ڪتاب جو نالو: نعره مستانه (ڪالمن جو مجموعو)
مصنف: شيخ عبدالمجيد سنڌي / خان محمد پنھور
ڇپائيندڙ: شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 1988
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 24 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 679 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 269 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نعرہ مستانه سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت، سياستدان، صحافي ۽ برصغير جي آزاديءَ جي ممتاز اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحرير جو نالو آھي، جو الوحيد جھڙي تحريڪ ساز اخبار ۾ شايع ٿيندو ھو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • شيخ عبدالمجيد سنڌي ( عظيم شخصيت )
  • نعرہ مستانه (ڪالمن جو مجموعو)
  • ٻه اکر
  • قوم جو حقيقي خزانو
  • دل جو دولتمند
  • حق جو ٻيڙو
  • قلندرن جي چيخ
  • زمانو بگڙجي ويو آھي
  • عارفانه تلقين
  • درد دل
  • قلندر جي صدا
  • روحاني رمز
  • قلندرن جو خواب
  • سنڌ جي نوجوانن کي سڏ
  • روزي جو فلسفو
  • قيامت
  • سنڌ جو سھڻو سرندو
  • قلندر جي سزا
  • ڪک ھيٺان لک
  • مجاھد جو موت
  • طالب علم
  • عشق جي وادي
  • سنڌ سڪار
  • خدا سان شڪوو
  • عزازيل زندہ باد
  • سنڌ جو سرڪاري نوڪر
  • مَستن جي محفل
  • قلندري اسلام
  • مھراڻ جون مائرون!
  • نعره مستانه
  • چار وڏيرا
  • SHAIKH ABDUL MAJEED SINDHI : A Brain of Sindh

  • ڪتاب بابت

    نعره مستانه
    (ڪالمن جو مجموعو)

    شيخ عبدالمجيد سنڌي
    سھيڙيندڙ: خان محمد پنھور

    شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي ڪراچي/ حيدرآباد
    ڪمپوزنگ- شاھنواز سومرو
    2014


    شيخ عبدالمجيد سنڌي ( عظيم شخصيت )

    شيخ صاحب جھڙيون مقتدر ۽ نامور ھستيون صدين کان پوءِ مشڪل سان پيدا ٿين ٿيون. اھي ملڪ ۽ قومون خوش نصيب آھن، جن ۾ ھھڙا ماڻھو پيدا ٿين ٿا، سندن خداداد لياقتن مان پورو فائدو نه وٺڻ ۽ انھن جي خدمتن جي قدر شناسي نه ڪرڻ قومن کي عتاب جو مستحق بڻائي ٿو. حقيقت ۾ اھڙي بزرگ ھستيءَ جي بيان ڪرڻ لاءِ ھڪ علحدي ڪتاب ۽ شبلي نعمانيءَ جھڙن عالمن جي قلم جي ضرورت آھي، ھتي چند صفحن ۾ سندس زندگيءَ کي قلمبند ڪرڻ ڪمال بي ادبي آھي. ليڪن سندس مدح خوانن مان ھڪ ھئڻ جي حيثيت ۾، اھا جرئت ۽ گستاخي ان لاءِ ڪري رھيو آھيان ته جيئن ھن پنھنجي طويل بي مزي ۽ غير دلچسپ ڪھاڻيءَ کي پسنديدہ ۽ دلچسپ بڻايان. روز حساب تي ھن فرض ناشناس قوم کي جنھن جي خدمتگارن جي زمري ۾ اسين سڀ داخل آھيون، انھيءَ ڪري سزاياب نه ڪج جو ھنن ھھڙن دوالي بند، فاقه ڪش ۽ بينظير قومي خدمتن جو قدر نه ڪري، سامراجين جي نيڪ پروردن فرعون صفت، خودمطلب ۽ جاھل فردن کي حاڪم ۽ اسلام جو علمبردار بڻايو، ۽ ھڪ اھڙي اسلام جي شيدائيءَ جو قدر نه سڃاتو، جنھن پنھنجي ترقي يافته، شاھوڪار ۽ قدر شناس قوم کي خيرآباد چئي، پاڻ کي صرف حلقه غلامان ﷴؐ ۾ ان لاءِ داخل ڪيو جو ان پسماندہ ۽ مسڪين قوم کي خادمن جي گھڻي ضرورت ھئي. آءٌ شاھدي ٿو ڏيان ته، ڪي آھين، جي ھن کي سڃاڻن به ٿا، ۽ قدر به ڪن ٿا. ھي برصغير ھند- پاڪ ۾ غير معمولي صلاحيتن، سياسي قابليت ۽ ملڪي تدبر جو چونڊ فرد آھي. خدا سائين جي بارگاھ ۾ دعا آھي ته کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي، (آمين)

    جي ايم سيد
    ” جنب گذاريم جن سين تان ورتل “


    نعرہ مستانه (ڪالمن جو مجموعو)

    تحريڪ آزاديءَ جي عظيم رھنما، مدبر ۽ بلند پايي جي صحافي، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ”الوحيد“ اخبار ۾ ” نعرہ مستانه “ جي عنوان سان لکيل ڪالم eBook جي حيثيت ۾ حاضر آھن. آخري دفعي 1988 ۾ ” سنڌ پبلشرس “ پاران ڇاپيا ويا. ان کان پھريون اھو ڪتاب ” شيخ عبدالمجيد سنڌي اڪيڊميءَ “ طرفان ڇپرايو ويو ھو.
    شيخ صاحب جا ڪالم سنڌ جي ان وقت جي مڙني مسئلن تي بنا ڊپ ۽ ڊاءَ ۽ بنا رک رکاءَ جي لکيل آھن ۽ سنڌ جي ماڻھن جي درد ۽ ڏک جو اندازو سندس ھنن ڪالمن مان لڳائي سگھجي ٿو. بھرحال ھي ڪتاب توھان جي ھٿن ۾ آھي. اسان کي اميد آھي ته اوھان کي پسند ايندو.

    ساٿ سلامت


    ٻه اکر

    نعرہ مستانه سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت، سياستدان، صحافي ۽ برصغير جي آزاديءَ جي ممتاز اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تحرير جو نالو آھي، جو الوحيد جھڙي تحريڪ ساز اخبار ۾ شايع ٿيندو ھو. شيخ صاحب الوحيد جو نه صرف ايڊيٽر، چيئرمن ۽ سڄو روح روان ھوندو ھو بلڪ ائين چئجي ته ان دؤر ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي معنيٰ الوحيد ۽ الوحيد معنيٰ سنڌ ھوندي ھئي. الوحيد اخبار نه، پر ھڪ تحريڪ ۽ ادارو ھئي، جيڪا سنڌ جي سياست جو اھم حصو شمار ڪئي ويندي ھئي. نعرہ مستانه جا ڪالم شيخ سنڌيءَ جن گھڻي ڀاڱي آزاديءَ کان پوءِ الوحيد ۾ سلسليوار لکڻ شروع ڪيا. جڏھن الوحيد وچ ۾ ڪجھه وقت لاءِ بند ٿي ته ان جي جاءِ تي روزانه ” سنڌ “ اخبار شروع ڪئي وئي. ان ۾ پڻ اھي ڪالم ڇپبا رھيا ۽ پوءِ وري الوحيد جي جاري ٿيڻ کان ويندي ان جي بيدرديءَ سان نيلام ٿيڻ تائين ان ۾ وقت بوقت شايع ٿيندا ھئا.
    ان کان سواءِ ڪجھه ڪالم روزانه ڪاروان حيدرآباد، روزانه مھراڻ ۽ روزانه عبرت ۾ پڻ شايع ٿيا.
    ھتي اسان ڪوشش ڪري وڌ ۾ وڌ نعرہ مستانه جا ڪالم گڏ ڪري شايع ڪيا آھن.
    نعرہ مستانه جا ڪالم گڏ ڪرڻ لاءِ پھرين دلچسپي اڳ ڪنھن زماني ۾ به ورتي ويئي ھئي، پر اھي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ جي بجاءِ ڊمي جي صورت ۾ محدود رھيا. ڀلو ٿئي علي محمد راھوءَ جو جنھن شيخ صاحب جي زندگي ۾ نه صرف مھينن جا مھينا روزانو ملاقاتون ڪري شيخ صاحب جي زندگي تي ڪجھه مواد گڏ ڪيائين پر نعرہ مستانه جي ڪالمن واري اھا اڻپوري ڊمي به محفوظ رکيائين جيڪا ان کان ھٿ ڪئي وئي ۽ ٻيون ڪافي قسطون ميرپور بٺوري جي محمد موسيٰ کٽي واري مشھور لئبرري جي مالڪ غلام محمد جوھر وٽان ھٿ ڪيون ويون ۽ ڪجھه قسطون سنڌ الاجيءَ مان پڻ مليون. ان لاءِ آئون ذاتي طور تي علي محمد راھو، غلام محمد جوھر ۽ اداري سنڌ الاجيءَ جو ٿورائتو آھيان.
    ان کان علاوہ آئون نامور اديب ۽ شاعر عبدالڪريم پلي جو جنھن ھن ڪتاب جي شايع ڪرڻ ۾ اتساھه ڏيارڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ پڻ ٿورائتو آھيان . ان کان سواءِ آئون پنھنجي ساٿي نياز پنھور جو خاص طور تي ٿورائتو آھيان، جنھن دلچسپي وٺي پروفن جي نظرداريءَ جو ڪم پنھنجي بلي ڪيو، ۽ سنڌ پبلشرس جي سڀني ساٿين جو ۽ سندن معمول مطابق سھڪار جو پڻ ٿورائتو آھيان. نه ٿو وساري سگھان پرفيڪٽ پرنٽرس جي محمد عيسيٰ سومري کي جنھن بنا ليکي پئي ڪم جي پوئواري ڪئي آھي.

    خان محمد پنھور


    قوم جو حقيقي خزانو

    قلندر گوشه نشين ٿي وڃن، دنيا کان دست بردار ٿي وڃن، پر جن پنھنجن ڪنن سان انھن جي آہ زاري ٻڌي آھي، سي انھن کي ڳولي وڃي ھٿ ڪندا آھن. تلھار جي متوالن اڄ مست قلندر کي ياد فرمايو آھي. خدا ڪارڻ محبت ڪرڻ وارا قيامت تائين موجود رھندا. الله جي واٽ ۾جھاد ڪرڻ وارا اڄوڪي دؤر دجالي ۾ به موجود آھن.
    باطل جو طلسم ھماليه جبل وانگر ناقابل تسخير ھجي، يا آرڪٽڪ سمنڊ وانگر ناقابل عبور ھجي، يا سنڌو دريا وانگر ناقابل اعتبار ھجي، پر حق جي حمايت ڪرڻ وارن جي اڳيان اھو طلسم ٽٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوندو آھي، سمنڊ به جاءِ ڏيڻ تي مجبور ٿيندو آھي ۽ دريا به ھٽي دور ٿيندو آھي.
    قلندرن جي آڏو جيڪو به ايندو سو پرزا پرزا ٿي ويندو. ھو لوڪن ۾ لڪل به آھن ۽ ظاھر به آھن. ھو خدا جي راز جا رازدار آھن، ھو حڪومتن جون چاٻيون پنھنجي ھٿن ۾ رکندڙ آھن.
    انھن جي نزديڪ ظلم ڪفر آھي ۽ عدل اسلام آھي. اھا آھي معنيٰ اسلامي نظام حڪومت جي.
    جنھن قوم ۾ عدل آھي، امن آھي، خوشحالي آھي، تنھن قوم ۾ اسلامي نظام آھي، ۽ جنھن قوم ۾ ظلم آھي، بدامني آھي، ۽ مخلوق دکي آھي، تنھن قوم تي ڪفر جو تسلط آھي.
    ڇا توکي نوشيروان عادل جو نالو ياد نه آھي جنھن جي زماني ۾ پيدا ٿيڻ تي اسلام جي پيغمبر به پنھنجو فخر ظاھر ڪيو آھي؟ اسلامي نظام جي خزاني تي قومن قبضو ڪري ورتو آھي. ٻڌ! آءٌ توکي ٻڌايان ته اھو ڪھڙو خزانو آھي؟
    اي سنڌ جا مسلمان! غور سان ٻڌ!! مولا جي محبت ۾ مست رھڻ، ھر وقت نيت صاف رکڻ ۽ توبہ استغفار ۾ مشغول رھڻ، ھنجي عبادت ۽ بندگيءَ ۾ سستي نه ڪرڻ، ارادي جي پختگيءَ، مستقل مزاجي، حق جي حمايت ۽ باطل جي مخالفت، حق گوئي، حق رسي ۽ راست بازي، تحمل ۽ بردباري، ھمت ۽ حوصله، محنت ۽ مزدوري، فضيلت ۽ مروت، شجاعت ۽ مردانگي، خوش خلقي ۽ خوش ڪلامي، نوڙت ۽ نھٺائي، ايثار ۽ قرباني، بي ڊپائي ۽ بي ريائي، رحمدلي ۽ فياضي، علم ۽ ھنر، عقل ۽ حڪومت، صفائي ۽ پاڪيزگي، مظلوم جي مدد ۽ ظالم جو مقابلو، يتيمن، بيواھن، بيڪسن ۽ مسڪينن جي مدد ۽ دستگيري، شرافت ۽ نيڪي، خدا جي مخلوق جي خدمت، اھي ۽ اھڙيون آھن صفتون جي نه فقط افراد جو سرمايو ۽ خزانو آھن ۽ قومن جو به خزانو آھن. اسلام دنيا جي قومن ۽ مذھبن لاءِ رحمت ٿي آيو. اسلام پنھنجي جھنڊي ھيٺ سڀني کي امن ڏنو آھي.
    مسجدون ۽ مندر، مڙھيون ۽ ديولون انجي جھنڊي ھيٺ آباد ۽ آزاد رھيون آھن. اسلام پنھنجي پاڙيسرين لاءِ رحمت ۽ انسانيت جو نمونو آھي. اسلام پنھنجي دوستن لاءِ جان ڏني آھي. اسلام ۽ امن جي ساڳي معنيٰ آھي. اسلام خدا جي وحدانيت ۽ انسان ذات جي وحدت جو پيغام آندو آھي. مسلمان جتي به رھيو آھي، حق ۽ خدا ترسي، مظلوم جو مددگار ۽ انساني وحدت جو حامي ٿي رھيو آھي. ساري دنيا قلندرن جو گھر آھي. خدا جي محبت اسانجو لشڪر آھي. اسان اڪيلي سر جھان ۾ وڃي الله جو نُور پکيڙيو آھي ۽ محمدي پيغام پھچايو آھي. دين ڌرم ۾ زوري زبردستي حرام آھي، بدڪاري حرام آھي، بداخلاقي حرام آھي. اسلام مذھبن جي مڪمل آزاديءَ جو اعلان ڪيو، انھن جي پيغمبرن ۽ پاڪ ڪتابن ۾ ايمان آڻايو، سڀني جي مذھبي پيشوائن جي عزت ۽ احترام کي قائم ڪيو، زبردستيءَ سان ڪنھن غير مسلمان کي مسلمان ڪرڻ اھڙوئي ڏوھه ٺھرايو آھي جھڙو ڪنھن مسلمان کي زبردستيءَ سان ٻيو مذھب قبول ڪرائڻ. جھاد جو اعلان ڪرايو ته سڀني مذھبن جا عبادتگاه سلامت ۽ محفوظ رھن، ۽ الله جي نزديڪ پيارو ۽ بزرگ ان کي ڪيو جو پرھيزگاريءَ ۾ زور آھي ۽ نيڪ ڪمن ۾ سڀ کان اڳرو آھي. اسلام جي پاڪ پيغمبر مذھبن جي وچ ۾ عداوتن، قومن جي وچ ۾ خونريزين، نسلن ۽ خاندان جي وچ ۾ تڪبرن کي مليا ميٽ ڪري الله جي بارگاھه ۾ سڀني کي رجوع ڪيو جو مئي کان پوءِ فيصلو ڪندو ته ڪير حق تي آھي ۽ ڪير ناحق تي آھي. خدا جي رحمت عام آھي. تنھنڪري قلندرن جي درگاھه به عام آھي، انھن جو فيض به عام آھي. جو آيو سو اگھيو. پيغمبري دنيا امن جي دنيا آھي، برادري ۽ برابري جي دنيا آھي، محبت ۽ رواداريءَ جي دنيا آھي، آزادي ۽ انسانيت جي دنيا آھي، پر شيطان جي دنيا ۾ نه انسانيت آھي نه آزادي، نه برادري ۽ برابري، نه علم نه فضيلت، بلڪ چوطرف ظلم ۽ ستم، زور ۽ زبردستي، بدڪرداري ۽ بدامني، خوف ۽ حراس، رعيت آزاري ۽ رشوت خوري، بداخلاقي ۽ جھالت، چور مارڪيٽ ۽ بلئڪ مارڪيٽ، نالو اسلام جو ڪم شيطان جا، نالو خدا جو ڪم فرعون جا، نالو آزاديءَ جو ڪم غلاميءَ جا، نالو برادريءَ جو ڪم دشمن جا. اھي آھن آثار قيامت جا ۽ قومن جي برباديءَ جا. ظلم کي انصاف سمجھڻ، حيوانيت کي انسانيت سمجھڻ ، حرام کي حلال سمجھڻ، ناپاڪ کي پاڪ سمجھڻ، دشمن کي دوست سمجھڻ، خودپرستيءَ کي خداپرستي سمجھڻ، بداخلاقي کي اخلاق سمجھڻ، غلاميءَ کي آزادي سمجھڻ، ڪفر کي اسلام سمجھڻ، شرڪ کي وحدت سمجھڻ، نفاق کي اتفاق سمجھڻ، برباديءَ کي آبادي سمجھڻ، بي دين کي ديندار سمجھڻ. اي مسلمان! تو زندگيءَ جي معيارن ۽ اخلاق جي ڪسوٽين کي اونڌو ۽ ابتو ڪري ڇڏيو آھي. تون جلدي پنھنجي اصلاح ڪر، نه ته نابود ٿي ويندين.
    قومن جو خزانو آھي علم ۽ ھنر، سائنس ۽ ايجاد، نِـڪو ذھن ۽ عقل، دورانديشي ۽ تدبير، وسعت نظري ۽ ڪشادہ دلي، فراخ دستي ۽ فياضي، وقت جي پابندي ۽ محنت، خندہ پيشاني ۽ خوش اخلاقي، قانون جي عزت ۽ نيڪ حڪم جي تابعداري، وطن ۽ قوم سان محبت، ايثار ۽ قرباني، خدا جي محبت ۽ خلق جي خدمت، صحيح استعداد ۽ قابليت، تندرست جسم ۽ تندرست جان، بلند خيالي ۽ عالي حوصلگي، قومي بھتري ۽ ترقيءَ جو ذوق ۽ شوق، صبر ۽ تحمل، سادگي ۽ صفائي، حق جي حمايت ۽ باطل جي مخالفت، امانت داري ۽ ديانت داري، عدل ۽ انصاف، سچائي ۽ بي ريائي، امن ۽ آزادي، مروت ۽ رواداري، عمديون رسمون ۽ عمدا قائدا، عمديون عمارتون ۽ عمدا رستا، غريب پروري ۽ غريب نوازي، لطافت ۽ ظرافت، شرافت ۽ شائستگي، شيرين گفتار ۽ نيڪ رفتار، حق شناسي ۽ مردم شناسي، ادب ۽ فضيلت، قناعت ۽ راحت، غور ۽ فڪر، حسن ۽ جمال، ارادن جي پختگي ۽ اصولن سان وابستگي، اھوئي آھي ڪنھن قوم جو حقيقي خزانو، جنھن قوم وٽ اھو خزانو آھي تنھن قوم وٽ اسلام آھي ۽ اسلامي نظام آھي.

    *


    دل جو دولتمند

    اي حرص ۽ ھوس جا بندا! تون صد تمنائون رکي مون وٽ اچين ٿو ۽ منھنجون حاضريون ڀرين ٿو. مون قلندر توکي ھيتريون نصيحتون ڪيون پر توتي ڪوبه اثر نه ٿيو. مون توکي ٻڌايو ته دولت ۽ حڪومت مقصود باالذات نه آھن پر ذريعو آھن الله جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ جو، برائين ۽ خرابين کي روڪڻ جو، عدل ۽ انصاف ڪرڻ جو، دين ۽ ڌرم جي آزادي قائم ڪرڻ جو، امن امان قائم ڪرڻ جو، ظلم، فساد ۽ خونريزي کان پرھيز ڪرڻ جو، موليٰ جي محبت ۾ مشغول رھڻ جو. ھاڻي غور سان ٻڌ ته خدا حڪومت ۽ دولت ڪنھن کي ڏيندو آھي؟ خدا دنياوي خزانو ان قوم کي ڏيندو آھي جا پنھنجي خزاني کي الله جي مخلوق جي فائدي تي خرچ ڪندي آھي، جا لٽائيندي آھي پنھنجو خزانو الله جي نالي ۾. مسلم قوم خدا کي وساري ڇڏيو آھي، خدا جي دين کي وساري ڇڏيو آھي، خدا جي مخلوق کي وساري ڇڏيو آھي. نه خدا جي حڪم موجب ورثو ڏين، نه خدا جي حڪم موجب زڪوات ڏين، نه اسلام جي حڪم موجب قومي ڪمن تي خرچ ڪن.

    اسلامي نظام حڪومت جي معنيٰ

    خدا کي پنھنجي مخلوق پياري آھي خواہ انھن جو مذھب ڪھڙو به ھجي. ڇا تون نٿو ڏسين ته خدا پنھنجي زمين ۽ پنھنجو آسمان سڀني لاءِ پيدا ڪيو آھي ۽ ڇا تون نٿو ڏسين ته سج، چنڊ، تارا، بارش ۽ ھوائون سڀني لاءِ ھڪ جھڙيون آھن؟ ڇا توکي معلوم نه آھي ته ھن پاڻ کي رب العالمين سڏيو آھي؟ ڇا تون سمجھين ٿو ته تون ھڪ مسلمان جي گھر ۾ پيدا ٿيو آھين ۽ تو پنھنجو نالو مسلماني رکيو آھي تنھنڪري تون خاص نعمتن جو مستحق آھين ۽ ٻيا سزا جا مستحق آھن، ڇاڪاڻ ته ھو ڪنھن مسلمان جي گھر ۾ پيدا نه ٿيا آھن؟ اھي عقيدا رکي تون پاڻ کي پيو خوش ڪر. اسان قلندر دنيا جون حڪومتون ۽ دنيا جون دولتون بدڪارن کان کسي نيڪوڪارن کي ڏياريندا آھيون خواہ انھن جو مذھب ڪھڙو به ھجي، خواہ ھو ڪنھن مسلمان جي گھر ۾ پيدا ٿين يا غير مسلمان جي گھر ۾. خدا وٽ سڀني لاءِ درجا آھن. سندن عملن موجب ۽ سندن نيتن موجب، نه فقط ھن جھان ۾ پر پرئين جھان ۾ به. جنھن خدا جي وحدانيت کي قبول ڪيو، پيغمبرن تي ايمان آندو، آخرت کي به قبوليو۽ وڏي ڳالھه ته نيڪ ڪم ڪيا سي سچا ۽ پڪا ايماندار آھن، خواہ ڪنھن جي به گھر ۾ پيدا ٿين، خواہ ڪھڙا به نالا رکن. خدا جو تعلق نيتن سان آھي، عقيدن سان آھي، عملن سان آھي. عملن ۾ وڏو عمل آھي پنھنجو خزانو خدا جي مخلوق تي خرچ ڪرڻ. تون پنھنجي قوم جي ٻين قومن سان ڀيٽ ڪري ڏس. پوءِ فيصلو ڏي ته خدا پنھنجي دولت ڪنھن کي ڏئي ۽ ڪنھن کي نه ڏئي.

    دولتمندن کي خطاب

    ٻڌاءِ اي دولت جا بيکاري! تو پنھنجي دولت ڪھڙي طرح خرچ ڪئي آھي؟ تنھنجي قوم جا ۹۵ سيڪڙو مرد ۽ زالون جاھل آھن، مسڪين ۽ مقروض آھن، ڪا يونيورسٽي ٺاھي اٿئي، ڪو ڪاليج کوليو اٿئي، ڪيترا اسڪول قائم ڪيا اٿئي، ڪيترا مدرسا قائم ڪيا اٿئي؟ ڪٿي آھن يتيم خانا، ڪير ٿو بيواھن جي امداد ڪري، ڪو بيوہ گھر، ڪو ويم گھر، ڪا اسپتال، ڪو مسافر خانو، ڪا مسجد، ڪو بورڊنگ ھائوس، ڪو ڪتبخانو، ڪو جماعت خانو، ڪو ميٽنگ ھال، ڪو عام تفريح گاہ، ڪا تبليغ دين جي، ڪا تجارت قوم لاءِ، ڪو ھنري اسڪول، ڪو ورزش جو انتظام، ڪو تعليمي ادارو، ڪا قوم جي اصلاح، ڪو اخلاقي سڌارو، ڪو زڪوات جو انتظام، ڪا خيرات جي تنظيم، ڪا فئڪٽري، ڪو ڪارخانو، ڪا قرض حسنه جي بئنڪ، ڪو زائرين بيت الله لاءِ حڪومتي بندوبست، ڪا زائرين لاءِ جھازران ڪمپني يا ڪا ھوائي سروس، ڪو اڃايل ماڻھن ۽ حيوانن جي پاڻي پيارڻ جو بندوبست، ڪو بيروزگارن لاءِ انتظام، ڪا قيدين جي خدمت ۽ سڌارو، ڪا علم جي اشاعت ۽ مفت ڪتابن جي طباعت، ڌارين ملڪن ۾ علم ۽ ھنر ۽ سائنس سکڻ لاءِ امداد، غريب شاگردن لاءِ وظيفا، ڪا علمي محفل ۽ مجلس، روز افزون گناھن کي روڪڻ لاءِ ڪا سوسائٽي، ستايل ۽ مظلومن لاءِ ڪا قانوني امداد، ڪو انڌن ۽ اپاھجن لاءِ آرام گھر، ڪو لاوارثن جو وسيلو ۽ حيلو. آخر قوم جي اميرن ۽ دولتمندن ھن وقت تائين ڇا ڪيو آھي، جو تون به انھن ۾ داخل ٿيڻ ٿو گھرين!
    دنيا جي آخرين پيغمبر اھڙي خيرات جو حڪم ڪيو آھي جنھن جو فيض سدائين جاري رھي ۽ جنھن جو فائدو انسان ۽ حيوان سدائين حاصل ڪندو رھي. پر تنھنجي قوم جا ڪروڙپتي ۽ لک پتي ڇا ڪري رھيا آھن، انھن جا خزانا وقف آھن ، عياشين، راڳن ۽ ناچن ۽ پنھنجي اولاد لاءِ، انھن جي صحبت کان پري ٿي. انھن جي ڄار ۾ پاڻ کي نه ڦاساءِ، تون روحانيت جي عالم ۾ اچ. ان جا خزانا لازوال آھن ۽ ڪڏھن به فنا ٿيڻ وارا نه آھن. جنھن خزاني پٺيان چور ۽ ڌاڙيل لڳل آھن ۽ تنھنجي جان ۽ ايمان کي خطرو ۽ جنھن خزاني تان دنيا جي قومن جي وچ ۾ قتل ۽ خونريزي ٿيندي رھي ٿي، سو ڀائرن ۽ ڀينرن، مائن ۽ پٽن جي وچ ۾ جنگ ٿيندي رھي ٿي. سو الله جي نالي ۾ تقسيم ڪري ڇڏ. جڏھن ائين ڪندين تڏھن تون به امن ۾ رھندين ۽ قومون به امن ۾ رھنديون، خواہ حڪومت جون واڳون ڪنھن جي به ھٿن ۾ ھجن. دل جو دولتمند حقيقي دولتمند آھي خواہ بئنڪ ۾ بقايا به نه ھجيس. پر دل جو بخيل سدائين بکيو ۽ ڏکيو ۽ ڪنگال آھي، جتوڻيڪ بئنڪ ۾ ھنجي ڪروڙن مٿان پيا ڪٽ چڙھن.

    *


    حق جو ٻيڙو

    مذھب ۾ زوري ڪانھي

    اي فرزند! تون قومن ۽ مذھبن جي تڪرارن ۾ ڪاھي پيو آھين. پر توکي معلوم نه آھي ته انھن تڪرارن کي رفع ۽ دفع ڪرڻ واسطي خدا تعاليٰ دنيا ۾ ھزارين پيغمبر موڪلي چڪو آھي، جن ۾ سڀ کان پويون پيغمبر ﷴ رسول الله صلي الله عليه وسلم آھي. جيڪڏھن تون مذھبي ۽ قومي فسادن ۾ پاڻ کي مبتلا ڪندين ته پوءِ چئو ته تو پيغمبر جي تعليم جي ڪا قدر شناسي نه ڪئي. انھن جي صدقي دنيا ۾ مذھبي آزادي قائم آھي. اھي ئي آھن جن خدا جو پيغام پھچايو ته دين ڌرم ۾ ڪابه زور زبردستي نه ڪرڻ گھرجي. اھي ئي آھن جن الله جي نالي ۾ اعلان ڪيو ته توھانجو دين توھان کي مبارڪ، اسانجو دين اسانکي مبارڪ. اھي ئي آھن جن مذھبي آزاديءَ جو جھنڊو بلند ڪري چيو ته ھر قوم جي ھدايت لاءِ ھادي موجود آھي، ھر قوم کي پنھنجو قبلو، پنھنجي شريعت ۽ پنھنجي بندگيءَ جو جدا طريقو آھي، ۽ خدا جي نزديڪ بھتر اھو آھي جنھن جا ڪم بھتر آھن، ۽ اي خدا جا بندؤ! جنت جا سڀئي دروازا سڀني نيڪي ڪرڻ وارن لاءِ ۽ الله جي بندگي ڪرڻ وارن لاءِ ھڪجھڙو کليل آھن. جنت ڪنھن خاص مذھب جي نالي وٺڻ وارن لاءِ وقف نه آھي. پر اھو خاص انعام آھي پنھنجي عادل ۽ عامل بندن لاءِ. خدا پيغمبر موڪليا آھن انسان کي انسان بنائڻ لاءِ. بھترين انسان اھو آھي جو انسان ذات جي سڀ کان وڏي ۽ گھڻي خدمت ڪندڙ آھي ۽ انھن کي فائدو پھچائيندڙ آھي. ھر انسان جو وجود انسانيت جي جذبن سان ڀرپور آھي. پر غلط مذھبي ۽ نسلي تعصب جي پردن ھيٺ اھي جذبات ڪڏھن ڪڏھن لڪي ويندا آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن انسان حيوان ۽ شيطان کان به بدتر ٿي پوندو آھي.

    شيطان جو زور

    شيطان جو چؤطرف زور آھي. بي گناہ مردن، زالن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ، ملڪيتن کي باھيون ڏيڻ، زور زبردستيءَ سان دين ڌرم ڦيرائڻ، بيوس زالن جي عصمت دري ڪري سندن لڄ لٽڻ، پيڻ جو پاڻي ۽ کائڻ جو اناج برباد ڪرڻ، بستين جو بستيون ويران ۽ برباد ڪرڻ، لکن ماڻھن کي دربدر ڪرڻ، خدا جي مخلوق ۾ نفرت ۽ حقارت پکيڙڻ، خالق جي بدران انسان ۾ مخلوق جو خوف پيدا ڪرڻ، قومن جي وچ ۾ ھميشہ جون دشمنيون ۽ جنگيون پيدا ۽ برپا ڪرڻ، تھذيب ۽ اخلاق جو خون ڪرڻ، انسانيت کي ذات پات ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ، پاڙيسريءَ کي پاڙيسريءَ کان جدا ڪرڻ، بي دينن ۽ حرام خورن کي قومن جو پَٽيل ۽ پيشوا ڪرڻ، اتحاد کي ظلم ۽ نفاق کي انصاف سڏڻ، بلئڪ مارڪيٽون قائم ڪرڻ، حرام جا ٽَڪا گڏ ڪرڻ، رشوتون کائڻ ۽ کارائڻ، ٺڳيون ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالھائڻ عام اڳواڻن جو شيوہ ٿي پيو آھي. پر مان الله کانسواءِ ڪنھن کان به ڊڄڻ وارو نه آھيان. مونکي نه ائٽم بم جي پرواہ آھي نه توبن ۽ توبخانن جي. مونکي نه وڏن لشڪرن جو ڊپ آھي نه وڏن تعدادن جو، آئون دنيا ۾ خدا جو خليفو آھيان. روح منھنجي ھستي جو راز آھي ۽ روحانيت منھنجي طاقت آھي. مون ۾ ايمان آھي، اخلاق آھي ۽ محمدي محبت آھي. آئون تن تنھا قيصرن ۽ ڪسرائن جي درٻارن ۾ زلزلو وجھي سگھان ٿو. مون ۾ جو خوف ۽ ھراس پيدا ڪري ٿو سو منھنجو دشمن آھي، نه دوست آھي. مون ۾ جو نفرت ۽ حقارت پيدا ڪري ٿو سو انسانيت جو دشمن آھي. مونکي تاجدارن ۽ تعداد جي لشڪرن کان ڇو ڊيڄاريو وڃي ٿو، منھنجو محمدي نعرہ ھفت اقليم ۽ ھفت آسمان ۾ پنھنجو سڪو ڄمائي چڪو آھي. تاج ۽ تخت منھنجي پيرن ھيٺان آھن، سڀ سرداريون ۽ نوابيون ۽ اميريون ۽ دولتون زمين دوز ٿي وينديون ۽ خاڪ ۾ ملي وينديون. پر منھنجي الله جو نالو ۽ الله وارن جو نالو سدائين قائم ۽ دائم آھي.
    منھنجي خدا فيصلو ڪيو آھي ته دنيا ۽ آخرت ۾ سڀ کان حساب وٺندو. وڃو، اٿو، ٻاھر نڪرو، دنيا جو سير ڪري ڏسي اچو ته جن دنيا کي ڦري ۽ لٽي شھر وسايا ھوا ۽ محل اڏايا ھوا تن جو اڄ ڪھڙو حال آھي، جي سلطنتن جا مالڪ ھوا تن جا اڄ خزانا خالي ٿي ويا آھن، جي رشوت خور ۽ حرام خور ۽ خدا جي خلق کي ڦري امانت ۾ خيانت ڪري رھيا آھن تن سڀني جو ساڳيو حال ٿيو آھي ۽ ٿيڻ وارو آھي، دنيا ۾ باطل کي ھرگز جٽاءُ ۽ دوام نه آھي، باطل لڏندو آھي ۽ ڪڏندو آھي پر نيٺ ٻڏندو آھي. پر حق جو ٻيڙو لڏي لڏي وڃي پار پوندو آھي. تون حق پرست ٿي ۽ حق جو حامي ٿي، تون مون وانگر خاڪ ۾ رھڻ قبول ڪر پر حرام کي ويجھو نه وڃ ۽ امانت ۾ خيانت نه ڪر ۽ انسان ذات جي وچ ۾ عداوتن پيدا ڪرڻ کان پرھيز ڪر.

    *


    قلندرن جي چيخ

    ھوش سان ٻڌ!

    قلندرن جي چيخ ۽ پڪار سمجھڻ لاءِ ڪنھن گردي ۽ جگر واري ماڻھوءَ جي ضرورت آھي. اسان دنيا کان بيزار ٿي دنيا کان پاسو ڪيو آھي. جڏھن دنيا جي مسلم ۽ غير مسلم قومن تي شيطاني قوتن پنھنجو تسلط قائم ڪيو ھجي، تڏھن ڪھڙو درد دل وارو ھوندو جو مدھوش ۽ مست نه ٿي پوندو. اسان جھان ۾ ڪفر ۽ شرڪ، فسق ۽ فجور، ظلم۽ ستم، منافقي ۽ جھالت، بد اخلاقي ۽ بي ايماني، دک ۽ درد ڏسي سھي نٿا سگھون، تڏھن آباديون ڇڏي رڻ پٽن ۾ رلندا ۽ بستيون ڇڏي جبلن جي غارن ۾ لڪندا وتون ٿا.
    جھڙي ريت خدا جي نظر، تھڙي طرح قلندرن جي نظر خلق جي قلبن ۽ نيتن تي رھندي آھي ۽ نه انھن جي صورتن تي. توکي محمدي حقيقت جي ڪھڙي خبر؟ تون پڻھنجي تنگ نظري ۽ جھالت جو شڪار آھين. جو قيامت تائين خدا جي سموري مخلوق جو ھادي آھي تنھن کي تو رڳو پنھنجو ھادي سمجھين ٿو ۽ سو به زباني طرح نه عملي طرح. خدا جي نزديڪ اھو ماڻھو ڪذاب ۽ دروغ گو آھي جو پنھنجي زباني دعويٰ کي عمل جي دليل سان ثابت نه ٿو ڪري. نبوت ختم ٿي چڪي، قومن کي قيامت تائين ھدايت جو پيغام ملي چڪو. جيڪو به ھدايت جي رستي تي ھلندو سو ضرور ڪامياب ٿيندو. ۽ جيڪڏھن نه ھلندو ته ھرگز ڪامياب نه ٿيندو خواہ ھڪ ڀيرو نه پر سؤ ڀيرا اسلام زندہ باد جا نعرا ھڻندو ھجي. خدا جي رحمت عام آھي، خدا جا قاعدا فطرت جا ازلي ۽ ابدي قاعدا آھن ۽ عالمگير قاعدا آھن ۽ ھرگز تبديل ٿيڻ وارا نه آھن.
    خدا انسان کي اشرف الملوقات جو درجو ڏنو آھي. ۽ آدم جي اولاد کي بزرگي عطا ڪئي آھي. ساري ڪائنات تي قبضو ڏنو آھي. جھڙي ريت آفتاب جي روشني مان تھڙي ريت ھدايت جي نُور مان ھر انسان ھر قوم فائدو حاصل ڪري سگھي ٿي. تون جيڪڏھن دنيا جي ٻين قومن کان نيڪي جي ڪمن ۾ سبقت نه ڪندين ته تنھنجي مسلمان سڏائڻ جي خدا کي ڪا پرواھه ڪانھي.

    دؤر محمدي

    ھي دؤر محمدي آھي. دنيا جي نظام قائم ڪرڻ لاءِ ازلي ۽ ابدي اصولن جو اعلان ٿي ويو آھي. اھي ئي قومون سرسبز ۽ آباد رھنديون جي انھن اصولن تي عمل ڪنديون. جيڪڏھن ڪا قوم ذليل ۽ خوار آھي ته توھان يقين ڪريو ته ان اسلام جي ڪن اصولن کان بغاوت ڪئي آھي. اھو عام قاعدو آھي جو مسلم ۽ غيرمسلم سڏائيندڙ قومن سان ھڪ جھڙو لاڳو آھي. مسلمان اھو آھي جو اسلام جي اصولن تي ھلندڙ آھي خواہ ھو ڪھڙي به ملڪ ۾ ۽ ڪھڙي به قوم جو فرزند ھجي. جا قوم جيتري قدر اسلام جي اصولن تي عمل ڪندي اھا اوتري قدر مسلمان آھي. خواہ پيدائش جي لحاظ کان ڪھڙي به ملڪ ۽ مذھب سان واسطو رکندڙ ھجي. سڀ انسان پيدائشي مسلمان آھن. پر عمل ۾ فقط اھي جزوي يا ڪلي اوتري قدر مسلمان آھن جيتري قدر اھي اسلام جي اصولن تي دانسته يا نادانسته عمل ڪندا خوا ه انھن کي ڪو مسلمان ڪري سڏي يا نه سڏي.
    اڙي مدعي! تنھنجي باطل دعويٰ، دليل ۽ برھان کان سواءِ بي سود آھي. خداوندي معيار نرالا آھن. خدا جا راز پوشيدہ آھن خود خدا فيصلو ڏيڻ وارو آھي ته ڪير حق تي آھي ۽ ڪير ناحق تي آھي. ڪير مسلمان آھي ۽ ڪير ڪافر آھي. تون پنھنجو عمل درست ڪر ۽ خدا ۾ اميد رک . ھنجي رحمت کان مايوس نه ٿيءُ. دعا ڪندو رھه ته تون جڏھن مرين، تڏھن مسلمان ٿي مرين.

