ڪتاب جو نالو: ويراڳي جي وڃڻا ها
مصنف: عبدالواحد آريسر
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 04 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 2287 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 669 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (140) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ويراڳي جي وڃڻا ها“ نامياري ليکڪ، قومپرست سياستدان ۽ سنڌ جي عاشق عبد الواحد آريسر پاران سنڌ جي محبت وطن شخصيتن تي لکيل خاڪن جو مجموعو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مون سي ڏٺا ماءِ....
  • مسڪين جهان خان کوسي جون آخري گهڙيون
  • ماڻهن جي جهنگل ۾ گجندڙ شينهُن [ڪامريڊ غلام محمد لغاري]
  • بي پرواهه ۽ بي ڊپو اديب [محمد عثمان ڏيپلائي]
  • انقلابي، قومپرست ۽ وطن دوست انسان [ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي]
  • ماڻهو ميگهه ملهار [پير حسام الدين راشدي]
  • هڪ قلندر صفت شخص [محمد صالح ’عاجز‘]
  • هُو جي ويراڳي وڃڻا ها! [علي احمد ڏوگر]
  • ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!
  • هماليه، آءٌ ۽ وقت جي وڇوٽي [شيخ اياز]
  • سنڌڙي تنهنجو ساهُه اياز
  • ڪيرت ٻاٻاڻي منهنجي نظر ۾
  • مسلم سنڌ جو ترجمان [علامه غلام مصطفيٰ قاسمي]
  • سنڌي تهذيب جو آفتاب غروب ٿي ويو [ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ]
  • اِئين به وڃبو آهي ڇا؟ [ناصر مورائي]
  • ڏُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا! [شمشير الحيدري]
  • تبديليءَ جو اڻپورو غزل [نثار حسيني]
  • ڀيڄ ڀُنيءَ جي خوشبوءِ جو شاعر [ماٺيڻو اوٺو]
  • مرڻ مِهڻو ناهي
  • جوڳيءَ تي جڙاءُ، نِسورو ئي نينهَن جو! [حفيظ قريشي]
  • شهيد عبدالرزاق سومرو
  • هي لاش ڪنهن جو آهي؟ [ڪامريڊ نذير عباسي]
  • آزادي ۽ انقلاب جو عاشق [قاسم پٿر]
  • چنڊ جي چانڊوڪي ۽ سج جي ڪرڻن مان ٺهيل ماڻهو [شهيد قيوم منگي]
  • سنڌ جي تحريڪ آزاديءَ جو منگل پانڊي [شهيد سميع الله ڪلهوڙو]
  • سنڌ سان پيار ڪندڙ دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو! [بشير خان قريشي]
  • اوهان جو خُون خوشبوءِ ٿي ايندو! [شهيد قربان کهاوڙ ۽ ساٿي]
  • محبت جي راهه جو رابيلُ چيڀاٽيو ويو [شهيد خان محمد بنگلاڻي]
  • ڳڙهي ياسين جي سرزمين کي سلام!• [شهيد احسان ميمڻ]
  • مَرڻ مهڻو ناهي...! [نواب اڪبر بگٽي]
  • ڪارونجهر ۽ مِينهَن وساڙو [اعجاز جتوئي]
  • پُرخلوص قومي ڪارڪن [گل محمد دَل]
  • مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا! [سڪندر سومرو]
  • سروَ- قدارا سُپرين
  • ماڻهو موتيءَ داڻو [محمد قاسم آريسر]
  • سَروَ- قدارا سُپرين...! [فقير محمد امين مڱريو]
  • تون اڃا پيو جِئين هاءِ ڙي جيئڙا! [عبدالله سمون]
  • راڳ سنڌ جي زندگي آهي [ڍول فقير جي ياد ۾]
  • مورَ جي چالِ وانگر ڌيمو رقصُ ڪندڙ [علڻ فقير]
  • تنهنجي لاءِ ليئا، رهندا منهنجي روح ۾ ! [صادق فقير]

  • ارپنا

    قومي تحريڪ جي سدا بهار ڪارڪنن
    نثار هڪڙي،
    ۽
    وهاب ڀيي،
    جي نالي


    جُهڙ نيڻئون نه لهي، ڪڪر هُونِ نه هُونِ،
    ساريو سُپيرين کي، لُڙڪَ ڳلن تي پونِ،
    سي مَر رويورُونِ، جن مُسافر سُپرين!

    (شاهه)


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (140) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ويراڳي جي وڃڻا ها“ نامياري ليکڪ، قومپرست سياستدان ۽ سنڌ جي عاشق عبد الواحد آريسر پاران سنڌ جي محبت وطن شخصيتن تي لکيل خاڪن جو مجموعو آهي.
    هي ڪتاب روشني پبليڪيشن پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون راجا ساند جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن ٺاهي مفت ۾ پلي اسٽور تي رکي آهي پر ساڳي وقت سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ به موڪلي آهي. ٿورا محترم نواز آريسر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي راجا ساند تائين پهچائي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مون سي ڏٺا ماءِ....

    مون سي ڏٺا ماءِ....

    [ماڻهو ميگهه ملهار‘ ڪتاب جي پهرئين ڇاپي جو مُهاڳ]

    سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جن جي هڪ ئي وقت سياسي ۽ ادبي حيثيت، عبدالواحد آريسر جهڙي هجي. عبدالواحد آريسر، مُنهن ۾ توڙي مَنَ ۾ موسيٰ آهي- هُو آرسي ناهي، شيشو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان نهارڻ سان ساڳيا منظرَ ڏسي سگهجن ٿا، زندگيءَ سان ڀرپور منظرَ.
    هُن جو تعلق، سدا سهڻي مَن مهڻي سنڌُ جي اُن ڏُتڙيل حصي سان آهي، جتان جي ماڻهن، سخت ڏُڪار ۾ به ڏاڏاڻي ڏيهَه جي ’ولڙين واس‘ کي وِڪيو ناهي ۽ ڌارين جي لوڌن ۽ لشڪرن اڳيان به لوئيءَ جي لڄ قائم رکي آهي-سونهن، سگهَه ۽ سچُ، ٿر جي عظمت جا اُهڃاڻ آهن ۽ اِهي ٽئي شيون، جيئن جو تيئن آريسر کي ورثي ۾ مليون آهن، ڪائي به ڪاري ۽ ڊگهي رات، سون سريکي سورجَ کي اُڀرڻ کان روڪي ناهي سگهي. مسڪين، ڏيپلائي، لغاري، آريسر، سهسين سورج آهن (سڄي سنڌُ سورج آهي!)، جن ٿربر چلڪڻيءَ واريءَ مان ڪَني ڪڍي، ڪوڙ کي شڪست ڏني آهي، رات کي شڪست ڏني آهي.
    ’ماڻهو ميگهه ملهار‘ [ڪتاب] هڪ سچي ماڻهوءَ جي ٻين سچن ماڻهن کي ڀيٽا آهي؛ اهڙو سلوڪ آهي، جهڙو ’بادشاهه بادشاهن سان ڪندا آهن‘.
    آريسر، جا لکيل هي، ’سوانحي-تاثر‘ جن اَمر ماڻهن تي مشتمل آهن، سي اسان جي قوم، ادب، تاريخ ۽ ثقافت جا محسن آهن ۽ پنهنجي پر ۾ سنڌ جي تاريخ جا سونهري اکرن ۾ لکيل بابَ به. مسڪين جهان خان کوسو، غلام محمد لغاري، محمد عثمان ڏيپلائي، حيدر بخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي، محمد صالح ’عاجز‘ ۽ علي احمد ڏوگر سڀ اهڙا نانوَ آهن، جن جو لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ ’مرڻ مشاهدو آهي ۽ جن جي مري به مات ناهي ٿيڻي.•‘) •ڪتاب جي پهرئين ڇاپي ۾ هي ست شخصيتون شامل هيون. [تاج جويو])
    سنڌ ۾ هن کان اڳ ڇپيل خاڪا، سوانحي نوٽَ ۽ تاثر، ڀلي ته آريسر جي هنن لکيل تاثرن کان وڌيڪ دلچسپ هجن، پر اُنهن ۾ شخصيتن جي زندگيءَ جا صرف اُهي رنگ روپَ ظاهر ڪيل آهن، جيڪي ليکڪ کي ذاتي طور نظر آيا آهن، جڏهن ته ’ماڻهو ميگهه ملهار‘ جي سڀني شخصيتن جي زندگيءَ جا عڪس چِٽا پٽا اسان جي سامهون آهن، صرف آريسر ئي انهن کي پنهنجي ذاتي دوستيءَ يا واسطي جي آئيني ۾ ناهي ڏٺو، پر اسان سڀ/ سڄي قوم اُهي پسون پيا- اُهي سڀ، اسان سڀني جا گهڻگهرا آهن، ساٿي آهن ۽ محسن آهن- ڪڏهن نه وسرڻ جهڙا، ڪڏهن نه وسارڻ جهڙا- ’ڪي ڏُور به اوڏا سپرين!‘
    هنن تاثرن ۾ آريسرَ، نه صرف مٿين مهان ماڻهن جي زندگيءَ جي حصن کي آڻي اڳيان پيش ڪيو آهي، پر اُن سان گڏ هن، سندن زندگيءَ جي پس منظر ۾ سنڌ جي سماجي حالتَ، ماڻهن جي پنهنجي محسنن ڏانهن بي حسيءَ واري برف جهڙي ٿڌي رويي، [هتي خاص طور تي مسڪين جهان خان کوسي جو حوالو ڏيندس، جنهن پنهنجي سڄي زندگي، ماڻهن لاءِ، ماڻهن جي روشن آئيندي لاءِ دان ڪري ڇڏي ۽ پڇاڙڪن پهرن ۾ لکن ماڻهن جي ميڙ مان ڪنهن هڪ به، هن جي آسروند اکڙيُن کي اچي آسيس نه ڏني- سندس عظمت جي پيرن ۾، پيار جي ٻٽڙن ٻولن جا ڦول ڀيٽا نه ڪيا!]، سجاڳيءَ جي تحريڪن، اُنهن جي سرواڻن ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي ۽ ادبي چڱن ۽ مَندن دورن مان گذرڻ جي وارتا به بيان ڪئي آهي- سولي سنڌيءَ ۾ اُن کي ’هڪ تيرَ سان ٻه شڪار ڪرڻ‘ چئبو.
    آريسر جي تقريرن ۽ تحريرن ۾ جا هڪ شيءِ مون کي گهڻو وڻندي آهي، سا آهي، سندس ٻولي: مٺي، سوادي ۽ سونهن ڀري ٻولي، سياست جي پٿرن جهڙي سيني مان، ڦُٽي نڪرندڙ، مٿانهينءَ کان ڪِرندڙ جِهرڻي جهڙي مڌر مڌر ٻولي- سندس لکڻين ۾ شاعراڻيون جهلڪيون ايتريون ته ملنديون آهن، جو مون کي لڳندو آهي، ڄڻ آريسر ڪو جُوڻ مٽايل شاعر آهي يا جُوڻ مٽائي ڪڏهن نه ڪڏهن شاعر بڻبو. سندس لکڻين ۾ تشبيهون به ايتريون ته خوبصورت ۽ نيون نيون استعمال ٿيل هونديون آهن، جو اُنهن کي پڙهي، ذهن جي ڦرهيءَ تي شيخ اياز ۽
    آغا سليم جا نانوَ تري ايندا آهن- ’ماڻهو ميگهه ملهار‘ جا سمورا تاثر به اهڙن ئي سُرن ڀريل ٻوليءَ ۽ سونهن ڀرين تشبيهن سان مُنهن تائين ڀريل آهن، جيئن ڪي هيٺ اُتاريل:
    *انسان جي حياتيءَ جي ڏينهن کي موت جو ڪارو ڪانءُ، اَن جي داڻن وانگر چُڳي رهيو آهي. - سائين محمد صالح عاجز تي تاثر
    *”لفظَ، ٻُڌندڙن جي ذهن ۾ ائين پسار ڪري رهيا هئا، جيئن ٺٽي جي ڪا ڪنواري، ڪينجهر ڪناري، پِيا جي اوسيئڙي ۾ پسار ڪندي هجي.“ -سائين حسام الدين راشديءَ تي تاثر
    *”ڏيپلائيءَ جي ڪتابن مُنهنجي ذهن تي جيڪي چِٽ اُڀاريا هئا، سي اڄ به اِئين ياد آهن، جيئن ڪنهن وينگس کي زندگيءَ جو پهريون پيار ۽ جوانيءَ سان ڀرپور چُمي ياد رهجي ويندي آهي.“
    -سائين محمد عثمان ڏيپلائيءَ تي تاثر
    ’ماڻهو ميگهه ملهار‘ جا تاثر لکي، آريسر، اُنهن امر ماڻهن کي نه رڳو پنهنجي عقيدت اَرپڻ جو ڪم ڪيو آهي، پر هن پنهنجي دور ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ دور جي ماڻهن کي، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ کان واقف ڪرائڻ جو جتن به ڪيو آهي، ڇو جو اُهي ماڻهو پنهنجي پنهنجي شخصيت ۾ سنڌ جي تاريخ آهن، سُڃاڻپ آهن. اهڙيون ساهميون آهن، جن جو سچائيءَ وارو پُڙ هميشه ڳرو رهيو آهي. اهڙا ڏيئا آهن، جي سچائيءَ جي منزل ڏانهن ويندڙ، اڻانگن ۽ ڏکين پيچرن تي ٽِم ٽم جَلي، پنهنجي پويان ايندڙن کي ڀُلجي ڀٽڪڻ کان بچائن پيا/بچائيندا رهندا. ليکڪ سان ڪنهن به ڳالهه تي شخصي اختلاف رکڻ کان هٽي، هي ڪتاب، هڪ اهم ادبي حيثيت رکي ٿو ۽ پڙهڻ ۽ پرکڻ ۽ سانڍڻ جهڙو آهي.
    آخر ۾ هڪڙو عرض ته هن ڪتاب جو مسودو ڏئي، عبدالواحد آريسر جو حُڪم هو ته ’ٻن ٽن ڏينهن ۾ پڙهي، مهاڳ لکي ڏيان.‘ ڪنهن به ڪتابي مدد کان سواءِ، هيڏي جبل جيڏي ماڻهوءَ جي ڪتاب تي مهاڳ لکڻ ۽ اُهو به ايتري ٿوري وقت ۾، ڏکيو ئي نه، ڏاڍو ڏکيو هو. ننڍڙي ڪوشش ڪئي اٿم، پر سمجهان ٿو، آريسرَ ۽ سندس تحريرن سان انصاف نه ڪري سگهيو آهيان. هونئن به ڪنهن پٺاڻ جي دٻيءَ واري آئيني ۾، ڪينجهر ۽ ڪارونجهرَ جي عڪس کي قيد ته نٿو ڪري سگهجي!

    -اياز گُل، عمرڪوٽ، سنڌ
    -


    مسڪين جهان خان کوسي جون آخري گهڙيون

    اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ بار بار پڙهيم، پر ڏسڻ جو موقعو نه مليو هوم. تعلقي ننگر جي رهواسين لاءِ سندس شخصيت ’ڪِرسمس جي مهربان ڪُراڙي‘ [’سانتا ڪروز‘] واري هئي ۽ منهنجي لاءِ سندس شخصيت جي چوڌاري الک اسرارَ جو گهيرو آيل هو. دل ۾ سدائين خواهش هوندي هئي ته ڪڏهن مسڪينَ سان سندس ڊگهي جاکوڙ ۽ اڻ کٽ سفر متعلق ڪچهري ڪريان. اِها ملاقات ٿي، پر اهڙيءَ حالت ۾ جو آءٌ زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ مسڪين جو اڻ کٽ سفر کُٽڻ تي ۽ سندس جاکوڙي ذهن اٿاهه اونداهين ۾ ٻُڏڻ وارو هو.
    ٿيو هِيئن، جو پهرين جولاءِ 1980ع جي صبح جو مون کي جيل انتظاميا سڏي، پوليس گارڊ جي پهري هيٺ سول اسپتال ڄام شوري روانو ڪيو ته جيئن آءٌ پنهنجي ٻانهن جي سُورَ جو پروفيسر عالماڻيءَ کان معائنو ڪرايان. پروفيسر عالماڻيءَ منهنجو معائنو ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ماتحت کي چيو ته ’عبدالواحد آريسر کي منهنجي وارڊ جي روم نبر 17 ۾ ڇڏي اچو.‘ ماتحت، عالماڻي صاحب کي ٻڌايو ته روم نمبر 17 ۾ ’مسڪين جهان خان کوسو‘ داخل آهي، عبدالواحد آريسر لاءِ نمبر 18 روم خالي ڪرايون ٿا. اِهو ٻڌي مون کي ٻيڻي خوشي ٿي: هڪ اسپتال ۾ داخل ٿيڻِ جي ۽ ٻيو مسڪين جي ڀرسان رهڻِ جي، جتي آءٌ مسڪين سان ڳل ڳراٽي پائي، ’روح رَچنديون رهاڻيون‘ ڪري سگهندس.
    روم نمبر 18 ۾ پهچڻ کان هڪدم پوءِ، هڪ ڇهه فُٽو پنجابي ڊاڪٽر مون کي نيلام جي زمينَ سمجهي وڪوڙي ويو. هسٽري معلوم ڪرڻ لڳو. هن جي سخت سوالن ۽ کهري لهجي کان ڪَڪ ٿي، مون چيو: ’يار! تون ڊاڪٽر هجڻ جي باوجود مون کان اهڙيءَ ريت سوال ڪري رهيو آهين، جهڙيءَ ريت ڪو ميجر پُڇ پڇان ڪندو آهي.‘ هن هڪدم منهنجي مُنهن ڏانهن ڏسندي چيو: ’فوجي خراب ته ڪونه هوندا آهن!‘ مون چيو ته ”آءٌ ڪڏهن ٿو چوان ته فوجي خراب هوندا آهن، پر اُهي ڪهڙا هوندا آهن، سو لوممبا جو روح ۽ باچي جي بيوهه ٻڌائي سگهن ٿا.“
    اُنهيءَ ڪارروائيءَ کان واندڪائي ملڻ تي مون ڊيوٽي گارڊ انچارج مسٽر صاحبڏني لاکي هيڊ ڪانسٽيبل کي چيو ته ”آءٌ روم نمبر 17 ۾ مسڪين وٽ وڃڻ چاهيان ٿو.“ هن پوليس جي روايتي اخلاق کان هٽي، هڪدم نه رڳو مون کي مسڪين وٽ وڃڻ جي اجازت ڏني، پر چوڻ لڳو ته ”آءٌ به هلان ٿو، جيئن رڻ جي راهيءَ کي ڏسي سگهان.“
    اسان روم نمبر 17 ۾ داخل ٿياسون. سامهون پلنگ تي ’جدوجهد ۽ جاکوڙ جو ڏونگر‘ بي ست ۽ بي سڌ، پلنگ تي ليٽيو پيو هو. هو ڳالهائي به نه ٿي سگهيو. لڳاتار، سُمهڻ ۽ پوريءَ ريت پرگهور نه هجڻ ڪري سندس ويهڪ واري جاءِ ۽ پٺن تي چُٽا پئجي ويا هئا. مکين جا ڀنڀٽ سندس جسم تي ويٺا هئا. هن جي ڪنهن وقت جي سگهاري جسم ۾ هن وقت ايتري به سگهه ڪانه هئي، جو هو پنهنجي بُت تان مکيون اُڏائي سگهي! هن جي نظر مٿي ڪمري جي ڇت ۾ کُتل هئي، شايد هو ڪجهه ڳولي رهيو هو يا ويل عمر جي اُنهن گهڙين جو حساب ڪري رهيو هو، جيڪي ڀرپور ۽ ميٺاج ڀريون هيون. آءٌ هن ٿري جاکوڙيءَ کي ڏسندو رهيس. اڄ اُهو ماڻهو منهنجي سامهون بي ست سُتو پيو هو، جنهن کي وقت جو وهڪرو، زندگيءَ جي ڪا ابتي لهر ۽ جبرجو ڪو گهاڻو، پنهنجي جاءِ تان جهُڪائي، ڪيرائي يا دَسي نه سگهيو هو، تنهن کي اڄ بيماريءَ جي خونخوار ديويءَ ڊاهي وڌو هو. جنهن انسان سدائين پرماري ڳِجهن کان پارڪر جي عوام جي ماس کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهن جي جسم تان اڄ مکيون هڪلڻ وارو به ڪونه هو، ۽ جنهن انسان جي دل هميشه لکها ماڻهن جي جهوريءَ ۾ جهِڄندي رهِي ٿي. اُن لاءِ اڄ ڪنهن جي دل به نه ٿي ڌڙڪي. آءٌ خاموش بيٺو رهيس. اُنهن ڪجهه گهڙين ۾ سنڌ اندر سماجي شعور جي اَڻاٺ جي پوري تاريخ منهنجين اکين اڳيان گذري وئي ۽ آءٌ ماٺ ميٺ ۾ بنا ڪجهه ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي واپس اچي ڪمري ۾ ليٽي پيس ۽ سُتي سُتي سوچيندو رهيس ته: ’ڇا غلام قومن جا سماجي ورڪر بنا دوا درمل ۽ ڊاڪٽرن جي لاپرواهيءَ جي ڪري ائين اجل جي راهه وٺندا آهن؟‘ اُن وقت مون کي ڪلڪتي جي مڌر ٽريسا ياد آئي، جنهن کي نوبل انعام ڏنو ويو هو رڳو سماجي خدمت جي عيوض ۾، ٻئي پاسي منهنجي ماتر ڀوميءَ جي هن انسانَ جي زندگي هئي. اُها زندگي، جيڪا اونداهين راتين ۽ باهه جون ڄڀيون وسائيندڙ جهولن وارن ڏينهن ۾ هارَ مڃڻ کان سواءِ، طوفاني رفتار سان هلندي رهي ۽ جنهن ڪنهن به جبري قوت سان مهاڏو اٽڪائڻ کان ڪڏهن ڪين ڪيٻايو. زندگيءَ جي اُنهيءَ تنها مسافر، شايد ائين سمجهيو هو ته حياتيءَ جو هي سرڪش گهوڙو سدائين اِئين ڊوڙندرو رهندو ۽ ڪڏهن به ٿاٻڙجي نه ڪِرندو ۽ نه وري اُن جون رڳون ساهه ڇڏي وينديون، ۽ اهو عين روشنين ۾ اچي هميشه لاءِ اٿاهه اونداهين ۾ گم ٿي ويندو. مون ڏٺو هي مضبوط ۽ اجهل زندگيءَ جو تنها مسافر تمام تيزيءَ سان فنا جي اهڙي آڙاهه ڏانهن وڃي رهيو آهي، جتان شايد وري ڪنهن ٿُوهر يا ڪنڊي جي صورت ۾ اُڀري ۽ ڪو ٻيو رڻ جو راهي اچي سندس ڇانوَ ۾ ساهي پٽي.
    مون وٽ شاگردن ۽ ملندڙن جو هُجوم ڏسي، ڊاڪٽر، شاگردن کي چيو: ”هن وارڊ ۾ هڪ ٻيو انسان به موت ۽ حياتيءَ جي ٻه واٽي تي پوين پساهن ۾ ٻاجهه جي ٻن ٻولن ٻڌڻ لاءِ واجهائي رهيو آهي ۽ اوهان ايڏا بي حِس ٿي ويا آهيو، جو اُن ماڻهوءَ کي ڏسڻ لاءِ اُن ڪمري ڏانهن لڙو به ڪونه ٿا.“ هڪڙي شاگرد پڇيو: ”اهو ڪير آهي؟“ ڊاڪٽر افسوس ڪندي پيشانيءَ تي هٿ هنيو. آءٌ سمجهان ٿو، اهو هڪ ڊاڪٽر طرفان مسڪين جهان خان جي موت تي آخري اوسارو هو.
    شام جو ساڍي ستين وڳي ڊاڪٽر ڌرمپال [هائوس آفيسر] مون وٽ آيو. چئي: ’ٿورو مسڪين جي ڪمري ۾ هل.‘ ڪمري ۾ جيڪو لقاءُ اسان ڏٺو، تنهن منهنجا هوش هواسَ وڃائي ڇڏيا. مون ڏٺو مسڪين جي ڪمري ۾ ڪو ماڻهو موجود ڪونه هو. مسڪين جي بُتَ کي ماڪوڙا اِئين ويڙهي ۽ وڪوڙي ويا هئا، جيئن هندن جي ڇڏيل ملڪيت کي ڪليمنٽ وڪوڙي ويا هئا. وارڊ بواءِ شام واري ماني مسڪين جي پلنگ تي ڇڏي هليو ويو هو، نرس ماني کارائڻ جي تڪليف ڪانه ڪئي هئي، مسڪين جي چُرڻ پرڻ سان دال ۽ ماني پلنگ تي هارجي ويئي هئي. جيئن ته هنڌ صاف ڪرڻ لاءِ به ڪو ماڻهو موجود نه هو، اُن ڪري ماڪوڙن اِهو بُل ڏسي، مسڪين تي پرماري قوتن وانگر حملو ڪيو هو. سندس وات، نڪ، اکيون، ڪنڌ، ٻانهون ماڪوڙن جي زنجير سان جڪڙجي ويون هيون. ڊاڪٽر انهيءَ حالت ڏانهن اشارو ڪري، مون ڏانهن جاچيو، ڄڻ چوندو هجي: ’ڇا تون هن روپ ۾ پنهنجو پاڻ نٿو ڏسين.‘ آءٌ ڪجهه به ڪُڇڻ پڇڻ کان سواءِ مسڪين کي ماڪوڙن کان بچائڻ ۾ لڳي ويس، پر ماڪوڙا ايترا ته گهڻا ۽ گهاٽا هئا، جو مون سوچيو ته شايد آءٌ ڊاڪٽر جي مدد سان هن ضعيف جسم کي ماڪوڙن کان آجو ڪري نه سگهندس.
    ڊاڪٽر ڌرمپال، [ڌرمپال نالي هئڻ جي باوجود ڌرم کان وڌيڪ انسان پال هو] هڪ شام مون وٽ آيو. هو هميشه گهٽ ڳالهائڻ ۽ چهري جي تاثرات سان پنهنجو مطلب ظاهر ڪندو هو، تنهن مون کي هٿ جي اشاري سان مسڪين جي ڪمري ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. جڏهن ڪمري ۾ پهتاسين ته مون کي چوڻ لڳو ته ’پروفيسر صاحب مسڪين لاءِ ڪجهه اهڙيون دوائون رٿيون آهن، جيڪي ڏاڍيون مهانگيون آهن ۽ اسپتال ۾ موجود به ڪين آهن. اسپتال ۾ غير معمولي دوائن جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، هاڻي اُهي دوائون کپن، انهيءَ لاءِ ڪو اُپاءُ ڪجي.‘ اسان جي صلاح مصلحت دوران اها خبر ايل. ايم. سي جي آيل شاگردن کي پيئي، تن ڪامريڊ روچي رام جي پُٽ نيل ڪنٺ جي اڳواڻيءَ ۾ مسڪين جي علاج لاءِ مستقل ڦوڙي ڪرڻ جو انتظام ڪيو.
    جيترو عرصو مسڪين ايل. ايم. سي ۾ زنده رهيو، سنڌ جي ڪنهن به سماجي اداري، مسڪين جي ڪابه خبر چار ئي نه لڌي، اُنهن ادارن ۾’سگا‘ به شامل آهي، پر جيئن ته مسڪين گريجوئيٽ نه هو ۽ سگا صرفَ گريجوئيٽن ۽ انهن جي بيگمن کي اسلام آباد ۽ لنڊي ڪوتل گهمائڻ جو سماجي ڪم ڪندي آهي. ’ساوڪ‘ به هئي، پر جيئن ته مسڪين جي هٿ ۾ کڙتال يا دِلو نه هو ۽ نه وري هن کي وات ٽيڙي سا....ري..... گا.....ما ڳائڻ ايندو هو، اُن ڪري ’ساوڪ‘ جي ڌيان ڏيڻ جو سوال ئي نه ٿي پيدا ٿيو. مسڪين جي هٿ ۾ هميشه غريب ٿرين جي درخواستن جا ٿها هوندا هئا ۽ سنڌ ۾ اهڙو ڪو به ادارو موجود نه هو، جيڪو اهڙي قسم جي سماجي خدمت ڪندڙ ڪارڪن جي
    سارَ سنڀال لهي. رهيا ٿري، اُهي نه ادارا ٺاهي ڄاڻن ۽ نه وري اُنهن ادارن جي وسيلي پنهنجي معتبريءَ جا دُڪان چمڪائي سگهن!
    هڪ شام آءٌ ڊرپ هڻايو سُتو پيو هوس ته سِگا جو اڳواڻ محترم خان محمد پنهور آيو. بيٺي بيٺي پڇيائين: ”ڇا حال اٿئي؟“، ”ٺيڪ آهيان، ڪيئن آيا آهيو؟“ پڇيم. ”هتي طارق جي سسٽر ايڊمٽ آهي، اُن کي ڏسڻ آيو آهيان.“ ”ڀر واري ڪمري ۾ مسڪين جهان خان آهي، کيس اوهان جي پرگهور جي سخت ضرورت آهي.“ ”اُن جو علاج گورنمينٽ جي خرچ تي ٿي رهيو آهي.“ اُنهيءَ جواب تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ چيم، ”ها! مسڪين، هتي موت ۽ زندگيءَ جي ٻه واٽي تي ٽِڪيو پيو آهي ۽ سِگا، بيگم سعيد الدين قاضيءَ کي اجرڪ جو تحفو پيش ڪري رهي آهي!“
    شام جا ٽي ٿيا هئا، آءٌ هڪ خوبصورت نرس سان کل ڀوڳ ڪري رهيو هوس. نرس پُڇيو پئي ته بي ڪلاس ۾ ڇا هوندو آهي. جواب ۾ آءٌ کيس بي ڪلاس جا فائدا ٻڌائي رهيو هوس. جڏهن مون بي ڪلاس جي قيدين کي مليل سڀئي سهوليتون ٻڌائي بس ڪيون ته هڪدم چوڻ لڳي: ”پوءِ ته ڏاڍو مزو لڳو پيو آهي. تُنهنجي دل واپس وڃڻ تي ڏاڍي هِرکندي هوندي، ڇو ته ٻاهر جي ڀيٽ ۾ اُها جاءِ جنت آهي.“ کيس مذاق ڪندي چيم: ” ها، رڳو حورن جي کوٽ آهي، جيڪڏهن تون هلين ته پوري حياتي اتي گذاري سگهجي ٿي.“ اسان جي ڳالهه ٻولهه اِتي مس پهتي هئي ته ڊاڪٽر ڌرمپال آيو ۽ اچڻ شرط چوڻ لڳو:
    ”زندگي، موت کان شڪست کائي وئي؛
    ڪارونجهر جبل ڪري پيو؛
    زخمي مور ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو- ننگر ننگو ٿي ويو!“

    ڊاڪٽر ڏاڍي جذباتي انداز ۾ مسڪين جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌائي. مون ڊاڪٽر ڏانهن ڏسندي چيو: ”ڊاڪٽر! موت، ماڻهن جو موتُ، اوهان لاءِ نئون نه آهي. اوهان جي دل اسپتال کان ٻاهر ڪنهن ڪُتي کي مرندي ڏسي شايد ڏکوئجي وڃي، پر بيماريءَ جي بستري تي هڪ ماڻهوءَ جو موت اوهان جي لاءِ ڪائي اهميت نه ٿو رکي.“ ڊاڪٽر ڏکارو ٿيندي چيو: ”پر هيءُ هڪ دَور جو موتُ ۽ هڪ علائقي جي هِچڪي آهي!“
    اسان ٻنهي گڏجي اخبارن، ريڊيي پاڪستان حيدرآباد، مختلف سماجي ادارن ۽ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن کي ٽيليفون تي اطلاع ڏنو. بدقسمتيءَ سان مسڪين جي لاڏاڻي وقت سندس اڪيلو پُٽ، جيڪو اسپتال ۾ مسڪين جي پرگهور لهندڙ اڪيلو ماڻهو هو، سو به پوليس جي نوڪريءَ جي ڪري ڊيوٽيءَ تي ميرپور خاص ويل هو. مسڪين جو لاش کڻي ننگر پهچائڻ لاءِ ايل. ايم. سي وٽ ڪابه گاڏي نه هئي، ڇو ته اهو ايل. ايم. سي جي شايد قانون ۾ لکيل هو، ته اسپتال جي ايمبولنس ڪنهن جي لوٿ شهري حد کان ٻاهر کڻي نه ويندي. هيءَ ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن ناريءَ جو جيئرو لاش کڻي ڪينجهر يا ڪراچيءَ وڃي سگهي ٿي!
    مسڪين جو لاش ٻه ڏينهن سموري سنڌي قوم، عوامي حلقن، آفيسر شاهي ۽ سماجي ادارن [۽ اخبارن] جي بي حسيءَ تي ماتم ڪندو، ڪولڊ اسٽوريج ۾ پيو رهيو. نيٺ سندس پٽ ميرپور خاص مان اچي، لاش کڻائي ويو.
    حيدرآباد جي گهٽين مان نه معلوم مسڪين جو لاش ڪيڏي حسرت ۽ بيڪسيءَ سان گذريو هوندو. حيدرآباد شهر جي گپا گيهه ۾ ڪوبه فرق نه پيو هوندو ۽ سنڌ جي هن تاريخي شهر کي ڪابه خبر نه پيئي هوندي ته سنڌ اڄ پنهنجي هڪ گمنام هيري کان محروم ٿي ويئي ۽ سوامي اگن ديوَ جو روح، ڪارونجهر جي ڪورَ تي وري ڪنهن وڇڙيل مور جي روپ ۾ رڙڻ شروع ٿي ويو.
    مون کي مستقبل جي خبر ناهي ته ڪو روپلي جو رهيل وارث مسڪين جي بُٺيءَ تي هيرڻ جا تازا پن رکڻ به ايندو يا نه يا مسڪين جي مٽي وري ڪهڙي ڪونڌر جي روپ ۾ نروار ٿيندي!؟
    مون اسپتال جي زندگيءَ ڏانهن ڏٺو، اُن جي رونق ۽ هلچل ۾ ڪو فرق ڪونه آيو هو. اُهي خوشبودار لباسَ، بيمارن جي ڪنجهڪار ۽ اُهي ٽهڪ موجود هئا، پر مسڪين هليو ويو.
    زندگي حسن جي ٻانهن ۾ ناچ ڪندي رهي،
    اسان ستارن مان ٽٽي عدم جي غارن ۾ گم ٿي وياسين!

    زمانو ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي رهيو هو،
    اسان داستان ٻڌائيندي ٻڌائيندي سمهي رهياسين!

    -


    ماڻهن جي جهنگل ۾ گجندڙ شينهُن [ڪامريڊ غلام محمد لغاري]

    هندستان، پاڪستان جي وچ ۾ پکڙيل وسيع ٿر واري علائقي ۾ وسڪاري جي مند ۾ جڏهن ساوڻ ساٺ ڪري وسڻ جا ويس ڪندو آهي، ته ڪنواريءَ ڌرتيءَ تي گاهن جي گلزاري، جوڀن جو ڏيک ڏيندي آهي؛ مٽيءَ جي ذري ذري مان ڪنهن البيليءَ جي اڻ ڇُهيل جسم جي پگهر جهڙي خوشبوءِ، دل ۽ دماغ کي سرهاڻ سان مهڪائي ڇڏيندي آهي؛ سمورو ٿر کٿوريءَ جي کاڻ بنجي ويندو آهي؛ زندگيءَ جي رڻ ۾ ڪيئي رابيل ڦُٽي پوندا آهن؛ سمورو ساڻيهه سُرهي سيج بنجي ويندو آهي؛ پِرين پاسي ۾ اچي ويندا آهن؛ ڪيئي گيت ۽ لوڪ گيت جنم وٺندا آهن. اُن وقت ڪو ڌاريو، ڪو ڦورو، ڪو رهزن، ڪو ڌاڙيل ۽ لٽيرو مدد خان جي روپَ ۾ ديس جي سونهن لُٽڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هن مارئيءَ جي مليرَ ۾ ڪو غلام محمد لغاري جنم وٺندو آهي، جيڪو ڀالواجي ڀٽ تي آزادي ۽ انقلاب جو جهنڊو هميشه لاءِ کوڙي ڇڏيندو آهي ۽ اُن جهنڊي جي حفاظت لاءِ پنهنجي زندگيءَ جي زهر جا ڍُڪ پيئندو آهي، دشمن طرفان اڇلايل تير پنهنجي سيني تي سهندو آهي ۽ آخري هچڪيءَ وقت به اُميد ۽ آس جي مشعل هٿان ناهي ڇڏيندو.
    لغاري قبيلو، سنڌ ۾ ڪڏهن آيو ۽ ڪيئن آباد ٿيو، اُن سان منهنجو واسطو ناهي، البته سنڌ جي تاريخ پڙهندي، مون کي خليفي نبي بخش لغاريءَ جي ڪيڏاري، امرڪوٽ جي قلعي دار غلام لغاريءَ جي مدد خان جي مقابلي ۾ بهادري، غلام محمد لغاري کهنبڙيءَ واري جي هنن لفظن ته: ”اين سر زمين سِندهه مادرِ ما بلوچان است.“ [’سرزمين سنڌ اسان بلوچن جي ماءُ آهي‘]، ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ اُن قبيلي جي وطن دوستيءَ کي دائمي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي، جيڪا تاريخ جي هر دور ۾ زنده ۽ پائنده رهندي ۽ ڪي به سياسي يا قبائلي تضاد يا مخالفت، اُنهيءَ قبيلي جي وطن دوستيءَ جي قلعي ۾ ڏار نه ٿا وجهي سگهن.
    1977ع ۾ مولابخش لغاري ۽ آءٌ ڪراچي سينٽرل ۾ هئاسين. اُتي مولابخش لغاريءَ کي هڪ ڏينهن سردار شير باز مزاريءَ چيو ته: ”لغاري ته غدار ٿيندا آهن، تون ڪيئن وطن دوست ٿي جيل ۾ آيو آهين؟“ مولابخش جي جواب کان اڳ مون کيس چيو ته: ”پنجاب جا مزاري تاريخ جي صفحن ۾ ڀڳت سنگهه جي دشمنن جي صف ۾ بيٺل نظر اچن ٿا، جڏهن ته سنڌ جا لغاري، هوشو شيدي، حيدر بخش جتوئي ۽
    جي. ايم. سيد سان گڏ رهيا آهن، هر دور ۾.“ مزاري صاحب وڌيڪ نه ڪڇيو، نه ته آءٌ مزارين جا ڪجهه وڌيڪ تفصيل ۽ لغارين جو تذڪرو ڪريان ها.
    انهيءَ لغاري قبيلي مان نبي سر روڊ وارو غلام محمد لغاري به هو، جيڪو جوانيءَ کان وٺي زندگيءَ جي پوين پساهن تائين زندگيءَ جي عظيم جنگاهه ۾ مظلوم ۽ محڪوم عوام جي بالادستي ۽ حاڪميت لاءِ، دنيا جي هر نفعي نقصان کان بي پرواهه، هر گلا ۽ تعريف کان بي نياز، وقت جي فرعوني طاقتن سان پنهنجي پوريءَ طاقت سان ٽڪر کائيندو رهيو ۽ اُنهيءَ راهِه حق ۾ هلندي، ڪڏهن به پڇتاءَ جو ٿڌو شوڪارو نه ڀريائين. هر قسم جي لالچ، هر قسم جو نفعو، هر قسم جي آڇ، هر قسم جي ترغيبَ کي هي ٿاريليءَ جو وياءُ ۽ ٻاروچو ٻارُ، پير جي ٺوڪرن سان ٺُڪرائيندو رهيو ۽ زندگيءَ جي مصيبت جي زهر کي محبوب جي چپن جو ميٺاج سمجهي پيئندو رهيو ۽ ڪڏهن به مايوس نه ٿيو. هر مصيبت کان پوءِ سندس اُميد وڌيڪ جوان نظرايندي هئي، حوصلو بلند ٿي ويندو هو. ايندڙ صبح، جيڪو پڪ سان شاندار هوندو، تنهن تي سندس ويساهه ويتر وڌيڪ پڪو ٿي ويندو هو.
    مون کي ياد ناهي ته ساڻس منهنجي پهرين واقفيت واري ملاقات ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿي، پر ايترو ڄاڻان ٿو ته جڏهن به ملياسين، تڏهن اِئين معلوم ٿيو ته ڄڻ صدين جا واقف هئاسين. الست جي روز کان هڪ ٻئي کي ڄاتو سڃاتوسين ٿي. ڄڻ هڪ ئي ماءُ جي ٿڃ ڌاتي هُئيسين ۽ هڪڙي پيهي تي بيهي، حسن، عشق ۽ وطن جي وِيرَن جي ويرتا جا گڏيل ڪيڏارا ڳائيندا رهيا هئاسين.
    مون ڪامريڊ لغاريءَ کي پهريون ڀيرو تقرير ڪندي، ’مرڪزي اردو بورڊ [حيدرآباد]‘ ۾ ڏٺو. سنڌي شاگردياڻين، ون يونٽ خلاف ڪارو ڏينهن بورڊ جي آڊيٽوريم ۾ ملهايو پئي، انهيءَ جلسي ۾ سنڌ جو ممتاز عالم ۽ مؤرخ سيد حسام الدين راشدي، چوٽيءَ جا شاعر نياز ۽ اياز، مشهور ليکڪ ۽ مقرر رسول بخش پليجو، جادو بيان خطيب حفيظ قريشي موجود هئا. اُتي ٿر جو هي اڌ پڙهيل، پر مڪمل عملي انسان، غلام محمد لغاري ڳالهائي رهيو هو. ڳالهائي ڇا رهيو هو، ڄڻ ماڻهن جي جهنگل ۾ شينهن گجي رهيو هجي. لفظن جو آبشار، ڪارونجهر جي ڪنارن تان وهي رهيو هو. يحيٰ شاهيءَ جي اگهاڙي فوجي آمريت ملڪ تي مسلط هئي ۽ لغاريءَ جا لفظ اُن جي سُري کاڌل قلعي تي بمباري ڪري رهيا هئا.
    اُن جلسي ۾ لغاريءَ جي تقرير جي پڄاڻي هن ريت هئي:
    ”هي اوندهه انڌوڪار ختم ٿيندو، ڏڪاريا ڏيهه جا موذي سڀ مرندا، ساڻيهه ۾ سُڪار ٿيندو، وڏڦڙو وسندو، ٻانهاريون ٻانهن لوڏي هلنديون، گاهن جون گلزاريون ٿينديون، سانگيئڙا ۽ جهانگيئڙا سکيا ٿيندا، ’ڦوڳ‘ مَرندا، ’کيت‘ خوش ٿي مارئيون ماڻيندا. همت هارڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. حاڪمن اسان کي ڪمزور سمجهيو آهي، پر اسان سنڌ واسي اُهي آهيون، جڏهن ڪنهن مقصد جي حاصلات لاءِ نِڪرندا آهيون ته آزاديءَ جي لال ڪنوار وٺي ايندا آهيون يا پنهنجي سيني جو رت هن ماتر ڀوميءَ جي اوڙ اوڙ ۾ هاري ايندا آهيون.
    ”اي حاڪمو! ٻڌو! جڏهن اسان مان ڀاڙيو ڀڄي ايندو آهي ته اسان جون زالون اسان جي سلامت موٽڻ تي خدا جا شڪر مڃڻ بدران اسان کي هيئن چونديون آهن:

    جي تون ڀڄي آئيينِ، ته مون ڪانڌ مَ ڪُڇ،
    ويهه ڪُوڙائي ڪوڏ سَين، مادر جهوليءَ مڇ،
    هيءَ ڏاڙهي پکيءَ پڇ، کونڌِ ته کاڏي اُجرئي!

    -
    جيِ تون ڀڄي آئيين، ته آءٌ تنهنجي ڀيڻ،
    نٿ تنهنجي نڪَ ۾ وجهان ڏيئي ويڻ،
    جي تو ڏي کڻان نيڻ، ته ڪَر پسان پُٽَ کي!“

    اُنهيءَ تقرير کان پوءِ آءٌ سندس نيازمندن ۾ شامل رهيس ۽ اَنيڪ ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهيون، جن ۾ هو زندگيءَ جا تجربا، سياسي سبق ۽ سماجي لطيفا ٻڌائيندو رهيو.
    حقيقت هيءَ آهي ته غلام محمد لغاري، جڏهن جيل کان ٻاهر هوندو هو ته سندس ’سچائي منزل‘ سياسي ڪارڪنن، اديب دوستن، ڪامريڊن ۽ مظلوم هارين لاءِ هڪ تربيت گاهه يا مڪتب هوندي هئي. هونئن گهڻو ڪري غلام محمد لغاريءَ جي زندگي جيل ۾ ئي گذرندي هئي. هو سنڌ يا پاڪستان جو اڪيلو سياسي ڪارڪن هو، جنهن زندگيءَ جا پورا اوڻيهه سال جيل جي ’سي ڪلاس‘ ۾ گذاريا. ۽ سي ڪلاس جي جيل هڻي سندس صحت کي جهوري ۽ ڀوري ڇڏيو. هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات، انگريز سامراج جي خلاف جدوجهد سان ڪئي هئي. اُها سامراج دشمني ۽ عوام دوستي سندس زندگيءَ جو مقدس نغمو ۽ دلڪش گيت بنجي ويئي، جنهن جي ڌُن ۽ ترنم جي نشي ۾ سرشار ٿي، هو جدوجهد جي ميدان ۾ ڪڏهن ڪونه ٿڪو، پر اڳتي وڌندو رهيو.
    ٿرپارڪر ضلعو بدقسمتيءَ سان سنڌ جي ڀارت سان ملندڙ سرحدن جي مختلف ايجنسين جي رپورٽ جو شڪار هوندو آهي. مهاتما گانڌيءَ هڪ ڀيرو چيو هو ته ’پنجاب سمورو سي. آءِ. ڊي سان ڀريو پيو آهي.‘ ساڳي حالت سنڌ جي هن ضلعي سان آهي ۽ هر ٻيو ماڻهو سرڪار جو جاسوس هوندو آهي.
    انگريزن جيڪو بدترين وڏيراشاهيءَ جو نظام ننڍي کنڊ ۾ جاري ڪيو هو، سو سنڌ جي هن سرحدي ضلعي ۾ وڌيڪ جابرانه، وڌيڪ ظالمانه، وڌيڪ ڪميڻپ ۽ ڪٺورتا سان ڀريل پئي رهيو آهي. هتي جو وڏيرو، مير، پير ۽ ٺاڪر، خدا، رسول ۽ ڀڳوان کان وڌيڪ انگريز سامراجيت جي هڪ رت پياڪ رهزن پُرزي ’تروٽ‘ جي واکاڻ ڪندو آهي. تروٽ اُهو ماڻهو هو، جنهن جا هٿ ننگرپارڪر جي آزاديءَ جي سورمن جي رَت سان رڱيل هئا؛ جنهن هن ضلعي ۾ غدارن، مفاد پرستن، چمچن ۽ سامراج جي روحاني اولاد پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سونُ اُپائيندڙ زمين مفت ورهائي، غدار ۽ جاسوس وڏيرن جي لوڌ پيدا ڪئي، جنهن هتي سامراج جا پير مضبوط ڪرڻ ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو.
    اهڙي ضلعي ۾ غريب گهراڻي ۾ پيدا ٿيل نوجوان غلام محمد لغاري، پيڙيل ۽ ڪُچليل طبقن کي آمريت ۽ وڏيراشاهيءَ جي بدمعاشين ۽ ڪميڻپ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سياست ۾ آيو: ڇو ته کيس اُن وقت جي ڏاهن ماڻهن جي تجربن ۽ ڳالهين مان پروڙ پيئي هئي ته احتجاجي، مظلومي يا اجتماعي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو رڳو گڏيل جدوجهد، گڏيل محنت ۽ گڏيل پورهيي سان ئي ممڪن آهي ۽ اها گڏيل جدوجهد، گڏيل محنت ۽ گڏيل پورهيو، جيستائين ظالم طبقن، ڦورو قومن ۽ غاصب ٽولن کان ظلم، ڏاڍ ۽ پرماريت جا هٿيار ڦري پنهنجي هٿ وس نه ٿو ڪري يعني رياستي ادارن تي قبضو نه ٿو ڪري، اُن وقت تائين انفرادي چڱائي، انفرادي خيرات ۽ انفرادي عمل ڪائي حيثيت نه ٿا رکن. اِهو آهي عوامي انقلاب جو سادو مفهوم. اهو انقلابي عمل دنيا جي مڃيل سچائيءَ موجب رڳو سياسي ميدان ۾ جدوجهد سان ئي ممڪن آهي.
    غلام محمد لغاري، اُنهيءَ معنيٰ ۾ پهريون محب وطن، سامراج دشمن، انسان دوست انقلابي هو، جيڪو انقلاب لاءِ زندهه رهيو، انقلاب لاءِ وڙهيو ۽ انقلاب لاءِ وڙهندي وڙهندي مري ويو، پر نه آس جي روشنيءَ کي جهڪو ٿيڻ ڏنائين، نه ئي وري همت جي لاٽ وسامڻ ڏنائين. سندس وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ جي لکيل ڊائريءَ جو مفهوم، سندس آس ۽ همت واري جذبي جي اپٽار ڪري ٿو:
    ”اڌ عمر جيل ۾ گذري ۽ اڌ ريل ۾. قدرت طرفان موروثي طرح ڪابه دولت يا نعمت نصيب نه ٿي هئي، رڳو صحت واري نعمت مليل هئي، سا به کسجي وئي آهي. سمجهان ٿو ته هاڻي وقت پورو ٿيڻ تي آهي. سڄي عمر وڙهندي گذري وئي. آزادي ۽ انقلاب نصيب نه ٿيا، پوءِ به نا اميد ناهيان. آزاديءَ جي ڳاڙهي ڪنوار ايندي، انقلاب جو جهنڊو هٿ ۾ کڻي. منهنجا سانگي جهانگي ضرور اٿندا ۽ سوڀارا ٿيندا، اها پڪ اٿم.“
    ڪامريڊ جي آس ۽ همت سان ڀرپور اها عظيم جدوجهد ئي هئي، جنهن کيس ٿرپارڪر جهڙي سياسي طرح يتيم ضلعي ۾، جتي ميرن، پيرن ۽ وڏيرن جي سدائين هڪ هٽي قائم آهي ۽ جيڪي هن ضلعي جا فرعون بنيا ويٺا هئا، سياسي طرح بلند مقام تي پهچايو ۽ هو پاڪستان جي پهرينءَ صف جي ليڊرن ۾ ليکجڻ لڳو. ميرپور خاص ۾ سندس رهائشگاهه ’سچائي منزل‘ تي سموري پاڪستان جا سياسي ليڊر ايندا ويندا هئا ۽ رَٻَ پِڇ پي ويندا هئا.
    پاڪستان ۾ جمهوريت يا انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ ليڊر، جڏهن ٿرپارڪر ضلعي ۾ داخل ٿيندا هئا ته سرڪاري مشنريءَ جي ڊپ ۽ وڏيراشاهيءَ جي روايتي بزدليءَ جي ڪري کين ڪٿي به تقرير لاءِ جڳهه نه ملندي هئي، اُن وقت ’سچائي منزل‘ واحد جڳهه هوندي هئي، جنهن جا دروازا سڀني حڪومت مخالف ليڊرن لاءِ کليل رهندا هئا. انهيءَ ’سچائي منزل‘ تي عبدالحميد ڀاشاني، ولي خان، ذوالفقار علي ڀٽو، جي. ايم. سيد، سهروردي ۽ ٻيا آيا ۽ عوام جي هجومن کي پنهنجو پروگرام ٻڌائي ويا. اهڙي ئي هڪڙي پروگرام جي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ مخالف ڌر جو چوٽيءَ جو ليڊر حسين شهيد سهروردي، ٿرپارڪر ۾ آيو ۽ کيس ’سچائي منزل‘ کان سواءِ ڪٿي به جاءِ پناهه نه ملي، ’سچائي منزل‘ تي ترسڻ کان پوءِ جڏهن ڪراچيءَ واپس پهتو، تڏهن هڪ خط غلام محمد لغاريءَ کي لکيائين، سو هيٺ ڏجي ٿو:
    ”ڪلفٽن ڪراچي
    10 جولاءِ 1956ع منهنجا پيارا لغاري صاحب!
    آءٌ سچ پچ اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان ته اوهان ميرپور خاص ۾ ڪهڙو نه بهترين ڪم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ آءٌ ميٽنگ جي ڪاميابيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان، پر اُن کان به وڌيڪ مون کي اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته اوهان غير معمولي ڪم ڪيو آهي ۽ اوهان اسان جي عوام جي هيٺين طبقن جون سچيون خدمتون ڪيون آهن، انهيءَ سموري بندوبست لاءِ جيڪو اوهان ڪيو هو، اوهان جي وڏي مهرباني. آءٌ اوهان جي روشن مستقبل جو خواهشمند آهيان.
    اوهان جو مخلص
    حسين شهيد سهروردي.“
    غلام محمد لغاريءَ جي سياست بنيادي طرح هارين جي تنظيم ۾ طبقاتي شعور پيدا ڪري، وڏيراشاهيءَ جو تختِ فرعوني اونڌو ڪرڻ تي ٻڌل هئي. انهيءَ سياست کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هو پاڪستان جي هر ترقي پسند ۽ جمهوريت دوست تنظيم ۽ تحريڪ ۾ شامل ٿيندو رهيو. پر هن جڏهن به ڏٺو ته ڪابه آل پاڪستان نام نهاد ترقي پسند جماعت سندس مقصد ۽ بنيادي سياست جي راهه ۾ رڪاوٽ بنجي رهي آهي ته هو هڪدم انهيءَ تنظيم ۽ تحريڪ کي ڇڏي، پنهنجي هاري پليٽ فارم تي موٽي ايندو رهيو. انهيءَ سلسلي ۾ هو نعپ، عوامي ليگ، ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ به شامل ٿيو، پر هڪڙي ڳالهه هر حالت ۾ مڃيل هئي ته هو پهرين قوم پرست سنڌي هو ۽ سندس اها قوم پرستي سراسر انقلابي نوعيت جي ترقي پسندانه هئي، جنهن جو آخري مقصد، هن ديس ۾ ’پرماريت کان آجو، هارين ۽ پورهيتن جو راڄ‘ قائم ڪرڻ هو. سندس خيال هو ته هتي هاري تحريڪ جي ناڪاميءَ جو وڏو سبب سنڌ جي وطن دوست سياست سان ڳنڍجڻ بدران انقلابي لفاظيءَ تي مشيني انداز ۾ عمل ڪندي، اهڙي پورهيت جو، پڇ لٽڪائو ڪرڻ آهي، جيڪو سنڌ ۾ رڳو معاشي مفادن جي بنياد تي ڪمائي ٿو ۽ رڳو معاشي مفاد، انقلاب لاءِ نه صرف ڪارگر ناهن، پر اُلٽو اُن جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. ڪنهن ملڪ ۾ انقلاب يا آزاديءَ واري عمل جي تڪميل، اُن ملڪ جو هيٺيون طبقو ۽ ٻيون محب وطن قوتون ڪنديون آهن، جن جا ثقافتي، اقتصادي ۽ تاريخي رشتا هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ۽ ڳنڍيل هوندا آهن. بلوچستان ۾ رهڻ واري عرصي ۾ سندس انهيءَ نظريي کي هيڪاري هٿي ملي، جڏهن نعپ جي هڪ ميٽنگ ۾ ڪامريڊ لغاريءَ، ولي خان کي چيو ته: ”آءٌ جيل جي اسپتال ۾ اُهي بلوچ نوجوان ڏسي آيو آهيان، جن جو سَنڌ سنڌ چيري منجهن لوڻ ٻُرڪيو ويو آهي. بلوچ عورتن سان جيڪي ڪجهه وهيو واپريو آهي، تنهن جي اوهان کي چڱيءَ طرح خبر آهي. مون کي اوهان اِهو ٻڌايو ته بلوچستان جي تحريڪ ۾ پٺاڻ اڃا تائين ڇو شريڪ نه ٿيو آهي؟“
    ولي خان انتهائي ڪاوڙجي چيو ته: ”مون ڪڏهن ٻروچن جي پيرن تي ٽوپي اڇلائي هئي ته اوهان جبلن تي چڙهي تحريڪ هلايو، جو اڄ اوهان مون کي تحريڪ ۾ شامل نه ٿيڻ جو مهڻو ڏيئي رهيا آهيو!“ ولي خان جو جواب ٻڌي ڪامريڊ لغاري نعپ جي ميٽنگ مان واڪ آئوٽ ڪري ويو. پوءِ هن پنهنجي سموري قوت ’بلوچستان جي قومي تحريڪ‘ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اُن وقت ’سچائي‘ اخبار ڪوئيٽا مان ٻن صفحن تي نڪرندي هئي ۽ ڪوئيٽا شهر ۾ هٿو هٿ کپي ويندي هئي. اخبار جي وڪري مان جيڪي ڪجهه حاصل ٿيندو هو، تنهن مان اخبار به ڇاپيندو هو ته گهر جو خرچ به هلائيندو هو. اُن وقت سندس دوست نواب اڪبر بگٽي بلوچستان جو گورنر هو، پر ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ بلوچستان جي قومي تحريڪ جي حمايت ڪانه ڇڏي، نه وري بگٽي صاحب، ڪامريڊ جي انهيءَ روش تي ناراض ئي ٿيو. ڪامريڊُ، بگٽيءَ سان ذاتي لاڳاپا ڪونه ٽوڙيا، ۽ پاڻ انهن لاڳاپن جي آڌار تي هو قومي تحريڪ جي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مدد ڪندو رهيو. اُن سڀ ڪجهه هوندي به هن، بگٽيءَ جي گورنري قبول ڪرڻ واري عمل کي ڪڏهن ساراهيو ڪونه ۽ نه وري ڪو کانئس مالي فائدو ئي ورتائين.
    نواب اڪبر بگٽيءَ جي گورنريءَ واري وقت ۾ سندس صلاحڪار ملڪ عثمان ڪانسيءَ ٻڌايو ته: ”آءٌ نعپ ۾ هوندو هوس، پر دوستن کان ڪن ذاتي ناراضگين جي ڪري، آءٌ نواب بگٽيءَ جي گورنريءَ ۾ سندس صلاحڪار بڻيس ۽ منهنجي ڪار تي جهنڊو لڳي ويو. هزارين ماڻهو مبارڪون ڏيڻ لڳا. هڪ ڏينهن انهيءَ مبارڪي ماڻهن ۾ شامل ڪامريڊ اوچتو منهنجي جاءِ ۾ داخل ٿيو ۽ مون تي نظر پوندي شرط وڏي اوڇنگار ڏيئي روئڻ لڳو. آءٌ ڏانهس وڌيس، کيس گلي لڳائي چيم: ”ڪامريڊ خير ته آهي روئين ڇو ٿو؟“ چوڻ لڳو: ”تون ذهني ۽ روحاني طرح مري وئين. عثمان ڪانسي، جيڪو منهنجو انقلابي دوست هو، سو مري ويو. هي ڪار تي لڳل جهنڊو اُن جو ثبوت آهي.“ چيم: ”ڪامريڊ! هي منهنجي ڪار تي جهنڊو پختونستان جي علامت آهي. تون حال في الحال ماٺ ٿي، اسان ان طريقي سان بلوچستان جي خدمت ڪرڻ ٿا چاهيون.“ ڪامريڊ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي چوڻ لڳو: ”هڪ ته ذهني طرح پنهنجي بزدلي ۽ ڀاڙيائپ جي پرواني تي صحيح ڪئي اٿئي! مٿان وري بلوچستان تي احسان ڪرڻ جي پوچي ڦيرڻ ٿو چاهين؟ جيڪڏهن اهڙي نموني عوام جي خدمت ٿئي ها ته لينن سڀ کان پهرين زار جي حڪومت ۾ شامل ٿي وڃي ها ۽ گانڌي ساري عمر جيلن ۾ ڪونه سڙي ها. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سرڪار ناراض ٿي توکان اهو جهنڊو ڦري ڇڏيندي. پختونستان اچي پٽ تي ڪِرندو. اهڙا ديس اسان کي ڪونه کپن، جيڪي جلدي ٺهن ۽ سرڪاري ناراضگيءَ تي جلدي ڊهن“
    ڪانسيءَ ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ آءٌ استعيفيٰ ڏيئي آيس ۽ منهنجي ڪار تان جهنڊو لهي ويو ته ڪامريڊ ٽهڪ ڏيئي اچي مليو ۽ چيائين: ”ڪيڏانهن ويو تو وارو پختونستان؟“ وراڻيم: ”جيڏانهن تو وارو سنڌو ديش ويو!“
    ڪامريڊ وڏو زنده دل ۽ بهادر ماڻهو به هڪڙو ئي هو. سندس زنده دلي ۽ بهادريءَ جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:
    *هڪ ڀيري ڪنهن فيصلي جي سلسلي ۾ ڪجهه عورتون ڪامريڊ وٽ آيون ۽ کيس ڏاڍو تنگ ڪيائون، پر ڪامريڊ کي اهو فيصلو ڪرڻو ئي ڪونه هو، سو نٽائيندو رهيو. نيٺ هڪ مائيءَ چيو: ”ڪامريڊ! آءٌ تو وٽ نياڻيون ميڙ وٺي آئي آهيان. نياڻي ست قرآن ٿيندي آهي.“ ڪامريڊ جي ڀوڳائي طبيعت اُڌمو کاڌو. چئي: ”مائي! نياڻي واقعي ست قرآن آهي، پر مرد سان گڏ سمهڻ کان پوءِ سيپارو به نه لهي!“ اهو ٻڌي مايون ڪامريڊ کي گاريون ڏينديون هليون ويون ۽ هن سُک جو ساهه کنيو.
    *هڪ ڀيري ڪامريڊ نبي سر روڊ کان ريل گاڏيءَ ۾ ميرپور خاص اچي رهيو هو. ساڳئي گاڏي ۾ هڪ قادياني مبلغ به ويٺو هو. مبلغ، ڪامريڊ سان ڪچهري ڪندي اچي مرزا غلام احمد قاديانيءَ جي نبوت جي ثبوت ۾ دليل ڏيڻ شروع ڪيا. ڪامريڊ خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. مبلغ دليل ختم ڪري ڪامريڊ کي چوڻ لڳو ته اوهان مهرباني ڪري قادياني فرقي ۾ اچي مرزا صاحب تي ايمان آڻيو. ڪامريڊ ٺهه ڦهه جواب ڏنو ته: ”جڏهن آءٌ سچي نبيءَ جو آندل دين ڪونه ٿو مڃان، ته پوءِ تو واري ڪوڙي نبيءَ جو دين ڪيئن قبول ڪندس.“ قادياني مبلغ حيران ٿي، ڪامريڊ جي منهن ۾ ڏسندو رهجي ويو.
    *هڪ ڀيري ڪنهن مسڪين ماڻهوءَ جي زال پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جو هڪ مئنيجر زوريءَ کڻائي ويو ۽ ميرپورخاص جي هڪ بنگلي تي سُريت وانگر رهائڻ لڳو. غريب ماڻهو، پير غلام رسول شاهه وٽ دانهين ويو، پر پير صاحب سندس ڪوبه داد فرياد ڪونه ڪيو. اُتان مايوس ٿي هو پوليس، ڪورٽن، تر جي ننڍن وڏن زميندارن، پيرن، ميرن وٽ ويو، پر هر جڳهه تان کيس مايوس ۽ نامراد واپس ورڻو پيو؛ ڇو ته پير غلام رسول جو اثر رسوخ هر جڳهه تي پنهنجي مئنيجر کي بچائيندو رهيو. نيٺ اُن غريب ماڻهوءَ کي ڪنهن ٻڌايو ته ’سچائي منزل‘ تي غلام محمد نانگو رهي ٿو، اُن وٽ وڃ. ڪامريڊ همراهه جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ ٻه چار همراهه ساڻ ڪري سڌو اُن بنگلي تي وڃي بيٺو. همراهه کي چيائين: ”آءٌ دروازي تي بيٺو آهيان، تون وڃي اندران پنهنجي زال کي وٺي اچ، ڇو ته منهنجي خيال ۾ هن وقت بنگلي ۾ تنهنجي زال ۽ سَسُ کان سواءِ ٻيو ڪير به ماڻهو موجود ڪونهي.“ هن غريب شخص اندر وڃي پنهنجي زال کي هلڻ لاءِ چيو، پر مائيءَ [مئنيجر جي ڊپ کان] انڪار ڪيو ته: ”تون منهنجو مڙس ئي ڪونه آهين.“ اِهو جواب ٻڌي همراهه موٽي اچي ڪامريڊ کي سموري ماجرا ٻڌائي. ڪامريڊ اهو ٻڌي ڌوڪيندو سڌو بنگلي اندر هليو ويو ۽ مائيءَ کي چوٽيءَ مان جهلي ٻه ٽي نيٽ هڻي چوڻ لڳو ته: ”هلين ٿي يا نه؟“ مائي وڌيڪ موچڙن جي ڊپ کان هڪدم هلڻ لاءِ تيار ٿي وئي. جڏهن سڀئي همراهه مائيءَ کي وٺي ٽانگي ۾ چڙهي هلڻ لڳا ته اوچتو ماين رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ته ’اسان کي بچايو، اسان کي اغوا پيو ڪيو وڃي.‘ بازار ۾ بيٺل پنجابي ۽ پناهگير، اسلامي جوش ۾ ٽانگي کي وڪوڙي ويا. اُن وقت تائين مئنيجر به سهڪندو اچي پهتو، چئي: منهنجي زال ڪامريڊ زوريءَ کڻائي ٿو وڃي. ڪامريڊ هڪل ڪري چيو: ”سڀ بيهي رهو، ٻيءَ صورت ۾ سڀني کي شوٽ ڪندس. اڄ منهنجو رَتُ تتل آهي.“ مئنيجر سميت سڀ ماڻهو بيهي رهيا. ڪامريڊ مائي وٺي ’سچائي منزل‘ تي آيو، جتان زال مڙس کي ڪنهن ڊيهي تي ڇڏي آيو، جتان اڄ ڏينهن تائين مائي واپس مئنيجر وٽ نه پهتي آهي.
    *جڏهن جسم ۾ طاقت هئس ۽ سختين سندس جسم کي هيڻو نه ڪيو هو، تيستائين ڪامريڊ هميشه ريل گاڏيءَ جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ سفر ڪندو هو. پر ڪڏهن ريچڪ ۽ ڦڏو ڪري فرسٽ ڪلاس ۾ ضرور ويهندو هو. اهڙو ئي هڪڙو واقعو ميرپور خاص ريلوي اسٽيشن تي ڪري ڏيکاريائين. ڪامريڊ نبي سر روڊ وڃڻ لاءِ ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ وٺيو پليٽ فارم تي بيٺو هو ته، سندس نظر هڪ واقفڪار تي پئي، جيڪو پريشانيءَ جي حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن وائڙن وانگر چڪر ڪاٽي رهيو هو. ڪامريڊ اُن کان پريشانيءَ جو سبب پڇيو. هن ٻڌايو ته مون فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ ورتي آهي. پر فرسٽ جي گاڏن ۾ ڪنهن طاقتور ايجنسيءَ جا ماڻهو ويٺا آهن، جيڪي اسان کي ويهڻ نه ٿا ڏين. اِها ڳالهه ٻڌي ڪامريڊ هڪدم ايس. ٽي. کي سڏي چيو ته مون کي فرسٽ ڪلاس جي ٽڪيٽ ٺاهي ڏي. فرسٽ جي ٽڪيٽ کڻي ڪامريڊ سڀني گاڏن ۾ ويو، پر ڪنهن به گاڏي ۾ کيس ويهڻ نه ڏنو ويو. هن ريلوي جي عملي کي چيو، پر عملي به پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن تي ڪامريڊ ٻه چار همراهه وٺي ريلوي جي پٽڙيءَ تي ويهي رهيو ته جيستائين اسان کي فرسٽ ۾ ويهڻ نه ڏنو ويندو ۽ اِهي طاقتور ماڻهو اسان کان معافي نه وٺندا، ته اُن وقت تائين اسان هتان نه اُٿنداسون. وڏو گوڙ ٿيو. ڪامريڊ کي ڏسي ٻيا به ڪيترا ماڻهو پٽڙين تي اچي ويهي رهيا. نيٺ ڪامريڊ جا سڀ شرط مڃيا ويا، پوءِ ڪامريڊ ۽ سندس پوئلڳ پٽڙين تان اٿيا.
    *هڪ ڀيري مون کان پڇيائين: ”ڪڏهن تنهنجي پيءُ تنهنجي تقرير ٻڌي آهي؟“ وراڻيم: ”نه.“ چوڻ لڳو: ”منهنجي پيءُ هڪ ڀيرو منهنجي تقرير ٻڌي هئي. ٿيو هيئن جو آءٌ گهڻو ڪري جيل ۾ ويندو رهندو هئس ۽ منهنجو پيءُ حڪومت ۽ حڪمرانن کي پِٽون ۽ پاراتا ڏيندو رهندو هو. آءٌ کيس چوندو هوس ته بابا! کهڙو ۽ قاضي، وڏا حرامي آهن، مون کي خواهه مخواهه جيل ۾ ٿا وجهن نه ته آءٌ بنهه اشراف ماڻهو آهيان. سرڪار کي ڪجهه به ڪونه چوندو آهيان.“ بابا چوندو هو: ”تقرير ۾ ڇا چوندو آهين؟“ ”اهو ته هارين سان ناحق آهي. هارين کي حق ڏيو.“ ”اِهو ته تون صحيح ٿو چوين. تون حق تي آهين. کهڙو ۽ قاضي واقعي بدمعاش آهن.“ ڪامريڊ کِلي چوڻ لڳو: ته هڪ ڏينهن جو گهر اچان ته بابا مون تي ڪاوڙيو ويٺو آهي ۽ چوي پيو ”کهڙو ۽ قاضي وڏا اشراف ماڻهو آهن.“ مون حيران ٿي پڇيو ته: ”بابا، اهو وري ڪيئن؟“ چوڻ لڳو ”پٽ! مون تنهنجي تقرير ٻڌي آهي، جيڪا تو کهڙي جي خلاف ڪئي آهي. سچ پچ جيڪڏهن، آءٌ کهڙي جي جاءِ تي هجان ها ۽ تون اڄوڪي تقرير منهنجي خلاف ڪرين ها ته آءٌ توکي ڦاسيءَ تي لٽڪايان ها، کهڙو ته وري به جيل ۾ وجهيو ڇڏيو ڏيئِي، اهو ته اشراف ماڻهو ٿيو. ڏاميچ ته تون ٿئين نه؟“
    *هڪ ڀيري آءٌ ڪامريڊ سان ملڻ ويس ته هو هڪ سياسي ورڪر کي سمجهائي رهيو هو. ورڪر کان ڪامريڊ پڇيو ته: ”ڪم ڪيئن ٿا ڪريو؟“ هن چيو: ”ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن ۾ ويندا آهيون. ڳوٺن جي ماڻهن کي گڏ ڪري پنهنجو نظريو ٻڌائيندا آهيون.“ ڪامريڊ پڇيو: ”تقريرون رڳو اوهان ڪندا آهيو يا ڳوٺاڻا به تقريرون ڪندا آهن.“ هن وراڻيو: ”تقريرون رڳو اسان ڪندا آهيون.“ ”پوءِ اوهان کي ڪيئن خبر پوندي آهي ته هن ڳوٺ جي ماڻهن سان ڪهڙي زيادتي آهي؟ ڇو ته جهڙيءَ ريت هر هڪ ملڪ جون حالتون ڌار ڌار ٿين ٿيون، بلڪل اهڙيءَ ريت سنڌ جي هر ڳوٺ جا مسئلا ۽ مصيبتون جدا جدا آهن. وڏيرن جي روش، پوليس جون حرڪتون، پاڻيءَ جا مسئلا، هر ڳوٺ ۾ جدا جدا قسم جا آهن. انڪري ٻهراڙيءَ جي ڪچهرين ۾ اول اتي جي عام ماڻهن کي ٻڌو، ته هو پنهنجا ڪهڙا سُور اوهان سان سَلين ٿا ۽ اوهان تي ڪيترو ڀروسو ڪري پنهنجا اندر جا اُڌما بيان ڪن ٿا. اُن طريقي سان توهان هن علائقي جو سياسي ۽ سماجي تجزيو وڌيڪ سولائيءَ سان ڪري سگهندؤ.“
    *هڪ ڀيري آءٌ ڪامريڊ سان ملڻ ’سچائي منزل‘ تي ويس ته مون کان اڳ هڪ مولانا به ڪامريڊ وٽ ويٺو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪامريڊ هڪ مائيءَ کي سڏي چيو ته: ”ڪڪڙ جهلي اچ ته عبدالواحد آريسر کي کارايون، گهڻن ڏينهن کانپوءِ ملڻ آيو آهي.“ مائي ڪڪڙ جهلي آئي ته انهيءَ ساڳي مائيءَ کي چوڻ لڳو ته ”هي چاڪو وٺ وڃي ڪُڪڙ ڪهي اچ.“ اتي ويٺل مولانا رڙ ڪئي ته: ”مائي وري ڪڪڙ ڪيئن ڪهندي، عورت جي ڪُٺي جائز ناهي!“ ڪامريڊ هڪدم چيو: ”قرآن ۾ ڪٿي لکيل آهي ته جانور هروڀرو مرد ڪُهي؟“ مولانا لاجواب ٿي ويو. خير مون ڪڪڙ ڪهڻ ڪونه ڏنو. دال روٽي کاڌيسين، پر ڪامريڊ وارو دليل منهنجي ذهن مان اڄ ڏينهن تائين نه نڪري سگهيو آهي.
    ***
    ڪامريڊ جي وفات سان سنڌ هڪ پُر بهار، بهادر، سرويچ، سياسي ۽ انقلابي تجزين سان مالا مال شخصيت کان محروم ٿي ويئي.
    انسان جي پيدائش ۽ موت جو سلسلو اڻ کٽ آهي، جيڪو سدائين جاري رهندو، پر ٿرپارڪر ضلعي جي ڪا نيڪ بخت ماءُ وري شايد ئي غلام محمد لغاريءَ جهڙي عظيم ۽ لاکيڻي ٻچي کي جنم ڏئي!
    لک لهي ٿي اُها مٽي، جنهن تي ههڙن انسانن جنم ورتو ۽ اُن ماءُ جي ڪک پدمؤن پري آهي، جنهن ۾ غلام محمد جهڙي سدوري، سٻاجهي ۽ سلڇڻي انسان قرار ورتو.
    -


