ڪتاب جو نالو: سِسي نيزي پاند
مصنف: محمد عثمان ڏيپلائي
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1987
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 21 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1261 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 548 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سسي نيزي پاند، برک روسي اديب اوستروسڪي جي ناول how the steel was tempered جو اختصار آهي، جيڪواسانجي بزرگ ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي اڄ کان ڳچ عرصو بقول ڏيپلائي صاحب جي ته متاثر ٿي ڇپايو هو. ڇپجڻ بعد ٿوري عرصي ۾ ئي ڪتاب وڪامي ويو.
هن ڪتاب جي ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ محمد بخش ڪلادي صاحب ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • مهاڳ
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • 23
  • 24
  • 25
  • 26
  • 27

  • مهاڳ

    سسي نيزي پاند، برک روسي اديب اوستروسڪي جي ناول how the steel was tempered جو اختصار آهي، جيڪواسانجي بزرگ ساٿي محمد عثمان ڏيپلائي اڄ کان ڳچ عرصو بقول ڏيپلائي صاحب جي ته متاثر ٿي ڇپايو هو. ڇپجڻ بعد ٿوري عرصي ۾ ئي ڪتاب وڪامي ويو. ايتري قدر جواسان جي ڪجھ دوستن کي جڏهن انهي ڪتاب جي ضرورت پئي ۽ ڏيپلائي صاحب کي چيوسين، ته پتو پيو ته وٽس به اهو ڪتاب ڪونهي.
    ڀڄ ڊوڙ ڪري ڪتاب هٿ ڪيوسين. فيصلو ڪيو سين ته ٻيهر ڇپائجي.
    ڪتاب جي باري ۾ اسين ڪجھ نٿا چئون پر هڪڙي ڳالھ ضرور چئبي ته ڪتاب کي ڏيپلائي صاحب جيڪو سنڌي روپ ڏنو آهي سو به پنهنجي جاءَ تي وڏو ڪارنامو آهي. هي ڪتاب هيستائين دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇپجي چڪو آهي.
    اسان سنڌ جي پڙهندڙن لاءِ اهو ڪتاب ٻيھر ڇپائي رھيا آھيون.

    - پبلشر


    1

    اڄ ڪورچاگن کي نئين ماستر وٽ وڃڻو پيو هو، ڇاڪاڻ ته نئون ماستر کين حساب سيکاريندو هو، ۽ ماسترصاحب اڳين شاگردن کي ئي پڙهائي رهيو هو، تيسين ھو ھڪ ڪُنڊ ۾ وڃي ويھي رھيو. ڪورچاگن کي ڇرڪ پيو، جو نئون ماستر انهن کي سمجھاڻي ڏيئي رهيو هوته:
    ”هن دنيا کي قائم ٿئي کي گھٽ ۾ گھٽ ٻه ارب ورهيه ٿيا آهن يعني ٻه سو ڪروڙ ورهيه. اول اول ته هوءَ ٻرندڙ گولي هئي، پوءِ آهستي آهستي ٺري ۽ منجھانئس گئس نڪتا، جي مينهن بنجي وسڻ لڳا، مگر مٿس ڦڙا ڪرڻ شرط اهي وري ٻاڦ ٿيو ٿي ويا ۽ وري وسڻ لڳا. تان جو سو ڪروڙ ورھيه اهي حالتون هلڻ بعد هوءِ انهيءَ لائق بنجي ويئي، جومٿس ڪن ڪن هنڌن تي پاڻي بيهڻ لڳو ۽ آخر ان پاڻي مان سينور ٿيو، ۽ ٻوٽا پيدا ٿيڻ لڳا پوءِ سڄا سارا پنجاھ ڪروڙ سال اها ٻوٽن واري زندگي هلڻ بعد آخر ساھ وارا جيوڙا پيدا ٿيڻ لڳا. انهن جو دور به سڄا سارا پنجاھ ڪررڙ ورھيه هليو. پوءِاٽڪل ڏھ لک سال ٿيا ته انسان به پيدا ٿيو ويچاري انسان جي عمر فقط ڏھ لک ورھيه آهي يعني ھڪ ڪروڙ جو ڏهون حصو ........“
    ڪورچاگن اهي لفظ ٻڌي وسمي ۾ پئجي ويو. سندن پادري کين ائين ته ڪين پڙهاندو هو، هن جو چوڻ هو ته، دنيا پيدا ٿئي ڇھ ست هزار سال ٿيا آهن ايترو ئي وقت انسان پيدا ٿئي کي ٿيا آهن. ۽ هي دنيا پيدا ئي انسان خاطر ڪئي وئي آهي. ڀلا انسان بنا ٺلھي دنيا ڪهڙي ڪم جي ۽ وري اها به اٽڪل ٻه ڪروڙ ورهيه. نتيجو اهو ٿيو جو حسابن ۾ به سندس دل ڪانه لڳي ۽ جڏهن پنهنجي ڪمري ۾آيا ته پادري کان وري به دينيات جودرس ٻڌڻ لڳا. دينيات سان ڪورچاگن جو ڏاڍو چاھ هوندو هو. هو هن جي پڙهڻ کي وڏي ثواب جو ڪم سمجھدو هو. ان ڪري بائيبل (توريت انجيل زبور وغيره ڪتابن جي مجموعي کي ــ بائيبل ــ سڏبو آهي جنهن جي معنى آهي ”الڪتاب“). جو اکر اکر کيس ياد هوندو هو. بائيبل جو دور هوـ ان ڪري پادريءَ وري پڙهايو. ھن دنيا کي پيدا ٿئي ڇھ ست هزار ورھيه ٿيا آهن.............“
    ڪورچاگن هٿ مٿي کنيو، هن کي ڳالهائڻ جي اجازت ملي. هن اٿي چيو ”فادر! ڀر واري ڪمري ۾ اسين حساب سکڻ ويا هئاسون. مگر اتي ته ماستر ڇوڪرن کي پئي پڙهايو. ته هن دنيا پيدا ٿئي کي ٻه سو ڪروڙ ورهيه ٿيا آهن، ۽ انسان کي پيدا ٿئي کي ڏھ لک ورھيه .............“
    ڦهو ڦھ ....... ڦهو ڦھ ....... اڃا هن ايترو ڳالهايو ئي مس ته پادريءَ مٿس ڌڪن ۽ بُجن جي ڦهو ڦھ لڳائي ڏني. هن جي هڪ رڙ هيٺ ته هڪ مٿي. هن گهڻو ئي چيو ته ”سائين آءٌ ڪونه ٿو چوان. مگر ماستر ٿي چيو“ پر لفظ ٻڌي ڪير؟ پادري کي ايڏو ته غصو ۽ جوش هو، جنهن جي ڪا حد ۽ حساب نه هو. ننڍڙي ڪورچاگن کي ايڏي ته گهڻي مار مليل هئي، جو هو چري به نه پئي سگهيو. ۽ پادري گهلي کڻي در کان ٻاهر ڪڍيس .
    هي بي اختيار پاڻي پاڻي پڪارڻ لڳو، پر کيس پاڻي ڏئي ڪير! اتي ٻارڙن مان هڪ سٺن ڪپڙن واريءَ ڇوڪريءَ کي قياس آيو. هوءَ بي اختيار اٿي ۽ پاڻي کڻي ٻاهر نڪتي. هن يڪدم کيس پاڻي پياريو ۽ پوءِ ٽيڪ ڏيئي گهر وٺي وڃڻ لڳي .
    هن جو سنڌ سنڌ سور کان ساڻو هو، ھوءَ کيس دلداريون ڏيندي پئي ويئي، پر هو جوش ۾ ڀرجي چئي رهيو هو. ”مگر تانيا! مونکي سڀ کان وڏو ڏک ته اهو آهي ته آخر پادريءَ مون کي مار ڏني ڇو؟ مون گناھ ڪهڙو ڪيو؟ مون ته اهي شڪ شبها لاهڻ ٿي چاهيا. جيڪي ٻئي ماستر پيدا ڪيا هئا. پادريءَ ته مونکي ائين ماريو، جيئن مون ئي ڪو ڏوھ ڪيوهجي. ڀر واري ماستر اها تعليم ڇوڪرن کي پئي سيکاري، ان کي ته ڪجھ نٿو چوي ۽ مونکي (اوڇنگار ڏئي ) مون ابهم تي هن بي ڌڙڪ کڻي ڦهو ڦھ جي وارون وار ڪئي! انهي ڪري جو آءٌ هڪ غريب بيوھ جو ٻار هئس مگر ساڳي طرح جو ڪو امير جو ٻار مون وانگر ڪڇي ها ته هو هرگزکين ائين ڪونه ماري ها..............................ـ“
    هيتري چوڻ بعد اوچتو سندس لڙڪ بيهي ويا؛ هن جو چهرو لال ٿي ويو. هن بلند آواز سان چيو ”آءٌ قسم ٿو کڻان انهيءَ پروردگار جو، جنهن اسان سڀني کي پيدا ڪيو آهي، ته انهي مونکي جڏهن به ڪا طاقت عطا ڪئي، تڏهن ساڳئي پادريءَ کي سندس ٻڪري جهڙي ڏاڙهي کان جھلي آءٌ به ائين ئي مار ڪڍندس ........“
    ”بس بس، ڇوڪريءَ سندس وات کي هٿ ڏيئي چيو. هو اسان جو روحاني رهبر آهي هو خدا جو نمائندو آهي.“
    ڪورچاگن ساڳئي جوش ۾ چيو ”هرگز نه ! هو خدا جو نه پر شيطان جو نمائندو آهي. خدا ڪڏهن ائين حڪم نه ڪيو هوندو، ته هن طرح بيگناھ ابھمن کي بنا ڪنهن سبب جي مار ملندي رهي، سا به رڳو غريبن کي، اهو پادري جيڪو چوندو آهي ته ” غريب خدا کي ڏاڍا پيارا هوندا آهن، سو پاڻ ته غريبن سان ڪيڏي نه بري هلت ڪري ٿو .تانيا ! تون ڏسج ويٺي، خدا اهو ڏينهن ضرورآڻيندو.“

    ڪورچاگن ملڪ يوڪرين جي شهر ”شپيتووڪا“ جي هڪ رن زال جو پٽ هوـ هن جو وڏو ڀاءُ ريلوي ۾ مستري هو ۽ تمام ٿورو پگھار ملندو هوس. جنهن سان ٽن ماڻهن جو پيٽ پالڻ مشڪل هو. پر بيواھ ماءُ جو عزم هو، ته هر طرح جو پورهيو ڪري سور کائي به ننڍڙي ڇوڪري کي ايترو پڙهائينديس جو هو هڪ وڏو آفيسر بنجي. انهي ڪري هوءَ ڏينهن رات پورهيو ڪندي هئي. تانيا ٻيلي کاتي جي هڪ آفيسر جي ڌيءُ هئي، جنهن جو بنگلو سندن گھر جي ڀر ۾ هو ۽ باوجود مائٽن جي منع جي به هوءَ غريب ٻارن سان پئي ملندي هئي. انهيءَ ڪري اڄ هن ڪورچاگن سان همدردي ڪئي هئي.


    2

    ويچاري بيوھ ماءُ وسمي ۾ پئجي ويئي، هن کي ڏاڍيون اميدون هيون ته پٽهنس پڙهي ڪو وڏو ماڻھو ٿيندو، پر پٽهنس جي هي ءَ پهرين منزل ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيس. مگر هاڻي انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو ته ڪا مزوري ڪرائيس. ڪافي ويچارن کان پوءِ هوءَ کيس ريلوي هوٽل ۾ وٺي ويئي.
    هوٽل جو مالڪ ٿلهو بيڊولو شخص هو، سندس اکيون خون خوار ۽ بي رحم هيون. ”ڇا عمر آهي هن جي؟“ هن پڇيو.
    ”ٻارهن سال جناب“ ماڻس جواب ڏنو.
    ”چڱو ڇڏي وڃينس. في الحال اٺ روپيه مهينو ملندس ۽ جنھن ڏينهن ڪم ڪندو، ان ڏينهن جي ماني. هن کي هڪ ڏينهن ڇڏي ٻئي ڏينهن لڳو لڳ 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ها آءٌ چوري هرگز برداشت نه ڪندس.“
    ”چوري منهنجي ڪتن جو وڙ به نه ناهي جناب.... اسين غريب آهيون. بلڪل شريف آهيون.“ ڪورچاگن هٻڪندي هٻڪندي چيو.
    ”چڱو شابس اٿئي، پر محنت سخت آهي هاڻي کان ئي ڪم کي لڳي وڃ.“
    ماءُ هن کي مئنيجر حوالي ڪري هلي ويئي. مئنيجر نوڪر کي چيو جنهن ”فروسيا“ نالي نوڪرياڻيءَ جي حوالي وڃي ڪيس، جا کيس ڪافي مهربان لڳي.
    هن سارو ڏينهن ڪم ڪيو. اهوته ٻڌائڻ جي ضرورت ئي ڪانهي ته هر شخص هن کي پئي ڪم چيو ۽ رعب ڄمايو، مگر اھو ڏسي سڀني کي حيرت پئي ورتو ته ھن چرين وانگر بنا ڪنهن ٿڪ ۽ ناراضگيءَ جي سڀ ڪم ٺيڪ پئي ڪيو.
    ٻئي ڏينهن صبح تائين هو ٿڪجي چور ٿي پيو ھو. ستين بجي مهل واري جو ڇوڪرو آيو، هن ٿانو ٿپا سندس حوالي ڪيا. هي ڇوڪرو ڪجھ وڏو هو، ۽ ڏانھنس نفرت سان نهاريائين، آخر چيائين ”ٻڌڙي بي نڪا! سڀاڻي پوري 6 بجي اچي وڃجاءِ.“
    ”ڇهين بجي ڇو، وارو ته ستين بجي بدليو آهي نه؟“ ڪورچاگن جواب ڏنو.
    ”انهي سان تنهنجو مطلب ڪونهي“ هن تيزيءَ مان چيو، ”توکي انهيءَ سان واسطو ڪونهي، ته وارو ڪيڏي مهل بدلبو آهي. تون هتي ڇهين بجي پهچي وڃجاءِ ۽ وڌيڪ بڪواس نه ڪر، اهو ڀوڪن جهڙو منهن ڀڄي ڇڏيندوسانءِ. همت ته ڏسوس، اڄ ئي ڪم تي چڙهيو آهي ۽ اڄ ئي ٿو پڪن ملازمن سان آڪڙ ڪري.“
    واري پوري ٿيل عورتون دلچسپيءَ سان هي جھيڙو ڏسي رهيون هيون. ڪورچاگن کي هن تي اهڙي چڙ آئي، جو دل ته چاهيس ٿي، بي اختيار ٺونشي سان منهن ڀڃي ڇڏيس. پر خوف ٿيس ته متان هي تازي مليل نوڪري به نه هلي وڃي، سندس پياري ماءُ کي وري به صدمو پهچي، سو غصي کي ڪجھ ٿورو پي ويو ۽ نهايت تيزيءَ سان چيائين، ”اها بڪواس بند ڪر نه ته منهنجا به ٻه هٿ آهن . آءُ سڀاڻي پوري ستين بجي ايندس ۽ مون سان بڪواس ڪيئي ته نڪ ڀڃي ڇڏيندو سانءِ. آءٌ پڻهين جو غلام نه آهيان، جهڙو تون هوٽل جو نوڪر آهين اهڙو آءٌ، ۽ همت هجيئي ته آءُ هاڻي به تيار آهيان.“ هن ٻانهون کنجيندي چيو.
    سڀني نوڪرياڻين ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. هن ڇوري گھڻن کي هيسايو هو، پر هن نئين آيل نوڪر پهرين ئي ڏينهن سڄي آڪڙ ڍري ڪري ڇڏيس ۽ ”چڱو ڏٺو ويندو ، تو جھڙا مون گھڻائي سڌا ڪري ڇڏيا آهن.“ چئي هليو ويو.
    ڪورچاگن هن پهرينءَ فتع تي خوش ٿيندو گھر ويو. هن گويا عملي طرح اهو ثابت ڪري ڏيکاريو، ته پنهنجي حقن جو بچاءُ ڪري سگھي ٿو. مظلوم بنجي ٻين کي دانهون ڏيڻ مان ڪجھ به نه ورندو. مظلوم جو مددگار ڪوبه ڪونه ٿو ٿئي ۽ پنهنجي همت سان ۽ مصيبتون سهڻ سان جيڪو شخص پنهنجا حق بچائي وڃي، ان جي همت تي سڀڪو آفرين چوي ٿو.۽ هي به ڏٺائين، ته جيڪو ڊڄندو آهي، ان کي هر ڪو پيو ھيسيندو آھي، مگر سامھين ٿيڻ واري کان ھر ڪو پيو ڪؤ ڪندو آهي. جيئن چوندا ته، ”سامهين کي شينهن به نه کائي.“


    3

    ڪورچاگن گھر آيو، ته سندس ڀاءُ آرتيم کي به ويٺل ڏٺائين، هي ريلوي ۾مستري هو ۽ فقط 48 روپيا مھينو پگھار ملندو هوس. ماڻس ڀاڪر پائي چيس، ”ڪيئن ڪم سولو هو نه؟“
    “ ڪم ته ڏکيو هيو، پر مون پوريءَ دلچسپي سان ان کي سر انجام ڏنو ۽ اميد ته آئينده به ڪندو رهندس “هن جواب ڏنو. ماڻس چيس ”آرتيم هاڻي هتي بدلي ٿي آيو آهي ۽ هتي جي ريلوي يارڊ ۾ ڪم ڪندو.“ هو ڊڄندو اچي ڀاڻس سان مليو. ”ڪيئن ميان! پڙهي پورا ڪيئه؟ امان کي ته تومان وڏي آفيسر بنجڻ جون اميدون هيون، پر غريبن جا اهڙا بخت ڪٿان؟ هاڻي اتي دل لائي ڪم ڪج، ڪجھ وڏو ٿئين، ته وري ڪنھن ھُنر ۾ ھڻانءِ، ٻيو هوٽل ۾ ته عمر ڳري ويندءِ. ”ڀاڻس ٽوڪ طور چيس.
    ڪورچاگن ٻه سال هوٽل ۾ ڪم ڪيو. هاڻي سندس پگھار وڌي ڏھ روپيا ٿيو. سڀ سندس ڪم مان خوش هئا ۽ پهرئين ڏينهن جي اعلان سبب ڪنهن کي به ڪڏهن مٿس غلط رعب وهارڻ جي همت ڪانه ٿي، ۽ انهي جو خاص سبب اهو هو، ته هن ڪڏهن پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي هئي.
    مگر هوٽل جي زندگي ۾ ڪن ڳالهين طرف هن جو توجھ ڇڪيو، هوٽل جي بيرن کي سڀني ماڻهن کان بخشش ملندي هئي، رات جو هو سڀ اچي بورچيخاني جي گودام ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ شراب پيئندا هئا. ڪورچاگن سندن نوٽن جا ڍير ڏسي هڪ جوشيليءَ سوچ ۾ اچي ويندو هو، هر هڪ کي روزانو ٽيھ چاليھ روپيه ملندا هئا، يعني سراسري طورهزار روپيه مهينو. هو جوش ۾ اچي چوندو هو؛ ”آءٌ هيڏيءَ سخت محنت سان ڪم ڪريان ٿو ته به مونکي ڏھ روپيا مهينو ملي ٿو ۽ منهنجو ڀاءُ پهرين نمبر جو مستري آهي ته به ان کي ملن فقط 48 روپيا مهينو، پر هي بخشش جي نالي ۾ سڄا سارا هزار روپيا مهينو ڪمائين .“...........۽ جڏهن اهو خيال هڪڙي ٻئي همدرد، ۽ وڏي عمر واري ملازم سان ظاهر ڪيا، ته هو کلي پيو ۽ چيائين؛ ”تون سمجھين ٿو ته هي رڳو ايترا پئسا ڪمائين ٿا ؟ هن حيران ٿي چيو”ٻيوڇا.“
    ”منهنجا ننڍڙا دوست! هوٽل ۾ جيڪي به نوڪرياڻيون آهن سي هيءُ رات رهندڙ گراهڪن وٽ پهچائين ٿا، انهن کان ڪافي پيسا حاصل ڪري، پوءِ اڌ کان به گھڻا پاڻ هضم ڪن ٿا!“
    ”اف“ ڪورچاگن جي مٿي کي چڪر اچي ويو، ٿوري دير بعد هن پاڻ کي سنڀالي پڇيو، ”ڀلا اڌ ڇو؟ جسم ته هنن وڪيو، هي اڌ پئسا ڇو ٿا وٺن.“
    ”اڙي اڌ ته آءٌ ٿو چوان، هو ته اڪثر انهي کان به گھڻو ٿا حاصل ڪن ۽ جيڪا به ڇوڪري ان تي چون چران ٿي ڪري، ان تي مختلف الزام لڳائي، کين نوڪريءَ کان به ڪڍائي ڇڏين ٿا--- ڇا تو هنن جا ڇوڪرا نه ڏٺا آهن، جي ڪاليجن ۾ پڙهن ٿا ۽ اعلى درجي جا سوٽ پائي ڪڏهن ڪڏهن هتي به ايندا آهن؟ ڇا تو هنن جون عمدا سينگار ڪيل ۽ موٽيون متاريون زالون نه ڏٺيون آهن، جي به ڪڏهن ڪڏهن گھمندي ڦرندي اچي هتي نڪرنديون آهن؟“
    ”مگر ......... مگر“ ڪورچاگن هٻڪندي چيو، ”ڀلا هوٽل جو مالڪ اهڙي بي شرمي ڪيئن ٿو گوارا ڪري ؟“
    ٽهڪ ڏيئي نوڪر چيو، ”جو ان کي به حصو ملي ٿو، اگرچه اهو ٿورو ٿئي ٿو، پر تڏهن به گھڻين عورتن جي ڪمائيءَ مان ٿورو ٿورو حصو گڏجي گھڻو ٿي پوي ٿو.“
    افسوس ۽ اندوه مان ڪورچاگن چيو: پر هي نوڪرياڻيون شرافت کي ڇڏي اهڙو ذليل ڌندو ڪئين ٿيون ڪن؟“
    نوڪر- انهي جا ڪافي سبب آهن، هڪ ته جڏهن هو ڏسن ٿيون، ته شرافت ۽ پگھر جي پورهئي مان ڪمائين ٿيون ٻه روپيه روزانو مس، ۽ هن طرح روزانو ٽيھ چاليھ، بلڪ سو تائين به ملي وڃن ٿا، ته هو ترڪيو ان ڪُن ۾ ڪري پون ٿيون. ۽ اها درحقيقت هو هن هلندڙ نظام جي منهن تي چڙ مان زبردست چماٽ ٿيون لڳائين، جو کين شرافت مان ته ٻه ٽي روپيه ٿو عطا ڪري ۽ رذالت مان ان کان ڏهونڻو------ مگر------ مگر منهنجا ننڍڙا دوست! انهي هوندي به دنيا شريفن کان خالي ناهي، توکي ”فروسيا“ ياد آهي ڪه نه؟“
    ”اڙي ها ها؟“ غمگين ٿي هن چيو، ”ويچاري هوءَ سٻاجھڙي ڇوڪري، مون تي پهرين ڏينهن کان وٺي مهربان هئي. مگر خبر ناهي، ته هو اوچتو ئي اوچتو ڇاجي ڪري نوڪري ڇڏي ويئي. هن جي نوڪري ڇڏڻ واري ڏينهن منهنجو وارو ڪونه هو، ان ڪري مون کي هن سان آخري ملاقات به نصيب ڪانه ٿي.“
    ساڳيءَ طرح غمگيني مان هن جواب ڏنو، دوست! ھن نوڪري ڇڏي ڪانه هئي، مگر ڀڄي ويئي، ۽ اهڙي طرح ڀڳي جو غريب جو اڌ مهيني جو پگھار به رهجي ويو. اسان جي مالڪن ائين مشهور ڪيو ته هوءَ نوڪري ڇڏي ويئي، مگر حقيقت اها آهي ته هن کي انهي رات مجبور ڪيو ويو، ته وڃي هڪ مسافر سان گڏ گذار، ڇاڪاڻ ته ٻي ڪابه واندي ڪانه هئي. هن انڪار ڪيو، تڏهن کيس سمجھائڻ لڳا ته ”سارو مهينو سور چرڻ بعد توکي پنجاھ روپيه ٿا ملن ۽ اڄ هڪڙيءَ رات پنجاھ ملندءِ.“
    مگر هن ”ڀلي بک ڀرم جي“ کي قبول ڪري انڪار ڪيو. تڏهن آخر اگھ وڌائي وڌائي سو تائين آندائون، مگر انهي تان به هن جي انڪار ڪرڻ سبب هنن بدماشن، هنن رهزنن، سندس ٻوٿ ٻڌي، زوري گھلي کڻي مسافر جي ڪوٺيءَ ۾ ڌڪيو. اتي پهچي هن نهايت دردناڪ اوڇنگارن سان مسافر سان سمورو حال احوال اوريو. مگر مسافر صاحب سڄا سارا ٽي سو روپيا اڳواٽ ڏيئي ڇڏيا هئا. سو پنهنجي رقم ڪيئن ٿو ”حرام“ ڪري سگھي؟ ۽ جڏهن ته هن کي روڪيندڙ ڪوبه ڪونه هو. بلڪ هوٽل، هر در ۽ ديوار سندس پشتيبان هو، ان ڪري هن ساڻس زبردستي شروع ڪئي .
    هي ڏسي فروسيا جو هوش سندس جوش تي غالب آيو، هُن انهي بدمعاشيءَ جي مقابلي ۾ مڪاري کان ڪم ورتو، يڪدم پنهنجي حالت کي درست ڪري مسافر جي آڻ مڃائين ۽ پوءِ...... وجھ وٺي سندس نازڪ عضون تي اهڙو ته ڌڪ هنيائين، جو هو بيهوش ٿي ويو. هن سندس ٻوٿ ٻڌو پنهنجا ڪپڙا ٺاهي، اهڙيءَ ائڪٽنگ سان ٻاهر نڪتي، جو ڄڻ ته مسافر کي راضي ڪري نڪتي آهي.
    ظاهر هو ته ان کان پوءِ هن لاءِ هوٽل ته ڇا، پر شهر ۾، بلڪ هن ضلعي۾ئي رهڻ محال هو، انڪري الائجي ڪاڏي ڀڄي ويئي ۽ هنن رهزنن لاچار ٿي ائين مشهور ڪيو ته هوءَ نوڪري ڇڏي ويئي آهي.
    ”آه سٻاجھڙي فروسيا“ ڪورچاگن هڪ درد ڀري آواز سان ائين چيو، هن جي اوڇنگار نڪري ويئي ۽ اکين مان آب وهڻ لڳس.


