ڪتاب جو نالو: سنڌي ڪلچر
مصنف: جي ايم سيد
ڇپائيندڙ: نئين سنڌ پبليڪيشن
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 1974
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 23 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 922 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 670 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سائين جي ايم سيد جو لکيل هي ڪتاب ”سنڌي ڪلچر“ جيڪو هڪ پمفليٽ آهي جنهن ۾ ڪلچر جي وصف، ڪلچر ڪيئين ٺهندو آهي ۽ سنڌي ڪلچر ۽ ان جا جزا هڪ بهترين ڄاڻ وارو ڪتاب آهي۔ هن ۾ سنڌي ثقافت ۽ ڪلچر تي تفصيلي بحث ٿيل آهي۔ هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ محترم شاهنواز سومرو ڪئي آهي ۽ وائيس آف سنڌ پاران اي بوڪ جي صورت ۾ انٽر نيٽ تي متعارف ڪرايل آهي۔
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • ٻه اکر
  • پيش لفظ
  • فصل پھريون

  • ڪلچر جي معنيٰ ۽ اُن جا ترڪيبي اجزا
  • فصل ٻيو

  • ڪلچر ڪيئن ٺھي ٿو- اُن جي جوڙجڪ تي مختلف اثر
  • فصل ٽيون

  • سنڌ جو ڪلچر ۽ اُن جا مکيه جُزا

  • انتساب

    ھي پمفليٽ سنڌ جي سورھيه سوم
    نواب دولھه دريا خان وزير اعظم و فرزند خاص
    سان معنون ٿو ڪريان- جنھن سنڌ جي قوم
    پرستيءَ جو بنياد وڌو- تھذيب ۽ تمدن
    لاءِ ڪم ڪيو- آخر ۾ ان جي آزاديءَ ۽ حفاظت
    لاءِ وڙھندي پُٽن سوڌو شھيد ٿي ويو.

    غلام مرتضيٰ


    ٻه اکر

    جي- ايم- سيد کي ڪير نه سڃاڻي! سياست ۽ صداقت، صحبت ۽ سچائي، ھمت ۽ مردانگيءَ ۾ مُلڪان مُلڪ مشھور ھستي آھي. سندس سوچ جا ڪرڻا، نگري نگري پکڙيل آھن، زندگيءَ جي وِک وِک تي، سورن ۽ سختين، ڏُکن ۽ ڏاکڙن، مايوسين ۽ محرومين سان منھن مقابل ھوندي به سيد رات ڏينھن سنڌ ڌرتيءَ کي ھڪ دفعو وري سرھو ستابو ڏسڻ لاءِ ڪارونجھر جئن ڪر کڻي آڪاش سان ٽڪرائيندو رھي ٿو، اياز سچ چيو آھي:

    ھيءَ جو پوڙھو جھور، وڙھندي ٿيو ويڙھه ۾،
    اڃا ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مُور،
    سوچي ڏسي ڏور، ايندڙ آرڻ ڏينھڙا!

    ھڪ طرف جي ايم سيد سياست جي ميدان ۾ آزاديءَ جي سين لڳائي، سوين ھزرين سرواڻ پيدا ڪيا آھن، ته ٻئي طرف سائينءَ بتيءَ جي جھڪي روشنيءَ ۾ راتيون وھائي، ننڊون ڦٽائي، سنڌي ساھت کي بي بھا خزانو ڏنو آھي، جنھن کان جڳ واقف آھي. اھوئي سبب آھي، جو سنڌ ۽ سنڌين جي ويري، پنجابي پناھگير مستقل مفاد جي ٽولي، سچ جي سين کان سراپجي ڪيترن ئي ڪتابن تي بندش وڌي ھئي، جا اڃا ھلندي اچي.
    اسان نئين سنڌ پبليڪيشن طرفان سائينءَ جي ڪتابن کي ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو آھي. اميد ته اھو خزانو تُرت ئي اوھان تائين اچي رسندو.
    سنڌي ڪلچر جو ٻيو ڇاپو ڇپرائي رھيا آھيون- پھريون ڇاپو ھٿو ھٿ کَپي ويو ۽ سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان انھيءَ ڪتاب جي گھُر ٿي رھي ھئي، تنھن ڪري اسان ھن ڪتاب کي ٻيھر درستيون ڪري عمدہ نموني ڇپرائي پڌرو ڪيو آھي. شل ھيءُ ڪتاب سنڌ جي اُڀرندڙ نسل جي ھٿن تائين رَسي ۽ سنڌ ڌرتي پنھنجو ماڳ ماڻي.


    پيش لفظ

    تاريخ 8 آڪٽوبر 1958ع مارشل لا ڊڪليئر ٿيڻ بعد حالتن جي ناساز گاريءَ ڪري ارادو ڪيو ھوم ته طبيعت کي آرام ڏيڻ، علمي معلومات وڌائڻ، بگڙيل خانگي ڪاروبار کي درست ڪرڻ لاءِ ڳوٺ ۾ اچي رھان. يوناني حڪيم افلاطون (پليٽو) به اھڙين حالتن جي موجودگيءَ ۾ مشورو ڏنو ھو ته:
    ”جڏھن ملڪ ۾ جمھوريت جي جاءِ ڊڪٽيٽرشپ والاري ته ان حالت ۾ سمجھدار ماڻھوءَ کي گھر جي چوديواري ۾ بند ٿي لکڻ پڙھڻ جي ڪم ۾ مشغول ٿيڻ گھرجي، جيسين تائين وڃي ناموافق ھوائون مُلڪ تان گذري وڃن!“
    ٻئي ڏينھن ڳوٺ اچڻ جو ارادو ھوم، ليڪن جيئن چوڻي آھي ته، ”بندي جي مَن ۾ ھڪڙي، صاحب جي مَن ۾ ٻي!“ وانگر 10 تاريخ اڌ رات جو گرفتار ڪري اچي جيل ۾ بند ڪيائون. مٿي ذڪر ڪيل خيال ۽ ارادا دل ۾ ئي رھجي ويا.
    وارنٽ ۾ ڄاڻايل ھو ته، ”تنھنجو ٻاھر رھڻ پاڪستان جي داخلي خواہ خارجي سلامتيءَ لاءِ نقصان ڪار ھو، ان ڪري سيڪيورٽي ائڪٽ ھيٺ توکي ڇھن مھينن لاءِ جيل ۾ موڪلجي ٿو.“
    جيل ۾ 15 مھينا رھڻا پيا. ان کان پوءِ سَن ۾ مارچ 1968ع تائين نظربند رھيس.
    ان سموري عرصي ۾ تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪيم. جنھن بعد ڪيترن مسئلن تي غور ڪري ڪي احوال قلم بند ڪيم. ان عرصي ۾ 24 کن ننڍا وڏا ڪتاب لکي سگھيس.
    سنڌ جي ڪلچر تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو مليو. جنھن جي سلسلي ۾ حاصل ڪيل معلومات کي ھن ننڍي پمفليٽ جي صورت ۾ ناظرين جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو.
    ھر قوم کي ھزارن ورھين جي تجربي، تاريخي روايات، مُلڪي ماحول وغيرہ ڪري ڪي بنيادي ورثا ميراث ۾ ملن ٿا، جن جي حفاظت ۽ ترقي ھو سندس مکيه فرض سمجھي ٿي، جن مان مکيه ورثا ھيٺيان آھن:
    1. وطن ۽ ان ۾ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ جو حق.
    2. قومي زبان.
    3. قومي ڪلچر.
    4. قومي اقتصادي مفاد.

    (1) وطن ۽ اُن ۾ آزادانه زندگي بسر ڪرڻ جو حق.

    سنڌ ھزارين ورھين کان ھڪ جدا مُلڪ ٿي رھي آھي. جنھن جا رھاڪو باوجود جدا جدا نسلن، ٻولين ۽ مذھبن جي آخري طور ھڪ اھڙي قومي حيثيت حاصل ڪرڻ کي ويجھا ٿي ويا ھئا، جنھن جھڙو مثال ساري برصغير ھندوستان ۾ ملڻ مشڪل آھي. ھنن وٽ ھڪ زبان، ڪلچر، قومي روايتون ۽ مذھب جي بنيادي وحدت جو تصور موجود رھيو ھو. جيڪڏھن ھنن ڪنھن وقت ڌارين جي تسلط ھيٺ اچي وقتي سندن آزادي وڃائي ٿي ڇڏي ته سگھوئي ھمت ۽ ڪوشش سان اھا وري ھٿ ٿي ڪيائون.
    مٿن مختلف دورن ۾ ايرانين، يونانين، عربن، پٺاڻن، مغلن ۽ انگريزن جي حڪومت جو قبضو ٿيل ھو، جن سندن زبانن، ڪلچر ۽ اقتصادي مفاد کي مٿانئن زوريءَ مڙھيو ھو. ليڪن ٿوري وقت بعد اھي ڌارين جا تسلط ۽ قبضا ختم ٿي ويا. سنڌ، ان جي زبان، ڪلچر، قومي ڪردار ۽ مفاد سلامت آھن. دنيا جي ٻين آزاد قومن وانگر ھنن کي به پنھنجي نموني آزاد زندگي گذارڻ جو پورو حق آھي. ڊنمارڪ، فنلئنڊ، سويڊن، پورچوگال، ھالينڊ، سائپرس، لبنان، جارڊن، سريا، يمن، وغيرہ قومون ۽ ملڪ، آزاد ۽ قومن جي سڀا جا ميمبر آھن، سي ڪيترين ڳالھين ۾ ھن کان نه ايراضي نه آباديءَ ۾ وڏا آھن.
    اھو ھڪ تاريخي حادثو ھو ته انگريزن ساري ھندوستان تي قبضو ڪري، ان کي انتظام خاطر صوبن ۾ ورھائي ۽ وڃڻ بعد پاڪستان ۽ ڀارت جي صورت ۾ آزاد ڪري ڇڏيو، جنھن ۾ سنڌ پاڪستان جو صوبو بڻيو. ان سان سنڌ جي ھندن جي گھڻي ڀاڱي کي حالتن جي ناموزون ھئڻ ڪري لڏي وڃڻو پيو. ٿوري وقت بعد سنڌ جي صوبي کي ڪن مستقل مفاد جي مدنظر مغربي پاڪستان جي طاقتور صوبي پنجاب جي ماتحت ڪيو ويو.
    ھن وقت ملڪ ۾ ڪنٽرولڊ جمھوريت مروج آھي. دنيا جون طاقتور حڪومتون سندن مصلحت خاطر اھڙي طرز حڪومت جون طرفدار آھن. سنڌ جي ڪيترن ھندن کي لڏي وڃي پرديس وسائڻو پيو آھي. باقي پوئتي رھيل سنڌي بي يار و مددگار ھئڻ ڪري ڪجھ ڪرڻ کان مجبور آھن. منجھن اھڙي طاقت نه آھي، جو ھي سنڌ جي اندروني آزادي حاصل ڪرائي سگھن. تنھن ڪري ھنن لاءِ ٻيو طريقو نه رھيو آھي ته سندن باقي ورثن جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش وٺن.
    ليڪن اُن ڏس ۾ به کين ڪيتريون مشڪلاتون درپيش ھيون. ملڪ جو تسلط ھڪ غير ھمدرد گروھه جي ھٿ ۾ وڃڻ ڪري، جن جي زبان، ڪلچر، مذھبي تخيل، سياسي ۽ اقتصادي مفاد علحدہ آھن، حالتن کي درست ڪرڻ آسان نه ھو.
    پاڪستان بنجڻ کان پوءِ جي حالتن، وري سنڌ کي نئين مشڪلات جي مقابل ڪيو آھي، لکھا سنڌي ڄاڻندڙ ۽ ڳالھائيندڙ سنڌي ڪلچر جا حامل ھندو مُلڪ ڇڏي ڀارت ھليا ويا، انھن جي جاين تي لکھا ماڻھو ڀارت کان لڏي سنڌ ۾ آيا. انھن جي ٻولي، لباس، ڪلچر، مذھبي نقطئه نگاھه علحدہ آھن. ازانسواءِ ون يونٽ ٿيڻ بعد، سنڌي مفاد سان ھٿ چراند ٿيندي رھي آھي، تن نھايت مايوس ڪن حالتون پيدا ڪيون آھن.
    تاريخ جي اڳين واقعن کان ھي حالتون مختلف آھن. اڳي يوناني، ايراني، مغل ۽ انگريز مالي نفع حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندا ھئا. ھنن قديم باشندن کي لکن جي تعداد ۾ لڏائي، انھن جي جاءِ گھڻي تعداد ۾ ڪانه ڀري ھئي. انھن جي ڪلچر، زبان ۽ نون عقيدن جو سنڌ تي ايتري قدر اثر نه پيو، جيترو ھِن حالت ۾ پئجي رھيو آھي. ھن وقت ته سنڌ جي جداگانه وجود کي ختم ڪيو ويو آھي. ان جي زبان کي صوبائي زبان تسليم ڪري، ان ۾ اعليٰ تعليم نٿي ڏياري وڃي. ريڊيو ۽ سئنيما وغيرہ جي ذريعي سنڌي زبان جي ايتري به ھمت افزائي نه ٿي ڪئي وڃي، جيتري ڀارت ۾ سنڌين جي صوبي نه ھئڻ جي باجود ڪئي وڃي ٿي. اُتي سنڌي زبان کي صوبائي زبان جو درجو ڏنو ويو آھي، جنھن مطابق اعليٰ ۾ اعليٰ تعليم تائين، ھو ان کي پڙھي سگھن ٿا. دھلي ريڊيو تان سنڌي زبان ۾ خبرون نشر ڪيون وڃن ٿيون. سنڌين طرفان صوبي جي ون يونٽ کان پوءِ آزاديءَ کي ڇڏي، صرف زبان ۽ ڪلچر جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ته به اُن کي نا پسنديءَ جي نگاھه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سزائون ڏنيون وڃن ٿيون.
    ٻئي طرف اسان جي مٿاھين طبقي جو ڪردار ڪِري پيو آھي ۽ خود مطلبي، قوم فروشي، نفاق ۽ بزدلي منجھن ايترو گھر ڪري ويل آھي، جو ڊپ وٺيو وڃي ته اسان ھن نئين آزمودي مان ڪھڙي طرح نڪري پار پونداسون. اسان جي ماڻھن جو زيادہ تعداد سادہ مزاج، علم ۾ گھٽ، مذھب جي غلط تشريح جي نالي ۾ ڌوڪو کائيندڙ، تعداد ۾ ٿورو، محنت کان گُسائيندڙ، لالچ ۾ لُڙھي ويندڙ، جھڳڙي فساد کان گوشي ڪرڻ ڪري، مقابل حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ اھل ثابت ٿي نه سگھيو آھي. وٽن ايندڙ ماڻھن مان ڪيترا پاڻ کي فاتح، مھذب ۽ بھتر سمجھن ٿا. وٽن اسلام جو فسطائي تخيل، پاڪستان ۾ اسلامي حڪومت جو نعرو، اتحاد مسلمانان وغيرہ جھڙا دلڪش ڀُلائيندڙ نظريا موجود آھن. سندن خيالات جي پرچار لاءِ جديد قسم جي پروپيگنڊا جا جملي ذريعا، جھڙوڪ اخبارون، رسالا، ڪتاب، ريڊيا، ٽيليويزن، سئنيما، مذھبي عالمن جا پرچارڪ گروہ موجود آھن.
    اُن حالت ۾ سنڌ جي ورھايل، وڇڙيل، پٺتي پيل ڳوٺاڻن، اڻ پڙھيل، مختلف ھنگامي نعرن ھيٺ ڀنڀلجي ويندڙ ماڻھن جي ڪلچر ۽ زبان جي ڪاميابيءَ جا آسرا رکڻ ڪيتري قدر درست آھي. اھي ۽ اھڙا ٻيا خيال ڪمزوري پيدا ڪندڙ ھئا.
    اڳي دنيا جا مُلڪ وڏن دريائن، سمنڊن، رڻ پٽن، جبلن، نسلن، وطني ماحول، طاقتور حڪومتن جي مُلڪن ۾ ورھايل ھئا.
    ليڪن ھاڻ سائنس جي ايجادن، جھڙوڪ: ھوائي جھاز، ٽيليگراف، اخبارن، ڪتابن، ريڊين انھن ملڪن جا سَنڌا ھڪ طرف مٽائڻ شروع ڪيا ھئا، ته ڪيترن ملڪن جي وفاقي طور ملڻ جي رجحان ۽ سامراجي طاقتن جي انھن کي مِلائڻ لاءِ ڪوشش جاري ھئي.
    ساڳيءَ طرح ٻولين جي جدا جدا ۽ مخصوص صورت به مٽجڻ شروع ٿي ھئي. مختلف زبانن جي ڄاڻندڙن جو باھمي رابطو، ترقي يافته ملڪن، قومن ۽ زبانن کان علمي، ھنري ۽ سائنسي لفظن جي اُڌار، حڪومت وقت جي سنڌي زبان سان معاندانه پاليسي، ٻوليءَ جي بقا ۽ فروغ ۾ ڪئين مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون ھيون. سنڌي ٻوليءَ تي نظر ٿي ڪيم ته شاھه لطيف جي زماني کان، جنھن کي صرف ٻه سو ۽ ڪي ورھيه گذريا آھن، ته ان جو رنگ گھڻو بدلجي چڪو آھي. ان ۾ اڳيئي دراويدي، پارسي، عربي، منگول ۽ انگريزي زبان جا گھڻا لفظ داخل ٿي ويا ھئا. ھاڻ ھنري ۽ سائنسي دور شروع ٿيڻ ڪري ڪيترا لفظ اُڌارا وٺڻا ھئا.
    ٽئين طرف مُلڪي ڪلچر تي نظر ٿي ڪيم، ته ان لاءِ به حالتون اطمينان بخش نظر نٿي آيون. ڪلچر ڇا آھي، اُن بابت حقيقت اڳتي ڏني ويندي، انھن حالتن تي غور و فڪر ڪرڻ بعد معلوم ٿيڻ لڳو ته حالتون آسان نه آھن. حڪومت ۽ نئين حالات سان گڏ، تاريخي ۽ ارتقائي رجحان اسان جي کڙي ڪيل قومي ديوار ۾ سوراخ وجھي، انقلاب آڻڻ جي پويان ھئا.
    ھر شيءَ کي پنھنجو دور ۽ موسم ٿيندي آھي. ان وقت ان جي حفاظت يا پرورش ڪرڻ ڦل دائڪ ٿيندي آھي، پر موسم کانپوءِ ڪھنه پودا ڪري، نوان ڄمندا آھن.
    اکين اڳيان ڏٺو اٿئون ته بمبئيءَ کان سنڌ کي آزاد ڪرائي، اڃان ٺيڪ طرح ھلائڻ مس شروع ڪيو ھئوسون، ته وري اسان کي پنجاب سان گڏي، ان جي مڪاني آزاديءَ کي سلب ڪيو ويو آھي. زبان تيزيءَ سان بدلجي رھي آھي، مڪاني ڪلچر تي ٻاھرين ڪلچرن جو اثر پئجي رھيو آھي. مڪاني ماڻھن جي اقتصادي حالت خراب ٿي رھي آھي. انھن نون پيدا ٿيل حقيقتن ۽ مسئلن جي روشنيءَ ۾ سموري سوال تي نئين سر غور ڪرڻو ھو.
    صرف گذشته تاريخ جي چند مثالن ۽ جذباتي اثرن ھيٺ خوش فھميءَ ۾ مبتلا رھڻ مان ڪو فائدو حاصل ٿيڻ وارو نه ھو. انھن ڳالھين کي مدنظر رکي مون ڪي نتيجا ڪڍيا آھن، جي ڪتاب جي متن ۾ ٻڌائيندس. قوميت جو تخيل جدا جدا زمانن ۽ ماڻھن جي گروھن ۾ مختلف پئي رھيو آھي. جنھن ۾ نسلي، شھري، سامراجي، مذھبي ۽ وطني قوميت جا تخيل مکيه رھيا آھن.
    ھن وقت جنھن قوميت جو تخيل دنيا ۾ عام طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، سو وطني قوميت جو آھي. ھر ملڪ (وطن) ۾ آب و ھوا، جاگرافيڪل حالات، ماحول، تاريخي روايات، نسلي رجحانات جي بنياد تي ڪي خصوصيتون پيدا ٿين ٿيون. جن جي بنياد تي قومي جوڙجڪ، ان جي گذر معاش جا ذريعا، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان شڪل وٺن ٿا.
    گذريل پنج ھزار ورھين کان سنڌ جي جداگانه جاگرافيائي ۽ تاريخي حيثيت تسليم ٿيل آھي. دنيا جي ٻين قديم مھذب ۽ متمدن ملڪن وانگر ھن کي زماني جا لاھا چاڙھا ڏسڻا پيا آھن. ھتي جا رھاڪو جڏھن غير مُلڪي تسلط کان آزاد رھي، مڪاني حڪومتن جي ھٿ ھيٺ رھيا آھن، ته ان وقت سندن قومي شيرازو متحد ڪرڻ، معاشي ذريعن جي ترقي، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي واڌاري لاءِ ڪوشش پئي ٿي آھي.
    پر جڏھن سنڌ سياسي آزادي وڃائي، ڌارئين تسلط ھيٺ آئي آھي، ته اُن وقت سندس معاشي ذريعي کي ڌارين جي مفاد لاءِ ڪتب پئي آندو ويو آھي. زور، لالچ ۽ غلط تعليم جي ذريعي سندن قومي ڪردار، ڪلچر کي بگاڙڻ ۽ ڌارئين زبان کي مُلڪي زبان تي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿي آھي.
    اُھو مسئلو بحث طلب آھي، ته ملڪ جي سياسي آزادي، زيادہ اھم آھي يا قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي آزادي ۽ حفاظت ۽ ترقي وڌيڪ اھميت رکي ٿي.
    ھڪڙن ماھرن جو چوڻ آھي ته مُلڪ جي سياسي غلامي، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان کي معزول ۽ معدوم ڪريو ڇڏي.
    ٻين ماھرن جو رايو آھي ته جي ماڻھو پنھنجا قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان کي محفوظ ۽ سلامت رکڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، سي گھڻو وقت سياسي غلاميءَ ۾ رھي نٿا سگھن.
    سياسي غلاميءَ جو ڌَڪ عارضي آھي، قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي ڪمزوري ۽ پستي، دائمي قسم جي آھي.
    ھن مضمون ۾ آئون ڪلچر ڇاکي چئجي؟ ان جا جوڙجڪي عنصر ڪھڙا آھن؟ ھر ھڪ مُلڪ جو ڪلچر ڪھڙي طرح ٺھي ٿو؟ اُن جي ٺھڻ تي ڪھڙين ڳالھين جو اثر رھي ٿو؟ سنڌ جي جدا گانه ڪلچر جا مُکيه جزا ڪھڙا آھن؟ تي بحث ڪندس.
    مون کي مُلڪ جي مکيه سياسي ليڊرن جا تازو ڪڍيل گفتا اڃا تائين ڪَنن ۾ گونجي رھيا آھن.
    ھڪ چيو ته، ”ننڍو صوبو ننڍن دماغن جي ماڻھن سان ڀَريل آھي.“
    (سردار پٽيل)
    ٻئي چيو ته، ”سنڌين جو ڪلچر گڏھه ھڪلڻ ۽ اُٺن ڪاھڻ وارو آھي.“
    (لياقت علي خان)

