ورجائيندو آهي.
    There is no favourable wind for some one who doesn’t know what course to steer.


    ڪليم ڪوڙو قبضو سچو

    ڀونوچ سمنڊ (Mediterranean Sea) ۾ مالٽا نالي هڪ ٻيٽ آهي جتي دنيا جي واحد انٽرنيشنل مئريٽائيم لا اڪيڊمي آهي. هر سال وانگر هن سال به اتان جو پروفيسر مڪرجي هفتي لاءِ اسان کي ’مئريٽائيم لا’ پڙهائڻ آيو آهي. پاڻ قد بت ۽ ذات مان ئي بنگالي لڳي ٿو. پروفيسر ڪئپٽن مڪرجي ڪلڪتي ۾ ڄائو. اتي جي ئي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ بنيادي تعليم وٺڻ بعد بمبئي جي ڊفرن اڪيڊمي مان ڪئڊٽ ٿي سال ٻه هندستان جي جهازن تي نوڪري ڪئي. ان بعد 1968ع کان 1973ع تائين جرمني ۽ هالينڊ جي جهازن تي Sail ڪيو. 1973ع ۾ ڪئناڊا هليوويو جتي آمريڪن ’بلڪ ڪئريئر‘ (Bulk- Carrier) جهازن تي Sail ڪيو. ڪئپٽن جو امتحان به اتان ڏنائين. ان بعد ڊالهوس يونيورسٽي ڪئناڊا مان 1970ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين ۽ 1980ع ۾ اونٽاريو مان بار ڪيائين. 1989ع کان وٺي IMLA (انٽرنيشنل مئريٽائيم لا اڪيڊمي) ۾ پروفيسر آهي جيڪو ادارو پڻ هن اسان جي يونيورسٽي W.M.U سئيڊن وانگر بين الاقوامي آهي ۽ I.M.O طرفان ٺهرايل آهي. پاڪستان جا ٻه ڄڻا: مئڊم ربينا خرم ۽ ڪمانڊر محمد يار گذريل سالن ۾ هن اڪيڊميءَ مان LL.M ڪري چڪا آهن.
    پروفيسر مڪرجي بيحد هوشيار ۽ کلمک آهي. پاڻ سٺو ڪئپٽن ۽ وڪيل پڻ رهي چڪو آهي. کيس پڙهائڻ جو اهڙو ته ڏانءُ آهي جو وچ ۾ سموڪنگ جا ڏهه منٽ نه ڏيندو آهي ته به ڪو ڪڇندو نه آهي. چارٽرنگ جي عنوان تي پڙهائيندي ٻڌايائين ته چارٽنگ (يعني مقاطي تي کنيل جهازن) جو ڌنڌو ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڦڏا فساد ۽ قانوني مسئلا ايترو ته پيچيده ٿين ٿا جو ان لاءِ سڀ وڪيل اهوئي چوندا آهن ته چارٽرنگ هڪ منجهائيندڙ شيءِ آهي. جنهن کي سمجهڻ هرهڪ جي وس جي ڳالهه ناهي.
    ان تي مونکي هميشه پنهنجو ڳوٺائي ڪئپٽن رشيد ابڙو ياد ايندو آهي جيڪو چارٽرنگ جو ذهين مئنيجر سمجهيو وڃي ٿو ۽ سالن کان ان فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ جيتوڻيڪ اسان جي حساب ۾ هيستائين هر ڳالهه جو ايڪسپرٽ چئي سگهجي ٿو پر بقول سندس:
    ”چارٽرنگ جو واپار ايڏو اونهو آهي جو ان کي سمجهڻ لاءِ ڏهه زندگيون به ٿوريون آهن.“
    مٿيون پروفيسر هڪ ٻيو سبجيڪٽ Salvage (ٻڏل جهاز کي بچائڻ) جي عنوان تي پڙهائيندي No Cure No pay جملو ڏاڍو استعمال ڪندو آهي. جهازن جي ٻڏڻ يا حادثي وقت ڀرپاسي ۾ سال ويج ڪمپنيين وارا جهاز کي بچائڻ لاءِ اچي نڪرندا آهن، جن جو ڪم ئي اهو هوندو آهي. هو صبح جو اٿڻ سان اهائي دعا گهرندا هوندا ته ڪو طوفان لڳي جهاز ٻڏي يا ٽٽي ته ان کي بچائڻي انعام اڪرام حاصل ڪجي. ڪڏهن ڪڏهن نقصان رسيل جهازن کي بچائي ڪناري تائين آڻيندي اهو ٻڏي ويندو آهي ۽ پوءِ بچائڻ وارا (Salvor) جهاز جي مالڪ کي چوندا آهن ته ڪجهه ته خرچي ڪراءِ اسان ٻه ٽي ڏينهن جهاز کي ڇڪي ڇڪي هيستائين ته آندو، هاڻ اها ٻي ڳالهه آهي ته آخر ۾ اچي ٻڏي ويو ۽ صحيح سلامت نه پهتو. هاڻ غريب مالڪ هڪ جهاز ۽ غرق ٿيل ڪارگو جي ڏک ۾ بي حال ٻيو هنن کي ٺل تي انعام ڏئي، نه ته وڃن ٿا ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ.
    سو ان ڳالهه کي مدنظر رکي بين الاقوامي طرح اهو قاعدو ٺاهيو ويو آهي ته بچائڻ واري کي انعام تڏهن ملندو جڏهن هو ڪاميابيءَ سان بچائي ايندو. پوءِ سڄو جهاز ۽ سڀ سامان ته نه پر ڪجهه حصو پتي انهن مان کيس خرچي ڪرائي سگهجي ٿي.، يعني جيسين مريض کي تندرستي حاصل نٿي ٿئي تيسين في ته ڏبي NO Cure No pay بهرحال اها خرچي يا چانهه پاڻي به لکن ۾ ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته اڌو اڌ سالويج Salvage وارن کي ملي ٿي.
    مٿئين جملي کان علاوه ڪئپٽن مڪرجي جي زبان تي هڪ ٻيو جملو پڻ هوندو آهي:
    Finders Keepers Loosers Weepers.
    جن لڌو سي ڦٻيا جن وڃايو سي رڙيا.
    خطري جي حالت ۾ جيڪڏهن خلاصي ۽ ڪئپٽن جهاز ڇڏي Abandon ڪري ڇڏين ته ان بعد ان تي جنهن به قبضو ڪيو ته اهو جهاز ان جو ٿيو. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪورٽ ۾ ان مالڪيءَ جي سلسلي ۾ عجيب نوعيت جا ڪيس اچن ٿا. جيئن اڄڪلهه هتي هڪ اهڙي جهاز جو مالڪ 25 سالن بعد ڪيس ڪري رهيو آهي. يا اڄ کان اسي سال کن اڳ ٻڏل ٽائيٽينڪ جهاز جو ٻڏل سامان سمنڊ جي تري مان ملڻ تي، جهاز جي مسافرن جا پوٽا پوٽيون ڪيس ڪري رهيون آهن ته ان مال ۾ کين به حصو ڏنو وڃي.
    ”توهان جو ڇا خيال آهي ته ٻڏي ويل/ ڇڏي ڏنل شيءِ تي ڪنهن جو حق آهي. جنهن کي ملي ان جو يا جنهن هڪ وار ان کي ڇڏي ڏنو، ان کي موٽائي ڏجي.“ ڪنهن شاگرد وڪيل پروفيسر ڪئپٽن مڪرجي کان پڇيو.
    ڪئپٽن مڪرجي کلي چيو، ”آئون ته اهوئي چوندس Finder Keepers Loosers Weepers. “ ۽ اسان سڀ کلڻ لڳاسين.
    منهنجي خيال ۾ ان جملي جو نعم البدل جملو: ”ڪليم ڪوڙو قبضو سچو“ چئي سگهجي ٿو.


    ماجرا ڇا آهي

    خط استوا Equator اهو خيالي ليڪو آهي جو هن ڌرتيءَ جي گولي کي، اتر اڌ گول Northern Hemisphere ۽ ڏکڻ اڌ گول Southern Hemisphere ورهائي ٿو.
    اهي ملڪ جيڪي خط استوا تي يا ان جي ويجهو ويجهو آهن انهن تي سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا. اونهاري توڙي سياري ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي. انهن ملڪن ۾ ٻارهوئي ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين ٿا. سج اڀرڻ سان تکي روشني ٿي ويندي آهي ۽ لهڻ شرط اونداهه ڪانڀار، پرهه ڦٽي، باک ڦٽڻ يا سج لهڻ بعد شفق جي لالائي ۽ منهن اونداهي جهڙيون شيون ٿين ئي ڪونه. ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور، ڪينيا، زائر، اڪيڊار ۽ ڪولمبيا وغيره جي اها موسم ۽ ڏينهن رات جو حساب ان ريت آهي.
    جيئن جيئن خط استواکان پري اتر ڏي يا ڏکڻ ڏي وڃبو ته اونهاري ۾ ڏينهن ويندا وڏا ٿيندا راتيون ننڍيون ٿينديون وينديون. تان جو اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب ۾ هڪ هيڪاندو وڏو ته ٻي بنهه ننڍي نه برابر. مثال طور اونهاري ۾ اتر قطب جي ويجهو ملڪ ۾ ڏينهن ذري گهٽ چوويهه ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ رات نه برابر. بلڪه لڳندو ائين ئي ته يڪو ڏينهن ئي ڏينهن لڳو پيو آهي ۽ سياري جو مهينو کن وري يڪي رات (اونداهه) پئي هلندي آهي.
    پاڪستان خط استوا کان ڪو تمام گهڻو پري ناهي پر تڏهن به ايترو آهي جو اونهاري ۾ ڏينهن چوڏهن ڪلاڪن جو وڃيو ٿئي ۽ رات ڏهن ڪلاڪن کن جي. ڪجهه مٿڀرو اتر ۾ يعني افغانستان، تاجڪستان، ازبڪستان، ڪزاخستان ۽ ترڪي يونان بلغاريه ڏي هلبو ته ڏينهن رات ۾ اڃا به وڏو فرق ايندو ۽ موسم ويندي ٿڌي ٿيندي. هي ملڪ سئيڊن، جتان هي مضمون لکي رهيو آهيان خط استوا کان تمام گهڻو پري اتر ۾ آهي. بلڪه ائين سمجهڻ کپي ته آخري اسٽاپ آهي. ان بعد اتر قطب- دنيا جي چوٽي اچي ٿي جتي ٻارهوئي برف لڳي پئي آهي. هتي سئيڊن ۾ ڏينهن رات جو تمام وڏو فرق آهي. اڄڪلهه وچ اونهارو آهي ۽ ڏينهن ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ سوا ستين بجي ڌارين لهندو هوندو ۽ ماڻهو رات جي ماني اٺين تائين کائيندا هوندا. هتي به رات جي ماني ائين ئي نائين بجي ڌاري کائون ٿا پر سج لهڻ جو نالو نه وٺندو آهي. ٻئي ڏينهن ملڪل نه هوندي آهي ته دريءَ تي ٿلها پردا ڏئي خيالي رات جو سوچي سمهي رهندا آهيون. پر ٻيو ڏينهن جي موڪل جو هوندو آهي ته ماني بعد وري والي بال يا فٽ بال راند لاءِ نڪري ويندا آهيون. ڏهين يارهين موٽڻ تي به روشني هوندي آهي. ڇو جو اڄڪلهه هتي سج رات جو يارهين سوا يارهين لهي ٿو. سانجهي نماز بعد به ڪافي روشني هوندي آهي. جيتوڻيڪ سج لهي چڪو هوندو آهي. ٻارهين هڪ بجي ڌاري تارا ڪتيون ٽيڙو آسمان تي نظر ايندا آهن پر سگهوئي ڪلاڪ اندر سڀ غائب ٿي ويندا آهن ۽ صبح جو ٻي بجي تائين سج اڀري ايندو آهي.يعني سمهڻي نماز جو وقت هڪ وڳو ته فجر جو پوڻا ٻه هوندو آهي. هتي رهندڙ مسلمانن جو صحيح طرح امتحان هوندو آهي جن کي ڪلاڪ به سمهڻ بعد فجر لاءِ اٿڻو پوي ٿو ۽ انهن لاءِ فجر ائين آهي جيئن تهجد.
    سو هتي سئيڊن ۾ اڄڪلهه اونهارو آهي. سج يارهين کانپوءِ لهندو آهي. اوندهه ٻارهين بجي ڌاري ٿيندي آهي. سج ٻين بجي ڌاري اڀري پر ان کان اڳ ئي روشني ٿي ويندي آهي. يعني صحيح معنيَ ۾ اونداهه ڪانڀار ڪا ڪلاڪ اڌ مس ٿي ٿئي. آئون ڪوشش ڪري ڏهين بجي سمهي رهندو آهيان. جلدي اک کلڻ تي، بنا واچ ڏسڻ جي، سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته آيا رات جا يارهن کن ٿيا آهن ۽ سج اڃا غروب ئي نه ٿيو آهي يا صبح جا ٽي ٿي ويا ۽ سج اڀري به چڪو آهي. ڇو جو ٽين چئين بجي ڌاري سج ڪافي مٿي چڙهي ايندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ ڏينهن جا ڏهه يارهن ٿي ويا آهن. پر چوڌاري ماٺ، دڪان بند ۽ رستا سنسان ڏسي وري سمهي رهندو آهيان. هنن ملڪن ۾ ماڻهو سج اڀرڻ لهڻ تي نه پر واچ ۾ ٽائيم ڏسي هر ڪم ڪن ٿا.
    ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته خط استوائي ملڪن مان- يا ويندي اسان جي ملڪ مان ڪنهن ماڻهوءَ جون اکيون بند ڪري رات جو ٽين بجي هتي آڻي پوءِ کيس ان وقت بنا گهڙيال ڏسڻ جي شهر ۾ ڇڏجي ته هوته وائڙو ٿي ويندو ته هن شهر کي ڇا ٿي ويو آهي جو هيڏو سج اڀري آيو آهي پر ڪو ماڻهو ڇيڻو نظر نه پيو اچي. رستي تي لاري موٽر ناهي. دڪان بند ٿيا پيا آهن ۽ ڪتا ٻلا توڙي پکي پکڻ اکيون پوري ڇپ هڻيو ويٺا آهن. ماجرا ڇا آهي.
    ڏينهن رات جو فرق هجڻ ڪري مجبورن هتي هر ڪم واچ جي ڪانٽن مطابق ڪرڻو پوي ٿو. اسان جي مرحوم ڏاڏي جيڪا اصولن جي سخت هئي ۽ سج لهڻ تي ڏيو ٻاري ڪلمو پڙهي اسان کي مانيءَ تي ويهاريندي هئي ۽ سج لٿي کانپوءِ گهٽيءَ ۾ هرگز کيڏڻ نه ڏيندي هئي. هن جو فرمان هوندو هو ته سج لهڻ جو جيئن ئي وقت ٿئي گهر موٽو ۽ سانجهي نماز کانپوءِ يڪدم ماني کائي سمهي رهو. هن کي واچ جا ڪانٽا ۽ انگ سمجهه ۾ نه ايندا هئا پر ڏينهن جو سج جي ۽ رات جو تارن جي چرپر مان صحيح وقت جو اندازو لڳائي وٺندي هئي. مرحومه جي هتي هجي ها ته ڪڏهن فائدي ۾ ڪڏهن نقصان ۾ هجون ها. اونهاري ۾ راند لاءِ سو وقت ئي وقت هجي ها. پر ماني ضرور دير سان ملي ها جو جيسين سج لهي ۽ رات جو ٻه ڪلاڪ کن مس سمهون ها ته فجر لاءِ اٿاري ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته سياري ۾ سمهڻ لاءِ ڪافي ملي ها جو سيارو ٿيڻ سان ڏينهن تکو تکو سسڻ لڳي ٿو ۽ رات انگهي انگهي ٻاويهه ڪلاڪن جي ٿيو پوي.


    سيارو ۽ خودڪشي

    اڃا به سئيڊن جا شهر مالمو ۽ اسٽا ڪهوم ايترو اتر ۾ نه آهن جيترو سنڊوال (Sundsvall) يا ترنابي (Tarnaby) آهن. ڪرونا (Kiruna) يا ڪاريسئاڊو شهر ته بنهه اتر ۾ آرڪٽڪ سرڪل کان به گهڻو مٿي ستر کن ڊگرين تي آهن. انهن شهرن ۾ اونهاري جو مهينو ٻه، ته ڏينهن ئي ڏينهن لڳو پيو هوندو آهي رات ڪا نالي ماتر ٿئي. (ڪرونا کان آيل هڪ پاڪستاني رمضان مهيني لاءِ دانهون ڪري رهيو هو ته اونهاري ۾ڏينهن ٽيويهه ڪلاڪن جو ٿيڻ ڪري هن کي وڏا روزا رکڻا پيا هئا) چي: ”الله تعاليَ کي روزي جووقت مقرر ڪرڻ کان اڳ ڪرونا جي ماڻهن جو سوچڻ کپي ها.“
    هو اڄڪلهه اسان واري شهر مالمو ۾ رهي ٿو جتي وري به ڪجهه ننڍو روزو ٿئي ٿو. بهرحال رمضان جو مهينو ڦرندو رهي ٿو. اونهاري ۾ جي ڏينهن وڏا ٿا ٿين ته ڪجهه سالن بعد سياري ۾ جڏهن ٿئي ٿو ته پوءِ تمام ننڍا روزا ٿين ٿا. هن پاسي جي ماڻهن کي اهو شڪر ڪرڻ کپي ته اونهاري ۾ به سخت سيءَ هجڻ ڪري روزي ۾ اها اُڃ نٿي لڳي جيڪا اسان وٽ سياري ۾ به لڳي ٿي. باقي بک جون ڪيترائي دانهون ڪن ٿا جو سيءِ ۾ هونءَ به بک لڳي ٿي.
    هنن قطبي ملڪن ۾ اونهاري ۾ ڏينهن وڏو ۽ چٽي روشني وارو ٿئي ٿو ۽ سياري ۾ ڏينهن ننڍو سو به ڪڪر سان ڀريل هجڻ ڪري اوندهه انڌوڪار هوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو هتي جي گهرن کي ٻن قسن جا پڙدا ٿين ٿا. هڪ تمام ٿلها جيڪي اونهاري ۾ ڏئي اوندهه ڪري سمهڻو پوي ٿو ۽ ٻيا ڄاري (Lace) جا سنها جيڪي سياري ۾ ڏنا وڃن ٿا. جيئن پڙدو به رهي ته ٿوري گهڻي روشني به اچي. اونهاري جي اس ۾ گرمائش کڻي نه هوندي آهي پر برف تي پوڻ ڪري اکين تي گهڻي روشني لڳي ٿي. ان ڪري اونهاري ۾ هتي هرڪو ڪوشش ڪري ٻاهر نڪرڻ وقت اس جو چشمو (Sun Glasses) پائي ٿو ۽ ان چشمي ۾ اهي شيشا استعمال ڪيا وڃن ٿا جيڪي سج جا الٽرا وائليٽ (Ultra Violet) ڪرڻا واپس ڪن. هونءَ ته پاڪستان ۾ به اس لاءِ اها عينڪ پائجي جيڪا (Ultra Violet) ڪرڻن کان بچائي، جو اهي ڪرڻا اکين توڙي جسم لاءِ نقصانڪار آهن. بهرحال اها ٿي هڪ سائنسي ڳالهه. ان تي هروڀرو گهڻو سندرو ٻڌڻ ضروري ناهي. خاص ڪري اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي جيڪي زهر مار دوائن جي ڇڻڪار واري ڀاڄي ۽ ميوو به کايو وڃن. ولائتي ڀاڻ تي پوکيل ڪڻڪ کائين ٿا. جراثيمن سان ڀرپور پاڻي پيئن ٿا. دونهاٽيل هوا جو ساهه کڻن ٿا،. سو ظاهر آهي انهن اهم ڳالهين جو ته خيال نه ڪريون باقي رڳو وتون عينڪن لاءِ Ultra Violet Protection وارا شيشا ڳوليندا، عجيب بيوقوفي چئبي.
    هتي سئيڊن ۾ سياري جون راتيون نه فقط وڏيون پر اونداهيون ۽ ٿڌيون ٿين ٿيون. ائين لڳندو آهي ڄڻ ماڻهو ڪنهن غار ۾ پيو آهي. اونداهه ڪري گهٽيءَ ۾ ٻار ٻچو به نظر نه ايندو آهي. اونهاري ۾ رات جو دير دير تائين سج جي هجڻ ڪري ٻارن جو گوڙ گهمسان لڳو رهي ٿو ۽ مائرون کين شام جو اٺين کان وٺي ڇڪڻ شروع ڪنديون آهن ته هلي ماني کائي سمهو جو ٻئي ڏينهن اسڪول لاءِ اٿڻو اٿوَ، پر ڪيترا ٻار رات جا يارهن ڪريو ڇڏين. جيسين سج غروب ٿي وڃي.
    سياري ۾ ڪيترن کي ڊپريشن به ٿئي ٿي. خاص ڪري عورتن کي. هتي جي يورپين جو پوءِ گهڻو زور شراب تي هوندو آهي. ٽي وي وارا ڪوشش ڪري سياري ۾ ٽي وي تي سٺا پروگرام ڏيندا آهن جيئن ماڻهو- خاص ڪري اڪيلا، گهرن ۾ سوچي سوچي مايوسيءَ جو شڪار ٿيڻ بدران پاڻ کي ٽي وي ڏسڻ ۾ مشغول رکن. اونداهي، سيءَ ۽ ڊگهيون راتيون مايوسيءَ جون سبب آهن يا نه پر اها حقيقت آهي ته هتي سئيڊن ۾ خودڪشيءَ جا گهڻا واقعا سياري ۾ ٿين ٿا.


    ٿرماميٽر ڏسڻ بنا گهران نه نڪرجي

    سئيڊن ۾ 19 جون تي مڊسمر هاليڊي ٿئي ٿو. اها موڪل وچ اونهاري جي موڪل سڏبي آهي. سئيڊن جو اونهارو ڇا ٿيندو آهي؟ بس ائين سمجهو ته ٻه چار هفتا سيءَ ڪجهه گهٽبو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سج نڪرندو آهي. اهي ٻه ٽي هفتا ڪوٽن سئيٽرن مان جان ڇٽندي آهي- سو به فقط منجهند ڌاري، صبح جو ۽ رات جو پنهنجي سياري واري سردي هوندي آهي. نالي ماتر ان اونهاري جي ٻن ٽن هفتن ۾ به ڪو ڪو سڄو ڏينهن جهڙ ۽ سيءُ پڻ ٿي ويندو آهي ۽ هڪ دفعو وري ٿلهن اوور ڪوٽن ۽ سوڙين جهڙين جئڪيٽن جي ضرورت پوندي آهي.
    هن دفعي ٻه چار ڏينهن لڳاتار اس نڪرڻ ۽ سيءُ گهٽجڻ تي اسان سمجهيو ته هاڻ ڪوٽ سئيٽرن جي ضرورت نه پوندي- يعني گهٽ ۾ گهٽ اونهاري جا هي ٻه ٽي هفتا، پر ڇنڇر آچر هاسٽل اندر ئي موڪل گذارڻ بعد سومر ڏينهن ڪو سيءَ ٿي پيو، جنهن جو اندازو گرم هاسٽل ۾ اندر ويهي نه لڳائي سگهيس. يونيورسٽيءَ وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ کان اڳ، نيرن تي هاسٽل ميس ۾ ڪئپٽن عاشق ۽ چيف انجنيئر حميد قاضيءَ کي ٽائي ڪوٽ ۾ڏسي پڇيومان:
    ”ابا خير ته آهي. طبيعت صحيح ناهي ڇا؟“
    ”ڇو ڀلا؟“ جواب بدران هنن سوال ڪيو.
    ”اڄ ڪوٽ پائي پيا وڃو؟“ مون پڇيو مان ۽ هو ويچارا ان جو صحيح جواب ڏين ته ”موسم جي تازي رپورٽ موجب اڄ ٻاهر سيءُ آهي.“ ان کان اڳ مون ٽوڪيو مان:
    ”ڪو سيمينار يا نوڪريءَ لاءِ انٽرويو آهي ڇا؟“ ۽ اهو چئي کانئن پري خالي ٽيبل تي نيرن وڃي ڪيم.
    ميس ۾ نيرن تي اچڻ مهل، يونيورسٽي وڃڻ لاءِ ڪتابن جو ٿيلهو يا بريف ڪيس کڻي ايندا آهيون جيئن نيرن بعد وري ڪمري ۾ اچڻ بدران اتان ئي يونيورسٽي هليا وڃون. سو ان ڏينهن نيرن بعد جهڙو هاسٽل کان ٻاهر نڪتس ته ٿڌين هوائن پنهنجو اثر ڏيکاريو. پر هاسٽل کان ايترو پري ۽ بس اسٽاپ جي ايترو ويجهو اچي پهتو هوس جو هاسٽل ڏي موٽي گرم ڪپڙا پائڻ لاءِ فيصلو نه ڪري سگهيس. پٺيان پٺيان علوي پئي آيو. اهو به ڪوٽ مفلر ۾ هو. کيس چيم:
    ”يار اڄ ڏاڍو ڪچو ڪم ڪيو اٿم. هتي جي موسم جي نخري جو ته سوچيو ئي نه هوم.“
    ”اڪثر ائين ٿيندو آهي،“ علوي چيو، ”موڪل وارن ڏينهن بعد موسم کي ڌيان ۾ رکڻ وسري ويندو آهي. هتي يورپ ۾ هر وقت موسم کي ڌيان ۾ رکجي ته هن وقت ٻاهر ڪيترو سيءُ آهي ۽ هوا جي ڇا رفتار آهي ۽ مينهن پوڻ جا آثار آهن يا نه.“
    آئون ٻڏتر ۾ بس اسٽاپ ڏي وڌندو رهيس. سمجهه ۾ نه آيو ته گرم ڪپڙن لاءِ هاسٽل موٽي وڃان يا سيءَ ۾ائين ئي ڏڪندو ڏڪندو يونيورسٽي پهچان. اهو ضروري آهي ته هاسٽل يا يونيورسٽي جي بلڊنگ- توڙي هتي جون آفيسون،دڪان، بسون، ريل گاڏيون ايترو ته گرم رهن ٿيون جو اندر ڀلي چڍي ۽ گنجي ۾ پيو هل پر ٻاهر جي سيءِ جي خبر نٿي پوي پر اڄ جيڪو سيءَ هو اهو ڪو سياري جهڙو سخت، زيرو ڊگرين کان به ڪو هيٺ نه هو ته به چڱو خاصو هو. بلڪ سيءَ لاءِ ته اهوئي چيو ويندو آهي ته سيءَ جو مدار توهان جي ڪپڙن تي آهي. ڀلي ڪيڏو به سخت سيءَ هجي پر جي توهان پنهنجي جسم کي چڱي طرح گرم ڪپڙن سان ڍڪي هلندؤ ته توهان کي گرمي محسوس ٿيندي. پر جي جسم تي پورا پنا ڪپڙا نه آهن ته ٿورو سيءَ به گهڻو آهي جيئن ان ڏينهن مونسان ٿي رهيو هو.
    الله الله ڪري بس اسٽاپ تي پهتس ۽ بس جو انتظار ڪرڻ لڳس. يونيورسٽي جلدي پهچڻ کان وڌيڪ سيءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ بس جو انتظار هوم. چوڌاري نظر ڊوڙايم ته ويندي هتي جا رهاڪو جيڪي ٻه چار ڏينهن اڳ قميصن ۽ بشرٽن ۾ نظر اچي رهيا هئا سي ڪوٽن سئيٽرن ۾ ڍڪيل هئا. اسان جهڙن ڌارين کي ته هونءَ به سيءَ گهڻو ٿو لڳي ۽ مڪاني ماڻهن کان هڪ اڌ وڌيڪ ئي آٿر پاڻ تي چاڙهيندا آهيون پر اڄ ته مڪاني ماڻهو به ڪوٽ پائي پئي هليا. هڪڙو آئون چرين وانگر بنا ڪوٽ سئيٽر جي فقط قميص ۾ ڪن ڪڍيو بيٺو هوس، ايتري ۾ بس آئي ۽ سڀ کان اڳ آئون اندر گهڙي ويس ۽ شڪر ڪيم ته هاسٽل کان بس تائين جي اڌ منزل تي پوري ٿي باقي هاڻ يونيورسٽي بس اسٽاپ کان يونيورسٽيءَ جي عمارت تائين جو فرلانگ ٻه کن پنڌ. علويءَ کي چيم: ”بس اڄ رڳو خير سان شام جو گهر پهچان. باقي آئيندي مجال آهي جو بنا ٿرماميٽر ڏسڻ يا ٽي وي تان Weather Report ٻڌڻ جي ٻاهر نڪران.“ بهرحال يونيورسٽيءَ کان شام جو موٽندي خير هو جو منجهند تائين آسمان ڪڪرن کان خالي ٿي ويو ۽ سج ڌرتيءَ کي چڱي تپش ڏني ۽ صبح وارو سيارو اونهاري ۾ بدلجي چڪو هو.
    سو ان قسم جي مهيني کن جي اونهاري جو اڌ 19 جون تي ٿيندو آهي. اهو ڏينهن موڪل ٿيندو آهي ۽ هتي جا ماڻهو مائٽن، مٽن، دوستن سان گڏ گهڻو ڪري پڪنڪ يا پارٽيون ملهائيندا آهن. هفتو کن اڳ ذوالحج جي عيد ٿي هئي سو هن موڪل مان فائدو وٺندي پاڪستان ايسوسيئيشن وارن ”عيد ملن پارٽي“ به هن تاريخ يعني 19 جون تي رکي. ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري سرتاج ان قسم جي لکت ۾ دعوت ٻه چار ڏينهن اڳ ڏئي ويو هو. گذريل عيد واري دعوت ۾ آئون وڃي نه سگهيو هوس پر هن ڀيري، مسعود پنهنجي ڪار ۾ هتي رهندڙ پاڪستاني شاگردن کي وٺڻ لاءِ آيو ته آئون به ساڻن روانو ٿيس. مسعود هتي جي چند پڙهيل ڳڙهيل پاڪستانين مان هڪ آهي ۽ شهر ۾ ٻه دڪان اٿس. پاڻ هتي ويهن سالن کان رهي ٿو ۽ سندس زال سئيڊس آهي.


    پنجابي ضرور سکي وينداسين

    سئيڊن جي هن شهر مالمو جي ميونسپالٽي جي قبضي ۾ ڪجهه گهر آهن، جيڪي هوءَ مسواڙ تي ههڙن ملاقاتن ۽ شادين مرادين لاءِ ڏيندي آهي. جاگير سرو روڊ تي اهڙي ئي هڪڙي گهر ۾ شام جو چئين بجي گڏجاڻي رکي وئي هئي.جتي گذريل عيد جي ملاقات پڻ ٿي هئي.
    اسان کي مسعود چئين بجاءِ پنجين وٺڻ آيو پر اتي ساڍين پنجين پهچڻ تي به اڃا ’ڪڪڙوتو‘ لڳي پئي هئي. پوءِ آهستي آهستي سئيڊن ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني اچڻ شروع ٿيا ته ايندا ئي رهيا. نائين بجي ڌاري ماني ٿي ۽ ان بعد ڏهين بجي ڌاري جڏهن وڃڻ لڳاسين ته انوقت به ڪي اچي رهيا هئا ۽ ايسوسيئيشن جا مڙيئي عهديدار سندن مانيءَ جي بندوبست لاءِ ڀڄ ڊڪ ۾ آخر تائين لڳا رهيا. وقت تي نه اچڻ هونءَ ته اسان پاڪستانين لاءِ ڪا نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه ناهي پر ههڙي ملڪ ۾ جتي ٻيون شيون ته ٺهيو پر سرڪاري بس به جيڪڏهن هڪ منٽ دير ڪري ٿي ته عجب جهڙي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، اتي چئين بجي اچڻ بدران اٺين نائين اڃا به ڏهين اچڻ هڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي. وقت جي پابندي ته اڄڪلهه محرابپور ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ ٿيندڙ دعوتن ۾ به ڪافي حد تائين قائم رکي وڃي ٿي. هي ته يورپ جي سڌريل ملڪ سئيڊن جو مثالي شهر مالمو آهي!
    جتي اسان اچي ويٺاسين اهو انگريزي اکر ’ايل‘ جي شڪل جو وڏو حال هو، ساڳئي هال ۾ مردن لاءِ الڳ ته عورتن لاءِ الڳ ويهڻ جو بندوبست هو. اسان جي پهچڻ سان ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري سرتاج حسين، صدر عابد محمود ۽ ميمبرن مان محمد شبير آيل هئا ۽ پوءِ جيئن جيئن مهمان ايندا ويا- جن ۾ ميمبرن جو تعداد گهٽ سندن ٻارن جو وڌيڪ هو، تيئن تيئن گوڙ وڌندو ويو. ٻارن جون ٻاهر ڇٻر تي پهرين ڊوڙون هيون ۽ پوءِ دانهون ڪوڪون، پوءِ جهيڙا جهٽا ۽ پوءِ ٻارن جي فيصلن لاءِ مائرن پيئرن وٽ اندر ڊوڙ ڊڪ هئي. فلاڻو هيئن ٿو مون کي چوي. فلاڻو منهنجي هيءَ شيءِ کڻي ويو آهي. پهرين هن مون کي ڌڪ هنيو ان بعد مون ڀتر هنيومانس. وغيره وغيره. بس وڏن ٻارن جون ڊوڙون ۽ دانهون هيون ته ٿڃ تي آيل ٻارن جو روڄ رانڀاٽ هو. بقول هڪ عام جائزي جي ايشيا جي ملڪن۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن جا ماڻهو وڏن جي دعوت ۾ ٻارن کي به پاڻ سان وٺيو هلن ٿا. پر پاڪستانين جو به ڏوهه ناهي. ڪنهن وٽ ننڍا ٻار ڇڏين؟ماءُ، پيءُ، سس، سهرو، پڦيون، ماسيون ڳوٺن ۾ هتان کان هزارين ميل ڏور. آخر هو ڪن سو ڪن ڇا. ۽ پوءِ آهستي آهستي (شايد ٿڪاوٽ ڪري) ٻارن جي ڊوڙڻ ۽ انهن ۾ ڪجهه ڪجهه ڍرائي ايندي وئي ۽ هاڻ ڊوڙڻ، ڀتر هڻن ۽ دانهون ڪرڻ بدران سٺو مارو پاڻيءَجي ڪولر ۽ ڪاڪوس تي شروع ٿي ويو. هر ٻار پهرين ۽ ذري ذري پاڻي پيئڻ چاهيو ٿي. ڪوڪا ڪولا ۽ سيون اپ جو دٻو هتي بيئر کان به مهنگو آهي ۽ ڪوڪاڪولا جي وڏي بوتل جيڪا پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ٻارهين رپئي ملي ٿي سا هتي سئيڊن ۾ ويهين ڪروني- يعني اسي رپئي ملي ٿي. ههڙي مهنگي ملڪ ۾ ڪوڪا ڪولا جهڙو شربت اميرن جي دعوتن ۾ئي نظر اچي ٿو. پر اهو به سٺو جو ممنون ۽ مسعود جهڙن دورانديش ماڻهن هڪ وڏو شاهي ڪولر پاڻيءَ سان ڀري اچي رکيو هو جنهن جي چوڌاري ٻارن جو گهيرو هو يا وري هن بلڊنگ جي اڪيلي ڪاڪوس اڳيان قطار ۾، ٻار هنگڻ، مٽڻ يا الٽيون ڪرڻ ۾ پورا هئا ته سندن مائرون وري کين مارڻ ڪٽڻ يا نئپيون بدلائڻ ۾ بزم بزي هيون. پر سرسري طور سڀ خوش هئا جو سڄو وقت آفيس يا پاڙي وارن سان سئيڊش زبان ڳالهائڻ بدران اڄ کين اڙدو يا پنجابيءَ ۾ گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو هو.
    هتي رهندڙ پاڪستانين جو اسي سيڪڙو پنجاب پاسي جو آهي ۽ جيئن لاهور ۾ پنجابي عام ڳالهائي وڃي ٿي تيئن هتي به گهڻو پنجابي هلي ٿي ۽ پنجاب پاسي وارا هي مئجارٽي ۾ همراهه ڪراچيءَ جي اڙدو ڳالهائيندڙن توڙي مون سان رکي رکي پنجابي ۾ ڳالهائي رهيا هئا. قاضيءَ کي چيم ته سئيڊن ۾ ٻه سال رهڻ بعد هتي جي زبان سئيڊش اچي يا نه پر پنجابي ضرور سکي وينداسين.


    ملڪ جي خوشحاليءَ جو ماپو

    ماني ۾ ڳائي جو ٻوڙ ۽ نان هئا ۽ مٺي (Sweet Dish) ۾ پتائي گجرن جو حلوو. ڳائي جو ڀڳل ٻوڙ مسعود گهران ٺهرائي آيو هو. هتي ڳائو (Beef) کائڻ وڏي عياشي سمجهيو وڃي ٿو اهو گوشت ڪڪڙ ٻڪري جي گوشت کان به مهنگو آهي. نان عراقيءَ جي دڪان تان وٺي آيا هئا. جنهن ويجهڙائيءَ ۾ نانن جو دڪان سوڊروان علائقي ۾ کوليو آهي جتي ڪيترائي سياسي پناهه هيٺ آيل ايراني ۽ عرب رهن ٿا. نان کي اڀامڻ لاءِ هتي اڪثر خمير (Yeast) وڌو وڃي ٿو ۽ اهي نان هتي جي زبان ۾ ’پيتابريڊ‘ سڏجن ٿا. پر هن عراقيءَ زمين ۾ تندور ٺاهي ان ۾ نان پچائڻ شروع ڪيا آهن. في نان ستن ڪرونائن ۾ وڪڻي ٿو. يعني ٽيهين رپئي هڪ نان. پر هن ملڪ ۾ جتي ڪوڪا ڪولا جي بوتل اسي رپئي کن آهي ۽ شهرجي سرڪاري بس جو هڪ اسٽاپ کان ٻئي اسٽاپ تائين ڀاڙو پنجاهه رپيا آهي اتي ٽيهين رپئي جو نان هتي جي ماڻهن لاءِ سستو آهي. کين پگهار به اوڏائي وڏا آهن. باقي اسان لاءِ اهي سڀ شيون مهنگيون آهن ۽ اهڙين شين جي فقط قيمت پڇندا آهيون. باقي هي نانن جهڙيون شيون هتي سئيڊن ۾ وٺڻ بدران موٽي اچي بولٽن مارڪيٽ مان پٺاڻ جي هوٽل تان ڏيڍ رپئي وٺي کائڻ جو پروگرام ٺاهيندا آهيون يا ڪڏهن ڪڏهن ههڙين دعوتن ۾ نصيب ٿينديون آهن.
    ماني شروع ڪرڻ کان اڳ ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري سرتاج کائنس اڳ واري سيڪريٽري کي اسٽيج تي اچي ٻه لفظ چوڻ لاءِ عرض ڪيو. هو تازو پاڪستان جو چڪر هڻي آيو هو سو اتي جون تازيون خبرون ٻڌائڻ لڳو.
    ”ڀائرو ۽ ڀينرو!“ هن پنجابيءَ ۾ تقرير ڪئي. ”پاڪستان وڃي منهنجي ڏاڍي دل خوش ٿي ته اسان جو پيارو پاڪستان ڏينهن رات ترقي ڪري رهيو آهي. موجوده پرائيم منسٽر نواز شريف جي حڪومت ۾پاڪستان بيحد سکيو ستابو ٿي رهيو آهي. (انهن ڏينهن ۾نواز شريف جي حڪومت هئي.) لاهور ۾ڪيترن هنڌن تي مون کي آذربائيجان ۽ ترڪمانستان ۽ تاجڪستان جا واپاري نظر آيا. شهر ۾ صفائي سٺائي ۽ رونق اچي وئي آهي. رستا به عاليشان ٿي رهيا آهن. لاهور کان اسلام آباد جو هاءِ وي به ٺهڻ شروع ٿي ويو آهي، اهڙي طرح پاڪستان جو واپار روس جي رياستن ۽ ٻين ملڪن سان هلي سگهندو. وغيره وغيره....“
    منهنجو دماغ وڌيڪ ٻڌڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو. ۽ هي جو اسان جي مٽن مائٽن، دوستن يارن ڳوٺائين ۽ اوسي پاسي جي ماڻهن جي زندگي ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن عذاب ڪري ڇڏي آهي، ۽ هي جو رڳو هالا ۾ سالن کان سوين گريجوئيٽ نوڪرين ۽ روزگار لاءِ واجهائي بي حال ٿي چڪا آهن ۽ هي جو شام ٿيڻ سان سڄي سنڌ ۾ آمدرفت بند ٿيو وڃي ۽ رستا سنسان ٿيو وڃن ۽ ڪنهن جي به مال ۽ جان جي ڪا سلامتي نه رهي آهي ان جي ته ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه. پر هن جهڙن ڪيترن ماڻهن لاءِ پاڪستان معنيَ رڳو لاهور آهي ۽ هالا، هوسڙي، قمبر ته ڇا سڄو سنڌ ائين آهي جيئن اسلام آباد ۾ رهندڙن لاءِ بلوچستان يا ٿر جو ڪو ڏورانهون ڳوٺ، جيڪو هنن لاءِ ڪابه اهميت نٿو رکي. هنن لاءِ لاهور خوش ۽ خوشحال آهي ته پاڪستان ٺيڪ ٺاڪ پيو وڃي. ۽ هوڏانهن سنڌي ماڻهو پنهنجي عزت ۽ آبرو، لڄن ۽ ٻچن جي حفاظت لاءِ بي حال آهن.
    پنجاب جي هڪ ايم اين اي سان سنڌ جي صورتحال بيان ڪيم ته وائڙو ٿي چوڻ لڳو: ”پر توهان جا ايم اين اي ته اسيمبليءَ ۾ ائين ٿا اچيو سڪون سان ننڊون ڪن ڄڻ سندن تر ۾ هر طرح سان خيريت آهي.“ ان وقت اهوئي احساس ٿيو ته واقعي هڪ ڌارئين ۽ دور دراز رهندڙ کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي. اسان جو پنهنجو ماڻهو جنهن کي ووٽ ڏئي چڱو مڙس ڪري چونڊي اڳيان وڌايو اٿئون ڇا ان کي معلوم آهي ته سندس تر ۾عوام جو ڇا حال آهي. سندس علائقي جا غريب مصيبت جي ڪهڙي جنڊ ۾ سڄو ڏينهن پيسجي رهيا آهن. توهان جي چونڊيل ميمبر ڇا ڪيو آهي؟ کيس ڪيتري قدر ڌرتي ۽ اتي رهندڙن سان پيار آهي؟ هن پنهنجي تر جي ڏکويل ماڻهن لاءِ اسيمبليءَ جي ايوانن ۾ ڪيترو دانهيو پڪاريو آهي ۽ ڳوٺ، تعلقي ۽ ترجي ماڻهن جي مسئلن جي معلومات رکي رکي آهي. منهنجي خيال ۾ کائنس وڌيڪ عزت جو لائق سندس ڊرائيور آهي جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ گاڏيءَ جي ڏکويل پرزن جي ته ڄاڻ آهي ته هو گاڏي هلائي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان ڏئي ٿو.


    هينئر اسين ڀنگي چوڪيدار به نه آهيون

    خبر ناهي ڪنهن وقت تقرير ختم ٿي. تاڙين جي آواز تي اسان جو رولاڪ ذهن وري اتي موٽي آيو ۽ اسان به ٻين سان گڏ تاڙيون وڄايون- خبر ناهي ته رسم نباهڻ لاءِ، يا پياري پاڪستان جي خوشحاليءَ جي خبر ٻڌي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ. (يا شايد تقرير مان جان ڇٽڻ تي سرهائي ڏيکارڻ لاءِ.) بهرحال تاڙي وڄائي ڀر ۾ ويٺل همراهه کي چيم:
    ”بهت خوب!“
    ”واقعي!“ هن وراڻيو، ”ملڪ جي ترقيءَ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اهڃاڻ ٿي سگهي ٿو ته ڏينهون ڏينهن پاڪستاني ناڻي جو اگهه هاڻ چڙهندو وڃي.“
    اسان جي ڳوٺ جي مرحوم مسعود مجاور، يار محمد مٺائي واري، محرم ڪاسائي ۽ صالح ساٽيءَ جهڙن دلبر ماڻهن جهڙا سئيڊن ۾ رهندڙ هي اسانجا سادي طبيعت جا پاڪستاني، نڪو پڙهڻ ٽائيم يا نيوز ويڪ رسالو ۽ نه وري فار ايسٽرن ريويو يا ايڪانامسٽ، خبر ناهي ناڻي جي پيچيدگين بابت ڪٿان ۽ ڪهڙي دشمن کان ابتيون خبرون ۽ افواهه ٻڌي اچيو ههڙن محفلن ۾ ڪن ۽ خوش ٿين.
    آيل مهمانن ۾، ڪجهه اهڙا چهرا جيڪي ٻنهي عيدن تي نماز تي مسجد ۾ نظر آيا هئا پر هن محفل ۾ نه هئا، ڀر ۾ ويٺل شبير کان انهن بابت پڇيم. خاص ڪري هڪ ٻن چهرن بابت جيڪي مسجد ۾ نماز لاءِ غاليچا وڇائيندي ۽ صفون سڌيون ڪرائيندي ذري ذري نظر ايندا آهن.
    ”انهن اسان جي ايسوسيئيشن کي ڇڏي پنهنجي ڌار سوسائٽي ٺاهي آهي، جيڪا پاڪستان ڪلچرل سوسائٽيءَ جي نالي سان سڏجي ٿي. اهي ههڙن موقعن تي ڌار گڏجاڻي ڪن ٿا ۽ منهنجي خيال ۾انهن جي به اڄ ئي گڏجاڻي آهي.“ شبير ٻڌايو.
    ”پر هن شهر مالمو ۾ پاڪستاني آهن ڪيترا جو ٻن سوسائٽين جي ضرورت پيش آئي.“ مون پڇيومانس.
    دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته هتي هن پاسي جي ملڪن ۾ اسان جي پاڪستانين ۾ مزدور ۽ اڻ پڙهيل طبقو گهڻو آهي جنهن کي سهپ گهٽ آهي ۽ ذري پرزي جي ڳالهه تي هو عزت جو سوال وڌيڪ محسوس ڪن ٿا. پهرين پاڪستانين جي هڪ ئي سوسائٽي هئي. فلاڻو همراهه جيڪو هر سال سوسائٽي جي عهدي تي چونڊيو آيو ٿي سو گذريل سال گهٽ ووٽ ملڻ ڪري نه چونڊيو. ان تان هو بگڙي ويو ته سوسائٽيءَ جو بنياد اسان وڌو ۽ هاڻ اسان کي ئي ووٽ نٿو ملي ته اسان کي اهڙي سوسائٽيءَ کان ئي بس آهي. اسان ٻي پنهنجي سوسائٽي ڪنهن ٻئي نالي سان وڃي ٿا ٺاهيون. ۽ سائين منهنجا چند حمايتي ساڻ ڪري هنن پنهنجو ڌار ٽولو وڃي ٺاهيو آهي.“
    مون کان ٽهڪ نڪري ويو، جنهن تي شبير به کلي چيو: بس يار! اهائي ته نشاني اسان جي پاڪستاني هجڻ جي آهي. اسان وٽ جمهوريت اها آهي ته پاور رڳو مون وٽ هجي. ملڪ ۾ ماڻهو ورهائجي ۽ ڇڙوڇڙ ٿي وڃن پر آئون لٺ سردار سمجهيو وڃان. پڏڻپائي منهنجي ئي هلي.“
    مانيءَ بعد ٽيبل تي هٿ اگهيل پنن جا نئپڪن، هڏا، نانن جا ٽڪرا ۽ اڌ کاڌل ۽ باقي اڌ بچيل ٻوڙ ۽ سلاد جا پن پکڙيل هئا. پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي مون پنهنجي اردگرد جا ذرا پرزا هڪ پليٽ ۾ گڏ ڪرڻ چاهيا ٿي ته سيڪريٽري سرتاج چيو:
    ”پليٽون اتي ئي پيون هجن. انهن جي کڻڻ ۽ صفائي جو هن ڀيري بندوبست آهي.“
    ايتري ۾ گورا همراهه پلاسٽڪ جي وڏي ٿيلهي، ڪچري لاءِ کڻي آيا. پليٽن ۽ ٽيبل تي بچيل ذرا پرزا ان ۾ وجهي، ڌوئڻ لاءِ پليٽون گڏ ڪرڻ لڳا.
    ”هي انگريز ڪير آهن؟“ مون پڇيو.
    ”هنن کي سؤ ڪرونا ڪلاڪ جي حساب سان ڏئي صفائيءَ لاءِ گهرايو اٿئون. ٻن ڪلاڪن جا چار سؤ ڪرونا وٺندا پر پنهنجي جان ڇٽي ويندي. نه ته دعوت بعد هرڪو مهمان موڪلائڻ ۾ پورو رهي ٿو ۽ ٿانوَ تپا ڪير کڻي ڌوئي ۽ سڪائي.“
    عجيب فئنسي ڊريس نمونو لڳي رهيو هو. اسان پاڪستاني ڪي شلوارن قميصن ۾ته ڪي ڪالر ڦريل ڪوٽ پتلونن ۾ ڏند کوٽي رهيا هئاسين، يا ٻارن جي رڙين جي بئڪ گرائونڊ ۾ سامهون واري ٽيبل تي ويٺل ٻين همراهن سان وات ڦاڙي خبرون ڪري رهيا هئاسين ۽ هي ٻه يورپين همراهه ڪمپليٽ سوٽن ۾ ٽيبلن جي صفائي ڪري رهيا هئا ۽ اسان جي بي افعالي نموني کائڻ تي ضرور سوچي رهيا هوندا.
    ”نه.“ هن وراڻيو.
    ”ته پوءِ پڪ پولش هوندا.“ مون خاطريءَ سان چيو، ڇو ته هن تر ۾ پولينڊ جا ماڻهو غريب آهن. ٽرڪن تي بجري ڍوئڻ، رستن ۽ عمارتن جي صفائي ڪرڻ، يا هوٽلن، ڪارخانن ۽ دڪانن تي بئرا يا مزدور ٿي ڪم ڪرڻ تي گهڻي ڀاڱي هن ڀر واري ملڪ پولينڊ جا رهاڪو نظر اچن ٿا. پر سرتاج ٻڌايو ته اهي يوگوسلاويه جا آهن.
    ”اڄڪلهه يوگو سلاويه ۾ ملسمانن جو قتل عام ۽ هنگامو هجڻ ڪري اتي جا ڪيترائي ماڻهو هيڏانهن ايندا رهن ٿا ۽ کين هتي به نوڪري نٿي ملي. پر اسان پاڪستاني ڪوشش ڪري انهن مسلمانن جي مدد ڪريون ٿا.“
    ٽيبل ۽ ٿالهين چمچن جي صفائيءَ بعد، اسان جي پويان پيل هڪ ننڍڙي ٽيبل تي هو جڏهن ماني کائڻ لاءِ ويٺا ته آئون به ساڻن وڃي ويٺس.هنن يوگو سلاوين ۽ سئيڊش زبانن کان علاوه ڪجهه انگريزي به ڳالهائي ٿي، جنهن ذريعي هنن پنهنجي اندر جو اظهار هن ريت ڪيوِ:
    ”وطن جا ڪک ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڌارئين ملڪ ۾ ڪير ڪنهن کي ڪيترو ڏيندو ۽ ڏيندو به ته هر هر پيو ساهيندو. يوگوسلاويه جي هر هڪ صوبي ۾ ڇا ڇا نه آهي. پيار محبت سان، حق انصاف سان ونڊي ورهائي جيڪر کائجي ته هرهڪ جي حصي ۾ گهڻو ڪي ڪجهه اچي سگهي ٿو ۽ سڀ امن امان سان رهي سگهن ٿا. هوڏانهن ايشيا جي پٺتي پيل ملڪن سينگاپور ملائيشيا جهڙا هڪٻئي جي عزت ۽ حق انصاف تي هلڻ ڪري ڪيترين قومن، زبانن ۽ مذهبن جي مڪسچر هوندي به خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هيڏانهن يورپ جيڪو پاڻ کي گهڻو سڌريل سمجهي ٿو ان ۾ اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو مذهب ۽ لساني جهڳڙن ۾ اهڙو ته الجهيا آهن جو ان جو دنگ پري پري تائين نظر نٿو اچي. هڪ هنڌ ويهي ٿڌي دماغ سان فيصلا ڪرڻ بدران هر هڪ اهو ٿو سمجهي ته هن وٽ ٻئي کان وڌيڪ هٿيار آهن. ان ڪري ان جي ئي هر ڳالهه کي اهميت ڏني وڃي. حق انصاف، پيار محبت بدران هرڪو گوليءَ جي ٻوليءَ کي نجات جي راهه سمجهي رهيو آهي ۽ هاڻ ڏسندي ڏسندي انسانن بدران انهن ڪڪڙن جي ويڙهه ٿي ويئي آهي، جنهن ۾ ڪڪڙ وڙهڻ بس ڪرڻ جو سوچين به ٿا ته انهن جا مالڪ ۽ تماشبين ’هُش هُش- متان ويو اٿئي‘ ڪري کين وڌيڪ وڙهڻ لاءِ آماده ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ٻه ڌريون سنئين راهه جو سوچين به ٿيون، ويڙهه ۾ ٺاپر به اچي ٿي ته اندر ۽ ٻاهر جون دشمن طاقتون ٻنهي کي ويڙهائڻ لاءِ سندرو ٻڌائين ٿيون. آخر هنن کي پنهنجا هٿيار پنهوار، بندوقن، بمن جا ڪارخانا به ته هلائڻا آهن ۽ هنن جي جيت ملڪن، صوبن، قومن جي ڪمزوري آهي.اهوئي سڀ ڪجهه اسان وٽ يوگو سلاويه ۾ ٿي رهيو آهي. جيڪو سلاويڪيا ۾ ٿي رهيو آهي. پاڪستان هندستان ۾ ٿي رهيو آهي، نائيجيريا، ڪينيا، گهانا ۾ ٿي رهيو آهي، عراق ايران ۾ ٿي رهيو آهي ۽ اڃا خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ملڪ ۽ قومون ان باهه جي ڄڀيءَ هيٺ ايندا ۽ بيروت، سريلنڪا، نبورو ڪارا باغ ۽ بوسنيا بنبا.“
    توهان تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل لڳو ٿا.“ مون چيو مان.
    ”شايد!“ هنن نهٺائيءَ سان وراڻيو.”هتي اچڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ ۾ ڇا هئائو.؟“ مون پڇيومان.
    ”ماضيءَ جي مٿاهين مان ۽ رتبي کي ياد ڪري پاڻ کي مونجهاري ۾ رکڻ اجايو آهي. ماضي ماضي آهي. حال حال آهي. هينئر اسان ڀنگي چوڪيدار به نه آهيون. ڪنهن کي دل ۾ پوي ٿو ته ڪنهن ڪم لاءِ پارٽ ٽائيم نوڪري ڏئي ٿو. پر اهو به شڪر آهي. حالتون جي ٿوريون به صحيح مليون ته محنت، ايمانداري، عقل ۽ حاصل ڪيل تجربي ۽ علم جي آڌار تي، اميد اٿئون ته هڪ ڏينهن اهو مقام ماڻي سگهنداسين جنهن جي اهليت رکون ٿا.“


