ڪتاب جو نالو: ڏُونگر نيٺ ڏَرن
مصنف: رنڌير سنگھه / امان الله شيخ
ڇپائيندڙ: سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 1985
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 16 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1086 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 465 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتابچي ۾ حقي ڪري ته ايڪتا، ڀائپيءَ، رواداري، سهپ ۽ انسان ذات جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏڻ جا املھ مثال موجود آهن، جيڪي اڄ جي هن دور ۾ هوريان هوريان ڄڻ ته اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن، ۽ ان جي جاءِ تي انقلاب جي نالي وٺ وٺان، سس پس ۽ ڇڙواڳيءَ، اسان وٽ اچي واسو ڪيو آهي- ان لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته اسين هن ڌرتيءَ جا رهواسي، ان لاءِ ڪروڌ، شخصي چڱ مڙسائپ ۽ بهتان بازيءَ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ کان پاڻ کي بچايون- ۽ هڪ ٻئي لاءِ سهپ ۽ رواداريءَ کي سونهون بڻائي، سنڌ ۽ سڄي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيون
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڏونگر نيٺ ڏَرن
  • اهڙو ڏينهن به ايندو : سنڌيڪار پاران
  • مهاڳ
  • روزگار جي وؤڙ
  • غلاميءَ جو طوق
  • نئين ذهني اوسر
  • غدر پارٽي
  • ڪوما گاٽا مارو
  • وطن ڏانهن ورڻ
  • گولين سان آڌرڀاءُ
  • هٿياربند انقلاب لاءِ سانباهو
  • رٿا جو پٽ پوڻ
  • بادشاھه سلامت خلاف جنگ
  • انڊيمان
  • انقلابي ڪڏهن به جھور نه ٿيندو آهي.
  • جدوجهد لاءِ موٽ
  • ساميه واد ڏانهن

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (166) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڏونگر نيٺ ڏرن“ رنڌير سنگهه جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار امان الله شيخ صاحب آهي.
    هي ڪتاب سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 1985ع ۾ ڇپايو ويو. نيٽ ايڊيشن جي ڪمپوزنگ سائين شاهنواز ڪوثر علي ڀُٽو ڪئي آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ڏونگر نيٺ ڏَرن

    ڏونگر نيٺ ڏَرن
    سُڏڪن ڏيئا سانت ۾
    ٻُجھي وڌ ٻَرن.

    (شيخ اياز)


