ڪتاب جو نالو: سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ
مصنف: عبدالواحد آريسر
ڇپائيندڙ: رني ڪوٽ پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 1981
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 24 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1333 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 418 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب ”سَرَ ۾ سانجھيءَ وير“ ۾ سنڌ جي ڪردارن کي جيئن پيش ڪيو آهي، اهو هُن جو ڪمال ته آهي ئي پر سندس وطن دوست تاريخ نويس هجڻ جو به مثال ڏئي ٿو.
ڪتاب جي ڪمپوزنگ شاھنواز سومري ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ٻهَ اکر
  • انتساب
  • پيش لفظ
  • ٺٽي تي قبضي کان پوءِ آزاديءَ لاءِ سنڌين جي پھرين ڪوشش
  • آزاديءَ لاءِ سنڌين جي جدوجھد
  • سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ٽين ويڙھه
  • آزاديءَ لاءِ سنڌين جي چوٿين جدوجھد
  • راجا سامبس
  • ڄام صلاح الدين
  • ڄام ھيبت خان
  • مريد جت
  • ڄام کنگھار
  • حاجي جوکيو
  • مناھين دَل
  • موندر خان چانڊيو
  • توتان نوحاڻي
  • ناتالو نوحاڻي
  • قاسم باريجو
  • مير پنھور
  • دائود شورو
  • اسماعيل شورو
  • جھونجھار شورو
  • يوسف سميجو
  • پريو اُنڙ
  • طالب اُنڙ
  • لاکو اُنڙ
  • ميان نصير محمد ڪلھوڙو
  • ميان دين محمد
  • فيروز فقير ويرڙ

  • ٻهَ اکر

    قومن جي بقاءَ ۽ واڌاري جو دارومدار سندن ادبي اوسر تي ھوندو آھي. ان ڪري ئي چيو ويندو آھي ته ”سا قوم ئي زندہ رھي جنھنجي زبان زندہ رھي.“ زبان زندہ رھڻ منجھان اھائي مراد آھي ته ان زبان ۾ مختلف قسمن جا گھڻي کان گھڻا ڪتاب شايع ٿيندا رھن.
    انھيءَ خيال سان سنڌي زبان وڏي شاھوڪار ۽ علمي ذخيري سان مالا مال آھي. ان سلسلي ۾ ڪافي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ۽ خانگي ادارا ڪم ڪري رھيا آھن. ھر اداري جو پنھنجو پروگرام آھي. جنھن تحت مختلف ڪتاب شايع ڪري ادبي ذخيري ۾ واڌارو ڪيو پيو وڃي. پر اسانجا مسئلا ۽ گُھرجون ڪھڙيون آھن. ان کي سمجھڻ ضروري آھي، ڇوته جيستائين صحيح راہ مُتعيُن نٿي ڪئي وڃي ۽ ان تي عمل پيرا ٿيڻ لاءِ ڪارگر طريقا استعمال نه ٿا ڪيا وڃن تيستائين مقصد جو ماڻڻ نھايت اوکو بلڪ ناممڪن آھي.
    ان مقصد کي نظر ۾ رکندي رني ڪوٽ پبليڪيشن جو بنياد وڌو ويو آھي. جنھن طرفان مختلف وقتن تي تاريخي، تحقيقي ۽ ادبي مواد پيش ڪيو ويندو.
    اسانجي اداري کي ان ڳالھ تي فخر آھي ته ھن اداري جي شروعات چوٿين دنيا جي مفڪر نوجوان تاريخدان عبدالواحد آريسر جي ڪتاب سان ٿي آھي. اميد ته سڄڻن جي ساٿ سان اشاعت جو سلسلو جاري رھندو.

    ¬- ادارو
    جنوري 1981ع


    انتساب

    اُنھن جي نالي، جي واٽن ۾ ويھي رھيا.

    پنڌ ڏاڍو پري، آھه پانڌيئڙا!


    پيش لفظ

    پيش لفظ

    ارغونن ۽ مغلن جي زماني ۾، سنڌين جي ويڙھه جي ھڪ حڪمت عملي ھيءَ به ھئي، جڏھن ھنن ڏٺو ته سندن رھيل سھيل قوت به مغليه قھر جي ڪري تباھيءَ جي ڪناري تي اچي پھتي آھي ته اُن وقت ھنن ھڪدم ھيٺاھينءَ وارو رستو اختيار ڪري، معافيون وٺي، وري به ڪنھن آئيندہ جنگ جي تياري ٿي ڪئي. جيتوڻيڪ اھا حڪمت عملي، وقتي طرح ھنن جي اخلاقي شڪست ھئي، پر ھنن پنھنجيءَ اُنھيءَ اخلاقي شڪست کي مادي فتح ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ھر اپاءُ اختيار ٿي ڪيو. اُن وقت جي سنڌ جي تاريخ جي ھِنن مَردن مٿيرن، پنھنجن پيارن جي ھزارھا لاشن جي پُلين تان نئين فتح لاءِ پنھنجا لشڪر روانا ٿي ڪيا. شڪست کاڌل سنڌين جي ڳچين ۾ جيتوڻيڪ ذِلت ۽ رُسوائيءَ طور پَٽڪا پيل ھوندا ھئا، پر اُن وقت به ھنن جي مادر وطن جي حُب سان ٽمٽار دلين ۾ ظالمن ۽ ڦورن جا جگر پنھنجي فولادي ھٿن سان ڪڍي اڇلائڻ جا جذبا جوان ھئا. اُن دور ۾ اگرچه بيشمار سنڌي مادر وطن جي حُب ۾ قتل ٿيا، ليڪن سنڌ جي چپي چپي تي مغل سپاھين جي لاشن کي ڪُتن جو کاڄ بڻائي ڇڏيائون. مغليه دور حڪومت ۾ سنڌين جي اھا شاندار، بھادرانه ۽ حبِ وطن سان معمور جنگ، دُنيا جي تاريخ ۾ پنھنجو مَٽ پاڻ آھي؛ جيڪا بنا ڪنھن مرڪزي قيادت ۽ بنا ڪنھن بادشاھه، حڪمران، سلطان يا ڄام جي اڳواڻيءَ ۾ وڙھي ويئي. اُن وقت ٺٽي، سيوھڻ ۽ بکر تي جيتوڻيڪ مغلن جا نواب قابض ھئا، پر سرزمينِ سنڌ جا ھزارين ميلن ۾ پکڙيل ميدان ۽ صحرا، درياھه ۽ ٻيلا، کيٽ ۽ تَرايون، ڍنڍون ۽ ڍورا، واھڻ ۽ وستيون، پھاڙ ۽ پيچرا، مادر وطن جي لاکيڻن فرزندن جي جدوجھد ۽ جھاد جا جولان گاھه بڻيل ھئا. اُنھن محاذن ۽ معرڪن ۾ ديس واسي آزاديءَ جون آذانون ڏيندا، وڙھندا ۽ جھيڙيندا رھيا ٿي. شڪست کائڻ ۽ شڪست ڏيڻ، مرڻ ۽ مارڻ، پيش پوڻ ۽ بغاوت ڪرڻ، ڌوڪا کائڻ ۽ ڏمرجي اُٿڻ، ملڪيتون ڦرائڻ ۽ مغلن جي لشڪر، ماڻھن ۽ دلالن کي ڦُري پنھنجي کوٽ پوري ڪرڻ، سنڌي عوام جي روزمرہ جو دستور ھو. ھنن جو ايمانُ ھو ته جنگ ۾ شڪست کائڻ ذلت ناھي. پر شڪست کي تقدير جو لکيو سمجھي، راضي ٿي، حاڪمن جي اقتدار کي ھميشہ لاءِ تسليم ڪري، مادر وطن تان ھميشہ لاءِ دستبردار ٿيڻ ئي اصلي، حقيقي ۽ دائمي ذلت آھي؛ جيڪا قومن کي سدائين پنھنجي ماتر ڀوميءَ ۾ اڇوت ٿي رھڻ تي مجبور ڪندي آھي.

    حِسام الدين راشدي، سنڌين جي انھيءَ حڪمت عمليءَ متعلق لکي ٿو:
    ”خون ڪرڻ ۽ خون ٿيڻ، مارڻ ۽ مارجڻ،
    شڪست کائي توبھه ڪرڻ ۽ اُن بعد وري شورش
    برپا ڪرڻ، سميجن (سنڌين) جو
    رات ڏينھن جو دستور ھو.“

    اِن عبارت ۾ پير صاحب، پنھنجي ھيرو، مير ابوالبقا جي شان کي بُلند رکڻ لاءِ سنڌين جي آزاديءَ جي تڙپَ کي يوسف ميرڪ (مصنف مظھر شاھجھاني) جي پيرويءَ ۾ ”شورش“ برپا ڪرڻ لکيو آھي. پر يوسف ميرڪ کي ڪھڙي خبر ته ايندڙ وقت ۾ اَھڙيون دِليون به پيدا ٿينديون، جيڪي اُنھن شورشن جي عظمتن محرابن ۾ سجدا ڪنديون؛ ۽ اھڙيون اکيون به ھونديون، جيڪي اُنھن گسن جي مِٽيءَ کي پنھنجي لاءِ سُرمو ڪنديون!
    سنڌ ۾ ڪنھن مرڪزي حڪومت نه ھئڻ سبب، سنڌي عوام جنگ جي باقائدي صِفبنديءَ واري صورت ڇڏي، ڇڙوڇڙ جنگ ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. اھڙي قسم جي جنگ کي اسان موجودہ دور جي ”گوريلا جنگ“ سان ڪنھن حد تائين ڀيٽي سگھون ٿا؛ پر گوريلا جنگ ۾ جنھن ترتيب، تنظيم ۽ منصوبي بنديءَ کي مدنظر رکيو ويندو آھي، سا ترتيب، تنظيم ۽ منصوبي بندي، منتشر جنگ ۾ نه ھوندي آھي. ھن جنگ جو نه ڪو ھيڊ ڪوارٽر ھوندو آھي، نه ھڪ سربراھه، ۽ نه ئي ھڪ تنظيم. مُلڪ جو ھر محب وطن ماڻھو وٽس موجود معمولي ھٿيار به دشمن جي خلاف استعمال ڪرڻ جو موقعو ھٿان نه وڃائيندو آھي. مُلڪ جي وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل ھزارين لکين ڳوٺ، اُنھيءَ جنگ جا مرڪز ۽ ھيڊڪوارٽر ھوندا آھن- ۽ لکين عوام مان ھر ھڪ پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ تي مڪمل مورچو ۽ سپھ سالار ھوندو آھي. اھڙي قسم جي جنگ، جيڪا ڇڙوڇڙ صورت ۾ وڙھي ويندي آھي، سا ڪامل فتح جا نتيجا پيدا ڪري نٿي سگھي، پر اُن جنگ سان حاڪم ٽولن کي آرام سان حڪومت ڪرڻ ۽ مفتوح مُلڪ جي دولت محفوظ جاين ڏانھن منتقل ڪرڻ ۾ سخت دشواريون پيش اينديون آھن ۽ ھو ڏينھون ڏينھن وڌيڪ ڪمزور ٿيندو رھندو آھي. سنڌين به مخالف حاڪمن خلاف اھڙي ئي جنگ وڙھي. اِھا سنڌي عوام جي ڇڙوڇڙ جنگ ئي ھئي، جنھن مغل شاھيءَ کي ايترو ته ڪمزور ڪري ڇڏيو، جو اُن ڪمزوريءَ مان فائدو وٺي، نه صرف سنڌي عوام ڪلھوڙن جي دور ۾ آزادي حاصل ڪئي؛ پر پنجاب، بنگال، دکن ۽ ميسور جي عوام به مغل آقائيت کان پنھنجي جانِ آزاد ڪرائي ورتي. اِھا آزادي اڳتي ھلي، مختصر ثابت ٿي، پوءِ به آزاديءَ جو ھڪ ڏينھن، غُلاميءَ جي سؤ ساله خوشحاليءَ کان بھتر آھي. اِن ڪري اِھو چوڻ ته مغلن جي خلاف سنڌين جي ڇڙوڇڙ جنگ ڪوبه نتيجو پيدا نه ڪيو، سو غلط آھي.
    تاريخ ۾ سنڌ ڪئين دفعا غلام ٿي آھي ۽ ڪيترا ڀيرا سنڌي عوام انتھائي بھادريءَ سان وڙھي آزادي پئي حاصل ڪئي آھي، ته ڪڏھن وري ڪنھن حڪمت عمليءَ جي ذريعي سنڌ جي خودمختياريءَ جو جھنڊو بُلند ٿيندو رھيو آھي. تاريخ ۾ سنڌ جي سرسبزي ۽ شادابي، بي پناھه دولت ۽ زراعت، ڌارين قومن جي حملي جو باعث رھي آھي ۽ سنڌين ۾ ڪنھن مرڪزي قوت جو موجود نه ھئڻ، سندن غلاميءَ جو سبب ٿيندو رھيو آھي. سنڌي، بنيادي طرح قبائلي نظام تحت ڇڙوڇڙ ڳوٺن ۾ رھندا ھئا. وقتي ڪن ڳوٺن ۾ سَون ميلن جو مفاصلو به ھوندو ھو. وڏن ۽ پَڪن شھرن ۾ گڏجي نه وھڻ جو سبب ھيءُ ھو ته مُلڪ زرعي ھو ۽ ماڻھو مالوند ھئا. اُن ڪري، جتي چراگاھه ۽ پوک لائق زمين نظر آئي، اُتي ويھي رھندا رھندا ھئا. اِھي ٻئي شيون، شھري زندگيءَ جي اُبتڙ ھيون. اُن کانسواءِ سنڌو درياھه به گاھي بگاھي وھڪرو بدلائي،، شھرن جي تباھيءَ جو ڪارڻ بڻبو ھو. ان ڪري، سنڌي عام طرح شھرن ۾ گھٽ ويھندا ھئا. شھر گھڻو ڪري سنڌو درياھه جي ڪناري، ھِن ڪري آباد ڪيا ويندا ھئا، جو اتي پاڻيءَ جي سھولت سان گڏ ٻيڙين رستي واپار ۽ اچ وڃ ۾ آساني ھئي. اِھي سبب ھئا، جنھنڪري سنڌين ۾ مرڪزيت ۽ اجتمائيت پيدا ٿي نه سگھي ۽ ھُو ڇڙوڇڙ پنھنجي جدوجھد ڪندا رھيا. اِھا جدوجھد ارغونن جي اچڻ کان وٺي مغلن جي خاتمي تائين جنھن ڍنگ ۽ رنگ سان ھلندي رھي، سو بجاءِ خُود سنڌ جي تاريخ ۾ بي مثال ڪيڏارو آھي. ھڪ طرف فاتح جو ظلم ۽ غارتگري، پنھنجي اوج ۽ عروج تي آھي، ته ٻئي پاسي ھِن ڌرتيءَ جي ڌڻين جو جوش ۽ خروش به پنھنجو مُٽ پاڻ آھي. ھيءُ دور، جيڪو اٽڪل رُوءِ ھڪ صديءَ تي پکڙيو پيو آھي، سو سنڌين جي سنئين سِڌي ۽ واضح جدوجھد جو ڊگھو داستان آھي. ھيءُ اُھو دور آھي، جنھن ۾ سنڌي قومَ پنھنجي تاريخ پاڻ ٺاھڻ جو حق، پنھنجي ھٿ ڪرڻ لاءِ ھڪ تاريخ کي جنم ڏنو. اُن تاريخ ۾ رتُ آھي، باھه آھي، آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ ماڻڻ جا جذبا آھن. بيوسيءَ ۽ ڌارين جي طاقت تي جَڪَ آھن. ڪٿي ديس واسين ۽ ڪٿي ديس دروھين جي لاشن جا ڍير آھن. ھر چؤواٽي تي ڦاسين جا ٽياس آھن، جن تي اھڙا ماڻھو زبانون ٻاھر نڪتل لٽڪيا پيا آھن، جيڪي حڪومت ۽ تخت جا حقدار ھئا. جن جي سدا ملوڪ ۽ باھمت مھانڊن تي موت کان پوءِ به ديس- دروھين لاءِ حقارت ۽ نفرت جي ڄڀين سان گڏ عقابِي اکين ۾ آخري ۽ دائمي فتح جي اُميد جا ڪرڻا، موتئي جي مُرڪ وانگر بکي رھيا ھئا.
    اِنھيءَ دور ۾ سنڌي محب وطن ماڻھن، سنڌ جي پوري سرزمين کي جنگي ميدانن ۽ مورچن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. سنڌ جي سرزمين جو ھڪڙو انچ به اھڙو نه ھو، جتي فاتح يا مفتوح، پر آزاديءَ لاءِ وڙھندڙن جو رتُ نه وھيو ھجي. اھو سارو دور، ھن سرزمين تي آزاديءَ ۽ غلاميءَ، موت ۽ زندگيءَ جو ڊيڄاريندڙ پر روح ريجھائيندڙ ناچ جاري رھيو؛ جنھن ۾ جيتوڻيڪ وقتي طرح غلاميءَ ۽ موتَ جو ديوُ سوڀارو ٿيندو رھيو، پر اُن ناچ ۾ آزادي ۽ زندگيءَ جي روشنيءَ جا جھَڪا ۽ جھيڻا ڪرڻا، جيڪي اُڀريا، سي ئي تاريخ جي اصلي روشنيءَ ۽ سچائيءَ جا منارا آھن. جن جي بُلندي ۽ دِلڪشي وقت گذرڻ سان گڏ پائيدار ۽ دائمي ٿيندي ويندي، جنھن کي وقت جي ڪابه لھر ۽ ڪوبه لوڏو، مِٽائي ۽ ، ميساري نٿو سگھي. اھڙن محب وطن ماڻھن جا جيتوڻيڪ زمين تي يادگار نه به ٺھن، پر وقت جي دز ھٽڻ وقت اُنھن جا يادگار انساني ذھنن ۾ ٺھندا آھن.
    ارغونن، ترخانن ۽ مغلن خلاف سنڌين جي ويڙھه، نافرمانيءَ، سرڪشيءَ، حملن ۽ ھلائن کي فاتحن جي نمڪ حلال تاريخ لکندڙن، ھر جاءِ تي چورين، ڌاڙن ۽ ڦُرن جي نالي سان لکيو آھي. جنھن جو مقصد، سنڌي محب وطن ماڻھن کي بدنام ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه ھو. اِن سڀ لکڻ سان گڏ اِھو به لکيو اٿن ته اُنھن ڌاڙيلن وٽ اٺ ھزار ماڻھن جو لشڪر آھي، ڪٿي ڏھن ھزارن جي فوج آھي، ته ڪٿي ٽي ھزار سپاھه. مثال طور مغل دور ۾، حاڪمن سان وڙھندڙ سنڌين جو تعداد سرسري طور ھن ريت معلوم ٿئي ٿو.
    1021ع ڌاري چاڪر ھالا پرڳڻي ۾ مغلن سان وڙھندڙ سنڌ جي ٽِن قبيلن؛ ٻَٻرن، دَلن ۽ شورن جي لشڪر جو تعداد ڏھه ھزار ھو. اِنھيءَ عرصي دوران ساڪري واري حصي ۾ مُغلن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ڪرمتين ۽ جوکين جو تعداد ٽي ھزار ھو. اُنڙن جي ھڪڙي شاخ سارين وٽ پنج ھزار سپاھي وڙھڻ جھڙا موجود ھئا، جن ۾ ھڪ ھزار سوار ۽ چار ھزار پيادا ھئا. چانڊين جي مُجاھدن جو تعداد ٻه ھزار ھو، جنھن ۾ ھڪ ھزار ٽي سؤ سوار ۽ ست سؤ پيادا ھئا. نُومڙيا به پنھنجي فوج رکندا ھئا، جيڪا پندرھن سؤ سوارن ۽ ساڍن چئن ھزار پيادن تي مشتمل ھئي. پنھورن وٽ ٻه ھزار پيادا ۽ ھڪ ھزار سوار سپاھي ھوندا ھئا. باقي سنڌ جي مشھور ويڙھاڪ قبيلي اُنڙن ۽ سميجن جي ٻين مختلف شاخن وٽ اَٺ ھزار جنگي جُوانَ موجود ھئا.
    ھاڻي سُوال ٿو پيدا ٿئي ته دُنيا جو ڪھڙو مشھور ڌاڙيل ٿي گذريو آھي، يا ھن وقت موجود آھي، جنھن جي ٽوليءَ ۾ ايترا ھزار ماڻھو ھڪ ئي وقت موجود ھجن- جن جا گھر گھاٽ، ٻنيون ٻارا ۽ راڄ ڀاڳ به موجود ھجن! پر حقيقت ۾ ائين نه آھي. اُھي سنڌي، محب وطن ۽ آزاديءَ جا متوالا ھئا. اُھي اھڙا ئي ڌاڙيل ھئا، جھڙا ڌاڙيل چي گويرا ۽ سندس ساٿي. اُھي وطن دوست سنڌي اھڙا ئي رھزن ھئا، جھڙا لين پيائو ۽ سندس سُرخ سپاھي. اُھي مادر وطن جا لاکيڻا پُٽ اِھڙائي ئي ڦورو ھئا، جھرا ڪبرال جي ڪمان ۾ وڙھندڙ آفرڪي حُريت پسند. اُھي آزاديءَ جا ڪوڏيا اھڙا ئي فسادي ھئا، جھڙا سامورا ماشيل جا جانثار دوست. اُھي اھڙا ئي لُٽيرا ھئا، جھڙا جنرل گياپ جا ويٽ نامي؛ - ۽ اُھي اھڙا ئي فسادي ھئا، جھڙا فسادي ڀڳت سنگھ ۽ دت!
    انھن سڀني عظيم محب وطن ماڻھن کي به ته پنھنجي دور ۾ قابض قُوتن ۽ سندن دلال دانشورن، صحافين ۽ ڏاھن، چور، رھزن ۽ قاتل پئي سڏيو آھي. اُن ڪري اسان کي اِن ڳالھ تي حيرت يا اچرج ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه آھي.
    اُنھيءَ ساڳئي دور ۾ ڪجھ ماڻھو اھڙا به ھئا، جن کي درٻاري مورخن طرفان امن پسند ۽ وفادار شھرين جا لقب مليل ھئا. سامراج ۽ اُن جا دلالَ، اھڙا سُھڻا لقب، اُنھن ماڻھن کي ڏيندا آھن، جن جي وطني غيرت مري ويندي آھي. جن جي دلين مان آزاديءَ جو احساس اِئين ختم ٿي ويندو آھي، جيئن ھڪ وئشيا جي ذِھن مان حياءَ جو تصور. قومن جون ايندڙ پِيڙھيون، پھرئين قسم جي فسادين جي پيرن جي مِٽيءَ کي پنھنجي پيشانيءَ تي تِلڪ طور لڳائينديون آھن، ۽ ڌارين جي دلالن جي شرافت ۽ اَمن پسنديءَ تي لعنت وجھنديون آھن؛- ڇو ته اِھا شرافت ۽ اَمن پسندي جي سَندَ مادر وطن جي وِڪري ۽ نيلام جي قيمت ھوندي آھي- ۽ ھر باغيرت پِيڙھي، پنھنجيءَ ڌرتيءَ جو ڪنھن کي دانُ به نه ڏيندي آھي. حالانڪ اُنھن شريف ۽ پُر امن شھرين ته پنھنجي مُلڪ جي تباھيءَ برباديءَ لاءِ آقائن کي پنھنجي رضامنديءَ جا دستاويز لکي ڏنا ھئا- ۽ اُھي ڏُور ڏيھي آقا، جيڪي ڪجھ ھتي ڪندا رھيا، سو انسانيت جي نالي تي ھڪ شرمناڪ داغ ۽ پوري انساني تاريخ تي ڪَوڙھه جو چُٽو آھي. ھنن سنڌين تي اُھي اُھي ظلم ڪيا، جن کي ڏسي ھلاڪو ۽ چنگيز به پنھنجي فرشتي ھجڻ جي دعويٰ ڪن ته مٿن ڪابه ميار ڪانه آھي. وري ظُلم ته اِھو جو اِھي وحشيانه حرڪتون ڪندڙ حاڪم ۽ آقا، مذھب جا ٺيڪيدار ۽ اسلام جا سپاھي ھجڻ جا دعويدار ھئا. مثال طور شاھه بيگ ارغون ۽ سندس پُٽ شاھه حسن کي سڀني تاريخ لکندڙن، نماز روزي جا پابند، خير خيرات جا شوقين ۽ پرھيزگار لکيو آھي. پر ھنن ھتي (سنڌ ۾) ڪيو ڇا، تنھن جو مختصر قِصو ھن ريت آھي- جيتوڻيڪ اُن وقت جي تاريخ لکندڙن، اُنھن ظالم بادشاھن جي قھري ڪارواين جو پورو تفصيل نه ڏنو آھي:
    1. تاريخ سنڌ ۾ آھي ته شاھه بيگ ارغون، 11-محرم 927ھ جو ٺٽي ۾ تباھي ۽ موت جي ديو جي صورت ۾ داخل ٿيو. ارغون ۽ تُرخان سپاھي، قرون وسطيٰ جي وحشي درندن ۽ آفريڪا جي آدم خور قبيلن جو روپ وٺي، موت، قتل ۽ غارتگريءَ جو مقدس ناچ ڪرڻ لڳا. ھنن جون ڏاڙھيون کنڊريل، چھرا جنن جھڙا، اکين ۾ نشي، شَھوت ۽ لُٽ مار جي ھَوَس جي وحشانيت. ھُو 20 محرم تائين ٺٽي کي نڌڻڪو سمجھي لُٽ مار ڪندا رھيا. ھنن سنڌ جي ماڻھن کي ھر طرح ذليل ڪيو، ڪيترن ماڻھن جي ٻارن ٻچن کي قيد ڪيو ۽ بيشمار قتل ۽ خونريزي ڪئي. تاريخ طاھريءَ ۾ لکيل آھي ته جيڪي ھولناڪ تباھيون، ٺٽي وارن تي شاھه بيگ ارغون ھٿان نازل ٿيون، اُھي ٺٽي وارن جي خواب خيال ۾ ڪين ھيون.
    2. ھن ٽلٽيءَ جي جنگ کٽڻ بعد پوري ٽلٽيءَ جي شھر کي نه صرف لُٽيو ۽ ڦُريو، پر سوڍن، سھتن ۽ سمن جي محب وطن لشڪر جي بچيل سپاھين سان اُھا ڪار ڪئي، جيڪا سڪندر يونانيءَ سانگلا ۽ مينا نگر کي فتح ڪرڻ کان پوءِ ڪئي. شاھه بيگ آخر ۾ سڄي ٽلٽي شھر کي باھه ڏياري ڇڏي.
    3. باغبان پرڳڻي جي ماڇين، جن شاھه بيگ جي غاصبانه فتح کي سنڌ جي جائز قانوني حڪومت طور تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ھو، تن کي شاھه بيگ نه صرف قتل ڪيو، پر اُنھن جا گھر ۽ قلعا ڊھرائڻ کانپوءِ، ھن سرسبز ۽ شاداب زرعي پرڳڻي کي ڀڙڀانگ بڻائڻ لاءِ نارَن ۾ وھندڙ ھڪ ھزار اُٺ به ڪاھي ويو.
    4. ارغونن، ڌاريجي قبيلي جي 47 سردارن کي گَجر مُوريءَ وانگر وڍائي، بکر جي بدنام زمانه خوني بُرج تان ھيٺ اُڇلائي ڇڏيو.
    5. ھن جتوئي بلوچن جي 42 ڳوٺن جي سڀني مَردن، عورتن، ٻارن ۽ ٻُڍن کي نه صرف قتل ڪيو، پر اُنھن ڳوٺن کي باھه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو.
    6. ارغونن، وطن دوستيءَ ۽ قوم پرستيءَ جي ڏوھه ۾ مخدوم بلاول جھڙي ولي الله ۽ عظيم محب کي گھاڻي ۾ پيڙائي ڇڏيو. عام طرح چيو ويندو آھي ته مخدوم بلاول جي گھاڻي ۾ پيڙجڻ واري روايت جو ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي. اِھو تاثر غلط آھي. سڀ کان پھريائين رکيل شاھه جي ھڪ ڪلام ۾ مخدوم صاحب جي گھاڻي ۾ پيڙجڻ جو ذڪر ٿيل آھي. جيئن چوي ٿو: (شاھه بلاول گھاڻي پيڙايو.) ”اُن کان سواءِ سنڌ جي ھڪ برک تاريخدان، رحيم داد مولائي شيدائيءَ پنھنجي جڳ مشھور ڪتاب ” جنة سنڌ “ ۾ اِھو واقعو تفصيل سان لکيو آھي.
    7. مرزا شاھه حسن تخت تي ويھڻ شرط ٺٽي تي حملو ڪرايو. اِن حملي جي ڪيفيت، تاريخ طاھريءَ ۾ ھن ريت آئي آھي: ٺٽي ۾ شاھه حسن ايتري قدر قتل ۽ غارت ڪيو، جو حامله عورتن جي پيٽن مان ٻار ڪڍي، اُنھن کي نيزن جي اَڻين ۾ ٽُنبيو ويو. نالي ماتر به ڪو ماڻھو ارغونن کي مليو ٿي ته اُن کي قتل ڪرڻ ۾ ارغونن دير ڪانه ٿي ڪئي. شاھي خاندان جون عورتون ۽ ٻار گھڻي ڀاڱي مُغلن جي ڊپ کان درياھه ۾ ٻُڏي مئا ۽ رھيلن کي قيد ۽ بند ۾ تڪليفن جا اُھي ڏينھن ڏسڻا پيا، جو خُدا اھڙا ڏينھن ڪنھن ڪافر يا مسلمان کي نه ڏيکاري. نه رڳو ٺٽي شھر جو اھو حال ٿيو، پر پوري مُلڪ جي اڳوڻي آبادي ۽ شادابي، تباھي ۽ برباديءَ ۾ بدلجي ويئي. اُن ڏانھن کان ”خرابيءَ سنڌ“ ھن مُلڪ جي تاريخ ٿي.
    8. شير شاھه سُوريءَ کان شڪست کائي، ھمايون جڏھن سنڌ ۾ آيو، اُن وقت مرزا شاھه حسن ارغون، سنڌ جي غاصب حاڪم، سڄي سنڌ مُلڪ جي عوام کي مُلڪ جي ويرانيءَ جو حُڪم ڏنو. اُنھيءَ حڪم تي ايتري سختيءَ سان عمل ڪرايو ويندو ھو، جو جيڪڏھن ڪوبه ھاري ڪنھن به قسم جي اَنَ جي پوک ڪرائيندو ھو ته ارغون بادشاھه اُن ھاريءَ جي جيئري کَلَ لھرائي، اُن ۾ بُھه ڀرائي ڇڏيندو ھو. اھڙي قھري حڪم سبب سڄو زرعي مُلڪ ويران ٿي ويو. ھولناڪ ڏُڪار اچي مُنھن ڪڍيو، ۽ ھزارين ماڻھو مري ويا.