    بي پرواهه ۽ بي ڊپو اديب [محمد عثمان ڏيپلائي]

    آءٌ جيل جي اونداهي ڪوٺيءَ ۾ قيد هوس. ٻاهرينءَ دنيا سان لاڳاپي ۽ رابطي جا ٽي ذريعا هئا: (i) اخبار، (ii) پندرهين ڏينهن ٿيندڙ ملاقات، ۽ (iii) حاضرين تان موٽندڙ دوستن جون خبرون چارون.
    هڪ ڏينهن صبح جو سوير ’عبرت‘ اخبار جي ذريعي خبر پيئي ته سنڌ جو مشهور اديب ۽ چوٽيءَ جو افسانه نگار محمد عثمان ڏيپلائي گذاري ويو. خبر پڙهندي شرط مون کي پنهنجي بيوسيءَ واري حالت تي روئڻ اچي ويو، جو آءٌ ڏيپلائيءَ جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي نه ٿي سگهيس.
    حقيقت ۾ ’قيد‘ نالو ئي پنهنجي مرضيءَ جي خاتمي جو آهي، جتي پنهنجي مرضيءَ سان انسان نه ملي سگهي ٿو، نه ڪيڏانهن اچي وڃي سگهي ٿو. ڪي ڪي موقعا اهڙا هوندا آهن، جن ۾ شريڪ ٿيڻ جي خواهش هوندي آهي. انساني ذهن ۽ ضمير جي شعوري خواهشن ۽ قوتن جي ڇڪ هوندي آهي. ته انهن موقعن تي وڃڻ گهرجي، پر قيد ۽ بند جا سخت قانون، بيرحم دروازا ۽ زنجيرَ، پنهنجي سموري ڪٺورتا سان انساني ذهن ۽ ضمير جي خواهشن ۽ قوتن جي ڇِڪ کي چِٿي ۽ چيڀاٽي ڇڏيندا آهن. اُن وقت انسان جي سوچ صفا تخريب پسند ٿي پوندي آهي ۽ هر شيءِ ٽوڙڻ ۽ ڀورڻ لاءِ دل ۾ اُڌما اُٿندا آهن. اهڙيون گهڙيون جڏهن اينديون آهن، اُن وقت ماڻهو اِهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي ته جنهن شخص جيل جا قاعدا ٺاهيا آهن، سو انساني رشتن ناتن جي سِڪ ۽ ڇِڪ کان قطعي محروم ۽ صفا بي حس هو.
    اڄ انهن قاعدن قانونن جو شڪار ٿي، آءٌ سنڌ جي هن بهادر ۽ ذهين ماڻهوءَ جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي نه ٿي سگهيس. منهنجي روح مان رڙ نڪتي: ”اي انسانيت جا ويرِيؤ! شل، اوهان جي پيڙهين تي ڪڏهن سج جي روشني نه پوي. اسان جا پيارا اسان کان ڪيترو پري هليا ويا هميشه لاءِ. اوهان اسان کي اها اجازت به نه ڏني، جو اسان پنهنجن پيارن جي چهري تي آيل آخري مُرڪ کي ڏسي سگهون.
    مون کي خبر ناهي ته ڏيپلائيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿي، پر هن جيڪو قرب، جيڪا پنهنجائپ ۽ جيڪو پيارُ مون کي ڏنو، تنهن مون کي سندس پرستار بنائي ڇڏيو. هو قلم جو ڌڻي هو ۽ آءٌ اڃا قلم جهلڻ ئي مس سِکيو هوس، پر هن پنهنجي دريا دليءَ سان سدائين منهنجي همت افزائي ڪئي، منهنجين آڏين ابتين لِيڪُن جي تعريف ڪئي.
    هو عالمي ادب جي اُن سگهاري ۽ صحتمند تحريڪ جو سنڌ جهڙي نظر انداز ٿيل خطي ۾ دلير ميمبر هو، جنهن تحريڪ، سموريءَ دنيا ۾ سچائي، سونهن امن ۽ انسانيت دوستيءَ جي عظيم جدوجهد ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ڏيپلائي رڳو پنهنجي ضمير جو پوئلڳ هو. اُهو ضمير، هن جو منشور هو، هن جي سياست هو ۽ هن جي سياسي توڙي ادبي برادري هو. اهو ئي سبب آهي، جو منڍ کان وٺي، اسان کي، هن جي لکڻين ۾ ڪيئي لاها چاڙها ۽ ذهني ۽ فڪري تضاد نظر اچن ٿا. پر اُنهن تضادن ۽ عمر جي مختلف منزلن ۾ اختيار ڪيل، سندس لاڙن ۾ ڪنهن به ذهني ۽ فڪري بدديانتيءَ جو عنصر نه هو. اُن ڪري هن پنهنجي ضمير جي روشنيءَ ۾ هلندي، ڪڏهن به سرڪار يا سَرنديءَ وارن طبقن جو راضپو حاصل نه ڪيو. اُلٽو هن ڪيتريون ئي تڪليفون سٺيون، ذهني گهاءَ کاڌا، مالي قربانيون ڏنيون، جيل ياترائون ڪيون، اخبارون ۽ پريسون ضبط ڪرايون، پر پنهنجي اڇي اجري ضمير جي پيروي نه ڇڏي. اُها ضمير جي پوئلڳي ئي هئي، جنهن کي ٿر جي هڪ گمنام ڇوڪري مان، سنڌي ادب جي آسمان تي چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪايو ۽ عزت، شهرت ۽ حيثيت ڏيارائي. پر اُنهيءَ سڀ ڪجهه ملڻَ به سندس طبيعت ۾ مغروري، هٺ ۽ وڏماڻهپائي نه پيدا ڪئي ۽ هو پنهنجي سڀاءَ ۾ آخري گهڙيءَ تائين، ڏتڙيل، غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي گهڻائيءَ جو، پاڻ کي فرد سمجهندو رهيو. انتهائي هٿ جو کُليل، بي پرواهه ۽ بيڊپو. اها سادگي، هن جي کاڌي ۽ لکڻ ۾ بنهه ظاهر هوندي هئي. جڏهن پريس تي ويٺل هوندو هو ته ٻاڪڙا هوٽل جي چانهن جي وٺ وٺان هوندي هئي. جڏهن مانيءَ جي مهل ٿيندي هئي، تڏهن گهران ماني گهرائڻ يا گهر وڃي ماني کائڻ يا ڪنهن چڱي چوکي هوٽل تي وڃي ماني کائڻ بدران پريس جي ٻاهران بيٺل گاڏي واري کان، انتهائي سڙيل، تيل ۾ ٻڏل ڀتُ، سير يا اڌ سير وٺي پاڻ به کائيندو هو ۽ اسان کي به ڏاڍي چاهَه سان کارائيندو هو. جيڪو ويٺل هوندو هو، تنهن کي به ضرور شريڪ ڪندو هو، پوءِ کڻي مولانا گرامي هجي يا ابوبڪر مگسي. رڳو جويو صاحب ۽ نياز همايوني سندس انهيءَ دعوت ۾ شريڪ نه ٿيندا هئا. گاڏن وارا به اهڙا هِري ويا هئا، جو مانيءَ جو وقت ٿيندو هو ته، پريس جي ٻاهران اچي ڀت جي هوڪي ڏيڻ سان گڏ ڏيپلائي صاحب جي هُوڪ واري انداز ۾ ضرور پڇا ڪندا هئا. ڪڏهن بدقسمتيءَ سان يا ويٺلن جي خوش قسمتيءَ سان ڀت وارو نه ايندو هو ته ’آفتاب پريس‘ جي ڀر وارين نهاريءَ جي هوٽلن تان راتوڪي نهاري ۽ مانيون گهرائي، ڏاڍي مزي سان کائيندو ۽ کارائيندو هو. اُهي هوٽل انتهائي سستا، هندستاني سستي نهاريءَ جا مرڪز هوندا هئا، جتي هفتي جا ست ئي ڏينهن نهاري ملندي رهندي هئي ۽ اسان جهڙا سُڃا ڀائي، سوا روپيي ۾ ڍوَ تي ماني کائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڏيپلائي صاحب کي اهو کاڌو کائيندي ڏسي ڪو ٽوڪيندو هو ته: ”اِن کاڌي سان بيمار ٿيندؤ.“ ته هڪدم جواب ڏيندو هو ته: ”آءٌ پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪو آهيان. هاڻي گريس مارڪن تي پيو جيئان. اها مارڪن ڏيڻ واري جي مرضي آهي ته ڪيتريون مارڪون ٿو ڏئي.“
    لکڻ جي معاملي ۾ مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو ته ڏيپلائي صاحب پنو پين کڻي باقاعدي اهتمام سان لکڻ ويٺو هجي، جيئن عام اديب لکندا آهن. ڪرشن چندر جي باري ۾ مشهور آهي ته جيستائني شيفر پين ۽ آرٽ پيپر جو چمڪندڙ ڪاغذ ٽيبل تي موجود نه هوندو هو، اُن وقت تائين اردوءَ جو هي مشهور اديب لکي نه سگهندو هو. پر ڏيپلائيءَ لاءِ آءٌ چئي سگهان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو ته لکڻ وقت ڍنگائتو قلم ۽ سالم ڪاغذ وٽس موجود هجن. گهڻو ڪري بال پين، پينسل يا ڀڳل ٽٽل پين سان اخبار يا ڪتاب جي حاشئي تي لکندو ويندو هو يا پروف نڪتل پني جي پُٺ تي ۽ ڇپائيءَ لاءِ پيل اخباري ڪاغذ مان ڪو ٽڪرو کڻي، هيٺ، مٿي، سڄي، کٻي لکندو ويندو هو ۽ اهڙا نشان هڻندو ويندو هو جيئن ڪمپوزنگ وقت ڪمپازيٽر سمجهي سگهن. اهڙي طريقي سان لکڻ کانپوءِ نظرثاني يا صفحن جا نمبر به پروف پڙهڻ وقت صحيح ڪندو هو. هونئن هڪ ڀيرو ڪا شيءِ لکي اُن ۾ وري درستي ڪرڻ يا ٻيو ڀيرو ٺاهي لکڻ، ڏيپلائيءَ جي طبيعت جي ئي خلاف هوندو هو. هن جو لکڻ لاءِ هر وقت موڊ هوندو هو. سائين
    جي. ايم. سيد سندس باري ۾ بلڪل صحيح لکيو آهي ته: ”ڏيپلائيءَ لاءِ لکڻ ايترو ئي آسان آهي، جيترو هڪ تندرست ماڻهوءَ لاءِ پاڻي پيئڻ.“ مون ته ڪيترا ڀيرا سندس انهيءَ عادت جو مشاهدو ڪيو آهي.
    پير ابراهيم جان سرهنديءَ جو [سائين جي. ايم. سيد جي خلاف لکيل] ڪتاب ’سنڌ سونهاري‘ پڙهيائين ته ويٺي ويٺي چيائين: ”دل ۾ اچي ٿو اهڙو جواب ڏيان، جو پيرن جون ست پيڙهيون پيون ياد ڪن“. مون چيو: ”ڪريو بسم الله!“. بس سائين، پوءِ ته اُن وقت ئي شروع ٿي ويو، ۽ ڪتاب [’شيخ المشائخ‘] ٻن هفتن جي اندر لکجي ۽ ڇپجي بازار ۾ اچي ويو. ڪمال اهو جو ڪتاب لکڻ وقت ڪنهن به ڪتاب مان مدد نه ورتائين. سندس حافظو غير معمولي هو. هر وقت سنڌي، اردو، فارسي، عربي، هنديءَ جي هزارين ڪتابن جا حوالا، شعر، لطيفا ۽ ٽوٽڪا ياد هوندا هئس، جيڪي لکڻ وقت، موقعي ۽ مهل سارو، ڏاڍيءَ مهارت سان ائين استعمال ڪندو ويندو هو، جيئن ڪائي سگهڙ عورت ڀرت ڀرڻ مهل گج ۾ ٽِڪون ٽاڪيندي ويندي آهي. سندس لکڻيءَ ۾ ڪٿي به جهول يا گهٽ وڌائي نظر نه ايندي هئي. سندس افسانا ۽ ناول، سنڌي زبان ۾ فن ۽ تبليغ جي ميلاپ جو بهترين نمونو آهن، جن کي انداز ۽ اسلوب پنهنجو آهي، جيڪو پڙهڻ ۽ سمجهڻ ڏاڍو سولو ۽ ڪاپي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هن پنهنجي انهيءَ انداز ۽ اسلوب سان سنڌ جي وڏن ڊِنگن کي ڍير ڪيو. شل نه هو ڪنهن جي پٺيان پوي. جنهن جي پٺيان پيو، اُن کي دليلن، ٽوڪن، چِٿرن سان عوام ۽ پڙهندڙن ۾ هڪ ٽَڪي جو ڪري پوءِ ساهي کڻندو هو. هن جا عنوان ۽ هئڊنگون به پنهنجي نوعيت جون هونديون هيون. هڪ ڀيري قربان بگٽيءَ جي خلاف مضمون لکيائين، جنهن جو عنوان ڏنائين: ”بگٽيءَ جون بي ايمانيون“ يا موسيٰ ڀُٽي جي خلاف مضمون جو عنوان سوچيائين: ”حافظ جون هٿوراڙيون عرف نابينا جو نادانيون.“
    ڏيپلائيءَ کي ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق هوندو هو. روزانو پريس جي ڪنهن ماڻهوءَ هٿان سوا سؤ کن رُپين جا نوان ڪتاب ۽ رسالا گهرائيندو هو، جيڪي هر حالت ۾ پڙهندو هو، ۽ پڙهڻ کان پوءِ اُهي شيون سانڍي رکڻ، هن جي طبيعت جي خلاف هو. اِهو ئي سبب آهي، جو ايڏي ساري خريداريءَ جي باوجود وٽس ڪا خاص لائبرري يا ڍنگ سان پيل ڪتابن جو ذخيرو نه هو. هڪ ڀيري ٻن پهرن جي مانيءَ جي دعوت ڏنائين. مون چيو: ”آءٌ توهان جي گهر ماني کائڻ ته خوشيءَ سان ايندس، پر هڪڙو شرط آهي ته آءٌ توهان جي لائبرريءَ مان پنهنجي پسند جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻندس.“ خوشيءَ سان منظور ڪيائين. سندس گهر پهچي، مون لائبرريءَ جي ڳولا ڪئي، پر مون کي سمورو گهر ڏسڻ کان پوءِ به لائبرريءَ نالي ڪا شيءِ ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. مختلف ڪمرن جي ڌار ڌار ڪنڊن ۾، کٽن تي يا ڪٻٽن جي اندر ڪي ڦاٽل رسالا ۽ ڪجهه ڪتاب نظر آيا. انهن ۾ هڪڙو ڪتاب مهاتما گانڌيءَ جي آتم ڪٿا جي ٻنهي جلدن جو سنڌي ترجمو مون کنيو. ٻيو ڪوبه ڪارائتو ڪتاب ڪونه هو. جڏهن مون مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، تڏهن چوڻ لڳو: ”سڀ ڪتاب ماڻهو کڻي ويا، ڪا شيءِ سانڍي رکڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ سِکيو ئي ڪونه آهيان.“
    پئسو ڪيئن ڪمائجي، هر وقت کيس اها لوري لڳل هوندي هئي. هي ڪم ڪبو، ان مان هيترا پيسا ملندا. هن ڪتاب مان هيترو نفعو ملندو، فلاڻن کي فلاڻي، جماعت، پارٽي، ملڪ هيترا پئسا ڏين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن پارٽيءَ جي ٻن ڪارڪنن ۾ اختلاف پيدا ٿيو ته ڏيپلائيءَ جو تبصرو هودنو ته پئسن تي ٺهي نه سگهيا، نتيجي طور ڌار ٿي ويا. جيڪڏهن خبر پئجي ويس ته يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر ۽ رجسٽرار ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا آهن ته هڪدم چئي ڇڏيندو هو ته ’معاملو پئسن‘ جو آهي.
    اِن سڀڪجهه هوندي به ڳالهه وري به اچي اُتي کٽي ته پئسو گڏ ڪرڻ، سانڍڻ يا سرمايه ڪاري ڪرڻ، جايون ٺهرائڻ، هن جي طبيعت جي ئي ابتڙ هو. پئسو آيو ناهي، ويو ناهي. اُن پئسي تي لعنت آهي، جيڪو ڏيپلائيءَ جي کيسي ۾ آرام ڪري. پريس تي ڇپائيءَ جو ڪم جيڪو ٿيندو هو، تنهن جا پئسا ڪمپازيٽر، اخبار جو ايڊيٽر، مشين مين ۽ ٻيو عملو کائي ويندو هو. مرحوم ڪڏهن به صحيح حساب ڪتاب نه ورتو ۽ نه ئي وري ڪنهن اشراف صحيح حساب ڪتاب ڏنو. سموري پريس ۽ اخبار اِن طريقي سان تباهه ٿي وئي. پڇاڙي عمر ۾ ته پريس مان رڪشا جو ڀاڙو به ڪونه نڪرندو هو. اِهو وري به شڪر ٿيو، جو اولاد کي پڙهائي ورتائين ۽ اولاد فرمانبردار ٿيو. جيتوڻيڪ هڪڙيءَ ڌيءَ کان سواءِ سندس ڪنهن به ٻار کي علمي يا ادبي دلچسپي يا شوق رتيءَ برابر نه رهيو آهي.•
    1976ع ۾ سنڌ جي صوبائي حڪومت، ڏيپلائي صاحب کي ’شيخ المشائخ‘ ڪتاب لکڻ ۽ ڇپائڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو؛ ڇو ته اهو ڪتاب سرهندي پيرن جي خلاف هو ۽ اُن وقت جي صوبائي حڪومت جو سربراهه مسٽر جتوئي، [غلام مصطفيٰ جتوئي] سرهندي پيرن جو مريد هو. گرفتاريءَ کان پوءِ سنڌ جي هن عظيم اديب ۽ دانشور کي جيل جي ’سي‘ ڪلاس ۾ رکيو ويو. ڏيپلائيءَ جي گرفتاريءَ کان ترت پوءِ، آءٌ به ڏيپلائيءَ جي پريس تان گرفتار ٿيس. ڏيپلائي جلدي آزاد ٿي ويو، پر منهنجي قيد جي مدت وڇوڙي جي راتِ وانگر ڊگهي ٿيندي وئي. هڪ ڏينهن آءٌ سنڌ اسپيشل ٽربيونل ۾ ويٺو هوس پوليس جي پهري هيٺ شنوائيءَ جي انتظار ۾، ته ڏيپلائي صاحب اچي نِڪتو. ڏاڍي اُڪير ۽ محبت سان مليو. ڪجهه فروٽ آندو هئائين. ويٺي ويٺي سندس جيل ۾ رهڻ وارن ڏينهن جا احوال ٻڌائيندو رهيو. چيائين، ڪالهه جتوئيءَ سان مليو آهيان، ڏاڍي مزيدار ڳالهه ٿي. جتوئيءَ چيو: ”ڏيپلائي صاحب! مون کي افسوس آهي جو منهنجي حڪومت ۾ توهان کي ڪجهه ڏينهن ’سي‘ ڪلاس ۾ رهڻو پيو، غلطي ٿي ويئي، اڳتي لاءِ اوهان کي ’بي‘ ڪلاس ملندو.“ ته مون هڪدم جواب ڏنو: ”جتوئي صاحب، اوهان فڪر نه ڪريو اسان کان اهڙي غلطي نه ٿيندي، اوهان کي هڪدم ’اي‘ ڪلاس ڏينداسون.“ جتوئيءَ حيران ٿيندي چيو: ”ڏيپلائي صاحب ڇا چئي رهيا آهيو؟“ وراڻيم: ”جيڪي ڪجهه اوهان چيو، اُن جو جواب ڏئي رهيو آهيان.“ اُتي جتوئيءَ کي احساس ٿيو ته پاڻ غلط ڳالهائي ويو آهي. پوءِ ڳالهه کي ٽوڪ ۾ ٽاري ڇڏيائين.
    اهڙي جرئت ۽ حاضر جوابي وري ڪنهن دانشور ۾ هوندي؟ جيتوڻيڪ اهڙي ڳالهه پروٽوڪول جي خلاف هئي. پر پروٽوڪول جي پابندي ٻنهي طرفن کان ٿيڻ گهرجي ها. سنڌ جي جاگيردار جي اها ذهنيت رهي آهي ته، هو نه ڪنهن ٻئي انسان جي حيثيت ڏسندو آهي، نه وري عزت سڃاڻندو آهي. اهڙيءَ ذهنيت واري جاگيردار کي اهڙو ئي جواب ملڻ گهرجي، جهڙو ڏيپلائي صاحب ڏنو.
    اڄ هو اسان ۾ نه رهيو آهي، مون کي سندس قبر جي به خبر ناهي ته ڪٿي آهي، پر سندس فڪر ۽ فن تي هڪ اهڙي ٽولي قبضو ڪيو آهي، جيڪو ادب ۽ فن کي مقصد ۽ معنيٰ ڏيڻ جو منڪر آهي، جيڪو اديب کي صفا غيرجانبدار بنائڻ جو حامي آهي؛ جنهن جو خيال آهي ته اديب کي ماڻهن ۽ ملڪي مسئلن کان ائين ٽهڻ گهرجي، جيئن ٻهراڙيءَ جي عورت، پنهنجي مڙس جي نالي وٺڻ کان ٽهندي آهي. اهڙو سُست ۽ ماڻهن کان ونءُ ويندڙ ٽولو، اڄ اهڙي انسان جي فڪر ۽ فن جو وارث بنيو آهي، جنهن انسان پنهنجي ڌرتي ۽ اُن جي فرزندن جي ڏکن ۽ سورن ۾ سدائين پاڻ کي سلهاڙيل سمجهيو ۽ اُن سلسلي ۾ ڪنهن به قربانيءَ کان ڪينَ ڪيٻايو.
    سنڌ جي قومي تحريڪ سان سندس [ڏيپلائيءَ جي] لاڳاپي جو اُن کان وڌيڪ ڪهڙو ثبوت هوندو، جو سموريءَ سنڌ مان ڏيپلائي واحد اديب هو، جنهن محترم جي. ايم. سيد جي شخصيت تي ٿيندڙ حملن جو پنهنجي نالي سان مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو، ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سائين جي. ايم. سيد جي سالگرهه جي جلسي ۾ شريڪ ٿي، پنهنجو مؤقف ۽ نقطهء نظر وڏيءَ جرئت سان پيش ڪيو. اُن ريت هن سنڌ، سنڌي عوام ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ سان پنهنجي مڪمل طرفداريءَ جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو.
    ڏيپلائيءَ سان 1978ع ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ شام ملهائي وئي. ان موقعي تي مون به تقرير ڪئي، جيڪا يادگيريءَ طور هتي ڏيئي رهيو آهيان:
    ”آءٌ پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس. جڏهن ڪورس جي ڪتابن کان سواءِ ٻيا ڪتاب پڙهڻ سکيس ته مون کي ياد آهي، جيڪي ڪتاب پهرين پهرين منهنجي مطالعي هيٺ آيا، سي سنڌي زبان جي سدا بهار اديب ڏيپلائيءَ جا هئا، جن منهنجي ننڍڙي ذهن تي
    پير پرستيءَ، وهم پرستي ۽ وڏيرا شاهيءَ جي خلاف ابتدائي نقش چِٽيا ۽ منهنجي سوچ جي لاڙن کي سماج ۾ موجود هاڃيڪار قدرن جي خلاف بغاوت ڏانهن موڙيو. گويا آءٌ چئي سگهان ٿو ته: ”اول ارض مس جلدي ترابها“- [’اها پهرين زمين هئي، جنهن جي مٽيءَ منهنجي جسم کي ڇُهيو.‘]
    وقت گذري ويو آهي. حالتن ۾ بي پناهه اُٿل پٿل آئي آهي. اُهي جايون ذري گهٽ ڊهي ويون آهن، جن ۾ ويهي مون ابتدائي سبق پڙهيا هئا، معصوم دور جون معصوم غلطيون ۽ مٺڙيون حرڪتون، گناهه ۽ ثواب جي تصور کان خالي ڪيترائي ٽهڪ ۽ ڳوڙها، نه معلوم ماضي، مرهيات جي ڪهڙيءَ ڪنڊ ۾ مينهن وساڙن وانگر مند ملهار جو انتظار ڪندا هوندا. پر ڏيپلائيءَ جي ڪتابن منهنجي ذهن تي جيڪي چٽ اُڀاريا هئا، سي اڄ به ائين ياد آهن، جيئن ڪنهن وينگس کي زندگيءَ جو پهرين پيار ۽ جوانيءَ سان ڀرپور چُمي ياد رهجي ويندي آهي.
    اسڪولي دور ۾ جڏهن ڏيپلائيءَ جا ڪتاب مون پڙهيا هئا، تڏهن مون کي ڏيپلائيءَ جي باري ۾ ڪابه خبر ڪانه هئي. پر اڄ جڏهن آءٌ سنڌي زبان جي افسانوي ادب جي هماليه جي موجودگيءَ ۾ ڳالهائي رهيو آهيان، تڏهن مون کي اُن جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي پوري ڄاڻ آهي ۽ آءٌ پاڻ کي خوشقسمت ٿو سمجهان ته ڏيپلائي به اُن ضلعي جو رهاڪو آهي، جنهن ضلعي جو آءٌ رهاڪو آهيان ۽ ضلعو ٿرپارڪر ئي آهي، جنهن جي واريءَ جي ذري ذري کي ڀٽائيءَ پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ آڻي لافاني بنائي ڇڏيو آهي. اهو ضلعو سنڌ جي سڀني ضلعن کان پکيڙ ۾ وڏو آهي ۽ ڏيپلائيءَ جيتري ڪاغذ تي لکيو آهي، سو جيڪڏهن گڏي پکيڙيو وڃي ته آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته اُن جي مجموعي پکيڙ ٿرپارڪر ضلعي جي پکيڙ کان وڌي ويندي. اوهان چئي سگهو ٿا ته ايتري ڪاغذ تي هڪ عريضي نويس به لکندو آهي. انهيءَ لاءِ اِهو عرض ڪندس ته عريضي نويس جو ڪاغذ ٽِشو پيپر واري حيثيت والاريندو آهي ۽ ڏيپلائيءَ، جيڪي ڪجهه، جيتري ڪاغذ تي گهرائيءَ سان، لکيو آهي، اُهو اوتري قدر اثرانداز ۽ انقلابي گيت کان وڌيڪ جذبو ۽ عملي اتساهه پيدا ڪندڙ ثابت ٿيو آهي. آءٌ هيءُ به دعويٰ سان ٿو چوان ته، سنڌي زبان جو ڪوبه افسانوي ادب تخليق ڪندڙ اديب، ڏيپلائيءَ کان وڌيڪ سنڌ ۾ ڄاتو سڃاتو ڪونه ٿو وڃي ۽ نه پڙهيو وڃي ٿو. جڏهن به ڪو پڙهندڙ ڏيپلائيءَ جو ڪو ڪتاب وٺي ٿو، اُن وقت کيس پڪ هوندي آهي ته هن ڪتاب ۾ ضرور سادي ۽ سلوڻي انداز ۾ لکيل ۽ چٽيءَ طرح ڪنهن مسئلي جي بامقصد طريقي سان اپٽار ڪيل هوندي. اهو ئي سبب آهي، جو ڏيپلائي، سنڌ ۾ اديب سان گڏ مذهبي مصلح ۽ سماجي انقلابيءَ جي حيثيت سان پڻ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
    هر اديب، جن مسئلن ۽ مونجهارن تي لکندو آهي، تن مان ڪي مقامي نوعيت جا هوندا آهن ته ڪي عالمي-، ۽ عالمي مسئلا به مقامي مسئلن جي حوالي سان اُن اديب جي تخليقن جا موضوع بنبا آهن. اُنهيءَ حوالي جي روشنيءَ ۾ اسان چئي سگهون ٿا ته، ڏيپلائي هڪ عالمي اديب آهي. عالمي اديب جو ماڻ اهو هرگز ناهي ته هن جي شهرت پوريءَ دنيا ۾ هجي، پر عالمي اديب جو ماڻ اِهو هئڻ گهرجي ته هن سموري انسانذات جي ڏکن ۽ مونجهارن، اُنهن جي سببن ۽ اُنهن کي ختم ڪرڻ جي طريقن سان پاڻ کي ڪيتري قدر ڳنڍيو آهي. ۽ انهيءَ هيڪاندي ڏکايل انساني برادريءَ جو پاڻ کي ڪيتري قدر فرد سمجهيو آهي.آءٌ سمجهان ٿو جتي به پير پرستي، وهم پرستي آهي، جن به ملڪن ۾ وڏيرن، جاگيردارن، سردارن، خانن، چوڌرين، سيٺين ۽ سرمايه دارن جي ڏاڍ جو گهاڻو پنهنجي پوريءَ قوت سان ڦرندو ٿو رهي ۽ جيڪي به قومون پرماريت، سامراجيت ۽ قومي غلاميءَ جون شڪار آهن، ڏيپلائي، پنهنجي قلمي ۽ عملي جدوجهد کي اُنهن جي شاندار ۽ نيٺ سوڀ ماڻيندڙ جدوجهد سان ملائي، پاڻ کي اُن ڏکويل برادريءَ جو، پرجوش ميمبر ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. اِهو ئي سبب آهي، جو اسان جي هن سگهاري ۽ نه ٿڪجندڙ اديب، جيڪو ادب تخليق ڪيو آهي، سو نه رڳو اڄوڪين حالتن ۾ سماجي شعور جي اوجر ۽ واڌاري جون ضرورتون پوريون ٿو ڪري، پر اُهو اڳتي لاءِ عوام جي سماجي شعور ۽ ڏاهپ جي اوسر جو ذريعو پڻ ثابت ٿيندو. اُهو شعور، جيڪو نيٺ هن ڪائنات جي مادي ۽ فڪري تهن ۾ ڀونچال پيدا ڪندو ۽ هن ڪچري سان ڀريل دوزخ تي هڪ خوبصورت ۽ سُهائيندڙ جنت تعمير ڪندو.
    هڪ دوست چيو آهي ته ’ڏيپلائي اُن ڪري عظيم آهي، جو هن جو نالو لاهور ۾ ٺهيل مينارِ پاڪستان تي لڳل نالن جي لسٽ ۾ شامل آهي.‘ جيڪڏهن ڏيپلائيءَ جي عظمت رڳو اِها آهي ته پوءِ ڏيپلائيءَ تي وڌيڪ ڪجهه ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي، هلو، ته مينار پاڪستان تي سندس نالو ڏسي اچون ۽ ٿي سگهي ته، اُن جو فوٽو ڪڍي، ڏيپلائيءَ جي گهر جي در تي لڳائي ڇڏيون. اسان پنهنجن اديبن کي آخر ڪڏهن سرڪاري لسٽن کان ٻاهر سندن ڪم ۽ فن جي بنياد تي ڏسڻ جا هيراڪ بنباسين؟
    هتي مون کي هڪ واقعو ٿو ياد اچي ته، هڪ ڀيري نيپولين يوناپارٽ، ڪنهن بادشاهه جي قبر تي ويو ته، قبر تي اُن بهادر بادشاهه جي تلوار رکي هئي. نيپولين اُها تلوار کڻي پنهنجي سيڪريٽريءَ کي ڏني ته کڻي هلي، پئرس جي عجائب گهر ۾ رکنداسون. سپاهيءَ حيران ٿيندي چيو ته: ”جيڪڏهن مون کي اهڙي تلوار ملي ها ته، آءٌ جيڪر، اها پاڻ کان جدا نه ڪريان ها، ڇو ته ماڻهو مون کي اُن تلوار جي ڪري عزت ڏين ها.“ اُن تي نيپولين چيو ته: ”مون وٽ منهنجي تلوار ناهي ڇا؟ آءٌ چاهيان ٿو ته ماڻهو مون کي، منهنجي تلوار جي ڪري عزت ڏين ۽ آءٌ پنهنجي تلوار جي وسيلي سڃاتو وڃان.“
    سو ڏيپلائي اُن قلم جي ڪري عظيم آهي، جنهن قلم، پيرپرستي، وهم پرستي، وڏيراشاهي ۽ سنڌ دشمنيءَ جي قلعن ۾ ڏار وڌا، نه اُن قلم جي ڪري، جنهن مينار پاڪستان تي سندس نالو لکيو.


    انقلابي، قومپرست ۽ وطن دوست انسان [ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي]

    آءٌ سموري سنڌ گهميو آهيان. ننڍي کنڊ جي تاريخ جي به ڪي قدر ڄاڻ اٿم، جنهن جي وسيلي بيشمار سياسي، ادبي، علمي ۽ انقلابي شخصيتن سان واقفيت ٿي آهي. پر هيءَ حقيقت آهي ته، جيڪڏهن آءٌ موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي پيدائش، حيدر بخش جتوئيءَ کي نه ڏسان ها ۽ نه پڙهان ها ته جيڪر ’نئين سنڌ‘ جي، نئين فڪر جي پوريءَ ريت ڄاڻ کان محروم رهجي وڃان ها.
    حيدر بخش جتوئيءَ جو ذڪر ڪندي، مشهور اديب شورش ڪاشميريءَ لکيو آهي ته: ”جيل جي زندگيءَ ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ جهڙو بهادر ۽ شريف انسان مون تمام گهٽ ڏٺو آهي.“ شورش جي ملاقات، ڪامريڊ سان ڪراچي جيل ۾ ٿي هئي، جڏهن ٻئي اُتي، ايوبي آمريت جي آخري دور ۾ گڏ هئا. ڪامريڊ لاءِ اِهو ڊگهو قيد، گهڻو ڪري آخري ڊگهو قيد ثابت ٿيو ۽ هو جڏهن ڪراچي جيل مان آزاد ٿي حيدرآباد پهتو، تڏهن حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي هزارين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو. اُنهيءَ استقبالي هجوم ۾ آءٌ به هڪ هوس. جتي مون، سنڌ جي هن عظيم ۽ لافاني انسان کي پهريون ڀيرو ڏٺو. جيل جي سختين سندس صحت کي جهوري وڌو هو. سندس ڳاڙهو رنگ پِيلو ٿي ويو هو. سندس جسم ٿڪل پئي لڳو. مچ جيل [بلوچستان] جي موسم سندس جسم جو رت ۽ ست چُوسي ڇڏيو هو. هو جهڙو موت جي دروازي تان موٽيو هو، پوءِ به هن جي هٿ ۾، ايوبي آمريت جي موتَ ۽ ون يونٽ جي خاتمي جو پروانو هو. سندس خوبصورت چهري تي سفيد گهاٽا شهپر، روايتي سنڌي جوڌي جا اهڃاڻ ڏيئي رهيا هئا، ته نگاهن ۾ وري آخري فتح جا ڪرڻا جَرڪي رهيا هئس. رڳو ايترو چيائين ته سڀ کان پهرين سنڌ جي آزاديءَ جي شهيد هوشوءَ جي قبر تي هلبو. هزارين ماڻهن جو هجوم ڪامريڊ جي اڳواڻيءَ ۾ هوشوءَ جي قبر ڏانهن راهي ٿيو. قبر تي هن رڳو ايترو چيو ته: ”هوشو! ڏس تنهنجا وارث جاڳيا آهن. هاڻي نئين دور جو ڪوبه نيپئر، سنڌ کي غلام رکي نه سگهندو...“ اُهو پهريون ڀيرو هو، جو مون ڪامريڊ کي جيل کان آزاد ٿي، سنڌ جي آزاديءَ جي شهيد هوشوءَ جي قبر تي سِيس نوائيندي ڏٺو.
    ٻيو ڀيرو کيس ’بيسنت هال‘ ۾ هوشو-ڏينهن جي صدارت ڪندي ڏٺم. اُتي هن ڪيترائي شعر ٻڌايا، جن ۾ سندس گهر واريءَ تي ٺهيل شعر ’مصطفيٰ ماءُ‘ به هو... شعر پڙهڻ وقت سندس خوبصورت چهري تي سدا بهار معصوميت ۽ ڪڏهن به مات نه کائيندڙ مُرڪ هئي. هن هڪ انقلابيءَ جي ديانت، سچائيءَ ۽ پوري انقلابي اخلاق سان پنهنجي گهر واريءَ جي ساڻس گهاريل گهڙين جي پرلطف ڪيفيت جي ساراهه پئي ڪئي. ماڻهن جا ٽهڪ هئا، نعرا هئا، بي پناهه عقيدت هئي. سموري سنڌ جي سگهه، سياڻپ ۽ ساڃاهه سندس سامهون هئي. هن جي سامهون گلاب جي پنکڙين جهڙيون نازڪ ناريون هيون، لوهي لڱن وارا اڙٻنگ هاري هئا، دونهاٽيل جسمن وارا پورهيت هئا، ڦاسيءَ جي رَسين کي چُميون ڏيئي نعرا هڻندي موت جي مُنهن ۾ ويندڙ انقلابي
    قوم پرست هئا؛ رڻن ۾ رت سان رابيل پوکيندڙ سنڌي ڪميونسٽ، اديب، دانشور ۽ شاعر هئا، پنهنجي شاعريءَ سان دوکي جي ديوارن ۾ ڏار وجهندڙ شيخ ايازُ هو، سدا بهار شاعري ۽ خوبصورت آواز سان سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي نئون شعور ۽ وجدان بخشيندڙ نياز همايوني هو، فنِ خِطابت کي پنهنجي حڪم تي هلائيندڙ ۽ ماڻهن جي دلين ۾ سنڌيت جا مچ مچائيندڙ حفيظ قريشي هو، سنڌي زبان جي سدا بهار جوڀن سان، سنڌ جي سرزمين تي، سونهن جا سلا پوکيندڙ، رسول بخش پليجو هو، پر سڀ ڪامريڊ جتوئيءَ جي عظيم جدوجهد ۽ بي پناهه فڪري پختگيءَ سامهون ٻارن وانگر ادب سان ويٺا هئا. حقيقي معنيٰ ۾ ڪامريڊ جي عظمت به اُنهيءَ جلسي ۾ چِلڪي ۽ چِمڪي پئي. ڪو به اهڙو ماڻهو اُتي موجود نه هو، جنهن جو سِيسُ سندس عظمت اڳيان جهڪيل نه هجي.
    ون يونٽ جي خلاف سنڌي نوجوانن ’گاڏي کاتي چوڪ‘ ۾ بک هڙتال ڪئي، اُتي ماڻهن جا ميڙا هوندا هئا، جيڪي بک هڙتالي شاگردن کي آفرين ڏيڻ ۽ گلن جا هار پارائڻ ايندا هئا. هڪ ڏينهن آءٌ به اُتان وڃي نڪتس. ماڻهو مختلف مسئلن تي شاگردن کان سوال پڇي رهيا هئا. ايتري ۾ ڪامريڊ جتوئي به اُتان اچي نڪتو. اها ساڳي معصوميت، مرڪ، سادگي ۽ شرافت.
    سندس نرم چهرو، مرڪندڙ اکين ۾ محبت جي چمڪ، هي لازوال معصوميت وارو ماڻهو، بک هڙتالي شاگردن سان رِلي ملي هڪ ٿي ويو. شاگردن ۽ ٻين عام ماڻهن، کانئس پاڪستان ۾ اُن وقت هلندڙ، جمهوري جدوجهد جي باري ۾ عام طرح ۽ پيپلز پارٽيءَ جي متعلق، خاص ڪري انيڪ سوال پُڇيا. هن اِنتهائي ڌيرج سان، پاڪستان ۽ سنڌ جي باهمي توازن جي روشنيءَ ۾ جواب پئي ڏنا. پيپلز پارٽيءَ جي باري ۾ سندس رويو بنهه سخت هو. سندس چوڻ هو ته: ”اسان کان وڌيڪ ڪير جمهوريت پسند آهي ۽ ڪنهن اسان کان وڌيڪ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي؟ اسان اُن وقت سنڌ جي عوام ۽ اُن جي ذريعي سڀني قومن جي عوام لاءِ جمهوري حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي، جڏهن اڄوڪي ليڊرشپ، ٻرن ۾ لڪي پئي هئي. اصلي مسئلو هي آهي ته انهن پارٽين وٽ قومي حقن لاءِ ڪابه گنجائش ناهي. جنهن پارٽي، جنهن تحريڪ، جنهن تنظيم جي پروگرام ۾ مظلوم قومن جي حقن لاءِ گنجائش نه هجي، اُنهن پارٽين، تحريڪن ۽ تنظيمن لاءِ حيدر جي دل ۽ دماغ ۾ ڪابه گنجائش ناهي. باقي جيستائين پيپلزپارٽيءَ جو سوال آهي ته ان جو ليڊر به کُهڙي ۽ قاضيءَ جي صف ۾ شامل آهي.

    هي ڀٽا، هي کهڙا هي ميمڻ، هي قاضي،
    ٿيا سنڌ وڪڻي وزارت ۾ راضي.

    -۽ پيپلز پارٽي ئي آهي، جيڪا اهڙو ٿانءُ ثابت ٿيندي، جنهن ۾ چور ۽ ڀاڳئي، ڦريل ۽ ڦورو، ظالم ۽ مظلوم کي گڏ کارايو ويندو ۽ اُن جي ذريعي سنڌ کي رضاڪارانه طور، چؤکنڀو ٻڌي، پنجاب جي جهوليءَ ۾ اُڇلايو ويندو. پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن وٽ سنڌ جو ڪوبه تصور ناهي ۽ جنهن وٽ سنڌ ناهي، اُن سان منهنجو واسطو نه آهي.“
    اڄڪلهه حليم باغيءَ جو هڪ شعر پيو ڳايو وڃي:
    جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ،
    پوءِ منهنجي تو کان دوري آ.

    ڪامريڊ جي جيون ۽ نظريي جي صحيح عڪاسي، انهيءَ شعر کان وڌيڪ مختصر لفظن ۾ ٻي ڪا ٿي نه ٿي سگهي.
    ***
    آءٌ ’زاهد پريس‘ تي نوڪري ڪندو هوس. مون پريس جي مالڪ مولانا محمد زاهد کي چيو ته: ”آءٌ ڪامريڊ جتوئيءَ جي جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ چاهيان ٿو، مون کي موڪل ڏني وڃي.“ اُتي هڪ ڪاتب ويٺو هو، جنهن چيو: ”دهرئي جي جنازي ۾ وڃي ڇا ڪندين؟“ مولانا زاهد ڪاوڙجي، ڪاتب کي چيو: ”بڪواس نه ڪر، جتوئيءَ سڄي حياتي پنهنجي قوم ۽ مظلوم ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي. اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مسلمان ٿي سگهي ٿو! حيدر بخش کان وڌيڪ پنهنجي قوم سان وفادار ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو منهنجي نظر مان ڪونه گذريو آهي. تون [آريسر] وڃي حيدربخش جي پوين رسمن ۾ شريڪ ٿي“... آءٌ جتوئيءَ جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيس. گاڏي کاتي چوڪ [هاڻي حيدر چوڪ] مان سندس جنازو اُن جاءِ مان روانو ٿيو، جيڪا جاءِ اڌ صديءَ تائين سڄي سنڌ ۾ گونجندڙ ’هاري حقدار‘ جي نعري جو مرڪز رهي هئي، ۽ اُن جاءِ جو آڳر اُن وقت قومي جدوجهد جي بهادرانه ڪاررواين جو مورچو بنجي چڪو هو.•
    مون کي خبر نه هئي ته سندس آخري آرام گاهه ٿيڻ جي
    خوش نصيبي ڪهڙي سرزمين کي حاصل ٿيندي. مون غالباً محمد عمر شوري کان پڇيو ته: ”ڪامريڊ کي ڪٿي دفن ڪندا؟“ عمر مون کي ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ آءٌ ماٺ ميٺ ۾ جنازي سان هلندو رهيس.
    سائين جي. ايم. سيد، خير بخش مري، اڪبر بگٽي ۽ ٻيا انيڪ ماڻهو جنازي جي جلوس ۾ شريڪ هئا، جلوس سِڌو وڃي غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي صدر دورازي ۾ داخل ٿيو. اُتي خبر پئي ته ڪامريڊ وصيعت ڪئي هئي ته: ’مون کي غلام شاهه جي مقبري جي احاطي ۾ دفن ڪجو.‘ جلوس اندر هليو ويو ۽ آءٌ مقبري جي مکيه دروازي جي سامهون بيهي رهيس. منهنجي سامهون ڪڏهن غلام شاهه جي تصوير اُڀري ٿي ته ڪڏهن حيدر بش جتوئيءَ جو روشن چهرو اُڀري آيو ٿي. غلام شاهه آزاد، آباد، پاڻ ڀري ۽ خوشحال سنڌ جو آخري حڪمران، ڀٽائيءَ جي عام [روايت مطابق] گُلان جو گُل؛ ۽ حيدر بخش جتوئي سنڌ جي آجپي، آزادي ۽ پاڻ ڀلائيءَ لاءِ سڄي عمر وڙهندڙ.
    مون پهريون ڀيرو حيدر بخش جتوئيءَ کي جنرل هوش محمد شهيد جي قبر تي سِيسُ نمائيندي ڏٺو هو، ۽ اڄ غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڀرسان دفن ٿيندي ڏٺو. هوشو، جنهن نعرو هنيو هو ته: ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون،“ اهو نعرو هڻندي ماترڀوميءَ تان ٻلهار ٿي ويو هو، اُن جي قبر تي سنڌ جو هي سرڪش، باغي، هٺيلو ۽ انقلابي، سِيسُ نمايو بيٺو هو. ٻنهي ۾ رڳو سنڌ مشترڪ هئي.
    غلام شاهه، جنهن سنڌ جي آزادي ۽ آباديءَ لاءِ وڙهندي ڪڏهن به گهوڙي جي پُٺ تان هنو هيٺ نه لاٿو، اڄ اُن جي مقبري ۾، شاهي تخت ۽ تاج کي ٺوڪر سان اڏائيندڙ، هڪ انقلابي فقيرُ دفن ٿي رهيو هو. هڪ بادشاهه، ٻيو فقير، هڪ اڻ پڙهيل، ٻيو مارڪسي فلسفي جو عالم، هڪ جاگيردار نظام جو محافظ، ٻيو جاگيرداريءَ جو دشمن، هڪ پنهنجي چوڌاري امير ڪبيرَ رکندڙ ۽ ٻئي جي چوڌاري هميشه بکيا ڏکيا هاري. ايڏي تضاد هوندي به ٻنهي ۾ هڪ شيءِ گڏيل هئي، جا ٻنهي جو ورثو هئي، اها هئي ’سنڌ، سنڌي ماڻهن جي سنڌ.‘
    حيدر بخش هن سرزمين تي سنڌ جي صدين جي پيڙيل هاريءَ جي دل جي فرياد کي پنهنجي قلم ۽ ذهني پورهئي سان منظم ڪري ’ويچاري‘ هاريءَ کي اُن لائق بنايو ته هو انگريزن جي پوکيل
    وڏيرا شاهيءَ جي بڙ تي زوردار حملا ڪري ۽ شايد سنڌ جي تاريخ ۾ شاهه عنايت شهيد کان پوءِ ’سنڌ هاري ڪميٽي‘ پهرين تنظيم هئي، جنهن جي جهنڊي هيٺ سنڌ جو هاري، پنهنجن حقن لاءِ وڙهڻ سکيو، جيلن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پنهنجي تنظيم جي حڪم هيٺ مرڻ ۽ شهادت ماڻڻ لاءِ اڳتي وڌيو.
    ’هاري حقدار تحريڪ‘ جي سلسلي ۾ جتي به هاري بغاوتون ٿيون، جتي به هارين جي هلچل هلي، جتي به هارين ڪارن قانونن تي سوڀون ماڻيون ۽ جتي به سنڌي هارين جو رت وهيو، اُتي حيدر بخش جتوئي پنهنجي پوريءَ قوت سان موجود رهيو. هارين جي سموري هلچل ۾ هن انتهائي انقلابي قوم پرست ۽ وطن دوست هجڻ جو اظهار ڪيو. مثال طور: (i) سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ گهڻو ڪري سڀ ميمبر سنڌي هئا.
    (ii) هن ڪڏهن به ڪنهن آل پاڪستان پارٽيءَ يا تنظيم ۾ شموليت اختيار نه ڪئي. ويندي ڪميونسٽ پارٽي ۽ مزدور ڪسان پارٽيءَ لاءِ کيس بار بار چيو ويو، پر هو اُنهن ۾ شامل نه ٿيو.
    (iii) جيتريقدر مون کي معلوم آهي ته هو سي. پي [ڪميونسٽ پارٽي] جو ميمبر به نه هو، نه وري سي. پيءَ ۾ ايتري صلاحيت هئي، جو اها هيڏي پهاڙ جيڏي انسان، جنهن جي محنت جو ڦل سموري سنڌ ۾ هارين جي اٿاهه جماعت جي صورت ۾ پکڙيل هو، تنهن کي سنڀالي سگهي.
    (iv) حيدربخش گهڻي ۾ گهڻو جيل، سختيون ۽ مصيبتون سنڌ جي قومي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي لاءِ ڀوڳيون.
    (v) هو هميشه سنڌي زبان کي قومي زبان بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو.
    (vi) اهو حيدربخش جتوئي هو، جنهن سڀ کان پهرين ’جيئي سنڌ‘ جي نعري کي سياسي سطح تي مشهور ڪيو.
    اُنهيءَ سموري قوم پرستي ۽ وطن دوستيءَ جو ئي نتيجو هو، جو هو عظيم انسان دوست هو. هن جي مشهور نظم ’شڪوه‘ ۽ ڊاڪٽر اقبال جي نظم ’شڪوه‘ ۾ اسان کي ٻنهي جي نقطهء نظر جو چٽو فرق نظر ايندو. اقبال جو ’شڪوه‘ رڳو مسلمان جي شڪايت ۽ فرياد تي ٻڌل آهي، جيڪا هُو خدا سان ڪري ٿو، پر ڪامريڊ جتوئيءَ جو شعر، سموري انسان ذات جي خدا سان بغاوت آميز شڪايت آهي.
    ڪامريڊ ۽ سندس ساٿين جيڪي ڪجهه سنڌي عوام لاءِ پاڻ ارپيو، سو سنڌ جي تاريخ ۾ نه رڳو ياد رهندو، پر ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائيءَ جو ڪردار ادا ڪندو رهندو. آءٌ ڪامريڊ جو ذڪر هن روسي ’الوداعي گيت‘ تي ختم ٿو ڪريان:
    اوهان تباهه ڪُن جنگ ۾ قتل ڪيا ويا،
    ماڻهن جي آزادي ۽ باوقار جياپي خاطر،
    اوهان پنهنجون حياتيون گهوريون ۽ قربان ڪيون،
    اهو سڀ ڪجهه جيڪو اوهان کي پيارو هو.
    اوهان رت ۽ ست چوسيندڙ جيل ڀوڳيا،
    اوهان کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڏيهه نيڪالي ڏني ويئي.
    ۽ اوهان بنا پڇتاءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجڻ قبول ڪيو،
    اُن ڪري جو اوهان اکيون بند ڪري نه سگهيا
    پنهنجي ساٿين جي پيڙا کان.
    اُن ڪري به ته
    توهان کي يقين هو ته
    انصاف جي طاقت، تلوار جي طاقت کان وڌيڪ آهي.
    اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن،
    توهان جي گهوريل حياتيءَ جو حساب ٿيندو.
    اهو وقت پري ناهي جڏهن ظلم فنا ٿيندو،
    ۽ ماڻهو عظمت ۽ آزاديءَ لاءِ اُٿندا.
    موڪلاڻي اي دوستو!
    واٽ توهان جي روشن آهي.
    اهو اسان جو وعدو آهي،
    اسان آخر تائين وڙهنداسين،
    آزاديءَ لاءِ خوشحاليءَ لاءِ!


    ماڻهو ميگهه ملهار [پير حسام الدين راشدي]

    ماڻهو ميگهه ملهار
    [پير حسام الدين راشدي]

    گهڻو ڪري سال 1973ع هو. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪراچي برانچ پارانٿياسافيڪل هال ڪراچيءَ ۾، سائين جي. ايم. سيد جي سالگرهه جو جشن ملهايو پئي ويو. انهيءَ جلسي جي صدارت محترم پير حسام الدين راشدي ڪري رهيو هو.
    منهنجي تقرير هلندي، مون ڏٺو ته پير صاحب انتهائي ڌيان ۽ توجهه سان منهنجي نقطن جي ادائگيءَ، جملن جي جوڙ جڪ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي ڏسي ۽ ٻڌي رهيو آهي. سندس انهيءَ دلچسپيءَ مون تي هڪ قسم جو علمي رعب طاري ڪري ڇڏيو ۽ مون تقرير جي پڇاڙيءَ ڏانهن موڙ کائيندي چيو: ”آءٌ محسوس ٿو ڪريان ته هن اسٽيج تي علم جو پهاڙ ۽ تاريخ جو گهمندڙ ڦرندڙ ڪتب خانو موجود آهي، اُن جي موجودگيءَ ۾ منهنجي زبان ڳالهائڻ جي طاقت وڃائيندي ٿي وڃي. منهنجو ذهن پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار پيو ڪري.“ اُن چوڻ تي مون ڏٺو ته پير صاحب جي چهري تي ناگواريءَ جي ريکائن جا پاڇا پوڻ لڳا آهن. آءٌ سمجهي ويس ته پير صاحب کي سندس واکاڻ وارا جملا نه وڻيا آهن، پوءِ به مون کي تقرير ختم ڪرڻي ئي هئي، سو آخر ۾ مون چيو: ”ذوالفقار علي ڀٽو جنهن قومي تصور تي عمل ڪري رهيو آهي، اُن جو بنياد اقبال جي شاعري آهي، جنهن جي پڙهڻ سان مون کي حقي جي ڌپ ايندي آهي. ۽ جي. ايم. سيد پنهنجي قومي تصور جو بنياد دولهه دريا خان جي شهادت جي رت ڦڙن مان کنيو آهي، جنهن جي خوشبوءِ مهندان مينديءَ جي هٻڪار ڪائي حيثيت نه ٿي رکي.
    جي. ايم. سيد تي بم اڇلائڻ وارن کي ياد رکڻ گهرجي ته، اُن جا ٽڪرا ڪٿي پاڪستان جي نقشي تي نه ڪِرن.“
    منهنجي تقرير جي انهيءَ پيرا تي سمورو هال تاڙين سان گونجي اُٿيو. مون ڏٺو پير صاحب والهانه بيخوديءَ مان ڪرسيءَ تان ذري گهٽ اُڀو ٿي، تاڙيون وڄائي رهيو آهي. انهيءَ پيرا ۾ دولهه دريا خان جي شهادت جو ذڪر هو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ دولهه دريا خان کان وڌيڪ ٻي ڪابه شخصيت پير صاحب لاءِ اُتساهه ڏياريندڙ نه هئي. سنڌ جي انهيءَ عظيم محب وطن شهيد جو جڏهن به پير صاحب جي مجلس ۾ ذڪر ڇِڙندو هو، ته مٿس وجد جي ڪيفيت ڇائنجي ويندي هئي ۽ چوندو هو ته: ”آءٌ جڏهن به دريا خان جي قبر تي ويندو آهيان يا سندس باري ۾ سوچيندو آهيان ته فارسيءَ جو هي شعر ازخود منهنجي ذهن ۾ اڀري ايندو آهي.
    بگريزد از صفِ ماهر که غوغا نيست،
    کسي که کشته نه شُد از قبيله ما نيست.

    [ڀاڙيو اسان جي صفن مان ڀڄي وڃي ۽ جيڪو سر اڏيءَ تي رکڻ لاءِ تيار نه آهي، سو اسان جي ڪٽنب مان نه آهي.]
    اهو پهريون ڀيرو هو، جو شعوري حالت ۾ مون سنڌ جي هن لاکيڻي فرزند کي تقرير ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو، تقرير ڇا هئي: فطرت جي مختلف مظهرن جي ميلاپ جو جلوو هئي. ڪٿي لفظ ٻُڌندڙن جي ذهنن ۾ ائين پسار ڪري رهيا هئا، جيئن ٺٽي جي ڪا ڪنواري، ڪينجهر ڪناري پِيا جي اوسيئڙي ۾ پسارَ ڪندي هجي. ڪٿي، پهاڙن جون پاڙون لوڏيندڙ زلزلي جي گونج ۽ گرج هئي. ڪٿي، دشمن تي ڪٽاريءَ جو وار هو، ڪٿي، سنڌوءَ جي ساوڻ ۾ موج هئي، ڪٿي، ڪينجهر تي نوريءَ جي هندوري وانگر لوڏا کائيندڙ ٻيڙيءَ جي دلڪشي هئي، ته ڪٿي، ائين پئي لڳو ڄڻ اٿينس جي چوڪ تي سقراط سچ جو جهنڊو کنيو بيٺو آهي ۽ بت پرست يونانين کي سچ مطلق بابت ڪو سبق پڙهائي رهيو آهي. آءٌ تقرير جي سحر ۾ غرق هجڻ جي باوجود اُن جو هر لفظ، هر نقطو ۽ هر جملو ذهن جي ڦرهيءَ تي اُڪاريندو ٿي ويس. پوءِ مون اها تقرير يادگيريءَ جي مدد سان پوري لکي ڇپائي ڇڏي. آءٌ سمجهان ٿو اُهو پهريون ڀيرو هو، جو سندس اڻ لکيل تقرير جو پورو متن ڪٿي شايع ٿيو هجي. پاڻ ڇپيل تقرير پڙهي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ جڏهن سندس ٻي تقرير، جيڪا بنا لکڻ جي ڪئي هئائين، اُن جي ڇپجڻ جو ’مهراڻ‘ رسالي وارن ذڪر ڪڍيو، تڏهن هڪدم چيائين ته نياز سان ملي اها تقرير حاصل ڪريو، ڇو ته کيس خبر هئي ته مون اها تقرير لکي ڇڏي آهي ۽ آءٌ نياز همايونيءَ کان سواءِ ڪنهن کي ڪونه ڏيندس. اڳتي هلي اها تقرير ’مهراڻ‘ رسالي ۾ ڇپي [۽ پڻ ’پيغام‘ ۾]، ۽ اڄڪلهه گهڻو ڪري سڀني سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ’ڪتاب‘ جي موضوع تي ڪيل پير صاحب جي اها تقرير ڇپجي ٿي پئي. اها حقيقت ۾ منهنجي لکيل ۽ نياز همايونيءَ جي ايڊٽ ڪيل آهي. ’مهراڻ‘ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر اهو غلط لکيو آهي ته اها تقرير ٽيپ ڪئي ويئي هئي ۽ ڪيسٽ تان اُتاريل آهي. پر پهرين تقرير، جيڪا مون لکي ۽ ڇپرائي هئي، سا هڪ ڀيرو جي. ايم. سيد جي باري ۾ آزاد قاضيءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ’لامون تنهن وڻ سنديون‘ ۾ ڇپي هئي. آءٌ چاهيان ٿو ته پير صاحب تي پنهنجا تاثر لکندي اها تقرير به هتي ڏيئي ڇڏيان، ڇو ته اُها تقرير ئي هئي، جنهن جي ڇپائيءَ کان پوءِ پير صاحب منهنجي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪئي، جنهن جو اظهار پاڻ هر موقعي تي ڪندو رهندو هو.
    ”آءٌ هن مجلس ۾ شريڪ ٿي نهايت خوش ٿيو آهيان. هيءَ مجلس اوهان پنهنجي حقيقي ليڊر ۽ صحيح رهنما جي ڄمڻ جي ڏينهن جي سلسلي ۾ ملهائي رهيا آهيو. جي. ايم. سيد هاڻي هڪ شخص نه رهيو آهي، پر هو هڪ تحريڪ بنجي چڪو آهي. کيس سنڌ جي وجود کان الڳ ڪري نه ٿو سگهجي ۽ نه وري سنڌ کي سيد کان جدا سمجهي سگهجي ٿو. جي. ايم. سيد پنهنجون وفاداريون، قربانيون ۽ ڪوششون سنڌ سان وابسته ڪري هميشه لاءِ پاڻ کي امر بنائي ڇڏيو آهي. اهي قومون خوش قسمت آهن، جن کي جي. ايم. سيد جهڙا ليڊر ملن ٿا. منهنجي خيال ۾ هن وقت هن ننڍي کنڊ ۾ ٻه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي اصولن، ڪردارن ۽ اخلاق جي ڪري مثالي حيثيت رکن ٿا، اهي آهن. جي. ايم. سيد ۽ عبدالغفار خان، پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ هر سچي ۽ مخلص ماڻهوءَ کي الزامن ۽ فتوائن جو نشانو بنايو ويو آهي. انهن الزامن ۽ فتوا بازين جو نتيجو آهي، جو بچيل ملڪ به جان ڪنيءَ جي عالم ۾ آهي. ملڪ جو آئيندو ڇا ٿيندو، تنهن جي خبر سياستدانن کي، باقي حالت نهايت ئي ڏکوئيندڙ آهي. سنڌي زبان کي ڪابه ٻولي ختم ڪري نه ٿي سگهي، ڇو ته هن زبان جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کتل آهن. سنڌي زبان کي عربي به ختم ڪري نه سگهي، توڙي جو قرآن جي زبان هئي. سنڌي اڄ به موجود آهي ۽ عربي صرف نيوٽائون جي مدرسي ۾ وڃي رهي آهي. سنڌ تي فارسيءَ، اٺ سؤ ورهيه راڄ ڪيو، پر اها سنڌيءَ جي جاءِ نه والاري سگهي. ۽ پاڪستان جنهن ۾ آئين هميشه ٽٽندا رهندا آهن. اُتي سنڌي زبان جي بل تي مڙهيل آرڊيننس ڪيترو جٽاءَ ڪندو! سنڌيءَ ۾ لطيف، سچل ۽ روحل فقير جو فڪر آهي. اُنهيءَ فڪر جا مڃيندڙ ڪافر نه ٿا ٿي سگهن. جيڪڏهن اهي ولي الله به مسلمان نه هئا، ته پوءِ اهڙي ڪفر تي اسان فخر محسوس ڪنداسين. خدا حافظ.!“
    ***
    پير صاحب کي سنڌ جي نوجوانن ۾ وڏيون اميدون هيون ۽ سندس خواهش هوندي هئي ته سنڌ جا جوان نه رڳو سياسي ميدان ۾ اڳتي وڌي، بااصول ۽ بهادريءَ واري سياست ذريعي سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪن، پر ادب ۽ تاريخ جي ميدان ۾ به اعتماد ۽ کليل ذهن سان سنڌ جي سموري سرمائي کي نون فڪري رجحانن ۽ تحقيقي مواد سان وڌيڪ سگهارو، سرمائي وارو ۽ مالا مال ڪن. انهيءَ سلسلي ۾ هن کي جنهن به نوجوان ۾ ڪا علمي چڻنگ ۽ تاريخي ذوق جي پروڙ پوندي هئي ته دل کولي اُن کي همٿائيندو هو ۽ اُن کي داد ڏيڻ ۾ پنهنجي علمي مرتبي جي ڪري ڪابه حد مقرر نه ڪندو هو. منهنجي پنهنجي باري ۾ سندس راءِ هميشه واکاڻ ۽ حوصله افزائي واري رهي. انهيءَ سلسلي ۾ به ٽي واقعا پيش ڪجن ٿا:
    *سيٺارجن ۾ ’ڀٽائي- ڏينهن‘ جي سلسلي ۾ ڪيل منهنجي تقرير ’پيغام‘ رسالي ۾ ڇپي، اهو رسالو پير صاحب وٺي پڙهيو، [ياد رهي پير صاحب ’پيغام‘ جو مستقل پڙهندڙ هو ۽ سدائين پئسن سان وٺي پڙهندو هو] ۽ منهنجي تقرير جي باري ۾ نياز همايونيءَ کي هڪ شاندار خط لکيائين، جنهن ۾ اُن تقرير جي واکاڻ ڪندي هي تاثر ڏنائين: ”اُن سان منهنجو ايمان نه صرف تازو ٿيو، پر پاڻ وڌيو، خدا جو شڪر آهي جو پاڻ وٽ اهڙا لعل لڀن ٿا.“
    * منهنجو ڪتاب ’سر ۾ سانجهيءَ وير‘ ڇپيو، جنهن ۾ پير صاحب تي تنقيد ٿيل هئي. اُنهيءَ تنقيد جو حوالو ڏيئي، قريشي حامد علي خانائي ۽ ڪن ٻين، پير صاحب کي خط لکيا ته هڪڙي ڪِينَ جهڙي ماڻهوءَ اوهان تي تنقيد ڪئي آهي. پير صاحب تي نه معلوم انهن خطن جو ڪهڙو اثر پيو، پر اُنهن خطن کان پوءِ موري جا دوست راشد مورائي ۽ مولا بخش ٻرڙو، پير صاحب سان ملڻ ويا. ڪچهري هلندي خانائي ۽ ٻين جي خطن جو ذڪر نڪتو. انهيءَ سلسلي ۾ پير صاحب چيو: ”عبدالواحد آريسر کي حق آهي مون تي تنقيد ڪرڻ جو. مون کي خوشي آهي ته تاريخ جي سلسلي ۾ نوجوانن اندر تنقيدي شعور پيدا ٿيو آهي. عبدالواحد آريسر اهڙو ليکڪ آهي، جيڪو ڪؤڙا کائي جيل جي ڪوٺيءَ ۾ ويهي، سنڌ جي تاريخ تي لکي ٿو. اسان سُست ماڻهو آهيون، جيڪي لکڻ کان سواءِ ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون. عبدالواحد جي قلم ۾ جيڪا طاقت ۽ سچائي آهي، سا ورلي ڪنهن نوجوان ۾ هوندي. منهنجو وس پڄي ته جيڪر کيس زندگيءَ جون سموريون سهولتون ڏيئي، ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ ويهاري، کانئس رڳو لکڻ جو ڪم وٺان. اوهان مهرباني ڪري عبدالواحد جو جيڪو به نئون ڪتاب ڇپجي، سو مون کي پهچائيندا ڪريو.“
    *1976ع ۾ آءٌ جيل ۾ هوس ته منهنجو ڪتاب ’صدين جون صدائون‘ ڇپيو. پير صاحب اُن وقت اسپتال ۾ داخل هو، اتي کيس اهو ڪتاب مليو. هڪ ڏينهن آءٌ ’سنڌ اسپيٽل ٽربيونل‘ ۾ حاضريءَ تي ويس، جتي پير صاحب جو هڪ عزيز اچي مون سان مليو. چيائين: ”پير صاحب بيماريءَ جي بستري تان سلام موڪليا آهن ۽ چيو اٿس ته هن دور جي سنڌ کي اهڙي قلم ۽ ايمان جي ضرورت آهي. خدا توکي هر امتحان ۾ ڪامياب ڪري. هٿ مان قلم متان ڇڏين. جيل جو وقت سجايو ڪر ۽ مسلسل لکندو رهه.“
    *مون کي سائين محمد ابراهيم جويي ٻڌايو ته: ”تنهنجي هر لکڻيءَ جي جيڪا تعريف پير صاحب ڪندو هو، سا حيرت جهڙي ڳالهه آهي. تنهنجي قلم پير صاحب کي بيحد متاثر ڪيو هو. واقعي تنهنجي قلم ۾ طاقت آهي“. اهڙن ئي خيالن جو اظهار، حسين شاهه راشديءَ پڻ ڪيو. اها سڀ تعريف پير صاحب پرپٺ ڪندو هو. روبرو ڪڏهن به اهڙي تعريف نه ڪيائين. اٽلو نصيحتون ڪندو هو، ته: ”لڳاتار لکڻ ۽ پڙهڻ جي عمل کي جاري رکندو اچ. ڪڏهن به احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا متان ٿين ته مون وٽ ڪا ڊگري ناهي، جڏهن به توکي ڊگري نه هجڻ جو احساس ستائي ته ابوالڪلام ۽ مون ڏي ڏسجان.“
    هڪ ڀيري کانئس انٽرويو وٺندي پڇيو ويو ته: ”جيڪڏهن توهان ڪڏهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ پڙهو ها ته؟“جواب ڏنائين ته: ”سِگا جو ميمبر هجان ها.“ اهو جواب سگا تي طنز ۽ ٽوڪ سان ڀريل آهي، اُن ڪري جو پير صاحب جا خيال سِگا جي باري ۾ ڪڏهن به چڱائي يا تعريف وارا نه رهيا. سگا جيئن ته گهڻو ڪري سنڌي ڪامورن جي جماعت هئي ۽ پير صاحب جو خيال هو ته سنڌي سماج کي پٺتي پيل رکڻ ۽ سنڌ کي تباهه ڪرڻ وارا عنصرَ، وڏيري، پير ۽ سنڌي ڪاموري تي مشتمل آهن. جنهن سنڌي ڪاموري، سنڌي عوام کي ڏيڍ سؤ سال تائين ڌارين جو دلال ٿي چِٿيو، چيڀاٽيو ۽ ماريو ڦُريو آهي، سو اڄ وقتي ڦيٿي ڦرڻ سان گڏ سانڊي وانگر رنگ مٽائي، قوم جي خادم جي روپ ۾ ڦُرڻ لُٽڻ ۾ مصروف آهي. سنڌي ڪاموري جنهن ماحول ۾، جنهن
    پس منظر ۾ تربيت ورتي آهي، سو ماحول ۽ پس منظر ئي قوم دشمني ۽ عوام بيزاريءَ وارو هو. اُن ۾ ڪنهن اهڙي تبديليءَ جي گنجائش ئي نه آهي، جيڪا تبديلي قومي مفاد وٽان هجي.
    *1978ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ’لطيف ڏينهن‘ هو. اُن جلسي جي صدارت مون ڪئي ۽ پير صاحب خاص مهمان هو. اُنهيءَ موقعي تي ڊاڪٽر سليمان شيخ ٻڌايو ته، 31 ڊسمبر جو سِگا طرفان اديبن جو قافلو ڀٽائيءَ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهيندو، ۽ ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ ڀٽائيءَ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته: ”ڀٽائي اڄ جي دور ۾ سنڌي قوم جي هٿ ۾ ائٽم بم آهي، سنڌي قوم جي نجات جو واحد ذريعو ۽ وسيلو ڀٽائي آهي.“
    پير صاحب کي اصولي طور مون کان اڳ ۾ تقرير ڪرڻي هئي، ڇو ته آءٌ مجلس جو صدر هوس. پر پير صاحب مون کي چيو ته: ”تون اڳ ۾ تقرير ڪر ۽ مختصر، ڇو ته مون کي اڄ تمام تفصيل سان گهڻن مسئلن تي ڳالهائڻ جي ضرورت آهي.“ مون کي ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي سگهيو ٿي؟ اها پاڻ منهنجي خوشقسمتي هئي، جو، آءٌ ڪافي وقت کان پوءِ سندس علم مان فيض پرايان. انهيءَ وچ ۾ ڪنهن شاگرد تقرير ڪندي مون کي ’چوٿين دنيا جو مفڪر‘ چيو ته، پير صاحب هڪدم مون کي چيو ته: ”پ.پ.پ وارن ڀُٽي کي ٽين دنيا جو مفڪر سڏي ڦاسيءَ جي ڪوٺڙيءَ تائين پهچايو ۽ جيئي سنڌ وارا توکي چوٿين دنيا جو مفڪر سڏي توب سان اڏارائڻ ٿا چاهين. مهرباني ڪري ڇوڪرن کي اهڙي نعري بازيءَ کان منع ڪري ڇڏ.“ سندس چوڻ موجب مون پنهنجي تقرير ۾ جيڪا پير صاحب جي چوڻ مطابق رڳو پنجن منٽن تي مشتمل ڪئي، چوٿين دنيا جي مفڪر واري لقب تي پنهنجي شرمندگي ۽ بيزاريءَ جو اظهار ڪندي، ڀٽائيءَ تي ڳالهائيندي چيو: ”لطيف هڪ هنڌ چيو آهي مارئيءَ جي باري ۾:
    پکي ۾ پَدمڻي، ڏئي وراڪا وڄ،
    جهڙي صورت سج، تهڙي مورت مارئي.