    اهڙو ڏينهن به ايندو : سنڌيڪار پاران

    اهو به آدجڳاد کان دستور آهي ته هر هڪ ساهواري کي سندس چوڦيرو سماجي ۽ معاشي حآلتون ئي سوچ ويچار لاءِ مجبور ڪنديون آهن. مون به جڏهن هي ڪتابچو پڙهيو ۽ ٿورو ٿانيڪو ٿي پنهنجي اوسي پاسي ڏسڻ وائسڻ لڳس ته لڳم ته اڄ به ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ آهن. اڄ به ساڳئي ئي لڏ پلاڻ ۽ ڌارين ملڪن ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا کائڻ، اسان جي پوڙهن، جوانن ۽ ٻارڙن جي ڀاڳ ۾، هن ڌرتيءَ تي وسندڙ ڏاڍن ۽ جابرن زوريءَ ويهي لکيا آهن. هينئر به اسان جو ديس واسي سعودي، دبئي ۽ ڪويت جي چڪرن ۾ جڪڙيل آهي. ڪجھ وقت اڳ ته انهيءَ دردناڪ لڏ پلاڻ جو هڪ دردناڪ واقعو اکين سان ڏٺو آهي- ٿيو هئين جو، ڳچ وقت مان شهدادڪوٽ مان ڪنهن ڪم سانگي ويو هئس ۽ اتي ڪنهن همراھه ٻڌايم ته رات شهر ۾ هڪ ننڍي نيٽي نينگريءَ جو وڪرو ٿيڻو آهي. مون کي پهريائين ته ويساھه ئي ڪونه پئي آيو ته اڄ جي هن دور ۾ هھڙا قهري ڪلور به ٿي سگھن ٿا؟ پر پوءِ مون اهو سڄو لقاءُ وڃي اکين سان ڏٺو ۽ پسيو- ۽ چڙهتو ٻولي وچ اوڀر منجھان آيل هڪ همراھه جي هئي جيڪو هيو ته سنڌ جو پر روزگار خاطر پرڏيھه ويل هيو. بهرحال راتو واھه اها ڇوڪري نيلام ٿي، نڪاح پيو ۽ راتو رات ڪنوار بڻجي چنبڙايل ور سان ڏيهان ڏور رواني ٿي وئي- ۽ اوڏانهن ڇا پيو وهي واپري سو ڪنهن کان ڳجھو ڪونهي- مون جنهن ويل هي تماشو پئي ڏٺو ته جمال ابڙي جي ”پيراڻي“ اکين آڏو تري آئي. پر هينئر مون اڳيان فرق هيو ته جمال جي پيراڻي ان سمي ابهم هئي ۽ منهنجي آڏو جوان جماڻ پيراڻي هئي.
    مان ته ڪيترا ڏهاڙا مونجھ، نراسائي ۽ اٻاڻڪائيءَ جي گھيرن ۾ هئس- ۽ پوءِ جڏهن هوريان هوريان سڌير ٿيس ته سمجھ ۾ آيم ته فطرت سڀني انسانن کي هڪجھڙي مان ۽ مرتبي سان پيدا ڪيو آهي. پر جنهن سمي انساني معاشري ۾ ”مان“ ۽ ”تون“ جو ويڇو پيدا ٿيو ته انسانن جي هڪڙي گروھه جي اندر ۾ حِرصَ ۽ ھَوسَ جا ڀڀڙ ڀڙڪي اٿيا. تن جي من ۾ ٻين آدمين مٿان راڄ ڪرڻ جو سوداءُ اچي سمايو، سو انهن ويهي ويچار ڪيو ته هي جو انسانن پاڻ کان وڌيڪ هيبتناڪ ۽ طاقتور جانورن کي فرمانبردار بڻايو آهي ته ان جو مکيه ڪارڻ جانورن ۾ سوچ ۽ سمجھ جي گھٽتائي آهي. انهيءَ ڪري انسانن جي گھڻائيءَ کي زيردست بنائڻ جو سنئون سنواٽو طريقو هڪ ئي آهي ته سندن سوچ ۽ سمجھ جي صلاحتين کي چيٿاڙي ڦٽو ڪجي ۽ ظاهر آ ته انساني سوچ ۽ سمجھ جو قتلام تمام خبرداريءَ سان ڪرڻو آهي ته پوءِ سندس معاشي ۽ اقتصادي وسيلن کي يا ته نيست نابود ڪري ڇڏجي يا ته ماڳهين پنهنجي هٿ وسيڪو بڻائجي. مان هتي پنڊت جواهر لال نهروءَ جي ڪتاب “The Discovery of India” جو حوالو ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو ته جيئن اڃا به پيرائتي نموني سمجھڻ ۾ سهولت ٿيندي ته ڪيئن معاشي ۽ اقتصادي تباهيءَ جي ڪري هاڃا ٿين ٿا:
    ”هندستان ۾ انگريزن جي پير پائڻ سان پهريائين ته صنعتي تباهي آئي ۽ پوءِ وري زرعي تباهيءَ اچي منهن ڪڍيو- ۽ زمين تي زرعي قرضن جو بار وڌندو ويو ۽ انت ته زمين جو ڳپل حصو وياج خورن جي هٿن ۾ هليو ويو. نتيجو نڪتو ته هاري بيروزگار ٿيڻ لڳا. هندوستان، صنعتي سرمايه دار سرڪار جو ماتحت ته هيو پر سندس سماجي ۽ معاشي سرشتو سرمايه داريءَ کان اڳ جو هئو، جنهن ڪري ناڻي اپائڻ جي وسيلن ۾ گھٽتائي ايندي وئي- ۽ انت ته هندوستاني سماج ماٺ ميٺ ۾ پونجي واد (سرمايه دار) معاشري جو هٿيو بڻجي ويو. اهڙيءَ ريت سرمايه دار معاشري جي بدعتن ۽ خرابين هندوستاني معاشري ۾ اچي واسو ڪيو پر ان معاشري جي خوبين کي هندستان ماڻي نه سگھيو.“
    هتي هڪ سوال اڀري ٿو ته پونجي واد معاشري جي خوبين کي هندوستان ڇونه ماڻي سگھيو؟ منهنجي راءِ ۾ ته ان سمي جو هندوستاني معاشرو هڪ ته نئين آيل سماجي سرشتي آڏو سينو ساهي نه سگھيو ۽ ٻيو ته پنهنجي تواريخي (تواريخي حيثيت منجھان مراد حاڪميت آهي) حيثيت تان به کيس هٿ کڻڻو پيو، جنهن ڪري سڄو سِٽاءُ ڊهي اچي پٽ پيو.
    ڪارل مارڪس”هندوستان ۾ برطانوي راڄ“ بابت 1853ع ڌاري هڪ لکيل ليک ۾ اجھو هيئن ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو:
    ” گھرو لڙايون، ڪاهون، سوڀون، ڏڪار ۽ اڪيچار مسئلا ۽ مامرا جن جي ڪري هندوستان ۾ ڪيتري به تباهي آئي، اهي هندوستان جي بنياد کي لوڏي نه سگھيا- پر انگلستان، هندوستان جي معاشي بيهڪ کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس نئين سر ٺهڻ جو امڪان نظر ڪونه ٿو اچي. پنهنجي پراڻي دور جي خاتمي کان پوءِ هندوستانين لاءِ ڪابه نواڻ پيدا ٿي نه سگھي آهي- ڇو ته انگلستان جي هٿ هيٺ هندوستان پنهنجن روايتن ۽ سڄي تواريخي حيثيت کان ڇڄي ڌار ٿيو آهي.“
    ۽ هينئر به ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱي کان پوءِ به صورتحال ۾ ڪو خاص سڌارو ڪونه آيو آهي. اسان جون گھڻي ڀاڱي انقلابي ڌريون هاڻي به ساڳئي پراڻي ۽ فرسوده طور طريقي کي پنهنجي سوچ ويچار ۽ انقلاب جو وسيلو بڻايو هلائين پيا- ۽ هيل تائين سندن طريقي ڪار ۾ سائنسي نقطه نگاھه کان واڌارو ڪونه آيو آهي- جھڙي ريت مذهبي گروھه يا فرقا سڄي سنسار ۾ هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ مان پالهائي ڪونه ٿين ٿا. تئين عوامي ۽ انقلابي سوچ ويچار رکندڙ گروھه به ساڳئي موذي مرض ۾ ورتا پيا آهن. انهيءَ سڄي منجھيل سٽ کي ڇڏائڻ ۽ سمجھڻ لاءِ اچو ته پنهنجي چوڌاري وايومنڊل تي نظر ڦيرائي ڏسون ته ڇا ٿو وهي واپري پيو؟
    دنيا جي گولي تي سياسي ۽ معاشي، داداگيرن ۽ ڦورن کي جيئن ڦريل ۽ ستايل همراھه سوڙهو ڪندا وڃن ٿا ته ڦورو به نت نوان حيلا ۽ بهانا پنهنجي بچاءَ لاءِ ايجاد ڪندا وڃن ٿا- هونئن هن مهل تائين ڦورو طبقو ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پنهنجي ديس سان وفادار رهندو آيو هيو پر هاڻي ته هو مورڳو ئي پنهنجي ڪوڙي ۽ هٿرادو ساک کي بچائڻ لاءِ وطن جو وڪرو ڪندي ويرم ڪونه ڪري ٿو.
    حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو
    (شاھه لطيف)
    تاريخ ويهين صديءَ کي جدوجهد، اٿل پٿل ۽ ڏاڍن ۽ جابرن جي پٽڪا ڊاھه جو نالو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي اڳيان ويهين صديءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو روس ۾ پورهيت انقلاب جو اچڻ آهي- هتي اهو ورجائڻ ضروري سمجھان ٿو ته انقلاب جو ڇيھه ڪاٿي ڪونه ٿيندو آهي پر هر ايندڙ انقلاب ماضيءَ جي انقلابن جون برڪتون ۽ چڱايون به پاڻ سان کنيون ايندو آهي- انڪري جيڪڏهن هتي ٿورو ڳوڙهي نموني ويچار ڪبو ته ويهين صديءَ ۾ آيل عظيم انقلاب ۾ ماضيءَ جي انقلابن جهڙوڪ: انگلستان جي صنعتي انقلاب، فرانس جي سياسي انقلاب ۽ آمريڪا جي آزادي واري انقلاب جو پرتو چٽي ريت پسجي پيو ۽ جيستائين هي سنسار قائم ۽ دائم آهي اوستائين اڳتي وڌڻ ۽ هڪ نئين انقلاب لاءِ هينئر کان راهون ۽ رند هموار ٿين پيا.
    هن ڪتابچي ۾ حقي ڪري ته ايڪتا، ڀائپيءَ، رواداري، سهپ ۽ انسان ذات جي خوشحاليءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏڻ جا املھ مثال موجود آهن، جيڪي اڄ جي هن دور ۾ هوريان هوريان ڄڻ ته اڻلڀ ٿيندا پيا وڃن، ۽ ان جي جاءِ تي انقلاب جي نالي وٺ وٺان، سس پس ۽ ڇڙواڳيءَ، اسان وٽ اچي واسو ڪيو آهي- ان لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته اسين هن ڌرتيءَ جا رهواسي، ان لاءِ ڪروڌ، شخصي چڱ مڙسائپ ۽ بهتان بازيءَ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسڻ کان پاڻ کي بچايون- ۽ هڪ ٻئي لاءِ سهپ ۽ رواداريءَ کي سونهون بڻائي، سنڌ ۽ سڄي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيون- پر جيڪڏهن اسان سڀني انهيءَ ذميواريءَ کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تواريخ جو عمل اسان کي اهڙي اوڙاھه ۾ اڇلائيندو جتان پاڻ ڇڏائڻ ڪجھ ويرم لاءِ محال ٿي پوندو- هونئن ڪيترائي حيلا ۽ حجتون ڪجن پر اهو ڏينهن ساٿي اوس اچڻو آ جنهن جو اسان کي اوسيئڙو آهي:
    پنهنجيءَ رت ۾ ريٽو جھنڊو اُڀ تائين جھوليندو
    اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي، اهڙو ڏينهن به ايندو.
    (اياز)