    تنھن ڪري آئون ھن وقت سياسي آزاديءَ جي حصول کان قومي ڪردار، ڪلچر ۽ زبان جي حفاظت ۽ سلامتيءَ کي زيادہ اھم سمجھي، اُن تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

    - غلام مرتضيٰ –
    - 1963ع


    فصل پھريون

    ڪلچر جي معنيٰ ۽ اُن جا ترڪيبي اجزا

    ڪلچر لاءِ ثقافت، تھذيب ۽ سڀيتا جي لفظن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ليڪن جيتري قدر مون کوجنا ڪئي آھي، اھي اُن جو نعم البدل ٿي نٿا سگھن. لُغتن ۾ ثقافت جي معنيٰ عقل وڌائڻ سان ڪئي ويئي آھي، جنھن جو تعلق صرف ذھني ڳالھين سان ٿيندو. تھذيب جو واسطو ظاھري ۽ نفسياتي آراستگيءَ سان رھي ٿو. سڀيتا مان ڪم و بيش تھذيب ۽ تمدن جي معنيٰ نڪري ٿي. منھنجي سمجھ ۾ ڪلچر جو لفظ وڌيڪ جامع آھي. تنھنڪري ان کي بحال رکيو اٿم. جنھن مان ثقافت، تھذيب ۽ تمدن، ٽنھي جو مطلب نڪري سگھي ٿو. ان جي وسعت ۾ انساني زندگيءَ جي اندروني خواہ ظاھري آراستگيءَ ۽ اصلاح اچي وڃڻ ٿا.
    اخلاق جي درستي، نفسي اصلاح، ذھني تربيت اُن جي دائري ۾ ھڪ طرف اچن ٿا، ته مُلڪ ۽ معاشري جي ترقي ٻئي طرف مقصود ٿئي ٿي.
    اُن جي وسعت ۾ مذھب، فلسفو، سائنس، نفسيات، ادب، شعر، مُصوري، رقص ۽ ڊراما سڀ اچي وڃن ٿا. طريقت لاءِ جيڪڏھن ڪوبه جديد لفظ استعمال ڪري سگھجي ٿو، ته اُھو ڪلچر ٿي سگھي ٿو.
    ڪلچر ھڪ اڻ کُٽ اظھار خيال، جذبي ۽ عمل جو نالو آھي. جھڙي طرح سج جي روشني جملي ذي حيات لاءِ ضروري آھي، اھڙي طرح ڪلچر به انسان ذات جي اندروني خواہ ظاھري اصلاح ۽ آراستگيءَ لاءِ لازمي آھي.
    جھڙيءَ طرح ساري انسان ذات بنيادي طرح ھڪ جنس آھي، پر سڃاڻپ ۽ نظام لاءِ قبيلن ۽ قومن ۾ ورھايل آھي، اھڙي طرح آخري طور جُملي انسان ذات جو ڪلچر به ھڪ ٿيڻو آھي. ليڪن ھر مُلڪ ۽ قوم وٽ ھزار ورھين جي تجربي، معلومات، ماحول جي اثرن، نسلي رجحانن ۽ باھمي ميلاپ بعد ڪلچر به پرورش پائي، خاص صورت وٺي ٿو، جو سندن قومي ورثو بڻجي پوي ٿو. جنھن کي قيمتي ذخيرو سمجھي محفوظ رکندا آھن. اڳتي ھلي جڏھن مختلف قومن جي ڪلچرن مان انسان ذات جو ھڪ ڪلچر بڻبو ته اُن ۾ صلاحيت وارا ڪلچر تاڃي پيٽي جو ڪم ڏيندا ۽ ناموزون ڪلچر ڦٽا ڪري ڇڏيا ويندا. شاھه لطيف عليہ اُن وقت لاءِ ھيئن فرمائي ٿو:-

    ھي ھڏ وھاڻي، جان ڪتندئن تان ڪت،
    ڪو پنھنجي عيد کي، ڀيري ڪج ڀرت،
    متان روئين رت، صباح وچ سرتئين.
    (شاھه)

    ڪلچر جا مکيه جزا

    (1) نظرياتي ۽ مذھبي عقيدا.
    (2) سماجي زندگيءَ جا طور طريقا.
    (3) قومي ڪردار.
    (4) فن لطيف ۽ ادب.
    بھتر ائين آھي ته مٿي ذڪر ڪيل ڪلچر جي مُکيه جزن جي تشريح ڪريان.

    نظرياتي ۽ مذھبي عقيدا

    زماني قديم کان نظرين ۽ عقيدن موجب ماڻھن جو رجحان اِن طرف پئي رھيو آھي.

    (1) ھڪ گروہ جو رجحان ماڻھن کي مختلف مذھبن، فرقن، نظرين، قومن ۾ ورھائي جدا ڪري محدود دائري اندر سندن ترقي ۽ تڪميل لاءِ پئي رھيو آھي.

    (2) ٻئي گروہ جو رجحان، انسان ذات کي اتحاد جي ڏوريءَ ۾ پوئي ھڪ ڪرڻ جي طرف پئي رھيو آھي. ان کي انفراديتDecentralization ۽ وحدانيت Centralization جي نالي سان سڏي سگھجي ٿو. اُھي ٻئي فطري طريقا آھن. جڏھين حيوان مان انسان ٿئي ٿو ته روح جي انفراديت جي شروعات ٿئي ٿي. پر اڳتي ھلي، ھن کي احساس پيدا ٿئي ٿو ته اھي قطرا باوجود جدا ھستيءَ جي بحر ڪل جا جزا آھن. اتان آيا آھن ان ۾ سمائبا. مٿي ذڪر ڪيل رجحان ماڻھن کي ھيٺين طرح عمل ڪرائين ٿا.

    پھرين گروھه.
    (الف) پھرين گروھه: سندن نظرين، مذھب، فرقن، قومن کي مڪمل ۽ مھذب ڄاڻي، معاشري کي سندن رنگ ۾ رڱڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آھي.
    (ب) اُن طرح خودي پيدا ڪري، پاڻ کي چونڊيل ۽ برتر ڄاڻي ٻين پٺتي پيلن جي رھبري ۽ امانت جو حقدار پئي سمجھي اٿس.
    (ت) جملي انسان ذات کي پنھنجي نقطي نگاہ طرف ڇڪڻ ۾ نجات انساني پئي سمجھي اٿس.

    ٻي گروھه.
    (الف) ٻي گروھه: ھن کي وحدت الوجود جو پتو پئجي ويل ھو، ان ڪري ھن ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت پرکي ھئي.
    (ب) تنھن ڪري ھن ڪثرت مذاھب پويان وحدت پرکي ان جو پرچار ڪيو ٿي.
    (ت) جنھن مان اتحاد انساني، امن ۽ ترقي بني آدم، حاصل ٿي سگھي ٿي.

    سماجي زندگيءَ جا طور طريقا

    انھيءَ ۾ سماج سان واسطو رکندڙ ھيٺيون ڳالھيون اچي ويون ٿي.
    (الف) کاڌو، لباس ۽ گھر.
    (ب) باھمي تعلقات ۽ رھڻي ڪرڻي جا طور طريقا.
    (ت) سماجي دستور ۽ قاعدا.

    کاڌو، لباس ۽ گھر

    کاڌي جي قسمن، انھن جي تيار ڪرڻ جي طريقن، مقرر وقتن بابت ھر قوم وٽ سندن قبيلائي روايتن، ملڪي پيداوار، آب ھوا، زندگيءَ جي ارتقا مطابق جدا جدا رواج ھئا. ڪن چانور زيادہ کاڌا ٿي، ڪن ڪڻڪ، ڪن جوار، ٻاجھري، کير مکڻ، ڪن گوشت، ڪن مڇي ۽ اناج ۽ ڀاڄين تي گذر ڪيو ٿي.
    اھري طرح کاڌن جي تيار ڪرڻ جا به جدا جدا طريقا مروج ھئا. مغربي مُلڪن ۾ کاڌو ھڪ نموني جو تيار ٿئي ٿو. مشرڪي مُلڪن مان چين، جپان وغيرہ جدا کاڌي جا نمونا تيار ڪن ٿا، ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ٻئي قسم جا طعام ٺھن ٿا. انھن ۾ ھر مُلڪ ۽ قوم کي خاص خصوصيتون ٿين ٿيون.
    ڪٿي ڏينھن ۾ چار دفعا ۽ ڪٿي ٻه دفعا کاڌي کائڻ جا وقت مقرر آھن. اھڙي طرح لباس بنسبت ھر ھڪ مُلڪ جي خاص خصوصيت ٿئي ٿي، جنھن جو مدار گرمي، سردي، نسلي ۽ باھمي ميلاپ تي ٿئي ٿو. باوجود مغربي لباس ۽ تھذيب جي ھر طرف پکڙجڻ جي به ھر مُلڪ ۾ لباس جا جدا جدا نمونا مروج آھن.
    گھرن جي تعمير به ھر مُلڪ جي گرمي، سردي، مختلف تعميراتي مواد ميسر ھئڻ، بارش جي گھڻائي ۽ ٿورائي، ملڪي تمدن تي مدار رکي ٿي. اھڙي طرح ڳوٺن جي تعمير. تنھنڪري انھن ٽنھي ڳالھين لاءِ جدا قومي خصوصيتن جو پيدا ٿيڻ لازمي امر آھي.

    باھمي تعلقات ۽ رھڻي ڪرڻيءَ جا طور طريقا.

    ان ۾ ھيٺين قسمن جون ڳالھيون شامل آھن.
    (1) شادي ۽ غميءَ جا رسم ۽ رواج.
    (2) قبيلائي يا مذھبي ڏڻوار يا موقعا.
    (3) ھڪ ٻئي سان گڏجڻ، کينڪار ۽ مجلس جا دستور.
    (4) ميلاپ ۽ انھن موقعن تي ماڻھن جي تفريح لاءِ وندرون.
    انھن سڀني ڳالھين تي مختلف ملڪن ۽ جدا جدا نسلن ۽ مذھبن جا ماڻھو، باھمي ميل ميلاپ، قديم روايات، مڪاني سھولتن، واپار ۽ تفريح طبعي لاءِ ڪي خاص قسم جا طور طريقا اختيار ڪن ٿا، جي سندن سماجي زندگيءَ جو جزو بڻجيو پون.

    سماجي دستور ۽ قاعدا:

    قديم وقتن کان وٺي، ماڻھن جي جدا جدا قبيلن ۾ مڪاني حالات کي مدنظر رکي، باھمي اختلافن، چورين ۽ زالن تان فسادن جي فيصل ڪرڻ لاءِ ڪي دستور قائم ٿيل ھئا. اھي آھستي آھستي ٿي جدا جدا قبيلن جي گڏجي رھڻ، مذھبي شريعتن، ملڪي حالتن ڪري خلط ملط ٿي، جدا قومي نمونو اختيار ڪري وڃن ٿا. جن مان مثال خاطر ڪي ھيٺ ڏجن ٿا.
    ڪن ملڪن ۽ قومن ۾ عزت قائم رکڻ لاءِ ھارا ڪاري (آپگھات) جو دستور آھي.
    ڪن قومن ۾ ڪاري ڪاريءَ جو رواج آھي.
    ڪن جاين تي اڃا تائين قصاص (بدلي، عيوضي يا انتقام) جو رواج آھي، ان ۾ ھرو ڀرو اھو ضروري نه آھي ته ساڳي ماڻھوءَ کان عيوضو وٺجي پر انھيءَ قبيلي جي ڪنھن به ماڻھو کان بدلو وٺي سگھجي ٿو.
    ڪٿي ھڪ زال جا ساڳي وقت ڪيترا مرد ٿين ٿا ته ڪٿي ھڪ مرد ساڳئي وقت گھڻيون زالون رکي سگھي ٿو ته ڪٿي صرف ھڪ مرد ۽ ھڪ زال جو رواج آھي. ڪن قومن ۾ ڏوھه لاءِ عيوض وٺجي ٿو ته ڪٿي سزا ڏجي ٿي. اھڙي طرح ھر قوم ۽ ملڪ جا سماجي دستور علحدہ ٿين ٿا.

    قومي ڪردار

    ھر ملڪ ۾ ھزارن ورھين جي روايتن بعد آب ھوا، جدا جدا نسلن جي رواجن، ماحول، مذھبي عقيدن وغيرہ جي اثرن ڪري، اُتي جي رھاڪن جا ڪي قومي ڪردار ٺھن ٿا، جي سندن طبيعت جو جزو بڻجي، زندگيءَ تي اثر ڪري، ھنن جي ڪردار کي صورت وٺائين ٿا. مثال لاءِ ڪي ڳالھيون ھيٺ پيش ڪجن ٿيون.
    ڪِن قومن ۾ نسل جي پاڪيزگيءَ کي زيادہ اھميت ڏيڻ ڪري، غيرت وڌيڪ ٿئي ٿي، جنھن ڪري زنا وغيرہ جي ڳالھين تان خونريزيون ۽ فساد ٿين ٿا. ليڪن ڪن قومن ۾ ان ڳالھ کي معمولي ڪري ورتو وڃي ٿو.
    ڪِن قومن ۾ وفاداريءَ جو زيادہ مادو آھي، ۽ ڪِن ۾ ڌوڪو ۽ ٺڳي وڌيڪ عروج تي آھي.
    ڪِن قومن ۾ مھمان نوازي خاص صِفت ڪري سمجھي وڃي ٿي، ڪي اُن کي فضول خرچي سمجھي، مورڳو ھِريا ئي ڪونه آھن.
    ڪي قومون جنگجو ھئڻ ڪري، تشدد کي زندگيءَ جو حصو ڪري سمجھن ٿيون، ته ڪي ھنسا کي بد امنيءَ ۽ فساد جو سبب سمجھي، اُن کان ٽارو ڪن ٿيون.
    ڪِن قومن ۾ جتي پڄي نه سگھجي، اُتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو سمجھيو وڃي ٿو. ڪي ناحق ۽ ڏاڍ اڳيان سِر نمائڻ کان مرڻ بھتر ٿا ڄاڻن، ڪن ۾ محبت گھر ڪري ويل آھي، ته ڪن جي زندگيءَ ۾ نفرت ۽ نفاق کي زيادہ اھميت ڏني وڃي ٿي.
    ڪي بزدل ۽ بي ھمت ٿين ٿا، ته ڪي سرويچ ۽ باھمت آھن. ڪن خود مطلبي کي پيشو ڪري ورتو آھي، ڪي اُن کي بد اخلاقي ڄاڻن ٿا. ڪِن ۾ حب الوطنيءَ جو مادو گھڻو ٿئي ٿو، ڪي قوم فروشيءَ تي ھريو وڃن.
    اھري طرح سان مختلف قومن ۾ ڪردار جون جدا جدا وصفون پيدا ٿين ٿيون.
    ھرو ڀرو ائين نه آھي، ته قوم جا جملي ماڻھو مخصوص قومي ڪردار جا پوئلڳ يا قائل ھجن. ھر قوم ۾ ڪثرت ھميشه ڪريل ڪردار جي ٿئي ٿي. اعليٰ ڪردار ڪن ٿورن ماڻھن ۾ ٿئي ٿو، پر اُن جي سڃاڻپ جي ڪسوٽي اُھا ٿئي ٿي ته ملڪ جي شعر، ڏند ڪٿائن، ادب ۾ جن ڳالھين کي ساراھيو ويو آھي، اھي ئي اُن قوم جو ڪردار ڪري شمار ۾ آڻبيون.

    فن لطيف ۽ ادب

    ھر قومي ڪلچر لاءِ فن لطيف ۽ ادب جي وجود ۽ واڌاري جي ضرورت آھي. اُن لاءِ ھر ھڪ تي مختصر سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.
    ٻنھي لفظن لاءِ انگريزيءَ ۾ جامع لفظ ’آرٽ‘ استعمال ڪيو ويو آھي، جو آرٽس ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ پڙھايو وڃي ٿو. اُن جي عام طور معنيٰ اھا ورتي وڃي ٿي ته اُھا شئي يا ڳالھ جا دماغي ڪوشش سان پيدا ڪئي وڃي ٿي.
    دماغي آرٽ: ھن ۾ ھيٺيان صيغا شمار ڪيا وڃن ٿا.
    (1) گرامر (2) فلسفو (3) فن تعمير (4) حساب (5) راڳ (6) رقص (7) ادب (8) تاريخ وغيرہ.

    جسماني آرٽ: ھن ۾ ھيٺيان صيغا شمار ڪيا وڃن ٿا.
    (1) فن تعمير (2) دستڪاري (ھٿ جو ھُنر) (3) مصوري (4) فن لباس (5) فن طعام (6) فن آرائش (7) رانديون وغيرہ.

    جيڪڏھن انھن جي جڙڻ جي تاريخ تي نظر ڪبي، ته اُن جي تعمير ۾ مختلف قبيلن، مذھبن ۽ ملڪن حصو پئي ورتو آھي. اُن ۾ به ٻه رجحان رھيا آھن، ھڪڙي گروہ مخصوص قومي آرٽ جي محدود دائري ۾ ترقي ۽ تعميل لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ٻئي رجحان مختلف آرٽس کي گڏي عالمگير آرٽ بڻائڻ طرف توجه پئي رھيو آھي.
    مٿي آئون ٻڌائي آيو آھيان ته ھر ھڪ قوم کي پنھنجو مخصوص ڪلچر ٿئي ٿو، جو اڳتي ھلي عالمگير ڪلچر ۾ سمائجڻو آھي. جيئن ته آرٽ ڪلچر جو ھڪ جزو آھي، سو ساڳيو قانون آرٽ سان به لاڳو ٿيڻ وارو آھي. جيئن وسيع باغ ۾ مختلف رنگن جا گُل ۽ وڻ چَمن جي حسن جي زيبائش ڪن ٿا، اھڙي طرح مختلف قومي آرٽ عالمگير چمن جي زيبائش جو سبب ٿي سگھن ٿا. ان جي الڳ وجود ۽ ضرورت کان انڪار ڪري ان کي مٽائڻ ترقيءَ جي راھه ۾ رنڊڪ وجھڻ، ارتقائي قانون ۽ دھر جي حقيقتن جي خلاف آھي. جيڪا به طاقت، پوءِ اھا مذھبي ھجي يا حڪومت اقليت جي يا اڪثريت واري قوم جي ھجي. انھي فطري رجحان کي زور زبردستيءَ سان ھڪ نموني تي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، سا ڪوشش شمار ڪري نٿي سگھجي. ڪرسچنٽي ۽ اسلام جي نالي ۾ مصوري، بت تراشي ۽ راڳ جي زوريءَ ختم ڪرڻ لاءِ جي ڪوششون ڪيون ويون، سي آخر نا ڪامياب ٿيون. مورڳو ھن وقت انھي مذھبي ڪوششن کي بُرو سمجھيو پيو وڃي. ھن وقت ان مذھبن جي اڪثر پوئلڳن ۾ انھن فنن کي زور وٺائڻ جي ڪوشش جاري آھي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان بڻجڻ بعد ڪي تعصبي ۽ ڪٽر ماڻھو، ھن جديد دور ۾ مذھب اسلام جھڙي امن پسند ۽ ھمه گير مذھب جي نالي ساڳيا ڪُڌا ڪم ڪرڻ گھرن ٿا، جن جي ڪري انھيءَ مذھب جي بدنامي ٿئي ٿي.