    پوسٽ مان چوري

    هڪ دفعي سئيڊن ۾ رهندڙ پاڪستاني همراهه سرتاج جي گهر ڳالهين ڪندي اوچتو ڪراچيءَ ۾ هلندڙ هنگامن ۽ ڪرفيو جي ڳالهه اچي نڪتي.
    پورٽ قاسم جي چيف انجنيئر ڪمال علويءَ چيو: ”ٽي هفتا ٿيا آهن، نه مونکي ڪراچيءَ کان خط مليو آهي ۽ نه منهنجو کين ملي ٿو.“ ۽ پوءِ مونکان پڇيو: ”توکي ملن پيا؟“
    ”هتان هُتان جا ته ملن پيا، مثال طور گذريل هفتي ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ مان پوسٽ ٿيل خط ته ملي ويا پر پاڪستان کان مون کي به نه مليو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر جاڳو اخبار باقاعدگي سان ايندي آهي سا به ٻن هفتن کان نه آئي آهي.“ مون کين ٻڌايو.
    ”مون ٻڌو آهي ته اڳ ۾ به ائين هفتو ڏيڍ ٽپال کاتو بند ٿيو هو. خطن جا مڻ گڏ ٿي ويا جيڪي پوءِ هنگاما ڪندڙن يا ٻين ٻاري ڇڏيا. ڪن هنڌن تي ته علائقي جي ٽپال جو پوسٽ آفيس ٻاهران ڍير لڳايو ويو. جنهن کي مليو سو مليو باقي هيٺ مٿي ٿي ويا.“ راحت چيو.
    ”يار ائين به ٿيندو هجي ته ٽپالي گهر کڻي وڃي کولي ڏسندا هجن. جنهن لفافي مان نوٽ نڪتو ته رکي ڇڏيندا هوندا.“ ميزبان سرتاج چيو.
    ”پاڪستان ۾ ڇا لفافي ۾ نوٽ وجهي موڪلڻ جي اجازت آهي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
    ”نه. اسان ته بئنڪ جي معرفت پئسا موڪليندا آهيون، پر منهنجومطلب آهي ته پاڪستان جو پاڪستان مان ٿي سگهي ٿو ڪي ڏهه ويهه روپيا لفافي ۾ وجهي موڪليندا هجن. هاڻ اهي ڏهه رپيا واپس ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ويهي مني آرڊر ڪجن. مڪتبه اسحاقيه وارن کي نماز ۽ وضوءَ جي طريقي جي ڪتابڙي خريد ڪرڻ لاءِ ڪير ملير لانڍيءَ کان هلي جهونا بازار سندن دڪان تي ويندو يا ان جي قيمت جي ادائيگي لاءِ چئن رپئي جو ڪهڙو ويهي مني آرڊر ڪندو. پنجين رپئي جو نوٽ لفافي ۾ ئي وجهي دڪان جي مالڪ عبدالغني ڏي موڪليندو هوندو.“
    ”ها اها ڳالهه آهي. پر ٽپال جهڙو کاتو ان قسم جي چوري نه ڪندو هوندو، جنهن جو نعرو ئي آهي، ”ديانتداري.“ مون چيو. جواب ۾ سرتاج شڪل چٻي ڪري بيزاريءَ جو اظهار ڪندي چيو:
    ”يار اهڙا نعرا ۽ سلوگن ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم جا ڪيئي آهن پوءِ؟ انهن تي ڪو هلي ته پوءِ امن قائم ڪرڻ لاءِ هي فوج، هي ڪرفيو، هي چوري چڪاري ۽ دهشتگردي ڇو ٿئي.“
    ”يار مون کي ته فڪر منهنجي ڏهه هزار روپين جي چيڪ جو اچي لڳو آهي، جيڪو مون انهن هنگامن دوران هڪ دوست کي خط ذريعي موڪليو آهي.“ ڪئپٽن عاشق خان چيو.
    ”چيڪ ته ڪڏهن به خط ذريعي نه موڪلجي.“ راحت چيو.
    ”پر ايتري عقلمندي ڪئي اٿم جو دوست جي نالي ڪراس ڪري موڪليو اٿم. هاڻ ٻئي ڪنهن کي نه ملي سگهندو.“ عاشق چيو.
    ”ڪئپٽن عاشق ڪهڙيون ويٺو ڳالهيون ڪرين،“ راحت چيو، ”اها ته ڪا وڏي ڳالهه آهي ڪانه. جنهن کي اهو چيڪ هٿ اچي ويندو سو ان نالي جو ڪنهن بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولي، اهو چيڪ ان ۾ جمع ڪرائي ٻئي ڏينهن ڪئش ڪرائي وٺندو.“
    ”اوه خانا خراب! چئبو ته غريب جا پئسا هيٺ مٿي ٿي سگهن ٿا.“
    عاشق رڙ ڪري چيو.
    ”بلڪل. ڪئين اهڙا فراڊي پلاٽي ماڻهو پيا آهن جن جي ڳالهه ڪري کڻي بس ڪر.“ راحت چيو، ”هڪ دفعي اسان جو جهاز بريمن (جرمني) کان ڪراچي اچي رهيو هو. اتي اسان جي ڪراچي آفيس سان واسطو رکندڙ هڪ سرڪاري ڪاموري جو ڀاءُ ڪو ڪورس ڪري هاڻ پاڪستان موٽيو ٿي. موقعي جو فائدو وٺي هن پنهنجا ڪتاب، ڪپڙا رڌڻي جو سامان، پليٽون چمچا ڪانٽا وغيره ۽ ٻيو هلڪو ڦلڪو سامان ۽ بچيل پئسا اسان جي چيف انجنيئر بدرمنير کي ڏنا ته هو مهرباني ڪري اچي کڻي وڃي، جيئن پاڻ ٻن هفتن بعد ٻين ملڪن جي ٽوئر هڻي هوائي جهاز رستي اچي.،“
    ”آئون انهن ڏينهن ۾ ان جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر هوس. بدرمنير صاحب مون کي ۽ ٿرڊ انجنيئر کي گهرائي چيو ته هي ڪم ڪرڻو آهي. ڪمرا ننڍا اٿئون، سو ٿورو ٿورو سامان ورهائي پاڻ وٽ رکو. ٿورن ڏينهن جي ڳالهه آهي. ڪراچيءَ مان اچي کڻي ويندو يا کڻائي وڃڻ جو بندوبست ڪندو.
    ”جرمنيءَ مان سامان روانو ڪري پاڻ پنهنجي ڀاءُ کي خط لکيائين ته هي هي سامان ۽ هيترا پئسا روڪ آهن، جيڪي فلاڻي جهاز جي انجنيئر هٿان موڪلي رهيو آهيان. ڪو ماڻهو موڪلي گهرائي وٺجو جيئن ڪو اجايو ڪسٽم نه لڳي. هاڻ ڇا ٿيو جو اهو خط ڪنهن ٽپال جي ماڻهو يا ڪنهن شاهينگ جي هٿ چڙهي ويو ۽ جهاز جيئن ئي ڪراچيءَ پهتو ته پهرين ڏينهن ئي اهو همراهه خط سان جهاز تي پهتو ۽ سڌو مون وٽ آيو ته آئون فلاڻي همراهه جو سؤٽ آهيان ۽ سامان کڻڻو اٿم. هاڻ اسان کي ڪهڙي خبر. ويتر جو خط سندس هٿ ۾ هو جنهن ۾ هڪ هڪ شيءِ جو تفصيل هو ته بحث ڪرڻ اجايو هو. پر خدا جو شڪر ٿو ڪريان جو هڪ ڪم چڱو اهو ڪيم جو يڪدم سامان ڪڍي ڏيڻ بدران کيس پنهنجي چيف انجنيئر وٽ وٺي ويس ته هيءَ ڳالهه آهي هاڻ ڇا ڪجي. تنهن به چيو ته بلڪل صحيح آهي. کيس سامان ڏيئي ڇڏيو ۽ پاڻ روڪڙا پئسا پڻ ڳڻي هن جي حوالي ڪيا. پوءِ هو ان ئي وقت پنهنجي ڪار ۾ ٿورو ٿورو ڪري سامان ڪڍڻ لڳو ۽ ٻئي ڏينهن تائين ڪڍي پورو ڪيائين. مون کي ۽ ٿرڊ انجنيئر کي به لالچ ٿي ته ٻيلي هن جا ته ڪي ڪسٽم وارا سڃاڻو آهن ڇو نه ٿورو پنهنجو سامان به ڪڍرايون. سو گهر لاءِ ورتل استري، ريڊيو، رانديڪا کيس ڪڍڻ لاءِ عرض ڪيوسين. پاڻ وعدو ڪيائين ته جيئن ئي صاحب جو سامان نڪري بس ٿيندو ته اسان جي به مدد ڪندو. بهرحال پوءِ اسان جو سامان ته نه ڪڍيائين پر آخر ۾ اچي مهرباني جا ٻه لفظ به نه چيائين ۽ چئي به ڪيئن. چور ماڻهو پرايو سامان چورائڻ ۾ئي پورو هو ۽ شڪر جو اسان جو نه ڪڍيائين نه ته اهو به غائب ٿي وڃي ها.
    ”هاڻ اسان سڀ پنهنجي پر ۾ خوش ته ڪنهن آفيسر جو ڪم ڪيو اٿئون. خبر تڏهن پيئي جڏهن جهاز جي رواني ٿيڻ واري ڏينهن سامان جا اصل مالڪ اچي سهڙيا. پوءِ ته جيڪا پشيماني ٿي ان جو بيان نٿو ڪري سگهجي. گهڻو ئي پوليس ۾ رپورٽون لکرايون سين، اسان ان همراهه جا منهن مهانڊا ٻڌايا پر اڄ تائين نه مليو سو نه مليو. سو اهڙا به چور پيا آهن جيڪي پوسٽ مان خط چورايو وڃن.“


    سسٽم ڊانوان ڊول ٿي ويو آهي

    اسان جي هاسٽل جون دريون پينٽ ڪرڻ وارو همراهه سٺي انگريزي ڳالهائي رهيو هو.
    “Are you Swedish?” راحت کان پڇيو.
    ”بلڪل نج سئيڊشBorn Swedish آهيان. ماءُ پيءُ ٻئي سئيڊن جا اٿم.“ هن وراڻيو.
    ”ڇو ڀلا ايترو ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت؟“ اسان کيس چيو.
    ”ڏسو نه! هتي ڪيترائي سئيڊش هلن پيا جيڪي رنگ ۾ اسان جهڙا گورا آهن. پر هنن جو هڪڙو Parent (ماءٌ يا پيءُ) مس سئيڊش آهي ۽ ٻيو جرمن آهي يا پولش. انگريز آهي يا اسٽرين. ان کان علاوه هاڻ ته ڪيترائي يوگوسلاوين، ايراني، عراقي، ترڪ، آفريڪن اسان جي ملڪن ۾ ڌوڪي پيا آهن، جيڪي پاڻ کي سئيڊش سڏرائين ٿا. اميگريشن ۽ ويزا جي سختي جي باوجود ڪيترائي غير قانوني ديرو ڄمائي ويا آهن.“ هن وراڻيو.
    ”چئبو ته توهان ڌارين جي هتي مستقل رهائش پسند نٿا ڪريو؟“ اسان پڇيس.
    ”هرگز نه. آفريڪن، ايرانين، ڪردن، عربن، ترڪن ۽ ٻين ايشيائي ماڻهن جي اچڻ ڪري اسان جي ڪلچر ۽ ماحول تي اثر پيو آهي. اسان اسڪينڊينيوين (قطبي) مُلڪن جو يورپ جي ملڪن کان نرالو اسٽائيل آهي. اتي آفريڪا ۽ ايشيا جي ايترن اميگرنٽس (ڌارين) اچڻ ڪري اسانجو سسٽم ئي ڊانواڊول ٿي پيو آهي.“
    سئيڊن جي هن شهر مالمو جو ئي مثال ورتو وڃي ته چوڌاري ڪيترائي ڌاريا نظر ايندا. ايراني، عراقي، افغاني، ويٽنامي، پانامن وغيره وغيره. جن مان ڪي افغانستان جي جنگ ۾ هليا آيا ته ڪي خميني جي ڏينهن ۾. ڪي عراق، ايران جنگ دوران ته ڪي ناريگا کي جهلڻ ۽ سياسي ماڻهن جي وٺ وٺان تي اچي هتي نڪتا. ڪن اٿوپيا، سوڊان، گهانا، نائيجريا، صوماليا جي هنگامن، حڪومتن جي ڊاهه ڊوهه ۽ ڏڪار کان اچي هتي سياسي پناهه ورتي. ان کان علاوه ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي اڇا هجڻ ڪري ظاهري طرح ته لڳي ٿو ته هتي جا ئي هوندا پر انهن ۾ به ڪيترائي يوگوسلاوين، البانيا يا ترڪي، ايراني، عراق جا ڪرد، رومانيا، پولينڊ ۽ ٻين يورپي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي غريب ملڪن جا آهن. بقول وزير سومري جي سياسي پناهه وٺندڙ کي، هتي جي قاعدي موجب، سندن خرچ پکي لاءِ حڪومت ٽي چار هزار ڪرونا (ٻارهن پندرهن هزار رپيا) ماهانو خرچ ڏئي ٿي ۽ جيسين سال ٻن بعد ڪورٽ ۾ فيصلو ٿئي ان ۾ ئي هو امير ٿيو وڃي. پوءِ جي کيس هتي رهڻ جي موڪل مليو وڃي ته به خوش پر جي واپس موڪليووڃي ٿو ته به بچايل ٻن ٽن لکن مان هو خوشحال زندگي وڃيو گذارين.
    ”اڄ کان پندرهن ويهه سال کن اڳ هنن ملڪن ۾ ايندا هئاسين ته ورلي ڪو ڌاريو نظر ايندو هو. آمريڪا انگلينڊ ڏي جام هئا پر هنن ٿڌن ملڪن ڏي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ رُخ رکندو هو. بلڪه ڪيترن کي ته هنن ملڪن جي ڪا گهڻي ڄاڻ نه هئي. پر هاڻ واقعي تمام گهڻا ڌاريا نظر اچن ٿا.“ مون چيو.
    ”حڪومت بارڊرن تي تمام گهڻي سختي ڪئي آهي. ويزا به وڏي مشڪل کانپوءِ ڏئي ٿي، ان هوندي به ڪيترا لڪيو ڇپيو پهچيو وڃن.“ وزير ٻڌايو.
    ”انهن مڙني ۾ ايراني تمام گهڻو نظر اچن ٿا. جيئن ڪراچيءَ ۾ سبزي مارڪيٽ ۽ جمع مارڪيٽن تي پٺاڻ ڇانيا پيا آهن تيئن هنن جي اهڙين مارڪيٽن ۾ ايرانين جي ذات نظر اچي ٿي. لڳي ٿو ته خمينيءَ جي انقلاب وارن ڏينهن ۾ هنن سئيڊن ڏي ئي رخ ڪيو.“ مون پڇيو. ”هائو. انهن ڏينهن ۾ به. پر ان کانپوءِ به ايندا رهيا. هنن ۾ هڪ هتي جي رهاڪو ايراني همراهه واپار طور سٿن جا سٿا ايران کان گهرايا. اسان پاڪستاني يا ٻيا ته اڪيلي سر فقط مرد ماڻهو آياسين پوءِ هتي جي رهائش وٺي پنهنجي وطن شادي ڪري زالون وٺي آياسين پر ايرانين جا ته خاندان جا خاندان هتي پهتا. ويندي پاڙن جا پاڙا، هي همراهه ايجنسين ذريعي ايرانين کان پئسا وٺي کين هتي غير قانوني طرح لڪ ڇپ ۾ گهرائيندو ويو. پوءِ هتي جي حڪومت کيس پڪڙيو به پرڪيس ٺهي نه سگهيو ۽ ڇڏي ڏنائونس. پاڻ اهوئي چيائين ته هن پئسن تي اهو ڪم نه ڪيو آهي. هن انساني همدردي ڪارڻ ڏکويل ۽ ڏتڙيلن جي مدد ڪئي آهي.


    نئون آيل ڦاسيو وڃي

    سرتاج جي گهر ٽي وي ڏسي رهيا هئاسين. خبرن ۾ يوگو سلاويا (بوسنيا) جي هنگامن جون فلمون ڏسي سرتاج چيو ته هاڻ يوگو سلاويا جي موقعي پرستن جو مزو ٿي ويو. جيڪي غريب ۽ ڏتڙيل آهن انهن جي پلئه ڪجهه نه پوندو. اٽڪل باز ۽ استاد قسم جا روڄ پٽڪو ڪري سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ سياسي پناهه وٺندا ۽ هنن ملڪن جو فائدو اهڙو آهي جو اهڙن موقعن تي انسان ذات جي ڀلي لاءِ کين ڌارئين جي مدد ئي ڪرڻي پوندي.“
    ڌارئين ماڻهو لاءِ سئيڊن ۾ رهڻ جا ٻه طريقا آهن يا پنهنجي ملڪ جي حڪومت جا ظلم ٻڌائي سياسي پناهه (Political Asylum) وٺي يا جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري. يورپ جي ملڪن جا ماڻهو توڙي سعودي عرب، ملائيشيا، سنگاپور، جپان جا هن ملڪ ۾ بنا ويزا جي اچي سگهن ٿا ۽ پوءِ هتي پهچي موٽڻ کان پڙ ڪڍيو بيهن. باقي پاڪستان، هندستان، بنگلاديش جهڙن غريب ۽ بدنام ملڪن جا ماڻهو سئيڊن ۾ ائين اچي وڃي نٿا سگهن. هنن کي پنهنجو ملڪ ڇڏڻ کان اڳ سئيڊن جي سفارتخاني (Embassy) مان سئيڊن ۾ اچڻ جي ويزا وٺڻ ضروري آهي. جيڪا هو جلد ڏيڻ بدران سوچي سمجهي ڏين ٿا ته آيا هي ڪنهن مقصد سان وڃي رهيو آهي، جنهن ۾ سئيڊن جو فائدو آهي يا ائين ئي بهانو ڪري وڃي پيو ۽ پوءِ اتي پهچي لڪي ڇپي اتي جي رهائش لاءِ ڪوشش ڪندو. ٻين لفظن ۾ سئيڊن تي چٽي پوندو. ان معاملي ۾ جنهن جنهن ملڪ جا ماڻهو ٺڳيون ڪندا وڃن انهن لاءِ هتي جي حڪومت سخت کان سخت ٿيندي وڃي.
    ڪيترا ماڻهو ٻيڙين ۾ پاڻي واري جهاز رستي هتي اچڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ جهلجڻ تي ان ئي وقت سندن يا سندن ملڪ جي سفارخاني جي خرچ تي واپس ڪيا وڃن ٿا يا جيل ۾ رکي پوءِ موڪليا وڃن ٿا. ڪيترائي پهرين يورپ جي ڪنهن ملڪ- جرمني، فرانس، پولينڊ، انگلينڊ ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ اتان سئيڊن، ڊئنمارڪ، ناروي جو رخ رکن ٿا جو هنن اسڪينڊينيوين ملڪن ۾ پورهئي جو اجورو گهڻو آهي ۽ هڪ دفعو ڪنهن کي شهريت (پاسپورٽ) مليو وڃي ٿو ته پوءِ ان کي بي روزگاريءَ جي حالت ۾ به کائڻ پيئڻ لاءِ حڪومت طرفان مليو وڃي. پر هنن ٿڌن ملڪن ۾پهچڻ ۽ لڪڻ ڇپڻ ايترو آسان ناهي جيترو آمريڪا، ڪئناڊا پاسي. هڪ ته هتي سيءَ ايڏو سخت آهي جو پنجن ڪوٽن ۾ به ڪو ائين ٻاهر رستي يا پارڪ ۾ سمهي نٿو سگهي. هنن ملڪن ۾ رهائش لاءِ نه فقط گهر هجي پر ان لاءِ لڳاتار Heating System ضروري آهي. کاڌي پيتي جي هر شيءِ مهنگي آهي ۽ نه ڪو پني سگهي ٿو ۽ نه پنڻ جي همت افزائي ڪئي وڃي ٿي. ان ڪري نئون آيل هڪدم ڦاسيو وڃي.


    پاڪستاني ڪهڙا ذليل آهن

    ڪو زمانو هو پاڪستانين لاءِ سئيڊن جهڙا ملڪ عام طرح کليل هئا. ماڻهو گهمڻ ڦرڻ ۽ واپار وڙي لاءِ عام جام ايندا هئا. پر پوءِ اسمگلنگ جا اهڙا واقعا ٿيا جو پاڪستانين جي ان آزادانه اچ وڃ تي پابندي لڳائي وئي آهي. مردن کان علاوه ڪيتريون ئي عورتون به چرس، هيروئن جهڙيون نشي جون شيون آڻيندي جهليون ويون. پوءِ اها ٻي ڳالهه ته ان ۾ ڪيتريون ئي معصوم ۽ بي ڏوهيون به هيون جن کي ان ڪم لاءِ مجبور ڪيوويو. مثال طور هڪ اهڙي عورت ڪورٽ ۾ ٻڌايو ته کيس ان بابت ڪو علم نه هو ته سندس بريف ڪيس ۾ چرس آهي. هن کي سندس صاحب هيڏانهن موڪلن وقت کڻي وڃڻ لاءِ چيو هو ته جيئن سندس ڪنهن دوست جي امانت آهي ان کي ڏئي سگهان. اها عورت خوش نصيب نڪتي جو هن طرفان هتي جي سرڪار وڪيل ڪيا ۽ سندس بي ڏوهي هجڻ جو ثبوت ملڻ تي کيس آزاد ڪيوويو پر ڪيتريون اهڙيون خوش نصيب يا بي ڏوهيون ثابت ٿي نه سگهيون ۽ بقول هتي رهندڙ هڪ پاڪستانيءَ جي ته هن وقت به ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) جي جيل ۾ پنجاهه کان مٿي پاڪستاني عورتون قيد ڪاٽي رهيون آهن. هونءَ جو هن پاسي، عورتون، بنا چڪاس جي ايئرپورٽ مان نڪري اينديون هيون. هاڻ سندن سامان ۽ جسم جي سختي سان چڪاس ٿئي ٿي ۽ پاڪستان، افغانستان، ٿائلينڊ، لائوس، برما، ڪولمبيا، پاناما جهڙن ملڪن جي باشندن جي ته هيڪاندي سختي سان چڪاس ٿئي ٿي.
    ان قسم جي هر بدنامي جو واقعو هتي رهندڙ پاڪستانين کي اهنج رسائي ٿو. بقول هڪ سئيڊن ۾ پاڪستاني رهاڪوءَ جي، ٽي وي يا اخبار ۾ جڏهن اسمگلنگ وغيره جي ڪا خبر ايندي آهي ته يڪدم دل ئي دل ۾ دعا گهرندا آهيون ته شل ان ۾ ڪو پاڪستاني Involve ٿيل نه هجي. ڇو جو پوءِ ڪيترا ڏينهن سئيڊن ۾ رهندڙ اسين پاڪستاني پنهنجي آفيس توڙي پاڙي ۾ هتي جي سئيڊش رهاڪن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا نه هوندا آهيون. چاهي ان ۾ اسان جو ڏوهه نه هجي ته به اهو سوچي ندامت محسوس ڪندا آهيون ته هتي جا ماڻهو ڇا چوندا ته پاڪستاني ڪهڙا ذليل آهن جو سڌرن ئي ڪونه ٿا.


    ويزا نٿا ڏيو ته يونيورسٽي ڇو ٿا ٺاهيو

    يونيورسٽيءَ کان موٽندي گستاوو بس اسٽاپ تي هاسٽل وڃڻ لاءِ بس جو انتظار ڪري رهيو هوس. هي بس اسٽاپ بسن جي ڄڻ جنڪشن آهي جتان شهر کان چوڌاري آيل بسون اچيو گڏ ٿين. هڪ سنهي جسم واري عورت پنهنجي ڇهن ستن سالن جي ڇوڪريءَ سان ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي رهي هئي. رنگ ۾ اڇي هئي پر سئيڊن جي رهاڪن جهڙي به اڇي نه هئي ۽ زبان به مختلف ڳالهائي رهي هئي سو پڪ هيم ته ڪنهن ٻئي مُلڪ جي هوندي. بس اچڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت هو. وقت پاس ڪرڻ لاءِ کائنس سندس ملڪ جو نالو پڇيم.
    ”آئون پيرو Peru جي آهيان.“ هن ٻڌايو.
    (پيرو ڏکڻ آمريڪا جو ملڪ آهي.)
    ”سئيڊن جي شهري آهين يا هتي ائين گهمڻ خاطر آئي آهين؟“ مون پڇيو مانس.
    ”هتي جي رهاڪو نه آهيان،“ هن ٻڌايو ”منهنجو مڙس جهازن جو ڪئپٽن آهي اهو هتي جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. سندس نالو الفنسو آهي.“
    ”چئبو ته تون به اسان وانگر آهين. آئون به ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ آهيان ۽ پاڪستان جو آهيان. اتفاق سان تنهنجي مڙس سان ملاقات نه اٿم جو هو سيڪنڊ ييئر ۾ آهي ۽ هاسٽل ۾ رهڻ بدران ٻاهر رهي ٿو.“ مون ٻڌايومانس.
    ”گذريل سال هاسٽل ۾ هو، پوءِ منهنجي اچڻ بعد هاسٽل ڇڏيسين جو هاسٽل ۾ وڌ ۾ وڌ زال رهي سگهي ٿي. ٻين جي پڙهائي ۾ رُخنو وجهڻ جي ڊپ کان ٻارن کي رهڻ نٿا ڏين. تون اڪيلو آهين يا فئملي سان؟“ هن پڇيو.
    ”في الحال اڪيلو آهيان. فئمليءَ جي ويزا لاءِ Apply ڪيو اٿم. هاڻ چئن مهينن بعد مس مس ملي آهي. سو ٻئي مهيني منهنجي فئملي به پاڪستان کان اچي رهي آهي.“ مون ٻڌايومانس.
    ”سئيڊن وارا ويزا جي معاملي ۾ ڪيڏو تنگ ڪن ٿا. مون کي ته ستن مهينن بعد ويزا ملي. ايمبيسي وارا ٽال مٽول ڪندا رهيا. پوءِ الفنسو موڪلن ۾ اچي هنن سان خوب جهيڙو ڪيو ته هيءَ يونيورسٽي يونائيٽيڊ نيشن طرفان آهي، جنهن۾ سڄي دنيا جا شاگرد اچن ٿا ۽ جڏهن توهان کي ويزا نه ڏيڻي آهي ته پوءِ هن يونيورسٽيءَ کي پنهنجي ملڪ ۾ ٺهڻ جي موڪل نه ڏيو ها. ڇڏيو ها ته انگلينڊ، آمريڪا يا بمبئي، بئنڪاڪ يا ممباسا موريشس ياڪٿي ٻئي ملڪ ۾ ٺهي ها جيڪي ملڪ مفاصلي جي حساب سان به ويجها رهن ٿا، موسم جي خيال کان به سڀني کي موافق لڳن ها ته ويزا جو به ايترو چڪر نه ٿئي ها. پوءِ مس مس ويزا ڏنائون ۽ آئون ٻار کڻي اچي هتي نڪتس.“
    ”بس سڀني سان اڄڪلهه ائين پيا ڪن. بنگلاديش، سريلنڪا ۽ فلپين وارن شاگردن جي فئملين کي به هاڻ ويزا پيا ڏين. ايڏي دير نه ڪرڻ کپين.“ مون چيومانس. ايتري ۾ سامهون ٻارهون نمبر بس کي ڏسي کيس خدا حافظ چيم:
    ”توکي ته خبر ناهي ڪيڏانهن وڃڻو هجي، منهنجي منزل جي بس اچي رهي آهي.“ مون چيومانس.
    ”مون کي به ان ئي بس جو انتظار آهي جنهن ۾ هن شهر جي لئبريري (مالمو بائبلوٽيڪ) وڃڻو آهي پر آئون توهان جي هڪ ميڪسيڪو جي شاگرد ميٽ ڪارودووا جي زال جو انتظار ڪري رهي آهيان. اڃا نه پهتي آهي. هاڻ ٻي بس ۾ ئي چڙهنديس.“ هن ٻڌايو ۽ آئون بس ڊرائيور کي، بس ڪارڊ ڏيکاري بس ۾ چڙهي پيس.


    جانورن کان بدتر سمجهڻ

    اهڙي طرح هڪ ٻئي ڏينهن بس جو انتظار ڪري رهيو هوس ته پاڻ سان گڏ هڪ آفريڪن عورت کي ساڳي بس جو انتظار ڪندي ڏٺم. هيلو هيلو ڪرڻ بعد هن ٻڌايو ته هوءَ گهانا جي آهي ۽ هتي پنهنجي مڙس سان گڏ رهي ٿي جيڪو پڻ گهانا جو شيدي آهي. سندس مڙس Volvo ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو.
    ”تون ڪڏهن هتي آئينءَ؟“ مون پڇيومانس.
    ”ست اٺ مهينا ٿيا آهن.“ هن وراڻيو.
    ”تنهنجو مڙس؟“
    ”اهو اٺ نوَ سالن کان هتي رهيل آهي ۽ سئيڊش پاسپورٽ اٿس. گذريل سال گهانا اچي مون سان شادي ڪيائين ۽ هتي وٺي آيو. مون کي هن جي آڌار تي هتي جي شهريت ملي ويندي پر اميگريشن ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته هتي جي زبان ”سئيڊش“ سکڻ ضروري آهي. سو روزانو صبح جو هتي جي هڪ اسڪول ۾سئيڊش سکڻ ويندي آهيان،جتان هينئر موٽان پئي.“
    ”ڀلا هي شهر ۽ ملڪ توکي ڪيئن ٿو لڳي.“ مون ٻيو سوال ڪيومانس.
    آفريڪا جي ٿي ڪري سندس ملڪ ۽ شهر جي مقابلي ۾ سئيڊن جو هي شهر مالمو هر لحاظ کان هزار دفعا بهتر چئي سگهجي ٿو. پر اڀرا سڀرا هر هڪ کي پنهنجا ڪک وڌيڪ ياد اچن ٿا. سوهن به ان سوال جي جواب ۾ ڪو گهڻو خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ بدران ٿڌائي سان وراڻيو.
    ”بس ٺيڪ آهي. ڇا ٿي چئي سگهان.“
    ”تنهنجي معنى ڪو گهڻو پسند ناهي. پنهنجو ڳوٺ ۽ پنهنجو وطن ياد اچئي ٿو؟“ مون پڇيومانس.
    ”سندس اکين مان سندس ساڻيهه جي سڪ نمايان هئي، چپن تي هلڪي مرڪ آڻي چيائين، ”بلاشڪ“.
    ”ڪمال آهي!“ مون کائنس چڱي طرح جواب حاصل ڪرڻ لاءِ پڇيو:”ههڙي ماڊرن ملڪ، صاف سٿري هوا پاڻي، باغ بستان، عمارتون ماڊرن بسون لاريون، گهمڻ جي جاين هوندي به توکي پنهنجو ڳوٺ ٿو وڻي.“
    ڪنڌ جي ڌوڻ سان هائوڪار ڪندي هن اهو ٻڌائڻ چاهيو ته انهن مڙني ڳالهين جي باوجود هوءَ پنهنجي فيصلي تي اٽل آهي. يعني هي سڀ ڳالهيون کائنس ڳوٺ لاءِ سڪ، اوسيئڙو ۽ پيار ختم ڪري نه سگهيون آهن.
    ”آخر ڇو ڀلا؟“ مون وري زور ڏنومانس.
    ”هنن ملڪن جون هي ”ماڊرن ڳالهيون“ سڀ ڪجهه نه آهي. انسان رڳو ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ سفر نٿو ڪرڻ چاهي. هن لاءِ هي پرائيون عمارتون ۽ ڌارئين ملڪ جا باغ بهار پنهنجا بڻجي نٿا سگهن. انهن کان علاوه ۽ ان کان وڌيڪ مٽ مائٽ، دوستن ساهيڙين جي سڪ آهي. هتي جي سڀني ڳالهين کان وڌيڪ منهنجي ديس جا رس ڀريا گيت، ڳوٺ جي ساهيڙين جيڏين جا کلڪا ۽ مٽن مائٽن جو دلي پيار آهي.“
    ”بلڪل صحيح ٿي چوين. هتي هر شيءِ دولت ۽ مال ۾ ماپي وڃي ٿي. هتي هر انسان جسماني لست پويان آهي ۽ نه روحاني راهت پٺيان. پئسو ناهي ته هتي پٽ پيءَ کي نٿو پڇي ۽ هتي جا ڏهه پاسپورٽ هجڻ بعد به اسان هتي اوپرا محسوس ٿا ڪريون. اهوئي ڪجهه ڪجهه آهي جيڪو تون محسوس ٿي ڪرين ۽ چوڻ چاهين ٿي؟“ مون پڪ ڪئي.
    ”هائو.“ هن وراڻيو، ”هتي جا ماڻهو اسان ڌارين کي ڪيڏو نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هو اسان جي ملڪ ۾ اچن ٿا ته اسين هنن جا سؤ نخرا کڻندي خوشي محسوس ڪريون ٿا. پر پاڻ اسان کي ڪيڏو نيچ سمجهن ٿا. وري به توهانجي چهري جو رنگ ڪارو نه آهي ۽ توهان سان صحيح هلن ٿا. پر اسان آفريڪن ڪارن کي جانورن کان به بدتر سمجهن ٿا.“
    سندس نالو ويدا آهي. پاڻ هتي ئي اسان جي هاسٽل کان ٿورو اڳيان رهي ٿي. ڳالهين ڪندي بس اچي ويئي هئي ۽ ڳالهين جو پويون اڌ بس ۾ ڪندا رهياسين. اسٽوڊنٽ گاٽن بس اسٽاپ اچڻ تي کيس خدا حافظ چئي هيٺ لٿس:
    ”حياتي رهي ۽ وري ملاقات ٿي ته ضرور ڪچهري ڪنداسين. هر اهو ماڻهو جيڪو رنگ ڏسي ٻئي کي گهٽ سمجهي ٿو، ان کي اهو سوچڻ کپي ته ڪاري تن واري جو اجرو من به ٿي سگهي ٿو. هو کائنس به وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڄاڻو ٿي سگهي ٿو.“
    هي ڪهڙي ملڪ جي ڇوڪري آهي؟
    هڪ ڏينهن بس اسٽاپ تي سئيڊن ۽ مختلف ملڪن جي ماڻهن ۾ هڪ سترهن ارڙهن سالن جي گول مٽول ڇوڪري بيٺي هئي، جيڪا باوجود گوري چٽي رنگ جي، يورپين نٿي لڳي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هوءَ سهڻي ۽ پرڪشش هئي. سندس منهن جا هڏا چينين ڪورين وانگر نمايان نه پر جپانين، ٿائي ۽ انڊونيشين جهڙا گول هئا. پر قدبت ۾ کانئن وڌيڪ صحتمند لڳي ٿي، ان ڪري ان پاسي جي ٿي نٿي سگهي. عراقي، ايراني يا ڪنهن ٻئي عرب ملڪ جي به ٿي نٿي سگهي، جو ايران ۽ عراق پاسي جون ننڍيون ڇوڪريون توڙي عورتون اسان جي پاڪستاني عورتن يا سکڻين جيان ڳچيءَ ۾ نوڙ جهڙي پوتي (دوپٽو) پائڻ بدران اڇي رنگ جويا گلن واري ڪپڙي جو رومال (جنهن کي عرب ’حجاب‘ چون ٿا ۽ ايراني روسري) ٻوڪيءَ وانگي مٿي کي ٻڌي هلن، جنهن مان هڪ وار به نظر نٿو اچي. (ملئي پڻ ان نموني جو رومال ٻڌن جنهن کي تودونگ سڏين ٿا) آفريڪا جي ته ڪنهن به ملڪ جي نٿي ٿي سگهي جو سندس نه رنگ ڪارو هو نه وار گهنڊيدار. ڪي ڪي آمريڪي ڇوڪريون پيءَ يا ماءُ جرمن، فرينچ، انگريز، پورچوگالي هجڻ ڪري رنگ جون اڇيون به آهن پر منجهن پنهنجي اصليت جو ڪونه ڪو اوسڻ ضرور هوندو آهي. پوءِ يا وار قرقلي ٽوپيءَ وانگر گهنڊي هوندا اٿن يا چپ بي ڊولا يا وري نڪ پڪوڙي جهڙو- جنهن کي اسان جا جهازي دوست اڇيون شيدياڻيون سڏيندا آهن.
    پر هيءَ اڇي شيڊياڻي به نه هئي. سندس نقشن ۾ ڏاڍي ملاوٽ هئي جنهن ۾ عرب، پاڪستاني، ايران، جپان جهڙن ملڪن جي سهڻين ڇوڪرين جا سهڻا سروپا موجود هئا. قد بت جي قداور هجي ها ته کيس روس جي ڪنهن رياست آذربائيجان، تاجڪستان، ازبڪستان وغيره جي سمجهان ها. پاڻ لئٽن آمريڪا جي ملڪن چلي، پيرو، ڪولمبيا وغيره جي چئي سگهجي ها. پر اتي جي ماڻهن جا نڪ سنها ۽ چهنبائتا ٿين، پر هن جو نڪ چپ اکيون شاعر جي سونهن هئا. بهرحال ان قد بت ، نڪ نقشي سان هاڻ منهنجي ڌيان ۾ جيڪي ملڪ هئا سي وچ آمريڪا جي اڪيڊار ۽ گئاٽمالا هئا يا وري يورپ جو يونان. سڄي عمر دنيا جا ڌڪا کائڻ بعد ماڻهو سڃاڻڻ مون لاءِ ڏکيو ڪم نه هئڻ کپي پر اڄ واقعي ڪيترن ڏينهن بعد پهريون دفعو منجهي پيو هوس. سندس ويجهو پهچي ’هيلو‘ چئي کائنس سندس ملڪ جو نالو پڇيم. پاڻ مرڪندي رهي.
    ”وچ آمريڪا جي ملڪ سان تنهنجو تعلق آهي؟“ مون انگريزيءَ ۾ پڇيو مانس.
    پاڻ ٽهڪ ڏيئي ڪنڌ سان نهڪار ڪيائين. ”انگريزي ته سمجهين ٿي نه؟“ مون پڪ ڪرڻ چاهي ته هوءَ واقعي جيڪي ڪجهه آئون پڇي رهيو آهيان سمجهي پئي يا نه. ڇو ته ان اسٽاپ تي ذهني گهٽتائي وارا (Mentally Retarded) اسڪولي ٻار به بيٺل ملندا آهن، جيڪي ڳالهه هجي يا نه، پيا ڏند ڪڍندا يا رڙيون ڪندا يا بس اسٽاپ جي شيشي جي ڀت ۾ منهن هڻي چپ ئي چپ بيٺا هوندا آهن. بس اچي هلي ويندي آهي پر جيسين پور پوين تيسين مجال آهي جو چڙهن. ۽ هن پاسي جا ماڻهو وري اهڙا آهن جو هڪ ٻئي جي ڀرسان ڀلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺا هجن پر ٻئي کان خير عافيت يا نالو ڌنڌو به هرگز نه پڇن. اهو آئون مڙيئي پڇ پڇ ڪندو رهندو آهيان. ڪنهن نئين ڳالهه يا ڪهاڻي جي ڳولا ۾ اڪثر کوٽ کوٽ ڪندو رهندو آهيان. بهرحال مٿئين سوال پڇڻ تي هن انگريزيءَ ۾ ئي جواب ڏنو.
    “Yes. I Understand English.”
    ”ته پوءِ ٻڌاءِ ته ڪهڙي ملڪ جي آهين؟“ مون پڇيومانس.
    ” You Guess? تون سل ته ڪهڙي ملڪ جي آهيان.“
    ”ڪنهن عرب يا ايراني ملڪ سان واسطو اٿئي.؟“
    ”نه.“ پنهنجي مرڪ قائم رکندي هن وراڻيو.
    ”ڏکڻ آمريڪا جي ڪنهن ملڪ جي رهاڪو آهين؟“
    ”نه.“
    ”يورپ يا آفريڪا جي ته پڪ تون نه آهين پر يونان ۽ مالٽا جي هجڻ ۾ شڪ اٿم.“
    ”نه. انهن ملڪن سان به منهنجو واسطو ناهي.“
    ”ته پوءِ تون ئي ٻڌاءِ.“ مون چيومانس پر ان ئي وقت وري منع ڪندي چيومانس.“ ترس ڀلا هڪ ٻه ٻيو ڌڪو هڻي وٺان.“
    ”ضرورو.“ هن چيو.
    ”ڀلا ايترو ٻڌاءِ تون ڪهڙي کنڊ جي آهين؟“
    “”ايشيا جي.“
    ”عرب ۽ ايراني به نه آهين ته پوءِ تنهنجوملڪ ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڀلا ڪرد ته نه آهين؟“.
    ”نه.“
    واقعي تو مون کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گذريل ٽيهن سالن کان منهنجو مختلف ملڪن ۾ اتي جي ماڻهن سان واسطو رهندو اچي پر تو جهڙن نڪ نقشن واريءَ جو ملڪ سمجهه ۾ نٿو اچي. تون چوين ٿي ته ايشيا جي آهين پر مون کي يقين نٿو اچي. ڇو ته ترڪي، ايران کان عربستان تائين جي جڏهن نه آهين ته پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، انڊيا کان برما تائين جي به ناهين. ٿائلينڊ، ملائيشيا،چين کان جپان تائين ملڪن مان به ڪنهن سان تنهنجو پڪ واسطو ناهي. روس پاسي جي به نٿي لڳين. پر جي انهن مان ڪنهن ملڪ مان آهين ته پڪ تنهنجي ماءُ يا پيءُ ٻئي ملڪ جو هوندو.“
    ”نه. اهي به ساڳي ملڪ جا آهن. هونءَ باءِ دي وي تون انڊين آهين.“
    ”نه. پاڪستاني، پر پاڪستاني، هندستانين ۽ بنگالين جا هڪ ئي جهڙا نقش آهن. سواءِ اتر ۾ رهندڙ پٺاڻن جي، تون جي پاڪستاني هجين ها ته آئون توکي پٺاڻ ئي سمجهان ها. بهرحال هاڻ تون ئي ٻڌاءِ ته ڪٿي جي آهين؟“
    وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”اچي ويجهو پهتو هئين. آئون افغاني آهيان. منهنجا ماءُ پيءٌ ٻئي افغانستان جا آهن.“
    ”چئبو ته هن چوڻيءَ موجب ڪڪو ڪڇ ۾ ڍنڍورو شهر ۾، پنهنجي پاڙي جي ملڪ جو نالو وٺڻ بدران وڃي ڪوه ڪاف کان نڪتو هوس.“
    ”توهان به هتي سئيڊن ۾ Settled آهيو؟ هن پڇيو.
    ”نه. هتي جي يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪرڻ لاءِ ٻن سالن لاءِ آيو آهيان. باقي تون پڪ سياسي پناهه هيٺ رهيل هوندينءَ.“ مون پڇيومانس.
    ”ها. افغانستان ۾ خونريز فساد ۽ مستقل جنگ ۾ منهنجا ڪيترائي مائٽ مارجي ويا ۽ اسين بي گهر ٿي وياسين. پشاور پاڪستان وڃڻ بدران اسين روس، لئٽيويا، رومانيا مان ڌڪا کائي کائي اچي هتي نڪتاسين“.
    ”ڪيترن سالن کان سئيڊن ۾ آهيو؟“
    ؟سئيڊن ۾ به ست سال اچي ٿيندا.“ هن وراڻيو.
    ”چئبو ته پنهنجو وطن ڇڏڻ وقت ته تون تمام ننڍي هوندينءَ؟“
    ”ان وقت آئون نون سالن جي هيس. پر بندوق جا ٺڪاءَ ۽ لاشن جا ڍير ۽ انهن مان نڪرندڙ بدبوءِ اڃا تائين منهنجي دماغ مان نٿي نڪري.“
    ”اهي اسان جي ملڪن جو بدقسمتيون آهن ۽ ان قسم جون ٽرئجڊيون اسان جي پنهنجي Choice ناهي پر اسان تي مڙهيون ويون آهن. دل جا اهي اونها گهاءَ وقت ئي ميساري سگهي ٿو.“ مون چيومانس ۽ غمگين ماحول مان نڪرڻ لاءِ مون کائنس سئيڊن بابت پڇيو ته پاڻ ۽ سندس ماءُ پيءُ ڪيئن محسوس ڪن ٿا.
    Beggers Can not be Chosers” وارو حساب آهي. اسان کي وڻي يا نه وڻي، اسان کي هتي رهڻو آهي ۽ هتي جي ماحول سان سمجهوتو ڪرڻوآهي. هتي جا مڙيئي ماڻهو اهو ته نٿا سمجهن ته اسين ڪهڙين مجبورين هيٺ آيا آهيون. هو ته اهوئي چوندا ته اسان سندن دولت ڏسي پئسو ڪمائڻ لاءِ مجبوريءَ جو بهانو ڪري هتي سئيڊن ۾ ٽڪي پيا آهيون.“ هن چيو.
    ”ڀلي سمجهن. ڇا ٿو ڪري سگهجي. پاڻ يورپي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ سوين سال لوٽ کسوٽ ڪندا رهيا. ڪجهه ته اسان ايشيا ۽ آفريڪا جي رهاڪن جو به حق آهي يا نه؟“
    منهنجي ان چرچي تي کلڻ لڳي. جنهن بس جو آئون انتظار ڪري رهيو هوس ان جي سامهون اچڻ تي مون کائنس موڪلايو.
    ”تون ته شايد ٻي بس ۾ وڃي رهي آهين، مون کي هن ۾ وڃڻوآهي.“
    ”مون کي تيرهون نمبر بس ۾ فوڪٽ پارڪ ۾ وڃڻو آهي، جتي منهنجو پيءَ سيڪنڊ هئنڊ ڪپڙا وڪڻي ٿو.“
    ”چڱو حياتي رهي ته وري گس پنڌ ملاقات ٿي ويندي تيسين خدا حافظ.“
    ”اوڪي سلام اعليڪم.“ هن پڻ موڪلايو ۽ آئون سلام جو جواب ڏيندو اچي بس ۾ ويٺس.


    ڀلا هيءَ ڪٿي جي آهي؟

    هڪ ڏينهن سئيڊن جي هن شهر (مالمو) جي هڪ خوبصورت علائقي ’ٽرئنگلن‘ جي شاپنگ سينٽر ۾ هڪ دڪان اڳيان فٽ پاٿ تي قميص، سوٽن ۽ گنجين تي Sale لڳل هئي. يعني اصلي قيمت کان سستي اگهه تي ملي رهيون هيون. هن پاسي کاڌي پيتي جي شين کان علاوه ڪپڙا گنديون به تمام ڳري اگهه ۾ وڪامن ٿا. خاص ڪري ڪاٽن جي ته هر شيءِ آسمان سان ڳالهايون ڪري ٿي. سو ان سستي وڪري (Sale) ۾ به گنجيءَ جي قيمت پاڪستاني سٺ ستر رپئا هئا. ان ڪري انهن کي ڇهڻ به پاپ سمجهيم. هڪ ٻه قميص پسند آئي پر ڪالر جي ماپ صحيح نه هئي. وڪڻڻ واري همراهه کان پڇيم: ”فلاڻي ماپ جون ههڙيون قميصون اٿئي؟“
    ”ها. اندر دڪان ۾ هليو وڃ. فرسٽ فلور تي Sales Girl (ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ) کان معلوم ڪر.“ هن ٻڌايو.
    H&M ڪمپني جو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو جيڪو سئيڊن ۾ معياري ڪپڙن کان ائين مشهور آهي جيئن پاڻ وٽ ٽي جي جو. فرسٽ فلور تي چوڌاري نظر ڊوڙايم پر ڪٿي به ان اگهه تي سستا ڪپڙا نظر نه آيا جهڙا ٻاهر وڪامي رهيا هئا. چوڌاري فقط عورتون ۽ مرد گراهڪ ڦري رهيا هئا پر دڪان ۾ڪم ڪندڙ ڪابه ڇوڪري نظر نه آئي. آخر زنانن ڪپڙن جي هڪ سيڪشن ۾ سورهن سترهن سالن جي ڇوڪري اسٽول تي ويٺل نظر آئي.
    مون کائنس انگريزي ۾ قميصن جو پڇيو پر هن کي انگريزي نه برابر آئي ٿي.
    ”آءِ ايم ساري! آءِ اسپيڪ نو انگلش.“ هن چيو. ان جومطلب اهو ٿيو ته هاڻ مون کي ڪو اهڙو سئيڊش گراهڪ ڳولڻو پوندو جيڪو انگريزيءَ جو به ڄاڻو هجي ۽ منهنجي ۽ هن جي ڳالهه جو ترجمو ڪري سگهي. ڇوڪري جا منهن مهانڊا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ماڻهن جهڙا هئا جيڪي ملئي زبان ڳالهائين ٿا ۽ اها مون کي به آئي ٿي. ان ڪري پڪ لاءِ پڇيو مانس ته ڪهڙي ملڪ جي آهين.
    ”انڊونيشين“ انگريزي زبان نه اچڻ ڪري هن مختصر جواب ڏنو.
    ”بوليح فهام ملايو؟“ (توکي ملئي زبان اچي ٿي؟) مون پڪ ڪرڻ لاءِ ملئي زبان ۾ پڇيومانس.
    جواب ۾ هوءَ گونگن واگر چپ رهي. يعني هن بلڪل نه سمجهيو.انڪري انگريزي ۾ ساڳيو جملو ورجايم:
    “Can You Speak Indonesian.”
    ”نو. اونلي سئيڊش.“ هن وراڻيو.
    ان جو مطلب اهو آهي ته هن جو پيءَ يا ماءُ مان هڪ انڊونيشين آهي جيڪو هتي سئيڊن۾ اچي Settle ٿيو آهي ۽ سئيڊش عورت سان شادي ڪئي آهي.
    ”تنهنجو پيءُ انڊونيشين آهي؟“
    ”نو- هي از سئيڊش.“
    ”ته پوءِ ماءُ؟“
    ”اها به سئيڊش آهي.“ هن وراڻيو. آئون تعجب ۾ پئجي ويس ته اهو ته ڪمال آهي ماءُ پيءُ سئيڊش گورا ۽ هيءَ اسان جهڙي ڪڻڪ رنگي ڪارسري. ۽ نه فقط شڪل مان پر ان جو پاڻ به اعتراف ڪري رهي آهي ته هوءَ انڊونيشين آهي. اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو....
    بهرحال مون کائنس مرداني قميص جو اشاري سان پڇيو پر پاڻ ٻڌائي نه سگهي ۽ سئيڊش ۾ جيڪي چئي رهي هئي ان جي لهجي مان اهوئي لڳو ٿي ته کيس خبر ناهي. آئون مغزماري ڪرڻ بدران اتان هلڻ وارو هوس ته سامهون ايندڙ هڪ سئيڊش عورت ڏي اشارو ڪري ٻڌايائين ته اها سندس ماءٌ آهي.
    سندس ماءُ کي سٺي انگريزي آئي ٿي ۽ خبر پيئي ته هوءَ سيلز گرل نه هئي پر ماڻس خالي اسٽول تي ويهاري پاڻ شاپنگ ڪري رهي هئي. مون جڏهن کيس چيو ته تون ماءُ ته سئيڊش آهين ڀلا هن جو پيءُ انڊونيشين آهي يا نه.؟
    ”نه اهو به واقعي سئيڊش آهي.“ هن ٻڌايو ۽ پوءِ هوءَ مون کي ان جو راز سمجهائڻ لاءِ صحيح لفظ جي ڳولا لاءِ جهڙوئي سوچڻ لڳي ته مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته کيس يڪدم چيم:
    ”اوڪي. اوڪي. نائو آءِ انڊراسٽئنڊ. يو مين يو هئو اڊاپٽيڊ هر.“ (تو هن کي پاليو آهي.)
    ”ييس. ييس.“ هن وراڻيو.
    جيڪي قميصون جنهن اگهه تي مون چاهيون ٿي اهي ته نه مليون. مٿين ڳالهه جو ذڪر فقط انڪري ڪيم جو هتي سئيڊن ۾ جيڪي آفريڪا يا ايشيا جا ڪارا، چاڪليٽي، ڪڻڪ رنگا، هئڊا ۽ ڦڪا ماڻهو نظر اچن ٿا سي سڀ هتي غير قانوني طرح نه آيا آهن ۽ نه وري ڪي سڀئي سياسي پناهگير آهن. ڪيترائي اهڙا به آ هن جن کي هتي جا ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان مختلف ملڪن مان وٺي آيا آهن. جيئن ته هتي سئيڊن ۾ برٿ ريٽ (ڄم جي رفتار) تمام گهٽ آهي يا ڪيتريون شادي شده عورتون ٻار کي ڏهه مهينا پيٽ ۾ سانڍڻ ۽ ڄڻڻ جو کٽراڳ نٿيون کڻن. پوءِ اولاد لاءِ هتي جا شادي شده جوڙا ٿائيلينڊ، انڊونيشيا، ويٽنام، برما جهڙن ملڪن مان ٻار وٺي Adopt ڪن ٿا. يعني نپائين پالين ٿا. جيئن مٿين انڊونيشي ڇوڪري کي هتي جي سئيڊش زال مڙس ننڍي هوندي کان نپايو آهي ايتري قدر جو ان ڇوڪري کي پنهنجي مادري زبان جي به خبر ناهي.
    پهريون دفعو جڏهن هتي جي هڪ پوڙهي سئيڊش جوڙيءَ سان گڏ ٻارهن تيرهن سالن جي سريلنڪا جي ڪاري ڇوڪري بس ۾ ويٺل ڏٺم ته مون سوچيو ته اها ڪا هنن جي نوڪرياڻي آهي، جيئن عرب ملڪن ۾ فلپينو، سريلنڪن انڊين ۽ پاڪستاني ڇوڪريون آيائون يا نوڪرياڻيون ٿي ڪم ڪن ٿيون. پر پوءِ بس مان لهندي ۽ شهر ۾ چڪر ڏيندي ڏٺوسين ته سئيڊش پوڙهو پوڙهي ان سريلنڪا جي ڇوڪريءَ جا ائين ناز نخرا کڻي رهيا هئا جيئن سندن پنهنجي ڌيءَ هجي. اسان جي يونيورسٽيءَ جي هڪ پراڻي شاگرد ٻڌايوته هتي ٻئي جي اولاد پالڻ (Adoption) جو تمام گهڻو رواج ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي ايشين ٻار يا وڏا جيڪي هتي سئيڊن ۾ نظر اچن ٿا سي ضروري ناهي ته ڪو هتي ڀڄي آيا آهن، پر هتي (سئيڊن) جي ماڻهن انهن جي مائٽن ۽ حڪومتن کي منٿون ميڙيون ڪري نپائڻ لاءِ (Adoption) لاءِ هتي وٺي آيا آهن.


    ان معاملي ۾ ٿڌائي ٿڌائي آهي

    هتي عورت ۽ مرد جي برابريءَ جي ايتري ته سوچ ويچار آهي جو ٻنهي کي هڪ ٻئي سان شڪايت رهي ٿي. نوڪري ڪري پئسو به ٻئي ڌريون ڪمائين ٿيون. پر جي نوڪري ناهي ته هنن ملڪن ۾ بي روزگارن کي سرڪار طرفان هر مهيني ايترومليو وڃي جو آرام سان گهر ويٺي کائي پي سگهن ٿا. بلڪه هتي جا ماڻهو ڪنهن هلڪي ڦلڪي نوڪري کان بي روزگار رهڻ ۾ بهتري سمجهن ٿا.
    ”بي روزگاريءَ جو ڀتو مهيني ۾ ٻارهن هزار رپيا کن مون کي ۽ ٻارهن هزار منهنجي زال کي ملي ٿو“، هڪ همراهه ٻڌايو. ”هاڻ منهنجي زال کي هڪ هنڌ سورهن سترهن هزار روپين کن جي نوڪري ملي آهي پر هوءَ چوي ٿي ته ٽن چئن هزارن روپين جي فرق لاءِ ڇو صبح جون ننڊون ڦٽائي روزانو اٺ ڪلاڪ وڃي ڪلارڪي ڪيان.“
    نوڪريءَ ۾ مرد عورت جي تفاوت کي نٿو ڏٺووڃي. دڪانن توڙي آفيسن ۾، مرد توڙي عورتون ساڳيو ڪم ڪن. فئڪٽرين ۾ ڪم مرد به ڪن ته عورتون به. بس ڊرائيور مرد به آهن ته عورتون به. پڙهيل ڳڙهيل ۽ هنرمند مرد به آهن ته اوتروئي عورتون به. انڪري ڪنهن جي ننڍي وڏي جي ڳالهه ئي ڪانهي. هرڪو پنهنجو پاڻ کي سوا سير سمجهي ٿو. ڪوبه سير ناهي. رڌ پچاءَ به ٻئي ڪن. ٻار نپائڻ جو ڪم به ٻنهي جو سمجهيو وڃي ٿو. اسان جي هاسٽل سامهون ننڍڙن ٻارن جو اسڪول آهي. ٻارن کي واري وٽي تي هفتو ماءُ ته هفتو پيءُ اسڪول ڇڏڻ ايندو آهي. منهنجي خيال ۾ ان مٿي جي سور کان مردن به اولاد تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو آهي. حڪومت دانهون ڪندي رهي ٿي ته گهڻي کان گهڻا ٻار ڄڻيو. ملڪ ۾مال ججهوئي آهي ماڻهو گهٽ آهن. پر هن پاسي ان معاملي ۾ ٿڌائي ٿڌائي آهي.
    لاڏين ڪوڏين آندو آهي
    هتي جي هڪ دعوت ۾ سئيڊش عورت يونيورسٽي جي شاگردن سان نه فقط نچي رهي هئي پر ڪافي فري انداز سان ڳالهائي رهي هئي.
    “Are you Married?” مون پڇيومانس.
    ”ييس.“ هن وراڻيو.
    ”پوءِ تنهنجو مڙس نه آيو.“
    ”آيو ٿي پر اچڻ مهل کيس مٿي ۾ سور اچي ٿيو. سو چيومانس هن بيوقتائتي مرض اسان کي چڱو مُٺايو. پر پاڻ مونکي چيائين ته آءُ ڀلي Enjoy ڪري اچان.“
    منهنجي تعجب کائڻ تي چوڻ لڳي:
    ”پاڻ به ته ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو ڌارين ڇوڪرين سان هليو ويندو آهي.“
    ٻنهي ڌرين جي آزادي يا ٻنهي ڌرين جو پڙهيل ڳڙهيل هجڻ يا ٻنهي ڌرين جو نوڪريون ڌنڌا ڪرڻ ته يورپ توڙي آمريڪا جي ٻين ملڪن ۾ به عام آهي. ويندي ايشيا جي جپان ۽ ڪوريا ۾. پر سئيڊن جو قانون عورت جي حقن جو تمام گهڻو خيال ڪري ٿو. جپاني يا ڪورين عورت محنت مزدوري بعد به مڙس جي موچڙن هيٺ رهي ٿي. پر مجال آهي جو سئيڊن جو ڪو مرد پنهنجي زال کي موچڙو مار ڪري يا وڏي واڪ به ڳالهائي.ڪو پاڙي واروئي پوليس کي فون ڪندو ته ملزم کي ان ئي وقت ٽنگوٽالي ڪري وٺي ويندا.۽ نه وري ڪو مرد زال کي طلاق ڏئي ٽن وڳن ۾ ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو. طلاق مهل عورت جي پنهنجي ملڪيت ته پنهنجي رهنديس. پر مڙس جي اڌ ملڪيت جي به مالڪڻ ٿيو وڃي.
    بهرحال انهن سڀني ڳالهين هوندي به گهڻي ڀاڱي مرد توڙي عورتون هڪ ٻئي سان خوش نه آهن. عورت کي اهائي شڪايت آهي ته مرد عورت جي اها عزت ۽ خيال نٿو ڪري جيڪو ڪرڻ کپي. ڪيترن ملڪن ۾ عورت گهر جي راڻي ٿيو ويٺي آهي. مرد نوڪري پورهيوڪري گهر جي خرچ لاءِ پئسو آڻي ٿو. گهر جي ڀاتين جي اگهائي سگهائي جوخيال رکي ٿو، گاڏين توڙي گهر جي مرمت جواونو رکي ٿو. پر هتي سئيڊن ۾ عورت کي به ڪمائڻوپوي ٿو. هڪ شهر مان ٻئي شهر اڪيلووڃڻو پوي ٿو. خود سامان ڍوئي ٿي. مڙس پنهنجن .ئي دوستن يارن يا سهيڙين جي سنگت ۾ رڌل رهي ٿو ۽ ٻاهران ئي ايترو پي اچي ٿو جو گهر ۾ گهڙڻ سان بستر تي ڊهيو پوي. هن کي زال جي ڏک درد ٻڌڻ ۽ همدردي ڪرڻ لاءِ نه وقت آهي نه واسطو. اهوئي سبب آهي جوسئيڊن جون ڪيتريون ڇوڪريون ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ڪارن ڪوجهن کي وڌيڪ پسندڪن ٿيون. ۽ ان۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن ڌارين سان شادين جي ٽٽڻ جو في سيڪڙو گهٽ آهي نه ته هن ملڪ ۾ طلاق ۽ خودڪشي جا ساليانا انگ اکر تمام وڏا آهن.
    ساڳي وقت هتي جي مردن کي پنهنجين سئيڊش زالن سان پڻ شڪايت آهي ته هو مڙس جي اها عزت نٿيون ڪن جيڪا ڪرڻ کپين. ان لاءِ هو ٻين ملڪن جا مثال ڏين ٿا. خاص ڪري جپان، ٿائلينڊ، انڊونيشيا، ملائيشا پاسي جي عورتن جا، جيڪي نوڪري ۽ پورهيو ڪن ۽ مردن کي پئسوڪمائي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ جي باوجود سندن دل و جان سان خدمت ڪن ٿيون. نتيجي ۾ جنهن جنهن سئيڊش مرد کي وجهه لڳي ٿو ته اهو غير سئيڊش عورت سان شادي ڪري ٿو. شايد ان ڳالهه کي مدنظر رکي، ٿائيلينڊ حڪومت وچ ۾ ٽوئرزم (Tourism) جو اهڙو پروگرام ٺاهيو هيو جنهن ۾ يورپ جي پئسي وارن ٽوئرسٽن کي ٿائلينڊ گهمڻ سان گڏ ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري پنهنجي ملڪ وٺي وڃڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي. ان اسڪيم هيٺ ڪيترين ئي غريب لاوارث ۽ ويندي هلندي چلندي وارين ٿائي ڇوڪرين جي يورپين سان شادي ٿي هئي ۽ سندن سٺو وهنوار ۽ مڙس جي دل و جان سان خدمت چاڪري ڏسي اڃا تائين ڪيترا يورپي ٿائلينڊ جي ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ لاءِ واجهائين ٿا.
    مٿئين قصي بيان ڪرڻ مان پڻ اهائي مراد آهي ته هتي جيڪي ايشيائي مرد توڙي عورتون نظر اچن ٿيون اهي پنهنجي مرضي سان هتي جي ماڻهن ۽ ملڪ جي ايڪاناميءَ تي بار اچي نه ٿيا آهن پر خود هتي جي ماڻهن- عورتن توڙي مردن، لاڏين ڪوڏين شاديون ڪري کين هتي آندو آهي. ان ڪري اڄڪلهه ايشيا يا آفريڪا جي ماڻهن جي گهڻائيءَ جي باوجود هتي جي حڪومت ڪو اهڙو قانون نٿي ڪڍي سگهي جنهن هيٺ هر ڌارئين کي ٻاهر ڪڍيو وڃي. ڇو جو ڪيترا ڌاريا ٻار، مرد توڙي زالون، هتي جا سئيڊش ماڻهو پنهنجي رضامنديءَ سان وٺي آيا آهن ۽ اهي سندن فيملي جو حصو بنجي ويا آهن ۽ هاڻ انهن کان ڇڄي ڌار ٿيڻ ڏکيو ڪم آهي. وڌ ۾ وڌ هو نون ايندڙ غير قانوني ماڻهن جي اچڻ تي روڪ ڪري سگهن ٿا.


