ڪتاب جو نالو: اسان زندھه رھنداسين (آتم ڪٿا)
مصنف: زيب سنڌي
ڇپائيندڙ: سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 1983
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 14 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 888 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 362 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
فلسطين جي انقلابي عورت ليليٰ خالد جي آتم ڪھاڻي.
ڪشور ناهيد پاران اردوءَ ۾ ڪيل ترجمي جو سنڌيڪارزيب سنڌي آهي. ڪتاب 1983ع ۾ سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو.
ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ شاھنواز سومرو صاحب جي محنتن جو ثمر آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ڳالھيون
  • ڏاڪڻ
  • تعليم ۽ انقلاب
  • ڪويت ۾ جلاوطن
  • نئين انسانيت جو اعلان
  • آمريڪا ۾ فلسطين
  • اردن ۾ آمريڪا
  • اسان گُم ٿيل انسانيت جا ترجمان آھيون

  • ڪتاب بابت

    اسان زندھه رھنداسين

    [فلسطين جي انقلابي عورت
    ليليٰ خالد جي آتم ڪھاڻي]

    سنڌيڪار:
    زيب سنڌي

    سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو
    1983ع

    ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ- شاھنواز سومرو


    ڳالھيون

    ڪتابن جو نوس نوس ڪرڻ جي پراڻي عادت سبب، رستي ويندي،ڪراچيءَ ۾ ھڪ ڪتاب گھر اندر لنگھي ويس. پنھنجي ڌُن ۾ ڪتاب ڏسي رھيو ھوس، جو ليليٰ خالد جو نالو ڪَنِ پيم. (ليليٰ خالد! جنھن جي باري ۾ ننڍپڻ کان ھر خبر ڏاڍي ڌيان سان پڙھندو/ ٻڌندو ھوس. جنھن جي ھر تصوير ڏاڍي عقيدت ۽ محبت سان ڏسندو ھوس.)
    ھڪ خريدار دڪاندار کان پڇي رھيو ھو، ”ليليٰ خالد اڃا زندھه آھي؟“
    ”ھا.“ دڪاندار چيو.
    ”پوءِ ڇڏينس. جڏھن مري ويئي، تڏھن پڙھنداسين.“ خريدار ھٿ ۾ جھليل ڪجھ ڪتابن مان ھڪ ڪتاب دڪاندار کي واپس ڏيڻ لاءِ وڌايو. پر دڪاندار کان اڳ، مون ھٿ وڌائي اھو ڪتاب کانئس ورتو.
    ڏٺم، ليليٰ خالد جي آتم ڪھاڻي ھئي. چيم، ”جيڪڏھن اھڙا ماڻھو مري ويا، ته دنيا ۾ ڪجھ نه رھندو- ڪجھ به نه.“ ۽ مون اھو ڪتاب خريد ڪري ورتو. ڪتاب ايترو ته دلچسپ ۽ معلوماتي لڳو، جو مون ٽيھارو صفحا پڙھڻ کان پوءِ ئي ترجمي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
    ھيءُ ڪتاب مون اردوءَ تان ترجمو ڪيو آھي. جنھن لاءِ مان اردوءَ جي مترجم، اردوءَ جي مشھور شاعرا ڪشور ناھيد جو ٿورائتو آھيان.

    زيب سنڌي
    4 سيپٽمبر 1983ع


    ڏاڪڻ

    (1)

    منھنجو تعلق حيفا سان آھي، پر مون کي پنھنجو جنم- ھنڌ ڏاڍو گھٽ ياد آھي. منھنجي ذھن ۾ اُھا جاءِ محفوظ آھي، جتي مان ھڪ ننڍڙي ٻارڙيءَ جي حيثيت سان کيڏندي ھيس. جڏھن مان چئن سالن جي ھيس، جو مون کي حيفا کان نيو ويو. 21 سالن کان پوءِ، 29 آگسٽ 1969ع تي مون ٻيھر حيفا ڏٺو- جڏھن مان ۽ ڪامريڊ سليم ھڪ سامراجي جھاز تي قبضو ڪري فلسطين آياسين، جيئن دشمن جي قبضي ھيٺ آيل ملڪ سان عقيدت جو اظھار ڪري سگھون، ۽ پنھنجي ڌرتيءَ تي اھو به واضح ڪري سگھون، ته اسان پنھنجي اباڻي وطن کي وساريو ناھي. افسوس اھو آھي ته، ڪمزور اسرائيلي دشمن اسان کي آمريڪي ۽ فرانسيسي جھازن جي دستن ۾ وڪوڙي، اسان جي ڌرتي تي لاٿو.
    حيفا بابت مونکي پنھنجن وڏن، دوستن ۽ ڪتابن ذريعي ئي ڄاڻ حاصل ٿي ھئي، مون پولار مان ئي پنھنجي ڌرتيءَ جي رنگ کي محسوس ڪيو، ۽ پنھنجي اباڻي ڌرتيءَ بابت خيال مرتب ڪيم. حيفا کي جبلن جي عافيت، سمنڊن جو ميلاپ ۽ ميدانن جي وسعت نصيب ٿيل آھي. پر مونکي اتان جي ھوا ۾ ساھ کڻڻ جو اختيار حاصل ڪونھي. يورپي يھودي ۽ سندن ساٿي، ھٿيارن جي زور تي انھيءَ ڌرتيءَ تي قابض آھن. اسان کي جلاوطن ڪيو ويو آھي، ۽ ھو غاصب ھوندي به مالڪ آھن! اھي منھنجي شھر ۾ انھيءَ ڪري ٿا رھن ته، اڳ ۾ ته ھو يھودي آھن، ۽ ٻيو ته طاقت به ھنن وٽ آھي. جڏھن ته اسين، فلسطيني عرب ھٿين خالي آھيون، پر صحرائن جا پٽ، اسان جا سپوت، انھيءَ عزم سان جيئن ٿا ته اسان به قوت حاصل ڪنداسين ۽ آزادي به.
    مونکي پنھنجي خاندان ۽ سڀني فلسطينين جيان حيفا پسند آھي. شروع شروع ۾ حيفا لاءِ منھنجو عشق جذباتي سطح جو ھو- جيئن خوابن جھڙي ڌرتيءَ لاءِ ٻار جا جذبا ھوندا آھن. پر جيئن جيئن مان وڏي ٿيندي ويس، تيئن پاڻ بابت سوچ ۽ علم وڌندو ويو. مونکي خبر پئي ته، منھنجون ته تاريخي پاڙون آھن، ۽ اسان جي جدوجھد سان ڀرپور تاريخ آھي؛ ۽ منھنجي قوم ٻين قومن کان وڌيڪ نه، ته سندن برابريءَ جھڙي حيثيت رکندڙ ضرور آھي. مونکي اھو يقين پڻ ٿيو ته منھنجي طبقي جا ماڻھو ۽ ڪارڪن، استحصال جا شڪار ماڻھو ئي سڄي قوم کي قدامت جي پستيءَ مان ڪڍي، جبر کان آزاد ڪرائي سگھن ٿا. مونکي اسڪول ۾ جو ڪجھ پڙھايو ويو ھو ته، اسانجي ڪابه تاريخ ناھي، ۽ فلسطيني ڪائي قوم ناھي. علم جي جستجو مونکي انھيءَ حد تائين آندو، جتي خبر پيم ته ھٿ ٺوڪين مؤرخن ڪيئن اسانجي ڪردار ۽ اسانجي ذڪر لائق ڪارنامن کان انڪار ڪيو آھي.
    مون کي خبر ھئي ته مونکي تاريخ ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻو آھي. مان پنھنجي عوام، ۽ پاڻ پنھنجي ذات جي آزاديءَ لاءِ انقلابي بڻجي ويس. مان دراصل 1930ع جي ھڪ فلسطيني انقلابيءَ ازدين ڪسم کان ڏاڍي متاثر ھيس- جنھن عرب سرزمين تي سڀ کان اڳ، منظم طريقي سان مزدورن ۽ ھارين جي انقلاب کي عملي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. انھيءَ سلسلي ۾ ھو ھڪ ڊگھي عرصي تائين لڪل سرگرمين ۾ مصروف رھيو. 1935ع ۾ ماڻھن جي لڳاتار غداري ۽ مقصد کان غفلت کي ڏسندي ھن ھٿياربند جدوجھد شروع ڪئي. اھا جدوجھد برطانوي سامراج، يھودين ۽ عرب قدامت پسنديءَ جي خلاف ھئي. انقلابين ۾ مزدور، ھاري ۽ ترقي پسند ماڻھو شامل ھئا. انھيءَ بغاوت جو سبب برطانوي سامراج پاران يھودين ۽ رجعت پسند عربن جي مدد سان فلسطينين کي محڪوم ڪرڻ جي ڪوشش ھئي. 1936ع ۽ 1939ع جي وچ ۾ فلسطين تي يھودين جو قبضو ٿي ويو. جڏھن ته مؤرخ انھيءَ کي 1946ع ۽ 1948ع وارو وقت چون ٿا. 1936ع ۾ ھارين جي ھڙتال اپريل کان آڪٽوبر تائين ھلي. مقصد اھو ھو ته، فلسطين ۽ عرب سڃاڻپ جي مرحلن کي مضبوط ڪري، جمھوريت جي واڌاري لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي. ۽ فلسطين ۾ ايندڙ يھودين ۽ برطانوي پٺوئن کي ڌِڪي ڪڍيو وڃي. پر نتيجو اھو نڪتو، جيڪو سامراجين گھريو ٿي. رائل ڪميشن 1937ع ۾ قائم ٿي، جنھن فلسطين جي ورھاڱي جو منصوبو پيش ڪيو، جيڪو تسليم ڪيو ويو. تنھن ڪري انقلابي تحريڪ ويتر زور وٺي ويئي. پر فلسطيني غدارن ھٿان، جن جي پٺ ڀرائي عرب حڪومت جا معتمدين ۽ برطانوي يھودي ڪري رھيا ھئا، ھن تحريڪ کي دٻايو ويو ۽ ڪسم کي شھيد ڪيو ويو. اھو يقين ته ٿي ويو ھو ته، انقلاب بھرحال ھن علائقي جو مقدر آھي، پر دشمن انقلاب جي روشنيءَ کي في الحال ته ختم ڪري ڇڏيو، ۽ ڪسم جي ڪردار تي گند ھڻڻ جي ڪوشش ڪئي. فلسطين جي آزاديءَ جو پاپولر فرنٽ ڪسم جي شھادت کان پوءِ وجود ۾ آيو. ھن جي نسل انقلاب جي شروعات ڪئي ھئي، ۽ منھنجي پيڙھي انقلاب کي مڪمل ڪندي.
    مون 1936ع ۾رستخير جي ڪھاڻي اڪثر ڪتابن ۾ پڙھي. پر مان ذاتي تجربن جي حوالي سان 1948ع کان پنھنجي ديس واسين جي تلخ زندگيءَ کان واقف آھيان. مون 13 اپريل 1948ع تي، پنھنجي چوٿين جنم ڏينھن کان فقط چار ڏينھن پوءِ حيفا کي الوداع چيو. منھنجو جنم- ڏينھن نه ملھايو ويو، جو 9 اپريل تي فلسطين ۾ يوم- ماتم ھو. ھاڻي مان 29 سالن جي آھيان، پر مون اڄ تائين پنھنجو ڪوبه جنم- ڏينھن نه ملھايو آھي- ۽ انھيءَ ڏينھن تائين نه ملھائينديس، جيسين وري حيفا واپس نه وران. ڇو ته حيفا کي مون پنھنجي مرضيءَ سان نه ڇڏيو ھو. اھو فيصلو منھنجي خاندان نه، پر انھن ماڻھن ڪيو ھو، جن جا ھٿ اسان جي نسل جي رت سان رنڱيل آھن.
    منھنجي خاندان جا يھودي پاڙيسرين سان سٺا لاڳاپا ھئا. اسان اسٽين ٽون اسٽريٽ ۾ رھندا ھئاسين، جتان يھودي ھيڊ ڪوارٽر ويجھو ھو. اھو علائقو حيفا جي فيشن ايبل علائقن ۾ شمار ٿيندو ھو. منھنجي يھودي ٻارن سان ڄاڻ سڃاڻ ھئي. منھنجي سڀ کان سٺي سھيلي تمارا يھودڻ ھئي، پر اسان منجھ ڪوبه فرق نه ھوندو ھو. مونکي عرب ۽ يھوديءَ جي فرق جي ڄاڻ نه ھئي. منھنجي ۽ تمارا جي لاڳاپن ۾ تبديليءَ جو موڙ ته 29 نومبر 1947ع تي آيو جڏھن گڏيل قومن فلسطين کي ورھائي، مون کي ۽ تمارا کي ڌار ڌار ڪري ڇڏيو. تمارا جي حصي ۾ 56 سيڪڙو علائقو آيو. (جڏھن ته يھودين پنھنجو آدمشاريءَ جي حساب سان فقط 8 سيڪڙو علائقي جي گھُر ڪئي ھئي.) مون مان اھا اميد ڪئي ويئي ھئي ته، مان انھيءَ فيصلي کي قبول ڪري وٺنديس ۽ تمارا جي نسل وارن کي واڌايون ڏينديس. مونکي پنھنجي انسانيت کان انڪار، ۽ يھودين جي اخلاقي- قانوني حيثيت کي مڃڻ ۽ پاڻ کي پنھنجي ئي گھر ۾، ۽ پنھنجيءَ ئي ڌرتيءَ تي پناھگير سمجھڻ لاءِ چيو ٿي ويو. عالمي يھوديت، آمريڪي سامراجيت ۽ سندس پٺوئن، مون لاءِ جلاوطنيءَ جي زندگيءَ کي مقدر بڻايو. وري سندن اھو مطالبو ته، اسان سندن اھو فيصلو قبول به ڪيون، جيئن سندن مطالبو حقيقي لڳي، ۽ سندس ھجرت ڪرڻ وارا ھڪ وار اچي آباد ٿين ته معاملو باقائدي طئي ٿي وڃي.
    گڏيل قومن پاران فلسطين کي ورھائڻ جي منصوبي جي اعلان تي ٽي ڏينھن عام ھڙتال ٿي. پر اھا ھڙتال قطعي بي اثر ھئي. عرب قومي تحريڪ قطعي ختم ٿي چڪي ھئي. روايتي ادارا مضبوط ٿي چڪا ھئا. ڪارڪنن ۽ ھارين جون نيون تنظيمون ايترو مضبوط نه ٿيون ھيون جو قومي آزاديءَ جي عظيم ڪم ۽ مقصد جون ضرورتون پوريون ڪري سگھن. عجيب افراتفريءَ جي حالت ھئي. عرب يھودين کي ماري رھيا ھئا. يھودي عربن تي حملا ڪري رھيا ھئا. جيتوڻيڪ يھودين جي جارحيت منظم ۽ بامقصد ھئي، جڏھن ته عربن جي جارحيت انفرادي ۽ غير منظم ھئي. يھودين وٽ وڙھڻ وارا به ھئا ته ھٿيار به. ھنن جي ھٿيار بند فوج به ھئي ته جنگ جي نفسياتي طريقن کان به واقف ھئا. تنھنڪري يھودي اسان کان حيفا ڦُرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عربن جو ڪمانڊر سرجان گلپ پاشا، جنھن جو تعلق اردن سان ھو، پنھنجي حيفا رجميٽ کي حيفا خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جيڪو حڪم برطانوي منصوبي سان ھڪ جھڙائي رکندڙ ھو، ۽ حيفا کي خالي ڪرڻ ۽ يھودين فتح کي مڪمل ڪرڻ ڏانھن قدم ھو.
    تنظيم ھئڻ ۽ بچاءَ جي سمجھ ھئڻ سبب يھودين کي اندازو ٿيو ته گھٽ وقت، محنت ۽ ماڻھن جي سيڙپ سان ھو پنھنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا. حيفا جا 80 ھزار عرب پنھنجي سِر کي مقدم سمجھي، حيفا خالي ڪري آيا. اھا نيڪالي 9 اپريل يعني منھنجي جنم- ڏينھن کان شروع ٿي. يھودين ديرياسين جي ماڻھن جو وحشياڻو قتل عام ڪيو. اھو ھڪ اھڙو جرم ھو، جنھن يھودين جي بي رحميءَ کي واضح ڪيو، ۽ عربن کي چپ چپات ۾ شھر کان نڪرڻ تي مجبور ڪيو.
    حيفا جي ڌرتيءَ تي 254 ماڻھن جي قتل، ۽ سوين عربن جي زخمي ھئڻ جو نذرانو ڏنو ويو. سندن خيال ھو ته اڃا ٻين ماڻھن جو قتل پڻ ٿيندو. سڄي شھر ۾ ڊپ ۽ ھراس ڦھليل ھو. ٻن ڏينھن کانپوءِ اھو ھراس منھنجي اڳيان به اچي بيٺو. مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو موت ڏٺو. مون کي ياد ناھي ته منھنجي سامھون مرڻ وارو يھودي ھيو يا عرب. مون کي فقط بم جو ٺڪاءُ ۽ مرڻ واري جي پيٽ مان بم لڳڻ سبب رت نڪرڻ ياد آھي. مان ڏاڪڻ ھيٺان لڪي ويس، ۽ گھٽيءَ ۾ پيل لاش کي گھوريندي رھيس. مان اھو سوچي ڊڄي رھي ھيس ته ڇا منھنجي پيءُ جو مقدر به اھو موت آھي!
    خوف ۽ ھراس جي انھيءَ ماحول منھنجي خاندان کي به پنھنجا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اسان سڀ اَٺ ھئاسين. 13 اپريل 1948ع تي اسان سڀ سور ڏانھن روانا ٿياسين. مون کي ڪنھن نه ٻڌايو ته اسان ڇو وڃي رھيا آھيون، ۽ نه منھنجي سمجھ ۾ آيو. امان ڀاڙي جي ھڪ گاڏيءَ ۾ اسان کي ۽ ڪجھ سامان کي وجھي، بي ھوشيءَ جي حالت ۾ کڻي روانو ڪيو. ٿورو اڳتي وڌياسين ته خبر پئي ته اسان مان ھڪ گھٽ آھي. رڙيون واڪا ٿيا. اِھا مان ھيس، جنھنجي ڪنھن کي خبر نٿي پئي. گھڻي دير کان پوءِ منھنجي ٻن وڏين ڀينرن مون کي ھڪ وڏي دٻي پويان لڪل ڏسي ورتو، ۽ پٽاٽن جي ٿيلھي جيان ڳچيءَ کان کڻي امڙ جي سامھون پيش ڪيائون. مان ڏاڍي ڪاوڙيل ھيس، ۽ مون کي اڃا به سمجھ ۾ نٿي آيو ته اسان حيفا ڇڏي، سور ڇو ٿا وڃون. منھنجي پيءُ اسان سڀني کي ڳوڙھن ڀريل اکين سان الله واھي چيو، ۽ پاڻ اُتي ترسي پيو. مون کي ياد آھي، منھنجي اکين ۾ بس ھڪ شيءِ ھئي. پنھنجي گھر جي ڏاڪڻ.
    مان ڪيترن مھينن تائين بابي سان نه مليس. جڏھن ھو سور آيو ته ڏاڍو لٿل ھو. ھو ڪنھن به قيمت تي حيفا کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه ھو. پر حيفا تي يھودين جي قبضي کان ھڪدم پوءِ 22 اپريل تي بابي کي حيفا ۽ ڌنڌي، ٻنھي کي ڇڏڻو پيو. پوءِ ھن اھو به ڏٺو ته يھودي اسان جي گھر ۾ داخل ٿي رھيا آھن. پوءِ ھن ڏٺو ته اسان جي گھر جو فرنيچر کنيو پيو وڃي، پوءِ بابي کي مصر موڪليو ويو.
    ٽي چار مھينا مصر ۽ ٻين ھنڌن تي خوار ٿيڻ کان پوءِ، ڏاڍي مشڪل سان بابو پئسي پئسي جو محتاج ٿي اچي نيٺ سور پھتو. ٽيھن سالن تائين ڏينھن رات اسٽور ڪيپر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ وارو شخص ھاڻي پئسي پئسي جو محتاج ھو. ھو انھيءَ ڳالھ سبب به ڏکارو ھو، ته کيس لبنان جي شھرت نه ملي ھئي. ھو 1966 تائين يعني مرڻ گھڙيءَ تائين لبنان ۾ جلاوطن جي حيثيت سان رھيو. 18 سالن تائين ھو حيفا واپس ورڻ جي خوابن سان زندھ رھيو. پنھنجي پيءُ جي ڌيءُ جي حيثيت سان، پنھنجي پيءُ جي خواب کي تعبير ڏيڻ چاھيان ٿي. مان پنھنجي پيءُ ۽ قوم جي خوابن کي نابود ٿيڻ نه ڏينديس. جيڪڏھن مان فلسطين وڃڻ، ۽ فلسطين ۾ رھڻ تائين زندھ نه رھيس ته منھنجو اولاد يقينن اھو زمانو ڏسندو.
    اولھ جا مؤرخ ۽ محقق اھو ٿا لکن ته، يھودي ميئر جي انھيءَ اعلان جي باوجود، ته ٻنھي نسلن جا ماڻھو مٺ محبت سان رھندا، عربن حيفا مان لَڏڻ شروع ڪيو! جيڪڏھن ميئر جو اعلان سچي نيت وارو ھجي ھا ته ڇا ھو انھيءَ وڳوڙ کي روڪي سگھي ھا، جيڪو شروع ٿي چڪو ھو. ڇا يھودين جو قبضي جو جنون گھٽ ٿي سگھي ھا، ۽ ڇا عربن کي نقصان رسائڻ جي ڪريل حرڪتن ۾ گھٽتائي اچي سگھي ھا؟ جيڪڏھن اھو ممڪن ھو ته پوءِ منھنجي ڀائرن جو قتل ڇو ٿيو، منھنجي ڀينرن جي لڄ ڇو لوئي وئي؟ جيڪڏھن اھو ممڪن ھو ته پوءِ ”معصوم برطانوي“ حاڪمن سوين ننڍيون ٻيڙيون ڇو ڏنيون، ته حيفا کان سور تائين فلسطينين کي نيو وڃي؟ جيڪڏھن اسان پنھنجي مرضيءَ سان گھر ڇڏي ويا ھئاسين، ته پوءِ آخر ڪھڙي مجبوري ھئي، جنھن جي ڪري يھودين اسان جي ملڪيتن ۽ ھر ذڪر لائق شيءِ تي قبضو ڪري ورتو؟ ھي اُھي سوال آھن، جن جا جواب ھر عزت لائق يھودي ۽ انھيءَ مؤرخ کي تلاش ڪرڻا پوندا، جن کي پنھنجي لفظن جي عزت جو اعتبار آھي.
    اھو به چيو وڃي ٿو ته عربن جو مقصد حيفا تي ٻيھر قبضو ڪرڻ ھو. يھودين کي کڻي سمنڊ ۾ اڇليو وڃي، ۽ انھيءَ مقصد لاءِ عرب ملڪن ويھ ھزار ماڻھن جي ھڪ فوج به تيار ڪئي. پر اھي فوجون نه باقاعدہ تربيت حاصل ڪيل ھيون، ۽ نه انھن وٽ جديد ھٿيار ھئا. جڏھن ته سندن مقابلي ۾ سٺ ھزار تربيت حاصل ڪيل يھودي ھئا. عربن جي ڪائي مرڪزي قيادت ۽ ڪائي اخلاقي تحريڪ نه ھئي، جيڪڏھن ڪو ڪارنامو ٿي وڃي ھا ته، اھو اجتماعي نه، پر انفرادي عمل ھجي ھا. ھنن چواڻيءَ، عرب فوجون ته مئل سماجي ڍانچي جي قرباني ڏيڻ جيان ھيون، جيڪي جديد تربيت حاصل ڪيل دشمن جي مقابلي ۾ ڌڪجي وڃن ھا. اڃا به سمجھيو ٿي ويو ته ھو کٽي وڃن ھا.


    (2)

    لبنان اچڻ کان پوءِ، جڏھن به مان ڪنھن وڻ مان نارنگي پٽيندي ھيس، تڏھن امان دڙڪا ڏيندي ھئي. مان تنگ ٿي پڇندي ھيس، ”امان تون جھلين ڇو ٿي؟ اڳي ته ائين نه چوندي ھئينءَ!“ ۽ امان ڳوڙھا اگھندي چوندي ھئي، ”پُٽ تون حيفا ۾ ناھين. ھي باغ تنھنجو ناھي، ھاڻي تون ٻئي ملڪ ۾ آھين.“ انھيءَ کان اڳ جو مان اندر ڊوڙي وڃي ڳوڙھا اگھان، ھوءَ منھنجو منھن پنھنجي ھٿن ۾ جھلي، اعتماد سان چوندي ھئي، ”ھاڻي تون اھي نارنگيون نه پٽيندينءَ، جن تي اسان جو حق ناھي.“ مان ننڍپڻ جي معصوميت سان اقرار ۾ ڪنڌ لوڏيندي ھيس، پھريون ڀيرو منھنجي لاءِ جلاوطنيءَ جو احساس اڳيان اچي بيٺو ھو.
    چئن سالن جي عمر ۾ منھنجي سامھون حق ۽ ناحق، زندگي ۽ موت جھڙا سوال اچي بيٺا. مان جيڪا گڏيل قومن جي ڏنل راشن ڪارڊ تي مانيءَ جي حقدار ھيس، ۽ ھڪ ڪمري ۾ اٺن ماڻھن جي خاندان ۾ دٻيل دٻيل ساھ جي اجازت ۾، اندر ئي اندر يھودين جي غير انساني رويي جو زھر پنھنجي زبان تي محسوس ڪري رھي ھيس. منھنجي اندر جي دنيا ۾ تباھيءَ سبب منھنجي طبيعت ۾ طوفان جھڙو جوش ھو، مان پنھنجي خاندان سا گڏ مايوسين جي ڏينھن کي زندگي سمجھڻ لاءِ مجبور ھيس.
    1948ع جي سياري جي ھڪڙي ئي ياد ڪافي آھي. مان پنھنجي ڀينرن نول، رفيه ۽ راھاب سان گڏ، گڏيل قومن جي امدادي مرڪز مان راشن وٺڻ ويس، منھنجي ڀينرن کي تنگ ڪيو ويو. امان سخت ناراض ٿي. ھتي اسان بين الاقوامي خيرات تي زندہ ھئاسين، جڏھن ته يھودي، فلسطين ۾ اسانجي محنت جو ڦل کائي رھيا ھئا! منھنجا مغربي دوست ٻڌائين ٿا ته، يھودي چون ٿا ته، جڏھن ھنن فلسطين تي قبضو ڪيو، تڏھن فلسطين ويران صحرا ھو، جتي فقط مڇر ئي ھئا. ھنن اُن کي جھومندڙ فصلن ۽ سون اُپائيندڙ واديءَ ۾ تبديل ڪيو آھي. ھو اِھو به چون ٿا ته يھودي ته امن ٿا چاھين- جڏھن ته عرب خانه بدوش لڳاتار حملا ۽ چوريون ڪندا رھن ٿا، ۽ فلسطين جي علائقي ۾ باھيون ڏيندا رھن ٿا.
    1948ع ۾ خزان جي موسم ۾ مونکي شرارتن کان بچائڻ لاءِ شيخ مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو. مون ۾ ڇوڪرن جيان کيڏڻ ۽ جارحيت جون خاصيتون ھيون، مان ڇوڪرن سان کيڏندي ۽ وڙھندي ھيس. منھنجي استاد زينه، چُست پوڙھي عورت ھئي، جنھن کي ٻارن سان بيحد پيار ھو، جنھن پنھنجي سڄي ڄمار ٻارن جي تربيت لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھئي. پر ٻارن کي سندس ڊگھيون ڊگھيون تقريرون نه وڻنديون ھيون.
    اسانجو اسڪول ۾ پڙھڻ جو ڪوبه پروگرام نه ھو. اھو ته بس وقت گذارڻ جو بھانو ھو. پر زينه ته سنجيدگيءَ سان مونکي قرآن پڙھائڻ جو منصوبو به ٺاھيو. ابجد سيکارڻ کان سواءِ ئي ھن پنجن کان ڇھن سالن جي ٻارن کي قرآن جا ڪجھ حصا ياد ڪرڻ لاءِ چيو. مون ياد به ڪيا. شيخ اسڪول مان ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه ھو. ھر پاس ٿيڻ واري کي عوام جي سامھون قرآن جا حصا قراَت سان ٻڌائڻا پوندا ھئا. مان حضرت يوسف جو قصو مزي سان پڙھندي ھيس، ته ڪيئن ھو مصر ڏانھن ويو، ۽ ڪيئن فرعون مٿس پنھنجا حڪم مڙھيا ۽ سزائون تجويز ڪيون.
    1959ع جي سرءُ جي مند ۾ فلسطينين لاءِ قائم ڪيل چرچز اسڪول جي پھرين ڪلاس ۾ منھنجي داخلا ٿي. انھيءَ سال گرمين ۾، مون پنھنجي ڀينرن کي قرآن پڙھندي ڌيان سان ٻڌو- ۽ جيئن جيئن مان قرآن ٻڌندي ھيس، تيئن اُن جي خيالن ۾ تصوير ٺاھيندي ويندي ھيس. مان رفيه سان ساڻ ساڻ ھوندي ھيس. جيئن ھوءَ ڪندي ھئي، مان به تيئن ئي ڪندي ھيس. جيڪو کيس ياد ھو، اھو مونکي به ياد ھو. ھوءَ اسڪول ۾ چوٿين درجي ۾ ھئي، ۽ مان سندس ڪلاس ۾ وڃڻ چاھيندي ھيس. مان انھيءَ ڪلاس ۾ داخلا جو ضد انھيءَ ڪري به ڪيو، جو پھريان ٻه ڪلاس شامياني ھيٺان زمين تي ھلندا ھئا. پر استاد مونکي پھرين ڪلاس ۾ ئي داخل ڪيو. مون ڪاوڙ منجھان رڙيون ڪيون، ”منھنجو امتحان وٺو، پوءِ ڏسو.“ مان چوٿين گريڊ جي عربي بنان ڪنھن غلطيءَ جي پڙھي ويندي ھيس. پوءِ استاد مون کان حسابن جو امتحان ورتو. اھو به پاس ٿيڻ جھڙو مون کي ايندو ھو. پر انگريزي منھنجي ناڪاميءَ جو سبب بڻجي وئي. مون کي انگريزيءَ جا بنيادي اکر ۽ چند اھي لفظ ايندا ھئا، جيڪي منھنجي ڀيڻ کي ايندا ھئا. جڏھن استاد بورڊ تي ”o “ لکيو، ته مون انھيءَ کي عربيءَ جا پنج سمجھيو. استاد کِلڻ لڳا، ۽ چيائون، ”تون واقعي ذھين ڇوڪري آھين، پر اڃا تنھنجو علم ٻئي گريڊ جي برابر ناھي. اسان تنھنجي ذھانت سبب توکي گريڊ ھڪ ۾ داخل ڪيون ٿا.“ ھڪ پاسي ته مون کي پنھنجي ٿورڙي سوڀ تي سرھائي ٿي، ۽ ٻئي پاسي ڪاوڙ ته مون کي وري ساڳي ڌرتيءَ واري ڪلاس ۾ ويھڻو پوندو. بھرحال ھاڻي مان ھڪ سنجيدہ شاگردياڻي ھيس، جيڪا عربيءَ کانسواءِ انگريزي، حساب، راند ۽ ڳائڻ سکي رھي ھيس. ھاڻي مان سليٽ تي لکڻ به ڄاڻندي ھيس. امان پنھنجي ڦاٽل پراڻن ڪپڙن کي ڪاٽي، مون لاءِ ھڪ اسڪول بيگ ٺاھي ھئي، ۽ مان پنھنجي انھيءَ سرمائي تي خوشيءَ مان نه ماپندي ھيس.
    اسڪول جي انھن شروعاتي ٻن سالن ۾، مان جلاوطنيءَ جي زندگيءَ جي ھيراڪ ٿي ويس. انھن ٻن سالن ۾ فقط ھڪ مظاھرو ٿيو، جنھن ۾ فلسطين جي ياد جا ڦَٽ وري اُکلي پيا. جيتوڻيڪ ھاڻي مون کي فلسطين جي قصي جي باقاعدي ڄاڻ ھئي. پر مون کي ائين لڳو، ڄڻ 15 مئي 1951ع جو مظاھرو منھنجي پڙھائيءَ ۾ ھٿ چراند ھو. اسڪول کان موڪل ملي ويئي، پر مون انھيءَ سلسلي ۾ ڪو خاص حصو نه ورتو. مون پنھنجي ماءُ کان مظاھري جو مطلب ۽ مقصد پڇيو ڇوته مون کي احساس ھو ته پاڻ جيڏن ٻارن ۾ مان اڪيلي ڇوڪري ھيس، جيڪا مظاھري ۾ شامل نه ھئي. امان چيو، ”توکي پنھنجي ڀينرن سان گڏ، فلسطين تي يھودين جي ظالماڻي قبضي خلاف مظاھري ۾ شامل ٿيڻ گھربو ھو.“ مون اھو ته مڃيو، ته مظاھرو ٺيڪ ھو، پر اھو به چيم ته اسڪول جو ڪم انھيءَ کان وڌيڪ اھم ھو. امان کي منھنجي ڳالھين مان غداريءَ جي بوءِ آئي، ۽ ھن مون غداريءَ جي ٽِن اھم ڏينھن جي ياد ڏياري، جنھن کي رکڻ ھر فلسطيني عورت ۽ مرد لاءِ جزوي زندگي ھئڻ گھرجي. پھريون، اعلان بالفور 2 نومبر 1917ع، ٻيو 1947ع تي فلسطين جو ورھاڱو، ٽيون 15 مئي 1948ع تي اسرائيل جو وجود ۾ اچڻ. تڏھن کان اھي ٽيئي تاريخون منھنجي زندگيءَ ۾ اھميت رکن ٿيون.
    1952ع منھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ نئون موڙ ثابت ٿيو. جيتوڻيڪ مان ان وقت فقط ٽن سالن جي ھيس، پر حالتن جي جبر ۽ جلاوطني جي اذيتن مون کي سياسي ڄاڻ بخشي ھئي. پھرين مون کي پنھنجي ڀاءُ سياست ۾ آندو. مون کي پنھنجي ڀاءُ محمد ۽ بابي جو ان وقت جو سياسي بحث ياد آھي. اُن وقت محمد جي عمر 17 سال ھئي، ۽ ھو سڄي خاندان کي ٻڌائي رھيو ھو ته ڪيئن نوجوانن جي ھڪ ننڍڙي فوج مصر جي بدنام حڪمران شاھ فاروق جو تختو اونڌو ڪيو ھو. بابو انھيءَ انقلاب جي مخالفن مان ھو، ۽ چئي رھيو ھو ته فوجين جي اھا جماعت بلڪل اڻ تجربيڪار آھي. کين نه سياست جي ڄاڻ آھي، نه ملڪي انتظام جي- ۽ ھُنن ، انھيءَ شخص جو تختو اونڌو ڪيو آھي، جنھن 1948ع ۾ فلسطين جي بچاءَ جي جنگ وڙھي ھئي. محمد جي ڪاوڙ وڌي ويئي. ھن بابي کي ياد ڏياريو ته بادشاھ ته برطانوي سامراج جو پٺو ھو. جنھن فلسطين ۾ جنگ ھارائي ھئي، ۽ چئن سالن تائين فلسطين کي ٻيھر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوبه خيال نه ڪيو ھئائين. تنھن کان علاوه بادشاھ سندس خاندان ۽ ڇاڙتا ته مصر جي دولت سان عوام کان وڌيڪ دلچسپي رکن ٿا! سڄو خاندان خوش ھو ته، محمد کي بابا کان به وڌيڪ سياسي ساڃاھ آھي. محمد مصري رسالي ”اليوسف“ مان ڪيترا ٽڪرا ڪٽي، پنھنجي ڪمري جي ڀتين تي ھڻي ڇڏيا ھئا. ھن اھي سڀ بابي کي پڙھي ٻڌايا، ۽ بابي ڏاڍي خوشيءَ منجھان پٽ کي ايڏي معلومات گڏ ڪرڻ تي مبارڪ ڏني، ۽ انقلاب جي رستي تي قائم رھڻ جون دعائون پڻ. ھاڻي ته محمد اسان لاءِ سياسي مبصر ۽ مبلغ ٿي ويو ھو. خاص طور تي ڇوڪرين ته ھن مان گھڻو ڪجھ پِرايو. ٻيو ته ھو آمريڪن يونيورسٽيءَ ۾ پڙھي رھيو ھو، ۽ اسڪالر کڻندو ھو. اُتي ھن پنھنجا لاڳاپا عرب يوٿ موومينٽ سان پيدا ڪيا. جنھن ڪري ھن کي معلومات ۽ تنظيمي صلاحيت حاصل ڪرڻ جو موقعو به مليو.
    1952ع جي سرءُ جي مُند ۾، مون پنھنجي فلسطينين لاءِ قائم ڪيل اسڪول ۾ داخلا ورتي، اھو مون لاءِ فيصلن جو سال ھو. ايندڙ ٽن- چئن سالن ۾ منھنجا سياسي خيال قطعي فيصلن تي پھچي ويا، ۽ مان سياسي طور تي پنھنجي راھ ٺاھي سگھيس. ان کان پوءِ ڪيترن واقعن منھنجي سياسي شعور کي جِلا بخشي، سخت طوفان، برف جو وسڪارو ۽ مھاجر ڪيمپن لاءِ چندو گڏ ڪرڻ وغيرہ.
    1952ع جون خوشگوار گرميون، ڊسمبر ۾ سخت سيءَ ۾ بدلجي ويون. طوفان آيو، ۽ اھو شاميانو اُڏائي ويو جنھن ۾ اسان 70 ڇوڪريون ويھي پڙھنديون ھيوسين. ڪجھ زخمي ٿيون، باقي روشنيءَ کان ڊڄي ڊوڙڻ لڳيون. چوڌاري ڳَڙي ۾ ٻارڙين جا ڳوڙھا ۽ مٽي ھڪ ٿي ويا ھئا. اُن وقت، جڏھن سڀ ڇوڪريون پناھ جي ڳولا ۾ ڊپ وچان رڙيون ڪنديون ڊوڙي رھيون ھيون، مان خاموش بيٺي ھيس؛ جو ھي منظر ته اسان جي اباڻي ڌرتيءَ جي برباديءَ جو نقشو ورجائي رھيو ھو- انھيءَ واقعي جون مقامي طور تي ڪيتريون ئي لونءَ ڪانڊاريندڙ ڪھاڻيون شايع ٿيون- پر مغربي عيسائي خيرات جي آخر ڪا حد ھئي يا نه! شاميانو ٻيھر ھنيو ويو، جو ٻيو ڪو وسيلو نه ھو.
    اُن وقت مون لاءِ شامياني جو ڪوبه مطلب نه ھو. مونتي ھاڻي اھو واضح ٿيو آھي ته ھزارين ماڻھو شاميانن ۾ رھڻ لاءِ ان ڪري مجبور آھن، جو زندھ رھڻ به ھنن لاءِ مسئلو آھي. 53ع جي شروع ۾ سخت سيءُ پيو. لبنان ۽ گليلي جي جبلن تي برف ڄمي ويئي، سڄي شھر ۾ برف جا ٽُڪر ۽ برف جي تِرڪڻ ھئي. مون کي ڏاڍو زڪام ٿي پيو، پر گھر ۾ ڪابه دوا نه ھئي، ۽ مونکي پنھنجا ڇڳل سينڊل پائي اسڪول وڃڻو پوندو ھو. فيبروريءَ جي ھڪ سخت شام جو ته مون کي ٻه فوٽ برف تان لنگھي گھر پھچڻ جي ڪوشش ڪرڻي پيئي. سرديءَ سبب منھنجي حالت خراب ھئي. مان رئندي رڙھندي گھر ۾ گھڙيس. ”بس، ھاڻي مون کي نوان سينڊل ۽ نوان جوراب گھرجن، جورابن کان سواءِ سينڊل گرمين ۾ پائبا آھن، لبنان جي سيءَ ۾ نه.“ امان مون کي ڏکاري نظرن سان ڏسندي رھي. پوءِ ڌيرج سان چيائين. ”جان! تون سمجھين ٿي، مونکي خبر ڪانھي ته تنھنجن ننڍڙن پيرن کي جورابن جي ضرورت آھي.“ اھو ٻڌي مونکي اڃا به ڪاوڙ لڳي، چيم، ”جيڪڏھن توھان کي خبر ھئي ته پوءِ سينڊل ۽ جوراب ڇونه وٺي ڏنوَ؟“ ھاڻي امان کي به ڪاوڙ لڳي، رڙ ڪري چيائين، ”ڇا اِھو گھٽ آھي ته، ٻين وٽ ته کائڻ لاءِ به ڪجھ نه ھوندو آ. ڪجھ سمجھيئي ليليٰ! ٻڌاءِ، ٻڌاءِ نه! مون ڪاوڙ مان چيو، ”نه – نه سمجھيم. آخر انھن وٽ سينڊل، کاڌو، گھر..... اھو سڀ ڪجھ آخر ڇو ناھي..... ڇو ناھي......“
    امان چيو، ”انھن جي پيءُ- ماءُ وٽ ايترا پيسا ڪونھن، جيترا اسان وٽ آھن.سندن گھر گھاٽ فلسطين ۾ آھن، ۽ ھتي لبنان ۾ ھو واندا آھن، ڏس ليليٰ! اھي فلسطيني، جن جا مائٽ عرب ۾ ڪٿي به ناھن، تن لاءِ رھڻ لاءِ سواءِ خدا جي کُليل ڌرتيءَ جي ٻيو ڪجھ به ناھي. جيڪڏھن سَور ۾ اسانجا مائٽ نه ھجن ھا ته اسان ڪٿي رھون ھا. کُليل آسمان ھيٺان، انھن ٻارڙن جيان، جن جي مٿان شاميانو اُڏي ويو. جيڪڏھن مون وٽ سونَ جا ڪنگڻ جيڪي وڪڻي مان توکي کاڌو کارائيندي رھي آھيان، نه ھجن ھا ته ٻڌاءِ اسان ڪٿي ھجون ھا؟ اتي ئي نه، جتي اسان جا ٻيا ڀائر ڀينر آھن. اسان ڇا ۾ ھنن کان وڌيڪ آھيون، جيڪڏھن يھودي مون کي اغوا ڪري وڃن ھا ته، تنھنجو، تنھنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جو ڇا ٿئي ھا؟ توھان حيفا مان سلامتيءَ سان نڪري اچو ھا يا يھودين جي ظلمن جو شڪار ٿيو ھا؟ ڇا توکي کي خبر ناھي، ته يھودين ڪھڙي نموني اسان جي ساٿين کي ماريو؟ ۽ جيڪي بچي نڪتا، سي بُک ۽ سيءَ سبب اجل جو شڪار ٿي ويا. منھنجي ڌيءَ! مان توکي ڊيڄارڻ لاءِ ھزارين ٻيا داستان ٻڌائي سگھان ٿي. پر منھنجي مٺي! ڇڙو اِھو خيال ڪر ته، تون پرائي ڌرتيءَ تي آھين، ۽ تنھنجي پنھنجي ڌرتي ڌارين جي قبضي ۾ آھي. اسان ...... انھيءَ کي بچائڻ لاءِ ڏاڍو وڙھياسين ...... پر شڪست اسان جو مقدر ھئي، ۽ نيٺ اسان کي پنھنجي ئي ملڪ مان ڪڍيو ويو، تون؛ منھنجي مٺي، منھنجي ليليٰ پنھنجي ڌرتيءَ کي نه وسارجانءِ. تون ..... تنھنجيون ڀينر ...... تنھنجا ڀائر...... توھان کي پنھنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ جي عزم سان ميدان ۾ لھڻو پوندو!“
    مون کي ائين ٿي لڳو، ڄڻ مان ڪنھن ٻئي جي داستان ۾ گم ٿي ويئي ھيس. مان انھيءَ داستان کان متاثر ضرور ٿيس، پر مون کي تِرَ برابر به اھو احساس نه ھو ته، مان پاڻ انھيءَ داستان جو حصو آھيان، يا ٿي سگھان ٿي. نيٺ 1953ع جي بھار جي مُند مون کي اھو احساس ڏياريو ته، مان انھيءَ داستان جو حصو آھيان. منھنجي عمر 9 سال ھئي، ۽ مان پاڻ کي ڪلاس جي سڀ کان وڌيڪ تيز ڇوڪري ڀائيندي ھيس. منھنجي خود پرستيءَ جو اھو بُـت، منھنجي ڪلاس جي ڇوڪريءَ سميرا ڀڳو. ھوءَ ڪلاس ۾ پھريون نمبر آئي، مون کي ڏاڍو ساڙ ٿيو. منھنجو وس پڄي ھا ته مان کيس ماري وجھان ھا. ظاھري طور مون سندس ڏاڍي بي عزتي ڪئي، پر ھڪ لڱان ڪلاس ۾ اسان جي ويڙھ به چڱي ٿي. اسان ھڪ ٻئي جون چوٽيون پٽي رھيون ھيوسين جو ڪلاس ٽيچر اچي ويو. ھو حيران ٿي ويو ته ڪلاس جون سڀ کان ذھين ڇوڪريون پاڻ ۾ وڙھي رھيون آھن! اِنھيءَ استاد جي سامھان اسان وڙھڻ بند ڪري ڇڏيو، پر پوءِ ٻاھر اسان جي ويڙھ شروع ٿي ويئي. جڏھن استاد کي خبر پئي ته، ھو مون کي ڌار ڪمري ۾ وٺي ويو، ۽ جيڪي ڪجھ ھن چيو، سو مان ڪڏھن به وساري نه سگھنديس. استاد چيو، ”غريب ھارين جا ٻار به تنھنجي خاندان ۽ تو جيان ذھين ٿي سگھن ٿا- ۽ اھي ٻار ئي ته اصل فلسطيني آھن. ليليٰ پٽ! انھن فلسطين خوشيءَ سان نه ڇڏيو آھي، انھن اميرن جيان، جيڪي اڄ قاھرہ ۽ بيروت جي عظيم الشان محلن ۾ رھن ٿا. ھن کي ته ظالم يھودين زوريءَ ڌڪي ڪڍيو آھي- ليليٰ! اھي ئي اصل فلسطيني آھن. انھن جي عزت ڪر. انھن سان پيار ڪر.“
    انھيءَ ليڪچر کان پوءِ استاد سميرا کي اندر گھرايو. اسان ٻنھي کي ھٿ ملائڻ لاءِ چيو. پوءِ استاد چيو، ”وڃ سميرا! ليليٰ کي پنھنجي ڪيمپ ۽ پنھنجي ساٿين سان ملائي اچ.“ ۽ ھاڻي مان سميرا سان گڏ ھيس.
    ڪيمپ ڏسي مون کي لڳو، ڄڻ مان ته محل ۾ ٿي رھيس. ۽ ھاڻ مون کي پڇتاءُ اميرن جي رويي ۽ سڀني براين جو شدت سان احساس ٿيو. اتي ئي طبقاتي تضاد منھنجي ذھن جو حصو بڻيا، ۽ جيئن جيئن مان وڏي ٿيندي ويس، تيئن سماجي ننڍ وڏائي کان نفرت شعور جو حصو بڻبي ويئي. مون کي احساس ٿيو ته اسان جا دُک دور ٿي سگھن ٿا، جيڪڏھن سوشلزم اچي وڃي. پر منھنجا استاد، سميرا ۽ منھنجي ڪلاس جي ھڪ سھيلي عامرہ جو خيال ھو ته پھرين حقيقي آزادي ۽ سچي انسانيت جو دور اچي، پوءِ سوشلزم جي ڳالھ ڪري سگھجي ٿي.
    مونکي ھنن، ڪجھ ڪلاڪن اندر اُھو ڪجھ سيکاري ڇڏيو، جيڪو مان ھزارين ڪتاب پڙھي به نٿي سِکي سگھيس. مون فلسطينين جي انھيءَ ڪيمپ ۾ بک، بي عزتي، مرض، لاچاري، اگھڙا پير، ڦوڪيل پيٽ ۽ دٻجي ويل اکين وارا ٻار ڏٺا. منھن جھڪايل، چٻيءَ چيلھ وارا پِيئر، سُڪل ڇاتين واريون مائون ۽ پولار ۾ بي مقصد گھوريندڙ انسان ڏٺا. جن جو نه ماضي آسرو ھو، نه مستقبل سندن پناھ! ھتي مون کي غربت ۽ بک جو اصل مطلب معلوم ٿيو. مون کي پنھنجون ھڏيون گوشت کان ڌار ٿيندي محسوس ٿيون. مان سڄي ڪيمپ ۾ گھميس، ماڻھن سان مليس، ۽ گھر وريس ته حقيقت منھنجي رت ۾ شامل ٿي چڪي ھئي. اٽڪل ست لک مھاجر انھن ڪيمپن ۾ رھيل ھئا. ڪجھ ويجھن علائقن ۾ محنت مزوري ڪري روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا، ۽ باقي سڀ بک جي راڪاس اڳيان بيوس پيا ھوندا ھئا. ھو گڏيل قومن جي زباني خيرات جي شرم جھڙي عمل تي زندھ رھڻ تي مجبور ھئا. کين خبر ھئي ته عزت جي ماني عرب فلسطين انقلاب کان سواءِ ممڪن ناھي.
    ھاڻي مون کي پاڻ ۾ پنھنجي ساٿين بابت وڌيڪ اعتماد محسوس ٿيو. بريام جي شام ڪيترا ٻار ھڪ ھفتي جي موڪل جي تياري ڪري رھيا ھئا. گھڻا ٻار لباس ۽ سوکڙين بابت ڳالھائي رھيا ھئا، جيڪي انھيءَ ڏڻ جي موقعي تي کين ملڻ جي اميد ھئي. اتي ئي ھڪ خاموش ۽ اداس ڇوڪري ويٺي ھئي. سندس ڪپڙا ڏاڍا ميرا ھئا، ۽ ھوءِ بلڪل اڪيلي ويٺي ھئي. منھنجي سڃاڻو نه ھئي، تنھنڪري مان کانئس پڇي نٿي سگھيس ته، ھوءَ اڪيلي ڇا ويٺي ڪري، ۽ اداس ڇو آھي؟ اسانجو استاد نبيل انھيءَ ڇوڪريءَ جي مصيبت بابت ڄاڻندو ھو. انھيءَ ٻڌايو ته اسانجو ڏڻ آھي. اسان سڀ سوکڙيون وصول ڪنداسين، ۽ اِھا ڪيڏي نه غلط حرڪت ٿيندي جو اسان پنھنجي خوشين ۾ ٻين کي شريڪ نه ڪيون. اِھو ٻڌي مون کي ڏاڍو جوش آيو. مونکي لڳو، ڄڻ وقت اچي ويو آھي آھي، جو سَور ۾ موجود حڪومت جي آفيسن ۽ گڏيل قومن جي آفيسن تي پٿرن جو وسڪارو لائي ڏجي. استاد جا اھي لفظ منھنجي دماغ تي ھٿوڙن جيان وسڻ لڳا ...... ”جيڪڏھن انھيءَ ڇوڪريءَ کي نوان ڪپڙا نه مليا ته، توھان جي خوشي به بي بنياد ۽ بيڪار ھوندي. مان اڪيلو ھن لاءِ لباس خريد ڪري نٿو سگھان. توھان سڀني کي ھن لاءِ ڪجھ نه ڪجھ آڻڻو پوندو.“ ٻارن ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو. ھو انھيءَ اپيل تي حيران ھئا ته ڇا ڪن- پر مان حيران نه، مطمئن ھيس. مون کي خبر ھئي ته، مھاجرن جي ڪيمپن جو مطلب ڇا آھي، ۽ غربت اُتي ڪيئن ٿي راڄ ڪري. مون اٿي بيھي ڏاڍي جوش سان اعلان ڪيو، ”ھي آھي منھنجي سڄي ھفتي جي خرچي، پنج پياسٽر.“ منھنجو اِھو چوڻ ھو، جو سڀني ٻارن پنھنجي خرچي ڪڍي ٻاھر ڪئي، ۽ اسان خوشيءَ جي ڳوڙھن سان ڀِڄندا، حُسنه لاءِ نئون لباس خريد ڪري آياسين.
    مونکي پنھنجي استاد نبيل سان ڏاڍي عقيدت ھئي. مونکي ھن جي ھمت ۽ مضبوط اخلاقي ڪردار ڏاڍو سٺو لڳندو ھو. ھو به مونکي پنھنجي ننڍي ڀيڻ جيان سمجھندو ھو. 15 مئي 1953ع جڏھن اسرائيل جي قائم ٿيڻ جي پنجين سالگرھ ھئي، اسان ڏک ۽ ڪاوڙ جي اظھار طور ھڪ جلوس ڪڍيو، جنھنجي اڳواڻي استاد نبيل ڪري رھيو ھو. جلوس جا نعرا ھئا، ”عرب فلسطين زندھ باد، فلسطين اسانجو آ، اسان فلسطين واپس وينداسين.“
    ھزارين فلسطيني پوڙھا، جوان ۽ ٻار گڏ ٿي ويا، ۽ شھر جي وچ ۾ استاد نبيل جي جھنڊي ھيٺان بيھي قسم کنيائون ته ھو فلسطين کي آزاد ڪرائيندا. استاد نبيل چئي رھيو ھو، ”اسانجي وڏن کان فلسطين جي ڌرتي ڦري ويئي ھئي، پر اسان جي ايندڙ پيڙھي فلسطين کي آزاد ڪرائي پوءِ سُک جو ساھ کڻندي.“ تقرير کان پوءِ نبيل سڀني کي سامھان ڏکڻ ڏانھن منھن ڪري عھد ڪرڻ ۽ فلسطين واپس ورڻ جو عزم ڪرڻ لاءِ چيو، جو انھيءَ پاسي اھا ڌرتي ھئي، جنھن کي آزاد ڪرائڻو ھو. مونکي انقلاب جي ذائقي جي ڄاڻ ٿي ويئي ھئي. مون پنھنجي ٻليءَ سارا کان به انقلاب جو سبق سکيو ھو، جو ھوءَ به مون جيان ڪاري ھئي، ۽ اسان سدائين گڏ رھنديون ھيوسين. مان ھن لاءِ ھنڌ ۽ ڪپڙا ٺاھيندي ھيس، کيس وھنجاريندي ھيس ۽ سندس وارن ۾ برش ڦيرائيندي ھيس. سارا منھنجو ٻچڙو ھئي. جڏھن ھن ٻچا ڪيا، تڏھن مون دائيءَ جيان ڪم ڪيو. مونکي سندس ٻچا به ڏاڍا وڻندا ھئا. جڏھن انھن ٻچن مان ھڪ مري ويو ته، مون باقائدي ان جو جنازو تيار ڪيو، دفن ڪيو، ۽ روز مان انھيءَ جي قبر تي وڃي دعا ڪندي ھيس. پوءِ ھڪ ڏينھن مون ڏٺو ته ھڪ چوزو، انھيءَ ٻچي جي قبر تي رکيل گلن کي کائي رھيو آھي. مون پنھنجي ننڍپڻ جي ڪاوڙ ۾ انھيءَ چوزي کي جھلي، منڍيءَ کان مروڙي ڇڏيو. ھاڻي امان ضد ڪيو ته، يا ته ٻليءَ جا ٻچا ڪنھن کي ڏئي ڇڏجن، يا ڦِٽي ڪري ڇڏجن. مان ڏاڍي عذاب ۾ ھيس. امڙ جو چيو به موٽائي نٿي سگھيس. نيٺ مون اھڙا گھر ڳولي لڌا، جيڪي انھن ٻچن کي پيار سان رکن. ائين اِھو جھيڙو پورو ٿيو- پر اڃا معاملو ختم نه ٿيو. منھنجي ٻليءَ کي وري پيٽ ٿي پيو. امان فيصلو ڪري ڇڏيو ھو ته، ھوءَ گھر کي ويم گھر ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏيندي. امان مون کان لڪائي ٻليءَ کي ٻوريءَ ۾ بند ڪيو، ۽ مامي کي چيو ته، شھر کان ٻاھر ڦٽي ڪري اچي. مونکي خبر پئي ته ڏاڍو رُنس رڙيس، پر منھنجي ڪنھن نه ٻڌي- ۽ ايندڙ سال تائين مون وٽ ڪابه ٻلي نه ھئي.
    1954ع جي سياري ۾ مان ڏھن سالن جي ٿي ويس. اسڪول کان موٽندي مونکي پنھنجي ٻلي سارا نظر اچي ويئي. ھوءَ ھڪ ڊٺل عمارت ۾ ڏاڍي شان سان ويٺي ھئي. مون جيئن ئي سارا کي ڏٺو، مون کان ته ساھ کڻڻ ئي وسري ويو. مان ھن ڏانھن ڊوڙيس، چڱيءَ طرح يقين نه ھيم ته پڪ سارا ئي آھي. پر نه، ھوءَ سارا ئي ھئي. اسان وڇڙيل ڏاڍي پيار سان ملياسين. سڄو گھر سارا کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. ھر ڪنھن سارا کي ھنج ۾ کڻي پيار ڪيو. ڇنڇر ڏينھن استاد چيو ته، ڪو مضمون اھڙي واقعي تي لکو، جيڪو توھان کي زندگيءَ ۾ پيش آيو ھجي. مون سارا وارو قصو لکيو، ۽ آخر ۾ لکيم ته جيئن سارا پنھنجي گھر موٽي آئي آھي، تيئن اسان به ھڪ ڏينھن پنھنجي وطن ورنداسين. منھنجو استاد، جيڪو پاڻ به فلسطيني ھو، مون ۾ فلسطين کي واپس وٺڻ لاءِ معجزي جھڙي رويي بجاءِ سائنسي رويي جي تلقين ڪئي، پر اھا ڳالھ اڃا منھنجي شعور جو حصو بڻجي نه سگھي ھئي.