    وري ٻيءَ جاءِ تي مارئيءَ جي واتان چوائي ٿو:
    سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
    وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناهي حسن ريءَ.

    ”ڪهڙو سبب آهي، جو پهرين ته مارئيءَ جو هلڻ، وِڄ جي وراڪن جهڙو آهي ۽ مورت سج جي صورت جهڙي اٿس، ۽ وري مقام ۽ مڪان جي تبديليءَ سان سندس اُها سونهن وڃائجي ٿي وڃي ۽ مُنهن ميرو ٿي پويس ٿو. اِهو اُن ڪري، جو پکي ۾ مارئي آزاد آهي، ۽ آزاديءَ کان وڌيڪ ڪائي سونهن ناهي. ۽ ڪوٽ ۾ اُهائي ساڳي صورت غلام آهي ۽ غلاميءَ کان وڌيڪ ڪائي ڪوجهائي ناهي. جهڙيءَ ريت غلامي قومن جي ڪردار ۽ تخليقي صلاحيت لاءِ ڪوڙهه جو داغ آهي، اهڙيءَ ريت غلامي فرد جي جسماني ۽ روحاني زندگيءَ لاءِ ڪوڙهه جو داغ آهي.“ منهنجي انهيءَ نقطهء آفرينيءَ تي پير صاحب دل کولي داد ڏنو. پوءِ مائيڪ تي اچي پنهنجي پروقار ۽ عالمانه انداز ۽ آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيائين:
    ”دوستو! هيءَ بدقسمتيءَ جي ڳالهه آهي، جو لطيف جو شارح ۽ وارث سنڌي ڪامورو بنجي ويو آهي؛ جيڪو اڄ سنڌي ماڻهن کي هر قسم جي هلچل ۽ جدوجهد کان روڪي چوي ٿو پيو ته سِگا جا ميمبر بنجي، لطيف تي پڙ چاڙهيو، ڇو ته لطيف ائٽم بم آهي، اُن جي مزار تي طواف ڪرڻ سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. اِها سنڌي ڪاموري جي نئين چالاڪي آهي، جيڪو ڀٽائيءَ کي روحاني پير جي درجي جي برابر سياسي پير واري حيثيت ڏئي، اُن جو مجاور بنجڻ ٿو چاهي. واقعي لطيف ۾ اُهي سڀ خوبيون ۽ خاصيتون آهن، جيڪي هڪ عظيم انسان ۽ لافاني فنڪار ۾ هئڻ گهرجن، پر هو آئن اسٽائن ناهي ۽ نه ئي هو، هوچي، يا چي گويرا آهي. پنهنجي قوم جي نجات لاءِ اوهان کي جديد ضرورتن مطابق انتظام ڪرڻا پوندا ۽ نئين زماني مطابق کوجنا ۽ تحقيق ڪري نوان گسَ ۽ گهيڙَ ڳولڻا پوندا. اهڙي ڪم جو بار سنڌ جي نوجوانن کي کڻڻ گهرجي. سنڌي ڪامورو سِگا جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، پر قومن جي قسمت بدلائڻ وارو عظيم ڪم هو پنهنجي نالائقي ۽ مفاد پرستيءَ جي ڪري ڪڏهن به ڪري نه ٿو سگهي.“
    اُن طريقي سان هو ڏيڍ ڪلاڪ تائين سنڌي ڪاموري جي لاک لاهيندو رهيو ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جي زوال پذير حالت تي عالمانه انداز ۾ ڳالهائيندو رهيو.
    پير صاحب ۾ وڏي خوبي ۽ خاصيت هئي بي ڊپائي ۽ بهادريءَ واري. هو ٽِيسنگ جي پُٽ کي به سچ ۽ حق جو ڪلمو چوندي، ڪين گُسندو هو ۽ اُنهيءَ معاملي ۾ هو ياري دوستيءَ يا حڪومت جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان قطعي هِراسان نه ٿيندو هو. حقيقت هيءَ آهي ته اسٽيج تي اچڻ کان پوءِ هو، برسرِ اقتدار گروهه کي جيڪي سَت سُريون ٻڌائيندو هو، تن کي ٻُڌي هال ۾ ويٺل ماڻهو هِراسجي ويندا هئا، پر پير صاحب کي ڪابه پرواهه نه هوندي هئي. سندس تقرير دوران جيڪڏهن غلام مصطفيٰ شاهه، غلام علي الانا، غلام مصطفيٰ قاسمي ويٺل هوندا هئا ته کين به مخاطب ٿي ضرور مٿن تنقيد ڪندو هو.
    آءٌ جيل ۾ هوس ته هڪ دوست ملاقات تي ٻڌايو ته ڪالهه پير صاحب ته حد ڪري ڇڏي. منهنجي پڇڻ تي هُن روئداد هن ريت ٻڌائي.
    ڪالهه هڪ فنڪشن ۾ کيس اجرڪ پيش ڪئي ويئي ته، ڪاوڙجي اجرڪ وٺڻ کان انڪار ڪندي چوڻ لڳو ته: ”اجرڪ اسان جي صدين جي هنرمندي ۽ ذوقِ حُسن جو شاهڪار آهي. اُن کي اسان ٻن متضاد موقعن تي استعمال ڪندا آهيون. شاديءَ وقت گهوٽ کي اوڍائيندا آهيون ۽ وري ميت تي اوڇاڙي طور ڍاريندا آهيون. پر هن دور ۾ جڏهن اها ڀُٽن ۽ کُهڙن جهڙن حرامين ۽ غاصبن کي سوکڙي ۽ عزت افزائيءَ طور ڏيڻ جو رواج وڌو ويو آهي، ته مون وٽ ان جي اهميت ختم ٿي ويئي آهي. هاڻي قاسميءَ جهڙن مجاورن کي ڏيئي ڇڏيو، ڇو ته ميتن جي ڪپڙن جا اُهي حقدار آهن.“
    دوست ٻڌايو ته جن ٻن حاڪمن جا نالا وٺي پير صاحب کين لقب ڏنا، تن جو نالو وٺڻ کان اڳ ۾ سنڌ جا وڏيرا ۽ دستاربند اديب مُشڪ ۽ گلاب سان وات ڌوئيندا آهن. هاڻي سنڌ جي علمي حلقن ۾ چؤٻول آهي ته: ’پير صاحب اسان کي ٻُوهي ۾ وجهي ڇڏيندو.‘ مون دوست کي چيو: ”سنڌ جو علمي ۽ ادبي حلقو بهادري ۽ بي خوفيءَ کان سَنڍ ٿي چڪو آهي، جيڪو خوامخواهه ڊڄندو وتندو آهي. بزدل دانشور ۽ اديب هميشه قومن لاءِ ڪارنهن جو داغ ثابت ٿيندا آهن. باقي پير صاحب ته هر دور ۾ درباري اديب ۽ دانشورَ جي خلاف رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هن امير خسرو جي هيڏي فني عظمت جي باوجود، ان کي تيرهن بادشاهن جو درٻاري ثابت ڪري، کيس عوام دشمن ماڻهن جي ٽوليءَ ۾ شمار ڪري مذمت ڪئي ۽ پوري اردو پريس جي تنقيد ۽ گلا جي ڪابه پرواهه نه ڪيائين. حقيقت ۾ پير صاحب جهڙا دانشور ئي قومن جي فڪري ۽ اخلاقي زندگيءَ لاءِ نُور جا منارا هوندا آهن.
    تاريخ صرف بادشاهن ۽ جنگين جي سرگذشت ناهي، پر اها ڪائنات ۾ انساني قافلي جي سفر جو داستان آهي. اها آکاڻي آهي، محنت ڪش انسانن جي امنگن جي، موسيقارن جي ڌنن جي، فلسفين جي فڪري ڪاوشن جي، شاعرن جي خيالن جي بلند پروازن جي، رازن، مصورن، سنگتراشن، لوهرن، واڍن، ڪنڀرن، ڀرت ڀريندڙ هٿن جي تخليقي صلاحيتن جي ۽ انجينئرن جي هنرمنديءَ جي. جڏهن ڪوبه فاتح ۽ لٽيرو ڪنهن ملڪ تي تباهي ۽ برباديءَ جو طوفان بنجي اچي ڪڙڪندو آهي ته، اُن وقت رڳو سياستدان يا بادشاهي گهراڻو تباهه نه ٿيندو آهي، پر سمورن هنرمندن ۽ فنڪارن جون سموريون صلاحيتون ۽ تخليقون به تباهه ٿي وينديون آهن ۽ هنر ۽ فن جي نيسارن جي سامهون بند ٻڌجي ويندا آهن. اُن وقت ڪنهن مؤرخ کان اِها اميد رکڻ ته اهو مردي يا پٿر جي ڇپ وانگر غير جانبدار ٿي ويهندو، سا ڳالهه، رڳو غاصب ۽ ڦورو قوتن جي مفاد جي حفاظت يا ظلم کان چشم پوشيءَ جي برابر ٿيندي.
    انهيءَ جلال ۽ تاريخ جهڙي انتهائي گنڀير علم سان لاڳاپي جي باوجود، هو انتهائي زنده دل، ڀوڳائي ۽ فن لطيف سان بي انتها پيار ڪندڙ هو.
    هڪ ڀيري پير صاحب بيمار هو ته حيدرآباد جي دوستن ڏانهن نياپو موڪليائين: ”فقير عبدالغفور جو راڳ ٻڌڻ چاهيان ٿو. اهڙو ڪو اهتمام ڪريو، جنهن ۾ عبدالغفور کان سواءِ ڪوبه فنڪار نه هجي، جيئن آءٌ عبدالغفور جي آواز ۾ سچل ۽ ڀٽائيءَ جو راڳ ٻڌي ذهن جي سموري اڃ اُجهائڻ ٿو چاهيان.“
    پاڻ هڪ ڀيرو هڪ واقعو ٻڌايائين ته: ”مون، ايران ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ملڻ واري موقعي تي تقرير ڪئي، جنهن ۾ مون کي چوڻو هو ته اڄ جو انسان فضائن ۾ گهمي ٿو. انهيءَ مفهوم لاءِ مون فارسيءَ جو هي جملو استعمال ڪيو ’امروز انسان به خلا ميرود‘ منهنجي ايتري چوڻ تي محفل ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. آءٌ حيران ته، هي هيڏا وڏا دانشور کِلن ڇو ٿا؟ آخر مون کي خبر پيئي ته جديد فارسيءَ ۾ ’خلا‘ ڪاڪوس خاني کي چوندا آهن. پوءِ ته آءٌ پاڻ پنهنجي فارسيءَ تي ڏاڍو کليس.“
    منهنجي دوست عطا محمد ڀنڀري روايت ڪئي آهي ته: ”مون کي ڪسرت قوت باهه جي شڪايت هئي. آءٌ پير صاحب وٽ ويس ته ڪنهن سٺي ڊاڪٽر ڏانهن خط لکي ڏيو، جيئن آءٌ پنهنجي جسم ۾ ٻرندڙ مچ جو علاج ڪرائي سگهان. پير صاحب پنهنجي هڪ ڊاڪٽر ڏانهن هن ريت خط لکيو:
    ”محترم ڊاڪٽر صاحب، هي منهنجو دوست اوهان ڏانهن اچي ٿو. کيس اهڙي بيماري آهي، جو جيڪڏهن اُن جو عشر عشير به مون کي يا توکي ملي وڃي ته پاڻ جيڪر قدرت جا ڪروڙين شڪر ڪريون.“
    انهيءَ قسم جا بيشمار لطيفا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائي پاڻ به کِلندو هو ته يارن دوستن ۽ مداحن کي به کلائيندو رهندو هو.
    افسوس، جو هاڻي نه اهو مجنون رهيو، نه اُهو صحرا!
    چون ٿا ته دنيا جا عظيم مجاهد ۽ انقلابي، جڏهن حياتيءَ جي لال ڪنوار کان، ڪاوڙجي موت جي ڪاري ديوَ سان ٻکين پوڻ وارا هوندا آهن. تڏهن سندن دل جي آخري ڌڙڪنن تي پنهنجي ڌرتي ۽ عوام جي آزادي ۽ انقلاب جو سازُ وڄندو آهي. ساڳيءَ ريت پير صاحب جي دل جي آخري ڌڙڪنن تي سنڌ ۽ تاريخ جي ٻن لفظن جي موسيقي وڳي ۽ بس!
    ڪاش! کيس اڄ ڪو وڃي ٻڌائي ته سنڌ جو عوام دريا خان جي روايت جو امين بنجي اُٿيو آهي ۽ نئين سنڌ جي نئين تاريخ، پنهنجي رت سان لکي رهيو آهي!
    -


    هڪ قلندر صفت شخص [محمد صالح ’عاجز‘]

    قرآن ۾ موت کي ’يقين‘ چيو ويو آهي؛ يعني هڪ اهڙو ڪيفيتي اظهار، جنهن جي واقع ٿيڻ ۾ ڪنهن به شڪ، وهم ۽ گمان جي ڪابه گنجائش باقي نه هجي. علمي طرح انهيءَ ’يقين‘ کي هر ڪو مڃيندو، سمجهندو ۽ اُچاريندو رهندو آهي، پر اهو مڃڻ، سمجهڻ ۽ اُچارڻ ائين هوندو آهي، جيئن ٻئي درجي ۾ پڙهندڙ ٻار سچل سرمست جو بيت ياد ڪري دُهرائيندو رهي. البته انهيءَ ’يقين‘ جو ڌَڪُ ڳري پٿر وانگر احساساتي دنيا جي شيشي تي اُن وقت لڳندو آهي، جڏهن انسان کان ڪا اهڙي شخصيت جدا ٿي وڃي، جنهن سان جذباتي ناتا ڳنڍيل هجن. جڏهن اهڙي شخصيت جي باري ۾ اهو يقين ٿي ويندو آهي ته کيس اسان وري ڪڏهن به ڏسي نه سگهنداسون، ان وقت جذباتي دنيا ۾ اهڙو زلزلو پيدا ٿي ويندو آهي، جيڪو ذهن ۽ دماغ جا سمورا ڪاڪ محل ڊاهي وجهندو آهي ۽ انسان هيڏي ساري ڪائنات ۽ ان جي هلچل ۾ پاڻ کي اڪيلو، بيوس، مايوس ۽ اُداس سمجهندو آهي ۽ کيس اهو احساس هيڪاري وڌيڪ ستائيندو آهي ته، انسان جي حياتيءَ جي ڏينهن کي موت جو ڪارو ڪانءُ اَنَ جي داڻن وانگر چُڳندو ٿو اچي.
    محمد صالح ’عاجز‘ جي وفات جي خبر ٻڌي، مون تي به مٿئين قسم جي ڪيفيت طاري ٿي ويئي، ڇو ته هن جي شخصيت سان ڪيترن ئي سببن ڪري منهنجي جذباتي وابستگي هئي. هڪ ’قلندر‘ صفت انسان هو، جنهن جي هن ڪائنات ۾ پنهنجن طريقن کان سواءِ ڪابه دولت نه هئي. هو وڏو بهادر ماڻهو هو، جنهن جو ڪنڌ وقت جي ڪنهن به لات ۽ منات اڳيان نه جهُڪيو، هو جنگ آزاديءَ جو عظيم ۽ بيغرض مجاهد هو، جنهن جوانيءَ جون ڪيتريون بهارون ۽ اُمنگن ڀريا سال، برطانوي سامراج جي جيلن جي حوالي ڪري ڇڏيا ۽ اهي ڏونگرن جهڙا ڏينهن ۽ رُڃن جهڙيون راتيون، آزاديءَ سان سندس عشق کي اُجهائي نه سگهيا. هو سنڌ جي تاريخ جو وڏو عالم هو، جنهن کي سنڌ جي تاريخ ۽ اُن سان لاڳاپيل مقامَ، ماڳ، هنڌ، پيچرا، گَسَ، گهيڙ، درياهه جا وهڪرا ۽ بندر، برزبان ياد هئا. هو لطيف جي شاعريءَ ۾ آيل سموري جاگرافيءَ جو حافظ هو ۽ اها سڀ ڌرتي سندس لاءِ هٿ جي تريءَ وانگر هئي. هو بهترين اديب، سٺو نقاد، شعله بيان مقرر ۽ اڻٿڪ محقق هو. هن جي سنڌ جي تاريخ تي ڪيل تحقيق، وسيلن جي اوڻاٺ ۽ منفرد نقطهء نظر سبب ڇپجي، عوامَ جي سامهون اچي نه سگهي آهي ۽ خبر ناهي ته اهو قيمتي سرمايو ۽ املهه وٿ هاڻي هٿ به اچي سگهي يا نه، جيڪڏهن اها تحقيق وقت سر ڇپجي ميدان ۾ اچي ها ته ڪيترن دستاربند مؤرخن جون پڳون لهي وڃن ها ۽ ڪيترن تاريخ جي اُجاريدارن جا دڪان بند ٿي وڃن ها. ايڏي وڏي علم ۽ تحقيق هوندي به هن وٽ هر انهيءَ عالم، اديب ۽ فنڪار جو بي پناهه قدر هو، جنهن هن سرزمين ۽ اُن جي عوام لاءِ ٿورو ڪجهه به ڪيو آهي. هو تاريخ جي معاملي ۾ پير حسام الدين سان ڪيترين ڳالهين ۾ اختلاف رکندي به سندس عقيدتمند ۽ مداح هوندو هو. خود پير صاحب مرحوم به ’عاجز‘ جي ڄاڻ ۽ علم جو معترف هوندو هو. پير صاحب هڪ ڀيرو، غالباً پونين ڏينهن ۾ کيس آڇ ڪئي هئي ته ”اچو، مون وٽ اچي رهو ته گڏجي سنڌ جي تاريخ تي رهيل ڪم ڪري اُڪلائڻ جي ڪوشش ڪريون.“ پر افسوس جو ٻنهي کي دير ٿي چڪي هئي.
    ’عاجز‘ برصغير جي آزاديءَ واري هلچل ۾ پاڻ خود شريڪ رهيو ۽ جنهن وقت ’هيمون ڪالاڻي‘ کي ڦاسي ڏني پئي وئي، ان وقت هو به سکر جيل ۾ موجود هو. ٻي مهاڀاري لڙائي ڇڙڻ کان پوءِ سنڌ ۾ هندستان جي بچاءَ وارن قانونن جو پهريون قيدي محمد صالح ’عاجز‘ هو. تريپوره واري مشهور ڪانگريس جي گڏجاڻيءَ ۾ محمد صالح عاجز هڪ سنڌي ڪائونسلر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو هو ۽ سباش چندر بوس کي ووٽ ڏنو هئائين.... هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ننڍي کنڊ جي گهڻو ڪري سڀني چوٽيءَ جي ليڊرن سان ملي چڪو هو ۽ آزاديءَ جي جنگ جي معلومات جي سلسلي ۾ هو گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا هو. سنڌ ۾ ڪانگريس جي ڪردارَ، مسلم ليگ جي روشِ، هتي جا ڪانگريسي ڪارڪن ۽ انقلابي ليڊر، حر تحريڪ، عالمن جون ڪوششون ۽ قربانيون، بزرگ امروٽيءَ جي تحريڪ، ڪميونسٽ پارٽي ۽ اُن جا ڪارڪن. اهي سڀ موضوع، ڪو ويهي عاجز کان ٻڌي. اهڙا واقعا ۽ نقطا، جن جو رازدان صرف عاجز هو، سي سڀ ساڻس گڏ هميشه هميشه لاءِ دفن ٿي ويا.
    هڪ ڀيري ننڍي کنڊ جي آزاديءَ واري هلچل تي پوري شوق سان ڳالهائي رهيو هو. مرحوم عبدالحق عالماڻي، نياز همايوني ۽ آءٌ کيس مڪمل ڌيان سان ٻڌي رهيا هئاسين. اهڙا واقعا ۽ نقطا بيان ڪري رهيو هو، جيڪي اسان نه ڪٿي پڙهيا ۽ نه ٻڌا هئا. اهڙن ئي واقعن جي سلسلي ۾ هڪڙو واقعو ٻڌايائين ته:
    ”گانڌيءَ کي ننڍي کنڊ جون سڀ ٻوليون سکڻ جو جنون هوندو هو. آخري عمر تائين مختلف ٻوليون سکندو رهيو. آءٌ 1945ع جي پڇاڙيءَ ڌاري ساڻس مليس. مهاتما پڇيو: ’شنڌي آهين؟‘ وراڻيم ”ها.“ چوڻ لڳو ”شنڌي ڏاڍي مٺي ڀاشا آهي. آءٌ جيرامداس کان شنڌي شکي رهيو آهيان.“
    آزاديءَ جي تحريڪ تي وٽس، ايڏو علم ۽ ڄاڻ هئي، جو جيڪر ويهي لکي ها ته هوند شورش ڪاشميري ۽ عبدالله ملڪ جي معيار کان وڌيڪ سٺو ۽ اعتبار جوڳو مواد، سنڌواسين کي ملي وڃي ها، پر زماني جي ڦيرين گهيرين ۽ حالتن جي ناسازگاريءَ کيس واندڪائي نه ڏني، جو اُهي ڪم ڪري سگهي ها. آزاديءَ جي تحريڪ جا اهي مجاهد، جيڪي غير فرقيوارانه سياست کي مڃيندڙ هئا، سي 14 آگسٽ 1947ع جي صبح جو پنهنجن پنهنجن بسترن ۽ گهرن ۾ غدار بنجي ويا. اِهو هو سرٽيفڪيٽ، جيڪو آزاديءَ جي صبح تي هنن کي مليو؛ جنهن آزاديءَ لاءِ هو پنهنجي وقت جي سڀ کان وڏي سامراجي طاقت جي پهاڙ سان ٽڪر کائيندا رهيا؛ ڦاسين جي تختن تان واپس وريا؛ سڄي عمر موت جي دروازي جو ڪڙو کڙڪائيندا رهيا. اهو اهڙو صدمو هو، جنهن جي ڪري هو ذري گهٽ پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺا. نتيجي طور هو نه آزاد ملڪن جي حڪمرانن سان ٺاهه ڪري سگهيا ۽ نه وري انگريز دور واري، پنهنجي ولولي کان ڪم وٺي سگهيا. هيڏي ساري ملڪ ۽ عوام جي هجومن ۾ هو سدائين پاڻ کي اڪليو، تنها، اداس ۽ ويران محسوس ڪندا رهيا. اُنهيءَ اڪيلائيءَ، تنهائيءَ، اُداسيءَ ۽ ويرانيءَ، هنن جي ذهني ۽ فڪري دنيا جهوري ۽ ڀوري ڇڏي. عاجز صاحب جي شخصيت به ڄڻ سدائين جهُريل ۽ ڀُريل نظر ايندي هئي. هڪ ڀيرو کانئس پڇيم: ”مولانا صاحب! هاڻي پوڙها ٿي ويا آهيو؟“ جواب ڏنائين: ”آءٌ ۽ منهنجا ساٿي ۽ ٻيا اسان جهڙا سوين ڪارڪن، هندستان ۽ پاڪستان ۾ 1947ع ۾ پوڙها ٿي چُڪاسين. اسان جون چيلهيون ڀَڄي پيون. هاڻي جيئڻ جو نقل ڪري رهيا آهيون. نه اُهي ماڻهو آهن، نه اُهو ماحول، نه اهو خلوص آهي، نه ولولو، نه وري انهن شين جي قدر ڪرڻ وارو ڪو.
    واٽن سيئي ويام، وڻ منجهائِن واسيا،
    ههڙا هوت هئام، جو سُرهي سُڃ ڪري ويا.“

    پڇيم: ”مولانا صاحب! مسلم ليگي چون ٿا ته اوهان ماڻهو مسلمانن جي خلاف هئا؟“ چوڻ لڳو: ”بس يار! اسان شڪست کاڌل فوج جا سپاهي آهيون. شڪست کاڌل فوج جي سپاهين تي هر قسم جا الزام لڳندا آهن. باقي اسان نه مسلمانن جا مخالف هئاسين ۽ نه وري هندن جا دلال، اسان ته آزاديءَ جا عاشق هئاسين.“ هڪ فنڪار کان پڇيو ويو ته: ’ڪنهن گهر کي باهه لڳي ۽ اُن گهر ۾ هڪ معصوم ٻار به هجي ته هڪ فنپارو پڻ، تون اُن گهر مان ڪنهن کي ڪڍندين؟‘ فنڪار وراڻيو هو ته: ’باهه کي، جيئن ٻار ۽ فنپارو ٻئي سلامت رهي سگهن.‘
    ”ننڍي کنڊ کي انگريز سامراجيت جي باهه وڪوڙي ويئي هئي، اُن ۾ هندو، فنپاري وانگر هو ته مسلمان ٻارن وانگر. اسان انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي بچائڻ بدران انگريز سامراجيت جي باهه ختم ڪرڻ ٿي چاهي، جيئن هندو ۽ مسلمان ٻئي سلامت رهي سگهن.“
    اڄ آزاديءَ جي تحريڪ جو اُهو مخلص ۽ سچو سپاهي اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو. پڪ سان سندس عشق جي چڻنگ سلامت رهندي، سامراجيت جي خلاف ٻاريل سندس باهڙي ٽمڪندي ٽمڪندي ڪڏهن ڀنڀٽ بڻبي ۽ اُن جي اُهاءَ ۾ ڪيترا مسافر پنهنجي منزل تي پهچندا.
    اسان جي نسل کي خبر ئي ڪانهي ته هن سرزمين، سال 1982ع ۾ پير حسام الدين راشديءَ کان پوءِ پنهنجي ڪيڏي وڏي ٻئي عظيم فرزند کي وڃايو آهي. اسان وٽ جتي عظمت ۽ وڏائي، عهدي ۽ دولت سان سڃاتي ويندي آهي، تن کي ڪهڙي خبر محمد صالح ’عاجز‘ جي.
    هوءَ جا ٻري هير، ڪاڇي ڏونگر ڪنڌئين،
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيءَ کير ري.

    (شاهه)
    -


    هُو جي ويراڳي وڃڻا ها! [علي احمد ڏوگر]

    گهڻو ڪري 1974ع جو اپريل مهينو هو، جو سنڌ جي اُن وقت جي صورتحال ۽ اُن جي نتيجن تي غور ڪرڻ لاءِ سول لائين [حيدرآباد] جي هڪ بنگلي ۾ چند هم خيال ساٿين جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ خيرپور، لاڙڪاڻي، ٿرپارڪر ۽ ڪراچيءَ کان ڪافي تعداد ۾ دوست آيل هئا. تعارف هلندي مون کي ڪنهن دوست چيو ته، ”هي خيرپور کان آيل دوست علي احمد ڏوگر آهي.“ مون کيس هٿ ڏنو ۽ خوش خيرعافيت ڪرڻ لڳس.
    ڪشادي پيشاني، روشن ۽ تيز سنڌين واريون روايتي اکيون، پورو پنو قد، سنهو جسم، سنڌو دريا جي پاڻيءَ جهڙو رنگ، آهستي ۽ پُر معنيٰ ڳالهائڻ، دنيا ۽ سنڌ جي تحريڪن، شخصن ۽ ڪتابن جي ڄاڻ جو ڀنڊار، علم جو عاشق، سنڌ جي سياسي لاهن چاڙهن جو نگران، سنڌ جي واهڻ جو اُلفتي، ٻهراڙين جي زندگي ۽ خلوص جو پيڪر، باصلاحيت، ايماندار، جفاڪش، آرام کي حرام ڄاڻڻ وارو، جدوجهد ۽ مسلسل جدوجهد جو عملي نمونو، هر ويريءَ سان ٽڪرائيندڙ ۽ هر وِيرَ جو واهرو، چند منٽن ۾ پنهنجي سحرانگيز شخصيت جي ذريعي متاثر ڪندڙ، اهو هو علي احمد ڏوگر.
    مختصر عرصي ۾ اها واقفيت پرخلوص دوستي ۽ پنهنجائپ جو درجو حاصل ڪري وئي. مون هن کي اسٽيج تي تقرير ڪندي ڏٺو. دوستن جي مجلس ۾ ٽهڪ ڏيندي ڏٺو ۽ مخالفن سان بحث ۽ جهيڙو ڪندي به ڏٺو. هر جڳهه سندس ڪردار ۾ سنڌپت ۽ سنڌ جي مظلوم ۽ مجبور انسانن جي زخمن جو درد محسوس ڪيم.
    آخري ڀيرو کيس، ايل. ايم. سيءَ ۾ بيماريءَ جي بستري تي ڏٺم، پڇا ڪرڻ لاءِ ويو هوس، سندس عزيزن کان سواءِ شاگردن، اديبن ۽ دوستن جو هجوم هو، ڇو ته هو سڀني جو عزيز هو، سڀني جو مائٽ هو. هن سنڌ جي مٽيءَ جي ذري ذري، سنڌ جي کيتن ۾ اناج جي پکڙيل خوشبوءِ ۽ سنڌ جي نڌڻڪي انسان جي هر دک درد سان نينهن لڳايو هو ۽ اُهي ماڻهو اڄ کيس ڏسڻ لاءِ آيل هئا. آءٌ سندس بستري جي ويجهو ويس، مرڪندڙ مهانڊي تي بيهوشي طاري هئي، اکيون بند هيون. مون سمجهيو، هو اڄ اسان کان، اسان جي سُستيءَ ۽ آرس سبب ناراض آهي. ڪجهه وقت بيهڻ کان پوءِ نڪري آيس.
    مون کي ڪم سبب ڳوٺ وڃڻو پيو. ڏيڍ مهيني کان پوءِ موٽي آيس ته ڪنهن دوست ٻڌايو ته علي احمد ڏوگر گذاري ويو.!
    مون کان رڙ نڪري ويئي. هو هليو ويو.! سنڌ ۽ سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي هنن حالتن ۾ ڇڏي! هو صرف ٻج ڇٽي، فصل لهڻ جي انتظار کان سواءِ هليو ويو. رڳو سپنو ڏسي، ان جي ساڀيا جي چِنتا ڪرڻ کان سواءِ هليو ويو.
    ها هو هليو ويو، ايترو پري جو اُتي نه اپالو جي رسائي آهي ۽ نه خيال، تصور ۽ ذهن جي پرواز. هو اهڙي ماڳ هليو ويو، جتي جو نه ڪنهن نشان ڏٺو آهي ۽ نه ئي ڪو اُتان سنيهو اچي سگهي ٿو. هو هليو ويو ظلم ۽ جبر، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ واري ماحول کان رُسي، هو هليو ويو مائٽن ۽ دوستن کي ڇڏي. اڄ اسان هن کي ڏِسي سگهون ٿا، پر هڪ پردي جي پٺيان ۽ جيستائين اُهو پردو نه هٽيو آهي، تيسين هڪٻئي سان ڳالهائي نه ٿا سگهون. اڄ آءٌ سوچيان پيو ته آخري ڀيرو جڏهن هن مون ڏانهن ڏٺو ئي ڪو نه هو ته، ڪهڙي خبر ته هو هميشه لاءِ مُنهن مٽي رهيو آهي.
    اڄ هو خيرپور جي هڪ ٽڪريءَ تي اسان جي جلسن کان بي نياز سُتو پيو آهي، پر کيس ڪهڙي خبر ته ڪيتريون دليون آهن، جن تي سندس ياد جا نه ڇُٽندڙ زخم آهن:

    مينديءَ رتا هٿڙا، ڪجل ڀنا نيڻ،
    سڀني وڌا ويڻ، ويندڙ ويندا ئي رهيا.


    ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!

    ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!


    هماليه، آءٌ ۽ وقت جي وڇوٽي [شيخ اياز]

    هماليه، آءٌ ۽ وقت جي وڇوٽي
    [شيخ اياز]

    خبر ناهي ڪيتري وقت کانپوءِ وقت جي ڌوڙ ۾ لٽجي، ليٿڙجي، ڌِڪا ۽ ٿاٻا کائي، سنڌي شاعريءَ، علم ۽ فڪر جي هماليه شيخ اياز سان ملڻ ويس. وچ واري وقت ۾ اسان ۾ ڪي قدر رنجشون رهيون هيون. هُن ڀُٽي صاحب لاءِ ڪي ڳالهيون چيون هيون. شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم بلاول جي حوالي سان، منهنجيءَ نظر ۾ اُهي صحيح نه هيون، اُن ڪري مون هڪ زوردار مضمون اياز جي خلاف لکيو هو. اُن ڪري رنجشون پيدا ٿي پيون هيون. مضمون لکڻ جي باوجود اياز جي شاعريءَ جي مهانتا ۽ اُن جا اُلا، منهنجيءَ دل ۾ ڪڏهن به جهڪا نه ٿيا هئا. جنهن جو اظهار به آءٌ وقت به وقت ڪندو رهندو هوس، پر پوءِ به وڃڻ کان اڳ سوچيم پئي ته خبر ناهي اياز مون سان ملي يا نه!
    خير، جڏهن سندس ڪلفٽن واري فليٽ جي گهنٽي وڄايم ته هڪدم سندس نوڪر دروازو کوليو، ۽ نالو پُڇي اندر هليو ويو. وري اُنهيءَ گهڙيءَ واپس اچي چيائين ته ”اچو!“ اسان جيئن اندر گهڙياسين ته اياز نائيٽ ڊريس ۾ بيٺو هو. آءٌ عادت موجب کيس جهُڪي مليس. منهنجو اِهو جهُڪڻ شخصَ اياز لاءِ نه، پر سندس اُنهيءَ سدا بهار ۽ لازوال ڏات لاءِ هو، جنهن ڏات سنڌڙيءَ ساريءَ کي کُهنبو بنايو هو؛ جيڪا تعليمي ادارن کان اڳتي وڌي مندر ۽ مسجد تائين پهچي وئي هئي؛ جيڪا هاڻي پڙهيل ماڻهن کان ٿيندي، الهڏني خاصخيليءَ ۽ اسلم تنئي جي سريلن آوازن جي لهرن ذريعي ڌنار پنهوار کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ وٺي رهي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اُهو وقت اچي ويو آهي، جو ساري سنڌ نه رڳو اياز جي ڇيرن جي ڇم ڇم تي رقص ڪندي، پر اُن جي روشنيءَ جي گهيري ۾ وڪوڙجي ويندي.
    جوڳين ۾ روايت آهي ته جتي نانگن ۽ بلائن جو گهڻو آزار هجي، اُتي رات جو سمهندڙ مسافر پنهنجي پاٿاريءَ جي چوڌاري پِڙُ ڪڍي، ’گوگي چوهاڻ جو منتر‘ پڙهي سُمهن، ته ڪو اَهرو انهن کي ڏنگي نه سگهندو. سو آءٌ به سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اڄوڪي سنڌ، اياز جي شاعريءَ جو پِڙ ڪڍي، اُن ۾ سندس مرشد جو منتر پڙهي، ته مٿس حملو ڪندڙ ارڙ بلائن جي حملن کان محفوظ رهندي.
    انهيءَ ۽ اهڙيءَ شاعريءَ جو مالڪ، اسان کي اندر وٺي ويو. پر ترسو! اندر وڃڻ کان اڳ جڏهن مون پاڻ کي اياز جي ڀاڪرن ۾ محسوس ڪيو ته خبر ناهي ڇو، مون کي لڳو ته منهنجي سرير جي انگ انگ ۾ مسرت سان گڏ قرار ۽ سُڪون جي اهڙي لهر ڊوڙي ويئي، جيڪا شايد هڪ صوفيءَ کي اُن وقت ڊوڙندي محسوس ٿيندي آهي، جڏهن هن ۽ خُدا جي وچ ۾ ڪوبه پردو نه رهندو آهي. پر ويچاري صوفيءَ جي اُن وقت ڪهڙي حالت هوندي، جڏهن هو محبوبِ حقيقيءَ جي ڀاڪرن ۾ هجي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته اها سعادت اڄ ڏينهن تائين ڪنهن صوفيءَ جي مقدر ۾ لکجي نه سگهي آهي.
    اسان اندر ڊرائنگ روم ۾ وڃي ويٺاسين. هڪٻئي ڏانهن ڏٺوسين. نه هُن کي ڪا پشيماني هئي سندس لکڻيءَ تي، نه آءٌ شرمندو هوس پنهنجي لکڻ تي- اُنهيءَ ڪري جو اسان ٻنهي پنهنجي پنهنجي ضميرَ جو اظهار ڪيو هو؛ ۽ اُهو ضميرَ جو ئي آواز هو، جنهن سنڌ جي هر ڏاهي ۽ باشعور ماڻهوءَ کي گهاڻن، ٽياسن ۽ ڪوڙن جي ٽڪٽڪين ۾ پيڙايو ۽ ٽنگايو آهي.
    آءٌ اياز ڏانهن ڏسندو پئي رهيس. حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ جي ٽن ماڻهن کي آءٌ جڏهن ڏسندو آهيان ته اُهي مون کي هن ڪائنات رنگ وبُو جا ماڻهو ئي نه لڳندا آهن: جي. ايم. سيد کي ڏسي مون کي لَڳندو آهي ته هيءُ يونان جو پروميٿئس ديوتا آهي. پير حسام الدين راشدي، مون کي ڪائنات جي علم، جلال ۽ اساطير جو ديو مالائي ڪردار لڳندو هو؛ ۽ شيخ ايازُ، سچ پچ ته اُن کي آءٌ ڪنهن به تشبيهه، ڪنهن به استعاري ۾ بند نه ڪري سگهندو آهيان. اياز جون اکيون مون کي اهڙيون لڳنديون آهن، جو آءٌ سمجهندو آهيان ته هنن اکين جيڪڏهن ڪنهن حامله عورت ڏانهن ڏٺو ته ڳڀيرڻ ۾ پيل ٻارَ جي بُت ۾ سيئاندا پئجي ويندا- ۽ سندس ڀِرون اُنَ شينهن يا چيتي جي ڀِرُن وانگر لڳندا آهن، جيڪو دشمن تي جهپ هڻڻ لاءِ تيار هجي.
    چانهه مان واندا ٿياسين ۽ پوءِ اياز ڳالهائڻ شروع ڪيو. جڏهن اياز ڳالهائيندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ سموري دنيا جو ادب، شاعري، تاريخ ۽ فلسفو سندس سامهون پکڙيو پيو آهي ۽ سموري دنيا جا سمورا اديب، شاعر، فلسفي ۽ تاريخدان، سندس آڏو اِئين بيٺا آهن، جيئن هارون رشيد جي آڏو ٻانهيون بيهنديون هيون، جن مان هر هڪ جي خواهش هوندي هئي ته بادشاهه سلامت مون کي طلب ڪري. بلڪل ائين هر شاعر، اديب، فلسفي ۽ تاريخدان جي ڄڻ اها خواهش هُجي ته اياز منهنجو حوالو ڏئي. هُو ڳالهيون ڪندو رهيو، جن ۾ ڪڏهن انڊلٺ جا رنگ هئا، ڪڏهن ٻارن جي مُرڪ هئي ته ڪٿي ڪنوارن اُرهن جي دلڪشي، ته ڪٿي ڏاهر جي شهپر جو موڙُ هو، ڪٿي چارڻ جي چنگ جو آواز هو، ته ڪٿي سنڌ جي روح جي ازلي ۽ ابدي دانهن هئي. هُن چيو: ”آءٌ تُرڪيءَ ويو هوس، اتي قونيا ۾ مون درويشن جو باهه تي رقص ڏٺو ۽ پوءِ گائيڊ کي چيم ته مون کي ’هني بال‘ جي قبر جا نشان ڏيکار“. گائيڊ چيو: ”سائين! اُهي تمام مٿي پهاڙ تي آهن، توهان پهاڙ تي چڙهي سگهندؤ؟“ چيم! ”ها! آءٌ نه رڳو وڏن وڏن پهاڙن کي اورانگهيندو رهيو آهيان، پر پهاڙ پِٿون به ڪندو رهيو آهيان.“ مُنهنجي هڪ دوست چيو: ”سائين! هني بال ڇا ڪيو هو ۽ توهان جي اُن ۾ دلچسپي ڇو هئي؟“ اياز وراڻيو: ”هن روم ڊاٺو هو؛ اُهو روم، جيڪو جبر ۽ استعماريت تي ٻڌل هو ۽ مون به پنهنجيءَ ڏات جي ذريعي ڪوئي روم، بار بار ڊاهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.“
    ’جمهوريت‘ جي سلسلي ۾ ڳالهائيندي اياز چيو ته: ”هڪڙي ماڻهوءَ مون کي خط لکيو ته: ”تون ’جمهوريت، جمهوريت‘ پيو چوين، پر اقبال چيو آهي ته جمهوري نظام کان بَچ۽ ڪنهن مضبوط ارادي واري جو غُلام ٿيءُ، ڇو ته ٻن سون گڏهن جي دماغ مان هڪ انسان جو دماغ پيدا ڪونه ٿيندو آهي.“ کيس چواب ڏنم ته: ”اهو صحيح آهي، پر پوءِ به آءٌ هڪ ’گڏهه‘ کان ٻن سون گڏهن کي بهتر سمجهان ٿو.“ انهيءَ جملي ۾ جيڪو بليغ اشارو آهي، اُن کي سمجهو ڪي سمجهن.
    اياز چيو: ”بنيادي شيءِ آهي انسانيت يا ماڻهپو، سموري انساني تاريخ جي فڪري جدوجهد اُن لاءِ ٿي آهي ته اُنهيءَ ڳالهائيندڙ جانور کي انسانيت ۽ ماڻهپي جي سطح تي آڻجي. حقيقت ۾ ماڻهن کي آءٌ ٽن درجن ۾ رکان ٿو: آدم جو اولاد، جيڪو اشرف المخلوقات آهي؛ ڊاروِن جي نظريي موجب باندر جو اولاد، جنهن جي سمجهه جي سطح تمام هيٺاهين آهي؛ ۽ گڏهه جا ڦر، جيڪي يا ته ڪُٽبا ٿا رهن يا خلق آزاريندا رهن ٿا.“
    گفتگو هلندي، مون واري مضمون جو ذڪر آيو. اُن تي اياز چيو ته ”منهنجو مقصد اِهو نه هو، جيڪو تو سمجهيو آهي. منهنجو مقصد هو ته ُمدافعت وارو وقت ۽ موت-، شاهه شهيد ۽ مخدوم بلاول حياتيءَ ۾ ڀُٽي کان عظيم تر هئا ۽ اُهي ماڻهپي جي جنهن بلند مينار تي بيٺا هئا، اُتان هو ڪهڙي به قسم جي موتَ کي مُرڪندي قبول ڪري سگهيا ٿي، پر هنن جي نظرن ۾ موت نالي ڪا شيءِ هوندي ئي ناهي، آءٌ به اڄ اُن نظريي تي پهتو آهيان. پر ڀُٽي، جنهن ماحولَ ۾ جنم ورتو هو، ۽ جنهن طبقي سان هن تعلق رکيو ٿي، اُتي ايڏو مقابلو ڪرڻ ۽ موت قبولڻ وڏي ڳالهه هئي. بهرحال، مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت کي ايتريقدر قيد ۽ بند ۾ رهڻ جو موقعو ئي نه مليو، ۽ جيڪڏهن ملي ها ته اُهي يقيناً وڌيڪ ثابت قدميءَ جو مظاهرو ڪن ها.“
    آءٌ اياز جا دليل ٻڌي رهيو هوس ۽ سندس نادان دوستن جا دليل به منهنجي ذهن ۾ هئا، جن نه اياز جي مفهومَ کي سمجهيو هو، ۽ نه ئي منهنجي ڳالهه پروڙي هئي.
    اسان کي ويٺي ويٺي ڏيڍ ڪلاڪ ٿي ويو هو. مون کي ٻيءَ جاءِ تي به وڃڻو هو. اياز جي خواهش هئي ته ڪچهري هلي، پر وقت بي رحم ڪڏهن ڪڏهن ٻيءَ چُميءَ جو به موقعو نه ڏيندو آهي. اسان موڪلائڻ جي ڪئي ته اياز چيو ته: ”سائين جي. ايم. سيد کي سلام چئجو. اوهان جو واسطو جي. ايم. سيد سان سياسي آهي، منهنجو ناتو پيري مُريديءَ وارو آهي.“ سندس اُهي جملا ٻڌي، مون کي ڪجهه وقت اڳ هڪ دوست جي ڳالهه ياد آئي، جنهن ۾ هُن اياز جي حوالي سان چيو هو ته:
    ”امير حيدر شاهه ۽ امداد محمد شاهه، جي. ايم. سيد جا جسماني پُٽ آهن، پر روحاني ۽ فڪري پُٽ سندس آءٌ آهيان.“
    اسان اُٿياسين، اياز به گڏ اُٿيو. مون چيو: ”سائين، توهان ويهو، ٺيڪ نه آهيو!“ چيائين: ”اهڙي ڳالهه نه آهي، مون موتَ کي موٽائي ڇڏيو آهي ته هينئر وڃ! آءٌ واندو نه آهيان- اُن ڪري، آءٌ توهان سان گڏ لفٽ تائين هلي سگهان ٿو.“ لفٽ تي پهتاسين ته اياز وري موتَ جو ذڪر ڪيو، جنهن تي آءٌ روئڻهارڪو ٿي ويس. اياز منهنجي اها ڪيفيت ڏسي چيو: ”گهٻراءِ نه! آءٌ ٻيوجنم ٿر ۾ وٺندس ۽ پوءِ ڏاڍيون ڪچهريون ڪنداسون.“ اياز جو اِهو جملو ٻڌي، مون دل ۾ چيو ته واقعي جمن دربدر، حليم باغي، مير حسن آريسر، مظهر لغاري، مجرم لغاريءَ ۽ اقبال رند کان پوءِ اياز ٿر ۾ ئي سُونهي ٿو، ڇو ته ٿرين ڪڏهن به ڀٽائيءَ کي پِنڻ لاءِ نه ڳايو آهي، پر مُسرت ۽ محبت واري زندگي گذارڻ لاءِ ڳايو آهي.
    ايتري ۾ لفٽ اچي وئي ۽ اسان اُن ۾ داخل ٿياسين. منهنجي چپن تي اياز جي هيءَ سٽ اچي ويئي:
    سنڌڙي تُنهنجو ساههُ ايازُ،
    مري نه ٿيڻو آهي مات!

    مون سان گڏ انهيءَ ڪچهريءَ ۾ غلام شاهه، هاشم کوسو ۽ روشن ڪلهوڙو هئا.
    ***


    سنڌڙي تنهنجو ساهُه اياز

    اڄ جڏهن جسماني طرح اسان کان اياز جي وِڇڙئي کي ايڪيتاليهون ڏينهن آهي، پوءِ به آءٌ پاڻ ۾ اها سگهه ساري نٿو سگهان ته مٿس ڪجهه لکان. اياز هن صديءَ جو سنڌ جو سڀ کان وڏو شاعر ۽ عالم هو ۽ نه معلوم سندس شعرُ ۽ فڪر، اڃا ڪيتريون صديون سنڌ تي حاوي رهندو. حقيقت ۾ اياز جون سنڌ ۾ عقيدت لائق ڪيتريون ئي حيثيتون آهن. هو ويهين صديءَ جي پوين ڏهاڪن جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو. اُن سلسلي ۾ آءٌ ڪنهن وڌاءَ کان ڪم نه وٺي رهيو آهيان، پر اُنهن ڏهاڪن جي شاعري گهڻي ڀاڱي سنئين سڌي يا ترجمن وسيلي منهنجيءَ نظر مان گذري آهي. خيال جي گهرائي، ٻوليءَ تي قدرت، بيجان لفظن کي زندهه ڪري اُنهن کي پرواز عطا ڪرڻ، انوکين تشبيهن، پيار جي بي پناهه پالوٽ ۽ ڌرتيءَ سان اٿاهه محبت جي ڪري شايد ئي ڪو شاعر اياز جي همسري ڪري سگهي. شاعري، شيخ اياز جي محبوبه هئي، جيڪا ڪڏهن به وٽانئس غير مطمئن ٿي رواني نه ٿي. اِهو ئي سبب هو، جو هڪڙي نقاد جي حوالي سان اياز کي مون چيو ته: ”سائين فلاڻو چوي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن ننڍيون زبانون تمام وڏا شاعر پيدا ڪنديون آهن، جيئن بنگاليءَ ۾ ٽئگور ۽ سنڌيءَ ۾ اياز.“ اُن تي اياز وراڻيو ته: ”ڪير احمق ٿو چوي ته سنڌي زبان ننڍي آهي؟ زبان جي ننڍي ۽ وڏي هجڻ جو ماڻ ۽ ماپو جاگرافيائي سرحد نه آهي، پر زبان جي ننڍي وڏي هجڻ جو اصل معيار اُن جو دامن آهي، جنهن ۾ شاعر ۽ فنڪار، اظهار خيال جي ڪري سگهه حاصل ڪري سگهي ٿو. اُن معنيٰ ۾ سنڌي زبان تمام وڏي زبان آهي ۽ مون کي پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندي ڪا شرمندگي محسوس ڪانه ٿي ٿئي، جيئن ڪن پنجابي شاعرن کي پنجابيءَ ۾ شاعري ڪندي شرم محسوس ٿيندو هو. جيتوڻيڪ مون اردوءَ ۾ به شاعري ڪئي آهي، پر منهنجي اُها شاعري ننڍي کنڊ ۾ اُها مقبوليت ماڻي نه سگهي آهي، جيڪا منهنجيءَ سنڌي شاعريءَ کي حاصل آهي، اُن ڪري منهنجي اُن نقاد کي چئجان ته سنڌي زبان تمام وڏي زبان آهي، پر افسوس جو ڪڏهن ڪڏهن تمام وڏيون زبانون ننڍا ۽ خسيس سياستدان پيدا ڪنديون آهن.“
    اِهو ئي سبب آهي، جو اياز نثر توڙي نظم ۾ آخري وقت تائين سنڌي زبان کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بنايو ۽ هڪڙي غلام قوم جي نظر انداز ٿيل ٻوليءَ کي پنهنجي شاعريءَ جي اُڏام کٽوليءَ ذريعي هن سموريءَ دنيا ۾ ڦهلائي ۽ پکيڙي ڇڏيو- ۽ آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته هن وقت دنيا جو اهڙو ڪوبه ملڪ ناهي، جتي سنڌي نه ڳالهائي ويندي هجي. سموري دنيا ۾ پکڙيل سنڌين جي وچ ۾ رابطي ۽ ڳانڍاپي جو ذريعو صرف ٻه شيون آهن: هڪ سنڌي زبان ۽ ٻي لطيف ۽ اياز جي شاعري. اياز جي شاعريءَ کي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ سنڌ جي اُفق تي روشن ٿيڻ لاءِ جيتوڻيڪ صديون درڪار آهن، پر هن جي شاعريءَ هڪ طرف اسان ۾ سياسي سگهه پيدا ڪئي ۽ ٻئي طرف ڌاري ٻوليءَ جي غلبي کي روڪي ورتو. ڪجهه وقت اڳ اياز ڪٿي لکيو هو ته: ”شال! ائين نه ٿئي ته سڀاڻي منهنجو اولاد منهنجي قبر تي اچي اردوءَ ۾ دُعا گهري.“ پر انهيءَ انديشي کي خود هن جي لازوال، ٻهڳڻيءَ ۽ روح جي پاتال ۾ پيهي ويندڙ شاعريءَ شڪست ڏني ۽ سندس لحد تي سندس ئي گيت گونجاريا ويا.
    هن جي شاعري سنڌ ۾ ايتري اثر انگيز ثابت ٿي آهي، جو پاڪستان جي فوجي جنتا شاهيءَ جي دور ۾ جڏهن سنڌ جا ماڻهو ٽارچر سيلن ۾ زندگيءَ کان مايوس ٿي، آپگهات لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿيندا هئا. اُن وقت اياز جي شاعري، محبوب جي مُرڪ وانگر ڪِرڻا ڪرڻا ٿي سامهون ايندي هئي ۽ مايوس نوجوانن ۾ نه رڳو زندگيءَ سان محبت جو شعلو روشن ڪندي هئي، پر اڃا به اڳتي رڙهڻ ۽ وڙهڻ جو جذبو پيدا ڪندي هئي:
    واجهه نه وجهه تون وڍ ڏي، رتُ وهي ته به رِوڙهه،
    پوئينءَ ويرَ به وڙهه، ويريءَ ساڻ وجود جي.

    خود آءٌ، جڏهن 1992ع ۾ پنجاب جي رنجيت سنگهه نواز شريفَ جي دور حڪومت ۾ بلڪل اهڙي ٽارچر مان پئي گذريس، جهڙي ٽارچر مان نازي دور ۾ ’جولس فيوچڪ‘ پئي گذريو، اُن وقت آءٌ زندگيءَ کان مايوس ٿي چڪو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن دوستن جي بي حسيءَ تي سوچيندي، لطيف جو هيءُ شعر منهنجي ذهن تي تري ايندو هو:
    مارو مُلڪ مليرَ جا، سڀئي پرکياسون،
    سوکيءَ ويلي سڀڪو، اوکيءَ ويلي تون.

    اُن وقت الائي ڇو سنڌ جو ساهه، شيخ ايازُ، پنهنجي چيتي جهڙن ڀِرُن سان منهنجي سامهون اچي بيهندو هو ۽ پنهنجو بياض مون ڏانهن وڌائيندو هو ۽ آءٌ سندس اُنهن عقابي اکين ۾ ڏسي، سندس هيءُ شعر پڙهڻ شروع ڪندو هوس:
    بي موت مئا تو لاءِ ڪُٺا، انسان هزارين مان نه رڳو!
    هن دنيا ۾ اي ديس هئا، نادان هزارين مان نه رڳو،


    جي راهه اجل ڪنهن ورتي آ، هن ڀُونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
    هيءَ ڌرتي توکي پَرتي آ، مهمان هزارين مان نه رڳو!


    تون چَؤ نه ڪڇان، تون چَؤ نه لڇان، پر تو کان هڪڙي ڳالهه پُڇان،
    تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو!


    هي دُور ايازَ گذرڻو آ، ۽ پنهنجو وارو ورڻو آ،
    ڪو نيٺ ته ٻارڻ ٻرڻو آ، اِمڪان هزارين مان نه رڳو!

    اها اياز جي مزاحمتي شاعري ئي هئي، جنهن مون جهڙي ڪمزور ماڻهوءَ ۾ فولادي سگهه پيدا ڪئي، پر اُها ئي شاعري، اُن کان اڳ ۾ هزارين نوجوانن کي ميدان ۾ آڻي، ون يونٽ جو قهري ڪوٽ ڪيرائي چڪي هئي. اياز جي مزاحمتي شاعريءَ جو ڪمال اِهو آهي ته هن ۾ پرجوش لهجي، خوبصورت لفظن ۽ بي پناهه اُمنگ سان گڏ نفيس ۽ نازڪ جماليات به آهي- ۽ اياز جي اِها ئي جماليات آهي، جنهن سنڌ جي قومي تحريڪ کي انارڪيءَ ڏانهن وڌڻ کان روڪيو. اها حقيقت پنهنجيءَ جاءِ تي آهي ته سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ انتشار، انارڪزم ۽ ڪرائيم جو زور اُنهن ئي سالن ۾ وڌيو، جن سالن ۾ اياز جي شاعريءَ کي ’قومي تحريڪ‘ کان الڳ ڪيو ويو-• نه ته اياز جي رزميه شاعريءَ تي جهڙي طريقي سان سنڌ جا نوجوان مقتلن ڏانهن اِهو چئي ڪاهي ويندا هئا ته:
    ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رَتُ ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي.
    ڪو ڪيئن نه ڊوڙي زندان ڏي، ٿا زلفُ ڇِڪن زنجيرن جا!

    بلڪل ساڳئي طريقي سان هن جي جمالياتي شاعريءَ تي به سنڌي ماڻهو وجد ۽ ڪيف جي مها ساگرن ۾ ترڻ لڳندا هئا:
    صنوبر جي سائي ۾، ويهي رهون،
    چُمِي جئن سگهي چنڊُ تنهنجون چڳون،
    گهڙيءَ لئه گناههِ محبت ڪريون!
    نه شايد وري زندگيءَ ۾ ملون!

    -
    الائي وري رات ايندي نه ايندي،
    اسان جي ملاقات ٿيندي نه ٿيندي.

    -
    ڪنهن ڪاريءَ چَڳ تي رات کُٽِي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦُٽِي،
    ائين وقت ڪٽيو، ائين عمر لُٽِي، سڀ سانگُ سجايو آ پيارا.

    -
    هن جي شاعري ڪهڙي به موضوع تي هجي، پر اُن مان سنڌ ڪڏهن به غائب نه رهي:
    تـــو کــي ڪـهـڙي ڪـلَ،
    جـــيءَ اچـــي نـــه جــهلَ:

    مون کان سنڌ نه وسري-!
    ڪارونجهر جون ڪامڻيون،
    ڳــاگـيـن ڳــاڙهــا ڳـــل:

    مون کان سنڌ نه وسري-!
    ڪيئي ڪينجهر ڪنڌئين،
    نــوريــون نــيــل ڪـــنــول:

    مون کان سنڌ نه وسري-!
    چَپَ ڪچيون ڪچنار جون،
    مــکـــڙيــون مــاڪ ڀِـــنــل:

    مون کان سنڌ نه وسري-!

    يا هڪ ٻئي شعر ۾ چوي ٿو:
    ڏس باک ڀليري آئي آ، ڏِسُ، سِنڌُ مٿان سَرهائي آ!
    ڇو تِن جي لاءِ اياز رُنين، جي مارو ماڳُ مٽائي ويا!

    هن کي جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن اِهو احساس ٿيندو هو ته جنهن ٻوليءَ کي آءٌ پنهنجيءَ شاعريءَ ذريعي ڪهڪشان ۽ انڊلٺ جا روپ پيو بخشيان ۽ جنهن شاعريءَ جي ذريعي آءٌ سنڌي تهذيب ۽ سنڌ جي جاگرافيءَ جي چوڌاري ’ديوار چين‘ تعمير پيو ڪريان، تنهن کي سنڌي ماڻهو اڃا نه پيو سمجهي. اُن جو اظهار هو هن طرح ڪري ٿو ته:
    ڪاري ڍنڍَ، اڇيرا پکَ،

    ڇر تي ڇوهُه، ڇمر جا پاڇا!
    گجري! تو تي گج ته آ، پر
    جهُڙ ۾ ڪاوا جهڙا ڪک!

    ڇر ۾ ڇوهُه ڇمر جا پاڇا!

    اِها شڪايت هر جينيس ماڻهوءَ کي پنهنجي دور ۾ رهندي آهي ۽ خصوصاً اُهو جينيس، جنهن ۾ فنڪارانه احساس، سڀني احساسن تي غالب هجي. اُن جي باوجود اياز، سنڌ جي نوجوانن کي پنهنجي شاعريءَ جي تلوار کڻي وڙهڻ جي تلقين ڪندو رهيو. سندس هڪ نظم آهي، ”دولهه دريا خان جي پٽ کي وصيت“:
    تون هونءَ به مرندين ڪاڇي ۾،
    اڄ نــاهــر وانــگــر ڇــال ڏــئي،
    تــون آءٌ پــهــاڙي پـاڇـي ۾-
    تــون گولـيون هيٺ هلائي ڏس!
    ۽ ڪنهن پٿر جي اوٽَ ڏئي،
    هن ڌرتيءَ کي ڌڌڪائي ڏس!
    جي تنهنجو ڦرندو لاشُ ڪِري،
    نئين گاج مٿان پرواهه نه آهي-
    جي ڌرتيءَ تي آڪاشُ ڪري،
    هي ڌرتي اُن کان هيڻي آ،
    تون ڏاڍي جو ڏهاڪاءُ نه ڏس-
    هر دل بندوق وهيڻي آ،
    هر گوليءَ کي ڪا ٻولي آ،
    جا هر ڪو ڄاڻُو ڄاڻي ٿو-
    تون چوندين هيءَ پرولي آ،
    پر سولي هيءَ پرولي آ،
    تون ڪنهن جو ٻانهو ناهين ڙي-!
    جي گولي تنهنجي گولي آ-
    اڄ ناهر وانگر ڇال ڏئي،
    تون آءُ پهاڙي پاڇي ۾!
    ۽ ڪنهن پٿر جي ڍالَ ڏئي،
    تون گوليون هيٺ هلائي ڏس-!
    ۽ ٺا... ٺا، ٺا... ٺا جي سُر تي-.
    ڳُڻ آزاديءَ جا ڳائي ڏس!

    آءٌ هتي اياز جي جمالياتي شاعريءَ جي خصوصيتن ۽ خوبين تي تفصيل سان لکڻ بدران صرف سندس هڪ ٻن تشبيهن ڏانهن اشارو ڏيندس، جيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ اياز کان اڳ ڪڏهن استعمال ئي نه ٿيون آهن ۽ اهڙيون هزارين تشبيهون ۽ استعارا سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن. هڪ شعر اٿس:
    مينهن موٽي ويا، ڏينهن اُڀري لٿا،
    تون نه آئين پرين، وِهُه لڳي ٿي وَهِي!

    ’وهيءَ جو وهه لڳڻ‘ [اصطلاح] سنڌيَ شاعريءَ ۾ اڳي استعمال ئي نه ٿيو آهي ۽ جديد ’سُر سورٺ‘ لکندي هن لکيو آهي:
    گهاڙوءَ گهڙيو ڪونه، ڳهڻو تنهنجي ڳلَ جئن،
    سورٺ تو تي ڇو نه، مان وَر وَر واريو وڃان!

    هتي سورٺ جي ڳل کي ڪنهن اهڙي زيور سان تشبيهه ڏني وئي آهي، جيڪو ڪنهن سوناري اڄ تائين تيار ئي نه ڪيو آهي.
    آءٌ هاڻي اياز جي شاعريءَ کان هٽي، سندس ذاتي خصلتن تي ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو. هيءَ حقيقت آهي ته جهڙي طريقي سان مولانا آزاد جي نثر جي خصوصيت اِها آهي ته هن ۾ هر جڳهه تي اِيگو (ego) آهي. اهڙي طريقي سان اياز به ’اِيگو‘ جي بلنديءَ تي پهتل هو. هن جي ڪا سِٽ لڪل يا ظاهري ايگو کان خالي نه آهي، اُن جي باوجود هو پاڻ کان ننڍن ليکڪن ۽ شاعرن جو بي پناهه قدر ۽ عزت افزائي ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته مارشل لا دور ۾ هڪ دفعو مون کي سکر بار طرفان بار کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ملي. اها خبر جڏهن شيخ اياز کي پهتي ته هن مون ڏانهن نياپو موڪليو ته: ”آءٌ شڪارپور وڃي رهيو آهيان، اُتي منهنجا ڪيس رکيل آهن. آءٌ ڪوشش ڪري، ڪيسن جو سُنوايون وٺي جلد موٽي ايندس، تون مهرباني ڪري منهنجي موٽڻ کان اڳ ۾ تقرير نه ڪجان“ - ۽ هو جڏهن موٽي آيو ته اُن کان پوءِ مون تقرير ڪئي. مون تقرير ۾ چيو ته ”ممڪن آهي ته اسان جي سياسي فيصلن ۾ غلطي ٿي هجي، عملي طرح ڪٿي اسان دوکو کاڌو هجي، پر اي اياز جي لازوال شاعري! اي معصوم شاهه جا منارا! اي کرڙيءَ جي شهيدن جا مقدس رتَ! اي هيمو ڪالاڻيءَ جي ڦاسيءَ جا ڦندا! اوهين سڀ شاهد رهجو ته اسان جي نيت ۾ ماڪ ڦڙن جي معصوميت ۽ اسان جي عمل ۾ ڪنواريءَ جي ٿڻن جو تقدس هميشه رهيو آهي.“
    اُتي ئي مون چيو هو ته: ”هتي اڄ ويهين صديءَ جو دنيا جو وڏو شاعر ويٺو آهي، جنهن جي سربراهيءَ ۾ موجوده وقت جي چئن وڏن شاعرن: محمود درويش، ابراهيم آفيقي ۽ سردار جعفريءَ تي مشتمل ڪورٽ قائم ڪئي وڃي، جيڪا فيصلو ڪري ته سنڌ بيٺڪيت آهي يا نه؟“ ۽ مون ڏٺو ته سنڌ جو هماليه کان بلند قد رکندڙ شاعرُ، مسلسل عقاب وانگر منهنجي مُنهن ۾ گهوري رهيو هو ۽ پوءِ هن مون کي چيو ته: ”تو تقرير صرف مون کي سامهون ڏِسي ڪئي آهي، جڏهن ته بار ۾ ويٺل جاهل سڀ ايازَ ڪونه هئا.“
    اڳتي هلي هن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته: ”سنڌ ۾ تقرير صرف ٻه ئي ماڻهو ڪري سگهن ٿا: هڪ عبدالواحد آريسر ۽ ٻيو رسول بخش پليجو.“
    ٻئي دفعي مون پنهنجو هڪ ننڍڙو ڪتاب ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“، ٿر جيءَ ماڪ جهڙي شاعرَ اياز گلَ ذريعي شيخ اياز کي موڪليو، جيڪو پڙهي هن لکيو ته: ”آريسر جي ڪتاب ۾ هڪڙي جاءِ تي جملو آهي ته: ’آءٌ پر امن غلاميءَ کان پر خطر آزاديءَ کي وڌيڪ پسند ڪريان ٿو.‘- ڇا واقعي اهو آريسر لکيو آهي؟“
    اهڙي طريقي سان جڏهن اسان ’برسات‘ اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو، اياز بحيثيت ايڊيٽر ۽ مون بحيثيت ڪالمسٽ جي، ته هن مون کي چيو ته: ”آريسر! تنهنجي قلم ۾ بي پناهه طاقت آهي، تون مون کي وقت ڏئي سگهندين ته اسان گڏجي سائين جي. ايم. سيد جي ڪٿا لکون، جيڪا اڃا لکي نه وئي آهي. تو جيڪو سائينءَ تي [’جي. ايم. سيد‘ نالي] ڪتاب لکيو آهي، اُن ۾ لفظن جو سيلاب سائينءَ جي فڪر کي لوڙهي ويو آهي. سائينءَ جي فڪر کي نروار ڪرڻ لاءِ هن طريقي سان لکڻ جي ضرورت آهي، تون سائينءَ جو اصحابي آهين ۽ آءٌ اُن جو روحاني پُٽ آهيان.“
    آءٌ نٿو سمجهان ته ڪو ايڏو وڏو عالم ۽ شاعر، مون جهڙي هڪ
    اڻ پڙهيل کي ايڏو داد ڏيئي سگهي ٿو، اياز کانسواءِ!
    اڄ هو اسان ۾ ناهي، پر هن جو هيءُ شعر اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي:
    تون جو مون کان پوءِ اچين،
    ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين
    منهنجا گيتَ ٻڌين،
    مون کي ياد ڪرين!
    سنڌڙي ساري ڳاڙهو کُهنبو ٿي ويندي تيسين،
    ۽ جي اُن تي منهنجي ڦُلڙيون ڦلڙيون ڏات ڏسين
    شال، اهو سمجهين،
    ڏات وڏي شيءِ ناهي،
    پر سچُ وڏي شيءِ آهي:
    ۽ جو سچ مچائي،
    سو مچ وڏي شيءِ آهي!
    اچو ته اها سنڌ تعمير ڪريون، جنهن تي اياز جي ڦلڙيون ڦلڙيون ڏات هجي.
    اياز! تو لاءِ مون وٽ ڪجهه ڳوڙها آهن، ڪجهه گل آهن، ڪجهه روح جا ريلا آهن، جيڪي پيش ڪريان ٿو، شل قبول پون! آءٌ توکي مرحوم ڪونه ٿو چوان، ڇو ته رحمت تو جهڙي مها ڪويءَ جي پيرن جي پڻي هوندي آهي. تون ويو ناهين، تو هڪ دفعو مون کي چيو هو ته: ”آءٌ ٻيو جنم وٺندس ۽ ٻيو جنم منهنجو ٿر ۾ هوندو“- ها تو ئي ته چيو هو دودي جي واتان:
    ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان،
    ويس مٽائي ورڻو آهيان!
    تون به چنيسرَ جو ڪجهه چاهين
    مون کان اڳ ۾ ورڻو آهين:
    نانءَ نئين سان، ويس بدل سان،
    تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان،
    جاري آهي، جاري رهندي-!

    - ۽ تو کي اها به خبر هوندي ته دودي جو پڳ مٽ يارُ هاسو سوڍو هو، جنهن پنهنجو وهانءُ اڌ ۾ ڇڏي دودي سان ياري نڀائي هئي ۽ دودي سان گڏ شهيد ٿي ويو هو. اُنهيءَ هاسي سوڍي جي نالي پويان منهنجي ڳوٺ جي ڀر واري علائقي جو نالو ’هاسيسر‘ آهي. اي اياز! تون به جڏهن دودي جي روپ ۾ وري موٽئين ته هاسي جي روپ ۾ آءٌ به توسان گڏ هوندس:
    سنڌڙي تنهنجو ساهه اياز،
    مري نه ٿيڻو آهي مات!

    هو جرئت، همت، محبت، لازوال، تخليقي صلاحيت ۽ ڌرتيءَ جي پوڄا جي جذبي سان ٽمٽار رَٿ تي سوار ٿي آيو هو، ۽ سڀ ڪجهه ڌرتيءَ کي ارپي، عورت جي مُرڪ کان هلڪو ٿي، بادلن جي ڪُلهن تي اڏامي هليو ويو. پوءِ به هو اَرهو نه ويو ۽ ديس کي دعائون ڪندو ويو:
    سُڃاتئي نه سائل، خدا خوش رکيئي،
    وڃون ٿا ڪري ديسَ توکي دعائون!

    اکيون آرزوئون، اکيون التجائون،
    اکيون يار تنهنجون صدين جون صدائون!


    ڪيرت ٻاٻاڻي منهنجي نظر ۾

    اڄ جڏهن مُون کان مختلف اخبارن جا عيوضي اهو پُڇن ٿا ته، سائين جي. ايم. سيد کان پوءِ جيئي سنڌ هلچل جو يا سيد جي سنڌو ديش واري خواب جو ڇا ٿيندو؟ ته آءٌ انهن کي اِهو جواب ڏيندو آهيان ته: ”جي. ايم. سيد جي پُڄاڻي ٿيڻي ناهي، اُن ڪري سيد کان پوءِ واري سوال تي مون سوچيو ئي ناهي.“ پر اُنهيءَ جواب سان گڏوگڏ منهنجي ذهن ۾ هڪ شخصيت جي تصوير اُڀرندي آهي ۽ اُها تصوير آهي ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي، جنهن کي سيد جي جدوجهد دوران ’هِندُ جي سنڌين جو جي. ايم. سيد‘ قرار ڏنو ويو آهي. جهڙي طريقي سان سائين جي. ايم. سيد، سنڌين جي حوالي سان پنهنجي جدوجهد ۾ صرف سنڌ جي سنڌين جو رهبر نه رهيو آهي، پر هو سموريءَ دُنيا ۾ پکڙيل سنڌين جو، خاص ڪري ننڍي کنڊ ۾ آباد يا ڏُتڙيل سنڌين جو به ليڊر آهي. ڇا، ڪيرت ٻاٻاڻي هند ۾ رهندي، سموريءَ دنيا جي سنڌين لاءِ کيس مليل ’هند جي جي. ايم. سيد‘ جي لقب کي برقرار ۽ دنيا جي سنڌين کي مُتحد رکي سگهندو؟
    دُنيا جي انقلابي تحريڪن ۾ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، جو پنهنجي ڌرتيءَ تان جلا وطن ٿيل ليڊرن، وطن ۾ هلندڙ تحريڪن جي قيادت ڪئي آهي، ۽ اُهي تَحريڪوُن سوڀاريون ٿِيون آهن. اُن سلسلي ۾ ڪيترائي مِثالَ پيش ڪري سگهجن ٿا، پر اهڙي ڪردار لاءِ اِهو ضروري آهي ته، اُنهن پنهنجي ڌرتيءَ جي تحريڪُن سان پاڻ کي اخلاقي طرح سان رڳو جُڙيل ئي نه سمجهيو هو، پر پاڻ کي اُن جو اڻٽُٽ حصو به سمجهيو هو.
    ڪيرت ٻاٻاڻي، جيڪڏهن اڄ ڏينهن تائين پاڻ کي سنڌ جو
    جلا وطن فرزند اِئين سمجهندو رهيو آهي، جيئن خُمينيءَ پاڻ کي ايران جو، هوچي منهه پاڻ کي ويٽنام جو، ته پوءِ هُن کي سنڌ جي آجپي ۽ جياپي جي تحريڪ جي قيادت ڪرڻ گهُرجي: ڇو ته هند ۽ سنڌ سميت سموريءَ دنيا ۾ پکڙيل قومپرست سنڌين مان ڪنهن کي به ’ثاني جي. ايم. سيد‘ جو لقب مليل ناهي، ۽ اهو لقب آتشِ بيان مقررن، نفيس شاعرن ۽ گُلابَ جي پنکڙين جهڙن چپن وارين ڪُنوارين جي واتان بُلند ٿيندو رهيو آهي. آدرشي انسان اُنهن لقبن، نالن ۽ ويساهن کي برقرار رکڻ لاءِ عارضي، وقتي ۽ فوري پهچندڙ نفعن ۽ آسائشن کي قربان ڪري ڇڏيندا آهن، ته جيئن ماڻهن جو ويساهه برقرار رهي. ويساهه تي ئي هن دنيا جو دارومدار آهي. ويساهُه دوست جو دوست تي، محبوبا جو محبوبَ تي، پارٽيءَ جو ليڊرَ تي، قوم جو رهبرَ تي، ۽ اُن ويساهه کي برقرار رکڻ لاءِ ماڻهو ملڪيت کان وٺي ساهه تائين قربان ڪندا آهن. جيئن ايازَ چيو آهي ته:
    جي تُون وِڙهندين، ماريو ويندين،
    هِن وَستيءَ تي واريو ويندين،
    دودا تُنهنجو ساهُه ته ويندو،
    ماڻهوءَ جو ويساههُ نه ويندو.