    شيخ امان
    لاڙڪاڻو سنڌ
    04.03.1984 ع


    مهاڳ

    هڪ ننڍي ڪتابچي ۾، ننڍي کنڊ ۾، غدر پارٽي جي انهن سورمن (1914-1915) جو داستان پڙهنداسين جيڪي اسان جي قومي تاريخ جو نه رڳو حصو آهن، پر هي انهن سورمين جي حياتي جو وچور آهي جن جي منهن تي موت جي دهشت جا گھنج پئجي نه سگھيا. هيءُ ٽيهن سالن جي قرباني ۽ جدوجهد جو هڪ اڻ وسرندڙ باب آهي. مان سمجھان ٿو ته اڄ جي سياسي ڪارڪن کي تاريخ ۾ هن ڪيل جدوجهد جي يادگيري نه هئڻ برابر هوندي. ڪيترن کي ته غدر پارٽي، ڪوما گاٽا مارو (Komo Gata Maru) جي واقعن جي ايتري سُڌ ڪانه هوندي ۽ ڪن کي ته وري ايتري ڄاڻ هوندي ته 1914- 1915 ۾ ڪي ماڻهو ڦاهي چاڙهيا ويا هئا ۽ ٿورا گھڻا قتلام ڪيا ويا هوندا.
    اسين پهريون ڀيرو انهيءَ تاريخي باب کي هڪ ننڍي ڪتابچي جي صورت ۾، غدر پارٽي جي پيڙھ - پٿر وجھندڙ بابا سونهن سنگھ جي ٻڌايل واقعن جي بنياد تي سنواري پيش ڪري رهيا آهيون- هي انهن سادن سودن اٻوجھ هارين ۽ پورهيتن جي جدوجهد جي ڪهاڻي آهي، جيڪي ايتري قدر انقلاب جي لهر ۾ اڳتي وهي ويا، جو اهڙي سمي ۾ هٿياربند انقلاب لاءِ ڪم ڪيائون، جڏهن ته اسان جا ٻيا قومي اڳواڻ ”هوم رول“ کان اڳتي سوچ ويچار ڪري نه پئي سگھيا. اسان کي هن جاکوڙ پڙهندي سڌ پوندي ته اهي ڪير هئا جن زباني لٻاڙ تي زور رکيو ۽ اهي مانجھي مڙس مٿير ڪير هئا جن پنهنجي آدرش خاطر ڪات هيٺان اچڻ قبول ڪيو:

    ڪٽاري ۽ ڪات، من مرادون پنيون
    رت ڀريا وات، مانجھين هڏ مڇائيا.
    ( خليفو نبي بخش)