    اسلام جا قومي اڳواڻ

    اسلام جي گذريل تاريخ تي ھڪ سرسري نظر ڊوڙايو ۽ ڏسو ته مسلم قوم ڪھڙن صاحبن جي امامت قبول ڪئي آھي. حڪومت جون چاٻيون ھميشہ درويشن جي ھٿن ۾ رھنديون ھيون. غوث ۽ اولياءَ، درويش ۽ ابدال، امام ۽ عالم، غازي ۽ مجاھد، عابد ۽ زاھد، پرھيزگار ۽ تھجدگذار، مھذب ۽ بااخلاق، تدبر ۽ عادل، بھادر ۽ شجاع، رحمدل ۽ باسنما، سادہ لباس پر عالي خيال، ھمدرد ۽ غريب پرور، شريعت جا پاسبان ۽ عامل، يتيمن جا يار ۽ بيواھن جا مددگار، برائين کان بيزار ۽ نيڪوڪار، وڏي ۽ ننڍي سان بغلگير ٿي ملڻ وارا، اسلام جا شيدائي ۽ آزاديءَ جا پروانا، اخلاص ۽ عزم ۾ راسخ، انسان ذات جا خيرخواہ ۽ ستم رسيدن جا ساٿي، سلطانن ۽ اميرن کان لاطمع ۽ بي خوف، خدا کان سواءِ ڪنھن به مخلوق کان نه ڊڄڻ وارا، انھن جون عام درٻارون ۽ عام ملاقاتون، اھي ھوا مسلم قوم جا اڳوڻا اڳواڻ ۽ امام. ۽ اڄوڪا به ڏسو مسلم قوم جا اڳواڻ. ڀيٽ ڪرڻ سان فرق معلوم ٿي ويندو اڳوڻن ۽ اڄوڪن جي وچ ۾.

    غدارن جوراڄ

    منھنجو سڄو جسم زخمن سان چوران چور آھي. منھنجو سمورو سينو دردن ۽ دکن سان ڀرپور آھي. ڪير آھي جو ڦٽيل دل جا ڦٽ ڏسي سگھي ٿو؟ جو اسلام کان غدار آھي سو قوم جو سردار آھي، دين محمدؐ جو دشمن آھي سو مسلم قوم جو دوست آھي، جو رعيت آزاد ۽ رشوت خور آھي سو مسلم قوم جو دلدار آھي، جو چور بازار ۾ واپار ڪري ٿوسو مسلم قوم ۾ مقبول پوي ٿو، جو ڏڪار لاءِ جوابدار آھي سو قوم جو يار آھي، جو مجاھدن لاءِ مصيبت آھي سو قوم لاءِ وڏي نعمت آھي، جو ستمگر ۽ ظالم آھي سو قوم وٽ مرد ڪامل آھي، جو فسادن جو حامي آھي سو قوم جو جاني آھي، جو لکين دليون آزاري ٿو سو قوم وٽ عزت پائي ٿو. اھو آھي منھنجي قوم وٽ معيار پنھنجي اڳواڻ چونڊڻ جو.
    اسلام جو پيغمبر ڪنھن جو ابو نه آھي. ھو بشير آھي، نذير آھي ساري جھان لاءِ. ھن ھدايت جو پيغام پھچائي ختم نبوت جا فرائض ادا ڪري ڇڏيا. ھو دنيا جي سڀني قومن لاءِ رحمت آھي. جيڪو به ھن جي حڪم جي پيروي ڪندو سو سدائين ڪامياب رھندو. اسان ڪائنات جي ظاھري ۽ باطني قاعدن موجب حڪومتون ڏيندا ۽ کسيندا آھيون. جھڙي قوم ھوندي آھي تھڙائي انھن کي حاڪم ڏيندا آھيون.
    خدا جو قھر ۽ غضب به بدڪار ۽ ظالم حاڪمن جي صورت ۾ نازل ٿيندو آھي ۽ خدا جو انعام ۽ فضل نيڪوڪارن ۽ عادل حاڪمن جي صورت ۾ نظر ايندو آھي.

    توبه ڪر

    اي مريد صادق! تون خدا جو خوف رک، پنھنجي اعمال جي اصلاح ڪر. پنھنجن گناھن کان توبه ڪر. تون ھمت نه ھار. تون خدا جو ٿي وڃ، پوءِ سارو جھان تنھنجو ٿي ويندو. تون يقين ڪر ته خدا ظالمن کي سزا ڏيڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. خدا جي گرفت کان ڪوبه ڇٽي نه ويندو. اسان سلطنتون ڇٽ ڪري ڇڏيون. شاھي محلات ڊھڻ وارا آھن. حرام جي ڪمائي وارن جو راڄ ختم ٿيڻ وارو آھي. ظلم ۽ ستم جا تختا الٽا ٿيڻ وارا آھن. اسان نمرود ۽ فرعونن کي نه ڇڏيو. ظالمن جو نالو ۽ نشان مٽجي ويندو. ساري جھان ۾ انقلاب اچڻ وارو آھي. پر تو مسلمان ٿي ۽ سچو مسلمان ٿي ۽ انسان ذات جو خيرخواہ ٿي. پوءِ انشاءَالله تنھنجو ٻيڙو پار آھي.

    *


    زمانو بگڙجي ويو آھي

    ڪير آھي جو مون قلندر جي چيخ ۽ پڪار ٻڌي ٿو؟ اڄ زمانو بگڙجي ويو آھي. اڄ جو روحانيت جي رازن کان محروم آھي، اڄ جو بي دين ۽ بدپرھيز آھي، اڄ جو قرآني رمزن کان اڻ ڄاڻ آھي، اڄ جو بي نمازي ۽ بي روزہ آھي، اڄ جو زڪوات کان بي خبر آھي، اڄ جو بيت العتيق جي زيارت کان عاري آھي، اڄ جو اسلامي قانون جو مخالف آھي، اڄ جو شريعت جي شرطن جو پابند نه آھي، اڄ جو اسلامي تھذيب کان خالي آھي، سو قلندر ھئڻ جي دعوى ڪري ٿو.
    جنھن وحدانيت جو راز نه پروڙيو، جنھن ڪعبہ جو غلاف نه چميو، جنھن مسجد جو منھن نه ڏٺو، جنھن رسول جو روضو نه ڏٺو، جنھن منھنجي مرشد جو ھٿ نه ورتو، جنھن ۾ صديق جي سچائي نه آھي، عمرفاروق جو عدل نه آھي، عثمان غنيءَ جي سخاوت نه آھي، عليءَ جي شجاعت نه آھي، امامن جي قرباني نه آھي، اوليائن جي الفت نه آھي، سو دعوى ڪري ٿو ته آئون قلندر آھيان! قلندر!!
    جتي شراب نوشيءَ جو دؤر آھي، نچڻ وارين جو زور آھي، حرام خور ۽ رشوت خور آھي، عصمت دريءَ جو شور آھي، حيا وارو ڪمزور آھي، چور شاھه ۽ شاھه چور آھي، شريف بي زر آھي ۽ ڪمينن وٽ ڪروڙ آھن، دين ۽ ايمان اور ۽ امام به داور آھي، جو دين جو دشمن نشہ سان مخمور آھي، انجي ھيءَ دعوى آھي ته آئون قلندر آھيان! قلندر آھيان!!
    اڄ آئون زماني جي ظلم ۽ ستم جو شڪار آھيان، جور ۽ جفا کان پريشان آھيان، آئون حق چوان ماڻھو ناحق سمجھن، آئون دين چوان ماڻھو بي دين چون، آئون اسلام پيش ڪريان تنھن کي ماڻھو ڪفر سمجھن، آئون واحد خدا جو نالو وٺان تنھن کي ماڻھو شرڪ سمجھن، اڄ جي مسلمانن کي ڪافر ۽ ڪافر کي مسلمان سمجھن، سي ھي دعوى ٿا ڪن ته ھو قلندر آھن.
    اڄ دجال جي درٻار مان ھيءَ فتوى جاري ٿي آھي ته جو دين جو عالم ۽ عامل آھي، جو دين سکي ٿو ۽ سيکاري ٿو، سو دين کان اڻ ڄاڻ آھي.
    اڄ فرعوني فرمان آھي ته جو سندس خليفن جي بيعت نه ڪندو سو اسلام جي دائري کان خارج آھي.

    جھاد اڪبر

    اڄ اسلامي سياست جو ماھر ۽ مترجم اھو آھي جو اسلام جي الف کان به آگاہ نه آھي. اڄ نمرود ھي نادري حڪم جاري ڪيو آھي ته جو ھنجي سياست قبول نه ڪندو سو اسلامي جماعت کان خارج ٿيندو. اھڙي زماني ۽ جھاد اڪبر توتي فرض آھي.
    ٻڌ! آئون توکي ٻڌايان ته جھاد اڪبر جي حقيقت ڇا آھي؟ ظالم سلطان کي حق ٻڌائڻ، ھر فرعون کي منھن تي سچ چوڻ، حق ۽ سچائيءَ جو اعلان ڪرڻ، دين حق جي تبليغ ڪرڻ، دنيا جي ھر ملڪ ۾ وڃي خدا جي وحدت ۽ محبت جو پيغام ٻڌائڻ، پنھنجي پرائي سان انصاف ڪرڻ، خود پنھنجي نفس کان حساب وٺڻ، پنھنجي نفساني خواھشن سان مقابلو ڪرڻ، پنھنجو غصو ماري ڇڏڻ، برائيءَ جي بدران نيڪي ڏيڻ، گناھن کان پرھيز ڪرڻ، ھر محتاج جي مدد، ستم رسيدن جو ساٿ ڏيڻ، خلق خدا سان نيڪي ڪرڻ، ھر انسان سان محبت ۽ مروت سان پيش اچڻ، سڀني جا حق ادا ڪرڻ، قرض ڏيڻ ۽ قرض معاف ڪرڻ، پرايون غلطيون معاف ڪرڻ، عجز ۽ نياز سان پيش اچڻ، مصيبت ۾ صبر ۽ راحت ۾ شڪر ڪرڻ، خندہ پيشاني ۽ خوش اخلاقي ڏيکارڻ، ڪنھن به انسان کي نه ڏکوئڻ، ھر ڪم وقت تي ڪرڻ ۽ ھر شيءِ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي رکڻ، تڪبر ۽ غرور کان پرھيز ڪرڻ، وڏن جي عزت ۽ ننڍن سان محبت رکڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، حلال جي ڪمائي ڪرڻ ۽ ان تي راضي رھڻ، خلق خدا کي فائدو پھچائڻ، حرام جي ڪمائيءَ کان پرھيز ڪرڻ، ڪوڙ ۽ منافقي ڇڏي ڏيڻ، پنھنجا مذھبي فرائض ادا ڪرڻ، نيت صاف رکڻ، پنھنجو جسم، پنھنجو گھر، پنھنجو محلو، پنھنجو شھر ۽ پنھنجي ملڪ کي گندگيءَ کان صاف رکڻ، بيمار جي خدمت ڪرڻ، خلق مان بک ۽ بيڪاري دور ڪرڻ، علم ۽ ھنر سکڻ ۽ سيکارڻ، نيڪ صلاح وٺڻ ۽ نيڪ صلاح ڏيڻ، نرميءَ سان نصيحت ڏيڻ ۽ ٻڌڻ، خدا جي مخلوق ۾ نفرت ۽ حقارت نه پکيڙڻ، ھر انسان کي عزت جي نگاہ سان ڏسڻ، سڀني قومن جي درويشن ۽ بزرگن جي عزت ڪرڻ، خدا جي مخلوق ۾ فساد نه جاڳائڻ، ڦرمار ۽ خون ۽ قتل کان پرھيز ڪرڻ، چوطرف امن ۽ سلامتيءَ جي فضا پيدا ڪرڻ، پنھنجو بچاءُ ڪرڻ ۽ خلق جو بچاءُ ڪرڻ، ڪمزورن ، بيوسن، زالن، ٻارن ۽ ٻڍڙن جي ھر حالت ۾ حفاظت ڪرڻ، اھو اٿئي جھاد اڪبر! اھو اٿئي وڏو جھاد! ائين تون ڪندين ته تنھنجو جاني دشمن تنھنجو جاني دوست ٿي پوندو، اھي اٿئي قرآني احڪام. اھي اٿئي خدا جا فرمان. اھي اٿئي محمدي اخلاق.

    خدا جا باغي

    تون خدا جي حڪمن سان بغاوت ڪرين ٿو ۽ پوءِ به نالو خدا جو وٺين ٿو. اسلام کان بغاوت ڪرين ٿو ۽ پوءِ به اسلام جا نعرا ھڻين ٿو. تون پاڻ کي مسلمان سڏائي اسلام کي ڇو بدنام ڪرين ٿو؟ تون شراب خورن ۽ حرام خورن کي پنھنجو عيوضي بڻايو آھي ۽ پوءِ به تون دعوى ڪرين ٿو ته تون مسلمان آھين؟ تو ظالمن جي حڪومت قائم ڪئي آھي ۽ پوءِ به تون لٻاڙون ھڻين ٿو ته اھو اسلام آھي.
    اسلام خدا جو دين آھي. سڀني دينن ۽ قومن کي اسلام جي جھنڊي ھيٺ امن، سلامتي ۽ آزادي حاصل آھي. پر تو بي دينن کي پنھنجو اڳواڻ ڪيو آھي. وڪيل ۽ وياج خور تنھنجو امام آھي، جنھنجو ڌنڌو ئي آھي پئسا وٺي ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ ظلم ڪرڻ، جن جي ساري زندگي غرق آھي شِڪارن، شرابن ۽ عياشين ۾. جڏھن قوم جا حاڪم ۽ عملدار رشوت خور ۽ ظالم ٿين، جڏھن مالدار بخيل ۽ فضول خرچ ٿين، جڏھن علماء بي عمل، جڏھن پير ۽ فقير بدڪار ٿين، جڏھن اڳواڻ ۽ رھبر بي دين ۽ بداخلاق ٿين، جڏھن عام ماڻھو جاھل ۽ بي ھنر ٿين ۽ جڏھن پڙھيل خود غرض ۽ نفس پرست ٿين، ۽ جڏھن زالون فيشن پرست ۽ خانه داريءَ جي اصولن کان بي خبر ٿين، تڏھن خدا جي پاران اھڙي قوم کي سزائون ملڻ شروع ٿي وينديون آھن.

    *


    عارفانه تلقين

    اڙي مدعي! تون دعوى ڪرين ٿو ته ھن کي ياد ڪندو آھين؟ ھائو مونکي ٻڌاءِ ته سھي ته تون ڪيترا ڀيرا ھن جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھين؟ ڪيترا ڀيرا محسوس ڪرين ٿو ته ھو توکي ڏسي رھيو آھي؟ ڪڏھين پنھنجي اکين ۾ به ھن کي جاءِ ڏني اٿئي يا نه؟ ڪڏھن پنھنجي دل ۾ به ھن جو جلوہ ڏٺو اٿيئي يا نه؟ ڪڏھن سڪ سان به سجدو ڪيو اٿيئي يا نه؟ ڪڏھن تنھنجي زبان تي ويھي ھن ڳالھايو به آھي يا نه؟ سمجھين ٿو ته ڪنھن جو ڪلام چئي رھيو آھين؟ آسمان جي سج ۽ چنڊ جي طرف ته ھر روز نھارين ٿو پر ڪڏھن به ھي خيال ڪيو اٿيئي ته ھڪڙو سج ۽ چنڊ تنھنجي اندر ۾ به روشن آھي جنھن جي طرف نھارڻ سان دل ۾ سرور ۽ اکين ۾ روشني پيدا ٿئي ٿي؟ جڏھن انھن ڏانھن نھاريندين تڏھن تون نُور ئي نُور ٿي پوندين. تنھنجي اڳيان پٺيان، ھيٺ مٿي، سڄي کٻي، اندر ٻاھر، جسم جان، گفتار، رفتار، ھوش حواس ۽ دل ۽ دماغ ۾ نُور ئي نُور ھوندو. سڄي دنيا توکي نُور مان ٺھيل نظر ايندي. پر تون انڌو آھين. ڪير توکي سمجھائي ته تنھن جو اصل اعلى آھي ۽ تنھنجو خاندان اعلى آھي. تنھن جي مٽيءَ مان ڪيميا ۽ سون ٺھي ٿو. تنھنجي نظر رڳو پاڇي تي پوي ٿي پر خود توتي نه ٿي پوي. تون به ڪنھن جو پاڇو آھين ۽ اصل تنھنجو ڪو ٻيو آھي. ان کي ڳولي ھٿ ڪر. ھو توکي ويجھو آھي. تنھنجي ساہ واري رڳ کان به وڌيڪ ويجھو آھي. بلڪ تنھنجي ساہ کان به وڌيڪ آھي. تون دل جي دنيا ۾ھڪ چڪر لڳاءِ پوءِ جو توکي ڏسي رھيو آھي تنھن کي تون به ڏسڻ لڳندين. تو پنھنجي دل تي پردا وجھي ڇڏيا آھن. تون دنيا ۾ خونريزي ۽ فساد ڪرين ٿو. حقارت ۽ عداوت پکيڙين ٿو. پاڻ کي پڏائين ٿو ۽ ٻي مخلوق کي حقير سمجھين ٿو. تون جيڪي پوکيندين سو لڻندين، محبت سان مخلوق جي تسخير ٿي سگھندي نه نفرت سان.
    تون دعوى ڪرين ٿو ته تون انسان آھين پر تو ڪڏھن پنھنجو امتحان به ورتو آھي ته تون انسان به آھين يا نه؟ تون خدا جي اڳيان ڪھڙو جواب ڏيندين جڏھن توکان پڇيو ويندو ته تو انسانيت جا ڪھڙا ڪم ڪيا آھن؟ خدا قيامت جي ڏينھن پڇندو ته:-
    ” اي منھنجا بندؤ
     آئون بکايل ھوس توھان مونکي روٽي نه ڏني،
     آئون اڃايل ھوس توھان مونکي پاڻي نه پياريو ۽
     آئون ننگو ھوس توھان مونکي ڪپڙا نه ڏنا. “

    ڇا تو اھا حديث قدسي ٻڌي ۽ پڙھي آھي يا نه؟ ڇا ان سوال جو خود خدا ڪھڙو جواب ڏيندو سو تنھنجي ڪنن تائين پھتو آھي يا نه؟ خدا جواب ڏيندو ته:-
    ” منھنجو فلاڻو بندو بکايل ھو تنھن کي توھان روٽي نه ڏني.
    منھنجو فلاڻو بندو اڃايل ھو تنھن کي توھان پاڻي نه ڏنو.
    منھنجو فلاڻو بندو ننگو ھو تنھن کي توھان ڪپڙا نه ڏنا.“
    ھاڻي ٻڌاءِ اي انسان ھئڻ جي دعوا ڪرڻ وارا! اي اسلام زندہ باد جا نعرا ھڻڻ وارا!! ھاڻي ٻڌاءِ ۽ سچ ٻڌاءِ ته تون ڪيترن بکايلن کي روٽي کارائين ٿو ۽ ڪيترن اڃايلن کي پاڻي پيارين ٿو ۽ ڪيترن اگھاڙن جو انگ ڍڪين ٿو ۽ ڪيترن حقدارن جا حق ادا ڪرين ٿو؟ ڇا تو بلئڪ مارڪيٽ ۾ واپار ڪري خدا جي بندن تي روٽي ۽ ڪپڙي ملڻ جو دروازو تنگ ۽ بند ڪيو آھي يا نه؟ ڇا تو رشوتون وٺي لکن ماڻھن لاءِ اَن، گيھه، تيل، کنڊ، گاسليٽ، ماچيس، کير ۽ مکڻ ملڻ ۾ تنگي پيدا ڪئي آھي يا نه؟ تون پاڻ کي مسلمان سڏائين ٿو يا ليگي سڏائين ٿو يا ڪنھن ٻئي نالي سان سڏائين ٿو پر تون سچ ٻڌاءِ ته تنھنجي ڪرتوتن کان خدا جي خلق کي تنگي پھتي آھي يا نه؟ تو امانت ۾ خيانتون ڪيون آھن يا نه؟ تون ٻڌاءِ ته تو ٺڳيون ڪري دولت گڏ ڪئي آھي يا نه؟ ڇا توکي معلوم نه آھي ته تنھنجي ملڪ ۾ لکين اھڙا آھن جن کي ھڪ ويلو مس کائڻ لاءِ ملي ٿو؟ ڇا بنگال ۾ تنھنجي ڪرتوتن جي ڪري لکين بندا بک جي وگھي ڦٿڪي ڦٿڪي مري نه ويا ۽ تو محلاتن ۽ بنگلن ۾ موجون پئي ڪيون؟ ڇا توکي معلوم نه آھي ته تنھنجي ملڪ ۾ ماڻھن کي رھڻ واسطي پورو اجھو نه آھي پر تون پنھنجي واسطي بنگلا خريد ڪندو رھيو آھين؟ ڇا توکي معلوم نه آھي ته تنھنجي قوم جا ماڻھو ھر سال لکين روپيا شڪار تي خرچ ڪن ٿا، جوا ۾ وڃائين ٿا، عياشين تي خرچ ڪن ٿا، ڪتن ۽ ٻلين کي کارائين ٿا پر انسانن کي کائڻ واسطي اٽو نه آھي، پائڻ لاءِ لٽو نه آھي ۽ رھڻ لاءِ اجھو نه آھي. تون سمجھين ٿو ته توکي ماڙين ۽ محلن ۾ رھڻ جو حق حاصل آھي پر ٻين کي رھڻ لاءِ رواجي جاءِ جي به ضرورت نه آھي؟ ٻڌاءِ! تون ڪيترن ماڻھن جي روزيءَ تي لت ڏيو ويٺو آھين، ڪيترن جا حق غضب ڪيو ويٺو آھين، ڪيترن کي پنھنجو غلام بڻايو ويٺو آھين؟ ٻڌاءِ! ته تون ڪيترن خونن ۾ جوابدار آھين، ڪيترين چورين ۾ ڀائيوار آھين، ڪيترن ظلمن ۾ حصه دار آھين، ڪيترن گناھن م گرفتار آھين، ڪيترن فسادن جاڳائڻ ۾ شريڪ آھين، ڪيترين عصمت درين ۾ مبتلا آھين. جيڪڏھن تون سمجھين ٿو ته خدا جي بندن ۾ حساب وٺڻ جي ڪا طاقت ڪانھي، خود خدا توکان حساب وٺندو. خود خدا ڪمزورن کي طاقتور ڪندو. خود خدا مظلومن جي مدد ڪندو. خود خدا توتي فرياد ڪندو ۽ ان جي توکي سزا ڏيندو ته تون خلق ۾ انڌير ۽ ظلم مچايو آھي. تو انھن کان اجھو کسيو آھي، تو انھن کي اگھاڙو رکيو آھي ۽ تو انھن کي بکيو رکيو آھي، تو انھن کي جاھل رکيو آھي ۽ تو انھن کي بدڪار ڪيو آھي.

    *


    درد دل

    اي فرزند! تون ٻڌاءِ، توکي اڄوڪي دنيا جي حالت تي دل ۾ ڪو درد پيدا ٿئي ٿو يا نه؟ تون آخرين پيغمبر جي اُمت آھين پر توکي خبر آھي ته پيغمبر اسلام جي دل جي ڪيفيت ڇا ھوندي ھئي؟ ڇا معنى آھي ” عزيز عليه ماعنتم “ جي آيت جي، جنھن مصيبت ۽ بدڪاريءَ جي حالت ۾ عرب قوم ۽ دنيا جون قومون مبتلا ھيون جنھن ظلم، ستم ۽ گمراھي ۾ انھن جو گذارو ھو تنھنکي کي ڏسي پيغمبر اسلام جو روح تڙپندو ھو، دل درد سان ڀرجي ايندي ھئي ۽ دماغ تي غم جا پھاڙ ٽٽي پوندا ھُوا. حضور جن وٽ قومن جي نجات جو نسخو موجود ھو. پر ازلي بدنصيب جڏھن ان ڪيميائي نسخي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا ھئا تڏھن پيغمبر اسلام جي وجود ۾ ڏک ۽ غم جا غبار اٿندا ھئا، ايتريقدر جو قرآن ۾ خداوند تعالى پاڻ سڳورن کي فرمائي ٿو ته جيڪڏھن ھو ايمان نه آڻيندا ته تون پاڻ کي انھن جي غم ۾ ماري ڇڏيندين ڇا؟ قوم جي حالت اھڙي ھوندي ھئي جو چوندا ھئا ته کِلو ٿورو ۽ روئو گھنو، توبه ۽ استغفار جي ترغيب ڏيندا ھئا.
    اي فرزند! تون ٻڌاءِ ته ڪڏھن پنھنجي قوم جي گمراھين ۽ گناھن تي، مسڪيني ۽ مصيبت تي، جھالت ۽ بداخلاقيءَ تي تنھنجي دل ۾ به ڪڏھن ڪو درد پيدا ٿيو آھي يا نه؟ دنيا ظلم ۽ ستم ۾ گرفتار آھي، مروت ۽ ھمدرديءَ جو ڪال آھي، انسانيت جو لاش بي گورو ڪفن لتاڙجي رھيو آھي، رحمدلي ۽ شرافت ۽ خدا ترسيءَ جو دنيا ۾ ڏڪار پئجي ويو آھي. ڪٿي لک پيا لٽجن ته ڪٿي ڪکن جا محتاج آھن. خون ۽ فساد جو زور آھي، عيش ۽ عشرتن جي محلاتن ۾ شادمانا آھن ۽ ڀر وارين گھٽين ۾ ماتم برپا آھي، حيا ۽ شرم دنيا مان لڏي ويا آھن، بدڪارين جون بازارون رونقدار آھن، اسلام جو نالو آھي پر اسلامي روح پرواز ڪري چڪو آھي، پاڻي مٿي کان مٿي چڙھي ويو آھي ۽ مخلوق ٻڏڻ واري آھي، ياجوج ۽ ماجوج جا لشڪر زمين تي پکڙجي ويا آھن، بديءَ کي نيڪي سمجھڻ وارن جون حڪومتون قائم آھن، اصلاح ۽ توبھه جا دروازا بند ٿي چڪا آھن، پوءِ به جيڪڏھن تنھنجي دل ۾ ڪو درد پيدا نٿو ٿئي ته پوءِ چئبو ته تنھنجو قلب مري چڪو آھي، تنھنجو عقل سليم موڪلائي ويو آھي، ۽ تون بيجان جاندار ۽ حيوان آھين. آئون توکي نصيحت ٿو ڪريان ته تون حيوانيت ڇڏي ڏي ۽ انسان ٿيءُ، تون نيڪيءَ جي ڪمن ۾ ٿڪجي نه پؤ، تون ڀلائي ڪر ۽ ان کي وساري ڇڏ، تون نيڪي ڪر ۽ درياءَ ۾ اڇلاءِ، تون نيڪي ڪندو رھه، ۽ معاوضه ۽ منافعه جي اميد نه رک، توکي نيڪيءَ جو بدلو بديءَ جي صورت ۾ ملندو پر تون شڪسته دل نه ٿيءُ ۽ بديءَ جو بدلو به نيڪيءَ جي صورت ۾ ادا ڪر، تون پنھنجي دل ۾ آدم جي اولاد جي نجات لاءِ ڪو درد پيدا ڪر، انھن جي حق ۾ دعا ڪندو رھه، بس غائبانه دعا الله جي بارگاہ ۾ قبول ٿيندي آھي، تون فرشتن وانگر پنھنجي مولا کي ستائيندو رھه ۽ لڳو لڳ ٻاڏائيندو رھه ته خداوند تعالى پنھنجي مخلوق جا درد دور ڪري. دنيا ۾ نيڪي ڪرڻ وارن کي ڪڏھن به شڪست نه ملندي آھي ۽ ھو ڪڏھن به پنھنجي شڪست قبول نه ڪندا آھن. تون اعلى ارادو ڌار ۽ عزم راسخ رک. خدا ۾ جھڙو گمان رکندين تھڙوئي ھن کي پائيندين. ڪڏھن به مايوس نه ٿيءُ، سارو جھان پنھنجي خيال ۾ مست آھي، جھڙو تنھنجو خيال آھي تھڙو تون ٿي پوندين، سارو جھان الله جي نور سان روشن آھي ۽ تنھنجو وجود ھنجي نوراني آفتاب جو مرڪز آھي، تون ڪڏھن به پاڻ کي ھن کان پري نه سمجھه ۽ نه ھو توکان پري آھي. ھو ظاھر ۽ باطن ۾ توسان آھي. تون سنڌ وارن کي سجاڳ ڪر. پوءِ مشرق ۽ مغرب سجاڳ ٿي پوندا.
    اي سنڌ جا مسلمان! تون مير عرب جي اکين جي روشني ۽ سرور آھين، تو وٽان ئي ٿڌين ھوائن جي جھونڪن قلب محمديءَ کي مسرور ڪيو ٿي. تنھنجو درياءُ جنت جو درياءُ آھي. تو وٽان ئي الله اڪبر جون صدائون ھڪ ڀيرو وري اٿڻ واريون آھن. تون ڪمربسته ٿي وڃ. پنھنجي قوم کي اخلاقي پستيءَ مان ڪڍي ٻاھر ڪر. خدا جا اولياءَ ۽ ابدال تنھنجي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھن. فرشتن جون فوجون تنھنجيون مددگار ٿي وينديون، الله جي واٽ ۾ قدم کڻ فقط ھن جي خوشنودي خاطر، پوءِ تنھنجو ويران گلستان سرسبز ۽ آباد ٿي پوندو ۽ تنھنجو قافلو منزل مقصود تي پھچي ويندو.

    *


    قلندر جي صدا

    دنيا وارؤ! قلندر صدا ھڻي رھيو آھي. ھن کي خالي ھٿين نه موٽايو. ھنجي جھولي ڀري ڇڏيو. ھنکي پينو فقير سمجھي دروازي تان نه ڌڪيو. سائل کي حقير نه سمجھو. ھو محبت ۽ شفقت جو بکيو آھي. توھانجي ھمدردي ۾ اميد رکي آيو آھي، ھن جي اميدن جو خون نه ڪريو، ھن کي سندس مصيبتن جي ڪري ذليل نه ڪريو، جي مال جي خيرات نه ٿا ڪري سگھو ته خوش گفتاريءَ جي خيرات ڪريو. ھو توھانجي قوم جو فرزند آھي. توھانجي فضول خرچي ھن کي محتاج بڻايو آھي، توھانجي بخل ھن کي بيکاري ڪيو آھي، توھان جي حڪومت ھن کي بيڪار بڻايو آھي، اوھانجي ۾ راڄ ھو دربدر ٿيو آھي، ھو قومي قصورن، قومي ڪوتاھين ۽ قومي بدانتظامين جو مظھر آھي.
    منھنجي قوم جا نوجوانو! ڇونه ٿا مون سواليءَ جو سوال اونايو؟ منھنجو توھان کي سوال آھي ته توھان پنھنجي خدا سان سچا ٿي وڃو. جوانيءَ ۾ عبادت خدا وٽ پسند پوندي آھي ۽ توھانکي ڪيميا جو ڪم ڏيندي، توھانجو درجو بلند ڪندي، توھانجو دين ۽ دنيا درست ڪندي، توھانکي خالق ۽ مخلوق وٽ مقبول ڪندي. توھان ڪاھي پئو پنھنجي سنڌ ۾، مسلم قوم جا امام ٿي وڃو، مسلم قوم جو ظاھر ۽ باطن سنواريو، قوم توھان ڏانھن نھاري رھي آھي، توھانجي جوانيءَ تي نازان آھي ۽ توھانجي جوانيءَ جو قسم کائيندي آھي. نوجوانن قومن جون قسمتون پلٽي ڇڏيون آھن، انقلاب آندا آھن ۽ پنھنجي قوم کي بلند عروج تي وٺي ويا آھن.
    مذھبي محبت، قومي بيداري، ملڪي آزادي، ھنري ترقي، تعليمي سڌارو، مالي واڌارو، فوجي خدمت، معاشرتي اصلاح، جسماني ورزش، قومي تنظيم، اخلاقي سربلندي، قوت ارادي، دستوري سڃاڻپ، قانوني واقفيت، روحاني فضائل، ترقيءَ جي تڙپ، ذوق سليم، فڪر صحيح، راءِ جي اصليت، دماغ جو توازن، ذھن جي ذڪاوت، جذبات جي پرورش، تقرير جو جوش، تحرير جي صلاحيت، طبيعت ۾ سنجيدگي، تحقيقات ۽ تجسس، تنقيد ۽ تميز، وطنيت ۽ قوميت، انسانيت ۽ بين الاقواميت، نئين ۽ بھتر زندگيءَ جي تلاش جو روح ڦوڪڻ ۽ اعلى ۽ افضل معيارن جي منارن تائين پھچائڻ ۾ نوجوانن ھر دؤر ۾ ۽ ھر قوم پاڻ پئي پتوڙيو آھي.
    ڪٿي آھن سنڌ جا نوجوان؟ ڪٿي آھن سنڌ جا نؤنھال؟ ڪٿي آھن سنڌ جي ستل بخت کي بيدار ڪرڻ وارا؟ ڪير آھن ھن ڀٽڪندڙ قافلي جا حدي خوان؟ ڪٿي آھن لالون لعل لطيف جي روحاني رمزن ۽ سلطاني سھاڳ کي جاڳائڻ وارا؟ ڇا قيامت تائين ستل رھندؤ، اي سنڌ جا نوجوانو؟ اٿو! جاڳو!! اڳتي وڌو!! ڏسو متان زماني جي جدوجھد ۾ پٺتي رھجي وڃو!! خبردار ٿيو! زماني ۽ درياھه جون موجون ڪنھن جو به انتظار نه ڪنديون آھن!! اڄ جو ستل آھي سو قيامت تائين ستل رھندو، اڄ جو سجاڳ آھي سو قيامت تائين سجاڳ رھندو.
    *


    روحاني رمز

    اي خشڪ طبع! تو پنھنجي خشڪ مزاجي ۽ خشڪ خيالي جي ڪري روحانيت جي ازلي ۽ ابدي چشمن، لاھوت ۽ ملڪوت جي دريائن کي به سڪائي خشڪ ڪري ڇڏيو آھي. آخر تنھنجي مادي دنيا ۾ رکيو ڇا آھي جو ھيتريقدر ھوڏ ڪرين ٿو! تون الله جو اسرار آھين ۽ اسرارن جو خزانو تو ۾ لڪل آھي. تون پنھنجي سونھن سوڀيا ۽ حسن جمال کان بي خبر آھين. ھر نقاش کي پنھنجو نقش وڻندو آھي، ھر مصنف کي پنھنجي تصنيف پسند ايندي آھي، ھر مصور کي پنھنجي تصوير سان محبت ھوندي آھي ۽ جيتريقدر ڪنھن ڪاريگر ۾ ڪمال ھوندو آھي اوتريقدر ھن جي ھنر ۽ صنعت جو قدر ٿيندو آھي. پوءِ اي بي خبر! توکي معلوم آھي ته تون ڪنھن جو نقش آھين، ڪنھن جي تصنيف آھين، ڪنھن جي ايجاد آھين؟ جھان جي پردي پٺيان ڪنھن جو ھٿ پوشيدہ آھي؟ جو ڪجھه ٿي رھيو آھي ۽ جيڪو ڪجھه تون ڏسي رھيو آھين ۽ جو ڪجھه آھي ان جي پٺيان ڪو آھي يا نه آھي؟

    نماز جو طريقو

    اي فرزند! تون شڪايت ڪرين ٿو ته ھن جي عبادت ۽ نماز ۾ توتي وِسوِسا پون ٿا. تنھن ڪري تون ھن جو نالو وٺڻ به پسند نٿو ڪرين! ڀلا ٻڌاءِ سھي توکي وسوسا ڇونه پوڻ گھرجن؟ تون جڏھن ساري جھان کي روشن سمجھندين، تون جڏھن پنھنجي اندر خواہ ٻاھر فقط ائين محسوس ڪندين ته تون ھن کي ڏسي رھيو آھين يا گھٽ ۾ گھٽ ھو توکي ڏسي رھيو آھي، تون جڏھن ھي يقين ڪندين ته ھو ظاھر ۽ باطن ۾ تو ساڻ آھي، جڏھن تنھنجي پاڻ تي يا جھان تي نظر پوي، يا خوشبوءِ اچي، يا ھوا لڳي، يا گرمي ٿئي يا سردي، رنج ۽ راحت ۾ محسوس ڪرين ته ھو ھر شيءِ جو خالق ۽ ھر شيءِ جي پٺيان ھو پشيدہ آھي، بلڪ فقط ھو موجود، ھو زندہ ۽ ھو قائم آھي. توکي پنھنجي قرئت، پنھنجي قيام، پنھنجي رڪوع پنھنجي سجدہ ۾ فقط ھو ئي ھو نظر ايندو. پوءِ جنھن ھنڌ ھو آھي، ھن جو نُور آھي ۽ ھن جو جلوہ آھي، ھن جو حضور آھي، ھن جو قرب آھي، ھن جو لقاءُ آھي، ھن جو ڪلام آھي، ھن سان ڳالھيون آھن، ھن سان رھاڻ آھي، ھن سان راز ۽ نياز آھي، شڪوہ ۽ شڪايت آھي، ڏک ۽ ڏوراپو آھي، زاري ۽ نيزاري آھي، دعا ۽ محبت آھي، ھن جو حمد ۽ ثنا آھي، ذڪر ۽ اذڪار آھي. پوءِ جڏھن ھن کي تون پنھنجي اکين ۾، سيني ۾، قلب ۾، دماغ ۾، خيال ۾ جاءِ ڏيندين تڏھن وسوسا توکان ڀڄي پري ٿيندا. پر ھن وقت اي فرزند! تنھنجي حالت اھا آھي جو تون ھن کان ڀڄي پري ٿيو آھين.
    تو ھن کي پاڻ کان دور ۽ جدا رکيو آھي. پوءِ تون جڏھن جدائي لڳايو ويٺو آھين تڏھن تو وٽ شيطان ۽ وسوسا نه ايندا ته ٻيو ڇا ايندو؟

    قلندر جي حالت

    اسان قلندر سارو جھان گھميو ويٺا آھيون. ھي جھان به ڏٺو اٿئون ھو جھان به ڏٺو اٿئون. اسانجو ھڪ ھنڌ ٽڪاڻو نه آھي. دوستن سان گڏ آھيون، ڪڏھن ڪٿي ته ڪڏھن ڪٿي. ھڪڙي ٽٻيءَ ۾ ستن جھانن جو سير ڪري وٺون. يار جي تلاش ۾ اسان لوڪ، پرلوڪ، ترلوڪ، آڪاسن ۽ پاتال، دنيا ۽ آخرت جو چڪر لڳايو ويٺا آھيون. اسان چنڊ تي چڙھائي ڪئي، سج جا سلامي ٿياسين، تارن ۽ ستارن کي ستائي پڇيوسين ته اسان جو يار ڪٿي آھي؟ اسان ديس پرديس جي ھر درويش کان به ساڳيو سوال ڪيو؟ دريائن ۾ غوطا ھنياسين، بيابانن ۽ جھنگلن جي ھر ھڪ ذري ۽ ھر ھڪ ٻوٽي ۽ ھر ھڪ پتي کان پڇا ڪئي سين ته ٻيلي اسان کي ڪو پنھنجي يار جو پتو ڏي. اسانجا ڦاٽل ڪپڙا ڏسو، بدن جا ڦٽ ڏسو، پيرن جا زخم ڏسو، سڄو سينو داغ داغ آھي، اسان ھر زيارت گاہ تي پھچي وياسين، طورسينا، مقام ابراھيم، بيت المقدس، ڪعبته االله، غار حرا جي دروازن تي بيھي ڪري پنھنجي درد ڀري صدا بلند ڪري پڇيوسين ته آھي ڪو قلندر جي سوال جو جواب ڏيڻ وارو؟ ڪٿي آھي اسانجو مولا مھربان، ازل جو يار مددگار. غار حرا مان جواب آيو ” اي سرمست ۽ عاشق زار! ڇا تو نه ٻڌو آھي ( ان الله معنا )ڇا تو نه ٻڌو آھي ( وھو معکم اين ما کنتم ) جواب آيو تون اجايو ڀٽڪي رھيو آھين. تنھنجو يار تو ساڻ آھي “
    خود تو ۾ آھي ديرو دوست جو. قلندر اھو ٻڌي ڏاڍو شاداب ۽ پشيمان ٿيو.