    وڏي آفيسر هجان ها

    اسان جي آفيس ۾ آئرين نالي ايراني عورت آهي، جنهن جي شادي هتي جي سئيڊش همراهه سان ست اٺ سال اڳ ٿي. هو ٻئي خوشحال زندگي گذّاري رهيا آهن. هوءَ شايد مسلمان نه پر بهائي مذهب جي آهي پر بهرحال، ايران جي ۽ فارسي ڳالهائيندڙ ٿي ڪري اسان پاڪستانين جي ۽ ايران کان آيل مڙني همراهه جي مدد ۽ رهنمائي ڪندي رهي ٿي. ڪڏهن لئبرري جي ٻاهران واندا ويٺا هوندا آهيون ته اچي خبرون چارون ڪندي آهي. پاڻ به ان نفرت جي اظهار بابت ٻڌايائين جيڪو پاڻ هتي جي سئيڊش سوسائٽي ۾رهندي محسوس ڪري ٿي.
    ”هتي جا ماڻهو مون کي ڏسي اهوئي سوچيندا آهن ته آئون به ڪاهن ملڪ جي خوشحالي ڏسي، پنهنجو غريب ملڪ ڇڏي آئي آهيان. پر ڪنهن ڪنهن کي ٻڌائيندي وتان، ته بابا آئون ته انگلينڊ ۾ پڙهي رهي هيس توهانجو سئيڊش همراهه مون تي عاشق ٿي پيو. ان هوندي به منهنجا مائٽ ان شاديءَ ۾ راضي نه پئي ٿيا، پر پوءِ ڪجهه عرصو ڇوڪري کي ويجهڙائي کان جانچي جونچي پوءِ چيائون ته ڇوڪرو شريف آهي ڀلي ان سان شادي ڪر.
    هتي جي ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته آئون پنهنجي ملڪ ۾ هجان ها ته اتي به مون کي ڪنهن اعليَ خاندان جو ڇوڪرو ملي وڃي ها ۽ هيڏي تعليم هجڻ ڪري پنهنجي ملڪ توڙي انگلينڊ ۾ هن کان به وڏي آفيسر هجان ها“.


    رمبوت حطام

    هڪ ڏينهن مالمو (سئيڊن) کان ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) ويندڙ فيريءَ ۾ ساڳي ٽيبل تي ايران ۽ عراق جا نوجوان مليا. شڪل شبيهه ۾ ٻئي گورا ۽ يورپين لڳا ٿي. هو ڇهن ستن سالن کان هت آهن. هنن به اهائي ڳالهه ڪئي ته هتي جا سئيڊش ماڻهو اسان ايشين يا ٻين ڌارين ملڪن جي ماڻهن جي هجڻ مان خوش نه آهن.
    ”پر توهان ته رنگ روپ ۾ اهڙا گورا آهيو جو ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ايشيائي آهيو يا يورپين.“ مون چيومان.
    ”نه اهڙي ڳالهه ناهي. هتي جي ماڻهن کي خبر پئجيو وڃي. رنگ روپ مان، چال چلن مان، ٻيو نه ته، ڳالهائڻ جي لهجي مان.“ هنن ٻڌايو.
    پر آئون اهوئي سوچيندو رهيس ته ائين ضروري ناهي. اهي ايشيا جا اڇي رنگ جا ماڻهو جيڪي ننڍي هوندي کان هتي رهيل آهن انهنجي چال چلت ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو لهجو ته بلڪل هتي جي ماڻهن جهڙوئي آهي پوءِ ڪيرڪيئن ٿو سڃاڻي ته هي يورپي نه پر ايشيائي آهي.
    ان جو جواب هتي جي رهاڪو انڊونيشين واهه جو ڏنو. هن سان ڪجهه ڏينهن اڳ هتي جي سبزي مارڪيٽ ۾ ملاقات ٿي. آئون خريداري ڪري ٻين ڪلاس ميٽ همراهن جو انتظار ڪري رهيو هوس. منهنجي ڀر ۾ ئي هي به بيٺو هو. وقت گذاري لاءِ کائنس خبرون چارون ڪرڻ لڳس.
    ”ڪٿي جو آهين؟“ انگريزيءَ ۾ پڇيومانس.
    ”انڊونيشيا جو.“
    وڌيڪ هجائتو ٿيڻ لاءِ سندس ئي زبان۾ پڇيومانس ڪيترن سالن کان آهين؟“.
    ”تعجب آهي توهان کي انڊونيشين اچي ٿي.“ هن پڇيو.
    ”انڊونيشين نه پر ملئي زبان به ڄاڻان ٿو جيڪا ائين آهي جيئن اڙدو، هندي يعني هڪ ٻئي سان ملن ٿيون. سوهتي ڪڏهن آئين؟“
    ”اڄ کان چار سال اڳ آيو هوس.“ هن وراڻيو.
    ”اڪيلو آهين يا فئملي سان؟“ اسين ملئي زبان ۾ ڳالهائيندا رهياسين.
    ”هينئر اڪيلو آهيان. هتي جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪيم، پر طلاق ٿي وئي.“
    ”۽ پوءِ ٻار؟“ مون پڇيو مانس.
    ”ٻار زال وٽ آهن. آئون اڪيلو ٿو رهان.“
    ”ٻارن سان ملين يا نه؟“ مون پڇيومانس.
    ”ها. ائين هر هفتي هنن وٽ ويندو آهيان. زال به ڳالهائيندي آهي. هاڻ اسين زال مڙس نه پر دوستن وانگر آهيون.“ هن ٻڌايو.
    ”پوءِ ڀلا هاڻ ڇا سوچيو اٿئي؟ ٻي شادي به هتان ڪندين يا پاڪستانين، هندستانين ۽ ٻين ايشين وانگر هاڻ هتي جو پاسپورٽ ملڻ بعد پنهنجي ملڪ مان شادي ڪري ايندين؟“ مون پڇيو مانس.
    ”نه آئون ٻي شادي هرگز نه ڪندس. ٻارن سان منهنجو تمام گهڻو ڳانڍاپو آهي.“ هن چيو.
    ۽ اها ڳالهه ڪندي هو بيحد جذباتي ٿي ويو ۽ مون محسوس ڪيو ته هن جي هتي جي سئيڊش ڇوڪري سان شادي Marriage of Convenience (سهوليت ۽ مطلب خاطر شادي) گهٽ ۽ پيار محبت جي وڌيڪ هئي. هاڻ شادي ٽٽڻ تي هن کي ڪافي صدمو رسيو آهي.
    ”چئبو ته تون طلاق ۾ خوش نه هئين؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه. پر ڇا ڪجي. هتي جي ڇوڪرين سان نڀائڻ ڏکيو آهي..“ هن ٻه دفعا ’لبيح لبيح سوسا‘ (ڏاڍو ڏاڍو ڏکيو) چيو.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون سندس تجربي جي آڌار تي سندس واتان معلوم ڪرڻ چاهيو ٿي.
    ”هتي جون ڇوڪريون جنهن ماحول ۾ پليون نپنيون آهن انهن سان اسان جو ٺهراءُ ٿي نٿو سگهي. هڪ حد تائين اسين ايشيائي- خاص ڪري مسلمان، کين آزادي ڏئي سگهون ٿا. سندن ناز کڻي سگهون ٿا. سندن ڳالهين تي اکيون پوري سگهون ٿا. پر هر ڳالهه اسان کان برداشت ڪرڻ ڏکي آهي ۽ پوءِ جڏهن کين سمجهائجي ٿو ته، اها ڳالهه اسان جي قدرن، اصولن ۽ اخلاقن سان نٿي ٺهڪي ته هو سمجهن ٿيون ته اسين کانئن آزادي ڦرڻ چاهيون ٿا. پوءِ هڪ دفعو سمجهوتي ۾ ڏار پئجي وڃن ته ان پيار جي گهرڙي جون ڀتيون جلدئي اچيو ڦهڪو ڪن. پوءِ اسان جهڙا انسان جنڊ جي هڪ پڙ پيار محبت ۽ ٻئي پڙ اخلاق ۽ مشرقي حيا ادب جي وچ ۾ ئي پيڙبا رهون ٿا.“
    سندس هلڻ جو وقت ٿي ويو هو، سو ٿيلهو کڻي موڪلائڻ مهل مون کان پڇيائين:
    ”توکي سئيڊن ڪيئن ٿو لڳي؟“
    ”سايا تيداق سُڪا نگري اني- آءِ لائيڪ ملائيشيا ائينڊ انڊونيشيا“ (مون کي هي ملڪ نٿو وڻي- مون کي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا پسند آهن.)
    ”ڪيناپا؟ ڪيناپا؟“ ڇو ڇو- هن تعجب مان ساڳي ملئي (انڊونيشي) زبان ۾پڇيو.
    ”ان ڪري جو اتي ڌارئي لاءِ ايتري نفرت ناهي جيتري هتي آهي. هتي جا ماڻهو اسان کي بيحد نيچ سمجهن ٿا، ڇو جو اسان جي ڪاري چمڙي آهي.“ اهو جملو چوڻ دوران هو به مون سان گڏ ساڳيو جملو دهرائي رهيو هو. پر جڏهن مون ”ڪاري چمڙي“ لفظ چيو ته هن ان بدران ڪو ٻيو لفظ چيو. جيڪو مون محسوس ڪيو پر ٻڌي نه سگهيس. سو کيس ورجائڻ لاءِ چيم ته هن ڇا چيو- حطام آپا- ڪارو ڇا؟
    ”حطام رمبوت“ هن وراڻيو- ڪارا وار. (ملئي زبان ۾ رمبوت وارن کي چئبو آهي. جيئن رمبوتان ميوو- معنى وارن واروميوو. ان ڪري جو رمبوتان مٿان وار آهن.)
    ”يار واهه جي ڳالهه ڪيئي.“ مون چيومانس.
    ”چمڙي ته اسان مان ڪيترن جي کير جهڙي اڇي به آهي پر هي يورپ جا ماڻهو ته اسان کي وارن مان ئي سڃاڻن ٿا. ڪارا وار معنى پڪ ايشيا جو هوندو. ائين اٽلي جا ڪيترا آهن جن جو رنگ اسان کان ويل آهي پر وار ڀورا يا ڳاڙهيرا يا اڇا ميٽوڙي هجڻ ڪري کين وري به اسان کان وڌيڪ، جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا ۽ پنهنجو سؤٽ ماسات سمجهن ٿا.“
    اهو چئي انڊونيشي نوجوان روانو ٿي ويو.


    سنگل پئرنٽ

    هتي (سئيڊن ۾) رهندڙ پاڪستانين جي هڪ محفل ۾ هڪ پاڪستانيءَ ٻڌايو ته هتي جي ماڻهن ۾ طلاق تمام گهڻي آهي. ٿوري گهڻي ڳالهه تي روسامو ۽ علحدگي ٿيووڃي. طلاق بعد ٻار زال وٽ رهن يا مڙس وٽ. ان لاءِ هو پنهنجو پاڻ فيصلو ڪري سگهن ٿا يا ڪورٽ کان اختياري وٺي سگهن ٿا.
    ان پاڪستانيءَ اهو ٻڌايوته سندس ڌيءَ سان گڏ پڙهندڙ اٺاويهه ٻارن جي ڪلاس ۾ ڪوبه اهڙو ٻار نه آهي. جنهن جي ماءُ پيءَ جي علحدگي ٿيل نه هجي. يعني سڀ Single- Parent ٻار آهن. ان پاڪستانيءَ جي اُها ڌيءَ به کيس پهرين زال مان آهي. جيڪا هتي جي سئيڊش هئي ۽ هاڻ طلاق ٿي چڪي آهي.


    ڏوهه ڪنهن جو آهي

    اسان جو هڪ اوپن بڪ ٽيسٽ ٿيو. يعني سوالن جا جواب لکڻ لاءِ ان سبجيڪيٽ جا ڏهه ٻارهن ڪتاب کولي ڏسڻ جي اجازت هئي. هڪ هڪ ڪتاب ٽن چئن کان اٺ نوَ صفحن تي مشتمل. نالي ۾ ته ڏسي لکڻ وارو امتحان هو پر اهڙي ٽيسٽ ڏسي به اهو لکي سگهي ٿو جنهن پڙهيو هجي.
    ڪلاس روم جي آخري چئن بينچن تي منهنجو نمبر هو ۽ ٻيا ٽي ڄڻا: فلپين جو سوتي ڇائي، تنزانيا جو دوبيلو، ۽ مصر جو ڪئپٽن حنفي هو. حنفيءَ کي ته امتحان جو فڪر ٿئي ئي ڪونه. سڀ کان آخر ۾ ڪلاس ۾ اچي ۽ سڀ کان پهرين پيپر ڏئي وڃي. ان ڏينهن امتحان شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڏهه پندرهن منٽ هئا. ٿائلينڊ جي سوتي ڇائيءَ مون کي ۽ تنزانيا جي دوبيلي کي چيو: ”توهان پاڪستاني ۽ تنزانيا جا ته خوش نصيب آهيو جو توهان جي ملڪ ۾ انگريزي پڙهائي وڃي ٿي. مون کي ته ڪيترن سوالن جا جواب اچن به کڻي ته به چڱيءَ طرح لکي نٿو سگهان جو انگريزيءَ کان گهڻو واقف نه آهيان. ٿائي زبان ۾چئو ته ڪئين ڪاڳر ڪارا ڪري ڏيکاريانوَ. ڀلا هڪڙو قرب ته ڪجو گهٽ ۾ گهٽ صفحي جو نمبر ته ٻڌائجو.
    مون ڏٺو ته تنزانيا جو دوبيلو سنجيدو ٿي ويو. تنهن تي مون چيومانس:
    ”دوبيلو! تون امتحان جي معاملي ۾ ايترو گنڀير ٿيو وڃين جو توکان ڊپ ٿو لڳي.“ ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اڳ جي ڳالهه ياد ڏياري چيومانس.
    ”ڪالهه امتحان دوران مون توکان ڪئلڪيوليٽر پئي گهريو پر مجال آهي جو ڪنڌ کڻي نهارين.“
    ”امتحان دوران ڳالهائبو ناهي ۽ ٿائلينڊ جي سوتي ڇائيءَ کي صفحي جو نمبر ٻڌائڻ معنيٰ ڪاپي ڪرائڻ. اهو ڪم آءُ هرگز نه ڪندس.“ دوبيلو ٺهه پهه وراڻيو.
    مون کي سندس ان ڳالهه جتي تعجب ۾ وڌو اتي خوشي پڻ ٿي. هونءَ ته دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ٿوري گهڻي ڪا پيءَ جي پٽ شروع ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ (۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ته) تباهيءَ جي حد تائين ڪاپيءَ جوناسور پکڙجي ويو آهي. پر ڪي ملڪ اهڙا به آهن جن ۾ امتحان تمام سختيءَ سان ورتا وڃن ٿا ۽ شاگرد لاءِ امتحان پاس ڪرڻ جو واحد طريقو محنت ۽ فقط محنت آهي. انهن ملڪن ۾ ڪاپي يا سفارش جهڙي ڪا شيءِ نٿي هلي سگهي. ملائيشيا به انهن ملڪن مان هڪ آهي جتي امتحان سختيءَ سان ورتا وڃن ٿا. گهٽ مارڪون کڻندڙ شاگرد کي ٻئي ڪلاس ۾ داخلا ڏيڻ بدران اسڪول يا ڪاليج مان يڪدم ڪڍيووڃي ٿو. جيئن پڙهڻ بدران وڃي ڪو پورهيو ڌنڌو ڪري. يا ڪنهن دڪان، هوٽل وغيره تي وڃي سيلز مين يا بئرو ٿي ڪم ڪري، جتي دماغي ڪم جي گهڻي ضرورت نه هجي. ملائيشيا جي سفرنامي ۾لکي چڪو آهيان ته هڪ سال امتحان وٺندڙ واسطيدار اٿارٽيءَ کي اهو شڪ ٿيو ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو پيپر ليڪ آئوٽ ٿي ويو آهي. ان بعد نه فقط ان سبجيڪٽ جو پر سڀني ڪمن جو امتحان سڄي ملڪ جي شاگردن کان وري ورتو ويو.
    سو تنزانيا جي دوبيلو جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي يڪدم خيال آيو ته تنزانيا هونءَ کڻي آفريڪا جو هڪ غريب ملڪ آهي جتي سياسي هنگاما لڳا پيا هجن، پر ٿي سگهي ٿو ته تعليم جو معيار بلند هجي. هونءَ به دوبيلي جي معلومات ۽ ڄاڻ مان اهوئي لڳي ٿو ته هو ڪو سفارشي نه پر پڙهيل ڳڙهيل ۽ پنهنجي سبجيڪٽ ۾ ڀڙ انجنيئر آهي. سو دوبيلو کان پڇيم:
    ”دبيلو! لڳي ٿو توهانجي ملڪ ۾ ڪاپي نٿي هلي.“
    ”سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. امتحان هلندي ڪنهن شاگرد وٽان ڪو ڪاغذ ڀور ملي وڃي يا هو ٻئي سان ڳالهائيندي ڏٺو وڃي ته اٿارٽي ان ئي وقت ان شاگرد کي ريسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيندي آهي.“
    ”ويري گڊ! خوشي جي ڳالهه آهي تنزانيا تعليم جو اهوئي معيار رکندو اچي جيڪو انگريز ڇڏي ويا.“ مون چيو، ”ان جو مطلب اهو آهي ته تنزانيا جي ڪاليجن، يونيورسٽين مان جيڪي شاگرد گريجوئيٽ ٿي نڪرندا هوندا سي پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ماسٽر هوندا.“ مون چيو.
    ”ها.“ دوبيلو وراڻيو، ”اسان جي ملڪ ۾ جيتوڻيڪ ڪي گهڻا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون نه آهن پر جيڪي شاگرد تعليم حاصل ڪري نڪرن ٿا انهن جو سڄي دنيا ۾ قدر آهي. اڄ به تنزانيا جا ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ٻين سبجيڪٽن جا ماهر انگلينڊ، آمريڪا ۽ آسٽريليا ۾ نظر ايندا ۽ هنن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي وڃي ٿي.“
    ”دوبيلو توکي ڏسي ان جي شاهدي آئون به ڏيندس.“ مون چيو. ساڻس ان بابت وڌيڪ خبرون نه ڪري سگهيس. پر اهو سوچي ڏک ٿيندو اٿم ته ڪو زمانو هو، سنڌ يونيورسٽي کي تعليم جي معيار کان پاڪستان ۾ سڀ کان اعليَ درسگاهه سمجهيو ويندو هو، پر اڄ سنڌ جي تعليم گاهن ۾ تنزانيا جهڙو حال به نه رهيو آهي. تعليم حاصل ڪري ڪيترن ملڪن ۾ اسانجا ڊاڪٽر، انجنيئر وڃن ٿا پر سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي، گهڻائي ولايت ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿي ٿئي. ڊگري ته سندن هٿن ۾ ضرور آهي پر علم نه هجڻ ڪري هنن جو حالتن سان گذارو ٿي نه پيو سگهي.
    هڪ مسلمان ملڪ اسانجي نوجوانن جي بيروزگاريءَ جو خيال ڪندي ويهه کن تازن گريجوئيٽ ڊاڪٽرن کي پنهنجي ملڪ جي اسپتال ۾ نوڪري ڏني. پر افسوس جو هڪ به رهي نه سگهيو. ڪنهن چيو مون کي ڏورانهين ڳوٺ ۾ا ڪيلو رکيوويو. ڪنهن چيو مونکي گائني وارڊ ۾ رکيو ويو هو ۽ پڙهائيءَ دوران مون کي ويم جو تجربو نه ٿيو هو. ڪنهن چيو غلط دوا ڏيڻ جيئن ته ان ملڪ ۾وڏو ڏوهه آهي، سو مون کي ڊپ لڳو ته ڪٿي غلطي نه ٿي وڃيم. سڀني اهو سبب ڏنو ته کين ڪاليجن ۾ا ستادن چڱي طرح نه پڙهايو يا تجربن لاءِ Dead Bodies گهٽ هيون، يا هاسٽل جي هڪ هڪ ڪمري ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي رهڻ ڪري پڙهائي نه ٿي سگهي يا سال جا ڇهه مهينا هنگامن ڪري ڪاليج بند رهيو وغيره وغيره. ڏوهه ڪنهن جو آهي؟ شاگرد جو، استاد جو، ڪاليج هلائيندڙن جو، حڪومت جو، سياستدانن جو، چند لوفر ڇوڪرن جو جيڪي ٻين کي پڙهڻ نٿا ڏين، ڪنهن ملڪي يا ڌارئين دشمن جو يا اڃا به ڪنهن ٽئين جو.
    بهرحال هي تعليم ۾ ملاوٽ، کوٽ ۽ دغا قوم جي نئين نسل کي تباهيءَ ڏي وٺيو پئي وڃي.


    پاڻ وٽ ڪهڙا مهمان ايندا

    سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ اربع، ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن مارڪيٽ ٽائيپ مارڪيٽون لڳنديون آهن. انهن کي جمع مارڪيٽ ته نٿو سڏي سگهجي جو جمع مارڪيٽ ۾ گهڻي ڀاڱي ميوو ۽ ڀاڄي هوندو آهي يا رڌ پچاءَ جو راشن ۽ نئون ڪپڙو گندي ۽ ٿانو ٿپو. پر اڃا به هن کي ڪراچيءَ جي لنڊا بازار سڏي سگهجي ٿو، جتي، هتي جا ماڻهو پنهنجي گهر جون فالتو شيون اچي وڪڻندا آهن. جن ۾نيون به هونديون آهن ته پراڻيون به. ڪي دڪان يا ڪارخانا هميشه لاءِ بند ٿيندا آهن يا موسم جي تبديليءَ تي گذريل موسم جو سامان ڪڍندا آهن ته ڪي واپاري ان کي لاٽ ۾ خريد ڪري هنن مارڪيٽن ۾ سستو ڪري وڪڻندا آهن يا زال مڙس طلاق تي گهر جو سامان وڪڻي، وڪري جي پئسن جو اڌو اڌ ڪندا آهن. ان بابت شروع جي مضمون ۾ پڻ لکي چڪو آهيان. سئيڊش ماڻهو، يورپ جي ملڪن ۾ ته خاص ڪري، پر ويندي جپان، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، آسٽريليا پاسي گهمڻ وڃن ٿا جتان مختلف شيون وٺيو اچن. ڪجهه وقت کانپوءِ دل ڀرجڻ تي ههڙين مارڪيٽن ۾ اچيو تين وال ڪن. هونءَ به سئيڊش ماڻهن کي پئسي اڏائڻ- يعني خرچ ڪرڻ جي ڏاڍي پٽ آهي. بچت جو ته هنن وٽ Concept آهي ئي ڪونه. بچائين ته ڪنهن لاءِ بچائين. پاڻ بي روزگار ٿين ته سرڪار مهيني سر کين خرچ پکو پهچائي. باقي رهيو اولاد، سو جيئن ئي ماءُ جي پيٽ ۾ سرجي ٿو ته سرڪار طرفان ان لاءِ پئسا ملڻ شروع ٿيو وڃن. بقول هتي رهندڙ پاڪستاني همراهه جوهر زمان جي، هتي جي ماڻهن ۾ اجايو سجايو خرچ ڪرڻ جي عادت آهي. جيڪا نئين شيءِ ڏسن يڪدم وٺي اچن. ۽ پوءِ ٿورن ڏينهن بعد ان مان بيزاري محسوس ڪن ۽ پوءِ اوترو ئي جهٽ ان مان پنهنجي جان آجي ڪن. گهر جا ٿانوَ ٿپا ته ٺهيو پر ايتريقدر جو زال مڙس مان ۽ مڙس زال مان، پاڻ کي آزاد ڪرائڻ جي چڪر ۾ رهن ٿا.
    اهڙيون سستيون مارڪيٽون جن کي انگلينڊ ۾ ”پيني مارڪيٽ“ به سڏجي ٿو، هتي مختلف ڏينهن ۽ هنڌن تي لڳن ٿيون. اڄڪلهه سڀ کان وڏي مارڪيٽ اربع ڏينهن، شهر جي وچ مان لنگهندڙ ڪئنال جي ڪپر تي لڳي ٿي ۽ ٻي ڇنڇر ڏينهن فوڪيٽ پارڪ ۾. ان ۾ آيل خريدارن ۾ هڪ ته اسين يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ سؤ کان مٿي ملڪن جا شاگرد هوندا آهيون ۽ ٻيو هتي رهندڙ ايراني، عرب، ترڪ ۽ آفريڪي باشندا هوندا آهن. ان کان علاوه هتي جا لوڪل سئيڊش ۽ يورپي پڻ جام هوندا آهن. مڙيئي چاليهه پنجاهه کن هٽڙا لڳندا آهن. هر هڪ پنهنجيون شيون ٽيبل تي سجائي رکندو آهي. هر دفعي نوان وڪڻڻ وارا پنهنجوسامان نيڪال ڪرڻ لاءِ آڻيندا آهن. ڏهه پندرهن مڙيئي اهڙا همراهه به هوندا آهن جيڪي هر هفتي دڪان هلائين،اهي هتان هُتان شيون گڏ ڪري يا ٻهراڙيءَ جي گهرن مان اڃا به گهٽ قيمت تي وٺي ڪجهه نفعي تي اچي وڪڻندا آهن. يعني ڦلن مٺ ۾ وٺي ڀڳڙن مٺ ۾ وڪڻندا آهن.
    ڇنڇر ڏينهن اسان کي موڪل ٿئي سو فوڪيٽ پارڪ جي ان مارڪيٽ ۾ ڪلاڪ ٻه سٺي وندر ٿي ويندي آهي. پوءِ ڪا هڪ اڌڪم جي شيءِ بنهه سستي اگهه تي ملي ويندي آهي ته ضرور وٺندا آهيون. دڪاندار ماين ۽ مردن سان (جن کي انگريزي اچي) خبر چار به ڪندا آهيون ڇو پيا وڪڻو يا فلاڻي يا فلاڻي شيءَ ڪٿان ورتي اٿوَ. ساڳي وقت خريدارن جي انبوهن ۾ مختلف ماڻهو ۽ سندن ويس وڳا ۽ خريداري جي نموني کي ڏسي لطف وٺندا آهيون.
    منهنجي ڪورس پروفيسر پاڪستان ۾ اونيڪس پٿر مان ٺهندڙ شين جي تعريف ڪئي. کڻي ٿي کٽي سو چيومانس ته ڪو آيو ته تولاءِ گهرائي وٺندس. پوءِ ته پروفيسر منهنجو مٿو کائي ويو. نه پاڪستان کان اچي ۽ نه هن کي تحفو ملي. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هڪ همراهه ان پٿر جون شيون ان ”جهونا پرانا“ مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ آيو، جيڪي هن پشاور مان ورتيون هيون. اهي وٺي اچي پوڙهي پروفيسر کي پنهنجي طرفان ڏنم ته تولاءِ ڪراچيءَ مان گهرايون اٿم. جان ڇٽي پئي نه ته اهي مهنگيون شيون ڪير صدر جي ڪوآپريٽو مارڪيٽ مان خريد ڪري، پوءِ اهي بار هوائي جهاز ۾ ڍوئي مون تائين پهچائي ها. وڪڻڻ وارا به خوش، وٺڻ وارو به خوش، جنهن کي تحفو مليو اهو به خوش.
    هڪ همراهه لالٽين وڪڻي رهيو هو جيڪو پڻ پاڪستان يا هندستان مان ورتل لڳو ٿي. قيمت پنج سؤ روپيا، چيومانس؛ ”هي ته ٽڪو به نه لهي. نئين جو مُلهه به ٽيهه چاليهن رپين کان مٿي نه هوندو“.
    چوڻ لڳو: ”نه هي Antique پراڻي زماني جي شيءِ آهي. انڊيا پاسي کان منهنجي پيءُ آندي هئي. اڄ کان سٺ ستر سال اڳ جڏهن لائيٽ نه هئي ته ان پاسي جا ماڻهو هي استعمال ڪندا هئا.“
    دل ۾ چيم: ”چريو ٿيو آهين. سنڌ جي ڳوٺن ۾ هينئر وڃ ته اڄ به اهي لالٽين پيا ٻرن. پاسي کان پڪن رستن تان بجليءَ جون تارون ۽ سئي گئس جا پائيپ لنگهيو پيا وڃن پر هن دؤر ۾ به اهڙن گهرن ۾لالٽين پيا ٽمڪن ۽ مائرون ڇيڻن ۽ ڪاٺين جي دونهين ۾ ڪُنا پيون رڌين.“
    هڪ دفعي هتي جون رهاڪو ٽي افغاني ڇوڪريون وڪڻڻ لاءِ نون ڪپڙن جون وڏيون هڙون ٻڌي آيون. سوٽ، قميصون، سئيٽر تمام گهٽ اگهه ۾ پئي ڏنائون. مون به هڪ سئيٽر ۽ قميض کانئن ورتي ۽ جڏهن خبر پين ته پاڪستاني آهيان ته هڪ قميص مٿان مفت ۾به ڏنائون. پنهنجن پاڪستاني ساٿين کي چيم:
    ”مون سمجهيو افغاني رڳو پاڪستان، هندستان، برما، بنگلاديش ۾ ڪپڙن جو واپار ڪن ٿاپر هاڻ خبر پيئي ته هو ته اچي اتر قطب کان نڪتا آهن.“
    ڇوڪرين کان پڇيم: ”هي ڪپڙا ڪٿان آندا اٿوَ؟“
    ”هي جرمني جي هڪ فئڪٽري جو رجيڪٽ ٿيل مال آهي، ڪنهن جو تند ڌاڳو ڇڄيل آهي ته ڪنهن جو ڪاڄ ٻيڙو اڻپورو آهي. فئڪٽريءَ وارن اهو مال فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙن کي سستي اگهه ۾ خريد ڪرڻ لاءِ آفر ڏني. اسان جا پيئر ڀائر ان فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪن ٿا سي اتان وٺي آيا آهن.“
    ايندڙ مهيني هاسٽل کان فليٽ ۾ شفٽ ٿيڻ لاءِ ڪجهه سامان جي ضرورت هئي جهڙوڪ: ٿانوَ، پڙدا، چادرون، وهاڻا وغيره. هڪ عورت ڇت ۾ لڳائڻ جا لئمپ وڪڻي رهي هئي. هتي سيءَ هجڻ ڪري گهرن ۾ پنکا ته ٿين ڪونه. باقي لئمپ يا بلبن جا ڇٽ هرڪو مسواڙي پنهنجا آڻيندو آهي ۽ گهر خالي ڪرڻ وقت هن کي پنهنجو آندل هر سامان ڪڍڻو پوندو آهي ۽ هتي جي قاعدي موجب گهر ۾ ڇڏڻو ناهي. پنهنجي سٺي يا خراب شيءِ پاڻ سان کڻي وڃڻي آهي پوءِ ڪو ڪچري جو وڏو دٻو ڳولي اڇلي يا ههڙين مارڪيٽ ۾ وڪڻي.
    گهر ڇڏڻ وقت هنڌ بسترن، ٽيبل ڪرسين ۽ کٽن ڪوچن لاءِ ته اخبار ۾ ڏبو آهي ته جيئن ڪو ضرورتمند اچي خريد ڪري وڃي. خريدار نه ملڻ جي صورت ۾ وڏو مٿي جو سور ٿي پوندو آهي. ان فرنيچر کي اڇلڻ لاءِ ٻه سؤ ڪرونا (اٺ سؤ رپيا) ڏئي ٽرڪ ڀاڙي تي ڪبي آهي جيڪا اهو فرنيچر ۽ ٻيو سامان شهرجي ڊمپ هائوس ۾ اڇلي ايندي آهي. ڊمپ هائوس وارا سؤ کن ڪرونا ان جي في الڳ وٺن، جو آخر هنن جو گدام آهي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو کانئن پگهار وٺن ٿا. پوءِ هو اهو سامان پنهنجن ماڻهن کان ڌار ڌار ڪرائين. يعني ڪاٺ جو الڳ، لوهه جو الڳ (جنهن ۾ لوهي ڪٻٽ، ريفريجريٽر، واشنگ مشين وغيره اچي وڃن) شيشي جو الڳ ۽ پوءِ ان کي مشين ذريعي چيڀاٽي مختلف ڪارخانن کي ڪچي مال جي صورت ۾ تورتي وڪڻن.
    سو مٿي ذڪر ڪيل دڪاندار عورت کان اهو ڀت جو لئمپ (شيڊن سميت) وٺڻ چاهيم ٿي. هن وٽ ڇت جا لئمپ ۽ ٻه ٽيبل لئمپ پڻ هئا، جيڪي سڀ وٺڻ چاهيم ٿي پر قيمتن تي نه پئي ٺهياسين. هوءَ سيڪنڊ هينڊ مارڪيٽ جي حساب سان گهڻو اگهه چئي رهي هئي ۽ رکي رکي مونکي دليل ٿي ڏنائين.
    ”فلاڻن لئمپن يا بجلي جي دڪانن تان وڃي معلوم ڪر ته هيتري جو ٿو ملي. آئون ته اڌ کان به گهٽ قيمت تي وڪڻي رهي آهيان.“
    هاڻ هن کي ڪير سمجهائي ته اتان وٺڻو هجي ها ته هتي ڇو اچجي ها ۽ ٻي ڳالهه ته دڪان تي نئين شيءِ ۽ Variety جا پئسا آهن. آئون هڪ وٺڻ جي ٻڏتر ۾ هوس ته بنگلاديش جو ڪئپٽن حبيب پتلون جا ور کجيندو اچي نڪتو. سندس فئملي به ايندڙ مهيني اچي رهي هئي سو مونسان گڏ هن مهيني جي آخر ۾ هاسٽل ڇڏي فليٽ ۾ شفٽ ٿيڻو هوس. پاڻ مسواڙ تي ورتل فليٽ لاءِ هر شيءِ وٺي ڇڏي هئائين. ان ڏينهن کيس ڪي وهاڻا ۽ ٽاول ملي ويا هئا سي پلاسٽڪ جي وڏي ٿيلهيءَ ۾ (جنهن ۾ ماڻهو به بند ٿي وڃي) اهو سامان وجهي، سانٽا ڪلاز وانگرڪلهي وٽان پٺيءَ تي ورائي، منهنجي اڳيان اچي بيٺو ۽ پنهنجي کلمک انداز ۾ هيلو ڪري ڀڳل سڳل اڙدوءَ ۾ خبرچار پڇڻ لڳو:
    ”اڙي ڀائي کيا هورها هي. آڌا گنٽا سي هم ديکهه رها هي. کيا ڇوڪري ڪا سامان لي رها هي يا ڇوڪري کو خريد رها هي.“
    ”يار! ڳالهه ٻڌ هن لئمپ جا هيترا پئسا پيو ڏيانس مڃي نٿي. هاڻ وٺانس يا نه؟“ مون صلاح ورتي مانس.
    ”اڙي اهي به تمام گهڻا آهن. ان جو به اڌ مناسب آهي.“ حبيب مون کي چيو ۽ پوءِ هن ڇوڪريءَ کي به انگريزي ۾ چيو ”منجهند جو هڪ ٿي ويو آهي. دڪان بند ڪرڻ ۾ باقي ڪلاڪ. ماٺ ڪري جلدي وڪڻي تون به گهر وڃ اسان به گهر وڃون. جي هي مٽن دلن جيڏا بلبن جا شيڊ ڪنهن نه ورتئي ته سائيڪل تي ته گهر کڻي نه ويندينءَ ۽ نه بس وارو انهن مٽن سان توکي چڙهڻ ڏيندو. پوءِ سؤ ڪرونا (چار سؤ رپيا) ٽئڪسيءَ تي خرچ ڪرڻو پوندءِ يا ٻه سؤ ڪرونا ٽرڪ واري کي ڏيڻا پوندءِ ته توکي ۽ تنهنجن مٽن کي ڍوئي گهر رسائي.“
    ڇوڪريءَ کي الائي حبيب ڳالهائڻ جي جو مزاحيه انداز وڻيو يا پيش ڪيل دليل. مون کي نه فقط اهي شيڊ وڪڻي ڏنائين پر ڊنر سيٽ (جنهن ۾ فقط ٻه ڪوپ کٽل هئا) لاءِ به منٿون ڪرڻ لڳي ته جيتري ۾ وڻيم کڻان. گهڻوئي چيومانس ته اهو مفت ۾ به نه کپي مون وٽ گهڻو بار ٿي پوندو ۽ ان کي کڻڻ لاءِ مون کي ٽئڪسي ڪرڻي پوندي. ته چوي ته گهٽ اگهه ۾به کڻ. ڪئپٽن حبيب چيو: ”لو يار. آئو کڻائي ٿو هلانءِ پئسن ۾ اڌو اڌ ڪنداسين ته ٿانوَن ۾ به.“
    هاسٽل پهچي ڊنرسٽ جو اڌو اڌ ڪيوسين. ڇوڪري آمريڪا لڏي پئي وئي تڏهن اهو ڊنرسيٽ وڪيائين نه ته ٻن ڪوپن جي ڀڄڻ ڪري ههڙو قيمتي ڊنرسيٽ ڪو ورلي وڪڻندو. اهي ٿانوَ عام چلهه توڙي مائڪرو ويو اوون ۽ فريزر ۾ رکي سگهجن ٿا. جنهن بابت هر ٿانوَ جي هيٺان لکيل آهي ۽ فنلئنڊ جا ٺهيل آهن. ڪئپٽن حبيب ڏسي چيو.
    ”سندر آهي. ڀالو (سٺو) آهي.“
    چيومانس: ”اهو سڀ صحيح آهي پر هتي، هن اتر قطب جي ملڪ ۾ پاڻ وٽ ڪهڙا مهمان ايندا جن لاءِ هروڀرو ڊنرسيٽ وٺي آيا آهيون؟“
    ”تڏهن ته اڌو اڌڪري رهيا آهيون جيئن مهمانن لاءِ نه پر گهر ۾ ئي پنهنجي لاءِ استعمال ڪريون ۽ خدانخواسته ڪو حيدرآباد، هالا، يا نرائڻ گنج ڪوميلا کان ڪو مهمان ٿڙي ٿاٻڙي هن پاري جهڙي ملڪ ۾ تو وٽ يا مون وٽ اچي نڪتو ته هڪ ٻئي کان اوڌر تي ٿانوَ وٺي استعمال ڪري سگهون ٿا.“


    ڪمپليٽ سوٽ خريدڻ

    هڪ دفعي اهڙي مارڪيٽ ۾ سيڪنڊ ايئر جو بنگالي شاگرد ڪئپٽن معين ملي ويو. هن ڪمپليٽ سوٽ (ٿري پيس) وارو خريد ڪرڻ لاءِ چونڊيوهو. منهنجي پهچڻ تي مون کان صلاح ورتائين ته ڪيئن آهي!؟
    ”سٺو آهي،“ مون چيومانس، ”پر پاڻ ههڙن غريب ملڪن جا غريب ماڻهو شيءِ جي چونڊ فقط سونهن ڏسي نه ڪندا آهيون پر ان جو قيمت تي پڻ مدار آهي. بلڪه تمام ضروري شيءِ اگهه آهي. جي گهٽ آهي ته پاڻ لاءِ صحيح شيءِ آهي جي نه ته پسند هوندي به ڇڏڻي پوندي.“
    ”بس يار قيمت ۾ ئي ته گهپلو ڪري رهي آهي، ٿوري اڃا گهٽ ڪري ته کڻي وٺانس. چئن مهينن بعد منهنجو ڪورس ختم پيو ٿئي. بنگلاديش لاءِ وٺي وڃڻ چاهيان ٿو.“
    معين پاران مون دڪاندار زال مڙس کان وري اگهه پڇيو پر هنن گهٽائڻ نٿي چاهيو. معين کي چيم ته هڪ ڳالهه آهي جيڪڏهن سوٽ ۾ ڪو نقص ڳولي وڃين. يعني ڪو ٻيڙو نه هجيس يا صحيح استري نه ٿيل هجي گهنج هجنس ته پوءِ هي پڪ قيمت ڪيرائي ڇڏيندءِ.
    ”اها ئي ته ڪا خامي ڳولڻ سان نٿي ملي. بلڪل نئون نڪورو آهي.“ معين هڪ واري سوٽ کي وري غور سان ڏسي چيو:
    ”ڏسو مون کي ته هن کي آلٽرا ڪرڻ لاءِ درزري کي به پئسا ڏيڻا آهن.“
    ڪئپٽن معين جو اهو کوڙو اهڙو لڳو جو ٽرقمي آسانيءَ سان ڇڏائجي وئي. سوٽ جي مالڪن هائوڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”ها. اها ڳالهه ڪر. ان لاءِ پنجاهه ڪرونا (ٻه سؤ رپيا) اسان کي گهٽ ڪرڻ کپن جو هتي جا (هن شهر مالمو جا) درزي وڏا مٿي جا سور آهن. معمولي بٽڻ هڻڻ جا به ڏهه ڪرونا وٺن ٿا.“
    ان بعد معين کي يونيورسٽي توڙي هاسٽل ۾ ڪڏهن چيڙائڻو هوندو اٿم ته چوندو آهيانس: ”بيهه ته سوٽ جي اصلي مالڪن کي ٻڌايان ٿو ته توهان کان پنجاهه ڪرونا ڦٻايو ويٺو آهي. پتلون جي ڊيگهه مالمو جي درزيءَ بدران ڍاڪا جي الهه ڏتي درزي کان ويهين رپئي صحيح ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو“.


    وندر جي وندر

    سئيڊن۾ هر شيءِ مهنگي آهي. ڊاڪٽرن جون فيون به آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. شل نه ڪو بيمار ٿئي. ڀلي بيماريءَ جو علاج رپئي جي ائسپرو گوري هجي پر ڊاڪٽرن جي في هڪ سؤ ويهه ڪرونا يعني پنج سو رپيا ٻڌل آهي. اڃا ته اڌ انشورنس ڀري ٿي نه ته هزار رپيا. قاضيءَ کي گوڏي ۾ڌڪ لڳي ويو. فرئڪچر جي ڊپ کان ڊاڪٽر کي ڏيکاريائين جنهن 120 ڪرونا وٺي چيس فرئڪچر ڪونهي فزيوٿراپسٽ کان ٽي ڏينهن زيتون جي تيل جي مالش ڪراءِ. ٻئي ڏينهن يونيورسٽيءَ مان موٽندي زيتون جي تيل جي ڊٻي وٺي آيو ۽ پاڻ ئي مالشون ڪري نوبنو ٿي ويو. نه ته مالش جا به هر دفعي جا هڪ سؤ ڪرونا. پر اها في به ڪجهه نه آهي. شل نه ڪنهن کي ڏندن جو مسئلو ٿئي.
    ملائيشيا کان ڪراچي ايندي سڄو سال اهڙو مشغول گذريو جو هتي سئيڊن ۾ ايندي تائين ڏندن جي ڊاڪٽر وٽ نه ويس. پوءِ هتي مهيني ٻن بعد ڏندن جي ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو. يونيورسٽيءَ وارن ٻڌايو ته هتي جي سڀني ڊاڪٽرن جو ساڳيو اگهه آهي- سرڪاري توڙي پرائيويٽ ڊاڪٽرن جو ريٽ ساڳيو آهي. سرڪاري ڊاڪٽرن جي في سرڪار کڻي ٿي، خانگي ڊاڪٽر جي في ٽئڪس ڪٽجڻ تي باقي کين ملي ٿي. يونيورسٽيءَ وارن ڀر واري بس اسٽاپ وٽ هڪ ڪلينڪ ۾ وڃڻ جي صلاح ڏني، جنهن ۾ ڊينٽل سرجن هڪ سئيڊش عورت آهي. مريضن جي هن وٽ به ڊگهي لسٽ هئي. بهرحال ست اٺ ڏينهن بعد جي Appointment ڏنائين.
    ڏينهن اچڻ تي سندس ڪلينڪ ويس. سندس نرس سڀني ڏندن جا ايڪسري ورتا جيڪي ڏسي چيائين: ”ڏند سڀ صحيح آهن.“
    دل ۾ چيم اهوئي معلوم ڪرڻ لاءِ آيو هوس. هاڻ ڏي موڪل، پر چيائين: (اسڪيلنگ (صفائي) جي ضرورت آهي. لڳي ٿو ته سال ڏيڍ کان ڏند صاف نه ڪرايا آهن“.
    ”ها. آئون شهري زندگيءَ کان ڏور هوس. مستقل جهازن تي ۽ سمنڊ تي هوس.“ ساڻس ڪوڙ ڪيم. هاڻ کيس ڪير ٻڌائي ته ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڏندن کي برش ڪرڻ ۽ هر ڇهين مهيني ڊاڪٽر کان ڏند چيڪ ڪرائڻ واري اصول تي اسان جهڙن ملڪن ۾ ڪيترا آهن جوهلن ٿا.
    پوءِ پاڻ ڊرل ذريعي ڏند به صاف ڪندي رهي ۽ وچ ۾ رکي رکي مون کان سمنڊ جون خبرون پڇندي رهي. ڪلاڪ سوا بعد منهنجي جان آجي ٿي ۽ مون کي پرچيءَ تي ٽن مهينن کانپوءِ جي تاريخ هڻي ڏنائين ته ان تي وري چڪاس لاءِ اچجان. نرس کي چيم ته منهنجو فون نمبر نوٽ ڪري ڇڏ جيئن هفتو اڳ ۾ هو مونکي اطلاع ڪري سگهي.
    پاڻ واچ ۾ ٽائم ڏسي بل ٺاهڻ لڳي. مون کان منهنجو هتي جو رجسٽريشن نمبر ۽ انشورنس جو ڪارڊ وٺي نمبر پاڻ وٽ لکيائين جو کين اڌپئسا انهن کان وٺڻا پوندا آهن.
    بل جي رسيد تي ست سؤ ڪرونا (يعني ٽي هزار رپيا) ڏسي مونکي تعجب لڳو جومون سمجهو ته ٻين ڊاڪٽرن وانگر ڏندن جي ڊاڪٽر جو به ساڳيو اگهه هوندو. مون کي تعجب کائيندوڏسي ۽ اهو سمجهي ته آئون هن ملڪ ۾ نئون آيل آهيان. هوءَ سمجهي ويئي ۽ مون کي ٻڌايائين ته هتي ڏندن جي سڀني ڊاڪٽرن جي في وقت مطابق ٿئي ٿي ۽ اها ڪلاڪ جا ڇهه سؤ ڪرونا آهي (يعني اڌ انشورنس ڪمپنيءَ جو ڪٽڻ بعد اها آهي نه ته ٻارهن سؤ ڪرونا.) توتي هڪ ڪلاڪ ٽيهه منٽ لڳا آهن.
    اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي چيف انجنيئر عبدالحميد قاضي جيڪو پڻ ٻن سالن لاءِ هتي سئيڊن ۾ آيل آهي اها خبر ٻڌي چيو: ”مونکي جيڪڏهن هتي سئيڊن ۾ ڏاٺ ۾ سور ٿيو ته ڏندن جي ڊاڪٽر وٽ وڃي ڇهه ست سؤ ڪرونا خرچ ڪرڻ بدران پنجاهه ڪرونائن جي انبوري وٺي پاڻهي ڏند ڏاٺ ڪڍي ڇڏيندس. آئون به خوش انشورنس ڪمپني به خوش ته پاڪستان جي هن شخص قاضيءَ تعليم دوران ڊاڪٽرن جا بل نه ڪڍيا.“
    قاضي کي چيم: ”مون کي جي خبر هجي ها ته ڏندن جي ڊاڪٽرن جو بل ڪلاڪن جي حساب سان آهي ته کيس حجامن واري بَڪ ڪرڻ کان جهليان ها، جيئن ڪجهه وقت بچي پوي ها، پر اهو ته نه ڪيم ويتر پڏڻ ٿي ويٺي اوٽ پٽانگ جا سوال ڪيامانس ته ڪهڙي ڪاليج مان پڙهي آهين. مڙس ڇا ٿو ڪريئي. گهڻا ٻار اٿئي. وغيره وغيره.“
    مٿين ڏندن جي ليڊي ڊاڪٽر جو ذڪر ان ڪري ڪڍيم جومنهنجي ان علاج بعد واري ڇنڇر تي مون ان ڊاڪٽرياڻي کي گهرجو فالتو سامان فوڪيٽ پارڪ ۾ وڪڻندو ڏٺو. ڪجهه لاليون سرخيون، روج ۽ لپ اسٽڪون وغيره. ڪجهه ٻارن جا رانديڪا ۽ پنهنجا گڏ ڪيل سووينئر، ڪجهه ڪتاب پينون ۽ گهڙيال، ٿيلها وغيره وڪڻن لاءِ رکيو ويٺي هئي. کيس ڏسي مون کي تعجب لڳو ۽ هن کي وري مون کي ڏسي. ٻنهي ساڳي وقت هڪ ٻئي کي چيو: ”يو آر اَلسو هيئر!“
    ان جي جواب ۾ مون چيومانس اسان ته رهون ئي هتي ڀر ۾ ٿا ۽ اڄوڪي ڏينهن تي اسين يونيورسٽي وارا هتي جو چڪر ضرور هڻندا آهيون.
    ”۽ آئون به سال ۾ هڪ ٻه دفعا گهر نئين سنئينءَ سيٽ ڪرڻ بعد فالتو سامان هتي اچي وڪڻندي آهيان.“ هن چيو.
    ”۽ پوءِ ڪلينڪ؟“ مون پڇيومانس.
    ”اڄوڪي ڏينهن بند ڪئي اٿم.“
    ٽيبل تي پکڙيل سندس سامان تي نظر وجهي، چيومانس:
    ”ڪمال آهي. هي سڀ سامان ٻه سؤڪرونائن جو به ناهي جنهن لاءِ تون هتي چار پنج ڪلاڪ بيهندينءَ ۽ هوڏانهن ڪليڪ بند ڪئي اٿئي جنهن ۾ ڪلاڪ جا پنج ڇهه سؤ ڪرونا توکي ملن ٿا.“
    ”بس مڙيئي وڪري جو وڪرو وندر جوندر.“ هن کلندي چيو.
    ”اها ڳالهه ڪر.“
    سو دراصل هنن مارڪيٽن ۾ وڪڻڻ وارا ۽ خريداري ڪرڻ وارا ڏوڪڙ پئسا ڪمائڻ يا بچائڻ کان وڌيڪ وندر لاءِ اچن ٿا.


    غلط جانورن جي کَلَ جو چمپل

    هڪ دفعي هڪ همراهه نيون گنجيون، ڪڇا، جراب ۽ اڻ رڱيل چمڙي جا چمپل وڪڻي رهيو هو. اهي شيون ڀرپاسي واري ڪنهن ملڪ: پولينڊ، هنگري يا چيڪو سلاويا جون لڳيون ٿي. آئون اهو سامان ڏسي رهيو هوس ته ٻه عرب عربي ڳالهائيندا اچي ان ٽيبل وٽ بيٺا ۽ چمپلن کي غور سان ڏسڻ لڳا جيڪي بيحد سهڻا ٺهيل هئا ۽ لڳو ٿي ته ڄڻ هٿ جا ٺهيل هجن. ايران ۾ خميني جي انقلاب بعد ۽ ايران عراق جي جنگ بعد ڪيترائي ايراني عراقي ۽ ڪرد هن ملڪ ۾ سياسي پناهه هيٺ رهن ٿا. هي عراق جا هئا. جيڪو پوءِ کانئن ئي معلوم ٿيو. هو ٻئي ڄڻا چمپلن کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳا ۽ وضو ۽ صلو جا لفظ ٻڌي مون کي لڳو ته هو پڪ اهوئي سوچي رهيا هوندا ته هي چمپل نماز يا وضوءَ لاءِ سولو رهندو. ان بعد هنن قيمت پڇي جيڪا پڻ واجبي هئي. قيمت ۽ شيءِ جي سٺائي مان مطمئن لڳا ٿي پر ان هوندي به چمپل هٿ ۾ جهلي بحث ڪندا رهيا. جيڪو صاف لڳو ٿي ته ان چمپل جي سلسلي ۾ هو. اتي هنن واتان مون هڪ ٻه دفعو پاڪستان جو لفظ ٻڌو ۽ دل ۾ سوچيم ته هو پڪ اهو سوچي رهيا هوندا ته ههڙا سٺا ۽ سستا چمپل پاڪستان ٺاهيا هوندا. جو پاڪستاني چمڙي جي سامان ۾ ماهر آهن. ايتريقدر جو ملائيشيا ۾ به اتي جي واپارين پاڪستانين کي پاڻ سان ملائي بوٽن ٺاهڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو آهي.
    ايتري ۾ مون هنن کي انگريزيءَ ۾ پاڻ بابت ٻڌايو ۽ هنن پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ ٻڌايائون ته هو بحث ڪري رهيا آهن ته آيا هي چمپل پاڪستان جا آهن يا نه؟ ”تنهنجو ڇا خيال آهي؟“ هنن مون کان پڇيو.
    مون کي جيتوڻيڪ پڪ هئي ته اهي پاڪستان جا ٺهيل نه آهن پر مون پاڪستان جي لئه رکڻ لاءِ گول مول جواب ڏنو ته شايد پاڪستان جا ئي آهن. آخر پاڪستان ۾ چمپل، سپاٽا، سئنڊل، سليپر ٺهن ڪونه ٿا ڇا. ان کان بهتر ۽ سهڻا ٺهن ٿا.
    پر پوءِ اهو چوڻ بعد مون کي يڪدم خيال آيو ته هي چمپل ٺاهيندڙ ملڪ جو نالو معلوم ڪري ان ملڪ کي چمپل جي سونهن، ڪاريگري ۽ آرٽ ورڪ جو داد ڏيڻ لاءِ آتا نه آ هن پر هو اها پڪ ٿا ڪن ته هي چمپل جنهن چمڙي مان ٺهيل آهي اهو ڪنهن غلط جانور جو ته نه آهي. ۽ ظاهر آهي جي پاڪستان جو ٺهيل هوندو ته مينهن، ڍڳي، ٻڪري جي کل جو ئي هوندو ۽ هو اکيون پوري وٺي سگهندا.
    مون کي سندن مذهبي خيال کان اهو جذبو وڻيو جو هنن سونهن ۽ گهٽ قيمت کي به ڪٿ ۾ نه آندو ۽ جيئن ئي معلوم ٿين ته اهو چمپل پولينڊ جو ٺهيل آهي ته پرس مان ڪڍيل پئسا واپس رکي چمپل واپس ڪري ڇڏيائون.


