ڪتاب جو نالو: جنين لوهه لڱن ۾ (جيل ڊائري)
مصنف: علي ھينري / يوسف سنڌي
ڇپائيندڙ: سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 1990
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 25 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 420 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 237 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هيءُ ڪتاب الجزائر جي صحافي علي هينريءَ جي جيل ڊائريءَ تي مشتمل آهي. جنهن جو ترجمو يوسف سنڌيءَ ڪري ڇپايو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ تشدد ۽ ايذاءَ ڏيڻ جا طريقا پوري تفصيل سان بيان ڪيا آهن. علي هينري فرينچ هوندي به الجزائر جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي هم قوم حڪمرانن خلاف وڙهيو. نتيجي ۾ جيڪي ڪجهه ڀوڳيائين، سو سڀ هن ڊائريءَ ۾ ڄاڻايو اٿس. هو لکي ٿو ته: هنن لفظن پڙهڻ مهل اوهين انهن ماڻهن بابت ضرور سوچيندا هوندا، جيڪي گم ٿي ويا آهن، جن کي پنهنجي آزادي ماڻڻ جو يقين هو ۽ جيڪي هن گهڙيءَ به بي ڊپا ٿي پنهنجي موت جي اوسيئڙي ۾ آهن. انهن بابت، جيڪي ٽياس تي ٽنگيا ويا آهن، انهن جي باري ۾ جيڪي نفرت ۽ تشدد جي باوجود به فرينچ ۽ الجزائري ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ دوستيءَ تي يقين رکن ٿا، ڇو ته هيءُ ڪتاب انهن مان هر هڪ جي ڪهاڻي به ٿي سگهي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • پنھنجي پاران
  • ڊائري
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10

  • ڪتاب بابت

    جنين لوهه لڱن ۾
    (جيل ڊائري)

    علي ھينري
    سنڌيڪار : يوسف سنڌي

    سچائي اشاعت ڪتاب گھر- دڙو
    1990ع

    ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ: شاھنواز سومرو
    2008


    ارپنا

    حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾،
    شھيد ٿيل سنڌين جو فرياد:


    سڄڻ سور ڪيڏا، اوھان لئه سٺاسون،
    بنا موت دلبر، اوھان لئه مئاسون،
    تڏھن ڀي نٿا سڏ ڏيو، ڪو سڏ ۾،
    ٻَڪر جيئن اي ھمدم! اوھان لئه ڪُٺاسون.
    (اڪبر شاھه)


    ۽،
    ان فرياد جي جواب ۾،
    سڏ اونائيندڙ سنڌين جي نانءُ
    ارپيم ھي ڪتاب-



    - يوسف سنڌي


    پنھنجي پاران

    جڏھن مون ھي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيو ته ڪٿي ڪٿي ساٿي علي ھينريءَ جي تڪليف جو احساس محسوس ڪندي ڏڪي ٿي ويس، ۽ ڪتاب بند ڪندي ائين ٿي محسوس ڪيم، ڄڻ اھو عذاب مون تي نازل ٿي رھيو آھي. پوءِ ترجمي دوران پڻ ڪافي ڀيرا اُن ڪيفيت مان لنگھڻو پيم. عذاب ..... لڳاتار عذاب، ڏاڍي ڏُکي شيءِ آھي ۽ جنھن ماڻھوءَ ان جي رڳو ھڪڙي جھلڪ به ڏٺي ھوندي تنھن کي ئي ان جو احساس ھوندو. پر آزاديءَ جا پروانا ڪنھن عذاب کان ھرگز نه ڊڄندا آھن. جيل، ھٿڪڙيون، ڦاھيون ۽ ڦٽڪا سندن ڏيج ھوندو آھي، ۽ ان کان پوءِ ھڪ اھڙو صبح اڀرندو آھي، جنھنجي تمنا ھر آزادي پسند کي ھوندي آھي.
    جسماني عذاب ۽ اھو به وري لڳاتار، ٻڌڻ سان ئي ڏڪايو وجھي. ھڪ ڀيري ڪامريڊ ڄام ساقيءَ ٻڌايو ته لاھور واري قلعي ۾ کيس جنھن تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سڄي روئداد ھن لکي، جيڪا پوءِ ھڪ دوست ھٿان گم ٿي ويئي. سندس چواڻي ته ھن اھا ڊائري جنھن ڪيفيت ۾ لکي ھئي، تنھن جو ھاڻ تصور به نٿو ڪري سگھي.
    اسان تي اھو تشدد ڏاڍي منظم رٿابنديءَ سان ۽ مختلف روپن ۾ جاري آھي. ڪڏھن ڌاڙيلن جي آڙ ۾ ته ڪڏھن ايم- آر- ڊي تحريڪ جو بھانو بڻائي. ڪڏھن ٽوڙي ڦاٽڪ جي روپ ۾ ته ڪڏھن پھرين آڪٽوبر جي روپ ۾، سنڌين جو قتل عام ۽ نسل ڪشي لڳاتار جاري آھي. شھرن ۾ دھشت گرد کلي عام سنڌين جي خلاف ڪاروايون ڪندا ٿا رھن پر اسان جي حڪومت ۽ اڳواڻ محترم اخباري بيانن ۽ مذمت کانسواءِ ڪا وڌيڪ ڳالھ ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. حڪومت وعدا ته ڪري ٿي ۽ حڪومتي ايجنسين کي چڱي طرح خبر به آھي ته دھشت گرد ڪير آھن ۽ ڪٿي ٿا رھن، پر الائجي ڇو کين ھٿ لائڻ کان ھو ڊڄن ٿا.
    باقي اسان جي اڳواڻن سڳورن ۾ ته ايتري ٿوم ڪونھي جو ڪو عملي قدم کڻي سگھن. باقي ڄنڊا پٽ ۽ سازشون ٺاھڻ (سو به ھڪ ٻئي جي خلاف) ۾ ايترا ته ماھر آھن جو کين ڄنڊا پٽ جو نوبل انعام ملڻ گھرجي. انھن مان به وري نام نھاد ڄٽ ليڊرن مان ته مورڳو اڙجي ويا آھيون. ڄاڙيون اھڙيون ٿا ھڻن جو خدا جي پناھ باقي....... باقي ڇا چئجي ۽ ڪھڙا سور اورجن.......
    ھي ڪتاب الجزائري صحافي ۽ سورمي علي ھينري جي جيل جي ڊائري آھي، جنھن ۾ تشدد ۽ ايذاءَ ڏيڻ جا طريقا پوري تفصيل سان موجود آھن. سارتر چواڻي ته ”ھيءُ ڪتاب ڪمزور دل رکندڙن جي پڙھڻ لاءِ نه آھي.“ مون کي حيرت آھي ته علي ھينري فرانسيسي ھوندي به الجزائر جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي ھم قوم حڪمرانن خلاف وڙھيو، نتيجي ۾ جيڪو ڪجھ ڀوڳيائين، سو سڀ ھِن ڪتاب ۾ موجود آھي. ڪي دوست اسان وٽ پنجابين جي وڪالت ٿا ڪن، پر ھو ڪو ھڪ پنجابي به ڏيکارين، جيڪو سنڌ جي ڪاز لاءِ وڙھيو ھجي، جڏھن ته الجزائر جي جنگ آزاديءَ ۾ سارتر ۽ سندس ساٿي الجزائرين جي حَقن لاءِ وڙھيا، جن مان ڪيترا ته شھيد به ٿيا.
    ھا ته ايتري ظلم ۽ بربريت جي باوجود به علي ھينريءَ دغابازي نه ڪئي، ھيڻي نه ٻولي ۽ ڄميو رھيو: ”اوچتو مون کي ڏاڍي فخر ۽ خوشيءَ جو احساس ٿيو ته آءٌ جھُڪيو نه آھيان، ھاڻي مون کي پَڪ ٿي ويئي آھي ته جيڪڏھن ھنن وري قصو شروع ڪيو ته آءٌ سھي ويندس ۽ توڙ تائي ڄميو رھندس ۽ پنھنجو پاڻ کي ماري سندس ڪم کي سولو نه ڪندس.“
    ۽ ھي ڪتاب اوھان جي حوالي ڪندي آئون اوھان مان اھڙي ئي اُميد رکان ٿو!

    يوسف سنڌي
    دڙو
    7- مارچ 1990ع


    ڊائري

    ھن وڏي جيل ۾، جنھن جي ھر کولي انساني اھنجن ۽ تڪليفن جو ھڪ مقدار کڻيو بيٺي آھي، اتي پاڻ بابت ڪا ھڪڙي ڳالھ چوڻ به ناشائستگي آھي، جن کي موت جي سزا ملي آھي تن جي لاءِ زميني حد مقرر آھي، ھو اٺ آھن ۽ سندن پير ھڪ ئي زنجير ٻَڌا ويا آھن، ۽ ھو پنھنجي خاتمي يا سزا جي مھمليءَ جي اوسيئڙي ۾ آھن. انھن مان ڪوبه اھڙو ڪونھي جيڪو رات جو ان خيال سان پنھنجي تونئريءَ تي پاسو نه ورائيندو ھجي ته صبح ڀوائتو به ٿي سگھي ٿو. انھن مان ڪوبه اھڙو ڪونھي، جيڪو پنھنجي سموري سگھ سان اھا خواھش ڪرڻ کان سواءِ سمھي سگھيو ھجي ته صبح جو سلامت ھجي. ان جي باوجود به، ھر روز جيل جي ان حصي مان بندش پيل گيت ٻڌڻ ۾ ايندا آھن ........ اُھي خوبصورت گيت جيڪي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪندڙ قومن جي دلين کي ڇُھن ٿا.
    عذاب؟ ان لفظ کان اسين ھڙئي گھڻو اڳ واقف آھيون ۽ ھتي جا ايڪڙ ٻيڪڙ قيدي اھڙا آھن جيڪي ان کان بچيا ھجن، نه ته نوان آيل جڏھن گفتگو ڪرڻ جي قابل ٿين ٿا ته سڀ کان پھرين کانئن ھي سوال پڇيا وڃن ٿا.
    ”توکي ڪڏھن گرفتار ڪيو ويو؟“
    ”توتي تشدد ڪيو ويو آھي؟“
    ”اھو تشدد پارا (Para Troops) ڪيو آھي، يا جاسوسن.“
    پر منھنجي ڪھاڻي ان ڪارڻ خصوصيت جي حامل آھي جو ان ماڻھن جو ڌيان ڇِڪايو آھي، جيتوڻيڪ اھا ڪا ايتري اھم ڪانھي. منھنجي عرضداشت ۽ ھي لفظ ان ظالم ۽ خوني جنگ جي عام رواج کي ھڪ مثال سان بيان ڪن ٿا.
    مون کي گرفتار ٿيندي ٽن مھينن کان به وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آھي ۽ اُن وچ ۾ آئون ايتري ذلت ۽ تڪليف مان لنگھيو آھيان جو، جيڪڏھن مون کي اھو ڀروسو نه ھجي ته اُن مان ھڪ مقصد حاصل ٿيندو ۽ حقيقت کي سامھون آڻي سگھان ته آءٌ شايد ٻيھر تڪليف وارن انھن ڏينھن ۽ راتين جو ذڪر ڪرڻ لاءِ ڪڏھن به تيار نه ٿيان ھا. سڄو سارو ھڪ مھينو مون سڄيون راتيون عذاب مان گذرندڙ ماڻھن جون رڙيون ٻڌيون آھن، جيڪي سدائين منھنجي يادگيرين ۾ گونجنديون رھنديون. مون قيدين کي ھڪ ماڙ تان ٻي ماڙ تائين ڦٽو ڪندي ڏٺو آھي ۽ ھو تڪليف ۽ مارڪٽ سان چُپ چاپ فقط ھڪ قديم عربي دعا جا شروعاتي ٻول ئي بڙ بر ڪري چئي ٿي سگھيا.
    اُن کان پوءِ مون کي ٻين ظلمن بابت به خبر پئي. مون کي منھنجي دوست ”ماريس آؤن“ جي گمشدگي بابت ٻڌايو ويو، کيس مون کان چوويھ ڪلاڪ اڳ گرفتار ڪيو ويو ھو. جنھن کي ان ئي ٽولي ايذاءُ ڏنو ھو، جنھن پوءِ مون کي پنھنجي ھٿن ۾ ورتو ھو. ھو به، جميعت العلماءِ شيخ طبيسي جي صدر ڊاڪٽر شريف ظاھر ۽ ڪيترن ٻين جيان گُم ٿي ويو ھو. لوڊيءَ ۾ منھنجي ملاقات پنھنجي دوست ”ڊي ملي“ سان ٿي جيڪو ڪجھ وقت اڳ بلڊا جي اسپتال ۾ ملازم ھو ۽ کيس پڻ پارا ايذا رسايو ھو.
    پنھنجي نئين ٽيڪنڪ موجب کيس لوھه جي ھڪ ڪرسيءَ سان اگھاڙو ٻڌي ان مان ڪرنٽ لنگھايو ويو ھو. ھن جي ٻنھي ٽَنگن ۽ سٿرن تي اڃا به سڙڻ جا وڏا نشان موجود آھن. ”پارا سان ٽيتاليھ ڏينھن، معاف ڪجو..... پر مون کي اڃا به تڪليف پئي ٿئي جو ھنن منھنجي زبان ساڙي ڇڏي ھئي.“
    ديوار جي ٻئي طرف عورتن واسطي مخصوص ٿيل حصي ۾ ڪيتريون ئي جواڻ جماڻ ڇوڪريون قيد ۾ آھن، ھو ھڙئي بھادري ۽ وطن جي حُب ۽ جذبي سان سرشار آھن. منجھائن ڪنھن به ڪنڌ نه جھڪايو آھي. جميله بوھائرڊ، ايلائٽي لوپ، نسيمه ھيلال، لوسي ڪوسڪاس، ملڪه خين، ڪوليٽي گريگوري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڇوڪريون آھن، جن کي اگھاڙو ڪري ماريو ويو. ۽ سندن عصمت دري ڪئي ويئي. انھن کي به پاڻي ۽ بجليءَ سان اذيتون ڏنيون ويون. ھتي اسان مان ھر ھڪ کي ”اينڪ ڪاسٽل“ جي شھادت جي خبر آھي، جنھن جي ھڪ پارا زوري عزت لُٽي ھئي ۽ ھن پاڻ کي حمل سان ڏسي آپگھات ڪري ڇڏيو.
    اھو سڀ ڪجھ مان ڄاڻان ٿو، مون ڏٺو آھي، مون ٻُڌو آھي. ظلمن جي باري ۾ جيڪي مون ڏٺا آھن، تن بابت ٻيو ڪير ڇا ٿو ڄاڻي سگھي.
    ھنن لفظن پڙھڻ مھل اوھين انھن ماڻھن بابت ضرور سوچيندا ھوندؤ جيڪي گُم ٿي ويا آھن، جن کي پنھنجي آزادي ماڻڻ جو يقين ھو ۽ جيڪي ھن گھڙيءَ به بي ڊپا ٿيو پنھنجي موت جي اوسيئڙي ۾ آھن. انھن بابت جيڪي ٽياس تي ٽنگيا ويا آھن، انھن جي باري ۾ جيڪي نفرت ۽ تشدد جي باوجود به فرانسيسي ۽ الجزائري ماڻھن جي وچ ۾ امن ۽ دوستيءَ تي يقين رکن ٿا، ڇوته ھي ڪتاب انھن مان ھر ھڪ جي ڪھاڻي به ٿي سگھي ٿو.