    (3)

    انقلاب جي ڀنڀٽ کي سرد ڪرڻ، عرب جي ڪاري سون تي پنھنجا ڏند تيز ڪرڻ، ۽ پنھنجي دفاعي معاملن کي بھتر بڻائڻ خاطر، اسرائيل جي خالق ۽ محافظ، امريڪا 1950ع جي شروع ۾ ئي، ھن علائقي ۾ نيٽو سرگرميون شروع ڪري ڏنيون. ڊلز، مارچ 1953ع ۾ وچ اوڀر جو دورو ڪيو. آمريڪا پاڻ ميڪارٿزم جو شڪار ھئي. ڊلز جو منصوبو اِھو ھو ته، اسان کي ڪميونسٽن کان بچائڻ لاءِ، آزاد دنيا جا آزاد رھاڪو، سڄي دنيا کان چورائي سگھي. تنھن ڪري ھڪ طرف نيٽو جون سرگرميون ھيون، ته ٻئي طرف عرب- اسرائيل تنازعي کي ختم ڪرائڻ لاءِ اھڙيون ڪوششون، جيڪي مغربي سامراجي تسلط کي سڄي علائقي ۾ برقرار رکي سگھن.
    ڊلز جي انھيءَ ڪوشش جو جواب اسان جي نسل پاران انڪار جي صورت ۾ ھو. سڀئي طبقا انھيءَ ڳالھ لاءِ تيار ھئا ته، ڊلز منصوبي کي ناڪام بڻايو وڃي. بيروت يونيورسٽيءَ کي مرڪز ڪيو ويو. عرب يوٿ موومينٽ جي نالي سان آزاديءَ جي جدوجھد جي شروعات نوجوانن ڪئي. اِھي نوجوان، ھٿياربند فوجن جي تنظيمي قطار ٽوڙي اڳتي وڌيا، ۽ سامراجيت مردہ باد جا نعرا ھڻندا، ڊلز ڏانھن وڌيا. ھاڻي ته ھر قسم جي قوت حرڪت ۾ اچي ويئي. ڪيترائي شاگرد پڪڙيا ويا، ۽ سوين شاگرد گھوڙن جي ھيٺان چيڀاٽيا ويا. منھنجو ڀاءُ محمد مظاھري ۾ شامل ھو. گھر اچڻ سان ھن سڄو احوال ٻڌايو.
    سڄي ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت ڇانئجي ويئي. اسانجي پنھنجي سپاھين، پنھنجن نوجوانن کي چيڀاٽيو ھو. ڦٽ تي لوڻ جو ڪم وري بيروت يونيورسٽيءَ ۾ حسن ابواسماعيل جي قتل ڏنو. ھاڻي ماڻھن کي آمريڪي اشتراڪ ۽ بغداد پيڪٽ جو مطلب سمجھ ۾ اچي ويو. ھو ته اسان کي وڌيڪ سوگھو ڪرڻ لاءِ بغداد پيڪٽ جي صورت ۾ اسان مٿان ڪوريئڙي وارو ڄار اُڻي رھيا ھئا. حسن جو قتل ته اڃا به افسوس جھڙو ھو، جو ھڪ ته اھو بيروت يونيورسٽيءَ جي سامھون ڪيو ويو، ٻيو ته يونيورسٽي انتظاميه فقط احتجاج رجسٽر ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. ھاڻي ماڻھن اڳيان مغربي جمھوري ادارن جي اصليت به واضح ٿيڻ شروع ٿي ويئي.
    پنجاھ واري ڏھاڪي جو اِھو ڊرامو پنھنجي عروج تي ته، سوئيز جنگ، يعني 1956ع ۾ وڃي پھتو. برطانيه ۽ فرانس اسرائيل جي سھڪار سان مصر تي انڪري ڪاھ ڪئي جو، ناصر کي لاھي، عربن تي ھڪ بظاھر امن منصوبو مڙھيو وڃي.
    25 مئي 1950ع جو اُھو اعلان، جنھن ۾ ٽن وڏين طاقتن، برطانيه، فرانس ۽ آمريڪا، وچ اوڀر جي ملڪن جي سياسي ۽ علاقائي آزاديءَ جي ضمانت ڏني ھئي؛ ۽ اھو اعلان به ڪيو ھو ته، جيڪڏھن ڪنھن تي ڪائي آفت، حملو، مصيبت آئي ته ان جي مدد به ڪئي ويندي. انھيءَ اعلان جي خلاف ورزي ته ٻه وڏيون طاقتون برطانيه ۽ فرانس سڌو سنئون ڪري رھيون ھيون، جڏھن ته آمريڪا وري اسرائيل جي حوالي سان.
    انھن ڳالھين سبب سمورا عرب ملڪ، آمريڪي ڪڪڙ جي کنڀن ھيٺان لِڪڻ وارا چوزا نه ٿي سگھيا، پر واضح تفرقو پوڻ لڳو. ناصر ڏانھن لاڙو رکندڙ قومي خودمختياري ۽ نيشنلزم ۽ نوري جي بغداد ڏانھن لاڙو رکندڙ انقلاب دشمن قرار ڏنا ويا.
    اسان سڀ ڊلز، ايڪ، ميڪميلن، بن گوريان ۽ موشي دايان جا ٿورائتا آھيون جو، سندن سازش ڪارڻ ئي اسان سياسي طور تي سجاڳ ٿياسين. ھن جي ٻه طرفي ۽ ٻه اکيائيءَ وارين پاليسين اسان کي سماجي بنياد جي ڳولا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو- ھاڻي عربن کي پنھنجي اندرين دشمنن ۽ دوستن ۾ فرق ڪرڻ جو ھنر به اچي ويو ھو، ۽ پنھنجي ٻاھرين دوستن ۽ دشمنن سان سلوڪ ڪرڻ به سکي ويا ھئا.

    ––––––––––


    تعليم ۽ انقلاب

    ”ماڻھو آزاد پيدا ٿيو آھي، پر ھر طرف اھو قيد آھي.“ (روسو)
    1955ع تائين مان ، موجودھ مسئلن ۽ مستقبل جي منصوبن کان گھڻي حد تائين واقف ٿي چڪي ھيس. بھار جي مند ۾ مونکي ابتدائي اسڪول سرٽيفڪيٽ مليو، ۽ ھاڻي منھنجو ارادو سيڪنڊري اسڪول وڃڻ جو ھو. مان يارھن سالن جي ھيس، ۽ اسرائيل جي عمر ست سال ھئي. اسان اسرائيل جي ستين سالگرہ به سامراجيت، يھوديت ۽ عرب رجعت پرستيءَ خلاف نعرا ھڻندي، ۽ پنھنجي جلاوطنءَ جو ماتم ڪندي گذاري- انھن ستن سالن ۾ اسرائيل اندرئين استحڪام، افرو ايشيائي آباديءَ کي يھودين سان ملائڻ ۾ گذاريا. 1954ع ۾ موشي شيرٽ، امن جا وڏا وڏا دعوا ڪيا، پر يھودي قزاقن حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، ۽ بن گوريان اقتدار ۾ آيو. شيرٽ جي تختي اونڌي ٿيڻ کان اڳ، حڪومت ڊپلوميسيءَ جي تاريخ ۾ انتھائي خوفناڪ منصوبي تي عمل ڪري رھي ھئي. انھي منصوبي جو نالو ھو ”ليون افيئر“ ۽ بنيادي مقصد اِھو ته، مصر ۾ موجود آمريڪي ۽ برطانوي سفارت خانن ۾ مغربي دفاعي مفادن کي بمن سان اُڏايو وڃي، جيئن مصر جي حڪومت کي ڪمزور سمجھڻ جو اعتبار اچي. جيئن اسرائيل کي تحفظ ڏيڻ وارا ڄميل رھن ۽ سوڊان مان پنھنجون فوجون نه گھرائين. اسرائيلين جو خيال ھو ته، ھو انھيءَ منصوبي جو گند مصرين تي ھڻائيندا. پر سندن بدقسمتي ھئي جو، ھو سڳ سميت جھلجي پيا. منصوبو پڌرو ٿي پيو، ۽ ”ليون افيئر“ اسرائيلي سياست کي ايندڙ ڏھن سالن تائين لوڏي رکيو.
    اسرائيل جي توسيع پسنديءَ جي شروعات ته 1949ع جي روڊز معاھدي تحت غير فوجي علائقن ڏانھن پنھنجا ھٿ وڌائڻ، ۽ اسرائيل مان عربن جي لڳاتار نيڪاليءَ مان ظاھر ھئي. تنھن کان سواءِ جيڪي عرب اسرائيل ۾ رھجي ويا ھئا، تن کي دٻائي به توسيع پسنديءَ جون نيون راھون تلاش ڪيون پئي ويون. ھڪ ٻيو اھم واقعو، وڏي تعداد ۾ عربن کي نيڪالي ڏيڻ جو ھو. انھيءَ جي شروعات 15 آڪٽوبر 1952ع تي ٿي، جو ان ڏينھن ڳوٺ ڪبيا تي ڪاھ ڪئي ويئي- ۽ انھيءَ جو انت 28 فيبروري 1955ع تي ٿيو، جڏھن اسرائيلين غزا جي پٽيءَ تي حملو ڪيو. مصرين جون ٺاھيل سموريون حد بنديون ٽوڙيون ويون، ۽ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ماڻھن کي ماريو، يا زخمي ڪيو ويو. انھيءَ حملي جو اثر اميد مطابق نه ٿيو. ناصر پنھنجون فوجون پوئتي نه ھٽايون، پر ھن سڄي عرب دنيا کي گڏ ڪيو. 1955ع جي سرءُ جي مُند ۾ ناصر ھٿيارن حاصل ڪرڻ جو مشھور ٺاھ، چيڪوسلواڪيا سان ڪيو. ائين ھن اولھ جي انھيءَ حاڪماڻي انفراديت کي ٽوڙيو، ته اولھ ئي وچ اوڀر کي ھٿيار ڏيئي سگھي ٿو، ۽ انھيءَ نموني پين عربزم تحريڪ جي شروعات ٿي.
    انھن واقعن کي سمجھڻ ۾، اسڪول ويندڙ ٻارن مان ڪوئي مشڪل سان اھڙو ھوندو، جنھن کي تڪليف ٿي ھوندي. مون اھي سمورا واقعا ياد ڪري ڇڏيا ھئا. ھاڻي منھنجي گھر جي اقتصادي حالت ۽ گھر جي عام حالت به پھرين کان گھڻو چڱو ھئي. ھاڻي اسان وٽ ٽن ڪمرن جو اپارٽمينٽ ھو، ۽ بک به ھاڻي ڪو خطرو نه رھي ھئي. سبب اِھو ھو ته، منھنجون ٻه ڀينر محنت ڪري رھيون ھيون، ۽ امان به دانشمنديءَ سان ڪنھن ڌنڌي ۾ ڏوڪڙ سيڙايا ھئا. اسان محسوس ڪيو ته عرب، فلسطين کي آزاد ڪرائن لاءِ ضرورت کان ڪجھ وڌيڪ سرگرمي ڏيکاري رھيا آھن، پر اسان ھڪ الله ڪري، نيشنلسٽ تحريڪ سان رھياسين.
    26 جولاءِ 1955ع تي ناصر سوئيز واھ کي قومي ملڪيت ۾ وٺي، عرب راڪاس جي جاڳڻ جو اعلان ڪيو. اولھ ڏانھن اھا پھرين تکي نظر ھئي، جنھن کي عرب عوام جي ڀرپور حمايت حاصل ٿي. اولھ کي انھيءَ ڳالھ تي وڌيڪ ڊپ لڳو، جڏھن ھن اھو ڏٺو ته عرب پائلٽ، اولھ جي ھم عصرن کان وڌيڪ سٺي نموني سوئيز واھ جو انتظام ھلائي سگھن ٿا.
    دنيا اکيون ڦاڙي اھو سڀ ڪجھ ڏٺو. ٽئين دنيا جي ملڪن پنھنجا عيوضي قاھرہ موڪلي، حمايت ۽ ساٿ جو يقين ڏياريو. جڏھن آسٽريليا جو وزير اعظم، واھن کي استعمال ڪرڻ وارن جي تنظيم جي صدر جي حيثيت سان قاھرہ پھتو ته، ناصر نه فقط سڌي سنئين انڪار جي صورت ۾ جواب ڏنو، پر کيس واپس اماڻي ڇڏيائين. عرب دنيا ناصر جي انھيءَ قدم کي به عزت ۽ احترام سان ڏٺو. يورپ ۽ آمريڪا ڪاوڙ ۾ ڳاڙھا ٿي ويا، پر ٽئين دنيا جو عظيم رھنما ناصر ٿي ويو ھو. پوءِ مصر تي اھو حملو ڪيو ويو، جنھن کي 20 آڪٽوبر 1956ع جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. پر ناصر ھاڻي به طاقت ۽ سوئيز واھ کي پنھنجي ھٿ وس رکيو. جڏھن ته اسرائيل برطانيه ۽ فرانس سان اِھا سازش ڪئي ھئي ته، ناصر جو تختو اونڌو ٿيڻ کان پوءِ عربن جي قسمت وري گردش ۾ ايندي، ۽ اسان جي دنيا تي وري سامراجي سازشن جو ڄار حڪمراني ڪندو- سرءُ جي اھا رُت منھنجي ننڍپڻ جو سڀ کان وڌيڪ ياد رکڻ وارو زمانو آھي. اسان پھريون ڀيرو فخر ۽ اعتماد جي روح کان واقف ٿياسين.
    1956ع کان 1959ع تائين وارا سال، منھنجي سياسي تربيت وارا سال آھن- منھنجي وڏي ڀيڻ ذفير ۽ رھاب ته اڳ ئي 56ع ۽ 57ع ۾ عرب نيشنلسٽ موومينٽ جون ميمبر ٿي چڪيون ھيون. مون 57ع ۾ موومينٽ سان لاڳاپا قائم ڪيا. مونکي ان وقت تائين اِھا ڄاڻ ھئي ته، موومينٽ جي ڪارڪن ھئڻ جو مطلب اھو آھي ته، ٿوري گھڻي تقرير ڪري سگھو، ضرورت پوي ته مظاھري ۾ شريڪ ٿيو. پمفليٽ لکو ۽ ورھايو. اھا خبر ته مونکي پوءِ پيئي ته، موومينٽ ته ڳالھ ئي ٻي آھي.
    1957ع ۾ موومينٽ تيز ٿيڻ جو سبب اھو ھو ته، اھو افواھ اُٿيو ھو ته، ترڪي شام تي ڪاھ ڪري، شام جي ترقي پسند حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، آمريڪا جي دخل اندازي وڌائڻ ٿي گھري. مان جيئن ته اڃا شروعاتي ڪلاس ۾ ھيس، تنھنڪري مون ڀينرن کي معلومات ڏيڻ لاءِ چيو. ھنن انڪار ڪري ڇڏيو ته، مان اڃا موومينٽ جي باقائدي ميمبر نه ٿي ھيس- البت 1958ع ۾ لبناني فوج پاران آرٽلري فائر ڪارڻ ميمبر ۽ غير ميمبر جو فرق ڪيو ويو. سَور جو گھيرو ڪيو ويو. فلسطينين ۽ عربزم جي ڪوڙن دوستن تارا ڏيکارڻ شروع ڪيا، جو ان وقت يو-اي- آر وجود ۾ اچي چڪو ھو. پنھنجي ڪِرندڙ طاقت کي سنڀالڻ لاءِ عراق ۽ اردن جي دشمنن ھڪ الڳ ڪنفيڊريشن اولھ جي اشاري تي ٺاھي. سڀني عربن ۾ ڦيٽارو وڌو ويو. پين عربزم، علاقائي سلامتيءَ جي مقابلي ۾، انقلاب، انقلاب جي مخالفت جي مقابلي ۾؛ قاھرہ، بغداد جي مقابلي ۾؛ جھڙا نعرا ھنيا ويا. انھيءَ سياسي سرگرميءَ جي زماني ۾ لبناني صدر چمون، اولھاين طاقتن جي لاڏلي ھئن جي حيثيت ۾، ٻيو دفعو صدر ٿيڻ لاءِ چونڊن جو ڍونگ ڪيو. عرب نيشنلسٽ موومينٽ ۽ ٻين طاقتن، جي ترقي پسند ھيون يا رجعت پسند، سڀني چمون جي آئيني تبديليءَ کي روڪڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي. اندروني وڳوڙ وڌيو، نصيب المتني، عرب سياسي ايڊيٽر جي قتل کان پوءِ، سول وار اڃا به تيز ٿي ويئي.
    جيتوڻيڪ مون، 1952ع کان 1958ع تائين مظاھرن ۾ حصو ورتو ھو، پر مون حيفا ۾ پنھنجي گھر جي سامھون قتل ٿيندڙ ماڻھوءَ کان سواءِ، ٻيو ڪوبه اھڙو واقعو نه ڏٺو ھو. حلاوا کي ان وقت مرندي ڏٺم، جڏھن سندس باغي ساٿي کيس ڪلھن تي کڻي بيٺا ھئا. محمد قاسم کي ان وقت ماريو ويو، جڏھن انتظاميه سَور تي به ڪرفيو لاڳو ڪرڻ گھريو، ۽ محمد قاسم ان جي مخالفت ڪئي. جڏھن ته مان محمد قاسم کي پٿر کڻي ٿي ڏنا ھڻڻ لاءِ. جڏھن محمد قاسم تي حملو ڪيو ويو ته، مان رڙيون ڪندي مدد لاءِ ڊوڙيس. ھن جي ڦاٽل پيٽ کي ميڙي، ڪار ۾ رکيو ويو ۽ آپريشن ٿيٽر مان ڊاڪٽر ڳوڙھا اگھندو ٻاھر نڪتو. مون کي زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ڪنھن ڪامريڊ جي ھيئن وڇڙڻ جو ڏک ٿيو. مان ڪيترن ڏينھن تائين رئندي رھيس. شھر مان انھن ٻنھي ڪامريڊن جا جنازا ڏاڍين رڙين ڪُوڪن سان ڪڍيا ويا. پر اھا ته ھڪ نئين جيون جي شروعات ھئي. ھڪ صبح جو چميون جون فوجون، آمريڪي ھٿيارن جو اشتھار بڻيون، اسان جي شھر کي فتح ڪنديون اڳتي وڌيون. سڄي سرگرمين ۾ مون کي ڪابه اھڙي رات ياد ڪانھي، جڏھن آرام جي ننڊ ممڪن ٿي سگھي ھجي.
    مان 13 سالن جي مجاھدہ ھيس. ۽ منھنجي خواھش ھئي ته، مان سٺي سپاھيءَ جيان ياد ڪئي وڃان. لبنانين ۾ ڦوٽ پيل ھئي. ڀاءُ، ڀاءُ جو دشمن بڻيو بيٺو ھو. غير ملڪي سازشن ڪارڻ، ڏيھي ماڻھو رانديڪا ٿي پيا ھئا. 16 جون 1958ع تي آمريڪي ميرينز لبنان ۾ لٿيون، ۽ ان کان فقط ٻه ڏينھن پوءِ ماڻھن حشتمني خاندان کي اقتدار مان ھٽائي، نورالسعيد ۽ عبدالله (ٻيئي برطانيه جي خريد ڪيل ايجنٽن جيان ھئا.) کي سزا ڏني. لبناني عوام ڇھين بحري ٻيڙي جي غضبناڪ پڄاڻي ڏٺي. آمريڪا لاءِ نوري ۽ سندس ڇاڙتن کي ھاڻي حڪومت ھٿ ڪري ڏيڻ ناممڪن ٿي پيو ھو. پر اھي لبنان ۾ ئي رھيا. سول وار ۾ وڇوٽي پيدا ڪيائون. عرب سياسي مبصرن ان کي ”نه فتح نه شڪست“ جو نالو ڏنو.
    1958ع جي گرمين جي مند ته وري به سانتيڪي رھي، پر ڪٿي بمباري زور وٺندي ھئي ته، اسان جي کاڌي جي سپلائي رڪجي ويندي ھئي. ھڪ لڱان اھو ٿيو ته، ھڪ پاسي ته اسان جي خوراڪ جي سپلائي بند ٿي ويئي، ۽ ان کي چڱا ڏينھن لنگھي ويا، ۽ ٻئي پاسي بمن جي وسڪاري ساھ کڻڻ نٿي ڏنو. بک وگھي ماڻھن جا حوصلا خطا ٿيڻ لڳا. اسان جي گھر ۾ ڏھ ڪلو اٽو ايندو ھو. مون انھيءَ سموري اٽي جون مانيون پچائڻ جو فيصلو ڪيو. پر پوءِ مون سمورو اٽو ماني بجاءِ، زيتون جي تيل ۾ ڀُڃي حلوي جھڙو ڪجھ ٺاھي، ان جون مانيون ٺاھيون. اھي ورھائيندي مون کي حضرت عيسيٰ جا اُھي معجزا ياد آيا ته، جيترو خرچ ڪندو ويندو، اھا شيءِ اوتري وڌندي ويندي ھئي. ورھاست مھل مون کي ڏاڍي مشڪل سان منھن ڏيڻو پيو. ھر ڪنھن اھو ٿي سمجھيو مان دشمن جي ڪيمپ مان آھيان. گوليون زوڪاٽ ڪنديون ٿي ھليون، ۽ مون کي مانيون مجاھدن ۾ ورھائڻيون ھيون. مون رڙ ڪري چيو، ”گوليون بند ڪيو، منھنجي مٿي تي مانيءَ جو ٿالھ آھي.“ انھن مان ھڪ ڪامريڊ مون کي سڃاڻي ورتو. ھن في الحال حملو ڪرڻ کان روڪيو. مان ڊوڙندي سڌو ڏانھس ويس، کائڻ لاءِ ماني ڏني مانس، ۽ ائين جنگ جو ھڪ ٻيو منظر منھنجي ذھن ۾ محفوظ ٿي ويو.
    ھڪ ٻيو سبق به مون انھيءَ جنگ مان پرايو. جڏھن به ڪو لبناني سپاھي پاڻيءَ لاءِ مون وٽ ايندو ھو ته، مان کيس چوندي ھيس، ”پاڻيءَ بجاءِ مان توکي زھر ڏينديس، جو تون اسان جي ماڻھن کي قتل ٿو ڪرين.“ ھو کلي چوندو ھو، ”اسان کي حڪم مليو آ ته گولي ھلايو سو اسان گولي ھلايون ٿا. پر اسان ڪنھن کي نشانو نٿا بڻايون. اسان ته توھان جي ماڻھن کي پنھنجي حد اندر رھڻ لاءِ گولي ٿا ھلايون. پنھنجي ساٿين کي چئو ته اڳتي وڌڻ ڇڏي ڏين، نه ته اسان ھنن کي پورو ڪرڻ لاءِ مجبور ھونداسين.“
    مون اھا ڳالھ ٻڌي، ٿُڪ اڇليندي چيو ھو، ”اھا سڀ بڪواس آھي. کيس پاڻيءَ جو ھڪ ڍڪ به ڏيڻ نه گھرجي.“ پر امان سندس ڳالھ کي سچ سمجھي کيس پاڻي ڏنو. مون امان کي چيو، ”امان، اسان کي گھرجي ته ھن کي جنگي قيدي بڻايون.“ ھن اھو ٻڌي بندوق جو رخ مون ڏانھن ڪندي چيو، ”جيڪڏھن ھمٿ اٿئي ته منھنجي پاسي واري شھر تي حملو ڪري ڏيکار!“ امان ھن کي سمجھائيندي چيو ته، ھو ائين گوليون نه ھلائين. ھن به امان کي اھوئي چيو ته، لبنان سندس ڌرتي آھي، ھو انھيءَ کي ھيئن تباھ ٿيندي نٿو ڏسي سگھي.
    1958ع جي جنگ ۾ خدمتن جي بدلي مون اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ھو ته، ھاڻي مان عرب نيشنلسٽ موومينٽ ۾ ڪارڪن جي حيثيت سان شامل ٿي سگھان ٿي. امان کي ڏاڍو اعتراض ھو ته، ڇوڪريون سياست ۾ حصو وٺن. سندس خيال ھو ته، جيئن ته گھرو ويڙھ، ختم ٿي چڪي آھي، تنھن ڪري ھاڻي سياست فقط مَردن جو ڪم ھئڻ گھرجي. يعني، سندس خيال ۾ محمد مرد ھو ته، سياست کيس سونھين ٿِي. امان جو خيال ھو ته اسان مان جيڪڏھن ڪنھن سماجي قيد ٽوڙيا ته قيامت اچي ويندي، جو ھوءَ سياست ۾ آيل ڇوڪرين جا، پاڙي وارين کان اسڪينڊل ٻڌي نه سگھندي. منھنجي ڀينرن امان کي يقين ڏياريو ته، ھو بالغ آھن، ۽ پنھنجو بچاءُ ڪري ڄاڻن ٿيون. تنھن کان سواءِ، ھنن اھو به چيو ته، انھيءَ نصب العين سان لاڳاپيل ماڻھو، ڇوڪرين ۽ خاص ڪري ڪامريڊ ڇوڪرين کي ڪجھ نه چوندا آھن، پر سندن خاص خيال رکندا آھن.
    آخر بابا ۽ محمد جي وڪالت اسانجي ڪم آئي، ۽ منھنجي ڀينرن جو سياسي ڪم جاري رھيو. فلسطيني مھاجرن ۾ به پنجاھ سيڪڙو عورتون ھيون. اسرائيل پنھنجي سمورين عورتن جي جنگي بنيادن تي فوجي تربيت ڪئي ھئي. تنھنڪري ضروري ھو ته فلسطيني عورتون به جنگي تربيت کان واقفيت رکن. امان جي لڳاتار ڪاوڙ کي ڏسي، نيٺ بابي ھڪ ڏينھن پڇيو، ”تون فلسطين کي آزاد ڏسڻ گھرين ٿي؟“ ”ھا ھا- ڇونه.“ امان ھڪدم جواب ڏنو، ھاڻي محمد جو وارو ھو، ”ته پوءِ تون پنھنجي ڌيئرن جي سياست ۾ حصو وٺڻ تي اعتراض ڪري ئي نٿي سگھين.“ امان چيو، ”مان ذفيه ۽ راھاب جي حصي وٺڻ تي اعتراض نٿي ڪيان، پر ھي فتنو، (مون ڏانھن اشارو ڪندي) ھن ذرڙيءَ کي ته گھر ۾ رھڻ کپي.“
    مان انھيءَ سوديبازيءَ ۾ قربانيءَ جو ٻڪر ٿيس، نيٺ اھا زنجير ٽُٽي، ۽ ڇوڪريون سياست ۾ حصو وٺڻ لڳيون. جيئن ته منھنجون ڀينر سياست ۾ حصو وٺي رھيون ھيون، تنھنڪري دير- سوير منھنجي سياست ۾ حصي وٺڻ جي ڳالھ ناممڪن نه ھئي.
    1959ع ۾ جڏھن مان عرب نيشنلسٽ موومينٽ جي باقائدي ميمبر ٿيس، تڏھن امان منھنجي گڏجاڻين ۾ وڃڻ تي اعتراض ڪيو. مان امان کي ناراض به نٿي ڪرڻ گھريو. مون چيو ته، مان ته فقط موومينٽ جي سھڪاريءَ جي حيثيت سان ويندي آھيان، ميمبر ته مان آھيان ئي نه. پر امان کي اعتبار نه آيو.
    ھڪ رات نھايت اھم گڏجاڻي ھئي. مونکي ضرور وڃڻو ھو. پر امان کي يقين ڏيارڻ لاءِ ته، مان ڪيڏانھن نٿي وڃان؛ تڙ ڪيم، رات وارو پائجامو پاتم ۽ سمھي پيس. اڌ رات جو، ٻارھن ۾ ڪجھ منٽ ھئا جو مون چيو، ”امان مونکي ننڊ نٿي اچي، مان پاڙي ۾ سھيليءَ ڏانھن ٿي وڃان.“ امان مونکي اجازت ڏيئي ڇڏي، ۽ مان وڏيون وڏيون وکون کڻندي سوليڊرٽي ڪلب وڃي پھتس.
    سڀ ماڻھو مون کي پائجامي ۾ ڏسي حيران ٿيا، ۽ انھيءَ کي منھنجي بي حيائي ٿي سمجيائون، ۽ مونکي اخلاقي حدون اورانگھڻ تي گھٽ وڌ ڳالھايائون. ڪجھ رجعت پسندن ته منھنجي پائجامي کي جنس جي دعوت به چيو. گڏجاڻيءَ ۾ مان ڪاوڙ ۾ ويٺي رھيس، جو منھنجي گھرو مجبورين کي نه سمجھندي؛ ماڻھن پنھنجي مردانگي ظاھر ڪرڻ لاءِ ھر ڪميني حرڪت ڪئي. مون سوچيو، اڃا پاڻ ذھني طور تي آزاد ناھيون. اسان فلسطين ۽ عرب ڌرتيءَ کي ڪيئن آزاد ڪرائي سگھنداسين!
    امان کي منھنجي انھيءَ چوريءَ جي خبر نه پئي. پر ھن جلد ئي مونکي سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. مان اٽڪل ڏھ سال عرب موومينٽ ۾ بھرو وٺڻ کان پوءِ، عورتن لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو ماحول پيدا ڪري سگھيس.
    سيڪنڊري اسڪول جي تعليم لاءِ مون ڇوڪرين جي سائرہ اسڪول ۾ داخلا ورتي. مونکي نئين نئين آزاديءَ جي مستي به ھئي، پر گڏوگڏ اھا مصيبت به ھئي ته، گھٽ ۾ گھٽ ٻه سال رھي امتحان ڏيو، تڏھن وڃي سرٽيفڪيٽ ملندو. انھيءَ جو مطلب اھو ھو ته، مونکي ٻن سالن تائين سياسي سرگرمين کان پاسو ڪرڻو پوندو. پر تعليم کي سياسي ساڃاھ لاءِ ضروري سمجھي، مون پاڻ سان عقلي ٺاھ ڪيو.
    1960ع جي سرءُ جي رُت گڏيل قومن لاءِ بين الاقوامي گڏجاڻيءَ جو سال ھو. انھيءَ سال وڏين طاقتن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ گھٽ ھئي. صدر ناصر گڏيل قومن جي اداري ڏانھن ويو. ھاڻي ھو 1956ع جي ڀيٽ ۾ نرم ٿي لڳو. انقلاب مٿان ڊپلوميسي حاوي پئجي ويئي ھئي. ٽئين دنيا جو اوٻر ھاڻي ٿڌو ٿي ويو ھو. فقط الجزائر ۾ انقلاب جي فسادن جو ماحول ھو. مونکي ان نئين سياسي ۽ سماجي ماحول سان ٺھڻو ھو، ۽ ڪنھن انقلابي مسيحا جو انتظار ڪرڻو ھو. پر نومبر 1967ع تائين پاپولر فرنٽ نه ٺھيو ھو.
    سائرہ اسڪول ۾ ڪم گھٽ ۽ سوچڻ لاءِ گھڻو وقت ھو. ان وقت مان به فلسطيني سياست ۾ بلڪل ٻڏل نه ھيس. اسڪول جو سڄو ماحول سياست جو مدفن ھو. مونکي 12 ٻين ڇوڪرين سان گڏ ھاسٽل ۾ جاءِ ملي ھئي. انھن ۾ فقط چند فلسطيني ھيون، جن سان ڳالھ ٻولھ ٿي سگھندي ھئي. پر انھن سڀني لاءِ فلسطين فقط بس ھڪ وسريل ياد ھئي. جنھن سان ھنن کي ڪابه دلچسپي نه ھئي. ھنن کي ته فقط تعليم حاصل ڪرڻي ھئي، جيئن پوءِ کين سٺو مڙس ملي سگھي. مون انھن ڇوڪرين سان وڌ ۾ وڌ گھاٽي ٿيڻ ۽ گڏ رھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبه نتيجو نه نڪتو. مون کي لڳندو ھو ته، مان ٻارھن ڇوڪرين سان گڏ رھندي به اڪيلي آھيان. ھتي ھڪ ٻي به مون جيان اڪيلي ڇوڪري رھندي ھئي. مس ميڪ نائٽ، آمريڪي ڪاري ڇوڪري ھئي، جيڪا آمريڪا کان ھتي پڙھائڻ آئي ھئي. مان سندس ھتي اچڻ تي، ان وقت تائين اچرج ۾ رھيس، جيسين مونکي ان جو ڪارڻ معلوم نه ٿيو. لبنان ۾ ھن سان انسانن جھڙو سلوڪ ٿيندو ھو، ۽ عرب دنيا ۾ جيڪو رتبو استادن کي حاصل آھي، اھو کيس به حاصل ھو. جڏھن ته آمريڪا ۾ کيس گھٽ درجي جو شھري سمجھيو ويندو ھو.
    مس ميڪ نائٽ ۽ مان، لاشعوري طور تي دوست ٿي ويونسين. ٻه ڪاريون عورتون، مان ۽ مس نائٽ، ھڪ ٻئي جي آرام جو خيال رکڻ لڳيوسين. مس نائٽ ھئي به ڏاڍي پياري عورت. سدائين مرڪندڙ، سٺي سڀاءَ واري. مون لاءِ ته وڏي ڀيڻ واري پناھ ۽ نمونو ھئي. ھوءَ حيران ٿي ويئي؛ جڏھن مون يھودين لاءِ سخت نفرت جو اظھار ڪيو. ھن مونکي چيو ته، ھيئن بنا سوچڻ سمجھڻ جي اعلان ڪرڻ نه گھرجي. ھن چيو ته، يھودي صيھونيت زدہ نه ھوندا آھن، پر اينٽي زايونسٽ به ھوندا آھن. اھو نُڪتو مون پنھنجي ذھن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو.
    بالفور اعلان ۽ اسرائيل جي سالگرہ جو ڏينھن ويجھو اچي رھيو ھو. مون اسڪول ۾ عام ھڙتال جي رٿ پيش ڪئي. بلڪل ائين، جيئن مان سَور ۾ ڪندي ھيس. مس نائٽ انھيءَ خيال کي پسند ڪيو، پر ھوءَ عام ھڙتال جي خلاف ھئي، ۽ انھيءَ جي به ته، انھيءَ ڏينھن اسڪول ۾ عام موڪل ڪئي وڃي، جلوس ڪڍيا وڃن، ۽ پوليس اسٽيشنون تباھ ڪيون وڃن. دراصل ھوءَ ماٿر ڪنگ اسڪول جي ٿڌي ماحول جي گريجوئيٽ ھئي. ھن دشمن کي ساڃاھ اچڻ لاءِ دعا گھري. پر مان ته انقلاب جي ھنج ۾ پلجي وڏي ٿي ھيس.
    اسان اختلافن جي ھوندي به دوست رھيوسين، جو اسان ٻيئي بنيادي حقن کان محروم ھيوسين. مس نائٽ عرب لبناني پرنسپل کي ھڪ پرسڪون عرب ريلي، ۽ فلسطين جي حق ۾ خاموش جلوس ڪڍڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو. پر ريلي 15 مئي 1961ع تائين ملتوي ڪئي ويئي. ھي اھو موقعو ھو، جڏھن مون فلسطين جي مسئلي تي پھرين عوامي تقرير ڪئي.


    (2)
    مون فلسطين، صيھونيت جي تاريخ ۽ مستقبل جي اميدن جي باري ۾ تقرير ڪئي: ”صيھونيت سياسي ڍانچو ويھين صديءَ ۾ اختيار ڪيو. انھيءَ جا بنيادي مذھبي نظريا اھي آھن ته، ڪجھ پوڙھن يھودين بيت المقدس جي زيارت لاءِ سفر ڪيو، ۽ ھو اتي ئي وفات ڪري ويا.“
    ”صيھونيت جو لفظ 1886ع ۾ ھڪ يھودي، ابن اچڪر جي ذھن جي پيداوار آھي. ھو ڪڏھن به فلسطين نه آيو ھو. پوءِ وري ھرزل پنھنجي پمفليٽ ۾ صيھونيت جي سياسي وضاحت ڪئي ھئي. اھو به يھودي ھو، ۽ سندس تعلق آسٽريليا سان ھو- پر 1880ع کان اڳ، ھو پنھنجي يھودي ھئڻ بابت خاص سنجيدہ نه ھو. سياسي مبصر جي ناطي، ڊرينس مقدمي دوران ھو صيھوني ٿي ويو. کيس اِھا ڪاوڙ ھئي ته، فرانس ھڪ سڌريل ملڪ ھئڻ جي باوجود، ھڪ يھوديءَ کي اھڙي ڏوھ جي سزا ڏيڻ تي سندرو ٻڌي بيٺو ھو، جيڪو ھن ڪيو ئي نه ھو. انھيءَ موقعي تي ھرزل کي احساس ٿيو ته، فقط يھودي رياست ۾ ئي يھودي ماڻھو نارمل زندگي گھاري سگھي ٿو. ھن پنھنجو سمورو سرمايو ۽ سمورا وسيلا يورپي جيوريءَ کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا، ۽ بيسل ۾ 1897ع ۾ پھرين صيھوني ڪانفرنس ڪوٺايائين. سندس سڄي منصوبي کي تسليم ڪيو ويو. عالمي صيھوني تنظيم قائم ڪئي ويئي، ۽ ھرزل کي ان جو چيئرمين مڃيو ويو. ھرزل پنھنجي سپنن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ قيصر جي مدد حاصل ڪرڻ گھري. ھو استنبول پھتو ۽ سبلائم پورٽي کان مدد گھريائين، ۽ کيس چيائين ته يھودي سرمايو، علم ۽ ھنر برلن ۽ استنبول جي قدمن ۾ رکيو ويندو، جيڪڏھن پورٽي يھودين کي ڏکڻ عرب، شام ۽ فلسطين ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني. پر پورٽي عربن جي ڏک ۽ ڪاوڙ کان ڊڄي، اھا اجازت ڏيڻ کان نابري واري.
    ھاڻي ھرزل کي ڪنھن ٻئي پاسي نطر ڦيرائڻي پيئي. کيس برطانيه ۾ اھا قوت ملي، جنھن مصر، سوڊان ۽ خليج عرب کي سامراجي زنجيرن ۾ سوگھو ڪري رکيو ھو. ھن برطانيه آڏو پنھنجو مطالبو ورجايو، ۽ منطق اھا پيش ڪئي ته، يھودي رياست عرب انقلاب کي روڪڻ ۾ سڀ کان اھم ڪردار ادا ڪندي. خاص طور تي سوئيز واھ ۽ ڏور اوڀر جا واپاري لاڳاپا محفوظ ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي.
    شروع کان ئي اسرائيل جي وجود جو مقصد عربن کي متحد ٿيڻ کان روڪڻ ھو. برطانيه کي عالمي يھودي اميرن جي اھا رِٿ وڻي، ۽ ھن ارجنٽائن ۽ يوگنڊا ۽ علائقن کي يھودي آباديءَ لاءِ چونڊيو. جيتوڻيڪ ھرزل کي يھودي آبادي فلسطين ۾ قائم ڪرڻ مناسب ٿي لڳو، پر ھن في الحال يوگنڊا جي تجويز کي ئي قبول ڪيو، ۽ اھا ڳالھ عالمي صيھوني تنظيم آڏو پيش ڪيائين. اِھو 1930ع جو واقعو آھي. ان کان ڪجھ وقت پوءِ ئي ھرزل مري ويو، ۽ يوگنڊا پراجيڪٽ به ڄڻ ساڻس گڏ ئي دفن ٿي ويو.
    ”برطانيه مصر ۾ بحرِ روم جي ڪناري تي، اُھو علائقو، جيڪو فلسطين جي ويجھو ھو، ۽ العرش جي نالي سان سڃاتو ويندو ھو، يھودين کي پيش ڪيو، پر ھنن اھا رِٿ رد ڪري ڇڏي. (1971ع جي سرءُ جي مند ۾ اسرائيلين نه فقط سڄي فلسطين تي قبضو ڪيو، پر العرش، سينا ۽ شامل ۾ شامل گولان جي ٽڪرين تي به قبضو ڪري ورتو.) 1917ع ۾ يھودين برطانيه کان زوريءَ اعلان باالفور تيار ڪرائي ورتو. جيتوڻيڪ يھودي انھيءَ علائقي جون ڏھون حصو ھئا، پر اعلان تيار ڪرڻ وارن کي اِھو اختيار ھو ته، ھو اقليت کي اڪثريت ۾ بدلائي ڇڏين. برطانوي طاقتور ھئا، ۽ اھڙن طاقتور ماڻھن کي پسند ڪندا ھئا، جيڪي سرمايو به ڏيئي سگھن. صيھوني پنھنجي مقصد لاءِ ڪيترو به معاوضو ۽ ڪوبه معاھدو ڪرڻ لاءِ تيار ھئا، ۽ 1948ع ۾ فلسطينين جي لاشن مٿان اسرائيل کي قائم ڪيو ويو.
    وڏين طاقتن جي سھڪار سان ھو پنھنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا، جو برطانيه ۽ فرانس اڀرندي عرب ۾ ست رياستون قائم ڪرائي ڏنيون ھيون، ۽ عربن تي اولھ جي تھذيب جا ٽرسٽ مڙھيا ويا ھئا. وري سندن ڇاڙتن عرب نيشنلسٽ موومينٽ کي دٻايو ۽ انقلابي عمل کي ناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو اڳتي ھلي 1916ع ۾ عظيم عرب انقلاب صورت ۾ پڌرو ٿيو. 1936ع جي عام ھڙتال ھڪ اھڙو شاندار مثال ھئي، جنھن ۾ مزدورن ۽ ھارين گڏجي انقلاب جو جھنڊو کنيو، ۽ مٿين درجي جي ماڻھن کي، عام ماڻھن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو. امير طبقي عام ماڻھوءَ سان سھڪار ضرور ڪيو، پر ذاتي مفاد خاطر عام ماڻھوءَ جي قربانين کي به موت جي منھن ۾ ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو.
    ”اسانجي زميندارن جا ذھن ڪُند ۽ اسانجي سماجي ڍانچي جي تباھيءَ جا رستا، سامراجي ڇاڙتن جي قائم ڪيل حڪومتن ذريعي اڃا به وڌيا. انھيءَ وچ ۾ صيھونين پنھنجي لاءِ ھڪ ڌار نسل پرست معاشرو قائم ڪيو، جنھن ۾ يورپي صيھوني، پولش ۽ روسين حڪومت ۾ مڪمل عمل دخل رکيو. افرو ايشيائي يھودي ھتي به ننڍ وڏائيءَ جو شڪار ھو، ۽ يورپين جي مقابلي ۾ حڪارت جي نظر سان ڏٺو ويندو ھو. عرب، جيڪي فلسطين جا اصل رھاڪو ھئا، تن کي فوجي انتظام ھيٺ رکيو ويو، ۽ سَستي مزدوري حاصل ڪرڻ وارن ۾ انھن جو نالو عرب يھودين سان گڏ ايندو ھو.“
    مون پنھنجي تقرير آزاد فلسطين جي قائم ٿيڻ جي زور تي ختم ڪئي. مون وڌيڪ چيو ته، ”ھيءَ حالت نه گھڻو وقت ھلي سگھندي، نه ھلڻ گھرجي.“ اسان انھيءَ کي عرب اتحاد ۽ فلسطين جي آزاديءَ سان ختم ڪري سگھون ٿا. اسان جا مقصد حاصل ٿي سگھن ٿا، جيڪڏھن يو- اي- آر کي وڌيڪ وسعت ڏني وڃي، ۽ سموريون عرب رياستون، ھڪ قومي رياست ۾ گڏجي وڃن. اسان کي جدوجھد ڪرڻي آھي، ھڪ عرب قوم، اتحاد، آزادي ۽ سوشلزم لاءِ. اڳ ۾ اسان کي دشمن نمبر ھڪ، يعني آمريڪا کي شڪست ڏيڻي آھي، جو انھيءَ جھاز ڪيرائيندڙ ميزائيل اسرائيل کي ڏنا آھن- اسان کي پنھنجي تيل جي ذخيرن کي قابو رکڻو آھي. اسانکي فلسطين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ، پنھنجي فلسطيني ڀائرن جي نقشِ قدم تي ھلڻو آھي. ”عرب ۽ انقلابي دوستو! فلسطين زندھ باد.“

    (3)