    *


    قلندرن جو خواب

    دولتمندن کي ڏسو!

    اي مريد صادق! رات سموري آئون ھن ڳالھه تي سوچ ويچار ڪندو رھيس ته ڇو ساري دنيا دولت ۽ حڪومت جي پٺيان خوار ۽ خراب آھي. دنيا ۾ ڪا اھڙي خرابي ڪانھي جا دولتمندن ۽ حڪمرانن پيدا نه ڪئي ھجي. ڪلبون ۽ شراب خانه، ناچ گھر ۽ چڪلا، عشرت ڪدہ ۽ جوا خانه، چوريون ۽ ڌاڙا، خون ۽ فساد، باھيون ۽ ھنگاما، جنگيون ۽ عداوتون، ظلم ۽ رشوتون، ڪوڙ ۽ ٺڳيون، جعل سازيون ۽ منافقيون، تڪرار ۽ مقدمه بازيون، بلئڪ مارڪيٽون، بي ايماني، بي انصافيون، عصمت دريون، شرم فروشيون ۽ ان قسم جون ٻيون بديون ۽ برائيون حڪومت ۽ دولت جي ڪري ٿين ٿيون. خدا چوي ٿو ته مون انسان کي عزت ۽ اعلى درجو ڏنو آھي ۽ ھن کي بھترين معيار ۽ انداز تي پيدا ڪيو آھي. پر دولت ۽ حڪومت جا مالڪ انھن انسانن سان ڪھڙي ريت پيش اچن ٿا.
    سڏائين به پاڻ کي مسلمان ۽ سندن رعيت ھاري ناري مزدور ۽ زيردست به مسلمان ۽ پوءِ به ھڪڙو مسلمان ٻئي مسلمان کي اھڙي ريت ذليل ڪيو ۽ غلام بڻايو ويٺو آھي. ووٽ وٺي ميمبر ٿين ۽ ميمبر ٿي وزير ٿين ۽ حڪومت اھڙي ريت ھلائين جو رشوتن ڏيڻ کانسواءِ ڪنھن اشراف جي عزت سلامت نه آھي. ميمبر ٿين ته پگھار کڻن، ڪروڙين روپيا جن وزيرن ۽ سرڪاري نوڪرن کي پگھارن ۾ ملن سي ئي ماڻھن تي ظلم ڪن!

    غريبن کي ڏسو!

    محنت غريب ڪن، زمينون غريب پوکين، ڪارخانن ۾ ڪم غريب ڪن، دولت غريب پيدا ڪن، پر دولت پيدا ڪرڻ وارا بک مرن، نه پورو اٽو ۽ نه انگ تي لٽو، نه رھڻ واسطي گھر، نه بيماريءَ واسطي دوا، نه امن نه امان، نه عدل نه انصاف، آخر ھي ظلم ۽ ستم ڪڏھن ختم ٿيندو. آخر محبت ڪرڻ وارن جو ڪڏھن بخت کلندو. آخر دولت پيدا ڪرڻ وارن کي ڪڏھن روٽي ۽ امن نصيب ٿيندا. آخر ظالمن ۽ رشوت خورن جو ڪڏھن تڏو کڄندو. آخر دنيا ۾ ڪڏھن انصاف ٿيندو.

    ھڪ عجيب خواب.

    اي مريد صادق! آئون سڄي رات پنھنجي رلھيءَ ۾ ڦٿڪندو رھيس ۽ پنھنجي قوم جي ڪرتوتن تي زارؤن زار روئندو رھيس ته ان حالت ۾ مون تي بيھوشي طاري ٿي ويئي. مون بيھوشيءَ جي عالم ۾ ڏٺو ته ھڪڙي کوھه جي ڪپ تي ويٺو آھيان ۽ آرام سان ننڊ ڪري رھيو آھيان ته آسمان ڦاٽي پيو ۽ ان مان ھڪڙو فرشتو زمين تي لھي آيو ۽ مونکي ننڊ مان اٿاري چوڻ لڳو ته ” اي غافل! ھاڻي ھوشيار ٿيءُ!! ھي وقت خدا کي ياد ڪرڻ جو آھي.“ کوھه جي پاسي ۾ ھڪڙو حوض ٺھيل ھو جنھن تي ڪيترائي ڳوٺاڻا وضو ڪري رھيا ھوا. آءٌ به وضو ڪري ٻين سان گڏجي ھڪ مسجد ۾ ويس. مسجد جي اڏاوت، انجي ڪشادگي ۽ صفائي ڏسي منھنجي دل کي ڏاڍي فرحت آئي. مسجد سان لڳ پيش امام ۽ مؤذن جون جايون ھيون ۽ ھڪ مسافرخانو به ھو. مسافرخاني جي پاسي ۾ ھڪ اسڪول جي عمارت ھئي. اسان نماز با جماعت ادا ڪئي. جنھن کان پوءِ امام صاحب اڌ ڪلاڪ تائين قرآن شريف جو ھڪ رڪوع پڙھي انجي معنى ۽ تفسير ٻڌايو. جماعت ۾ ٽيھارو کن نوجوان ھوا جن ڀر واري ميدان ۾ فوجي پريڊ ڪئي، پريڊ کانپوءِ سڀ ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
    مسجد کان ٻاھر آياسين ته ھڪ شاھي سڙڪ تي پھچي وياسين، سڙڪ جي ٻنھي پاسن کان وڻن جون قطارون ھيون. جئن ته نم، ٻٻر، آمري ۽ انب وغيرہ، ڊگھا ڊگھا وڻ جن جي ڇانوَ ھيٺ سمورو رستو ڍڪيل ھو. شاھي سڙڪ جي ٻنھي پاسن کان ست اٺ ننڍا رستا نڪتا ٿي جن جي ٻنھي پاسن تي گھڻو ڪري ھڪ رنگ ۽ ڍنگ جون جايون ٺھيل ھيون. جنھن مسجد ۾ اسان نماز پڙھي سا شاھي سڙڪ ۽ ان مان ڦٽندڙ پوئين رستي جي ٽڪنڊي تي اڏيل ھئي. رستي جي ھڪڙي پاسي تي عمارتن جو سلسلو ھيٺين ريت معلوم ٿيو ٿي.
    مسجد، مسجد جي پاسي ۾ پيش امام ۽ ٻانگي جي رھڻ جون جايون، تنھن کان پوءِ مدرسا، لائبرري، ڪتبخانو، ڊسپينسري، مسافرخانو، پبلڪ حال، تپيدار جو ديرو، ماستر صاحبن جا گھر، ڊاڪٽر جو گھر، سينيٽري بورڊ جو دفتر، ويم گھر، پبلڪ گارڊن، پڪ سرو تلاءُ پوري طرح سان محفوظ، ٽيوب ويل، جانورن جي پاڻي پيئڻ جي ڊگھي حوضي، عام چراگاھه، راندين جو ميدان، رستي جي ٻي پاسي ھارين نارين، ڪمين ڪاسبين جا گھر. اھڙي ريت سڙڪ کان جي ٻيا رستا نڪتا ٿي تن جي به ٻنھي پاسن کان ساديون مگر ڪشاديون جايون ٺھيل ھيون.
    مون فرشتي کي چيو ته ھھڙو ڳوٺ مون اڳي ڪڏھن به ڪونه ڏٺو آھي. گھرن جو تعداد ھڪ سؤ کن جي اندر ٿيو ٿي. ڳوٺ جي چوڪ ۾ ٻه چار دڪان ۽ ريڊيو لائوڊ اسپيڪر لڳل ھو ۽ بجليءَ جي روشني ۽ نلن جي پاڻيءَ جو بندوبست ھو. برسات ۽ ٻي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ پڪ سريون ناليون ٺھيل ھيون ۽ گندگيءَ کي ساڙڻ واسطي ڳوٺ کان ٻاھر ھڪ کڏ ھئي. فرشتو مونکي حيرت ۾ ڏسي چوڻ لڳو ته ” آئون ڀانيان ٿو ته ھي ڳوٺ توکي ڏاڍو پسند آيو آھي. ھاڻي ھلي آءُ ته توکي ھن ڳوٺ جي مھمان نوازي جو آزمودو وٺرايان.“ ائين چوندي ھڪ کاتيدار جي دروازي تي پھچي آواز ڏنائين: محمد سومار کاتيدار جو نالو ھو. اسانکي حُب سان بغلگير ٿي مليو ۽ وٺي ويو ٻنھي کي مسجد جي ڀرواري مسافرخاني جي اڱڻ ۾، ھڪ وڻ جي ھيٺان ٻه کٽون ۽ ٻه بسترا سومار جو پٽ ھمراھه جي مدد سان کڻائي آيو. اسان ڪجھه گھڙي آرام ڪيو جنھن کان پوءِ مانيءَ جي وقت محمد سومار اسان ٻنھي کي پنھنجي گھر وٺي ھليو. گھر ھڪ ڪمپائونڊ ۾ ٺھيل ھو جنھن کي چوڌاري ڪچي ڀت ھئي. گھر سادو ۽ صاف نظر آيو ٿي. ڪمپائونڊ جي ديوار سان لڳ ٽيھارو انبن جا، ٽيھارو نارنگين جا ۽ ليمن جا ۽ ٽيھارو زيتونن جا وڻ ھوا. ھڪڙو منهه انگور جو ٺھيل، ٻه چار کجيءَ جا وڻ به ھوا.
    ھڪڙي ھنڌ ڪي ننڍيون ٻاريون ٺھيل ھيون جن مان ھر ھڪ ۾ جدا جدا ڀاڄيون پوکيل ھيون. ھڪڙي ھنڌ ٿلھي تي ٻه گُنديون مٽيءَ سان لنبيل ھيون. ڪمپائونڊ جي ايراضي ھڪ ايڪڙ جي قريب ھئي. مون سومار کان پڇيو ته گُندين ۾ ڇا آھي ۽ گذران جي ڇا ھلت آھي؟ جواب ڏنائين:
    ” اسان کي سموري سال لاءِ پنھنجي خوراڪ واسطي يا ٻج واسطي اَن گھرجي سو اسان انھن گُندين ۾ بچائي رکندا آھيون. ڀاڄين مان اسانکي ڳُنڌڻ ٿي پوندو آھي ۽ ھڪ ڍڳي اٿئون جنھنجو کير، ڏڌ، مکڻ ۽ لسي سڄي گھر لاءِ ڪافي ٿيندو آھي. انبن جي وڻن مان ۽ نارنگين ۽ ليمن جي وِڪري مان ساليانو ٽي سؤ کن روپيه پيدائش ٿيندي آھي. تنھن کانسواءِ ڳوٺ جي سڀني کاتيدارن جي گڏيل زمين آھي جنھنکي سرڪاري ٽريڪٽر مليل آھي. سرڪاري ڍل ۽ زميندار کي رينٽ سرڪاري طرح ملندي آھي. جنھن کان پوءِ ھر ھڪ کاتيدار کي اگھن پٽاندڙ پنج سؤ ۽ اٺ سؤ جي وچ ۾ پنھنجو حصو ملندو آھي. گھر ۾ ھر ھڪ سٽ ضرور ڪتيندو آھي ۽ زالون به ڪي گھرو ھنر سکي ويون آھن. اٽي پيھڻ لاءِ پنھنجو جنڊ اٿئون، ٿوري گھڻي ربيع ۽ دوباري به ڪندا آھيون ۽ توھانجي دعا سان خير جو وقت پيو گذري.“
    سومار چيو ته ” ھن ڳوٺ ۾ ۽ آسپاس جيڪي به ڳوٺ آھن تن جي گھڻو ڪري ساڳي حالت آھي، ڳوٺ تي پھرو اسان پاڻ ڏيون، نه اسان مان ڪو چور آھي ۽ نه چور کي ڪو پناھه ڏئي.“ فرشتي چيو ته ” گھڻو ڪري ساري سنڌ ۾ ان قسم جا ڳوٺ قائم ٿي ويا آھن. اجھو ھي ڏس نئين سنڌ جو نقشو! ڳوٺن جو تعداد پنجن ھزارن کان گھٽ نه ٿيندو. ھر ھڪ ڳوٺ ۾ ھر ماڻھوءَ کي رھڻ واسطي پنھنجي موچاري جاءِ آھي.کائڻ واسطي روٽي آھي، پھرڻ واسطي ڪپڙو، بيمار لاءِ دوا آھي، ٻارن لاءِ اسڪول آھي، نماز لاءِ مسجد آھي، ورزش لاءِ راندين جو ميدان آھي، زالن لاءِ ويم گھر آھي، مسافرن لاءِ مسافرخانو آھي، ڳوٺ وارن لاءِ ريڊنگ روم ۽ لائبرري آھي، ڳوٺ ۾ صفائي آھي، روشني آھي ۽ امن آھي.“ آئون اڃا نئين ڳوٺ جي رستن جو سير ڪري رھيو ھوس تڏھن ڪن ڪتن ڀونڪيو، منھنجون اکيون کلي پيون ۽ مون چيو ته قلندر جو خواب آھي، ڪڏھن به ڪوڙو نه ٿيندو، منھنجي قوم جا نوجوان ڪڏھن به آرام نه وٺندا جيستائين انھن نئين نموني جا ڳوٺ ٺاھي نه ورتا آھن.

    *


    سنڌ جي نوجوانن کي سڏ

    بسم الله جي معنيٰ

    خدا ڄاڻي تون ڏينھن رات ۾ ڪيترا ڀيرا جو ورد ڪرين ٿو. پر خبر اٿئي ته انھن لفظن جي معنى ڇا آھي؟ رحمان جي معنى سمجھڻ گھرين ٿو ته پوءِ ساري ڪائنات جي ساز و سامان تي ويچار ڪري فيصلو ڏي ته ھنجي رحمت ۽ محبت بي پايان کي به ڪا حد ٿيندي آھي ڇا؟ پڪ ڄاڻ ته ھن جي رحمت ھنجي غضب کان انيڪ ڀيرا وڌيڪ آھي. اھي حروف عرش عظيم جي دروازي تي لکجي چڪا آھن. ھنجي رحمت جو اندازو ڪرڻ انساني طاقت کان ٻاھر آھي. رحم ڪرڻ ھن پاڻ تي فرض ٺھرايو آھي. مُئي پڄاڻان رحمت جو درياھه خاص طور سان جوش ۾ ايندو. رحم ڪرڻ ھنجي ذاتي صفت آھي. ھو دنيا ۾ رحمان آھي ۽ آخرت ۾ رحم آھي.
    سج، چنڊ، تارا، زمين، پاڻي، ھوا، روشني ڪنھن به عمل کان سواءِ انسان کي عطا ڪيا ۽ انسان کي انساني صورت ڏيئي پنھنجو روح ھن ۾ ڦوڪيو ۽ اھڙي ريت آدم جي اولاد کي پنھنجي رحم ۽ ڪرم سان ساري مخلوقات ۾ بزرگ ۽ برگزيدہ ڪيو ۽ ساري ڪائنات کي انسان جو تابعيدار بڻايو ۽ ھن جي واسطي بيشمار نعمتون پيدا ڪيون ۽ ھنکي جسماني ۽ روحاني طور سان نوازيو پنھنجي نوازش سان، سو اٿئي رحمان. جڏھن ڪنھن عمل ڪرڻ کانسواءِ ھن انسان تي مٿين ريت پنھنجي رحمت ۽ محبت جي بارش ڪئي آھي تڏھن اھو انسان جڏھن ڪو نيڪ عمل ڪري ھنجي حضور ۾ حاضر ٿيندو تڏھن ھن جي رحمت ۽ محبت جو صحيح ڪاٿو ڪرڻ قياس کان ٻاھر آھي. ھنجي ظاھري ۽ باطني رحمتن جو شمار ڪرڻ ناممڪن آھي. ھِن جھان ۾ به ھنجي رحيم ھئڻ جو ھڪ مثال پيش ڪري سگھجي ٿو. جيئن ته :-
    ڦڙيءَ مان تلاءُ، قطرہ مان درياہ، بوند مان بحر، ڇنڊن مان ڦوھارو، رائيءَ مان ٻنيون ۽ باغات، داڻي مان درخت ۽ درخت مان جھنگلَ، ٻاف مان دونھون، دونھن مان بادل ۽ بادل مان برسات، ڪڻي مان ڪاسو ۽ ڪاسي مان خرار، رتيءَ مان سير ۽ سيرن مان مڻ، ذري مان پرزو ۽ پرزن مان ڪائنات، پل مان ساعت ۽ ساعت مان زمانو بي پايان، چڻي مان پھاڙ ، واريءَ مان بيابان، ٻڙيءَ مان پدم، ڪائي مان ڪروڙ، نقطه مان ڪتبخانا، ھڪ مان ھزار، ھزارن مان عدد لاتعداد، ڦوڪ مان ھوا ۽ ھوا مان طوفان، پساھن مان ساھه ۽ ساھه مان حيات، اھو آھي رحيم ۽ ڪريم. ھنجي رحمت کان ڪڏھن به مايوس نه ٿيو. پر ھن جو غضب به بي پايان آھي، توھان رحمت جي طرف وڌو ۽ عذاب کان پري رھو. قلندر ھن جي غضب کان بچڻ لاءِ جھان جو خوشيون پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيون. آخرت جي ڳالھين جي توھان کي ڪھڙي خبر. دنيا ستل آھي، جڏھن مرندي تڏھن سجاڳ ٿيندي. اسان مرڻ کان اڳ مري چڪا آھيون تنھنڪري سجاڳ آھيون.

    سنڌ جي نوجوانن کي سڏ!

    سنڌ جا نوجوانو! سجاڳ ٿيو. پنھنجي قوم کي سجاڳ ڪريو. خدا جي درگاہ نااميديءَ جي درگاہ نه آھي. ھزارين گناہ ڪيا ھجنوَ تڏھن به توبه ڪريو. جن توبه ڪئي سي سجاڳ ٿي ويا. انھن جي واسطي رحمت جا دروازا ھميشہ کليل آھن. خدا جي رحمت توھان تي رحم ڪرڻ جي لاءِ بيقرار آھي. پر توھان پنھنجي قوم تي رحم ڪريو. توھان انسان ذات تي رحم ڪريو. جيڪي رحم ڪندا تن تي رحم ڪيو ويندو. جا نيڪي ۽ رحمت پنھنجي واسطي گھرو ٿا سا ئي پنھنجي قوم لاءِ گھرو. توھان مان ڪوبه پورو ايماندار نه ٿيندو جو پنھنجي قوم لاءِ ۽ انسان ذات لاءِ خاص خدا جي خوشنوديءَ خاطر ساڳي شيءِ پسند نه ڪندو جا پاڻ لاءِ پسند ڪري ٿو. دنيا عمل جي جاءِ آھي، عمل ڪريو ۽ پنھنجي قوم ۾ عمل جو روح ڦوڪيو. چڱي امت اُھا آھي جنھن جا عمل چڱا آھن. توھان تڏھن زندہ سمجھيا ويندؤ جڏھن پنھنجي قوم کي زندہ ڪندؤ. دنيا ۾ سڌريل اھو آھي جنھن جي قوم سڌريل آھي. توھان جيڪڏھن پنھنجي عزت گھرو ٿا ته پنھنجي قوم کي عزت جي لائق بڻايو. علم ۽ اخلاق سان پاڻ کي ۽ پنھنجي قوم کي اعليٰ ۽ افضل بڻايو. ھزارن جي تعداد ۾ ڪاھي پئو پنھنجي قوم ۾، ۽ انھن جي اصلاح ڪريو. پنھنجي قوم جو نالو روشن ڪريو ته توھانجو نالو روشن ٿئي. حزب الله جي پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو.
    سنڌي مسلمانن کي مشرق ۽ مغرب جي رھنمائي ڪرڻي آھي. مايوسي ڦٽي ڪريو، نااميدي ڇڏيو، ڊپ ڇڏي ڏيو. غير خدا کان ڊڄڻ ڪفر آھي. مايوسي حرام آھي، خدا جا ٿي وڃو. جي خدا جا ٿيندا آھن، سي مخلوق جي خدمت ڪندا آھن ۽ مخلوق جا مخدوم ٿيندا آھن. جھان سارو خراب ٿي رھيو آھي. توھان جي قوم خراب ٿي رھي آھي. اُٿو! ھوشيار ٿيو، بيدار ٿيو ۽ پنھنجي قوم مان خرابيون دور ڪريو ۽ محمدي پيغام جا پاسبان ٿي وڃو!!

    روزانه ” سنڌ “ ڪراچي، اربع 4 آگسٽ 1948ع

    *


    روزي جو فلسفو

    رمضان شريف خير سان آيو ۽ گذري ويو ۽ عيد مبارڪ به خير سان موڪلائي ويئي. راز و نياز جو مھينو آيو ۽ وري موٽي انھن وٽ ايندو جي ٻارھن مھينن تائين جيئرا رھندا. ھر روز دنيا بدلجي رھي آھي ۽ دنيا ۾ نئين دنيا قائم ٿي رھي آھي. فاني دنيا ۾ جاوداني زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ قومن جي وچ ۾ جدوجھد جاري آھي. روزن جو ھر روز، روز افزون برڪتن جي نزول جو باعث آھي. جسماني ۽ روحاني صحت ۽ تراوت ۾ اضافو ڪندڙ آھي. قلندرن لاءِ آھي ته عيد، نه ته روزو. يا آھي ته روزو نه ته عيد. جي دل جو دروازو بند آھي ته اسان لاءِ روزو آھي، جي کليل آھي ته عيد آھي. قبض ۾ روزو آھي ۽ بسط ۾ عيد آھي. رزق جا سڀ دروازا کليل ھوا، احد جو جبل ڪيميا ۾ بدلجي وڃڻ لاءِ تيار ھو، تڏھن به روحانيت جو شھنشاھه ڪڏھن ڪڏھن پيٽ تي پٿر ٻڌي ڇڏيندو ھو. قلندرن انھن پٿرن کي پنھنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو ان لاءِ ته انھن جو ڪنڌ سدائين سائينءَ جي حضور ۾ جھڪيل رھي. انھن جا گوڏا ابدي رڪوع ۾ رھِي مونا طورسينا سدا سنياسين جو سير ڪندا رھن. ماڻھو اشياءِ خوردني جو روزو رکن، پر اسان خيالن، ڪنن، اکين ۽ زبان جو به روزو رکون. چشم بند و گوش بند و لب به بند، گر نه بيني سر حق برما به خند. اندر ۾ کورو کامي پر ٻاھر ٻاڦ نه ڪڍون. ڪو رازدار نه رھيو آھي پوءِ دل جو راز اورڻ اجايو آھي. غمن جا دريا ۽ سورن جا پھاڙ سيني ۾ ساڳي ريت پوشيدہ آھن. جھڙي ريت روح تن جي اندر يا جھڙي ريت مولا پاڻ کي عالم ۾ پوشيدہ رکيو آھي.
    ھو منھنجو راز آھي ۽ آءٌ ھن جو راز آھيان. گل بيڪار ٿي ويندو آھي جيڪڏھن راز جي خوشبوءِ ھن مان اڏامي وڃي: جڏھن قوم ھمنوا نه ھجي، جڏھن فضا بي نُور ھجي، جڏھن انسانيت جو زوال ھجي، جڏھن قوميت جو ڪال ھجي، جڏھن وطن جي محبت ايمان جو جزو نه ھجي، جڏھن عالم مان اخلاق اڏامي وڃي، جڏھن دل ۾ ھمدردي نه ھجي، جڏھن عقل جو ڏيوالو ھجي، جڏھن مردم شناسي ۽ قدر شناسيءَ جا معيار اونڌا ۽ ابتا ٿي وڃن، جڏھن علم ۽ حلم جي عالم ۾ خلل پيدا ٿي وڃي، جڏھن اشرفين، سون ۽ چانديءَ جي صندوقن ۾ رھبرن ۽ مرشدن جي تلاش ڪئي وڃي، جڏھن خزانن ۽ ناڻن تي ڪارا نانگ ڦڻ ڪڍيو ويٺا ھجن، ٻوڏون ڪروڙن جو نقصان ڪن، زلزله عاليشان عمارتن جا نشان مٽايو ڇڏين، باھيون شھرن جا شھر چٽ ڪيو ڇڏين، چور ۽ ڌاڙيل لکين لُٽيندا رھن ۽ منھنجي قوم جي دولتمندن کي اھو سڀ ڪجھه منظور ھجي پر الله جي واٽ ۾، قوم جي نالي ۾، مون قلندر کي ڪو ڪوڏي به نه ڏيندو ھجي، تڏھن آئون سال جا ٻارھن مھينا روزا نه رکان ته ڇا ڪريان؟ اسان پنھنجي ھستي مٽايو ويٺا آھيون ته قوم جو مرتبو بلند ٿئي. اسان آزاد ملڪ ۾ به قيد ۽ نظربند آھيون. جھڙي ريت داڻو خاڪ ۾ بند ٿي گل ۽ گلزار ٿئي ٿو تھڙي ريت اسانجي قوم جو بخت بالا ۽ بلند ٿئي، جنھن قوم ۾ ڪو قلندر نه آھي سا مسڪين، ڪنگال ۽ خدا کان ڏور آھي. خاتون جنت کان ڪنھن زڪوات جو مسئلو پڇيو. جواب ڏنائين ته مالدار تي چاليھه سيڪڙو ۽ اسان تي سؤ سيڪڙو! ساڳي ريت اي عيد جي خوشين ڪرڻ واري قوم! توھان تي ٽيھه روزا فرض آھن پر حقيقي قلندرن لاءِ سال جا ٻارھن ئي مھينا روزا آھن. اسان پنھنجي ديس ۾ پرديسي آھيون، آزادي ۾ قيد آھيون. اوھانجي واسطي عيد آھي، اسانجي واسطي پنھنجي يار کان جدائيءَ تي غم ۽ ماتم آھي، ڪراچي ڪالھه ديس ھو اڄ پرديس آھي ۽ مست قلندر پرديس مان سڀني سنڌ واسين کي بانسي عيد مبارڪ چويٿو:

    هماري شام غربت پہ بھي دو آنسو بھا دينا
    يہ صبح عيد ياران وطن تم ڪو مبارک ھو.

    روزانه ” سنڌ “ ڪراچي 13 آگسٽ 1948ع


    قيامت

    خبر نه آھي ته توکي ڪھڙي ڳالھه قيامت کان منڪر ڪيو آھي؟
    آفتاب جي حرارت گھٽجي رھي آھي، چنڊ جي روشني ذرد ٿي رھي آھي، ائٽم بم جا ٺاھيندڙ دعويٰ ڪري رھيا آھن ته ساري انسان ذات کي ختم ڪري سگھن ٿا، عالمگير جنگ جون تياريون ٿي رھيون آھن، سورج جي ڪرڻن جي مدد سان ساري جھان کي فنا ڪرڻ جي کوجنا ٿي رھي آھي، قومن کي برباد ڪرڻ لاءِ ھيبتناڪ ھٿيار ايجاد ٿي چڪا آھن، بارودي ھوائي جھاز ھڪڙي ھفتي جي اندر ساري زمين جي جاندارن جي جان وٺڻ لاءِ تيار آھن، برقي عناصر تي انسان جو قبضو قائم ٿي چڪو آھي، پاڻي ۽ ھوا ۽ زمين ۾ بجليءَ جا بادل ۽ بخار ۽ غبار انساني حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آھن، ڪٿي ٻوڏون ، ڪٿي زلزلا، ڪٿي ٻرندڙ جبل، ڪٿي طوفان، ڪٿي وچڙندڙ بيماريون آباديون ويران ڪري ڇڏين ٿيون. انسان تھذيب جي دعويٰ جي باوجود خونخوار حيوان بڻجي چڪو آھي. قومن جو ڪاروبار شيطان جي حڪمن موجب ھلي رھيو آھي، پر تون عجيب نادان آھين جو اڃا تائين قيامت کان بي خبر بلڪ انجو منڪر ٿيو ويٺو آھين.
    توکي عجب لڳي ٿو ته مردا ڪيئن زندھه ٿيندا؟ اڙي نادان! جنھن ڳالھه کي تون سائنس جي خلاف سمجھين ٿو اھا سائنس ته توکي سبق سيکاري ٿي ته دنيا ۾ ڪابه شيءِ فنا نه ٿي ٿئي، پر پنھنجي صورت بدلائيندي رھي ٿي. تنھنجو آواز محفوظ ۽ فوني جي رڪارڊ ۾ ٻڌي ۽ ٻڌائي سگھجي ٿو. تون سينيما جي پردي تي پنھنجو روئڻ، کلڻ، اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ ٻولھائڻ نقل ڪرائي ڏسي سگھين ٿو، بلڪ ھزارن ميلن تي جو ڪجھه ٿي رھيو آھي سو ٻڌي ۽ ڏسي ۽ جيڪڏھن گھرين ته پنھنجو فوٽو به ڪڍائي سگھين ٿو. اھي سڀ انساني ايجادن جون ڪرامتون آھن جنھن کان توکي انڪار نه آھي. اڙي بيوقوف! جيڪڏھن انسان کي اھا طاقت آھي جو تنھنجي زندگيءَ ۾ تنھنجي نقل و حرڪت، تنھنجي رفتار ۽ گفتار کي محفوظ رکي سگھن ٿا ۽ تون مري وڃين تنھن کان پوءِ به تنھنجا رڪارڊ، تنھنجا ڪارناما پردن تي ڏيکارندا رھن ٿا، ته پوءِ ڇا تون خدا ۾ ايتري طاقت به نٿو سمجھين جو تنھنجي نقل و حرڪت جو رڪارڊ پاڻ وٽ محفوظ رکي سگھي جھڙي ريت تنھنجي قول ۽ فعل جو جسم سينيما جي پردن تي حرڪت ڪندو رھي ٿو تھڙي ريت تنھنجي اعمال جو جسم قبر ۽ قيامت ۾ به محفوظ رھندو ۽ رب جي حضور حاضر ٿيندو.
    تنھنجو ھمزاد توسان گڏ آھي. ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين تنھنجي اعمال ۽ افڪار، حرڪات ۽ سڪنات جو جسم تنھنجي ظاھري جسم جي اندر ٺھي رھيو آھي جو توکي ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي خواب ۾ به نظر ايندو آھي ۽ تنھنجي مُئي پڄاڻا ٻين کي به خواب ۾ نظر ايندو.
    تون انب کائي ڇڏيندو آھين پوءِ به انب جو ڪوئلو ڳٽلي سميت سلامت رھندو آھي. تون زردالو کائي ڇڏين ٿو پر پوءِ به زردالو جو بادام پنھنجي بادامي سميت محفوظ رھندو آھي. ساڳي ريت تنھنجي مُئي پڄاڻان تنھنجي اعمال ۽ حرڪات ۽ سڪنات جو لطيف جسم پنھنجي روح سميت زنده رھي ٿو. حقيقت ۾ اھوئي لطيف جسم آھي جنھن جا نادري حڪم ظاھري عضون کان ادا ٿين ٿا. اھوئي جسم آھي جو عذاب ۽ ثواب جو مستحق آھي.
    ” و ھو تشنکم في مالا تعلمون “
    اصلي انسان پنھنجي جسم جي اندر رھي ٿو ۽ نه ان کان ٻاھر. اصلي پنج حواس تنھنجي باطني جسم جي اندر آھن ۽ نه ان کان ٻاھر. نانگ پنھنجي ظاھري کل جي لاھي ڇڏڻ کان پوءِ مري ويندو آھي، پر زنده رھندو آھي. ساڳي ريت تون به پنھنجي ظاھري جسم جي دفن ٿي وڃڻ کانپوءِ مري نٿو وڃين پر افعالي جسم ۾ زندہ رھين ٿو ۽ قبر ۽ قيامت ۾ سوالن جي جواب ڏيڻ لاءِ موجود رھندين.
    اي قبر ۽ قيامت، حساب ۽ ڪتاب جا منڪر! توکي تنھنجي فتويٰ موجب سزا ڏني ويندي. سائنس جي تحقيقات موجب دنيا جي ڪابه شيءِ قطعي طور فنا نٿي ٿئي پر پنھنجي صورت بدلائيندي رھي ٿي. تون جنھن سائنس جو دلدادہ آھين تنھن سائنس جي تحقيقات موجب تنھنجو ڪوبه فعل تنھنجي ڪابه حرڪت تنھنجو ڪلام فنا نٿو ٿئي پر فضا ۾ لطيف غبار جي صورت اختيار ڪري ٿو ۽ ھٿرادو جوڙيل مشين ۾ پنھنجي اصلي ماھيت ۽ روپ ۾ محفوظ رکي سگھجي ٿو. توکي ڀڄڻ جي ڪا واٽ ڪانھي. تون پنھنجي بدن جي اندر قيد ۽ نظربند آھين. تنھنجو ظاھري بدن فقط ھڪ ڦوڳ جي برابر آھي يا انب جي سواد جي برابر آھي جو کاڄي فنا ٿي وڃي ٿو. پر تنھنجو اصلي وجود انب جي ڪوڪلي وانگر محفوظ آھي. تون ڦوڳ تي ڦنڊجي ويٺو آھين. اھو ڦوڳ دريا جي حباب يا ڦوڪڻن يا بد بدن وانگر آھي جي ھوا جي نڪري وڃڻ کانپوءِ وري دريا ۾ ملي وڃن ٿا. ۽ اھو دريا ئي آھي جو حباب جو اصلي وجود آھي. ساڳي ريت تنھنجو ھي جسم پنھنجي اصلي وجود جو حباب يا ڦوڪڻو آھي ۽ پساھن جي ھوا نڪري وڃڻ کانپوءِ تون پنھنجي اصلي وجود جي اندر سمايل رھين ٿو. اصلي جسم ساڳي طرح ظاھري جسم جي پٺيان پوشيدہ آھي جھڙي ريت روح اصلي جسم جي پٺيان پوشيدہ آھي.
    پنھنجي قول ۽ فعل ۽ تحرڪ سان انسان پنھنجي زندگيءَ جو احوال خود لکندو رھي ٿو. ھن جي اعمال جو ڪتاب ساڳي ريت محفوظ آھي جھڙي ريت ڪنھن مصنف جي تصنيف ۽ ھنجو پنھنجو لطيف بدن ان ڪتاب جي ھر واقعي جي تصديق ڪندو، نه فقط قبر ۾ پر قيامت ۾ به.
    اڙي نادان! تون منھنجو وڌيڪ وات نه کولاءِ تنھنجي اقرار مان انڪار تعبير يا ترديد تي خدا جي قدرت يا قدرت جي قوانين جو دارومدار نه آھي. گل جي ھر ھڪ پتي، وڻ جو ھر ھڪ پتو، برسات جي ھر ھڪ بوند، آفتاب جو ھر ھڪ ڪرڻو، چنڊ جي چمڪاٽ، ھوا جو سوساٽ، دريا جي لھر، بادل جي گجگوڙ، تارن جي چلڪاٽ، بيابان جو ھرھڪ ذرو، گلستان جو ھر ھڪ ٻوٽو، کيت جون لڏندڙ شاخون، نسيم سحر، باد صباح، شام جي ھير، خزان جو تاراج منظر، بھار جون سرسبزيون ۽ گلڪاريون، ٻوٽن جون تباھ ڪاريون، طوفان جون برباديون، ٻرندڙ جبلن جون آتش فشانيون، اونداھي رات جون لطافتون، گرمي جون شدتون، سردي جون سختيون، بلبل جو سوز و گداز، ڪوئل جو مٺو راڳ، سرندي جون نوا ساڙيون، رباب جون دلربايون، حيوانات ۽ نباتات جا نرالا رنگ، انسان ۽ حيوان جون نراليون ٻوليون، دريائن جي اٿل، ڇولين جي اڇل، قلندر جي عشق جا شعلا، من جون مستيون، چيخ و پڪار، دل جي دانھن رسول عربيءَ ڏانھن، دوستن کان جدائي يا وصال، مرادن جو پورو ٿيڻ يا نه ٿيڻ، عالمگير ھاءِ ھاءِ ھو ۽ صدا ۽ تون ئي تون، انھن سڀني صدائن ۽ ندائن، اميد برآورين ۽ نامرادين، حادثن ۽ اتفاقن، رنگن ۽ روپن، راڳن ۽ گيتن، چيخن ۽ پڪارن، نظارن ۽ تماشن جي پٺيان ڪا ھستي پوشيدہ آھي يا نه!
    جواب ڏي اي نادان ۽ شاھدي ڏي ته آھي ۽ ضرور آھي ۽ توکي ضرور ھڪ ڏينھن ان جي اڳيان پنھنجي اصلي ۽ حقيقي بلڪ نقلي ۽ ظاھري وجود سميت حاضر ٿي پنھنجي اعمال جو جواب ڏيڻو آھي.