    1

    اربع 12- جون تي شام جو چار کن ٿيا ھئا، جڏھن پارا ٽروپس جو ”ليفٽيننٽ چا“ پنھنجي ماڻھن ۽ ھڪ پوليس واري سان گڏ مون کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ”آئون“ جي گھر پھتو. ڪالھ منھنجي دوست ماريس آئون کي جيڪو الجيرز يونيورسٽي جي ”فيڪلٽي آف سائنس“ ۾ اسسٽنٽ ھو، ھتان ئي سندس گھر مان گرفتار ڪيو ويو ۽ پوليس پنھنجي پويان جاسوس ڇڏي ويئي ھئي. جڏھن آءٌ سندن ڄار ۾ ڦاٿس ته ساڳئي ھمراھه دروازو کوليو. مون بچي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن مون تي پستول تاڻيو ۽ ڌڪي ھيٺين ماڙ تي آڻي، زوريءَ ھڪ گھر ۾ ڌڪي ڇڏيائين، جاسوس گھڻو ئي گھٻرايل ھو، تنھن پارا ٽروپس جي ھيڊ ڪوارٽر تي فون ڪري ھڪدم مدد طلبي. ان دوران ھو اکيون مون ڏانھن ڪيو مون کي گھوريندو رھيو.
    جڏھن ليفٽيننٽ ڪمري ۾ گھڙيو، اُن گھڙيءَ مون محسوس ڪيو ته مون کي ڪھڙيءَ ڳالھ جي اميد رکڻ گھرجي. ھڪ وڏي ٽوپيءَ جي ھيٺان سندس ننڍو پر چڱي طرح پاڪي گھمايل، ڪنھن ريگستاني لومڙيءَ جھڙو گول چھرو مون ڏانھن ڏسي مُرڪيو.
    ”واھه جو شڪار آھي.“ ھن ھر لفظ ڌار ڌار ۽ زور ڏيئي ڳالھائيندي چيو.
    ”ھي ھينري علي آھي..... ”الجيزري پبلڪن“ اخبار جو اڳوڻو ايڊيٽر.“
    پوءِ ھڪدم مون ڏانھن مُڙي پڇيائين:
    ”تون ڪٿي لڪل ھئين؟“
    ”اھو مان نه ٻڌائيندس.“
    ھو مُرڪيو ۽ پنھنجو ڪنڌ کڻي خود اعتماديءَ سان چيائين.
    ”اسين پوءِ تنھنجي لاءِ ھڪ مختصر سوال نامون تيار ڪنداسين جيڪو تنھنجا خيال بدلائي ڇڏيندو ۽ منھنجو توسان وعدو آھي ته تون جواب ضرور ڏيندين.“ ۽ پوءِ ساڻس گڏ آيلن کي مخاطب ٿيندي چيائين،
    ”ھن کي ھٿ ڪڙي ھڻو.“
    ھنن سان گڏ چاڙھين جون ٽي منزلون لھي ھيٺ گھٽيءَ ۾ پھتس جتي ليفٽيننٽ جي موٽر اڳ ۾ تيار بيٺي ھئي، ھنن مون کي پويان ويھاريو ۽ مون سان ھڪ پارا ٽروپس به ويٺو جنھن جي اسٽين گن جي نالي منھنجي ڪُک ۾ لڳي رھي ھئي. ”جيڪڏھن تو ڪا گڙ ٻڙ ڪئي، ته ھن ۾ تنھنجي واسطي گھڻو ڪجھ مواد آھي.“
    موٽر ۾ اسين شھر جي ھيٺين حصي ڏانھن وڌڻ لڳاسين، وچ ۾ ھڪ عمارت جي سامھون ٿوري دير لاءِ بيٺاسين (جيڪا شايد پارا ٽروپس جي اطلاعاتي چوڪي ھئي) جتي ”چا“ اڪيلو اندر ويو. تنھن کان پوءِ اسين وري ”بوليوارڊ ڪليمنڪو“ سان گڏ ”شيٽونيف“ ڏانھن وڌڻ لڳاسين. ”پئلس البير“ کان لنگھڻ کان پوءِ موٽر ھڪ نئين ٺھندڙ عمارت جي سامھون اچي بيٺي.
    آئون جيپن ۽ فوجي گاڏين سان ڀريل اڱڻ اُڪري ان اڻ مڪمل عمارت جي دروازي جي سامھون پھتس. ”چا“ منھنجي اڳيان ۽ پارا پٺيان ھو. ھو مون کي مٿي وٺي ويا، ديوارن مان ڪيترن ھنڌن تان لوھي سيخون ٻاھر نڪتل ھيون. ڏاڪڻ کي سھارو ڏيڻ لاءِ ريلنگ وغيره نه ھئي، بجلي به اڃا مڪمل طور تي نه لڳي ھئي ۽ سليٽي رنگ جي ڇت مان تارون لڙڪي رھيون ھيون.
    ماڻھن جي ٽھڪن ۽ گارين جي ھڪ عجيب گوڙ ۾ پارا ليڙون ٿيل ڪپڙن ۾، ڪيترن ڏينھن جي وڌيل ڏاڙھين وارن عرب قيدين کي مستقل طور تي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ آڻي نيئي رھيا ھئا. آئون ’بوزريھان‘ جي سب اسٽيشن جي سينٽر ’ڊي ٽري‘ ۾ ھئس ۽ مون کي جلد ئي خبر پوڻ واري ھئي ته ھي ٽري ڪيئن ٿو ڪم ڪري.
    آئون ’چا‘ جي پويان ٽين يا چوٿين منزل تي ھڪ وڏي ڪمري ۾ ويس، جيڪو ڏسڻ ۾ مستقبل جي ھڪ رھائشي گھر جو ڪمرو ٿي لڳو، پر منجھس ڪيتريون ئي بند ٿيندڙ ميزون، ديوارن تي گھربل ماڻھن جون ڌُنڌليون تصويرون ۽ ھڪ ميداني ٽيليفون لڳل ھئي. اھو ڪمري جو ڪل فرنيچر ھو- دريءَ جي ويجھو ھڪ ليفٽيننٽ بيٺو ھو. پوءِ مون کي خبر پيئي ته ھن جو نالو ’اِر‘ آھي. ھن جو ڳرو بدن ڪنھن رڇ جيان لڳي رھيو ھو، جيڪو سندس ننڍي مٿي، ٻريل ڳلن ۽ ننڊاکڙي اکين سان ڪنھن ديول ۾ ڳائيندڙ سرڪش ڇوڪريءَ جي مٺي ۽ بگڙجندڙ لھجي جھڙي آواز جي واسطي ڏاڍو وڏو ھو. ”اسين توکي ھڪ ٻيو موقعو ڏيڻ گھرون ٿا....“ چا مونڏانھن مُڙندي چيو، ”ھي پنو ۽ پين وٺ ۽ اسان کي ٻڌاءِ ته تون ڪٿي رھندو ھئين، روپوشيءَ دوارن توکي ڪنھن پناھه ڏني ھئي، تون ڪھڙن ڪھڙن ماڻھن سان مليو آھين ۽ تنھنجون سرگرميون ڪھڙيون ھيون؟“
    ھن جو لھجو ڏاڍو مھذب ھو، منھنجون ھٿڪڙيون لھي چڪيون ھيون، مون ٻنھي ليفٽيننٽن جي اڳيان ساڳئي ڳالھ ورجائي جيڪا اڳ ۾ ’چا‘ کي چئي چڪو ھئس:
    ”توکي خبر آھي ته منھنجي گرفتاريءَ جا حڪم جاري ٿي چڪا ھئا ۽ آءٌ گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ روپوش ٿي پنھنجي اخبار جي سار سنڀال ڪري رھيو ھئس ۽ اڃا به ڪري رھيو آھيان. ان سلسلي ۾ آئون پئرس ۾ ايم- گائي موئي ۽ ايم گيرارڊ جيڪشس سان مليو ھئس..... آءٌ ڪجھ به نه لکندس ۽ جن ماڻھن مونکي لِڪائڻ جي ھمت ڪئي ھئي تن کي دوکو ڏيڻ جي اميد مون مان نه رکو.“
    لڳاتار مُرڪندي ۽ اطمينان سان ٻنھي ليفٽيننٽن ھڪٻئي ڏانھن ڏٺو.
    ”منھنجي خيال ۾ اسانکي وقت وڃائڻ مان ڪو فائدو نه رسندو.“ چا چيو ۽ اِر ساڻس سھمت ٿيو.
    دل ۾ مان به ساڻن سھمت ھئس، جيڪڏھن مونکي ايذاءُ ڏيڻو ھئن ته جلد يا دير سان ڪوبه فرق پئجي نه ٿي سگھيو ۽ اڻ ڄاڻ رھڻ کان خراب کان خراب حالتن کي منھن ڏيڻ وڌيڪ بھتر ھو.
    آئون سندن اڳيان ھلي ھڪ ٻي منزل جي ھيٺين حصي جي کاٻي طرف جي ڪمري ۾ گھڙيس، جيڪو مستقل جي گھر جو رنڌڻو ھو. اتي ھڪ نالي ۽ ھڪ گاسليٽي اسٽوو پيل ھئا، جنھن جي مٿان ھڪ شيلف ھو، جنھن ۾ اڃا تائين ٽائيلون نه لڳيون ھيون ۽ فقط لوھه جو ھڪ فريم لڳل ھو. پويان شيشي جو ھڪ وڏو دروازو ھو، جيڪو ڪمري کي اونداھو ڪرڻ لاءِ لڳل کوکن ۽ پيتين سان ڍڪيو ويو ھو.
    ”ڪپڙا لاھي ڇڏ!....“ لو چيو.
    ۽ جڏھن مون سندس چوڻ نه مڃيو ته چيائين، ”جي تون پاڻ نه لاھيندين ته اسين زوريءَ لاھنداسين.“
    جڏھن آئون ڪپڙا لاھي رھيو ھئس، ان وقت منھنجي چوڌاري ۽ ورانڊي ۾ جيڪي پارا اچي وڃي رھيا ھئا سي اھو ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا ته لو جو ”خريدار“ ڪير آھي. ايتري ۾ ھڪ ڀورن وارن وارو شخص، جنھن جي ڳالھائڻ جو لھجو پئرس وارن جھڙو ھو. دروازي جي فريم مان منھن ڪڍيو جنھن کي اڃان شيشو لڳل نه ھو.
    ”ليٽي پئو!“
    مون پاڻ کي تختي تي ليٽائي ڇڏيو ۽ لو ھڪ ٻئي پارا جي مدد سان ڪاٺ ۾ لڳل چمڙي جي پٽن سان منھنجي ھٿن جو ڪرايون ۽ پيرن جا مريا ٻڌي ڇڏيا. ھاڻي مان لو کي پنھنجي مٿان بيٺل ڏسي رھيو ھئس. سندس ٽنگون ڦاٽل ھيون ۽ وچ ۾ تختو پيل ھو جنھن تي آءٌ ٻڌو پيو ھئس. ھو منھنجي ڇاتيءَ جي مٿان گھوڙي لانگ ٿيو ٻنھي سٿرن تي ھٿ رکيو ھڪ فاتح جي انداز ۾ بيٺو منھنجي اکين ۾ گھوري رھيو ھو ۽ پنھنجي آفيسرن جيان مونکي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    ”ھاڻي ٻُڌ!.....“ ھن پنھنجي اترينءَ آفريڪي لھجي ۾ چيو.
    ”ليفٽيننٽ سوچڻ لاءِ توکي وقت ڏيئي رھيو آھي..... جي نه ته پوءِ اھڙي ترائي وٺندءِ جو پاڻيھي سڀ ڦاٽ ڦاڙيندين.... اسان وٽ جڏھن ڪوبه يورپين ايندو آھي ته اسين ان جي WOGS کان به وڌيڪ سار سنڀال لھندا آھيون ۽ ڪنھن کي ڳالھرائڻ ته اسان جي لاءِ ڪو ايڏو وڏو مسئلو ڪونھي ..... ائين به نه ته ڪو ھڪ اڌ سچي ڳالھ ٻڌائي جند ڇڏائي ويندين پر توکي ھر ڳالھ ٻڌائڻي پوندي.“
    ”ان دوران نيرين ٽوپين وارا جيڪي مون کي گھيريو بيٺا ھئا سي مون تي چٿرون ۽ ٽوڪون ڪري رھيا ھئا.“
    ”اڙي ڏسو ته سھي ..... ائين پيو آھي ڄڻ ته آرام پيو ڪري.“ منجھائن ھڪ جنھن کي وڌيڪ پوذر ھئي، تنھن چيو، ”ھھڙن ڀڙون لاءِ وقت وڃائڻ اجايو آھي..... آئون اجھو ٿو ڀڏي ڪيانس، ٻڌائيندو وري ڪيئن ڪون .....“
    ھيٺان ايندڙ ٿڌين ھوائن جي جھوٽن جي ڪري، آئون جيڪو تختي تي اگھاڙو ٿيو پيو ڏڪي رھيو ھوس اھو ڏسي لو نفرت مان مُرڪندي چيو:
    ”ڊڄي پيو..... ويچارو ڳالھائي ٿو ڙي.“
    ”نه آءٌ ڊڄان نه پيو..... پر سيءُ پيو لڳيم.“
    ”اوھين ماڻھو ھيرو بڻجڻ جي ڪوشش پيا ڪريو، ائين نه ..... پر اھا ڪوشش گھڻو وقت ھلي نه سگھندي، اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ ائين ڳالھيون ڪرڻ لڳندين ڄڻ ڪيسٽ پئي وڄي.“
    آءٌ پارا جي وچ ۾ پيو ھئس جيڪي لڳاتار مون کي ٽوڪن ۽ چٿرن جو نشانو بڻائي ذليل ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪري رھيا ھئا ۽ آئون ھر طريقي سان پاڻ کي پر سڪون رکڻ جي ڪوشش ڪري رکيو ھئس. پوءِ مون لي، چا، ار ۽ ڪپتان کي ڪمري ۾ ايندو ڏٺو. ڊگھو، داٻن سان ٻريل منھن، خوشنما ۽ گھٽ ڳالھائيندڙ اھو ڪپتان ڊي ھو.
    ”تو نيٺ ڇا سوچيو آھي؟“ مون کان چا پڇيو.
    ”آئون پنھنجي ارادي تي قائم آھيان.“
    ”واھه ..... ته پوءِ اسان تي ميار نه ڪج.“ اھو چئي ھن ٻين کي مخاطب ٿيندي چيو، ”ڀر واري ڪمري ۾ وڌيڪ بھتر رھندو جو اتي سھائي وڌيڪ آھي ۽ ڪم ۾ سولائي رھندي.“
    چئن پارن اھو تختو کنيو، جنھن سان آئون ٻڌل ھئس ۽ رنڌڻي جي سامھون واري ڪمري ۾ فرش تي رکيائون. آفيسر پنھنجي ماڻھن جي آندل کوکن تي ويھي رھيا.
    ”ھاڻي .....“ چا چيو.
    ”مونکي ھڪ پنو ۽ ھڪ کوکو يا اھڙي ڪا ٻه سخت شئي کپي جنھن تي رکي لِکي سگھان.“
    کيس ھڪ ڪاٺ جو ٽُڪر ڏنو ويو، جيڪو ھن پاڻ سان گڏ ھيٺ رکي ڇڏيو. پوءِ لو ھڪ برقي اوزار Magneto کڻي منھنجي اکين تائين آندو ۽ منھنجي تپاس جي لاءِ مشين منھنجي سامھون ڪئي جنھن بابت اذيت سھندڙن مونکي تمام گھڻو تفصيل سان ٻڌايو ھو. ”خبر اٿيئي ته ھي ڇا آھي؟ تو اڪثر ھن جو ذڪر ٻُڌو ھوندو بلڪه تو ته ھن بابت مضمون به لکيا آھن.“
    ”توھان کي اھي طريقا استعمال ڪرڻ جو ڪوبه حق ڪونھي.“
    ”تون پاڻ ڏسي وٺندين.“
    ”جيڪڏھن اوھين مون تي ڪو الزام ھڻڻ چاھيو ٿا ته مونکي واسطيدار عملدار جي حوالي ڪريو، توھان وٽ اھو ڪرڻ لاءِ چوويھ ڪلاڪ آھن ۽ آءٌ ”تون“ سان مخاطب ٿيڻ پسند نه ڪندس.“
    منھنجي چوڌاري ٽھڪ گونجڻ لڳا.
    مونکي چڱي پر خبر ھئي ته منھنجو احتجاج بيڪار ھو ۽ اھو به ته حالتن تحت ھنن وحشين کي قانون جي تعظيم ڪرڻ لاءِ چوڻ بي معنيٰ ھو. پر مون کين ڏيکارڻ ٿي گھريو ته ھو مونکي ڊيڄاري نٿا سگھن.