    اسان کي هن ڪتابڙي پڙهڻ منجھان ڄاڻ ملندي ته اهي ڪهڙا سورهيه سوڍا هئا جن پنهنجي ڄمار جو وڏو حصو انڊيمان جي ٻيٽ ۾ گذاريو؟ ۽ اتي رهي پنهنجي حقن لاءِ ڪيئن وڙهيا ۽ اڄ ڇا ڪري رهيا آهن؟
    غدر هلچل هڪ ٻاراڻي ٺڪا ٺوڪيءَ واري راند ڪونه هئي. انهيءَ هلچل جو بنياد هندوستان ۾ نه پر آمريڪا ۾ رکيو ويو هو. انهيءَ تحريڪ جو پيڙھ - پٿر رکندڙ وچولي درجي جا نوجوان نه، پر اهي هاري ناري ۽ پورهيت هئا، جن پرڏيهن ۾ وڃي پنهنجي رت ۽ ست جي ولوڙ منجھان پئسو ڪمايو، انهن پورهيتن ۾ وڏو حصو پنجابي سکن جو هيو. جڏهن انهن پورهيتن کي پرڏيھ وڃي سُک، آزادي ۽ شانتي واري ماحول ۾ پنهنجي غلام هئڻ جو احساس شدت سان دل ۾ کٽڪڻ لڳو ته انهي شعور ۽ احساس هيٺ غدر پارٽي جنم ورتو. انقلابين جي هن پارٽيءَ جا ڪارڪن ۽ همدرد پارٽي ٺهڻ سان پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويا ته جيئن هڪ ڏينهن هٿيارن سان ليس ٿي پنهنجي وطن ڏانهن واپس ورن ۽ هٿياربند جدوجهد سان برطانوي سامراج جي ڳٽ منجھان پاڻ ڇڏائين. انهيءَ عظيم ڪارج کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ڏوڪڙ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا ۽ ڪيترن ته پنهنجو الهو تلهو ويڙهي تحريڪ جي حوالي ڪيو. انهن پئسن مان هٿيار پنهوار خريد ڪيا ويا ۽ ساٿين جي سِکيا جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو ۽ هيل تائين ڪارڪنن جو انگ پڻ ٻارنهن هزار تائين وڃي پهتو هيو.
    پهرين مهاڀاري لڙائيءَ لڳڻ کان پوءِ پارٽي جي هاءِ ڪمانڊ پنهنجي ڪم کي عملي شڪل وٺرائڻ لاءِ صورتحال کي سازگار ڏٺو. اهڙيءَ ريت سٽاءَ مطابق پارٽيءَ جي هاءِ ڪمانڊ جي حڪم تي ننڍن ننڍن جٿن جي صورت ۾ ماڻهن هندوستان موٽڻ شروع ڪيو. اٺن هزارن جي لڳ ڀڳ ماڻهو پهچي چڪا هئا ۽ انهيءَ پهچ ۾ کين به ورهيه کن لڳي ويا. اٻوجھ ۽ سادا پورهيت پهچڻ وقت ٿورو ٿڪو سرڪاري خابرن جو خيال ڪندا هئا، پر ٿوري ساهي پٽڻ کان پوءِ ڪم کي لڳي ويندا هئا. پر کين اها خبر ڪانه هئي ته سرڪار کي به سندن تياريءَ جي ٿوري گھڻي کڙڪ پئجي وئي هئي. جنهن ڪري هاڻي ته ڪيترن همراهن کي بندرگاھه تي پير رکندي سوگھو ڪيو پئي ويو. ان هوندي به پورهيتن جو چڱو چوکو انگ پوليس ۽ سرڪار کي اکين ۾ سرمو پائي نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان کان پوءِ مڙيئي پورهيت زير زمين (Under Ground) وڃي سونپيل ڪم کي وڃي لڳا.
    انهن ڏينهن ۾ هندوستاني سياست رڳو انگريز سرڪار کي عريضون موڪلڻ تائين محدود هئي ۽ ڪانگريس به انهيءَ زماني ۾ گڏجاڻيون ڪري ٺهراءُ بحال ڪرڻ واري چرپر تائين هئي. جيتوڻيڪ ڪانگريس ۾ ڪيترا محب وطن ماڻهو هئا پر انهن ڪڏهن پنهنجي خواب ۽ خيال ۾ به انگريز سرڪار خلاف هٿياربند هلچل ته ڇڏيو پر ڪنهن به سڌي قدم کڻڻ لاءِ ويچار به ڪونه ڪيو هيو. عام راءَ انهيءَ ويل تائين سياسي ميدان ۾ ڪونه آئي هئي. جنهن قومي جاڳرتا لاءِ سندن ورتاءُ ٿڌو ۽ ٿڪائيندڙ هيو.
    جڏهن پارٽيءَ جا مکيه اڳواڻ هندوستان پهتا ته چوطرف حالتون ڏسي ان راءِ تي پهتا ته ڏيهي ماڻهو جيڪي فوج ۾ ڀرتي ٿيل آهن انهن جي مدد سان، انگريز سرڪار کي هتان تڙي سگھجي ٿو. پارٽيءَ جي ميمبرن جو وڏو انگ پورهيتن جو هيو ۽ فوج ۾ به- جھجھو انگ سندن ڀائرن، مٽن مائٽن جو هيو. ٻئي پاسي وري هندوستاني فوجين کي گھڻو تڻو ملڪ کان ٻاهر اماڻيو پئي ويو، جنهن ڪري منجھن ناراضگي ۽ چڙ پيدا ٿي پئي هئي. ڏيهي فوجي، انگريز عملدارن جي حڪم تي سر وڃائڻ جي سخت خلاف هئا ڇو ته بالا آفيسرن جو ساڻن سلوڪ به نفرت ۽ ڌڪار ڀريل هيو. جڏهن غدر پارٽيءَ جا ڪارڪن ڏيهي فوجين سان لھه وچڙ ۾ آيا ته هو سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
    پر اهو سڄو سٽاءُ ڪجھ ماڻهن جي ڀاڙيائپ ۽ غداريءَ جي سبب ناڪام ٿيو ۽ انهيءَ سٽاءَ جي ناڪام ٿيڻ جو اصلي سبب ٻيو هيو: ته ان سڄي تياريءَ کي عام راءِ جي مڪمل پٺڀرائي ڪونه هئي. پر فوجين جي وسيلي انقلاب آڻڻ جو سانباهو هيو. انقلاب جي ناڪام ٿيڻ جي ڪري سوين سوريءَ سينگار ٿيا، ڪيترا جيل جي اونداهين ۾ واڙيا ۽ هزارن کي ملڪ کان ٻاهر گرفتار ڪيو ويو.
    جيترن به انقلابين کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏني وئي انهن ۾ سٺ ورهين جي پوڙهن ۽ مڇن جي ريھه ڦٽندڙ ڳڀرن کي به انگريز سرڪار نه بخشيو. هندوستان جي جيل ۽ انڊيمان جي ٻيٽ تي، انهن جوڌن جوانن سان ڏاڍ ۽ جبر جي انتها ڪئي وئي. ان کان سواءِ ڪيترا لوڀ لالچون ۽ انعام اڪرام سندن مضبوط عزم کي لوڏي نه سگھيا، پر پنهنجي حقن جي جدوجهد لاءِ اٺن ڄڻن انڊيمان ۾ پنهنجا پساھه پورا ڪيا.
    اهي سورهيه سرواڻ ويهن ورهين جي وڏي سزا ڪاٽڻ کان پوءءِ آزاد ٿيا ۽ هو جسماني طرح ته ڏٻرا ۽ ضعيف ٿي ويا هئا پر سندن حوصلا هماليه جي ڪيلاش پربت وانگر اٽل هئا- ايڏي عذاب ۽ پيڙا کان پوءِ به وري فيصلو ٿيو ته هٿياربند جدوجهد لاءِ وري ٻيهر تياري ڪجي.
    انهي تياريءَ ۾ پنهنجن ساٿين جي ڊگھي تجربي ۽ قرباني منجھن نئين سوڄ ۽ نئون لاڙو آندو هيو. آخر ڏيهي ۽ پرڏيهي حالتن ۽ سياسي اٿل پٿل کي پرکڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو وي ته پراڻا طور طريقا فرسوده ۽ بيڪار ٿي چڪا آهن ۽ جيستائين سڄي ملڪ جا رهواسي سجاڳ نه ٿيندا اوستائين ڪنهن به تحريڪ جو ڪامياب ٿيڻ ناممڪن آهي. انڪري اسان جي اصل فوج هاري، ناري ۽ پورهيت آهن جن جي حمايت ۽ پٺڀرائي سان پنهنجي مقصد کي ماڻي سگھجي ٿو.
    عام راءِ کي پنهجي پاسي موڙڻ ۾ نه رڳو انهن ماڻهن جو تجربو ۽ 1915- 1914ع وارا اصول شامل هئا پر سندن جوش جذبو، چاھه ۽ پاڻ ارپڻ به شامل هيو. انهن انقلابين جي قرباني جي ڪري ڪانگريس به ڪجھ نه ڪجھ خيالي پورالي دنيا منجھان نڪري حقيقتن کي سمجھڻ لڳي. هنن انقلابين نه رڳو پنجاب ۾ ساميواد تحريڪ(ڪميونسٽ تحريڪ) کي مظبوط ڪيو، پر هاري هلچل کي طاقتور بنائڻ ۾ وڏي هٿي ڏني.
    اهي آزاديءَ ڪوڏيا عمر جي لحاظ کان وڏا هئا. پر اتساھه ۽ ارپنا ساڳئي 1914ع واري آهي جنهن ۾ هر ڪو آزاديءَ جي محاذ تي وڙهڻ ۾ اڳڀرو هيو ۽ هينئر به ساڳئي ثابت قدمي سان ساٿ ڌڻي آهن. پر نون تجربن ۽ آدرشن پرائڻ ۾ به پوئڀرو ڪونه آهن. ۽ هاڻي آزادي جي ويڙھه ۾ هو سڀئي ساميواد جھنڊي هيٺان گڏ آهن.
    غدر پارٽيءَ جا مڙيئي سرواڻ جيڪي اڄ ساميواد پارٽي ۾ آهن سي گھڻو تڻو شهيد ڪرتار سنگھ جا ساٿي آهن، جنهن سوريءَ تي مرڪي ساھه ڏنو پر رحم جي اپيل ڪرڻ کان نابري واري ويٺو.