    اِھو ھو ارغونن جي اوج ۽ عروج جو زمانو، جنھن ۾ ھنن ھتي جي عوام کي ظلم ۽ ستم جي گھاڻي ۾ پيڙيو. ھنن جو اِھو عروج جلد ئي ختم ٿي ويو. مرزا شاھه حسن، پڇاڙيءَ عمر ۾ صفا چريو ٿي ويو ۽ بنا ڪنھن نرينه اولاد جي خارش زدہ ڪُتي وانگر ڀونڪندو مري ويو. کانئس پوءِ سنڌ ٻن حصن ۾ ورھائجي ويئي. اپر سنڌ تي سلطان محمود ڪوڪلتاش قبضو ڪيو ۽ ڏکڻ سنڌ تي مرزا عيسيٰ ترخان قبضو ڄمائي ورتو. ھاڻي وقت اچي ويو ھو، جو ارغونن کان تاريخ جو وھڪرو پورو پورو حساب وٺي ۽ اھا محشر واري گھڙي، سڄيءَ سنڌ تي مرزا باقيءَ جي روپ ۾ اچي نازل ٿي. مرزا باقيءَ سنڌي عوام سان جيڪي ڪلور ڪيا، سو پنھنجي جاءِ تي جُدا موضوع آھي. پر ھتي صرف مرزا باقيءَ جو ارغونن سان سُلوڪ وارو واقعو نقل ڪجي ٿو، جيئن خبر پوي ته اُنھن ظالمن سان تاريخ ڪھڙو سلوڪ ڪيو، ۽ سنڌي عوام جو خون چوسيندڙ رھزنن جو ڪھڙو حشر ٿيو.
    تاريخ طاھريءَ ۾ آھي ته: ”جڏھن مرزا باقي سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو، تڏھن ارغون اميرن ھڪ لشڪر گڏ ڪري، مرزا باقيءَ کان مطالبو ڪيو ته مرزا شاھه حسن جو خزانو اسان جي حوالي ڪر، ٻيءَ صورت ۾ توکي مٽيءَ ۾ ملايو ويندو. مرزا باقيءَ کي جڏھن ارغونن جي انھيءَ شورش جي خبر پئي ته ھن فيصلو ڪيو ته ھاڻي وقت اچي ويو آھي، جو حڪمت عمليءَ جي ڳالھين کي ڇڏي ڏجي، ڇوته اُنھن سان ڪم نه ھلندو. اُن ڪري ھاڻ اھڙو طريقو اختيار ڪرڻ گھرجي، جنھن سان ارغونن جي فتني جو ھميشہ لاءِ خاتمو ٿي وڃي. اُن ڪري ھن ارغونن کي گھرائي چيو ته توھان گھٻرايو نه، آءٌ فلاڻي ڏينھن خزاني کي تقسيم ڪندس. پوءِ ھن پنھنجي خاص چمچن حبش خان، شبرنگ خان، مُلا صالح کي گھُرائي، ڳُجھ ڳوھه ۾ حڪم ڏنو ته: آءٌ جڏھن فلاڻي ڏينھن ارغونن کي خزاني جي ورھاست لاءِ گھرايان، تڏھن توھان مان ھر ھڪ ڪجھ سپاھين سان ديوان خاني جي فلاڻن فلاڻن ڪمرن ۾ لڪي ويھي رھي ۽ تيار ھجي، جو موقعو ملندي ئي ارغونن تي حملو ڪري ڏئي. مرزا باقيءَ جي اِنھيءَ ھدايت موجب مُلا خميسو ۽ ٻيا اُھي ماڻھو جن کي حڪم مليل ھو، سي مقرر ڏينھن تي ڏَسيل جاين تي لڪي ويھي رھيا. مرزا باقي سلاميءَ واري جھروڪي ۾ اچي ويٺو ۽ خزانچين کي حُڪم ڏنائين ته خزاني جون پيتيون ڪڍي ڍير ڪري ڇڏيو ۽ عام خاص ارغونن کي دعوت ڏني ويئي ته ننڍا وڏا سڀ اچي حاضر ٿين. جيئن اُن جھڳڙي جو ھميشہ لاءِ خاتمو ڪيو وڃي، جيڪو اسان ۽ توھان جي وچ ۾ گھڻي وقت کان ھلندو پيو اچي. بيخبر ارغون اِنھيءَ خوشخبريءَ کي ٻُڌي، خوشيءَ ۾ سرشار ٿي، روپين جي حاصلات لاءِ ڪڇي گھوڙن تي چڙھي، سھڻا وڳا پائي، ديوان خاني ۾ قاضي خميسي وٽ اچي گڏ ٿيا. جڏھن سڀ ارغون گڏ ٿي ويا تڏھن مرزا باقيءَ انھن کي چوائي موڪليو ته ”آءٌ اوھان جي ڏسڻ جو مشتاق آھيان، اُن ڪري به جو اڄ توھان سڀ گڏ آھيو. آءٌ ھن وقت اڪيلو بنا ھٿيارن جي بالاخاني تي ويٺو آھيان. توھان بِنا کُٽڪي جي مُون وٽ ھليا اچو، ڇوته توھان منھنجا ڀائر آھيو.“
    پئسن جي لالچ ۾ انڌا ارغون، بي خوف ٿي، بنا ھٿيارن جي وٽس ھليا ويا ۽ قطار ڪري، مرزا باقيءَ جي سامھون ويھي رھيا. جڏھن سڀ ويٺا، تڏھن ھِن کين مخاطب ٿيندي چيو: ” اي عزيزو! آءٌ ھن خزاني تان ھٿ کڻي چُڪو آھيان. آءٌ ھيءُ خزانو توھان ۾ برابر ورھائي، توھان سڀني کي پنھنجو عزيز بڻائڻ گھران ٿو. ھاڻي پئسن ورھائڻ جو وقت ويجھو آھي. توھان کي خبر آھي ته ھيءُ عجيب ڏينھن آھي، ۽ پئسو اھڙي شيءِ آھي، جيڪو پيءُ کي پُٽ جو، ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ جو دشمن بڻائي ڇڏي ٿو. مُون کي فِڪر رڳو ھيءُ آھي ته ورھاست جي وقت جڏھن عام طرح گوڙ، گھمسان ۽ جھڳڙو ٿيندو آھي ته انھيءَ گڙ ٻڙ ۾ ڪٿي مون کي نقصان نه پھچي، اُن ڪري آءٌ پري ٿي ويھان. “
    اِھو چئي، ھُو پري وڃي ويٺو ۽ پنھنجي پُٽ کي حڪم ڏنائين ته ”تون پئسا تقسيم ڪر.“ اڃا پيتين جا تالا ئي نه کُليا ھئا ته لِڪي ويٺل سپاھي مورچن مان نڪتا. اُنھن کي پھرئين ئي اشارو ملي چُڪو ھو ته روپين تورڻ واري ساھميءَ ۾ پئسن بجاءِ ھر ارغون جي سِسي توري وڃي، ۽ ڪنھن به ارغون کي جيئرو واپس وڃڻ نه ڏنو وڃي. مرزا باقيءَ جي سپاھين اھڙو ته زورائتو حملو ارغونن تي ڪيو ۽ اھڙو ته ارغونن جو قتلام ڪيو، جو ھڪ به ارغون جيئرو نه بچيو. پوءِ اُنھن جون سِسيون وڍي، ديوان خاني جي درين مان ٻاھر اڇلايون ويون. باقي عام ارغون خلق، جيڪا قاضي خميسي وٽ ويٺي ھئي، تن جي قتلام ۾ قاضي خميسي به ڪا ڪَسر ڪانه ڇڏي. ايتري قدر جو ھڪ به ارغون قلعي مان سلامت ٻاھر نه ويو. اُن ڪاروائيءَ کانپوءِ مرزا باقيءَ پنھنجي خاص چمچن کي حُڪم ڏنو ته اوھين ارغونن جي حويلين ۾ وڃو ۽ اُتي قتلام ڪريو، ۽ ھڪ ڏينھن جو تازو ٺاول ٻار ملي ته اُن کي به جيئرو نه ڇڏيو وڃي. مرزا باقيءَ جي حڪم تي ھڪ جماعت، ارغونن جي حويلين ۾ ڪاھي پئي ۽ جيڪو ارغون مليو، اُن کي بيدرديءَ سان ڪُٺو ويو. انھيءَ قتلام مان جيڪي ارغون بچي سگھيا، سي ڀڄي گجرات ھليا ويا. دريائي ارغون ولد شير علي ارغون، اُن واقعي کانپوءِ چوندو ھو ته اُنھيءَ حادثي کانپوءِ ارغونن جو ھيءُ حال ٿيو، جو ھنن کي کائڻ لاءِ ماني ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو نه ھو. جيڪڏھن ڪنھن وٽ گھوڙو ھو ته اُھو بُک سان پاھه ٿي ويو ھو. پراڻي تلوار ۽ ٽُٽل ڪمان کان سواءِ ارغونن وٽ ڪي ڪين رھيو ھو. شڪار تي ھنن جو گذارو ھو، ۽ اھڙي بدقسمتيءَ وارو وقت ھنن تي آيو، جو پيءُ پُٽ کان ۽ پُٽ پيءُ کان وڇڙجي ڏولائي جا ڏينھن گذارڻ لڳو.
    اِن حالت ۾ خبرناھي ته ارغون ڪيترو وقت رھيا، پر اڄ ھِن سر زمين تي ”ارغون“ نالي ڪابه ذات موجود نه آھي. اُھا ذات، جنھن ھِن سرزمين تي 32 سالن تائين، ھتي جي عوام جي رت سان راند ڪئي ۽ گھرن کي باھيون ڏيئي ساڙيو ھو!
    ارغونن کانپوءِ ڪافي عرصو سنڌ جي ڏکڻ واري حصي تي ترخانن جي حڪومت رھي. ترخان ھتي جي مقامي قبيلن سان مِلي ھڪ ٿي ويا ھئا. ھنن سميجن ۽ سوڍن سان مِٽيون مائٽيون ڪيون. اُن جي باوجود، ھِنن ۾ حاڪمن واري برتري ۽ پنھنجي نسلي اھميت قائم رھي. مرزا باقيءَ جو دور، ھن سرزمين جي عوام لاءِ الاھي قھر کان گھٽ ڪونه ھو. اُھي ترخان حاڪم به پنھنجي حڪومت بچائڻ لاءِ پنھنجي ڌيئرن ۽ ڀينرن کي ڍال طور استعمال ڪندا ھئا. مرزا باقيءَ، اڪبري حملي کان بچڻ لاءِ پنھنجي ڌيءُ، حرم ۾ داخل ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪلي، پر اڪبر اُن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ساڳيءَ ريت مرزا جاني بيگ به اِئين ڪيو. پر مرزا جاني بيگ، پنھنجي ذاتي بُراين جي باوجود ترخانن ۾ چڱو ماڻھو ھو. ھن جي وڏي خوبي سندس ذاتي بھادري ھئي. ھن جي جھنڊي ھيٺ ويھ ھزار سنڌي ۽ پندرھن ھزار ترخان، ھڪ سال تائين مغل فوجن جو وڏي دليريءَ سان مقابلو ڪندا رھيا. سندس پُٽ غازي بيگ، انتھائي نا اھل ۽ عياش ھو. سندس باري ۾ تاريخن لکيو آھي: ”ھُو رات جو يارھن سالن جي ڪنواري باڪرہ ڇوڪريءَ سان ھمبستري ڪندو ھو. ھڪ رات اُن کي استعمال ڪرڻ کانپوءِ وري اُن جو منھن به ڪونه ڏسندو ھو. ھن مُلڪ جي مختلف حصن ۾ پنھنجا دلال ڇڏي ڏنا ھئا، جيڪي ھر رات کيس يارھن سالن جي ڇوڪري آڻي ڏيندا ھئا.“ شيخ فريد بکريءَ لکيو آھي ته: ”جڏھن غازي بيگ قنڌار جو گورنر ٿي ويو، تڏھن سندس ماءُ ٺٽي مان ٻارھن سؤ خوبصورت ڪنواريون ڇوڪريون اھڙيون وٺي وئي ھئي، جن جي عمر ٻارھن سالن کان گھٽ ھئي. اھي ڇوڪريون، ھن قنڌار ۾ پنھنجي پٽ کي عياشيءَ لاءِ تحفي طور ڏنيون. جن سڀني کي غازي بيگ پنھنجي بستري جي زينت بڻايو. ياد رھي ته مرزا جاني بيگ اغلام باز ھو ۽ ھن پنھنجي محل ۾ ڪيترن خوبصورت ڇوڪرن کي زنانا ڪپڙا پارائي، ويھاري ڇڏيو ھو.“
    ترخانن کان پوءِ ھتي مغل تسلط جو دور شروع ٿيو. ان دور ۾ مغلن جا ظلم پنھنجي انتھا تي ھئا ته سنڌين جون بغاوتون، ارڏايون، سرڪشيون ۽ آزاديءَ لاءِ ڪوششون به پنھنجي جوش ۽ جولان تي ھيون. مغل ھن سون ورني سرزمين جي دولت تان ڪنھن به صورت ۾ ھٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ھئا. ان لاءِ ھنن ھتي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ سنڌين جي سِسين جا لابارا ڪرايا. سِسين جا مُنارا ٺھرايا. مَردن سان گڏ عورتن ۽ ٻارن کي نه صرف قيد ڪيو، پر انھن کي گجرن ۽ بصرن وانگر مارڪيٽن ۾ وِڪيو. انھيءَ دور تي ”تاريخ مظھرشاھه جھاني“ سُٺو دستاويز آھي. انھي دستاويز جي فاضل سنڌيڪار، نياز ھمايونيءَ، مصنف جي باري ۾ پنھنجي راءِ ڏيندي لکيو آھي ته: ”اسان ھن مورخ (يوسف ميرڪ) جا ٿورائتا آھيون، جو ھن ”مغل شاھي“ جي پھاڙ سان ٽڪرائيندڙ غيرتمند، بھادر ۽ وطن دوست سنڌين جو طويل تر داستان ڪنھن به ريت قلمند ڪيو آھي.“
    وطن دوست سنڌين جي انھيءَ طويل تر داستان جي ترتيب ۽ تنظيم ۾ گھڻو ڪري سنڌ جي ھر قبيلي، پاڙي ۽ ذات حصو ورتو آھي.ان داستان جي رنگيني ۽ سنگينيءَ ۾ پوري سنڌ شريڪ رھي آھي. ان سان گڏ سنڌين تي ظلم ڪرڻ ۾ به ھر ٻاھريون حاڪم، ان جو جاگيردار ۽ گورنر، عالم ۽ دانشور ۽ به ھڪجيترو ڪوشان رھيو آھي- پوءِ ذاتي طرح اھو کڻي ڪيترو نمازي، حاجي ۽ ديندار، خان يا سيد، قاضي ۽ مورخ ڇونه ھجي. تاھم ان داستان جي پوري زينت ۽ زيبائش تي انڙ، سميجا، شورا، ٻبر، دل، نومڙيا ۽ چانڊيا ڇانيا پيا آھن. ان داستانِ آزاديءَ جو جرتمندانه داستان سميجا ئي آھن. جن پوري مغل شاھي دور ۾ ھڪ ڏينھن لاءِ به دستبرداريءَ جو تصور ئي نه ڪيو. ٻئي طرف چانڊيا آھن، جن مغل شاھيءَ سان اھي ساڳيا نمونا اختيار ڪيا، جيڪي مغلن سنڌي ماڻھن سان اختيار ڪيا. مغلن سنڌي ماڻھن کي غُلام ڪري وڪيو، ته چانڊين وري مغلن ۽ انھن جي وفادارن کي قيد ڪري نيلام ڪيو. ان ڪري، مغل تاريخ لکندڙن، چانڊين کي ”حُر فروش“- يعني آزاد ماڻھن کي وڪڻندڙ- جو لقب ڏنو. ڄڻ ته آزاد صرف مغل ۽ سندس دلال ھئا، باقي سنڌي ماڻھو پيدائشي غلام ھئا، جن جو وڪرو شريعت محمديءَ مطابق جائز ھو.
    مظھر شاھجھانيءَ جي مصنف، يوسف ميرڪ، جيتوڻيڪ سنڌين تي ٿيل ظلم جو داستان انتھائيءَ ھوشياريءَ سان قلمبند ڪيو آھي، پَر ھو پاڻ ڪيترين جاين تي سنڌين کي قتل ڪرائڻ ۾ شريڪ به رھيو آھي- ۽ ڪتاب ۾ جتي به سنڌي ماڻھن جي ڪنھن بغاوت جو ذڪر ٿو ڪري، اتي ھن کي انھن بغاوت ڪندڙن سان رتيءَ برابر به ھمدردي ڪانه ٿي ڏسجي، الٽو مغلن جي طرفداري ڪندي انھن باغين کي گار گند ڪندو رھيو آھي. ڪٿي ڪٿي ھِن ھر انھيءَ مغل نواب کي ساراھيو آھي، جنھن سنڌين کي وڌ کان وڌ قتل ڪيو ھو. انھيءَ سلسلي ۾ ھُو پنھنجي ڀاءُ مير ابوالبقا جي سيوھڻ ۽ ٺٽي واريءَ نوابيءَ جي دور کي سنڌ جي تاريخ جو سونھري دور ٿو سڏي. حالانڪ، ڀاڻس سنڌين سان جيڪي ڀال ڀَلايا، تن جو تمام ھلڪو ۽ مختصر خاڪو ھن ريت آھي:
    1. ھن، جاگير داروبند جبل وٽ 322 دَل قتل ڪيا.
    2. ھن اَمير، شاھه ڳڙھه قلعي ۾ 1200 اُنڙن کي سندن سردار طالب اُنڙ سميت قتل ڪري ڇڏيو.
    3. ھن ويرا ون ۾ 500 سميجن کي قتل ڪيو ۽ ڪيترن کي قيدي بڻايو.
    4. ھن اميرَ اوچتو حملو ڪري، ٻُگھين جو پورو قبيلو ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    5. مغلن جي ھِن نوابَ؛ ھڪ ڀيرو چانڊين جو قتلام ڪيو، جيتوڻيڪ قتل ٿيل چانڊين جو تعداد نه ٻُڌايو ويو آھي.
    6. نصرپور جي پسگردائيءَ ۾ ھن اميرَ، اُنڙن جون 3000 ھزار ڍڳيون تلوارن سان ڳترا ڳترا ڪرائي ڇڏيون.
    7. ڪاڏوھر ڍَنڍ وارن ڳوٺن تي حملو ڪري، مير ابوالبقا منگواڻن ۽ راھوجن جا 22 ماڻھو قتل ڪيا.
    8. سميجن جي ڳوٺن مان مير صاحب، 3000 ھزار ڍڳيون اُن وقت ڦُريون، جڏُن پاڻ بدلي ٿي وڃي رھيو ھو.
    9. ھالن ۾ مير صاحب ڪيترن سميجن کي قتل ڪيو ۽ سندس پُٽ وري درٻيلي ۾ بيشمار سميجن کي ڪُٺو.

    يوسف ميرڪ جو ٻئي نمبر تي ساراھيل، نواب شمشير بيگ آھي. اھو نواب ”مظھر شاھجھاني“ جي مصنف جو ذاتي دوست ھو، ۽ ھرڪو حملو ميرڪ جي صلاح سان ڪندو ھو. يوسف ميرڪ، سنڌين کي قتل ڪرڻ لاءِ صلاحون ۽ مشورا ڏيڻ وقت، ھڪ عالم، اديب، شاعر ۽ مصنف جي بدران اول درجي جو جلاد ۽ سفاڪ نظر ٿو اچي. اِنھيءَ جلاد صفت عالم جي صلاح ۽ مشوري سان مغل فوج ڳوٺ ويراون تي اوچتو حملو ڪري، ھڪ ھزار سميجا ماريا ۽ ست سؤ ھڪ ئي ڌڪ سان گرفتار ڪيا. وڏي ڳالھ انھن سڀني مغل صوبيدار شمشير بيگ کي بيڏوھي ٿي سمجھيو. انھيءَ ساڳئي معرڪي ۾ يوسف ميرڪ ۽ شمشير بيگ ھڪ ھفتو وينجھري واري قلعي ۾ ترسيا پيا ھئا، ۽ روزانو ڇھ سؤ سميجن جون سِسيون وڍائيندا رھيا. اِن حساب سان اِنھيءَ رتوڇاڻ ۾ پنج ھزار ٻه سؤ سميجا ماريا ويا، ۽ ھڪ سؤ ھوسڙن ملاحن کي لاکاٽ ڀرسان ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. سنڌ جي ھن ”درد مند ۽ معصوم مورخ“ اڃا به ٻه مھينا اِنھيءَ جاءِ تي ترسي، سميجن جي قتلام جاري رکڻ تي زور ڀريو. پر مغل صوبيدار اھا ڳالھ نه مڃي، جنھنڪري سنڌ جي ھن قاضي قادن کي ان جو افسوس سڄي عمر رھيو. انھيءَ مورخ جي چُرچ تي شمشير بيگ، باريجن تي حملو ڪرايو، جنھن ۾ سوين باريجا، سندن بھادر سردار قاسم باريجي ۽ سندس پُٽن سميت وڙھندي شھيد ٿي ويا.
    اِھو ته آھي ھلڪو ۽ مختصر خاڪو، پر ھُونئن به جتي ڪنھن معرڪي ۾ سنڌي قتل ٿيا آھن، ته ”پرھيز گار مصنف“ ان تي خوشيءَ وچان کڳيون ھنيون آھن- ۽ جتي به سنڌي بچي ويا آھن، اتي ھن مغل فوجن جي نااھلي تي ڪٽڪيون کائي، پنھنجي پياري ڀاءُ جي خونخواريءَ ۽ درندگيءَ کي ياد ڪري، ٿڌا ساھه ڀريا آھن: ته ڪاش! اُھو ھجي ھا ته اِھي حملي آور ائين نه ڀڄي وڃن ھا، ڇو ته سرڪش سنڌين کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ۾ ئي دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي ۽ نجات آھي!
    جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته محب وطن سنڌين، مغل دور حڪومت ۾ جيڪو بھادريءَ ۽ قومي غيرت جو طويل داستان ترتيب ڏنو، تنھن ۾ سنڌ جي ھر قبيلي ۽ ذات حصو ورتو؛ پر انھيءَ داستان جي اصلي زينت ۽ زيبائش سميجن جي ئي غيرت مند خُون سان ٿي آھي. ان ڪري، يوسف ميرڪ انھيءَ قبيلي کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ پنھنجي ڪتاب ۾ شاھجھان بادشاھه کي خاص مشورا ۽ ھدايتون ڏنيون آھن. اِھو چڱو ٿيو، جو ھُو پنھنجو ڪتاب بادشاھه جي خدمت ۾ پيش نه ڪري سگھيو. ٻي صورت ۾ خبر ناھي ته ھن دور ۾ چانڊين، سميجن ۽ نومڙين جو بڻ بڻياد ھجي ھا الائي نه- ھن جي مشورن مان اسان کي ھڪ طرف سميجن جي طاقت جي خبر پوي ٿي، ته ٻئي طرف اُنھيءَ عظيم وطن دوست طاقت کي ختم ڪرڻ لاءِ يوسف ميرڪ جي بيرحميءَ ۽ سفاڪيءَ جو پڻ پتو پوي ٿو. چنانچه ھُو سميجن جي باري ۾ لکي ٿو:
    ”جيڪڏھن چانڊين ۽ سميجن جي اڳي پوءِ پاڙ پٽڻي آھي ته ھڪ سمجھدار ۽ اثر رسوخ واري ماڻھوءَ کي پنھنجي پاسي ڪري، کيس ڳاھن ۽ جوڻيجن واري آباد علائقي سان گڏ خطي ۽ لاکاٽ پرڳڻي جون غير آباد ايراضيون به جاگير ۾ ڏيئي، مٿس اِھو ڪم رکيو وڃي ته ھُو ٻنھي قومن سان پوريءَ طرح پُڄي اچي ۽ کانئس ڪابه مُنھن موڙَ ڪن ته انھن کي ٻن طريقن سان ٺيڪ ڪري سگھي. (1) شاھي فوجن کي حُڪم ڏنو وڃي ته چئن ئي پاسن کان ھنن بدبختن تي گھيرو ڪري وڃن. سرڪاري وصولي ڪندڙ بي ڊپا ماڻھو بکر واري جاگيردار جا سپاھي ساڻ ڪري، در ٻيلي پرڳڻي جي ڳوٺ گڙنگ ۾ اچي پڙاءُ ڪن. ھوڏانھن ٺٽي مان سپاھه گھرائي، ھالا ڪنڊيءَ جي پرڳڻي واري ڳوٺ ابڙيجن ۾ ٿمائي، جيسلمير جي راجا کي تاڪيد ڪيو وڃي ته ھڪدم پنھنجا ماڻھو وٺي اچي ھنن فسادن جي انھن ٿاڪن ۾ بيھاري ڇڏي، جيڪي جيسلمير جي ڀٽن ۾ کين ڀاڄر دوران ڪم اچن ٿا. اھڙي طرح سيوھڻ جي جاگيردار تي اھو ڪم رکجي ته ھُو پنھنجي سپاھه کي خطي پرڳڻي جي ڳوٺ ڪاڪي ۾ جائيتو ڪري، جيئن چئن ئي پاسن کان ھنن رھزنن کي اَن جو داڻو به نصيب نه ٿئي ۽ سندن راھون اھڙي طرح رد ٿي وڃن، جو پنھنجا ڍور ڍڳا توڙي ٻار ڪڍي نه سگھن. (2) جن به وڏيرن ھنن ھنگامن ۾ انھن جو پاسو وٺي، ساڻن رشتا ناتا ڪيا آھن، تن کي کانئن الڳ ڪيو وڃي. اُن لاءِ ھر ھنڌ پڙھو ڏياري ماڻھن کي چتاءُ ڏجي ته: ”جنھن به ڳوٺ يا گھر ۾ سميجا اُنڙ پناھي ھوندا يا سندن مال، عيال، يا ٻيو سامان ڪنھن وٽ به موجود ھوندو، ته خبر پوڻ شرط اُن ڳوٺاڻي يا گھر جي مالڪ کي به اُنھن رھزنن وانگر ڦاھيءَ چاڙھي، سندن مال اسباب ضبط ڪيو ويندو. ھن باري ۾ ڪنھن به ماڻھوءَ جو لحاظ نه رکڻو پوندو.“ انھيءَ ڏھڪاءَ وسيلي سنڌ جا وڏيرا، سرڪاري دٻاءَ ۾ اچي، ذڪر ڪيل رھزنن سان رشتا ناتا ٽوڙي ڇڏيندا، جيڪي ھن کان اڳ ساڻن ڳنڍي چڪا ھئا. ۽ پوءِ اڳ وانگي کين اک ۾ رکي، سندن بڇڙاين جو کُتو جواب ڏيڻ لڳندا. جيڪڏھن ھڪ ھزار بھادر سوار ڀلن گھوڙن ۽ پنچ سؤ پاڻيءَ ڀريل اُٺن سان سميجن تي چاڙھي موڪليا وڃن ته ھي نامُراد مُنجھي مَرن، ۽ کين پتو پئجي وڃي ته بدمعاشيءَ جي ڪھڙي سزا آھي. پنج ڇھ ھزار پاڻ، سندن زالون ۽ ٻار ڪُل ويھن ھزارن تائين ٿيندا، سي آخر ڪيڏانھن ڀڄي سگھندا؟ ليڪن شرط ھيءُ آھي ته سندن واھون بند ڪيون وڃن. ان کانسواءِ، کين لِڪڻ لاءِ به ڪا جاءِ ڪانه آھي، ڇو ته ھُو گھڻو ڪري پوک ۽ پاڻيءَ واري ھنڌ تي رھن ٿا؛ جنھن ڪري ھر ھنڌ آسانيءَ سان ھٿ اچي سگھن ٿا. شاھي لشڪر جڏھن به مٿن ڪڙڪيو ته ھي ٻارين ٻچين موت جي مُنھن ۾ اچي ويندا. ڪيترن کي قيد به ڪري سگھجي ٿو. سندن مال مڏي تاراج ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ڇڙوڇڙ ٿين، تن کي چئن ئي پاسن کان فوجي گھيري ۾ آڻي، ٻَڌي قابو ڪيو وڃي. اڃا به ھيڪڙ ٻيڪڙ ڪو ھٿان نڪري ويو ته آخرڪار ڪڏھن ته ڦاسندو- ملڪ ۾ پَڙھو گھمايو وڃي ته ڪوبه سميجو، سندس زال يا مالُ، جنھن کي به ھٿ اچي ته اُنھن تي قبضو ڪري ۽ نه ڇڏي. ان لاءِ رعيت ۽ سپاھه کي اھڙو حڪم ڏنو وڃي.

    مذڪور مصنف، اھو مشورو صرف سميجن لاءِ نه ڏنو آھي، پر سنڌ جي ھر باغي ۽ محب وطن قبيلي ۽ ذات لاءِ اھڙا رايا ۽ صلاحون، سندس زرخيز ذھن ۾ بيشمار موجود ھيون؛ جيڪي ھر سرڪش قبيلي جي ذڪر کانپوءِ مناسب موقعي ۽ مھل تي ڏيندو رھيو آھي. حقيقت ھيءَ آھي ته دنيا جي ھر مھذب يا وحشي فاتح جي وڏي ۾ وڏي خواھش اِھا ھوندي آھي ته کيس صرف مفتوح مُلڪ جي سر زمين، پنھنجي تمام پيداواري سميت گھرجي. باقي ماڻھن سان ھن کي ايتري حد تائين دلچسپي ھوندي آھي، جيسين تائين اھي بھترين فرمانبردار غلام ۽ مزدور ٿي، اُن سر زمين جي پيدائش کي فاتح جي خزاني ۾ منتقل ڪن. جڏھن به ڪنھن ديس واسيءَ ۾ فرمانبردار غلام ۽ مزدور جي بجاءِ پاڻ مالڪ ٿيڻ جي خواھش پيدا ٿي، ته پوءِ ان جي اھميت ھڪ ماڻھوءَ واري حيثيت سان فاتح وٽ ختم ٿي ويندي آھي. اِن سلسلي ۾ ھيءَ ڳالھ ياد رکڻ گھرجي ته ھڪ فاتح کي به مفتوح مُلڪ جي سر زمين پياري ھوندي آھي. پر اُھو پيار اھڙو ھوندو آھي، جھڙو ھڪ عياش ماڻھوءَ کي پنھنجي سُريت سان ھجي. اھو پيار ان وقت تائين ھلندو، جيسين تائين اُن عورت جي جسم ۾ جسماني ڪشش ۽ سونھن ھوندي؛ ۽ جڏھن به اُھي شيون ختم ٿيون ته ھُو وري ڪنھن ٻيءَ کي تاڙيندو. اُن جي ابتڙ ھڪ محب وطن ماڻھوءَ کي پنھنجي سر زمين سان اھڙو پيار ھوندو آھي، جھڙو ھڪ سُلڇڻي ۽ سدوري پُٽ کي پنھنجيءَ ماءُ سان ھوندو آھي.