    منھنجي تقرير ٻڌي، شاگردن ۾ ڏاڍو جوش پيدا ٿيو. ھنن ڏاڍيون تاڙيون وڄايون، ۽ منھنجي فلسطين جي تاريخ بابت ڄاڻ کان به متاثر ٿيا، ۽ عرب اتحاد لاءِ يقين ته سندن دل ۾ پيھي ويو.(ان وقت نه منھنجي ذھن ۾ اھو خيال ھو، ۽ نه شاگردن جي ذھن ۾ ته، يو- اي- آر-28 سيپٽمبر 1961ع تي ختم به ٿيندو.)جڏھن شام، عرب اتحاد کان مايوس ٿي، پنھنجا علائقا ڌار ڪري ڇڏيا ته، فلسطين کي آزاديءَ جو ٻيڙو پار اڪارڻ لاءِ وري نوان ونجھ ڳولڻا پيا. يو- اي- آر- جو خاتمو اسانجي اميدن جي وقتي زوال جو زمانو ھو. پر ان سان گڏ ئي فلسطيني انقلاب جي آسري ڪَر کنيا. ھر ھنڌ فلسطيني تنظيمون قائم ٿيڻ لڳيون. اڀرندي عرب ۾ اھا نئين روشني ھئي، جڏھن ته اولھائين عرب ۾ الجزائر جي ھٿياربند جدوجھد، ڪاميابيءَ ۽ آزاديءَ جو پيغام ڏيئي رھي ھئي.
    انھيءَ سال بھار جي مند ۾، مون اسڪول مان امتحان پاس ڪيو، ۽ گرميون گھارڻ لاءِ سَور واپس ھلي آيس، اھو به سوچيو ھوم ته، سرءُ جي مُند ۾ آمريڪن يونيورسٽي بيروت ۾ داخلا وٺنديس، جيڪڏھن انٽرنس ۾ پاس ٿي ويس. انھيءَ سال عرب جي قوميت ۽ قسمت جي فيصلن جو مرڪز سَور ھو. تحريڪ جيتوڻيڪ گھڻو تيز نه ھئي، پر ناصر جي راڪيٽ ۽ فليٽ ٺاھڻ جي منصوبن سان حوصلو وڌيو ٿي. 23 جولاء ِ1962ع تي ناصر انقلاب جي ڏھين سالگرھ ملھائي، انھيءَ موقعي تي مصر جي ٺاھيل راڪيٽن، جھازن ۽ ٽينڪن جو نماءُ به ڪيو ويو. ھن دنيا جي سامھون اعلان ڪيو ته مصري راڪيٽ بيروت جي ڏکڻ ۾ پھچندا. ناصر ۽ عامر پريڊ جي سلامي ائين ورتي، جيئن اسٽالن، چرچل ۽ روزويلٽ، سڀ گڏجي ناصر ۾ گڏجي ويا ھجن. اسان جا حوصلا وڌيا ته، ھاڻي ڀلا اسرائيل عربن جي مُّٺ کان ڪيئن بچي سگھندو. اسان کي لڳو ته، انتقام جو وقت اچي ويو آھي. اسان کي ترڪيءَ کان به پھرين مھاڀاري لڙائي جي عام قتل جو بدلو وٺڻ جو خيال به اڀارڻ لڳو.
    1962ع ۾ مون کي وري عرب فلسطيني عورت ھئڻ جي مسئلي کي منھن ڏيڻو پيو، اولھ ۾ منھنجون ڀينر ٻن قسمن جي استحصال جي ڳالھ ٿيون ڪن. طبقاتي ۽ جنسي. پر مون کي چئن قسمن جي استحصال سان منھن ڏيڻو ھو. قومي، سماجي، طبقاتي ۽ جنسي. منھنجي خاندان ۾ زباني مساوات ته ھئي، پر جيئن سڀني ترقي پسند خاندانن ۾ ٿيندو آھي، عملي طور تي اھڙي ڪابه ڳالھ نه ھئي. جيتوڻيڪ مون اسڪول مان امتحان سٺين مارڪن سان پاس ڪيو، ۽ منھنجو ڀاءُ خالد ناپاس ٿيو، پر پوءِ اسان جي خاندان خالد کي يونيورسٽيءَ موڪلڻ ٿي چاھيو، ۽ مون لاءِ فقط ھڪ لفظ ”انڪار“ ھو، جومان عورت ھيس. نيٺ پنھنجي ڀاءُ محمد جي ڪري مون کي 1962-63ع آمريڪن يونيورسٽي بيروت ۾ داخلا ملي، جو محمد ان وقت ڪويت ۾ انجنيئر جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رھيو ھو. يونيورسٽي امتحان ۾ منھنجون87 سيڪڙو مارڪون آيون، ۽ ھاڻي مون کي اسڪالرشپ ملي ٿي سگھي. پر ھتي به ٻه اکيائي ٿي، ۽ مون کي اسڪالرشپ نه ملي. پر مان امتحان پاس ڪرڻ، ۽ داخلا جي موڪل ملڻ تي ئي خوش ھيس. نه ته عام عورتن جيان ٻار ڄڻي رھي ھجان ھا، شاديءَ جي جنڊ “ پيسجي رھي ھجان ھا، يا ڪنھن آفيس ۾ فائيلن جو بک ٿي چڪي ھجان ھا.
    1962ع ۾ مان جڏھن بيروت پھتس ته مون وٽ ڪل ميڙي چونڊي 50 لبناني پونڊ ھئا. مون چيو ته مان قسطن واري خاني ۾ پنھنجو نالو لکرايان- پر نه پرنسپال راضي ٿيو نه رجسٽرار. مون ڏاڍي ميڙ منٿ ڪئي ته، مون کي رجسٽر ته ڪيو، متان ڪو ٻيو منھنجي جاءِ وٺي وڃي. مون اھو وعدو به ڪيو ته، ايندڙ مالي سال کان اڳ مان سموري بقايا جمع ڪرائي ڇڏينديس، پر ھو راضي نه ٿيا. منھنجي ميڙ منٿ ٻڌي، آفيس جي ھڪ ڇوڪريءَ چيو، ”تون اھي پيسا ڪيئن پورا ڪندينءَ؟“
    مون تڪڙ ۾ چيو. ”منھنجو ڀاءُ ڪويت ۾ انجنيئر آھي. مان سندس چوڻ تي داخلا وٺي رھي آھيان، اِھوئي في به ڀريندو.“
    ”وڃ، پنھنجي ڀاءُ کي تار ڪر.“ انھيءَ ڇوڪريءَ مونکي صلاح ڏني. مان تڪڙي تڪڙي شھر پھتيس. محمد کي تار ڪيم، جنھن تي ٻارھن پونڊ لڳا. ھاڻي مون وٽ فقط 38 پونڊ ھئا. مونکي لڳو، اھا رقم به جلد ختم ٿي ويندي، ۽ نه مان داخلا وٺي سگھنديس، ۽ نه باقي ڪجھ بچندم. مون سڄو ڏينھن انتظار ڪيو. ھر پل اِھوئي آسرو ھو ته، ايندڙ گھڙيءَ رقم مون وٽ ھوندي. ڪڏھن ڪڏھن سڪون جي مرڪ منھنجي منھن تي تري ٿي آئي. منھنجي ڀاءُ ھڪ سچي عرب جيان پنھنجو وعدو پاڙيو..... مان واپس يونيورسٽيءَ ويس، ۽ رجسٽرار کي ڏاڍي فخر سان وڃي في ڏنم. منھنجي رجسٽريشن ٿي ويئي. منھنجي داخلا چئن ڪورسن لاءِ ٿي. ڪيمسٽري، عربي ادب، انگريزي ۽ حساب. منھنجي چئن استادن مان فقط ھڪ عرب نسل جو ھو. باقي ٽي استاد پنھنجي خيال ۾ به آمريڪن ھئا ته رويي ۽ ورتاءَ ۾ به. ھو پراونشل اسڪول ۾ پڙھيا ھئا، جتان جا سند يافته سي- آئي- اي جا ايجنٽ يا وزير ئي ٿيندا آھن، مون کي خبر ڪانھي ته انھن مان ڪھڙي صورت بدتر آھي.
    آمريڪن يونيوسٽيءَ ۾ منھنجي تعليم وچٿري ٿي رھي ھئي. پر منھنجي اصل تعليم عرب ڪلچرل ڪلب بيروت ۽ عرب نيشنلسٽ موومينٽ جي درجن ۾ ٿي رھي ھئي. اي- سي- سي ۾ منھنجي واقفيت عرب دانشورن سان ٿي. مثال طور يوسف موغيزل، جيڪو ڪلب جو صدر ھو. محسن ابراھيم، جيڪو ”الحريت“ جو ايڊيٽر ھو. ”الحريت“ عرب نيشنلسٽ موومينٽ جي سرڪاري اخبار ھئي. مان جن به اديبن ۽ شاگردن سان مليس، سي سڀئي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل عربن ۽ پاپولر فرنٽ لاءِ ڪردار ادا ڪري رھيا ھئا.
    آمريڪن يونيورسٽي ھڪ لحاظ کان مون لاءِ دانشمنديءَ جو قبرستان ھئي. اھا يونيورسٽي در اصل وچ اوڀر جي امير ٻارن لاءِ سوشل ڪلب يا اٿڻي ويھڻي سيکارڻ جو ادارو ھئي. شاگرد يونين تي پابندي ھئي، ۽ يونيورسٽيءَ جا معاملا ڪنھن آمريڪن ڪارپوريشن جيان طئي ٿي رھيا ھئا. جن شاگردن جي في پوري ڏنل نه ھوندي ھئي، تن کي ڪلاس ۾ اچڻ کان روڪيو ويندو ھو. يونيوسٽي ڪيمپس ۾ جن شين جي اجازت ھئي، سي ڊانس پارٽيون ۽ ڊراما ھئا. ڪابه واضح سياسي ڪلب ٺاھڻ جي اجازت نه ھئي. يونيورسٽيءَ ۾ ڪنھن به قسم جي مظاھري، سياسي جلوس يا تقرير ڪندڙ مھمان کي اچڻ جي اجازت نه ھئي.
    مان جيوٽ ھال ھاسٽل ۾ آمريڪن ڇوڪريءَ سان گڏ رھندي ھيس. سندس نالو جوڊي سننگر ھو. مان سندس سوشل زندگي ڏسي حيران ٿيندي ھيس. ھڪ ھفتي ۾ ھن جا ٽن مختلف ڏينھن تي عشق ھلندا ھئا. ھر عشق ۾ ھوءَ جسم ۽ جان جي مڪمل شدتن سان شامل ٿيندي ھئي. ٻين ڇوڪرين جي سامھون ھوءَ پنھنجي محبوب سان چم چٽ ڪندي ڪابه ھٻڪ محسوس نه ڪندي ھئي. مان جڏھن جوڊيءَ کان پڇندي ھيس، ”تون اھو سڀ ڪجھ ڪيئن ٿي ڪرين؟“ تڏھن ھوءَ کِلي جواب ڏيندي ھئي، ”دل نه ڏيو، مزا ڪيو، سڀ جائز آھي.“ ۽ مان به کِلي ڏيندي ھيس.
    جوڊي ۽ مان، ھاسٽل جي ساٿيءَ کان وڌيڪ دانشورانه ساٿي ھئاسين. ھوءَ مونکي آمريڪن حڪومت سماج ۽ اخلاقي قدرن بابت ليڪچر ڏيندي ھئي، ۽ مان کيس عربن بابت. ھوءَ آزاد خيال ھئي، ۽ ڪينيڊيءَ جي پرستارن منجھان ھئي، ۽ مان ناصر جي پرستار ھيس . آڪٽوبر 1962ع ۾ اسان جي دوستي امتحان ۾ پيئي. ڪينيڊيءَ ڪيوبا تي حملو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جيڪڏھن سوويت ميزائيل ھڪدم ڪيوبا مان نه ھٽايا ويا. 2 آڪٽوبر تي يو- اي - آر- سرڪاري طور تي پنھنجون فوجون يمن موڪليون ھيون. جوڊي ۽ منھنجو انھن معاملن تي زبردست بحث ٿيندو ھو. اسان ٻيئي ھڪ ٻئي کي سمجھائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪنديون ھيوسين. جوڊي چوندي ھئي، ”اھو آمريڪا جو حق آھي ته ھو روس کي چوي ته ھو ڪيوبا مان پنھنجا ميزائيل ڪڍي وٺي، جو انھيءَ نموني آمريڪا به خطري جي نشان ۾ اچي ٿو وڃي.“ ۽ منھنجو خيال اھو ھو ته يمن ڏانھن يو- اي- آر- جي دستن کي روڪڻ لاءِ ناصر جو قدم انقلاب کي تحفظ ڏيڻ جي برابر آھي. جوڊيءَ جو خيال ھو ته، ناصر ھڪ لالچي سياستدان ھو، جيڪو خليج جو تيل پنھنجي ذاتي مفادن ۽ عروج لاءِ ٿو خرچ ڪرڻ گھري. مان چوندي ھيس ته، تيل تي اسان جو حق آھي، تنھن ڪري اسان جيئن چاھينداسين، تيئن اھو عربن جي مفاد ۾ استعمال ڪنداسين. ھوءَ ناصر جي ڪارواين کي روسي چالبازين جو حصو سمجھندي ھئي، جو سندس خيال ۾ روس، ناصر ذريعي عربن تي قبضو ڪرڻ ٿي گھريو. مون جوڊيءَ کي چيو ته، اسان سامراجيت سان انھيءَ ڪري نٿا وڙھون ته، اسان چانديءَ جي ٿالھيءَ ۾ پنھنجو علائقو ٻي وڏي طاقت کي پيش ڪنداسين. جوڊي پنھنجي آزاد خيالي ۽ لبرل نظرين جي باوجود سامراجي ذھن واري عورت ھئي، ۽ مان ھڪ جلاوطن عرب عورت ھيس، جيڪا آمريڪي ڪالوني بيروت ۾ زندگي گھاري رھي ھئي. ھوءَ ھر شيءِ ھارائي سگھي ٿَي، ۽ مان ھر شيءِ جيتڻ جي خواھش ٿي رکي. اھا حقيقت آھي ته، فرد جي سماجي حيثيت ئي سندس سماجي شعور جي نگراني ٿي ڪري.
    يونيورسٽي ڪيمپس ۾ سياست تي پابندي ھئي، ۽ فلسطيني شاگردن جون سرگرميون به ڏاڍو گھٽ ۽ خفيه ھيون، ۽ 1963ع ۾ متحارب سياست جو نشانو ٿي چڪيون ھيون. فلسطين جي رياست جي قائم ٿيڻ جي اعلان، جنھن جو ھيڊ ڪوارٽر نيبلس ھو، اسان کي ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جو موقعو ڏيئي رھيو ھو. اھو چوڻ جي ضرورت ته ناھي ته، نيبلس اڳ شاھ حسين جي قبائلي نظام جو حصو ھو، پر چڱو احتجاج ٿيو. جنھن مان ثابت ٿيو ته، فلسطيني بيچيني، سماجي ماحول جي باري ۾ عرب رياستن جي باري ۾ ڪافي وڌيل ھئي. تنھن کان سواءِ نيون فلسطيني تنظيمون ظاھر ٿي رھيون ھيون. عرب رياستن کي مجبوراً فلسطيني اتحاد جي ڳالھ ڪرڻي پيئي. پوءِ اھو به ٿيو ته، آمريڪن يونيورسٽي بيروت ۾ مظاھرو ٿيو. انتظاميه پھرين ته اسان جي سرگرمين تي ڌيان نه ڏنو، ۽ سمجھيو ته مينھوڳيءَ جي ڏيڏرن جيان پاڻيھي ختم ٿي ويندا.
    اسان ھڪدم انھن افواھن جي تصديق ڪرڻ گھري ته، اردني سفارت خاني ۾ شاگردن کي گھرائي ڌمڪيون ڏنيون ٿي ويون ته، جيڪڏھن ھنن سياسي سرگرميون بند نه ڪيون ته، سندن پاسپورٽ رد ڪيا ويندا. اسان اردني سفارت خاني جي ٻچاپڙائي ڏسي سرگرميون اڃا به وڌائي ڇڏيون. ھاڻي ته ڪيترا غير ملڪي شاگرد به اسان جا حمايتي ٿي ويا، ۽ اسان سان گڏ مظاھرن ۾ حصو ورتائون. ھاڻي يونيورسٽي انتظاميه جوابي عمل جي تياري ڪئي. ھوڏانھن شاگردن پنھنجو ھڪ وفد تيار ڪيو، جنھن کي اردني سفات خاني وڃي، فلسطيني شاگردن جي نمائندگي ڪرڻي ھئي. مون کي به انھيءَ گروپ ۾ شامل ڪيو ويو. اردني سفارت خاني ۾ گھڻو ڳالھائڻ جو ڪم منھنجي ذمي ھو. ۽ منھنجا ساٿي منھنجي پٺ ڀرائي ڪري رھيا ھئا. آھستي آھستي يونيورسٽيءَ جي چوڌاري لبناني انٽيليجنس جا ماڻھو وڌندا ويا. سفير کي خبر ھئي ته ٻاھر ڇا ٿي رھيو آھي، جيتوڻيڪ ھن ظاھر اھو ئي ڪيو ته کيس ڪابه ڄاڻ ناھي. ڪاميٽيءَ جي سامھون بھرحال سفير کي پنھنجا لفظ بدلائڻا پيا، ۽ پوليس کي چوڻو پيو ته، ھي ڏوھاري ناھن پر يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو ھڪ جٿو آھي. محافظن واري واري سان اسان جي تلاشي ورتي، ۽ ڪمري کان ٻاھر ھليا ويا. ھنن جي نڪرڻ سان ئي مون وري سخت لھجي ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ زور رکيم ته اسان کي لکت ۾ يقين ڏياريو وڃي ته، اسان جا پاسپورٽ رد نه ڪيا ويندا. پر ھن انھيءَ الزام کان انڪار ڪيو. اسان فخر جي احساس سان سفير سان گڏ عرب ڪافي پيتي. اسان جيئن ته انگريزيءَ ۾ ڳالھائي رھيا ھئاسين، ۽ مان ڪجھ تيز ڳالھائي رھي ھيس، تنھنڪري ھن سمجھيو ته مان شايد عرب ناھيان. وڃڻ کان اڳ مون ساڻس عربيءَ ۾ ڳالھائي مٿس اھو واضح ڪري ڇڏيو ته مان عرب ئي آھيان، فلسطيني آھيان. ۽ جلد ئي فلسطيني عورتون انقلابي مقام حاصل ڪنديون. منھجون ڳالھيون ٻڌي، ھو وڏن واري شفقت سان مُرڪيو.
    ساڳي بھار جي رُت ۾، مون کي وري عورت ھئڻ ڪارڻ مسئلن سان منھن مقابل ٿيڻو پيو. اي- اين- ايم- فيصلو ڪيو ته، يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي پڻ فوجي سکيا ڏني وڃي. مان درخواست ڏيڻ واري پھرين جٿي ۾ شامل ھيس. پنھنجي سياسي ڪارگذارين ۽ تجربي جي بنياد تي سمجھيم ٿي ته، ھاڻي منھنجي درخواست ڪنھن بيھودي سبب سان رد نه ڪئي ويندي. جيئن ته مان اي- يو- بي ۽ جي- يو- پي- ايس جي انتظامي ڪاميٽين ۾ شامل ھيس، تنھن ڪري منھنجي نالي کي رد ڪرڻ مصيبت پلئه پائڻ برابر ھو. پر ھاڻي ھنن ھڪ ٻيو طريقو استعمال ڪيو. مونکي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ته موسم جي سختي مون کان برداشت نه ٿيندي، تنھن ڪري مان تربيت لاءِ نه وڃان. مون کين يقين ڏياريو ته مان ھر قسم جي ڏکيائي برداشت ڪنديس. ڇڪي تاڻي نيٺ ھنن مون کي اجازت ڏني.
    يونيورسٽيءَ ۾ سياسي بندش سبب اي- اين- ايم کي خفيه ڪارڪردگي رکڻي پوندي ھئي. منھنجي ذمي جيوٽ ھال ۾ لٽريچر ورھائڻ، ۽ انھيءَ علائقي جي وڻن تي پوسٽر ھڻڻ جو ڪم رکيل ھو. مان رات جو ھڪ وڳي يا صبح پنجين وڳي اِھو ڪم ڪندي ھيس. ھڪ رات چوڪيدار مون کي پڪڙي ورتو. پھرين ته ھن مون کي ڏاڍو ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو، پر پوءِ اھو به اسان جي تنظيم جو ميمبر نڪتو. پوءِ ھن مون کي سمجھايو ته پوسٽر ڪٿي، ۽ ڪھڙي وقت لڳائڻ گھرجن. جيڪڏھن مان پڪڙجي پيس ته، انھيءَ جو مطلب بنا پڇا ڳاڇا جي يونيورسٽيءَ کان نيڪالي ھئي. ھاڻي مان جيوٽ ھال ۾ وڌيڪ اعتماد سان ڪم ڪندي ھيس. عورتن جي ٽپال جي دٻن ۾ بنڊلن جا بندل رکي ڇڏيندي ھيس. گڏوگڏ اھڙا پمفليٽ به رکي ڇڏيندي ھيس، جنھن ۾ اسان جي مواد جي ابتڙ ڳالھيون ھونديون ھيون. جيئن خبر نه پوندي ته، اھي ٻئي شيون رکڻ وارا آخر آھن ڪير! ڪڏھن ڪڏھن اسان جا ڇوڪرا ئي اھو چوندا ھئا ته، ٻئي ڳالھيون ڄاڻڻ ضروري آھن. ھنن جي وڪالت جو اھو ئي انداز مون کي سندن سوچ جي ڄاڻ ڏيندو ھو.
    شاگردن کي منھنجي باري ۾ پڇاڙيءَ تائين خبر نه پيئي ته، مان ڪھڙي خفيه تنظيم جي ميمبر يا نيشنلسٽ آھيان. جڏھن ته انتظاميه کي اھو يقين ھو ته، جيوٽ جي نيشنلسٽ رويي جي واحد ۽ زوردار حمايتي مان ئي آھيان. مان جڏھن اسرائيل جي پندرھين سالگرھ جي موقعي تي لٽريچر ورھائي رھي ھيس ته، مون کي ھيئن ڏينھن ڏٺي ڪم ڪندي ڏسي، ڊين جي آفيس ۾ گھرايو ويو. ڊين مون سان آمريڪي لھجي ۾ ڏاڍي سخت انگريزي ڳالھائي. مون ھرو ڀرو چيو، ”مون کي ته ڪجھ به سمجھ ۾ ئي نه آيو!“ ھاڻي ته ھن کي ويتر ڪاوڙ وٺي ويئي. ڪاوڙ ۾ چوڻ لڳي، ”ڪيڏي نالائق آھين، آمريڪن يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي آھين، ۽ انگريزي نٿي ڄاڻين!“ ھن ھڪدم ترجمان گھرائڻ لاءِ چيو، ۽ مون کان پڇيو، ”تون شاگردن لاءِ جاري ڪيل ھينڊ بوڪ ناھي پڙھيو؟“
    ”ھا، مون پڙھيو آھي.“ مون ترجمان ذريعي جواب ڏنو.
    ”ڇا توکي سُڌ آھي ته، آرٽيڪل نمبر 6 جي حوالي سان، توکي بنا اجازت جي لٽريچر ورھائڻ جي ڏوھ ۾، يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ملي سگھي ٿي.“
    ”ھا، مون کي سُڌ آھي.“ مون وري ترجمان وسيلي جواب ڏنو.
    ”پوءِ تو ائين ڇو ڪيو؟“
    ”مون جواب ڏنو، ”مان جيڪو ڪجھ ورھائي رھي ھيس، اھو سياسي نوعيت جو نه ھو.“
    ھن سيڪريٽريءَ جي ھٿ مان پمفليٽ وٺي، ٻه- ٽي پئراگراف پڙھي، ڪاوڙ مان چيو، ”ڇا ھي آرٽيڪل نمبر 6 ھيٺ نٿو اچي..... ڇا ھي سياسي لٽريچر ناھي؟“
    مون چيو، ”مون کي خبر ئي ڪانھي ته، پمفليٽ ڇا ٿيندو آھي، ۽ ڊين صاحبه ڇا ٿي چوي!“ ھاڻي ويچاري ڊين، سياست، سياسي تحرير ۽ اھڙي لٽريچر جي نوعيت ۽ مقصد کي بيان شروع ڪرڻ شروع ڪيو. ھن سندس سمورين ڳالھين سان متفق ٿيندي چيو ته، مون لاءِ فلسطين سياست ناھي، پر زندگي ۽ موت جو سوال آھي- ۽ مون کي ڪوبه آمريڪي شخص، يا اھو شخص جيڪو عربي ڳالھائي نٿو سگھي، اھو نٿو ٻڌائي سگھي ته، مون کي پنھنجي ملڪ لاءِ ڪھڙي نموني وڙھڻ ۽ جدوجھد ڪرڻ گھرجي! ڊين مون کي ضدي شاگرد سمجھي، اھوئي مناسب سمجھيو ته، مون کي يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏني وڃي، جيئن مون کي تنظيم جو مطلب سمجھ ۾ اچي وڃي.
    ”ڪجھ ڪري ته ڏيکار!“ ھاڻي مون سڌو سنئون انگريزيءَ ۾ رڙ ڪئي، ”تون سي- آئي- اي جي ايجنٽ آھين! اھڙو ڏينھن به ايندو، جڏھن مان تنھنجي جاءِ تي ڪرسيءَ تي ويٺي ھونديس، ۽ تو جھڙين سڀني کي نيڪالي ڏينديس.“ ۽ مان سندس آفيس مان نعرا ھڻندي ٻاھر نڪتيس، ”فلسطيني زندھ آباد، اي- اين- ايم زندھ آباد انقلاب.....“
    اھو ٻڌي ڊين جي حالت بيھوشيءَ جھڙي ٿي ويئي. مان سمجھان ٿي، ھن پنھنجي آفيسراڻي ڪرسيءَ تي ويھڻ کان اڳ، ٻه ٽي گوريون ضرور کاڌيون ھونديون.
    1963ع ۾ مون پھرين سال جو امتحان پاس ڪيو، جيتوڻيڪ منھنجي ڪا چڱي پوزيشن نه آئي ھئي، ۽ منھنجو خيال ھو ته مان ٻيھر داخلا وٺي تعليم مڪمل ڪيان، پر مون وٽ پئسا نه ھئا. ھاڻي مون کي نوڪريءَ جي ڳولا ھئي. تعليم جي شروعاتي ٽن سالن ۾، مون کي تاريخ ۽ ادب وڻندا ھئا، پر تعليم جي پڄاڻيءَ تي مون کي حساب ۽ ڪيمسٽري وڻڻ لڳا. پوءِ مون فارماڪالاجي يا زراعت ۾ خاص مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ سوچيو، جو اسان فلسطين واپس ورنداسين ته، سائنسي بنيادن تي پوک ڪري، اسان زمين کي صيھونين کان بھتر نموني استعمال ڪنداسين.
    سيڪنڊري اسڪول جي شروعاتي ٽن سالن ۾، مون لنڪن، ھٽلر ۽ نيپولين بابت پڙھيو. شروع ۾ مون انھن سڀني کي پسند ڪيو، پر ھاڻي مان لنڪن کي پنھنجي وقت ۾ لبرل ھئڻ تي، ۽ لينن کي انفرادي طور تي عظيم تاريخي ڪارنامو ڪرڻ تي وڏو سمجھان ٿي- جن جي تقليد مائو، ھوچي منھ ۽ چي گويرا ڪئي. اڳ ۾ مان ھٽلر کي به عظيم سمجھندي ھيس، جو ھو يھودين جي خلاف ھو. پر پوءِ مون کي پتو پيو ته، ھن ذاتي سببن ڪري ڪيو. تنھن ڪري پوءِ ھٽلر مون کي چڱو نه لڳو.
    ادب ۾ مون کي ڊڪنز ۽ شا سٺا لڳندا ھئا. مون کي سندن سموريون لکڻيون وڻنديون ھيون. مون شا جي انداز ۾ لکڻ جي ڪوشش به ڪئي. عربي شاعريءَ ۾ مون کي عباسي دور جي شاعري وڻندي ھئي. بس، منھنجي ڪل تعليم اھائي ھئي.
    1960-61ع ۾ مون وٽ چڱو وقت ھو. ان وقت مون گانڌيءَ کي پڙھيو. سندس اخلاقي ڪردار مون کي ڏاڍو موھيو، پر مون کي لڳو ته ھو پيدائشي غلام ھو، ۽ ھن ڪڏھن به غلاميءَ مان جان نه ڇڏائي ھئي. ذاتي ۽ سماجي سطح تي مان نارمل عرب ڇوڪريءَ جيان زندگي گھاري رھي ھيس. ڇھن سالن تائين مون کي پنھنجو ھڪ فلسطيني ڪلاس فيلو، جيڪو ڪنھن زميندار گھراڻي جو ھو، پسند رھيو. اڳ ۾ ته ھن جي ڇوڪرين کان پاسو ڪرڻ جي رويي مون کي ڏانھس ڇڪيو. پوءِ مون کي خبر پيئي ته، ھن جي ڇوڪرين کان نفرت جو نصابي سبب، اسرائيلين ھٿان سندس ماءُ جي لوئي لوئجڻ ھو، جنھن کي ھو وساري نٿي سگھيو. اھو واقعو تڏھن پيش آيو ھو، جڏھن 48ع ۾ ھو صدف جي علائقي مان ھجرت ڪري رھيا ھئا. جڏھن ھو پاڻ ڪمائڻ لائق ٿيو، تڏھن ھن پنھنجي ماءُ جو ساٿ ڇڏي ڏنو. جڏھن کان مان آمريڪن يونيورسٽيءَ آئي ھيس، عديل سان نه ملي ھيس. خبر ڪانھيم ته ھو اسان جي مجاھدن ۾ شامل آھي، يا شھيدن ۾. شايد ھو مايوس ٿي عرب جي ڪنھن شھر يا ٻھراڙي ۾ رھي پيو ھجي.
    مختلف وقتن تي منھنجا دوست پيدا ٿيندا رھيا، پر مان ڪنھن سان به لاڳاپا قائم ڪري نه سگھيس، جو منھنجو اصل عشق ته انقلاب ھو.


    ڪويت ۾ جلاوطن

    (1)

    ”ڪويت ۽ خليج عرب ۾ ھر اھو شخص ڌاريو آھي، جيڪو ڪويت جو ناھي. سواءِ برطانوي، آمريڪي ۽ سندن ڇاڙتن جي.“ (ڪاتب ڪروني)
    عرب نيشنلزم ته اڻويھين صديءَ جو خيال ھو. انھي جو پھريون ڏاھ ته اديبن تخليق ڪيو، جيڪي يورپي خيالن ۽ فلسفي، ۽ برطانوي ۽ فرانسيسي يونيورسٽين جي ليکڪن جي خيالن کان واقف ھئا. شاگردن ۽ ھٿياربندن انھيءَ خيال کي اڳتي وڌي اچي ھٿي ڏني، ۽ عرب ڪِلب قائم ڪيائون. انھيءَ زماني جي قوم پرستيءَ جي ڪا خاص مقرر ڪيل تعريف نه ھئي، ۽ نه ئي ڪو واضح پروگرام ھو. نيشنلزم کڻي اوڀر جو ھجي يا اولھ جو، پر سندس دائرو اولھ ايشيا ۽ اتر آفريڪا تي اچي ٿي بيٺو. ڪجھ اھم دانشورن، مثال طور افغانيءَ ”اسلامي غسل“ جو نالو ڏنو، ۽ عربزم ۽ اسلام ۾ فرق ڪرڻ وساري ويا. الافغانيءَ ۽ سندس پوئلڳن جو خيال ھو ته، اسلام کي درپيش مشڪلاتون تھذيب ۽ برادريءَ سان لاڳاپو رکن ٿيون. سندس خيال ۾ 1798ع ۾ نپولين جو مصر تي حملو ۽ پوءِ فرانس جو اولھ عرب تي تسلط، وري مصر تي برطانيه جو قبضو، اھو سڀ اسلام ۽ عيسائيت جي جنگن جو سلسلو ھو.
    انھيءَ ڳالھ جي وضاحت ۾ ٽيھارو سال لڳا ته، عربزم ۽ اسلام ٻه ڌار ڌار نظريا آھن. اھو اعلان گھڻن لاءِ ڏندين آڱريون اچي وڃڻ جھڙو ھو. کين ته بس اھا ڄاڻ ھئي ته، ڪيئن صليبي لڙايون وڙھبيون آھن، ۽ عيسائين سان مذھبي ويڙھ ڪھڙي معنيٰ ٿي رکي. ھاڻي سندن ھم مذھبن، ترڪن اوڀر عرب کي تُرڪ قوم پرستيءَ جو بخار ڏنو، جيڪو پھرين مھاڀاري لڙائيءَ تائين ھليو.
    عربن جو رد عمل ڏاڍو حيرت وارو ھو. کين جلد ئي اھو سِکڻو ھو ته، سڀ مسلمان ڀائر ناھن ۽ تُرڪ عرب ناھن. اھو به، ته دنيا مذھب جي بنياد تي نه، پئسي جي بنياد تي قائم آھي. اِھو به، ته عربن کي دنيا بابت پنھنجي سوچ بدلائڻي پوندي، يا محڪوميت جي زندگيءَ کي قطعي سمجھڻو پوندو. انھن معاملن تي حاوي پوڻ لاءِ ڪابه سياسي پارٽي ڪم نه ڪري رھي ھئي. پر دمشق، قاھرہ ۽ بيروت ۾ ڪي فرد ۽ جٿا ھئا، جن اِھا ڳالھ ڪئي ٿي. ”اوٽمان آرمي“ ۾ به ”نوجوان ترڪن“ جي نالي قوم پرست آفيسرن ھڪ جٿو ٺاھيو ھو. انھن آفيسرن کي ٻيا تُرڪ ان ڪري حقارت جي نظر سان ڏسندا ھئا، جو ھي نوجوان تُرڪ ڪنھن ٻئي مار تي ھئا. اھا ڳالھ 1901ع ۾ وڃي پڌري ٿي ته، ھنن قومي خودمختياريءَ جي لامرڪز رياست جي منصوبي کي ٿڏيو ھو. انھن آفيسرن، شاگردن ۽ دانشورن به 1916ع جي عظيم عرب انقلاب لاءِ راھون ڏنيون. انھيءَ انقلاب جي نتيجي ۾دمشق جي مرڪزيت ۾ عرب رياست 1920ع ۾ وجود ۾ آئي.
    انقلابي، اڳواڻن ۽ لاڳاپو رکندڙ ماڻھن کي جلد ئي دٻائي، ڇڙوڇڙ ڪيو ويو، عرب جو اوڀر وارو حصو، ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو، ۽ ان تي برطانوي ۽ فرانسيسي سامراجين قبضو ڪري ورتو. جن انھن علائقن کي سيڪس پيڪوٽ سمجھوتي تحت پاڻ ۾ ورھائي کنيو. انھيءَ نموني لبنان ۽ شام فرانس جي قبضي ۾، ۽ عراق، فلسطين ۽ اردن جو علائقو برطانيه جي قبضي ھيٺ آيو. غير ديني عرب قوم پرستن کي ختم ڪيو ويو. مذھبي رھنمائن کي رياست انعامن اڪرامن وسيلي خريد ڪري ورتو. حشمتين جي قسمت جو ستارو، برطانوي حڪومت جي مھربانيءَ سبب عروج تي رھيو. پر نيشنلزم جو خيال ڪٿي نه ڪٿي، خاص طور تي اوڀر عرب ۾ جاري رھيو، جو اھي علائقا برطانيه ۽ فرانس جي اثر ھيٺ ھئڻ جي باوجود، اڃا به اھڙين سرگرمين جو مرڪز ھئا. فلسطين اعلان باالفور تحت صيھونين کي ڏنو ويو.
    نيشنلزم جي تصور کي سوشلزم سان لاڳاپيل سمجھڻ ۽ واڌارو ڏيڻ لاءِ، گھٽ ۾ گھٽ اڌ صديءَ جي محنت جي ضرورت ھئي. جو موجودہ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ٽي دفعا ته شڪست مقدر ھئي. انھن شڪستن کي صيھونين پنھنجي فتح جو نقارو سمجھي وڄايو، ۽ ائين پنھنجي لاءِ پاڻ قبرون کوٽيائون.
    1920ع کان 1948ع جي وچ ۾ قوم پرستن، سيڪيولر لبرل سوشلزم جي خيال کي وسعت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ھو ناڪام ٿيا، جو سيڪيولر ۽ جاگيردار، ٻنھي طبقن جو بنياد عوام جي پٺ ڀرائي تي نه، پر اولھ جي سرمائي تي رکيل ھو. ان جي ڀيٽ ۾ لبرل سوشلسٽن پنھنجي وسيع نقطهء نظر سبب (جنھن ۾ مصر جي وفد پارٽيءَ جو اثر به شامل آھي) عربن کي اولھ جي دشمنيءَ لاءِ مڃايو. ٻين لفظن ۾ عرب ڪمزور ۽ ڇڙوڇڙ رھيا ۽ انھيءَ جو ذميوار اولھ کي سمجھيو ويو. اھو به چيو ويو ته، اولھ جي پاليسين ۽ سندن ڇاڙتن سدائين عوام کان پري رھڻ، ۽ فقط حڪومت ڪرڻ سان مطلب رکيو.
    1948ع ۾ عرب سَنڍپڻ جو تختو صيھونيت اونڌو ڪري وڌو. نتيجي طور عرب نيشنلسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿي، پنھنجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ”عرب باٿ“ محاذ جوڙيو. اِھو عرب باٿ واقعي جاندار ثابت ٿيو. ھڪ پاسي عرب نيشنلزم ٻيھر زندھ ٿيو، ته ٻئي پاسي ان کي سيڪيولر فڪر طور پنھنجو ڪيو ويو. عرب باٿ 1943ع ۽ 1947ع جي وچ ۾ وجود ۾ آيو، جنھن جي حيثيت گذريل اسلامي باٿ کان مختلف ھئي. باٿ جا سلوگن ھئا، آزادي، اتحاد ۽ سوشلزم. پر ان ۾ عرب انقلاب جي خيال جو عمل دخل نه ھو. ڇوته ان جي پٺيان جيڪي ذھن ھئا، تن کي لبرل جمھوريت ۽ سوشلزم جي گڏيل ھڪ جھڙائي ۽ فرق جي ڄاڻ ئي نه ھئي. تنھن کان سواءِ انھن اڳواڻن کي ذاتي مفاد پڻ پيارا ھئا. ڇھين ڏھائيءَ ۾ ته ان جا فوجي اڳواڻ عوام تي قطعي يقين نه ڪندا ھئا. ڪرنل پنھنجي ڪرنل تي، ۽ عام ماڻھو قبائلي تي ڀروسو ڪندو، جڏھن ته دانشور پنھنجي مفلوج ٻڌندڙن تي. 1970ع ۾ باٿ فقط نالي ماتر ادارو وڃي رھيو. ڪيترا قوم پرست ته اھو ٿا چون ته، 1940ع ۾ ئي ختم ٿي ويو ھو. انھن قوم پرستن باٿ جي جاءِ تي ھڪ عرب اتحاد جو ھڪ ٻيو ادارو قائم ڪيو، ”ڪاتب الفداالعربي“. 52-57ع ۾ اھي نوجوان ”الشباب العربي“ يعني عرب نوجوانن جي نالي سان سڃاتا وڃڻ لڳا. 52ع م ۾ ئي کين ”عرب نيشنلسٽ موومينٽ“ به چيو ويو. 67ع ۾ اھا تحريڪ به ختم ٿي. 1970ع ۾ عرب ورڪ سوشلسٽ پارٽي وجود ۾ آئي. فلسطين جي آزاديءَ لاءِ پاپولر فرنٽ، جيڪو نومبر 67ع ۾ قائم ٿيو ھو، ان ۾ ئي فلسطين لاءِ اي- ايم- اين شاخ به قائم ڪئي ويئي ھئي. شروع ۾ اھا تحريڪ جذباتي قوم پرستن جو ڳڙھ ھئي، جنھن کي سانش الحاري نالي ھڪ اديب جي لکڻين ھٿي پئي ڏني. انھيءَ اديب جو قوم پرستيءَ جو فلسفو تاريخ ۽ زبان مان پنھنجا مطلب ڳوليندو ھو. 1963ع ۾ موومينٽ وري بحران جو شڪار ٿي ويئي. انقلابي قوم پرستيءَ کي ھاڻي نئين جواز سان پيش ڪيو ويو. سماجي سوال بنيادي حيثيت حاصل ڪري رھيا ھئا. سندن اخلاقي، تاريخي ۽ ذھني توجيھ ڏسي، مان به ميمبر ٿيسِ. اي- اين-ايم جو بنيادي عملو آمريڪن يونيورسٽي بيروت جو گريجوئيٽ ھو. انھن ۾ اھم شخصيتون ڊاڪٽر جارج حباش، ڊاڪٽر وديح، حاني الھندي ۽ احمد الخطيب ھئا. يعني پھريان رضاڪار اُھي ھئا، جيڪي 1948ع جي تباھيءَ کان پوءِ فلسطين مان نڪتا ھئا.
    صيھوني رياست جي قيام ھن جدوجھد کي به جِلا بخشي، جو اڳواڻ ڏاڍا مقبول ھئا، سامراجيت جي خلاف ھئا، ۽ قوم پرست ھئا. اسرائيل سندن بنيادي دشمن ھو. تنھن ڪري 1950ع جي جنگ ۾ سمورا قومپرست نوجوان، انھن سڀني سان وڙھيا، جيڪي مغربي اتحاد جي اثر ھيٺ ھئا. خاص طور تي اردن جي صمي خاندان ۽ عرب جا اھي مدلل جيڪي اولھ جي سرمائي پرستيءَ کي بنيادي تصور سمجھندا ھئا. ناصر کي ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ ڏاڍو مانُ مليو ھو. خاص طور تي روس ۽ چيڪوسلواڪيا سان فوجي اھميت جي معاھدن ۽ سوئيز واھ کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ کان پوءِ ته، قوم پرستن انھيءَ تحريڪ کي ناصر ازم جي نالي سان، ايندڙ ڏھن سالن تائين ڏاڍو ڦھلايو. ناصر کي پنھنجي ۽ تحريڪ جي قوت تي ڏاڍو فخر ھو، جڏھن ته اي- اين- ايم جي اڳواڻن کي عوامي تحريڪ تي ڀروسو ھو. 1960ع جي ڏھائيءَ جي وچ ۾ اي- اين- ايم وارا ھٿياربند جدوجھد ۽ سائنسي سوشلزم جا قائل ٿي ويا. 1970ع ۾ ناصر وفات ڪئي. عوامي جدوجھد جي اڳواڻ جي حيثيت سان نه، پر ڊپلوميٽ سپاھيءَ جي حيثيت سان.
    انھيءَ وچ ۾ ناصر ۽ موومينٽ جي ويجھڙائي، شاھي نيشنلسٽ ليڊر سراج ۽ مصري سياسي مفڪر ابولنور سبب مضبوط رھي. انھيءَ رشتي کي ھٿي 21 نومبر 1961ع تي ملي، جڏھن ھاني الھنديءَ شامي وراثت ۽ سياست جي باري ۾، عرب انقلاب جي حوالي سان سوال اٿاريا. اُن وقت ناصر جو سياسي نظريو ”مصري سوشلزم“ ٿي چڪو ھو. ڊاڪٽر جارج حباش 11 اپريل 64ع تي ناصر سان اي- اين- ايم جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان مليو، ۽ کانئس چڱو متاثر ٿيو. اختلاف ڏکڻ يمن جي مسئلي تي پيدا ٿيو. انھيءَ صورتحال کي به ناصر پنھنجو مسئلو ٿي سمجھيو، ۽ پاڻ ئي حل ڪرڻ ٿي گھريائين. ھن ڏکڻ يمن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ فرنٽ (فلوسي) به قائم ڪيو. ھٿياربند جدوجھد جي شروعات ٿي، ۽ ھاري انقلاب پرست بڻجي ويا. فلوسي قاھرہ جو قرب حاصل ڪري، اڃا به برطانوي عملدارن سان ٺاھ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا. نيٺ برطانوي عملدار ڌڪجي ويا، ۽ نومبر 67ع ۾ جمھوريه ڏکڻ يمن قائم ٿيو، ۽ ان سان گڏ ئي فلوسي به ڌرتيءَ جي نقشي تان گم ٿي ويا. ناصر ازم ھاڻي افق تان گم ٿيندو پئي ويو، ۽ ان جي جاءِ اي- اين- ايم وٺڻ لڳو. جونِ واري ويڙھ کان پوءِ ته اي- اين- ايم انقلابي عرب عوام جا نمائندا بڻجي ويا، جو سندن نقطهء نظر اِھو ھو ته؛ انقلاب عوام وسيلي ايندو آھي، ۽ اسان انھيءَ تي قناعت ڪري رھيا آھيون ته انقلاب اچي رھيو آھي. تنھن ڪري مان ڪل وقتي انقلابي ٿي ويس.

    (2)

    63ع جي سياري ۾ اسرائيل کي قائم ٿئي ڏھ سال ٿي ويا ھئا. مون کي اندازو ٿيو ته مان ھاڻي سرءُ ۾ يونيوسٽيءَ نه وڃي سگھنديس. فيصلي جي گھڙي مون مٿان ھئي. ڪجھ ڪم ڪرڻ جا امڪان به ھئا، پر انھن مان ڪو ھڪ به لبنان ۾ نه ھو. مان 19 سالن جي ٿي چڪي ھيس. مون کي خدمت لاءِ مڙس جي ڳولا نه ھئي، جو مان گھر ۾ پلجڻ واري مخلوق نه ھيس. انھيءَ زماني ۾ ئي ھڪ خانداني مسئلي مون کي لبنان مان ٻاھر پناھ وٺڻ تي مجبور ڪيو.
    منھنجو خاندان پندرھن سالن تائين اباڻي ڌرتيءَ کان جلاوطن رھيو. جيئن ته جنگ رکي رکي ھلي رھي ھئي، تنھن ڪري حيفا يا مجدي الڪروم کان ڪو مِٽ مائٽ ملڻ لاءِ به اچي نٿي سگھيو، جو سفر جون پابنديون سخت ھيون. بھرحال گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ بابا، پنھنجي خاندان سان ملڻ لاءِ يروشلم ويو. ھن اتي ٽن ڏھاڙن تائين انتظار ڪيو، پر اتي ڪوبه نه آيو. ڪجھ ھفتن کان پوءِ ملاقات جو وري بندوبست ڪيو ويو، پر ھاڻي بابا تي اڌرنگ جو حملو ٿيو، تنھنڪري امان ويئي.
    اھا ملاقات ھئي يا ڪَنڊن وارين تارن جي وچ ۾ ھڪ ڀوائتو خواب! جڏھن ڏاڏيءَ امان کي ڏٺو ته، سمجھيائين بابا مري ويو آھي ۽ ھوءَ ھڪدم بيھوش ٿي ڪري پيئي. منھنجي چاچين، ڀينرن ۽ امان ڳوڙھا ڳاڙيندي ڪلاڪ کن ڪچھري ڪئي. ڪچھري به ڇا ھئي، ماضيءَ جو ماتم- ۽ جيترا به نالا ياد ھئا، انھن جو احوال. اسان ھڪ ٻئي کي انھيءَ سوال جي صليب ھيٺان لڙڪندي محسوس ڪيو، ته زندگيءَ ۾ وري ملڻ يا نصيب! ڪنھن به چڱي نموني نه ڳالھايو، جو پھريدار مٿان بيٺا ھئا.
    جڏھن امان ڏاڏيءَ کي الله واھي چيو ته، ڏاڏيءَ پنھنجو ھار لاھي امان جي ڳچيءَ ۾ وڌو. اسرائيلي پھريدار ڏسي ورتو. ھن ھار امان جي ڳچيءَ مان سَٽ ڏيئي پٽي ورتو، امان کانئس ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جيت ته ھٿيار واري جي ٿيڻي ھئي. امان رئندي رڙندي موٽي آئي. اُھو ڏينھن، ھي ڏينھن، اسان وري مائٽن جو منھن ناھي ڏٺو. بابو، پنھنجي ماءُ ۽ ڀينرن جو ارڙنھن سالن تائين منھن ڏسڻ کان سواءِ لاڏاڻو ڪري ويو!
    پر انھن حالتن سان منھنجو ڪھڙو واسطو ھو! مون کي جنت ۾ پناھ نٿي ملي؛ پر دوزخ به وري ڪھڙو کليل ھو. في الحال ڇڙو ڪويت جو رستو کليل ھو.


    (3)

    1963ع جي اونھاري جي مند ۾، سڄي عرب دنيا ۾ فلسطين جي نالي جو چرچو ٿي ويو. بي شمار فلسطيني، جن ۾ مان به شامل ھيس، فلسطين جي نالي ۾ قائم ٿيندڙ اداري جي باري ۾ سوچڻ لڳاسين. جنوري 1964ع ۾ عرب ليگ جي ملڪن فلسطين جي آزاديءَ واري تنظيم پي- ايل- او جو اعلان ڪيو. انھيءَ تنظيم جي قائم ٿيڻ جو مطلب، فلسطينين کي گڏ ڪرڻ، ۽ کين آزاديءَ لاءِ منظم ڪرڻ ھو. انھيءَ وقت فقط چند سمجھو ماڻھن عرب ليگ جي اصليت کي محسوس ڪيو، انھن جي ھٿ ۾ طاقت نه ھئي.
    قاھرہ جي عظيم ترين صدارتي محل ۾ عرب بادشاھن گڏجاڻي ڪئي. جيتوڻيڪ ھنن پاڻ ۾ اسرائيل سان نه وڙھڻ جو عھد ڪيو، پر ماڻھن کي اِھو سمجھائيندا رھيا ته، اسان ھر وقت جنگ لاءِ تيار آھيون. ڪيترن ھفتن کان پوءِ، ھنن لبنان ۾ پنھنجي ناڪاميءَ جو الزام، لبنان جي انتظاميه ۽ شامي ۽ اردني حڪومت تي مڙھڻ جي ڪوشش ڪئي. ھنن اردني پاڻيءَ جو رُخ بدلائڻ لاءِ 13 ملين پونڊ رکيا، پر ايترا پئسا ته کڏ کوٽڻ لاءِ به اڻ پورا ھوندا آھن. ھنن پي- ايل- او کي فلسطينين جي سامھان ڳڀو ڦٽي ڪرڻ جيان تخليق ڪيو، ۽ مخلص ماڻھن اڳواڻن تي اعتبار به ڪيو.
    جون جي مھيني ۾ حالتون ويتر خراب ٿي ويون. پي- ايل- او کي مفلوج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، جو عرب رياستن فلسطينين کي نه ته ڌار آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني، ۽ نه ئي فلسطينين پنھنجي مفادن جي حفاظت ڪئي، جو پي- ايل- او جو ڍانچو عرب ليگ جي ھيڊ ڪوارٽر ۾ نمائش لاءِ رکيو ويو ھو. نه انھيءَ جو ڪم آزاديءَ لاءِ وڙھڻ ھو، ۽ نه مھاجرن جي جي مفادن جي حفاظت.•
    • ليکڪ سان اختلاف جي گنجائش آھي.

    (4)

    سيپٽمبر 63ع ۾ مان ڪويت ھلي ويس. اميد ھئي ته نوڪري ملي ويندي، ۽ اھا نااميدي به ته سفر سوڀارو نه ٿيندو. اتي ٽن مھينن تائين واندي رھيس، ۽ تعليم واري وزارت جي خط جو انتظار ڪندي رھيس. نيٺ ڊسمبر جي وچ ڌاري جواب آيو ته، ڪويت شھر کان 50 ڪلوميٽر پري، الجاھرہ ۾ نوڪري ملي سگھي ٿي. ڪويت شھر ۾ منھنجو ڀاءُ رھندو ھو.
    انھن واندڪائيءَ جي ٽن مھينن ۾، مون عالمي صورتحال ۽ زندگيءَ جي معنيٰ تي ڏاڍو غور ڪيو. خاص طور تي ڪينيڊيءَ جي قتل کان پوءِ، جو سندس قتل جو مون تي جذباتي اثر ٿيو ھو. جيتوڻيڪ ھو انھيءَ ملڪ جو صدر ھو، جنھن جي رويي سبب اسان پنھنجي ڌرتيءَ کان جلاوطن ٿيا ھئاسين ۽ اھو ملڪ صيھونيت جي واڌاري لاءِ ڪم ڪري رھيو ھو. ڪينيڊيءَ پنھنجي حڪومت جي دور ۾ ٽن ڪَٽر صيھونين کي اھم عھدن تي رکيو ھو. ھن اپريل 1961ع ۾ ڪيوبا تي حملي کي جائز قرار ڏنو ھو. ۽ مان ھيڏي سخت جدوجھد جي قائل فلسطيني انقلابي عورت، ڪينيڊيءَ جي قتل جي خبر ٻڌي روئي پيئي ھيس.
    مون ٽيليويزن تي جنازي جو منظر، ۽ آمريڪين کي روئيندي ڏٺو. تنھن وقت مان آمريڪين کي غنڊن جي قوم سمجھندي ھيس، جيڪي ھر ڏوھ بنا ڪنھن ھٻڪ جي ڪري ٿي سگھيا. پر اھو جنازو ڏسي مون پنھنجي راءِ ٿوري بدلائي ڇڏي. پوءِ لنڊن جانسن جي لالچ ۽ نڪسن جي منافقت سبب، منھنجي من ۾ آمريڪا جو پھريون، ساڳيو تصور اڀري آيو.
    مان شايد ڪينيڊيءَ لاءِ ان ڪري رني ھيس جو، مون کي ڪجھ عرب نوجوانن جيان يقين ھو ته، ڪينيڊي فلسطينين جي حقن لاءِ ضرور ڪجھ ڪندو. جيئن ڪينيڊي ۽ ناصر جي خطن مان محسوس به ٿيو پئي. منھنجو خيال آھي ته منھنجا لڙڪ فقط انساني، جذباتي ردعمل ھئا. منھنجي وجود جو سمورو تعصب به اھي ڳوڙھا روڪي نه سگھيو. پر انھن لُڙڪن ڪارڻ مون کي ڪو پڇتاءُ ڪونھي.
    بيروت يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻيءَ، ۽ بيروت جي سياسي مِل جي پرزي لاءِ، الجاھرہ بور قسم جو ھنڌ ھو. ڪويت حڪومت جي نظر ۾ اسان سڀ ”غير ملڪي“ ھئاسين. انھيءَ اسڪول ۾ ڪيترن ئي لھجن ۾ عربي ڳالھائي ويندي ھئي. مصري، شامي ۽ فلسطيني ٽي وڏا گروپ ھئا. مان پھريون دفعو مصرين سان ويجھي کان ملي رھي ھيس. شامي بلڪل فلسطينين جيان ھئا. سواءِ پرنسپل جي، جيڪا شامي ھئڻ جي باوجود ظالم عورت ھئي، ۽ استادن کي مُٺ ۾ رکڻ لاءِ، سندن مٿان ھن جاسوسيءَ جو ڄار وڇائي ڇڏيو ھو.
    الجاھرہ مان اسان بنا اجازت جي ڪيمپس کان ٻاھر نٿي وڃي سگھياسين، جمعي جي رات اسان پاڙي وارن سان ملي، ۽ سندن گھر ۾ رات به رھي سگھياسين ٿي. نه اُتي ڪا سئنيما ھئي، نه ڪو ڇوڪرو دوست، جنھن سان وقت گذاري سگھجي. ڪا برطانوي ميوزم جھڙي شيءِ به ڪانه ھئي جو ڪجھ سِکي سگھجي. وري مصيبت اِھا ته، سياسي سرگرمين تي پابندي ھئي. مونکي اھي ننڍڙيون ڳالھيون ياد آھن، جڏھن مون ڄاڻي واڻي حڪمن جي خلاف ورزي ڪئي ھئي. پرنسپل مون کي ننڍين ٻانھن واري قميص پائڻ تي ڪيمپس کان نيڪالي ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني، ۽ مون کيس پنھنجي جسم کي وڌيڪ اگھاڙو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، ۽ ھلي آيس. پر مان پنھنجي ڌمڪيءَ تي عمل ڪري نٿي سگھيس. وري مون کي نياپو مليو ته، جيڪڏھن مون ساڳيو رويو اختيار ڪري رکيو ته، پرنسپل انھيءَ اڻ وڻندڙ رويي بابت تعليم واري وزارت کي ٻڌائڻ تي مجبور ٿي پوندي. پر پرنسپل ائين ته نه ڪيو، پر منھنجي ڪنھن ٻئي پاسي بدلي ڪرڻ لاءِ ضرور لکي موڪليائين. مان خوش ھيس ته شايد ڪجھ بھتر ماحول ملي وڃي. جيتوڻيڪ الجاھرہ جي سٺن دوستن کان وڇڙڻ جو ڏک به ھو.
    الجاھرہ ۾ پڙھڻ وارن ٻارن لاءِ، غلاميءَ مان آزاد رھڻ ۽ آزاديءَ لاءِ وڙھڻ جو ھنر سيکارڻ جي ضرورت ھئي. مان لِڪَ ڇَپ ۾، ڏاڍي مشڪل سان ٻارن تائين اھو رستو ٺاھيو ھو جو ٻار ڏاڍي ذھانت سان منھنجي ڳالھ سمجھي ويندا ھئا.
    مون انھيءَ وچ ۾ اي- اين- ايم سان پنھنجو لاڳاپو ظاھر ٿيڻ نه ڏنو. نه ته اھا ڳالھ سياسي خودڪشيءَ برابر ھجي ھا، ۽ ليڊي پرنسپل الله جي انھيءَ نعمت مان ڏاڍي خوش ٿئي ھا، ۽ مون کي ڪڍائي اعزاز حاصل ڪري ھا. جيڪي ٻار منھنجون ڳالھيون ٻڌندا ھئا، انھن جي وڏن کي به خبر ھئي ته، ٻار ڇا سکي رھيا آھن. بھرحال الجاھرہ جو ماحول انھن ماڻھن لاءِ مزي وارو ھو، جن جو سياست سان واسطو نه ھو.

    (5)

    بھار جي مند آئي. عرب حڪومتون رڙيون ڪري رھيون ھيون ته، اسرائيل درياءِ اردن مان عربن جي حصي جو پاڻي به چورائي ٿو وڃي. ھنن ڏھ سال دير سان درياھ جو رخ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ھاڻي ته گھڻي دير ٿي چڪي ھئي. اسرائيل کي انھيءَ حرڪت کان نه روڪيو ويو، سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ انفرادي ڪوشش جي. اھوئي منافقيءَ وارو رويو سال کن جاري رھيو. انھيءَ وچ ۾ اسرائيل ڪم ڪندو رھيو. ھن درياھ جو رخ پاڻ ڏانھن ڦيرائي ورتو، ۽ سمورو پاڻي پاڻ حاصل ڪندو رھيو.
    انھيءَ وچ ۾ عرب ملڪن جي قابل احترام بادشاھن ۽ صدرن، فلسطين جي ماڻھن سان صلاح ڪرڻ کان سواءِ، يا ٻين ماڻھن جون صلاحيتون ڏسڻ کان سواءِ احمد شڪيريءَ کي پي. ايل. او جو چيئرمين مقرر ڪيو.
    شڪيري سندن ماڻھو ھو. ھو سندن مرضيءَ مطابق، ۽ فلسطينين کان پڇڻ بنا، فلسطين بابت اھڙا بيان ڏيئي ٿي سگھيو، جو فلسطينين کي بچاءَ لاءِ گڏ به نه ڪري سگھجي. اھا ليڊرشپ حاڪمن جي مقرر ڪيل ھئي، ۽ انھن جي سامھون ئي جوابدار ھئي.
    شڪيري عرب دنيا جو دورو ڪري رھيو ھو، جيئن فلسطينين کي تحريڪ ۾ آڻي سگھجي. انھيءَ دوري جي سلسلي ۾ ھو ڪويت به آيو. تحريڪ سان مراد اھا ھئي ته، فلسطيني پنھنجا عيوضي چونڊي، پنھنجي آئيني اسيمبلي ۽ پارليامينٽ ٺاھين. ڪويت ۾ ھن پنھنجي سڃاڻو ماڻھن سان رابطو قائم ڪيو. مثال طور فلسطين جو امير طبقو، جيڪو ھاڻي ڪويت ۾ انجنيئر يا ننڍين صنعتن جو مئنيجر ھو. مھاجرن جي ٻارن، اسڪولي استادن يا مزدورن سان ھن ڪابه لھ وچڙ نه ڪئي. جيئن ته ڪويت ۾ رھيل فلسطينين کي گڏجاڻين ۽ تنظيم جي اجازت نه ھئي، تنھنڪري انھن جي گڏيل ردعمل کي سمجھڻ مشڪل ھو. انھيءَ حالت ۾ ڪجھ خود غرض، خود پرست ماڻھن فلسطينين جي نمائندگيءَ جو شرف حاصل ڪيو.

    (6)

    سڀني مشڪلاتن ۽ محدوديت جي باوجود، مون ھاءِ گھوڙا ڪئي ته، پي. ايل. او جي شاخن ۾ فلسطيني حصو وٺن، پر الجاھرہ ۾ ڪابه شاخ قائم ٿي نه سگھي، جو عوام شڪ ۾ مبتلا ھو. مون اھو شڪ دور ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر نيٺ پاڻ کي اھو يقين ڏيارڻو پيم ته، پي. ايل. او ڪجھ به ناھي. ان کي ڇڙو ڪويت جي حڪومت فلسطينين جي سرڪاري عيوضي سمجھيو آھي، ۽ ان ۾ فلسطينين کي شامل ٿيڻ جي اجازت انھيءَ شرط تي ھئي ته، ھو ڪويت جي سياست ۾ ڪوبه دخل نه ڏيندا.
    منھنجي ڪاليج ۾ تحريري طور تي فلسطينين جي ڪلب ٺاھڻ جي اجازت نه ھئڻ ڪري، پرنسپل مون کي گھرائي، سموريون سرگرميون بند ڪرڻ لاءِ چيو. ھن مون کي اھو به چيو ته، ”تون لبناني آھين، لبناني شھريت ۽ پاسپورٽ رکندڙ آھين، تنھنڪري تنھنجو ھونءَ به فلسطيني تحريڪ سان ڪوبه واسطو ناھي.“
    مون پرنسپل جي اھا ڳالھ ڏاڍي صبر سان ٻڌي. ھن بس ڪئي ته مان اٿي بيٺيس، ”محترم پرنسپل! تو جھڙا حُڪم جا بندا، بزدل ۽ سياست کان پاسو ڪندڙ ماڻھو ئي ته فلسطين جي ڦُرجي وڃڻ جا ذميوار آھن. تنھنجي ھن قبرستان جھڙي اسڪول ۾ ذھانت پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي مري ويندي آھي. تون دشمن جي ڪيمپ مان ٿي لڳين. مون کي يقين آھي ته، تون مڃيل دشمن کان وڌيڪ خطرناڪ آھين. پرنسپل صاحبه! مان ھڪ عرب فلسطيني عورت آھيان. سواءِ موت جي مونکي پنھنجي مقصد کان ڪير به روڪي نٿو سگھي. الله واھي!“ مان اھو چئي، ٻاھر نڪري زور سان در بند ڪيو. اھا انھيءَ آفيس ۾ منھنجي آخري حاضري ھئي.

    (7)

    28 مئي 1964ع تي شاھ حسين يروشلم ۾ فلسطيني قومي ڪانگريس جو افتتاح ڪيو. انھيءَ جي 350 ميمبرن ۾ مختلف طبقن جا عيوضي، خاص طور تي روايتي ۽ رجعت پرست طبقن جي اڪثريت ھئي. چڱن تيز انقلابي ماڻھن کي اردني عملدارن ڪانگريس ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ھو. ڪانگريس ست رڪني ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ٺاھي. احمد شڪيريءَ کي ٻيھر چيئرمين مڃيو ويو. ھڪ پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنھن کي نيشنل چارٽر جو نالو ڏنو ويو. پي. ايل. او. قاھرہ ۾ عرب ليگ ھيڊ ڪوارٽر ۾ فلسطيني سيٽ تي به قبضو ڪري ورتو. 64ع ۾ سرءُ جي مند تائين عرب حاڪمن جي اھا حاڪميت ھلندي رھي. سال کن اندر پاڻ ھرتن اڳواڻن کي پنھنجي ڳالھين تي ئي اعتبار نه رھيو.