    سوري چڙهڻ سيج پسڻ، ايءُ ڪم عاشقن
    پاهون ڪين پسن، سائو هلن سامهون.
    (لطيف)

    انهن ساٿين جا نالا آهن سوهن سنگھ بکنا، بابا ڪيسر سنگھ، بابا اروڙ سنگھ، گرمگ سنگھ، پرٿوي سنگھ ۽ ٻيا. هر هڪ ساٿي پنهنجي جاءِ تي تاريخ جو هڪ مڪمل ورق آهي ۽ انهن سڀني ساٿين لاءِ پنجاب جي ٻهراڙين ۾ حد درجي جي عزت ۽ پيار آهي.
    1914ع ۾ جيڪي وهيو واپريو سو انهن ماڻهن جو ديس ڏانهن واپس ورڻ کان پوءِ ٿيو. انهن انقلابين جي قرباني سان ننڍي کنڊ جي جنتا ۾ سياسي جاڳرتا آئي، جنهن زورائتي هلچل جي صورت اختيار ڪئي. آزاديءَ جي لاٽ جيڪا هنن مانجھين ٻاري انجي روشنائي، اڄ سڄي ننڍي کنڊ ۾ چوڏس چوڌاري پکڙيل آهي- ۽ اڄ آزاديءَ جي ڏاڪي تي پهچڻ ۾ ويرم ڪانه لڳندي.
    اڄ تاريخ جي هن نازڪ وراڪي تي هنن سورهين جي سورهيائپ جو احوال ديس واسين لاءِ هڪ نئين دڳ جي سڃاڻپ ڏئي ٿو. هي اهي آزاديءَ جا متوالا آهن جن پنهنجو سڀ ڪجھ آزاديءَ جي ديويءَ جي قدمن ۾ نڇاور ڪيو ۽ پاڻ مٿان مصيبتون ۽ مامرا مرڪي سٺا.


    ” اجي ڪمار گھوش“
    ڊسمبر 1945ع


    روزگار جي وؤڙ

    اوڻويهين صديءَ جي پوئين ڏهاڪي ۾ ۽ ويهين صدي جي منڍ ۾، هزارين پنجابي سک ۽ مسلمان هاري، پوڙها ۽ نوجوان ڏيھه ڇڏي پرڏيھه روزگار جي وَؤڙَ ۾ روانا ٿيا، ڇاڪاڻ ته پنجاب جي سرزمين تي آدمين جي گھڻائي سبب، زمين جي ننڍن ٽڪرن کيڙڻ سان سندن پوراءُ ڪونه پئي ٿيو.
    اهو دور اقتصادي طور سخت اونداهو ۽ ڏڦيڙ وارو هيو. ڏيڍ سو ورهين پراڻي ڳٺل پيٺل، ناڪاره ۽ بدبودار بادشاهي سرشتي جي مڙني براين جا به اثر ظاهر ٿيڻ لڳا هئا. نون حاڪمن جي وارد ٿيڻ سان هندوستان جي اقتصادي حالت وڌيڪ پائمال ٿي رهي هئي ۽ ان جي جڳھه تي والار، ان کان به وڌيڪ بدتر اقتصادي سرشتو ڪري رهيو هيو. هٿ جو پورهيو ۽ ٻيا اڪيچار هنر پوين پساهن ۾ هئا، ۽ ان کان سواءِ زمين کسڻ ۽ هارين کي بيدخل ڪرڻ جي رفتار ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي، جنهن ڪري زراعت به تباهيءَ جي ڪناري تي اچي پهتي هئي. ساڳئي وقت وري ٻي مصيبت اچي منهن ڪڍيو جو ڪوڙن کاتن جي مٽاسٽا ۽ هٿراڌو قرضن مٿان قرض به پورهيتن کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. ڏڪار ته ماڳهين حالتن کي وڌيڪ ڀوائتو بڻائي ڇڏيو جنهن ڪري رهيو کُهيو زرعي اپڙاسو به ختم ٿي ويو.
    اهڙي لاچار ۽ نا اميدي وارين حالتن ۾ پنجاب جي هاري ۽ پورهيت لاءِ ٻيو ڪو به چارو ڪونه هيو ته اباڻا ڪک ڇڏي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي قسمت آزمائي ڪري. انهيءَ سبب ڪيترائي هاري ناري پنهنجا ڳھه ڳٺا گروي رکي، زرعي زمين جا رهيل ٽڪر نيلام ڪري ۽ ڍڳا ڍور وڪڻي پرڏيھه روانا ٿي ويا.
    اھا لڏپالڻ ويهين صديءَ جي اڳياڙي ۾ ته ڏاڍو زور وٺي وئي. اهي بي وطن ماڻهو سڄي دنيا جهڙوڪ: برما، ملايا، سينگاپور، هانگ ڪانگ، شنگھائي، چين جي ٻين ڀاڱن ۽ آسٽريليا ۾ ٽڙي پکڙي ويا ۽ هڏ ڪاٺ ۾ مظبوط ۽ جفاڪش هئڻ ڪري کين پوليس ۽ چوڪيدارن جي حيثيت ۾ جتي ڪٿي ڀرتي ڪيو ويو. ڪجھ همراھه جيڪي ٿورو گھڻو پئسو پنجڙ پاڇي ڪري کڻي آيا هئا انهن وري ننڍا دوڪان کوليا يا ٺيڪيداري شروع ڪئي. ٿوري مدي ۾ اهي لوڪ چڱو پئسو ڪمائي سک جو ساھه کڻڻ لائق ٿيا. پر ساڻن هڪ جٺ ٿي جو جنهن به ملڪ ۾ وڃي رهيا ته اتان جا اصلوڪا رهواسي کين سخت ڪروڌ ۽ ڪاوڙ منجھان ڏسڻ لڳا، ڇو ته اهي کين پنهنجن حقن تي ڌاڙيلن جي حيثيت ۾ سمجھندا هئا.
    انهيءَ سمي کين سُڌ پئي ته آمريڪا ۾ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سهولتون ۽ وڏيون پگھارون آهن. پوءِ به آزمودي خاطر ڪجھ ماڻهن جو جَٿو آمريڪا اُماڻيائون، جن کين وراڻي ۾ سٺي خبر موڪلي، ان کان پوءِ ته هندوستان جا انبوھه آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏانهن لڙي پيا. پهرئين مهاڀاري لڙائيءَ جي شروعات ۾ ته سندن انگ پندرنهن هزارن تائين وڃي پهتو هيو