    2

    چا سمورو وقت مُرڪندي اليڪٽروڊس جي آخر ۾ لڳل تارن جا ڇيڙا جن ۾ لوھه جا چمٽا لڳل ھئا، منھنجي سامھون جھولايا. اھي چمڪندڙ چمٽا جن جا منھن ڏندن جيان ھئا، ٽيليفون جي انجنيئرن جن کي Crocodile چيو ٿي، تن مان ھڪڙي منھنجي ڪَن جي پاپڙيءَ ۾ ۽ ٻيو ساڳئي پاسي ھڪ آڱر ۾ چھٽايو.
    اوچتو آئون ڦٿڪيس ۽ پنھنجي سموري سگھ سان رڙ ڪيم. چا اجھو ھينئر منھنجي جسم مان بجليءَ جو ڪرنٽ ڊوڙايو ھو. منھنجي ڪن سان روشنيءَ جو چمڪو ٿيو، ۽ مون دل ڇاتي ڦاڙي ٻاھر نڪرندي محسوس ڪئي. مون رڙيون ڪندي تمام گھڻي ڪوشش سان پاڻ کي ايترو ڇڪي ورتم جو چمڙي جا ڪشا منھنجي چم ۾ گھڙڻ لڳا. ان دوران چا برقي اوزار ھٿ ۾ کڻيو بجليءَ جا جھٽڪا ڏيندو رھيو. ھن جي قوت ھن جي اختيار ۾ ھئي ۽ ھو بجليءَ جي ھر ھڪ جھٽڪي سان، ھر لفظ تي زور ڏيئي ھڪ سوال ورجائيندو رھيو.
    ”تون لِڪل ڪٿي ھئين؟“
    بجليءَ جي ڪرنٽ جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻن ڇڪن جي وچ ۾ مون پنھنجو ڪنڌ ھن ڏانھن موڙيو ۽ چيو: ”تون اھو غلط ڪري رھيو آھين پر ان تي پڇتائيندين.“
    اھو ٻڌي چا ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو ۽ زور سان ڪرنٽ ھڻڻ لڳو.
    ”جڏھن زبان مان تون اھو لفظ ڪڍندين آءٌ توکي ڪرنٽ ھڻندس.“
    مون جيئن ئي تڪليف جي ڪري رڙيون ٿي ڪيون ھن چا کي چيو:
    ”اڙي ڀيڻسان کي ماٺ ته ڪرايو..... ڪن کائي ڇڏيا اٿس ..... جلدي وات ۾ ڪا شئي ڦسيوس.“
    چا اڳيان وڌي منھنجي قميص کي بال جيان مروٽي سروٽي زوريءَ منھنجي وات ۾ وڌي. جنھن کان پوءِ به مونکي ايذاءَ ڏيڻ جو سلسلو جاري رھيو ۽ مون پوري طاقت سان قميص کي ڏندن جي وچ ۾ چڪ ھنيو، جنھن سان مون کي ٿورو سُڪون مليو.
    اوچتو مونکي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنھن جانور منھنجي بدن تان ماس رھڙي ورتو آھي. چا منھنجي مٿان ويٺي لڳاتار مرڪندي ھڪ چمٽو منھنجي مرداني عضوي سان چھٽائي ڇڏيو. مون ۾ ڊوڙندڙ ڪرنٽ ايتري قدر ته طاقتور ھو جو جن ڏورين سان مون کي ٻڌو ويو ھو، سي به ڍريون ٿي ويون ۽ ھو انھن کي ڇڪي ٻڌڻ لاءِ گھڙي کن ترسيا ۽ پوءِ اھو سلسلو وري جاري ٿي ويو.
    ٿوري دير کان پوءِ چا جي جاءِ تي ليفٽيننٽ سنڀالي. ھن ھڪ چمٽي مان ھڪ تار ڪڍي منھنجي ڇاتيءَ جي ويڪرائيءَ تي پکيڙي ڇڏي. منھنجو سڄو جسم نسن کي ڇڪيندڙ جھٽڪن ڪارڻ ڏڪي رھيو ھو. پوءِ ھنن ڪرنٽ کي وڌائڻ لاءِ مون تي ٿڌو پاڻي ھاريو جنھن ڪري ھر ٻن جھٽڪن کان پوءِ مان سيءَ جي ڪري ڏڪڻ ٿي لڳس. ان دوران منھنجي چوڌاري ويٺل چا ۽ سندس دوست بيئر جون بوتلون ڏوڪيندا رھيا. مون تڪليف جي شدت کي گھٽائڻ لاءِ وات ۾ پيل ڪپڙي کي زور سان ڏندن ۾ ڀڪوڙيو پر بيڪار.
    پوءِ نيٺ ھو بيھي رھيا.
    ”چڱو! ھن ھن کي کوليو.“ شايد پھريون مرحلو پورو ٿي چڪو ھو.
    آءٌ ٿڙندو ٿاٻڙندو اٿيس، پتلون ۽ شرٽ پاتم. ار، منھنجي سامھون بيٺو ھو. منھنجي ٽائي ميز تي پيئي ھئي. ھن اھا کنئي ۽ ان ۾ رسڪڻ وجھي منھنجيءَ ڳچيءَ ۾ وڌائين ۽ ٻين جي وچ ۾ مون کي ائين جيئن ڪتي کي گھلبو آھي، گھليندو پنھنجي پويان آفيس ۾ وٺي ويو.
    ”تون ....“ ھن ڏند ڪرٽيندي چيو، ”اھا ته اڃا شروعات آھي، اسين توکي ھتان سگھو ٿورو ئي ڪو وڃڻ ڏينداسين.“
    اوچتو ھن زور سان ٿڦڙ وھائي ڪڍيو، آئون توازن رکي نه سگھيس ۽ گوڏن ڀر ويھي رھيس. مون ۾ ايتري طاقت به نه ھئي جو اٿي بيھان، ۽ ڪيڏيءَ مھل کاٻي طرف ته ڪيڏي مھل ساڄي طرف ٿي جھڪيس. ان دوران تيستائين ار جا ڌڪ ڪرڻ کان روڪيو بيٺا ھئا، جيستائين ھن ڌڪو ڏيئي مون کي پٽ تي نه ڪيرايو. ”ڳالھاءِ..... تون ڇا ٿو چوڻ چاھين؟..... تون ختم ٿي چڪو آھين، جيڪو اسان جي مھربانيءَ سان جيئرو آھين.“
    ”آئون کي ھيڏانھن سڏ.“ چا چيو، ”ھو ٻي جاءِ ۾ آھي.“
    ار مون کي لڳاتار ڪُٽيندو رھيو ۽ ٻيا ميز تي ويٺا تماشو ڏسندا رھيا.
    ”ھا ته..... آئون ھن کي ٻڌاءِ ته اڃان ھن لاءِ ڇا ڇا آھي......... ھن کي سڀاڻي شام جي دھشت کان بچاءِ.“ اھو چا چئي رھيو ھو.
    ار منھنجو ڪنڌ مٿي کنيو، منھنجي سامھون منھنجي گھاٽي سنگتيءَ آئون جو ھيڊو ۽ ڪمزور چھرو ھو، جيڪو مونکي ڏسي رھيو ھو ۽ آئون گوڏن ڀر ويٺو ٿڙي رھيو ھئس.“
    ”ھن کي ٻڌائي.“ چا چيو.
    ”ھينري اھو ڏاڍو ڏکيو آھي.“ آئون مون کي چيو ۽ پوءِ ھو کيس وٺي ويا.
    اوچتو ار مون کي وارن مان جھلي مٿي ڇڪيو، ھو ڪاوڙ ۾ آپي مان ٻاھر نڪري چڪو ھو.
    ”ٻڌ ڪمينا! تون، سڀ ڪجھ ٻڌائيندين.“
    ھن منھنجو منھن ٻنھي ھٿن ۾ جھلي ايترو ته پنھنجي منھن جي ويجھو آندو جو سندس منھن کي ڇھڻ لڳو. پوءِ اوچتو ھسٽريائي مريض جيان رڙ ڪندي چيائين: ”تون سڀ ڪجھ ٻڌائيندين. ھتي ھرڪو ٻڌائي ٿو، اسان ھند چينيءَ ۾ جنگ وڙھي آھي ۽ تو جھڙن لاءِ اسان وٽ گھڻو ڪجھ آھي. ھتي گسٽاپو آھي ..... توکي خبر آھي ته گسٽاپو ڇا آھي؟“
    پوءِ ٽوڪ ڪندي چيائين، ”تون ايذاءَ رسانيءَ بابت مضمون لکندو آھين نه؟.... ته ھاڻ ڪَن کولي ٻڌ ھيءَ ڏھين پارا ٽروپ ڊويزن آھي، جيڪا توکي سيکت ڏيئي رھي آھي.“
    مون پنھنجي پويان ايذاءَ ڏيندڙن جي سڄي ٽولي کي ٽھڪ ڏيندي ٻڌو. اوچتو ار ھڪ زورائتي مُڪَ منھنجي منھن تي وھائي ڪڍي ۽ گوڏو منھنجي ڪُک ۾ ھنيو.
    ”اسين ھتي جيڪو ڪجھ ڪري رھيا آھيون، سو فرانس ۾ به ڪنداسين، اسين انھن سان به اھوئي ڪجھ ڪنداسين، جيڪو تو سان ڪري رھيا آھيون ۽ اسين تنھنجي بي واھي جمھوريت کي ھڪ ڦوڪ سان اُڏائي ڇڏينداسين ..... تون ڳالھائيندين، آءٌ چوان ٿو ته تون ڳالھائيندين.“ اھو چئي ھن ميز تي پيل سخت گتي جو ٽڪر کنيو ۽ مون کي مارڻ لاءِ استعمال ڪرڻ لڳو. ھر ڌڪ سان آءٌ سيٽجي ٿي ويس. پر گڏو گڏ منھنجي ان فيصلي کي سگھ ٿي ملي، ته مونکي ھنن وحشين جي سامھون ھمت ھارڻي نه آھي، جيڪي پنھنجو پاڻ کي گسٽاپو جا جانشين ٿا سمجھن.
    ”چڱو.“ چا چيو. ”اھا مصيبت تو پنھنجو پاڻ لاءِ آندي آھي ۽ تون اسان کي ان جو ذميوار نه سمجھج...... ھاڻي اسين توکي شينھن جي سامھون اڇلڻ وارا آھيون.“
    شينھن سان مان اڳ ۾ به ملي چڪو ھئس. پر ھاڻ کين اڃا به وڌيڪ صلاحيتن جو مظاھرو ڪرڻو ھو.
    ار مونکي گھليندو پھرين تختي ۽ بجليءَ جي ڪرنٽ واري ڪمري ۾ وٺي ويو، ان وقت مون ڏٺو ته ھڪ اگھاڙي مسلمان کي اتان ٿڏا ھڻي اٿاري ٻاھر ورانڊي ۾ ڌڪيو ويو. جڏھن ته ار، چا ۽ ٻيا منھنجي نگراني ڪري رھيا ھئا. ٽولي جا باقي ماڻھو ان ئي تختي ۽ بجليءَ جي ڪرنٽ وارين تارن جي استعمال سان پنھنجو ڪم جاري رکيو ويٺا ھئا ۽ وقت گذارڻ جي خيال کان ھڪ شڪي شخص کان پڇا ڳاڇا ڪري رھيا ھئا.
    لو مونکي تختي سان ٻَڌو ۽ برقي ايذاءَ جو ھڪ نئون سلسلو شروع ٿيو.
    ”ھن ڀيري مشين وڏي آھي.“
    مون ايذاءَ رسائيندڙن جي ھٿ ۾ ھڪ مختلف ۽ پھرينءَ کان به وڏي مشين ڏٺي ۽ پنھنجي گھري عذاب ۾ انھن ٻنھي جو فرق محسوس ڪيم.
    تيز جھٽڪن جي جڳھ تي جيڪي منھنجي جسم کي ٻه اڌ ڪندا ٿي لڳا، ھاڻي ھڪ وڌيڪ سخت درد منھنجي پٺن ۾ ڊوڙي ويو ۽ ڊگھي عرصي تائين انھن کي ڇڪي ٿي ڇڏيائين. تڪليف جي ڪري مون پنھنجا ڏند وات ۾ وڌل قميص ۾ ڀڪوڙي ٿي ڇڏيا ۽ اکيون پوري ٿي ڇڏيم. ھو بيھي رھيا پر آءٌ پنھنجي نسن جي تشنج جي ڪري ڏڪي رھيو ھئس.
    ”توکي تَرڻ اچي ٿو.“ لو مون تي جھڪندي چيو. ”ھن کي نلڪي وٽ وٺي ھلو، ته جيئن کيس ترڻ سيکاريون.“
    ھو سڀيئي گڏجي اھو تختو کڻي رنڌڻي ۾ ويا، جنھن ۾ آئون ٻڌل ھئس، ۽ پوءِ تختي جو اھو حصو جتي منھنجو منھن ھو، نل جي ھيٺان رکيو. ٻه ٽي فوجي منھنجو ھيٺيون ڌڙ جھلي بيٺا ھئا، رنڌڻي ۾ ورانڊي مان ھلڪي سھائي اچي رھي ھئي. نيم تاريڪيءَ ۾ مون چا، ار ۽ ڪپتان ڊي جا مھانڊا ڏٺا، ۽ ائين لڳم ڄڻ ته سڄو معاملو ڪپتان ڊي پنھنجي ھٿن ۾ وٺي لاٿو آھي. ايتري ۾ لو رٻڙ جي ھڪ نلي نل جي جنڊيءَ سان ٻڌي جيڪا بلڪل منھنجي منھن سامھون لڙڪي رھي ھئي. پوءِ ھن منھنجو مٿو ھڪ ڦاٽل ڪپڙي جي ٽڪري ۾ ويڙھي ڊي کي چيو:
    ”ھن جي وات ۾ ڪجھ ھڻ.“
    منھنجو منھن ڪپڙي سان ويڙھيل ھو، ھاڻي لو منھنجو نڪ جھليو ۽ ڪاٺ جو ھڪ ٽڪر منھنجي وات ۾ ائين اٽڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين جو آئون ڪوشش جي باوجود به وات بند ڪري نه سگھان. جڏھن تياري مڪمل ٿي ويئي ته مون کي چيو، ”جڏھن تون گھرين ته آڱريون ھلائج.“ ۽ پوءِ ھن نلڪو ھلائي ڇڏيو، منھنجي منھن تي ويڙھيل ڪپڙو پاڻيءَ ۾ پسي ويو. منھنجي ڪن، نڪ ۽ وات ھر طرف پاڻي ڳڙي رھيو ھو. پر پوءِ به ٿوريءَ دير تائين آئون ننڍا ننڍا ساھه کڻي ٿي سگھيس. مون ڳلو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ پاڻي منھنجي پيٽ ۾ وڃي ۽ جيترو به ٿي سگھي ڦڦڙن ۾ ھوا روڪي دم گھٽجڻ کان بچندو رھان، پر اھا اٽڪل ڪجھ گھڙين کان وڌيڪ ڪارگر رھي نه سگھي ۽ مونکي ائين ئي محسوس ٿيو ڄڻ مان ٻڏي رھيو آھيان ۽ ھڪ بي پناھه تڪليف، جيڪا موت جي تڪليف ھئي مونتي ڇانئجي ويئي، مون پاڻ تي ضابطو رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تنھن ھوندي به منھنجي ھٿن جون آڱريون ڏڪڻ لڳيون ۽ آءٌ انھن کي قابو ۾ رکي نه سگھيس.
    ”اڙي ڏسو! ڏسو! ھاڻي ھي ٻڌائيندو.“ بيٺلن مان ڪنھن خوشيءَ مان وڏي واڪي چيو.
    پوءِ پاڻي وھڻ بند ويو ۽ منھنجي منھن تان ڪپڙو لاٿو ويو. ھاڻي آءٌ ساھه کڻي ٿي سگھيس. نيم اونداھي ۾ مون ليفٽيننٽ ۽ ڪپتان کي ڏٺو، جيڪي چپن ۾ سگريٽ ڦٻايو منھنجي پيٽ تي مُڪن جي وارو وار لايو بيٺا ھئا ته جيئن جيڪو پاڻي منھنجي پيٽ ۾ ويو آھي، سو ڪڍي ڇڏيان، پر تڪليف جي ڪري نيم غشيءَ جي حالت ۾ ساھه کڻندي مون ڌڪ بنھ محسوس نه پئي ڪيا.
    ”ته پوءِ....“
    ”ھي اسان سان چالاڪي ٿو ڪري ..... وٺوس ..... دير نه ڪريوس ..... ڀيڻسان حرامي ڦر.....“
    ھن ڀيري مون آڱريون ھٿن ۾ وجھي زور سان مٺيون ڀيڪوڙيون. مون فيصلو ڪري ورتو ھو ته ٻيھر آڱريون نه ھلائيندس. مون ٻڏي مرڻ بھتر ٿي سمجھيو. آءٌ ان ڀوائتي گھڙيءَ کي ٻيھر محسوس ڪرڻ کان ڊڄيس ٿي، جڏھن آءٌ پاڻ کي شعور جو ساٿ ڇڏيندو محسوس ڪريان ھا. پر ان حالت ۾ به آئون پنھنجي سموري سگھ سان جيئرو رھڻ جا جتن ڪري رھيو ھئس، پر مون ھٿ نه ھلايا. اھڙي طرح آءٌ ٽي ڀيرا اُن سھپ کان ٻاھر تڪليف مان لنگھيس. نيٺ ھنن مونکي ساھه کڻڻ ڏنو ۽ مون پاڻي ڪڍي ڇڏيو. آخري ڀيررو آءٌ بيھوش ٿي ويس.
    اکيون کولڻ کان پوءِ حقيقت سمجھڻ ۾ ڪجھ گھڙيون لڳيون. مون کي کولي فوجين جي وچ ۾ اگھاڙو ٽنگيو ويو ھو ۽ مون ڏٺو ته چا مون تي جھڪيل ھو. ”ٺيڪ آھي.“ ھن ٻين کي چيو، ”ھيءُ ته ھوش ۾ اچي پيو.
    پوءِ ھن مونکي مخاطب ٿيندي چيو، ”توکي خبر آھي ته بيھوش ٿيڻ تنھنجي حق ۾ وڌيڪ بھتر آھي پر اھو متان سوچين ته سدائين بيھوش رھندين .... اٿ.“
    ھن مون کي ڪنڌ کان جھلي اٿاريو، آئون ٿڙندو ٿاٻڙندو اذيت ڏيندڙن جي سھاري بيٺس، پوءِ ھو ٺونشن ۽ ٿڏن سان مونکي بال وانگر ھڪ ٻئي طرف اڇلڻ لڳا ۽ مون پاڻ بچائڻ لاءِ حرڪت ڪئي ته انھن مان ڪنھن چيو:
    ”ھي اڃا به ان جي قابل آھي ته پاڻ کي بچائڻ لاءِ حرڪت ڪري ..... سُور.“
    ”ھاڻي اسين ڀلا ھن جو ڇا ڪريون؟“ ھڪ ٻئي چيو. پوءِ ھو وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ لڳا ۽ ان دوران ڪنھن چيو: ”اسين کيس رڌينداسين ....“
    ”واھه اھو مون اڃا نه ڏٺو آھي.“ چا چيو.
    پوءِ ھنن مونکي رنڌڻي ڏانھن ڌڪيو ۽ اسٽوو جي نالي تي ليٽائي ڇڏيو ۽ لو ھڪ پسيل ڪپڙو منھنجي مرين کي ويڙھي ڇڏيو، جيڪو پوءِ ھن رسيءَ سان ٻڌو ۽ سڀني گڏجي مونکي کنيو ته جيئن شيلف جي مٿان لڳل لوھه جي سيخ سان ٻَڌي مون کي ابتو ٽَنگي سگھن. ٻَڌڻ کان پوءِ فقط منھنجون آڱريون ئي زمين کي ڇُھي رھيون ھيون. ٿوري دير تائين ته ھو مونکي بُھ جي ٻوري وانگر ھڪ ٻئي ڏانھن لوڏيندا رھيا. ان دوران مون ڏٺو ته لو منھنجي اکين جي سامھون اچي ڪاغذ جي مشعل ٻاري، پوءِ ھو اٿي بيٺو ۽ اوچتو مون پنھنجي ٽَنگن ۽ مرداني عضوي تي باھه محسوس ڪئي، وارن ۾ باھه لڳي ته ھو سڙڻ لڳا، مون پاڻ کي اھڙي ته زورائتي جھٽڪي سان سڌو ڪيو جو ”لو“ سان وڃي ٽڪريس، ھن وري به مون کي ساڙيو. پوءِ منھنجي ڇاتيءَ ۽ ببن کي ساڙڻ لڳو.
    پر ھاڻي منھنجو رد عمل سست ٿي چڪو ھو ۽ آفيسر به ھليا ويا، فقط لو ۽ ھڪ ٻيو ڄڻو مون وٽ بيٺا ھئا ۽ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ مون کي مارڪُٽ ڪندا رھيا ۽ پنھنجا بوٽ منھنجي آڱرين تي رکي ڇڏيا، ڄڻ ھو مونکي پنھنجي موجودگيءَ جو احساس ڏيارڻ گھرندا ھجن.
    مون اکيون کوليون ۽ انھن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس ته جيئن انھن جي ڌڪن جي ڪري حيران نه ٿيان ۽ مون ڪوشش ڪئي ته جيڪا مھلت ملي اٿم تنھن ۾ مرين ۾ جيڪي رسيون وڍ وجھي رھيون آھن، ان کي تصور ۾ آڻڻ بدران ٻي ڪنھن شيءِ ڏانھن ڌيان ڏيان.
    **************