    - ۽ اڄُ زندگيءَ ۽ موتَ جي بِستري تي سُتل انسانُ، جيڪو اهڙيءَ حالت ۾ پنهنجي چَهري ۽ لِباسَ تي بَدنُمائيءَ وارو داغُ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڇو ته هُن پنهنجي سموري سياسي زندگيءَ ۾ پنهنجي جِسماني توڙي ذهني زندگيءَ تي داغ لڳائڻ برداشت نه ڪيو آهي. اڄ هِن حالت ۾ به هن جو ساهه ستارن سان سرگوشيون ڪندي، اِهو چئي رهيو آهي ته ڇا اهڙو ڪو آهي، جيڪو منهنجي نعري جو سمورو رَسُ پنهنجي ازل جي اُڃايل چپن سان پِي وڃي ۽ اهڙو به ڪو آهي، جيڪو منهنجي ارادي کي کڻي مسلمانن جي بدترين فاشسٽ حڪومت جي ڦاسيءَ جي ڦندي، ۽ تختي کي ناڪام بڻائي، ۽ اهڙو به ڪو آهي، جيڪو اڪيلي هوندي، مون وانگي اِهو نعرو هڻي ته:

    سکن واري سڌ، متان ڪا مون سين ڪري،
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون!

    يا فارسي شعر جي مفهوم مطابق
    بَه ريَزد از صفِ ما ڪه مردِ غوغا نيست،
    ڪَس ڪه ڪُشته نه شد، از قبيله ما نيست!


    [اسان جي صفن مان اهو ڀڄي وڃي جيڪو، جدوجهد جو ماڻهو نه آهي، ۽ جيڪو ڪسجڻ لاءِ تيار نه آهي، اِهو اسان جي قبيلي مان نه آهي.]
    جيڪو ڪو نه ڪُٺو، سو نه اسان جي ڪڙم مان! (اياز)
    -۽ بقول مهاڀارت جي هڪ ڪردار جي ته، جيستائين دهليءَ جو تخت مضبوط هٿن ۾ ويندي آءٌ محسوس نه ڪندس، تيسين منهنجو ساهه نه ويندو ۽ شايد سائين جي. ايم. سيد اُنهيءَ انتظار ۾ آهي، مون کي يقين آهي ته ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ۾ اُهي سڀ خصوصيتون آهن، جيڪي سائين جي. ايم. سيد سنڌ کي نجات ڏياريندڙ لاءِ خواب ۾ ڏٺيون هيون- ۽ آءٌ هن مضمون وسيلي ڪيرت کي چوان ٿو ته تون ’فريڊم فائيٽر‘ جو مڪمل نمونو اڃا نه ٿيو آهين. سموري دنيا ۾ هڪڙو ڪردار شايد سائين جي. ايم. سيد کان پوءِ ڪنهن هيري جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رهي ۽ جيئن مصر جي آزاديءَ جي ڪردار اهو هيرو سعاد ضغلول کان پوءِ جمال ناصر جي روپ ۾ ڏٺو، تيئن سنڌ اهو هيرو تنهنجي روپ ۾ ڏسي. مون کي خبر آهي ته تنهنجي پيرن ۾ ڪيترا ’ڏانوڻ‘ پيل آهن. مصلحت ۽ ڊپلوميسيءَ جون ڪيتريون زنجيرون توکي جڪڙي ويٺيون آهن، پر توکي حالتن جي حادثن سان ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته زندگيءَ جي هر موڙ تي سائين جي. ايم. سيد جو هي آواز نه رڳو توکي، پر اياز جي لفظن ۾ سڀني کي ڌونڌاڙيندو رهندو ته:

    ڪنهن ڄاتو ڪير مري،
    هو ڪانئر ڪارونڀار ڪري،
    اڄ ايندا تنهنجي ڀاءُ مٿان،
    ۽ شايد ويندي سنڌ هٿان،
    مان مرندي تائين وار ڪندس،
    ۽ ڌارين جا سِر ڌار ڪندس،
    هي ڪنڌ ڪلهن تي آ جيسين،
    هو پير ڌريندا ڪيئن تيسين!

    ڪيرت! مون هي سڀ ڪجهه ان ڪري لکيو آهي ته دنيا ۾ ڪنهن انقلابيءَ ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جي اڳواڻ جي غير يقينيءَ جي حالت ۾ ڪڏهن به اهو سوال نه اُڀريو آهي ته اُن کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ نه حضرت محمد ﷺکان پوءِ اهو سوال پيدا ٿيو هو ۽ نه گانڌيءَ کان پوءِ اهو سوال پيدا ٿيو هو، پر سنڌ جي ڪيترين ئي بدنصيبن مان هڪڙي اها به آهي ته سيد جي زندگيءَ ۾ اسان کان اهو سوال ڪيو ٿو وڃي. اُن ڪري ئي مون ’سيد جي فڪري مقصد جو مرڪز‘ توکي سمجهيو آهي، ڇو ته اسان وٽ سڀ ڪجهه هوندي به سنڌ سان سيد واري ڪشش ۽ مقصد سان محبت موجود ناهي- ۽ آءٌ توهان سان 1998ع ۾ مليو هوس ۽ مون توهان کي چيو ته توهان هندستان ۾ سنڌين لاءِ الڳ صوبو نه گهُرو، ڇو ته اسان وٽ سنڌ ۾ پناهگيرن لاءِ اِهو جواز ٿيندو ته هو سنڌ ۾ الڳ صوبي جي تقاضا ڪن-۽ پوءِ توهان منهنجي موجودگيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو هو ته ”اسان کي هند ۾ الڳ صوبو نه آهي ۽ اسان اهڙو ڪو به مطالبو نٿا ڪريون،“ جيئن ته هند ۾ اسان جي مادرِ وطن سنڌ جو اڪيلو آواز ڪيرت ٻاٻاڻي آهي ۽ هاڻ اُن آواز کي هند، سنڌ ۽ سموريءَ دنيا جو آواز هئڻ کپي ۽ اسين پنهنجون سموريون توانائيون، همتون ۽ قربانيون انهيءَ آواز جي نظر ڪرڻ چاهيون ٿا.•

    جيئي جي. ايم. سيد، جيئي اُن جو هندستاني روپ، ڪيرت ٻاٻاڻي.
    (9 اپريل 1995ع)


    مسلم سنڌ جو ترجمان [علامه غلام مصطفيٰ قاسمي]

    سنڌ جي سرزمين جي معلوم تاريخ ۾، اسان کي هر فن جا ماهر ۽ غواص ملن ٿا، پر اُهي سڀ، ڪنهن هڪڙي علمي ۽ سماجي موضوع تي ڄاڻ جو ڀنڊار ليکيا ويندا آهن؛ ليڪن ڪو هڪڙو اَڌ ماڻهو اهڙو هوندو آهي، جيڪو سڀني علمن ۽ سماجي موضوعن جو ماهر هجي، سو گهٽ ۾ گهٽ مون کي علامه قاسميءَ کان سواءِ نظر نه آيو آهي.
    اسان وٽ وڏا تاريخدان به پيدا ٿيا آهن؛ شاعريءَ جي ميدان جا آفتاب ۽ ماهتاب به پنهنجا جلوا ڏيکاريندا رهيا آهن؛ تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي موضوعن تي تحقيق ڪندڙ به موجود رهيا آهن؛ قانون ۽ سماجي اصطلاحات تي جامع ڄاڻ رکندڙ به پيدا ٿيا آهن؛ فلسفي، منطق، تنقيد ۽ سياست جا شهسوار به پنهنجا جوهر ڏيکاريندا رهيا آهن؛ پر ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو، جيڪو اُنهن سڀني علمن، موضوعن ۽ ميدانن جو شهسوار هجي، سو ويجهي ماضيءَ ۾ ۽ هلندڙ دور ۾، سواءِ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي مون کي نظر ڪونه ٿو اچي.
    اسلامي علمن جا سڀئي موضوع، هن وٽ ٻانهَن جيان موجود هوندا هئا. يونان ۽ عرب جو فلسفو ڄڻ ته هُن لاءِ درسي ڪتاب جو پهريون سبق هو. تاريخ ۽ ’علم الانساب‘ ڪو ته ويهي کائنس ٻُڌي ۽ سکي ها- ۽ وري جي شاعريءَ جهڙي نازڪ، نفيس ۽ دلرُبا دوشيزه جي انگ انگ جو بيان ڪو ٻُڌڻ چاهي ها ته اُهو عربي شاعريءَ کان وٺي سنڌ جي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ تائين علامه قاسميءَ کان ئي ٻُڌي ۽ سِکي سگهي ها!
    اسان وٽ عام طرح مولوين جي باري ۾ اِهو تصور رهيو آهي ته اُهي صرف پراڻن پيچرن ۽ رَندن جا راهي آهن؛ جديد شاعري، جديد ادب، جديد فلسفي ۽ منطق کان نه صرف پاڻ پري هوندا آهن، پر شاگردن کي پڻ اوڏانهن راغب ٿيڻ کان روڪيندا آهن. پر هيءُ سنڌ جو يگانو عالم، جتي قديم شاعريءَ جو نقاد ۽ معترف رهيو آهي، اُتي جديد شاعريءَ ۽ جديد ادب جو به وڏو مداح رهيو. مون کي ياد آهي، هڪ دفعو ’شاهه
    ولي الله اڪيڊميءَ ۾‘، پير حسام الدين راشدي ۽ علامه قاسمي ٻئي ڪچهري ڪري رهيا هئا ته آءٌ به وڃي نِڪتس. اُتي شيخ اياز جي شاعريءَ تي ٻنهي عالمن جو بحث هلي رهيو هو. منهنجي پهچڻ تي ٿوريءَ دير لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي. اُتي مون عرض ڪيو ته ”سائين! منهنجي خُوش قسمتي آهي، جو اڄ توهان ٻئي ويٺا آهيو، پر منهنجي اچڻ تي خاموش ٿي ويا آهيو، اُن تي مون کي اياز جو شعر پيو ياد اچي ته:
    هُڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو-
    سانولِڙي جو ڳيچ چئو ڪو،
    سانت بُري آ سانت ڪيوَ ڇو؟
    گونج اُڀاري ڪا ته گلو هو،
    هڙڪ هلو هو، ڌيمان هلو هو-!

    اُن تي علامه قاسميءَ، پير صاحب کي چيو ته: ”توهان هن جو رسالو ’پيغام‘ پڙهندا آهيو؟“ پير صاحب چيو ته: ”ها، مون کي نياز همايوني موڪليندو آهي ۽ آءٌ هن جي لکڻ جي لهجي کان متاثر آهيان.“ جنهن تي قاسمي صاحب چيو ته: ”هن جي ٻولي سُٺي آهي، ۽ اُها تحقيقي نه ، پر دعوتي ٻولي آهي.“ اُن تي مون حيران ٿي کانئن پُڇيو ته: ”سائين تحقيقي ۽ دعوتي ٻوليءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي، آءٌ ته مڙيئي اِئين جذبن جو اظهار ڪندو آهيان.“ علامه صاحب فرمايو ته: ”تحقيقي ٻولي مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي آهي ۽ دعوتي ٻولي مولانا آزاد جي آهي.“ مون چيو ته: ”سائين، آءٌ مولانا آزاد کان متاثر آهيان.“
    اڄ آءٌ سوچيان ٿو ته ڪاش! علامه قاسمي، مولانا آزاد واري ’دعوتي ٻولي‘ استعمال ڪري ها ته شايد ئي سنڌ ۾ ڪو اديب سندن همسري ڪري سگهي ها ۽ هُو سنڌ تي ائين ڇانئجي وڃي ها، جيئن ننڍي کنڊ تي ابوالڪلام آزاد ڇانئجي ويو هو: ليڪن علامه صاحب باوجود لفظن جي اثر پذيريءَ جي ڄاڻ هوندي، پنهنجي اُستاد محترم [مولانا عبيدالله سنڌيءَ] جو طريقو اختيار ڪيو، جنهن جو اثر انتهائي سُست رفتاريءَ سان ٿيندو آهي، پر اُهو ديرپا هوندو آهي. مون کي اها به خبر آهي ته علامه صاحب پاڻ ڄاڻي واڻي ٻوليءَ جي معاملي ۾ اهو اسلوب اختيار ڪيو هو، اُن جو سبب هِتي جون سياسي، سماجي ۽ معاشرتي حالتون هيون، جتي غزل جي زبان ته ڳالهائي سگهجي ٿي، پر فردوسيءَ جهڙو نظم نٿو لکي سگهجي. اُن جو ڪارڻ، پاڪستان جا حڪمران ۽ اُنهن جي اظهاري پاليسي رهي آهي. هڪ معنيٰ ۾ ائين به چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسان جا اُهي بزرگ ۽ عالم پنهنجي فڪري سوڀ کي پُٺتي رهندو ڏسي مرعوب ٿي ويا. اُن جو هڪڙو مثال، مولانا محمد صالح ’عاجز‘ آهي، جنهن مون کي چيو هو ته: ”آءٌ ٿڪجي چُڪو آهيان، تُنهنجي ملاقات تي به جيل تي نه ايندس، ڇو ته 14 آگسٽ 1947ع جي سانحي اسان جي عقيدن جا مينار ڊاهي وڌا. هاڻي اسين جيئڻ جو نقل پيا ڪريون. جيئون ڪونه پيا.“
    علامه قاسمي ته انهيءَ قافلي جو سرواڻ هو، جنهن قافلي، حضرت شيخ الهند ۽ مولانا آزاد جي خُمخاني مان جام پيتا هئا، سو قافلو پاڻ کي شڪست خورده سمجهڻ لڳو، اُن ڪري ئي علامه قاسميءَ، انتهائي دانائيءَ سان سياسي سرگرميءَ وارو پاسو ترڪ ڪري، علمي، تاريخي ۽ ادبي ميدان ۾ پنهنجي قلم جا واهڙ وهايا: بلڪل ائين، جيئن روم هٿان يونان جي شڪست کانپوءِ يوناني فلسفين/دانشورن جي ڪتابن ذريعي ئي يونانُ، روم تي فاتح بنيو- ۽ هيءَ سنڌ، جيڪا اڄ هن صورت ۾ موجود آهي، تنهن کي انهيءَ صورت ۾ برقرار رکڻ لاءِ جن ماڻهن جدوجهد ڪئي، اُنهن مان علامه قاسمي ممتاز ۽ معتبر حيثيت رکي ٿو. پر اِها صورت اهڙي آهي، جنهن تي هُن جو ذهن ڪڏهن به مطمئن نه رهيو.
    هيءَ منهنجي خوشقسمتي آهي ته آءٌ سنڌ جي هيڏي وڏي عالم جو شاگرد رهيو آهيان، پر افسوس آهي جو آءٌ سندن اهڙي وقت شاگرد ٿيس، جڏهن سڀني مدرسن مان مون کي نيڪالي ملي چُڪي هئي، ۽ سنڌ حڪومت مون کي گرفتار ڪرڻ جي پويان هئي. اُن ڪري آءٌ علامه صاحب کان صرف ’مشڪواة شريف‘ جون ڪجهه ئي حديثون سمجهي سگهيس، ۽ پوءِ ٻَڌجي ويس. اهو ئي سبب آهي، جو آءٌ کانئن وڌيڪ نه پرائي سگهيس، پر اِنهن سبقن دوران مون کي چيائون ته: ”جديد عربي پڙهه، ٻيون سڀ سرگرميون ڇڏي، جديد عربي ادب ڏانهن اچ، آءٌ توکي جديد عربيءَ جي فلمي شاعري به سمجهائيندس.“ اِها منهنجي بدبختي هئي، جو آءٌ کانئن اُها عربي نه سکي سگهيس، پر سندن ڏسيل راهه تي هلندي، مون ڪوشش ڪئي ته جديد عربي سکي ۽ سمجهي سگهان. انهيءَ هدايت جي روشنيءَ ۾ مون محمود درويش کي پڙهيو ۽ محمود درويش کي پڙهڻ کانپوءِ ئي مون کي اها خبر پئي ته شاعريءَ ۾ صرف وطن جي حُب يا اُن جي تڙپ ظاهر ڪرڻ شاعريءَ جو ڪمال ناهي، پر بنيادي طرح اُنهيءَ حُب ۽ تڙپ کي تخيل جو پرواز ڏيڻ ئي شاعريءَ جو ڪمال آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اياز، مون کي محمود درويش کان ڪيئي رتيون وڌيڪ باڪمال شاعر معلوم ٿيو. انهيءَ معاملي ۾ منهنجي راءِ، منهنجي تاريخي ڄاڻ جي مُرشد، پير
    حسام الدين راشديءَ کان هميشه مختلف رهي، ڇو ته پير صاحب چوندو هو ته شاعري ٻُڌڻ جي شيءِ آهي. انهيءَ ڪري، کيس مرتضيٰ ڏاڏاهي به وڏو شاعر لڳندو هو. پر آءٌ کين چوندو هوس ته شاعري هاڻي صرف غنائي صنف نه، پر مطالعاتي صنف به آهي. مرتضيٰ ڏاڏاهي ڪنهن ڳائڻي جي واتان ته ٻُڌي سگهجي ٿو، پر مطالعي جي ميز تي صرف اياز ئي پڙهي سگهجي ٿو. علامه قاسمي صاحب اُنهن بحثن کي وڏي دلچسپيءَ سان ٻڌندو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ مُرڪي، وري ڪو نه ڪو عربي ۽ فارسي شعر پڙهي بحث کي ختم ڪري ڇڏيندو هو. اُهو بحث ڪو هڪجهڙن عالمن جي وچ ۾ نه هوندو هو، پر هڪڙي ضِدي شاگرد ۽ هڪ باوقار عالم جي وچ ۾ هوندو هو، جنهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته عقيدت جو به دخل هجي.
    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ علامه قاسميءَ پنهنجي قلم جو زور سڄو اِن ڳالهه تي صرف ڪيو ته سنڌ، ’مسلم دور‘ ۾ رواداريءَ ۽ تصوف جو مرڪز رهي آهي، جنهن ۾ ٻيائي، تشدد ۽ سختيءَ جي ڪابه گنجائش نه آهي. انهيءَ ڳالهه کي مدنظر رکندي، هن سنڌ جي صوفين تي وڌ ۾ وڌ تحقيق ڪئي ۽ مقالا لکيا. اُهي ’مسلم سنڌ‘ جا تصوف تي مبني ترجمان مقالا آهن- ۽ تصوف سان انهيءَ وابستگيءَ جي ڪري هُو سَنَ جي بارگاهه سان به وابسته ٿي ويو.
    آءٌ ننڍي کنڊ جي ٽن عالمن جي علم کان ڏاڍو متاثر ٿيو آهيان: ابوالڪلام آزاد، جواهر لعل نهرو ۽ جي. ايم. سيد، ابوالڪلام ته پنهنجي هر تحرير ۾، پنهنجن ئي لفظن ۾ ’اهڙي مينار تي بيٺل هوندو هو، جتي ڪنهن عاميءَ جي پهچ نه هئي.‘ نهروءَ کي آءٌ هندستان جو ’سرڪش عالم وزيراعظم‘ چوندو آهيان: جڏهن ته جي. ايم. سيد پنهنجي سموري علمي ڪمالات جي باوجود به چوندو هو ته ”اسين اڻپڙهيل ماڻهو به مولانا قاسمي جهڙن کان سکندا آهيون، پر اسان وٽ الائي ڇو نه ٿو اچي.“ سائين جي. ايم. سيد، علامه صاحب کي حضرت شيخ الهند جي فڪر جو تسلسل سمجهندو هو، اُن ڪري جڏهن به ڪنهن اخبار ۾ اهڙي خبر ايندي هئي ته علامه صاحب کي فلاڻي ’سرڪاري ڪميٽيءَ‘ ۾ کنيو ويو آهي ته ڏاڍا رنجيده ٿي ويندا هئا. هڪ دفعو علامه صاحب کي ’چنڊ ڏسڻي ڪاميٽيءَ‘ تي کنيو ويو ته مون کي چيائون ته: ”قاسمي صاحب کي، چئجو، آءٌ نظر بند آهيان، توهين مون وٽان ٿي وڃجو.“ مون کين عرض ڪيو ته: ”ڇو، سائين؟“ چيائين ته: ”قاسمي سڏائي ٿو ۽ وري سرڪاري ڪاميٽين ۾ وڃي ٿو، اها ڳالهه مولانا محمد قاسم نانوتويءَ جي تعليمات جي خلاف آهي.“ مون کين عرض ڪيو ته: ”سائين! آءٌ کين اهو چئي نه سگهندس، جو پاڻ منهنجا اُستاد آهن.“ پوءِ به پاڻ مون کي هڪڙي راز جي ڳالهه ٻڌايائون ته: ”ڇا به هجي، مولانا قاسمي صاحب اسان جو آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته جي هُو مون کان پوءِ جيئرو هُجي ته هُو منهنجي جنازي نماز پڙهائي- ۽ جيڪڏهن اُهو نه هجي ته مولانا ٻير وارو به ٺيڪ آهي، پر اُهو اُن درجي جو نه آهي. بهرحال مُئل، جيئرن جي وس ۾ آهن، منهنجي اِها خواهش آهي.“
    مون کي افسوس آهي، جو آءٌ سائينءَ جي. ايم. سيد جي انهيءَ خواهش کي پوري ڪرڻ ۾ سوڀارو نه ٿي سگهيس، ڇو ته خود خاندان ۾ شيعي سُني مسلڪن جي بنياد تي جنازي نماز تي اختلاف ٿي پيا هئا ۽ ڪجهه نه ڪري سگهيس. انهن اختلافن کان اڳ ۾ مون سائين جي. ايم. سيد جي پوٽي ڊاڪٽر ضياء شاهه کي سائينءَ جي اها خواهش ٻڌائي هئي، پر نقار خاني ۾ طوطيءَ جو آواز ڪير ٻڌندو! اسان کي ٻڌڻ وارو ته هليوويو، پر اها خواهش به قبول نه ٿي. بهرحال نمازون جيتريون هجن، سُٺيون آهن، پر مون کي ڏک رڳو اهو آهي ته سنڌ جو عظيم عالم، سنڌ جي عظيم ماڻهوءَ جي جنازي نماز نه پڙهائي سگهيو. پوءِ به آءٌ محسوس ڪريان ٿو ته علامه قاسميءَ جهڙو عالم، اسان وٽ 14 صدي هجريءَ ۾ ٻيو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آ هي. مون کي اهو فخر آهي ته هُو منهنجو استاد رهيو آهي، پر مون کي سندن شاگرد سڏائيندي شرم ٿو اچي.
    -


    سنڌي تهذيب جو آفتاب غروب ٿي ويو [ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ]

    سنڌي تهذيب جو آفتاب غروب ٿي ويو
    [ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ]

    تاريخ ڇهين اپريل [2012ع] تي موبائل فون ذريعي مون کي اطلاع مليو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌ مان عالم ارواح ڏانهن هليو ويو. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ادب جي انسائيڪلوپيڊيا هو. جيتوڻيڪ مون کي ساڻس ويجهڙائيءَ جو ايترو موقعو نه مليو هو. سواءِ جلسن ۽ ڪانفرنسن جي، منهنجي ساڻس ذاتي ويجهڙائپ نه هئي. پر ڊاڪٽر نبي بخش، سنڌي علم ۽ ادب جي خدمت ۽ سرپرستيءَ جو سنڌ ۾ قطب مينار هو. اُن سلسلي ۾ هن جي خاص خصوصيت تحقيق جي ميدان ۾ محنت هئي. آءٌ سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ جيتوڻيڪ ابراهيم جويي صاحب فڪري طرح تمام گهرائيءَ سان ڪم ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر صاحب فڪريءَ کان وڌيڪ روايتي طريقي سان وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. اِن سلسلي ۾ سندس محنت جو ثمر، اسان جي سامهون ٽي اهم شيون آهن: (i) لوڪ ادب جا چاليهه جُلد، (ii) شاهه لطيف جي رسالي جي مستند متن تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ بي پناهه پورهيو، ۽ (iii) جامع سنڌي لغات جا پنج جلد.
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ ئي هڪ دفعو ٻڌايو هو ته: ”آءٌ جڏهن آمريڪا مان پي. ايڇ. ڊي ڪري موٽيس ته منهنجي لاءِ هتي روزگار جو ڪوبه ذريعو ڪو نه هو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ آءٌ سائين جي. ايم. سيد وٽ ويس ۽ کيس پنهنجي حالت ٻڌايم. سائينءَ مون کي چيو ته: ”تون سنڌي لغت تي ڪم ڪر، توکي سال جو خرچ آءٌ پنهنجي هڙان ڏيندس.“ مون هائوڪار ڪئي. اُن بعد لغت جي ڪم جي سلسلي ۾ اسان پهرين گڏجي ’منڇر‘ [ڍنڍ تي] وياسين، جتي پکين جا نالا، قسم ۽ نسل، منڇري ميربحرن کان پڇياسين ۽ لکياسين. اُن کانپوءِ سامونڊي جيوت تي تحقيق لاءِ ڪراچيءَ وياسين، جتي مولانا محمد صادق کڏي واري جي مريد ملاحن کان سامونڊي مڇين، پکين ۽ ٻين قسمن جي جيوت تي بيپناهه معلومات حاصل ڪئيسين. اُنهيءَ محنت جي سلسلي ۾ منهنجو ساليانو خرچ جي. ايم. سيد پنهنجي هڙان ڀريندو رهيو. اُن کانپوءِ ته خير مون کي ملازمت ملي وئي، پر پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ’لوڪ ادب جي اسڪيم‘ جو ڪم به منهنجي حوالي سائين جي. ايم. سيد ئي ڪرايو، ڇو ته اُن دور ۾ ادبي بورڊ جو هو با اثر ميمبر هو. ان سلسلي ۾ مون کان جيڪي ڪجهه ٿي سگهيو، سو سنڌي قوم جي آڏو آهي. آءٌ اهو ئي چئي سگهان ٿو ته سيد جي اُميدن کي مون مايوسيءَ ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏنو.“
    آءٌ ذاتي طرح ڊاڪٽر بلوچ کي ايڏو محنتي سمجهان ٿو، جنهن جو تصور منهنجي ذهن ۾ ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ناهي. جيتوڻيڪ سڄي سنڌ مون پيرن هيٺان لتاڙي آهي، پنڌ، اُٺن تي، گهوڙن ۽ گڏهن تي به مون سفر ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر صاحب رڳو ’ٻيلاين جا ٻول‘ جي سلسلي ۾ جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي، اهو ’ٻيلاين جا ٻول‘ ڪتاب پڙهندي، مون کي حيرت جي درياهه ۾ ٻوڙي ويو. جيتوڻيڪ انهيءَ سموري پورهيي ۾ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي فڪري لائين ڪابه نه ڏني آهي، پر سڄو روايات تي هليو آهي، پر هندستان جي وزيراعظم جواهر لال نهروءَ، پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”هندستان جي ڳولا“ (Discovery of India) ۾ لکيو آهي ته: ”حقيقي تاريخ جو بنياد، روايتون ۽ ڏند ڪٿائون آهن“ آءٌ سمجهان ٿو ته سنڌ جي تاريخدانن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ بلوچ صاحب ايڏو وڏو سرمايو گڏ ڪري ويو آهي، جنهن تي نوان فڪري بنياد اڏي سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ هن پنهنجي لاءِ ڪا فڪري راهه متعين نه ڪئي. پر فڪري راهه لاءِ ڪيترائي گهٽ گهيڙ ڇڏي ويو. هو جيتوڻيڪ آبائي طريقي سان پير صاحب پاڳاري خاندان جو مريد هو، پر هن جيترو ڪم سومرن، سوڍن ۽ لاسين تي ڪيو آهي، اوترو پاڳاري خاندان يا حُر تحريڪ تي نه ڪيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ کي حُر تحريڪ جي اوائلي دور کان واقف ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ئي مضمون لکيا. ان ۾ به هن هڪڙي فرقي يا هڪڙي جماعت جي پوئلڳ واري حيثيت اختيار نه ڪئي. ان ڪري، آءٌ سمجهان ٿو ته هو ڪنهن جهيڙي جهڳڙي ۾ پوڻ بدران صرف سنڌ سان ڪميٽيڊ هو.
    ٻي حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته جڏهن سنڌ ۾ ’ترقي پسند ادب‘ ۽ ’قدامت پسند ادب‘ جو جهڳڙو هليو، جنهن ۾ ترقي پسندن جي اڳواڻي جويي صاحب ۽ قدامت پسندن جي اڳواڻي ڊاڪٽر ابراهيم خليل پئي ڪئي [ياد رهي ته ڊاڪٽر ابراهيم خليل علم جو ڊاڪٽر نه، پر چرين جي اسپتال جو ڊاڪٽر هو] اُن وقت صرف ڊاڪٽر نبي بخش ئي هو، جيڪو ٻنهي ڌرين وٽ غير متنازعه رهيو، بلڪ ائين چئجي ته هو باوجود حُر جماعت سان تعلق رکڻ جي، ترقي پسندن وٽ وڌيڪ مقبول هو.
    مشرق ۽ مغرب جي وڏي علم جي باوجود، مون سنڌي تهذيب جو نمونو ڊاڪٽر صاحب ۾ ڏٺو. وائيس چانسلريءَ دوران يا ٻين تقريبن ۾ جڏهن به ڇوڪريون هن سان ملڻ اينديون هيون ته هو کين هٿ ڏيڻ بدران مٿي تي هٿ گهمائيندو هو؛ ڇو ته اها سنڌ جي قديم روايت هئي.
    آخر ۾ آءٌ ڊاڪٽر صاحب جي ڪردار جو هڪ اڻ فراموش واقعو ٻڌايان ٿو، هاڻ سال ته مون کي ياد نه رهيو آهي، پر ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو، ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي سنڌ جو وزير اعليٰ هو، اُن وقت هڪڙو واقعو ٿيو ته سُپر هاءِ وي تان ٽول پلازه ويجهو سنڌ جو صوبائي وزير بديع الحسن زيدي اغوا ٿي ويو. اهو الڳ داستان آهي ته هو ڪيئن اغوا ٿيو، ڪنهن اغوا ڪرايو ۽ ڪٿي رکيو ويو. بهرحال غلام مصطفيٰ جتوئيءَ، ڊاڪٽر صاحب کي گهُرائي چيو ۽ ڪجهه شاگردن جا نالا ڏنا ته هنن کي يونيورسٽيءَ مان خارج ڪريو. ڊاڪٽر صاحب کيس سرائڪيءَ ۾ جواب ڏنو، جنهن جو مطلب هي آهي ته: ”رئيس وڏا! آءٌ ماستر آهيان، منهنجو ڪم ٻارن کي پڙهائڻ آهي، نه اُنهن کي تعليم کان محروم ڪرڻ“.
    فڪري تضادن جي باوجود، آءٌ چوان ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جي وائيس چانسلريءَ واري دور ۾ ڪوبه شاگرد ريسٽيڪيٽ ڪونه ٿيو، جيتوڻيڪ منهنجي محبوب قومي شاعر، شيخ اياز جي دور ۾ ڪيترا شاگرد ريسٽيڪيٽ ٿيا، ۽ سنڌ جي محبوب تعليمي ماهر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي دور ۾ به شاگرد ريسٽيڪيٽ ٿيا.
    بهرحال، اهڙي مهربان، محب ۽ مشفق شخصيت جو سنڌ مان عالم ارواح ڏانهن لاڏاڻو، سنڌ لاءِ وڏو نقصان آهي. آءٌ اِهو ڪونه چوندس ته خدا کيس جنت نصيب ڪري، ڇو ته جنت جا فرشتا اهڙن انسانن جي پيرن هيٺان پنهنجا پر وِڇائيندا آهن.
    -


    اِئين به وڃبو آهي ڇا؟ [ناصر مورائي]

    منظر پهريون:
    هي اولڊ ڪئمپس ۾ سنڌ يونيورسٽي سينٽرل لائبريريءَ جي لائبريرين حافظ محمد پنهور جي بيٺڪ وارو ڪمرو آهي، آءٌ روپوشيءَ جي حالت ۾ اُن ڪمري ۾ ترسيل آهيان، ته اوچتو حافظ صاحب مون کي چوي ٿو: ”هڪ ماڻهو آيو آهي، جيڪو توسان ملڻ چاهي ٿو؟“ مون چيو ”توهان جو اُن تي اعتماد آهي؟“ حافظ چيو ته: ”منهنجو نه، پر سائين جي. ايم. سيد جو هن تي اعتبار آهي.“ مون چيو ته ”پوءِ مون کان پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، وٺي اچوس!“
    ٿوريءَ دير کان پوءِ در کُليو، منهنجي سامهون ڊگهي قد، خوبصورت مُهانڊي ۽ متناسب جسم وارو هڪ شخص بيٺو هو. هُن ويهندي شرط ون يونٽ جي خلاف جدوجهد ۽ اُن ۾ اديبن جي ڪردار تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڳؤرو آواز، لهجي ۾ ڌيرج سان گڏ رواني، لفظن ۾ سنڌ جي ذڪر اچڻ تي ميٺاجُ ۽ ظالمن جي ذڪر اچڻ تي ڪِروڌ ۽ نفرت جا شعلا ڀڙڪڻ لڳا ٿي. هُو مون کي ڪڏهن شبنم لڳو، ڪڏهن شعلو ٿي ڀڙڪيو ٿي، ڪڏهن گلاب جي ٽاريءَ وانگر جَهلڪيو ٿي ۽ ڪڏهن بهار جي ڪڪرَ وانگر اُڀو ٿيو ٿي: ڄڻ ته هن جي رڳ ريشي ۾ موسمن جون سڀئي خوبصورتيون ۽ قهرمانيون شامل هيون، هُو انهن سڀني رنگن ۽ روپن سميت سنڌ ۽ سيد جو اڻٽٽ حصو لڳو پئي. آءٌ هن جي ڳالهين ۾ پنهنجو سمورو علمُ ۽ سموري خطابت وساري محو ٿي ويس. مون چاهيو ٿي ته آءٌ هن کي پنهنجي تازي جدوجهد ۽ نئين علم ذريعي شڪار ڪندس، پر آءٌ هن جي ماضيءَ جي ڳالهين ۽ جدوجهد جو ذڪر ٻُڌي خُود هن جو شڪار ٿي ويس ۽ اُهو شڪار ڪندڙ شخص هو ناصر مورائي، جيڪو بيروزگار هجڻ ڪري، ۽ ڀُٽي شاهيءَ جي عتاب هيٺ هجڻ ڪري دائمي طرح مون وانگر حافظ محمد پنهور جو مهمان بنجي ويو هو. اِها هئي هن ماڻهوءَ سان منهنجي پهرين ملاقات، جنهن نه رڳو مون کي هُن جو اسير بنائي ڇڏيو، پر هُو، حافظ محمد ۽ آءٌ ٽيئي هڪڙي پڃري جا قيدي ٿي وياسون. اُهو پڃرو، فڪري پڃرو هو، جنهن ۾ آزاديءَ جي اُڏام ۽ ڪيئي ڳڙکيون هيون، ۽ اُهو پڃرو هو سائين جي. ايم. سيد جي فڪر جو.
    -۽ پوءِ اسان راتين جون راتيون، اُن ننڍڙي پڃري ۾ ويهي ڪچهريون ڪيون ۽ حافظ محمد، جيڪو ڪٽر ڪانگريسي، ابوالڪلام آزاد ۽ الهه بخش شهيد جو پوئلڳ ۽ سيد کان سخت چِڙيل هوندو هو، اُن کي اِن منزل تي پهچايوسون، جو هُو پنهنجا ٻار وٺي وڃي سَن پهتو ۽ هاڻي مون کي ٻڌايو اٿس ته ’آءٌ آزاد سان به مليو هوس، نهروءَ سان به ڪچهري ڪئي هئم، پر جنهن طريقي سان سيدَ مُون سان ڪچهري ڪئي، سا ڪنهن سياستدان جي ڪچهري نه هئي.‘ ها، پوءِ اُهو دور ختم ٿي ويو، جو آءٌ گرفتار ٿي ويس، ناصر مورائي الائي ڪهڙين راهن جو راهي ٿي ويو ۽ حافظ محمد اُتيئي رهجي ويو.

    منظر ٻيون:
    منهنجي سامهون هڪ ڪارڊ پيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي، فلاڻي تاريخ تي اسٽيل ملز ڪراچيءَ ۾ ’يوم لطيف‘ ملهايو پيو وڃي، جنهن جي صدارت سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪندو ۽ چيف گيسٽ عبدالواحد آريسر هوندو، هيٺان دعوت ڏيندڙ جو نالو سيد ناصر علي شاهه لکيل هو. آءٌ سمجهي نه سگهيس ته سيد ناصر علي شاهه ڪير آهي؟ بهرحال، آءٌ مقرره وقت ۽ تاريخ تي اسٽيل ملز پهتس ته گيٽ جي ٻاهران ناصر مورائيءَ منهنجو استقبال ڪيو. مون چيو، ”سائين توهان؟“ چيائين، ”ها، آءٌ هينئر اسٽيل ملز جو آفيسر آهيان ۽ هي جلسو مون ئي ڪرايو آهي، پر آءٌ توکي ڪيئن ٿو وساري سگهان.“ مون چيو ته: ”توکي خبر آهي ته آءٌ جيل مان هاڻي نِڪتو آهيان، اڍائي سال قيد ۽ ڏهه ڦٽڪا کائي، تو مون کي ڪيئن گهُرايو آهي؟“ وڏو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو ته ”بُک ۾ حافظ محمد وٽ گڏ هوندا هئاسون ۽ هينئر سُک ۾ توکي ڪيئن وساريان، ’ايءُ وڙُ نه ويڙهيچن جو!‘“ بهرحال، ’لطيف ڊي‘ ۾ مون تقرير ڪئي، پر روايتي لهجي ۽ ڍنگ کان هٽي ڪري، جيئن منهنجي دوست جي نوڪريءَ تي اثر نه پوي، موڪلائڻ وقت چيائين ته: ”آريسر! تو مون کي مايوس ڪيو آهي، تو پنهنجيءَ زبان کي ڇُوٽ ڇو نه ڏني ۽ دل کي دماغ جي تابع ڇو ڪيئي؟“ مون چيو، ”ناصر! مون کي تنهنجي نوڪريءَ جو فڪر هو.“ چيائين: ”بادشاهه ماڻهو آهين، سنڌ جي معاملي ۾ آءٌ پنهنجي جانِ جو فڪر نه ڪندو آهيان ۽ تون سنڌ جي معاملي ۾ منهنجي نوڪريءَ جو فِڪر ڪرين ٿو! پنهنجو رشتو ۽ ناتو سنڌ جي حوالي سان آهي. اسان چئن ماڻهن: نياز همايونيءَ،
    ناصر مورائي، عبدالواحد آريسر ۽ حافظ محمد پنهور اِهو وچن نه ڪيو هو ته سنڌ جي نجات جو اُهو تصور صحيح آهي، جيڪو جي. ايم. سيد ڏنو آهي؟ ته پوءِ اهڙيون رک رکاءَ جون ڳالهيون ڇا جي لاءِ؟ ۽ تو منهنجي ڪري اڄ جيڪو نرم لهجو اختيار ڪيو، تنهن مون کي دوستن جي سامهون ڏاڍو شرمسار ڪيو.“

    منظر ٽيون:
    زندگي وهندڙ ندي آهي ڇا؟ زندگي بدلجندڙ منظر آهي ڇا؟ زندگي فضائن جا رنگ روپ مٽجڻ جو نالو آهي ڇا؟ گهٽ ۾ گهٽ مون اِئين محسوس ڪيو آهي. هي ڪراچيءَ جي هڪ انتهائي مهانگي هوٽل آهي، اُن ۾ مون کي ليڪچر ڏيڻو آهي، سڄو هال، فئشن ايبل ماڻهن، دلڪش مُرڪن، خُوشبوءِ دار ٽهڪن سان ٽمٽار آهي ۽ آءٌ محفل جو گُڏو بنيل اسٽيج تي ويٺو آهيان. مختلف ماڻهن کي تقريرن لاءِ گهرايو پيو وڃي ۽ آخر ۾ منهنجي پارٽي دوست خليل انصاريءَ اعلان ڪيو ته هاڻي سنڌ جو جهونو اديب ناصر مورائي توهان سان مخاطب ٿيندو. ناصر اسٽيج تي آيو، ڏاڙهي رکيل هئس، خوبصورت چهري تي ڏاڙهي مون کي ڪڏهن ڪڏهن عورت جي چهري تي مُڇن وانگر لڳندي آهي. اهو ڪيڏو ڪريهه منظر هوندو آهي. پر ناصر جي ڏاڙهي، مذهبي ڏاڙهي نه هئي، جيڪا مُلان عمر ۽ سميع الحق جي چهري تي نظر ايندي آهي، پر هيءَ ڏاڙهي سنڌي ڏاڙهي هئي، جيڪا دريا خان ۽ اسماعيل شوري جي چهري تي هوندي هئي، يا عُمر مختيار فلم ۾ عمر مختيار جي چهري تي نظر ايندي آهي. هن اچڻ شرط سنڌ جي قومي تحريڪ جي حوالي سان اهو چيو ته: ”هي منهنجو دوست آريسر هاڻي مڪمل سياستدان ٿي ويو آهي، اُن ڪري حقيقتون بيان نه ڪندو، پر آءٌ سياستدانن جي مصلحتن کان آزاد آهيان، اُن ڪري ٻڌايان ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن محبوب قاتل ٿيندا آهن، ڀُٽو سنڌي قوم جو محبوب، پر قاتل هو. ڀُٽو نه صرف سنڌ جو قاتل هو، بنگال جو قاتل هو، بلوچستان جو قاتل هو ۽ پنجاب جو مڪمل ايجنٽ هو. اها ڳالهه، آريسر نه چئي سگهندو، ڇو ته هو سياستدان آهي ۽ سياستدان، سچاين کي مصلحتن تي قربان ڪندا آهن، پر آءٌ سياستدان ڪو نه آهيان، اُن ڪري اِهي ڳالهيون چوان ٿو، ڇو ته مون سَن جي اُنهن ڪونڊين جو پاڻي پيتو آهي، جن ۾ گلاب پوکيل هوندا هئا ۽ جن کي جي. ايم. سيد پاڻي ڏيندو هو.
    جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ مون ناصرَ کي عرض ڪيو ته: ”سائين، آءٌ اُهو ئي اديب آهيان، جنهن جي توهان تربيت ڪئي هئي، توهان هروڀرو مون کي مصلحت پسند سياستدان ڇو ٿا ڪري پيش ڪريو؟“ چيائين ته: ”نه، مون تنهنجي ڪجهه تقريرن مان محسوس ڪيو آهي ته تون ڪڏهن ڪڏهن لفظن جي آڙ ۾ مصلحت پسندي ڪندو آهين.“ مون کيس چيو ته: ”اڄڪلهه سروس آهي؟“ چيائين، ”نه، سروس ختم ٿي وئي آهي، اڄڪلهه آءٌ پريس پيو هلايان. اسان زندگي اِن طريقي سان گذاري آهي، نه حاصل ڪرڻ جي خوشي، نه وڃڻ جو غم، پنهنجي محنت جي آڌار تي پنهنجو آشيانو پاڻ ٺاهيندا آهيون، ۽ اُهو جڏهن تباهه ٿي ويندو آهي ته وري به پنهنجي پرن مان آڳ ٺاهي، جوتِ جلائيندا آهيون. اسين جوڳيئڙا آهيون ۽ اسان جوڳيئڙن جي ذات، فنا ۽ بقا جي وچ ۾ هڪ سلسلي ۾ قائم رهندي آهي.“
    منظر چوٿون:
    هي ڪراچي پريس ڪلب آهي، جتي ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ جو چيئرمئن بشير خان قريشي تقرير ڪري رهيو آهي ته: ”مسئلو هي آهي ته پاڪستان ٺاهڻ جي باري ۾ ڪيترا نظريا آهن ۽ تاريخي تاويلون آهن، پر مون وٽ هڪڙو ٺوس ثبوت آهي ته پاڪستان جي هڪڙي وزيراعظم فيروز خان نُون، پنهنجي آتم ڪهاڻي ’چشم ديد‘ ۾ لکيو آهي ته ڇا جي مسلم ليگ، ڇا جي ڪانگريس؟ ڇا جو گانڌي، ڇا جو جناح؟ ٻي جنگ عظيم ۾ اسان پنجابين، پنهنجي نوجوان فوجين جي ذريعي انگريزن کي فتح ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي، نتيجي طور هنن اسان کي پاڪستان ڏنو، اُن ڪري پاڪستان بنيادي طرح پنجابين جو آهي. اُهي جيڪو وڻينِ، سو نظام قائم ڪن، ٻئي ڪنهن کي مجال نه آهي، جو اُن باري ۾ ڪو اعتراض ڪري.“
    اُتي بشير خان جي اِن ڳالهه جي پليجي سخت مخالفت ڪئي، پر ناصر مورائي اُٿي اچي بشير خان قريشيءَ جي پُٺي ٺپري ۽ سندس پيشانيءَ تي چُمي ڏئي چيو ته: ”تو سيد جي مقصد جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ سندس نظريي جي روح کي پروڙي ورتو آهي.“
    ***
    افسوس، اِن منهنجي پياري دوست سان ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي ڪا ملاقات نه ٿي سگهي ۽ مون کي ڪا خبر ئي نه هئي ته هُو ڪو بيمار به هو، پر قاضين جي اخبار جڏهن هڪ غلط فهمي پيدا ڪئي [يعني راشد مورائي وفات ڪري ويو] ته اُن وقت مُون ٽيليفون جي ذريعي رابطا ڪيا، مون کي خبر پئي ته گهڻو وڪامندڙ اخبار ڪيڏي نه بيخبر آهي! پر مون کي جيڏي خوشي سائين راشد مورائيءَ جي زندهه هجڻ جي ٿي، ايڏو ئي غم سائين ناصر مورائيءَ جي وڇوڙي جو ٿيو. هيءَ عمر، هيءَ وَهي وڃڻ جي ته نه هئي!
    هو ته چوندو هو، ’پاڻ سنڌ لاءِ وڙهنداسين، گڏجي جيئنداسين، گڏجي مرنداسين.‘- پوءِ اِهو ڇو ٿيو، جو سنڌ اڃا غلام آهي ۽ هُو مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڇو هليو ويو؟
    اي ناصر! اسين سنڌ جي آزاديءَ جا پانڌيئڙا، اِئين هڪٻئي کي ٻُڌائڻ کان سواءِ هليا وينداسون؟ اهو به نه سوچينداسون ته سنڌ جي آزاديءَ جو جهنڊو ڪنهن بهادر ۽ ڏاهي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڏئي وڃون ٿا يا نه؟ تون وڃڻو هُئين بنا ڪنهن بادل جي ڪوٺَ ۽ کِنوڻ جي کجڪار جي! ها، تون وڃڻو هئين، مٿي تي عظمت جو تاجُ سجائي، ڪنوارين جا ٽهڪ اڌورا ڇڏي ۽ نوجوانن جا گيت اڻپورا رُلائي! ها، تون وڃڻو هئين ڏِيارين جي ڏيئن جي جوتِ اُجهائي، ۽ ٻاجهرين جا سنگ نگهوسار ڪري! ها، توُن وڃڻو هُئين روهيڙن جي رنگن کي بيرنگ ڪري ۽ ڪنوارين جي اُرهن کي ڪومايل گل بنائي! ها، تون وڃڻو هُئين هند ۽ سنڌ جي قلم جي نِب ٽوڙي، اُن کي بي سَت ڪري! پر ڇا اِهو توکي مناسب هو؟ تو ته اُنهن ئي شين جي تابندگيءَ ۽ زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪئي، پر اي منهنجا پرين! اِئين جنگاڻ اڌورو ڇڏبو آهي ۽ دوستن کي صفون درست ڪرڻ جي اطلاع کان سواءِ هليو وڃبو آهي؟ تون ته پرٿوي راج هُئين ۽ ڏاهر وانگر ماريو وئين زندگيءَ جي جنگاهه ۾، پر تو ڀاڳو ڀان وانگر دودي جي موت جو ڪوئي مرثيو لکي نه ڏنو؟ ها، تو جي. ايم. سيد جي وفات تي ڪجهه ئي نه لکيو! اها منهنجي توتي ميار نه آهي، ڇو ته آءٌ به اُن تي ڪجهه لکي نه سگهيو آهيان! اها ڏک جي اٿاهه ماٿريءَ ۾ سفر ڪرڻ جي شرڪت آهي. الوداع، اي منهنجا دوست، الوداع! تُون وئين، آءٌ اچڻ وارو آهيان، سنڌ ڪنهن جي حوالي ٿيندي، سو نه تو سوچيو، نه آءٌ سوچيان ٿو!.


    ڏُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا! [شمشير الحيدري]

    مون جڏهن ادبي اک کولي ته اُهو دور ون يونٽ جو قهري دور هو، ۽ اُنهيءَ قهر کي ميسارڻ ۽ مٽائڻ لاءِ سنڌ جي ڪاري اُڀ تي چار شاعر هئا، جن پنهنجي ڏات، ڏانءَ ۽ سنڌ سان محبت جي ذريعي ساريءَ سنڌ جي ماحول کي چمڪائي ڇڏيو هو. اُهي هئا: شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي ۽ شمشيرالحيدري. جيتوڻيڪ اُن وقت آءٌ عربي ۽ فارسي شاعريءَ جو ته چڱو چوکو مطالعو ڪري چڪو هئس، پر سنڌ جي شاعريءَ ۾ ڀٽائيءَ کان سواءِ مون ڪنهن شاعر کي پڙهيو ئي نه هو، پر پوءِ جڏهن مون انهن چئن شاعرن کي پڙهيو ته اُن دور جي سنڌي شاعريءَ، مون کان عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي شاعريءَ کي ڇڏائي ڇڏيو. سنڌ جي اُنهن چئن شاعرن ۾ نه رڳو حب الوطني هئي، پر سندن ٻوليءَ جو رَس چسَ، خوبصورتي ۽ خيالن جي بلندي، مون کي فضائن ۾ ائين جهُولائڻ لڳي، جيئن ڇاڇري جي ڀِٽن تي پاريهر بولاٽيون کائيندا آهن.
    اُن وقت آءٌ ادبي جيتامڙو هوس ۽ سنڌ جا اِهي چارئي شاعر ‘ڀڳي ٽوڙي’ ۽ ‘کيرٿر’ جبلن وانگر بلند ۽ ‘ڪارونجهر’ جي سُرمائي رنگ جهڙا دلڪش هئا، ۽ آءٌ سندن ويجهو وڃڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو هوس.
    وقت هلندو رهيو، شعر ۽ ادب سان منهنجي وابستگي به روز بروز وڌندي رهي؛ پر مون کي ڪهڙي خبر ته هڪڙو وقت اهڙو ايندو، جو اُهي چارئي شاعر مون کي پنهنجو ’دوست‘ سمجهڻ لڳندا. اياز ته پنهنجن ڪيترن ئي ڪتابن ۾ مون کي ’پنهنجو دوست‘ لکي چڪو آهي. نياز جي ته آءٌ گهر جو ڀاتي ٿي ويس. ڊاڪٽر تنوير سان مختيار ملڪ وٽ ڪچهريون، منهنجي زندگيءَ جو نه وسرندڙ باب ٿي ويون آهن، ۽ اسان جو هي البيلو شاعر شمشير ته منهنجو هم جليس، هم نواله ۽ هم پياله ٿي ويو هو. اسان ڪيتريون ئي راتيون گاڏي کاتي ۾ هفتيوار ’هدايت‘ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ شمشير جي ٺڪاڻي تي گذاريون هيون ۽ آءٌ جڏهن به ڪراچيءَ ويندو هوس ته رات جا پهريان پهر، شمشيرَ جي گهر، [D-29] پاڪستان ڪوارٽرس ۾ ڪچهري ڪندي گڏ گذاريندا هئاسين، جنهن ۾ هدايت بلوچ، فقير محمد لاشاري، خالق جوڻيجو به شريڪ هوندا هئا. شمشير جي هڪڙي عادت هوندي هئي ته ڪهڙي به ڳالهه ڪندو هو ته اُن کان اڳ ۾ چوندو هو ته ’ليڊي ايلزبيٿ جي زبان ۾ هيئن چئبو آهي:‘ حالانڪ پاڻ سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هو، مون کيس هڪ دفعو چيو ته: ”سائين! توهان ڳالهايو ته سنڌيءَ ۾ ٿا ۽ حوالو وري ’ڪوئين ايلزبيٿ‘ جو ڏيو ٿا،“ ته اُن تي ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو ته ”ماڻهو چون ٿا ته ڏاهپ جون پاڙون انگريزي ادب مان ڦُٽي نِڪرن ٿيون ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته ايلزبيٿ جي زبان انگريزي ئي آهي.“
    مون سوچيو هو ته آءٌ پنهنجن اُنهن پسنديده شاعرن تي، جن مان آءٌ اياز کي سنڌي شاعريءَ جو سِج، نيازَ کي چوڏهينءَ جو چنڊ، ته تنوير ۽ شمشير کي قطب تارا سڏيندو هوس، هڪ ڪتاب لکندس. اهو ڪتاب مون سندن زندگيءَ ۾ ئي ساڻن ڪچهريون ڪري لکڻ چاهيو ٿي، ۽ اُنهيءَ سلسلي ۾ آءٌ ڊاڪٽر مير عالم مريءَ کان تنوير جو گڏيل ڪتاب [’تنويرچئي‘] به کڻي ويو هوس، پر اُها منهنجي بدقسمتي چئجي ته آءٌ سياسي ورڪر جي الزام ۾ ادبي دنيا سان پورو ناتو نه جوڙي سگهيس. ڪڏهن جيل ۾ ته ڪڏهن ريل ۾ هوندو هئس، ۽ ايترو وقت ئي نه ملندو هو، جو آءٌ ايڏن قدآور ماڻهن سان ڪو وقت گذاري سگهان. ٻيو ته اُنهن چئني شاعرن ۾ مون هڪڙي خوبي ڏٺي ته هنن ڪڏهن به پنهنجي چاهيندڙن کي اِهو نه چيو هو ته اسان جيڪو شعر چيو آهي، اوهين ٻُڌو، ڇو ته هو پنهنجي ذاتِ ۽ ڏاتِ ۾ مست هئا ۽ هنن کي پنهنجي ’واهه واهه‘ ڪرائڻ يا ’مڪرر مڪرر‘ چوائڻ جي ڪا ضرورت نه هئي، اُن ڪري سندن ڇپيل شيون ئي پڙهي سگهبيون هيون.
    هڪ دفعو جيل ۾ مون عوامي شاعر ابراهيم منشيءَ کي هنن شاعرن جي اُنهيءَ عادت جي خبر ڏني ته منشيءَ چيو ته: ”يار! اهي عجيب شاعر آهن، جو ’واهه واهه‘ کان ايڏو پري ٿا ڀڄن. اسين جڏهن شاعريءَ ۾ اڳتي پئي وڌياسين ته ’شاهه ڪريم بس اسٽاپ‘ تي واٽ ويندڙن کي سڏي، پنهنجن پئسن سان چانهه پياري، شاعري ٻڌائيندا هئاسين.“ ممڪن آهي ته منشيءَ مون سان ڀوڳ ڪيو هجي، پر اسان ڪافي وقت جيل ۾ گڏ رهياسين ته اسان ڏٺو ته منشي صاحب جيڪو نئون شعر ٺاهيندو هو، اُهو وارڊ جي ساٿين کي ضرور ٻڌائيندو هو.
    ٻئي طرف اسان جو دوست، شمشير ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسان سان ويٺو ڪچهري ڪندو هو، ته اُهو محسوس ئي نه ٿيندو هو ته هيءُ ڪو شاعر آهي، بلڪ محسوس ٿيندو هو ته هُو اديب ۽ مفڪر آهي. هڪ دفعي مون کيس مجبور ڪيو ته اڄ عزيز آباد [ڪراچيءَ] ۾، خالق جوڻيجي جي جاءِ تي هلو ۽ اُتي ٻه ٽي اردو ڳالهائيندڙ دوستَ به ايندا، توهان کان ڪنهن شعر جي فرمائش نه ڪنداسين، اسان کي رڳو توهان جواهر لال نهروءَ تي جيڪو مرثيو لکيو آهي، اُهو ٻڌائجو. پوءِ اسان جي اُها رات ’واهه واهه‘ ۽ ’ڪيا بات هي‘ جي تعريفي جملن سان ختم ٿي هئي. مون کي افسوس آهي ته آءٌ هي مضمون سفر ۾ هلندي لکي رهيو آهيان ۽ مون وٽ نه ڪتاب موجود آهي ۽ نه ئي شمشير جي ڪا ٻي ڇپيل شاعري آهي، نه ته اُنهيءَ مرثئي مان شمشير جي تخليقي قوت، بهادري ۽ نهروءَ جي سياسي بصيرت تي هن جو نقطه نظر ضرور پيش ڪريان ها.
    شمشير صحافت به ڪئي ۽ هن جو صحافت وارو شاندار دور ’مهراڻ‘ اخبار جي ايڊيٽريءَ وارو آهي، ۽ شايد اِها گهڻن کي خبر نه هجي ته ’مهراڻ‘ ۾ ’ڦلتروءَ جي ڪالم‘ جي حوالي سان اُها اخبار پنهنجي قيمت کان چؤڻي اگهه تي بلئڪ تي وڪرو ٿيندي هئي، پوءِ خبر ناهي ته ڪهڙي سبب جي ڪري شمشير اِها ايڊيٽري ڇڏي ڏني، حالانڪ پير سائين پاڳاري، شمشير کي ايڊيٽر مقرر ڪرڻ وقت شمشير جا، سڀ شرط قبول ڪيا هئا، جن مان هڪڙو اهو هو ته ’آءٌ ڪڏهن به جُتي لاهي اوهان سان ملڻ ڪونه ايندس.‘، ’پير صاحب کيس جواب ڏنو هو ته: ’مريدن کان سواءِ مون سان جُتي لاهي ڪوبه ملڻ نه ايندو آهي.‘ شمشير ٻيو شرطه اِهو رکيو هو ته: ’آءٌ ڪڏهن به توهان لاءِ حضرت ۽ قبله وغيره نه لکندس. صرف پير پاڳارو لکندس.‘ پير صاحب اهو شرط به قبول ڪندي، کلندي چيو هو ته: ’توهان ۾ ماڻهن ڏاڍيون غلط فهميون وجهي ڇڏيون آهن. ’آءٌ جيڪي آهيان، سوئي آهيان. مون کي ستائش ۽ صِلي جي ضرورت ناهي.‘ بهرحال آءٌ سمجهان ٿو ته اها ايڊيٽري، پير صاحب جي ڪن ويجهن ماڻهن، شمشير کان ڇڏرائي هئي.
    شمشير جي شاعري هونئن ته سڄي لاجواب آهي، خاص ڪري هُن آزاد نظم کي جيڪو اوج ۽ عروج وٺرايو، تنهن جو ته ڪو مٽ ئي ناهي، پر هن جا غزل به ڪمال جا آهن. هڪ غزل جون ڪي سٽون مثال طور پيش ڪريان ٿو:
    تنهنجي نيڻن ۾ جو نِهاري ويو،
    ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪِناري ويو.

    اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو زماني ۾،
    هڪڙِي دل سا به ڪٿ وِساري ويو.

    بهرحال آءٌ انتهائي شرمندو آهيان، جو مون دوستن سان جيڪو وچن ڪيو هو، سو پاري نه سگهيس ۽ شمشير به اسان کان موڪلائي ويو.
    آخر ۾ آءٌ شمشير متعلق هڪ واقعو لکي، پنهنجي هن پياري ۽ ٻاجهاري دوست جي همت کي داد ٿو ڏيان:
    ’آءٌ 22 مارچ 1993ع تي ملٽريءَ جي ٽارچر سيل مان آزاد ٿيس، ۽ پنهنجي ٺڪاڻي تي پُهچندي مون پهريون فون پي ٽي.وي تي شمشيرَ کي ڪيو ته هُن بي انتها خوشيءَ مان مون کي چيو ته ’آريسر صاحب! ڪٿان پيو ڳالهائين؟‘ مون چيو: ’سائين! آءٌ ٻاهر اچي ويو آهيان-‘ ته هن هڪدم چيو: ’اڇا ننڍي جيل کان وڏي جيل ۾ اچي وئين، هاڻي روزو مون وٽ اچي کول.‘ آءٌ هڪ دوست سان گڏ پاڪستان ڪواٽرس تي شمشير جي گهر ويس ته هن افطاريءَ جو انتظام ڪري ڇڏيو هو، يڪدم فقير محمد لاشاريءَ کي فون ڪيائين ته ’حافظ صاحب اچي ويو آهي. غريب خاني تي ويٺو آهي، تون جلد پهچ. اُن تي مون کيس چيو ته: ’مون کي هتي ڇڏڻ وقت تاڪيد ڪئي وئي آهي ته اڄ پريس وارن سان نه ملجانءِ.‘ اُن تي فوراً ملڪ ايلزبيٿ جي ٻوليءَ ۾ هڪڙي شاندار گارِ ڏئي، هن چيو ته ’انهن جي مخالفت ۾ هيترو برداشت ڪري آيو آهين، باقي هي برداشت نه ڪندين؟- ۽ پوءِ فقير محمد به اچي ويو ۽ ٻئي ڏينهن هن ’جاڳو‘ ۾ نه رڳو هڪ خبر هلائي، پر هڪڙو شاندار مضمون به لکيائين ته ’شعور ڪڏهن به رٽائر نه ٿيندو آهي‘. بهرحال شمشير جون ايتريون ته شاندار ۽ لطيفن سان ڀرپور يادگيريون مون وٽ آهن، جي زندگيءَ ۽ وقت ساٿ ڏنو ته هن قطب تاري جي يادگيريءَ جون چڻنگون پنهنجي وس آهر پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندس. پر مون کي ڏاڍي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته آءٌ پنهنجن اُنهن چئني دوستن ۽ پيارن شاعرن جي آخري رسمن ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيس.
    جيڪي ازل ۽ ادب جا پيغمبر هوندا آهن، اُنهن جون آخري رسمون به ٿينديون آهن ڇا؟ هو ته ڪائنات جا گِرهَه هئا ۽ گِرهَه ڪڏهن به زمين دوز ٿي نه سگهندا آهن. اُهي ته سدائين ماڻهن جي هانوَ ۾ هُرندا آهن، اُن ڪري جيڪا شيءِ انسان، تاريخ ۽ سماج جي هانوَ ۾ صدين تائين هُرندي آهي، اُها شاعري آهي. اُها شاعري اسان وٽ زنده آهي ۽ سڀاڻي سنڌ جا جوڌا، جدوجهد جي ميدانَ ۾ لهندا ته اسان اُنهن جي شاعري، سندن کيسن ۾ وجهي، اُنهن کيسن جي سلامتيءَ جي دعا گهرنداسين.
    ***
    [هتي شمشير الحيدريءَ جو نهروءَ تي لکيل نظم ڏجي ٿو.]

    ڌرتيءَ جو هڪ راج دُلارو ...

    سورج منڊليءَ ۾ اڄ ڏاڍي ڌُوم مچي وئي آهي،
    ڪِرڻو ڪِرڻو رنگ رليءَ ۾ ڦوليو نٿو سمائي.

    ڪايا ڇايا مست مگن ٿي ڇم ڇم ڦيريون پائي،
    نيل گگن جو هر ڪو ڀاتي، خوش ٿي جُهومي ڳائي.

    هر پاسي گهنگهور گهٽائون رلمل راند رچائن،
    سَرهائيءَ جو، واڌائيءَ جو پل پل نادُ وڄائن.

    پلڪ پلڪ تي بجلي چِمڪِي ڦهلائي پرڪاش،
    جڳمڳ جڳمڳ چهڪي ٻهڪي اُجيارو آڪاش.

    تارا ڪتيون، چنڊ نکيتر، هر هر پائن فالَ،
    ڀاڳ ڀلارو ڄاڻي پنهنجو، ڳائن جهولي لال.

    سُرڳ سڄي جون سُندريون گڏ ٿي، سهسين ڪن سينگار،
    هر ڪا سجنِي سينڌ سجائي، هر ڪا چاهي پيارُ.

    جهرمر جهرمر تارن جا سڀ ديپ جلائي ڇڏيو،
    انت ڏياريءَ جهڙي پڳ پڳ جوت جڳائي ڇڏيو.

    انڊلٺ جا سڀ رنگَ پکيڙي، دنگ سجائي ڇڏيو،
    هوليءَ جهڙي رنگ برنگي موج مچائي ڇڏيو.

    سورج منڊلي ۾ هڪڙو نئون چنڊُ اُڀرڻو آهي،
    ڌرتيءَ جو هڪ راج دلارو سانجهيءَ اچڻو آهي.

    -


    تبديليءَ جو اڻپورو غزل [نثار حسيني]

    ڪارل مارڪس هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”فلسفين هميشه اِهو پئي سوچيو آهي ته هيءَ ڪائنات ۽ اُن ڪائنات ۾ ڌرتيءَ جو هي ننڍڙو گولو ڇا آهي؟ جڏهن ته کين اِهو سوچڻ کپي ها ته ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ انسان ڪيئن هئڻ گهرجي؟“
    واقعي مارڪسِ جِي، فلسفين تي اِها تنقيد جائز آهي. پر دنيا ۾ انساني سماج اندر هڪڙو گروهه اهڙن ماڻهن جو به رهيو آهي، جن پنهنجين جاڳندڙ اکين سان اهڙا خواب ڏٺا آهن، ته هن دنيا کي خوبصورت کان خوبصورت هئڻ گهرجي ۽ جتي رهندڙ انسان آزاد، خودمختيار ۽ محبت ماڻيندڙ هجي، جيڪو مادي، جذباتي ۽ روحاني طرح مڪمل طور مطمئن ۽ آسودو هئڻ گهرجي. انسان جو اِهو گروهه اديبن، شاعرن، مصورن ۽ سنگيتڪارن جو گروهه آهي، جن لاءِ هندستان جي عالم وزيراعظم جواهر لعل نهروءَ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’هندستان جي ڳولا ‘ (Discovery of India) ۾ لکيو آهي ته ڪنهن ملڪ جي سڃاڻپ، اُن تي حڪومت ڪندڙ سياستدان نه، پر اُتي جا فلسفي، شاعر ۽ اديب هوندا آهن.“ اهڙن ئي خيالن جو اظهار مشهور آمريڪي دانشور جان ڊيويءَ پنهنجي ڪتاب ’تعليمي فلسفي‘ ۾ پڻ ڪيو آهي ته: ”شاعر ۽ اديب ڪنهن سماج جا غير تسليم شده قانون ساز هوندا آهن. تسليم شده قانونَ، ماڻهن کي رياستي مشنريءَ جي جبر ذريعي پنهنجن قانونن تي عمل ڪرائيندا آهن، پر دنيا رغبت ۽ خوشيءَ سان شاعرن ۽ اديبن جي ڏسيل واٽ تي هلندي آهي.“ اِهو ئي سبب آهي جو هڪ دفعي مون مرحوم مير علي احمد ٽالپر ۽ مير
    رسول بخش ٽالپر جي گڏيل ورسي پروگرام ۾ هڪ مولويءَ جي انهيءَ اعتراض ته: ”توهان عورت کي مطلق آزادي ڪهڙي قانون تحت ڏيندو؟“ جي جواب ۾ چيو هو ته ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جي قانون جي تحت، ڇو ته سنڌي سماج جو حقيقي قانون ساز، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي نه، پر لطيف هو.“
    سنڌ ۾ سنڌ کي خوبصورت بنائڻ لاءِ سٺ واري ڏهاڪي ۾ شاعرن، اديبن ۽ دانشورن جو هڪڙو آسمان تيار ٿيو، جنهن ۾ فن ۽ فڪر جون ڪيتريون ئي جنتون آباد ٿيل هيون. بيشڪ اُنهن جنتن جا ٻوٽا پوکيندڙ، ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي، شيخ اياز ۽ نياز همايوني هئا، پوءِ به اُنهن جنتن جي اُڀ تي ڪيتريون ئي کير ڌارائون پيدا ٿيون، جن ۾ فڪر ۽ فن جا ستارا ائين جڙيل هئا، جيئن ڪنوار جي جهومڪَ ۾ ماڻڪ موتي ٽانڪيل هجن. اُنهن ماڻڪ موتين مان هڪ نيڪ محمد شاهه عرف نثار حسيني به هو. افسوس، جو اُنهن جنتن جي معمارن مان اسان وٽ صرف هڪ محمد ابراهيم جويو بچيو آهي، باقي ڪنوار جي جهومڪ جا ماڻڪ موتي آهستي آهستي گم ٿيندا پيا وڃن ۽ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾، پنهنجي سڄيءَ عمر جي بيقراريءَ کي الودادع چئي، ابدي سُڪون جي تمنا ۾ آرامي ٿيندا پيا وڃن. اهڙو ئي ماڻڪ موتي تازو ئي زيب نظاماڻيءَ جي واليءَ مان ڪِريو ۽ ابدي آرام جي ڳولائن جي صف ۾ شامل ٿي ويو. پر ڇا اهي بيقرار روح، ڇا اِهي حُسن جون ڳولائو اکيون ۽ ڇا دماغ ۾ تبديلين جا غزل سِرجيندڙ دليون، مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سُڪون حاصل ڪري سگهنديون؟ غالب چيو هو ته:
    ”سوچيان ٿو ته هنن بيقرارين کان بچڻ لاءِ مري وڃان،
    پر مرڻ کان پوءِ به سڪون نه مليو ته ڪيڏانهن ويندس؟“
    اڄ آءٌ سوچيان ٿو ته نثار حسيني، جنهن سنڌ ۾ خوبصورت تبديليءَ جو غزل شروع ڪيو هو، اُهو مڪمل نه ٿي سگهيو ۽ هن جون نگاهون، اڄ به ستارن جي سيج تي ڪتين جي ڪر موڙڻ ڏانهن ڏسنديون هونديون ۽ سندس ڳچي اڄ به ڪڪوريل ٻانهن جي هار لاءِ واجهائيندي هوندي ۽ هن جو روح فضا جي بلندين ۾ طوبيٰ جي تلاش بدران جهمپير جي کجين سان ٻکجڻ لاءِ بيقرار هوندو. هو. جيڪو سڄي عمر سنڌ کي مادي ۽ جذباتي سڪون ۽ اطمينان بخشڻ لاءِ تڙپندو هو، اُهو اڄ به شيخ سعديءَ جي لفظن ۾ ائين ڏسندو رهندو ته:
    ”منهنجي دل ويران ۽ سرگردان آهي،
    ڇو ته منهنجو ملڪ اڄ به ويران آهي.“
    مون وٽ نه معلوم هن جا ڪيترا خطَ هئا، جن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي شعور بلند ڪرڻ لاءِ ڪيتريون اسڪيمون هيون، افسوس، جو ڪلهه کان وٺي آءٌ پنهنجي مختصر ڪتابن جي لائبريريءَ ۾ سندس خط تلاش ڪندو رهيس، پر مون کي ڪو به خط نه ملي سگهيو بلڪل ائين جيئن مٺڙي علي محمد شاهه لڪياريءَ جي خطن جا نوٽ بڪ اُڏوهيءَ جو کاڄ بڻجي ويا ۽ ڪن ٻين پيارن ماڻهن جا خط پاڪستان جي سلامتيءَ جا ادارا منهنجي مختصر گهر مان اِئين ٻهاري ويا، جيئن مدد خان پٺاڻ سنڌ جي دولت ۽ نادر شاهه، ميان نور محمد ڪلهوڙي جا ڪتاب کڻي ويو هو.
    اڄ هُن جي وڇوڙي تي آءٌ ڪنهن سان تعزيت ڪريان؟
    ڇا رسول بخش درس سان، جنهن جي دل دوستن لاءِ محبت جو باغ عدن آهي؟
    ڇا تاج جويي سان، جنهن پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد ادب جي هيرن، جواهرن جي پوڄا ۾ گذاري؟
    ڇا زيب سان، جنهن جي جيءَ جو جهونا ڳڙهه جهري پيو هوندو؟
    يا پنهنجو پاڻ سان، جنهن کي هو ڪنهن به فنڪشن ۾ ڏسي پهرين اچي ملندو هو ۽ اشاعتي سلسلن جي رٿابندي ٻڌائيندو هو؟
    ڇا تبديليءَ جي خواب جي ان غزل سان، جيڪو نثار جي وڇڙڻ ڪري اڻپورو رهجي ويو؟
    پر اِن سڀ جي باوجود آءٌ غالب جي لفظن ۾ اِهو چوندس ته:
    ”سڀ ته نه، پر ڪجهه شخصيتون گلابن جي گلن ۽ موتئي جي مگرن ۾ ظاهر ٿين ٿيون.“
    مون کي يقين آهي ته نثار! تون وري موٽي ايندين ۽ سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ [حيدرآباد] جي اڱڻ تي گلاب جي گل جي روپ ۾ ڦٽي پوندين.
    ڪاش! سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ گُلن جي ڪِياري پوکي!
    -


    ڀيڄ ڀُنيءَ جي خوشبوءِ جو شاعر [ماٺيڻو اوٺو]

    ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ٽي وي مُذاڪري ۾ سنڌ جي هڪ سياستدان شاعريءَ تي ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا، اُن حوالي سان ته مون پنهنجيءَ گفتگوءَ ۾ شيخ اياز جو شعر پڙهيو هو، جنهن تي هُو صاحب مڇرجي چوڻ لڳو ته ’هتي شاعريءَ جون ڳالهيون پيون ٿين، جڏهن ته هتي قوم جي بقا ۽ تهذيب جي بقا جو سوال آهي.‘ اُن وقت مون، وقت گهٽ هُجڻ ڪري شاعريءَ تي ڪو تبصرو ڪو نه ڪيو، پر آءٌ اُن سياستدان جي شاعريءَ جي تبصري تي حيران ڏاڍو ٿيس ته قدرت کي هي ڏينهن به ڏيکارڻا هئا، جو سنڌ ۾ اهڙا سياستدان به ايندا، جيڪي قوم ۽ تهذيب جو تصور شاعريءَ کانسواءِ ڪري سگهن ٿا! حقيقت هيءَ آهي ته تهذيب مان جيڪڏهن شاعري ڪڍي ڇڏجي ته اُها تهذيب مُئل ناريءَ جو ننگو لاش آهي، ۽ جيڪڏهن قوم جي بقا مان به شاعريءَ کي الڳ ڪجي ته اها قوم ئي ناهي رهندي؛ ڇو ته ڪنهن قوم لاءِ الڳ شاندار ٻوليءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ اها ٻولي شاعر مُهيا ڪندا آهن ۽ نئين قوم ٺاهيندا آهن. جيڪڏهن سڪندر يونانيءَ کان وٺي چارلس نيپيئر تائين سنڌ تي ڌارين حملن جو حساب ڪبو ته اهي تقريباً ٻن سون تائين پهچندا ۽ اُنهن ۾ ڪي ڪي واقعا ته اهڙا به آهن، جو هڪ هڪ ڏينهن ۾ ويهه ويهه هزار سنڌي ڪُٺا ويا، پوءِ به هيءَ قوم ۽ ٻولي، اڄ به دنيا جي تختي تي پنهنجي شاندار چمڪ ڌمڪ سان موجود آهي ته صرف اسان جي شاعرن ۽ شاعري شناس سياستدانن جي حوالي سان. اسان جا شاعر نه رڳو اسان جا رهبر ۽ رهنما آهن، پر هو سنڌي قوم جي اُڻت ۽ اڏاوت جا اڳواڻ به آهن. اُنهيءَ سلسلي ۾ ڀٽائيءَ کان اياز تائين ۽ سچل کان حافظ تائين، اسان جي شاعري، ان ڳالهه جو ثبوت آهي. اسان جي شاعرن ۾ جيڪڏهن ڀٽائيءَ کي ’سنڌ جو سج‘ سڏجي ۽ خليفي نبي بخش کي اُن جو چنڊ، ته اياز، نياز ۽ تنوير سنڌ جي اُفق جا ٽيڙو آهن. ان کان پوءِ اياز گل کان حليم باغي، حاجي ساند ۽ ماٺيڻي اوٺي تائين جي شاعري سِتارن جي اها سيج آهي، جنهن لاءِ اياز چيو آهي:
    سِتارن جي سيج تي، سُتس ساري رات،
    پڌري ٿي پرڀات، چُمِيندي ڪنهن چنڊَ کي!