    (8)

    مان جون 1964ع ۾ لبنان موٽي آيس. لبنان جي خفيه سرگرمين ۾ شامل ٿي، مون ڪويت جي بي انتھا گرمي ۽ الجاھرہ جي تنھائيءَ جي چادر کي لاھي ڦِٽو ڪيو. مون ڏٺو ته اي- اين- ايم بيروت جي بنيادي جوڙجڪ ۾ ڏار پئجي رھيا آھن. جيتوڻيڪ اتحاد ۾ سٺا ذاتي دوست ھئڻ سبب، اختلاف ٻاھر نٿي آيا. پر نظريا، منصوبا ۽ ڪم ڪرڻ جا طريقا، تنظيم ۽ شخصيت بابت سنجيدہ اختلاف وَر وَر اڀري سامھون ٿي آيا. نيٺ ايندڙ پنجن سالن ۾ تبديليءَ جو ڏيک اڀري اچي آڏو بيٺو.
    سرءُ جي مُند آئي ته، مون وري ڪويت واپس ورڻ جو پروگرام رٿيو. ھاڻي مون کي پنھنجي ماءُ سان گڏ نه، پر بيرڪن ۾ رھڻو ھو. ڪويت ۾ ھڪ عورت جي اڪيلي رھڻ جو تصور به ڏکيو ھو. ھاڻي منھنجي بدلي به ٿي ويئي ھئي، ۽ مونکي شعيب اسڪول ڏانھن بدلي ڪيو ويو ھو. ايندڙ پنجن سالن تائين مون کي ٻئي گريڊ جي ٻارن کي پڙھائڻو پيو، ۽ انھيءَ نموني مون کي نوجوان ذھنن جي تربيت کان محروم ڪيو ويو، جو سندن خيال ۾ مان ڪلاس روم کي به سياسي سطح تي آڻي بيھاريو ھو. ھاڻي مان ڇا ٿي ڪري سگھيس. استعيفا اڃا به غلط قدم ھو، جو بي شمار عرب ڪارڪنن ۽ ھڪ جو واڌارو ٿئي ھا.
    منھنجا شاگرد ڏاڍا مزي وارا ھئا. ڪيترا ته ايراني نسل جا ھئا. سندن وڏا ڌنڌي جي ڳولا ۾ ڪويت آيا ھئا. ٻارن کي پنھنجو ڪم ڪرڻ جو شوق ھو. ھو نه ٿڪجندڙ ٻار ھئا. مون کي پڪ آھي ته، جيڪڏھن کين موقعو ملي ھا ته، ھو اُٺ جي ٻچڙي کي به ڊوڙ ۾ پوئتي ڇڏي وڃن ھا. ھنن سان گڏ رھڻ ۽ کين پڙھائڻ ۾ مزو ايندو ھو. پر سياسي طور تي ھو اڃا بيڪار ھئا. ھڪ لڱان ڪلاس ۾ مون غير جذباتي طور تي ڪجھ چيو. پرنسيپل ڏٺو ٿي. مسئلو اِھو ھو ته، ستن- اٺن سالن جي ٻار سان ڪھڙي نموني ڳالھايو وڃي، جو ھو جواب به ڏيئي سگھي. مون سوچيو ته فلسطين بابت ڪجھ بنيادي ڳالھيون کين ٻڌائي ڇڏجن. مثال طور اعلان باالفور، فلسطين جو ورھاڱو ۽ صيھوني اسرائيل جي قائم ٿيڻ جو مسئلو. فيڪلٽيءَ جي سطح تي سياسي ڇڪتاڻ يا پرنسپل يا اسٽاف سان ڪابه رنجش نه ھئي. 1968ع ۾ پرنسپل ۽ استادن ”فتح“ جي پٺڀرائي ڪئي ھئي. مون پنھنجي سياسي حيثيت کي ھتي به لڪل رکيو. ھاڻي مون کي استاد ٿيڻ جا طريقا به اچي ويا ھئا، جنھن ڪري انتظاميه سان جھيڙو به گھڻو نه ٿيندو ھو.
    الجاھرہ جي مقابلي ۾ ڪويت بين القوامي شھر ھو. اسان تي پابندي نه ھئي. مان ھر ھفتي پنھنجي ڀاءُ ۽ سندس زال- ٻارن سان ملڻ ويندي ھيس. محمد جي گھر وڃي مان اي- اين- ايم جي ماڻھن سان رابطو قائم ڪندي ھيس. موومينٽ ان وقت سخت بد انتظاميءَ جو شڪار ھئي. بيروت جي ھڻ وٺ جي مقابلي ۾ ھتي اسان تھذيبي طور تي سڪون واري ماحول ۾ ھئاسين. ماڻھو ڏاڍي ٿڌي سڀاءَ وارا ھئا، ۽ ساڄي ڌُر جي سياست به موجود نه ھئي. اھو زمانو عقلي طور تي مون لاءِ سکڻ جو زمانو ھو. منھنجي گھڻن ساٿين جو مقصد لطف حاصل ڪرڻ ھو، سو به کاڌي مان. ڪي پنھنجي وڌيڪ پگھار گھر موڪلي ڇڏيندا ھئا ۽ پان رُکي سڪي تي گذر ڪندا ھئا. مان سياسي طور تي آگاھ ھيس. سگريٽ ڏاڍا پيئندي ھيس، ۽ مون کي فراريت جي ڪنھن ٻئي راھ جي ضرورت نه ھئي.

    (9)

    پھرين جنوري 1965ع تي ”فتح“ فلسطين جي تاريخ، جديد فلسطيني انقلاب جي تاريخ سمجھي وڃي ٿي. ھٿياربند جدوجھد، انفرادي ۽ اجتماعي تعليم ۽ تربيت جون ڪوششون. اھي سڀ ڳالھيون ٿي لڳيون. اي- اين- ايم 53ع کان لڪل سرگرمين ۾ مصروف ھئي. ۽ 55ع تائين لڳاتار فدائين ڪمانڊو والاريل فلسطين ڏانھن موڪلي رھي ھئي. فدائين جي سرگرمين جو سونھري وقت ته 1950ع جي وچ وارو آھي، جڏھن والاريل علائقي ۾ فدائين آزاديءَ ۽ حوصلي سان گھمندا به ھئا. جيتوڻيڪ ڪمانڊو جي سکيا جون مالي ضرورتون مصر پوريون ڪري رھيو ھو. ڪمانڊو جو حملو ايڏو اوچتو ھوندو ھو جو، اسرائيلي حڪومت انھيءَ کي سبب ڄاڻائي، برطانيه ۽ فرانس کان مدد حاصل ڪئي، جيئن سوئيز واھ جي مسئلي جي حوالي سان پنھنجو بچاءُ ڪري سگھي. 1957ع ۾ پرڏيھي فوجن جي نڪرڻ کان پوءِ، ناصر گوريلا سرگرمين تي پابندي وجھي ڇڏي، ۽ اٽڪل يارھن سالن تائين مصر- اسرائيل سرحد تي گولي ٻڌڻ جو آواز نه آيو. مصر گڏيل قومن جي پناھ ۾ غزا جي علائقي جو انتظام سنڀاليو، ۽ عرب رياستون ايندڙ ڏھن سالن تائين اسرائيل جون پھريدار ٿي رھيون. انھن ملڪن به گوريلا سرگرمين کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    64ع جي سرءُ جي مند ۾ وري سرگرميون تيز ٿي ويون. پي- ايل- او ڪنھن درد جو دارون نه ٿي. عرب اڳواڻ پنھنجي آزاديءَ جي منصوبي تي ڌار ڌار عمل ڪرڻ لڳا. يو- اي- آر ۽ آمريڪي لاڳاپا به خراب ٿي رھيا ھئا، ۽ صدر جانسن ڌمڪيون ڏيئي رھيو ھو ته، ھو مصر کي ڪڻڪ وڪڻڻ گھٽائي ڇڏيندو. شامي باٽسٽ پاڻ کي يو- اي- آر ۽ عراق جي گھيري ۾ محسوس ڪري رھيا ھئا. ھنن پنھنجون سرگرميون تيز ڪري ڏنيون، جنھن تي ناصر کي مَٺيان لڳي. فلسطيني ماڻھن کي پنھنجي عرب ڀائرن جي رويي ڏُکايو. انھن سڀني سببن ڪري فلسطينين پنھنجون نيون پاليسيون ٺاھڻ شروع ڪري ڏنيون. عربن جي عيوضي اڳواڻ ناصر کي آمريڪا سان سودي بازي ڪرڻ ۾ تڪليفون پيش اچڻ لڳيون، تنھن ڪري ھو جارحيت جي حمايت ڪرڻ لڳو، جيئن اسرائيل تي بار پوي ۽ آمريڪا سان سودي بازي ٿي سگھي. ناصر کي پنھنجي حق ۾ طاقت جو توازن رکڻ بھرحال ايندو ھو.
    مزي جي ڳالھ اِھا آھي ته، ناصر ”فتح“ جي واڌاري لاءِ سنجيدگيءَ سان غور ئي نه ڪيو ھو. ھن سوچيو ھوندو ته پنجاھ واري ڏھائي جي وچ واري فدائين جي موومينٽ جي نقل پي- ايل- او ھوندي. پر نئون اڀرندڙ گروپ پي- ايل- او کي به مات ڏيئي رھيو ھو، ۽ عرب ليگ جي ڪنٽرول ۾ به نه ھو. انھيءَ تحريڪ جا اڳواڻ جوشيلا نوجوان ۽ فتح جا ميمبر ۽ انقلابي ھئا. ھي ھڪ آزاد گروپ ھو. جنھن جو ڪنھن به عرب ملڪ سان مالي لاڳاپو نه ھو. ھنن آزاد فلسطين ۽ فلسطينين جي خود اراديءَ جي حق جي ڳالھ به ڪئي. اڳ ۾ ته فتح کي نظر انداز ڪيو ويو، پوءِ ان کي سنٽو جو ايجنٽ سڏيو ويو.
    ھاڻي حالت اھا ھئي ته، فتح تي جيترا الزام ھنيا ٿي ويا، فتح اوتري مقبول ٿيندي ٿي ويئي. سندس جيترا رضاڪار ماريا ٿي ويا، اوترائي نوان ڀرتي پئي ٿي ويا. جيتري پي- ايل- او اميرن جي نمائندہ ٿيندي ٿي ويئي، اوتري ئي ھٿياربند جدوجھد وڌندي ٿي ويئي، جو اھا ئي اميد جي روشني رھجي ويئي ھئي. مون کي ھڪ فلسطينيءَ جي حيثيت ۾، انسانيت جي ترجمان فقط بندوق نظر ايندي ھئي، جيڪا مون کي ۽ منھنجي ساٿين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿي پئي.
    انقلابي سرگرمين جون خبرون ڪجھ زباني ۽ ڪجھ اخبارن وسيلي به ڪويت ۾ پھتيون. عراقي، مصري ۽ اردني اخبارن، فتح ۽ انقلابين جون خبرون ٽوڪ واري نموني، مثال طور، ”ساڄي ڌر جا انتھا پسند“ جي نالي سان ڇپينديون ھيون، جيڪي انھن خبرن کي عارف حسنين ھيڪل جي نظر سان نه ڏسنديون ھيون. 1966ع ۾ يو- اي- آر تي آمريڪي ڪڻڪ جي وڪري تي بندش پيئي ته، صدر ناصر فتح تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. خاص طور تي جڏھن حسنين پي- ايل- او جي سمورين ڪوششن کي نظر انداز ڪيو، ۽ پنھنجي اردني سرحد جي ويجھو فلسطين جي آزاديءَ واري فوج کي منظم ٿيڻ کان روڪيو.
    عرب اڳواڻ گڏيل اجلاس کان منحرف ٿيڻ شروع ٿيا، ۽ ھڪ ٻئي تي الزام ھڻڻ وارا ٺاھ پاس ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون. ناصر فتح جي، سندس مقصدن سبب مدد ڪندو ھو. تنھن ڪري ناصر عرب دنيا کي ٻن حصن ۾ ورھائي ڇڏيو ھو. ترقي پسند عرب دنيا، ۽ رجعت پسند عرب دنيا. ھو پاڻ کي ترقي پسند عرب دنيا جو اڳواڻ سمجھندو ھو. سعوديءَ وارن واشنگٽن جي چوڻ تي، اسلام جي مقصدن کي ڪميونزم جي مقابلي ڦھلاءُ ڏيڻ جو منصوبو رٿيو. شاھ فيصل ”اسلامي پيڪٽ“ جو اڳواڻ ليکيو ويو، ۽ منصوبو اِھو ھو ته سڀني اسلامي ملڪن کي گڏ ڪري، انھن جو واشنگٽن سان لاڳاپو قائم ڪيو وڃي.
    فلسطيني عوام جلاوطنيءَ جا 17 سال عرب اڳواڻن ۾ اميدون رکي گھاريا ھئا. 1675ع ۾ ھنن فيصلو ڪيو ته پنھنجي آزاديءَ لاءِ الله تي رکي ويھڻ کان بھتر آھي ته ڪجھ ڪيو وڃي. گھڻين خامين ھوندي به فتح اسان جي زندگيءَ ۾ اھم جاءِ والارڻ لڳي، ان وقت باقي سموريون تنظيمون جنگ جو فلسفو سمجھائينديون ھيون، جڏھن ته فتح جنگ ڪرڻ جي تيارين ۾ عملي يقين رکندي ھئي. ان کي فلسطينين ھٿياربند جدوجھد لاءِ تخليق ڪيو ھو. ڪجھ ماڻھن اِھا جدوجھد شروع به ڪئي. مان بھرحال اڃا تيار نه ھيس.

    (10)

    1965ع ۾ منھنجون سياسي دلچسپيون ڪافي وسيع ٿي ويون. ٽيڪساس جي ڪائو بواءِ لنڊن جانسن سبب مون کي ويٽنام ۽ لاطيني آمريڪا بابت ڪافي معلومات حاصل ٿي. الجزائري عوام کان پوءِ، ويٽام جي جدوجھد مون لاءِ وڏي قوت رکندي ھئي. ھڪ ننڍڙي قوم ڪارا پائجاما پائي، دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت آمريڪا سان وڙھي رھي ھئي، ۽ کيس شڪست ڏيئي رھي ھئي.جانسن بمن جو مينھن وسائي ڏنو، ۽ سندس جرنيلن کيس سوڀ جي اميد به ڏياري. مان انھيءَ ظلم تي ڪجھ نه ڪري سگھڻ سبب ڪاوڙ ۾ ڳاڙھي ٿي رھي ھيس. ويٽنام جا ماڻھو به بمن جي سامھون پنھنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ بيٺا رھيا. اِھي ئي اُھي ماڻھو ھئا، جيڪي انسانيت لاءِ سڄي دنيا ۾ سدائين لاءِ روشنيءَ جو مينار ھئا. فلسطينين کي به ويٽنامين وارو انداز اختيار ڪرڻو پوندو. مقصد جان جي قرباني، ڌرتيءَ لاءِ قربانيءَ جو جذبو، ۽ سياسي طور تي ھڪ اھڙي پارٽيءَ جو عمل، جيڪا نظرياتي، تنظيمي ۽ دفاعي طور تي واضح پروگرام رکندي ھجي. اسان کي ائين ڪرڻو پوندو، ڪرڻو آھي، نه ته پوءِ ”مھاجر“ جو لفظ ته اسان جي تقدير بڻجي چڪو آھي.
    مون کي آمريڪي حڪومت کان نفرت ھئي. اھا نفرت اڃا به وَڌي، جڏھن مون اپريل 1965ع تي، اسٽيونس کي ڊومينڪن ريپبلڪ تي حملي جي حمايت ڪندي ڏٺو. مون کي آئزن ھاور جي زماني جي انھيءَ لبرل سورھيه کي اھڙي ڳالھ ڪندي ڏسي، پنھنجي نظرن تي اعتبار نٿي آيو. ھو ڪرنل فرانسسڪو ڪمانو جي آرميءَ جي ستونجاھ ڪميونسٽن جا الزام ٻڌائي رھيو ھو. ويھ ھزار آمريڪي فوجي سانتو ڊومنگو موڪليا ويا ھئا ته آمريڪين جي زندگيءَ ۽ ملڪيت جي حفاظت ڪري سگھن. اھو بھانو ھو انقلابي حڪومت جي تختي اونڌي ڪرڻ جو. مان کِلي کِلي کيري ٿي پيس، جڏھن بي. بي. سيءَ تان اھا خبر ٻڌم ته، عيسائي سائنس مانيٽر 57 ڪميونسٽن کي چيڪ ڪيو، ۽ خبر پيئي ته انھن مان گھڻا يا ته مري چڪا آھن، يا جيل ۾ آھن، يا جلاوطنيءَ جي زندگي گھاري رھيا آھن. آمريڪي فوجن ٻيٽ کي آزاد ڪرايو ھو، ۽ آزاد چونڊون ڪرايون ويون. نيڪ سيرت ماڻھو ڪامياب ٿيا، ۽ رئيسن جي طبقي جي حڪومت مسٽر بلاگور جي اڳواڻيءَ ھيٺ قائم ڪئي ويئي. اھو سڀ ڪجھ آزاديءَ جي عزت، آمريڪا جي خوابن جي تعبير ۽ سٺي معاشري جي تخليق لاءِ ڪيو ويو.
    مون کي ويٽام ۽ ڊومينڪن ريپبلڪ تي حملي جو مطلب سمجھ ۾ اچي ويو. ھاڻي مون کي ڪوبه ڏينھن اھڙو نظر نه ايندو ھو، جڏھن آمريڪا اسانجي ”آزاديءَ جي عزت“ لاءِ اسان جي ملڪ ۾ نه اچي، جو روس جي حملي ۽ توسيع پسنديءَ جو بھانو، برازيل کان ويٽنام تائين، ڊوميڪن کان الجزائر تائي، مالي کان انڊونيشيا تائين، ۽ بوليويا کان يونان تائين تاريخ جي ڌارا کي ”صحت مند“ پاسي موڙڻ جو ھڪ داستان آھي. 1960ع جي ڏھائي واقعي آمريڪي ڏھائي ھئي. 1970ع جي ڏھائي ان جي تنزليءَ جو داستان ٿيندو. (اھو به ٺَلھو خيال نڪتو).

    (11)

    1966ع مون لاءِ ذاتي مصيبتن جو سال ھو. بابا چئن سالن جي ڊگھي بيماريءَ کانپوءِ وفات ڪري ويو. مون کي سندس شفقت کان محروميءَ جو شدت سان احساس ٿيو. انھيءَ خزان جي مند ۾ ھر اسڪول ٽيچر ڪارا ڪپڙا پھريا، جو ھر ڪنھن کي ڪانه ڪا ڏکوئيندڙ خبر ٻڌڻي پيئي ھئي. اسان سڀ ڏاڍا ڏکارا ھئاسين منھنجي ڦٽن تي لوڻ انھيءَ نموني ٻرڪيو ويو، جو منھنجي ڀاءُ کي سياسي سرگرمين سبب ملڪ نيڪالي ڏني ويئي.
    صيھونين کي ناصر جي ڪمزورين جي ڄاڻ ھئي. ھنن ”فتح“ جي مرڪزن تي حملا ڪري عربن جي طاقت کي آزمائڻ شروع ڪيو. نومبر ۾ اسرائيلين اسماؤ تي خوني حملو ڪيو. سڄو شھر ڊاھي، ڪيترن ماڻھن کي ماريو يا زخمي ڪيو ويو. انھيءَ جي مقابلي ۾ عربن جون فوجي سرگرميون بلڪل نه ھيون. گڏيل عرب فوج جو رد عمل ڪجھ به ھو. ھا، ايترو ڪيائون جو گڏيل قومن تائين ويا. آمريڪا کان منظور ڪرائي، اسرائيل خلاف قراردادون پيش ڪيائون.
    اپريل 1967ع ۾ ناصر جي شام سان سياسي وابستگيءَ جو امتحان به ٿي ويو. 7 اپريل تي اسرائيلين شامي جيٽ فائيٽرز کي ڪيرائي وڌو، ۽ مصري مگ جھاز پنھنجا پَر لڪائي بيٺا رھيا. اسرائيلين جي دليريءَ جو داستان اتي ئي ختم نٿو ٿئي. ھنن مئي ۾ ناصر کي چئلينج ڪيو، ۽ ھو سندن ڄار ۾ ڦاسي پيو. جون ۾ ھڪ ھفتي اندر مصري فوج پيسجي ويئي، ۽ ”اوڀر جو جِن“ بوتل ۾ بند ڪيو ويو. عرب نيشنلزم جي ڦوڪڻي جي ھوا اڍائي ڪلاڪن ۾ نڪري ويئي.
    5 جون 1967ع عربن جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن آھي. عرب اتحاد جو پاڇو به نه رھيو. ناصر ته ڇا، ناصر ازم جو لفظ مري ويو. ھاڻي ته فقط جوابي حملي ۽ عرب جي فتح جي، مون کي ته ٻيو ڪوبه رستو قبول نه ھو. اھو اعتماد مون کي 9 جون 1967ع تي ناصر جي استعيفا ڏيڻ جي خبر ٻڌي حاصل ٿيو. مون پنھنجو ريڊيو ڀڃي وڌو ۽ خاموشيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويس. منھنجي سڄي دنيا ڊانوان ڊول ٿي رھي ھئي. ائين لڳي رھيو ھو، ڄڻ ھر عرب غلام ٿي ويو ھجي. فلسطين وڃڻ جون سڀ تياريون دفن ٿي ويون. بيروت وڃڻ تي به منھنجي دل نٿي ڪڍيو. پوءِ مجبوراً فيصلو ڪيم ته آخر وڃي ڏسان ته قومون مرندي مرندي ڇا ڪنديون آھن. انھي سال سرءُ جي مند ۾ ئي فلسطيني آزاديءَ جو پاپولر فرنٽ وجود ۾ آيو.
    67ع جي اونھاري جي مند بيڪار گذري. اميدون ختم ٿي چڪيون ھيون. منھنجو اعتماد لوڏا کائي رھيو ھو. مان پنھنجي ساٿين سان گڏ ڪويت واپس آيس. اولھ واري ڪناري جا خاندان لونءَ ڪانڊاريندڙ خبرون ٻڌائي رھيا ھئا. صيھونين جون انيڪ ڪريل حرڪتون، خُون، چوريون، ھوائي حملا، گھرن کي باھيون، نيپام بم- ڄڻ ھر قسم جي اذيت فلسطينين جو مقدر ٿي رھي ھئي. قسمين قسمين اھڙيون ڪھاڻيون، جيڪي ٻڌي دل جو دھڪو بند ٿي وڃي. مثال طور ھڪ ماءُ پنھنجي ٻار جي زبان آلي ڪرڻ لاءِ ايترو رُني، جو ٻار جي زبان آلي ٿي ويئي. مان جيتريون اھڙيون ڳالھيون ٻڌيون ٿي، اوترو اندر ۾ انتقام جي باھ وڌندي پئي ويئي. ڪٿي سڄو شھر زمين ۾ دفن ڪرڻ جو واقعو ٻڌڻ ۾ ٿي آيو ته ڪٿي سڄو شھر ساڙن جي ”جرئت“ جو قصو ھو. 22 نومبر تي يو- اين سيڪيورٽي ڪونسل عربن جي راضپي سان اسرائيل پاران فلسطين تي مڪمل ۽ باقائدي قبضي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
    منھنجي نا اميدن ۾ اڃا به واڌارو ٿيو، جڏھن 9 آڪٽوبر تي سي- آئي- اي- منھنجي سورھيه چي گويرا کي مارائي ڇڏيو. چي گويرا جي خون منھنجي ضمير کي زخمي ڪري وڌو. ھي ھڪ ارجنٽائيني انتھا پسند ھو، جيڪو ڪيوبا جي فيڊل ڪاسترو سان جدوجھد ۾ گڏ ھو، ۽ جنھنجي ڪري پھرين جنوري 1959ع تي انقلاب طاقت حاصل ڪري سگھيو. ايندڙ اَٺن سالن ۾ چي گويرا جو مرتبو بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪري ويو. سندس شخصيت به ڪاسترو جھڙي ھئي. جڏھن ڪاسترو ۽ چي ۾ اختلاف ٿيا ته، چي وزير صنعت جي حيثيت سان استعيفا ڏيئي ڇڏي ۽ خاموش ٿي ويو ھو. جيتوڻيڪ ھو ڪيوبا جي انقلاب کي نقصان رسائڻ لاءِ پنھنجي ۽ ڪاسترو جي اختلافن کي مشھور ڪري سگھيو ٿي. ھن آفريڪي ملڪن جو دورو ڪيو. الجزائر جي احمد بن بيلا سان سندس دوستي ٿي ويئي. ھن ڪانگريس ۾ ڀاڙيتو يورپي فوجين ۽ شومبي جي علحدگي پسندن سان ويڙھ ۾ حصو ورتو. ڪانگو ۾ روسي اثر سبب چي کي سوڀ حاصل ٿي. پوءِ ھو 16 گوريلن جي جٿي سان گڏ بوليويا ويو. يارھن مھينن تائين ھو انقلابي محاذ ٺاھڻ ۽ بيرنٽو جي ڊڪٽيٽر شپ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪندو رھيو. ھو اڪيلو شخص آمريڪا جھڙي طاقت جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالھائيندو ھو. نيٺ اِھو ٿيو. آمريڪا، لنڊن جانسن، ھمفريءَ چي گويرا کي قتل ڪرائي ڇڏيو.
    منھنجي ديس واسين کي به فلسطين جي ڌرتي آزاد ڪرائڻ لاءِ چي جھڙي اڳواڻن جي ضرورت ھئي.


    نئين انسانيت جو اعلان

    (1)

    عرب عوام ڏھن سالن تائين ناصر ازم کي، عرب ۽ فلسطيني عوام جي آزاديءَ جو اھڃاڻ سمجيو ھو. اُھا لاٽ به ھاڻي وِسامي چڪي ھئي. موشي دايان پنھنجي آفيس ۾ ويٺي ناصر جي فون جو انتظار ڪيو، ته ھو اسرائيل سان امن ٺاھ تي صحيح ڪرڻ لاءِ ڪنھن مھل ٿو چوي. البت سامراجي قوتن کي اھو سمجھ ۾ نه آيو ته ناصر، موشي دايان کي فون ڇونه ڪئي. پر ھن ڄاتو ٿي ته ائين ڪرڻ سان مصري کيس جيئري پوري ڇڏين ھا. ڪوبه رجعت پسند عرب اڳواڻ اڄ به جرئت ڪري نٿو سگھي ته، موشي دايان سان ٺاھ ڪرڻ جو عوامي سطح تي اعلان ڪري سگھي. فلسطيني عوام ته موشي دايان جي امن پلان جو جواب ڏينھن ڏٺي بمن سان ڏنو، ڇوته کين يقين ٿي ويو ھو ته، مصري، امريڪي، اسرائيلي، روسي، گولائسٽ ۽ برطانوي؛ سڀ قومون فلسطينين کي تباھ ڪرڻ جا منصوبا ٺاھي رھيون آھن. جون واري ويڙھ ۾ ته بلڪل ائين ٿي لڳو، ڄڻ آمريڪا ۽ روس جي گڏيل مرضيءَ سان ئي سڀ ڪجھ ٿي رھيو ھو. ليسٽر ويلي ان باري ۾ لکيو آھي: ”ٽي سال ۽ نَوَ مھينا- ڪريملن ۽ وائيٽ ھائوس وچ ۾ رابطو فقط مبارڪن جي سنيھن تائين محدود رھيو. 5 جون 67ع تي ماسڪو مان سخت چِتاءُ ڏنو ويو، پر روس اھو به چيو ته، جيڪڏھن آمريڪا دخل اندازي نه ڪري ته روس به وچ اوڀر تي ھٿ نه وجھندو. جانسن به اھڙوئي واعدو ڪيو.“
    جانسن کي سي. آئي. اي ۽ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اھو يقين ڏياريو ھو ته، اسرائيل ٽن- چئن ڏينھن اندر کٽي ويندو. جيڪڏھن اھو اندازو غلط نڪري ھا ته، آمريڪا ھٿ چراند ڪري ھا.
    يو- اين قرار دادون پاس ڪندي رھي. جنگ بندي به ٿي ويئي. پر يو- اين فوجن جي واپسيءَ بابت ڪابه قرارداد پاس نه ڪئي. روسي ۽ آمريڪي پنھنجي پنھنجي مدار ۾ واپس ھليا ويا. عرب ڊپلوميٽ فاتح جيان اسرائيلي فوجن جي واپسيءَ جا ڪوڙا نعرا ھڻندا رھيا. اھو سڀ ڪجھ ڏسي، مان ڪويت واپس موٽي آيس، ۽ پنھنجي ساٿين سان خيالن جي ڏي- وٺ ڪيم. جيڪي ماڻھو عرب ملڪن مان ٿي آيا ھئا، سي ته سخت مايوس ھئا. جيڪي والاريل علائقا ڏسي آيا ھئا، اُھي ھٿياربند جدوجھد جي حق ۾ ھئا. نئين سال جي اچڻ سان ”فتح“ ۾ نئين خون ۽ انتظامي تبديلين جون خبرون اينديون رھيون. نومبر ۾ پاپولر فرنٽ قائم ٿي ويو.
    مان اونھاري ۾ لبنان ۾ ھيس، ۽ سؤر ۾ رھيل پنھنجي ساٿين سان رابطو قائم ڪري نٿي سگھيس. تنھن ڪري پي. ايف. ايل. پي جي سرگرمين جي حقيقت پرکڻ جو ڪو پئمانو مون وٽ نه ھو. تنھن ڪري انھيءَ کان سواءِ ٻي واھ نه ھئي ته ”فتح“ جي سرگرمين ۾ حصو وٺجي. ھڪ سال ته اسان کي نوجوانن کي اِھو سمجھائيندي گذريو ته ناصر ڇو فيل ويو.
    ڪويت ۾ فتح جي سرگرمين کي شڪ جي نظر سان نه ڏٺو ويندو ھو. پي. ايل. او کي سرڪاري سطح تي فلسطيني عوام جي عيوضي سمجھيو ويندو ھو. پر ڪويت ۾ نه ان جا ليڊر ھئا ۽ نه حمايتي. مان به نه حمايتي ھيس، ۽ نه مخالف. جيئن ته فتح 18 آگست 67ع تي ملٽري آپريشن وري شروع ڪيو ھو، مون پنھنجي استادن ۽ پرنسيپال سان گڏجي فتح لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد جو عزم ڪيو. اسان جي ھر قدم، ڪم ۽ خيال جو اي. اين. ايم شعوري ۽ منطقي جواز پيش ڪندي ھئي. فتح مون لاءِ ھڪ نئون تجربو ھئي. ھيل تائين اسان جي بنيادي ذميواري فقط چندو گڏ ڪرڻ ھئي. ڪڏھن ڪڏھن مبھم قسم جا ليڪچر به ڏناسي. اسان فتح جي پاڇي ۾ فقط تماشائي ھئاسين. جيڪي به مقرر ھئا، سي به ڇڙو ڳالھيون ڪندا ھئا، ۽ موومينٽ ۾ شامل ٿيڻ جا فقط اصول ئي ٻڌائيندا ھئا.
    شروع شروع ۾ مون سوچيو ته، گھڻا سوال پڇڻ مناسب ڪونھي. پر پوءِ مون پاڻ کي يقين ڏياريو ته ھر فلسطينيءَ کي ڄاڻ ھئڻ گھرجي ته ھو فلسطين لاءِ ڇا ٿو ڪري ۽ پوءِ مان وڌيڪ شد مد سان سوال ڪرڻ لڳيس. مثال طور فتح جا معاشي ۽ سماجي مقصد ۽ طريقا ڪھڙا آھن ۽ ھوندا؟ اسان سعودي عرب جھڙي رجعت پسند ملڪ کان امداد ڇو ورتي آھي؟ موومينٽ ڪنھن جي آڏو جوابدار آھي؟ فتح عربن کان ڪٽيل ڇو آھي؟ ۽ اھم سوال اھو، ته فتح ۾ عورتن جو ڪردار چندو گڏ ڪرڻ کن سواءِ به ھوندو؟
    جواب طور ٻڌايو ويو ته، موومينٽ خود مختيار آھي- پر انھيءَ جي اڳواڻن کي حفاظت جي خيال کان نامعلوم رھڻ گھرجي. جيتري قدر مون کي ڄاڻ آھي ته، فتح جو ھر ڪو راز سڀ کي معلوم ھو، ۽ سندن اڳواڻن جي نالن جي سڄي دنيا کي ڄاڻ ھئي. عمان ۾ ته ھر دوست- دشمن اڳيان موومينٽ جا منصوبا پڌرا ڪيا ويندا ھئا. سعيدي عرب بات چيو ويو ته، شروع ۾ پنھنجي دشمن کي مددگار ۽ حامي ڪرڻ گھرجي. شروع ۾ فقط فلسطيني رضاڪار ڀرتي ڪيا ويندا ھئا، پر پوءِ عربن تان اھا پابندي ختم ڪئي ويئي. منھنجو ڪمشنر مون کان پڇندو ھو ته تون ايترا سوال ڇو ٿي ڪرين؟ مان چوندي ھيس: ابوعليٰ! اسان تيسين کٽي نٿا سگھون، جيسين واضح پروگرام ۽ منظم ميمبر نه ھجن. تنھن کان سواءِ انقلاب جي نعري سان نه، پر حقيقت سمجھڻ کان سواءِ اسان ڪجھ به ڪري نه سگھنداسين. منھنجا سوال ٻڌڻ وارن کي دلچسپ ۽ اھم لڳندا ھئا. ھڪ ڏينھن فتح جو ھڪ اھم ڪارڪن فتحي عرفات، ياسر عرفات جو ڀاءُ مون سان ملڻ آيو. مون ھن کان به فتح ۾ عورتن جي ڪردار بابت سوال ڪيو. مون کيس عرض ڪيو ته مون کي فوج جي کاتي ”ال آصفه“ ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي، جو مون سالن تائين فوجي سِکيا به حاصل ڪئي آھي. مان والاريل علائقن ۾ ڇاپه مار جي حيثيت سان ۽ آپريشن تي وڃڻ لاءِ به تيار ھيس. ھن مون سان واعدو ڪيو ته ھو ڪوشش ڪندو ۽ مھيني اندر مون کي جواب ڏيندو. مھيني کان پوءِ فتحيءَ مون کان پڇيو، ”ڇا تون اردن ڏانھن، درياءِ اردن جي ڪناري الاغوار جي علائقي ۾ وڃي سگھين ٿي؟“ مون ھڪدم ھائوڪار ڪئي، ۽ تياريون شروع ڪري ڏنم. پر وري ھو ٻڌائڻ نه آيو ته مون کي ڪٿي رپورٽ ڪرڻي آھي. ڪھڙو آپريشن ڪرڻو آھي؟ انھيءَ وچ ۾ منھنجي ساٿي فتحين مون لاءِ ڪم ڳوليو. ھن چيو ته اسان سڀني کي ھڪ جٿي جي صورت ۾ 68ع جي اونھاري جي مند ۾ ڪجھ ڪرڻ گھرجي. ھڪ ته اھو ته ڪيمپن ۾ ٿَڪل ٽٽل مائرن جي ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊائڻ ۽ شھيدن جي خاندانن جي مدد. اھو ٻڌي، مون رڙ ڪري چيو، ”اِھي معاشرتي انقلاب جون ڳالھيون آھن. مان انقلاب لاءِ ڪم ڪرڻ ٿي چاھيان.“
    منھنجي انھن ڳالھين جو جواب 21 مارچ جي ڪراما واري جنگ جي صورت ۾ ملي ويو.
    درياءِ اردن جي اڀرندي ڪناري تي ڪراما ھو. 1948ع کان پوءِ اتي فلسطيني ئي رھيل ھئا ۽ لڳو ٿي ته ڄڻ فلسطينين لاءِ ئي وَسايو ويو ھو ۽ سندن آسن ۽ اميدن جو مرڪز ھو. اسرائيل ڪراما جو نانءُ نشان ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، پر پورو زور لڳائڻ کان پوءِ به ناڪام ٿيو. جيتوڻيڪ فوجي لحاظ کان سندن پاسو وزني رھيو. ھاڻي عربن جي نشرياتي کاتي اعلان ڪرڻ شروع ڪيو ته، فلسطين جي آزاديءَ وارو سپنو پورو ٿيڻ وارو آھي. ھزارين رضاڪارن نالا لکائڻ شروع ڪيا. سيرن جي حساب سان سونُ گڏ ٿيڻ لڳو. ۽ ٽَنن جي حساب سان ھٿيار گڏ ٿيڻ لڳا. فتح، جيڪا چند نيم تربيت يافته ماڻھن ٿي ٻڌل ھئي، اُھا عربن کي چين جي 1949ع واري طاقت نظر ۾ اچڻ لڳي. مزي جي ڳالھ اھا آھي ته، شاھ حسين به پاڻ کي ڪمانڊو سڏائڻ شروع ڪيو. عرب فلسطيني عوام سمجھيو ته بس ھاڻي فلسطين واپس ورڻ وارو آھي. عرب حڪومتن فتح کي راڪيٽ، آرٽلري، ملٽري ٽرانسپورٽ وغيرہ جي سپلاءِ شروع ڪري ڏني. اصل ۾ عرب حڪومتن فتح جي پاڇي ۾ پنھنجي نامرديءَ کي لڪائڻ ٿي گھريو. فتح ياسر عرفات جي اڳواڻيءَ ۾ پي- ايل- او کي قابو ڪرڻ ٿي گھريو. اڃا فتح ۽ پي- ايل- او ۾ رقابت ۽ رفاقت جي راند ھلي رھي ھئي ته، ٽن انقلابين انفرادي سطح تي ڊرامائي واقعو ڪيو، جنھن کي پي- ايل- او پنھنجي ذميواري مڃڻ کان انڪار ڪيو. فلسطين جي آزاديءَ جي پاپولر فرنٽ، يعني پي. ايف. ايل. پي اسرائيل جي نيم فوجي ۽ نيم سولين جھاز اغوا ڪري ورتو. جھاز کي الجزائر آندو ويو پوءِ بنا ڪنھن اصرار يا بدلي جي جھاز ۽ مسافرن کي آزاد ڪيو ويو. سڀني عرب ملڪن ۽ فلسطيني مجاھدن پي. ايف. ايل. پي کي ننديو، ۽ مخالفت شروع ڪري ڏني، ۽ انھيءَ واقعي کي فضائي ڦر به سڏيو.
    اھو حادثو منھنجي زندگيءَ کي رُخ ڏيئي ويو. مون ھڪدم پي. ايف. ايل. پي سان رابطو قائم ڪيو. انھيءَ زماني ۾ واءِ- ڊبليو- سي- اي جي آمريڪن ڇوڪري جين مارلو، سؤر ۾ ھڪ ھفتو رھڻ لاءِ اسان جي گھر آئي. ھوءَ اسان جي گھر انھيءَ ڪري آئي ته منھنجي ننڍي ڀيڻ خالدہ جو واءِ- ڊبليو- سي- اي سان رابطو ھو. اسان ھڪ ٻئي سان گھڻو ڪري انگريزيءَ ۾ ڳالھائيندا ھئاسين. جين بلڪل معصوم ھئي. ھوءَ مھاجرن کي ترڻ، ڊرائينگ ڪرڻ، کيڏڻ سيکارڻ آئي ھئي. جين جنھن به ويس ۾ آئي ھئي، ھئي ته آمريڪي. اسان ھن کي آمريڪي ۽ صيھوني سامراجيت تي زوردار ليڪچر ڏنا ته؛ ھن چيو ته، سياست جو تجزيو ڪرڻ مھل جذباتي بيان ۽ زبان پاڻ لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿيندو آھي. ھوءَ پاڻ چوندي ھلي ته، ھوءَ سياسي طور تي ڄاڻو شخصيت نه ھئي. پر گڏوگڏ ھن فتح کي دھشت پسند گروپ سڏيو، جنھن اسرائيلي ٻارن جي راھ ۾ بارودي سرنگون وڇايون ھيون. اسان جين کي اصل صورتحال ٻڌائيندا رھياسين. کيس اِھا ڄاڻ ئي نه ھئي ته، ھوءَ اسان جي سامھون صيھوني نظريو پيش ڪري رھي ھئي. اصل ۾ ھوءَ ڪيٿولڪ ھئي، ۽ کيس عربن ۽ يھودين لاءِ ھڪ جھڙي تعليم ڏني ويئي ھئي. ھڪ ڏينھن ھن مون کي چيو، ” ڇا تون آزاد فلسطين ۾ ھن ماحول کان وڌيڪ آرام حاصل ڪري سگھندينءَ؟“ مون جذباتي ٿي چيو، ”نه- مون کي نه گھرجي ھي آرام.“ جين پنھنجي لھجي ۾ حڪم واري انداز سان چيو، ”ڇونه گھرجي ھي آرام. توکي پوءِ پڇتاءُ ٿيندو. توھان سڀ ائين رڙيون ڪندا رھندؤ، ۽ ھھڙي ماحول ۾ رھڻ پسند به ڪندؤ.“
    جين جي اِھا ڳالھ مون کي پند پھڻ ڪري ويئي. سندس چوڻ ڪنھن حد تائين درست ھو. اسان سڀ ڳالھيون ڪندا ھئاسين، ڪم ڪرڻ وارو اسان ۾ ھڪ به نه ھو. منھنجي ڀاءُ کي جين تي ڪاوڙ اچي رھي ھئي، ۽ ھو جين کي منھن واري ٿڦ وھائڻ وارو ھو، جو مون سندس ھٿ جھلي ورتو. مون چيو، ” آمريڪن ڇوڪري اسان جون ڪوتاھيون ٿي ٻڌائي ته انھيءَ ۾ ڪاوڙ جي ڪھڙي ڳالھ آھي! اسان صيھونيت لاءِ جواب تيار ڪندا آھيون، گوليون نه! “
    مون پي- ايف- ايل- پي ۾ شامل ٿيڻ جو پَھُ ته ڪري ورتو ھو، پر واٽ اڃا نظر نٿي آئي. ھڪ ڏينھن ڪويت ۾ مان ڏکڻ عربي بوڪ اسٽال وٽان لنگھيس ته ھڪ شخص پي- ايف- ايل- پي جا ڪرسمس جا ڪارڊ وڪڻندي نظر آيو. مون کي ڄاڻ ھئي ته ھو انھيءَ جو ميمبر ھو يا ھمدرد- مان ھن جي ڀرسان بيھي رھيس، ۽ آھستي آھستي چيم، ”مان فلسطيني آھيان. وڙھڻ چاھيان ٿي. مان والاريل علائقي ۾ وڃڻ چاھيان ٿي، مھرباني ڪري منھنجي مدد ڪر.“
    ھن منھنجي ڳالھ ٻڌي؛ ۽ خميس ڏينھن ٽين ۽ چئين وڳي جي وچ ۾ اچڻ جو وعدو ڪري ھليو ويو. مان ڏاڍي خوش ھيس. مان مقرر وقت کان ٻه ڪلاڪ اڳ ئي اتي پھچي ويس. ڪنھن مھل ھڪ رسالو کڻي ٿي ڏٺم ته ڪنھن مھل ٻيو. پوري ٽين وڳي، ڊگھو خوبصورت جوان دڪان ۾ داخل ٿيو، مان سمجھي ويس. اھو پي- ايف جو ماڻھو ھو. مون پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي. ھو ڏاڍو سنجيدہ ۽ خاموش ھو. مون تڪڙ تڪڙ ۾ کيس ٻڌايو ته مون کي ملٽري ٽريننگ ۾ ڪيترو چاھ آھي. ھن منھنجي ڪلھي تي ھٿ ھڻي چيو، ”اڳ ۾ تنھنجي تعليم ضروري آھي.“
    مون وري جلدي جلدي چيو، ”مان پوسٽ گريجو ئيٽ آھيان، اسڪول ۾ ماستري ڪئي اٿم، لکڻ ۽ ڳالھائڻ ڄاڻان ٿي.“
    ”اوھ! منھنجو مطلب لکڻ پڙھڻ سان اھو ناھي، توکي ته پي- ايف جي ٻين ڪارڪنن سان ڪم ڪرڻ جي تربيت حاصل ڪرڻي پوندي. پوءِ اسان فيصلو ڪنداسين ته تو ۾ انقلاب لاءِ ڪم ڪرڻ جي ھمت ۽ قوت آھي يا نه....“
    ”مان..... وڙھڻ چاھيان ٿي.“ مون سندس ڳالھ ڪٽيندي چيو.
    ”ليليٰ! فلسطين جي جنگ ھڪ ڊگھي جدوجھد جو ٻيو نالو آھي. تو وٽ پنھنجي قوت ۽ صلاحيت کي ظاھر ڪرڻ لاءِ گھڻو وقت ھوندو. يقين ڪر، جيڪڏھن تون وڙھڻ جي قابل آھين ته، توکي پنھنجي جذبي جي عملي صداقت ۽ مھارت جي اظھار ڪرڻ جو موقعو ملندو. جيڪڏھن تو ۾ وڙھڻ جي صلاحيت ۽ جذبو آھي ته، پي- ايف توکي ڪاڏي به موڪلڻ ۾ نه ڪيٻائيندي. ھاڻي وري انشاءَالله ايندڙ ھفتي ھتي ملنداسين، ۽ ايندڙ مسئلن تي بحث ڪنداسين. جيڪڏھن توکان اسان سان ملڻ وسري ويو ته، اسان پاڻ اچي توسان ملنداسين.، ھن چيو. سندس نالو ندال ھو.
    مان اڄ پھريون دفعو مطمئن ٿي گھر موٽيس. مون کي لڳو، ڄڻ مان شاھراھ حيفا تي ھلي رھي ھيس. مان پاتال مان موٽي رھي ھيس. انھيءَ شام ئي مون پنھنجي ڪجھ دوستن سان رابطو قائم ڪيو. اسان سڄي رات سياسي مسئلن، وابستگي ۽ ھر استاد جي جانبداريءَ جو جائزو ورتو. اسان جو اندازو ھو ته اسان جا حمايتي گھڻي تعداد ۾ موجود آھن، ۽ اسان چند ھفتن ۾ ئي سيل قائم ڪري سگھياسين ٿي.
    ھاڻي اسان ھر ھفتي ملندا ھئاسين ۽ مان پي- ايف لٽريچر ۽ ھدايتون وٺڻ لاءِ ندال سان ملندي ھيس. ابو ندال منھنجي ملاقات ڪجھ پراڻن، سابق اي- اين- ايم جي ڪامريڊن سان ڪرائي، جو اھي به پي- ايف- ۾ شامل ٿيا ھئا. اسان ڪويت ۾ پي- ايف جو پورو ڍانچو ٺاھن جي ڪوششن ۾ مصروف رھياسين. 26 ڊسمبر 68ع تي ايل آل جھاز تي حملي ته اسان جا حوصلا گھڻو وڌائي ڇڏيا. خاص طور تي 28 ڊسمبر جي واقعي کان پوءِ، جڏھن اسرائيلين بيروت جي ھوائي اڏي تي حملو ڪري، مڊل ايسٽ ايئر لائين جا 3، ھوائي جھاز تباھ ڪري ڇڏيا. اسان خوش انھيءَ ڪري ٿياسين جو انھن ۾ 70-80 سيڪڙو جھاز آمريڪا جا ھئا. ائين لبنان ۾ انقلاب جا امڪان وسيع ٿيڻ جا امڪان روشن ٿي رھيا ھئا. ھاڻي دنيا فلسطينين جي قدم کي ڌيان لائق سمجھڻ لاءِ مجبور ھئي. عرب پريس انھيءَ کان اکٻوٽ ڪري نٿي سگھي، ۽ اسرائيلي انھيءَ کي لڪائي نٿي سگھيا. بلڪ اسرائيلين تماشي کي اڃا به پر لطف ڪري ڇڏيو ھو.

    (3)

    اسان جو اسٽيڊي گروپ پي- ايف جي نظرياتي ۽ تنظيمي جوڙجڪ کي گھڻي حد تائين سمجھي چڪو ھو. ابوندال جي چوڻ تي اسان مڪمل لٽريچر پڙھي، پنھنجو ذھن روشن ڪري رھيا ھئاسين، جو ھڪ ٻي فلسطيني عورت جو نالو دنيا اڳيان اڀري آيو.
    18- فيبروريءَ تي مان 5 لڳي 35 منٽن تي اٿيس. نيرن ڪري بي. بي. سي تان خبرون ٻڌڻ ويٺيس، ۽ ھڪدم مون امينه ڌبور جو نالو ٻڌو. ھن زيورچ ۾ ال آل جھاز اغوا ڪيو ھو. ھوءِ پھرين عورت ھئي، جنھن غير ملڪي آپريشن ۾ حصو ورتو ھو. اھا خبر مون کي کنوڻ جيان ڪرندي محسوس ٿي. ھڪ فلسطيني انقلابي عورت، جنھن سرمائيداري جي تابوت ۾ ڪِلي ٺوڪي ڇڏي ھئي. خوش قسمتيءَ ان ڪري ٿي چوان، جو پھريون دفعو ٻڌي، مون کي اعتبار ئي نه آيو ھو، ۽ ٻيھر ٻڌي، مون يقين ڪرڻ ٿي گھريو. اِھو ٻڌي رات جي پائجامي ۾ ئي ڊوڙندي، سڄي ھاسٽل ۾ رڙيون ڪرڻ لڳيس..... ”ھاڻي فلسطين آزاد ٿي ويندو-“ ھر ڪنھن منھنجي رڙين ڪرڻ ۽ افعالن کي ڏسي محسوس ڪيو ته مان چري ٿي پيئي آھيان. پر مون کي فخر محسوس ٿي رھيو ھو ته، مون اِھا خبر سڀني تائين پھچائي آھي. اسان ڪويت ۾ ڇڙو ڳالھيون ڪري رھيا ھئاسين، ۽ ھوڏانھن ھڪ فلسطيني عورت ڪم ڪري رھي ھئي. اسان سڀني ٿوري دير کان پوءِ ئي فلسطيني عورت جي ڪارنامي ۽ فلسطيني جدوجھد جي ڪاميابي ۽ امينه ڌبور جي دليريءَ جو جشن ملھايو. فتح ۽ پي- ايف ايل- پي جي عورتن گڏجي، فسطيني ناچ ’دبڪي‘ ڪيو ته جيترو به چندو گڏ ٿيل آھي، اُھو فتح ۽ پي- ايف ۾ ھڪ جيترو ورھايو وڃي. فتح ڀينرن اھا ڳالھ چپ چاپ مڃي ورتي. ان ڏينھن ئي مان ڪامريڊ ابوندال ڏانھن ويس، ۽ کيس چيم، ”مان ته اسپيشل اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ گھران ٿي.“ ھو به راضي ٿي ويو، ۽ اُن ڏينھن کان ئي مان خاص سِکيا لاءِ وڃڻ لڳيس. بس، ھاڻي مان ڪنھن به ڏينھن ملٽري آپريشن تي وڃڻ واري ھيس. مون پنھنجي سکيا واري وقت ۾ اسٽڊي گروپ جو ڪم به جاري رکيو، ۽ انھيءَ گروپ کي روايتن ٽوڙڻ جي سکيا ڏيڻ شروع ڪيم. ڪويت ۾ سياست تي پابندي ھئي. پر ڇھن عورتن مزاحمت جي نالي ۾ پنھنجي عزت ۽ روزگار کي خطري ۾ وجھڻ قبول ڪيو. اپريل جي ھڪ صبح جو اسان ڪويت جي سڀ کان مصروف علائقي ۾ پي- ايف جا چندي جمع ڪرڻ جا دٻا کڻي، چندو گڏ ڪرڻ لاءِ نڪتاسين. شروع ۾ ٻيون ڇوڪريون ھٻڪيون ٿي. پر مون کي نه شرم ھو ۽ نه ڊپ. ڇو ته مون لاءِ فقط انقلاب جو نالو ئي ڪافي ھو. اسان ڏٺو ته ماڻھو اسان جي سوچ کان وڌيڪ مددگار ۽ ترقي پسند ھئا. ھنن نه فقط دل سان اسان جي مدد ڪئي، پر ٻين کي اسان جي مدد لاءِ مجبور ڪيو، ۽ سڄي شھر ۾ ھمدردين ۽ سھڪار جو ڄار وڇائي ڏنو. عورتن به اڳتي وڌي اسان جي مدد ڪئي، عوام اسان جا دٻا ڀري ڇڏيا. سرڪاري عملدارن پڻ اسان جي سرگرميءَ تي اعتراض نه ڪيو. سڄو شھر اسان ڏانھن جھڪي آيو ھو.
    اِھو سھڪار ڏسي مون سوچيو ته، ڪجھ رقم انگريزي پڙھائي ۽ ڪجھ ھيئر ڊريسر جو ڪم ڪري به پي- ايف لاءِ گڏ ڪجي، ۽ پنھنجي سياسي وابستگيءَ کي به ظاھر نه ڪجي. لبنان ۾ مون ھيئر ڊريسر جو ڪورس به ڪيو ھو. مون ھڪ بيوٽي سيلون ۾ ٻن ھفتن لاءِ نوڪريءَ جي درخواست ڏني. ڪم کان پوءِ مان چندي گڏ ڪرڻ کي لڳي ويندي ھيس، جو مان چندي يا پروپيگنڊا جو ڪوبه موقعو ھٿان نه وڃائيندي ھيس. ھڪ ڏينھن ھڪ رئيس عورت وار ٺھرائڻ کان پوءِ، منھنجي ڪم کان ايترو متاثر ٿي جو مون کي 25 فلپ ٽپ ڏنائين. اڳ ۾ ته مان ڇرڪيس، پر ٻئيءَ گھڙيءَ پي- ايف، منھنجي ذھن ۾ ھئي، ۽ مون ھڪدم رسيد ڪاٽي کيس ڏني. عورت جڏھن رسيد تي پي- ايف جو ٺپو ڏٺو ته، اڳ ۾ ته حيران ٿي ۽ پوءِ خوش ٿي پي- ايف لاءِ ھڪ ٻيو دينار ڏيئي نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو. منھنجيءَ مئنيجر اھو سڀ ڪجھ ڏٺو، پر ھوءَ ناراض نه ٿي. پر ھن اِھو چيو ته، مان پنھنجي سياست پاڻ تائين محدود رکان ته بھتر آھي. ھونءَ ھُن اِھو به چيو ته، اھڙي انقلابي سوچ سڀني عرب عورتن ۾ پيدا ٿئي ته ڪيڏو نه چڱو. جڏھن مون نوڪري ڇڏي ته مئنيجر عورت مون کي پگھار کان سواءِ پي- ايف لاءِ پنج دينار به ڏنا.
    بھار جي مُند ۾ انھيءَ سال ئي مان پنھنجا ڪويتي دوست ڇڏي عمان ھلي ويس. روس جي ٺھيل بندوق ’سيمينوف‘ منھنجي ساٿياڻي ھئي.

