ڪتاب جو نالو: لِڱ منھنجا لوھه
مصنف: اشرف دھقاني / محبوب علي راھوجو
ڇپائيندڙ: عظمت ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1985
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 22 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 520 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 333 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ايران جي تاجدار بادشاھه سمجھيو ھو ته عوام ته اٻوجھ آھي، انھن کي پنھنجن حقن جو ڪھڙو شعور؟ پر جي ڪڏھن عوام پنھنجا حق گھريا به، ته وفادار فوج کين نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندي!. ايران جو عوام به نيٺ سجاڳ ٿيو ۽ جڏھن عوامي فوج، آزاديءَ جي متوالن جي فوج ميدان ۾ اچي ويئي، تڏھن شاھه جي جديد ترين ھٿيارن سان مسلح فوج به سندن راھه نه روڪي سگھي ۽ ايران ۾ عوامي عوام جو اقتدار قائم ٿي ويو. پاڻ کي ذري گھٽ خدا سمجھڻ وارو شاھه جان بچائڻ لاءِ دنيا ۾ ھنڌ ھنڌ پناھه جو طالب ٿي ڦرندو رھيو، پر نه کيس ڪٿي پناھه ملي سگھي، نه ذھني سڪون! نيٺ پرڏيھ ۾ گذاري ويو- ۽ دنيا جي امير ترين شخص کي سندس وطن ۾ قبر به نصيب نه ٿي.
عوام جي انھيءَ جنگ جو نالو آھي ’لِڱ منھنجا لوھه‘ شاھه جي فوجن، آزاديءَ جي متوالن تي ڪھڙا ڪھڙا ظلم ڪيا، ۽ ھو پنھنجي مقصد تي قائم رھي، منزل تائين ڪيئن پھتا، اھوئي سڀ ڪجھ ھن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • لِڱ منھنجا لوھه
  • مھاڳ
  • تعارف
  • باب پھريون : جان جان دعوا دم
  • باب ٻيون : گرفتاري ۽ اذيتون
  • باب ٽيون : عذاب گھر جون اذيتون
  • باب چوٿون : وڌيڪ گرفتاريون
  • باب پنجون : ساٿي بھروز دھقانيءَ جي گرفتاري، اذيتون ۽ شھادتون
  • باب ڇھون : ”اڏام لاءِ سوچ- پڃرو فاني آھي“
  • باب ستون : قيد تنھائيءَ جون يادگيريون
  • باب اٺون : ٻيھر اِيوين ۾ نفسياتي اذيتون ۽ ڪجھ ساٿين سان ملاقاتون
  • باب نائون : قيد مان ڀڄڻ
  • باب ڏھون : جدوجھد جو طريقو

  • لِڱ منھنجا لوھه

    لِڱ منھنجا لوھه (ناول)


    اشرف دھقاني
    -------------------
    سنڌيڪار : محبوب علي راھوجو


    عظمت ادبي اڪيڊمي، حيدرآباد
    مارچ 1985


    ڪمپوزنگ: شاھنواز سومرو
    2014


    مھاڳ

    ايران جي تاجدار بادشاھه سمجھيو ھو ته عوام ته اٻوجھ آھي، انھن کي پنھنجن حقن جو ڪھڙو شعور؟ پر جي ڪڏھن عوام پنھنجا حق گھريا به، ته وفادار فوج کين نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندي! ۽ انھيءَ سوچ جي مدنظر ھن فوج کي ھر لحاظ کان مضبوط ڪيو ۽ عوام کان ڏور ٿيندو ويو. ظلم جي رات ھميشہ نه رھندي آھي، جيڪي اِئين سمجھن ٿا سي ڀُليل آھن. شعور جو سج نيٺ اڀرڻو آھي. انسان آزاد پيدا ٿيو آھي، کيس ھر صورت ۾ آزادي نصيب ٿيڻي آھي. ڏاڍ ۽ قھر جا ڪوٽ نيٺ ڊھڻا آھن. انصاف ۽ آزادي ھر انسان جو حق ۽ مقدر آھي! ايران جو عوام به نيٺ سجاڳ ٿيو ۽ جڏھن عوامي فوج، آزاديءَ جي متوالن جي فوج ميدان ۾ اچي ويئي، تڏھن شاھه جي جديد ترين ھٿيارن سان مسلح فوج به سندن راھه نه روڪي سگھي ۽ ايران ۾ عوامي عوام جو اقتدار قائم ٿي ويو. پاڻ کي ذري گھٽ خدا سمجھڻ وارو شاھه جان بچائڻ لاءِ دنيا ۾ ھنڌ ھنڌ پناھه جو طالب ٿي ڦرندو رھيو، پر نه کيس ڪٿي پناھه ملي سگھي، نه ذھني سڪون! نيٺ پرڏيھ ۾ گذاري ويو- ۽ دنيا جي امير ترين شخص کي سندس وطن ۾ قبر به نصيب نه ٿي.
    عوام جي انھيءَ جنگ جو نالو آھي ’لِڱ منھنجا لوھه‘ شاھه جي فوجن، آزاديءَ جي متوالن تي ڪھڙا ڪھڙا ظلم ڪيا، ۽ ھو پنھنجي مقصد تي قائم رھي، منزل تائين ڪيئن پھتا، اھوئي سڀ ڪجھ ھن ڪتاب ۾ بيان ڪيل آھي. ڪتاب جو پھريون ڇاپو صرف پندرنھن ڏينھن ۾ وڪامجي ويو ھو ۽ مستقل عوام طرفان ٻئي ڇاپي جي گھر ڪئي پئي ويئي، ته ٻيو ڇاپو حاضر آھي.


    ساٿ سلامت
    عمر ميمن
    04-02-1985ع


    تعارف

    ڦَٽڪي جي ھر وار کانپوءِ نُڪتب آفيسر ڏاڙھيندو رھيو. ”ٻڌائيندينءَ....... ٻڌائيندينءَ.......!“ ايذاءُ حد کان وڌندو رھيو. ڪي گھڙيون اھڙيون به آيون ٿي، جو دل گھرندي ھئي ته ڦٽڪا لڳڻ بند ٿي وڃن، پر عذاب کان بچڻ جي ڪابه واھه ڪانه ھئي. اھي منھنجا جذبا ھئا، مگر آءٌ ڇا پئي ڪري سگھيس؟ ان وقت منھنجي حالت وِيم ڪرڻ واري ماءُ جھڙي ھئي. ڪو وس نه ٿي پڳو. بس ٻار جي پيدائش جو انتظار ھيو. ان وقت ٻار جي پيدائش خود منھنجو موت ئي ھيو ۽ ان جو ئي مون کي انتظار ھيو.
    آھستي آھستي سندن پليت چھرن تي پريشانيءَ جا آثار ظاھر ٿيڻ لڳا. اھو ڏسي منھنجو اعتماد پختو ٿيو. ائين پئي لڳو ڄڻ سندن ڪو ويجھو مائٽ مري ويو ھجي. اُھي وحشي حيوان، ان کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگھيا! انھن لاءِ انتھائي اھم ۽ بدترين حربو ايذاءَ رسائڻ ھو ۽ ھنن اھو آزمائي ڏٺو. اھو طريقو به ڪارگر ثابت ڪونه ٿيو. ڦٽڪا لڳڻ بند ٿي ويا. ھاڻي وري ھنن لوھه جي چمٽن سان منھنجو ماس پَٽڻ شروع ڪيو. منھنجي آڱرين کي چَمٽن ۾ بند ڪري مروڙڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ جُنبي ويا. جيتري زور سان منھنجون آڱريون مروڙي رھيا ھئا، اوتري ئي زور سان پنھنجا ڏند ڀڪوڙي رھيا ھئا. دڙڪا ڏيڻ لڳا ته تنھنجا ننھن پاڙان ڇڪي پٽينداسون، پر پٽيائون ڪونه. ممڪن ھو ته ھنن ايذاءَ رسائڻ جو ڪوبه طريقو ڇڏڻ نه ٿي گھريو.
    سازمان چريکائي فدائي خلق (فدائين خلق جي ھٿياربند تنظيم) ايران جي عوامي فوج جي عظيم ڪارڪن اشرف دھقاني، ساواڪ (سازِمان اطلاعات و امنيت ڪشور يعني شھنشاھه ايران جو ڳجھو پوليس کاتو) جي ھٿان ٿيل تشدد جو داستان بيان ڪيو آھي. ايران جي عوامي مجاھدن، رضا شاھيءَ جو، جنھن نموني ڄمي مقابلو ڪيو، ان جو انساني تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آھي. اھو اسانجي علائقي ۽ دنيا جي آزاديءَ جي جدوجھد جو اڻ وسرندڙ باب آھي.
    آمريڪي سامراج ۽ سندس مقامي دلالن، ايران ۾ تاريخ جي بدترين ۽ وحشتناڪ آمريت تي ٻڌل رياست قائم ڪئي ھئي ۽ سندن خيال ھو ته ھنن وحشي درندن خلاف ايراني عوام ڪڏھن به اٿندو. ان اُونداھيءَ واري دؤر ۾ ”فدائين خلق“ ھيءُ نظريو پيش ڪيو ته اسان قرباني ڏيئي، شاھي جلادن کي اگھاڙو ڪنداسين، مٿن ھٿياربند حملو ڪري، اسين عوام کي ڏيکارينداسين ته فرعون ناقابل شڪست ناھن پر کين نيست ۽ نابود ڪري سگھجي ٿو. سندن ايمان ھو ته عوامي جدوجھد ذريعي رضا شاھيءَ جو رعب ۽ دٻدٻو ختم ٿي ويندو. عوام آزاديءَ جي جنگ لاءِ اٿي کڙو ٿيندو ۽ ايراني قوم جاڳي اٿندي. ايراني عوام جو سامراج دشمن ۽ شاھي آمريت خلاف اٿيل طوفان، انقلاب ۾ فدائين خلق جي نظرئي، تخليقن، حڪمت عملين ۽ قربانين جو اھم حصو آھي.
    فدائين خلق 1971ع ۾ اتر ايران جي سياہ ڪل ٻئي طرف پوليس جي ھڪ اڏي تي ھٿياربند حملو ڪري آزاديءَ لاءِ جيڪو شعلو ڀڙڪايو ھو، سو اڄ آمريڪي سامراج ۽ سندس ڏيھي دلالن کي ساڙي رک ڪرڻ وارو کورو بڻجي چڪو آھي. روشن پورھيت عوامي علم ۽ فڪر جي شمع اڄ ايران جي ڪروڙين انسانن جي دلين ۾ روشن آھي.
    اشرف دھقاني جو قصو ايران جي ڀڙڪندڙ انقلاب جو لافاني داستان آھي. ھوءَ آذربائيجان پرڳڻي جي ھڪ مزدور جي ڌيءُ آھي. اشرف جي انقلابي تربيت سندس وڏي ڀاءُ ۽ تحريڪ جي ساٿي بھروز دھقانيءَ ڪئي ھئي. تعليم ختم ڪري اشرف آذربائيجان جي ھڪ ڳوٺ ۾ ماسترياڻيءَ جو پيشو اختيار ڪيو. ٻئي ڀاءُ ڀيڻ شروع کان ئي ايراني انقلابي تحريڪ ۾ شامل ٿيا ھئا.
    بھروز دھقاني آذربائيجان پرڳڻي جي فدائين خلق تنظيم جي اڳواڻن مان ھڪ ھو. ھو چوڏھن سالن تائين آذربائيجان جي ھڪ ٻھراڙيءَ واري اسڪول ۾ استاد ھو. ھو تبريز جي محلي نمبر پنجين ۾ پوليس ٿاڻي تي فدائين جي مسلح حملي وقت گرفتار ٿيو ھو. کيس پوليس انتھائي بي درديءَ سان شھيد ڪري ڇڏيو. مگر کانئس تحريڪ جي باري ۾ ڪوبه راز پڇي نه سگھيا. بھروز دھقاني جي شھيد ٿيڻ کانپوءِ سندس ڪھاڻين جو مجموعو شايع ٿيو، جيڪو ھن آئرلينڊ جي انقلابي شان اوڪيسي جي لکيل ڪتابن جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو.


    باب پھريون : جان جان دعوا دم

    (ڏاگھن، ڏيرن، ڏونگرن، ٽنھي ڏنم ڏُک،
    سي سڀ ڀانيم سُک، ھيڪاند ڪارڻ ھوت جي.)
    ’شاھه‘
    فيبروري 1971ع ۾ سياھه ڪل جو واقعو ايراني عوام جي جدوجھد جي تاريخ جي ھڪ نئين، اھم ۽ فيصلي ڪُن دؤر جي شروعات ھئي. عوام جا بھادر جوان پنھنجي تاريخي فرض ادا ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙا ٿيا ۽ انھن سالن جي ظلم ۽ ڏاڍاين جو ڳَٽ ٽوڙي ڦٽو ڪيو ۽ دشمن جي فرعونيت جو بُت ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. حالانڪ ھن تحريڪ ۾ ڪيترن ئي انقلابين جون جانيون ضايع ٿيون، جن کي حڪومت گرفتار ڪري گولين سان اُڏائي ڇڏيو مگر جدوجھد جي شروعات ٿي چڪي ھئي ۽ جدوجھد ھلندي رھي.
    عوامي عدالت غدار ۽ قاتل جنرل فريسئو تي ڪيس ھلائي کيس قتل ڪري ڇڏيو. دشمن دھلجي ويو ۽ ڏاڍ ۽ ظلم جي حالت ۾ دھشت ۽ دٻاءَ سان خوف ۽ ھراس پکيڙڻ شروع ڪيو. سياھه ڪل جي چند مجاھدن کي مارائي، حڪومت سمجھڻ لڳي ته ھُن تحريڪ کي ڄمڻ شرط ئي چيڀاٽي ڇڏيو آھي. عوامي فوج جي پندرھن نوجوانن کي ھنن گولين ۽ بي رحم تشدد وسيلي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ھو سمجھڻ لڳا ته ھنن عوامي فوج کي ختم ڪري ڇڏيو آھي، جيڪا سندن ڀُل ھئي. جڏھن کين خبر پيئي ته ڏھه جوڌا جوان اڃا زندھه آھن، تڏھن ايران جي تاريخي حالتن ۽ وڌندڙ عوامي اُڀار کي نظر انداز ڪري، شاھه کي اڃا به ذليل زندگي بخشڻ ۽ انقلابين کي گرفتار ڪري مسلح جدوجھد ختم ڪرڻ لاءِ، ساواڪ جا دلال سر توڙ ڪوششون ڪرڻ لڳا. آخرڪار حڪومت ڏھن جوڌن جون تصويرون ڇپرائي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ورھايون ۽ کين گرفتار ڪرائڻ واري کي وڏي رقم انعام طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي. اھي ڏھه انقلابي ساٿي امير پرويز پويان، جاويد صلاحي، حامد اشرف منوچھرڀائي پور، اسڪندر صادقي، نزھت، عباس مفتاحي، احمد زبيروم، محمد سفاري آشتيائي، ۽ رحمت الله پائيروف نظيري ھئا. دشمن ايترو ته بدحواس ۽ نادان ٿي ويا جو سمجھڻ لڳا ته عوام پنھنجي جانباز مجاھدن کي سندن حوالي ڪري ڇڏيندو. اِن حرڪت جو نتيجو اھو نڪتو جو سڄي مُلڪ جي عوام کي خبر پئجي ويئي ته ھتي به ڪا انقلابي فوج موجود آھي ۽ ھٿياربند جدوجھد ڪري رھي آھي. عوام، عوامي انقلاب جي ڏھن اڳواڻن کان پڻ واقف ٿيو. رد عمل ايترو تيز ٿي ويو جو ماڻھن جا سينا جوش وچان ڦاٽڻ لڳا. اشتھار ماڻھن جي گھرن ۾ به پھچي چڪا ھئا. ماڻھن پنھنجن ابن ڏاڏن جي تصويرن سان گڏ ڏھن مجاھدن وارو اشتھار ٽنگي ڇڏيو. پوري قوم ۾ جوش پيدا ٿيو، ماڻھو اميدن سان ٽمٽار ٿي ويا. جانبازن سان سندن پيار ۾ واڌارو آيو ۽ چوڻ لڳا ته، ”اسان جي جان ۽ مال ھليو وڃي ليڪن مجاھدن کي ظالمن جي حوالي ڪونه ڪنداسون. اسان لاءِ مجاھدن جي جان جي بدلي ۾ مليل دولت حرام آھي.“ اھو عوام جو واعدو ھيو، ”ھي ماڻھو ته ويٽ ڪانگ جي مثل آھن.“
    ڪيترائي پڙھيل لکيل نوجوان به متاثر ٿيا ۽ انھن مان ڪافي تعداد به ھٿيار بند جدوجھد ۾ شامل ٿيو. انقلاب پھريائين پُر امن نموني شروع ٿيو. پر ھنن واقعن، انقلابي واٽ تي ھلندڙ مجاھدن کي چقمق وانگر ڇڪيو ۽ تاريخي نتيجي طرف رواني ٿيڻ جو ڏس ڏنو.
    ”فدائين خلق“ ۾ آءٌ، ادا بھروز سان گڏ شامل ٿي ھيس. جڏھن دشمن ھنڌ ھنڌ عوامي جانبازن کي ڳولي رھيو ھو. تڏھن مان به انقلابي ساٿين پويان ۽ بندل سان گڏ رھيل ھيس. اسان کي ڪتابڙا ۽ اعلان، تيار ڪري ورھائڻ جو حڪم مليل ھو. اسان جو اصل فرض اھو ھو پر ضرورت وقت، اسان کان ٻيا به ڪيترائي ڪم ورتا ويندا ھئا.
    ھر ڇاپا مار عمل کان پوءِ اسان وڌيڪ خوش ۽ پُر اميد ٿيندا ھئاسون. اسان کي پنھنجي اختيار ڪيل واٽ جي صحيح ھجڻ ۾ ڪوبه شڪ ڪونه ھو ۽ ھاڻي ھٿياربند جدوجھد رجعت پرستن ۽ سامراج خلاف جدوجھد ڪرڻ جو سچو پچو رستو ثابت ٿي رھي ھئي. پر گھٽ تجربي ھئڻ ڪري، اسان پورو تجزيو نه ڪري سگھياسون ته، ”وسيع عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترو وقت لڳندو.“ جيڪا ڳالھ نظر ۾ ھئي، اھا جدوجھد جو رخ نه پر ان جي رفتار ھئي. ساٿي پويان جي راءِ ھئي ته: ”ھن جدوجھد ھلندي، اسان جي تحريڪ تي حملا ٿيندا، ڪيترائي مارجي ويندا، ليڪن اسان جي تحريڪ پُرامن آھي ۽ ’سازمان چريکائي فدائين‘ کانسواءِ به ھيءَ جدوجھد ٻيون انقلابي تحريڪون جاري رکنديون.“
    14 اپريل 1971ع تي شام جو ساڍي ڇھين وڳي ساٿي پويان، گولاوي، بندل ۽ صلاحي انقلابي اڏو ڇڏي روانا ٿيا، ڇوته ھنن کي ڪتابڙا ورھائڻا ۽ پوسٽر لڳائڻا ھئا. ساٿي بندل ۽ صلاحي ڪونه موٽيا. ٿيو ھيئن جو ھڪ سابق ننڍي فوجي علملدار، ھنن کي ڀِت تي پوسٽر لڳائيندو ڏسي وٺي گوڙ مچائڻ شروع ڪيو. جيئن ته ساٿين کي ان علائقي ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو ڪونه ھو، سو پنھنجي موٽر سائيڪل تي چڙھي اٿي ڀَڳا. ھڪ سوڙھي گھٽيءَ ۾ ڦاسي پيا ۽ اڻ واقف ھجڻ ڪري مُنجھي پيا. اھو فوجي پٺيان شور ڪندو پئي آيو. بدقسمتيءَ سان ان ئي گھٽيءَ ۾ پوليس ٿاڻو ھو. گوڙ ٻڌندي ئي پوليس وارا ڀڄندا آيا ۽ ايندي ئي گولين جو وسڪارو لائي ڏنائون. پوليس وارا گھڻا ھئا ۽ مجاھد ٻه. جنھن ڪري پوليس مٿن غالب پئجي ويئي. نتيجي ۾ ساٿي بندل گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي، بيھوش ٿي ڪري پيو. صلاحي وڙھندو رھيو، ڀڄي ڪونه پئي سگھيو. بارود به ختم ٿي ويس. نيٺ آخري بچيل گوليءَ سان پاڻ کي ماري وڌائين، جيئن دشمن کي بڪواس ڪرڻ جو موقعو نه ملي. ”ڏھن اڳواڻن مان ھڪ اڳواڻ........“
    ساٿي بندل کي پوليس اسپتال کڻائي ويئي. اتي زخمن جي مرھم پٽي ته پري رھيو، اُٿائون دشمن کيس بجليءَ جي تار وسيلي ايذاءَ رسائڻ لڳا. شروع ۾ ساٿي بندل، سخت مقابلو ڪيو، جو خود تشدد ڪندڙ نه حيرت ۾ پئجي ويا. کيس چيو ويو ته جيستائين تون تحريڪ بابت راز نه ٻڌائيندين، تيستائين تنھنجي ٽَنگ مان گولي ڪانه ڪڍي ويندي. ساٿي بندل جواب ڏنو ته، ”گولي توھان جي آھي ۽ راز منھنجو آھي، آءٌ عوام جي امانت ۾ ڪڏھن به خيانت نه ڪندس.“ تڏھن وڃي دشمن کي شرم پيو ۽ پوءِ گولي ڪڍيائونس ۽ مرھم پٽي به ڪيائونس، پر ته به پڇا ڳاڇا جاري رھي. ھڪ ڏينھن ساٿي بندل ٽين ماڙ تان ٽپو ڏنو، جيئن دشمن جي قيد مان ھميشہ لاءِ آزاد ٿي وڃي. پر ھو بچي ويو ۽ فقط ڪجھ ھڏيون ڀڳيون ۽ ڪي ٽانڪا ٽُٽا- وري ھن، پنھنجي ڄڀ ڪَٽڻ جي ڪوشش ڪئي پر دشمن جي نظر پئجي ويس ۽ قابو ڪري ورتائونس- سخت پھرو بيھجي ويو. کيس ائين به چيو ويو ته تنھنجي تنظيم جا سڀ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آھن ۽ توھان سڀني کي گولي ھڻي ماريو ويندو. ھن جواب ڏنو ته: ”اِن ڳالھ جي ڪابه اھميت ڪانھي جدوجھد جاري آھي ۽ جاري رھندي- توھان اسان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري سگھو ٿا، پر اسان کي جدا ڪري نٿا سگھو- اسين اوھان جي آڏو ڪڏھن به ڪونه جھڪنداسون.“
    مسلسل وِيھ ڏينھن ايذائن ڏيڻ جي باوجود کانئس ڪوبه راز پڇڻ ۾ ڪامياب ڪونه ٿي سگھيا. سختين دوران ان گھر جو ڏس به نه ڏنائين جنھن ۾ اسان جو ٽولو رھندو ھو. (دشمن جڏھن اتي حملو ڪيو ته اڏو خالي ٿي چڪو ھو.) ساٿي بندل جي آزاد ٿيڻ جي ڪابه واھه ڪانه ھئي. پوءِ به اسان اھا رات اتي گذاري. ٻئي ڏينھن صبح جو اسان گھر جي صفائي ڪئي ۽ غير ضروري ڪاغذ پَٽَ ساڙي ڇڏيا. ٻنپھرن جو مان ”تبريز“ رواني ٿي ويس. پر ساٿي پويان ۽ ھڪ ٻئي ساٿيءَ ٻي رات به اتي گذاري. جيڪڏھن ساٿي بندل دشمنن کي ان گھر جو ڏس ڏئي ھا ته سندس گرفتاريءَ کان پوءِ، ’ڪوچہ نيروي ھوائي‘ (ھڪ بازار جو نالو) ۾ جيڪو دشمن سان مقابلو ٿيو سو ھن ئي گھر مان وڙھڻو پوي ھا. اھا حقيقت آھي ته ساٿي ’پويان‘ جھڙي انقلابي مجاھد جي زندگيءَ جي ھر گھڙي اسان جي ھلندڙ جدوجھد لاءِ بيحد قيمتي آھي.
    ٻئي ڏينھن ’تبريز‘ جي سڀني ساٿين کي مون ساٿي بندل جي گرفتاريءَ کان آگاھه ڪري ڇڏيو. آءٌ ۽ ساٿي بھروز، لڪي ڪونه ويٺاسون. ٻن ڏينھن کان پوءِ ساٿي پويان سان ٿيل واعدي موجب تھران پھتيس پر ساڻس ملاقات ٿي نه سگھي ۽ واپس تبريز موٽي آيس. ھي سفر ٻن سببن ڪري غلط ثابت ٿيو. پھريون ته ساٿي بندل تي مون کي مڪمل ڀروسو ھو، تنھن ڪري مون کي سندس گرفتاريءَ کان پوءِ يڪدم لڪي وڃڻ کپندو ھو. ٻيو ته مون گھر وارن کي چيو ھو ته آءٌ تھران ۾ پڙھندي آھيان. ان ڪري سال جي وچ ۾ تبريز اچڻ نه گھربو ھو. ٻه ڀيرا تبريز ۾ اچڻ شڪ جھڙي ڳالھ ھئي. ٻئي ڀيري آءٌ سڄو ھفتو تبريز ۾ رھيس ۽ اُتان ئي تھران آيس. ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ساٿي بھروز به تھران پھچي ويو. اسان کي اڃا تائين اندازو ڪونه ھو ته ساٿي بندل اسان جي باري ۾ راز نه ٻڌائڻ ڪري ڪيتري قدر اذيتون سھي رھيو ھو ۽ اسان آزاد گھمي رھيا ھئاسون.
    ساٿي بندل جي گرفتاريءَ کي ويھ ڏينھن گذري چڪا ھئا. مون کي حڪم مليو ته آءٌ گھر مالڪياڻيءَ سان ڀر واري مسجد ۾ ملي حالتن جي خبر چار لھان. پوري طرح جائزو وٺي، ان گھر ۾ رھندڙ ”ساواڪ“ جي ماڻھن تي حملو ڪريون. مان سج لٿي واري نماز دوران مسجد ۾ ويس ۽ گھر مالڪياڻيءَ سان ملاقات ڪيم. ھوءَ ڏاڍي پريشان نظر پئي آئي، جنھن مان ظاھر ھو ته ساواڪ وارا حرامخور سندس گھر ۾ رھندا ھئا. وري جيئن ئي ھن نماز پڙھڻ شروع ڪئي ته مان اتان کِسڪي آيس. بعد ۾ خبر پيئي ته منھنجي ملاقات کان پوءِ جڏھن به ھوءَ نماز پڙھڻ ايندي ھئي ته دشمن سندس چوڪسي ڪندا ھئا ته متان منھنجي ساڻس ٻيھر ملاقات نه ٿئي.
    ھڪ ڏينھن گھڻي مارڪُٽ، اذيت ۽ تڪليف کان مجبور ٿي، ساٿي بندل ساٿي بھروز جا پار پتا ڏنا. ساواڪ جي ڇاڙتن اڌ رات جو اسان جي گھر تي ڇاپو ھنيو. سخت تلاشي ورتائون. منھنجي ماءُ کي ھڪ ڪمري ۾ بند ڪيائون ۽ جيڪو به گھر ۾ داخل پئي ٿيو، تنھن کي به گرفتار ٿي ڪيائون. ٻئي ڏينھن منھنجو ننڍو ڀاءُ محمد گھر نه پھتو، ڇاڪاڻ ته کيس گرفتار ڪيو ويو ھو. ان کان پوءِ ڀاڙيتو غنڊن منھنجي وڏي ڀيڻ جي گھر ڇاپو ھنيو ۽ سندس مڙس ڪاظم سعادتيءَ کي گرفتار ڪري، ساواڪ جي مرڪز ۾ وٺي ويا. ڪاظم فدائين خلق جي مخلص ھمدردن مان ھڪ ھيو. ھو پنھنجي گھر واريءَ ۽ ٻارن سان گھر ۾ ھيو ۽ پاڻ ڪونه لڪايو ھئائين. جڏھن گرفتار ٿيو ته پاڻ کي بيوقوف ۽ بي خبر ظاھر ڪرڻ لڳو، جيئن ساواڪ جا غُنڊا کانئس اسان بابت ڪابه پڇا ڳاڇا نه ڪن. ڀاڙيتو غنڊن گھڻي وٺ وٺان کان پوءِ کيس آزاد ڪيو- ڇو جو کين اميد ھئي ته ھو ساٿي بھروز جي گرفتاريءَ ۾ سندن مدد ڪندو. آزاد ڪرڻ وقت کيس ڌمڪي ڏنائون ته جيڪڏھن تو بھروز جي گرفتاريءَ ۾ اسان جي مدد نه ڪئي ته اسان توکي ٻيھر گرفتار ڪري، اذيتون ڏينداسين. کين اھا خبر پئجي چڪي ھئي ته ساٿي بھروز ويجھڙ ۾ ساڻس ملڻ وارو آھي. ڪاظم اھو ڄاڻي ورتو ته سندس چوڪسي ڪئي ويندي. کيس اھڙو وجھ ئي نه مليو جو ھو ساٿي بھروز کي خبردار ڪري. جنھن رات کيس آزاد ڪيو ويو، ان ئي رات ھن زھر کاڌو ۽ ڪارائين وٽان ھٿن جون رڳون ڪاٽي خودڪشي ڪيائين، جيئن دشمن کي موقعو ئي نه ملي جو ٻيھر کيس گرفتار ڪري، ڪجھ پڇڻ جي ڪوشش ڪن. جڏھن دشمن کي اھا خبر پيئي ته ھو سندس جان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. پر انھن جون ڪوششون ناڪام ويون ۽ ساٿي ڪاظم ايران جي انقلابي شھيدن ۾ شامل ٿي ويو، ۽ سڀ راز سندس سيني ۾ دفن رھجي ويا. دشمن ھن واقعي کان ايترو ته مايوس ۽ پريشان ٿيو جو ڪاظم جي رشتيدارن پاران ڊاڪٽر تي ڪيس ڪيائون، ڇوته ھو ڪاظم جي جان بچائڻ ۾ ناڪام ويو ھيو. سندس جنازو وڏي ڌام ڌوم سان کنيو ويو. سندس جنازي ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. جنازي جي جلوس کي ڇڙوڇڙ نه ڪيائون ڇاڪاڻ جو دشمن ساٿي ڪاظم جي موت جو ذميوار پاڻ کي ٺھرائڻ نٿي گھريو. ڪجھ ڏينھن کانپوءِ ڪيترن ماڻھن کي گرفتار ڪيائون، جنھن جو ٻين ماڻھن تي تمام گھڻو اثر پيو.
    ساٿي ڪاظم حڪومت جي نامرديءَ جو ھڪ ٻيو به ثبوت مھيا ڪيو ۽ اھو ثابت ڪيو ته انقلابين جي مڪمل عزم ۽ ھمت جي مقابلي ۾ ھو ڪيتريقدر نااھل آھن. مرڻ وقت ھن جيڪي لفظ منھنجي ماءُ کي چيا، اھي ھن طرح آھن: ”دشمن منھنجي اولاد کي سخت اذيتون ڏيئي، قتل ڪندو، مگر دشمن کي ڪابه رحم جي درخواست نه ڪجانءِ، کانئس رحم جي خيرات نه گھرجانءِ، ڇوته دشمن وڏو مڪار، عيار ۽ فريبي، دوکيباز ۽ شيطان آھي.“
    اسان جي گرفتاريءَ لاءِ تھران ڏانھن ويندڙ ھر رستي تي سخت چوڪسي رکي ويئي. مون پنھنجي گھر وارن کي چيو ھو ته تھران پڙھڻ پئي وڃان، جنھن ڪري دشمن تھران جي سڀني تعليمي ادارن ۾ جانچ پڙتال ڪئي ۽ رات جو اوچتو ھاسٽلن تي ڇاپا ھڻڻ شروع ڪيا.
    ھڪ ڀيري لومڙ ٻُوٿِي (جيڪا پوءِ منھنجي مٿان نگران مقرر ٿي ۽ مون تي تشدد پڻ ڪيو ھئائين) رات جو ٻي وڳي پوليس جي جٿن سان ڇوڪرين جي مدرسي واري ھاسٽل تي ڇاپو ھنيو. عمارت کي چؤطرف گھيري ۾ ڪري پاڻ ھڪ ھڪ ڪمري ۾ وڃي، ڇوڪرين کي جاڳائي منھنجي باري ۾ پڇڻ لڳي. ڪن ڇوڪرين کي چيائين ته ھوءَ (پاڻ) منھنجي ماسي آھي. ۽ ڪن کي چوڻ لڳي آءٌ (اشراف) سندس ڀاڄائي آھيان. منھنجي ماءُ سخت بيمار آھي ۽ کيس وٺي وڃڻ لاءِ آئي آھيان. ڇوڪرين ڏٺو ته ڪڏھن ماسي پئي چوائي ۽ ڪڏھن مون کي پنھنجي نڻان پئي ظاھر ڪري، اھو معاملو ڇا آھي؟ سو شڪ لاھڻ لاءِ کانئس سوال ڪرڻ لڳيون. ڇوڪرين کي جڏھن پڪ ٿي ته ھوءَ منھنجي مائٽياڻي نه آھي ۽ ڪوڙ پئي ڳالھائي ته کيس ڌِڪا ڏيئي ٻاھر ڪڍيائون. دشمن جي اھا چال به ناڪام ويئي. نتيجو اھو نڪتو جو اوچتو ڇاپن ھڻڻ ڪري، شاگردن جي چڱي اڪثريت تي حڪومت جي ڪارنامن جي حقيقت کُلڻ لڳي ۽ کين اھا به خبر پيئي ته حڪومت ڪيتري جاھل، وحشي ۽ ظالم آھي.