    4

    ڪجھ دير بعد ڪورچاگن سامت ۾ آيو ۽ چيائين، ”ڀلا هوٽل جا مالڪ ايڏو قهر ڪيئن ٿا برداشت ڪن ؟” “هن ڪري جو هو به مجبور آهن ”هن نهايت سنجيدگي سان جواب ڏنو.
    “مجبور” ڪورچاگن رڙ ڪري چيو “ ڪهڙي ڳالھ ٿي هنن کي مجبور ڪري؟.”
    “تون اڃان ننڍو آهين ۽ توکي نه ڪا دنيا جي خبر آهي نڪي تون اڃان اهي ڳالهيون سمجھي سگھندين . مگر ڳالھ اها آهي ، ته ائين ڪرڻ بنا هوٽل هلي نٿي سگھي .” هن وري سنجيدگي مان چيو.
    ” هلي ڇو نه سگھندي ؟ چا هنن کي کاڌي پيتي ۽ ڪمرن جي ڪرايي مان هوٽل هلي ڪانه سگھندي ؟“ ڪورچاگن جوش مان چيو .
    “ جيءَ نه جيڪڏهن عيش عشرتون نه هونديون نه ڪي هيترا ما ڻهون ايندانڪي کاڌو هلندو، نڪي ڪمرا ڀريل رهندا .”
    “ پوءِ ڇا ٿيو ، کڻي ٿوري ڪمائي قبول ڪن.”
    بس اهائي ته ڳالھ آهي، جا هو ڪري نٿا سگھن .ڇاڪاڻ ته خود مالڪن جا به وڏا خرچ آهن ۽ انهن وڏن خرچن جون عادتون پيل آهن .ازان سواءِ اسان جي معاشري جو چرخو اهڙو پيو هلي ،جو هر شخص گھڻي ۾ گھڻا پئسا ڪمائڻ جي فڪر م رهي ٿو .ڇا ڪاڻ ته ڪا خبر نه آهي ، ته سڀاڻي ڪهڙو وقت اچي الائجي ڪو بيمار ٿئي الائجي ڪو اچتوحادثو ٿئي الائجي ڪو اچتو موت اچي وڃي ،ته پوين جي ڪهڙي حالت ٿئي.
    هي بڌي ڪورچاگن جي وات مان بي اختيار اکر نڪري ويا “ته پوءِ چڱان مڙس گڏجي ڪري ڪو اهڙو چرخو نٿا ٺاهين ، جنهن ڪري هڙي گندي زندگيءَ بدران سڀ سک جي زندگي گزارين؟”
    ٻڌندڙ بي اختيار ٽهڪ ڏيئي چيو “ جيڪي اکر تو چيا تن لاءِ سزا آهي جيل!.”
    “جيل” ڪورچاگن وائڙو ٿي چيو “ مون ڪهڙي ٻلي ماري آهي جو مونکي جيل ملي ! سکيءَ ۽ شريفانه حياتي گزارڻ جي تمنا ڪرڻ به ڪو ڏوھ آهي؟”
    ساُڳيءَ طرح کلي هن جواب ڏنو“جي ها انهي ڏوھ جو نالو آهي “بغاوت”...اسا ن جي بادشاه سان بغاوت ... ۽ اسان جي مذهب سان بغاوت ........ بلڪ اسان جي خدا سان بغاوت !”
    ڪورچاگن تنهائي وڌيڪ وائڙپ سان چيو “ مگر صاحب ! انهيءَ، ۾شهنشاھ، مذهب ،بلڪ خدا سان الائجي ڪهڙي بغاوت ڪئي!”
    “بغاوت اها ته، اسان مذهبي ڪتاب ۾ فرمايل آهي ته “خدا تعالى جنهن کي چاهي تنهن کي بادشاهي ڏئي ،جنهن کي پڻيس ته غريبي ڏئي ،جنهن کي وڻيس عزت ڏئي ، جنهن کي وڻيس تنهن کي ذلت ڏئي .جنهن کي وڻيس تنهن کي سنئين واٽ تي هلائي، جنهن کي وڻيس ته گمراه ڪري .“ هاڻي تون چوين ٿو ته ” چڱن مڙسن کي گھرجي ته پاڻ ۾ گڏجي ڪا اهڙي صلاح ڪڍن ،جئن سڀ ماڻهون سکي ۽ شرافت جي زندگي گزاري سگھن .“ انهي جي معنى ته اهي ماڻهون خدائي ارادن ۽ نظام سان بغاوت ٿا ڪن.اسان جي ڪتابن موجب اسان جو بادشاھ “ خدا جو چاڇو ” آهي ، پوءِ خدا جي پاڇي هوندي ڀلا ٻيا ماڻهون پنهنجو صلاحون ڪن ؟ انهي جي معنى ته هو بادشاھ جي عظمت کي ڪونه ٿا مڃين !”
    ڪورچاگن جو دماغ نهايت وائڙو ٿيڻ لڳو ۽ هو چوڻ لڳو “ ڀلا هو ڪينئن ٿي سگھي ٿو، جو مذهب اسان غريبن جي دکن لاهڻ لاءِ ڪوبه رستو نه گھڙيندو هجي؟”
    دوست جواب ڏنس “اسان جي مزهب جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ” آسمان جي بادشاهت غريبن لاءَ آهي “ يعني دنيا جي بادشاهت هنن جي لائي ناهي ،۽ هي ته غريب شاهوڪارن کان چاليھ سال اڳ بهشت ۾ “ويندا هي دنيا ته کيل ۽ راند آهي ،هن ۾ ته انسان کي پنجاھ سو ورهيه رهڻو آهي ، اصل دنيا ته اها آهي، جنهن ۾ انسان کي ڪروڙين اربين ورهيه رهڻو آهي ، ان ڪري ئي دنيا ۾ سک ملڻ جي اون رکو۽ هتي جا چار ڏينهن ڏکيا سکيا گذاري وڃو .”
    ڪورچاگن ...... پوءِ تنهنڪري اسين سڀ ڀل ته سور کائيندا وتون؟
    نوڪر ..... يا ته صبر سان سور سهو يا، ڳن جي خلاف ڳالهائي جيل کائو.
    ڪورچاگن _ مگر مون ڪڏهن اهڙا مانهون ڪونه ڏٺا آهن جي انهي طرح ڳالهائڻ تان جيل کائيندا هجن.
    نوڪر (کلي ) جيڪڏهن تنهنجي مغز ۾ اهڙا خيال اچڻ شروع ٿيا آهن ،نيٽ وڃي اهڙن ماڻهن تائين به پهچندين ، جي اڄ به اهڙين ڳالهين سان جيل ڀريا پيا آهن ،ڪلھ به پيا کائيندا ۽ (شوڪارو ڀري) خبر ناهي ڪيستائين کائيدا رهندا .( ڇرڪ ڀري ) چڱو يار ،هاڻ ڪم ڪر ۽ ڪم ڪرڻ ڏي ، متان کائون نه موچڙا !
    هنن جي گفتگو ته بند ٿي ويئي پر ڪورچاگن جي دماغ مان اهي خيال ڪونه نڪتا .


    5

    جنوريءَ جا ڏينهن هوا،سيءَ جو ڄڻ ته پارو ڪري پيو هو، هڪڙي ڏينهن 7بجي مهل ڪورچاگن پنهنجو وارو ختم ڪري چڪو هو،پر اڃان سندس جاءِ ڪم ڪندڙ ڇوڪرو ڪونه آيو هو ، مالڪياڻيءَ وٽ ويو ،۽بڌايائينس ته آءُ گھر ويندس ، مگر مالڪياڻي هر گز اجازت نه ڏني .۽ ڳالھ ڪا نئين ڪانه هئي جيستائين ٻيو واري وارو نه اچي ، هن اڳيئن کي ئي ڪم ڪرڻو پوندو هو، چاهي ٻيا به 24ڪلاڪ ڇو نه گزري وڃن .
    ڪورچاگن به سارو ڏينهن ۽ رات جو 11 بجي تائين ڪم ڪندو رهيو هن جا عضوا چو چور ٿي چڪا هئا ،پر انهي حالت ۾ به هن پاڻي گرم ڪرڻ جو برتن نل جي هيٺان رکيو، ڇاڪاڻ ته هو ڀري وري ٽهڪائيڻو هو ،ته ٽي بجي مهل اندڙڳاڏيءَ جي مسافرن کي منهن ڏيئي سگھجي .
    برتن نل هيٺان رکي ،هو ڀر م رکيل ڪاٺين جي ڍير تي ويٺو ، پر نل مان پاڻي اچڻ بجاءِ غرغر ۽ شون شون جا آواز لڳا ڪورچاگن سمجھيو ته نل ۾ ڪو خرابو آهي ،ٿوري دير ۾ پاڻي اچي ويندو ، ايئي ڪاٺين جي ڍيرمٿي ليٽي پيو
    انسان جي ننڊ به هڪ عجب غريب چيز آهي جيڪڏهن اها هلڪي ۽ ڪچي هوندي آهي ،ته نرم بسترن کان سواءِ نه ايندي آهي،پر جڏهن جسم ڪم ڪرڻ کان صفا نابري وارينديو آهي ،تڏهن ته هوءَ سوري مٿي به اچي ويندي آهي.سو باوجود انهي جي جو ڪورچاگن ڪاٺين جي ڍير تي ليٽيل هو ، پر ننڊ اهڙي ته کڻي ويس جو نل ۾ پاڻي آيو ۽ برتن ڀرجڻ لڳو ته به هن کي ڪا سماءَ ڪانه پيئ.
    برتن ڀرجي ويو ۽ پاڻي زمين تي هارجڻ لڳو ،رڌڻي جو فرش ڀرجي وڃڻ بعد هو پلٽيو دروازي جي هيٺان وهي وڃي هوٽل ۾ پهتو ، جھوٽا کائيدڙ مسافرن جي ٿيلهن ۽ ڳٺڙين هيٺان گڏ ٿيڻ لڳو، پرڪنهن به خيال ڪونه ڪيو ، پر هڪ ستل پاڻي پهچڻ تي رڙ ڪري جاڳي پيو ، انهي تي بيا مسافر به سڄاڳ ٿي ويا ۽ هڪ هنگامو مچي ويو.سڀني کان وڏو بيرو ، پروخوشڪا ،جو وڏو رهزن ۽ وڏو ڪمائنيدڙ هو.سو ٻئي هال ۾ ميز صفا ڪري رهيو هو ، هي هنگامو ٻڌي هو اندر آيو ۽ رڌڻي جو دروازو کولي بنا ڪنهن سوچ جو ڪورچاگن تي ٽٽي پيو .
    ڪورچاگن کي اڃان گھري ننڊ هئي ، هن لڳو لڳ 36ڪلاڪ ڪم ڪيو هو پر پرخوشڪا مٿس ٺونشن لتن ۽ مڪن جي اهڙي ٿه وارون وار ڪئي ، جو هن ٻي ڪا به سماءُ نٿي پئي ،رڳو اکين اڳيان وڄ جا چمڪاٽ ۽ ساري جسم ۾ سور جون سوٽون محسوس ٿيس ۽ پروخوشڪا جا هٿ جڏهن ٿڪجي پيا تڏهن هن گھلي کڻي ٻاهر اڇلايس.
    ڪجھ دير ته هو ٻاهر پيو هو ،پر پوءِ رڙهندو رڙهندو گھر پهتو ، ۽ هڪ زوردار رڙ ڪري ڪري پيو .ماڻس ۽ ڀاڻس ٻنهي اچي دروازو کوليو هو اڳي به ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿي ويندو هو . پر 36ڪلاڪ لڳو لڳ ڪم ڪندڙ ابهم ڇوڪري جي هي حالت ڏسي آرتيم جو رت ٽهڪڻ لڳو ، هن جي هوش ۾ اچڻ تي هن کانئيس کيس ماريندڙ جو نالو ڀڇيو ۽ نالي ٻڌڻ شرط هو باھ ثي هوٽل ڏي روانو ٿيو.
    هوٽل جي رڌڻي ۾ پهچي هن ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ کا پڇيو “پروخوشڪا ڪٿي آهي،”
    هن جواب ڏنس “اجھو اچي ٿو ” هو ڀت سان لڳي بيهي رهيو،ٿوري دير ۾ پروخوشڪا ٿانون جو انبار کڻي آيو ۽ ٿڏي سان دروازو کولي اندر گھڙيو ، ڇوڪريءَ آرتيم کي ٻڌايو ته “اهو اٿئي ”.
    پروخوشڪا اڃان برتن زمين تي مس رکيا ،ته آرتيم وڌي ڪلهي کان پڪڙي زودار آواز ۾ چيس “ منهنجي 36ڪلاڪ ڪم ڪندڙ ابهم ڀاءُ تو ماريو هو ؟”
    پروخوشڪا گھٻرائجي ڪلهي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ،پر آرتيم جي هڪ ئي ٺونشي سان هو زمين تي ڪري پيو ۽ اڃان اٿڻ جي ڪوشش مس ڪيائين ته اهڙيءَ ته زوردارلٺ واڄٽ ڪيس ،جو خوفناڪ ڙر ڪري سڄي هوٽل کي گجا ئي کنيائين ،پرآرتيم سندس چهري تي چار پنج زوردارٺونشا هڻي ، ڦڙتي سان دروازي کان ٻاهر نڪري ويو. پروخوشڪا جي منهن ۽نڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وهڻ لڳو ،هن جي خوفناڪ رڙين زمين آسمان هڪ ڪري ڏنو.
    اڻ واقف مسافر کي ته هن جي حالت ڏسي ڏک پئي ٿيو، پر سمورن نوڪرن کي ڏاڍي خوشي پئي محسوس ٿي، هن جن به مجبورن کي ماريو هو ،تن جي دل جي تمنائون پئي اٿيون ته “ ڪاش اسان جو به ڪو ههڙو وارث هجي ، جوهن بدمعاش کي هن طرح سيکت ڏي”
    مالڪ جي رپورٽ تي يڪدم پوليس اچي ويئي ۽ هي ڏسي خود پروخوشڪا جو وايون ئي بتال ٿي ويون ،ته هڪڙي به نوڪر آرتيم خلاف شاهدي ڪانه ڏني ،هر ڪو ائين چوڻ لڳوته آءُ رڙين تي ڊوڙي آيس ،پر مون ماريندڙ کي ڪونه ڏٺو ، اتري قدر جو ٻه نوڪر ته ائين چوڻ لڳا ته سمجھيوٿا ته هن کي ڪنهن ڪونه مايو آهي ،ڌڪو آيو اٿس ،خود واري واريءَ ڇوڪريءَ چيو آءُ ان مهل ڪاڪوس ۾ هيس.
    پروخوشڪا يڪدم سو جو نوٽ ڪڍي پوليس کي ڏنو ،پوليس آرتيم جي ڪارخاني پهتي ،۽ آرتيم گرفتار ٿيو ،۽ نهايت ٽهڪ ڏيندي پنهنجي دوستن کان ٻارهن مهينن لاءِ موڪلايو.مگر ڇهن ئي ڏينهن اندر پوليس کيس ڇڏي ڏنو.ڇاڪاڻ ته ڇھ ڏينهن لڳو لڳ ڪوششون ڪندي ،هر طرح جو لالچون ڏيندي به هوٽل جي نوڪرن مان هڪڙو به پروخوشڪا جي پاران شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيو.ائين پئي محسوس ٿيو جو ڄڻ ته ڪنهن هڪ شخص سڀني نوڪرن جي ڪن ۾ ڦوڪ ڏئي ڇڏي آهي ،ته اڄ هن کي خوب ذليل ڪيو ،ته آئيندا هن کي به ڪنهن کي ذليل ڪرڻ جي همت نه ٿئي. پروخوشڪا پوليس ٿاڻي تي ڪافي نوٽ وڃايا ،پر ڇهن ڏينهن کان وڌيڪ هو به آرتيم کي رک نه پئي سگھيا ۽ هو کلندو ٽهڪ ڏيندو اچي گھر پهتو،۽ ڪورچاگن کي ڀاڪر پائي چيائين “ڪيئن ڀايا!هاڻي ته خوش ٿئين نه ؟” بي اختيارهن کيس چمي چيو ” مگر ڀايا !تنهنجي ڇهن ڏينهن جي جدائي ؟” “اهوھ انهي جي ڪا به پرواھ نه آهي ، منهنجو اهو ڇهن ڏينهن جو جو جيل پروخوشڪا کي ڇھ ورهين پيو سبق ڏيندو.ڪنهن ملڪ جي حڪومت جڏهن عوام جي حقن جي حفاظت ڪرڻ کان قاصرهجي ،تڏهن عوام تي فرض آهي ، ته هو پنهنجا حق پاڻ حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ سندن حق ڪرڻ جو سلسلو وڌي ضرور انهي منزل تي پهچندو ،جو سندن حاڪمن بلڪ ٻادشاهن کي هٽائي اها مسند پاڻ والاريندا.”
    “ چپ چپ ! بادشاھ جو نالو نه وٺ .اسان جو زار خدا جو پاڇو آهي ! هن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ تان خدا پاڪ سخت ناراض ٿيندو .”ماڻس ڏڪندي چيو .
    وڏو ٽهڪ ڏيئي ارتيم چيو ” امان ! هو خدا جو نه بلڪ شيطان جو پاڇو آهي۽ اهي ڏينهن پري نه آهن جو هاڻي اهو پاڇو هميشه لاءِ اسان جي ملڪ تان هٽي ويندو .ڀايا ڪورچاگن! تو ڪوبه فڪر نه ڪج ، مون تو لاءِ بجليءَ جي ڪاخاني ۾ نوڪري هٿ ڪئي ڪري ڇڏي آهي ۽ ان ڏيهن هي حادثو نه ٿي ها ، ته صبع جو آءُ پاڻ توکي استعفا ڏياران ها ، پر خير پروخوشڪا کي قدرت کي اها سزا ڏيا رڻي هئي، تنهنجي ۽ منهنجي قربانيءَ گڏجي ڪيترن ئي بيڪس نوڪرن تان ظلم لاهي ڇڏيو.”