    اسانجي ٽي وي کِلَ ۽ خواري

    هتي سئيڊن ۾ جيڪي ويهارو کن ٽي ويءَ جا چئنل نظر اچن ٿا انهن ۾ ٽي سئيڊن جا پنهنجا آهن، ٻه ڀرواري ملڪ ڊئنمارڪ جا ۽ چار پنج ٻين پرڀرن ملڪن: ناروي، فنلئنڊ، جرمني، فرانس ۽ اسپين جا آهن، ڪجهه C.N.N، ڊسڪوري، چلڊرين، Euro Sport، سپر چئنل، Sky News، لائيف اسٽائيل، اسڪرين اسپورٽ ۽ M.T.V جهڙا عالمي ۽ مشهور چئنل آهن، جيڪي سڄي يورپ ۾ نظر اچن ٿا. ان کان علاوه ڪجهه مختلف ملڪن ۽ ايجنسين جا مختلف زبانن جاچئنل نظر اچن ٿا. جيئن ته بي بي سي جو چئنل ون وارو انگريزي پروگرام. (بي بي سي چئنل ٽو وارو پروگرام ڊش اينٽينا سان ئي نظر اچي ٿو.) انهن ملڪن جا ماڻهو جن جي ملڪن تي انگريزن جي حڪومت رهي- جيئن ته ملائيشيا، انڊيا، سنگاپور، پاڪستان، ڪينيا، نائيجيريا وغيره ۽ اهي جيڪي انگريزي سمجهن ٿا انهن جو بي بي سي دلپسند چئنل آهي.
    هڪ چئنل تان ته ڪجهه ڪلاڪن لاءِ جپاني پروگرام ايندو آهي. اها خبر ناهي ته اهو پروگرام يورپ جي ڪهڙي ملڪ مان ٽيليڪاسٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ چئنل تان سڄو وقت ترڪي زبان ۾ پروگرام ايندو آهي. اهو ترڪي طرفان يورپ ۾ رهندڙ ترڪن ۽ ترڪي سمجهندڙن لاءِ آهي. سڄو ڏينهن گانا، خبرون، ڊراما، حال احوال، فلمون۽ اشتهار هلندا آهن. اسان جي ڪلاس ميٽن ترڪيءَ جي حسن بقا ۽ عدنان، آذربائيجان جي چنگيز تيمورلو ۽ رومانيا بلغاريا جي همراهن لاءِ (جن کي ترڪي زبان اچي ٿي) اهو ترڪي زبان وارو چئنل دلپسند آهي. اهڙيءَ طرح هڪ چئنل تان هر وقت عربيءَ ۾ پروگرام اچي ٿو. اهو پروگرام انگلينڊ کان براڊ ڪاسٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي مالڪ هڪ پرائيويٽ ڪمپني آهي، جنهن ۾سعودي عرب جي ڪنهن شهزادي جو وڏو حصو چيو وڃي ٿو. ڪن جو چوڻ آهي ته چار عرب ملڪن (سعودي عرب، ڪويت، لبيا ۽ دبئي جهڙن) گڏجي پئسو ڪڍيو آهي، ۽ پروگرام ۾ عقل مصر، موراڪو ۽ اردن وارن جوآهي. ان پروگرام جو نالو M.B.C آهي.
    مصر جو ڪئپٽن حنفي، ٽيونيشيا جو چيف انجنيئر اياز، نائيجير جو علي جمبا، موراڪو جو امين، سوڊان جو عبدالهادي ۽ ٻيا عرب هر وقت هن چنل جي اڳيان پٿل ماريوويٺا هوندا آهن. ترڪي يا عربي زبان مون کي نٿي اچي پر اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته انهن چئنلن جا پروگرام ضرور بلند معيار جا آهن تڏهن ته شوقين شوقين ان کي ڏسن ٿا، نه ته يورپ جي هنن ملڪن ۾ جتي هر چئنل تي خبر ناهي ڪهڙا اعلى کان اعلى پروگرام اچن ٿا اتي ماڻهو اهي ڇڏي هي ترڪي يا عربيءَ جا پروگرام ڏسن. اها انهن پروگرامن جي ساک جي نشاني آهي.
    ان ڏينهن هڪ محفل ۾ اسين پاڪستاني ويٺا هئاسين، ڪنهن لنڊن مان شروع ٿيندڙ هڪ نئين نڪرندڙ چئنل جي ڳالهه ڪڍي جنهن تان پاڪستاني پروگرام ڏيکاريو ويندو ته جيئن يورپ ۾ رهندڙ پاڪستاني اهي پروگرام ڏسي سگهن. هن شايد اهوچيو ته اهڙو پروگرام شروع ٿي ويو آهي ۽ Trial تي فقط انگلينڊ ۾ ڏيکاريو پيو وڃي ۽ هو گذريل هفتي لنڊن م اهڙي پروگرام تان اڙدو جو هڪ ڊرامو ڏسي به آيو آهي.
    ”تنهن جي معنى ته جيڪي پاڪستان وارا پاڪستان ۾ رهي پنهنجي PTV ٽي ويءَ تان پيا ڏسن اهوئي سڄو ڏينهن اسين به ڏسي سگهون ٿا.“ ٻئي چيو.
    ”اڃا فل پروگرام ته نه ڏيندا، ڪلاڪ ڪلاڪ ڪري وڌائيندا جنهن جو مدار ڏسڻ وارن ۽ اشتهارن ڏيڻ وارن تي آهي.
    ان تي هڪ چيو؛ ”پاڪستان واروهوبهو ٽي وي پروگرام هلائين ته جيڪر اسين پاڪستاني به نه ڏسون. هندستان، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن جا- جيڪي اڙدو سمجهي سگهن ٿا اهي ته ٿيا پري. وڌ ۾ وڌ ڊرامو کڻي ڏسنداسين. باقي پاڪستاني خبرون يا حالات حاضره تي هر هر حڪومت جي شان ۾ پيش ٿيندڙ ڪوڙ ڪير ويهي ٻڌندو. اها ٽي وي جيڪا هڪ گهڙيءَ ڏيکاري ٿي ته ٽنڊوبهاول ۾ نَو دهشتگرد ماريا ويا آهن ۽ کانئن کسيل خطرناڪ هٿيار ڏيکاريا به وڃن ٿا ۽ ٻي گهڙي ان ٽي وي تان اها خبر ته اهي نو ڄڻا دهشتگرد نه پر غريب ڳوٺاڻا هاري هئا جن جي زخميل هٿن زمين جي ڌرتيءَ تي ان سلا اڀارڻ لاءِ ڪوڏر، هر ۽ ڏاٽي کانسواءِ ٻي ڪا شيءِ نه جهلي آهي.“ اهڙي ڪوڙي ميڊيا کي يورپ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪنهن جي معلومات ۾واڌاو ته نه ايندو، پر ملڪ لاءِ کل ۽ خواري جو سبب ٿيندو“.


    ڇا هي اسلام آهي

    ”منهنجي خيال ۾“، سئيڊن ۾ رهندڙ هڪ ٻئي پاڪستانيءَ پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو، ”ان ڪم لاءِ سرڪاري ٽي ويءَ وارن کي ته نه پر P.T.N يا ڪنهن خانگي اداري کي ٺيڪو ڏنو وڃي ته سٺو.“
    ”ان جو سڄو دارومدار حڪومت تي آهي هوءَ سچ کي ڪيترو پسند ڪري ٿي.“ ٻئي چيو.
    ڳالهه ترڪي ۽ عربي زبانن جي ٽي وي چئنلن جي هلي رهي هئي جيڪي هتي يورپ جي ملڪن ۾ تمام گهڻو مشهور آهن. ترڪي ۽ عربي زبان ڄاڻندڙن کان علاه هتي جا مڪاني ماڻهو پڻ اهڙي نئين زبان، نئين ڪلچر، نئين ويس وڳن ۾ ملبوس ماڻهن کي ڏسي Enjoy ڪن ٿا. ترڪي ته بقول اسان جي هڪ ايراني دوست جي ته ماشاءَ الله آهي جنهن جي هڪ ٽنگ ايشيا ۾ آهي ته ٻي يورپ ۾، پر گهٽ عربي پروگرام به نه هوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن جيڪي ڪڻا ڏسندا آهيون ان مان ديڳ جي ناماچار جي خبر اسان کي به پوندي آهي.
    T.V روم ۾ رڳو عربي يا ترڪي ڄاڻندڙ شاگرد هوندا آهن ته هو پنهنجو ئي پروگرام ڏسن. جهڙوئي اسين پاڪستاني، بنگالي، انڊين، فلپينو يا آفريڪا جي ٻين ملڪن جا پهچندا آهيون ته پوءِ سڀني کي اهڙي چئنل لاءِ راضي ٿيڻو پوندو آهي، جنهن جي زبان سڀني کي سمجهه ۾ اچي ۽ جنهن جو پروگرام سڀني کي وڻي. عيد جي ٻيءَ رات بي بي سي تان اسين نائين بجي واريون خبرون ٻڌڻ لاءِ ٽي وي روم ۾ آياسين ته ڪجهه عرب ملڪن جا شاگرد ايم ايس سي چئنل تان پنهنجو عربي پروگرام ڏسي رهيا هئا. اسان جي گهڙن سان جارڊن جي عايد هٿ ٻڌي چيو: ”پليز چئنل چئنج نه ڪجو هن عربي چئنل تان عيد جو پروگرام هلي رهيو آهي. اڄ نيوز کڻي ٺهيو. يا توهان مٿين يا هيٺين فلور واري ٽي وي روم ۾ بي بي سي وڃي ڏسو.“
    اسان به اچي هاڻ موٽڻ نٿي چاهيو ۽ ڪجهه دير لاءِ هنن جو عربي پروگرام ڏسڻ لاءِ ويهي رهياسين. عرب دنيا جا مشهور آرٽسٽ ڳائڻ وڄائڻ، ناچ ۽ کل خوشيءَ جو مظاهرو ڪري رهيا هئا. اسان وٽ به عيد جي موقعي تي هن قسم جا روايتي پروگرام ٿيندا آهن جن ۾ اهي آرٽسٽ جن جي ”پي آر“ سٺي ۽ لابي مضبوط هوندي آهي انهن کي نمايان حصو ڏنو ويندو آهي. جهڳ مڳ جهڳ مڳ ويس وڳا ۽ منهن چپن تي لالين سرخن جا ٿلها تهه هڻي پنهنجي فن جي مظاهري سان گڏ ڏسندڙن کي عيد جي دلي مبارڪ ڏيندا آهن ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ دعائون گهرندا آهن. خاص مهمان انعام ڏيندي ڪنهن خاتون آرٽسٽ کي ڀُل ۾ هٿ ڏيندو آهي ته هو هٿ ملائڻ بدران قدم پٺتي ٿي پنهنجي پرهيزگاري ۽ پاڪدامني جو مظاهرو ڪندي آهي. ڪي ڪي آرٽسٽ حضرات مبارڪن سان گڏ ملڪ جي ترقي، موجوده حڪومت جي سٺاين ۽ ملڪ کي اسلامي بنائي ڇڏڻ جي واکاڻ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جيتوڻيڪ اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪيترين کي مون نشي ۾ ٿڙندي ٿاٻڙندي ڏٺو آهي ۽ دنيا کانئن ۽ سندن اهڙي کوکلي پرچار کان نه فقط واقف آهي پر بيزار آهي. پر هي اسان جي ماحول ۾ هلندڙ ڪوڙي ساراهه، کوکلي شان، ٺلهي لئه واري مرض ۾ نه فقط اسان جو سياستدان ۽ بيورو ڪريٽ پر اديب، آرٽسٽ، بزنس مين، زميندار پڻ مبتلا ٿيندو وڃي. هرڪو پنهنجي منهن غير اسلامي ۽ غير اخلاقي ڪم پيو ڪري پر ٻاهريون دهل پنهنجي مولوي ۽ متقي هجڻ جو پيو وڄائي. نتيجي ۾ هڪ عام ماڻهو منجهي پيو آهي ته ڇا هيءُ آهي اسلام.


    ڇاواپڊا جو ڏوهه آهي

    هتي مسلمان عرب ملڪن جي گڏيل هن پروگرام ۾ ڪابه اهڙي ڪهاڻي نه هئي. اسان جي ڀائر مسلمان ملڪن ۾ مذهب تي واعظ ضرور ٿيندو هوندو پر مسجدن، ٽي ويءَ کي هنن وندر لاءِ وقف ڪيو آهي. عرب دنيا جا راڳ روپ ۽ ساز سرندا ڏسندا رهياسين. عربي سمجهه ۾ نٿي آئي ته به ڪنهن ڪنهن ڳائڻي يا ڳائڻي جي گلي ۾ اهڙو سوز هو جو لڳو ٿي ته هي خوشيءَ جو يا درد ۽ پيڙا جو قصو ٻڌائي رهي آهي. هڪ نوجوان ڳائڻيءَ جبي ٽائيپ ڪاري مئڪسيءَ ۾ اسٽيج تي اچي ڳايو. سندس سونهن، آواز ۽ سوز سڀني کي مسحُور ڪري ڇڏيو. سندس مئڪسي جا چاڪ چيلهه کان وٺي هيٺ تائين کليل هئا. مصراعن جي وچ ۾ ميوزڪ تي نچڻ مهل جڏهن جهمري هنيائين ٿي ته مئڪسي مٿي کڄي ويئي ٿي ۽ سٿرن تائين سندس اگهاڙيون ٽنگون نظر آيون ٿي. اسان جي اڳيان ويٺل سعودي عرب جي صالح ۽ ساڄي کان ويٺل سوڊان جي عبدالهاديءَ ان وقت تاڙيون ۽ سيٽون وڄائي سرتال ملايو ٿي. پر منهنجي کاٻي پاسي ويٺل اسان جي قاضي حميد عادت موجب اهڙي موقعي تي مون کي هر وقت ‎ٺونٺيون هڻي ٽي وي وارن تي ڇوهه ڇنڊيا ٿي. چي ڪجهه شرم نه اٿن. جهڙي بي حيا اها عرب ڳائڻي آهي تهڙائي ٽي وي وارا. ههڙا واحيات پروگرام ڏبا آهن. چئنل چئنج ڪجي.“
    ”قاضي صاحب ٻين چئنلن تي الف اگهاڙا پروگرام اچن ٿا.“ رکي رکي راحت ورندي ڏنس ٿي جنهن کي پڻ مون وانگر هي پروگرام وڻيو پئي. پر قاضيءَ جي اها ئي ٺونٺ ۽ منهنجيون پاسراٽيون.
    آخر جيئن .ئي گانو ختم ٿيو ته قاضي کي چيم: ”يار تو ته منهنجون پاسراٽيون ئي ڀڃي ڇڏيون آهن.“
    ”مسلمان ٿي ڪري ههڙا پروگرام ڏبا آهن؟“ قاضي چيو.
    ”قاضي صاحب! تنهنجو ڏوهه ڪونهي. رڳو پاڪستاني ٽي وي ڏسڻ بعد هر هڪ جو اهو حال ٿيو وڃي. هو سڄي دنيا کي اگهاڙو سمجهي ٿو. رستي تي ڪنهن عورت جو ڪڇو يا باڊي سڪندي ڏسي ٿوته ان کي به غير اسلامي قرار ڏيئي سڪائڻ واري تي ڪفر جي فتوى ڏئي ٿو. ماٺ ڪري ويهي ٽي وي ڏس. آخر اهي پروگرام ڏيڻ وارا عرب ته اسان جهڙا مسلمان آهن ۽ هي سڄو ٽي وي روم اردن، سعودي عرب، الجيريا، مصر، جبوتي ۽ سوڊان ٽيونيشيا جي همراهن سان ڀريو پيو آهي اهي به ته مسلمان آهن. يا اسين ننڍي کنڊ جا اسپيشل مسلمان آهيون. پر ننڍي کنڊ جا بنگالي ته اهڙي تهڙي ڳالهه کي لکين ئي ڪونه ٿا“.
    پوءِ سنهي See Through ٽائيپ پهريل ڊريسن ۾ چئن مصري يا موراڪو جي عربياڻين جيڪا ڊانس ۽ ناچ نچڪو ڪيو ان کي هتي جا يورپي به ڏسي ٺري پيا هوندا. بهرحال ٻيو ڪو ٺريو هجي يا نه پر اسان پاڪستانين لاءِ سڄي عمر پاڪستاني ٽي ويءَ تان پوتيءَ ۾ ڍڪيل ۽ بت ٿي هڪ هنڌ بيٺل چهرا ڏسڻ بعد هر ملڪ جي ٽي ويءَ تان هر پروگرام ڏسي ٺري پوڻ لازمي ڳالهه آهي.
    ڪلاڪ ڏيڍ جي پروگرام بعد جڏهن سڀ ٽي وي روم مان نڪتاسين ته ڪنهن به- آفريڪا توڙي عرب جي مسلمان ان تي ٽيڪا ٽپڻي نه ڪئي. لڳو پئي ته هنن لاءِ ان قسم جا اهي پروگرام نارمل آهن ۽ پنهنجي ملڪ ۾ به ڏسندا رهن ٿا. بقول ملائيشيا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستانيءَ جي ته اسين پاڪستاني به عجيب آهيون. ڪنهن جي اگهاڙي سٿر يا ڪڇ ڏسيو آپي کان ٻاهر نڪريو وڃون ۽ پوءِ پنهنجي ذهنيت کي ڏوهه ڏيڻ بدران وتون ٽي وي وارن ۽ ٻين تي ڏوهه مڙهيندا. اسان کي پنهنجي ڇڙواڳ ۽ ڀٽڪيل خيالن کي واڳ وجهڻ کپي.
    ڪراچي آفيس ۾ منهنجي هڪ دوست چيو: ”اليڪٽرڪ جو ٿنڀو ڏسي ڪنهن عورت جا جيڪڏهن جذبات مشتعل ٿي وڃن ته خرابي ان عورت ۾ سمجهڻ کپي ۽ نه واپڊا وارن ۾ ته هنن اهي ٿنڀا ڇو هڻايا آهن يا ٿنڀن جي موجوده شڪل غير اخلاقي آهي.“
    پڙهندڙ چڱي ريت پروڙ رکندا هوندا ته اسان جي ملڪ ۾ ٽي ويءَ کي مسلمان بنائڻ جي چڪر ۾ جيتروپوتي ۽ برقعي کي آندوپيو وڃي اوترو شهرن ۽ ڳوٺن ۾ روزانو وي سي آر، ڪئسٽن جا نوان دڪان کلي رهيا آهن يا ڄاڻ ته ڊش ائنٽينا عام ٿي.
    جن ملڪن ۾ ٽي وي پروگرام وندرائيندڙ آهن انهن ۾ ماڻهو وي سي آر ئي نٿا وٺن بقول هڪ عربي دوست جي؛ ”خبرون پڙهندڙن جي اڌ مٿي تي زوريءَ پوتي رکائڻ سان خبرون پڙهڻ واري يا ٻڌڻ وارا مسلمان ٿي ويندا ڇا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته جي عورت کي مٿو ڍڪڻو آهي ته چڱي طرح عربن، ايرانين يا ملائيشين، انڊونيشين وانگر حجاب (روسري) ٻڌي جنهن مان هڪ وار به نظر نه اچي باقي اڌ اگهاڙي دوپٽي سان پاڪستان جي مسلمان عورتن کي سِکڻيون بنائڻ سان اسلام جي ڪهڙي خدمت ادا ٿي رهي آهي. سي به ڪا صحيح ڳالهه اچي ٻڌائين. اڌ کان وڌيڪ پاڪستاني خبرون حڪومت جي تعريف ۽ ڪوڙ تي ٻڌل هونديون آهن. ڇا مسلمانن کي اها خبر ناهي ته ڪوڙ ڳالهائڻ واري تي ڪيڏو عذاب آهي؟“


    رڌ بچاءَ ۽ زور ڏيڻ لاءِ مائي رکان ها

    سئيڊن ۾ جيڪي هوٽلون آهن سي پُرتڪلف ۽ وڏي معيار جون ضرور آهن پر آهن ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون. اسان جي ايشيائي ملڪن وانگر گهٽيءَ گهٽي ۾ ٻي نه ته ملباري يا ايرانيءَ جي چانهه بسڪيٽن جي هوٽل آهي ئي آهي ۽ اهڙين ايرانين جي هوٽلن ۾ بن ۽ چانهه کائي نيرن ڪرڻ يا گهر ۾ نيرڻ ڪرڻ واري خرچ ۾ ڪو وڏو فرق نٿو اچي.
    پر هتي يورپ ۾ خاص ڪري سئيڊن جهڙي ملڪ ۾ جتي کاڌي پيتي جون شيون اڻلڀ آهن ٻيو مٿان وري انهن تي حڪومت طرفان ڳرو ٽئڪس لڳل آهي، اتي هوٽلن ۾ ماڻهو ائين وڃي ٿو جيئن شاديءَ لاءِ ڪليسا گهر ۾- يعني گهڻو ڪري زندگي ۾ ڪو هڪ يا ٻه دفعا مس. هتي جي مهنگائي جو اهو عالم آهي جو ڪوڪا جي هڪ لٽر واري بوتل جنهن جو پاڻي پاڪستان ۾ يارهين رپئي ملي ٿوپر هتي جڏهن Sale لڳندي آهي يعني دڪاندار سستو ڪري وڪڻندا آهن تڏهن به ارڙهن ڪرونا هوندو آهي يعني ٻاهتر رپين جو، بصر پٽاٽن جو ساڳيو اگهه ڏهه ڪرونا (چاليهين رپئي) ڪلو آهي.ڪيلي ۽ عام صوفن جو به اهو اگهه آهي. انب في داڻو ويهين رپئي آهي. سستي شيءِ بيضو آهي جيڪو تور جي حساب سان ملي ٿو ۽ ڇهين رپئي کن ۾ هڪ ملي. ٿورووڏو هوندو ته ستين رپئي.
    سئيڊن يورپ جو ڏورانهون ملڪ آهي، جتي برف ۽ ٿڌ ڪري هر قسم جو اناج يا ڀاڄي ميوو نٿو ٿئي ۽ جي ٿئي به ٿو ته ڪٿي ڪٿي ڪو ٿورو گهڻو. ماڻهن جي ضرورت لاءِ ٻاهران شيون اچن ٿيون. سنگتڙا ۽ گريپ فروٽ اسرائيل کان، انگور فرانس کان، صوف اسپين کان، چانور ۽ داليون پاڪستان، هندستان کان ۽ ڪيڪ بسڪيٽ انگلينڊ کان، ڪي شيون ته تمام ڏورانهين ديسن کان اچن ٿيون. جهڙوڪ: ڪيلو فلپين ۽ اڪيڊار کان، اڪيڊار ڏکڻ آمريڪا جو ملڪ آهي جتان ڪيلا ۽ آمريڪا کان گوبي روزانو هوائي جهاز رستي هتي پهچي ٿي. سو ظاهر آهي ته هر شيءِ جو اگهه ان حساب سان آهي. سرڪار کي به حڪومت جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ ملڪ جي بهبوديءَ لاءِ پئسو کپي جيڪو هوءَ هر شيءِ تي ٽئڪس هڻي ان مان اوڳڙ ڪري ٿي. ان ڪري هر شيءِ کاڌي پيتي کان ڪپڙي گندي، جوتي سپاتي جي قيمت چوٽ چڙهيل آهي. سو جتي دڪان تي ئي ڪوڪا ڪولا، پيپسي ڪولا جي قيمت ايتري ڳري آهي اتي هوٽل ۾ويهي ڪوڪا ڪولا جو آرڊر ڪري پيئڻ معنى پنهنجي کل لهرائڻي آهي. چڱو جو اسان جي ماني ٽڪيءَ جو بندوبست يونائيٽيڊ نيشن وارن جي طرفان آهي- اها هتي جي ميس ۾ ملي ٿي، سواءِ موڪل جي ڏينهن جي، نه ته ههڙي سيءَ ۽ مهنگائيءَ ۾ ڪير هوٽلن ڏي نڪرندو.
    هر هفتي ڇنڇر ۽ آچر موڪل ٿئي ۽ موڪل جي ڏينهن تي ميس بند رهي ٿي. اسان کي سؤ ڪرونا هر ڏينهن جي حساب سان ملندا آهن ته ماني هوٽل ۾کائون. بس ظاهري نالو هوٽل جوهوندو آهي پر مطلب اهوهوندو آهي ته پاڻهي رڌي پچائي کائو ڇو جو اهو ڊبل روٽي وارو پٽاٽن يا قيمي جو بن (برگر) جيڪو گذري ڪراچي ۾ چئين رپئي ملي ٿو سو به هتي جي سستي ۾ سستي هوٽل/ دڪان مئڪڊونالڊ ۾ ويهين ڪرونا (يعني اسي رپئي) جو آهي. سو اتي سؤ ڪرونا (پنج سؤ رپين ۾ ڪهڙي هوٽل ۾ ڪير ٽي ويلا کائي سگهندو. آفريڪا ۽ ايشيا جي غريب ملڪن جا اسين جڏهن ان بابت ٽيڪاٽپڻي ڪندا آهيون ته چوندا آهيون ته هي يونيورسٽي ڪراچي، بمبئي يا ڪينيا جبوتي ۾ هجي ها ته پوءِ هڪ ڏينهن جي ايترن پئسن مان ٻه ڏينهن هوٽل ۾ ماني کائون ها. سريلنڪا جو مسٽر پريرا ته چوندو آهي ته ڪولمبو ۾ ته هزار ڪرونائن (چئن هزارن رپين) ۾، جيڪي مهيني جي پنجن ڇنڇرن ۽ پنجن آچرن جا ملن ٿا، سڄي مهيني جو راشن ۽ بورچياڻي جو پگهار نڪري سگهي ٿو. بئنڪاڪ جو سوتي ڇائي چوندو آهي. ”هيءَ يونيورسٽي ٿائيلينڊ جي ڪنهن شهر ۾ هجي ها ته آئون جيڪر هڪ پرمننٽ مائي ماني پچائڻ ۽ زور ڏيڻ لاءِ رکان ها.“


    ڪڪڙ ۽ واڱڻ جي دعوت

    نائيجيريا (آفريڪا) جي شاگردياڻي جوليانا چيو: ”توهان مردن کي هر وقت فقط اهي واحيات ڳالهيون آهن. توهان مرد وري به خوشنصيب آهيو جو توهان جون زالون اچن ٿيون ته گهٽ ۾ گهٽ رڌ پچاءَ کان بچيو وڃو. اسان جا مڙس اچن ٿا ته اسان لاءِ ٻيڻو ڪم وڌيو وڃي.“
    موڪل جي ڏينهن تي هاسٽل جي ڪمرن مان کاڌي پچڻ جي مختلف خوشبوئن ۽ تيل ۽ مرچ مسالا سڙڻ جي بوءِ ايندي آهي. هر ڪمري ۾ رڌ پچاءَ جو هڪ ننڍڙو ڪمپارٽمينٽ آهي، جنهن ۾ فرج، چلهه، اوون، ٿانوَن جو ڪٻٽ آهي. مختلف قسم جا ديڳڙا، ڪڻڇيون، چمچا، ڪانٽا ڇريون، پليٽون، ڪوپ ساسرون هر هڪ کي مليل آهن جنهن جو هر هڪ پورو پورو فائدووٺي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي هٿن جو رڌل کاڌو ٻين کي به ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ڏيندا آهيون. بنگلاديش جو ڪئپٽن معين، ملائيشيا جو ڪئپٽن لي ۽ ايران جو ايماد ته هر مهيني ڏيڍ بعد ٻن ٽن ڪلاس ميٽن کي ڪمري ۾ گهرائي دعوت به ڪندو آهي.
    هڪ دفعي مون به پنهنجي ٻن هم وطنين: عاشق ۽ راحت جي دعوت ڪئي. اڳواٽ جو پروگرام نه رٿيو هوم. صبح جو اڌ ڪڪڙ جو وڌيڪ اڌ ڪرڻ بدران سڄو اڌ ديڳڙي ۾ رڌڻ لاءِ وڌم. اهو سوچي ته سڀاڻ تائين ان جو ٻوڙ هلي ويندو يا ٻئي هفتي کائڻ لاءِ فريزر ۾ رکي ڇڏيندس. پر پوءِ جڏهن اڌ گابرو تيار ٿي ويو ته سوچيم، ته عاشق ۽ راحت کي مانيءَ تي گهرائي وٺان جيئن هنن کي رڌ بچاءَ جي اڄ تڪليف نه ڪرڻي پوي.
    ”ڀلا اڄ منجهند جي ماني جوڇا سوچيو اٿوَ؟“ ٻئي ڄڻا ٽي وي روم ۾ ملي ويا، سو کانئن پڇيم.
    ”اڄ بيضا ترڻ جو پروگرام آهي.“ راحت چيو.
    ”منهنجو اڄ گوبي ۽ پٽاٽا رڌڻ جو پروگرام آهي.“ عاشق چيو، ”پٽاٽا ڇلي به آيو آهيان.“
    ”بس ته پوءِ هينئن ڪجو اڄ لنچ مون وٽ اچي کائجو. مون پاران توهان ٻنهي کي دعوت آهي.“ مون چيو مان.
    پهرين هو نه نه ڪندا رهيا. آخر ٻئي ڄڻا راضي ٿي ويا. ”ڀلا ڪيڏي مهل اچون“ هنن پڇيو.
    ”بس اهوئي ٻارهين هڪ جي وچ ۾، هر شيءِ ريڊي ڪري اچي سڏيندوسانوَ.“ مو چيومان.
    ڪمري ۾ پهچي، ڪڪڙ جي ٻوڙ کان علاوه ڪا ٻي شيءِ ٺاهڻ جو سوچيم. فرج کولي ان مان ٻه واڱڻ، پاڪستان، هندستان ۾ کڻي وائي باديءَ جي بيماري ڏيندو هجي ۽ ان کي سستي نيچ ڀاڄين ۾ شمار ڪيو ويندو هجي. پر هتي ته سائين واڱڻ جي ڇا ڳالهه ڪجي. سڀني ڀاڄين ۾ مهنگو واڱڻ ۽ سڀني ميون ۽ مهنگو گدرو آهي. سبزي مارڪيٽ ۾ اسي رپئي ڪلو ملي ٿو. ڊپارٽمينٽ اسٽور يا عام ريزڪي دڪان ته اڃا به مهنگو آهي.
    ڪڪڙ جو ٻوڙ لاهي، هڪ چلهه تي مصالحو لڳل واڱڻ رکيم ۽ ٻيءَ تي چانور چاڙهيم.
    ٻارهين سوا ٻارهين تائين سڀ ڪم ٺيڪ ٿي ويو. واڱڻ ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ ته واهه جو ٿيو. نيرن به نه ڪئي هيم سو بک ۾ هڪ وار دل ۾ آيو ته آئون ته کائي ٿو ڇڏيان مهمان جڏهن هڪ بجي ايندا ته اهي پاڻ اچي کائيندا. پر پوءِ چيم ته ٿورو ٻيو انتظار ڪجي. بس ڀت رڌجي وڃي ته عاشق ۽ راحت ٻنهي کي وٺي ٿو اچان.
    ڪجهه دير بعد ڍڪڻ کڻي چانور ڏٺم. پاڻي سڀ سڪي ويو هو پر چانور اڃا ڪچا هئا. سو اڌ ڪري کن پاڻيءَ جي ٻي وجهي، ديڳڙي کي ڍڪي اچي لکڻ پڙهڻ تي ويٺس. پندرهن ويهن منٽن بعد جڏهن اٿي ڍڪ کوليم ته اهو چوڻ ته اجايو هو ته ڀت ڪيئن ٿيو هو. پر اها سا ڄاڻ ٿي وئي ته لئي يا پيڻ ڪيئن ٺاهبو آهي. گهڙيال ۾ ڏٺم ته منو ٿي رهيو هو. يعني مهمان مانيءَ جي انتظار ۾ هوندا. ان کان وڌيڪ مون کي به بک لڳي هئي. هاڻ وري ٻيا چانور چاڙهڻ بدران ڊبل روٽي آڻڻ جو سوچيم. اسان جي هاسٽل جي سامهون ڪنڊ تي هڪ عرب جو ننڍڙو دڪان آهي جنهن تي هر شيءِ مهنگي ملي ٿي پر موڪل واري ڏينهن تي توڙي رات جو دير تائين کولڻ ڪري، ايمرجنسي ۾ اسان هن وٽ ڦاهو کائڻ ويندا آهيون.
    هاڻ پنهنجي حساب سان عقل جي ڊوڙ مون هن ريت ڪئي ته ڪڪڙ جي ٻوڙ ۽ واڱڻن کي الڳ الڳ چلهين تي رکي انهن جا اليڪٽرڪ سئيچ ڇهن نمبر تي رکيم. جيڪو سڀ کان گهڻي گرمائش وارو ڏاڪو آهي. ڊبل روٽي وٺڻ لاءِ پرس کيسي ۾ وڌم ۽ بوٽ پائڻ لڳس. ارادو اهو ڪيم ته ڪمري مان نڪرڻ تائين ڀلي فل رينج تي چلهه On رهي. پوءِ ڪمري مان نڪرڻ مهل Off ڪري ويندس. موٽندي مهل عاشق ۽ راحت کي سندن ڪمرن مان سڏيندو ايندس ته اچي گرم گرم کائين.


    ڇاواپڊا جو ڏوهه آهي

    هاڻ ڇا ٿيو جو ڪمري مان نڪرڻ وقت مون کان چلهين جا سئيچ آف ڪرڻ وسري ويا. جيتوڻيڪ ان معاملي ۾ آئون وڌيڪ خبردار آهيان ۽ هر هڪ کي چوندو آهيان ته گهر ڇڏڻ مهل ٽي شيون هلندڙ نه ڇڏجن. گئس، اليڪٽرڪ ۽ پاڻيءَ جو نلڪو، پر اتفاق سان چئجي جو ائين ٿي ويو ۽ وري ڊبل روٽي وٺي سڌو اچان ها ته به ڪم ايترو خراب نه ٿئي ها. پر ڊبل روٽي وٺي جيئن هاسٽل جي هيٺين ماڙ تي پهتس ته فلپين جي شاگردياڻي ڊيزي ملي ويئي جيڪا مون کي منهنجي ڪمري ۾ ڳوليندي هيٺان اچي نڪتي. ڊيزي پنهنجي ملڪ جي سرڪاري آفيس ۾ جهازن جي نيول آرڪيٽيڪٽ انجنيئر آهي ۽ هتي ”بندرگاهن جي مئنجمينٽ“ ۾ M.Sc ڪري رهي آهي. کيس ڪمپيوٽر جو ڪجهه پڇڻو هو جنهن لاءِ واندڪائي نه هجڻ ڪري کيس ٻه دفعا نٽائي چڪو هوس. هينئر هوءَ هر صورت ۾ معلوم ڪرڻ لاءِ آئي هئي.
    ”بس ٻه منٽ ته لڳندا. مون کي ورڊ پرفيڪٽ جي اها ڪمانڊ ٻڌائي ڇڏ ته باقي اسپيلنگ چيڪ آئون پاڻ ئي ڪنديس.“ هن چيو.
    ”چڱو ڀلا هل.“ ڪمپيوٽر روم ڇهين فلور تي آهي. اسان لفٽ ۾ مٿي چڙهڻ بدران ڏاڪڻيون استعمال ڪرڻ لڳاسين. ٻي ماڙ تان جڏهن ٽيءَ ماڙ ڏي مٿي وڌي رهياهئاسين جنهن تي منهنجو ڪمرو آهي ته مرچن ۽ مسالن جي سڙڻ جي بوءِ آئي. پر منهنجو ان ڏي ڌيان ئي نه ويو ته اهي منهنجا ٻوڙ سڙي رهيا آهن. بلڪه ڊيزي جڏهن ان بوءِ ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته مون چيومانس:
    ”اسان جي فلور تي ڪجهه چيني رهن ٿا، اهي ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇا پچائيندا آهن.“
    ”اسان جي سيڪنڊ فلور تي به ويٽنامين ڪافي گند ڪيو آهي. الائي ڪئا ٿا پچائين يا ڏيڏر نوريئڙا.“ ڊيزيءَ چيو ۽ پوءِ هين هين ڪري کلڻ لڳي ۽ آئون به ساٿ ڏيڻ لاءِ هين هين ڪرڻ لڳس. ڄڻ اسان ٻئي پاڪستاني ۽ فلپيني سڄي دنيا ۾ اهم ماڻهو هجون ۽ باقي ٻيا چيني، ويٽنامي، ٿائي، برمي گرا گنجا ڪولهي باگڙي هجن.
    ٽين ماڙ تان چوٿين تي پهتاسين ته ٻمڀ وٽ ئي رکيل بليرڊ ٽيبل تي عاشق ۽ راحت بليرڊ راند کيڏي رهيا هئا. مون کي ڏسي عاشق پنهنجي مخصوص چرچائي انداز ۾چيو:
    ”ڀئي ڇوڪري ڪو ڪهان ليڪي جا رهي هو؟ ۽ مانيءَ جو ڇا پروگرام آهي.“
    ”بس ٻن منٽن ۾ ماني لاءِ سڏيانوَ ٿو،رڳو هن کي ٿورو ڪمپيوٽر جو ڪم ڏسي اچان.“ مون وراڻيومانس.
    ڇهين ماڙ تي ڪمپيوٽر روم ۾ پهچي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڪيم ته ڏهن ڪمپيوٽرن مان من ڪنهن هڪ تي ڪو Word Perfect تي ڪم ڪري رهيو هجي ته ڊيزيءَ کي ان جي ئي حوالي ڪيان پر هتي گهڻا تڻا فرسٽ چئائيس First Choice پروگرام ذريعي ٽائيپ ڪري رهيا هئا ۽ جلدي جلدي ته به ٻن بدران ڏهه منٽ کن لڳي ويا. ان بعد لفٽ ذريعي پنهنجي ٽين ماڙ تي پهتس. سڙڻ جي ڌپ پهرين کان به تيز ٿي وئي هئي. پر منهنجي دماغ ۾ اڃا نه پئي آيو ته هي منهنجو ئي ڪُنو سڙي رهيو آهي. مون سمجهيو ته مون چلهيون آف ڪري ڇڏيون آهن. بلڪه هينئر ڊبل روٽي ڪٽي چلهيون آن ڪري پوءِ عاشق جن کي سڏڻ جو سوچيندو ڪمري ڏي وڌي رهيو هوس. پر ڪمري جو تالو جهڙو ئي ڪوليم ته دونهن ئي دونهن آڌر ڀاءُ ڪئي. يڪدم معاملو سمجهي ويس. جهٽ جهٽ دريون کوليم پر دونهن جي ڪري کنگهه ورائي وئي. چلهيون جهٽ پٽ آف ڪري ٽوال سان دونهين کي ڪمري مان ڪڍيم. (باقي دونهين جي ڌپ شام تائين سڄي ماڙ تي موجود رهي.) ديڳڙن جا ڍڪڻ لاهي ڏٺم ته سڀ ڪجهه سڙي ڪارو ڪوئلو ٿي چڪو هو، جيڪو ديڳڙي سان اهڙو ته سخت چنبڙيل رهيو جو ٻئي ڏينهن بازار مان سئنڊ پيپر وٺي ان سان کرڙي ديڳڙا صاف ڪيا هئم.
    راحت ۽ عاشق جن کي دعوت ڏيڻ مهل جڏهن پڇيو هوم ته هنن ٻڌايو ته سندن بيضي يا پٽاٽن ٺاهڻ جو پروگرام آهي. سو هاڻ هنن وٽ پهچي ڌيرج سان چيم:
    ”يار توهان پنهنجي پراڻي پروگرام تي رهي سگهندئو؟“
    ”ڇا مطلب؟“ عاشق پڇيو.
    ”مطلب اهوئي ته دعوت ڪئنسل. جهڙا ميرا جت تهرا ميرا تت.“ مون چيو.
    ”ڪمال ٿو ڪرين. هاڻ ڪنهن کان رڌيو ٿيندو ۽ هي جو تون ٻه ٻه ديڳڙا اسان لاءِ پچائي رهيو هئين اهي پاڻ کائي ڇڏئي ڇا؟“
    ”بس افسوس ته اهو آهي، جيڪر پاڻ ئي کان ها. پر کائڻ جو ارادو ڪري به ڇڏي ڏنم. گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ٽن مان هڪ جي ته لنچ ٿي وڃي ها.“ مون چيو.
    ”سچ ٻڌاءِ ٻوڙ ڪيڏانهن ويو؟“ عاشق کي اڃا به دعوت ڪئنسل ٿيڻ تي يقين نه پئي آيو ۽ کلندي چيائن، ”ڊيزيءَ کي ڏئي ڇڏئي ڇا؟“
    ”بهرحال ڪنهن کي به ڏئي ڇڏيم پر هينئر نه آهن.“
    ”تڏهن به ڪجهه ته بچيو هوندو نه؟“ عاشق زور ڀريو.
    ”بچي فقط اها سڙڻ جي ڌپ آهي“ مون کين اصل ماجرا ڏي ڌيان ڇڪائيندي چيو.
    حقيقت معلوم ڪري عاشق ۽ راحت کان ٽهڪ نڪري ويا. ٻنهي چيو:
    ”اسان به گاريون وري چينين کي پيا ڏيون ته الاهي ڪهڙي ٿوم ادرڪ پيا ساڙين.“
    ”هاڻ اچو ته ٽئي ڄڻا بيضا تري کائون، ڊبل روٽي ته جام آهي.“ مون چيومان.


    يو جسٽ ويٽ ائنڊ سي

    هونءَ رڌ پچاءُ ۾ اسان پاڪستانين ۾ قاضي عبدالمجيد ۽ راحت عزيز سٺا آهن يعني اسان باقي پاڪستانين ۾، ٻڌجي پيو ته پاڪستان کان ٻئي سال ايندڙ ٽن ڄڻن ۾، ڪئپٽن اشرف اڃا به سٺو آهي. بهرحال اها ته ٿي پوءِ جي ڳالهه، في الحال هن سال موڪلن ۾ راحت ۽ قاضيءَ نه فقط اسان کي پنهنجن هٿن جا رڌل کاڌا چکايا ۽ کارايا آهن پر ڪيترائي ڊش سيکاريا پڻ آهن. جيئن ته صحيح طرح چانور ٺاهڻ، گوبي، پٽاٽن جي ڀاڄي، واڱڻ ۽ ٽماٽن جو ڀرتو، اسپاگهيٽي ۽ مٺاڻ ۾ سستو ۽ تمام جهٽ پٽ ٺاهڻ وارو چلو (مٺي پوري)، ڀُڳل اٽي ۾ کير بيضو، کنڊ ۽ ٿورو مکڻ وجهي ان کي چڱي طرح مڪس ڪري ۽ پوءِ فرائنگ پئن ۾ گيهه گرم ڪري مٿان اهو مڪسچر وجهڻ سان چلو ٺهي ٿو جيڪو بسڪٽ ۽ ڪيڪ پيسٽري کان لذيذ ٿئي ٿو.
    واندڪائي ۾ راحت ٻه چار ڪوپ اٽي جا هلڪي باهه تي ڀُڃي رکندو آهي جيئن پوءِ ضرورت وقت چلي جهڙي شيءِ ٺاهي سگهجي. ان ڀڳل اٽي مان ڪڏهن ڪڏهن سيرو به ٺاهيندو آهي. اٽي کي وڌيڪ ڳاڙهو ڪري، ٻيءَ ديڳڙي ۾ گيهه کنڊ ۽ پاڻي گرم ڪري چاش ٺاهيندو آهي. پوءِ ٻئي ملائي هلڪي باهه تي رکي چمچي سان ڪجهه دير گهمائيندو آهي جيسين اهو گيهه ڇڏي. منجهس پستا، بادام ۽ ڪشمش به وجهندو آهي. انهن مالن مکڻن وجهڻ بعد سيرو يا جيڪا به شيءِ تيارٿيندي سا بهتر ئي ٿيندي. خاص ڪري چلهه تي ڪو ٻيو سڙي، ٺاهي کارائي ته کائڻ واري کي اڃا به لذيذ لڳي ٿو.
    هتي رڌ پچاءَ ۾ ڪا تڪليف نه آهي. وقت سو ضايع ٿئي ٿو پر چلهه تي سڙڻ وارو اصطلاح هتي جي رڌ پچاءَ سان لاڳو نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ جو هن ملڪ ۾ ايڏو ته سيءَ آهي جوسال جا نو مهينا ته ڪمري جي هيٽنگ آن رهڻ بعد به سيءَ محسوس ٿئي ٿو، سو اهڙي رڌڻ پچائڻ ۾ تڪليف نه پر فرحت ئي محسوس ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي جو هتي جي هاسٽل ۾ توڙي ٻين ننڍن گهرن ۾ هڪئي ڪمري يا بيڊروم ۾ رڌ پچاءَ لاءِ چلهه جو ڪنڊ ۾ بندوبست ڏنل آهي ۽ ساڳي ڪمري ۾ ريفريجريٽر به رکيل آهي. اها ڳالهه اسان جهڙن ملڪن ۾ ناممڪن آهي جو ويندي سياري ۾ به ايترو سيءِ نٿوپوي جيڪو چلهه يا ريفريجريٽر مان نڪرندڙ گرميءَ کي ماري سگهي.
    مختلف ملڪن جا رهندڙ شاگرد پنهنجي ملڪ جا مختلف کاڌا تيار ڪندا آهن. گهڻو ڪري اهي کاڌا جيڪي جهٽ پٽ تيار ٿي سگهن. پر اها حقيقت سڀ مڃيندا آهن ته مڙني ۾ پاڪستان، هندستان جي رهاڪن جاکاڌا وڌيڪ لذيذ آهن.
    آفريڪا جي شاگردن جو ته گهڻو زور لاهوري گجرن (Sweet Potatoes) ۽ مڱن چونئرن (Beans) تي هوندو آهي. چيني، فلپينو، ڪورين ۽ ويٽنامي شاگردن جو دلپسند کاڌو مي (Mee) ۽ نوڊل (Noodles) هوندو آهي، جيڪو ڇڊڙي رس ۾ سنهيون ڪڻڪ يا چانورن جي اٽي مان ٺهيل سيون وجهي ٺاهين.
    هڪ ڏينهن گهانا جي شاگرد پيٽر جو ڪمرو کليل ڏسي آئون ۽ راحت اندر گهڙي وياسين. پيٽر چلهه اڳيان بيهي بازار مان آندل اڌ اڌ پاءُ کن تور جا ٻه پاڪيٽ کولي رهيو هو.
    ”پيٽر ڇا پيو ڪرين؟“ راحت پڇيس.
    ”ڊنر پيو تيار ڪريان.“ وراڻيائين.
    ”پر هي اڇي پائوڊر جهڙي کير مان ڇا ٿو ٺاهين.“
    ”فوفو ٿو ٺاهيان.“
    ”فوفو! اها ڇا بلا آهي؟“ اسان تعجب مان پڇيس.
    ”يو ڊونٽ نو فوفو؟ توهانکي فوفوءَ جي خبر ناهي؟“ هن جواب بدران اسان کان سوال ڪيو.
    ”نه. بلڪل نه. اسان ته اڄ پيا ٻڌون.“ مون چيومانس.
    ”اوهه! پو ته توهان ترسو Just Wait and See ته آئون ٺاهي ٿوڏيکاريان بيحد لذيذ ٿئي ٿو.“ پيٽر چيو.
    ”ٺهڻ لاءِ هاڻ ڪير ترسندو، جلدي ۾ آهيون ائين زباني ٻڌاءِ.“
    پيٽر تيسين ٻيو دٻو کولي ان مان به اڇي هيڊي رنگ جو پائوڊر ڪڍي پهرين پائوڊر پاڻيءَ ۾ ملائيندي چيو.
    ”مون چيو نه ته بس رڳو ٿوري ساعت لاءِ ترسو اجهو ته تيار ٿي ويو.“
    مون خالي دٻا کڻي ان تي سئيڊش زبان ۾لکيل پڙهڻ جي ڪوشس ڪئي ته ڪهڙي شيءِ آهي. هڪ تي (Potato Mos) وغيره لکيل هو، جنهن مان اندازو لڳايوسين ته پٽاٽن جو اٽو آهي ۽ ملائڻ سان رڌل پٽاٽا (Meshed Potatoes) ٿي پوندا. ٻيءَ ۾ چانورن يا مڪئي جو اٽو هو يا کير.
    ”هن ۾ ڀلا ڇا آهي؟“ اسان پيٽر کان پڇيو.
    ”مون کي پاڻ خبر ناهي.“ پيٽر چيو، ”پر هنن ٻنهي پائوڊرن ۾ تمام گهڻو وٽامن ۽ ڪاربو هيڊريٽ آهي. روز روز چانورکائي کائي بيزار ٿي پيا آهيون.“
    ”ڀلا قيمت ڇا اٿن؟“ اسان پڇيس.
    ”هي دٻو سورهين ڪروناجو آهي ۽ هي چوڏهين ڪرونا جو.“
    راحت اردو ۾چيو ته عجيب بيوقوف آهي هي پيٽر به. جڏهن شهر ۾ تازا پٽاٽا توڙي مڪئي هن کان سستي اگهه تي ملي رهي آهي ته پوءِ ٿيهه ڪرونا (سوا سؤ رپيا کن) خرچ ڪري هي دٻا آڻڻ جو ڪهڙو ضرور. بهرحال اسان به تجسس مان بيهي پيٽر کي ڏسڻ لڳاسين ته اهو فوفو ڇا آهي ۽ ڪيئن ٿو ٺاهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو ڪيڪ پيسٽري ٺهي پوي جيڪو بيحد لذيذ هجي ۽ جنهن ٺهيل ٺڪيل جي قيمت شهر ۾ ٽيهن ڪرونائن کان تمام گهڻي هجي.
    پيٽر هاڻ انهن ٻنهي پائوڊرن ۽ پاڻي جي مسڪچر کي ديڳڙي ۾ وجهي چلهه تي رکيو.
    ”پيٽرکنڊ مکڻ ته وجهه.“ مون ڪيڪ پيسٽري يا سيري جو سوچي کيس ياد ڏياريو.
    “You Just wait and see”، پيٽر اهو مڪسچر ڪاٺ جي ڏوئيءَ سان گهمائيندي مونکي صبر سان بيهڻ لاءِ چيو. ”بس هاڻ ٻن منٽن ۾ فوفو تيار ٿي ويندو. ويري ٽيسٽي ائنڊ رچ ان وٽامنس.“
    راحت ۽ آئون هڪ ٻئي جومنهن ڏسي وري پيٽر کي ڏوئي گهمائندو ڏسڻ لڳاسين.
    ”پيٽر ڀلا اهو فوفو ٺاهڻ توکي ڪنهن سيکاريو؟“
    ”مون کي سيڪنڊ ايئر جي شاگرد حاجي جمعا ٻڌايو. هو گهانا بليڪ اسٽار جهاز تي چيف انجنيئر هو ته ان جهاز تي فلپينو بورچي اهو فوفو ٺاهيندو هو.“
    راحت کي چيم ته الله خير ڪري. هڪ گهانا جو هن جو هم وطني حاجي جمعو درويش ماڻهو، ٻيو گهانا جو ڏکڻ آمريڪا ڏي هلندڙ جهاز جيڪو سڄو وقت يا سمنڊ تي هوندو يا چلي ۽ برازيل جهڙن ڪنگلن ملڪن ۾ ۽ ٽيون ان مٿان فلپيني بورچي! جهاز هلائيندڙ واقعي فوفو کائيندا هوندا.“
    ايتري ۾ اٽي ۾ملايل پاڻي سڪي ويو ۽ ديڳڙي کي هيٺ لاهي ان مان هٿ سان اٽو کرڙي مٺين سان ڳوهڻ لڳو.
    ”بس. ٺهي ويو فوفو؟“ مون پيٽر کان پڇيو.
    ”بس، ٺهي ويو فوفو، هاڻ هن ۾ ڪڪڙ جو ٻوڙ ملايان ته پوءِ چکي ڏسجو.“
    ٻوڙ جي ديڳڙي جو ڍڪ لاهي ڏٺم ته ڦنگي پاڻيءَ ۾مرغيءَ جا ٻه وڏا ٽڪرا تري رهيا هئا. جيڪي پيٽر ان پاڻي جهڙي رس سميت ان اٽي ۾ ملائي وري مٺين سان ڳوهڻ لڳو. راحت آهستي آهستي ٿي سرڪڻ لڳو. در جي ٻاهر پهچي هن مون کي به سڏيو.
    ”ڪمنگ ڪمنگ“ راحت کي سندس سڏ جي ورندي ڏيندي ٻاهرنڪتس.
    ”ڇو ڀلا هليو آئين؟“ مون راحت کان پڇيو.
    ”يار منهنجي ته اچي دل ڪچي ٿي. هاڻ پيٽر پڪ چوي ها ته اهو فوفو توهان به کائو ۽ پوءِ انڪار ڪريون ها ته دل۾ڪري ها. سوشرافت ۾ فوفوءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ نڪري آيس.“
    ”واهه جي ڳالهه ڪئي. هل ته هلون جيڏانهن وياسين پئي.“


    عالم برزخ ۾

    هڪ دفعي ڊئنمارڪ جي بندرگاهه ڪوپن هيگن کان فيري (ننڍڙي پئسينجر جهاز) رستي سئيڊن جي هن شهر مالمو ڏي اچي رهيو هوس ته مون واري ٽيبل تي مون کان علاوه ٻه ڄڻا ٻيا به ويٺا هئا جيڪي سئيڊش ۽ ايراني زبان ۾ ڳالهائي رهيا هئا.
    “Are you an Iranian?” مون ڀر ۾ ويٺل نوجوان کان انگريزيءَ ۾ پڇيو.
    ”نه، آئون ايراني نه پر عراقي آهيان.“ هن وراڻيو.
    ”۽ تون؟“ مون ٻئي کان پڇيو.
    ”آئون ايراني آهيان. اسان ٻئي ٻن ٽن سالن کان هتي رهون ٿا. هي صدام جي ظالم حڪومت کان ڀڄي آيو آهي ۽ آئون خمينيءَ جي حڪومت کان.“
    ”پوءِ هتي سئيڊش ۾ رهڻ ڪيئن ٿو لڳي.“ مون پڇيومان.
    ”پنهنجي ملڪ کان ته بهتر آهيون. پر اسان کي سال اڌ بعد جيئن ئي پڪي رهائش ۽ هتي جو پاسپورٽ ملندو ته پوءِ آمريڪا ڀڄي وينداسين. اُتي سڀ ۾ بهتر آهي. وڏو ملڪ آهي. هر قسم جو موسم ۽ ماڻهو آهن“.
    ”پوءِ هينئر ئي ڇو نٿا وڃو؟.“ مون پڇيو مان.
    ”ان ڪري جو هينئر ايراني يا عراقي پاسپورٽ تي اسان کي آمريڪا يا ٻئي ڪنهن ملڪ جا لفٽ نه ڪرائيندا.“ هڪ چيو.
    ”هڪ دفعو سئيڊن جو پاسپورٽ هٿ اچي ويندو ته پوءِ اسان ٻي ملڪ ۾ سئيڊش يعني يورپي ليبل سان ڄاتا وينداسين.“ ٻئي چيو.
    هتي رهندڙ هڪ پاڪستانيءَ به ڪجهه اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هو:
    ”مون کي سئيڊن ملڪ جي آبهوا ۽ نه وري ماحول وڻي ٿو پر هن ملڪ جي Citizenship ملڻ بعد آئون پاڪستاني نه پر سئيڊش سڏيو ويندس. ۽ پوءِ سئيڊن جي ليبل سان آئون سعودي عرب، ڪويت، دبئي ۽ برونائي توڙي انگلينڊ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ جهڙن ملڪن ۾ بنا ويزا جي ائين اچي وڃي پيو سگهندس. جيئن چيچه وطني کان ميانوالي- يعني جيئن ڪو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ اچي وڃي. هينئر هڪ پاڪستانيءَ جي حيثيت ۾ مون کي ڪو عرب ملڪ هڪ ڏينهن لاءِ به پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ نه ڏيندو. ڀلي کڻي آئون پنج وقت نمازي، پرهيزگار متقي مسلمان هجان. ڀلي کڻي آئون ڊاڪٽر، انجنيئر يا ڪو قابل سائسندان هجان. عرب، پاڪستاني، هندستانيءَ بنگلاديشي کي ڀنگي، باگڙي، ڀيل کان به ڪمتر سمجهن ٿا. پر يورپ جي ڪنهن ملڪ جي پاسپورٽ سان کڻي ڪو ڪارو چور هجي، هن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون وڃن ٿيون“.
    عراقي نوجوان کان پڇيم: ”توهان ڪهڙي زبان ۾ گفتگو ڪري رهيا هئائو؟“
    ”هتي جي زبان سئيڊش ۽ فارسيءَ ۾.“ هن وراڻيو.
    ”عربي ۾ نه؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه، ان ڪري جو هن ٻئي همراهه (ايرانيءَ) کي عربي نٿي اچي.“
    ”تون ايراني ڪٿان سکئين؟“ مون پڇيو مانس.
    ”هتي اچڻ کان اڳ ايران جي هوٽلن ۾ مون پنج سال کن بئرو ٿي ڪم ڪيو آهي. ايراني اتي سکيس.“
    ”عراق ڇو ڇڏيئي؟“
    ”بس پنهنجو وطن ڇڏڻ ڪنهن کي وڻي ٿو. حاڪم صحيح قسم جا هجن ته رب پاڪ سک ۽ آرام لاءِ سڀ ڪجهه ڏنو آهي، جيڪو ورهائي ونڊي کائي سگهجي ٿو. پر قدرت جتي سڀ ڪجهه عطا ڪيو اتي جيڪر اسان جا حاڪم به صحيح هجن ها ته عرب ملڪ سينگاپور، سئيڊن، جپان، آسٽريليا کان وڌيڪ خوشحال ۽ باعزت هجن ها. پر اسان جي حڪمرانن جي ڪڌن ڪرتوتن، انڌي حوس، عزت جو سوال سمجهي ڀر وارن ملڪن سان جهيڙا فساد ڪرڻ ۾ اسان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. لکين مرد انهن جهيڙن جنگين ۾ مارجي ويا. منهنجي ماءُ نٿي چاهيو ته مون کي ان آرمي لاءِ ڀرتي ڪيو وڃي جيڪا هڪ بي مقصد جنگ وڙهي رهي آهي. ساڳيو حال هن ايراني نوجوان جو آهي. انڪار ڪرڻ تي اسان کي ماريو ڪٽيو ويو. جيلن ۾ وجهڻ جا دڙڪا ڏنا ويا. آخر واهه ڏسي ڀڄي پياسين ۽ ڌڪڙ کائي اچي هتان نڪتا آهيون.“
    ”ڀلا هاڻ ايران ۽ عراق جا تعلقات ڪٿي پهتا آهن؟“ مون پڇيو.
    ”عالم برزخ ۾.“ ايراني وراڻيو.
    ”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو.
    ”بس اهوئي ته نه سٺا آهن نه خراب. انسان مرڻ بعد يڪدم دوزخ يا جنت ۾ ته نه ويندو آهي. ان جي فيصلي ٿيڻ ۽ وڃڻ کان اڳ انسان جو جتي روح ٽنگيل هوندو آهي ان کي عالم برزخ چئي سگهجي ٿو. سو ساڳيو حال اسانجو آهي“.