    *


    باب ٻيون : گرفتاري ۽ اذيتون

    (بندي ٻيا قرار، اسين لوچيون لوھه ۾)
    شاھه
    ھن واقعي کان پوءِ اسان نئين سر تنظيم جو جائزو ورتو ۽ انقلابي عمل ٻيھر شروع ڪيو. 13 مئي 1971ع جي صبح جو آءٌ انقلابي مرڪز مان ساٿي بھروز سان گڏ نڪتيس. جيئن اسان دشمن جي ڀاڙيتو سپاھين تي چوڪسي رکي سگھون. مان چونڪ نمبر 21 آذر تي بيٺي ھيس ته اوچتو ٻه ٽي ڪارون منھنجي اڳيان پٺيان بيھي رھيون ۽ انھن مان ڪيترائي ماڻھو لھي، منھنجي چوڌاري ڦري آيا. جيڪو پھريون ماڻھو مون وٽ پھتو، تنھن مون کي وات ھٿ ڏنو ۽ گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين. مون کي کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين، جيئن ڪار ۾ اُڇلائي. نيٺ ٻيا به مِڙي آيا، ۽ سڀئي گڏجي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. سندن مڪار چھرن ۽ ڪَچين گارين مان مون سمجھي ورتو ته اھي ضرور شاھه جا غنڊا آھن ۽ اھو شيوو فقط انھن ئي ماڻھن جو ھو- جيڪا ڳالھ منھنجي سمجھ کان ٻاھر ھئي سا اھا ته ھنن مون کي سڃاتو ڪيئن؟ شروع ۾ مون پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن ۽ حڪومت بابت اڀرندڙ جذبن کي روڪيو. انڪري ته ٿي سگھي ٿو ته ھنن مونکي ٻيو ڪو سمجھي پڪڙيو ھجي. وري سوچيم ھيترن ماڻھن جي ميڙ ھوندي، ھنن ڪاساين جي ور چڙھڻ به ٺيڪ ناھي. مون عام ماڻھن جي سامھون شاھه جي ڀاڙيتو غنڊن جي آڏو ٿيڻ ۽ مقابلو ڪرڻ پنھنجو سڀ کان پھريون فرض سمجھيو. مون وڏي آواز سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ جھٽ ۾ ماڻھن جي وڏي ميڙ کي پاڻ ڏانھن متوجھه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. ڀاڙيتو غنڊن جي اھا غلط فھمي ھئي ته ھو مونکي آسانيءَ سان کڻي ڪار تائين پھچائيندا- مان گوڙ ڪندي رھيس ۽ پنھنجو بچاءُ به ڪندي رھيس. ساواڪ جي غنڊن کي لتون ۽ مُڪون ھڻڻ سان گڏوگڏ سندن ھٿن ۽ ٻانھن ۾ چَڪ به پائيندي رھيس. شاھه جا ڇاڙتا ۽ ساواڪ جا غنڊا گڏجي زور لڳائي مون کي قابو ڪرڻ ۽ عوام جي ميڙ کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جنبي ويا. پر عوام جو مجموعو جيئن پوءِ تيئن اسانجي چوڌاري ويجھو ٿيندو ويو ۽ گھيرو تنگ ٿيندو ويو. يڪدم ميڙ ۾ مونکي ھڪ منحوس چھرو نظر آيو ۽ مونکي خبر پيئي ته ھنن مونکي ڪيئن سڃاتو.
    ساٿي بندل جي گرفتاريءَ کانپوءِ اسان يڪدم پنھنجي رھائشگاھه تبديل ڪئي ھئي. مان ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي ڀاءُ وٽ رھندي ھيس. جنھن جو سياست سان ڪوبه واسطو ڪونه ھو. اُن ئي گھر ۾ ھڪ ٻيو به مسواڙي رھندو ھو. ھن پنھنجي باري ۾ ٻڌايو ھو ته ھو سرڪاري ملازم آھي، ڪيترائي ڀيرا ھن مونکي ادا جي گھر ۾ ڏٺو ھو ۽ ٻه ڀيرا يونيورسٽيءَ جي علائقي ۾ ڏٺو ھئائين. مان تنظيمي ڪم جي سلسلي ۾ يونيورسٽي ويندي ھيس. جڏھن تبريز ۾ اسان جي گھر تي ڇاپو ھنيو ويو ته ساواڪ جي غنڊن کي منھنجي ھڪ تصوير ھٿ آئي، جيڪا ھنن پنھنجي دلالن ۾ ورھائي ڇڏي ۽ اھو سرڪاري ملازم به انھن جو ئي پاليل ھڪ دلال ھو. منھنجي گرفتاريءَ دوران شاگردن جي ھڪ وڏي ھڙتال ختم ٿي چڪي ھئي، ڇوته يونيورسٽيءَ وارو علائقو جاسوسن سان ڀريل ھو. ڏوھه منھنجو ھو جو مون حالتن جو چڱيءَ طرح جائزو ڪونه ورتو ۽ ان علائقي ۾ ھر روز ايندي ھيس. ظاھري طرح بنا ڪنھن مقصد جي اتي بيٺي ھوندي ھيس ۽ سندن نظرن ۾ اچي ويس.
    جڏھن آءٌ شاھه جي ڇاڙتن سان مقابلو ڪري رھي ھيس ۽ ھو منھنجي وڌيڪ ويجھو آيا ته مون اھو منحوس چھرو ڏسي ورتو جيڪو پاڻ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو، جيئن مان کيس سڃاڻي نه سگھان ۽ سندن ظلم کان ڊڄي وڃان. ھو اھو تاثر ڏيڻ پيا گھرن ته، ”اسان وڏي طاقت رکون ٿا، اسان سڀ ڪجھ ڄاڻون ٿا ۽ ڪجھ به اسان جي نظر کان ڳجھو ڪونھي.“ آخر ھو به اچي ھنن سان مليو. سندس چھرو ڪيڏو نه بڇڙو ھو! اھا ويڙھه اٽڪل پندرھن منٽ ھلي. منھنجا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا. سَتُر ظاھر ٿيڻ لڳو، پر پوءِ به منھنجي جسم ۾ وڏي قوت ھئي- سڀني گڏجي مون کي قابو ڪيو ۽ ھڪ ڪار ۾ اڇلايائون. ليڪن مان اڃا ويڙھه ڪري رھي ھيس. ايتري قدر جو مون کي پنھنجيءَ طاقت تي حيرت ٿيڻ لڳي. ھو اڃا تائين مون کي قابو ڪري نه سگھيا ھئا. جڏھن آءٌ ھٿ پير ھلائي ڪونه ٿي سگھيس ته کين چَڪ پئي پاتم ڇاڪاڻ ته ساواڪ جو غنڊو مسلسل منھنجي آڱر کي چٻاڙي رھيو ھو. ٻيو وري پستول سڌو ڪري بيٺو ھو ۽ مونکي مارڻ جي ڌمڪي ڏيئي رھيو ھو. اُن غنڊي جي ان حرڪت تي مونکي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ جيئن تيئن ڪري ھڪ ٽَنگ ڇڏائي، تمام وڏي زور سان کيس لت وھائي ڪڍيم ۽ پستول ھيٺ ڪري پيس ۽ ھو پستول جي مٿان ڪري پيو ته متان پستول منھنجي ھٿ نه اچي وڃي. ايتري ۾ منھنجي ٻي ٽَنگ به آزاد ٿي ويئي. ۽ مون زور سان ڪار جي پوئين شيشي کي لت ھڻي، شيشو ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. ھاڻي ھنن مونکي چڱيءَ طرح قابو ڪري ورتو. منھنجو ڪوبه عضوو چُري پُري ڪونه پئي سگھيو. سواءِ ڪَنڌ جي. جيئن ئي مون ڪَنڌ مٿي کنيو، مونکي ھڪ بس نظر آئي. ھميشہ وانگر اھا ماڻھن سان ڀريل ھئي. بس جي درين مان مايوس ۽ ڏٻرا چھرا ٻاھر ڏسي رھيا ھئا. اھا بس شھر جي ڏاکڻين علائقي جي غريب ماڻھن جي ڳوٺن کان اچي رھي ھئي. مون سوچيو شايد مان آخري ڀيرو مزدورن کي ڏسي رھي آھيان. ھنن مونکي ڪونه ڏٺو، پر مان ڪنڌ مٿي ڪري لوڏي رھي ھيس ته مان ساڻن ھميشہ محبت ڪندي رھنديس ۽ ھو منھنجو قدم ڪڏھن به پٺتي ڪونه ڏسندا.
    مونکي اھو سوچي ڏُک ٿي رھيو ھو ته انقلاب لاءِ پنھنجا فرض چڱيءَ ريت ادا ڪرڻ کانسواءِ پڪڙي ويئي آھيان. وري سوچڻ لڳيس ته گھٽ ۾ گھٽ اذيتن سھڻ مھل ته مان پنھنجو فرض پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رھنديس.
    جاسوس پوليس کاتي جي دفتر جي آڏو ڪار بيھي رھي. ڪار مان گھليندا ھو اندر وٺي وڃڻ لڳا. مان ھٿ پير ھڻندي ۽ شور مچائيندي رھيس، انھن مان ڪي ڌِڪا به ڏيئي رھيا ھئا. ائين ئي ھو تيزيءَ سان ڌڪا ڏيندا جڳھ ۾ اندر وٺي ھليا. اوچتو ڪنھن پٺيان زور سان لت ھنئي، مان مُنھن ڀر فرش تي ڪري پيس. وري ٻيھر مونکي اٿاري بيھاريائون ۽ اڳتي ڀاڄ ڪندا، گھليندا ھليا. ان حالت ۾ اسان جاچ واري ڪمري ۾ پھچي وياسين.
    چيائين، ”......... (ڪچيون گاريون) ......... امواد غلي ڪٿي آھي؟ (ساٿي جاويد صلاحيءَ جي نالي) .........توکي خبر آھي ته اسان فرمودي سان ڇا ڪيو؟......... تو ڪيترا ٻار ڄڻيا آھن؟.......... تنھنجو بڪواسي چاچو پويان ڪٿي آھي؟“ ھڪڙي منھنجي تصوير ڏيکاريندي (جيڪا ان وقت جي ھئي جڏھن مان اسڪول ۾ پڙھندي ھيس) رڙ ڪري چيو ”ڏس ھيءَ ڪير آھي؟“ تصوير جي پٺيان ڪي لفظ لکيل نظر آيا، ”ھن کي فلاڻي قسم ڪوٽ پاتل ھو.“ھاڻي مون پنھنجي ڪوٽ ڏانھن نھاريو. صاف ظاھر ھو ته ھو اسان جي گھر ويا ھئا ۽ جيڪو ڪجھ چئي رھيا ھئا، اھو سندن معلومات جي دائري اندر ھو. ھاڻي مونکي پنھنجي جذبن کي لڪائڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه ھئي. مونکي ساڻن نفرت آھي ۽ ان طبقي کان به نفرت ھئي، جنھن جا ھو غلام آھن. ”توھان کي مرڻ کپي. ذليل ڏوھاريو...... عوام دشمنؤ....... حرامخورؤ توھان مزدورن جو رت چوسي رھيا آھيو.......“ پوءِ وري مونکي نظم جون ھي سِٽون ياد آيون:-
    ھر دل جي سدا آ،
    ھر زبان تي آہ آ،
    ھي نظام ٽُٽڻو آ،
    بالشويڪن جيان،
    وڙھندا رھنداسون،
    اسان جي دلين ۾،
    ڀنڀٽ ڀڙڪي اُٿيا آھن.
    جي جلائين ٿا دشمن جو چھرو.
    ھو مون تي وڌيڪ مڇرجي ويا. لتون، مُڪون، ٺونشا ۽ چماٽن جا وسڪارا لائي ڏنائون. ھڪڙو ٿڪجي ٿي پيو ته ٻئي پئي وارو ورتو. منھنجا ڪپڙا ذرا پرزا ٿي ويا. موچڙا وسندا رھيا. ڪجھ دير کان پوءِ ’ختائي‘ جاسوس پوليس جو سربراہ جيڪو شاھه جو ويجھو عزيز پڻ ھو، ظاھر ٿيو- ٻين کي پري ڪندي چيائين ”ھيءَ ڪھڙي بدتميزي آھي؟........ ڇا ماڻھن سان سلوڪ رکڻ نٿا ڄاڻو؟- ھن کان توھان کي ڇا وٺڻو آھي؟- ھن جو پتو؟- ان جي ڪابه اھميت ڪانھي. اھو ته مار کانسواءِ ۽ شور مچائڻ بنان به وٺي سگھجي ٿو.“
    ماضيءَ ۾ بھروز ۽ ٻين ڪيترن ئي ساٿين کي ڪيترا ڀيرا ساواڪ جي مرڪز ۾ وٺي ويا ھئا. انھن سان جيڪو سُلوڪ ڪندا ھئا، تنھن کان مان پوري طرح واقف ھيس مونکي دشمن جي چالاڪين ۽ اٽڪلن جي خبر ھئي. اذيتن ڏيڻ کان پوءِ ڪجھ نرم به ٿيندا ھئا. ختائيءَ جي چھري جي گرمجوشي، سڪون ۽ مھذب لھجي ڪري، مان بلڪل متاثر ڪونه ٿيس ۽ مون ڏانھس ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو. ڇاڪاڻ ته ھو دشمن ھو. ۽ ايترو ئي ڪميڻو ھو جيترا ٻيا ڀاڙيتو دلال ھئا. پنھنجو ھيبتناڪ ڏوھاري چھرو انسانيت جي نقاب پٺيان لڪايو ويٺو ھو- چوڻ لڳو: ”اسان کي ائڊريسون ٻڌاءِ، اسان تنھنجي چڱائيءَ ۾ آھيون. تنھنجا دوست جيترو جلد گرفتار ٿيندا، اوتروئي انھن لاءِ سٺو ٿيندو، ڇوته ھو وڌيڪ ڏوھه ڪري نه سگھندا. اھا ڪيتري نه شرم جي ڳالھ آھي ته ايترا سٺا ۽ تعليم يافته نوجوان مفت ۾ ماريا وڃن!“
    ھن مڪروہ ۽ وحشي جانور جي مڪاريءَ تي مونکي سخت ڪاوڙ آئي ۽ منھنجو رت ٽھڪڻ لڳو. سندس تقرير کي اڌ ۾ ڪَٽيندي مون چيو: ”انسان دشمن! مان توھان جي ڳالھين ۾ آسانيءَ سان ڪونه اينديس. آخري پساھن تائين ويڙھه جاري رکنديس.“ سندس مھربان ۽ شريف چھري جو رنگ پِيلو ٿي ويو ۽ نيٺ اصليت ظاھر ڪيائين: ”جھنم جي حوالي ڪريو ھن ....... (ڪچيون گاريون) .......“ سندس ڇاڙتن مونکي ھڪ کٽ سان ٻَڌي ڇڏيو. سڄو ڪمرو ھنن سان ڀريل ھو ۽ ھو تماشي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا. ھڪ انقلابي ڇوڪريءَ تي تشدد ڪرڻ ھڪ تماشو ھو. ھنن مان ڪجھ خاموش ھئا. ڄڻ ڪجھ به ڪونه پئي ٿيو. جنھن لاءِ مونکي ڏاڍي حيرت ٿي. مان تصور به ڪري نه پئي سگھيس ته ھي موذي ايتريقدر به نرم دل ٿي سگھن ٿا. اھو ڄڻ ھنن لاءِ روز جو ڌنڌو ھو. اصل موذي، ڪيپٽن نڪتب ھو. ٻيا سڀ ھن جي ھيٺان ڪم ڪندڙ ھئا. ھنن منھنجي پيرن جي ترين تي ڦٽڪا وسائڻ شروع ڪيا. تڪليف برداشت کان وڌيڪ ھئي پر نعرن ۽ ترانن مونکي ھمت ڏني. منھنجي لفظن سان ھو وڌيڪ وحشي ٿيڻ لڳا. ھنن اڃا به وڌيڪ زور سان مارڻ شروع ڪيو. جڏھن مون شاہ کي گاريون پئي ڏنيون ۽ کين سچ پئي چيو ته ھو اڃا وڌيڪ بدحواس پئي ٿيا. ھنن جا چھرا اڃان وڌيڪ وحشتناڪ ۽ خوفناڪ نظر اچڻ لڳا. ھنن مان ڪجھ منھنجي ڀرسان آيا ۽ چيائون: ”پاڻ تي ڪجھ ترس کاءُ ۽ سڀڪجھ ٻڌاءِ-“ سندن چھرن جا تاثر ڦٽڪن سان گڏوگڏ تبديل پئي ٿيا. ھنن جي اھا حالت ڏسي (گھڻي تڪليف جي باوجود به) مون سوچيو ته: ڇونه گھڙي کن ساڻن مذاق ڪريان:-
    ”ڪيئن ٻڌايان؟ جڏھن ته منھنجي اکين تي ڪاري پَٽي ٻَڌي وٺي ويندا ھئا ۽ ائڊريسن جي خبر ئي ڪانھي ته مان ڇا ٿي ٻڌائي سگھان؟“
    ھنن سمجھيو ته مان رستي اچي ويئي آھيان سو ڦٽڪا ھڻڻ بند ڪيائون. ”ته پوءِ ڀلا علائقو ڪھڙو ھو؟- ”اھا خبر ڪانھي.“
    ”دروازي جو رنگ ڪھڙو ھو؟- ڇا مٿين منزل ھئي؟- دروازو اتر کان ھو يا ڏکڻ طرف؟“ ”مون کي ڪھڙي خبر؟- منھنجي اکين تي ھميشه پَٽي ٻڌل ھوندي ھئي.“
    ”ھاڻي تنھنجيون اکيون مان کوليندس.“ ختائي ٽوڪيندي چيو ۽ ڦٽڪو ھٿ ۾ کنيائين. انھن مان چند رحمدليءَ جو مظاھرو ڪرڻ لڳا ۽ چيائون، ”پنھنجي حال تي رحم ڪر......“ ھاڻي تڪليف ايتري وڌيڪ ھئي جو برداشت کان ٻاھر..... اذيتون وڌنديون ئي رھيون ..... منھنجو ساھه گھُٽجڻ لڳو ۽ ساھي کڻڻ لاءِ چند منٽن جي واندڪائيءَ جي ضرورت ھئي. ڪجھ سوچڻ جي ضرورت ھئي، مونکي پنھنجي سگھ گڏ ڪرڻ جي گھرج ھئي، ارادي جي قوت کي جاڳائڻو ھو. مون چيو، ”سڙڪ جو نالو..... خاني ..... آبادي آھي.“ ھو ھڪ فاتح وانگر مُرڪڻ لڳا- ”۽ گھٽيءَ جو نالو ڇا آھي؟“- ”معلوم ناھي.“ وري ڦٽڪن جو وسڪارو ٿيو. آخر مان آھستي آھستي من گھڙت ائڊريس ٻڌائيندي رھيس. ۽ ٿورو وچ ۾ خاموش ٿي رھيس ته ڦٽڪن جو وسڪارو ٿي پئي ويو.
    اھو سلسلو ٽي ڀيرا لڳاتار ھليو. فائدو اھو ٿيو جو ھو سمجھي ويا ته مان شڪست قبول ڪري ائڊريس ڪونه ٻڌائينديس ۽ ٻيو ته ھو ان کان وڌيڪ مار ڏيئي ڪونه ٿي سگھيا- ھاڻي ”پڪو ڏس“ ملي ويو ھونِ. رسيون کوليائون ۽ مونکي گھمڻ لاءِ چيائون. مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ سڄي جسم ۾ ھزارين سُيون چڀي رھيون آھن. ھلي به نه پئي سگھيس. پاڻ کي ضابطي ۾ رکڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو. مونکي ٽيڪ ڏيئي ڪمري ۾ گھمائڻ لڳا. ھڪ عورت آئي ۽ منھنجي پيرن تي پٽيون ٻڌائين. ھو سمجھي رھيا ھئا ته مون کين سچو پچو ڏَسُ ڏنو آھي. ھاڻي ھنن جي رويي ۾ ڪجھ نرمي آئي ۽ نرميءَ سان وڌيڪ معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. ممڪن آھي منھنجو رويو ناقابل فھم ھجي. ظاھري طرح منھنجي مقابلي جي قوت ختم محسوس ٿي رھي ھئي، ۽ ھو سمجھي ويا ته ھئا ته کين صحيح ائڊريس ملي ويئي ھئي. مان ايتري قدر نفرت سان ڀريل ھئس جو ساواڪ جو ھر غنڊو مون کي اصلي روپ ۾ نظر اچڻ لڳو، جيڪو مڪار ۽ انسانيت جو ويري ھو.
    ھڪ شخص ڪرسيءَ تي ويٺو ھو. ان ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آئي. پٿر جيان بُت بڻيو ويٺو ھو. سندس اکيون ڪڏھن ڪڏھن بنا مقصد جي ھيڏي ھوڏي ڏسڻ لڳيون ٿي. ظاھر ۾ ھو ساواڪ جو ٺڳ يا پوليس وارو ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آيو. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ کيس ڪو صدمو پھتو ھجي، ھن جو وس ڪونه پئي ھليو، ھن کي زبردستيءَ ڪا ڊيڄاريندڙ فلم ڏيکاري ويئي ھجي. پھريائين مون ڏانھس ڪوبه خيال نه ڪيو. بعد ۾ خبر پيئي ته شاھه جي غنڊن جي وحشت ڏسي، کيس جذبو اچي ويو ۽ ساڻن وڙھي پيو ھو، ھڪڙي سپاھيءَ کي زخمي ڪري، ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر ساواڪ جا غنڊا سندس پويان پيا ۽ گوليون ھلائي کيس گرفتار ڪري ورتائون.
    ساواڪ جا غنڊا جٿو ٺاھي منھنجي ٻڌايل غلط ڏَس طرف روانا ٿيا. آءٌ خوش ٿيس ته ھو غلط ڏس طرف ويا ۽ مون کي ڪجھ سوچڻ جي مھلت ملي ويئي. پوءِ وري افسوس ٿيڻ لڳو، ڇوته اُن علائقي جي پوليس سخت چوڪسي ڪرڻ لڳندي. مون سوچيو، ٿي سگھي ٿو ان علائقي ۾ اسان جا ڪي ساٿي موجود ھجن پر منھنجو خيال غلط ثابت ٿيو.
    مون کي ائين پئي محسوس ٿيو ته منھنجون ٽَنگون ساڻ ڪونه آھن، ٽَنگون مڪمل ننڊ ۾ ھيون ۽ جڏھن مون کي فرش تي اٿاري بيھاريائون ته ھلڻ مشڪل ٿي پيو. ٻن پھرن جو وقت ھو ته ھڪ شخص کاڌي جون ٻه پليٽون کڻي آيو. سندس ھٿن ۾ چمچا ۽ ڇريون به ھيون. انھن مان ھڪ پليٽ ھُن ميز جي پٺيان ويٺل پردي پھريل سوئر کي ڏني ۽ ٻي پليٽ ڀر واري ڪمري ۾ ڪنھن لاءِ ھئي. ھو ڪمري ڏانھن ويندي مون وٽ ٿورو ترسيو ۽ کاڌي لاءِ پڇيائين- مون ڪجھ سوچي ھائوڪار ڪئي ۽ ھو ھليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ کاڌي جي ھڪ پليٽ منھنجي آڏو رکيائين. ميز پٺيان ويٺل سپاھي مون ڏانھن ڏسي رھيو ھو، جنھنڪري مون کائڻ شروع ڪيو ۽ جيئن ئي سپاھيءَ به کائڻ شروع ڪيو ته مون کي موقعو ملي ويو ۽ مون سڌو ويھي، ڇُري کڻي پنھنجي نڙيءَ ۾ ھنئي ۽ اُن کي اڃا به اندر زور ڏيڻ لڳيس ته سپاھيءَ ڏسي ورتو ۽ ڊوڙي اچي ڇُريءَ ۾ ھٿ وجھي، ڇڪي ڪڍيائين. پوءِ ته اچي گاريون ڏيڻ، لتون ۽ مُڪون ھڻڻ شروع ڪيائين. ائين گوڙ تي ٻيا به ٺڳ ڪمري ۾ گھڙي آيا، اُھي به گاريون ڏيڻ لڳا ته مٿان غنڊن جي ٽولي به اچي پھتي، جن کي مون غلط ڏَس ڏنو ھو جنھن مان ھو خوش ڪونه ٿيا ھئا.
    ھاڻي وري نئين سر اذيتون ڏيڻ شروع ڪيائون- ھن ڀيري بجليءَ جون شاڪون ڏيڻ لڳا. ھن ڀيري ننڍڙي ڏنڊڙي جھڙو بجليءَ جو اوزار استعمال ڪري رھيا ھئا. ھو اُن اوزار سان منھنجي بي حرمتي ڪرڻ لڳا. سندن نشانو منھنجو جسم نه پر منھنجو خاص عضوو ھيو. ھنن مونکي بلڪل ننگو ڪيو، گنديون گاريون ڏيڻ ۽ چٿرون ڪرڻ لڳا جيڪو سندن پليت ذھن جو عڪس ھو- ھو منھنجي نازڪ عضون تي بجليءَ جا جھٽڪا ڏيڻ لڳا- اوچتو وري ذليل نڪتب ڪمري ۾ داخل ٿيو. ھو غمگين ۽ پريشان نظر پئي آيو. ”ڪوبه شخص ڪيئن نه ڪميڻائپ ۽ نيچ سطح تي پھچي سگھي ٿو.“ مون دل ۾ سوچيو مگر منھنجي سوچ غلط ثابت ٿي. ھن طبقاتي معاشري ۾ جيڪو شخص پورھيت طبقي سان واسطو رکندڙ ناھي ته اُھو نيچ ۽ ڪميڻو بڻجي سگھي ٿو. ان کان اڃان به وڌيڪ بيڪار ۽ بڇڙي شيء بڻجي ويندو آھي. ۽ نڪتب خود مصيبت ۽ شڪست جو مظھر ھو- اوچتو رڙ ڪيائين، ”توھان بينڪ کي ڌاڙو ھڻڻ پيا چاھيو؟ ھان ..... اسان سڀني کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ .........“ اُن ڏينھن آئيزن ھاور گھٽيءَ ۾ بينڪ کي ڌاڙو لڳڻو ھو- ان جا نشان ذليل نڪتب جي پريشان چھري تي ظاھر ٿي رھيا ھئا- جيتوڻيڪ ڪوبه گرفتار ڪونه ٿيو ھو ۽ ساٿين کي سندن مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ھئي. مون کي ٽن ٽَنگن واري ميز سان ٻڌائون. ذليل نڪتب پنھنجي پتلون لاٿي ۽ منھنجي مٿان چڙھي ويو- سندن ذلالت جي ڪا حد نه رھي. ھنن مون کي ذليل ۽ بدنام ڪرڻ پئي گھريو، منھنجا اعصاب تباھه ڪرڻ ٿي گھريائون. مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، منھنجو ئي خون منھنجي اکين اڳيان وھي رھيو ھو پر ”نه ..... نه ...... مون کي ھر حالت ۾ خاموش رھڻ گھرجي، جيئن کين پنھنجي ذلالت تي شرم اچي ۽ کين احساس ٿئي.“ مون ثابت ڪرڻ پئي گھريو ته ”انقلابي جذبي اڳيان سندن بي حيائي، درندگي ۽ ظلم ڪابه شيء ڪانھي ۽ ان جو ذرو به مون تي اثر نه ٿيو آھي، مون لاءِ ان جي ڪابه اھميت ڪانھي.“ فرق به ڪھڙو ھو، ڦٽڪا لڳن يا برو فعل ٿئي، مون لاءِ ٻئي ھڪجھڙا ھئا، ٻنھي جي پٺيان ھڪ ڳجھو مقصد رکيل ھو ته مون کان ھو راز پڇي سگھن ۽ اھو راز مون وٽ عوام جي امانت ھو ۽ آءٌ ٻَئي عذاب پنھنجي اعليٰ مقصد خاطر برداشت ڪري رھي ھيس. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي کان وڏي جدوجھد ڪرڻ مون پنھنجو فرض پئي سمجھيو. آءٌ اھي راز پنھنجي شاندار انقلابي تحريڪ خاطر لِڪائي رھي ھيس. مون لاءِ اذيتون ۽ ٻيون عقوبتون وقتي ھيون. مون کي مظلوم ۽ پورھيت عوام جو خيال آيو، جيڪي ھڪ ڪلاڪ، ھڪ ڏينھن ، ھڪ سال نه پر سڄي زندگي اھڙا عذاب سَھي رھيا آھن. ھي وحشي سمجھي رھيو ھو ته منھنجي جدوجھد مان لطف حاصل ڪندو. ھڪ ڀيرو وري مقصد ۾ ناڪام ٿيو. ٻيھر مونکي کٽ سان ٻڌي، ڦٽڪا وسائڻ لڳا. ڦٽڪا پراڻن زخمن تي لڳي رھيا ھئا، جنھنڪري تڪليف برداشت ڪرڻ کان ٻاھر ٿي پيئي. ارادي جي قوت تي ڀروسو ڪري، پاڻ کي ضابطي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ پاڻ کي به تماشائي بڻايم ڄڻ آءٌ ڪنھن ٻئي تي ٿيندڙ تشدد ڏسي رھي آھيان. مون کي ڪجھ ڪاميابي ٿي، ليڪن ڦٽڪا ھڪ مادي حقيقت ھئا، ان لاءِ فقط تصور ڪرڻ سان اذيتون برداشت ڪرڻ وس کان ٻاھر ھو. ان ڪري ذھن تبديل ڪرڻ لاءِ مادي حقيقت جي ضرورت ھئي. ھن ڀيري جڏھن تڪليف وڌڻ لڳي ته مون ايپڪ، ريحان، رباب ۽ قاسم جو نالو ورجائڻ شروع ڪيو. اھي مزدور ان ڳوٺ ۾ رھندا ھئا جتي آءٌ پڙھائيندي ھيس. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ آءٌ سندن پريشان ۽ اُداس اکيون ڏسي رھي آھيان ۽ ھو بلڪل منھنجي ويجھو ھئا ۽ ھو به، ڏسي رھيا ھجن ته، ”آءٌ ساڻن ڪيتري محبت ڪريان ٿي. سندن لاءِ ڪيتريون اذيتون سَھان ٿي. ڇا آءٌ ساڻن وفادار رھنديس؟“ مون سوچيو- آءٌ سندن شفيق اکين ۾ اھو ڏسي رھي ھيس ته ھنن کي مون کان ڪھڙي اميد آھي، آءٌ سندن محبت سان ڀريل اکين ۾ اھو پڻ ڏسي رھي ھيس ته شايد ھو سوچي رھيا ھجن ته ڪٿي آءٌ سندن دشمن جي سازشن جو شڪار ته نه ٿي وينديس؟ (مون سندن درد کي ويجھڙائيءَ کان ڏٺو ھو، جنھن ڪري ئي سندن جدوجھد ۾ شامل ٿي ھيس ته جيئن ھو صدين جي غلاميءَ مان آزاد ٿين.) جنھن دشمن مٿن تمام ڊگھي عرصي کان ظلم ۽ ڏاڍ پئي ڪيو. آءٌ ايپڪ جي زخمي ھٿ کي ڏسي رھي ھيس، جيڪو تِريءَ وٽان ڪٽيل ھو ۽ جنھن تي مرھم رکيل به ڪانه ھئي. پوءِ به اُن کان ڪٽيل ھٿ سان محنت ڪرائي ويندي ھئي. مون کي رباب ۽ ريحان جو خيال آيو جيڪي ھميشہ چيلھ جي سور جون دانھون ڪندا ھئا پوءِ به ھو تَرين ڀر نِوڙي زمين کي کيڙيندا ھئا. وري منھنجي سامھون گلنار جو ڏک، زھرا جا ڳوڙھا ۽ قربان جو خلوص ھيو، مرزا جي معصوميت ۽ ٻاراڻي خوشي منھنجي آڏو ھئي، جيڪا مون کي ڏسي، ڊڪندي ايندي ھئي. ۽ ”ماسي اشرف، زندھه آباد!“ جو نعرو ھڻندي ھئي. آئون سندن معصوم خوشي ڏسي، ڊڄي ويندي ھيس. انھن عذابن ۽ اذيتن جو تصور ڪندي ھيس جيڪو سندن منتظر ھو ۽ سندن زندگي برباد ڪرڻ جون جيڪي تياريون پئي ٿيون، اھي ياد ڪري منھنجي دل ڦاٽڻ لڳي ۽ جوش ۾ ڀرجي ويئي. آءٌ جڏھن انھن ماڻھن بابت سوچيندي ھيس، جيڪي اُن ننڍڙي ٻچڙيءَ کي مصيبت ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا. آءٌ ان معصوم کي مرڪندي، ھنج ۾ کڻي پنھنجي دل ۾ قسم کڻندي ھيس ته، آءٌ تنھنجي بچائڻ لاءِ جدوجھد ڪنديس ۽ تو جھڙن ٻين معصومن لاءِ پڻ، جن کي ظالمن قھري زنجيرن سان جڪڙي ڇڏيو آھي. سندن مايوس ۽ ڏُٻرا چھرا منھنجي سامھون ھئا، ڦٽڪي جي ھر وار کانپوءِ آءٌ اُنھن مظلومن جا نالا کڻندي ھيس. مون انھن کي ۽ پاڻ کي پڻ يقين پئي ڏياريو ته مون جيڪو ساڻن واعدو ڪيو ھو سو ضرور پورو ڪري ڏيکارينديس.
    ساواڪ جا ڇاڙتا ان غلط فھميءَ جو شڪار ھئا ته ھو مون کان ھٿياربند جدوجھد ۾شامل ساٿين جا نالا پڇي سگھندا. سندن اھا اميد ڪيتري نه بي بنياد ھئي. پڇڻ لڳا: ٻيو ڪير آھي؟ انھن جا خانداني نالا* ڪھڙا آھن؟“ آخر ڦٽڪا ھڻي ھڻي ٿڪجي پيا. ھاڻي وري ھڪ ٻيو ناٽڪ کيڏڻ شروع ڪيائون. ختائي ريوالور منھنجي سامھون جھليو ۽ گولي ھڻڻ جي ڌمڪي ڏنائين. ھو مون کان فقط چار فوٽ پري ھو. پھريائين مون به سمجھيو ته ھاڻي وقت اچي ويو آھي ۽ مرڻ لاءِ تيار ٿيان. ھن ريوالور جي گھوڙي تي آڱر رکي ته مون به پاڻ کي سِڌو ڪري جھليو ۽ ھو وري کِلڻ لڳو. ھن اھو ناٽڪ ٻه ٽي ڀيرا ورجايو ۽ سمجھي رھيا ھئا ته سندن مسخريءَ ڪرڻ جي ڪري منھنجي بچاءَ ڪرڻ واري قوت ختم ٿي ويندي.
    * اسان جي ساٿين پنھنجا اصل نالا بدلائي آزاديءَ جي مجاھدن جا نالا رکيا ھئا. مثال طور ساٿي جواد صلاحي، حيدر امواد غلي چوائيندو ھو. جيڪو ايراني انقلاب جو ناقابل شڪست مجاھد ھو.

    ____
    * اسان جي ساٿين پنھنجا اصل نالا بدلائي آزاديءَ جي مجاھدن جا نالا رکيا ھئا. مثال طور ساٿي جواد صلاحي، حيدر امواد غلي چوائيندو ھو. جيڪو ايراني انقلاب جو ناقابل شڪست مجاھد ھو.