    روزانه ” سنڌ “ ڪراچي، اربع 18 آگسٽ 1948ع
    *


    سنڌ جو سھڻو سرندو

    اي سنڌ جا سھڻا سرندا! تنھنجي تارُن ۾ غضب جي ڪشش آھي. تنھنجو آواز آھي يا قيامت جو صور اسرافيل آھي. منھنجي تن جون تندون ٽٽڻ لڳن ٿيون، من مستيءَ ۾ مگن ٿيو پوي. ھي سرد آھون، درد ڀريون دانھون، اکين ۾ شور، دل ۾ سوز، روح ۾ بيقراري، طبع ۾ بيخودي، ھوش و حواس جو پرواز، پاڻ کان پري ٻنھي جھانن کان دور دور، نه زماني جو احساس نه ڪائنات جي خبر، بيان کان ٻاھر، خيالن کان مٿي، ھيءَ ڪھڙي ڪيفيت آھي، ڪھڙو حال آھي، وحدت ۾ جي وڍيا سي الله ڪيا اڌ. ڇا اھا به ڪا دنيا آھي يا حالت آھي يا منزل آھي. جڏھن سارو جھان نُور ئي نُور ٿي وڃي، انسان نُور جي فضا ۾ بنا پرن جي پکيءَ وانگر اڏامندو رھي ۽ نُور جي دريا ۾ مڇيءَ وانگر ترندو رھي، ڄڻ ته ھن جي سر تان تڪبير اچي ويئي، سسي ڌڙ کان ڌار ٿي ويئي، ساڳي ريت جھڙي ريت مولانا روم جي بانسري شڪايت جي حڪايت ڪرڻ لڳي ته جڏھن کان وٺي مونکي پنھنجي بنياد کان وڍي جدا ڪيو ويو آھي تڏھن کان وٺي نه فقط مون پي رنو پر مون سان گڏ سارو جھان منھنجي ماتم ۾ شريڪ آھي ۽ چئي رھيو آھي ته جڏھن ڪنھن کي سندس اصل کان جدا ڪيو ويندو آھي تڏھن ھو وري وصل لاءِ تڙڦندو رھندو آھي، تنھن پٽاندڙ ھي سنڌ جو سُريلو سُرندو پنھنجي تار جي ھر ھڪ ضرب سان ماري ٿو جياري ٿو، جدا ڪري ٿو ملائي ٿو. خوديءَ ۾ آڻي ٿو، بيخود ڪري ٿو، نشو لاھي ٿو ۽ چاڙھي ٿو. ۽ دنيا جو ٻيو ڪوبه واڄو سنڌي سُرندي سان مقابلو ڪري نٿو سگھي.
    سُرندو نه فقط سڀني سازن جو سرتاج آھي پر فقيرن ۽ درويشن جو به استاد آھي ۽ انھن کي نفي ۽ اثبات جا سير ڪرائيندو رھي ٿو. ماري جياري ٿو ۽ جياري ماري ٿو. ھڪڙي نغمي سان ٻيڙو پار ۽ ست ئي افلاڪ ٽپندو بندو، بندہ نواز جي بارگاھه ۾ پھچي وڃي ٿو. جڏھن ساري ڪائنات رقص بي خودي ۾ چڪر لڳائندي رھي، تڏھن قلندر به بي ساختو بي اختيار ڪڏھن ڪامل فنا ته ڪڏھن ڪامل بقا ۾ پرواز ڪندو رھي ٿو.
    آخرڪار زندگيءَ ۾ ھاڻي ڪھڙو لطف بچي ويو آھي جو باقي پنھنجي رب جي طرف به رجوع نه ٿجي. دوست احباب موڪلائي ويا، جن سان راز ۽ نياز جون ڳالھيون ڪبيون ھيون، جن سان دل جي احوال اورڻ ۾ ڪو عيب نه ھوندو ھو، جن جي دل اھڙي صاف ۽ شفاف ھئي جھڙو جام جسم يا آئينه سڪندري. ھو نھارين يا اسان نھاريون، ھو اشارا ڪن يا اسان اشارا ڪريون، ته دليون پيئون ڳالھائين، جن خاموشي به ھڪ گويائي ھئي، سي ساٿيئڙا ويا ۽ وڃڻ کي ويا ۽ اھڙي نظر ھڻي ويا آھن جو پٺيان ڪوبه رھجي نه ويندو. جن جي دم سان اسانجي دنيا قائم ھئي، سي ويا ۽ وري نه موٽندا. انھن جو وجود قوم لاءِ ۽ انسان ذات لاءِ سراسر رحمت ھو، قلندر قوم قوم ڪندو ھو ته ھو شريڪ ٿي ويندا ھوا، قلندر سان جنگ ۽ صلح ۾ شريڪ رھندا ھئا، سي موڪلائڻ کي موڪلائي ويا. انھن جي دم سان دنيا زندہ ھئي، قوم زندہ ھئي، سنڌ زندہ ھئي.
    انساني زندگي پنھنجي سفر جي آخرين منزل جي قريب پھچي چڪي آھي ۽ اھو وقت پري ڪونھي جڏھن زمين تي ڪابه جاندار شيءِ زندہ نظر نه ايندي. جھڙي ريت ھر انسان ۽ حيوان جي عمر مقرر آھي تھڙي ريت ھر قوم جي به عمر جو فيصلو ٿي چڪو آھي ۽ ساڳي ريت انسان ذات جي به عمر مقرر آھي. لڪل قوم اصل غير رواجي حالتن کي ڇڏي باقي رواجي حالتن ۾ ھر جاندار اول ٻاراڻي اوستا، پوءِ ڇوڪراڻي ٽھي، پوءِ نوجواني، پوءِ ٻڍاپڻ وارين منزلن مان گذري موت جو لقمو ٿيندو آھي. انھن ساڳين منزلن مان ھر قوم کي گذرڻو پوندو آھي ۽ مجموعي طور سان انسان ذات کي، ۽ ساڳي ريت ھر ساھه واري شيءِ جو خاتمو ٿيڻ وارو آھي.
    ڇا تون نٿو ڏسين ته زمين تي، زمين جي اندر ۽ زمين کان ٻاھر، پاڻيءَ تي، پاڻيءَ جي اندر خواھه پاڻيءَ کان ٻاھر، ھوا تي، ھوا جي ھيٺ، خواھه ھوا کان مٿي، اتر، ڏکڻ، اوڀر ۽ اولھه ۾، ماديات ۽ عناصر ۾، غيب جي عالم ۾ جيڪي حيرت انگيز تبديليون ٿي رھيون آھن تن جو رخ ۽ رجحان اھوئي آھي ته ڪل ڪائنات کي مڪمل طور سان تباھه ۽ برباد ڪيو وڃي ۽ وجود جي عالم ۾ ڪنھن ھڪ شيءِ کي به زندھه نه ڇڏيو وڃي.
    انسان ذات جو سمورو وجود مريض ٿي چڪو آھي، ڪو ھڪڙو مريض ھجي جنھن جو علاج ڪيو وڃي. ھي قيامت جون علامتون آھن. قيامت ڪبريٰ جي ڏينھن انسان ذات ٽن ٽولن ۾ تقسيم ٿي ويندي. ساڳي ريت قيامت صغريٰ يعني ننڍي قيامت دنيا ۾ ٿيڻ واري آھي. ھندوستان جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، پاڪستان جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، فلسطين جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، جزيرة العرب جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، بنگال ۽ پنجاپ ۽ آسام جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، سنڌ جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، ڪشمير جي رٿيل تقسيم جي ڇا معنى آھي، جرمنيءَ جي تقسيم جي ڇا معنى آھي، ترڪي ۽ ايران کي تقسيم ڪرڻ جي ڌمڪين ڏيڻ جي ڇا معنى آھي، انڊونيشيا کي تقسيم ڪرڻ جي ڇا معنى آھي، آفريڪا جي تقسيم ڪرڻ جي ڇا معنى آھي، انسان ذات ٽن وڏين طاقتن ۾ تقسيم ٿي وڃي، ان جي ڇا معنى آھي، رنگ روپ جي تڪرارن ۾، ذات پات جي عداوتن ۾، دين ڌرم جي قتل و غارت ۾، ٽن وڏين طاقتن جي حسد ۽ بغض ۾، ائٽم بم، زھريلي گيس ۽ وبائن پکيڙيندڙ جراثيم جي ايجاد ڪرڻ ۾، يھود ۽ عرب جي خوني جنگين ۾، ڪشمير ۽ حيدرآباد دکن جي ويڙھه ۾، چين، برما، ملايا، يونان ۽ حيدرآباد دکن جي سرحدن تي ڪميونسٽن جي ڪارواين ۾، ڏڪارن، ٻوڏن، زلزلن، بلئڪ مارڪيٽن ۽ رشوت خورين ۾، تقرير، تحرير ۽ خيال جي آزادگيءَ کي نابود ڪرڻ ۾، ڪمزور انسانيت کي ڏکويل، بکايل ۽ غلام ڪري رکڻ ۾. اھي سڀ واقعات ۽ حادثات جيڪڏھن قيامت قائم ڪرڻ جون علامتون نه آھن ته ٻيو ڇا آھي؟؟

    *


    قلندر جي سزا

    اڄ دنيا ۾ ائٽم بم جي دھشت ڇانيل آھي. آمريڪا جي ڀُورن جپان جي فرعون کي ڪنڌ ڀر ڪيرائي ڇڏيو ۽ ھن کي ماري مات ڪيو. ۽ اڄ آمريڪا فرعون کان به زور آھي ۽ نمرود کان به طاقتور آھي. جنھن قوم وٽ ٻه بم گولا آھن. ھڪ دولت جو بم ۽ ٻيو ائٽم جو بم- تنھن قوم جي دروازي تي سڀ قومون سوالي ۽ سلامي آھن. زمين پنھنجا خزانا کولي ڇڏيا آھن. آفريقا ۽ ايشيا ۾ سون ۽ چانديءَ جو فرش وڇائجي ويو آھي. نه فقط يورپ ۾ پر ايشيا ۾ به فلسطين کان وٺي نجد تائين سارو ميدان ھيرن ۽ جواھرن سان ڀرجي ويو آھي. ڪو مٺ ڀري گرم ڪري، ڪو کيسا ڀري پر ڪري، ڪو صندوق ڀريو وڃي، ڪو خرزينون لڏيو وڃي، ڪو موٽر ھلائي ٿو، ڪو ھوائي جھاز اڏائي ٿو، ڪو ٽرين ۾ سوار آھي، ڪو آبدوز ڪشتيءَ ۾، ڪو آگبوٽ ۾، ڪو فولادي ڪوٽن ۾، ڪو ھوائي قلعن ۾، ڪو شاندار محلن ۾، چانديءَ جا برتن، سون جا پلنگ، موتين ڀريا تاج، ھيرن سان سينگاريل تخت، زربفت جا رومال ۽ جبا، پئرس جون حورون، مارميلز جون وسڪيون، عطر ۽ خوشبويون، مسلم ملڪن جون کاڻيون ۽ خزانا، پر چاٻيون آمريڪا ۽ برطانيا جي ھٿن ۾. اسلامي دنيا اسان جي، پر ان جو خزانچي فرنگي آھي، پيٽرول اسان جو پر پيٽرول جي زور تي بحر و بر ۽ فضا ۾ جھازن ٺاھڻ، ڦٽائڻ ۽ ھلائڻ وارا فرنگي، زمينون اسانجون، ڪچو مال اسانجو، پر ڪارخانا فرنگيءَ جا. فوجون اسانجون پر عملدار فرنگيءَ جا. پرڳڻا اسانجا پر گورنر فرنگيءَ جا. آھيون آزاد پر برٽش ڪامنويلٿ ۾. آھيون ھزمئجسٽي پر ھوائي اڏا فرنگي جا آھيون. اسلام جا شيدائي پر لڇڻ فرنگيءَ جا آھيون. مجاھد في سبيل الله پر ھٿيار فرنگيءَ جا. آھيون عالم ۽ فاضل پر ڪاليج فرنگيءَ جا، آھيون اندر ۾ مسلمان پر ظاھر ۾ فرنگي.
    ڏسو! اھي زماني جا عجيب انقلاب، ڪڏھن اسان استاد ھئاسين ۽ يورپ شاگرد ھو. اڄ اسان شاگرد ۽ ھو استاد آھن. حڪمت مسلمانن جو ورثو آھي. حڪمت مسلمانن جي وڃايل ملڪيت آھي، جنھن کي ھوا ۾ اڏامي ۽ دريا ۾ تري وڃي ھٿ ڪري. علم اسانجو مقصد آھي. چين ۾ حاصل ٿئي ته چين ۾ وڃون. اھي محمدي فرمان آھن جنھن جا قلندر تابعدار آھن.
    قلندر نه ڏکوئين نه رنجائين نه مارين، نه پنھنجي قدم کي مرڻ مارڻ ڏين. اسان تششد کان پري ڀڄون، خونريزيءَ کان پرھيز ڪريون، مخلوق جا ڏک درد پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھي ٻنھي جھانن جو سير ڪندا رھون. ڪڏھن جبلن جي غارن ۾، ڪڏھن بيابانن جي پڌر ۾، ڪڏھن اوليائن جي درگاھن تي، ڪڏھن سنڌ ۾، ڪڏھن پاڻي پٽ ۾، ڪڏھن مسجدن ۾، ڪڏھن ميخانن جي دروازن تي، لڪندا وتون لوڪ ۾. اسانجي نه ڪنھن سان دوستي نه دشمني، پر تنھن ھوندي به آھيون پنھنجي خدا ۽ قوم جا وفادار، جي حڪم ٿئي ته ائٽم بم جي مقابلي لاءَ تيار آھيون. سنڌ اسانجي آھي، پاڪستان اسانجو آھي، ھندوستان اسانجو آھي، سارو جھان اسانجو آھي، مشرق اسانجو، مغرب اسانجو، اسان خدا جا، ملڪ خدا اسانجو. پنھنجو فرض پورو ڪندا رھون ٿا. نه دوزخ جو خيال، نه جنت جي تمنا، نه ڊالرن جي طمع نه ائٽم بم جو الڪو.
    قلندر بنا ھٿيارن جي جنگ ڪندا آھن ۽ تيرن ۽ تفنگن کانسواءِ ملڪن جا ملڪ فتح ڪري وٺندا آھن. قلندري فتوحات تا قيامت قائم رھنديون. دريا اسانجو لشڪر آھي جنھن ۾ فرعون فنا ٿي ويو. فارڊ ڪچنر به لڙھي ويو. زلزلو اسانجي پلٽڻ آھي، جنھن قارون کي سندس خزانن سميت دفن ڪري ڇڏيو. مڇر اسانجو چوبدار آھي، جنھن نمرود کي ڪيرائي پٽ تي ھنيو. اسانجي الله جي حڪم سان دريا خشڪي ٿي پوي ۽ خشڪي دريا ٿي وڃي، ھوا طوفان ٿي دشمن کي ڀڄائي ڇڏي، خاڪ ھوا ۾ اڏامي دشمن کي انڌو ڪري ڇڏي. اسان خاڪي به آھيون ۽ نُوري به آھيون، ھر ھنڌ پھچي وڃون ٿا. قلندرن جي اشارن سان قيصر ۽ ڪسرائن جي محلاتن ۾ شگاف پئجي ويا، ڪوٽ ۽ قلعا ڊھي پيا. ڇا توھان جو خدا ۾ ايمان آھي، ڇا توھان جي روح ۾ روحانيت آھي، ڇا توھانجي نيت ۾ اخلاص آھي، ڇا توھان جي اخلاق ۾ پاڪيزگي آھي، ڇا توھان جي دل ۾ خدا جو گھر آھي، ڇا توھان ۾ عدل ۽ انصاف آھي، ڇا من ۾ محمدي محبت آھي، ڇا الله سان عشق آھي، ڇا ظلم ستم ۽ حرام کان پري آھيو، ڇا يتيمن، بيواھن، غريبن، مسڪينن جو دل ۾ درد آھي.ڇا توھان وٽ صديقي صداقت آھي، عثماني سخاوت آھي، حيدري فقر آھي يا فقيريءَ ۾ اميري آھي. ڪٿي آھي مساوات ۽ اخوت، ڪٿي آھي حريت ۽ عدالت؟
    اي خوبصورت محلاتن ۾ عياشين ڪرڻ وارؤ! درد وندن جي چيخ ۽ پڪار کان بي خبر بي پرواھه رھڻ وارو!! قلندر ڏسي رھيا آھن ته توھان جا تاج ۽ تخت اونڌا ٿيڻ وارا آھن. توھان جا قلعا ۽ محل ڊھڻ وارا آھن، توھان پنھنجي ائٽم بم سان پاڻ کي ختم ڪندؤ. توھان پنھنجي ظلم سان پنھنجي ڪنڌ تي ڪاتي وھائي رھيا آھيو، توھان پنھنجي شرابي تھذيب ۾ غرق ٿيڻ وارا آھيو، توھانجي بي حيائي توھان کي انسان مان حيوان بڻائي ڇڏيو آھي. ترسو! ترسو! باز اچو، باز اچو، توبه ڪريو، رجوع ٿي وڃو پنھنجي خدا جي طرف، رشوتون بند ڪريو، ڪوڙ ۽ ٺڳي ڇڏي ڏيو، قلندر جي صدا سُڻو! الله جا ٿي وڃو، پوءِ الله توھانجو ٿي ويندو. پوءِ جنھن واسطي الله آھي، تنھن واسطي سارو جھان آھي. پوءِ نه توھانکي باھه ساڙي سگھندي، بلڪ توھان لاءِ گلزار ٿي ويندي، نه ائٽم بم توھانجو وار ونگو ڪري سگھندو، بلڪ قلندر جي دعا سان موٽي انھن تي پوندو جي توھان تي ظلم ڪرڻ ٿا گھرن! قلندر مست مست قلندر.

    روزانه ” سنڌ “ ڪراچي، اڱارو 24 آگسٽ 1948ع


    ڪک ھيٺان لک

    توکي ڪھڙي خبر ته ڪکن ھيٺان ڪو لک لڪل آھن. ٻوٽن جي پويان ڪو شينھن ستل آھي. زمين جي ھيٺان ڪو خزانو ڏٽيل آھي. دريا جي اندر ڪو موتين جو فرش وڇايل آھي. ڪائنات جو ھر ذرو اسرارن سان ڀريل آھي. مٽيءَ ۾ ڪا ڪيميا رکيل آھي. پاڻيءَ ۾ بجلي لڪل آھي. ڦاٽل ڪپڙن وارو ڪو دل جو به ڦٽيل آھي. جو خاڪ ۾ پيو آھي سو آسمان جو سير ڪري رھيو آھي. اڙي جاھل تنھنجي آواز جي برقي رفتار آھي، تنھنجي آہ عرش عظيم تائين پھچندڙ آھي، تنھنجو وجود ڪرامتن جو مرڪز آھي، تون خدا جو زندہ معجزو آھين، جنھن توکي اپايو آھي، نپايو آھي، پاليو آھي سو توتي فخر ڪري ٿو، توسان عشق رکي ٿو. حيف آھي تنھنجي حال تي جو تون عشق جو حق ادا نٿو ڪرين. تون ھوش ۾ عقل ڌار، علم حاصل ڪر ۽ پنھنجو پاڻ سڃاڻ، نافرمان ۽ نمڪ حرام نه ٿي، محبت جو حق ادا ڪر، شرم ڪر، حيا ڌار، تون پاڻ کي مسلمان سڏائين ٿو. تون پاڻ کي فرمانبردار بندہ چوائين ٿو، تون پاڻ کي سنڌي سڏائين ٿو. آخر ٻڌاءِ ته سھي، تو سنڌ لاءِ ڇا ڪيو آھي، ڪھڙي تو ۾ قوميت آھي، ڪھڙي تو ۾ وطنيت آھي، ڪھڙي تو ۾ اسلاميت آھي، تون ڪھڙي درد جو علاج آھين، تون ڪھڙي مرض جي دوا آھين، ڪھڙو تو ۾ ڪمال آھي، ڪھڙي تو ۾ فضيلت آھي، ڪھڙي تو ۾ تھذيب آھي، ڪھڙو تو ۾ اخلاق آھي. آخر تون ٻڌاءِ ته تو پنھنجي قوم لاءِ ڇا ڪيو آھي؟ تون غريبن جو رت چوسي وڏو ٿيو آھين، توکي پنھنجي دولت تي ناز آھي. ڇا اھا دولت تو وٽ رھندي، تنھنجي ٻچن وٽ رھندي ۽ ڪيترا ڏينھن رھندي، جڏھن سنڌي مسلمانن ۾ ۹۵ سيڪڙو جاھل ۽ مسڪين ھجن، پوءِ به تون دعويٰ ڪندو رھين ٿو ته تنھنجي سموري حياتي سنڌ جي مسلمانن جي خدمت ڪرڻ ۾ خرچ ٿي چڪي آھي، تو خاڪ انھن جي خدمت ڪئي آھي، جڏھن تو ساري قوم کي بي دين، جاھل، بد اخلاق، مسڪين، مريض ۽ غلام ڪري رکيو آھي. جنھن شخص جي قوم بک، بيمارين، جھالت، مسڪيني، بد اخلاقي، بدڪاري، بيڪاريءَ ۾ پئسي جي نه ھئڻ سبب مبتلا ھجي، جنھن شخص جي قوم وٽ پئسي نه ھئڻ سبب نه عملي ڪتاب ھجي، لٽريچر نه ماھوار رسالا، نه روزانه اخبارون ھلائي سگھي ۽ نه پنھنجي مذھبي ۽ اخلاقي ۽ مالي حالت بھتر ڪري سگھي، سو پنھنجي شخصي ۽ خانداني ضرورتن کان ۵ ڀيرا وڌيڪ پاڻ وٽ دولت رکيو ويٺو آھي ته پوءِ اھڙو شخص جيڪڏھن اسلامي لغت ۾ مسلمان آھي ۽ انساني لغت ۾ انسان آھي ته پوءِ نه دنيا ۾ ڪافر ڪافر آھي ۽ نه حيوان حيوان آھي. سنڌ ۾ جڏھن ان قسم جا انسان مسلمان قوم جا رھبر ھجن ته پوءِ قلندر جي دل مان اھڙن ماڻھن لاءِ ڪھڙي دعا نڪري سگھندي؟
    مسلمانن کي خدا، ڪھڙي خدا وندي مشن جي پوري ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آھي؟ شاہ عبداللطيف سنڌ ۾ ڇو پيدا ٿيو؟ قلندر سنڌ ۾ ڇو پنھنجو ديرو ڄمايو؟ انڊس ماٿريءَ جي ڪھڙي علائقي ۾ اصحابن سڀ کان اول قدم رکيو؟ ھندوستان کي اسلام جو فيض ڪٿان حاصل ٿيو؟ بايزيد بسطاميءَ کي روحاني فيض ڪٿان نصيب ٿيو؟ عبدالقادر جيلانيءَ جو پوٽو ڇو سنڌ ۾ مدفون ٿيو؟ قرآن جا مفسر ڇو ھتان اٿيا؟ مذھبي درس ۾ ڪنھن جا ڪتاب داخل ٿيا؟ تصوف جا چشما ڪٿان جاري ٿيا؟ ڇو اڪبر سنڌ ۾ ڄائو؟ ڇو شيرشاھه سوري ملتان مان نڪري نروار ٿيو؟ ڇو بلگرامي سادات سنڌ ۾ وارد ٿيا؟ بيربل ۽ ملافيضي ڪٿي جا رتن ھوا؟ شاھه اسماعيل دھلوي ڇو سنڌ مان جھاد جاري ڪئي؟ حرمين شريف، بغداد، دمشق ۽ قاھرہ جي مدرسن ۾ ڪنھن درس ڏنو؟ ڇا سنڌ جي سرزمين عرب جو حصو آھي يا ايشيا جو مرڪز آھي؟ ڇو خلافت جو غلبو سنڌ مان اٿيو؟ ڪنھن ھجرت جي ھل چل ھلائي؟ ڪنھن ترڪ موالات جي تجويز پيش ڪئي؟ ڪنھن پاڪستان جي صدا بلند ڪئي؟
    اي سنڌ جا مسلمان! تون ٻڌاءِ ته سھي ته ڇا تون به مسلمان آھين؟ڇا تنھنجي روح به حجازي ھير جي وچ ۾ پرورش پاتي آھي؟ تنھنجي من ۾ محمدي محبت جي ڪارتي بچي ويئي آھي؟ ڇا تنھنجو وجود به تصوف جي خزانن جو امين آھي؟ ڇا تون به عملي ڪمال ۾ دنيا ۾ ڪو نالو ڪڍيو آھي؟ ڇا وڏن جي ورثي مان توکي به ڪو حصو مليو آھي؟ ڇا اڄ به تون دنيا جي ڪنھن يونيورسٽي جو استاد ۽ پروفيسر آھين؟ آھي تنھنجو ڪو لکيل ڪتاب دنيا جي ڪنھن درس ۾ داخل؟ اڄوڪي لٽريچر ۾ توکي به ڪو حصو حاصل آھي؟
    پريشان نه ٿي اي برادر! تنھنجو مستقبل اڃا به روشن ٿي سگھي ٿو. اڄ مان تون پنھنجو سڀاڻي ٺاھي سگھين ٿو. امروز کان تنھنجو فردا مون کي وڌيڪ عزيز آھي، دنيا ۾ بادخزان جي حملن کان ڪوبه پاڻ کي بچائي نه سگھيو آھي، پر تنھنجي بھار اچڻ واري آھي، تنھنجو ستارو روشن ٿيڻ وارو آھي،تنھنجو خمير ۽ ضمير ٻئي فطرت تي قائم آھن. تو ۾ اڃا تائين سادگي ۽ سچائي ۽ اخلاص جون صلاحيتون موجود آھن، تو ۾ ھيرا موتي لعل لڪل آھن. جيڪڏھن پاڪستان کي ڪراچي جي ضرورت آھي ته سموري مشرق کي سنڌ جي ضرورت آھي. تنھنجي زبان فطرت جي ترجمان آھي، تنھنجو قلب فرشتن جي منزل گاھه آھي. تون منزل جي ويجھو پھچي ويو آھين، تون سستي نه ڪر، ھمت نه ڇڏ، حوصلو ڌار، وک وڌاءِ، منزل مقصود بلڪل قريب آھي، بخل نه ڪر، بي ايمان نه ٿي، جھالت ڇڏي ڏي، اخلاق درست ڪر، علم حاصل ڪر ۽ عمل به ڪر، اخلاق پيدا ڪر، پوئتي نه پؤ، پٺيان نھار، واٽ تي جبل اچي، ٿڏيندو وڃ، بيابان اچي لتاڙيندو وڃ، دريا اچن پار لھندو وڃ، لالچون اچن ته ڌيان نه ڏي، فولادي ارادو ڌار، عزم راسخ رک، نظر بلند رک، پنھنجي قوم جي دل وٺ ۽ ھن کي غار مان ڪڍي ٻاھر ڪر، سنڌ جي ريگستان کي گلستان بڻائي ڇڏ ۽ تون ان گلستان جو ھڪ گل گلاب جو آھين. تون پنھنجي خوشبوءِ سان ساري پاڪستان کي خوشبودار ڪري ڇڏ. تون مرد مجاھد آھين. جنھن نفس کي ماريو تنھن دشمن کي ماريو، جنھن نفس کي سڃاتو تنھن رب کي سڃاتو، جنھن نفس کي تابع ڪيو تنھن شينھن ۽ ھاٿين کي به تابع ڪيو، جنھن نفس سان جنگ ڪئي تنھن فرعون ماري مڃايو. جنھن نفس کي شڪست ڏني تنھن شيطان کي شڪست ڏني، جنھن نفس کي مطيع ڪيو تنھن جنن ۽ فرشتن کي مطيع ڪيو، جنھن نفس تي قبضو ڪيو تنھن سڀني عناصرن تي قبضو ڪيو.
    اھڙو اڪيلو مجاھد فوجن کي ڀڄائي ڪڍندو، ھوا جو رخ ڦيري سگھندو، بندوقن جون گوليون، توبن جا گولا، ائٽم بم جا شعلا، ھن جي حڪم سان پاڻي ٿي پوندا، محمدي محبت جا ماريل ھرگز ڪين مرندا، اھي جُڳ جُڳ جئرا رھندا. ھي جھان به انھن جو آھي، تون توبھه ڪر، سجاڳ ٿي، قلندري دعوت قبول ڪر، ۽ مرد مجاھد ٿي وڃ، اي سنڌ جا مسلمان!

    روزانه ” سنڌ “ ڪراچي، آچر 29 آگسٽ 1948ع


    مجاھد جو موت

    مجاھد کٽ تي مري يا پٽ تي، گھر ۾ مري يا ميدان ۾، صلح ۾ مري يا جنگ ۾، بيماري ۾ مري يا اوچتو مري، پر ھو مرڻ سان نٿو مري، ھو بلڪل زندہ آھي. موت ھن جي لاءِ شھادت آھي ۽ حيات جاوداني آھي. ھو مُئي کان پوءِ به پنھنجي قوم جو سرتاج آھي. ھن جي شھادت قوم جي زندگي آھي ۽ قوم جي نجات آھي.
    نامعلوم شھيدن جي قربانيءَ تي ملت جي زندگيءَ جو دارومدار آھي. جنھن مسلمان جي دل ۾ شھادت جي تمنا نه آھي سو حيوان کان بدتر آھي. جو خدا جي واٽ ۾ لڙي مري ٿو، انسانيت ۽ عدل خاطر مري ٿو، وطن جي آزادي ۽ قوم جي حفاظت لاءِ مري ٿو، مظلومن ۽ مسڪينن جي مدد لاءِ مري ٿو، بدڪارين ۽ براين جي پاڙ پٽڻ لاءِ مري ٿو ۽ خدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ مري ٿو، سو شھادت جو درجو حاصل ڪري ٿو.
    ھو مُئي کانپوءِ پنھنجي رب جو معزز مھمان ٿي رھي ٿو. بلبل مفتون ۽ مستاني ٿي وڃي ٿي تھڙي ريت ھي بھشت جو پرندو پنھنجي رب جي احسانن ۽ انعامن تي مستومست مدام رھي ٿو. ميزبان تي قربان، ھو فرشتن جي محفل ۾ رھي فرشتن وانگر پر لڳائي پرواز ڪري ٿو.
    خدا خود قرآن ۾ ايماندارن، نيڪوڪارن، پرھيزگارن ۽ سچ تان صدقي ٿيڻ وارن سان پنھنجي محبت جو اظھار ڪيو آھي، خداوندي محبت جي مقناطيسي ڪشش ۽ اثر کان ھڪ معدنيات جو پتلو ڪھڙي ريت پاڻ بچائي سگھندو؟ آھي ممڪن پرواني لاءِ ته پاڻ کي باھه جي ڪشش کان بچائي سگھي؟ تون پنھنجي جھان جي رازن کي پوري طرح سان پروڙي نه سگھيو آھين، سو تون ڇان سمجھي سگھندين عشق ۽ محبت جي دنيا کي!
    مولا جي واٽ ۾ بھشت به ھڪ منزل آھي ۽ دوزخ به ھڪ منزل آھي. ھڪڙي منزل آھي نيڪوڪارن ۽ ٻي بدڪارن لاءِ، تون آھين پنھنجي جنت ۽ جھنم جي بڻائڻ وارو، ھڪڙي منزل مولا کي قريب آھي ۽ ٻي دور آھي. ھڪڙي انعام جي جاءِ آھي ۽ ٻي سزا جي جاءِ آھي. انعام وٺي تون روحاني ترقي ڪندو رھندين ۽ آخرڪار مقربن ۽ فرشتن جي مجلس تائين پھچي ويندين ۽ سزا ڏيئي تنھنجي اصلاح ڪئي ويندي.
    دنيائون خدا جون لکين ۽ ڪروڙين رات جو تنھنجي نظر اڳيان تارن وانگر چمڪنديون رھن ٿيون. انھن دنيائن جي وجود کان توکي انڪار نه آھي ڇاڪاڻ ته گھٽ ۾ گھٽ تون انھن کي اکين سان ڏسي سگھين ٿو. اگرچ اھا به حقيقت آھي ته انھن دنيائن جي اصلي حقيقتن ۽ حالتن جو توکي ڪو علم ڪونھي. اڙي نادان! تون يقين ڄاڻ ته انھن دنيائن جي پٺيان ڪي ٻيون به دنيائون آھن جن جي حقيقت به اڃا تائين توکان ڳجھي رکي ويئي آھي ۽ جي مئي پڄاڻان توکي ڏسڻ ۾ اينديون.
    تون عجيب نادان آھين جو پنھنجي جھان جي انعامن ۽ سزائن ۾ ايمان رکين ٿو پر جو جھان تو اڃا نه ڏٺو آھي، ان جي انعامن ۽ اڪرامن، سزائن ۽ جزائن ۾ ايمان نٿو رکين.
    تون انڌو آھين ۽ زندہ در گور آھين. تنھنجو جھان ھڪ شاھي قبرستان آھي. تنھنجو اصلي جھان ٻيو آھي، جتان تنھنجي ڏاڏي آدم کي قيد ڪري ھيڏانھن موڪليو ويو آھي. تنھنجو مثال ان قيديءَ وانگر آھي جنھن کي جڏھن جنم ٽيپ جي سزا ختم ڪرڻ کانپوءِ جيل مان آزاد ڪيو ويو تڏھن ھو زارو زار روئي چوڻ لڳو ته مونکي جيل مان ٻاھر نه ڪڍو. تنھنجي واسطي به سزا جو مدو مقرر آھي ۽ ان جي ختم ٿيڻ کانپوءِ توکي موٽي پنھنجي وطن وڃڻو آھي. تون ۽ تنھنجا عزيز پنھنجو اصلي وطن وساريو ويٺا آھن، ھن جھان جي جيل سان انھن جي دل لڳي ويئي آھي پر مجاھد في سبيل الله پنھنجي اباڻي وطن ۾ موٽي وڃڻ لاءِ سدائين بيقرار رھي ٿو. ڇا تو پيغمبري ارشاد نه ٻڌو آھي ته ”دنيا ايماندارن لاءِ قيدخانو آھي“ ڇا تو ھي قول به ٻڌو آھي يا نه ته ”وطن جي محبت ايمان جي علامت آھي.“ مجاھد جو موت ھن جي شھادت آھي. شھادت ھميشہ جي حيات آھي. سنڌ جو مسلمان، نوجوان مرد، ۽ نوجوان خاتون مسلمان نه ٿيندا جيڪڏھن انھن ۾ شھادت جي تمنا موجود نه آھي. سنڌ لاءِ، پاڪستان لاءِ، مسلم قوم لاءِ، انسان ذات لاءِ، اسلام جي عزت ۽ وحدت لاءِ جو مرڻ لاءِ تيار نه آھي سو ھرگز مسلمان جي موت نه مرندو. ھي جھان ڪانئرن ۽ بزدلن لاءِ نه آھي. ڪانئر جھڙا ڄاوا تھڙا نه ڄاوا. ڪانئر قومون ھڪ ٻئي پٺيان صفحه ھستيءَ تان مڪي ويون، انھن جي برباديءَ تي نه آسمان کي ڪو درد ٿيو نه زمين کي، نه زمين رُني نه آسمان رنو. خدا جا ازلي ۽ ابدي قاعدا آھن جي سڀني قومن سان ھڪجھڙا لاڳو آھن. ھي جان جان آفرين جي آھي جنھن ڏني آھي وٺي ڇڏي آھي، جو خوشيءَ سان نه ڏيندو تنھن کان زبردستيءَ سان ورتي ويندي، جو خوشيءَ سان ڏيندو سو فرمانبردار ۽ مجاھد آھي، جو زبردستيءَ سان ڏيندو سو نافرمان ۽ مردود آھي.
    سنڌ جو مسلمان ساري جھان کان نالان آھي، الاجي ڇو؟ عزيز من! جڏھن تون اھڙن ماڻھن کي پنھنجو رھبر چونڊيو آھي، جي اول درجي جا چور ۽ رشوت خور ھجن، جي ڌاڙيل ۽ بلئڪ مارڪيٽر ھجن، جي بداخلاق ۽ بدچال ھجن، جي مظلومن کي پناھه ڏيڻ جي بدران خونين ۽ ڌاڙيلن کي پناھه ڏيڻ وارا ھجن، جي منافق ھجن، جن جا وڏا پيٽ ڏيکاري رھيا ھجن ته انھن جا چارئي پاسا حرام سان ڀرپور آھن. الاماشاءالله، جن کي سندن سموري زندگيءَ ۾ اسلام يا قوم يا وطن جي نالي ۾ ڪڏھن ھڪ ڪنڊو به پير ۾ نه لڳو، پر تنھن ھوندي به سنڌ جي مسلمانن انھن کي پنھنجو امام، رھبر ۽ عيوضي ۽ مرشد ڪري ورتو پوءِ اھڙي حالت ۾ جڏھن تون پاڻ پنھنجو دشمن آھين تڏھن توکي ساري جھان کان نالان ٿيڻ جو ڪھڙو حق حاصل آھي.
    مونکي معلوم آھي ته تون مجاھد ۽ غازين، اوليائن ۽ عالمن جي اولاد آھين پر ٻڌاءِ ته سھي تون ڇا آھين ۽ جنھن کي تو پنھنجو اڳواڻ چونڊيو آھي سي ڇا آھن؟ جيڪڏھن پنھنجن بزرگن وانگر تو ۾ اڄ به علمي ڪمال پيدا ٿي پوي ۽ تون پاڪستان ۽ دنيا جي يونورسٽين ۾ نمايان حصو وٺين، جيڪڏھن تو ۾ اڄ به مجاھدن ۽ نمازين وارو ايمان پيدا ٿي پوي ۽ تون پاڪستان ۽ دنيا جي فوجي ڪاليجن ۾ داخل ٿي وڃين، جيڪڏھن تو ۾ اڄ به حجازي لئي لطيفي لئون ۽ قلندري قرب ۽ قرابت پيدا ٿي پوي، تون روحانيت ۽ معرفت ۾ استاد ٿي پوين ته قسم آھي ان رب جو جنھن جي ھٿن ۾ قلندر جي جان ۽ عزت آھي ته تون اڄ به نه فقط پاڪستان جو پر ساري ايشيا کنڊ جو بلڪ سموري دنيا جو دلبر ۽ دلدار، مقبول ۽ محبوب ٿي سگھين ٿو. تون نااميدي پست ھمتي، سستي، بخل ۽ بداخلاقي ڇڏي بيدار ٿي وڃ ۽ الله جو نالو وٺي اڳتي وڌ، قمه باذن الله!!

    روزانه ” سنڌ “ ڪراچي، خميس 2 سيپٽمبر 1948ع


    طالب علم

    تون پاڻ کي طالب العلم سڏائين ٿو. آخر ٻڌاءِ ته سھي ته الله جي اسرارن مان تو ڪھڙي ڳالھه پڙھي يا پروڙي آھي؟ ڇو ڪيميائي سعادت، احياءالعلوم، حقيقت الارواح، قصوص الحڪم، مدارج السالڪين جھڙا ڪتاب تنھنجي درس ۾ داخل نه آھن؟ تو آسماني علمن مان ڇا پڙھيو. تو زمين جي علمن مان ڇا پڙھيو آھي، تو معدنيات، جمادات، نباتات، حيوانات، الاھيات، روحانيات، ايجادات، علم ھيئت، علم ڪيميا، علم الاشياءِ، علم تواريخ، علم جغرافيه، علم ادب، منطق ۽ فلسفي مان ڇا پڙھيو؟ اي ڪاليج جي ڊگريءَ تي ڦونڊجي ھلڻ وارا! آخر ۾ ٻڌاءِ ته سھي ته علم جي لامحدود بحر مان ڪيترا قطرا تنھنجي پلاند ۾ پيا آھن ۽ تنھنجي ظرف ۾ داخل ٿيا آھن؟
    خدايا! تون منھنجي قوم کي ھر شيءِ جي حقيقت کان آگاہ ڪر، خدايا! تون منھنجي قوم کي علم جي درياءَ مان ٻه چار قطرا نصيب ڪر، خدايا! تون منھنجي قوم کي علم حاصل ڪرڻ جي اھڙي پياس ڏي جا ڪڏھن به پوري نه ٿئي، خدايا! تون ڪائنات جي علمي خزاني مان منھنجي قوم کي مالا مال ڪر، خدايا! تون زندگيءَ جي يوم اول کان وٺي يوم آخر تائين منھنجي قوم جي ھر فرزند ۽ ھر دختر جي علم ۾ اضافو ۽ ترقي عطا ڪر، تون اھو علم ڏي جو منھنجي قوم لاءِ سعادتمندي، اقبالمندي ۽ نقطه منديءَ جو باعث ٿئي، تون اھڙو علم عطا ڪر جو منھنجي قوم حقيقت شناس، حقيقت دين، عامل ۽ حقائق ۽ داناءِ راز ٿي وڃي پر اي برادر! ھي ڪھڙو علم آھي جو تون پڙھي رھيو آھين. پڙھندي پڙھندي تنھنجو قلب پٿر، دماغ ڪُند، اخلاق چٽ، دين خراب، دنيا برباد، خيال پريشان ٿي چڪا آھن. تون لکي لکي ڪاپيون ڪري چُور ٿي پيو آھين، جنھن پڙھڻ سان قوم جو ٻيڙو پار ٿيندو آھي، جنھن پڙھڻ فضل ۽ ڪمال حاصل ٿيندو آھي، جنھن پڙھڻ سان علم ۽ عمل حاصل ٿيندو آھي. ۽ تو فطرت شناس ۽ خدا شناس ٿي وڃين سو علم اور آھي، سو فھم ئي نرالو آھي، سو سبق ئي جدا آھي. سڀ ڪتاب پڙھي پورا ڪري ڇڏ، سڀ اکر لکي ڪارا ڪري ڇڏ، سڀ علم سکي حاصل ڪري ڇڏ، پر آخرڪار پڙھي ڪيترو پڙھندين، لکي ڪيترو لکندين؟ بيشڪ معلوم دنيا کي پنھنجو قلم ڪر، ۽ نامعلوم دنيا کي پنھنجي مس ڪر، پوءِ ڪتابن پٺيان ڪتاب لکندو وڃ ۽ پڙھندو وڃ، پر ڪل ڪائنات جا حرف صرف ھڪ اٿئي، ۽ جيڪڏھن پنھنجي نظر ۽ پنھنجو عمل نيڪ رکندين ته تولاءِ بسم الله ئي بس آھي. نه ته تون جيڪو پڙھيو سو نه پڙھيو، جيڪو تو لکيو سو نه لکيو. علم کان سواءِ قوم زندہ نه ٿيندي . عمل کان سواءِ علم بيڪار آھي.
    عِلم جي پاڻيءَ کان سواءِ تنھنجي زمين آباد نه ٿيندي، علم کان سواءِ تنھنجي قوم آباد نه ٿيندي، علم روح جي خوراڪ آھي، علم قوم جي نجات آھي. علم جي مطابق سڀني لاءِ درجا آھن. پر عمل اھو آھي جو نيڪ عمل ھجي، عمل اھو آھي جنھن ۾ نيت به نيڪ ھجي، عمل اھو جنھن ۾ اخلاص ھجي. اي سست ۽ ستل قوم! اي منھنجي ستايل ۽ غافل قوم! اي سنڌ جا مظلوم مسلمان! اي سنڌ جا مسڪين مسلمان! سجاڳ ٿي، سجاڳ ٿي، سجاڳ ٿي، توکي زمانو لتون ھڻي بيدار ڪري رھيو آھي.
    سجاڳ ٿي، ھوشيار ٿي، قومن جا قافلا گھڻو اڳتي وڌي ويا آھن! تنھنجو ڪاروان گپ ۾ گتو پيو آھي. تون قلندر جي پڪار ٻڌ، تون نيڪيءَ جي ميدان ۾ قدم رک، نه ته تنھنجو قافلو لُٽجي وڃڻ وارو آھي. اڃا دنيا کي تنھنجي ضرورت آھي. تو وٽ اخلاص آھي، ايمان آھي، دنيا کي تنھنجي اخلاق ۽ ايمان جي ضرورت آھي، توکي قسم آھي ان شخص جو، جنھن سڀ کان پھرين سنڌ جي سرزمين تي الله اڪبر جو نعرو بلند ڪري پنھنجي الله تي ايمان آندو ۽ ڪراچيءَ کان وٺي ڪلڪتي تائين اسلام جو نقارو وڄائي ڇڏيو، توکي قسم آھي اُنھن اصحابن جو جن سنڌ جي سرزمين تي جامِ شھادت نوش ڪيو، توکي قسم آھي شاھه عبداللطيف جو جنھن ڪلام الله کي سنڌ جي بيتن ۾ بيان ڪيو، ” ھي جي بيت ڀانئين سي آيتون آھين، نيو من لاھين پرين سندين پار ڏانھن“. اي اسلام جي وفادارن ۽ شيدائين، غازين ۽ شھيدن، عالمن ۽ فاضلن، اوليائن ۽ صالحين جا فرزندو! اوھان کي پاڪستان ۽ ھندوستان جو اسلام پڪاري ۽ سڏي رھيو آھي ته اُٿو ۽ ھميشہ لاءِ اُٿو ۽ پنھنجي پسماندہ قافلي کي سڀ کان پھرين قطار ۾ وٺي وڃو، ۽ اسلام جي حفاظت واسطي، پاڪستان جي آزاديءَ لاءِ ھر قرباني ڪرڻ واسطي تيار ٿي وڃو.