    سنڌ ۾ رهڻ جنجال ڪيو پيو وڃي

    سئيڊن جو هي شهر مالمو چون ٿا ته پارڪن کان مشهور آهي. بلڪل صحيح آهي. جڳهه جڳهه تي هتي پارڪ، باغ بستان ۽ ساوڪ نظر اچي ٿي. سڄو شهر گل ۽ گلڪارين سان ڀريو پيو آهي جنهن تي هن شهر جي ميونسپالٽيءَ جو چڱو خاصو خرچ ايندو هوندو. پر مالمو City of Parks کان وڌيڪ بدڪن جو شهر به چئي سگهجي ٿو، جو جتي ڪٿي قسمين قسمين بدڪون آزادي سان ائين گهمندي ڦرندي نظر اچن ٿيون جيئن پاڻ وٽ ڪانگ ڪٻرون.
    اسان جو پاڪستاني شاگرد احمد ڪمال علوي، جنهن کي شڪار جو تمام گهڻو شوق آهي تنهنجو بدڪن، ڪونجن، آڙين کي ائين هلندو ڏسي وات پاڻي ٿيندو آهي ۽ چوندو آهي: ”دل ٿي چوي ته ڪنهن ڏينهن ٿيلهي ۾ لڪائي ڪمري ۾ اچي مٿن سير ڦيرجي“.
    پر کين ڦاسائڻ ايترو سولو به نه آهي. ڪبوترن وانگر هي بدڪون بس اسٽاپن، پارڪن، دڪانن ۽ ڪئنالن جي ڪناري وٽ توهان جي اڳيان پيون هلنديون ۽ چڳنديون. پر جيئن ئي کين جهلڻ لاءِ هٿ اڳيان ڪندؤ ته ڦڙڪو ڏيئي اڏامي وينديون. ان کان علاوه حڪومت طرفان پڻ کين ڦاسائڻ جي سخت بندش آهي. انڪري هن ملڪ جي قانوني جي عزت ڪندڙ شهري کين هٿ لائڻ ته پري جي ڳالهه آهي بري نيت سان به نٿا ڏسن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ايشيائي ۽ آفريڪن کي هي شڪار جا پکي ڏسي اکين اڳيان يڪدم ديڳڙا ۽ رڌ پچاءَ جوسامان ڦري ٿو. پر هتي جا ماڻهو هنن پکين کي پنهنجي شهر جو مهمان ڪري سمجهن ٿا. جيڪي ٿڌ گهٽ ٿيڻ سان ڏاکڻن علائقن کان هتي اچن ٿا.
    هڪ ڏينهن قاضي چيو: ”هي ملڪ ڪيڏا خوش نصيب آهن جو هنن وٽ ههڙا پکي پيا هلن.“
    ”دراصل ان کان وڌيڪ ته خوش نصيب پنهنجو ملڪ آهي.“ مون چيومانس، ”خاص ڪري سنڌ جو علائقو جتي هر سال سياري جي موسم ۾ هن کان به وڌيڪ قسم جا هجرتي پکي هنن اتراهين ملڪن (ويندي سائبيريا کان) اچن ٿا. سو اهو نٿو چئي سگهجي ته هي ملڪ خوش نصيب آهن. اڃا به اهو چئي سگهجي ٿو ته اسان جا ماڻهو يا حڪومت بدنصيب آهن، جيڪي ههڙن پکين جو قدر نٿيون ڪن ۽ نه فقط پاڻ هنن پکين کي بي دردي سان ماريندا وتون پر اوسي پاسي جي امير عربن کي دعوتون ڏيندا وتون ته اچو ۽ اچي ڀينگ ڪريو.“
    علوي چوڻ لڳو: ”مون کي يقين آهي ته اهي پکي جيڪڏهن دبئي، دوحا يا سعودي عرب، ڪويت پاسي وڃن ها ته اتي جا ڄٽ عرب به انهن کي نه مارين ها. پر هنن جي بچاءَ ۽ وڌڻ ويجهڻ جا اپاءُ وٺن ها. پر اسان وٽ اهو وڃي حال ٿيو آهي جو انهن مهمان پکين کي به سک جو ساهه کڻڻ نٿا ڏيون“.
    ”گذريل ٻن ٽن سالن کان ته انهن ۾ اهڙو ٽاڪوڙو وڌو ويو آهي جو ڪيترن پکين سنڌ ۾ لهڻ گهٽائي بمبئي ۽ هندستان جي ٻين ڪنارن ڏي وڃڻ شروع ڪيو آهي.“ مون کين ڪجهه عرصو اڳ جي هيرالڊ رسالي ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ڏي ڌيان ڇڪايو.
    ”ڪيڏو ڏک ٿو ٿئي.“ قاضيءَ افسوس جو اظهار ڪيو، ”اسانجي ملڪ- خاص ڪري سنڌ جي حالت ڏينهون ڏينهن ڇا ٿي رهي آهي. سندس درياءَ سڪندا وڃن، نتيجي ۾اهي مڇيون پلا نظر نٿا اچن. واٽر ٽيبل مٿي کڄڻ ڪري زمينن جي سم ۽ ڪلر ستياناس ڪري ڇڏي آهي. هيرن جهڙن ماڻهن کي ڊاڪو ۽ ڌاڙيل سمجهي ماريو پيو وڃي ۽ ڌاڙيلن کي تاتي هن پُر سڪون ڌرتي تي ناحق ٻاريو پيو وڃي. جيئن ڪو سک چين سان نه رهي سگهي ويندي پکي پکڻ لاءِ به سنڌ ۾ رهڻ جنجال ڪيو پيو وڃي.


    کڏ ۾ هڻ انهن ڳالهين کي

    سئيڊن، فنلئنڊ،ناروي ۽ آئيس لئنڊ اهي اتر قطب وارا ملڪ آهن جتي سخت ٿڌ ڪري ماڻهوءَ جو جياپو ايڏو سولو نه آهي جيترو انگلينڊ، آمريڪا، جرمني، فرانس يا جپان ۽ سنگاپور پاسي. اسان جا پاڪستاني دنيا جي هر ڪنڊ ۾ نظر ايندا پر هنن ملڪن ۾ سڀ کان آخر ۾ آيا ۽ اڃا تائين سندن تعداد ٻين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهي. موسم کان علاوه زبان جي پڻ ڏکيائي آهي جو هتي انگريزي زبان نٿي هلي. سئيڊش، ڊئنش، فنشن ۽ نارويجن زبانون اسپيني، جپاني، فرينچ ۽ ملئي جهڙين زبانن کان تمام ڏکيون آهن. بهرحال جن پاڪستانين همت ڪئي ۽ ڪشالا ڪري هيستائين پهتا ۽ ٽڪي پيا انهن ۾ نوي کان مٿي سيڪڙوپنجاب پاسي جي رهاڪن جو آهي. باقي اٺ نوَ سيڪڙو ۾ مهاجر، پٺاڻ، بلوچ ۽ سنڌي اچي وڃن ٿا ۽ اهي به عام طرح عيد جي گڏجاڻين يا ٻين اهڙين محفلن ۾ ورلي نظر اچن ٿا.
    هڪ ڏينهن ڪنهن گڏجاڻي ۾ ناروي ۽ فنلئنڊ جا رهندڙ ڪجهه پاڪستاني پڻ شامل هئا. تقريباَ سڀ پنجاب پاسي جا هئا ان ڪري سڄي گفتگو پنجابيءَ ۾ هلي رهي هئي.مون جهڙو ٿي سگهي ٿو ڪو هڪ ٻه غير پنجابي به هجي جيڪو مون وانگر ڪنڊ پاسي ۾ ويهي خاموشيءَ سان ٻين جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. ڳالهين ڪندي اها ڳالهه نڪتي ته سنڌ ۾ پنجاب جي ماڻهن کي ايترو هٿ چراند نه ڪرڻ کپي. بهرحال سڀ نيڪ نيتي سان ڳالهه ڪري رهيا هئا. ڪنهن کي خوش ڪرڻ بدران سڀ نيوٽرل جي حيثيت ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيا هئا. جنهن ۾ڪافي حقيقت لڳي رهي هئي. هونءَ به کين ملڪ ڇڏي ڪي سال ٿي ويا ۽ هاڻ سندن مرڻ جيئڻ مٽيون مائٽيون هنن ملڪن سان آهن. انڪري سندن تنقيد يا ڇيد ڪرڻ ۾ ڪا گهڻي طرفداري نه هئي ۽ آئون به وچ ۾ پنهنجي راءِ ڏيڻ يا سندن ڳالهه قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ بدران ماٺ ڪري ٻڌڻ لڳس ته آخر ٻين ماڻهن کي پاڪستان جي رهاڪن ۽ خاص ڪري سنڌين بابت ڇا Views آهن.
    ”سنڌ جي زمين، نوڪرين، اسڪولن، ڪاليجن ۽ ڪارخانن فئڪٽرين تي پنجابين جو روزانووڃي قبضو ٿيندو. هاڻ ته ماڳهين ڪراچيءَ جون فئڪٽريون ئي پنجاب ڏي شفٽ ٿي رهيون آهن.“ هڪ چيو.
    ”پنجاب جي رهاڪن کي ائين ڪرڻ نه کپي.“ ٻئي چيو، ”ان سان خواه مخواه ٻين جي دلين۾ اسان لاءِ نفرت وڌندي. اسان کي سنڌ ۽ ان جي عوام جي خدمت به ڪرڻ کپي.“
    ”دراصل ان ۾ سنڌي وڏيرن، وزيرن ۽ پير ميرن کان علاوه سنڌي ڪامورن جو پڻ ڏوهه آهي جن کي رڳو پنهنجو فڪر آهي، مقامي ماڻهن جي ڀلي جو نٿا سوچين.“ هڪ چيو.
    ”سنڌ جي فلاڻي ڳوٺ ۾ اسان جي هڪ بزنس مين اهو سوچي فيڪٽري هڻن ٿي چاهي ته ڀلي ان ڳوٺ جا سنڌي بي روزگار هنر به سکن ته روزگار به ڪمائين. پر ڳوٺ جي وڏيري (سندس نالو وٺي ٻڌايائين) نياپي ذريعي چتاءُ موڪليو ته خبردار جو هن جي ڳوٺ ۾ ڪا فئڪٽري يا ڪارخانو هڻي سندس ماڻهو کاريا اٿس. هن لاءِ اهي ائين بکيا، بي روزگار ڀلا آهن. سنڌ جي وڏيري جي اهائي ذهنيت آهي ته ڳوٺ جو غريب نه سڌري نه خوشحال زندگي گذاري. هر وقت سندس موچڙي مار جي منهن ۾ هجي ۽ کيس سائين سائين ڪندو رهي.“
    ”منهنجا مائٽ ٽنڊو محمد خان پاسي هڪ پنجابين جي ڳوٺ ۾ رهن ٿا.“ هڪ ٻئي ڳالهه ڪئي، ”سندن ننڍڙو ڳوٺ هوندي به اسڪول، اسپتال، پارڪ سڀ ڪجهه آهي. سندس ڀر ۾ سنڌين جو وڏو ڳوٺ آهي، جنهن جو وڏيرو اسيمبليءَ جوميمبر به آهي. اسڪول اسپتال ڏي ته ڌيان نه اٿس پر ڳوٺ جي جيڪا چنگي ناڪو ملي ٿو سان به هو پنهنجين عياشين ۾ خرچ ڪريو ڇڏي. ڪڏهن پنهنجي بنگلي کان ٻاهر نڪري ڳوٺ جو چڪر نه هنيو اٿس ته سندس ڳوٺ جي غريب سنڌين جو ڇا حال آهي.“
    ”سنڌي پير، مير، وڏيري کان پوءِ ٻئي نمبر تي سنڌين جو دشمن رشوت خور سنڌي ڪامورو پڻ آهي، جنهن پنهنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.“ هڪ چيو ۽ ٻئي کلندي چيو: ”اسان وٽ پنجاب ۾ مشهور آهي ته ڪراچي يا سنڌ ۾ ڪو ڪم پوي ته پهرين معلوم ڪجي ته ڪو سنڌي بابا آفيسر آهي. جي سنڌي سائين آفيسر آهي ته پئون ٻارهن. جيڪو کين رشوت ڏيندو ان جو ڪم ڪندو. توهان کي ڪوڙو ڊوميسائل کپي، زمين جي لکائي ۾ هير ڦير ڪرائڻي هجي، ڪٿي نوڪري کپي، توهان سنڌي ڪاموري جي هٿ تي ڏوڪڙ وڃي رکو. پوءِ جيڪو گهڻا ڏيندس ان جو ڪم پڪو. پر آهي مڙس جوپٽ، پئسو وٺي پوءِ ڀلي سندس نوڪري هلي وڃي پر توهان جو ڪم ڪري ڏيندو. پوءِ ان جي مقابلي ۾ ڀلي ڪو سندس سنڌي ڀائو هجي، ڀلي ڪو سندس سڳو سؤٽ، ماسات هجي،کين گشاپتا هڻي چپڙي ڪرائي ڇڏيندو. سنڌي ڪاموري لاءِ وڏو پير پئسو آهي.“
    سڀ کلڻ لڳا، کلي بس ڪيائون ته هڪ پڇيو: ”يار سنڌي ڪامورو يا پير، مير، وڏيرو ايڏو پئسو ڪري ڪيڏانهن ٿو. نظر ته اهي ئي غريب جا غريب اچن ٿا.“
    ان کانپوءِ آئون پنهنجي خيالي دنيا ۾ هليو ويس ان ڪري وڌيڪ ٻڌي نه سگهيس ته ڪڏهن اهو عنوان ختم ٿيو ۽ ڪڏهن ٻيو شروع ٿيو. ان ۾ کڻي ڪيتري به ڪڙاڻ هجي پر ان ۾ جيڪو حقيقت جو پهلو هجي ان کان اسان سنڌين کي اٺ پکي وانگر اک ٻوٽ نه ڪرڻ کپي. ان ئي وقت آئون هڪ سنڌي وزير جو سوچي رهيو هوس جنهن مون کان سندس هڪ ڀائٽي/ ڀاڻيجي جي مستقبل لاءِ صلاح ورتي هئي.
    ”يارهن انجنيئرنگ ۾ بي اي ڪئي آهي هاڻ ڪٿي لڳايانس.“
    ”ڳالهه ٻڌ.“ مون کيس صلاح ڏني، ”تون وڏيرو زميندار ماڻهو آهين. الله جي فضل سان توکي پئسي جي ڪا کوٽ ناهي. هيئن ڪر جو هن کي آرمي ۾ موڪلي ڇڏ. اڄڪلهه آرمي ۾ انجنيئرن جي چونڊ هلي رهي آهي. اتي هڪ سٺو آفيسر ٿي رهندو.“
    ”نه يار! سول ۾ انجنيئرنگ ان لاءِ ڪانه ڪئي اٿس.“ هن وراڻيو.
    ”چڱو ڀلا هيئن ڪر، کيس انگلينڊ يا آمريڪا موڪلي ڇڏ ايم اي ڪري يا اڃا به وڌيڪ پڙهي قابل انجنيئر ٿي ان بعد پنهنجو فرم اچي کولي، جنهن۾ ٻين به محنتي نوجوان انجنيئرن کي رکي. ائين ڪرڻ سان سندس نالو هڪ طرف پيدا ٿيندو ته ٻين کي روزگار ڏئي خوشي الڳ محسوس ٿيندي.“ مون کيس صلاح ڏني، پرهن خبر ناهي ڇا پسند ڪيو ٿي جو منهنجي ڳالهه کيس ايتري نه وڻي.
    سال سوا لاءِ منهنجو ٻاهر وڃڻ ٿي ويو. ان بعد آيس ته ان وزير صاحب ٻڌايو ته هن پنهنجي ان مائٽ کي ڪسٽم ۾ لڳرائي ڇڏيو آهي. مونکي ڏاڍو تعجب لڳو.
    ”هڪ انجنيئر ۽ ٽيڪنيڪل ماڻهوکي ڪسٽم جي غير ٽيڪنيڪل ۽ گهٽ پگهار واري نوڪري ڏياري تو ته هن جي سڄي تعليم، علم ۽ Creativeness ختم ڪري ڇڏي.“ مون چيومانس.
    وزير صاحب وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو.
    ”ميان کڏ ۾ هڻ انهن ڳالهين کي. هتي مهيني ۾ ٽيهه چاليهه هزار رپيا گهر ويٺي ڪمايو ويٺو آهي. ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو عيش کپي.“ هن چيو ۽ مونکي معلوم ٿيو ته ڪسٽم جي نوڪريءَ بعد همراهه واقعي عيش ۾ آهي. شراب ڪواب جو دور رات تائين پيو هلي. آلي موالي دوستن جي واهه واهه لڳي پئي آهي. همراهه خوش ته وڏو ڪارنامو ٿي رهيو آهي.
    سال ٻن لاءِ وري مونکي ٻاهر وڃڻو پيو ۽ جڏهن موٽي آيس ته ان وزير صاحب جي هاڻ حڪومت ئي نه رهي هئي. خبرپئي ته سندس وزارت وڃڻ کانپوءِ سندس ڀائٽي/ ڀاڻيجي جي نوڪري به هلي ويئي. نوڪري ته هلي ويئي پر سال ٻه ههڙي وڏي پيماني تي عياشيءَ هن نوجوان جي صحت ۽ عادتون ئي خراب ڪري ڇڏيون. ڪسٽم جي رشوت جي نوڪري هئي جنهن مان پئسو پئي آيو. عياشي پئي هلي. يار دوست ساراهه ڪندي نه پئي ڍاپيا. هاڻ رهجي وئي آهي ابي ڏاڏي جي زمينداري. ۽ سنڌ جي زمينن جي پوري ساري حال جي سڀني کي خبر آهي. ان عياشي لاءِ پورو پئسونه ملڻ ڪري همراهه کي هر وقت ڇتائي آهي يا وتي چورن ڌاڙيلن سان سنگتون رکندو جيئن سندس خرچ جو پورائو ٿئي. ان قسم جون ڳالهيون ٻڌي هر عام سنڌيءَ کي ڏک ٿيندو هوندو ته ٻين ملڪن ۾ ته ماڻهو پڙهي ڳڙهي ڪٿان جو ڪٿان وڃيو نڪرن. رشوت جي پئسن مان به ڪارخانا فئڪٽريون هڻي پاڻ ۽ پنهنجي ڳوٺ جي غريبن کي سکيو بنايو ڇڏين. ڪٿي اسان جو وڏيرو ۽ ڪامورو آهي جو پاڻ ته پنهنجي تباهي آڻي ٿو پر ٻين لاءِ به ڏچو بنجيو پوي.
    سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻئي جي واتان پنهنجي سنڌيءَ لاءِ ان قسم جون حقيقتون ٻڌي ان تي چڙ ڪجي ۽ هميشه وانگر هن جو ڍڪ ڍڪجي. ان ڪري جو هو سنڌي آهي. ڀلي پيو ڀينگ ڪري. يا ان جي حق ۾ هن جي سڌرڻ لاءِ دعا گهرجي جيئن هو سنئين راهه تي اچي ۽ ساڳي وقت غريب عوام کي به سندس ڪڌن ڪرتوتن کان نجات ملي. يا شاندار ماضي جا گيت ۽ لوليون ڳائي گهاٽي ننڊ ۾ غرق ٿي وڃجي. يا کڏ ۾ هڻجي اهڙين ڳالهين کي؟


    ڌوڙ وڏي ڍير مان پائجي

    سال جي شروعات وارا مهينا يونيورسٽي ۾ دعوتن جو دؤر هلندو آهي. گذريل هفتي ايم ايس سي جي فائينل ايئر وارن اسان نون آيل شاگردن کي ڊنر ڏني. جيڪي فئملي سان آيل آهن، انهن جي زالن کي پڻ گهرايوويو هو. پروفيسر ۽ يونيورسٽي جو سڄو اسٽاف هو. ان سان گڏ ڪجهه آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا، فلپين ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن جون ڪجهه زالون مرد هئا، جن ۾ گهڻا اُهي هئا جيڪي هتي سئيڊن ۾ سياسي پناهه واري پاليسيءَ مطابق رهيل آهن. اهي ههڙين مفت جي پارٽين۾کائڻ پيئڻ ۽ ڊانس جي شوق ۾ هليا ايندا آهن. ڪجهه هتي جون يعني سئيڊن جون عورتون پڻ هيون،جيڪي بقول هڪ پراڻي جهازي انجنيئر محمود جي، يورپ جي هر شهر ۾ هڪ گروپ اهڙين عورتن جو هوندو آهي جن جا حقوق غير محفوظ هوندا آهن. اهي اڪثر بيوهه، رن زالون، نشي جون عادي، ٿلهيون، بي ڊوليون، مڙسن سان رٺل، اولاد کان ٽڙيل هونديون آهن. اهي پنهنجين ساهيڙين سان اهڙين پارٽين ۾ اچي نازل ٿينديون آهن. ٿوري دير بعد جيئن ئي نغاري تي ڏونڪو لڳو يعني ميوزڪ شروع ٿي، ته هڪ هڪ اُٿي، آفريڪي شيدين سان ڀيچي ٿي، فلور تي ڊانس ڪرڻ ۾جنبي ويون. سندن دلپسند ماڻهو ڪارا هوندا آهن، يعني آفريڪي شيدي.
    بنگلاديش جي ڪئپٽن حبيب چيو:
    ”يار ڪارا وڏا لاهه آهن. اسين ايشيا جا چريا رڳو وتنداسين پوسٽ آفيس ۽ اسپتالن جا ڏس پتا پڇندا. اميگريشن آفيس جا چڪر هڻندا ته اسان جي زالن کي جهٽ ويزا موڪليو ته اچن. موڪل جي ڏينهن ۾ سستا دڪان ڳولينداسين ته ڪٿي حلال گوشت۽ مرچ مسالا ملن ٿا. هي آفريڪن هتي پهچڻ سان سامان به پوءِ کوليندا، پهرين ڪا مڪاني لولي لنگڙي، گوري سئيڊش ڇوڪري ساهيڙي ٺاهيندا. پوءِ موچڙو به ڇوڪري جو ته منهن به ڇوڪري جو. هو پنهنجين موٽر ڪارن ۾هنن ڪارن کي ڀر ۾ ويهارين گهمائن به ته خريداري به ڪرائين.اهڙي طرح هنن شيدي شاگردن جون پنجئي آڱريون گيهه ۾ آهن.“
    سريلنڪا جي ٻُڌ شاگرد پريرا (جيڪو ڪولمبو جي بندرگاهه جو ائڊمنسٽريٽر آفيسر آهي) چيو: ”بابا هنن آفريڪن همراهن ۽ هتي جي يورپي ڇوڪرين جو ساڳيو ڪلچر آهي. کائڻ پيئڻ نچڻ ڪڏڻ، ڪو غلط ڪم ڪندي جيل ۾ هليا ويندا ته به پرواهه نه ڪندا. جيل ڪاٽي ائين پيا هلندا ڄڻ حج يا هني مون تان موٽيا هجن. پر پاڻ واري علائقي- يعني بنگلاديش، هندستان، پاڪستان، سريلنڪا جي رهاڪن لاءِ اهو ڪم ڏکيوآهي. پنهنجي غريب توڙي امير جو واسطو، عزت ۽ سوشل زندگي گهر ۽ فئمليءَ سان آهي. نه فقط زال ۽ ٻارن سان پر ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ سان هر وقت ذهني واسطو ۽ ڳانڍاپو رهي ٿو ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته پاڻ ان معاملي ۾ ڊڄون ٿا. پوءِ کڻي اسان ۾ ڪو مسلمان هجي، هندو يا ٻڌ هجي يا عيسائي.“
    ”پر هتي جون گوريون رنون به هنن شيدين تي مرن ٿيون،“ بنگلاديش جي حبيب چيو، ”مون ته ڪيترا دفعا ٽراءِ به ڪيو آهي پر اڃا تائين ڪا سئيڊن جي ڇوڪري ته ٺهيو پر پولينڊ جي پوڙهي به منهنجي اڳيان گاهه نٿي وجهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن حاصل ڪجي؟“
    ”ڇا؟ گاهه يا ڇوڪري؟“ پريرا پڇيس.
    ”لڳي ٿو،“ مون کلندي چيومانس، ”ته هتي جون يورپي عورتون اسان ڌارين مردن کان ڊڄن ٿيون. ان ڪري هو پنهنجن گورن سان ئي گڏ رهڻ بهتر سمجهن ٿيون. پر جيڪي تبديلي چاهين ٿيون اهي پوءِ يڪي چاهين ٿيون يعني يا ته بنهه اڇو هجي يا وري سخت ڪارو. ان ڪري ڪنهن ڪڻڪ رنگي يا هيڊي ڦڪي رنگ واري ايشيائي بدران ڪاري شيديءَ جي ويجهو وڃن ٿيون. يعني ڌوڙ پائجي ته ڪنهن وڏي ڍير مان پائجي.“


    بنگلاديش جي مفروحا ۽ ملائيشيا جي ڊيزي

    بنگالي شاگردن جي زالن سان گڏ هڪ بنگالي نوجوان عورت پڻ هئي. منهنجي ڀرسان لنگهي ته هڪ ٻئي کي سلام ڪرڻ بعد بنگاليءَ ۾ ”ڪيمن آشين؟ ڀالو تو؟“ خير خبرڪئي مانس. پاڻ اوور ڪوٽ ۽ مفلر لاهي ڪليءَ ۾ ٽنگڻ لاءِ اٿي هئي. مون کان پڇيائين ته ڪٿي جو آهيان.
    ”پاڪستان جو آهيان پر ’مئرين انجنيئرنگ‘ چٽگانگ مان ڪئي هيم، ان ڪري ڪجهه ڪجهه بنگالي اڃا ياد اٿم.“
    ”اپنار باري ڪوٿائي“- ”تنهنجو ڳوٺ ڪهڙو آهي؟“ مون پڇيومانس.
    ”امي ڍاڪا ٿاڪبو.“ (آئون ڍاڪا رهان ٿي) هن ٻڌايو.
    دراصل مون معلوم ٿي ڪرڻ چاهيو ته هوءَ اسانجي سينئر گروپ جي چئن بنگلاديشين مان ڪنهن جي زال آهي. (هن سال جي شاگردن جي فئملين کي هتي اچڻ جي اڃا ويزا نه ملي آهي.) پر هن جي ڳالهين مان جڏهن اندازو نه لڳائي سگهيس ته نيٺ ڊائريڪٽ پڇيومانس ته آيا هوءَ نجم العالم جي زال آهي؟
    ”نه نه.“ هن پنهنجو هٿ منهنجي منهن ڏي ڪري اهو چوڻ چاهيو ته ڪهڙيون ويٺو ڳالهيون ڪريان. ۽ مون يڪدم درستي ڪندي چيو ته، ”پوءِ توهانمسز ڪئپٽن معين آهيو؟“
    ”نه نه. منهنجي اڃا شادي به نه ٿي آهي.“
    ”اوه! آءِ ايم ساري! مون سمجهيو هتي رهندڙ بنگالي شاگردن مان توهان ڪنهن جي زال آهيو.“
    ”نه نه.“ آئون بنگلاديش ۾ گورنمينٽ آفيسر آهيان، ڀرواري شهر لُنڊ (Lund) ۾ هفتي کان سيمينار هلي رهيو آهي. اهو اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيل آهيان.“ هن پرس مان پنهنجو ڪارڊ ڪڍي مون کي ڏيندي چيو.
    موٽ ۾ مون کيس پنهنجو ڪارڊ ڏنو ۽ سندس ڪارڊ پڙهڻ لڳس. نالومفروحا سلطانا، وزارت خزانا جي ايڪانامڪس رليشن ڊويزن جي ڊپٽي سيڪريٽري هئي.
    پاڻ چڱي دير بنگلاديش حڪومت کي درپيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن کي خير اسلوبيءَ سان منهن ڏيڻ ۾ پنهنجين ڪوششن بابت ٻڌائيندي رهي. ڪيتريون تعليم يافته بنگالي عورتون اسان جي ملڪ جي ساڳي ليول جي پڙهيل عورتن کان وڌيڪ سلجهيل ۽ سياسي شعور رکن ٿيون ۽ هيءَ ته ڪجهه وڌيڪ ئي هوشيار ۽ معلومات رکندڙ هئي. پاڻ بيحد دلچسپ ڳالهيون ڪري رهي هئي پر آفريڪن شاگردن اهڙا ته هيئون ڦاڙ گانا فل آواز تي کڻي رکيا جو سچ پچ دانهون ڪري ڳالهائڻ بعد به چوٿون حصو ڪو مس سمجهه ۾ آيو ٿي. ساڻس وري ملڻ جو رسمي واعدو ڪري اُتان رڙهي اندرين هال جي ساڄي ڪنڊ ڏي آيس، جيڪا ٽيپ رڪارڊر کان سڀ کان ڏورانهين جڳهه هئي. ملائيشيا ۾ مون سان ڪم ڪندڙ ڪئپٽن لي (جيڪو مون سان گڏ هن سال آيو آهي) هڪ چيني عورت سان بيٺوهو. هن مون سان واقفيت ڪرائي،.
    ”هيءَ مسز ڊيزي آهي سندس مڙس سئيڊش آهي ۽ ويهن سالن کان هتي رهي ٿي. ۽ هي الطاف آهي.“
    ”آپا خبر.“ هن مون کان ملئي ۾ خير عافيت پڇي.
    ”بائيڪ لا- باگوس.“ مون هٿ ملائي وراڻيو.“ توهانجي تعريف ملائيشيا جا سڀ چيني ۽ ملئي ڪندا آهن.“ مون کيس ٻڌايو. سئيڊن ۾ جيئن اسان پاڪستانين جي مسٽر جوهر، مضمون ۽ مسعود مدد ڪري ٿو تيئن ملئي همراهن لاءِ هر ڏک دور ۽ تڪليف دور ڪرڻ لاءِ هي پنجاهه سالن کن جي نيڪ عورت پاڻ پتوڙي ٿي.
    ”آئون ٽيچر به آهيان. فارينرس کي سئيڊش زبان سيکاريندي آهيان. ڪئپٽن لي چيو پئي ته توهان کي شايد هتي جي زبان سکڻ جي دلچسپي هجي.“
    ”نه. پڙهائي ڏاڍي آهي. وقت ڪڍي نه سگهندس.“ مون چيومانس.
    ”توهان کي ٻن مهينن اندر Crash Course (تڪڙي ۽ گهڻي پڙهائي) ذريعي سيکاري سگهان ٿي.“
    ”نه، آئون بنهه ان پويان وقت وڃائڻ نٿو چاهيان، باقي ٻئي مهيني منهنجي زال اچي پئي اها شايد سکي.“ مون في الحال جان ڇڏائڻ جي ڪئي.
    ”بس پوءِ ڪئپٽن لي ۽ ٻين جي زالن سان گڏ کيس به سيکاريندس. گذريل سال به توهان جي پاڪستاني دوستن: ظهير بابر، ڪئپٽن لوڌي ۽ ڪئپٽن رحمت جي زالن مونکان سئيڊش زبان سکي هئي. ڀلا فئملي اچڻ بعد هاسٽل مان شفٽ ٿي ڪٿي رهڻ جو ارادو ڪيو اٿئي؟“ هن پڇيو.
    ”گهڻو ڪري شهرجي ڏکڻ ۾ هولما علائقي ۾.“ مون ٻڌايو.
    ”گهر لاءِ فرنيچر ۽ ٿانوَ کپنوَ ته ايندڙ ڇنڇر تي روٽري ڪلب وارا وڏي Sale لڳائي رهيا آهن. جنهن ۾گهر جي هر شيءِ تمام گهٽ اگهه تي وڪڻندا. هيءَ Sale سال ۾ هڪ دفعو هڻندا آهن. تون سامان وٺي في الحال ملئي ڪئپٽن زين اڪبر (آخري سال جي شاگرد) جي گهر يا منهنجي گهر رکي سگهين ٿو.“ ڊيزي چيو.


    ريفريجريٽر نه پر ڊيپ فريزر

    پاڻ نيلام واري جاءِ جو ڏس پتو لکي ڏنائين ۽ مون سندس ٿورو مڃي کانئس موڪلايو ۽ ڪجهه کائڻ لاءِ پليٽ کنئي. لاطيني ۽ آمريڪا ۾ آفريڪا جي ڪجهه شاگردن جو مفت جي شراب ۽ بيئر تي سخت مارو هو. باقي عرب، پاڪستاني، مصري، اردني چپڙي ڪري ڪوڪا ڪولا يا اسپرائيٽ جو گلاس هٿ ۾جهلي ڏوڪي رهيا هئا. شايد شراب جو ڪوبه عادي نه هو يا شايد سڀ ڪو شريف بنجي رهيو هو. گذريل سال ۽ هن سال جي جملي اٺن ايراني شاگردن مان ڇهه ته بنهه نه آيا جو هر ان دعوت ۾ جنهن ۾ شراب، رباب ۽ شباب هجي اچڻ کان پرهيز ڪن ٿا. بهرحال اسان مسلمانن جي ڪسر في الحال يمن جي محمد مبارڪ پوري پئي ڪئي. هو عدن پورٽ جو انجنيئر آهي. هڪ بيئر جو دٻو خالي ٿيس ٿي ته ٻيو کنيائين ٿي ۽ شيدين ۽ ڏکڻ آمريڪن سان آخر تائين مقابلو ڪندو رهيو. ۽ هڪ لولي لنگڙي کي ڇڏيائين ٿي ته ٻيءَ کي ڪرسي تان اٿاري فلور تي آڻي ڊانس ڪيائين ٿي. جنهن وقت به مون تي نظر پيس ٿي ته ڇوڪريءَ کي پنهنجي وڌيڪ ويجهو ڇڪي رڙ ڪيائين ٿي:
    ”مسٽر الطاف! پليز ٽيڪ ماءِ فوٽو گراف.“ ۽ مونکي ٻه دفعا بهانو ڪري ٽيون دفعو ڪڍڻو ئي پيو ٿي. ٻن ٽن دٻن بعد مبارڪ فلسفو به ڳالهائڻ لڳو هو. هونءَ ئي نارمل حالتن۾ئي هو فلسفانه ڳالهيون ڪري ٿو ۽ هاڻي ته هو ان منزل تي پهچي چڪو هو جتي سندس ديس، وطن، عدن، يمن جوڪو ملان مولوي پهچي نٿي سگهو.
    هڪ موقعي تي مون کي جهلي چيو هيائين:
    ”لڪ فرينڊ! منهنجا دوست! هي ملڪ به عجيب آهي جتي جي، نه گلن ۾ خوشبوءِ آهي، نه کاڌي ۾ڪا لذت آهي ۽ نه وري ڪا عورت ۾ گرمائش آهي.“
    ڪئپٽن حبيب چيو؛ ”اهو يمني ياسر عرفات مهانڊو توسان ڪهڙا راز سليندو رهي ٿو.“
    کيس ٻڌايم ته هيئن ٿو چوي.
    ”عجيب ماڻهو آهي.“ ڪئپٽن حبيب پنهنجي روايتي انداز ۾ ٽهڪ ڏيندي چيو. ”کيس اها خبرنٿي پوي ته ڪهڙي عورت جي ويجهو وڃجي. ههڙي سرد رات ۾اهڙي ٿلهي ۽ پوڙهي عورت جا جذبا Defrost ڪرڻ ۾ ته کيس ٽي راتيون ٽي ڏينهن کپن.“
    ”تو مبارڪ جي ساهيڙيءَ کي ريفريجريٽر سمجهيو آهي ڇا؟“ مون کيس کلندي چيو.
    ”ريفريجريٽر! قسم سان ڊيپ فريزر آهي.“


    خطرناڪ ماڻهوءَ جي ملڪ جي آهين

    رات جا ٻارهن کن ٿيا ته اهي شاگرد جيڪي فئملين سان آيا هئا، روانا ٿيڻ لڳا،جو ٻارهين کانپوءِ شهر جي بسن جا ڦيرا گهٽجيو وڃن. هونءَ ڪلاڪ ۾چار يا پنج ڦيرا ڪندڙ بس، رات جو ٻارهين کانپوءِ ڪلاڪ ۾ فقط هڪڙو ڦيرو ڪري ٿي. ان جي معنيٰ هڪ بس ڇٽي وئي ته ٻي پوري ڪلاڪبعد ايندي. پر اهو آهي شهر جي هر بس اسٽاپ تي هر بس مقرر وقت تي اچي ضرور ٿي. هر بس اسٽاپ تي گهڙيال لڳل آهي ۽ سالن کان بس جو اهو مقرر وقت هلندو اچي. ماڻهو پنهنجن گهرن مان واچ ڏسي نڪرن جيئن کين بس اسٽاپ تي سيءِ ۾وقت وڃائڻو نه پوي.
    مهمانن- خاص ڪري فئملين جي وڃڻ ڪري ڊانسنگ ۽ ڊائنگ هال توڙي باقي بچيل اڪيلن همراهن جي دلين ۾ آيل مهمانن لاءِ ڪافي جاءِ ٿي پئي، جو مون ڏٺو ته ڪيترا همراهه جيڪي پنهنجن دوستن يا ملڪي شاگردن جي زالن اڳيان شرمائي ڪنڊ پاسو ڏئي رهيا هئا سي به هاڻ انهن جي وڃڻ کانپوءِ پنهنجين سڏايل گرل فرينڊن يا پاڻهي آيل انهن عورتن کي (جن جا حقوق غير محفوظ ٿي لڳا) پنهنجين دلين ۾ جايون ڏيڻ لڳا.
    ملائيشيا جي ڪئپٽن ليءَ جي زال ائنا، ڀت سان لڳل ڪرسين مان هڪ تي ويٺي هئي.
    ”تون اڃا ويٺي آهين؟“ مون کائنس پڇيو.
    ”لي هلي ته هلان. هڪ ٻئي پويان بيئر جا دٻا ڏوگهي رهيو آهي.“ ائنا وراڻيو.
    ائنا جي ڀر ۾ اسان جو پاڪستاني ڪئپٽن سليم ۽ راحت عزيز ويٺا هئا. راحت کي انگريزيءَ ۾چيم؛ ”ڪئپٽن ليءَ کي مفت جي شراب پيئڻ جي ايڏي پٽ آهي جو پوءِ جان ڇٽڻ مشڪل آهي. ملائيشيا ۾ به ٻيوڪو پيئي يا نه پر لي صاحب ضرور پيئندو.“
    ڪئپٽن لي جي زال ائنا منهنجي ڳالهه جي تصدي ڪندي سليم ۽ راحت کي چيو: ”الطاف سچ ٿو چوي.“
    ”يار ائنا ڇا سوچيندي.“ ڪئپٽن سليم مون کي چيو.
    ”ائنا ڇا سوچيندي. ڪا لڪيل ڇپيل ڳالهه آهي ڇا. آئون پنهنجي مائٽن جي ايڏو عرصو ويجهو نه رهيو هوندس جيترو هنن جي. لي ۽ مون ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ اٺ سال گڏ گذاريا آهن. هنن جو مڱڻو ۽ شادي به مون اڳيان ٿي هئي.“ اهو ٻڌي ائنا خوش ٿي.
    ”مون کي لي چوي ٿو ته آئون هلان، ٿوري دير بعد هوپاڻهي ايندو.“ ائنا ٻڌايو.
    متان وئي آهين. هي چنڊو ائين ڪڏهن شراب نه ڇڏي.“ مون خبردار ڪندي جهليومانس.
    بنگلاديش جو ڪئپٽن حبيب به اتي بيٺل هو، تنهن چيو: ”ڪئپٽن لي پيئي گهٽ ٿو رڳو ضايع ڪري ٿو. بيئر جو دٻو کوليو ٻه ڍڪ پيو وري وڃيو نئون دٻو کڻيو اچي. هي ڏسو.“
    هن ڀر واري ٽيبل تي ڪئپٽن لي جا ڇڏيل ٻه کن دٻا کڻي اسانکي ڏيکاريا جيڪي واقعي اڌ به خالي نه هئا.
    ايتري ۾کاٻي پاسي واري ڀت سان لڳل ڪرسين تان هڪ ڪينيا جو همراهه ڊانس لاءِ اٿيو. آئون ان جي جاءِ تي ٿي ويٺس. ڀروارين ڪرسين تي هڪ حبشڻ ۽ هڪ هتي جي سئيڊش عورت ويٺي هئي. راحت اڙدوءَ ۾ مون کي چيو: ”تنهنجي ڀر ۾ ويٺل آفريڪن ڇوڪري اڄ جي آيل مهمانن ۾ سڀ کان حسين ترين آهي.“
    ”واهه ڙي واهه راحت عزيز تنهنجا فيصلا.“ مون چيومانس.
    ”ڪوڙ ڪونه ٿو ڳالهايان چڱي طرح ٿورو ڏسينس. گوريون به سندس مقابلو نه ڪري سگهن.“ راحت پنهنجي ڳالهه تي پختو رهيو.
    ”خير هاڻ ڀر ۾ ويهي، هڪ ته مڙي مڙي ڏسڻ صحيح ناهي ۽ ٻي ڳالهه ته ههڙي چنجهي (Dim) روشني ۾ گوريون اڇيون به چٽيءَ طرح نظر نٿيون اچن سو هن ڪاري ڪوئل جا ته فقط ڏند ۽ ڪنن ۾ پيل اڇا ايئرنگ ئي نظر اچي رهيا آهن.“
    بنگالي ڪئپٽن حبيب جنهن کي ٿوري ٿوري اڙدو به اچي ٿي تنهن راحت کي چيو: ”سوير مانيءَ مهل، هوءَ منهنجي ڀرسان کائي رهي هئي. مونکي ته ان وقت روشني ۾ به منجهس ڪا خاص سونهن نظر نه آئي، توکي هتي اونداهه ۾ منجهانئس ڪهڙي سونهن تجلا ڏيکاري رهي آهي.“
    ”بس ڪجهه آهي.“ راحت چيو.
    ”هاڻ ڏيو منهن. اها به ڪا ڳالهه. سائنسي طرح ثابت ڪرڻ بدران ائين ئي ٿيو زوريءَ ٿاڦڻ ته، ڪجهه آهي.“ مون چيومانس.،
    ”ڀلا مڙي کڻي نه ڏسينس، پراهو ته پڇينس ته هوءَ ڪٿي جي آهي.“ راحت مون کي چيو.
    مون ساڻس هيلو ڪري سندس ملڪ بابت پڇيو.
    ”يوگينڊا جي آهيان.“ هن وراڻيو.
    ”خطرناڪ ماڻهو جي ملڪ جي آهن؟“ مون يڪدم چيومانس.
    ”ڪيئن ڀلا؟“
    ”ٻيو وري ڇا. عيدي امين پاڪستاني، انڊين ۽ ايشين ته ڀڄائي ڪڍيا پر پنهنجن ڪارن جي به ڀينگ ڪري ڇڏيائين.“
    ”اها ته ڳالهه آهي.“ هن مڃيو.
    ”يوگينڊا ۾ ڪٿي رهن؟“ مون پڇيومانس.
    ”ڪمپالا جي ڀرسان.“ هن ٻڌايو.


    ها بابا سڀ مٿي چڙهي ويندا

    ”هتي پڙهڻ لاءِ آيل آهين يا نوڪريءَ لاءِ“ پڇيومانس.
    ”منهنجي ڀيڻ هتي رهي ٿي. هوءَ هتي جي نئشنل آهي. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ پهرين سندس مڙس هتي سئيڊن ۾ اچي رهيو، تن ڏينهن ۾ سئيڊن ۾ اچڻ ڪو اهڙو ڏکيو نه هو، جهڙو هينئر هر صورت ۾ناممڪن ڪري ڇڏيو اٿن. ڪجهه سالن بعد جيئن ئي هن جو پاسپورٽ ٺهيو ته زال کي به گهرائي ورتائين. هينئر آئون هنن وٽ گهمڻ لاءِ آئي آهيان.
    ”هيڏو خرچ ڪري سئيڊن آئي آهين؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”دراصل هتي هميشه لاءِ رهڻ جي ڪوشش لاءِ آئي آهيان، پر هاڻ سئيڊن ۾ يا هن پاسي جي ٻين ملڪن ۾ ديرو ڄمائڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ڪو زمانو هو جڏهن عيدي امين ايشين کي يوگينڊا مان پئي ڪڍيو ۽ ظلم مچائي ڏنو هئائين، انهن ڏينهن ۾ نه فقط يوگينڊا ۾ رهندڙ ايشيائي پر آفريڪن پڻ امين جي ظلم جو بهانو ٺاهي يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ سياسي پناهه وٺي اتي جا شهري ٿي ويا هئا. سئيڊن، ناروي ۽ جرمنيءَ ته انساني همدرديءَ خاطر تمام گهڻن کي رهڻ ڏنو هو. پر هاڻ ڏکيوڪم ٿي پيو آهي.“
    ”پوءِ تنهنجي معنيٰ تنهنجا ڀاڙا ڀتا ويا برباد ٿي؟“ مون چيو.
    ”نه. ائين ناهي. ڪافي اميد آهي. هتي رهڻ لاءِ پورو زور لڳائي رهيا آهيون. ڪجهه ٻيا به گس آزمائڻا پوندا.“ هن ٻڌايو.
    اتي مارشل آئلينڊ (Marshal Islands) جو مسٽر لئري اچي اڳيان بيهي رهيو ۽ يوگينڊا جي ڇوڪريءَکي ڊانس جي آڇ ڪرڻ لڳو.
    ”لئري توکي به هروڀرو هاڻ ڊانس ڪرڻي آهي. ٻيون ڇوڪريون سڀ منڊيون آهن ڇا جو ڏيهه ڇڏي هتان اچي نڪتو آهين.“ مون چيومانس.
    يوگنڊا جي ڇوڪري کلڻ لڳي ۽ لئبري به شرمائي ’ساري! ساري!‘ چوڻ لڳو.
    ”نه يار ائين چرچا پيو ڪرين.“ مون لئريءَ کي چيو ۽ پوءِ يوگنڊا جي ڇوڪريءَ کي لئريءَ لاءِ چيم.:
    ”زبرسست ماڻهو اٿئي. مارشل ائلينڊ جو هي پهريون شاگرد هتي آيو آهي. گذريل سال جيئن ئي مارشل ٻيٽ يونائيٽيڊ نئشن جو ميمبر ٿيو ته I.M.O وارن نيويءَ سان واسطو رکندڙ هڪ آفيسر کي هيڏانهن اچي ايم ايس سي ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ سڄي ٻيٽ تان هي چونڊيو ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهين ٿي ته اسان جو لئري ڪيڏي اهم شخصيت آهي.“
    ”اهو به ته ٻڌائينس ته سڄي ٻيٽ تي ڪل ماڻهو گهڻا آهن؟“ ڪئپٽن حبيب کلندي چيو، آڱوٺي جيڏو ٻيٽ، چين يا انڊيا جي آدمشماري مان چونڊجي ها ته ڪا وڏي ڳالهه هئي. سڄي ٻيٽ تي ڪل ستر هزار ماڻهو تن مان فقط ٽي نيوي ۾ آهن. انهن مان هڪ چونڊجي هتي آيو آهي.“
    لئري تيسين ان يوگنڊا جي ڇوڪريءَ سان نچڻ ۾ محو ٿي ويو هو.
    ”ڪجهه به آهي.“ مون حبيب کي چيو، ”جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت وارو حساب آهي. لئري هن وقت به ٽن اهم پوسٽن تي آهي. هتان ايم ايس سي ڪرڻ بعد کيس اڃا به پروموشن ملندي، جو هن ٻيٽ تي پڙهيل ڳڙهيل مڪاني ماڻهن جي تمام گهڻي کوٽ آهي.“
    ”ها بابا! سڀ مٿي چڙهي ويندا.“ حبيب هڪ دفعو وري کلندي طنز ڪئي. ”باقي پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگلاديشي ڪيڏا به تير هڻي اچن ته به اتي جو اتي رهندا. مون کي ته ڊپ آهي ته ٻن سالن بعد پنهنجي آفيس ۾ اها پوسٽ به شايد نصيب نه ٿئي، جيڪا ڇڏي آيو آهيان. ڪنهن سياستدان جي چمچي کي اها ڪرسي ڏئي ڇڏيندا.“


    فيلي باهمت عورت آهي

    راحت ۽ حبيب کي چيم ته فائينل ايئر جي شاگردن هيءَ آڌر ڀاءُ واري دعوت (Welcome Party) اسان کي ان لاءِ ڏني آهي ته جيئن اسان هنن سان ملون جلون. پر پاڻ ته رڳو پنهنجو پاڻ ۾ ويٺا ڪچهريون ڪريون. سامهون فائنل ايئر جي شاگردياڻي مس فيلي پنهنجي هڪ شيدي ڪلاس ميٽ سان نچي رهي هئي. سندس سڄو نالو فيلستاس وونورو خايومبي آهي. پاڻ اوڀر آفريڪا جي ملڪ ڪينيا جي آهي ۽ اتي جي منسٽري آف ڪميونيڪيشن ۾ ڊپٽي سيڪريٽري آهي. پاڻ سڄي يونيورسٽي ۾ ٿلهي ۾ ٿلهي عورت آهي. مون ڪيتريونئي ٿلهيون عورتون ڏٺيون هونديون پر هن جهڙي ٿلهي عورت ڪا ورلي هجي. پر فيليءَ کي اهم ۽ نمايان سندس ٿولهه نه، خوش مزاجيءَ بنايو آهي. هوءَ جيتري ٿلهي آهي اوترو ئي کلمک، چرچائڻ ۽ پڙهيل لکيل آهي. پاڻ پورٽس ۽ شپنگ ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري رهي آهي. فيليءَ کان گهٽ ٿولهه واريون عورتون به شرم ۽ احساس وچان جيڪر پنهنجو پاڻ کي لڪائينديون وتن. پر فيلي کي پرواهه ئي ناهي. هن پنهنجي ٿولهه کي ڪڏهن به ڪمزوري نه بنايو آهي. هر وقت ڪچهري ۽ چرچن ڀوڳن ۾ مشغول نظر ايندي. هيڏي وزن هوندي به هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ نچي سگهي ٿي. بس رڳو يونيورسٽي هلڻ مهل پنهنجو ٿيلهو يا بيگ ڪنهن ڪلاس ميٽ يا اسان نون آيلن مان هڪ کي کڻڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪندي آهي ۽ جو بقول سندس کانئس سامان سان گڏ بس مان لهيو چڙهيو نٿو ٿئي. بس ۾ چڙهندي آهي ته ويٺل مسافر في الحال هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ ڇڏي کيس غور سان ڏسندا آهن. لهندي آهي ته پيادا مڙس مڙي ڏسندا اٿس. ته به هن مائي کي ڪنهن ڳالهه جو فڪر ئي نه آهي. راحت هڪ ڏينهن چيوِ: ”ٿلهن کي کائڻ جي معاملي ۾ وڏو احساس ٿيندو آهي ۽ گهٽ کائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر هي ماسي فيلي هڪڙي پليٽ خالي ڪري وري ٻي به پهرين وانگر ٽٻ ڀري کائي ٿي. ڊنر تي مڇي يا ڪڪڙ جو وڏو حصو هڪ ئي دفعو ملندو آهي. پر هيءَ اهو ڊش به بورچيءَکان نڪ جو پڪو ٿي ٻيو دفعو گهرندي آهي. پاڻ نئروبي (Nairobi) شهر جي آهي جيڪو ڪينيا جي گاديءَ جو هنڌ آهي. فيليءَ کان علاوه سندس ملڪ ڪينيا جو هڪ ٻيو شاگرد عبدالله پڻ آهي. ڪئپٽن عبدالله آدم ممباسا جو مسلمان شيدي آهي ۽ مئريٽائيم ايڊيوڪيشن ۽ ٽريننگ ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. کيس هڪ ڏينهن چيو هوم ته ڪڏهن لڪي فيليءَ جو اخبار لاءِ فوٽو ڪڍندس. هن وڃي فيليءَ سان ڳالهه ڪئي ۽ هاڻ منهنجن هٿن ۾ڪئميرا ڏسي فيلي سڏ ڪيو.
    ”مسٽر الطاف فوٽو اچي ڪڍ.“
    پرجيسين فئلش تيار ڪري اُٿيس تيسين گانو ختم ٿي ويو ۽ نچڻ وارا فرحت وٺڻ لاءِ ڊائننگ هال ۾ اچي ويٺا. آئون به اٿي فيليءَ واري ٽيبل تي ويٺس جتي پاڪستان جو ڪئپٽن عاشق ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ پيرو (Peru) جو الفونسو ويٺا هئا. عاشق کي چيم ته فيليءَ جي تصوير مضمون سان گڏ ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ڏيندس ته پڙهندڙن کي احساس ٿئي ته فيلي ڪيڏي باهمت عورت آهي جيڪا پنهنجي ههڙي ڳري جسم کي بهانو بنائڻ بدران ههڙي سيءَ ۾ جهڙ مينهن واري ملڪ ۾، ۽ هن عمر ۾پڙهي رهي آهي.
    ٿوري دير بعد فيلي ۽ ٻيا ڊانس لاءِ اٿيا ۽مون سندس فوٽوڪڍي ڊانسنگ هال ۾ويٺل راحت ۽ سليم کي واچ ڏيکاري هلڻ جو اشارو ڪيو.
    ”اڃا ٿورو ترس. ٻين بجي دعوت ختم ٿيڻ جو وقت آهي. هونءَ به سڀاڻ آچر آهي. موڪل جو ڏينهن.“