    باب ٽيون : عذاب گھر جون اذيتون

    (ھي ته پٻ پھاڙ جا اوري،
    پنھل جا پيرا، اڃا به اڳتي.)
    (مجيدي)

    ھڪ ڀيري رات جو وقت ھو، نڪتب پنھنجي عملي جي ڪجھ سپاھين سان گڏجي، مون کي ايوين (رضا شاھي حڪومت جي دلالن ۽ ساواڪ جي غنڊن عذاب ڏيڻ جا ڪيمپ ٺاھي ڇڏيا ھئا. جن مان ”ايوين“ وڏي ۾ وڏو عذاب گھر آھي. ھن عذاب گھر مان ڪوبه ماڻھو راز ٻڌائڻ کان سواءِ زندھه ٻاھر ڪونه ايندو ھو. جيڪو راز نه ٻڌائيندو ھو، ان کي اذيتون ڏيئي يا گوليون ھڻي ماريو ويندو ھو. اشرف دھقاني پھرين انقلابي ڪارڪن ھئي، جيڪا راز ٻڌائڻ کانسواءِ زندھه ايوين کان جيل تائين پھتي.) وٺي وڃڻ لاءِ آيو. کيس قيدخاني جو ھڪ وڏو ڪوٽ ساڻ ھو جيڪو مون کي پارائڻ لاءِ آندو ھئائين. انھن مان جنھن به منھنجي ويجھو اچڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، تنھن کي لَت وھائي پئي ڪڍيم. آخرڪار سڀني گڏجي قابو ڪيو، ڪن ٻانھن کان جھليو ۽ ڪن وارن ۾ ھٿ وڌا. تڏھن نڪتب ڪوٽ پارايو. وري اکين تي ڪاري پٽي ٻڌائون. مون کي کڻي ڪار جي تري ۾ اڇلايائون. ڪار تائين ويندي، مون ساڻن مقابلو ڪيو پر ڪارگر ثابت نه ٿيو. سڀ سيٽن تي ويٺا ۽ پير منھنجي مٿان رکيائون. ٿورو به چُرڻ پُرڻ جي ڪوشش پئي ڪيم ته لتون ٿي ھنيائون. ذليل ۽ وحشي نڪتب منھنجو مٿو پنھنجي گوڏن جي وچ ۾ بند ڪيو ۽ ٿورو به چريس ٿي ته گوڏن جو زور پئي ڏنائين. اھڙي طرح اسان جاسوسي محڪمي کان اِيوين جي عذاب گھر ڏانھن روانا ٿياسين. رستي ۾ مون کي ھڪ برازيل جو ساٿي ياد آيو جنھن ڏندن جي وچ ۾ پنھنجي ڄِڀ ڏئي ڪاٽي ڇڏي ھئي ته جيئن دشمن کي ڪوبه راز ٻڌائي نه سگھي. مون به اھڙي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب ڪونه ٿيس ۽ بھانا ٺاھڻ لڳيس ته ڄڀ ڪاٽڻ سان ڪجھ ڪونه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو راز لکي به ٻڌائي سگھجن ٿا. شايد آءٌ پنھنجي ارادي ۾ ڪمزور ھيس، ان ڪري ئي ڄڀ ڪاٽي نه سگھيس.
    اِيوين ۾ مون کي ھڪ کٽ تي اڇلايائون. اکين واري پٽي به کسڪي چڪي ھئي، جنھن ڪري مون کي عذاب ڏيڻ وارا ”ماھر“ ڏسڻ ۾ پئي آيا. انھن ۾ باندر جي شڪل جھڙو حسين به ھو. ”مون کي ڪٿي وٺي آيا آھيو؟“ مون پڇيو- ”ھي ماڻھو ڪير آھي؟“ ثابتيءَ رعبدار آواز ۾ چيو، ”ھي منھنجا غلام آھن ۽ ھنن جو مون ڪَن ڪاٽيو ھو.“ ۽ باندر جي شڪل واري ڇاڙتي جي سيني تي ھٿ ڦيريندي چوڻ لڳو، ”ھن جي به زبان مون ڪاٽي ھئي.... ھيءَ جڳھ منھنجي آھي ....“
    مون کي چڱي طرح ياد ناھي ته ھن وڌيڪ ڪھڙي بڪواس ڪئي. چرين واريون ڳالھيون ۽ عجيب قسم جي جڳھ ھئي. ھتي وحشي ۽ خونخوار جانور رھندا آھن. پوءِ ھنن منھنجي قد جي ماپ ورتي ۽ مون کي ڪوبه ڊپ ڪونه پئي ٿيو. جوش ۾ ھيس، ھاڻي ڇا جو ڊپ ۽ ڇا جو فڪر- بيوقوفي ۽ واھيات بڪواس ڪرڻ کانپوءِ ماڻھن جا نالا وٺڻ شروع ڪيائين ۽ پڇڻ لڳا ته انھن مان ڪنھن کي به ڏٺو اٿيئي. مون سندن نالن وٺڻ ڏانھن ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو، ڇاڪاڻ ته مون نه ٿي گھريو ته ڪنھن ساٿيءَ جي نالي تي منھنجو رد عمل ظاھر ٿئي. وري پڇيائون ته تون ڪٿي لڪل ھئينءَ؟ مون غلط ڏس ڏنو. ان کان پوءِ اکين تان پٽي کوليائون ۽ ھڪ وڏي ڪمري ۾ وٺي آيا، جتي ھڪ کٽ ۽ ڪجھ ميزون رکيل ھيون.
    حسين جي اکين مان رت پئي ٽِميو- وارن کان جھلي ڪنڌ کي زور سان لوڏيائين ۽ ڳچي مروڙڻ شروع ڪيائين. ھو جھنگلي سوئر وانگر رڙيون ڪرڻ لڳو- سندس رڙين ڪرڻ ڪري ڄڻ ڪن ڦاٽي رھيا ھئا. پنھنجيءَ پرِ ۾ مون کي ڊيڄاري رھيو ھو. نڪتب، حسين زادو ۽ ۽ ھڪ نوجوان ڪمري ۾ آيا، انھن سان گڏ ڪجھ ڀاڙيتو دلال به ھئا- ايندي ئي گاريون ڏيڻ لڳا. ”ھو....... ڪٿي آھن؟“ حسين ٻين کي پوئتي ڪندي، اچي کٽ تي ويٺو- وارن کان جھلي لوڏا ڏيڻ لڳو: ”نظرون ته ملاءِ جاني! نظرون ته ملاءِ ...... “ مون ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ زمين ڏانھن نھارڻ لڳس- ڪڏھن ھيڏي ڪڏھن ھوڏي پئي نھاريم- ھن ڏانھن ڌيان ئي نه ڏنم- بدحواسيءَ مان رڙيون ڪرڻ لڳو- وارن کان جھلي لوڏا ڏنائين ۽ وري به ساڳي بيھودي ڳالھ، ”نظرون ته ملاءِ ..... “ ھي حرامي ۽ وحشي مون کان ڪھڙي اُميد پيا رکن؟ شايد ھو سمجھن پيا ته مون کي اکين سان ھپناٽائيز ڪندا- آخر ڪڪ ٿي، ھُن پنھنجي ماتحت کي ڦٽڪي لاءِ چيو. مون ڏانھن گھُوريندي چيائين، ”مون کي سڃاڻين ٿي؟ آءٌ حسين زادو آھيان، مشھور عذاب ڏيندڙ ۽ جلاد.“ ھنن کي انھن ڳالھين تي فخر ھوندو آھي- پليت چھري تي گھُنڊ وجھندي رڙ ڪيائين، ”ھي ايون آھي ۽ آءٌ اذيتون ڏيڻ جو ماھر آھيان.“ ظاھرظھور ھيبتناڪ لڳي رھيو ھو ۽ ھو سڀ مون کي بيوقوف نظر اچي رھيا ھئا. سندن جسم مان بدبوءِ اچي رھي ھئي پر ڊپ ڪونه پئي ٿيو. ھنن مون کي فرش تي ليٽايو، منھنجا ھٿ کَٽ سان ٻڌائون ۽ ٽَنگن کي جھلي، کٽ کان پري ڇڪڻ لڳا، ڪي منھنجي ڪارائين تي لتون ڏئي بيٺا ۽ حسين زادو منھنجي ٽَنگن تي ڦٽڪا وسائڻ لڳو- ٻيا لتون ۽ مُڪون ۽ گاريون ڏيڻ لڳا، ”چؤ.... ٻڌاءِ ....“ نرميءَ سان چوڻ لڳا، ”چري ڇوڪري ٻڌائين ڇونه ٿي، اجايو پاڻ کي تڪليف ۾ وڌو اٿئي.“
    منھنجي مسلسل خاموشيءَ حسين کي پاڳل ڪري ڇڏيو. ھر ڦٽڪي کان پوءِ وڌيڪ وحشي پئي ٿيو. سمجھ ۾ نه پيو اچيس ته ھاڻي ڇا ڪري. ھر ڦٽڪو وڌيڪ تيز ٿيندو پئي ويو. زور سان رڙيون ڪرڻ ۽ گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين ..... نيٺ ٿڪجي بيھي رھيو. ھنن رسيون ڇوڙيون ۽ چيائون ته ھلي ڏيکار، مگي ٽَنگون بار کڻڻ جھڙيون نه رھيون ھيون. ھنن ڌڪا ڏيڻ شروع ڪيا ۽ مون کي وکون کڻائڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳا. ٻئي حرامزادا بڪواس ۾ شروع ٿيا ته ”ٻڌائين ڇونه ٿي؟ جيڪي ڪجھ توکان پڇي رھيا آھيون. تنھنجا ساٿي ھن وقت اَڏن تان ڀڄي ويا ھوندا. توکي خبر آھي ته اسين ڪيتري قدر ھوشيار آھيون. ھڪ ٻن ڏينھن ۾ سڀ گرفتار ٿي ويندا. تنھنجي ساٿين کي قتل به ڪري ڇڏيندا. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھ آھي جو ھو مفت ۾ مارجي ويندا. سندن والدين جو ڪھڙو ڏوھه جو انھن جي جگر جا ٽڪرا ھيئن بيدرديءَ سان ماريا وڃن. جيڪڏھن تون اسان جي مدد ڪرين ته کين گرفتار ڪري، سمجھائينداسون، اُميد ته ھنن کي عقل اچي ويندو ۽ واعدو ٿا ڪريون ته کين ايذاءَ ڪونه ڏينداسون. اسان کي اھا به خبر آھي ته توکي غلط رستي تي آندو ويو آھي ۽ تون پنھنجي مرضيءَ سان ڪونه آئي آھين. پر ياد رک! نه ٻڌائڻ جو انجام موت آھي ..... موت.“
    سندن بيوقوفيءَ جون ڳالھيون ٻڌي حيرت پئي ٿي. ھنن ڀانيو ٿي ته آءٌ سندن ڳالھين تي اعتبار ڪري رھي آھيان. مون به چاھيو پئي ته ڀَل ڪجھ وقت ائين گپ شپ ۾ گذري ۽ ڪجھ وقت لاءِ اذيتن کان نجات ملي. ھڪ لفظ ڳالھائي، ائين ظاھر ڪرڻ لڳيس ڄڻ سندن سوال جو جواب ڏيڻ واري آھيان، ھاڻي ڪو فيصلو ڪرڻ واري آھيان. ”اِن مان ڪو فائدو ڪونھي، ڇا چوان .... نه .... آءٌ...ڪونه ٻڌائينديس.“ پوڙھو وري ايلاز ڪرڻ لڳو. ”ضرور ٻڌاءِ، چڱو ٿيندءِ، فائدو پوندءِ.“ مون به پنھنجو ڍونگ جاري رکيو. ھو اڃا بس ڪري ته آءٌ وري ٿورو ڳالھايان ۽ پوڙھو وري ايلاز ڪرڻ شروع ڪري- حسين زادو تنگ ٿي پيو ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳو: ”ٻڌاءِ، نه ته ھن ڦٽڪي سان دوزخ ۾ موڪليندوسانءِ.“ ھر ھر ساڳيو جملو چوندو رھيو. مون ڪوبه ڌيان نه ڏنو. ويتر پوڙھي ڏانھن ڏسندي چيم. ”توھان منھنجي ڳالھ تي اعتبار ڪونه ڪندا، ٻڌائي ته رھي آھيان .... گھٽي .... خاني .... آباد .... نه... نه... توھان کي ڇو ٻڌايان ته .......“ مون ڪوڙي ايڊريس ايترا ته ڀيرا ورجائي جو ان تي مون کي به يقين ٿيڻ لڳو. نيٺ گھڻي دير کان پوءِ اھا من گھڙت ايڊريس کين ٻڌايم. ھو به بيزار ٿيا ھئا. ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويا ۽ مون کي ٻيھر کٽ سان ٻڌائون. ھاڻي ھو ھڪ ٿُلھو ڏنڊو کڻي آيا. مون تي ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. عورت جي خاص عضون بابت ڳالھيون ڪرڻ لڳا. غدار ۽ ڀاڙيتو حسين زادو ڪاوڙ مان ڏسي رھيو ھو. سندس چھري تي چرپڻ جا آثار ظاھر ھئا. ھو ڏوھاري شڪل مان صاف وحشي نظر اچي رھيو ھو، پر چھري جي نقاب پٺيان ھو لاچار ۽ بيوس پئي محسوس ٿيو. ڏنڊو ھٿ ۾ کڻي، رڙ ڪيائين ته ”تنھنجي خبر ھي ڏنڊو وٺندو. خبر اٿيئي، تنھنجي لاءِ ڪھڙو عذاب انتظار ڪري رھيو آھي. اسان ھي ڏنڊو تنھنجي خاص عضوي ۾ وجھنداسين.“
    نفرت وچان اندر ۾ باھه لڳي ويئي. مون لاءِ خاموش رھڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو. پر اھو به ڄاڻان پئي ته جيڪڏھن گاريون ڏيندس ته ويتر باھه لڳي ويندن. جڏھن به ڪنھن جي خاص عضوي جو معاملو ايندو آھي ته اميد رکبي آھي ته شديد تڪليف کان ضرور راز اوڳاڇيندو- جيڪڏھن منھنجا ھٿ کليل ھجن ھا ته ڪجھ حرام خورن جون ڳچيون مروڙي ڇڏيان ھا پر مون کي مضبوط ٻَڌو ھئائون ۽ مجبور ھيس. مون کي تمام گھڻي ڪاوڙ ھئي- ھي پالتو ڪتا ۽ بزدل ۽ ڊڄڻا آھن. جڏھن به انقلابين سان ٽڪر ٿيندو اٿن ته جھٽ ڀاڙي ٿيو پون. پر ھن وقت زنجيرن ۾ جڪڙيل، ڪمزور ۽ ھيڻي انقلابيءَ آڏو پنھنجي بھادري ڏيکاري رھيا آھن. ھنن جي بھادريءَ لاءِ ڇا چوان: ھڪ ڪمزور ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيل عورت کي اُبتو ٽَنگي، چئني طرفن کان واري واري سان ڌڪ ھڻڻ، چٿرون ڪرڻ ۽ ڊيڄارڻ لڳا.
    ھنن جي بيحيائيءَ، ذلالت ۽ ڀاڙيائپ جو، نفرت ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪيئن مقابلو ڪري ٿي سگھيس- نيٺ ھن ڏنڊو ھڪ طرف رکيو. نڪتب سَٽ ڏئي ڦٽڪو کنيو، مون سندس چھري ڏانھن نھاريو، مڪروھه چھرو جيڪو ڪيترن بيگناھه مظلومن جي رت سان رڱيل ھو- خبيث، غنڊو ۽ ڀاڙيتو جيڪو عوام دشمن جو غلام ھيو ۽ ٻئي طرف آئون جيڪا عوام سان حقيقي محبت ڪندڙ آھيان ..... مون ته عوام جو ڏک پنھنجي اکين سان ڏٺو ھو ۽ ڪيترائي ڀيرا صدما سٺا ۽ دشمن جي گھري نفرت جي ڪري ڪيترا ڀيرا منھنجي اکين مان ڳوڙھا ڳڙي، ڳلن تان ٿيندا، چولي کي پسائي چڪا ھئا- ڇا منھنجا اھي جذبا اجايا ھئا ..... مطلبي ھئا؟ نه ..... ھرگز نه. مون پنھنجي زندگي عوام جي سُک ۽ آرام حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي ھئي. ايڏي عظيم مقصد لاءِ منھنجي ھيءَ قرباني تمام گھٽ ھئي. مون کي ياد آھي ته جڏھن آءٌ انقلابي ڪتاب پڙھندي ھيس ته عمل دوران ايندڙ مشڪلاتن جي باري ۾ ڪيترائي سوال ذھن ۾ اڀرندا ھئا. پاڻ کان پڇندي ھيس ته، ڇا تون انھن مشڪلاتن جو مقابلو ڪري سگھندينءَ؟ اڳتي پڙھه، نه ته ھيءَ ڄاڻي واڻي بي ايماني آھي جو صرف ذھني سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتاب پڙھيا وڃن ۽ ھاڻي اھي مشڪلاتون منھنجي اکين اڳيان ھيون. ايتري ظلم، ڏاڍ ۽ جبر کي ڏسندي پنھنجي اصول کي وسارڻ سراسر بي ايماني آھي- منھنجي نظر ۾ اصول سان فقط زباني تعلق رکڻ واري جو ڪردار نفرت جي لائق ۽ ڪريل ھوندو آھي. ان عذاب بابت سوچيندي مون کي مٺيان لڳي ۽ آءٌ ھنن جي وحشت بابت سوچڻ لڳيس. ھو غدار، ڀاڙيتو دلال ۽ آمريڪي سامراج جو پٺُو پنھنجي آقا جي ظلم ۽ بربريت کي قائم رکڻ لاءِ ذليل ترين حرڪتن ڪرڻ کان به نٿو ڪيٻائي، ھو مون کان ڪھڙي توقع ٿو رکي ته آءٌ سندس مدد ڪريان، يعني پنھنجي ساٿين بابت کين ٻڌايان جيئن ھو پورھيت عوام لاءِ وڙھندڙ سرويچن ۽ مظلوم عوام جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جا زنجير اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪن؟ جيڪڏھن مون راز ٻڌايو ته ڇا ٿيندو؟ ڪٿي غدار دشمن کي اھو موقعو ته نه ملي ويندو ته ھو اسان جي ھلندڙ جدوجھد کي ڪاپاري ضرب لڳائي؟ ھو ائين ضرور ڪندو. جيڪڏھن مون راز ٻڌايو ته ڄڻ آءٌ شاھه جي ظلم ۽ ڏاڍ جي خدمتگار آھيان. پوءِ ڀلي اھا خدمت ھڪ پَل لاءِ به ڇونه ھجي. پر ھر انقلابيءَ جي زندگيءَ جو ھر پل انقلاب جي خدمت لاءِ گذرندو آھي. پورھيت انقلاب لاءِ- دشمن گھري ٿو ته کيس راز ٻڌايان يعني پنھنجي ساٿين بابت ٻڌايان ته ھو ڪٿي آھن؟ انقلابي اڏا، انھن جا دڳ پيچرا، گَس ۽ واٽون ڏسيان جيئين ھو اسان جي جدوجھد کي ختم ڪري، اڃا به اقتدار ۾ رھن ۽ عوام کي اڃا به وڌيڪ عذاب ڏين.
    ھر ڦٽڪي ھڻڻ کان پوءِ نڪتب رڙ ڪري چوندو رھيو، ”ايڊريس ٻڌاءِ-“ ھاڻي تڪليف جو احساس وڌڻ لڳو ۽ عذاب برداشت ڪرڻ وس کان ٻاھر ھو. ڪا گھڙي اھڙي به آئي ٿي جو چاھيان پئي ته اذيتون گھٽن. مون کين گاريون ڏئي، وڌيڪ ڇِتو ڪرڻ ڪونه پئي گھريو. ھن ڀيري تڪليف کان بي حال ٿي ڪِري پيس، پر ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگھيس- اوچتو سندس چھري تي پريشاني ظاھر ٿيڻ لڳي، ڄڻ سندس ڪو ويجھو رشتيدار مري ويو ھجي. ھنن جي اھا حالت ڏسي منھنجو اعتماد وڌڻ لڳو. ھي وحشي ٻيو ڪري به ڇا ٿي سگھيا. ھنن کي جيڪو ڪجھ ڪرڻو ھو سو ڪيائون. مگر سڀ حربا بيڪار ثابت ٿيا ۽ ڦٽڪا ھڻڻ به بند ڪيائون. ھاڻي وري ھنن لوھه جي چمٽن سان منھنجي جسم جو ماس پَٽڻ شروع ڪيو. منھنجون آڱريون چمٽن ۾ بند ڪري، مروڙڻ لڳا- دڙڪا ڏنائون ته، ”تنھنجا ننھن پاڙ کان ڇڪي پٽيداسون، پر پٽيائون ڪونه، شايد ظلم جي ڪابه نشاني پٺتي ڇڏڻ ڪونه ٿي گھريائون. آخرڪار ھو پريشان ۽ مايوس ٿي پيا. منھنجون آڱريون جيتري زور سان مروڙي رھيا ھئا اوتري ئي زور سان پنھنجا ڏند ڀڪوڙي رھيا ھئا. عذاب ڏيڻ جا ٻيا طريقا به اذيتناڪ ھئا پر ڦٽڪا سڀني کان وڌيڪ آزار پھچائيندڙ ھئا. ھنن جي ڪُوئي جھڙي شڪل تي مايوسي ڇانئجڻ لڳي. ٻين شرمناڪ ۽ بي رحم سزائن سان گڏوگڏ ڦٽڪا پڻ وسائيندا ھئا.
    مون کي حسين اڃا تائين ياد آھي، جنھن جي چھري جون رَڳون ھر وقت ڳوھه وانگر ڦوڪيل رھنديون ھيون. ھو منھنجي جسم ۾ زور سان چمٽو ھڻي، باندر جيتري طاقت سان زور لڳائي، ماس پٽڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. مايوسيءَ وچان منھنجي ڪمزور عضون کي اذيتون ڏيندو ھو جيئن مون کان راز پڇي سگھي.
    ھاڻي ھنن ھڪ صندوقڙي آندي، جنھن ۾ نانگ ڀريل ھئا. ھنن مان ڪي حرامخور ڊپ ظاھر ڪندي، صندوقڙيءَ کان پري ٿي بيٺا. ھراس مان ھڪڙي چيو، ”آءٌ ھن صندوقڙيءَ کي ڏسي به نٿو سگھان، مون کي ڊپ ٿو ٿئي.“ اھڙي طرح ھو نانگن جي دھشت پکيڙي رھيا ھئا، سراسر بڪواس ڪري رھيا ھئا. ھنن صندوقڙيءَ جو ڍڪ ٿورو کوليو ۽ پاڻ پري ٿي بيٺا. ھو ڊڄي رھيا ھئا ته متان ڪو نانگ نڪري ۽ کين ڏنگ ھڻي. ھڪ ذليل غنڊي اڳتي وڌي ڍڪ کي وڌيڪ کوليو ۽ ان مان ھڪ نانگ ٻاھر نڪتو. نانگ ڪمري ۾ رکيل ميزن ھيٺان ھليو ويو ۽ ھو غنڊا خوف ۽ ھراس مان ھيڏي ھوڏي ڀڄڻ ڊڪڻ لڳا. مان ڏسندي رھيس ته ”ھو انساني روپ ۾ ڪيڏا نه خوفناڪ ۽ وحشي حيوان ھئا، بيحيائيءَ جي حد ڪري ڇڏيائون. ھو انسانيت جا ويري ۽ قاتل ھئا.“ انسان ۽ حيوان ۾ وڏو فرق آھي، پر ھي پليت ۽ ذليل انسان، انسانيت مٿان اھڙو ڪارو داغ آھن جيڪو ڪڏھن به ڌوپي نٿو سگھي.
    نيٺ ناٽڪ جي شروعات ٿي، انھن مان ھڪ (جنھن جوڳيءَ جو ويس پاتو ھو ۽ پاڻ کي جوڳي پئي ظاھر ڪيائين) صندوقڙيءَ وٽ آيو ۽ ان کي کولي، منجھانئس ھڪ نانگ کنيائين. نانگ کي منھنجي چھري آڏو جھليائين ۽ پوءِ ان کي منھنجي ڪلھي تي رکيائين. نانگ يڪدم منھنجي ڳچيءَ ۾ ويڙھجي ويو. مون ڄاڻي ورتو ته جيڪڏھن نانگ زھريلا ھجن ھا ته ڏنگ ھڻڻ ۾ دير نه ڪن ھا. جڏھن منجھن زھر ھيوئي ڪونه ته ڏنگ ڪٿان ھڻن. پوءِ انھن کان ڊڄڻ ڇا جو. ھنن پليتن سمجھيو ٿي ته مان ڊڄي وينديس ۽ کين سڀ ڪجھ ٻڌائينديس. ڇاڪاڻ ته سندن نظر ۾ عورت ڊڄڻي ٿيندي آھي. ھنن عورت کي ڪمزور سمجھيو آھي. کين عورت بابت ڪابه ڄاڻ ڪانھي، وٽن عورت جي ڪابه اھميت ڪانھي. اھا سوچ ڪمزور ۽ جاھلانه ذھن جي سڃاڻپ آھي.
    جڏھن ڪنھن عورت کي طبقاتي شعور ملي ٿو ۽ ھوءَ ھڪڙي اھڙي مرد سان ملي ٿي، جنھن کي پڻ طبقاتي شعور حاصل آھي ته اھا عورت سوچ ويچار ۽ عملي طرح طبقاتي سماج جي مدي خارج ۽ پراڻي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ، جان سان ڪفن ٻڌي جدوجھد ڪري ٿي. اُن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ راھه ۾ ايندڙ ھر رڪاوٽ جو سختيءَ ۽ ھمت سان مقابلو ڪري ٿي. ھوءَ پراڻي ۽ بيحيائيءَ واري نظام جي جاءِ تي زندھه رھڻ جو نئون طريقو ۽ نئون سماج اڏڻ ۾ ڀرپور حصو وٺي ٿي، جنھن ۾ ھر انسان پنھنجو اعليٰ مقام ۽ عزت حاصل ڪندا آھن. ان سماج ۾ سڀ انسان آزاد ھوندا آھن، ڪوبه ظالم ۽ جابر ۽ وحشي نه ھوندو آھي. ھر شخص گھڻائيءَ جي فائدن لاءِ سوچيندو آھي ۽ ھڪ ٻئي سان ڀائپيءَ وارو ورتاءُ ڪندو آھي. اھڙيءَ حالت ۾ اھا فقط عورت نٿي رھي جو رجعت پسند ۽ ظالم کيس پنھنجي سيج جو سينگار بڻائين. پر ھوءَ ھاڻي ھڪ ”انسان“ بڻجي وڃي ٿي ۽ آزاديءَ جي گس تي ھلي ٿي، جتي سڀني لاءِ آزادي آھي. ھوءَ اھڙي سماج جي اڏاوت لاءِ مدد ڪري ٿي جنھن ۾ سڀ انسان حقيقي آزادي ماڻين ٿا ۽ ان معاشري جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ مرد توڙي عورتون ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي، ڪم ڪندا آھن. ھي ڀاڙيتو دلال اھڙي پاڪ معاشري جي اھميت کي نه ئي سمجھن پيا ۽ نه وري مون کي اھڙي اميد ھئي. ھو ھڪ ڀيرو وري ناڪام ٿيا. نانگ منھنجي جسم تي گھمندا رھيا ۽ آءٌ اطمينان سان ويٺي رھيس. مون چيو، ”بس! ڇا توھان سمجھيو پئي ته آءٌ ڊڄي وينديس؟“ ھو چوڻ لڳا، ”ڇا ٽھڪندڙ پاڻيءَ واري عذاب جي توکي خبر آھي؟“ جڏھن اسين ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي بوتل تنھنجي خاص عضوي ۾ وجھنداسين ۽ اڃا ته اسان ڪجھ ڪيو ئي ڪونھي. ھي سڀ ٻاراڻو کيل آھي، پر گرم پاڻيءَ جون بوتلون ھن وقت تائين ڪوبه برداشت ڪري نه سگھيو آھي. ھن ڪنگليءَ کي بوتل گھرجي. بوتل .....ھا ....ھا ....ھا .... بوتل .... ھا .... ھا .... ھا .... ٻڌائين ٿي يا اچي گرم پاڻيءَ جي بوتل .... ھا .... ھا .... ھا.... “ سڀ کل ۾ کيرا ٿي ويا.
    وري نئون ناٽڪ شروع ٿيو. حسين زادو، نڪتب، جوان ۽ ٻئي پوڙھا مھربان ٿيو بيٺا ھئا. ھڪ پوڙھي چيو، ”ماڻھو ايترو ته مايوس ۽ مجبور ٿي ويا جو خودڪشيءَ جون ڪوششون ڪرڻ لڳا. مگر خدا جي واسطي ڇوڪريءَ سان ايئن نه ڪجو ڇو ته ھيءَ ايتريون اذيتون سَھي نه سگھندي.“ ۽ ھو وري بوتلون کڻڻ ھليا ويا ۽ جوان تجربي جي بنياد تي نصيحت ڪرڻ لڳو. ”توکي خبر آھي ته آءٌ اوھان جي نظريئي جي عزت ڪريان ٿو. آءٌ نٿو چوان ته تون مونکي اشتراڪي سمجھ، پر آءٌ امام علي رضه جي پيروي ڪندڙ آھيان. اسان به چاھيون ٿا ته غربت، ڏاڍ ۽ ظلم ختم ٿئي، پر ڪم ڪرڻ جو طريقو ھئڻ گھرجي.“ ھڪ ڏينھن ۾ دنيا بدلجي وڃي سا نا ممڪن نه سھي پي مشڪل ضرور آھي. توھان غلط رستي تي ھلي رھيا آھيو.
    پھريائين ماڻھن کي علم..... ”۽ جاوان (آفيسر) ڇڙٻ ڏيندي چيس ته، ’ڪھڙي بڪواس پيو ڪرين‘ ”ھن ڇوڪريءَ جي زندگي تنظيم لاءِ وقف ٿيل آھي.“ ايتري ۾ بوتلون اچي ويون. پوڙھا ٻاھر ھليا ويا. مون کي کٽ سان اونڌو ٻڌائون. بوتلون ويجھو آڻي وري پري ڪيائون. وري بوتلون ويجھو آندائون ۽ سور ۽ تڪليف جون ڳالھيون ڪرڻ لڳا. آخرڪار جنھن بابت ڳالھيون پئي ڪيائون سا حرڪت ........ مگر مون ٻِڙڪ به ٻاھر نه ڪڍي، ھو حيرت ۽ مايوسيءَ وچان بُت بڻجي ويا. ڄڻ راڪاس گھمي ويو ھجي. سچو ڪمرو ويران ٿي ويو ڄڻ ته ڪمري ۾ ڪوبه موجود ڪونھي. صبح به ٿيڻ وارو ھو. آخرڪار خاموشي ٽوڙيائون ۽ مون تي لتن، مُڪن ۽ چماٽن جو مينھن وسائي ڏنائون. شايد آمريڪي پٺو رضا شاھه جو کين اھڙو حڪم ھو ته ھرو ڀرو ڇوڪريءَ کي مارڻو ناھي. پوءِ ڇا ٿيو- مون کي ياد ڪونھي ڇاڪاڻ ته آءٌ بيھوش ٿي وئي ھيس.
    جڏھن مون کي ھوش آيو ته پاڻکي ھڪ سپاھيءَ جي ڪُلھي تي ڏٺم جيڪو جيڪو مون کي جيل ڏانھن کڻي وڃي رھيو ھو. مون ھٿ پير ھڻڻ شروع ڪيا ته سپاھي چنبڙي ويا. ڪن ٻانھن کان ته ڪن ٽَنگن کان پڪڙيو. ايترو سو وجھ مليو جو سپاھيءَ جي ڪَن ۾ چَڪ ھڻي ڪڍيم. وري به لتن، مُڪن ۽ چماٽن جو وسڪارو ٿي ويو- آءٌ ٻيھر بيھوش ٿي ويس. اک کلي ته پاڻ کي کٽ سان ٻڌل ڏٺم. مون کي قميص اھڙي پارائي ھئائون جو جنھن مان منھنجي ڪنوارپ ظاھر پئي ٿي. ھڪ ماريل، لاچار، بيوس ۽ اڌ مئي قيدياڻيءَ جي چوڪسي پنج سپاھي ڪري رھيا ھئا. اھا حالت اُن ڪري ھين جو ھٿياربند جدوجھد سندن ساھه سُڪائي ڇڏيو ھو. ھو ڊنل ھئا. ۽ کين خبر ھئي ته آءٌ ھڪ اھڙي تنظيم سان واسطو رکان ٿي جنھن رضا شاھيءَ جي ظالم حڪومت کي ختم ڪرڻ جو قسم کڻي ڇڏيو آھي. دشمن جي ھراس جو ٻيو سبب ھٿياربند جدوجھد ھئي جنھن سندن دماغ جا پردا خشڪ ڪري ڇڏيا ھئا. ھٿياربند جدوجھد ڪندڙ مجاھدن سان مقابلو ڪرڻ سندن وس کان ٻاھر ھيو.
    ھنن منھنجي تصوير پنھنجي ذھن ۾ نقش ڪري ڇڏي ھئي- مون کي ٻڌايائون ته جاسوس کاتي جو ھڪ ڀاڙيتو دلال مون کي ڏسڻ گھري ٿو. ڇاڪاڻ ته اِيوين مان بغير شڪست جي جيل تائين پھتي آھيان. مون لاءِ اھو به مشھور ڪري ڇڏيائون ته آءٌ جوڊو ڪراٽي جي ماھر آھيان. جيتوڻيڪ ھو غلط ھئا. پر ھنن کي يقين ھو ته آءٌ جوڊو ڪراٽي ڄاڻندي آھيان. ھڪ ڀيري مون قيدخاني جي ھڪ جلاد عورت کان ٻئي جلاد مرد بابت ڳالھ ڪندي ٻڌو ھيم ته اھو جلاد جڏھن به منھنجي کٽ جي ڀرسان لنگھندو ھو ته پستول سنڀالي لنگھندو ھو ۽ کٽ کان ڪافي پري گھمندو ھو. ھاڻي منھنجي اکين اڳيان اوندھه ڇانئجڻ لڳي ۽ جھٽ کن کان پوءِ وري بيھوش ٿي ويس- جڏھن ھوش آيو ته کٽ جي ٻنھي پاسن کان سپاھي ويٺل ڏٺم. ٿوري دير کان پوءِ ھڪ عورت ڪمري ۾ آئي. ”ھيءَ ڪير آھي؟ ڇا ھيءَ اھا عورت آھي، جيڪا نواب صفويءَ جي اڳيان اگھاڙو ناچ ڪندي ھئي؟“ مون نفرت وچان کيس ڏٺو ۽ ٻه ٽي گاريون ڏنيون مانس- جلاد ڪمري ۾ ڀڄندو آيو ۽ چوڻ لڳس: ”پريشان ٿيڻ جي ڪابه ضرورت ناھي، ڊڄ نه ..... ٿورو بداخلاق آھي، نه ته ڏاڍي سٺي ڇوڪري آھي، کيس گمراھه ڪري سندس ذھن ۾ غلط ڳالھيون ويھاريون ويون آھن ۽ وري ھوءَ به ”عقلمنديءَ“ جون ڳالھيون ڪرڻ لڳي. مون وري مٿس چٿرون ڪيون. سندس تقرير اڌ ۾ ڪاٽي چيم پئي ته: ”مون اھا ڳالھ نه سمجھي، وري ٻڌائجانءِ.“ ۽ ھن وري سمجھائڻ شروع ڪيو.