    فصل ٻيو

    ڪلچر ڪيئن ٺھي ٿو- اُن جي جوڙجڪ تي مختلف اثر

    جھڙي طرح سان جبلن ۽ مٿاھين زمينن تي ھزارين ورھين جي برفن ۽ مينھن پوڻ ڪري، وڻ ڄميو ٻيلا ٺھن ٿا. جن مان ڪڏھن پَن، ڪڏھين وڻ ڪريو، سڙيو، ڀاڻ ٿيو پون. پراڻن جاين تي نوان وڻ ڄمن ٿا، مينھن جو پاڻي وڻن کي سيراب ڪرڻ کان پوءِ نالن ۽ ندين ذريعي ھيٺاھين زمين تي اچي ٿو. اھو پاڻي پاڻ سان مٿي ذڪر ڪيل طريقي سان ٺھيل ڀاڻ، جبلن ۽ زمينن جا ڪيميائي ڀاڻ سان ڀرپور جُزا لوڙھيو، گھليو، ھيٺاھين زمينن تي اچيو لَٽ وجھي، آباديءَ لائق ۽ زرخيز زمين بڻائي ٿو، جنھن ۾ طرح طرح جا فصل پيدا ٿي، مُلڪ ۽ اُن جي رھاڪن جي گذر معاش ۽ ترقيءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. اھو سلسلو سدائين جاري رھي ٿو. ھڪڙا وڻ ڄميو، ڪريو، ٻيا ڄمن ٿا. ندليون لَٽ لوڙھينديون، زمينن کي نئين سر زرخيز بڻائي فصل اُپائينديون رھن ٿيون.
    اھڙي طرح بعينه ساڳي حالت قومن جي ٺھڻ ۽ سندن ڪلچر جي پيدا ٿيڻ جي رھي ٿي، مختلف ڪٽنب ۽ قبيلا ھزارن ورھين کان گذر معاش جي تنگي، پٺيان طاقتور قبيلن جي کين ڌِڪي جاءِ والارڻ، بيمارين، ڏُڪارن پوڻ وغيرہ جي وجھن ڪري، تاريخ جي جدا دورن ۽ زمانن ۾ ڌڪجيو، گھلجيو، حالتن جي تقاضا، حفاظت ۽ گذرمعاش جي سھولتن سبب، اچيو ڪن جارافيائي خطن جي ملڪن ۾ ڪَٺا ٿي رھڻ لڳن ٿا. اھو سلسلو ھميشه جاري رھي ٿو. رڳو سنڌ جو مثال وٺندا، ته اُتي دراويدي، آريا، سامائيٽ، منگول نسلن جا ماڻھو ۽ انھن جي ننڍن قبيلن جا ڪُٽنب ۽ ماڻھو وڻ وڻ جي ڪاٺي وانگر اچي ھن ملڪ ۾ ويٺا، جن ۾ سماٽ، راجپوت، لھاڻا، جت، مھاڻا، پٺاڻ، بلوچ ۽ عرب قبيلن جا ماڻھو اچي وڃن ٿا.
    انھن سڀني ٻاھران آيل ماڻھن کي سندن ٻوليون، رسمون رواج، لباس، رھڻي ڪرڻي جا طريقا، ادب، قديم روايتون، مذھب ۽ قومي ڪردار ھئا. جن سڀني گڏجي سنڌي قوم بڻجي، اُن کي مخصوص ڪلچر سان سينگاريو آھي.
    صدين جي گڏيل تعلقاتن، ملڪي ضرورتن، حالتن جي تقاضائن، گذر معاش جي ذريعن، پاڻ ۾ سڱابندي ڪرڻ، ملڪي آب و ھوا ۽ ماحول سبب سندن اختلاف گھٽبا ويا. اھي جدا ڪيميائي جزا، قصا ڪھاڻيون، مذھبي عقيدا، رسم رواج، سماجي دستور ۽ قومي ڪردار اختيار ڪندا اچن، جن سنڌي ڪلچر جي صورت ورتي آھي.
    ان ساري سرگذشت ھزارھا ورھيه ورتا، جنھن تي مختلف زمانن جي روايات، قبيلائي نسلن جي رجحانن، مُلڪي زرخيزي، مُلڪي ماحول، واپار جي ذريعن ۽ مختلف مذھبي عقيدن، پنھنجا پنھنجا اثر ڇڏيا. اُن مان سنڌين جو مستقل ڪلچر ٺھي، سندن ذھني، سماجي، نفسياتي ۽ قومي ڪردار جو حامل ٿي پيو. دنيا ۾ اھڙا سوين زمين جا خطا آھن، جن ۾ آباد ٿيل ماڻھن، قومن جي صورت اختيار ڪري، پنھنجا پنھنجا ڪلچر بڻايا ۽ ٻوليون ٺاھيون آھن، جن کي سندن قومي ورثا سمجھي، انھن جي حفاظت ڪرڻ سندن قومي فرض سمجھن ٿا.
    اڄ ڪلھ اقوام متحدہ ۾ اھڙين قومن جو تعداد 135 کي پھتو آھي. اڃا اُن جي وڌڻ جو امڪان آھي. تاريخ جي مطالعي مان ھڪ طرف جدا قومن، زبانن، ڪلچر جي بڻجڻ جو سلسلو جاري ڏسجي ٿو ته ٻئي طرف انھن جي اختلافن کي مٽائي، ھڪ ڪرڻ جون ڪوششون جاري آھن. اُن عالمگير رجحان ۾ ٽي قوتون ڪم ڪري رھيون آھن.

    (1) سامراجي طاقتون :-

    جنھن ذريعي ننڍن مُلڪن ۽ قومن کي زوري گڏي، ھڪ طاقتور ملڪ ۽ قوم جي ماتحت بڻائجي ٿو. اھو طريقو زور زبردستيءَ سان طاقتور قوم جي فائدي لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو. جنھن جي خلاف ننڍن مُلڪن ۽ قومن طرفان، سندن قومي مفاد کي نقصان پھچڻ جي انديشي کان مخالفت ٿئي ٿي. گذريل مھاڀاري لڙايون انھيءَ سامراجي طريقي جي نتيجي جي پيداوار ھيون.

    (2) وفاقي طريقه ميلاپ :-

    انھيءَ ذريعي سان ننڍا مُلڪ ۽ قومون، باھمي مفاد جي بنياد تي قبول ڪيل اصولن مطابق اتحاد ڪن ٿيون. اھو طريقو باھمي مفاد ۽ رضامنديءَ جي بنياد تي ٻَڌل ھئڻ ڪري، اڪثر مقبول پئي رھيو آھي، جنھن وسيلي گڏ ٿي رھندڙ ملڪ ۽ قومون ڏي وٺ جي آڌار تي، متحدہ ملڪ ۽ متحدہ قوم بڻجڻ لاءِ ڪوشش ڪن ٿيون. اُن مثال ۾ يونائٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا، سوويت يونين ۽ ڀارت وغيرہ اچن ٿا.

    (3) نظرياتي طريقه ميلاپ :-

    جنھن مطابق مذھبي يا اقتصادي نظرين جي بنياد تي، جماعتون ٺاھيون وڃڻ ٿيون، جديد ملڪن ۽ قومن جي حقيقي معاملن، مڪاني حالتن، وقتي تقاضائن ۽ قومي ضرورتن کان زيادہ ھو ڪن نظرين ۽ مذھبي عقيدن کي اھميت ڏين ٿا. انھن جو تعلق مُلڪن سان نه پر ھم خيال ماڻھن سان رھي ٿو. جھڙيءَ طرح سان سڀ ماڻھو، قومون، مُلڪ ھڪ جھڙا نه آھن، ڪي ماڻھو ڊگھا، ڪي بندرا، ڪي ڳورا، ڪي ڪارا، ڪي ھوشيار، ڪي ڏُڏ ۽ اھڙي طرح ڪي قومون گھڻي تعداد واريون، ڪي ٿوري تعداد واريون، جنگجو ذھنيت جون، ته ڪي امن پسند، ڪي ترقي يافته، ڪي پٺتي پيل آھن ۽ مُلڪ به ڪي وڏا، ڪي ننڍا، ڪي ٿڌا، ڪي گرم، ڪي زرخيز ته ڪي بنجر، ڪي کاڻين سان ڀرپور ته ڪي خالي ٿين ٿا. ساڳيو قانون نظرين ۽ عقيدن سان لاڳو ٿئي ٿو- مثلاً دنيا ۾ ھن وقت ڪيترا اھڙا مکيه نظريا آھن، جي ماڻھن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ جي عيوض، اڻ کُٽ اختلاف پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيا آھن. جن مان مکيه ھيٺيان آھن.
    (1) نظريه دھريت (Materialism) ۽ ان جو ضد روحانيت .(Idealism)
    (2) نظريه جمھوريت (Democracy)۽ ان جو ضد آمريت (Dictatorship)
    (3) نظريه قومپرستي (Nationalism) ۽ ان جو ضد نظريه سرمائيداري (Imperialism)
    (4) نظريه اشتراڪيت(Communism) ۽ ان جو ضد نظريه سرمائيداري (Capitalism)

    بھتر آھي ته انھن نظرين جي مختصر تشريح ڪريان

    دھريت ۽ روحانيت

    دھريت:
    ھن نظرئي موجب مادہ کي زندگي (روح) تي اھميت ڏني وڃي ٿي. ان ڪري مادہ کي درجي اول جي حيثيت ڏئي روح (مائينڊ) کي ثانوي درجو ڏنو وڃي ٿو. انھيءَ نقطي نگاھه موجب روح مادہ جي مختلف عنصرن جي باھمي عمل جي پيداوار آھي. ان ڪري جڏھن به مادي جو باھمي عمل بند ٿئي ٿو، يا اُن ۾ رڪاوٽ پوي ٿي، ته زندگي ختم ٿيو وڃي. ھن نظرئي جي معقدن جو شخصي روح جي ھستي ۽ تسلسل ۾ اعتقاد نه آھي. ان نظرئي جي مڃڻ بعد مذھبن جا جملي اعتقاد، جھڙوڪ حيات بعد الممات، تناسخ (جوڻ) جزا ۽ سزا، بھشت ۽ دوزخ، ڪائنات جو پلان (منصوبو يا رٿا) ۽ مقصدن سان پيدا ٿيڻ، انھن جي پيدا ڪندڙ، ھلائيندڙ طاقت (خدا) ۾ اعتماد رکڻ جا عقيدا سڀ ختم ٿيو وڃن.
    جنھن ڪري ھنن جو سارو زور ھن دنيا جي زندگي بھتر بڻائڻ ۽ ھر ڳالھ جو فيصلو عقل ۽ تجربي جي بنياد تي ڪرڻ طرف رھي ٿو.

    روحانيت

    ھن نظرئي مطابق روح (مائينڊ) کي اصلي شيءِ ڪري ورتو وڃي ٿو. ان ۾ مادي کي ثانوي حيثيت ڏني وڃي ٿي. انھي جي مڃيندڙن مان ڪي ته مورڳو مادي جي جدا ھستي کان انڪار ڪري، ان کي صفت ۽ ڌوڪي سان تشبيھ ڏين ٿا. انھن جي نقطه نگاہ کان روح ذات ۽ مادو صفات آھي، روح ابدي (آدي) ۽ ازلي (جگادي) آھي ۽ مادو فاني ۽ تبديل ٿيندڙ آھي.
    انھيءَ نظرئي جي بنياد تي جملي مذھب وجود ۾ آيا آھن. خدا حيات بعد الممات، آواگون (تناسخ) جزا ۽ سزا، ڪرم جو ڦَل، بھشت ۽ دوزخ ۽ مذھبن جا جملي طور، ھر ھڪ ماڻھو سندس عملن لاءِ جوابدار ھو. تنھن ڪري گھڻي ڀاڱي ھر شخص آزاد ھو. جيئن ته ڪي ماڻھو محنتي، لياقت وارا ۽ مضبوط ٿين ٿا ۽ ڪي سست، ڪُند فھم (ڏُڏ) ۽ ڪمزور آھن، تنھن ڪري ٻنھي گروھن جي کليل مقابلي ۾ ڪي ماڻھو ملڪيت، پيسي ۽ اقتدار جا مالڪ بڻجيو وڃن ۽ ڪي محڪوم، مفلس ۽ نادار ٿيو پون.
    جنھن صورت ۾ ھن نظرئي موجب بنيادي طرح کليل مقابلو روا آھي، ته ان جي آڌار تي پيدا ٿيل طبقاتي ۽ مستقل مفاد کي تسليم ڪري، مذھبي قانون اھڙي طرح بڻايا ويا آھن، جو شخصي ملڪيت، ذرائع پيداوار ۽ ورھاست کي ھٿ لائڻ يا دست اندازي ڪرڻ جي منع آھي. نتيجي ۾ ڪي ڪروڙن روپين جا مالڪ بڻجيو وڃن، ته ڪي بي زر، بي اجھي، مزدور، بنا زال جي رھجيو وڃن. اھڙي نظام کي به ختم ڪرڻ لاءِ مذھبي قانون مخالفت ڪن ٿا. بلڪ ڪي ته ان کي ڪرم جو ڦل، يا قسمت جو نتيجو قرار ڏين ٿا. ان کان سواءِ مذھب فوق العقل اختياري تي مدار رکي، گھڻي حد تائين عقل ۽ تجربي مان حاصل ڪيل معلومات کي ثانوي حيثيت بخشي ٿو. انھي ٻنھي نظرين جي بنياد تي جي جماعتون ٺھن ٿيون، سي بين الاقوامي حيثيت رکڻ ڪري، مختلف قومن جي مستقل مفاد، جھڙوڪ وطن، ڪلچر، اقتصادي مفاد ۽ زبانن کي نقصان پھچائين ٿيون. اھي ذھني سامراج آھن، جي نظرين ۾ انسان ذات جو ڀَلو ڏسي، سڀني ماڻھن کي زوريءَ يا تبليغ ذريعي سندن جماعتي نظام ۾ آڻڻ گھرن ٿا، جنھن مان فطري طرح مختلف ملڪن ۾ پيدا ٿيل، قومن جي مختلف ورثن، جھڙوڪ شخصي عقيدن، سماجي زندگيءَ جي طور طريقن، قومي ڪردار ۽ آرٽ (ادب ۽ فن لطيف) جي جدا وجودن کي ختم ڪري، ڪن نظرياتي قالبن ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. تنھن ڪري سندن انتھائي حالت ۾ قومن ۽ ان جي ڪلچرن کي نظرين جي بنياد تي ٺھيل جماعتن مان نقصان پھچڻ جو انديشو رھي ٿو.

    جمھوريت ۽ آمريت (آپيشاھي)

    جمھوريت:
    جمھوريت اُن نظرئي کي ڪوٺجي ٿو جنھن موجب قوم جي افراد جي مساوي حيثيت تسليم ڪجي ٿي. ملڪ جي ھر عاقل بالغ ماڻھوءَ کي ملڪ جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي معاملن لاءِ آزادانه راءِ سان عيوضي چونڊي سندن مرضيءَ مطابق حڪومت ھلائڻ جو حق ڏنو وڃي ٿو. اِنھيءَ ڪري ھر فرد کي آزادانه تقرير، تحرير ۽ جماعت سازيءَ جو حق رھي ٿو.
    البت پٺتي پيل مُلڪن ۾ جتي ڪثرت تعداد ماڻھن جي، جوان، پڙھيل ۽ سيادسي شعور نه رکندڙ، غريب ۽ غير منظم آھي. اتي ابتدا ۾ ھوشيار، پئسي وارا ۽ مٿاھين طبقي جا ماڻھو عوام کي برغلائي طاقت سندن قبضي ۾ رکن ٿا. ليڪن بنيادي طرح جمھوريت جي اصول مڃڻ ۽ بالغ راءِ دھي جي حق ڪري آھستي آھستي ماڻھن ۾ سياسي شعور پيدا ٿيو وڃي ۽ کليل مقابلي ۾ نيٺ عوام سندن حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن.
    قوم پرستي ۽ جمھوريت لازم ۽ ملزوم ڳالھيون آھن. ان مطابق نه صرف افراد جي حق کي قبوليو وڃي ٿو پر ھر قوم جي خود ارادي جو حق تسليم ڪيو وڃي ٿو.

    آمريت:
    ھن نظريي جو بنياد فسطائي نقطه نگاھه تي رکيو ويو آھي، جنھن مطابق ماڻھن کي لائق ۽ اڻ لائق مضبوط ۽ ڪمزور متبدل ۽ ڌڪاريل، سڌريل ۽ اڻ سڌريل، گروھن ۾ ورھائي، پھرين گروھه کي حڪومت، بزرگي ۽ رھبري جو اھل ڄاڻي اقتدار ۾ آندو وڃي ٿو. نتيجو اھو ٿو نڪري ته مذھب، حڪومت، علم ۽ عقل ۾ چند ماڻھن پاڻ کي خود ساخته علمبردار مقرر ڪري عام راءِ مطابق عوام کي سندن عيوضي چونڊي ڪاروبار ھلائڻ کان محروم ڪن ٿا. ان ڪري آزادانه تقرير، تحرير ۽ جماعت سازي تي پابنديون وڌيون وڃن ٿيون. ھر اختلاف راءِ کي ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جي آڙ ۾ برداشت ڪيو وڃي ٿو. ھنن جي نقطه نگاھه موجب صرف لائق ۽ مضبوط قومون ھن زندگيءَ جي تنازع للبقا ۾ ڪامياب ٿين ٿيون، ٻيون سڀ فنا ٿيڻ واريون آھن.
    تنھن ڪري لائق قومون يا لائق ماڻھو حڪومت ھلائڻ جا حقدار سمجھيا وڃن ٿا. انھن جي راءِ صحيح ۽ بي عيب ٿئي ٿي. انھن خيالن تي ھلندي ڪي طاقتور، ھوشيار ۽ جنگجو شخص يا گروھه زور زبردستيءَ سان حڪومت تي قبضو ڪري ان کي مخصوص ماڻھن، گروھه يا طبقن جي مستقل مفاد لاءِ ھلائين ٿا. ان مان عارضي طرح ڪجھ انتظامي سختي ڪري مخالفت دٻجيو وڃي ۽ ماڻھن ۾ ھڪ قسم جو جمود پيدا ٿيو وڃي، عوام ملڪي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏيو ڏين. ڊڪٽيٽر جو ھر لفظ سَند ڪري مڃڻو پوي ٿو. انھن جي چوڌاري خوشامندڙين ۽ جي حضورين جو ھجوم گڏ ٿيو وڃي، آزاد خيال ۽ ايماندار ماڻھن کي ويجھو اچڻ کان رڪاوٽ پئجيو وڃي. جنھن ڪري صاحب اقتدار، صحيح مشورا ۽ صلاح کان محروم ٿيو پون، ۽ انھن کان غلطيون سرزد ٿيڻ لڳن ٿيون. ڪامورن جي ٻيگھي مچيو وڃي. ھر نڪته چيني کي ناپسنديءَ جي نگاھه سان ڏٺو وڃي ٿو. ظاھري مخالفت دٻجيو وڃي، اندروني طرح ناراضگي وڌڻ لڳي ٿي. آئيني طريقن سان اختلاف ڪرڻ جي اجازت نه ھئڻ ڪري مخفي سازشون شروع ٿين ٿيون، جي ڳالھيون مُلڪ کي خانه جنگي ڏي ڌِڪين ٿيون. ھيءَ ڳالھ صاف سمجھڻ گھرجي ته اڪثر مذھب، ڪميونزم ۽ فاشزم ڊڪٽيٽرشپ ڏانھن ڇڪين ٿا.

    قومپرستي ۽ سامراج

    قوم پرستي:
    اڄ ڪلھ قوم پرستي دنيا ۾ مقبول عام نظريو آھي. ھر قوم ان ۾ اعتماد رکي سندس ترقيءَ لاءِ ڪوشان نظر اچي ٿي. قوم پرستيءَ جا دنيا ۾ ڪيترائي تخيل مختلف زمانن ۾ مروج رھيا آھن. جھڙوڪ، نسل، شھريت، سامراجيت ۽ مذھب جي بنياد تي قومن جا تخيل. ليڪن ھِن دور ۾ جنھن قوم پرستيءَ جو دنيا ۾ سِڪو چالو آھي، تنھنجو بنياد وطن، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي اُصولن تي ٻڌل آھي. ھن وقت دنيا ۾ اھڙين قومن مان اقوام متحدہ (United Nations) ٺھيل آھي. جنھن ۾ ھن وقت تائين 135 کن اھڙي قسم جون قومون ميمبر طور داخل ٿيل آھن. انھن جي ميمبرن جو تعداد روز بروز وڌي رھيو آھي.
    قوم پرستيءَ جو آواز ھن وقت نھايت طاقتور آھي. ان ذريعي مُلڪن جي آزادي، ترقي ۽ تعمير لاءِ گھڻو ڪجھ ٿي رھيو آھي. ليڪن ان جي صحيح طور واڌاري جي راھه ۾ ھيٺيون رڪاوٽون پيل آھن، جي انھن کي دور ڪرڻ لاءِ اقوام متحدہ يا انسان ذات طرفان ڪو انتظام نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ دنيا جي امن کي خطرو آھي.

    1- قوم پرستيءَ جو اڳرائيءَ وارو رجحان:
    اھو ان قسم جو رويو آھي جو جرمني، اٽلي ۽ جپان ھڪ وقت اختيار ڪيو ھو ۽ اڄ ڪلھ اسرائيل، سائوٿ آفريڪا ۽ چين اختيار ڪري رھيا آھن.

    2- مذھبي قوم پرستي:
    ان جو اظھار ڀارت، پاڪستان، انڊونيشيا ۽ اسرائيل ۾ ڪي جماعتون ڪري رھيون آھن. جنھن جي زور وٺڻ ڪري ننڍين قوميتن جي مفاد ۽ وجود کي ھڪ طرف نقصان جو انديشو آھي ته ٻئي طرف ڪٽر پڻي، تعصب ۽ نفرت جي پيدا ٿيڻ جو امڪان آھي.

    3- سفيد رنگ جي قومپرستي:
    ان جو اظھار سفيد قوم جي چند گروھن طرفان ٿي رھيو آھي، جھڙوڪ سائوٿ آفريڪا، روڊيشيا، پورچوگال ۽ ڪي آمريڪا جا گروھه. ان مان نسلي ۽ رنگ جي بنياد تي نفرت ۽ نفاق پيدا ٿي رھيو آھي.

    4- ڪثرت تعداد جي قوم پرستي:
    ان جو اظھار چند ڪثرت تعداد قومن طرفان ٿي رھيو آھي، جھڙوڪ ڪئناڊا ۾ انگريزن جو فرينچن مٿان، ڀارت ۾ يوپيءَ جو ٻين صوبن مٿان، پاڪستان ۾ پنجابين جو مغربي پاڪستان جي ننڍن صوبن مٿان، آمريڪا ۽ چين جو ننڍين قومن سان رويو، اھي طريقا اڻ سڌي طرح سامراج کي ھٿي ڏين ٿا.