    ماٺيڻو اوٺو، ٿر جو شاعر هو ۽ هن جي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ اُها گرمجوشي ناهي، جيڪا اُتر سنڌ جي شاعرن جي لهجي ۾ هوندي آهي، پر هُن جي شاعريءَ ۾ مينهن وساڙي جي نزاڪت ۽ ڀيڄ ڀنيءَ جي خوشبوءِ سان گڏ سنڌ سان محبت ۽ ڪن ڪن شعرن ۾ لاڙ جي چوٽيءَ جي شاعر مولوي احمد ملاح جي تجنيس ملي ٿي. اُن جو هڪ مثال سندس هيٺيون غزل آهي. اُن غزل ۾ جيتوڻيڪ تخيل جي بُلند پروازي ايڏي ناهي، پوءِ به تجنيس حرفي قهر جي آهي:
    رات پوئينءَ جو پرينءَ جا پيار ايندا ياد ويا،
    دلربا جا دل مٿي ديدار ايندا ياد ويا،

    جي حبيبن وٽ هِنيون قابو هُيو قيديءَ مثل،
    تن عجيبن جا عجب اسرار ايندا ياد ويا،

    ناز مان نازڪ بدن ڇوڙي ڇَتا، ڇيرا هنيا،
    وقت اُن جا وِرهه ۾ وهنوار ايندا ياد ويا.

    ري خنجر خالي هٿين قهري، نگاهن هو ڪُٺو،
    تن نشيلين جا نظر نروار ايندا ياد ويا.

    ياد ’ماٺيڻا‘ مٺي محبوب جي ماريو ڇڏي،
    قرب جا اقرار ۽ انڪار ايندا ياد ويا.


    ماٺيڻو اوٺو منهنجو دوست هو، مون سان نظرياتي اختلاف هوندي به، هن جي شاعري سڀ کان اڳ ۾ مون پنهنجي رسالي ’پيغام‘ ۾ شايع ڪئي، جڏهن هو ميرپورخاص ۾ ايس ايل ڪاليج ۾ پڙهندو هو. اُن وقت جا معتبر رسالا ڪنهن به نئين شاعر کي شايع نه ڪندا هئا، پر ’پيغام‘ واحد رسالو هو، جنهن ۾ پهرين پهرين ماٺيڻو اوٺو، نصير مرزا، سوسن مرزا، ڪيهر شوڪت ۽ سلطانه وقاصي مسلسل شايع ٿيندا رهيا، ۽ اڄ اهي اُن منزل تي پهچي چڪا آهن، جو ڪنهن به ننڍي رسالي کي پنهنجي ڪا به شيءِ، شاعري ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.
    ماٺيڻو جڏهن هن دنيا مان هليو ويو، اُن وقت ۾ آءٌ ضياءَ شاهي آمريت جو عذاب ڪاٽيندي جيل ۾ هئس ۽ مون کي ڏهن ڦٽڪن جي سزا به ملي، مون کي حيرت ٿيندي آهي ته سنڌ جا دانشور چوندا آهن ته جي. ايم. سيد ضياءَ سان مليل هو. آءٌ انهن کي رڳو اِهو چوان ٿو ته توهان سنڌ جي جيلن جي ديوارن کان پڇو ته اُن جي سِر سِر مان جنهن ڦٽڪي جو آواز ايندو، اُهو ڦٽڪو جيئي سنڌ جي قيديءَ کي لڳو هوندو. آءٌ ڪهڙا نالا ڳڻائي ڪهڙا ڳڻايان. اُن وقت بينظير کان وٺي رسول بخش پليجي ۽ ڄام ساقيءَ تائين ڪنهن به پارٽي سربراهه کي ڪوڙا ڪو نه لڳا هئا، پر آءٌ واحد سياسي ڪارڪن هئس، جنهن کي ’جيئي سنڌ تحريڪ‘ جي سربراهه هئڻ باوجود ڏهه ڦٽڪا لڳا. اهو فيبروريءَ جو مهينو هو، جنهن ۾ ماٺيڻي کي سنڌو درياهه پنهنجي آغوش ۾ ورتو هو، اُن وقت مون لکيو هو ته ”ماٺيڻا! تون ته ڪنهن ڇوڪريءَ جي منهن موڙڻ تان پاڻ وڃائي ويٺين، پاڻ ته ٿري آهيون، راڻي جا پوئلڳ، جنهن جي رُخ موڙڻ تي ڪيئي، مُوملون چِکيا تي چڙهن ٿيون.“
    هن جي شاعري سنڌ ۽ پورهيت طبقن جي لاءِ تمام وڏي شاعري آهي، پر آءٌ وقت گهٽ هئڻ ڪري صرف اُن تي اڪتفا ڪريان ٿو ته ”ماٺيڻا! تون وڇڙيو ضرور آهين، پر وسريو ناهين، وڇڙڻ مجبوري آهي، پر وسارڻ ڪميڻپ آهي.“
    اُن ڪري شيخ اياز جي ايڊيٽريءَ ۾ نڪرندڙ اخبار ’برسات‘ ۾ جڏهن مون ڪالم لکڻ شروع ڪيا ته اُن جو عنوان هو ’رُوح جا ريلا‘ اُهو عنوان ماٺيڻي جي شاعريءَ مان ورتل هو. هن جيتوڻيڪ اُهو شعر وائي ڪري لکيو آهي، پر مون کي گيت لڳندو آهي:
    رُوح جا ريلا، هاءِ اڪيلا!
    پوءِ جڏهن منهنجي ڪالمن جو ڪتاب ڇپيو، اُن جو نالو مون ’رُوح جا ريلا‘ رکيو، آءٌ شاعريءَ جي منڪرن کي هندوستان جي عالم وزير اعظم جواهر لعل نهروءَ جو هي جملو ياد ڏياريان ٿو ته ’قومن جي سڃاڻپ شاعر ۽ فلسفي هوندا آهن، سياستدان نه.‘ اُنهن شاعرن ۾ اسان جي هن ٿر واسي شاعر جو نالو به اچي ٿو، جنهن چيو هو:

    دم دم در در حق جي هر هر، جيڏا جوت جلايان ٿو،
    هن ڌرتيءَ جو عاشق آهيان، ازلي نغما ڳايان ٿو.

    زردارن کي زير ڪبو، هت جيئڻ لاءِ جُنون کپي،
    ننڊ وِهوڙيون نازڪ دلڙيون، جوڳي ٿي جاڳايان ٿو.

    ڪانئر جا ڪل ڪوٽَ ڪنبايان، ڪارونجهر جيئن اوچو قد
    سِر جو سانگو لاهي، سهڻا سوريءَ کي سرچايان ٿو.


    ماٺيڻي جي انهيءَ شعر سان سنڌ جي شاعري ۽ شاعرن کي سلام ڪريان ٿو، ۽ سنڌي قوم جي آزاديءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي پُر اميد رهندڙ خادم جو اعتراف ڪريان ٿو.
    -


    مرڻ مِهڻو ناهي

    مرڻ مِهڻو ناهي.....

    مرڻ مهڻو ناهي، پر جُهڪڻ جهڙي
    گارِ نه آهي!
    [هڪ ڪهاوت]


    جوڳيءَ تي جڙاءُ، نِسورو ئي نينهَن جو! [حفيظ قريشي]

    اڄ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ وانگر انوکو، دلڪش ۽ بي مثال هو. هو جديد کان جديد علمن جو عالم ۽ ماهر هجڻ سان گڏ قديم سنڌ جي روايتي روادارين جو چُرندڙ ڦِرندڙ مجسمو هو، قومي تحريڪ جي حوالي سان منهنجو اُن سان واسطو 1968ع کان شروع ٿيو، جڏهن هو جوانيءَ جون سرحدون اُڪري رهيو هو ۽ آءٌ عمر جي اهڙي ڏاڪي ۾ هُئس، جتي نوجوانيءَ، منهنجي پيشانيءَ تي آڱريون پئي ڦيريون. اُن وقت مون هن کي بيسنت هال ۾ تقرير ڪندي ڏٺو، هي اهو دور هو، جڏهن سائين جي. ايم. سيد نظربند هو، باقي سنڌ جي سموري ڏاهپ، ڏات ۽ سنگيت، بيسنت هال [حيدرآباد] ۾ گڏ ٿي چڪي هئي.
    اُن وقت آءٌ قومي تحريڪ جي همدرد جي حيثيت ۾ ڇهين صف تي ويٺل هئس ۽ اسٽيج تي آڪاش کان وڏو ڌرتيءَ جو شاعر شيخ اياز ۽ سائين جي. ايم. سيد جي فڪر کي نئون روپ ڏيندڙ حيدر بخش جتوئي ويٺل هئا. اوچتو اعلان ٿيو ته هاڻي حفيظ قريشي ايڊووڪيٽ خطاب ڪندو- ۽ پوءِ هڪ ڀريل جسم، سگهاري دل، فصيح زبان ۽ سنڌ جي عشق سان سرشار اُهو ماڻهو اسٽيج تي آيو ۽ اُن ايندي شرط اسٽيج تي لڳل بينر تي تنقيد شروع ڪئي، جنهن تي لکيل هو: ’جيئي سنڌ جو مقصد ون يونٽ ٽوڙيو آهي.‘ هن اوڻيهين صديءَ جي انگريز خطيبن جي لهجي ۾ چيو ته: ”ڪنهن اَحمق چيو آهي ته جيئي سنڌ جو مقصد ون يونٽ ٽوڙڻ آهي. ون يونٽ ٺهندا ۽ ڊهندا، جيئي سنڌ جو مقصد اڃا ٻيو آهي، اهو آهي، قديم ۽ عظيم سنڌ جي بحالي، جنهن ۾ ڪو ئي حڪمران، جي. ايم. سيد کي قيد نه ڪري سگهي ۽ اياز جي رسالي تي بندش نه وجهي سگهي، ۽ اهڙو ماحول به نه هجي، جنهن ۾ اسين پنهنجا ميڙاڪا بند ڪمرن ۾ ڪريون، هن هال جو مون کي احترام آهي، اُن احترام جي آڌار تي اسان کي هن هال ۾ قيد ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ آءٌ آزادين لاءِ احترامن جا ڪوٽ ڊاهڻ جي حق ۾ آهيان ۽ اُن لاءِ پنهنجن اٺن پٽن سميت وِڙهندس. پر، توهان سڀئي منهنجا پٽ آهيو، ڪميونسٽ چوندا آهن ته اسين سنڌ جي خودمختياريءَ لاءِ اُن ڪري جدوجهد ڪريون ٿا، جو لينن اِهو چيو آهي، پر آءٌ چوان ٿو جيڪڏهن مون کي پيغمبر اڪرم به سنڌ جي آزاديءَ کان منع ڪري ها ته مان اُن جي حديث نه مڃان ها.“
    اُهو ڏينهن حفيظ قريشيءَ سان منهنجي ناتي جو پهريون ڏينهن هو ۽ پوءِ ڪيئي سال گڏ رهياسين، آءٌ ضرور انهيءَ عرصي دوران سندس خطابت تي سوچيندو هئس، ڪن ماڻهن جي راءِ آهي ته سنڌ ۾ صرف ٻه ماڻهو سٺي تقرير ڪندڙ آهن: رسول بخش پليجو ۽ عبدالواحد آريسر، پر آءٌ سمجهان ٿو ته سنڌ منهنجي سانڀر ۾ هڪڙو ئي مقرر پيدا ڪري سگهي، ۽ اهو حفيظ قريشي هو. مون خطابت جي تاريخ جو ڏاڍو مطالعو ڪيو آهي ۽ خطابت جي فن تي به ڪافي ڪتاب پڙهيا آهن، پر اِن معيار تي صرف حفيظ قريشي ئي لهي سگهيو آهي، اسان ته اُن جي اڳيان ڪجهه به نه آهيون، آءٌ سندس تقرير جا ڪجهه ٽڪرا هتي ڏيان ٿو:
    *”پاڪستان تاريخ آهي، سنڌ جاگرافي آهي، تاريخ کي ڪي ماڻهو ٺاهيندا ۽ ڪي ڊاهيندا آهن، پر جاگرافي خدا ٺاهيندو آهي ۽ اُن کي تبديل ڪرڻ جو ڪنهن کي به اختيار نه آهي.“
    *”پاڪستان ’محافظ مسلمين‘ آهي، سنڌ رب العالمين آهي، پاڪستان ڪيس آهي، جيڪو محمد علي جناح کٽيو هو ۽ سنڌ حقيقت آهي، توهان کي خبر آهي ته حقيقت ڇا کي چئبو آهي؟ حقيقت اُن وجود کي چئبو آهي، جيڪو پنهنجي هجڻ لاءِ ڪنهن ٻاهرئين دليل جو محتاج نه هجي. ڇا، سج جي موجودگيءَ لاءِ ڪنهن دليل جي ضرورت آهي؟ ڇا، منهنجي هن هٿ لاءِ ڪنهن قانوني دليل جو سهارو وٺڻو پوندو؟ بلڪل اهڙيءَ طرح سنڌ جي وجود لاءِ ڪنهن ٻاهرين دليل جي ضرورت نه آهي. بلوچستان، اُن ڪري آهي، جو اُن ۾ بلوچ رهن ٿا، جيڪڏهن بلوچ نه رهن ها ته اُهو بلوچستان نه هجي ها. پر سنڌ اُن ڪري نه آهي، جو اُن ۾ سنڌي رهن ٿا. پر سنڌي اُن ڪري آهن، جو اُهي سنڌ ۾ رهن ٿا. سنڌ ازل آهي، سنڌ ابد آهي، سنڌ فطرت آهي، سنڌ خدا جي مصوري آهي، ڪي ماڻهو حيدر بخش جتوئيءَ کي ’باباءِ سنڌ‘ چون ٿا، اِهو غلط آهي، سنڌ جو ڪو به پيءُ نه آهي، پر سنڌ سڀني جي ماءُ آهي. اها ڏاهر جي به ماءُ آهي ته حيدر بخش جتوئي ۽ جي. ايم. سيد جي به ماءُ آهي ۽ ڪو به پُٽ پنهنجيءَ ماءُ جو پيءُ نه ٿي سگهندو آهي.“
    * ”اي سنڌيو! توهان جي. ايم. سيد کي سُڃاتو ڪٿي آهي، اوهان ته جي. ايم. سيد سان اُهو ورتاءُ ڪيو آهي، جيڪو يهودين پنهنجي نبين سان ڪيو هو، جن لاءِ قرآن چيو هو ته ’اهي اهڙا بدبخت آهن، جو پنهنجي نبين کي بنا سبب جي قتل ڪن ٿا.‘ قتل جو مطلب جسماني قتل نه آهي، پر ذهني ۽ روحاني قتل آهي- يعني نبين جي تعليم تي ٺٺول ۽ مشڪري ڪرڻ آهي، ڇا اوهان سنڌين، جي. ايم. سيد جي فڪر ۽ فلسفي کان بي رخي ۽ لاتعلقي اختيار ڪري، مشڪرن وانگر تاڙيون وڄائي، کيس روحاني طرح قتل نه ڪيو آهي؟ مون ’نبيءَ‘ جو لفظ استعمال ڪيو آهي، اُن جي معنيٰ آهي: ’نئين خبر آڻيندڙ-‘ ۽ جي. ايم. سيد ئي اسان کي نئين خبر ڏني ته ’سنڌي قوم آهي ۽ آزادي قومن جو حق آهي، اهو ئي سندس فلسفو ۽ فڪر آهي.“
    ***
    مٿي مون جيڪي قريشي صاحب جي تقرير جا حوالا ڏنا آهن، اُنهن ۾ کڻي لفظن جي اها جلوه گري نه هجي، جيڪا نهروءَ ۽ ڪينيڊيءَ جي تقريرن ۾ هوندي هئي، پر اصل شيءِ آهي ادائگيءَ جو انداز، چهري جا تاثرات ۽ علم جي اُها بي پناهه گهرائي، جيڪا تيز ذهانت جي ذريعي ستارن جهڙين اکين کي قريشي صاحب جي لفظن جي محرابن ۾ سجدا ڪرڻ تي مجبور ڪندي هئي، قريشي صاحب نه رڳو خطرناڪ خطيب هو، پر تمام وڏو عالم ۽ بيحد ٻاجهارو ۽ شفيق انسانُ پڻ هو.
    هو حُسن جو بيحد شيدائي هو ۽ سدائين خوب کان خوب جي تلاش ۾ مصروف رهندو هو، اُن کي پنهنجي گهر جي ڪمري جي ڊزائن جيڪڏهن پسند نه ايندي هئي ته اُن کي به ڊاهڻ ۾ دير نه ڪندو هو. اُنهيءَ جوش جي سلسلي ۾ هو سدائين تعمير ۾ مصروف رهيو، گهر جي تعمير ۽ سنڌ جي تعمير.. سندس چوڻ هو ته ”21 صدي، سنڌ جي آزاديءَ جي صدي آهي، پر مون کي خبر نه آهي ته اها آزاد سنڌ، سنڌين جي به هوندي؟“ ڪاش! انهيءَ آزاد سنڌ ۾ قريشي صاحب زنده هجي ها ۽ سنڌ جي تعمير اُن جي هٿن ۾ هجي ها ته شايد سنڌ نهروءَ جي هندستان کان وڌيڪ خوبصورت، دلڪش ۽ اياز جي شاعريءَ جهڙي من موهيندڙ هجي ها! پر اها اسان جي بدقسمتي آهي، جو هو ڇاڇري تان آزاديءَ جو سج اُڀرڻ کان اڳ ۾ اسان کان هليو ويو ۽ اسان جي حالت اها آهي ته ’تم ڪيا گئي روٺ گئي دن بهار ڪي.‘
    پوءِ به سندس تقريرن جي بيشمار رڪاڊنگ اسان وٽ اڄ به موجود آهي، جنهن جي آڌار تي اسين هن عاشقِ سنڌ ۽ عاشقِ سيد جي سنڌ کي تعمير ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، ۽ هن جي عشق کي زنده جاويد بڻائي سگهون ٿا. مون مٿي لفظ ’عاشق‘ استعمال ڪيو آهي ۽ منهنجو اهو ويساهه آهي ته قريشي صاحب خطيب، عالم، قانوندان ۽ مدبر هجڻ جي باوجود هڪڙو صوفي عاشق هو. اِن سلسلي ۾ هڪڙو واقعو بيان ڪري، پنهنجن خيالن کي ختم ڪريان ٿو.
    اهو واقعو آهي سيد سان سندس محبت جو. 1988ع ۾ سائين جي. ايم. سيد کي اپر سنڌ جي دوري وقت ميرپُور ڀٽي [لاڙڪاڻي] مان گرفتار ڪيو ويو هو. اُن وقت قريشي صاحب جي گرفتاريءَ جا ڪي به احڪام نه هئا، پر هو سائينءَ جو خادم سڏائي، سائينءَ سان گڏ جيل ۾ هليو ويو ۽ اوترو وقت جيل ۾ رهيو، جيترو وقت سائين جيل ۾ رهيو. اِهو ڪنهن ماڻهوءَ جي محبت جو ڪمال نه آهي، ته پنهنجي حيثيت ۽ مان مرتبي کي قربان ڪري، استاد غلام قادر ملاح وانگر سائينءَ جو خادم بنجي جيل ۾ رهي.
    -


    شهيد عبدالرزاق سومرو

    شهيد عبدالرزاق سومري جي شخصت تي مضمون لکندي، سوچيان پيو ته هن امر شهيد تي ڇا لکان؟ هي لکان ته 7 آگسٽ اها منحوس تاريخ هئي، جڏهن سرزمين سنڌ پنهنجي هڪ سلڇڻي ۽ سدوري ٻچڙي کان محروم ٿي وئي؟ يا 7 آگسٽ اها تاريخ آهي، جنهن ۾ دشمن جي ڪانَ، جيئي سنڌ تحريڪ جي هڪ دلير سپاهيءَ کي اسان کان هميشه لاءِ جدا ڪري ڇڏيو؟ يا ستين آگسٽ اها تاريخ آهي، جنهن ۾ ڪاروانِ آزاديءَ جي هڪ جانٺي جوان، ميدان جنگ ۾ عمل جو ٻج ڇٽي، ان کي پنهنجي رت سان ريج ڏنو؟
    پر اهي سڀ ڳالهيون ته اهو لکي سگهي ٿو، جنهن جو تعلق شهيد سان رهيو هجي ۽ جيڪو ان جي زندگيءَ جي جذبن ۽ جولانن، رنگينين ۽ سنگينين، خيالن ۽ لاڙن، ان جي ڳوڙهن ۽ مُرڪن کان واقف هجي. آءُ ته هن لاءِ اڻ واقف ۽ هو منهنجي لاءِ اجنبي هو، ۽ منهنجو هن سان ڪو به ظاهري تعلق نه هو. ٿي سگهي ٿو ته زندگيءَ جي هن سائنسي دور ۽ قومن جي جنگاھ ۾ ڪنهن موڙ ۽ ڪنهن پيچري تي اسين هڪ ٻئي کان اڻ واقف نه رهون ها.
    پر ڪميڻي دشمن جي ڪٽاريءَ ۽ موت جي بي رحم هٿ، کيس ايتري مهلت ئي نه ڏني ۽ وڃڻ وارو هليو ويو، ايترو پري، ايترو تکو، جو اڄ نه کيس پنهنجي پيءُ جا غير آلود ڳوڙها، نه ماءُ جون آهون الاهون، نه ڪا مٺڙي مُرڪ ۽ اسان جون تمنائون ۽ اميدون واپس ورائي سگهن ٿيون.
    ٺيڪ آهي، منهنجو هن سان ظاهري ڪو به تعلق ڪو نه هو، پر پوءِ هي ڇا هو، جو جڏهن مون سندس شهادت جو ٻڌو، تڏهن منهنجين اکين ۾ ڳوڙهن ٽانڊن جي صورت ڇو اختيار ڪئي؟ ڇو منهنجي دل ۾ وڍ پئجي ويا؟ ۽ ڇو مون پنهنجي نڙيءَ ۾ ٿوهر جا ڪنڊا اٽڪندي محسوس ڪيا هئا؟ سوچيان ٿو ته مون اهو ڇو سمجهيو ته منهنجو هن سان ڪو به تعلق نه هو. منهنجو هن سان ازلي ۽ ابدي تعلق هو، جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت ٽوڙي نه ٿي سگهي.
    اسان جو اهو تعلق هوته هُو ۽ آءٌ ٻئي سنڌي قوم جا فرد هئاسون. اها سنڌي قوم، جنهن جي زبان، تهذيب، ثقافت، تاريخ، جاگرافي، شاندار ۽ انفرادي حيثيت رکڻ جي باوجود، اها قوم تاريخ جي هر دور ۾ پيڙبي، چچربي، چيڀاٽبي رهي آهي ۽ هر فاتح ان کي سڻڀو گرھ سمجهي پئي ڄٻاڙيو آهي. ان جي تاريخ جو هر ورق زخمي، هر صفحو خون آلود ۽ جنهن جي زمين جو هڪ هڪ انچ لٽيرن جي گهوڙن جو لتاڙيل آهي، انهيءَ ڪري اسان ٻنهي جا ڏک ۽ سُک، مرڪون ۽ لُڙڪ ساڳيا ۽ اسان جو درد مشترڪ هو.
    اسان ٻئي سنڌ جي انهيءَ نسل سان تعلق رکندڙ آهيون، جنهن کي تاريخ جي گمنام صفحن ۾ ’دراوڙ‘ سڏيو وڃي ٿو، اهو نسل صبح ويل مڌ جا وٽا پي اُگهاڙو ٿي، واريءَ تي ليٽي سج جي محبوب جي مُرڪ جهڙن ڪرڻن ۽ ماءُ جي ڳوڙهن جهڙن ماڪ ڦڙن ۾ غسل ڪري، سنڌو ماتا جي سيني تي مٿو ٽيڪيندو هو، جنهن جي سوچ ۽ ويچار، سڏ ۽ پڙاڏي، ٽهڪن، ٽلورن، گيتن ۽ همرچن تي ڪنهن به نظريي، نظام، سماج ۽ قانون جي ڪابه بندش ڪانه هئي.
    هو سومرا خاندان سان تعلق رکندڙ هو، جن تاريخ ۾ پنهنجو ڪردار نهايت عظيم ۽ اُتم رکيو آهي. جن سنڌ خاطر عربن کي ڀالن ۽ بڙڇين وسيلي شڪست ڏئي، سنڌ ديس جي آزاد حڪومت قائم ڪئي، جن سنڌ جي آزادي برقرار رکڻ خاطر پنهنجو پورو قبيلو ۽ راڄ ڀاڳ قربان ڪيو ۽ دودي جهڙا دلير ۽ ننگر جهڙا نينگر تاريخ جا اڻ مٽ سنبل (Symbol)بڻجي ويا. انهيءَ خاندان مان شهيد الهه بخش سومرو به هو، جنهن برٽش امپيئريلزم ۽ مسلم ليگ جي غليظ سياست جي دَور ۾ اهو نعرو هنيو ته: ”مان موت کي قبول ڪندس، پر انگريزن جي دلالن جي جماعت مسلم ليگ جي خود ساخته صدر کي سليوٽ نه ڪندس“ - ۽ هن سنڌ جي سياسي ۽ ثقافتي آزادي ۽ انفراديت کي برقرار رکڻ لاءِ سر ساھ صدقو ڪيو.
    عبدالرزاق انهيءَ تحريڪ سان واسطو رکندڙ هو، جيڪا سن جي عظيم حڪيم ۽ اڏول انسان، سنڌ جي استقلال لاءِ شروع ڪئي هئي، جيڪا اڄ چڻنگ مان ڀنڀٽ بڻجي وئي آهي ۽ انهيءَ باهه جي ڄڀين جا وات نانگن وانگر پنهنجون زهريليون زبانون ڪڍي، سنڌ جي نِمرود ۽ سندس حوارين ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مانجهين جو قافلو اڳتي وڌڻ ۾ جيڪا کڏ ڏسي هٻڪي بيهي رهيو هو، عبدالرزاق پنهنجي لاش سان انهيءَ کڏ جو منهن ڍڪي قافلي کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستو ٺاهي ڏنو. آءٌ به ان قافلي جو هڪ ادنيٰ فرد آهيان.
    عبدالرزاق شهيد آهي ۽ دنيا جي اُنهن ماڻهن، جن سچ ۽ سونهن خاطر جان قربان ڪئي، تن جي رت جي ڦڙي ڦڙي جو مان پرستار آهيان. پوءِ اهو رت خواھ يونان جي گهٽين ۾ وهيو هجي يا يروشلم جي ڦاسي گهاٽن ۾؛ عرب جي ريگذارن ۾ يا سنڌ جي صحرائن ۾؛ سائبيريا جي ميدانن ۾، ويٽنام جي ٻيلن ۾ يا بنگال جي کيتن ۾ منهنجي لاءِ مقدس آهي. پر راءِ ساهسي کان وٺي عبدالرزاق تائين جيڪو رڻ ۾ رُليو، بيابانن ۾ تڙپيو، چمنين ۾ لُڇيو، تنهن جو رت منهنجي لاءِ مقدس ترين ۽ ڪنوارين جي هٿن تي سُهاڳ رات مينديءَ وانگر لائڻ لائق آهي، ڇو ته اهو رت سنڌي جو، سنڌين لاءِ ۽ سنڌ لاءِ وهيو آهي. عبدالرزاق جو نالو ٻڌي مون کي اهو سورمو ياد ايندو آهي، جنهن ڦاسيءَ چڙهڻ وقت پنهنجي اميد سان زال جي پيٽ کي چُمي ڏيئي پنهنجي اڻ ڏٺل پُٽ کي چيو هو ته پُٽ!آءٌ ڦاسيءَ تي چڙهان ٿو، پر ايترو يقين اٿم ته اُهي ڦاسيءَ جون رسيون، جن مون کي موت جي هنج ۾ سمهاري ڇڏيو آهي، سي تنهنجي لاءِ آزاديءَ جو پيغام آڻينديون:
    منهنجو موت تنهنجي آزادي آڻيندو!
    اهڙي عبدالرزاق لاءِ جيڪڏهن آءٌ پنهنجي دل ۾ ڪا پنهنجائپ محسوس نه ڪريان ته پوءِ مون کان وڌ دنيا ۾ ڪو به احسان فراموش ۽ بزدل ٿي نه ٿو سگهي، پر آءٌ اهڙو ٿيڻ نه ٿو چياهيان، عبدالرزاق سان منهنجو به رشتو ناقابل شڪست آهي.
    اي اجنبي دوست تنهنجي وفا جو قسم
    ڪابه خوشي راس ناهي خدا جو قسم!
    -


    هي لاش ڪنهن جو آهي؟ [ڪامريڊ نذير عباسي]

    (1)
    اسپتال جي سرد خاني ۾ هي چچريل، چيڀاٽيل ۽ رتو ڇاڻ لاش پيو آهي، جنهن جي چهري تي لانگ بوٽن جي ڪوڪن جا نشان آهن؛ جنهن جي ڇاتيءَ تي ڇُرن جا گهاءَ آهن؛ جنهن جو عضوو عضوو چِٿيل چيڀاٽيل ۽ وڍيل آهي. اُن لاش جي انهيءَ حالت ۽ ڪيفيت کان پوءِ به سنگينون ٽنبيل رائفلون اُڀيون آهن ۽ اسپتال جي دروازي تي پوري ڪمپنيءَ جو پهرو آهي.
    ها، پر پوءِ به اُن لاشَ جي چهري تي نفرت، عظمت، تقدس ۽ معصوميت جون ريکائون اُڀري، اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا پکيڙي رهيو ن آهن. اِهو لاش اڪيلو آهي، مٿس ڪوبه معصوم، ’بابا‘ چئي ڳوڙها ڳاڙڻ وارو ناهي؛ ڪوبه جوڀن ڳوڙهن سان اُن لاش جي حرارت کي ٿڌاڻ پهچائڻ وارو ناهي. سرد خاني ۾ پيل اُن لاش جي گرمي ۽ تپاڻ، ڪولڊ اسٽوريج جي ديوارن کي رجائي رهي آهي. نيٺ اهو لاش ڪنهن جو آهي، جيڪو هيڏي وڏي شهرَ ۾ ائين اڪيلو بيوسيءَ واريءَ حالت ۾ ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو آهي؛ ڪا صدا ڪري رهيو آهي؟ جنهن جي چپن تي موت کان پوءِ به هڪ اهڙي للڪار آهي، جنهن جو تسلسل ڪنهن فرد جي موت سان ٽُٽندو نه آهي ۽ نه ئي ٽُٽڻو آهي. جنهن جي رت هاڻين اکين ۾ اهڙي جوت جلي رهي آهي، جنهن جي جيت به امر ٿيندي آهي ۽ جنهن جو موت به مات نه کائيندو آهي. جنهن جي بيجان جسم ۾ اها حشمت ۽ هيبت آهي، جو ڏانهنس اُڀيون ٿيل سنگينون، ڪنهن ايندڙ سمي جي خوف کان ڏڪي رهيون آهن: جيڪو سمو، اُنهن سنگينن جي مالڪن ڏانهن سنڌوءَ جي وهڪري وانگر وڃي رهيو آهي؛ ڪڻڪ جي سلي وانگر وڌي رهيو آهي؛ هماليا جي ڪِرندڙ ڇپ وانگر تيزيءَ سان ڊوڙندو پيو اچي؛ جيڪو طوفان بڻجي، وڄ جي روپ ۾ گجگوڙ ڪندو اچي رهيو آهي: سج جي سونهري رٿ تي سوار ٿي، سالازارن جا ڪنڌ مروٽيندو، بادشاهن کي گهٽين ۾ گهليندو، اميرن جا اوجهه ڪڍندو ۽ مذهبي مهندارن جا سينا لتاڙيندو، وحشت، جنون، قهر ۽ ڪڙڪاٽ ڪندو اچي رهيو آهي. هن جي ٻانهن ۾ ديوتائن جا ٻل آهن، اکين ۾ باهه جا شعلا آهن، زبان ۾ تلوار جي تيزي آهي. اهڙي وقت جي ويجهڙائيءَ کان سِنگينون ڏڪي رهيون آهن؛ اعزازي ٻلا ڪِري رهيا آهن؛ ورديون ڪپهه جي پرزن وانگر اڏامي رهيون آهن- ۽ گهُگهه اونداهيءَ ۾ اُهو وقت، باترتيب ۽ منظم عوام جي ڪلهن تي سوار آهي، جن جي هٿن ۾ ڪڏهن نه وسامندڙ مشعلون آهن، ۽ اُهي مشعلون امر اگنيءَ جون آهن. اُنهيءَ امر اگنيءَ جي شعلن ۾ هر اهڙو لاش، هڪ نئين مشعل جو، نئين جهنڊي جو ۽ نئين نعري جو اضافو ڪندو ويندو آهي. پر اِهو لاش ڪنهن جو آهي؛ جنهن تي بيٺل پهريدار به ڊنل آهن، ته سنگينون به ڏڪي رهيون آهن ۽ ورديون به ڪپهه جي پُوڻين وانگر اڏامنديون نظر اچن ٿيون؟
    اهو لاش، دنيا جو قديم ترين، مشهور ترين ۽ گمنام ترين لاش آهي. ها، اِهو لاش يسوع مسيح جو آهي، جيڪو صليب تي لٽڪيل آهي. اهو لاش حڪيم مانيءَ جو آهي، جنهن جي فڪر ۽ فن کي وقت جي اقتدار جي طوائف ۽ اُن جي محافظ ڀڙوي، پنهنجي جسمن لاءِ تيزاب پئي سمجهيو؛ نتيجي طور هن کي جيئري ساڙيو ويو هو. اهو لاش سينيڪا جو آهي، جنهن کي روم جي نيرو خودڪشيءَ تي مجبور ڪيو هو. اهو لاش شاهه عنايت جو آهي، جنهن کي قرآن وچ ۾ رکي [دغا سان] ڪُٺو ويو هو؛ ۽ اهو لاش، هيمون ڪالاڻيءَ ۽ جيولس فيوچڪ جو لاش آهي. اهو لاش، هر انهيءَ باضمير اديب، شاعر، دانشور ۽ سياسي ڪارڪن جو آهي، جنهن جي روحَ، فوجي جنتا جي ٽشو پيپرن جهڙن فرمانن مطابق سجدن ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي- ۽ جن جا سجدا صرف پنهنجي مادر وطن جي عوام جي خوشيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ وقف رهيا آهن. جيڪڏهن تون ۽ مان، هو ۽ هي، باضمير آهيون ته اِهو لاش اسان سڀني جو آهي. اي! اهي انسانو، جيڪي نرم بسترن تي عياشيءَ سان سُتا پيا آهيون، سوچيو! ڪٿي اهو لاش توهان جي پٽ، پوٽي، ڏوهٽي يا نياڻي جو ته نه آهي؟ اهو لاش پوريءَ دنيا جي حريت ۽ آزادي پسند نوجوانن جو لاش آهي. انهيءَ لاش جي روپ ۾ مون کي احمد لاسي، مير داد خان، ڀڳت سنگهه، دت، چي گويرا ۽ قادر صديقي نظر اچي رهيا آهن. ها! هيءُ لاش هر انهيءَ سنڌيءَ جو آهي، جنهن جي ذهن ۽ ضمير جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ذرو به غيرت جو باقي آهي. ها؛ هيءُ لاش تنهنجو به آهي ته منهنجو به آهي. هيءُ لاش ڏاهر جو به ٿي سگهي ٿو ۽ هر وڙهندڙ منهنجي ڀاءُ جو به ٿي سگهي ٿو. ها! اهو لاش اڄ ٽهڪ ڏئي رهيو آهي: تنهنجيءَ منهنجيءَ بيغيرتيءَ، بزدليءَ، بيحيائيءَ ۽ دلال پائيءَ تي! اهو ٽهڪ ڏئي رهيو آهي اُنهن سنگينن جي ٽُٽڻ جي آواز تي! اهو ٽهڪ ڏئي رهيو آهي. عوام جي هٿن ۾ کنيل امر اگنيءَ جي مشعلن جي روشنيءَ تي! اهو ٽهڪ ڏئي رهيو آهي؛ پڃيل ڪپهه جي ذرن وانگر اڏامندڙ وردين جي چيٿڙن تي! اهو ٽهڪَ ڏئي رهيو آهي، پنهنجي دائمي ۽ ابدي فتح جي يقين تي، عوام جي آزاديءَ جي ايمان تي! ظلم جي زنجيرن جي پگهرڻ واري ويساهه ۽ پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي هر بک؛ ڏک ۽ مصيبت کان آزاديءَ واري وشواس تي هو ٽهڪ ڏئي رهيو آهي!
    اي سنڌي انسانو! انهيءَ لاش جي روپ ۾ اوهان سڀ ٽنگيا پيا آهيو. مردؤ ۽ عورتو! وڏيرؤ ۽ هاريو! ڊاڪٽرؤ ۽ مريضو! تمام بي شمار بندوقون اوهان جي سينن ڏانهن سِڌيون ٿيل آهن ۽ ڪنهن به وقت توهان جا لاش به ائين لٽڪيل نظر ايندا. اهو اوهان کي ڪراچيءَ، اسپتال جي سرد خاني ۾ پيل لاش وڏي واڪي ٻڌائي رهيو آهي. اهو لاش، سنڌ جي هڪ ڪميونسٽ حُريت پسند جو آهي، جنهن جو نالو نذير عباسي آهي. شايد! توهان نه سڃاڻندا هجو، ڇو ته توهان يا مير علي مراد کي سڃاڻندا آهيو يا چارلس نيپئر کي!
    ***
    (2)
    جڏهن وقت ۽ تاريخ جو سنجوڳ ٿيو،
    اُن سنجوڳ کي صديون گذريون.
    صدين پڄاڻان
    جُڳن جي بي پناهه پيڙا کان پوءِ
    تاريخ جي ڪُکِ،
    وقت جي پٽ کي جنم ڏنو.
    اهو اڪيلو پٽ تون هئين!
    منهنجو ايمان آهي،
    دشمن جي گولي
    تنهنجي يقين جي سيني ۾ سوراخ ڪري نه سگهندي.
    اي منهنجا دوست!
    ديس جي انبوهه ۾ اڻ ڄاتل وانگر ماريل
    اي منهنجا پيارا!
    مون توکي هميشه سمجهيو هو،
    دل کان ويجهو،
    ۽ ماڻهن جي نظر ۾ هئين،
    ڀٽائيءَ جو ڪيڏارو!
    (3)
    هم جو تاريک راتون مين ماري گئي!
    تيري هونٽون ڪي پهولون کي چاهت مين هم،
    دام کي خشک ٽهني په واري گئي
    تيري باتون کي شمعون کي حسرت مين هم
    نيم تاريک راتون مين ماري گئي!

    (فيض)


    نذير عباسي ماريو ويو. هن ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو نوجوان، جيڪو ماءُ جي ٿڃ وانگر سادو ۽ خالص هو. جنهن جي طبيعت امن جي ڪبوتر جهڙي نرم هئي، اُن کي فوجي بوٽن چيڀاٽي ڇڏيو. افسوس رڳو اهو اٿم ته نذير جي ساهه جي قيمت، سنڌ جي اندر ايتري به اهميت نه رهي، جيتري شيرين جي مغربي زهر آلوده جسم جي!
    نذير عباسي منهنجو دوست هو، منهنجو ڀاءُ هو، جيل جو ساٿي هو، پر بهادر شخصيت جو مالڪ هو. نذير عباسيءَ کي ڏسي چئي سگهبو هو ته هڪ انقلابي نظريو، جنهن قسم جي مثالي شخصيت تعمير ڪندو آهي، سا نذير جهڙي ئي هوندي آهي. هو چاچي هوچي منهه جهڙو سادو هوندو هو. بک ۽ ڏک هن وٽ ڪابه حيثيت نه رکندا هئا. هو پورو هڪ سال جيل ۾ مون سان گڏ رهيو هو. اُنهيءَ عرصي دوران مون هن کي ڪڏهن به ڪاوڙيل نه ڏٺو. هميشه لطيف جي کاهوڙين وانگر غربت ۾ گذاريندو هو. ڪراچيءَ جا ڪميونسٽ سندس ڪابه پرگهور نه لهندا هئا. ايتري قدر جو هڪ سال ۾ هن کي هڪ هوائي چپل به وٺي نه ڏنائون، پر هو کين پارٽي ۽ نظريي جي عظيم مفاد خاطر ڪجهه به نه چوندو هو، جيتوڻيڪ پناهگير ڪميونسٽ هر شنوائيءَ تي سامان جون ٻوريون ڀري کڻي ايندا هئا. پناهگير ڪميونسٽ لڏي ۾ نذير عباسيءَ جهڙا سُلڇڻا نينگر ائين محسوس ٿيندا هئا، جيئن ڪنگن جي وچ ۾ هنج. شايد ٿورن دوستن کي خبر هجي ته نذير هڪ سٺو طنز نگار ليکڪ به هو، جيتوڻيڪ اُن لاءِ هن پنهنجو نالو ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. اڄ منهنجو دوست تمام پري هليو ويو آهي، انتهائي بيوسيءَ واري حالت ۾. نذير جي موت جو ٻڌي مون جهڙي اهنسائيءَ جي دل ۾ به هٿيار کڻڻ جو جذبو وقتي طرح پيدا ٿيو آهي.


    آزادي ۽ انقلاب جو عاشق [قاسم پٿر]

    (1)

    مينديءَ رتا هٿڙا، ڪجل ڀنا نيڻ،
    سڀني وڌا ويڻ، ته به ويندڙ ويندا ئي رهيا.


    اڄ آءٌ آلين اکين ۽ مغموم جذبن سان پنهنجي هڪڙي دوست تي لکي رهيو آهيان، جنهن جي باري ۾ مون کي گمان به نه هو ته اسين جسماني طرح هڪٻئي جي اکين کان ايڏو اوجهل ٿي وينداسين، جو جيستائين هن ساهه جو سڳڙو ٽٽي تار تار ٿي نٿو وڃي، تيستائين هڪٻئي کي ڏسي نه سگهنداسين، ۽ منهنجو اُهو دوست هو، قاسم پٿر، جنهن مون سان ڪڏهن پنهنجي ڪنهن بيماريءَ جو ذڪر نه ڪيو. جيتوڻيڪ هو دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو ۽ هو پنهنجي صحت جو تمام گهڻو خيال به ڪندو هو. اُن سلسلي ۾ هن ڪافي عرصي کان گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ عمر وڌي وڃڻ جي باوجود هو ورزش به ڪندو هو، پر خبر ناهي ته دل جو هي روڳُ کيس سياسي رفيقن جي
    بي وفائين ڪري لڳو هو يا ڪن اڻ ڇُريل سپنن جي ڪري، پر هُن اُن جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي. منهنجي ڳوٺ عام طور تي ’موبلنڪ موبائل فون‘ ڪم نه ڪندو آهي، پر اُهو ڪهڙو بدنصيب ڏينهن هو، جو آءٌ بستري تي ويهي صبح واري چانهه پي رهيو هئس ته منهنجي موبائل جي گهنٽي وڳي. مون فون کڻي آن ڪيو ته سامهون پياري دوست علي نواز ٻُٽ جو آواز آيو ته ’قاسم گُذاري ويو‘. ظاهري ڳالهه آهي ته قاسم نالي ڪيترائي ڪارڪن سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ غلاميءَ جي هن ڪاريءَ رات ۾ پنهنجي رَت سان ڏيئا ٻاريو، آزاديءَ جي صبح جو انتظار ڪري رهيا آهن. اُن ڪري، مون علي نواز کان پڇيو: ’قاسم پٿر؟‘ چيائين: ”ها.“ مون اِئين سمجهيو ته اڄ منهنجي موبلنڪ فون ۾ شايد عزرائيل جو آواز قيد ٿي ويو آهي ۽ مون کان اوچتو رڙ نڪري وئي ته ’ڇا هو وڃڻو هو؟‘ هو جيڪو ماده پرست هو، جيڪو روح جي پرواز تي يقين نه رکندو هو، جيڪو انسانن جي جسم جي خاتمي جو سبب ڪنهن مشين جي پرزن جي خرابيءَ يا خاتمي وانگر سمجهندو هو، ڇا هن جي جسم جا پُرزا ايڏا ناڪاره بنجي ويا هئا، جو هو پنهنجي پيارين محفلن ۾ ٽهڪ ڏيڻ ختم ڪري چُڪو هو؟
    موت ۽ زندگيءَ جي باري ۾ ماڻهن جا قول آهن: هڪڙي جو چوڻ آهي ته ”آءٌ زنده اُن ڪري آهيان، جو هلان ٿو“- ۽ ٻئي جو چوڻ آهي ته: ”آءٌ زندهه اُن ڪري آهيان، جو سوچيان ٿو.“ مون کي ٻيو قول صحيح لڳي ٿو ته زندگي وڻ ٻوٽي کان وٺي جانورن تائين هر جسم ۾ حرڪت ڪري ٿي، پر اُن کي حقيقي زندگي نه چئبو. ٻي زندگي اُها آهي، جا لولي لنگڙي ماڻهوءَ ۾ به سوچ کي متحرڪ رکي ٿي. اِهو ئي سبب آهي، جو ڪارل مارڪس جي وفات تي سندس پياري دوست اينگلس تقرير ڪندي چيو هو ته: ”اڄ جي هن گهڙيءَ دنيا جي تمام وڏي سوچيندڙ دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو-.“ يعني سوچ جو خاتمو ئي انسان جي زندگيءَ جو خاتمو آهي. ڪاش! علي نواز ٻُٽ مون کي اِهو چوي ها ته ”اڄ سنڌ جي آزاديءَ ۽ انقلاب لاءِ سوچيندڙَ دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي“. اهو ئي قاسم جو موت هو.
    قاسم سان منهنجي رفاقت، مخالفانه طريقي سان ٿي. هو ’عوامي تحريڪ‘ ۾ هو ۽ آءٌ ’جيئي سنڌ‘ ۾. هو عوامي تحريڪ جي رسالي ’تحريڪ‘ جو ايڊيٽر هو ۽ آءٌ جيئي سنڌ جي رسالي ’پيغام‘ جو ايڊيٽر هئس. پوءِ به اسين رمضان جي مهيني ۾ جڏهن ڏينهن جو هوٽل تي ماني کائڻ ايندا هئاسين ته ڀاڪر پائي وڏا ٽهڪ ڏئي ملندا هئاسين: هو ماده پرست هو. ۽ آءٌ هڪ مسجد ۾ پيش امام. اُن وقت هو چوندو هو ته سنڌ کي تو جهڙي مُلي جي ضرورت آهي. هو اُن وقت سنڌ جي آزاديءَ جي علامت سائين جي. ايم. سيد جي خلاف هو، پليجي جا مضمون ڇاپيندو هو ۽ آءٌ پنهنجن لفظن جي تلواري گهاءَ سان پليجي جي واريءَ جي ڪوٽن کي ڪيرائيندو هئس- ۽ هڪڙو وقت آيو، جو هو پليجي کان الڳ ٿي ويو ۽ سنڌ جي آزاديءَ جي علامت جي. ايم. سيد جي فڪر کي پنهنجي اکين جو سُرمو بنايائين.
    قاسم پٿر جون ٻه شيون آءٌ ڪڏهن وساري نه سگهندس:
    هو بنيادي طرح راڄوڻي ماڻهو هو ۽ ٻيو ته سياست جو فنڪار هو. سياست سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ کڻي ’سائنس‘ هجي، پر قاسم جهڙا ماڻهو اُن کي ’آرٽ‘ طور استعمال ڪندا هئا ۽ ٿيڻ به ائين گهرجي. هن پنهنجي راڄوڻي طبيعت ۽ لاڙي هيٺ سنڌ جي هڪ ٻئي جي مخالف ڌرين کي ’راڄوڻي اتحاد‘ جي نالي سان گڏ ڪيو، جنهن جو ڪو به صدر، ڪو به سيڪريٽري نه هو: ”بابا، پاڻ راڄ آهيون، گڏ آهيون ۽ ڳوٺ ۾ هلي سنڌي ماڻهن کي سمجهائينداسين ته ’پنجابيو! سنڌ خالي ڪريو، سنڌ سنڌين جي آهي ۽ آزادي سنڌين جو حق آهي.‘ هن جي سادي سودي فارمولي اڳتي هلي ’سنڌ قومي اتحاد‘ کي جنم ڏنو. هن جو چوڻ هو ته سادا طريقا پيچيدين راهن مان نڪري، منزل تي پهچي ويندا آهن- ۽ هو زندگيءَ کان وٺي سياسي اصطلاحن تائين هميشه سادي ٻولي ۽ سادا طريقا استعمال ڪندو هو.
    ٻيو سندس خيال هو ته فتح ننڍڙي مورچي کان شروع ڪجي ۽ وڏي مورچي تي ختم ڪجي، پر تڪڙيون فتحون ڪڏهن ڪڏهن وقت کان اڳ پيدا ٿيل ٻارن وانگر هونديون آهن، جيڪي جلدي مري ويندا آهن. اُن ڪري، پهرين ننڍڙي فتح کي مستحڪم ڪريو ۽ پوءِ وڏي فتح ڏانهن وڌو. هٽلر جي ناڪاميءَ جو سبب تڪڙيون سوڀون هيون ۽ اڳتي وڌڻ جي هٻڇ ۾ هن اُنهن سوڀن کي غير مستحڪم ڪري ڇڏيو هو.
    هو شروع ۾ ماده پرست هو ۽ اُن نقطهء نظر سان هو سنڌ ۾ ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ جو حامي هو، پر پوءِ اسان جي ڪچهرين ۽ سائين جي. ايم. سيد جي محفلن کانپوءِ، هو سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار ٿي ويو، ۽ اُن سان گڏ راڄوڻين مصلحتن، محبتن، ڪچهرين ۽ معاشي خوشحالين جو عاشق بڻجي ويو. بهرحال هن جيڪا به زندگي گذاري، اُها آزاديءَ ۽ انقلاب جي عشق ۾ گُذاري، هن کي زندگيءَ ۾ بهترين دوستَ ۽ لازوال محبتون مليون، پر هُن کي شايد ئي ڪو بدترين دشمن مليو هجي! هي سنڌ جو واحد قوم پرست انقلابي هو، جيڪو هڪئي وقت پير پاڳاري، جي. ايم. سيد ۽ پليجي سان ’تون‘ ڪري ڳالهائيندو هو ۽ ’توهان‘ لفظ استعمال نه ڪندو هو. پاڳاري جهڙي شخصيت سان اُن حد تائين حُجائتو هو، جو هڪٻئي جي ڪُلهن تي هٿ هڻندا هئا ۽ هڪٻئي سان مذاق ڪندا هئا. باقي مون سان جيڪو سندس واسطو هو، اُهو ڪڏهن اختلافي رهيو سياسي طرح، پر ذاتي طرح هن مون سان ڪڏهن به ڀيرو نه ڀڳو ۽ هر عيد جي ٻئي ڏينهن، آءٌ پنهنجي غريباڻي اوطاق تي انتظار ۾ رهندو هئس ته قاسم پٿر جي اڳواڻيءَ ۾ ٺٽي جو قافلو ڪڏهن ٿو پُهچي.
    بهرحال هي دَور دل وارن جو دَور نه رهيو آهي، پٿر دل ماڻهن جو دَور رهيو آهي، جتي سياست لفظن جا تير وسائڻ جا هنر ته سيکاري ٿي، پر گُل آڇڻ جي لاءِ اُن جي دامن ۾ ڪو گُل بچيو ئي ناهي. قاسم جهڙا ماڻهو هئا، جيڪي اُنهيءَ هُنر کان واقف ها، اُنهن جي وڃڻ سان مون کي اياز جو شعر ياد ٿو اچي:
    دُور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،
    تون اڃا پيو جِئين هاءِ ڙي جيئڙا!

    (2)
    هڪ هٿ ۾ وٽڙي، ٻئي هٿ ۾ ڪات،
    سودو هاٿو هاٿ، قاسم ڪِج ڪلال سين!


    قاسم پٿر تي ڪجهه ڳالهائڻ ۽ لکڻ کان اڳ مون کي خليفي [نبي بخش لغاريءَ] جو اِهو بيت ياد ايندو آهي ۽ اُن مان استفادو وٺندو آهيان ته: قاسم جي رڳن ۾ سنڌ جو رتُ ۽ هٿ ۾ ڪاتُ هوندو هو، جنهن سان هو سنڌ جي دشمنن جي ڪنڌن جو لابارو ڪرڻ جو سوچيندو رهندو هو. هونئن به ’قاسم‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’قرب، الفت، ساڃاهه ۽ محبت.‘ اُنهن خوبين وارو ماڻهو ’پٿر‘ ڪيئن ٿيو؟ شايد دل ۽ دماغ جي اُنهن خوبين باوجود هن جو ارادو ’پٿر‘ هوندو هو.
    قاسم جي سياست جا ٽي دور هئا: هڪ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ بيباڪ ۽ پٿر جهڙي ارادي وارو نوجوانُ، جيڪو اُن وقت ڪڪرن واري اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. مون کي اِها خبر ناهي ته، ڪَڪرن واري اجرڪ جو ڪو فوٽو سندس گهر ڀاتين وٽ محفوظ آهي يا نه؟ ٻيو دَور هن جو هاري ورڪر ۽ ڪميونسٽ ڪارڪنَ جو دور هو. انهيءَ وقت هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون ۽ سندس اُنهن ڪهاڻين جو ڪتاب [’رَتُ ۽ غُلامي‘] به ڇپيل آهي، جنهن ۾ ڪميونسٽ دوستن سان شڪايت واري ڪهاڻي ’ائين نه ماريو يار‘ به شامل آهي. اُن کانپوءِ هو جناب رسول بخش پليجي جي ’عوامي تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو، جتي هو پنهنجي تخليقي جوهرن سان پليجي صاحب سان نڀائي نه سگهيو، بلڪ اِئين چئجي ته پليجي هن کي برداشت نه ڪيو ۽ عين اُن وقت تي جڏهن هو ’لاڏيون لاڪ اَپ‘ ۾ هو ته، سندس دوستَ اڪبر شاهه جي هٿان، هن کي پارٽيءَ مان خارج ڪرڻ جو نوٽيس مليو ۽ مختلف راوين جي چوڻ مطابق قاسم چيو ته: ’مون کي زندگيءَ ۾ ايڏو صدمو نه پهتو، جو منهنجي يار اڪبر شاهه پنهنجي مبارڪ هٿن سان مون کي پارٽيءَ مان خارج ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو‘ - ۽ پوءِ اُهو ئي اڪبر شاهه، ’پليجي جي آپيشاهيءَ مان بيزار ٿي، پارٽي ڇڏي ويو- ۽ قاسم‘ لاڏيون جيل مان آدم هنڱوري سان گڏ ڪراچي سينٽر جيل پهتو، جتي جيل جي دستورَ مطابق نئين ايندڙ قيديءَ کي بند وارڊ ڪيو ويندو آهي. اِها جُٺ، قاسم سان به ٿي. اُن وقت سنڌ جو وزير اعليٰ مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي هو ۽ جيل سپريٽنڊنٽ مصطفيٰ جتوئيءَ جو منظور نظر آڪاش شيخ هو. هاڻي خبر ناهي اُهو ڪٿي آهي؟ قاسم جي جيل ۾ اچڻ وقت، آءٌ، ابراهيم منشي، مولا بخش لغاري ۽ ٻيا انيڪ جيئي سنڌ ۽ ڪميونسٽَ تحريڪ جا ڪارڪن موجود هئا، ۽ اُن سان گڏوگڏ حر تحريڪ جا اڳواڻ فقير تُرڪو مڱريو، فقير عبدالله مڱريو ۽ ٻيا به هئا. قاسم، اسان جي ڪوششن سان بند وارڊ مان نِڪتو ۽ اسان جي چوڪڙيءَ ۾ شامل ٿي ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ فاضل راهو، اسماعيل سوهو ۽ رسول بخش پليجو به اچي ڪڙڪيا. اُن کان اڳ ۾ انهيءَ وارڊ ۾، معراج محمد خان، جيڪو پ. پ. پ جو جادو جاڳائيندڙ مقرر هو، ۽ مسٽر امان الله گچڪي، جيڪو بلوچستان سان واسطو رکندو هو، اُهي به اُتي رهي چڪا هئا. بهرحال جيل جو اِهو عرصو مختصر ثابت ٿيو، ڇو ته قاسم ۽ فاضل جي صلاح تي اسان جيل ۾ بک هڙتال ڪئي، جنهن جي پليجي صاحب مخالفت ڪئي. فاضل وڏو بهادر انسان هو ۽ قاسم تجويزون ٺاهڻ جو ماهر هو. بهرحال اُها بک هڙتال ته اسان جي مطالبن جي ڪاميابيءَ سان ختم ٿي، پر قاسم کي ڪراچيءَ جي ٿڌين هوائن مان ڪڍي، لاڙڪاڻي جيل موڪليو ويو. مون کي هتي هڪ لطيفو ياد اچي ٿو ته ريڊيو تي هڪڙو ڪلام هلندو هو، جنهن جا ٻول هئا:
    جانيئڙا موٽي آ، مون تو لاءِ لولو پڪو!