    3

    پوءِ مون ورانڊي مان بوٽن جو آواز ٻڌو جيڪي منھنجي چھري طرف آيا. مون چا کي اُبتو ڏٺو جيڪو منھنجي چھري جي سامھون اوڪڙو ويٺو ڪاوڙ مان مون ڏي گھوري رھيو ھو.
    ”ڇا، تون ٻڌائڻ گھرين ٿو، تو پنھنجو ارادو بدلايو ته ڪونھي؟“
    مون ڏانھس ڏٺو پر لفظ به نه ڪڇيم.
    ”ھن کي کوليو.“
    لو اھا رسي کولي ڇڏي، جنھن جي ذريعي آءٌ سيخ سان ٻَڌل ھئس، جڏھن ته ٻئي ڄڻي مون کي ٻانھن کان جھلي ڇڪيو، جنھن ڪري آئون منھن ڀر سڌو وڃي ڪريس.
    ”اُٿ .....“
    مون ۾ اُٿڻ جي طاقت نه ھئي. جڏھن مون کي ٻنھي طرفن کان ٽيڪ ڏيئي اٿاريو ويو ته مون کي پنھنجا ٻئي پير ايترا ته سُڄيل محسوس ٿيا جو ھر پير خلائن ۾ گُم ٿيندو لڳو. مون گنجي ۽ پتلون پاتي ۽ ھڪ ڏاڪڻ تان ٿڙندو ٿاٻڙندو ھيٺ لٿس.
    اتي مون کي ھڪ ٻئي فوجيءَ اٿاريو ۽ مون کي ٻنھي ھٿن ۾ جھلي منھنجي پٺ ديوار سان ھنيائين. مان سيءَ ۽ اعصابي ٿڪاوٽ جي ڪري ڏڪي رھيو ھئس ۽ منھنجا ڏند وڄي رھيا ھئا. لو جي ساٿيءَ جنھن رنڌڻي ۾ منھنجي سار سنڀال لڌي ھئي، سو به ھيٺ لھي آيو ھو.
    ”ھل ڙي ....“ ھن چيو ۽ پوءِ مون کي اڳيان ڌڪو ڏيئي لت ھڻي پٽ تي ڪيرائي ڇڏيائين.
    ”ڏسينس ته سھي حالت ڪيڏي نه خراب اٿس؟“ ھڪ ٻئي فرانسيسي لھجي ۾ چيو. ”ھن کي اڪيلو ڇڏي ڏي.“ مون اھي پھريان انساني ھمدرديءَ جا لفظ ٻڌا. ”ھھڙن ڪمينن جي ته..... ھون ..... چڱي طرح ترائي وٺڻ گھرجي.“ مون ايذاءَ ڏيندڙن جو آواز ٻڌو.
    آئون ٽَنگن جي زور تي بيٺو ڏَڪي رھيو ھئس ۽ ڪِرڻ کان بچڻ لاءِ مون پنھنجو مٿو ۽ ھٿن جون تريون ورانڊي جي ديوار تي ٽيڪي ڇڏيون. ھن منھنجا ھٿ چيلھ جي پويان ڪري انھن ۾ ھٿڪڙي ھنئي. تنھن کان پوءِ ھنن مون کي ھڪ کوليءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
    ديوار سان گڏ ھڪ تونئري پئي ھئي. آءٌ گوڏن ڀر گسڪي اوڏانھن وڌيس ۽ پيٽ ڀر ليٽڻ جي ڪوشش ڪيم پر اندر سنھيون سنھيون تارون ڀريل ھيون. اوڏيءَ مھل مون دروازي جي پويان ٽھڪ ٻُڌو.
    ”مون تونئريءَ ۾ ڪجھ چھنبدار تارون ھنيون آھن.“
    پوءِ ھڪ ٻئي ماڻھوءَ ورندي ڏني. ”بھرحال! ھن پنھنجي سنگتين کي بچي نڪرڻ لاءِ ھڪ رات ڏيئي ڇڏي آھي.“
    ھٿڪڙيون منھنجي ڪرائيءَ ۾ کُپي ويون ھيون، ۽ منھنجي ھٿن ۾ ڏاڍو سُور ٿي رھيو ھو ۽ وري جنھن نموني منھنجا ھٿ ٻڌل ھئا، ان سان ته مرڳي ٻانھون ٿي نڪتيم. ان مھل مون مجبور ٿي پنھنجون آڱريون کھري سيمنٽ تي رڳڙيون جيئن منجھائن رت نڪري ۽ منھنجي سڄيل ھٿن جي پيڙا ۾ ڪجھ گھٽتائي اچي.


    4

    صبح ٿي چڪو ھو ۽ ھڪ فوجي در کولي اندر گھڙيو. ھي اھو ئي ھو، جنھن کي پنھنجي ساٿيءَ جي سنگدلي کٽڪي ٿي ۽ چوڻ لڳو، ”اچ اسان وڃي رھيا آھيون.“
    پوءِ ھن مون کي اُٿڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ڏاڪڻيون چڙھڻ مھل به سھارو ڏنو. ھو مون کي ويڪري اڱڻ ۾ وٺي ويا. سج ڪافي مٿي چڙھي چڪو ھو ۽ ان ھنڌان ال بيار ڪئمپ جو ھڪ وڏو حصو ڏسڻ ۾ ٿي آيو. مون جيڪي تفصيل پڙھيا ھئا، تن مان سمجھيم ته آءٌ فوجين جي استعمال ۾ ايندڙ عمارت Court of Appeals ۾ آھيان، جتي الجزائر جي عدالت جو بئريسٽر ’علي بومند جل‘ مئو ھو ۽ ان ئي اڱڻ تان (جيئن مون کي ايذاءَ ڏيندڙ ٻڌايو ھو) ھن پنھنجو پاڻ کي ھيٺ آپگھات لاءِ اڇلي ڇڏيو ھو. اسين ھڪ ٻي ڏاڪڻ تان عمارت جي ھڪ مختلف حصي ۾ لھي وياسين، جتي منھنجي جيل جي اردليءَ مون کي ھڪ ننڍي اونداھي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري ڇڏيو. اھا الماڙيءَ جيڏي ھڪ ننڍي ڪوٺي ھئي، جنھن ۾ ڏينھن جي روشني به نه ايندي ھئي. فقط ھڪ ننڍڙي ٻر مان ڪجھ سھائي ايندي ھئي، جيڪو ڀت کان گھڻو مٿي ھو، ۽ ھڪ روشندان به کليو ٿي. آءٌ ڇڪي تاڻي گسڪي گھر جي ھڪ ڪنڊ تائين پھتس ته جيئن پٺ کي سھارو ڏيئي پنھنجي ڪلھن جو درد ڪجھ گھٽائي سگھان جيڪي ڇڪجڻ سان ڄڻ نڪتا ٿي.
    جلد ئي ورانڊي ۾ اچ وڃ وڌي ويئي، عمارت جاڳي رھي ھئي ۽ مون پنھنجو پاڻ کي ايذاءَ ڏيندڙن جي واپسيءَ لاءِ تيار ڪيو، پر ار اڪيلو آيو. ھن مون کي اٿارڻ لاءِ ڪلھن کان جھليو ۽ ڏاڪڻين جي ريلنگ تائين وٺي آيو.
    ”ھي ميجر اٿئي .....“ ھن چيو.
    منھنجي سامھون پارا ٽروپس جو ھڪ ميجر بيٺو ھو، جنھن پنھنجو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ پنھنجي وردي ڪانه پاتي ھئي. سندس مٿي تي نيرو BORT ھو. قد جو ڊگھو، شڪل شبيھ جو بڇڙو ۽ ٿورو ٿُلھو. ھن نرم پر طنزيه آواز ۾ مون کي چيو، ”تون خاطو آھين؟ توکي خبر ھئڻ گھرجي ته اسين معلومات حاصل ڪرڻ ٿا گھرون ۽ اھا اسان کي ھر حالت ۾ ملڻ گھرجي.“
    ھن فقط مون سان ملاقات ڪرڻ ٿي گھري. تنھن کان پوءِ مون کي واپس ڪوٺڙيءَ ۾ آندو ويو، پر اتي آءٌ گھڻو دير اڪيلو نه رھيس جو ڪجھ گھڙين کان پوءِ ار اچي ويو. ھن ڀيري ساڻس چا ۽ ھڪ ٻيو پارا ھو، جنھن وٽ Magneto ھو. ھن دروازي جي چائنٺ تي اچي بيھي مون کي ڏٺو ۽ چيو ته:
    ”تون اڃا به ٻڌائڻ نٿو چاھين؟..... بھتر آھي ته توکي ٻڌائي ڇڏيان ته اھو سلسلو توڙ تائين رھندو.“
    آءٌ دروازي جي سامھون ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو ھئس. ھو اندر آيا ۽ بتي ٻاري منھنجي چوڌاري ويھي رھيا.
    ”مون کي ھن جي وات ۾ ڦسڻ لاءِ ڪا شيءِ کپي.“ چا چيو.
    ھن اتي پيل دٻن مان ھڪ ۾ ھٿ وڌو ۽ ھڪ گندو ٽوال ڪڍيائين.
    ”ھن جي ڪھڙي ضرورت آھي؟“ ار چيو. ”ھي ڀلي ڪيتريون به دانھون ڪوڪون ڪري، پر اسين ته ٽي منزلون زمين اندر آھيون.“
    ”پوءِ به ....“ چا چيو، ”مون کي گوڙ نٿو وڻي.“
    ھن منھنجي پتلون لاٿي ۽ گنجي به لاٿائون ۽ برقي تارون منھنجي ڌڏن جي ٻنھي طرفن لڳايائون. ھو واري واري سان مشين استعمال ڪري رھيا ھئا. ھيءَ ڪلھ استعمال ڪيل مشين کان مختلف ھئي. مون جھٽڪي جي شروعات ۾ ئي رڙ ڪئي ۽ ھر نئين شاڪ سان رڙ ٿي ڪيم. منھنجي بدن جي حرڪت پھرينءَ جي ڀيٽ ۾ گھڻي گھٽجي ويئي ھئي، تنھنجي ته کين به اميد ھئي جو ھن مون کي ڪنھن تختي سان ٻڌڻ مناسب نه سمجھيو ھو. اذيت جي دوران آءٌ ھڪ لائوڊ اسپيڪر مان ايندڙ مشھور گيتن جو آواز ٻڌي سگھيس پئي. پڪ سان اھو آواز ڪنھن ويجھي ڪمري يا ميس مان پئي آيو. منھنجون رڙيون ان جي گوڙ ۾ دٻجي ٿي ويون ۽ ار جڏھن ٽي طبقا زمين اندر چيا ھئا، ته ان جو مطلب به اھو ئي ھو. اذيت جو سلسلو جاري رھيو ۽ آءٌ ھوريان ھوريان سھپ جي قوت وڃائيندو ٿڪبو ويس. ڪڏھن کاٻي ٿي جھڪيس ته ڪڏھن ساڄي. اوچتو ھڪ ليفٽيننٽ ھڪ تار ھيٺان کولي منھنجي منھن ۾ ھنئي ۽ آءٌ اڇلجي ويس.
    ”اڙي ھن کي ته ھي ٿو وڻي.“ چا چيو.
    پوءِ ھنن پاڻ ۾ سس پس ڪري فيصلو ڪيو ته مون کي ٿوري دير ساھي پٽڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
    ”بجليءَ جون تارون ھڻي ڇڏ .....“ ار چيو. ”پاڻ کي وري به ته ھتي اچڻو آھي.“
    ھو تارن کي منھنجي گوشت ۾ چنبڙيل ئي ڇڏي ھليا ويا.
    پوءِ ھوريان ھوريان آئون ننڊ جي گھيرٽن ۾ وٺبو ويس ۽ سمھي رھيس. پر جڏھن منھنجي اک کُلي، ۽ مون کين ٻيھر ڏٺو ته ائين محسوس ٿيم، ڄڻ اڃان گھڙي ٻه مس گذريون آھن ۽ ان وقت مون کي وقت جو ڪوبه اندازو نه رھيو ھو.
    ”اٿي ويھ ....“ ار ڪوٺيءَ ۾ گھڙندي ٿڏو ھڻندي چيو.
    مون ڪابه حرڪت نه ڪئي، ھن مون کي جھلي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويھاريو ۽ گھڙي کن کان پوءِ بجليءَ جي ڪرنٽ جي ڪري تڙپي رھيو ھئس. مون کي محسوس ٿيو ته منھنجي مدافعت کين وڌيڪ وحشي بڻائي رھي آھي ۽ ھو پريشان ٿيندا پيا وڃن.
    ”ھن جي وات ۾ بجلي ھڻ.“ ار چيو.
    پوءِ ھن پنھنجو حڪم مڃائڻ لاءِ منھنجي نڪ جي چوٽيءَ مان جھليو ۽ مون جيئن ئي ساھه کڻڻ لاءِ وات کوليو، ھن اگھاڙي تار منھنجي تارونءَ تائين ڦسي ڏني ۽ گڏوگڏ چا مشين کي ھلائڻ شروع ڪيو ۽ مون کي برقي رو جي شدت جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ مون ڳلو، ڄڀ ۽ اکيون پنبڻين تائين تشنج جيان ڇڪبيون ۽ ٻرنديون محسوس ڪيون ۽ ھر گھڙيءَ ان ۾ واڌارو ٿيندو پئي ويو.
    ھاڻي تار چا جھلي بيٺو ھو.
    حقيقت ۾ برقي رو جي ڪري منھنجيون ڄاڙيون اليڪٽروڊ سان ڳنڍجي ويون ھيون ۽ ڪيتري به ڪوشش ٿي ڪيم پر منھنجي لاءِ ڏندن کي کولڻ ممڪن نه رھيو ھو.
    سڄيل ڀنڃڻن جي ھيٺان منھنجون اکيون باھه جي تصويرن سان ڀريل ھيون ۽ روشن اقليدي نقشا منھنجي سامھون چمڪي رھيا ھئا. مون سوچيو ته برقي جھٽڪن سان انھن کي پنھنجي حلقن مان ائين ٻاھر ڇڪجندو محسوس ڪري سگھان ٿو، ڄڻ کين اندران کي ٻاھر ڌڪيو پيو وڃي. برقي رو پنھنجي پوري شدت سان ھئي ۽ منھنجي تڪليف به. اذيت مستقل ھئي ۽ مون سوچيو ته ھو مون کي ان کان وڌيڪ تڪليف پھچائي نه ٿا سگھن. پر مون ار کي ان ماڻھوءَ کي، جيڪو چرخي ھلائي رھيو ھو، ھي چوندي ٻڌو:
    ”جھٽڪا ھلڪا ڏي، پھرين آھستي ڏي ۽ پوءِ وري تيز ڪري ڇڏ.“
    تنھن کان پوءِ مون برقي رو جي سختيءَ ۾ ڪمي محسوس ڪئي ۽ تشنج جھڙي ڪيفيت ۾ جنھن سان منھنجو بدن آڪڙجي ويو ھو، ڪجھ گھٽتائي ٿي ۽ جڏھن ھو چرخي ٻيھر زور سان ھلائڻ لڳو، ته اوچتو برقي رو مون کي ٻيھر ڦونڊا ڦونڊا ڪرڻ لڳي. ان اوچتي کوٽ ۽ تڪليف جي زيادتيءَ کان بچڻ لاءِ آءٌ پنھنجو مٿو پوري قوت سان زمين تي ھڻڻ لڳس ۽ ھر ڌڪ سان ڪجھ سُڪون ٿي مليو. اھو ڏسي ار ويجھو اچي منھنجي ڪَن ۾ چيو:
    ”اھو نه سوچ ته اھڙيءَ طرح تون بيھوش ٿي ويندين ......... اھو ڪڏھن به نه ٿيندو.“
    نيٺ ھو بيھي رھيا. روشنيءَ جا زاويا اڃا به منھنجي سامھون نچي رھيا ھئا ۽ منھنجي ڪَنن ۾ اڃا تائين چرخي ھلڻ جا آواز پي ٻريا. ڪجھ دير کان پوءِ آءٌ انھن ٽنھي کي پنھنجي سامھون بيٺل ڏسي رھيو ھئس.
    ”ته پوءِ...... ؟“ چا چيو.
    مون ڪوبه جواب نه ڏنو.
    ”توبھ ڙي منھنجا رب ......“ ار چيو ۽ گڏوگڏ مون کي ھڪ زورائتو ٿڦڙ وھائي ڪڍيو.
    ”ٻڌ ...... “ چا چيو ۽ ھو ڪجھ پرسڪون نظر اچي رھيو ھو.
    ”انھن سڀني مان توکي ڇا ھڙ حاصل ٿيندو؟ جيڪڏھن تون ڪجھ به نه ٻڌائيندين ته اسين تنھنجي زال کي جھلي اينداسين. پنھنجو خيال آھي ته ھوءَ اھو سھي ويندين؟“
    ان ڀوائتي خواب ۾ آءٌ ڏاڍي ڏکيائي سان مڪارن جي ڪوڙ سبب ممڪن خطري جي ڊپ کان بچي سگھيس. پر مون ڄاتو ٿي ته ھو گلبرٽيءَ کي اذيت ڏيئي سگھن ٿا، جو ھو اڳ ۾ به گبرائيل گيمنيز، بلانشي موئن، ايلانٽي لوپ ۽ ٻين نوجوان عورتن کي اذيت ڏيئي چڪا ھئا. پوءِ مون کي اھا به خبر پئي ته ھنن مادام طوريءَ کي جيڪا ريڊيو الجير جي ھڪ نامياري اداڪار جي زال ھئي. کيس سندس گھر واريءَ جي موجودگيءَ ۾ ان ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو ته جيئن ھوءَ راز ٻڌائي. پر مان ڊڄي رھيو ھئس ته ھو پنھنجي ڌمڪيءَ کي عملي جامون پھرائڻ بابت منھنجي گھٻراھٽ ڄاڻي نه وٺن. پر پوءِ مون ڪجھ سُڪون جو ساھه کنيو، جو منجھائن ڪنھن کي چوندو ٻڌم ته: ”ھن کي ڪنھن به ڳالھ جي پرواھه نه آھي.“
    تنھن کان پوءِ ھو مون کي اڪيلو ڇڏي ھليا ويا. پر اھو خيال منھنجي ذھن ۾ مُترڪن جيان وسي رھيو ھو ته ڪنھن به گھڙيءَ گلبرٽيءَ اذيت جي تختي سان ٻڌجي سگھجي ٿي.