    ارغونن، ترخانن ۽ مغلن، سنڌ کي ھڪ سُريت جي روپ ۾ رکڻ پئي چاھيو. ھنن کي صرف سنڌ جي دولت، زراعت ۽ پيدائش سان واسطو ھو ۽ ھنن اُنھن سنڌين کي پسند ٿي ڪيو، جيڪي سندن فرمانبردار غلام ۽ بھترين مزدور واري حيثيت ۾ رھڻ لاءِ تيار ھئا. باقي جن به ان حيثيت ۾ رھڻ کان انڪار ٿي ڪيو، سي فسادي، عوام دشمن ۽ قتل لائق ھئا.

    جھڙيءَ ريت، يوسف ميرڪ مشورا پئي ڏنا، اھڙا مشورا سنڌين کي تباھه ڪرڻ جا کانئس اڳ ۾ ٻيا عالم فاضل ۽ دانشور به ڏيندا پئي رھيا. جيئن تاريخ سنڌ ۾ آھي ته: مرزا شاھه بيگ ارغون، جڏھن سلطان محمود کي بکر جو حاڪم مقرر ڪيو ته اتان جي مَھم مقامي سيدن کي سونپيائين. اُن سان گڏ ڌاريجن جي ڪن پڳدارن کي حڪم ڪيو ويو ته ھُو پڻ بکر جي قلعي ۾ اچي رھن، پر محب وطن ڌاريجن انھيءَ حڪم جي پوئواري نه ڪئي ۽ پنھنجي مُنھن ماڻھو ميڙي، جنگ جوٽڻ جا سانباھا ڪرڻ لڳا. سندن ڪوشش اِھا ھئي ته ڪيئن به ڪري سلطان محمود جي مغز مان ھوا ڪڍي وڃي. جيئن ھُو سنڌ جا وڻ ڇڏي ويندو رھي. انھيءَ ارادي سان ھنن ارغونن کي مالي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نه رڳو اھو، پر ٻين ڪيترن معاملن ۾ ھنن وطن دوست ماڻھن ارغونن سان عدم تعاون وارو رويو اختيار ڪيو. سلطان محمود جا جيڪي به گُماشتا وٽن ٿي ويا، ته انھن جي مٿي ۾ ڌوڙ وجھي واپس ٿي ڪيائون. پڇاڙيءَ ۾ پنھنجا ڪٽڪ سنبرائي، سلطان محمود جيڪو اڃا ٻارھن ورھين جو مَس ھو(*) سو تِيسي ۾ اچي، ڏند ڪرٽي، ڌاريجن سان وڙھڻ لاءِ وَٽ کائيندو رھيو، پر سيد سڳورا کيس اوڀاريون لھواريون ڏئي روڪيندا پئي آيا. ھوڏانھن ڌاريجن ٻه ڀيرا سِٽ ڪئي ته درياءُ اُڪري، قلعي ۾ داخل ٿي، سطان محمود کي ڳٿڙ کان جھلي اچن، پر ايتري ۾ بکر جي سيدن کي کڙڪ پئجي ويئي، جن قلعي جا سڀ گھَٽ سوگھا ڪري، ڌاريجن کي مُنجھائي ڇڏيو، ۽ ھُو سيدن کي سامھون ڏسي مُڙي ويا.
    (*) ھِتي سلطان محمود جي عُمر 12 سال غلط ڏيکاريل آھي. سلطان محمود جي ڄمڻ جو سال حسام الدين راشديءَ 898ھه لکيو آھي، ۽ جنھن واقعي جو ذڪر ھلي رھيو آھي، سو 927ھه ۾ پيش آيو آھي. ان صورت ۾ اِن واقعي وقت سلطان محمود جي عمر 29 سال ھئڻ گھرجي، نه ڪي ٻارھن سال. اھا ساڳي حالت فاتح سنڌ ابن قاسم جي عُمر جي باري ۾ آھي. رحيمداد مولائي شيدائي، ”جنت سنڌ“ ۾ سندس ڄمڻ جو سال 24 ھجري لکيو آھي، ان حالت ۾ سنڌ تي حملي وقت ابن قاسم پوڙھو ھئڻ گھرجي.
    ھوڏانھن شاھه بيگ ھاڻي سنڌ ۾ پھچي چڪو ھو. سلطان محمود، جيڪو انھيءَ اوسيئڙي ۾ ھو، تنھن پنھنجي ھڪ ساٿيءَ جوجڪ بابا کي پيءُ ڏانھن موڪليو ته وڃي کيس سڄي واردات کان واقف ڪري. پڻس مير فاضل اھو احوال جيئن جو تيئن شاھه بيگ جي ڌيان تي آندو- ۽ کانئس موڪل وٺي، ڏھه ويھه سوار ساڻ ڪري، چانڊڪا وٽان پاڻي جھاڳي، پنھنجي سردارن ۽ مقدمن جي دل ٻڌرائيندو، منزلون ھڻندو، جڏھن بکر جي پسگردائيءَ ۾ پھتو، تڏھن لالو مھر، ھڪ وڏيرو پنھنجي برادريءَ سوڌو سندس قدمن ۾ اچي ڪريو. ھن جي معرفت ڌاريجن جي پرين مُڙسن کي صلح جي بھاني جتان ڪٿان گھُرائي، پاڻ سان کڻندو ويو. نيٺ ڌاريجن جا 47 سرڪردا ماڻھو ساڻ ڪري بکر ڀيڙو اچي ٿيو. اُتي سلطان محمود، ھنبوشيون ھڻندو، اچي پيءُ جا پيرَ چمڻ لڳو.
    شاھه بيگ ارغون کي جڏھن خبر پيئي ته مير فاضل سلامتيءَ سان بکر پھچي چُڪو آھي، ته جتي ھو، اُتان راتو واہ بکر ڏانھن لُوھه ڪيائين ۽ اچي واٽ تي سکر ۾ ساھي پٽيائين. سلطان محمود ھڪدم بکر مان وٽس پھچي، سندس قدم بوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو. کيس انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو. اُنھيءَ موقعي تي ھن ڌاريجن خلاف شاھه بيگ جا چڱيءَ طرح ڪَن ڀريا. ھوڏانھن ڌاريجا صُلحَ جي انتظار ۾ ويٺا ھئا، ته ڪڏھن ٿي ڳالھ ٻولھ شروع ٿئي. شاھه بيگ سڄي روئداد ٻڌڻ کان پوءِ مجلس ۾ موجود سنڌ جي بزرگ، قاضي قادن ڏانھن ڪنڌ ورائي، اِنھيءَ خيال سان ڏٺو ته ھن باري ۾ سندس صلاح ڪھڙي آھي. قاضي قادن جھڙي چڱي مُڙس ھٿ ٻڌي عرض ڪيو ته:
    ”قبلا سائين! سنڌ جي سرزمين سيلابي آھي. ھتي جيئن ته ڪانڊيرا گھڻا ٿا پيدا ٿين، تنھنڪري ضروري آھي ته کھيڙو ھميشه ھٿ ۾ ھئڻ گھرجي.“ شاھه بيگ تَتو ته اڳ ۾ ئي ويٺو ھو، سو قاضي قادن جي چُرچ تي ڌاريجن جي قتلام جو حڪم ڏئي ڇڏيائين. سلطان محمود حڪم جي تعميل ۾ ھڪدم ڊوڙي شھر پھتو ۽ اوڏيءَ مھل بنا ڪنھن ويرم جي صلح جي انتظار ۾ ويٺل ڌاريجن سِسيون ڌڙ کان ڌار ڪرائي، اُنھن کي ھڪ مٿاھين ٺُل تان ھيٺ اُڇلارائي ڇڏيائين، جيڪو اڃا تائين خوني بُرج جي نالي سان مشھور آھي. سنڌ جي محب وطن ماڻھن جو اھو قتلام، ربيع الاول 927ھه ۾ ٿيو.
    ارغون حڪومت ۾، اِنھيءَ واقعي کان وڌيڪ مڪر ۽ فريب سان ڀرپور ھڪ ٻيو واقعو به ٿيو، جنھن ارغون حُڪمرانن جي دينداريءَ، مسلمانيءَ ۽ شرافت جا سڀ پڙدا ڦاڙي، کين اصلي وحشي صورت ۾ اگھاڙو ڪري، تاريخ جي مُجرمن واري ڪٽھڙي ۾ آڻي بيھاريو آھي. اِھو واقعو آھي سنڌي بلوچن جو قتل عام--- جنھن جو سرسري ذڪر ارغونن جي ظلمن جي فھرست ۾ ڪيو ويو آھي. پر ھِتي اُن کي پوري تفصيل سان ان ڪري نقل ڪري رھيو آھيان ته جيئن خبر پوي ته مير معصوم بکري توڙي يوسف ميرڪ جھڙن مؤرخن، اھو واقعو نقل ڪندي به ارغون فاتح جي لاءِ پنھنجيءَ دل ۾ ذرو به ڪاوڙ يا نفرت محسوس نه ڪئي. الٽو ميرڪ صاحب ته انھيءَ واقعي تي خوشيءَ جو اظھار ڪندي، باقي رھيل ٻروچن جو صفايو ڪرڻ جا قيمتي مشورا ڏنا آھن:
    سنڌ جي مغل ۽ ارغون دور جي انتظامي تقسيم مطابق ھاڻوڪي جيڪب آباد ضلعي جو ڪافي حصو جتوئي پرڳڻي جي نالي سان سڏبو ھو. اِنھيءَ پرڳڻي جا رھاڪو توڙي سردار، بلوچ ھئا؛ جن ۾ جتوئي، بڙدي، ڪورائي، داردشت، لولئي، شَر ۽ ٻيا شامل ھئا. اُھي ھميشہ کان وٺي محب وطن ۽ دلير رھيا ھئا. ھنن جي رڳن ۾ رَتَ جي بدران ڌارين ۽ غاصبن خلاف باھه جون ڄڀيون ڊوڙيون ٿي. ھر دور جي ڌارين ۽ غاصب حاڪمن جي خلاف آزاديءَ ۽ خود مختياريءَ جو جھنڊو، ھنن جي ھٿن مان ڪڏھن به نه ڪريو. ھنن ھميشہ ھن اُصول تي عمل ڪيو ته:
    ڪنڌ مَ جھُڪائج ڪڏھين، سِر ويو سَھساءِ!
    جڏھن شاھه بيگ ارغون بکر تي قبضو ڪيو ته ھن کي جتوئي پرڳڻي جي ٻروچن پنھنجو حاڪم ۽ بادشاھه مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ سندس خلاف بغاوت جون رٿون رٿڻ لڳا.
    شاھه بيگ بکر جي قلعي جي اڏاوت وقت راڄن جي چڱن مڙسن کي ڪوٺائي، ھيڪاندا ڪري، کانئن اُنھن بلوچن جي باري ۾ صلاح ورتي، جن ڪڏھن به آڻ نٿي مڃي. سڀني جي صلاح (قاضي قادن ضرور ھوندو) کان پوءِ اِھو فيصلو ٿيو ته انھيءَ قوم جي باھه کي ترار جي پاڻيءَ سان اُجھائي ڇڏڻ گھرجي. آخر ڳالھ اچي اتي بيٺي ته ھنن جي ھر وسنديءَ ۾ ڪافي ماڻھو ٽيڙي پکيڙي ڇڏجن، جيڪي سدائين لھ وچڙ ۾ ايندا رھن؛ اُن کان پوءِ عين موقعي تي اشاري ملڻ شرط اُنھن جو ٻوٽو گار ڪرائي ڇڏجي. اھڙيءَ ريت ھر ھنڌ ماڻھن جي مقرريءِ بعد وقت جو انتظار ڪيو ويو ۽ موقعي ملڻ تي ھڪ ئي ڌَڪ سان ڪيترن جون سِسيون ڌڙ کان ڌار ٿي ويون ۽ اِئين اک ڇنڀ م ٻروچن جي ٻائيتاليھ ڳوٺن جا ماڻھو موت جي ٻوھي ۾ اچي ختم ٿي ويا.
    اھو واقعو لکڻ کان پوءِ ميرڪ صاحب فرمائي ٿو، ”اِنھيءَ واردات کان پوءِ اُتان جي ٻين ماڻھن ته مڙئي لُڙ گوڙ ڇڏي ڏنو آھي ۽ پابندي سان سرڪاري ڍل پُڄائيندا رھن ٿا، پر بڙدي بلوچن جو اڃا ڪروڌ ۾ مُنھن آھي. اُھي دريءَ نالي قلعي ۾ رھن ٿا ۽ جاگيردار جي ھلڪي ڪَن مھٽ سان ھيڪر سڌا ٿي وڃن ٿا.“
    ڏٺو اوھان، ته محب وطن عوام جي ايتري قتل کان پوءِ به ميرڪ صاحب اڃا ڌارين آقائن کي مشورا ڏيئي رھيو آھي ته اڃا به انھيءَ عوام جي ڪَن مھٽ ٿيڻ گھرجي! ھِن جي اھا روش، ھر اُنھيءَ جاءِ تي نظر اچي ٿي، جتي سنڌي عوام فاتحن سان ڪا مزاحمت ۽ مخالفت ڪئي آھي. مثال طور، آءٌ ھتي ڪڪڙي، درٻيلي، چانڊڪا ۽ ٽَڪر پرڳڻي جي عوام جو سرسري ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان:
    برِصغير جي ھاڪاري حاڪم اڪبر جي فوجن جڏھن 982ھه ۾ بکر تي قبضو ڪيو، اُن وقت باوجود مغلن جي دھشت، خونريزيءَ ۽ سفاڪيءَ جي مشھوريءَ جي، (جيڪا اِن حد تائين پھتل ھئي، جو فاتح مغلَ، مفتوح ماڻھن جون سِسيون لاھي، اُنھن جا منارا ٺھرائيندا ھئا. انھيءَ چنگيزي سُنت تي اڪبر پاڻ به شوق سان عمل ڪندو ھو) سنڌي ماڻھن سِر تان آھو پلي، فاتح مغل سان مھاڏو اٽڪائڻ پنھنجو قومي ۽ وطني فرض سمجھيو. اڪبري درٻار طرفان مير عدل، 11- رمضان، 983ھه تي بکر ۾ گورنر ٿي آيو.
    اُن وقت سنڌ جي مڱڻيجا قبيلي، مغل حاڪم جي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ کان انڪار ڪيو. تاريخ معصوميءَ لکيو آھي ته: ’مير عدل بکر پھچڻ شرط رعيت سان ڏاڍيون سختيون ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو ھن داڻيبنديءَ جو بھانو ڪري، پنھنجي اُرھه زورائيءَ سان ھڪ جريب پٺيان پنج مڻ محصول مڙھي ڇڏيو، ۽ پوکي راھيءَ تي اھڙا ماڻھو مقرر ڪيائين، جن ماڻھن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي. ان ڪري، مڱڻيجا مڇرجي پيا، ۽ اُنھن قھري حڪمن کان مُنھن موڙي، اڳو پوءِ جھيڙي جا جتن ڪرڻ لڳا. مير عدل جي ڪارندن جڏھن ڏٺو ته ڳالھ زور وٺي ويئي آھي، تڏھن گنبذ ۽ ڀچراھه نالي ٻن ڳوٺن جي وچ ۾ ھڪ قلعي ۾ وڃي مورچا ٻَڌي ويھي رھيا. ٻئي پاسي مڱڻيجا به لاھي پاھي مٿن تِيرن جو وسڪارو ڪرڻ لڳا. اُنھيءَ مارا ماريءَ ۾ مير عدل جا ڏاڍا ماڻھو مئا، جن کي مڱڻيجا ٽنگن کان جھلي، قلعي واري ڪِني کوھه ۾ ڦٽو ڪندا ويا. پڇاڙيءَ ۾ ھڙيئي ڪافر مومن کوھه ۾ ٿانيڪا ڪري، اُن کي لَٽي ڇڏيائون. مير عدل کي جڏھن خبر پئي ته سندس سوھين اھا کيپ کٽي آھي ته ھڪدم پنھنجي پُٽ سيد ابوالفضل کي لشڪر سان گڏي، ويرَ وٺڻ لاءِ ڊوڙايائين. ھوڏانھن مڱڻيجن کي جيئن ئي خبر پئي ته اوسي پاسي ٽڙي پکڙي ويا. سيد ابوالفضل لاچار ٿي، سندن پيڇو ڇڏي، بکر جي قلعي ۾ موٽي آيو. ‘
    اُنھيءَ ڪڪڙي پرڳڻي سان لڳ درٻيلي جو پرڳڻو ھو، جتي سھتن ۽ راڄپرن جا راڄ رھندا ھئا. اُھي راڄ به پنھنجي پيدائشي حق خاطر ڌارين جي غلبي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه ھئا. بکر جي مغل نواب جي اطاعت ھنن جي قومي غيرت واري مذھب ۾ حرام ھئي. انھيءَ سلسلي ۾ ھُو ھميشہ بکر جي مغل نواب سان مُھاڏو اٽڪائيندا آيا. 1025ھه جڏھين سيد بايزيد بخاري، بکر جو فوجدار ٿي آيو، تڏھن پنھنجي اصلي دينداريءَ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ ھن پنھنجن پُٽن کي عيد جي ڏينھن سھتن ۽ راڄپرن تي حملي جو حڪم ڏنو. اُن نيت سان ته سنڌي ماڻھو عيد نماز ۾ مشغول ھوندا، ۽ کين قتل ۽ گرفتار ڪرڻ صفا آسان ٿيندو. سيد زادا، يزيدي سُنت تي عمل ڪندي، عيد جي موقعي جو فائدو وٺي، بکر مان ڪٽڪ ڪاھي، اچي سنڌين تي ڪڙڪيا. نماز ۾ مشغول ڪيترن سنڌين کي قتل ڪري، رھيل مرد ۽ ٻار ٻچا قيد ڪري، وٺي وڃي بکر جي قلعي ۾ بند ڪيائون.
    اھي ٻئي واقعا لکڻ کان پوءِ، مغل حاڪمن جي مؤرخن انھن ٻنھي ھنڌن تي سخت چوڪسيءَ جا مشورا ڏنا آھن؛ ۽ پوئين واقعي ۾ سنڌين جي بيدردانه قتلام تي مغل فوجدار جي مذمت ته ٺھيو، پر الٽو سندس ڪارنامي کي ساراھيو آھي.
    چانڊڪا ۽ ٽڪر پرڳڻن جي باري ۾، آءٌ ھتي تاريخ ”مظھر شاھجھانيءَ“ مان ھوبھو ٽُڪرو ڏئي رھيو آھيان، جنھن مان ھن مورخ (ميرڪ) جي سنڌين ڏانھن روش جي پوريءَ ريت خبر پئجي سگھي ٿي. ھُو لکي ٿو:
    ”چانڊڪا پرڳڻو، گھڻو ڪري وڏو پرڳڻو ليکيو وڃي ٿو. ھتي سميجا، ٻُگھيا، سانگي ۽ ابڙا رھن ٿا، جيڪي سڀ طاقتور قبيلا آھن. ھن پرڳڻي جا ماڻھو، ٿوري گھڻي نافرماني ڪندا رھن ٿا. جيڪڏھن بکر طاقتور آھي ته ھتي جي ماڻھن کي فصل لھڻ تي زير ڪري سگھجي ٿو، پر جي لشڪر ۾ ايترو زور ڪونھي ته انھن ماڻھن جو مَن وڌي وڃي ٿو ۽ ھي بيرخيءَ جي روش اختيار ڪرڻ لڳن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪيترين ڳالھين جي ڪري ھنن جي پُٺ مضبوط آھي: (1) ھي گھڻائيءَ ۾ آھن؛ (2) ته سندن ايراضيءَ ۾ جھنگل گھڻو آھي، جنھن ڪري ساڻن مُنھن ڏيڻ وقت جھنگ ۾ اچ وڃ ڏُکي ٿي لڳي؛ (3) ته ھي ماڻھو عام طرح جھنگلي ۽ جابلو قسم جا آھن، جن ۾ بلوچ، مگسي، لاشاري، داردشت، ديناري، رند، ڊومڪي، ڪٽوھڙ ۽ بڙدي اچي وڃن ٿا. اُنھن جو لاڳاپو سبيءَ علائقي سان آھي. ھن ۾ چانڊيا نڀاڳا به آھن، جيڪي وري سيوھڻ واري پاسي سان تعلق رکن ٿا. اُھي جڏھن به پنھنجيءَ تي اچن ته پنھنجا ڍور ڍڳا ۽ ٻار ٻچا جبل ڏانھن اُماڻي، پاڻ جھنگ ۾ گھَٽ تاڙي ٿا ويھن ۽ جيئن لشڪر اُتان لانگھائو ٿئي ٿو ته ھي اوچتو اُن تي ڏاڪا ٻَڌي چڙھي ٿا وڃن. ٽڪر پرڳڻي ۾ سميجن، ٻُگھين ۽ لاکيرن جا راڄ ٿا رھن. ھي به ٻين سميجن وانگر رکي رکي بگڙي ٿا پون. ڪڏھن ته ھي ڏاڍا اَرڏا ھئا، پر ھاڻ منجھن اُھا ڏِنگائي نه رھي آھي ۽ واجبي واجبي طرح ڍل ڀريندا ٿا رھن. چانڊين جي کئونس ھتي به جاري آھي. اُھي ڏاڍا نامُراد آھن، ايتري قدر جو ملھڻن (مغلن) جا ٻار کڻي وڃي وڪڻن ٿا ۽ سندن مال ملڪيت ھڙپ ٿا ڪريو ڇڏين.“
    سنڌ ۾ مُغل شاھيءَ سان واسطو رکندڙ ھر عامل، جاگيردار، فوجدار، گورنر، عالم، اديب ۽ تاريخدان اھڙي ھوشياريءَ ۽ ڏاھپ سان سنڌين کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جا گُرَ ۽ ھُنر ٻڌائڻ ۾ ھڪ ٻئي کان اڳرو ھو. اُن جي باوجود سنڌي عوام پنھنجي ڌرتيءَ، اُن جي وسيلن ۽ روايتن تي سِر ڏيندو رھيو ۽ ھن کي پنھنجي وقتي مالي مفاد کان پنھنجي روايتن تي سِر ڏيڻ وڌيڪ مانائتو ۽ شانائتو ٿي لڳو.
    سنڌيءَ ۾ پھاڪو آھي ته ’تڏي آيل کي خون به معاف ٿي ويندا آھن.‘ اُن جو سنئون سڌو مطلب ھيءُ آھي ته ڪيترو به ڪنھن جو ڪو جاني دشمن ھجي، پر سنڌيءَ وٽ مھمان ٿي آيو ته اِھو وقتي طرح سندن عزيزن کان به وڌيڪ اَجھي ۽ اَمن جو حقدار ٿي ويندو آھي. سام تي سِر ڏيڻ ۽ مھمان کي مانُ ڏيڻ، سنڌين جي قومي روايت رھي آھي. ابڙي سمي، سومرين کي بچائيندي، پُورو خاندان تباھه ڪرائي ڇڏيو ھو. سنڌ ۾ مُغل دور ۾ به اھڙا ڪيترا واقعا ٿي گذريا آھن، جن ۾ سنڌين پنھنجي اُنھيءَ قومي روايت جي بچاءَ لاءِ پنھنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون. اِنھيءَ سلسلي جا ٻه واقعا، تاريخن مان ھتي نقل ڪري رھيو آھيان:
    (1) سنڌ ۾ مُغل دور جي تاريخ پڙھندڙن کي چڱي ريت خبر ھوندي ته پنھورن جي سردار بھاءُالدين، سنڌين بجاءِ مُغلن جي طرفداري پئي ڪئي ۽ ھُو محب وطن سنڌين جي ھڪ لڙائيءَ جي اڳواڻ پريي اُنڙ جي شھادت ۾ مُغلن سان گڏ شريڪ ھو. اُن جي باوجود مغلن ٻه دفعا پنھورن جي سردارن کي گرفتار ڪيو ۽ ھڪ دفعو حملو مير پنھور تي تي ڪيائون، جنھن ۾ مير پنھور شھيد ٿي ويو. تنھن ھوندي به پنھورَ مغلن جي مخالف قوتن جي طرفداري گھٽ ڪندا ھئا- پر ھڪڙو اھڙو اتفاق ٿيو، جنھن پنھورن کي مغلن جي صفا مخالف صِف ۾ بيھاري ڇڏيو، ۽ اھو اتفاق، سنڌين جي روايتي مھمان نوازيءَ جي نتيجي طور وجود ۾ آيو. ٿيو ھيئن، جو جڏھن شمس الدين نالي ھڪ مغل سردار، سيوھڻ جو عملدار ٿي آيو ته ھن پنھنجي ھڪ عزيز خواجه عارف کي فوج ڏيئي، باغبان پرڳڻي ۾ ٿيٻن تي ڪاھڻ لاءِ موڪليو. اِھو خواجه عارف، ٿيٻن تي حملي ۾ ناڪام ٿي، اڪبر آباد نالي ڳوٺ ۾ اچي پھتو. اھو ڳوٺ پنھورن جو ھو. جتي پنھورن وٽ ٻه ٿيٻا مھمان ٿي ترسيل ھئا. خواجه عارف اُنھن ٿيٻن کي گرفتار ڪرائي، سيوھڻ روانو ٿيو. پنھورن مھمانن جي گرفتاريءَ جو ٻُڌي، خواجه عارف سان وڙھڻ لاءِ پڙھو گھُمايو، نتيجي طور ڌُريون پاڻ ۾ اٽڪي پيئون. جنھن ۾ مغلن جا ٻارنھن ماڻھو قتل ٿيا ۽ خواجه عارف شڪست کائي ڀڄي ويو. انھيءَ وچ ۾ خواجه عارف ٻنھي قيدين کي قتل ڪري چڪو ھو- اھڙيءَ ريت پنھورن پنھنجي ھڪ ثقافتي روايت کي پاڻي ڏيڻ خاطر مُغل شاھيءَ سان تصادم شروع ڪري ڏنو.
    (2) ٻيو واقعو ھن ريت آھي ته: ماٿيلي پرڳڻي جو ارباب عبدالواحد، ٽڪر پرڳڻي جي لاکيرن وٽ مھمان ٿي ٽڪيل ھو. ماٿيلي جي سنڌي ماڻھن تي بکر جي نواب حڪيم صالح کي ڪٽڪيون ھيون، جو اتي جي ابڙن، ٻن مغل گماشتن کي سندن ساٿين سميت قتل ڪري وڌو ھو. جڏھن ٽڪر پرڳڻي جي جاگيردار طاھر محمد کي خبر پئي ته بکر جي نواب جو ھڪ وڏو لاکيرن ۾ آيل آھي ته ھُو اَسي فوجين جو جٿو وٺي، عبدالواحد کي قيد ڪرڻ لاءِ لاکيرن جي ڳوٺ پھتو. جڏھن لاکيرن کي خبر پئي ته سندن مھمان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مُغل فوج پھچي وئي آھي ته ھنن ڇا ڪيو جو وچ ۾ آيل پاڻيءَ جو بند ڀڃي، لشڪر جي چوڌاري گھيرو ڪري، مغل لشڪر تي تيرن جو وسڪارو لائي ڏنائون. اِنھيءَ ويڙھه ۾ لاکيرن مغل جاگيردار سميت سڄي آيل فوج کي قتل ڪري، سڀني جو سامان ۽ گھوڙا به پنھنجي قبضي ۾ ڪيائون.

    مغل دور حڪومت اندر، سنڌين ۾ ھڪ خاص روايت جنم ورتو، جا روايت آھي ڊگھي خُوش خير عافيت. اسان جي زماني جا ڪجھ نون خيالن جا ماڻھو، انھيءَ ڊگھي خوش خير عافيت کي اسان جي وڏن جي بيوقوفيءَ واري روايت سمجھندا آھن. پر حقيقت ۾ ائين نه آھي. اُن دور ۾ مغلن جي ايڏي ته دھشت ھئي، جو عام ڳوٺاڻو ماڻھو سنئين سڌي سياسي ڳالھ ڪري نه ٿي سگھيو، ۽ نه وري وڙھندڙ سنڌين جي باري ۾ ڪا خبر چار ئي وٺي ٿي سگھيو. اُن صورت ۾ ھُو ايندڙ مھمان کان سندس، سندس اوڙي پاڙي، مال ملڪيت، سنگت ساٿ ۽ دين ايمان جي باري ۾ پُڇندو ھو. جنھن جو مقصد اھو ھو ته مسافر جِتان جِتان سفر ڪيو آھي، اُتي امن امان جي صورتحال ڪيئن ھئي؟ مُغلن جي ڦرلٽ کان اڃا ماڻھن جو مال سلامت ھو يا نه؟ مغلن جي حملن ۽ سنڌين جي مقابلي جي ڪيفيت ڇا ھئي؟ اھو پاڻ جنھن پرڳڻي جو رھاڪو آھي، اُن جي اوڙي پاڙي وارن پرڳڻن جي عوام جي ڪھڙي حالت ھئي؟ ماڻھن جو قومي غيرت تي ايمان پَڪو ھو يا بيغيرتيءَ ۽ بزدليءَ تي لھي آيا ھئا؟ اھڙيءَ ريت اُھو مسافر جوابي طرح اھڙي خبر چار وٺندو ھو- ۽ اِن نموني، سنڌي اِن مخصوص خوش خير عافيت ذريعي پُوري ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگھندا ھئا.
    سنڌي عوام ھر طريقي سان پنھنجي قومي وجود کي سلامت رکڻ لاءِ ڪوشش پئي ڪئي، ۽ ڪنھن به صورت ۾ مُغلن جي بالادستيءَ کي دل سان تسليم نه ٿي ڪيو. ھنن جي دلين ۾ غير ملڪي تسلط خلاف ھڪ قسم جي شديد نفرت ھئي ۽ اُن نفرت جو اظھار ھر موقعي تي ويڙھه جي صورت ۾ ظاھر ڪندا ھئا. اُن دور ۾ سنڌين جي مُغلن جي باري ۾ روش، اسان ھنن ٻن بلوچي شاعرن جي شعرن ۾ سموئي سگھون ٿا:
    بلوچ شاعر نور محمد چوي ٿو:

    توسان منھنجو صُلح اُن وقت ٿيندو:
    جڏھن گدڙُ، ڪُڪڙَ ۽ ڪبوتر جو رکوال ٿيندو؛
    جڏھن شڪاري چيتو، اُٺ جو محافظ ٿيندو؛
    جڏھن باھه ۽ ڪپھ ۾ آتشي ٿيندي،
    جڏھن بگھڙ، رڍن جو ڌنار ٿي ويندو،
    جڏھن ھاٿيءَ جو قد، آھُر جي داڻي جيڏو ٿي ويندو،
    جڏھن مڇيون سُڪل زمين تي زندھه رھنديون.