    باب چوٿون : وڌيڪ گرفتاريون

    (ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي،
    آ رَت ۾ خوشبو مينديءَ جي،
    ڪو ڪيئن نه موٽي زندان ڏي،
    ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا-)

    مون پڪو پھ ڪيو ته ڪجھ ٻڌائڻو ناھي- مون کي خبر ھئي ته سڀني ساٿين کي منھنجي گرفتاريءَ جي خبر آھي ڇاڪاڻ ته ان وقت ساٿي بھروز گھڻو پري ڪونه ھيو جڏھن مونکي گرفتار ڪيو ويو ھو- گرفتاريءَ وارو ڏيک ھن سڄو ڏٺو ھوندو. گرفتار ٿيڻ واري وقت کان ٿورو پوءِ آءٌ ڪجھ ساٿين سان ملڻ واري ھيس ۽ ھن اھا جاءِ خالي ڪرائي ڇڏي ھوندي جيڪا اسان جو عارضي مرڪز ھئي. ان کان وڌيڪ اھم ڳالھ ھيءَ ھئي ته دشمن کي ڪوبه راز ٻڌائڻو ناھي ته جيئن دشمن ائين نه سمجھي ته ھو معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي.
    دشمن منھنجي ڀاڄائيءَ کي وٺي آيا جيئن اھا مون کي سمجھائي، جيتوڻيڪ ان کي اسان جي تنظيم بابت ڪابه خبر ڪانه ھئي. دشمنن اسان جي گھر تي ڇاپو ھنيو ۽ ايتري سختي ڪيائون جو ٻارن کي امتحان ڏيڻ لاءِ به نه ڇڏيائون. ھوءَ ويچاري بيٺي پير چوڻ لڳي، .اشرف! ھي توکان ڇا ٿا پُڇن؟ ھنن کي ٻڌاءِ-“ ”ٻڌايانءِ!“
    ”قصو ڇاھي؟“ ”ٻڌ-“ ائين چئي مون ڳائڻ شروع ڪيو.
    ”ڳاٽ اوچو ڪري زندھه رھو،
    ۽ ڳاٽ اوچو ڪري موت کي سامھون ٿيو،
    جيون گھارجي،
    اصول لاءِ،
    آزاديءَ لاءِ،
    ڇوٽڪاري لاءِ.
    ۽ خياتيءَ کي آخري فيصلو ڪرڻو پيو ته ھو نااميد ڀاڄائيءَ کي واپس وٺي وڃي. پوءِ وري ھو ھڪ نقلي دوست وٺي آيا ته نسورو ڪوڙ ڳالھائي، ھن چيو، ’پويان ھڪ ڀيرو بھروز کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو بچي ويو. ھو ٻيھر بھروز کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.“ پويان منھنجي نالي خط ۾ لکيو.
    ”اشرف! اسان جا اختلاف وڌي ويا آھن، مون پڪو پھ ڪيو آھي ته بھروز کي ضرور قتل ڪندس.“ نسورو ڪوڙ، اھا دشمن جي سازش ھئي ۽ سندس ڀاڙيائپ جو ثبوت ۽ سندس وحشي رويي ۽ بي ايمان ذھنيت جو عڪس ھئي. خط ۾ وڌيڪ لکيل ھو ته: ”جيڪڏھن تون ھنن (انتظاميه) سان اختلاف رکندينءَ ته مرندينءَ-!“
    دشمن جا ڇاڙتا نيٺ منھنجي ٻنھي ڀائرن کي به مون وٽ وٺي آيا. ھنن گھڻو ڪونه ڳالھايو- ننڍي ڀاءُ جا ھٿ سڄيل ۽ منھن تي پڻ زخم ھيس. وڏي ڀاءُ کي به معاف ڪونه ڪيو ھئائون. شايد شاھه جا غنڊا اھو ڏيکارڻ پيا گھرن ته ھنن منھنجي سڄي خاندان کي گرفتار ڪيو آھي. ھو جڏھن به منھنجي مائٽن يا دوستن کي وٺي ايندا ھئا ته آءٌ وري دشمن جي اڳواڻن ۽ جرنلن کي گاريون ڏيندي ھيس: ”ھنن کي ڏسو! سامراجين جا پٺو اٿوَ، ڏسو! جيڪي ھميشہ اسان جھڙن مسڪينن جو رت چوسيندا آھن. ھي مفت خور تيستائين زندھه رھي سگھن ٿا جيستائين اسان کين زندھه رھڻ ڏيون. اسان کي گھرجي ته ھنن ذليل ۽ وحشي جانورن کي ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجھي، بند ڪري رکون يا ماري ڇڏيون.“
    اُھا ڪُوئي ٻوٿي عورت سڙي ويندي ھئي ۽ ھوءَ ھرو ڀرو پاڻ کي با اختيار ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي. ھوءَ جڏھن به ڪاوڙبي ھئي ته وارن کان جھلي سَٽون ڏيندي ۽ وار پَٽيندي ھئي. آخت ۾ چماٽون ھڻندي، ايستائين ماريندي رھندي ھئي جيستائين منھنجي نَڪ مان رت نڪري پوي. ڪافي عرصي تائين ھوءَ مون سان اھڙو ورتاءُ ڪندي رھندي ھئي.
    ھڪ رات ھو ھڪ اھڙي سُئي (انجيڪشن) ۽ دوا جي باري ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳا جنھن جي اثر ٿيڻ سان ماڻھو پنھنجي ليکي (نشي ۾) ڳالھائڻ شروع ڪندو آھي. آءٌ وري مٿن ٽوڪون ۽ چٿرون ڪرڻ لڳيس ته: ”اھو ٻاراڻو ناٽڪ آھي،“ جيڪڏھن ڪوبه ڳالھائڻ نٿو گھري ته ان کي ڪابه دوا اثر ڪري نٿي سگھي. جيڪو ھڪ ڀيرو پڪو پختو ارادو ڪري ٿو ته ان کي ڪوبه سندس مقصد تان ھٽائي اھا ڳالھ اڻ ٿيڻي نه ته به تمام ڏکي ضرور آھي. جيڪڏھن اھڙي دوا ھئي ته اڳ ڇونه پئي استعمال ڪئي وئي ۽ توھان کي ھيتري تڪليف ڪرڻي ڪانه پوي ھا. اوھان جو مقصد ڪافي اڳ پورو ٿي وڃي ھا. بيوقوفن وانگر جواب ڏنائون ته، ”اھا دوا تمام گھڻي مھانگي آھي ۽ سڀني تي اھا دوا استعمال ڪونه ڪبي آھي.“ ھاڻي مون کي به ٿورو خيال ٿيو ڇاڪاڻ جو ننڍپڻ ۾ مون کي به ننڊ ڳالھائڻ جي عادت ھئي. ۽ دوا جون ڳالھيون ٻڌي، ڊپ ٿيڻ لڳو ته متان ائين ٿئي جيئن ھو چون ٿا. ان دوران ھو کير کڻي آيا ۽ مون پيئڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ جو مون ڇريءَ سان نڙيءَ کي زخمي ڪري ڇڏيو ھو. صبح جو وري کير کڻي آيا. پھريائين نرميءَ سان پيئڻ لاءِ چيائون، مون انڪار ڪيو. ان تي ڪوئي ٻُوٿيءَ ڇڙٻ ڏني ۽ پيئڻ لاءِ چيو. تڏھن به مون ڌيان ئي نه ڏنو پوءِ ته اچي چماٽن ۽ ڌَڪن سان ورتائين- نيٺ ٿڪجي پئي. لاچار ھو نا اُميد ٿي موٽي ويا ۽ ويندي ويندي چيائون، ”ياد رک! اسان توکي کاڌو ضرور کارائينداسون. ھرو ڀرو نه مڙندينءَ ته اسان توکي ..... پاسي کان کاڌو کارائينداسون.“
    ٿوري دير کان پوءِ ھڪ ڊاڪٽر آيو. کيس گلوڪوس جي ھڪ ٿيلھي ھئي. مون کيس گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. ڊاڪٽر آھستي چيو، ”مون کي گاريون ڇو ٿي ڏين؟ آءٌ جلاد ڪونه آھيان. مختلف سرڪاري ادارن ۾ ڊيوٽي ڏيندو آھيان، جن ۾ ھي ادارو به ......“
    ”شرم نٿو اچيوَ! جلادن ۽ قاتلن جو ساٿ ڏيو ٿا. قاتل ۽ وحشي حڪومت جا پليت غلام پري ٿيءُ. توھان به شاھه جي ظالم حڪومت جي ظلمن ڪرڻ ۾ سندس ڀائيوار آھيو.“ مون سندس جملو اڌ ۾ ڪاٽيندي چيو. ڊاڪٽر ۽ سندس مددگار ڪمپائونڊر مون ڏانھن وڌڻ لڳا ته مون کين لَتون ھڻڻ شروع ڪيون. مٿان وري ڪُوئي ٻوٿي ۽ ھڪ سپاھي ڪمري ۾ گھڙيا. چئني گڏجي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان گوڙ تي ٻه چار ٻيا به سپاھي ڪمري ۾ آيا. سڀني گڏجي سوگھو جھليو ۽ ڊاڪٽر ٻه چار سُيون ھنيون ۽ گلوڪوس جي بوتل پڻ لڳائي. لڳاتار تيرھن ڏينھن مون کاڌي کائڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھو سُين ۽ بوتلن ذريعي خوراڪ ڏيندا رھيا. مون ٻڌو ھو ته جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جي رڳن ۾ ھوا داخل ٿي وڃي ته اھو مري ويندو آھي. ان ڊپ کان آءٌ ھميشہ ڊاڪٽر کي بوتل يا سُئي سولائيءَ سان ھڻڻ ڪانه ڏيندي ھيس. ھو جڏھن به بوتل يا سُئي ھڻندو ھو ته آءٌ چرڻ پُرڻ شروع ڪندي ھيس، جيئن ڊاڪٽر کان غلطي ٿئي. جڏھن پَڪ ٿي ته ڪجھ به نٿو ٿئي ته آءٌ حد تائين خاموش رھڻ لڳيس. پر تڏھن به چرڻ پرڻ کان ڪانه رھندي ھيس، ڇاڪاڻ ته مون نٿي چاھيو ته دشمن کي خوش فھمي ٿئي ته ھن مون تي برتري حاصل ڪئي آھي. اھا ڳالھ سَھپ کان ٻاھر ھئي. اھڙي طرح کاڌي نه کائڻ ڪري آءٌ ڪمزور ٿيڻ لڳيس ۽ منھنجو دماغ چڪر کائڻ لڳو. ان سان گڏوگڏ اکين اڳيان اوندھه اچڻ شروع ٿي ۽ ان وقت ڪابه شيءِ ڏسڻ ۾ ڪانه پئي آئي. خبر ئي ڪانه ٿي پئي ته ڪيترا ڏينھن گذري چڪا آھن. سدائين پليتن ۽ حرامخورن سان ڪمرو ڀريل ھوندو ھو. ڪيئي جنرل مسخرن واري ورديءَ سان ايندا ھئا ۽ ڳالھين ۾ مڃائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. شايد ھو سمجھن پيا ته ڌاتوءَ جي ٽُڪرن سان مون کي قابو ۾ ڪندا ۽ تمغا حاصل ڪندا، جيڪي بھادريءَ ۽ اڳواڻيءَ جي صلاحيتن سان حاصل ڪري نه سگھيا ھئا. اھي تمغا خوشامد، نالائقي ۽ دلاليءَ سان حاصل ڪيا ھئائون، اڄ جيڪا سندن حالت ھئي سا انھن ”اعليٰ صفتن“ جو ڪارنامو ھئي. ماتحت سندن خوشامد ڪندي، ڪونه ڍاپندا ھئا، انھن وردين ۾ ھو چٻرا نظر ايندا ھئا. مون کي مٿن ٽوڪ ڪرڻ يا سندن اصليت بيان ڪرڻ ۾ ڪابه رنڊڪ پيش ڪانه ايندي ھئي، اھو گھڻي ڪوشش ھوندي به پاڻمرادو ٿي ويندو ھو. پر منھن جي پڪائي ڪري، ھو ڪجھ وقت تائين ڳالھائيندا رھندا ھئا. جڏھن به سندن عزت ۽ حڪمرانيءَ تي سخت ”تنقيد“ ٿيندي ھئي سا به سندن ماتحتن جي روبرو ته ھو پنھنجي عزت ۽ حڪمراني جون ڳالھيون بند ڪري ھليا ويندا ھئا ۽ چوندا ھئا ته ”ھي ڇوڪري چري آھي.“ اتي ھڪ بيوقوف نفسياتي ماھر ھوندو ھو جنھن وري محڪمي طرفان اعلان ڪرائي ڇڏيو ته ”آءٌ پاڳل آھيان.“
    مون کي پوليس قيد ۾ ٻه ٽي ڏينھن گذريا ھئا ته خياتي ۽ نڪتب جانچ لاءِ آيا. منھنجي باري ۾ فائيل بغل ۾ ڪري، پاڻ کي اعتماد ۾ رکندي چيائون ته، ”ھن مرحلي ۾ اسان کي ايڊريسون ڪونه گھرجن پر ٻيا به سوال آھن. پھريائين پنھنجو نالو ٻڌاءِ؟“ آءٌ خاموش ۽ نفرت جي نگاھه سان کين ڏسندي رھيس. ھو وري مسخري ڪرڻ لڳا، ھيءَ واقعي پاڳل آھي، ھي اڃا بالع به ڪونه ٿي آھي .... اسان جي اڳيان ليلا خالد بڻجي رھي آھي..... !! ..... !! ..... !! اکيون ڦوٽاريندي چيائون، ”ھاڻي بڪواس ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناھي، تنھنجو سرٽيفڪيٽ اسان وٽ موجود آھي پر اسان تنھنجو نالو تنھنجي زبان سان ٻڌڻ پيا گھرون.“
    ھنن ڀاڙيتو غنڊن، انصاف جي ڪوڙن ٺيڪيدارن ۽ عوام جي غدار دشمنن کي ڏسي، منھنجو رت جوش ۾ اچي ويندو ھو.
    ھو ٻاھر ويا ۽ بجليءَ جون ڏنڀ ڏيندڙ سيخون کڻي آيا ۽ بجليءَ جا ڏنڀ ڏيڻ شروع ڪيائون. پڇڻ لڳا ته، ”تنھنجو نالو ڇا آھي؟ ڳالھائين ٿي يا نه؟ جواب ڏي.“ لڳاتار ھڪ ڪلاڪ تائين بجليءَ جا ڏنڀ ڏيندا رھيا. منھنجي خاموشيءَ کين پاڳل ڪري ڇڏيو. ويندي ويندي ڌمڪي ڏنائون ته، ”ھن وقت تائين جيڪو ڪجھ ٿيو سو سڀ ڀوڳ ھو- اسان اڌ رات جو وري اينداسين ۽ تنھنجي جان عذاب ۾ وجھنداسين.“ آءٌ پريشان ڪونه ٿيس، اُلڪو ضرور ٿيو ته جڏھن اچن، اُن مھل آءٌ ننڊ ۾ نه ھجان. دوا جي ڪري شايد پوري طرح توجھ نه ڏئي سگھان، مگر ھو ان رات ڪونه آيا-
    ڪجھ ڏينھن ٺاپر ٿي ويئي. مون کي اڪثر ننڊ ھوندي ھئي ۽ جڏھن به گلوڪوس جي بوتل چاڙھيندا ھئا ته آءٌ ساڻن وڙھندي رھندي ھيس. ڪيتريون حرڪتون ٻاراڻيون محسوس ٿينديون ھيون پر منھنجو خيال ھو ته آءٌ ساڻن ھر وقت مقابلو ڪندي رھان. مون کي اھو ڏيکارڻو ھو ته ھو دشمن آھن ۽ کانئن شڪست ڪونه مڃينديس.
    ھر روز جي مصيبت ڪُوئي ٻوٿي ءَ جون چماٽون ھونديون ھيون، جنھن ڪري منھنجي نَڪ مان رت وھندو رھندو ھو ۽ آءٌ وري ڪمبل سان اگھي ڇڏيندي ھيس. جنھن تي ڪُوئي ٻوٿي ڪاوڙجي ويندي ھئي ۽ گاريون ڏيندي ھئي ته، ”تون وڏي بدتميز آھين، تنھنجي ’سٺن‘ ماڻھن ۾ پرورش ڪانه ٿي آھي.“ ان کان پوءِ وارن کان جھلي لوڏا ڏيڻ، وار پٽڻ ۽ وري چماٽون ھڻڻ شروع ڪندي ھئي. ھن حرام زاديءَ جي پسند واري سزا اھا ھوندي ھئي ته ھوءَ پوليس وارن کي چوندي ھئي ته مون سان ......... جيڪا ذلالت جي حد ھئي.
    جلاد ۽ دلال آفيسر ڪمري ۾ اچي بڪواس ڪري، لطف حاصل ڪندا ھئا. نڪتب مون لاءِ ناقابل برداشت ھوندو ھو، ھو ھميشہ انتھائي گنديون گاريون ڏيندو ھو. انتھائي بي حيا ۽ جلادن واري شڪل بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. کيس ڏسي مون کي تمام گھڻي ڪاوڙ ايندي ھئي. گھڻي ڪوشش کان پوءِ پاڻ کي ٺاپر ۾ رکندي ھيس. آءٌ گھرندي ھيس ته مردود ڪمري ۾ نه اچي. مون کي اھا به خبر ھئي ته ھو منھنجي غلطيءَ جي تاڙ ۾ آھي ۽ آءٌ کين اھڙو وجھ ڏيڻ ڪونه پئي گھران. ھڪ ڀيري ڪمري ۾ آيو ۽ چوڻ لڳو، ”تنھنجو جلاد اچي ويو آھي.“ ائين چوندي کيس خوشي ٿيندي ھئي. آءٌ جواب ۾ چوندي ھيس ته، ”توھان سڀ شيطان جي اولاد آھيو، ۽ توھان ٺڳن ۾ ڪوبه فرق ڪونھي.“ مون حقيقت کي پروڙي ورتو ھو. سندن سامھون پاڻ کي ھميشہ ٿڌي رکڻ جي ڪوشش ڪندي ھيس ۽ سڀني دشمنن کي ھڪجھڙا گند جا ڪينئان سمجھندي ھيس.
    ڪُوئي ٻوٿي مون کي جڏھن به بدتميز چوندي ھئي ته ٻيا آفيسر وري ٺٺولين واري ھمدردي ظاھر ڪندا ۽ چوندا چوندا ھئا، ”ھن ڇوڪريءَ جو ڪوبه ڏوھه ڪونھي، توھان کي خبر ھوندي ته ھن جو پيءُ ڪير ھو؟ ھڪ مسڪين ۽ ڪنگلو مزدور!“ اھو خاص ڪري تڏھن چوندا ھئا جڏھن عام ماڻھو سياست (پوليس) ۾ ڀرتي ڪندا ھئا ۽ اھي غنڊا وري پورھيت عوام جي گلا ڪندا ھئا. آءٌ چوندي ھيس، ”ان ڪري ئي ته عوام توھان جي ظلم ۽ ڏاڍ کان تنگ ٿي، اوھان جا پير اکاڙڻ گھري ٿو. اوھان سڀ گڏجي عوام کي ڦري فقير ڪري رھيا آھيو، کين دوکو ٿا ڏيو، ساڻن فريب ٿا ڪريو ته اوھان سندن (عوام جي) عزت، مال ۽ جان جي حفاظت ٿا ڪريو. توھان ۾ ايتري غيرت ۽ شرافت ڪانھي جو اوھان سندن محبت ۽ پورھئي جو قدر ڪريو، جيڪي پنھنجي ڪمزور ڪلھن تي توھان جي حڪومت جو لاش کنيو گھليندا وتن.“ ھو پنھنجي فطري عادت موجب شاھه جا پٺو ھوندي به ظالم شاھه ۽ سندس حڪومت جو بچاءُ به اصلي نه ڪندا ھئا ۽ نه وري سندس ڏوھه کي صحيح چوندا ھئا. سندن ھر عمل رڳو پنھنجي ڪرسي ۽ لئه خاطر ھوندو ھو. سندن رد عمل اھو ھوندو ھو جو پنھنجو پاڻ کي حڪومت جي افعالن کان بيخبر رکندا ھئا، ڄڻڪ پاڻ به حڪومت جي خلاف آھن، ”افسوس! اسان ڇا ٿا ڪري سگھون؟ انسان کي مزدوري ڪرڻي پوي ٿي ۽ پيٽ ڪاڻ ٽڪر ڳڀو ڪمائڻو آھي...“
    ساٿي بھروز جي گرفتاريءَ کان ھڪ ڏينھن اڳ ۾ دستور موجب مخفي پنھنجي وحشي جانور واري روپ ۾ ڪمري اندر داخل ٿيو. ھاڻي ھو معلومات وٺڻ نه پر مونکي تڪيلف ۽ ايذاءُ رسائڻ ايندو ھو. سندس گندي ذھن ۾ شيطاني خيال ڀريل ھئا ۽ انھن کي آزمائيندو ھو. ھڪ ڀيري مخفيءَ ھڪ سپاھيءَ کي سڏي، چيو ته چمچو کڻي ڪرپٽيءَ (ڪاڪوس) واري دٻي مان ڀري ھن جي (منھنجي نالي) وات ۾ وجھينس. اھا ڳالھ ايتري ته بيوقوفيءَ واري ھئي جو مون سمجھيو ته رڳو دھمان ٿو ڪري، مگر سپاھي چمچو کڻي آيو ۽ ان جي حڪم جي پيروي ڪرڻ شروع ڪيائين. تڏھن مون کي پڪ ٿي ته ھو ضرور ائين ڪندو جيئن سندس آقا حڪم ڪيو اٿس ۽ ان تي مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ايتريقدر جو مون کي اھا به يادگيري نه رھي ته منھنجا ھٿ کٽ سان ٻڌل آھن. مون اوچتو ٽپ ڏنو جيئن اھو دٻو کڻي، ذليل مخفيءَ جي مٿان اُڇلايان. پر منھنجا ھٿ ٻڌل ھئا ۽ آءٌ دٻي جي ڀرسان وڃي ڪريس. دٻو اونڌو ٿي پيو ۽ آءٌ سڄي ڪرپٽيءَ ۾ ڀرجي ويس. ھن ٺَڳ کي منھنجي اُن ردعمل جو ڪو وھم گمان به نه ھو. ڪاوڙجي سپاھيءَ کي چيائين ته ڪرپٽي کڻي منھنجي مُنھن کي مکي ۽ وات ۾ به وجھي. ھن مون کي کٽ سان وڌيڪ مضبوط ڪري ٻڌو ۽ پوءِ حڪم جي پيروري ....... ڪيائين. آءٌ کين فقط نفرت سان ڏسندي رھيس ۽ ڪاوڙ ۾ منھنجون اکيون ٽانڊا بڻجي ويون.
    نھايت افسوسناڪ صورتحال ھئي. ڀولڙي ٻوٿيا جن ۾ وحشي جانورن جھڙيون صفتون موجود ھيون ۽ ھو انھن حرڪتن مان لطف وٺي رھيا ھئا- ھڪ کانپوءِ ٻيو آفيسر ڪمري ۾ ايندو رھيو ۽ مون تي چٿرون ڪرڻ لڳا، ڪو چوي ته ”چري“ آھي ته وري ڪو ڪمري “ اچي پنھنجي نَڪ کي رومال ويڙھي، ٻاھر ھليو وڃي ۽ ڪو وري چوي، ”توھان ڏٺو، ھن ڪيئن پاڻ کي ڪرپٽي مَکي آھي.“ ٻئي پھريدار به بدبوءِ جي شڪايت ڪندا رھيا ۽ الزام وري مونتي ھڻندا رھيا. آءٌ پنھنجي حالت پوري طرح بيان ڪرڻ کان مجبور آھيان. بي عزتي ۽ گندين گارين جي ڪري مون کي تمام گھڻو ڏک ٿيو ۽ آءٌ نفرت ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويس. پر آءٌ انھن مظلومن ۽ ڏکويل انسانن کي ياد ڪندي رھيس، جن کي مون تمام ويجھڙائيءَ کان ڏٺو ھو ۽ سوچيندي ھيس ته، ”منھنجو تعلق عوام سان آھي، پنھنجي عوام سان.“ ھي ظالم اسان تي ظلم ڪن ٿا. اسان کي آزاديءَ کان محروم رکن ٿا، بي انصافي، ڏاڍ، جبر ۽ فريب جي بازار گرم آھي، اسان کي زندگيءَ جي اصلي خوشيءَ کان پري رکيو پيو وڃي- اسان کي ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار بڻايو وڃي ٿو، آمريڪي سامراج، شاھه ۽ سندس پٺو، سڀ اسان جي مصيبتن جو اصل سبب آھن. منھنجو تعلق عوام سان آھي، پنھنجي عوام سان. اسان ھنن ذليل ۽ بدمعاشن کان مختلف آھيون. اسان ھنن ڏوھارين، دلالن، گماشتن، لٽيرن ۽ سامراجين کان مختلف آھيون، اسان ھنن کان الڳ آھيون. اسان مضبوط ارادي سان سندن مقابلي لاءِ تيار آھيون. اسان جو ايمان آھي ته آخري فتح اسان جي ٿيندي، فتح عوام جي ٿيندي. اسان جدوجھد لاءِ پختو ارادو ڪري چڪا آھيون. اسان ايستائين جدوجھد ڪنداسين جيستائين ھو (دشمن) مڪمل نيست ۽ نابود ٿي وڃن، ناانصافي، ڦرلٽ، ظلم، جبر ۽ بربريت جو وجود تباھه ۽ برباد ٿي وڃي، فتح اسان جي ٿيندي، فتح عوام جي ٿيندي، ان کانسواءِ ٻيو سڀ ڪجھ اڻ ٿيڻو آھي.


    باب پنجون : ساٿي بھروز دھقانيءَ جي گرفتاري، اذيتون ۽ شھادتون

    [ گھوڙن ۽ گھوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينھڙا،
    ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا.]
    (شاھه)