    -اُن تي نذير عباسيءَ تنقيد ڪئي ته اِها ڪهڙي محبوبا آهي، جيڪا جانيءَ جي موٽڻ تي لولو ٿي پچائي، ڇيلو ڇو نه ٿي ڪُهي؟ اُن تي قاسم جواب ڏنو هو ته ”نذيرَ! هي شعر ٿر جي پسمنظر ۾ چيل آهي، جتي ڇيلو وڏي شيءِ ناهي، پر لولو وڏي شيءِ آهي ۽ تو ٿر شايد ڏٺو ئي ناهي. رڳو ’سرخ پرچم‘ پڙهي هت جيل ۾ پيو آهين.“
    قاسم جي زندگيءَ جو آخري دَور، قومي آزادي ۽ سائين جي. ايم. سيد سان وابستگيءَ وارو دَور آهي. سائينءَ سان عقيدت هوندي به هو سندس جيئري ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ شامل نه ٿيو ۽ سائينءَ جي وفات کان پوءِ ’جيئي سنڌ محاذ‘ ۾ شامل ٿيو. مون کانئس پڇيو ته: ”قاسم! آزاديءَ سان ايڏي موهه هجڻ باجود، سائينءَ جي زندگيءَ ۾ شامل نه ٿئين ۽ وفات کانپوءِ شامل ٿئين؟ جڏهن ته آءٌ به محاذ ڇڏي ’جيئي قومي محاذ‘ ۾ هليو ويو آهيان.“ هن مون کي جواب ڏنو ته: ”توهان جي دَور ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ جمهوريت نه هئي ۽ آءٌ ڪهڙي به دلڪش تحريڪ هجي، اُن کي بنا جمهوريت جي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان.“ پر اُهو ئي قاسم پٿر، سائين جي. ايم. سيد جي زندگيءَ ۾ ’سنڌ قومي اتحاد‘ جو مرڪزي خزانچي هو. هن پنهنجي ڏاهپ ۽ هنر سان سنڌ قومي اتحاد جي لاءِ هڪڙو بنگلو خريد ڪيو هو، پر اهو سيد غلام شاهه جي نالي خريد ڪيائين، جيڪو بنگلو اڳتي هلي ڪيترن دکدائڪ واقعن جو ڪارڻ بڻيو، ۽ نيٺ غلام شاهه، ڪاغذ وڃي رياض چانڊيي جي حوالي ڪيا!
    بهرحال، قاسم جڏهن پليجي گروپ ۾ هو، اُن وقت هو ’تحريڪ‘ رسالي جو ايڊيٽر پڻ هو، جنهن ۾ سيد جي خلاف ڌڙا ڌڙ مضمون ڇپبا هئا. بقول ممتاز ڀُٽي جي، جيڪو اُن وقت سنڌ جو وزير اعليٰ هو ته اُهي مضمون ڏوڪڙن تي لکبا هئا؟ ۽ قاسم جي مزاحمت جي باوجود پليجو صاحب اُهي مضمون لکندو هو، ۽ موٽ ۾ آءٌ ’پيغام‘ رسالي جو ايڊيٽر هئس ۽ پليجي جي خلاف مضمون لکندو هوس، پر اُنهن مضمونن ۾ مون ڪڏهن به قاسم پٿر کي تنقيد جو نشانو نه بڻايو ۽ حالت اِها هئي، جو رمضان شريف جي مهيني ۾ آءٌ جيتوڻيڪ مسجد شريف ۾ پيش امام هئس، پر آءٌ ۽ قاسم ڏينهن واري ماني ’سلطان هوٽل‘ تي گڏجي کائيندا هئاسين.
    قاسم سادي ٻولي ڳالهائيندو هو . تمام وڏي ۽ پڙهيل لکيل هجڻ باوجود لاڙ جي عوامي ٻوليءَ ۾، ماڻهن کي سمجهائيندو هو. مثلاً: هو ’ماڻهوءَ‘ کي ’ماڙهو‘ سڏيندو هو- ۽ سنڌ جو شايد ئي ڪو قومي ورڪر هجي، جنهن جا جي. ايم. سيد سان لاڳاپا هجن ۽ حضرت پير سائين پاڳاري سان به دوستي هجي، دوستي به بي تڪلفيءَ جي حد تائين. مون کي هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته، آءٌ قاسم پٿر ۽ ڪجهه دوستن سان گڏجي حضرت شاهه مردان شاهه پاڳاري سان ملڻ وياسين ته قاسم، پير صاحب کي چيو ته: ”سائين عمرو ڪري آيا، انگلنڊ مان به ٿي آيا، هاڻي منهنجو هڪ عرض آهي ته، راجسٿان مان به ٿي اچو، جتي توهان جا مريد تمام گهڻا آهن.“ اُن تي پير صاحب قاسم کي ڪلهي تي مُڪ هڻندي چيو ته: ”اڙي پٿر! هتي جون ايجنسيون ته منهنجي پٺيان آهن، هاڻي ’را‘ جي ايجنسي به منهنجي پٺيان لڳائڻ ٿو چاهين، جيڪا منهنجي مريدن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندي.“ بهرحال، قاسم جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو ’راڄوڻي اتحاد‘ قائم ڪرائڻ هو، جنهن اڳتي هلي ’سنڌ قومي اتحاد‘ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ اُن جو مرڪزي خزانچي رهيو ۽ هڪڙي پئسي جي خيانت به سندس دور ۾ نه ٿي. جيتوڻيڪ سنڌ قومي اتحاد ۾ جن ماڻهن جا فون استعمال ٿيا، اُنهن فونن جا بل به وصول ڪيا، ۽ هن وقت هڪ پي. پي. پي جو معتبر ماڻهو آهي، اُن پنهنجي مجبوريءَ جي ڪري الائي ڪيترا پئسا ورتا هئا.
    قاسم جو شاعريءَ سان وڏو شوق ۽ چاهه هوندو هو، جيتوڻيڪ آءٌ به اياز جي شاعري پڙهندو هوس، پر هيءَ شعر مون کي قاسم ٻڌايو:
    ’ڪاري ڍنڍ، اڇيرا پک‘
    -۽ مون اهو شعر سکر بار ۾ تقرير ڪرڻ وقت پڙهيو هو، جتي شيخ اياز به ويٺو هو. اياز چيو ته مون کي ته اِهو شعر وسري ويو هو، تو کي ڪنهن ٻڌايو، مون چيو ته: ’سائين، قاسم پٿرَ.‘ اياز چيو ته: ”جڏهن اوهين ٻئي گڏجي مون سان ملڻ آيا هئا، ان کانپوءِ قاسم سان منهنجي ملاقات نه ٿي سگهي آهي. خبر ناهي ته سنڌ ۾ ڪهڙا ذهين ماڻهو آهن، جن تي منهنجي شاعري، مُڪي [ڀرت] جي چِٽ جيان چٽيل آهي. آءٌ خوش آهيان ته منهنجو ورثو زيان نه ٿيندو.“
    جيئن ته مون شروع ۾ قاسم جي ذڪر ۾ لکيو آهي ته هو مختلف پارٽين ۾ ڪل وقتي ڪارڪن ٿي ڪم ڪندو رهيو، اُن مان ڪو ماڻهو اِهو نه سمجهي ته هن کي پارٽيون تبديل ڪرڻ جو وڏيرن ۽ پيرن وانگر شوق هو. سڀ کان پهرين اِهو سمجهڻ گهرجي ته هڪڙا ماڻهو اقتدار جي ڪرسيءَ لاءِ پارٽيون تبديل ڪندا آهن. قاسم اُنهن مان هو، جن کي پنهنجا اصول ۽ نظريا هر شيءِ کان وڌيڪ پيارا ۽ مقدس هوندا آهن، ان ڪري هو ايم. آر. ڊي (تحريڪ) ۾ به باضابطا شامل نه ٿيو هو، پر پوءِ به ’ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾ واڻئي وانگر ڳرو‘، مصداق قاسم کي ايم. آر. ڊي ۾ ذري گهٽ ٻه سال قيد ڪاٽڻو پيو، جتي جيڪي وڏيرا ڪجهه ڏينهن اقتدار جي مزي ماڻڻ لاءِ آيا هئا ۽ پوءِ معافي ناما لکڻ جي تيار ڪرڻ لڳا، تن کي هو مختلف دليلن سان ريجهائي معافي وٺڻ کان روڪيندو رهيو. اُن جو هڪڙو مثال امير بخش جوڻيجو به آهي، جيڪو قاسم سان گڏ خيرپور ميرس جيل ۾ هو. اُن کي قاسم معافي وٺڻ نه ڏني. هُو ڪجهه عرصي کان پوءِ باعزت طريقي سان بري ٿيو ۽ قاسم جو سدائين احسانمند رهندو هو ته: ’تو منهنجي عزت بچائي، اُن ڪري تون منهنجو مرشد آهين.‘ اُنهيءَ سلسلي ۾ هن پنهنجي ڳوٺ خانپور ۾، قاسم جي پُرتڪلف دعوت به ڪئي، جنهن ۾ آءٌ، خالق جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر خادم لاکير به قاسم جا ساٿي هئاسين.
    حقيقت ۾ قاسم کي دوست بنائڻ جو ڏاڍو فن هو. هو سياست جو تخليقڪار ۽ دوستي رکڻ جو فنڪار هو. ڪيڏانهن به وڃبو هو ته طئه ٿيل پروگرام کان سواءِ هن جو جتي به ڪو واقف هوندو هو ته اُن سان ضرور ملندو هو. اُن سلسلي ۾ مير دين محمد ٽالپر ۽ آءٌ کانئس ڏاڍي دوستانا بيزاري ظاهر ڪندا هئاسين. ڀلا جيڪو ماڻهو ورهين جا ورهيه جيلن ۾ رهيو، اُن جا ڪيترا نه جيل جا ساٿي ۽ سنگتي هوندا هئا، تن سڀني سان ملڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو. اُنهن ملاقاتن جي سلسلي ۾ هڪڙو عجيب اتفاق ٿيو ته، ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان هن جو هڪ پراڻو ساٿي رهندو هو، قاسم ضد ڪيو ته اُنهيءَ سان ضرور ملبو. سندس ڳوٺ پهچڻ تي معلوم ٿيو ته، اُهو ٽي ورهيه اڳي گذاري ويو آهي- ۽ ڳوٺ وارا اهڙا سدورا هئا، جن قاسم جهڙي ماڻهوءَ، جيڪو مٽيءَ ۽ رُڪ سان ٺهيل هو، تنهن کي چانهه جي صلاح به نه ڪئي. اهڙا ڪيترائي واقعا ۽ لطيفا آهن، جيڪي بيان ڪرڻ لاءِ دفتر درڪار آهن. مرحوم ٿرپارڪر ۾ هن جا ٻه سٺا دوست هئا: ٻير موريءَ وارو محمد خاصخيلي ۽ ’شير سنڌ‘ جي ڳوٺ وارو مير دين محمد ٽالپر- ۽ اسان سنڌ جو گهڻو سفر، مير دين محمد جي ڪار تي ئي ڪيو، جنهن جي پيٽرول جو خرچ به مير صاحب ڀريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هوٽل تي چانهه پيئندا هئاسين ته قاسم چوندو هو ته ”ترسو، بل آءٌ ٿو ڏيان.“ اُن تي مير صاحب حجت واري ڪاوڙ جي انداز ۾ چوندو هوس ته: ”پيٽرول پمپ تي پئسا ڏيڻ کان ٻرو ٿو چڙهئي، باقي چانهه جا چار آنا ٿو ڏين.“ اُن تي قاسم چوندو هوس ته: ”اها تنهنجي عزت گهٽ آهي، جو اسان جهڙا ماڻهو توسان گڏ سفر ٿا ڪريون، نه ته وڏيرن جا سنڌ ۾ کرا ڀريا پيا آهن. حقيقت ۾ ماڻهو پنهنجي دوستن جي ئي حلقي ۾ ئي سڃاپي ٿو. ڀلي سماج اَڏڻ لاءِ تو جهڙي وڏيري کان ڪار گهرون ٿا ته، ٻرو چڙهيو وڃئي!“
    قاسم جي هڪ ٻي به خوبصورت عادت هئي ته هو دوستن کي مانيءَ ۾ طرح طرح جا طعام پيش ڪندو هو. هڪ دفعو مون حيران ٿي چيو ته: ”قاسم پاڻ غريب ماڻهو آهيون. هيترن ٻوڙن جو ڇو تڪلف ڪيئي؟“ ته کِلي جواب ڏيندو هو ته: ”اِهو سنڌ جو ثقافتي ورثو آهي ته توهان گهر ۾ دال ججهي رڌيو، اُن مان ڪٽوري ڪٽوري سڄي پاڙي ۾ ورهايو، ظاهر ڳالهه آهي ته سڀني گهرن ۾ دال ته نه هوندي آهي ۽ نه وري ڪٽوري خالي موٽائيندا آهن، تنهنڪري ڪيترن قسمن جا ٻوڙ اچي گڏ ٿيندا آهن، سي آءٌ دوستن کي کارائيندو آهيان.“ افسوس، جو اِهو ورثو سنڌ مان موڪلائيندو پيو وڃي، خاص ڪري شهري زندگيءَ مان. هونئن به سنڌ ۾ شهر آهن ڪيترا، جتي ڳوٺاڻيون روايتون اڃا زندهه آهن!
    هڪ دفعي ٿر جي سفر تي اسان گڏجي نڪتاسين. گهمندي گهمندي ڀالوا جي ڀٽ جي ڀرسان وڏي دڙي تي اسان جي مهماني محمد علي خاصخيليءَ ڪئي، پر هن طعام کان اڳ ۾ ڪلام جي فرمائش ڪئي، اُتي جيڪو قاسم ليڪچر ڏنو، سو مون کان اڄ ڏينهن تائين ناهي وسريو. هونئن ته ننگر پارڪر ۾ سماج سڌارڪ تنظيمون گهڻي وقت کان ڪارونجهر جبل جي پٿر ۽ سماجي ڪم ڪندڙ عورتن مان نفعو ۽ لذت وٺندا رهيا آهن. قاسم چيو ته: ”اسين سماج سڌارڪ ناهيون، پر اسين سماج تبديل ڪندڙ انسان آهيون. سماج سڌارڻ خيراتي ڪم آهي ۽ سماج تبديل ڪرڻ انقلابي ڪم آهي. ماڻهو چون ٿا ته سماج جي تبديليءَ جو مطلب پوري ڪائنات کي تبديل ڪرڻ آهي، پر رات ڏينهن، سج، چنڊ ۽ ستارا ته ساڳيا ئي رهندا. آءٌ چوان ٿو ته سماج تبديل ڪرڻ سان نه رڳو انسانن جون دليون، دماغ ۽ سوچون تبديل ٿينديون، پر اُنهن جا رنگ، روپ، اُنهن جي خيالن جي اُڏام، اُنهن جي محبتن جا مرڪز، اُنهن جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ، اُنهن جو مُشڪڻ مُرڪڻ، ٽهڪڻ ۽ ٻَهڪڻ به تبديل ٿيندو. زمين جي سونهن ۽ آسمان جي شفق کان پوءِ ستارن جي چمڪ، سج جو رنگ، روپ، چانڊوڪيءَ جون راتيون ۽ دسهڙي جا ڏينهن به تبديل ٿي ويندا آهن. بگي ڪهاڙي ۽ مورن جا ٽهوڪا به تبديل ٿي ويندا آهن، اسان جي منزل اها تبديلي آهي.
    اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي
    ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي!“

    - ۽ حقيقت ۾ قاسم هو ئي سماج تبديل ڪندڙ، جاکوڙي ۽ هن سنڌ جي سينواريل سماج ۾ ڪنول جا گل پوکڻ ٿي چاهيا. اُهي گل هن پوکيا ته ضرور، پر نِکار کان اڳ ۾ ئي مُرجهائجي ويا. منهنجي نظر ۾ قاسم کي ماڻهو ميڙڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو سليقو ايندو هو. هن انهيءَ لاءِ ڪوششون به ڪيون. هو چوندو هو ته سنڌ جا ٻه پير پنهنجن جماعتين سميت متحد ٿي وڃن ته سنڌ جيسلمَير ۽ ڪاٺياواڙ تائين وسيع ٿي سگهي ٿي. انهن پيرن مان هڪ پير پاڳارو ۽ ٻيو مخدوم طالب الموليٰ. جيتوڻيڪ انهيءَ سوچ جي ڪيترا ماڻهو مخالفت ڪندا هئا. مون پاڻ اکين سان، پير پاڳاري سان سندس [قاسم جي] ويجهڙائپ ڏٺي هئي. باقي مخدوم صاحب سان قاسم جي ڪيتري ويجهڙائپ رهي، سا مون کي خبر ناهي. مخدوم صاحب سنڌي شاعريءَ جو باڪمال شاعر هو، ۽ قاسم کي به سنڌي شاعريءَ سان بي پناهه عشق هو. هو حاجي احمد ملاح جا عشقيه غزل ڪلاڪن تائين برزبان ٻڌائيندو هو. ٿي سگهي ٿو ته شاعريءَ جي ذوق جي ڪري مخدوم صاحب سان ويجهو رهيو هجي- ڇو ته شاعريءَ ۾ سُونهن آهي ۽ قاسم سُونهن ۽ سنڌ جو شيدائي هو. هن کي اياز جي انقلابي شاعريءَ کان وڌيڪ رومانٽڪ شاعري وڌيڪ پسند هوندي هئي ۽ چوندو هو ته: رومانس تي مذهبي بندش نه هجي ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ڪڏهوڪا ختم ٿي وڃن ها. ڀٽائيءَ جي سنڌ ۾ رومانيت هئي، انهيءَ رومانيت جي ڪري ڀٽائيءَ جي دور ۾، سنڌ ۾ سياسي جهيڙا ته ٿيندا هئا، پر قبائلي جهيڙا نه. شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول قبائلي جهيڙن جي ڪري شهيد نه ٿيا هئا، انهن جي شهادت جو سبب به سياسي هو، ان ڪري سنڌ کي اڄ به سياسي جهيڙي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. باقي فتح يا شڪست، راند ۽ جنگ جو حصو آهي. اُن ڪري هن کي سنڌ کي منظم تنظيمي ڍانچي ۾ آڻڻ جو وڏو فڪر هو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پليجو مون کي پارٽيءَ مان نه ڪڍي ها ۽ اترادي ۽ لاڙيءَ وارو فرق پيدا نه ڪري ها ته اڄ اسان ڪارونجهر جي چوٽيءَ، ڀالوا جي ڀٽ، ڀڳي ٽوڙي جي غارن ۽ راڄڙي ٻيلي جي وڻن ۾ هجون ها. انهيءَ تي مون پليجي صاحب کان پڇيو ڪنهن ڪچهريءَ ۾. مون ۽ پليجي ڏينهن جي وقت سندس نسيم نگر واري بنگلي جي لائبرريءَ ۾ پيتو پئي ته مختلف ڳالهين هلندي، سنڌ جي اتحاد جو ذڪر نِڪتو ته پليجي عادت موجب چيو ته: ’جيستائين تنهنجي قاسم سان ياري آهي ۽ قاسم نٿو مري، تيستائين سنڌ جو اتحاد ٿي نه ٿو سگهي.‘ خير اهڙيون ڳالهيون پليجي صاحب کان ٻڌڻ جو واقف هوس. پر اڄ قاسم هن دنيا ۾ نه رهيو آهي، پر پليجو گڏ ٿيل سنڌين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ڇا قاسم جيئرو هجي ها ته پير پاڳاري جي پڳدار پُٽ کي اِئين اڪيلو ڇڏي ها؟ هرگز نه. جيتوڻيڪ اڄ قاسم نه رهيو آهي ۽ الائي مون کي ڇو اياز جي هيءَ سٽ ياد اچي رهي آهي:
    ’واڪا ڪندي ووءِ، صديون تو لئه سنڌڙي!‘
    بهرحال سهڻي سنڌ اڏيندڙ، حُسن پرست قاسم، جيڪو سنڌ جي هر شيءِ ۾ سونهن ڏسڻ چاهيندو هو، هي سنڌ جي سرزمين ۽ سنڌ جو آسمان، هي سنڌ جا محبوبه جي اک ڀڃندڙ ستارا، ڪارونجهر ۽ ڀڳي ٽوڙي جي غارن کي پسند ڪندڙ، راڄڙي ٻيلي جو عاشق، اڄ نه رهيو آهي. حُسن اک ۾ هوندو آهي، نظارن ۽ جسمن ۾ گهٽ، اُن ڪري منهنجي نظر ۾ سنڌ لاءِ اهو وڙهي سگهي ٿو، جنهن جي اک ۾ سنڌ جو حسن سمائجي وڃي.
    ميرپور بٺوري آءٌ اڄ به ويندو آهيان، پر اها قاسم جي اوطاق، اُهو پاڻيءَ جو تلاءُ، اُهو بئنسري وڄائيندڙ ازلي عاشق، جيڪو رات جي پوئين پهر بين وڄائيندو هو ته ميلن پري سندس محبوبه جي ننڊ ڦٽي پوندي هئي، سي شيون نه رهيون آهن. ماڙي موجود آهي، پر عربيءَ ۾ چوندا آهن ته: ’مڪان جي عظمت مڪين سان قائم آهي.‘ ها! باقي ڪڏهن ڪڏهن سندس ٻارهي تي وڃڻ ٿيندو آهي ته الائجي ڇو سندس مزار تي [بيهندي] مون کان ٻن فارسي شعر جا هي مفهوم نه وسرندا آهن:

    اسان جي صفن مان اهو ڀڄي وڃي،
    جيڪو جهيڙاڪ نه آهي.
    جيڪو ڪسجڻ لاءِ تيار نه آهي،
    سو اسان جي قبيلي مان ناهي!

    - ۽ ٻئي فارسي شعر جو مفهوم آهي:
    ’مري مٽيءَ ۾ ملي وياسين، پر اسان جي تربت جي خوشبوءِ
    اهو ٿي ٻڌائي ته هتي ڪو مڙس ماڻهو پوريل ماڻهو آهي!‘
    -


    چنڊ جي چانڊوڪي ۽ سج جي ڪرڻن مان ٺهيل ماڻهو [شهيد قيوم منگي]

    اڄ [22 جون] شهيد قيوم منگيءَ جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جو هو. شڪارپور کي آءٌ ٽن شاعرن ۽ ٻن شهيدن جو شهر سمجهان ٿو. پهريون شاعر سامي، جنهن پنهنجي وقت ۾ ’مايا جي موهه کي انساني دلين ۽ دماغن مان ڪڍڻ لاءِ، پنهنجي شاعريءَ ذريعي ڀرپور جدوجهد ۽ ڪوشش ڪئي، ۽ ’پونجي واد سماج‘ کي نندا جو نشانو بڻايو ته جيئن انساني من، مايا جي موهه ۽ پونجيءَ جي پاپ کان پاڪ ۽ اڇو اُجرو بڻجي وڃي. ٻيو شاعر شيخ اياز، جنهن جي شاعريءَ جي تفصيل ۾ وڃڻ بدران آءٌ صرف سندس هڪ شعر جو پس منظر بيان ڪندس. اُهو هي ته سموري دنيا خوبصورت آهي، يورپ به سهڻو آهي. آفريڪا کي به پنهنجو حسن آهي، آمريڪا ۾ پڻ سونهن جو سمنڊ ڇوليون هڻي ٿو ۽ ايشيا به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پر اُن ايشيا جو خطو سنڌ، مون کان نه ٿو وسري:
    جيءَ اچي نه جهل،
    توکي ڪهڙي ڪل،

    مون کان سنڌ نه وسري!
    تون ڇا ڄاڻين اوپرا، تو کي ڪهڙي ڪل،

    مون کان سنڌ نه وسري!
    ڪارونجهر جون ڪامڻيون، ڳاڱين ڳاڙها ڳل،

    مون کان سنڌ نه وسري!
    - ٽيون شاعر نياز همايوني آهي، جنهن جا ٻه شعر، سنڌ وطن جي حب ۽ آزاديءَ لاءِ سندس تڙپ جو بي مثال اظهار آهن:

    رُوئندي رُوئندي نير کٽي ويا، لهو اچي ويو لڙڪن ۾،
    آءٌ ڪيئن کلندي کير پيان، منهنجي سنڌڙي آهي، سڏڪن ۾!

    پنهنجي حجت آهه ته پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجو نظام رهي.
    ڌارئي جي ڪا ڌاڪ نه گهرجي، سنڌ نه ڪنهن جي غلام رهي!

    شهيدن مان پهريون شهيد الله بخش سومرو آهي، جنهن برطانوي راڄ دوران خانداني طرح انگريزن طرفان مليل لقبن کي اعزاز بدران لعنت سمجهي ٿُڏي ڇڏيو ۽ سنڌ جي گورنر طرفان سنڌ اسيمبليءَ جي اختيارن ۾ بيجا مداخلت خلاف احتجاج طور وڏ وزارت جي ڪرسيءَ کي لت هڻي، ڪراچي ڇڏي شڪارپور اچي رهيو- ۽ سنڌ خاطر ٽانگي تي سوار هئڻ وقت [گوليءَ جو شڪار ٿي] شهادت جو جام پي، سنڌ جي شهيدن جي صف ۾ شامل ٿي ويو ۽ ٻيو شهيد قيوم منگي آهي.
    قيوم منگيءَ کي ڏسي، مون کي الائي ڇو محسوس ٿيندو هو ته
    خالقِ ڪائنات هڪ ڏينهن واندو ويٺو هو ۽ اُن پنهنجي مختلف تخليقَن مان ڪجهه جُزا چونڊيا/ کنيا. هڪڙي چَپٽي چوڏهينءَ جي چنڊ جي چانڊوڪيءَ مان، ٻي چپٽي سِج جي ڪِرڻن مان، ڪجهه پنکڙيون گُلن جون ۽ ڪجهه ماڪ ڦڙا، مينهن وساڙن جي ڪُوملتا ۽ ڪارونجهر جي ڪورَ تان روپلي ڪولهيءَ جا ڪجهه رَت ڦڙا ۽ مورن جون ڪجهه دانهون، اِهو سڀ ڪجهه گڏ ڪري، اُن ۾ لپَ سنڌوءَ جي مٽي ۽ راڳ جا سُر کڻي هڪ انسان کي تخليق ڪيو، جنهن جو نالو قيوم منگي هو- ۽ هو سڄي زندگي اُنهيءَ تخليق جو مظهر رهيو: ڪڏهن مورَ جي دانهن، ڪڏهن چنڊَ جي چانڊوڪي، ڪڏهن سج ديوتا جو جلالُ، ڪڏهن روپلي ڪولهيءَ جي اڏولتا، ڪڏهن راڳ جي اُها تانَ ۽ صدا، جنهن جي نه ابتدا هوندي آهي نه انتها هوندي آهي. هو اسان جو اهڙو ئي ماڻهو هو. جڏهن ڳالهائيندو هو ته سندس لفظن مان نه رڳو ڇاڇري تي پِرهَه ڦٽندي هئي، پر ڪارونجهر جي سُرمائي سونهن، سموريءَ سنڌ کي واسي ڇڏيندي هئي. ٻين واسطن سان گڏ ’شهيد قيوم‘ سان منهنجي هڪڙي اها به محبت هئي ته شڪارپور جي سُونهن ۾ ڪارونجهر جي هيري روپلي ڪولهيءَ جو تِلڪ جِرڪيو ٿي، ۽ پوءِ واقعي ايئن ثابت ٿيو. اِهو ممڪن هو ۽ آهي، انهيءَ سان گڏ آريسر ۽ شهيد قيوم منگيءَ ۾ هڪڙو رشتو سائين جي. ايم. سيد جي سدا بهادر جدوجهد، شيخ اياز ۽ نياز همايونيءَ جي لازوال شاعري به هئي- ۽ پوءِ اسان گڏجي ۽ ڳنڍجي وياسين ٻن عاشقن وانگر ۽ ڳنڍير جي ڳنڍين وانگر- ۽ اهو لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو، سنڌ جي آزاديءَ ۽ محبت وارو هو يعني شڪارپور ۽ امر ڪوٽ، سنڌو ديش جي آزاديءَ لاءِ اِئين ملي ويا. جيئن روپلي ڪولهيءَ جي ڦاسيءَ جو ڦندو ۽ شهيد الهه بخش سومري جي سيني ۾ لڳل گولي، مجاهدانه تاريخ جو هڪ ئي باب بڻجي ويا، پوءِ اسان پاڻ ۾ نه ٽُٽڻ جو وچن ڪيو، هو وچن پاري ويو ۽ آءٌ منتظر آهيان. اُن ڪري، مون هڪ ڀيري اعجاز منگيءَ جي سوال جي جواب ۾ چيو هو ته: ”مون کي گوليءَ جو موت پسند آهي، جيتوڻيڪ مون کي اُن گوليءَ کان نفرت آهي، جيڪا مهاتما گانڌيءَ ۽ شيخ مجيب کي لڳي هئي. آزاديءَ جي راهه ۾ گوليءَ جو موت ايڏو دلڪش هوندو آهي، جيڏو دلڪش بيدل مسرور جو آواز، اُن وقت ٿي ويندو آهي، جڏهن هو آزاديءَ لاءِ لکيل اياز جو ڪوئي گيت ڳائيندو آهي.“
    شهيد قيوم منگيءَ جي شهادت جي اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته شهيدُ، جنهن پارٽيءَ، جنهن نعري ۽ جنهن جهنڊي هيٺ پنهنجي جان قربان ڪئي، اُن پارٽيءَ کي ٽُٽڻ نه ڏيون ۽ جيڪو شخص اُن پارٽيءَ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري، اُن کي شهيد جي رت سان غداري ڪندڙ سمجهون. ڇو ته شهادتون نه رڳو پارٽين کي متحد ڪنديون آهن، پر قومن کي به متحد ۽ سرگرم ڪنديون آهن، جيڪڏهن اسان جي شهيدن جو رَتُ، ڪن بدنيت ماڻهن جي عملن ڪري اُهو ڪردار ادا نه ٿو ڪري ته ماڻهو اسان کي مهڻا ڏيندا ته توهان جي شهيدن جو رت، شهادت واري حقيقي جذبي کان خالي هو. اچو ته شهيدن جي رت سان روشن ٿيل مشعل، ڪارونجهر جي رهاڪو، ڪلاشنڪوف کڻندڙ ٻروچ جي هٿ بدران ڪارونجهر جي ڪورَ تي مانيءَ لاءِ واجهائيندڙ ڪولهيءَ جي ٻار جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون. اُهو ئي اسان جو فرض آهي ۽ اِها ئي شهيد جي قربانيءَ جي گهرج آهي.
    باقي رهيو اڄ [شهيد جي ورسيءَ جي موقعي تي] انتظاميه جو رويو، اُن باري ۾ آءٌ هڪ تاريخي واقعو بيان ڪندس، ۽ اُن جي ڪا به مذمت نه ڪندس. واقعو هي آهي ته جڏهن هندستان آزاد ٿيو، تڏهن اُن جو وزير داخلا سردار رلڀ ڀائي پٽيل ٿيو ۽ اُن سموري ڪامورا شاهيءَ جو اجلاس گهرايو. ڪامورا شاهيءَ ۾ ٿرٿلو مچي ويو ته هاڻي الائي ڇا ٿيندو: ڇو ته هي اُهو ماڻهو آهي، جنهن کي اسان لٺيون هڻي رَتورت ڪيو هو ۽ هٿڪڙيون هڻي لاڪ اَپ ۾ ڌِڪيو هو. اڄ الائي ڇا ڪندو؟ پٽيل صاحب اُتي مختصر تقرير ڪئي، جنهن ۾ چيائين ته: ”ڪالهه توهان جي سوڀ جو ڏينهن هو ۽ اڄ اسان جي سوڀ جو ڏينهن آهي. ڪالهه توهان اسان کي شرمسار ٿي ڪرڻ چاهيو، پر اڄ اسين عزت مند آهيون ۽ توهان شرمسار آهيو. توهان ڊڄو نه. هندستان جي ماڻهن سان توهان جيڪو سُلوڪ ڪيو آهي، جنهن جي ڪري اڄ شرمسار آهيو، اُن سلوڪ کي تبديل ڪريو. اسين توهان کان ڪو به انتقام نه وٺنداسين.“ ساڳي ڳالهه آءٌ سنڌ جي ڪامورا شاهيءَ کي چوان ٿو ته اهڙو رويو اختيار نه ڪريو، جو سڀاڻي جي ’آزاد سنڌ‘ ۾ اُن جي
    وزير داخلا جي سامهون توهان کي ڊڄڻو پوي.
    آءٌ پنهنجا ويچار ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ پاڪستان سرڪار ۽ اُن بيورو ڪريسيءَ کي اِهو چوڻ چاهيان ٿو ته ’توهان چئو ٿا ته اسان ماڻهن کي اظهار جي آزاديءَ کان ڪو نه ٿا روڪيون ۽ اسان سدائين چوندا آيا آهيون ته ’توهان اسان کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي، پر توهان اِن کان انڪار ڪندا آيا آهيو. اڄ توهان ثابت ڪيو آهي ته توهان اسان جو پاڻي ڦُري، سنڌ کي ريگستان ۾ تبديل ڪيو آهي، پر اسان ريگستان ۾ رهي به سنڌ سان پنهنجي نينهن جو ناتو نه ٽوڙيو آهي. توهان شديد ترين ڏڪار جي وقت ۾ اسان جي ايتري به واهر نه ڪئي، جيتري واهر غير ملڪي سامراج انگريز ڪندو هو. توهان اسان جي بندرگاهه جو ٽيڪس کنيو. توهان اسان جا سڀ معدني وسيلا هڙپ ڪري ويا. تڏهن اسان احتجاج ڪيو ته توهان اسان کي غدار قرار ڏنو، پر هاڻ ته توهان اِن حد تائين لهي آيا آهيو، جو اسان کي پنهنجن شهيدن جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ به نه ٿا ڏيو ۽ مون کي اها اجازت به نه ٿا ڏيو ته آءٌ شهيد جي مزار آڏو بيهي اِهو چئي سگهان ته ”تون اسان کان وڇڙيو ضرور آهين، پر وسريو نه آهين.“ ۽ اِهو غلامي جو بدترين روپ آهي.•
    -
    • شهيد قيوم منگيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪيل تقرير


    سنڌ جي تحريڪ آزاديءَ جو منگل پانڊي [شهيد سميع الله ڪلهوڙو]

    ’شهيد‘ لفظ جي معنيٰ آهي: ’شاهد‘ يا ’گواهه‘. يعني جنهن دور ۾، جيڪو انسانُ، حق ۽ سچ جي راهه ۾ ڪُٺو وڃي ٿو، اُهو ڄڻ ته اُن دور جي تاريخ جو شاهد آهي. اُن جي شهادت مان اسان اُن دور جي تاريخ جي ڪردارن، اُن دور جي ملڪي نظام، اُن دور جي انتظامي ڪردار ۽ عدالتي منصف مزاجيءَ جو اندازو لڳائي، پرکي ۽ پروڙي سگهون ٿا.
    شهيد سميع الله ڪلهوڙو، هن دور جو شاهد آهي ته سنڌ هڪ غلام ملڪ آهي، سنڌي هڪ غلام قوم آهي ۽ سنڌ ۾ جيڪي به ماڻهو انتظامي، عدالتي ۽ سياسي عهدن تي ويٺل آهن، اُهي هن سنڌ ڌرتيءَ جا خيرخواهه نه، پر ٻاهرئين سامراج جا دلال آهن.
    ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: ’مان پنهنجي پيءُ جي قاتل کي معاف ڪري سگهان ٿو، پر پنهنجي ڌرتيءَ جي غدار کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس.‘ شهيد سميع الله ڪلهوڙي جي باري ۾ هڪ ڳالهه آءٌ چوندس ته هڪ هڪ ’قومپرست‘ ڪارڪن ۾ جيڪي خصوصيتون هئڻ گهرجن، سي سڀ خصوصيتون هن ۾ هيون. مون هتي لفظ ’قومپرست‘ استعمال ڪيو آهي، آءٌ اُن ماڻهوءَ کي ’قومپرست‘ سمجهندو آهيان، جيڪو ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ کي غلام سمجهي، ۽ اُن ڌرتيءَ جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪري، اُهو ئي قومپرست آهي. ڪي ماڻهو، جيڪي پاڻ کي ’انقلابي‘ سڏائين ٿا، چوندا آهن ته اسان کي ’قومپرست‘ لفظ کان چِڙ آهي، جيتوڻيڪ اُنهن کي ’حسن پرست‘ ٿيڻ جو شوق هوندو آهي، پر ’قومپرست‘ ٿيڻ جو شوق نه هوندو آهي. آءٌ ]سنڌ جي حوالي سان[ ’قومپرست‘ اُن کي سڏيندو آهيان، جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ کي غلام سمجهي، اُن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري، جيڪي ماڻهو ڪڏهن 1940 جي قرارداد جي ڳالهه، ڪڏهن پارلياماني سرشتي جي ڳالهه، ڪڏهن ٻيو ڪو ڍنگ ۽ رنگ اختيار ڪن ٿا، اهي ’نسل پرست‘ ۽ ’صوبي پرست‘ ته ٿي سگهن ٿا، پر ’وطن پرست‘ ۽ ’قومپرست‘ نه ٿا ٿي سگهن.
    سميع الله ڪلهوڙو مڪمل ’قومپرست‘ هو، منجهس هڪ قومپرست واريون سموريون خصوصيتون هيون. قومپرست ڪارڪنن ۾ سڀ کان پهرين اها خصوصيت هئڻ گهرجي ته جنهن مقصد، جنهن نصب العين، جنهن منزل مقصود لاءِ هو جدوجهد ڪري ٿو، اُنهيءَ جو اُن کي پوريءَ ريت علم ۽ ادراڪ هئڻ گهرجي، نه رڳو اُن ۾ علم ۽ اِدراڪ هئڻ گهرجي، پر اُن سان گڏوگڏ اُن راهه جي دشوارين جو به کيس علم هئڻ گهرجي. اُن واٽ جي اڻانگن سفرن جو، اُن راهه تي بيٺل پهاڙن جو، اُن واٽ ۾ ايندڙ سمنڊ جي ڇولين جو، اُن واٽ ۾ ايندڙ درندن، بگهڙن، شينهن جي چيرڻ ڦاڙڻ جو علم به هئڻ گهرجي. جنهن ماڻهو کي اِهو علم هوندو، اُهو ئي ماڻهو حقيقي ۽ صحيح معنيٰ ۾ جدوجهد ڪندو ۽ پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ اڳتي وڌندو.
    ننڍي کنڊ جي تمام وڏي عالم ابوالڪلام آزاد لکيو آهي ته: ”توهان جو ڪم ڌرتيءَ کي کيڙي، اُن ۾ پنهنجي رت جو ريج ڏيڻ آهي، فصل پچڻ جو انتظار اوهان کي ناهي ڪرڻو. حق ۽ سچ جي راهه نتيجن جي اسباب، يا نتيجن جي انڪار کان بي پرواهه هوندي آهي.“ -ته قومي ڪارڪن کي سڀ کان پهرين اُن مقصد جي حاصلات جا طريقا ۽ اُن مقصد جو مڪمل طرح علم هئڻ گهرجي.
    ٻي شيءِ ڪارڪن ۾ اها هئڻ گهرجي ته هُو جنهن پارٽيءَ سان، جنهن گروهه سان، جنهن اجتماع سان گڏ آهي، اُن کي هو پنهنجي ماءُ وانگر مقدس سمجهي، ڇا به ٿي پوي ڪهڙيون به مشڪلاتون، ڪيڏا به ڏکيا مرحلا اچن، پنهنجن دوستن سان غداري نه ڪري ۽ پنهنجن دوستن کان نه ڇڄي.
    پارٽيون، آئيڊيل پارٽيون ٿينديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن پارٽيون غلط فيصلا به ڪنديون آهن، پر غلط فيصلن تي پڇتائڻ بدران، آئيندي لاءِ سوچي، اُن کي صحيح فيصلا ڪرڻ گهرجن.
    هتي آءٌ ننڍي کنڊ جا ٻه مثال ڏيندس:
    1936ع ۾ پوري هندستان ۾ اليڪشن ٿي. اُن ۾ ’انڊين نيشنل ڪانگريس‘ ڇهن صوبن ۾ حڪومت ٺاهي هئي ۽ اڪثريت سان کٽي آئي. سال ڏيڍ گذرڻ کان پوءِ اُن وقت جا وزير اعليٰ نه، پر مکيه منتري هوندا هئا، جن کي وزيراعظم چيو ويندو هو، اُنهن شڪايت ڪئي ته انگريز گورنرَ اسان جي مسئلن ۾ مداخلت ڪن ٿا. اسين ]زرعي[ اصلاحات ڪرڻ چاهيون ٿا، پر اُهي اسان کي زرعي اصلاحات ڪرڻ ڪونه ٿا ڏين ۽ جاگيردارن کي تحفظ ڏين ٿا. اسين فلاحي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، پر اُهي اسان کي فلاحي ڪم ڪرڻ نه ٿا ڏين. اُن کانپوءِ، انڊين نيشنل ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ، چوٿي پني جي ٽڪري تي هڪ فيصلو ڪيو ته ’توهان ڇهن صوبن جا ميمبر، ڇهن صوبن جا مکيه منتري، ڇهن صوبن جا منتري صاحبان استعيفائون ڏيو‘- ۽ اُنهن استعيفائون ڏيڻ ۾ ڪلاڪ به نه لڳايو، نه ئي بحث ڪيو ته اُهي عهدا، ڪرسيون، ڪارون ۽ جهنڊا ويندا، پر اهي استعيفائون ڏئي هليا آيا!
    ٻيو مثال آءٌ هتي ’عوامي ليگ‘ جو ڏيندس. عوامي ليگ 1970ع جي اليڪشن ۾ کٽي آئي. قومي اسيمبليءَ جون 162 سيٽون هيون، بنگال ۾ 160 سيٽون عوامي ليگ کٽيون، صوبائي اسيمبلين ۾ به 100 سيڪڙو عوامي ليگ کٽي آئي. پاڪستان جي فوج، جيڪا پنهنجن ماڻهن کي فتح ڪرڻ جو وڏو هنر رکي ٿي، اُن نَوَ (9) مهينا بنگالين جو بي رحمانه قتل عام ڪيو، 30 لک ماڻهو ماريا ويا، هزارين عورتن جي عصمت دري ڪئي وئي، هڪ ڪروڙ ماڻهو جلا وطن ٿيا، جن وڃي انڊيا [ڪلڪتي] ۾ پناهه ورتي، اُن جي باوجود هِتان جا [اولهه پاڪستان جا] سڀ ليڊر يحيٰ خان سان گڏ هئا، سواءِ سائين جي. ايم. سيد جي. اُن ۾ اڄ جي جمهوريت جا چيمپئن [ڀٽو وغيره] به يحيٰ خان سان گڏ هئا. پر 9 مهينن جي بيررحمانه آپريشن ۾ عوامي ليگ جو هڪڙو به ميمبر يحيٰ خان ٽوڙي نه سگهيو، پر ڪن ميمبرن کي نا اهل قرار ڏئي، ورائي اليڪشن ڪرائي وئي. اُتي مغربي پاڪستان جا به ماڻهو بيٺا، جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جا ماڻهو به بيٺا، مولانا مودوديءَ وارن به ماڻهو بيهاريا، ٻين پارٽين به ماڻهو بيهاريا، پر بنگال جي عوامي ليگ سان تعلق رکندڙ ريڙهي هلائيندڙ به فارم نه ڀريو ۽ اُهو چيائون ته: ’اسان جا چونڊيل نمائندا موجود آهن.‘
    -ته ڪارڪنن جو پارٽين سان اهڙي قسم جو تعلق هئڻ گهرجي، خواهشون اعليٰ مقصدن لاءِ قربان ڪيون وينديون آهن، پر اسان خواهشن جا اسير بڻجي، پارٽين کي قربان ڪندا آهيون.
    ٽين شيءِ جيڪا سياسي ۽ قومي ڪارڪن ۾ هئڻ گهرجي، اها آهي ’سماج ۾ تبديلي‘، سماج ۾ تبديلي فقط سياست ئي آڻي سگهي ٿي، پر سماج سڌارڪ نه ٿا آڻي سگهن. انڊيا ۾ هڪڙو وڏو سماج سڌارڪ ’ونوباڀا وي‘ هوندو هو، جنهن هُگليءَ کان [هگلي بنگال جي آخري ندي آهي.] سفر شروع ڪيو هو. جاگيردارن ۽ زميندارن وٽ ويندو هو- کانئن خيرات ۾ ٻه ايڪڙ زمين وٺندو هو ته آءٌ هارين ۾ ڏيندس. ان وقت هندستان جو وزير اعظم جواهر لعل نهرو هو، اُن کي جڏهن خبر پئي ته سماج سڌارڪ ’وَنوبا ڀلوي‘ جاگيردارن يا زميندارن کان ٻه ٻه ايڪڙ زمين وٺي هارين کي ڏئي ٿو ته هن [جواهر لال نهروءَ] پارليامينٽ ۾ بل آندو ته ڪو به ماڻهو 30 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين نه ٿو رکي سگهي. باقي زمين آزاديءَ لاءِ وڙهندڙن، بيواهن ۽ هارين ۾ ورهائي ڇڏي. ونو باڀا وي وارو سفر سماج سڌارڪ سفر هو، پر هيءَ جيڪا تبديلي آئي، سا سياست آندي، پارليامينٽ آندي.
    شهيد سميع الله ڪلهوڙي کي خبر هئي ته هي اسان جو سماج غلام آهي. فرد غلام تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن اُن فرد جي حيثيت انسان مان بدلجي مارڪيٽ جي ڀاڄيءَ جهڙي ٿي وڃي، جيئن ڪنهن وقت ۾ بغداد ۽ بصريٰ ۾ ٻانها ۽ ٻانهيون وِڪامندي نظر ايندا هئا، اِئين فرد غلام ٿي ويندو آهي- ۽ ملڪ تڏهن غلام ٿيندو آهي، جڏهن ملڪ جي سرحدن جو احترام ختم ٿي وڃي، جيڪو اچي بنا احترام جي سرحدن ۾ داخل ٿيندو وڃي. بنگلاديش هڪ ننڍو ملڪ آهي، پر هڪ آزاد ملڪ آهي ۽ هندستان جي وزير اعظم کي به اها طاقت نه آهي ته هو بنگال جي وزير اعظم جي دعوت تي پاسپورٽ ۽ ويزا کانسواءِ اُن ملڪ جي سرحد ۾ داخل ٿي سگهي، ڇو ته آزاد ملڪ جي سرحدن جو احترام هوندو آهي. يورپ ۾ يورپي يونين ٺهي وئي آهي، پاسپورٽ سسٽم به ختم ڪيو ويو آهي، پر هڪڙي ملڪ جو ماڻهو اُن ۾ جڏهن داخل ٿئي ٿو ته کيس راهداريءَ جي ضرورت پوي ٿي. پر سنڌ جي حالت ڇا آ هي؟ هتي ويزا، پاسپورٽ ته ڇا، پر ٽڪيٽ جي به ضرورت نه آهي. ’شاليمار ۽ عوامي ايڪسپريسون‘ پنجاب مان نڪرن ٿيون ته حامله بڻجي نڪرن ٿيون ۽ گهوٽڪي ۽ ڏهرڪي پهچندي، عاقل ۽ بالغ، وڏن مٿن وارا ٻار ڄڻڻ شروع ڪن ٿيون، جن جي هڪڙي هٿ ۾ حقو ۽ ٻئي هٿ ۾ کٽ هوندي آهي، جيڪي چون ٿا: ”سانون زمين ليڻي سِي.“
    قومون مڪمل طور غلام تڏهن ٿينديون آهن، جڏهن اُن قوم جو ڪوبه طبقو پنهنجي مرضيءَ سان آئين نه ٺاهي سگهي. مزدور جيڪڏهن اقتدار ۾ اچي وڃن ته پورهيت جي ڀلي جوآئين ۽ قانون نه ٺاهي سگهن. اڄ ڪلهه اقتدار ۾ وڏيرا ۽ سردار ويٺا آهن، ڪالا باغ ڊئم ۽ ٿل ڪئنال خلاف اسيمبليءَ ۾ ٽي ڀيرا قراردادون پاس ڪيو ويٺا آهن، پر انهن کي ڪير کنگهي به ڪونه ٿو ۽ اهي قراردادون قانون جي حيثيت به اختيار نه ڪري سگهيون آهن. اهڙي غلام قوم، اهڙي غلام ملڪ ۾ مڪمل تبديلي فقط ’سياسي جدوجهد ۽ سياسي اقتدار‘ جي ذريعي آڻي سگهجي ٿي.
    اسان جي دوست شهيد سميع الله ڪلهوڙي به ٻين گهڻن سان گڏجي، انهيءَ راهه جو پنڌ اختيار ڪيو هو ۽ هو اُنهيءَ پنڌ ۾ اذيتون ۽ عذاب سهندي شهيد ٿي ويو.
    مون کي سائين جي. ايم. سيد جا لفظ ياد اچن ٿا. پاڪستان ۽ سنڌ جي تمام وڏي ماڻهوءَ [ذوالفقار علي ڀُٽي] کي ڦاسي ڏني وئي هئي، مون سائين جي. ايم. سيد کي چيو ته: ”انتقام جو ڪهڙو طريقو آهي؟“ سائينءَ چيو ته: ”انتقام جو اِهو طريقو آهي ته اسان جبل جا ماڻهو آهيون، جڏهن اسان جو ڪو عزيز قتل ٿيندو آهي ته ڪارا پٽڪا ٻڌندا آهيون ۽ جيڪڏهن هڪڙي ماڻهوءَ ڏوهه ڪيو آهي ته اُن هڪڙي کان انتقام وٺندا آهيون. جيڪڏهن گهڻن ڏوهه ڪيو آهي ته گهڻن کان انتقام وٺنداسين. جيڪڏهن ڪنهن قوم ڏوهه ڪيو آهي ته اُن قوم کان انتقام وٺنداسين. هي ڏوهه [ڀُٽي جي ڦاسيءَ جو] پنجابي قوم ڪيو آهي، اُنهيءَ جو انتقام اِهو آهي ته هنن فوجين جون ورديون، ٻٻرن جي ٽارين تي ٽنگيل نظر اچن ۽ ڪوبه [غاصب] پنجابي سنڌ ۾ نظر نه اچي.“ اهو هو رستو، جنهن رستي تي ڪڏهن ته ٿورا ماڻهو هئا، پر اڄ ڪيترا ماڻهو آهن، اڃا به گهڻن ماڻهن جي ضرورت پوندي.
    هونئن به پارٽين ۾ سموري قوم شامل نه ٿيندي آهي، پر سموري قوم پارٽيءَ جي ڇپر ۽ ڇانوَ هوندي آهي. پارٽين ۾ ٿورا ماڻهو هوندا آهن. چين جي آبادي هڪ ارب کان مٿي آهي، دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪميونسٽ پارٽي چين جي آهي ۽ اُن جي ميمبرشپ جو تعداد 10 ڪروڙن کان مٿي ناهي. اُهي 10 ڪروڙ ماڻهو هڪ ارب ماڻهن لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، اُن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪن ٿا- ته پارٽين ۾ ٿوررا ماڻهو هوندا آهن. گهڻي ميمبرشپ نه هوندي آهي، پر اُها قوم، پارٽيءَ جي نصب العين کي پنهنجو نصب العين سمجهندي آهي. پارٽيءَ جي ڪارڪن کي پنهنجو ٻار ۽ ٻَچو ڪري سمجهندي آهي، جيئن مون مٿي چيو آهي ته پاڪستان ۾ قانون نالي ڪابه شيءِ ناهي، هتي پوليس آفيسر کي ايڏا اختيار هوندا آهن، جيڏا پاڪستان جي چيف جسٽس کي به نه آهن.
    اڄ شهيد سميع الله ڪلهوڙي کي قتل ڪندڙَ، ٻين کي ڌمڪيون ڏين ٿا ته هو ’عدالت کانسواءِ قتل‘ (Extra judicial killings) ڪرڻ جا ماهر آهن ۽ ٻين سان به اهڙو نمونو اختيار ڪندا، جيڪو سميع الله سان ڪيو ويو آهي، جيڪو ممتاز چانڊئي سان ڪيو ويو آهي يا فلاڻي سان ڪيو ويو آهي، پر آءٌ پنهنجي قلم ذريعي اُنهن غاصبن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا جنرل ڊائر جي انجام کي ياد رکن!
    هتي آءٌ هڪڙو مثال ڏيڻ چاهيندس ته مفتي محمود کي هڪڙي ڀيري ڀُٽي صاحب چيو ته ’تو هٽلر پڙهيو آهي؟‘ مفتي صاحب چيو ته ’نه!‘ ڀٽي صاحب کيس چيو ته: ’آءٌ پڙهان پيو ته هو مخالفن سان ڪيئن منهن ڏيندو هو‘، مفتي صاحب کيس چيو ته: ’ها، هو مخالفن سان منهن ڏيندو هو، پر مهرباني ڪري هٽلر جي انجام کي به ضرور پڙهي ڇڏيندا.‘
    اِهي ڌمڪيون ڏيندڙ، جنرل ڊائر ۽ هٽلر جي انجام کي پڙهي ڇڏين. فرد ختم ٿي سگهن ٿا، قومون ڏاڍيون دير سان ختم ٿينديون آهن، سنڌي قوم، جنهن تي سِڪندر يونانيءَ کان وٺي چارلس نيپيئر تائين، چارلس نيپيئر کان وٺي پرويز مشرف تائين اُهو ڪهڙو ظلم ۽ جبر آهي، جيڪو اختيار نه ڪيو ويو آهي. اسان تي مختلف ٻوليون مڙهيون ويون آهن. هتي مختلف نسل آباد ڪيا ويا آهن، پر سنڌي ٻولي اڄ به ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، سنڌي مهانڊا، سنڌي چهرا، سنڌي نقش نگار، سنڌي مُرڪون، سنڌي گيت، سنڌي لوليون، سنڌي ٻوليون، اڄ به جيئريون آهن. آءٌ کين صلاح ڏيندس ته هيءَ قوم ڏاڍي سخت جان قوم آهي، هن کي مارڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، فرد مري سگهن ٿا، پر قوم نه.
    بي موت مئا، تو لاءِ ڪٺا، انسان هزارين مان نه رڳو!
    هن دنيا ۾ اي ديسَ هُيا، نادان هزارين مان نه رڳو!


    آءٌ سمجهان ٿو ته هن تحرير جي عنوان تي ڪافي پڙهندڙ ڇرڪي پوندا ته سميع الله، سنڌ جي آزاديءَ جو ’منگل پانڊي‘ ڪيئن آهي، ۽ منگل پانڊي ڪير هو؟
    ’منگل پانڊي‘ هندستان جي جنگ آزاديءَ ۾،1857ع واري تحريڪ جو اُهو مجاهد هو، جنهن انگريز فوجين تي پهرين گولي هلائي هئي، ۽ نتيجي طور کيس ماريو ويو هو- ۽ سميع الله به هن دور ۾ آزاديءَ جي نعري هيٺ جدوجهد ڪندڙ خالص سياسي بنيادن تي شهيد ٿيندڙ پهريون نوجوان آهي. هنن ٻنهي ۾ ٻي هڪجهڙائي اِها به آهي ته منگل پانڊي طئي ٿيل تاريخ کان اڳ ۾ بغاوت جي شروعات ڪري ڇڏي، ۽ سميع الله به شايد منگل پانڊي وانگر وقت ۽ تاريخ جو انتظار ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ۽ شايد هن سمجهيو ته دلين ۾ محبتن جا گلاب پوکڻ جي ڪائي مند نه هوندي آهي ۽ ڌرتين لاءِ آزادين جو استقبال ڪرڻ انسان کي پاڻ ئي طئي ڪرڻو آهي، زمين هن وقت رت جو ريج گهري ٿي، اُن لاءِ هڪڙي انسان جو رت ئي شايد ٻين کي وڌيڪ رت ڏيڻ لاءِ اُتساهي سگهي. جيئن قومن جي زوال جو وقت ۽ تاريخ طئي ڪري نه ٿي سگهجي، بلڪل انهيءَ ئي طريقي سان هڪ اهڙي قوم ۾، جيڪا آزاديءَ جي لذت تائين صدين کان وٺي محروم هجي، تنهن ۾ رت سان ڏيئو روشن ڪرڻ لاءِ وقت جو انتظار ڪرڻ، اُن قوم کي وڌيڪ آزاديءَ جي لذت کان صدين کان ناآشنا رکڻ جو ڪارڻ بڻبو. دراصل آزادي ڪڏهن ڪڏهن ته پريءَ جي روپ ۾ ايندي آهي. اُن وقت اُن آزاديءَ جا پرستار پنهنجي اکين جا ڇپرَ سندس پيرن هيٺان ڌريندا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ خونخوار ديويءَ جي روپ ۾ به ايندي آهي، اُن وقت آزاديءَ جا متوالا، پنهنجين ڳچين جا ڳچ ڏيڻ ۽ سندس کاڄ بنائڻ لاءِ تيار هوندا آهن. اُنهيءَ ڪري ئي ڪنهن يوناني شاعر، قديم دور ۾ چيو هو ته: ”اي آزادي! تون اچ، هر صورت ۾ اچ! جي تون محبوبا جي روپ ۾ ايندينءَ ته اسان تنهنجي چانڊوڪيءَ جهڙي چهري کي پنهنجن ڪشادن سينن ۾ جڳهه ڏينداسون، ۽ جي تون رت پياڪ ديويءَ جي روپ ۾ ايندينءَ، ته اسان جي ڳڀرن جا ڪنڌ، تنهنجي رت جي پياس ٻُجهائڻ لاءِ حاضر هوندا. پر تون اچ! ڪنهن به صورت ۾ اچ!“- ۽ سميع الله ڪلهوڙي، وقت، تاريخ ۽ حالتن جو تعين، عالمي حالتن، مددي قوتن ۽ عوامي اُڀارَ تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي ارادي ۽ عزم تي رکي، سنڌ ۾ پنهنجي رَت سان آزاديءَ جي جوتِ جلائي ڇڏي: بقول شيخ اياز:
    جي تون ايندي رات، الا او رات، ته منهنجي راتِ امر ٿي ويندي.
    پر جي کاڌم مات، ته منهنجي مات امر ٿي ويندي!

    سميع الله جي شهادت جيتوڻيڪ هن ٿورڙي وقت ۾ اها جوت جلائي نه سگهي آهي، پر ڪٺور دلين کي هن جي شهادت جي عظمت جي محرابن ۾ سجدا ڪرڻ تي مجبور ضرور ڪيو آهي، ۽ ڪيترائي بهادر ۽ بانڪا، اُن قربانيءَ تي پنهنجي دلين ۾ شرمسار آهن ته، اي شهيد! تو اُهو ڪجهه ڪيو، جيڪو اسان نه ڪري سگهياسون، فارسيءَ جي هن مصرع وانگر:
    اين ڪار از تو آيد و مردان چُنين ڪند.
    [ها، هي تون ئي ڪري سگهين ٿو ۽ مڙس ماڻهو ائين ئي ڪري سگهندا آهن.]
    زندگيءَ جو قافلو هلندو رهندو، اُنهيءَ ۾ ڪيئي انسان مرندا ۽ ڄمندا رهندا، ۽ هر عورت، پنهنجي گرڀ- وتي پيٽ ڏانهن ڏسي، ائين سوچيندي ته هن مان اهڙو سندر ۽ هوشيار ٻار ڄمندو، جيڪو اڳتي هلي اسان جي لاءِ خوشين جا خزانا کوليندو ۽ دولت سان مالا مال ڪندو، پر سنڌ ۾ ڪي ڪي مائرون اهڙيون هيون، آهن ۽ پيدا ٿينديون، جيڪي پنهنجي ڀاري پيٽ ڏانهن ڏسي، اِهو سوچينديون ته هن مان ڪو دودو ۽ دريا خان پيدا ٿيندو، يا بختاوَر ۽ مالهان پيدا ٿينديون. اها [ماءُ] ماڻهن کي ٻڌائيندي ته منهنجو پيار، منهنجو وصل، منهنجون آسون ۽ اميدون، سنڌ جي برپٽ کي سائو يا ريٽو ڏسڻ چاهين ٿيون ۽ شايد سميع الله جي ماءُ به اهڙي ئي آرزو سيني ۾ سانڍي هجي!
    مون کي اُميد نه هئي ته هي ننڍڙو ڇيڳرو ڇوڪرو، جيڪو پنهنجي شاديءَ وقت ضد ڪري ته ’منهنجو نڪاح عبدالواحد آريسر پڙهائي‘، ۽ جڏهن کيس پهريون پُٽ ڄمي ته ’اُن جو نالو به آريسر ئي رکي‘، اُهو اڳتي هلي آريسر جي عشق کان باغي ٿي، سنڌ سان ايڏو بلند عشقَ ڪري، جو سنڌ لاءِ ساهُه ڏئي، سڄيءَ سنڌ جو ويساهه بنجي وڃي!
    آءٌ سندس طريقه ڪار يا ٻين ڪيترين ڳالهين سان سهمت نه هوندي به سنڌ سان سندس عشقَ کي سلام ڪريان ٿو، ۽ مون کي سائين جي. ايم. سيد جا اُهي لفظ ياد اچن ٿا، جڏهن آءٌ آرميءَ جي ٽارچر سيل مان نڪري، سائينءَ وٽ سَن پهتو هوس، ۽ بيمار هئڻ جي ڪري باٿ روم ڏانهن هليو ويس ته سائينءَ منهنجي دوستن: نثار هڪڙي ۽ وهاب ڀيي کان پڇيو ته: ”آريسر ڇا ٿو چوي؟“ هنن ٻڌايو ته: ”سائين آريسر ٻڌائي ٿو ته جان ۽ ايمان ٻئي سلامت کڻي آيو آهيان.“، سائينءَ کين چيو ته: ”جان ۽ ايمان، معمولي شيون آهن، ڇا هو عشق به سلامت کڻي آيو آهي؟“ جڏهن آءٌ موٽي آيس ته سائينءَ مون کان اهو سوال ڪيو ۽ مون جواب ڏنو ته: ”سائين! اها عشق جي ئي سلامتي هئي، جنهن جان ۽ ايمان کي سلامت رکيو.“
    - ۽ سميع الله، عشق جي آڌار تي جان قربان ڪري ويٺو، پر سندس عشق ۽ ايمان، سنڌ جي سُتل ضمير لاءِ ڪنواري بدن جي خوشبوءِ جو ڪم ڏيندا رهندا، ۽ شايد ئي ڪو هتي سمجهي سگهي ته عشق جي سلامتيءَ لاءِ جان جي قرباني، ساري ڏيهه کي ’ڏيئڙا ڏيئڙا‘ بنائي ڇڏيندي. بس! سميع الله جي رَت جي اُنهن ڏيئڙن کي آءٌ سلام ڪريان ٿو ۽ ڪاش! منهنجو وس پُڄي ها ته آءٌ کيس اياز ۽ نياز همايونيءَ جي سِٽن جو ڪفن پارائي دفن ڪريان ها، ڇو ته اجرڪ ته اڄڪلهه غدارن جي موت تي به وڌا ويندا آهن.
    آزاديءَ جي تحريڪن ۾ نوجوانن جون شهادتون، قومن کي منزل تي پهچائڻ لاءِ پُلين جو ڪم ڏينديون آهن ۽ سميع الله پنهنجي شهادت جي ذريعي اها پل تعمير ڪري ويو آهي. اسان کي نه صرف اُن پل جي حفاظت ڪرڻي آهي، پر پوري قوم کي اُن پل تان گذارڻو آهي.
    -


    سنڌ سان پيار ڪندڙ دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو! [بشير خان قريشي]

    (1)
    اپريل جو مهينو، سنڌ واسين لاءِ انتهائي نڀاڳو مهينو ثابت ٿيو آهي. ذوالفقار علي ڀُٽو به اپريل [4 اپريل 1979ع] ۾ سنڌ واسين کان وڇڙيو. سائين جي.ايم.سيد به اپريل [25 اپريل 1995ع] ۾ ڏهاڳ ڏئي ويو. اُن کان پوءِ شهيد سِرائي قربان کهاوڙ، پنهنجن ساٿين [روپلي چولياڻي ۽ نورالله تنيي] سميت اپريل [21 اپريل 2011ع] ۾ سنڌ تان صدقي ٿيو، ۽ هاڻي تازو بشير قريشي به اپريل جي مهيني ۾ [07 اپريل 2012ع] ۾ سنڌ ماءُ جي هنج ۾ ابدي آرام ڪرڻ لاءِ هليو ويو.
    بشير قريشي، هڪ بيقرار روح جو مالڪ هو ۽ اُنهيءَ بيقرار روحَ کي مادر وطن سنڌ جي هنج ۾ شايد قرار اچي ويو هجي. بشير قريشي، سيد ۽ سنڌ جو عاشق هو، ۽ عشق ابدي هوندو آهي. اُهو زمان ۽ مڪان جي قيد کان آزاد هوندو آهي.
    بشير قريشيءَ ۾ بيشمار خوبيون هيون. هو دوستن جو دوست ۽ سنڌ جي ويرين جو ويري هو. هن جي خاص خوبي، جُرئت، جدوجهد ۽ جفاڪشي هئي. هن مارچ [2012ع] ۾ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ وستيءَ ۾ سنڌي ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اهڙي جدوجهد شايد ذوالفقار علي ڀُٽو به سماجي سجاڳي آڻڻ لاءِ نه ڪري سگهيو هجي. اُنهيءَ ڪري هو غافل سنڌين کي بيشمار تعداد ۾ ڪراچيءَ ۾ گڏ ڪري سگهيو.
    مون کي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو ڪيترن سالن کان تجربو رهيو آهي. اُنهيءَ تجربي دوران ڪڏهن ڪڏهن آءٌ ٿڪجي پوندو هوس ۽ تقرير ڪرڻ کان اِنڪار ڪندو هوس، پر هو اياز جي شعر وانگر ته: ’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘، ڪڏهن به ٿڪبو نه هو. آءٌ اُهو ڪونه ٿو چوان ته هُو نِڪروما ۽ لوممبا وانگر جادوئي اثر رکندڙ مقرر هو، پر سنڌ جي ماڻهن جي نفسيات مطابق مادر وطن سنڌ جي خوبين ۽ خاصيتن تي ڳالهائيندو هو. هو بيپناهه جرئتمنديءَ سان ڳالهائيندو هو، ۽ سنڌي ماڻهو جرئتمنديءَ جا تاريخي طرح عاشق رهيا آهن- ۽ هن پنهنجي لفظن ذريعي سنڌين جي دلين ۾ اهڙي حرارت ۽ حِدت پيدا ڪئي، جو سنڌ جو ’سُتل شينهن‘ جاڳي پيو. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن جلسي ۾ ماڻهن جي اُن ولولي کي ڏسي، نياز همايونيءَ جو هي شعر پڙهندو هوس ته:
    سنڌ جي مڪلي ۽ ساموئيءَ جو قسم،
    شاهه جي سُهڻي ۽ مارئيءَ جو قسم،
    پنهنجي جهانگين کي جهوليءَ ۾ لولي ڏئي،
    پنهنجن لوليءَ کي ٻاگهيءَ جي ٻولي ڏئي،

    سنڌ جاڳي پئي،
    سنڌ جاڳي پئي!
    رات جي سانتِ ۾ ڪنهن سِتاري مثال،
    صُبح جي نُور ۾ ڪنهن نظاري مثال،
    ماءُ جي رُوحَ ۾ راسِ لوليءَ جِئان،
    ڪنوارِ جي ذهنَ ۾ ڪنهن پروليءَ جئان،

    سنڌ جاڳي پئي،
    سنڌ جاڳي پئي!
    -ته اُن جلسي ۾ شعر تي تنقيد نه ڪندو هو، پر جڏهن گاڏيءَ ۾ روانا ٿيندا هئاسون، ته هن جي عادت هوندي هئي ته پاڻ ڊرائيونگ نه ڪندو هو، پر سندس پسنديده ڊرائيور غفارُ ڊرائيونگ ڪندو هو، پر جڏهن آءٌ گڏ هوندو هومانسِ ته پنهنجيءَ سيٽ تي مون کي ويهاريندو هو ۽ ڊرائيونگ پاڻ ڪندو هو، ۽ اُن وقت مون کي چوندو هو ته: ’نياز همايونيءَ جو شعر ته شاندار آهي، پر شعر جي مفهوم وانگر اڃا سنڌ جاڳي نه آهي، ۽ جڏهن سنڌ ڪنوار جي ذهن ۾ پروليءَ وانگر جاڳي، تڏهن سنڌ ڄام نظام الدين جي ٿي ويندي ۽ غلاميءَ جا ڳٽ ڇِيهون ڇِيهون ٿي ويندا. بهرحال ڪوشش ڪريون ٿا ته سنڌ، ماءُ جي لوليءَ وانگر جاڳي پوي ته پوءِ وارا نيارا ٿي ويندا. بهرحال، پنهنجو ڪم ڪوشش ڪرڻ آهي ۽ رزلٽ سنڌي عوام جي دلين ۾ آهي.‘
    منهنجا هن سان اختلاف به رهيا، پر اُنهن اختلافن ڪڏهن به دشمنيءَ جو رنگ اختيار نه ڪيو.
    آءٌ جڏهن سندس تڏي تي پُهتس، اُن وقت مون ماڻهن جو جيڪو هجوم ڏٺو، اُن مهل مون محسوس ڪيو ته هن جي محنت رائگان نه وئي آهي.
    آخر ۾ آءٌ اِهو چوندس، جيڪو مارڪس جي وفات تي اينگلز چيو هو ته: ”هن تاريخ تي مارڪس مُئو نه آهي، پر دنيا جي سڀ کان وڏي سوچيندڙ دماغ سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي“.
    - ۽ آءٌ بشير خان لاءِ چوندس ته: ”اُن تاريخ تي سنڌ سان پيار ڪندڙ خوبصورت ۽ بهادر دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو آهي“.
    ***
    (2)
    1958ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي مردم خير مٽيءَ ۾، رتيديري شهر اندر هڪ عام ماڻهوءَ جي گهر ۾ هڪڙي ٻارڙي جنم ورتو، جنهن جو نالو ’بشير احمد‘ رکيو ويو. مون لاڙڪاڻي کي ’مردم خير مٽي‘ سڏيو آهي، اُن جو مطلب اِهو ناهي ته لاڙڪاڻي ۾ صرف ڀُٽن جنم ورتو هو، پر اُن مردم خيز سرزمين، جان محمد جوڻيجو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سيد تُراب علي شاهه راشدي، راشدي برادران [حسام الدين راشدي ۽ علي محمد راشدي]، سرائي قربان کهاوڙ سان گڏ بشير خان قريشيءَ کي به جنم ڏنو آهي.
    اُن ٻارڙي بشير قريشيءَ جي جنم وقت ماڻهن کي ڪهڙي خبر هُئي ته هي ٻارڙو اڳتي هلي سنڌ جي نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن بڻبو، اها صرف تقدير جي ڪاتب کي ئي خبر هئي ۽ واقعي ٿيو به اِئين. هُن سنڌ ۾ قومي هلچل کي زبردست زور وٺرايو ۽ زندگيءَ جا ڪيترائي سال مڙسان مڙسيءَ جيلن ۾ گذاريا. هيءَ حقيقت آهي ته ڪجهه ماڻهن جيلن ۾ آسائش واري زندگي گذاري، پر اها زندگي پئسي جي زور تي هئي، ليڪن هن شخص جيلن ۾ رڳو پنهنجي لاءِ نه، پر عام قيدين لاءِ به آسائشون وٺي ڏنيون ۽ اِها ڪاميابي هن پنهنجي همت، بک هڙتالن ۽ جدوجهد جي ذريعي حاصل ڪئي. اِهو ئي سبب هو، جو مون هڪ دفعو مٿس مضمون لکندي لکيو هو ته: ’هو جڏهن به جيل ويندو آهي ته عام قيدي خوشيءَ مان نعرا هڻندا آهن ته اسان کي نجات ڏيندڙ اچي ويو.‘
    مون کي هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته ايم.ڪيو.ايم جو هڪ نالي وارو ليڊر [انيس ائڊووڪيٽ] ميرپورخاص جي لاڪپ اپ ۾ بند هو ۽ اُتان سينٽرل جيل حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو. حيدرآباد جيل جو سپرنٽينڊنٽ اُن وقت ميجر کوسو هو، ۽ اُن کان اهو ليڊر صاحب ڏاڍو خوفزده هو. اُن ڪري، مون ڏانهن نياپو موڪليائين ته: ”سينٽرل جيل ۾ بشير خان آهي. توهان ڪنهن طريقي سان منهنجي نالي کيس نياپو موڪليو ته اڄ آءٌ اچان پيو ۽ ماڙيءَ تي منهنجي بي عزتي نه ڪن. توهان بشير خان کي چئو ته هو فلاڻي وقت تي ماڙيءَ ۾ ويٺل هجي“. اُهو نياپو مون بشير خان کي موڪليو ته هو مقرر وقت تي ماڙيءَ ۾ اچي ويهي رهيو هو. جيل جي ماڙيءَ تي ميجر کوسي ايم.ڪيو.ايم جي اُن اڳواڻ جي مهمان نوازي لاءِ انتظام پئي ڪيا، پر هو جيئن ئي پهتو ته بشير خان، کيس ٻانهن مان وٺي، بنا ڪنهن تلاشيءَ جي پنهنجي وارڊ ۾ وٺي ويو- ۽ آءٌ اها ڳالهه اڄ پهريون ڀيرو رڪارڊ تي آڻي رهيو آهيان ته اُن معاملي ۾ جنهن پوليس آفيسر پيغام رسانيءَ جو ڪم ڪيو هو، اُن کي متحده قومي موومينٽ وارن ڪڏهن به نه وساريو.
    بشير خان جي زندگيءَ جو ۽ شايد سنڌ جي جيلن جي تاريخ جو هي اڻوسرندڙ واقعو آهي ته جيل ۾ قيدين سان ٿيندڙ عقوبتن جون تصويرون به بشير خان ڪڍيون هيون، ۽ اُهي پاڪستان جي معتبر اخبار ’ڊان‘ (Dawn) ۾ شايع ٿيون هيون. اُنهيءَ جرم جي پاداش ۾ هن کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پيو ۽ کيس بند وارڊ به ڪيو ويو هو. اُن تي مون پريس ۾ بيان ڏنو هو ته: ’بشير خان تان سختيون ختم ڪيون وڃن. ٻيءَ صورت ۾ آءٌ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪندس.‘ اُن اعلان جي ڇپجڻ واري ڏينهن ئي جيلن جو وزير اُميد علي شاهه سينٽرل جيل حيدرآباد پهتو ۽ بشير خان تان سختيون ختم ڪيون ويون. پوءِ جڏهن هو آزاد ٿيو ته ڀوڳن ئي ڀوڳن ۾ مون کي چيائين، ’ڪاش! اهو اعلان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڪرين ها!‘ اِهو اُن ڪري نه چيائين ته هو اُنهن سختين کان گهٻرائجي ويو هو، پر منهنجي اعلان جي اهميت وڌائڻ لاءِ چيو هئائين.
    اسان ڪافي وقت گڏ ڪم ڪيو هو، پر هُن پنهنجي محنت سان اُهو مقام حاصل ڪيو هو، جو سنڌ ۾ ٿيندڙ ’جرڳن‘ ۾ وڏن وڏن سردارن سان گڏ بشير خان کي به گهُرايو ويندو هو. ڪامريڊن لاءِ سنڌ ۾ مشهور آهي ته هي سڀ ’وات ڳاڙها ڇوڪرا‘ آهن، جيڪي ٺلها ٺڪاءَ ڪندا ٿا وتن، پر انهيءَ سماج ۾ پنهنجي حيثيت مڃائڻ وڏو ڪمال هو، جيڪو رتيديري جي عام ماڻهوءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ بشير خان حاصل ڪيو هو. هن وقت هو اسان ۾ نه رهيو آهي، پر سندس جدوجهد ۽ فڪرِ سيد سان لاڳاپو هميشه قائم رهندو.
    سيد سان هُن جو لاڳاپو ايڏو گهرو هو، جو کيس پُٽ ڄائو ته نالو رکڻ جي لاءِ سائين جي.ايم.سيد وٽ آيو ته سائينءَ کيس چيو ته ”انقلابي نالو رکان يا صوفياڻو؟“ بشير خان جواب ۾ چيو ته ”سائين! صوفياڻو“. تنهن تي سائينءَ کيس ’صنعان‘ نالو ٻڌايو. اِهو واضح ڪندو هلان ته اڄڪلهه بشير خان جي پٽ ’ صنعان‘ جو نالو ’ث‘ يا ’س‘ سان لکيو وڃي ٿو، پر سائينءَ جيڪو نالو کيس ٻڌايو هو، سو ’صنعان‘ هو يعني ’شيخ صنعان‘، ۽ اُهو نالو هڪ نامور صوفي بزرگ جو هو، جنهن جو وڏو تاريخي پسمنظر آهي ۽ جنهن جو مرڪز ’عشق‘هو. سمورو قصو تفصيلي طور ڪونه ٿو لکان، پر بشير خان سان پيار ڪندڙن کي اِهو عرض ڪرڻ ٿو چاهيان ته سندس پُٽ جو اصلي نالو ’صنعان‘ آهي، جيڪو سائين جي.ايم.سيد جو تجويز ڪيل آهي ۽ اُهو ئي اُچاريو ۽ لکيو وڃي.
    ڪافي دوست سائينءَ کي پنهنجي دل جون ڳالهيون به ٻڌائيندا هئا ۽ بشير خان به سائينءَ کي ڪا اهڙي انوکي ڳالهه ٻڌائي هئي، جو جڏهن سائين اپر سنڌ جي دوري تي ويو ته بشير خان جي چانهه جي دعوت تي رتيديري به آيو. اُتي سائينءَ کانئس پڇيو ته: ’جيڪا ڳالهه تو مون کي ٻڌائي هئي، اُهو ماڻهو ته ڪونه ڏيکاريئي؟‘ جواب ۾ بشير خان خاموش رهيو. شايد اسان سائينءَ سان گڏ ويٺل هئاسين، اُن ڪري هُن ڪو جواب نه ڏنو هو، اُن تي سائينءَ، لطيف سائينءَ جو هيءُ شعر پڙهيو:
    سوڙهيءَ گهٽيءَ سپرين، گُونگا ٿي گڏياس،
    ڦٽيل هئا فراق جا، ڪُڇي ڪين سگهياسِ!

    اُن تي بشير خان چيو ته: ”ها سائين، اِئين ئي آهي!“
    بهرحال آءٌ بشير خان جي وڇوڙي کي سنڌ لاءِ هڪ وڏو نقصان سمجهان ٿو، پر سنڌ ڪنهن فرد جي وڃڻ سان ڇوري ڪانه ٿيندي. شهيد الهه بخش جي شهادت ۽ سورهيه بادشاهه جي شهادت جهڙن صدمن کان پوءِ به سنڌ زنده رهندي آئي آهي ۽ هاڻي به زنده رهندي.
    آخر ۾ هڪ ڳالهه چوندس ته شهيد بشير خان کي رتيديري ۾ دفنائڻ جو جيڪو وارثن فيصلو ڪيو، اُهو درست آهي. رتوديرو ۽ نئون ديرو رُڳو ڀُٽن جا مرڪز رهڻا نه آهن، پر رتوديرو ۽ شهدادڪوٽ: جيئي سنڌ جا به مرڪز ٿيندا.
    بشير خان جي وڇوڙي تي مون کي فارسيءَ جو هڪ شعر ياد اچي ٿو، جيڪو پير حسام الدين راشديءَ دولهه دريا خان جي باري ۾ لکيو آهي ته:
    به گـــريــز د از صفِ ما، کــه مــــرد غوغا نيست،
    ڪس ڪه ڪُشت نه شد از قبيلهء ما نيست،
    [معنيٰ اسان جي صفن مان اهو ڀڄي وڃي، جيڪو وڙهڻ نه ٿو چاهي. جيڪو ڪُسجڻ لاءِ تيار ناهي، سو اسان جي ڪڙم مان ناهي.]
    -


    اوهان جو خُون خوشبوءِ ٿي ايندو! [شهيد قربان کهاوڙ ۽ ساٿي]

    سنڌ! تنهنجي هانوَ ۾ هُرندا سدا.
    هاءِ پويان ڏينهن هِي اپريل جا!