    ساڳيءَ ريت بلوچ شاعر، بالاچ خان، دشمن سان صلح ڪرڻ جي باري ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ھن ريت ڪري ٿو.

    دُشمن سان منھنجو صلح اُن وقت ٿيندو:
    جڏھن گَـز (وڻ) ۾ ڪنڊا ڄمندا؛
    جڏھن نانگن کي پير نڪري ايندا؛
    جڏھن ڪانوَ کيرُ ڏيڻ شروع ڪندا؛
    جڏھن جھنگلي شينھن گھريلو بڻجي ويندا؛
    جڏھن ٻيڙيون ميدانن تي ھلڻ لڳنديون؛
    ۽ جڏھن (ھٿ جي) تريءَ تي وار ڄمندا.

    اِنھيءَ مسلڪ ۽ عقيدي تي ھلندڙ ڪن سنڌين جو داستان، مُون مختلف تاريخي ڪتابن مان ھٿ ڪري، ھن ڪتاب ۾ ڏنو آھي. ھن دفعي جيل جي ماحول ۾ طبيعت اُجھاميل رھي، اُن ڪري طبيعت جي پُوري جوش ۽ جولان سان لکي نه سگھيو آھيان. ھر وقت گھربل ڪتاب به ملي نه ٿي سگھيا، اُنڪري ذھني پريشانيءَ جي عالم ۾ منھنجي عبارت ۾ ربط به نه رھيو آھي. ان جي باوجود، مُون ھي جڏو ڦڏو ڪتاب لکڻ ضروري سمجھيو. مون ھتي جيڪي ڪجھ لکيو آھي، سو ھڪ ساز آھي، جنھن جي ھر تار مان اسان جي شڪست جو آواز ٿو اچي. ھڪ اھڙو چَمن آھي، جنھن جو ھر ٻُوٽو لتاڙيل آھي. ھڪ اھڙيءَ ڇوڪريءَ جي تصوير آھي، جنھن جي عصمت جو دامن تار تار ٿيل آھي. تاھم مون کي پنھنجي شڪست جي اُنھيءَ ساز جي ھر تارَ سان پيار آھي. اُنھيءَ اُجڙيل چمن جي ھر ڪُومايل گل جي اھميت مون وٽ جنتِ فردوس جي گُلن کان وڌيڪ آھي- ۽ مُون ان لَڄ لُٽيل ڇوڪريءَ جو دامنُ، اُن لائق سمجھيو آھي، جنھن کي ھوند حورون به سجدا ڪري پنھنجو مرتبو وڌائين.
    قومون پنھنجي شڪستن سان ان ڪري پيار ڪنديون آھن، جو اُھي انھن شڪستن جي کنڊرن تي پنھنجي شاندار، آخري ۽ دائمي فتحيابيءَ جا بيمثال رني ڪوٽ تعمير ڪنديون آھن. اھي پنھنجين ويرانين وارن ھنڌن تي نئينءَ دنيا، نئينءَ ڪائنات ۽ نئينءَ جنت جا شاندار محل تعمير ڪنديون آھن.
    اسان کي پنھنجي انھن شڪستن سان اُن ڪري پيار آھي، جو انھن شڪستن ۾ اسان جو سرڪش ۽ باغي عزم، ڪنھن الھڙ جوانڙيءَ جي ڇاتين وانگر تازو، توانو ۽ نئون نڪور ٿي، ھر ڀيري اُڀرندو رھيو آھي. انھن شڪستن اسان جي تاريخ کي لال ڪنوار بڻايو آھي ۽ اسان جي سائي ستابي مُلڪ کي اجرڪ، کھنڀي ۽ ڳاڙھي گھوٽ جو زندہ جاويد روپ ڏنو آھي.
    آءٌ سمجھان ٿو ته ڪنھن قوم جو آزاد روح مري نٿو سگھي، پر اُھو ھر ڀيري جُوڻ مٽائيندو، پيڙھي در پيڙھي ھلندو ٿو رھي ۽ آءٌ، اُنھيءَ روح کي نياز جي لفظن ۾ ھيئن دعا ٿو ڪريان:

    شل! اُتاھو رھين، اُڀَ جي نيراڻ جيان،
    شل! ستارا ڪرين، سانت چانڊاڻ جان،
    شل! ڏئين ساءُ، موتئي جي سُرھاڻ جان.

    عبدالواحد آريسر
    19- ڊسمبر 1979ع


    ٺٽي تي قبضي کان پوءِ آزاديءَ لاءِ سنڌين جي پھرين ڪوشش

    سيوھڻ فتح ڪرڻ کان پوءِ شاھه بيگ ارغون، سنڌ جي عظيم محب وطن، دولھ دريا خان جي پُٽن ڏانھن سنڌ جي شاعر، قاضي قادن کي موڪليو ته ھُو دولھ جي پٽن محمود ۽ مٺڻ کي شاھه بيگ جي اطاعت لاءِ آمادہ ڪري. پر محب وطن پيءُ جي سورھيه پُٽن قاضي قادن سان مِلڻ کان ئي انڪار ڪيو. شاھه بيگ سيوھڻ کان ٽلٽيءَ ويجھو پھتو، ته جاسوسن کيس خبر ڏني ته محمود، مٺڻ، ڄام سارنگ سھتو ۽ رڻمل سوڍو، اوھان سان ڳالھائڻ لاءِ تيار آھن، پر مخدوم بلاول انھن کي نه صرف ملڻ کان روڪيو ويٺو آھي، پر جنگ ڪرڻ لاءِ نصيحت ڪري رھيو آھي. اھا خبر ٻڌي، شاھه بيگ ٻيڙين جي رستي درياھه پار ڪيو. ٽلٽيءَ جي سنڌين شھر کان ٻاھر نڪري، جوڌا سنگھ سوڍي جي ڀاءُ رڻمل سوڍي کي لشڪر جو مھندار مقرر ڪري، لڙائيءَ جي تياري ڪئي. مير فاضل، شاھه بيگ جي لشڪر جي اڳئين حصي جو مھندار ٿي ميدان ۾ آيو. گھمسان جي جنگ شروع ٿي ويئي. اڃا جنگ جاري ھئي ته شاھه بيگ خود فوج وٺي پھتو. انھيءَ تازہ دم فوج پھچڻ سان ارغون فوج جو حوصلو وڌي ويو ۽ انھيءَ فوج انتھائي تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌي، شھر جي دروازي تي قبضو ڪيو. سنڌين جو ڪافي لشڪر ميدان جنگ ۾ ڪم آيو، باقي ميدان ڇڏي، ڪنھن نئين مورچي ۽ ميدان جي تلاش ۾ نڪري ويو. شاھه بيگ فاتحانه شان سان شھر ۾ داخل ٿيو، پر سندس اُميدن جي اُبتڙ شھر جي گھِٽيءَ گھِٽيءَ ۾ ارغون لشڪر کي سخت مزاحمت سان منھن ڏيڻو پيو. شھر جو ھر مرد، عورت، ٻڍو، ٻار، ڪاريگر، ھنرمند، عالم، خطابي ۽ شاعر، مغل فوجين لاءِ ھڪ جانٺي جوان جو روپ اختيار ڪري ويو. پورا ٽي ڏينھن ٽلٽيءَ جي شھر ۾ لڙائي، قتل، خونريزي ۽ باھه جو ناچ ٿيندو رھيو. سنڌي، پنھنجي ماتر ڀوميءَ جي محبت ۾ قتل ٿيندا رھيا. ٽلٽيءَ جو شھر، ماڻھن ۽ سامان کان بلڪل خالي ۽ تباھه ٿي ويو. اُنھيءَ جنگ ۾ رڻمل سوڍو، ڄام سارنگ سھتو، مِٺڻ ۽ محمود، مادر وطن جي حفاظت جو فرض پورو ڪندي شھيد ٿي ويا.
    ھن جنگ جي خاص اھميت اُن ڪري به آھي، جو اُن ۾ تخت ۽ تاج جي حاصلات جي بجاءِ حب الوطنيءَ جو خاص جذبو ڪم ڪري رھيو ھو ۽ سنڌ جا ماڻھو ديس جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي پوري قوت ۽ طاقت سان ھڪ ڌارئين ڦورو، غاصب ۽ اھڙي ڌاڙيل سان ٽڪرائجي ويا، جيڪو پنھنجو مُلڪ ۽ عورتون رضا خوشيءَ سان بابر جي حوالي ڪري، سنڌ تي قيامت وانگر اچي ڪڙڪيو. ٻي وڏي ڳالھه ته ھيءَ جنگ، مذھب ۽ ويڇن کان بلند ٿي، خالص قومي بنيادن تي وڙھي ويئي؛ جنھن ۾ ھندو مسلم، پنڊت، مولوي، صوفي، جوڳي، جاگيردار ۽ ھاريءَ جو شاندار اتحاد ۽ اتفاق نظر اچي ٿو. جنگ جي سپھ سالار رڻمل سوڍي جي ڪمان ۾ مخدوم بلاول جھڙي ولي الله جا خليفا ۽ شاگرد به مادر وطن جا نعرا ھڻندي شھيد ٿيا. پر، وڏي افسوس جي رڳو ھيءَ ڳالھ آھي ته ھن جنگ ۾ سنڌين جي لشڪر جو تعداد معلوم نه ٿي سگھيو.

    ***


    آزاديءَ لاءِ سنڌين جي جدوجھد

    شاھه بيگ ارغون سيوھڻ واري ئي طرف ھو، ته سنڌ جي تخت ۽ تاج جي پراڻي دعويدار، ڄام صلاح الدين (جنھن کي ڄام فيروز جي ايامڪاريءَ ۾ دريا خان جي حڪمت عمليءَ ڪري ٺٽي جي تخت کان محروم ٿيڻو پيو ھو ۽ گجرات ۾ ھو) کي سنڌ جي غلاميءَ، ڄام فيروز جي نا اھليءَ ۽ ارغون فاتحن جي وحشت ۽ درندگيءَ جون خبرون پھتيون ۽ ھن ٺٽي جي تخت ۽ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وري ڪوششون شروع ڪيون. جاڙيجن، سوڍن، سَمن ۽ کنگھارن جو ڏھه ھزار لشڪر گڏ ڪري، سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. ڄام صلاح الدين جي ھن ڪوشش جي باري ۾ ”تاريخ سنڌ“ جو مصنف، اعجازالحق قدوسي لکي ٿو ته: ”سنڌ جي اُنھن قبيلن ڄام صلاح الدين کي ان ڪري پنھنجي اميدن جو مرڪز بڻايو، جو ھُو سما خاندان جو فرد ھو. جيسين تائين ھن ۽ ڄام فيروز جي ويڙھه ھلندي رھي، تيسين تائين ھي قبيلا دريا خان جھڙي محب وطن جي ڪري ڄام فيروز جي طرف ھئا. پر دريا خان جي شھادت ۽ ڄام فيروز جو سنڌ جي غلاميءَ تي راضي ٿي ويھڻ اُنھن قبيلن کي نه آئڙيو. ھاڻي انھن قبيلن چاھيو ٿي ته ڪھڙي به نموني ملڪ کي غيرن جي غلاميءَ کان آزادي نصيب ٿئي.“
    حقيقت ھيءَ آھي ته سنڌ جي محب وطن عوام سمجھيو ٿي ته آزاد سنڌ جي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو ڳٽ وجھڻ جا ذميدار شاھه بيگ ارغون ۽ ڄام فيروز ھئا. ھن وقت جيتوڻيڪ نالي ماتر ٺٽي تي ڄام فيروز جي حڪومت ھئي، پر حقيقت ۾ ڄام ارغونن جو دلال ۽ گُڏو ھو. ان ڪري، سنڌي عوام ڄام فيروز ۽ شاھه بيگ ارغون جو دشمن ٿي پيو. اھو ئي سبب ھو جو جڏھن ڄام صلاح الدين، ڄام فيروز جي غلامانه حڪومت جي خلاف آزاديءَ ۽ حُريت جو جھنڊو بلند ڪيو، تڏھن اھي سڀ قبيلا جن کي سنڌ جي آزاديءَ ۾ ايمان ھو، سي ھِن خيال سان ڄام صلاح الدين سان گڏجي ويا ته شايد ان جي ذريعي مُلڪ کي غيرن جي غلاميءَ کان آزادي نصيب ٿئي. ھنن جي خيال ۾ ڄام فيروز جي خلاف جنگ، حقيقت ۾ ارغون تسلط ۽ غلبي خلاف آزاديءَ ۽ استقلال جي جنگ آھي، ۽ جڏھن ڄام فيروز کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ڄام صلاح الدين جي حڪومت قائم ٿي ته اھا ھڪ آزاد، خود مختيار ۽ سنڌين جي پنھنجي پائيدار حڪومت لاءِ پيڙھه وارو پٿر ثابت ٿيندي.
    ڄام صلاح الدين جي انھيءَ تياريءَ کي ڏسي، ڄام فيروز پنھنجي آقائن سان صلاحون مشورا شروع ڪيا. فاتح ارغون ۽ ڄام فيروز جي وچ ۾ سفارت جا فرائض قاضي قادن سر انجام ڏيڻ شروع ڪيا. نيٺ قاضي قادن جي گھڻي ڊُڪ ڊوڙ کان پوءِ ڄام فيروز ۽ فاتح ارغون جي صلاح سان مرزا شاھه حسن کي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪاھي ايندڙ ڄام صلاح الدين جي لشڪر سان مقابلو ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. آخرڪار، جھالار جي پَٽَ ۾ ٻنھي فوجن ۾ قيامت خيز جنگ لڳي. سنڌين انتھائي بھادري، بي جگري، ھمت ۽ حُب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار ٿي جنگ ڪئي. انھيءَ جنگ ۾ ڄام صلاح الدين خود، امر امراڻي ۽ ڄام صلاح الدين جو پُٽ ھيبت خان، (جيڪو سلطان مظفر گجراتيءَ جو ناٺي ھو) ٽيئي شھيد ٿي ويا. وقتي طرح سنڌين کي شڪست آئي. گھڻو سنڌي لشڪر جنگ جي ميدان ۾ ڪم آيو، باقي ٿورو رھيل سنڌي لشڪر ڪڇ ۽ گجرات ڏانھن ڪنھن نئينءَ جنگ جي تياريءَ روانو ٿي ويو.

    ***


    سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ٽين ويڙھه

    ڄام فيروز، پنھنجي نا عاقبت انديش ماءُ مرينا ماڇياڻيءَ جي ڳالھين تي لڳي، ارغونن کي گھرايو ته اُن لاءِ ھو ته، اُھي اچي درياخان جو زور ٽوڙين، مگر دريا خان جي شھادت کان پوءِ ارغونن ڄام فيروز سان جيڪا روش اختيار ڪئي، تنھن مان ھن جون اکيون چڱيءَ طرح کُلي پيئون، پر ھاڻي ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ اجايو. پوءِ به ھن پنھنجي بيوسي ۽ ذلت ڏسي پڇتايو. بقول نياز ھمايوني:

    انت پڇتايو پٿر دل، نيٺ ته سنڌ جي مِٽي ھئي!

    ھن سوچيو ته ’ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحد تي اھي سنڌي جانباز اڃا به واچوڙي وانگر ڊوڙي ۽ نانگ وانگر وٽ کائي رھيا آھن، جن کي مون پنھنجي ھٿن سان تباھه ڪرايو آھي، مونکي انھن وٽ وڃي پنھنجي غلطين، ڪوتاھين ۽ غدارين تي پڇتاءُ ڪرڻ گھرجي ۽ انھن جانبازن جي مدد سان ارغونن کي ٽوٽا چٻائڻ گھرجن‘- اھو ارادو ڪري، ھُو بدين ۽ رحمڪي بازار وارو تر گھميو. اتي جو محب وطن عوام ارغونن تي اڳيئي تَتو ويٺو ھو ۽ ڪنھن موقعي جي تاڙ ۾ ھو، تنھن ڄام فيروز جي اھڙي ارادي کي ڏسي، اڳيون سڀ وساري، سندس جھنڊي ھيٺ وڙھڻ قبوليو. آخر ته ھو پنھنجي سڀني ڪوتاھين ھوندي، سندن محبوب بادشاھه ڄام نندي جو پُٽ ھو. ٿوري وقت اندر ڄام فيروز جي جھنڊي ھيٺ سنڌ ديس جي آزاديءَ جا پنجاھه ھزار پروانا گڏ ٿي ويا. انھن سڀني جي ھڪ ئي تمنا ھئي، ”آزادي يا موت!“ پوري ٺٽي ۾ ڄام فيروز جي فوج جي گھڻائيءَ جو ھُل ھنگامو ٿي ويو.
    ھيڏانھن مرزا شاھه حسن، ڪجھ ماڻھو ٺٽي جي حفاطت لاءِ ڇڏي، پاڻ ڄام فيروز سان مقابلي لاءِ روانو ٿي ويو. سنڌو نديءَ جي کاٻي ڪپ تي جُوڻ ۾ ٻئي لشڪر ھڪٻئي جي سامُھون ٿيا. ڄام فيروز سان ايندڙ سنڌي لشڪر، ارغون لشڪر کي ڏسي، گھوڙن تان لھي، مٿن تان پٽڪا لاھي، پٽڪن جي ڇيڙن سان ھڪٻئي کي ٻڌي، خوفناڪ جنگ شروع ڪري ڏني. ان زماني ۾ ھند ۽ سنڌ ۾ رواج ھو ته جڏھن ھندي ۽ سنڌي مرڻ گھڙيءَ تائين وڙھڻ جو ارادو ڪندا ھئا ته گھوڙن تان لھي، مٿو اگھاڙو ڪري پَٽڪن سان ھڪٻئي جي چيلھن کي ٻڌي وڙھندا ھئا. مرزا شاھه حسن جڏھن سنڌين جي ھيءَ حالت ڏٺي، تڏھن پنھنجن اميرن کي چوڻ لڳو ته ”اھا فتح جي خوشخبري آھي. تِيرن سان حملو ڪريو!“ ارغونن طرفان انھيءَ حملي ڪري جنگ پوري جوش ۽ خروش سان شروع ٿي. صبح کان شام تائين لڙائي ٿيندي رھي. ويھ ھزار ماڻھو ٻنھي طرفن جا قتل ٿيا. ڄام فيروز ٻئي ڏينھن وڙھڻ جي بجاءِ رات وچ ۾ رھيل سپاھه ساڻ ڪري گجرات ھليو ويو. ارغون فاتح وحشت ۽ خونريزيءَ جو طوفان مچائيندو ٺٽي موٽي آيو. ھاڻي پوريءَ سنڌ تي ارغونن جو مڪمل قبضو ٿي ويو ۽ ائين نظر اچي رھيو ھو ته آزادي ۽ حريت جي ڪابه چڻنگ ھن سر زمين جي چُلھي ۾ رھي ئي ڪانھي ۽ سنڌ غلامن جو ئي مُلڪ آھي.

    ***


    آزاديءَ لاءِ سنڌين جي چوٿين جدوجھد

    ڄام فيروز ۽ شاھه حسن ارغون وچ ۾ ٿيل جنگ ۾ سنڌين جي شڪست کان پوءِ ائين پئي سمجھيو ويو ته ھاڻي ھن سرزمين ۾ آزاديءَ جي ڪابه چڻنگ ڪانه دُکندي ۽ ملڪ تي غاصبن جي قبضي خلاف ڪوبه ٻارڻ مورھين ڪونه ٻرندو. پر اھا سوچ، سنڌين جي تاريخي حب الوطنيءَ ۽ آزاديءَ جي تڙپ کان اڻڄاڻائيءَ تي ٻڌل ھئي. ھن سرزمين ۾ اڃا به اھڙيون سِسيون ھيون، جن پنھنجي مادر وطن جي ڇوٽڪاري لاءِ رت وھائڻ ۽ سنڌ جي سيني تي لال لھوءَ ۾ ليٿـڙجڻ ٿي گھريو- ۽ اُھو موقعو نيٺ اچي ويو.
    ڄام صلاح الدين ۽ مرزا شاھه حسن جي وچ ۾ لڳل جنگ جھالار ۾ ڄام کنگھار جو ڀاءُ امر امراڻي به شھيد ٿي ويو ۽ انھيءَ جنگ جو محرڪ به اھو ئي ھو. ڄام فيروز واري شڪست کان پوءِ به سنڌي ماٺ ڪري نه ويٺا، پر ھنن توڙ تائين وڙھڻ جو فيصلو ڪيو ھو. اُن ڪري، ھو وري به ڄام کنگھار جي جھنڊي ھيٺ گڏ ٿيا. ڄام کنگھار لشڪر گڏ ڪري، مرزا شاھه حسن کي ھيٺ ڄاڻايل خط لکيو، جنھن خط ۾ ھڪ سنڌيءَ جي شرافت ۽ بھادري پوريءَ ريت جھلڪي رھي آھي:
    ”سنڌ جي غاصب مرزا شاھه حسن ڏانھن! جيئن ته تو منھنجي ڀاءُ امر کي شھيد ڪيو آھي. اُن جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ ماڻھو منھنجي چوڌاري گڏ ٿيا آھن. پر جيئن ته تون ملتان ويل ھئين، اُن ڪري مون اخلاقي طرح تنھنجي غير حاضريءَ ۾ تنھنجي اھل عيال تي حملو نه ڪيو. ھاڻي جيئن تون موٽي آيو آھين، اُن صورت ۾ يا ته اسان سان صلح ڪري سنڌ جو علائقو اسان جي حوالي ڪري، ڪيڏانھن ھليو وڃ يا جنگ لاءِ تيار ٿيءُ!“
    ڄام کنگھار جي اُنھيءَ خط جي جواب ۾ مرزا شاھه حسن ھن ريت جواب ڏنو:
    ”اسان جنگ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ڄاڻون ئي ڪين. امر امراڻيءَ جي رَت سان اسان جنھن ميدان کي رنگين ڪيو ھو، سو ميدان اڃا وڌيڪ رت جو مطالبو ڪري رھيو آھي. ان کان اڳ جو تُون ھيڏانھن اچين، آءٌ پاڻ تنھنجي مقابلي لاءِ اچي رھيو آھيان.“
    بھرحال ٻئي فوجون سنڌ ۽ ڪَڇ جي سرحد تي مقابلي لاءِ گڏيون. رڻ گجيو، راڙو ٿيو. بھادر گڏيا، سر ڌڏيا، لوٿون لُڇيون. سخت مقابلي کان پوءِ سنڌين جي ھيءَ جدوجھد به ناڪام ويئي. ڄام کنگھار رھيل سپاھين سان واپس موٽي ويو. ارغونن انتھائي بيدرديءَ سان قتل ۽ خونريزي ڪئي. بيشمار اُٺ، گھوڙا، رڍون، ٻڪريون، ڍڳيون ۽ ٻيو سامان لُٽي ڦري ٺٽي موٽي آيا. ڄام کنگھار پوءِ به ارغونن جي خاتمي لاءِ سوچيندو رھيو. جڏھن مرزا باقيءَ کي مرزا صالح جلاوطن ڪيو، تڏھن ڄام کنگھار نه صرف مرزا باقيءَ کي پناھه ڏني، پر پنھنجي ڌيءُ جاڙيجيءَ جي ساڻس شادي به ڪرائي. مرزا باقي جن مصيبتن ۾ گرفتار ھو، تن مان نجات صرف مائي جاڙيجيءَ جي ڏاج ڏياري. مرزا باقيءَ کي انھيءَ مائيءَ پيٽان مرزا مظفر نالي پُٽ به ڄائو ھو، جنھن بدين تي حڪومت ڪئي، ۽ سندس قبر قادريءَ جي قبرستان ۾ آھي. مرزا باقيءَ جنھن نموني ارغونن جو خاتمو ڪرايو، اُن مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اُنھيءَ واقعي جي پس منظر ۾ ڄام کنگھار ۽ سندس ڌي جاڙيجيءَ جو ھٿ ڪار فرما ھو. جيتوڻيڪ مرزا باقي اڳتي ھلي انتھائي ڪميڻو، ڪنجوس ۽ ظالم ثابت ٿيو، پر اھي خصلتون منجھس اُن وقت موجود ڪين ھيون، جڏھن ڄام کنگھار کيس ارغونن لاءِ موت جي فرشتي جي صورت ۾ تربيت ڏيئي رھيو ھو. ھاڻي سنڌين ھن جنگ جي ناڪاميءَ کان پوءِ کليل صف بنديءَ واريءَ جنگ کي ڇڏي، جنگ جي ھڪ نئين صورت ۽ حڪمت عملي اختيار ڪئي، جنھن کي آءٌ پيش لفظ ۾ ڇڙو ڇڙ جنگ يا منتشر لڙائيءَ جي نالي سان متعارف ڪرائي آيو آھيان. اھڙي قسم جي جنگ، ارغون دور کان وٺي مغلن جي خاتمي تائين ۽ اُن کان پوءِ ڪافي وقت تائين جاري رھي. ويندي نادر شاھه ۽ احمد شاھه ابداليءَ جي حملن وقت جڏھن سنڌ جون سرڪاري فوجون شڪست کائي چُڪيون ھيون، تڏھن به سنڌي عوام انھن ٻنھي حملي آورن جي لشڪر جي خلاف ڇڙو ڇڙ جنگ ڪئي آھي، جنھن جا صرف اشارا مختلف ڪتابن ۾ ملن ٿا.

    ***


    راجا سامبس

    ھن ڪتاب ۾ جن شخصيتن تي لکيو ويو آھي، سي گھڻو ڪري ارغون، ترخان ۽ مغل دور سان واسطو رکن ٿيون- ۽ گھڻو ڪري اُھي شخصيتون اھڙيون آھن، جن کي تاريخ ۾ سواءِ گمناميءَ جي گوشي ۾ رکڻ جي تاريخ لکندڙن ٻي ڪابه اھميت ڪانه ڏني آھي. پر سنڌ جي تاريخ ۾ اھي شخصيتون، ھِيرن جو درجو رکن ٿيون، ڇوته اُنھن انتھائي بي سرو سامانيءَ ۽ ڪمزوريءَ جي باوجود به فاتح طاقتن سان ٽڪر کائڻ پنھنجو قومي ۽ وطني فرض سمجھيو. نه رڳو ايترو پر اھو فرض ايمانداريءَ سان ادا به ڪيو. انھن شخصيتن تي لکندي، مونکي سنڌ جي ھڪ اھڙي شخصيت نظر آئي، جيڪا تاريخ ۾ نمايان نه آھي؛ جيتوڻيڪ سندس حب الوطنيءَ ۽ قربانيءَ جي تقاضا اِھا ھئي ته کيس نمايان مقام ملڻ کپندو ھو. ان ڪري، مون سنڌي سورمن جي ھن داستان جي بسم الله طور اُن شخصيت جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجھيو. اھا شخصيت آھي راجا سامبس جي!
    جنھن دور ۾ سڪندر يوناني، تباھي ۽ ھلاڪت جو راڪاس بڻجي، ايشيا تي ڪڙڪيو ۽ اربيلا جي خونريز جنگ ۾ دارا کي شڪست ڏيئي، وچ ايشيا ۽ ڪابل تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ھندوستان ڏانھن مُڙيو، اُن وقت سنڌ جي مختلف علائقن تي ڌار ڌار راجا حڪومت ڪندا ھئا. ھاڻوڪي ٺٽي واري علائقي تي راجا سامبس حڪومت ڪندو ھو.
    سڪندر جي لشڪر ۾ ايراني، يوناني ۽ وچ ايشيا جا سپاھي ھئا. سن 327ق- م ۾ يوناني فاتح ڪابل ۽ سوات مان ٿيندو، پنجاب ۾ داخل ٿيو، جتي ھن راجا پورس کي شڪست ڏني، پوءِ سنڌونديءَ جي ذريعي ملتان پھچي، ھن ملتان جي مالي راجا کي شڪست ڏني. اڳتي ايندي ھن سانگلا شھر ۾ مقامي ماڻھن جي سخت مقابلي ۽ مزاحمت جو منھن ڏٺو. سانگلا شھر جا ستر ھزار ماڻھو سڪندر يونانيءَ جي فوجن ھٿان مارجي ويا. فاتح يوناني اڳتي وڌيو. ٺٽي واري علائقي ۾ پھچڻ کان پوءِ سما نگر يا مينا نگر جي حڪمران راجا سامبس، سڪندر کي ايڏو ته پريشان ڪيو، جو سڪندر مٿس فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ کيس ڦاسي ڏيئي، سندس لاش شھر کان ٻاھر وڻ سان لٽڪائي ڇڏيو. يوناني فاتح، جيڪو يونان جي مفڪرن ۽ فلاسافرن جي بھترين تعليم سان سينگاريل ھو، تنھن نه رڳو راجا کي ڦاسي ڏئي وڻ سان لٽڪائي ڇڏيو، پر اُن سان گڏ سما نگر جي سڀني مَردن، عورتن ۽ ٻارن کي ڪُھائي، انھن جا لاش پڻ رستن، چؤواٽن ۽ گھٽين ۾ اڇلارائي، پنھنجي بھترين تھذيب ۽ تمدن جو پورو پورو ثبوت ھِتي ڇڏي ويو. راجا سامبس، سڪندر يونانيءَ سان وڙھندي، 323 ق- م ۾ شھيد ٿي ويو.