    5

    ٿوري دير کان پوءِ چا ھڪ ٻئي پارا ٽروپر سان گڏ موٽي آيو ۽ پنھنجي ڪاروائي ڪري موٽي ويا. ھاڻي مون کي ائين محسوس ٿيو ته ھو مستقل طور تي اچي وڃي رھيا آھن ۽ فقط ويساھي کڻڻ لاءِ ڪي منٽ مھلت ٿا ڏين، چا ھڪ ڀيرو وري مون کي عذاب ڏنا ۽ بار بار ھڪ ئي سوال ورجائيندو رھيو ته: ”گرفتاري کان اڳ واري رات ڪٿي ٽڪيل ھئين؟“
    ھنن پارٽيءَ جي ھڪ روپوش اڳواڻ جي تصوير منھنجي سامھون ڪئي: ”ھي ڪٿي آھي؟“
    مون چا ڏانھن ڏٺو جنھن سان ھن ڀيري ار به گڏ ھو، ۽ ورديءَ ۾ نه ھئڻ ڪري ڏاڍو سھڻو وڳو پاتل ھئس. اوڏيءَ مھل مون پنھنجو ڳلو صاف ڪيو ۽ ھو اھو چوندو مون کان پري ھٽي ويو ته:
    ”ڏس! ھاڻ ھي ڏڪڻ لڳو آھي.“
    ”ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي.“ ساڻس گڏ بيٺل ھڪ ٻئي چيو.
    ”اھا ڳالھ مون کي پسند ڪونھي ۽ صحت لاءِ پڻ خراب آھي.“
    ھو تڪڙ ۾ ھو ۽ کيس ڊپ ھو ته متان آءٌ ٿُڪي سندس سوٽ خراب نه ڪري ڇڏيان. مون سوچيو ته شايد کيس ڪنھن دعوت ۾ وڃڻو آھي، تنھن ڪري منھنجي گرفتاريءَ کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڏينھن ٻيو به لنگھي ويندو ۽ ان گھڙيءَ اوچتو ان خيال سان مون کي ڏاڍي سرھائي ٿي ته ھي ظالم مون کي فتح ڪري نه سگھيا آھن.
    ار جي وڃڻ کان پوءِ آءٌ گھڻي دير اڪيلو نه رھيس. ھن گمنام ڪوٺڙيءَ ۾ ھڪ عربيءِ کي وٺي آيا. کن پل لاءِ دروازو کليو، جنھن سان ڪجھ سھائي ٿي. مون ھن جو پاڇو ڏٺو، وضح قتع ۾ ھڪ خوش پوش نوجوان ٿي لڳو. سندس ڪرائين ۾ ھٿڪڙيون ھيون. ھو اڳيان وڌيو ۽ اونداھيءَ ۾ ھٿوراڙيون ڏيندو منھنجي ڀرسان ويھي رھيو. ٿوري ٿوري دير کان پوءِ آءٌ ڏڪڻ ٿي لڳس ۽ ڇرڪ ٿي ڀريم ڄڻ بجليءَ جو ڪرنٽ منھنجي پويان ھجي. ھن مون کي ڏڪندو محسوس ڪري گنجي منھنجي ڪلھن تي وجھي ڇڏيائين. ھن مون کي جھليو جيئن آئون گوڏن ڀر بيھي ڀت ڏانھن منھن ڪري مُٽي سگھان.
    تنھن کان پوءِ ھن ليٽڻ ۾ مون کي سھارو ڏنو.
    ”ليٽي پؤ منھنجا ڀاءُ.“ ھن چيو.
    ”آءٌ علي آھيان. ’الجير ريپبليڪن‘ جو اڳوڻو ايڊيٽر، ٻاھر وڃي ھنن کي چئج ته آءٌ مري ويس.“ مون کيس اھو چوڻ ٿي گھريو پر لفظ منھنجي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ۽ اھو چوڻ ۾ مون کي ڏاڍي ڪوشش ڪرڻي پئي. ۽ وقت به گھڻو نه ھو. اوچتو دروازو کليو، مون ورانڊي ۾ ڪنھن کي چوندو ٻڌو:
    ”ھن کي ھتي ڇو رکيو اٿوَ؟“ پوءِ ھو عربيءَ کي وٺي ويا.
    ٿوري دير کان پوءِ دروازو ٻيھر کليو. ھن ڀيري ٻه پارا ھئا. ھڪ ٽارچ ٻاري منھنجي منھن تي ھنئي. آءٌ ڌڪن جو انتظار ڪرڻ لڳس، پر ھنن مون کي ھٿ به نه لاٿو. آءٌ اھو ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، ته ھو ڪير آھن، پر فقط انھن جو آواز ئي ٻڌي سگھيس.
    ”ھي ايترو خطرناڪ ته ڪونھي.“
    ”ھا....... ڏاڍو خطرناڪ!“ ٻئي وراڻيو. ۽ ھو ھليا ويا.
    اوچتو بجلي ٻاري ويئي. ھي ار جي ٽولي جا ماڻھو ھئا.
    ”ھن اڃا سوڌي ڪجھ به نه چيو آھي.“
    ”فڪر جي ضرورت ڪانھي ....... اجھو منٽن ۾ ٿو ٻڌائي.“
    ”سچ! ٻئي چيو، ”تو ليفٽيننٽ کي پنھنجو خيال ٻڌايو آھي.“
    ”جي ......ھا.“
    آءٌ سمجھي ويس ته منھنجي لاءِ گھاٽ گھڙجي رھيو آھي. ايتري ۾ ھنن جي پويان ار کي بيٺل ڏٺم. پوءِ ھو اڳيان وڌي اچي مون تي جھڪيو ۽ ڇڪي ڀت سان بيھاريائين، ۽ ڇڪي منھنجي گنجي لاٿائين. ھن جون ٽَنگون منھنجي ٽَنگن کي سھارو ڏيئي رھيون ھيون ۽ ھو فرش تي بلڪل منھنجي سامھون بيٺو ھو. پوءِ ھن ورديءَ جي کيسي مان ماچيس ڪڍيو ۽ تيلي ٻاري منھنجي نگاھن جي سامھون آندائين ۽ اھو ڏسڻ لڳو ته منھنجون نگاھون شعلي جو پيڇو ڪن ٿيون يا نه ۽ آءٌ ڊڄي ته ڪونه رھيو آھيان. پوءِ ھو تيلي ٻاريندو منھنجي مٿي ۽ ڇاتيءَ کي واري واري سان ساڙڻ لڳو، گڏوگڏ پنھنجي نائب کي مخاطب ٿيندي چيائين:
    ”ھاڻي تون شروع ڪري سگھين ٿو.“
    اھو ٻڌي ھن ڪاغذ جي اھا مشعل ٻاري جيڪا ھو کڻيو تيار بيٺو ھو، ۽ منھنجي پيرن جون تريون ساڙڻ لڳو. سندس ان عمل تي مون نه ته ڪا رڙ ڪئي۽ نه وري ڪا چرپر. آءٌ ته بي حس ٿي چڪو ھئس. جڏھن ار مون کي ساڙي رھيو ھو ته آءٌ ھن جي اکين ۾ اکيون ملائي ڏسي رھيو ھئس. اھو ڏسي ڪاوڙ ۾ اچي ھو مون کي ڪُٽڻ لڳو.
    بجليءَ جي ڪرنٽ منھنجي زبان، چپن ۽ ڳلي کي بلڪل ساڙي ڇڏيو ھو ۽ ھو ڪاٺ جيان سخت ٿي ويا ھئا. ار کي اھا خبر ھئي ته بجليءَ وسيلي عذاب ڏيڻ سان اُڃ تمام گھڻي ٿي لڳي. ھن ماچيس رکي ھٿ ۾ جڳ ۽ گلاس کڻندي چيو:
    ”تون ڪجھ پيئندين، ٻه ڏينھن ٿي ويا آھن، ۽ چئن ڏينھن کان پوءِ تون اُڃ وگھي مري ويندين ..... چار ڏينھن ڊگھا به ٿي سگھن ٿا ۽ تون پنھنجو پيشاب به چٽڻ چاھيندين.“ اھو چئي ھن جڳ ۽ گلاس منھنجي اکين جي بلڪل سامھون آڻي انھي ۾ پاڻي اوتيو ۽ پوءِ پنھنجو وات منھنجي ڪَن جي ويجھو آڻيندي ڀڻاٽ ڪندي چيائين:
    ”ھا! ڳالھاءِ، تنھنجي ڳالھائڻ جي دير آھي ..... پوءِ تنھنجي پيئڻ لاءِ مَٽ پاڻيءَ جا حاضر ٿي ويندا.“
    ھن گلاس جي ڪنارن جي زور سان منھنجا چَپ کوليا، گلاس ۾ پاڻي صفا ٿورو اوتيل ھئو ۽ آءٌ صاف پاڻيءَ کي گلاس جي تر ۾ ڇلندو ڏسي پي سگھيس، پر ھڪ ڦڙو به پي نه ٿي سگھيس. ار جو منھن بلڪل منھنجي سامھون ھو ۽ منھنجي پاڻي پيئڻ جي ڪوشش تي ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
    ”ڇوڪرن کي چئو ته اچي ٽانٽلاس (Tantalus) جو عذاب ڏسن.“
    ٻيا پارا کليل دروازي وٽ بيٺا ڏسي رھيا ھئا ۽ حد درجي جي ٿڪاوٽ جي باوجود به، جنھن جي خلاف آءٌ لڙي رھيو ھوس، مون پنھنجو ڪنڌ مٿي کڻي پاڻيءَ کي ڏسڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جيئن منھنجو عذاب ھنن وحشين جي تفريح جو سبب نه بڻجي.
    ”اڙي اسين ايترا خراب به ڪونه آھيون. اسين ته توکي پاڻي پيارڻ ٿا گھرون.“ اھو چئي ھن منھان منھن ڀريل گلاس منھنجي چپن تائين آندو. گھڙي کن ترسي، منھنجي نڪ مان جھلي ڪنڌ کي پويان ڪري سڄو گلاس وات ۾ اوتي ڇڏيائين. اھو بنھ گندو ۽ ڌپارو پاڻي ھو.
    منٽن يا شايد ڪلاڪن کان پوءِ ھڪ نئين مداخلت ٿي، ڪپتان ڊي آيو، ساڻس گڏ لو ۽ اھو ٿلھو پارا به ھو جنھن اربع واري ڏينھن جي اذيت ۾ حصو ورتو ھو. ھنن مون کي ديوار لڳائي بيھاريو ۽ لو تارون منھنجي ڪنن ۽ آڱرين تي چنبڙايون. آءٌ ھر جھٽڪي سان اڇلجيس ٿي، پر اف به نه ٿي ڪيم. ھاڻي ته آءٌ بلڪل بي حس ٿي چڪو ھئس. اھو ڏسي ڊي کين ترسڻ جو اشارو ڪيو.
    ھو زمين کان ٿورو مٿڀرو، ھڪ کوکي تي ويھي سگريٽ پيئڻ ۽ بلڪل نرم آواز ۾ ڳالھائڻ لڳو، جيڪو ٻين جي رنڀن ۽ ڏاڍاين جي بلڪل ابتڙ ھو، جيڪي اڃا منھنجي ڪنن ۾ ٻري رھيون ھيون. ظاھري طرح ھو بلڪل غير اھم موضوعن جي باري ۾ ڳالھائي ۽ کل ڀوڳ ڪري رھيو ھو ۽ سوالن ڏانھن ھلڪو اشارو به نه ڪيائين، جيڪي شروع ۾ زوري مون کي ذھن نشين ڪرايا ويا ھئا. ٻين ڳالھين کان سواءِ ھن مون کان پڇيو:
    ”توکي خبر آھي ته فرينچ پريس فيڊريشن سان تمام گھڻيون اخبارون لاڳاپيل آھن.“
    آءٌ کين جواب ڏيان ھا، پر پنھنجي ٺَوٺ ۽ سخت ٿي ويل چپن کي ڏکيائيءَ سان چوري سگھيس، ۽ منھنجي ڳلي مان بس ھڪ مئل سيٽي نڪتي. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان مون ٻه ٽي ٻول ٻولڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوارن ھو مون سان ڳالھائيندو رھيو، ڄڻ ھڪ سوال ٻئي سوال سان لاڳاپيل آھي.
    ”۽ آئون! ھو تنھنجو گھاٽو سنگتي ھو نه؟“
    اھا ڳالھ خطري جي اشاري جيان ھئي. آءٌ سمجھي ويس ته ھو ھوريان ھوريان مون کي پنھنجي دلچسپي وارن موضوعن ڏانھن آڻڻ ٿو گھري، جيئن مون کي احساس ئي نه ٿئي. جيتوڻيڪ گھڻي مارڪٽ ۽ اذيت جي ڪري منھنجو ھوش جاءِ تي نه ھو، پر ھڪ اڪيلو خيال، منھنجي ذھن ۾ وڄ وانگر وراڪا ڏيئي رھيو ھو ته، ”کين ڪجھ به نه ٻڌائي ...... سندن ڪابه مدد نه ڪر.“ ۽ مون پنھنجي زبان بند رکي.
    اھو ڏسي ڊي جو صبر ختم ٿي ويو ۽ اٿي کڙو ٿيو ۽ منھنجي منھن تي مُڪن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنائين، ۽ منھنجو مٿو ھن جي ٺونشن جي تال تي ڪڏھن ھڪ طرف ته ڪڏھن ٻئي طرف ٿي جھڪيو. ھاڻي مون ۾ ڪوبه احساس نه رھيو ھو. ايستائين جو ھن جو ھٿ منھنجي طرف ٿي آيو، ته به مون اکيون نه ٿي پوريون. ٿوري دير کان پوءِ ھو ھنن کي پاڻي آڻڻ جي لاءِ چوڻ لاءِ ترسيو پوءِ ھن جڳ ۽ گلاس ورتو جيئن پھرين ليفٽيننٽ ڪيو ھو، تيئن منھنجي اکين جي سامھون پاڻي ھڪ ٿانوَ مان ٻئي ٿانوَ ۾ اوتڻ لڳو ۽ گلاس منھنجي چپن تائين ائين آندائين جو آئون پي سگھان. پر مون پيئڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي. پاڻي پيئڻ ۾ منھنجي دلچسپي نه ڏسي ھن گلاس پٽ تي رکي، گھڙي کن ترسي مون کي لت وھائي ڪڍي ۽ آءٌ گھوماٽجي ھڪ طرف ڪريس ۽ ڪرندي منھنجو ھٿ گلاس کي لڳو، جنھن ڪري اھو ھارجي پيو.
    ”اڙي ھي اگھي ڇڏ...... نه ته ھي چَٽيندو.“ ار چيو. ڳچ دير کان پوءِ ٻيھر دروازو کليو ته مون ار کي ٻن آفيسرن سان اندر ايندي ڏٺو، جن کي مون اڳ ۾ نه ڏٺو ھو. انھن مان ھڪڙو اوندھه ۾ ھوريان ھوريان ھلندو مون وٽ آيو ۽ منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيائين: ”آءٌ جنرل ايم جو ايڊ- ڊي ڪيمپ آھيان.“ اھو ليفٽيننٽ ما ھيو.
    ”توکي ھن حال ۾ ڏسي مون کي سخت افسوس ٿيو آھي. تنھنجي عمر اڃا ڇٽيھ سال کن مس آھي ۽ اھا مرڻ واسطي ايتري ڪانھي.“ پوءِ ھن مُڙي ٻين کي وڃڻ لاءِ چيو. ”ھي فقط مون سان اڪيلائيءَ ۾ رھاڻ ڪندو.“ اھو ٻڌي ھو ٻاھر ھليا ويا ۽ اسين ٻئي اڪيلا رھجي وياسين.
    ”توکي اھو ڀؤ آھي نه، ته متان ھنن کي خبر نه پئجي وڃي ته تو سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو آھي. ائين نه؟ پر منھنجو توسان مڙساڻو اقرار آھي، ته ٻڙڪ به ٻاھر ڪانه نڪرندي ۽ اسين تنھنجي حفاظت ڪنداسين. توکي جيڪا به خبر آھي سا مون کي ٻڌاءِ ۽ آءٌ ھينئر ئي توکي اسپتال موڪليان. ھفتي کان پوءِ تون فرانس ۾ پنھنجي زال ۽ ٻارن وٽ ھوندين. اھو اسين توسان وچن ٿا ڪريون ...... پر جيڪڏھن نه...... ته پوءِ تون ھميشہ لاءِ گُم ٿي ويندين.“ اھو چئي ھو جواب جو اوسيئرو ڪرڻ لڳو. پر منھنجي ذھن ۾ جيڪو جواب ھو سو مون ڏنو.
    ”اھو ڏاڍو خراب ٿيندو.....“
    ”تنھنجا ٻار به آھن؟“ ھن چيو. ”آءٌ شايد ساڻن ملي سگھان .... تون چاھين ٿو ته آءٌ کين ٻڌايان ته آئون سندن پيءُ کي سڃاڻان ٿو؟..... تون ڪونه ٻڌائيندين؟ پر جيڪڏھن تون مون کي ھينئر وڃڻ ڏنو ته ٻيا موٽي ايندا ..... ھن ڀيري ھو.....“
    مون ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ھو اٿي کڙو ٿيو، پر وڃڻ کان اڳ چيائين:
    ”بس تنھنجي سامھون اھوئي رستو آھي ته آپگھات ڪري ڇڏ.“ پوءِ مون کيس ورانڊي ۾ ٻين سان ڳالھيون ڪندو ٻڌو جيڪي سندس اوسيئڙي ۾ ھئا:
    ”ڏھن پندرھن سالن کان ھنن سڀني جي ذھن ۾ فقط ھڪ ئي ڳالھ آھي ته جيڪڏھن گرفتار ٿي ويا ته کين ڪجھ به ڪڇڻو نه آھي ۽ کين لڪائڻ جو ڪوبه طريقو ڪونھي.“
    مون محسوس ڪيو ته آءٌ پنھنجي آزمائش جي ھڪ مرحلي تي پھچي ويو آھيان ۽ واقعي گھڙي کن کان پوءِ ٻه پارا ڪمري ۾ آيا ۽ منھنجا ھٿ کولي مون کي سھارو ڏيئي بيھاريائون ۽ ائين اڱڻ ۾ وٺي آيا. ھر ٻن ٽن وِکن کان پوءِ ھنن مون کي ساھي کڻڻ لاءِ بيھڻ ٿي ڏنو. رستي ۾ ڏاڪڻين جي ويجھو بيٺل ٻن پارا ٽروپن کين ٽوڪيو: ”اڙي ھن مڙھه کي ڪيڏانھن کڻي پيا وڃو...... ھي ھي ھي ..... ھي ته چُري به ڪونه ٿو سگھي.“
    مون وارن سونھن مان ھڪ ڄڻي ساڻن معذرت ڪئي.