    (4)

    عمان شھر گوريلن سان ڀريو پيو ھو. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ئي مون کي ويھن ٻين عورتن سان گڏ اُتر عمان جي فوجي ڪيمپ ۾ اڃا به وڌيڪ سخت سِکيا لاءِ موڪليو ويو. اُتي منھنجي خوش قسمتيءَ سان والاريل علائقي جي بي مثال شخصيت ۽ اسان سڀني جي سورميءَ رشيدہ عبيدہ سان ملاقات ٿي. ھوءَ سڀاءَ توڙي صورت ۾ ھر لحاظ کان سھڻي عورت ھئي. ھن کي بندوق، استعمال ڪرڻ ۽ حق خاطر کڻڻ ايندي ھئي. ٻه ڄڻيون ھڪدم منھنجون دوست ٿي ويون. ھڪ ته رشيده عبيدہ ۽ ٻي فعيھا عبدالھادي.
    انھي کان اڳ جو اسان جي حوصلي ۽ ھمت جو متحان وٺڻ لاءِ اسان کي مشن تي موڪليو وڃي، ملٽري اسڪول جي پرنسپال ڪامريڊ حسن اسان کي آخري ھدايتون ڏنيون. جنھن ۾ خاص طور تي ابتدائي سياسي فائدي ۽ چندي ڪرڻ جي طريقي ۽ سياسي ۽ فوجي نوعيت جي ڪم جو بنيادي فرق ٻڌايو. ھن پنھنجي تقرير ختم ڪندي ٻڌايو، ”اسان جي ڪم جو اھو موڙ وقت وٺندڙ ۽ شديد آھي. جڏھن اِھو شروع ڪندؤ ته مڪمل ڪرڻ کان سواءِ موٽ ناممڪن آھي. تنھن ڪري توھان جي شعور جي امتحان جو مرحلو اِھو آھي. جيڪڏھن توھان کي اڃا به پاڻ تي اعتبار نه ھجي ته موٽي وڃو، ۽ ٻيو ڪو ڪم وڃي ڪيو.“
    اھو ٻڌي اسان سڀني ھڪ ٻئي ڏانھن ڏٺو. جسم مان ڊپ وچان سيسراٽ نڪري ويا. ٽي ڪلاڪ ته ڪشمڪش ۾ رھيونسين. پر پوءِ فيصلو ڪيوسين ته، جيڪڏھن عورت پاڻ کي انقلاب سان منسوب ڪري ٿي ته پوءِ ماضي ۽ مستقبل جا سمورا رشتا زندگيءَ ۾ ثانوي حيثيت اختيار ڪري وڃن ٿا. اسان مان جيڪڏھن ڪا عورت اھڙو عھد نٿي ڪري سگھي ته، پوءِ اھا فقط حمايتي ۽ چندو گڏُ ڪرڻ واري گُڏي ٿي، جدوجھد ۾ شامل ٿي سگھي ٿي. پر جن ملٽري آپريشن جي سِکيا حاصل ڪئي آھي، ۽ جيڪي انقلاب جي فلسفي کي يقين ۽ ايمان جي حد تائين مڃين ٿيون، انھن کي اڳتي وڌڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو.
    ٿيو اھو جو، جيڪي ڇوڪريون شوق طور سِکيا حاصل ڪري رھيون ھيون، اُھي ته ڇڏي ويون. پر مون ۽ رشيدہ رضامندي ڏيکاري. تنھن تي ڪامريڊ رشيدہ کي چيو ته، ھن جي وڏن جو باقائدي اجازت نامو فائيل ۾ موجود ڪونھي. انھيءَ تي رشيدہ ڏاڍي اعتماد سان چيو، ”جيڪڏھن 25 سالن جي عمر کان پوءِ به وڏن جي راضپي جي ضرورت آھي ته پوءِ پي- ايف ۾ شامل ٿيڻ جي ضرورت ناھي. پر گھر وڃي وڏن کي چئون ته ڏاج ٺاھين، مڙس ڳولين، ۽ گھر وَسائجي وڃي!“
    مون رشيدہ جھڙيون کَريون ڳالھيون ته نه ڪيون، پر چيم، ”ميڊم! فلسطين اسان کي جوان ڪيو آھي ته اسان پنھنجي ڌرتيءَ جو قرض لاھيون. منھنجي خيال ۾ اسان کي نابالغن جھڙا ڪم ڇڏي، دليريءَ واري قدم ڏانھن ڌيان ڏيڻ گھرجي.“
    ھاڻي سِکيا حاصل ڪندڙ ٽن عورتن اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪيو، ۽ باقي عورتن لاءِ سِکيا جي اڳئين منزل سامھون ھئي. اسان اردن جي جبلن ۾ پناھ وٺڻ واري وقت جا منصوبا ٺاھن لڳاسين. مون کي اڻ لکو ڊپ محسوس ٿي رھيو ھو. پر جڏھن مون سوچيو ته منھنجو سپنو ساڀيان ٿيڻ وارو آھي، تڏھن منھنجو ڊپ دور ٿي ويو، ۽ مان ايندڙ وقت لاءِ تيار ٿي ويس.
    ڪم جو وقت ويجھو اچي رھيو ھو، پر ڪم جي نوعيت واضح نه ھئي. پھاڙن ۾ رھندي ٽئين رات ھئي. ھڪ ڪامريڊ ڪارڊ صيھوني ڇاپا مارن جي نگراني ڪري رھي ھئي. ھڪ آواز تي ھن ھڪدم پٺ ورائي ڏٺو. ھن ڇاپا مار کي ترسڻ ۽ پنھنجي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ چيو، پر ھو نه بيٺو. ڪامريڊ اوندھ ۾ ئي فائر ڪري ڏنو. ٻئي پَل ئي ڪيمپ ۾ موجود ھر ڪمانڊو ڇاتيءَ ڀر اڳتي وڌڻ لڳو، جيئن دشمن کي پڪڙي سگھجي..... ھوءَ لڳاتار فائرنگ ڪري رھي ھئي، جو ھڪ ڇاپا مار سامھون آيو آھي ته، ان جو مطلب اِھو آھي ته ٻه ٽي ٻيا سندس ڀر پاسي به ھوندا. پر اسان کي جلد ئي خبر پئجي ويئي ته ان مھل ڪوبه موجود نه ھو. پر ڪامريڊ گارڊ ھڪ ئي ڪيرائي وڌو ھو. اِھو ھڪ گڏھ ھو، جيڪو دشمن جي سرحد کان ھيڏانھن آيو ھو. اسان ھڪ مختصر گڏجاڻي ڪري گڏھ جي مالڪ کي معاوضو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. پر سرحد پار کان ڪوبه معاوضو وٺڻ لاءِ نه آيو. ڪيمپ ۾ وري اھڙي ڳالھ نه ٿي.
    اسان کي اطلاع مليو ته اسرائيلي 5 جون تي جون واري جنگ جي ياد ۾، 5 وڳي صبح جو اسان جي ڪيمپ تي بمن سان حملو ڪرڻ وارا آھن. صبح جو ٽي وڳي مان ڳالھ ٻولھ ڪري موٽي ھيس، ۽ چاھيم ٿي ته ڪلاڪ ٻه آرام ڪري وٺان. پر ڪامريڊ بسم ھڪدم ھٿيار ڪڍڻ ۽ نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. انھيءَ شام ئي اسان وٽ عراقي فنڪار آيا ھئا، جيئن انقلابين ۽ انقلاب جي منصوبي کي ڏسي سگھن. آرٽسٽ مھمانن ڍَوَ تي کاڌو ھو. اھي به اسان سان گڏ ھئا. مقرر وقت تي اسرائيلي جھاز آيا. بم به وسايائون، پر نه انھن کي ڪنھن روڪيو، نه ٽوڪيو، جو حسين جي فوج اسرائيل جي نه، پر فلسطينين جي خلاف استعمال ٿي رھي ھئي. ويچارا فلسطيني جن وٽ ڪو ھڪڙو جھاز به نه ھو. عالمي پريس انھيءَ کي فقط ھڪ حادثو، ۽ جون واري سالگرھ کي پر امن سڏيو. اسان پنھنجي ڪيمپ ۾ موٽي آياسين، ۽ صيھوني دشمن سان وڙھڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيوسين.
    ڪيمپ ۾ مون پنھنجي تربيت سان ثابت ڪري ڏيکاريو ته، مان ڏاڍي سٺي گوريلا ھيس. مان سڀني حڪمن کي شعوري طور تي پورو ڪندي ھيس. سِکيا جو پروگرام ايڏو وسيع ھو، جو اسان کي ڪنھن جھڙي تھڙي پروگرام لاءِ وقت ئي نه ملندو ھو. ھڪ دفعي غير ملڪي شاگردن جو وفد آيو. اسان انھيءَ لاءِ ويرائٽي پروگرام ڪري رھيا ھئاسين. اھي پرڏيھي شاگرد عمان ۾ فلسطيني شاگردن جي تنظيم پاران بين الاقوامي سلامتي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آيا ھئا. گھڻا 1968ع ۾ اولھاين يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري نڪتا ھئا. سندن خيال ھو ته، جيڪڏھن ھو روڊ تي اگھاڙا ٿي بيھن، يونيورسٽيءَ تي قبضو ڪري وٺن، ڪنھن آفيسر کي ٿُڪون ھڻي اچن، ته اھي سڀ انقلابي سرگرميون ليکبيون. مان ته ساڻن ڳالھائڻ جي ئي خلاف ھيس. جيتوڻيڪ انھن مان ڪن پاڻ کي انتھا پسند ۽ انقلابي ٿي سڏيو! پر مون انھن سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ۽ ھاڻي مان خوش آھيان جو پوءِ مون کي خبر پيئي، ته انھن جا انتھا پسند انقلابي به مارڪسٽ ليننسٽ ليڊرن کي غير ضروري سمجھندا ھئا. ڪجھ آمريڪي ھئا. انھيءَ گروپ قوميت کي ڪالونيئلزم جي شڪل ٿي سمجھيو. اڪثر شاگردن گوريلا ناٽڪ کي پسند ٿي ڪيو، جيڪو سندن خيال ۾ ’انقلاب ٺاھڻ‘ جو ڪمياب نسخو ھو. ھنن اسان کي پڻ ٿورو ناٽڪ ڪري ڏيکاريو.
    جڏھن ھو وڃي رھيا ھئا، تڏھن ھڪ جرمن ۽ ھڪ فرانسيسي شاگرد، جيڪي ٻيئي انارڪسٽ ھئا، نعرو ھنيائون، ”بحران زندھ آباد.“ جواب طور مون چيو، ”فلسطيني ماڻھو ته بحران واري زماني ۾ مثالي حيثيت رکندا آھن..... وڌيل ڏاڙھيءَ ۽ وارن يا ايئرگن، انھن مان ڪھڙو نسخو ٿا اسان جي جلاوطني ختم ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيو؟“ ھو لاجواب ٿي مُرڪي پيا ۽ ھليا ويا.
    اسان جي مزاحمتي تحريڪ کي بنيادي نقصان اردني ۽ فلسطيني عوام جي ھڪ نه ٿيڻ ڪري پھتو آھي. ”فتح“ به اردني عوام تائين پھچڻ جو ڪو ڪامياب نسخو نه ٺاھيو ھو. اسان فرنٽ جا ميمبر به عرب اتحاد ۾ عام ۽ اردني ۽ فلسطيني عوام ۾ خاص، اتحاد لاءِ ڪوششون ڪري رھيا ھئاسين. اسان پنھنجي ڪيمپ جي ويجھو بوؤدان جي ماڻھن سان گڏجڻ ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ شروع ڪيا. نيٺ اسان ھنن کي ھم خيال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. اسان ھنن کي فوجي سِکيا به ڏني. پوءِ ته اھو حال ھو جو اسان ھڪ ٻئي جي تَنبن ۾ بنا ھٻڪ جي اچڻ وڃڻ لڳاسين، ۽ گڏيل مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لڳاسين. مون کي ۽ ڪمانڊر بسم کي علائقي جي ماڻھن خاص موقعن تي خاص مھمان جي حيثيت ۾ گھرائڻ شروع ڪيو. ھڪ ڏينھن اسان ھنن جي علائقي ۾ شاديءَ ۾ شريڪ ٿياسين. رات جي ماني ھئي، جنھن کان پوءِ ڪنوار کي گھوٽ جي تنبوءَ ۾ وٺي وڃڻو ھون. چانڊوڪي پوري جوڀن ٿي ھئي. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ناچ ڪري رھيا ھئا. مان ۽ بسم به اھو ماحول ڏسي مدھوش ٿي ويا ھئاسين، جو اوچتو ھڪ شخص آيو. ھن منھنجي ھٿ ۾ ھڪ پرچي ڏني، جنھن تي لکيل ھو، ”ھڪدم اچ.“ مون ڪنوار کي پيار ڪيو، ۽ واپس ھلي آيس.
    ڪمانڊر رُکي آواز ۾ چيو، ”اسان کي حڪم مليو آھي ته تون صبح جو ڏھين وڳي تائين بيروت پھچي وڃ. ھن مھل رات جا نوَ لڳا آھن.“ مون ھڪدم پنھنجو سامان سھيڙيو، ۽ بيروت لاءِ رواني ٿي ويس. ڄاڻ نه ھئم ته رستي ۾ ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اينديون. بھرحال مان وقت سِر بيروت پھچي ويس.
    ڪمانڊر منھنجي انتظار ۾ ھو. مون وڃڻ شرط گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، ”اِھو ڪھڙو طريقو آھي گھرائڻ جو. مون ڪيڏي محنت سان ماڻھن کي منظم ڪيو ھو، ۽ سِکيا جي ڪجھ ڏينھن جي اڃا به ضرورت ھئي.“
    ”مون کي خبر ھئي ته تون انھن کي منظم ڪري وٺندينءَ، تنھن ڪري ته توکي موڪليو ھوسين. پر تون رڙيون ڇو ٿي ڪرين!“ ڪماندر نرميءَ سان چيو.
    ”مون کي معاف ڪيو. مون سمجھيو، اوھان منھنجي خاندان جي دٻاوَ ھيٺ مون کي واپس گھرايو آھي.“
    ڪمانڊر مون کي يقين ڏيارڻ جي انداز سان مُرڪيو. چيائين، ”ڪامريڊ خالد، تون جيل وڃڻ لاءِ تيار آھين؟“
    ”ھا.“ مون ھڪدم جواب ڏنو.
    ”اذيت سَھي سگھندينءَ؟“
    ”ھا.“
    ”مرڻ لاءِ تيار آھين؟“
    ”ھا. پر توھان اھڙا سوال ڇو ٿا ڪيو؟ اسان ته انھن ڳالھين جو عھد ڪري چڪا آھيون.“
    ”ٺيڪ آھي.“ ڪمانڊر وڌيڪ نرميءَ سان چيو، ”اچ ھاڻي اسان ٻئي نقطي تي ڳالھايون.“ مون کي بيچيني ھئي، ۽ ڪمانڊر بلڪل نارمل. ھن وڌيڪ چيو، ”ليليٰ! ھڪ اھم مشن تنھنجي حوالي آھي. گھر وڃ، سڀني کي الله واھي چئي، سڀاڻي صبح جو ڏھين وڳي موٽي اچجانءِ.“ اِھا خبر ٻڌي مان ڏاڍي خوش ٿيس، ۽ تفصيل پڇڻ جو حوصلو به نه رھيم. گھر ويس ته امان اھو ٻڌي شڪ ۾ پئجي ويئي ته، مان وري ڪويت وڃي رھي آھيان. ھُن اھا ڳالھ نوٽ ڪئي ته، مان نه نوان ڪپڙا تيار ڪيا ھئا، ۽ نه گھڻو ڪنھن سان ڳالھايم ٿي.
    امان چيو ليليٰ! مان تولاءِ خاص ڊش ٿي ٺاھيان. مون کي لڳي ٿو، مان توسان ڪجھ ڏينھن ملي نه سگھنديس. ھن دفعي تون اونھاري ۾ تمام جلدي ڪويت ٿي وڃين!“
    مون چيو، ”امان، مان لاءِ خاص ڊش بيشڪ ٺاھ. مون گھڻن ڏينھن کان تنھنجي ھٿ جو کاڌو ناھي کاڌو. اسان سڀ گھڻن ڏانھن کان پوءِ گڏجي کاڌو کائينداسين.“ مان چئي ته اِھو رھي ھيس، پر منھنجو دماغ ڪنھن ٻئي ھنڌ ھو.
    صبح سان مان بيروت ھلي ويس. ابوزيد منھنجي انتظار ۾ ھو. ھن سنجيدگيءَ سان چيو، ”ليليٰ! توکي ٽي. ڊبليو. اي جھاز اغوا ڪرڻو آھي.“
    اِھو ٻُڌي مان کِلي ويٺيس. ڪمانڊر ابوزيد پڇيو، ”تون کِلين ڇو ٿي؟“
    ”جڏھن اوھان اِھو جملو چيو، تڏھن تڏھن مون کي لڳو، ڄڻ جھاز مون کي ڪلھن تي کڻي ڀڄڻو آھي.“
    ڪمانڊر منھنجو جواب نظر انداز ڪندي چيو، ”وڃ جھاز اغوا ڪر، ۽ ڪنھن کي پنھنجو منصوبو خراب ڪرڻ نه ڏي.“
    مون سڄي منصوبي کي ورجايو. ۽ سمورا تفصيل ياد ڪري ڇڏيم. مان روم وڃڻ واري جھاز ۾ ھيس. ڪنھن عشق جي چڪر ۾ نه، پر آمريڪي سامراج خلاف ھڪ اھم مشن تي.

    _________________________


    آمريڪا ۾ فلسطين

    (1)

    عربن کي سندن سڄڻ ۽ دشمن جذباتي ماڻھو چوندا ھئا. مان فلسطيني عرب ھئڻ جي ناتي جذباتي ھئڻ کي منطقي سمجھان ٿي، ڇوته مون کان منھنجي ڌرتي ڦُري وئي آھي، ۽ منھنجي حال توڙي مستقبل ٻنھي کان انڪار ڪيو ويو آھي. پر مان جذباتيت ھٿان پاڻ وڃائڻ لاءِ تيار ناھيان، ڇوته منھنجي اندر جو يقين مون کي پنھنجي ڌرتيءَ کي آزاد ڪرائڻ جي جدوجھد ڏانھن وٺي وڃي رھيو آھي. دشمن جي بي انتھا قوت جي باوجود مان نظرياتي ۽ حربي قوتن تي يقين رکندي، عوام ۾ تحرڪ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينديس. مون پنھنجي ڪم تي جذبي جي نه منخق جي اڳواڻي قبول ڪئي آھي، ۽ منھنجي پارٽي پاپولر فرنٽ به ڪم کان اڳ ان جي ضرورت تي ويچار ڪندي آھي.
    اسان ذاتي مفاد لاءِ نه، پر گڏيل مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ کي نصب العين سمجھيو آھي، جو اسان جي عمل جو مقصد دشمن کي وائکو ڪرڻ ۽ موجودہ حقيقت جو روپ بدلائڻ آھي، جن کي موشي دايان اڻ ٽر ٿو سمجھي. اسان دشمن کي تباھ ڪرڻ لاءِ قوت گڏ نٿا ڪيون، جو اسان وٽ ايتري قوت ۽ ھٿيار نه آھن. اسان ته دشمن جي دل ۾ ڊپ ۽ عوام جي دلين ۾ انقلاب جي احساس کي اڀاريندا آھيون. صيھونين، صيھونيت زدہ اولھائين معاشري جي عام راءِ کي متاثر ڪيو آھي، ھو بزدل ماڻھن جي وچ ۾ پنھنجي بھادريءَ جو راڳ ٿا ڳائين. جڏھن ته اسان اولھ جي ٻَوڙن ڪنن ۾ رڙيون ڪري پنھنجي عوام لاءِ انقلاب ۽ فلسطين جي قائم ٿيڻ جي ضرورت جا لفظ داخل ٿا ڪيون. ڊاڪٽر جارج حباش (سيڪريٽري جنرل پاپولر فرنٽ) ھڪ دفعي چيو ھو، ”22 سالن تائين ڪيمپن ۾ رھي، اسان ڪنھن کي پنھنجو حال ڀائي نه ڄاڻي، پنھنجي انقلاب لاءِ پاڻ ئي ارادو ڪيو آھي. ڪھڙي شيءِ اسان جي انقلاب کي اڳتي وڌائي ٿي، ڪھڙي تحفظ ٿي ڏئي، ڪھڙي واڌارو ٿي ڪري، اھو فيصلو اسان کي ڪرڻو آھي، اسان جي انقلاب جو مقصد انصاف آھي، اسان جي گھرگھاٽ جي واپسي، اسان جي ملڪ جي واپسي، ۽ اسان جي ٻارن لاءِ پناھ گاھ جو احساس.“ 12( جون- 1970ع)
    مون کي ڄاڻ ڪانھي ته منھجي ڌرتيءَ تي قابض ۽ جارح مونتي جارحيت جو ڪيس ھلائي سگھندا؟ جيڪڏھن ھو اخلاقيات جي توقع ٿا ڪن، ته اخلاقيات جي اھا تقاضا آھي، ته ھٿين خالي انسانن مٿان جڏھن دل گھُري، بم وسايا وڃن! 29- آگست 69ع تي منھنجو انقلابي قدم فلسطينين جي انسانيت جو اعلان ھو. اولھ جي صيھونيت پرست پاليسين خلاف احتجاج.
    مان روم وڃڻ واري جھاز کي دمشق ڏانھن ڦيرائڻ جي رٿا کي ذھن ۾ رکي بي حجاب ٿي سنگر سوئنگ مشين ڪمپنيءَ جي وچ اوڀر واري ايجنٽ سان ڳالھائي رھي ھيس. مون وڳوڙي حالتن ۾ ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي ڪم جي سِکيا ورتي ھئي. پر بدلجندڙ انساني صورت سان منھن ڏيڻ جي سِکيا مون کي نه ھئي، ته بيڪار ڳالھائيندڙن سان ڪيئن منھن ڏجي. ھو ڳالھائيندو ئي رھيو ٿي، ۽ مان پنھنجي سيٽ تي پاسا ورائي رھي ھيس. مون کي لڳي رھيو ھو ڄڻ جھاز تي موجودہ ھر شخص کي منھنجي رٿا جي ڄاڻ ھجي.
    بيروت کان روم وڃڻ واري ساڳئي جھاز منھنجي ڀرسان ھڪ نھايت نيڪ ۽ اخلاق وارو آمريڪي ويٺو ھو، جنھن کي نيويارڪ وڃڻو ھو. مون کي خبر ھئي ته آمريڪي ٻين سياحن جيان زمين تي ھر شيءِ بابت مزي سان ڳالھائڻ چاھيندا آھن. پر مون کي اھا ڄاڻ نه ھئي، ته ڪو ھو انتھائي ذاتي سوال به ھڪ ٻئي پٺيان ڪندا رھندا آھن. سندس پھريون سوال ھو، ”توھان ڪيڏانھن ٿيون وڃو؟“ مون ٺھ پھ وراڻيو، ”مان روم ٿي وڃان.“
    ٻيو سوال ھو، ”روم ڇو ٿي وڃين؟“
    مان ھڪ کن لاءِ جواب سوچڻ لاءِ ترسيس، ۽ پوءِ چيم،”مان پنھنجي مڱيندي سان ملڻ ٿي وڃان، جيڪو مون سان ملڻ لاءِ لنڊن کان اچي رھيو آھي.“ مون کي ھڪدم احساس ٿيو ته مون ڪوڙ ڳالھايو آھي. جيڪڏھن ھو اھو چوي ته روم ۾ مون سان ملجانءِ، ته ڇا چونديس. مون ھڪدم ان جو جواب به سوچي ورتو، ۽ سندس پڇڻ بنا ڏاڍيان چيم، ”اھو به ٿي سگھي ٿو ته ھو ھوائي اڏي تي اچي، ۽ مون کان اڳ پھچي، مون کي اچرج ۾ وجھي ڇڏي.“ پوءِ مون کانئس پڇيو، ”توھان ڪيڏانھن ٿا وڃو؟“
    ”نيويارڪ.“ مسٽر ھولڊن آرام سان چيو، پر اڃا ھو ڳالھ پوري ڪرڻ جي موڊ ۾ نه ھو. چيائين، ”ھڪ عرب ڇوڪري اڪيلي پنھنجي مڱيندي سان ملڻ روم وڃي، ۽ ساڻس شادي ڪري، ڪجھ عجيب ٿو لڳي.“
    مون اعتماد سان چيو، ”اسان ننڍپڻ کان ھڪ ٻئي کي سڃاڻون ٿا، اسان جو مڱڻو ٿئي به ڪي سال ٿي ويا آھن. تنھن کان سواءِ اسان ماڊرن عرب آھيون، دقيانوسي نه.“
    ھاڻي ھو مطمئن ٿي پنھنجو قصو ٻڌائڻ لڳو، ته ڪيئن کيس ۽ سندس زال کي ڀڄڻو پيو، ڇوته سندس زال جي ماءُ- پيءُ کي ھو پسند نه ھو. مون کِلي کيس يقين ڏياريو ته مان پنھنجي مڱيندي سان ڀڄي نه وڃي رھي ھيس. ايتري ۾ ايئر ھوسٽس اعلان ڪيو ته، ”جھاز ۾ ھڪ نئون شادي ٿيل جوڙو آيو آھي. انھن وٽ ھڪ وڏو ڪيڪُ آھي، ھو اسان سڀني سان گڏجي ڪيڪُ کائڻ گھرن ٿا. ڇا توھان ڪيڪُ کائيندا؟“ مون مسٽر ھولڊن ۽ ٻين مسافرن سان گڏجي چيو، ”ھا، ضرور کائينداسين.“ انھيءَ خوشيءَ جي موڊ سان مسٽر ھولڊن ھڪ وار وري مون کي چيو، ”توھان ٻنھي جي شادي ڪيئن ٿي سگھي ٿي، ڇوته تنھنجو مڱيندو اڃا ته شاگرد آھي.“
    مون چيو، ”اسان ’نودولتيا‘ ناھيون، پر پيڙھين کان رئيس آھيون. روزگار اسان لاءِ ڪو مسئلو ناھي.“
    ھوائي اڏي تي لھي، ڪسٽم وغيره سان منھن ڏئي، منھنجي لاءِ ھڪ پورٽر کان جان ڇڏائڻ مسئلو ٿي پيو. نيٺ ھن سڌو سنئون سوال ڪيو، ”اڄ رات توھان سان ڪٿي ملاقات ٿي سگھي ٿي؟“
    مون سختيءَ سان چيو، ”معاف ڪجو، مان مصروف آھيان.“ پر وري روم ۾ بس ۾ سفر ڪندي، وري ساڳيو سوال! وري ھڪ ٻيو بيوقوف شخص. حد ته اھا ٿي جو وري ھڪ ٻئي شخص ڀرسان اچي، بنا ڪجھ چوڻ جي مون کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ ٿي گھريو، جو مون رڙ ڪئي، ”پنھنجا ھٿ پري ڪر، نه ته بس ھيٺ ڌِڪو ڏيندي سانءِ.“ منھنجي ڪاوڙ ڏسي ھو ڊڄي ويو، ۽ وري ڪا حرڪت نه ڪيائين.
    مان ٻه ڏينھن روم ۾ رھيس. انھيءَ وچ ۾ رکي رکي روم جو سير ڪرائڻ جون دعوتون ڏاڍي شدّ مدّ سان ملنديون رھيون، پر مان نرميءَ سان انڪار ڪندي رھيس. مان اڪيلي روم جي گھٽين ۾ گھمندي رھيس. مون کي ڪابه شيءِ خريد ڪرڻ جو شوق نه ھو. مون فقط روم جي قديم آثارن ۽ فلم ڏسڻ کي پسند ٿي ڪيو، ۽ ھلندي ھلندي پنھنجي منصوبي کي من ۾ ورجائيندي ٿي رھيس.
    29 آگسٽ تي صبح جو مان ھوٽل مان حساب ڪتاب ڪري نڪتيس ۽ فو ميڪفر ھوائي اڏي لاءِ بس ۾ وڃي ويٺيس. اھو ھوائي اڏو روم جي ٻھراڙيءَ ۾ ھو. جھاز اڌ ڪلاڪ ليٽ ھو. منھنجو ساٿي، جنھن کي فوٽوءَ تي سڃاڻڻو ھوم، پروگرام موجب اچي پھتو، ۽ اسان پنھنجن مخصوص اشارن جي ڏي وٺ ڪئي. ھن جو نالو سليم عيساوي ھو، ھو حيفا جو رھاڪو فلسطيني ھو، جنھن جي پالنا شام ۾ ٿي ھئي. سليم خاموشيءَ سان منھنجي ڀرسان ويٺو رھيو، ۽ اسان ڄاڻي ھڪ ٻئي کي نه سڃاڻڻ ۽ نا واقف ھئڻ جون علامتون ظاھر ڪرڻ لڳاسين.
    سڀ ڪجھ بلڪل مناسب ۽ شيڊول مطابق ٿي رھيو ھو، جو اوچتو اسان جي رٿابنديءَ کي لوڏو آيو. اسان کان ڪجھ پر ڀرو ھڪ ٻارڙي ويٺي ھئي. وڻندڙ ڪپڙا پھريل ھئس، جن تي ڀرت سان ”دوستي ڪيو“ لکيل ھوس. کيس ڏسي، مون کي پنھنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو. مون کي اھو احساس پڻ ٿيڻ لڳو ته انھيءَ ٻارڙيءَ ته منھنجو ڪو ڏوھ ناھي ڪيو، منھنجي قوم کي ڪو نقصان ناھي رسايو. ھن تي ظلم ڇالاءِ؟ ڇوته جھاز اغوا ڪرڻ کان پوءِ ممڪن آ ته اسرائيلي اينٽي ڪرافٽ توبن وسيلي جھاز تباھ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪن...... ھاڻي فلسطين جي سڄي جدوجھد ۽ فلسطيني ٻارڙن جون مجبوريون منھنجي اڳيان ڦِرڻ لڳيون. مون پنھنجي جلاوطنيءَ جي پھرين ڏينھن کان وٺي اڄ تائين بي وس، بکين ۽ اگھاڙن پيرن وارن انسانن جا قافلا پنھنجي تصور ۾ ھلندي محسوس ڪيا. بيگن ڪيمپ جا ٻه دفعا مھاجر ٿيل ٻار، عمان ويجھو عجيب بيوسيءَ مان چئي رھيا ھئا، ”آخر اسان به انساني نسل جو حصو آھيون.“
    انھيءَ ڏيک سان منھنجي مَن کي ڏَڍُ مليو، ۽ مان پنھنجو پاڻ کي چيو، ”مون ۽ منھنجي ديس واسين ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھو، جو ھي ڪشالا اسان جي قسمت ۾ لکيا ويا آھن.“ جواب ھو، ”ڪوئي ڏوھ نه!“ ”ته پوءِ اڳتي وڌ، پوئتي موٽڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.“ منھنجي ٻارن منھنجي اندر مان چيو.
    707 بوئنگ ۾ ھڪ ٻئي مسئلي اوچتو ڪَرُ کنيو. ھڪ ٽيھاڪو ورھين جو نوجوان مون ڏانھن وڌي آيو ۽ ڏاڍي خوش دليءَ سان چيائين، ”ھيلو.“ ”ھيلو.“ مون سوچ ۾ ٻڏل اداس لھجي ۾ چيو. مان ان وقت رڪارڊ وروجو، جو ڪتاب ”منھنجو دوست چي“ (چي گويرا) پڙھي رھي ھيس، ۽ انھيءَ شخص مون سان ڳالھائڻ، ۽ اِھو ڄاڻڻ ٿي گھريو، ته مان ڪير آھيان، ڪٿان آئي آھيان، ۽ ڪيڏانھن ٿي وڃان؟ ھاڻي مان شاديءَ وارو سڄو قصو ورجائي نٿي سگھيس. چيم، ”تون پاڻ اندازو ڪر.“
    ھن سوچي چيو، ”يوناني..... ھسپانوي..... اطالوي.....“
    مون کانئس پڇيو، ”تون ڪٿان آيو آھين؟“
    ھن چيو، ”مان شڪاگو جو رھاڪو آھيان.“ ۽ وري پنھنجا سوال شروع ڪري ڏنائين، ”تون ڏکڻ آمريڪا جي رھاڪو ته ناھين.....“ اھو ڄاڻڻ کان پوءِ، ته ھو ڪٿان جو رھاڪو آھي، سوچيم، جيڪڏھن مان پاڻ کي ڏکڻ آمريڪا جي رھاڪو چئي ڇڏيان ته ڪھڙو فرق پوندو- ۽ مون چئي به ڇڏيو.
    ”برازيل.“ ھو اھو چئي ٻه وکون وڌيڪ مون ڏانھن سُري آيو. مون گھٻرائجي چيو، ” تون منھنجي ويجھو ڇو ٿو اچين؟“
    ”تون بوليويا جي آھين نه؟“ ”ھا“ مون جواب ڏنو، ”پر تو ڪيئن سمجھيو؟“
    ”اھو تنھنجي ھٿ ۾ جھليل ڪتاب ٻڌايو.“ ھن چيو.
    ”ته ڇا توکي به چي وڻندو آھي؟“
    ”ھا سٺو ماڻھو ھو.“
    ”پر تون ڪيڏانھن ٿو وڃين؟“
    ”مان پنھنجي ماءُ سان ملڻ ايٿنز وڃي رھيو آھيان. مان گذريل پندرھن سالن کان ساڻس نه مليو آھيان، مون کي يقين آھي ته ھوءَ ھوائي اڏي تي مون کان اڳ ئي انتظار ۾ ھوندي.“
    ”بيوقوف! تون ھن جھاز وسيلي نه وڃ، ڇوته ھي جھاز ايٿنز نه پيو وڃي.“ منھنجي واتان اھو نڪرندي اٽڪي ويو. مان وري ”منھنجو دوست چي“ پڙھڻ ۾ مصروف ٿي ويس.
    جھاز کي اڏامندي اڃا ويھ منٽ مس ٿيا ھئا، جو ايئر ھوسٽيس فرسٽ ڪلاس جي پنجن ئي مسافرن جي خدمت چاڪري شروع ڪري ڏني. نه مان ۽ نه سليم ڪجھ کائڻ لاءِ تيار ھئاسين. ايئر ھوسٽيس ڏاڍي حساس ھئي. چيائين، ”جو ڪجھ گھرجي، ٻڌايو.“ مون ڪافيءَ جو آرڊر ڏنو ۽ سليم بيئر جو- پر ھن جي وَر وَر پڇڻ سبب اسان پريشان ٿي رھيا ھئاسين. مون بھانو ڪيو، ته منھنجي پيٽ ۾ سور آھي، ۽ ڪمبل گھريم. ڪمبل پنھنجي ھنج ۾ کڻي رکيم، جيئن پنھنجي پرس مان ھينڊ گرنيڊ ڪڍي سگھان. پستول ڪڍي مون پنھنجي پينٽ جي مٿئين حصي ۾ اھڙي نموني رکيو، جيئن ڏسڻ ۾ نه اچي. سليم ھڪ اسپرين جي گوريءَ لاءِ چيو. مون کي ڊپ ورائي ويو ته ايئر ھوسٽيس فرسٽ ڪلاس جي ٻن مسافرن جي بيمار ٿيڻ تي پريشان ٿيندي، ۽ اھو ڊپ به ھوم ته ڇا واقعي سليم جي مٿي ۾ سُور ته نه پئجي ويو آھي! پر جڏھن سليم گوري وٺي پينٽ جي کيسن ۾ وجھي ڇڏي، تڏھن مون ٿڌو ساھ کنيو. جيئن ئي فرسٽ ڪلاس جو ھڪ مسافر لائونج کان موٽيو، مون سليم کي اشارو ڏنو ته ھو ڪاڪ پٽ ڏانھن وڃي، ڇوته ساڳي پَل ھڪ ٻئي ايئر ھوسٽيس جھاز اڏائيندڙن لاءِ لنچ کڻي، ڪاڪ پٽ جو دروازو کولي رھي ھئي. سليم موقعو تاڙي ورتو، ۽ ٽَپ ڏيئي سندس اڳيان وڃي پھتو. ايئر ھوسٽيس رڙ ڪئي، ”اوھ- نه!“ ۽ ٽري وڃي پري ڪري. گوڙ جو آواز ڏاڍو ٿيو، پر زخمي ڪوبه نه ٿيو. مان سليم جي ڪڍ ھيس. ايئر ھوسٽيس کي تنبيھ ڪيم ته رستو نه روڪي. ھن ڏڪندي ڏڪندي رستو ڏنو. سليم ايڏو ويڪرو ھو، جو مان اڳيان ڏسي به نٿي سگھيس. البت مون سليم کي اھو چوندي ٻڌو ته، ”جھاز کي چي گويرا ڪمانڊو يونٽ، پي- ايف- ايل- پي سان لاڳاپيل، اغوا ڪيو آھي- ۽ ھاڻي جھاز جي نئين ڪپتان جو نالو شاديه ابو غزالا آھي.“
    انھيءَ وچ ۾ منھنجو پستول سُري اچي، پينت جي وچ تي پھتو. مان اھو کڻڻ لاءِ جھڪيس ته جھاز جي عملي جا ڊپ وچان ڪاراٽيل چھرا مون کي نظر آيا. مون کي ھڪ پقل لاءِ اھو سڀ ڪجھ ڀوڳ جھڙو لڳو. مون من ئي من ۾ کلي ڏنو. پستول سنڀالي رکيم، ۽ ڪاڪ پٽ ۾ ھينڊ گرنيڊ ڦيرائيندي داخل ٿيس، ۽ اعلان ڪيم ته، ”مان نئين ڪپتان آھيان.“ جھاز جو عملو مون کي ڏسي حيران ٿي ويو. مون پنھنجي صلاحيتن جي ڀرپور اظھار خاطر ھينڊ گرنيڊ جي سيفٽي پِن، انھي واردات جي تحفي طور پاڻ کان اڳ واري ڪپتان ڪارٽر کي ڏني. ھن ڏاڍي عزت سان انڪار ڪيو، ۽ مون پن سندس پيرن تي ڪيرائيندي تقرير ڪئي، ”جيڪڏھن تو منھنجو حڪم نه مڃيو، ته پوءِ جھاز ۽ مسافرن جي ذميواري تنھنجي مٿان ٿيندي- ۽ ھا، تون انگريزي سمجھين ٿو يا نه؟ ٻڌ! تون بس منھنجي ھدايتن تي عمل ڪر- بيوقوفيءَ وارا سوال نه ڪجانءِ، اِھو ئي تولاءِ چڱو ٿيندو.“ جيتوڻيڪ مون کي ڄاڻ ھئي ته جھاز ۾ پوڻن چئن ڪلاڪن تائين ھلڻ جو تيل موجود آھي، پوءِ به انجنيئر تي رعب وجھن لاءِ چيم، ”توھان وٽ ڪيتري وقت لاءِ تيل آھي؟“ ”ٻن ڪلاڪن لاءِ.“ انجنيئر چيو.
    ”ڪوڙا! دغاباز، مون کي به بوئنگ بابت پوري ڄاڻ آھي. ھاڻي جيڪڏھن تو ڪوڙ ڳالھايو ته منڍي ڀڃي رکندي سانءِ.“ پائلٽ منھنجي ڪاوڙ گھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ پر مان ڪاوڙ ۾ ڪٿي ھيس، مان ته بيحد خوش ھيس. پائلٽ جھاز جي عملي کي نئين ڪپتان جا حڪم مڃڻ جون ھدايتون ڏنيون. ھاڻي مون کي اندازو ٿيو ته ڪپتان سھڪار ڪري رھيو آھي. مون ھن کي ريڊيو روم ملائڻ لاءِ چيو، جيئن مان اطالوي عوام آڏو وضاحت ڪري سگھان. ڪپتان چيو، ”اسان اڃا گھڻو پري آھيون.“ پر مون کيس ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو، پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو. مون ايئر ھوسٽيس کي اسان جو سامان کڻي اچڻ لاءِ چيو، ۽ چيومانس ته فرسٽ ڪلاس جي سڀني مسافرن کي ٽورسٽ ڪلاس ۾ موڪلي ڇڏيو. پوءِ انٽر ڪام تي مسافرن اڳيان ھي سنيھو پڙھيو، ”مان توھان جو ڌيان چاھيان ٿي. مھرباني ڪري پنھنجا حفاظتي بيلٽ ٻڌي ڇڏيو. توھان سان توھان جي نئين ڪپتان مخاطب آھي. پي- ايف- ايل- پي جي چي گويرا ڪمانڊو يونٽ، ٽي- ڊبليو- اي جي ھن اڏام تي پنھنجو انتظام سنڀالي ورتو آھي. سمورن مسافرن کي ھدايت ٿي ڪجي ته ھيٺين حڪمن جي پابندي ڪن.
    1. پنھنجي سيٽن تي خاموش ويٺا رھو.
    2. پنھنجي حفاظت لاءِ پنھنجا ھٿ، پنھنجي مَٿي جي پٺيان رکو.
    3. اٿڻ جي ڪوشش نه ڪيو، نه ته ٻين مسافرن جي جان به اوھان خطري ۾ وجھي ڇڏيندا.
    4. اسان اوھان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