    ڄام صلاح الدين

    سنڌ جي ھن شخصيت جي باري ۾ تاريخدانن عجيب رَوش اختيار ڪئي آھي. سڀ تاريخ لکندڙ سندس نالو سرسري نموني وٺندا، اڳتي وڌندا ويا آھن. ھن جو ڏوھه رڳو ھيءُ ھو ته ھن ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ ٺٽي جي تخت لاءِ دعويٰ ڪندي ڄام فيروز تي لشڪر ڪشي ڪئي ھئي، ۽ نيٺ دولھ دريان خان جي سياست ۽ تدبر جو شڪار ٿي ويو ھو. ايتريءَ حد تائين جو سنڌ جو مشھور مورخ مولائي شيدائي، ھن جي پيءُ جي نالي جي به وضاحت ڪونه ٿو ڪري. البت تاريخدانن ايترو لکيو آھي ته ھُو ڄام سنجر جو پوٽو ھو. ڄام سنجر سنڌ جو انتھائي خوبصورت ۽ ذھين بادشاھه ھو. چون ٿا ته سندس حُسن تي ھڪ الله لوڪ فقير عاشق ھو، جنھن جي دعا سان ھو بادشاھه ٿيو ھو. ھن گجرات جي سلطان محمود بيگڙي سان سڱاوتي ڪئي ھئي. ھو انتھائي ڏاھو، محب وطن ۽ عوام دوست ھو. ھن سنڌ مان رشوت جي پاڙ پَٽڻ لاءِ سرڪاري عملدارن جا پگھار وڌائي مٿن سخت نظرداريءَ جو حڪم ڏنو ھو. ھن سنڌ تي ڪُل اٺ ورھيه آزادي ۽ خودمختياريءَ سان حڪومت ڪئي. ڄام سنجر جو دور امن ۽ اطمينان جي ڪري سنڌ ۾ مثالي دور ليکيو ويندو ھو. سندس دور حڪومت جو دائرو ملتان تائين ھو ۽ سندس خوشحال دور جي باري ۾ ملتانيءَ ۾ لوڪ گيت چيل آھن. ڄام صلاح الدين، اھڙين وصفن واري حاڪم جو پوٽو ھو. ڄام نندي جي وفات کانپوءِ جڏھن ھن ڄام فيروز جي مقابلي ۾ ٺٽي جي تخت لاءِ دعويٰ ڪئي، تڏھن دولھ دريا خان ۽ ٻين وزيرن ڄام نظام الدين جي احسانن سبب ڄام صلاح الدين کي بيدخل ڪري، ڄام نندي جي پُٽ ڄام فيروز کي تخت تي ويھاريو؛ ڄام صلاح الدين پنھنجيءَ ڀيڻ وٽ گجرات ھليو ويو. ڄام فيروز تخت تي ويھڻ شرط دريا خان کي پنھنجو بد خواھه سمجھي، درٻار مان ڪڍي، مغلن سان دوستي وڌائڻ لڳو. اُھي مغل ڌارين حڪومتن جا جاسوس ھئا، جن مان خاص ڪري مير قاسم ڪيبڪي، درٻار جون سموريون ڳُجھيون خبرون ڳجھ ڳوھه ۾ اُن شاھه بيگ ارغون کي پھچائڻ لڳو، جنھن کي ڄام نندي جي زندگيءَ ۾ دولھ دريا خان ذلت آميز شڪست ڏيئي چُڪو ھو. ڄام فيروز سارو ڏينھن محل ۾ گذاريندو ھو. ڪڏھن ورلي ٻاھر نڪرندو ھو. جڏھن ٻاھر ايندو ھو ته خوبصورت ڇوڪرين جي ناچ ۽ مسخرن جي مسخري ڏسڻ ۾ مصروف رھندو ھو. ڄام فيروز جون اھڙي قسم جون الغرضايون ۽ عياشيون سنڌ کي تباھيءَ ڏانھن وٺي وڃي رھيون ھيون. دريا خان ٺٽو ڇڏي وڃي ” ڳاھن “ ۾ پنھنجون زمينون سنڀالڻ لڳو ھو. اھي خبرون جڏھن ڄام صلاح الدين کي پھتيون، تڏھن ھن مظفر گجراتيءَ جي مدد سان وڏو لشڪر تيار ڪري، سنڌ جي دارالحڪومت تي حملو ڪيو. ڄام فيروز بنا ڪنھن جنگ ڪرڻ جي ٺٽو ڇڏي ڀڄي ويو. سنڌ جي گاديءَ واري شھر تي ڄام صلاح الدين جو قبضو ٿي ويو. ڄام فيروز جي ماءُ مرينا ماڇياڻيءَ پنھنجي نا اھل ۽ نالائق پُٽ کي لڪائي وڃي دريا خان جي دَر تي پھتي. ڄام نندي جي شخصيت جا واسطا ڏيئي، پُٽس جي نالائقين جي معافي وٺي، دريا خان کي وري سنڌ جي سياست ۾ گھِلي آئي. سنڌ جي سدوري، سُلڇڻي ۽ عظيم محب وطن فرزند دريا خان، ھن خاندان جون گذريل مھربانيون ياد ڪري، بنا وقت وڃائڻ جي لشڪر گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. بکر ۽ سيوھڻ جا سماٽ ۽ بلوچ قبيلا، دريا خان جي جھنڊي ھيٺ اچي گڏ ٿيا. جنگ شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي ٻنھي محب وطنن يعني دريا خان ۽ ڄام صلاح الدين پاڻ ۾ ملاقات ڪئي ۽ سنڌي عوام جي خونريزي کان بچڻ جي اُپائن تي ويچاريو. ٻئي ڄڻا سنڌ جي مفاد خاطر ٺھي ويا، پر بدقسمتيءَ سان ڄام صلاح الدين جي مُک صلاحڪار ”حاجيءَ“ انھيءَ صلح جي سخت مخالفت ڪئي. جنھنجي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين ۾ سخت جنگ لڳي. جيئن ته ماڻھن جي اڪثريت ڄام فيروز کان بيزار ھئي، اُن ڪري جنگ جي ميدان ۾ دريا خان جو لشڪر بيھي نه سگھيو ۽ شڪست کاڌائين. دريا خان انھيءَ شڪست کي فتح ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پنھنجي روايتي دانائيءَ کان ڪم ورتو. ٿيو ھيئن جو ڄام صلاح الدين جي فوج جي سپھ سالار حاجيءَ دريا خان جي فوج جي شڪست جي پوري خبر ھڪ قاصد ھٿان ڄام صلاح الدين کي ڏياري موڪلي. اتفاق سان اھو قاصد دريا خان جي وَر چڙھي ويو. دريا خان ڇا ڪيو جو حاجيءَ وارو خط لڪائي، اُن جي بدران ٻيو جڙتو خط حاجيءَ پاران ڄام صلاح الدين کي لکيو. جنھن ۾ ڄاڻايل ھو ته: ”دريا خان جي لشڪر پنھنجيءَ فوج کي شڪست ڏني آھي. سھڻي صلاح ھيءَ آھي ته تون پنھنجي عيال سميت ٺٽو ڇڏي وڃ. آءٌ توکي چاچڪان ڳوٺ ۾ اچي گڏبس.“ خط پھچڻ شرط ڄام صلاح الدين بنا ڪجھ سوچڻ جي ٻار ٻچا وٺي، 9- رمضان تي ٺٽي مان نڪري ويو. حاجيءَ کي جڏھن ڄام صلاح الدين جي انھيءَ قدم جي خبر پئي، تڏھن کيس ڏاڍو ڏُک ٿيو. پر ھاڻي وقت ھٿن مان نڪري چڪو ھو، تنھنڪري ٻئي گجرات ھليا ويا.
    انھيءَ واقعي کان پوءِ ڄام فيروز سمجھيو ته ھاڻي مون کي دريا خان مان خطرو آھي، اُن ڪري ھن پنھنجي آندل مغلن جي چُرچ تي ھڪ دفعو وري دريا خان سان اڍنگي روش اختيار ڪئي. اھي مغل، ڄام فيروز قنڌار مان گھرائي، ھڪ خاص محلي ”مغل واڙي“ ۾ ورسايا ھئا. انھن مغلن تي اھو ڪم رکيو ويو ھو ته ھو ڄام فيروز کي دريا خان کان بدظن ڪري، دريا خان کي سنڌ جي سياست مان بيدخل ڪرائين. مغلن دريا خان کي درٻار مان ڪڍائي، شاھه بيگ ارغون کي خط لکي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ گھرايو. ارغونن جي حملي جو ٻُڌي، سنڌ جو عظيم محب وطن دريا خان، ھڪ دفعو وري ٺٽي جي چپن تي مُرڪ برقرار رکڻ لاءِ ميدان ۾ آيو ۽ وڙھندي شھيد ٿي ويو. سنڌ، ارغونن جي غلاميءَ جي پنجوڙ ۾ ڦاسي پيئي. اھي خبرون جڏھن ڄام صلاح الدين کي پھتيون، تڏھن ھو سنڌ تان ارغونن جو تسلط ختم ڪرائڻ ۽ سنڌ کي وري آزاد ڪرائڻ لاءِ ڏھه ھزارن سوڍن ۽ جاڙيجن جو لشڪر وٺي، ارغون تي حملي آور ٿيو. جھالار جي ميدان ۾ 1520ع ڌاري خونخوار جنگ لڳي. جنھن ۾ سنڌ جو ھيءُ لافاني محب وطن ڄام صلاح الدين، پنھنجي پُٽ ۽ ساٿين سميت شھيد ٿي ويو. ڄام صلاح الدين آخري وقت تائين سنڌ لاءِ زندھه رھيو ۽ سنڌ تي ئي قربان ٿيو.


    ڄام ھيبت خان

    ٽلٽيءَ جي جنگ آزاديءَ کان پوءِ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ سنڌين ٻي ويڙھه ارغون لشڪر سان جھالار جي ميدان ۾ مچائي. انھيءَ ويڙھه ۾ سنڌين جي لشڪر جي اڳئين حصي جي اڳواڻي ڄام ھيبت خان ڪئي. ڄام ھيبت خان، ڄام صلاح الدين جو پُٽ، سلطان مظفر گجراتيءَ جو ناٺي ۽ سنڌ جي خوبصورت حاڪم، ڄام سنجر جو پڙ پوٽو ھو.
    گجرات جي حاڪمن سان سنڌ جي سمن جي سڱاوتي آڳاٽي ھئي. ھي ٻئي خاندان، اصل ۾ راجپوت ھئا، جيڪي پوءِ مسلمان ٿيا. فرق رڳو ھيءُ آھي ته سَما، چندر ونشي راجپوت ھئا ۽ گجرات جا مظفريه حاڪم، سورج ونشي راجپوتن مان ھئا.
    پھريون سَمون حاڪم ڄام جوڻو ھو، جنھن مظفريه بادشاھن سان مٽيءَ مائٽيءَ وارو رستو رکيو. ڄام جوڻي جي ھڪ ڌيءُ سان گجرات جي حاڪم محمد شاھه شادي ڪئي. اُنھيءَ مائيءَ پيٽان گجرات جو ناميارو حاڪم محمود بيگڙو پيدا ٿيو. اُنھيءَ بادشاھه پنھنجي والدھه جي يادگار طور ننگر پارڪر ۾ ھڪڙي مسجد ٺھرائي، جنھن جا آثار اڃا تائين موجود آھن. اُنھيءَ سڱاوتيءَ کان پوءِ گجرات ۽ سنڌ جا حاڪم پيا ھڪ ٻئي سان مِٽيون مائٽيون ڪندا ھئا. جڏھن به ڪو سنڌي ڪنھن ڳالھ تان ناراض ٿيندو ھو ته گجرات ھليو ويندو ھو.
    جنگ جھالار جي محرڪ ڄام صلاح الدين جي ڀيڻ، گجرات جي شاھي خاندان ۾ پرڻايل ھئي ۽ سندس پُٽ ھيبت خان يا فتح خان جي گھر ۾ گجرات جي بادشاھه جي ڌيءُ ھئي.
    نوجوان ھيبت خان، انتھائي بھادر، دلير ۽ محب وطن ھو. جنگ جھالار ۾ جڏھن جنگ لاءِ صِفن جي ترتيب شروع ڪئي ويئي ته کيس مقدمة الجيش (مُھاڙي دستي) جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ھو. اِنھيءَ جنگ ۾ ھُو انتھائي بھادريءَ، دليريءَ ۽ حُب الوطنيءَ سان وڙھندي، سر زمين سنڌ کي سِر ڏيئي سرھو ٿيو. اھا جنگ 1520ع ۾ لڳي ھئي.


    مريد جت

    مرزا شاھه حسن ارغون، اٽڪل 34 سال مسلسل آزاديءَ جي ويڙھه کي مُنھن ڏيندي، 1555ع ۾ بنا ڪنھن نرينه اولاد جي مري ويو. سندس موت کان پوءِ، اُنھيءَ ساڳئي سال سنڌ جي سياسي تقسيم ٿي، جنھن موجب سيوھڻ کان مٿي وارو پرڳڻو ارغونن جي ھڪ پراڻي نمڪ خوار سلطان محمود پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ سيوھڻ کان ھيٺ واري حصي جو مالڪ مرزا عيسيٰ خان ترخان بڻيو.
    مرزا عيسيٰ جي حياتيءَ ۾ ئي سندس پُٽن مرزا صالح، مرزا باقي ۽ مرزا جان بابا ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. مرزا صالح پڻس جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، اقتدار ۽ اختيار جو مالڪ بڻجي ويو. مرزا صالح جي ڪميڻپ ۽ ڪٺورتا کان ڊڄي، مرزا جان بابا پنھنجي ناناڻن سميجن ۾ وڃي ويھي رھيو. مرزا باقي چاچڪان پرڳڻو ٽپي ڪَڇ ڏانھن ڀڄي ويو. انھيءَ سفر ۾ مرزا باقيءَ پنھنجي نوڪر قاضي خميسي سان گڏ بيشمار تڪليفون ڏٺيون. ايتري قدر جو ھڪ دفعي انھن ٻنھي ڪتي جي الٽيءَ مان نڪتل چانور ميڙي صاف ڪري کاڌا. نيٺ مرزا باقي ڄام کنگھار جي ڌيءُ سان شادي ڪري، ان جي مدد سان بکر پھتو.
    ھاڻي سنڌ جي ھن خطي جي بدنصيب ماڻھن جي تقدير جو مالڪ ۽ مختيار ئي مرزا صالح جھڙو ڪٺور، ڪميڻو، ڪُپتيو، ظالم، خر دماغ ۽ سڌڙيو بڻجي ويو. ھن سنڌي عوام تي طرح طرح جا ظلم ڪيا. ماڻھن کي بي گناھه قتل ڪرڻ، قيد ۾ وجھڻ ۽ ھر خوبصورت ڇوڪريءَ کي پنھنجي حرم ۾ داخل ڪرڻ جو کيس جُنون ھو. انھيءَ جُنون ۾ ھن ھڪ سنڌي خاندان جي فردن کي قتل ڪيو ۽ ڪن کي جيلن ۾ وڌو. ھن اھو اُن ڪري ڪيو، جو انھيءَ خاندان پنھنجي خوبصورت ڇوڪريءَ جو سَڱ کيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ھو. مريد جت، انھيءَ ستايل خاندان جو فرد ھو. جنھن وقت اھو دردناڪ واقعو ٿيو، انھي وقت مريد واپار سانگي گجرات ويل ھو. ھن کي اُتي اھا خبر پئي ته مرزا صالح سندس خاندان سان ڪھڙي ويڌن ڪئي آھي. اھا خبر ٻڌڻ شرط ھو پنھنجو سمورو ڪم اڌ ۾ ڇڏي، ھڪدم ٺٽي پھتو. ٺٽي پھچڻ کان پوءِ واري سندس حالت ”تاريخ طاھري“ ۾ ھن ريت لکيل آھي:
    مريد جت، مرزا صالح سان سخت دشمني ۽ ويرُ رکڻ شروع ڪيو. ھو کلمکلا پنھنجي قبيلي ۾ چوندو وتندو ھو ته ”جيسين تائين آءٌ مرزا صالح کي ڀريل درٻار ۾ قتل نه ڪندس، اُن وقت تائين مٿي تي پَٽڪو نه ٻڌندس.“ انھيءَ ڌون ۾ ھو شھر جي ھر گھٽيءَ ۽ چؤنڪ، ھر محلي ۽ بازار ۾ چرين وانگر چاقوءَ کي روھيءَ تي تکو ڪري چوندو ھو: ”اي چاقو! تون ڪم ڪندين يا نه؟ اي دل! تون مضبوط ٿجانءِ، توکان موقعي تي بي دليءَ ۽ بزدليءَ جو مظاھرو نه ٿيڻ گھرجي. ڇوته تنھنجي ئي ڏڍ تي مون ھي معرڪو پنھنجي ذمي کنيو آھي.“ تمام شھري ۽ سپاھي، ھن جي چريائپ واريون ڳالھيون ٻڌي کيس چريو پيا سمجھندا ھئا. شھر جا ٻار تماشو ڏسڻ لاءِ ھن جي پٺيان پيا ڊوڙندا ھئا. ھو جيڪي ڪجھ چوندو ھو، اُتي بيٺل ننڍو وڏو پيو دُھرائيندو ھو. ماڻھو کيس سورنھن آنا مريد مست سمجھندا ھئا. انھيءَ ڳولا ۾ ھن کي ھڪ ڏينھن موقعو ملي ويو. ٿيو ھيئن جو عين اُن وقت جڏھن مرزا صالح سوار ٿي پنھنجي محل ڏانھن وڃي رھيو ھو ته اوچتو مريد مست ڇُريءَ کي ڪاغذ ۾ ويڙھي، فرياد فرياد ڪندو مرزا صالح ڏانھن وڌڻ لڳو. مرزا جا چوبدار سندس درخواست وٺڻ لاءِ ڏانھس وڌيا، ليڪن ھن اھو ڪاغذ ڏيڻ کان صاف انڪار ڪيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ھيءُ ڪاغذ آءٌ پاڻ مرزا صالح جي خدمت ۾ پيش ڪندس ۽ ڪجھ ڳالھيون روبرو سمجھائيندس.“ نيٺ مرزا صالح چوبدارن کي حُڪم ڪيو ته اُنھيءَ فرياديءَ کي اچڻ ڏنو وڃي، جيئن ھُو پنھنجو درد پاڻ بيان ڪري سگھي. انھيءَ بھاني سان جڏھن ھي غيرتمند سنڌي مرزا صالح جي ويجھو پھتو، تڏھن ڪاغذ ۾ ويڙھيل ڇُري ڪڍي، ڏند ڪرٽي، پنھنجيءَ پوريءَ قوت، طاقت ۽ غيرت سان مرزا صالح جي پيٽ ۾ ھڻي ڪڍيائين، جنھن سان مرزا صالح جا آنڊا ٻاھر نڪري آيا. اِھو لقاءُ ڏسندي، مرزا جي چوبدارن، مريد کي به شھيد ڪري ڇڏيو. مرزا صالح ٿڏي تي مري ويو. مريد جي جسم تي بيشمار گھاءَ ھئا ۽ سندس جسم ٽُڪرا ٽُڪرا ڪيو ويو ھو. سندس غيرتمند رت مادر وطن جي سيني کي رنگين بڻائي ويو. سندس ھيءُ شعر، لاڙ ۾ مشھور آھي:
    گھگھيليءَ جي گارِ تان، ڪريان محشاري گھاءُ،
    مرزا صالح ماريان، ٻي نه ڪريان ڪاءِ.
    سندس شھادت، ڇنڇر جي ڏينھن، 23 شعبان، 970ھه ۾ ٿي.


    ڄام کنگھار

    سنڌ مان سنڌين جي آزاديءَ جو پوريءَ ريت خاتمو ڪرڻ کان پوءِ مرزا شاھه حسن ارغون، مڪر ۽ فريب جي ذريعي باغي سنڌين کي پنھنجو ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي ھئي. ھن سوچيو ته ساموئي شھر جا اُھي ماڻھو، جي ساموئيءَ تي ارغون قبضي کان پوءِ ڪَڇ ڏانھن لڏي ويا آھن ۽ اُتي رھيا آھن، تن کي پنھنجو ڪرڻ گھرجي، نه ته اُھي سدائين ارغون حڪومت لاءِ خطري جو سبب بڻبا رھندا.
    اُنھن سمن ۾ ڄام کنگھار نالي سمن جو چڱو مڙس ھو، جنھن جو ڏھڪاءُ سنڌ ۽ ڪَڇ ۾ مشھور ھو. ھُو وڏو دلير باھمت ۽ وطن دوست انسان ھو. ھن ڪَڇ ۾ رھي، جاڙيجن ۽ سوڍن سان ملي، دشمنن سان مقابلي جون تياريون پئي ڪيون. اِھي حالتون جاچي، مرزا شاھه حسن، ڄام کنگھار کي ھيٺيون خط لکيو:
    ”توکي خبر آھي ته ڪافي وقت کان اسان توھان جي ڀائرن جي مُلڪ تي قبضو ڪري چُڪا آھيون. اسان ھيءُ مُلڪ فتح ڪيو آھي ۽ اُن کي گند ڪچري کان صاف پاڪ ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي تنھنجي لاءِ مناسب آھي ته ڪَڇ جا بھترين گھوڙا، جن جي مشھوري ٻڌي وڃي ٿي، اسان لاءِ وٺي اچ ۽ اسان کان نوڪريون ۽ عھدا حاصل ڪري، ھِن توھان جي پنھنجي مُلڪ ۾ آرام سان اچي رھه. اسان جي پاڙي ۾ رھي، تون پنھنجي ناداني ۽ غفلت جي ڪري، اسان جي برابريءَ ۽ ھڪجھڙائيءَ جا جيڪي خيال رکين ٿو، تن کي پنھنجي دل مان ڪڍي ڇڏ. جيڪڏھن توکي اسان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري منظور ھجي ته تنھنجي لاءِ مناسب آھي ته قيمتي تحفن سان گڏ پنھنجي گذريل ڪوتاھين ۽ ڏوھن تي لکت ۾ معافي وٺي، اسان جي قدم بوسيءَ جي سعادت حاصل ڪر. اھڙي صورت ۾ ھن مُلڪ کي پنھنجو اباڻو مُلڪ سمجھي، امن جي جڳھ تصور ڪر. جيڪڏھن نه، ته پوءِ خوب ياد رک ته اسان جو ارادو احمد آباد ۽ گجرات ڏانھن آھي. اسان جڏھن ايڏانھن وينداسين، تڏھن تنھنجي واٽ وٺي وينداسين ۽ غرور جي اُھا ھوا جيڪا تنھنجي دماغ ۾ ويٺل آھي، سا ڪڍي ڇڏينداسون.“
    جڏھن ھيءُ خط، جنھن ۾ ڌمڪي ۽ نرمي ٻئي موجود ھيون، ڄام کنگھار کي پھتو، تڏھن ھن ارغون فاتح کي جيڪو جواب ڏنو، سو آزاديءَ جي تاريخ ۾ قومي غيرت ۽ آزاديءَ پسنديءَ جو بي مثال پروانو آھي. ڄام کنگھار لکيو:
    ”اسان جابلو ماڻھو پٿر وانگر آھيون. اسان پنھنجي عزت ۽ ناموس جي حفاظت چڱيءَ طرح ڪري ڄاڻون ٿا. اسان پنھنجي معمولي روزيءَ تي قناعت ڪريو ويٺا آھيون. اسان وٽ ايتري دولت ناھي جو گھوڙا ۽ قيمتي جنسون پنھنجي مُلڪ مان حاصل ڪري، تنھنجي لاءِ موڪليون. اسان جي گذارن جي صورت ھيءَ آھي، جو اسان ڪن بکين اگھاڙن راجپوتن کي لُٽ مار لاءِ سنڌ ۽ گجرات موڪليندا آھيون. اھي تلوار جي زور سان جيڪي ڪجھ ڦري آڻين ٿا، ان تي اسان جو گذارو آھي. اُن حالت کان پوءِ به جيڪو شخص پنھنجي ننگ ۽ ناموس جي شيشي کي ھن پٿر سان چڪناچور ڪرڻ چاھي؛ پنھنجي شيشي کي ھن سنگِ خارا تي اڇلائڻ گھري ۽ پنھنجو مال دولت ھنن بکين اگھاڙن جي حوالي ڪرڻ جي خواھش ڪري، ته پوءِ سندس مرضي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي خوشيءَ جي ڳالھ ٿيندي، جو خدا تعاليٰ ڪنھن جي روزي ان جي گھر موڪلي ڏئي. اسان اچڻ جا منتظر آھيون.“
    انھيءَ خط جي لھجي (جنھن ۾ پوري ادبي طنز موجود آھي) مرزا شاھه حَسن کي مڇرائي وڌو ۽ ھو ھڪدم لشڪر وٺي ڄام کنگھار تي ڪاھي ويو. ڄام جي سپاھين ۽ ساٿين بي پناھه ارغون فوج سان کليل جنگ وڙھڻ نا مناسب سمجھي، مڪمل ڇاپا مار جنگ شروع ڪئي. سنڌي سپاھي رات جو لِڪي، شاھه حسن جي لشڪر تي راتاھا ھڻندا ھئا ۽ جيڪي کُوھه ۽ تلاءَ مرزا شاھه حسن جي رستي ۾ ايندا ھئا، تن ۾ مُئل جانور ۽ ٿوھر وجھي، پاڻيءَ کي زھريلو ۽ ناقابل استعمال بڻائي وري جبلن ۾ لِڪي ويندا ھئا. مرزا شاھه حسن انھن مصيبتن کان بيزار ٿي، گجرات ۽ احمد آباد جي فتح جو ارادو بدلائي، ڄام کنگھار جي سپاھه سان نالي ماتر صلح ڪري موٽي آيو. ڄام کنگھار ان کان پوءِ به خاموش ٿي نه ويٺو ۽ ارغونن سان وڙھيو، جنھن جو تفصيل چوٿين ويڙھه واري عنوان ۾ ڏنو ويو آھي.