    مئڊا گاسڪر جي لالائو

    فلور تي سڀ جوڙا جوڙا هئا. جن ۾ ڪي يونيورسٽي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون هيون ۽ ٻيون ٻاهران آيل ڪاريون ۽ گوريون مهمان عورتون هيون، جيڪي آفريڪن شاگردن سان نچي رهيون هيون. ڀتين جي چوڌاري رکيل ڪرسين تي ڪجهه بنگلاديش، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ايران جا شاگرد اڪيلا هئا نه ته ٻيا سڀ جوڙا جوڙا ويٺل هئا. چوڌاري ٽيبلن تي گلاسن ۽ دٻن جا ڍير هئا. ائش ٽڙي سگريٽن جي راس سان ٽٻ هجڻ ڪري ڪيترائي پنهنجا سگريٽ بيئر جي دٻن يا گلاسن ۾ وسائي رهيا هئا. پٽ تي پٽئٽو چپس، ڪرئڪر بسڪٽ ۽ چونئرن جا ذرا پرزا پکڙيا پيا هئا. جنهن مان لڳو پئي ته دعوت واقعي گهڻو وقت هلي رات جي پوئين حصي ۾ پهچي چڪي آهي. راحت هتان هُتان برف جون ٻه چار ڳوڙهيون هٿ ڪري ڪوڪا ڪولا کي ڪجهه ٿڌيرو ڪري کڻي آيو. ڀر واري ٽيبل تي فائنل ايئر جي ڇوڪري لالائو اڪيلي ويٺي هئي. پنهنجن گلاسن مان ٿوري ٿوري ڪوڪا ڪولا ڪڍي ٽيون گلاس ٺاهي کيس ڏنوسين.
    ”ڏس ته صحيح توهان فائيل ايئر وارا به ڪمال ٿا ڪريو،“ راحت لالائو کي چيو ”بيئر جيڪو مهانگو آهي ان جا دٻا ته جام کڻي رکيا اٿوَ باقي ڪوڪا ڪولا تي ڪنٽرول وجهي ڇڏيو اٿوَ.“
    ”پر مزي جي ڳالهه ته ڪوڪا ڪولا به ته هتي اوتروئي مهانگي آهي.“ لالائو چيو ۽ پنهنجي ٽيبل تان اٿي اسان واري ٽيبل تي اچي ويٺي. لالائو عمر توڙي قد بت ۾ سڀ کان ننڍي آهي. هيترا ڏينهن آئون اهوئي سمجهندو رهيس ته هوءَ انڊونيشيا يا ٿائيلينڊ جي آهي. سندس چهري مان ائين ئي لڳو ٿي. پر ان ئي ڏينهن مون کي معلوم ٿيو ته هوءَ ڏور اوڀر جي ڪنهن ايشيائي ملڪ بدران هندي وڏي سمنڊ جي ڪنهن ٻيٽ کان آئي آهي.
    ”معاف ڪجانءَ لالائو! تون سيشلز ٻيٽ جي ته نه آهين.“
    ”نه.“
    ”خبر ناهي مون کي ڪنهن ٻڌايو ته تون انڊين اوشن جي ڪنهن ٻيٽ جي آهين. شايد موريشش جي.!“
    ”نه. آئون مئڊاگاسڪر جي آهيان.“ هن ٻڌايو. ”اوهه! آءِ ايم ساري! پهرين ته آئون توهان کي ٿائي يا انڊونيشي سمجهندو هوس.“ مون ٻڌايومانس.
    ”ها. مون کي ڪيترا ائين سمجهندا آهن. ڪي ته مونکي ملئي، سلوني يا انڊين به سمجهن ٿا. هن آهستي آهستي جملا ٺاهي انگريزءَ ۾ ٻڌايو.
    اسان پنهنجو ساڻس تعارف ڪرائي کانئس سندس مادري زبان جو پڇيو.
    ”مئبوگاسڪر ۾ اسان جي پنهنجي لوڪل زبان قومي زبان آهي. هڪ ٻئي سان اها ڳالهايون.“
    ”پوءِ انگريزي ڪٿي پڙهينءَ؟“
    ”هتي سئيڊن ۾ئي اچي سکيس، ٽن مهينن جو شارٽ ڪورس ڪيم. ڇو جو مئڊا گاسڪر ۾ اسڪول ۽ ڪاليج ليول تي انگريزي نه پر فرينچ هلي ٿي.“
    ”پوءِ شاباس هجنئي. سٺي انگريزي ڳالهائين ٿي.هتي اچڻ کان اڳ ڪجهه ته انگريزي ايندي هوندئي؟“ مون پڇيو مانس.
    ”صفا نه. پهريان ڏينهن ته جهڙي گونگي گانءِ ٿي پئي هليس. فقط انهن آفريڪن ڪلاس ميٽن سان ڳالهائيندي هيس جن جي ملڪن ۾ فرينچن جو راڄ هو. مثال طور: ڪانگو، نائيجريا، الجيريا، موراڪو وغيره. ڪلاس روم ۾ به گهڻو سمجهه ۾ نه ايندو هو. انگريزي نه اچڻ ڪري وري سوال به پڇي نه سگهندي هيس. پر ڏينهن رات محنت ڪندي رهيس. آئون عزم جي پڪي آهيان. هاڻ ته چڱي انگريزي سکي وئي آهيان پر ان هوندي به اڃا سکندي اچان.“
    سندس ننڍي عمر ڪري سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آيا شادي شده آهي يا اڪيلي. مڙس جي خيريت جو پڇجيس يا ماءُ پيءُ جو حال احوال وٺجيس.
    ”باءِ دي وي آر يو مئرڊ؟ ڇا تون شادي شده آهين؟“ مون پڇيو مانس.
    ”ها. ٻه ٻار به اٿم. ڏس عجيب ٿو لڳي نه؟ ويتر قدبت جي به هلڪي آهيان ان ڪري ڪيترن کي يقين ئي نٿو اچي. منهنجي شادي پڙهائيءَ دوران ٿي وئي. مئڊاگاسڪر جي يونيورسٽي مان M.B.A ڪري پوءِ ملڪي شپنگ ڪمپني ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور نوڪري ورتم. منهنجي باس چيوته سئيڊن ويندينءَ؟ جنرل مئنجمينٽ ۽ ائڊمنسٽريشن ۾ ايم ايس سي ڪري اچ ته توکي اڃا وڌيڪ پروموشن ڏيان. مڙس سان ڳالهه ڪيم، هو ميڊيڪل ڊاڪٽر آهي. تنهن چيو همت ڪري سگهين ته ڀلي وڃ. ٻارن جو فڪر نه ڪر ۽ مون ٻئي ڏينهن هيڏانهن اچڻ جورضانامولکي ڏنو.“
    ”ڪيڏا وڏا ٻار اٿئي؟“
    ”هڪ چئن جو ۽ ٻيو ٻن سالن جو.“ لالائو ٻڌايو.
    ”ٻارن کي ته ڏاڍو ياد ڪندي هوندينءَ. ڇو جو هڪ پيءُ ٻارن کان پري رهي سگهي ٿو، پر ماءُ لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. خاص ڪري ٻن ۽ چئن سالن جي ننڍن ٻارن کي يڪدم ڇڏي ڏيڻ.“
    ”واقعي. اها ڳالهه ته آهي. ٻارن ۽ مڙس جي جدائي، اوپري ۽ نئين زبان (يعني انگريزي) ۽ هيڏي پڙهائي ۽ اڪيلي سر رهڻ. ڪڏهن ڪڏهن ايڏي ڊپريشن ٿيندي آهي جو ڄڻ وڍ پوندا آهن. پر آئون به همت ڪري منهن ڏيو ويٺي آهيان.“
    ”پوءِ مڙس ۽ ٻارن کي ڇو نٿي گهرائي وٺين. تنهنجي ٻارن جي ته پڙهائي جو به مسئلو ناهي.“
    ”اسان جي ٻيٽ تي پهچڻ جي ٽڪيٽ تمام ڳري آهي. اهي هوائي اڏا جتي گهڻا مسافر وڃن ٿا انهن جي ٽڪيٽ ايتري ناهي، جيتري مئڊاگاسڪر جي، جتي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو وڃن ٿا. هڪ فرينچ ايئر لائين جو، هفتي ۾ هڪ دفعو هوائي جهاز Antananarivo وڃي ٿو. سو به پئرس کان.“ (’انتانانا ريوو‘ مئڊا گاسڪر جي گاديءَ جو هنڌ آهي.)
    ”هائو. مون کي ياد آهي. هڪ دفعي اسان جو جهاز موزمبق جي بندرگاهه ۾ بيٺو هو. اتان ايمرجنسي ۾ هڪ انجنيئر کي ٽرانسفرڪري ٻئي جهاز تي موڪلڻو هو، جيڪو توهان جي ٻيٽ مئڊا گاسڪر ۾ بيٺل هو. موزمبق کان مئڊا گاسڪر ڪو ايترو پري ناهي. ٻنهي جي وچ ۾ فقط سمنڊ جي وٿي آهي، جنهن کي موزمبق چئنل سڏجي ٿو. موزمبق جي هوائي اڏي موپوتو (تن ڏينهن ۾ لارينزو مارڪس سڏبو هو) کان توهان جي گاديءَ واري هنڌ انتاناناريوو تائين ڪلاڪ کن جو پنڌ مس ٿيندو، پر موزمبق کان مئڊا گاسڪر (انتاناناريوو) ڪابه ڊائريڪٽ اڏام نه هئي. نتيجي ۾ هن انجنيئر کي پهرين موزمبق کان لسبن Lisbon پورچو گال موڪليو ويو (موزمبق پورچوگالين جي قبضي ۾ هجڻ ڪري ان تي انهن جو اثر رسوخ آهي.) پوءِ لسبن کان ٻي اڏام ۾ لنڊن ويو. اتان پوءِ ٽين ۾ پئرس پهتو. پئرس ۾ کيس ٽي ڏينهن کن هوٽل ۾ رهڻو پيو جو پئرس کان انتاناناريوو (مئڊاگاسڪر) هفتي ۾ فقط هڪ اُڏام آهي. بهرحال ڇهه سؤ کن ميلن جي سفر لاءِ ڪمپنيءَ جو اٺاويهه هزار روپيا خرچ اچي ويو ۽ انجنيئر کي ڪلاڪ کن جو سفر بدران يڪو هفتو کن ڏهه ٻارهن هزار ميل سفر ڪرڻو پيو.“
    ”اها ته تڏهن جي ڳالهه آهي اڄ کان 15 سال کن اڳ جي. هينئر ته هتان کان مئڊاگاسڪر هڪ طرفي ٽڪيٽ ته پوڻا چار هزار ڊالر (هڪ لک رپيا) آهي. ٻي ڳالهه ته منهنجو مڙس نوڪري ڪيئن ڇڏي اچي هتي ويهي رهي. بس ارڙهن مهينا گذري چڪا آهن باقي ڪي ڇهه مهينا. هاڻ اسين فائينل ايئر وارا اچي چڙهيا آهيون. جولاءِ ۾ ٽيون سيمسٽر ختم ٿيندو. ان بعد 15 ڏينهن موڪل کائڻ بعد آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ناروي،جرمني ۽ انگلينڊ فيلڊ ٽرپ (Field Trip) ۾ بزي رهنداسين. ان بعد اچڻ سان پروجيڪٽ (ٿيسز) جمع ڪرائڻ آهي. پوءِ امتحان۾سامان جي پئڪنگ ڪبي ته گريجوئيشن اچي ويجهي ٿيندي.“
    ”بهرحال شاباس هجنئي. تو جهڙيون عورتون اسان جي مشرقي عورتن لاءِ همت ۽ محنت جو سٺو مثال آهن.“ مون چيومانس.
    ”آئون جڏهن مئڊاگاسڪر کان آيس پئي ته ڪيترن پاڙي اوڙي جي عورتن چيو ته زال ذات ٿي اڪيلو پئي وڃي سو به يورپ جهڙي ملڪ ۾ ۽ يورپ جي به ان ملڪ ۾ جيڪو آزاد جنسي تعلقات، ٿڌ ۽ مهانگائيءَ کان مشهور آهي.“
    ”پر منهنجي مڙس مون کي چيو ته تون ڪنهن جي به ڳالهه جو فڪر نه ڪر. بس همت بلند رک ۽ مون به کين اهوئي چيو ته انسان جي عزت ۽ شرافت هن جي دل ۾ آهي. جيڪي عورتون خراب ٿين ٿيون اهي مڙس هوندي، ستن ڪوٽن ۾ به خراب ٿيو وڃن. آئون پڙهڻ وڃي رهي آهيان ۽ جتي آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جون عورتون پڙهي رهيون آهن اتي آئون به تعليم حاصل ڪري اينديس ۽ هونءَ به رڳو مردن کي نه پر عورتن کي به اعلى کان اعلى تعليم حاصل ڪرڻ کپي. مرد وانگر عورت کي به پڙهائي ڪم اچي ٿي. سندس تعليم نه فقط پنهنجو پاڻ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿي پر مڙس لاءِ، ٻارن لاءِ، قوم لاءِ ۽ ملڪ لاءِ پڻ.“
    ”ڏاڍو سٺو، توسان ملي سچ پچ خوشي ٿي. ساڳي هاسٽل ۾ رهڻ ڪري جيتوڻيڪ روز گس پنڌ تي ملاقات ٿي پئي. پر مون کي اها خبر نه هئي ته تون ايڏو باهمت آهين ۽ پڙهائي کان علاوه ڪيترن مسئلن ۽ مونجهارن کي منهن ڏيو ويٺي آهين. توتي آئون ضرور ٻه اکر لکندس. پنهنجي ملڪ جي اخبار لاءِ به.“ مون چيومانس.
    ”فوٽو به ڏجانءِ“. ۽ پوءِ ان اخبار جي ڪاپي مون کي به ڏجانءِ ته آئون پنهنجي مڙس کي موڪليندس.“ لالائو موڪلائيندي چيو.


    ڪجهه مئڊاگاسڪر بابت

    ”آفريڪا جي ڀر ۾، هندي وڏي سمنڊ ۾ هي هڪ ٻيٽ نما وڏو ملڪ آهي. ڪجهه عرصو اڳ سندس نالو ملاگاسي به رهيو پر هاڻ وري مئڊاگاسڪر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سندس پکيڙ اٽڪل ڇهه لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آدمشماري هڪ ڪروڙ کن اٿس، جن ۾ ڪيتريون ئي مڪس قومون رهن ٿيون. انهن ۾ آفريڪا جي مختلف قبيلن جا شيدي، عرب، ملئي، پئسفڪ ٻيٽن جا Polynesian، ننڍي کنڊ جا ماڻهو ۽ چيني پڻ اچي وڃن ٿا. ويهه هزار کن يورپي به رهن ٿا. جن ۾ گهڻائي فرينچن جي آهي- جن جو هي ملڪ ڪالوني ٿي رهيو هو.
    انتاناناريوو (Antananarivo) سندس گادي جو هنڌ آهي ۽ ٻيٽ جي وچ تي آهي. ان جي آدمشماري ٻارهن لک ٿيندي. ٻئي نمبر تي وڏو شهر توماسينا ۽ مهاجنگا آهي. اهي ٻئي بندرگاهه آهن. ان کان علاوه هڪ ٻه ٻيا به ننڍا بندرگاهه اٿس. ملڪ جي زبان ملاگاسي ۽ فرينچ آهي. ٿوري گهڻي انگريزي به ڳالهائي وڃي ٿي پر ملڪ جو سڄو ڪاروبار ۽ سرڪاري لکپڙهه فرينچ ۾ ٿئي ٿي، جيئن پاڻ وٽ انگريزيءَ جو مان آهي. هي ٻيٺ فرينچن جي قبضي ۾ رهيو ۽ 1960ع ۾ کيس آزادي ملي.
    ملڪ جو وڏو ’صدر‘ آهي جيڪو ”سپريم انقلابي ڪونسل“ جي مدد سان حڪومت هلائي ٿو. ليجسليٽو پاور ملڪ جي نئشنل پيپلز اسيمبلي جي 137 چونڊيل ميمبرن جي هٿ ۾ آهي. هر پنجين سال اليڪشن ٿيندي آهي. باقي هتي جو صدر ستن سالن لاءِ چونڊبو آهي.
    مئڊاگاسڪر جي خاص ايڪسپورٽ لؤنگ ۽ ڪافي آهي، جنهن مان هو غير ملڪي ناڻو ڪمائي ٿو. هي ملڪ اسان جي ملڪ وانگر اتر گول ۾ هجڻ بدران ڏکڻ اڌ گول ۾ آهي. ان ڪري هئي ڊسمبر جو مهينو سڀ ۾ گرم آهي ۽ سيءَ ۽ ٿڌ جون ۽ جولاءِ ۾ پوي. نومبر کان مارچ تائين مئڊاگاسڪر ۾ مينهوڳيءَ جي موسم سڏبي آهي.
    مئڊا گاسڪر ۾ پهچڻ لاءِ سندس هوائي ڪمپني Air Madagascar جي هوائي جهاز ۾ وڃي سگهجي ٿو. ان هوائي ڪمپنيءَ ۾ ٽيون حصو مالڪي فرانس وارن جي آهي. ايئر مئڊاگاسڪر کان علاوه ايئر فرانس، ايئروفلوٽ ۽ ايئر ماريشش جي به هفتي ۾ هڪ اڌ اڏام هتان هُتان اچيو نڪري.
    مئڊاگاسڪر ۾ ڇنڇر ۽ آچر جا ڏينهن موڪل ٿين، سومرکان جمع تائين صبح جو اٺين کان شام جو ڇهين تائين اسڪول، ڪاليج آفيسون کليل رهن ٿيون. گرمي ۽ گهم ڪري هتي جا ماڻهو منجهند جو ٿوري دير آرام ڪن. ان ڪري ٻارهين کان ٻين بجي تائين آفيسون ۽ دڪان بند رهن.


    يو.اين.او ۽ آءِ. ايم.او

    يونائيٽيڊ نئشنس (اقوام متحده) گڏيل ملڪن جي هڪ جماعت آهي ۽ دنيا جا 150 کن ملڪ ان جا ميمبر آهن. اسيمبلي جي ميٽنگ ۾ اهم مسئلن جي گڏجاڻيءَ لاءِ انهن ملڪن جا ميمبر نيويارڪ ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن،جتي(UNO) جي عمارت آهي. پاڪستاب به 30 سيپٽمبر 1947ع کان ان جو ميمبر آهي. مختلف ڪم هلائڻ ۽ انهن جي نظرداري ڪرڻ لاءِ U.N.O جا ڪيترائي ننڍا ننڍا ادارا آهن. جيئن ته دنيا جي ماڻهن جي ڪرندڙ صحت جي ڳڻتي لاءِ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ((W.H.O نالي ادارو آهي.دنيا جي مزورن کي ڪنهن قسم جي ظلم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ’ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (I.L.O) آهي.اهڙيءَ طرح سامونڊي دنيا جي مسئلن- جهازن جي بناوٽ، ان ۾ استعمال ٿيندڙ لوهه ۽ مشينري ۽ جهازن کي هلائڻ کان وٺي سمنڊ کي گند ڪچري کان صاف رکڻ لاءِ انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن (I.M.O) ان کان علاوه ويهه پنجويهه ادارا ٻيا به آهن، جن جا هيڊ ڪوارٽر لنڊن، پئرس، جينيوا، مانٽريل ۽ ٻين اهم شهرن ۾ آهن.
    هر اداري جي قاعدي قانون ٺاهڻ ۽ ڪم ڪار هلائڻ لاءِ پنهنجي اسيمبلي ۽ ڪائونسل آهي، جنهن ۾ پڻ دنيا جا مڙيئي ”چڱا مڙس“ (ملڪ) حصو وٺن ٿا. هر هڪ اداري وٽ دنيا جي اهم زبانن: انگريزي، روسي، اسپيني، فرينچ، عربي ۽ چيني وغيره جا ڪيترائي ترجمي ڪار آهن. ميٽنگن دوران هر تقرير ۽ ان تي ٿيندڙ سوال جواب مٿين زبانن ۾ ترجما ڪيا وڃن ٿا جيئن جنهن ملڪ جي نمائندي کي جيڪا ٻولي سمجهه ۾ اچي انجو ٽيبل تي لڳل بٽڻ دٻائي ڪنن تي چڙهيل ايئرفون ۾ ٻڌي سگهي. مثال طور انگريزي ۾ تقرير هلي رهي آهي ته وينزوئلا ڏکڻ آمريڪا جو نمائندو تقرير هلندي ان جو ترجمواسپيني زبان ۾ ٻڌي سگهي ٿو ته بحرين جي نمائندو عربي ۾. ۽ پوءِ سوال جواب ڪرڻ وقت هو مٿين اهم زبانن مان ڪنهن ۾ به سوال ڪري سگهي ٿو جنهن جو ترجمو ٻين زبانن ۾ ان وقت ٿيو وڃي. چيني نمائندو چيني زبان ۾ تقرير ڪري ٿو ته پاڪستاني ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٻڌي سگهي ٿو ۽ پاڪستانيءَ جو انگريزيءَ ۾ ڪيل سوال جو جواب ڪنهن ٻئي ملڪ جو نمائندو فرينچ يا روسي زبان ۾ ٻڌي ۽ ڏيئي سگهي ٿوپر پاڪستاني پنهنجن ڪنن ۾ لڳل ايئرفون ۾ انهن سوالن جا جوان انگريزيءَ ۾ ئي ٻڌي ٿو.
    سو يونائيٽيڊ نئشنس توڙي ان جي ٻين ادارن جي گڏجاڻي وقت ضروري ناهي ته سڀني کي انگريزي اچي. ميٽنگ لاءِ ميمبر ٻاهر ڀلي هڪ ٻئي جي زبان نه ڄاڻڻ ڪري هڪ ٻئي سان آمهون سامهون نه ڳالهائي سگهن پر ميٽنگ دوران ترجمي جي سهوليت ڪري دنيا جي مختلف ملڪن جا نمائندا اچي هڪ ٻئي سان بحث مباحثو ڪري سگهن ٿا. اسان جي هيءَ سئيڊن واري W.M.U يونيورسٽي به ڪجهه اهڙو ئي بين الاقوامي ادارو آهي پر اسان وٽ شروع کان اها ڳالهه رکي وئي ته فقط هڪ زبان انگريزي هلندي جنهن کي بين الاقوامي زبان جو درجو مليل آهي ۽ جن کي انگريزي نٿي اچي انهن کي پنهنجي ملڪ يا هتي اچي پهرين انگريزي سکڻي پوندي. يونيورسٽي جا پروفيسر جپاني، اسپيني، نارويجن، انڊين، يوناني ۽ فرينچ آهن. پر سڀني کي انگريزيءَ ۾ ليچڪر ڏيڻو پوي ٿو. هي يونيورسٽي يونائيٽيڊ نئشنس جي اداري I.M.O سن 1983ع ۾ سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ ٺهرائي.


    سمنڊ تي ڪيترن جو ئي واسطو آهي

    هن صديءَ جي اڌ بعد- خاص ڪري آخري چوٿي ۾ سامونڊي دنيا ۾ هر طرف تمام گهڻيون تبديليون آيون آهن. پهرين فقط مال بردار ۽ مسافر جهاز هئا پر هاڻ تيل جا ٽئنڪر، گئس ۽ ڪارون کڻڻ لاءِ مختلف جهاز، مسافر ۽ سندن ڪارون ڍوئيندڙ رو رو (Ro Ro) فيريون ۽ ڪنٽينر ڪئريڪر (Container Carrier) اڌ هوا ۽ اڌ پاڻي ۾ هلندڙ هوور ڪرافٽ (Hoover- Craft) مڇيون ڦاسائڻ ۽ سمنڊ تي ئي صاف ڪري دٻن ۾ بند ڪرڻ واري فئڪٽرين وارا جهاز- مطلب ته ڪئين قسمن جا جهاز نڪري پيا آهن. ويهه پنجويهه هزار ٽن جي جهازن کان وٺي لک ڏيڍ ٽن، چئن لک ٽنن جا سپر ٽئنڪر، ويري لارج ۽ الٽرا لارج جهاز نڪري پيا آهن. اهڙيءَ طرح بندرگاهن جا نمونا به جهازن مطابق تبديل ٿي ويا آهن. ڇو جو هڪ ڪنٽينر جهاز يا رورو فيري عام ڌڪي (جيٽيءَ) تي ته بيهي نه سگهندي. بندرگاهه کان علاوه جهاز سازي جا ڪارخانا ۽ سمنڊ تي هلڻ جا مختلف رستا اختيار ڪيا ويا آهن. گهڻي آزادي به سٺي ناهي. قاعدو قانون نه هجڻ ڪري ڪيترائي شپ يارڊ ردي سامان استعمال ڪري سگهن ٿا يا پنهنجي مرضي تي سمنڊ تي رستا ٺاهي هلڻ ۽ ٻين لاءِ رستو نه ڇڏڻ تي حادثا ٿي سگهن ٿا ۽ نه فقط جهاز جو سامان ۽ ماڻهن جي جان تباهه ٿي سگهي ٿي پر انهن جهازن ۾ کنيل ڏامر جهڙو تيل، يا ٻيا زهريلا ڌاتو سمنڊ جي سوين ميلن جون ساهواريون شيون ماري يا کاري سگهن ٿا.
    سمنڊ تي اڄڪلهه فقط ٻيڙين وارن جو واسطو ناهي جيڪي ٻين کي اهو چئي ڀڄائي ڪڍن ته هي دنيا هنن جي آهي ٻيا ڀڄي پاسو ڪن. پر هاڻ ته آئل گئس وارا اهو چئي سگهن ٿا ته ملڪ جي معاشيات سڌارڻ لاءِ گئس ۽ تيل ضروري آهي جنهن جي کوجنا ڪرڻ لاءِ سمنڊ ۾ Oil Rings ۽ ٻيو ريسرچ ورڪ ڪرڻ لاءِ اسان کي کلو کاتو ڏنو وڃي. باقي ٻيا مڙيئي ماڻهو مهاڻو ٽيهه قدم پري ٿي بيهن. فشريز (مڇيون ڦاسائڻ ۽ ان جو ڪاروبار هلائڻ) وارا پنهنجي اداري جي اهميت مڃائي سگهن ٿا. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ئي فشريز جو ادارو مڇين، گانگٽن مان ملڪ کي ڪروڙين ڊالر ڪمائي ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح بحري فوج وارا پنهنجن جهازن ۽ ملٽري ڪمن لاءِ سمنڊ تي پنهنجو ديرو ڄمائڻ جي حق جو اظهار ڪري سگهن ٿا.
    سو انهن ڳالهين کي منهن ڏيڻ ۽ بين الاقوامي نموني جا قاعدا قانون ٺاهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ I.M.O وارن هي اسان جي (W.M.U) ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ٺاهي آهي جيئن دنيا جي ملڪن جي اهم سامونڊي ادارن سان واسطو رکندڙ آفيسر پنهنجي ڪم ۾ وڌيڪ ماهر ٿيڻ لاءِ ٻن سالن لاءِ هتي اعلى تعليم حاصل ڪن. هر ملڪ جي سامونڊي ڪاروبار، آدمشماري ۽ بندرگاهن جي حساب موجب ان ملڪن مان شاگردن جو تعداد اچي ٿو. مثال طور پاڪستان، بنگلاديش، انڊيا مان هر سال ٻه ٽي اچن ٿا. فلپين ۽ ايران مان چار کن، سريلنڪا، برما، بلغاريا، ويٽنام، رومانيا مان هڪ هڪ. اسپين پورچوگال، سئيڊن جهڙا يورپي ملڪ جيتوڻيڪ وڏا آهن پر ترقي يافته (Developed) آهن ان ڪري اُتان هڪ شاگرد به ڪافي آهي. هن يونيورسٽيءَ مان اهو فائدو ٿي رهيو آهي ته دنيا جي ملڪن ۾ سمنڊ جي قاعدن ۽ قانونن ۾ هڪجهڙائي اچي رهي آهي. جهاز ۽ ان ۾ سفر ڪندڙ انسان جي سلامتي ۽ سمنڊن کي صاف رکڻ جا اپاءَ ورتا پيا وڃن. مثال طور جهاز جي بناوت جي سلامتي چيڪ ڪرڻ لاءِ نه فقط فلئگ اسٽيٽ (جنهن ۾ اهو جهاز رجسٽرڊ ٿئي ٿو ۽ ان ملڪ جو جهنڊو ڦڙڪائي ٿو) دخل اندازي ڪري سگهي ٿو پر پورٽ اسٽيٽ (جنهن جنهن ملڪ جي بندرگاهه ۾ جهاز وڃي ٿو) پڻ چڪاس ڪري سگهي ٿو. مثال طور آفريڪا جي ڪنهن ملڪ جي جهاز تي باهه وسائڻ جو ايمرجنسي فائر پمپ ڪم نٿو ڪري، جيڪا خطرناڪ ڳالهه آهي. ڪنهن وقت به باهه لڳڻ تي ان کي وسائڻ لاءِ ان پمپ جو هجڻ ضروري آهي پر جهاز جو مالڪ اهو سوچي ته جهاز پراڻو ٿي ويو آهي سال ڏيڍ بعد هونءَ ئي جهاز وڪڻي ڇڏيندس يا ڀڃي ڀوري لوهه ڪري هلائيندس، ان ۾هن وقت لک ڏيڍ خرچ ڪري نئون پمپ ڇو وجهان ۽ ٻيو ته باهه الائي لڳي به يا نه به. اهڙي طرح هو اثر رسوخ ۽ دوستي ياري ۽ پئسو ڏوڪڙ رشوت طور ڏيئي پنهنجي ملڪ جي قانو هلائيندڙ اداري جون اکيون ڍڪي جهازين جي جان سان کيڏي سگهي ٿو، پر ٻئي ملڪ ۾ ڦاسي سگهي ٿو. بين الاقوامي قائدن موجب هاڻ پورٽ اسٽيٽ کي به اٿارٽي آهي ته جهاز تي ڪا خامي ڏسن ته جهاز کي بندرگاهه ۾ اندر گهڙڻ يا ٻاهرنڪرڻ کان سوگهو ڪري ڇڏين پوءِ جهاز ڪهڙي به ملڪ جو هجي. يعني جيسين رب ڏنو ميهار چاليهه رپيا قاسم علي ڍڪ منشي وٽ سرڪاري کاتي لاءِ جمع نه ڪرائي تيسين کيس سندس رولاڪ ڍور جو رسو نه ملندو. ان وانگر جهاز جو مالڪ پنهنجي ملڪ ۾ ته ڀلي بچي سگهي ٿو پر ٻي ملڪ جي بندرگاهه ۾ پهچڻ سان اتي جي پورٽ اٿارٽي يا مئرين ايڊمنسٽريشن ان کي سوگهو ڪري سگهي ٿي، ۽ جيسين پمپ نه ٺهرائي ۽ ڏنڊ نه ڀري تيسين جهاز چري نٿو سگهي. ۽ اڄڪلهه جي مهانگائيءَ ۾ جهاز هلندو ئي رهي ٿو ته ڪمائي سگهي ٿو. جو بندرگاهه ۾ هڪ ڏينهن بيهڻ جو گهٽ ۾ گهٽ ٻه اڍائي لک رپيا کن جملي خرچ آهي. (بندرگاهه جي ڌڪي جي مسواڙ، جهازين جو کاڌو پيتو، پگهار، جهاز تي بجليءَ پاڻيءَ جو بندوبست وغيره.)


    دنيا جي ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ

    سڀ کان وڏو فائدو هن قسم جي بين الاقوامي يونيورسٽي جو اهو آهي ته مختلف ملڪن (ننڍن توڙي وڏن)، مذهبن، ادارن، ڪلچرن، زبانن ۽ رنگ روپ جي ماڻهن سان يڪا سارا ٻه سال چڱي طرح ڏيٺ ويٺ ٿئي ٿي. هيترا سال هيڏي دنيا ڏسڻ بعد به مالاوي (Malawi) گرينڊا، ڪوٽا ڊي آوري ۽ مارشل آئلينڊس جهڙن ملڪن ۾ بندرگاهن جا ماڻهو مون ڏٺا هئا.“ ۽ ڪيترا ملڪ جيتوڻيڪ وڏا آهن پر هتي اچي خبر پيئي ته انهن ۾ڪو چاڙهو ناهي ۽ ساڳي وقت گرينڊا ۽ سينگاپور جهڙن ننڍن ٻيٽن جو سامونڊي قائدو قانون سخت آهي ۽ ايران، سعودي عرب جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي دنيا کڻي ڇا به سمجهي ته هو جاهل ۽ عياش آهن پر هتي اچي معلوم ٿيو آهي ته اهو ڪيڏو غلط آهي. هنن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي ملڪ جي جهاز راني، جهاز سازي ۽ قاعدي قانون کي باسلامت ۽ سخت بنائڻ لاءِ بيحد گهڻي اڻ تڻ آهي.
    ۽ هڪ اديب جي حيثيت ۾مون کي هڪ هنڌ ويهي مختلف ملڪن جي ماڻهن ۽ انهن جي رسم رواج، مذهب، پوشاڪ، زبان بابت ڄاڻ پوي ٿي. گهانا مون لاءِ ڄڻ ٻڻ قدمن تي آهي، ترڪي ستن قدمن تي جو ترڪي جو عدنان ٽن ڪمرن بعد واري ڪمري ۾ رهي ٿو. فلپين، نائيجريا ۽ موراڪو وغيره گرائونڊ فلور تي ته مئڊاگاسڪر، روس، آذربائيجان، ڪانگو ڇهين فلور تي آهي. لفٽ ذريعي ٻن ٽن منٽن ۾ پهچيو وڃجي، نه ته ڏاڪڻين رستي پنجن منٽن ۾. ان کان علاوه ڏينهن ۾ ٻه دفعا ماني تي، ٽي وي روم ۾، ڪمپيوٽر روم ۾، بس ۾، يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾، تقريباَ هر ملڪ جي، هر ماڻهوءَ سان سلام دعا ٿيو وڃي ۽ هفتي سوا ۾ هڪ دفعو هر هڪ سان پندرهن ويهه منٽ ڪچهري ٿيو وڃي.
    هتي (سئيڊن) ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيترا دفعا انهن پاڪستاني دوستن کان پڇيو هوم جن کي يونائيٽيڊ نئشنس جي مختلف ادارن جون انٽرنيشنل ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ جو نيويارڪ، لنڊن يا جنيوا ۾ موقعو مليو هو:
    ”ٻه هفتا کن نيويارڪ۾رهڻ دوران آفريڪا، ڏکڻ آمريڪا يا عرب ملڪن کان آيل نمائندن سان ڪچهري ٿي هوندي؟“
    ”نه. ڪنهن به قسم جي ذاتي ملاقات ڪنهن سان نه ٿي سگهي. ڇو جو اتي ايندڙن مان سڀني کي انگريزي نٿي اڇي جو ساڻن ڳالهائي سگهجي. ميٽنگ دوران ترجمي جون سهوليتون هجڻ ڪري ڪم جي ڳالهه تي ته ضرور بحث مباحثو هلي ٿو. ميٽنگ ختم ٿيڻ بعد، ٻاهر نڪرڻ تي سڀئي جهڙا گونگا ٻوڙا، ٻيو ته لنڊن، پئرس، نيويارڪ اهڙا شهر آهن جتي نه فقط اسانجا پاڪستاني سفارخاني وارا ۽ دوست يار، مٽ مائٽ موجود آهن پر ٻين ملڪن کان آيل همراهن جا پڻ. نتيجي ۾ ميٽنگ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڳالهه پوري ٿيڻ تي هرڪو پنهنجن سان ملڻ لاءِ وٺيو ڀڄي. ڪنهن کي به ٻئي جي ملڪ جي ماڻهوءَ سان ملڻ يا ڄاڻ سڃاڻ وڌائڻ جو شوق نٿو ٿئي.“ هن ٻڌايو.
    پر هتي، هن يونيورسٽيءَ ۾ اها مٿين ڳالهه ناهي جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. سڀ کان وڏو اهو ته هر هڪ کي انگريزي ڳالهائڻ اچي ٿي ۽ اهو سوچڻو نٿو پوي ته آيا هو منهنجي ۽ آئون هن جي زبان سمجهي سگهندس يا نه. ۽ ٻيو ته سئيڊن جو هي شهر مالمو نه گاديءَ جو هنڌ آهي نه هتي ڌارين ملڪن جا سفارتخانا ۽ انهن سان وابسته هم وطني آهن. نه وري ڪو تمام وڏو شهر آهي جتي اسان جي ملڪن جون هوائي ڪمپنيون، بئنڪون ۽ ٻيا تجارتي ادارا هجن جن ۾ڪم ڪندڙ پنهنجن ماڻهن سان ئي ملاقات ڪجي. جيئن دبئي، ڪويت، سينگاپور، لنڊن، جهڙن هنڌن تي ڪيترا ماڻهو چار چار سال رهي ايندا آهن پر کين پاڙي ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ سان ملڻ جو وقت نه ملندو آهي، جو پنهنجي ئي ملڪ جا ايترا هوندا آهن جو سٺو وقت انهن سان ملڻ ۾ گذري ويندو آهي. پر هتي اها ڳالهه ناهي. ٽين ڳالهه ته سڄو ڏينهن يونيورسٽي ۾ گڏ آهيون پر شام جو رهائش به هڪ ئي هنڌ هاسٽل ۾ آهي. اسان مان جيڪي هاسٽل ۾ رهڻ بدران الڳ فيلٽ وٺي رهيل آهن سي به سڀ هڪ ئي علائقي ۾ آهن. ان کان علاوه هر هڪ جو ڌار ڌار ڌنڌو ڌاڙي هجڻ بدران ساڳيو ئي آهي. يعني سڀ شاگرد آهيون ۽ روز جي هوم ورڪ کان وٺي امتحان جي تياريءَ تائين هڪ ٻئي ۾ ڪم پوندو رهي ٿو. ڪنهن کان ٻئي ڏينهن پيرڊن جو پڇڻ، ڪنهن کان امتحان لاءِ اهم سوالن جو پڇڻ. پروجيڪٽ (ٿيسز) لکندي ڪمپيوٽر ۾ ايندڙ مسئلي بابت ڪنهن کان پڇڻ، ٻٽون وساري اچڻ تي، ڪئنٽن ۾ ڪنهن کان اڌارا پئسا وٺڻ ته ڪنهن کان پينسل، سانچو، رٻڙ گهرڻ، مثال طور اڄ رسيس ۾ ٽرنيڊاڊ (ويسٽ انڊيز) جو شاگرد (چيف انجنيئر ڊئوڊسن) اچي ويهي رهيو. کيس جهاز جو ٻاهريون حصو ماپڻ لاءِ Simpsons Rule سمجهه ۾ نه پئي آيو. پوءِ ظاهر آهي ڪجهه پڙهائيءَ جون ڳالهيون ته ڪجهه دنيا جهان جون ٻيون ڳالهيون ڪندا رهياسين.
    ”يار ورلڊ ڪرڪيٽ ڪپ ۾ (ويسٽ انڊيز) نه کٽيو پر ان جو افسوس نه اٿم پر اها خوشي اٿم ته، پاڪستان کٽيو ۽ انگلينڊ وارن کي شڪست ملي.“ ڊئوڊسن چيو.
    ”هونءَ پاڪستانين کي ڪئريبن (Carribean) سمنڊ جي ٻين ٻيٽنِ: ڪيوبا، هائتي، ڊومنين ريپبلڪ کان وٺي اڪيڊار، گايانا، سري نام جي ڄاڻ هجي يا نه پر ڪرڪيٽ جي ڪري ويسٽ انڊيز جي نالي کان هر هڪ واقفڪار آهي.“ مون ٻڌايومانس.
    ”آئون ڪيترا دفعا جهاز کي ڪراچي وٺي آيو آهيان اتان صدر مان پٿر (Onax) جون ڪافي شيون وٺي پنهنجي نئين گهر کي سينگاريو اٿم.“ هن چيو.
    ”آئون به ڪنهن زماني ۾ ٽرنيڊاڊ ٻيٽ جي بندرگاهه ’پورٽ آف اسپين‘ ۾ ڏاڍو ويو آهيان. توهان جو هڪ ليکڪ جيڪو جيتوڻيڪ انڊين نسل جو آهي. منهنجو بيحد دلپسند آهي. سندس نالو وي. ايس نائيپال (V.S. Naipaul) آهي.“ مون ٻڌايومانس.
    ”واقعي سٺو رائيٽر آهي. مون کي پڙهڻ جو شوق ناهي پر مون سندس هڪ ٻه ڪتاب ڪنهن زماني ۾ پڙهيو هو.“
    اهڙيءَ طرح سان هڪ ٻئي سان ڪچهري ۽ ڏيٺ ويٺ ٿيندي رهي ٿي.


    موراڪو جو اڪوح عبدالوهاب

    اڄ جي ئي ڳالهه آهي ته موڪل مهل، يونيورسٽي کان بس اسٽاپ تائين اچي رهيو هوس ته موراڪو جو اڪوح عبدالوهاب مليو. بس اسٽاپ تي لڳل ٽائيم ٽيبل ڏسي هن چيو: ”ٻي بس اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ ايندي موسم سٺي آهي. اچو ته واڪ ڪري هاسٽل هلون“.
    ”هلو.“ وراڻيو مانس.
    ۽ پوءِ وچان ئي وچان پارڪن ۽ رستن سان شارٽ ڪٽ ڪندا، ايندڙ ويندڙ ماڻهو توڙي عمارت تي ٽيڪاٽپڻي ڪندا، اچي هاسٽل پهتاسين.
    ”يار الطاف چانهه ٿي وڃي.“ عبدالوهاب چيو.
    ”ٺهيو ڪنهن ٻئي دفعي، هينئر تون به ٿڪل هوندين.“ وراڻيومانس.
    ”ڪو خاص پروگرام نه هجي ته اچ ته گڏجي چانهه پيون، هونءَ ئي مون کي پنهنجي لاءِ ته ٺاهڻي آهي.“ هن زور ڏنو.
    ”پروگرام وري ڪهڙا آهن. هل ڀلا.“ مون وراڻيومانس..
    عبدالوهاب گرائونڊ فلور تي رهي ٿو ۽ آئون ٽين فلور (ٽين ماڙ) تي، لفٽ ڏي وڌندي وڌندي، عبدالوهاب جي چانهه جي دعوت لاءِ موٽيس ۽ هن جي ڪمري نمبر 117 تي پهتاسين.
    هتي سئيڊن ۾ به ماڙين (منزلن) جي ڳڻپ چين جپان وانگر ٿئي ٿي. انگلينڊ يا پاڻ وٽ هيٺيون گهر (پٽ وارو) گرائونڊ فلور سڏبو آهي. ان جي مٿان واري عمارت پهرين ماڙ ۽ پوءِ ٻين ٽين ماڙ ٿيندي آهي، پر هتي گرائونڊ فلور پهرين ماڙ سڏبو آهي ۽ ان جي مٿان پوءِ ٻي، ٽين، چوٿين ماڙ ٿئي ۽ ڪمرن جي نمبرن وارو کاٻي پاسي وارو انگ فلور (ماڙ) سان وابسطا هوندو آهي. جيئن عبدالوهاب جو ڪمرو نمبر 117 آهي معنيٰ هو پهرين ماڙ تي سترهين ڪمري ۾ آهي. منهنجي ڪمري جو نمبر 322 آهي معنى آئون ٽين ماڙ تي ٻاوهين نمبر ڪمري ۾ رهان ٿو.
    عبدالوهاب ڪمرو کولي، مون کي ٽي وي جي سامهون واري ڪوچ تي ويهاري ٽي وي آن ڪئي. ان وقت لاس ايجنلس (آمريڪا ۾ ٿيل ڪارن جي هنگامن جي پراڻي رپورٽ C.N.N تان هلي رهي هئي. عبدالوهاب ڪتابن جي بئگ ڪنڊ ۾ رکي، اوور ڪوٽ ۽ بوٽ لاهي، پتيليءَ ۾ چانهه لاءِ پاڻي رکي هيٽر کي آن ڪيو. سامهون ٽيبل تي ڪيترائي سامونڊي دنيا سان واسطو رکندڙ مئريٽائيم لا (قانون)، مئنيجمينٽ مئريٽائيم ٽريڊ ۽ ٽرانسپورٽ جا ڪتاب رکيا هئا. هڪ ٻه کڻي ڏٺم، سڀ فرينچ زبان ۾ هئا.
    ”عبدالوهاب! توهان جي ملڪ ۾ مادري زبان کان علاوه ٻي ڌارين ٻولي انگريزي آهي يا فرينچ؟“
    ”فرينچ، پر آئون انگلينڊ ۾ ڪافي وقت رهيو آهيان ان ڪري مون کي انگريزي به اچي ٿي، پر اهڙي سٺي نه جيتري فرينچ.“
    ”تو گريجوئيشن انگلينڊ مان ڪئي؟“ مون پڇيو مانس.
    ”نه. اها فرانس جي يونيورسٽيءَ مان فرينچ زبان ۾ ڪيم. انگلينڊ ۾ ٻين مختلف ڪورسن ۽ سرڪاري ڊيوٽي خاطر رهڻ ٿيو.“
    ”چئبو ته پوءِ فرانس ۾ جڏهن فيلڊ ٽرپ لاءِ هلڻ ٿيو ته ترجمي لاءِ تنهنجو ئي پاسو وٺجي.“ مون کلي چيومانس.، ”تنهن لاءِ ته اتي مزو ٿي ويو، ۽ تون اسان لاءِ ڄڻ انڌن لاءِ لٺ هوندين، جو اسان کي بان زوئار کان وڌيڪ فرينچ جو ٻيو اکر به نٿو اچي.“
    ”ها. پر مون کي فرانس بنهه نٿو وڻي. آءِ لَو انگلينڊ.“ عبدالوهاب چيو.
    ”ڇو ڀلا؟“ پڇيومانس.
    ”بس انگريزن جو پنهنجو اسٽائيل آهي. هنن جو ڪلچر، نمونو، رسم رواج، شهر، دڪان، عمارتون. کاڌا پيتا ٻين سان وهنوار- هر شيءِ ۾پنهنجائپ جي سڳنڌ آهي. اهوئي ته سبب آهي جو هنن يورپي ڀاڙين مڙسن ۾ وري به انگريز بهتر هئا ۽ جيتري توهان جي هنن سان Attachment آهي اوتري اسان جي فرينچن سان ناهي، جن جي هٿ هيٺ اسان جهڙا ڪيترائي آفريڪي ۽ عرب ملڪ رهيا.“
    پاڻي ٽهڪڻ تي پتي وجهي ٿوري دير دم تي رکي پوءِ چانديءَ جي گلن واري روايتي ڪٽليءَ ۾ چانهه وجهي اچي منهنجي اڳيان رکي. ان سان پليٽ ۾ ڪجهه پستا بادام ۽ عربي مٺائي هئي جيڪا ڪنهن زماني ۾ مون لبنان جي شهرن طرابلس ۽ بيروت ۾ کاڌي هئي. اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ ڊفينس مارڪيٽ ۾’گلشن سويٽ ميٽ‘ وارو به ٺاهي ٿو.
    هن قسم جي روايتي ڪٽلي هن کان اڳ مون عربن جي محلاتن جي تصويرن ۾ يا اتر آفريڪا جي ملڪن تي ٺهيل هالي ووڊ جي فلمن ۾ ڏٺي هئي.
    ”ڇو ڀلا مٺائي نٿو کائين. مٺاڻ پسند ناهي ڇا؟“ عبدالوهاب پڇيو.
    ”پسند آهي، پر توهان جي عرب دنيا جي مٺائي حد کان وڌيڪ ئي مٺي ٿئي ٿي ۽ چانهه جو مزو خراب ڪريو ڇڏي.“
    ”پرواهه نه ڪر. ان ئي ڪري مون چانهه ڪجهه وڌيڪ مٺيري ٺاهي آهي.“
    مٺائي چکي پڇيومانس ته اها ڪٿان ورتائين.
    ”موراڪو جي آهي.“ هن وراڻيو.
    ”ڪو مٽ مائٽ آيو هو ڇا؟“
    ”نه آئون پاڻ گذريل هفتي ويو هوس.“
    ”هاڻ مون کي ياد آيو. اڳئين هفتي بس سينٽرل اسٽيشن تي ترسي ته ڪجهه شاگرد ڊرائيور کي ٿوري دير وڌيڪ ترسڻ لاءِ چئي رهيا هئا. آئون اڳيان ويٺو هوس. مون سبب پڇيومان ته هڪ ٻڌايو ته ڪنهن شاگرد کي سامان لاهڻو آهي، جيڪوموراڪو پيو وڃي. مون سمجهيو چرچا پيا ڪن ته ريل رستي موراڪو پيو وڃي. ڇو جو موراڪو پهچڻ لاءِ هڪ بالٽڪ سمنڊ اڪري وچ يورپ ۾ پهچڻو آهي ۽ پوءِ اسپين مان ڀونوچ سمنڊ جو ٻيو حصو لتاڙڻو آهي. جيڪو خالد بن وليد به ٻيڙيءَ رستي اڪريو“.
    ”نه. آئون ريل رستي گوتوبرگ ويو هوس جتان فيريءَ ۾چڙهي فرانس پهتس ۽ اتان ڊائريڪٽ اڏام رباط هئي.“ عبدالوهاب ٻڌايو.
    ”ٻارن کي هتي گهرائين پيو يا نه؟“ مون پڇيومانس.
    ”نه. ان ڪري جو هڪ ته منهنجي زال نوڪري ڪري ٿي. پر کڻي هوءَ سال سوا نوڪري تان موڪل ڪري، پر ٻارن جي پڙهائي خراب ٿي ويندي. وڏي ڌي اٿم ان بعد ٻه پٽ، ننڍي کانسواءِ ٻئي وڏا ٻار اسڪول وڃن ٿا.“
    ”پر عبدالوهاب! ڌارين ملڪن جي ٻارن لاءِ هتي مالمو ۾ ڪيترائي اسڪول اٿئي.“ مون ٻڌايومانس.
    ”ها. انهن بابت مون معلوم ڪيو. پر اهي يا ته هتي جي ٻولي سئيڊش ۾ آهن يا انگريزيءَ ۾. منهنجا ٻار مون وانگر عربي ۽ فرينچ پڙهڻ ٿا.“
    چانهه جو ڪوپ ختم ٿيڻ تي عبدالوهاب اڌ ڪوپ ٻيو ڀريو.
    ”چانهه ڪيئن لڳي؟“ هن پڇيو.
    ”تمام سٺي ٺاهي اٿئي پر سمجهي نه سگهيس ته ڪهڙي چانهه آهي؟ ڪاري، سائي، چيني.... ۽ ڪهڙي برانڊ جي- ييلو ليبل، ٽيٽلي، جاسمين....“
    ”مون کي پڪ هئي ته تون ان بابت ضرور سوچيندين. هيءَ گرين ٽي نموني جي آهي. پر هڪ خاص جنس جي آهي جيڪا مون موراڪو مان آندي آهي.“ هن ٻڌايو.
    موڪلائڻ مهل عبدالوهاب ڪجهه چانهه جي پتي ۽ مٺائي وجهي ڏني.
    ”مٺائي واري پليٽ موٽائڻ وسري وڃيم ته مهرباني ڪري ياد ڏيارجانءِ.“ مون کائنس موڪلائيندي چيو.
    سو اهڙي طرح گهڻو ڪري روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڌارئين ملڪ جي باشندي سان ملڻ جو موقعو ملي ٿو.


    تنزانيا، زنجبار ۽ درٻيلو

    هڪ گڏيل دعوت ۾ جتي ٻيا ته ٺهيو پر ڪيترن عرب رياستن ۽ آفريڪا جي مسلمان ملڪن جا ماڻهو شراب پي رهيا هئا، اتي منهنجو ڪرسچن ڪلاس ميٽ دوبيلو نالي، ڪوڪا ڪولا کڻي اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. پاڻ اوڀر آفريڪا جي ملڪ تنزانيا جو آهي. تنزانيا ڪنهن زماني ۾ ٻه الڳ ملڪ هئا. هڪ ٽانگانيڪا ۽ ٻيو زنجبار. زنجبار ٻيٽ کي انگريز زئنزيبار (Zanzibar) سڏين ٿا.
    دوبيلو MDOBILU جي نالي اڳيان ايم اکر پڻ اچي ٿوپر ايم جو اچار ايترو هلڪو آهي جيترو انگريزيءَ جي لفظ سئڪلاجي ۽ نمونيا ۾ P جو اُچار آهي يعني نه برابر. يا ڊچ ماڻهو جڪارتا لکڻ مهل D جو به اڳيان واڌارو ڪندا آهن. دوبيلو جا سندس قبيلي جا آفريڪي شاگرد پورو نالو وٺن ٿا پر اسان لاءِ ’دوبيلو‘ سڏڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو غير سنڌي لاءِ ’مڱيلڌو‘ يا ’ڏاتر ڏنو‘ اچارڻ. اهو.ئي سبب آهي جو آئون وچان ئي کيس درٻيلو سڏيان.
    وري به درٻيلو ۽ دوبيلو ۾ ايترو فرق ناهي جيترو جارج ۽ هورهي ۾ آهي. هورهي پڻ اسان جو ڪلاس ميٽ آهي. پاڻ وچ آمريڪا جي هڪ خوشحال ملڪ ڪاسٽا ريڪا جو اسپيني ڳالهائيندڙ آهي. (وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ اسپيني ائين ٿي هلي جيئن گلف ۾ عربي. C اسپيني زبان ۾ J کي ’ج‘ نه پر ’هه‘ پڙهبو آهي. يعني هو لکندو Jorje آهي پر پڙهبو هورهي آهي. اسان ته کيس هورهي سڏيون پر هر نئون ماڻهو کيس جارج سڏي ٿو.
    دوبيلو کي چيم: ”درٻيلو! تون بيئر شيئر ڪونه پيئين ڇا؟“
    مرڪي وراڻيائين: “No I perfect Coke.”
    ۽ پوءِ ساعت کن ترسي چيائين: آئون شراب ڏاڍو پيئندو هوس. پر هاڻ مون ڇڏي ڏنو آهي.“
    ”تمام سٺو. پر ڇو؟ هڪ تو جهڙي جوان، جهازي ۽ ولايت ۾ ايندڙ ويندڙ آفيسر لاءِ، جيڪوپهرين کان پيئڻ جو عادي هجي، سگريٽ يا شراب جهڙي شيءِ ڇڏي ڏيڻ ڪمال جي ڳالهه آهي!“ مون چيومانس.
    پاڻ مرڪي چوڻ لڳو:
    ”بس ڇڏي ڏنم. دراصل خاص سبب ته ايڪاناميڪل هو. اجايو خرچ آهي انهن ڳالهين پويان. موٽ ۾ وري ڪجهه به ڪونه ٿو. ۽ پوءِ هڪ دفعو ماڻهو ان سنگت ۾ اچي ٿو ته اڙجيو وڃي. تنزانيا ۾ ته وري ولايتي شراب تمام ڏکيو ملي ٿو. پوءِ مڪاني ٺهيل ڪچو ۽ ڪنو بيئر پيئڻ ڪري صحت به خراب ٿيو پوي. پر هونءَ به I Want to be a good Christian آئون هڪ سٺو عيسائي ٿيڻ چاهيان ٿو.“
    سٺي عيسائيءَ کي شراب پيئڻ کان پرهيز ڪرڻ کپي، اها مون لاءِ نئين ڳالهه هئي. ان ڪري پڇيومانس:
    ”Is it so? – ڇا عيسائي به ان کي خراب سمجهن ٿا؟“
    ”ها بلڪل.“ هن وراڻيو، ”اسلام، عيسائيت، يا ڪوبه مذهب هجي، نيڪ ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو. نشي پتي لاءِ ڪهڙو مذهب يا مهذب ماڻهو چوندو. بس اسان ماڻهن کڻي ان قسم جي ڳالهين کي وڏ ماڻهپي جا ماپا (Status Symbols) ٺاهيا آهن. ٻين آفريڪي ۽ ايشيائي غريب ملڪن وانگر منهنجي ملڪ جا ماڻهو به کوکلو شان ۽ لئه رکڻ لاءِ اهڙا ڪم ڪن ٿا ۽ منهنجا دوست مون مان اهائي اميد رکن ٿا ته آئون به پيئان پياريان پوءِ ٻار ڀلي گهر ۾ پيا بک مرن. يا رشوتون کائي ظاهري ڏيک ۽ عيش ڪريان. پر آئون حقيقت پسند انسان آهيان۽ انهن ڳالهين سان نفرت اٿم.”
    دوبيلو کي ڪيترا ماڻهو يوگنڊا جو سمجهندا آهن جو سندس شڪل يوگنڊا جي عيدي امين سان ملي ٿي. ۽ ڪيترا کيس پرپٺ عيدي امين سڏين، پر منهن تي هرگز نه. ڇو جو اسان جي دوبيلي ۽ عيدي امين جي ڪردار ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. عيدي امين جي جڏهن ڪمن ڪري هن پاسي جا يورپي ته ساڻس سخت نفرت ڪن ٿا پر سندس ملڪ جا ماڻهو به کانئس حقارت ڪن ٿا، جو هن هڪ خوبصورت ملڪ کي اهڙو تباهه ڪري ڇڏيو جو اڃا وري صحيح نه ٿي سگهيو آهي.
    هڪ ڏينهن دوبيلو کان سندس ملڪ تنزانيا بابت پڇيم ته، معاشي طرح ڪيئن آهي؟
    ”صحيح ناهي.“ هن غمگين لهجي ۾چيو، ”اسان جو ملڪ تمام سکيو ستابو هو ۽ ترقيءَ جي راهه تي گامزن هو. ڀلو ٿئي عيدي امين جو. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو پنهنجي فوج اسان جي ملڪ جي سرحد تي موڪلي. اسانجي سرسبز ۽ سائي ستابي ڌرتيءَ جو ڳپل حصو پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. چي هي يوگنڊا جو حصو آهي. نقشي ۾ غلط ڏيکاريل آهي.“
    ”پوءِ؟“ مون پڇيومانس.
    ”بس پوءِ ڌرتي خاطر، عزت ڪارڻ اسان کي سڀ ڪجهه قربان ڪري فوج پٺيان خرچ ڪرڻو پيو ۽ ڪي سال اسان وڙهندا رهياسين ۽ ملڪ جي سڄي ڪمائي فوج ۽ فوجي ساز و سامان خريد ڪرڻ ۾ برباد ٿيندي وئي. اهڙن موقعن تي مغربي قومون ٻنهي جي وچ ۾ ٽپي يڪدم صلح ۽ امن امان ڪرائڻ بدران پنهنجين فئڪٽرين ۾ تيار ڪيل جنگي سامان وڪڻڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿيون. ڇو جو هنن جي خوشحاليءَ جواهوئي راز آهي ته اسين وڙهندا رهون.هينئر قرضن جا ڪوٽ چڙهيل آهن جن جو وياج ئي ايترو آهي جو لاهيندي هي حال اٿئون. قرض ۽ وياج لاهيون يا ملڪ جي ٻي خوشحاليءَ کي منهن ڏيون.“
    ”واقعي تنزانيا جي ابتر حالت ڏسي افسوس ٿئي ٿو.“ مون چيو ۽ ٻين سان گڏ ماني لاءِ اٿياسين. مانيءَ واري هال تائين اچڻ مهل دوبيلو آهستي چيو:
    ”اسان جي غريب آفريڪي ۽ ايشيائي ملڪن وڏين طاقتن پويان لڳي به پنهنجي ٻيڙي ٻوڙي آهي. نتيجو اکين اڳيان آهي. روس سوشلزم ۽ ڪميونزم جي تعريف جا هوائي محل آسمان تائين اڏيندو رهيو. اڄ خبر پيئي ته هو ڪجهه به نه هو. اندر سڄو کوکلو هو. هاڻ روس ته ان نظام ۾ تباهه ٿيندو رهيو پر نعري ۾ اچي اسان جهڙا غريب ملڪ وڌيڪ غريب ۽ فقير ٿي ويا.“
    مانيءَ جي ٽيبل تي اسان جون ڪرسيون ملڪن جي پهرين اکر مطابق هيون. پاڪستانيءَ جي حيثيت ۾ منهنجي ڪرسي پاپانيوگني ۽ فلپين جي وچ ۾ هئي. ۽ تنزانيا جي دوبيلو جي ترڪيءَ، ٽيونيشيا ۽ ٽوگو ٽرنيڊاڊ وارن جي ڀر ۾ هئي.
    “See you Latter.”چئي دوبيلو في الحال موڪلايو.
    هن وقت هي مضمون لکڻ وقت دوبيلو جي اباڻي وطن زنجبار (Zanzibar) ۽ ٽانگانيڪا بابت سوچي رهيو آهيان، جيڪي ڪنهن زماني ۾ ڪينيا ۽ ممباسا سان گڏ بلي بلي ملڪ ۽ بندرگاهه هئا. ننڍا هئاسين ته فلمن ۾هنن ملڪن جا فلمايل نظارا ڏسبا هئا ۽ هنن ملڪن تي ٺهيل گانا مشهور هئا جن مان هينئر به هڪ ياد اٿم.
    ”تم ني ديکها کيا بهلا
    گرنه ديکها آفريڪا
    ٽانگانيڪا! ٽانگانيڪا!
    ممباسا تي پڻ هڪ گانو- شايد فلم ’آزاد‘ جو مشهور هو.