    6

    آڪٽوبر1917ع ۾ هيءَ اهم ۽ زبردست خبر ،اچتو واچوڙي وانگر سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي، ته “زار جو تختو اونڌو ڪيو ويو آهي.“ مگر شهر جي رهاڪن هن خبر تي يقين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.هنن جي خيال موجب ڀلا خدا جي پاڇي کي ڪير ٿو هٿ لائي سگھي ؟ جنهن شهنشاھ تي سون ولين جي ڇانو هجي ، هزارين ملائڪ سندس مدد ۾ هجن ،هو دين جو دلاور دربان هجي ،ان کي ڪير ٿو هٽائي سگھي ؟ اھا اڻ ٿيڻي آهي.
    پر برف جي طوفان وچ ۾ هڪ ڏينهن هڪ ريل گاڏي رڙهندي رڙهندي اچي اسٽيشن تي پهتي،هن مان ٻه نوجوان ڪاليجي ، ملٽري ڊريس ڍڪيل لٿا ،جن جي پٺيان ڳاڙهن ٻلن وارا ڪافي ڏٻرا سپاهي هوا . لهڻ شرط هنن وڏي اسٽيشن تي بيٺل پوليس وارن ، ٻڍي ڪرنل ۽شهر سنڀاليندڙ فوج جي سالار گرفتار ڪري ورتو ميونسپل هال تي اهڙو بلند لال جھنڊو لڳايو .جنهن کي ڪجھ عرصو اڳ “ شيطاني جھنڊو”سڏيو ويندو هو.ان وقت ماڻهن سڀ کان اول“آزادي ” “برابري ”“ برادري ” ۽“بالشويڪ ” لفظ ٻڌا ۽ عوامي جڳهن تي اکر لکيل ڏٺا ته؛
    ”عوام جي حڪومت ،
    عوام جي مرضي مطابق ،
    عوام جي ڀلي خاطر .”
    مگر ترت ٻيا سپاهي اچي ويا ،جن پهرين سپاهين مان ڪن کي ماريو ، ڪن کي ڀڄايو . ماڻهن جي ڪنن ۾ وري “منشويڪ ” جو اکر پهچڻ لڳو ،هي سپاهي پهرين وانگر ڏٻرا ڪونه هوا ، نڪي سندن اڳواڻ ڪاليجي شاگرد هوا .
    شهر جا ڪجھ شاهوڪر ڀڄي ويا هوا ، سي وري واپس اچي ويا ، شهر ۾ ظاهر ۾ ڪجھ امن امان ماڻهن کي ڪجھ “منشويڪن ” ۽ “بالشويڪن ”جي معنى جي گھڻي خبر ڪانه پيئي ، پر اهو ته سڀني کان پئي ٻڌائون،ته زار جي صاحبي بهرحال ختم ٿي ويئي .
    هي نوان سپاهي متارا ۽طاقت ور هئا ،سندن منهنمان صاف پئي معلوم ٿيو ،ته کين سٺو کاڌو مليل آهي ،سندس آفيسر وڏا امير ۽ شهزادا هئا. هنن جي اچڻ بعد ائين ٿي معلوم ٿيڻ لڳو ، ته چڻ ڪو انقلاب آيو ئي ڪونه آهي .
    مگر نومبر 1917ع ۾ حالتن ۾وري ڪجھ ڦيرو آيو اسٽيشن ته نئين قسم جا ماڻهون ڏسڻ ۾ پئي آيا ، جن مان گھڻي قدر جنگ جي مورچن مان ڀڄي آيل سپاهي هئا ،۽سندن تعداد روز بروز وڌندو پئي ويو ، اهي سپاهي هنن پهرين آيل ڏٻرن سپاھين ما ن ،جن جن کي ”بالشويڪ “سڏيو ويو ٿي .
    منشويڪ ،جيڪي شهر تي هينئر قابض هوا ،سي بالشويڪ سپاهين ۽ ٻين ماڻهن کي پڪڙڻ لڳا پر اڳتي هلي بالشويڪن جو تعداد وڌندو ويو ۽ هو گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ منشويڪن سان وڙهڻ لڳا .ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته هنن کي موت جي ڪا پرواه ئي ڪا نه هئي .هو انهي اسٽيشن تي لهندا ئي ڪونه هئا ،پر فقط هي پئي چاهيائون ، ته کين اڳتي وڃڻ ڏنو وڃي .
    هڪڙي ڏينهن منشويڪن کي خبر ملي ته ايندڙ گاڏيءَ ۾ گھڻا ئي بالشويڪ سپاهي اچي رهيا آهن ، ان ڪري هنن جو وڏو جٿو کين رڪڻ لاءِ اسٽيشن تي ويو ، پر ايندڙ سپاهين مشين گنن سان سندن سينا پروڻ ڪري ڇڏيا ۽ پوءِ اهي اڳتي هليا ويا . هاڻي شهر وارا مقابلي کان ڪيٻائڻ لڳا ۽ نتيجو اهو نڪتو ، ڪتريون ئي ريل گاڏيون بنا ڪنهن مقابلي جي اڳتي وڌي ويون ، ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ بالشويڪ اسٽيشن تي لهندا هئا ، پر الائجي ڪاڏي گم ٿي ويندا هوا.
    ڪورچاگن ۽ سندس جھڙا ٻيا پگھاردار حيرانيءَ مان اهو تماشو پيا ڏسندا هوا ،هو ته ساڳيءَ طرح مالڪن وٽ پورهيو ڪندا هئا ، زار ويو ته ڇا، بالشويڪ آيا ته ڇا ، جي منشويڪ آيا ته ڇا ، مگر هڪ ڏيهن ائين به ٿيو، جو اول ته شهر ۾نڪي بالشويڪ هئا ، نڪي منشويڪ اچتو بالشويڪ آيا ، مگر ٻن چئن ڏينهن اندر ويهارو هزار رائفلن تي قبضو ڪري ، اهي وري عوام ۾ ورهائي ڇڏيائون ۽ پاڻ هليا ويا.
    شهر ۾ڪجھ افراتفري هئي ڪجھ بيماري ، ڪجھ لڏپلاڻ ،انهي ڪري نوڪرين جون ڪي جايون پئي خالي ٿيون ۽ آخر ڪار ڪورچاگن کي بجليءَ جي ڪرخاني ۾ ڇڱي نوڪري ملي ويئي .
    بجلي جي ڪارخاني جو مستري .”يوخرائي“ هو، هن ڪورڇاگن کي نهايت محبت ڀرين نظرن سان ڏٺو ۽ ڪم وٺڻ لڳس ، جيئن ڄڻ ته ننڍو ڀاءُ هجي.
    هن کي جڏهن اها خبر پئي ،ته هي ڇوڪرو پنهنجي حقن جي حفاظت خاطر پاڻ کان وڏن سان وڙهي پوندو آهي تڏهن کيس وڌيڪ وڻيو ۽ باقائده بهادري جي ٽريننگ ڏيڻ لڳيس، هو پاڻ به بهادر هوکيس بهادرن سان پيار هو ، انهيءَ سان گڏو گڏ فرصت جي وقت ۾ هو سياسي ڳالهيون ڪندو هو .
    هڪڙي ڏيهن ڪورچاگن هن کان پڇيو ” استاد هي اسن جي ملڪ ۾ ڇا ٿي ريو آهي ؟چون ٿا ته بادشاھ زار ساصب کي تخت تان لاٿو ويو آهي۽ پوءِ هڪڙا پيا” بالشويڪ “ اچن ،وري ٻيا ” منشويڪ “ اچن ، ۽ وري اهي افواھ پيا اٿن ته جرمن به اچڻا آهن ۽ آخر اهو آهي ڇا؟.”


    7

    يوخرائي مرڪي جواب ڏنوس، ته هن ملڪ جي بادشاه کي ”زار“ سڏبو هو ۽هو ڪنئين پيڙهين کان بادشاه هو مگر هو آپيشاهي هلائيندو هو.رعيت جي ڏکن سکن جي ڪابه خبر ڪانه رکندو هو .سندس ڪامورا ۽ وڏا زميندارغريبن کي ستائيدا پيا هئا،ان ڪري وقت بوقت غريب پيا بغاتون ڪندا هوا.
    هن صدي جي شروع ۾ هو پنهنجي ملڪ وڌائڻ خاطر ،سندس اڀرندي ڇيڙي جي ڀر واري جپان نالي ملڪ سان وڙيو،۽ هارايائين .جنهن ڪري ڪجھ ڪمزوري اچڻ تي 1905ع ڌاري عوام ڪافي بغاوتون ڪيون هنن باقاعده جماعت ٺاهي ، جنهن جو نالو رکيائون ” بالشويڪ “يعني گھڻائيءَ وارا ،ڇو ته هن ۾ غريب ۽ مزدور عوام شامل هو ، جي ملڪ ۾ تمام گھڻا آهن.
    انهن جي مقابلي ۾ اميرن، زميندارن ،۽ سيٺين به هڪ جماعت ٺاهي ،جنهن جو نالو ٿيو ”منشويڪ “يعني ٿورائي واري.
    درحقيقت اها بالشويڪن جي جمائت ڌار ڌار هنڌن تي سو سالن کان هارين ۽ مزدورن جي حقن جي خاطر چڪريون کائي رهي هئي ۽ پنجھاهي ورهين جي ڪوشش بعد ڪجھ هاصل نه ڪيا.ئون ،پر انهي ڪوشش بعد هنن وڏيون قربانيون ڏنيون هيون . مگر هو قربانين بعد اهڙو هري ويا ،جو اڳتي هلندا رهيا . کين نڪي لٺيون روڪي سگھيون نه جيل نه ڪارو پاڻي نه ڦاسيون .
    هن هلندڙ صديءَ جي شروعات ۾ سندن اڳواڻ “لينن” نالي هڪ بئرسٽر هو . جنهن لنڊن مان اخبار ”اسڪرا “ (چنگاريا جنگ) ڪڍي ۽ پوءِ جماعت منظم ڪري ،ان جو بنياد لنڊن ۾ وڌائين ،ڇا ڪاڻ ته زار جي حڪومت ۾ ائين ڪرڻ ممڪن ئي ڪونه هو .
    بالشويڪن پنهنجون پئنچاتون ٺاهيون جن کي” سوويت “سڏيندا هئا ۽ هنن زوردار نموني ۾ اهي گھرون ڪيون ،مزدورن ۽ هارين کي وڏا حق ڏنا وڃن ۽ آپيشاهي نه هلائي وڃي،آخرگھڻي رتوڇاڻ بعد زار به ڪجھ مڙيوعوام کي پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ لاءِ ميمبريون ڏنائين جنهن کي “ڊوما” سڏيو ويندو هو .
    پر پنج سال اڳ وري ملڪ ۾ هڪ تمام وڏي جنگ لڳي ، اول ته اها آسٽريا ۽ هنگري جي ملڪن وچ ۾ هئي پر پوءِ سڄي دنيا جا ملڪ انهن جا طرفدار بنجي پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا ، ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن کي اها اميد هئي آءُ ان طرح وڌيڪ ملڪ هٿ ڪندس .
    اسان ملڪ جو بادشاه زار هڪ طرف هو ۽ جرمنيءَ جو بادشاه ٻئي طرف . ان ڪري هو هڪ ٻين تي به حملا ڪرڻ لڳا .هڪ طرف ته زار صاحب وري به ڊوما جي صلاح ڌاران آپيشاهيون ڪرڻ لڳو،تنهنڪري انتظام کي به سنڀالي نٿي سگھيو .۽ فوج کي سامان به ٺيڪ نه ملي سگھيو .ٻئي طرف بالشويڪ به سپاهين ۾ اهڙو پرچار ڪرڻ لڳا ،ته ڀلا اسين ڇو وڙهون ؟ آخر اسان کي ڪهڙو ضرورپيو آهي . جنگ ڪرڻ جو ؟ سپاهي اڳيئي بد دل هئا سي ڀڄڻ لڳا ۽ افراتفري مچي ويئي .
    انهي جو نتيجو اهو نڪتو جو ملڪ ۾ به بک ۽ بيروزگاري وڌي ويئي ڀڳل سپاهين عوام کي ڀڙڪايو ۽ ماڻهون هر هنڌ بغاوت ڪرڻ لڳا .جيئن پوليس ۽ فوج ٿي کين دٻايو ،تيئن هووڌيڪ ٿي چڙيا .
    آخر 27 فيبروري 1917۾ زار کي سندن عزيزن سميت قيد ڪيو ويو ، ۽ حڪومت ”ڪرنسڪي“ نالي هڪ فوجي آفيسر ورتي .ملڪ ۾ ڪجھ ٺاپر ئي ، قيدي آزاد ڪيا ويا ، جاماعتن تان بندشون لٿيون،،۽ 16 اپريل 1917جو بالويشڪن جي اڳواڻ ”لينن “ به واپس وطن وريو .
    مگر ڪرنسڪي ملڪ کي ٺيڪ سنڀالي نه سگھيو ، انڪري بالويشڪن جماعت زور ٿيندي ويئي ۽25 آڪتوبر تي وري حڪومت جو واڳون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا .پر ڪرنسڪي جا ملڪ ۾ پکڙيل همراھ به وڏن زميندارن جي مدد سان جٿي ڪٿي پيا قبضا ڪن ان ڪري انهن جا بالويشڪن وچ ۾ پيون چڪريون لڳن.
    بالويشڪ زميندارن، سيٺين ۽ پادرين جي خلاف آهن ، مزدورن۽ هارين جا حامي آهن، ان ڪري اهي هنن جي پاسي آهن،۽ زميندار ،سيٺون ۽پادري ڪرنسڪيءَ جي همراهن پاسي . هنن انهن چڪرين جو وجھ وٺي ٻڌجي ٿو ته جرمن فوجن به هن سان سائي ستابي ملڪ تي قبضي ڪرڻ جو خيال ڪيو آهي .هو فوجون زبردست آهن ،هتان بالويشڪن مرڪز تمام پري آهي ،ازان سواءِ هنن وٽ به فوجي سامان گھٽ آهي ،ڇو ته اڃان ملڪ تي پورو قبضو نه ٿيو آٿن.گھرو جنگ هلي پيئي ، ان ڪري في الحال هتان بالويشڪ فوجون نڪري ويون آهن . شايد جرمن اچي قبضو ڪن ، جن جن سان پولينڊ وارا شامل آهن پر بالويشڪ فوجن به ٻين هنڌن ته وڏا محاذ ٺاهيا آهن ، جن وسيلي هو منشويڪن ۽ جرمنن کي منهن ڏيندا.
    هي سڄو داستان ڪورچاگن ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو ، ۽ انهيءَ منزل تي بي اختيار چيائين چاچا !“ اهي بالويشڪن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ، ڇو ته هو مزدورن جا حامي آهن نه ؟”
    يوخرائي بي اختيار کڻي سندس نراڙ تي چميو ۽ چيائين “بيشڪ ! اسين مزدور ته پنهنجي حامين جي پاسي ٿينداسون ، اسان جو وڏن ماڻهن سان ڪهڙو واسطو ؟مگر ها جرمنن ۽ پولنڊ کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍڻ خاطر ، ڪار مردان جي مهل ۾ جيڪڏهن منشويڪ به انهن سان لڙندا هجن ، ٿه فقط اسان کي منشويڪن سان وڙهڻو ڪونه آهي ، ڃاڪاڻ ته پنهنجي وطن سان ڌارين کي ڪڍڻ سڀ کان اهم ڪم اهي، پنهنجن دان ٿه پوءِ به نبري کائبو.”


    8

    بالويشڪ دستي وئي ٽي ڏيهن گزريا ، ته جرمن فوجون اچي پهتيون . ساري شهر ۾اها خبرٻڌي هلچل مچي ويئي ، اگرچه هنن افواھ ته ٻڌا پئي ، پر کين ڪنهن به صورت يقين نه ٿي آيو ، ۽ جڌهن ته اسان جي نئين مزدور حڪومت صاف اعلان ڪيو آهي، ته جنگ بند ڪجي ٿي، ۽ تڏهن ڇو جرمن فوجون اسان ملڪ تي ڪاهي اينديون؟
    پر جرمن فوجون اڇي لٿيون ۽ وڏي رعب تاب سان شهر جي وڏي چونَنڪ وٽ اچي پهتيون ، شهر جي ڪافي ماڻهن ته گھرن جا دروازا کڻي بند ڪيا هئا ۽ سيرن ۽ ٽنگن مان ڏٺائون ، پر ڪي بي فڪرا چونڪ ۽ اچي گڏ ٿيا هئا.
    هڪ آفيسر بند آواز سان ڪمانڊنٽ ميجر ”ڪارف “ جو اعلان پڙهي ٻڌايو ، “ته هر شخص پنهنجا هٿيار اسان وٽ جمع ڪرائي ۽ شهر ۾ ماشل لا لڳائجي ٿو، ڪوب شخص 8بجي کان پوءِ گھر کان ٻاهر نه نڪري.”
    هنن وڌي وڃي انهيءَ جاءِ تي قبضو ڪيو ،اول ميونسپل آفيس هئي ۽ انقلاب کان پوءِ مزدور پئنچات دفتر .انهيءَ ۽ ڪو شڪ ڪونه هو ته شهر ۾ اهڙي سٺي سرڪاري جاءِ ڪان هئي ، پر مزدورن کي پنهنجي جاءِ تي هنن جو قبضو ٿيڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيو . تماشبينن ۾ ڪورچاگن به هو ، هو اگرچه ننڍو هو ،پر پاڻ کي هڪ مزدور ٿي سمجھيائين تنهنڪري هن کي به مزدورن جي مرڪز تي جرمنن جي قبضي ڪرڻ سبب کانئن سخت نفرت پيدا ٿي ۽ وير وٺڻ جا طريقا سوچڻ لڳو .
    هڪ ننڍو ڇوڪرو ۽ هيڏي زبردست فوج کان وير ڇا وٺي سگندو ، پر هن کي اهو تصور هو ته دشمن کان جيڪڏهن وير وٺڻو آهي ته جيترو به ،۽ جھڙي طرح به وٺي سگھجي ، اهو وٺجي ،هر شخص جيڪڏهن قطرو قطرو به گڏ ڪندو ، ته نيٺ دريا ٿي پوندو . پنهنجي گھر کي ويجھو پهتو ، ڀر واري شاهي بنگلي ۾ هلچل ڏٺائين ، هه هڪ وڏي دولتمند وڪيل “ليش چنڪي” جو گھر هو ، جنهن مختلف اٽڪلن ۽ عقلمندين سان تمام گھڻا پئسا گڏ ڪيا هئا ۽ شهر تي بالشويڪن جي قبضي ٿيڻ شرط ڀڄي ويو هو . پراڄ هو وري موٽي آيو هو ، اڄ سندس بنگلي ۾ چهچھ لڳي پئي هئي.
    “ اوھ هي ڪيڏا خوش آهن ، غدار ڪنهن لاءِ جا ! ديس تي ڌارين جو قبضو هنن کي ڪيڏي نه خوشي ڏني آهي ! ڪري وٺن چار ڏيهن موجون ، ڌاريا نيٺ ته لوڌيا ويندا ، هنن کان سڀ ڪسرون ڪڍيون وينديون.”هو چپن ۾ ئي ڀڻ ڀڻ ڪندو ويو.
    ڪجھ ڏيهن گزري ويا هڪ ڏينهن شام جو هو ڪم تان واپس موٽيو ، ڏٺا ئين ته وڪيل جي بنگلي ۾ ڪو فوجي آفيسر به اچي رهيو آهي ، وڪيل جي ڌيءَ نيلي هن سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي ، کلندي ٻاهر نڪتي آهي ۽ هو هڪ عليشان بگيءَ ۾ چڙهي هواکائڻ پيا وڃن، “ڏسو غدارن جو اخلاق !....پنهنجي ملڪ ڦٻائيدڙن کي پنهنجون ڪنواريون ڌيئرون به ڪڍيو ڏين !....ڀلا غدار جو ٿيا !..... غدرا جي هر چيز ڌارين جي ملڪيت آهي .”هن ڀڻ ڀڻ ڪئي،
    هو گھر ويو ، ماني کائي وري ٻاهرنڪتو . سندس گھر ۽ وڪيل جي گھر پٺيان هڪ پبلڪ باغ هو ،هو به هوا کائڻ خاطر وڃي باغ ۾ پهتو ، گھمندي هڪ پيهو ڏٺائين ، جنهن تي ڇانو به هئي ، هيءُ ان تي مٿي چڙهي ليٽيو، سامهون وڪيل جي بنگلي جو هڪ طرف بلڪل ويجھوڏسڻ ۾ پئي آيس . شايد هن طرف ئي جرمن آفيسر کي رهايو ويو هو ، جو هٿيار ، سامان وغره ڏسڻ ۾ پئي آيو . پر عجب هو ته ماڻهون ڪوبه ڪونه هو ، شايد ساحب بهادرجي گھمڻ لاءِ وڄڻ سبب ٻيا به بي فڪر ٿي نڪري ويا هئا . بجلي ءَ وانگر ڪورچاگن جي مغز ۾ هڪ خيال آيو ، پيهي جي ڀر ۾ هڪ وڻ هو ان جون ٽاريون جھلي وڻ تان چڙهي وري به سندس پررانهين ٽارين تان لهندو وڃي بنگلي جي ڇت تي پهتو۽ٽوھ وٺي وري به هڪ وڻ جون ٽاريون جھلي هيٺ لهي آيو،خبرداري ءَ سان جاچ ڪري ڪمري ۾ اندر ويو، ميز تي هڪ عاليشان پستول پيو هو.هو اهو کڻي وري به ساڳي رستي کان ٿيندو نڪري اٿي ڀڳو ۽ باغ کن ٻاهر نڪري ، ويران واٽون وٺي ، وڃي هڪ سرن جي ڦٽل کوري وٽ پهتو . نهايت احتياط سان سرون پري ڪري پستول اتي لڪائي ، وري مٿس سرن جو ڍير ڪري، هي واپس اڇي گھر پهتو ۽ جرمنن کي ڪجھ نه ڪجھ نقصان رسائڻ تان خوش ٿيڻ لڳو .
    ٽي ڪلاڪ گزريا ، ته وڪيل جي بنگلي ۾ هڪ شور متل ڏٺائين آفيسر موٽي آيو هو ، پستول ميز نه ڏسي اردليءَ کان پڇيائين ، اردلي اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت ! هو غصي سان اردلي کي ڍاڍي مار ڏني ۽ پوءِ وڪي صاحب کي گھرائي ان تي غصو ڇنڊڻ لڳو ، “توهن جي گھر مان ضرورڪي فرد بالشويڪن جا جاسوس آهن ، اف! هو اسن تي به هٿ صاف ڪن ٿا !مان توهان کي چـڱيءَ طرح ڏسي وٺندس.”وڪيل صاحب ڏڪڻ لڳو ، آفيسر جو مهمانيون ۽ خوشامدون ڪرڻ مان وڏا وڏا فائدا حاصل ڪرڻ ، ته پنهنجي ماڳ مورڳو اچي برباديءَ جي خطري کنيس کيس چڱيءَ طرح معلوم هو ته گھر وارن مان سندن ڪوب بالشويڪ ڪونه هو.سندس هڪ نوجوان فرزند ، وڪٽر تي اهو شبهو ڪجي ها ، پر هو ٻه دفعا ناپاس ٿيڻ بعد مس مس مئٽرڪ تي پهتو هو ۽سارو ڏينهن ڇورين جي سوچ ۾ پورو هوندو هو .
    آخر ڪار آفيسر سخت غصو ڪرڻ بعد پاڙي جي سمورن غريبن جي تلاشي ورتي ۽ هو سڀ جرمنن کي پٽڻ لڳا . ٻين تلاشيءَ گڏ ڪورچاگن جي به تلاشي ورتي ويئي ، پر ڪٿان به ڪجھ هٿ نه آيو ۽ ملٽري آفيسر جو وقت بوقت وڪيل صاحب کي ڌمڪايو ۽ گاريون پئي ڏنيون انهيءَ مان ننڍڙي چور کي ڏاڍو لطف پئي آيو ۽ سمجھائين پئي ،ته ڌارين غدارن پريشان ڪري ڏاچو کيج کٽيو اٿم!.