    حاجي جوکيو

    ٺٽي واري حصي ۾ ارغونن جي اچڻ کان وٺي انگريزن جي قبضي تائين سنڌ جا ٻه قبيلا، جوکيا ۽ ڪرمتي، آزادي ۽ خود مختياريءَ لاءِ پنھنجي پوري حب الوطنيءَ سان وڙھندا رھيا. ھنن جي جنگ جو طريقو به سنڌ جي ٻين حصن جي سنڌين وانگر ڇڙوڇڙ جنگ وارو ھو. ھُو وقت جي نزاڪت ڏسي، صلح ڪري پُر امن ٿي ويھي رھندا ھئا ۽ جڏھن حالتون پنھنجي فائدي ۽ حق ۾ ڏسندا ھئا ته ھڪدم ھٿيار سنڀالي، ميدان ۾ لھي ويندا ھئا. ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي وقت ۾ ھنن جو اھو طريقو جاري رھيو. ھنن وٽ ٽي ھزار ويڙھاڪ جوان ھميشہ موجود رھندا ھئا، جيڪي بھترين شھسوار، شمشيرزن ۽ تِير انداز ھوندا ھئا. خاص ڪري مغلن جي تلوار بازيءَ ۽ بندوق جي مقابلي ۾ ھو تِير اندازيءَ کان ڪم وٺندا ھئا ۽ اُنھيءَ فن ۾ ھُو پنھنجو مَٽ پاڻ ھئا.
    ھي اُن دور جو ذڪر آھي، جڏھن سيد بايزيد بخاري ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. اُن وقت جوکيا ۽ ڪرمتي، ساڪري واري حصي ۾ ڏاڍي آرام ۽ اطمينان سان پنھنجو ماڳ وسايو ويٺا ھوندا ھئا. ڪڏھن مغلن سان وڙھندا ھئا ته ڪڏھن صلح ڪري ڇڏيندا ھئا. جتوڻيڪ اُن دور ۾ ڪنھن به سنڌيءَ جي دل ۾ مغل بادشاھت لاءِ احترام جو ته سوال ئي نه ٿي پيدا ٿيو. پر وقت وقت جي ڳالھ آھي. ان ھوندي ھڪ ڳالھ طئي ھوندي ھئي ته اُن تَر جا جوکيا پھرين بجار جوکئي ۽ پوءِ سندس پُٽ حاجي جوکئي جي اڳواڻيءَ ۾ مغلن جي ڪاڻ ڪڍڻ لاءَ قطعي تيار نه ھوندا ھئا ۽ پنھنجي ٿوري به بيعزتيءَ جي بدلي ۾ مغل سپاھيءَ جي سِسي لاھي وٺندا ھئا.
    سيد بايزيد پنھنجي ھڪ پُٽيلي شاھه محمد کي پنجاھه سوارن سان ناريلي قلعي جو ٿاڻيدار ڪري موڪليو. اُھو شاھه محمد شاھه عام مغل ڪارندن وانگر ٽرڙو ۽ ڦوشر باز ھو، سو ھڪ دفعي ويٺل ڪچھريءَ ۾ حاجي جوکئي کي پادر اڇلائي ھنيائين. شاھه محمد جي انھيءَ حرڪت سان غيرتمند ۽ آبرو دار جوکين کي باھه وٺي ويئي، ان ڪري ھو محفل مان اُٿي، جبل ڏانھن روانا ٿيا. شاھه محمد جوکين جي پٺيان وڃي گھڻيئي صلح جون ڳالھيون ڪيون، پر وريو ڪي به ڪين. جوکين کيس جواب ڏنو ته ھاڻي فيصلو تلوار ڪندي. نيٺ معاملو وڃي جنگ تائين پھتو. مغلن وٽ تلوارون ۽ نيزا ھئا ۽ حاجي جوکئي جي ھمراھن تِيرن سان ويڙھه شروع ڪري ڏني. نتيجي ۾ ٽرڙو شاھه محمد شاھه پنھنجي سڀني ساٿين سميت ختم ٿي ويو ۽ جوکين وڃي جبل وسايو. وڃڻ وقت جوکيا مغلن جا ھٿيار ۽ گھوڙا به وٺي ويا. اھو حال ٻڌي، با يزيد بخاريءَ جوکين جي ناڪي بنديءَ جو حُڪم ڏنو ۽ پڙھو گھمائي ڇڏيائين ته جوکين ڏانھن اناج جو ھڪ داڻو به وڃڻ نه ڏنو وڃي. انھيءَ ناڪي بنديءَ کان تنگ ٿي، جوکين وقتي طرح مغلن سان ٺاھه ڪيو، پر بقول تاريخ مظھر شاھجھاني: ”ھو آخر تائين سرڪشيءَ کان باز ڪين آيا.“


    مناھين دَل

    چاڪر ھالا پرڳڻي ۾ مغلن خلاف وڙھندڙ سنڌين جي عوامي لشڪر جو تعداد ڏھه ھزار کن ھو. اھو لشڪر سنڌ جي ٽن قبيلن، ٻَٻرن، شورَن ۽ دَلن تي مشتمل ھو. انھيءَ عوامي سپاھهِ آزاديءَ جي اڳواڻي اسماعيل شورو، مناھين دل ۽ دائود شورو ڪندا ھئا. اِنھن ٽنھي قبيلن جو پاڻ ۾ ناقابل شڪست اتحاد ۽ اتفاق ھو. جڏھن بابو پليجي، پنھنجي وطني ڀائرن ۽ عزيزن سان غداري ڪري، مغلن جو لشڪر چاڙھائي، رات وچ ۾ ٻَٻرن کي ختم ڪرايو، تڏھن شورن ۽ دَلن گڏجي، بابو پليجي کي انھيءَ غداريءَ جو پورو سبق سيکاريو ھو. اِنھيءَ عوامي سپاھهِ آزاديءَ پنھنجي جانباز اڳواڻن جي رھنمائيءَ ۾ مغل فوج جي پگھاردار ۽ باقاعدي تربيت يافته فوج سان ڪيتريون چڪريون ۽ چوٽون کاڌيون؛ ڪيترا معرڪا ۽ ميدان سَر ڪيا؛ ڪيترا حملا ۽ جولان ڪيا، جن ۾ ھنن مُغلن کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا.
    ھتي آءٌ دَل قبيلي جي نامياري اڳواڻ ۽ سورھيه سرواڻ، مناھين دلَ جي ھڪ معرڪي جو ذڪر ڏيئي رھيو آھيان. مناھين دل ڪٿي ڄائو، ڪيئن نپنو، ھن جي پڇاڙيءَ واري زندگي ڪٿي ۽ ڪيئن گذري؟ اُن جي باري ۾ مون کي ڪابه معلومات ملي نه سگھي آھي. مظھر شاھجھاني، ابتدا ۾ ايترو لکي ٿي ته: ھن خطي جي سرڪش ماڻھن جو ھڪ سرواڻ مناھين دل به آھي- ۽ ان کان پوءِ ليکڪَ ھن جي ھڪ لڙائيءَ جو ھڪ واقعو پنھنجي مخصوص مغل نوازيءَ واري انداز ۾ لکيو آھي، جيڪو ھن ريت آھي:
    1025ھه ۾ مير عبدالرزاق مظفر خان معموري، ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. ھن کي اھو منصب عطا ٿيڻ شرط محب وطن سنڌين جي آزاديءَ ۽ خود مختياريءَ جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ خاص ھدايتون پھتيون. مير عبدالرزاق جڏھن ٺٽي پھتو ته اُتي ٺٽي ۾ رھندڙ مغل ڪارندن کيس اھو ٻڌايو ته شال پرڳڻو ھن وقت مغل جي خلاف سنڌين جي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آھي، جتي مناھين دل مغل فوجن لاءِ ”موت جو فرشتو“ بڻيو ويٺو آھي. اِھي ڳالھيون ٻڌي، مظفر خان معموري، ٺٽي ۾ رھندڙ پنھنجي منصبدارن سان گڏ گھوڙا سنجي، ٺٽي مان روانو ٿيو. جڏھن سندس فوج شال جي پسگردائيءَ ۾ پھتي ته دل قبيلي جو ناميارو سردار ”مناھين“ پنھنجو ڪٽڪ وٺي، مغل فوج جو اڳ جھلي، جنگ ۾ جُنبي ويو. ھن پنھنجي ساٿين سان گڏجي اھڙو ته زورائتو حملو حملو ڪيو، جو پھرين وارَ ۾ ئي ڪافي مغل فوج کي ختم ڪري ڇڏيائين، مظفر خان اکين سان سڀ ڪجھ ڏسي به ماٺ ڪري ويھي رھيو ۽ اڳتي نه وڌيو، (شايد اڳتي وڌڻ جي ھمت ڪانه اٿس) سندس فوج گاھه پٺي ۽ ڪاٺَ ڪِلي لاءِ پريشانيءَ ۾ پئجي ويئي. مناھين، مغل سپاھه کي سيکت ڏيئي، وري پنھنجي ٺڪاڻن ڏانھن موٽي ويو. ايتري ۾ مغل فوج کي مغلن جي مشھور سفاڪ ڪارندي، مير ابوالبقا جي مدد پھچي ويئي. اُنھيءَ گڏيل لشڪر جبل جي ڀرسان رھندڙ سنڌي عوام تي اوچتو حملو ڪري، ھزارين ماڻھو قتل ڪري ڇڏيا. انھيءَ لڙائيءَ ۾ ڪافي مغل فوج به ناس ٿي. گُمان غالب آھي ته انھيءَ ويڙھه ۾ مير ابوالبقا جا ٻه پُٽ، داڙو بند جبل وٽ شورن ھٿان قتل ٿيا. ٻنھي طرفن جي انھيءَ ڳري جاني نقصان کان پوءِ مُغلن ۽ سنڌي سپاھه جي وچ ۾ ٺاھه ٿيو. جنھن مطابق مناھين دل پنھنجي ساٿيءَ حميد شوري سان گڏ، صلح جي شرطن مطابق وقتي طرح پنھنجون سرگرميون ختم ڪري، پنھنجي علائقي ۾ ويھي رھيو.


    موندر خان چانڊيو

    سنڌ تي مغل تسلط جي پُوري دور ۾ جيڪي قبيلا مغلن سان مُھاڏو اٽڪائيندا رھيا، تن ۾ چانڊين جو قبيلو سر فھرست آھي. مغل مؤرخن گھڻي ۾ گھڻيون گاريون به چانڊين کي ئي ڏنيون آھن. چانڊين جي قبيلي جو ھڪ سردار، جنھن مغل شاھيءَ سان جبريون چوٽون کاڌيون ۽ نيٺ بکر جي قلعي ۾ قيدي حالت ۾ گزاري ويو، سو آھي مُوندر خان چانڊيو. جيتوڻيڪ چانڊين ۽ مغلن جي جنگين ۾ موندر خان جو ذڪر نه آيو آھي، پر انھيءَ پوري دور ۾ مظھر شاھجھانيءَ صرف ھڪ نامور چانڊئي ”مُوندر“ جو ئي ذڪر ڪيو آھي. اُن ڪري، اِھو وسھڻ لاءِ ڪافي سبب آھن ته چانڊين ۽ مغلن جي گھڻين جھڙپن ۾ چانڊين جي لشڪر جي قيادت موندر خان ئي ڪندو رھيو.
    1004ھه ۾ مرزا ڪوڪه کي بکر جو پرڳڻو جاگير طور مليو. ھن پنھنجي پُٽ مرزا انور کي بکر موڪليو. مرزا انور کي بکر پھچڻ شرط خبر ملي ته چانڊيا ٻروچ بکر پرڳڻي جون ديھون ويران ڪرڻ لڳا آھن. مرزا انور پنھنجي ملازم حيدر بيگ کي چانڊين تي حملي ڪرڻ لاءِ موڪليو. چانڊين موندر خان چانڊئي جي اڳواڻيءَ ۾ پنھنجو لشڪر گڏ ڪري، مرزا حيدر بيگ تي جوابي حملو ڪيو. اھو حملو ايترو ته زبردست ۽ سخت ھو، جو مرزا حيدر بيگ شڪست کائي وٺي ڀڳو. سندس مال اسباب، گھوڙن ۽ نغارن تي چانڊين قبضو ڪيو. بکر جي مغل فوج کي اِھا پھرين زبردست شڪست ھئي، جيڪا چانڊين موندر خان جي اڳواڻيءَ ۾ ڏني. انھيءَ شڪست سڄيءَ سنڌ ۾ مغل فوج کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏيو. مغلن نه صرف ٺٽي، بکر ۽ سيوھڻ جي جاگيردارن جي فوجن کي گڏي، چانڊين تي حملي ڪرڻ جي رٿا تيار ڪئي، پر اُن سان گڏو گڏ ھنن سنڌين جي قبائلي اختلافن مان ڀرپور فائدو وٺڻ جي سازش تيار ڪئي. اِنھيءَ سلسلي ۾ مظھر شاھجھانيءَ جي مصنف، يوسف ميرڪ، تفصيل ڄاڻائيندي لکيو آھي ته: ”سيوھڻ جي حاڪم بختيار بيگ، مرزا انور کي چتاءُ ڏنو ته آءٌ تيار آھيان. جيئن توھان بکر مان سوار ٿي نڪرو ته پڪ ڄاڻجو ته آءٌ اڳواٽ اتي ھوندس. ان کان پوءِ چانڊين جي چوڪسيءَ لاءِ پنھنجا ماڻھو مقرر ڪيائين، جن جي ڏَس پتي تي شام جو شڪار جي بھاني سيوھڻ ڇڏي، منڇر ڏانھن راھي ٿيو. ھڪ ٻه آڙيون ڦاسائي، چڱو سوڻ وٺي، اُتان سيوھڻ ھليو. شھر کان اورتي ھڪڙي مزار وٽ ترسي گھوڙن تان لٿو. ڀر وارن ڳوٺن ۾ پنھورن، ڪوريجن ۽ سميجن ڏانھن خط لکي، تيز رفتار گھوڙي سوار ھٿان ڏياري موڪليائين ته اُنھن ڳوٺن جا چڱا مُڙس صبح جو سوير اچي ڪنور ڪوٽ (ڳاھن جي پرڳڻي ۾) وٽ حاضر ٿين. اُھي انتظام ڪري، پاڻ اُتان سانجھيءَ مھل سوار ٿي، سڄي رات پنڌ ڪري، سج اڀرئي ڪنور ڪوٽ پھتو. منجھد تائين سمورو لشڪر ۽ سڀئي راڄ اچي ڪَٺا ٿيا. پوءِ بختيار بيگ پنھورن جي سردارن عيسيٰ، موسيٰ ۽ جلال کي گھرائي چيو ته چانڊين کي ھن مھل تائين منھنجي ڪابه خبر نه پيئي آھي ته ڪو مان مٿن چڙھائي ڪرڻ وارو آھيان. سڀاڻي انھن کي جيڪڏھن منھنجي سُڌِ پيئي ته چانڊين بدران اوھان جون سِريون سلامت نه ھونديون. پوءِ چئني سردارن کي ساڻ ڪري، سج لٿي جو اُتان اُسھيو ۽ رات ڏينھن ڌوڙيو لائي، صبح تي چانڊين مٿان وڃي ڪڙڪيو. چانڊيا به سِر تان آھو پلي، ميدان ۾ لھي آيا ۽ وڏي دليريءَ سان جنگ ڪرڻ لڳا. ھنن سمجھيو ته ھيءُ لشڪر به حيدر بيگ جي لشڪر وانگر بکر کان چڙھي آيو آھي، سو ڏاڍي ھمت ۽ حوصلي سان ويڙھه ۾ جنبي ويا. ايتري ۾ خبر پين ته ھي بختيار بيگ ترڪمان، سيوھڻ جو حاڪم آھي. مظھر شاھجھانيءَ جو مصنف لکي ٿو ته، ”اھا خبر پوڻ شرط ھنن جا ڍڪر لڳي ويا، پوءِ به شاھي لشڪر سان چڱيون چوٽون کاڌائون.“ انت چانڊين ھارايو ۽ سندن ڪيترا ڪونڌر ڪُسجي ويا ۽ ڪافي قيدي بڻيا. بختيار بيگ اڌ کان وڌيڪ قيدين جون مُنڍيون لاھي، ڪجھ ٿورن بچيل قيدين سان گڏ پنھنجي ماڻھن ھٿان مرزا انور ڏانھن ڏياري موڪليون.
    اُن کان پوءِ به موندر خان جي جدوجھد ختم ڪانه ٿي. ھو 1038ھه تائين مختلف معرڪن ۽ جنگين ۾ مغلن سان مقابلو ڪندو رھيو. جڏھن 1038ھه ۾ محمد علي بندري بکر جو حاڪم ٿي آيو، تڏھن ھڪ خونريز ويڙھه کان پوءِ ھن موندر خان جي زال ۽ ٻارن کي گرفتار ڪري، بکر جي قلعي ۾ آندو. زال جي گرفتاريءَ جو ٻڌي، موندر خان ھلي اچي مغلن وٽ پيش پيو. جتي مغلن کيس بکر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو. ڀانئجي ٿو ته ھو اُتي ئي مري ويو.


    توتان نوحاڻي

    1001ھه ۾ مغلن طرفان بختيار بيگ سيوھڻ جو صوبيدار ٿي آيو. ھن ايندي شرط سنڌي ماڻھن جي مغلن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ ۽ چرپر کي طاقت ۽ تشدد ذريعي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. انھيءَ سلسلي ۾ ھن اُنڙن، نومڙين ۽ نوحاڻين تي حملا ڪيا. جواب ۾ سنڌي ماڻھن پنھنجي وَس ۽ وِت آھر ھُن جي لشڪر ڪشين سان واھه جون چڪريون ۽ چوٽون کاڌيون، مات ٿيا ته به مُنھن نه موڙيائون.
    صدين کان بلوچن جو نوحاڻي قبيلو، ھاڻوڪي دادو ضلعي جي نئينگ ڳوٺ ۾ رھندو پئي آيو ۽ اڃا تائين اُتي موجود آھي. اُھي سرڪش ۽ ارڏا ٻروچ، پنھنجي جسم وانگر دل جا به پھاڙ ھئا. ھنن مغل شاھيءَ جي ڪٽڪن تي اک ئي نه ٿي ڇنڊي ۽ پوريءَ ريت مغلن سان عدم تعاون ڪندا ٿي رھيا. جھڙوڪر ھنن مغلن سان سول نافرمانيءَ جي ھڪ محدود شڪل وارو رويو ۽ رستو اختيار ڪري ڇڏيو ھو. نوحاڻين جي اھا روش، مغلن کي ڪين آئڙي، تن نوحاڻين کي سيکت ڏيڻ لاءِ مٿن حملو ڪري ڏنو. انھيءَ ويڙھه ۾ نوحاڻين جا سترھن جنگي سردار شھيد ٿي ويا. اُنھن ۾ توتان نوحاڻي، قومي آزاديءَ جي حاصلات لاءِ ڏاڍيءَ ھمت ۽ بي خوفيءَ سان وڙھيو ۽ مغل فوج جا ڪيترائي سپاھي قتل ڪري ڇڏيائين.
    مظھر شاھجھانيءَ وارو لکي ٿو ته: ”نيٺ رحمان قلي وڃي توتان سان اٽڪيو. توتان ھڪل ڪري، رحمان قليءَ جي پٺيان پيو. رحمان قلي وڃي پَٽ تي ڪريو ۽ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ڳنڍجي پيا. رحمان قلي مغل سپاھي زرھه بند ھو، تنھن ڪري توتان جو وار مٿس ڪارگر نه پئي ٿي سگھيو. ھوڏانھن رحمان قليءَ جا ڌڪ ٻروچ کي چچريندا ٿي ويا. آخر ٻروچ جا پساھه پورا ٿي ويا.“
    اھا روايت مظھر شاھجھانيءَ جي آھي. اُنھيءَ تاريخ جي سنڌيڪار محترم نياز ھمايونيءَ، سنڌي ترجمي جي حاشيي ۾ مولوي خان محمد نوحاڻيءَ نئينگ واري (*) جي روايت نقل ڪندي لکيو آھي ته: ”توتان ھڪ بھادر ٻروچ ھو، جنھن پنھنجي مائٽ موندر ۽ چڪي خاصخيليءَ سان گڏجي مقابلو ڪيو. اُنھيءَ جنگ جي باري ۾ سگھڙن جا ڪيئي بيت مشھور آھن، جھڙوڪ:
    ڌڙ ڌُٻيو، سر لٽيو، پوءِ چڪي ھنيون چار،
    توتان جي ترار، موندر مست ملھائيو!
    نئينگ کان ڏيڍ ميل ڏکڻ طرف ھڪ تاريخي قبرستان اڃا تائين موجود آھي، جنھن ۾ انھن جھونجھارن جون قبرون نشانبر آھن.“
    ------------------------------------------------------------------------------------
    (*) مولوي حاجي خان محمد رڳو نالي جو مولوي آھي. ھي صاحب، راقم جو به انتھائي پيارو ۽ قربائتو دوست آھي. انھن تاريخي جاين ڏسڻ ۽ سندس ناياب ڪتب خاني جي ديدار لاءِ ڪيترا دفعا دعوت ڏني اٿس. پر واندڪائي نه ملڻ سبب وڃي نه سگھيو آھيان.


    ناتالو نوحاڻي

    توتان نوحاڻي واريءَ مشھور جنگ کان پوءِ، نئينگ وارا نوحاڻي پنھنجي گھٽ تعداد ۽ دشمن جي بي پناھه طاقت ڏسي، مغلن جي آڻ مڃي ويھي رھيا ھئا. ڍل ڏيڻ سان گڏ ڪڏھن ڪڏھن جنگين ۾ مغلن جي مدد پڻ ڪندا ھئا. پر نوحاڻي ٻروچن جي انھيءَ روش کي ڪن مغلن، سميجن واري وقتي ماٺ سمجھيو. ان ڪري ھنن سيوھڻ جي مغل جاگيردار کي نوحاڻين تي حملي لاءِ تيار ڪيو. مغل جاگيردار، سنئون سڌو ٻروچن تي حملي ڪرڻ بجاءِ پنھنجي روايتي ميڪر ۽ فريب کان ڪم وٺندي، ظاھر اھو ڪيو ته ھُو سميجن تي حملي لاءِ تياري ڪري رھيو آھي. اُن بھاني سان ھو منديجيءَ واري گھيڙ وٽ اچي ويٺو. اتان اڳينءَ نماز جو نوحاڻين تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪري نڪتو. ھوڏانھن ويچارن نوحاڻين کي نڪا جن نه ڪن ته ڪو مغل حملو ڪرڻ وارا آھ، سو بيپرواھه ٿيو سُتا پيا ھئا. اوچتو اسر مھل سُتل نوحاڻين تي مغل لشڪر اچي ڪڙڪو ڪيو. تڙ تڪڙ ۾ نوحاڻين جو چڱو مڙس ناتالو نوحاڻي ماڻھو گڏ ڪري ميدان ۾ لھي آيو ۽ جنگ ۾ جُنبي ويو. پر ڪٿي ننڊ مان اُٿيل بي ھٿيار ماڻھو ۽ ڪٿي باقاعدي ھڪ خونخوار تيار فوج. ان جي باوجود نوحاڻين واھه جو مُڙسي ڏيکاري. ناتالو پاڻ، ڀائرن، پُٽن ۽ پنجاھه ساٿين سميت ڪيترن مغلن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ وڃي مالڪ کي مڙيو. باقي مَردن، عورتن، ٻارن ٻچن، پوڙھن ۽ ڦٽيلن جنگ جي باھه مان ڀڄي وڃي جبل ۾ جان بچائي. اُن ڏينھن کان وٺي نوحاڻين کي پَڪ ٿي ويئي ته غير ملڪي آقائن تي ڪڏھن به ڀروسو ڪري نه ٿو سگھجي. ان ڪري وطن لاءِ وڙھندڙ طاقتن کان الڳ ٿي ويھي رھڻ نه رڳو پنھنجو پاڻ کي تباھيءَ جي منھن ۾ وجھڻو آھي، پر دشمن کي به مضبوط ڪرڻو آھي. تنھنڪري، اُھي پنھنجا ماڳ ڇڏي، وڃي جبل ۾ نومڙين سان مِليا ۽ مغلن لاءِ تباھيءَ ۽ موت جا فرشتا بڻجي ويا. بقول يوسف ميرڪ ته: ’ انھن سَن ۽ حويلي پرڳڻي کي تباھه ڪري ڇڏيو.‘
    ”دين ڌرم جي دوکي لُٽجي، نيٺ اسان اک کولي اچي،
    سنڌ سوا ٻي ڳالھ نه ٿيندي، ڀلي ته سامھون گولي اچي.“


    قاسم باريجو

    سنڌي عوام جي قتلام ۾ غير ملڪي حملي آورن جتي وسان ڪين گھٽايو، اُتي ھتي جي مقامي عالم ۽ دانشور به غير مُلڪي آقائن کي راضي رکڻ ۽ خوش ڪرڻ لاءِ سنڌي عوام جي بي دردانه قتل ۽ غارتگيريءَ لاءِ پنھنجا قيمتي مشورا ۽ سياسي بصيرت مفت ۾ مغل سردارن جي حضور ۾ پئي نڇاور ڪئي آھي.
    سنڌ جي تاريخ تي بھترين ڪتاب ”مظھر شاھجھاني“ لکندڙ، يوسف ميرڪ، جتي احمد بيگ جھڙي شيطان صفت کي گاريون ڏنيون آھن. اُتي تسبيح پٺيان ترار لڪائيندڙ شمشير بيگ کي سنڌين جي قتل ۽ غارتگيريءَ جا قيمتي مشورا ڏيندو رھيو آھي. سندس مشورن تي قتل ٿيل سنڌين جو تعداد ڪتاب جي مُنڍ ۾ لکيو ويو آھي. ھتي جنھن سنڌي سرويچ قاسم باريجي جو ذڪر ڪري رھيو آھيان، اُن کي به يوسف ميرڪ جي مشوري تي سندس قبيلي ۽ ڪٽنب سميت قتل ڪيو ويو ھو. قاسم باريجي جو ڏوھه صرف ايترو ھو ته ھن پنھنجي قبيلي جي ماڻھن سان گڏجي، اُن ظالمانه ۽ غاصبانه نظام کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ھو، جيڪو آگري مان سنڌ تي مسلط ڪيو ويو ھو.
    قاسم باريجو، ان وقت جي بوبڪ پرڳڻي جي جبل واري حصي جي ڀرسان رھندڙ ھو. ھن شمشير بيگ طرفان مڙھيل اجائي ۽ ناجائز ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنھن تي شمشير بيگ، يوسف ميرڪ کان پڇيو ته ھاڻي ڇا ڪرڻ گھرجي. اُن صلاح جو جيڪو جواب يوسف ميرڪ ڏنو. اُن متعلق ھو پاڻ لکي ٿو:
    ”مون ورندي ڏني ته جيڪڏھن چانڊين وانگر ھنن تي به منزلون ڪري چڙھائي ڪندين ته ڪجھ ڪين ورندو. ھنن جا گھَٽ ڏکيا آھن. سندن ڳوٺ ھتان پنجن پھرن جي پنڌ تي آھي، جي اُتي يڪو چڙھي ھلين ته ڪجھ نه ڪجھ ٿي سگھي ٿو.“
    شمشير خان، يوسف ميرڪ جي اِھا صلاح قبول ڪري، سڄي رات پنڌ ڪري، اَسر ويلي وڃي باريجن تي ڪڙڪيو. ٻنھي ڌُرين ۾ سخت جنگ لڳي، جنھن ۾ باريجن جو سردار قاسم باريجو پنھنجن پُٽن ۽ ساٿين سميت انتھائي سورھيائيءَ سان وڙھندي شھيد ٿي ويو.


    مير پنھور

    تاريخ مظھر شاھجھاني پڙھندي، اسان کي اھا خبر پوي ٿي ته سنڌ جو پنھور قبيلو گھڻو ڪري مغلن سان ويڙھه کان پري ھو. الٽو ڪڏھن ڪڏھن اھو قبيلو سنڌين ۽ مغلن جو ٻانھن ٻيلي به ٿيندو ھو. ان جي باوجود، انھيءَ قبيلي ۾ ڪجھ اھڙا به ماڻھو ھئا، جن مغلن ۽ سندن ڪارندن کي نفرت ۽ حقارت سان ڏٺو ٿي. جڏھن مغل ڪارندن جون ارڏايون ۽ اُرھه زورايون وڌي ٿي ويئون ته پنھورن به سِر تريءَ تي رکي، سندن اُرھه زوراين جو مُنھن ٽوڙ جواب ٿي ڏنو. انھيءَ سلسلي ۾ پنھورن جي ھڪ سردار، عيسيٰ پنھور جي پُٽ مير پنھور جي بھادرانه شھادت ۽ مغلن سان دليرانه جنگ جو واقعو، خاصي اھميت رکي ٿو. جيتوڻيڪ اُن واقعي جو پس منظر ھڪ معمولي ڳالھ تي بنياد رکي ٿو. تاھم نفرت جو اظھار معمولي ڳالھين ۽ شين جي بھاني بازيءَ جو ڳولائو رھندو آھي.
    ٿيو ھيئن جو، جڏھن سيوھڻ پرڳڻي جو ڪجھ حصو گھورئي ھندوءَ کي مليو، تڏھن ھن پنھنجي پُٽ ماڻڪ کي اھو حصو سنڀال لاءِ ڏنو، ماڻڪ انتھائي سرڪش، مغرور ۽ عام مغل ڪارندن وانگر ٽرڙو ھو. ھن کان ھڪ ڀيري سواريءَ دوران سندس چھبڪ ھٿ مان ڪري پيو. ان تي ھن پنھورن جي سردار عيسيٰ کي چيو ته ”منھنجو چھبڪ کڻي ڏي.“ تنھن تي عيسيٰ پنھنجي ماڻھوءَ کي چيو ته ’واڻئي جي تارازيءَ جي ڳني ڪري پيئي آھي، سا کڻي ڏينس.‘ ماڻڪ، اھي اکر دل ۾ رکيا. ھڪ ڏينھن ھن پنھورن کي مھمانيءَ جو فريب ڏيئي پاڻ وٽ گھرايو. پنھور جيئن وٽس پھتا ته ھن سڀني کي قيد ڪري، ڳاھن واري قلعي ۾ رکيو. سڀني سردارن کي ھٿيڪو ڪري، پنھنجو لشڪر وٺي وڃي عيسيٰ پنھور جي ماڳ تي ڪڙڪيو. اھو حال ڏسي، عيسيٰ پنھور جي پُٽ مير پنھور، تڙ تڪڙ ۾ ماڻھو گڏ ڪري مغلن سان ويڙھه جو اعلان ڪيو. ٻنھي ڌرين ۾ زبردست جنگ لڳي. پنھورن سِر تريءَ تي رکي، پاڻ ملھائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ھنن آخري ماڻھوءَ ۽ آخري پساھه تائين وڙھڻ جو پختو ارادو ڪيو. وڙھندي وڙھندي نوجوان مير پنھور پنھنجي ننگ ۽ ناموس تان قربان ٿي ويو. ماڻڪ، مير پنھور جي سِسي وڍي سندس پوڙھي پيءُ سردار عيسيٰ وٽ ڳاھن واري قلعي ۾ کڻي ويو. قيدي پيءُ جِي جھونجھار پُٽ جي چھري تي نظر پئي، ته ڄڻڪ سورھيه پُٽ جي سِسي کيس چئي رھي ھجي:
    ”بابا! غيرتمند ۽ بھادر پُٽ، قيدي پيئرن وٽ ھن ريت ايندا آھن.“


    دائود شورو

    حيدرآباد کان دادوءَ ويندي، اندس ھاءِ وي تي ھڪڙو ننڍڙو ڳوٺڙو، خاڻوٺ، ۽ مانجھند جي وچ تي موجود آھي. روڊ جي کاٻي پاسي ھڪ ننڍي ھوٽل ۽ ساڄي طرف ھڪ بورڊ لڳل آھي، جنھن تي لکيل آھي: ”ڳوٺ ڄام خاصائي شورو“ اِنھيءَ بورڊ ۽ ڳوٺ وٽان لنگھندي، لکھا سنڌ واسين ڪڏھن اھو سوچيو به ڪونه ھوندو ته ھيءُ ننڍڙو ڳوٺڙو سنڌ جي ڦَٽيل تاريخ ۾ ھن سر زمين جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي بي مثال جدوجھد جو شاندار مورچو رھيو ھوندو ۽ ان ڳوٺ جي رھواسين، سيوھڻ ۽ ٺٽي جي وچ ۾ خشڪيءَ ۽ دريائي رستي تي ھر وقت موت جا ملائڪ ويھاريا ھوندا- ۽ ڪڏھن انھيءَ ڳوٺ ۾ ھن ماتر ڀوميءَ جا سوين وِير سنڌ جي شينھن پُٽ، دائود شوري جي اڳواڻيءَ ۾ آزاديءَ جي جھنڊن وانگر سر بلند رھيا ھوندا!
    انھيءَ ڳوٺ جي شورن ۽ ھوسڙن، ملاحن، ٺٽي جي فوجدار خسرو بيگ جي پُٽ کي سندس لشڪر سميت ناس ڪري ڇڏيو ھو. انھن جي جنگ جو طريقه ڪار ان دور جي ڇاپا مار جنگ وارو ھو. ھنن تي جڏھن مغل فوج باقائدي چڙھائي ڪندي ھئي ته جبلن ۾ روپوش ٿي ويندا ھئا.
    ان واقعي کان پوءِ مغلن جي موڪليل صوبيدار سائين ڏنه ۽ سندس ڀاءُ شجاعت راءِ کي انھيءَ رستي سان سيوھڻ ويندي فوج سميت، شورن قتل ڪري ڇڏيو ھو. انھن جو سمورو سامان، زريءَ ڀريل ڪپڙا، خُرجينون، نغارا ۽ عربي گھوڙا به پنھنجي قبضي ۾ ڪيا ھئائون.
    جڏھن شمشير بيگ اوزبڪ، ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿيو، تڏھن سيوھڻ جي جاگير مرزا دوست محمد ۽ مير ابوالبقا کي ملي. ھڪ دفعي اُنھن پنھنجي ھڪ چاڪر، محبت جي ھٿان نار جي گدرن جي ٻيڙي ڀرائي، درياھه جي رستي شمشير خان ۽ مظفر خان ڏانھن ٺٽي موڪلي. جيئن ئي اُھا ٻيڙي ٺٽي ويندي خاصائي شوري جي ڳوٺ جي ڀرسان پھتي ته دائود شوري جي ھوسڙن ملاحن ان تي حملو ڪيو. محبت خان کي سپاھين سميت قتل ڪري، گدرا ۽ ٻيو سامان وڃي دائود جي حوالي ڪيائون. مير ابوالبقا کي جڏھن اھا خبر پئي ته کيس چُوچڙيون وٺي ويون. ھو ان ئي ڏينھن سانجھيءَ نماز مھل سيوھڻ مان ٻيڙين ۾ سوار ٿي، ٽي پھر رات جي پنڌ ھڻي، پوئين پھر اچي خاصائي شورن تي ڪڙڪيو. دائود شوري کي مغل سپاھه جي يلغار جي سُڌِ اڳ ۾ پئجي چڪي ھئي، سو پنھنجو آل عيال وٺي، جبل ڏانھن روانو ٿي چڪو ھو. مغل لشڪر ڳوٺ کي باھيون ڏئي، رھيل سھيل معذور ۽ پوڙھن شورن ۽ ھوسڙن کي قتل ڪري، ٻين کي قيدي بڻائي، ڌاڙيلن وانگر ڳوٺ کي ڦري، روانو ٿي ويو. مغلن جي موٽي وڃڻ کان پوءِ دائود وري ساڳيءَ جاءِ تي ويٺو.
    مير ابوالبقا کان پوءِ شاھه خواجه سيوھڻ جو صوبيدار ٿي آيو. ھن جي دور ۾ به دائود شوري جون مغلن سان چڪريون جاري رھيون ۽ سندس ڳوٺ خاصائي شورو مغلن جي خلاف چاڪر ھالا جي پرڳڻي جي سنڌين جي بغاوتن ۽ لڙاين جو مرڪز رھيو. اھو ڳوٺ، شاھه خواجه جي جاگير ۾ ھو، جتان کيس ھڪ پائي به ڍل وصول نه ٿَي ٿِي. تاريخ ۾ آھي ته اُنھن شورن جو مُنھن سدائين جھيڙن ۾ ھوندو ھو ۽ ڍل ڏيڻ کان آڱوٺو ڏيکاريو ويٺا ھوندا ھئا. ان ڪري، شاھه خواجه انتھائي رازداريءَ ۽ ڳجھ ڳوھه ۾ شورن تي حملو ڪيو. اتفاق سان دائود پاڻ موجود نه ھو، ان ڪري لڙائيءَ جو پورو انتظام نه ٿي سگھيو. دائود جي پر پُٺ ڪيترا شورا قتل ۽ ڪيترا قيد ٿيا. مغل سپاھين، دائود جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي، دائود شوري جي زال کي گرفتار ڪيو. شاھه خواجه اھي قيدي وٺي سيوھڻ آيو. دائود شورو پنھنجي زال ۽ ساٿين جي گرفتاريءَ جو ٻڌي سيوھڻ اچي مغلن جي پيش پيو. جڏھن ھن پنھنجي اکين سان پنھنجي زال ٻَڌل ڏٺي، تڏھن مغلن جي آڻ مڃي، پنھنجي زال ۽ ساٿين کي آزاد ڪرايائين.