    5- ترقي يافته قومن جي قوم پرستي:
    ھن وقت دنيا جون قومون ٻن گروھن ۾ ورھايل آھن. ھڪ ترقي يافته ۽ ٻيون پٺتي پيل ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشان قومون آھن. ايشيا، آفريڪا، لئٽن آمريڪا جون ڪثرت تعداد قومون، پوئين گروھه ۾ شامل آھن. يورپ، اتر آمريڪا جون اڪثر قومون، پھرين گروھه ۾ شامل آھن. پھريون تعليم، ھنر، سائنس، پئسي ۽ واپار ۾ ترقي ڪرڻ سبب، شاھوڪار آھن ۽ پويون غريب آھن. ھن وقت حالت اھا آھي ته پھرين گروھه واريون قومون روز بروز شاھوڪار ٿينديون، وڌيڪ ترقي ڪنديون وڃن ٿيون ۽ ٻي گروھن واريون پھرين تي مدار رکندڙ ۽ غريب آھن. مساويانه حيثيت اختيار ڪرڻ جو پھرين قومن جي موجودہ پاليسيءَ ڪري ظاھر ڪو امڪان نظر نٿو اچي. جي اھا حالت گھڻو وقت قائم رھي، ته اھا ڳالھ بدامني جو سبب بڻبو.

    سامراج:

    سامراج جي معنيٰ اھا آھي ته وڏيون، طاقتور ۽ ترقي يافته قومون يا مُلڪ ۽ حڪومتون ننڍين ڪمزور پٺتي پيل قومن ۽ مُلڪن کي سندن سياسي، اقتصادي، ڪلچرل ۽ لساني مفاد لاءِ مٿن تسلط قائم ڪري، کين استعمال غرضي (ايڪسپلائيٽيشن) لاءِ ڪتب آڻين.
    ھن وقت سامراج جا اڳيان طريقا سواءِ ڪجھ مُلڪن جي گھٽبا وڃن، ليڪن اڃا به ڪي مُلڪ آھن، جي باوجود اقوام متحدہ جي ٺھرائن ۽ دنيا جي عام راءِ جي خلاف بيٺڪون رکيو ويٺا آھن.
    پر سامراجي قوتن وري نيون صورتون اختيار ڪيون آھن. جن جا مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
    (1) ڪي طاقتور قومون ننڍن ۽ پٺتي پيل قومن کي سندن زير اثر آڻڻ لاءِ اقتصادي ۽ فوجي مدد جا ذريعا استعمال ڪن ٿيون.
    (2) ڪي طاقتور قومون فسطائي نظريه موجب ٻين کي اڻ لائق سمجھي، پاڻ کي خودساخته اتاليق ۽ محافظ مقرر ڪري، ننڍن ۽ ڪمزور قومن کي تسلط ھيٺ رکن ٿيون.
    (3) ڪي قومون ڪميونزم کي انساني نجات جو ڪارڻ ڄاڻي، اُنجي اثر ھيٺ، ٻين قومن کي مختلف طريقن سان آڻڻ ضروري ڄاڻن ٿيون.
    (4) ڪن قومن جي مکيه گروھن، سندن مذھبن کي ديني نجات ۽ دنيوي ڄاڻي، انھن جي اثر ھيٺ قومن، فرقن ۽ حڪومتن کي آڻڻ پنھنجو مطمعه نگاھه بڻايو آھي.
    (5) ڪٿي سفيد فام قومن يا نسلن پاڻ کي ترقي يافته، چونڊيل ۽ ليڊرشپ جو لائق سمجھي، غير سفيد قومن ۽ ماڻھن کي زيردست رکڻ جائز تصور ڪيو آھي.
    (6) ڪٿي ھڪ ئي ملڪ ۽ حڪومت ۾ وڏا ۽ ترقي يافته صوبا، پٺتي پيل قوميتن ۽ صوبن جي سياسي آزادي، اقتصادي مفاد، ڪلچرل ترقي ۽ زبان جي واڌاري ۾ رڪاوٽون وجھي سندن مستقل مفاد لاءِ ڪتب آڻڻ کي صحيح ٿا سمجھن.

    سامراج جي مٿي ذڪر ڪيل سڀني طريقن جو بنياد فسطائي نظرين، خود مطلبي، طاقت ۽ لياقت، زور زبردستي ۽ ڌوڪيبازي تي رھي ٿو. جنھن مان ننڍن ۽ پٺتي پيل قومن ۾ ناراضگي پيدا ٿي، بد امنيءَ جو سبب بڻجي ٿي. گذريل ٻه مھاڀاري لڙايون، ان جو ڪارڻ ھيون. ان جي سدباب لاءِ اقوام متحدہ قائم ڪئي ويئي آھي، ليڪن ھيٺين سببن ڪري، اھا ان جي دور ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھي آھي.

    (1) اقوام متحدہ جي ايگزيڪيوٽو (سلامتي ڪاميٽي) ۾ پنجن وڏين قومن کي دائمي جايون مليل آھي، جن مان ھر ھڪ کي ڪنھن به تجويز کي رد ڪرڻ لاءِ ويٽو جو اختيار مليل آھي.
    (2) آمريڪا ۽ روس جھڙين وڏين طاقتن کي به ھڪ ووٽ جو حق آھي ته يمن ۽ اسرائيل جھڙن ننڍن ملڪن کي به ھڪ ووٽ جو حق آھي.
    (3) جيستائين انھن ننڍن ملڪن وڏين طاقتن جي سياسي گروھن ۾ رھي، سندن مرضيءَ مطابق ووٽ ڏنو ٿي ته وڏين طاقتن ڪڇيو ڪونه ٿي؛ ھاڻي جڏھن ايشيا ۽ آفريڪا جي مُلڪن مان ڪن گڏجي آزاديءَ سان ووٽ ڏيڻ شروع ڪيو آھي ته وڏين طاقتن اقوام متحدہ جي ٺھرائن کي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح بيڪار بڻائڻ شروع ڪيو آھي. جھڙوڪ: سائوٿ آفريڪا، اسرائيل، پورچوگال، روڊيشيا وغيرہ جي معاملن ۾.
    (4) اقوام متحدہ کي ڪميونسٽ بلاڪ ۽ مغربي سامراجي بلاڪ، سندن پروپيگنڊا ۽ سياسي شطرنج کڻي آکاڙو بڻايو آھي. ان ڪري ايشيا، آفريڪا، سائوٿ آمريڪا جي ڪيترن ملڪن جي ان ۾ وقعت ڪانه رھي آھي.
    (5) ان کي سندس ٺھرائن کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ ڪابه اختياري ڪانه آھي.
    (6) اھا سامراجي سازشن، جنگي تيارين، خوفناڪ ھٿيار ٺاھڻ جي گھٽتائي ۽ ننڍين قومن جي داد رسي ۽ ترقيءَ لاءِ خاطر خواہ انتظام نه ڪري سگھي آھي.

    انھن حالتن ھيٺ ائين پيو ڏسڻ ۾ اچي ته مٿين جماعت کي ذڪر ڪيل خامين کان آجي ٿيڻ ۾ وقت لڳندو.
    ان وچ ۾ ننڍن ملڪن ۽ پٺتي پيل قومن کي سندن حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ باھمي سمجھوتي ۽ رضامنديءَ سان وفاق يا جماعتون بڻائي پاڻ کي ايراضي خواہ آباديءَ جي لحاظ کان وڌيڪ طاقتور بڻائڻ گھرجي.
    عرب ملڪن، آفريڪا، مشرق بعيد جي ڪن حصن ۾ اھو احساس پيدا ٿي چڪو آھي. ليڪن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪي شڪ شبھا، اختلافي مسئلا، مذھبي ۽ فسطائي نظريا، باھمي سمجھوتو ڪرائي نه سگھيا آھن. باقي ڏي وٺ جي آڌار تي جملي پٺتي پيل ملڪن ۾ اتحاد جي ضرورت آھي.

    اشتراڪيت ۽ سرمائيداري

    اشتراڪيت:
    ھن نظرئي مطابق جملي ملڪيت، پيداوار ۽ ورھاست جا ذريعا، پئسو، جماعت (حڪومت) جي ھٿ ھيٺ آندا وڃن ٿا، جي عوام جي مفاد لاءِ ان کي ڪن منصوبن مطابق ڪتب آڻين ٿا. ان مطابق شخصن ۽ طبقن جي ڇڙواڳ استعمال غرضي (ايڪسپلائيٽيشن) ڪري، مخصوص طبقي کان سواءِ عوام مسڪين ۽ محتاج ٿيو پون، سو نٿو ٿئي. ھن نظرئي وارن کي به مذھبن جي پوئلڳن وانگر اھو ويساھه ويھي ويو آھي، ته جملي انسانذات جي دنوي نجات سندن نظرئي جي دنيا تي تسلط ٿيڻ جي وسيلي ٿيڻ واري آھي. ان ڪري ان کي خوشيءَ يا زور سان دنيا تي مڙھڻ ضروري آھي. مذھب ۽ ڪميونزم جي وچ ۾ تفاوت صرف ھي آھي ته پھرين جو مدار فوق العقل اختياريءَ تي رھي ٿو ۽ پوئين جو مدار تاريخي ارتقا جي تجزئي ۽ عقل تي رھي ٿو، ليڪن ھر ھڪ سندن عالمگير صداقت جو حامي آھي.

    سرمائيداري:
    ھن نظرئي جو بنياد ھر شخص جي بنيادي آزاديءَ تي ٻڌو وڃي ٿو، جو اصل ۾ مذھبي نظرئي جي پيداوار آھي. ان مطابق ھر ماڻھو پنھنجي عملن لاءِ جوابدار آھي. تنھن ڪري کيس ملڪيت گڏ ڪرڻ پيدائش ۽ ورھاست جي ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ، پئسي ذريعي ڪمائي ڪرڻ جو حق آھي. ان واسطي ھنن مذھبي ۽ فلسفيانه جواز ڳوليا آھن. ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي ته قومن جو گھڻو حصو غريب، بي گھر، بيمار ۽ محتاج رھي ٿو ۽ ڪي گروھه ۽ طبقا، ساري ملڪيت، پيدائش ۽ ورھاست جي ذريعن ۽ پئسي جا مالڪ بڻجي رنگ رليون ڪندا وتن ٿا.
    مٿي ذڪر ڪيل نظرين ڪري، پيدا ٿيل مشڪلاتن سبب انسان ذات اھڙي ٻه واٽي منزل تي اچي پھتي آھي، جنھن مان يا ته ماڻھو ڪو خاطر خواہ باھمي سمجھوتي سان حل ڳولھي، ھن وقت تائين پيدا ڪيل تھذيب ۽ تمدن کي بچائي، ان کي ترقي وٺائي، زندگيءَ جي مکيه مقصدن: اتحاد، امن ۽ انساني ترقي ڏي ھلي، منزل مقصود تي پھچن يا باھمي شڪ شبھن، نفرت ۽ نفاق، تشدد ذريعي معاملن کي فيصل ڪرڻ ۾ ڦاسي، انسان ذات جي تباھي ۽ تنزل جو ڪارڻ بڻجن.
    انھن مسئلن کي حل ڪرڻ واسطي، دنيا کي اھڙي فلسفه حيات ۽ ڪلچر جي ضرورت آھي، جو سندن رھبري ڪري سگھي. انھيءَ ڪسوٽيءَ جي بنياد تي، اسان کي دنيا جي مختلف ڪلچرن کي پرکڻو آھي. جي ڪلچر انھيءَ ڪسوٽيءَ تي ٺھڪي آيا، سي ورلڊ ڪلچر (بين الاقوامي ڪلچر) جي اوڄي ۾ تاڃي پيٽي جو ڪم ڏيئي سگھندا، ٻيا ڪلچر باوجود سندن حامين جي وڏن دعوائن، محنت، جانفروشي ۽ وسيلن جي تاريخي سيلاب جي وھڪري ۾ وھي، ختم ٿي ويندا.
    ھاڻ اسان کي ڏسڻو آھي ته اسان جي ڪلچر ۽ ان مان پيدا ٿيل فلسفه حيات ۾ ڪي اھڙا جُزا آھن، جي مختلف نظرين جي ٽڪراءَ، انسان ذات ۾ موجودہ شڪ شبھن، نفرت ۽ نفاق جي ھوندي، سندن رھبريءَ لاءِ بين الاقوامي ڪلچر ٺاھڻ واسطي، ڪا امداد ڏيئي سگھن ٿا يا نه؟ جي نه، ته سياسي ميدان تي اڳي شڪست کائي ويٺا آھيون، باقي ڪلچر به بيڪار ھئڻ جي حالت ۾ اسان جون حالتون سڀ اجايون ٿينديون.
    آئون ان مسئلي تي غور ڪرڻ بعد ھِن نتيجي تي پھتو آھيان ته سياسي ميدان تي اسان کي اسلام، مسلم قوم ۽ پاڪستان جي نالي ۾ غلام بڻائيندڙن جي ڪلچر کان، سنڌي ڪلچر وڌيڪ صلاحيت وارو آھي، ان ڪري موجودہ تڪليفن مان مشڪلاتن جي باوجود نيٺ وڃي لنگھي پار پونداسون ۽ اسان تي ظلم ڪندڙ، سندن نظرين ۽ بد اعماليءَ ڪري نا ڪامياب ٿيندا.


    فصل ٽيون

    سنڌ جو ڪلچر ۽ اُن جا مکيه جُزا

    سنڌ جو ڪلچر ۽ اُن جا مکيه جُزا

    آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان ته ڪلچر جا مکيه شعبا ھيٺيان ٿين ٿا.
    (1) نظرياتي ۽ مذھبي عقيدا.
    (2) سماجي زندگيءَ جا طور طريقا.
    (3) قومي ڪردار.
    (4) آرٽ [ادب ۽ فن لطيف]

    بھتر آھي ته مٿي ذڪر ڪيل چئن شعبن جي سنڌي خصوصيت تي تفصيل سان روشني وجھان.

    مذھبي عقيدا

    پاڪستان اندر ماڻھن جو مذھب گھڻي قدر اسلام آھي، ليڪن ان جون تشريحون به جدا جدا ٿيل آھن، جن جو تفصيل سان احوال منھنجي ڪتاب ”جيئن ڏٺو آھي مون“ مان پئجي سگھي ٿو. ليڪن ھتي ھي ٻڌائڻ ضروري ٿو ڄاڻان ته اسلام جون ٻه تشريحون ڪيون ويون آھن، جن مان ھڪ کي مُلا جي تشريح سڏيو ويو آھي ۽ ٻئي کي اھل طريقت جي. سنڌ جي اڪثر درويشن جو اھل طريقت جي تشريح ۾ عقيدو رھيو آھي.
    ھيٺ مختصر طرح ٻنھي تشريحن جي مکيه متن جو ذڪر ڪريان ٿو.

    مُلا جي اسلامي تشريح:
    (1) اسلام دنيا جو مڪمل ۽ آخري مذھب آھي. ان جي اچڻ کان پوءِ ٻيا سڀ مذھب منسوخ ٿي ويا آھن.
    (2) انھيءَ دين ذريعي، انسان ذات جي جملي مشڪلات جي نجات حاصل ٿيڻ واري ھئي، ان ۾ ماڻھن جي ڀَلائي ۽ بھبوديءَ لاءِ مڪمل فلسفه حيات موجود آھي.
    (3) پاڪستان جا مسلمان مذھب جي بنياد تي جداگانه قوم آھن، جن کي جملي قومن جي رھبري ۽ امامت ڪرڻي آھي.
    (4) انسان ذات جي نجات لاءِ دين اسلام جو ساري دنيا تي غلبو ضروري آھي، جنھن لاءِ تبليغ ۽ جھاد کان ڪم وٺڻو ھو. ان ڪري مذھب ۽ سياست کي گڏي ھلائڻو آھي.
    (5) پاڪستان ۾ سرشته حڪومت اسلامي روايات ۽ حُڪمن موجب ھلائڻ ضروري آھي.

    اھل طريقت جي اسلامي تشريح:
    (1) اسلام دين فطرت ھو، جنھن جو پيغام خدا طرفان ھر ملڪ، قوم ۽ زماني ۾ انسان ذات جي اتحاد، امن ۽ ترقيءَ واسطي جدا جدا پيغمبرن، رشين، حڪيمن ۽ اھل الله پئي پھچايو آھي. جن سڀني جي تعليم جو بنيادي مقصد ساڳيو ھو. انھن جي پيغام ۾ باوجود ظاھري گونا گونيءَ جي بنيادي وحدت سمايل ھئي. اسلام انھيءَ حقيقت جي اظھار جو شارح ھو. جنھن صورت ۾ جملي مذھب دين فطرت جا جزا ھئا، ان ڪري انھن جي منسوخ ٿيڻ جو عقيدو غلط ھو. ليڪن جملي مذھبن جو شريعتي شعبو، جنھن جو واسطو سماجي دستورن ۽ قانون سان ھو، سو حالتن جي تقاضا، معاشري جي تبديلي، وقتي ضرورتن مطابق تبديل ۽ منسوخ ٿي سگھيو ٿي. اھو قانون جھڙيءَ طرح ٻين مذھبن جي شريعتن سان لاڳو ٿيو ٿي. اھڙي طرح قديم دور جي حالتن، معاشري ۽ وقتي ضرورتن جي بنياد تي، مروج ٿيل اسلام جا شريعتي قانون به جديد تقاضائن جي بنياد تي تبديل ٿي سگھن ٿا.
    (2) مُلا جي تخيل واري دين اسلام مان نه انسان ذات جي مشڪلات جي نجات ٿيڻ واري آھي، نه ماڻھن جي فلاح ۽ بھبوديءَ لاءِ منجھس مڪمل فلسفه حيات موجود آھي. اھي عقيدا روح اسلام ۽ دين فطرت جي بنيادي مَتن جي خلاف آھن. دين فطرت جي صحيح معنيٰ قانون ارتقا آھي، جنھن مطابق دنيا جي ھر شيءِ، مادي يا ذھني (روحاني) سدائين ترقي پذير آھي، ڪمال جي حصول لاءِ زندگي سدائين تحرڪ ۾ رھڻي آھي، تنھن ڪري دين فطرت کي چند عقيدن، شرعي قانونن ۽ عبادتن ۾ محدود ڪرڻ جو تصور ئي غلط آھي. جھڙيءَ طرح پاڻيءَ جي تازگي سندس روانيءَ ۾ آھي، رت جي صفائي ۽ پاڪيزگي ان جي دوري ۾ آھي، اھڙيءَ طرح دنيا جي ھر شيءِ تبديلي ۽ تحرڪ ذريعي قائم رھي ٿي. زندگي تحرڪ سان وابسته آھي، تنھن ڪري ان سان تعلق رکندڙ قانون به تبديل ۽ تحرڪ وارا ٿيڻا آھن.
    (3) قومن جي تشڪيل مذھبن جي بنياد تي ڪرڻ، غير فطري ڳالھه آھي. مذھبن جي تشڪيل عقيدن تي ٿئي ٿي، جي نظرين مان پيدا ٿين ٿا، جي ذھني پيداوار آھن. ماڻھو ذھن ۽ جسم جو مرڪب آھي، ان کي فطري قوتن جي اثر کان جدا ڪري نٿو سگھجي. قومن جي بڻاوت ۾ وطني حالتون، جھڙوڪ آب ھوا، ماحول، گذر معاش جي ذريعن، باھمي رابطي ڪري پيدا ٿيل زبان، نسلي طبيعتن جي رجحان ڪري پيدا ٿيل قومي ڪردار ۾ ھزارن ورھين جي معلومات، تجربي، بودباش ۽ نفسياتي جذبات کي گھڻو اثر رھي ٿو. تنھن ڪري مسلمانن کي مذھب جي بنياد جدا قوم تسليم ڪري انھن کي انسان ذات جي ھدايت ۽ ليڊريءَ جي صنعتن سان منسوب ڪرڻ خوش فھمي ۽ خود فريبيءَ کان سواءِ ڪجھ نه آھي.
    (4) آئون مٿي ٻڌائي آيو آھيان ته مُلا جي تخيل وارو اسلام نه مڪمل دين آھي نه انسان ذات جي اُن مان نجات حاصل ٿيڻ واري آھي، بلڪ خلاف فطرت ھئڻ ڪري، منسوخ ۽ مبدل ھئڻ جي لائق آھي. ان ڪري ان ۾ انسان ذات جي واحد رھبري ڪرڻ جي لياقت نه آھي، نه ممڪن العمل آھي. تجربي ۽ تعليم بعد ماڻھو ان نتيجي تي پھتا آھن، ته مذھب کي ماڻھوءَ جي شخصي عقيدي سان واسطو ھئڻ گھرجي. ھر مُلڪ جي سياست ماڻھن جو چونڊيل عيوضين جي ھٿ ھيٺ، ملڪي حالتن ۽ وقتي تقاضائن مطابق ھلڻ گھرجي. مذھب جو ان سان واسطو نه ھئڻ گھرجي.
    (5) پاڪستان ۾ سرشته حڪومت کي اسلامي روايتن ۽ حُڪمن موجب ھلائڻ جو خيال جاھل متعصب ۽ مستقل مفاد ، وقتي تقاضائن ۽ مُلڪي ضرورتن کي نظرانداز ۽ مسلط ڪرڻ جي برابر آھي.