    9

    بجليءَ ڪارخاني ۾ ڪورچاگن وارو بدلجي رات جو ٿي ويو ، ان ڪري بيڪاري کان گزارڻ وارا ڏينهن هن لاءِ وڏا ٿي ويا .هڪ ڏيهن شام سندس ڪنڍي کڻي هو ريلوي باغ ۾ ويو ،اتي ننڍي تلاءُ جي ڪپ تي ويهي ڪنڍي اندر اڇلايائي مڇي جو شڪار ڪرڻ لڳو.
    هو مڇيءَ جي انتظار ۾ هو، ته سندس ڀر واري وڻ تان هڪ سنهڙو آواز آيو“ تون سمجھين ٿو ته هينئر شڪار ڪري سگھندين .؟”
    “ تنهن ۾ تنهنجو ڇا وڃي مس صاحبه !” ڪورچاگن سواءِ ڪنڌ مٿي ڪڻڻ جي جواب ڏنو .هن جو سڄو توجھ مڇين طرف هو ، مگر تلاءُ ۾ ڏٺائين ، ته وڻ تي ڪا ڇوڪري ويٺل آهي . ٿوري دير ۾ پاڻيءَ هلچل پيدا ثي ، وڻ تان رڙ ٿي“ ڏس ڏس مڇي ڦاسي پيئي!”
    پاڻيءَ ۾ وري هلڇل ٿي ، ظاهر هو ته هن رڙ سبب مچيون ٽهي ويون، هن جوش مان چيو ، “ماٺ نه ٿي ٿئي مس صاحبه ؟ منهنجون مڇيون ڇو ٿي ٽاهين؟”
    “مڇيون ته تنهنجي صورت ڏسي ئي پيون ٽهن” هن ٽهڪ ڏيئي چيو“ ڀلا شام جو ڪو شريف مڇين جو شڪار ڪندو آهي؟”
    چڙ مان هن جو ڪنڌ ورائي“ شام هجي يا صبح ، پر تو مان ڇو اچي ڦاٿو آهيان ؟ تون پنهنجي واٽ نٿي وٺين؟(ڇرڪ ڀري) اهو ..... تون آهين .... مس تانيا !....تون ...تون....”
    “جي ها آءُ آهيان تانيا ! چڙ ڪاڏي ويئي ؟”
    “چڙ ؟ توتي ڀلا چڙ ڪيئن ايندي ؟ تون ڪڏهين آئين؟”ڪورچاگن نهايت حيرانيءَ مان هن ڏي ڏسي رهيو هو . هن کي ڏاڍا سهڻا پهريل هئا ، “۽ هوءَ به هاڻي اڻ ٽڙيل مکڙي جو ڏيکاءُ ڏيئي رهي هئي.
    “مونکي ٻه ٽي ڏينهن آئي ٿيا آهن. ڪتاب کڻي هن وڻ تي ويٺي پڙهيم ، ته توکي شڪارڪندي ڏٺم ڇا ، آءُ شڪار ۾ رنڊڪ وجھان ٿي ؟”
    هن جي صورت ۾ محو ٿي هن جواب ڏنو“ نه نه !تون ۽رنڊڪ ؟ پر....پر شڪار به ڪو ضروري آهي ڇا؟آءُ ته ائين پئي وندريس . هينئر بجليءَ جي ڪرخاني ۾ نوڪري ڪندو آهيان ۽ رات جو وارو هئم ....”
    ڳالهه ڪپي تانيا ٽهڪ ڏيئي چيو“۽ تنهنڪري واندڪائيءَ جي تفريح ٿي ڪيئه ائين نه ؟ڀلا ڪر شڪار ،آءُ ٿي ڏسان ته ڪيئن ٿو شڪار ڪرين؟”
    آهستگيءَ سان ڪنڍي کي هن پاڻي ۾ اڇلايو ، هن لاءِ ته لهرون نه اٿن ۽ پاڻ بجاءِ مڇيءَ جي ، پاڻيءَ ۾ تانيا جي صورت ڏسن ۾ محو ثي ويو !
    ايتري ۾ پريان ٻه نوجوان ايندا ڏسڻ ۾ آيا ، هڪڙو هو وڪيل صاحب جو فرزند وڪٽر ۽ ٻيو ريلوي يارڊ جو سڀ کان وڏي آفيسرانجنيئر جو فرزند سڪارخو ،“يار هيءَ ڇوري ته ڦٽاڪڙي پيئي ڏسجي ،الائي ڪير آهي هيءَ ؟” سڪارخو چيو،
    “آءُ سڄاڻانس ٿو ،اسان جي پاڙي ۾ رهندي آهي ، پڻس ٻيلي کاتي ۾ آفيسر آهي ۽ هيءَ ڪيف(يوڪرينجي هيڊ ڪواٽر ) ۾پڙهي ٿي ، هينئر موڪلن تي آيل آهي.”
    “پوءِ اهڙي بلبل تي به تو جھٽ ڪونه هنيو ؟” سخارڪوءَ ڄڻ ته کيس بي همت سڏيو .
    .“يار ڳالهه نه پڇ !اصل پيرئي نٿي کوڙي ”بنهه ڳالهه نه ٿي ٻڌي” وڪٽر جواب ڏنو .
    “ اڙي بيوقوف ! اهي ته آهن نازنين جا نخرا ، هنن جي ناڪار معنى هاڪار.هل مون سان ڳڏ ، ڏس ته آءُ ڪيئن ٿو ڇيڙيانس . تون رڳي منهنجي سڃاڻپ ڪرائج،”
    هوآستگيءَ سان هلي وڻ هيٺ پهتا ، تانيا هينئر ڪورچاگن کان توجھ هٽائي ڪتاب پڙهي رهي هئي.“هيلو مس تانيا ! اڄ مڇيءَ جي شڪار تي آئي آهين؟” “نه ! آءُ ته خاموشيءَ سان پڙهان ويٺي ، ته متان هن شڪار ڪندڙ صاحب جي ڪم ۾ رنڊڪ پوي”
    سخارڪوءَ ڪورچاگن ڏي ڏٺو،سندس غريباڻن ڪپڙن ۽ شڪل مان ئي سندس حيثيت پروڙي ورتائين . هو وڌي ڪورچاگن کي ويجھو وڃي چوڻ لڳو“اڙي تون ڪير آهين اٿ هتان .”
    ڪورچاگن پنهنجي شڪار طرف محو هو هن سندس لفظ ڄڻ ته ٻڌائي ڪونه ، انهيءَ تي هن ڪڙڪو ڪري چيو“اڙي بڌين ڪونه ٿو؟ ڀڄ هتان نه ته .......”
    ڪورچاگن ڪنڌ مٿي کڻي تيز ٿي چيو “تون ڪير آهين مونکي لوڌڻ وارو ؟ هي باع ڪو بابهين جو آهي ڇا؟”
    “ ٽڪي جا ڇورا ! تو ٿو مون سان چپ هڻين ؟” ائين چئي هو تيزيءَ سان اڳتي وڌيو ، ڪورچاگن ڪنڊيءَ ۾ هڻڻ واري ڪيڙن جي دٻي کي جو ٿڏو هنيائين ، ته وڃي تلاءَ ۾ پيو . هو جوش مان ڪنڊي ڇڏي اٿي کڙو ٿيو . تانيا رڙ ڪري چيو“ شرم نه ٿو اچيئي مسٽر، هيءَ به ڪا شرافت آهي ؟”
    پر ڪورچاگن کي جوش مان اکيون ڪرڙيون ڪري نهاريندو ڏسي ، انجنيئر جي فرزند کي چڙ آئي جو ٻنهي هٿن سان ڇاتيءَ تي اهڙي زور سان مڪ هنيائين جو هو ٿڙڻ لڳو ۽امڪان هو ته وڃي پاڻيءَ۾ ڪري ، پر هو پاڻ سنڀالي زور سان چوڻ لڳو“ اڇا؟ توکي به مرمت تي سَڌ ٿي آهي.” ۽سندس استاد کي ياد ڪري وٺي جو کڻي منهن تي ٿڦڙ هنيائين ، ته سخارڪو جو مٿو ئي چڪرکائي ويو . اڃان هن پاڻ سنڀاليو ئي مس ته يڪدم سندس ڪنڌ مٿي جھلي گھلي کڻي پاڻيءَ هنيائينس ، سندس چمڪندڙ بوٽ ۽ قيمتي سوٽ گپ ۽ پاڻيءَ ۾ ڀرجي ويا . هن وري رڙ ڪئي ، ته سندس ڄاڙيون وڄڻ لڳيون ، ڃٻ ڪٽجي پيس ، هڪ زور دار رڙ ڪري هو وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو !
    “ واھ واھ ! تانيا تاڙيون وڄائيندي چيو ڪهڙو فرسٽ ڪلاس واڄٽ ڪرايو اٿيئس. شاباس پهلوان!”
    وڪٽر پنهنجي ساٿيءَ جي هي حالت ڏسي تانيا ڏي نهاري چيو“ هي ڪورچاگن آهي ، اسان جي پاڙي جو وڏو بدمعاش ۽ غنڊو. هن کان خبردار رهج ،متان ڪڏهن عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏينئي .” ۽ پوءِ پاڻ يڪدم کسڪڻ لڳو ته متان ساڻس به نه اها حالت ٿئي !
    ۽ رات جو ڪورچاگن پنهنجي استاد يوخرا.ئيءَ کي هي واردات سڻائي ، تڏهن پٺي ٺپري چيس .“شاباس ! منهنجا سپوٽ شاگرد ! پنهنجي حق حاصل ڪرڻ خاطر ڪنهن گڙنگ کان متان ڊڄين . مرد سڄ عمر هڪ دفعو مرندو آهي ۽ گانڊو ڏينهن ۾ ڏھ دفعا!”


    10

    جنهن به هنڌ تي ، جيترا به ڏينهن بالشويڪن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ٿي مليو اٿي هڪدم پهريون حڪم اهو ٿي ڪڍيائون ، ته “ زمينداري بنا معاوضي رد زمين انهن کي ملي ، جيڪي پاڻ پوکين .”
    ظاهر آهي ته هن حڪم زميندارن ۾ هلچل مچائي ٿي ڏني ۽انهي وقت ، جڏهن اڃان بالشويڪن جا پير به پوريءَ طرح ڄميل نه هئا ، اڃان مٿن جرمنن ۽ پولينڊين جا حملا پئي ٿيا ، سندن اهي حڪم نڪرن ، ظاهر ۾ ڪيڏا نه غلط هئا ، مگر ڪيڏين مصيبتن ايندي ، هو انهن حڪمن ڪڍڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪندا هئا .
    انهي جو سبب ؟ ....... سبب هي هو ته کين پڪ هئي ته اسين في الحال مصلحت خاطر زميندارن کي ڪيڏو کڻي نوازيون ، ته به هو اسان جا دوست هرگز ٿي نه سگھندا ، بلڪ انهي نوازڻ يا ڍر ڏيڻ سان جيڪي سو ملڪ ۾ تباهي ايندي .
    بالشويڪن پنهنجي جدوجھد جو بنياد “ ڪارل ماڪس” نالي هڪ وڏي عالم فاضل ۽سندس ساٿين جي تجويز ڪيل فلسفي ” ڪميونزم“ تي رکيوهو ، جنهنجي ٿورن اکرن ۾ اهو ئي مطلب آهي ،ته “جيڪي پورهيو ڪن ٿا سي ئي حڪومت ڪن . ائين ٿيڻ نه گھرجي جو پورهيت ته ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ذليل ٿيندا وڃن ،باقي چند چالاڪ شخص ، ڪنهن نه ڪنهن طرح حڪومت تي قابض ٿي ،زمينن ،جاين ،ڪارخانن ۽ واپارن تي قبضو ڪري ويٺا هجن ، ۽ عيش ڪن ۽ عوام جي زندگي زهر بنجي وڃي.”
    هن قسم جو فلسفو ، هونئن ته جيئن انسان آباد ٿيو آهي ،تنئن چڱا ماڻهون ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هلائيندا پي اچن . نبين ،رشين ،درويشن ، جي تعليم ۾ اهائي چيز ملي ٿي.خود اسلام ۾ به ساڳئي قسم جا احڪام آهن. ۽ جيڪڏهن ابوذرغفاري ﷦ جي تعليم ۽تبليع جو مطالعو ڪيو ته به اهي ئي اشارا ملندا .
    هن فلسفي کي عملي رنگ ۾ اٽڪل اڍائي هزار ورهيه اڳ يوناني فيلسوفن پڻ پيش ڪيو هو، مگر دنيا اڃا اتيري مهذب ڪانه هئي ، جا انهي کي مڃي سگھي ۽ عمل ڪري سگھي . ان ڪري اهو ڏيئو هر هند ٿورو ٽمڪندو وري وسامندو ٿي ويو، وري سندس ڪا چڙنگ ڀڙڪي ۽ ٽمڪي کي جن به ڏٺو ٿي ، سي ئي دائمي سندس مشتاق ٿي رهيا . دنيا جي سڄي تاريخ انهن آزاديءَ پروانن جي خون سان رنگين ٿيل آهي .
    ڏٺي جن هيڪار ، صورت ساهڙ ڄام جي ،
    سک ٿي ستيون ڪينڪي ، ڀري ساڻ ڀتار،
    گھڙيون گھر نئانڌار، ڪاهي پيو ڪن ۾ ،
    مگي 1760ع ۾ دنيا انهيءَ منزل تي پهتي ،جو هڪ طرف يورپ ۾ “سين سيمون ”نالي هڪ وڏي مدبر ۽ علم انهي کي سائنٽفڪ نموني سان هلائڻ شروع ڪيو ، ۽ ٻئي طرف هندستان ۾ شاھولي الله به ساڳيون تلقينون مذهبي رنگ ۾ شروع ڪيون.
    “سين سيمون” بعد “رابرٽ اوئن” ۽ ٻيا يورپي عالم هن کي چالو ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪندا رهيا ، خود شاھ ولي الله جي ڪتاب به جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيا . تان جو اڻيهوين صديءَ جي وچ ڌاري جڏهن هندستان ۾ به بغاوت جي باھ پئي دکي ،تڏهن “ڪارل ماڪس”۽ سندس خاص ساٿي “اينگلس” جي ڪوشش سان يورپ جي ڪافي مدبرن گڏجي ، انهي کي”ڪميونزم“جو نالو ڏنو ۽ ؟ڪميونسٽ پدرنامو“شايع ڪيائون.۽ پوءِ ان جي شرح هڪ وڏو عالمانه ڪتاب “موڙِي ” شايع ڪيائون .( سنڌي ادبي بورڊ ارادا ڪري رهيو آهي ته انهي ضخيم ڪتاب کي سنڌيءَ ۽ شايع ڪجي.)
    آمريڪا ۾ به اهي ڪافي بغاوتي تحريڪون هليون هيون ،سنه 1886ع جر ”پهرين مئي “ تي مزدورن جو جلوس ڪڍڻ سبب هنن تي خوب گوليون هلايون ، مگر هو روڪجي نه سگهيا ۽ انهن ئي شهيدن جي رت مان ڪپڙو ٻوڙي جھنڊو بنائي اڳتي هليا ۽ ان وقت بعد مزدورن جو جھنڊو “لال” ٿيندوپئي آيو آهي۽ باوجود سخت ظلمن جي ،دنيا جي ڪافي حصن ۾ “1_مئي” جو ڏينهن ملهائبو پئي رهيو.
    آهي،جنهن ۾ هاڻي ته حڪومتون به بهرو وٺنديون آهن ،ڇاڪاڻ ته هنن ڏٺو ته مزدور ڪنهن به صورت ۾ هي ڏينهن ملهائڻ کان باز ڪونه ايندا .
    تنهنڪري اهو ته ممڪن ئي ڪونه هو ،ته زميندار هنن جا سڄڻ بنجن ، جيئن ئي جرمنن يوڪرين جي حصي تي قبضو ڪيو ، زميندارن سندن ساٿ ڏيئي ، پنهنجن زمينن تي وري قبضو ڪري ورتو ۽ هر هنڌ هارين جي پٺن تي زميندارن ۽ جرمنن جي سپاهين جا چابڪ وسڻ لڳا .
    پوءِ زميندارن جي مدد سان ساري يوڪرين مان ، ڪڻڪ ،ڍور ، ۽ٻيو اهڙو سامان گاڏين جو گاڏيون ڀرجي جرمني وڃڻ لڳيون، هيءُ ڏسي هارين اکين ۾ اوندھ اچڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته زميندارن ته پنهنجي کاڌي جيترو ان محفوظ ڪري رکيو هو ، باقي ان وغيره جو ڌڙا ڌڙ جرمنيءَ پئي ويو ، ان جي جي نتيجي طور بک ته هارين کي مرڻو هو ، انهيءَ ڪري هارين جو انهيءَ کان سواءِ ٻيوچارو ڪونه هوته هو بالشويڪن جي ڇاپا هڻندڙ فوجن ۾ وڃي ٿي داخل ٿيا ۽ جيترو ٿي پڄي سگھين ، اوترو جرمنن جي گڏ ڪيل مال ٿي ڇاپا ٿي ماريائون ۽پڻ جرمنن کي جيڪا تڪليف پڄي ٿي سا ٿي سگھين سا ٿي ڏنائون .
    هو ته ظاهر هو ته بالشويڪن سان گڏجڻ ۾ سر جا سودا ڪرڻا هئا ، پر نه گڏجڻ ۾ وري هارين لاءِ ڪهڙي چڱائي هئي؟هونئن بک سان ڦٿڪي مرن ها يا ذلت جي زندگي گزاري ڏينهن ۾ ڏھ دفعا موت قبولين ها ، هئن عزت جي زندگيءَ وسيلي مرن ها ،پر انهي مرڻ ۾ اها اميد ضروري هئي ته پوين لاءِ ڇڱو ورسو ڇڏين ها. ان ڪري بالشويڪن ڇاپا مار جوجن ۾ جيئن تينئن واڌارو ٿيندوپئي ٿيو .(ان وقت جي انهي تصور ڪرڻ لاءِ هڪ هلڪو نقشو سنڌ جي انهي زماني جو آهي ، جڏهن رهزن انگريز حرن تي ماشلا لا لڳائي هئي ۽ اگرچه سوَن کي ماريائون ،هزارن کي قيد ڪيائون ، پر ڪابه ڪمي نه آئي .
    اها حالت ته هئي بهراڙي ۾ شهر ۾ به شاهوڪارن ان ۽ ٻيو کاڌي جو سامان لڪائي ڇڏيو ۽ خوب بلئڪ ۽ سمگلنگ ڪرڻ لڳا ، جرمنن کي ته هنن خوب راضي ٿي رکيو ، پر عوام لاءِ رڳا چابڪ هئا . هيءُ ڏسي شهرن ۾رهندڙ بالشويڪن به ماڻهن کي منظم طرح جرمنن کان نفرت ڏيارڻ لڳا ، اهڙا پرچا ورهائڻ ۽ ڀتين تي لڳائڻ لڳا، جن ۾ عوام کي هن سان بغاوت ڪرڻ جي ترغب ڏنل هئي.


    11

    شهر شيتووڪا ۾ انهيءَ پارٽيءَ اڳواڻ اهوئي يوخرائي هو ، جنهن جي هٿ هيٺ ڪورچاگن ڪم ڪندو هو . ظاهر هو ته بجليءَ جو مستري هو، پر باطن ۾ سموري تحريڪ جومنتظم هو ۽ اها ڳالھ ڪورچاگن کان به لڪي ڪانه سگھي هئي. اگرچه هو انهيءَ ڳالهه کي پوريءَ طرح سمجھي نه ٿي سگھيو، پر ايترو احساس هوس ته ”جرمن تمام برا آهن ۽ هنن کي هرڪا تڪليف ڏيڻ اسان جو قومي فرض آهي ، آخر هنن کي ڪهڙو حق آهي ، اسان جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ جو ؟”۽ پوءِ اهو احساس جو ئي نتيجوهو، جو يوخرائي جي چوڻ ڌاران ئي هواشتهار وڃي ورهائيندو هو، ۽ اهڙن مهلن ۾ به ڀتين وڃي ڇنبڙائيندو هو ، ۽ رات جو 8بجي کان پوءِ ڪنهن کي به گھرن کان نڪرڻ جو حڪم نه هو ۽ جرمن سپاهي ٻاهر نڪرندڙ کي گولي هڻي ڪڍندا هوا “ هن جي ساٿين مان ڪن کي اهڙيءَ طرح گوليون لڳيون به هيون . پر هن سان اها هالت هئي جو ؛
    سندو ڏم ڏڪار، هڏهين ڪونهي هن کي ،
    ڪارڻ منڌ ميهار ،ڪاري تات ڪن گھڙي ،
    ڏينهن ڏٺي جو پستول جي چوري ڪرڻ بعد هن جي دل تي اهو يقين ويهي ويو،ته جرمن حاڪم هجڻ سبب عياش ۽ غافل آهن ، اسين جيڪڏهن پنهنجيءَ تي اچون ته سندن هر ڪم کي ٺوڪر هڻي سگھون ٿا ، هن کي نڪا خبر هئي ڪميونزم جي ، نڪا بالشويزم جي پر رڳو ايترو سمجھي ٿي سگھيو ته“ آخر جرمنن کي ڪهڙو حق آهي اسان تي حڪومت ڪرڻ ۽ اسان جي ملڪيت لٽڻ جو ؟” ۽ فقط ايتريءَ ڳالهه سمجھڻ ڪري جنهن به ڪم مان جرمنن کي نقصان پهچي ، هو ٽپي وڃي ان ۾ پوندو هو ، جيڪو به شخص جرمنن کي نقصان پهچائيندو هو ، اهو کيس وڻندو هو ۽ جڏهن به جرمنن نقصان رسڻ ڪا خبر ملندي هيس ته خوشيءَ مان وٺي نڇندو هو .يوخرائي بجليءَ جي ڪاخاني ۾ پنهنجو ڪوٻيودوست چڏيو ۽ پاڻ وڃي ريلوي يارڊ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ، هڪ ڏينهن هن ڪورچاگن جي ڀاءُ آرتيم کان پارٽيءَ بابت سوال پڇيو . هن جواب ڏنو ؛ ” دوست !مونکي انهن پارٽين ٻارٽين بابت ڪابه خبر ناهي ، پر بدمعاش جرمنن کي پنهنجي ملڪ مان لوڌڻ لاءِ مون کان جيڪي ڪابه مدد پڄندي ، ته آخري پساھ تائين حاضرآهيان .” يوخرائي خبر هئي ته آرتيم زبان ڏني ته بس ، سر ڏيندو پر ڦرندو ڪونه ، ان ڪري هو ڏاڍو خوش ٿيو .“ ڪورچاگن ، منهنجا ننڍڙا دوست ! اڄ اسان کي تنهنجي مدد جي سخت ضرورت آهي .”هڪ ڏينهن يوخرائي کيس ڏاڍي پاٻوھ مان چيو .
    “ٻڌاءِ استاد ! رهزنن جرمنن کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ منهنجي جان به حاضر آهي .” “ اڄ سچ پچ تنهنجي جان جي ضرورت آهي ، اڄ اسان جي ڇاپا مار دستن کي هڪ وڏيءَ پل کي ناس ڪرڻو آهي ، اها پل ، جنهن تان اسان جي ملڪ جي ان ۽ ٻين شين جا گاڏا ڀرجي جرمنيءَ وڃن ٿا ،هوءَ پل جيڪڏهن هيڪر ناس ٿي ته ڪافي وقت سندس ٺهڻ ۾ لڳندو ۽ گھٽ ۾ گھٽ ايترا ڏينهن نڪي اسان جي ملڪ جي دولت اوڏانهن ويندي ، نڪي اتان ڪي رهزن جرمن اچي سگھندا . هن ڪم لاءِ اسان کي پل وٽ هڪ بم رکڻو آهي ، مگر ظاهر آهي ته هي ڪم ڪوبه وڏو ماڻهون ڪري نٿو سگھي ۽ اسان کي اهڙو ڇوڪرو گھرجي ، جو نهايت ڦڙت ، اٽڪلي ۽ بي ڊپو هجي. هو سهي وانگر بم کي اتي رکي ، سندس تار کي چڪي پاسي واري جھنگل ۾ پهچندو ۽ پوءِ مقرر وقت تي اسان جا همراھ سوئچ دٻائي ، ان کي ڇوڙيندا .
    ڪورچاگن اها تجويز ٻڌڻ تي اهڙو ته خوش ٿيو جو ڇا چئجي ، مگر يوخرائيءَ چيس “ڏس نونهال !تو اڃان ننڍو آهين ۽ تو موت اکين سان نه ڏٺو آهي . جرمن پهريدار به خبردار آهن ، جيڪڏهن ڪنهن ڏسي ورتو ٿه نه فقط توکي چيچلائي چيچلائي ماريو ويندو ، بلڪ هر طرح جا عذاب ڏيئي تو کان اسان جا نالا پڇيا ويندا ۽ پوءِ ممڪن آهي ، ته تون ڪچو بنجي اسان سڀني کي تباھ ڪرائين .”
    گنڀير ٿي ڪورچاگن جواب ڏنو ؛“ بس استاد ،وڌيڪ نه ڪڇ ، تو مون ۾ فقط اها اميد رکج ته سر ڏنائين پر (راز) نه ڏنائين.”
    يوخرائي بي اختيار ڀاڪر پائي نرڙ تي چمي ڏيئي چيو “ اهو يوڪرين ڪڏنهن به ڌارين جو غلام بنجي نٿو سگهي ، جنهن جو مائون ههڙا نونهال ڄڻين !”