    اسماعيل شورو

    ھندوستان ۾ مغل بادشاھه اڪبر، مقامي شورشن ۽ سازشن کي ٻُنجو ڏيڻ کان پوءِ ڀر وارن ملڪن کي فتح ڪرڻ جي تياري ڪئي. انھيءَ سلسلي ۾ ھن پنھنجي استاد ۽ سرپرست بيرم خان جي پُٽ عبدالرحيم خان خانان کي وڏو لشڪر ڏئي سنڌ فتح ڪرڻ جو حُڪم ڪيو، مرزا عبدالرحيم خان خانان مغلن جو شاھي لشڪر وٺي سنه 998ھه ۾ سنڌ تي حملو ڪيو، سنڌ تي ان وقت ترخان گھراڻي جو آخري حاڪم مرزا جاني بيگ حڪومت ڪري رھيو ھو.
    مرزا جاني بيگ لاءِ تاريخدانن جو چوڻ آھي ته ھو ترخان گھراڻي جي سڀني حاڪمن مان چڱو، سلڇڻو، سمجھدار ۽ بھادر حاڪم ھو. ھن جي ماءُ سنڌياڻي ھئي ۽ سندس گھر ۾ به سنڌي عورت ھئي، جنھن انڙپور وٽ تلوار کڻي مغلن سان مقابلو ڪيو ھو. مغلن جي حملي وقت جاني بيگ 35 ھزار لشڪر وٺي خان خانان جي سامھون ٿيو. جاني بيگ جي ان لشڪر ۾ 20ھزار ارغون ۽ ترخان ۽ 15 ھزار سنڌي ھئا. مغلن ۽ جاني بيگ جو مقابلو پورو ھڪ سال ھلندو رھيو، جنھن ۾ آخري جنگ لڪيءَ وٽ لڳي. جنھن ۾ 2 ھزار سنڌي ۽ 5 ھزار مغل مئا. انھيءَ جنگ ۾ جاني بيگ کي شڪست آئي ۽ ھوڏانھن مغلن جا به ٻه وڏا نامور جرنيل لڪيءَ وٽ مارجي ويا، جن ۾ اڪبر جي مشھور رَتن راجا توڏر مل جو پُٽ ڍارو مل به ھئو. جاني بيگ جي شڪست کائڻ ۽ مغلن جي مڪمل قبضي کان پوءِ به سنڌي ماڻھو ھڪ سؤ سالن تائين ٻاھرين غاصبن ۽ لٽيرن جو وڏي بھادري ۽ ھمت سان مقابلو ڪندا رھيا. ان سلسلي ۾ سنڌ جي ھر ذات، پاڙي، قبيلي ۽ راڄ، بي پناھه حب الوطنيءَ جو ثبوت ڏيندي پنھنجو پاڻ ملھايو. تاھم اھي سڀ ذاتيون، پاڙا، قبيلا ۽ راڄ ڪنھن مرڪزي تنظيم، قيادت ۽ نظام نه ھئڻ ڪري، ڇڙوڇڙ، اڪيلا ۽ بي يارو مددگار وڙھندا رھيا. نتيجي طور مغل سامراج جي وڏي، منظم ۽ جارح فوج کي شڪست ڏئي سنڌ مان نه ڪڍي سگھيا. انھن ذاتين ۾ انھن جي سردارن جي بي پناھه قربانيءَ ۽ جرئت جا داستان ھن مادر وطن جي ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ تي پکڙيا پيا آھن، جن کي گڏي ھڪ تاريخي سلسلي ۾ ڳنڍي سنڌي عوام اڳيان پيش ڪرڻ جي ضرورت آھي. انھيءَ انتشار، اختلاف ۽ ڇڙوڇڙ واري حالت ۾ سنڌ جا ٽي قبيلا ھئا، جن پاڻ ۾ مڪمل اتحاد، اتفاق ۽ يڪجھتيءَ جو مظاھرو ڪري، ڏھن ھزارن جو لشڪر رضاڪارانه بنياد تي تيار ڪيو، جو حالتن آھر جنگي حڪمت عمليون اختيار ڪندو وڙھندو رھيو. اھي ٽي قبيلا ھئا، شورا، ٻَٻر ۽ دَل، جن جو اتحاد مغل سامراج جي خلاف حب الوطنيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جي جذبي تي مبني ھو. اھي ٽئي قبيلا سَن کان وٺي شال تائين پکڙيا پيا ھئا ۽ انھيءَ پوري ايراضيءَ ۾ مغل سامراج جو جيئڻ، مسافري ڪرڻ ۽ امن سان ويھڻ جنجال ڪري ڇڏيو ھئائون. ٽنھي قبيلن جي گڏيل لشڪر جو گھڻو ڪري اڳواڻ اسماعيل شورو ھوندو ھو، جنھن پنھنجي حڪمت عمليءَ، ڏاھپ ۽ بھادريءَ سان مغلن کي ٽوٽا چٻايا؛ ۽ سنڌي حب الوطنيءَ جو مانُ مٿاھون ڪيو. اسماعيل شوري جي انھن چَڪرين مان ڪِن جو احوال ھتي ڏجي ٿو:
    (1) ترخانن جي پوئين دور ۾ مغلن جو اثر رسوخ وڌي ويو ھو، جيڪو سنڌي ماڻھن لاءِ برداشت کان ٻاھر ھو، ان ڪري ھنن ترخانن تي حملا شروع ڪري ڏنا. انھيءَ سلسلي ۾ شورن جي، ٺٽي جي حاڪم خسرو بيگ سان اڻبڻت ٿي پئي. خسرو بيگ شورن کي سيکت ڏيڻ لاءِ پنھنجي وڏي پُٽ رستم کي فوج ڏئي، سنڌي ماڻھن کي قتلام ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. نتيجي طور سنڌين ۽ ٺٽي جي فوج جي وچ ۾ خونخوار جنگ لڳي، جنھن ۾ رستم پنھنجيءَ فوج سميت قتل ٿي ويو ۽ سنڌي ماڻھن سوڀ حاصل ڪئي. انھيءَ شڪست جو ٻڌي، ٺٽي جي حاڪمن، ان اڳينءَ فوج کان وڌيڪ فوج سنڌي ماڻھن تي چاڙھي موڪلي. ان فوج جو ٻُڌي شورا، نومڙيا ۽ ٻيون ذاتيون جبلن ۾ روپوش ٿي ويون. ٺٽي جي لشڪر بلوچستان جي سرحد تائين ڳولا ڪئي، پر سنڌي ماڻھن کي لھي نه سگھيو.
    (2) جھانگير جي وقت ۾ مظفر خان معموريءَ کي ٺٽي جو حاڪم ڪري موڪليو ويو. ان وقت به ٺٽي جو گورنر خسرو بيگ ھو ۽ سيوھڻ جو جاگيردار شمشير خان اوزبڪ ھو. شمشير خان ٽي ھزار ماڻھو مظفر خان سان گڏي ٺٽي موڪليا، ٻيو لشڪر اڳ ۾ ئي مظفر خان سان گڏ ھو. ايترن گھڻن ماڻھن کي ڏسي، خسرو بيگ انھيءَ مصيبت کي ٽارڻ لاءِ دل ۾ پھ پچائي، مظفر خان کي چيو ته ”شورن، ٻَٻرن ۽ دل ذات وارن تنگ ڪري ماريو آھي، اوھان مھرباني ڪري پاڻ سان آندل لشڪر کي انھن سرڪش ماڻھن کي سيکت ڏيڻ لاءِ چاڙھي موڪليو.“ مظفر خان اھا ڳالھ منظور ڪئي ۽ مغلن جو لشڪر سنڌين سان وڙھڻ لاءِ روانو ٿيو. مغلن جي اچڻ جي خبر اسماعيل شوري ۽ سندس ساٿين کي اڳ ۾ ئي پھچي وئي ھئي، سي به پنھنجو لشڪر تيار ڪري مغلن جو اڳ جھلي ويھي رھيا. سنڌين جي لشڪر جو تعداد يوسف ميرڪ (مظھر شاھجھاني جي مصنف) ڏھه ھزار ٻڌايو آھي- ٻه ھزار سوار ۽ اٺ ھزار پيادا. پر آءٌ سمجھان ٿو ته اھو تعداد مغلن جي شڪست کي فطري رنگ ڏيڻ لاءِ ٻڌايو ويو آھي.
    ٻنھي لشڪرن جي دوبدو ٿيڻ کان اڳ سنڌين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اسان جي ھر سوار سان گڏ چار پيادا ٿين؛ ٻه سڄي ۽ ٻه کٻي طرف، پوءِ مغلن سان باقائدي ويڙھه ڪجي. مظھر شاھجھانيءَ وارو لکي ٿو ته سنڌي پيادن مغلن جي سوارن کي گھوڙن تان ھيٺ ڪيرائي قتل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مغلن جا ڪيترائي ماڻھو قتل ٿيا؛ جن ۾ مغلن جو ھڪ ڌڻيل بھادر خواجه محمد سلطان اوزبڪ به شامل ھئو. رھيل مغل لشڪر ڀاڄ کائي وڃي نيرون ڪوٽ جي قلعي ۾ پناھه ورتي. اھڙي طريقي سان سنڌي، مغلن کي ميدان جنگ ۾ شڪست ڏيڻ کان پوءِ، قلعي جو گھيرو ڪري اُن وقت تائين ويٺا رھيا، جيسين تائين ٺٽي ۽ سيوھڻ مان بيپناھه لشڪر اچي نه ڪڙڪيا. انھن فوجن جي اچڻ کانپوءِ سنڌي لشڪر قلعي جو گھيرو ڇڏي وري جبلن ۾ گم ٿي ويو.
    (3) اھو ڌڪ اھڙو نه ھئو، جنھن کي مغل آسانيءَ سان وساري ڇڏين. ان ڪري ٺٽي جي گورنر مظفر خان ٺٽي ۾ موجود لشڪر ساڻ ڪري شورن، ٻٻرن ۽ دَل ذات وارن کي ھميشہ لاءِ ختم ڪرڻ خاطر ”شال“ تي زورائتو ۽ ڀرپور حملو ڪيو. مظفر خان جو لشڪر جيئن شال جي ويجھو پھتو تيئن سنڌين جو لشڪر مناھين دل جي اڳواڻيءَ ھيٺ مغلن جي سامھون ٿيو. مغل لشڪر جي ويجھي اچڻ تي سنڌين واچوڙي واريءَ تيزيءَ سان مغلن تي حملو ڪري ڪيترا ماڻھو قتل ڪيا ۽ ھنن کي پٺتي ھٽڻ تي مجبور ڪيو. سنڌين جي اھا بھادري ڏسي، مغلن جو بھترين سپھ سالار مظفر خان اڳتي وڌڻ جو حوصلو ھاري، اُتي ڇانوڻي ھڻي ويھي رھيو. سنڌين چئني پاسن کان حملا ڪري، مغل فوج جي رسد جا رستا ڪٽي ڇڏيا. اھو سلسلو ڪيترن ڏينھن تائين ھلندو رھيو. ايتري ۾ ٺٽي ۽ بدين کان مغلن جي مدد لاءِ نيون فوجون رَسي ويون، جن جي اچڻ سان سنڌين ۽ مغلن ۾ سڌي جنگ شروع ٿي وئي. انھيءَ معرڪي ۾ بيشمار مرد، عورتون ۽ ٻار قتل ٿيا، پر اسماعيل شورو پنھنجو جٿو وٺي وري به نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان جنگ کان پوءِ واپس ورندي، مغلن حميد شوري سان جنگ ڪئي، جنھن ۾ حميد شوري ھارايو. پر بدين جي جاگيردار مير ابوالبقا جو ڀاءُ نُورالله ڪيترن ٻين سپاھين سان گڏ سنڌين جي ھٿان قتل ٿي ويو.
    (4) مغلن سان جنگين دوران بابو نالي ھڪ پليجو سردار سنڌي ماڻھن خلاف مغلن جو ڇاڙتو ۽ دلال بڻيل ھو، ھو نه رڳو سنڌين جو ساٿ نه ڏيندو ھو، پر وطن دوست ۽ حريت پسند سنڌي سپاھين جي گَسن، پنڌن، گھَٽن، گھيڙن ۽ ٺڪاڻن کان مغلن کي واقف ڪندو رھندو ھو. بابو پليجي، ٻَٻرن جي ھڪ راڄ کي پنھنجي ڀرسان اچي رھايو ۽ ھنن کي يقين ڏياريائين ته توھان جو ڪو وار ونگو نه ڪندو. ھنن کي انھيءَ دلبي ۾ رکي، ٻئي پاسي مغل فوج کي راتو واھه چاڙھي، اُنھن ٻَٻرن جي راڄ کي قتل ڪرائي ڇڏيائين.

    شورن، بابو پليجي جي انھن بدمعاشين، وطن فروشين ۽ غدارين جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ھڪ طرف ته ھنن بابوءَ جون ٻنيون ٻارا ۽ باغ ساڙائي ناس ڪرائي ڇڏيا ۽ ٻئي طرف ان پوري علائقي ۾ ڪنھن به مغل ۽ ان جي ڇاڙتي کي زندہ نه ڇڏڻ جو قسم کنيو. اِھي خبرون ٺٽي ۾ مظفر خان کي پھتيون. ھن بابو پليجي جي صلاح سان پنھنجي سوٽ مرزا محمد کي وڏو لشڪر ڏئي اسماعيل شوري کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو. مرزا محمد شاھي لشڪر سان اوچتو اچي ڪڙڪيو.
    سنڌين جي عادت ھوندي ھئي ته مغلن سان مقابلي وقت پنھنجو آل اولاد ۽ مال متاع جبلن ڏانھن موڪلي ڇڏيندا ھئا ۽ صرف مرد ماڻھو ميدان ۾ رھجي ويندا ھئا. جڏھن مغلن جو لشڪر بي خبريءَ ۾ اوچتو اچي ڪڙڪيو، تڏھن اسماعيل شوري گھڻن ماڻھن کي مال متاع ۽ آل اولاد کي جبلن ڏانھن موڪلڻ جي ڪم سان لڳايو ۽ پاڻ ڪن ماڻھن سان گڏجي مغل لشڪر سان مقابلو ڪرڻ لڳو، نتيجي طور نه مال متاع نڪري سگھيو ۽ نه وري سنڌي سورھين جو ھي مختصر جٿو حملي آورن جي سيلاب کي روڪي سگھيو.
    اسماعيل شورو ڌارين سان وڙھندي 1025ھه ۾ مادر سنڌ جي حفاظت ڪندي شھيد ٿي ويو. مغلن سامان ڦُريو، گھرن کي باھيون ڏنيون ۽ بيشمار سنڌي ماڻھن کي قيد ڪيو. اھڙي طريقي سان 30 سالن تائين مغل سامراج جي خلاف جدوجھد ڪندي، اسماعيل شوري پنھنجي حب الوطني ۽ قومي غيرت جو لافاني ۽ لاثاني سبق، سنڌي قوم جي ماڻھن لاءِ قائم ڪيو.


    جھونجھار شورو

    جھونجھار شورو، سنڌ جي سورھيه سرواڻ اساعيل شوري جو پُٽ ھو. اسماعيل شورو سنڌ جي لاءِ مغلن سان وڙھندي شھيد ٿي ويو ھو.
    سنڌ جي آزاديءَ ۽ حُريت جي جيڪا شمع سنڌ جي لافاني عظيم انسان، اسماعيل شوري، پنھنجي رَت سان روشن ڪئي ھئي، سا سندس شھادت کان پوءِ وِسامي ڪانه ويئي- پر بقول شاعر:
    جي راھه اجل ڪنھن ورتي آ،
    ھن ڀونءِ ڪئي ٻِي ڀرتي آ!
    اسماعيل شوري کان پوءِ سندس پُٽ جھونجھار شوري، آزاديءَ جي جھنڊي کي بلند رکڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ھن پنھنجي ٽڙيل پکڙيل ساٿين کي گڏ ڪري، مغلن سان ويڙھه جو سلسلو جاري رکيو. پنھنجي پيءُ وانگر ھن جي ڪردار جي خاص خوبي ھئي، آڻ نه مڃڻ، دشمن جي اڳيان ھٿيار ڦِٽا نه ڪرڻ، پنھنجي مادر وطن جي آزاديءَ واري حق تان ھٿ نه کڻڻ ۽ مغل شاھيءَ جا سنڌ مان ٿڏا پَٽڻ. انھيءَ مقصد جي راھه ۾ ھن نوجوان ۽ دلير انسان کي نه مغل سلطنت جي طاقتور فوج جو ڊپ ھو ۽ نه وري سنڌين جا باھمي اختلاف ئي ھن جي حوصلي کي پست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھيا. ھو ھڪ اھڙو نوجوان ھو، جنھن جي ذھن ۾ بغاوت، حوصلو ۽ ھمت، روز نوان، تازا ۽ توانا ٿيندا رھيا ٿي. جيتوڻيڪ جھونجھار شوري جي ڪارنامن ۽ ڪاوشن جي تفصيل کي تاريخ ۾ بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آھي، صرف ان آخري معرڪي جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ۾ ھو گرفتار ٿيو. انھيءَ واقعي متعلق مظھر شاھجھانيءَ لکيو آھي ته:
    ”جڏھن 1028ھه ۾ سيد بايزيد ٺٽي جو صوبيدار ٿيو، تڏھن ھن سان سندس پُٽ به ھئا، جيڪي ڏاڍا چالاڪ ھئا. جھانگير بادشاھه ھنن کي حڪم ڏنو ھو ته اُھي، جابلو ماڻھن جي ڪَن مھٽ ڪن. (*) جھانگير جي حڪم جي بجا آوري ڪندي، سيد بايزيد جا پُٽ، مغل سپاھين جي لوڌ وٺي، شورن ۽ دَلن تي ڪاھي آيا، جيڪي جبل جي پاسي ۾ ٽڙيل پکڙيل ھئا.“
    جيئن شڪار گاھن ۾ شڪار ڪيو ويندو آھي، تيئن سنڌي ماڻھن جو گھيرو ڪيو ويو. سنڌين به سندرا ساھي مُغلن جو مقابلو ڪيو. ٻنھي ڌرين جا ڪيترا ماڻھو قتل ٿيا. نيٺ صُلح جي بھاني دغا سان جھونجھار شورو به گرفتار ٿي پيو. جھونجھار جي گرفتاريءَ کان پوءِ ٻين ڪيترن ماڻھن کي قتل ۽ گرفتار ڪري، ڳوٺن جو سامان سڙو لُٽي، باھيون ڏنيون ويون.
    جھُونجھار شوري اھڙيءَ دغا سان گرفتار ٿيڻ کان پوءِ بيوسيءَ واري حالت ۾ به مغلن جو فرمانبردار ٿي ويھي رھڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي طور کيس ٺٽي جي جيل ۾ وجھي، اذيت ۽ عذاب جا وحشيانه طريقا استعمال ڪرڻ سان گڏ لالچ ۽ لوڀ به ڏنا ويا. پر ھن سورھيه سنڌيءَ مصيبتن تي ٽھڪ ڏنا ۽ لالچن کي انتھائي حقارت سان ٺُڪرائي ڇڏيو، ۽ عذاب سھندي ٺٽي جي جيل ۾ شھيد ٿي ويو.

    (*) ھن ننڍي کنڊ جي بادشاھه طرفان بذات خود حڪم ڏيڻ ثابت ٿو ڪري ته چاڪر ھالا پرڳڻي جي عوام جي جدوجھد دھليءَ جي ديوارن کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏيو ھو.

    ***


    يوسف سميجو

    ھي سن 1208ھه آھي. سنڌ مڪمل طور مغل شاھيءَ جي قبضي ۽ تسلط ھيٺ اچي چُڪي آھي. پوري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي عوام خلاف مغل نوابن طرفان رَت ۽ باھه جي راند جاري آھي. قابض قوتن طرفان سنڌين جون تباھيون برباديون جاري آھن ته ھوڏانھن سنڌي عوام جو ڌارين خلاف بغاوت جو جذبو به جوان آھي. جيڪو به مغل نواب ٺٽي بدلي ٿي اچي ٿو، اُن کي سڀ کان پھرين سنڌ جي ھڪ باغي، ارڏي، دلير ۽ محب وطن قبيلي سميجي جي خاتمي لاءِ خاص ھدايتون ڏنيون ٿيون وڃن.
    اھڙي قسم جون ھدايتون کڻي، 1208ھه ۾ مرزا حسام الدين مرتضيٰ ٺٽي پھچي ٿو. کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته نصرپور پرڳڻو، جنھن جي پيداوار وِيھ لک جھانگيري روپيا ٿيندي ھئي ۽ جنھن پرڳڻي صرف ھڪ سال ۾ يارھن ھزار خرار اناج ڍل طور ڏنو ھو. اُن پرڳڻي ۾ اڄ ويراني آھي ۽ سرڪار کي ھڪ ڪوڏي به وصول نٿي ٿئي. انھيءَ ساري گڙ ٻڙ جو ذميوار، سميجي قبيلي جو چڱو مڙس يوسف سميجو آھي. اِھا خبر ٻُڌڻ شرط حسام الدين پنھنجي پُٽ صمصام الدوله کي سميجن مٿان مقرر ڪيو. صمصام الدوله نصرپور پرڳڻي پھچي، ھالن لڳ ٺٽِيءَ جي ڳوٺ ۾ ڊاٻو ڪيو. ھيءُ ڳوٺ، ھالن کان ھڪ ميل پنڌ تي خُود ھالن جيڏو ئي ھو. ھن ڳوٺ وٽ کڏون کوٽي، مورچا قائم ڪيا ۽ ھالن جي ٿاڻيدار موسيٰ خان افغان سان ھڪ جٿو فوج جو گڏي، کيس سميجن تي ڪاھه ڪرڻ لاءِ موڪليو. انھيءَ وچ ۾ يوسف کي سندس جاسوسن اڳواٽ ئي مغلن جي حملي جو ٻُڌائي ڇڏيو ھو. جڏھن سڄي مغل فوج اُنھن آزاديءَ جي پروانن کي ختم ڪرڻ لاءِ مينھن واچ ڪندي روانو ٿي، تڏھن يوسف سميجي پنھنجي جنگي حڪمت عمليءَ تي عمل ڪندي، ڳوٺ خالي ڪرائي، جنگي جوانن کي مغل فوج جي لنگھ جي چوڌاري جھنگل ۾ لڪائي ويھاري ڇڏيو. جيئن ئي مغل فوج سميجن جي ڳوٺ کي ويران ڏسي موٽ کاڌي، تيئن ئي يوسف پنھنجي ساٿين سميت بکايل شينھن وانگر مٿن حملو ڪيو. محب وطن سپاھه جو ھيءُ حملو مغل فوج لاءِ موت جو طوفان ثابت ٿيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مغل سپاھه جي لاشن جا ڍير لڳي ويا ۽ رھيل فوج ڀڄي وئي.
    يوسف سميجو تَر جو معزز ۽ با اثر سردار ھو. ھُو مغل شاھيءَ جا پرڪار ڏسي، پنھنجي ھر ذاتي شيءِ ڇڏي، ويڙھاڪ جٿن سان شامل ٿيو ھو. سو انھيءَ معرڪي مان واندو ٿي، ڏينھن ڏٺي جو کيبرن جي مغل چوڪيءَ تي واچوڙي وانگر وڃي ڪڙڪيو. اُتي مغلن طرفان مقرر ٿيل سڀني ماڻھن کي سندن تمندار حاجي محمد سميت قتل ڪري رمندو رھيو. مغل بچه جڏھن اِن واردات جي خبر ٻُڌي، تڏھن يوسف جي پُٺ وٺڻ جي ھمت نه ساري واپس موٽيو. پر پنھنجي بھادريءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ ھالن ۽ سماٽي ڳوٺن جي غريب ماڻھن کي قيدي بڻائي، پنھنجي پيءُ وٽ ٺٽي وٺي ويو. پڻس بيڏوھي ماڻھن تي ھٿرادو ڏوھن جي آڙ ۾ ڳاٽي ڀڳا ڏنڊ وڌا. جڏھن ڏٺائين ته ھي غريب ماڻھو ڏنڊ ڏيڻ جھڙا ناھن ته کانئن شرعي ضابطا لکائي ورتائين.
    يوسف کي جڏھن بيڏوھي عوام سان مغل سپاھه جي اِنھيءَ ظالمانه روش جي خبر پئي، تڏھن وري ٺٽي ۾ رھيل مغل سپاھه تي راتاھو ھنيائين ۽ پوري ڳوٺ کي تباھه ڪيائين جنھن ۾ مغلن جا بي شمار سپاھي ۽ طرفدار قتل ٿيا ۽ رھيل ماڻھن وڃي ھالن ۾ پناھه ورتي.
    اڳتي ھلي تاريخ، يوسف سميجي جي باري ۾ خاموش آھي. جيتوڻيڪ حسام الدين کان پوءِ مير ابوالبقا ”وينجھري“ جي ڳوٺ تي حملو ڪري، ڪيترن سميجن کي قتل ڪيو. پر ڇا يوسف ميرڪ جي وڏي ڀاءُ جو اھو حملو ۽ قتلام ، سميجن جي دلين مان مغل شاھيءَ جي نفرت گھٽ ڪرائي سگھيو؟ تاريخ جو واضح جواب آھي، ھرگز نه ..... ھرگز نه .....!