    6

    مون کي وراندي جي ڇيڙي ۾ کاٻي طرف ھڪ کوليءَ ۾ نيو ويو، جيڪو اصل ۾ ھڪ غسل خانو ھو ۽ اڃا جڙي راس نه ٿيو ھو. ھڪ پارا مون کي پيرن ۽ ٻن ڪُلھن کان جھلي کڻي ڀِت سان پيل ھڪ کٽ تي ليٽايو. ڪجھ گھڙين کان پوءِ مون کين بحث ڪندي ٻڌو ته مون کي ھٿڪڙي ھڻڻ گھرجي يا نه. ”ان جي ضرورت ڪونھي ..... ھي ته چُري به نه ٿو سگھي.“ ٻيو ساڻس سھمت ٿيو.
    ”اھو خطرو کڻي اسان کي پڇتائڻو نه پوي .....“
    نيٺ ھنن منھنجا ھٿ چيلھ جي پويان ڪري ٻڌڻ بدران اڳيان ڪري انھن ۾ ھٿ ڪڙيون وڌيون، ۽ مون کي آزاديءَ جو غير معمولي احساس ٿيو. ھو ورانڊي ۾ بيھي منھنجي باري ۾ ڳالھائڻ لڳا.
    ”ھن کي ڪجھ پاڻي پياريو ۽ ھر ڪلاڪ کان پوءِ ٿورو ٿورو ڏيندا وڃوس..... گھڻو نه پياريوس نه ته طبيعت خراب ٿي وينديس.“
    فرينچ لھجي واري ھڪ پارا ٽروپر جيڪو مون سان گڏ آيو ھو، سو ھڪ ڪمبل کڻي آيو ۽ مون تي وجھي ڇڏيائين. ھن مون کي پاڻي پياريو، مون ڍُڪ کن مس پيتو جو منھنجي اڃ مري چڪي ھئي. ”توکي جنرل ايم جي تجويز سان ڪا دلچسپي ڪانھي.“ ھن جي آواز ۾ ڪابه دشمني نه ھئي.
    ”آخر تون نه ٻڌائڻ تي ايترو ڳنڍ ٻڌيو ڇو بيٺو آھين. تون پنھنجن سنگتين کي دوکو ڏيڻ نٿو چاھين ..... ائين نه؟ پر ان قسم جي مقابلي لاءِ واقعي ھمت کپي.“
    مون کانئس اڄوڪي ڏينھن بابت پڇيو. ھن جمع جي رات ٻڌائي ۽ ھنن مون کي اربع کان اذيت ڏيڻ شروع ڪئي ھئي.
    ورانڊي ۾ قدمن جي آواز جو گوڙ جاري ھو، جيڪو ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ار جي احڪام جاري ڪرڻ واري تيز لھجي جي ڪري ٽٽو ٿي. اوچتو مون کي ڏاڍين ڀوائتين رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا، جيڪي شايد ڀر واري ڪمري مان پئي آيا. اتي ڪنھن کي اذيت ڏني پي ويئي ...... اھا عورت ھئي ۽ منھنجي دماغ ۾ خيال اچڻ لڳا ته اھا گلبرٽي آھي، ۽ مون سندس آواز سڃاڻي ورتو آھي. مون کي پنھنجي انھيءَ غلطيءَ جو احساس گھڻن ڏينھن کان پوءِ ٿيو.
    اذيت سڄي رات جاري رھي ۽ آئون دٻيل دٻيل رڙيون، گاريون ۽ مارڪُٽ جا آواز ٻڌندو رھيس. جلد ئي مون کي خبر پئجي ويئي ته اھا رات ڪنھن خاص اھميت جي حامل نه ھئي، پر عمارت جي ٻين راتين جيان ھئي. تڪليف ۽ تشدد دوران ٿيندڙ رڙيون ۽ دانھون ”سينٽر ڊي ٽري“ لاءِ نيون نه ھيون. مون ڏٺو ته ڪنھن به پارا ان ڳالھ ڏانھن ڌيان نه ٿي ڏنو، پر مون کي پڪ آھي ته ڪوبه اھڙو قيدي نه ھوندو جنھن مون جيان عذاب سھندڙن جون پھريون ڀيرو رڙيون ٻڌي تڪليف ۽ ڌڪار کان رڙيون نه ڪيون ھونديون.
    آءٌ ڪجھ ڪجھ ھوش ۾ ھئس ۽ پرھه ڦٽيءَ ڌاري سمھي رھيس ۽ تمام گھڻي دير کان پوءِ ڪلھ شام واري پارا مون کي جاڳايو. ھو منھنجي لاءِ ٿورو گرم سوپ به کڻي آيو ھو. اھو اربع کان پوءِ منھنجو پھريون کاڌو ھو. مون سوپ جا ڪجھ چمچا ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پيتا. منھنجي چپن، زبان ۽ ڄاڙين ۾ اڃا تائين برقي تار جي ساڙ سبب ڏاڍي تڪليف ٿي رھي ھئي. منھنجي ٻين سڙيل عضون مان ڇاتي ۽ آڱرين جا زخم خراب ٿي ويا ھئا ۽ مون کي لڳل ھٿڪڙيون به لاٿيون ويون ۽ مون ڏٺو ته آءٌ پنھنجو کاٻو ھٿ استعمال ڪري نه ٿو سگھان، جيڪو بلڪل بي حس ھو. منھنجي کاٻي ڪُلھي ۾ به سخت سُور ھو، جنھن جي ڪري آئون پنھنجي ٻانھن به کڻي نٿي سگھيس.
    *****************


    7

    تنھن کان پوءِ اذيت ڏيندڙن کي مون شام جو ڏٺو، مون کي ائين لڳو ڄڻ ھنن مون سان ڪوٺڙيءَ ۾ ملڻ جو فيصلو ڪيو ھو. اھي سپاھي، آفيسر ۽ سويلين (جيڪي پڪ سان ڊي- ايس- ٽي سان لاڳاپيل ھئا) جن کي مون اڳ ۾ ڪڏھن به نه ڏٺو ھو. سڀ اتي موجود ھئا. ھو پاڻ ۾ ائين ڳالھائي رھيا ھئا ڄڻ اتي منھنجو ڪو وجود ئي نه ھو.
    ”ھون! ته ھي ڪجھ به ٻڌائڻ نه ٿو گھري.“ سويلين ھڪ ھمراھه چيو.
    ”اسان وٽ وقت آھي.“ ميجر چيو.
    ”پھريون ھڙئي ائين ھوندا آھن ..... مھينو..... ٻه ..... ٽي ..... پر پوءِ نيٺ ھوڏ تان لھي سڀ ڪجھ آکي ڇڏيندو.“
    ”ھي اڪاشي ۽ ايليٽي لوپ جھڙو آھي.“
    ”ھي چاھي ٿو ته ھيرو بڻجي وڃان ۽ ڪجھ صدين کان پوءِ ڪنھن ڀت تي سندس نالي جي تختي ھنئي وڃي.“
    اھو چئي ھو پنھنجي مذاق تي ٽھڪ ڏيئي کِلڻ لڳو ۽ مون ڏانھن مڙي چيائين:
    ”اسان تنھنجي چڱي نموني پرگھور لڌي آھي.“
    ”ھن جي پنھنجي غلطي آھي.“ چا چيو.
    ”کيس ڪنھن به شيءِ جي پرواھه ڪونھي.“ ار چيو.
    ”ھن کي ته پنھنجي پارٽيءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ سجھي ئي ڪونه ٿي ..... ٻيو ته وڃي کڏ ۾ پوي، پر پنھنجي زال ۽ ٻارن جي به پرواھه ڪانه اٿس.“
    ٻيو ڏينھن آچر جو ھو، کيس ٻيھر ار سان گڏجي ٿوري دير لاءِ اچڻو ھو. ھو ٻئي مرڪي رھيا ھئا.
    ”تون اڃا به ھوڏ تان نٿو لھين؟“ چا مون کان پڇيو.
    ”پوءِ ته تون پنھنجي لاءِ نيون ۽ ڪٺن مصيبتون کڙيون ڪري رھيو آھين، اسان وٽ توکي بڪائڻ لاءِ سائنسي طريقا به آھن.“ (ھن اھو لفظ ڌار ڌار ۽ تمام زور ڏيئي چيو.)
    جڏھن ھو ھليا ويا ته مون دروازو کڙڪائي اٿڻ لاءِ سھارو گھريو ۽ ھڪ پارا جي سھاري رنڌڻي ۾ ويس ۽ ڀت تي ارڪ ڏيئي منھن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا ھنيم. جڏھن ٻيھر موٽي اچي ليٽيس ته ھڪ ٻئي پارا، لو جي انھيءَ اينگلو الجيرين اڌ کليل دروازي مان ٻوٿ ڪڍي ٽوڪ ھڻندي پڇيائين:
    ”ڪيئن ھاڻ ٺيڪ آھين نه .......؟“
    ”ھا .......“ مون ساڳئي لھجي ۾ وراڻي ڏنمس.
    مون چاھيو پئي ته آءٌ ائين ئي ڳالھائيندو رھان ته جيئن مون کي اندازو ٿئي ته اڃا منھنجي واسطي ڇا ڪجھ باقي آھي ۽ اھي ڪھڙا سائنسي طريقا آھن، جيڪي مون تي ھو آزمائڻ چاھين ٿا. پر ھن ڌڪار مان ورندي ڏني:
    ”تو صحيح سمجھيو آھي، تنھنجو کيل اڃان ختم نه ٿيو آھي ۽ اسين توکي ضرور بڪائينداسين.“