    غلاميءَ جو طوق

    آمريڪا ۾ ڪارخانيدارن ۽ باغن جي مالڪن وٽان کين ٻن کان ٽن ڊالرن تائين چڱو چوکو روزانو ملندو هيو. انهي ڪمائي منجھان هو وڏو حصو بچائي رکندا هئا ڇاڪاڻ ته پاڻ آمريڪي مزدور جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محنتي ۽ گھٽ خرچائو هئا. ان سمي ائين ڏسڻ ۾ آيو ته آمريڪي ۽ هندوستانين وچ ۾ دنگو ۽ فساد اڻ ٽر هيو، پر ڇاڪاڻ ته اهو خوشحالي جو دور هيو جنهن ڪري ڪوبه اهڙو اڻ وڻندڙ واقعو ڪونه ٿيو.
    جڏهن 1907ع ۾ اقتصادي ڀونچال آيو بي روزگاري ۽ اجرت جي گھٽتائي هڻي وڃي هنڌ ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته آمريڪي پورهيتن پنهنجيون جماعتون ٺاهي سرمايه دارن خلاف مرڻ مارڻ جي جدوجهد شروع ڪئي. پر هندوستاني مزدور ان سڄي هلچل کي کٽراڳ سمجھي پاسيرو رهڻ لڳا. سندن ذهن ۾ اچي ويٺو ته هو رڳو پئسو ڪمائڻ خاطر آيا آهن، جنهن ڪري آمريڪي سرمائيدار کين ڏيهي مزدور خلاف استعمال ڪيو. ان سبب هڪ لڱا ماڳهين ريلوي جي هڙتال هندوستانين جي مخالفت ڪري ناڪام ٿي، ۽ ردعمل ۾ آمريڪي مزدورن جي ذهن ۾ هندوستانين لاءِ نفرت ۽ ڦٽڪار جو جذبو وڌي ويو. آمريڪي پورهيت، پنهنجن ساٿين سان جٿن جي شڪل ۾ هندوستانين جي وسندين تي حملا ڪرڻ لڳا. هندوستاني مزدور به سينٽ جان، ٽيڪوما، وليم ۽ ٻين شهرن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا ۽ اتان آمريڪي مزدور کين کڻي سڃن ۽ ڀڙپانگ جاين تي ڦٽو ڪري ايندا هئا.
    آمريڪا منجھان في الحال ته اقتصادي ڀونچال ختم ٿي ويو ۽ مزدورن جون ارھه زورايون به بند ٿي ويون. پر ان هوندي به هندوستانين لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جو جذبو ڏيهي ماڻهن ۾ گھٽ ڪونه ٿيو. هونئن ته آمريڪن جو سلوڪ ايشيا ۽ يورپ منجھان لڏي آيلن سان تمام اڍنگو هيو پر هندوستانين تي مڙيئي وڌيڪ جڪ کائيندا هئا. ان جو مکيه ڪارڻ ائين چئي سگھجي ٿو ته ٻين ملڪن جا رهواسي گھڻو ڪري آزاد قوم جا فرد هئا جنهن ڪري سندن سرڪار ٿوري ٿڪي اتفاق تي به ڪن کڙا ڪندي هئي. ائين ئي هڪ ڀيري ڪيليفورنيا جي ڪجھ مزدورن، جپاني مزدورن سان ڏاڍائي ڪئي، جنهن تي جپان سرڪار اعتراض ڪيو. آخرڪار آمريڪي حڪومت نقصان جو معاوضو ڀري ڏنو. پر ان جي ابتڙ اهڙي ساڳئي واردات هندوستاني مزدورن سان ٿي ته انگريز سرڪار پنهنجي غلام رعيت مان هٿ ڪڍي ويهي رهي ۽ سخت اڻڄاڻائي ۽ واهيات پڻي جو ورتاءُ اختيار ڪيو. اهو پهريون موقعو هيو جو هند واسين کي سختي سان محسوس ٿيو ته هو هڪ غلام قوم جا فرد آهن.
    آمريڪا منجھ هندوستاني گھڻو ڪري، ڪيليفورنيا، آرن ۽ واشنگٽن ۾ سٿيا پيا هئا. انهن آبادڪارن ۾ جوالا سنگھ، واسا سنگھ، سنتوش سنگھ، ڪيسر سنگھ، سوهن سنگھ بکنا، عيشي رام ۽ ٻين چڱو چوکو پئسو ڪمايو هيو. پر پنهنجي چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺائون ته پئسي هئڻ سبب به سندن عزت ۾ ڪوبه واڌارو ڪونه ٿيو هيو. پر هر هڪ ڏيهي لوڪ گھڻي ڀاڱي کين نفرت ۽ ڌڪار سان ڏسندو هيو. اهڙيءَ ريت ڪهڙي به جاءِ، هوٽل هجي، ريل گاڏي جو سفر هجي، سئنيما گھر هجي، هر هنڌ کين گھٽ درجي جو شهري سمجھيو ويندو هيو- ڪيترن مکيه جااين ۽ تاريخ گاهن تي تختي لڳل هوندي هئي ته ”هندوستانين ۽ ڪتن جي اچڻ تي بندش آهي.“ هڪ لڱا هوٽل ۾ اڇي چمڙيءَ واري سوهن بکنا سان ويهڻ کان انڪار ڪيو. هڪ گوري، ڪيسر سنگھ کي نوڪري گھرڻ تان جواب ڏنو ته “تون نوڪريءَ جي بجاءِ گولي هڻڻ جي لائق آهين.“ ڪيترائي آمريڪي هندوستانين مٿان ٺٺوليون ڪندا هئا ته اوهين ٽيھه ڪروڙ ماڻهو آهيو يا رڍن جو ڌڻ جو ٿورائي وارا اوهان تي راڄ ڪن ٿا.
    اهو نفرت جو سلسلو ائين پئي هليو. پورهيتن ۾ ڪجھ آمريڪي هندوستانين سان همدردي به رکندا هئا. پر اهي به لڪ چوري ائين چوڻ کان ڪونه مڙندا هئا ته غلامي هڪ وڏو لعنت جو طوق آهي ۽ اوهان بدنصيبي سان غلام آهيو. بهرحال انهن ورهين ۾ جيڪي وهيو واپريو سو سڀ ڪجھ هندوستانين جي ذهن تي چٽجي ويو ته هو غلام قوم جا غلام جيتامڙا آهن.
    ڪئناڊا ۾ به ساڻن ساڳئي جٺ هئي. سرڪار کين سخت واهيات ۽ گندگي واري جاءِ تي رهڻ لاءِ مجبور ڪيو. پر هندوستانين منجھان ڪجھ همراھه جڏهناهڙي ڪين جهڙي رهائش تي پهتا ته اتي رهڻ کان نابري واري ويٺا. ان کان پوءِ ڪئناڊا سرڪار 1910ع ۾ لڏ پلاڻ وارو نئون قانون جاري ڪيو. جنهن مطابق ڪئناڊا ۾ ايندڙ شخص لاءِ اهو ضروري هيو ته کيس ٻه سو ڊالر هجن ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ هئڻ به ضروري آهي. اهو قانون رڳو هندوستانين کي دلشڪستو ڪرڻ ۽ ذهني عذاب ڏيڻ لاءِ هئو ته اهڙي غلام ملڪ جا رهواسي آهن، جن وٽ نه پنهنجي جهاز راني آهي ۽ نه وري ڪوبه ساهوارو سندن حقن جو بچاءُ ڪري سگھي ٿو.