    ٺيڪ 2بجي اسٽيشن تي هاهاڪار مچي ويئي ته 75ميل پري هڪ شاهي پل کي بالشيويڪن ڇاپا مارن بم سان اُڏائي ڇڏيو هو۽ ........ يوخرائي اهڙو بندوبست ڪيو هو، جواها خبر پکڙڻ شرط هر ڪو مزدور پنهنجو ڪم ڇڏي بيهي رهيو . سڄي اسٽيشن خواه يارڊ ( مرمت جي مرڪز ) ۾ راڪاس ڦري ويو ۽ ڀينگ لڳي ويئي ، اسٽيشنن ماسترن سميت سمورا مزدور غائب ٿي ويا !
    ۽ ٻئي پاسي عين وقت تي بجلي گھر به بند ٿي ويو ، ان جا سمورا مزدور ڪاخانو ڇڏي ويا ، ان ڪري سارو شهر ڀيانڪ اونڌاھ سان ڀرجي ويو.


    12

    جرمنن هيءَ حات ڏٺي ته ڇتا ٿي پيا ، هنن يڪدم سڀني ريلوي مزدورن سندن گھرن مان وڃي گرفتار ڪيو مگر يوخرائي ڪجھ ٻيا ساٿي هنن جي وار کان بچي ويا. گرفتار مال گودام جي هڪ ڇاپري ۾ وڃي بند ڪيو .
    “ آرتيم، پويلين ،بروياڪ ،اهي ٽيئي ٻاهر اچو” جرمن نائب ڪمانڊنٽ فوجي انداز ۾ آواز ڏنو، ٽيئي ٻاهر آيا ۽ اوهان ٽنهي کي انجڻن ئي ڪم ڪرڻو آهي ۽ هڪڙي گاڏي وٺ يڪدم وڃڻو آهي . انڪار ڪندو ته بروقت گوليءَ سان اڏايا ويندئو. ٻڌايو ته ڇا ٿا چئو ؟”
    ٽنهي خاموشيءَ سان ڪنڌ جھڪائي هاڪار ڪئي ، گارڊ جي پهري هيٺ هنن کي ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ نائب وري ٻيءَ گاڏيءَ لاءِ ٻِين نالا پڪارڻ لڳو .
    آرتيم، پولين بروياڪ سولجرن سان ڀريل گاڏي وٺي پئي هليا . سنتري ڪوئلن مٿان چڙهيو ويٺو هو ، جو هنن ٽنهي جي نظر داري ڪري رهيو هو .
    “ ڇا اسين هيءَ گاڏي منزل تي پهچايائون؟”بروياڪ آهتي چيو.
    “ڀلاڇاڪري ٿا سگھون ، جڏهن سنگين ۽ ڀريل بندوق کڻي هو رهزن اسان مٿان ويٺو آهي ” آرتيم جواب ڏنو.
    پولين کسڪي وڃي ڪن ۾ چيو ؛ هي گاڏي جرمنن رهزنن سان ڀريل آهي ۽ اڳياپل وٽ وڃي اسان جي انهن بهادرن ڀڃڻيون ڏيندي جن همت ڪري پل ڀڃي ڇڏي آهي ۽ پوري تيزيءَ سان ريلوي لائن پٽي رهيا آهن ، هن لاءِ ڪابه گاڏي اسان جي ملڪ جي دولت ، اسان جي ٻچن جي قوت ۽ اسان کي يوڪرين جي سخت سرديءَ کان بچائيندڙ ڪپڙا ، کڻي جرمني نه وڃن . پوءِ ڇا اسين ٻن هزار رهزنن کي کڻي هٿن سان وڃي منزل تي رسايون ، ته هو اسن جا چار هزار بهادر وڃي شهيدڪن؟”
    “پوءِ ڇا ڪجي استاد ؟” آرتيم بي وسي مان جواب ڏنو .“پٽڙا !توکي شايد معلوم ناهي ،ته مون زار جھڙي ظالم جي وقت ۾ هڙتال جي ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪا به انجڻ نه هلائي ، نڪي اڄ به هلائيندس . جيڪڏهن اڄ اسين پنهنجن هزارن ساٿين جو سامان هٿن سان وڃي سندن سرن تي ڪڙڪائيندا سون ته اها ڏامر کان به وڌيڪ ڪارنهن اسن جي تان ڪيئن لهي سگھندي ؟ آخر اسان کان اڳيان به هن انجڻ کي ڇڏي ڪنهن طرح ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا نه؟”........پولين اڃان ائيم چيو ئي مس ته آرتيم کي يوخرائي جا لفظ ياد اچي ويا، جن۾ کيس چيو هئائين ته “آخري پساھ تائين هر ڪا مدد ڪندس”۽ هاڻي ...؟ واه جو مدد ڪري رهيو آھيان ...جرمنن کي پنهنجي وطن مان به ائين لوڌيندس نه ...؟
    هن جو سمورو جسم جوش سان ڀرجي ويو هن يڪدم چيو “ پوءِ ڇا ڪجي بابا !هڪم ڪر !”
    ” بس، هن مردود جي سر تي ڪنهن به طرح سان مترڪو هڻڻو آهي ،جهڙو تون ريلوي يارڊ ۾ تتل لوه تي وڄائيندو هئين .”
    اک ڇنڀ ۾ جرمن سپاهيءَ جي کوپڙي ائين چور ٿي ويئي ، رڙ به نه نڪتس ، بخارو کولي انجڻ جي ٻيڙي ٻوڙي ، هڪ گھاٽي جھنگ ۾ حي ٽيئي ڀڄي ويا ،عياش جرمنن کي پتو تڏهن پيو ، جڏهن اوچتو انهي گھاٽي جهنگ ۾ گاڏي بيهي رهي ۽ پوءِ....... رات پوڻ تي ڇاپي مار دستن انهن مان گھڻن سپاهين کي قيمو بنائي ڇڏيو.
    ۽ پوءِ ....؟ اڳتي هلي اها حالت بني ، جو نيٺ جرمن هن ملڪ کي خالي ڪري هليا ويا ۽.......دنيا جي دانشورن اهو اصول صحيح ثابت ڪري ڏيکاريائون ته “جا قوم ڌارين غلام بنجڻ کان سچي دل سان انڪار ڪرڻ جو عزم ڪندي آهي ، ان کي ڪوبه غلام بنائي نٿو سگجي .”


    13

    “اوھ ! تون آهين ڪورچاگن !”نهايت محبت ۽ امنگ سان تانيا چيو “ آخر آءُ تو سان ڪيئن ملان ۽ ڪٿي ؟ منهنجي گھر اچڻ کان توکي انڪار آهي ،جي آءُ اوهان اميرن جو ثاني شريڪ نه آهيان، پنهنجي گھر اچن تان به توکي ساڳيو عزر ٿو ڏين ،پوءِ ڀلا ڪو ملڻ جو هنڌ ٻڌاءِ !”
    “هنڌ ٻڌايائين ؟ ” هن مرڪي چيو .
    “ ضرور ٻڌاءِ !” تانيا بيقراري مان پڇيو.
    “ پنهنجي ملڻ جو صحيح هنڌ اهو ئي ساڳيو مڇين وارو تلاءُ آهي.”
    “جتي نئين دور جي پهرين ملاقات ٿي هئي ، ائين نه ؟” هن کلندي چيو.
    “بس اتي ئي ، خبر نه آهي ته اهو هنڌ مونکي ڇو وڌيڪ وڻندو آهي .”ڪورچاگن ورندي ڏني .
    “ ۽ مونکي به !” تانيا مرڪندي چيو “ پر تون پڪ سان اتي ايندين ؟ ”“ نه فقط پر هر روز !”
    “اوھ هير روز ؟ ڏاڍو چڱو ، پوءِ آءُ روزانو شام جو اتي تنهنجي راھ نهاريندي رهندس.؟”
    “ بس راھ ٿه نهارڻي پوندي ئي !” ڪورچاگن مرڪندي چيو “ مزدورن جي محبت، اميرن ، جي قسمت .............اوھ هي ڇا ” هن ڇرڪ ڀري چيو “اف! ڏاڍو برو ٿيو . ” “ ڇاهي ڇاهي”
    “ تانيا پڇ ئي نه ، هو هو ڏسين ٿي پيٽيلورا فوج جوسپاهي ، هڪ يوڪرينيءَ کي قيد ڪري پيو وڃي؟” هن چيو
    “ جي ها !اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي” ، تانيا چيو “اهي تماشا ته روزانو ، هر گھڙيءَ ، هر منٽ ۾ پيا ڏسبا آهن ، ۽ غلامن لاءِ ته رواجي ڳالهه آهي . بس سنگين سندس پٺن ۾ چيڀاٽيو وٺيو پيو وڃي .”
    “مگر هو سڃاڻين ٿي؟” ڪوررچاگن انهن ڏي ڏسندي چيو.
    “يوخرائي آهي نه ؟ تنهنجو هيڊ مستري ؟” تانيا چيو . مگر هو رڳو مستري نه آهي تانيا! هت جي انقلابي ڪميٽي جو مکيه ڪارڪن آهي ، جرمنن کي ڀڄائڻ ۾ وڏو هٿ هو ، هو منهنجي دل جو اڳواڻ به آهي .....پر .....(هٿ مهٽي ) افسوس ڇا ڪجي ، هي ظالم ته هن کي ڦاسي ڏيندا ........ ڇرڪ ڀري تانيا ! هاڻي خدا حافظ ! هو ويران گھٽين ڏي مڙيا آهن ۽ ڀانيان ٿو ته ههڙو موقعوٻيو هٿ نه ايندو .” ڪورچاگن ايترو چئي بي اختيار هنن ڏي وڌيو ،۽ تانيا به پٺيان ويئي گھٽيءَ جي منهن تي پهچي هو وائيڙي ٿي بيهي رهي.رائفل مٿان وڃي ڪڙڪيو ۽ ٻنهي هٿن سان هن کي پڪڙي يوخرائي جي پٺن کان پري ڪري کڻي زمين ڏي موڙيائين .
    رائفل۾ لڳل سنگين پٿرن سان ٽڪرائيجي زور سان ڪڙچ ڪري چڻنگون اڏائن لڳي ، سپاهيءَ کي هن اوچتي حملي ۽ هيڏي جرئت جو گمان ڪونه هو ، هو هيڪر ته وائڙو ٿي ويو ۽ پوءِ پاڻ سنڀالي ، جھٻي ڏيئي رائفل ڇڏائڻ لڳو . هن گھوڙي تي زور ڏيئي رائيفل به ڇوڙي ، پر گولي ڀڳل ڀت ۾وڃي لڳي . يوخرائيءَ نهايت پريشانيءَ ۾ اڳيان پئي ويو ٺڪاءُ تي هن به ڪنڌ ڦيريو ۽ پوئتي وڌيو .
    سپاهيءَ گھڻوئي رائفل ڇڏائڻ جو ڪوشش ڪئي پر ڪورچاگن جا هٿ لوھ جي شڪنجي کان نه زور هئا، چڙ ۾ ڀرجي هن ڪورچاگن کي ڪيرائي وڌو ، پر ڪورچاگن رائفل مان هٿ اصل نه ڪڍيا ، اگرچه سندس هٿ خواھ ڪرايون ساڻا ٿي ويا. اتي يوخرائي به وڌي سپاهيءَ کي لوندڙي ڌاري وٺي جو هڪ زودار ٺونشو وڄايو، ته هن جو مٿو چڪر کائي ويو ۽ هو وڃي هيٺ ڪريو ڪورچاگن مٿي ٿي ويو ، ڪورچاگن کي سندس هٿ ۾ اهڙو زوردار چڪ وڌو جو هن رڙ ڪري هٿ ڪڍي ورتو ۽ يوخرائي جي ٻئي ٺونشي بيهوش بنائي ڇڏيس .
    نهايت تيزيءَ مان يوخرائيءَ کيس گھلي کڻي ڀر واري ڀڳل جاءِ م اڇلايو ۽ ڪورچاگن کان کڻي کيس چيائين “پيارا نوجوان ! تنهنجو نهايت شڪريو تنهنجي اڄوڪي همت يوڪرين تاريخ تي دائما نقش رهندي ، هاڻي الوداع ....۽تونيڪدم غائب ٿي وڃ ، گوليءَ جو آواز بڌي خونخوار ڪتا ڄاڻ پهتا !” هو نهايت تيزيءَ سان ڀڳلن جاين مان نڪري غائب ٿي ويو
    هن بينظير بهادريءَ اول ته تانيا کي وائڙو ڪري ڇڏيو ، پر پوءِ هو دل ۾ پنهنجي محبوب کي آفرين چئي ، خوشيءَ مان ٻهڪندي اڳتي هلي .


    14

    ويران جاين جي پوري ٿيڻ تي آباد گھٽي آئي ته منهن ۾ ئي وڪيل ليسچنڪي جي ڌيءَ نيلي ملي ويس “اوھ تانيا !اڄ ڏاڍيءَ بهادر يءَ۾ آهين !” هن چيو
    “ ڇو نه بهادريءَ۾ ڀرجان ، جڏهن اسان جو ڪوپنڌرن ورهين جو سنهڙو ڇوڪرو، هڪ ديو جهڙي بدمعاش فوجيءَ کان محب وطن کي آزاد ڪرائي وڃي ، تڏهن اسان لاءِ فخر جھڙي ڳالهه ڪانهي؟”ٻهڪندي چيو.
    “ اوھ پنهنجي محبوب ڪورچاگن جو ذڪر ٿي ڪرين؟ هاڻي جاڳندي خواب پئي لهين ؟”هن ٽهڪ ڏيندي چيو .
    هي خواب ناهي نيلي ، پر حقيقت ...........،“اوچتو هن زبان سنڀالي ورتي ، اٿاھ خوشيءَ مان هن کي اهوياد ئي نه رهيوته نيلي ته هڪ وڏي غدار جي ڌيءَ آهي ،هن وري مرڪي ڳالهه ڦيرائي چيو “نيلي ڀيڻخواب نه لهون تڏهن ڇا ڪريون ، مزدورن سان دل لڳائڻ آهي ، خواب لهڻ ٻيو ڇا؟”
    هٿ هٿ تي هڻي نيليءَ چيو“چري ڇڏ انهي ڪوچڙي جي پچر ، ڪو ادي وڪٽر جھڙو نوجوان ڳول ”
    “ڪا ساٿياڻي مدد به ڪري نه !” ائين چئي هو اڳتي وڌي ويئي ، سندس منهن لهي ويو ، پنهنجي غلطيءَ تان غمگين ثي هوءَگھر ۾ ڪري پيئي . شام ٿي ته وڃي مڇين واري تلاءَ تي ويٺي ، مگر سج لهي ويو ، ته به محبوب نه آيو ، سندس دل گھٻرائجي ويئي ۽ هوءَ سڀ تميزون ڇڏي ڪورچاگن جي گھر رواني ٿي ويئي .
    گھر اندر گھڙي ،ته سڀ ٺڪر ٺوٻر پکڙيل ڏٺائين هڪ ٿلهي جوان بيٺي انهن کي پئي ڏٺو ۽ چئي رهيو هو “عجيب مصيبت آهي ، ڀلا چورن سان اسن غريبن جي ڪهڙو ڪم ، هو هن طرح ويهي ٺڪر ٺوٻر پکيڙيا اٿن ؟ ... الائي ڇوڪروبه ڪاڏي ويو ....”تانيا دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ۽ هن وڌي غمگين آواز ۾ چيو “ اوهين آرتيم آهيو ڇا؟”
    “ها آهيان ته اهو ، پر مس صاحبه ! تون هتي ڪيئن آئي آهين ؟”
    غمگين ٿي هن چيو “آءُ ڀايان ٿي ، ته هي ڪم ملٽري جو آهي ، ۽ .... شايد تنهنجي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ويا آهن .” آرتيم اوھ !هي ڪم برابر انهن رهزنن جو هوندو (ڇرڪ ڀري ) ۽ هان ، تو ڇا چيو ؟ ڇا ڪورڙچيو گرفتار ٿي ويو ڇو ڀلا؟”
    فخر سان هن جواب ڏنو “ڇو ٿه هن هڪ ديو جھڙي سپاهيءَ تي حملو ڪري ان جي قبضي مان اسان جي قومي هيرو يوخرائي کي آزاد ڪريو هو.”
    “ڇا يوخرائي آزاد ٿيو ؟....واھ واھ ..... ڏاڍو سٺو مس صاحبه !هن ڇوڪري ۾ ايڏي طاقت آئي ڪٿان ؟ نه نه اها ڪنهن خواه مخواه چغلي هنئي هوندي.”
    فخر مان اوچو ڳاٽ ڪري هن جواب ڏنو “ مون اها روئيداد اکين سان ڏٺي هئي ۽ ائين چوندي گھر هلي ويئي ته ، هو ڪٿي ٿو واپس وري !”


    15

    لڳو لڳ پنج ڏينهن ڪورچاگن کي هر قسم جون تڪليفون پئي ڏنيون ويون ۽ کائنئس پڇيو پيو ويو ، ته “ ٻڌاءِ ، توسان گڏ سازش ۾ ڪيرشامل آهن ؟ ڪنهن توکي سپاهيءَ تي حملي ڪرڻ لاءِ بڇ ڪئي ؟يوخرائي ڪڏانهن ڀڄي ويو ؟” پر هن سورهن ورهين جي بهادر نونهال هڪڙو ئي جملو دهرايو“مون کي ڪابه خبر ڪانهي ،آءُ ڀلا ڪيئن ملٽري جي سپاهيءَ تي حملوڪرڻ جي جرئت ڪندس ؟” جن ماڻهن پوليس جي مار ڏٺي هوندي تن کي قدر هوندوته هيڏڙي ڳاڙھ ڳلي ڇوڪر کان سچي ڪرائڻ پوليس لاءِ به بلڪل آسان آهي ، ۽وري ملٽريءَ جي مار ......؟
    توبه! شل ڌڻي پناه ڏئي ، ۽هن بهادرنونهال اها مار لڳو لڳ پنج ڏيهن پئي سٺي ، ۽ سواءِ هڪ شخص جي ، ٻين سڀني کي گھڻي قدر گمان پئي ٿيو ته سچ پچ هي بيڏوهي آهي ! .....اهو هڪ شخص هو خود اهو سپاهي ، جنهن سان ڪورچاگن ۽يوخرائي جٺين جھڙي جٺ ڪئي هئي ۽ هو مس 3ڪلاڪن بعد هوش ۾ آيو هو ۽ جنهن هٿ جو چڪ وارو زخم اهڙو ته چڪي پيو هو ،شايد عمر تائين نشان قائم رهندو .
    ڪورچاگن کي مار ڏيئي ڏيئي ٿڪجڻ بعد هو کيس هڪ ڪوٺيءَ ۾ پوري ڇڏيندا هئا ، چار قيدي ٻيا به هئا ،هڪ يخي هڻندڙ پوڙهي ، هٿرادو شراب ٺاهڻ ۾ پڪڙجي آئي هئي ، ٻيو هڪ پوڙهو ، ٽيون هڪ حجام چوٿين هڪ خوبصورت 18ورهين جي ڇوڪري، جنهن جو ڀاءُ انقلابي جٿي ۾ وڃي ٿيو هو پر هوءَ مسڪين اوچتو وڃي ڪمانڊر جي نظر تي چڙهي ۽ هن پوري هفتي کان کيس راضي ڪرڻ لاءِ ڪنهن مهل لٺ ته ڪنهن مهل چٺ ، ڪنهن مهل پيار پئي ڏنا ، پر اصل ۾ هوءَ اصل نٿي مڙي . آخر اڄ رات هن هي چڏي ڏنو هئس ،ته صبح تائين راضي نه ٿئين ،ته عام سپاهين جي حوالي ڪري ڇڏيندو سانءِ ، پوءِ جھڙي جٺ جي لائق آهين ، اهڙي هاصل ٿينديئه !
    ۽ ........اڄ جڏهن ڇوڪريءَ کي هن نوجوان يا نونهال جا احوال معلوم ٿيا ، تڏهن بي اختيار ليٿڙيون پائيندي وٽس پهڇي ويئي ۽ چوڻ لڳيس “ننڍڙا نوجوان ! مونکي تو وانگر ستن ڏينهن کان ماريو پيو وڃي ته ڪمانڊر جي سريت بنجان ، پر مون انڪار ڪيو آهي . سڀاڻي ته هو منهنجو برو حال ڪندا ”پر آءُ جا هنن وحشين کي ڪنواري هٿ اچان ، تنهن کان اڳ بهترآهي ته منهنجو پهريون لطف توجھڙو انقلابي نوجوان ئي حاصل ڪري ، ته سجائي ٿيان !”۽ هو بياختيارکيس چنبڙي ويئي ............
    ڪورچاگن انسان هو ، نوجوان هو ، پر بي اختيار تانيا سندس اکين آڏو ڦري آئي ،هن هُن کي پري ڪندي چيو “اسين انقلابي بد اخلاق نه آهيون ، پياري ڇوڪري ! تون تمام سهڻي آهين ، هر نوجوان کي وڻي سگند ئين، پر ڏس ! اسان جو اهڙو وڙ نه آهي ، جو حد کان وڌيڪ مصيبتن تي نا اميد ٿي ، پنهنجي انسانيت وساري ڇڏيون . تون چوين ٿي ته رات گزرڻ بعد منهنجو برو هال ٿي ويندو ، پر توکي وسري ويو آهي ته ،شب درميان ، رب مهربان !، خبر ناهي رات جو جي پيٽ ۾ ڇاٿئي . مجبوري ٻي چيز آهي ، ڄاڻي واڻي بدڪردار بنجڻ ٻي چيز ، پنهنجي پاڻ تي ائين ظابطو رک جيئن رهزنن جي مار وقت رکندي آهين !”
    پوءِ سندس نرڙکي چمي ڪورچاگن چيو ”منهنجي انقلابي ڀيڻ ! صبر سان وڃي سمهي رھ ، صبح جون ڳالهيون صبح سان!”
    آڌيءَ مهل ڪورچاگن اڃان ڪچيءَ ننڊ ۾ هو ، ته سپاهين آوازن سندس اک کولي وڌي ، هو بتي کڻي اندر آيا ۽ هڪ شخص اندر ڌڪي ، ٻ ٽه گاريون ڏيئي هليا ويا . بتيءَ جي روشنيءَ جڏهن ڪورچاگن هن جوچهرو ڏٺو ته خون ئي خشڪ ٿي ويس .....هو هڪ زبردست ڇاپامار انقلابي ”دولنيڪ هو ۽ هن جي ئي دم سان ڇاپامر انقلابين مانڌاڻ مچائي ڇڏيو هو . ڪورچاگن جي هن سان واقفيت تڏهن ٿي هئي ،جڏهن هو پل هيٺ بم رکي ڀڄي اچي هنن وٽ پهتو هو .
    بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کي پيغام ڏيئي ڇڏيائون .صورت حال مان ظاهر هو ، ته ٻئي گوليءَجي لائق هئا ، پر ڪورچاگن ڏٺو ته دولنيڪ جي چهري تي به ڪو هراس ڪونه هو .