    ٻيءَ رات ساٿي بھروز گرفتار ٿي ويو. ڏسندي ڏسندي ئي گوڙ گھمسان ٿي ويو. ڀاڙيتو دلال ھيڏي ھوڏي ڀڄڻ ڊڪڻ لڳا. بھروز جي عظمت بلند ٿي چڪي ھئي، ھو گرفتار ٿي ويو. جڏھن کيس وٺي آيا ته ته سندس گجگوڙ سان سڄي عمارت لڏڻ لڳي. شاھه جا دلال، پٿر جا بت بڻجي ويا. ھو اھڙيون ڳالھيون ڪري رھيا ھئا ڄڻ ساٿي بھروز خونخوار ۽ وحشي جانور آھي. ڪجھ سپاھي جيڪي ساٿي بھروز جي گرفتاريءَ مھل اتي موجود ھئا، سي پنھنجن جوڙيوالن سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا ته ھو (ساٿي بھروز) ڪيڏي بھادريءَ سان وڙھي رھيو ھو، ھو ان وقت تائين دشمن سان مقابلو ڪندو رھيو جيستائين وٽس گوليون موجود ھيون ۽ ڪيئن ھُن آخري گوليءَ سان پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر دشمن کيس قابو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جيتوڻيڪ ويڙھه ۾ سندس ٽَنگ ڀڄي پئي ھئي پر پوءِ به دشمن سان وڙھندو رھيو. دشمن کيس رسين سان ٻڌي آڻي ڪمري ۾ اڇلائي ڇڏيو. پوءِ دشمن سندس ويجھو وڃڻ کان ڪيٻائي رھيا ھئا ۽ پري کان کيس ڏسندا رھيا. ساواڪ جي جلادن ۽ قاتلن کي ھُنن ساٿي بھروز سان نبرڻ لاءِ گھرايو ڇاڪاڻ جو ھو عام پوليس جي وس کان ٻاھر ھو. کين يقين ھو ته ھنن کي اذيتن جي خوني ڪتاب جا سڀ عذاب ڏيڻ وارا طريقا استعمال ڪرڻا پوندا ۽ تڏھن ئي کين ڪاميابي حاصل ٿيندي. ساٿي بھروز پيدا ئي ڏکن ۾ ٿيو ھو، سڄي زندگي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ گذاري ھئائين. سندس زندگي عوام لاءِ ڪم ڪندي گذري ھئي. سندس زندگي صرف ۽ صرف عوام لاءِ وقف ٿيل ھئي ۽ ھن زندگيءَ جو گھڻو حصو ھارين ۾ گذاريو ھو ۽ ھو مسڪين مزورن جي زندگيءَ مان به چڱيءَ طرح واقف ھو ۽ ھو عوام سان پيار ڪندڙ ھو، دشمن سان سخت نفرت ڪندو ھو- اھا ڳالھ دشمن پنھنجي اکين سان ڏٺي ھئي ۽ ان ڪري ئي ھو کانئس ڊڄي رھيا ھئا.
    رات جي وقت ڀاڙيتو دلالن جي حالت ڇِتن ڪُتن جھڙي ھئي. ڦٽڪن جي زوردار آواز سان گڏ ساٿي بھروز جي آسمان سان ٽڪرائيندڙ رڙ ذليل دشمن جي وحشي ھجڻ جو ثبوت ھئي. وحشي ڪتن ۽ بي شرم سامراجي ڇاڙتن جون چرين وانگر رڙيون ھيون. جڏھن به ڦٽڪن جو آواز بلند ٿيندو ھو، تڏھن ساٿي بھروز دشمن کي چوندو ھو، ”جاھلو، ذليلو! توھان عوام کان نيٺ ڇا ٿا گھرو؟“
    شاھه جي دلالن منھنجي ڪمري جو دروازو ان ڪري کولي ڇڏيو ته جيئن آءٌ سندس اذيتن جو آواز ٻڌي سگھان. ھڪ ٽولي ساٿي بھروز کي اذيتون ڏئي ٿڪجي منھنجي ڪمري وٽ پھچندي ھئي ته ٻي ٽولي کيس اذيتون ڏيڻ ويندي ھئي. حسين زادو ته ڇِتو ٿي پيو ھو. ھن سڀ ڪپڙا لاٿا ھئا ۽ فقط ھڪ چڍي پاتل ھيس. جنھن ڪري ھو مون کي ”پاڳل خاني جو ڪٽ مست چريو ٿي لڳو.“ ھو پيرين اگھاڙو منھنجي ڪمري کان ساٿي بھروز واري عذاب گاھه تائين ڊڪي ڀڄي رھيو ھو. ٻين شيطانن سان گڏوگڏ ھو به ھر واري مون کي گاريون ڏيڻ ۽ ٿُڪون ھڻڻ لڳو ۽ .....، ڇوته منھنجي ڪمري مان بدبوءِ اچي رھي ھُئن، ان ڪري ھو منھنجي ڪمري وٽ گھڻو وقت ڪونه پئي ترسيا، ھو ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندا رھيا. حسين زادو چوڻ لڳو، ”ڏٺوَ ھِن رن جي حرڪت! ڪيئن نه پاڻ کي ڪرپٽيءَ سان ليپو ڏئي ڇڏيو اٿس، جيئن اسان سندس ويجھو نه وڃي سگھون!“ ھو پنھنجي ذلالت کان واقف ھئا ان ڪري ھو بڪواس ڪري رھيو ھو- انتھائي وحشت جي باوجود، سندن بيوسي ظاھر ھئي. ھو حقيقت ۾ پنھنجي جنوني خوف کان رڙيون ڪري رھيا ھئا. ائين پئي معلوم ٿيو ته ھو اذيتن جي شور کان پاڳل ٿي رھيا ھئا ۽ ان کان ڀڄي وڃڻ جو سوچي رھيا ھئا. کٽ جي چوڌاري ڪرپٽيءَ جي ڪري، فرش تي ترڪندا ٻئي پھريدار مون کي گاريون ڏيندا ۽ بڪندا به ٿي ويا ته، ”اسان تنھنجي ڀاءُ کي پڪڙي ورتو آھي، اسان تنھنجي ڀاءُ کي پڪڙي ..... “ مسخرا جو ھئا. مون انھن ڏانھن ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو. ان نازڪ موڙ تي محسوس ڪيم ته تاريخ جنم پئي وٺي. آخر ڇا ٿيندو؟ ۽ اھوئي بنيادي سوال ھيو. ھر ڦٽڪي ۽ رڙ جي آواز کان پوءِ مون پاڻ کان اھوئي سوال ٿي پڇيو. آءٌ پريشان ڪونه ھيس پر اميد ضرور ھيم. ڇاڪاڻ ته مون کي پنھنجي ڀاءُ ۽ انقلابي ساٿيءَ تي مڪمل ڀروسو ھو. مون کي ياد آھي ته جڏھن شروعات ۾ پھريون ڀيرو مون کي تنظيم (فدائين خلق) سان واقفيت پئي ڪرايائين ته ھن مون کي ساٿي نيڪ دائودي جي عزم ۽ بھادريءَ بابت ٻڌايو ۽ فخر سان چيو ھئائين، ”ھن ساٿيءَ سان عزم ۽ بھادري ۾ ڪوبه برابر نٿو ٿي سگھي.“ مون کي ان ۾ ڪوبه شڪ نه ھو ته ساٿي بھروز اذيتن دوران شھيد ٿيڻ کان لھرائيندو.
    ڀاڙيتو ڪتن جي ھڪ ٽولي سھڪندي ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ چوڻ لڳي، ”اسان توکي ننگو ڪنداسين-“ ھنن ساٿي بھروز کي چيو ته جيڪڏھن تون قبول نه ڪندين ته مون کي سندس آڏو ننگو ڪري آڻيندا- ھو ھڪ اھڙي شخص کي ڌمڪي ڏيئي رھيا ھئا جنھن پنھنجو سڀ ڪجھ اصول لاءِ، آزاديءَ لاءِ ۽ عوامي انقلاب لاءِ قربان ڪري ڇڏيو ھو. آءٌ به اُن لاءِ تيار ٿيس ته ساٿيءَ کي چونديس ته، ”ساٿي! اسان جي زندگيءَ جي عظيم گھڙي اچي ويئي آھي ۽ ھي ئي وقت آھي ته اسين پاڻ کي عوامي انقلاب لاءِ قربان ڪري ڇڏيون. ھاڻي اسانکي موقعو مليو آھي ته اسان دشمنن تي سندس نامردي ۽ ڪمزوري ظاھر ڪريون.“ ان جو ردعمل نھايت مايوسيءَ وارو نڪتو. ڇوته وري پيغام آيو ته مون کي وٺي وڃڻ جي ڪابه ضرورت ڪانھي. ٻئي لومڙ ٻوٿيون گاريون ڏيڻ لڳيون ته، ”تون ڏاڍي بي حيا آھين ۽ تنھنجو ڀاءُ به بي حيا آھي، کيس اھو به شرم نه آيو ته توکي سندس آڏو ننگو ڪري گھليو ويندو.“ ان رات مون ساٿي بھروز بابت اھو ٻڌو ته ھن وڏي ھمت ڏيکاري ھئي. ڇاڪاڻ جو ساٿيءَ جي دل ۾ عوام لاءِ بيحد گھڻي محبت ھئي. ھن پنھنجي ھمت ۽ دليريءَ جي ڪري دشمن آڏو ڪنڌ ڪونه جھڪايو. اھوئي مخلص انسان ھو جنھن کي عوام جي تڪليفن جي ڄاڻ ھئي ۽ ان جي علاج کان پڻ واقف ھو. سندس سڄي زندگي عوام سان گڏ ۽ عوام لاءِ ڪم ڪندي گذري ھئي. ھو ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين انقلاب لاءِ ڪم ڪندو رھيو ھو، ھو جيستائين زندھه رھيو ھميشہ دشمن سان مقابلو ڪندو رھيو ۽ عوام کي دشمن خلاف نفرت ڏياريندو رھيو. کانئس اھا توقع ڪڏھن به نه ھئي ته ھو پورھيتن سان غداري ڪندو، ۽ نه ئي ڪري ٿي سگھيو ۽ نه ئي ھن ائين ڪيو. ھُن انتھائي سخت اذيتون برداشت ڪيون ۽ لڳاتار يارنھن (11) ڏينھن اذيتن سھڻ کانپوءِ شھيد ٿي ويو. سندس دل کي ڪيترائي زخم پھتا ۽ سڀ لاڳ ٽُٽي پيا ھئا. ليڪن تنظيم جا راز سندس سيني ۾ ئي دفن رھيا. جلاد کيس بچائڻ لاءِ اسپتال کڻي ويا مگر جيڪو ٿيڻو ھو سو ٿي ويو. يعني ساٿي بھروز سندس خواھس مطابق انقلابي شھيدن سان وڃي مليو.
    بعد ۾ شاھه جا غنڊا مون کي چوڻ لڳا ته اسان سندس ٽَنگون گوڏن کان ھيٺ ڪاٽيون آھن، ڪي چوڻ لڳا ته اسان سندس آڱريون به ڪاٽي ڇڏيون آھن. پر ذليل ڪُتن ساٿي بھروز جي ٽَنگ ۾ اھڙو ڪو مروٽو ڏنو ھو جو گوشت ڦاٽي ۽ ھڏو ظاھر ٿي پيو ھو. جڏھن منھنجي ڪمري جي سامھون واري ڪمري ۾ مٿس تشدد ڪري رھيا ھئا ته جلاد سندس رت سان ڀريل ٿانوَ آڻي مون کي ڏيکاريا ھئا. اھا حرڪت ھنن ذليل وحشين لاءِ تفريح ھئي، نيٺ دشمنن مشھور ڪيو ته ساٿي بھروز جي دل ڪمزور ھئي ۽ ھو اڳ ۾ ئي دل جو مريض ھيو. جيتوڻيڪ ھو ھر روز ڪيترائي ڪلوميٽر ڊڪندو ھو پر ان دوران ڪڏھن به کيس دل جي تڪليف ڪانه ٿيندي ھئي.
    سڀني کان اڳ لومڙ ٻوٿيءَ ساٿي بھروز جي شھادت جي خبر مونکي ٻڌائي. منھنجي سامھون ھوءَ ساٿي پويان جون چھلون ڪرڻ لڳي- مون سخت احتجاج ڪيو، تنھن تي ھڪ ٻئيءَ چيو، ”بدبخت! تنھنجو ڀاءُ ڪالھ مري ويو ۽ اسان رحم ڪري توکي ٻڌائڻ پئي گھريو-“ پھريائين ته منھنجي دل ٻُڏي وئي، آءٌ شڪ جي نگاھن سان کين ڏسڻ لڳيس. جڏھن مونکي پڪ ٿي تڏھن فخر سان پاڻ کي چيم- ”آخرڪار ساٿي بھروز تشدد جي نتيجي ۾ شھيد ٿي ويو. ھو ھميشہ شھادت جي آس رکندو ھو. خدا ڪري ھو ھميشہ عزت سان ياد ڪيو وڃي.“ ٽن ڏينھن تائين مان ڪرپٽيءَ ۾ ڀريل رھيس ۽ چوٿين ڏينھن مونکي وھنجاريو ويو ۽ ڪمبل پاڻ تبديل ڪري ڏنائون. آئون ايتري ڪمزور ٿي ويس جو جڏھن به سڌو وھارڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا ته آءٌ فرش تي ڪري پوندي ھيس ۽ بيھوش ٿي ويندي ھيس. ھو مون کي سئيءَ ۽ نڪ جي نالين ذريعي کير ۽ آنا ڏيندا رھيا. نڪتب بڪواس ڪندو ھو ته ھو مونکي بک ھڙتال ڪرڻ نه ڏيندو ۽ نه ئي مرڻ ڏيندو. مونکي ڪنھن به قيمت تي زندھه رکندو. ذليل ڪتن پنھنجو رويو نرم ڪيو ۽ چوندا ھئا ته، ”تون فاقا ڇو ٿين ڪڍين؟ اسان توکي وڌيڪ اذيتون ڪونه ڏينداسون. اسان کي ڪنھنجي به ايڊريس نه گھرجي. پوءِ ڀلا تون پنھنجي جان جي پويان ڇو پئي آھين؟ تون ڪجھ ڏينھن لاءِ مھمان آھين ۽ پوءِ اسان توکي آزاد ڪنداسون.“ ھنن جي ايلاز منٿون ڪرڻ واري رويي ۾ شڪ پيو- ڪجھ عرصي کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته منھنجي مارڻ لاءِ ھنن وٽ ڪوبه بھانو ڪونھي تڏھن مون بک ھڙتال ختم ڪري ڇڏي. بک ھڙتال دوران ھڪ پوڙھي لومڙيءَ سان گڏ جنرل صحديان پور مون وٽ آيو- کٽ تي ويھي مھربان ۽ شفيق لھجي ۾ ”دليل“ پيش ڪرڻ لڳو: ”بھروز سان ملاقات ڪندينءَ؟ تون اھڙيون حرڪتون ڇو ٿي ڪرين؟ اسان توکي اذيتون ڪونه ڏينداسين، مون سان ھل آءٌ توکي بھروز وٽ وٺي ٿو ھلان ۽ تون ڪجھ وقت لاءِ ان سان گڏ گذار.“ ان وقت منھنجي نڪ مان رت وھي رھيو ھو ڇاڪاڻ ته ڪجھ گھڙيون اڳ جلاد لومڙيءَ مونتي چماٽن جي مشق ڪئي ھئي. دستور موجب جڏھن نڪ مان رت وھڻ شروع ڪيو تڏھن ماٺ ڪيائين- آءٌ وري کين ساڙ ڏيکارڻ خاطر ڪمبل سان رت اگھي رھي ھيس ۽ جنرل کان به زبردستيءَ ڪاغذي رومال گھريم پئي جنھن ميز جي خاني مان رومال کڻي ٿي ڏنا، ۽ آءٌ انھن کي ڦاڙيندي ويس. مون کيس تنگ ڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي پر ھو حد کان وڌيڪ صبر ڪندو رھيو، لڳاتار آھستي ۽ مٺڙي آواز ۾ ڳالھيون به ڪندو رھيو ۽ مون کي ڪاغذي رومال به ڏيندو رھيو. آخر مان تنگ ٿي چيومانس: ”وڌيڪ بڪواس ڪرڻ جي ضرورت ناھي، احمق، ڀاڙيتو، دلال، مسخرا، ذليل، ڏوھاري!“ جلاد عورت يڪدم مونکي ٿڦڙ ھڻڻ شروع ڪيا. جنرل اٿي بيٺو ۽ پنھنجي ”نازڪ“ ماتحتن جي ھٿان وڌيڪ مار کارائڻ کان کان بچائي ٻئي پاسي وٺي ويو. جلاد لومڙ ڀاڙيتو ڪتن، خود غرض ۽ خوشامدڙين واري انداز ۾ رڙ ڪري چوڻ لڳو، ”ھتي تنھنجا ڪھڙا دوست ۽ ساٿي آھن جو تون آڪڙ ٿي ڏيکارين. جنرلن کي گاريون ڏيئي ڪنھن کي متاثر ڪرڻ ٿي گھرين؟......“ آءٌ وري کلڻ لڳيس.
    جنھن رات کان خياتي ۽ نڪتب بجليءَ جي ڏنڊي سان اذيتن واري ”مذاق“ ۾ مون کان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي آزمائي ڏٺو ھو تڏھن کان سندن جاچ جي طريقي ۾ تبديلي آئي ھئي. ھو سمجھي چڪا ھئا ته آءٌ سندن حربن کان نه ڊنبس، تڏھن ھنن نرم رويو آزمائڻ جو فيصلو ڪيو. حڪومت جو غنڊو جيڪو مون کي اذيتن مھل، موجود ڪونه ھوندو ھو، ان کي ”شريف“ جو روپ ڏيئي مون وٽ وٺي آيا، سندس نالو ميجر فريد ھو. (ھي دلال ھاڻي قتل ٿي چڪو آھي) ھن ذليل وحشي جاچ ۽ اذيتن ڏيڻ جي تربيت آمريڪا ۾ ورتي ھئي. سيپٽمبر 1971ع ۾ بجليءَ جي ٿنڀن جي معائني لاءِ ھيلي ڪاپٽر ۾ نڪتو ۽ فدائين سندس ھيلي ڪاپٽر تي حملو ڪري ھيلي ڪاپٽر کي تباھه ڪري ڇڏيو. جڏھن ھو پھريون ڀيرو منھنجي کٽ وٽ آيو ۽ منھنجي ھٿ ۾ ھٿڪڙيون ڏٺائين ته لومڙيءَ کي سڏي چيائين: ”ھن جون ھٿڪڙيون کول، ڇو ھن غريب ڇوڪريءَ سان وحشين وارو سلوڪ ٿا ڪريو؟“ پوءِ ويھي آفيسري آزمائڻ لڳو: ”ھي سڀ ڄٽ آھن، مون مارڪسزم جو مطالعو چڱيءَ طرح ڪيو آھي. مون کي خبر آھي ته توھان منطقي آھيو. اسان ۾ صرف نظرئي جو فرق آھي، جنھن جي ڪابه اھميت ڪانھي- دنيا ۾ ھر ھنڌ ماڻھن جا ھڪ ٻئي سان نظرياتي اختلاف ھوندا آھن .....“ اھا ڳالھ سمجھڻ ڏاڍي ڏکي ھئي ته دشمن ”پنھنجي مھذب“ طريقي سان دوکو ڏيڻ لاءِ ڇو تيار ٿيو ھو؟ مثال طور اھو ئي ميجر فريد اُھو شخص آھي جيڪو اڄ منھنجي ھٿن ۾ ھٿڪڙيون ڏسڻ برداشت نه پيو ڪري پر ڪلھوڪو ڏينھن آھي جو انھن ئي ھٿن سان ساٿي رقيه دانش گري تي تشدد ڪيو ھو. ھو مون وٽ اڳ به ڪيترا ڀيرا آيو ھو جيئن منھنجي باري ۾ ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪري سگھي. اھا حڪومت جي بيوقوفي ھئي جو ھوءَ قانون، ايراني آئين، پنھنجي بڻايل قاعدن قانونن، بين الاقوامي قاعدن قانونن ۽ انساني قانونن جي مٽي پليت ڪري رھي ھئي.
    مون فيصلو ڪيو ته ھن جي سوالن ڪرڻ واري طريقي جو ڪجھ تجربو حاصل ڪجي. جيتوڻيڪ ھو انھن سوالن جا جواب پاڻ به ڄاڻندو ھو- فريد سوال پڇندو رھيو: ”تو ڪھڙا ڪھڙا ڪتاب پڙھيا آھن.“ مون ڪجھ ڪتابن جا نالا کنيا. ھو تفصيل پڇڻ لڳو. مون کيس تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو. ھن کي وري ڪاوڙ لڳي، مگر بدبخت کي حڪم مليل ھو ته نرميءَ کان ڪم وٺي. ٻئي ڏينھن شام جو خياتي ڀڀڪيون ھڻندو ڪمري ۾ آيو. ”خبر اٿئي ھيءُ تنھنجي پيءُ جو گھر ناھي، جو جيڪو ڪجھ چوين سو مڃيو وڃي، توکي لاڏ ڪوڏ ۽ پيار ڪونه ملندو، توکي جانچ ڪميٽيءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو.....“ پوءِ وري مونکي ساواڪ جي اذيتن جي ڌمڪي ڏنائين. اھا حقيقت آھي ته ساواڪ ۽ پوليس جي وچ ۾ ڪوبه فرق ڪونھي ۽ خود انھن قاتلن، ذليلن ۽ وحشين جي وچ ۾ گھاٽي ياري آھي.
    جڏھن کان مسلح جدوجھد شروع ٿي ھئي، ايراني حڪومت پنھنجي حڪومت ۽ سندس پٺڀرائي ڪندڙ امريڪي سامراج جي لاءِ وڏو خطرو محسوس ڪيو ھو. ان جدوجھد کي ڏسي ھو بدحواس ٿي ويا ھئا. ھو اھو به ڄاڻن پيا ته ھڪ ڀيرو انقلاب جي شروعات ٿي وئي ته سندن دلال ۽ ڦورو حڪومت جو تختو اونڌو ضرور ٿيندو. شاھه جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ انتھائي سختيءَ سان تشدد ۽ ڌمڪين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو ھو. جنھن جو مثال ملڻ مشڪل آھي. وڏي زور شور سان پروپيگنڊا ٿيڻ لڳي ۽ ڀاڙيتو فوج، ساواڪ ۽ پوليس وڏي پئماني تي حرڪت ۾ اچي ويا ۽ عھدن جون لالچون ڏئي ذليل ڪتن کي انقلابي جوڌن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ بڇي ڇڏيو ۽ اذيتن ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو. انھن ڳالھين جي ڪري پوليس ۽ ساواڪ جي وچ ۾ دشمني شروع ٿي. ان جو پھريون مثال ھي آھي ته جڏھن ساٿي مسعود احمد زادو گرفتار ٿيو ته پوليس ۽ ساواڪ ھڪ ٻئي تي گوليون وسائي رھيا ھئا. ٻيو ڀيرو جڏھن مسعود احمد زادو کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ساواڪ وارا ڇاپا ھڻڻ لڳا ۽ ان جي ڀيڻ کي گرفتار ڪري مٿس تشدد ڪرڻ شروع ڪيو ته جيئن ڪجھ ٻڌائي. جڏھن ته ڪافي عرصو اڳ ساٿي مسعود کي پوليس گرفتار ڪري چڪي ھئي.
    تحريڪ جي ترقي ۽ انقلابي قوتن جي فتح، حڪومت جي نااھليءَ کي ظاھر ڪري رھي ھئي. انڪري حڪومت ساواڪ ۽ پوليس جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ ڪاروائي ڪرڻ جو سوچي رھي ھئي. اھوئي سبب ھو جو خياتي مون کي ساواڪ جي حوالي ڪرڻ کان نٽائي رھيو ھو. ھڪ ڏينھن شام جو مون کي خياتيءَ جي آفيس ۾ وٺي ويا، جتي انھن نو (9) ساٿين جون تصويرون ٽنگيل ھيون، جن جي گرفتاريءَ لاءِ وڏي رقم انعام ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو ھو. خياتيءَ مون کي ويھڻ لاءِ چيو ۽ سوال پڇڻ شروع ڪيائين. ڪيتري عرصي کان رڳو وحشي ڪتن جون شڪليون پئي ڏٺم، انڪري مون ساٿين جي تصويرن کي ڏسڻ شروع ڪيو. آءٌ انقلابي مجاھدن جون تصويرون ڏسي خوش پئي ٿيس، ڇوته سندن چھرن مان بھادري ۽ سورھيائي جا ڪرڻا نظر اچي رھيا ھئا، جيڪي ھڪ عظيم مقصد خاطر پنھنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ جو پڪو پھ ڪريو ويٺا ھئا. ھڪ رات ھو گوڙ ڪندا ڪمري ۾ آيا. مونکي جاڳايائون ۽ ھٿڪڙيون پارائي جاچ واري ڪمري ۾ وٺي آيا. آئون اڃا ننڊ جي نشي ۾ ھيس ۽ جيئن ئي منھنجون اکيون ھڪ ڪرسيءَ ڏانھن وڌيون ته مون ساٿي بندل کي ڪرسيءَ تي ويٺل ڏٺو. ھو بيمار پئي نظر آيو. سندس اکيون اندر پيھي ويون ھيون ۽ سندس کٻو ھٿ ڀڳل ھو. ڇوته ھن پوليس اسپتال جي ٽين ماڙ تان ٽپو ڏنو ھو. جنھن ڪري سندس ھٿ جون ھڏيون ڀڄي پيون ھيون- مونکي ڏسي سندس اکيون چمڪڻ لڳيون.
    خياتيءَ مون کان سوال پڇيو ته، ”ڇا سياہ ڪل جي اشتھارن ۽ تياريءَ ۾ تو به حصو ورتو ھو؟“ آءٌ خاموش رھيس. ۽ ساٿيءَ ڏانھن ڏسندي رھيس. خياتيءَ منھنجي جواب جو انتظار نه ڪيو. آءٌ بلڪل خاموش ھيس. ۽ ان مان ظاھر ھو ته مون شڪست نٿي مڃي ۽ پنھنجي پاڻ کي ضابطي ۾ رکيو آھي. جڏھن ساڳيو سوال ساٿيءَ کان پڇيائين ته پھريائين ھو به خاموش رھيو ۽ پوءِ اھوئي بيان ڏنائين جيڪو ھن اڳ ۾ ئي ڏنو ھو. بيزار ٿيندي خياتيءَ سپاھيءَ کي حڪم ڏنو ته، ”بس گھڻو ٿيو- ھن کي وٺي وڃو.“
    جيستائين ذاتي تجربي جو تعلق آھي ته منھنجي خيال ۾ جسماني اذيت کانسواءِ نفسياتي اذيت بيڪار آھي ۽ گذريل سڀ ناٽڪ ان لاءِ گھڙيا ويا ھئا. دشمن گھريو پئي ته ساٿيءَ جي ذھن ۾ مايوسي ويھاري ۽ ساٿين جي وچ ۾ شڪ جو ٻج ڇٽي. ڪنھنکي مايوس ڏسڻ ۽ ان جون ڳالھيون ٻڌڻ سان برو اثر پوي ٿو، ان ڪري ھر انقلابي مرد يا عورت جو فرض آھي ته مشڪل وقت ۾ دشمن جي سامھون ڳالھ ٻولھ ۽ رويو اھڙو اختيار ڪري جنھن سان ساٿين جو حوصلو بلند ٿئي. دشمن ھر ممڪن ڪوشش ڪندو ته ائين نه ٿئي. ان سلسلي ۾ ڪارگر طريقو ھي آھي ته دشمن کي مھربان ٿيڻ به ڏنو وڃي ڇوته کيس جيئن ئي چڙ ۽ ڪاوڙ ڏياربي تيئن ھو ڇتو ٿيندو ۽ ڇتو ماڻھو ھميشہ ھوش حواس وڃائي ويھندو آھي.
    ٻئي پھريدار عورتون ۽ ٻئي مرد سپاھي ڪوشش ڪندا ھئا ته خوش رھن. ڪڏھن ڪڏھن بيھودي مذاق پڻ ڪندا ھئا ۽ ڪڏھن ٻئي عورتون مرد سپاھين سان ”غريبيءَ“ جي مسئلي تي پڻ بحث ڪنديون ھيون. آءٌ ھوشياريءَ سان ڪوشش ڪندي ھيس ته ڳالھ ٻولھ کي اصل حقيقت طرف موڙيان ته جيئن ھو خود صحيح نتيجي تي پھچي سگھن. ليڪن آءٌ خواھه مخواھه سندن ڳالھين کي اھميت ڏيندي ھيس جيڪي فقط مذاق تائين محدود ھيون. آءٌ جڏھن قيد خاني کان ٻاھر ھوندي ھيس تڏھن چوندي ھيس ته، ”منھنجي نظر ۾ تشدد اھو آھي ته مون کي بند کوليءَ ۾ قيد ڪيو وڃي.“ ان کانپوءِ ڪوشش ڪرڻ لڳيس ته ساڻن نه ڳالھايان نه ئي سندن ڳالھيون ٻڌان. ھو ھميشہ اھا ڪوشش ڪندا ھئا ته مون کي تنگ ڪيو وڃي. ٻئر لومڙ ٻوٿيون ۽ ھڪ سپاھي مون سان گڏ پائخاني تائين ھلندا ھئا ۽ پائخاني جو دروازو کولي ڇڏيندا ھئا. مونکي ڏينھن ۾ ٻه ڀيرا پائخاني وڃڻ جي ضرورت ھئي. اتي انھن مان ھر ھڪ واري واري سان گاريون ڏيندو ھو. ساٿيءَ شاھين تونڪيءَ سان روزانو جھيڙو ڪندا ھئا، ڇوته ھوءَ ٻه ٽي گرھه کاڌي جا مس کائيندي ھئي. ان ڪري کيس چوندا ھئا ته، ”تون پنھنجي مرضي ھلائي نٿي سگھين ۽ توکي کاڌو ضرور کائڻو پوندو.“ ھڪ ڀيري ٽيئي جلاد عورتون شاھين جي بستري ڀرسان سمھيل ھيون. ساٿيءَ جا ھٿ ھميشہ ھٿ ڪڙين سان جڪڙيل رھندا ھئا. ھوءَ ھر وقت اھو سوچيندي ھئي ته ڪھڙي طرح ڀرسان رکيل ڪرسي، سندن مٿان ڪيرائي. بستري تي جيترو ٿي سگھيس، ھوءَ مشڪل سان کِسڪي ڪرسيءَ کي فرش تي ڪيرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي جيڪا ٻنھي جلاد عورتن جي مٿن وٽ زوردار آواز سان فرش تي ڪري پئي. اوچتي آواز ٿيڻ تي ٻئي جلاد عورتون ڇرڪ ڀري اٿيون ۽ ھڪڙي ته بلڪل بيھوش ٿي ويئي.
    ھو جڏھن به ڪوشش ڪري مون سان ڪنھن مسئلي تي بحث ڪندا ھئا ته آءٌ وري به ساڻن مذاق ڪرڻ شروع ڪندي ھيس. انھن مان ھڪ آفيسر ساٿي بھروز سان لڙائي ڪندي گولي لڳڻ سان زخمي ٿيو ھو ۽ تازو ئي اسپتال مان ٻاھر نڪتو ھو. ھڪ ڀيري منھنجي سامھون منڊڪائيندي چوڻ لڳو، ”ڏس تنھنجي ڀاءُ مون سان ڪھڙي حالت ڪئي آھي.“ جڏھن ساٿي بھروز گرفتار ٿيو ھو ته ھن ھڪ منٽ به ضايع نه ڪيو ھو. جڏھن ته دشمن کيس چئني طرفن کان وڪوڙي ويا ھئا. ان کان اڳ جو دشمن کيس گرفتار ڪن، ھن ڪيترن ئي دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ سندس ھڪ ھٿ ڪٽجي چڪو ھو ۽ ٽَنگ پڻ ڀڄي پئي ھيس مگر ھو مسلسل گوليون وسائيندو رھيو. سندس آخري عمل جو مقصد ھو ته دشمن کي ڊيڄاري ۽ گوليون به دشمن جي ھٿ نه اچن. جڏھن ته وحشي دشمن ان علائقي کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو ھو ته جيئن ھو آسانيءَ سان گرفتار ٿي سگھي.
    پھريدار سپاھي روزانو تبديل ڪيا ويندا ھئا. جڏھن به عورتون ڪمري کان ٻاھر وينديون ھيون ته وجھ وٺي مرد سپاھين سان ڳالھيون ڪندي ھيس. انھن سپاھين ۾ گھڻائي اھڙن ماڻھن جي ھئي جيڪي پھاڙي ۾ بيروزگار ھئڻ ڪري، شھرن ۾ آيا ۽ پوءِ پوليس ۾ ڀرتي ٿيا ھئا. ڪجھ وري اھڙا ھئا جيڪي اڳ ۾ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندا ھئا. انھن کان ٻھراڙين ۽ ڪارخانن بابت معلومات حاصل ڪندي ھيس. ڪڏھن ڪڏھن سياست تي پڻ گفتگو ٿيندي ھئي. انھن مان ڪيترا سياسي شعور پڻ رکندا ھئا. ھو پاڻ سان ٿيندڙ نا انصافين بابت ڳالھيون ڪندا ھئا ۽ حڪومت منجھان بي اطميناني جو اظھار ڪندا ھئا. انھن مان ڪي اھو به معلوم ڪرڻ گھرندا ھئا ته انسان پنھنجي ذاتي مفاد کانسواءِ ٻين جي مفادن لاءِ ڪيئن جنگ لاءِ تيار ٿئي ٿو. جڏھن آءٌ کين ٻڌائيندي ھيس، ته ھو اسانجي ساٿين کي تمام گھڻو پسند ڪندا ھئا. انھن مان ڪيترا ايترو تيار ٿي ويا ھئا جو اھي ھڪڙن ساٿين جا پيغام ٻين ساٿين تائين پھچائيندا ھئا ۽ جيڪي قيد تنھائي ڪاٽي رھيا ھئا. ليڪن جاسوس کاتي جا سپاھي شعوري طرح دشمن سان گڏ ھئا. اھوئي سبب ھو جو ھو بازاري عورت جھڙي ذھنيت رکندا ھئا ۽ انتھائي خبيث ھئا. انھن ڏينھن ۾ اسانجا ساٿي ھڪٻئي پٺيان گرفتار ٿي رھيا ھئا. چوويھ ئي ڪلاڪ اچ وڃ لڳي پيئي ھئي ۽ قيدين کي اذيتون ڏيئي رھيا ھئا، جن جي رڙين زمين آسمان ھڪ ڪري ڇڏيو. پوليس وارا دولت، ترقي، خودغرضي ۽ عياشيءَ لاءِ اھڙا وحشي ظلم جاري رکندا ھئا.


    باب ڇھون : ”اڏام لاءِ سوچ- پڃرو فاني آھي“

    [واجھ نه وجھ تون وڍ ڏي، رت وھي ته به رڙھه،
    پوئين وير به وڙھه، ويرين ساڻ وجود جي.]
    (شيخ اياز)

    آءٌ ڪيترن ساٿين جي مقابلي واري قوت بابت سوچيندي رھندي ھيس ته، ڇا نيڪ دائوديءَ کان وڌيڪ بدترين تشدد ڪنھن ٻئي تي ٿي سگھي ٿو؟ ڇا ان کان وڌيڪ ٻئي ڪنھن ۾ برداشت جو مادو ٿي سگھي ٿو؟ ساٿي نيڪ دائودي اسان جي ڪوھستاني ساٿين مان ھو، جن سياہ ڪل کان شاھه جي خلاف ھٿياربند جدوجھد جي شروعات ڪئي ھئي. ساٿي بھروز جيترو تشدد برداشت ڪيو ھو، ڇا ڪوبه ان جي مقابلي ۾ اچي سگھي ٿو؟ سياہ ڪل جھنگل جي ساٿين تي بدترين تشدد کان پوءِ تنگ ٿي، حڪومت کين گولين سان اُڏائي ڇڏيو. اسان جي ھڪ ساٿيءَ تي دشمن جڏھن تشدد ڪندي آخري حد تي پھتو ته کيس ڌمڪي ڏنائون ته توکي بجليءَ واري تختي تي ويھاريو ويندو. اھو زخمي ساٿي جيڪو مشڪل سان چري پري سگھيو ٿي، رڙھندو وڃي، پاڻ ئي بجليءَ واري چرندڙ تختي تي ويٺو ۽ چوڻ لڳو، ”ويٽنام ۾ ٻڌمت جا پيروڪار ويٽنامي پنھنجو پاڻ کي ٻرندڙ باھه ۾ زندھه ساڙي ڇڏيندا ھئا. ڇا آءٌ پنھنجي عزم ۾ ايترو ڪچو آھيان جو اھو به نه ڪري سگھندس؟“ ٻھراڙي جي نون ڀرتي ڪيل سپاھين جي روزانو بدلي ڪندا ھئا. ساڻن ڪچھريون ٿينديون رھيون، ايتري قدر جو ڪڏھن ڪڏھن ”عورتن جي حَقن“ بابت بحث ڪندا ھئا. اھڙا ئي سوال اسان جي مرد ساٿين کان پڇندا ھئا ۽ ھو کين مطمئن ڪري ڇڏيندا ھئا. اھڙي طرح ھو ملي جلي ويا جو اسان سان گھري ھمدردي ڪرڻ لڳا. ان جو مثال ھي آھي ته ھو اسان جي ساٿين جون ھٿڪڙيون کولي ڇڏيندا ھئا ۽ جڏھن ڀاڙيتو دلال ايندا ھئا ته وري ھٿڪڙيون لڳائي ڇڏيندا ھئا. سندن ان رويي جي ڪري اسان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي ھئي ۽ اسان پڻ ساڻن عزت سان پيش ايندا ھئاسون. جنھن ڪري اسان ۾ سندن اعتماد ھوندو ھو. ھو ھر وقت منھنجي مدد لاءِ فڪرمند رھندا ھئا. جڏھن جلاد عورتون مون کي پاڻي نه ڏينديون ھيون، ته ھو (مرد سپاھي) مون کي لڪي ڇپي پاڻي ڏيندا ھئا. اھا سندن مھرباني ھئي. پاڻي ملڻ ڪو وڏو مسئلو نه ھو پر سندن ان رويي مون کي تمام گھڻو متاثر ڪيو. سندن رويي کان اڃا به وڌيڪ متاثر تڏھن ٿيس جڏھن مون کي پوليس جي تھخاني ۾ رکيو ويو، جتي ٻيا به ساٿي موجود ھئا، ته ھو اسان جي ڪمرن جا دروازا کولي ڇڏيندا ھئا ۽ ساٿي پاڻ ۾ جيڪي ڳالھيون ڪندا ھئا اھي ڪنھن کي به نه ٻڌائيندا ھئا، نه وري ڪنھن آفيسر وٽ اسان جي شڪايت ڪندا ھئا. مگر جاسوس کاتي جا سپاھي دشمن سان ڄاڻي واڻي سازباز ڪندا ھئا.
    ھڪ ڀيري ھڪ سپاھيءَ پڇيو، ”ڇا بھروز تنھنجو سڳو ڀاءُ آھي؟“ مون چيو، ”ھائو.“ وري پڇيائين، ”ان کي جيڪي عذاب ڏنا ويا ھئا، تن جي توکي خبر آھي؟“ اھي لفظ ھن نھايت غمگين ٿيندي چيا. ڀلا جنھن جي ڀاءُ کي ھيتريون اذيتون ڏنيون ويون ھجن، تن جو ذڪر سندس ڀيڻ سان ڪيئن ٿو ڪري سگھجي. اسان ڄاڻي ورتو ته سندن موجودہ غلاميءَ جو اصل ڪارڻ غربت ۽ مصيبت ھئي. جنھن جو اصل سبب ھي نابرابريءَ وارو ۽ ڦورو سماج آھي. اسان کي قيد خاني جي سپاھين ۾ غلام انسانن جي مصيبتن جون جھلڪيون نظر پئي آيون. ھاڻي وري اسان جا ساٿي ھڪٻئي پٺيان لڳاتار گرفتار ٿيڻ شروع ٿيا. آفيس ۾ ڌمچر متو پيو ھو ۽ ڀاڙيتو دلال چوويھ ئي ڪلاڪ ’ڪم‘ ۾ رُڌل ھئا. اذيتن جي دوران مظلومن جي رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا. ڀاڙيتو دلال ڪن خاص سببن لاءِ ڇتن ڪتن وانگر ھيڏي ھوڏي ڀڄي رھيا ھئا، مثال طور منھنجي نگراني ڪندڙ عورت پنھنجي ڪرسيءَ تان ٽپ ڏيئي اٿندي، ورانڊي ڏانھن ڀاڄ ڪندي ۽ رڙيون ڪندي ته، ”رنڊيءَ جا پُٽ! ھاڻي کڻي ڪُڇ، نه ته شامت نازل ٿيندئي.“ اھڙين راتين تي اھي غلام، سامراجي دلال ۽ وحشي شراب پي مست ٿي ويندا ھئا ۽ ورانڊي ۾ گوڙ مچائيندا، زور زور سان فرش تي بوٽ ھڻي، کڙڪا ڪندا ۽ اسان جي ساٿين کي گھٽ وڌ ڳالھائيندا ۽ گاريون ڏيندا ھئا. ھو چوويھ ئي ڪلاڪ ننڊ نه ڪندا ھئا، ھڪڙا مظلومن کي اذيتون ڏئي، پڇا ڳاڇا ڪري نڪرندا ھئا ته مٿان وري ٻيا ايندا ھئا. ذليل وحشين جي ننڊ ئي حرام ھئي، ھر وقت آرام ڦِٽل ھُين. آءٌ سوچيندي ھيس ته اھي حرامخور پوليس وارا ھڪ ظالم حڪومت لاءِ آخرڪار ھھڙيون حرڪتون ڇوٿا ڪن؟ ۽ ان نتيجي تي پھچندي ھيس ته حقيقت ۾ اھي وحشي دولت، عھدن، خودغرضي ۽ عيش حاصل ڪرڻ لاءِ ئي اھڙا ڪُڌا ڪرتوت ڪن ٿا. منھنجي اھا خواھش ھئي ته اسان جا ساٿي جيڪي ٻاھر آھن سي اھو سمجھن ته سندن فرض جي پورائي ڪرڻ ڪيترين مشڪلاتن جي گھيري ھيٺ آھي ۽ اھڙي ذليل دشمن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ڏھوڻو وڌيڪ سخت ڪم ڪرڻو پوندو. آءٌ پاڻ تي پڻ تنقيد ڪندي ھيس ته جڏھن ٻاھر ھوندي ھيس ته ڪيڏي نه سُست ھيس. ذاتي ڪمن ۾ وڌيڪ وقت زيان ڪندي ھيس ۽ جڏھن ڪوبه ساٿي ان وقت گرفتار ٿيندو ھو ته ٺينگ ٽپا ڏيندا ھئاسون ۽ ان جي مٿان پئيسن جو مينھن وسائيندا ھئاسون.
    پوليس وارا ھڪٻئي سان گوءِ رکندا ھئا، فقط اھو ڏيکارڻ لاءِ منجھائن ڪير وڌيڪ اھل ۽ محنتي آھي جيئن کين وڏا عھدا ۽ انعام ملن. ھو اسان جي ساٿين سان بيحيائيءَ سان پيش ايندا ھئا. ڇاڪاڻ ته ھو پنھنجي آقا کي ناراض نه ٿي ڪري سگھيا. کين اھو ڊپ ھو ته ائين نه ٿئي جو سندن آقا پنھنجي ظلم جو کاڄ، کين ئي بڻائي. اسان جي ساٿين کي اذيتون ڏئي، پنھنجي آقا سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندا ھئا. ھلندڙ سال دوران اسان جي ساٿين جون گرفتاريون اڪثر ڪري پوليس جي ھٿان ٿيون ھيون ۽ ھو وري فخر محسوس ڪندا ھئا. جڏھن به ڪنھن قيديءَ جي رڙين جو آواز (اذيتن دوران) يڪدم بند ٿي ويندو ھو ته ھو خوشيءَ مان نچڻ شروع ڪندا ھئا ۽ رڙيون ڪري چوندا ھئا ته، ”گڏھه ڏس ..... اڙي ائين ئي ڪرڻو ھُيوَ ته اڳ ۾ ڇونه پيا ڪريو......“
    جڏھن به اسانجي ساٿين کي اذيتون ڏيندا ھئا ته آءٌ جوش ۾ اچي ويندي ھيس پر سپاھين جي سامھون ڪوشش ڪري خاموش رھندي ھيس. ”تو ڏٺو تنھنجا ”ساٿي“ (ٽوڪ واري انداز ۾ لفظ ساٿي زور سان چوندا ھئا) راز ٻڌائي رھيا آھن ۽ ختم ٿي رھيا آھن. ڀلا ديو جيڏي حڪومت آڏو ڪير ٿو بيھي سگھي. اوھان مصدق جو حال ڏٺو ھو، ھن وٽ حڪومت به ھئي پر ھنن ڇا ڪيو؟ توھان سڀ فقط اڌ درجن جيترا ماڻھو آھيو، پوءِ ھيڏي ساري حڪومت کي ڪيئن ٿا ڊاھي سگھو؟“ آءٌ چوندي ھيس، ”اھو اوھان جو وھم آھي، اڃا ته انقلاب جي شروعات ٿي آھي، توھان ٻيھر گذريل سالن وانگر ھن قبرستان جو امن امان بحال نٿا ڪري سگھو! توھان جا جيل ڀرجي ويندا ۽ ڪابه جاءِ ڪانه بچندي جتي اوھين وڌيڪ ماڻھو قيد ڪري سگھو. توھان ان ڳالھ تي ناراض آھيو پر اھو وساري ويٺا آھيو ته ھيءَ صورتحال انقلاب لاءِ صحيح وقت جي چونڊ ڪندي آھي.“ڪڏھن ڪڏھن آءٌ ساٿي پويان جو قول ورجائيندي ھيس، ”جڏھن به اسين عملي ميدان ۾ داخل ٿينداسون، اسان جي ڪيترن ئي ساٿين کي ماريو ويندو، اھو به ممڪن آھي ته اسان جي تنظيم پڻ ختم ٿي وڃي پر اھا ڳالھ اھم ناھي ڇوته ٻيون تنظيمون ان جي جاءِ والارينديون ۽ اسان کي ان ڳالھ تي فخر آھي جو اسان ھٿياربند جنگ جي شروعات ڪئي آھي ۽ ان جي ذريعي موت جھڙي خاموشي ۽ ماٺار کي ٽوڙيو آھي، جنھن پوري مُلڪ کي پنھنجي ڪفن ۾ ڍڪي ڇڏيو ھو.“ ۽ آءٌ وري اُن ۾ واڌارو ڪندي ھيس ته، ”اسان مري به وڃون پر انقلاب جي راھه روشن رھندي.“
    ڪڏھن ڪڏھن ائين به ٿيندو ھو ته آءٌ جڏھن ماني کائڻ شروع ڪندي ھيس ته اذيتون سھندڙن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون ھيون، مشڪل سان پاڻ کي ٿڌي رکڻ جي ڪوشش ڪندي ھيس، اھڙي طرح آھستي آھستي ماني به کائيندي رھندي ھيس. منھنجو خيال ھو ته کين (دشمن کي) ياد رکڻ گھرجي ته ان حرڪت جي ڪابه اھميت ڪانھي، اسان کي انھن ڳالھين جي اميد ھئي ته آخري فتح اسان جي آھي جنھن تي اسان جو ايمان آھي، اھڙي طرح جيئن رات جي گھُگھ اونداھيءَ کان پوءِ ڏينھن جي روشني ٿيندي آھي. جڏھن به اڪيلي ڪمري ۾ ھوندي ھيس ۽ اذيتون سھندڙن جون رڙيون ٻڌندي ھيس ته جوش مان مُٺيون ڀڪوڙجي وينديون ھيون، ڏند وڄڻ لڳندا ھئا ۽ ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ ڪا شيء نڙيءَ ۾ اٽڪي پيئي آھي، ڪاوڙ ۾ ساھه منجھڻ لڳندو ھو ۽ ائين سمجھندي ھيس ته ان ڌماڪي سان منھنجو وجود به ختم ٿي ويندو. مون کي اھا به خبر ھئي ته آءٌ ڇا ٿي ڪري سگھان؟ حقيقت ۾ ڪجھ به ڪري ڪونه ٿي سگھيس- ڪاش! منھنجا پير زنجيرن ۾ جڪڙيل نه ھجن ھا ته آءٌ ڊوڙي وڃي اذيت خاني ۾ پھچان ھا ۽ چوان ھا ته:
    ”ساٿي! اڏام لاءِ سوچ، پڃرو فاني آھي.“
    مون کي خبر ھئي ته جيڪڏھن آءٌ رڙيون ڪري ساٿيءَ کي چونديس ته اھي گوڙ گھمسان ۾ گم ٿي وينديون، ان ڏک کان جان ۾ سور جو سوٽون محسوس ٿينديون ھيون. اھي گھڙيون تمام سخت ھيون. مون کي خبر ھئي ته ان مان دشمن کي فائدو پھچندو، مگر آءٌ ان کي ڪيئن ٿي روڪي سگھيس ۽ اھا بيوسي مون لاءِ اذيت بڻجندي پئي رھي. ”جڏھن تون دشمن جي سامھون ھجين ته تون چاھيندينءَ ته اسان جو ساٿي جنھن تي دشمن تشدد ڪري رھيو ھجي، اذيتن کان بچاءَ جو رڙيون ڪري، ڀَل تون اھو برداشت نه ڪري سگھندينءَ ته ھو خاموشيءَ سان شھيد ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته جدوجھد دوران ڪنھن ساٿيءَ سان پيار ڪرڻ ھڪ اعليٰ اصول سان پيار ڪرڻ جي برابر آھي. اگر ڪوبه ان اصول سان غداري ڪري ٿو ته توھين ان سان ڪيئن ٿا پيار ڪري سگھو؟“ آءٌ ان ۾ به واڌارو ٿي ڪريان ته، ”اذيتن جي ڪري ڪوبه ساٿي راز نه ٿو ٻڌائي سگھي پر اذيتون گھٽائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالھائي يا غلط ڏَس ڏئي سگھي ٿو ۽ ڪي ساٿي ته اذيتن جي ڪري بيھوش به ٿي ويندا آھن.“
    جڏھن به ڪو ساٿي بزدل ٿي پوندو ھو ۽ دشمن خوش نظر ايندو ھو ته مون کي ڏاڍي مٺيان لڳندي ھئي ۽ آءٌ ٻين ساٿين جي ڀاڙيائپ واري بچاءَ ڪرڻ جي طريقي تي سوچيندي ھيس، ”ڇا نيڪ دائودي ۽ ٻين (سياہ ڪل جي فدائين) کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه دليري ڏيکاري ڪونه سگھندو؟ جن مان سڀ جو سڀ اذيتون ڏيئي ماريا ويا ھئا. ساٿي بھروز کي جتريون اذيتون ڏنيون ويون ھيون، ان جو مثال ملڻ محال آھي. ھاڻي قيد جا شروعاتي ڏينھن گذري چڪا ھئا. جلاد عورتون رسين سان ٻَڌي مار ڏينديون ھيون ۽ آءٌ سواءِ ڪاوڙ ۽ نفرت جي ٻيو ڪجھ به ڪري نه سگھندي ھيس. ھاڻي آفيسرن جو اچڻ بند ٿي ويو. آءٌ ڪنھن پھريدار عورت کي بڇڙي ڪرڻ لاءِ سوچيندي ھيس ته جيئن سندس بدنامي ٿئي. ھڪ ڏينھن حمام ۾ ھئاسين، پھريدار عورت حڪم ڏيڻ ۾ مشغول ھئي ته، ”ھن حوض مان ھٿ منھن نه ڌوئجانءِ، فلاڻي حوض مان ھٿ ڌوئجانءِ وغيرہ.“ آءٌ ساڻس چڙي ويس، سندس اھڙي حالت ڪيم جو اڌ مُئي ٿي پئي. اھا عورت پاڻ کي چالاڪ سمجھندي ھئي، ان کان پوءِ بيوس ۽ لاچار ٿي ھڪ ڪنڊ ۾ بيھي رھي ۽ ڪجھ به ڪونه ٿي ڪڇيائين. رڳو کِڳي پئي ھنيائين ۽ آواز به ڪونه پئي نڪتس. سپاھي اھڙا بدحواس ٿي ويا جو مون کي پڪڙڻ بدران ان عورت کي پڪڙيائون. آءٌ ان جلاد عورت کي لتون ۽ مڪون ھڻڻ سان گڏوگڏ نڙيءَ مان جھلي گھٽو ڏيڻ لڳيس. تڏھن سپاھين کي ھوش آيو ۽ پوءِ مون کي پڪڙي ڪمري ۾ وٺي آيا. پوءِ واري نتيجي جي مون کي ڄاڻ ھئي ته ڇا ٿيندو- ڪمري ۾ پھچڻ کان پوءِ منھنجا ھٿ ڇت ۾ لڙڪيل زنجير سان ۽ پير کٽ سان ٻَڌائون، رڳو چري پري پئي سگھيس ۽ پوءِ آفسرن لتن ۽ مُڪن سان ورتو، ايترو ماريائون جو ڌڪن جا نشان ٿي بيٺا. ٽي چار ڪلاڪ مارڪٽ کانپوءِ گاريون ڏيڻ لڳا. منھنجي کٽ کڻائي ”قيد تنھائي“ واري ڪمري ۾ رکيائون ۽ دروازو بند ڪري پاڻ ھليا ويا.