    ”توھان ۾ ھڪ اھڙو مسافر به آھي، جيڪو فلسطيني ٻارن، عورتن ۽ مردن لاءِ پريشانين جو سبب بڻيو آھي. اسان اُن کي فلسطيني انقلابي عدالت آڏو پيش ڪرڻ چاھيون ٿا، باقي توھين سڀ اسان جي فلسطيني تنظيم جا مھمان آھيو. توھان سڀني کي مذھب ۽ قوميت جي تعصب کان مٿڀرو، اھا اجازت ھوندي ته جھاز جي حفاظت سان لھڻ کان پوءِ، جيڏانھن چاھيو، ۽ جيئن چاھيو، وڃي سگھو ٿا. اسان جي منزل ھڪ دوست ملڪ آھي، ۽ توھان جي ميزباني به دوست ڪندا.“
    مون جيئن ئي اھو پيغام پڙھي پورو ڪيو، تڏھن محسوس ڪيم ته جھاز اسان جي مطلب واري رستي کان ٻي پاسي پيو وڃي. مون ڪاوڙ مان ڪپتان کي چيو ته شرارتن کان پاسو ڪري. جيڪڏھن ھو چاھي ٿو ته جھاز ۽ مسافر حفاظت سان منزل تي پھچي وڃن ته ھڪدم جھاز کي صحيح رستي تي وٺي ھلي- ھاڻي سليم مون کي ياد ڏياريو ته، پندرھن منٽ گذري ويا آھن، جو مون مسافرن کي ھٿ پويان رکڻ لاءِ چيو ھو. مون ھڪدم ھدايت ڪئي ته ھو آرام سان ويھن؛ چاھين ته شيمپئن به پي سگھن ٿا. مون کانئن تڪليف جي معافي به گھري. ايتري ۾ ھڪ ايئر ھوسٽيس اچي ٻڌايو ته گھڻا مسافر انگريزي نٿا ڄاڻن، جنھن ڪري کين ڄاڻ ڪونھي ته مون ڇا چيو آھي. ايئر ھوسٽيس منھنجو سنيھو فرانسيسي ۾ ترجمو ڪرڻ جي حامي ڀري. مون سنيھو ٻيھر پڙھيو، ۽ مسافرن کي يقين ڏياريم ته، اسان کي بس ھڪڙي ئي مسافر جي ضرورت آھي.
    ھڪ اسرائيلي عرب صالح المصلم به جھاز ۾ سوار ھو؛ اُن سوچيو ھوندو ته اسان کيس پڪڙي مارڻ ٿا گھرون. جو ھو ڏاڍو ڊڄي رھيو ھو. اسان جي چونڊيل، دھشت پسنديءَ جي ترڪيب جو نتيجو اھو نڪتو، جو عام مسافرن جو ڊپ ختم ٿي ويو، ۽ ماڻھن اسان سان تعاون ڪيو. اسان مسافرن آڏو وضاحت ڪئي، ته اسان کي ڪنھن مسافر سان دشمني ڪانھي- پر اسان وچ اوڀر ۾ آمريڪي ھٿ چراند کان سخت نفرت ڪريون ٿا. پوءِ اسان اھو اعلان ڪيو ته ڪنھن دوست ملڪ ۾ پھچي اسان جھاز تباھ ڪنداسين. اھو اعلان اسان دمشق پھچڻ کان فقط ھڪ ڪلاڪ اڳ ڪيو.
    انھيءَ وچ ۾ مون ريڊيو ڪنٽرول وسيلي زمين سان ڳانڍاپو پيدا ڪيو، ۽ يوناني انقلابين ۽ ڏکڻ يورپ جي ماڻھن کي سِڪ جا سنيھا ڏنم. مون اعلان ڪيو ته يوناني ڪرنل، اسان جي انقلابين کي آزاد ڪن.
    ھر ڳالھ ٺيڪ ٿي رھي ھئي. اسان وڃي مصري آبزرويشن ٽاور جي حدن ۾ پھتاسين. مون ڪنٽرولر کي پنھنجي سڃاڻپ عربي ڳالھائي ڪرائي، ۽ چيم ته مصري عوام کي اسان پاران انقلاب جون واڌايون ڏئي. مون چيو، ”مان ليڊا وڃي رھي آھيان.“ ھُن کِلي چيو، ”ليڊا وڃي ڇا ڪندينءِ؟“ چيم، ”مان اباڻو وطن ڏسنديس.“
    ”ڇا توکي يقين آھي ته ڏسي سگھندينءَ؟“ ھن پڇيو.
    ”ھا، مون کي پَڪ آھي.“ مون چيو تڏھن ھن مون کي خطرن جي ڄاڻ ڏيڻ ٿي گھُري، پر مون بٽڻ بند ڪري ڇڏيو.
    ڪجھ منٽن کان پوءِ مان فلسطين جو ساحل ڌُنڌ ۾ ويڙھيل ڏسي سگھيس ٿي. جيئن جيئن مان اباڻي ڌرتي جي ويجھو پوندي ٿي ويس، تيئن محسوس ٿي ڪيم ته منھنجي عشق ۽ مون ۾ گڏيل مقابلو آھي، ھڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ جو. مان پنھنجي محبوبا ڏانھن اڏرندي ٿي ويس.... ۽ پوءِ مون کي پنھنجو حق ياد آيو، ۽ مون پائلٽ کي ھيٺ لھڻ لاءِ چيو، ۽ مون قبضي ھيٺ آيل فلسطين ۾ موجود پنھنجي ساٿي جلاوطنن کي مخاطب ٿي سنيھو ڏيندي چيو، ته اسان پنھنجي ڌرتيءَ ڏانھن جلد ورنداسين. مون کين ثابت قدم رھڻ جي تلقين ڪئي، ۽ اسرائيلي قلعي کي چُور چور ڪرڻ جو اظھار به ڪيم. مون عربيءَ ۾ ليڊا ٽاور کي ٻڌايو ته اسان جو جھاز لھڻ وارو آھي، پر ھن کي سمجھ ۾ نه آيو. پائلٽ مون کي چيو ته اسان کي ڪليئرنس جو انتظار ڪرڻ گھرجي. پر مون چيو، ”ھيءَ منھنجي ڌرتي آھي. ھتي لھڻ لاءِ اسرائيلي ڳِجھن کان اجازت وٺڻ مون لاءِ ضروري ناھي.“ پوءِ مون ٽاور سان انگريزيءَ ۾ ڳالھائيندي چيو، ”اسان وري پھچي ويا آھيون. شاديه ابو غزاله، وري زندگيءَ ۾ اچي وئي آھي. لکين شاديه ھتي وَر وَر ڪري اينديون، ۽ پنھنجي ڌرتي واپس وٺنديون.“ اسرائيلي ٽاور ڊپ کان ڪنبڻ لڳو ھوندو، جڏھن مون چيو ته، اسان جھاز کي ھوائي اڏي تي تباھ ڪنداسين.... گھڙي پل ۾ ئي ٽي اسرائيلي ميراج جھاز فضا ۾ اڀريا ۽ اسان کي ڌرتيءَ تي لھڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪيائون. مون انٽر ڪام کي اھڙي نموني آن ڪيو، جيئن مسافر به سڀ ڪجھ ٻڌي سگھن. مون ھڪ وار وري اعلان ڪيو ته پائلٽ ۽ اسرائيلي، جھاز ۽ مسافرن جي حفاظت جا ذميوار آھن. جيڪڏھن اسان جي حڪمن جو پورائو ڪيائون ته اسان کين ڪوبه نقصان نه رسائينداسين.
    ساٿي پائلٽ چيو ته جيڪڏھن کيس اسرائيلين سان ڳالھائڻ جي موڪل ڏني وڃي ته ھو کين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو. مون کيس اجازت ڏني. ھن چيو، ”پاپولر فرنٽ آزاد عرب فلسطيني ماڻھن ھينڊ گرنيڊ سان جھاز کي تباھ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي، جيڪڏھن توھان جي ميراج جھازن رستو نه ڏنو.“ ھيل تائين اسرائيلي ٽاور اسان کي ٽي- ڊبليو- اي 840 چئي ڳالھائي رھيو ھو. مون کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ کيس چپ رھڻ لاءِ چيم. بٽڻ بند ڪندي مون چيو، ”جيسين پاپولر فرنٽ عرب فلسطين ڪري نه ڳالھائيندا، مان توھان جي ڪابه ڳالھ نه ٻڌنديس.“
    گھڙي کن ۾ ھن جو لھجو بدلجي ويو، ۽ ھاڻي اسان حيفا جي ويجھو پھچي ويا ھئاسين. پائلٽ پڇيو، ”ھاڻي مان ڇا ڪيان؟“ مون چيو، ”اسان کي اباڻي ڌرتيءَ مٿان 70 منٽ چڪر ھڻڻو آھي.“
    ھاڻي منھنجي سامھون بابي جو چھرو اُڀريو، ۽ چيائين، ”اسان ڪڏھن گھر اينداسين؟“ مان خاموش ٿي ويس. مون فلسطين جي ساوڪ ۽ پھاڙن کي ڏٺو. ھيٺ تل ابيب ڏسڻ ۾ آيو ٿي. منھنجي دل ڀرجي آئي، ۽ مون روئي ڏنو. ”بابا! اسان پنھنجي وطن ضرور ورنداسين، ۽ پنھنجي وڃايل عزت وري حاصل ڪنداسين. “ پوءِ ھڪدم احساس ٿيم ته مشن تي ذاتي احساس حاوي پوندا ٿا وڃن. پائلٽ کي چيم، ”لبنان ھلو، جتي منھنجا ديس واسي مھاجر طور پيا رھن.“ اسرائيلي جھاز اسان جو پيڇو ڪندا رھيا، پر لبناني سرحد وٽ ھو غائب ٿي ويا.
    پائلٽ چيو، ”اسان کي بيروت ۾ لھڻ لاءِ ڪليئرنس لاءِ چوڻ گھرجي.“
    مون چيو، ”ھي عرب ملڪ آھي.“ اسان بيروت مٿان چڪر ھڻڻ کان پوءِ پائلٽ کي دمشق ھلڻ جو حڪم ڏنو.
    ھن اعتراض ڪيو، ”اھو ھوائي اڏو 707 بوئنگ لاءِ قطعي مناسب ناھي.، مون وري ڪاوڙ مان چيو، ”تنھنجي خيال ۾ اسان ايترو غير ترقي يافته آھيون، جو تنھنجي ھن واھيات جھاز کي لاھي نه سگھنداسين؟ “ پائلٽ ڪوبه جواب نه ڏنو. مون مائڪروفون وٺي، مسافرن سان آخري دفعو ڳالھايو، ”جھاز لھندي ئي خالي ڪري ڇڏيو. خدا ڪري، شام ۾ اوھان جو وقت سٺو گذري. مون کي يقين آھي ته اسان سٺي لينڊنگ ڪنداسين. “
    پيٽرول جي بتي ڳاڙھو نشان ڏيکاري رھي ھئي. ڪپتان ڪليئرنس ورتو، ۽ جھاز لھڻ لڳو. مون وري چيو، ”جھاز حفاظت سان لاٿو وڃي. ڇوته جيڪڏھن مان ڪريس ته ھينڊ گرنيڊ به ڪري، ڦاٽي پوندو- ۽ ھڪ سٺي سفر جي پڇاڙي خراب ٿي ويندي.“ ڏاڍي آرام سان جھاز لٿو، ۽ ٽن منٽن اندر خالي به ٿي ويو. مون ۽ سليم، ماڻھن کي آرام سان سامان لاھڻ لاءِ چيو به، پر ماڻھو ڊپ وچان پيرين اگھاڙا وٺي ڀڳا. حد ته اھا ٿي جو جھازي به پنھنجا يونيفارم اتي ڇڏي ھليا ويا. جيئن ئي ڪيپٽن ڪارٽر ٻاھر آيو، مون کيس سيليوٽ ڪيو، ۽ سھڪار جا ٿورا مڃيم. ھن مون کي حيرانيءَ سان ڏٺو، ۽ پوءِ چيو، ”توھانجي مھرباني!“
    مون جھاز جانچي ڏٺو. سمورا مسافر ھليا ويا ھئا. سليم ڪاڪ پٽ کي تارن سان ملايو، ۽ فيوز لڳايو. مون ايمرجنسيءَ جي ٽٽل دريءَ کان ٻاھر ٽپو ڏنو. سليم منھنجي پٺيان آيو، ۽ ڪلھن تي اچي لڳو. پر جھاز ۾ ڌماڪو نه ٿيو. سليم جي ذاتي دليري ھئي، جو ھو وري جھاز ۾ ويو. وري ھر شيءِ کي جانچي، فيوز ھنيائين. ھاڻي شامي فوج به اچي ويئي ھئي، مون ھنن جو ڌيان ھٽايو. ”ھن پاسي اسرائيلي فوجي ويا اَٿوَ، وڃو انھن کي پڪڙيو.“ سليم اڃا جھاز ۾ ھو. مون کي سندس سلامتيءَ جي ڳڻتي ھئي، مان سندس بھادريءَ ۽ بي غرض جذبي جوقدر ڪندي ھيس. مان پاڻ اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رھيس. ھڪدم سليم ٻاھر آيو، ۽ ڏاڍي اعتماد سان ھٿ لوڏيائين. جھاز ۾ اڃا ٺڪاءُ نه ٿيو ھو. سليم جھاز جي پَرن مٿان گوليون ھنيون. پر جھاز ۾ تيل ھيو ئي ڪونه، جنھن ڪري گولين سان به ٺڪاءُ نه ٿيو. نيٺ جڏھن باھ ڏٺيسين، تڏھن ھڪدم اسان ويھ فوٽ پري ٿي وياسين. مسافر ھاڻي اڌ ميل کن پري وڃي چڪا ھئا، ۽ جھاز کي باھ منجھ ڏسي رھيا ھئا. ٺڪاءَ جو آواز ٻڌي شامي فوجين پوئتي مُنھن ورايو، منظر ڏسي حيران ٿي ويا. ھو اڃا به وڌيڪ حيران ٿيا، جڏھن مان ۽ سليم ھٿيارن سوڌو وڃي وٽن پيش پياسين. الھدف جو فوٽو گرافر، جنھن کي فرنٽ وارن پيراشوٽ وسيلي ھن واقعي جي فلم ڪَڍڻ لاءِ لاٿو ھو، اھو سڄو منظر ڏسي ايڏو جوش ۾ اچي ويو ھو، جو فلم ڪڍڻ وقت ھو ڪئميرا جو لينز لاھڻ به وساري ويٺو ھو.
    اسان جا شامي ميزبان اسان کي ايئر ٽرمينل تائين وٺي آيا، ۽ مون مسافرن اڳيان مختصر تقرير ڪئي: ”دوستو! اڏام واري وقت ۾ اوھان جي سھڪار ۽ مھربانيءَ لاءِ اوھان جا ٿورا! مان، ڪيپٽن شاديه ابو غزالا آھيان، پر اھو منھنجو نالو ناھي. منھنجو نالو خالدہ آھي. شاديه اھا لافاني عورت ھئي، جنھن لکيو، ’ھمت وارن کي ماڻھو وساريندا ناھن، پر انھن جا قصا ۽ ڪھاڻيون عوام جي ميراث ھونديون آھن.‘ ھي اُھو فلسفو آھي جنھن کي مورخ ۽ تجويز ڪندڙ سمجھي نه سگھندا. شاديه کي وساري نه سگھبو، جو پاپولر فرنٽ ۽ انقلابين جي نئين ٽھيءَ لاءِ ھن راھون ڏنيون. مان توھان کي ٻڌائڻ ٿي چاھيان ته، شاديه، نابلوس جي علائقي جي ھڪ عرب عورت ھئي. ھوءَ ماسترياڻي ھئي، ۽ پاپولر فرنٽ جي ڳُجھين سرگرمين جي اھم ڪارڪن ھئي. 21 نومبر 1968ع تي ھوءَ پنھنجي جي گھر ۾ ھڪ ڌماڪي سان مري وئي، ڇوته ان وقت ھوءَ فرنٽ لاءِ ھينڊ گرنيڊ ٺاھي رھي ھئي. مون 840 اُڏام تي سندس نالو ان ڪري اختيار ڪيو، جيئن عورتن، ٻارن، ٻُڍن ۽ مَردن تي ٿيل اسرائيلي ظلمن جو داستان اوھان کي ٻڌائي سگھان. جڏھن ته ھو اسان جي ظلمن جا ھٿ ٺوڪيا داستان روز اوھان کي ٻڌائي رھيا آھن. اسان ٽي ڊبليو اي جو رستو ان ڪري بدلايو ته، پھريون ته اھا ھڪ وڏي آمريڪي ھوائي ڪمپني آھي، ٻيو ته اھائي ھوائي ڪمپني اسرائيلين کي سھوليتون ڏيئي رھي آھي. آمريڪا،اسرائيل کي سڀ کان وڌيڪ امداد ڏني آھي، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ ھٿيار پڻ شامل آھن. اسرائيل کي ٽيڪس جي معافيءَ سان آمريڪي ڊالر پڻ ملي رھيا آھن، ۽ عالمي ڪانفرنسن ۾ آمريڪا اسرائيل جي پٺ ڀرائي به ڪري رھيو آھي. اسان آمريڪا جي خلاف ان ڪري آھيون جو اھو ھڪ سامراجي ملڪ آھي. ۽ اسان جو يونٽ، چي گويرا ڪمانڊوز ان ڪري ٿو سڏائي، جو اسان چي گويرا جي قتل جي آمريڪي سازش تي لعنت وجھي رھيا آھيون؛ ۽ اسان چي کي ٽئين دنيا ۽ انقلاب جو نمائندو ٿا سمجھون. اسان جھاز حيفا ان ڪري وٺي ويا ھئاسين، جو مان ۽ سليم، ٻئي حيفا جا رھاڪو آھيو.، ۽ اسان 1948ع ۾ اُتان لوڌيا ويا ھئاسين، اسان توھان کي تل ابيب ان ڪري وٺي ويا ھئاسين، جو اسان اسرائيلين کي ٻڌائڻ ٿي گھريو ته جڏھن عرب جارحيت اختيار ڪن ته توھان لاءِ بچاءَ جي ڪابه واٽ نه بچندي. اسان توھان کي دمشق ان ڪري وٺي آياسين ته عربن جي سرزمين جو جو ھي حصو دل واري حيثيت رکي ٿو، ۽ شامي ماڻھو ڏاڍا مھمان نواز ۽ سٺا آھن. اسان کي يقين آھي ته توھان جو دمشق جو وقت سٺو گذرندو. اسان کي اھا به اميد آھي ته، واپس وڃي توھان پنھنجن دوستن کي ٻڌائيندا ته ھو اسرائيل، وچ اوڀر جي جنگين ۾ نه وڃن. مھرباني ڪري پنھنجي پاڙيسرين کي ٻڌائيندا ته اسان به توھان جيان امن پسند، ۽ حفاظت سان پنھنجي ملڪ ۾ رھڻ جا خواھش مند آھيون. آمريڪين کي وڃي ٻڌايو، ته کين جنگ پسند ناھي، ۽ ھو ٻين جي استحصال جا مخالف آھن، ته ھو پنھنجي حڪومت کي اسرائيل جي مدد ڪرڻ کان روڪين. پنھنجي حڪومت کي اھو پڻ ٻڌايو ته، اسرائيل اچڻ جو مطلب اھو به آھي ته، اوھان اسان جي حقن، انقلاب ۽ امن جو رستو روڪي رھيا آھيو- مظلومن سان محبت ڪرڻ وارن کي اسان جو سلام.“
    29 آگسٽ 69ع تي شام جو ڇھين وڳي جو وقت ھو. مون جيئن ئي تقرير ختم ڪئي، ڏٺم، منھنجو يوناني دوست ھڏڪيون ڀري روئي رھِو ھو، ۽ ھڪ آمريڪي عورت کيس دلاسو ڏيئي رھي ھئي. مون کي ڄاڻ ڪانھي ته ھن فقط مون کي سفر جي ساٿيءَ طور ياد رکيو ھو يا نه. مان ۽ سليم مسافرن سان ملڻ ۽ مٺائي ورھائڻ لڳاسين. ٻه پوڙھيون عورتون ھڪ ٻئي کي آٿت ڏيئي رھيون ھيون، ” شُڪر ڪر جيئرا ته آھيون.“
    شامي حڪومت مسافرن جي ڪسٽم کان تلاشي ڪرائي، کين ھوٽل ۾ وٺي وئي. ڇھن اسرائيلين کان سواءِ، سڀني کي آزاد ڪيو ويو. ھڪ آمريڪي عورت کي گوڏي جي ھڏي ٽٽڻ ڪري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. 3 سيپٽمبر تي چئن اسرائيلين کي آزاد ڪيو ويو، باقي ٻن کي شامي فوج جي ٻن پائلٽن جي عيوضي ۾ آزاد ڪيو ويو. مون کي ۽ سليم کي پوليس ھيڊ ڪوارٽر موڪليو ويو.
    جيتوڻيڪ اسان ھوائي اڏي تي شامي ماڻھن جي تاڙين جي آجيان سان لٿا ھئاسين، ۽ شامي آفيسر به ڏاڍي محبت سان مليا ھئا. پر ھاڻي ھڪ مٿي ڦريل ڪرنل پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڏني:
    ”توھان ڇا ٿا سمجھو، توھان ڇا آھيو؟“
    ”توھان جيان سپاھي.“ مون چيو.
    ”نه!“ ھن ڪاوڙ مان چيو، ”توھان دھشت پسند تنظيم آھيو.“
    آھيون..... مان انقلابي سڏائڻ واري عرب ملڪ ۾ آھيان يا اسرائيل ۾!“ مون ڪاوڙ مان چيو.
    ڪرنل کي منھنجو لھجو چڱو نه لڳو. چيائين، ”تنھنجو ايڪشن فدائين جيان ناھي، اھا دھشت پسندي آھي.“
    ”سائين! مون کي جيڪو حڪم مليو آھي، مون اھو پورو ڪيو آھي. جيڪڏھن توھان اسان جي انقلابي تنظيم جي ڪارڪردگيءَ واري عمل تي بحث ڪرڻ ڪرڻ ٿا چاھيو ته، اھو پوليس ٿاڻي ۾ ته نٿو ٿي سگھي.“ مون وت کان ٻاھر ٿيندي چيو.
    پر ھن منھنجي ڳالھ ٻڌي- اڻ ٻڌي ڪري چيو، ”تنھنجي سکيا ڪٿي ٿي آھي؟“
    ”مان وڌيڪ ڪنھن به سوال جو جواب نه ڏينديس. مان پنھنجو ۽ پنھنجي پارٽيءَ جو نالو ٻڌائي چڪي آھيان.“ مون چيو.
    ڪرنل اسان کي اونداھين ڪوٺڙين ۾ بند ڪرڻ ۽ ٻه ٻه سوڙيون ڏيڻ جو حڪم ڪيو. رات جو اٽڪل يارھين وڳي اسان کي جانچ لاءِ ٻي ماڙ تي آندو ويو. مون پنھنجو نالو خالده ڄاڻايو ھو، ۽ ھنن کي قطعي پڪ ھئي ته اھو نالو غلط آھي. انچارج آفيسر ڪجھ وڌيڪ چالاڪ ۽ ھوشيار ھو. ھن پنھنجي اسسٽنٽ کي اسان لاءِ کاڌو آڻڻ لاءِ چيو، ۽ ٻڌائڻ لڳو ته ھو پاڻ فلسطيني انقلابي تنظيم سان ڪيترو لاڳاپيل آھي. مون دخل اندازي ڪندي چيو، ”ڪرنل جا ته اھڙا خيال نه آھن.“
    ”ڪير ڪرنل؟“ ھن پڇيو.
    ”اھا ڄاڻ ته توکي ھئڻ گھرجي.“ مون آرام سان چيو.
    اسسٽنٽ ماني کڻي آيو، پر مون کائڻ کان انڪار ڪندي چيو: ”جيسين مون کي آزاد نٿو ڪيو وڃي، مان کاڌو نه کائينديس.“
    ”چڱو، جيڪڏھن توکي آزاد ڪيو وڃي ته تون ڪيڏانھن ويندينءَ؟“ ھن پڇيو.
    ”پنھنجي ملڪ فلسطين.“
    آفيسر ٻيون به گھڻيون ڳالھيون پڇيون، پر منھنجو ھڪڙو ئي جواب ھو، ”ڪوبه تبصرو نه.“ رات جو دير سان مون غسلخاني وڃڻ لاءِ چيو. مون سان گڏ ھڪ پوليس جو ماڻھو ھليو، حڪم موجب کيس اڳ ۾ منھنجي تلاشي وٺڻي ھئي. مون کيس چيو، ”جيڪڏھن تو منھنجي جسم کي ھٿ لاتو ته مان گوڙ ڪندي سانءِ. چونديس ھن منھنجي عزت تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن حڪم جي پرواھ نه ڪئي. مون کي منھنجي سيلَ ۾ وٺي آيو. مون چوڪيدار کي سگريٽ آڻي ڏيڻ لاءِ چيو. ھن انڪار ڪيو. مون ھڪ سگريٽ کي احتياط سان استعمال ڪري سڄي رات ڪاٽي. مان نه ته ننڊ ڪري ٿي سگھيس، ۽ نه ڪنھن سان ڳالھائي ٿي سگھيس. سڄي رات مون گارڊ کي چڪر ھڻڻ تي مجبور ڪيو. خبر ناھي، صبح جو ھو ٿڪل ھو يا نه- پر مون اھو عمل چئن راتين تائين جاري رکيو.
    31 آگسٽ جي صبح تي مون لاءِ نيرن سيل ۾ آندي ويئي. مون انڪار ڪندي ڪاوڙ مان چيو ته مان بُک ھڙتال تي آھيان- مون ٽن ڏينھن کان کاڌو نه کاڌو ھو، ۽ سگريٽ پي رھي ھيس. مان اڪيلي بور به ڏاڍي ٿي رھي ھيس، پر مون کي ڄاڻ ھئي ته منھنجا ڪامريڊ، منھنجي انھيءَ ڪاميابيءَ تي ڏاڍا جشن ملھائي رھيا ھئا. منجھند جو مون، وچ ۾ لڳل پارٽيشن کي مروڙي، ايتري جڳھ پيدا ڪري ورتي ھئي، جو اسان ٻئي آھستي ڳالھائي سگھون. مون ھن کي ھوائي اڏي تي ڀڳل عورت جو قصو ٻڌايو. ھو اھو ٻڌي ڏاڍو کليو. گارڊ کِلڻ جو آواز ٻڌي سمجھيو، شايد مان چري ٿي پيئي آھيان. ھو ڊوڙندو آيو، پر مون کي باقائدي ھوش ۾ ڏسي گھٻرائجي ويو، ۽ سوارخ ڏسي ھوشيار ٿي ويو. ھن مون کي دھشت پسند چئي، خراب نتيجن جي ڌمڪي ڏني. مون سوارخ وڌيڪ ويڪرو ڪري چيو، ”وڃ، ٻڌاءِ وڃي پنھنجي آقائن کي!“
    انھيءَ شام جو ھڪ ٻيو ڪرنل اسان سان ملڻ آيو. ھو سادا ڪپڙا پھريل ھو، ۽ پاڻ کان اڳ واري ڪرنل کان سٺي طبيعت جو لڳي رھيو ھو. ھن پنھنجي سڃاڻپ ڪرائيندي چيو ته مان شامي ايئر فورس الناصر شعبي ۾ فلسطيني پائلٽ آھيان، ۽ ”اذاني“ آھي. مان ھاڻي ئي محاذ کان موٽيو آھيان، ۽ تولاءِ مجاھدن پاران سِڪ جو سنيھو کڻي آيو آھيان.
    مون چيو، ”جيڪڏھن اسان کي انقلابي ٿا چئو ته پوءِ اسان کي جيل ۾ ڇو رکيو اٿوَ.“
    ”تو آخر بُک ھڙتال ڇالاءِ ڪئي آھي؟“ ھن منھنجي سوال جو جواب ڏيڻ بنا، ٻيو سوال ڪيو.
    ”ان ڪري جو مون سان مجرمن وارو سلوڪ پيو ڪيو وڃي، ۽ مان آفيسرن جي حقارت جھڙي رويي تي سخت احتجاج ٿي ڪيان.“
    ”ھن چيو، ”ڪجھ پئسن يا ڪنھن ٻي شيءِ جي ضرورت ھجي ته ٻڌاءِ.“
    مون فخر سان چيو، ”مون وٽ پئسا به آھن، ۽ ٻيو به سڀ ڪجھ. مون کي ھن غسلخاني جھڙي جيل مان آزاد ڪرايو.“
    ھو ڪو جواب ڏيڻ بنا ھليو ويو.
    پھرين سيپٽمبر تي مون کي ڏاڍي ڪمزوري محسوس ٿي، ۽ مان ڏاڍي ٿَڪل به ھيس، پيٽ، مٿي ۽ جسم ۾ سُور؛ مون کي بي حال ڪري ڇڏيو ھو. مون کي ڦيريون اچي رھيون ھيون. پر مون ماني کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انھيءَ شام مان غسلخاني ڏانھن ويندي بيھوش ٿي ويس، ۽ مون کي ھوش ۾ آڻڻ لاءِ ھنن کي ڪجھ وقت لڳو. شامي آفيسر ڏاڍا منجھيل ھئا. ھنن ڊاڪٽر کي سڏايو، ۽ ھن مون کي ڏھي کائڻ، ڪافي پيئڻ يا ٻيو ڪجھ به ٿورو گھڻو کائڻ لاءِ چيو. مان انڪار ڪري ھلي آيس. تنھن کان پوءِ مون کي ايترو ياد آھي ته نرس منھنجو منھن ڌوئي رھي ھئي، ۽ سليم مون کي اسپتال جي ايمبولينس ۾ وٺي وڃي رھيو ھو. مان ٻين سيپٽمبر جي صبح تائين چڱيءَ طرح ھوش ۾ نه آئي ھيس. پر مان مطمئن ھيس. انھيءَ مطمئن ھئڻ جي احساس ئي ھوش ۾ اچڻ کان پوءِ مون کان لکرايو، ”اسان کي سخت ٿيڻ گھرجي، پر پنھنجي اندر جي نرميءَ کي ضايع ٿيڻ نه ڏجي.“
    ڪيڏو سٺو جملو ھو. پر انقلاب جي نرمي ۽ روايت اڃا به خوبصورت شيءِ آھي. مون کي ڄاڻ ڪانھي ته مون انھيءَ شيءِ کي اثرائتي نموني استعمال ڪيو آھي يا نه. ٻين کي منھنجي ڪم تي تبصرو ڪرڻ جو حق آھي. جيتوڻيڪ سرمايادار ملڪن منھنجي ڪم کي دھشت گردي سڏي مون کي سخت ترين سزا ڏيڻ جي سفارش ڪئي ھئي.
    منھنجي زندگيءَ جي اھا معجزي جھڙي گھڙي ھئي، جڏھن پسٽل جي گھوڙي تي آڱر رکي، دشمن کي پنھنجي حڪم مڃڻ لاءِ مجبور ڪيو. مان سڄي ڄمار دشمن تي ھٿيار کڻڻ لاءِ سوچيندي رھي ھيس. اھو دشمن جنھن منھنجي ڌرتي ڦُري آھي.
    ”او فلسطين! منھنجا عشق، منھنجي محبت، مان تنھنجي دشمنن خلاف بغاوت ڪنديس. مان پنھنجي بدن جي حصن مان بم ٺاھينديس، ۽ پنھنجي روح جي تارن مان تولاءِ لباس جوڙينديس. مان پنھنجي ۽ پنھنجي ڀينرن جي قوت سان، پنھنجي وجود کي بمن ۾ منتقل ڪري پنھنجا پھاڙ ۽ ڌرتي آزاد ڪرائينداسين.“
    اوھ! مون کي لڳي ٿو، مان پاڻ کي وساريندي ٿي وڃان. مان ته ڪنھن شاعر جيان لکندي ٿي وڃان. شاعرن جا ڪارناما، ھٿيارن کان وڌيڪ ڪارائتا ھوندا آھن.
    ”او خدا! اسان جي اُڃ ڪڏھن اُجھامندي! مان ڪڏھن پنھنجي گھر وينديس، ۽ زندگيءَ جو ڀرپور لطف حاصل ڪنديس.... مان حيفا ۾ رھڻ ٿي چاھيان، ھتي منھنجو ساھ ٿو ٻوساٽجي.“
    مون سي- آئي- اي جي منھن تي جيڪا چماٽ ھنئي ھئي، ان تي مان ۽ سليم خوش ھئاسين ته اسان ھيڏي ساري طاقت جي منھن تي چماٽ ھنئي آھي. ھاڻي آمريڪا چاھي ته پنھنجا سمورا ھٿيار اسرائيل کي ڏيئي ڇڏي. پر پوءِ به اسان زندھ رھنداسين.
    مون کي اھو پَل ياد آھي، جڏھن مان پائلٽ جي ڪيبن ۾ گھڙي ھيس. ڪيپٽن مون کي ڏسي ڪيئن ڏڪي ويو ھو. ڪيئن حڪم مڃڻ وارا جملا سندس واتان نڪتا ھئا، ”حاضر سائين! جيئن توھان چوندا، تيئن ڪندس. ٻڌايو مان ڇا ڪيان؟“
    ھو منھنجو ڪم ڏسي حيران ٿي ويو ھو. مون کي پڪ آھي ته ھن دل ئي دل ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل تي ھزار ڀيرا لعنت وڌي ھوندي. ڪيڏو عجيب موقعو ھوندو آھي، جڏھن ھر ايئر ٽاور کي مجبور ڪجي ته ھو اسان جو نعرو نشر ڪري، ”پاپولر فرنٽ- آزاد عرب فلسطين.“
    پائلٽ سڀ کان اڳ اسان جو نعرو ھنيو ھو. ھن اھو ڏڪندڙ آواز ۾ ادا ڪيو ھو. ھو ھڪ وچولي درجي جي آمريڪي گھراڻي جو فرد ھو، جنھن کي دنيا جي ھر شيءِ کان وڌيڪ پاڻ سان پيار ڪرڻ سيکاريو ويندو آھي. مون کي يقين آھي ته خود غرضي، آمريڪي خاصيت آھي. منھنجو خيال ھو ته پائلٽ جي ذھن ۾ ڪٿي به اھو خيال نه ھوندو ته ھو پاڻ آمريڪا خاطر قربان ڪري ڇڏيندو.
    مون لاءِ اھا گھڙي ڪيڏي شانائتي ھئي، جڏھن مان دشمن جي جھاز ۾ اباڻي ڌرتيءَ مٿان لنگھيس. او منھنجا خدا! اُھا ڪيڏي نه خوبصورت ڌرتي آھي. منھنجو ته دشمن ھٿان پنھنجي ڌرتيءَ تي مري وڃڻ لاءِ مَن گھري رھيو ھو. جيئن مان تا حيات پنھنجي ڌرتيءَ جي ذرڙن ۾ ملي وڃان. پر منھنجي انقلابي شرافت، مون کي ذاتي خواھش کي قربان ڪري، انھن ٻارڙن کي تحفظ ڏيڻ تي مجبور ڪيو، جن منھنجي قوم سان ڪائي غداري يا منھنجي قوم خلاف ڪو ڏوھ نه ڪيو ھو.
    3- سيپٽمبر تي اسان کي خبر پئي ته شام وارن چئن اسرائيلين کي آزاد ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن ته مان ۽ سليم اڃا قيد ۾ ھئاسين. مون ڪاوڙ مان ڏاڍو ڳالھايو. نرسن مون کي خاموش ڪرائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، ۽ چيو ته جيڪڏھن تون آزادي چاھين ٿي ته ڪجھ کاءُ. مون کاڌي لاءِ وعدو ڪيو، پر جيڪڏھن ھو مون کي ريڊيو ۽ اخبار آڻي ڏين. ھنن مون کي ريڊيو آڻي ڏنو، ۽ مون سڀ کان اڳ پائلٽ واتان جھاز جي اغوا جو قصو ٻڌو. ڪجھ دير کان پوءِ شامي فوجن جو ڪمانڊر انچيف جنرل مصطفيٰ طلس منھنجي ڪمري ۾ آيو، ۽ منھنجي ڪارنامي کي انتھائي چريائپ چئي، مون تي يو- اي- آر جي ايجنٽ جو الزام مڙھيو. ھن اھو به چيو ته جھاز اغوا ڪري دمشق آڻڻ جو منھنجو مقصد اھو ھو ته جيئن شامي حڪومت بدنام ٿئي، ۽ مصري حڪومت ۽ صدر ناصر کي پروپيگنڊا لاءِ مواد ملي وڃي.
    مون ھنن کي سمجھايو، ته فرنٽ خود مختيار ادارو آھي، ۽ اسان ڪنھن کان حڪم نه وٺندا آھيون- جڏھن مون ھنن کان اسرائيلين جي آزاديءَ بابت پڇيو، ته ھن چيو، ”تون شام جي قيدي نه، مھمان آھين.“
    ”مان ڪنھن به ملڪ يا شخص جي مھمان ٿيڻ نٿي چاھيان. مون کي پنھنجي وطن ڏانھن ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي.“ ساڳي وقت مون اھو به چيو ته ممڪن ھجي ته صدر عطلس سان مون کي ملايو وڃي. پر ھن ٻڌايو ته صدر عطلس مصر ويل آھي، نڄاڻ ڪڏھن واپس اچي.
    جنرل جي وڃڻ کان پوءِ مون کي ۽ سليم کي ھڪ اھڙي گھر نيو ويو، جتي چار ماڻھو ٻيا به ھئا. اسان کي اھو تجربو ٿي ويو ھو ته اسان جيترو ڪاوڙ مان ڳالھايو ٿي، شامين اوتري ئي نرمي ٿي ڪئي. اسان ايندي ئي پڇيو ته اسان کي ڪيترن ڏينھن لاءِ ھتي ترسايو ويندو، ۽ ڇا لاءِ؟ ڪوئي جواب نه مليو پر انھيءَ رات ئي ڏھين وڳي ڌاري ڪرنل علي زارا (حافظ الاسد جي حڪومت ۾ وزير داخلا آھي) ٻن سيگا ڪمانڊوز سان گڏ آيو. سيگا شامين جي مزاحمتي فوج جو نالو آھي. ايندڙ چئن ڪلاڪن تائين اسان مزاحمتي تحريڪ، فتح جي ڪردار، فلسطين نيشنل ڪانگريس، سوشلزم جي صورت ۽ ٻين ڳالھين تي بحث ڪيو. جيتوڻيڪ ڪجھ ڳالھين تي اسان جو اتفاق ٿيو، پر اسان اھو محسوس ڪيو ته شام جي موجودہ حڪومت، سائنسي سوشلزم بجاءِ بائين ڌر جي باٿزم تي يقين رکي ٿي.
    4 سيپٽمبر تي اسان ڏاڍا فيشن ايبل ۽ با عزت ٿي ويا ھئاسين. رئيس خاندان جون چار عورتون مون سان ملڻ آيون، گل پيش ڪيائون. انھن ٽن پاڻ کي لبناني، شامي فلسطيني عورتن جي انجمن جي عيوضي چيو، ۽ چوٿينءَ پاڻ کي فتح جي عيوضي چيو. مون ھنن ڏانھن ڌِڪار مان ڏسندي چيو، ”ھڪ انقلابي مشن مڪمل ڪرڻ واري لاءِ ڇا گلن جو تحفو آڻبو آھي؟“ ھو منھنجو رد عمل ڏسي پريشان ٿي ويون. انھن مان ھڪ ته فرنٽ جي ڪارڪردگيءَ تي تنقيد ڪندي چيو ته ھن مشن جو مطلب ته الا قصيٰ کي باھ ڏيڻ واري حادثي کي پٺيءَ ڀر ڦٽي ڪرڻ ھو.
    مون کين سمجھايو ته اسان جي جھاز اغوا ڪرڻ کان فقط ھڪ ھفتو اڳ الا قصيٰ وارو حادثو ٿيو ھو. ۽ انھيءَ جو اسان جي مشن سان ڪو تعلق نه ھو. پوءِ مون چيو، ته اسان ته مذھبي اتحاد جي ڳالھ ئي نٿا ڪيون. اسان ته سامراج دشمن پليٽ فارم تي سڀني کي گڏ ڪرڻ ٿا گھرون. منھنجي مھمانن کي منھنجي اھا ڳالھ نه وڻي، ۽ ھنن چيو ته انقلاب جو اھو نئون فلسفو ڪنھن ٺوس نتيجي جو ڪارڻ نه بڻبو. ھو چارئي ڪاوڙ مان ٻاھر نڪري ويون.
    4 سيپٽمبر جي شام مون لاءِ اداسيون کڻي آئي. انھيءَ شام ھڪ عظيم انقلابي ھوچي منھ گذاري ويو. مون کي لڳو، ڄڻ منھنجو ھڪ حصو مري ويو ھجي. منھنجي من ۾ چي گويرا جي موت جو ڦَٽ اکلي پيو. مان سڄي رات انھيءَ عظيم شخص جا ڪارناما ياد ڪندي رھيس، اھو سوچيندي رھيس ته فلسطيني انھيءَ کان ڇا ٿا سکي سگھن. ٻئي صبح تي اٿي مون ھڪ نظم لکيو.

    (1)

    ايندڙ پنج ھفتا، يعني 5 سيپٽمبر کان 11 آڪٽوبر تائين مون کي ۽ سليم کي مختلف مھمان خانن ۾ رکيو ويو. شامي مون کان يا سليم کان ڊنل نه ھئا، پر ھو فرنٽ ۽ ان جي دليريءَ وارن ڪارنامن کان ڊنل ھئا. کين ياد ھوندو ته 1967ع ۾ جڏھن ھنن ڊاڪٽر جارج حباش کي قيد ڪيو ھو، تڏھن فرنٽ وارن ڪئين شامي پھريدارن سوڌو ڊاڪٽر حباش کي اغوا ڪري ورتو ھو. شامين کي وري اھڙي ورجاءَ جو خطرو ھو. پر اسان جو باندي ھئڻ ھڪ اھڙي حڪومت کي آئينو ڏيکاري رھيو ھو، جنھن پاڻ کي سڏايو ته انقلابي ٿي، پر عمل رجعت پسندن وارا ھئس. ھونءَ به شامي حڪومت ھاڻي اسان سان مھمانن جھڙو سلوڪ ڪري رھي ھئي.
    ھو اسان کي ھوائي اڏي تي وٺي ويا ۽ بوئنگ 707 جون تصويرون ڪڍڻ جي اجازت ڏنائون. پوءِ ھنن اسان جي شڪست جو سڀ کان نفرت لائق نشان بلو وان پيلس به ڏيکاريو، جتان 1936ع ۾ عرب اڳواڻ عام ھڙتال ختم ڪرڻ جي تحريڪ شروع ڪئي ھئي. ھي اُھو عمل ھو، جنھن فلسطينين جي تقدير تي مھر ھڻي ڇڏي ھئي، ۽ برطانوي ۽ صيھوني قوتن کي موقعو ڏنو ھو ته ھو پنھنجي علائقي مان انقلابين کي صاف ڪري ڇڏين.
    11- آڪٽوبر تي مان ۽ سليم ان وقت جي شامي وزير دفاع سان ملياسين. (ھاڻي اُھو صدر حافظ الاسد آھي.) اسان 45 ڏينھن قيد ۾ گھاريا ھئا. مون پنھنجي دمشق ۾ رھڻ کي نقصان قرار ڏنو. جڏھن مون چيو، اسان کي شامي باٿي قيدي ڇو ڪيو ويو آھي، ته وزير دفاع وضاحت ڪئي، ته شام تي سخت دٻاءُ آھي، ته يا اسان توھان تي ڪيس ھلايون، يا انھيءَ ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏيون، جنھن جي خلاف توھان اھو جرم ڪيو آھي. ھن ٻنھي دٻاون کي سٺو نه سڏيندي، لڪل لفظن ۾ اسان جي تعريف ڪندي چيو ته، اھو ڪم شامي انقلاب کي نقصان پھچائڻ لاءِ مصري انٽيليجنس جو ٿو لڳي. تنھن تي مون ڪاوڙ مان چيو، ”يتيم عرب انٽيليجنس کي ايتري توفيق ڪٿي آھي، جو اھڙي مشن لاءِ سوچي به سگھي.“
    ھاڻي حافظ الاسد پڇيو، ”آخر توھان شام ۾ ڇو آيا آھيو؟“
    مون چيو، ”پھرين ڳالھ ته اسان جو پيٽرول ختم ٿي رھيو ھو. ٻي ڳالھ ته اسان مصر ۾ لھون ھا يا شام ۾- انھيءَ سان ڪھڙو فرق ٿي پيو؟ آخر ٻيئي ترقي پسند عرب رياستون آھن.“ پر وزير دفاع کي منھنجو لفظ ”ترقي پسند“ نه وڻيو.
    مون کيس ياد ڏياريو ته ڪرنل زارا اسان کي صدر سان ملائڻ جو وعدو ڪيو ھو. تنھن تي حافظ الاسد چيو، ”خالده، تون وڃڻ چاھين ته آزاد آھين.“ مان ۽ سليم اھو ٻڌي منٽن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي وياسين. ھاڻي اسد چيو ته ڪجھ ڏينھن وڌيڪ ترسو ته چڱو. پر اسان ٿورا مڃيندي چيو، ”45 ڏينھن ڪافي آھن. ٻيھر ته اوھان سان فلسطين جي جنگ جي ميدان تي ملاقات ٿيندي.
    سليم شام جي علائقي ھُمس ۾ پنھنجي پيءُ ماءُ سان ملڻ لاءِ ھليو ويو. مان لبنان واپس ھلي آيس. خبر پيم ته منھنجي ڀاءُ وليد کي لبناني پوليس ماريو آھي، جو مان جھاز اغوا ڪرڻ ۾ شامل ھيس. پوءِ مان عمان ھلي آيس، ۽ وحدت ڪيمپ ۾ پنھنجو ڪم شروع ڪري ڏنم.
    ------------------------


    اردن ۾ آمريڪا

    (1)

    ھڪ پاسي فلسطيني عوام جي آزاديءَ لاءِ منھنجون ڪوششون جاري ھيون، ته ٻئي پاسي وڏيون طاقتون وچ اوڀر تي پنھنجو امن مشن مڙھڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ھيون.
    يو- اين- جي امن قرارداد 242 تي عمل ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل يوٿانٽ ڊاڪٽر جارنگ کي پنھنجو ھيڊ ڪوارٽر سائپرس جي شھر نڪوسيا ۾ 67ع ۾ قائم ڪرايو. ۽ تل ابيب، بيروت، قاھره ۽ عمان سان رابطو قائم ڪري، يوٿانٽ کي رپورٽ ڏني.يوٿانٽ رکي رکي يو- اين- ۾ غير يقيني ۽ غير ذميواريءَ وارا بيان ڏنا. جن جو متن اِھو ھو ته، ڊاڪٽر جارنگ کي پنھنجو مشن جاري رکڻ گھرجي، جيئن ڌرين ۾ ٺاھ جون ڪوششون جاري رھن.
    ڊاڪٽر جارنگ 9- اپريل تائين دنيا جي چوڌاري چڪر ڏنا، ۽ سندس مشن جو وقت اچي پورو ٿيو. ھاڻي چئني وڏين طاقتن کي سوچڻ جو موقعو ڏنو ويو، ۽ سندن فيصلو اِھو ھو ته گڏيل سھڪار، ۽ اھو به روس ۽ آمريڪا جي ڳالھ ٻولھ وسيلي، يو- اين جي نگرانيءَ ۾ فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي. اسان جي وجود جو سوال ۽ ان کان انڪار جو مسئلو يو- اين مان کڻي وڏين طاقتن جي بند منھن وارين ٿيلھين ۾ وڌو ويو. عرب اڳواڻن انھيءَ مڙھيل فيصلي کي قبول ڪيو، جيئن ھو چئي سگھن ته وڏين طاقتن جي خواھش ۽ فيصلي کي رد ڪرڻ سندن وس جي ڳالھ نه ھئي.
    اسرائيل کي احساس ٿيو ته چئني طاقتن جي ڳالھ ٻولھ تعصب تي ٻَڌل ھئي. ڇوته ھڪ اسرائيل کي انھن ڳالھين تي ڪوبه اختيار نه ھو، ٻيو ته؛ اسرائيلين سوچيو ته کين اسرائيل جي ئي خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي، ڇوته ٻن طاقتن، يعني سوويت يونين ۽ فرانس. اسرائيل جي پوزيشن جي باري ۾ سٺو رويو نٿي رکيو. پر وچ اوڀر جي مسئلي سان لاڳاپيل سڀني پارٽين 69ع کي عرب- اسرائيل جھيڙو ختم ڪرائڻ جو سال ڪري ملھائڻ ٿي گھريو. فلسطينين جي ڪاوڙ دور ڪرڻ لاءِ فلسطين جو ڦوڪڻو به ھوا ۾ اڏايو ويو. آمريڪا ۽ اسرائيل والاريل علائقن ۾ انھيءَ ڦوڪڻي جي ملڪيت قبول ڪرڻ واري جي ڳولا به ڪئي، پر ناڪام ٿيا.
    جيئن جيئن مزاحمت طاقت حاصل ڪري، عرب عوام ۾ ڦھلجي ويئي، يو- اين ۽ وڏين طاقتن جي وچ ۾ ڳالھين جي رفتار تيز ٿيندي ويئي. چئني طاقتن جون ڳالھيون، ٻن طاقتن جون گڏيل ڳالھيون ٿي ويون، ۽ پوءِ آمريڪا ۽ روس پنھنجي پنھنجي دڪانداري ۽ پنھنجي مؤڪل جي طرفداري ڪرڻ لڳا. پوءِ اھو فيصلو ٿيو ته، آمريڪا، سوويت ۽ عرب صلاح کان پوءِ، فيصلي ڪندڙ جي حيثيت سان ڪم ڪندي. انھيءَ نتيجي کي سامھون رکي 9- ڊسمبر 69ع تي راجرز تجويزون آنديون ويون.
    راجرز تجويزن جو مطلب ھو ته، اميد ٿي ڪجي ته، عرب- اسرائيل جنگ جي 19 سالن جو انت، دائمي امن جي ڪوششن جي صورت ۾ ٿيندو، جو اڳ ڪڏھن اھڙي اميد ئي نه ڪئي ويئي ھئي. جيئن ته وچ اوڀر ڪنھن به سياسي ڇڪتاڻ جو سبب ٿي سگھي ٿو، تنھنڪري آمريڪا سوچيو آھي ته، جنگ جا امڪان ختم ڪرڻ، شڪ شبھا دور ڪرڻ ۽ سياسي حل ڳولڻ لاءِ زور ڏجي.
    راجرز اھو خيال به ظاھر ڪيو ھو ته، آمريڪا جو سڌو سنئون واسطو ۽ اميدون سوويت يونين سان ھيون. ڳالھين لاءِ چئن اھم نقطن کي نظر ۾ رکڻ تي زور ٿي ڏنو.
    1. ته جيڪي قومون سڌو سنئون ڪنھن معاملي سان لاڳاپيل نه ھونديون آھن، سي دائمي امن جي ڪوششن ۾ ناڪام رھنديون آھن. وڏيون طاقتون، لاڳاپيل پارٽين کي ڳالھين لاءِ راضي ڪري سگھن ٿيون، ٺھراءَ جو فارمولو پيش ڪري سگھن ٿيون، پر ان جو سڌو سنئون لاڳاپو، لاڳاپيل تي ئي منحصر آھي.
    2. ته دائمي امن، لاڳاپيل پارٽين ۽ ملڪن جو سڌو سنئون مسئلو آھي.
    3. ته يونين جي قرارداد مڪمل، گڏيل ڳالھين کان پوءِ تيار ڪيل، ۽ جنگ جي خاتمي جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.
    4. ته جنگ جي ڊيگھ ڪنھن لاءِ به فائدي واري نه ھوندي ۽ وچ اوڀر جي گھوٽالي کي وڌائيندي.

    راجرز، عربن کي اپيل ڪئي ته ھو دائمي امن جي انھيءَ ٺھراءَ واري فارمولي کي قبول ڪن، ۽ اسرائيل کي والاريل علائقا خالي ڪرڻ ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪيائين. تنھن کان سواءِ جارحيت واري ھر ڪاروائي ختم ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو.
    راجرز جي تقرير تي اسرائيل ۾ شڪ شبھا پيدا ٿيا، ۽ وزير اعظم گولڊا ميئر ان کي اسرائيل جي بچاءَ جي راھ ۾ ھڪ وڏو خطرو سڏيو. آمريڪا ۾ ھمفري ان کي اسرائيل جي دوستي ۽ مفادن کي قربان ڪرڻ جو عمل سڏيو. جيئن ته اسرائيل، راجرز تجويزن کي عربن جي مفاد وٽان سڏيو ھو، تنھن ڪري آمريڪا ۾ صيھونين احتجاج شروع ڪري ڏنو. آمريڪا جي 25 جماعتن 25 جنوري 1970ع تي واشنگٽن ۾ گڏجي، وچ اوڀر بابت آمريڪي پاليسيءَ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، ۽ آمريڪي صدر نڪسن، پنھنجي ذاتي دوست، صيھوني صنعتڪار ميڪس فشر کي صيھونين اڳيان سنيھو پڙھڻ ۽ ڏيڻ لاءِ موڪليو. مسٽر فشر ٻڌايو ته ھڪ ھزار کان وڌيڪ صيھوني تنظيمن ۽ ادارن جي اڳواڻن چيو، ”آمريڪا پنھنجي دوستن جو ساٿ ڏيندي آھي، ۽ اسرائيل سندس دوست آھي.“ ھن وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا، اسرائيل کي فوجي سامان ڏيڻ لاءِ به تيار آھي. تنھن کان سواءِ امن جا امڪان وڌيڪ روشن آھن، جو انھيءَ علائقي جي حڪومتن جون سرحدون محفوظ ۽ عوام پر امن آھي. البت دائمي امن عرب رياستن ۽ اسرائين جي گڏيل رضامنديءَ کان پوءِ ٿي سگھي ٿو. ان کان پوءِ اسرائيل کي وڌيڪ 24 فينٽم جھاز ڏنا ويا.
    انھيءَ وچ ۾ 18- ڊسمبر 69ع تي اسرائيل ۽ اردن ۾ ڌار ڌار امن تجويزون پيش ڪيون ويون. اھي به وڏين طاقتن جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيون ھيون. آمريڪي تجويزن کي سامھون رکندي، ٻن حقيقتن تي ڌيان رکڻ گھرجي ته، شام؛ جنھن جا گولان وارا جبل اسرائيل جي قبضي ۾ آھن، ان کي وڏين طاقتن پنھنجي بحث کان ئي ڪڍي ڇڏيو آھي- ۽ اھو، ته اردن لاءِ لازمي آھي ته، تجويزن تي عمل ٿيڻ تائين مزاحمتي تحريڪ کي چيڀاٽي ڇڏي. يارنھن نڪاتي آمريڪي منصوبو ھيئن ھو:
    1. 67ع جي جنگ ۾، اردن جي سڀني والاريل علائقن ۾ اسرائيلي فوج مقرر شيڊول مطابق واپسيءَ جو منصوبو مڪمل ڪندي.
    2. ھر ھڪ ملڪ، ھر ٻن جي وچ ۾ امن ۽ سلامتيءَ جو تحفظ ڪندو، ۽ ڪنھن به قسم جي دھشت پسنديءَ کي غير قانوني قرار ڏيندو. اردن گوريلا سرگرمين تي پابندي وجھندو.
    3. ٻئي ملڪ 67ع جي جنگ کان اڳ جي سرحدن جي باري ۾ گڏيل رضامنديءَ مطابق انتظامي ۽ معاشي سھولتون پيدا ڪندا.
    4. اسرائيل ۽ اردن، يروشلم جي باري ۾، قطعي ڪنٽرول جو جھيڙو نبيريندا.
    5. انھيءَ نموني ئي اسرائيل ۽ اردن غزا جي علائقي جو فيصلو، اسرائيل ۽ مصر جي برابريءَ ۽ ان جي بنياد تي ڪندا.
    6. اسرائيل جي نيڪاليءَ جي حوالي سان اردني اولھائين ڪناري جي علائقن جي تحفظ جي باري ۾ ٻيئي ملڪ گڏيل صلاح سان ڪم ڪندا.
    7. اردن، تيران ۽ عقاب جو سمنڊ سڀني ملڪن اسرائيل سوڌو، سڀني ملڪن جي جھازن لاءِ کولي ڇڏيندا.
    8. ڊاڪٽر جارنگ، ھڪ بين الاقوامي ڪميشن وھاريندو، جنھن مطابق ھر مھاجر کان اسرائيل ۾ سندس آباديءَ بابت راءِ ورتي ويندي.
    9. ٻيئي ملڪ معاھدي مطابق ھڪ ٻئي جي خود مختياريءَ، سرحدي تحفظ؛ سياسي آزاديءَ ۽ امن سان زندھ رھڻ جو حق تسليم ڪندا.
    10. ٻيئي ملڪ معاھدي جي تصديق يو- اين جي سلامتي ڪائونسل ۽ چارئي وڏيون طاقتون ڪنديون.
    11. سڄو معاھدو، صحيح ڪرڻ کان پوءِ اقوام متحدہ ۾ جمع ڪرايو ويندو، ۽ ان جي ڪٿي به خلاف ورزي ٻِئي ملڪ کي به لاڳاپيل ذميواريءَ کان آزاد ڪري ڇڏيندي.


    ۽ آخر ۾ آمريڪا جو خيال ھو ته اسرائيل- اردن امن- ٺاھ جا ھڪدم پابند ٿيندا. گڏو گڏ مصر- اسرائيل ٺاھ به عمل لائق ھوندو. انھن معاھدن جو مطلب عرب دنيا کي ورھائي، امن جو ڪوششون ناھن (اھا وضاحت آمريڪا پاڻ ڪئي.)
    مٿيون ڳالھيون، آمريڪا جي واضح مقصد کي آئينو ڏيکارڻ لاءِ ڏنيون ويون آھن. آمريڪا وچ اوڀر ۾ مضبوط اسرائيل کي ڏسڻ گھري ٿي. تنھن کان سواءِ عربن کي ذاتي دشمنيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي، فوجي آمريت ۽ بادشاھتن کي پاڻ ۾ ويڙھائي، پڻ آمريڪا پنھنجي مفادن جي حفاظت ڪرڻ گھري ٿي. ۽ امن منصوبي جو بنيادي مقصد غير فلسطيني اختيارن کي ھٿي ڏيڻ پڻ آھي، جيئن ھڪ فلسطيني صوبو ٺاھيو وڃي، جيڪو يا ته اردني حڪومت جي ھٿ ھيٺ ھجي، يا اسرائيل جي نگرانيءَ ۾. عرب عوام جي راءِ کي نظر انداز ڪندي انھن تجويزن جي سلسلي ۾ الزامَ، جوابي الزامَ ڪڏھن سوويت يونين طرفان ته ڪڏھن عرب رياستن پاران، ھنيا پي ويا. مسئلو اھو ھو ته مصر ۽ اسرائيل، پنھنجي حاڪميت کي قائم رکندي، انھن تجويزن تي ڪيئن عمل ڪن ته جيئن وڏيون طاقتون به ناراض نه ٿين.
    انھيءَ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾، 1969ع ۾، خزان جي موسم ۾، ۽ 1970ع جي سياري ۾ ناصر جي حڪومت جو تختو اونڌي ٿيڻ جا سبب سمجھي سگھجن ٿا. جيتوڻيڪ وڏيون طاقتون صحيح طريقي ۽ صحيح رستي کي اختيار ڪرڻ جي حق ۾ ھيون، پر اسرائيل جو سمورو زور ۽ اصرار ناصر جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ھو. نيٺ روس مصر کي اُھي ميزائيل ڏنا، جيڪي اسرائيلين کي مصر ۾ اندر داخل ٿيڻ کان روڪي ٿي سگھيا. انھيءَ سان گڏو گڏ انھيءَ پروپيگنڊي کي به ھٿي ڏني ويئي ته اسرائيلي اسلحي جي ڀيٽ ۾، مصر کي به روسي اسلحو ڏنو وڃي ته جيئن توازن قائم رھي. آمريڪي ته انھيءَ ڳالھ تي شرمسار ھئا ڪونه ته اُھي اسرائيل جي حمايت ڪري رھيا آھن. انھن عالمي سطح تي يھودي پروپيگنڊي کي وسيع ڪندي اِھو به مشھور ڪيو ته ھزارين روسي ماھر ۽ پائلٽ مصري ملٽري طاقت کي ڪنٽرول ڪري رھيا آھن. ٻئي پاسي سوويت يونين نه فقط مصرين کي گھربل مليٽري قوت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنھن جي مدد سان والاريل علائقا آزاد ڪرائي سگھجن ھا، بلڪ اھو بنيادي اسلحو به نه ڏنائون، جنھن سان مصر کليل رڻ پٽن ۾ پنھنجي انھن اسٽيشنن جي حفاظت ڪري سگھي ھا، جن کي قائم ئي سوويت مشوري ڪيو ويو ھو. انھيءَ کان علاوہ سوئز واھ کي قومي ملڪيت ۾ وٺي استعمال ڪرڻ جي مصري تحريڪ کي آمريڪا ۽ اسرائيلين انھيءَ علائقي ۾ آمريڪي قوت کي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪيو.
    مصر ڪنھن وقت به، نه اسرائيلي فوجي قوت لاءِ خطرو بڻيو نه سوئيز واھ پار ڪندي ۽ استعمال ڪندي انھيءَ طرف ڌيان ڏنو. البت يو- اي- آر جي فضائي علائقن ۾ بيڪار ڦرندڙ اسرائيلي جھازن کي روڪڻ جي پيش بندي ضرور ڪئي. اِھا ڳالھ به موشي دايان ۽ سندس آمريڪي طرفدارن کي نه وڻي.
    ناصر جي سڄي ڪارڪردگي ھاڻي رڳو پنھنجي اقتدار کي بچائڻ ۾ لڳي ويئي. والاريل علائقن کي آزاد ڪرڻ جي جستجو ھن کان ھاڻي نه پي پڳي. پر ھو چوندو ھو ته فلسطين کي رڳو اسلحي جي قوت جي زور تي آزاد ڪرائي سگھجي ٿو. پر پوءِ به ھو صيھونين جي انتظام ۾ فلسطين جي قيام، بمطابق 4 جون 47ع کي قابل عمل تصور ڪندو ھو. سياسي صورتحال کي ھو انھن ئي حوالن سان بيان ڪندو ھو. البت وقفي وقفي سان عربن جي جذباتي تسڪين لاءِ نعرن سان ڀريل تقرير ڪري ڇڏيندو ھو. انھيءَ وچ ۾، عالمي طاقتن جي نمائندن جون خفيه سرگرميون جاري رھيون ۽ نيٺ انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪندي حُسين ھڪ دوستيءَ جي معاھدي تي صحيح ڪئي، جيڪو راجرز پلان جي تحت اسرائيل اردن معاھدہ ۽ مزاحمت کي ختم ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ڪرڻ جو منصوبو ھو.
    ھيڏانھن اھي سياسي چالبازيون ٿي رھيون ھيون، ٻئي پاسي مان خليج عرب ۽ عراق جي علائقن جي دوري تي ھيس. مون سان گڏ بھادر انقلابين جي ھڪ ٽيم ھئي، جنھن ۾ صالح صالح ھو، جيڪو گريجوئيٽ ھو ۽ مزدور ليڊر ھو. رشيد عبيدہ ھو، جنھن جي خفيه ڪارنامن کان دشمن سخت خوفزدہ ھو. انھن کان علاوہ سليم عيساوي، ٽي- ڊبليو- اي، شھرت يافته طلعت، اھو انقلابي جيڪو صيھوني يورپ ۾ تيرنھن سالن تائين دھشت پسنديءَ جون سرگرميون ڪاميابيءَ سان جاري رکندو پي آيو. انھيءَ دوري جو مقصد گھڻي ۾ گھڻن ماڻھن کي تعليم ۽ فرنٽ لاءِ پيسو گڏ ڪرڻو ھو. انھيءَ ۾ اسان کي ڪاميابي به ٿي، عرب عوام سان ملياسين. سندن خواھش جو پتو به پيو ته اُھي پنھنجي علائقن مان انگريزن کي يڪدم ڪڍڻ جا خواھشمند ھئا. انھيءَ کان علاوہ آمريڪا جي وڌندڙ رسوخ کي سخت نا پسند ڪندا ھئا. اسان جو استقبال فقط غريب مزدور ۽ ھاري ڪري رھيا ھئا. علائقي جي تيل جا بادشاھ ۽ سياسي چالباز نه! اسين فيبروريءَ جي شروعات ۾ عمان ھليا آياسين ۽ جوابي انقلاب جي سازش جي ڪُن ۾ اسين به ڦاسي پياسين.
    شاھ حُسين، فرنٽ لائن رياستن جي وسيع دوري کان پوءِ قاھرہ کان اُتي پھتو ئي ھو، ھو جنگي ڪيفيت جي سرشاريءَ ۾ اھو بيان ڏيئي ويٺو ته؛ جيڪڏھن اسرائيل قرارداد 242 تي عمل نه ڪندو ته کيس سخت نتيجن کي مُنھن ڏيڻو پوندو. انھيءَ سان گڏ اھڙا سخت اُپاءَ ورتائين، جنھن جي نتيجي ۾ سڀني وڏن شھرن مان مزاحمتي مرڪز ختم ڪيا ويا. انھن جا اخبار سِيل ڪيا ويا، ۽ انھن جا عوامي اجتماع ممنوع قرار ڏنا ويا.
    ھاڻ اسان سڀ کان اڳ ان منع ٿيل ڳالھين جي خلاف ورزي وڏي پيماني تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. منھنجي حوالي زرقا جي ويجھو شولر ڪيمپ ھو. مون کي انھيءَ ڪيمپ ۾ شاھ حُسين جي خلاف تقريرون ڪرڻ ۽ عوام کي اِھو ٻڌائڻو ھو ته حُسين جو اِھو قدم آمريڪا ۽ اسرائيل جي کنيل قدمن کان الڳ ڪونه ھو. اسان جي ڪامريڊن اھوئي پيغام کڻي اردن ۾ مظاھرن جي اپيل ڪئي. ھن جي ايجنٽن اسان جي عام اجلاسن کي ڦِٽائڻ ۽ فساد ڪرائن جي ڪوشش ڪئي. پر انھن جو مقابلو انصاف پسندن ڪيو. بحران ھاڻي اڃا وڌي رھيو ھو. آءٌ جڏھن عمان پھتس ته مون کي چيو ويو ته مان جبل التاج اسڪول ۾ وڃي پبلڪ ليڪچر ڏيان. جڏھن مان ڪجھ ڪامريڊن سان گڏ پھتيس ته ٻڌندڙن کي حُسين جي فوجين ڀڄائي ڪڍيو. نه فقط اِھو بلڪ فضا مان انھن جي مٿان گوليون به وسايون ويون. فرنٽ جي لوڪل ڪمانڊر اسان کي وحدت ڪيمپ ۾ واپس وڃڻ لاءِ چيو، ۽ اسان بنا ڪنھن سوال پڇڻ جي ھليا وياسين.