    روزانه سنڌ- ڪراچي 3 آڪٽوبر 1948ع


    عشق جي وادي

    اي برادر! تون عشق جي واديءَ ۾ قدم رکڻ ٿو گھرين پر سنڀالي قدم رک، قلندر عشق ڪمائي ڏٺو آھي، تنھنڪري توکي خبردار ڪرڻ ٿو گھري، تون عشق جي پچر ڦٽي ڪر نه ته عشق انڌو آھي ۽ توکي دربدر ڪري ڇڏيندو، اول معلوم ڪر ته عشق ڇا آھي؟
    ساري جھان ۾ جنھن به جاءِ تي، جيڪو به دک درد ھو سو ھڪ ھنڌ گڏ ڪيائون ۽ ان جو نالو رکيائون عشق. ان سرد، رنگ زرد، چشم گريان، دل بريان، جگر ڦٽيل، جسم زخميل، مٿو اگھاڙو، ڪپڙا ڦاٽل، خانه بدوشي، فاقه مستي ۽ پياس، نااميدي، بيھوشي ۽ استغراق، جدائيءَ جو غم ۽ فراق، محبوب محجوب، معزور ۽ مجبور، زمانو ظالم ۽ ھوا ناموافق، تمنا وصال جي پر مشڪلاتون بي شمار، معشوق ھڪڙو ۽ عاشق لک ھزار، حسين لايزالي ۽ شباب لازوالي، نگاھه قيامت خيز، اکيون آبدار، رخسار لاله زار، لب شيرين، ڏند جھڙا موتي، چھرو جھڙو چنڊ، صنوبر جھڙو قد، زبان ۾ حلاوت، قدمن ۾ نزاڪت، طبيعت ۾ شوخي، ھلت ۾ بي نيازي، ظاھر خاموشي باطن راضي، نه داد نه فرياد، قلندر اٺئي پھر اداس، نالان ۽ پريشان، واٽ وڃڻ جي نه جاءِ مرڻ جي. اڙي نادان! متان ھن ڄار ۾ ڦاٿو آھين. متان ھن ميدان ۾ گھِڙيو آھين، جي سِر جو سانگو ڪرين ته پير ھن پڙ ۾ نه پاءِ، مجازي معشوق جي زلفن ۾ جي ڦاٿا آھن تن قيامت تائين وري ڪنڌ مٿي نه کنيو آھي، تون پاڻ تي ظابطو رک، ھن دلدل کان پري ٿي. پنھنجن پيرن ٿي بيھه، حرص ۽ حوس ڇڏي ڏي. تنھنجو عشق شھواني آھي، نه مجازي آھي، حقيقي آھي. حقيقي عشق فقط قلندرن جو مَرڪ آھي. ھوشيار ٿي، ھوش رک، عشق حقيقي ڌار. عشق الله جي باھه آھي جنھن ۾ ساري دنيا سڙندي رھي ٿي، ان باھه مان ھر شيء پاڪ ۽ صاف نڪرندي آھي، تون سمجھين ٿو ته دنيا بي سبب ۽ بي مقصد پيدا ٿي آھي. پر ڄاڻ اي نادان! ھي سمورو مانڊاڻو عشق جو مظھر آھي، خدا خود جڏھن پاڻ تي عاشق ٿيو تڏھن ھي عالم ظھور ۾ آندائين، ھڪڙو تون آھين جنھن جو نه پاڻ سان عشق آھي ۽ نه عاشق حقيقيءَ سان، تنھنجي اکين تي مون ۽ تون جا پردا پئجي ويا آھن نه ته حقيقت ازخود ظاھر ٿي پوي. اھي پردا جڏھن ھٽي دور ٿيندا تڏھن حقيقت پنھنجو اظھار ڪندي، نه تون ھوندو ۽ نه مون ھوندو پر جو آھي فقط سو ھوندو، آفتاب پنھنجي ترورن کان جدا نه ھوندو آھي، عاشق پنھنجي معشوق کان ھرگز جدا نه ھوندو آھي. ڪابه شيء پنھنجي پاڇي کان جدا نه ھوندي، ھيءَ سموري ڪائنات آفتاب جو ڪرڻو ڪري ڄاڻ، درياءَ جي ڇولي ڪري سمجھه، وجود حقيقي جو پاڇو ڪري سمجھه. ھو اول آھي، جنھن کان اڳ ڪابه شيء رھڻ واري نه آھي، ھو ظاھر آھي جنھن کان ڪابه شيءِ موجود نه آھي. ھو باطن آھي جنھن کانسواءِ ڪو معبود ڪونھي، ھن کانسواءِ ڪو موجود ڪونھي! ھن کانسواءِ ڪو مقصود ڪونھي، ھن کانسواءِ ڪو ڪونھي، ھو آھي ۽ فقط ھو آھي.
    اھوئي سبب آھي جو قلندر ڏينھن رات ھو ۽ ھو جو وظيفو پڙھندا آھن، اھو اسم اعظم آھي. تون پڙھي ڏس، اھو ورد ۽ وظيفو جاري رک، پوءِ ساري ڪائنات ھو ۽ ھو جو ذڪر ڪندي توکي نظر ايندي، پر تو ھن کي ھن جي خاطر ڪڏھن به ياد نه ڪيو آھي، تنھنڪري تنھنجي واسطي دوزخ تيار رکيو آھي، جنھن مان ھر انسان کي لنگھڻو پوندو. گناھن کان ڪوبه ڇٽل ڪونھي، پر جن جا گناھه معاف ٿي ويا سي معصوم آھن، ڪي جيئري پار پئجي ويا، ڪي قبر ۾، ڪي برزخ ۾ ۽ ڪي قيامت ۾ پار پئجي ويندا. ڪو اک ڇنڀ ۾، ڪو سيڪنڊ ۾، ڪو سالن ۾، ڪو صدين ۾، ڪو ھن جي ارادي پوري ٿيڻ تائين دوزخ مان لنگھي پار پوندو. ھو ھر روز نئين ۽ نرالي شان ۾ظاھر ٿيندو رھي ٿو. ھن جو ھر روز ھزارن سالن جي برابر آھي، جھان ٺاھيندو ۽ ڦٽائيندو رھي ٿو، ھڪڙو گلستان ويران ڪري ٿو ۽ ٻيو تيار ڪري ٿو. ھن جي رازن ۾ وڌيڪ نه وڃ، قدم وڌاءِ ۽ ھن جي بارگاھه ۾ پھچي وڃ. تون پنھنجو جھان آباد ڪر پوءِ ھو تنھنجا ٻيئي جھان آباد ڪندو.
    تون پاڻ کان بيخبر ۽ ھن کان به بي خبر آھين، تون پاڻ کان دور ۽ ھن کان به دور آھين، تون پاڻ کي وساريو ويٺو آھين ۽ ھن کي به وساريو ويٺو آھين، تون پنھنجي دنيا ۽ دين خراب ڪيو ويٺو آھين، جو خود پنھنجي جان جو دشمن آھي سو خدا جو به دشمن آھي سو خدا جي دين فطرت جو دشمن آھي ۽ اسلام جو دشمن آھي.
    تون پاڻ کي مسلمان سڏائين ٿو تنھنڪري سمجھين ٿو ته تون اسلام تي آھين، پر اي برادر! خدا سارو جھان اسلام تي پيدا ڪيو آھي. خوشيءَ سان يا مجبوريءَ سان، ساري مخلوق اسلام جي حدود اربع اندر ڦاٿل آھي، ساري زمين سجدہ گاہ آھي ۽ ساري ڪائنات ھن کي سجدو ڪري ٿي. قومون قائم رھنديون جيستائين اسلام جي اصولن تي عمل ڪنديون، تون مسلمان سڏائڻ جي باوجود به اسلام کي وساريو ويٺو آھين، تنھنڪري خوار آھين، پر ٻيا اسلام کان بي خبر ھئڻ جي باوجود به ان جي اصولن تي ھلندڙ آھن، تنھنڪري سرسبز ۽ آباد آھن. تون باطن جي دعوى ڪندين ته رد ٿي ويندين، تنھنجي من گھڙت اسلام جي خدا کي پرواھه نه آھي. تون اول ثابت ڪر ته تون مسلمان آھين!
    اسلام خدا ترسي آھي، اسلام انسانيت آھي، اسلام اخلاق، اسلام حق جي حمايت آھي، اسلام عدل آھي، اسلام نظام عالم آھي، اسلام امن آھي، اسلام علم آھي، اسلام عمل آھي، اسلام نيڪي آھي، اسلام جامع شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت آھي، محمدي نعرو اسلام جي تڪميل آھي. تون پاڻ کي مصطفى جي سپرد ڪر، پوءِ حقيقت محمدي توتي روشن ٿيندي. جيئن اک ۾ تارو روشن آھي تيئن سارو جھان نُور محمدي ۾ ٽٻيون ھڻي رھيو آھي. ان نُور سان جھان روشن ۽ آباد آھي، اھو نُور نه ھجي ته جھان ۾ اوندھه ٿي وڃي ۽ قيامت قائم ٿي وڃي.
    جنھن ملڪ ۾ اھو نُور ھوندو سو غضب کان محفوظ رھندو، جنھن دل ۾ اھو نُور ھوندو سو عذاب کان ڇٽل آھي، ھو ساري جھان ۽ جھان جي قومن لاءِ رحمت آھي. بني آدم ھن جي امت ۾ داخل آھي، ھن جو پيغام ساري انسان ذات لاءِ آھي، جو پيروي ڪندو سو نجات پائيندو. جڏھن عشق محمديءَ قلندر جي قلب کي منور ڪيو تڏھن قلندر جي ڪايا پلٽجي ويئي، تون مايوس نه ٿي اي سنڌ جا مسلمان! ڪارا ڪڪر ھٽي پري ٿيڻ وارا آھن. طوفان جو دور لنگھي ويندو. تنھنجي گلستان ۾ بھار اچڻ واري آھي، تون اسلام جي ڪشتيءَ جو ناخدا ۽ پاسبان آھين، تون باب الاسلام آھين، رڳو خادم الاسلام ٿي وڃ. وفادار ٿي وڃ، پنھنجي دل ۾ عشق محمدي پچائيندو رھه، پوءِ ھي جھان به تنھنجو آھي ۽ ھو جھان به تنھنجو آھي.

    روزانه سنڌ- ڪراچي 2 آڪٽوبر 1948ع


    سنڌ سڪار

    نعرہءِ مستانه لکڻ ڪو مست قلندر جي اختيار جي ڳالھه نه آھي، آئون دل جو تابعدار آھيان ۽ دل منھنجي تابعدار نه آھي. ڪڏھن دل ۾ ايندو آھي، خدا کي به سچ سڻائجي، پر پوءِ پنھنجي گناھن تي جڏھن نظر پوندي آھي تڏھن شرمساريءَ کان ڪنڌ جھڪي پوندو آھي. تنھن ھوندي به حقيقت تي پردو وجھڻ ناممڪن آھي، حقيقت ھيءَ آھي ته ساري دنيا جي حڪومت شيطانن جي ھٿن ۾ ڏيئي ڇڏي اٿس. شراب خورن، حرام خورن، رشوت خورن، سمگلرن کي. خوني جنگين جي تياري ڪندڙن جو راڄ آھي. جيڪڏھن خدا کي سچ چوان ته ڪافر ٿو ٿيان، جيڪڏھن سرڪار کي سچ چوان ته باغي ٿو ٿيان، جيڪڏھن دوستن کي سچ چوان ته ڏٺو ٿو ٿيان، ۽ جيڪڏھن پاڻ کي ٿو سچ چوان ته شرمسار ٿو ٿيان. اھڙي حالت ۾ مٺي به ماٺ ۽ مٺي به ماٺ. ۽ ھاڻي ته دل ايتري قدر مردہ ٿي ويئي آھي جو زبان مان آواز نه ٿو نڪري، پر تنھن ھوندي به جيڪي رازدار آھن سي نعرو نه ڏسي ڏوراپا ڏين ٿا. دوستن جو ڏوراپو به محبت آھي ۽ محبت جو مھڻو آھي، جي اسان کي ياد ڪن ٿا، تنھن جي ياد اسان کي به ستائي رھي آھي. تنھن ڏينھن نوابشاھه مان ھڪ محب مليو جنھن خير سان ھڪ شاہ صاحب جو ذڪر ڪيو ته جيڪڏھن پرچي ۾ مستانه نعرو ھوندو آھي سو پاڻ وٺي پڙھندو آھي نه ته اخبار ويڙھي سيڙھي رکي ڇڏيندو آھي. پوءِ اسان جو يار ڳالھين ڪندي حضرت شيخ سعدي جا ڪي اشعار پڙھڻ لڳو جي مرزا قليچ بيگ جي سنڌي ترجمي سميت ھيٺ ڏجن ٿا.
    گلي خوشبويء در حسام روزي
    رسيد از دست محبوبي بد ستم
    بد و گفتم که مستکي يا عنبري
    که از بوئي دل آويز تو مستم
    به گفتا من گل ناچيز بودم
    و ليکن مدني يا گل نشتم
    جمال ھمنشين در من اثر کرد
    وگر نه من ھمان خاکه که ھستم.

    [مليو ھڪ ڏينھن سرھو ميٽ مونکي ڪنھن حمام ۾ محبوب ھڪ کان، چيم ان کي عنبر آھين تون يا مشڪ جو ٿي خوشبو اچي وھه وھه تو مان، چيائين آئون ھيس ناچيز مٽي مگر ويٺس ڏھاڙا ڪي آئون گل سان، اثر صحبت جو ٿيو مون ۾، وگر نه اھا ساڳي مٽي آھيان جا آھيان.]
    سارو جھان ھڪ خوشبودار درخت آھي، ان درخت جِي انسان به ھڪ شاخ آھي، ھر انسان کي پنھنجي جدا خوشبوءِ، جدا رنگ، جدا خال و خط ۽ جدا روحاني نسبت آھي. جنھن کي بزرگن ۽ درويشن جي صحبت نصيب ٿئي ٿي، ھن جي خوشبوءِ نڪري نروار ٿئي ٿي، چؤطرف پکڙجي وڃي ٿي ۽ فضا کي به معطر ڪري ڇڏي ٿي. ھر انسان جي صحبت ڪنھن نه ڪنھن بزرگ سان، ھر بزرگ جي نسبت ڪنھن نه ڪنھن پيغمبر سان ۽ ھر پيغمبر جي نسبت نُور محمدي سان، ۽ نُور محمدي جو جمال يار سان. جيڪو جمال يار کان محروم رھندو سو جلال يار ۾ گرفتار ٿي ويندو، جن تي جمال يار جو عڪس پيو سي ايماندار ٿي ويا ۽ جن تي جلال جو پاڇو پيو سي غضب ۾ ڦاسي پيا. بارانِ رحمت عام آھي، پوءِ ھڪ زمين مان خوشبوءِ ۽ ٻي زمين مان بدبوءِ. لڳولڳ برسات پوڻ کانپوءِ آخرڪار اھا بدبوءِ به دور ٿي ويندي، بدبوءِ جي ھيٺان به خوشبوءِ لڪل آھي.
    تنھنجي ھر ذرہ ۾ خوشبوءِ آھي، اھا ئي ته جنت جي ثابتي آھي. جيڪڏھن جنت نه ھجي ته پوءِ ھيءَ خوشبوءِ ڪٿان آئي آھي. تون خدا جي سامھون ڪڏھن اُڪير سان سجدو ڪيو آھي. تو الله وارن سان ڪڏھن نينھن نه لڳايو آھي. تو فرشتن کي ڪڏھن سلام نه ڪيو آھي، تو پنھنجي اصل تي ڪڏھن غور نه ڪيو آھي. پر خداوند عالم پنھنجو نظام اھڙي طرح قائم ڪيو آھي جو جنھن ۾ انسان کي ” احسن تقويم “ جو بلند درجو عطا ڪيائين. پوءِ جيڪو ان درجي کان ھٽي ٿو سو ” اسفل السافلين “ تائين پھچي وڃي ٿو سواءِ انھن جي جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، پوءِ انھن جي مرتبن جي بلنديءَ جي ڪا حد ڪانھي، الله پنھنجي سموري رحمت کي لفظ ” سواءِ “ ۾ لڪائي ڇڏيو. قلندر کان اھو راز نه کولاءِ. ” اسفل السافلين “ وارن کي به بشارت ڏني ويئي آھي. قلندر پنھنجي گناھن جي باوجود رحمت ۽ محبت جي دريا ۾ ٻڏي ويو. اھو عام مغفرت ۽ بخشش جو خداوندي اعلان آھي. اچو، اچو لکين گناھه ڪري به باز اچو، توبه جا دروازا کليل آھن. ايمان آڻيو ۽ نيڪ ڪم ڪريو، مايوسي ۽ نااميدي ڪُفر آھي.
    سنڌ جو مسلمان ڇو حيران ۽ پريشان آھي؟ ھي زماني جا طوفان آھن، سي لڳي لڳي لنگھي ويندا. سنڌ جي سرزمين محمدي گلستان آھي. اھو گلستان ڪڏھن به ويران ٿيڻ وارو نه آھي. ان جي خاڪ کي خدا ڪيميا جي رونق بخشي آھي. ان جي خوشبوءِ سان اسلام جي دنيا آباد آھي. ان جي گلن ڦلن ۾ نورِ محمدي جو جلوو آھي. ان جي رنگت ۾ حسن احمدي پوشيدہ آھي. ان جي پاڻيءَ ۾ آب حيات جو لطف آھي. ان جو مستقبل سندس ماضيءَ کان ھزار ڀيرا وڌيڪ روشن آھي. ڪو ازلي بدبخت ھوندو جنھن کي سنڌ جي گلن مان خوشبوءِ نه ايندي. اي مادر وطن! تون اسلام جي فرزندن ۽ دخترن لاءِ پناھه گاھه ۽ سھارو آھين، مديني جي مولا جو توتي سدائين سايه رھيو آھي. توکي دلگير ٿيڻ جو ڪو سبب ڪونھي، تنھنجو جھنڊو ساري جھان ۾ ڦڙڪندو رھندو، تنھنجي خوشبوءِ محمدي دماغ کي معطر ڪري ڇڏيو.

    سائين سدائين ڪرين ، مٿي سنڌ سڪار،
    دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

    تون ٻڌاءِ ته تو گلزار محمدي جي گلن ڦلن ۽ ٻوٽن کي ڪڏھن ڪو پاڻي به ڏنو آھي، يتيمن ۽ بيواھن جي پرورش ڪرڻ، فرزندان اسلام کي تعليم ڏيئي ھنر سيکاري تيار ڪرڻ، قرآن ۽ حديث جو درس ڏيڻ، محتاجن ۽ بيمارن جي خدمت ڪرڻ، ھر انسان لاءِ ذريعه روزگار مھيا ڪري ڏيڻ، مصيبت زدن سان ھمدردي ڪرڻ، ڪمزور کي طاقتور کان انصاف وٺي ڏيڻ، عام مفاد ۽ خيرات جا ڪم ڪرڻ، نيڪي ۽ امن قائم ڪرڻ. تون ائين ڪندين ته تنھنجي خاڪ خوشبودار ٿيندي، ڪيميا ۽ ڪندن ٿي پوندي، تون ائين ڪري ڏس ۽ پوءِ جيڪڏھن ھن جھان ۾ توکي جنت جي خوشبوءِ نه اچي ته پوءِ قلندر کي جيڪي وڻئي سو چوندو رھه.
    قلندر کي ان خدا جو قسم آھي جنھن پنھنجي نالي جي خوشبوءِ پنھنجي موجودات جي قالب ۽ قلب ۾ سمائي ڇڏي آھي ته تون نوراني پتلو آھين. تون خوشبوءِدار شاخ آھين. تون پيدائش جو مقصد آھين، لکن، بلڪ ڪروڙن سالن تائين مادہ کي انقلابي گھاڻن ۾ پيڙيو ۽ پيسيو ويو آھي تڏھن وڃي تنھنجي خاڪ تيار ٿي آھي، جھڙيءَ ريت پٿر تي پيسجڻ کان پوءِ حنا ۾ رنگ پيدا ٿيندو آھي، جھڙيءَ ريت گلن کي سماوار ۾ وجھي انھن جو جوھر ۽ عرق ۽ عطر تيار ڪيو ويندو آھي، تھڙي ريت تنھنجي خاڪ تيار ٿي، خاڪ مان تنھنجو خمير تيار ٿيو، خمير تي محبت جو بوندون وسڻ لڳيون، محبت جي قطرن مان تون پيدا ٿيو آھين، پوءِ جھڙي زمين ھوندي تھڙي ان مان خوشبوءِ يا بدبوءِ پيدا ٿيندي، جن ۾ يار جي جمال اثر ڪيو ته خوشبوءِ اچڻ لڳي، جن ۾ يار جي جلال اثر ڪيو ته ٻي بوءِ اچڻ لڳي. چون ۽ چران جي ڪنھن کي مجال آھي؟ فطرت جي ڪارساز کان اھو نه پڇ ته ھن جدا جدا نسبتون، جدا جدا رنگ ۽ روپ ڇو جوڙيا آھن، تون ھڪڙي آدم جي قبيلي جو فرد آھين. ھن اھڙا لکين قبيلا ٺاھيا ۽ ڦٽايا آھن ۽ ھن کان پوءِ به جئن وڻندس تئن ڪندو رھندو. تنھنجي واسطي اھو معلوم ڪرڻ ڪافي آھي ته جھڙا تون يار رکندين تھڙو تون ٿيندين. تون آزاد آھين پنھنجي ھم نشين جي منتخب ڪرڻ ۾، مُئي کانپوءِ به انھن سان گڏ رھندين جن سان تنھنجي ھن جھان محبت ھوندي. جنت ۽ جھنم تو ۾ پوشيدہ آھن، خوشبوءِ ۽ بدبوءِ تنھنجي عملن سان پيدا ٿيندي. تون مشڪ آھين، تون عنبر آھين، تون نسورو عطر آھين، خدا تنھنجي خاڪ کي نوازيو آھي، توکي اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو آھي، توکي مڪرم ۽ معزز ڪيو آھي، پر اي مسلمان! تنھنجي خلاف مونکي سوين شڪايتون آھن! تنھنجي آھه ۽ فرياد سان عرش عظيم جون ديوارون ڏڪي ويئون. تنھنجي حق نواز نعرن سان باطل جا ڪوٽ ڊھي پيا، ڪيڏانھن ويئي تنھنجي صديقي صداقت ۽ نوڙت، ڪيڏانھن ويئي فاروقي بصيرت ۽ حريت، ڪيڏانھن ويئي تنھنجي عثماني سخاوت ۽ شرافت، ڪيڏانھن ويئي تنھنجي حيدري شجاعت ۽ رياضت، اويس قرنيءَ جو عشقِ رسول، ابوذر جو جھاد اڪبر، سليمان فارسيءَ جي شھنشاھي ۽ فقيري، بلال جون فلڪ شگاف صدائون، خالد جون سيفي صفايون، عبيدہ جون معرڪه آرايون، عمرو جون مصري چڙھايون، سعد جون ايراني فتوحات، قتيہ خراسان ۾، طارق اسپين ۾، موسى فرانس ۾، محمد بن قاسم سنڌ ۾، سلطان محمد استنبول ۽ يورپ ۾، آخر دنيا جي ڪھڙي کنڊ ۾ تو الله اڪبر جون صدائون بلند نه ڪيون. زمين جو ڪمزور ملڪ تو پنھنجن سجدن سان منور نه ڪيو، ڪھڙو جبل ڪھڙو بيابان، ڪھڙو دريا ڪھڙو سمنڊ، تو پنھنجن پيرن ھيٺ نه لتاڙيو؟ تون ھڪ ڀيرو وري قلندري نعرہ بلند ڪر ۽ سنڌ جي آفتاب ۽ مھتاب سان جھان کي روشن ڪر.

    روزانه ” سنڌ “ ڪراچي خميس 11 نومبر 1948ع


    خدا سان شڪوو

    خبر نه آھي ته منھنجا مولا!
    تون ڪٿي آھين؟
    ڪٿي ٿو رھين؟
    جھان جي اندر آھين؟
    جھان کان ٻاھر آھين؟
    يا نه اندر آھين ۽ نه ٻاھر آھين؟
    نه ھِتي آھين نه ھُتي آھين؟
    نه دڳ اٿئي نه ديرو؟
    نه آشيانو نه آستانو!
    پر بلڪل لامڪاني آھين!!
    لامڪاني تون-
    لازماني تون-
    لاثاني تون-
    لا مثالي تون.
    *
    تون خواب خيال کان مٿي،
    تون وھم گمان کان مٿي،
    تون چون و چران کان مٿي،
    تون بيان ۽ ڌيان کان مٿي،
    تون عقل ۽ قياس کان مٿي،
    تون پاڻ ڄاڻين، تون ڇا آھين،
    تون پاڻ سڃاڻين تون ڪير آھين.
    تون پاڻ ٿو چوين،
    ته تون آھين ۽
    تون ھر ھنڌ آھين،
    تون حاظر ۽ ناظر آھين،
    تون دانا ۽ بينا آھين،
    تون قادر ۽ طاقتور آھين،
    تون قلندر جو فرياد ٻڌ،
    ائين نه چئجانءِ ته قلندر،
    نه ڪڇيو نه لڇيو،
    اندر ئي اندر پچندو ۽ پوسرندو رھيو،
    پر ڪا ٻاڦ به ٻاھر نه ڪڍيائين!
    منھنجا مولا!
    تنھنجي جھان ۾ اوندھه لڳي پيئي آھي، تنھنجي جھان ۾ انڌير آھي، انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو کيل آھي، نه داد نه فرياد، نه ڌڻي نه ڌوڻي، نه اوھي نه واھي، نه جان ۽ مال سلامت، نه عزت ۽ آبرو سلامت، نه امن ۽ امان سلامت، نه انسانيت ۽ شرافت، جيڏانھن نھار ائٽم ٺھي رھيا آھن، زمين تي ۽ زمين جي اندر ۽ ٻاھر، پاڻيءَ تي ۽ پاڻيءَ جي اندر ۽ ٻاھر، شيطان پنھنجو تخت وڇائي ڇڏيو آھي ۽ ظلم ۽ ستم جو راڄ برپا ڪري رکيو آھي، ھو تنھنجي تيرن کان پاڻ بچايو آسمان جا راز ۽ حڪمتون پروڙي زمين وارن کي آزمائي رھيو آھي. آخر ھن کي ڇيڪ ڇڏي ڏيڻ مان تنھنجي ڪھڙي مراد آھي؟ ھي سنسار جو ناٽڪ ڇو رچايو اٿئي؟ آخر ھي کيل ڪڏھن ختم ڪندين؟ اشراف بک مرن ۽ لُچ لک لُٽائيندا رھن! ايماندار لڪندا وتن لوڪ ۾ ۽ بدڪار تاجن ۽ تختن جا مالڪ، ملڪن جا والي! توکي ھي تماشو ڪھڙي طرح وڻي ٿو؟ جنگ جا ميدان قائم ڪيو ويٺو آھين. قتل جي گرم بازار آھي، زخميلن جي آھه ۽ پڪار، بيڪس بيمارن جي دانھن ۽ ڪُوڪ، يتيمن ۽ بيواھن جون چيخون، ڳوٺ ۽ شھر وارن، ڪروڙين مخلوق دربدر ۽ خاڪ بسر، چؤطرف ڀڄ ڀڄان ۽ پريشان حالي، نه خونن ۽ ڌاڙن جو انصاف، قيد و بند جو انصاف، ڪوڙ فريب چور بازاري جو چؤطرف شور، قاعدو ۽ قانون ويو لڏي، انسانيت ۽ شرافت ويئي ڇڏي، مصيبت ۽ موت پيو سڏي، اھو ٿيو آھي تنھنجي دنيا جو حال! مخلوق عذاب ۾ گرفتار آھي. زمانو سئو سال پٺتي ھٽي ويو آھي. آزاديءَ جي بدران حاصل ٿي آھي بربادي، ميراڻو ۽ پيراڻو راڄ موٽي آيو آھي. ساڳيا ڪاردار ۽ ڪوٽوال ۽ قاضي قھر ڪيو ويٺا آھن ۽ لاپا ۽ رسايون ۽ رشوتون وڃي چوٽ چڙھيون آھن. آبدار ۽ داروغا موجون ماڻين. پاڻي ھڪڙن جو، ڏين ٻين کي. زمينون ھڪڙا آباد ڪن ۽ ڍلون ٻين کان وٺن. چوريون ھڪڙا ڪن ۽ گرفتار ٻيا ٿين. ھر ھڪڙا ھلائين، مالڪ ٻيا ٿين. گھر ھڪڙن جا، مِلن ٻين کي. پوءِ نه دريون ۽ دروازا سلامت، نه ڪٻٽ ۽ شيشا سلامت، نه مال ۽ اسباب سلامت، نه سِرون ۽ ٽائلس سلامت. عمارتون تاراج آھن. چور شاھه آھن ۽ شاھه چور آھن!
    چور نه مِلي ته چاڪي سھي، پوليس جو ٿاڻو نه آھي پر گھر ويٺي ناڻو! بدمعاش کِلندا رھن ۽ اشراف روئيندا رھن. بچو بادشاھه ۽ پيرو وزير، پخاليءَ جو پُٽ ڪڏھن دھليءَ جي تخت تي، ته ڪڏھن ڪابل جي تخت تي!
    گرگ ميرو سک وزير و موش ديوان مي شود
    زاغ ضابطه خرطبايه ملک ويران مي شود
    آخر انھن گدڙن، ڪتن، ڪيئنِ، ڪانگن ۽ گڏھن کان منھنجي جھان کي ڪڏھن ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو؟
    عدل ۽ انصاف جو تڏو کڄي ويو، حيا ۽ احسان جو ڏيوالو نڪري ويو، ظلم ۽ ستم جو اڏو اڏجي پيو، ملڪ سمورو ويران ٿي ويو، بجيٽ ۾ کوٽ، خرچ ۾ واڌارو، بدڪار زور، خلق ڪمزور، وڃي سو وڃي ڪيڏانھن. تنھنجي اشاري سان ڪايائون پلٽجي وڃن، سلطنتون مٽجي وڃن، مورتون ۽ سيرتون مٽجي وڃن، بيابان گلستان ٿي وڃن، مشڪلاتون آسان ٿي وڃن، سُڪار ۽ سعادتون موٽي اچن، رٺل يار پرچي پون، وڇڙيل ساٿي وري ملن، بيحال مالا مال ٿين، ڪريل قومون اٿي پون، ڦٽل بخت کلي پون، تنھنجي اشاري جي دير آھي. ھاڻي دير نه ڪر، فرشتن کي حڪم ڪر ته قلندر جي دعا تنھنجي عرش معلى تائين پھچائي ڇڏين، قلندر جي دعا قبول ڪر، اسان جو خطائون معاف ڪر، اسان جا گناھه بخش، اسان کي قومن جو امام ڪر، اسان جي سنڌڙيءَ کي ۽ اسان جي پاڪستان کي ساري جھان جو سرتاج ڪر، آمين، ثم آمين يا رب العالمين والرحم الراحمين.

    روزانه ” سنڌ “ ڪراچي اڱارو 16 نومبر 1948ع


    عزازيل زندہ باد

    اڄ مست قلندر جي نظر اوچتو شيطان جي درٻار تي پئجي ويئي. درٻار جو ٺٺ ۽ نٽ، ھار ۽ سينگار بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي.
    نارٿ پول جي وچ تي ھڪ شاھي برف ميدان تي صوفا ۽ ڪوچ ۽ ڪرسيون وڇائجي ويا آھن. لکين بجليءَ جون بتيون روشن آھن. چؤطرف لائوڊ اسپيڪرن جو انتظام آھي. دنيا جي سڀني قومن جا جھنڊا ھوا ۾ ڦڙڪي رھيا آھن. مخلوق جو انداز شمار کان ٻاھر آھي، ۽ انھن جا عيوضي ڪوچن تي ويٺل آھن.
    دنيا جي مشھور اخبارن پنھنجا نامه نگار به ڏياري موڪليا آھن، ھڪ اعلى پليٽ فارم تي زمرد جو ٺھيل تخت رکيل آھي، جنھن تي شيطان آرام سان ليٽيو پيو آھي. دريافت ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ھو سڪرات جي حالت ۾ آھي، تنھنڪري ويھڻ کان لاچار آھي، جڏھن دنيا جي وڏين طاقتن جي سفيرن ھن کي ٽيڪو ڏيئي اٿاري ويھاريو ۽ مائڪروفون کڻي ھن جي سامھون رکيو تڏھن ھو يڪدم اٿي بيٺو. شيطان کي بيٺل ڏسي ڪروڙين مخلوق پنھنجن پيرن تي بيھي رھي، ۽ عزازيل زندہ باد جا نعرا بلند ڪرڻ لڳي. اھو سمان ڪجھه وقت تائين قائم رھيو. حاضرين جو اھو خيال ھو ته سڪرات جي ڪري شيطان موت جي بستري تان اٿي نه سگھندو. پر انھن جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رھي، جڏھن انھن ڏٺو ته اسان جو رھبر اڃا تائين حيات آھي ۽ وڏن سفيرن جي ھٿ لائڻ شرط تندرست ۽ توانا ٿي پيو آھي. نيٺ شيطان انھن کي پنھنجي ھٿ سان خاموش ٿي ويھڻ جو اشارو ڪيو. ھڪ طاقتور چؤڏس لاءِ ريڊيو جو خاص انتظام ڪيو ويو ھو ۽ دنيا جي چئني طرفن ۾ ماڻھو ساڍي اٺين بجي جو شيطان جي نشري تقرير ٻڌڻ لاءِ بيقراريءَ سان انتظار ڪري رھيا ھئا. شيطان حاظرين جي مرحبا ڪندي فرمايو ته:
    ” منھنجا عزيز فرزندؤ! اگرچه آئون بيمار ھوس ۽ سڪرات جي حالت ۾ ھوس پر توھان جي جوش ۽ خروش ۽ صداقت کي ڏسي مون ۾ نئين زندگي ۽ قوت پيدا ٿي آھي، توھان سان ملاقات ڪري مونکي جيڪا خوشي حاصل ٿي آھي سا آئون لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگھان.“

    توھان کي معلوم آھي ته موجودہ ڪانفرنس منھنجي پوئلڳن جي قيامت کان اڳ عالمگير ڪانفرنس آھي، ان جو مقصد به توھان کي معلوم آھي. مقصد ھي آھي ته آئون توھان مان ڪنھن کي پنھنجي تاج ۽ تخت جو وارث ۽ جانشين مقرر ڪريان. جيستائين منھنجي دل جي اھا تمنا پوري نه ٿي آھي، تيستائين حضرت عزرائيل منھنجي جان ڪڍڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.
    توھان کي معلوم آھي ته لکن سالن جي محنت ۽ مشقت کان پوءِ آئون ساري دنيا تي پنھنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھيان. مونکي ھن ڳالھه جي خاطري آھي ته توھان مان ڪيترا مون جھڙا لائق ٿي ويا آھن ۽ ڪي ته اھڙا به آھن جن جي دعوى آھي ته ھو مونکان به وڌيڪ زور ۽ ھوشيار آھن، پر آئون توھان کي خبردار ڪرڻ گھران ٿو ته دشمن کان غافل نه رھڻ گھرجي ۽ دشمن ڪيتري قدر به ڪمزور ٿي وڃي تڏھن به ھن کي ڪمزور نه سمجھڻ گھرجي، پر ھتي ته جنھن دشمن سان منھنجو مقابلو رھيو آھي، سو جھانن جو خالق ۽ مالڪ آھي، بيحد طاقتور آھي ۽ ڪنھن به وقت توھان سڀني سان مقابلو ڪري سگھي ٿو. پر آئون به مرڻ کان اڳي پنھنجو جاءِنشين توھان سڀني مان، ان لائق ۽ چالاڪ فرزند کي مقرر ڪندس جو دنيا ۾ ڪڏھن به:
    1. خدا جي بندگي.
    2. امن.
    3. انصاف.
    4. نيڪي.
    5. خوشحالي.
    قائم ٿيڻ نه ڏيندو.
    آئون جدا قومن جي عيوضين جي تقريرن ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ڪندس ته ڪھڙي قوم ۾ منھنجي ڪم سنڀالڻ جي صلاحيت موجود آھي. اگرچه دنيا جي سڀني ملڪن ۾ حزب الشيطان جون شاخون قائم ٿي ويئون آھن، ۽ انھن سڀني شاخن جا عيوضي اڄوڪي عالمگير ڪانفرنس ۾ شريڪ آھن، ۽ توھان مان ھر ھڪ جي ڪارنامن کان آئون آگاھه ٿيڻ ٿو گھران پر تنھن ھوندي به وقت جي تنگيءَ سبب شايد سڀني کي پنھنجن خيالن جي ظاھر ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگھي. اھڙا صاحب خانگي طرح پنھنجا خيال مون کي ٻڌائي سگھن ٿا. سڀ کان اول آئون آمريڪن جماعت کي حڪم ڪريان ٿو ته پنھنجي قوم جي ڪارنامن تي روشني وجھڻ فرمائي.