    عمان جو سلطان ۽ آغا خاني

    زئنزيبار جو ٻيٽ دنيا جي خوشحال جاين مان هڪ هو. هانگ ڪانگ، سينگاپور، دبئي وغيره ته ڄڻ ڪالهه واپار وڙي ۾ ڀڙ ٿيا آهن. نه ته لونگن جو واپار هجي يا ناريل، عاج يا غلامن جو، زنجبار جا واپاري سڀ ۾ اڳ هوندا هئا ۽ سڄي اوڀر آفريڪا ۾ سندن خوشحاليءَ جي هاڪ هئي. عرب توڙي انگريز، ڊچ پورچوگالي پري پري کان ڪهي هتي ايندا هئا. واپار وڙي لاءِ، گهمڻ ڦرڻ لاءِ، آرام ۽ عياشي لاءِ ۽ مختلف هنڌن تي آيل ماڻهن سان ملڻ جلڻ لاءِ.
    عمان جي سلطان جون ته هن ٻيٽ تي ايڏيون دلچسپيون هيون جو 1832ع ۾ هن پنهنجي سڄي حويلي کي زنجبار ۾ اچي رهايو. عمان جي سلطان جي محلات ٺهڻ بعد يڪدم آمريڪا زنجبار ۾ پنهنجو قونصل خانو کوليو. گڏيل ننڍي کنڊ جي واپارين (خاص ڪري هندو سنڌي، گجراتي، آغا خاني ۽ بوهرين) کان وٺي چيني، ملئي، گورکا هتي نظر ايندا هئا. پر زنجبار جي خوشحاليءَ جو ستارو عدن، ڪولمبو ۽ بيروت جيان هڪ ڏينهن گردش ۾ اچي ويو. سندس رونقون ان وقت کان اجهامڻ لڳيون، جڏهن هتي جي ماڻهن 1964ع ۾عماني سلطنت جي خلاف انقلاب آندو. (عماني سلطان هاڻ پورٽس مائوٿ- انگلينڊ ۾ رهي ٿو) ۽ ٽانگانيڪا سان شامل ٿي سوشلسٽ حڪومت وارو ملڪ تنزانيا ٺاهيو.
    اهو زنجبار ٻيٽ جنهن جا پٿر جا ٺهيل گهر ۽ چوڌاري اڇي پوچي ڏنل چمڪندڙ ڀتيون ۽ سوڙهين گهٽين ۾ واپارين، خريدارن، تماشائين ۽ سير سپاٽو ڪندڙن جي چهل پهل، خوشبو، آواز ۽ خوشيون هيون، هاڻ سڀ خاموشيءَ ۾ تبديل ٿيل نظر اچن ٿيون. رات جو دير تائين هي جاڳندڙ بندرگاهه اڄ ڏينهن جو به ڄڻ ستو پيو آهي. نه اهي ديس ديس جون شيون ۽سوکڙيون آهن ۽ نه ان جا قدردان ۽ خريدار. دڪاندار دڪانن جي ڏاڪڻين وٽ ويٺل نظر ايندا. پنهنجي وکر جو وڪرو ڪرڻ بدران هتان هُتان جو اوڀاريون لهواريون ڪندي نظر ايندا. شل نه ڪو توهان کي فون ڪرڻ جي ضرورت پوي. هر ٽيليفون توهان کي مرمت هيٺ ملندو. جڏهن ته گهاري کان ڳاڙهي يا جوهي کان ڇني وارن زبون حال رستن تي به ڪا ٽريفڪ نظر اچي ٿر پر زنجبار جي سڄي ٻيٽ تي آکرين تي ڳڻن جيتريون موٽر ڪارون نظر اينديون. نه ته اڄ جيڪو سنگاپور جو اؤج آهي اهو زنجبار جو هجڻ کپي ها. پر ملڪ جا حاڪم ملڪن جون اجهو ائين قسمتون ڦيرايو ڇڏين. ڪو زمانو هو جو هن سلطنت ۾ لونگن جو فصل ايڏو ٿيندو هو جو دنيا جي اڌ ضرورت پوري ٿيندي هئي. ان ڏينهن انگ اکر پئي پڙهيم ته زنجبار ۾ جتي پهرين ويهه هزار ٽن لونگن جو فصل لهندو هو. Nationalization بعد هاڻ ڏيڍ هزار ٽن مس لهي ٿو. انڊونيشيا برازيل جهڙن ملڪن، دنيا جي لونگ مارڪيٽ تي قبضو ڪري ورتو- جهڙي طرح عدن ڪولمبو زنجبار ممباسا جهڙن بندرگاهن (جيڪي ڪنهن زماني ۾ خريدارن جي جنت سڏبا هئا) جي ڪسر سنگاپور دبئي جهڙا بندرگاهه پوري ڪري رهيا آهن. تنزانيا جي حڪومت وڏي ڪوشش ۾لڳي پئي آهي ته ڪنهن نموني سان زنجبار جو اوج موٽي اچي. هوءَ ڌارين کي واپار ڪرڻ ۽ پئسو لڳائڻ لاءِ دعوتون ڏيئي رهي آهي. پر سيٺ ماڻهو پئسو لڳائيندي ڊڄن ٿا جو آفريڪي ملڪن جو ڪو خاص ڀروسو ناهي. ڪنهن وقت به ڪو عقيدي امين، ڪو ملٽري جو جنرل يا ڪو سياسي ڊڪٽيٽر موڊ بگڙڻ تي کين تڙي ڪڍي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هاڻ آغا خان دلچسپي وٺي رهيو آهي. عمان حڪومت به تحفي طور هوائي اڏو ٺاهيو پئي ڏئين، جنهن جي خاندان جا اڃا ڪيترائي ماڻهو زنجبار ۾ رهن ٿا. ڪجهه وڏيون هوٽلون ۽ ڊيوٽي فري علائقا(Zones) پڻ ٺهي رهيا آهن. هن ننڍڙي ٻيٽ جي چيف منسٽر جو اهوئي خواب آهي ته زنجبار کي اوڀر آفريڪا جو سنگاپور بڻايو وڃي. پر ان جي حصي تائين پهچڻ ۾ به ظاهري طرح کيس وڏي منزل طئه ڪرڻي آهي. جو هتي نه ماڊرن ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم آهي نه بئنڪاري، نه آفيسون آهن ۽ نه سواري جو بهتر سسٽم، جيڪو ٻيٽ کي تنزانيا جي مين لئنڊ سان ملائي- جيئن سينگاپور، ملائيشيا سان ملي ٿو يا هانگ ڪانگ چين سان.
    ايتري قدر جو اڄ جا ماڊرن مال بردار جهاز به هن بندرگاهه ۾بيهي نٿا سگهن. جيڪو ڪاٺ ٻيڙن ۽ ڌائو (Dhow) ٻيڙي جي لحاظ سان ٺاهيو ويو هو. جن ٻيڙين جو هن علائقي ۾ صديون راڄ رهيو.


    گلوبل وارمنگ

    مالمو ۾ ريلوي اسٽيشن وٽ هوٽل Savoy ۾ روٽري ڪلب جي ميٽنگ اٽينڊ ڪري نڪتس ته سامهون ويهون نمبر بس نظر آئي. يڪدم اچي چڙهيس. پارڪ وٽان ٿيندي هتي جي اهم اسٽاپ گستاوو اڊولف ٽورگ تي ڪافي دير اچي بيٺي. ٻين ماڻهن سان گڏ ليسا (Lisa) به چڙهي. ليسا فلپين پورٽ اٿارٽيءَ ۾ آفيسر آهي. پاڻ سيڪنڊ ايئر جي شاگردياڻي آهي. گذريل سال سندس مڱڻو هتي پڙهندڙ هڪ ٻئي فلپيني شاگرد سان ٿيو هو. پاڻ راندين ۽ پڙهائي ۾ ڪافي هوشيار آهي.بس ۾ منهنجي ڀرسان اچي ويٺي ۽ تازو اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي ٿيل اليڪشن جون مون کي مبارڪون ڏنائين. وائيس پريزيڊنٽ جي پوسٽ لاءِ مون کي جن ملڪن جي شاگردن ووٽ ڏنو انهن ۾سعودي عرب، ايران، ملائيشيا، مصر ۽ چين سان گڏ فلپين اڳيان اڳيان هو. منهنجي مقابلي ۾ ٻه ٻيا اميدوار ڏکڻ آمريڪا جا هئا. هڪ وينزوئلا جو ۽ ٻيو ڪئبين سمنڊ جي ڪنهن ٻيٽ جو هو.
    مون سندس ووٽ لاءِ ٿورو مڃيو. بس آهستي آهستي چرڻ لڳي. اڄ صحيح معنى ۾ سيءَ ناهي. گرمي ته نٿي چئي سگهجي. جيتوڻيڪ هتي جا ماڻهو هن کي اونهارو چون ٿا پر اسان اڃا ڪوٽ پايو هلون. بس سئيٽر ۽ اوورڪوٽ جو بار ضرور لاٿو اٿئون ۽ ٻي ڳالهه ته اس نظر آئي آهي ۽ منجهند جو ويهه ڊگريون ٽيمپريچر ته اسان وٽ سياري ۾ ٿيندو آهي پر هتي جي حساب سان گرمي آهي. ليسا ۽ آئون رستي تي ۽ بس ۾چڙهندڙ اڌ اگهاڙن ڇوڪرن۽ ڇوڪرين کي ڏسون ٿا.
    ”رات ٽي وي جي خبرن۾ آيو هو ته ويهن سالن ۾ هتي اهڙي گرمي نه ٿي. اسڪاٽلينڊ ۾ڪالهه 25 ڊگريون ٽيمپريچر هو. ايترو گهڻو هن کان اڳ اتي پنجيتاليهه سال اڳ ٿيو هو. ”ليسا ٻڌايو.
    هڪ ڇوڪري بنا برئزيئر جي ٻانهن کانسواءِ واري گنجي ۾ چيغم کائيندي چڙهي. ان تي مونکي تعجب لڳو. يعني چيغم کائڻ تي نه پر، سندس اوگهڙ نمايان ٿيڻ تي. پر کيس گهٽ ۾ گهٽ پتلون ته هئي. ان جي پٺيان چڙهندڙ ساهيڙيءَ جو هيٺيون حصو به اڌ اگهاڙو هو. هو فقط فٽ کن ڊگھي چڍيءَ ۾ هئي. اڳئين کي چڏي پوئينءَ جي سفيد ۽ شفاف جسم کي ڏسڻ لڳس. يڪدم خيال آيو ته بس ۾ ويٺل ٻيا ڇا سوچيندا.مون ڇوڪريءَ مان نظرون ڪڍي ٽيڏي اک سان پاسي وارين سيٽن تي ويٺل مسافرن کي ڏٺو. مرد حضرات اهوئي ڪي ڪجهه ڪري هئا جيڪوآئون ڪري رهيو هوس. يعني اکيون ٺاري رهيا هئا. باقي پوڙهيون پنهنجيون هڙون ۽ بجڪا ڪڇ ۾ رکي پنڪيون کائي رهيون هيون. نوجوان مرد ۽ ڇوڪرا ته نه برابر بس ۾چڙهن. هو سائيڪل تي اچن وڃن يا پنڌ.
    ٻئي ڇوڪريون ٽڪيٽ وٺي اسان جي ڀر واري سيٽ تي اچي ويٺيون ۽ اخبار ڪڍي پاڻ کي وڃڻي هڻي اهو حساس ڏياريو ته ظلم جي گرمي آهي.
    ليسا هنن جي ان ادا کي چتائي ڏسڻ بعد مون ڏي سوالي نگاهن سان ڏٺو ته ڇا واقعي اهڙي گرمي آهي!
    ”هاڻ ايتري به گرمي ناهي. هتي جي ماڻهن کي ڪجهه نخرو به آهي.“ مون ليسا کي انگريزي ۾ پر آهستي چيو. متان ذڪر ۾ آيل ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريون ٻڌي وٺن جو انگريزي زبان گهڻو تڻو هر سئيڊش سمجهي ٿو.
    ”نه هنن کي گرمي واقعي لڳي ٿي. سوير يونيورسٽيءَ جي ڀر واري بيچ (سامونڊي ڪناري) تان آئون واڪ ڪري پئي لنگهيس ته ڪيتريون ڇوڪريون ۽ وڏي عمر جون زالون چولا ۽ باڊيون لاهي ڇٻر تي ليٽيون پيون هيون.“ ليسا ٻڌايو.
    ”اهو گرمي ڪري نٿيون ڪن پر اهو سج نڪرڻ ڪري ان جي خاص ڪرڻن Ultra Violet)) سان پنهنجي جسم کي سيڪ ٿيون ڏين.“ مون ٻڌايومانس.
    ”نه گرمي به آهي ۽ گذريل سال هن کان اڃا گهٽ گرمي هئي ته اسڪول جي ٻارن کي موڪل ڏيئي ڇڏيائون. ڇو جو هتي جي عمارت جون دريون پنهنجي ملڪن جي درين وانگر نٿيون کلن ۽ نه وري ڇتين ۾ پکا لڳل آهن جيڪي هلائي هوا کائجي“. ليسا ٻڌايو ۽ پوءِ ٿورو ساهه کڻي، سنجيده ٿي چيو: ”دراصل Global Warming جو به ته اثر آهي. سڄي ڌرتي جو گولو گرم ٿي رهيو آهي.“
    هن جواب لاءِ مون ڏي نهاريو. سندس ڳالهه مون کي به دلسان لڳي. ترقي يافته ملڪن فئڪٽرين، ڪارخانن، لارين موٽرن جي ايڏي ڌم لڳائي آهي جو فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس وڌي ويئي آهي ۽ ان گئس کي هضم ڪرڻ واري سڀ کان بهتر شيءِ وڻ وڻڪار آهي جيڪا خط استوا جي اوس پاس وارن غريب ايشيائي، آفريڪي ۽ لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ آهي. هو اهي قدرتي جهنگل ۽ ٻيلا وڍي عمارتي ڪاٺ جو وڪرو ڪري پنهنجي ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهن. نتيجي ۾ دنيا جا اڌ کان وڌيڪ جهنگل ٻيلا نابود ٿي ويا آهن ۽ هڪ طرف دونهون ئي دونهون (CO2) وڌي رهيوآهي ته ٻئي طرف ان کي منهن ڏيڻ وارو ساهوارو- وڻ ٽڻ ختم ٿي رهيوآهي.


    قيامت ۾ يقين رکين ٿو

    ”گرين هائوس جي اثرات بابت تنهنجا ڇا خيال آهن؟“ مون کي ماٺ ۾ ڏسي ليسا وري سوال ڪيو.
    دراصل ليسا ڪجهه وڌيڪ ئي منڌل لڳي رهي هئي ۽ ان عالمي مسئلي بابت مون کي به پريشان ٿيڻ کپي، جيڪو اسانجي هڪ سبجيڪٽ Environmental Pollution جو هڪ حصو آهي ۽ ان بابت جيئن ئي ليسا ياد ڏياريو ته ساعت ٻن لاءِ آئون به غمگين ٿي ويس. پر مون جهڙي هڪ پاڪستاني لاءِ خاص ڪري سنڌ جي رهاڪوءَ لاءِ ٻيا روزمره جا سر تي سوار ويجها ۽ مستقبل قريب جامسئلا ڪي گهٽ آهن جو ڏور آئيندي جي (سو به الائي اچي يا نه) هڪ عالمي مسئلي جي هينئر کان ئي ڳڻتي ڪريان. اسين ماڻهو سوين مونجهارن ۽ مسئلن ۾ وڪوڙيل، هر پل تي جيئڻ لاءِ جس ڪندڙن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون عالمي آفتون رحمت ثابت ٿينديون آهن، جيڪي اسان کي لاتعداد ڏکن غمن کان نجات ڏياريو ڇڏين. هو ڇا چوندا آهن ته ڏک غم ته سڀني وٽ آهن پر اسان سنڌي ماڻهن وٽ وٿاڻين آهن. هيڪاندا گهڻا آهن.
    ليسا کي ته نه ڀائرن ڀينرن جي پڙهائيءَ جو فڪر آهي، نه انهن جي نوڪرين جو، نه مٽن مائٽن جي بيماري ۽ علاج جو ۽ نه گهر ۽ مسواڙ جو. سندس ڪو مٽ مائٽ اغوا ٿئي ٿو، نه ڪنهن سندس عزيز ۽ پاڙي واري جي گهر ۾ کاٽ لڳي ٿو. نه مٿانئن پوليس جي پٽ آهي ۽ نه ملٽري جو مار موچڙو. نه اٽي لٽي جي کوٽ جو مسئلو آهي نه ڪوڙن ڪيسن ۾ڪورٽن جا چڪر آهن. نه ڪنهن ڌاڙيل، پير وڏيري جا ظلم آهن نه هنن کي ڊاڪٽر مدي خارج دوائون ڏئي وڌيڪ اگهو ڪري ٿو. هوءَ ڀلي اڄ کان پنجويهه سالن بعد اچڻ وارن مسئلن تي اڄ ئي سوچي ڪجهه وڌيڪ سنهي ٿئي.
    ”ڇا پيو سوچين؟“ دريءَ جي ٻاهران مون کي ٽڪ ٻڌي گهوريندو ڏسي هن پڇيو.
    پارڪ واري بس اسٽاپ وٽ وڻ هيٺان هڪ ڇوڪر ۽ ڇوڪري ڀاڪر پائي ويٺا هئا. ان اسٽاپ کي جيئن بس ڇڏيو ته ليسا کي سندس سوال جو جواب ڏنم. دراصل ولايت ۾ اڪيلو رهندڙ عورت توڙي مرد تي ڪڏهن ڪڏهن رکي رکي سخت قسم جي Depression حاوي ٿيندي آهي. ليسا تي هن وقت شايد ان دوري جو اثر هو، جنهن ڪري هن کي هر ڳالهه ۾ مايوسي نظر اچي رهي هئي. ۽ ان ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ هن ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائي پاڻ کي بزي ۽ Occupied رکڻ چاهيو ٿي.
    ”ليسا! آئون سوچي رهيو آهيان ته ان ڌرتيءَ جي گرمائش ۾ به سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڻ ايشيائي ماڻهن کي ٿيندو ۽ خط استوا جي ويجهڙائي وارن ملڪن جي ماڻهن جو گهڻو موت ٿيندو. ڏس پاڻ وٽ اڳهين سخت گرمي ٿئي ٿي. ويتر جي ٽي چار ڊگريون وڌيڪ گرمي ٿي ته معنى قيامت ئي ٿي. خبر اٿئي گذريل سال سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن ايڏي سخت گرمي ٿي جو ڪيترا اڏمندڙ پکي Dehydration ڪري بيهوش ٿي ڪري پيا هئا. آفريڪا ۾ ته هينئر ئي ان گرميءَ جا اثر سوڪڙ Draught جي صورت ۾ نظر اچڻ لڳا آهن. اٿوپيا، صوماليا، سوڊان ۽ چاڊ سان گڏ هي پهريون دفعو موزمبق ۽ هاڻ ڪينيا ۾ به مينهن نه پوڻ ڪري اهو ملڪ به ڏڪاري حالت ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ توهان فلپيني ماڻهن سان جيڪي ننڍن ننڍن ٻيٽن تي رهو ٿا گرميءَ سان گڏ سامونڊي ٻوڏ جو به مسئلو ٿيندو. گرميءَ ڪري اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب جي برف ڳرندي ۽ سمنڊ جي وڌندڙ ليول خط استوائي ملڪن جا ڪنارا ۽ ٻيٽ ٻوڙي ڇڏيندي.“
    ۽ هاڻ ليسا وڌيڪ گنڀير ٿي ويئي ۽ هاسٽل جي بس اسٽاپ تائين، چپ چاپ، چيچ سان پنهنجي هڏن سان ڀريل مٿي کي کنگهندي رهي. بس مان لهي هاسٽل جي در تائين به ماٺ مٺوڙي ۾ سوچيندي آئي ۽ پوءِ لفٽ ۾ پنهنجي ڇهين ماڙ ڏي روانو ٿيڻ کان اڳ پڇڻ لڳيِ:
    ”الطاف! هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ. قيامت ۾ڇا تنهنجو يقين آهي؟“
    ”هائو. بلڪل. آئون مسلمان آهيان ۽ هر مسلمان جو قيامت جي ڏينهن تي يقين هجڻ ضروري آهي.“ مون وراڻيو مانس.
    ”مون کي ته ائين لڳندو آهي ته قيامت ڄاڻ ته آئي.“ ليسا چيو.
    ”اسان جي مذهب موجب قيامت جي مقرر ڏينهن جي ڪنهن کي خبر ناهي. پر اهو ڏينهن اچڻو ضرور آهي. ان جا آثار نموندار ٿيڻ لڳا آهن. ٿي سگهي ٿو ههڙيون گرميون اڳتي هلي قيامت آڻين.“
    ”ڪيئن ڀلا؟“ ليسا حيرت مان پڇيو.
    ”آئون ننڍو هوس ته آمريڪا جي هڪ شهر فلڊ لفيا ۾ هڪ عيسائي سائسندان مون کي ٻڌايو هو. هو تازو مسلمان ٿيو هو ۽ هيءَ ڳالهه اڄ کان ويهه ٻاويهه سال اڳ جي آهي، جڏهن هي Green House Effect ۽ گلوبل وارمنگ جهڙيون ڳالهيون اڃا عام ماڻهوءَ جي خواب خيال ۾ به نه هيون. هن چيوته ڌرتي اڳتي هلي ٿڌي ٿيڻ بدران گرم ٿيندي ۽ اها گرمائش هڪ حد کان پوءِ تيزي سان Geometrical Progression ۾ ايڏو وڌي ويندي جو هي دنيا جو گولو جيڪو چقمق وانگر هر شيءِ کي پاڻ وٽ ڇڪي بيهاريو ويٺو آهي سو ڪشش وڃا.ئي ويهندو. ڇو جو گرمائش ۾ Magnetic Properties (حقمقي خاصيتون) ختم ٿيو وڃن. لوهه جي ذرڙن کي چقمق سان چنبڙائي ۽ پوءِ چقمق کي موم بتيءَ سان گرم ڪيو. هو ڇڪڻ جي خاصيت وڃائي ويهندو ۽ لوهي ذرڙا وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪندا. ان ريت جڏهن ڌرتي گرمائش ڪري پنهنجي ڪشش وڃائي ويهندي ته انسان جانور ته ڇا پر وڏيون وڏيون عمارتون ۽ جبل ٽڪر ڌرتيءَ جي گولي کان اڇلجي پري هليا ويندا.“
    منهنجي ڳالهه پوري ٿيڻ تي ليسا ڪو ٻيوسوال ڪري ان کان اڳ لفٽ جو دروازو کولي کيس اندر گهڙڻ لاءِ چيو ۽ سندس ماڙ جو ڇهون نمبر بٽڻ دٻائي کيس لفٽ ذريعي روانو ڪيو ۽ آئون پاڻ ڏاڪڻيون چڙهي پنهنجي ڪمري جي ٽين ماڙ تي پهتس.


    ڪجهه عيدي امين ۽ يوگنڊا بابت

    1972ع ۾ عيدي امين يوگنڊا ۾ ٽيهه هزار کان مٿي رهندڙ ايشين کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي. . ڪينيا، تنزانيا ۽ يوگنڊا ۾رهندڙ ننڍي کنڊ جي واپارين لاءِ مڪاني ماڻهن کي ائين نفرت ٿي پيئي جيئن صديءَ جي شروع ۾ اوڀر يورپ وارن کي يهودين لاءِ هئي.
    آفريڪا ۾ رهندڙ ’ايشيائي‘ مڪاني (آفريڪن ڪارن) ۽ ’يورپي گوڙن‘ جي وچ ۾سئنڊ وچ وانگر هئا. انگريز ۽ يورپين هنن جي ڪا حيثيت نٿي مڃي ۽ ڪارن کي هنن جي پئسي ۽ ترقيءَ تي ساڙ هو، جيڪي هنن سخت محنت، سادگي، بچت ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سندن مائٽن ذريعي واپار ڪري حاصل ڪيو هو. (ڪجهه ٺڳي ۽ اٽڪل بازيءَ ذريعي پڻ.)
    يوگنڊا مان تڙجڻ بعد ننڍي کنڊي جا ماڻهو سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا. ڪي هندستان، پاڪستان هليا ويا ته ڪي انگلينڊ، آمريڪا. پٺيان ڇڏيل سندن مال ملڪيت تي عيدي امين جي ڇاڙتن قبضو ڪري ورتو. ڪجهه وقت ٿيو ته يوگنڊا جو هاڻوڪو صدر يوويري مسيوني انگلينڊ جي دوري تي آيو. هن ڪيترن پاڪستاني، هندستاني همراهن کي يوگنڊا واپس هلي پنهنجو واپار سنڀالڻ لاءِ چيو، جيئن سندس ملڪ جي تباهه ٿيل ناڻي ڏوڪڙ جي حالت ڪجهه سڌري پوي. ڪجهه همراهه ته وڃڻ لاءِ راضي ٿي ويا آهن. انهن ۾ گهڻا اسماعيلي فرقي جا آهن. يوگنڊا جي حڪومت مسلمانن توڙي هندن کي سندن ڇڏيل ملڪيت توڙي زمين ۽ مندر مسجدون واپس ڪرڻ جوواعدو ڪيو آهي. آغا خان يوگنڊا ۾وڏي پئماني Investment ڪرڻ جو خيال ڏيکاريو آهي. مازمو ويراني- هڪ امير کوجو پاڻ سان گڏ ڪيترن ئي انگريز واپارين کي يوگنڊا جو دورو ڪرائي ڪجهه واپار شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيوآهي.
    يوگنڊا ۾ رهندڙ هڪ بوهريءَ سان ڪجهه ڏينهن اڳ ڊئنمارڪ ۾ ملاقات ٿي. هو عيدي امين جي ڪڍڻ تي بمبئي هليو ويو هو ۽ هاڻ واپس يوگنڊا جي شهر ڪمپالا وڃي رهيو آهي جتي هن جو ننڍپڻ گذريو. مون کائنس پڇيو:
    ”ڇا توهان سمجهو ٿا ته هڪ دفعو واپار تي وري توهان جو قبضو ۽ اوج ٿيندي؟“
    ”نه مون جهڙن ڪيترن جي دل ۾واپار ۽ ان مان نفعو حاصل ڪرڻ جي مول مقصد ناهي.“ هن ٻڌايو، ”هيترا سال بمبئي ۾ رهيس. سڀ سک هوندي به مون کي اهو سڪون نه ملي سگهيو جيڪو مون کي ڪمپالا (يوگنڊا) ۾ حاصل هو. يوگنڊا اهو ملڪ آهي جتي منهنجو ڏاڏو ننڍي عمر ۾ آيو. جتي منهنجو پيءُ ڄائو ۽ جتي مون جنم ورتو. جنهن جي گهٽين ۾مون ننڍپڻ جا ڏينهن گذاريا. آئون انهن وڃايل يادن ۾ ٽٽل خوابن جي ڳولا ۾ آفريڪا جي هن ”هاڻ- ويران- ٿيل“ ملڪ ڏي وڃي رهيو آهيان.“


    هوم ميڊ هيئرڪٽ

    سئيڊن ۾ نه فقط موچي کل ٿولاهي پر حجام پڻ. شهر جي چڱي خاصي علائقي ۾ته وار ٺهرائڻ تمام گهڻي آهي. پر مالمو جي چاڪيوڙي ۽ محمود آباد اخترڪالوني جهڙن علائقن به، هيئرڪٽ سستي سستي ته به هڪ سؤ ڪرونا يعني چار سؤ رپيا آهي.
    راحت عزيز خبر ناهي ڪهڙي ملڪ جو نالو وٺي پئي ٻڌايوته اتي جا حجام جهاز جي خلاصين جي اڌ قيمت ۾ سنوارت لاهين ٿا. سو جڏهن به هنن (انجنيئرن) ۽ نيويگيشن آفيسرن کي وار ٺهرائڻا هوندا هئا ته حجامن سان ڪوڙ ڳالهائي ته هو آفيسر نه پر خلاصي آهن، اڌ قيمت ادا ڪندا هئا.
    ڪئپٽن سليم وري جپان جي ڪنهن شهر جو نالي پئي ٻڌايو ته هونءَ ته جپان ۾ڏاڙهي لهرائڻ جا ٽي سؤ رپيا ۽ وار ٺهرائڻ جا ساڍا ٽي سؤ رپيا آهن پر ان شهر ۾ جتي حجامڪو ڌنڌو سکڻ جا ڪيترائي اسڪول آهن، سيکڙاٽ حجام اڌ قيمت ۾وار لاهين.
    ”پوءِ اسان جو جهاز جڏهن به ان بندرگاهه ۾ويندو هو ته اهڙا خٿابي (Apprentices) ڳوليندا وتندا هئاسين جيڪي اڌ قيمت تي وار ڪتري اسان کي وڏي خرچ کان ڪجهه بچائين ۽ پاڻ اعليٰ حجام بنجڻ لاءِ پرئڪٽس ڪن. يعني اسانجو مٿو هنن جي لاءِ ٽريننگ گرائونڊ هو.“
    راحت چيوِ: ”ڪراچيءَ ۾ ظهير بابر ۽ اشرف ازور جن (جيڪي هتي سئيڊن ۾ ٻه ٻه سال رهي ايم ايس سي ڪري ويا آهن) مونکي حجام،موچي ۽ Dentist جي اگهه کان اڳهين خبردار ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري سئيڊن اچڻ کان اڳ بوٽ جي تري تي رٻڙ جو ٿلهو سول هڻائي ڇڏيم. ٻن ڏاٺن ۾ ڪيڙو لڳڻ جا آثار هئا انهن جي فلنگ (ڀرائي) ڪرائي ورتم ۽ وار ضرورت کان وڌيڪ ڪٽائي پوءِ مالمو پهتس. پر هاڻ ٻه ٽي مهينا گذرن بعد وارن جي ڪٽائي ڪرائڻ ضروري پيو سمجهان.
    سيڪنڊ ايئر جي شاگرد ڪمال علويءَ صلاح ڏني ته هڪ دفعو پاڻ ئي ڪئنچيءَ سان Trim ڪجن ۽ ٻئي دفعي ڪنهن ”سستي حجام“ کان هيئرڪٽ ڪرائن سان ڪم صحيح پيو هلندو ۽ ٻن سالن ۾ فقط پنج يا ڇهه دفعا اهو ڦاهو ڦڪڻو پوندو.
    ”پر اهو ’سستو حجام‘ سؤ ڪرونا وارو آهي يا ان کان به ڪو گهٽ آهي؟“ اسان پڇيس.
    ”جنهن مارڪيٽ ۾ اربع ۽ ڇنڇر ڏينهن سيڪنڊ هئنڊ شيون وڪامن ٿيون، اتي اهي ٻه ڏينهن هڪ حجام عورت ويهي ٿي ۽ فقط اسي ڪرونا وٺي ٿي. اڄ هڪ جارڊن جو شاگرد عايد خلف به ان کان وار ٺهرائي آيو آهي.“
    ”هاڻ جي پئٽرول ۽ ڊيزل تيل جا مالڪ يعني عرب به اهڙن حجامن وٽ ويندا ته پوءِ هتي جا اوچا حجام ته بک مرندا.“
    دراصل لڳاتار چار ڏينهن موڪل هجڻ ڪري هرڪو وارن جي گس ۾لڳو پيو آهي. ملائيشيا جي ڪئپٽن لي جيڪو هپي ٿي هتي آيو هو، تنهن شايد پاڻهي پاڻ يا سندس زال ائنا کان اهڙي ته خراب هيئرڪٽ ڪرائي آهي جو پري کان پڌري آهي. پاڻ به شڪي ٿي رهيو آهي انڪري ناشتي تي ٻين جي وڃڻ کانپوءِ دير سان آيو. پر سندس قسمت خراب هئي جو سيڪنڊ ايئر جو ايراني شاگرد محمد علي شاهبا اڃا ويٺوهو. ٻيا ڏهه ويٺا هجن ها ته لي جي اها خوفناڪ هيئرڪٽ ڌيان ۾ ئي نه آڻين ها يا گهٽ ۾ گهٽ رمارڪ نه ڏين ها. پر علي جيڪو ڪافي چرچائي آهي (۽ لي پاڻ به سڀني سان چرچا ڪري ٿو) تنهن لي جي ڀرسان بيهي کائنس پڇيو:
    ”هيءَ ڪٿان جي هيئرڪٽ آهي؟“
    ”هوم ميڊ Home Made آهي.“ لي مختصر جواب ڏنو ۽ ان کان اڳ علي ڪا ٻي ٽيڪاٽپڻي ڪري. لي ڪارن فليڪس کائڻ ۾لڳي ويو.


    ڪهڙو مٿو ڪنهنجو آهي

    ملائيشيا ۾ حجامن سان ڪچهري دوران هنن کي وار ڪتريندو ڏسي اهو اندازو لڳايو هوم ته وار ٺاهڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. اهو راحت وارن کي به ٻڌايم ته ضرورت پوي ته مون وٽ هليا اچو. شام ڌاري راحت ڪئنچي ۽ سيفٽي کڻي آيو ته وار ٿورا ننڍا ڪري سگهندين.
    ”بلڪل.“ مون وڏي اعتماد سان چيو ۽ پوءِ سندس پٺن تي ٽوال رکي وارن ۾ ڦڻي گهمائي سندن مڏي پنن ڪترڻ واري ڪئنچيءَ سان ٿورا ٿورا ڪري وار ڪتريندو ويس. تمام سٺي طرح ڪم هلي رهيو هو. مون کي پاڻ تي تعجب لڳو ته پهرين دفعي ئي سٺي حجامت ڪري رهيو آهيان. پر پوءِ الائي ڇو پاڻ کي ايڪسپرٽ سمجهي تکو تکو ڪترڻ لڳس. ان تکائي ۾ به ٻه ٽي اهڙا لابارا هڻي ويس جو راحت جي مٿي جي ڪن حصن جا وار باگڙين جي ٻارن جهڙا ٿي پيا. ڏاڍوپريشان ٿيس ته هاڻ ته ڏاڍي ڳالهه ٿي. راحت کي ڪا خبر نه ته پٺيان ڇا پيو وهي واپري. هو خوش ته وار سٺا پيا لهن ۽ پئسا پيا بچن. پهرين سوچيم ته کيس حادثي جواطلاع ڪيان . پر پوءِ اهو سوچي ته وٺي رڙيون ڪندو ۽ مون کي وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ نه ڏيندو. سوآهستي آهستي ڪري ڪياڙيءَ کان وڌيڪ وار ڪترڻ شروع ڪيم جيئن ساڄي پاسي جا وار کاٻي پاسي گهڻ ڪتريلن سان هڪجهڙائي ظاهر ڪن. بهرحال ڪجهه حد تائين ڪامياب ٿيس پر ايترو به نه جو ٻئي کي محسوس نه ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن کل به پئي آئي ته راحت جي مٿي سان ڇا ته ويڌن ٿي ٿي وئي. ڪيترائي ڌيان ۾ خيال آيا. هڪ ته اڄ موڪل جو آخري ڏينهن نه هجي ها ته به خير ٿي وڃي ها. ٽي چار ڏينهن موڪل جا ڪمري ۾ ئي گذارڻ سان وار ڪجهه وڏا ٿيڻ تي سنوت ۾ اچي وڃن ها. جو هونءَ به ڪهڙي به ايڪسپرٽ حجام کان وار ٺهرائبا آهن ته هڪ ڏينهن مٿو کٿريل نظر ايندو آهي. ٻيو Alternative اهو هو ته راحت کي صلاح ڏيان ته جتي هي ٽي چار ڏينهن موڪل ڪئي اٿئي اتي ٽي چار ڏينهن ٻيا به کڻي موڪل ڪر. پر پڪ هيم ته هو اها ڳالهه نه مڃيندو جو ٻئي ڏينهن کان اهم سبجيڪٽن جا ليڪچر هئا. هڪ اهو به اپاءَ هو ته جيڪو ٿيو سو ٿيو. هاڻ ڏنڊ خاطر آئون سؤ ڪرونا (چار سؤ رپيا) ڀريان ۽ ڪنهن سٺي حجام کان هلي Finishing صحيح ڪرائجي. جيتوڻيڪ اهو به وڏن وارن کي ته ڪتري ننڍا ڪري سگهندو پر ننڍا ٿي ويلن کي وڏا ڪيئن ڪندو. هتي ته Wig نقلي وار به مهنگا ملن ٿا. بهرحال سٺن لفظن ۾ راحت کي خطري جو سگنل ڏنم.
    ”يار ڪي خاص نه ٿيا آهن پر مڙيئي ڪم هلي ويندو. جهڙا پاڻ واري چيني همراهه ڪئپٽن ليءَ جا لڳي رهيا آهن ڪجهه اهڙائي آهن.“
    آرسي ته ڪنهن وٽ به نه هئي جو پويان جهلي ڊريسنگ ٽيبل ۾لڳل آرسي ۾پنهنجي پٺ ڏسي سگهجي. سو شريف انسان راحت، بنا هيئر اسٽائيل ڏسڻ جي راضي ٿي ويو.
    ان بعد يڪدم سليم وٽ ڀڳس ۽ کيس ٻڌايم ته هيءَ ڳالهه ٿي آهي. هاڻ مهرباني ڪري راحت کي ڏسڻ سان هيئين ڦاڙ رڙ نه ڪجانءِ. بلڪه راحت جي خوفناڪ هيئر ڪٽ ڏسي ڪو به ڏندڻ جي وڃي ته به پاڻيءَجا ڇنڊا راحت کي هڻجانءِ ته هن جو هيئون سڌير رهي.
    ان بعد آئون اچي سمهي رهيس. شام جو وهنجي سهنجي راحت ٻين پاڪستانين سان گڏ ويٺو هو. وهنجڻ ۽ تيل هڻن بعد ڪجهه بهتر لڳي رهيو هو. پڪ هيم ته کيس ڪنهن نه ڪنهن ته ضرور ٽوڪيو هوندو. سو مون غلطيءَ جو اعتراف ڪندي چيو:
    ”يار هڪ ٻه اونها ڪٽ لڳي ويا ان ڪري ليول تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪجهه وڌيڪ وار ڪترڻا پيا.“
    ”نه نه ٺيڪ آهي. ڏينهن ٻن ۾ سڀ صحيح ٿي ويندو.“ راحت بردباريءَ سان جواب ڏنو، جنهن مون کي ڪافي راحت ڏني. انهيءَ دوران علوي مون لاءِ Trimmer کڻي آيو جيڪو ڦڻيءَ وانگر آهي ۽ منجهس ٻه بليڊ پون ٿا.
    ”واهه! واهه! بس راحت خان هاڻ ڀلا منهنجا وار تون هن سان ڪجهه ننڍا ڪري وٺ. ڪو خاص وقت نه لڳندءِ. تنهنجي مقابلي ۾ منهنجي مٿي تي ڪو ڇوٿون حصو وارن جو به مس آهي.“ مون چيو.
    ”نه يار! اهو جوکم جو ڪم آئون نه ڪري سگهندس. خاص ڪري تنهنجي هيئرڪٽنگ جو. تنهنجي مٿي تي وار ئي ڇا آهن. جي خراب ڪٽنگ ٿي پئي ته سواءِ پاڪي ڏيارڻ جي ڪو ٻيو Alternative باقي نه رهندو.“ راحت وراڻيو.
    ”ٻيلي ائين ته نه ڪريو. مونکي به ته چار سؤ رپيا بچائڻ ڏيو. ڇو ٿا مون کي حجام ڏي موڪليو.“
    ”اهڙي منهن بلڪ مٿي سان تون حجام وٽ وڃين ئي ڇو ٿو. ههڙي سيءَ ۾ اهي مختصر وار به لهرائڻ بدران ڪا بجڪي واري ٽوپي پائي ڇڏ.“ علويءَ چيو.
    پوءِ ڪئپٽن سليم جي صلاح سان آرسيءَ اڳيان بيهي هر هڪ Trimmer ذريعي پنهنجي پنهنجي هيئرڪٽ ڪئي. حجام جهڙي سٺي هيئر ڪٽ ته نه ٿي پر سٺي هوم ميڊ هيئرڪٽ ٿي وئي.
    ”هڪڙي صلاح ڏيانوَ“ ان وقت آيل ڪئپٽن عاشق اسان کي صلاح ڏني. ”ٻه ڏينهن ٻيا به موڪل ڪري ڪمري ۾ ويهڻ سان هڪ ته رهيل هوم ورڪ پورو ٿي ويندو ۽ ٻيو ته ڪنهن کي محسوس نه ٿيندو ته اسان ڪاهوم ميڊ هيئرڪٽنگ ڪئي آهي. پر اها صلاح توهان مڃينداؤ ڪونه. ان ڪري ٻي صلاح اها اٿوَ ته ايندڙ ٻه ڏينهن نائيجريا ۽ گهانا جي شيدي شاگردن سان گڏ گڏ هلجو. ڪنهن تي شڪ به نه پوندو ته ڪهڙو مٿو ڪنهن جو آهي. اڃا به پنهنجو وڌيڪ سٺو لڳندو“.


    هرڻ (Rein- Deer) ۽ بگهڙ

    سئيڊن جا اتراهان علائقا جتي ٻارهوئي برف لڳي پئي آهي. اتي بگهڙ ۽ رين ڊيئر به مشهور جانور آهن. رين ڊيئر هرڻ جو قسم آهي، جيڪو گوشت لاءِ ۽ برف ۾ گاڏيون ڇڪڻ جي ڪم اچي ٿو. سئيڊن جهڙن اتراهن ٿڌن ملڪن ۾ برف جي ڪري، ٻيو ته ڪجهه نٿو ٿئي ۽ پوءِ هتي جا ماڻهو کاڌي خوراڪ، پوشاڪ ۽ واپار خاطر هن قسم جي هرڻن جا ڌڻ پالين. هي هرڻ قدبت ۾وڏا ۽ سندن سڱ ڦڏا سڏا ۽ ڪيترين ئي شاخن وارا ٿين ٿا. رين ڊيئر سواريءَ جي ڪم پڻ اچي ٿو. ڪاٺ جي، ڦيٿن بنا گاڏين ۾ هنن کي جوٽيو وڃي ٿو جيڪي برف تي ترڪن. ان کان علاوه هن هرڻ جو گوشت، کير ۽ کل ڪم اچن ٿا غريب هرڻن کان علاوه هنن ٿڌن برفاني پٽن ۾ بگهڙ جهڙو خوفناڪ جانور پڻ رهي ٿو. بگهڙ هنن هرڻن لاءِ آخري ڏينهن آهي. ان ڪري هتي جا ڌراڙ بندوقون کڻي بگهڙن پويان هوندا آهن. بگهڙن کي ماري ماري انهن جو ڳاڻيٽو ان حد تائين گهٽائي ڇڏيو اٿن، جو سرڪار کي اچي ڳڻتي لڳي آهي ته اهو وقت پري ناهي جو هن جانور (بگهڙ) جو نسل دنيا جي تختي تان ختم ٿي ويندو. ان ڪري هن جانور کي اڻلڀ جنس قرار ڏيئي سندس مارڻ تي بندش وڌي وئي آهي. پر اتر يورپ جاهي قطبي رهاڪو ان قانون کان بلڪل خوش ناهن. سندن دانهن جا خط هتي جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا.
    ”اسان جي روزگار جو ذريعو هي هرڻ آهن. بگهڙ اسان جي مال کي ماري رهيا آهن ۽ مال جي بچاءَ لاءِ اسين بگهڙ ماريون ٿا، ته سرڪار قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي سزائون ۽ ڏنڊ وجهي ٿي. اسين وڃون سو وڃو ڪيڏانهن. يا ته سرڪار هي قانون ختم ڪري يا اسان جي هرڻ مرڻ تي ان جو ملهه ادا ڪيو وڃي“.


    ڪوئي مهانڊو جانور

    يورپ جي سرد اتراهن ملڪن ۾ گدڙ جي قد بت جيڏو ڪُوئي مهانڊو، هڪ جانور بيحد مشهور آهي. جيڪو منڪ (Mink) سڏجي ٿو. هن جي ڳري اگهه واري بجن واري کل نه فقط سيءَ جو بچاءَ ڪري ٿي پر فئشن طور پڻ هن جو مٿانهون درجو آهي. هن جانورمنڪ جي کل جو معمولي ڪوٽ به لک لهي.
    وڏي قيمت ڪري، پئسي ڪمائڻ جي لالچ ۾ ماڻهن هن جانور جي اها مارا ماري شروع ڪئي، جو ائين لڳو ته هي اڻلڀ جانور پڻ هن دنيا مان ڄاڻ ته غائب ٿيو. ڪيترن مهينن کان، ان ايندڙ افسوسناڪ حالت کان هن پاسي جون اخبارون خبردار ڪنديون رهن ٿيون. ٽي وي ۽ ريڊيو تان پڻ ايندو رهي ٿو ته مهرباني ڪري ان فئشن کي ڇڏي ڏيو. نه ته هي جانور فقط تصويرن ۾ ڏسڻ لاءِ رهجي ويندو. توهان کي پنهنجي دولت جو ڏيکاءُ ڪرڻو آهي ته مهنگو منڪ ڪوٽ وٺڻ بدران ڪا ٻيءَ شيءِ وٺو.
    ان مهم پنهنجو اثر ڏيکاريو آهي ۽ ماڻهن کي هن ڪوئي مهانڊي منڪ سان محبت ۽ ان جي ان کل جا ڪوٽ وڪڻندڙ ۽ پهريندڙ دڪاندارن۽ اميرن سان نفرت ٿي پئي آهي. گذريل هفتي قاضي حميد لنڊن جي ٽوئر تان موٽي اچي ٻڌايو ته اتي ڪا عورت منڪ ڪوٽ پائي شهر ۾نڪري ٿي ته ماڻهو ان کي پٿر هڻن ٿا ان ڊپ کان نه ڪو پائي ٿو نه خريد ڪري ٿو. منڪ ڪوٽن جا اگهه ڪري پيا آهن. پنج سؤ پائونڊن (پنجويهه هزارن جو ڪوٽ) ڪو هزار ٻن روپين ۾ به نٿو وٺي.


    بيماريون ۽ موت آدمشماري کي صحيح رکڻ لاءِ آهن

    گذريل چند مهينن ۾ يورپ ۾ ڪجهه اهم شخصيتن جو Aids ڪري موت ٿيڻ تي، هڪ دفعو وري هن بيماريءَ جو خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو آهي. اهي ملڪ جن جي آدمشماري گهٽ ۽ ڪنڊوم استعمال نٿا ڪن اتي به هاڻ اهڙين شين جو وڪرو وڌي ويو آهي. ملائيشيا جهڙن ملڪن وڌندڙ کپت کي منهن ڏيڻ لاءِ رٻڙ ٺاهڻ جو تعداد ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي.
    اسان جو ٿائي ڪلاس ميٽ مسٽر ’سوتي ڇائي‘ جيڪو هيئرڪٽ لاءِ حجام وٽ وڃڻ جو سوچي رهيو هو تنهن کي ملائيشيا جي ڪئپٽن ليءَ سمجهائيندي چيو:
    ”سوتي! مهرباني ڪري ڪئنچي ۽ بليڊ پنهنجو کڻي وڃ. Aids بيماري نه فقط سيڪس مان پر ٻئي جي استعمال ڪيل سئي يا پاڪيءَ سان به ٿي سگهي ٿي.“
    ۽ پوءِ معصوم صورت ٺاهي اسان کي چيو: ”آئون هميشه پنهنجي ڪئنچي ۽ سيفٽي استعمال ڪندوآهيان. ٻي صورت ۾ ڪهڙي خبر متان ائڊز ٿي پوي ته ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي. ڪجهه ڪيو به نه ته به، گهر ويٺي درد پرائڻ واري ڳالهه ٿي.“
    اوشنو گرافي جي آمريڪن پروفيسر هڪ ڏينهن ليڪچر دوران چيو ته ”عوام جي وڌڻ سان دنيا جي گولي (ڌرتي توڙي سمنڊ) تي ڪچري جو مقدار وڌي ٿو. دنيا جي آدمشماري جڏهن به حد کان وڌي ٿي ته قدرت ان کي گهٽائڻ جا اپاءُ ڪري ٿي. طوفانن، ٻوڏن، زلزلن، ڏڪارن، بيمارين رستي. پر انسان ان قدرتي عمل کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان ڪري صحيح آدمشماري ٿيڻ بدران اهائي وڌندي رهي ٿي. ايڊز بيماريءَ جي خوفناڪ هجڻ جي خبرعام ڪرڻ بدران راز ۾ رکي وڃي، جيئن ڀلي گهڻي کان گهڻا ماڻهو مرن ۽ بئلنس صحيح ٿئي“.
    خبر ناهي ڇو سندس ڳالهه ۾ چرچو يا حقيقت جو پهلو گهٽ ظالميت جو عنصر وڌيڪ محسوس ٿيو- خاص ڪري اسان ٽين دنيا جي رهاڪن کي جن جي ملڪن جي آدمشماري هيڪاندي گهڻي آهي. سندس مٿينءَ ان ڳالهه (يا چرچي) تي جڏهن ڪوبه نه کليو ته کيس به احساس ٿيو ۽ ڳالهه کي گول مول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.