    16

    ۽ اڃا صبح مس ٿيو ته سپاهين ۾ هڪ چل پئجي ويئي . سندن ڪمانڊر الاءِ جي ڪاڏي نڪري ويو هو،۽ ٻيو هڪ ڪمانڊر، هڪ انسپيڪٽر سميت اچي پهتو . هن سپاهين کي ٻڌايو ته “ باقاعده فوجن جو اعلى ڪمانڊر پيٽلورا !صاحب اچي رهيو آهي ، هو اجھو ٿو فوجون ڏسي ، ان ڪري ڪئمپ صاف ڪري هٿيار ٻڌي تيار ٿي بيهو ، نه ته سخت سزا ملندو .ڏسو ته سهي ، اوهان جي ڪمانڊر کي به نڪرڻ لاءِ هيءَ مهل سجھي هئي ! نالائق ڪنهن جاءِ جو !”
    سپاهي ته ڪم ۾ لڳي ويا ۽هن وري انسپيڪٽر کي چيو “دوست !اچ ته جيل کي ڏسون ، متان هنن ڪو ناحقي قيدي پڪڙي رکيو هجي ، هو اعلى ڪمانڊر کي دانهن ۽ پاڻ سڀني جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيندو .”
    جڏهن جيل بنايل ڪوٺيءَ تي آيا ته پهريائين منهن ۾ پوڙهي ملي وين “اڙي تو کي ڇو بند ڪيائيون ؟ ” “وڏي بي انصافي آهي سائين ! اول ته هڪ پوڙيءَ بيوھ کان شراب پيئڻ ۽ پوءِ پئسا گھرڻ تي مار ڏيئي قيد ڪن! اڙي آهي ڪو داد ڪرڻ وارو !” هن چيو.
    “نڪر هتان رن،! وڏي آئي آهي شراب وڪڻڻ واري !” ٻه ٿڦڙون هڻي هن ڪڍي ڇڏيس۽ هوءَ بڪ بڪ ڪندي هلي ويئي “۽تون پوڙها؟”
    “مور! اچي منهنجي گھر ۾ سپاهي لٿا ۽ هنن هڪ فوجي گھوڙو وڪڻي شراب وٺي پي ڇڏيو، هاڻي مون کي چون ٿا ”گھوڙو تو چورايو آهي، ظاهر ڪر . ڀلا ڪٿان آڻيا ؟”
    “ ماڻهين جي .....مان آڻ، نڪر هتان پوڙها بي ايما ن!وڃي ڳول !” ائين چئي کيس به دروازي ڏي ٿيلهو ڏنائونس .۽“تون ڇوري؟” “مونکي ڪمانڊر بد ڪرداريءَ لاءِ مجبورٿو ڪري ، مونکي ست ڏينهن برابر ماريو اٿن ،” هن اوڇنڳارون ڏيندي چيو .

    ،ڀڄ ڇوري ! وڃ ماڻهن جي گھر . حرامين جا ڪم ته ڏسو ، هي جيڪڏهن جناب ڪمانڊر اعلى کي روئي دانهن ڏي ته هال ته ڪمانڊر جاڪم لهي وڃن پوءِ ڇوريءَ سان الاجي ڇا ٿئي!”
    ڇوڪري به ڀڄندي ويئي ۽ ڪمانڊر هن زبردست انقلابي قيدي دولينڪ ڏي نهاري پڇيو “اڙي تون ڪهڙي ڏوھ ۾ آيو آهين ؟” ڦلهو منهن ڪري هن چيو“بس سائين ! رات جي يارهين بجي سندم ڳئون ڇٽي ويئي ،ان کي جھلڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ته پڪڙي کڻي اندر ڪيائون .(اوڇنگارون ڏيئي ) هاءِ هاءِ منهنجي ڳئون !منهنجا ٻچا ڪيئن ڪندا ! منهنجو ماءُ پکيڻو ٻچڙو ته کير لاءِ روئي مري ويوهوندو !“ ”نڪر سوئر! وڃي ڇورو سنڀال . اڳتي ڳئون مظبوط نه ٻڌيئه نه ته ٻنهي کي گوليءَ سان ڪڍي چڏينداسونءِ!”
    دولينڪ به ڀڄندو ويو ۽ ڪورچاگن وائڙو ٿي اکون ڦاڙي ڏسڻ لڳو ؟“ اوھ ! هيڏو سارو انقلابي ڇاپامار ، جنهن هزارين سپاهي ماريا هوندا ، سو هن بيوقوف ڪيئن نه الغرضائيءَ مان ڇڏي ڏنو!تڏهن ته هاڻي آءُ به ڇٽي سگھان ٿو!” هن جي دل ۾ عجيب اميد جاڳي !ڪورچاگن جي ڀر ۾هڪ ڊگهي ڏاڙهيءَ وارو واتڙيو شخص بيٺو هو، ڪمانڊو کڙڪو ڪندي چيو“ اڙي توکي ڇا تان پڪڙيائون ؟ ڏسجين ته ڪو يهودي ٿو ، مڪار يهودي ! ڪوڙ متان ڳالهائين !”
    “ اسان حجامن جو هر گز وڙ نه آهي سائين ! هڪ سپاهيءَ جي سنوارت ڪندي کيس کڻي چيم “ته اي سائين ! غريب يهودين تي ڪو رحم ڪريو،هنن سان ڏاڍيون بريون حالتون ڪيون اٿو ، اڄ اسان جو وفد به سائين اعلى پيٽلورا صاحب وٽ ويندو ، ته بس کڻي بند ....”
    اڃا هن اترو مس چيو ته هڪ زودار ٿڏو هڻي نئين ڪمانڊر چيس“ چپ ڪر مردود يهودي! اوهين به ٿيا وفد بنائڻ وارا ! تڏهن اسين جئرائي ڪونه آهيون ، هاڻي اتي سڙي پيومر ! سور جا ٻچا !“
    حجام رڙ ڪري وڃي پري پيو ۽ ڪمانڊر باقي بچيل اڪيلي قيديءَ ڪورچاگن کي چيو “اڙي ڇورا ! تون هتي ڪهڙو ڪارومنهن ٿوڪرين ؟”
    روئڻهارڪو منهن ڪري هن چيو “ سائين !منهنجي چنپل ڦاٽل هئي ۽ مون اسان جي گھر ترسيل سپاهين جي ڦاٽل زين مان ذرو ڪپي ، کڻي ان ۾ هنيو ، ( سڏڪو ڀري ) سائين !مونکي خبرڪانه هئي ، ته اهو به ڪو ڏوھ آهي .”
    ٿڦڙ هڻي ڪمانڊر چيس “ وڃ ڏوھ جا پٽ ! چنپل ٿو ٺاهي سوئر جو ٻچو!
    ڪورچاگن وٺي پير ٻڌي ڀڳو ، جنهن شخص کي اها پڪ هجي ته جلد منهنجي کوپڙيءَ کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو ويندو ، سو هن طرح ڦوڪٽ سان نڪري آزاديءَ جي هوا کائي اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه هئي!


    17

    اهوئي ننڍڙو تلاءُ اهو ئي وڻ ، جتي سندس محبوب بهادر نونهال ، هڪ لوڦر جي خوب مرمت ڪئي هئي ................. وڇڙيل تانيا روزانو اتي اچي هنجون هاريندي هئي ايندڙ ويندڙ نهاريندي هئي ، ته من ڪو ائين ٻڌائي ته سندس“ڪورچيو ” اڃا جئرو آهي !
    جنهنجا ويا جوءِ مان جھانگي ، وڃي پرڏيهه ٿيا سانگي،
    مٿي تي اوءَ بڌايو ڪانگي ، پڇي پهرون خبر پٻ پٻ !
    اڄ به هوءَ اتي ويهي لڙڪ لوڙي رهي هئي ۽ بار بار سندس انهي زبان کي پٽي رهي هئي ، جنهن مان وڪيل جي ڌيءَ نيليءَ کي سندس محبوب جو ڳجھه ٿيو هو . آھ ! هڪ دفعو رڳو کيس ڪورچاگن ملي ، ته هو جيڪر سندس پير هنجن سان پسائي چويس “ منهنجا محبوب ! مونکي معاف ڪج ، هي محبت غرور هو ، ڪا چغلخوري ڪانه هئي آھ هو وري ڪيئن ملندو !” اوڇنگار نڪري ويئي!
    اوچتو .................هڪ ڪڙڪي تي نظر ڦرايائين ۽ جيڪي ڏٺائين ، تنهن ڏند سوڪ ڏيئي ڇڏيس ۽ سنسد اکون ڦٽي ويون .سندس محبوب اڳيان بيٺو هو ۽ هو هو به ساڳيءَ طرح بت بنجي کيس ڏسي رهيو هو !
    “پيارا ڪورچاگن !” ڪورچاگن به ساڳي پا ٻوھ مان چيس .“تون سچ پچ زندھ آهين منهنجا محبوب ؟ آءُ خواب ته ڪانه ٿي لهان ؟” هن سندس ڳلن تي هٿ ڦيري چيو .
    “ خواب ناهي منهنجي ڪوئل ! هي انقلاب جا تماشا آهن جو مون جھڙو ڏوهاري به فقط هڪڙيءَ چماٽ ۾ ڇٽي آيو ! قيد مان نڪري آءُ ته بي اختيار منهن ڪري پئي آيس ، الائجي ڪيئن اچي هتي نڪتس .....شايد تنهنجي ڪشش هئي ........ مونکي ڪا به خبر ڪانه ٿي پيئي ، ته ڪيڏانهن ٿو وڃان ...... مگر هاڻي منهنجي جان ! الائجي قسمت ڪڏهن ملائي! چڱو جوهڪ دفعو موڪلائي ته سگياسون!”
    “ڪاڏي ٿو وڃي منهنجا جانب! مونکي جھوري ۽ جھڄڻ ۾ ڇڏي تو هليو ويندين؟”
    کيس هڪ ڀرپور پيار ڪري ڪورچاگن“چيو منهنجي دل!ڀلا آءُ هتي ڪيئن ٿو رهي سگھان ؟ اڄ ته انڌ ڌند آزاد ٿيس ، سڀاڻي ته هو به گھر ساريندا به ! بس! هاڻي آءُ جھنگ جبل ، جڌهن وطن آزاد ٿيو، تڏهن شايد وري ملون .”

    روئندڙ تانيا کي ڇڏي ، هن وري ڀڄڻ جي واري ڪئي. ڪلاڪ کن دل جي ڀڙاس ڪڍي پوءِ تانيا وڌي سندس قدمن جي مٽي کنئي ، ۽ هن کي چمي ، پنهنجي چهري ، جسم ۽ وارن ۾ وکيري هوءَ واپس گھر وري ! ۽ ڪورچاگن ڀڄندوويو .......ڀڄندوويو .......۽ ڀڄندو وڃي هڪ انقلابي ڇاپامار دستي سان مليو !


    18

    هاڻي شهر شپتيووڪا جي آس پاس چئني طرفن کان انقلابي ڇاپامارن ۽ پولنيڊ فوجن جون گوريلا (بي قاعده) چڪريون لڳيون .سڀ سيٺيون زميندارجيئن اڳ ۾ جرمنن سان ساٿ ڏيئي رهيا هئا ، تيئن هاڻي وري پولنڊين جا ساٿي بڻجي ويا ، ڇاڪاڻ ته پولنڊين سندن زمينون ڪونه ٿي کسيون ، کين اگھ وڌائي مليا .
    مگر ٻئي طرف سڀ هاري ۽ مزدور انقلابين جو ساٿ ڏيئي رهيا هئا ، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ساٿ وسيلي ئي کين ڪجھ کاڌو ۽ ڪپڙو ملي پئي ويو ، هونئن ته منجهن ڪابه طاقت نه هئي .
    هي جھيڙا جهٽون ايڏا زور وٺي ويا جن شخصن لاءِ شهر شپيتووڪا ۾ رهڻ ضروري ڪونه هو ، تن لڏڻ ٿي مناسب سمجھيو . وڪيل ليشچنڪي وري به ٽپڙ ٻڌي ڀڄي ويو ، ۽ تانيا جي پيءُ رهڻ مناسب نه سمجھيو ڪيف ڏي کسڪڻ جو تيارون ڪيون .
    گھر وارا ته هن لڏ پلاڻ ۾ ايترو گھڻو غمگين ڪونه هئا ، پر تانيا نهايت مغموم هئي.جيتوڻيڪسندس محبوب کي وئي ڪيئي مهينا ٿي ويا هئا۽ ڪوبه احوال ڪونه مليو هئس ، ته به اها اميد هيس ته هئي رهڻ ڪري ڪڏهن هو اچي ملندم هاڻي لڏپلاڻ کان پوءِ هو مونکي ڪٿي پيو ڳوليندو!
    سامان ٻڌجي تيار ٿيو ، تانيا به هڪ آخري نظر گھر تي وجھي ٻهر نڪتي، اوچتو اوچتو کيس آرتيم ڏسڻ ۾ آيو ،هن کي ڏاڍو اتساھ ٿيو ، اڄ من ڪو کائنس پتو ملي پوي ، پر مئٽن جي ڊپ کان هوءَ هڪ مزدور سان گھڻو ڳالهائي به نٿي سگھي .
    آرتيم چڪر ڏيئي رهيو هو ۽ آخر هو انهيءَ ۾ ڪامياب ٿي ويو، هلندي هلندي تانيا جي هٿ ۾ هڪ ڪاعذ ڏيئي ويو . اها اهڙي مهل ڪونه هئي ، جو تمام خط کي پڙهي سگھي ، هن نهايت خبرداريءَ سان ان کي اندرئين کيسي ۾ وجھي ڇڏيو . هوءَ انهيءَ خط کي پڙهڻ لاءِنهايت اتاولي هئي پر موقعو نٿي مليس ، ڳاڏي وهڻ بعد ، باوجود سخت سوڙھ جي ڪاڪوس ۾ پهچي هن دروازو بند ڪري خط پڙيو ؛“ پيارا آرتيم ! آءُ هي خط توکي فقط هن اطلاع لاءِ لکان ٿو ، ته آءُ جيئرو آهيان ، اگي اگرچه سندم صحت بلڪل خراب آهي ، منهنجي ڪلهي ۾ هڪ گولي لڳي ويئي هئي ،۽ هاڻي آهستي آهستي ٺيڪ ٿي رهيو آهيان، ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ، ته هڏيءَ کي چوٽ ڪانه آئي آهي ، ان ڪري پريشان نه ٿج.
    ڳالهه هيءَ آهي ته آءُ آزاديءَ بعد ڀڃندو ڀڃندو وڄي دولينڪ سان مليس ۽ باوجود ننڍيءَ عمر جي به هن ڇاپامار فوج ۾ شامل ڪري ڇڏيو ، ڇاڪاڻ مون وٽ به پل ڀڃڻ ۽ استاد يوخرائيءَ کي ڇڏائن جون ڊگريون موجود هيون.هن باھ ۽ رت جي راند ۾ آءُ حياتيءِ ڪابه پرواھ ڪانه ٿو ڪريان۽ نڪي اميد ، آهي ته ڪڏهن ڪندس به ! مون جھڙا ڪئين ڪونڌر قوم تان قربان پيا ٿين ، ۽ آءُ ڪهڙي وڏي چيزآهيان؛
    جڳ مرن تان ناھ جوکو ، شال مون جانب جيئي،
    هي هيڻو هڏ ، ماھ، چم، سڀ آھ حاضرهوت لئي احمد
    ___ تنهنجو ڪورچاگن.
    انهيءَ وقت ، جڏهن سڄو ملڪ باھ ۽ رت جي راند سان کيڏي رهيو هو ، هڪ ڇاپامار انقلابيءَ جو خط پهچي وڃڻ نهايت اهم ڪم هو ، ان ڪري تانيا هن کي وڏي نعمت سمجھي ور ور ڏيئي پڙهيو پڙهيو ۽ کيس جان سان قابو ڪري رکيائين .
    اڃان هنن کي روانو ٿئي ٿورائي ڏينهن ٿيا ، ته انقلابي فوجون به شهر ۾ پهچي ويون . گهرن ۾ ، گهٽين ۾ ۽ رستن تي لڙائي هلڻ لڳي ۽ نيٺ پولينڊي فوجون پچ پائي ڀڄي ويون . شهر تي انقلابين جو قبضو ڪري ورتو ۽ وڪيل صاحب جي بنگلي ٽي اڄ هي ننڍو بورڊ لٽڪي رهيو هو؛
    ”صدر دفتر انقلابي ڪميٽي“


    19

    “مسيح جو قسم !آءُ سچ ٿو چوان ، اسان وٽ ڪوبه ان پيل ڪونهي ، اوهان کي خبر آهي ، ته مالڪ سڀ موڙي کڻي ڀڄي ويا آهن ، آءُ ته فقط قوم جو خادم بنجي خاص خدمت خلق خاطرهوٽل هلائي رهيو آهيان ؟ ” “ پوءِ راشن ڪٿان ٿو آڻين ؟” “ ڇا ٿا پڇو سائين!ڏڍن سورن سان ، نهايت وڏي اگھ سان ڪٿان نه ڪٿان ڪجھ هٿ پيو ڪريان .؟”
    شهر تي انقلابين جو قبضوٿيڻ شرط (ڪورچاگن واريءَ) ريلوي هوٽل جا مالڪ ڀڄي ويا هيا ۽ هوٽل سندن بيري پروخوشڪا جي چارج ۾ هئي ، شهر ۾ ان جي سخت اڻاٺ هئي. مورچن تي وڙهندڙ سپاهين لاءِ اَن جي بيحد ضرورت هئي ، انقلابي ڪميٽي کي اطلاح مليو ته ريلوي هوٽل وارن وٽ اَن جو وڏو ذخيرو لڪل آهي . هنن پنهنجا ڪاموراَن هٿ ڪرڻ لاءِ موڪليا ، جن هوٽل جي ڪنڊڪڙڇ جي تلاشي ورتي ، پر ڪوبه پتو ڪونه پين.پروخوشڪا بيڌڙڪ وڏا قسم کڻي سچائي ظاهر ڪري رهيو هو ، تلاشي آفيسر ڏاڍو مايوس ٿي بيٺو هو ، اوچتو پوئتان هڪ آواز آيو؛ “ هن کان سچي ڪرائڻ منهنجو ڪم آهي ، دوستو! هي ته منهنجو پراڻو يار آهي نه !”
    پروخوشڪا ڇرڪ ڀري ڏٺو ، هڪ وڏي گھوڙي ننڍڙو سپاهي لٿو ، ۽ هنٽر هٿ ۾ کڻي هو ڏانهس وڌيو .“اوھ تون آهين ڪورچاگن ؟”
    “جي ها آءُ اهو آهيان ڪورچاگن ، جنهن مان تو به ڪڏهن هٿ رڱيا هئا ، ٻڌاءِ ، اَن جو زخيرو ڪٿي رکيل آهي ؟” هن هنٽر وڄائي ڪڍيس .“تون مونکي پراڻيءَ دشمنيءَ شڪار بنائي مون سان ناحق ڪري رهيو آهين.” “ ناحق جا ٻچا ! توکي آءُ گھڻو سڃاڻان ، هيءَ هيڏي هوٽل بنا ڪنهن رنڊڪ سان هلڻ جي پٺيان ڪو ذخيرو نه هجي ، اهو ممڪن ناهي .”
    هو اهڙيءَ بيدرديءَ سان هن تي چابڪن جي وارو وار ڪري رهيو هو ، هڪ وار ته تلاشي آفيسر کي شڪ پيو ته پروخوشڪا سچ پچ بي ڏوهي آهي . هن ڪورچاگن کي چيو “ مهربان ! تون ناحق ته نٿو ڪرين؟.”
    “تون هٽي وڃ دوست ! هن رهزن سان هر ڪو ناحق روا آهي .“ ذرا چنج منٽ ته ترس ڏس ته ڪيئن نه سندس ڀڀ ٿو ڦاٽي .”
    شپڪ شپڪ ۽ گھوڙا گھوڙا جي آوازن آسمان گجائي کڻي ڏنو ، ڏسندڙن کي سچ پچ پروخوشڪا تي قياس پئي آيو پر ڪورچاگن قهر ديوتا بنجي چابڪن وارا وار ڪري رهيو هو . اوچتو هڪ سٺن ڪپڙن واري اڌ روٽ عورت رڙ ڪري اچي ڪورچاگن کي جھليو “ ننڍڙا جوان ! هاڻي بس ڪر . هن جي جان بخشي جو واعدو ڪر ، ته نه رڳو ان جو زخيرو ، پر ٻيا عجائبات به گھڻا ڌسندين .”
    هٿ روڪي ڪورچاگن چيو“ مائي ! اسان کي قوم جي فردن کي مارڻ مان مزو ڪونه ٿو اچي،تو مڙسهين کي سمجھاءِ ، ته هاڻي طمع جا ڏينهن گزري ويا . مالڪن جي غير حاضريءَ ۾ جيڪا به مايا ميڙيندو ، سا به انقلابين جي ور چڙهندي ، پوءِ هن طرح مارون کائڻ مان ڇا حاصل؟”
    “ مالڪن جي غير حاضري !” بيرياڻي ٽوڪ جو ٽهڪ ڏيندي چيو “ مالڪ ڪيڏانهن به ڪونه ويا آهن ڪورچاگن ، اهي به تحفو ڪري اوهان کي ڏينداسون . پر وعدو ڪريو ته هوٽل جو هيڊ بيرو وري به هي رهندو .”
    “بيشڪ اهو مڙداڻو واعدو آهي ، برشرطيڪ اڳتي هن هوٽل ۾ نماڻيءَ“فروسيا” جھڙيو ڪاروايون نه ٿينديون .”
    “ انهن ڪارواين جي زميدار اڳوڻي حڪومت هئي ،نوجوان انقلابي !ڇا تو کي اڃا به اهو پتو نه پيو آهي ته عوام جي هر برائيءَ اصل ذميدار حڪومت آهي.”
    “ خير هاڻي گھڻو ٿيو ، جلدي زخيرو ڏيکاريو ، اسان لاءِ هڪ منٽ به قيمتي آهي ، اسان کي خوب خبرآهي ،ته جيئن قوم جي هر برائيءَ جي ذميدار حڪومت ، تيئن برن حاڪمن کي عروج ۾ آڻڻ جي ذميداري به قوم جي هر فرد تي آهي .”
    بيرو پروخوشڪا سندس زال جي اشاري تي ڪجھندو ڪرڪندو اٿيو ۽ عين انهيءَ هنڌ ، جتي ڪنهن ڏينهن ڪورچاگن اچي مالڪ وٽ پيش ٿيوهو ، هڪ زودار لت هنيائين ته هڪ پراسرار تهخانو جو دروازو کلي پيو ، جنهن۾ نه فقط بي انداز اَن هو پر ٻيو به تمام گھڻو عوام جي ضرورتن جو سامان ۽ دولت هئا بلڪ خود مالڪ ۽ ماڪياڻي به انهيءَ تهخاني اندر هڪ ننڍڙي سنگاريل ڪمري ۾ موجود هئا!
    اَن جو ٽرڪون ڀرجي مورچن ڏي ويون ،۽ ٻيو مال غنيمت هيڊڪوارٽرتي پهتو ، مالڪ ۽ مالڪياڻي ،جيل ۾ رسيا ، هوٽل تي انقلابين جو قبضو ٿيو۽ هيڊ بيروساڳيو پروخوشڪا ٿيو اهائي ساڳي هوٽل بدمعاشي جي اڏي بدران هڪ سچي قومي خدمتگاه بنجي ويئي .ماڪن جي مصيبت ۽ سندس بري درگت بنجڻ کان پوءِ پروخوشڪا جون اکيون کلي پيون ۽ محسوس ڪيو ته انقلاب ڇاکي ڇئبو اهي۽ هڪ واريءَ انقلاب اچڻ بعد ملڪ جي حالت ڪهڙي بنجي ٿي ، سو مرونءَ مان ڦري ماڻهون بنجي ويو۽سموريون صلاحيتون بدمعاشن بدران انقلابي ڪاز ۾ ڪم اچڻ لڳيون !
    هيچ را هر چيز ڪردي زنده باش اي انقلاب !