    سنڌي ڪلچر جا مذھبي اعتقاد، پوئين گروھه اھل طريقت جا آھن. جنھن مطابق قومون نظري طرح جدا جدا مُلڪن ۾ مٿي ذڪر ڪيل اثرن ھيٺ ٺھن ٿيون، نه مذھب جي چند فرسوده عقيدن جي بنياد تي، جن ۾ ذھني موشگافين ڪري، سَوھا فرقا پيدا ٿي پيا آھن؛ جن مان ھر ڪو پاڻ کي حق تي ۽ ٻين کي ناحق تي ڄاڻي ٿو. ان کان سواءِ مٿي ذڪر ڪيل پنجن اختلافي مسئلن ۾ سنڌي ڪلچر، ھيٺين سببن ڪري ھيٺ بيان ڪيل نظرين ۾ ويساھه رکي ٿو.
    دھريت ۽ روحانيت:
    سنڌي درويشن جي نقطي نگاھه کان اھي ٻئي رايا ھڪ تصوير جا ٻه رُخ آھن. ھڪ کي قبولي ٻئي کي رد ڪرڻ ڪوتاھه نظريءَ جو باعث آھي. شاھه صاحب فرمائي ٿو:
    پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لھين،
    ھئا اڳھين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

    انھيءَ ساڳي خيال جي بيدل فقير به وڌيڪ صفائي، ھيٺين طرح ڪرڻ فرمائي ٿو:

    حقيقت ۾ ھڪ ٿيو، ڪُفر ۽ اسلام،
    مظھر مولا پاڪ جي، ھندو مسلمان،
    تارا ڪيا تالان، سورج سندي سوجھري!
    سنڌي درويشن دھريت کي ڪفر ۽ جمله مذھبن کي اسلام سڏيو آھي. ھنن سڀني مذھبن ۾ ظاھري ڪثرت پويان بنيادي وحدت پرکي ھئي. ھنن جڏھين ڪُفر (دھريت) ۽ مذھبن (اسلام) کي ھڪ تصوير جا ٻه رُخ سمجھيو ھو، ته مذھبن جي نالي ۾ ماڻھن ۾ نفاق ۽ نفرت پيدا ڪرڻ کي ھو ڪھڙي طرح برداشت ڪري سگھيا ٿي.
    روحل فقير انھيءَ جي سمجھاڻي ھيٺين طرح ڏئي ٿو.
    ڪُفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀرين اُبتا پير،
    ھڪ ھندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
    انڌن اوندھه نه لھي، تن کي سچ چوندو ڪير.

    جمھوريت ۽ آمريت:
    سنڌي ڪلچر جمھوريت جي رستي جو حامي آھي. جنھن موجب ھر ھڪ ماڻھو، قوم، مذھب، ملڪ ۽ نسل جي جداگانه وجود ۽ حق خوداراديءَ جو حقدار آھي. جنھن ڪري ھر فرد جي اظھار راءِ، تقرير، تحرير ۽ جماعت سازيءَ جو حق تسليم ڪيو وڃي ٿو. ھو ماڻھن، قومن، مُلڪ ۽ نسلن ۾ مساوات آڻڻ گھري ٿو. ھو نظرئي يا مذھب جي نالي ۾ پيدا ڪيل لائق ۽ اڻ لائق، مضبوط ۽ ھيڻي، ڌڻيل ۽ ڌڪاريل، ترقي يافته ۽ پٺتي پيل مصنوعي تفاوتن کي نٿو مڃي. ھو ھر اڳرائي، ڏاڍائي، تشدد (ھنسا) جي ذريعي ٻين جي مٿان تسلط قائم ڪرڻ جي خلاف آھي. پوءِ اھو تسلط مذھب، برگزيدہ قوم يا نظرئي جي نالي ۾ ئي ڇونه قائم ڪيو ويو ھجي.
    ھو سڀ ۾ پِرين پسي چوي ٿو ته:
    ڪشي ڪان ڪمان ۾، متان مارين مون،
    مون ۾ آھين تون، متان تنھنجو ئي توکي لڳي!

    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،
    پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪين ڪي!
    ھن وٽ ھيٺيون عالم آھي:
    نئون نياپو آيو، راڻي وٽان رات،
    لڌي سون لطيف چئي، ڪنا ڏاتر ڏات،
    ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آئيا سي اَگھيا.

    قوم پرستي ۽ سامراج:
    سنڌي ڪلچر قوم پرستيءَ جو حامي آھي، ۽ ھر قسم جي سامراج جو مخالف آھي، پوءِ اھو سامراج مذھب اسلام جي نالي ۾ پرچار ڪري، ننڍن صوبن ۾ قومن تي وڏن صوبن ۽ قومن جو تسلط قائم ڪرڻ وارو ھجي، يا فسطائي يا ڪميونزم جي نالي ۾ شخصي يا قومي آزاديءَ کي زوريءَ ختم ڪرڻ جو حامي ھجي.
    يا اُھو سامراج پير، سيد. مُلا، شاھوڪار جي مستقل مفاد لاءِ عوام کي محڪوم ۽ مظلوم رکڻ وارو ھجي.
    يا اڪثريت جو اقليت مٿان سندن رضامندي ۽ سمجھوتي کان سواءِ زوريءَ تسلط جو حامي ھجي.
    يا ھڪ زبان جو ٻين قومن جي زبانن کي ڪمزور ڪري پاڻ کي زور وٺائڻ جو ھجي.
    يا ھڪ تاريخي خطي زمين جي رھاڪن جي زمين، نوڪرين ڪارخانن ۽ واپار تي قبضي حاصل ڪرڻ وارو ھجي.
    يا سياست، مذھب ۽ اقتصادي مسئلن بابت مستقل مفاد جي فائدي ۾ ھڪ طرفو پيدا ڪيل جواز وارو ھجي، سنڌي ڪلچر مخالف آھي.
    ھن جي قوم پرست تعليم جا ڪي مکيه جُزا ھيٺيان آھن.

    جيھا جي تيھا، مون مارو مڃيا،
    مون جيڏيون ملير ۾، ٿيون چونڊين موڪ مھا،
    منھنجي آس اِھا، ڪڏھين ڪيرائيندي ڪوٽ کي!

    ايءِ نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي،
    اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
    پکن جي پريت، ماڙين تي نه مٽيان!

    وري ھر قوم جي فطري حق آزاديءَ بابت ڳالھائيندي شاھه سائين فرمائي ٿو:
    الله اِئين مَ ھوءِ، جيئن آءٌ مران بند ۾،
    پھرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينھڙا.

    اشتراڪيت ۽ سرمائيداري:
    ان لاءِ سنڌي ڪلچر وچولو رستو اختيار ڪرڻ گھري ٿو، يعني سرمائيداري جي ختم ڪرڻ لاءِ، ھو خوني انقلاب جي بدران سوشلزم جي ارتقائي طريقي کي پسند ڪري ٿو.
    شاھوڪارن خلاف شاھه سائين ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:

    پنجن مان پندرھن ڪري، ائين ٿا ورق ورن،
    ڏُڪاريا ڏيھه مان، موذي شال مرن.

    وري عوامي انقلاب جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:
    مند ٿي منڊل منڊيا، تاڙي ڪئي تنوار،
    ھارين ھر سنڀائيا، سرھيا ٿيا سنگھار،
    اڄ پڻ منھنجي يار، وَسڻ جا ويس ڪيا!

    سنڌي ڪلچر جي شعبه عقيدي جا مکيه جزا ھيٺيان آھن.
    (1) محبت (Love) پريم.
    (2) عدم تشدد (Non Violence) اھنسا.
    (3) رواداري (Co Existence) ھڪ ٻين سان برادرانه سلوڪ.
    (4) لاڪوفيت (Non Alliance) غير جانبداري.
    (5) حق خود ارادي (Right of self determination) آزاد راءِ ۽ قومي آزادي.

    محبت

    سنڌي ڪلچر ۾ محبت کي وڏو مقام حاصل آھي، ھو ان کي مٿي ذڪر ڪيل دنيا جي موجودہ مشڪلاتن، جھڙوڪ:
    1- شڪ شبھن ۽ خوف خطرات.
    2- نفرت ۽ نفاق.
    3- تشدد ۽ تسلط.
    4- غربت ۽ افلاس
    جي دور ڪرڻ جي ڪُنجي ٿو سمجھي. ھر سنڌي درويش عشق جي ساراھه ڪندو رھيو آھي.
    شاھ سائين فرمائي ٿو ته:
    محبت سندي مام، ڪور پروڙي ڪين ڪي!
    مصري شاھه چوي ٿو ته:
    عشق سارو اسلام، مذھب محبت عين مبارڪ.
    بيدل سائين آکي ٿو ته:
    اٿان جاءِ نھين ڪنھن دي آوڻ دي،
    ريءَ عشق بنا لئي پاوڻ دي.
    محبت ماڻھن ۾ اتحاد آڻي ٿي. اتحاد امن جو پيش خيمو آھي. امن انسان ذات جي ترقي لاءِ مددگار ۽ معاون آھي. مذھب، مُلڪ، قوم يا نظرين جي نالي ۾ نفرت پيدا ڪندڙن کي، سنڌي ڪلچر ڪفر برابر سمجھي ٿو.

    عدم تشدد (اھنسا)
    سنڌي ڪلچر بنيادي طرح اھنسا جو حامي آھي، ھو مخالفن کي محبت سان ۽ نصيحت ذريعي قائل ڪرڻ جو حامي آھي.
    شاھه سائين فرمائي ٿو:

    ”ھو چونئي تون مَ چئو، واتان ورائي“
    ٻي ھنڌ چوي ٿو ته:
    مون کي اکڙين، وڏا ٿورا لائيا،
    ته پڻ پرين پسن، کڻان جي کر سامھون!

    ٽي ھنڌ فرمائي ٿو ته:

    کر جا کڏ کنئين، پوڻ خاطر پرينءَ جي،
    تنھن ۾ پاڻ پئي، غيبتي غار ٿيو.

    ھن جو جھاد نفس سان آھي، نه خلق خدا جي مارڻ سان. ھو ھنسا کي حيواني صفت ڄاڻي ڌڪاري ٿو؛ ھن کي پتو آھي ته ھنسا ذريعي حاصل ڪيل ڪاميابي عارضي ۽ اکين جي ڍؤ برابر آھي.
    تنھن ڪري ھر مقصد جي حصول لاءِ صحيح تعليم، تاليف قلوب، خدمت خلق ۽ ھر ڪنھن سان ڀلائي ڪرڻ جا طريقا استعمال ڪرڻ جي فائدي ۾ آھي. زور زبردستيءَ ذريعي عارضي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي خلاف آھي، ھن کي تاريخي مطالعي مان معلوم آھي، ته سڪندر ۽ دارا سندن بادشاھين سميت ختم ٿي ويا.
    پيغمبرن ۽ درويشن جي تعليم ۽ نالا صدين گذرڻ بعد به زندہ آھن.

    رواداري
    جنھن کي اڄ ڪلھ انگريزيءَ ۾ (Live and let live) ”پاڻ به ۽ ٻين جو وجود به برداشت ڪر،“ سڏجي ٿو. اسان جي ماڻھن کي ولر ڪيو وتن، (Gregarious animal) سمجھي ان مطابق ھلڻ جي تلقين ڪئي آھي. شاھه سائين فرمائي ٿو ته:
    ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڻھو ئان ميٺ گھڻو!

    اِھا صفت حليمائي اختيار ڪرڻ سان حاصل ٿي سگھي ٿي. اڄ ڪلھ ڪي حڪمران طبقي جا فيلسوف ۽ اڳواڻ فسطائي نظرين ھيٺ باز- شير بڻجڻ، شمشير سنان کڻڻ جي تلقين ڪري، ماڻھن کي حيواني صفتن اختيار ڪرڻ جي تعليم ڏيڻ گھرن ٿا. ڇاڪاڻ ته سندن قومي، سندن طبقاتي مفاد جي اھا تقاضا آھي. اسان وٽ انھن لاءِ صرف ھي جواب آھي ته:

    متو آھين مڇ، ٿلھو ٿو ٿونا ھڻين،
    تو جا ڀائين اڇ، تنھن پاڻيءَ پڳئي ڏينھڙا!

    اسان جي اکين اڳيان، اھڙي تعليم وارن، ھٽلر، مسولني، توجي وغيرہ جي ختم ٿيڻ جا مثال گھذري ويا آھن. غير برداشت ڪرڻ وارن جو حشر به اھڙو ٿيڻو آھي. اسان کي شاھه سائين، فرمائي ويو آھي:

    صبر جِنين سِير، تير نه گُسي تن جو!


    لاڪوفيت (غير جانبداري)
    غير جانبداري لفظ جي معنيٰ سمجھڻ ۾ پوري خبرداري اختيار ڪرڻي آھي. اسان ھيٺين حالتن ۾ غير جانبدار رھڻ جا طرفدار نه آھيون.
    ھڪ طرف حق جو طرف ھجي، ٻي طرف ناحق جو،
    ھڪ طرف اھنسا ۽ انصاف ھجي، ٻي طرف ڏاڍ ۽ ظلم ھجي،
    ھڪ طرف ھدايت ھجي، ٻي طرف گمراھي،
    ھڪ طرف آزادي ھجي، ٻي طرف غلامي،
    ھڪ طرف محبت ھجي، ٻي طرف نفرت.
    اھڙي حالت ۾ اسان کي علي الاعلان پھرين گروھه جي طرفداري وٺي ۽ حق ۽ انصاف جو پلؤ ڀاري ڪرڻو آھي. پر اسان کي غير جانبداري صرف ھيٺين حالتن ۾ اختيار ڪرڻي آھي.

    (الف) جڏھن ٻه طاقتون سندن سامراجي ۽ طبقاتي اقتدار جي حصول لاءِ لڙنديون ڏسون.

    (ب) جڏھين مختلف مذھبن جا علمبردار، مذھبن جي بنيادي وحدت ۽ دين فطرت جي قانونن کان اڻ واقفيت ڪري، سندن صداقت جي دعوا ڪري، انسان ذات ۾ نفاق پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجن.

    (ت) جڏھين سندن نظرين جي صداقت ۽ ٻين جي راين جي غلطي تي اصرار ڪندي، جنگ ۽ جدال ۽ بدامنيءَ جو باعث بڻجن.

    (ث) جڏھين ڪي فردَ، قوتون ۽ قومون يا گروھه، سندن سائنسي ترقي، پيسي جي فراواني، تعداد جي گھڻائي، موتمار ھٿيارن جي آڌار تي پٺتي پيل، غريب، تعداد ۾ ٿورن ۽ بي ھٿيار فردن، قومن يا گروھه جي حَقن کي ماري، سامراجيت قائم رکڻ لاءِ گروھه ٺاھي ڪم ڪن.

    ته اھڙي حالت ۾ اسان کي ڪنھن لالچ يا ڊپ کان مٿي ٿي، اھڙي گروھه بنديءَ کان پاسي رھڻو آھي. اسان جي درويشن به اُن لاءِ تعليم ڏني آھي.
    شاھه سائين فرمائي ٿو:
    صوفي لا ڪوفي، ڪونه ڀائينس ڪير،
    منجھان ئي منجھ وڙھي، پڌر نه آھس پير،
    جنين ساڻس وير، ھي تنين جو واھرو!
    حق خود ارادي
    دنيا ۾ اڄ ڪلھ ھر قوم جو حق خود ارادي، اصولي طرح قبول ڪيل آھي- اقوام متحدہ طرفان گھڻيون ئي ڪوششون ٿي رھيون آھن، پر اڃا طاقتور مُلڪ، قومون ڪيترن مُلڪن تي ناجائز قبضو رکيو ويٺيون آھن، جھڙوڪ: پورچوگال، سائوٿ آفريڪا، اسرائيل مکيه ملڪ آھن، ليڪن ڪيترا ٻيا ملڪ سندن ايراضيءَ اندر اقليت وارين قومن کي خود ارادي جي حق ڏيڻ کان نٽائين ٿا. ڀارت جمھوريت جو نالو وٺي به ڪشميرين جي حق خود ارادي کان انڪار ڪريو ويٺو آھي. پاڪستان حڪومت ڪشميرين جي حق خود ارادي وٺي ڏيڻ لاءِ ھر ڪا ڪوشش ڪري رھي آھي، ليڪن سنڌ، بلوچستان ۽ پختون ڳالھائيندڙ ايراضيءَ جي قومن کي زوريءَ وڏي صوبي جي ماتحت غلام رکيو ويٺي آھي. عراقي ڪُردن کي آٽونامي ڏيڻ لاءِ تيار نه آھن. روڊيشيا جي سفيد اقليت سياھه فام اڪثريت کي حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آھي، وغيرہ مثال اکين اڳيان آھن.
    قومن جي خود ارادي کي ھڪ طرف ڇڏي، انسانن جي بنيادي حَقن جي آزاديءَ جو اُصول، باوجود بين الاقوامي طور اقوام متحدہ جي چارٽر ۾ داخل ھئڻ جي، اڪثر ملڪن ۾ بنيادي حَقن جي آزادي ڪانه آھي. سياسي معاملن کي ڇڏي ڪلچرل ۽ ادبي ڳالھين، تقرير، تحرير ۽ جماعت سازيءَ تي ڪيترن ملڪن ۾ بندش آھي. ھِن ملڪ ۾ ھر آزاد راءِ جي اسلام جي مُلا واري تعبير جي نالي ۾ نڪته چيني ڪئي وڃي ٿي. سنڌي ڪلچر ان جي خلاف آھي. دنيا ھن وقت ھيٺين چئن مشڪلاتن ۾ ڦاٿي پيئي آھي.
    (1) باھمي شڪ ۽ شبھا.
    (2) خوف ۽ خطرا.
    (3) نفرت ۽ نفاق.
    (4) غربت ۽ افلاس.

    (1) شڪ ۽ شبھا.

    ان مرض ۾ نه صرف افراد ڦاٿل آھن، پر قومون به انھيءَ آزار کان آزاد نه ٿي سگھيون آھن. ھر ڪنھن کي ٻين جي نيتن ۾ شڪ پوي ٿو. ان جو مکيه ڪارڻ، خود مطلبي ۽ خود فريبي آھي، ھرڪو انسان ذات جي مجموعي مفاد کي قطع نظر ڪري، پنھنجي شخصي يا قومي مفاد لاءِ ڪوشان آھي. ان کان سواءِ اڪثر ماڻھن ۽ قومن جي دماغي ڪيفيت اھا آھي ته ھر ڪو پاڻ کي حق تي ڄاڻي، ٻي کي ناحق تي ڄاڻي ٿو. اھي ماڻھو تصوير جو صرف ھڪ رخ ڏسن ٿا. ھڪڙا دھريت ۾ منجھيا پيا آھن ته ٻين مذھبن جي نالي ۾ ھر ڳالھ کي اکيون پوري کڻي ٻَک وڌا آھن ۽ دوئي جا دنيا ۾ رھڻ ڪري مذھبي، نظرياتي، قومي، نسلي، رنگن جي اختلافن ۽ خود مطلبي جي ڄار مان پاڻ ڇڏائي آجا ٿي نه سگھيا آھن.
    ”مئي ھاڻيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن“
    جو حال وڃي رھيو آھي. سنڌي ڪلچر ان ڳالھ جا ٻئي رخ مسئله وحدت الوجود ۾ ايمان رکڻ سان ڏٺا آھن. شاھه سائينءَ چيو آھي:

    سو ھي، سو اجل، سو الله،
    سو پرين، سو پساہ، سو ويري، سو واھرو!

    ھڪ قصر، در لک، ڪوڙين منجھس ڳڙکيون،
    جيڏانھن ڪريان پرک، اوڏانھن سڄڻ سامھون.

    اڄ ڪلھ پروفيسر انيسئٽين جي فلسفه ريليٽوٽي ۾ ھڪ حد تائين انجي جديد سمجھاڻي ملي ٿي. موجودہ دور جو بقائي باھمي (Co Existence) وارو اصول به ان مان نڪري ٿو. جنھن ڪري سنڌي ڪلچر رواداريءَ جي تعليم ڏئي ٿو. انھي ڪري سڀني مذھبن جي بنيادي وحدت ۾ اعتبار ڪندي، ساڳي مقصدن يعني اتحاد، امن ۽ ترقي انساني جي حاصل ڪرڻ لاءِ جدا جدا طريقا روا سمجھي ٿو.
    ”واٽون ويھ ٿيون، ڪوہ ڄاڻان ڪھڙي ويا.“

    سنڌي ڪلچر نه رڳو سڀني مذھبن جي وچ ۾ رواداريءَ جو قائل آھي، پر دھريت ۽ مذھبن جي وچ ۾ به رواداري ضروري سمجھي ٿو. دھريت جو نظريو ھزارن ورھين کان دنيا ۾ مختلف صورتن ۾ موجود رھيو آھي. اھو به فطري پيداوار آھي، انجي وجود کان انڪار ڪرڻ حقائق دھر کان انڪار جي برابر ٿيندو.
    افسوس جو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ حڪمران طبقو ”لکم دين کم ولي اليدين“ جي اصول کي نظر انداز ڪري، مذھب جي آڙ ۾ غير برداشت ۽ نفرت جو رويو اختيار ڪيو آھي. ھن وقت سنڌ جي پيغام رواداري ۽ حڪمران طبقي جي جارحانه ۽ نفرت آميز نظرين جي وچ ۾ ٽڪراءُ، عارضي طرح حال ۾ سنڌين کي ناڪامي جو مُنھن ڏسڻو پيو آھي، پر آخري طرح سندن ڪلچر جو پيغام نه صرف پاڪستان جي رھاڪن جي صحيح رھبري ڪري سگھندو. ليڪن دنيا جي موجودہ شڪن ۽ شبھن گھٽائڻ ۾ مدد ڪري سگھي ٿو.

    (2) خوف ۽ خطرا.

    جيڪڏھن چتائي ڏسبو ته حقيقت ۾ خوف ۽ خطرا شڪن ۽ شبھن مان پيدا ٿين ٿا. جڏھين ڪي فردَ، قومون يا گروھه انسان ذات جي بنيادي وحدت کي وساري، جزوي اختلافن يا مفاد کي مجموعي مفاد تي ترجيح ڏيڻ لڳن ٿا، ته شڪ پيدا ٿي، خوف جو ڪارڻ بڻجن ٿا. اڄ ڪلھ چوطرف خوف جي ھوا پکڙيل آھي. جيتري قدر مون غور ڪيو آھي، خوف جي پيدا ٿيڻ جا ھيٺيان ڪارڻ ٿين ٿا.
    (1) خود مطلبي ڪري ھڪ ٻئي جي نيتن ۾ شڪ آڻڻ.
    (2) باھمي رابطي ۽ تعلقات جي گھٽتائي.
    (3) احساس ڪمتري يا برتري.
    (4) قومي، مذھبي، اقتصادي ۽ نسلي تعصبن جو وجود.

    پاڪستان ۾ حڪمران طبقو مستقل مفاد پيدا ڪري ويو آھي، سو به انھي مرض ۾ گرفتار ٿي چڪو آھي. جنھن ڪري کيس پاڪستان ۾ اندر ۽ ٻاھر چوطرف دشمن ئي دشمن نظر اچي رھيا آھن، جن کان محفوظ رھڻ لاءِ ھن کي ھيٺين تدبيرن اختيار ڪرڻ جي ضرورت پيئي آھي.