    8

    جڏھن ار مون کي جاڳايو ته سومر جو صبح ٿي چڪو ھو. ٻن پارن سھارو ڏيئي مون کي بيھاريو ۽ اسين چارئي ڏاڪڻين تان ھيٺ لٿاسين.
    ”تون ڊڄين ته ڪونه پيو؟“
    ”نه........“ مون وراڻيو.
    ”منھنجو توسان وعدو آھي ته توکي رھڙ اچڻ به نه ڏيندس.“ اھو چئي ھن مون کي ھنڌ تي ليٽايو. جھڪي نس ڏٺائين ۽ اسڪوپ سان منھنجي تپاس ڪيائين.
    ”ھي ٿورو گھٻرايل ٿو ڏسجي، پر اسين ڪم شروع ڪري سگھون ٿا.“
    اھو ٻڌي مون ڏاڍو گھٻرايو، جو ھو حرڪت قلب وسيلي منھنجي محسوسات سمجھي ويو ھو ۽ اھي ھڙئي تياريون منھنجي انھن خدشن جي تصديق ڪري رھيون ھيون ته ھو مون تي ”سچائيءَ جي دوا“ جو تجربو ڪرڻ لڳا آھن. چا انھن ئي سائنسي طريقن جو ذڪر ڪيو ھو. مون اڄ ڏينھن تائين اخبارن ۾ پينٽوٿل (Pentothal) بابت جيڪي ڪجھ پڙھيو ھيو، گذريل ڏينھن اھو سڀ ڪجھ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. ”جيڪڏھن مريض مضبوط ارادي جو مالڪ آھي ته کيس سندس مرضيءَ جي خلاف ڪجھ به چوڻ تي مجبور ڪري نٿو سگھجي.“ ڪنھن چيو: ”پھرين فقط پنج سينٽي ميٽر ڪيوب استعمال ڪج، جو ڪن تي اثر نه ٿو ٿئي.“
    ھو اھو سوچي رھيو ھو ته ڪجھ ماڻھن تي دوائن جو اثر نٿو ٿئي. پر ان گھڙي مون سمجھيو ته ھن جو مطلب نفسياتي مزاحمت سان آھي ۽ فيصلو ڪيم ته مٿن ظاھر ڪندس ته مون ۾ مزاحمت ڪرڻ جي سگھ ڪونھي. مون سوچيو ته دوا جو گھٽ ۾ گھٽ مقدار ۾ وٺڻ جو اھوئي بھترين طريقو آھي.
    آءٌ گھٻراھٽ ۽ سيءَ جي ڪري ڏڪي رھيو ھئس ۽ چيلھ تائين اگھاڙو ھئس، ڇوته منھنجي قميص اڃا مون کي موٽائي نه ڏني ويئي ھئي. اھو ڏسي ھڪ پارا منھنجي مٿان ڪمبل وڌو ۽ اسپتال جو نوڪر منھنجي ويجھو آيو ۽ منھنجي کاٻي ٻانھن جھلي رٻڙ جو ھڪ ٽڪرو ٻڌي نس ڪڍيائين ۽ سئي ٽنبي ڏنائين. مون ڪمبل جي ھيٺان پنھنجو بي حس ھٿ ساڄي پاسي جي پتلون جي کيسي ۾ وجھي سٿر ۾ زور ڏنو ۽ پاڻ کي محسوس ڪري اھو سوچڻ لڳس ته جيستائين اھو ڇھاءُ محسوس ڪري سگھندس، تيستائين خبر رھنديم ته آءٌ خواب ۾ نه آھيان ۽ اھڙي طرح ھوشيار رھي سگھندس.
    ملازم پچڪاريءَ کي بنھ ھوريان ھوريان دٻائي رھيو ھو ۽ دوا جو ڦڙو ڦڙو ٿي منھنجي رت جي گردش ۾ شامل ٿي ويو.
    ”آھستي آھستي ڳڻ.“ ڊاڪٽر چيو.
    ”ھاڻي شروع ڪر......“
    ”ھڪ- ٻه- ٽي“ مون ڏھن تائين ڳڻيو ۽ پوءِ ائين بيھي رھيس ڄڻ ننڊ اچي ويئي ھجيم. ڪنڌ کان ٿورو مٿي مون کي ھڪ اھڙيءَ بي حسيءَ جو احساس ٿيو، جيڪو منھنجي سرير ۾ پکڙجي رھيو ھو ۽ مون کي بي ھوش ڪري رھيو ھو.
    ”ھڪ ٻه ٽي .......“ ڊاڪٽر وري مون کي ڳڻڻ جي لاءِ چيو.
    ”ڳڻيندو رھه .......“ آءٌ سندس چيل انگ ورجائڻ لڳس.
    ”چوڏھن ...... پندرھن ...... سورھن ......“ ۽ پوءِ مون ڄاڻي واڻي ٻه ٽي انگ ڇڏي وري اوڻيھن کان ڳڻڻ شروع ڪيو.
    ”ويھ ...... ايڪيھ ......“ ۽ پوءِ خاموش ٿي ويس ۽ کين چوندي ٻڌم.
    ”ھاڻ ٻي ٻانھن ۾.“
    ڪمبل جي ھيٺان کيسي ۾ ھٿ وجھڻ لاءِ مون ھوريان ھوريان ٻانھن سرڪائي ته جيسين منھنجا ننھن گوشت ۾ لڳل ھوندا، تيسين حقيقت سان وابسته رھندس، پر پنھنجي مڙني ڪوششن جي باوجود به سمھي رھيس.
    ڊاڪٽر ھوريان ھوريان منھنجي ڳل تي ٿڦڪي ھنئي ۽ ڀڻاٽ ڪندي ڏاڍي پنھنجائپ واري انداز ۾ چيو: ”ھينري، ھينري! آءٌ تنھنجو دوست مارسل آھيان ..... تون ٺيڪ ته آھين نه؟“
    مون اکيون کوليون ۽ ڏاڍي ڪوشش کان پوءِ آھستي آھستي مون کي واقعي جو احساس ٿيو. ڪمري ۾ اوندھه ھئي جو ھن پردا ڇڪي ڇڏيا ھئا. منھنجي ھنڌ جي چوڌاري پارا آفيسر ويٺل ھئا، جيڪي پڪ سان تجربو ڏسڻ لاءِ آندا ويا ھوندا. ھو ماٺ ڪري ٻڌي رھيا ھئا. مون ڊاڪٽر جي ھٿ ۾ ڪاغذ ڏٺو ۽ سمجھي ويس ته انھن سوالن جي فھرست آھي، جيڪي ھو مون کان پڇڻ گھري ٿو.
    پوءِ ھڪ بلڪل ڄاتل سڃاتل آواز مون کان پڇڻ شروع ڪيو، ڄڻ ڪو پراڻو دوست مون سان ڳالھائي رھيو ھجي. ھن مون کان اخبار ڪڍڻ دوران پيش ايندڙ تڪليفن بابت پڇڻ شروع ڪيو. ظاھري طرح ته اھو بلڪل عام سوال ھو ۽ مون ڏاڍي سولائيءَ سان پنھنجو پاڻ کي جواب ڏيندو محسوس ڪيو. مون اخبار ڪڍڻ جي سلسلي ۾ ايندڙ سڀني تڪليفن جو بيان شروع ڪيو ۽ پوءِ اھو به ٻڌائڻ لڳس، ته اخبار جا صفحا ڪيئن لکبا آھن. مون کي ائين لڳو ڄڻ آءٌ نشي ۾ ڌت ھجان ۽ منھنجي جاءِ تي ڪو ٻيو ڳالھائي رھيو ھجي، پر مون ۾ ايترو شعور ضرور ھو ته آءٌ اذيت ڏيندڙن جي ھٿ ۾ آھيان ۽ ھو چاھين ٿا ته آءٌ پنھنجن سنگتين سان دغا ڪريان. پر اھو ته رڳو تعارف جيان ھو. پوءِ ڊاڪٽر پنھنجي نائب کي ڀڻاٽ ڪندي چيو:
    ”ڏٺئه، دوا اثر ڪري پئي نه؟...... ڪم ڪرڻ جو اھوئي طريقو آھي.“
    ھن منھنجو بيان اڌ ۾ ڪَٽيندي مون کي آھستي چيو:
    ”ھينري! مون کي ايڪس سان ملڻ لاءِ تو وٽ اچڻ لاءِ چيو ويو آھي..... ھاڻ ٻڌاءِ ته آءٌ ڇا ڪريان.“
    ھن دوستاڻي ويس ۾ اھوئي سوال ڪيو جيڪو ڪيترا ڀيرا اڳ ۾ به اذيت ڏيندڙ مون کان ڪري چڪا ھئا. منھنجي مدھوش ذھن ۾ ھزارين تصويرون ڦرڻ لڳيون.
    آئون ھڪ گھٽيءَ ۾ ھئس .... ھڪ گھر ۾..... ھڪ چوواٽي تي ..... سدائين ان مارسل سان گڏ جيڪو منھنجو پيڇو ڪري رھيو ھو ۽ مون کان سوال مٿان سوال پڇي رھيو ھو.
    مون ڏاڍي ڪوشش ڪري اکيون کوليون ۽ ايتري دير تائين حقيقت تي قابو پائي ورتم جو ٻيھر نيم بيھوشي ۾ ٻڏي ٿي سگھيس. ھن جواب حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي آھستي آھستي لوڏيو.
    ”ايڪس ڪٿي آھي؟“
    مون بي معنيٰ جملو چيو.
    ”مون کي حيرت آھي.“ مون کيس چيو.
    ”ته توکي مون وٽ موڪليو ويو آھي، پر مون کي خبر ڪونھي ته ايڪس ڪٿي آھي.“
    ”جڏھن ھو توسان ملڻ چاھيندو آھي، ته پوءِ ڇا ڪندو آھي؟“
    ”ھو مون سان ڪڏھن به ملڻ نه چاھيندو، ھن جو مون سان ڪوبه واسطو ڪونھي.“
    ”ھا بلڪل! پر پوءِ به جيڪڏھن ھو تو سان ملڻ چاھي ته ڪھڙو طريقو اختيار ڪندو.“
    ”ھو پڪ سان مون کي خط لکندو، پر وٽس ائين ڪرڻ جو ڪو سبب ته ڪونھي.“
    دوا جي باوجود به مون کي ضرورت موجب پنھنجو پاڻ تي ڪنٽرول ھو ۽ آءٌ ھنن وحشين سان ڳالھائڻ دوران ھر ممڪن ڪوشش ڪري رھيو ھئس ته محتاط رھان.
    ”ٻڌ ...... !“ ھو وري چوڻ لڳو.
    ”مون وٽ ايڪس جي فائدي جو ھڪ ڪم آھي، تنھن ڪري مون کي ساڻس ضروري ملڻو آھي، جيڪڏھن ھو توکي مليو ته ڇا تون ھن ۽ منھنجي وچ ۾ ڪو رابطو قائم ڪري سگھندين.“
    ”آءٌ ڪو وعدو ڪري نه ٿو سگھان.“ مون کيس چيو: ”پر جيڪڏھن ھن مون سان ملڻ گھريو ته مون کي ڏاڍي حيرت ٿيندي.“
    ”ٺيڪ آھي! پر اتفاق سان جيڪڏھن ھو اچي ويو ته آءٌ توسان ڪيئن ملان؟“
    ”تون رھندو ڪٿي آھين؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”26- ريو مچلٽ، ٽين ماڙ جي کاٻي پاسي، مارسل جي پڇا ڪج.“
    ”ٺيڪ آھي.“ مون وراڻيو.
    ”آءٌ پتو ياد رکندس.“
    ”اھو بھتر طريقو ڪونھي، جو مون توکي پتو ڏنو آھي، ۽ تون به پنھنجو پتو مون کي ڏي ..... ڀروسو رک.“
    ”ٺيڪ.“ مون کيس چيو.
    ”جيڪڏھن تنھنجي مرضي اھا ئي آھي ته ٺيڪ ٻن ھفتن کان پوءِ ڇھين وڳي تون ’پارڪ ڊي گلئڊ‘ جي اسٽيشن واري پل وٽ مون سان ملين سگھين ٿو. ھاڻ مون کي وڃڻ کپي، گھٽيءَ ۾ ائين بشنين جيان ھلڻ مون کي پسند ڪونھي.“
    ”تون پارڪ ڊي گلئڊ وٽ رھين ٿو..... پنھنجو پتو مون کي ڏي.“
    آءٌ ٿڪي چڪو ھئس ۽ وڌيڪ ڳالھائڻ نه ٿي گھريم سو تيز ٿيندي چيم:
    ”تون منھنجو وقت پيو زيان ڪرين ..... چڱو الله ٻيلي.“
    ”الله ٻيلي.“ ھن وراڻيو.
    پڪ سان ھو گھڙي کن مون کي ڏسڻ لاءِ بيٺو ھوندو ته آءٌ سمھي رھيو آھيان يا نه، ۽ پوءِ مون پنھنجي ويجھو ڪنھن کي ڀڻاٽ ڪندي ٻُڌو؛
    ”ھاڻي وڌيڪ ھي اکر به ڪونه ڪڇندو.“
    تنھن کان پوءِ سڀئي اٿي دروازي ڏانھن ويا، جيئن کيل ختم ٿيڻ کان پوءِ ٿيندو آھي. ھڪ ڄڻي ويندي ويندي بجلي ٻاري ۽ اوچتو آءٌ بلڪل ھوش ۾ اچي ويس. ھو ھڙئي دروازي جي ويجھو ھئا. ڪجھ ٻاھر نڪري چڪا ھئا ۽ ڪجھ اڃا اندر ھئا، جن ۾ ار ۽ چا به ھئا ۽ اڃا تائين مون ڏانھن ڏسي رھيا ھئا. کين ڏسي مون پوري سگھ سان رڙ ڪئي:
    ”اوھين برقي تار ٻيھر آڻي سگھو ٿا، آئون بلڪل تيار آھيان ۽ اوھان کان ڊڄان ڪونه ٿو.“
    ان کان اڳ جو اھي ٻه پارا مون کي پنھنجي تحويل ۾ وٺن جن مون کي ھتي آندو ھو، اسسٽنٽ منھنجي زخمن جي ملم پٽي ڪئي، ۽ منھنجي ڇاتي ۽ دُن وٽ پلستر ھنيو ۽ پوءِ ھو مون کي سھارو ڏيئي ٻيھر پنھنجي کوليءَ ۾ وٺي ويا. اتي ھڪ ڄڻي پنھنجي کيسي مان ٻه گوريون ڪڍي مون کي ڏنيون ۽ کائڻ لاءِ چيو. مون اھي وٺي زبان ھيٺان رکيون ۽ پاڻيءَ جو ڍُڪ پي چيم: ”ھاڻي ٺيڪ آھي.“
    دروازو بند ٿيندي ئي مون اھي ٿُڪي ڇڏيون، شايد اھي اسپرين جون گوريون ھيون، پر ھاڻي ته آءٌ ٺيڪ نموني سان سوچي به نٿو سگھان ۽ ھر نئين شيءِ جي خلاف سخت مزاحمت محسوس ڪري ھئس، جو سمجھيم ته متان ڪنھن نئين علاج جي شروعات نه ٿئي. مون سوچيو، مون کي محسوس ٿيو ته منھنجي حالت نارمل نه آھي، منھنجي دل ۽ نس تيزيءَ سان حرڪت ڪري رھيون ھيون.
    منھنجي مارسل سان ملاقات ٿي ھئي. پينٽوٿل جو ڀوت گوشت جو ڍڳ بڻجي ويو. ھن ڀيري ته آئون سندس سوالن جا جواب نه ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ھئس پر ٻئي ڀيري کيس ڪيئن شڪست ڏيئي سگھندس. مون کي خبر آھي ته آءٌ بدحواسيءَ جي عالم ۾ آھيان. مون اھو يقين ڪرڻ لاءِ پاڻ کي چھنڊڙي وجھي ڏٺو ته ڪٿي آءٌ خواب ته نه پيو ڏسان. پر ھر ڀيري جڏھن آئون حقيقت ڏانھن ٿي موٽيس، پر دوا جي ڪري پيدا ٿيل خدشن کي دور نه ڪري سگھيس.
    ”اچ، اسين وڃون پيا.“
    اھي ٻئي منھنجي شفاخاني جا سرواڻ ھئا. ان وقت گھڻي دير ٿي چڪي ھئي، شايد رات جا يارھن ٿيا ھئا. اسين ڏاڪڻيون چڙھي رھيا ھئاسين، جو مون کي خيال آيو ته ھو مون کي آپگھات ڪرائي رھيا آھن. پر انھيءَ وقت منھنجي حالت اھڙي ھئي جو ان خيال جو مون تي ذرو به اثر نه ٿيو.
    ”مون کي عذاب ڏنا ويا پر مون ھڪ اکر به نه ٻڌايو. دوا جو مون تي ڪوبه اثر نه ٿيو- اھا پڄاڻي ھئي.“