    باب ستون : قيد تنھائيءَ جون يادگيريون

    [ ڏونگر ڏکوين کي، تپي ڪندين ڪوھه،
    تون جي پھڻ پٻ جا، ته لڱ منھنجا لوھه،
    جنھن ڇوريءَ ۾ ڇوھه، سا ڇپرين ڇُلندي.]
    (شاھه)

    اھا سڄي رات مون سڪون سان ننڊ ڪئي. صبح جو ڪمري جي ھڪ پاسي واري ڀت تي ڌڪ ھڻڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڀر واري ڪمري مان ڪو ساٿي ان ذريعي ”صبح جو سلام“ چئي رھيو ھو. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. ھھڙي سُڃي ڪمري ۾ جتي دشمن جي دلالن کان سواءِ ڪوبه نه ھو، ڪنھن ساٿيءَ جو ھن طرح آواز ڏيڻ وڏي غنيمت ھئي. منھنجو پاڙيسري ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ ڀت تي ڌڪ ھڻي رھيو ھو. جڏھن ڪو ساٿي پڇندو ھو ته ”آفيسر! ٽائيم گھڻو ٿيو آھي؟“ ڪھڙي نه پياري ڳالھه ھئي. ساٿي ھڪ ٻئي جو آواز ٻڌي پئي سگھيا ۽ اھڙي طرح قيد تنھائيءَ ۾ سندن خود اعتمادي وڌي رھي ھئي. ٻئي ڏينھن منھنجا ھٿ ھڪ ڪلاڪ لاءِ کوليائون جنھن ڪري آءٌ ساٿيءَ جي ڀِت تي ڌَڪن جو جواب ڏئي پئي سگھيس. اسان پنھنجا انقلابي گيت ”ساٿي! او ساٿي“ جي ڌن تي ڀت کي ڌڪ ھڻي ڳائيندا ھئاسون. ٻن پھرن جو وقت ھو، سخت گرميءَ جي ڪري پگھر تمام گھڻو وھي رھيو ھو ۽ مون کي سخت تڪليف محسوس ٿي رھي ھئي. ھڪ پاسي ھٿ ۽ پير زنجيرن سان جڪڙيل ٻئي طرف سخت گرميءَ جي ڪري پگھر وھي رھيو ھو، جنھن سبب ساھه ٻوساٽجڻ لڳو- آخرڪار تنگ ٿي پيس ۽ سوچيم ته ڪونه ڪو گيت ڳايان- اھو سوچي ھي گيت ڳائڻ شروع ڪيم:
    دشمن پڇي ته اڳواڻ ڪٿي آ،
    ڇاتيءَ تي ھٿ ھڻي،
    ۽ دشمن جي،
    اکين ۾ اکيون وجھي،
    اسين چوندا آھيون،
    ته ساٿي وڙھي رھيا آھن.

    آءٌ، صمد، جواد ۽ رحمت جا نالا بدلائيندي، گيت ڳائيندي رھيس. ان لاءِ منھنجي ذھن ۾ تحريڪ جي پھرين واقعي جو ڏيک چٽيل ھو. جنھن ۾ پويان، پيرديءَ ۽ نظيريءَ حصو ورتو ھو. جلاد عورتون مون کي چيڙائڻ لاءِ ان واقعي جو ذڪر ڇيڙينديون ھيون. حقيقت ۾ ان واقعي کان ھو ڊنل ھئا پر ظاھري طرح خوشيءَ جو اظھار ڪندا ھئا ۽ مون کي ڏک پھچائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. ڇوته ان واقعي ۾ ساٿي پويان اسان کان جدا ٿي ويو ھو. جيڪو اسان جي تنظيم جي مرڪزي ساٿين مان ھو. سامراجي دلال ان حملي کان دھلجي ويا ھئا. ان واقعي جو خوف مٿن ھڪ ڀوت وانگر سوار رھندو ھو ۽ ان جو ذڪر اھڙي ريت ڪندا ھئا ڄڻ اھو واقعو جنن ۽ ڀوتن جي آکاڻي ھئي. آءٌ ساٿين جي جدوجھد جو تصور ڪندي رھيس. دشمن، ساٿين کي گرفتار ڪري، کانئن تنظيم جا راز اڪلائڻ گھرندا ھئا مگر ھو بھادري، سورھيائي ۽ ڏاھپ سان آخري گوليءَ تائين، شھر جي وچ ۾ دشمن جي ھيڏي ساري فوج سان مقابلو ڪندا رھيا. سندن انقلابي نعرن ۽ گولين جي آواز سان سڄو علائقو گونجي رھيو ھو ۽ دشمن کي سواءِ مردہ لاشن جي ٻيو ڪجھ به ھٿ نه آيو. آءٌ ڪاوڙ ۽ جوش ۾ ڏڪي رھي ھيس ۽ پاڻ کي چيم، ”نفرت به محبت وانگر اھم آھي.“ پوءِ ھي گيت ڳائڻ لڳيس:
    انقلاب،
    انقلاب،
    انقلاب.
    ٻن پھرن جا ٽي وڳا ته پھريدارن جي بدلي ٿيڻ جو گوڙ شروع ٿيو. ايتري ۾ آواز آيو، ”اوھان جو نالو ڇا آھي؟“ مون سمجھيو شايد ڪنھن قيديءَ کان پھريدار نالو پڇي رھيو آھي. مگر ساڳيو ئي سوال ٻيھر پڇيو ويو ۽ ساڳئي وقت ڀر واري ڀت تي زور زور سان ڌڪ لڳڻ شروع ٿيا. ھن وري پڇيو، ”اوھان جو نالو ڇا آھي؟“ ھاڻي مون کي پڪ ٿي ته ڀر وارو ساٿي مون کان نالو پڇي رھيو آھي. اسان ٻنھي ھڪ ٻئي کي نالا ٻڌايا اھو پڻ ٻڌايو ته ڪيئن گرفتار ٿيا آھيون. اسان ھڪ ٻئي کي اھو پڻ ٻڌايو ته اسان دشمن کي ڪوبه راز نه ٻڌايو آھي. ٻاھر خاموشي ٿي وئي ۽ اسان به ماٺ ڪئي. جڏھن مون سيٽيءَ تي ”او ساٿي!“ جي ڌن شروع ڪئي ته ڀت تي زور سان ڌڪ لڳو، ۽ آءٌ چپ ٿي ويس. انتظار ڪرڻ لڳيس ته ايترو زور سان ڀت تي ڌڪ ڇو ھنيو ويو؟ ٿوري دير کان پوءِ منھنجي ڪنن تي ”ساٿي! او ساٿي“ جي ڌن جو پڙلاءُ پيو. اھو گيت ساٿي سيٽيءَ ذريعي ڳائي رھيو ھو. ھن پھريون مصرعو چوڻ شروع ڪيو ۽ اھڙي ريت اسان سڄو گيت سيٽيءَ ۾ ڳايو- پھريدار جو آواز آيو، ڪھڙو احمق سيٽي وڄائي رھيو آھي؟ ڪھڙو مسخرو آھي، ڪھڙو خبيث سيٽي پيو وڄائي؟ ۽ پھريدار جي بوٽن جو آواز ٿيڻ لڳو ۽ اسان وري خاموش ٿي وياسون. ماني کائڻ مھل پھريدار آيو ۽ منھنجا زنجير کوليائين. جيئن ئي پھريدار ڪمري کان ٻاھر ويو تيئن ئي ڀت وٽ پھتس ۽ ۽ ڀت تي ڌڪ ھڻي، ”سچائيءَ جو پيغام“ ڏنومانس. جڏھن پھريدار جي بوٽ جو کڙڪو ٿيو تڏھن آءٌ ڀت کان پري ٿي ويس. ان ئي وقت تھ خاني جي ھر پاسي کان سيٽي وڄائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ھاڻي پھريدارن لاءِ اھو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي پيو ته ڪھڙي پاسي کان سيٽيءَ جو آواز اچي رھيو آھي. اسان وري پھريدارن کي سيٽيون وڄائي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. جڏھن ھو ڪنھن به ڪمري وٽ پھچندا ھئا ته سيٽي وري ڪنھن ٻئي ڪمري کان وڄڻ شروع ٿيندي ھئي. وھنجارڻ واري ڏينھن ھڪ ھڪ ڪمرو کوليندا ھئا. ھر قيديءَ کي ڏھه منٽ ٻاھر ڪڍندا ھئا، پنج منٽ وھنجڻ لاءِ ڏيندا ھئا، ان کان پوءِ وري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندا ھئا. ان مصروفيت ۽ گوڙ ۾ قيدين کي ڳالھائڻ جو موقعو ملي ويندو ھو. منھنجو پاڙيسري ”ارمان خلق گروھه“ سان تعلق رکندو ھو. آءٌ کانئس سندن حڪمت عمليءَ بابت سوال پڇندي ھيس. جيئن جيئن اسان ڳالھيون ڪندا رھياسين تيئن تيئن اسان جي دوستي مضبوط ٿيڻ لڳي. مگر اسان کي گھڻو وقت ڳالھائڻ لاءِ ڪونه مليو. اسان جو آواز پھريدارن تائين پھچي رھيو ھو. جنھنڪري ھو ڇڙٻون ڏيڻ لڳا. ساٿيءَ ڀت تي ڌڪ ھنيو ۽ چيائين وري سڀاڻي. مگر ٻئي ڏينھن کيس ٻئي ڪمري ڏانھن وٺي ويا ۽ ڳالھيون ڪري نه سگھياسين.
    ھڪ ڏينھن ان ئي ڪمري مان زنانو آواز آيو. مون سوچيو ته شايد پھريدار عورت جو آواز ھوندو. وري سوچيم ته شايد ساٿي فزان (ساٿي رقيه دانشتگريءَ کي گھر وارا ان ترڪي نالي سان سڏيندا ھئا) آھي. منھنجو اندازو صحيح نڪتو ڇوته ٻئي پاسي واري ڪمري ۾ ساٿي شاھين ھئي ۽ ساٿي رقيه تھ خاني ۾ کلندڙ وڏي دراوزي جي ڀر واري ڪمري ۾ ھئي. اسان ڀت کي ڌڪ ھڻي، اشارن سان ھڪ ٻئي کي پيغام ڏيڻ شروع ڪيو ۽ جيستائين ھڪٻئي جي پاڙي ۾ رھيونسين، اھو سلسلو جاري ھو. ان دوران اسان ڪڏھن به تنگ ڪونه ٿياسين. اھڙي طرح ڀت کي ڌڪ ھڻي پيغام پھچائڻ واري طريقي کي اسان ”زيرو بم“ سڏيندا ھئاسين ۽ اسان زيرو بم ذريعي ھڪٻئي کي گيت پڻ ٻڌائينديون ھيوسين.

    ”پوئتي قدم ڪڏھن به نه وڃي،
    چاھي موت جي گھڙي اچي.“

    ۽ ”او ساٿي!“ جون سڀئي مصرائون ڀت تي ڌڪ ھڻي، ھڪٻئي کي ٻڌائينديون ھيوسين. صبح جي وقت تھ خاني جو ٻاھريون دروازو وڏي زور شور سان کلندو ھو. سيخن جي ٻاھران ھڪ ڦلڪو ۽ ٿورو پنير رکي ويندا ھئا. ان گوڙ شور جي ڪري اسان ننڊ مان جاڳي پونديون ھيوسين ۽ پھريدار ھٿڪڙيون کوليندا ھئا، جيڪي رات جو ھنيون وينديون ھيون. آءٌ يڪدم ساٿي شاھين جي ڪمري واري ڀت تي ڌڪ ھڻندي ھيس. اسان پنھنجي انقلابي ڌن جو ورد ڪنديون ھيوسين. آءٌ ساٿيءَ جي زور زور سان ساھه کڻڻ جو آواز پڻ ٻڌندي ھيس.
    اسان ٽنھي جي تھ خاني ۾ موجودگيءَ سبب ھتان جو ماحول ئي بدلجي ويو ھو، تھ خاني جي خاموشي ٽُٽي پيئي ھئي. اھو اسان جو فرض ھو، ڇوته جدوجھد ھر حالت ۾ جاري رکڻي آھي. ٻين ڏينھن جي ڀيٽ ۾ اڄوڪو ڏينھن وڌيڪ مصروف ڏينھن ھو. پھريدارن ھڪ پاسي ڪنڊ ۾ پئي چرچا ڀوڳ ڪيا ۽ اسان کي ڳائڻ جو سونھري موقعو ملي ويو. ان ڪري آءٌ سيخن جي ڀرسان ويھي ”نگوين وان تُروئِي“ جي نظم جو بند ڳائڻ شروع ڪيو. پوءِ وري ٻنھي گڏجي ٻين شاعرن جا گيت ڳايا. وري ساٿي رقيه پنھنجا شعر ٻڌايا جيڪي ھن 3 جون جي موقعي تي ( ھن تاريخ تي ساٿي پويان، پيردي، نظيري ۽ صادقي شھيد ٿيا ھئا.) لکيا ھئا.

    ٻڌ! اي قاتل ۽ جلاد
    جڏھن به
    ڪنھن ساٿيءَ سر ڏنو آھي
    جڏھن به
    ڪنھن ڪونڌر ڪنڌ ڪپايو آھي
    ته اسان
    نئون وچن، نئون واعدو
    ڪيو آھي عوام سان.

    اسان جا مرد ساٿي پنھنجي پنھنجي ڪمري جي سيخن وٽ بيھي، گيت ٻڌي رھيا ھئا. ساٿي حبيب فرزو ڪجھ ڏينھن اڳ تھ خاني ۾ آندو ويو ھو. اسان جو گيت ٻڌي، پاڻ به جوش مان ڳائڻ لڳو.

    ”ساٿي! او ساٿي
    اٿي ٿيءُ کڙو ۽ تيار
    دشمن لئه تيغ ترار.“

    سندس ڳوري آواز ھئڻ ڪري سڄو تھ خانو وڄڻ لڳو. جنھن تي ساٿين چيو ته ساٿيءَ کي درخواست ٿي ڪجي ته ھو خاموش رھي ڇوته ھي ڀاڙيتو دلال اسان جي عورت ساٿين کي به ڳائڻ ڪونه ڇڏيندا، تنھن تي ھو خاموش ٿي ويو. انھن ڏينھن ۾ تھ خاني جي اھا حالت ھئي جو ھر پاسي کان سيٽيءَ جا آواز اچي رھيا ھئا، زيڊ فلم جون ڌنون ٻڌڻ ۾ پئي آيون ۽ ڪڏھن ڪڏھن رقيه ۽ آءٌ ترڪي گيت ڳائينديون ھيوسين. اسان خاموشي ٽوڙڻ لاءِ ڀت تي ”فتح اسان جي آھي.“ جي ڌن وڄائينديون ھيوسين. جڏھن به اسان کي ڳائڻ جو موقعو نه ملندو ھو تڏھن اسان ڪپھ جي ٽڪرن مان ڀڪوڙيل مُٺيون، بندوقون، مشين گن، بم، گل، مڇيون ۽ خنجر ٺاھي ھڪٻئي تحفا ڏيندا ھئاسين. جڏھن به موقعو ملندو ھو ته ھڪٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ھئاسين. ساٿي رقيه ھر وقت خاموش رھندي ھئي پر جڏھن به ڪو ساٿي پائخاني ڏانھن ويندي، سندس ڪمري وٽان لنگھندو ھو ته مُٺيون ڀڪوڙي نعرا ھڻي، سندن ھمت وڌائيندي ھئي.
    مون کي ڪجھ ڏينھن کان تھ خاني جي آخري ڪمري ۾ رکيو ويو. انڪري پائخاني ڏانھن ويندي، سڀني ڪمرن وٽان لنگھڻو پوندو ھو ۽ جڏھن به آءٌ ڪمرن وٽان لنگھندي ھيس ته سڀ ساٿي ھٿ لوڏي، منھنجو آڌرڀاءُ ڪندا ھئا. مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي ھئي. پنھنجو پاڻ کي چوندي ھيس، ”اذيتن جون تڪليفون ته جلد ختم ٿينديون پر عوام، قيدي ساٿين ۽ انھن ساٿين (جيڪي اڃا تائين جدوجھد ۾ مصروف آھن) سان محبت اڻ ٽٽندڙ آھي، انسان کي ان محبت مان راحت ملي ٿي ۽ دشمن سان نفرت ڪرڻ مان پڻ.“ ھڪ ڏينھن فرھنگ اچي ڪڙڪيو ۽ بڪواس ڪرڻ لڳو. ”تون جيڪا بڪواس پيو ڪرين، ان سان مون کي ڪابه دلچسپي ڪانھي، ھاڻي کڻي چپ ڪر.“ مون چيو- پر ھو به پھريون نمبر حرامي ھو. کلندي چوڻ لڳو ته، ”توھان ماڻھو به الائجي ڪھڙي آفت آھيو، ايتريون اذيتون برداشت ڪريو ٿا پوءِ به خاموش آھيو- جنھن ڏينھن توکي ”ايوين“ مان آندو ھئائون، مون توکي ڏٺو ھو، ھڪ سپاھي توکي ڪلھي تي کنيو ٿي آيو. تون بلڪل لاش پئي لڳينءَ، مون ڀانيو تون مري ويندينءَ. اھو ٻڌاءِ ته آخر اِھو ڪھڙو جذبو آھي جنھن سبب توھان ايتريون اذيتون برداشت ٿا ڪريو؟“ منھنجي جواب ٻڌڻ کانسواءِ ڳالھائيندو رھيو. ”آءٌ توکي ٻڌايان ٿو ته ھن نظام لاءِ مون سڄي عمر ڪم ڪيو آھي، ھن وقت مون وٽ جيڪو ڪجھ آھي سو ان جي ئي بخش آھي، پر پوءِ به جيڪڏھن توھان مون کي ٿوري به مار ڏيو ته آءٌ ھڪ چماٽ کائڻ کان سواءِ ئي سڀڪجھ ٻڌائي ڇڏيان. منھنجي سمجھ ۾ نٿو اچي ته آخر توھان ڪھڙي بلا آھيو؟ ڇا توھان چريا آھيو؟“ ۽ پوءِ پاڻ ئي لڄي ٿي، انھن مجاھدن جي ھمت کي ساراھڻ لڳو. جن کي 1953ع ۾ ”موت جي سزا“ ڏني ويئي ھئي. ھي خود ان ۾ شامل ھو ۽ جنھن نموني مجاھد بندوقن آڏو سينو ساھي بيٺا ھئا، ان لاءِ کين داد ڏيڻ لڳو.
    ھاڻي وري ٻن ڏينھن تائين مون کي کٽ سان ٻڌائون. جڏھن سپاھيءَ ماني کائڻ لاءِ کوليو ته آءٌ ڊوڙي وڃي، سيخن وٽ پھتس، ساٿي رقيه سامھون واري ڪمري ۾ بيٺي ھئي. مون ھٿ مٿي کنيو ۽ ھن به ڀڪوڙيل مٺين سان ”انقلاب جو سلام“ چيو، آءٌ ڏاڍي خوش ٿيس. ماني کائڻ واري وقفي کان پوءِ مون کي وري کٽ سان ٻڌائون. زخمن سان چُور ھوندي به منھنجو ڳاٽ اوچو رھيو. وري ھاڻي ھٿ کوليائون ۽ آءٌ سولائيءَ سان سيخن کان ٻاھر ڏسي پئي سگھيس. ھڪ ڀيري ڪمري نمبر 9 (نو) ۾ ڊاڪٽر کي ويندي ڏٺو. مون کي حيرت ٿي ۽ سندس اچڻ جو سبب معلوم ڪرڻ ٿي گھريم. جڏھن به ڪو ڊاڪٽر ۽ سندس مددگار تھ خاني ۾ ايندو ھو ته ان مان صاف ظاھر ھو ته ڪنھن قيديءَ کي سخت اذيتون ڏنيون ويون آھن. طبي مددگار ساٿي رقيه جي ڪمري ۾ پڻ ويو. دشمن ساٿيءَ جي پيرن جون آڱريون لائيٽر جي باھه سان ساڙيون ھيون ۽ ھو انھن زخمن جي ملم پٽي ڪرڻ ويو ھو. مون سيخن کان ٻاھر ڏٺو ته ٻيا ساٿي به سيخن وٽ بيٺا ھئا. ڪمري نمبر نو مان مشڪل سان ساٿي رڙھندو نظر آيو. ھو ”ارمان خلق گروھه“ سان تعلق رکندو ھو. جڏھن ھڪ سپاھيءَ کيس ٽيڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھن سپاھيءَ کي ڌڪو ڏيئي پري ڪيو. صاف ظاھر ھو ته ھن کي سخت اذيتون ڏنيون ويون ھيون. ھن جي چيلھ ۽ ھڪ ٻانھن کي ڏنڀ ڏيئي ساڙيو ويو ھو. سندس ھٿ زخمن جي ڪري سڌا ڪونه پي ٿي سگھيا ۽ پيرن جا زخم پڻ تازا ھيس جنھنڪري ھو ھلي چلي به ڪونه ٿي سگھيو. ايتري تڪليف ھوندي به ھو ھمت ۽ مردانگيءَ سان اڳتي وڌي رھيو ھو. ھڪ مجاھد کي ايترو زخمي ڏسي، مون کي چڪر اچڻ لڳا ۽ سڄو ڪمرو گول ڦرندي محسوس ٿيو. ھو جيئن ئي نظرن کان پري ٿيو آءٌ جيڏي سا تيڏي وڃي سيخن جي جھنگلي سان ٽڪرجي ڪري پيس ۽ ڀت تي زور سان مُڪون ھڻڻ لڳس. انتقام جي باھه ۾ ٻرندي، منھنجو ساھه منجھڻ لڳو ۽ ڳوڙھا لارون ڪري وھڻ لڳا. پنھنجو پاڻ کان پڇيم، ھي وحشي اھڙن ڏوھن ڪرڻ لاءِ ڇو آزاد آھن؟
    ساٿي اصغر عرب حارثي دشمن کان سخت نفرت ڪندو ھو. ننڍي عمر ھوندي به ڄاڻ تمام وسيع ھيس. اھڙو ته سخت محنتي ڪارڪن ھو، جو سڀ ساٿي سندس عزت ڪندا ھئا. ايتري قدر جو دشمن به سندس تعريف ڪندا ھئا. مون کي ياد آھي ته جڏھن مٿس ڦٽڪا وسائي رھيا ھئا ته ٻڙڪ به ٻاھر نه ڪڍيائين. آخرڪار دشمن ڪَڪ ٿي پيا ۽ چوڻ لڳا ته، ”ھن ڇوڪري کي ڦٽڪا ھڻڻ ڄڻڪ ڀت کي ڦٽڪا ھڻڻ جي برابر آھي.“ کيس چوويھ چوويھ ڪلاڪ کٽ تي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏيندا ھئا ۽ جڏھن به زنجير کوليندا ھئا ته ڀرسان بيٺل دلال کي لت وھائي ڪڍندو ھو. جنھن ڪري کيس ڏنڊا ٻيڙي پارائي، ٻه سپاھي پائخاني ڏانھن وٺي ويندا ھئا. ساٿي اصغر جو چوڻ ھو ته، ”دشمن سان ڪڏھن به زبان سان گفتگو نه ڪجي پر ساڻس بندوق جي ناليءَ وسيلي گفتگو ڪرڻ گھرجي.“ ھڪ ڏينھن پھريدار عورت مون کي ساٿي شاھين جي ڪمري ۾ وٺي وئي. مون کي بغل ۾ ماني ھئي ۽ سواءِ ڪنھن سوچ جي ننھن سان ماني پٽي کائي رھي ھيس ته ساٿي شاھين چيو. ”ممڪن آھي تون ڪمري جو فرش به ننھن سان کوٽيندي رھندي آھين جيئن تون مانيءَ کي پٽي کائي رھي آھين.“ مون چيو، ”ھاڻي نه، پر اھو ممڪن آھي ته کليل جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش ضرور ڪنديس.“ پھريدار عورت وچ ۾ ڳالھائيندي چيو، ”پياري! اھو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ، ھيترن سپاھين ۽ پھريدارن جي موجودگيءَ ۾ تون ڪيئن ٿي ڀڄي سگھين؟“ ان لاءِ مون کي انتظار ھو ۽ فدائيءَ کي ھميشہ موقعي جي تلاش ھوندي آھي.
    سياري جي موسم ۾ سخت ٿڌ پوندي ھئي، آءٌ پنھنجي جسم کي بال وانگر گول ڪري سمھندي ھيس پر پوءِ به ھڪ ڪمبل مان ايترو سيءُ ٿيندو ھو جو سڄي رات ننڊ نه ايندي ھئي. ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ سيءَ کان منھنجي دماغ جون رڳون خشڪ ٿي ويون آھن. مون ٿڌ کان بچڻ لاءِ چولي کي ٽانڪا ھڻي ڇڏيا ۽ قيدخاني وارو ڪوٽ مٿي کي ويڙھي، سوگھو ڪندي ھيس.
    ڪجھ نوان قيدي آيل ھئا ۽ آءٌ انھن سان گفتگو ڪرڻ لاءِ واجھائي رھي ھيس- ھڪ ڀيري انھن قيدين مان ھڪ سان ملاقات ٿي. مون کانئس پڇيو، ”ساٿي ڪھڙا حال آھن؟“ ھو خوش ٿي چوڻ لڳو، ”ڇاپامار ٽولي جنرل فرديءَ جي ھيلي ڪاپٽر کي گوليون ھڻي، تباھه ڪري ڇڏيو ۽ ھو به مري ويو.“ مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، کيس چيم ته اھا ڳالھ وري چئي ٻڌاءِ- وري پڇيومانس، ”ساٿيءَ مھرنوش جو ڇا حال آھي؟“ ھن وراڻيو، ”ھوءَ فدائين ۾ شامل ٿي ھئي ۽ دشمن سان مقابلو ڪندي شھيد ٿي وئي. ھن دشمن جو ان وقت تائين مقابلو ڪيو جيستائين ٻيا ساٿي اتان کسڪي ويا، ھوءَ وڏي بھادريءَ سان وڙھي ھئي ۽ ان ڳالھ جي عوام کي به خبر آھي.“ اھا خبر مون لاءِ ھمت افزائيءَ واري ھئي. ھڪ ڏينھن وري ھڪڙي ٻئي ساٿيءَ خبر ٻڌائي ته ھڪ مذھبي جماعت تاريخي ماديت کي مڃي ٿي. ھڪ ٻئي چيو، جماعت مجاھدين خلق به ھٿياربند جدوجھد ۾ ايمان رکي ٿي. اھو ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.


    باب اٺون : ٻيھر اِيوين ۾ نفسياتي اذيتون ۽ ڪجھ ساٿين سان ملاقاتون

    (جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري چم،
    مون ڪر اڳي نه ڪيو، اھڙو ڪوجھو ڪم،
    جان جان دعوا دم، تان تان پرت پنھوارن سين.

    اسان کي وري اِيوين بدلي ڪيائون، اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي وٺي ويا. ان کان اڳ مون ٻڌو ھو ته ظالم شاھه ساواڪ ۽ پوليس سان روزانو ٽيليفون تي رابطو قائم ڪري، جانچ، اذيتن ۽ ان جي نتيجن جي خبرچار لھندو ھو.