    1. جمھوريت کي ختم ڪري ڪنٽرولڊ (ضابطي يا رھبري ھيٺ واري جمھوريت) ڊيموڪريسي کي مروج ڪيو آھي.
    2. انساني بنيادي حقن تي ضابطو رکيو ويو آھي.
    3. ڪارا قانون پاس ڪري، ماڻھن جي آزاديءَ کي گھٽايو ويو آھي.
    4. بچاءَ تي خرچ کي وڌايو ويو آھي.

    اھا حالت دنيا جي اڪثر ملڪن جي آھي. آمريڪا ۽ سندس ساٿين کي ڪميونسٽ ملڪن مان خطرو محسوس ٿئي ٿو. ڪميونسٽن کي سرمائيدار ۽ سامراج تي ڀروسو نه آھي. ڀارت کي پاڪستان مان خطرو محسوس ٿئي ٿو. پاڪستان کي ھندوستان جي نيت صاف نه ڏسي، خوف رھي ٿو.
    مطلب ته چؤطرف اوندھه انڌوڪار پيو ڏسڻ ۾ اچي، ان وقت سنڌي ڪلچر مان ڪجھ روشنيءَ جو ترورو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    اس چشم موري ني، ايسا اسرار ديکھا تھا،
    که ليچ ابردي آفتاب کا انوار ديکھا تھا
    (سچل)
    خوف کي ٽارڻ لاءِ ھِن ڪلچر جا ڏسيل مکيه علاج ھيٺيان آھن.
    1. اھنسا جي اصول ۾ ويساھه رکي، پيدا ٿيل شڪن ۽ خوفن کي گڏيل گفتگو ۽ ڏي وٺ جي بنياد تي ٽاري سگھجي ٿو. اقوام متحدہ به اِھو اصول قبول ڪيو آھي.
    2. مذھبي، سياسي ۽ اقتصادي اختلافن جي باوجود به ھڪ ٻئي سان روادارانه طور رھي سگھجي ٿو. ليڪن ان لاءِ بنيادي ڳالھ خود مطلبي کان مٿي چڙھي پراپڪاري جو مادو ڌارڻ ضروري آھي.

    (3) نفرت ۽ نفاق

    آئون مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان ته جڏھن ماڻھو بنيادي وحدت کي وساري مايا واري ڄار ۾ ڦاسي پون ٿا، ته باھمي شَڪن جو شڪار ٿيو، ھڪ ٻين کان خوف ۽ خطرا محسوس ڪرڻ لڳن ٿا. ان ڪري کين مخالف لاءِ نفرت پيدا ٿي، نفاق جو ڪارڻ بڻجي ٿي. ھن وقت اھو مرض به عام ٿي ويو آھي. سرمائيدار ۽ سامراجي مُلڪ نه صرف ڪميونسٽ ماڻھن کي نفرت جي نگاھه سان ڏسن ٿا، ليڪن ان نعري جي آڙ ۾ سندن ملڪ جي ھر مخالف راءِ کي ڪميونسٽ، غدار قوم، وغيرہ نالا ڏيئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
    ٻي طرف ڪميونسٽ نه صرف سرمائيدار ملڪن جي پاليسيءَ کي حقارت سان ڏسن ٿا، بلڪ سندن خاص راءِ سان اختلاف رکندڙ ڪميونسٽن کي سامراجين ۽ سرمائيدارن جا ايجنٽ، رويزنسٽ (بدعتي) مارڪسٽ (دقيانوسي) وغيرہ خطاب ڏئي تنگ ڪن ٿا. طبقي وار جنگ ۽ نفرت کي ڪِن ڪميونسٽ ملڪن سندن بنيادي اصولن ۾ داخل ڪيو آھي، روس وارن باھمي گفتگو، سمجوتي ۽ ڪواگزسٽنس (رواداري) جو آواز اٿاريو ته چين طرفان انھن تي لعنت ملامت شروع ٿي ويئي. پاڪستان به انھي مسموم ھوائن کان بچي نه سگھيو آھي. انجو بنياد اسلام جي غلط تعبير تي نفرت جي آڌار تي رکيو وڃي ٿو.
    اول ۾ ھندن جي نفرت سندن اسلح جو مکيه اوزار ھو، مسلم ليگي، غير ليگي، کي ملڪ دشمن سمجھي، بدنام ڪرڻ شروع ڪيو. آھستي ٿي ھر مخالف راءِ رکندڙ کي ڪميونسٽ، دشمن جو ايجنٽ، صوبائي عصبيت، انتشار پسند، دھريو وغيرہ لقب ڏيئي، تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ويو آھي.
    حالتون ايتري قدر وڃي بيٺيون آھن، جو ڪي پاڻ کي پاڪستان جي حفاظت ۽ ڀَلائيءَ جو ٺيڪيدار سڏائي، مخالفن کي پاڪستان جو دشمن سڏي رھيا آھن. مخالف راءِ جي ميٽنگن، تقريرن ۽ تحريرن تي پابندي وڌي وڃي ٿي.
    اڄ ڪلھ چند ماڻھن جو اھو پيشو ٿي پيو آھي ته جيڪڏھن ڪوبه ماڻھو بينگالي، پختون، سنڌي، بلوچي ۽ پنجابي حَقن جي حفاظت جي ڳالھ ڪري ٿو ته اُن کي انتشار پسند، صوبائي تعصب رکندڙ، اسلام دشمني ۽ پاڪستان جي مخالفت جي ڏوھن سان منسوب ڪري، ان کي سزا ڏني وڃي ٿي.
    ھيءَ ڳالھ خوشيءَ جو سبب آھي ته سنڌ جو باخبر گروھه، ھاڻ مذھب جي غلط تشريح جي نالي ۾ ڌوڪي کائڻ کان آزاد ٿيندو وڃي. ھڪ سنڌي نوجوان مسلمان، گفتگو ڪندي، مون کي چيو ته ھو ھاڻ اُن راءِ تي پھتو ھو ته انھي فاشسٽ خيال مذھب جي ٺيڪيدارن جي خدا، رسول ۽ اسلام کي نٿو مڃي ۽ ھنن کان سندن ڪرتوتن ڪري، اھڙو بيزار ٿي چڪو ھو جو ساڳي جاءِ تي گڏجي رھڻ لاءِ تيار نه ھو، پوءِ اھا جاءِ کڻي بھشت ڇونه ھجي. اھڙي سخت ڳالھ ٻڌڻ بعد، جڏھن ان جا سبب پڇيامانس ته ھيٺيان جواب ڏنائين ته:

    1- سندس خدا جو تصور رب العالمين ھو ۽ مذھب جي دعويدارن جو خدا لاءِ تصور سندن گروھه وارن مسلمانن جو خدا ھو. اھڙي خدا کي مڃڻ لاءِ ھو ڪھڙي طرح تيار ٿي سگھي ٿو.
    2- ھن جي تصور وارو رسول رحمت العالمين ھو ۽ انھي طبقي جي ماڻھن جو تصور، رسول فسطائي خيال رکندڙ مسلمانن جي مخصوص گروھه جو ليڊر ھو.
    3- ھن جي نقطه نگاھه وارو اسلام اتحاد، امن ۽ ترقي انساني وارو مذھب ھو، ھن طبقي جو اسلامي تصور ملڪ ۾ نفرت ۽ نفاق پکيڙي، سندس مستقل مفاد خاطر ننڍن صوبن ۽ قوميتن جا حق غضب ڪرڻ وارو ھو.
    منھنجي نظر ۾ اھڙا انتھا پسنديءَ جا رايا پيدا ٿيڻ لاءِ ھيٺيون ڳالھيون ڪارڻ بڻجن ٿيون.
    (1) مذھب جي غلط تعبير.
    (2) ڪن ماڻھن جو سندن نظرين ۽ گروھن جي مڪمل ۽ برتر ھئڻ جو اعتماد.
    (3) حڪومت ۾ دست رسي ۽ آباديءَ جي ڪثرت جو گھمنڊ.
    (4) پيسي، تعليم، نوڪرين ۽ ڪارخانن تي تسلط جو ڪارڻ. دنيا ۾ ٻه طاقتون ھڪ ئي وقت اثر انداز آھن. ھڪ محبت جي ٻي نفرت جي.

    محبت کي ڪشش (Integration) ملڪوتي قوت، قانون ارتقا (Law of Integration) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    نفرت کي (Power of Disintegration) نفاقي طاقت، شيطاني قوت (Satanic Power) سڏجي ٿو.
    حضرت عيسيٰ عليه السلام ٻه ھزار ورھيه اڳ دنيا کي محبت جو پيغام ڏنو. اڪثر مذھبي ملڪن جا رھاڪو ان جا پوئلڳ ھئڻ جي باوجود نفاق جي ڪري گذريل ٻن مھاڀاري لڙاين جا ڪارڻ بڻيا.
    ھندو مذھب جي مکيه اصولن ۾ ھر ساھه واري شيءِ کي مارڻ يا ڏکوئڻ پاپ آھي. پر انھي اھنسائي ڌرم جا رکپال اڄ ڪلھ جن سنگھي ۽ مھاسڀائي بڻجي پيا آھن، جن وٽ جانورن جي رکشا ٺيڪ آھي پر آزاد خيال ھندو يا غير ھندو کي قتل ڪرڻ به ثواب آھي. ايتري قدر جو مھاتما گانڌي کي قتل ڪرڻ کان نه رھيا.
    اسلام دنيا ۾ اتحاد ۽ اَمن جو پيغام کڻي آيو جنھن جو پيغمابر رحمت العالمين ھو، جنھن کي جڏھين طائف ۾ اسلام جي تبليغ ڪندي، پٿر ھڻي رت ڪڍيو ويو ھو ۽ جڏھين سندس ساٿين انھن بي ادبن لاءِ بد دعا گھرڻ جي تقاضا ڪئي ته پاڻ فرمايائون ته اسان دنيا ۾ دعا ڪرڻ لاءِ آيا آھيون نه پِٽڻ لاءِ. منھنجو درگاھه الاھيءَ ۾ وري به عرض ٿيندو ته ھنن کي راھه ھدايت نصيب ٿئي. اڄ ڪلھ انھيءَ مذھب جا ڪيترا پوئلڳ نفرت پکيڙڻ، تشدد جون ڪاروايون ڪرڻ، برتري ۽ بزرگي جي بنياد تي پاڻ کي بھتر ڄاڻڻ، ھر ان ماڻھوءَ کي جو سندن مستقل مفاد جي خلاف ھجي نقصان پھچائڻ کي ثواب ٿا سمجھن.
    اھڙي حالتن ۾ آئون اُن راءِ جو آھيان ته سنڌي ڪلچر واري مذھبي تشريح بنسبت مستقل مفاد جي وڌيڪ صلاحيت واري آھي. اھا باوجود موجودہ مشڪلاتن جي نيٺ علامگير ڪلچر جو جزو بڻجي برقرار رھندي ۽ مستقل مفاد جو ڪلچر باوجود ظاھري ۽ عارضي ڪاميابيءَ جي تاريخ جي فيصلي موجب ختم ٿي ويندو.
    ھزارين آيا ھت، سڪندر ۽ دارا،
    ڪري ويا ڪجھ گھڙيءَ لاءِ پنھنجي رارا،
    مري ويا سنڌ جا جيڪي ٿيا مارا،
    آ زندہ سنڌ ۾ سنڌڙيءَ جا پيارا،
    ڇٽل آھي مرڻ کان سنڌ پياري،
    ٿيون قربان توتان سنڌ پياري.
    (حيدر)

    سماجي زندگيءَ جا طريقا

    (الف) کاڌو- لباس ۽ گھر (تمدن)
    (ب) باھمي تعلقات ۽ رھڻي ڪرڻي جا طريقا.
    (ث) سماجي دستور ۽ قاعدا.
    انھن مان ھر ھڪ تي سنڌي ڪلچر جي خصوصيت بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.
    کاڌو- لباس ۽ گھر (تمدن)
    سڀ کان اول ھيءَ ڳالھ سمجھي ڇڏڻ ضروري آھي ته جھڙي طرح دنيا جي ھر شيءِ ترقي پذير ۽ تحرڪ ۾ آھي، اھڙي طرح ھر مُلڪ ۽ قوم جو ڪلچر به منجمد نه پر سدائين رو به ترقي رھي ٿو.
    سنڌ گھڻي وقت کان ھر صديءَ ۾ ڌرتي ڌُٻڻ، سنڌونديءَ جي ڦيرين گھيرن، ٻوڏن ۽ سوڪن جي واقعن، آبپاشيءَ جي ذريعن جي پوري انتظام نه ھئڻ، بارش گھٽ پوڻ، اندروني ۽ بيروني حمله آورن ڪري دنياوي ترقي ڪري نه سگھي ھئي، شھري زندگي منجھس ڇڊي ھئي، ماڻھن جي گھڻي تعداد مال يا زراعت تي گذارو پئي ڪيو. ان مقابلي ۾ دھلي، گجرات ۽ پنجاب جون حالتون مختلف ھيون. بارش گھڻي، آبادي جام، خانه بدوش زندگي گھٽ ھئڻ ڪري، شھري زندگي گھڻي ھئي. ان ڪري اتي جا رھاڪو آسودگيءَ ۾ سنڌين کان وڌيڪ ھئا. جنھن ڪري ھر ٻاھران آيل ماڻھو مشھور مثال وانگر ”ولايت جي ڪَٻر سنڌ ۾ مينا“ شمار ٿيڻ لڳو. سنڌ جي مٿئين طبقي جي اڪثر ماڻھن پاڻ وساري، ابن الوقتيءَ جي پاليسي اختيار ڪئي ٿي، ان ڳالھ کي شاھه لطيف محسوس ڪندي ۽ سنڌ جي اڪثريت کي خانه بدوش، بدويانه زندگي گذاريندڙ، دنياوي ساز ۽ سامان کان بي بھر، برن، جھنگن پٽن ۾ گذاريندڙ، سمنڊ ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي رھندڙ، پھون ۽ مينھون چاريندڙ، کٿا ۽ لويون پھريندڙ، ڏٿ ۽ پيرون تي گذارو ڪندڙ، جھوپڙين ۾ رھندڙ ڏسي، صحيح جائزو وٺڻ بعد، ان زندگيءَ کان حقارت ڪرڻ جي عيوض فخر ڪرڻ جو سبق ڏنو.
    ان لاءِ چوي ٿو ته:
    آڻين ۽ چاڙھين، ڏٿ ڏھاڙي سومرا،
    سَٿا ڪَيو، سيد چوي، سائون سُڪائين،
    منجھان لُنب لطيف چئي، چائُر ڪيو چاڙھين؛
    پُلاءُ نه پاڙين، عُمر! آراڙيءَ سين.
    لباس لاءِ چوي ٿو ته:
    سھسين سيبا ڪنجري، لوئي سين ليڙن.
    وري چوي ٿو:
    اسين تئان آئيون، جت کھنبو ناہ،
    جي وڃون ڪنھن وھاڻ، ته پڻ مٿن لوئيون.
    گھرن لاءِ چوي ٿو:
    جت ڀنگا، ڀٽون، ڀيڻون، تت کوتون ٿيون کنون،
    پائر سڀ پسايو، وسي وڄڙين.
    ھن وقت حالتون ڪجھ بدلجي چڪيون آھن، بدويانه دور ختم ٿي زراعتي دور شروع ٿي چڪو آھي. ليڪن عوام جي حالت خاطر خواہ نموني ڪانه سڌري آھي. خاص ۽ عام کي پنھنجي حالت آھر کاڌي، لباس ۽ جاءِ رھائش، ڳوٺن ۾ تبديلي آڻڻ ضروري آھي. خانه بدوشي يا ڇڙو ڇڙ گھرن کي ڇڏي، ڳوٺاڻي زندگي اختيار ڪرڻي آھي، جتي تعليم، سلامتي، صحت، صفائي ۽ پاڻي وغيرہ جو انتظام ٿي سگھي. ھرو ڀرو ٻين جا محل ڏسي، پنھنجا ڀونگا نه ڊاھڻا آھن. پر زماني جي ترقيءَ جي رفتار سان اسان کي پنھنجا طور طريقا بدلائڻا آھن. سادگي، صفائي، سٺائي ۽ سھڻائي مٿي ذڪر ڪيل ٽنھي، تمدن جي ڳالھين ۾ اسان جو مطمع نگاھه ھجي.

    باھمي تعلقات ۽ رھڻي ڪرڻيءَ جا طريقا

    ان جا مکيه جزا ھيٺيان شمار ڪيا وڃن ٿا.
    1- شادي غمي جا رسم رواج.
    2- قبيلائي ۽ مذھبي ڏڻ وار.
    3- ھڪ ٻئي سان گڏجڻ، کيڪار ۽ مجلس جا دستور.
    4- ميلا ۽ انھن موقعن تي ماڻھن جي تفريح لاءِ وندرون.

    اُن ۾ ھيءَ ڳالھ ذھن نشين ڪرڻي آھي ته جنھن صورت ۾ اسان سنڌ جي جملي رھاڪن کي بنا تفريق مذھب، نسل ۽ اصل رھائش جي ھڪ قوم ڪري مڃڻ جا قائل آھيون. ان ڪري ھتي جي جملي رھاڪن، پوءِ اُھي کڻي بلوچ، پٺاڻ، بنجابي، مھاجر، ھندو وغيرہ ڇونه ھجن، کي ھڪ بدن جا عضوا ڪري تسليم ڪرڻو اٿئون. آخر ۾ سڀني جا لباس، کاڌو ۽ گھرن جي جوڙجڪ، رھڻ جا طور طريقا، زبان ۽ رسم رواج ھڪ بڻجڻا آھن. اوھان کي معلوم ھوندو، سنڌ ۾ ڪيئي نسلن، زبانن، ڏند ڪٿائن، رسم رواجن ۽ مذھبن جا ماڻھو رھندڙ آھن، پر ھزار ورھين جي گذرڻ بعد ھو گھڻي قدر ھڪ ٻئي کي اھڙو ويجھو پئجي ويا، جنھن جو مثال برصغير ۾ مشڪل ملي سگھندو.
    مون کي معلوم آھي ته سنڌ ۾ تازو لکھا ماڻھو جدا زبان، ڪلچر، طور طريقن ۽ رسم رواج جا آيل آھن، جن مان گھڻا ان طرفن کان آيل آھن، جن مرڪزي حڪومت جي نزديڪي، آسودگي وغيرہ سببن ڪري، بودباش جي طريقن، علم، پيسي ۽ ڪن ٻين ڳالھين ۾ اسان جي ماڻھن کان وڌيڪ ترقي يافته آھن. موجودہ حڪومت انھن کي وڌيڪ دست رسي آھي، ليڪن نظرياتي نقطي نگاہ ۾ اسان کان گھٽ آھن. ھو ڪھڙي به ڪوشش، اسان کي پاڻ ۾ ضم ڪرڻ جي ڪن پر ڪامياب نه ٿيندا، اسان کي حالتن جو اندازو ڪري انھن سان تصادم ۾ نه اچڻ گھرجي. تاليف قلوب، حسن اخلاق، محبت جي ذريعن سان اسان ٿوري وقت کان پوءِ ھڪ ٿي سگھون ٿا. سندن اردو زبان اسان کي کائي نه ويندي، نه اسان اُن کي ختم ڪرڻ گھرون ٿا. جھڙي طرح بلوچي، سرائڪي، مارواڙي اڃا تائين ڪيترا سنڌي گھرن ۾ ڳالھائين ٿا، اھڙي طرح آھستي آھستي اھي به سنڌي سِکي ويندا. گھرن ۾ سندن زبان صدين تائين قائم رھي ته ڪھڙو اعتراض آھي.
    وطن زبان جي پاڙ آھي. اھا زبان وطن کان پَٽجي چڪي آھي. سرياني، سنسڪرت، لئٽن زبانن جا مثال اسان وٽ موجود آھن. باوجود عالمن جي مدد ۽ حڪومتن جي سرپرستيءَ جي اھي گھڻي وقت تائين قائم رھي نه سگھيون. ان ڪري باوجود ٻاھران آيل ماڻھن جي نفرت، احساس برتري، حاڪمانه ذھنيت جي اسان کي ميزبان جو رول ادا ڪري، انھن کي پاڻ ۾ سمائي ھڪ ڪرڻو آھي، ان لاءِ ڏي وٺ لازمي ڳالھيون آھن. بنيادي ۽ اصولي ڳالھين کي ڇڏي، فروعي ڳالھين ۾ گھڻو ڪجھ ميلاپ ٿي سگھي ٿو.

    شاديءَ ۽ غمي جا رسم رواج:

    مٽي مائٽيءَ ۾ تعلقات وڌائڻ کان عار نه ھئڻ گھرجي؛ اھڙن موقعن تي اچ وڃ جاري رکڻ گھرجي، اسان کي محبت سان سندن فخر ۽ نخوت کي ٽوڙڻ گھرجي.
    مذھبي ڏڻ وارن ۽ مجلسن ۾ به ھڪ ٻئي سان شريڪ ٿجي، سواءِ ڪٽر مذھبي ذھنيت وارن ماڻھن جي، انھن ۾ ڪيترا اھڙا به آھن، جن جي تعليم ساڳي چشمه فيض مان ورتل آھي.
    خواجه معين الدين اجميري رحه، خواجه قطب الدين ڪاڪي رحه، خواجه نظام الدين رحه، حضرت سرمد شھيد، بلا شاھه، شاھه باھو، خواجه غلام فريد، حضرت غوث بھاول الحق سڀ وحدت الوجود جا حامي ھئا. انھن کي سنڌ جي بزرگن جي درگاھن جي ميلن تي دعوت ڏئي گھرائڻ گھرجي ۽ انھن جي صوفيانه مجلس ۾ شريڪ ٿجي.
    ھنن مان جيڪڏھن ڪن جو رويو نفرت آميز ۽ متحڪمانه آھي ته پرواھه نه آھي. پنھنجي خوداري قائم رکي اسان
    ”ھو چون، تون مهَ چئو، واتان ورائي“
    جي اصول تي ھلندي، وري گڏيل ڪلچر ۽ قوم بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھون ٿا.