    سهڻي سيڪريٽري

    اسان جي يونيورسٽي توڙي هاسٽل ۾ ڊزن کن ڪمپيوٽر ۽ پرنٽر اسان جي استعمال لاءِ رکيا ويا آهن جيئن ٿيسز (جنهن کي پروجيڪٽ ۽ Dissertation به سڏجي ٿو) لکي سگهون. ۽ جلدي لکڻ لاءِ ٽائيپ جو اچڻ ضروري آهي، جيئن گهڻي کان گهڻيون آڱريون استعمال ڪري، جلدي لکي سگهجي. ٽائيپ سيکارڻ جو بندوبست پڻ يونيورسٽي وارا ڪن ٿا. مالمو شهر جي لئبرري ڀرسان هڪ ٽائپنگ جو وڏو اسڪول آهي. يونيورسٽيءَ وارا انهن کي في شاگرد جي حساب ساب ڏهن ڏينهن جي ٻه سؤ ڪرونا (اٺ سؤ رپيا) في ڏيندا آهن.
    هن سال به جيئن ئي نوٽس بورڊ تي سرڪيولر لڳو ته جن کي ٽائپنگ سکڻي هجي اهي پنهنجا نالا لکن ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا شام جو ٽائيپ سکڻ لاءِ تيار ٿين. ته اسان به جهٽ پٽ نالو ڏنو، جيئن ٻن آڱرين سان ٽائيپ ڪرڻ بدران سڀني آڱرين سان ٽائيپ ڪرڻ جي پرئڪٽس ٿئي. يونيورسٽيءَ طرفان ان آفر ۾ هڪ شرط رکيو ويو ته ٽائپنگ جي في هو ڏيندا پر ڏهن ڏينهن مان گهٽ ۾ گهٽ اٺ ڏينهن اسان کي ضرور وڃڻ کپي نه ته فيءَ جا ٻه سؤ ڪرونا اسان کي ملندڙ مهيني جي خرچيءَ مان ڪٽيا ويندا.
    پهرين ڏينهن ته خوش خوش وياسين. پر پوءِ جلدي ٽائپنگ جا ڪلاس مٿي جو سور ٿي پيا. ڇو جو اسان سڀني اهوئي سوچيو ته ڪو اڌڪلاڪ ٽائيپ سکڻ سان اسان اهڙا ماهر ٿي وينداسين جهڙا پاڪستان ۾ ڪورٽن اڳيان رٽائرڊ آفيسر ڀڳل ٽائيپ تي ٽائيپ ڪندي نظر ايندا آهن. پر پوءِ پهرين ڏينهن ئي محسوس ڪيوسين ته عشق ناهي راند جيڪي کيڏن ڳڀرو. تنهن وانگر ٽائپنگ سمجهڻ هڪڙي ڳالهه آهي پر ائين ٽائيپ ڪرڻ اهڙو سولو ڪم ناهي جو مائي انيليءَ جو هڪ ٻه ليڪچر ٻڌي ڏهن ئي آڱرين سان ٽڪ ٽڪ ٽڪ شروع ڪري ڏيون. سچي ڳالهه ته اها، ته ٻن ڏينهن ۾، ٽائيپ ۾ صحيح طرح پنو وجهڻ به مس آيو ۽ انيليءَ کي جڏهن چيوسين ته هي ڏهن ڏينهن ۾ ايڪسپرٽ ٿيڻ ته مشڪل آهي، ته هن به چتاءُ ڏنو ته ان لاءِ ته گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هفتا کپن سو به دل لڳائي روزانو ٻه ٽي ڪلاڪ پرئڪٽس ڪندؤ، ته پوءِ ڪم جهڙي ٽائيپ ڪري سگهندؤ. هن ’دل لڳائي‘ لفظ تي زور ڏيندي ان انداز سان چيو ڄڻ دل لڳائي اسان هرگز نه ڪنداسين، سو اسان هرگز سکي نه سگهنداسين. انهيءَ ڪري اسانجي بسم الله ئي موچاري نه ٿي. پهرين ڏينهن ئي دل ٽٽي پئي.
    ٻن ڏينهن کانپوءِ ڪيترن ٽائيپ سکڻ کان توبهه ڪري ڪلاس روم وارو ڏيڍ ڪلاڪ ڪچهري ڪرڻ لڳا. يا وقت پاس ڪرڻ لاءِ هڪ آڱر سان ئي دوستن يارن کي خط لکڻ لڳا. ان خط لکڻ جي شروعات گهانا جي ائلس پنهنجي مڙس کي خط لکڻ سان ڪئي. هر هڪ ايندي ويندي کيس چيو ٿي: ”مڙسين کي اسانجا سلام لکجانءِ.“
    ”ائلس! منهنجا به سلام لکجانءِ.“ پري کان ويٺل آذربائيجان جي ٿلهي چنگيز چيو.
    ”مون کي چريو سمجهيو اٿوَ ڇا؟“ ائلس چيو، ”مڙس ڇا سوچيندو ته آئون ٻار ڇڏي هتي سئيڊن پڙهڻ آئي آهيان يا ترڪيءَ جي حسن بقال، آذربائيجان جي چنگيز، پاڪستان جي الطاف ۽ ٻين جا سلام نياپا پهچائڻ آئي آهيان.“
    ”چڱو ڀلا مون طرفانHello لکينس.“ ڪولمبيا جي ائنا روزا چيس
    ”سڀ ماٺ ڪري ويهو.“ ائلس چيو.
    منهنجي ڀر ۾ آفريڪا جي هڪ ملڪ گنيءَ جي ويٺل شاگرد عورت چيو: ”ائلس ڪنهن عورت بابت ته هرگز مڙس کي نه لکندي.“
    ”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيومانس.
    ”چوي ٿي ته سندس مڙس دل ڦينڪ عاشق آهي. هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ عورتن بابت لکانس ته هو توکي سلام چئي رهيون آهن ته، يڪدم سندن ائڊريس گهرندو.“
    ”پوءِ ڀلا اتي اڪيلوڪنهن جي آسري ڇڏي آئي آهيس؟“ مون پڇيومانس.
    ”ان لاءِ ٻڌائيندي آهي ته کيس ڏيج ۾ مائٽن وٽان هڪ خوفناڪ قسم جي نوڪرياڻي (حبشڻ) جيڪا ملي آهي، اها سندس سار سنڀال لهندي آحي ۽ مڙس جيڪڏهن ڪنهن غلط ڪم ڏي رغبت ڏيکاريندو آهي ته ان جا اسڪريو ٽائيٽ ڪندي آهي.“
    ”توبنهن! توبنهن!“ موراڪو جي امين چيو، ”انهي ڪري ته آئون گهانا يا سينيگال جي ڪنهن شيدياڻي سان شادي نٿو ڪريان. جيتوڻيڪ منهنجا ناناڻا انهن ملڪن ۾ آهن، پر مون صاف صاف چيو اٿمان ته آئون فرينچ ڳالهائيندڙ ڇوڪريءَ سان کڻي شادي ڪندس پر هجي اڇي رنگ جي.“
    گنيءَ جي هيءَ شاگرد عورت امين جي ان جملي جو آخري حصو ٻڌي ڪاوڙ مان امين ڏي نهارڻ لڳي، موراڪو جو امين ۽ گنيءَ جي هيءَ شاگردياڻي ٻئي فرينچ ڳالهائيندڙ آهن ۽ ٻئي ڪارا آهن.
    ٽائپنگ جي ڪلاس ۾ هرڪو ان انتظار ۾ هوندو هو ته ماسترياڻي- مئڊم انيلي فوٽن واري لسٽ کڻي حاضري هڻي ته ڀڄڻ جي ڪجي. ان چڪر ۾ هرڪو اڳيان ويٺل ڪرسيءَ تي انيليءَ ڏي اهاني بهاني پيو ويندو هو ته جيئن هو ڏسي ۽ حاضري لڳي.
    انيليءَ بار بار اها صلاح ڏني ٿي ته ڏهه پندرهن منٽ ٽائيپ ڪري ٻه منٽ واڪ ڪريو. پر اسان ڏهه پندرهن منٽ واڪ ڪري ٻه منٽ کن ٽائيپ ڪئي ٿي. چنگيز، حسن بقال ۽ ماريطانيا جو شيخنا ته هتان هتان ڦري ڏکڻ واري دريءَ تي وڃي بيٺا هئا، جتان هيٺ سئمنگ پول تي نظر پئي ٿي.
    ”ڀلي توهان اتي بيهي وقت خراب ڪريو“، انيليءَ چتاءُ ڏنو، ”ٻئي سال جڏهن توهان کي ٿيسز ٽائيپ ڪرڻي پوندوَ ته پوءِ پاڻهي خبر پوندوَ.“
    ”ٽائپنگ مان فائدو ئي ڪهڙو آهي؟“ هڪ ڏينهن موريطانيا جي شيخنا غائوض انيليءَ کان پڇيو.
    ”ڪمال آهي!“ انيليءَ چيو، ”وڏو فائدو ته اهو آهي ته ٽائپنگ اچڻ ڪري راز وارا خط پٽ ۽ سرڪاري ڪاغذ توهان پاڻ ٽائيپ ڪري سگهندؤ.“
    ”پر آئون ته ان هوندي به ٽاپئنگ لاءِ هڪ سهڻي سيڪريٽري رکندس.“ آئوري ڪوسٽ جي ڪمانڊر مائيڪل چيو.
    مائيڪل اوڀر آفريڪا جي ملڪ ڪوٽا ڊي آئوري کان آيل آهي، جيڪو ملڪ ڪجهه سال اڳ تائين، آئوري ڪوسٽ جي نالي سان مشهور هو. ’عابد جان‘ سندس مشهور بندرگاهه آهي، جنهن ۾ اسان جا پاڪستاني جهاز اڪثر ويندا رهن ٿا. منهنجي ڀر ۾ راحت عزيز ويٺو هو. تنهن ڪمانڊر مائيڪل جي مٿين ڳالهه تي نڪ کي موڙو ڏيئي مون کي آهستي چيو: ”ڌوڙ اٿس پئي. اها سهڻي حبشڻ سيڪريٽري الائي ڪهڙي هوندي. سينيگال جي ائميءَ جهڙي هجي ته به غنيمت.“
    ”يار تون ائميءِ کي ائين نه سمجهه.“ مون چيومانس.
    ”واقعي! مجنونءَ جي ليلى به ته ڪاري هئي. ائمي جا به ڪيترا مجنون ڊڪار ۾ ڦرندا هوندا.“ راحت چيو.
    ”بلڪل صحيح ٿو چئين.“ وراڻيو مانس، هتان ايم ايس سي ڪرڻ بعد سندس هڪ سان شادي ٿيڻ واري آهي. مون کي فئمليءَ سان دعوت ڏني اٿس. اوسي پاسي جي ڪنهن ملڪ ۾ هونداسين ته ضرور هلنداسين. ڪنهن زماني ۾ تيل وٺڻ لاءِ اسان جو جهاز ڊڪار ۾ ڏاڍو ويندو هو.“


    نانگ جهڙو نالو

    اسانکي ڳالهائيندو ٻڌي ڪئپٽن سليم به اچي ڀر ۾ ويٺو.
    ”يار ويٽنامي ٻئي ڄڻا: ذنح زئان ۽ تران ٽائپنگ ۾ ڏاڍا تکا آهن.“ سليم چيو.
    ”تکا آهن! اهي درويشKeyboard کي ڏسي هڪ آڱر سان ويٺا ٺڪ ٺڪ ڪن، جڏهن ته ٽائپنگ سکڻ واري کي پني ڏي ڏسڻ کپي“.
    ٽائپنگ جو هي اسڪول چار ماڙ آهي. هر ماڙ تي ڪيترائي ڪلاس روم آهن جن مان ڪن ۾ ٽائيپ سکڻ جو بندوبست آهي ته ڪن ۾ شارٽ هئنڊ جو، ته ڪن ۾ وري هتي جي ماڻهن لاءِ ڌاريون ٻوليون: انگريزي، جرمن، فرينچ سکڻ جو ته ڪن ۾ڌارين کي هتي جي زبان سئيڊش سکڻ جو.
    هڪ ڏينهن اسان جو ڪلاس ميٽ وچ آمريڪا جي ملڪ نڪراگئا جو گونزاليز، ٽئاليٽ مان ٿي اچي انيلي کان پڇيو:
    ”اسان مردن جو ڪهڙو ڪاڪوس آهي؟ جنهن جي ٻاهران H لکيو پيو آهي يا D وارو.“
    ”H واروسيڊش زبان ۾ Herr مرد کي سڏجي ٿو ۽ Dame عورت کي.“ انيلي ٻڌايو.
    ”صحيح ٿي چوين.. گونزاليز وراڻيو “ آئون ايڇ Herr وارو، عورتن جو سمجهي ڊي واري ڪاڪوس ۾ هليو ويس. پر پوءِ چوڌاري ڀتين تي انگريزيءَ ۾ لکيل ٻه چار جملا پڙهي سمجهي ويس ته هي عورتن جو ڪاڪوس آهي. ڀتين تي لکيو پيو هو I Love Charles ۽ “My Boy Friend is Sexy.”.
    انيليءَ کان هڪ ڏينهن پڇيم ته،سئيڊش زبان سکڻ سولو ڪم يا ڏکيو؟“
    ”جن کي انگريزي اچي ٿي انهن لاءِ ته سولي ڳالهه آهي جو ڪيترائي لفظ ۽ گرامر انگريزيءَ جا آهن يا انهن سان ملن ٿا. بس ڪجهه زبان کي ٿورو گهڻو موڙڻو پوي ٿو.“
    ”اها ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي.“ مون چيومانس، ”اسڪول ۾ خبر ناهي ته ڪيترا دفعا She Sells Sea Shells in a Sea Shore ورجائي ويندا هئاسين.“
    ”چڱو ڀلا ست هزار ست سؤ ستهتر جو سئيڊش لفظ Sujstsensjuhundra Sjuttiosju ته چئي ڏيکار!“
    ”انيلي اهو ته ڪجهه به ناهي. سنڌي زبان جا ڪي ڪي لفظ ته چينيءَ کان به ڏکيا آهن.“ مون چيومانس ۽ دل ۾ آيو ته کيس مائي ڀاڳي جي راڳ جا هيٺيان ٻول ورجائڻ لاءِ چوانسِ:
    ”هونءَ تنان پچان، ڇيل ڀمريا هيڪلي،
    تارڙو مناڙو جاني، ڇاني ماني، ڏيکلي.“
    پر پوءِ سوچيم ته انيلي لاءِ اهو اچارڻ ڏکيو ٿيندو. سوچيومانس:
    ”انيلي ذرا هي جملو ته مون کي چئي ٻڌاءِ.“
    “Rasolomampionona Lalao of Anatananarivo
    ”اهو ڇا آهي؟“ پڇيو.
    ”تون واقعي نالا پڙهي نه پر شڪليون ڏسي حاضري هڻين ٿي. اهو نالو آهي مئڊاگاسڪر کان آيل شاگردياڻيءَ جو. ’رسولومام پينانونا لالائو! سندس نالو آهي ۽ ’اناتاناناريوو‘سندس شهر جو نالو آهي جيڪو مئڊاگاسڪر جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي.“


    نيپالي گورکا يا شيدي غلام

    اسان جا پاڪستاني فائينل ايئر جا شاگرد: قاضي حميد ۽ عاشق خان هتي جي يونيورسٽي W.M.U طرفان فيلڊ ٽرپ تي لنڊن ويا هئا، جتي کين I.M.O جون هلندڙ ڪانفرنسون ڏسڻيون هيون ته ڪيئن دنيا جي ملڪن جا ميمبر سامونڊي مسئلن تي بحث مباحثو ڪن ٿا. سندن غير حاضريءَ وارو اهو سڄو هفتو سئيڊن ۾ موسم سٺي رهي. جيتوڻيڪ سئيڊن جا ماڻهو ان کي اونهارو چئي رهيا هئا پر اسان جهڙا ايشيائي ۽ آفريڪائي ڪجهه سيءَ محسوس ڪري ڪجهه وڌيڪ سيءَ جي اچڻ جي ڊپ کان سئيٽر پائي پئي هلياسين. پر هتي جا يورپي ڇوڪرا ڇوڪريون، مرد عورتون شهر ۾ فقط گنجين ۽ چڍين ۾ پئي هليا. پارڪن ۽ سمنڊ جي ڪناري تي ته عورتون گنجين ۽ باڊين کي به لاهي اس جو سيڪ وٺنديون رهيون. ههڙن ڏينهن۾ هتي جي عورتن جوسمنڊ جي ڪناري تي اگهاڙو ليٽي پوڻ ڪو عيب يا خراب ڳالهه نه سمجهيو ويندو آهي.
    عاشق جيئن ئي ڪالهه لنڊن کان موٽيو ته هتي (مالمو- سئيڊن) جي موسم جو حال پڇيائين.
    ”هي سڄو هفتو سيءُ نه برابر رهيو. ٽيمپريچر پندرهن ۽ ويهن جي وچ ۾ رهيو. اوڏانهن لنڊن جو ڇا حال هو؟“ اسان پڇيس.
    ”لنڊن ۾ ڏاڍي گرمي هئي. ڏينهن جو ٽيمپريچر 25 کان به مٿي چڙهي ويو ٿي.“ عاشق ٻڌايو.
    ”ابوه! پوءِ ته انگريزن جي حالت هوندي! جڏهن هتي جي موسم ۾ ئي ماڻهو ڪڇن ۾ پئي هليا.“ اسان رڙ ڪري چيو.
    ”نه.“ عاشق جواب ڏنو، ”اهائي ته انگريز جي خوبي آهي جو هو ويس وڳي توڙي عادتن جو بي افعالو نه آهي. فرينچ، جرمن، اسپينش، سئيڊش ڀلي ڇا به پيا ڪن پر هي هر وقت ۽ هر حال ۾ پُرتڪلف رهندو. انگلينڊ جي گرمي ته ڪجهه به نه آهي. انگريز ته هندستان، ڪينيا ۽ نائيجيريا جي گرميءَ ۾ به ڪمپليٽ سوٽ پائي ٽپ ٽاپ ٿي پوءِ ٻاهر نڪرندا هئا. هنن کي يورپين جون اهي ٽرڙپائيون هرگز نٿيون وڻن.“
    ”واقعي.“ اسان سندس تائيد ڪئي، ”انگريز ان ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن. جهنگ جبل هجي، بر بيابان هجي، انگريز ٽاءِ سوٽ ۾ نڪرندو. ڪانٽي ڇريءَ سان کائيندو ۽ ڪموٽ تي ويهي هنگندو- پوءِ ان ڪموٽ کي شڪار توڙي سير سفر تي کڻي هلڻ لاءِ ڀلي هن کي چار گورکا نوڪر يا شيدي غلام رکڻا پون.“


    هتي جي بائبلوٽيڪ

    يورپ جي ڪيترين زبانن ۾ لئبرريءَ کي بائبلوٽيڪ سڏجي ٿو. آئون نٿو سمجهان ته يورپ جي ڪنهن ايڏي ننڍڙي شهر کي ايڏي وڏي، سهڻي ۽ ڪتابن سان ڀرپور لئبرري هوندي، جيڏي سئيڊن جي هن شهر مالمو کي آهي. جپان، ٿائلينڊ، ملائيشيا ۽ ڏور اوڀر جي هن کان وڏن شهرن ۾ به ايڏي وڏي لئبرري مونکي نظر نه آئي. هندستان، پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ بيشڪ وڏيون لئبرريون آهن پر منجهن ڪتابن جي ايڏي ورائٽي ناهي. جيڏي هتي آهي.
    مالمو شهر ۾ ٽي چار لئبرريون آهن جن مان مُک ۽ وڏي لئبرري هيءَ ”مالمو اسٽئڊس بائبلوٽيڪ“ نالي شهر جي وچ ۾ آهي. اها هتي جي اهم بس اسٽاپ ”گستائو اڊولف ٽورگ“ وٽ آهي. منجهس سئيڊش ڪتابن کان علاوه عربي، ايراني، اڙدو ۽ ٻين ڪيترين زبانن جا ڪتاب آهن. پر سڀ کان خاص ڳالهه جيڪا هن لئبرري کي دنيا جي ٻين ڪيترين لئبررين کان اهم حيثيت ڏئي ٿي اها آهي رسالن ۽ اخبارن جي گهڻائي. هن لئبرري ۾ نه فقط سئيڊن ۽ ڀروارن يورپي ملڪن جا مڙيئي رسالا ۽ اخبارون آهن پر دنيا جي ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن ۽ زبانن جا رسالا ۽ اخبارون هتي اچن ٿيون. پاڪستان کان ڪراچيءَ جي روزنامه اخبار ’جنگ‘، ’ڊان‘ ۽ هفتيوار’اخبار جهان‘ رسالو باقاعدي اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو. لنڊن، نيويارڪ جهڙن شهرن جي ڪن لئبررين ۾ به ايتريون اخبارون ۽ رسالا ايندا هجن. پر سئيڊن جو ملڪ جنهن جو ڪو ايشيا آفريڪا ۽ عرب ملڪن سان نه ماضيءَ ۾ اهڙو واسطو رهيو ۽ نه هينئر آهي، ان جي هڪ ٽنڊوآدم جيڏي شهر جي هڪ لئبرريءَ ۾ انگلينڊ، فرانس، اسپين، پورچوگال، جرمني وغيره جون اخبارون ته ملن پر بنگلاديش جي روزاني بنگالي اخبار ”اتفاق“ کان وٺي مصر ۽ سعودي عرب جون عربي اخبارون، ايران جون ايراني، ڪولمبيا، برازيل، چليءَ جون اسپيني اخبارون. نائيجير، گهانا، گنيءَ جون فرينچ اخبارون هن لئبرريءَ ۾ اچن ٿيون. ساڳيو حال رسالن جو آهي. ڪتابن ۽ رسالن کان علاوه هن لئبرريءَ ۾ وڊيو ۽ آڊيوڪيسٽ پڻ ملن ٿا.
    مزي جي ڳالهه اها ته هن لئبرري (بائبلوٽيڪ) جو ميمبر ٿيڻ جي ڪابه في ناهي ۽ ڪتابن کڻڻ جو به تعداد مقرر ناهي. پهرين ڏينهن ئي ڀر ۾ بيٺل هڪ همراهه کان پڇيم:
    ”هڪ ئي وقت ڪيترا ڪتاب وٺي سگهجن ٿا.“ هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته وري پڇيومانس:
    ”منهنجو مطلب آهي هڪ کڻي سگهجي ٿو يا ٻه يا ٽي.
    ”جيترا وڻنوَ؟“ هن وراڻيو جواب مان مطمئن نه ٿيڻ ڪري لئبررين عورت کان اچي پڇيم. جنهن سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي.
    ”جيترا کڻي سگهو مهيني لاءِ بارو ڪري سگهو ٿا. اڃا به گهڻا کپنوَ ۽ هٿن ۾ نٿا کڻي سگهو ته هڪ ڪرونا (چئن رپين) جي، اسٽال تان پلاسٽڪ جي ٿيلهي وٺي ان ۾ ڀري سگهو ٿا.“
    اها ڳالهه مون کي وڻي. يعني اڌارو ورتل ڪو ڪتاب گهر اچي پسند نه اچي يا ڏينهن اڌ ۾ پڙهي پورو ڪري ڇڏجي ته مٽائڻ لاءِ ذري ذري اچڻ جي ضرورت ناهي. جو هڪ ئي وقت مهيني جو راشن ڏهه ٻارهن کن ڪتاب کڻي سگهجن ٿا. اها ٻي ڳالهه ته لئبرري وچ شهر ۾ آهي جتان اسان کي يونيورسٽي ويندي ۽ موٽندي بس بدلائڻي پوندي آهي ۽ هر ٻئي ٽئين ڏينهن اڌ ڪلاڪ کن لائبرري هليا ويندا آهيون ۽ فرحت جي فرحت به ڪندا آهيون ته ’ڊان‘، ’جنگ‘ ۽ ’اخبار جهان‘ به پڙهي وٺندا آهيون ۽ هاڻ ڳوٺان اهي اخبارون هتي گهرائڻ جي خرچ جي بچت آهي ۽ فقط سنڌي اخبار ’جاڳو‘ گهرائڻي پوي ٿي.
    ’جاڳو‘ يا ڪنهن ٻي سنڌي اخبار جي هيڏانهن ڏورانهن ڏيهه جي لئبرري ۾اچڻ جي اميد نٿي رکي سگهجي، جو ڪا سنڌي اخبار پاڪستان جي سفارتخانن ۾ ئي ڪانه ٿي اچي. سفارتخانا ته پري جي ڳالهه آهي ملڪي هوائي ڪمپني پي آءِ اي جي هوائي جهازن ۾ئي نظر نٿي اچي!
    هتي جي لئبرري جي اها به سٺي ڳالهه آهي جو اندر گهڙڻ وقت پاڻ سان آندل ٿيلهو، بئگ، ڪتاب يا ڪو ٻيو سامان ٻاهر رکڻو نٿو پوي. پاڻس ان کڏ کڻي سگهجي ٿو. اڄڪلهه جي ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺي هنن لئببريءَ جو هر ڪتاب چقمقي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو وٺڻ مهل Demagnetized ڪري ڏين ٿا. ان ڪري لئبرري وارا ڪتاب جي چوريءَ جي ڊپ کان آجا آهن. ڪو ڀُل ۾ يا ڄاڻي واڻي چوريءَ جي نيت سان ڪتاب لڪائي ٻاهر نڪرڻ جي ڪندو ته گيٽ وٽ لڳل چڪاس ڪندڙ اوزار Scannerيڪدم آن ٿيو وڃي ۽ الارم وڄي ٿو. هن قسم جو حفاظتي اوزار اڄڪلهه تمام عام ٿي ويو آهي ۽ هر دڪان ۽ آفيس ۾ ان جو استعمال ٿئي ٿو. ڪوبه چور، اڻ خريد ڪيل يا بنا موڪل جي ڪابه شيءِ ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪيڏي به ڪوش ڪري ڪامياب نٿو ٿي سگهي.
    هن لئبرري جو ميمبر ٿيڻ تمام سولو ڪم آهي. ڇا جا ڊگها فارم ڇا جا فوٽو، بس رڳو سندن ٽن انچن جي ڪارڊ تي پنهنجو نالو ۽ سئيڊن ۾ رهائش جو نمبر لکي ڏيو. ان ئي وقت توهان کي ڪارڊ ملي ويندو. ڪارڊ تي هڪ ڪوڊ نمبر (جيئن منهنجي تي 9247907120956) لکيل ٿئي ٿو.
    ان کان علاوه ڪارڊ تي ڪجهه ٿلهيون سنهيون ليڪون ڇپيل ٿين، جيڪي فقط اسڪئنگ مشين پڙهي اندازو لڳائي سگهي ٿي ته هي ڪارڊ ڪنهن جو آهي ۽ سندس اتو پتو ڇاهي. ليڪن جي ڊهڻ يا خراب ٿيڻ تي يا اسڪئنگ مشين جي ڪم نه ڪرڻ تي لئبررين مٿيون نمبر ڪمپيوٽر ۾ وجهي مون بابت معلومات حاصل ڪري سگهي ٿي ته ڪٿي رهان ٿو. ڪيترا ڪتاب لئبرري مان اڌارا ورتا اٿم ۽ ڪڏهن واپس ڪرڻا اٿم وغيره. مٿيون نمبر منهنجي پرسنل نمبر سان واسطو رکي ٿو. جيڪو هتي جي اميگريشن ۽ رجسٽريشن آفيس طرفان مليو اٿم- جن کي منهنجي چرپر جو رڪارڊ ۽ علم رهي ٿو.
    ان ئي قسم جون ليڪون ۽ نمبر هر ڪتاب جي آخري صفي تي به ٿين. جن مان ڪتاب جي نالي ۽ قيمت جي خبر پوي ٿي. ڪتاب اڌارا وٺڻ مهل لئبررين هڪ هڪ ڪتاب جونالو لکڻ بدران ميمبر جوڪارڊ وٺي مشين ۾ وجهندو آهي ۽ پوءِ مشين سان ڳنڍيل ٽارچ نما پين کڻي هڪ هڪ ڪتاب جي ليڪن مٿان گهمائيندي آهي. ان بعد ڪتاب ۽ ڪارڊ موٽائي ڏيندي آهي. ائين ڪرڻ سان مشين ذريعي آٽوميٽيڪلي منهنجي نالي تي اهي ڪتاب اچيو وڃن ۽ ساڳي وقت انهن ڪتابن جي چقمقي خاصيت ضايع ٿيو وڃي ۽ بنا الارم وڄڻ جي، ميمبر اهي ڪتاب لئبرري کان ٻاهر کڻي وڃي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح واپسيءَ تي مشين چيڪ ڪري ٿي ته ڪٿي مهيني کان وڌيڪ دير ته نه ڪيائين ڇو جو مهيني کان مٿي هر روز جو رپيو ٻه کن ڏنڊ آهي.
    ان ڏينهن ڪجهه ڪمپيوٽر ۽ ڪجهه ڪئلڪيولس (مئٿس) جا ضروري ڪتاب چونڊي، دخل وٽ ويٺل هڪ ٻي انچارج آفيسر ڇوڪريءَ کي چيم:
    ”آئون ته نٿو سمجهان ته توهانجي زبان (سئيڊش ۾ ڪو گهڻو ادب ۽ شعر و شاعري آهي پر جيڪي ڪجهه هوندو سو سئيڊش زبان ۾ ئي هوندو.“
    ”نه ڪجهه ترجما به آهن جيڪي پڙهي سگهو ٿا.“ هن وراڻيو ۽ ترجمن جي سيڪشن مان ڪجهه شاعريءَ جاڪتاب ڪڍي ڏنائين.


    سئيڊن جو ادب ۽ شاعري

    گهر اچي پڙهيم پر ڪو خاص مزو نه آيو. ٿي سگهي ٿو ته مون کي شاعري پڙهڻ جو ايڏو شوق ناهي ان ڪري هن شاعريءَ ۾ لڪيل اونها راز (جيڪڏهن ڪي آهن ته) سمجهي نه سگهيس، جيڪي قمر شهباز، تاجل بيوس ۽ عنايت بلوچ جهڙا پڙهي واهه واهه ڪن ها ۽ ڪنڌ ڌوڻين ها. يا ٿي سگهي ٿو ترجمي ڪري سئيڊش شاعريءَ جي اصل سرهاڻ سڪي وئي آهي.
    نموني خاطر هتي ڪجهه شعر ڏيان ٿو. هڪ ته هن شهر مالمو جي شاعر هيالمار گلبرگ جو آهي ۽ ٻيو هتي جي مشهور عورت شاعره ايڊٿ سوڊرگران جو آهي.
    هيالمار 1898ع ۾ مالمو ۾ ڄائو ۽ 1961ع ۾ گذاري ويو. هن يوناني لاطيني Scandinavian ٻولين ۾ مهارت حاصل ڪئي. 1927ع ۾ کيس ادب ۾ پي ايڇ ڊي ملي. 1941ع ۾ هو سئيڊش ڊراماٽسٽ يونين جو چيئرمين ٿيو.
    هيٺ ”دي جنرل وارڊ“ جي عنوان سان سندس مشهور سئيڊش شعر جو انگريزي ترجمو آهي.
    THE GENERAL WARD
    Do not be afraid
    The Doctor has arrived
    Soon, you will see
    It will all be over
    That the sweet nurse
    Put a Screen around your bed
    Is only as things should be;
    You can take it calmly.
    Do not Tremble, do not
    Cry; this is only
    The way things are done
    When you die, you see.
    ايڊٿ سوڊرگران 1882ع ۾ روس جي شهر سينٽ پيٽرسبرگ ۾ ڄائي ۽ 1923ع ۾ گذاري وئي. روس مان پاڻ فئمليءَ سان گڏ فنلئنڊ اچي رهي، جيڪو ان وقت سئيڊن جو حصو هو. (اڄ به فنلئنڊ جي ڪيترن حصن ۾ سئيڊش زبان هلي ٿي.) 1908ع کيس ٽي بي ٿي پيئي ۽ زندگيءَ جا آخري ڏينهن سئٽزرلئنڊ ۾ گذاريائين.
    سئيڊش زبان م ايڊٿ جو شعر ۽ پوءِ ترجمو
    DAGEN SVALNAR
    Dagen svalnar mot kvallen….
    Drick varmen ur min hand,
    Min handhar samma blood som varen
    Tag min hand, tag min vita arm,
    Tag mina smala axalrs langtan…..
    Det vore underligt att kanna,
    En enda natt, en natt som denna.
    Ditt tunga huvud mo mitt brost.
    انگريزي ترجمو:
    THE DAY COOLS
    The day cools toward evening….
    Drink the warmth from my hand,
    It throbs with spring’s own blood,
    Take my hand, take my white arm,
    Take the longing of my slender shoulders…..
    How strange if I could feel,
    one single night, a night like this.
    your heavy head against my breast.
    ايڊٿ جو هڪ ٻيوسئيڊش زبان جو شعر:
    LANDET SOM ICKE AR
    Jag langtar till lander som icke ar,
    Ty allting som, ar, ar jag trott att gegara.
    Menen berattar mig I silverne runor
    Am landet som icke r.
    Landet, dar all varaonskan klit under bart supplylled,
    Landet, dorall avara kedijor falla,,
    Landet, dar vi svaklka var sargade panna
    I manerns dagg.
    Mitt liv var en het villa.
    Men ett har jag funnit och ett har jag verkligen vunit.
    Vagen till landet som icke ar.
    انگريزي ترجمو:
    THE LAND THAT IS NOT
    I Long for the land that is not,
    Because all that exists, I’m too weary to want.
    The moon tells me in silvery runes
    About the land tha is not.
    The land where all our dreams are wondrously fulfilled,
    The land where all our chains fall,
    The land where we cool our bleeding brow
    in the dew of the moon.
    My life was a hot illustion.
    But one thing I have found and one thing I have really won,
    The way to the land that is not.


    يونيورسٽي ۾ اليڪشن

    سئيڊن جي هن رونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي هڪ تسليم شده ڪائونسل آهي جيڪا اسٽوڊنٽ يونين وانگرڪم ڪري ٿي ۽ کيس مئنيجمينٽ طرفان چڱا خاصا پاور مليل آهن. پريزيڊنٽ، وائيس پريزيڊنٽ، سيڪريٽري ۽ خزانچي ان جا اهم عهدا آهن. ان کان علاه هاسٽل، مئگزين، راندين ۽ سوشل ڪميٽي جي ڪمن لاءِ هڪ هڪ چيئرمين چونڊيو وڃي ٿو.
    وائيس پريزيڊنٽ جي پوسٽ نون آيل شاگردن لاءِ هوندي آهي. باقي پوسٽون فائينل ايئر- يعني ٻئي سال جي شاگردن لاءِ هونديون آهن. جيئن نون آيلن لاءِ فقط هڪ پوسٽ آهي ان ڪري ان تي هر سال مقابلو تمام سخت ٿئي ٿو. مختلف مذهبن، زبانن، ملڪن، علائقن ۽ رنگن جا شاگرد گروپن ۾ ورهائجي پنهنجي پسند جي اميدوارن کي کٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هونءَ ويٽنامي، چيني، فلپينو ۽ ٿائي ڀلي هڪ ٻئي سان وڙهندا رهن، پر اليڪشن جي معاملي ۾ هڪ ٿي هو پنهنجي تر جي همراهه کي کٽرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
    گذريل سال هن پوسٽ جي اليڪشن لاءِ ڇهه ڄڻا اميدوار بيٺا جن مان تنزانيا جو شاگرد مسٽر ڊئنيل ڪيسا وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو. ساڻس مقابلي ۾ ٻيا ارجنٽائنا، چلي، فلپين، جبوتي ۽ پاڪستان جو ڪئپٽن عاشق هئا. هن سال جيئن ئي چونڊن جي تاريخ مقرر ٿي ته وائيس پريزيڊنٽ جي پوسٽ لاءِ نالا کڄڻ لڳا. راحت کلندي مون کي چيو؛
    ”تون کڻي ان پوسٽ لاءِ مقابلي ۾ بيهه.“
    ”هڪ ته پاڻ سياست مان ڄاڻون ڪونه. ٻيو ته رڳو منهنجي ها ڪرڻ سان ڪو چونڊجي ته نه ويندس. ووٽ ڪير ڏيندو؟“ مون چيومانس.
    ”مڙيئي ڇهه ست ته ملي ويندا.“ راحت ٽهڪ ڏيندي چيو ۽ مون کان به کل نڪري وئي ۽ کيس هڪ چرچو ٻڌايم.
    “ميڪسيڪو شهر جي ميونسپالٽي جي اليڪشن ۾ هڪ همراهه کي فقط ٽي ووٽ مليا، سندس زال ڪيتروئي سمجهايس ته ان اليڪشن ۾ نه بيهه. ڪير به توکي ووٽ نه ڏيندو پر هو مڃيو ڪونه. ٽن ووٽن جو ٻڌي هن جي شڪي زال سخت ناراض ٿي ويئي. چي: ’ٻه ووٽ ته صحيح هئا. هڪ تنهنجو هڪ منهنجو. پر هيءَ ٽين ڪهڙي نڀاڳي تنهنجي زندگي ۾ داخل ٿي آهي جنهن توکي ووٽ ڏنو آهي.“ سو تون ڇهه ست ووٽن جو انگ چئين ٿو. ڇهه ووٽ پاڻ ڇهه پاڪستانين جا ته صحيح آهن پر هي ستون ووٽ ڪير ڏيندو؟“
    منهنجي اها ڳالهه راحت کي دل سان لڳي ته واقعي مقابلو کٽڻ لاءِ سؤ کان مٿي ووٽ ملڻ کپن. هن کي اميد هئي ته ويهه ووٽ ته پڪا آهن. ڇو جو ملائيشيا ۾ ڪافي وقت رهڻ ڪري اتي جي آيل ٻنهي سالن جي شاگردن جي مون سان سٺي دوستي آهي ۽ ملئي زبان اچڻ ڪري انڊونيشيا جي همراهن سان به سٺي عليڪ سليڪ آهي. (ملائيشيا توڙي انڊونيشيا ۽ برونائيءَ ۾ ساڳئي ملئي زبان هلي) بنگال ۾ رهڻ ۽ بنگالي زبان ڄاڻڻ ڪري بنگلاديش جي شاگردن جي ڏهه کن ووٽن جي پڻ پڪي اميد هئي- بشرطيڪه انهن مان ڪونه بيهي. اهڙي طرح هندستان ۽ سريلنڪا جي شاگردن جي ووٽن جي پڻ پڪ هئي. هونئن سياسي طرح هندستان، پاڪستان يا سريلنڪا ڀلي هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندا وتن پر ڪلچرلي اسين هڪ ٻئي جي ويجهو آهيون. ان جا ڪيترائي مثال ملندا. ولايت ۾ ڀلي ڪو مسلمان، ترڪ، عرب يا ايراني ملي پر پاڪستان ۽ هندستان جي هڪ عام ماڻهو کي پنهنجو پاڻ ۾ گڏ رهڻ ۽ هلڻ چلڻ ۾ مزو ايندو- چاهي هڪ هندو هجي ۽ ٻيو مسلمان. هڪ ٻئي سان گڏ اڙدو/ هندي زبان ڳالهائڻ ۾ آسانيءَ کان علاوه، ڪپڙا، گنديون، کاڌا پيتا، رسمون رواج، غربت ۽ سادگي، سماجي مسئلن ۽ ريتن رسمن ۾ ساڳي هڪجهڙائي جيڪا پاڪستانين جي هندستانين سان آهي، اها ٻين سان نه آهي.
    بهرحال ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ في الحال ارادو لاهي ڇڏيم. پر ٻن ڏينهن بعد هڪ ملئي وري ساڳي صلاح ڏني ته آئون اليڪشن ۾ ضرور بيهان.
    ”ووٽن جو ڇا ٿيندو؟“ مون کائنس وري ساڳيو سوال ڪيو.
    ”فڪر نه ڪر. ڪافي ملي ويندا. عرب ايراني توکي ئي ڏيندا، جو هو تو وٽ پڙهڻ لاءِ اچن ٿا ۽ تنهنجو ڪنهن سان به جهڳڙو ناهي. اخبارن ۽ يونيورسٽي جي نيوز ليٽر ۾ مضمون لکڻ ڪري توکي سڀ سڃاڻن ٿا. ترڪي، آذربائيجان، سوڊان ۽ ماريطانيا جا شاگرد ته سڄو ڏينهن توسان ئي گڏ ويهن ٿا“.
    ۽ هاڻ جڏهن ڏينهن ٻه رکي، نالن ڏيڻ لاءِ باقي وڃي ٻه ڏينهن بچيا ته بنگلاديش جي ڪئپٽن حبيب ساڳئي ڳالهه لاءِ اسان پاڪستانين کي سمجهايو ته ڪنهن طرح مونکي هائوڪار ڪري ان مقابلي ۾ حصووٺڻ کپي. هو فارم کڻي آيو هو. نامينيشن پاڻ ڪيائين ۽ ان وقت ڪولمبيا جي شاگردياڻي ائنا روزا لنگهي رهي هئي، سيڪنڊ لاءِ ٻي صحيح ان کان ورتائين.
    ”پوءِ ڀلا پڪو ارادو آهي نه؟ موڪلائڻ مهل راحت عزيز چيو.
    ”الله حافظ آهي. ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ ته پاڻ پاڪستانين کٽيو آهي. هاڻ جي هن اليڪشن ۾ هارايوسين ته دنيا پاڻ کي معاف ڪري ڇڏيندي.“ مون کلي وراڻيومانس.
    ”نه نه هن ۾ به پاڻ پاڪستاني ضرور کٽينداسين.“ راحت دلداري ڏني.
    ”ڇو ابا! پاڪستانين کي کٽائڻ جو دنيا ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ ڏٺئي نه ته گذريل سال پاڪستاني بيٺو پر کٽيائين ڪونه. سڀ کان گهٽ ووٽ کيس مليا.“ مون ياد ڏياريومانس.
    ”اهو ان ڪري جو، نه ڪئپٽن عاشق ۽ نه ٻين پاڪستانين آخر وقت تائين ڪا ڪوشش ڪئي. تولاءِ اسان هينئر کان ئي ورڪ ڪرڻ شروع ڪريون ٿا. مئرلين کي ڪلاس روم ۾ چيم ته مانيٽري لاءِ اسان توکي ووٽ ڏنو، هاڻ وائيس پريزيڊنٽ جي چونڊ لاءِ تون اسان جي ملڪي همراهه کي ووٽ ڏي.“ راحت ٻڌايو.
    ”ڌوڙ آهي پيئي، مئرلين سان ياري رکڻ جو توکي سٺو بهانوملي ويو. بهرحال اها ڳالهه پنهنجي جاءِ، باقي هوءَ اڪيڊار (وچ آمريڪا) ملڪ جي ٿي ڪري ووٽ پنهنجي ڪنهن لاطيني يا ڪرئيبن سمنڊ جي ٻيٽن مان بيٺل ڪنهن همراهه کي ڏيندي. يا ٿي سگهي ٿو ته ڪو اسپيني ڳالهائيندڙ بيهي وڃي ته پوءِ ان کي ووٽ ڏيندي جو پاڻ به اسپيني ڳالهائي ٿي.“ مون سمجهايومانس.
    ”ائين به آهي ڇا؟“ راحت تعجب مان پڇيو.
    ”گذريل سال ائين ئي ته ٿيو. آفريڪي ملڪن جا ووٽ فرينچ ۽ انگريزي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ورهائجي ويا. ڪينيا ۽ سينيگال جهڙن ملڪن جي مسلمان شاگردن به ووٽ اسان کي ڏيڻ بدران انگريزي يا فرينج ڳالهائيندڙ شيديءَ کي ڏنو.“


    فڪر جي ڳالهه ناهي

    هاسٽل ۾ پهچڻ سان ائنا روزا (ڪولمبيا جي شاگردياڻي) ملي. هو اسان کي ڳولي رهي هئي.
    ”ايڪسڪيوزمي!“ هن چيو، ”مون توهان جي نامينيشن فارم تي ڪالهه سيڪنڊنگ لاِءِ صحيح ڪئي هئي. اها واپس وٺڻ چاهيان ٿي، ڇو جو اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ وينزوئلا جي مسٽر اسپارا گوزا کي مقابلي لاءِ بيهاريو آهي ۽ مون هن جي فارم تي پڻ صحيح ڪئي آهي ۽ هڪ ئي وقت ٻن فارمن تي صحيح نٿي ڏئي سگهان.“ کيس فارم واپس ڪندي چيف انجنيئير راحت کي چيم.
    ”ابا ڏٺئي؟ آگي آگي ديکهيئي هوتا هي کيا.“
    ائنا روزا جي وڃڻ بعد راحت اڙدوءَ ۾ ڪافي بڙ بڙ ڪئي، جيڪي الفاظ فيروز سنز جي اڙدو ڊڪشنري ۾ ملڻ ناممڪن آهن.
    ”اسان کي موڊ آف ڪرڻ نه کپي.“ ڪئپٽن سليم چيو.
    ”موڊ جي ڳالهه ناهي. هونءَ وينزوئلا ۽ ڪولمبيا جا فوجي بارڊر تي هڪ ٻئي جي خلاف بندوقون ڇڪيو بيٺا آهن هي ڇوريءَ وري هلي آهي پاڙيسرين جا حق نباهڻ،“ راحت چيو، ”ان کانپوءِ پنهنجو تڪيوڪلام ’فڪر جي ڳالهه ناهي’ ورجايو.
    ”راحت! تنهنجو اهو ‘فڪر جي ڳالهه ناهي‘ تان مون کي هڪ ڀولڙي جي ڳالهه ياد اچي ٿي.“ مون چيومانس.
    ”ڪيئن؟“ راحت پڇيو.
    ”هڪل ڀولڙي جهنگ جي سڀني غريب جانورن؛ هرڻين، سهن، گدڙن، رڍن، ٻڪرين کي چيو ته اڄ کان آئون توهان جو بادشاهه آهيان. جيڪي وڻنوَ موج مزا ڪريو ۽ ڪنهن کان به ڊڄو نه. توهان جو ڪوبه نالو نه وٺندو. يعني خوش گذاريوفڪر جي ڪا ڳالهه ناهي.“
    هڪ ڏينهن اوچتو شينهن جي اچڻ جو اطلاع مليو. جانور ڊڄي ڀولڙي وٽ آيا ته هاڻ ڇا ٿيندو.
    ڀولڙي وراڻين ’فڪر جي ڳالهه ناهي‘ ان بعد ڊوڙ پائي ناريل جي وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو. ٿوري دير بعد لهي اچي کين ٻڌايو ته فڪر جي ڳالهه ناهي. ڪجهه دير بعد جانور وري ڀولڙي وٽ آيا ته شينهن واقعي هن طرف پيو اچي.سندس گجگوڙن جو آواز اچي رهيو آهي. ڀولڙي هڪ دفعو وري وڻ جي چوٽي تان ٿي اچي کين ٻڌايو ته فڪر جي ڳالهه ناهي.
    اهڙي طرح پريشان ۽ فڪر مند غريب جانور ذري ذري ڀولڙي کي پنهنجي خوف کان آگاهه ڪندا رهيا ۽ هر دفعي ڀولڙي ساڳيو عمل دهرائي ساڳيو جملوچيو ٿي.
    شينهن کي اچڻو هو سو اچي هڪ ٻه جانور هڙپ ڪري ويو. ان بعد جانور ڏوراپو ڏيندي ڀولڙي کي چيو: ”شينهن اسان جي ساٿين کي ماري ويو پر تو ڪجهه به نه ڪيو.“
    ڀولڙي ٿڌو ساهه کڻي چيو: ”آئون ڇا ڪريان، توهان خود ڏٺو ته مون ڪوشش ته ڏاڍي ڪئي.“
    ”سو راحت صاحب! اها وڻ تي چڙهڻ ۽ لهڻ واري ڪوشش نه ڪجانءِ.“
    ”نه اهاڳالهه ناهي،“ راحت چيو، ”مون کي لڳي ٿو ته سوڀ پنهنجي ٿيندي، انشاءَ الله.“


    نوابشاهه جي اليڪشن ۾ بهڻ جو کٽڻ

    ”دل کو بهلاني کو خيال اچها هي غالب- بنا محنت ۽ٺلهه تي جي کٽي ٿو وڃان ته منهنجو حشر به اهوئي ٿيندو جنهن لاءِ نوابشاهه جي 1988ع واري اليڪشن ۾ بهڻ صاحب چوندو رهيو.“
    کيس مون ٻڌايوته ”ماڻهن ڳالهه ٿي ڪئي ته ان اليڪشن کان اڳ بهڻ صاحب تقريرن ۾ پنهنجي ترجي ماڻهن کي چوندو هو ته بابا ٻن ٻن اجرڪن جو وڃي بندوبست ڪريو. ڇو جواليڪشن جي نتيجي بعد هڪ منهنجي کٽڻ لاءِ ۽ ٻي منهنجي مخالف جي هارائڻ جي صدمي ۾ مري وڃڻ ڪري ان جي مٿان وجهڻ لاءِ.
    سو لڳي ٿوته اهو خيال منهنجو به ٿيندو. بلڪه ان کان به وڌيڪ خراب، جو کٽڻ جي صورت ۾ خوشي ۽ اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿيڻ جي شاڪ ۾، ته ختم ٿي ويندس. پر هارائڻ ۽ گهٽ ووٽ ملڻ جي خواري ۽ صدمي ۾ پڻ.“ بهرحال ٻيو فارم وٺي ڪئپٽن حبيب ۽ ڪئپٽن سليم کان صحيحون ڪرايم، جو ٻن ڄڻن جون صحيحون ضروري هيون. فارم جمع ڪرائڻ لاءِ ’ڪورٽ آف آنر‘ جي چيئرمين نميبيا جي مسٽر وڪٽروٽ ويس ته اسان وارو آذربائيجان وارو يار چنگيز تيمور ولوو ان وقت خالي فارم وٺي رهيو هو. مونکي ڏاڍو تعجب لڳو:
    ”چنگيز تون به وائيس پريزيڊنٽ لاءِ بيهي رهيو آهين ڇا؟“ مون پڇيومانس.
    هن نٽائيندي نهڪار ڪئي.
    ”يار ڏس! صاف صاف ٻڌاءِ. آئون ائين ئي چرچن ۾بيٺو آهيان جو ٻيو ڪجهه ڪو پنهنجو نٿو بيهي. پر تنهنجي ٿوري به دلچسپي هجي ته آئون تنهنجي لاءِ هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيان.“
    ”نه آئون نه پيو بيهان، يقين ڪر، ٻئي لاءِ فارم وٺي رهيو آهيان.“ هن پڪ ڏني.
    ٻئي ڪنهن لاءِ ورتائين ٿي ان سان منهنجو واسطو نه هو. پڪ سندس سابق هم وطني روس جي ڪئپٽن سرگيءَ لاءِ هوندو.
    اليڪشن ۾ هاڻ باقي ٽي ڏينهن وڃي بچيا هئا. ٻئي ڏينهن يونيورسٽي ويندڙ ساڳي بس ۾ ترڪيءَ جو حسن بقال به هو. مون کي ڏسي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو.
    ”يار اسانکي خبرپئي آهي ته تون وائيس پريزيڊنٽ لاءِ بيٺو آهي.“ هن ويهڻ سان پڇيو.
    ”ها. في الحال اکري ۾ مٿو وڌو اٿم.“
    ”نه تمام سٺو ڪيو اٿئي. مون کي جيئن ئي خبر پئي ته ڏاڍو خوش ٿيس. انشاءَ الله عرب، ايراني، اسين ترڪ سڀ توکي ووٽ ڏينداسين. چنگيز کان علاوه گڏيل روس جي ٻين رياستن: لئٽ ويا، ايسٽونيا وغيره جا همراهه به توکي ووٽ ڏيندا ۽ ٻين کي به اسان Convince ڪرڻ ۾لڳا پيا آهيون. خبر اٿئي آئون ٿي ان پوسٽ لاءِ بيٺس. پر تنهنجو ٻڌي پروگرام ڪئنسل ڪري ڇڏيو.“
    ”اها ڳالهه ڪر. رات تنهنجي لنگوٽيا يار چنگيز تولاءِ فارم پئي ورتو.“
    ترڪيءَ جو حسن بقال ۽ آذربائيجان جو چنگيز ٻئي سٺا دوست آهن. ٻنهي کي انگريزي نٿي اچي. ٿوري گهڻي هتي اچي سکيا آهن. ٻنهي جي مادري زبان ترڪي آهي. سو سڄو ڏينهن ترڪيءَ ۾ خبرون ڪن. جنهن ۾ گهڻو حصو واپاري خبرن جو هوندو آهي ته وطن واپس هلي هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ ڇا امپورٽ ايڪسپورٽ ڪجي.
    حسن بقال جي سپورٽ بعد به مون کي پنهنجي پوزيشن ڪا اهڙي مضبوط نه پئي لڳي. عربن، ترڪن، ايرانين ۽ ننڍي کنڊ جي ڪيترن ملڪن جي ووٽن جي پڪ ٿيڻ بعد به ووٽن جو اهو تعداد باقي دنيا جي شاگردن جو هڪ ننڍڙو حصو ٿيو ٿي. سڄي آفريڪا، يورپ ۽ ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي ملڪن جا سٺ ستر سيڪڙو ووٽ ٿيا ٿي. ايشيا جا به اڃا ڪيترائي ملڪ رهيا ٿي. مون ڳالهه جو اظهار حسن بقال سان ڪيو ته ڪٿي پاڻ ڪچو ڪم ته نه ڪري رهيا آهيون.
    ”مقابلو سخت رهندو. پر پاڻ ڪوشش پوري پوري ڪنداسين. مسلمانن جا ووٽ ته پاڻ کي ملڻ کپن“ حسن بقال چيو.
    ”نه ائين چئي نٿو سگهجي. گذريل سال آفريڪا کنڊ جي ڪيترن شاگردن رنگ يا مذهب جي بنياد تي نه پر زبان تي ووٽ بازي ڪئي. ويندي جبوتي (عربي ملڪ) جي عليءَ پاڪستان جي عاشق کي ووٽ ڏيڻ بدران هڪ فرينچ ڳالهائيندڙ کي ڏنو. جبوتيءَ ۾ فرينچن جي حڪومت رهي آهي ۽ عربيءَ کان علاوه فرينچ ڳالهائي وڃي ٿي.“ مون ٻڌايومانس.
    ”پر هن ڀيري سڄي آفريڪا کنڊ جي ڪنهن به ملڪ جو اليڪشن ۾ نٿو بيهي. تنهنجي مقابلي ۾ جيڪي ٻه ڄڻا بيهن ٿا انهن مان ڪيئريبن ايريا جي ملڪ گايانا جو آهي ۽ ٻيو ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ وينزوئلا جو آهي جنهن سان ڪنهن به آفريڪي همراهه جو واسطو نه هئڻ کپي ۽ جهڙو تون تهڙا هو.....“ حسن بقال سمجهايو.
    ”پر گايانا جو همراه شيدڪي نسل جو آهي سو ٿي سگهي ٿو آفريڪا جي ڪارن جون همدرديون هن سان ٿين.“ مون ٻڌايومانس.
    ”ان معاملي کي آئون ڏسان ٿو. تون فقط اوڀر ايشيا وارن فلپينو، چيني ويٽنامي، ٿائي ۽ برمي همراهن کي پڪو ڪر.“ حسن بقال مون کي صلاح ڏني.
    ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي جي هن اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي هٿ هيٺ مختلف ڪميٽيون پڻ آهن جن مان هڪ ”هاسٽل ڪميٽي“ آهي جنهن جو چيئرمين اسان جو حميد قاضي آهي. هاسٽل ۾ رهندڙ ڏيڍ سؤ کن شاگردن مان هر هڪ جو هن سان واسطو رهي ٿو. لنچ بريڪ ۾ قاضي سان صلاح ڪيم تنهن چيو:
    ”چيني سؤ سيڪڙو شاگرد پاڻ کي ووٽ ڏيندا. هو ڪٽر ايشين آهن. آفريڪن، يورپين يا آمريڪن کي سنئون رخ به نه ڏيندا. گذريل دفعي به مس ٽئنگ اهوئي پئي چيو ته ووٽ پنهنجي تر جي ماڻهن کي ڏبو. پر تنهن هوندي به هنن سان ملي ووٽ لاءِ چوڻ ضروري آهي. ٽئنگ هنن سڀني جي لٺ سردارڻ لڳي ٿي. چين جي منسٽر آف ڪميونيڪيشن ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري آهي. سڀ هن جو چيو مڃين ٿا. تون رڳو ان سان ملي ڇڏ.“
    ”هونءَ چين ۽ پاڪستان جا تعلقات اهڙا سٺا آهن ۽ هنن جي طبيعت مان آئون ايترو واقف آهيان جو سمجهان ٿو ته اها هنن لاءِ هڪ معمولي ڳالهه آهي.“
    ”ڀلا ان سلسلي ۾ تون به همراهي ڪرائجانءِ.“ مون قاضي کي چيو.
    ”بس ڇٽين. تون ماٺ ڪري ويهي ڏس ته ووٽ ڪيئن ٿا ملن. شام جو اچجانءِ ته فائينل ايئر جي ڪجهه شاگردن وٽ وٺي هلندوسانءِ.“ هن وڏي هام هنئي.
    شام جو قاضي وٽ پهتس. هو تيار ٿي رهيو هو. تيسين آئون ڇهين فلور تي ڪمپيوٽر روم ۾ هليو ويس جو خبرپيئي ته چين جي مس ٽئنگ اتي پنهنجي ٿيسز لکي رهي آهي. پاڻ ايڏي وڏي عمر جي نه آهي پر طبيعت ماٺيڻي ۽ سنجيدي اٿس. مون اڃا ووٽ لاءِ چپ چوريا ته هن هڪدم وراڻيو:
    ”مسٽر الطاف! اسان چيني شاگردن توکي ووٽ ڏيڻ جو سوچيو آهي. گذريل رات اسان ميٽنگ ڪئي هئي ان ۾ سڀني يڪراءِ اهوئي فيصلو ڪيو.“
    آئون سندس ٿورا مڃي، ڪمپيوٽر روم مان ٻاهر نڪتس ته ملائيشيا جو چيني ڪئپٽن لي زي خيانگ بلئرڊ راند کيڏندي نظر آيو. کيس پاسيرو وٺي ملئي زبان ۾ووٽ جي ڳالهه ڪيم ته آيا ان جي اميد رکي سگهان ٿو يا نه.
    ”Jangan Susah Hati- دل غمگين نه ڪر.“ هن ملئي ۾ وراڻيو.
    ”اورانگ ويٽنامي اداڪا ڪاوان اتائو تاڪ“ چيني هجڻ ڪري مون ويٽنامي يا ٻين چينين لاءِ کائنس پڇيو ته اهي دوست اٿئي يا نه. ڇو جو ليءَ جو نه فقط ويٽنامي چينين تي پر برمين ۽ فلپينو همراهن تي پڻ ڪافي اثر رسوخ آهي، جو اهي ڪئلڪيولس، بولين اَلبرا ۽ بين حسابي ڪمن ۾، ڪلاس ۾ سڄو وقت ڪئپٽن لي کان مدد وٺن ٿا. ڪئپٽن لي انهن بابت به خاطري ڏني جو هونءَ به لئري ملر جي ملڪ (ٻيٽ) مارشل آئلينڊ کان وٺي فلپين تائين ۽ ڪوريا، انڊونيشيا کان رومانيا، پورچو گال تائين ڪو ٻيواميدوار نه هو ۽ هنن هڪ لاطيني آمريڪا واري کي ووٽ ڏيڻ بدران مون کي ڏيڻ جو اظهار ڪيو پئي.


    پنجابي فلمن جو ولين

    ايتري ۾ قاضي اچي ويو. سامهون ٽي وي روم ۾ جبوتي جو سيڪنڊ ايئر جو شاگرد ابوبڪر ويٺو هو. تنهن کي ڳٿر ۾ هٿ وجهي چيائين:
    ”اي يو فرينڊ! يو مسٽ ووٽ اور ڪنٽري مئن.“
    (Ae! You friend! You must vote for our Country Man.)
    ”توکي ميان اسان جي هم وطنيءَ کي ووٽ ڏيڻو پوندو.“ هن غريب اسلام عليڪم ڪري پهرين کيڪاريو ان بعد ووٽ لاءِ Yes Yes ڪري جان ڇڏائي. جبوتي جا ماڻهو عربيءَ کان علاوه فرينچ ڳالهائين ٿا. ان ڪري سندس انگريزي سٺي ناهي. بهرحال هن ڀڳل سڳل انگريزي ۾ ووٽ جي خاطري ڏني.
    ان بعد ساڳي خوفناڪ ادا سان اسانجي قاضيءَ سوماليه جي محمد خيريءَ کي ووٽ لاءِ چيو ۽ آئون بهانو ڪري نٽائي آيس. ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن تي دير سان پهتس ته ڪئپٽن سليم چيو ته قاضي شڪايت پئي ڪئي ته الطاف سست آهي.اليڪشن لاءِ ورڪ نٿو ڪري. ڀڄيو وڃي.
    ”نه بابا!ٰ“ مون کيس سمجهايو، ”قاضي جنهن پوليس اسٽائيل سان همراهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چوي ٿوته ان ۾ منٿ ميڙ گهٽ داداگيري گهڻي آهي. في الحال ظاهري طرح ته قاضيءَ جو ڇهه فٽو قد ڏسي هرڪو ها پيو ڪري پر بئلٽ باڪس ۾ منهنجو سر وڃائي ڇڏيندا..“
    ”پوءِ ڀلا؟“ سليم پڇيو.
    ”ان ڪم لاءِ ڪي ٻيا پير فقير تاڻيون ٿا؟ باقي قاضي جو اهو پنجابي فلمن جو ولين وارو اسٽائيل ٺهيل ڪم به ڊاهي رکندو.“
    ايتري ۾ اڪيڊار جي مئرلين ناشتي جو ٽري کڻي ڀرسان اچي لنگهي. پاڻ سڀني ۾ سهڻي آهي يا گهٽ ۾ گهٽ هن وقت يونيورسٽيءَ ۾ موجود عورتن ۾ هوءَ حسين ترين قرار ڏني وڃي ٿي.
    راحت چيو ”ڪنهن نموني سان مئرلين پاڻ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ته ان سان گڏ سندس اڳيان پويان هلندڙ ڏکڻ آمريڪي عاشقن گهٽ ۾ گهٽ اڌ لوڌ جا ووٽ ملي سگهندا.“
    ”ان لاءِ سعودي عرب جي الحاربيءَ کي چيو اٿم. جنهن جي اڳيان پويا وري مئرلين پئي هلي.“ مون ٻڌايومانس.
    ”پوءِ هوءَ ڇا ٿي چوي؟“ راحت پڇيو.
    ”هوءَ ته الائي ڇا چوندي ان جي خبر ناهي. اڃا مون فقط الحاربيءَ سان ڳالهه ڪئي آهي ته آيا هن جي چوڻ تي مئرلين ووٽ ڏيندي. ان تي هن خاطري ڏني آهي ته هو ووٽ ’به‘ ضرور ڏيندي.“
    ڪئپٽن سليم منهن کي موڙو ڏيئي بيزاري مان چيو؛
    ”الحاربي وڏو اچي هن جو گهوٽ لٿو آهي ۽ هن جو ’به‘ تي زور ڏيئي چوڻ مان ڇا مراد آهي.“
    ”بس ان ڪم لاءِ الحاربيءَ ٺيڪو کنيو آهي ۽ هوءَ الحاربيءَ جو ضرور چيو مڃيندي. تيسين پاڻ ٻين کي گهيرو ڪيون.“ مون وراڻيومانس.
    اليڪشن واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي لاءِ بيٺل اسان ٽنهي اميدوارن کي پنج پنج منٽ تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنوويو جيئن آخري دفعو ووٽرن کي مطمئن ڪري سگهون.
    ان کان علاوه هرهڪ اميدوار جي دوستن ڪمپيوٽر ذريعي نالا ۽ تصويرون ٺاهي جتي ڪٿي هاسٽل توڙي يونيورسٽي ۾ هڻي ڇڏيون ته ووٽ جو سچو حقدار فلاڻو آهي. وغيره.
    ٻئي ڏينهن صبح کان اليڪشن شروع ٿي ۽ هر هڪ شاگرد دٻي ۾ ووٽ وجهندو ويو. شام جو ڳڻپ بعد موراڪو جي امين اچي ٻڌايو ته سڀ کان گهڻا ووٽ مون کنيا آهن. ان وقت اسان جو ڪمپيوٽر ڪلاس هلي رهيو هو. سعودي عرب ۽ ايران جا بيحد خوش ٿيا جو گهڻي محنت انهن جي هئي. پنهنجي ووٽن سان گڏ ٻين ڪيترن کي مطمئن ڪرڻ ۾ انهن جو هٿ هو. هاڻ هفتي ڏيڍ بعد پهريون وارو وائيس پريزيڊنٽ چارج منهنجي حوالي ڪندو. ان بعد ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566325
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215655
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