    اُها اپريل [2011ع] جي 21 تاريخ هئي، آءٌ حيدرآباد هئس. مون پروگرام ٺاهيو هو ته اڄوڪو ڏينهن دوستن سان ميل ملاقات ۾ صرف ڪبو. اُن سلسلي ۾ راجپوتانا اسپتال ۾ داخل پنهنجي دوست سڪندر سومري جي طبيعت پڇڻ ويس. راجپوتانا اسپتال ۾ سڪندر سومرو آءِ. سي. يو ۾ داخل هو ۽ هو ذري گهٽ نيم بيهوشيءَ واري حالت ۾ هو. کانئس رسمي طرح طبيعت پڇي رهيا هئاسين ته فون جي گهنٽي وڳي. فون ڪندڙ کي چيوسين ته اسين هينئر اسپتال جي آءِ. سي. يو ۾ سڪندر سومري جي طبيعت پُڇي رهيا آهيون، ڏهن منٽن کان پوءِ فون ڪريو. اسان کي اسپتال مان ٿي، آڪاش ملاح سان ملڻو هو ۽ پوءِ خاڪي جويي جي طبيعت پُڇڻي هئي. اسپتال کان جيئن ئي ٻاهر نڪتاسين ته سرمد ميراڻيءَ جي فون تي منهنجي لاءِ ڪال آئي ته: ’سرائي قربان کهاوڙ، ساٿين سميت سانگهڙ ۾ شهيد ٿي ويو آهي.‘ فون ڪندڙ پنهنجو تعارف جيڪڏهن ڪرايو به، ته به آءٌ سمجهي نه سگهيس ۽ سَڪتي جي حالت ۾ اچي ويس.
    بهرحال آڪاش ملاح ۽ خاڪي جويي کان ٿي، اسان نوابشاهه روانا ٿي وياسين-• ۽ مون کي ياد اچي رهيو هو ته سِرائي قربان هفتو کن اڳ مون وٽ آيو هو. رات رهي، صبح جو وڃڻ وقت پڇيو هئائين ته: ”حيدرآباد ڪڏهن ايندؤ؟“ مون کيس ٻڌايو هو ته ”20 تاريخ ايندس.“ چيائين ته: ”21 جي تاريخ پاڻ گڏ گذارينداسين. آءٌ توهان سان 20 جي شام جو رابطو ڪندس ۽ پوءِ منهنجي گهر ۾ هلي رهنداسين.“ مون ساڻس واعدو ڪيو هو، پر اُن رات هُن ڪوبه رابطو نه ڪيو. اُن وقت مون کي خبر نه هئي ته هو جنهن وقت موڪلائي رهيو هو، ته نه رڳو مون کان، پر پنهنجي گهر کان، ۽ سموريءَ سنڌ جي دوستن کان به موڪلائي رهيو هو. هو جنهن وقت مون وٽ آيو هو، اُن وقت ساڻس گڏ نور الله تنيو، شبير ملاح ۽ رياض لغاري به هئا. اُن رات هُن پيتو ڪونه. گهڻي زور ڀرڻ تي جواب ڏنائين ته ’مون پيئڻ ڇڏي ڏنو آهي-‘ ۽ هُن سچ پچ هڪڙي انقلابيءَ جي زندگي گذارڻ شروع ڪري ڏني هئي. پر اُن رات واري ڪچهريءَ ۾ ’روپلو‘ موجود نه هو. پراڻن دوستن مان صرف نور الله ساڻس گڏ هو. نورالله کي آءٌ ’ڀائٽيو‘ سڏيندو هوس، ڇو ته هو منهنجي مرحوم دوست الطاف تُنيي جو ڀائٽيو هو ۽ ڪڏهن به سرائيءَ کان جدا نه ٿيندو هو، ۽ هينئر به ساڻس گڏ هو.
    سرائي قربان سان منهنجي واقفيت ته اڳ جي هئي، پر پنهنجائپ 1995ع کان شروع ٿي، جڏهن ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ٺهيو هو ۽ روپلو ته لطيف سنگت، ۾ رهيو هو، پر اُن سان به لڳ ڀڳ اُنهيءَ دور ۾ ئي ويجهڙائپ ٿي هئي- ۽ پوءِ اها ويجهڙائپ وڌندي وڌندي، دوستي ۽ ڀائپيءَ ۾ بدلجي وئي ۽ ساڳي حالت روپلي ۽ نور الله جي به هئي. هو ٽيئي ڄڻا سنڌ جا سچا سپوت، بهادر ۽ سنڌ تي سر صدقو ڪرڻ وارا هئا. روپلي جي ته ايستائين به مون سان صحبت وڌي وئي هئي، جو هو مون کي ’ابو‘ ۽ منهنجي گهرواريءَ کي ’امان‘ سڏيندو هو. هڪ دفعي رات جي وقت فون ڪيائين. اُن وقت آءٌ ننڊ ۾ هوس، اُن ڪري منهنجي گهرواريءَ فون کنيو. اُن کي چيائين ته: ”بابا کي سمجهاءِ ته اسان کي وڙهڻ نه ٿو ڏئي-“ ته منهنجي گهر واريءَ کيس چيو ته: ”هو ته ٻارن کي به وڙهڻ نه ڏيندو آهي، توهان ته وڏا آهيو.“ اُن تي وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين ته: ”بابي تو کي وڙهڻ جي نمونن بابت ڪونه ٻڌايو آهي ڇا؟“ اِئين چئي فون رکي ڇڏيائين.
    پوءِ هو ٻئي [سرائي ۽ روپلو] اڳتي هلي تنظيمي طرح مون کان الڳ ٿي ويا، پر ذاتي طرح نه. اِهو ئي سبب آهي، جو مون اُنهن کي ڪڏهن به پاڻ کان ڌار نه سمجهيو. مون جڏهن کانئن [جيئي سنڌ قومي محاذ کان] الڳ ٿيڻ جو سبب پڇيو هو ته، مون کي جواب ڏنو هئائون ته: ”توهان ڪنهن ماڻهوءَ جي نوٽ بُڪ تي مارٽن لوٿر ڪنگ جو هي قول نقل ڪيو هو ته: ’اُن ماڻهوءَ کي جيئڻ جو ڪوبه حق ڪونهي، جيڪو شاندار موت قبولڻ لاءِ تيار ناهي.‘ سو اسان اُنهيءَ شاندار موت لاءِ وڃي رهيا آهيون.“
    مون کين چيو هو ته: ”عدم تشدد جي پيغمبر گانڌيءَ جو موتُ، شاندار موت نه هو ڇا؟“ اُن تي چيائون ته: ”بيشڪ شاندار موت هو، جو هو گوليءَ سان مُئو هو.“ مون چيو ته: ”ها، دنيا ۾ عدم تشدد جا پيغمبر حضرت مسيح، مارٽن لوٿر ڪنگ ۽ گانڌيِ جِي، ٽيئي تشدد ذريعي ختم ڪيا ويا هئا، باقي رهيا غفار خان ۽ سائين جي. ايم. سيد- ته غفار خان جي قبر تي بم اڇلايا ويا هئا ۽ سائين جي. ايم. سيد جي مٿان ٽي قاتلاڻا حملا ڪيا ويا هئا، جن مان هو بچي ويو هو- ۽ سنڌ سان ويڌن ته اِها آهي ته اُن جا هيروز سڀ شهيد آهن. مهاراجا ڏاهر کان وٺي هيمون ڪالاڻيءَ تائين، ۽ اُن کان اڳتي سورهيه بادشاهه تائين. آءٌ چاهيان ٿو ته توهان ’شهيد‘ ٿيڻ کان وڌيڪ اهميت ’فاتح‘ ٿيڻ کي ڏيو ته جيئن اسان جنهن مقصد لاءِ وڙهي رهيا آهيون، اُهو مقصد حاصل ڪريون ۽ سنڌ جي سرزمين جي خوشحاليءَ جي سونهن، چند بنگلن مان ڪڍي، اُنهن وسندين ۾ پهچايون، جتي شادماني ۽ روشنيءَ جون اهڙيون باکون ڦُٽن، جو ماڻهن کي ماضيءَ جي اونداهين جو ڪوبه احساس نه رهي.“
    هنن دوستن جو چوڻ هو ته: ”جيڪا قوم هيترين محنتن ۽ قربانين سان سجاڳ نه ٿي ٿئي، اُن کي ڪنهن نئين طريقي سان سجاڳ ڪرڻ گهرجي.“ مون کين چيو ته: ”اِهو تجربو به انقلابين ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي.“ اِن سلسلي ۾ مون ايران جو مثال ڏنو، جتي ’مجاهدين خلق‘ ۽ ’فدايان خِلق‘ اِهو طريقو اختيار ڪيو هو، پر اڄ ايران ۾ اُنهن تنظيمن جو نالو نشان به ناهي ۽ ساڳيو طريقو هندستان ۾ ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين اختيار ڪيو هو، پر فتح جو تاجُ پوءِ به گانڌيِ جيءَ جي سِر تي پيل آهي.“
    پر هُنن دوستن منهنجي ڳالهه کي هڪڙي ٿڪل پوڙهي جي ڳالهه ۽ دليل بازي سمجهي ٽاري ڇڏيو ۽ هليا ويا ۽ اڄ جڏهن سوچيان ٿو ته مون کي اياز ٿو ياد اچي ته:
    هو جي ويراڳي وڃڻا ها،
    جي ڪنهن جي مور نه مڃڻا ها،
    روئڻ سان رهن ها جي سپرين،
    مان نيڻين نير نه روڪيان ها!

    هو هليا ويا، پر منهنجي دل مان نه! دل مان وڃي به ڪيئن سگهن ٿا!. جن تنظيمي طور ڌار ٿيڻ کانپوءِ به مون سان ذاتي ۽ قومي ناتا نه ٽوڙيا هئا، ۽ پڇاڙيءَ تائين سرزمينِ سنڌ کي سجدا ڪندي شهيد ٿي ويا. جن جو عشق ۽ ايمان، بلند ۽ مضبوط هوندو آهي، تن کي مضبوط دليلَ، پنهنجي آدرش کان هٽائي نه سگهندا آهن. هو هليا ويا ۽ هميشه لاءِ هليا ويا، پر سنڌ جي تاريخ ۽ ماڻهن جي دلين ۾ هميشه لاءِ زنده ۽ جاويد ٿي ويا.
    اڄ منهنجي دل ڏاڍي غمگين آهي، ۽ آءٌ بيماريءَ جي بستري تي آهيان. اُن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هنن دوستن جو وڇوڙو به شامل آهي- ۽ مون جڏهن اها ڳالهه هڪڙي حُر فقيرَ سان ڪئي ته هُن مون کي چيو ته: ”اُهي دوست سانگهڙ ۾ شهيد ڪيا ويا هئا؟“ ته مون کيس چيو ”ها!“ هُن چيو ته: ”ڏاڍا بهادر انسان هئا ۽ اُنهيءَ سرزمين تي شهيد ٿيا هئا، جيڪا سورهيه بادشاهه جو مرڪز ۽ شهيدن جي سرزمين آهي“.
    آءٌ جيڪڏهن صحت اجازت ڏني ته اُنهن مان هر هڪ تي الڳ الڳ مضمون لکي، ڪتابي صورت ۾ آڻيندس، ڇو ته اُهي سنڌ جي جديد تاريخ جا اهڙا سورما آهن، جن سن جي سرزمين مان فيض پرايو ۽ سورهيه بادشاهه جي سرزمين تي شهيد ٿي ويا.
    آخر ۾ آءٌ هڪڙي فارسي شعر جو سنڌي مفهوم لکان ٿو ته:
    ”جنهن جي دل عشق جي جذبي سان آباد ٿي وئي،
    اهو هرگز مري نه ٿو سگهي،
    ۽ سڄي دنيا جي تاريخ ۾ انهن جي دائم هجڻ جو نقشو،
    سدائين لاءِ چِٽجي وڃي ٿو!“
    -


    محبت جي راهه جو رابيلُ چيڀاٽيو ويو [شهيد خان محمد بنگلاڻي]

    هُو ڀونگا، هو ڀيڻيون، هو مارن جا مڪانَ،
    سي سڀ ساري سومرا، قهري لڳم ڪانَ.
    مارو مئا مهمانَ، اُٺي ويا اُڪري!

    (شاهه)

    تاريخ 29 نومبر تي ڳوٺ محراب بنگلاڻيءَ ۾ وڃڻ ٿيو. اُنهيءَ ڳوٺ ۾ نه معلوم اڳ به ڪيترائي ڀيرا وڃڻ ٿيو هوندو، پر هر ڀيري ٽَهڪندي، مُرڪندي ۽ مسرتن سان مهڪندي وڃبو هو، ڇو ته خبر هوندي هئي ته اُتي اسان جو پيارو ۽ قومي تحريڪ جو جان نثار، خان محمد بنگلاڻي موجود هوندو. پر هن دفعي وڃڻ وقت اکيون آليون، دل اداس ۽ دماغ غمگين هو، ڇو ته هڪ ڏينهن اڳ ۾ اِها منحوس خبر پڙهي چڪو هوس ته: ’خان محمد، محبت جي قربان گاهه ۾ شهيد ٿي چڪو آهي‘، اُن ڪري، آءٌ هُن جي تڏي تي گهڻو وقت ويهي نه سگهيس، ڇو ته ڳوڙهن ويهڻ ئي نٿي ڏنو ۽ هر هر سندس سدا بهار مُرڪ، ڪشادا ڀاڪرَ ۽ روشن اکيون ذهن تي تري پيئي آيون، اُن ڪري، ساٿين کي عربيءَ جو هڪ شعر ٻڌايم، جنهن جو مطلب آهي ته:
    ”اي قافلي وارو! ڪجهه ترسو ته آءٌ پنهنجي محبوب جي اُجڙيل ديارَ تي ڳوڙهن جو مينهن وسائي وٺان، جيڪي شايد هن جي روح جي گلاب کي ماڪ ڦڙن جي تازگي بخشي سگهن.“
    گذريل ٻه ٽي سال منهنجي اڀاڳي حياتيءَ لاءِ مسيحَ جي سُوري ثابت ٿيا آهن، اُنهن مان ڪي صدما ته سموريءَ سنڌ جي سيني لاءِ عرب شاعره خنساءِ جا مرثيا ثابت ٿي چڪا آهن، جن ۾ سائين
    جي. ايم. سيد، حفيظ قريشي، جيجي درشهوار ۽ شيخ اياز جا وڇوڙا ته اهڙا آهن، جن هند ۽ سنڌ جي دل کي جهنجهوڙي ۽ زخمي ڪري وڌو آهي.
    اُنهن کان پوءِ ذاتي طرح جن ماڻهن جي با خلوص محبت ۽
    غير مشروط وفاداري ۽ دوستيءَ جا سگهارا هٿ سهارو ڏئي منهنجي سفر کي سولو بنائيندا رهيا، سي به آهستي آهستي مون کي ڇورو ڇنو ڪري، سياست جي هِن ’دشتِ سوس‘۾ مون کي بي سهارو ڪري ويا. سڀ کان پهرين جيڪب آباد جي سارين جي خوشبوءِ جهڙو منهنجو ٻاجهارو ۽ محبوبه جي مُرڪ کان وڌيڪ پيارو ماڻهو وهاب ڀيو بنا ڀاڪر پائڻ جي موڪلائي ويو، پوءِ هاٿي در جي فالودي جهڙو مٺو،
    رنگ برنگي ۽ لذيذ ماڻهو، سائين جي. ايم. سيد جو دادلو ۽ منهنجو يارِ غار قيوم منگي، پنجابي داداگيرن هٿان شهيد ٿي ويو ۽ پوءِ دنيا لاءِ کٽو، پر منهنجي ۽ وڏيري محمد هاشم رمداڻ لاءِ ماکيءَ کان مِٺو، جيڪو موت جي بستري تي به اسان کي ياد ڪندو رهيو، وڏيرو بولو اڻ ڏٺل سفر تي روانو ٿي ويو ۽ ڪجهه ئي وقت پوءِ اسٽيج تي شينهن وانگر گجگوڙ ڪندڙ ۽ پنهنجي شهپرَ موڙَ سان دريا خان جي فوج جو سپاهي لڳندڙ زخمي چانڊيو به گوليءَ جو بک بڻجي ويو. اُهو زخم اڃا تازو ئي هو ته ٿرپارڪر جي چوڏهينءَ جو چنڊ ۽ منهنجو منٺارُ آزاديءَ جي راهه جو پانڌيئڙو ۽ سُونهن کي خدا جو پاڇو سمجهندڙ خان محمد بنگلاڻي به محبت جي راهه جي رابيل وانگر ڪن ڪٺور دل ماڻهن جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي ويو- ۽ آءٌ اڀاڳي ڀونءِ جو ننڌڻڪو رهواسي، خالي دل ۽ ويران اکين سان انهن راهن کي اڄ به تڪيندو رهان ٿو، جن راهن تان منهنجي اُنهيءَ پرينءَ پسارُ ڪيو هو:
    ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،

    تون اڃا پيو جِئين، هاءِ ڙي جيئڙا!

    (اياز)

    حقيقت هيءَ آهي ته خان محمد جي شهادت تي مون کي يقين ئي نه ٿو اچي. هو جيڪو، نه رڳو محبت ڪندڙ هو، پر نُنهن کان چوٽيءَ تائين محبت ڪندڙ هو، ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون کي اُهو ٻڌائي ها ته خدا تعاليٰ هن دنيا ۾ مختلف وڻ پيدا ڪيا آهن، جن ۾ خاصيتون به آهن ته خاميون به آهن، پر هڪڙو اهڙو وڻ پيدا ڪيو اٿس، جنهن جو نالو آهي محبت جو وڻ، جنهن ۾ گل جي خوشبو ۽ نم جي ڇانوَ، انب جي ٻُور جي هٻڪارَ، ڳاڱيءَ جي رنگت، ٻٻر ڦُلڙين جي نفاست ۽ پپَر جي وڻ جو تقدس موجود آهي ته آءٌ اُن جي ڳالهه تي يقين ڪريان ها ته ها، اُهو وڻ مون ڏٺو آهي، جيڪو آهي خان محمد بنگلاڻي- ۽ شايد سنڌ جي ڪٺور روايتن مان هڪڙي اها به آهي ته هن سر زمين تي محبت جو وڻ وڍيو ئي ڀلو. ڇا، سنڌ هاڻ اهڙي مرحلي تي پهچي چُڪي آهي ته هوءَ گلن جا سِر وڍيندِي، ڪَلين جون چوٽيون مهٽيندِي، نمن جي ڇانوَ هيٺ هاريندِي ۽ محبت جي موسيقيءَ ۾ رچيل گيت گُهٽي ڇڏيندي؟
    خان محمد بنگلاڻي، ڪارو نه هو، هن جو اندر اهڙو ئي اُجرو هو، جهڙو سندس چهرو. هن ڪڏهن به محبت کي سيڪس (Sex) سان آلودو نه ڪيو. هو اُن ڪنواريءَ وانگر هو، جنهن جي خواب ۾ سندس ننڊ گناهگار نه ٿيندي آهي- ۽ هن جي ننڊ فرشتي جي پَر کان به وڌيڪ پاڪ هئي، ڇو ته محبت جنهن دماغ ۾ واسو ڪندي آهي، تنهن جو وجود ته ٺهيو، پر خوابَ به گناهگار نه ٿيندا آهن ۽ جنهن جا خواب به گناهگار نه هجن، سو بي خوف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو مادي جسم، محبت جو غير مادي ڍانچو اختيار ڪري ويندو آهي. پر افسوس جو ڪهاڙيءَ، اُن ڍانچي کي به ڪپي ڇڏيو. گهڻو اڳ اعجاز منگيءَ، مون کي هڪ مشورو ڏنو ته جيڪا ڪهاڙي ڪنوارين ڳچين کي ڪپي ٿي، تنهن جو نشان قومي تحريڪ جي جهنڊي تان هٽائي ڇڏيو. اُن وقت مون اُن تي ڌيان نه ڏنو هو، ڇو ته مون کي اِها خبر نه هئي ته اُها ڪهاڙي، اُن دماغ جون رڳون به ڪٽي ڇڏيندي، جيڪو دماغ، آزادي ۽ محبت جي خوابن کان سواءِ شعورَ جي سوچن جون لاٽون، هن ڀڙڀانگ ڀُونءِ ۾ روشن ڪرڻ چاهي ٿو.
    اڄ آءٌ خان محمد جي وڇڙڻ تي ڪنهن سان تعزيت ڪريان؟
    هن جي معصوم ڀاءُ سان، جيڪو خان کي ڪجهه چوڻ بدران مون کي چوندو هو: ”ادا کي چئو ته مون کي بوٽ وٺي ڏي؟“
    ڊاڪٽر هرچند راءِ سان تعزيت ڪريان، جنهن جي غيرت مند جُتيءَ جي ٺوڪر ۾ ڊِنگ وڏيرن جا غُرور خاڪ ۾ ملي ويندا هئا، پر خان لاءِ هو شفيق پيءُ جهڙو ٻاجهارو هو!
    صوفي فتح علي ۽ صوفي رفيقَ سان تعزيت ڪريان، جيڪي خان لاءِ وحشي بنگلاڻين وٽ ميڙون ڪري ويا هئا!
    علي حسن چانڊيي سان تعزيت ڪريان، جنهن هن جي محبت کي حاصل ڪرائي ڏيڻ لاءِ پنهنجون سڀ صلاحيتون اهڙيءَ طرح ڪتب آنديون، جهڙي طريقي سان هو نظريه آزاديءَ لاءِ به نه ڪتب آڻي سگهيو هو!
    ڊاڪٽر شاهاڻيءَ سان تعزيت ڪريان، جنهن جون ڪوٺايل گڏجاڻيون ايستائين اڻپوريون هونديون هيون، جيستائين اُنهن ۾ خان شريڪ نه ٿئي!
    ۽ ڇا شهيد رضا محمد بنگلاڻيءَ جي روح سان تعزيت ڪريان، جيڪو شايد اڄ مون کي، بشير قريشي ۽ ڊاڪٽر نياز کي اها ميار ڏيندو هجي ته توهان هن کي بچائي نه سگهيُو؟
    ۽ آخر ۾ اُنهن سڀني نياڻين سان تعزيت ڪريان، جن جي تعليم لاءِ هن مختلف ادارن وٽ جهولي جهلي اسڪول کولرايا هئا؟
    راز بانوءَ سان ته آءٌ تعزيت ڪري ئي نه ٿو سگهان، ڇو ته اُن جي بيان ڪرڻ لاءِ نه فرشتن وٽ ايترا ڳوڙها آهن ۽ نه ئي خدا جي خزاني ۾ ايڏو ڏک!
    بهرحال آءٌ پنهنجي پياري دوست لاءِ اهڙيءَ حالت ۾ ڇا ٿو ڪري سگهان، جو منهنجي جهول ۾ چند ڪومايل گُل آهن، اکين ۾ بي رونق ڳوڙها ۽ قاتلن لاءِ دماغ ۾ ٽهڪندڙ ٽانڊا! بس خان جي قاتلن سان پاڪستاني ڪورٽن فيصلو ۽ انصاف نه ڪيو ته اُنهن سان تاريخ ضرور انصاف ڪندي ۽ اُهو فيصلو ۽ انصاف شايد اهڙو ئي هوندو، جهڙو شهيد رضا محمد بنگلاڻيءَ جي قاتلن سان ٿيو:

    اڄ پڻ اکڙين، سڄڻ پنهنجا ساريا،
    ڳلن تان ڳوڙهن جُون، بوندون بس نه ڪن.
    سندي سِڪ پرين، لوڪَ ڏٺي نه لهي!

    (شاهه)
    -


    ڳڙهي ياسين جي سرزمين کي سلام!• [شهيد احسان ميمڻ]

    ٻاهر گُل گلاب جا، من تن جو فولاد،
    سنڌڙيءَ جو اولاد، پرکي ڏسو ڪانئرو!


    شهيد احسان ميمڻ جي ڌرتيءَ جا وارثو! آءٌ اڄ قومي تحريڪ جي اهڙي ڳڀروءَ جي ورسيءَ ۾ شريڪ ٿي رهيو آهيان، جيڪو ڪنهن به ذاتي ۽ گروهي جهيڙي ۾ شهيد نه ٿيو، پر سنئون سڌو رياستي ادارن جي دهشتگرديءَ جي نتيجي ۾ ماتر ڀوميءَ سنڌ تان قربان ٿيو هو. مون ٻڌو هو ته کيس گولي نڙيءَ ۾ لڳي هئي. اِهو ٻڌندي مون کي ڪربلا جو واقعو ياد آيو، جنهن ۾ يزيدي لشڪر جو هڪ تير امام حسين عه جي نڙيءَ ۾ لڳو هو. پاڻ اُهو تير ڇِڪي ڪڍي هڪ تاريخي جملو چيو هئائون ته: ”ڪعبي جي رب جو قسم! آءٌ ڪامياب ٿي ويس.“ مون کي خبر ناهي ته شهيد احسان ميمڻ گولي لڳڻ وقت ڪو جملو ڳالهايو به هو يا نه، پر سندس احساس يقيناً اهي هوندا ته: ’ڄامشوري جي ڌرتيءَ جو قسم! آزاديءَ جي لاءِ مون جيڪو قسم کنيو هو، سو پورو ڪيم.‘
    اڄ اسين سڀ شهيد جي سرزمين تي اِهو اعلان ڪرڻ آيا آهيون ته: ’اي شهيد! تون اسان کان وڇڙي ضرور ويو آهين، پر وسريو ناهين. اسان تنهنجي خونِ شهادت سان ٻاريل مشعل کي پنهنجو خون ڏئي روشن رکنداسين.‘
    اِن سلسلي ۾ آءٌ ٽي ڳالهيون عرض رکڻ چاهيان ٿو:
    هڪ اِها ته، ڳڙهي ياسين، جيڪا ڪنهن وقت پير حسام الدين راشديءَ جي ڪتابن ۽ دُرانين جي لائبريريءَ جي ڪري سڃاتي ويندي هئي، پر مستقبل ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ اُها ڳڙهي ياسين، احسان ميمڻ جي آزاديءَ جي راهه ۾ شهادت جي ڪري ياد ڪئي ويندي. آزاديءَ جي راهه ۾ موت عظيم موت هوندو آهي ۽ جڏهن اُن موت جو ذڪر حليم باغيءَ جهڙي شاعر جي شاعريءَ ۾ نروار ٿيندو آهي ته اُهو موت ايڏو ته خوبصورت ٿي پوندو آهي، جنهن تان سُهاڳ راتِ جون زندگيون به قربان ڪري سگهجن ٿيون. حليم باغيءَ، سندس [احسان ميمڻ جي] وَنيءَ واتان سندس شهادت تي هي سٽون چورايون آهن:
    تون چئه چانڊوڪين ۾ چوڙا، مون کي چڪ نه هڻندا هوندا؟
    کاپي کاڌا کهُنبا منهنجا، ٿڌڙا ساههَ نه کڻندا هوندا؟
    پت جهڙ رُت ۾ پيلي پَن جان، منهنجا لڙڪ نه ڇڻندا هوندا؟
    پر مون پنهنجا چَپَ سبيا هِن، ڪو نه ڀريان ٿي سرد شُوڪارو،
    هاءِ هٺيلا، هوڏي پريتم! مند ملهاري، تون ريسارو!

    مون کي خبر ناهي ته احسان مڱيل هو يا نه، پر هيءَ شاعري پڙهڻ کان پوءِ، شايد سنڌ جي هر باشعور ڇوڪري تمنا ڪري ۽ اُن جي دل ڌڙڪن مان اِهو آواز نڪري ته ڪاش! اِهو منهنجو مڱيندو هجي ها! موت طبعي حقيقت آهي، پر جيڪو موت شاعرَ جي قلم جي نِب تي اِئين رقص ڪري، جيئن اَسُر ويل ماڪ ڦڙو گلابَ جي ڪنڊي تي رقص ڪندو آهي؛ جيڪو دهل جي آواز تي ٽاهُوءَ جو ارتعاش پيدا ڪندو آهي، نوجوانن جي دلين ۾ بارود ڀريندو آهي ۽ ڪنوارن نيڻن جي پلڪن تي ستارا جِهلملائيندو آهي. اُهو ئي موت اياز جي شعر وانگر خوبصورت هوندو آهي. احسان ميمڻ جو موت نه رڳو
    حليم باغيءَ جي شاعريءَ جي ذريعي دائمي زندگي ماڻي ويو، پر جمن دربدر جي هن شعر جو پڻ تعبير بڻجي ويو، جيڪو پڻ احسان ميمڻ جي شهادت تي لکيو ويو هو:
    وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
    ختم اونداهه ٿي ويندي، چِٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو!•

    ٿي سگهي ٿو ڳڙهي ياسين جا ميمڻ، اُنهيءَ شاعريءَ جو مفهوم نه سمجهندا هجن ۽ هو تمنا ڪندا هجن ته هو وڏو آفيسر ٿي مال ميڙي ها ۽ رشوت کائيندي مري وڃي ها، پر کين معلوم هجڻ گهرجي ته ڳڙهي ياسين جا ڪيترا ميمڻَ، دُراني ۽ عيساڻي رشوتون کائيندي مري ويا هوندا، پر سنڌ کي اُهي ياد ڪونهن. ڳڙهيءَ جو هي واحد نوجوان هو، جنهن رشوت بدران گولي کائڻ قبولي، نتيجي طور اڄ هو سموريءَ سنڌ جي شاعرن جو خواب ۽ اڻ ڇهيل ڪنوارن چپن جي سُرخي بنجي ويو آهي، ڪاش! سنڌ جي آزاديءَ جو قسم کڻندڙ هر نوجوان اهڙي موت جو تمنائي هجي! ڇو ته آزادي ڪڪوريل ٻانهن جا هارَ پائي نه ايندي آهي، پر ڳچين جي ڳَچن جا گلابَ پائي ايندي آهي ۽ اُهو رستو اسان کي شهيد احسان ميمڻ جا ڪنوارا خوابُ ڏيکاري ويا آهن، جنهن جي تعبير ۽ تشريحَ جبرائيل به ڪري نٿو سگهي.
    ٻي ڳالهه: شهيد احسان ميمڻ، جنهن جهنڊي جي پاسباني ۽ عزت رکندي جان ڏني، اُهو ڪهاڙيءَ وارو ڳاڙهو جهنڊو آهي، جنهن لاءِ ڪنڌ ڪپائبا آهن، ٻانهون وڍائبيون آهن، عزتون ۽ ناموسون قربان ڪبيون آهن. اِهو رڳو اُن ڪري نه، ته جهنڊو ڪنهن ملڪ جو قومي نشان هوندو آهي، پر مون وٽ منهنجي پارٽيءَ جو جهنڊو، جنهن لاءِ منهنجي ساٿين ساهه ڏئي ويساههُ پيدا ڪيو ۽ مون پنهنجي جوانيءَ جا ٿر تي آيل سانوڻ جهڙا ڏينهن قربان ڪيا؛ اُهو جهنڊو مون وٽ پنهنجي ڌيءَ ۽ ڀيڻ جي عصمت کان وڌيڪ مقدس آهي ۽ اُن جي حفاظت لاءِ احسان ميمڻ وانگر زندگين جا گلابَ، موت جي روشن ڪفن ۾ ويڙهي پيش ڪرڻا پوندا.
    دوستو! جهنڊا جهُولائڻ لاءِ ٺاهبا آهن ۽ اُنهن کي سربلند رکڻ لاءِ محبتن جا خطَ به ڦاڙي ڇڏبا آهن ۽ هي جهنڊو بقول منهنجي محبوب شاعر ۽ سنڌ جي ثقافتي سرحدن جي محافظ شيخ اياز جي لفظن ۾: ’اڀ تائين جهولائڻ‘ جو اسان وچن ڪيو هو، اُن وقت جڏهن ’موت‘ اسان کي شراب جي ڍُڪ وانگي محسوس ٿيندو هو ۽ اڄ به جڏهن ڪيترائي ساٿي رهنما اُهو ڍُڪ پِي دائمي مسرت حاصل ڪري چڪا آهن، ۽ اسين جيڪي رهجي ويا آهيون، تن کي يقين آهي ته اسان جي ساٿين جي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ ۾ اِئين اُڀرندو، جيئن ڪمون شهيد وٽ، جيئي سنڌ جو جهنڊو بلند ٿيو هو.
    نمبر 3: آءٌ سنڌ جي آزاديءَ جي راهه ۾ سنڌ جي نوجوانن جا حوصلا بلند ڪرڻ لاءِ ايڏي سوچَ ۾ گُم رهندو آهيان، جو مون کي پاڪستان جي حڪمرانن جي تجويزن ۽ سوچن کان بُڇان ايندي آهي. اڄ آءٌ مجبور آهيان، جو ٻن ڳالهين تي ڳالهايان ٿو، مون سياست ۾ قدم اُن وقت رکيو هو، جڏهن سنڌ جي باري ۾ هر لفظ مون کي سُونهن جو سنديسو ڏيندو هو. اُن وقت کان وٺي پاڪستاني حڪمرانن، سنڌ جي باري ۾ جيڪي ڪجهه ڳالهايو آهي، اُهو سڀ غير حقيقت پسنداڻو آهي. اِنهيءَ روايت تي هلندي، جنرل پرويز مشرف جيڪو پاڻيءَ جي مسئلي تي بيان ڏنو آهي، سو سڀ ڪوڙ آهي.
    مسلمان ماڻهن جا حڪمرانو! مسلمانن جي پيغمبر چيو آهي ته: ”ڪوڙ منافقيءَ جي علامت آهي.“ سو اُن کان پاسو ڪريو ته بهتر آهي، ورنه منافقن جو انجام ڏاڍو خراب ٿيندو آهي.
    ٻي ڳالهه [هن وقت] آءٌ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جي باري ۾ چوڻ چاهيان ٿو، جنهن چيو آهي ته: ”قادر مگسي مون کي مارائي ڇڏيندو.“ آءٌ افسوس سان قادر مگسيءَ ۽ دودي مهيريءَ لاءِ اردوءَ جو هيءُ شعر پڙهان ٿو:
    جن پتهرون کو عطا کي تهي هم ني دهڙڪنين،
    اُنهين زبان ملي، تو همين پي برس پڙي

    اُهي پٿر قادر ۽ دودو هئا، جن کي مون ئي ڌڙڪنون عطا ڪيون هيون ۽ اُهي ئي اڄ مون تي وسڻ لڳا هئا، پر اڄ جڏهن دودو بيوس آهي ته آءٌ کيس چوان ٿو ته:
    ’دودا! تو لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ جا دروازا کليل آهن.“
    کليل آهن، کليل رهندا، اسان جي دل جا دروازا!
    جيئي سنڌ قومي محاذ ڪعبته الله وانگر آهي، جيڪو اُن ۾ داخل ٿيندو، اُن کي ڪوئي ڪجهه نٿو ڪري سگهي، اُهو سلامت رهندو، نه رڳو پاڻ سلامت رهندو، پر اُن جي عزت ۽ عشق به سلامت رهندا؛ ڇو ته هتي عزت ۽ عشق جو سلامت هجڻ ئي لازم آهي.
    هن مهيني، مولانا آزاد جي قول جي ڏاڍي تصديق ڪئي آهي ته: ”سياست جي سيني ۾ دِل نه آهي ۽ اُها ڏاڍي بيحس آهي.“ اجمل خٽڪ جي معطلي ۽ دودي مهيري جي ذلت آميز نيڪالِي، ان ڳالهه کي ثابت ڪري ٿي ته سياست کي سيني ۾ دِل ناهي، پر مون اُن وقت چيو هو ته: ”جي. ايم. سيدَ سياست کي نه صرف دل ڏني آهي، پر ڳائڻ به سيکاريو آهي-.“ اُن جو ئي نتيجو آهي جو ڊاڪٽر نياز ته بحال ٿي ويو آهي، پر اجمل خٽڪ ۽ ڊاڪٽر دودو اڃا تائين خارج آهن.
    اُن ڪري دوستو! اچو ته سياست کي ماءُ جهڙي دل ڏيون، جيڪا ڪارڪنن جي معطليءَ تي اِئين ڌڙڪي، جيئن ’سنجي‘ جي موت تي اندرا گانڌيءَ جي دل دڙڪي هئي.
    انهن لفظن سان ڳڙهي ياسين جي سرزمين کي ۽ اُتي جي سڀني ماڻهن کي سلام ٿو ڪريان، جنهن احسان ميمڻ جهڙو ڳڀرو نوجوان اسان کي ڏنو.
    (26 مئي 2000ع)
    -
    •۽ هن شعر کي سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتابن ۾ درج ڪري، امرتا بخشي ڇڏي آهي ۽ هاڻي سائين جي. ايم. سيد سان منسوب سمجهيو ويندو آهي. [ت. ج]


    مَرڻ مهڻو ناهي...! [نواب اڪبر بگٽي]

    پاڪستان جي تاريخ ۾ 21 صديءَ ۾ جيڪا صدي قومن جي آزادي، جمهوريت، رواداري ۽ انسان جي وقار جي علامت بنجي آئي هئي، اُن ۾ پاڪستان جي حڪمرانن، بلوچستان تي چڙهائي ڪري ڄڻ ته وقت جي وهڪري سان گڏ هلڻ کان نه رڳو اِنڪار ڪيو آهي، پر اُن وهڪري جي سامهون بند ٻڌڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. بلوچستان، جيڪو بهادر ۽ غيور بلوچن جو وطن آهي، جيڪو ڪنهن وقت سنڌ جي حڪومت جو حصو به رهيو هو. راءِ گهراڻي کان وٺي برهمڻ گهراڻي تائين ۽ اُن کان پوءِ به ڪلهوڙن جي دور کان ڪجهه وقت اڳ ۾ بلوچستان جو ڪافي حصو سنڌ سان گڏ رهيو آهي، بلوچسان، جنهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو، اُن کي پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي حڪم تي فوج جي طاقت سان پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. پاڪستان وٽ سڀ کان وڏو ذريعو، جنهن سان قومن کي پاڻ سان گڏ رکي سگهجي ٿو، اهو فقط فوج جي طاقت ئي رهي آهي: ڇو ته پنجاب، جيڪو پاڪستان جي سڀني شين تي حاوي آهي، اُن ڪڏهن به مظلوم ۽ محڪوم يا ٿورائيءَ وارين قومن سان فياضيءَ وارو سلوڪ نه ڪيو آهي. جن به ڪا سرڪشي ڪئي آهي، يا هن جي تابعيداريءَ کان انڪار ڪيو آهي، اُنهن تي هنن فوري طور پنهنجي فوج جي ذريعي تسلط ۽ قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو ئي طريقو بنگال ۽ سنڌ سان گڏ بلوچستان سان به جاري رهيو.
    1948ع کان وٺي اڄ [2006ع] تائين بلوچستان تي پنج چڙهايون ٿي چڪيون آهن ۽ اُنهن فوجي چڙهاين جي نتيجي ۾ نه بلوچ نسل ختم ٿيو آهي ۽ نه ئي بلوچن جي ذهن ۽ ضميرَ ۾ بغاوت جي دُکندڙ چڻنگ کي هو بندوقن ۽ سنگينن جي ذريعي وِسائي سگهيا آهن، جيڪا چڻنگ شهزادي عبدالڪريمَ پنهنجي جدوجهد جي ذريعي بلوچن جي دلين ۾ دُکائي هئي، اها چڻنگ اڄ خير بخش مري، عطا الله مينگل ۽ نواب اڪبر بگٽيءَ جي دلين ۽ دماغن ۾ روشن آهي. پاڪستاني حڪمران، بجاءِ انهيءَ خودداري، غيرت، زندهه دلي يا زندهه رهڻ جي تمنا مان ڪا روشني حاصل ڪري هن ملڪ، هن خطي، هتي جي ماڻهن لاءِ تاريخ ۾ ڪو خوشحاليءَ جو نئون باب لکن ها، اُنهن اُهو ئي پراڻو سامراجي طريقو اختيار ڪيو ۽ بلوچستان تي بي رحمانه فوج ڪُشي ڪري، اُن جي هڪڙي بهادر ۽ غيرتمند پُٽ کي شهيد ڪري ڇڏيو.
    اها ڳالهه هرگز وسارڻ نه گهرجي ته ماڻهن، ليڊرن ۽ سرفروشن جون شهادتون، آزادي، خودمختياري ۽ زندهه رهڻ جي تمنا کي ختم نه ٿيون ڪري سگهن. ننڍي کنڊ جو مثال اسان جي سامهون آهي، جتي بي پناهه ماڻهو مئا، جن مان ڪن کي انگريزن ڦاسيءَ تي لٽڪايو، ڪن کي تلوار سان وڍيو، ڪن کي جيئري جلايو، پر اُها باهه، جيڪا جهانسيءَ جي راڻيءَ جي گُل جهڙيءَ دل ۾ ڀڙڪي هئي، سا جواهر لعل نهروءَ جي روپ ۾، 1947ع ۾ هندستان جي تخت تي جلوه نما ٿي.
    اِهو ئي ساڳيو مثال، اسان بلوچستان سان لاڳو ڪري سگهون ٿا ته جنرل پرويز مشرف، جنهن کي عام طرح ’لبرل‘ چيو ويندو آهي، اُهو سماجي زندگيءَ ۾ کڻي لبرل هجي، پر سياسي زندگيءَ ۾ بي رحم آمر ۽ سندس پيشرو جنرلن جي نقش قدم تي هليو آهي، هن تاريخ مان ڪو سبق حاصل ڪرڻ بدران تاريخ جي رفتار کان اکيون پوري ڪجهه
    ڪور ڪمانڊرن جي مشوري تي بلوچستان تي بيرحمانه فوج ڪشي ڪري نواب اڪبر بگٽيءَ کي شهيد ڪري ڇڏيو.
    نواب اڪبر بگٽي، بلوچستان جي موجوده جنگ آزاديءَ ۾ انتهائي خوشنصيب انسان آهي، جنهن تي نامعلوم ڪيترائي شڪ شبها ڪيا پئي ويا، پر هن پنهنجي موقف تي قائم رهندي، پنهنجو سِر قربان ڪري ڇڏيو، پر سِر نه جهڪايو.
    نواب اڪبر بگٽي صاحب جي قرباني، بلوچستان ۾ آزاديءَ جي چمن کي پنهنجي رَت سان وڌيڪ رنگين بڻائيندي ۽ پاڪستان جا بي ضمير سياستدان ۽ حڪمران، جيڪي ماحول کان بي خبر، انڌاڌنڌ عوام کي ڪُچلينِ پيا، اُنهن کي جلد خواب غِفلت جو نتيجو چکائيندي- ها، ۽ پاڪستان کي هٿيار سپلاءِ ڪندڙ خصوصاً آمريڪا کي به اهو يقين ٿي ويو هوندو ته سندس ڏنل هٿيار، نه ڀارت جي خلاف استعمال ٿي سگهن ٿا، نه ايران جي خلاف، نه افغانستان جي خلاف، پر اُهي پاڪستان جي اندر زوريءَ واڙيل مظلوم قومن جي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.
    مون کي يقين آهي ته جنرل پرويز مشرف جي هن قدم جي خلاف سندس پاڙيسري ملڪ ۽ آمريڪا بهادر به خوشيءَ جو اظهار نه ڪري سگهندا، ۽ جنرل صاحب جو اقتدار ته ٺهيو، پر پاڪستاني قصرِ اقتدار جي ديوارن ۾ جلدي وڏا ڏار پوڻ شروع ٿيندا- ۽ جنهن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شهيدن جو خون شامل ٿي وڃي، اُنهيءَ کي بم ۽ بندوقون ته ڇا، اِئٽم بم به ختم ڪري نه سگهندا.
    آءٌ نواب صاحب کي ٿر جي اڄوڪين سر سبز ٿيل ڀِٽُن ۾ ويهي، اِهو سنديشو ٿو ڏيڻ چاهيان ته هي ساوڪ ۽ سبزو اِئين محسوس ٿئي ٿو ته تنهنجي خون جي رنگِ حنا سان ڳاڙهو ٿي ويو آهي ۽ تون صرف بلوچستان جو نه، پر سڀني محڪوم ۽ مظلوم قومن جو اڄ 21 صديءَ جو اُهو شهيد آهين، جنهن پنهنجي وچن ۽ پڳ کي ڪو داغ لڳڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي مادر وطن تان قربان ٿي، نئين نسل کي هڪ سبق ڏنو آهي ته ’مرڻ مهڻو ناهي، پر جهڪڻ جهڙي ڪا گار ناهي.‘
    -


    ڪارونجهر ۽ مِينهَن وساڙو [اعجاز جتوئي]

    اڄ آءٌ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪو ماڻهو تاريخ جي وهڪري ۽ بي رحم جبرَ منهنجي ويجهو آندو ۽ اسين دوست بنجي وياسين: نه ته اِهو ڪٿي ممڪن آهي ته هڪ اهڙو ماڻهو، جيڪو سنڌ جي نامور، سنڌ دوست ۽ بهادر سياستدانَ جو پُٽ ۽ ناز نعمت ۾ پليل ماڻهو، مون جهڙي ٿري ماڻهو، جنهن جو ڪو به سياسي، سماجي ۽ مالي پسمنظر نه هجي، اُن سان ويجهڙائپ ۽ لاڳاپا قائم ڪري! اِها صرف سنڌ ڌرتيءَ سان محبت ۽ اُن جي پاڻڀرائيءَ واري تڙپ هئي، جنهن اسان کي ويجهو آندو. منهنجو مطلب اعجاز جتوئي آهي، جيڪو قدآور، جسم جو مضبوط، ارادي جو اٽل، جُرئتن جو کيرٿر ۽ دادوءَ جي گرميءَ ۾ رِجڻ کان انڪار ڪندڙ ماڻهو هو. ٻئي طرف آءٌ، جنهن کي نه قد نه بت، نه شڪل صورت، نه علم ادب، پر دل ۾ صرف هڪڙو شعلو، جيڪو سنڌ دشمنن کي ناس ڪرڻ لاءِ هميشه جلندو رهندو ۽ اڃا تائين جلي رهيو آهي.
    آءٌ پنهنجي سماجي پسمنظر جي ڪري وڏيرن ۽ وڏن ماڻهن کان هميشه ٽَهندو رهيو آهيان، پر ٻيٽي جي عبدالحميد جتوئيءَ ۽ اُن جي پٽ اعجاز جتوئيءَ سان سائين جي. ايم. سيد جي معرفت جڏهن ويجهڙائپ ٿي، تڏهن مون محسوس ڪيو ته جاگيردارَ ۾ جڏهن ’قومي ايگو‘ (ego) پيدا ٿيندو آهي ته هو ڏاهر، دريا خان ۽ عبدالحميد جتوئي بنجي ويندو آهي ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته عبدالحميد جتوئيءَ جو ايگو (ego) سندس پٽ اعجاز جتوئيءَ جي ذهن ۾ ئي منتقل ٿي سگهيو.
    هي جسامت ۾ ڪارونجهرُ هو، پر من ۾ مينهن وساڙو هو ۽ مون سنڌ ۾ شايد ئي اهڙو ڪو وڏو ماڻهو ڏٺو هجي، جيڪو ’سنڌ قومي اتحاد‘ جي جلسن ۾ جهولي جهلي چندو وٺندو هجي، اِن لاءِ ته غير ملڪي امدادن بدران سنڌي ماڻهن جي کيسي مان نڪتل هڪ روپيو به سنڌ جي سينڌ سنواري سگهي ٿو.
    مون کي افسوس سان اڄ ظاهر ڪرڻو پوي ٿو ته جڏهن هو منهنجي دعوت تي عمرڪوٽ ۾ رئيس عبدالحميد خان جتوئيءَ سان گڏ آيو ته مون کيس منع ڪئي هئي ته هتي جهولي جهلڻي ناهي، ڇو ته هي ماڻهو جيڪي گڏ ٿيا آهن، اُهي صرف منهنجي اُن جذبي ڪري گڏ ٿيا آهن جو مون تر جي ماڻهن کان چندي ۾ هڪ روپيو به ناهي گهريو. هن منهنجي اها گذارش قبول ڪئي ۽ اُتي جهولي نه جهلي وئي. پر ٻئي پيءُ پٽَ، جلسي جي ڪاميابيءَ کان ايڏا ته متاثر ٿيا هئا، جو هنن اسلام آباد ۾ وڃي اها ڳالهه ڪئي ته اسان قومپرستن لاءِ خطرناڪ شهر [عمرڪوٽ] ۾ ايڏو وڏو جلسو ڏٺو، جنهن ۾ جيترا مرد هئا، اوتريون مايون هيون. اِهو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ’اسان جيئن جيئي ڪو‘ ۾ به ڪيو آهي.
    بهرحال دادو ضلعو، جنهن لاءِ چيو ويندو هو ته ’دادو وڏو يا دودو؟‘ جواب ملندو هو ته ’دادو وڏو‘، ڇو ته هو ڪيئي دودا پيدا ڪندو رهيو آهي، اڄ مون کي دادو، دودي کان ننڍڙو نظر اچي ٿو. سائين جي. ايم. سيد ۽ عبدالحميد جتوئيءَ سان گڏ هُو مينهن وساڙي جهڙو ماڻهو اعجاز جتوئي به نه رهيو آهي. منهنجون اکيون اڃا به سن ۽ ٻيٽي ڏانهن ڏسندڙ آهن ته ڪاش ڪوئي دودو پيدا ٿئي، بس آءٌ پنهنجي دوست لاءِ اهو ئي چوندس ته:
    تم ڪيا گئي، روٺ گئي دن بهار ڪي!
    -


    پُرخلوص قومي ڪارڪن [گل محمد دَل]

    جيئي سنڌ جي اڪثر ڪچهرين ۾ آءٌ شريڪ ٿيندو هئس، اُنهن ڪچهرين جي هلندي، 15 آگسٽ [1998ع] جي تاريخ اچي وئي ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن فيصلو ڪيو ته 15 آگسٽ تي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، بنگلاديش جي قوم پرست اڳواڻ شهيد شيخ
    مجيب الرحمان جي ورسي ملهائي ويندي، جنهن جي صدارت آءٌ ڪندس. شيخ مجيب جي شهادت کان پوءِ بنگلاديش سميت سموريءَ دنيا ۾ اُها سندس پهرين ورسي هئي.
    خير شيخ مجيب جي ورسي شاندار طريقي سان ملهائي وئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فيڪلٽيءَ جو تاريخي آڊيٽوريم گيلرين سميت نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل هو. اهڙي ماحول ۾ مون اڳ پوءِ سوچڻ کان سواءِ دل کولي ڳالهايو. نتيجو اِهو نڪتو، جو آءٌ جلد ئي گرفتار ٿي، ضياءَ الحق جو مهمان [قيدي] بنجي ويس.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خبر پيئي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه شاگرد، منهنجي گرفتاريءَ جي خلاف چاڪنگ ڪندي گرفتار ٿي آيا آهن، جن کي ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر سرسري سماعت جي فوجي عدالت، ڦٽڪن جي سزا ڏيئي، جيل موڪلي ڇڏيو آهي. اُنهن ٻنهي شاگردن مان هڪ گل محمد دل، ٿرپارڪر جو رهاڪو هو، جنهن ٻيءَ چاڪنگ سان گڏ هڪ نئون نعرو چاڪنگ ۾ شامل ڪيو هو ته:
    ’سنڌو ديش سچو آ، باقي سڀ ڏچو آ!‘
    گل محمد دل [هن کان اڳ به جيل ۾ ويو هو ۽ 1981ع ۾ هن] کي پنج ڦٽڪا لڳا هئا ۽ هو سزا پوري ڪري آزاد ٿي ويو. گل محمد دل، سنڌ جو اُهو پهريون شاگرد ۽ قومي ڪارڪن هو، جنهن کي سڀ کان پهرين ڦٽڪا لڳا هئا ۽ هڪ سال سزا به کاڌائين، پر هن نوجوان ڪڏهن به پنهنجيءَ اُنهيءَ قرباني جو ڪٿي به ذڪر نه ڪيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪنهن مرڪزي عهدي تي ئي اميدوار طور بيٺو. جيستائين هُو جيئرو هو، سنڌ ۽ سيد جو سچو خادم ۽ پرخلوص ڪارڪن ٿي رهيو.
    هڪ ڀيرو 1988ع جي اليڪشن وقت محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ضلعي ٿرپارڪر جي اُن وقت جي [پيپلزپارٽيءَ جي] صدر کي چيو ته: ”آءٌ قرباني ڏيندڙ ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏيڻ ٿي چاهيان، توهان اهڙن ڪارڪنن جا نالا ڏيو، جن [ضياءَ الحق جي دَور ۾] ڦٽڪا کاڌا هجن.“ ضلعي صدر صاحب کيس جواب ڏنو ته: ”[محترمه] پوري ضلعي ۾ سياسي بنيادن تي صرف ٽن ماڻهن ڦٽڪا کاڌا آهن ۽ اُهي ٽيئي جيئي سنڌ جا آهن: هڪ گل محمد دل، ٻيو علي حسن چانڊيو [وڪيل] ۽ ٽيون عبدالواحد آريسر. باقي پيپلزپارٽيءَ جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڦٽڪا نه لڳا آهن. هاڻي اوهان کي جيڪڏهن ڪوڙا کائيندڙن کي ٽڪيٽون ڏيڻيون آهن ته جيئي سنڌ وارن کي ڏيو.“
    سنڌ ۾ سڀ کان پهرين ڦٽڪا کائيندڙُ گل محمد دل، تازو گذاري ويو آهي ۽ افسوس رڳو اِهو آهي ته هُن جي جنازي نماز ۾ ڪنهن به انقلابي ۽ قومي ڪارڪن، مون سميت شرڪت نه ڪئي. آءٌ ۽ علي حسن [چانڊيو] به اطلاع جي باوجود ٻئي ڏينهن پهتاسين- ۽ نه وري ڪنهن اخبار پنهنجي مختصر خبرن واري ڪالم ۾ به هن جي لاڏاڻي جي خبر ئي هلائي هئي! ڇا اسان [هميشه] پنهنجي [قومي] ڪارڪنن سان اهو ورتاءُ ڪندا رهنداسين؟ باقي ميڊيا تي ته ميار ئي ڪهڙي، جنهن جو شيوو ئي ’پريمي جوڙن جي مشهوري‘ وڃي رهيو آهي!
    -


    مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا! [سڪندر سومرو]

    رت جو هر ڦڙو سچ جو سج آ،
    سنڌ ۾ آهه ٻارڻ تو ٻاري ڇڏيو،
    سومرا مينڌرا اي شهيد وطن،
    سنڌ جي سينڌ کي تو سنواري ڇڏيو.


    هي به بدبخت اپريل مهيني جي 21 تاريخ هئي، جو آءٌ ۽ سرمد ميراڻي، راجپوتانا اسپتال ۾ سڪندر سومري جي عيادت لاءِ ويا هئاسين، هو بي هوش هو ۽ انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل هو. هُو اسان کي سڃاڻي نه سگهيو، ان ڪري، اسين سندس مائٽن طبع پرسي ڪري ٻاهر آيا سين ته منهنجي فون ڪال وڳي، جنهن تي اطلاع مليو ته سرائي قربان شهيد ٿي ويو آهي.
    سڪندر سومرو، سنڌ جي حقيقي مزاحمتي ڪردارن مان هڪ اهم ڪردار هو. ڇوٽي قد، ڀريل جسم ۽ سنڌو جي لُڙاٽيل پاڻيءَ جهڙو سڪندر سومرو، مون سان ڪڏهن مليو ۽ ڪڏهن قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو، اها ڳالهه مون کي ياد ناهي، ڇو ته پيارن ماڻهن سان ملڻ لاءِ تاريخون ۽ وقت مون کي ياد نه رهندا آهن.
    آءٌ ايئن سمجهندو آهيان ته اسان ڄائي ڄم کان گڏ هئاسين، گڏ رهنداسين ۽ ڪڏهن به جدا نه ٿينداسين- ۽ منهنجي عادت آهي ته ڊائري به نه لکندو آهيان، سڪندر سومرو هڪ غريب خاندان جو پورهيت انسان هو، اُن ڪري هو منهنجي سياست کان بيزار ٿي، سنڌ جي مزاحمتي ۽ حقيقي مزاحمتي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو.
    هو انتهائي دلير ماڻهو هو ۽ سومرن سردارن جون دودي سومري کان وٺي شهيد الهه بخش سومري تائين سندن سڀ خاصيتون هُن ۾ موجود هيون- ۽ پوءِ اوچتو ئي هو ’فرشتن‘ هٿان کنڀجي ويو، ۽ فرشتن جا سڀ عذاب ۽ عقوبتون سٺائين، مالي طرح سندس خاندان انتهائي ڪمزور هو، پر هن بهادر انسان جي پرگهور ڪنهن به نه لڌي، نواز خان زنئور جي ڪتاب ۾ مون پڙهيو آهي. هن لکيو آهي ته: ”جڏهن اسان کي فرشتن ڪڍڻ [ضلعي بدين] ٿاڻي تي ڇڏيو ته هڪٻئي جي شڪل سڃاڻي نه سگهياسين.“
    آزاديءَ کان پوءِ اسان جون ٻه ٽي ڀيرا ملاقاتون ٿيون ته مون کيس چيو ته: ”تون اسان وٽ موٽي اچ ته توکي سنڌي پورهيت سنگت سنڌ جو صدر ڪنداسين.“ هو اکين ۾ پاڻي آڻيندي چوڻ لڳو ته: ’سائين! هن ڏکئي وقت ۾ پراڻن ساٿين کي ڇڏيندس ته مهڻا ملندا ته ڀاڙيو هو، جو ڇڏي ويو، ان ڪري سنڌي ماڻهو دشمن جي وار تي نه مرندا آهن، پر دوستن جا مهڻا ماري ڇڏيندا آهن.‘- ۽ پوءِ مون کي هُن وفا پليءَ جو شعر ٻڌايو ته:
    وقت وارن جا وار سهبا پر
    دوستن جو سلوڪ ماري ٿو!

    فرشتن جي تحويل ۾ هُن تي ايترو ته تشدد ڪيو ويو هو، جو هو وري سنئين لڱين نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ مون سندس نوڪري بحال ڪرائي هئي، پر اُها نوڪري ايتري اُپت واري نه هئي، جو اُن مان هو پنهنجي علاج جو پورائو ڪري سگهي- ۽ نيٺ هو ان تشدد جا سور نه سهندي، سرائي قربان کهاوڙ جي شهادت کان ڪجهه ڏينهن پوءِ پاڻ به شهيد ٿي ويو.
    آءٌ سندس تڏي تي ويو هوس، پر مون ۾ ايتري همت نه هئي، جو هن تي ڪجهه لکي سگهان. هو هڪ خوددار، حقيقي معنيٰ ۾ بهادر، باهمت ۽ غيرتمند انسان هو، جيڪو پونيرن لاءِ ڪجهه به نه ڇڏي ويو، پر سنڌ جي تاريخ ۾ الهه بخش شهيد ۽ دودي سومري وانگر پنهنجو نالو ڇڏي ويو، آءٌ کيس اياز جي سٽن جي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو ته:
    هو ويراڳي جي وڃڻا ها،
    مور نه ڪنهن جي مڃڻا ها،

    آخر ۾ وري به کيس اياز جي هن شعر جي ڀيٽا ڏيندس ته:
    مون ڪاتي هيٺيان ڪنڌِ ڏٺا ۽ ساڻان ساڻان سَند ڏٺا،
    مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي وارو وير وڄائي ويا.

    ---


    سروَ- قدارا سُپرين

    سروَ- قدارا سُپرين


    ماڻهو موتيءَ داڻو [محمد قاسم آريسر]

    عام طرح سوانح عمريون وڏن ماڻهن جون لکيون وينديون آهن. وڏن ماڻهن مان منهنجي مراد آهي ته زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ جن جي شهرت عام ماڻهن کان مٿڀري هجي، مثال طور: سياستدان، اديب، سائنسدان، فلاسافر، فنڪار يا شاعر وغيره، ليڪن سندن انهيءَ شعبي سان واسطو رکندڙ خدمتن کي ئي اجاگر ڪيو ويندو آهي. حالانڪه انسان عظيم، موتيءَ داڻو ۽ خدا جو نائب صرف انساني خوبين ۽ خصلتن جي ڪري ئي هوندو آهي. پر جن شعبن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، تن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي اڪثريت ماڻهپي وارين خوبين ۽ خصلتن کان ڪنهن حد تائين وانجهيل رهي آهي. پر خدا جي هن خوبصورت تخليق، انسان ذات ۾ اهڙا لکين ۽ ڪروڙين انسان هوندا، جيڪي حقيقي طرح ’اشرف المخلوقات‘ جي معيار کي نه رڳو برقرار رکندا آهن، پر اُن کي آسمان جي بُلندين تي کڻي ويندا آهن. هتي آءٌ اِهو عام جملو ڪونه ٿو لکان ته: ’اُهي فرشتن جي صف ۾ شامل ٿيندا آهن‘، ڇو ته مون وٽ فرشتو هڪ بي حِس مخلوق آهي، جنهن ۾ ذاتي خوبي ڪابه نه هوندي آهي. اُهو صرف حڪم جو بندو هوندو آهي، اُن کي جيڪڏهن حڪم ٿيندو ته هو ٻن ڏينهن جي معصوم ٻارَ کي به ماءُ جي جهوليءَ مان کنڀي کڻي ايندو، اهڙيءَ حالت ۾ جو اُن جي ماءُ جا اُرهه کيرَ ۾ ڦاٽندا هوندا ۽ هن جي چپن تي معصوم کي ڏسي خوشين جا گلابَ ٽڙندا هوندا، پر ملائڪ کي اُنهن شين جو احساس ئي نه هوندو آهي. منهنجو مطلب آهي ته عظمت، ذلت، محبت ۽ نفرت، گناهه ۽ ثواب، احساسن جي دنيا جي پيداوار آهن، ۽ احساسُ صرف انسان ۾ ئي هوندو آهي. اُن ڪري ئي مذهبي روايتن ۾ ملائڪن کي اِهو حڪم ٿيو ته اوهين ’انسان کي سجدو ڪريو‘؛ ڇو ته انسان ئي آهي، جيڪو هن ڪائنات کي خوبصورت، پُرمسرت ۽ رُوح کي راحت ڏيندڙ بنائي ٿو. اُنهيءَ ڪري اسان کي انسانن مان خاص شعبن جي ماهرن بدران انساني خوبيون عام ماڻهن ۾ ڳولڻ گهرجن ۽ انسانيت جي عظمت جو معيار عام ماڻهن جي زندگين ۾ ڳولڻ گهرجي، ڇو ته خصوصي شعبن جا ماهر انساني خوبين جي لحاظ سان سموري انساني تاريخ ۾ انساني نقطه نظر سان اڪثر گهٽ درجي جا ثابت ٿيا آهن.
    محمد قاسم آريسر هڪ عام ماڻهو هو، هن ۾ فرشتن واري ڪابه خصلت نه هئي، پر عام انسانن واريون سڀئي خوبيون ۽ خاميون منجهس موجود هيون. هن هڪ انسان واري ڀرپور زندگي گذاري. اهڙي زندگي، جنهن ۾ گناهه جي لذت، ثواب جو فخرُ، درد جي پيڙا ۽ خوشيءَ جي مهڪ هُئي. اِها ئي انسان جي حقيقي زندگي آهي، جنهن ۾ لذت جي چاشني ۽ ڏک جا پاڇا گڏوگڏ هلندا هلن.
    آءٌ ۽ محمد قاسم، زندگيءَ جي ابتدائي دور ۾ هڪ ئي اسڪول ۾ پڙهياسين. جيتوڻيڪ هو مون کان اسڪول ۾ اڳ داخل ٿيو هو ۽ هن کي استاد عبدالغفور ڳوٺ ’ڪاڪ‘ مان زوريءَ پڙهڻ لاءِ صاڀي وٺي ويو هو، ڇو ته استاد عبدالغفور جي شادي به اُن ئي ڳوٺ مان ٿيل هئي ۽ آءٌ به اسڪول ۾ داخل استاد عبدالغفور جي ئي مهربانيءَ سان ٿيو هئس، پر فرق اِهو هو ته هُن [قاسم] کي استاد عبدالغفور زوريءَ پڙهائڻ لاءِ وٺي ويو هو ۽ آءٌ زوريءَ استاد سان چنبڙي اسڪول ۾ داخل ٿيو هئس.
    اسڪول جي دَور جون مون کي ٻه ٽي ڳالهيون ياد آهن: جنهن دور ۾ آءٌ ڳوٺ صاڀي جي اسڪول ۾ داخل ٿيس، اُن وقت قاسم ٽئين يا چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو، ۽ مون کي ياد آهي ته اُن وقت اسان جو هيڊ ماستر محمد ڇُٽل ڪنڀر هو، جيڪو پوءِ نيشنل بُڪ فائونڊيشن اسلام آباد ۾ ڪنهن وڏي عهدي تي پهتو هو ۽ انهيءَ دوران مون سان ملڻ کان لنوائيندو هو. بس، اسڪولي دور ۾ مون کي صبح جي ٿيندڙ اسيمبلي ياد آهي، ۽ اها شايد صاڀي اسڪول جي واحد خوبي هئي، جو اُن جي اسيمبليءَ ۾ حفيظ جالنڌريءَ جو قومي ترانو نه پڙهيو ويندو هو، پر اُن جي بدران نواب ولي محمد لغاريءَ جو صوفيانه ڪلام پڙهيو ويندو هو. اهو ڪلام محمد قاسم آريسرُ ۽ فقير ڀليڏنو ساند ترنم سان گڏجي پڙهندا هئا. اُهو ڪلام مون کي هينئر پوريءَ ريت ياد نه آهي، ڪنهن وقت ۾ منهنجو حافظو قهر جو هوندو هو، پر جڏهن گهٽجڻ شروع ٿيو ته مون سائين جي. ايم. سيد سان اُن جي شڪايت ڪئي ته پاڻ مون کي عجيب فلسفيانه جواب ڏنائون ته: ’ويسر قدرت جي نعمت آهي، جيڪڏهن ويسر نه هجي ته انسان جي زندگيءَ ۾ ايڏيون غلطيون ۽ سنگين واقعا ٿين ٿا، جو انسانَ جو زنده رهڻ به مشڪل ٿي پوي‘. پر اڄ سائين جسماني طرح موجود هجي ها ته آءٌ ساڻس اها شڪايت ضرور ڪريان ها ته ڪا ڪا ويسر نعمت نه، پر زحمت هوندي آهي ۽ انهيءَ زحمت جي ڪري مون کان نواب صاحب جو ڪلام وسري ويو آهي، پر اُن جو ’مطلع‘ اڃا به ياد آهي:
    جوڙي قلب بيت ربي، انسانَ ۾ سمايو،
    ڏسي ذات کي صفت ۾، ملڪن ٿي سِر نمايو.

    -۽ آءٌ سمجهان ٿو ته انهيءَ ’مطلع‘ وارو مڪمل ڪلام سنڌ کي ٻڌايو ويندو ته پاڪستان جهڙي متعصب مذهبي رياستَ ۾ سنڌ جي پرائمري اسڪولن ۾ هڪڙو اهڙو به اسڪول هو، جنهن ۾ ’پاڪ سرزمين شاد باد، ڪشورِ حسين شاد باد‘ جي بدران ’جوڙي قلب بيت ربي، انسان ۾ سمايو‘ پڙهيو ويندو هو. اهي پڙهڻ وارا محمد قاسم آريسر ۽ فقير ڀليڏنو اڄ ٻئي هن دنيا ۾ موجود نه رهيا آهن.
    -اسڪول جي دور جو هڪ ٻيو واقعو مون کي ياد اچي ٿو ته پرائمري اسڪول جو ساليانو امتحان هو ۽ بيٽ آفيسر مسٽر غلام حسين لغاريءَ امتحان وٺڻ لاءِ آيل هو. [اُن وقت جا امتحان به امتحان هوندا هئا، جن تي الڳ لکڻ جي ضرورت آهي] غلام حسين لغاري صاحب زباني امتحان پئي ورتو ۽ سڀني شاگردن کي قطار ۾ بيهاري ’جنرل ناليج‘ [عام معلومات] بابت سُوال پئي پڇيائين. هُن صاحب پُڇيو ته ’نورجهان جي مڙس جو نالو ڇا هو؟‘ ڪنهن شاگرد چيو، ’علي قلي بيگ‘، ته صاحب چيو ته ’نه.‘ وري ٻئي کان پڇيائين؛ ته اُن نالو ٻُڌايو ’جهانگير‘، ته صاحب وري چيو ’نه‘. ائين سڀني کي ناپاس ڪندو ويو. جڏهن منهنجو وارو آيو ۽ صاحب مون کان به ساڳيو سوال ڪيو ته مون کانئس سوال پُڇيو ته: ”اڳئين جو يا پوئين جو؟“ جڏهن مون ٻنهي سوالن جا جواب صحيح ڏنا ته صاحب مون کي چيو ته ’تون فل پاس آهين ۽ هليو وڃ-‘ ۽ هو سڄي اسڪول ۾ مون کي پهريون نمبر ڏئي ويو. اُن تي قاسم مون تي ناراض ٿيو ته تو منهنجو نمبر ڦٽائي ڇڏيو؛ ڇو ته اُن کان اڳ هميشه محمد قاسم ئي پهريون نمبر کڻندو هو. اُن دفعي سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر اچڻ تي ڪيترائي رنگين ۽ سنگين داستان پيدا ٿيا، پر هن [قاسم] جي ناراضگي ڪجهه وقت کانپوءِ ختم ٿي وئي. پڙهائيءَ واري انهيءَ سموري عرصي دوران پاڻ کي ذهين سمجهندڙ شاگردن ۽ منهنجي وچ ۾ سدائين رَقابت هلندي رهي.
    -ٽيون واقعو مون کي ياد آهي ته اسڪول ۾ وچينءَ جي نماز کانپوءِ راند جا مقابلا ٿيندا هئا، اُن ۾ والي بال، ونجهوٽي ۽ ملهه خاص رانديون هيون. آءٌ به ملهه واري مقابلي ۾ حصو وٺندو هوس. هڪڙي ڏينهن آءٌ ۽ رمضان سمون [جيڪو هاڻي ڪٿي پيش امام آهي] ملهه وڙهي رهيا هئاسين ته مون ڪِرندي ڪِرندي رمضان کي دسي وڌو ته قاسم چيو: ’هي ته ڪو جي. ايم. سيد آهي.‘ اُن وقت مون جي. ايم. سيد جو نالو ئي نه ٻڌو هو، پر قاسمُ، فقير محمد رمضان جي صحبت ۾ ويهندو هو، ۽ فقير محمد رمضان ’وري‘ سنڌ جي گهڻن سياستدانن سان گڏ سائين جي. ايم. سيد جو به واسطيدار هو. اُن ڪري سائين جي. ايم. سيد جي خاصيتن ۽ خوبين سميت کيس نالو ياد هو، ڇو ته فقير صاحب وٽ هميشه اهل علم ۽ اخلاقي قدرن جا عظيم ماڻهو ايندا رهندا هئا، جن ۾ مولانا احمد ملاح، مولا رباني صاحب ته مون کي خاص طرح ياد آهن. جڏهن محمد قاسم کان مون پهريون دفعو اهو نالو [جي. ايم. سيد] ٻڌو هو ته مون کي اياز جي لفظن ۾ اِهو پتو نه هو ته: ’تاريخ ڪڏهن مون کي هن ماڻهوءَ جي پيرن ۾ اُڇلائيندي!‘
    بهرحال اسڪولي دور ختم ٿيو، ۽ پکي پنهنجن واهيرن ڏانهن وري ويا، جيتوڻيڪ اُن وقت ۾ مڊل اسڪول جي برانچ صاڀي مان ختم ٿي چڪي هئي، اُن ڪري آءٌ وڌيڪ تعليم لاءِ مدرسي ڀينڊي شريف هليو ويس. اُن وچ ۾ قاسم ۽ منهنجو ڪوبه رابطو ڪونه رهيو.
    -اوچتو هڪ ڏينهن قاسم آريسرُ حيدرآباد ۾ مون وٽ اچي نِڪتو ۽ اچڻ جو مقصد بيان ڪندي چيائين ته: ’کنڊ جي راشن بندي آهي، منهنجي ڀاءُ جي شادي آهي، حيدرآباد ۾ اوهان جا واسطيدار آفيسر آهن، مون کي کنڊ جي لاءِ پرمٽ وٺي ڏيو.‘ بهرحال، منهنجي شاگرد جو ڀاءُ فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ هو، مون اُن کان کيس پرمٽ وٺي ڏني. کيس کنڊ مِلي يا نه مِلي، اها مون کي خبر ناهي، ڇو ته آءٌ اُن شاديءَ ۾ شريڪ ئي نه ٿيو هئس. شايد کيس کنڊ نه مِلي هئي، اُن ڪري ئي هن ڇور ۾ اڳتي هلي کنڊ جو ڊيپو کوليو هو، پر آءٌ نٿو سمجهان ته ايئن هجي، ڇو ته ان وقت پيپلز پارٽي پنهنجي جيالن کي کنڊ جا ڊيپو ڏنا پئي.
    پر اُنهيءَ سموري عرصي دوران اسان جي ويجهڙائپ ڪڏهن به قائم نه ٿي سگهي، ويتر تلخي وڌي وئي. ٿيو هيئن جو ممتاز ڀُٽي صاحب جي وزارت اعليٰ جي دور ۾ سائين جي. ايم. سيد جي طرفان حڪم ٿيو ته اوهين ٿر جي علائقن جو دورو ڪريو. آءٌ ۽ رئيس علڻ خان ٿيٻو انهيءَ سلسلي ۾ ڇور پهتاسين. رمضان جو مهينو هو ۽ اسان کي اُڃ ڏاڍي لڳي هئي. مون کي خبر هئي ته قاسم ڪٿي آهي، کيس ڳولي لڌم ۽ چيم ته: ’اسان ٻه ڄڻا آهيون ۽ روپوش به آهيون، اُڃ ڏاڍي لڳي آهي، پاڻي پيار‘، مون کي پاڻي پيارڻ کان ٺپ جواب ڏنائين ۽ چيائين ته اوهين ’ڀُٽي جا دشمن آهيو.‘ محمد قاسم ڀُٽي جو تمام وڏو شيدائي هو.
    آءٌ هتي اِهو اعتراف ڪندو هلان ته ڀُٽي صاحب کان آءٌ چند ڏينهن کان وڌيڪ ڪڏهن به متاثر نه رهيو آهيان، پر قاسم پيپلو نه، پر جيالو هو. هن برادري ۽ ذات سڀ ڪُجهه کي نظرانداز ڪري، اسان کي پاڻي پيارڻ کان انڪار ڪيو هو. بهرحال اُتي ڇور ۾ ئي هڪ ڪوٽڙيءَ جو مهاجر، نالو ته محمد تقي هئس، پر ذات الائي سيد هئس يا ٻي ڪا. [ظاهر ڳالهه آهي ته تقي سيد ئي ٿيندو، پر اهو ضروري به ناهي] تَنهن جو علڻ خان کي اُتي گهمندي ڏٺو، ته يڪدم ڊوڙندو آيو. اسان کي وٺي سندس ڪوارٽر تي ويو ۽ هن اسان جي جيڪا خدمت ۽ اسان سان جيڪو تعاون ڪيو، اُن لاءِ آءٌ شڪريي جا لفظ نٿو بيان ڪري سگهان. مون کي خبر ناهي ته تقي صاحب زنده به آهي يا علڻ خان واري راهه وٺي ويو هليو. بس آءٌ فارسيءَ جي هن شعر جو مفهوم لکان ٿو، جيڪو مولانا آزاد، هر خط لکندڙ کي جواب ۾ لکندو هو ته:
    ”اُهي جيڪي وفا جي پيالي سان مست آهن،
    کين منهنجا سلام پهچائجو، جتي به هجن!