    سماجي دستور ۽ قاعدا
    اھي حالتن، وقتي تقاضا، معاشري جي ضرورتن پٽاندڙ ٺھن ٿا، اھي اسان کي پنھنجي چونڊيل نمائندن ذريعي ٺھرائڻا پوندا، ھر ھڪ ڳالھ صاف ذھن ۾ وھارڻ گھرجي ته جتي به ۽ جو به ماڻھو انھن ڳالھين ۾ مذھب کي ٽَپائي آڻي ته اُن کان پاسو ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته اھو صرف ڌوڪو آھي. دنيا جي موجودہ عالمگير مذھبن جا دستور ۽ قاعدا اڄ ڪلھ جي معاشري ۾ سندن اھميت ۽ ضرورت وڃائي ويٺا آھن، تنھن ڪري جيڪو اھا ڳالھ ڪري ان سان رابطو نه رکڻ گھرجي.

    قومي ڪردار

    اھا حقيقت آھي ته سنڌ جا رھاڪو گذريل ھزارن ورھين جي تجربي ۽ روايتن سبب قومي ڪردار قائم ڪري چڪا آھن، جنھن کي ھو قيمتي ورثو سمجھن ٿا، ان تي قائم رھڻ کي ھو زندگيءَ جو مکيه فرض ڪري سمجھن ٿا. اھا ڳالھ به ظاھر آھي ته جيئن اڪثريت ماڻھن جي علم کان بي بھرہ، بزدل، خود مطلب، ابن الوقت ۽ قوم فروش ٿين ٿا، تنھن ڪري سموري قوم جي ڪردار کي انھن جي معيار تي شمار ڪرڻ غلطي ٿيندي. شير ۽ باز ٿورا ٿيندا آھن ۽ انھن جو درجو ۽ ڌاڪو لومڙين ۽ ڪانگن تي ھميشه قائم رھندو اچي.
    جيتري قدر مون غور ڪري ڏٺو آھي، سنڌي ڪلچر جا مکيه ڪردار ھيٺيان آھن.
    1. حب الوطني
    2. پراپڪاري ۽ ايثار
    3. اھنسا
    4. رواداري يا بي تعصبي
    5. روايات جي حمايت ۽ غيرت
    6. آزاديءَ جي تمنا
    7. ڏاڍ جو مقابلو

    اُھي شيون ڪھڙي طرح سنڌي ڪرادر جو جزو بڻيل آھن، تنھن جو مثالن سان ذڪر ڪندس.
    حب الوطني ۽ قوم پرستي.
    حب الوطني سنڌي ڪردار جو مکيه جزو آھي، جنھن جي ڪري ئي شاھه عبداللطيف ۽ ٻين سنڌي شاعرن مارئيءَ جي بيان ۾ اُن جو نھايت عمدہ پيرائي ۾ ذڪر ڪيو آھي. سنڌ جا ھندو جي ولايتن ۾ وڃي، پيسا ڪمائيندا ھئا، سي سنڌ ۾ آڻي، ان جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪتب آڻيندا ھئا. ھن وقت به ڪيترا ھندو جي لڏي ٻين ملڪن ۾ وڃي ويٺا آھن، سي وطن جي سِڪ ۾ روئي رھيا آھن. دودي سومري جو سنڌ جي آزادي، ناموس ۽ روايات لاءِ ڪٽنبن سميت قربان ٿي وڃڻ، دولھ دريا خان جي پُٽن سوڌي شھادت، شاھه بلاول جو گھاڻي ۾ پيڙجڻ، وغيرہ ڳالھيون ثابت ڪن ٿيون ته حُب الوطنيءَ ۽ قوم پرستيءَ جو جذبو گھڻي وقت کان سنڌين جي ڪردار ۾ سمائجي ويو آھي. ڪجھ وقت اڳي بمبئي صوبي کان جدائيءَ جي تحريڪ لاءِ ڪوششون به انھيءَ ڳالھ کي تقويت پھچائين ٿيون.
    ھن وقت جيڪڏھن ڪثرت تعداد عام خاص طبقي جي ماڻھن ۾ قومي شعور جي گھٽتائي آھي ته اُن لاءِ جواب داري نوجوان گروھه تي آھي ته ھو ٻين نظرياتي ڦندن کان آجو ٿي، عام ۽ خاص ۾ حب الوطني ۽ قوم پرستيءَ جو جذبو پيدا ڪري نه سگھيا آھن. ڪي شاعر ۽ اديب ان ڏَس ۾ چڱو ڪم ڪري رھيا آھن.
    ھيءَ ڳالھ صاف ذھن نشين ڪرڻ گھرجي، ته مذھبي تعصب ۽ حب الوطني يا قوم پرستي ٻئي ھڪ ٻئي جا ضد آھن. ٻه گدرا ھڪ مُٺ ۾ نه اچي سگھندا، نه وري ٻه تلوارون ھڪ مياڻ ۾ ٺھي سگھنديون.

    پراپڪاري ۽ ايثار
    سنڌي ڪردار جو قرباني ۽ ٻين جي نفعي جو خيال رکڻ به ھڪ مکيه گڻ آھي.
    مومل جو راڻي لاءِ راتيون وھائي، ڏينھن ڪرڻ، ۽ آخر ۾ پاڻ قربان ڪرڻ، سھڻيءَ جو ميھار لاءِ اونداھين راتين ۾ درياءَ ۾ تري وڃڻ ۽ آخر انھيءَ راھه ۾ ٻُڏي مرڻ، مارئيءَ جو مارن لاءِ عمرڪوٽ جي بنگلن، محلن، ست رڇين طعامن، پٽ پٽيھرن جي پرواھه نه ڪرڻ، سسئيءَ جو پنھونءَ لاءِ جھنگ جبل جھاڳڻ، انھيءَ صفت جا جزا آھن.
    پاڻ کي مسڪين بڻائي ڇڏڻ، سامن لاءِ سِر ڏيڻ، سون تي سيڻ نه مَٽڻ، اُھي سڀ ڳالھيون ان جي گڏجي شھادت ڏين ٿيون.
    ان حقيقت کان انڪار ڪري نٿو سگھجي، ته ملڪ ۾ خود مطلب، بخيل، قوم فروش يا بي ھمت به گھڻا آھن. بلڪ کڻي چئجي ته انھن جي ڪثرت آھي ته صحيح ٿيندو. پر شاعرن، اديبن جو قرباني جي صفت کي ساراھڻ ۽ تاريخ جا ڪيترا مثال ان ڳالھ جي دلالت ٿا ڪن ته اھا صفت سنڌين ۾ عدم موجود نه آھي، صرف ان کي وڌائڻ جي ضرورت آھي. زمين زرخيز آھي، صرف آبياري جي ضرورت اٿس. اسان کي مٿاھين طبقي جي خود مطلبي، عوام جي غير اتفاقي کان مايوس ٿيڻ نه گھرجي. اُن ڏس ۾ صحيح تعليم، تربيت ۽ مثالن قائم ڪرڻ سان گھڻو ڪجھ ٿي سگھي ٿو.

    اھنسا- عدم تشدد
    سنڌي عام طور ڪم آزار، جھيڙي کي حتي الامڪان ٽارڻ جا عادي پئي رھيا آھن، ايتريقدر جو سندن مخالفن اھو نتيجو پئي ڪڍيو آھي، ته ھو بزدل ۽ بي ھمت آھن. پر بنيادي طرح سڀني سنڌين لاءِ اھو گُمان ساڻن نا انصافي ٿيندي. اھو مدار رکي ٿو نقطي نگاھه تي، ته سندن اھڙي طبيعت کي شرافت ۽ امن پسندي چئجي يا بزدلي ۽ بي ھمتي.
    ڪيترا ماڻھو واقعي بزدل ۽ بي ھمت به آھن؛ پر انھن جي آڌار تي ساري قوم کي بزدل سمجھڻ بي انصافي ٿيندي. تشدد جا حامي سندن جوانمردي عارضي ڪاميابين تي کڻي ڪيترو به فخر ڪن، پر ديرپا ۽ آخري ڪاميابي عدم تشدد ۾ لِڪل آھي. شاھه ائين فرمائي ٿو ته:

    صبر جِنين سير، تِير نه گُسي تن جو!

    پر اسان جي عالمن، اديبن ۽ ڪارڪنن کي، اھنسا ۽ بزدليءَ جو تفاوت معلوم ڪرڻ ضروري آھي.
    اھنسا اُن کي چئجي، جو سَرندي ٽَري وڃجي، خواہ مخواہ جھيڙو نه ڪجي، اختلاف جو فيصلو باھمي سمجھوتي سان ڪرڻ کي ترجيح ڏجي، ناحق جو مقابلو اھنسائي طريقن سان ڪجي، ڏاڍي اڳيان سچ چوڻ جي جرئت رکجي.
    بزدلي اُھا ڳالھ آھي جو ڏاڍي کي ناحق تي ڏسي به اُن جي خوشامد ۽ تابعداري ڪجي، شخصي يا گروھي نفعي لاءِ مجموعي نفعي کي قربان ڪجي، سچ چوڻ کان ڇِرڪجي، ملڪ، قوم جي ناموس آزادي ۽ ترقيءَ جي راھه ۾ رڪاوٽون ڏسي خوف کان مقابلي ڪرڻ کان پاسو ڪجي. اھنسا ڪمزوريءَ جو نشان نه آھي، بلڪ اعليٰ ھمت جو مظاھرو آھي. زندگيءَ ۾ آزادي، امن ۽ ترقي لاءِ جدوجھد لازمي آھي، پر طريقي ڪار جو تفاوت آھي. ھڪڙا تشدد کي طريقي ڪار بڻائين ٿا، ٻيا عدم تشدد (اھنسا) کي. پھريون بدامنيءَ جو سبب بڻجي ٿو، ٻيو آخرڪار امن آڻي ٿو.

    رواداري ۽ بي تعصبي
    رواداري ۽ بي تعصبي سنڌين جو مکيه اصول رھيو آھي. شاھه صاحب ھندو راجائن ۽ سورھين جھڙوڪ: سورٺ، راءِ ڏياچ، مومل ۽ راڻو، عمر ۽ مارئي، ليلا چنيسر، سسئي پنھون، وغيرہ جا قصا بيان ڪري، بي تعصبيءَ جو پورو ثبوت ڏنو آھي. ان کان سواءِ سچل سرمستؒ ، روحل فقير، بيدل وغيرہ، سندن ڪلام ۾ جنھن فراخ دليءَ ۽ ھمه اوستيءَ جو مثال پيش ڪيو آھي، اھڙو ٻئي ھنڌ ملڻ مشڪل ٿيندو. ھو نظريه ھمه اوست ۾ مڃڻ ڪري دوئي دور ڪري چڪا ھئا.
    منجھان پنڊت ۽ مُلا جا مذھبن جي نالي ۾ پيدا ڪيل فرق گم ٿي ويا ھئا، جنھن ڳالھ کين باوجود جدا مذھبن جي ويجھو ڪري ڇڏيو ھو. آئيندي به اسان کي انھي نقطي نگاھه کان ھر مسئلي تي ھلڻو پوندو. جيڪڏھن اسان غير مذھب سان ھڪ ٿي سگھون ٿا، ته ساڳئي مذھب وارن سان حجت ۽ ميلاپ سان ملڻ ۾ ڪھڙي تڪليف ٿيندي سون. البت ھيءَ ڳالھ ذھن ۾ وھارڻي پوندي ته تعصب ۽ رواداري ٻئي متضاد ڳالھيون آھن. جتي محبت ھوندي، اتي تعصب پيدا ٿي ڪين سگھندو. جن دلين ۾ تعصب ھوندو، انھن کان رواداريءَ جي اميد رکڻ اجائي آھي. رواداري سخاوت آھي، تعصب بخل آھي، جو امن ۽ سلامتيءَ تي پيغمبر خدا جي چوڻ مطابق، ڪوبه بخيل رسي نه سگھندو، پوءِ کڻي ھو زاھد بر و بحر جو ھوندو.

    روايات جي حمايت ۽ غيرت

    سنڌين ۾ قديم روايتن جو لحاظ حد درجي اھم آھي. دودي سومري جو ڀيڻ جو سنڱ ڏيڻ ۽ ٻاھرين جي حڪم مڃڻ کان قبيلي سوڌو قربان ٿيڻ زيادہ پسند ڪيو. سنڌ جا اڪثر رھاڪو مسلمان آھن، پر قديم روايتن جو لحاظ رکندي، اڪثر ماڻھو قبيلي کان ٻاھر سڱاوتي ڪرڻ کي عيب سمجھن ٿا. لوئيءَ جي لڄ رکڻ، سون خاطر سيڻ نه مَٽڻ، سندن مکيه متا آھن. ھن زماني ۾ به اڃا ڪاري ڪاريءَ جو دستور ۽ انتقام وٺڻ جو رواج ڪيترن جاين تي مروج آھي. جيترا خوب خرابيون پنھنجي عزت ۽ غيرت جي تقاضا ڪري ھتي ٿيندڙ آھن، اوترا ٻئي ڪنھن ڇِٽي ھنڌ ٿيندا ھوندا. پر اھا قوت ۽ غيرت سھي ۽ فروعي ڳالھين تي صرف ڪئي پئي وڃي. ڪاش اسانجا قومي ڪارڪن انھيءَ جذبه غيرت کي، مُلڪ جي آزادي، زبان جي ترقي، مجموعي طور ڪتب آڻڻ لاءِ جلد ترتيب ڏئي، انھيءَ عظيم ورثي کي وڏين ڳالھين طرف صرف ڪرائين ته سنڌي قوم جي بلند ۽ برتر ٿيڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي.

    آزاديءَ جي تمنا

    سنڌ جي ھزارين ورھين جي تاريخ شاھد آھي ته جيڪڏھن ھو ڪنھن وقت ڌارين جي تسلط ۾ اچي ويا آھن، ته سدائين سندن خواھش ڪوٽن جي ڪيرائڻ ۽ آزاديءَ جي ھوا ماڻڻ طرف مائل پئي رھي آھي. راجا ڏاھر کان عربن حڪومت کسي ۽ ھو ڪجھ وقت ھو ڌارين جي تسلط ھيٺ رھيا. وري سومرن، سمن جي ڏينھن ۾ ھو آزادي حاصل ڪري ويا. وري مغلن جي زير اثر رھڻ بعد ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينھن ۾ پاڻ ڀرا ٿيا. ان کان پوءِ انگريزن جي ھٿ ھيٺ رھي، ٿوري عرصي لاءِ آزاد ٿي، ھاڻ وري مغربي پاڪستان جي زير تسلط ٿي ويا آھن. سندن ڪلاسيڪل شاعرن جي مارئيءَ جي قصي بيان ڪرڻ ۾ آزاديءَ جي خواھش، دودي سومري جي ساراھه جا قصا ڳائڻ، جديد شاعرن ۽ افسانه نويسن، اديبن جي قوم پرستي حب الوطني ۽ آزاديءَ جي جذبي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش، سڀ سندن ان جذبي جي شھادت ڏين ٿيون. ليڪن ھيءَ ڳالھ صاف ذھن ۾ وھارڻ جي لائق آھي ته خواھش جدا شي آھي ۽ آزاديءَ جو حصول جدا آھي.
    ڪابه قوم ۽ مُلڪ آزادي حاصل ڪرڻ جي لائق ٿي نه ٿو سگھي، جيستائين ڪه ان جي ٻچي ٻچي ۾ حب الوطني، قوم پرستي، ايثار ۽ قربانيءَ جو جذبو ڀرجي نه ويو آھي. انگريزيءَ ۾ مثال ته: ”ھڪ ھنس جي موجودگيءَ ڪري اونھاري جو اچڻ شمار ڪري نٿو سگھجي.“ جتي لکھا ماڻھو خود مطلبيءَ جي مرض ۾ گرفتار ٿي پيا آھن، جتي لکھا ماڻھو بزدليءَ جي صفت سان ڀريل ھجن، ۽ جنھن مُلڪ ۾ قربانيءَ جي وَٿ اڻ لڀ ھجي، اتي صرف آزاديءَ جي تمنا رکڻ مان ڪجھ به ھڙ حاصل ٿيڻ جي اميد بيڪار آھي. شاھه سائين اھڙي حالت لاءِ فرمائي ٿو:
    ھيج نه ھوندو جن، سي ڪيئن وندر وينديون،
    وھو وچ رھن، سھسين سڌن واريون.
    وري چوي ٿو ته:
    ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سُپرين،
    سي مر رويو رون، جن مسافر سُپرين.

    ڏاڍ جو مقابلو

    ڏاڍ جي مقابلي مان منھنجي مراد اُھا آھي ته جڏھن ڪنھن شخص، گروھه يا قوم کي سندن بي وسي، ڪمزوري، وسائل جي گھٽتائي، تعداد جي ٿورائيءَ جو پتو ھجي ۽ مخالف جي قوت، ھر طرح جي وسيلن جي گھڻائي، تعداد جي ڪثرت، جنگجو ذھنيت، جوان مرديءَ جو پتو ھجي، پوءِ به لوئيءَ جي لڄ يعني قومي روايتن جي حفاظت، قوم جي ناموس ۽ عزت، سچ جي آواز بلند ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي مقابلو ڪري، قربان ٿي وڃي، ان کي اڪثري سُنت حسيني سڏيو وڃي ٿو. ان صفت کان اسان جو ڪلچر خالي نه رھيو آھي. دودي سومري جي ٻن ھزار بي سر و سامان ماڻھن جو دھليءَ جي شھنشاھه جي ساز و سامان سان 20 کان 30 ھزار منظم فوج سان مقابلو، ان جو مکيه مثال آھي. دولھ درياہ خان جو سندس ڄام جي ڀڄي وڃڻ بعد مقابلو ڪري پُٽن سميت شھادت حاصل ڪرڻ، شاھه بلاول عليه جو اصولن خاطر گھاڻي ۾ پيڙجڻ کان نه ڊڄڻ، شاھه عنايت عليه جو حق جي ڪلمي چوڻ سان يار جي قدمن ۾ سر فدا ڪرڻ، مير شير محمد خان جو مکيه حڪومت جي شڪست ۽ خيرپور جي ميرن جي تابعداري مڃڻ جي باوجود به ورھين جا ورھيه جلاوطنيءَ ۾ رھڻ، ھوشو شيدي، ھيمو ڪالاڻي وغيرہ جا مثال ڏيکارين ٿا ته اُن ڪردار کان اسان جا ماڻھو خالي نه آھن. شاھه سائين اھڙي مواد جي ملڪ ۾ ڪمي نه ڏسي فرمايو آھي ته:

    اڳيان اڏن وٽ، پوين سر سنباھيا،
    ڪات ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گھٽ،
    مٿا مھاين جا، پيا نه ڏسين پٽ،
    ڪلالڪي ھٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وھي!

    سر جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جنين جا ديڳ ۾،
    سي مر ڪن پچار، حاضر جني ھٿ ۾.

    سنڌي آرٽ

    آئون مٿي ڪلچر جي معنيٰ ۽ ترڪيبي اجزا ۾ ٻڌائي آيو آھيان ته آرٽ جي ھڪ حصي جو فلسفه حيات، نفسيات ۽ مذھبي عقيدن سان واسطو رھي ٿو، ۽ ٻئي جو ادب ۽ فن لطيف سان ٿئي ٿو. پھرين جو ذڪر نظرين ۽ مذھبي عقيدن جي احوال ۾ ڪري آيو آھيان. ھتي آئون ٻئي ڀاڱي تي روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪندس، ان کي ھيٺين ٻن ڀاڱن ۾ ورھائي بيان ڪندس.

    (الف) ادب
    (ب) فن لطيف

    ادب: ھر مُلڪ جي رھاڪن وٽ ھڪ ٻئي سان تعلقات قائم رکڻ، خيالن جي ڏي وٺ ۽ جذبن جي اظھار لاءِ ھڪ عام ٻولي ھوندي آھي. اھا ٻولي پنھنجي ابتدائي زماني ۾ خام ۽ اڻ پوري ھوندي آھي، ليڪن وقت گذرڻ ۽ ماڻھن جي ترقي ڪرڻ سان زبان ۾ لفظن، ڪھاڻين، پھاڪن، شعرن، افسانن ۽ علمي ڳالھين جو وڏو ذخيرو ڪَٺو ٿئي ٿو. جنھن جي مجموعي کي ان ٻوليءَ جو ادب يا ساھت سڏيو وڃي ٿو. ساڳئي وطن ۾ رھي، ھڪ زبان ڳالھائڻ ۾ ھڪ ٻئي سان تعلقات قائم ڪرڻ وسيلي ماڻھن ۾ ھم جنسيت جو مادو ٿي، منجھن ڪلچر پيدا ٿئي ٿو. جو قوم بڻجڻ لاءِ مکيه مواد پيدا ڪري ٿو.
    ھر قوم جي ڪلچر يا سڀيتا جو ذخيرو، سندن ادب ذريعي محفوظ رھي ٿو. ڪوبه ماڻھن جو مجموعو زبان ۽ ڪلچر کان سواءِ قوم بڻجي نٿو سگھي. ساڳي طرح ڪا زبان ۽ ادب قوم جي وجود کان علحدہ رھي نٿا سگھن. دنيا جو ھر ڪم ڪونه ڪو مقصد ۽ مُراد رکي ٿو. خود ڪائنات جي پيدائس ڪنھن مقصد ۽ مراد کان سواءِ نه آھي. قرآن ۾ آھي، ”ما خلقت ھاذا باطلا“ معنيٰ ”ڇا ھي سارو مانڊاڻو مقصد کان سواءِ پيدا ڪيو ويو آھي.“ ادب انھيءَ عام قانون کان جدا ٿي نٿو سگھي.
    عام طرح ادب جا ٻه رجحان رھيا آھن.