    پريو اُنڙ

    بختيار بيگ جي موت کانپوءِ سنڌ جي محب وطن ماڻھن، خاص ڪري سميجن ۽ اُنڙن، پنھنجيءَ طاقت آھرمغلن سان ويڙھه جا سانباھا شروع ڪيا. اُنڙن، مغلن سان نفرت سبب ھر انھيءَ ماڻھوءَ ۽ قبيلي کي پنھنجي ويڙھه ۾ نشانو بڻائڻ شروع ڪيو، جنھن جي باري ۾ ھنن کي ذرو به شڪ ھو ته اھو مغلن جو طرفدار آھي. اُن سلسلي ۾ ھنن پنھورن ۽ ڪوريجن تي حملا ڪرڻ به شروع ڪري ڏنا، جيئن بکر کان وٺي سيوھڻ تائين واري علائقي ۾ ڪوبه ماڻھو يا قبيلو مغلن جو وفادار نه رھي ۽ ان پوري علائقي مان مغلن جو ڀرپور خاتمو ڪيو وڃي ۽ اتي سندن آزاد حڪومت قائم ٿئي. پنھورن ۽ ڪوريجن سان ھٿ ڳنڍڻ لاءِ ھنن درياھه سنڌ جي سيوھڻ واري پاسي بکر جي راڄڌانيءَ ۾ ڌار ڌار پرڳڻن جي ڳوٺن کي اچي باھيون ڏنيون. سميجا، اِئين ھڻندا ماريندا، ڳاھن جو پرڳڻو ڳاھيندا، وڃي ڪانھريءَ سامتاڻيءَ کان نڪتا، جتي بھاءُالدين پنھور ويٺل ھو. ھوڏانھن درياھه جي اوڀر واري طرف اُنڙن جو لشڪر پرئي انڙ جي مھنداريءَ ۾ جنگ ۾ جُنبي ويو ۽ جوڻيجن واري پرڳڻي ۾ ڪوريجن ۽ پنھورن جون سنڌيون ھڻڻ شروع ڪري ڏنيون.
    حقيقت ۾ سميجن ۽ اُنڙن جي اِھا بنيادي غلطي ھئي، جنھن سنڌ ۾ قبائلي اختلافن کي باھه ڏني ۽ ان قبائلي اختلاف ۽ تضاد مان مغلن پورو پورو فائدو وٺي، سميجن ۽ اُنڙن جي مخالف قبيلن جي مدد سان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڙھندڙ سپاھه کي ڪچلڻ شروع ڪيو. بھرحال، سميجن ۽ اُنڙن، درياھه جي ٻنھي پاسي اھڙي زورائتي يلغار ڪئي، جو سيوھڻ ۽ اُن سان لاڳاپيل پورو علائقو بغاوت ۽ جنگ جي لپيٽ ۾ اچي ويو. ڪوريجا ۽ پنھور، ٻيو ڪو حيلو نه ڏسي پاڻ ۾ مِلي ھڪ ٿي ويا ته پھريائين سميجن سان وڙھجي، جيڪي اسان ٻنھي جا جاني دشمن ٿي بيٺا آھن، پوءِ پنھنجا اختلاف به نبيري وٺبا. (ڪاش! سڀ سنڌي مغلن جي مقابلي ۾ اھا سوچ پيدا ڪن ھا.) اِھا صلاح ڪرڻ کان پوءِ ھنن مغلن کي پنھنجي ڀرپور ساٿ جي آڇ ڪري، اُنڙن تي حملي ڪرڻ لاءِ مغل فوج موڪلڻ جي درخواست ڪئي.
    اھا سِٽاءَ سٽي، چار پنج ھزار لشڪر وٺي، پنھور ۽ ڪوريجا درياھه ٽپي، جوڻيجن جي پرڳڻي ۾ ٻٻريءَ ڳوٺ اندر اچي ٿانيڪا ٿيا، جتي مغلن جو لشڪر به اچي ھنن سان گڏيو. ھوڏانھن سميجن ۽ اُنڙن جا به پنج ڇھ ھزار سپاھي پرئي اُنڙ جي اڳواڻيءَ ھيٺ گچيري ڳوٺ ۾ اچي گڏ ٿيا. اِھي خبرون ٻُڌي، مغلن، پنھورن ۽ ڪوريجن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته پيش قدمي ڪري سميجن تي ڪاھيو وڃي. پوءِ رات وچ ۾ ٺھي سنبري، ٽي ھزار سوار بھاءُالدين پنھور وٽ ٿمائي روانا ٿيا. ٻئي پاسي اُنڙ به اھا ڳڻڳوت ڪري، راتو واھه گھوڙن تي چڙھي پيا. پرھه ڦُٽيءَ مھل ٻئي لشڪر اچي ٻلھ ٿيا، خونا خوني جنگ لڳي ويئي. ٻنھي ڌرين جا ڪيئي ماڻھو رتو رت ٿي ڪُسجندا ويا. نيٺ مغل سنڌين جي مقابلي ۾ وڙھندڙ سنڌين ھار کاڌي. اتي بھاءُالدين پنھور به اچي پھتو، جنھن گرفتار ٿيل محب وطن سنڌي بھادر پرئي اُنڙ کي مغلن جي مدد سان شھيد ڪيو. اھڙيءَ ريت انڙن انھيءَ جنگ ۾ وقتي شڪست کاڌي.
    پريو اُنڙ، محب وطن سنڌي ۽ آزاديءَ جو ڪوڏيو سرواڻ ھو. ھن جي ھميشہ اھا حڪمت عملي ھئي ته پنھنجيءَ ڪمزوريءَ جي وقت گھڙيءَ کن لاءِ ٺاھه ڪري آڻ نه مڃي، دشمن جي دانگي ڀڃڻ جي ھر ڪا تدبير ڪرڻ گھرجي. ھو ھڪ دفعو اڳي به پنھنجي بھادر ساٿيءَ بودلي سميجي سان گڏ گرفتار ٿيو ھو، پر پوءِ قاسم ارغون جي سفارش تي آزاد ٿيو ھو. ان باري ۾ تاريخ سنڌ ۾ لکيل آھي ته: بختيار بيگ جڏھن پھريون ڀيرو سيوھڻ پھتو، تڏھن ھن پنھنجي نائب شھسوار کي لاکاٽ پرڳڻي ۾ سميجن ۽ اُنڙن جي تپي ڏانھن موڪليو ته ھو اتي وڃي ڍل اڳاڙي. ھو جيئن ئي اتي پھتو ته سميجن ۽ اُنڙن، پرئي جي اڳواڻيءَ ۾ شھسوار کي سندس سپاھه سميت قتل ڪري ڇڏيو. مغلن شھسوار جو وير وٺڻ لاءِ وڏو لشڪر انڙن ۽ سميجن تي چاڙھي موڪليو. ٻنھي راڄن پاڻ ۾ صلاح کان پوءِ فيصلو ڪيو ته حالتن آھر مغلن سان ٺاھه ڪرڻ گھرجي ۽ ان لاءِ مغلن وٽ وڃي پيش پئجي. پر اھو ٺاھه ٿئي ئي ٿئي، ان کان اڳ ٻنھي ڌرين ۾ خونخوار جنگ لڳي، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا گھڻا ئي ماڻھو قتل ٿيا. نيٺ پريو، بودلو ۽ جيئندو مغلن وٽ پيش ٿيا. مغلن قتل ٿيل بھادر سنڌين جون مُنڍيون کارن ۾ وجھائي، قيدين سميت سيوھڻ روانيون ڪيون، جتي پرئي، بودلي ۽ جيئندي کي جيل ۾ وڌو ويو. آخر قاسم خان، 24 ھزارن جي ضمانت ڏئي قيدين کي آزاد ڪرايو. انھيءَ قھري ڪاروائيءَ ۽ فريب ڪاريءَ جو پلاند وٺڻ لاءِ پرئي پنھنجي پوري طاقت سان مغلن خلاف جنگ شروع ڪئي، جنھن ۾ پنھنجن جي سازش ۽ ڌارين جي فريب جي وَر چڙھي، 1008ھه ۾ گچيري وٽ شھيد ٿي ويو.
    (مظھر شاھجھانيءَ جي سنڌي ترجمي تان ورتل)

    ***


    طالب اُنڙ

    آءٌ اڳ ۾ لکي آيو آھيان ته سميجن ۽ اُنڙن جي لشڪر کي وقتي طرح گچيري جي جنگ ۾ شڪست آئي ۽ سندن سورھيه سردار پريو اُنڙ شھيد ٿي ويو. پرئي جي شھادت کان پوءِ جيڪڏھن مغلن ۽ سندن حامين اِھو ٿي سمجھيو ته انڙن ۽ سميجن جي طاقت ختم ٿي ويئي، ته اُھا سندن ڀُل ھئي. اُنڙ وري طالب اُنڙ جي قيادت ۾ پنھنجي طاقت گڏ ڪري، ڪنھن موقعي جي تاڙ ۾ رھيا ته ڪڏھن ٿو وجُھ ملي، جو مغل سپاھه جي رت سان ڪُھاڙين جا ڳَن ڳاڙھا ڪجن. اِھو موقعو کين جلد ئي ملي ويو.
    سيوھڻ ۾ جڏھن نورالدين ڪروڙي، عملدار ٿي آيو، تڏھن ھن ايندي شرط پنھنجي ڀائيٽي تيمور بيگ کي ٽي ھزار سوار ڏئي، اُنڙن تي حملي لاءِ موڪليو. تيمور بيگ ھڪليندو اچي، ”وينجھري“جي قلعي ۾ ويٺو ۽ اُنڙ سونھري ڍنڍ جي وچاڳ ۾ اچي پرگھٽ ٿيا، جنھن جي چوڌاري پاڻي ھو. ھن ڀيري جنگ جو سبب ھيءُ ٿيو، جو اُنڙن ربيع جي ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. اِھو انڪار تيمور بيگ کي نه آئڙيو، ان ڪري اُنڙن سان وچڙي پيو. جڏھن سونھري ڍنڍ تي پھتوته اُنڙن جو ھڪ واھڻ سندس آڏو آيو. ھن جي ماڻھن واھڻائين کي ٻائيتال ۾ وڌو. ائين ڪندي تيمور بيگ کي پريان ڌوڙ اڏامندي نظر آئي. پڇا ڪيائين ته اھا ڌوڙ ڇاجي آھي؟ ڪن وراڻيو واچوڙو ھوندو، ته ڪن چيو ته ٿي سگھي ٿو ته غنيم ھجي. انھيءَ سوال جواب ھلندي، اُنڙن، طالب اُنڙ جي قيادت ۾ اچي مُنھن ڪڍيو ۽ ايندي شرط مغل سپاھه جي سِسين ۾ لابارو وجھڻ شروع ڪري ڏنائون. اھا حالت ڏسي، تيمور بيگ جا پَير اکڙڻ لڳا ۽ سندس ماڻھن ۾ ڀاڄ شروع ٿي. انڙن انتھائي ھمت ۽ حوصلي سان مغلن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو. مغلن لاءِ زمين تنگ ٿيڻ لڳي ۽ سنڌين جا تِير ڳڙن وانگر وسي رھيا ھئا. ٿوري دير ۾ مغلن جي لاشن جا ڍير لڳي ويا ۽ ميدان سنڌين ماريو. سنڌين، مُغلن جا گھوڙا، ھٿيار پنھوار ۽ وھٽ به ڦُري ورتا. تيمور بيگ ساھه بچائي اچي وينجھري ۾ ويٺو. اُنڙن، قلعي کي گھيرو ڪري، قلعي جي چوڌاري پيل اناج وغيرہ کنيو ۽ جيسلمير ڏانھن روانا ٿي ويا.
    ڪجھ وقت گذرڻ کان پوءِ وري سردار خان جي صاحبيءَ دوران سندس ھڪ ملازم درويش بيگ ۽ ھڪ ٻئي مغل ڪارندي ماڻڪ سنگھَ، وري اُنڙن جي ڳوٺ ”ڏيڙان“ تي حملو ڪيو. اُنڙ سندن سالار طالب اُنڙ جي اڳواڻيءَ ۾ اڳي ئي موقعي جا منتظر ھئا، تن ھڪ زبردست راتاھو ھنيو. ان راتاھي ۾ ھنن مغلن جا پنج سؤ سپاھي قتل ڪري ڇڏيا. انھيءَ معرڪي ۾ به طالب اُنڙ مغلن کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. صبح ٿيڻ تي درويش بيگ پاڻ بچائي وڃي سيوھڻ پھتو، جتان انھيءَ شرمناڪ شڪست جي خبر جھانگير بادشاھه کي موڪلي ويئي.
    وقت اڳتي وڌندو رھيو. طالب اُنڙ واچوڙي وانگر سنڌ جي ھڪ ڪُنڊ کان ٻيءَ ڪُنڊ تائين عوام کي بغاوت لاءِ اڀاريندو رھيو.
    ھاڻي سيوھن جي جاگيرداري، مير نمڪين جي قبضي ۾ اچي چڪي ھئي. ھوڏانھن اُنڙن جي باغيانه ڪارواين ۽ مغل سپاھين جي موت جون خبرون ھر وقت جھانگير کي پھچي رھيون ھيون. جنھن مير نمڪين کي، سنڌ جي گھَٽن گھيڙن، ريتن رسمن ۽ ماڻھن کان چڱيءَ ريت واقف ھئڻ ڪري، سميجن جي خاتمي لاءِ سخت ھدايتون ڏئي موڪليو.
    مير نمڪينَ، پنھنجي پُٽ ابوالبقا کي سميجن جي خاتمي لاءِ مرزا غازي بيگ کان تحريري اجازت وٺي ڏني ۽ پاڻ قنڌار روانو ٿي ويو. مير ابوالبقا سان پھريون مقابلو گچيري جي ٻُگھين ڪيو. اُن باري ۾ مير ابوالبقا جو ڀاءُ، تاريخ نويس يوسف ميرڪ لکي ٿو:
    ”ٻُگھين کاھيون کوٽي، چوڌاري لوڙھا ڏيئي، جنگ جون تياريون اڳ ئي ڪري ڇڏيون ھيون، سو ٻنھي ڌرين ۾ اچي ٻڙڌڪ متو. ابوالبقا جا ڪيئي سپاھي ۽ گھوڙا زخمي ٿي پيا. نيٺ ابوالبقا لوڙھا ٽپي اندر ٿيو. ڪيترن کي قتل ڪيائين ۽ باقي رھيل قيدي ٿيا.“
    مير ابوالبقا اُنڙن تي حملن ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڳتي وڌندو ويو ۽ وڃي ھالا ڪنڊيءَ تائين پھتو. اتي خبر پيس ته اُنڙن جو مشھور سردار ۽ جنگي جوڌو طالب اُنڙ ساڱرو ٽپي، نصرپور جي ڀِٽن ڏانھن ڌوڪيندو پيو وڃي. اھا ڳالھه ٻڌي ابوالبقا ان جي ڪَڍَ پيو ۽ انت وڃي اڳ ورتائين. طالب نصرپور جي ڀِٽن تائين پھچي نه سگھيو ۽ اتي موجود صيد ڳڙھه (لڳ ٽنڊو الھيار) جي قلعي ۾ وڃي ويٺو. طالب، صحرائي باز وانگر سدائين کليل ميدانن ۾ مغل فوج جو شڪار ڪندو رھيو ھو، تنھن کي قلعي بند ٿي وڙھڻ جو تجربو گھٽ ھو. تاھم ھن ھمت نه ھاري.
    پراڻي قلعي ۾ موجود جھڙي تھڙي سامان سان ھن وجود جي ويريءَ سان پوئينءَ وير تائين وڙھڻ ۽ مقابلو ڪرڻ جو پڪو ۽ پختو ارادو ڪيو. ابوالبقا قلعي جو گھيرو ڪيو ته قلعي مان مٿس تِيرن، توبن ۽ بندوقن ڌم لائي ڏني. مغل فوج پھريون ڌڪ پچائي ويئي، جنھن ۾ سندس ڪافي ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا. ابوالبقا اھو حال ڏٺو ته جنگي ھاٿين ذريعي قلعي جا دروازا ڀڃرايائين. قلعي جا در ڀڄڻ شرط مغل فوج قلعي ۾ ڪاھي پئي. ٻنھي ڌرين ۾ سخت جنگ لڳي. ڌڙ ڌڙڪڻ، ڪنڌ ڪرڻ ۽ لوٿون لُڇڻ لڳيون. رت ريلا ڪري وھڻ لڳو. سارو ڏينھن دوبدو ويڙھه ھلندي رھي. نيٺ طالب اُنڙ پنھنجي ٻارھن سؤ ساٿين سميت شھيد ٿي ويو. اھو واقعو 1017ھه ۾ پيش آيو.

    (مظھر شاھجھانيءَ جي سنڌي ترجمي تان ورتل)
    ***


    لاکو اُنڙ

    پرئي اُنڙ جي شھادت کان پوءِ سندس پُٽ لاکي به مغلن خلاف آزاديءَ ۽ بغاوت جو جھنڊو بلند ڪيو. ھن مغلن سان ٺاھه ڪري انھن جو زيردست ٿي ويھڻ کي وڏي ۾ وڏي لعنت سمجھي، آزاديءَ ۽ حريت کي پنھنجو مقصد بڻايو. ٿوري وقت ۾ ئي لاکي جي جدوجھد ۽ مغل شاھيءَ سان تصادم پوري سنڌ ۾ مشھوري حاصل ڪري ورتي. جنھن ڪري مغل ڪارندن جي ننڊ حرام ٿيڻ لڳي. مغلن جي مشھور خوني ڪارندي مير ابوالبقا پنھنجي ھڪ منظور نظر خدمتگار ”منظور“ کي لاکن واري تپي تي مقرر ڪيو ۽ ”جمال“ نالي دلال کي انڙن ۽ سميجن واري حصي تي مقرر ڪيو. منظور، مغلن جي پراڻيءَ عادت موجب انڙن تي ڪاھه ڪئي، جيڪا خبر لاکي کي اڳ ۾ ئي پئجي ويئي. ان ڪري ھن پنھنجي عوامي لشڪر سان منظور جي پُٺ وٺي ان جا گھَٽ گھيڙ سوڙھا ڪيا. منظور جيڏانھن به ڪاھڻ جي ٿي ڪئي ته انڙن مٿس وار پئي ڪيا. انھيءَ ڇڪتاڻ ۾ لاکي ھڻي مغلن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا ۽ ويھارو کن مغل سپاھي اجل جو شڪار ٿي ويا. انھن جا گھوڙا، سامان ۽ ھٿيار به لاکي ھٿ ڪيا. منظور ڀڄي وڃي جھانگير آباد جي قلعي ۾ پناھه ورتي. مير ابوالبقا کي جڏھن انھيءَ عبرتناڪ شڪست جي خبر پئي ته کيس سخت بخار وٺي ويو، ان ڪري پنھنجي وڏي پُٽ عتيق الله کي وڏو لشڪر ڏيئي، سميجن تي ڪاھه ڪرڻ لاءِ مُڪائين. ھن جي پھچڻ تي اُنڙن ڳالھيون ھلائڻ لاءِ چيو، پر عتيق الله مفتوح قوم جي جانباز حريت پسندن سان ڳالھائڻ پنھنجي شان جي خلاف سمجھي جنگ ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو. انھيءَ ھوڏ ۾ ھُو صاڀيءَ واري ڍنڍ تي پھتو ئي مس ته پريان جوار جي پوک پويان پرو پِيس، جتي سميجا پنھنجو سامان سڙو، مال متاع ۽ ٻار ٻچا، جيسلمير ڏانھن موڪلي ويٺا ھئا. عتيق الله پنھنجي غرور ۾ سميجن تي ڪاھه ڪئي. اڃا مغلن جو لشڪر حملو ڪري ئي ڪري، ان کان اڳ ۾ لاکي اھڙو ته زورائتو حملو ڪيو، جو پھرئين کي ڌڪ سان مغلن جي چاليھن فوجين کي گھوڙن تان ڪيرائي، ڪُھي ڇڏيائين. خُود لاکو به دودي سومري وانگر سورھيائيءَ سان وڙھندي شھيد ٿي ويو. لاکي جي شھادت جي باوجود، اُنڙن عتيق الله کي ذلت آميز شڪست ڏني ۽ ھو ٻُوٿ ڦلھو ڪري، جھانگير آباد جي قلعي ۾ موٽي آيو. سندس سمورو سامان به اُنڙ ڦري ويا. لاکي جي شھادت 1024ھه ۾ ٿي.

    (مظھر شاھجھاني جي سنڌي ترجمي تان ورتل)

    ***


    ميان نصير محمد ڪلھوڙو

    سنڌ جي ممتاز اديب، محمد ابراھيم جويي جي تحقيق مطابق ڪلھوڙا، سنڌي آھن، جن سنڌ ۾ قومي اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ شاندار جدوجھد ڪئي ھئي. سنڌ جي انھيءَ نامور گھراڻي جي عظيم فرزندن مان ھڪ ميان نصير محمد ڪلھوڙو آھي.
    ”تحفة الڪرام“ ۾ آھي ته: ميان شاھل محمد جي شھادت کان پوءِ سندس ڀائيٽو، ميان نصير محمد، 1068ھه ۾ پنھنجي بزرگن جي مسند تي ويٺو. ھيءُ پنھنجي بزرگن کان به گوءِ کڻي ويو. سندس ھمعصر ھِن جي جماعت ڏسي ساڙ کائڻ لڳا: نيٺ مقامي ماڻھو جنگ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ بکر جي مغلن کي سنڌ جي ھنن فقيرن تي چاڙھي آيا. اُن ڪري فقير نصير محمد ٿر ڏانھن ھليو ويو، پر اُتي پوک جي انتظام نه ھئڻ ڪري ھو وري موٽي پنھورن جي علائقي ۾ آيو. مير پنھورن جو سردار فقير صاحب کي تڙي ڪڍڻ لاءِ بکر جي حاڪم جي صلاح سان وڏي لشڪر سان ڪاھي آيو. ان لشڪر ۾ پتي پٺاڻ سبيءَ جو حاڪم مرزا خان به شريڪ ھو. ڪجھ جھڙپن کان پوءِ اُھو پٺاڻ حاڪم صلح جي بھاني سان فقير صاحب کي قيد ڪري، بادشاھه عالمگير وٽ وٺي ويو. فقير صاحب اتي ڪافي عرصو قيد رھيو. پٺيان سندس فقيرن تي ڪيترا ڀيرا مغلن حملا ڪيا ته جيئن ھيءُ مذھبي روپ ۾ قومي سنڌي تحريڪ بلڪل ختم ٿي وڃي. انھيءَ وچ ۾ ميان نصير محمد به مغلن جي قيد مان ڀڄي نڪتو ۽ پنھنجي وطن پھچي ويو. اِھي حالتون ڏسي، سنڌي ماڻھو سندس چوڌاري گڏ ٿيڻ لڳا.
    ھاڻي فقير نصير محمد پنھورن جي اھڙي علائقي ۾ اچي رھيو، جنھن جي ھڪ طرف جبل ۽ ٻئي پاسي پاڻي ھو، اتي ھن شھر ”گھاڙي“ آباد ڪيو. پنھنجو اصلي علائقو ”فوج فقير“ ۽ ڪاڇو، عنايت فقير کي ڏنائين. ھاڻي سندس اُھي فقير، جيڪي اڳي تجرد واري زندگي گذاريندا ھئا، سي شاديون ڪري عيالدار ٿي پيا ۽ ملڪ ۽ زمين وڌائڻ جو فڪر ڪرڻ لڳا ۽ مير يعقوب بکر جي حاڪم کي زبردست شڪست ڏنائون. اھڙيءَ ريت، مغلن جي اقتدار جي حامين سان ڪيترين جنگين ۾ فقيرن کي سوڀ نصيب ٿي. نيٺ ھنن لاکاٽ پرڳڻو مغلن کان مقاطعي تي ورتو ۽ ساھتي پرڳڻي تي طاقت سان قبضو ڪري ورتائون. انھيءَ پرڳڻي ۾ ڪلھوڙن جي ھڪ فقير ”فيروز ويرڙ“ نئون شھر ٻَڌايو، جيڪو اڳتي ھلي نوشھري فيروز جي نالي سان مشھور ٿيو. انھيءَ ريت ميان نصير محمد جي مريدن، سنڌ تي ھڪ قِسم جو اقتدار حاصل ڪري ورتو. اھي ڪوششون، سنڌ ۾ قومي حڪومت جي قيام لاءِ پِيڙھه وارو پٿر ھيون، جن ۾ ميان نصير محمد جي درويشانه قيادت کي وڏو دخل آھي.
    ***


    ميان دين محمد

    1792ع ۾ ميان دين محمد، پنھنجي پيءُ نصير محمد جي فقيريءَ واري مسند تي ويٺو. ھن پنھنجو آبائي طريقو جاري رکيو. اُھي زميندار، جيڪي ميان ميان نصير محمد جي زماني ۾ ناڪام ٿي، خاموش ٿي زندگي گزاري رھيا ھئا، سي ھاڻي موقعو ڏسي، ميان دين محمد سان وڙھڻ لاءِ تيار ٿي ويا. مير پنھور، جنھن جو شھر ”فتح پور“ فقيرن جي قبضي ۾ ھو، سو دھليءَ جي بادشاھه وٽ فريادي ٿي ويو ۽ ميرزا خان پني پٺاڻ جي نالي شاھي حڪم وٺي آيو ته اُھو مير پنھور جي مدد ڪري. پر مرزا پني فقيرن جي مقابلي ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيو. آخر درٻار شاھيءَ مان انھيءَ مھم لاءِ امير شيخ جھان مقرر ٿيو ته اُھو فقيرن کي ختم ڪري. ان حڪم پٽاندر امير شيخ جھانَ، مير پنھور جي ڏَس تي فقيرن تي حملو ڪيو- ڪلھوڙن طرفان سندن مريدن، ڏيري جي قلعي مان نڪري، مغليه لشڪر جو مقابلو ڪيو ۽ ڳوٺ ڳيريلي وٽ مغليه فوجن تي راتاھو ھنيو، جنھن مغليه لشڪر جا اوسان خطا ڪري ڇڏيا. ھيڏانھن ميان دين محمد گھاڙيءَ مان ھڪ لشڪر فقيرن جي مدد لاءِ موڪليو. ٻنھي لشڪرن گڏجي، امير شيخ جھان جي لشڪر تي سخت حملو ڪيو، جنھن ۾ امير شيخ جھان مارجي ويو ۽ بکر جي حاڪم ڀڄي جان بچائي. ٻئي دفعي قنبر بروھي وڏو لشڪر وٺي، فقيرن تي ڪاھي آيو، ليڪن ان کي به سخت ناڪاميءَ جو مُنھن ڏسڻو پيو.
    امير شيخ جھان جي قتل ۽ بکر جي حاڪم الله يار جي ڀاڄ جي خبر ٻُڌي، شھزادي معزالدين (جيڪو عالمگير جو پوٽو، لاھور ۽ ملتان جو گورنر ۽ سنڌ جو نگران ھو) سِڌو سنڌ جو رخ ڪيو. جڏھن ميان دين محمد شھزادي جي اچڻ جي خبر ٻُڌي، تڏھن ميان صاحب پنھنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد کي ٻن وڪيلن سان گڏ بکر موڪليو. جن شھزادي کي سڀ حالتون سمجھائي، سندس دل صاف ڪري ڇڏي، جنھن ڪري ھو مطمئن ٿي، لاھور واپس روانو ٿي ويو. پر اوچتو ئي اوچتو، انھيءَ وچ ۾ عجيب واقعو پيش آيو. ٿيو ھيئن جو شھزادي جي واپس وڃڻ کان پوءِ ڪلھوڙا خاندان جي نامياري سپھ سالارشاھه بھارا جي وڏي ڀاءُ مقصود فقير جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته شھزادي اسان جي بھادريءَ جا جوھر ته ڏٺا ئي ڪونه، ان ڪري کيس پنھنجي طاقت جو اندازو ڏيکاري. اھو خيال ايندي ئي ھن لشڪر تيار ڪري، ميان دين محمد کي ٻڌائڻ کان سواءِ ماٿيلي تي حملو ڪري ڏنو ۽ پوءِ اڳتي وڌي، اُچ ۾ مغليه ماڻھن جو قتلام شروع ڪري ڏنائين.
    شھزادي معزالدين کي جڏھن ڪلھوڙن جي لشڪر جي ھن ڪاروائيءَ جي خبر پئي ته ھُو سخت ڪاوڙ ۾ واپس آيو. شاھي فوجن سيوھڻ ۾ ترسي، ميان دين محمد جي علائقن ۾ لُٽ مار شروع ڪري ڏني. مغل فوج ڇھ مھينا سيوھڻ ۾ رھي. نيٺ ميان دين محمد صلح جي لاءِ درخواست ڏني ۽ پاڻ شھزادي وٽ ھلي آيو. شھزادو معزالدين، ميان دين محمد کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو، باقي ميان صاحب جي رھيل ماڻھن جي نگرانيءَ لاءِ ھڪ فوج ڇڏي ويو ته اھا باقي ماڻھن کي گرفتار ڪري وٺي اچي.
    ميان دين محمد جو وچٽ ڀاءُ ميان يار محمد ھاڻي ميان دين محمد جو قائم مقام ھو، سو اُن لاءِ تيار نه ھو ته ڪو پنھنجي ماڻھن ۽ واسطيدارن کي مغل فوج جي حوالي ڪيو وڃي. ھن مغل فوج سان جنگ جو اعلان ڪيو ۽ انتھائي ثابت قدميءَ سان مغل فوج جو مقابلو ڪيو. ٻنھي ڌرين ۾ سخت جنگ لڳي، جنھن ۾ تاريخدانن جي مطابق رت جون نديون وھي ھليون. ميان يار محمد جي طرفان تاجي فقير، جادي فقير ۽ بختيار فقير پنھنجن پنھنجن جٿن سان گڏجي واھه جو پاڻ ملھايو. انھيءَ جنگ ۾ مغل فوج جا ٻه زبردست بھادر، راجا گجه سنگھ ڀٽي ۽ سورج مل، اودي پور وارو ميدان جنگ ۾ مارجي ويا ۽ نئين گاج جي ڪناري تي ڪلھوڙن جي لشڪر مغل فوج کي زبردست شڪست ڏني. اھا جنگ 1799ع ۾ ٿي. شھزادي انھيءَ شڪست کان بي پرواھه ٿي، ميان دين محمد کي ملتان ۾ شھيد ڪرائي ڇڏيو.


    فيروز فقير ويرڙ

    جڏھن ميان نصير محمد کي، ميرزا خان پنيءَ دوکي سان گرفتار ڪرائي ھندوستان وٺي ويو، تڏھن به سنڌ ۾ مغلن جي خلاف فقير جي آزاديءَ جي جنگ جھَڪي ڪانه ٿي ۽ اِنھيءَ جنگ کي جاري رکندڙ فقيرن مان، فيروز فقير ويرڙ سرِ فھرست آھي.
    ھڪ دفعي فيروز فقير جي قيادت ۾ فقيرن بکر جي گورنر مير يعقوب کي عبرتناڪ شڪست ڏني. اُن کان پوءِ به فقير ننڍين ننڍين جنگين ۾ مغلن جي حامين کي شڪستون ڏيندا رھيا. پوري ساھتي پرڳڻي تي فيروز فقير ۽ فريد فقير جي ڪوشش سان قبضو ٿيو. انھيءَ پرڳڻي ۾ فيروز فقير ھڪ نئين شھر جو بُنياد وڌو جنھن کي اڄ ”نوشھرو فيروز“ چيو وڃي ٿو.
    اڳتي ھلي ميان دين محمد جي دؤر ۾ سنڌين جي نا اتفاقي، وري ميرزا پنئي کي فقيرن تي حملي ڪرڻ لاءِ گِھلي آئي، پر اُن جي دال نه ڳري ۽ فيروز فقير جي اڳواڻيءَ ۾ فقيرن کيس سخت شڪست ڏني. انھيءَ شڪست جو ٻُڌي، مغليه درٻار مان مغلن جو ناميارو سردار امير شيخ جھان، فقيرن کي تباھه ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو. انھيءَ شخص ايندي شرط فقيرن تي حملو ڪيو.
    فقيرن طرفان اُتي ڏيري جي قلعي مان ٻاھر نڪري، فيروز فقير جي اڳواڻيءَ ۾ ڳيريلي ۾ مغل لشڪر تي ڇاپو ھنيو، جنھن مغلن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. ھوڏانھن ميان دين محمد فيروز فقير جي مدد لاءِ ٻيو لشڪر موڪليو. ٻنھي لشڪرن گڏجي فيروز فقير جي اڳواڻيءَ ۾ مغل فوج تي حملو ڪيو، جنھن ۾ مغل سردار مارجي ويو ۽ بکر جي حاڪم ڀڄي جان بچائي.

    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343845
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