    نئين ذهني اوسر

    آمريڪا ۾ جمهوريت ۽ آزادي جي ماحول کي ڏسي هندوستاني لوڪن ۾ نڌڻڪائپ جو سخت احساس پيدا ٿيو. هڪ جمهوري ۽ آزاد ملڪ ۾ سياسي برابري، هر هڪ شهري لاءِ هڪجھڙا حق، آزاديءَ سان هر چڱي ڪم ڪرڻ جي موڪل، هندوستانين ۾ گھٽ درجي ۽ ڪمتر هئڻ جي احساس کي هٿي پئي ڏني. جنهنڪري چوڦيرو جمهوريت ۽ آزاديءَ کي ڏسي پسي، پاڻ لاءِ قومي طور ٻوسٽ ۽ بدتري پسي، منجهن آزادي جي لاءِ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ اتساھه پيدا ٿيڻ لڳو. ان کان سواءِ پنهنجي آس پاس ڌرتي جي گولي تي ملڪن جھڙوڪ آئر لينڊ، چين، مصر ۽ ترڪي ۾ قومي تحريڪن به منجھن وڏي چاهنا پيدا ڪئي. پوءِ ته مولوي برڪت الله ۽ هرديال سنگھ وارن ڪوشش ڪري ڇڙواڳ قسم جي ٺهيل گروهن کي صحتمند طور طريقن تي منظم ڪيو. جلد ئي ڪئليفورنيا ۽ وئنڪور جي گردوارن ۾ سياسي گڏجاڻيون ٿيڻ لڳيون.
    ڪئليفورنيا جي باغن ۽ واشنگٽن ۽ آرن جي ڪارخانن ۾ جيڪي هڪ ٻئي کان ڪوهين ڏور هئا اتي برطانيه سرڪار خلاف هڪ انقلاب جي تياري ٿيڻ لڳي.
    هاڻي اهو وقت اچي پهتو هيو جنهن ۾ - هندوستاني لوڪن کي منظم ۽ صحيح سوچ تي هلچل هلائڻ جو وَجھ مليو هيو.


    غدر پارٽي

    هندوستانين کي گڏي هڪ پليٽفارم تان تحريڪ هلائڻ ۾ سڀ کان اڳ ۾ وقتائڻو قدم کڻندڙ بابا سوهن سنگھ بکنا هيو، جيڪو Astoria ۾ هڪ چير جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هيو. 13 مارچ 1913ع جي پهرين گڏجاڻي ۾ 120 ڄڻا آيا، جنهن ۾ چاليھه ڄڻا واشنگٽن ۾ باقي (Oregon) جي ڪارخانن منجھان آيل هئا. انهيءَ کان پوءِ سٽاءَ موجب ٻي گڏجاڻي سان فرانسِسڪو ۾ پهرين نومبر 1913 ۾ رکي وئي، جنهن ۾ پندرنهن هزار ڊالر چندو گڏ ڪيو ويو. اهو به يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته جنگ آزادي(1857ع) جي شهيدن جي ياد ۾ هڪ هفتيوار اخبار ”غدر“ هندي، اردو، مرهٽي ۽ گرمکي ۾ ڇپائجي. انهيءَ اخبار جي ڪري جماعت تي به نالو ”غدر پارٽي“ رکيو ويو.
    غدر پارٽيءَ جي بنياد رکڻ ۾ هيٺين ساٿين جا نالا ذڪر لائق آهن.
    (1) سوهن سنگھ بکنا (2) جوالا سنگھ (3) واسکا سنگھ (4) سنتوش سنگھ (5) ڪرتار سنگھ (6) ڪيسر سنگھ (7) پرٿوي سنگھ (8) اروڙ سنگھ (9) ناٿن سنگھ مهيسري (10) ڪانشي رام (11) ناٿن سنگھ ڇُڳا (12) جڳترام (13) ڪرم سنگھ (14) ڀاڳ سنگھ ڪئناڊا (15) شير سنگھ (16) لال سنگھ (17) اُڌام سنگھ (18) سنتا سنگھ (19) هرنام سنگھ. هي اسان جي تاريخ جا اهي جوڌا جوان آهن، جن پنهنجي حياتيءَ جو رَتُ ۽ سَتُ آزاديءَ جي ديويءَ جي قدمن ۾ قربان ڪيو.
    غدر پارٽيءَ جي مکيه گڏجاڻيءَ ۾ ٺهراءُ بحال ڪيو ويو ته، اسان جو مول ۽ متو آهي ته برطانوي سامراج جو انت آڻي انهيءَ جي جاءِ تي عوامي راڄ قائم ڪجي، جنهن ۾ هڪ جهڙائي ۽ آزادي هجي. پارٽيءَ جي هر ڪنهن ڪارڪن لاءِ لازم آهي ته دنيا جي جنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندو هجي اتي غلاميءَ جي خلاف جدوجهد ڪندو رهي ۽ اهو مقصد رڳو قومي سطح تي هٿياربند جدوجهد سان ماڻي سگھجي ٿو.
    ساڳئي گڏجاڻيءَ ۾ سوهن سنگھ بکنا کي صدر ۽ هرديال سنگھ کي جنرل سيڪريٽري ترتيب وار چونڊيو ويو. جڏهن ته جوالا سنگھ ۽ ڪيسر سنگھ کي نائب صدر جي عهدن لاءِ چونڊيو ويو. ساڳئي ريت ڪانشي رام خزانچي ۽ منشي رام کي آرگنائيزنگ سيڪريٽري چونڊيو ويو. هڪ جوڙجڪ ڪميٽي به ٺاهي وئي ۽ هڪ ٽه رڪني ڪميٽي مخفي ڪمن هلائڻ لاءِ به جوڙي وئي. هرديال سنگھ کي اخبار ۾ مدد طور ڪرتار سنگھ سرڀا، هرنام سنگھ ۽ جڳت رام ڏنا ويا.
    غدر پاٽيءَ جي مرڪزي آفيس سان فرانسسڪو جي 436 - جابلو گھٽي (Hill street) ۾ جوگينتر آشرم نالي سان کولي وئي. پوءِ 1918ع ۾ 5 - ڪاٺ گھٽي (Wood street) ۾ پنھنجي آفيس ٺھي راس ٿي ته مرڪزي آفيس اوڏانهن منتقل ڪئي وئي.
    نومبر جي آخر ۾ ”غدر“ اخبار جي پهرين ڪاپي بزار ۾ آندي وئي، جنهن ۾ برطانوي سامراج جي خلاف سخت کان سخت ورتاءُ اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي هئي. جيڪي به هن مهل تائين ڏاڍ، جبر ۽ ظلم هندوستانين مٿان ٿيا هئا انهن جي وچور پيرائتي نموني ڏني وئي هئي. ٿوري وقت ۾ پارٽي ميمبرن جو انگ پنجن هزارن کان به مٿي ٽپي ويو هيو. پارٽي جي ڪارڪنن ڦڙي ڦڙي تلاءُ ڪرڻ واري پهاڪي تي عمل ڪندي چڱو خاصو پئسو گڏ ڪيو. پارٽي جي اڳواڻن کي چڱي ريت احساس هيو ته اهو پئسو ڪيڏي نه جاکوڙ سان غريبن جي پورهئي ۽ پگھر مان ڪٺو ڪيل آهي. انهن اڳواڻن جي وري ايمانداري ۽ سادگيءَ جي اها حالت هئي جو ٿوري اجوري تي پنهنجو ڏينهن رات پارٽيءَ لاءِ ارپي ڇڏيو هيو.
    غدر پارٽي ۽ سندس اخبار مهينن ۾ ڪئناڊا، ملايا، جپان، چين، فجي ۽ ارجنٽائين ۾ وڃي پهتي، ۽ هندوستان ۾ به پارٽي پنهنجا پير ڄمائڻ لڳي. ٿوري عرصي ۾ پارٽي جون آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ 72 برانچون کلي ويون. پارٽي ٻين ملڪن جهڙوڪ: روس، چين ۽ آئرلينڊ ۾ آزادي لاءِ وڙهندڙ سورمن سان لاڳاپا وڌايا ۽ سندن حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    انقلابي جدوجهد لاءِ ڪارڪنن پنهنجون گھرجون گھٽتائي ڇڏيون جو ”جو گينتر آشرم“ ۾ 25 ڄڻن جو جٿو روزانو ٻه ڊالر خرچ ڪندو هيو ۽ ٻي سڀ آمدني پارٽي لاءِ وقف هوندي هئي. ائين پئي سمجھ ۾ آيو ته انهي نموني جي رهڻي ڪهڻي ۽ رات ڏينهن جدوجهد ڪرڻ سان اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن آزادي جو سج پنهنجي ڦوھه سان اُڀرندو.
    ان هوندي به وڏي خامي جيڪا پارٽي ۾ هئي ته هڪ عوامي تحريڪ هلائڻ جي ابتڙ پارٽي سازش ۽ اندروني ڀڃ ڊاھه پئدا ڪري پنهنجو مطلب حاصل ڪرڻ پئي گھريو. انهي طرح جي ڀڃ ڊاھه واري سٽاءَ جي برطانيا سرڪار کي اڳ ۾ ئي کڙڪ پئجي وئي هئي، ۽ سرڪار ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳ ۾ ئي هٿيار پنهوار تکا ڪيو تيار ويٺي هئي. سرڪار پئسي جي زور تي لوڀي پنڊتن کي گردوارن ۾ خريد ڪيو. پوءِ ته اهي مذهبي مهندار آشرمن ۽ گردوارن ۾ رهواسين جي ڪنن ۾ انقلابين خلاف زهر اوتڻ لڳا. انهن مذهبي مهندارن پنهنجي واهياتپڻ جي اها حد ڪئي جو هندوستانين جي هر چڱي ڪم جي مخالفت ڪرڻ لڳا.
    مارچ 1914ع ۾ هرديال کي سرڪار ”اڻ وڻندڙ شخصيت“ قرار ڏنو. پر پارٽي وارن ڪوشش ڪري سندس ضمانت کڻائي ۽ کين سوئزرليند ڀڄائي ڇڏيو.
    هرديال انهي کانپوءِ پارٽيءَ سان پنهنجا ناتا رکي نه سگھيو. پر آزادي جو ستل طوفان آمريڪا ۾ هوريان ڏاڍيان سانباهو ڪرڻ لڳو ۽ پارٽي ڏينهون ڏينهن ٻلواڻ ٿيندي وئي. انهي سمي ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي جا ڪارا ڪڪر سڄي يورپ ۾ ڪَرُ کڻڻ لڳا هئا.