    روزانه ” سنڌ “ ڪراچي 21 نومبر 1948 ع


    سنڌ جو سرڪاري نوڪر

    نھار ۽ نھاريندو رھه، جيستائين تنھنجي نظر پھچي سگھي. سامھون بي انت بيابان جي ريت ئي ريت آھي. نه ساوڪ آھي نه سبزي، نه ٻوٽو آھي نه ٻاري، حواسن جي چوگرد افق جو گھيرو آھي، روح پريشان آھي، جنھن کي جادو رنگ صحرا جي زبردست ڪشادگي وڌيڪ منجھائي رھي آھي.
    آئون زندگيءَ کان ۽ زندگي مون کان ڏُور آھي، ٻنھي جي وچ ۾ ھڪ وڇوٽي آھي جنھن کي ڪھڙي طرح ڀرڻ گھرجي ان جو پتو نه ٿو پوي. سارو جھان سجاڳ آھي پر پنھنجي قوم سُتل آھي. زندگيءَ جي دريا ۾ طوفان پٺيان طوفان لڳي رھيا آھن، ڪنارو ناپيد آھي، قومن جا ناخدا پنھنجن جھازن کي بچائڻ جي فڪر ۾ آھن پر منھنجي ڪمزور ڪشتي جا خلاصي نفساني اختلافن ۾ مبتلا آھن.
    نفساني خواھشن کان توبھه ڪرڻ لاءِ منھنجا رھبر تيار نه آھن، نفس جي پوڄا ڪرڻ جو نالو رکيو ويو آھي اسارام. ڦرمار جو نالو رکيو ويو آھي حڪومت، منافقي ۽ چاپلوسيءَ جو نالو آھي سياست. دولت گڏ ڪرڻ آھي زندگيءَ جو مقصد، خون ڪرائي دولت گڏ ڪريو، يتيمن جون ملڪيتون ھڙپ ڪري دولت گڏ ڪريو. پاٿاريدارن کي بچائي مال گڏ ڪريو، چور بازار ۾ وڃي دولت گڏ ڪريو، ڪمائيءَ جا سوين طريقا آھن، اھوئي آھي حڪومت جو ورثو، اھا آھي حاڪمن جي شريعت يعني طريقه حيات. چؤطرف کان چورن ۽ چاپلوسن اچي تنھنجي قومي ڪشتيءَ تي قبضو ڪيو آھي. پر قوم جا ابا ويرَن وروڌن پاڙڻ ۾ پاڻ پتوڙي رھيا آھن. دل جي بستي ويران آھي. اميدن جو ھڪ عالم آھي، جو غيرآباد آھي، ارمان ۽ افسوس، بي وسي ۽ مايوسي، ساري وجود کي وڪوڙي ويئي آھي، نه خيال ڪم ڪري ٿو نه حافظو. آسمان تي خزان جو رنگ ۽ زنگ چڙھي ويو آھي. نه ڪو سڻي ٿو، نه ڪو سڏي ٿو، نه ڪو سڏ تي سڏ ڏئي ٿو. نه صدا ھڻڻ وارو، نه ڪو ندا ڏيڻ وارو. قوم صاف ستل آھي، سڪته جو عالم آھي، دشمن دروازي تي بيٺل آھي، فوج ننڊ ۾ غرق آھي. قلندر ساري رات رلھيءَ ۾ ڦٿڪندو ۽ تڙپندو رھيو. پر ڪير آھي جنھن جي دل ۾ ھن جي حالت تي ڪو رتيءَ جيترو به رحم اچي، ھن جھان جو دستور ٿي ويو جو سکئي کي ڪو سَھي ڪونه ۽ ڏکئي کي ڪو ڏئي ڪونه، بکئي کي ڪو کارائي ڪونه، بيمار کي ڪو پُڇي ڪونه، ظالم کي ڪو چئي ڪونه ۽ مظلوم کي ڪو ڏِسي ڪونه، رشوت خور کي ڪو روڪي ڪونه، ڪمزور کي ڪو بچائي ڪونه ۽ قلندر کي ڪو سُڻي ڪونه. قلندر آھي به دل جو بيمار ۽ ڪھڙو حڪيم رکي جنھن وٽ دل جي درد جو علاج موجود ھجي. جڏھن پنھنجي قوم جي ڪرتوتن تي قلندر تپي باھه ٿي وڃي ۽ نَنھن کان چوٽيءَ تائين ھن جي جسم جي ھر ھڪ وار مان ۽ وار جي ھر ھڪ سوراخ مان باھه جا اُلا اٿڻ لڳن تڏھن اناالحق جي اعلان ڪندي ھن کي دنيا ۽ دنيا وارن جو ڪوبه ڊپ ڪونه ٿيندو آھي. خواھه منصور حلاج وانگر ھن کي سنگسار ڪيو وڃي، خواھه حضرت سرمد وانگر ھن جو ڌڙ سسيءَ کان ڌار ڪيو وڃي، خواھه بلاول حبشيءَ وانگر ھن جي اگھاڙن لِڱن تي عربي آفتاب جي تپش ۾ لٺين جو وسڪارو ڪيو وڃي، خواھه مخدوم بلاول وانگر ھن کي گھاڻي ۾ وجھي پيڙيو وڃي. دنيا ۾ دستور آھي مُئي کان پوءِ ماتم ڪرڻ جو. ڪاش سنڌ جا مسلمان پنھنجي زندگيءَ تي ماتم ڪرڻ سِکن. اھڙي زندگيءَ تي اُف آھي، اھڙي زندگيءَ کان موت صد بار بھتر آھي، جا زندگي انسان ذات جي خدمت لاءِ قوم ۽ ملڪ لاءِ وقف نه آھي. سنڌ جو سرڪاري نوڪر سمجھي ٿو ته قوم ۽ ملڪ سندس لاءِ وقف آھن، ساڳيءَ مصيبت ۽ لعنت ۾ سنڌ جو عيوضي ۽ اڳواڻ گرفتار آھي. غريب قوم جو ووٽ وٺي ميمبر ۽ وزير ٿيڻ، غريب مخلوق جي پگھر ۽ رَت جي پورھئي ۽ ڪمائيءَ مان پگھار کڻي پوءِ ظلم ڪرڻ ۽ رشوتون کائڻ سو اھڙوئي حرام آھي جھڙو سوئر جو گوشت کائڻ، بلڪ سوئر جو گوشت، رشوت ۽ ظلم جي پئسي کان سئو ڀيرا وڌيڪ حلال آھي، پر تنھن ھوندي به اھا آھي حالت سنڌ جي نوي سيڪڙو رھبرن ۽ سرڪاري نوڪرن جي. حڪومت جي تخت وزارت، گادي، عملداريءَ جي ڪرسي، واپاريءَ جي دڪان ۾ ڪارخانه داريءَ جي ڪوٺي، جاگيرداري ۽ سرداري ۽ زمينداري تي ويھي ڪري جيڪي ماڻھو بي انصافيون ۽ ظلم ڪن، يا رشوت خوريون ۽ حق تلفيون ڪن تن جو وجود انسان ذات لاءِ لعنت ۽ مصيبت جو باعث آھي ۽ انھن جو صفحهء ھستيءَ تان مِٽجي وڃڻ اھڙوئي يقيني آھي، جھڙو ٻه ۽ ٻه چار. اھو آھي قلندر جو ايمان ۽ تاريخ جو فيصلو. جڏھن سرڪاري کاتا ظلمن ۽ رشوت خورين جا اڏا بڻجي پون تڏھن آسماني آفتون ۽ انساني انقلاب ظالمن جو تڏو کڻي ڇڏيندا آھن. قلندر کي معلوم آھي ته ته حرام خورن ۽ انھن جي آئينده نسلن جي سنڌ ۾ ڪھڙي حالت ٿيڻ واري آھي. ظالم ۽ رشوت خور جو پڻ بنياد ناس ٿيڻ وارو آھي، انھن جون ماڙيون محل ۽ ملڪيتون تباھه ۽ برباد ٿيڻ واريون آھن، خالق ۽ مخلوق جو وزن انھن تي سندن حياتيءَ ۾ نازل ٿيڻ وارو آھي. سي قلندر جا قول نه آھن پر خدا جو فيصلو آھي ۽ خدا جي مخلوق جو فيصلو آھي. سنڌ جا اڳوڻا ۽ پويان وزير ۽ عملدار ڀلي ائين سمجھن ته ھو خدا جي غضب کان ڇُٽي ويا آھن، پر ان خدا جو قسم جنھن جي ھٿن ۾ مخلوق جي زندگي ۽ موت آھي، ته خدا جي ازلي ۽ ابدي قاعدن کي ڪوبه ڦيرائي نه ٿو سگھي. انھن قاعدن جي گرفت کان ڪوبه پاڻ کي بچائي نه سگھندو.
    ظالمو! رشوت خورو! ترسو ۽ انتظار ڪريو. مون کي معلوم آھي ته توھان جو ڪھڙو حشر ٿيڻ وارو آھي؟ اڃا به وقت نه ويو اٿوَ. حرام خورين ۽ بدڪارين کان توبھه ڪري وٺو. پنھنجي قوم ۽ وطن ۽ انسان ذات تي زيادتون ڪرڻ ڇڏي ڏيو. توھان مولوي ھجو يا مفتي ۽ قاضي ۽ پير ھجو يا سيد، سردار ھجو يا ليڊر، سرمايه دار ھجو يا زميندار ۽ جاگيردار، غريب ھجو يا غني، سنڌي ھجو يا پاڪستاني، مسلمان ھجو يا ڪافر، پر جيڪڏھن توھان ظلمن يا زيادتين، رشوت خورين ۽ حرام خورين کان توبھه نه ڪئي ته توھان کي قيامت کان اڳي ڏوھارين جي قطار ۾ بيھاريو ويندو ۽ پورو حساب ۽ ڪتاب ورتو ويندو. اھا اَٿو قلندري صدا ۽ نِدا. جن توبھه ڪري پنھنجي اصلاح ڪئي سي ڇُٽي ويا ۽ ڇٽي ويندا ۽ جن سرڪشي ڪئي ظلم ۽ رشوت کان توبھه نه ڪئي سي برباد ٿي ويا، ٿي رھيا آھن، ٿيڻ وارا آھن ۽ ٿيندا رھندا!
    رشوت خور مسلمان، رشوت خور انسان نه فقط پنھنجي قوم، وطن ۽ انسانيت جو دشمن آھي، پر ھو خود پنھنجي ذات ۽ ٻارن ٻچن جو دشمن آھي، ۽ تنھن کان سواءِ خدا ۽ ان جي رسول ۽ ھن جي فرشتن جون ڦٽڪارون سدائين ھن تي نازل ٿينديون رھن ٿيون. ھن جي نه عبادت قبول آھي ۽ نه خيرات مقبول آھي. خدا پنھنجا گناھه معاف ڪري ڇڏيندو پر پنھنجي مخلوق سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ ظلم ڪڏھن به معاف نه ڪندو. ھن جو وجود بني نوع انسان لاءِ وبال آھي، خدا جي زمين تي بار آھي، جو شخص اسلام زندہ باد جا نعرا ھڻي ٿو، پاڪستان زندہ باد، يا مسلم ليگ زندہ باد، نظام اسلامي زندہ باد، يا انقلاب زندہ باد، يا اسلامستان زندہ باد، يا سنڌ زندہ باد جا نعرا ھڻي ٿو ۽ پوءِ رشوتون کائي ٿو يا بليڪ مارڪيٽ ۾ واپار ڪري ٿو، يا حڪومت جي زور تي مصيبت زدن تي ظلم ڪري ٿو، انقلاب ۽ اسلامستان ۽ سنڌ جو دشمن آھي. ھو منافق آھي جو روپين ۽ اشرفين تي قوم فروشي، اسلام فروشي ۽ وطن فروشيءَ لاءِ ھر وقت تيار ٿي ويندو. سنڌ خواہ پاڪستان جو مسلمان جيستائين رشوت خور رھبرن ۽ عملدارن، چورن ۽ وياج خور واپارين، رشوت کائيندڙ، پاٿاريدارن ۽ زميندارن، خائن ميمبرن ۽ وزيرن، غبن ڪندڙ ٺيڪيدارن ۽ چوري مال موڪليدڙن کان نجات حاصل نه ڪئي آھي تيستائين نه سنڌ سلامت آھي ۽ نه پاڪستان سلامت آھي.

    روزانه ” الوحيد “ ڪراچي سنڌ 16 مارچ 1952ع


    مَستن جي محفل

    ڪاروان جي روح روان، مستن جي محفل ۾ نئين صدا بلند ڪرڻ جو نياپو موڪليو آھي ۽ جي قلندر ايئن نه ڪيو ته پوءِ سندس نالو ” عقلمندن “ جي محفل ۾ داخل ڪيو ويندو. ڪراچيءَ جي طوفاني زندگيءَ ۾ صبح ۽ شام ۽ رات جا وڳا بدحواسي ۽ بي ھوشيءَ جي عالم ۾ گذري وڃن ٿا. ھڪڙي پاسي شھيد سھروردي مسلم ليگ کي شھيد ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان جي ماتم ۾ ساھه پٽڻ جي فرصت ڪانه ملي آھي، ٻي پاسي خدائي خدمت گارن جو نظربند پيشوا، پختونستان سميت پھچي ويو آھي. ٽئين پاسي بلوچستان جو صمدي سرندو واڄٽ وڄائي رھيو آھي، چوٿين پاسي دستورساز ايوان ۾ شور ۽ غوغا برپا آھي. پنجين پاسي سنڌ جي وزارتي سازن جون ستارون ڪڏھن سست ڪڏھن چست چرپر ڪري رھيون آھن، ڇھين پاسي صوبي کي ختم ڪرڻ جا منصوبا سِٽجي رھيا آھن، ستين پاسي قلندر آھي جنھن کي ڪاروان جو ھي مدبر جو خود ( مستو مست مدام ) رھندو آھي سو پنھنجي قلندري ڪوفي مان خارج ڪرڻ جي ڌمڪي ڏي ٿو. ” قھر درويش بر جان درويش “.
    قلندر اڃا تائين ڪو اھڙو ڏوھه نه ڪيو آھي جو ھن جو نالو عاقلن جي ڪتاب ۾ درج ڪيو وڃي. جي عقلمند ھجون ھا ته تاج ۽ تخت جا مالڪ ھجون ھا. پر اسان عقل ڇڏي عشق جي واٽ ورتي آھي. اسان حڪومت ڇڏي آزادي اختيار ڪئي آھي.ڪتا ڀؤڪندا رھندا پر ڪاروان ھلندو رھندو. ڪاروانِ حيات جي ڪنھن کي خبر ناھي، نه ابتدا جي نه انتھا جي خبر. ھن مسافرخاني ۾ ھڪڙا اچن پيا، ٻيا وڃن پيا. نه خوشيءَ سان ڪو اچي ٿو، نه خوشيءَ سان ڪو وڃي پيو، نڪو ستو رھي ٿو نڪو ھوشيار رھي ٿو. پر منھنجي قوم اڃا اگھور ننڊ ۾ ستل آھي، ڪڏھن سجاڳ ٿيندي ان جو ڪو پتو ڪونھي. ان جي سجاڳ ٿيڻ تائين اسان کي جيڪو انعام مليو آھي سو ساري جھان کي معلوم آھي.
    قيد ۽ نظربندي، فڪر ۽ فاقا، ھٿڪڙيون ۽ سنگينون، تنگدستي ۽ ذلت، جيلن جون روٽيون سوٽيون، پنت ۽ خيرات جا ٽڪر، قرض ۽ مرض، خاڪ جو بسترو ۽ تڏو، آہ و فغان، چيخ ۽ پڪار، پوليس ۽ عدالتن جون حاضريون، ضمانتون ۽ ڏنڊ، الزام ۽ بھتان، طعنا ۽ تنڪا، دوستن ۽ عزيزن کان وڇوڙو، آڌي ۽ مانجھي رولڙو، چاليھن سالن تائين دربدر ۽ خاڪ بسر، اھو سڀ ڇاجي واسطي؟
    جھان جون خوشيون پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيوسين ڇاجي واسطي؟ ” قوم قوم “ ڪندا رھياسين، ڇاجي واسطي؟ آزادي آزادي جا نعرا بلند ڪياسين ڇاجي واسطي؟ بکن ۽ ڏکن ۾ زندگي ڪاٽيسين ڇاجي واسطي؟ خانه بدوش ٿي رھياسين ڇاجي واسطي؟ گوشه نشين ٿي گذاريوسين ڇاجي واسطي؟ ھزارن ماڻھن کي جيل ۾ موڪليوسين ڇاجي واسطي؟ ھاڻي وطن وائي وطن جو ماتم ڪيوسين ڇاجي واسطي؟ اڃا به خراب ۽ خوار آھيون ڇاجي واسطي؟ ڇا اھو سڀڪجھه ان لاءِ ته اسان جي قوم، قوم ڪشن ۽ وطن ڪشن، رشوت خورن ۽ حرام خورن، بي دينن ۽ منافقن کي پنھنجو سرتاج ۽ حاڪم بڻائي؟ قلندر قبر ۾ به قوم قوم ڪندو رھندو ۽ تڙپندو رھندو؟ پر ڪاش منھنجي قوم کي پاڻ تي قياس اچي، پر ڪاش منھنجي قوم کي پنھنجن ٻچن تي ڪو قياس اچي، ڪاش قومي رھبرن ۽ مدعين کي موجود ۽ آئندہ نسلن تي ڪو رحم اچي.
    جن زندگيءَ ۾ اسان جي ڳالھه نه ٻڌي، نه سمجھي، نه عمل ڪيو، سي مُئي کان پوءِ به جيڪڏھن اسان جي آہ ۽ فغان تي ڪو عمل ڪري ڏيکارين ته پوءِ به قبر ۾ اسان جي سُڪل ھڏين ۾ ساھه ڦوڪجي ويندو، پر جي زندگي ۽ موت ۾ اسان سان ھم نوا نه آھن تن جي فاتحه خوانيءَ جا به اسان محتاج نه آھيون. اسان جي دلي تمنا پوري ٿي ويندي جڏھن پنھنجي وطن جي خاڪ ۾ ڪا جاءِ ملي ويندي. اھو عرض پنھنجن دوستن کي ضرور ڪنداسين ته قلندر ڪٿي به مري پر ھن کي دفن ضرور سندس وطن جي خاڪ ۾ ڪجي. جنھن پاڪ وطن جي آزادي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ساري زندگي ڦٿڪندي گذري ويئي ان جي خاڪ ۾ منھنجي لاش کي دفنايو وڃي ته ان کان مٿي ٻي ڪھڙي خوش نصيبي ٿي سگھي ٿي. قبر ۾ به روح جي اھائي صدا رھندي ته خدايا جن منھنجي وطن کي ڄاڻي واڻي پنھنجي ذاتي وڏائي ۽ خودغرضي خاطر ويران ڪيو آھي تن کي تون به ٻنھي جھانن ۾ ويران ڪر.
    سنڌ غوطا کائي غرق ٿي رھي آھي. پاڻي مٿي کان مٿي چڙھي ويو آھي. ان کي جنھن ٻڏڻ کان نه بچايو، غريب سنڌڙي ۽ سنڌين کي مغلوب ٿي وڃڻ کان ڪنھن نه بچايو، منھنجي قوم کي ظلم ۽ رشوت خورين ۽ غلاميءَ کان جنھن نه بچايو تنھن لاءِ قلندر جي دل مان زندگي خواہ موت ۾ ڪھڙي دعا نڪري سگھندي؟ والله! جو سنڌ کي خوش نه رکندو سو ڪڏھن به خوشيءَ جي زندگي نه گذاريندو. خدا جي مخلوق آزمائش ۾ گرفتار آھي موت ۽ حيات جي وچ ۾ لٽڪي رھي آھي.
    اوڙھه جي ڪنڌيءَ تي، ٻرندڙ جبل جي چوٽيءَ تي، طوفان جي تحت ۾، عالمگير ٻوڏ جي وچ ۾، زلزلي جي ضد ۾، واسينگ نانگن جي وات ۾، عالم سوز ڀنڀٽ ۾، وڪوڙيندڙ وڄ جي وڪڙ ۾، آتش زدہ ھوائي جھاز ۾، آبي آتشي خاڪي ۽ بارودي بمن جي اوٽ ۾، موت جي منھن ۾، پائيندڙ درياءَ جي پيٽ ۾، محشر خيز نفسانفسيءَ ۾، پڇڙ تارن جي پيچ ۾، شيطاني اعمال جي شامت ۾، نه آھي واٽ ڀڄڻ جي، نه آھي بچڻ جي، نه فرصت ساھه پٽڻ جي، نه جاءِ مرڻ جي.
    انسان ذات کي امن جي ضرورت آھي، پر امن ويو آھي اڏامي، امن رھيو آھي امن سوز ائٽمي بمن ھٿيار جي ڪارخانن قائم ڪرڻ ۾، امن رھيو آھي رشوت خورن کي راضي رکڻ ۾، جنھن شاندار تمدن جي قائم ڪرڻ ۾ سوين ملڪن جو صدين تائين خزانو خرچ ٿيندو رھيو آھي، سو تمدن صفحهء ھستيءَ تان ميٽجي وڃڻ جي خطري ۾ آھي. انسان ذات پنھنجو سمورو علم، عقل، خزانو ۽ پورھيو، ظاھر سجاوٽ ۾ سيڙايو آھي. جيڪڏھن ان جو پنجاھون حصو باطني ۽ اخلاقي ۽ عوامي اصلاح تي خرچ ٿئي ھا ته انسان انسانيت ۽ روحانيت جي اسرارن سان مالا مال ٿي پوي ھا. انھن حالتن ۾ جھان کي ” پيغامِ لطيف “ جي ضرورت آھي. دنيا کي قلندري دعوت جي ضرورت آھي. پر منھنجو جھان پائمال ٿي رھيو آھي. ھزارن ورھين جي مٺڙي تھذيب ۽ ٻولي ختم ٿي رھي آھي. قومي رھبرن کي ميمبري ۽ وزارت جي ضرورت آھي ۽ نه سنڌ جي. اي جاھلو ۽ ظالمو! جڏھن سنڌ نه رھندي تڏھن وزارت ۽ ميمبري توھان کي ڪھڙي ڪم ايندي؟ مڪاني ۽ غير مڪاني دربدر ٿي رھيا آھن، ۽ پاڻ کي تباھه ڪري رھيا آھن. رحم ڪريو رحم ڪريو.
    مخلوق کي ظلم کان ڇڏايو، پاڻ کي بچايو. ڪراچيءَ ۾ ميزبان مھمان ٿي چڪو آھي. پنھنجي ديس ۾ پرديسي ٿي ويٺو آھي. ڇا سنڌ ۾ به توھان غير سنڌي ٿيڻ ٿا گھُرو؟ سنڌ نه رھندي ته ڪير رھندو. جنھن گھر ۾ پنج ماڻھو رھي سگھن ٿا تنھن ۾ پنجاھه رھي نه ٿا سگھن. جنھن شخص کي پنجن ڄڻن کي کارائڻ جيتري آمدني آھي سو ساڳي آمدنيءَ مان پنجاھه ڄڻن کي ڪھڙيءَ ريت کارائي سگھندو؟ جو پرڳڻو پنجاھه لکن جي بک ۽ بيڪاري، بيماري ۽ دک درد، جھالت، بدامني، اٽي لٽي ۽ اجھي جو تدارڪ ڪري نه ٿو سگھي سو وڌيڪ آباديءَ جو ڪھڙو بندوبست ڪري سگھندو.
    توھان جي بزدلي ۽ خودغرضي سنڌ ۾ قيامت برپا ڪندي، ڏڪار آڻيندي، بدامني ڦھلائيندي، بداخلاقي پيدا ڪندي، وبائون نازل ڪندي، سنڌ ۾ جديد باشندن جي تباھيِءَ جو باعث ٿيندي، جيڪڏھن کوکرا پار وارو دروازو بند نه ڪندؤ؟ توھان شخصي خودمطلبيون ۽ نفاستيون ڇڏي ڏيو ۽ متفق ٿي ھاڻوڪين حالتن جو مقابلو ڪريو، ۽ موجودہ مسائل جو حل تلاش ڪريو. قلندر کي اطمينان سان مرڻ ڏيو ۽ مرڻ کان اڳ خوشخبري ڏيو ته سنڌ زندھه آھي، سنڌي مسلمان زندھه آھن، پر افسوس- صد افسوس.
    اڄڪلھه ڪنھن جو نقارو وڄي ٿو ۽ ڪنھن جو سِڪو ھلي ٿو؟ رياست ۽ سياست ۾، وزارت ۽ حڪومت ۾، صحافت ۽ تجارت ۾، بازيگرن ۽ مدارين جو زور آھي. صبح شام نئون ناٽڪ ۽ نئون کيل، يٽن شٽن ۽ ڏٽن سٽن، جي دور ۾، وسوڙيل عوام حيران ۽ پريشان، امن ۽ آسودگي، انصاف ۽ خوشحاليءَ جو نالو وڃي بچيو آھي. غريب سنڌڙي لوڏن ۾ آھي. ڪير آھي ان کي بچائڻ وارو؟ حاڪمن جو بازار ۾ ھڪڙو ويس ته درٻار ۾ ٻيو ويس. سانڊي وانگر نت نئون روپ ۽ چاپلوسيون ۽ پلٽ بازيون. نوان ڏٽا ۽ نوان فوٽا. سير ڪري وٺو ۽ ٻه روپي ٿيو، ٻِچاپڙائي ڪريو، ڇاڙتا ڌاريو، دلال رکو، ڪلال ٿيو، ڪاردار ۽ وزير ٿيو. صلاح ڪار رکو، پارليامينٽري سيڪريٽري رکو، پرائيويٽ سيڪريٽري رکو، پروپيگنڊہ سيڪريٽري رکو، پوليس پھريدار رکو. دعوتون کائو، ايٽ ھوم وٺو، ايڊريس وٺو، گلن جا ھار پايو، اٿندي، ويھندي، بيھندي، سمھندي، ھلندي چلندي، کلندي ڪڏندي، عيش ڪريو، شڪار ڪريو، درٻار ڪريو، سلاميون وٺو، ڌٻڌٻا رکو، جيڪي وڻيو سو ڪريو، اڳيان به ائين ڪري ويا، توھان به موجون ۽ مزا ماڻي وٺو..
    پر خدارا! سنڌ کي بچائڻ جو ڪو پھه پچايو، جي سنڌ نه ھوندي ته ڪير ھوندو. ڪھڙو عيش توھان ڪندؤ ۽ ڪھڙو عيش توھان جا پويا نسل ڪري سگھندا؟
    جيڪڏھن سنڌ کي نه بچائيندؤ ته اھا حڪومت ڪيترو وقت جٽاءُ ڪندي؟
    ھڪ ڏينھن ويٺا ھوندؤ ٽواٽي تي، جھڙي ريت توھان جا اڳرو ۽ ھمعصر ويٺا آھن.

    روزانه ” ڪاروان “ حيدرآباد سنڌ 4 اپريل 1954ع


    قلندري اسلام

    اڄ اچ ته آئون توتي قلندري اسلام جي حقيقت ظاھر ڪريان. قلندري اسلام جو مقصد آھي بني نوع انسان جي خدمت جنھن ۾ امت اسلام به داخل آھي. اھائي آھي قرآني تعليم، اھوئي آھي ذڪر اڪبر، اھائي آھي وڏي عبادت، اھوئي آھي محمدي پيغام. دائمي امن ۽ سلامتي ۽ خوشحالي حاصل ڪرڻ نه فقط افراد لاءِ پر قومن لاءِ اھڙي زندگي حاصل ٿيندي جھاد في سبيل الله جي ذريعي. زندگي جھاد آھي ۽ جھاد ۾ زندگي آھي. زندگي جھاد جو ٻيو نالو آھي. جھاد کان سواءِ زندگي موت جي برابر آھي.
    سوين ۽ ھزارين ڪمن سان زندگيءَ جو واسطو آھي ۽ ھر ھڪ نيڪ ڪم کي سرانجام ڪرڻ ۽ ھر بد ڪم جو مقابلو ڪرڻ جماعتي تنظيم سان، ان جو نالو آھي جھاد. پر اي نادان! تو فقط تلوار سان مقابلي ڪرڻ جو نالو رکيو آھي جھاد. ھائو! اھو به جھاد جي ھزارين طريقن مان ھڪ طريقو آھي. جنھن جي اجازت فقط حڪومتِ وقت کان ملي سگھي ٿي. پر جھاد ٻين سوين طريقن لاءِ حڪومت جي اجازت درڪار نه آھي. توکي خدا جي پاران نيڪين ڦھلائڻ لاءِ ۽ بدين کي روڪڻ لاءِ جماعتي تنظيم قائم ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آھي، روزا نمازون سڀ توکي مرد مجاھد بنائڻ واسطي ۽ جھاد جي ترغيب، تربيت، ۽ تياريءَ لاءِ توتي فرض ڪيا ويا آھن.
    جيڪڏھن ڪابه عبادت توکي جھاد لاءِ تيار نٿي ڪري سگھي ته اھڙي عبادت بيڪار آھي، خدا کي ڪنھن به شخص جي عبادت جي ضرورت نه آھي. ھن توکي عبادت جو حڪم ڪيو آھي ھن لاءِ ته تون پنھنجي ذات ۽ انسان ذات جي اصلاح ڪري سگھين ۽ عوام جي خدمت جون صلاحيتون پاڻ ۾ پيدا ڪري سگھين. جيڪڏھن سارو جھان سدائين ھن جي بندگي ڪندو رھي ته ھن جي عظمت ۾ ڪو اضافو نٿو ٿئي ۽ جيڪڏھن سارو جھان ھميشہ لاءِ ڪافر ٿي وڃي ته ھن جي عظمت ۾ ڪا گھٽتائي نٿي ٿئي. اھائي آھي الله اڪبر جي معنى. يعني ته ھو انھن سڀني ڳالھين کان مٿي آھي. پر تنھن ھوندي به ھن پنھنجن بندن کي فقط عبادت لاءِ ئي پيدا ڪيو آھي. جنھن جي معنى آھي خالص خدمت، نه ڪنھن ذاتي غرض کي پوري ڪرڻ لاءِ پر فقط ھن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ. خدمت جو ميدان تمام وسيع آھي. اھا خدمت ھزارن نمونن ۾ ٿي سگھي. پر جنھن خدمت لاءِ جماعت تيار ڪئي وڃي ان جو نالو آھي جھاد. جھاد ۾ ڪاميابيءَ لاءِ شرط آھن:
    1. خدا جي مدد ۾ پختو عقيدو رکڻ، جنھن لاءِ نماز کي قائم رکڻ ضروري آھي.
    2. جمائتي تنظيم قائم ڪرڻ، جنھن جي صلاحيت پڻ نماز باجماعت مان پيدا ٿيندي آھي.
    3. اڃ ۽ بک برداشت ڪرڻ، جنھن جي عادت روزن سان حاصل ٿيندي آھي.
    4. مالي قرباني ڪرڻ، جنھن جي ترغيب واسطي زڪوات جو حڪم ڪيل آھي.
    5. سفر جون تڪليفون سھڻ ۽ گھر ٻار کان جدا ٿيڻ، جنھن جو سبق حج بيت الله مان حاصل ٿئي ٿو.
    6. دنيا ۾ انسان ذات ۽ پنھنجي ملڪ ۾ پنھنجي قوم جي وحدت قائم ڪرڻ جو نصب العين، جو خالق اڪبر جي وحدت ۾ ايمان رکڻ مان پيدا ٿئي ٿو.

    اسلامي تعليمات جو مول مقصد آھي توکي ۽ تنھنجي قوم کي ۽ بني نوع انسان کي حياتِ جاوداني عطا ڪرڻ. مرڻ تائين جھاد جاري رکڻ حيات جاوداني نه رھيو آھي، جھاد جي زندگي مثالي زندگي آھي، جا انسان ذات جي خدمت سان حاصل ٿئي ٿي ۽ محدود دائري اندر پنھنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت سان حاصل ٿئي ٿي. خدمت ڪرڻ ۾ ڪوبه ذاتي غرض نه ھئڻ گھرجي. قلندر خدمت ڪندو آھي خدمت جي خاطر، خواہ خدا جنت ۾ وجھيس يا جھنم ۾.
    اڪثر ماڻھو خدمت ڪندا آھن دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ واسطي يا مُئي کان پوءِ جنت ۾ داخل ٿيڻ واسطي. پر قلندر سزا ۽ جزا جو فيصلو خدا تي ڇڏيندو آھي ۽ بي غرضانه خدمت ڪندو آھي.
    خدمت جي خاطر خدا جا نيڪ بندا نيڪيون ڪندا آھن. انعام وٺڻ جي خاطر، تون نماز پڙھين ٿو ۽ ھٿ کڻي ٻنھي جھانن جون نعمتون گھرين ٿو، تون خيرات ڪرين ٿو، ۽ پنھنجي دولت ۾ ڏھوڻي برڪت ۽ واڌ جي دعا گھرين ٿو. تون روزا رکين ٿو ۽ جنت ۾ ميون کائڻ جو آسرو رکين ٿو. تون ھر ڪم جو عيوضو گھرين ٿو. تون ھر وقت انعامن ۽ اڪرامن جو جو طالب آھين. ھائو! ھائو! تون انھن اميدن سان نيڪيون ڪندو رھين ته به غنيمت آھي. پر خدا جا مقرب بندا نيڪيون ڪندا آھن. نيڪين جي خاطر، خواھه انھن کي دنيا يا آخرت ۾ ڪو انعام ڏنو وڃي يا نه، مقربن کي خدا جو قرب کپي، ٻنھي جھانن ۾ ۽ ٻيو ڪجھه به نه.
    اھوئي سبب آھي جو چيو اٿن ته نيڪن جون نيڪيون مقربن لاءِ برايون آھن. نيڪن جو درجو ۽ مقام اعلى آھي ۽ افضل آھي. ٻنھي جو وجود ملت لاءِ، انسان ذات لاءِ، سراسري رحمت آھي. جنھن قوم ۾ ڪو اھڙو ماڻھو ڪونھي سا قوم بدبخت، مسڪين ۽ ڪنگال آھي، ۽ جيڪڏھن تنھن قوم ۾ ڪو اھڙو رھبر ڪونھي سا تباھه ۽ برباد آھي، ۽ جا قوم ڪنھن بي غرض قلندر کي پنھنجو رھبر ڪري نه وٺندي سا اڄ نه ته سڀاڻي صفحهء ھستي تان مِٽجي ويندي.
    ھاءِ ھاءِ ڪندي زندگي گذري ويئي پر منھنجي قوم کي اڃا تائين ڪو اڳواڻ نٿو ملي. توھان کي جيڪڏھن ڪو نيڪوڪار پسند نه آھي ڪو مقرب قبول ناھي ته پوءِ ڪنھن بدڪار تي ئي راضي ٿي وڃو. ھن وقت پنھنجي قوم کي وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا نه ڪريو. سموري سنڌ مالِ غنيمت آھي ۽ توھان جو تڪرار مال غنيمت جي تقسيم تان. کڻي ڪس کائو پر ھن وقت نازڪ دور ۾ متفق ٿي وڃو. ائين ڪرڻ ۾ توھان کي مالِ غنيمت مان به ٿورو گھڻو حصو ملي ويندو ۽ شايد توھان جي قوم به وڏي نقصان کان بچي پوي. جيڪڏھن پنھنجي قوم کي ڪو فائدو نٿا پھچائي سگھو ته به ان کي نقصان کان بچائي وٺو. خدا ۽ خدا جا فرشتا ۽ خدا جي مخلوق ۽ سنڌ جا موجودہ ۽ آئندہ نسل توھان کي ڪڏھن به عيد مبارڪ جو مستحق نه سمجھندا، جيڪڏھن توھان ڄاڻي واڻي، نئين نظام جي ٺھڻ وقت سنڌ کي ھميشہ جو نقصان پھچائيندؤ.
    چوطرف کان باھه وڪوڙي ويئي آھي پر گھر جي ڀاتين ۾ تڪرار آھي ته منجھن وڏو ڪير آھي؟ ٻيڙي ٻڏي رھي آھي پر ملاح ۽ مسافر ننڊ ۾ بيھوش آھن، ڪٽڪن پٺيان ڪٽڪ ملڪ ۾ ڪاھي پيا آھن پر محافظن جي پاڻ ۾ لٺ بازي شروع ٿي ويئي آھي، ملڪ غرق ٿي رھيو آھي، پر بچاءَ بند کي مضبوط ڪرڻ بدران ان کي ڊاھي رھيا آھن. زلزلو سڀني کي دفن ڪري رھيو آھي، پر زلزلي جا مصيبت زدہ ڦرمار ۾ لڳي ويا آھن. آسماني بجلين جي ڪڙڪاٽ ھيٺ ھر عمارت زمين دوز ٿي رھي آھي. عياشين ڪرڻ وارا ۽ مال ۽ دولت گڏ ڪرڻ وارا عياشين ۽ رشوت خورين ۾ رڌل آھن ۽ پاڻ ۾ وڙھي رھيا آھن.
    سنڌ جا عيوضيو! گھٽ ۾ گھٽ ھيءَ جنگ زيرگري بند ڪريو، ھيءَ خانه جنگي ساري سنڌ جي دائمي تباھيءَ جو پيش خيمو ٿيندي. توھان عيوضي ٿيو، وزير ٿيو، وزير اعلى ٿيو، نائب وزير ٿيو، صلاح ڪار ٿيو، سيڪريٽري ٿيو، ساري سنڌ جي خزاني ۽ ٺيڪن جا مالڪ ٿيو، ڪميشنون کائو ۽ کارايو، عياشيون ڪريو، شڪار ڪريو، بنگلا رکو ۽ موٽرون وٺو، فيڪٽريون وٺو ۽ ڏيو، باغن ۽ گلن ڦلن جي بسترن تي ننڊون ڪريو، مفت ۾ سير ڪريو، حاڪم ٿي سلاميون وٺو، قوم کي وڌيڪ غريب ڪريو، پرواہ نه ڪريو جيڪڏھن بيمارن کي دوا نه نٿي ملي، اوگھڙن (اوگھاڙن) کي ڪپڙو نٿو ملي، ھارين نارين ۽ مزدورن کي نه پورو اٽو آھي، نه اجھو آھي ۽ توھان خوش آھيو ته سمجھوَ ته ساري قوم خوش آھي پر خدارا پاڻ ۾ ته ٺھي ھلو ۽ غريب سنڌڙيءَ کي مڏي ڪاتيءَ سان ڪُھي ڇڏڻ کان ته پرھيز ڪريو. نئون دستور ٺھي وڃي تيستائين پاڻ ۾ متفق ٿي وڃو. دستور ٺھي وڃڻ کانپوءِ جيڪڏھن توھان ھڪٻئي کي ختم ڪندؤ ته پوءِ قلندر الله جي درگاہ ۾ دعا پِني اوھان کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو.

    روزانه ” الوحيد “ ڪراچي سنڌ 3 جون 1954ع


    مھراڻ جون مائرون!