    (2)

    10- فيبروريءَ جي شام جو مان حيران ٿي ويس. منھنجي مڱيندي بسم جي ڀيڻ سميرا بغداد مان اُتي پھتي ھئي ته جيئن خاندان کان رواجي طور تي مڱڻو ۽ منھنجي نُنھن ھئڻ جو اعلان ڪرائي. بسم ۽ مان فرنٽ جي اجازت سان مڱڻو ڪري چڪا ھئاسين. البت مڱڻي کان اڳ ٻنھي خاندانن مان ڪنھن ھڪ کان به صلاح مشورو نه ورتو ويو ھو.
    سميرا جي ڪا فوجي تربيت ٿيل ڪانه ھئي، ۽ مون وٽ ڪا اھڙي جڳھ نه ھئي جو مان کيس جنگ جي محاذ کان پري رکي سگھان ھا. پر ھن پنھنجي سڌي سادي عراقي لھجي ۾ چيو، ”ليليٰ جيڪو تون چوندينءَ، مان اُھو ڪنديس. آءٌ به ته ھڪ عرب عورت آھيان. آءٌ به وڙھڻ چاھيان ٿي.“
    مون کِلي چيو، ”ٺھيو، اِھو ته پاڻ چڱو ٿيو. ھل ته جبل عمان ھلون. مون کي ڪجھ پيغام اُتي ڏيڻا آھن.“ مون ھڪ بندوق ۽ ھينڊ گرنيڊ کنيا، ۽ ٽيڪسي جھلي ھلياسين. جيئن ئي اسين ٽڪريءَ تي چڙھياسين اسان سڙندڙ جيپ ڏٺي ۽ بندوق جي گولين جا آواز ٻڌاسين. فتح جي ڪجھ ساٿين اسان کي روڪيو ۽ اڳيان جي خطري کان اسان کي خبردار ڪيو. ڊرائيور به چيو ٽيڪسي ڇڏي ڏيو، مان مرڻ لاءِ تيار ناھيان. مون کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن نه مڃيو. سميرا کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ھن ھُن کي بزدل ۽ بي شرم چيو: ويچاري ڊرائيور چيو: ”منھنجا اٺ ٻار آھن.“ ۽ ھو بنا ڀاڙي وٺڻ جي ئي موٽي ويو. فتح جي ماڻھن ٻڌايو ته پوري علائقي ۾ باھ پئي ٻري ۽ ماڻھن کي اُتان ڪڍيو پيو وڃي. انھن مان ھڪ مون کي سڃاڻي ورتو ۽ چيو: ”جنگ پھرين ئي شروع ٿي چڪي آھي.“ ۽ ھن رڙ ڪئي، ”ليليٰ واپس وحدت ڪيمپ ھلي وڃ.“ مون کيس ھينڊ گرنيڊ ڏيکاريندي چيو، مان ته وڙھڻ جي لاءِ تيار آھيان.“ ھن وري رڙ ڪري چيو، ”پوءِ اچ مون سان گڏ. اسين مليٽري بيورو کي فون ڪريون ته اھڃاڻ ٻڌائين پيا ته حُسين اسان جي ٺڪاڻي تي قاتلانه حملا ڪرڻ وارو آھي.“ اسان وڃي فون ڪيو. پوءِ مان ۽ سميرا وحدت ڪيمپ آياسين ۽ سڄي صورتحال اُتي ٻڌائي سين. ھاڻي ڊاڪٽر حباش اسان کي پيٽرول بم تيار ڪرڻ لاءِ چيو. آءٌ ويجھي پيٽرول پمپ تان پيٽرول وٺڻ ويس. اُتي بيٺل ڇوڪري چيو ته جيترو پيٽرول گھرجي مان توکي ڏيڻ لاءِ تيار آھيان ۽ ھو مون کان اُنھيءَ جو ٽڪو به نه وٺندو. اسان ساري رات پيٽرول بم ٺاھيندي ۽ گوريلن ۾ ورھائيندي گذاري، ڇاڪاڻ ته فرنٽ وٽ ھٿيارن جو ڪو وسيلو ڪونه ھو، تنھن ڪري اسان کي پنھنجي وسيلن يا دشمنن کان کسيل ھٿيارن تي گذارو ڪرڻو ھو.
    ڪامريڊ ناديه ويجھڙائيءَ ۾ اسڪوئيڊ ڪمانڊو جي حيثيت ۾ مقرر ٿي ھئي. ھن ٻڌايو ته اسان وٽ اسلحو گھٽ آھي- ڪنھن کي ٻڌائڻ جي سواءِ پنھنجي اسڪوئيڊ سان اردني پوليس اسٽيشن تي پنج حملا ڪيا ۽ اُتان 80 ھٿيار ۽ سوين بارود جا گولا، بنا ڪنھن ماڻھوءَ کي مارڻ جي ھٿ ڪيا. آڌيءَ رات ڌاري ڪامريڊ صلفحه ۽ مون جبل عمان وڃڻ لاءِ رضاڪارانه طور تي پيش ڪش ڪئي ته جيئن پنھنجي چوڪين کي چيڪ ڪري سگھجي ۽ حُسين جي پيش قدميءَ جي باري ۾ سڌو سنئون رپورٽ ملي سگھي. اسان جي ليڊرن انھيءَ شرط تي مڃيو ته اسين ٻئي سويلين ڪپڙن ۾ وڃون. اسان وڃڻ کان اڳ اصرار ڪيو ته ڊاڪٽر حباش کي عمان ۾ ڪنھن ٻي محفوظ جاءِ تي اماڻيو وڃي. ڊاڪٽر حباش انھيءَ ڳالھ تي پاڻ اعتراض ڪيو ته ھو پاڻ محفوظ ٿي وڃي ۽ انھيءَ مقصد لاءِ ليليٰ ۽ صلفحه مرڻ لاءِ وڃن. اسين اھو اعتراض ٻڌي ماٺ ميٺ ۾ ھليا وياسين ۽ رات ۾ دير سان وحدت ڪيمپ موٽياسين.
    اڃا ستل ھئاسين ته حُسين جي آرٽلري جي سب مشين گنن جي ٺڪائن تي اسان جي اک کلي ويئي. اَٺ فائيٽرن پنھنجي ڪمان سنڀالي ورتي. مان ڪامريڊ دائود سان مسجد ۾ ويس ته جيئن جنگ جون خبرون نشر ڪيون وڃن ۽ عوام کي انقلاب جي دفاع لاءِ پاڻ سان آڻڻ جي ترغيب ڏني وڃي.
    10- فيبروري 1970ع تي نومبر 1968ع کان پوءِ سخت مقابلي واري لڙائيءَ جو منظر ڏٺو ويو. حُسين جي فوجن اڳيان وڌڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر اسان جي مورچن کي نقصان نه رسائي سگھيا. نيٺ سڄي ڏينھن جي لڙائيءَ کان پوءِ ھنن کي پٺيان ھٽڻو پيو. مقابلو ٿيندي ڪيترائي شديد نقصان به کڻڻا پيا. فرنٽ کي ابو طلعات جو نقصان کڻڻو پيو. ابو طلعات اسان جي بھادر ڪمانڊرن مان ھو. ابو طلعات جي شھادت اسان جو رت ٽھڪائي ڇڏيو ھو، ۽ اسين سڀئي حشمتي خاندان جي شھنشاھت کي ختم ڪرڻ جي پٺيان پئجي وياسين. ابو طلعات جو جنازو ڏاڍي شان سان کنيو ويو. ھزارين ماڻھو ھن جي جنازي ۾ شريڪ ٿيا. ھن جنازي تي رمزيه شھيد عبدالمحسن حسن جي بيوھ ھڪ به ڳوڙھو ڳاڙڻ کانسواءِ دليرانه تقرير ڪئي.
    ”ابو طلعات! تون زندھ رھندين، تنھنجا ٻار توکي جيئرو رکندا. محسن تون مون کي ٻارن سان گڏ ڇڏي ويو آھين. توھان ٻئي اسان کي ٻارنھن گوريلا ڏيئي ويا آھيو، جيڪي فلسطين جي آزاديءَ جي شمع کي کڻي اڳتي وڌندا. اسان کي يقين آھي ته جن بي دردن جي ھٿان اوھان مئا آھيو، اسين انھن ماڻھن جي ھٿان پنھنجي سرزمين آزاد ڪرائينداسين. توھان فلسطينين ۽ ساري دنيا جي مظلومن لاءِ مثال قائم ڪيو آھي. خدا ڪري توھان جھڙا لکين ٿين. توھين زمين ۾ وڃو ۽ فلسطين جي ابديت جي خاڪ ۾ شامل ٿيو ته جيئن اھائي خاڪ وري توھان جھڙن شھيدن سان ڳاڙھي رت ٿئي. توھين زندھ رھندا، انقلاب زندھ رھندو.“
    حُسين جي وحشي روئيي ۽ مزاحمتي ڪيمپن جي تحريڪ حُسين کي پنھنجي فوج ۾ ڪن فوجين کي ڪڍڻ ۽ ابتدائي ترتيب، وري کان ڪرڻ تي مجبور ڪيو. ڇاڪاڻ ته آمريڪي اسلحه ۽ ٽينڪن جي ڇانون ۾ حُسين رت جون نديون وھائڻ جو پروگرام تيار ڪيو ھو. البت ٻئي پاسي فرنٽ پنھنجي ڪيمپن ۾ ڪم ڪرڻ جي طريقن ۾ ڪابه تبديلي نه آندي. حالانڪ گھڻا ڪامريڊ مئا يا زخمي ٿيا، اسان جي طرفان جوابي ڪاروائيءَ ۾ اجتماعي ڪارڪردگيءَ جي جھلڪ نه ھئي.
    ٻئي پاسي حُسين سمجھي ويو. انھيءَ ساري عمل کي سول وار کي ختم ڪرڻ جي طرف احتياطي قدمن جو نالو ڏيئي، رت جي انھيءَ ھوليءَ کي ختم ڪرڻ ۽ عرب اتحاد جو نالو ڏيئي فلسطينين کي مذاڪرات جي دعوت ڏني پر ساڳي وقت حُسين کي پنھنجي ناڪام انجام جو ڊپ به ھو. انھيءَ جا ٻه ڪارڻ ھئا. فتح ۽ عرب عوام کي اڃا تائين عرب برادريءَ تي اعتماد ھو ۽ انھيءَ لاءِ انھن سان گذارو ڪرڻ لاءِ تيار ھو. ھو مزاحمت کي آمريڪا ۽ اسرائيل سان وقتي طور رعايت وٺڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گھرندو ھو ته جيئن وقت تي دائمي امن لاءِ مذاڪرات ۾ ڪجھ بھتر نتيجا حاصل ڪري سگھجن. عمان ۾ مزاحمتي گروپن ۽ آمريڪي ھٿ ٺوڪين جي وچ ۾ ڪڏھن ڪڏھن لڙائي ٿيندي رھي. جوزف سسڪو، اسسٽنٽ سيڪريٽري براءِ مشرق وسطيٰ اپريل جي وچ ۾ اردن آيو. عوام ھڪ زبان ٿي ڪري نعرا ھڻي آمريڪي ’امن‘ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. پر نه آمريڪا نه حُسين انھيءَ صدا تي ڌيان ڏنو. اھا ڳالھ انھيءَ وقت وڌيڪ واضح ٿي، جڏھن گھٽيءَ گھٽيءَ ۽ پاڙي پاڙي ۾ اردني فوج جا آفيسر پاڻ ۾ سول وار لاءِ ماڻھن کي اُڀارڻ لڳا ۽ فلسطينين ۽ اردنين ۾ جنگ جا شعلا ڀڙڪائيندا رھيا. پاپولر فرنٽ انھي مھم کي خطرناڪ حد تائين پھچڻ کان اڳ ختم ڪرڻ لاءِ عمان ۾ فوجي اھميت جي چوڪين تي قبضو ڪيو ۽ آمريڪي سفارت خاني جي فرسٽ سيڪريٽريءَ کي يرغمال بڻائي انھيءَ سازش کي بي بقاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مزاحمتي گروپ تي دٻاءَ جي ڪارڻ اسان کيس آزاد ڪري ڇڏيو. پر انقلاب دشمن تشدد گھٽجڻ جي بدران وڌيو ۽ مزاحمتي گروپ کي اھا توقع نه ھئي.
    پاپولر فرنٽ ھاڻ فليڊلفيا ۽ انٽر ڪانٽينينٽل ھوٽل تي قبضو ڪري، سمورن غير ملڪي مھمانن کي يرغمال بڻائي ورتو. حُسين انھيءَ بھاني جي آڙ ۾ ته ھن تي قاتلانه حملو ڪيو ويو آھي، پنھنجي دشمنن تي باھ جا گولا وسائي رھيو ھو. انھيءَ لڙائيءَ ۾ اٽڪل ھڪ ھزار ماڻھو ماريا ويا. قتل عام کي آمريڪي ڊڪشنريءَ ۾ سازشين کان پاڪ ڪرڻ جو نالو ڏنو ويو ۽ سمورو الزام جنرل زيد بن شڪر تي مڙھيو ويو، ڇاڪاڻ ته گوريلن ھن جي ڀيڻ کي ماريو ھو، تنھن ڪري ھن انتقامي ڪاروائي ڪئي ھئي. انھيءَ لاءِ جنرل زيد ۽ حُسين جي چاچي شريف ناصر استعفيٰ ڏنا ۽ حُسين مسلح فوجن جي ڪمان پاڻ سنڀالي ورتي.


    (3)

    جون جي واقعن مان ظاھر ٿيو ته فتح اڃا سبق ڪونه سکيو آھي. ڀرپور عوامي قوت ۽ اعتماد ھجڻ جي، اسين حُسين کي شڪست نه ڏيئي سگھياسين. جون ۽ سيپٽمبر جي وچ ۾ حُسين پنھنجي قوت کي گڏ ڪيو ۽ جنھن به ماڻھوءَ کي فلسطينين سان ھمدردي ھئي، ھن کي ڪڍي ڇڏيو. ٻئي پاسي پاپولر فرنٽ اھڙن ماڻھن کي قبول ڪرڻ جي مھم شروع ڪئي. ھاڻي اھوئي عرب سماجي انقلاب جو نمائندو نظر اچڻ لڳو. عرب رجعت پسند ۽ ترقي پسند، فتح جي ماڻھن کي ’ايماندارانه انقلابي‘ ۽ پاپولر فرنٽ کي دھشت پسند انقلاب درآمدہ نظريات چوڻ لڳا. حُسين اعلان ڪيو ته خالي ھٿين پناھگيرن تي بمباري فرنٽ جي ماڻھن جي ورتاءَ ڪري ٿي آھي ۽ انھيءَ ۾ حُسين جي حڪومت جو ڪوبه ڏوھ ڪونھي. ماڻھن انھيءَ اعلان تي اعتباد ڪونه ڪيو، ڇاڪاڻ ته عوام آزادي چاھي ٿي ۽ فرنٽ کي انھيءَ جدوجھد جو اھل سمجھندا ھئا.
    1970ع جي بھار جي موسم ۾ دوست ۽ دشمن جي وچ ۾ سڃاڻپ وڌيڪ چِٽي ٿي پئي. عوام کي اھو يقين ھو ته حُسين ۽ عرب رجعت پسند، دشمن جي ڪيمپ ۾ ھئا. ماڻھن کي اھو به يقين ھو ته عرب ترقي پسند ئي آزادي ۽ قومي پين عرب تحريڪ لاءِ اڳتي وڌندا. ۽ اھي ئي ماڻھو صيھونيت، سامراجيت ۽ رجعت پسند عربن جي خلاف سينو تاڻيندا. انھيءَ بد قسمت بھار جي موسم ۾ ”ترقي پسندن“ ماسڪو جي چوڻ تي، واشنگٽن ۽ تل ابيب کي امن جو اشارو ڏنو، پر سيپٽمبر 70ع تائين انھيءَ اشاري جي اصليت ۽ مزاحمت کي روڪڻ جي سازش تان پردو کڄي ويو. جولاءِ 1970ع ۾ اھا ڳالھ اڃا به کُلي سامھون اچي وئي ڇاڪاڻ ته سادات ناصر ازم کي کوٽي ڪڍيو ۽ پاپولر فرنٽ جي خلاف محاذ آرائيءَ لاءِ قاھرہ يونيورسٽيءَ کي استعمال ڪيو.
    ناصر يوم مئي 70ع تي تقرير ڪندي چيو ھو ته عرب – آمريڪي تعلقات ٺھڻ جا امڪان بلڪل ئي ختم ٿي ويا آھن. آمريڪا کي گاريون ڏيڻ بجاءِ ھن چيو ته آمريڪا جو لاڙو اسرائيل ڏانھن آھي. ۽ پوءِ ناصر آمريڪا کي 1968ع جي مذاڪرات مطابق عرب دنيا سان تعلقات خوشگوار ڪرڻ جي دعوت ڏني. ڄڻ عرب اسرائيل ويڙھ ۾، اسرائيل جي ھمدرد آمريڪا کي ئي دعوت ڏجي ته ھو مسئلا حل ڪري. انھيءَ جي جواب ۾، راجرز پوئين ’امن‘ مسودي جو حوالو ڏيندي بال کي وري ناصر جي پاسي اڇلي ڇڏيو.
    وري 23 جولاءِ تي ناصر جو تاريخي بم شيل ٿيو. انھيءَ ڏينھن مصر جي انقلاب جي ارڙھين سالگرھ ھئي. ناصر راجرز جي ’امن تجويزن‘ کي انھيءَ حد تائين قبول ڪيو جو جنگ بندي ۽ اسلحه ۾ تخفيف جي علاوہ ڳالھ ٻولھ سان اسرائيلن کي والاريل علائقن مان نه نڪرڻ جو شرط به مڃي ورتو.
    ناصر جي انھيءَ ”دانشمندانه ڊپلوميٽڪ پاليسي“ تي سندس ئي تمام معتبر صحافي محمد حسنين ھيڪل، عرب انقلابين لاءِ نقصان وارو ٺھرايو. صيھوني معاشري جو نفاد، جنھن کي ناصر پھريان ئي ڏسي ورتو ھو، ھاڻ کلي سامھون اچي ويو. گھيال، کاٻي ڌر جي پارٽيءَ قومي گڏيل حڪومت کان علحدگي اختيار ڪري ورتي، جڏھن ته اسرائيل فائر بندي قبول ڪري ورتي. عرب رياستن، سواءِ عراق ۽ الجزائر جي باقي سڀني ناصر جي ’امن برآري‘ جي ڪوششن جي زباني تائيد ڪئي. صحافين ناصر جي انھيءَ اعلان جي تعريف ڪئي. فلسطيني جيڪي ناصر جي پٺيان چريا ھئا، اُھي عمان، والاريل يروشلم ۽ اولھ ڪناري جي وڏن شھرن ۾ رڙيون ڪري رھيا ھئا: ”ناصر بزدل آھي“ ”ناصر غدار آھي.“ ناصر جو حريت پسند بُت ٽُڪر ٽُڪر ٿي پيو ھو. ۽ جڏھن ھن مصري يونيورسٽين مان فلسطيني شاگردن کي ڪڍيو ، فتح جو براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن بند ڪيو ۽ پنھنجي ساٿين کي سڌو سنئون پاپولر فرنٽ جي آفيسن، ۽ ماڻھن کي تباھ ڪرڻ ۽ مارڻ لاءِ چيو، ته ناصر کي آمريڪا جو پڇ لٽڪائو چيو وڃڻ لڳو. ھاڻ پتو پيو ته اسانجي اميدن تي پاڻي ڦيرڻ لاءِ آمريڪا، روس، عرب ۽ يھودي سڀئي گڏ ھئا.
    23 جولاءِ واري تقرير ۾ ناصر چيو ھو، ”اسين پنھنجي ڌرتيءَ کي آزاد ڪرائڻ گھرون ٿا. اسين فلسطينين جا حق چاھيون ٿا، اسان آمريڪي تجويزون قبول ڪيون آھن. انھن ۾ جيتوڻيڪ ڪا نئين ڳالھ ڪانھي. اسان انھن کي ماضيءَ ۾ به مڃيو ھو. اسرائيل اسان تي ھڪ ھزار ٽن بم اڇلي ٿو. جڏھن مصر کي جديد ھٿيار مليا ته اسان تي وڏو حملو ڪيو ويو. پر آمريڪي اخبار اشاري ۾ به اھا ڳالھ ڪونه ڪئي ته اسرائيل وٽ پنھنجي بچاءَ لاءِ 72 ميزائيل آھن، انھيءَ جو ڇا مطلب؟ ڇا انھيءَ جو مطلب اھو آھي ته اسين پنھنجي بچاءَ جو حق به نٿا رکي سگھون، جڏھن ته اسرائيل کي اھڙو حق آھي.“
    ناصر جي بيان ۾ ٻه تضاد ھئا. ھڪ ته مصر جي بچاءَ جو حق ۽ ٻيو فلسطينين کي پنھنجي آزاديءَ جي ويڙھ ۾ حق. بھرحال عربن جا حوصلا پست ڪرڻ لاءِ ناصر جون تجويزون ڪافي ھيون. انھيءَ اعلان جي ٻن ڏينھن تائين به جنگ بندي قائم رھي نه سگھي. مزاحمت ھئي ۽ انھيءَ وقت تائين رھڻي ھئي، جيستائين ھنن جي خيال ۾ ھٿ ۾ ھٿ ڏيئي صيھونيت ۽ عربيت سلمان جي مقبري ۽ عمر جي مسجد تائين نه ھلبو. البت اھو ٿيو ته مزاحمت جي گھٽائڻ جون گڏيل ڪوششون شروع ٿي ويون. فتح لاءِ فند ڏيڻ بند ٿي ويا. عالمي سطح تي مزاحمت جي خلاف جنگ شروع ڪئي وئي. حُسين فائدو کنيو ۽ انقلابين جو صفايو ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين ۽ انھيءَ گوڙ ۾ سمورن انقلابين کي ختم ڪرڻ جي توقع ڪئي وئي.
    پاپولر فرنٽ ھر دوست ۽ دشمن کي پنھنجي اصليت ڏيکارڻ جو موقعو ڏنو. ڪجھ عرب رھنمائن حُسين جي پاليسين سان اختلاف ڪيو. ٻين انھن سان ھٿ ملايا، انھن جي چوڻ تي تاڙيون وڄايون. ڪيترا قانوني قدم ۽ امنِ عامه کي ياد ڪندا رھيا. ھاڻ فرنٽ جارحانه سرگرمين جو فيصلو ڪيو.
    منھنجا ڪامريڊ ۽ مان يورپ روانا ٿياسين ته جيئن بين الاقوامي سطح تي وڏين طاقتن، يھوديت ۽ انھن عرب رياستن جي خلاف کُليو کلايو جارحيت ۽ پروپيگنڊا شروع ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪيئن نه ٽين دنيا، مظلوم عرب ۽ فلسطينين کي محڪم رکڻ لاءِ اھي سموريون قوتون متحد آھن. اسين انھيءَ ڪري به نڪتا ھئاسين جو جيڪڏھن اسان اعلان نه ڪيو، ۽ اسان کي ناڪام تصور ڪيو ويو ته آمريڪا انقلاب جي شڪل کي بدلي رکندو، جيڪو ويٽنام جي انقلاب کانپوءِ روشن ستاري وانگر چمڪي رھيو ھو.
    اسان جو گھٽ ۾ گھٽ مقصد اھو ھو ته انسانيت جي ذھن تي فلسطينين جو نالو ھڪ عزت وارو، وقار وارو، ۽ آزادي پسند جو رھي. اسان جو مقصد عرب تضاد ۽ فاشسٽ قوتن کي بي نقاب به ڪرڻو ھو، ته جيئن مظلومن جو پتو به پوي.

    ----------------------------


    اسان گُم ٿيل انسانيت جا ترجمان آھيون

    (1)

    ھڪ سپاھيءَ جي حيثيت سان منھنجي چونڊ غير ملڪي آپريشن لاءِ ٿي ھئي. بدقسمتيءَ سان 1969ع ۾ شامي حڪومت منھنجي سڃاڻپ پڌري ڪري ڇڏي ھئي. جڏھن ته مان ۽ سليم ٽي- ڊبليو- اي 840 جھاز اغوا ڪري دمشق ۾ لاٿو ھو. جيڪڏھن شامي اھا شرارت نه ڪن ھا، ته مان به فرنٽ جي سوين ڪارڪنن جيان بي نانءِ ھجان ھا. صيھوني ھسٽيريا مون کي سڄي دنيا ۾ ايترو ته مشھور ڪري ڇڏيو، جو روز ڪٿي نه ڪٿي منھنجي تصوير ۽ منھنجي باري ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڇپبو ھو. پر منھنجو انقلابي ڪردار ختم نه ٿيو. ڪي سمجھندا ھئا ته مان اربد ۾ ڪم ڪري رھي آھيان. منھنجي گھر وارن سمجھيو ٿي ته مان اڃان مصر ۾ آھيان. مان اصل ۾ اڃا ال ايل جھاز جي ڪمانڊرن کي سِکيا ڏيئي رھي ھيس. سکيا جا تفصيل بھرحال راز ۾ آھن، تنھن ڪري انھن بابت نه ڳالھائينديس. پھرين ئي ڪوشش، يعني جھاز جي اغوا سان، فرنٽ ۾ منھنجي پوزيشن مضبوط ۽ ذميواريون وڌي ويون ھيون، جو وڏو آفيسر ٿيڻ جو مطلب، فرنٽ ۾ سھولتن ۾ واڌارو نه پر ذميوارين ۾ واڌارو ھوندو آھي.
    مارچ 70ع ۾ مون کي عمان ۾ ھڪ نامعلوم ھنڌ ڏانھن وڃڻ جو حڪم مليو. اتي منھنجا ٽي پلاسٽڪ سرجري آپريشن ٿيا. جيئن مان گھربل ملٽري آپريشن سان منھن ڏئي سگھان. ھتي اڳ ۾ ته اھڙي ڊاڪٽر جي حاصل ٿيڻ، ۽ وري انقلابي تحريڪ لاءِ ان جي ڪم ڪرڻ جي ڳالھ ناممڪن ٿي لڳي. نيٺ ھڪ اھڙو ڊاڪٽر ملي ويو، جنھن پاڻ به سرجري ڪرڻ ٿي گھري. پر اھا ڳالھ سندس سمجھ ۾ نٿي آئي ته ٿيڻ وارو مڙس سندس چھرو بدليل ڏسڻ ڇو ٿو گھري.
    13 مارچ 70ع تي منھنجي چھري بدلائڻ جو پھريون آپريشن ٿيو. مون بيھوشيءَ جي دوا کان انڪار ته ڪيو، پر تڪليف ڏاڍي ٿي، جو مون کي سئين جي اچ وڃ به نظر اچي رھي ھئي ۽ مون کي پنھنجو منھن کرڙجندي به ڏسڻ ۾ ٿي آيو. اولھ جا ماڻھو سمجھندا ته مان اذيت پسند آھيان. پر نه، منھنجي سامھون وڏو قومي مقصد ھو. منھنجو آپريشن منھنجي انھن ديس واسين جي تڪليف مان ڇڏائڻ لاءِ ھو، جيڪي غلاميءَ جي اذيت ۾ ورتل ھئا.
    آپريشن ھيو به ھڪ راز. ھڪ درجن کان به گھٽ ماڻھن کي ان جي خبر ھئي. مون کي اسپتال ۾ رکيو ويو، ۽ ڪنھن کي به مون سان ملڻ جي اجازت نه ھئي. مان پنھنجي ڪمري مان ميٽرنٽي وارڊ ڏانھن ايندڙ ويندڙ کي ڏسندي ھيس. بس، اِھائي مصروفيت ھئي. سڀ کان ڏکي ڳالھ اِھا ھئي ته منھنجي نرس کي نه عربي ٿي آئي، ۽ نه انگريزي. ھوءَ آرمينين ھئي. اِھو مرحلو به مون لاءِ تڪليف ڏيندڙ ھو. خوشيءَ جي اھا ڳالھ ھئي ته اسپتال ۾ مون کي ڪنھن به نٿي سڃاتو. ھڪ ڏينھن جڏھن مان نرس کي مدد لاءِ سڏي رھي ھيس، ھڪ شخص، جيڪو پنھنجي زال کي اسپتال ۾ ڏسڻ آيو ھو، منھنجي مدد لاءِ ھليو آيو. ھن نه فقط مون کي سڃاڻي ورتو، پر منھنجي نالي سان مونکي سڏيائين به. مون ھڪدم انڪار ڪيو ته مان ليليٰ ناھيان. کيس اعتبار نه آيو. جڏھن مان اسپتال مان نڪرڻ لڳس ته مان ھن جي نئين ڄاول ڌيءُ کي ھڪ ھار ڏنو، جيڪو گولين جو ٺھيل ھو، ۽ ھن لاءِ ھڪ سٺي انقلابي مستقبل لاءِ دعا ڪيم.
    مقرر وقت ويجھو اچي رھيو ھو، ۽ اڃا منھنجي ميڪ اپ جو ڪجھ حصو رھيل ھو. ٻه ٻيا آپريشن ڪيا ويا. آخري ته مقرر جھاد کان فقط ڪجھ ڏينھن اڳ ڪيو ويو ھو. منھنجا گھڻا ڪامريڊ يورپ ۾ منھنجي انتظار ۾ ھئا. ھڪدم حڪم آيو ته سڀ ڪجھ ملتوي ڪيو وڃي، جو في الحال اردن سان ڦٽائڻي ناھي، مون کي سخت مايوسي ٿي، پر مان بد دل نه ٿيس.

    (2)

    اسرائيل ۽ سندس ڇاڙتا ھوشيار دشمن ھئا. مان 21 جولاءِ تي اسپتال مان نڪتيس. رات جا سوا ٻه وڳا ھئا، ۽ مان ڊاڪٽر ودي حداد جي ڪمري ۾ ويٺي ھيس، ۽ اسان عملي پروگرام رٿي رھيا ھئاسين. سندس زال ۽ ٻار ٻئي ڪمري ۾ ستا پيا ھئا. نڄاڻ ڪٿان ھڪ راڪيٽ اچي دريءَ سان لڳو. اسان مان ڪوبه زخمي نه ٿيو. اسان بندوقون ڪڍي ورتيون، ۽ پوءِ باھ جي وچ مان ھن جو خاندان رت ۾ وھنتل ٻاھر نڪتو. بجلي به بند ٿي ويئي. اسان ٿورو پريشان ٿي وياسين، جو باھ اوندھ ۾ وسائڻي ٿي پيئي. مان اٺن سالن جي حانيءَ کي ھنج ۾ کنيو، ۽ رڙيون ڪندي مٿي ڊڪيس، ”باھ....باھ....“ حانيءَ جي ڇاتيءَ مان رت وھي رھيو ھو، ۽ سندس پير ته بلڪل چچريل ٿي لڳا. ھڪ پاڙيسرڻ پناھ ڏني، ۽ فائر برگيڊ کي فون ڪيائين. مان پريشان ھيس، پر حاني بلڪل چُپ ۽ پرسڪون ھو. ھن مرڪندي مون کي چيو، ”ليليٰ! فرنٽ جي انقلابين کي ڊڄڻ ته نه گھرجي.“ مان انھيءَ ٻارڙي جون انقلابي ڳالھيون ٻڌي شرمسار ٿي ويس. مون کيس پيار ڪيو، ۽ ٻاھر کڻي آيس. اسپتال وڃڻ لاءِ مون ھڪ ٽيڪسيءَ کي روڪيو. ڊرائيور اسان کي کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ مون سندس منھن تي ٿُڪ وھائي ڪڍي. اوچتو فرنٽ جو ھڪ ميمبر ابو دائود اچي ويو، ۽ اسان آمريڪن يونيورستي اسپتال وڃي پھتاسين. مان ايمرجنسي وارڊ ۾ حانيءَ کي کنيو، رت ڳاڙيندي، رڙيون ڪندي ڊوڙندي ٿي ويس، ”ڪوئي ڊاڪٽر آھي....“ ايتري ۾ ھڪ ڊاڪٽر آيو، ۽ ٻار ڏانھن ڏسڻ بنا پڇيائين، ”تو وٽ علاج لاءِ ڏوڪڙ آھن؟“ مون رڙ ڪري چيو، ”تون ڊاڪٽر آھين يا غاليچن جو واپاري!“ ھن ڏاڍي سڪون سان چيو، ”ھيءَ آمريڪن اسپتال آھي، ڪوئي خيراتي ادارو نه.“ مون چيو، ”جيئن ته توھان واپار ڪري رھيا آھيو، تنھن ڪري توھان کي نذرانو ملندو، پر ٻار جي حفاظت ڪجانءِ.“ ايتري ۾ ڊاڪٽر حداد ۽ سندس زال، ٻار کي ڳوليندا اچي اتي پھتا. ماءُ ته بلڪل چريائپ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ھئي. آمريڪي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر حداد کي سڃاڻي ورتو، جو ھو ساٿي ڊاڪٽر ھئا. ھاڻي ته کيس ڏاڍي شرمساري محسوس ٿي، ۽ معافي گھرڻ لڳو. مونتي سندس شرمساريءَ جو ذرو به اثر نه ٿيو. مون رڙ ڪري چيو، ”او آمريڪي ڊاڪٽر! انقلاب آمريڪي اسپتال کي غريبن جي اسپتال ۾ بدلائي ڇڏيندو، ۽ توکي آمريڪا واپس موڪليو ويندو.“ منھنجون ڳالھيون ٻڌي آمريڪي ڊاڪٽر جو منھن ويتر لھي ويو، ۽ ھو وري معافيون وٺڻ لڳو.
    ڊاڪٽر حداد جي اپارٽمينٽ تي حملي سبب اسان ۾ اڃا به وڌيڪ جوش پيدا ٿي ويو. ۽ ھاڻي اسان مقصد خاطر مرڻ مارڻ لاءِ تيار ھئاسين. آگسٽ ۾ جڏھن مان فرئنڪفرٽ ويس، تڏھن به منھنجي ذھن ۾ ڊاڪٽر حداد جي سڙندڙ گھر جي ياد تازي ھئي. مان فرئنڪفرٽ ۾ جنھن ھوٽل ۾ ترسيس، ان جو مالڪ يھودي ھو، ۽ اھو وچولي درجي جو ھوٽل ھو. ھن منھنجي آجيان عربي ڳالھائي ڪئي. مون جواب نه ڏنو ۽ پاڻ کي غير عرب ظاھر ڪيم. ھن تڏھن به مونسان عربي ڳالھائڻ تي زور ڏنو، ۽ جوشيلي نموني چيائين، ”توکي خبر آھي ته مان يھودي آھيان.“
    ”مان ھڪ عرب عورت آھيان. مان يھودين جي خلاف ناھيان، پر مان صيھونيت جي خلاف آھيان. مان انھن جي خلاف آھيان، جن عرب ڌرتيءَ تي قبضو ڪيو آھي.“
    ھن مونسان متفق ٿيندي چيو، ”مذھبي لحاظ کان مان صيھوني آھيان، پر سياست سان مون کي ڪابه دلچسپي ناھي.“ ۽ اسان جو جھيڙو ختم ٿي ويو.
    مان مٿي ڪمري ۾ ويس، ۽ ٻئي ڏينھن صبح تائين اتي رھيس. نيٺ جڏھن ٿڪجي پيس، ۽ بک ستايم تڏھن ٻاھر سير لاءِ نڪتيس. منھنجو يھودي دوست ڊيسڪ تي ويٺو ھو. ھن مون کي ڏسي، منھنجو حال پڇيو، ۽ چيو ته ڇا مان ايمسٽرڊم وڃڻ پسند ڪنديس، جو ھو پنھنجي دوستن لاءِ ھڪ پروگرام ترتيب ڏيئي رھيو آھي. مون مُرڪي ناڪار ڪئي، ۽ کاڌي جي ڳولا ۾ ٻاھر نڪري ويس. رستي تي مون انگريزيءَ جون ڪيتريون ئي اخبارون ورتيون. سڀني ۾ اردن بابت خبرون ڀريون پيون ھيون، ۽ ڪن ۾ ادارتي نوٽ ھئا. جن ۾ راجرز منصوبي جي حوالي سان عرب، اسرائيل ۽ وڏين طاقتن جي لاڳاپن بابت خيالن جو اظھار ڪيو ويو ھو. ھر اخبار ۾ ڪنھن نه ڪنھن نموني مستقبل ۾ ڪنھن جھاز جي اغوا ٿيڻ جي خوف جو اظھار ڪيو ويو ھو. اڳ ۾ ته مونکي ڪجھ پريشاني ٿي، پر اھو ڏسي سُک جو ساھ کنيم ته اغوا جو ھنڌ ايمسٽرڊم نه، پر زيورچ ٻڌايو ويو ھو.
    مون کي پنھنجي مشن جو خيال ستائي رھيو ھو. مان روز صبح جو ان جي ريھرسل ڪندي ھيس. ڪجھ ڏينھن فرئنڪفرٽ ۾ گھميس، ۽ انتظار ڪري ڪري بور ٿي پيس، نيٺ ڪم جو وقت آيو. پيٽرڪ آرگيلو ان کي پنھنجي رت سان سينگاريو، پر مان ايڏي خوش قسمت نه ھيس.
    مان پيٽرڪ آرگيلو سان پھريون دفعو 1970ع ۾ ملي ھيس. اسٽرٽ گارڊ ايئر ٽرمينل جي سامھون اسان ھڪ ٻئي کي سنيھا ڏنا، حالتن جو مختصر جائزو ورتوسين. ٻئي ڏينھن اسان ٻيئي فرئنڪفرٽ وياسين. ايئرپورٽ تي مسٽر رياض (پيٽرڪ) جي تلاشي ورتي ويئي، ۽ مان اِھو ڏسي رھي ھيس ته، آئي- ڊبليو- اي جي تل ابيب وڃڻ واري فلائيٽ جي مسافرن جي سختيءَ سان تلاشي ورتي پئي ويئي. مون کي خوشي ٿي رھي ته، مان دشمن کي تڪليف ڏيئي رھي ھيس. مون دل ئي دل ۾ چيو، ’اھو ئي جھاز ته آھي، جنھن کي تل ابيب کان موٽڻ تي اسان اغوا ڪنداسين.‘ ڪسٽم مان پيٽرڪ جو ڪليئرنس بنا ڪنھن شڪ شبھي جي ٿي ويو.


    (3)

    ھاڻي ايندڙ اسٽاپ ايمسٽرڊم ھو. 6- سيپٽمبر تي پيٽرڪ ۽ مان صبح جو ڏھين وڳي ايل- ايم- ون ڪائونٽر تي ملياسين. اسان اڌ ڪلاڪ کن آفيس کلڻ جو انتظار ڪيو، پر ان ڏينھن اھا آفيس کلي ئي نه. اسان فلائيٽ شيڊول جاچيو. بورڊ تي لکيل ھو ته، ايل- اي- ون فلائيٽ 319 نيويارڪ لاءِ 11 لڳي 20 منٽن تي، منجھند کان اڳ وڃي رھي آھي. اسان ڪي- ايل- ايم جي گرائونڊ ھوسٽيس کي مدد لاءِ سڏيو. ھن اسان جون ٽڪيٽون وٺي، ايل- اي- ون جي آفيس فون ڪئي، پر اتان ڪوبه جواب نه مليو.
    ھوسٽيس به پريشان ٿي ويئي. پوءِ ھن چيو، ”توھان ايل- اي- ون جي فلائيٽ ۾ ئي وڃڻ ڇو ٿا گھرو، ڪنھن ٻي فلائيٽ ۾ وڃو، جيڪي انھيءَ کان وڌيڪ آرام واريون به آھن.“ اسان کيس يقين ڏياريو ته، اسان فقط ايل- اي- ون ۾ ئي سفر ڪرڻ مناسب سمجھون ٿا. اسان انتظار ڪري رھيا ھئاسين، جو پين- ايم فلائيٽ 740 آئي، ۽ مونکي ٽي. ڊبليو. اي. فلائي 840 ياد اچي ويئي. ان وقت تائين مونکي خبر نه ھئي ته، اسان جا ٻه ڪامريڊ، جن کي ھڪ پھرين ڪوشش ۾ اسرائيلين پڪڙي ورتو ھو، ھاڻي پين. ايم جي فلائيٽ 740 کي اڏام کان اڌ ڪلاڪ پوءِ، پنھنجي نموني سوگھو ڪرڻ جي فڪر ۾ آھن. ھو 747 ۾ قاھرہ ويا ۽ جھاز کي فلسطين جي آزاديءَ طور تباھ ڪري ڇڏيائون. نه پيٽرڪ کي، ۽ نه ٻين پنجن مرد ھائي جيڪرن کي خبر ھئي ته، انھيءَ ڏينھن ٽن ڪپتان عورتن ۽ ڪجھ ٻين ماڻھن کي سڄي منصوبي جي خبر ھئي. اسان 12 لڳي 5 منٽن تائين جھاز جو انتظار ڪندا رھياسين. پي ايل- اي- ون جي ڪائونٽر اسٽاف جو ڏس پتو نه پيو.
    اوچتو ھڪ پوليس آفيسر اسرائيلي ڊريس ۾ ظاھر ٿيو. ”توھان ليٽ ڇو آھيو؟“ ھن پڇيو. مون صبر سان جواب ڏنو، ”اسان ته ڏھين وڳي کان ھتي موجود آھيون.“ ھن چيو ته، مان ڪي- ايل- ايم جي ھوسٽيس کي چئي، اوھان جو انتظام ڪرايان ٿو. پوءِ ھن پاسپورٽ ۽ ڪاغذ گھريا. ھن ھڪ ھڪ صفحي کي غور سان ڏٺو. منھنجي تصوير ڏسي، وَر وَر ھن منھنجي چھري ڏانھن ڏٺو. ھن مونکي ھينڊ بيگ خالي ڪرڻ لاءِ چيو، ۽ ھڪ ھڪ شيءِ کي ڇُھي ڏٺائين. پيٽرڪ کي بزنيس سوٽ پھريل ھو، ۽ مونکي مِني اسڪرٽ ۽ جيڪٽ. مون پاڻ کي ھنڊراس جي ماريا سنگيز ئي ٻڌايو. ور ور ساڳيا سوال ڪيا ويا. اوچتو مون وڏا وڏا آواز ٻڌا. مون ڏٺو ته ٽي عرب مون ڏانھن اچي رھيا ھئا. انھن مان ھڪ کي مون سڃاڻي ورتو. جيڪڏھن ھنن مونکي سڃاڻي سلام ڪيو ته ڳالھ کلي پوندي..... خوش قسمتيءَ سان ھنن ڏانھن اسرائيلي آفيسر جي پُٺ ھئي. جيئن ته اسان سندس چوڻ تي ھڪ ٻئي کي ھٿ ڏيئي بيٺا ھئاسين، تنھن ڪري مون کڻي پيٽرڪ کي ڀاڪر وڌو. پيٽرڪ حيران ٿي ويو. ھو اڃا اِھو فيصلو نه ڪري سگھيو ھو ته، ھھڙي چري عورت جي عمل تي ڪھڙو رد عمل ڪري، ته ايتري ۾ اسان جا عرب دوست ايل- اي- ون جي آفيسرن يا ڪنھن ٻئي جي نظرن مان اچڻ کان اڳ لنگھي ويا. آفيسر کي اسان کان ڪا شڪايت ڪانه ھئي، جو ھن ڏاڍي نرميءَ سان اسان کي پاڻ سان ھلڻ، ۽ ھيٺ ھلي سامان چيڪ ڪرائڻ لاءِ چيو.
    ”آفيسر! اسان جو سامان کليو پيو آھي. توھان پاڻ وڃي چيڪ ڪري سگھو ٿا.“ مون لاپرواھيءَ سان چيو.
    ”ميڊم! قانون اِھو آھي ته سامان مالڪ جي موجودگيءَ ۾ جانچيو وڃي.“ ھن چيو. اسان ساڻس گڏ وياسين. ھن سامان جانچيو. ھڪ دفعو نه، ٻه دفعا. ۽ انھيءَ وچ ۾ ظاھري طور تي ھو بي حجابيءَ وارا سوال ڪندو رھيو، پر ڏاڍا تھدار ۽ معنيٰ وارا سوال ھئا.
    پوءِ ھن خاص مون سان مخاطب ٿيندي چيو، ”ڇا توھان کي ڪنھن سوکڙي ڏني آھي؟“ مون زور سان چيو، ”نه.“ ھن وري پڇيو، ”ڇا توھان وٽ ڪا خطرناڪ شيءِ آھي؟ مثال طور پستول، چاقو يا ڪا ٻي شيءِ.“
    ”نه سائين! ڀلا ڪنھن ڇوڪريءَ جو انھن سان ڪھڙو واسطو؟“ انھيءَ جواب تي ھو مُرڪيو، ۽ چيائين، ”ڇا توکي اسپينش ٻولي ايندي آھي؟“ ”نه“ مون ھڪدم چيو. ”چڱو الله واھي.“ ھن چيو.
    پيٽرڪ ٿورو حيران ٿيو. چيائين، ”نيٺ ھن توکان اسپينس ٻوليءَ بابت ڇو پڇيو.“
    چيم، ”ڏس پيٽرڪ، جيڪڏھن ھن کي پاڻ کي اسپينش اچي ھا ته ھو شروع کان ئي اسپينش ۾ ڳالھائي ھا. ڇڏيس. چڱو ٿيو، شڪر آ جو اسان ھڪ مصيبت مان ته نڪتاسين!“
    اسان جيئن ئي مسافرخاني ۾ آياسين، ڏٺوسين ته 30-40 نوجوان اھڙا موجود ھئا، جيڪي ايل. اي. ون فلائيٽ ذريعي وڃي رھيا ھئا. مونکي وري اھو ڏک رسيو ته، ھاڻي وري مونکي نوجوان ٻارن کي ڊيڄارڻو پوندو. جيتوڻيڪ مون انھن معصوم دلين کي ڊيڄارڻ نٿي گھريو. ھاڻي مونکي فلسطيني ٻار ياد اچڻ لڳا، جن تي اسرائيل نيپام بم وسايا ھئا. ڊاڪٽر حداد جو ٻار باھ سان ڀريل ڪمري ۾ ڊوڙندو نظر آيو. اِھي سڀ خيال مونکي پريشان ڪري رھيا ھئا، جيتوڻيڪ مان اھو ڪندي آھيان ته، مسافرن کي ڪابه تڪليف نه پھچي. مان ڪجھ دير لاءِ ته ذھني طور تي بلڪل مفلوج ٿي ويس. انھيءَ وچ ۾ پيٽرڪ ھال ۾ گھمي رھيو ھو، جيئن اسان جي ٻن ٻين ڪامريڊن جي سڃاڻپ ٿي سگھي. جڏھن مان ٻارڙن ڏانھن ڏسي رھي ھيس، تڏھن ھڪ ننڍڙي سھڻي ٻارڙي مون ڏانھن آئي. سندس نظر انھيءَ سينڊ وچ تي ھئي، جيڪو منھنجي ھٿ ۾ ھو. جڏھن مون سينڊ وچ ٻارڙي ڏانھن وڌائيندي ڇيو، ”اچ ھي وٺ.“ ان مھل ئي سندس ماءُ چيو، ”ھيڏي اچ.“ ھوءَ به عربي ڳالھائي رھي ھئي. مان حيران ٿي ويس. مون پيٽرڪ ڏانھن ڏسي ڪجھ ڀڻڪيو، ته پيٽرڪ سمجھيو، ته مان ڪامريڊن کي سڃاڻي ورتو آھي. ھو منھنجي ڀرسان آيو، ته مون چيو، ”اھا عورت اسرائيلي آھي. فرض ڪر، جيڪڏھن ھوءَ به جھاز اغوا ڪرڻ آئي ھجي ته پوءِ ڇا ٿيندو! ھوءَ جھاز ھڪ پاسي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ اسان ٻئي پاسي- ڪير کٽندو؟“ پيٽرڪ اھو ٻڌي ڏاڍو کِليو، ۽ چيائين، ”خير، کَٽنداسين ته بھرحال اسان.“
    اسان انتظار ڪري رھيا ھئاسين. منٽ به ڪلاڪن جيان اينگھجي پيا ھئا. ڪوبه اسرائيلي جھاز نظر نٿي آيو. فقط ڪي. ايل. ايم جا جھاز اُتي بيٺا ھئا، ۽ انھن ۾ اسان جو ڪوبه مطلب نه ھو. جمبوجيٽ ساڍي يارھين وڳي وڃي چڪو ھو، ۽ ھاڻي ته ٻارھن لڳي رھيا ھئا. ساڳيو اسرائيلي آفيسر وري ظاھر ٿيو، ۽ وري اھا جاچ جي ترتيب ۽ تفصيل شروع ٿيا. اسانکي ڪمري جي ٻئي پاسي وڃڻ جو حڪم مليو. مون ڪوشش ڪئي ته ڪنھن به نموني منھنجي ڪاوڙ ظاھر نه ٿئي. وري ٽيون دفعو جاچ ٿي، ۽ اسان کي پنھنجي پنھنجي جاين تي ويھڻ جو حڪم مليو. ھاڻي ڏيڍ ٿي ويو ھو، ۽ جھاز جي اغوا جو سڀني ھنڌن تان ٻارھن لڳي ويھن منٽن تي ھڪ ئي وقت اعلان ٿيڻ وارو ھو. ھاڻي مون سمجھيو ته، يا ته اسرائيلين کي اسان جي منصوبي بابت خبر پئجي ويئي آھي، تنھنڪري ھو اسان کي ڪي. ايل. ايم جي جھازن ڏانھن ڌڪي رھيا آھن. يا وري ھنن اسانجا ھڪ ٻه ڪمانڊر پڪڙي ورتا آھن، ۽ ھاڻي اسان کي سوگھو ڪرڻ لاءِ آتا آھن. مون وٽ ٻه ھينڊ گرنيڊ ھئا، ۽ پيٽرڪ وٽ ٻه ھينڊ گرنيڊ ۽ ھڪ پستول ھو. مون پيٽرڪ کي چيو، ”جيڪڏھن ھنن کي خبر پئجي به وڃي ته اسان کي ھٿيار ڦٽا ڪرڻا ناھن، پر سيمسن جيان وڙھڻو آھي.“ پيٽرڪ منھنجي راءِ سان متفق ٿيو.
    ھاڻي اسان کي ھيٺ وڃڻ جو حڪم مليو. آفيسر بيٺو پاسپورٽ ۽ ٻيا ڪاغذ جاچي رھيو ھو. مون چيو، ”آفيسر، اسان ليٽ ٿي ويا آھيون.“ ”ڳڻتي نه ڪيو ميڊم، اسان به توھان جي حفاظت جو پورو پورو بندوبست ڪري رھيا آھيون.“
    اسان جھاز ڏانھن ھٿياربند فوج جي نگرانيءَ ھيٺ وياسين. مان خوش ھيس، جو اسان جي مزاحمت سبب صيھوني ايڏو پريشان ٿي ويا ھا. ائين ٿي لڳو، ڄڻ اسان دشمن کي اڳ ۾ ئي فتح ڪري ورتو ھو، جو سندن سڀئي حفاظتي ڪاروايون بيڪار ثابت ٿيون ھيون. مان جھاز ۾ چڙھيس ته ٻارھن ھٿياربند فوجي مشين گنن سان گڏ موجود ھئا. جڏھن مان ايل. اي. ون جھاز ۾ چڙھيس ته مون کي لڳو، ڄڻ 13 اپريل 48ع پوءِ مان وري حيفا ۾ ھيس. منھنجي دل شينھن ٿي ويئي ھئي. مون اڄ کان اڳ ڪڏھن به پاپولر فرنٽ جي ميمبر ھئڻ تي ايترو فخر نه ڪيو ھو. پيٽرڪ ۽ مون ٻن خالي سيٽن جي چونڊ ڪئي. اسان سڄي جھاز ۾ ٻه دفعا چڪر ھنيو، تڏھن وڃي اسان کي ٽورسٽ ڪلاس ۾، ٻي قطار ۾ ٻه خالي سيٽون مليون. جڏھن ھوسٽس اچي پڇيو ته توھان خير سان آھيو، تڏھن اِھو جملو اسان کي ڏاڍو سڪون ڏيندڙ لڳو. مان ڏاڍي خوش ھيس، ۽ پنھنجي باقي اڌ مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بيتاب. جڏھن ته پيٽرڪ ٿورو بيچين ھو، جو اڳ ۾ ئي ڏيڍ ٿي ويو ھو. پيٽرڪ مونکي شاديه جي نالي سان سڃاڻندو ھو. مون سوچيو ته، جيڪڏھن کيس پنھنجي اصليت ٻڌايان ته، سندس حوصلا اڃا به وڌي ويندا. مون کيس ٻڌايو ته واقعي ھو ڏاڍو خوش ٿيو. ھن مونکي فاتح جو سيليوٽ ڏنو. منھنجي ڀرسان ويٺل عورت کي گھيرٽ اچي ويو ھو. سڀئي مسافر ٿڪل لڳي رھيا ھئا. ھڪ لڳي 55 منٽن ڌاري اسانکي احساس ٿيو ته جھاز جي پٺيان اسان کي ڪوئي لڳاتار تاڙي رھيو آھي. مون پيٽرڪ کي چُپ ڪري ويھڻ لاءِ چيو. مون ڪنڌ ورائي انھيءَ ماڻھوءَ ڏانھن ڏٺو. ھو خانگي ڪپڙن ۾ ھو. جڏھن ھن ڏٺو، ته مان کيس ڏسي رھي آھيان، تڏھن ھن منھن کڻي ٻئي پاسي ڪيو. ان وچ ۾ پيٽرڪ ھينڊ گرنيڊ ۽ پستول تيار ڪري ورتو، ۽ مون پنھنجي ٻنھي ھينڊ گرنيڊس مان پن ڪڍي ورتيون. اسان ٻيئي فرسٽ ڪلاس مان ٿيندا، ڪاڪ پٽ ڏانھن ڀڳاسين. ھڪ ٻن مسافرن لُڏڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان رڙ ڪئي، ”پنھنجي جاءِ تان نه لُڏو.“ اسان جي سامھون ٽي اسٽيورڊ بندوقون کنيو بيٺا ھئا. مون ھڪ سيڪنڊ اندر ڳڻي ورتيون، اھي ڇھ ھيون. پر اسان اڳ ۾ ئي وڙھڻ لاءِ سوچي ڇڏيو ھو. ھڪ ھوسٽس عربيءَ ۾ رڙيون ڪندي، فرش تي ڪري پيئي. مون ڌمڪي ڏني، ته جيڪڏھن ڪنھن گولي ھلائي ته جھاز تباھ ڪري ڇڏينديس. مون پنھنجا ٻئي ھينڊ گرنيڊ ڏيکاريا ۽ انھن جون سيفٽي پنون ھيٺ ڦِٽي ڪري ڇڏيم. پيٽرڪ ھٿياربند اسٽيورڊس ۽ مسافرن کي مون کان پري بيھاري ڇڏيو، ۽ مون کي چيو، ”تون اڳتي وڃ، پويان مان پاڻيھي منھن ڏيندس.“ مون ھوسٽس کي بيھاري، پنھنجي اڳيان ھلڻ جو حڪم ڏنو. جيئن ئي ھن در کوليو، ھو عجيب چريائپ جھڙي حالت ۾ اندر ويئي. مان نه ڪيپٽن کي ڏسي ٿي سگھيس، ۽ نه ٻئي عملي کي. ڪيپٽن جي ڪمري کان اڳ اڃا ھڪ در ھو. اسان ٻنھي در کڙڪايو. ڪنھن به در نه کوليو. مون ڏٺو ته ڪو ماڻھو اسان کي لِڪل سوارخ مان ڏسي رھيو ھو. مون گرنيڊ ڏيکاريندي در کولڻ لاءِ چيو، پر ھاڻي گولين ھلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. جھاز لوڏا کائي رھيو ھو.
    مونتي ڪيترن ئي ماڻھن ھڪ وقت ڪاھ ڪئي. مونکي لڳو، ڄڻ جھاز ڪري رھيو ھجي. گوليون لڳاتار ھلي رھيون ھيون. ھاڻي اوچتو مونتي بگھڙن جو حملو ٿيو، جنھن ۾ مسافر ۽ ايل. اي. ون جا ماڻھو ٻيئي شامل ھئا. ڪنھن رڙ ڪري چيو، ”ھن کي نه ماريو، ھن وٽ ٻه ھينڊ گرنيڊ آھن.“ ھاڻي ڪنھن به مونتي گولي نه ھلائي، پر ڪي لتون ھڻي رھيا ھئا، ته ڪي مُڪون. ڪي منھجي مٿان لنگھي ويا. ٻن منھنجا ھٿ جھلي ورتا ھئا، ۽ مون کان ھينڊ گرنيڊ ڦُرڻ ٿي گھريائون. ھڪ ته مون کان گرنيڊ ڦرڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويو. ٻيو مان پنھنجي سڄي طاقت سان سوگھو جھلي رکيو ھو، جو نيٺ مان بيھوش ٿي ويس.....
    اڃا مونکي اھا ڄاڻ نه ھئي ته پيٽرڪ سان ڇا پيو وھي. مونکي ڇڪي فرسٽ ڪلاس ڪمپارٽمينٽ ۾ آندو ويو، جتي پيٽرڪ زخمي ٿيو پيو ھو، ۽ سندس ساھ به اٽڪي رھيو ھو. صيھوني ڇتن ڪتن جيان گھمي رھيا ھئا. ھو منھنجي جسم جي ھر حصي کي چيٿاڙڻ لڳا. ان وقت پيٽرڪ به اھڙي خراب حالت ۾ ھو جو مزاحمت نٿي ڪري سگھيو. مان پڃري ۾ قيد شينھن جيان وڙھي رھي ھيس، ۽ ان وقت تائين وڙھندي رھيس، جيسين اڌ مُئي ٿي ويس. پوءِ ھڪ ظالم بگھڙ اڳتي وڌيو. ھن زور سان منھنجي وارن کي سَٽ ڏني، ۽ مونکي ڪُتِي چيو، ۽ ھن ھر قسم جون گاريون ڏنيون..... مون سندس ھٿ کي چَڪ ھنيو. ھن ۽ سندس چوڌاري بيٺل ماڻھن مونکي ڏاڍو ماريو.
    جھاز دستور موجب ھلي رھيو ھو. باقي مسافر پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ويٺا ھئا. ھڪدم ڪاڪ پٽ مان ھڪ اسرائيلي گارڊ نڪتو، ۽ پيٽرڪ کي سڌو ڪري، کيس ٻَڌڻ لڳو. ڪنھن پڇيو، ”ھوءَ ڪيئن آھي؟“
    ”اسان کي خبر ناھي..... ھوءَ..... پر پڪ ناھي..... ھوءَ ٽي حصا مري ويئي آھي.“ اھو ماڻھو پيٽرڪ جي سَٿرن تي بيٺو ھو، ۽ پيٽرڪ سخت تڪليف مان بي قابو ٿي مون ڏانھن ڏٺو. سندس ھٿ به چيلھ سان ٻڌل ھئا. ھاڻي صيھوني گارڊ پيٽرڪ جي چيلھ تي چار گوليون ھنيون. ڪنھن جھاز مان پٺيان رڙ ڪئي، ”ھاڻي اھو گھمسان بند ڪيو.“ پيٽرڪ مون ڏانھن موت ۾ ويڙھيل مُرڪ سان ڏٺو، ۽ سدائين لاءِ چپ ٿي ويو.
    ھاڻي منھنجو وارو ھو. مونکي به ساڳئي نموني ٻَڌو ويو. ھٿ پوئتي، ۽ چيلھ ۽ ٽَنگون تارن سان جڪڙيل. مون به پيٽرڪ جيان شھيدن جي صف ۾ شامل ٿيڻ جي خواھش ظاھر ڪئي، پر صيھونين مون کي نه ماريو. مونکي يقين آھي ته ھو پويان ايندڙ رحم جي آوازن کان متاثر نه ٿيا ھئا، پر ھنن ته مونکي اسرائيل جي زو (چڙيا گھر) ۾ نموني طور رکي، پنھنجي بھادريءَ جا قصا عام ڪرڻ ٿي گھريا. ھنن مون کان گھڻو ڪجھ سچي ڪرائڻ جي شوق ۾، مونکي جيئرو رکڻ ٿي گھريو. ھو مون کي جيئن ئي ٻَڌي واندا ٿيا، پائلٽ اعلان ڪيو، ’اسان تل ابيب وڃي رھيا آھيون.‘ ڪجھ گھڙين کانپوءِ جھاز ھيٺ آيو. ھاڻي اسان جي ھيٺان ڌرتي ھئي. جھاز جيئن ئي ڌرتيءَ تي آيو، مان سيٽ کان ھيٺ ڪري پيس، ۽ گارڊ مونکي گھليندو، گاريون ڏيندو ۽ ماريندو ٿي ويو. مسافر لھي چڪا ھئا. مون کي ٻاھر ايمبولينس جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. يونيفارم پھريل ٻه آفيسر نظر آيا. مون کي خبر نه ھئي ته اسان ڪٿي ھئاسين. ھڪ ٻيو آفيسر فرسٽ ڪلاس ۾ انھيءَ ھنڌ آيو، جتي مان ڪريل ھئس. ھن مون کي سڌو ڪرڻ لاءِ چيو. اسرائيلي آفيسر رڙ ڪئي، ”ھيءَ اسانجي قيدي آھي، ان ڪري وڃو. ھيءَ اسانجي اسرائيل جي ملڪيت آھي.“ ھاڻي اسرائيلي پائلٽ ٻن برطانوي آفيسرن سان ڪاڪ پٽ مان ٻاھر آيو. ھن منھنجي ھيٺئين ڌڙ تي ٻه لتون ھنيون ۽ گارين جو وسڪارو لائي ڏنائين. ايتريون گاريون، جو برطانوي آفيسرن کيس ڪاوڙ مان پري ڪندي چيو ”شرم ڪر.“ ھاڻي ٻيا به برطانوي آفيسر اندر آيا. خبر پئي ته ھي سڀ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جا ھئا. ڪيپٽن چيو، ”کڏ ۾ پئو توھان ۽ توھان جي حڪومت، ھي منھنجي قيدي آھي، توھان نڪري وڃو جھاز مان.“ برطانوي آفيسر مونکي سوگھو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽن اسرائيلين زخمي ٽَنگن جي باوجود مونکي ھڪ پاسي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي. برطانوي آفيسرن منھنجو ھٿ ٻئي پاسي ڇڪڻ گھريو. عجب ڇڪتاڻ ھئي، نيٺ برطانوي کَٽي ويا. ھڪ برطانويءَ مون کي ڪُلھي تي کنيو، ۽ ھيٺ بيٺل ٻن برطانوين جي ھٿن تي ڦِٽي ڪيائين. ھاڻي مان برطانوي ھٿن ۾ ھئس. مونکي خبر ھئي ته ھاڻي مان تل ابيب کان وڌيڪ محفوظ ھئس.
    برطانوي آفيسرن مونکي ۽ پيٽرڪ کي ھڪ ايمبولنس ۾ وڌو. مونکي اڻ لکي اميد ھئي ته شايد پيٽرڪ اڃا جيئرو ھجي. ڪجھ منٽن کان پوءِ نرس ھڪ آفيسر جي ڪَن ۾ ڪجھ چيو، جيڪو مان ٻڌي نه سگھيس. پوءِ ھن پيٽرڪ جي منھن تان آڪسيجن ماسڪ لاھي ڇڏيو، ۽ مونکي پڪ ٿي ته پيٽرڪ مري ويو آھي. مون برطانوي آفسرن کي ھٿ، پير کولڻ جي اپيل ڪئي. ھنن مون کي انھيءَ شرط تي کوليو، ته مان خاموش رھنديس. مان پيٽرڪ جي جسم جي ڀرسان بيٺيس، سندس ھٿ جھليم، سندس زخم ڳڻيم، ۽ ھڪ ڪامريڊ جيان مون سندس چپ چميا، ۽ روئي پيس. ”پيٽرڪ! انقلابي محبت ۾ ھاڻي ’چي‘ جو ساٿي ٿي ويو آھين. تون ڪمزورن ۽ مظلومن لاءِ روحاني رھبر آھين. فلسطيني پنھنجي دلين ۾ تنھنجو مقبرو اڏيندا، ۽ فلسطين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ تو جھڙن بي غرض انسانن کي پنھنجو اڳواڻ سمجھندا.“
    20 منٽن جي اندر اسانجي ايمبولنس ھلنگٽن اسپتال پھچي ويئي. پيٽرڪ آرگيولو، عمر 27 سال. شھري نڪارا گوا، جنم سان فرانسسڪو (آمريڪا)، ٽن ٻارن جو پيءُ، مئل قرار ڏنو ويو. اھو شخص، جنھن دنيا جي وچ ۾ وڃي ھڪ خطرناڪ مشن کي تڪميل تي پھچائڻ جو خواب ڏٺو ھو. پيٽرڪ انقلابي ڪميونسٽ ھو. ھن جو بمباريءَ وارو عمل بين الاقوامي برادريءَ لاءِ ھو. زندگيءَ جو اُھو ڀنڀٽ ٿڌو ٿي چڪو ھو، جنھن دنيا کي پل لاءِ روشني ڏيکاري. ھن فلسطين جي جدوجھد جي رستي کي روشن ڪيو ھو.
    ھلنگٽن اسپتال ۾ منھنجو جنرل چيڪ اپ ٿيو، ۽ ايڪس ري ورتا ويا. منھنجي اوسي پاسي ماڻھن جا ميڙ ھئا، جن جو نه ميڊيڪل سائنس سان لاڳاپو ھو، ۽ نه اسپتال سان. ڊاڪٽر مونکي ظاھري طور تندرست سڏيو. جيتوڻيڪ منھنجي لونءَ لونءَ ۾ درد ھو. مون کان ھڪ عورت، جيڪا بھرحال نرس نه ھئي، پڇيو ته مان ڪير آھيان. مون چيو، ”مان آزاد فلسطين لاءِ پاپولر فرنٽ جي ڪمانڊو آھيان.“ ھڪ ٻيو آواز آيو. ”اھو ڪوئي نالو ناھي.“ چيم، ”اھو منھنجو نالو آھي. مان وڌيڪ ڪجھ به ڳالھائڻ نٿي گھران.“ منھنجي اوسي پاسي ماڻھو ئي ماڻھو ھئا، جن مون کان بيان وٺڻ ٿي گھريو. ايتري ۾ ھڪ ڄاتل صحافيءَ جو چھرو اڀريو، پر مان کيس قطعي نه سڃاڻي سگھيس. ھن شايد منھنجو آواز سڃاڻي ورتو ھو. ھن چيو، ھيءَ ليليٰ آھي.“ پوليس آفيسر چيو، ”ڪير ليليٰ؟“
    ”اھائي ليليٰ خالد، جنھن ٽي. ڊبليو. اي. 840 جھاز اغوا ڪيو ھو.“ صحافيءَ جواب ڏنو.
    ”ڇا توکي يقين آھي؟“ پوليس آفيسر پڇيو.
    ھا، پختو يقين.“ صحافيءَ چيو.
    ھاڻي پوليس آفيسر منھنجي ڀرسان آيو، ۽ چيائين، ”ڇا تنھنجو نالو ليليٰ آھي؟“
    مان مُرڪيس، پر ڪوبه تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيم. مون کي اولھ ڊرينٽون اسٽيشن آندو ويو. اتي مون رات گذاري. پوليس مون کان سچي ڪرائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر مون ھر دفعي اھوئي جواب ڏنو، نه مان فلسطين جي آزاديءَ لاءِ پاپولر فرنٽ جي ڪمانڊو آھيان. منھنجو اھو جواب ان وقت تائين ھو، جيسين ھو مونکي ڪمانڊو تسليم ڪري، جنگي قيديءَ واريون سھولتون ڏين. اولھ ڊرينٽون ۾ فقط ھڪ اڻ وڻندڙ واقعو ٿيو. جڏھن اميگريشن آفيسر ڪاغذن جو ھڪ ٿھو کڻي آيو، ۽ مونکي ھدايتون ڏيڻ لڳو، ۽ چيائين ته انگلينڊ ۾ قانوني داخلا نٿي ٿي سگھي. مون چيو، ”جيڪڏھن ائين آھي ته پوءِ مونکي آزاد ڪيو.“ ھن چيو، ”اِھو نٿو ٿي سگھي.“ ھن مون کان انھن ڪاغذن تي صحيح وٺڻ ٿي گھري. ۽ جڏھن مون کي برطانوي غدارن جھڙن نالن سان سڏيائين، تڏھن مون ھن کي ٻاھر نڪري وڃڻ لاءِ چيو.
    پھريون ٻه راتيون ڏاڍيون خوفناڪ ھيون. مونکي اردن جي واقعن جي باري ۾ ڏاڍي ڳڻتي ھئي، ٻيو ته جھازن جي اغوا بابت به ڪا خبر نه پيئي ھئي. منھنجي حالت خراب ھئي. جو اڳ ۾ ته مان ايل. اي. ون جھاز اغوا ڪرڻ ۾ ناڪام رھي ھيس، ٻيو ته پيٽرڪ جي موت مون کي اڌ مُئو ڪري ڇڏيو ھو. اھي ٻئي خيال ھر وقت منھنجي مٿان حاوي ھئا. مان ڪلاڪ اڌ به آرام سان سمھي نٿي سگھيس. مونکي لڳي رھيو ھو، ڄڻ مان ھڪ جدوجھد ۾ مصروف آھيان. مان اڪيلي ھيس. پاڻ سان وڙھي وڙھي بي حال ٿي پيئي ھيس. جيڪي عورتون ھر گھڙيءَ مون سان گڏ ھونديون ھيون، مان انھن کي ڪجھ نه چوندي ھيس. ھنن سان منھنجو ھڪ ئي جملي جو رستو ھو، ”وقت گھڻو ٿيو آھي؟“ پنھنجي بوريت ختم ڪرڻ، ۽ ھنن سان سڃاڻپ پيدا ڪرڻ لاءِ مان اھو جملو ڪيترائي دفعا ورجائيندي ھيس. ھڪ ڏينھن ھڪ گارڊ مونکي ڪاوڙ ڏياري ڇڏي. ھن چيو، ”آخر تو اِھو ڇو ڪيو؟ اھو ته جناتي ڪم ھو.“ ۽ مونکي سمجھ ۾ نٿي آيو ته آخر مان ھن کي ڇا سمجھايان، بھرحال. ھوءَ مون سان ڏاڍو مھربانيءَ سان پيش ايندي ھئي. ۽ جڏھن مون کي پوليس اتان ايلنگ وٺي ويئي، ھن مون کي ڏاڍو پيار ڪيو، ۽ اتان وڃڻ مھل ھن ڪمبل ويڙھايو، ۽ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيائين.