    20

    ڊاڪٽر نينا جي ڊائري
    26اگسٽ 1920غ
    اڄ ايمبولنس رستي ڪافي زخمي سپاهي منهنجي اسپتال ۾ آندا ويا . پر جنهن سپاهيءَ کي ڏسي منهنجي حيرت جي حد ڪانه رهي ، سو هڪ سترهن ورهين جو ڇوڪرو ڪورچاڪن هو.
    هن کي مٿي تي هڪ دستي بم لڳو هو ، جنهن ڪري هڪ پاسي جي کوپريءَ جي هڏي ٽڪرا ٽڪرا ٿيل هئي . مون ته سمجيو هو ته ڪو رنگروٽ آهي پر هي معصوم ڇا لڙندو هوندو ، پر جڏهن شناختي ڪارڊ تي آفيسرن جا نوٽ پڙهيم ، ته وائڙي ٿي ويس ، صرف هڪ سال جي عرصي ۾ هن اترين ته جنگين ۾بهرو ورتو هو ،جو سمجھ ۾ ئي نٿي آيو ته هيءَ عمر هي بهادريون !
    بيشڪ اهو ملڪ يوڪرين ڪنهن جو غلام نٿو بنجي سگھي ، جنهنجي سرزمين اهڙا بهادر نونهال پيدا ڪري جي هر وقت سسيءَ کي نيزن سان کيڏائندا وتن!“
    24اگسٽ 1920ع
    اڄ اسان گڏجي ڪورچاگن جي هڏيءَ جو معائنوڪيو ، زخم نهايت اونهو آهي ۽ سڀني جي
    اها راءِ هئي ته زخم جي سلائيءَ خاطر اک کي به ڪڍڻو پوندو ، مگر مون ان جي سخت
    مخالفت ڪئي، آھ !ههڙو سهڻو نوجوان چڱي ڀلي ٿيڻ بعد اک کان محروم هجي!
    “ڊاڪٽر نينا !تون رڳو هن جي سونهن جي حفاظت سبب هن جي زخم جي صحت کي رڪين ٿي؟”ٻئي ڊاڪٽر تيز ٿي چيو .
    “سونهن به املهه خزانو آهي ڊاڪٽر صاحب ! سهڻا انسان قدرت جي ناياب نعمت آهن!”مون جواب ڏنو .هن تي104 ڊگريون بخار هو ، کيس سرسام هو ، هو وڦلي رهيو هوبيشڪ مون سندس سونهن بچائڻ جو زيادھ خيال ڪيو هو ، پر ڇا ڪريان ، هن هن محبت ڀري تصوير کي ڪيئن ڦٽايان ! آخر ته هن کي به ڪنهن محبوبه وٽ پيش ٿيڻو هوندو !
    ساري ڏينهن جي ٿڪ هوندي به مون آڌي رات هن نونهال جي پرواخت ۾ گزاري ڇڏي
    ۽ پوءِ به تيستائين نه اٿيس ، جيستائين هڪ سٻاجھڙي نرس ”فروسيا“ اچي وايو نه ورتو،” هن تي منهنجو به خاص حق اهي ڊاڪٽر !“ هن پاٻوھ مان چيو.
    “تون هن کي سڃاڻين ٿي؟” مون پڇيو.“مون هن سان ڪافي عرصو گڏ نوڪري ڪئي آهي .” هن جواب ڏنو.
    “ پوءِ فوج ۾ تون ڪيئن پهتينءَ؟”مون پڇيو . “ جيئن هي پهتو!” هن مرڪي جواب ڌنو!
    24 آڪٽوبر1920ع
    پوڻين ٻن مهينن جي علاج ۽ فروسيا جي اڻ ٿڪ تيمارداريءَ سبب اڄ ڪورچاگن اسپتان مان نڪتو ، ۽ سندس اک جي خوبصورتي گم ڪانه ٿي، پر نظر ختم ٿي ويس ،اف! هاڻي هاڻي نشان ڪنهن سان چٽيندس؟ کاٻيءَ اک کي هرڻ ۾ته ڪافي وقت کپي! هن ڏاڍي ارمان سان چي .
    ههڙي موت مار حادثي بعد به هن کي رڳو مورچو ياد آهي ۽ هو چيو ٿو ته ، اهڙي سجاٿي ٻي ڪهڙي زندگي وطن جي خدمت ۾ ختم ٿئي!
    24ڊسمبر 1920ع
    توبهه ! فوجي زندگي ڪهڙي نه اڙانگي آهي ، ناتال جي سڳوري رات ملهائڻ به مشڪل اهي . ڇا ڪريان ، عين يارهين بجي زخمين جي ايمبولينس آئي ، هنن کي ڏسڻو ته ضروري هو ، پر کيس ڏسندي مون بي اختياررهم بدران چڙ اچي ويئي“ڪورچاگن! تون ماڻهون آهين يا مريخ؟ ههڙي موت مار زخم بعد به وري وڃي جنگ ڪرڻ لڳين؟” مون بي اختيار هڪ زخمي کي چيو .
    “پياري ڊاڪٽرياڻي !ڪجھ ڪونهي ، صرف زرا پٺيء جي ڪنڊي َ ۾ ٿورڙي ٽوڪر آئي آهي !” هنٽهڪ ڏيئي چيو .مگر اها مهانگي ڪانهي ،دادي!سڄا سارا ستر مردود جھنم رسيد ڪيا اٿم !”مگر ايتري چوڻ بعد سندس مرڪ ختم ٿي ويئي ۽ هوڍرڪي پيو .
    سندس پٺيءَ کي ڏسي منهنجا هوش ئي خطا ٿي ويا ،گولي هڏيءَ کي ڀڃي اندر گھڙي ويئي هئي اف! هن جو جگر ته ڏسو جو ، جوانهي کي به “ٿورڙي ٽوڪر” پيو سڏي.
    25 ڊسمبر 1920ع
    اڄوڪو خوشي جھڙو ناتال ٻيو مشڪل گزاريو هوندم، اڄ شديد محنت بعد اسين ڪورچاگن جي ڪنڊي مان گولي ڪڍي ويا سون ، ۽ هن بهادر نونهال جي زندگي خطري کان ٻاهر نڪري ويئي!
    “منهنجا ٻچڙا! دل ته ائين ئي پيئي چوي ته
    جکرا جيئين شال ! تنهنجو مندو ڪنين نه سڻا!”


    21

    “اڙي تون؟...........سچ پچ تون ڪورچاگن آهين؟” بي اختيار اکيون مهٽي يوخرائيءَ هن ڏي ڏٺو ۽ رڙ ڪري کڻي ڀاڪر پاتائين“ اوھ ! پيارا نونهال ! تون جيئرو آهين ؟”
    سندس نرڙ تي چمي ڏيئي هو کانئس جدا ٿي چيو . “ مگر اسان ته ٻڌو هو توکي پٽيءَ جي ڪنڊي ۾ زبردست گولي لڳي هئي ۽.......۽ .........” ڳالهه ڪپي ڪورچاگن ورندي ڏني “ ۽ آءُ مري ويس ائين نه؟ ” ٽهڪ ڏيئي هن چيو ” دوست اڃان ته مرڻ جي تمنا ڪانه اٿم ، پر ( ٿدو شوڪارو ڀري ) اهو افسوس اٿم ، ته هر هند هر فوجي يونٽ ۾ ، مونکي ان فٽ ڪن ٿا . سڀڪو چوي ٿو ته توکي ڪنهن به صورت فوج ۾ رکي نٿو سگهجي اف!ڏاڍي امنگ اٿم ته اڃان گھڻا غدار جھنم رسيد ڪريان پر ڪٿي به نٿا وٺنم !”
    “توکي آءُ ٿو وٺان دوست !منهنجي يونٽ ۾ رھ ، فوجي ڊاڪٽر توکي فٽ نه ڪندا پر آءُ توکي في الحال اهڙو ڏپارٽمينٽ ڏيندس جو روزانو ٽريننگ ڪلاس وٺندو رھج ، پوءِ ڪنهن مهل اهڙو موقعو به اچي ويندو جو توکي پنهنجا جوهر ڏيکارڻ کان ڪو روڪي ڪونه سگھندو.”
    “ايئن ڪريان گھٽ ۾ گھٽ وطن جي آزادي تائين پينشن وٺڻ تي وڃڻ لاءِ مجبور نه ڪريوم!”
    “ چڱو چڱو هيءَ گرما گرڪافي ته پيءُ!”
    اڄ ڪيترن مهننن کان بعد ڪورچاگن آرام سان ويهي ڪافي پيتي ، اسپتال کان نڪرڻ بعد هن جي پينشن جو آڊر ٿيو هو، پر هي وائڙن وانگر فوجي يونٽن جا چڪر لڳائيندو ٿي وتيو ۽ نيٽ يوخرائي جي يونٽ ۾ ٽڪاڻو مليو.ڪورچاگن جي مطالعه ۾ تازا ڀرتي ٿيل رنگروٽ هن وٽ ايندا هئا ۽ هن کي ڏسي وائڙا ٿي ويندا هئا . هنن ٻڌو هو ته سندن استاد اهو بهادر ڪورچاگن آهي ، جنهن معرڪن ته دشمن دوست سڀ حيران آهن ، پر روبرو ٿيندي ئي هنن جي نظر هڪ بلڪل نوجوان يوڪئي تي پوندي هئي ،جو ڪنهن ڪنهن مهل نهايت ترنم سان ڳا.يندو هو ؛
    “بهي جهان غم جي ٽلڪن ۾ ٻڏل اهي،
    نهايت ڏک ڀريل گذر ٿئي ٿو.
    زندگي ڪهڙي ڀيانڪ نظر پئي اچي .
    ماحول جي اوندائيءَ سبب روح گھٻرائجي پيو .
    پر جڏهن به انسان جو شعور سجاڳ ٿي ويو آهي،
    اڄ هر ڪنهن طرف کان جمهور جو اواز بلند ٿيو آهي.
    عوام پنهنجي ٺوڪرن سان بادشاهن جو غرور ڊاهي پيو.
    اڄ هڪ ننڍڙي جھرڪي به باز خلاف ڪمر ٻڌي اٿي آهي .
    اڄ گلشن ۾ گل، گل ڇنندڙ خلاف صفون ٻڌي بيٺا آهن،
    واٽ ۾ گڻيئي، ڳرا پٿرعوام کي ڪچلڻ آهن،
    سوين ارڙ کيس ڳڙڪائڻ لاءِ ويٺا آهن ،
    خوفناڪ ڪنڊا هن جي اگاڙن پيرن کي واٽ نٿا ڏين ،
    تڏهن انسان پنهنجي منزل ڏي وڪ وڌائي پيو،
    منزل دور آهي پر عرم محڪم آهي،
    اجهو هوءَ پرھ ڦٽڻ لڳي،
    ڀلا هاڻي اونداهي ڇا بيهي سگھندي !
    جيڪڏهن دريءَ کي واٽ نه ملندي ،
    ته هو پٿر ٽوڙي به واٽ پيدا ڪندو ،
    اسانجي هي نغما سيلاب وانگر ساري جهان تي ڇانئجي ويندا .
    ڪهڙي شان سان هو جهنڊو پيو جھولائي .
    ساري دنيا هن نور سان روشن آ ،
    ڀلا ڇو نه !
    هن نُورکي اسان پنهنجو رت ڏيئي چمڪايو آهي،
    هن جي سوانع،نونهالن کي بهادريءَ جون امنگون ڏنيون،
    نوجوانن کي باجذبات خيالن سان انهن کي کانئس وڌيڪ جوش عطا ڪيو، هو فوجن۾ نه هو پر فوجو پئي تيار ڪيائين ، بهادرين ڏيکارڻ کان مجبور هو ، مگر سندس سبقن بهادرين جا بي مثال نظارا پئي ڏيکاريا ؛
    هن کي قوي اميد هئي ته نيٽ مونکي فوج ۾ گھڙي.ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو ، پر جنگ هلندي رهي ....پيٽلورا پاران غدارن جو زور هٽندو ويو ، ۽ آخر.. آخراهو موقعو اچي ويو ، جو پولنڊ سان صلح ٿيوهنن جو فوجون هٽي وييون،۽ ۽غدارن جو فوجون صفا ٽٽي وييون.
    ٿڌو شوڪارو ڀري هڪ ڏينهن هن يوخرائي کي چيو “بس معلوم ٿو ٿئي ته منهنجي امنگن ڪڍڻ جو وقت انيدوئي ڪونه !”
    “ گھٻراءِ نه دوست!اڃا هڪ ٻيو ناٽڪ باقي رهيو پيو آهي ، ۽ توکي به انهيءَ ۾ پارٽ وٺڻ جو موقعو ملي ويندو !” يوخرائي ٽهڪ ڏيئي چئي رهيو هو!


    22

    “يسوع مسيع جا غلامو ! خداوند خدا جا پوڄاريو ! اي موسى جا مڃندڙوء !۽اي عربي نبيءَ‌ جا امتيو!اڄ اهو مبارڪ ڏينهن آهي ، جو اسين سڀ “خداپرست” هڪ هنڌ گڏ ٿيا آهيون ،اسان جا مذهب ڌار ڌار آهن ۽ تحقيق اسين هميشه پاڻ ۾ وڙهندا پئي رهيا آهيون،پر خدا پرستن لاءِ اهو خطرو پيدا ٿي ويو، جنهن اسان جي سينن مان ڪينو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽اسان کي پنهنجي بقا ۽ پنهنجي خدا پاڪ جي رضامندي لاءِ متحد ٿيڻو پوندو.............؟”
    فادر واسيلي،يعني شهر شپيتووڪا جو اهو ئي ساڳيوپادري ، يعني ڪنهن زماني ۾ اسان جي ناول جي هيرو ڪورچاگن کي سخت مارڏيئي پنهنجي مدرسي مان ڪڍي ڇڏيو هو، سو اڄ هڪ خفيه تهخاني ۾ ، هلڪڙيءَ بتي جي روشنيءَ ۾ ، سامهون ويٺل مجمع کي افتتاحي تقرير ٻڌائي رهيو هو، سندس به جوان نازنين ڌيئرون نهايت سهڻن۽ اڌ اگھاڙن ڪپڙن سان ، تمام سٺي سينگار سان، ڳلن کي پائوڊر ۽لبن کي لالي لڳائي ، سندس ڀر سان ويهي مخاطين جي سينن تي بجلي ڪيرائي رهيون هيون ،۽ سامهون ويٺل “خدا پرست“ پادري ساحب جي گفتن ٻڌڻ کان وڌيڪ توجھ سندن حسن ڏي ڏيئي رهيا هئا !پادري صاحب ساهي کڻي چيو“دوستو!اوهان کي معلوم هوندو ته اهو مشترڪه خطرو ڪهڙو آهي،هاڻ، هي اهو مشترڪه آهي جو اسان کي اسان جي پياري سچي خدا جي پرستش ڇڏائي هڪ اهري نئين ۽ وڏي خدا جي پرتسش سيکاري ٿو، جنهن جو پيرهن اسان جي خدا پرستيءَ جو ڪفن آهي . جيئن هڪ شاعر ٿو فرمائي ته ؛
    ان تازه خدائون ۾ سب سي بڙا وطن هي
    جو اس پيرهن هي،وھ ملت ڪا ڪفن هي!
    هو سڄو زور انهيءَ تي ڏين ٿا ته “يوڪرين”اسان جو مقدس وطن آهي ، اسن کي انهي سان محبت رکڻ گهرجي ، انهيءَ لاءِئي جان فدا ڪرڻ گھرجي مگراسين ڀلا ڪٿان ٿا هن نئين خدا لاءِ جان فدا ڪري سگھون ؟ اسان جي مقدس سرزمين فلسطين۽عرب ۾ آهي ، اسن جي انهيءَ محبت ۽سڪ ک گھٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي اسين ڀلا ڪٿان ٿا برداشت ڪري سگھون؟
    مگر (اوڇڳاريون ڏيئي) آھ! اسين ڇا ڪريون ، انهن ملحدن انهن دهرين ، بلڪ(جوش مان)انهن ڪافرن اڄ مزدور۽ هاريءَ جو نعرو لڳائي انهن کي ڀنڀلائي اسان مٿي تسلط۽قبضوڪري ڇڏيو آهي. اسان جي نوجوانن کي برغلائي، پاڻ سان شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو خدا پرستيءَجي نور کي وسائڻ جون ڪوششون ڪن ٿا،ياد رکو!
    نور خدا هي ڪفر ڪي حرڪت په خنده زن،
    ڦوڪون سي يه چراغ بجھايا نه جائيگا !
    اسين “خدا پرست ” به خاموش نه آهيون ، خدا جا ٻيا بندا به دنيا ۾ اسان جا همدرد موجود آهن . اسان جي انهن دوسن ۽ همدردن بلڪه هم مقصدن پولينڊ ۾پنهنجو مرڪز قائم ڪيو آهي ۽....۽ (نهايت آهستگي )اڄ اها مبارڪ رات آهي ، جو انهي نور جا شعاع هتي به پهچي ويندا . دوستو!ڪوبه غم نه ڪريو ، خدا پاڪ جي مدد ڄاڻ پهتي ۽ فتع ويجھي آهي...”
    ٽڪ ٽڪ ٽڪ !
    پادري صاحب گھٻرائجي ويو ، تهخاني جي ڏاکڻ جو دروازو ته هن بلڪل مضبوط بند ڪيو هو ، اندر ته ڪنهن به سپاهيءَ کي اچڻ جي اجازت ڪونه هئي . پوءِ هي ڪير ٿو اچي ، پر .....هنجي رڙ نڪري ويئي ، جڏهن ڪورچاگن ۽ گڏ سندس ٻيا پنج ساٿي ڀريل پستول کڻي ڏاڪڻن مان لٿا ۽ هنن ڏي نسان ٻڌي چيائون “خبردار هٿ اڀا ڪريو ، ڪوبه پنهنجي جاءِ تان چُريو آهي ، ته سندس کوپري چُور ڪئي ويندي ، ٻه سو فوجي جوان هن جاءِ کان ٻاهران گھيروڪري بيٺا آهن.” ڪورچاگن وڏي پادريءَ وٽ آيو،“ اڙي تون ڪورچاگن؟ڇا تون به ملحدن دهرين ۽ ڪافرن جو ساٿي آهين ؟ اڙي نوجوان !تنهنجي ماءُ ته يسوع مسيع جي وڏي معتقد آهي !” پادري صاحب وڏيءَ پاٻوھ سان چيو “اسين به معتقد آهيون پادري صاحب !اسين به يسوع مسيع کي دل سان مڃون ٿا ، پر انهيءَ کي نه، جنهن جا خليفه اوهان جھڙا بدمعاش ۽ رهزن آهن .اسين ان يسوع مسيع کي مڃون ٿا ، جو غريبن ، هيڻن ۽ مظلومن جو حامي هو، جوبيمارن جو بهترين همدرد هو ، ۽ ها اي يهودي ڀائرو!اسين انهي موسى کي به مڃون ٿا ، جو فرعونن ، هامانن ۽قارونن جو جاني دشمن هو ۽ اي مسلمان ڀائرو! اسين انهي عربي نبيءَ تي سلام و صلاوات چئون ٿا ، جنهن قيصرن جا تخت لرزايا ، جنهن ڪسرائن جي قصرن جا ڪنگرا ڪيرايا۽جو يتيمن جو يار هيڻن جو غمگسار هو ۽ مظلومن جو مدد جنهن دنيا کي اهو پيغام رسايو ته ؛
    “جيڪي شخص سون ئي چانديءَ جا خزانا گڏ ڪري رکن ٿا ۽ خلق خدا جي خدمت ۾ خرچ نه ٿا ڪن ، تن جا چهرا ۽ پاسا انهيءَ سان ڏنڀيا ويندا.”
    ۽ جنهنجو ارشاد هو ته زمين،ڪارخانن ۽ عهدن جو امانتون سندن اهلن کي سنڀالڻ گھرجن ،۽جنهن دين جي تبليغ جي اجرت کي حرام بنائي ڇڏيو هو ،۽ جنهن جو ارشاد هو ته“حب الوطن من الايمان”. مگر اڄ تو جھڙا بدمعاش مڪار، خدا پرستيءَ جي سندس نالي ۾ ، هنن سڀني اٻوجھن کي پولنيڊ جا غلام بنجڻ جا سبق ڏيئي رهيا آهن .اڄ اسان خدا جي سچن بندن اوهان جي سازشن کي سرنگون ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان جي “ڏهين مرڪز” تي قبضي ڪرڻ جي چارج هن نيازمند کي مليل آهي ، مڪار ڪتا!”
    ائين چئي هن بي اختيارسندس ڏاڙهيءَ مان جھلي لوڏا ڏيئي،سندس منهن تي ٿڪ ، اڇلائي هڪ زوردار ٿَڦڙ وهائي ڪڍي. پادري رڙ ڪري چيو“اهو سڀ ڪوڙ آهي ، اسان جي ڪابه سازش ڪانه آهي،تو مونکي ننڍ پڻ جي مار جو وير ٿو وٺين!”
    “بيشڪ !ڌڻيءَ جا لک شڪر آهن ، جو اڄ هن منهنجو اهو ننڍپڻ جو قسم پورو ڪيو، پر هي وٺ تنهنجا اعمالناما! اچي پڙھ پنهنجا هٿ اکر!”هن کيسي مان سندس خط ڪڍي اکين اڳيان ڪيس ۽ هو چڪر کائي ڪري پيو!
    هي اهو ناٽڪ هو ، جنهن ڏي يوخرائيءَ اشارو ڪيو هو ، گھڙيءَ پل ۾ پادري ۽ سندس سڀني ساٿين جا هٿ پير ٻڌا ويا ،پادريءَ جي ڪبوترين (ڌيئرن) جو نازڪ ٻانهون به رسين سان جڪڙيون ويون ۽کين وٺي اچي انقلابي مرڪز ۾ هاضر ڪيو ويو.
    اڄ ههڙي خوشيءَ جي موقعي تي ورهين جي وچڙيل ماءُ به پٽ کي اچي ملي، نرڙ ۽ڳلن تي چمين برسات لائي وسائي ڏنائين. هن سمجھيو ته هاڻي هوگھر رهندو ، پر“جنهن کي تار لڳي يار جي ، سا ڪئن ڪندي گھر ٻار جي!” هو وري به پنهنجي مرڪز ڏي هليو ويو ، ٻاهرين منصوبي تي به قبضو ڪيو ويو ، پر اندروني خطرا اڃا گھڻائي موجود هئا.