    -بهرحال انهيءَ تلخي وارو عرصو هلندو ئي رهيو ۽ هن پوءِ معذرت به ڪئي، اڳتي هلي آهستي آهستي مون تي هن جون خوبيون کُلڻ لڳيون ته هو بي انتها لاڳاپا رکندڙ ماڻهو هو ۽ انهن لاڳاپن کي نڀائڻ جو فن ۽ هنر به ڄاڻندو هو. هٿ جو انتهائي ڪُشادو هو، نه رڳو هٿ جو، پر دل جو به ڪُشادو هو. مون کي هن جي هڪ عادت تي ڏاڍي چڙ هوندي هئي ته گاڏي پيٽرول سان فل آهي، ڪنهن غريب غربي جي ڳالهه ته ڇڏيو، پر جي ڪنهن پئسي واري به چيس ته گاڏي کپي، ته ايئن نه چوندو هو ته پيٽرول ڀرائجو. چاٻي ڪڍي ڏيندو هو ۽ چوندو هو: ’تيل جي ٽينڪي فل آهي.‘
    -اُن کان سواءِ هن جي دوست نوازي به غضب جي هُئي. هن جا ڪي دوست اهڙا به هوندا هئا، جيڪي مون کي ٺُپ نه وڻندا هئا، جن ۾ نه پيئڻ جي فضيلت هوندي هئي، نه ڳالهائڻ جي، پوءِ به مون کي ڇِڪي اُنهن وٽ وِهاريندو هو ۽ آءٌ هِن جي ڪري اُنهن احمقن جون ڳالهيون برداشت ڪندو هئس. اِهو اُن ڪري ته آءٌ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيندو هئس، هُو به اُن ڪري گهرائيندو هو ته مُنهنجون ڳالهيون سمجهن، پر اُهي آسمان مِستيءَ ۾ ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندا هئا. پوءِ به آءٌ هِن جي ڪري اُهي تلخيون برداشت ڪندو هئس.
    -اسان جي ويجهڙائپ تڏهن وڌي، جڏهن 1993ع ۾ آءٌ آرمي ٽارچر سيل مان آزاد ٿي گهر پهتس، جتي ڳوٺ جا سڀ ماڻهو آيا، اُتي محمد قاسم به آيو هو. ٿوري گهڻي ڪچهريءَ کان پوءِ مون چيو ته: ”وهسڪي کپي“! ته مون کي چيائين ”پئي آهي ڏيندس ڪونه“. مون چيو ”ڇو؟“ ته چيائين: ”هيترا ڏينهن بنا وهسڪيءَ جي رهي آيو آهين ته اڄ به رهه“- ۽ مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو کيس گار ڏِئي چيو: ”ايترا ڏينهن ته هُنن وٽ هئس، اڄ ته تو وٽ آهيان، تون به منهنجي لاءِ اُهو آهين ڇا“؟ ته يڪدم بوتل گهرايائين ۽ منهنجي گهر ئي پيئڻ شروع ڪيوسين. ٻئي ڏينهن عيد هئي، عيد کانپوءِ ملڻ جو پروگرام اسان اوطاق جي بجاءِ قاسم جي گهر ٺاهي ڇڏيو هو.
    -بهرحال هن ۾ جيڪي خوبيون هيون. اُهي انسانن واريون سڀ خوبيون هيون، هو جي ڪنهن کي گار يا بُجو به ڏيندو هو ته اهڙي پنهنجائپ سان، جو سامهون وارو خوش ٿي ويندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ مون کي هڪڙو واقعو ياد ٿو اچي ته اسان جي ڳوٺ جي بلڪل ئي ڀرسان سندس هاري ويٺل هئا. هڪ ڏينهن خبر پئي، [اتفاق سان اُن ڏينهن آءٌ ڳوٺ هئس، ۽ محمد قاسم به ڳوٺ هو،] ته اهي هاري سڀ رَنين آهرين ڊاٽسن ۾ چڙهي هليا ويا. آءٌ ويس، کيس ٻڌايم ته چيائين: ”ويا هليا، هاڻي ڇا ڪنداسين!“
    -اهڙيون ڪيتريون خاصيتون ۽ خوبيون، هن ماڻهوءَ ۾ هيون، انهيءَ ڪري آءٌ هن کي ’موتي داڻو‘ سڏيان ٿو، ۽ ’موتي‘ بهرحال ’موتي‘ ئي هوندو آهي، اُهو نادر شاهه جي تاج ۾ هجي يا ڪنهن ٿري عورت جي گج تي سجيل هجي!
    مون شروعات ۾ لکيو آهي ته ڪنهن شعبي ۾ ماهر هجڻ انسان جي عظمت ناهي، پر اُهي ڪي گُڻ ۽ خاصيتون آهن، جن سان هڪ عام ماڻهو به عظيم انسان ٿي سگهي ٿو ۽ اُهي گُڻ آهن: اهي سموريون سچايون، ۽ چڱايون، جن سان انسان ذات جي خدمت ۽ ڀلائي ممڪن ٿي سگهي ٿي. اُنهن ۾ ٻئي انسان کي پاڻ جهڙو ۽ برابر وارو درجو ڏيڻ، ڪنهن کي دوکو نه ڏيڻ، ڪنهن کي نه آزارڻ، ۽ جيترا به مادي ۽ روحاني وسيلا وٽس آهن، تن ۾ ٻين ماڻهن کي به ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪنهن جو مَٺو نه گهرڻ، ۽ ڪنهن کي ڏجي نه، ته ڏکوئجي به نه.
    جيتريقدر محمد قاسم سان منهنجي ويجهڙائپ رهي ته مون اِنهن خاصيتن سان کيس ٽُمٽار ڏٺو. هن ڪنهن کان به بدلو نه ورتو ۽ نه ڪنهن کي هيڻو ڪرڻ لاءِ آزاريو. هن ۾ وڏي خوبي اِها هئي ته هو هر ڪنهن ماڻهوءَ سان کِلي ملندو هو ۽ کِلي موڪلائيندو هو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اسان جي سموري ڳوٺ ۾ هر ماڻهوءَ جي باري ۾ مون کي ڪانه ڪا شڪايت ضرور ملندي رهي آهي، پر محمد قاسم واحد ماڻهو هو، جنهن جي باري ۾ مون کي ڪڏهن به ڪابه شڪايت نه ملي. اُن جو سبب اِهو نه هو ته هو ڪو مادي طرح بنهه وڏو ماڻهو هو، جو ماڻهو سندس شڪايت ڪندي ڊڄندا هجن، هو مادي طرح ته عام ماڻهو هو، ڀلا پنجاهه ايڪڙ زمين جو مالڪ به ڪو وڏيرو ٿيندو آهي ۽ اها به ناري جي ٽيل جي زمين! اُن کان وڌيڪ مادي طرح خوشحال ته ٽنڊي الهيار ضلعي جي پندرهن ايڪڙن جو هاري آهي، جيڪو وڌيڪ پئسو ڪمائي ٿو. پر هن [قاسم] جو جيڪو مان ۽ مرتبو نه رڳو ڳوٺ، پر سڄي تر ۾ هو، سو سندس انساني خوبين ۽ خصلتن جي ڪري هو.
    هن جي دوستي، زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان هئي. اُن ۾ راڄائتا، ملهه، سمگلر، چور، ڌاڙيل سڀ اچي ٿي ويا، پر هن ڪڏهن به چور يا ڌاڙيل دوستن کان پنهنجي مخالفن خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪرائي، ۽ نه ئي وري پاڻ ڪڏهن ٿر جي بارڊر تان ٿيندڙ سمگلنگ ۾ حصيدار ٿيو. مون کي محمود خان اچڪزئيءَ هڪ دفعي ٻڌايو هو ته سمگلنگ صرف ’ٽيڪس چوري‘ آهي ۽ پاڪستان جا سمورا سياستدان ۽ صنعتڪار سڀ ’ٽيڪس چور‘ آهن ۽ اسان پٺاڻ، معاشري ۾ اُن پٺاڻ کي بيوقوف سمجهندا آهيون، جيڪو سمگلنگ نه ٿو ڪري. محمود خان جي اُن ڳالهه تي سوچيندي، مون هڪ دفعي محمد قاسم کي چيو ته ’يار هيڏا سمگلر تُنهنجا دوست آهن، اُنهن جي ذريعي تون گهڻو ڪجهه ڪمائي سگهين ٿو. آءٌ ذاتي طرح امرڪوٽ جي ٻن سياستدانن کي سڃاڻان، جن پاڻ مون سان اعتراف ڪيو هو ته اِهو سڀ ڪجهه اسان ’بلئڪ‘ جي پئسن مان ڪمايو آهي،‘ ته هن مون کي جواب ڏنو ته ”يار پاڻ کان اِها ’بلئڪ‘ نه ٿيندي [واضح ڪندو هلان ته هتي اسان وٽ ٿر ۾ سمگلنگ کي ’بلئڪ‘ چيو ويندو آهي] ڇو ته اها ’بلئڪ‘ ڪن حساس ادارن جي ڀڙوت کانسواءِ ٿي نه سگهندي آهي، نتيجي ۾ ماڻهو اُنهن ادارن وٽ جُرئت سان ڳالهائي نه سگهندو آهي“. اُن سلسلي ۾ هن مون کي هڪڙو مثال ڏنو ته ”ضياءَ جي مارشل لا جي دؤر ۾ ڇور جو هڪڙو وڏو سيٺ مون وٽ آيو ته مون کي مارشل لا اٽارنيءَ وارن سڀاڻي ڪنهن ڪم لاءِ گهرايو آهي، آءٌ ويندي ڊڄان ٿو، تون مون سان گڏجي هل. آءٌ ٻئي ڏينهن مارشل لا اٽارنيءَ جي ميجر وٽ ويس. مالڪ به گڏ هو، پر هو ميجر جي ڪمري ۾ هلڻ کان انڪار ڪري ٻاهر ويهي رهيو. مون ميجر سان ڳالهايو ته ميجر مون کي چيو ته مون جنهن کي گهرايو، اُهو ڪٿي آهي؟ مون چيو ٻاهر ويٺو آهي. ميجر چيو ڇو ڪونه ٿو اچي؟ مون چيو ڊڄي ٿو. ميجر کِلي چيو، ڊڄندو اُهو آهي، جنهن جي اندر ۾ چور هوندو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته نوجوان! تو جنهن صفائيءَ سان ڳالهايو آهي، اُن مان مون کي لڳي ٿو ته تنهنجو اندر صاف آهي، ڇو ته بهادريءَ سان اهو ئي ڳالهائيندو آهي، جيڪو من جو ميرو نه هوندو آهي. تون وڃ ۽ سيٺ کي چوينسِ ته ”وڃ! مون توکي معاف ڪيو.“ پوءِ ميجر کِلي چوڻ لڳو ته ”سيٺ کي چئو ماني ته کارائي، ڪڏهن اِن طرح اسان جي دوستي پڪي ٿي ويندي“.
    اِن سلسلي ۾ هڪ ٻئي واقعي جو ذڪر ڪندو هلان ته مون وٽ جيپ هئي، جيڪا مختلف حادثن ڪري ڏاڍي ڪمزور پوزيشن ۾ ٿي وئي هئي. مون وٽ ايتري سگهه نه هئي ته آءٌ اُن کي ٺهرائي سگهان. اُن ڪري قاسم مون کي چيو ته اها جيپ فلاڻي ماڻهوءَ کي وڪڻي ڇڏ- ۽ پوءِ اها ڏاڍي سستي اگهه ۾ وڪڻي ڇڏيم. جيپ جيئن ته سڄيءَ سنڌ ۾ هليل هئي، اُن ڪري سڀئي آفيسر ۽ پوليسِ اُن جي نمبر کان واقف هئا. هن صاحب انهيءَ جيپ تي بلئڪ شروع ڪئي ۽ سال اڌ ۾ ايترو ڪمائي ورتائين، جو مهانگي گاڏي ۽ زمين مقاطعي تي کڻڻ شروع ڪيائين.
    پر مون کي حيرت اُن وقت ٿي ته سندس [قاسم جي] آخري بيماريءَ ۾ آءٌ گهڻو ڪري سمورو وقت ساڻس گڏ هئس، پر اُهو ’صاحب‘ کيس پُڇڻ به ڪونه آيو ۽ نه ئي محمد قاسم اُنهيءَ تي ڪڏهن ناراض ٿيو.
    اِهي ئي خوبيون آهن، جنهن ڪري آءٌ کيس سنڌ جو ’موتي داڻو‘ سمجهان ٿو ۽ مون کي تنوير جو هي شعر ذهن تي پيو اچي ته:
    هــرڪو ماڻـهـو مـوتـي داڻـو،
    هـرڪـا دل هيـرن کـاڻ،
    ڄاڻي ڏس ته سهي اڻڄاڻ!

    ***
    [صاڀي اسڪول جي اسيمبليءَ ۾ تراني جي بدران نواب ولي محمد لغاريءَ جي جيڪا ’ڪافي‘ پڙهي ويندي هئي، سا هيٺ ڏجي ٿي:]
    جوڙي قلب بيت ربي انسان ۾ سمايو،
    ڏسي ذات کي صفت ۾، ملڪن ٿي سر نمايو.

    آدم جو پوش پائي، آيو پاڻ کي لِڪائي،
    مَچ عشق جو مچائي، خود عشق بنجي آيو.

    ڏئي حُسن جو ڏيکارو، وري پاڻ ٿيو نيارو،
    سُوريءَ جو ڪيئين اشارو، سِر عاشقن سنڀايو.

    اصلؤن هو سِر حقاني، لاريب لامڪاني،
    منجهه رمز ’لَن تراني‘، وري طُور ڪنهن جلايو.

    ’ولي محمد‘ سنڀارج، ذاتي نه دم وسارج،
    پنهنجو پاڻ ۾ نهارج، صورت سان پيچ پايو.

    [ڪافي: سُرتلنگ]
    -


    سَروَ- قدارا سُپرين...! [فقير محمد امين مڱريو]

    جُوار جي ڪاني جهڙو سِڌو قد، سانوڻيءَ جي ڪاري ڪڪر جهڙو رنگ، مٿي تي سفيد پٽڪو، ڄڻ ٿر جي ڪاري رات ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ: جنهن جي ماٺ مصريءَ جهڙي ۽ ڳالهه ماکيءَ لار، سيني ۾ نينهن جي ڌڙڪندڙ دل ۽ دماغ ۾ مينهن وساڙن جي نرمي، ماڻهن سان محبت، جماعت سان الفت ۽ مرشد تان قربان ٿيڻ وارو جذبو اٿاهه! قدرت جي ڪارخاني ۾ جڏهن انساني ساخت جو سامان ختم ٿيو ته اُن چنڊ جي چانڊوڪي، ماکيءَ جي ميٺاج، ريشم جي نرميءَ، فولاد جي مضبوطيءَ ۽ شينهن جي دل گڏي هڪ انسان ٺاهيو، جنهن جو نالو مائٽن محمد امين رکيو ۽ سنڌ ۾ اهو ’امين فقير‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.
    ماڻهن، هن کي هڪ عام انسان سمجهيو، جماعت اُن کي هڪ بهادر مريد جي روپ ۾ ڏٺو، ۽ پير سائينءَ کيس هڪ جان نثار خليفي جي روپ ۾ پرکيو، پر ڪاتب تقدير نه ڄاڻ ڪيترن رنگن ۽ روپن کي گڏي، ڪيترين چانڊوڪين کي هم آغوش ڪري، کيس شهادت جي اعليٰ رُتبي تي فائز ڪري ڇڏيو ۽ هُن دنيا جي سڀني ’سول اعزازن‘ کان وڌيڪ اِهو اعزاز حاصل ڪري ورتو. ’شهيد‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’پنهنجي دور جو شاهد‘ ۽ مذهبي معنيٰ آهي ’سدا زندهه‘ ۽ سدا زنده جي معنيٰ هر دور جو شاهد.
    اسين امين فقير جي شهادت مان اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا، جنهن کي منهنجو دوست اعجاز منگي ’جمهوري دور‘ سڏيندو آهي ته اُن دور ۾ ماڻهن سان ڇا وهيو واپريو.
    فوجي جنرلن فيبروري 1971ع جي ڪنهن تاريخي تي مرحوم آصف شيخ• جي ڳوٺ واري ڍنڍ ’ڊرگهه‘ ۾ لانچن ۾ سير دوران ’بليڪ ڪوئين‘ جي شبابَ ۽ اسڪاچ جي مستيءَ ۾، پاڪستان جي اونداهي مستقبل جي اُڀرندڙ ڌنڌلي ستاري جي روشنيءَ ۾ اِهو فيصلو ڪيو ويو هو، ته ’لک بنگالي مارينداسين، پر مجيب کي اقتدار نه ڏينداسين.‘ اها تجويز اعجاز منگيءَ جي لفظن ۾: ’جمهوريت جي علمبردار ذوالفقار علي ڀُٽي جي هئي‘ ۽ اُن اسڪيم جي ترتيب ڏيندڙن کي اِها خبر نه هئي ته اُهي پنهنجي ئي اُڻيل ريشمي ڄار جي ڌاڳن ۾ ڦاسندا پئي ويا، ڇو ته لانچ ڊرائيور گرئجوئيٽ هو ۽ جيئي سنڌ جو ميمبر هو، جنهن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ’کيرٿر جي پوڙهي‘ [جي. ايم. سيد] کي ٽيليفون جي ڏڪندڙ تارن تي اطلاع ڪيو ته ’پاڪستان جا حڪمران خطرناڪ پلاننگ ترتيب ڏئي، ڊرگهه جي گيسٽ هائوس ۾ مستقبل جي رنگين ماحول کي ترتيب ڏيڻ ۾ مصروف آهن.‘
    هي 13 فيبروري 1971ع جو ڏينهن آهي ۽ ’رني ڪوٽ جو پوڙهو‘، ڌان منڊيءَ ۾ رنگين مزاج سراج الدوله جي وارث [شيخ مجيب] سان مخاطب آهي ۽ ڊرگهه ڍنڍ واري سڄي پلاننگ کيس ٻڌائڻ کان پوءِ کيس مشورو ڏئي ٿو ته ’تون بنگال مان نڪري وڃ‘- ۽ هو انوکي واسڪوٽيءَ ۾ ملبوس ۽ خوشبودار تماڪ پيئندڙُ شخص کيس چوي ٿو ته ”شاهه صاحب! توهان جي انفارميشن انتهائي اهم آهي. اُن مان مون کي خبر پئي ته سنڌ جو علم ۽ دانش توهان سان گڏ آهي ۽ جهالت ڀُٽي سان آهي. آءٌ پنهنجي ڌرتي نه ڇڏيندس، پرتوهان کي مشورو ڏيندس ته توهان سنڌ ڇڏي وڃو، اُن ڪري ته ماڻهو توهان سان گڏ نه آهن- ۽ جيڪڏهن آءٌ بنگال ڇڏي ويندس ته منهنجي ڳولا ۾ هر بنگاليءَ جو گهر ساڙيو ويندو-“ ۽ پوءِ اُن پوڙهي [جي. ايم. سيد] پنهنجي شاگرد [مجيب] جي نصيحت تي عمل ڪيو ۽ پاڻ سعودي عرب [پنهنجي ميزبان کنيارين واري پيرمعين الدين کنيارويءَ وٽ] هليو ويو. اُن وقت مون کي مشهور مصري صحافي حسنين هيڪل جي ڪتاب ’عبدالناصر والعام‘ ۾ ناصر ۽ نهروءَ جي گڏيل تصوير ياد آئي، جنهن جي هيٺان عربيءَ جو هي جملو لکيل هو:
    ”شاگرد، پنهنجي اُستاد کي سيکاري رهيو آهي.“
    -۽ پوءِ بنگال تي نه اچڻ جهڙي قيامت اچي وئي ۽ ’کيرٿر جو پوڙهو‘ مڪي مان ويهي افغانستان ۾ ويٺل خان عبدالغفار خان کي خط لکندو رهيو. پر تاريخ هميشه عوام جي ڪردار تي ئي فيصلو صادر ڪندي آهي. اهو يا سنڌ جي اڻ پڙهيلن جي آڌار تي يا بنگال جي پڙهيلن جي آڌار تي- ۽ سنڌ ۾ ڪابه عوامي طاقت ’رني ڪوٽ جي رکوالي سان گڏ نه هئي، جيتوڻيڪ اياز ۽ جويو ته هن سان گڏ هئا، جن جي ڏات ۽ شعور کي ساهميءَ جي هڪ پڙ ۾ رکيو وڃي ۽ سموري سنڌ جي ڪرڙن ڪانڊيرن جي ووٽ کي ٻئي پڙ ۾، پوءِ به ڏات ۽ سمجهه وارو پلڙو وزني هوندو آهي، جو ساهميءَ جون تارون [نوڙيون] ئي ڇڄي پونديون آهن. پر هن مادي دنيا ۾ ’انساني مٿا‘ ڳڻيا ويندا آهن، پر توريا نه ويندا آهن. اُن ڪري ئي اقبال چيو هو ’هڪ سؤ گڏهن جو دماغ، هڪ ماڻهوءَ جي دماغ برابر نه ٿيندو آهي.‘ اُن ڪري اهي ڳڻيل مٿا، گهڻي تعداد ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي سان گڏ هئا. هت آءٌ هڪڙي وضاحت ڪندو هلان، جيڪا تاريخ جي درستگي لاءِ تمام ضروي آهي ته پ پ سنڌ ۾ قطعي اڪثريت، سواءِ 1988 جي ڪڏهن به حاصل نه ڪئي آهي، ۽ نه ئي ذوالفقار ڀٽو 1970ع ۾ سنڌ مان ڪا اڪثريت حاصل ڪري سگهيو هو، ڇو ته اُن وقت سنڌ ۾ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون 40 هيون، جن مان ذوالفقار علي ڀٽي 18 سيٽون کٽيون هيون، جن ۾ ٽي سيٽون ذوالفقار علي ڀُٽي جون ذاتي کٽيل هيون. لاڙڪاڻو، ٺٽو ۽ حيدرآباد، باقي 22 سيٽون مختلف پارٽين کٽيون هيون ۽ سنڌ ۾ اُن وقت صوبائي اسيمبليءَ جون 60 سيٽون هيون [عورتن کانسواءِ] جن مان ڀٽي 28 سيٽون کنيون هيون. هن صاحب رڳو پنجاب ۾ قطعي اڪثريت حاصل ڪئي هئي. اُن ڪري هن فوجي جنرلن سان سازش ڪري، مجيب کي اقتدار ۾ اچڻ نه ڏنو، ڇو ته شيخ صاحب جو خيال هو ته ’پاڪستاني حڪومت آءٌ ٺاهيندس، اُن ڪري صوبن ۾ گورنر مقرر ڪرڻ منهنجو اختيار هوندو ۽ هن سينٽر لاءِ پنهنجي ڊائريءَ ۾ شيخ اياز جو نالو گورنر طور لکي ڇڏيو هو- ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته اِهو نالو هن يقيناً سائين جي. ايم. سيد جي رضامنديءَ سان لکيو هوندو.
    ڀُٽي جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ ۾ ٻن ڌرين لاءِ ڪاري قيامت اچي وئي: پهرئين نمبر تي جي. ايم. سيد جا پوئلڳ ۽ ٻئي نمبر تي پير صاحب پاڳاري جا حُر هن جو خاص نشانو ٿيا. جي. ايم. سيد جا پيروڪار ته پاڪستان جي هر دور ۾ حڪمرانن جو نشانو ٿيندا رهيا آهن، پر حُرن تي هيءَ آفت، انگريزن کان پوءِ ٻيو دفعو آئي هئي. اهي حُرَ، جن 1965ع جي جنگ ۾ ’امين فقير‘ جي قيادت ۾ جواهر لعل نهروءَ جي فوجن کي پوئتي ڌڪي، راجستان جي ڪافي علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو.
    اُهو ذوالفقار علي ڀُٽو، جنهن قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي، پنهنجي فصيح ۽ بليغ انگريزيءَ ۾، لارڊ بائرن جي شاعريءَ واري رنگ ۾ حُرن کي خراج تحسين پيش ڪيو هو، اُهو ئي ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اُنهن جانباز حُرن ۽ سندس مرشد جو جاني دشمن بنجي ويو. ’جيئي سنڌ‘ وارن سان ته هن جيڪي ڪجهه ڪيو، اُهو تاريخ کان اڃا لڪل آهي، معلوم نه آهي ته ڇو اسان جا قلمڪار، اُن دور تي قلم کڻڻ لاءِ تيار ناهن! آءٌ هتي صرف پاڻ بابت ٻڌائيندس ته منهنجي پوڙهي پيءُ ۽ ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪري، ڊسٽرڪٽ جيل ميرپورخاص ۾ رکيو ويو ۽ پويان گهر ۾ ڪوبه مرد نه ڇڏيو ويو. آءٌ روپوش هئس ۽ پنهنجي پيءُ سان ملي به نه پئي سگهيس. اُهو ماڻهو، جنهن ڪڏهن ريل گاڏي نه ڏٺي هئي، سو مهينن تائين ڊسٽرڪٽ جيل ۾ سَڙندو رهيو. باقي ابوبڪر زرداري، علي حيدر شاهه، امان الله شيخ، ابراهيم منشي، ڪاڪي تيرٿ داس ۽ اسان جي البيلي شاعر غلام حسين رنگريز سان جيڪي وهيو واپريو، اُن جي ترجماني شايد ’فيض‘ جو هي شعر ڪري سگهي:
    جو هم پر گذري سو گذري، مگر شب هِجران،
    هماري اشڪ تيري عاقبت سنوار چلي!

    هتي ’تيري‘ مان مراد ’سنڌ جو محبوب‘ عوام آهي. باقي جيئن مون مٿي چيو ته حُرن سان انگريزن کان پوءِ ڀُٽي جيڪا روش اختيار ڪئي، تنهن مان لڳو ته واقعي هو انگريزن جي ازلي وفادار شاهنوار ڀُٽي جو حلالي پٽ هو.
    اسين جيلن ۾ هوندا هئاسين ته روز بوسڪيءَ جي پٽڪن، سنڌي ڪٽ ڏاڙهين ۽ ڏيادار مهانڊن وارا حُر جيلن ۾ ايندا رهيا ۽ جيل جي انتهائي ڪميڻي انتظاميه، هنن سان انتهائي توهين آميز سلوڪ ڪندي هئي. پر اُتي به جي. ايم. سيد جا پوئلڳ، اُنهن حُرن جي بوسڪيءَ جي پٽڪن جي تحفظ لاءِ مولا بخش لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هر وقت تيار هوندا هئا. اُنهيءَ دوارن مون کي خبر پئي ته امين فقير کي گرفتار ڪري، انتهائي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو آهي: اهڙي بيدرديءَ سان، جهڙي بيدردي فرينچن، جميله بُوپاشا سان ڪئي ۽ انگريزن تانتيا ٽوپي ۽ سندس ساٿين سان ڪئي هئي.
    جيتوڻيڪ مون کي اِها خبر هئي ته هُو [امين فقير]گرفتار ٿي چڪو آهي، پر اها خبر نه هئي ته کيس اِن طريقي سان شهيد ڪيو ويو آهي. اها خبر ٻڌڻ شرط مون کي عربيءَ جي هڪڙي شعر جو هي مفهوم ياد آيو.
    ”اڄ اسان تي اهڙي مصيبت ڪِري پئي آهي، جيڪڏهن اُها ڏينهن تي ڪري ها ته اُهو رات ٿي وڃي ها.“
    -ها، هن ’جمهوريت جي علمبردار‘[ڀُٽي]، صبحَ جي ستاري کي گُم ڪري ڇڏيو ۽ هن جي پٽڪي کي، جيڪو سنڌ جي اونداهين ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر نظر ايندو هو، تار تار ڪري ڇڏيو. ڇا، سڀ انڊلٺون ختم ٿي ويون؟ ڇا اُهي ڪهڪشائون وسائي، ڀُٽي پنهنجي لاءِ اونداهو مستقبل تيار نه ڪيو هو؟ ۽ يقيناً هن اِئين ئي ڪيو، ۽ جن جي چوڻ تي ڪيو، اُنهن ئي کيس ذلتن جي آڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو.
    ها، هُو [امين فقير] هليو ويو، پر منهنجي ذهن تي هن جون يادگيريون اڃا به قائم آهن. هن پير صاحب لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، اُنهن ۾ ٻه اهم آهن: پهرين ته پير صاحب جو ٽرانسپورٽ نظام هن قائم ڪيو، جيڪو اڳين خليفن نه ڪيو، ۽ ٻيو پير صاحب جي غيرآباد زمينن کي آباد ڪرڻ. انهيءَ عرصي دوران هڪ دفعو جڏهن قائم علي شاهه اقتدار ۾ آيو ته مون کي امين فقير چيو هو: ”خدا جي قدرت ڏسو ته جيڪو ماڻهو اٺ آنا ڀاڙي لاءِ منٿون ڪندو هو، اُهو اڄ اقتدار ڌڻي آهي، پر مون کي هو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي.“
    جيڪڏهن لکڻ چاهيان ته امين فقير جي يادگيرين تي آءٌ پورو ڪتاب لکي سگهان ٿو، پر سنڌي پهاڪي وانگر ته: ”پِنڻ کان پڙهڻ ياد نه رهيو آهي.“ اِن ڪري، ايترو وقت ئي نٿو ملي ته پنهنجن پيارن جي قبرن تي ٻه لڙڪ هاري سگهجن. انسان جي اها ڪيڏي نه بدقسمتي آهي ۽ خصوصاً سوچيندڙ انسان جي، تاريخ هن کي اهڙي ڪُن ۾ اڇلائي ڇڏيندي آهي، جو نه کيس پنهنجن جون مُرڪون ياد رهنديون آهن، نه پراون جون نفرتون- ۽ ٻيو ته جڏهن فرمائش ٿيندي آهي ته هيتري وقت ۾ توهان کي لکڻو آهي- اُهو به اهڙيءَ موسم ۾، جڏهن مون کان لفظ ايئن رُسي ويا هجن، جيئن جوانيءَ جي ڪا محبوبه رُسي ويندي آهي. پوءِ لکجي ته ڇا لکجي؟ صرف اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته:
    اي ساٿيو! ڪجهه ته بيهو.
    هنن پهاڙن سان
    مون کي ڳالهائڻ ڏيو!
    توهان کي خبر آهي ته هن مٽيءَ ۾
    اُهي جسم لڪل آهن،
    جن جي خوشبوءِ
    موتين ۽ مُگرن کي مات ڪندي وئي،
    ۽ جن جون نگاهون
    ستارن جي روشني
    ڦري وٺنديون هيون.
    پوءِ اڳتي وڌنداسين،
    منهنجن ٻن لڙڪن جي روشنيءَ ۾
    جيڪي گلاب جهڙن جسمن جي مٽيءَ تي ڪرندا-
    اي زندگي-!
    تون ڪيڏي نه دل فريب آهين،
    ۽ ڪيڏي نه بي وفا آهين،
    مون کي افسوس آهي ته
    جيئن سنڌ جي سينڌ سنواريندڙ
    سورهيه بادشاهه جي قبر نه ملي سگهي،
    تيئن هن جي سچي پوئلڳ شهيد امين جي قبر به
    اسان کي نه ملي سگهي
    پر آءٌ سمجهان ٿو ته
    اهي ماڻهو ڌرتيءَ جا سج ۽ چنڊا هوندا آهن
    ۽ سج ۽ چنڊ جي ڪٿي به قبر نه هوندي آهي!
    اي شهيد! تنهنجا مون تي ذاتي ٿورا به آهن.
    پر اُهي آءٌ هن وقت لکڻ نٿو چاهيان،
    پر تون سنڌ جي اُنهن ماڻهن مان آهين،
    جن جي لاءِ هڪ فارسي شاعر چيو هو ته:
    ’مري مٽيءَ ۾ ملي وياسين
    پر اسان جي مٽيءَ جي خوشبوءِ
    اِهو ٿي ٻُڌائي ته
    هتان ڪو مڙس ماڻهو سُتل آهي!
    -
    • جيئي سنڌ جو قومي ڪارڪن، جنهن کي سائين جي. ايم. سيد ڏاڍو ڀائيندو هو، ۽ جنهن جي ڌاڙيلن هٿان شهادت کان پوءِ، سائينءَ سندس فوٽو فريم ۾ مڙهائي، پنهنجي سِرانديءَ رکي ڇڏيو هو. (ت.ج)


    تون اڃا پيو جِئين هاءِ ڙي جيئڙا! [عبدالله سمون]

    هي 1958ع جو دور هو، جڏهن مون پرائمري اسڪول صاڀي ۾ داخلا ورتي هئي. اُن وقت صاڀي ڳوٺ جو چڱو مڙس فقير محمد رمضان مڱريو هو. هو جيڏو خوبصورت هو، اوڏو ئي يار ويس هو. هو اُن وقت ڳوٺ کان وڌيڪ حيدرآباد ۾ رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ايندو هو ته ساڻس گڏ هڪ ٻيو شخص به ايندو هو: روهيڙيءَ جهڙو رنگ، جُوار جي ڪاني جهڙو قد ۽ مورَ جي پرن جهڙو خوبصورت ويس ڍڪيل. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ايڏو خوبصورت مرد نه ڏٺو. اُن وقت اسان جي ناري ۾ خوبصورت ڪپڙا يعني سلوار قميص پائيندڙ اهڙو ٻيو ڪو ماڻهو منهنجي نظر ۾ نه هو. اُن وقت هندوستان مان شاندار ڪپڙو سنڌ ايندو هو، جنهن کي ’پاپلين‘ سڏيو ويندو هو، جيڪو هونئن ته مختلف رنگن ۾ هوندو هو، پر شوقينن وٽ اُن جا ٻه رنگ ڏاڍا مقبول هئا: هڪڙو آسماني ۽ ٻيو خاڪي- ۽ انهيءَ شخص کي هميشه پاپلين جا مختلف رنگن جا ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ اُهو اُن وقت ميرپورخاص مان نڪرندڙ هفتيوار ’چنگاري‘ اخبار جو ايڊيٽر هو ۽ سندس نالو هو عبدالله سمون. هو اُن وقت ميرپورخاص ۾ ارباب خاندان وٽ رهندو هو. هن جو اصلي ڳوٺ انڊيا ۾ ڪڇ ڀُڄ طرف هو ۽ تعليم پرائڻ لاءِ ڪڇ ڀُڄ کان اربابن معرفت ميرپورخاص ۾ اچي رهيو هو. هو ڦرلٽ ڪندڙ طبقن جي سخت خلاف هو، جنهن ۾ خاص ڪري پير ۽ وڏيرا شامل هئا. جيتوڻيڪ سندس يار فقير محمد رمضان مڱريو ستن هزارن ايڪڙن زمين جو مالڪ هو، پر هن ۾ ڪا به وڏيرڪي خوءِ بوءِ نه هئي. حقيقت ۾ هو اُنهن ماڻهن مان هو، جيڪي بادشاهي تخت کان فقيراڻي تڏي کي وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن- ۽ اُنهن ئي ٻنهي ماڻهن جي فقيراڻي طبيعت جي ڪري مون ٿر جي ڳوٺ صاڀي ۾ پهريون ۽ آخري دفعو سنڌ جي عظيم يگاني شاعر مولوي احمد ملاح جي زيارت ڪئي ۽ سندس شاعري ٻڌي.
    زمانو پنهنجيءَ رفتار سان گردش ڪندو، زمين جي ڦيرين گهيرين سان گڏ ماڻهن کي به مختلف ماڳن تي اُڇلائيندو رهندو آهي. آءٌ پڙهڻ سانگي حيدرآباد هليو آيس ۽ عبدالله سمون ميرپورخاص ۾ ئي رهيو. وري اسان جي ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن آءٌ ڏکڻ ايشيا جي وڏي سياستدان ۽ عالم سائين جي. ايم. سيد جو پوئلڳ ٿي چڪو هئس ۽ عبدالله سمون ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيپلزپارٽيءَ ۾ هليو ويو هو. مون کي جيئي سنڌ ۾ ڪو به عهدو نه هو ۽ عبدالله سمون پيپلزپارٽي تعلقي عمرڪوٽ جو صدر ٿي چڪو هو. اُها ٻي ڳالهه آهي ته آءٌ ڪو به عهدو نه هئڻ جي باوجود، سَيد جي من مندر ۾ پوڄاريءَ واري حيثيت حاصل ڪري چڪو هئس ۽ عبدالله سمي کي پ.پ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ کنڊ جو ڊيپو ڏنو هو.
    مون کي سدائين ڏُک رهيو آهي ته 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ٿرپارڪر جا ٽي لازوال ماڻهو جي. ايم. سيد کان پاسيرا ٿي پيپلزپارٽيءَ ۾ ڇو هليا ويا: مولانا عبدالحق رباني، ڪامريڊ روچيرام ۽ عبدالله سمون. ڪامريڊ روچيرام ته پنهنجي وضاحت پاڻ ڪندو، پر مولانا رباني، جيڪو 1946ع جي اليڪشن ۾ ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي مير بنده عليءَ جي سامهون اُميدوار بيٺو هو ۽ جنهن جو ورڪ ڪرڻ لاءِ هندوستان جو خوبصورت ۽ ذهين سياستدان جواهر لال نهرو ٽنڊي الهيار آيو هو. نهروءَ جي انهيءَ دوري جو ذڪر سنڌ جي نامياري اديب فضل احمد بچاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ’اڳي ايئن هياس‘ ۾ ڪيو آهي. انهيءَ مولانا عبدالحق ربانيءَ کان مون پڇيو هو ته: ”سائين توهان پيپلزپارٽيءَ ۾ ڪيئن ويا؟“ ته هن زبردست عالم ۽ لفظن جي جاودگريءَ ۾ جڪڙيل شخصَ، مون کي چيو هو ته ”ڀٽي جي لفظن مان مون کي عبيدالله سنڌيءَ جي لفظن جي خوشبوءِ آئي هئي. “ بهرحال، مون بزرگ سمجهي، اُن وقت کيس ڪجهه به نه چيو هو- ۽ آءٌ پنهنجي راهه تي رمندو رهيس، جيڪا مون کي مخدوم بلاول جي پوئلڳ سائين جي. ايم. سيد ڏيکاري هئي. جيتوڻيڪ عبدالله سمون پ پ تعلقي عمرڪوٽ جو صدر ٿي چڪو هو، پر اسان جي ملاقات نه ٿي سگهي هئي.
    هڪڙي ڏينهن اوچتو ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسيءَ کانپوءِ، منهنجي هِن [عبدالله] سان ملاقات، ميرپورخاص بار ڪائونسل ۾ ٿي. اُن وقت آءٌ ضياءَ الحق جي جيل مان تازو آزاد ٿيو هئس ۽ بار جي ميمبرن جو شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ ويس پئي ته اوچتو هڪڙو ماڻهو مون کي ٻکين پئجي ويو. مون چِتائي ڏٺو ته عبدالله سمون هو. هن جو قد ڪاليداس جي نائيڪ وانگرَ جهُڪي چڪو هو ۽ سندس وارن تي اياز جو هي شعر پئي ٺهڪيو:
    سونَ جهڙي جواني اسان کان کسي،
    وارَ چاندي ڪَيئي، عُمرِ ايڏي ٺڳي!
    -۽ هن جو رنگ ۽ روپ، جيڪو مون کي روهيڙي جي گل وانگيان لڳندو هو، سو وحشين هٿان لُٽيل ڪنهن ڪنيا جي بي رونق چهري جهڙو ٿي چڪو هو.
    پوءِ [اڳتي هلي] مون پيپلزپارٽي عمرڪوٽ جي بانيءَ کي فُٽپاٿن تي سُتل ۽ پَٽ سٽ [خيرات] جي مانين تي گذارو ڪندي ڏٺو. آءٌ جڏهن به عمرڪوٽ ويندو هئس ته عبدالله سمون، ڊاڪٽر خوشحال جي اسپتال جي سامهون فُٽپاٿ تي ويٺو هوندو هو. آءٌ ساڻس ڪچهري ڪندو هئس ۽ هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون کي مولانا آزاد ۽ جواهر لال نهروءَ تي ليڪچر ڏيندو هو، جيڪي آءٌ ويهي ٻڌندو هئس. موٽ ۾ کيس اکين جا ڳوڙها ۽ زخمي دل جا رت ڦڙا ڏيئي ايندو هئس، ڇو ته مون وٽ سڄي زندگي، ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ اِهي ئي ٻه شيون رهيون آهن- ۽ اڄ جڏهن هو هن دنيا ۾ نه رهيو آهي ته سندس ڪيتريون يادگيريون منهنجي ذهن تي هُري آيون آهن. جيڪڏهن زندگيءَ موقعو ڏنو ته بيان ڪندس. پر هڪ ڳالهه آءٌ لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته اسان جي پراڻن قدرن مطابق هو ڪيڏو نه عظيم اِنسان هو. مون کي فقير محمد رمضان ٻڌايو ته حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ اسان وڃي ترسياسين، جتي عبدالله سمي کي الڳ ڪمرو، وِسڪيءَ جي بوتل ۽ هڪ ڪال گرل موڪلي ڏنيسين. ڪجهه وقت کانپوءِ بيري اسان کي اچي ٻڌايو ته ’سائين! هي ڪهڙو ماڻهو موڪليو اٿوَ، جو ڇوڪرِي بيڊ تي ويٺي آهي، پاڻ پٽ تي ۽ اجرڪ لاهي ڇوڪريءَ جي مٿي تي وڌي اٿس ۽ روئي پيو ۽ چوي پيو ’توکي ڏسي مون کي پنهنجي ڀيڻ پئي ياد اچي. خدارا اُٿي وڃ!‘ آءٌ ٻنهي ملڪن جي تهذيب مان بيزار آهيان، جتي عورت جي راتِ وڪامي ٿي وڃي. ڇا گانڌي ۽ آزاد اهڙيءَ آزاديءَ جا خواب ڏٺا هئا. بس منهنجي ڀيڻ! تون اُٿي وڃ ۽ مون کي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي فيصلن تي روئڻ ڏي!“
    بهرحال، اُهو عبدالله سمون، اڄوڪي خبر مطابق هن دنيا مان هليو ويو. هن جا مون سان گهريلو لاڳاپا هئا، پر آءٌ اِن پوزيشن ۾ نه هئس ته سندس ڪا سار سنڀالَ لهي سگهان ۽ پيپلزپارٽي، جنهن جو اقتدار هميشه نااهل وڏيرن جي هٿ ۾ هوندو آهي، سي وڏيرا ڪارڪنن جي ڪٿي ٿا سارَ لهن. اُن جا زنده مثال فقير عبدالرحمان مڱريو، فقير عاشق رند ۽ عبدالله سمون آهن!


    راڳ سنڌ جي زندگي آهي [ڍول فقير جي ياد ۾]

    مير الهيار جي ٽنڊي سان خبر ناهي ته منهنجون ڪيتريون يادون وابسته آهن! ٽنڊوالهيار، جيڪو سنڌي شاعريءَ جي پهرئين اهم شاعر ميين شاهه عنايت رضويءَ جو مرڪز آهي، اُنهيءَ شهر جي ڀرپاسي ۾ آريسر قبيلي جو وڏو بزرگ ’آريسر‘ مدفون آهي. هي اُهو ٽنڊو الهيار آهي، جنهن جي ڀرسان منهنجي دين ۽ دنيا کي روشن ڪندڙ مهاراجا ڏاهر جِي ابن قاسم جهڙي لُٽيري سان جنگ ٿي هئي.
    هيءَ حقيقت آهي ته آءٌ جڏهن به ٽنڊي الهيار ۾ ايندو آهيان ته منهنجون نِگاهون سُهڻين ڇوڪرين بجاءِ سُهڻن تاريخي واقعن جي تلاش ڪنديون آهن. اڄ مون کي ٽنڊي الهيار جو ڍول فقير ياد اچي رهيو آهي. هو وڏو موسيقار ته نه هو، پر راڳي ۽ ويراڳي ضرور هو، ۽ هو جڏهن ڳائيندو هو، تڏهن مون کي محسوس ٿيندو هو ته آسمان جا ستارا جهُڪي سندس آڱرين کي چُمي رهيا آهن، سِج هن جي سامهون سِر بسجود آهي، ته چنڊ به هن جي چاري ۾ آهي.
    هڪ ڀيري ’مانجهند‘ ۾ ڍول فقير مانجهه ڳائي رهيو هو. مون اُستاد شفيع فقير کان پڇيو ته: ”آءٌ راڳ جي باريڪين کان ته واقف ناهيان، پر آواز ۽ شاعريءَ جي انتخاب جو عاشق آهيان، توهان منهنجي رهنمائي ڪريو ته ڍول فقيرَ جي ڪهڙي خصوصيت هئي، جنهن کيس سنڌ ۾ ايڏو مقام عطا ڪيو؟“ کيس اِهو به چيم ته ”هڪڙا موسيقار هوندا آهن ۽ ٻيا لوڪ فنڪار هوندا آهن، ڍولَ کي توهان ڪهڙيءَ صف ۾ بيهارڻ چاهيو ٿا؟“ اُستاد شفيع ٻڌايو ته ”ڍول فقير لوڪ فنڪار هئڻ سان گڏوگڏ ويراڳي به هو.“
    اسان جي جديد موسيقيءَ جون جڙون، لوڪ موسيقيءَ ۾ کتل آهن، خصوصاً شادين ۾ عورتن جا گيت، ۽ اُنهن جي طرزن تي سگهڙن ۽ شاعرن جا ڪلام ڳائڻ ئي سڀ کان وڌيڪ هڪڙي لوڪ فنڪار جي خصوصيت هجي ٿي. پوءِ مون سوچيو ته هي سنڌي قوم هزارين سالن کان عذابن ۽ اذيتن ۾ گذاريندي آئي آهي، ۽ ڪيترا ڀيرا هوءَ رتوڇاڻ ٿي اُٿي آهي، ڪيترا ڀيرا شڪست کاڌي اٿس، پر ڪيترا ڀيرا وري دريا خان ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي جي روپ ۾ اُڀري آئي آهي. مون کي هڪ دفعو سائين جي. ايم. سيد ٻڌايو ته: ’ها، اسان مادي طرح شڪستون ضرور کاڌيون آهن، پر سنڌ جي روحَ ڪڏهن به غلامي نه قبولي آهي، اُن جو وڏو سبب سنڌ جي ماڻهن جو شاعريءَ ۽ موسيقيءَ ڏانهن رجحان آهي.‘
    اسان جي سنڌ کي اڄ ڏينهن تائين وڏين اذيتن ۽ عذابن جي باوجود جنهن ڳالهه زندهه رکيو آهي، اُها سنڌ جي شاعري ۽ موسيقي آهي. اُن ۾ ڍول فقيرَ جو اهم مقام آهي. اُن جي موسيقي ۽ ڳائڻ ۾ اُهو رنگ آهي، جيڪو ڪنهن به ڳائڻي ۾ موجود نه آهي.
    اچو ته معلوم ڪريون ته ’موسيقي‘ لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟ مون انگريزي، فارسي، اردو ۽ عربي لغتن ۾ اُن جي معنيٰ پڙهي آهي، پر سڀ کان بهترمون کي جيڪا معنيٰ لڳي آهي ته: ’موسيقي حضرت موسيٰ عليه السلام جي اُن لٺِ جو آواز آهي، جنهن پهاڙن مان يهودين لاءِ چشما جاري ڪيا.‘
    -۽ آءٌ سمجهان ٿو ته سنڌي قومَ، اڄ ڏينهن تائين بيشڪ مخدوم بلاول، دولهه دريا خان ۽ جي. ايم. سيد جي قربانين جي ذريعي زنده آهي، پر اُن ۾ اسان جي شاعريءَ ۽ موسيقيءَ جو به وڏو دخل آهي، حقيقت ۾ موسيقي انسانن ۾ زندهه رهڻ جو جذبو پيدا ڪندي آهي ۽ جڏهن به ڪنهن انسان ۾ زندهه رهڻ جي اُميد نه رهندي آهي ته اُن کي موسيقي ٻڌائي ويندي آهي. اڄ جي جديد دور ۾ ترقي يافته ملڪن ۾ مريضن جو علاج موسيقيءَ ذريعي ڪيو ويندو آهي.
    اِها حقيقت آهي ته سنڌ موسيقيءَ جي سلسلي ۾ انتهائي شاهوڪار رهي آهي، هندستان جي وزيرِ تعليم مولانا آزاد هڪ جاءِ تي لکيو آهي، ته: ”جڏهن اڪبربادشاهه مُلا مبارڪ سيوهاڻيءَ کي ’تانسين‘ جو راڳ ٻڌايو ته ملان مبارڪ ڪنهن به جوش جو اظهار ڪرڻ کان سواءِ چيو ته: ”بلي! مي سرايت“ [مڙئي رينگٽ ڪريو وٺي!] مولانا آزاد لکيو آهي ته ”اُن وقت سنڌي موسيقيءَ جو معيار ڪيڏو نه اعليٰ هو، جو ملا مبارڪ اهو رايو ڏنو هو!“
    بهرحال، آءٌ ڍول فقير تي وڌيڪ لکڻ کان سواءِ اِهو چوندس ته راءِ ڏياچ عظيم هو يا ٻيجل؟ راءِ ڏياچ، جنهن سُر تي سِر ڏنو ۽ ٻيجلُ، جنهن جي سُر تي راءِ ڏياچ سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ جهونا ڳڙهه جُهريو، ماڙين جا رنگ رتول ختم ٿيا، دربارن جي ٻانهين ۽ ٻاين جي سينن تان ساڙهيون سِرڪي ويون، اَبوُ جبل آتش فشان بڻجي پيو. آءٌ فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته عظيم ٻيجل هو يا راءِ ڏياچ جي سخاوت؟ بهرحال آءٌ اِن سڄي فلسفي ۾ سنڌي موسيقيءَ جي محراب ۾ سجدو ڪريان ٿو ۽ ڍول فقيرکي سندس منفرد گائڪيءَ تي سلام پيش ڪريان ٿو.
    سو اِهو سچ آهي ته جهڙي طريقي سان موسيٰ عليه السلام جي لٺ جي ڌڪ ٻارهن چشما پيدا ڪري، يهودين کي نئين زندگي عطا ڪئي، اهڙي طريقي سان اسان جي شاعرن ۽ ڳائڻن، اسان کي جيئڻ لاءِ وڙهڻ ۽ وڙهڻ ۾ شڪست ۽ فتح کان بي نياز ٿي اڳتي وڌڻ جو عزم ۽ حوصلو پيدا ڪيو آهي. اُنهن مان ڍول فقير به هڪ آهي ۽ اڄ آءٌ پنهنجي محبوب شهر جي محبوب فنڪار کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. هي شهر مون کي اُن لاءِ محبوب نه آهي ته هن جي ڀرسان آريسرن جا ڳوٺ آهن ۽ منهنجو دوست سائين ڇٽن شاهه به رهي ٿو، پر اها هڪ حقيقت آهي ته هن شهر جي ڀرسان سنڌ جي تاريخ جي محبوب ماڻهوءَ راجا ڏاهر شهادت ماڻي هئي.
    بهرحال آءٌ تلوار جو ڌڻي ناهيان، پر قلم جو ڌڻي آهيان، اُن حوالي سان آءٌ ڏاهر جي شهادت کان وٺي ’ڍول فقير جي‘ سُر تي سِرنمائڻ ۾ فخر سمجهان ٿو.
    -


    مورَ جي چالِ وانگر ڌيمو رقصُ ڪندڙ [علڻ فقير]

    اسان سنڌ جي عظيم ۽ لازوال فنڪار علڻ فقير جي ٻي ورسيءَ جي سلسلي ۾ ’ڇور پريس ڪلب‘ ۾ گڏ ٿيا هئاسون، ۽ مون کي سنڌي ماڻهن تي حيرت ٿيندي آهي، ته اسين ڪم ڪندا آهيون، پر ڪم ٽپائڻ واري طريقي سان: ’ادا، مڙيئي اخبارن ۾ خبر ڏيئي ڇڏينداسين، يا اخبارن ۾ خبر اچي ويندي، وغيره.‘ هيءَ تمام وڏي فنڪار جي ورسي هئي. اُن ۾ اسٽيج تي ويٺا ڪير هئاسون، هڪڙو سابق مُلو [آريسر]، ٻيو ڊاڪٽر، جنهن جو ڪم [انساني جسم جي] چير ڦاڙ ڪرڻ هو، ٽيون تپيدار ۽ چوٿون رٽائر ماستر- يعني اسان سڀني مان ڪو به فنڪار نه هو ۽ ڪو به فن جو ڄاڻو نه هو. اڳي باڊهه ۾ لطيف جو ڏينهن ملهايو هو تپيدارن ۽ صدارت ڏني هئائون مختيارڪار کي. خدا جي فضل سان مختيارڪار صاحب ڪڏهن ڀٽائيءَ کي پڙهيو نه هو، جڏهن صدارتي تقرير لاءِ اُٿيو، تڏهن چيائين: ’ڀٽائي وڏو شاعر هو، جنهن چيو آهي ته:
    واهه ڙي تارا، گول تارا، روشن تارا!‘
    سو پريس ڪلب واري هِن پروگرام ۾ ڪنهن فنڪار، ڪنهن موسيقار، ڪنهن راڳيءَ کي گهرايو وڃي ها ته اُهو علڻ فقير جي موسيقيءَ، گائڪيءَ ۽ اُن جي فن جي خصوصيتن کان اسان جي نوجوانن کي آگاهه ڪري ها. ٻي ڳالهه آءٌ اها عرض ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان وٽ هڪڙو رجحان ٿي ويو آهي ته، موضوع هڪڙو هوندو آهي ۽ اسين اُن کي ڇڏي ٻين اجاين قصن کي کڻي ويهي رهندا آهيون، اُن جو سبب اهو هوندو آهي ته اسان موضوع تي تياري ڪري ڪو نه ايندا آهيون. علڻ فقير تي ڳالهائڻ لاءِ اسان کي باقاعدي تيار ٿي اچڻ گهرجي ها. مثال طور: اسان وٽ موسيقي آهي. شاهه لطيف جي شاعري جنهن طريقي سان لاڙ ۾ ڳائي ٿي وڃي ۽ سچل سرمست جي شاعري جنهن طريقي سان اپر سنڌ ۾ ڳائي ٿي وڃي، اُنهن ٻنهي ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي. بلڪل اهڙيءَ ريت جيئن لاڙ جي ماڻهوءَ جي طبيعت ٿڌي هوندي آهي. [آءٌ ٿر کي لاڙ ۾ شامل ٿو ڪريان] ۽ اهڙي ٿڌي طريقي سان جيئن اسان وٽ ’جهيلي مولود‘ هوندو آهي، ائين اُنهيءَ ٿڌي موسيقيءَ ۾ هتي شاعري ڳائي ويندي آهي- ۽ اپر سنڌ واري شاعري ڳائڻ جو نمونو ۽ مزاج مختلف هوندو آهي، جيئن اُتي جي ماڻهن جو رَتُ گرم آهي ۽ هڪڙيءَ هڪل تي ست خون ڪري وجهندا آهن، اهڙيءَ ريت اُتان جي شاعريءَ ۾ به گرم جوشي آهي.
    ڀٽائيءَ جي مزار تي توهان کي ڌمال نظر نه ايندي، پر سچل ۽ قلندر جي مزارن تي توهان کي ڌمال نظر ايندي، وجد ۽ بيخودي ناچ ۽ رقص نظر ايندو- ۽ هتي يعني لاڙ ۾ جيڪو ناچ ۽ رقص آهي، اهو ڌيمو هوندو آهي، بلڪل مور جي چالِ وانگر.
    علڻ فقير شروع، شروع ۾ جيڪو ڪلام ڳايو هو، اسين اُن وقت ننڍا هئاسين ۽ اهو ڪلام سائين جي. ايم. سيد جي سالگرهه تي ڳايو هئائين:
    سدا وسين سنڌ ۾، سدا وسين سَن ۾!
    اُن کان پوءِ هُن جا جوهر کليا. آءٌ علڻ فقير لاءِ چوندو آهيان ته هو هڪ اسٽائلش سِنگر (Stylish Singer) هو. علڻ فقير پنهنجي ڳائڻ جي فن جو پاڻ ئي موجد هو، پاڻ ئي ڳائڻو هو ۽ مٿس ئي اهو فن ختم آهي. علڻ فقير جو ڪو نقل ڪرڻ چاهي، هڪ ٻه ڪلامن ۾ ته نقل ڪري سگهي ٿو، پر پوري عمر سندس اسٽائيل ۾ ڳائڻ جي ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي- يعني علڻ غزل ڳائي، نظم ڳائي، يا وائي ڳائي، پر هُن جو جيڪو اسٽائيل آهي، اُهو وائيءَ وارو آهي، مثال طور اياز جي وائي آهي:
    ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين!
    اُن وائيءَ کي هن ڀٽائيءَ جي وائيءَ وانگر ڳايو آهي، اياز جو پهريون، پهريون غزل علڻ فقير ڳايو، اُن کان پوءِ زرينا بلوچ ۽ علڻ فقير گڏجي ڳايو:
    ’ٻي خبر ناهه، پر مرڻ کان پوءِ
    توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون‘


    مون کي ياد آهي، جڏهن ٿر جي سياسي ورڪر ڄام ساقيءَ جي گهر واريءَ کوهه ۾ ٽپو ڏنو هو، آپگهات ڪيو هو، تڏهن ڄام ساقي جيل ۾ هو، اُن وقت ۾ هڪڙو رسالو نڪرندو هو، جنهن ۾ تصوير شايع ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪڙي طرف مائي سُکان جي تصوير ۽ ٻئي طرف ڄام ساقيءَ جي تصوير ڏئي، هيٺيان ڪيپشن ڏنو ويو هو:
    ٽڙي پوندا ٽاريئين، جڏهن ڳاڙها گل،
    تڏهين ملنداسين!
    علڻ به اياز جو اُهو ڪلام اهڙي انداز ۾ ڳايو هو، جيڪو ٻين گهڻن ڳائڻن ڳايو، پر اُها مقبوليت حاصل ڪري نه سگهيا. جهڙي مقبوليت علڻ جي آواز ۾ اُن ڪلام کي ملي. علڻ جي وڏي ڳالهه اها هئي ته هن قومي ڪلام به ڳايا، پر اسٽائيل اُهو ڀٽائيءَ جي وائيءَ وارو هوندو هوس، ڪڏهن، ڪڏهن، هُو، رقص به ڪندو هو ۽ رقص وقت سندس ٻه خصوصيتون هونديون هيون، زوهيب آريسر هتي تقرير ۾ چيو ته: ”علڻ سان ڪارو ڪشتو، ڪارو ڏنڊو ۽ ڀٽائيءَ وارو تنبورو گڏ هوندا هئا.“ آءٌ اهو به واضح ڪندو ٿو هلان ته جڏهن علڻ اسٽيج تي ڳائيندو هو ته اُن وقت اجرڪ جو پٽڪو ۽ مور جي پر وانگر طُرو ٺهيل ۽ ڪاري ڳن سان ڪهاڙي هٿ ۾ کنيل هوندي هئس ۽ پوءِ ڳائيندو به هو ۽ رقص به ڪندو هو.
    سنڌ جي سرزمين ٻين سڀني شين ۾ ڏُڪاري ٿي سگهي ٿي، اُن وٽ کوٽ ٿي سگهي ٿي، پر ڳائڻ ۽ شاعريءَ ۾ سنڌ جي سرزمين ڪڏهن به کوٽ ۽ ڏڪار جو شڪار نه رهي آهي- ۽ اُن ڳائڻ، اُن موسيقيءَ ۽ اُن شاعريءَ، هن سرزمين کي محبت ۽ انسانيت جي اعليٰ درجي تي پهچايو آهي.
    منهنجي دوست ساگر حنيف بڙديءَ تقرير ۾ ڳالهه ڪئي ته: ”راءِ ڏياچ ايڏو سخي هو جو هُن سُر تي پنهنجو سِر گهوري ڏنو.“ آءٌ هينئر ڪوئٽا ويو هئس، اُتي بلوچ ادبي اڪيڊميءَ ۾ مون کي ترسايو هئائون. موٽيس ته بلوچ ادبي اڪيڊميءَ وارن مون کي ڪجهه ڪتاب تحفي طور ڏنا، تن ۾ بلوچستان جو هڪڙو وڏو سپهه سالار هو، چاڪر خان رند، جنهن کي بلوچستان ۾ چاڪر اعظم چوندا آهن، اُن جي ’آتم ڪهاڻي‘ هئي. سو مون ڪلهه گهر ۾ اُهو ڪتاب ويٺي پڙهيو ته اُن ۾ لکيل هو ته: ’بلوچستان ۾ هڪڙو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو نالو آهي، شاهه مريد. شاهه مريد جڏهن شاعري پڙهندو هو ۽ جڏهن سندس شاعريءَ کي ڳايو ويندو هو، اُن وقت هو ايڏو موج ۽ مستيءَ ۾ اچي ويندو هو، جو چوندو هو ته ’جيڪو گهُرو، سو ڏيانوَ.‘ هڪ دفعي چاڪر رند هڪ سازش ڪئي. شاهه مريد جي مڱ هوندي هئي ”حاني“، جيڪا بلوچستان جي، اُن وقت جي انتهائي خوبصورت عورت هئي ۽ حانيءَ تي شاهه مريد جي وڏي ۾ وڏي شاعري ٿيل آهي. چاڪر رند سازش ڪري ساٿين کي چيو ته ’اڄ جڏهن شاهه مريد موج ۾ اچي ته هُن کان گهُر ڪجو ۽ چئجو ته تون اسان کي حاني ڏئي ڇڏ.‘ جڏهن شاهه مريد موج ۾ آيو ته اُنهن سازش تحت کانئس مطالبو ڪيو ته ”اڄ اسان کي حاني ڏيئي ڇڏ.“ هُن حاني کين ڏئي ڇڏي ۽ پوءِ چاڪر خان اُن سان شادي ڪئي- ۽ اُن بلوچ شاعر جي نصيب ۾ سڄي زندگي شاعري ڪرڻ ئي رهيو ۽ هُو حانيءَ جي فراق ۾ شاعري ڪندو رهيو.
    مون کي خبر ناهي ته جيڪڏهن ٻيجل، راءِ ڏياچ کان سورٺ جي ٻانهن گهري ها ته هُو اُها ڏي ها يا نه!؟ دنيا جي مختلف خطن ۾ مختلف قسمن جا، مختلف نوعيتن جا ماڻهو رهن ٿا. اڄ هِن ننڍي کنڊ ۾ اها گجرات، جتي راءِ ڏياچ پنهنجو سُر تي سِرَ ڏنو هو. اُها گجرات، جتي گانڌي جِي پيدا ٿيو؛ اها گجرات، جتي جناح جنم ورتو، جنهن سڄي زندگي ماڪوڙي ته ڪا نه ماري هئي، پر ڳالهه هميشه جهاد جي ڪندو هو، اُن [گجرات جي] سرزمين تي اڄ بيگناهه انسانيت جو رت وهايو ٿو وڃي ۽ ڀٽائيءَ جي سرزمين تي ڪنور ڀڳت جا پوئلڳ اڄ جنگ ۽ جدال جون ڳالهيون ٿا ڪن. اڄ اسان کي ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسين وري به انهيءَ سُر ۽ سُر جي صدا کي نئين سِري سان جياريون ۽ سنڌ جي سرزمين تي زوردار طريقي سان پکيڙيون ته جيئن هِن دنيا ۾ امن ۽ آشتي پيدا ٿي سگهي.
    -


    تنهنجي لاءِ ليئا، رهندا منهنجي روح ۾ ! [صادق فقير]

    سنڌ جو ٻيجل، جنهن کي آءٌ سنڌ جو ’وڪٽر هارا‘ سڏيندو هئس، سو سنڌ کي ڏهاڳ ڏئي وڃي بهشت جي هوائن ۾ ويٺو- يعني مٺيءَ جو سج مڪي ۾ غروب ٿي ويو. اُن جو مطلب اِهو ٿيو ته صادق فقير هن ڏهاڳڻ ڌرتيءَ کي سدائين لاءِ ڏهاڳ ڏئي وڃي ملان مبارڪ کي پنهنجو راڳ ٻڌائڻ لڳو آهي. شايد اسان جي پڙهندڙن کي ملان مبارڪ جي موسيقيءَ سان عشق ۽ ڄاڻ بابت خبر گهٽ هجي. ملان مبارڪ سيوهڻ جو رهاڪو هو ۽ ابوالفضل فيضيءَ جو والد هو، جنهن جي نالي کان متاثر ٿي شيخ اياز، فخر وچان چيو هو ته ’منهنجو نالو به مبارڪ آهي.‘ اُن مبارڪ لاءِ مولانا آزاد پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’غبارِ خاطر‘ ۾ لکيو آهي ته: ’اڪبر بادشاهه هن کي ’تان سين‘ جو راڳ ٻڌايو ۽ کانئس ’تان سين‘ جي راڳ بابت راءِ پڇي ته هن سنڌ جي موسيقيءَ جي ماهر، هڪڙي مختصر جملي ۾ جواب ڏنو ته ’بلي! مي سرايت‘ (ها مڙئي رينگٽ ڪريو ٿو وٺي). اگر اهو ملان مبارڪ، صادق فقير کي ٻڌي ها ته يقيناَ اهو جواب ڏئي ها ته ’هيءُ سنڌ جي رڻ پٽ کي زندگيءَ جا ٽهڪ ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو.‘
    راڳ جا ڄاڻو پاڻ کي ’سنگيت پريمي‘ سڏين ٿا، تن کي اها خبر ناهي ته سنگيت، من رس ۽ دماغ رس ته هوندو آهي، بلڪ سنگيت، ڪن رس، اک رس، نڪ رس، ذائقا رس ۽ هٿ رس به هوندو آهي ۽ شاعر اُنهن حواسن سان محسوس ٿيل، ڇُهيل، ٻڌل، سُونگهيل ۽ چکيل شين کي لفظن جا روپ ڏئي، تخيل جي بلنديءَ سان ’زمين تان کڻي ستارن کي پٽي‘ محبوب جي سينڌ ۾ افشان ڪري وجهندو آهي. جڏهن ته ڳائڻو اُن افشان کي محبوب جي چُنيءَ ۾، مُرڪ ۾ ۽ پيشانيءَ جي پگهر جي قطرن ۾ سجائي ڇڏيندو آهي. اسان جو صادق به اهڙو ئي هو، جنهن شيخ اياز، استاد بخاري، اياز گل، ادل سومري، ولي محمد وفا، سائينداد ساند ۽ حليم باغيءَ جي تيز حواسن سان معطر ٿيل شاعريءَ کي، پنهنجي صحيح اُچار ۽ سريلي آواز سان، سنڌ جي هوائن ۾ خوشبوءِ وانگر ڦهلائي ڇڏيو.
    صادق فقير، من- رس کان وڌيڪ حواس رس ڳائڻو هو. هن کي پئسي، دولت ۽ ٻي رنگ رنگيلي دنيا سان چاهه نه هو. هو ڪڏهن ڪڏهن صرف ڪجهه ساڃاهه وند ٻڌندڙن لاءِ سموري رات ڳائيندو هو. هڪ دفعي نصيرآباد ۾ هن ڳايو پئي. گهڻي ڀاڱي ماڻهو اُٿي ويا ته مون کي اُن وقت هڪ سٺي مقرر جا لفظ ياد آيا، جنهن چيو هو ته منهنجي تقرير کان اڳ ۾، ٻن قسمن جا ماڻهو اُٿي وڃن. هڪڙا اُهي: جن تازيون شاديون ڪيون آهن ۽ ٻيا اُهي، جن جي گهرن جا تالا ڪمزور هجن، ڇو ته آءٌ ڪنهن سهاڳڻ جي پِٽَ کڻڻ نٿو چاهيان ۽ نه ئي ڪنهن غريب جي گهر ۾ چوري ڪرائڻ ٿو چاهيان: ڇاڪاڻ جو مون جنهن وقت تقرير شروع ڪئي ته رات پنهنجا ڪارا وارَ ڪنهن سلفيءَ جي لاٽ جهڙي بدن تي ويڙهي ڇڏيندي ۽ سڀڪو اُن لاٽ جهڙي بدن کي ڏسڻ لاءِ مجبور هوندو ۽ اُٿي نه سگهندو‘. پر نصيرآباد جا شايد گهڻا ماڻهو تازا پرڻيل هئا يا سندن گهرن جا تالا ڪمزور هئا، سي گهڻي ڀاڱي اُٿي ويا، پر آءٌ ويٺو هئس ۽ ڪافي ٻيا دوست به ويٺل هئا. تيستائين فجر جي اذان آئي ته هڪڙي ماڻهوءَ رڙ ڪئي ته: ”سائين، مولوي اذان پيو ڏي“، ته ٻئي دوست وراڻيو ته: ”هڪ مُلون اذان پيو ڏئي ۽ ٻيو ملون [مون ڏانهن اشارو ڪندي]، صادق جي سامهون ويٺو ٻڌي“ تنهن تي صادق جواب ڏنس ته: ’هتي ويٺل هڪڙو ئي مُلو منهنجي لاءِ ڪافي آهي‘- ۽ پوءِ صادق ڳايو ۽ اذان پوري ٿيڻ بعد صادق اُٿي روانو ٿيو ۽ اِئين به ڪونه پڇيائين ته اسٽيج تي نوٽ ڪيترا آهن. يا کيس ڪرايو ڏيندا به يا نه! پيسن جي معاملي ۾ ايڏي بي پرواهيءَ جو مظاهرو مون اڳي صرف استاد منظور علي خان ۾ ڏٺو هو ۽ ان کانپوءِ صادق فقير ۾.
    استاد منظور علي خان وٽ هڪ دفعي آءٌ ۽ مدد علي سنڌي، ٽنڊي آدم وياسين ۽ چيوسين ته: ’اوهان کي رهبر سنڌ [سائين جي. ايم سيد] اڄ بٺوري گهرايو آهي. اتي يومِ لطيف آهي.‘ اسان ويٺا ئي هئاسين ته هڪ شاندار ڪارِ استاد جي دروازي تي اچي بيٺي. استاد کانئن اچڻ جو سبب پڇيو. هنن جَواب ڏنو ته ’اسان کي ملڪ جي هڪڙي وڏي ماڻهوءَ موڪليو آهي، هن پنهنجي ڳوٺ ۾ سفيرن جي دعوت ڪئي آهي ۽ اوهان کي اُتي ڳائڻو آهي.‘ اُستاد منظور کيس چيو ته: ’بابا مون کي بٺوري وڃڻو آهي، اُن جي لاءِ هي ماڻهو آيا ويٺا آهن.‘ ايندڙ همراهن چيو ته ’سائين سوچيو، ڀلا بٺوري ۾ اوهان کي ڇا ملندو؟‘ استاد وراڻيو ته: ’اهو سوچيان ها ته شڪارپور ڇڏي، ڀٽائيءَ جي ڀرسان ٽنڊي آدم ۾ اچي نه رهان ها‘- ۽ پوءِ استاد اسان سان گڏ هليو، اسان وٽ گاڏي نه هئڻ سبب سنڌ جو مها ڳائڻو اسان سان گڏ بس ۾ سفر ڪري بٺوري پهتو ۽ بٺوري ۾ ڳائيندي، جڏهن هن سچل جو اهو شعر پڙهيو ته:
    ’هڪ جوءَ ٻي جوءِ، ڇڏين ڪين جوان .
    اُهي ڀي انسان، جي ننگن تان نثار ٿيا.‘

    تڏهن سائين جي. ايم. سيد اسٽيج تي ويٺي روئي ڏنو، جنهن تي اُستاد منظور علي خان مون کي چيو ته: ’اهڙو داد مون کي سفيرن جي دعوت ۾ ڪونه ملي ها. اِهي لڙڪ ناهن، پر موتيءَ داڻا آهن!‘ واقعي موتيءَ داڻن جو قدر پارکوءَ کي ئي هوندو آهي. اهڙيءَ ريت صادق جو هڪ واقعو مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته ٿر ۾ هڪ پٽيل جي شاديءَ ۾ صادق دل کولي ڳاتو ۽ مٿس نوٽن جي برسات ٿي وئي، پر راڳ ختم ٿيڻ تي صادق هڪڙو نوٽ به نه کنيو. جنهن تي اسان کانئس سبب پڇيو ته هن وراڻيو ته ’ڳائڻ تي پيسا وٺڻ مون کي شرم ٿو اچي.‘ اهو هو اسان جي ٿر جو ٻاٻيهو صادق، جنهن جي يادگيرين جا مون وٽ دفتر ڀريل آهن، پر بي چاڪائيءَ جي ڪري ايترو لکان ٿو: شيخ مجيب، شيخ اياز جي ڪلام جي هيءَ سِٽ ’نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي، دوکي جي ديوار‘ٻڌندي هڪ ڀيري چيو هو ته ’جي. ايم سيد! سنڌ ۾ اهڙي شاعري هوندي، سنڌ جا مرده ڇو نٿا جيئرا ٿين.‘- ۽ آءٌ به اڄ حيران ٿي چوان ٿو ته ٿر ۾ اياز جي شاعري ۽ صادق جو آواز هو، پوءِ به ٿر ۾ ڏڪار ڇو ٿي پيا!
    -


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 741
    ڪتابن جو مشاهدو: 1149972
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 368045
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