    (4)

    مون کي ايلنگ پوليس اسٽيشن 7- سيپٽمبر تي آندو ويو. ھتي به مون کي ھڪ ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ويو. ٻن آفيسرن عورتن جي منھنجي مٿان ڊيوٽي ھنئي ويئي. اڳ ۾ ٻئي منھنجي خلاف ٿي لڳيون. اسان جو پاڻ ۾ تڪرار به ٿيو. مون ماني کائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. مون فقط سگريٽ يا ڪافي پيتي. مون اخبارون گھريون ته ھن چيو، مون کي فقط عورتن جي اخبار ملي سگھي ٿي. پر مون انڪار ڪيو.
    8- سيپٽمبر تي منھنجي ملاقات سپرنٽنڊنٽ فرو پوليس ۽ انسپيڪٽر ليڊ لاس سان ٿي. مون کين به چيو ته، مان انھيءَ وقت ڳالھائينديس، جڏھن ھو مونکي ڪمانڊو تسليم ڪندا. ھنن منھنجي ڳالھ انھيءَ شرط تي مڃي، ته مان جيڪي ڳالھائينديس، سچ ڳالھائينديس.
    فرو مون کان پڇيو، ”تنھنجو نالو ڇاھي؟“
    ”ليليٰ خالد.“ مون چيو.
    ”تون ڪوڙ ٿي ڳالھائين.“ ھن ڪاوڙ مان چيو.
    ”تڏھن منھنجو نالو ڇاھي؟“ مون پڇيو.
    ”اھا خبر مون کي ڪانھي، پر خالد جڙتو نالو آھي.“
    ”منھنجو جڙتو نالو شاديه ابو غزاله آھي. شاديه اسان جي ڏاڍي دلير ۽ ويڙھاڪ عورت ھئي.....“
    فرو منھنجي ڳالھ ڪٽيندي چيو، ”مھرباني ڪري ڳالھ نه ڦيراءِ. سڌا سنوان جواب ڏي.“ ھاڻي ھن مون کي ھڪ پستول ڏيکاريو، ۽ ان جي سڃاڻپ لاءِ چيو.
    مون چيو، ”اھو پستول انھن پستولن مان ھڪ آھي، جيڪي اسرائيلي پائلٽ منھنجي منھن تي ھنيا ھئا.“ وري ھن مون کي ھڪ ٻيو پستول ڏيکاريو، پر مون نه سڃاتو. پوءِ مونکي خبر پيئي ته اھو پستول پيٽرڪ جو ھو. پر فرو منھنجي ڳالھ تي يقين نه ڪيو، ۽ ٻيو سوال ڪندي، ھينڊ گرنيڊ ڏيکاريندي چيائين، ”ھي عجيب، غريب شيون تو وٽ آيون ڪٿان؟“ مون اعتماد سان چيو، ”ھي مونکي پي. ايف. پاران مليون آھن. ھي حيرانيءَ مان ورجايو. ”ھي پاسپورٽ توکي ڪنھن ڏنو ھو؟“ ”پي. ايف.“ مون چيو. ”تون جھاز کي ڪيڏانھن وٺي وڃڻ ٿي گھريو؟“ ”ڪيڏانھن به..... ڪيڏانھن به....“ مان جواب گول ڪري ويس. ”ڀلا ھي عبد الرحيم جبار ڪير آھي؟“
    ھاڻي مون سوچيو ته ھڪ ننڍڙي تقرير ٿي وڃي، تڏھن وڃي ھمراھ صبر ڪندو. ”جبار ھڪ فلسطيني ھيرو آھي. ھي خفيه سرگرمين جو ڪمانڊو آھي- جنھن جو عمل دشمنن جي دل جو دھڪو وڌائي ڇڏيندو آھي. ھن اسرائيل جي سڀني شھرن ۾ ھراس ڦھلائي ڇڏيو ھو. 21- سيپٽمبر 68ع تي ھو انھيءَ گھڙيءَ تائين وڙھيو، جيسين ھن جو سمورو سامان ختم نه ٿي ويو. ھن دشمن کي ان وقت تائين مصروف رکيو، جيسين سمورا ڪامريڊ آمريڪي ھيليڪاپٽر ھئڻ جي باوجود نڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ويا. ھو فلسطيني ھارين جو اڳواڻ ھو، ۽ انھن جي ذريعي انقلاب ڦھلائڻ ٿي گھريائين. سندس سڀ کان دليريءَ وارو قدم جنرل شريف ناصر کي چيلينج ھو. جنرل شريف ناصر، شاھ حسين جو چاچو ھو. ھو اردني پلاٽون کي خطاب ڪري رھيو ھو. اھا رجعت پسند پلاٽون يمن موڪلي ٿي ويئي، جيئن انقلاب دشمن قوتن کي گڏ ڪري، لئل امام کي وري حڪومت جي تخت تي ويھارجي. جبار اٿي، شريف ناصر کي چيو، ”بجاءِ اسانکي يمن موڪلڻ جي، ۽ وري يمن ريڊيڪل ۽ يو- اي- آر جي فوج سان ويڙائڻ جي، اسان کي تل ابيب ڇو نه ٿو موڪليو وڃي، جو اسان اسرائيلين کي ختم ڪري ڇڏيون.“ شريف ناصر جو ھٿ بندوق تي تڪڙو پھچندو ھو، پر ھن ڏٺو ته اڃا ھن ڪوشش ڪئي، ته جبار بندوق ھٿ ۾ کڻي ورتي ھئي. جبار کي لاٿو ويو، پر ھن پاڻ لاءِ عزت پيدا ڪئي. دشمن چئن مھينن تائين ھن کي اذيتون ڏنيون، ته ھو معافي گھري، پر ھن معافي نه گھري. مان توھان کي ٻڌائڻ ٿي گھران ته، مان به ساڳئي مٽيءَ مان ٺھيل آھيان. ھاڻي توھان کي شايد سمجھ ۾ اچي ويو ھوندو ته، اسان جو يونٽ ”عبدالرحيم ڪمانڊو يونٽ ڇو ٿو سڏائي.“
    برطانوي آفيسر سڄو قصو غير جذباتي اندازسان ٻڌو. مون جڏھن ڳالھ ختم ڪئي، فرو وري سوال شروع ڪري ڏنا، ”ھي نوٽ..... جيڪو توھان لکيو آھي..... شاديه ۽ سندس ساٿي..... اھي توھان جا ساٿي ڪير آھن؟“
    ”ڪير ساٿي؟“ مون به ساڳئي لھجي ۾ چيو. ٿورو ترسي وري چيم، ”ممڪن آھي، جھاز ۾ ٻيا به ھجن، جن کي مان نه سڃاڻندي ھجان. ڇو؟ توھان انھن مان ڪنھن کي سوگھو ڪيو آھي ڇا؟“ مون معصوميت سان پڇيو. فرو ھاڻي ڪاوڙ مان چيو، ”مس خالدہ! منھنجا وار اڇا ٿي ويا آھن.“
    ”اھي منھنجي ڪري نه، پر ان ڪري ته توھان جي زال جھيڙيڪار آھي.“ مون ڳالھ ڪٽيندي چيو، تنھن تي ھو مُرڪيو، ۽ چيائين، ”تون ذھين عورت آھين.“
    ”مونکي اھڙي تعريف جي ضرورت ڪانھي.“ مون ڪاوڙ مان منھن گھنجائيندي چيو. بھرحال، اھو زباني فساد گھڻي دير ھليو. مون ڏاڍي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو، ۽ ٽنھي کي ٻڌايم ته، مان فلسطيني عرب عورت آھيان، ۽ توھان جھڙن فاشي سوئرن کان تعريف ٻڌڻ نٿي گھران، جن مونکي قيد ڪيو آھي.
    ھاڻي فرو پنھنجا ڪاغذ اٿلائيندي پٿلائيندي چيو، ”ته سائين اھو ٻڌايو ته، نيٺ عرب فلسطيني عورت، انھيءَ جھاز کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي، جنھن ۾ فلسطيني عرب ۽ سوار ھئا!“
    مون سندس ڳالھ تي ڪاوڙ نه ڪئي. چيم، ”اوھ! فيصلو ته توھان ڪري ڇڏيو آھي ته مونکي مجرم ثابت ڪرڻو آھي، پوءِ مون ڏوھ ڪيو ھجي يا نه.“
    ”سڀني شاھدن جو چوڻ آھي ته، تو جھاز تباھ ڪرڻ گھريو ھو.“
    ”اھي سڀئي ڪوڙا! ٺڳ ۽ صيھوني آھن.“ مون چيو، ”توھان جاچ ڪيو. سچ پڌرو ٿي پوندو.“
    ھن سوال کي ھڪدم رد ڪندي چيو، ”مس خالدہ! ڇا تون سمجھين ته تون بزدل آھين.“
    ڏسو..... مونکي جھاز اغوا ڪرڻ جو حڪم مليو ھو، تباھ ڪرڻ جو نه. مونکي انسانن سان پيار آھي. جيڪڏھن مان جھاز کي تباھ ڪرڻ گھران ھا ته، اتي روڪڻ وارو ڪوبه نه ھو.
    ”تون جھاز ۾ ڪٿان چڙھينءَ- تل ابيب کان؟“
    ”مان ايمسٽرڊم مان شيبول ايئرپورٽ تان چڙھي ھيس.“
    ”ھاڻي تنھنجي ذھن ۾ ٻيو ڪيترو جھازن جو اغوا آھي.“
    ”ڪوبه نه!“
    ”ھاڻي ٻيا به ٿي ويا آھن.“
    مان اھو ٻڌي حيران ۽ خوش ٿيس.
    ”اسرائيلين توکي واپس گھريو آھي.“ ھن چيو.
    ”واپس گھرڻ جو ڇا مطلب آھي؟“
    ”مطلب اھو ته تون سندن ڏوھي آھين، ھو توکي سزا ڏيڻ ٿا گھرن.“
    ”خير! مسٽر فرو! شايد توھان اسرائيل جي اذيت گھرن کان واقف ھجو. سندن جسماني تڪليف جا طريقا، ۽ ٻيا ظلم. مونکي سڀ خبر آھي. دل ٿي چاھي، ٻين کي ان جي خبر پوي. مونکي يقين آھي ته مان صيھوني اذيت کان تنگ ٿي آڻ نه مڃينديس.“
    ”تون واقعي ذھين ڇوڪري آھين.“ فرو وري چيو.
    ”مون چيو نه، مان توھان جھڙن جي تعريف ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيان. مونکي ھڪ سگريٽ ۽ پاڻي ڏيو.“ مون چرچي طور چيو.
    انھيءَ ٿوري چڱي ماحول ۾، مون آفيسرن کي چيو، ”مون برطانيه خلاف ڪوبه ڏوھ ناھي ڪيو. مونکي خبر ناھي ته مون کي جيل ۾ ڇو رکيو ويو آھي.“
    ھنن چيو ، ”اھا خبر ته کين به ناھي.“
    مون پڇيو، ”ڇا ڪو اسرائيلي به جيل ۾ آھي؟“
    ”نه.“ ھنن چيو.
    ”ڇونه؟ ھنن منھنجي ڪامريڊ کي بيدرديءَ سان ماريو آھي.“
    ”تنھنجو ساٿي وڙھندي ماريو ويو آھي. سرڪاري بيان آھي ته سندس موت ضرورت سبب ٿيو آھي.“
    ”شرم ڪن برطانوي عدالتون...... اھي تعصب واري شاھديءَ جي بنياد تي اھڙا فيصلا ڪري ڇڏينديون آھن. ۽ اھو فيصلو جنھن ۾ مون کان پڇا ڳاڇا لازمي ھئي، مون کان سواءِ ڪيئن ٿي ويو؟“ مون رڙ ڪئي، ”تل ابيب کان واشنگٽن تائين ھڪ نموني جون تارون ٿيون لُڏن، اھو برطانوي انصاف آھي!“
    مونکي ايڏي ڪاوڙ ۾ ڏسي، منھنجي سيل ۾ آندو ويو. انھيءَ شام منھنجي مٿي ۾ ڏاڍو سور ھو. گارڊ مونکي غور سان ڏٺو، جو مان بيچينيءَ ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن گھمي رھي ھيس.
    9- سيپٽمبر تي مسٽر فرو وري مون سان مليو. ھن مون کان پڇيو ته، مان ڪھڙي ملڪ وڃڻ پسند ڪنديس. مون چيو، ”پنھنجي وطن فلسطين.“ مون اھو اصرار به ڪيو ته مونکي ھڪدم آزاد ڪيو وڃي. مون پنھنجي آزاديءَ لاءِ دير ۾ کين، سندن حق ۾ خراب سڏيندي نتيجن جي ذميواري سندن مٿان مڙھي. انھيءَ ڏينھن ئي بي. او. اي. وي سي جھاز اغوا ٿيو. مونکي پنھنجي آزاديءَ جو يقين ٿي ويو. مسٽر فرو شام جو مون وٽ آيو، ۽ چيائين، ”توکي خبر ته ھوندي ته ھي ڇا ٿي رھيو آھي.“ مون چيو، ”فرنٽ کي خبر آھي ته ھو ڇا ڪري رھيو آھي. مونکي برطانوي عدالت جي ڪارنھن جي ضرورت ناھي، جو ان جي سفارش تي منھنجي قسمت جو فيصلو ٿئي.“
    10- سيپٽمبر تي مونکي پيٽرڪ ڏاڍو ياد آيو. مان پنھنجا لُڙڪ روڪي نه سگھيس، ۽ ڪجھ به کائي نه سگھيس، جو پيٽرڪ ته بک تي مري ويو ھو. ماني کائيندي روز مونکي اھا ڳالھ ياد ايندي ھئي. ميٽرن مونکي دلاسو ڏيندي ھئي. ھوءَ ھڪ نرم دل ۽ نيڪ عورت ھئي. ھوءَ مونکي نصيحتون به ڪندي ھئي، پر ڪاوڙ ۽ اداسيءَ جي جذبن کي دلاسي جي لفظن سان ڪھڙو سڪون ٿي ملي سگھيو! پر مان انھيءَ ڳالھ تي خوش ھيس ته، بي. او. اي. سي. جو جھاز اغوا ڪري، پي. ايف مسافرن جي بدلي ۾ منھنجي گھر ڪئي ھئي. مسٽر فرو مون وٽ آيو، ۽ پيٽرڪ جي پاسپورٽ بابت پڇندي چيائين، ”ليليٰ تنھنجو پارٽنر ڪير ھو؟“ ھاڻي مسٽر فرو دَر بند ڪري ڇڏيو ھو.
    ”منھنجو نالو ليليٰ نه، پر مس ليليٰ خالد ڪمانڊو پاپولر فرنٽ آھي. ھاڻي توھان سمجھيو مسٽر فرو.“ ھو اڃا منھنجي انھيءَ رويي تي حيران ھو، جو مون وڌيڪ چيو، ”توھان جي پنھنجي قانون مطابق توھان کي ھتي ڪنھن عورت ساٿيءَ کان سواءِ اچڻ جي اجازت ناھي- ۽ ھا، مونکي برطانوي انصاف آڏو ڪڏھن ٿو پيش ڪيو وڃي؟“
    ھاڻي ته ڏاڍو پريشان ٿي ويو، ۽ ڀڻڪندو، پوئتي مڙيو ۽ در کوليندي ندامت سان پڇيائين، ”مان تنھنجي ڪنھن ڪم اچي سگھان ٿو.“
    چيم، ”ھا، مان پنھنجي ڪمانڊو لاءِ سوئٽر اُڻڻ چاھيان ٿي. مھرباني ڪري توھان مونکي اُنَ ۽ سوئا آڻي ڏيو.“
    ھن وعدو ڪيو. پر ٻڌايائين ته قانون اھڙي اجازت نٿو ڏئي. مون ڪاغذ ۽ پينسل گھري. ھن مونکي ٻه انچ ڊگھي پينسل ڏني. جيتوڻيڪ مونکي جھوٽا ٿي آيا، ۽ ڏندن ۾ سور به ھو، پوءِ به مون پيٽرڪ جي ياد ۾ ھڪ نوٽ لکيو:
    ”اڄ کان چار ڏينھن اڳ اسان پنھنجي غيرفاني سفر تي روانا ٿيا ھئاسين. تنھنجو روح منھنجي اندر کي اميدن سان ڀري ٿو ڇڏي ته اسان جنھن سفر تي نڪتا ھئاسين، اھو انصاف ۽ عزت جي قدرن تي مبني ھو. تو اُنھن ماڻھن لاءِ سِرُ ڏنو، جن کي تون نه سڃاڻندو ھئين. جيتوڻيڪ مان توکي نه سڃاڻندي ھيس، پر مان توکي پنھنجي زندگيءَ جي ھر ڄاتل شخص کان وڌيڪ سڃاڻان ٿي. مونکي سدائين انھن ماڻھن سان عقيدت رھي آھي، جن پنھنجي ذات کان وڌيڪ ٻين سان پيار ڪيو آھي. مان توکي پنھنجي علم مطابق ھر سورمي ۽ پنھنجي جذبن جي حوالي سان ھر خواب کان وڌيڪ سڃاڻان ٿي، مون سدائين انھن ماڻھن جي پوڄا ڪئي آھي، جن آزاديءَ خاطر سِرَ ڏنا آھن، ۽ روشنيءَ، زندگيءَ تي ترقيءَ جي دشمنن کي للڪاريو آھي. تو فلسطين لاءِ موت قبولي، اسانجي مظلوميت جي مرڪزيت حاصل ڪري ورتي آھي. تنھنجو روح اسان کان مظلوميت ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري رھيو آھي. تون اسان جي جدوجھد ۾ شامل ٿي، اسان کي بين الاقوامي ڀائپيءَ جو سبق ڏنو آھي، ۽ لاطيني آمريڪا ۽ فلسطين جي عوام کي ھڪ سَڳي ۾ سوگھو ڪيو آھي. تو پنھنجو خون وھائي تاريخ لکي. تو پنھنجي سدا حيات روح سان کَنڊن کي مِلائي ڇڏيو آھي. تو سدا حيات زندگي حاصل ڪري، ديوتائن جو درجو حاصل ڪري ورتو آھي. تون ھڪ ئي وقت ليفيٽ، بائرن، فارمن بيٿون، چي گويرا، پيٽرڪ آگيوليو ۽ فلسطيني انقلابي آھين. تون مئو ناھين، تون زندھ آھين. تون سدائين زندھ رھندين، تون فلسطيني انقلاب جو روحاني رھبر آھين.
    ليليٰ“
    11- سيپٽمبر جي ڏينھن جي شروعات ھينڊراس جي سفير اچڻ سان ٿي. وڏين وڏين مڇن وارو، ڪنھن وڏي زميندار جھڙو. مسٽر فرو سندس تعارف ڪرائيندي، ”ھز ايڪسيلنسي ڪائونسل آف ھينڊراس.“ ھن پڇيو، ”تو وٽ ھينڊراس جو پاسپورٽ ڪٿان آيو؟“
    ”ڇا پاپولر فرنٽ توھان کي جڙتو بنانا جو سفير ڪري موڪليو آھي؟“ مون نفرت مان چيو.
    ھز ايڪسيلينسي ته اِھو ٻڌي سڙي ويو، ۽ توائيءَ مان موٽي ويو. سرڪاري عملدارن لاءِ اھا ڳالھ ڪيڏي نه افسوس جھڙي ھئي، ته ھڪ لاطيني ڪائونسل تي ھڪ نامعلوم ھائي جيڪر فلسطيني چٿر ڪري رھي ھئي. ڏاڍي بي عزتي ۽ ڪاوڙ جھڙي ڳالھ ھئي. مون مسٽر فرو کي ياد ڏياريو ته ھن اُن ۽ سُوئن جو وعدو نه پاڙيو آھي. ھن مونکي سمجھائيندي چيو، ”توکي ڪابه تيز چُھنب واري شيءِ رکڻ جي اجازت ناھي.“ اصل ۾ اِھا ڳالھ چوندي، ھن اھو معلوم ڪرڻ ٿي گھريو، جيڪڏھن توکي آزاد نه ڪيو ويو، ته ڇا ھو واقعي مسافرن سوڌو جھاز تباھ ڪري ڇڏيندا. مون بنا ھٻڪ جي چيو، ”ھا بلڪل.“
    ”ڇا توھان ۾ انسانيت بلڪل ڪانھي! ڪجھ شرم ڪريو.“
    ھاڻي مون به رڙ ڪئي، ”جيڪڏھن توھان ۾ ٿورو به شرم آھي ته، پنھنجي لغت مان اِھو لفظ ڪڍي ڇڏيو.“ ھاڻي مان صيھونيت، سامراجيت ۽ برطانوي وحشت تي ڳالھائڻ شروع ڪيو، پر مسٽر فرو مون کي لاجواب ڪندي چيو، ”مھرباني ڪري تقرير ختم ڪيو ليليٰ خالد! اسان جي حڪومت آھي ئي سامراجي.“ مون کي حيرت لڳي، مون محافظن کان پڇيو ته مسٽر فرو حڪومت جي حمايت ڇونه ڪئي. ھنن مون کي ٻڌايو ته، ايلنگ ۾ ليبر پارٽيءَ جا اھڙا گھڻا ميمبر آھن، جيڪي قدامت پرست حڪومت جي حق ۾ ناھن.
    12 سيپٽمبر تي جڏھن مون اِھو ٻڌو ته سامراجين جا جھاز تباھ ڪيا ويا آھن ته، مون به پنھنجو رويو بدلايو. انھيءَ زماني ۾ برطانيه ۾ طرحين طرحين ھڙتالون ٿي رھيون ھيون. مون سوچيو ته منھنجا محافظ به پنھنجي ساٿين جي حق ۾ ھڙتال ڪن. مان جنھن مھل کين بغاوت لاءِ اڀاري رھي ھيس، مسٽر فرو اندر اچي ويو. اندر اچڻ شرط ھن ٿڌو ساھ کڻي چيو، ”آخر تون ڪرڻ ڇا ٿي چاھين؟“ مون چيو، ”ھنن قيدين کي آزاد ٿيڻ گھرجي.“ ”ڪھڙا قيدي؟“ ھن حيران ٿي پڇيو. مون محافظن ڏانھن اشارو ڪري چيو، ”ھي جيڪي صبح شام ڪم کي لڳا پيا آھن.“
    ”چڱو، ھن دفعي تنھنجي جيت آھي. ڏسان تون ڇا ٿي ڪرين.“ مسٽر فرو شفقت سان چيو، ۽ پنھنجا فائيل چيڪ ڪرڻ لڳو. مون ڳالھائڻ شروع ڪيو، ”مونکي خبر آھي ته داخلا واري وزارت برطانوي قانون جي خلاف ورزي ڪري رھي آھي.“
    ھن مٿو کنھندي چيو، ”تون ڇاٿي ڪرڻ گھرين؟“
    مان ڪاوڙ مان چيو، ”توھان کي خبر آھي ته مان ڇھن ڏينھن کان تَــڙُ نه ڪيو آھي.“ ھن ھڪدم پنجين ماڙ تي منھنجي وھنجڻ جو انتظام ڪرايو. مان چئن پوليس ميٽرنز جي نظرداريءَ ھيٺ آندي ويس. ھو چارئي ڪمري جي ڪنڊن کان بيھي رھيون، ۽ مونکي پنھنجي سامھون ڪپڙا لاھڻ لاءِ چيائون.
    13 سيپٽمبر مون لاءِ ڏاڍو خراب ڏينھن ھو. مان سڄو ڏينھن بيمار رھيس، ۽ رات جو به ننڊ نه آئي. ڊاڪٽر کي گھرايو ويو. ھن پنير سينڊ وچ ۽ ڪافي پيئڻ کانسواءِ به ڪجھ کائڻ لاءِ چيو، ۽ ننڊ لاءِ مون کي ٻه گوريون ڏنائون. انھن گورين جو مون تي ڏاڍو خراب اثر ٿيو. اِھا رات مون لاءِ ئي نه، ھر ڪنھن لاءِ مصيبت ھئي. مان مرڻ ڪنڌيءَ تي ھيس. جڏھن مون صبح جو اکيون کوليون ته ڏٺم، ھر ڪنھن جون اکيون آليون ھيون. اُھا وڻندڙ ميٽرن ته منھنجي ھوش ۾ اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿي. مون کان سواءِ اِھا رات سڀني ماڻھن جاڳي گذاري ھئي.
    ايندڙ ٻه ھفتا بس ائين ئي دستور موجب گذريا. مونکي ميٽرن جو ڪمرو استعمال ڪرڻ، ۽ ڏھن والن تائين بنا محافظ جي گھمڻ جي موڪل ملي ويئي. 17 سيپٽمبر کان پوءِ جا واقعا، خاص طور تي اردن جا سياسي واقعا منھنجي ذھن تي حاوي ھئا. مسٽر فرو ۽ سندس ساٿين سان بحث به انھن ئي معاملن تي ٿيندو ھو. مونکي خطن جو ھڪ بنڊل ڏنو ويو، جن ۾ ڪجھ ماڻھن منھنجي تعريف ۽ ڪن تنقيد ڪئي ھئي. ھڪ خط ۾ شاديءَ جي آڇ به ھئي. مونکي ڪنھن خط جو جواب لکڻ جي موڪل نه ھئي، پر پيءُ ماءُ ۽ ويجھن دوستن کي خط لکڻ جي اجازت ھئي. مون خطن کي ترجمو ڪرڻ جي آڇ به ڪئي، پر مسٽر فرو ٻڌايو ته، برطانوي حڪومت پنھنجي مترجمن تي ڀروسو ڪندي آھي.
    ھوڏانھن اردن رتوڇاڻ ٿي رھيو ھو، ۽ ھيڏانھن مان قيد ۾ فقط احتجاج ۽ حُسين جي رويي کي نِندي رھي ھيس. برطانوي پوليس کان خبر پئجي رھي ھئي ته نومبر 68ع کان شروع ٿيل حراس ۽ دھشت گردي لڳاتار جاري آھي. بادشاھت کي بچائڻ لاءِ سڄي ملڪ کي داوَ تي ھنيو ويو ھو.
    گھڻن اھو الزام مڙھيو ته، پي. ايف. ايل. اي. 70ع جي رتوڇاڻ ۾ اردني حڪومت جي مدد ڪري ھئي، ۽ ٽن جھازن جو اغوا به انھيءَ مدد جو حصو ھو. فلسطيني انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ اردني حڪومت جي اِھا چال، عوام ڪنھن به نموني قبول نه ڪئي. انھن فسادن ۾ ھڪ ٻي ڳالھ به پڌري ٿي سامھون آئي، ته حُسين، پنھنجو تختو اونڌو ٿيڻ کان، اسرائيل کي پنھنجي سلطنت تي قبضو ڪرڻ کان وڌيڪ چڱو ٿي سمجھيو. آمريڪين ته عوام کي قربان ڪري، ھر قيمت تي حُسين جي حڪومت کي برقرار رکڻ جو گُر آزمايو. انھيءَ ڊرامي جو مکيه ڪردار حاڪميت زدہ حشمتي خاندان ھو. ٻيون عرب رياستون خاموش ھيون، گولڊا ميئر ۽ نڪسن جي واشنگٽن ۾ مرتب ڪيل سازش کي عملي طور پڌرو ٿيندي ڏسي، فقط افسوس جون قائل ھيون.


    (5)

    17 سيپٽمبر تي برطانوي محافظن، پنھنجي مرضيءَ تي الائجي پنھنجي آقائن جي چوڻ تي مونکي صلاح ڏني ته مان سياسي پناھ لاءِ درخواست ڏيان. مون لاءِ اھا سياسي بد ديانتي ھئي. مون قطعي انڪار ڪري ڇڏيو. مون مطالبو ڪيو ته، مونکي آزاد ڪيو وڃي، جيئن مان اردني ڪامريڊن سان گڏجي ويڙھ ۾ حصو وٺي سگھان. اردن ۾ جيڪي ڪجھ ٿي رھيو ھو، تنھن سبب مان پريشان ھيس. جيتوڻيڪ ظاھري طور تي مان پرسڪون ھيس. مسٽر فرو روز اچڻ وارن ماڻھن مان ھيو. ھو حيران ھو ته مسلمان دشمن سان وڙھڻ بجاءِ پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙھن. مون کيس طبقن ۾ ورھايل معاشري جي نفسيات ۽ رد عمل سمجھايا، ۽ اھو به ٻڌايم ته علائقي جو بادشاھ به دشمن جي ڪيمپ مان ھو. مسٽر فرو منھنجي ڳالھ ڌيان سان ٻڌي، پر ٻين اولھ وارن مفڪرن جيان ھو به طبقاتي ڇڪتاڻ جي اثرن کي سمجھڻ کان لاچار ھو. پر ھن مونکي ايڏيون تلخ ڳالھيون ڪرڻ کان روڪيو، جڏھن ته منھنجي رڳ رڳ ۾ اھو احساس سمايل ھو ته، اردن ۾ شھنشاھيت جو انت ئي سماجي ھڪجھڙائيءَ جو بنياد ٿي سگھي ٿو. منھنجي طبقاتي تجزياتي سوچ کي پرکڻ لاءِ، مون کي ھڪ ھفتو آزاد شھريءَ جي حيثيت سان رھڻ جي دعوت ڏني ويئي. مون چيو، ”آزاديءَ کان پوءِ مان ڪرسمس تائين برطانيه ۾ رھڻ پسند ڪنديس، جيئن برطانوي جمھوريت جو لطف ماڻي سگھان.“ مسٽر فرو منھنجي طنزيه لھجي کي محسوس ڪندي چيو، ”ھاڻي سٺو اِھو آھي ته تون اردن ھلي وڃ، نه ته مان پنھنجي زال کي نه ڇڏي ڏيان.“
    ”سائين! سٺو اِھو آھي ته توھان پنھنجي زال کي ٻڌائي ڇڏيو ته ھوءَ پريشان نه ٿئي. مونکي پيءُ جيڏي برطانوي آفيسر سان شادي ڪرڻ جو ڪوبه شوق ناھي. مان ته ڪنھن عرب انقلابيءَ يا ھاريءَ سان شادي ڪرڻ پسند ڪنديس. نه ڪي، ڪنھن برطانوي رئيس، يوناني واپاري يا آمريڪي صنعت ڪار سان. مسٽر فرو، ھاڻي توھان جي مٿي ۾ ويٺي ڳالھ؟“
    برطانوي پريس ۾ اردني جنگ بابت جيڪي ڪجھ ڇپبو ھو، مون تائين اھوئي پھچندو ھو. ھاڻي شامي فوج جي ھٿ چراند جون خبرون به اچي رھيون ھيون. آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت جون خبرون به اچڻ لڳيون. اھي اطلاع به اچڻ لڳا ته، ”شامي فوجن“ کي ”بھادر اردني فوجون“ چيڀاٽي رھيون آھن. ھاڻي مونکي لڳو ته اردني حڪومت جي زوال جا امڪان وري ختم ٿي رھيا آھن. ۽ جڏھن مون حُسين ۽ عرفات کي بادشاھن ۽ صدرن سان ھٿ ملائيندي ڏٺو ته، مونکي محسوس ٿيو، ڄڻ انقلاب جي پُٺِ ۾ ڇُرو لڳي رھيو ھجي. جيڪڏھن مان ھجان ھا ته، ڪانفرنس ۾ شامل ٿيندڙن کي گولين سان اُڏائي ڇڏيان ھا. مونکي لڳي رھيو ھو، ڄڻ مزاحمت کي تاريخي ورثي طور دفن ڪيو ٿي ويو. مونکي انھيءَ رت جي زيان ٿيڻ جو ڏک ٿي رھيو ھو، جيڪو ھلٽن، قاھرہ، قُيا محل ۽ عرب ليگ ھيڊ ڪوارٽرس کان سواءِ اردن جي گھٽين ۾ وھندي، اسانکي پنھنجي شھادت لاءِ سڏي رھيو ھو. مان عرب ليگ کي پيٽرڪ جي خون جي ڏنڊ کان ڌار نٿي ڪري سگھان، جيڪو اڃا به مردہ خاني ۾ پيو ھو، ۽ ھوڏانھن انقلاب دشمن ٺاھ تي صحيحون ٿي ويون. مونکي خبر ھئي ته مجاھد انھيءَ منصوبي کي نه مڃيندا، ۽ موجودہ قيادت جو امتحان وٺندا، ۽ اِھو ڪم فرنٽ جا ڪارڪن ئي ڪري سگھن ٿا. ايندڙ ڪجھ مھينن ۾ عرفات ۽ سندس ساٿين جي سمجھ ۾ اھا بنيادي ڳالھ نٿي آئي ته عرب جي قبائلي روايتي سماج جي ڀيٽ ۾، فلسطيني عرب انقلاب جي ڳالھ بنيادي ھئي. حُسين جولاءِ 71ع جي آپريشن ذريعي گوريلن کي ختم ڪرڻ جي مھم ھلائي. ان جي باوجود سعودي، مصري ٺاھ ڪاميٽيءَ جي گھڻن کي قبول ڪرڻ لائق لڳي، ۽ مصر جو حسن، حُسين سان گڏجاڻيءَ لاءِ راضي ٿيو.
    28- سيپٽمبر تي اطلاع مليو ته صدر ناصر مري رھيو آھي. مونکي نه انھيءَ خبر تي يقين آيو، ۽ نه ان کان پوءِ ٿيندڙ واقعا خطرناڪ محسوس ٿيا، مان ته حُسين – عرفات ڳالھين جو ٻڌي ششدر ٿي ويئي ھيس، جو شام تائين ناصر جي موت جي خبر اچي ويئي. جيڪا ڳالھ شڪ ۾ منھنجي اندر ۾ درد پيدا ڪري نه سگھي، سا يقين ۾ بدلجڻ تي مونکي ڏُکارو ڪري ويئي. چي گويرا ۽ ھوچي منھ جو موت مون لاءِ وري تازو ٿي ويو. انھيءَ جي شدت اڃا به گھڻي ھئي، جو پھرين ڳالھ ته مان عرب ھيس، ۽ ٻيو ته ناصر جي ڏاڍي پرستار. مونکي لڳو، ڄڻ منھنجو ھڪ حصو مري ويو آھي. پر مونکي خوشي به ھئي، ته مان ناصر جي وقت ۾ زندھ رھي آھيان. ۽ ان وقت وڌيڪ خوش ٿينديس، جڏھن آزاد فلسطين ۾ مونکي رھڻ نصيب ٿيندو.
    مسٽر فرو ۽ اوسي پاسي جي ٻين ماڻھن ڏٺو ته مان ڪيڏي ڏُکاري ھيس. ھو انھيءَ تي حيران ته، ڪالھ تائين مون جنھن شخص کي ننديو ٿي؛ اڄ ان لاءِ ڏکاري ھيس. کين اھا خبر نه ھئي ته، منھنجي دنيا ۾ سامراج سان وڙھڻ وارو اڪيلو فرد ناصر ئي ھيو.
    29- سيپٽمبر تي مسٽر فرو مونکي ٻڌايو ته شايد توکي رھا ڪيو وڃي. مون اشارا سمجھڻ لاءِ ڌيان سان اخبارون پڙھيون. خاص ڪري جڏھن آخري ڇھ يرغمالي بين الاقوامي ريڊ ڪراس سب ڪاميٽيءَ جي حوالي ڪيا پئي ويا. اھو آخري مرحلو 13- سيپٽمبر 70ع تي مڪمل ٿي چڪو ھو. جنھن پَل يرغمالي سائپرس پھتا ھوندا، مونکي به تياريءَ جو حُڪم مليو. مونکي ماڳ جي ڄاڻ نه ھئي. مون برطانوي دوستن کي موڪلاڻيءَ جي چُمي ڏني، ۽ ايلنگھ ھلٽن ۾ گھڻا نوان مھمان موڪلڻ جو وعدو ڪيو، جو ھتي محافظ ۽ جاءِ، ٻئي مفت ھئا.
    صبح جو ساڍي ڇھين وڳي مسٽر فرو مون وٽ آيو، ۽ پڇيائين ته مان ڪھڙي ملڪ وڃڻ پسند ڪنديس. مون ڀروسي سان چيو، ”ڪمانڊرن اِھو فيصلو ته پاڻ ڪري ڇڏيو ھوندو. ھونءَ مونکي ڪھڙي ملڪ ٿو موڪليو وڃي؟“
    مسٽر فرو جواب نه ڏنو، پر ايندڙ ڪيترن ڪلاڪن تائين ڪنھن به سوال جو جواب نه ڏنو. مونکي ٻڌايو ويو ته، جيئن ته مان سپاھي آھيان، تنھن ڪري قائدي قانون جو احترام منھنجو فرض ھئڻ کپي، جو مونکي برطانيه کان ٻاھر نِيو ٿي ويو. ميٽرن مونکي ٻڌايو ته، گھٽين ۾ ماڻھو قطارون ٺاھي بيٺا آھن، جيئن کن پل لاءِ مونکي ڏسي سگھن. پر اھي ته سڀ ماڻھو مايوس ٿيندا، جو مونکي ته بند گاڏيءَ ۾ نيو ٿي ويو. مان اِھو ڏسي حيران ٿي ويس ته منھنجي گاڏيءَ سان گڏ، منھنجي پھري لاءِ پوليس جي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جو ھڪ قافلو ساڻ ھو. مون ھڪ نظر ايلنگ پوليس اسٽيشن ٻاھران بيٺل ماڻھن تي وڌي، ۽ پوءِ مونکي فوجي ھوائي اڏي تي آندو ويو، جيئن ئي مان ھيليڪاپٽر ۾ ويٺيس، مون آڱرين سان فتح جو نشان ٺاھيو، مسٽر فرو کي الله واھي چيم، ۽ ھڪ دفعو وري ايلنگ اچڻ جو وعدو ڪيم، تنھن تي فرو رڙ ڪئي، ”نه- برطانيه اچجانءِ، پر ايلنگ نه اچجانءِ.“
    اسان ڪلاڪ کن تائين ھيليڪاپٽر تي اُڏامندا رھياسين، ۽ ڪنھن بي نانءُ ايئرپورٽ تي لٿاسين. مون ڪيپٽن کي چيو، ”ھوائي جھاز کان ڏکيو ھيليڪاپٽر اغوا ڪرڻ ھوندو آھي.“ ڪيپٽن جي سمجھ ۾ منھنجو طنزيه جملو نه آيو. ھاڻي اسان وري ھڪ جھاز ۾ سوار ٿياسين، ۽ اڻ ڄاتل ماڳ ڏانھن روانا ٿياسين، ھڪ شخص ٻئي کي چيو، ”اڃا ته ھڪ ٻي عورت کي به اچڻو آھي.“ مونکي ڄاڻ ھئي ته، اھا ڳالھ ھنن امينه ڌبور لاءِ ڪئي ھئي، جيڪا زيورچ ۾ قيد ھئي. ھاڻي اسان اوچتو ميونخ ۾ وڃي لٿاسين. اِھو ڪو فوجي ھوائي اڏو ھو. مون دَريءَ مان ھٿياربند گاڏيون ڏٺيون. جھاز ۾ مونکي آخري سيٽ تي ويھڻ لاءِ چيو ويو. ايڪشن آرگنائيزيشن جا ٽي فرد، صفيه عبدالرحمان، حنا بي، ۽ نشاط کي به ساڳئي جھاز ۾ آڻي ويھاريو ويو. مان انھن مان ڪنھن کي به نه سڃاڻندي ھيس. ايندڙ اسٽاپ زيورچ ھو، جتان امينه، ڪامريڊ ابراھيم توفيق ۽ محمد ابوال مائجه جھاز ۾ سوار ٿيا. مون گھٽ ۾ گھٽ امينه کي سلام ڪرڻ ٿي گھريو، پر اجازت نه ملي. اسان پري کان ئي ھڪ ٻئي کي سلام ڪيو. ھر مسافر لاءِ ڌار ڌار باڊي گارڊ ھئا، پر اسان مان ڪنھن کي به ھٿ ڪڙي لڳل نه ھئي. 30- سيپٽمبر جي رات ڏاڍي ڊگھي ھئي. قاھرہ تائين جو سفر مونکي زندگيءَ جو سڀ کان ڊگھو سفر لڳو. اسان کي سڄو وقت ويٺي رھڻ جو حُڪم مليو.
    پھرين آڪٽوبر تي صبح جو اٺين وڳي اسان قاھرہ پھتاسين. شھر ۾ صدر ناصر جي موت جو سوڳ ھو. ايئرپورٽ تي اسان کي برطانوي، سوئيز ۽ جرمن سفير مليا. اسان مان ھر فرد کي ڌار ڌار سرڪاري طور تي مصري عملدارن جي حوالي ڪيو ويو. مونکي اھو ڏاڍو عجيب لڳو ته، اسان سان گڏ پيٽرڪ جو لاش نه آيو ھو. اسان کي مصري مھمان خاني ۾ آندو ويو، ۽ يارھن ڏينھن اُتي رھايو ويو. سبب، حفاظت ۽ اسانجي سلامتي ھو.
    12- آڪٽوبر تي اسانکي دمشق موڪليو ويو، ۽ ھر ڪمانڊو پنھنجي پنھنجي يونٽ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. بيروت موٽڻ کان اڳ مان پنھنجي دوست علي زازا سان مليس. ھي اھوئي شخص ھو، جنھن ٽي- ڊبليو- اي. قصي ۾ مونتي مصري انٽيليجنس لاءِ ڪم ڪرڻ جو الزام ھنيو ھو، مون ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط چيو، ”ڪرنل، ھاڻي توکي يقين ٿي ويو ھوندو ته فرنٽ يا سندس ڪارڪن ڪنھن جا ڇاڙتا ناھن. ڇا توھان ھاڻي مونکي پنھنجي مھمان خاني ۾ رکڻ پسند ڪندا؟“
    ”نه ليليٰ! ھاڻي تون مون سان لنچ کائين ته تنھنجي مھرباني.“ ڪرنل چيو.
    ”نه، مھرباني. مونکي ٻن ڪلاڪن جي اندر بيروت پھچي، پنھنجي يونٽ ۾ رپورٽ ڪرڻي آھي. الله واھي. فلسطين جي جنگ جي محاذ تي اوھان سان ملاقات ٿيندي.“
    آڪٽوبر جي وچ ۾، مان بيروت ويس. ۽ اتي ھڪ پريس ڪانفرنس الحدف جي آفيس ۾ ڪيم. مون ٻڌايو ته پيٽرڪ کي اسرائيلين قتل ڪيو، ۽ برطانوي حڪومت پنھنجي ھوائي حدن ۾ ٿيل ڏوھ کان اکٻوٽ ڪئي.
    ايندڙ ڪجھ ھفتا، مون پريس فوٽو گرافرن ۽ رپورٽرن کي انٽرويو ڏيندي، ۽ پنھنجي عرب، عراقي ساٿي ڪمانڊو بسم سان شادي ڪرڻ جي تيارين ۾ گذاريا. اسانجي شادي 26- نومبر تي ٿي. ڪجھ ھفتا گڏ رھياسين، ۽ پوءِ ٻيئي پنھنجي ڪم تي موٽي آياسين.

    •••••••••


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 346560
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 143005
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