    ھڪ تفريح طبعي لاءِ، ٻيو قومي ترقيءَ لاءِ:

    جذبات ۽ اصولن جو مواد ميسر ڪرڻ واسطي ٻنھي قسم جي ادبن جي ضرورت آھي، پر ڏسڻو آھي ته ترجيح ڪنھن کي ڏني وڃي ٿي. سنڌي ادب تي نظر ڪنداسون ته اسان جي شاعرن ۽ اديبن، پوئين قسم جي ادب ڏي خاص توجه ڏنو آھي. مولانا روم فرمايو آھي ته:
    خوشتران باشد کہ سر دلبران، گفتہ آيد در حديث ديگران
    معنيٰ ”بھترين طريقو حقيقي ڳالھين جي اظھار ڪرڻ جو اھوئي آھي ته ٻين جي قِصن، ڪھاڻين ۽ تشبيھن طور پيش ڪيو وڃي.“ شاھه لطيف، سچل سرمست، روحل فقير، بيدل وغيرہ جملي شاعرن اعليٰ سلوڪ جون ڳالھيون، سرويچي، قرباني، حب الوطني، قوم پرستي، مشڪلات کي منھن ڏيڻ قومي روايات قائم رکڻ، سادگي، سچائي، قومي غيرت، آزاديءَ جي خواھش، اتحاد انساني امن وغيرہ جي ڳالھين کي سھڻي، سسئي، مومل راڻي، ليلا چنيسر، ھير رانجھي، ڄام تماچي وغيرہ جي ڪھاڻين ۾ بيان ڪيو آھي. اسان جي اصل شاعرن مان جن کي اسان ڪلاسيڪي شاعر سڏي سگھون ٿا، ڪنھن به ان طريقي کي نه ڇڏيو. ليڪن ڪجھ وقت کان ھڪ اھڙو رجحان به پيدا ٿيو، جنھن ۾ اردو ۽ فارسي جي تنزل واري دور جو تتبع ڪري، ھتي به شاعرن دماغي عياشيءَ لاءِ گُل، بلبل، يار جي زلفن، ناز انداز کي سڀ ڪجھ سمجھي، اُن طرف توجھ ڪيو. ٻيو وري ديون، پرين، بادشاھن جي قصن سان ادب کي ڀري ڇڏيو.

    پري وري شُڪر آھي ته ھڪ گروھه پيدا ٿيو آھي، جنھن ادب کي نئين سر وقتي ضرورتن، قوم پرستي، سماجي سڌاري، اخلاقي درستي، جذبه آزادي ۽ جديد ترقي پسند خيالن سان معمور ڪرڻ شروع ڪيو آھي. ابتدا ۾ البت انھن جي ساڙ سڙين، ڪٽر فرقي پرستي، رجعت پسند لکندڙ ۽ شاعرن طرفان مخالفت ٿيندي، پر آخر اُھي ڳئونءَ جي مٿين ڏندن وانگر ختم ٿي ويندا. مندائتن مينھن جي موسم ايندي، گُل ڦل نڪري گلزاريون ٿينديون، ڏڪاريا ڏيھن مان نڪري ويندا. موذي مرندا، ساڻيھ ۾ سُڪار ٿيندو. جيڪڏھن اڄ اياز، جمال، نياز، امداد، گدائي ۽ ابراھيم منشي وغيرہ جھڙن محب وطن اديبن جي پوري طرح سڃاڻپ نه ٿي آھي ته مون کي اُھو ڏينھن نٿو ڏسڻ ۾ اچي ته سنڌ ۾ انھن جو آواز اُٿي کڙو ٿيندو ۽ رجعت پسند ڪيڙا مڪوڙا ختم ٿي ويندا.
    پر اُھو ڪم اھڙو سؤلو نه آھي جھڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جملي شاگردن، ماسترن، پروفيسرن، عالمن، اھل علم ۽ صاحب ذوق ماڻھن کي ھڙان وڙان ڪوشش ڪري، ان ادب جي وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي. اسان جو موجودہ ادب بمقابله اردو ۽ بنگالي جي گھڻو پوئتي پيل آھي.

    سڌائتي سڀڪا، بُک نه باسي ڪا،
    جيھي تيھي ذات جي، جنبش ڪانھي ڪا،
    مون سين ھلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري.

    جڏھن سُتيون جي، پٿر پير ڊگھا ڪري،
    تڏھين تنين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو!

    ھيءَ ڳالھ ذھن نشين ڪرڻ جي لائق آھي، ته مُلا جي تشريح وارو مذھب ترقيءَ جي ھر راھه ۾ وڏي رنڊڪ آھي، ترقي پسند ادب جو پھريون فرض اھو آھي ته ان ناسور جي جراحي ڪري پاڙ پٽجي.


    فن لطيف

    آرٽ جي ٻئي ڀاڱي ۾ 1- راڳ، 2- ساز، 3- ڊراما، 4- رقص، 5- سٺو لباس، 6-عمدہ طعام، 7- ھُنر، 8- فن تعمير، 9- رانديون، 10- مصوري ۽ نقاشي وغيرہ اچي وڃن ٿا.
    انھي راہ ۾ سنڌين وٽ ڪجھ ذخيرو موجود آھي، پر اُھو ڪافي نه آھي جو زماني جي ترقيءَ سان ساٿ ڏئي. ھر فن ۾ اسان کي اڳتي وڌڻو آھي.

    (1) راڳ

    انھي سلسلي ۾ اسان ھندوستاني راڳ وديا جي پوئلڳي ڪندي ابتدا ۾ ڪجھ قدم کنيا ۽ ٻه ٽي راڳڻيون ايجاد ڪيون، جھڙوڪ، ڪوھياري، راڻو، سنڌي ڀيروري وغيرہ. پر ڪٽر فرقي پرستن تي خدا جي مار پوي، جن راڳ کي، جو روح جي راحت آھي، گناھه ظاھر ڪري ماڻھن کي انھن کان منع ڪئي، جيتوڻيڪ ھو مولود، مداحون مناسب سُرن سان چوندا رھيا.
    ھاڻ وقت آيو آھي ته اسان جا نوجوان مشرق ۽ مغرب جي راڳ مان واقفيت پرائي، پنھنجي مڪاني راڳ کي ترقي وٺائين. ڪو دور ھو جو ڪي خاندان، ان فن جي حوصله افزائي ڪندا ھئا. ھاڻ انھن مان ڪري ٿورا وڃي رھيا آھن. ان جي واڌاري لاءِ اسڪول کولڻ گھرجن، جماعتون ٺاھي، انھن کي ھلائڻ گھرجي، راڳ جي ماھرن جي گذر معاش لاءِ انتظام ھئڻ گھرجي. درگاھن جا ميلا، ادبي مجلسون، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا فنڪشن اھري ڪم لاءِ ڪارآمد ٿي سگھن ٿا.

    (2) ساز
    سنڌ کي پنھنجا قديم ساز آھن، جھڙوڪ يڪتارو، گھڙو، نڙ، سُرندو، بينسري، دھل، ڍولڪ، کڙتالون، تنبور، گھنگھرو، دنبورو وغيرہ. پاڻ انھن ۾ ٻين، طبلي، ستار، ڪلارونيٽ، الغوزا، ھارمونيم وغيرہ جو اضافو ٿيندو وڃي. پر اسان کي دنيا جي مختلف سازن مان گھربل مواد حاصل ڪرڻ يا پنھنجي سازن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ڀارت، ايران، عرب، اسپين، مصر، اٽلي يا ٻين مغربي ملڪن جي لئي، ڌُنن، تارن، نغمن، گرن، طرزن ۽ نوٽ ٿيل ڌُنن مان سبق سکڻ گھرجي. براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشنون، سئنيمائن جا اسٽوڊيوز، ڪي ماھر ۽ استاد انھيءَ راھه ۾ ڪم ڪري رھيا آھن، پر جھڙي طرح اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ علم پڙھي ڊگريون وٺجن ٿيون، اھري طرح راڳ ۽ ساز جي سيکارڻ لاءِ ادارا کولڻ جي ضرورت آھي.


    (3) ڊراما
    ڪو وقت ھو جو اسڪولن ۾ ڊراما ٿيندا ھئا، شھرن ۾ ٿيٽر ھوندا ھئا، ڳوٺن ۾ ڀڳت. مسخرا انھيءَ فن کي زندہ رکيو آيا. پر ھاڻ سنڌ مان تقريباً اھو فن ختم ٿي چڪو آھي. سوسائٽيءَ جي اخلاقي درستي، تفريح، روح جي راحت ۽ تربيت لاءِ ان فن جي نئين سر زندہ ڪرڻ جي ضرورت آھي. سئنيمائون ان راھه ۾ ڪجھ ڪمي پوري ڪري رھيون آھن، ته ڪجھ اُن فن کي ڌڪ ھنيو اٿن. پر جيڪي ڪجھ ٿيو آھي، يا ٿئي پيو، ان کي خاص مقصدن ۽ مرادن لاءِ سڌارڻ گھرجي. ان کان سواءِ اھي سڀ واندڪائيءَ جي وندر کان مٿي ڪو اعليٰ قومي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي نٿا سگھن. نوجوان مَردن ۽ زالن کي ان ۾ دلچسپي وٺڻ گھرجي، پر ان کي عياشي ۽ تفريح طبعي جي مقصد لاءِ ڪتب آڻڻ ڪري، قومي اخلاق سڌرڻ بدران بگڙندا. ان ڪري فلمن ۽ ٿيٽرن لاءِ اھل علم، صاحب اخلاق، سماج سڌارڪن کي ھٿ ۾ کڻڻ گھرجي، نه ڪه اوباش ۽ آوارہ پيشه وارن ماڻھن کي.

    (4) رقص
    مولا مار وجھي ڪٽر مذھبي ماڻھن ۽ فحش ڪلاس رقاصن تي، جن ان نھايت اعليٰ فن جي عزت گھٽائي، مھڻي ھاب ڪري ڇڏيو آھي. اڳئين وقت ۾ عيدن جي موقعن تي سماع، قلندر جي درگاھه تي ڌمال، صوفي ۽ ڀڳتن جو ڇيريون پائي نچڻ، ڏونڪا، جھمريون وغيرہ سڀ رقص جا قسم ھئا. پر آھستي آھستي ٿي اھي سڀ ختم ٿيندا وڃن ٿا.
    ھندوستان جو ڪٿڪلي، مانيپوري رقص، مغرب جا ڪيترا جدا جدا رقصن جا طريقا ۽ مڪاني پراڻا لوڪ ڊانس (ڳوٺاڻا ناچ) سڌاري، وڌائي، گھڻو ڪجھ ڪري سگھجي ٿو.
    ان لاءِ به راڳ ۽ ساز سان گڏ ان جي تربيت تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ اسڪول ۽ ادارا کولڻ گھرجن.
    رقص وجد جي حالت آھي، جنھن ۾ جانور، پکي، ماڻھو موج ۾ اچي، خوشيءَ جي انتھائي درجي کي پھچن ٿا. اھل تصوف ۽ فيلسوفن ان کي آرٽ ۾ وڏو درجو ڏنو آھي. ھنن جو چوڻ آھي ته زندگي خود ھڪ وڏو رقص آھي، جنھن کي جيترو خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪبو، اوترو سبحاني ٿيندي.

    (5) سٺو لباس
    خدا حَسين آھي؛ ھو حُسن کي پسند ڪري ٿو. جانور ۽ ماڻھوءَ ۾ اھو تفاوت آھي ته ھڪ (اگھاڙو) آھي، ٻيو لباس وارو. ھر ملڪ ۽ قوم ۾ لباس جا قِسم آب ھوا، قديم روايات وغيرہ ڪري نرالا ٿين ٿا. جيئن معاشرو ترقي ڪندو وڃي ٿو ته لباس ۾ تبديلي ۽ ترقي لازمي آھي. سنڌ جو ڀرت، رليون ٺاھڻ، غاليچا، اجرڪن، ڇُر، کيسن ٺاھڻ، لونگي، گربين، وغيرہ جو ڪم پنھنجو مَٽ پاڻ آھن. سنڌ جي مردانه لباس ۾ سٿڻ، گوڏ، چولو، پھراڻ، قميص، انگوڇو، پَٽڪا، ٽوپيون، ٽوپ ۽ جُتيون پنھنجي خصوصيت رکن ٿا.
    اھڙي طرح زالن جي لباس ۾ شلوارون چوڙين واريون، ان کان سواءِ پتلونون، پڙا، گھاگھرا، گھگھا، چولا، گج، ڪنجريون ۽ مختلف زيور خاص خصوصيت رکن ٿا. وقت آيو آھي ته اسان انھن کي ترقي وٺائي، جديد تقاضائن ۽ دستورن جي مقابلي ۾ پيش ڪريون. زنانن اسڪولن ۾ انھن جي تعليم ۽ تربيت ضروري آھي.

    (6) طعام جا قِسم
    سٺو، صحت بخش، زود ھضم ۽ عمدو طعام تھذيب جو مکيه جزو آھي. سنڌ جي عام ماڻھن جو کاڌو چانور، کير، مکڻ، ڏڌ، جوئر، ٻاجھري ۽ ڪڻڪ جي ماني، مڇي گوشت وغيرہ آھن. ميرن جي دور حڪومت ۾ خاندانن ۾ مغليائي، بلوچي ۽ سنڌي قسم جا طعام زيب دسترخوان ھوندا ھئا. ھن وقت انگريزي طرز جا طعام پيا مروج ٿيندا وڃن. پر اسان جا ماڻھو طعام جي نقطي نگاھه کان گھڻوئي پوئتي پيل آھن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اسڪولن ۾ ڇوڪرين کي يا جدا طعام جي اسڪولن ۾ بورچين کي تعليم تربيت ڏئي، مغربي مشرقي قسم جي طعامن کي سِکي، روزمرہ جي زندگيءَ جو حصو بڻايو وڃي. ان ڏس ۾ باوجود خانگي ڪوشش جي حڪومت يا جماعت طرفان ڪابه خاطر خواہ ڪوشش ڪانه ڪئي ويئي آھي.

    (7) ھُنر
    سنڌ جا قديم دستڪاريءَ جا ھنر چڱا ترقي يافته ھئا، پر ھاڻ آھستي آھستي ٿي انھن جي ھمت افزائي نه ھئڻ ڪري گھٽبا پيا وڃن. ڪاشيءَ جو ڪم، جنڊيءَ جون شيون، چمڙي جي دٻن ۽ ٻين شين تي نقاشيءَ جو ھنر، دٻڪيون، وڃڻا، چلمون، فراسيون، مُوڙا وغيرہ خاص طرح مشھور آھن، جن مان ڪي گھٽبا وڃن. ضرورت اُن ڳالھ جي آھي ته نه رڳو اڳوڻن ھُنرن کي زندہ ڪري، ترقي وٺائي وڃي، پر نون دستڪاري ۽ مڪاني ھُنرن کي مروج ڪيو وڃي.
    ان لاءِ ڪجھ سرڪار جي طرفان ڪوشش ٿي رھي آھي، ليڪن سماجي ڪارڪنن جو توجھ ان طرف ھئڻ گھرجي. جيئن اسان جي ڳوٺاڻن ماڻھن جي گذر معاش جو واڌارو ھڪ طرف ٿئي ۽ سنڌ جا ھُنر ٻئي طرف درست ٿين. پر تاريخ جي مطالعي مان ڪيئي اھڙا مثال مليا ھئم، جن مان معلوم ٿيو ٿي ته جڏھن ڪن قومن ۽ مُلڪن تي ٻاھرين حملي آورن جو سياسي تسلط قائم ٿيو ھو، جن مقامي قومن کي تباھه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاھي نه ڪئي ھئي ته ڪجھ حالتن ۾ اھي ملڪ ۽ قومون انھن مشڪلاتن مان پار پيئون ھيون. بشرطيڪ انھن قومن پنھنجا ٻيا قومي ورثا، زبان، ڪلچر، قومي ڪردار سلامت رکيا ھئا. اھڙين قومن جي وري زندہ ٿيڻ جا مثال تاريخ مان ملي سگھيا ٿي. تنھن ڪري اسان جون حالتون ھروڀرو نا اُميديءَ جھڙيون نه ھيون.
    اھو تاريخي واقعو آھي ته رومي سامراجين يونانين تي حمله آور ٿي انھن جو سياسي اقتدار ختم ڪري پنھنجي ماتحت ڪيو ھو. ليڪن يوناني سندن زبان ۽ ڪلچر قائم رکڻ ڪري مورڳو رومين ڪلچر ۽ زبان تي پنھنجو سِڪو وھاري ڇڏيو. اھڙيءَ طرح سان منگولن جو مثال وٺو. جڏھن چنگيز خان ۽ ھلاڪو خان وچ ايشيا، ايران ۽ عراق جي حڪومتن تي فتح حاصل ڪري انھن ملڪن کي نيست نابود ڪري ڇڏيو ته ايرانين جي زبان ۽ ڪلچر سلامت ھئڻ ڪري مورڳو ھو انھيءَ کي اختيار ڪري ويا. ساڳي حالت منگولن جي چين ۾ ٿي. چين فتح ڪيائون ليڪن چيني زبان ۽ ڪلچر کي اختيار ڪرڻو پين.
    سنڌ جي گذريل تاريخ جو مثال اکين اڳيان آھي. سنڌ جو ڪجھ وقت ايران، ڪجھ عرصو يونان، ڪجھ زمانو عربن، ڪو عھد غزنوي، پٺاڻن، ڪا مدت مغلن ۽ ڪو ٽائيم انگريزن جي تسلط ھيٺ رھي ھئي. جن سندن زبانن ۽ ڪلچرن کي سنڌين تي مڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، مالي طرح ڏُھڻ ۾ ڪين گھٽايو پر اڄ ڇا ٿا ڏسون ته سنڌي زبان، سنڌي ڪلچر ۽ مالي حالت سلامت آھي. سواءِ ان دورن جي ڪجھ اثر جي ٻيو ڪجھ نه رھيو آھي.

    (8) فن تعمير
    فن تعمير ملڪ جي تھذيب ۽ تمدن جو مکيه جزو آھي. جيڪڏھن رھڻ لاءِ ھوادار، ڪشادہ، خوبصورت ۽ جديد ضرورتن وارو گھر نه آھي ته زندگيءَ جو لطف گھٽجيو وڃي. ان ڪري گھرن، ڳوٺن ۽ رستن جي درستي نھايت ضروري آھي.
    سنڌ ان ڏَس ۾ سواءِ ڪجھ شھرن جي تمام پٺتي پيل آھي. اسان وٽ انجنيئر گھڻا ٿيندا وڃن پر آرڪيٽيڪٽ اصل ڪونه آھن، جي آھن ته اٽي ۾ لوڻ برابر. اسان گھڻو وقت انگريزن جي حڪومت ۾ رھڻ ڪري زيادہ توجھ جاين جي مضبوطي طرف کي مروج ڪرڻ ۾ دلچسپي ڪون ٿا وٺون. اسان کي ڳوٺن شھرن ۾ سٺن ھوادار، ڪشادہ خوبصورت گھرن، ڳوٺن جي جوڙجڪ ۽ پارڪن طرف خاص توجھ ڏيڻ گھرجي.

    (9) رانديون
    بدن جي مضبوط، برجسته، تندرست ۽ چُست بڻائڻ لاءِ رانديون نھايت ضروري آھن. ان کان سواءِ اُھي صحت بخش تفريح جو ڪم جدا ڏين ٿيون.
    سنڌ ۾ قديم وقت کان مَلھون، ڪٻڊيون، ونجھ وٽيون، اٽي ڏڪر، کينھوڙي وغيرہ جون رانديون مروج رھيون آھن. ھاڻ انھن ۾ ڪرڪيٽ، فٽ بال، ٽينس ۽ ھاڪي وغيرہ راندين جو اضافو ٿيو آھي.
    سنڌين طرفان سواءِ ملاکڙي ۽ ونجھ وٽيءَ جي راندين جي ھمت افزائيءَ جي ٻين راندين جي زور وٺائڻ لاءِ گھڻو ڪجھ نه ڪيو پيو وڃي. اھو به ڪن خاص زميندار ۽ صاحب ذوق ماڻھن جي مدد تي مدار رکندڙ آھي.
    ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ولايت جي ترقي يافته ملڪن وانگر ڪي اسوسيئيشنون ٺاھي، مڪاني راندين جي ترقي ۽ جديد راندين جي مروج ڪرڻ طرف توجھ ڏنو وڃي.

    (10) مصوري ۽ نقاشي
    سنڌ ۾ مذھبي اثر ڪري مصوريءَ طرف گھٽ توجھ ڏنو ويو آھي. پر ائين نه آھي ته ان طرف اصل توجھ ئي ڪونه ڏنو ويو آھي. جوھي تعلقي ۾ چند قديم قبرستانن ۽ قبن ۾ ان جا نشان اڃا تائين ملن ٿا. سنگ تراشيءَ ۾ چڱي خاصي ترقي ڪيل ھئي. پراڻين مسجدن، قبن ۾ نقاشيءَ جا چند مثال اڃان تائين يادگيري ڏياري رھيا آھن، ته ان طرف سنڌين چڱو توجھ ڏنو ھو. پراڻن ڪتابن ۽ قرآن شريف تي ڪڍيل نقش اڃا تائين ڪيترن جاين تي محفوظ آھن. ڪاشيءَ ۽ جنڊيءَ تي نڪتل نقش اڃان قائم آھن. ٺٽي جي مسجد ۽ سکر ۾ ڪن پراڻن قبرن جي ڪاشيءَ جا ڪم، خاص توجھ لائق آھن. سنگ تراشيءَ ۾ سنڌين خاص توجھ ڏنو آھي. مڪليءَ جي قبرستان، ھالن جي ڀر واري، خدا آباد ۽ ڪيترن ٻين قبرستانن تي سنگ تراشيءَ جو ڪم ڏسڻ وٽان آھي. ھاڻ وقت آيو آھي ته ھن ھنر کي نئين سر زندہ ڪيو وڃي. ان کان سواءِ سيمنٽ ۽ اُڪر جي ڪم کي زور وٺائڻ جي ضرورت آھي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428669
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