    ٻه ڏينھن مون کي قيد تنھائيءَ ۾ رکيائون. ٽئين ڏينھن ساٿين شاھين ۽ رقيه سان گڏ مون کي ھڪ ڪمري ۾ قيد ڪيائون. قيد تنھائيءَ ۾ رھڻ کان پوءِ جڏھن اسان ٽئي گڏيوسين ته ايتري خوشي ٿي جو بيان نٿي ڪري سگھان. خوشيءَ ۾ اھو احساس به نه رھيو ته واقعي اسان ٽئي ھڪ ڪمري ۾ آھيون يا نه- ڄڻ ته خواب جو سمو ھو. ڪافي عرصي کان پوءِ ھيتري خوشي ملي جنھنڪري اسان وري وري ڀاڪر پائي رنيونسين. ان کان پوءِ پورو اڌ ڪلاڪ وري کِلياسين. اسان ڳالھيون ڪنديون رھيونسين، ايتريقدر جو ٻه ڏينھن ٻه راتيون گذري ويون ۽ اسان ننڊ به ڪونه ڪئي. جنھن ڪمري ۾ اسان کي قيد ڪيو ويو، ان کي ھڪ در ۽ ھڪ دري ھئي. دريءَ جي سامھون ھڪ گھاٽو وڻن جو جھڳٽو ھو، ان کان سواءِ ٻي ڪابه شيء نظر ڪونه ٿي آئي. ڪانوَ ھڪ وڻ کان ٻئي وڻ تي وھندي نظر اچي رھيا ھئا، انھن جي ڪان ڪان جي آواز کان سواءِ ٻيو ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن پري کان ڪن رولو ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌبو ھو. انھن آوازن سان ماحول وڌيڪ ماٺيڻو محسوس ٿيندو ھو. ان ماحول مان دشمن پورو پورو فائدو وٺندا ھئا ۽ اسان جي ساٿين کي نفسياتي اذيتن ڏيڻ لاءِ ھو گولي ھڻڻ جھڙو مذاق به ڪندا ھئا. اھو ھيئن ڪندا ھئا جو صبح جو سوير ڪنھن به ھڪ ساٿيءَ کي ننڊ مان اٿاري، چوندا ته اڄ توکي گولي ھڻنداسون، پوءِ ان کي اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي کيس ھڪ وڻ سان ٻڌندا ھئا، سپاھي قطار قطار ٺاھي، بندوقون سڌيون ڪري بيھندا ھئا ۽ ساٿيءَ کي موت جو حڪم پڙھي ٻڌايو ويندو ھو. گولي ھڻڻ کان ڪجھ گھڙيون اڳ ۾ ھڪ سپاھي ڊوڙندو ايندو ھو ۽ چوندو ھو ته موت جي سزا نه ڏني وڃي، ڇاڪاڻ جو ھينئر حڪم مليو آھي ته موت جي سزا رد ڪجي ٿي. ان طرح دشمن اسان ساٿين کي ’موت جو ذائقو‘ چکائيندا ھئا. جيئن ھو ڊڄي، ھراسجي ۽ بزدل ٿي پون، سندن مضبوط ارادو ڪمزور ٿئي ۽ ھو موت جي خوف کان تحريڪ بابت ڪي ڳجھيون ڳالھيون ٻڌائين.
    ھڪ ڏينھن ھو ساٿي مسعود احمد (مسعود احمد ”فدائين خلق“ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جو ميمبر ھو. 1971ع ۾ ھڪ مُھم دوران گرفتار ٿيو ھو. 1972ع ۾ پنجن ٻين ساٿين سان گڏ کيس شھيد ڪيو ويو. سندس لکيل مضمون ”ھٿياربند جدوجھد، حڪمت عملي ۽ مھارت“ فدائين خلق جي پارٽي دستاويزن ۾ شامل آھي.) کي وٺي آيا. اسان سندس انتظار ۾ در تي بيٺيون رھيونسين. اھا ڳالھ بيان کان ٻاھر آھي ته اسان ساٿيءَ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪيترو نه بيقرار ھيوسين. نيٺ انتظار جون گھڙيون پوريون ٿيون، دروازو کليو ۽ ساٿي مسعود اندر داخل ٿيو. اسان ٽيئي ساڻس تمام گھڻي جوش ۽ جذبي سان مليونسين. سندس سنجيدہ چھري تي پريشانيءَ جا آثار ظاھر ٿي رھيا ھئا، ھٿ ملائن مھل اسان محسوس ڪيو ته ساٿي مشڪل سان ھٿ مٿي ڪري رھيو آھي. اسان ھڪٻئي ڏانھن نھاريو ۽ سوچيوسين ته اجايو ساڻس ھٿ ملائي، کيس تڪليف پھچائيسون. کانئس پڇيم، ”اذيتون سھندي اوھان کي ڪيترا مھينا گذري ويا آھن، ڇا اوھان کي اڃا سُور ٿئي ٿو؟“ ھن ھٿ لوڏيو ۽ چيائين، ”ڪا خاص ڳالھ ڪانھي.“ ھو فرش تي ويھي رھيو ۽ اسان به سندس چوڌاري ويھي رھيونسين. ساٿيءَ رقيه کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ کانئس ڳوڙھا وھڻ لڳا. ھُن جانچ دوران اذيتن جو جھڙي طرح مقابلو ڪيو ھو، ان جي باري ۾ ٻڌايائين ۽ پڇڻ لڳو، ”اوھان جي راءِ ڪھڙي آھي، ڇا مون اصولن سان غداري ڪئي آھي؟“ وري پاڻ ئي چيائين، ”نه ..... ھرگز نه ..... اھا غداري ناھي.“ وري کيس جيئن ئي ڪو واقعو ياد آيو ته سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو. ڇا ساٿي مجيد بابت توھان ڪجھ ٻڌو آھي؟ تنھن تي پھريدار مصطفوي کيس روڪڻ لڳو. مگر اسان ساٿيءَ کي منٿون ڪيون ته ڪجھ ٻڌاءِ. ھن چيو، ساواڪ جي غنڊن ھڪ غدار جي مدد سان ساٿي مجيد کي گرفتار ڪيو. گاڏيءَ ۾ ، سندس ھڪ ٽَنگ مشين گن سان ٻڌي ڇڏيائون. ساٿي مجيد سان گڏ ٻه ساواڪ جا غنڊا پڻ ويٺل ھئا. ھن وٽ اڃا تائين ھڪ دستي بم رھجي ويو ھو جيڪو ساواڪ جي دلالن ڪونه ڏٺو ھو. ساٿي مجيد پنھنجي وات ۾ سائينائيڊ جي زھريلي گوري وڌي، جيڪا وٽس موجود ھئي ۽ پوءِ بم مان پن ڪڍي، ڪار جي اڳين سيٽ تي بم اڇلايائين، اڳيان ويٺل ٽئين ساواڪ جي دلال بم کي پڪڙي ٻاھر اُڇلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر بم سندس ھٿن ۾ ڦاٽي پيو. جنھن سبب اھو دلال ۽ ڊرائيور ٿڏي تي مري ويا ۽ پويان ويٺل ٻئي ساواڪ جا ڇاڙتا زخمي ٿي پيا.
    ھڪ ڀيري منھنجي ننڍي ڀاءُ محمد کي وٺي آيا. مون کي ٻڌايائون ته سندس طبيعت تمام خراب آھي ۽ مون سان ملاقات فقط ان لاءِ ڪرائي پئي وڃي ته جيئن سندس طبيعت سڌري پوي. محمد کي مون ھڪ سال کان ڪونه ڏٺو ھو. منھنجي ذھن ۾ مختلف سوال اڀرڻ لڳا. ڇا، ھو اسان جي تنظيم ۾ شامل ٿيو آھي؟ اھو سوال وري وري اڀري رھيو ھو. دشمن وري اھو پئي گھريو ته محمد کي ٽيليويزن تي ڏيکاري، اسان جي ساٿي ۽ تنظيم جي ڪارڪن بھروز کي ڏنل اذيتن جو بار ھلڪو ڪري ڏيکارين.
    آءٌ ۽ محمد، ساٿي بھروز سان انقلابي خوبين ۽ صلاحيتن جي ڪري تمام گھڻي محبت ڪندا ھئاسين. جڏھن به کيس موقعو ملندو ھو ته اسان سان مارڪسزم تي بحث ڪندو ھو. سندس زندگيءَ جي ھر شيءِ انقلاب جي لازوال اصولن لاءِ وقف ٿيل ھئي. ھو ترڪي زبان ۾ قول ورجائيندو ھو، ھو ”انقلاب کان سواءِ پاڪائي اڻ ٿيڻي آھي.“
    ھي شعر پڻ پڙھندو ھو:
    قربانين کان ڪڏھن نه منھن موڙجي،
    سچ خاطر جان ڏئي سَرھو ٿجي.
    ساٿي بھروز جي زندگي محبت ۽ ايمان جو مجسمو ھئي. ھو دنيا جي عوام سان پيار ڪندو ھو ۽ کيس انقلاب ۾ ويساھه ھو. محمد سان کيس پيار ھوندو ھو. ان ڪري ساواڪ جي مڪار دلالن سندس اِن ڪمزوري جو فائدو حاصل ڪرڻ پئي گھريو. ھُنن محمد کي ڪجھ ڏينھن قيد تنھائيءَ ۾ بند ڪيو ۽ سندس ڪمري جي سامھون واري ڪمري ۾ ھڪ اھڙي ڪيسٽ وڄائيندا ھئا جنھن ۾ ھڪ انسان جي خوفناڪ رڙين ڪرڻ جو آواز ڀريل ھو. جنھن کي ڄڻ اذيتون ڏنيون پئي ويون. ڪڏھن ڪڏھن اڌ رات مھل محمد جي ڪمري جي ڀرسان بندوقن جا فائر ڪندا ھئا ۽ کيس چوندا ھئا ته قيدين کي گوليون ھڻي ماريو پيو وڃي. ڪڏھن رات جو اوچتو ننڊ مان اُٿاري چوندا ھيس ته اُٿي ھَلُ جو توکي ھن وقت اذيتون ڏينداسون. مسلسل نفسياتي ۽ جسماني اذيتن جي ڪري ۽ ٻيو ته کيس ٻڌايائون ته سندس وڏي ڀاءُ بھروز کي شھيد ويو آھي، جنھن سبب ھو نفسياتي مريض بڻجي ويو ھو. جڏھن کيس مون وٽ آندو ويو ته مون سمجھيو ته بيھوش ٿيڻ وارو آھي- ھو نه ڪنھن شيءِ کي چڱي طرح ڏسي پئي سگھيو نه ئي ڪا ڳالھ صحيح نموني سمجھي پئي سگھيو. ھر ڳالھ بي مقصد پئي ڀانيائين. ھُن پنھنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ڪنھن به شيءِ تي توجھ ڏيڻ سندس وس کان ٻاھر ھو. دشمن تي سندس ڪوبه اعتبار ڪونه ھو. کيس يقين ئي ڪونه ٿي آيو ته آءٌ سندس حقيقي ڀيڻ آھيان. ھُن ڀانيو ته ساڻس وري ڪا نئين چال کيڏي پئي وڃي. ائين پئي محسوس ٿيو ته ھو پاڻ کي چئي رھيو ھجي آءٌ پنھنجي اکين تي به اعتبار ڪري نٿو سگھان. ھن سپاھيءَ کي چيو ته، ”مون کي خبر آھي ته ھتان واپس ھلي وري توھان اذيتون ڏيندؤ، جن جي مون کي ڪابه ڳڻتي ڪانھي. آءٌ اھوئي چوندس جيڪو صحيح سمجھندس-“ پوءِ ھُن شاھه جي تصوير ڏانھن معصوم ٻارڙن وانگر آڱر کڻي چيو، ”آءٌ ھن شخص جي ھرگز حمايت نه ڪندس، ھي منھنجو ازلي دشمن آھي. مون کي ساڻس سخت نفرت آھي ..... نفرت!“ ھو ايترو ته سادو ۽ معصوم ھو جو اُن جو مون تي تمام گھڻو اثر ٿيو. مون سندس سادي جملي جي معنيٰ چڱي طرح ٿي سمجھي. ”آءٌ ھن شخص جي حمايت ھرگز نه ڪندس.“ جيڪڏھن سندس ڄاڻ وڌيڪ وسيع ھجي ھا ته ھو اھا ڳالھ اڃا به وضاحت سان چئي پي سگھيو. شروعاتي تعليم کان پوءِ ٻارھن سالن جي عمر ۾ ھُن پڙھڻ ڇڏيو ۽ گاڏين جي مرمت جو ڪم ڪندو ھو ۽ سڄو ڏينھن گاڏين جي مرمت ڪري، شام جو تعليم حاصل ڪندو ھو. ھن کي دشمن سان سخت نفرت ھئي. ھڪ ڀيري رات جو جڏھن خياطيءَ کيس اذيتن ڏيڻ لاءِ جاڳايو ته محمد مٿس حملو ڪري، سندس پير زخمي ڪري ڇڏيو ۽ خياطيءَ کي ڇڏائڻ لاءِ ڪيترائي ڀاڙيتو دلال مڙي آيا ھئا ۽ وڏي جھڳڙي کان پوءِ مس مس سندس جان ڇڏائي ھئائون. اھو سڄو ڏينھن اسان ٽنھي ويھي کيس سمجھايو تڏھن مس وڃي يقين آيس.
    جڏھن آءٌ قصريٰ جي قيد خاني ۾ ھيس تڏھن خبر ملي ته محمد جي طبيعت ڪجھ سڌري آھي. پر دشمن کيس وري اذيتون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ آخرڪار چار سال قيد جي سزا ڏنائونس. قصريٰ جي قيد ۾ وڃڻ کان اڳ اسان کي پوليس جي مرڪزي چاوڙيءَ ۾ آندائون. جيئن اسان جون تصويرون ۽ آڱرين جا نشان وٺي سگھن. اتي ھڪ ڊگھي قد وارو قيدي مليو، جنھن جي ھٿ ۾ ھڪ پيالي ھئي، جنھن ۾ دال ۽ ڪجھ چانور پيل ھئا. ھُن پنھنجي خوراڪ اسان کي ڏيئي ڇڏي. اتي ھڪ ٻيو ٻارھن تيرھن سالن جو نينگر پيلي رنگ جو قيدي ھو، تنھن پڻ پنھنجي خوراڪ آڻي، اسان جي آڏو رکي.
    جڏھن اِيوين ۾ ھونديون ھيوسين ته اسان کي ٻڌايو ويو ته قصريٰ جيل ۾ مجرم ۽ فاحشه عورتون قيد آھن، جيڪي اتان جي ماحول کي ايترو ته خراب ڪريو ڇڏين جون ٻيون عورتون ان ماحول کي برداشت ڪري نه سگھنديون. جڏھن اسان قصريٰ قيد خاني جي زناني حصي ۾ پھتيوسين ته اسان سيخن جي پٺيان قيد ٿيل عورتن کي سلام ڪيو. بعد ۾ خبر پئي ته ساواڪ وارا ڪوڙ ڳالھائي رھيا ھئا. اھي عورتون ته نيڪ ھيون. مجرم ۽ خبيث جا لقب ته ساواڪ وارن کي ڏيڻ گھرجن، اھي بد نصيب عورتون ته معاشري نا انصافين جو شڪار ٿي، قيد خاني ۾ پھتيون ڳيون. ھتي احمد زادي ۽ ٽي ساھيڙيون به قيد رھيون ھيون، جن کي اسان جي تنظيم سان واسطيدار ھئڻ جي ڏوھه ۾ قيد ڪيو ويو ھو. ھڪ ٻي ڇوڪري به ھئي جنھن جو ڏوھه فقط اھو ھو جو ھُن وٽان اسان جو ھڪ ڪتابڙو نڪتو ھو. اسان جي پھچڻ کان اڳ ھنن کي آزاد ڪيو ويو ھو. ھنن جو ڏوھه اھو ھو جو ھنن اسان جي سياہ ڪل واري تحريڪ کان متاثر ٿي، اُن جي حمايت ۾ نعرا لکيا ھئا. ھتي ڪجھ ٻيون قيدياڻيون شيرن ليبرڪنگ جون به موجود ھيون. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ته ايتري تعداد ۾ ڇوڪريون سياست ڪرڻ جي ڏوھه ۾ سزا ڀوڳي رھيون آھن. مگر قصريٰ قيد خاني ۾ اسان کي معلوم ٿيو ته دشمن انقلابي جوش گھٽائڻ لاءِ ھڪجھڙيون پاليسيون اختيار نٿو ڪري. ڪنھن به انقلابيءَ لاءِ تھ خاني ۾ اڪيلو سڙڻ ئي ڪافي ناھي، ان جي ابتڙ گرم ۽ آرام وارن ڪمرن ۾ رھڻ سان به وڏي تباھي اچي ٿي. اھڙين جاين تي آرام جي طلب پڻ انقلابي جوش ۽ جذبي کي ختم ڪرڻ لاءِ سبب بڻجندي آھي ۽ دشمن ھاڻي اسان تي به اھڙو طريقو استعمال ڪري رھيو ھو، ليڪن اسان جي اڪثريت سندن اِن چال کي سمجھي ورتو ھو ۽ اُن جي مقابلي لاءِ تيار ھئاسين.

    ¬¬¬¬--------------


    باب نائون : قيد مان ڀڄڻ

    [ڪو سَينَ ھڻِي ٿو سڏ ڪري، اڄ ماڻھو پيو ڪو گڏ ڪري،
    ھر ڪنھن ھانوَ ۾ ھُر کُر ٿي، ڪا ڳالھ ڳري ھِن ڪرڻي آ.]

    فيبروري 1972ع ۾ اسان جي تنظيم جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن تي ڪيس شروع ٿيا. ساٿين شاھه جي عدالتن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جن کي اھو حق ئي نه ھو ته ھو ڪنھن کي ڏوھاري ۽ بيگناھه ثابت ڪن. اسان فدائين وارن لاءِ شاھه جي حڪومت ڪٺ پتلي واري کيل جي حيثيت رکِي ٿي، ھو پنھنجي گناھن کي لڪائڻ لاءِ پردي پوشي ڪري رھيا ھئا ۽ قانون جو ڍونگ پيا رچائين. اسان جا ساٿي عدالتن جي سوالن جا جواب ڪونه ڏيندا ھئا. ھُنن کي ڪھڙي گَتي پئي ھئي جو ڀاڙيتو قاتلن جي آڏو بيھي، پنھنجي صفائي پيش ڪري، بچاءُ ڪن. اسان پنھنجو بچاءُ ڪرڻ بدران مٿن جارحانه رويو اختيار ڪيو. اسان عدالتن ۾ بيھي مٿن حملا ڪندا ھئاسين. اھو اسان جي ڇاپا مار جنگ جو زباني مورچو ھو، اسان چوندا ھئاسين ته، ” تاريخ شاھه کي نيست و نابود ڪري ڇڏيندي.“ فدائين ڪارڪن وڏي واڪي چوندا ھئا، ”توھان ڀاڙيتو قاتل عوام جا دشمن آھيو، تاريخ اوھان جي موت جو فرمان جاري ڪري ڇڏيو آھي، اسان فدائين خلق وارن توھان کي موت جي سزا ڏيڻ جو فرض پنھنجي ذمي کنيو آھي، توھان تباھيءَ طرف وڃي رھيا آھيو. جيئن جيئن ڏينھن گذرن ٿا، تيئن تيئن توھان جي جھنم وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيندا پيا وڃن. توھان خود ئي پنھنجي موت جو سامان ڪٺو ڪري رھيا آھيو. اسان عوام سان گڏجي اوھان کي ختم ڪنداسين، توھان ٻِرن جا ڪوئا آھيو، توھان اڻ مٽ تاريخي تباھيءَ ۾ لازمي ماريا ويندا ۽ توھان جي آقائن جي تباھي جا ڏينھن ضرور ايندا.“
    جڏھن ايڪيھن فدائي ڪارڪنن کي نام نھاد عدالتن ۾ آندو ويو تڏھن سندن انقلابي جوش ۽ جذبو ڏسي عدالتون ڪنبڻ لڳيون. پھرين اجلاس ۾ انھن مجاھدن، ساواڪ وارن جي وردين تي ٿوڪيندي مٿن حملو ڪيو. ساٿي احمد زادي، ساواڪ جي حسين زادي کي چڱي سيکت ڏني. عدالت جي حڪم ملڻ تي ساٿي اُٿي نه ٿي بيٺا ۽ سپاھين کي طاقت استعمال ڪرڻي پوندي ھئي ۽ کين ڌڪن ھڻڻ تائين نوبت پھچندي ھئي. ھو جڏھن فيصلو پڙھي ٻڌائيندا ھئا ته ساٿي گوڙ ڪرڻ شروع ڪندا ھئا ۽ چوندا ھئا، ”اسان ايراني عوام جي رعيت آھيون، اسانجو ڌنڌو انقلاب آڻڻ آھي. اسان عوامي مجاھد آھيون ۽ اھوئي اسان جو مستقبل آھي.“ جڏھن کين آخر ۾ ڪجھ چوڻ لاءِ چيو ويو ته ھنن گجگوڙ ڪندي چيو.
    ”توھان ڀاڙيتو دلال آھيو، توھان کان انصاف جي گھُر ڪرڻ ٿيندو ٻٻرن کان ٻير گھرڻ.“ ان طرح ڪيسن جو رچايل سانگ ختم ٿيو ۽ اسانجي ايڪيھن فدائين ساٿين کي موت جي سزا ڏني وئي. ھڪ ڀيري منھنجِي ساٿي احمدي سان عدالت ۾ ملاقات ٿي جيڪو تبريز يونيورسٽي ۾ شاگرد ھو ۽ تبريز جي پارٽي شاخ جو ڪارڪن ھو. ھو ننڍي عمر جو ھو مگر ڏاڍو خوش مزاج ھو. ساٿين سان مذاق ڪندي، پاڻ به کِلي رھيو ھو. مون کانئس پڇيو، ”ساٿي! ڇا اڄ توھان جي ڪيس جو آخري ڏينھن ھو؟“ چيائين، ”ھائو“ مون وري پڇيو، ”ڪيتري سزا ملي آھي؟“ ھن جو ڳاٽ فخر کان اوچو ٿي ويو ۽ کلندي چوڻ لڳو، ”موت جي سزا ملي آھي.“
    جڏھن منھنجو ڪَيس شروع ٿيو ته مون به حملي سان شروعات ڪئي ۽ آذربائيجان جي زندگيءَ بابت حال بيان ڪيو. ساٿي رقيه به انقلابي تقرير ڪئي. اسان کي ھن ظالم حڪومت کان ڪنھن به چڱائيءَ جي اميد ھرگز ڪانه ھئي. اسان صاف صاف چيو، ”ھن ظالم نظام جو وجود ويھين صديءَ جي پيشانيءَ تي داغ آھي، اسان عوامي مجاھد آھيون ۽ فتح حاصل ڪرڻ تائين جدوجھد جاري رکنداسون.“ دشمن، عوام کي ڪچلڻ لاءِ ٻن قسمن جون چالون استعمال ڪندو آھي. پھريون ته ھو عوام کي اذيتن ۽ وحشي سلوڪ سان دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي پر جڏھن مقابلو سخت ٿي وڃي ته ھو اھو رويو تبديل ڪندو آھي. مثال طور 1971ع ۾ جھان چيت ڪارخاني جي مزدورن تي گوليون ھلايون ويون پر ان کان اڳ 1969ع ۾ٽرانسپورٽ جي ڪرايي گھٽائڻ واري مھم دوران صلح ڪيو ويو. ھو قيد ۾ به اھڙا طريقا استعمال ڪندا ھئا. ھو يڪدم اسان جي ڪوٺين ۾ اچي ڪڙڪندا ھئا ۽ تلاشيون وٺڻ شروع ڪندا ھئا. اسان کي قيد تنھائي ۾ رکندا ھئا، مگر اسان به پڪو پھ ڪيو ته اسان جي زندگيءَ جي ھر گھڙي دشمن خلاف جدوجھد ۾ گذرندي ۽ اسان پنھنجو انقلابي فرض پورو ڪندا رھنداسين. قيد خاني ۾ جڏھن به قيدي پنھنجا حق وٺڻ لاءِ احتياج ڪندا آھن ته آفيسر ھٿيار ڦٽا ڪندا آھن. ھو وري رڪاوٽون وجھڻ شروع ڪندا ۽ قيدين کي ٻيھر احتياج ڪرڻو پوندو آھي. جڏھن شيرين، رقيه ۽ آءٌ ان قيد خاني ۾ پھتيونسين ته ساواڪ جي لکيل قانون موجب اسان کي عام قيدي عورتن سان ملڻ جي اجازت ڪانه ھئي پر اسان کي ٻن عام قيدي عورتن سان گڏ رکيو ويو، اھي ٻئي عورتون مالدار ھيون، جن تي دوکيبازي ڪرڻ جو الزام ھو. انھن ڪوڙا چيڪ ڏئي، دوکو ڪيو ھو. اھي جيلر ۽ نائب جيلر جي خدمت لاءِ مقرر ٿيل ھيون ۽ روزانو ٻنھي جي خدمت چاڪري ڪنديون ھيون. انھن ڪمري کي اھڙو ته سينگاريو ھو جو ڄڻ سندن گھر آھي. ٻيون سڀ قيدي عورتون سندن باري ۾ مختلف ڳالھيون ڪنديون ھيون ۽ ٻنھي کي پڻ اھا شڪايت ھئي ته قيد خاني ۾ علاج لاءِ طبي ماھرن جي سھولت ڪانھي، ان سان گڏوگڏ جيلر ۽ نائب جيلر اسان سان وڏي بيحيائيءَ سان پيش ايندا آھن. اسان به سوچيو ته ڪجھ ٿيڻ کپي. نيٺ ھڪ ڏينھن صبح جو فيصلو ٿيو ته جيلر ۽ نائب جيلر کي سڀ گڏجي گاريون ڏيون. صبح جو اڌ ڪلاڪ ۽ شام جو ھڪ ڪلاڪ اڱڻ ۾ گھمڻ ڦرڻ جي اجازت مليل ھئي. ھڪ سپاھي آيو ۽ پڇڻ لڳو ته توھان اڱڻ ۾ ڇو بيٺيون آھيو؟ اسان کيس سنجيدگيءَ سان چيو ته اسان جو جيلر ۾ ڪم آھي. ٿورو اڳتي وڃي وري موٽيو ۽ منٿون ڪرڻ لڳو ته سچ ٻڌايو، اصل ڳالھ ڇا آھي؟ اسان کيس جواب ڏيڻ بدران زور زور سان جيلر کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. ھو وٺي ڀڳو ۽ جيلر سان سڄي ڳالھ ڪيائين. تنھن تي جيلر چوائي موڪليو ته آءٌ توھان سان ملڻ چاھيان ٿو. اسان کيس ڪاوڙ مان چوائي موڪليو ته تون ڏوھاري آھين، تون پاڻ اسان سان ملڻ لاءِ اچ نه ته اسان توسان ملڻ ڪونه اينديون سين. آخرڪار جيلر خود اڱڻ ۾ آيو ۽ اسان کيس ڏسندي ئي زور سان گاريون ڏيڻ شروع ڪيون، جيئن ٻيون قيدي عورتون ٻڌي سگھن. اسان رڙيون ڪري چيو، ”تون ٻين قيدي عورتن کي ڏوھاري ۽ بدڪردار ٿو چوين پر اصل ۾ تون وڏو ڏوھاري ۽ بدڪردار آھين. اسان انھن قيدي عورتن جي عزت ٿيون ڪريون ڇوته اھي غريب آھن ۽ بکيو پيٽ ئي آھي جنھن کين قيد خاني ۾ پھچايو آھي. اصل ۾ ڏوھاري تون آھي.“ جيلر بُت بڻجي ويو. اسان کي خاموش ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ جو کيس خوف ھو ته ائين نه ٿئي جو سندس اصليت ظاھر ٿي پوي. ان ڪري به جو ھن اسان کي ساواڪ وارن جي اجازت کان سواءِ ٻين عام قيدي عورتن سان گڏ رکيو ھو، جن سان حقيقت ۾ اسان کي گڏ رکڻو ئي ڪونه ھو. اسان زمين تي ويھي گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ھوبه اسان سان گڏ ويھي رھيو ۽ منٿون ڪرڻ لڳو. اھو سمورو گوڙ ٻيون قيدي عورتون پڻ ٻڌي رھيون ھيون. اسان اِن ڳالھ تي ضد ڪيو ته انھن ٻنھي عورتن کي اسان جي ڪمري مان ڪڍي، ٻين عام عورتن سان گڏ رکيو وڃي، ۽ اھو غير قانوني ڪم ڇو ڪيو ويو؟ آخرڪار ھُن کي اسان جي ڳالھ قبول ڪرڻي پئي ۽ ٻنھي عورتن کي اسان جي ڪمري مان نڪرڻو پيو. اھڙي طرح اسان جو پھريون منصوبو ڪامياب ويو. ٻيون قيدي عورتون اھا سڄي ماجرا سيخن کان بيھي ڏسي رھيون ھيون ۽ جيلر سان اسان جي جھڳڙي کان ڏاڍو متاثر ٿيون. ھي جيلر وڏو موذي ھو ۽ قيدي عورتن کي ھميشہ لاءِ مايوس ڪري ڇڏيو ھئائين.
    ھڪ ڀيري شاھه جي ڀيڻ دنيا جي بدنام رنڊي اشرف پھلوي قيد خاني جو معائنو ڪرڻ آئي. ھر ايرانيءَ کي خبر آھي ته ھوءَ ڏوھن، چرس ۽ آفيم جي اڏن ۽ ڪاروبار ۾ ملوث آھي. جيلر ۽ قيد خاني جو آفيسر ڪنھن به معائني ڪندڙ کي اسان جي ڪمري ۾ ڪونه آڻيندا ھئا، ڇاڪاڻ ته کين ڊپ ھو ته اسان سندن آقائن جي بي عزتي ڪنديوسين. ان ڊپ کان ھو ھِن رنڊيءَ اشرف پھلويءَ کي به اسان جي ڪمري جو معائنو ڪرڻ لاءِ وٺي ڪونه آيا. وڏيون وڏيون ڀتيون، تالا ۽ ھٿڪڙيون قيديءَ کي ٻاھرين معاشري کان ھرگز جدا نٿيون ڪري سگھن. جنھنڪري ھو خاموش ۽ گمنام زندگي گذاري نٿو سگھي. قيد خاني جي خاص حالتن ۾ قيديءَ جي ذھني ردعمل مان ظاھر ٿيندو آھي ته ھو پنھنجي عقيدي ۾ اڳتي وڌي رھيو آھي يا پٺتي ھٽي رھيو آھي. قيد خاني ۾ ڦرڻي گھرڻي وچولي طبقي جي ماڻھن جي اڪثريت ھئڻ ڪري، اتي جي حالتن تي مٿئين طبقي جي خواھشن جو ڌاڪو ڄميل آھي. گڏيل زندگي گذارڻ جو مسئلو نه ھو. جيلر ۽ سپاھين جي خلاف اسان متحد ھئاسين پر ڦرڻي گھرڻي قسم جي ماڻھن جي گھڻائيءَ ڪري، اتي جي قيدين جا پاڻ ۾ اختلاف به موجود ھئا. ايتري قدر جو ڪيتريون ھلتون جيڪي قيد خاني کان ٻاھر ضابطي ۾ رھنديون ھيون، اھي وري اڀرڻ لڳيون. ليڪن پوءِ به اسان ڪوشش ڪنديون ھيوسين ته پنھنجي تربيت ڪريون۽ انھن ڳالھين کي ضابطي ھيٺ ھلايون.
    در حقيقت اسان ۾ اڃان تائين انقلابي خاصيتون پيدا ئي ڪونه ٿيون ھيون. اسان پنھنجي ڪمري جي اندر ٿيندڙ ننڍڙي ڦيرڦار جي ڪري جلد ئي مشڪلاتن ۽ فڪرن ۾ پئجي وينديون ھيونسين. ڊپ ھو ته اسان انقلابي جذبو وڃائي، دغابازيءَ ۾ نه مبتلا ٿي وڃون. نوبت ايستائين پھچي وئي ھئي جو ھاڻي جڏھن لفظ ”دشمن“ ورتو پيو وڃي ته منحوس شاھه جي شڪل ۽ سندس آقائن جون شڪليون اسان جي اکين جي سامھون ظاھر ڪونه پئي ٿيون.
    بھرحال اسان پنھنجي ڪمزوري سڃاڻي ورتي ھئي. ٻين لفظن ۾ اسان اڃا تائين پنھنجي ڪمزوريءَ کي غلط انداز ۾ ڏسي رھيون ھيونسين جيڪا پنھنجي مادي حالتن کان ڪٽيل ھئي. اسان اھا ڳالھ وساري ويٺيون ھيوسين ته مادي حالتن جي پيدا ڪرڻ کان سواءِ ارادي جي ڪمزورين ۽ ڦرندڙ گھرندڙ خيالن کي ھرگز ختم نٿو ڪري سگھجي ۽ اسان جي وقت جو ڪافي حصو اھڙين ئي بيڪار جدوجھدن ۾ ختم ٿي ويو جن مان انقلاب کي ڪو خاص فائدو ڪونه ھو. ان کانسواءِ اسان اھي ئي پراڻيون ڪھاڻيون وري وري ٻڌائي وقت ضايع ڪنديون ھيوسين، پر جڏھن اسان شعوري ڪوشش ڪري قيد خاني جي آفيسرن کان ڪتاب ۽ اخبارون حاصل ڪري ورتيون ته ماحول خود بخود بدلجي ويو. ھاڻي اسان تائين ڪجھ خبرون پھچڻ لڳيون ۽ اسان کي گفتگو ڪرڻ لاءِ ڪجھ نوان موضوع ملي ويا. اھي ماڻھو جيڪي گھڻي عرصي لاءِ قيد ھوندا آھن، انھن لاءِ ضروري آھي ته ھو آئندہ جي جدوجھد لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچين ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪي ٿوري عرصي لاءِ قيد ھوندا آھن، تن کي مستقبل جي جدوجھد لاءِ ٺوس بنيادن تي تياري ڪرڻ لاءِ آمادہ ڪن. دشمن اھا ڪوشش ڪندو آھي ته قيد خانو ماڻھن کي سياسي عمل ڪرڻ کان توبھ ڪرڻ تي مجبور ڪري ۽ انھن کي عوامي جدوجھد کان ھٽائي. ان ڪري انقلابي ڪارڪن جي اھا ڪوشش ھئڻ گھرجي ته دشمن پنھنجي سازش ۾ ڪامياب نه ٿئي. ان ڪري قيد خاني اندر يا ٻاھر اھا ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته پنھنجو پاڻ کي ھٿ ٺوڪين لاڙن ۽ خيالن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ لڳاتار جدوجھد ڪريون.
    ڪجھ ماڻھو جڏھن قيد خاني ۾ ھوندا آھن ته آزاديءَ جا ۽ قيد مان ڀڄڻ جا خواب ڏسندا آھن. خيال رھي ته آءٌ ”ڀڄڻ جا خواب“ لفظ استعمال ڪري رھي آھيان. نتيجي ۾ اھڙو شخص قيد جي زندگيءَ مان ايترو بيزار ٿي پوندو آھي جو ھو غداري ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو آھي. اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته جيتوڻيڪ اسان دشمن جا قيدي ھوندا آھيون ۽ ظاھري طرح اسان جي آزادي ختم ٿيل ھوندي آھي پر اسان پنھنجو پاڻ کي انھيءَ حالت ۾ پاڻ ئي پھچايو آھي. ھڪ سچي انقلابيءَ لاءِ جنھنجي سڄي زندگي جدوجھد لاءِ وقف ٿيل ھوندي آھي. قيديءَ جي اھا معنيٰ نه ھوندي آھي ته سندس آزادي ختم ٿي وئي- سچو انقلابي ھميشہ آزاد ھوندو آھي ٻين لفظن ۾ قيد جدوجھد جو ھڪڙو حصو آھي ۽ فقط جدوجھد جاري ھجڻ کي ئي آزادي چيو ويندو آھي، جھڙي طرح قيد کان ٻاھر ھٿيار کڻي دشمن سان ويڙھه ڪرڻ جدوجھد آھي، اھڙي طرح دشمن جي خلاف قيد خاني ۾ ھر عمل به جدوجھد چوائيندو آھي، ته پوءِ جدوجھد ڇاکي چئبو آھي؟ انساني ترقي ۽ آزاديءَ جي مخالف شيءِ جي آڏو جھڪڻ کان انڪار ڪرڻ کي جدوجھد چئبو آھي- مايوس ٿي، خاموش رھڻ دراصل موت جي نشاني آھي- مختلف حالتن جي گھرج مختلف جدوجھد آھي. صحيح ۽ سچو انقلابي اھو آھي جيڪو ھر وقت پنھنجي چوڌاري ماحول ۽ حالتن کي نظر ۾ رکي، بنيادي مسئلا حل ڪندو رھندو آھي.
    ھڪ ڏينھن صبح جو ڪجھ پردي پوش عورتون، جن ۾ جوان ۽ پوڙھيون شامل ھيون، اھو چئي اسان سان ملڻ آيون اھي اسان جون رشتيدار ٿين. اسان کين ڏسي ڏاڍيون خوش ٿيونسين. نئين سال جي جشن وارو زمانو ھو ۽ قيدين سان ملاقات لاءِ تمام گھڻا ماڻھو آيل ھئا جنھنڪري پھرو گھٽ ھو. جڏھن موڪلاڻيءَ جو وقت ٿيو ته ھنن اسان کي پيار ڪيو ۽ اسان کين دروازي تائين ڇڏڻ ويونسين. مون کي يڪدم خيال آيو ته قيد مان ڀڄڻ جو اڄ بھترين وجھ مليو آھي. ڦاٽڪ وٽ فقط ھڪ سپاھي بيٺل ھو ۽ ھو نه ماڻھن جي ڳڻپ ڪري رھيو ھو ۽ نه وري سندن شڪل ڏسي رھيو ھو. مون سوچيو ته ميڙ ۾ شامل ٿي، ٻاھر وڃي سگھان ٿي. مگر مون کي قيد خاني جا پراڻا ڪپڙا پاتل ھئا ۽ وڏي چپل پاتل ھئي جنھن سان ڀڄڻ تمام گھڻو ڏکيو ھو. ناھيد جلال زادي ڪمري ۾ آئي سندس چھري مان شرارت ظاھر ٿي رھي ھئي، چوڻ لڳي، ”اڄ ڀڄڻ جو ڀلو موقعو ھو.“ اسان پاڻ ۾ ڀڄڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ھڪٻئي کي ڀڄڻ لاءِ ھمٿايو. سندس وڃڻ کان پوءِ مون ويھي سنجيدگيءَ سان ڀڄڻ جون تياريون ڪرڻ شروع ڪيون. پھريائين مون کي ڪپڙا بدلائڻا پوندا، مون کي ڪو بھانو ٺاھڻو پوندو. مون کي پنھنجي ماءُ ۽ ٻيا مائٽ ياد اچڻ لڳا. مگر ان تبديليءَ کي ٻيا ماڻھو جھٽ ۾ سڃاڻي وٺندا. مون ڪمري جي ٻين قيدي عورتن کي چيو، ”ھي مائرون به ڏاڍيون عجيب ٿينديون آھن. ننڍين ننڍين شين جو تمام گھڻو خيال ڪنديون آھن، سوچينديون آھن ته منھنجي اولاد کي نوان نوان ڪپڙا پھريل ھجن، کين سٺو کاڌو ملي وغيرہ وغيرہ. منھنجي ماءُ کي به اھا ڳڻتي ھئي ته آءٌ پنھنجو لباس تبديل ڪريان. توھان جو ڇا خيال آھي، آءٌ پنھنجو ڦاٽل لباس لاھي پنھنجا نوان ڪپڙا پايان؟“ انھن مان ھڪ چيو، ”ڪوبه حرج ناھي، ننڍين ننڍين ڳالھين تي ماءُ کي ناراض ڪرڻ نه گھرجي.“ ٻين به اھائي راءِ ڏني ۽ آءٌ وري نخرا ڪري، نيٺ ڪپڙا بدلائڻ لاءِ راضي ٿيس. رات جو سڀ ننڊ ۾ ھيون مگر آءٌ جاڳيس پئي. ڀڄڻ جي ترڪيب سوچي رھي ھيس. سڄو منظر منھنجي اکين اڳيان گھمي ويو. بيچينيءَ مان بستري تي پاسا بدلائيندي رھيس. ناھيد به جاڳي پئي. اسان ھڪٻئي ڏسي مرڪيو. ھن آھستي چيو، ”ٻئي ڏينھن اسان ڪٿي ھونديونسين؟“ اسان وري مرڪڻ لڳيونسين ۽ آڱريون چپن تي رکي ھڪٻئي کي خاموش رھڻ جو اشارو ڪيو.
    24 مارچ تي اسان جون ملاقاتي آيون. دروازي تي ٻه سپاھي بيٺل ھئا ۽ ملاقاتين جو تعداد تمام گھٽ ھو. آءٌ پنھنجو پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳيس، ڪيتري احمق آھين، مجاھد جو ڪم دشمن کي چڪر ڏيڻ ھوندو آھي ۽ ھاڻي چڪر ڏيڻ جو موقعو ھٿان نڪري چڪو ھو. آءٌ ملاقاتين سان ڳالھين ۾ مشغول ٿي ويس. انھن جي موجودگي ئي منھنجي منصوبي لاءِ تمام ضروري ھئي. مون پنھنجي ماءُ کان ڪجھ پئسا گھريا. ٻين عورتن منٿون ڪري مون کي ڏوڪڙ ڏياريا. منھنجو خيال ھو ته ٻاھر نڪرندي ئي مون کي پئسن جي سخت ضرورت پوندي. مون قيدين کي مھمانن سان ڳالھين ۾ مصروف ڪيو ته جيئن ماڻھو منھنجي چرپر ڏانھن توجھ نه ڏيئي سگھن. اھا ڳالھ ظاھر ھئي ته آءٌ ان ڏينھن ڀڄي ڪونه ٿي سگھيس. مون قيدين کي چيوته سڀاڻي ملاقات جو آخري ڏينھن ھوندو، جنھنڪري سڀني ملاقاتين کي ضرور اچڻ گھرجي. جڏھن ملاقات جو وقت ختم ٿيو ته ٻاھر دروازي وٽ ٻه سپاھي ۽ ھڪ آفيسر موجود ھو ۽ ھر ھڪ کي غور سان ڏسي رھيا ھئا. مون ناھيد کي چيو ته اسان ڀڄڻ جو موقعو ھٿان وڃائي ڇڏيو، اسان کي اڳ ئي تياري ڪرڻ کپندي ھئي. اسان وري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ھر ھڪ پھلو جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ شروع ڪئي ته اتفاق سان جيڪڏھن ھڪڙي پڪڙجي پئي ته ڇا ھو ٻاھريون ڦاٽڪ بند ڪري، سڀني جي تلاشي وٺندا يا نه، ڇا ٻي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيندي؟ اسان جو اندازو ھو ته ھو ڦاٽڪ ضرور بند ڪندا ۽ ٻين عورتن جي تلاشي به وٺندا. جڏھن ملاقاتي ھليا ويا ته اسان پنھنجي ڪمري ۾ ڪونه ويوسين. اسان اھو ٿي گھريو ته اسان جون قيدي ساٿي عورتون جيڪڏھن اسان کي سڀاڻي ڪمري ۾ نه ڏسن ته جيئن انھن کي حيرت نه ٿيڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته انھن جي حيرت ۾ پوڻ سان پھريدار يڪدم اسان جي ڳولا ڪندا.
    شام جو سڀني قيدين کي قطار ۾ بيھاري ڳڻپ ڪئي وئي. سپاھين کي شڪ پيو ھو ۽ ھنن اسان کي چيو ھو ته ھتان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪوبه ڪامياب ٿي نه سگھندو. مون ناھيد کي چيو، ”ھاڻي اسان جي ڀڄڻ ۾ ڪاميابيءَ جي چاليھه سيڪڙو اميد آھي ۽ اسان کي ڪوشش ضرور ڪرڻ گھرجي، ھر ڪم ۾ خطرو ضرور ھوندو آھي.“ ڳڻپ کان پوءِ آءٌ ڪمري ۾ ڪونه ويس پر اڱڻ ۾ رھي، موقعي جي تلاش ڪرڻ لڳس ته اُن ڪمري تائين ڪيئن پھچان جتي ڪپڙا رکيا ويندا آھن. قيد خاني ۾ اچڻ کان پوءِ ھتي لباس تبديل ڪيا ويا ھئا. مون کي ڀڄڻ لاءِ ھڪ چادر ۽ بوٽن جي جوڙي جي ضرورت ھئي. اڱڻ جي ھڪ ڪُنڊ ۾ سڪينه روئي رھي ھئي. ھوءَ ايتري غمگين ۽ ڪاوڙ ۾ ھئي جو ڪنھن کي به ويجھو اچڻ نٿي ڏنائين. ھوءَ شاھه جي ”انصاف“ جو شڪار ھئي. سندس روئڻ جي ڪري منھنجي دل ۾ به درد پيدا ٿيو. ھڪ مظلوم قيدي عورت جنھنجو نالو قدم خير ھو، ڀرسان ويٺي، پنھنجي درد جو افسانو بيان ڪري رھي ھئي. مٿس چرس وڪرو ڪرڻ جو الزام ھو. ھوءَ چئي رھي ھئي، ”پوءِ آءٌ زندھه ڪيئن پئي رھي سگھيس، قيد ان ڪري ٿي آھيان ته مون لاءِ زندگي ھڪ مصيبت ھئي، ٽي ٻار ھئا، منھنجو مڙس بيڪار ھيو، ھڪ سال تائين نوڪري جي ڳولا ۾ در در جون ٺوڪرون کاڌائين ۽ نيٺ چريو ٿي پيو. مون چرس وڪڻي چند سڪا ڪمائڻ تي چاھيا، خدا ڄاڻي منھنجي ٻچڙن جو ڪھڙو حال ٿيو ھوندو.“ ۽ زارو زار روئڻ لڳي. ”مون کي ڇو قيد ڪيو ويو آھي؟“ ڪپڙن واري ڪمري جي نگران پوڙھي، وڏي ڏائڻ ھئي. ھوءَ ٻاھر ويھي، مون کي تاڙي رھي ھئي. مون کيس چيو ته مان پنھنجو پاجامو وٺڻ آئي آھيان ۽ پوءِ اک وٺي ھڪ چادر ۽ بوٽن جو جوڙو کڻي، پنھنجي ٽوڪريءَ ۾ لڪائي، ڪمري ۾ پھتس ۽ ٽوڪري بستري جي ھيٺان لڪائي ڇڏيم. رات جو گھڻي دير تائين قيدي ساٿين جا نوٽ بوڪ پڙھيم، جيئن ڪا اھڙي شيءِ دشمن تائين نه پھچي سگھي، جنھن مان ڪنھن کي خطرو ھجي ڇو ته منھنجي ڀڄڻ کان پوءِ سخت تلاشي وٺندا.
    ان رات آءٌ گھڻي دير تائين جاڳندي رھيس. ٻاھرين ساٿين جي باري ۾ سوچيندي! آءٌ ان وقت جو تصور ڪري رھي ھيس جڏھن ھٿيارن سان سينگارجي ٻيھر عزم ۽ بھادريءَ سان آزاديءَ جي جدوجھد ۾ شريڪ ٿي وينديس. آءٌ پنھنجي ساٿين جي ھٿيار بند جدوجھد تي فخر ڪرڻ لڳيس، جن دشمن جي طاقت ۾ ڏارون وجھي ڇڏيون ھيون ۽ ڀاڙيتو قاتل ان خوف کان ڏڪي رھيا ھئا.
    25 مارچ تي صبح جو سوير اٿي ويٺس. اڄ اسان کي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻي ھئي، آءٌ جذبات ۾ بي قابو ھيس، دل تيزيءَ سان ڌڪ ڌڪ ڪري رھي ھئي. پنھنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳس، ”ھي ڇا آھي .....؟ اي دل تنھنجي ڪھڙي حالت ٿي وئي آھي، ھيءَ ڪھڙي نه اھم مُھم آھي.، مون ھڪ ساٿيءَ بابت سوچيو جنھن کي ساواڪ وارا نه سڃاڻندا ھئا. ھن ھڪ ساٿيءَ کي ٻڌايو ھو ته، ”جڏھن به مون کي اذيتن واري ڪمري ۾ وٺي ويندا ھئا، خوف کان ڏڪڻ لڳندو ھوس، ليڪن اذيتن جي ڪري مون ھڪڙو لفظ به قبول نه ڪيو ۽ نه ئي تنظيم بابت ڪجھ ٻڌايم.“ اھو انسان جو معراج آھي، کيس اذيتون ڏنيون ويون ھجن، ھو ڏڪندو ھجي مگر ھڪ لفظ به قبول نه ڪري، نه ئي ٻڌائي. مون پاڻ کي سنڀاليو، ٻن پھرن تائين تياري مڪمل ھئي، اڄ تمام گھڻا ملاقاتي آيا ھئا. سڀني کي ڪاريون چادرون پاتل ھيون. مون ٽوڪري ڪمري جي ڪُنڊ ۾ رکي، جتي تمام گھڻيون عورتون ويٺل ھيون. ڪمري ٻه سپاھي عورتون ۽ ھڪ مرد سپاھي موجود ھئا. ھڪ آفيسر ڪمري ۾ گھڙيءَ گھڙيءَ پئي آيو. مون پنھنجي ماءُ ۽ ٻين کي چيو ته ھو پوليس وارن کان مختلف ڳالھيون پڇن جيئن ھو ڳالھين ۾ رُڌل رھن. ۽ پوءِ ڀڄڻ جي گھڙي به آئي. ملاقات واري ڪلاڪ ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ مون پنھنجن مائٽن کان موڪلايو، مون ٽوڪري کنئي. ناھيد ڀرسان ھئي. ميڙُ موڪلائڻ ۾ مصروف ھو. اسان چپ چاپ چادرون ويڙھيون ۽ بوٽ پاتا. ماڻھو ايترا مشغول ھئا جو ڪنھن به اسان ڏانھن ڌيان ڪونه ڏنو. پوليس واريون مايوس نظر پئي آيون. منھنجي ماءُ پوليس وارن کان لڳاتار سوال ڪري رھي ھئي ۽ ھُنن کي جواب ڏيڻا ٿي پيا. ھاڻي اسان ڪمري کان ٻاھر آياسين ۽ ڦاٽڪ ڏانھن روانيون ٿي ويوسين، جتي جيلر، سندس نائب ۽ ڪجھ پوليس وارا موجود ھئا. ھاڻي آءٌ سڪون سان ھلي رھي ھيس. اسان ڪجھ وال ڦاٽڪ کان پري ھيوسين ته ھڪ سپاھيءَ رڙ ڪئي، ”توھان ڪيڏانھن پيون وڃو؟“ ھو ڊڪندو آيو. ناھيد مون کان ٻه ٽي قدم اڳ ۾ ھئي، آءٌ پٺيان پئي آيس، سپاھيءَ ناھيد کي پڪڙيو ۽ کيس اڱڻ ڏانھن گھلي ويو، ھن کي اڱڻ ۾ ڇڏي، واپس موٽيو ۽ عورتن کي گھورڻ لڳو. منھنجي ڀرسان واري عورت جي چادر ٿوري مٿي ڪري، کيس ڏسڻ لڳو. آءٌ ڪوشش ڪرڻ لڳيس ته پنھنجا حواس درست رکان. مون ھُن ڏانھن ڪوبه ڌيان نه ڏنو. مون پنھنجي ٽوڪريءَ کي لوڏو ڏنو. اکين کان چادر سرڪائي سپاھيءَ کي ٽيڏي اک سان ڏٺم. ھو سڪون سان ٻين عورتن جون چادرون مٿي ڪري، سندن چھرا ڏسڻ لڳو.
    ھاڻي اسان جي ملاقاتين مون کي ڏسي ورتو ۽ اھو سمجھيائون ته موقعو ھٿان وڃي رھيو آھي، ھو منھنجي چوڌاري گڏ ٿي ويون، مون کي وچ ۾ ڪيائون ۽ چوڻ لڳيون ته ھلو ته ھلون، ڀلا سڄو ڏينھن ھتي گذارڻو آھي ڇا؟ پوءِ اسان ملاقاتين جي وڏي ميڙ ۾ داخل ٿيونسين ۽ مون سڄي ميڙ جي وچ ۾ پھچي، پاڻ لڪائي ورتو. اِتي مون کي ساواڪ جي ٺڳن ھٿان گرفتاري وارو منظر ياد آيو ۽ ڪار جي دريءَ مان جڏھن مون آخري ڀيرو عوام کي ڏٺو ھو ۽ پنھنجو پاڻ کي چيو ھو، ”آءٌ پڪو واعدو ٿي ڪريان ته آءٌ توھان سان وفادار رھنديس.“ ھاڻي مون سوچيو ته مون واعدو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ فخر وچان منھنجو ڳاٽ اوچو ٿي ويو. پنھنجو پاڻ کي چوڻ لڳيس، ”اھو عوام ئي آھي جنھنجي محبت سمنڊ وانگر وسيع آھي، جنھنجو انت ۽ ڪنارو ڪونھي، سندن طاقت ٻين طاقتن تي حاوي آھي ۽ جڏھن ھو چُرپُر ۾ اچن ٿا ته دشمن دشمن ٿوري ئي عرصي ۾ تباھه ٿي وڃي ٿو.“
    وڏي ڦاٽڪ تائين پھچڻ کان اڳ اسان کي ٽن قيدخانن جي اڳيان لنگھڻو پيو جتي پوليس موجود ھئي. وڏي ڳالھ ھيءَ ھئي ته مون پاڻ کي ضابطي ۾ رکيو ۽ ائين پئي ھليس جيئن عام ماڻھو ھلي رھيا ھئا. تيز ھلڻ ڪونه پئي چاھيم جيئن ڪنھن کي شڪ نه پوي. ھي گھڙيون منھنجي زندگيءَ جون سڀ کان وڌيڪ ڏکيون گھڙيون ھيون. ھر گھڙيءَ اھو پئي ڊپ ٿيو ته ڪٿي ڪو پوليس وارو گوڙ نه مچائڻ شروع ڪري. ”ھن کي پڪڙيو ، گرفتار ڪريو، ھيءَ ڀڄي رھي آھي.“ ھاڻي جڏھن انھن کي معلوم ٿيو ته ھڪ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي يا ٻي به. اھو سوچي مون کي ڪاميابي جو ڏيک اونداھو نظر اچڻ لڳو. ٿي سگھي ٿو ته آءٌ جيستائين ڦاٽڪ تي پھچان، ھو ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏين. انھن ٽيليفون ڪئي ھوندي، ھو ڦاٽڪ جي تلاشي وٺندا. ڇا منھنجا اڳتي وڌندڙ قدم آزاديءَ ڏانھن آھن يا خطري ڏانھن؟ اسان وڏي ڦاٽڪ تي پھتيونسين. منھنجي ڀر وارين عورتن چيو، ”پويان ايندڙن مان ھڪ کان پاس ٽڪيٽ وٺ.“ ميڙ تيزيءَ سان ٻاھر وڃي رھيو ھو. پوليس وارا پاسون جمع ڪري رھيا ھئا ۽ آءٌ چپ چاپ ٻاھر نڪري ويس. ھاڻي آءٌ قيدياڻين کان ٻاھر ھيس. مون ھڪ ڀيرو حسرت جي نگاھه کڻي، قيد خاني ڏانھ مڙي ڏٺو ۽ اڳتي وڌي ھڪ وڏي ڪار ۾ ويٺيس ۽ دشمن جي اکين کان گم ٿي ويس.
    ھاڻي مون شاھه جي قيد خاني کان ٻاھر نڪري، آزاد ٿي، ٻيھر بندوق سنڀالي ورتي آھي جيئن انقلابين سان گڏ دشمنن جي خلاف جنگ ۾ حصو وٺي سگھان ۽ انقلاب ۾ پنھنجي پوري طاقت لڳائي عوام جو قرض چڪائي سگھان. اسان جو ويساھه آھي ته انقلاب وسيلي ئي آزادي حاصل ڪري سگھجي ٿي ۽ عوام دشمنن سان، اسان کي گھري ۽ بي انتھا نفرت آھي.