    23

    “ آءُ اچي سگھان ٿو؟”
    “اچ اچ دوست! مونکي هن وقت تنهنجي ئي ضرورت هئي، اڄ ايڏو ته غمگين ۽ پريشان آهيان ، جو ڪجھ به اجھيم اڪليم ئي ئي ڪونه ٿو .” ڪورچاگن جي پڇڻ تي يوخرائي جواب ڏنو.
    “ڇا ڳالهه آهي استاد ؟” ڪورچاگن کي به سندس چهرو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو، ڏسڻ ۾ ائين ٿي آيو ته يوخرائي ساري رات ڳڻتين ۾ گذاري آهي ۽ هڪ سيڪنڊ به اک نه پوري اٿس.
    “ ننڍڙا دوست !” يوخرائي ڀريل آواز ۾ چيو“ايڏو ته ڳرو مسئلو آهي ، جو هوش ٺڪاڻي نه اٿم. اسان کي آئينده ڇهن مهينن لاءِ ، جن ڇهن مهينن ۾ يوڪرين ۾ برف ئي برف وسندي آهي ، هڪ لک اسي هزار مڪعب ميٽر ڪاٺيون گهرجن ، ۽ اسين هر طرح جي ڪوشش باوجود به چار سو مڪعب ميٽر في مهنو يعني صرف چار سو معڪب ميٽر ڪاٺيون هٿ ڪري سگھيو ٿا، ڀلا اڍائي هزار ۽ هڪ سو اسي هزارن جي پاڻ ۾ ڪا نسبت ٿي سگي ٿي ؟” “ڇا، انهيءَ جي اڳ ڪا رٿا ڪيل ڪانه هئي ؟”ڪورچاگن پڇيو.
    “رٿا ته ڪيل هئي ، پر ڪامياب نه ٿي ، ڪن سازشي ڪومورن اها برباد ڪري ڏني ، انهن کي ته گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو سون ، پر انهي مان ٻارڻ جو مسئلو ته حل ڪونه ٿو ٿئي.” پنج منٽ مٿي تي هٿ رکي سوچ ڪري ، ڪورچاگن پڙڪي اٿيو ،۽ چيائين “پنو کڻ استاد !” بنا ڪنهن سوچڻ جي يوخرائي پنو هٿ ۾ کنيو .“لِکُ !” ڪورچاگن ڃڻ ته حڪم ڪيس ۽ هن قلم هٿ ۾ کنيو.
    “ ٻارڻ جي مسئلي حل ڪرڻ لاءِ ڪورچاگن کي فل اختيارين سان آفيسر مقرر ڪجي ٿو ......کيس حد هر شخص جي مال، جسم ۽ جان تي مڪمل قبضو ڏجي ٿو ......” ڪورچاگن جي حڪم تي مشين وانگر لکندو ويو.
    “ٺيڪ آهي ........وجھ سحيح.........لڳاءِ مهر.........بس بس اهو ڪاغذ مونکي ڏي .....هاڻي ڏس هن “ڪهاڻي” جا ڪارناما !.....“ ڪورچاگن جي اک جي نظر ختم ٿيل هئي ، ٻيو ڪو کيس “ڪاڻو”سڏي چيڙائي ؛ تنهن کان اڳ هوئي پاڻ کي فخر مان “ڪاڻو”سڏيندو هو ، ڇو ته اها اک به وطن جي جهاد ۾ ختم ٿي هئي، جنهن ڪري فخرجو باعٽ هئي .
    “مسٽر چرونسڪي !توهين گھڻو ٻارڻ سپلاءِ ڪري سگھندو؟”
    “مان دسمس آهيان !.......جناب !.........انقلاب دشمنن جي ڪارواين جو ڏوھ مون تي پوڙهي مزدور تي وجھي ، مون کي ٻارڻ ڪمپنيءَ جي صدارت تان ڊسمس ڪري ويو آهي.” چرونسڪيءَ ڀريل آواز ۾ چيو ،پر ڪورچاگن جون دور انديش نظرون ڏسي رهيون هيون ته اها ڀڙاوٽ بناوٽي آهي.
    “مگر مون اهي آڊر واپس ورتا آهن ۽ توکي فقط سسپنڊ ڪيو اٿم ، بس تون سمجھين ٿو ته رڳيءَ ڊسمسيءَ ۾ ڇٽي ويندين؟”
    “مان دسمس ٿيڻ بعد ڪجهه به جواب ڏيڻ لاءِ ٻڌل نه آهيان” شپاڪ! ڪورچاگن جو زودار هنٽر سندس پٺن تي پوڻ تي هو رڙ ڪري اٿيو . “ توکي ڪوبه حق حاصل نه آهي هڪ آفيسر کي مارڻ جو ذليل ڇورا!” شپاڪ ! شپاڪ !شپاڪ !!!
    “گھوڙا ڙي ظلم آهي ........انڌير آهي .... بغداد آهي......”
    “بغداد جا بچا ، سڄن سارن اٺن مهينن ۾ مزدورن گھڻيون ڪاٺيون وڍيون ؟”
    “ٻه ....ٻه......ٻه لک ڏھ هزار ....مڪعب ....ميٽر ” ۽ انهن مان پهچن ٿيون فقط چار سو مڪعب ميٽر مهنو ، باقي ڪاٺيون ڀل ته جھنگل ۾ سڙن يا ماڻهون چورائي وڃن ائين نه ؟ ”“ پوءِ آءُ چا ڪريان” مونکي انهن کي کڻڻ لاءِ گھرجن هزار گاڏيون ۽ مونکي مليون ئي آهن فقط سو گاڏيون .....” شپاڪ ! هڪ زوردار هنٽر وري به سندن پٺن تي لڳو . “۽ اسٽيشن تائين گھڻو مال روزانو پهچندو هو؟”هن سوال جو چرونسڪي ءَ ڪوبه جواب نه ڏنو ، هو فقط رڙيون ڪندو رهيو ، ڪورچاگن هنٽر وڄائيندو ويس . آخر هو ساڻو ٿي ڪري پيو ۽ چيائين“ آءُ ڇا ڪريان . مزدور فقط 40گاڏين جيترو مال آڻيندا هئا.”
    “گاڏيون هزار ٿي طلبيئه ۽ مال پهتو ٿي چاليهن جو ، اڃان به تون بيقصور آهين؟”
    “پوءِ مزدورن نٿي آندو ته منهنجو ڪهڙو ڏوھ ؟”
    “ ڏوھ جا ٻچا ، اٿي بيهي جواب ڏي ” هڪ زوردار هنٽر لڳڻ تي هو خوفناڪ رڙڪري اٿي بيٺو . “ هي آهي نقشو ، ٻڌاءِ ته تنهنجا مزدور هينئر ڪاٿي ڪم ٿا ڪن؟”
    ڦتڪندي ڏڪندي هن هڪ هنڌ تي هٿ رکيو .“ هي هنڌ اسٽيشن کان اٺ ميل پري آهي نه؟” “ ها ......” هن وري به ڏڪي چيو.
    “ ۽ اوهان کي ته حڪم هو ، ته پنجن ميلن تي جھنگل ۾ ڪاٺين وڍڻ بعد پوءِ تي واپس ايندا وڍيندا اچو نه ؟پوءِ اوهين الٽو اڳتي ٿي ويوء ؟”ڪنهن جو جواب ڏيڻ بنا چرونسڪي بيهوش ٿي ڪري پيو .


    24

    “استاد يوخرائي ! اهوئي اصل سبب آهي ، جنهن ڪري هيڏوخرابو ٿيو آهي ۽ انهي ڏي ڪنهن جي نظر ڪانه ويئي آهي؟”
    “اوھ سبب ڳولڻ ۾ ته ڪمال ڪئي،پر خدا جا بندا ! هتي علاج گھرجي . ڪنهن به صورت ۾ پوڻا ٻه لک ميٽر ڪاٺيون گھرجن ، نه ته اسپتالون ، ڪارخانا ، اسڪول آفيسون ۽ ٻيا لکين انسان فرفاني شنڪنجي ۾ جڪڙيل هوندا ۽ ساري ڊويزن تباھ ٿي ويندي ! هونهه وڏو آيو آهي سبب ڳولڻ وارو .......” “ پر استاد ٻڌ ته سهي ، اسان کي ڪنهن به صورت ۾ پنج ميل ريلوي لائين تيار ڪرڻي پوندي . ” “ ڇا مطلب ؟“يوخرائي باھ ٿي اٿيو” پنج ميل ريلوي لائين ؟ خزان جي برسات ڄاڻ شروع ٿي۽ اسين ويهي پنج ميل ريلوي لائين ٺاهڻ شروع ڪريون ؟اها ٺهندي ڪيئن ؟ تنهنجو هوش ته ٺڪاڻي آهي؟ ” “ جي ها ،بلڪل ٺڪاڻي اٿم . برسات شروع ٿئي،کڻي ڇا به ٿئي ، اهو ڪم ڪرڻوآهي ۽ضرور ڪرڻو آهي، فضائي آسمان است اين، بهر صورت شود پيدا! ” “مگر....”
    “مگر ٻگر ڪجھ به ناهي، هڪدم حڪم ڪڍ استاد ،نه ته توتي به چابڪن جي وارون وار لڳائي ڏيندس ....جھٽ ڪر ....هڪدم”
    “ يوخرائي وائڙن وانگر حڪم ڪڍيو ؛”ساڍا ٽي هزار مزدور ۽ٻه انجنيئر ڪورچاگن جي حوالي ڪيا ويا وڃن ، ۽پنج ميل ريلوي ٺاهڻ لاءِ سڀ گھربل سامان ڏنو وڃي .....” ۽ ٻئي ڏينهن ڪورچاگن حڪم ڪڍيو ؛“ساڍا ٽي هزار مزدور ۽ به اجنيئر هڪدم مونکي ڏنا وڃن۽ يا به ايترا تيار ڪيا وڃن.........” “ٻيا ڇو ؟” ماتحت آفيسرپڇيو. “ڇاڪاڻ ته پندرهن ڏينهن بعد انهن جي جاءِ تي گھربل ٿيندا ” “هي ڇو نه ؟ ” “ هي سڀ اڌ مئا ٿي ويندا ، ۽ برسات ڄاڻ شروع ٿي . بويارڪا اسٽيشن وٽ رهڻ جو ڪوبه چڱو ٺڪاڻو ڪونهي ،سڀ نمونيا ۽ ڀرجي واپس ٿيندا . پورن ڇوڏهن ڏينهن اندرٻيا نه پهتا ته هنن مان هڪ به ڪم نه ڪندو....۽ هان.....هر پندرهن ڏينهن ٻي ٻي ٻاري اچڻ گھرجي... ” “پر جناب ايترا مزدور ڪٿان ايندا رهندا!”
    “ڪٿان به اچن ، هر تندرست کي زوريءَ ڀرتي ڪريو ، جنگ ۽ عشق ۾ سڀ ڪجھ روا آهي. لکن ماڻهن کي بچائڻ خاطر هزارن کي ضرور وهائڻو آهي... ...حڪم جي تعميل ڪريو ...ڪوبه سوال جواب نه ٻڌو ويندو .....ڪنهن به حالت ۾ 1جنوري 1922ع تائين ٽي ميل رستو تيار ٿي وڃي ....”
    ”ٽن مهينن اندر ٽي ميل؟.......۽ ڪاٺين جي کڻائي .....؟ آفيسر جو گلو خشڪ ٿي ويو ، “مگرسائينجن کي پتو آهي جيڪي انجڻيون اسان کي ملن ٿيون سڀ بيڪار آهن؟”
    “جي ها ،اهي سڀ مرمت ڪيون وينديو.” “مگرمرمت لاءِ سامان؟”
    “ڪٿان به کڻي اچو ، ڪنهن به ورڪشاپ مان زوريءَ کڻبو،چاهي ڪيتروبه چيخيندا رهن ، ۽ هان......اسانکي هڪ سو فل هتيار بند ملٽري گهرجي، جا هر وقت هر حڪم جي تعميل ڪري، اسان تي ڌاڙيلن جا حملا به ٿيندا ، خود اسان جي ريلوي آفيسرن جا به جن جي ورڪشاپن مان زوريءَ سامان کڻندا سون .1_جنوري 1922ع تي ريلوي چالو ٿيندي ۽ضرور ٿيندي ..... فضاء آسمانست اين ، بهر صورت شود پيدا!


    25

    سموري علائقي ۾ هڪ پائيتال مچي ويو ،اڃا پهرين ٻاري ڪم تي پهتي مس ته برسات اچي سالاماليڪ ڪئي. ٻي ٻاري پهچڻ کان اڳ ئي اڌ مزدور ڀڄي ويا ۽ باقي اڌ مان فقط انهن کي موڪل ڏني ويئي ، جي بيمار هئا ، هي نئين ملٽري هر هنڌان ماڻهون پڪڙيندي موڪليندي ٿي ويئي ، هر ريلوي ورڪشاپ مان زوريءَسامان کنيائين . انهي حد تائين ، جو ڪيترن اسٽيشنن جا دروازا پئجي ويا ، جي نئين ورڪشاپ لاءِ ٿا کپن!
    روزانو ملٽريءَ ۽ جھنگل جي ڌاڙيلن جو چڪريون لڳنديون هيون... روزانو مينهن راڱا پئي ڪيا ،۽ ....۽هاڻي ته برف به وسڻ شروع ڪيو...
    “گاڏي ڇو بيهي رهي؟..”
    گاڏيءَ مان لهي ڪورچاگن ڊرائيور کان پڇيو “جناب !اڳيان سارو رستو برف ڍڳن سان ڀريو پيو آهي. ” “ هڪدم برف هٽائي وڃي” ڪورچاگن پنهنجن ساٿين کي حڪم ڏنو.
    “ مگر ايسن ٿورا آهيون ، برف ڪيئن هٽائي سگھنداسون .”
    “سڀني مسافرن کي حڪم ڏنو ته برف هٽائين .........ها ها!سڀني مسافرن کي به شامل ڪريو....ڪنهن به اميرغريب جو سنڌو نه ڪجو .... خبر اٿوته هن ئي گاڏيءَ ۾مانين سان ڀريل گاڏو آهي؟.... اهو وقت تي نه پهتو ته مزدورن سان ڪهڙي حالت ٿيندي؟”

    “ توهين ڇو نه ٿا برف هٽايو؟“هڪ عزتدار نهايت عمدن ڪپڙن گرم ڍڪيل کي ڪورچاگن ڪڙڪو چيو .هن جنٽلمين سان گڏ گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيل هڪ عورت هئي، هن شخص ڪورچاگن جي ڦاٽل۽ميلن ڪپڙن ، نهايت ڦاٽل بوٽ ۽ گپ ۾ ڀريل بوٽ ڏي ڏسي چيو “تون ڪير آهين موکان پڇڻ وارو ؟” آءُ هڪ مزدور آهيان ”
    “ ته پنهنجي جمعدار کي موڪل ته مون سان ڳالهائي” “مون کي ئي جمعدر سمجيو”
    ”مان تو جھڙي ذليل کي جمعدارسمجھڻ لاءِ تيار نه آهيان”
    “ ته نه سمجھ منهنجي سحيح کان سواءِ هن بعد تنهنجو ٽڪٽ بيڪار آهي ، ٻيا هليا ويندا ۽ اوهين ساري رات هتي برف ۾ پيا هوندو ، هن جھنگ ۾ ڌاڙيل خوب رهن ٿا......۽ هان خاتون!تون ڇا ٿي چوين ؟.....اوھ....”ڪورچاگن کان ڇرڪ نڪري ويو ، عورت ڪنڌ مٿي ڪري هن ڏي نهاريو هو ۽ هن سندس چهري کي ڏسندي ئي ڇرڪ ڀري چيو“اوھ!تون آهين تانيا!........”
    تانيا به ڇرڪ ڀري هن ڏي ڏٺو، آفيسر کيس ٻانهن کان وٺي چيو “هل پياري تانيا! ڪنهن ڪوچڙي کي معزز انجنيئر جي منڱ سان ڳالهائڻ جو ڪوبه حق ڪونهي !”
    مگر تانيا اهي لفظ ڪونه ٻڌا هن ٻانهن ڇڏائي چيو“ ڪورچاگن تون؟.........تون زندھ آهين؟......منهنجون اکيو دوکو ته نٿيو کائن ..... مون ته توکي مئل سمجهي....” هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگھي. مونکي مئل سمجهي هن معزز انجنيئر صاهب سان مڱڻو ڪئي نه ؟....ٺيڪ آهي ، هڪ ٻيلي جي آفيسر جي ڌيءَ هڪ انجنيئر سان سونهي ٿي .... مونکي سچ پچ پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ گولي لڳي هئي ، منهنجي بچڻ جو آسرو ڪونه هو ....... پر اڃا گھڻن نازڪ بدن آفيسرن وطن جو سچو خادم،۽ وطن جو ادنى مزدور بنائڻ لاءِ زنده رهيو آھيان .....”
    بي اختيار سندس هٿ مان بيلچو کسي تانيا برف طرف رواني ٿي ويئي...... انجنيئر صاحب وائڙو ٿي هن جي پٺيان هلڻ لڳو!


    26

    “ اوھ تانيا تون هتي؟”
    هلڪيءَ روشنيءَ۾ تپ سان هرڪندي ڪورچاگن ٽپ ڏيئي گاھ جي بستري تي اڀو ٿي ويو“تون ڇو گاڏيءَ ۾ ڪانه وئين ؟ ” “گاڏيءَ ۾ ڇو وڃان ” تانيا سنجيدگيءَ سان جواب ڏنو . “تون ته پنهنجي منڱيندي سان گڏ وڃي رهي هئين نه؟”
    “اصلي منڱيندي هٿ اچڻ بعد به نقلي منڱيندي سان گڏ رلندي وتان؟” آھ تنيا!...”
    هو رڙ ڪري گاھ جي بستري تي ڪري پيو “پياري تانيا!.... تون هي ڇا ٿي ڪرين ؟مون ڪوچڙي وٽ ڇا رکيو آهي؟”
    تانيا مرڪندي جواب ڏنو ؛
    “سرير سلطنت سي آشيا يار بهتر هي،
    همين ظل هماسي سايءِيار بهتر هي.
    “ مگر اهو يار آهي ڪٿي۽سندس آشنا ڪٿي؟ تانيا خاتون! توکي شايد معلوم ئي ناهي ته آءُ زنده نه آهيان ، منهنجي تي اها حالت آهي جو “پيئي کڻي پساھ ،پسڻ ڪارڻ پرينءَجي!”بت زخمن جي نشانن سان ڀريل کوپريءَجوهڪ طرف ڀڳل ،هڪ اک ۾ سوجھرو ڪونهي ،پٺيءَ جو ڪنڊو گوليءَ سان چور ٿيل....ڪپڙن ۽جسم ڪا پرواھ نه ڪرڻ سبب اڄ اهڙو سخت بخار اچي ورتو اٿم ، جو ڀانيان پيوته ڊبل نمونيا ڄاڻ ظاهر ٿي....۽ ڪمزوري ٿي ته پٺيءَ۽دماغ جا سنڌا کلڻ لڳندا...وڃ تانيا خدا جي واسطي واپس وڃ ....وڃي کا سکي زندگي گذار... آه!....”
    ۽ هو چڪرائيجي ڪري پيو. . تانيا يڪدم کڻي ڀاڪر ۾ ورتس، هن جو جسم ٽنڊن وانگر تتل هو،ڀنل۽گپ ۾ ڀريل گاھ جي بستري تي ويٺل تانيا کي نه پنهنجا ڪپڙا ياد هئانه جسم،ڪورچاگن جي ته ڪپڙن ۽ جسم مان به بدبوءِ اچي رهي هئي ، پر تانيا بار بار پئي چميو !
    ٿڪ کان چور ٿيل ڪي همراھ اتي آيا....ڊبل نومونيا يڪدم ظاهر ٿي ويئي ۽ پويءِ وڌندي ويئي آخر سرسام به ٿي ويو .... هو پورو مهينو انهيءَ۾ ورتل رهيو هو، هو هر وقت وڦلي رهيو هو ، پر وڦلڻ ۾اهائي وات ۾ وائي هيس ته “گاڏي هلايو ، رستو ٺاهيو1_جنوري تي نئين نئين گاڏي ضرور چالو ٿيڻ گھرجي....”
    ۽ جڏهن پهرين جنوريءَ تي تانيا رڙيون ڪندي آئي “ڪورچيا !مبارڪ گاڏي چالو ٿي ويئي.” “مبارک هجيئي ڪورچيا ! گاڏي چالو ٿي ويئي ”تڏهن هو اتاھ بيهوشيءَ وچان هڪدم سڄاڳ ٿي اٿي ويهي رهيو“ڇا سچ مچ گاڏي چالو ٿي ويئي ” “ واھ واھ !”واھ واھ هو وري به ڪري پيو ، هاڻي هوش خطا نه ٿيا بلڪ خوشيءَ ۾ بخار ڍرو ٿيڻ لڳو .........۽ هڪ هفتي اندر هو انهيءَ لائق ٿي ويو ، ٻاهر ڪرسي تي به ويهڻ لڳو.


    27

    وطن زنده باد
    10 _اپريل1922ع... اڄ شهر شپيتووڪا جي ٽائون هال کي خوب سينگاريو ويو هو “ اڄ مزدورن جو نئون شاهي جھنڊو ڦڙڪي رهو هو، اچ سڄو هال بجلين سان جگ مگ ڪري رهيو هو.
    اڄ هال جون سموريون ڪرسيون ته ڀرجي ويون هيون ، پر ماڻهن جي ڳاهٽن سبب تر ڇٽڻ جي جاءِ به ڪانه هئي اڄ ڪورچاگن جي مڪمل
    صحتيابيءَ سبب سڄي شهر طرفان کيس مان ملڻو هو.
    مقرر وقت تي هجوم وچان جڏهن گورچاگن ۽ تانيا اندر ايا تڏهن “ڪورچاگن زنداباد” “تانيازنداباد!” “محبان وطن زنداباد!” جي نعرن سان آسمان گجائي کنيو .
    “دوستو! هم وطنو،....”
    ڪورچاگن جو زوردار آواز سڀني جي ڪنن ۾ پهچڻ لڳو .... هيڏو سارو هجوم اهڙي ته خاموشيءَ ۾ هو ، جو سئي ڪري ها ته به سندس آواز ٻڍڻ ۾ اچي ها .....ڪجھ پر ڀرو شهر جا ٻار خوشيءَ مان آتشبازيون ڇوڙي رهيا هئا ، بئنڊ هن مفهوم جا وطني نعرا بلند ڪري رهيو هو!
    *************


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515339
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205431
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