    جاڳو، جاڳو، ۽ بيجان قوم ۾ زندگيءَ جو روح ڦوڪيو. توھان جي پُٽڙن ٿڃ لڄائي آھي، اباڻي لڄ لٽائي آھي، پنھنجي غيرت غارت ڪئي آھي، مائٽاڻي مَڏي وِڪي آھي، ۽ معصوم مادر وطن کي مارئيءَ وانگر عمر جي بندي خاني ۾ بند ڪيو آھي. انھن ظالمن کي ائين ڪندي نه غيرت آئي نه ترس پيو. ھن ملڪ کي طوفان تباھه نه ڪري سگھيو، غضبناڪ درياھه غرق ڪري نه سگھيو، ھلاڪو خان ھلاڪ ڪري نه سگھيو، چنگيزخان چٽ ڪري نه سگھيو، نادرخان نابود ڪري نه سگھيو، پر توھان جي فرزندن ان جا تختا ڪڍي ڇڏيا آھن، توھان سُتل بخت کي جاڳائي سگھو ٿيون، قوم جي مايوسي ۽ ملال کي دور ڪري سگھو ٿيون، ڦَٽيل جگر ۽ زخميل دل جو صحيح علاج ڪري سگھو ٿيون ۽ ملڪ کي تندرست، توانا، طاقتور ۽ آزاد ڪري سگھو ٿيون، سونھاري سنڌ جون سڌوريون!
    قلندر جي نزديڪ توھان قوم جو خزانو آھيو. توھان منھنجي ديش جو ڌن ۽ دولت، ھيرا ۽ موتي آھيو. انسان ذات جي عزت ۽ اسلام جي عظمت توھان سان وابسته آھي.
    انسانيت ۽ شرافت، رحمدلي ۽ ھمدردي، توھان جون فطري خوبيون آھن. غمزدہ دل ۽ زخميل جسم لاءِ توھان جو ھٿڙو روحاني راحت ۽ مرھم جو ڪم ڏئي ٿو. توھان جي رفتار ۾ قدرتي نرمي ۽ شيريني آھي. قدرت جي ڪاريگر توھان کي اعلى مقصد لاءِ جوڙيو آھي. گھرن ۽ ڪٽنبن، جماعتن ۽ قومن جي ٺھڻ ۽ ڦٽڻ ۾ توھانجي تربيت جو وڏو دخل آھي. قومن جو مجموعو انسان ذات آھي. خاندان جو مجموعو قوم آھي. انھيءَ خاندان جو چشم و چراغ، عزت ۽ آبرو توھان جي ھستي آھي. ڏينھن جي روشني جھڪي ٿي رھي ٿي، رات جي اونداھي ڀيانڪ ٿي رھي ٿي. برسات جي موسم بدلجي رھي آھي، درياھه جو پاڻي گھٽجي رھيو آھي، ھوا جو رخ ڦري ويو آھي، گرميءَ جي شدت وڌي ويئي آھي، سردي سڏي رھي آھي، چوطرف لڏپلاڻ آھي، سنڌي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ٿي پيو آھي، اڳواڻ غدار آھي، عوام پريشان آھي، انصاف جو خون ٿي رھيو آھي، قوميت جو ڪال آھي، وطن جو نالو وٺڻ گناھه آھي، قَدرن ۽ معيارن جي مٽي پليد ٿي ويئي آھي، خيالن ۾ گندگي ڀرپور آھي، اصولن سان ڪنھن جو واسطو ڪونھي، اخلاق بگڙي چڪا آھن، مذھب ۽ سياست ۾ منافقي پيدا ٿي چڪي آھي، شرافت جو نالو ڪونھي، قومي عزت ۽ عظمت جي پٺيان چور ڪاھي پيا آھن، فتني ۽ فساد جو جھان آھي. زور ۽ زبردستيءَ جو دور آھي ۽ اھڙي دور ۾ سنڌو درياءَ جون ڌيئرون!
    ﷴِؐ دين جون مڃڻ واريون!
    وطن ۾..............................واريون!
    تومان پيدا ٿيون آھن ۽ توھان کي، پاڻ کي، ۽ قوم کي فتنن ۽ فسادن کان بچائي ترقي ۽ عروج جي اعلى منزلن تائين پھچائڻو آھي.
    ھزارين سالن کان وٺي زماني توھان تي ظلم ڪيو آھي ۽ توھان کي حقير سمجھيو آھي ۽ قيد ڪري ڇڏيو آھي ۽ اڃا به ڪيترن خاندانن جي روش ۾ تبديلي ڪانه ٿي آھي. اڃان به توھان ئي نگاھه ھدف آھيو، بدچالن جي ٺٺولين جو شڪار آھيو، سنھري پڃرن ۾ نظربند آھيو، جاھلن جي نڪته چينيءَ جو مضمون آھيو ۽ ڪيترن جي نزديڪ پيدائشي جنم ٽيپي ٿي رھڻ جي لائق آھيو.
    ھر ڪنھن جي نظر توھان جي جسماني نزاڪتن ۽ ڪمزورين تي آھي ۽ نه توھان جي روحاني صلاحيتن ۽ اخلاقي اوصافن تي ۽ نه فطرتي خصوصيتن تي. اھو ڪير نه ٿو ڄاڻي ۽ وِيچاري ته ڪائنات ۾ توھان نه ھجو ته ڪير به نه ھجي. جيڪڏھن اھا ھڪ ناگزير حقيقت آھي ته پوءِ ھيءَ به حقيقت آھي آھي ته جيڪڏھن ڪنھن قوم ۾ توھان جي واسطي عزت ۽ احترام نه آھي ته پوءِ اھڙي قوم ھڪ بي عزت ۽ ذليل قوم آھي. پر ھيءَ به حقيقت آھي ته جھڙيون توھان ھونديون تھڙو جھان ٿي پوندو. جي توھان خداترس، خدا شناس، بااخلاق، سڌريل ۽ تعليم يافته، وطن ۽ قوم ۾ انسانيت سان محبت رکندڙ آھيو ته قوم توھان وانگر ٿي پوندي. قوم توھان جو آئينو آھي. توھان قوم جو لباس ۽ قوم توھان جو لبا، توھان قوم جي ناموس ۽ قوم توھان جي ناموس، توھان قوم جو آڌار ۽ قوم توھان جو آڌار، درحقيقت انسان ذات توھان جي ذات ۾ سمايل آھي. توھان جي ذات ڏاتر جي ذات آھي. خانه داري، وطن ساز ۽ قوم پروري توھان جو فطرتي شعائر آھي. ڪنھن سچ چيو آھي ته جو ھٿ ھندورو ھلائي ٿو سو جھان جي حڪومت ھلائي ٿو. غلط آھي اھو الزام ته توھان حضرت آدم کي جنت مان لوڌي ڪڍيو.
    جيڪڏھن اھو صحيح ھجي ھا ته پوءِ اسلام جو پاڪ ۽ پيارو پويون پيغمبر ائين ھرگز نه چوي ھا ته جنت ماءُ جي پيرن ھيٺان آھي. توھان آھيو قوم کي جنت ۾ موڪلڻ واريون ۽ جھنم کان بچائڻ واريون. توھان ماءُ ٿي کير پياريو، لوليون ڏيئي وڏو ڪيو، تربيت ڏيئي اخلاق سيکاريو، ڦڪيون پياري بيمارين کان بچايو، سموري گھر جو انتظام رکيو، ڪپڙا بڻائي انگ ڍڪايو، لکائي پڙھائي ڌنڌي تي لڳايو، قوم جي محبت ۽ وطن جي خدمت جو جذبو جاڳايو، بھادر ۽ مجاھد بڻايو، زندگيءَ جون منزلون طئي ڪرايون.
    پر دنيا جي اميرن ھر زماني ۾ توھان کي پنھنجي حرص ۽ حوس جو رانديڪو بڻائي رکيو. ھٿن ۾ ڪنگڻ، نڪ ۾ نٿون، ڪنن ۾ جھومڪ، ڳچيءَ ۾ ھار، پيرن ۾ پازيب، ٻانھن ۾ ٻانھيون ۽ خدا ٿو ڄاڻي ته ڪيترن قسمن جا زيور آھن، جن سان توھان جي دل ھوندي پر توھان جو سچو زيور توھان جو علم ۽ عمل آھي، عقل ۽ اخلاق آھي، قومي محبت ۽ قومي خدمت آھي، رحمدلي ۽ ھنر آھي، دينداري ۽ پرھيزگاري آھي، قوم جي ٻچن جي تربيت ۽ تعليم آھي، خانهء داري جو سليقو ۽ وطن جي زينت آھي. تعليم يافته زالون ۽ بيدار مغز زالون، تعليم يافته ۽ بيدار مغز قومون پيدا ڪنديون آھن.
    اسان جي ميمبرن جي ميمبريءَ ممڻ مچايو آھي ۽ وطن وڪيو آھي. انھن توھان جي آئندہ نسلن سان نِسورو ناحق ڪيو آھي. شال اھڙا ٻچا توھان پيدا ئي نه ڪريو، جي پيدا ڪريو ته انھن جي نڙيءَ تي ننھن رکي نگھوسار ڪري ڇڏيو ھا، اھڙن وطن فروش ۽ ديش دشمنن، ظالمن ۽ ستمگرن، رشوت خورن ۽ حرام خورن کي اڃا به توھان ختم ڪري سگھو ٿيون. غيرت مند مائرون ۽ زالون، ڀينرون ۽ ڌيئرون، انھن پٽن ۽ مردن، ڀائرن ۽ ڀينرن تي ڦٽڪار وجھنديون آھن جي وطن جي آزاديءَ لاءِ پنھنجيون جانيون قربان نه ڪندا آھن. پر ھي نامراد ته ٽڪي جي عارضي ميمبري ۽ وزيريءَ لاءِ پنھنجي وطن جو خانوخراب ڪري چڪا آھن. جي توھان گھُرو ته انھن کي سندن ڪرتوتن جي سزا ڏيئي سگھو ٿيون.
    اِجھو عام چونڊون ٿيڻ واريون آھن، توھان کي به راءِ ڏيڻ جو حق حاصل آھي. قوم توھان جي طرف واجھائي نھاري رھي آھي ۽ درخواست ڪري رھي آھي ته توھان جا فرزند، ھرگز انھن اميدوارن کي ووٽ نه ڏجو جي پنھنجي ذاتي مفاد واسطي ظلم ڪيو ويٺا آھن ۽ وطن وڃايو ويٺا آھن.

    روزانه ” الوحيد “ ڪراچي سنڌ 8 اپريل 1956ع


    نعره مستانه

    [ نوٽ: سنڌ جي تاريخ ساز روزنامي ” الوحيد “ جو ڪالم ” نعرہء مستانه “ سنڌي صحافت ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو، جو محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب جي بھار آفرين ۽ فڪرانگيز قلم جو ڪرشمو آھي. ھيءُ مضمون ان دستاويزي سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي، جنھن ۾ شيخ صاحب جي اعلى نثرنويسيءَ جو عڪس موجود آھي. اھو ڪالم شيخ صاحب جن ” مست قلندر “ جي نالي سان لکندا ھئا. ھيءُ مضمون روزانه ” مھراڻ “ جي سالگرہ نمبر جنوري ۱۹۶۲ع تان نقل ڪري ھتي ٻيھر تبرڪ طور شايع ڪجي ٿو. اھا شيخ صاحب جي آخري ڇپيل تحرير آھي. ]
    (1) قلندر ته عالم نه فاضل، نه سالڪ نه مجذوب، نه مدبر نه معلم، نه مورخ نه منصف، نه شاعر نه اديب، نه مصور نه موسيقي دان. پوءِ به کيس حڪم مليو آھي مضمون لکڻ جو.
    (2) سردارن جو حڪم نه مڃڻ بغاوت جي برابر آھي. دوستن جي دل نه رکڻ دل ڏکوئڻ جي برابر آھي. بلڪ سوين سال اڳي مولانا رومي صاحب فتوى ڏيئي ڇڏي آھي ته دل وٺڻ صبح - ڪبر جي برابر آھي پر قلندر سراپا ڦٽيل. سو لکي ڇا لکندو؟ ظاھري زخمن جو علاج آسان آھي پر دل جي دردن جو نڪو ويڄ نڪو طبيب. جنھن لکڻ مان ڪو کـڙ تيل نڪري يا علم ۽ معلومات وڌي يا روحاني سُرور ۽ سواد حاصل ٿئي يا رب جو رستو يا رب ملي، سو لکڻ ئي ٻيو آھي. قلندر جو مضمون ڦِڪو ۽ سڪو، رُکو بي تُڪو، جنھن ۾ نه مرچ نه مصالحو، نه رس نه رھاڻ، نه نظرياتي جھلڪ نه علمي ڄاڻ، نه نحوي ترڪيب نه منطقي ترڪيب، اھڙو مضمون جھڙو لکيو تھڙو نه لکيو.
    (3) اسان ورق سڀ وساري ڇڏيا. پراڻا پنا سڀ ڦاڙي ڇڏيا. قلم ۽ ڪتاب سڀ درياءَ داخل. زندگيءَ جو ڦل لاحاصل. نيڪي برباد گناہ لازم. خانه بدوش، نه گھر نه گھاٽ، نه ٻني نه ٻارو، نه وڻج نه واپار، نه نوڪري نه چاڪري. آزاديءَ تان سڀ ڪجھه قربان، جان مال، ٻار ٻچا، مِٽ مائٽ، عيش آرام، سڀ قربان، ڏينھن ۽ رات، صبح ۽ شام، آڌي ۽ مانجھي، ديس ۽ پرديس ۾، سفر ۽ حضر ۾، فاقا ۽ فرياد، ھاءِ ھاءِ وائي وائي، منھنجو وطن، ماضي حال ۽ مستقبل ۾ ساڳي صدا ۽ ساڳي ندا. اھا فطرتي محبت آھي جا ھر انسان خواہ حيوان کي پنھنجي آزاد گھر لاءِ رھي ۽ رھندي، ته خدا آزاد سلامت ۽ خوش رکي. منھنجي مادري ۽ پدري وطن کي. شال غير جي غلاميءَ کان آزاد رھي منھنجو اباڻو وطن. شال ھر سال پنھنجن اباڻن پَکن ۾ آزاديءَ جو جشن ملھايو وڃي ۽ ھر روز نغمه قومي جو ناد وڄندو رھي. لاھين ۽ چاڙھين ۾ زندگيءَ جو لطف ۽ مزو آھي، قلندر جو ٻيڙو انشاءَالله ڪڏھن به نه ٻڏندو. لُڏي لُڏي پار پئجي ويندو ۽ منزل تي پھچي ويندو.
    (4) انھيءَ چيخ ۽ پڪار ڪندي زندگيءَ جا ۷۳ سال نه پر ۷۳ ڏينھن پيا لڳن. ھڪڙو سال ھڪ ڏينھن جي برابر. جھڙيءَ ريت گذريل زماني جي ھزارھا صدين جو ڪو احساس ڪونه رھيو آھي، تھڙي ريت زندگي جي گذريل وقت جو به. سچ چيو اٿن ته ڪمان مان ڇٽل تير وانگر ويَل وقت به موٽي نه ايندو. قلندر جي يڪي توبھه. نه فقط ماضي کان پر حال ۽ مستقبل کان به آزادي حاصل ڪرڻ آسان پر سنڀالڻ تمام ڪٺن ڪم. زھر جو پيالو پيڻ، لوھه جا چڻا چٻڻ، دل جو خون چوسڻ، موت جو مقابلو ڪرڻ مشڪل نه آھي پر قومن جي خارجي ۽ داخلي آزادي قائم رکڻ مشڪل مسئلو آھي. جيئڻ جنجال آھي. زندگي وبال آھي. انسان ذات جو غوراب وچ درياءَ ۾ لڏي رھيو آھي. ڪنارو دور. وچ ۾ ڪُن. موسم ناموافق. طوفان تيز. خلاصي حواس باخته. مسافرن ۾ فساد ۽ تڪرار پر قلندر جي حياتيءَ جو ڏيئو اڃا وسامي نٿو. جيستائين موت جو پيغام نه آيو آھي تيستائين حياتيءَ جو آسرو آھي. اميدون ۽ آسون نٿيون ٽُٽن. اميد تي جياپو آھي. اميد حياتي جو وڻ آھي. زماني جا طوفان ڪا شيءِ نه آھن. اھي طوفان لڳي لڳي ازخود جھڪا ٿي ويندا آمين. دل ۾ ڪيتريون ئي مرادون موجود ۽ موجزن آھن.
    (5) شال منھنجو وطن آزاد ۽ آباد ۽ خوشحال رھي ۽ ترقيءَ جي معراج تي پھچي وڃي. شال قوم جا نوجوان اعلى کان اعلى ڊگريون ۽ فضائل حاصل ڪن ۽ ھنرمند ٿين جن جي شرڪت ۽ صلاح مان قومي ۽ بين الاقوامي ادارا پنھنجو ڪم پورو ڪري سگھن.
    شال اھي عالمي آزادي ۽ امن جا علمبردار ٿين. اڄڪلھه جڏھن قومن ۾ نفرت ۽ عداوت وڌي رھي آھي ۽ ائٽمي طاقت تي گھمنڊ آھي تڏھن منھنجي قوم به اھڙي طاقتور ٿئي جو پنھنجو بچاءُ ڪري سگھي ۽ پنھنجو پيدائشي حق محفوظ رکي سگھي. شال اھو اوج ۽ عروج اکين سان ڏسي پوءِ مران. پر پوءِ به مرڻ تي راضي ٿيندس يا نه، سا پڪ نه اٿم.
    (6) انسان ويچارو ريسارو ۽ ويسارو، نفساني خواھشن جو پتلو، نسيان ۽ عضيان جو مرڪب آھي. ڏسي به پيو ته خدا جي زمين ھڪ وڏو قبرستان آھي. فرعون ، نمرود، شداد، سڪندر، دارا، نيپولين، چنگيز خان، ھلاڪو خان، ھٽلر، مسولني، لينن، اسٽالن، شھنشاھه سلاطين، ڪرزن ۽ ڪچنز سڀ زيرزمين دفن يا درياءَ ۾ غرق ٿي ويا. پيغمبرن ۽ پِيرن مان به ڪو ڪونه بچيو. قومن جون قومون، علائقن جا علائقا ۽ شھرن جا شھر، تمدن ۽ تھذيبن جا ڪيترائي مرڪز سڀ خاڪ ۾ مدفون. جو ڄائو آھي سو نيٺ مرندو. پر تنھن ھوندي به مون وانگر ڪو خوشيءَ سان مرڻ لاءِ تيار نه آھي. جڏھن زندگيءَ سان ايتري قدر محبت آھي تڏھن ڪير چوندو ته زندگي ھڪ خواب ئي خواب آھي جنھن جي ڪا حقيقت ڪانھي؟
    (7) ڇا انسان پاڻيءَ مٿي ڦوٽو آھي جو پاڻي ٿي ويندو؟ يا مٽيءَ جو پتلو آھي جو مِٽي ٿي ويندو؟ يا ھوا جو غبار آھي جو ھوا ٿي ويندو؟ يا امر ربي آھي جو امر ٿي ويندو؟ انسان ڇا به ھجي پر ھن ڳالھه کان ڪير انڪار ڪندو ته اھي ئي ارڪان زندگيءَ جا ڪارپرداز آھن، ته پاڻيءَ ۾ زندگيءَ جا مڻيا موتي ۽ ماڻڪ آھن، ته مٽيءَ ۾ عجيب و غريب خصوصيات ۽ معدنيات موجود آھن، ته ھوا ۾ حيات بخش اوصاف آھن، ته آفتاب ۾ روشني ۽ حرارت آھي، ته جڏھن پاڻي، مٽي، ھوا ۽ روشني ھڪ ٿي ويا تڏھن انسان جو خمير تيار ٿي ويو ۽ امر ربيءَ سان حرڪت ۽ حيات حاصل ٿي ويئي. خواب وارا خواب ۾ مست، حقيقت شناس حقيقت ۾، سارو جھان پنھنجي خيال ۾ مست، جيڪڏھن ھڪ خسيس داڻو خاڪ ۾ ملي گلزار ٿي پوي ٿو تڏھن قلندر قبر جي خاڪ ۾ ملي زندہ ٿي پوي ته ڪھڙو تعجب آھي ۽ ھائو! قلندر جڏھن مرندو ۽ سارو جھان جڏھن مرندو تڏھن سجاڳ ٿي پوندو ۽ بھتر صورت ۾ ظاھر ٿيندو. ” ھو تشنکم في مالا تعلمون. “
    موت زندگيءَ جو ھڪ خواب آھي. موت جي رات بعد نئين زندگيءَ جو صبح نمودار ٿئي ٿو.
    موت کانپوءِ به حيات آھي، موت حيات جي نئين صورت آھي. جيئن خواب حيات ۾، ھڪڙو
    جھان ڦِٽي رھيو آھي ته ٻيو ٺھي رھيو آھي. ڇاڪاڻ ته جو ماريندڙ آھي سو جياريندڙ به آھي.
    ڪائنات ۽ ان جي ھر شيءِ ۾ جي حڪمتون ۽ اوصاف موجود آھن تن کي پروڙڻ ۽ سمجھڻ
    کانپوءِ به جيڪڏھن ڪو ائين سمجھي ٿو ته اھي حڪمتون ۽ اوصاف ازخود موجود ٿي
    ويئون ۽ انھن جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪنھن حڪيم ۽ عليم جو ھٿ نه آھي ۽ ڪائناتي نظام
    جو ڪو ناظم ڪونھي، ته پوءِ چئبو ته ھو عالم ۽ فاضل ۽ سائنسدان ھئڻ جي باوجود به
    جاھل مطلق آھي. داڻي مان درخت جو پيدا ٿيڻ، قطرہ مان خود انسان جو پيدا ٿيڻ ۽ عالمي
    نظام ۾ ارتقائي قانون جو موجود ھئڻ سڀ اتفاق ۽ حادثو آھي ۽ اھڙي قدرت جو ڪم آھي
    جنھن جو قادر ڪونھي، ائين ڪري سمجھڻ بلڪل ناداني آھي.
    ھر صنعت جو ڪو صناع ٿيندو آھي. ھرنقش جو نقاش. ھر تصوير جو مصور. ھر
    ملڪيت جو ڪو مالڪ ۽ ھر خيال جو ڪو خالق. ساڳي ريت ھن خوبصورت ڪائنات
    جو به حقيقي مانع ۽ بينظير نقاش، سچو پچو ۽ خالق موجود آھي جو احسن الخالقين آھي.
    اول منزل ھئي ازل جي نقشي ۾ جنھن ۾ ڪائنات جو تصور موجود ھو.
    ٻي منزل ھئي ڪن فيڪون جي.
    ٽين منزل ھئي ارواح لاءِ قالوبلى جي.
    چوٿين منزل ھئي شڪم مادر ۾.
    پنجين ٻالاپڻ جي.
    ڇھين تعليم ۽ تربيت جي.
    ستين شادي مرادي روزگار ۽ خدمت خلق جي.
    اٺين ٻڍاپڻ جي.
    نائين موت يا حيات نؤ جي.
    ( 8 ) ڪو ڄمڻ شرط مري يا جوان ٿي مري يا ٻڍو ٿي مري يا ڪڏھن به مري پر مري وڃڻ سان
    روح ھرگز نٿو مري، ۽ جسم جي حالت ۾ ھڪ تبديلي پيدا ٿئي ٿي. جھڙي ريت خود زندگي ۾ به انساني ڄمار جي ھر سال ۾ جسماني صورت ۽ حالت ۾ ھڪ حيرت انگيز تبديلي پيدا ٿيندي رھي ٿي. خاڪي بدن ختم ٿي وڃي ٿو پر اعمالي بدن روح سميت ھڪ لطيف حالت ۾ زندہ رھي ٿو. مرڻ جي معنى آھي لباس بدلائڻ. نيڪيءَ جي واٽ ۾ مري شھيد ٿيڻ وارا اڄ به پنھنجي عناصري لباس ۾ زندہ آھن ۽ روحاني درجات حاصل ڪري رھيا آھن ۽ برائيءَ جي واٽ ۾ مرڻ وارا به زندہ رھن ٿا پر پشيمان ۽ پريشان. جھڙيءَ ريت مکڙيءَ ۾ گل پوشيدہ آھي. جھڙيءَ ريت نانگ ھڪ کل لاھي ڇڏي ٿو ۽ ٻيءَ ۾ زندہ رھي ٿو تھڙيءَ ريت انسان ھڪ کل ڦِٽي ڪري ٻيءَ ۾ زندہ رھي ٿو. پر اھي آھن قلندري ڌُڪا. سھي سگھو ته پنھنجي مغز ۾ ھڻو نه ته ھڻو قلندر جي ڪنڌ تي.
    (9) قلندر جي شباب ۽ رباب، شراب ۽ ڪباب، عيش ۽ عشرت جو زمانو ويو موڪلائي. دولت، حڪومت، جواني، حسن، علم، عمل، ھنر، ذات پات، خاندان، رنگ روپ، قوم، وطن ۽ نين ايجادات جو به ھڪ غرور ۽ نشو ٿيندو آھي. پر ھڪ ڏينھن نشا ويندا ٽٽي، آخري عمر ۾ نظر ڪمزور يا اکين تي پردا، ڪنن تي ڪٽ، طبيعت تي تالا، عقل چرخ، ذھن ڪند، حافظو خراب، ڏند ڀڳل، زبان ٻاتي، چپن تي مھر، دل تي دھشت، پوءِ لکجي ته ڇا لکجي؟ اھڙي حالت ۾ قلم ڏنگو ۽ ڦڏو، جڏو ۽ مڏو نه ٿي پوندو ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ افراد ۽ قومون پنھنجي موت مري وڃن سو ھڪ قدرتي قانون آھي پر جيئري جاڳندي انھن جي قوت فوت ٿي وڃي يا روح فنا ٿي وڃي سا ڳالھه خدائي ڏمر جي برابر آھي. شال منھنجي قوم جي اھڙي حالت نه ٿئي.
    (10) اھڙي ڪشمڪش جي حالت ۾ لکڻ آھي لکڻ تي ظلم ڪرڻ. جڏھن ھوش ۽ حواس خطا، وايون بتال ٿي وڃن، جيئن افراد جي زندگي ۾ تيئن قومن جي زندگي ۾ به ساڳيو انقلابي اصول ڪم ڪندو رھي ٿو. چاڙھيون ۽ لاھيون. عروج کانپوءِ زوال ۽ زوال کانپوءِ عروج، زماني جي اندر دنيا يا دنيا جي اندر زمانو، قومن اندر حڪومتون يا حڪومتن ھيٺ قومون، دستور ۽ قانون، شريعتون ۽ سماجي رشتا، نظريه ۽ معيار، افڪار ۽ اقدار، ثقافتون ۽ فنون، زماني جون ضرورتون ۽ تمدني تقاضائون. سڀ ۾ حيرت انگيز تبديلي ۽ انقلاب. قومن ۽ قومي پارٽين ۽ حڪومتن جي ھڪ ھٽي ختم ۽ انقلاب زندہ باد. فوجي ھجي يا آئيني ھر انقلابي دؤر عارضي ھوندو آھي ۽ نه دوامي. ان جو بنياد جيتريقدر قومي مفادن ۽ صحيح اصولن جي عمل تي ھوندو آھي اوتريقدر ان جو اثر جاري رھندو آھي. عمل جي مفقود ٿي وڃڻ کانپوءِ اثر به ختم.
    (11) ھيءَ ويھين صدي آھي ۽ انقلابي صدي آھي. ڪيتريون ئي قومون آزاد ٿي چڪيون آھن ۽ جي رھجي وييون آھن سي به آزاد ٿيڻ واريون آھن. پنجن ڏھن سالن جي اندر نه شھنشاھه رھندا نه سلطان، نه بادشاھه نه ڊڪٽيٽر ۽ اھڙي ڪابه قوم ڪانه بچندي جا خارجي خواھه در ملي غلاميءَ مان آزادي حاصل ڪرڻ کان رھجي وڃي.
    آفريڪا ھجي يا ايشيا، يورپ ھجي يا امريڪا ھجي يا دنيا جو ڪو کنڊ ھجي ۽ انھن جو ڪو ملڪ ھجي سو پنھنجي موجودہ صورت ۾ ھرگز رھي نه سگھندو. ھر قوم ضرور پنھنجي سياسي ۽ اقتصادي آزادي حاصل ڪندي. مايوس ٿيڻ جي ضرورت نه آھي. عالمي آزاديءَ جو يوم جشن قريب آھي. اُٿو ۽ ان جي ملھائڻ لاءِ تياري ڪريو.
    (12) اڄ ڪالھه مفڪرن جو ھي خيال آھي ته سڀني قومن جي آزاد ٿي وڃڻ بعد دنيا ۾ ھڪ واحد بين الاقوامي وفاق قائم ٿيندو جو عالمي امن قائم رکي سگھندو ۽ ھڪڙي قوم کي ٻي قوم جي دست درازين کان بچائي سگھندو. نه فقط دنيا جي ملڪن کي ھڪ ٻي سان ڳنڍڻ لاءِ عالمي وفاق ضروري آھي پر ھر ملڪ جي جدا جدا علائقن کي ھڪ ٻئي سان ھميشه لاءِ ڳنڍڻ لاءِ داخلي طرح وفاق جي ضرورت آھي. پوءِ بيشڪ عالمي ۽ داخلي امن ۽ انصاف جو عمارتون قائم ٿي سگھن ٿيون پر قومن ۽ حڪومتن کي ڪو اھڙو نڀاڳ وڪوڙي ويو آھي جو امن ۽ انصاف قائم ڪرڻ شايد انھن جي اختيار کان ٻاھر ٿي پيو آھي. امريڪا ۽ روس جا اختلاف سڀني کي معلوم آھن. اختلافن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي ۽ نه ڪمي. ساڳي طرح اشتراڪي ملڪن ۽ مغربي ملڪن ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ باھمي ۽ داخلي اختلاف به وڌي رھيا آھن. مغربي حڪومتن جا آفريڪا ۾ قھري ڪارناما ڪنھن کان به پوشيدہ نه آھن. فرانس، بيلجم ۽ پورچوگال قتل ۽ خونريزي تي ڪمر ڪشي بيٺا آھن. ڏکڻ آفريڪا ڪاري رنگ جي قومن کي مساوي حقن جو حقدار نه ٿي سمجھي، آفريڪا ۽ ايشيا جا اڃا تائين ڪيترائي ملڪ ۽ ٻيٽ يورپي قومن جي غلاميءَ ۾ ڦاٿل آھن. خود امريڪا ۽ روس ۽ چين ۾ ڪي رياستون الڳ ۽ آزاد ٿي وڃڻ جون خواھشمند آھن. روس ۽ چين ۾ اڄ به جيڪڏھن بي ريائيءَ سان راءِ ورتي وڃي ته روس ۽ چين جون ٻه رياستون به پاڻ ۾ متحد نه رھنديون، عرب قومن جو پاڻ ۾ تڪرار، افغانستان ۽ ڀارت جا پاڪستان سان تڪرار، انھن ملڪن جي وچ ۾ باھمي عداوت ۽ روزافزون تلخيءَ جو باعث بڻجي پيا آھن. دنيا مان انصاف لڏي ويو آھي تنھن ڪري امن به موجود ڪونھي. انھن حالتن ھيٺ عالمي خواھه فوجي امن جو آھي خدا حافظ.
    (13) قلندرن جو به آھي خدا حافظ. زندگيءَ جي ڊگھي سفر ۾ سدائين ڪيو اٿن مقابلو، نفس ۽ شيطان سان. سدائين ڏٺيون اٿن مصيبتون ۽ شڪستون. پنھنجو جھان لٽائي چڪا آھن ۽ وڏن جو ورثو به. پر تڏھن به شڪست قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن، ڪنڊ وٺيو ويٺا آھن ۽ پيا دعائون ڪن موجودہ ۽ آئندہ نسلن جي نجات لاءِ. لکن سو ڇا لکن.
    (14) خدا خوش رکي اسان جي نؤنھالن ۽ نون اديبن کي، جي لکي به ڄاڻن ۽ لکائي به ڄاڻن. انھن جي تصنيف ۽ تاليف ۾ ترتيب ۽ ترڪيب آھي، قلم ۾ زور آھي، تقرير ۽ تحرير ۽ تنقيد ۾ جان آھي، فڪر ۽ نظر ۽ خيال ۾ بلندي آھي، جذبن ۾ جوش آھي، مضمون سان واقفيت آھي، مقصد ۾ پختگي آھي، نوع انساني ۽ قوم سان محبت آھي، وطني آزادي ۽ خوشحالي ۽ ڪڏھن ڪڏھن وقتي مصلحتن ۽ عارضي خودغرضين جو به خيال آھي.
    شال خودي ۽ خودغرضي ۽ خودپرستيءَ جو فلسفو ختم ٿئي ۽ خدمت خلق جو خيال غالب ٿئي، شال قوميت جي بدران فڪر انسانيت، فرقه بنديءَ جي بدران اسلاميت، نفاق جي بدران وحدت، نفسانيت جي بدران للاھيت، خودغرضيءَ جي بدران خودقرباني، خودفروشيءَ جي بدران خود داري، منافقيءَ جي بدران راست گوئي، بزدليءَ جي بدران مردانگي ۽ ظلم جي مقابلي جون صفتون منھنجي قوم ۾ پيدا ٿين ۽ ان قسم جون تصانيف تيار ٿين.
    (15) باقي قلندرن جي قيل ۽ قال جو نه آھي منھن نه مٿو، نه منطق نه فلسفو. قوم کي ضرورت آھي: جديد علوم ۽ فنون ۾ ماھرن جي، با اخلاق ۽ خدا ترس خواص ۽ عوام جي. جفاڪش محبان وطن جي. پر اسان آھيون سراپا جذبات ۾ مجذوب، سرشار آھيون شعر ۽ شاعري جي محفلن ۽ شغلن ۾، راڳ ۽ روپ جي رنگ رلين ۾، ساز ۽ سُرندي جي سوز ۽ گداز ۾. روحاني رقص جي لذتن ۽ لطافتن ۾، بي خودي جي عالم ۾ وصال جي واٽن ۾ گم ۽ غلطان، فراق جي آہ ۽ فغان ۾. بخدا! دل ٿي چوي ته شال اھو ذوق ۽ شوق، اھا لطيفي لئؤن ۽ سنڌي سُرندي جو سوز بني نوع انسان جي ھر قوم ۽ ھر فرد جي رڳ رڳ ۾، نه فقط موجودہ نسلن ۾ پر آئندہ جي نسلن ۾ به، پيدا ٿي پوي ته پوءِ قومي ۽ بين الاقوامي امن جو مسئلو ھميشہ لاءِ حل ٿي ويندو. رٺل يار پرچي پوندو ۽ ٻيڙو پار ٿي ويندو. دنيا ۾ امن قائم نه ٿيندو جيستائين مخلوق پنھنجي حالتن جي طرف راغب نه ٿي آھي ۽ انسان ۾ روحاني سوز و سرود ۽ سرور پيدا نه ٿيو آھي. پر خدايا! قلندر ويچارو ڇا ڪري؟ اسان توکي خوش ڪرڻ جي خيال ۽ خبط ۾ زندگي صرف ڪئي، پر تون اسان جي خواب ۽ خيال کان مٿي، تنھنجو پوي ٿو نه پار نه پتو. نه مڪان نه اھڃاڻ، پر تنھن ھوندي به چون ٿا ته تون ساہ کان به ويجھو آھين ۽ ڪائنات جي پردي پٺيان پوشيدہ آھين يا پڌرو پيو آھين. جيئن:
    خوشبوءِ گلن ۾، رنگت گلزارن ۾، لطافت نظارن ۾، حيات برسات ۾، بجلي پاڻيءَ ۾، برق بادلن ۾، تجلي نارن ۾، موتي مھراڻ ۾، ھيرا جواھر کاڻين ۾، ائٽم ماديات ۾، محبت يارن ۾، حسن دلدارن ۾، عشق پروانن م، عقل دماغ ۾، بصارت اکين ۾، بصيرت باطن ۾، ميزان عالمي نظام ۾، ڪشش مقناطيس ۾، ڳالھائڻ جي قوت زبان ۾، صبح رات ۾، ڪمالات قدرت ۾، ايجادات کوجنا ۾، حيات نيستي ۾، موت ھستي ۾، روح بدن ۾، ساہ سرير ۾، جذبات سيني ۾، فراست ذھن ۾، جنت ۽ دوزخ اعمال ۾، خوشي ۽ غم طبيعت ۾، حڪومت ۽ حرڪت زمين ۽ آسمان ۾، نُور مخلوقات جي قلوب ۾.
    (16) تون زمين ۽ آسمانن جو نُور آھين ۽ ھر رنگ ۽ روپ ۽ دل ۾ تون جلوہ گر آھين پر تنھنجي ھستي ۽ حڪمت دھرين جي دل ۾ سمائجي نه ٿي سگھي. تون ساھه جي رڳن کان قريب ھئڻ جي باوجود به انھن کي پنھنجي ھستي جو قائل نه ٿو ڪرين، جن جو ايمان چٽ آھي ۽ عقل انڌو آھي. ممڪن آھي ته انڪار کان پوءِ انھن لاءِ اقرار جي منزل اچي، نفيءِ کان پوءِ اثبات. اول ” لا “ تي زور پوءِ ” الاالله “ تي استقامت ۽ انجام. پر انديشو اھو ئي آھي ته متان ” لا “ جي منزل تي ئي دنيا جو خاتمو نه ٿي وڃي. اھڙائي آھن آثار جي نظر اچي رھيا آھن.
    (17) ايماندار مرندا وڃن پر شيطان اڃا تائين حيات آھن. ڀلا جنھن کي تو خود فرصت ۽ مھلت، آزادي ۽ زندگي ڏني ھجي سو ڪھڙي طرح مري سگھي ٿو؟ انھي شيطان تي ايتريقدر لعنتن جو وسڪارو وُٺو آھي جو لعنتي لعل ٿي پيو آھي ۽ آھي به ھيءَ حقيقت ته اسان واري شيطان ڪڏھن به تنھنجي ھستي ۽ وحدت، عبادت کان انڪار نه ڪيو آھي. ھو پاڻ کي آدم ذات کان افضل سمجھي ٿو ۽ سجدي ڪرڻ کان انڪاري آھي ڇاڪاڻ ته توسان عشق ۽ عبادت جو غرور اٿس. اھو آھي سندس ڏوھه. پر موجودہ زماني جو شيطان ته ڪل شيطانن جو ابو آھي. ھو نه فقط پاڻ کي افضل سمجھي ٿو پر تنھنجي ذات جو به علي الاعلان منڪر آھي. نمرود خدا سان جنگ جو اعلان ڪري منارن جي برجن ۾ ويھي آسمان ۾ تير ھڻڻ لڳو ھو پر ھن جا تير فقط ڪن پکين کي ماري سگھيا ۽ بس.
    (18) پر اڄوڪي زماني جا نمرود پنھنجن آسماني راڪيٽن مان ائٽمي بمن اڇلائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي ملڪن ۽ قومن کي ناس ڪرڻ جا پھه پچائي رھيا آھن. ھڪڙو بم ھڪ ٽن جو نه پر ميگا ٽن، جو جنھن جي قوت لکن ٽنن جي ۽ اھڙا بم به پنجاھه ميگا ٽنن وارا. اھو آھي روس جو ڪارنامو. ھوڏانھن امريڪا وارن پنج سو ميگا ٽنن جي توانائي وارن بمن ٺاھي سگھڻ جي دعوا ڪئي آھي. پنجاھه ميگا ٽنن واري بم جي تجربي مان طوفان برساتون ۽ بمباريون ۽ آب و ھوا ۽ اشياءَ ۾ تباھه ڪندڙ تبديليون پيدا ٿيڻ واريون آھن. اھا جنگ نه آھي پر رڳو بمن جي آزمائش ٿي رھي آھي. جنگ ۾ الاجي ڇا ٿيندو؟ اڃا رڳو چئن پنجن وڏين قومن کي ائٽمي بمن ٺاھي سگھڻ جو علم آھي ۽ پئسو آھي پر ٻن ٽن سالن اندر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ساڳئي قسم جا ڪارخانا قائم ٿيندا. اڄوڪا انسان، انسان نه پر حيوان نه، پر ديو ۽ راڪاس ببر باڪاس آھن. انھن حالتن ھيٺ مخلوق کي ڪھڙي طرح بچائي سگھجي ٿو.
    (19) ھڪڙو طريقو ھي آھي ته:
    1. سائنسدان پنھنجي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ گڏ ٿي اتفاق راءِ سان ھي فيصلو ڪن ته ائٽم بم، ھائڊروجن بم ۽ ان قسم جي ٻين ائٽمي بمن جي ٺاھڻ کان انڪار ڪندا خواہ کين سندن حڪومتن جي پاران ڪيتري به تڪليف ڏني وڃي.
    2. ائٽمي حڪومتن جو پاڻ ۾ ٺاھه ٿئي ۽ ائٽمي بمن جي ساخت ۽ استعمال تي بندش وڌي وڃي.
    3. ائٽمي جنگجو قومن ۾ ائٽم سازي جي برخلاف انقلاب اچي ۽ جنگي حڪومتن جو خاتمو ڪيو وڃي.
    4. مٿين ٽن طريقن تي عمل ڪرائڻ لاءِ بين الاقوامي تحريڪ جاري ڪئي وڃي جنھن جون شاخون دنيا جي ھر ھڪ ملڪ ۾ قائم ڪيون وڃن ۽ جنھن ۾ ھر امن پسند حڪومت ۽ جماعت ۽ شخص کي شامل ٿيڻ جو حق رھي.