    9

    شام جو مون کي ٻي عمارت ۾ نيو ويو، پر اتي آءٌ گھڻي دير نه ٽڪيس. رات جو ھو مون کي کوليءَ ۾ وٺي ويا. ان دوران مون ورانڊي ۾ جيڪا ٿوري گھڻي ڳالھ ٻڌي، تنھن مان انھن احڪامن جي تشريح ٿي ويئي. ھو ھڪ ڪميشن (1) (مون کي پتو ڪونھي ته ڪھڙي) جي اچڻ جو اوسيئڙو ڪري رھيا ھئا ۽ اھو تمام ضروري ھو ته ھو مون کي نه ڏسن.
    _______
    (1) اھا ڪميشن ڊي سائو گارڊ (Commission de sawe Garde)ھئي جنھن جو مک جنرل ذيلر ھو.
    _______
    تنھن ڪري مون کي ٻي عمارت ۾ لڪايو ويو، جيڪا اصل ۾ سينٽر ڊي ٽري جو حصو ھئي.
    ھنن ھڪ ڀيرو وري به مون کان سوال پڇڻ جي ڪوشش ڪئي. پھرين چا ۽ پوءِ ڊي. ساڻن ھڪ ٻيو شخص به گڏ ھو، جنھن کي مون نه سڃاتو. ھنن ساڳي منزل تي مون کي آفيس ۾ گھرايو. آءٌ سندن سامھون ويٺو ھئس ۽ ھنن ڪيترا ڀيرا مون کان ساڳيا سوال پڇيا، پر اڳ جي ڀيٽ ۾ نرمي ۽ خوش اخلاقيءَ سان: ”ان سوال جو جواب آءٌ اذيت دوران اڳ ۾ ئي ڏيئي چڪو آھيان،“ مون کين چيو.
    ”۽ منھنجو جواب آھي ته آءٌ نه ٻڌائيندس.“
    ھو مُرڪيا پر زور ڪونه ڀريائون. پوءِ ڊي مون کي چيو: ”تنھنجي گھر جو مسواڙ نامون تنھنجي ئي نالي تي آھي نه؟ ان سوال جو جواب ته تون ڏيئي سگھين ٿو. پر جي تون نه ٻڌائيندين ته اسين خود به پتو لڳائي سگھون ٿا. اھو ته تون به سمجھين ٿو ته اھو سوال ايترو اھم ڪونھي.“
    ”جيڪڏھن اوھان خود خبر وٺي سگھو ٿا ته پوءِ مون کان پڇڻ جو مطلب؟ بھرحال آءٌ توھان جي ڪابه مدد نه ڪندس.“
    ان ڳالھ ٻولھ ۾ ٻه ٽي منٽ مس لڳا ۽ پوءِ چا مون کي کوليءَ ۾ ڇڏي ھليو ويو.
    ڪجھ ڏينھن کان پوءِ جنرل ايم جو ڊي ڪيمپ ’ليفٽيننٽ ما‘ مون وٽ آيو ۽ اچڻ شرط سواءِ ڪنھن ٽوڪ ۽ چٿر جي مون کي چيائين ته کيس منھنجي سٺي حالت ڏسي ڏاڍي سرھائي ٿي آھي. ھو گھٽ ڳالھائو ھو ۽ مون کي الجيريا تي قبضي جي باري ۾ فوج جا سياسي خيال ٻڌايائين.
    مون کي ڳالھين ۾ منجھڻ جي ڪابه ضرورت نه ھئي. مون کيس فقط اھو چيو ته خوش قسمتيءَ سان فرانس جا ٻيا به نمائندا ۽ عظمت جا نشان آھن ۽ ائين مون کيس سندس بيٺڪن واري ردي دليلن جو ٽوڪ سان جواب ڏيڻ مناسب سمجھيو. پوءِ ھن پنھنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو ۽ مون کي ھڪ نئين پيشڪش ڪرڻ لڳو:
    ”ھو توکي ٻيھر پنھنجي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ زور نه ڀريندا، پر تون پنھنجي راءِ موجب الجيريا جي موجودہ سياسي حالتن ۽ مستقبل جي باري ۾ ھڪ ڪتابڙو لکي ڏي، تنھن کان پوءِ توکي آزاد ڪيو ويندو.
    مون سندن اھا آڇ ٿڏي ڇڏي.
    ”ڇو--؟“ ھن پڇيو.
    ”توکي ڀؤ آھي ته اھو اسين تنھنجي خلاف استعمال ڪنداسين.“
    ”ھڪ ته اھا ڳالھ آھي.“ مون وراڻيو. ”ٻيو ته آءٌ اوھان جي مدد ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه ٿو رکان. پر جيڪڏھن اوھين الجزائر جي حالتن جي باري ۾ منھنجي ۽ منھنجي سنگتين جي راءِ ڄاڻڻ گھرو ٿا، ته الجير ريپبليڪن جا پراڻا پرچا ڏسي سگھو ٿا. ھونئن به ھاڻ اسان جي آفيس تي اوھان جي اخبار لي- بلڊ (Le Bled) جي قبضي کان پوءِ اھي اوھان وٽ ضرور ھوندا.“
    ھن مون تي وڌيڪ زور بار نه وڌو ۽ ھڪ ٻئي موضوع طرف ايندي چٽي طرح چيائين:
    ”ھا! مون وٽ تنھنجي زال ۽ وڪيل آيا ھئا. ھنن مون کان تنھنجي جيئري ھئڻ جي باري پڇيو، مون وراڻيو، اڃا ته تون جيئرو آھين.“
    کن ترسي وري چيائين: ”اھا ڏاڍي افسوس جوڳي ڳالھ آھي ۽ مون کي تون پسند آھين، آءٌ تنھنجي مزاحمت کي تحسين لائق ٿو سمجھان ڇوته توکي شايد ٻيھر ڪڏھن به ڏسي نه سگھان.“ انھن الودائي ٻولن سان گڏ ھو ھليو ويو.
    منھنجي گرفتاريءَ کان ھڪ مھينو پوءِ، ھڪ شام جو ”لو ڊي“ وٺي ھلڻ لاءِ مون کي ھيٺين منزل تي ھڪ آفيس ۾ آندو ويو، جتي پارا جو ھڪ ڪپتان جنھن کي فارن ليجن فوج جو سائو Beret پاتل ھو، منھنجي اوسيئڙي ۾ ھو. ھن جو منھن چاقوءَ جي ڌار جيان ڊگھن نشانن سان ڀريل ھو. اکين ۾ نفرت جا اُلا ۽ چَپ ٿلھا ھئس. مون کي ھن جي سامھون ويھاريو ويو، اڃا آءٌ ويٺس ئي مس، جو اھن اٿي منھنجي منھن تي ھڪ مُڪ وھائي ڪڍي ۽ آءٌ پٽ تي ڪري پيس ۽ منھنجي عينڪ کي ٿڏو ھڻي پري ڪيائين جيڪا اڃا ڪجھ ڏينھن اڳ مون کي موٽائي ڏني ويئي ھئي.
    ان مھل ”لو“ اندر داخل ٿيو ۽ سامھون دريءَ وٽ بيھي رھيو. ھن ماھر جي موجودگيءَ ۾ مون کي خيال ٿيو ته شايد اڃا ڪجھ اذيت باقي آھي. پر آءٌ پٽ تان اٿيس ته ڪپتان ويھي رھيو.
    ”سگريٽ پيئندين .......؟“ اوچتو ھن پنھنجو طريقو بدلائيندي چيو.
    ”نه، آءٌ سگريٽ ڪونه پيئندو آھيان ۽ آءٌ ”توھان“ سان مخاطب ٿيڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندس.“ مون کيس ڇيڙي، اھو ڄاڻڻ ٿي گھريو ته ھو اڳتي ڇا ٿو ڪرڻ چاھي ۽ اھا اذيت آھي يا دوستاڻي ڳالھ. مون کي ائين محسوس ٿيو ته ھو ڇا به ڪري پر منھنجي قسمت جو فيصلو اڳ ۾ ٿي چڪو آھي. ھن وراڻيو: ”اھو اھم ڪونھي.“ تنھن کان پوءِ ھن مونکي ”توھان“ ڪري ئي مخاطب ڪيو. مون کانئس پڇيو:
    ”آءٌ پنھنجي عينڪ کڻي سگھان ٿو؟“ ھن سمجھيو ته منھنجو مقصد سندس منھن کي چڱي طرح ياد رکڻ آھي، ”جيڪڏھن تون چاھين ته مون کي چڱي طرح ڏسي سگھين ٿو. آءٌ مشھور ايس- ايس ڪپتان ”فا“ آھيان ..... تو منھنجو نالو ته اڳ ۾ ٻڌو ھوندو؟“
    آءٌ ولا- ايس- ايس ۾ ايذاءَ ڏيندڙن جي سربراھه فا سان گڏ ھئس، جيڪو خاص طور تي خوني مشھور ھو.
    ائين پي لڳو ته کيس ان ڳالھ جو افسوس ھو ته نفرت کيس لوڙھي ويئي. ھن اطمينان سان گفتگو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پھريون تاثر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پھريون تاثر ختم ڪرڻ لاءِ بيئر جون ٻه بوتلون گھرايائين. آءٌ ھوريان ھوريان پيئندو ۽ کيس ڌيان سان ڏسي رڳيو ھئس ته ڪاوڙ ۾ اچي ھو بوتل منھنجي ڏندن ۾ نه ھڻي ڪڍي.
    ”تو وٽ مون بابت گھڻي ڄاڻ ھوندي. جيتوڻيڪ آءٌ خطرن ۾ پوڻ ڄاڻان ٿو پر ٻڌاءِ ته جيڪڏھن حالتون بدلجي ويون ته پوءِ تون مون سان ڇا ڪندين.“ پوءِ ھو انھيءَ انداز ۽ لھجي ۾ آزادي پسند اديبن، مصورن ۽ صاحب ادراڪ ماڻھن جي باري ۾ تقرير ڪرڻ لڳو. سندس سڄي ڳالھ ٻولھ انھن موضوعن کان اڻ ڄاڻائيءَ سان ڀريل ھئي ۽ منجھس ايتري ته نفرت ھئي، جو سندس ھئڊي چمڙيءَ جون ليڪون ڇڪجي کل جھڙيون ٿي ويون ھيون. مون کيس ڳالھائڻ ڏنو، البت ڪنھن ڪنھن مھل اھو خيال ايندي مداخلت ٿي ڪيم، ته اذيت لاءِ ڏنل وقت کي گھٽائي سگھان. ڇوته منھنجي خيال ۾ مون کي اڃا به ايذاءُ ملڻو ھو.
    ھن مون کان ساڳيائي سوال پڇيا پر جوابن لاءِ زور ڪونه ڀريائين. پوءِ ھو وري سياست تي آيو ۽ ڪمري ۾ چرين جيان اچ وڃ ڪندو ڪيڏي مھل تيز ته ڪيڏي مھل آھستي ڳالھائيندو رھيو. کيس پڪ ھئي ته مراقش جي لڙائي تيونس ۾ به پکڙجي ويندي، کيس ان ڳالھ جو افسوس ھو ته نھر سوئيز جي جھڳڙي چئني طرفن باھه ڇونه لڳائي.
    ”ڪيڏو نه چڱو ٿئي ھا ۽ اسين آمريڪين جي خلاف وڙھون ھا ...... جنھن سان گھٽ ۾ گھٽ اصل حالتون ته سامھون اچي وڃن ھا.“


    10

    پر ان آخري جانچ ۽ تبديليءَ کان اڳ ۾، جنھنجو مون کي ڪنھن به ڳالھ مان اندازو نه ٿيو ھو. ان دوران مون ڏٺو ته ايذاءَ ڏيندڙ ڪارخانو ڪيئن ٿو ڪم ڪري. پنھنجي کوليءَ جي تالي جي سوراخ مان ورانڊي جو ڪجھ حصو، ڇت ۽ ڏاڪڻيون ڏسي ٿي سگھيس. ڀت جي سنھي ھئڻ سبب ڀرپاسي جي ڪمرن مان ايندڙ آواز به چِٽا ٻڌي ٿي سگھيس.
    ھڪ رات ار پنھنجا ماڻھو ھڪ ئي وقت سڀني کولين تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليا. ھو ھٿن ۾ رٻڙ جون نليون کڻي ڪاھي پيا.
    ”اُٿ ....“ منھنجي کوليءَ جو دروازو زور سان کليو ۽ ڪنھن ڳٿڙ کان جھلي مون کي مُڪ ھنئي ۽ اٿڻ لاءِ چيو.
    آءٌ اٿي کڙو ٿيس، پر ورانڊي مان لنگھندي ار مون کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ چيو. ھنن مون کي اندر ڌڪو ڏيئي ٻاھران دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ آءٌ ٻيھر اچي تڏي تي ليٽيس. ان دوران سڄي عمارت رڙين، ڊوڙن، گارين ۽ مارڪٽ جي آوازن سان ٻُري اٿي.
    روزانو صبح يا شام جو جڏھن اڌ دروازو کولي مونکي منھنجو کاڌو ڏنو ٿي ويو يا جڏھن آءٌ وھنجڻ لاءِ ورانڊي مان لنگھندو ھئس، جيڪي ھڙئي پنھنجي کولين ڏانھن پيا ويندا ھئا انھن مان ڪي مون کي اخبار جي تنظيم جي جلسن ۾ ڏسڻ جي ڪري سڃاڻندا ھئا باقي فقط منھنجي نالي کان واقف ھئا. آءٌ سدائين چيلھ تائين اگھاڙو ھوندو ھئس. منھنجي بدن تي مارڪُٽ جا وڏا نشان موجود ھئا. ڇاتيءَ ۽ ھٿن تي پٽيون ٻڌل ھيون. ھو مون کي سڏ ڪندا ھئا، کين خبر ھئي، ته مون کي سندن جيان ايذاءُ ڏنو ويو ھو.
    (7)
    اھڙي طرح اتي ھڪ مھينو رھيس ۽ موت ھر گھڙي منھنجي سامھون ھو. موت اڄ شام جو به اچي سگھي ٿو ته سڀاڻي صبح جو به. منھنجي ننڊ اڃا به ڀوائتن خوابن ۽ اعصابي صدمن سان ڀريل ھئي، جنھن ڇرڪ ڀري مون کي جاڳائي ٿي ڇڏيو.
    جڏھن ھڪ رات جو اوچتو چا منھنجي کوليءَ ۾ آيو ته مون کي ڪابه حيرت ڪانه ٿي. ان وقت ڏھه ٿيا ھئا ۽ آئون دريءَ وٽ بيٺو بوليوارڊ ڪليمنڪو طرف ڏسي رھيو ھئس، جتان ڪجھ موٽرون اڃا به لنگھي رھيون ھيون. ھن مون کي فقط ايترو چيو:
    ”تيار ٿي وٺ اسين پري نه پيا وڃون.“
    مون پنھنجي ڦاٽل ۽ ميري گنجي پاتي. کيس ورانڊي ۾ چوندي ٻڌم ”آئون ۽ جارج کي به وٺي اچو پر کين ڌار ڌار وٺي وينداسين.“ اھو ٻڌي مون گھٽ ۾ گھٽ ڏھه ڀيرا پاڻ کي زندگيءَ جا آخري پساھه کڻڻ لاءِ تيار ڪيو، جنھن کي منھنجي خيال موجب ڇڏڻ وارو آھيان. مون ھڪ ڀيرو وري گلبرٽيءَ بابت سوچيو، انھن سڀني بابت سوچيو، جن سان مون کي محبت ھئي ۽ انھن جي دردناڪ صدمي بابت سوچيو. پر انھيءَ ذھني ڇڪتاڻ منھنجو ڪنڌ مٿي کنيو جو آءٌ ڪابه ھيڻائي ڏيکارڻ کان سواءِ لنگھي ويو ھئس ۽ ان خيال مون کي ڏڍ ڏنو ته آءٌ عقيدن ۽ جنگ ۾ پنھنجي سنگتين سان گڏ اھڙو با وفا موت مرندس جنھن جي مون کي سدائين خواھش ھئي.
    مون اڱڻ ۾ ھڪ موٽر جي چالو ٿيڻ ۽ پوءِ ان جي لنگھڻ جو آواز ٻُڌو. گھڙي کن کان پوءِ ”ولاڊي اوليور“ ڏانھن مشين گنن جي ھڪ ڊگھي ڪڙڪ ٻڌم. مون دل ۾ سوچيو. ”آئون ......“
    جيتري دير به ٿي سگھيو آءٌ درين جي سامھون رات جي ھوا ساہ ۾ سموئڻ ۽ شھر جون روشنيون ڏسڻ لاءِ بيٺو رھيس.
    ڪلاڪَ لنگھي ويا، پر چا يا ٻيو ڪو مون کي وٺڻ نه آيو.
    (8)
    منھنجو داستان ختم ٿي چڪو آھي، مون ڪڏھن به اھڙي ڏکي شيءِ نه لکي آھي. شايد ان واسطي ته اھي ھڙئي واقعا اڃا منھنجي ذھن ۾ تازا آھن. شايد ان ڪري ته، منھنجي خيال ۾ آءٌ جنھن ڊيڄاريندڙ خواب کي پويان ڇڏي آيو آھيان، ٻيا اڃا به ان ۾ رھن پيا، جنھن سان ان ڀوائتي جنگ جو جاري رھڻ يقيني ٿيو وڃي. پر منھنجو اھو فرض آھي ۽ مون کي ھر اھا شيءِ چئي ڇڏڻ کپي، جنھن جي مون کي خبر آھي.
    ھي سِٽون مون پارا کي ڇڏڻ کان چار مھينا پوءِ ”الجير جي سول جيل“ جي 72 نمبر کوليءَ ۾ لکيون ھيون.
    اڃا ڪجھ ڏھاڙا اڳ جيل جي اڱڻ ۾ الجزائر جي ٽن سپوتن جو رت الجير جي فرننڊ ۽ ويٽون جي لھوءَ سان ملي ويو، جڏھن جلاد انھن سزا کاڌلن کي وٺڻ ويو ته انھيءَ بي پناھه رڙ ۾ جيڪا ان گھڙيءَ سڀني قيدين مان اڀري ۽ ان مڪمل ۽ گنڀير سانت ۾، جيڪا ان کان پوءِ پکڙي، الجزائر جو روح ڦڙڪيو. ھن جا لڙڪ اوندہ ۾ چمڪندا منھنجي کوليءَ جي سيخن تي اچي ڪريا. محافظن ھڙئي در بند ڪري ڇڏيا، پر اسين ھڙئي وات بند ٿيڻ کان پھرين ھڪ سزا کاڌل جو اھو نعرو ٻڌي سگھياسين:
    ”الجزائر زندہ باد ....... الجزائر زندہ باد.“
    ۽ ان گھڙيءَ جڏھن ٽنھي سورمن مان پھريون ڦاسيءَ تي چڙھيو ته عورتن جي ھڪ حصي مان آزاد الجزائر جو ترانو ھڪ ئي آواز ۾ گونجيو:
    ”اسان جي جدوجھد سان،
    آزاد مَردن جا آواز اڀرن ٿا.“
    مون کي اھو سڀ ڪجھ انھن فرانسيسين جي لاءِ چوڻو آھي جيڪي منھنجو ڪتاب پڙھندا. آءٌ چاھيان ٿو ته ھو سمجھن ته، الجزائر جا ماڻھو کين پنھنجي اذيت ڏيندڙن کي فرانس جي عظيم ماڻھن سان نٿا گڏين ۽ جن جي دوستي کين پياري آھي.
    پر کين اھو به معلوم ھئڻ گھرجي ته اھو سڀ ڪجھ سندن ئي نالي تي پيو ٿئي.

     دڙو
    8- ڊسمبر 1989ع


    **************


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340560
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140654
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