    باب ڏھون : جدوجھد جو طريقو

    [دؤر جنين کي درد جو، چارڻ سي چئجن،
    رُڃن راھه پُڇن، مٿي ڪلھن ڪينرا.]
    (شاھه)

    جدوجھد ھلندي ساٿين تڪليفون ۽ اذيتون سھڻ جو جيڪو طريقو ۽ رستو اختيار ڪيو ان جو مختصر خاڪو ھن ريت آھي:

    (1) انقلابي راھه جي سچي ھئڻ جو يقين:

    اھو يقين پڪو پختو ۽ ڪڏھن نه ٽُٽندڙ ھئڻ گھرجي. جيڪڏھن سڀ ساٿي جدوجھد کان منھن موڙين، پر ماڻھوءَ جو پنھنجو يقين اڻ ٽُٽ ھجي ته اھا تسبيح ٽُٽڻ واري نه ھوندي آھي. دشمن جي اذيتن جو مقابلو تيستائين نٿو ڪري سگھجي جيستائين اسان جو انھن اصولن تي پختو يقين ناھي جن لاءِ اسان جدوجھد ڪري رھيا آھيون.

    (2) دشمن سان نفرت، ساٿين سان پيار:

    اھي احساس تمام گھڻا ھئڻ گھرجن جيڪي ھڪ مجاھد جي وجود لاءِ انتھائي ضروري جزا آھن. اھا ڳالھ منھنجي تصور ۾ نه ايندي ھئي ته جيڪي اذيتون ڏنيون پئي ويون، اھي ڪنھن ٻئي ساٿيءَ کي ڏنيون وڃن، ان ڪري آءٌ ڪنھن جو به نالو نٿي ڏيئي سگھيس. مون کي ساٿين سان جيتري محبت ھئي، دشمن کان به ايتري نفرت ھئي. ان ڪري آءٌ ڪڏھن به ڪنھن کي پنھنجي جڳھ تي ڦاسندو ڪونه پي ڏسي سگھيس. پر جيڪڏھن منھنجا احساس مختلف ھجن ھا ته اسان جي، ”مقصد“ سان غداري چئجي ھا. پنھنجي ساٿين کي جلادن جي حوالي ڪري آگر آءٌ پاڻ کي اذيتن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪريان ھا ته سڄي زندگي ذھني اذيتن ۾ مبتلا ھجان ھا. آءٌ ائين ھرگز برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ھيس. دشمنن آڏو ھٿيار ڦٽا ڪرڻ، عوام سان غداري ڪرڻ جي برابر آھي. دشمن جو اھو خيال ھو ته اسان اعليٰ عھدن لاءِ ھٿيار استعمال ڪري رھيا آھيون. جڏھن ته منھنجو خيال اھو ھو ته اسان ان ڪري جنگ ڪري رھيا آھيون ته عوام کي دشمن جي فولادي ڄار مان آزاد ڪرايون. دشمن جي آڏو ڪنڌ جھڪائڻ مان مراد آھي ته مون عوام کان منھن موڙيو آھي. جڏھن ته ظلم لاءِ کليل ميدان آھي ۽ ان ذليل ڪاروبار ۾ منھنجو به حصو آھي. منھنجي سڄي حياتي پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارن سان نفرت ڪرڻ جي تربيت وٺندي گذري ھئي ۽ اھا ڳالھ تصور ڪرڻ به گناھه سمجھندي ھيس ته ڪڏھن آءٌ ظلم جھڙي ذليل ۽ بيحيائيءَ واري ڪاروبار ۾ شريڪ ٿينديس. ڇا آءٌ زنجيرن ۾ جڪڙيل پنھنجي عوام کي وساري سگھان ٿي؟ اھو عوام جن سان آءٌ ھميشہ پيار ۽ محبت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل ھيس. دشمن جا ڏوھه ايتريقدر حقيقي ۽ ظاھر ھئا جو مون لاءِ انھن کي انسان سمجھڻ به ناممڪن ھو. ان ڪري سندن آڏو ھٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مون کي ڪڏھن خيال به نه آيو ھو.

    (3) سڀ مسئلا تاريخي پس منظر ۽ سائنسي نظرئي جي روشنيءَ ۾ ڏسجن:

    جدليات جي روشنيءَ ۾ جدوجھد ۽ انقلاب ۾ فتح جي گڏيل رشتي کي مشڪل سان سمجھي سگھجي ٿو، ڇوته اھو جلد يا دير سان حاصل ٿئي. ٿوري عرصي ۾ اھو ٿي سگھي ٿو ته اسان جي جدوجھد ڪنھن ساٿيءَ کي دشمن جي ور چڙھڻ کان بچائي سگھجي يا اسان جي تنظيم تي ڪنھن حملي کي روڪي سگھجي. ليڪن حقيقت وڌيڪ اھم اھا آھي ته اسان جي جدوجھد، اسان جو شڪست مڃڻ کان انڪار، آخري فتح طرف ھڪ اھم قدم ھوندو آھي. اگر ان ”قدم“ کي جدا ڪري ڏسجي ته اھو نھايت ننڍڙو ۽ غير اھم سمجھيو ويندو آھي. پر ڪيترائي ساٿي تقريباً ان ئي وقت اھڙا قدم کڻندا آھن ۽ ان قدم جي مجموعي اثر جو اندازو ڪري سگھجي ٿو ۽ اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي ته اتفاقاً ھڪ ”قدم“ پوئتي ھٽڻ ڪري يا جدوجھد کان پاسيرو رھڻ ڪري انقلاب سان غداري جھڙو بڇڙو ڪم ٿي پوندو آھي. ان ڪري جيڪڏھن اسان ڪنھن مسئلي کي ان جي صحيح پس منظر ۾ ڏسون ٿا ته اذيتن ۽ دشمن جي مڪاريءَ جي مقابلي ۾ اسان جي بچاءَ واري قوت وڌي ويندي.

    (4) سچ ڏانھن حقيقي رويو:

    مارڪسزم اسان کي سيکاري ٿي ته اسان حق جو، ان جي لازمي موضوعن جي لحاظ کان مقابلو ڪريون. جڏھن اذيت ڏني وڃي ٿي ته ڊپ کان حوصلو پُست ٿيڻ، جسماني سبب کان سواءِ، بنيادي طرح ڪيترن ئي فردن پاران ان جي باري ۾ وڌاءُ واري نقطئه نظر جي سبب ٿيندو آھي. ساواڪ وارين اذيتن جو، جيڪو ڏھڪاءُ ڦھلايو آھي اھو ان خيال کي ثابت ڪري ٿو. اذيتن دوران ان جي خوف سبب حوصلا خطا ٿيڻ ۽ جدوجھد لاءِ حوصلي ۾ ڪمي ٿيندي آھي. جسماني اثر کان سواءِ بنيادي طرح ماڻھن جو ان بابت وڌايل رويو ھوندو آھي، ان ڳالھ جي ثابتي خود ساواڪ وارن جي پروپئگنڊا مان ٿئي ٿي. بس جيڪڏھن اسان ان طرف حقيقي نقطئه نظر سان ڏسون ته اذيت جھڙي بڇڙي شيءِ به پنھنجي بڇڙي مقصد ۾ ناڪام ٿي ويندي آھي. آخري تجزئي ۾ موت کان وڌيڪ ٻي ڪابه شيءِ سامھون ڪونه ايندي آھي ۽ مجاھد لاءِ اھو ڪوبه مسئلو نه بڻبو آھي.
    اھي ماڻھو جيڪي نفسياتي اذيت کي معروضي طريقي سان نه ڏسندا آھن، ان جو مٿن اثر اھو اھو پوندو آھي. مثال طور جڏھن ھِنن مون کي ننگو ڪيو ته مون سوچيو اگھاڙي ٽَنگ ۽ اگھاڙي ٻانھن ۾ ڪھڙو فرق آھي ۽ مون ان مان متاثر ٿيڻ کان انڪار ڪيو. اھڙي طرح جڏھن پستول جي نلڪي ڪنھن کي ڊيڄارڻ لاءِ سندس نرڙ تي رکي ويندي آھي ته ان جو آخري مقصد اھو ھوندو آھي ته اھا گولي جيڪا قتل ڪندي آھي، جيئن ته آءٌ پنھنجي مقصد خاطر مرڻ لاءِ تيار ھيس ان ڪري ان جو مون تي ڪوبه اثر نه ٿيو. ان ڪري اھو ضروري آھي ته صورتحال جو تجزيو ڪيو وڃي ۽ دشمن جو پوري قوت سان مقابلو ڪيو وڃي.

    (5) دشمن تي اعتبار نه ڪجي:

    دشمن، قيديءَ سان جيڪو ڪجھ ڪندو سو فقط ان لاءِ ته جيئن ڪنھن مجاھد کان ڪجھ راز ھٿ ڪري سگھن ۽ تحريڪ کي ڪمزور ڪري سگھن. مھربانيون، اذيتون، ڌمڪيون، گاريون ۽ غدارن جا قصا، انھن سڀني وسيلي ھو اھوئي مقصد حاصل ڪرڻ چاھيندو آھي. ان لاءِ اھو ضروري آھي ته اسان دشمن جو پوري ھوشياريءَ سان مقابلو ڪريون. انھن ڳالھين ۽ قصن تي يقين نه ڪريون، چاھي اھي اھم ھجن يا غير اھم ھجن. ان ڳالھه کي وسارڻ تمام وڌيڪ خطرناڪ ھوندو آھي. اھا تمام اھم ڳالھه آھي ته دشمن جون مھربانيون قبول نه ڪرڻ گھرجن. قيد تنھائي، لڳاتار اذيتون ۽ مختلف ذھني پريشانيون، انھن مھربانين طرف مائل ڪنديون آھن. دشمن جي مھربانين پٺيان بڇڙا ارادا لڪل ھوندا آھن. جيڪڏھن ان جي خلاف ٿورو به بچاءُ ڪيو وڃي ته انھن سڀني فعلن پٺيان لڪل مقصد ظاھر ٿي پوندو آھي ۽ ان طرح مجاھد جي ھمٿ وڌي ويندي آھي.

    (6) ارادي جي پختگي:

    ”آزادي“ ۽ ”قيد“ جھڙين حالتن کي صحيح ۽ فلسفيانه طور تي سمجھڻ سان اذيتن ۽ زنجيرن ۾ جڪڙجڻ دوران، آءٌ پاڻ کي ھميشہ آزاد سمجھندي ھيس ۽ اھا حقيقت آھي. مون کي پنھنجي پسند جي لفظن ۾ دشمن جي خلاف نفرت جو اظھار ڪرڻ لاءِ ڪڏھن به شرم نه آيو. مون پنھنجي اصولن لاءِ جن تي مون کي پختو يقين ھو، ھر چيز قربان ڪري ڇڏي ھئي. منھنجو فقط اھو ڪم رھجي ويو ھو ته آءٌ پنھنجن عقيدن تي قائم رھان. اھي موذي ماڻھو مون کي روز مرہ واري ڪميڻي زندگيءَ جا مڪمل غلام پي نظر آيا ۽ اھي ڏسي مون ۾ وڌيڪ ھمٿ پيدا ٿي. مون کي ان ڳالھ تي مڪمل ڀروسو ھو ته عوامي مجاھد ھئڻ جي حيثيت سان ھي منھنجو حق آھي ته آءٌ مٿن ڪيس ھلايان ۽ سندن قسمت جو فيصلو ڪريان. اھو منھنجو ايمان ھو ته منھنجو مقصد ۽ منھنجون خواھشون سندن تصور کان مٿاھان ھئا ۽ قيد جي دوران ھر طرفي ۽ مڪمل آزادي جي احساس مون ۾ ارادي جي پختگي ۽ بچاءَ واري قوت تمام گھڻي وڌائي ڇڏي ھئي.

    (7) دشمن جي سازش کان اڳواٽ ڄاڻ رکڻ:

    اھو ضروري آھي ته ٻين ساٿين جي ڪيل تجربن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي جيڪو ھنن دشمن جي مڪاريءَ سان مقابلو ڪندي، پِرايا ھجن، جيئن دشمن جي چالبازين کي بي اثر بڻائي سگھجي.
    مثال طور دشمن ھيئن ڪندو آھي جو ڪنھن جو خاص عيب يا ڪمزوري حاصل ڪندو آھي ۽ ان جو گھڙيءَ گھڙيءَ ذڪر ڪندو آھي. ھڪ مجاھد پنھنجي ذاتي ڪمزوريءَ کي لڪائي ٿو ۽ ان کي ظاھر نٿو ڪري يا دشمن ھيئن ڪندو آھي جو ھٿ ٺوڪي معلومات جي بنياد تي مجاھد آڏو اھو واضح ڪري ته کيس سڀ ڪجھ معلوم آھي. ان صورت ۾ مجاھد کي دشمن جي ان ھٿ ٺوڪي ڳالھ جي خبر ھوندي آھي ۽ ھو پنھنجو پاڻ تي ضابطو رکندو آھي.

    (8) حوصلو وڌائبو رھجي:

    جيڪڏھن اسان پنھنجي يقين کي مضبوط رکڻ لاءِ شعوري طرح ڪوشش ڪريون ته دشمن جي ھپناٽزم جي باري ۾ سڀ بڪواس، انجيڪشنس، زبردستي کاڌو کارائڻ ۽ خاص دوائون استعمال ڪرڻ سان جنھن جي ذريعي چيو ويندو آھي ته قيدي پنھنجا لڪل خيال ننڊ ۾ ھوندي به ظاھر ڪندو آھي، اھي سڀ ڍونگ ناڪام ٿي ويندا آھن.
    تڪليفن سان مقابلو ڪرڻ جي پاڻ ۾ خاص طور تي عادت وجھڻ گھرجي. جڏھن اذيتون چڱو عرصو جاري رھنديون ھيون ته آءٌ چاھيندي ھيس ته اھي ختم ٿي وڃن. ان احساس ھوندي به منھنجو حوصلو ڪڏھن به ڪمزور نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر ھئي ته اھي سڀ اذيتون موت سان گڏ ختم ٿي وينديون ۽ مون پڪو پھ ڪيو ته ان وقت تائين ھمٿ نه ھارينديس. ان ڪري قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ ڪڏھن به مون لاءِ مسئلو نه ھئا. مون کي اھو چوڻ گھرجي ته ساٿي بھروز ۽ آءٌ مقابلي ڪرڻ واري قوت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئاسين.

    (9) ٻين ساٿين جي ھمٿ جي باري ۾ سوچڻ:

    بين الاقوامي تحريڪ ۾ مجاھدن عظيم ڪارناما سر انجام ڏنا آھن. ايراني عوام جي جدوجھد جا ڪارناما به گھٽ ڪونه آھن. خاص ڪري ويجھڙائيءَ وارن چند سالن ۾ ڪيل ڪارناما. اھي ھڪ مجاھد لاءِ ھمٿ جو باعث ھئڻ گھرجن. ڪي ماڻھو ھن تحريڪ بابت منفي انداز ۾ سوچيندا آھن. مثال طور دشمن سان گھٽ نفرت ڪرڻ سبب تحريڪ کي تنگ نظري سان ڏسندا آھن، پر ھن تحريڪ کي تاريخي پس منظر ۾ ڏسڻ گھرجي. دشمن تي اعتبار ڪرڻ ۽ ساڻس ميل جول رکڻ، پنھنجي ارادي جي قوت ۾ ڪمي ڪرڻ وغيرہ. اھڙن خيالن وارا فرد يا ٽولا ھميشہ حقيقت ۾ مجاھدن جا حوصلا پست ڪري ڇڏيندا آھن. ان کان سواءِ جيڪو مجاھد پنھنجين ڪمزورين کي ضابطي ۾ نٿو رکي، خود تنقيد نٿو ڪري، پنھنجين خود غرض ۽ بيڪار خواھشن کي ڪنٽرول ۾ نٿو ڪري ۽ جيڪو پنھنجين ڪمزورين جي اصلاح نٿو ڪري، اھو اذيتن جو ڪڏھن به مقابلو ڪري نه سگھندو، چاھي ان جو جدوجھد ۾ ڪيترو به ايمان ھجي. جيڪو شخص خود غرضي ۽ مفاد پرستيءَ ۾ مبتلا ھجي، اھو پنھنجيون ڪمزوريون انقلابي ايمانداريءَ سان دور ڪري نٿو سگھي. ھو خود پنھنجو پاڻ سان ڪوڙ ڳالھائي ٿو. اھڙي شخص لاءِ غدار بڻجڻ تمام سولو ھوندو آھي. ڇو جو ڪوڙ کان غداريءَ جي شروعات ٿيندي آھي.

    (10) دشمن کي چئلينج:

    لٽيرن ۽ گھر ۾ ويٺل ڦورو سرمائيدارن جي نالي، جيڪي دشمن وٽ وڪاميل آھن، بين الاقوامي ڌاڙيلن جي نالي، غدار ”شاھه“ جي نالي، جيڪو آمريڪا ۽ اسرائيلي ڌاڙيلن جو غلام آھي- جيڪو قوم فروش آھي! طبقاتي نظام جي نوڪر شاھيءَ جي نالي ۽ سڀني دشمنن جي نالي!
    مون کي خبر آھي ته توھان سڀ ھي ڪتاب ضرور پڙھندؤ جنھن ڪري آءٌ پنھنجا لڪل جذبا اوھان جي آڏو ظاھر ڪريان ٿي ۽ پختي يقين سان اعلان ٿي ڪريان ته ھن ڀيري باقاعدي ۽ پختي عزم سان اوھان جي خلاف انتقام جي جذبي سان جدوجھد ڪنديس، عوام جي خون جو بدلو وٺنديس، جن کي اوھان مختلف موقعن تي قتل ڪيو ۽ اسان تي انھن جي قتل جو الزام ڏيو ٿا، ھي انتقام شھيد ساٿين جو آھي، مون کي پنھنجي پورھيت عوام سان بيحد محبت آھي، منھنجو ساڻن اٽوٽ رشتو آھي ۽ مون کي پنھنجي فرضن جو گھرو احساس آھي.
    مون کي خبر آھي ته توھان مون کي زندھ گرفتار ڪرڻ گھرو ٿا. پر ياد رکو، توھان پنھنجن خواھشن سان گڏ قبر ۾ پھچي ويندؤ. فرض ڪريو ته جيڪڏھن اوھان مون کي زندھ گرفتار به ڪريو ته اوھان منھنجو ڇا بگاڙي سگھندا! ڪجھ به نه. ڇا انقلاب جي رستي جو رخ بدلائي سگھندؤ؟ ڇا توھان مون کي اذيتون ڏيندؤ؟ ڇا توھان مون قتل ڪرڻ لاءِ گولي ھڻي ڇڏيندا؟ ڇا توھان موت کان وڌيڪ سزا ڏيئي سگھو ٿا؟ توھان کي خبر آھي ته عوامي مجاھدن لاءِ موت کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه عزت جو مقام ڪونھي، ۽ پنھنجي سڀني طريقن سان خود اسان جون ئي خواھشون پوريون ڪري سگھندؤ. ھا ..... عوام خاطر شھادت کان وڌيڪ عزت جو مقام ٻيو ڪونھي. پنھنجي ٻين ساٿين وانگر مون به ھٿيار کڻي، ھن ذليل، ۽ وحشي حڪومت جي تباھيءَ لاءَ جدوجھد شروع ڪئي آھي. ھي حڪومت توھان جو بچاءُ ڪري ٿي، آءٌ پنھنجي رت جو آخري ڦڙو به عوام جي آزاديءَ خاطر قربان ڪنديس. اسان کي موت جو ڪوبه ڊپ ناھي، ڀل ته اھو موت مورچي ۾ وڙھندي اچي يا اذيتن سھندي، جيڪو به ھٿيار ڪِرندو تنھن کي کڻڻ لاءِ ڪيترائي ھٿ موجود آھن. اسان جي جدوجھد جا نعرا تمام گھڻا ڪَنَ ٻڌي رھيا آھن. ھاڻي اسان جو طريقهء ڪار مضبوط ٿي چڪو آھي ۽ ثابت ٿي ويو آھي ته اھوئي صحيح طريقهء ڪار آھي. اھو تيزيءَ سان ترقي ڪري رھيو آھي ۽ مست دريائن وانگر پنھنجي اُٿل ۾ سڀ بند ۽ رڪاوٽون لوڙھي ڇڏيندو. توھان جي شڪست اھڙي حقيقت آھي جيڪا تاريخ ۾ بار بار ثابت ٿي چڪي آھي. گذريل جدوجھد ۾ اسان جي جانبازن جي مقابلي ۾ اوھان جي بزدلي ۽ نا اھلي ثابت ٿي چڪي آھي. توھان عوامي جانبازن جو مقابلو ڪري نٿا سگھو. توھان ڀاڙيا آھيو، بزدل آھيو ۽ ڊڄو ٿا ان وقت کان جڏھن عوام جو سيلاب اوھان جي خلاف اٿي کڙو ٿيندو.
    ڪجھ وڌيڪ عرصي لاءِ اوھان ڌاڙن ۽ قتل جھڙا ڏوھ جاري رکي سگھو ٿا، پر توھان پنھنجي انجام کان ڪيڏانھن به ڀڄي نٿا سگھو. اسان توھان کي ڊگھي، ورن وڪڙن واري ۽ اڻانگي جدوجھد ذريعي ٿڪائي، شڪست ڏيڻ گھرون ٿا. جيڪڏھن اسان مان ھڪ مجاھد شھيد ٿيندو ته ان جي جڳھ ٻيا ويھ مجاھد ولاريندا. اسان جو موت عام ماڻھوءَ جي موت کان نرالو آھي ۽ توھان جي زندگي گدڙن جي زندگيءَ کان به ابتر آھي، توھان اِن لائق به ناھيو ته توھان کي ھڪ انسان جي حيثيت ڏني وڃي. توھان وحشي جانور آھيو. فتح نيٺ حق جي ٿيندي- آخري فتح نيٺ عوام جي ٿيندي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428725
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