    يا سائنسدانن کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي يا غرق ڪيو وڃي ڇاڪڻ ته ھڪڙي پاسي بني نوع انسان جي خاتمي جو خطرو آھي ۽ ٻئي پاسي ٻن چئن سون ماڻھن کي ختم ڪرڻ جو سوال آھي. گھٽ ۾ گھٽ انھن ماڻھن کي نظربند ڪري رکيو وڃي ۽ انسان ذات کي تباھيءَ کان بچايو وڃي. آھي ڪو خدا جو بندو جو قلندر جون اھي رٿون اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ ۾ غور ڪرڻ لاءِ پيش ڪري سگھي.
    (20) منھنجا رب! تو سندرو ٻڌو آھي صبر تي، نه ته تنھنجي زمين جو ھڪ لوڏو ۽ ڌڌڪو دريائن جي ھڪ اٿل، طوفان جو ھڪ جھٽڪو، بادل جو ھڪ ڪڙڪاٽ، ھڪڙي پڇڙ تاري جي پڇاڙ، زمين ۽ آسمان ۾ تنھنجي بيشمار لشڪرن مان رڳو مکيون، مڇر ۽ جيوڙا نه فقط دنيا جي نمرودن ۽ فرعونن کي پر ڪل ظالمن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن. پر تو سڀني کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو آھي ته تنھنجي صور اسرافيل جي بدران ڀل پنھنجي ائٽم بمن سان پاڻ کي ختم ڪري ڇڏين. پوءِ تون نئون جھان جوڙين يا نه سا تنھنجي مرضي؟ بلڪ تنھنجي صور اسرافيل جي معنى ئي اھا آھي ته انسان ذات پنھنجي ھٿن جي ڪمائي ۽ ڪڌن ڪرتوتن سان پاڻ تي قيامت ۽ تباھي آڻيندو.
    (21) موجودہ زمانه جي ايجادات انسان ذات کي حيران ۽ پريشان ڪري رکيو آھي. پيغمبري اعجازات ۽ اوليائي ڪرامات ۾ انھن ايجادات جو تصور موجود آھي. فرق فقط ھي آھي ته پيغمبرن ۽ اوليائن ظاھري اسباب کان سواءِ حيرت انگيز ڪارناما ڪري ڏيکاريا آھن، جن کي پيغمبرن جي حالت ۾ معجزو، اوليائن جي حالت ۾ ڪرامت ۽ غير مسلم درويشن جي حالت ۾ خرق عادات ڪري سڏيو ويو آھي. ظاھري اسباب کان سواءِ ھوا ۾ اڏامڻ، باھه ۽ پاڻيءَ تي ھلڻ، رات وچ ۾ ھزارين ميلن جي مسافت طئي ڪندي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پھچي وڃڻ، ھزارن ميلن تان ڏسي سگھڻ ۽ ڳالھائڻ، بيمارن کي دوا کان سواءِ تندرست ڪرڻ، غيب مان تيار ٿيل کاڌي ۽ پاڻيءَ جو ملڻ، بي موسمي برسات جو پوڻ، مٽيءَ جي ٻڪ ڦٽي ڪرڻ سان ڪاھيندڙ فوج جو بدحواس ٿي ڀڄي وڃڻ، انڌن کي اکين جي روشني ڏيڻ، آسمانن جو سير ڪرڻ، مردہ جسم ۾ ساھه ڦوڪڻ، ھڪڙي چنڊ مان ٻه چنڊ ڪرڻ، اھل ممات سان ڳالھائڻ ۽ ملاقات ڪرڻ ۽ انھيءَ قسم جون سوين ڳالھيون آھن جي معقولات پرست انسان جي عقل ۽ اعتبار ۾ اچي نٿيون سگھن پر جن ڳالھين تي ڪروڙين ماڻھن جو ايمان ۽ عقيدو ھو ۽ آھي، دنيا ۾ اھي خيال مذھبي ڪتابن ۽ پيغمبرن ۽ اوليائن پيش ڪيا. موجوده زماني جي سائنسدانن ۽ عالمن انھي قسم جا ڪي ڪم پنھنجي علمي کوجنا ۽ علمي طريقن موجب ڪري رھيا آھن. پر انھن خيالن جي پيش ڪرڻ وارا دنيا جا پيغمبر ۽ اولياءَ ھوا ۽ انھن جي پوئلڳن ذريعي اڄ مادي ۽ علمي طريقن سان انھن خيالن کي عملي جامو پھرايو پيو وڃي. ” پر چہ نسبت خاڪ را با عالم پاڪ “ پيغمبرن ۽ اوليائن جيڪي ڪم ڪري ڏيکاريا تن جي ڪري خدا جي مخلوق باخدا، بااخلاق ۽ انسان ذات جي خدمت گذار ٿي ويئي. پر اڄوڪي دور ۾ علم جي زور تي جو ڪجھه ٿي رھيو آھي تنھن ۾ انسان ذات جي تباھي ۽ بربادي صاف نظر اچي رھي آھي.
    (22) انساني تاريخ ۾ ويھين صدي عيسوي جا واقعات ۽ ايجادات ھميشہ لاءِ ياد رکڻ جي قابل آھن بشرطيڪ ياد ملھائڻ جي واسطي آدم جي اولاد مان ڪي افراد رٿيل ائٽمي بربادين کان بچي ازسرنو دنيا کي آباد ڪري سگھيا. ٻه عالمي جنگيون ٿي گذريون آھن جي سفيد رنگ قومن جي خوني ڪارنامن ۽ انسان ڪش ڪارواين تي قيامت تائين ماتم ڪنديون رھنديون ۽ ھاڻي آخري تباھي ڪندڙ عناصري جنگ جون تياريون تڪميل تي پھچي رھيون آھن جن بابت ببانگ دھل دعوى ڪئي وڃي ٿي ته نه رھندو فاتح نه مفتوح، نه ڪاھه ڪرڻ وارو نه بچاءَ ڪرڻ وارو، نه طرفدار نه غيرطرفدار. نه رھندي بانس نه وڄندي بانسري. الله سان جنگ آسمان تي ۽ سرمايه دارن سان زمين تي.
    اھو سڀ ڇاجي واسطي؟ چون ٿا ته وڏا نظرياتي اختلاف آھن ۽ اختلاف ڪھڙا.
    (23) خانگي دولتمندي جو خاتمو ڪيو وڃي. مال ۽ دولت جي پيداوار جا ذريعا حڪومتن جي ھٿن ۾ ھئڻ گھرجن ۽ نه افراد جي ھٿن ۾. ڪائنات جو ڪو خالق ڪونھي. مذھب ھڪ وھم آھي. اٽو اجھو لٽو سڀني کي ملڻ گھرجي. جئن اشتراڪي ملڪن ۾ آھي ۽ نه جئن غيراشتراڪي ملڪن ۾ آھي. ملڪ جي حڪومت اھڙي پارٽيءَ جي ھٿن ۾ ھئن گھرجي جنھن جو مٿين اصولن ۾ ايمان آھي.نتيجو اھو نڪتو جو اشتراڪي ملڪن ۾ فقط واحد اشتراڪي پارٽي جي حڪومت آھي ۽ ٻي ڪابه پارٽي زندہ رھي نه ٿي سگھي. حڪومت جو فولادي چرخو آھي نوڪر شاھي پوليس جي ھٿن ۾.
    اھي آھن نظرياتي ۽ اصولي اختلاف، تنھن کان سواءِ تاريخي تڪرار، نسل نفاق، ڪارن ۽ گورن جا ڪارا ڪڪر، دانسيات جا ضد، سياسي سازبازيون، باھمي بد گمانيون، مدافعت جا معاھدا، اقتصادي امدادون، فوجي ھٿيارن ۾ فوقيت، ائٽمي بم سازيون ۽ آزمائشون، واپار جا وير وروڌ، ايجادن ۾ افضليت، فضا تي فرمانروائي، طاقتور قومن جي قبضي مان مقبوضه ملڪن جي آزادي، طرفدار حڪومتن جي تلاش ۾ وڏين طاقتن جي وچ ۾ ڪشمڪش، دين ۽ ڌرم جي نالي ۾ تعصبات. اھي ۽ اھڙا ڪي ٻيا اختلاف آھن. تازو ممڻ متو آھي جرمني ۽ برلن تان. اھي آھن تڪرار انھن قومن جي وچ ۾ جن جي دعوى آھي ته انھن جا نظريا افضل ۽ اعلى آھن. ته انھن ساري دنيا جي تمدن ۽ تھذيب ۾، علوم ۽ فنون ۾، آئين ۽ قانون ۾، عدل ۽ انصاف ۾، جمھوريت ۽ آزاديءَ ۾، امن ۽ انسانيت ۾، ۽ سائنسي ترقيءَ ۾ رھنمائي ڪئي آھي پر دنيا کي ورھائي ڇڏيو اٿن ٻن بلاڪن ۾: ھڪڙي بلاڪ جو رھبر روس ۽ ٻئي بلاڪ جو اڳواڻ امريڪا. وچ ۾ ويچارو قلندر، جو ڏينھن رات خدا جي بارگاہ ۾ پيو ٻاڏائي ته خدايا منھنجي توبھه. بچاءِ پنھنجي مخلوق کي انھن ائٽمي علمبردارن جي سرد خواہ گرم يا آزمائشي جنگ کان.
    چلتي چاڪي ديکھه ڪر ديا ڪبيرا روئي،
    دو پاٽن ڪي بيچ مين ثابت رھا نه ڪوئي.
    (24) معلوم ته ائين پيو ٿئي ته چڪيءَ جي ٻن پڙن ۽ پاسن جي وچ ۾ سارو جھان پيسجي ويندو ۽ ڪوبه سلامت نه رھندو. اھي آھن قيامت جون علامتون. جبل ڦاٽي پرزا پرزا ٿي ويندا، درياءَ ۽ سمنڊ پنھنجون حدون ٽپي ۽ بند ٽوڙي آبادين کي غرق ڪري ڇڏيندا، پرندا، درندا ۽ چرندا، انسان ۽ حيوان پنھنجا آشيانه ۽ گھر گھاٽ ڇڏي پنھنجا ٻار ٻچا ڦٽا ڪري مجنوئن ۽ مجذوبن وانگر حواس باخته ٿي نفسي نفسي پڪاريندا موت جي منھن ۾ ڪاھي پوندا، زمين جي تپش يا آفتاب جي گرمي ھر جاندار کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندي، تھذيب ۽ تمدن جون فلڪ بوس عمارتون زمين دوز ٿي وينديون، نه حڪومتون رھنديون نه حاڪم، نه سلطنتون رھنديون نه سلطان، نه رھندو ظالم نه ھن جو ظلم، نه رھندو مظلوم نه ھن جي مظلوميت، پوءِ منھنجا مولا! پيو پيدا ڪجائين نئون آدم ۽ نئين مخلوق.
    (25) خدايا! تنھنجي دنيا تمام پراڻي ٿي ويئي آھي. سرمايه دارن ۽ اشتراڪين کي نئين دنيا جي ضرورت آھي. پراڻي دنيا ماضيءَ جون حدون ٽپي ۽ سڀ ليڪا لنگھي مستقبل جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪري رھي آھي، في الحال تنھنجي مخلوق حال ۾ گرفتار آھي ۽ مستقبل جي حقيقت کان واقفڪار ٿيڻ لاءِ بيقرار آھي، جڏھن دروازو کوليندين ۽ پردو چاڪ ڪندين تڏھن وڃي نامعلوم اسرار معلوم ٿيندا. روسي وزير اعظم ٽھڪ ڏيئي ٽوڪ سان چيو ته سندس راڪيٽ جو خلاصي فضا ۾ 24 ڪلاڪن تائين زمين جي ارد گرد 17 چڪر ھڻي موٽي آيو پر ھن کي ڪٿي به دوزخ ۽ جنت نظر نه آيو. ھو مرڻ کان اڳي جيئري جاڳندي جنت يا گھٽ ۾ گھٽ دوزخ ڏسڻ جو خواھشمند آھي. اجائي تڪڙ چئبي. سائنس جا ھيترا ڪتاب پڙھيا اٿن پر اڃا تائين صبر ڪرڻ نه سکيا آھن ۽ نه ايترو عقل پرايو اٿن ته ھر ڪو ڪم مقرر وقت تي ٿيندو آھي. سارو جھان انتظار ڪري رھيو آھي توھان به ڪجھه انتظار ڪريو. انسان ڪيتري قدر نه احمق آھي؟ ڪائنات جا ٻه چار راز ھنکي معلوم ٿين ٿا ته سمجھي ٿو ته مون جھڙو ڪو اڪابر ڪونھي. آپي کان ٻاھر، ڪپڙن ۾ نٿو سمائجي.
    (26) انسان اڃا تائين طفل مڪتب آھي. ڪائنات جو ڪتاب پڙھي پورو ڪرڻ ۽ پوري طرح سان پروڙڻ ڪار دارد- تڪميل جي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ خدا ٿو ڄاڻي ته ڪيتريون صديون لڳنديون ۽ پوءِ ھنوز روز اول وارو حساب رھندو. پر جن جو پيٽ ڦوڪجي ويو آھي ۽ دماغ چڪرائجي ويو آھي، سو نيٺ ھڪ ڏينھن ڦاٽندو. پر منھنجا مولا! قلندر انھن جي ڪھڙي شڪايت ڪري جي تنھنجا انڪاري آھن. تون ڄاڻين ۽ اھي ڄاڻن، شال نه تنھنجو غضب جوش ۾ اچي، پوءِ سڪن سان گڏ ساوا به چٽ ٿي ويندا. قلندر انھن جو به ڏکايل آھي، جي تنھنجا اقراري ۽ دعويدار آھن. مونکي ٻڌاءِ ته سھي ته پرستار ۽ پوڄارين ۾ ڪو ھڪڙو بندو به اھڙو رھجي ويو آھي جو تنھنجي خيال ۾ منشاء ، حقيقت ۽ ھدايت جو حامل ۽ عامل ھجي. قلندر گناھه گار آھي، ھنکي ڪامل مرد ۽ رھبر جي تلاش آھي جو قومن جو امام ٿئي ۽ انھن کي تنھنجي طرف ۽ عالمي امن ۽ ترقيءَ جي طرف وٺي وڃي، جي توکي نه ٿا مڃين، سي ته ظاھر پيا آھن پر جي توکي مڃين ٿا ۽ اسلام جو نالو وٺن ٿا، تن کي نه توسان نسبت ۽ نه اسلام سان ڪو واسطو.
    (27) قلندر امن جو طالب آھي ۽ عالمي امن لاءِ دعاگو آھي پر چون ٿا ته امن تڏھن قائم ٿيندو، جڏھن دنيا کي تباھه ڪرڻ لاءِ ائٽمي بم ۽ آتشي بم گولا وڏن اندازن ۾ ٺھي تيار ٿيندا ۽ تنھن کان سواءِ فضا ۾ چنڊ ۽ مشتري ۽ زھرہ تي ھوائ اڏا قائم ٿيندا. رب رسي ته مت کسي. مخلوق جو ساھه مٺ ۾ آھي. قيامت جو انتظار آھي. جن جو يوم آخرت تي ايمان ڪونھي سي به ببانگ دھل اعلان ڪري رھيا آھن ته آخر زمانو قريب آھي ۽ ساري مخلوق ائٽم بمن سان تباہ ٿيڻ واري آھي جنھن ۾ قاتل کي خبر نه پوندي ته ھو ڪنھن کي قتل ڪري رھيو آھي ۽ مقتول کي خبر نه رھندي ته کيس ڇو قتل ڪيو ٿو وڃي. اِھا آھي پيغمبري پيشنگوئي. بچاءِ مولا! تون ڪو پنھنجو فضل ۽ ڪرم ڪر ۽ قومن کي ھدايت ڪر. قلندر پنھنجن ۽ پراون کان مايوس آھي پر تنھنجي رحمت کان مايوس نه آھي. نه فقط منھنجو اعمالنامه داغدار آھي پر سڄو پنو داغدار آھي. تون نه فقط منھنجي وطن کي پر ساري عالم کي امن ۾ رک ۽ آزاد ۽ آباد ۽ خوشحال رک ۽ ھن آخري زماني ۾ عالمي شاعرن جي سرتاج شاھه عبداللطيف ۽ قلندر جي اِھا آخري دعا قبول ڪر.
    آمين- ثم آمين- يا رب العالمين.


    چار وڏيرا

    قلندر خواب و بيداريءَ ۾، بحر و بر ۾، آتش و ھوا ۾، زمين آسمان جو سير ڪندو رھي ٿو. ڪائنات جي ھر ذري ۽ پرزي ۾ ازل کان وٺي تبديليون رھيون آھن ۽ ابد تائين ٿينديون رھنديون. عالمي نظام ۾، ڪڏھن خزان ڪڏھن بھار، ڪڏھن گرمي سردي، ڪڏھن طوفان ڪڏھن سناٽو، ڪڏھن زوال ڪڏھن عروج، ڪڏھن فساد ڪڏھن امن، ڪڏھن ڏک ڪڏھن سک، ڪڏھن جنگ ڪڏھن صلح، ڪڏھن ھڪڙي حڪومت ڪڏھن ٻي. پر ھر شيءِ عارضي ۽ بي بقا. بقا کان پوءِ فنا ۽ فنا کان پوءِ بقا. بيقراريءَ جو عالم آھي ۽ ڪنھن شيءِ کي قرار ڪونھي. لچڪيدار زندگي آھي. قدرتي نظام جي فطرت ۾ لچڪ ۽ حرڪت آھي ۽ حرڪت ۾ حيات آھي، حيات ۾ موت آھي ۽ موت ۾ حيات آھي. ھر ذري ۾ روح آھي، ۽ روح رھاڻ آھي، روحاني ۽ ابدي زندگي.
    عالمگير جنگين ۾ ڪروڙين مخلوق جا خون ٿي وڃن، شھر ۽ آباديون ويران ٿيو وڃن. پر جنگ کان پوءِ امن اچي، ۽ جي مقتول ٿين تن کان پنجوڻا وڌيڪ جنم وٺيو اچن. نوان شھر، نيون بستيون، ۽ نوان ايجاد ظھور ۾ اچن. انسان نه ڊڄي جنگين کان، نه انقلابن کان، نه ٻوڏن کان، نه وبائن کان، نه ائٽمي ھٿيارن کان، نه موت کان. ھر روز جھان ۾ نئون جھان ٺھي رھيو آھي. ستارن تائين پھچڻ جي جدوجھد جاري آھي. خدا ٿو ڄاڻي ڪيترا جھان اڃا تائين پوشيدہ آھن، جي انسان ڳولي ھٿ ڪندو.
    ” ملڪ خدا تنگ نيست پائي گدا لنگ نيست “
    ” ھر ملڪ ملڪ ماست “
    جڏھن ڪائنات جا راز اڃا تائين ظاھر نه ٿيا آھن، تڏھن خدا جي ذات ۽ صفات جا راز ڪھڙي طرح قلندر کي معلوم ٿي سگھن ٿا. انسان اڃا تائين نه پاڻ کي سڃاتو آھي ۽ نه ڪائنات جي زندگيءَ کي. انسان جي عروج جي ڪا حد ڪانھي.
    دنيا جا چار وڏيرا دعوى ڪرڻ لڳا ته اسان چوٽ تي چڙھي پنھنجي ڪانفرنس ٿا ڪريون، عالمگير امن ٿا آڻيون. پر چوٽيءَ تي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا. ڪڪرن تي اچي اُڏند کٽولي جو ڪڙڪو نازل ٿيو. اُڏند کٽولي کي راڪيٽ ڪيرائي ھنيو پٽ، پر ان جو ماتم اڃا تائين ھلندو اچي.
    ” الله جو ڏمر اچي ته مَت کسي “
    دل کوٽي عذر گھڻا. من ٽوٽي ماڻا گھڻا. چوٽيءَ تي چڙھي جي ڌڪا ۽ ٿاٻا کائيندا سي پوندا اوڙاھه جي تري ۾. پاڻ سان گڏ عالمي امن ۽ انسانيت کي به غرق ڪندا. اھو آھي حال تھذيب ۽ تمدن، علوم ۽ فنون جي علمبردارن جو، عاقلن، بالغن، عالمن ۽ فاضلن جو.
    چوندا آھن: تڪبر ڪنڌ ڀر• قومن کي گھمنڊ آھي پنھنجي ائٽمي ۽ آتشي، آبي ۽ خاڪي بم گولن جو، آرپار تيرن تفنگن توبن ۽ پربت جھڙن راڪيٽن جو، فرش تي ويھي عرش جو اندازو لڳائين ٿا، زمين تي ويھي آسمان تي حڪم ھلائين ٿا. پر اڃا تائين ته خلا جي انت ۽ انتھا جي ڪا خبر نه ٿي پوين. قلندر جو خدا ھڪ ڦوڪ سان طوفان ۽ زلزلو وجھيو ڇڏي جنھن سان انساني اڳ ڪٿيون ۽ رٿون، ڦندا ۽ قيد، وڏن جا ور ۽ پيچ، شيطاني ڦڏا ۽ ائٽمي اڏا، مڏا ۽ جڏا ٿيو پون. حقيقت م خدا بي پرواہ بادشاھه آھي. جو ڪري ٿو انسان پاڻ ڪري ٿو. جو ڪري ٿو سو ڀري ٿو. تاريخ جا ورق بني نوع انسان جي خون سان لکيل ۽ رنڱيل آھن. ھي جنگي جھان آھي. خدا سان جنگ، پيغمبرن سان جنگ، امامن سان جنگ، اصحابن سان جنگ، قومن جي قومن سان جنگ، گورن جي ڪارن سان جنگ، فرانس جي آلجيريا سان جنگ، ڪافر ۽ مسلمان جي پاڻ ۾ ۽ ھڪٻئي سان جنگ، روس ۽ امريڪا جنگ، ذات پات جي جنگ، رنگ روپ جي جنگ، سياسي پارٽين جي جنگ، اشتراڪيت ۽ جمھوريت جي جنگ، نظرياتي ۽ اصولي جنگ، اعصابي ۽ اقتصادي جنگ، نيٺ عالمي ۽ عناصري جنگ جي صورت اختيار ڪندي. نه رھندو فاتح نه مفتوح نه فتح. مڪمل تباھي ۽ بربادي. شايد تنھن کان پوءِ الله ميان ھڪ ڀيرو وري ” ڪن فيڪون “ سان نئون آدم وجود ۾ آڻي ۽ نئون نظام قائم ڪري!
    آھي ڪو قلندر جي آہ ۽ زاري ٻڌڻ وارو؟ ڪير آھي جو قلندرن کان وڌيڪ مظلوم ھجي. خسته حال ۽ خانه بدوش لڪندا وتن لوڪ ۾. ٽرين ۾ مليو اول ھڪ نوجوان عالم سڳورو، چي وڃان ٿو لواريءَ جي جھاد تي. قلندر چيس ته جھاد ۾ فتح جو خواھشمند آھين ته جھاد ڪر پنھنجي نفس سان ۽ پوءِ قوم جي جھالت ۽ افلاس جي خلاف. پوءِ نه رھندا مصنوعي حج ۽ مصنوعي ميلا. پوءِ رجال الغيب مان ھڪ درويش اچي پاسي ۾ ويٺو، چوڻ لڳو ته ڪورٽ ۾ وڃي مسٽر کھڙي کي چاليھه چماٽون ھڻي جيل مان جند ڇڏائي مانس. قلندر غرض جو بندو، تنھن چيس ته بندو به چماٽن کائڻ لاءِ حاضر آھي ته ھن جا ڪم به راس ٿي وڃن.
    درويش ڇڏيو قلندر کي به ڪين ڪي. وڄائي ڪڍيائينس ويھارو کن پٺيءَ تي ٿڦڙون، ۽ چيائين ته تنھنجو به ٻيڙو پار پئجي ويو. پوءِ فرمائڻ لڳو:-
    قال رابگذارو مرد حال شو،
    پيش مرد ڪامل پامال شو.
    قلندر چيس ته تلاش جي باوجود به ڪو ملي ڪونه ٿو. اوھين ڪٿي ٿا رھو. چيا ئين ته لي مارڪيٽ جي ويجھو. سنڌ جي ولايت حضرت خواجه اجميري کان اسان کي مليل آھي ۽ ان جون وزارتون به، مون چيو ته غضب آھي ته اھا ولايت اسان جي ھٿن مان ته نڪري ويئي پر توھان جي ھٿن مان به. خير! درويش لھي ويو ملير ۾ ۽ قلندر پھچي ويو حيدرآباد جي عبرتڪدہ ۾. ھتي وري ڪو ٻيو درويش قلندر کي ڪنڌ کان وٺي چوڻ لڳو لک نعرہ قلندري. گھٽ ۾ گھٽ مھيني ۾ ھڪ مضمون. قلندر نه آھي اديب ۽ نه مضمون نويس. ھن ڪيتروئي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته بابا:-
    آن قدح بشکست و آن ساقي نماند.
    پر ھو به مڇڏ ٿي پٺيان پئجي ويو. قلندرن جي حالت کان ڪو واقف ڪونھي، انھن کان وڌيڪ ڪو مظلوم ڪونھي. ھو جھان مان پرواز ڪري عالم الارواح يا رجال الغيب ۾ شامل ٿي وڃن. پر ماڻھو انھن جي قبرن کي به نه ڇڏيندا آھن. ھو گوشه گمنامي ۾ گذارين يا دريائن ۾ ٽٻيون ھڻي غرق ٿي وڃن يا بيابانن جي دامن ۾ پناھه گزين ٿي وڃن. پر حيدرآباد جي عبرتڪدہ ۾ انھن لاءِ ڪو اَجھو ڪونھي. ساري دنيا جو بنيادي حق آھي اجھو اٽو ۽ لٽو. پر اسان جي ملڪ ۾ قديم رھاڪوءَ جو آھي خدا حافظ- حيدرآباد جي در و ديوار مان عبرت ۽ حسرت ٽپڪي رھي آھي، اھو شھر قديم ۽ جديد علوم ۽ فنون ۾ ۽ سياسي آزادي ۽ ادبي تحريڪات ۾ ساري سنڌ ۽ ھند جو پيش امام ٿي رھيو آھي.
    ادبيات جو امام مرزا قليچ بيگ، تعليمات جو امام حسن علي آفندي، سياسيات جو امام رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، تبليغ دين جو امام شيخ عبدالرحيم، خلافت تحريڪ جو امام مابدولت، انقلاب جو امام مولانا عبيدالله سنڌي، پھريون مسلمان ميونسپل پريزيڊنٽ قاضي عبدالقيوم، پھريون لوڪلبورڊ جو پريزيڊنٽ خان بھادر محمد احسان، پھريون اسيمبلي جو پريزيڊنٽ سيد ميران محمد شاھه، شھر جو پھريون چونڊيل قاضي سيد اسدالله شاھه، پھريون بمبئي (ممبئي) جو وزير سر غلام حسين ھدايت الله، پھريون ھاءِ اسڪول جو باني نورمحمد وڪيل، وعظ ۽ خطبہ جو امام مولوي عبداللطيف، پھريون قطع تعلقاتي وڪيل ميان عبدالجبار، پھريون مست قلندر منگواڻو فقير، پھرين مسلم پريس ۽ اخبار الحق جو باني شيخ محمد سليمان، مشھور شاعر ۽ صحيفہ نگار ميان محمد ھاشم مخلص، قيد فرنگ ۾ پھريون وڃڻ وارو پير آغا غلام مجدد سرھندي، ڪائونسل آف اسٽيٽ جو پھريون ميمبر مير الله بخش خان ٽالپور ٽنڊي محمد خان وارو، حيدآباد ضلع ۽ شھر جي ميرن ۽ پيرن، مرزائن ۽ آخوندن، قاضين ۽ شيخن ۽ مشائخن ۽ ساداتن ۽ صوفين جو ذڪر ويھي ڪبو ته دفتر لکجي ويندا، اھي ته ٿيا مسلمان. پر ھن شھر مان جي ھندو پيدا ٿيا تن ساري سنڌ ۾ موجودہ علوم جي روشني ۽ آزاديءَ جو پيغام گھر گھر پھچايو. نالا وٺي ڪيترن جا نالا وٺجن. ڪن کي مون ماري ڇڏيو. ڪي زندہ درگور. اھو ھڪ دور ھو، ڇو ٿا قلندر جا ستل سور جاڳايو، ڇو ٿا ڦٽيل جگر ۽ دل جي ڦٽن تي لوڻ ڇڙڪايو، ڇو ٿا دٻيل جذبات کي جنبش ۾ آڻيو. اي حيدرآباد جا شھر! قلندر ڏينھن قيامت ۾ توتي دانھين واري دانھن ڪندو، آھي تو ۾ طاقت قلندر جي آہ ۽ زاري ٻڌڻ جي. منھنجو سڄو سينو داغدار آھي، فريادن سان معمور آھي. جڏھن رھبر رھزن ٿي وڃن، وطن جا رکپال وطن فروش ٿي وڃن؟ تڏھن قلندر ڪٿي وڃي پناھه وٺي. ڪنھن وڃائي وطن جي آزادي پھريائين اوڻيھين صديءَ ۾ ۽ پوءِ ويھين صديءَ ۾ حيدرآباد جي شھر ۾. شدت جي گرمي ۽ تپش جي باوجود ھن وقت حيدرآباد جي شھر ۾ نه حيدر جي حرارت آھي ۽ نه حسيني حريت آھي. قلندر جي مذھب ۾ مايوس ٿيڻ حرام آھي ۽ ھي شاندار مستقبل جا خواب ڏسي رھيو آھي پر جنھن شي جي ضرورت آھي سا ھيءَ آھي ته رھبر سونھارا پنھنجون وقتي نفسياني مصلحتون ڇڏي صداقت ۽ جرئت سان انساني ۽ قومي ۽ وطني مفاد جا پاسبان ٿي وڃن. پوءِ انشاءَالله ٻيڙو ئي پار آھي.

    نگہ بلند، سخن دلنواز، جان پر سوز،
    يھي ھي رخت سفر، مير کاروان کيلئي.


    SHAIKH ABDUL MAJEED SINDHI : A Brain of Sindh

    SHAIKH ABDUL MAJEED SINDHI
    A Brain of Sindh
    By: PIR ALI MOHD. RASHIDI
    Translated by:
    Prof: Badar- u - Din Ujan

    Politics has always remained a game for wealthy people. Prior to the emergence of Shaikh Abdul Majeed, it was beyond the reach of a common man or a scholar to enter the field of politics.
    The well to do people: Mirs, Pirs: Sardars, Landlords, Advocates etc. have formed coteries of their own to enjoy the fruits of their flattery among themselves. With a limited purpose to please the superior officers, to torture their opponents and to enslave the poor folk, through false show and dignity. Under such circumstances, a poor fellow could not dare to appear to be antagonist.

    Shaikh Abdul Majeed was the first man, who broke the iron doors of this fort, through he was empty handed. He was born in a mediocre family of Lila ram, his father, who belonged to Thatta. It was out of his self learning process, through and intuition that he embraced Islam at an earlier stage and started ‘National Service’. He joined the friendly circle of Raees Ghulam Muhammed Bhurgri, who believed in progressive politics and freedom; he detested Bureaucracy though he was a landlord. Raees Bhurgri started a newspaper ‘Al-Amin’ and he appointed Shaikh Abdul Majeed as its Editor. The other friends of Mr. Bhurgri were prominent persons namely Jairamdas Daulatram, Jethmal Persram, Diwan Santdas Mangharam, and Mr. Abdul Jabbar. Perhaps it was ‘Khilafat Movement’ which paved the way for testing talents of Shaikh Abdul Majeed.
    Through this, my purpose is not to present a complete biography of Shaikh Saheb, which needs research and much labour. I want to relate only those incidents which have left a permanent and lasting impression on my mind. (This principle I have applied an all the persons present in this book, irrespective of Shaikh Saheb).

    I know Shaikh Saheb from 1924, leaving behind his earlier period of life. His actions and activities has always remained a subject of my study, though I have not joined his group. At present when the story of life of both of us is about to come to an end, the picture is complete and is revolving in my mind.

    As for as my assessment is concerned, the political life of Shaikh Saheb had some special purposes for example:

    1. Freedom of India (After 1938 & that of Pakistan)
    2. Supremacy of Islam and Muslims
    3. Betterment of Sindh

    Those were the great purposes before Shaikh Saheb. It was no doubt a miracle, that being a poor fellow of Sindh, “Having nothing, yet he hath all.” It was his greatness of head and heart and of character that he was successful in snatching the golden dish of politics from powerful mastodons.

    Shaikh Saheb had nothing except a firm determination, a brain and a ‘gift of the job.’ He faced empty handed, Hindus, Britishers and their agents, Sardars, Wealthy people and the so-called politicians, with result that his faith became firm and he held head always erect. He got the benefit, out of the internal rivalries of waderas; otherwise it was beyond the reach of Shaikh Saheb to attain such position. This political game he kept within the precincts of morals. Due to difference among the political waderas of Thatta (previously Karachi district) Shaikh Saheb sides with one group and got the seat of Bombay (Mumbai) Council from them. Similarly, he defeated Sir Shah Nawaz Bhutto in Larkana and got himself elected in Sindh Assembly. Sir Shah Nawaz Bhutto quitted politics after this and he took a government job in Mumbai. Where there was no such political rivalry, Shaikh Saheb always lost the game. From this it was presumed that the people of Sindh never supported and appreciated the talents, the sacrifices and services of Shaikh Saheb. Once he became minister for one year, though he was well- educated and was fit for a higher post. Many mediocre people became ministers but Shaikh Saheb deprived of them. Shaikh Saheb had global knowledge; he can speak and opine at the problems of all India, he could have been a politician of world fame, but he was a poor man, he belonged to poor province of Sindh, that is why, he was neglected and the pearl remained hidden under the dust of ignorance.

    Shaikh Saheb was put behind the bars by the Britishers in the beginning and in later years of his life by a Muslim ruler of Pakistan (Ayub Khan). Britishers could not be blamed, but it was indecent on the part of Muslim Leaguers to behave in this way, because he was one of the pioneers of Pakistan. It was he, who prepared and put forward the Pakistan Resolution in the Conference of Muslim League held at Karachi in 1938. The resolution contained the sovereignty and separate national status for Muslims and separate homeland for them. It was the first of its kind hitherto ever drafted and passed anywhere else.

    The great contributions of Shaikh Saheb were his enormous editorials and articles published in ‘Al Waheed’ with which he was attached. This daily was founded by Seth Abdullah Haroon. But later on its entire responsibilities were kept on the shoulders of Shaikh Saheb and he managed to run it through public aids and contribution. Till 1954, Shaikh Saheb remained a dominating figure in Sindh. (Al Waheed was forcibly closed by the then Pakistan Government and thus, it could not emerge again).

    Shaikh Saheb used to write long dissertations for the betterment and upliftment of Muslims of Sindh. But the then ruling junta paid deaf ear to his plans. His way of writing was more political but less literary. His entire writing is lost along with Al Waheed. If a research scholar takes trouble to collect the writings of Shaikh Sindhi and bring it in a book form, the history and politics of Sindh as well as Hind will re-emerge. But who will do it? A devotee can do it. I can’t find such a man nowadays.

    Once, Shaikh Saheb was elected as president of All India Khilafat Committee (Moulana Shaukat Ali was its Secretary), it was due to his popularity in politics of India. Through his efforts, all India Parties Conference was held, in which constitutional proposals were framed for India. Shaikh Sahib’s presence in Indian politics benefited Sindh and thus he paved the way for its separation from Bombay which culminated in separation of Sindh.

    During ‘Khilafat Movement’ Shaikh Saheb worked with Haji Abdullah Haroon, but later on they parted. Shaikh Saheb brought ‘Al Waheed’ under his direct control and thus they became political rivals.

    I got the opportunity of traveling away from Sindh with Shaikh Saheb. In 1941, annual session of All India Muslim League was held in Madras. Both of us traveled together in train. Shaikh Saheb related many incidents and experiences, but Alas! I forget many of them.

    In 1945, for the second time, I traveled with Shaikh Saheb, along with G.M.Syed, who was a member of Quaid-e Azam’s Working Committee; we accompanied G.M.Syed and went to Simla to meet Indian Viceroy Wavell.

    In 1936 when the movement of Muslim League restarted, Quaid-e-Azam nominated Shaikh Saheb on its Working Committee. But later on when well to do people joined Muslim League, Shaikh Saheb was replaced by Haji Abdullah Haroon, who possessed much wealth, but Shaikh Saheb was owner of tongue and talent, which were considered less important in politics.

    As for as personal life of Shaikh Saheb is concerned, he was simple, plain and thoughtful. He used to wear white shalwar and kamees, sometimes Sherwani over them, black cap and English cut shoes. He had short beards. He had a bag in hand which was always full of many papers and documents. He used to sit in wooden cell of Al-Waheed and supplied articles to compositors. That small room seemed simple, but Shaikh Sahib’s thinking was very high.

    Shaikh Saheb is nearly ninety years old (This article was written when he was alive). He has left politics, he has grown weak, and he is under the grip of forgetfulness. One day a news shocked me, which ream that Shaikh Saheb is Lost’, it happened that he went to mosque for prayer, on return he forgot his way home and thus reached ‘Gora Qubrustan’, he remained there till evening. Some one recognized him and thus he was brought home’.

    Shaikh Sahib’s place would have been in United Nations, after the partition of India, as a Permanent Representative. If this would have been possible, Shaikh Saheb might have astonished the world body with his wit and knowledge of global politics. Some people possess such insight.

    “Sasui, thought present in Bhambhore, is meek and mum”

    Here I will tell you an example of Shaikh Saheb’s insight on international politics:

    1939. The Second World War started. Hitler, who was against Communism, treacherously signed no war pact with Russia, under this treaty Russia and Germany decided to divide Poland among them. Thus Hitler declared war with France and England.
    After the declaration of war, political parties of India, mainly Congress under the direction of Gandhi, arrived at an immature decision and declared that Britishers should quit India, and hand over it to Congress. This was the assumption of Congress that Hitler will defeat England and France. But it was their immature thinking.

    Mohammad Ali Jinnah, who was cool minded and farsighted man, called upon Muslim league to form a policy according to the prevalent circumstances. The meeting of Central Executive was called in Delhi. Shaikh Saheb, Haji Abdullah Haroon lodged in Marina Hotel, Delhi, whereas Shaikh Saheb and I resided in Coronation Hotel, opposite Fatehpuri Mosque. Jinnah directed me to formulate policy of M.L. on war issue, keeping in view the world situation. I felt much burden, because he did not give clear instruction. I reached hotel and told Shaikh Saheb and requested him for guidance which he gave thus.

    “Muslim should adopt mediocre policy. We should not antagonize either or side with Britishers because Britishers will succeed in this war. After some time Russia and Germany will violate and will fight themselves. Britishers and Russia will join hands and they will crash Hitler. Therefore our policy should be based on such developments.”

    The draft resolution was framed on such lines and was presented to Jinnah, who agreed on it and desired that I should present the same in meeting. The said draft was approved in Central Executive. When we compare it with that of Congress, the difference can be visualized.

    This was the thought provoking insight and prediction of politician of Sindh, Shaikh Abdul Majeed, who thought that treaty of Russia and Germany, will no longer continue. On the other hand top ranking leaders of world namely, Gandhi, Nehru, Roosevelt, Churchill and many others thought in different way, which proved failure. This was the status and insight of Shaikh Majeed in world politics.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 372964
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151933
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