    ڪوما گاٽا مارو

    ڪئناڊا جي 1910ع واري ”لڏ پلاڻ قانون“ نه رڳو آئنده لاءِ لڏ پلاڻ کي ختم ڪري ڇڏيو. پر اهي هڙيئي هندوستاني جيڪي برما، ملايا، سنگاپور ۽ چين منجھان ڪئناڊا اچڻ لاءِ آتا هئا، سي به رڪجي پيا. مختلف ملڪن منجھان ايندڙ لوڪ گھڻي قدر سرندي پڄندي وارا ڪونه هئا، پر اهي مسڪين هئا جيڪي پنهنجو الهو تلهو وڪڻي يا گروي رکي اباڻو ملڪ ڇڏي آيا هئا. ڪئناڊا ۾ ڪيترا اهڙا به رهواسي هئا جيڪي ڳچ وقت کان رهندا پئي آيا. پر سرڪار انهن جي آيل ٻارن، زالن ۽ مائرن کي به ڪجھ ڏينهن ڪناري تي ترسائي واپس ڪيو، انهن بيهودگي واري هلت جي ڪري هندوستانين منجھ سخت تاءُ پيدا ٿيو جنهن ڪري مظاهرا به ٿيا، ۽ جڏهن هڪ وفد هندوستان جي رياستي سيڪريٽري(Secretary of State) سان ملڻ ويو ته ان مورڳو ئي ملڻ کان انڪار ڪيو.
    ٻئي پاسي ڪئناڊا جي سرڪار ڪنهن به قسم جي نرمي اختيار ڪرڻ کان پِڙُ ڪڍي ويٺي ۽ پنهنجي ڪيل فيصلي کي پهريون ۽ آخري قدم ڄاڻايو.
    هوڏانهن هندوستان ۾ اهي ماڻهو به سخت پريشاني ۽ مايوسي ۾ مبتلا ٿيا جيڪي روزگار سانگي پنهنجو سڀ ڪجھ وڪڻي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ويٺا هئي. آخر آمريڪا ۽ ڪئناڊا مان ڦوڙي ڪري، هڪ جپاني جهاز ڪوما گاٽومارو کي هانگ ڪانگ منجھان ڀاڙي تي حاصل ڪيو ويو، ۽ جهاز ۾ سونهين جي حيثيت سان بابا گرودت سنگھ هيو. اٽڪل 400 مسافر سنگاپور ۽ ڪلڪتي منجھان جهاز ۾ سوار ٿيا، ۽ اهو جهاز 14 اپريل 1914ع تي ڪئناڊا روانو ٿيو ۽ 23 مئي تي وِئنڪور پهتو. نئين لڏپلاڻ جي روءِ مطابق سڀني مسافرن جا ڪاغذ پَٽَ درست هئا پر تڏهن به ڪئناڊآ سرڪار جهاز کي ماڳهين بندرگاھه تي اچڻ کان ئي روڪيو ۽ حڪم ڏنو ته جهاز جو منهن هڪدم هندوستان ڏانهن موڙيو وڃي.
    جهاز جي مسافرن اهو حڪم سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو ۽ پٺتي موٽڻ کان انڪار ڪيو. جهاز ڪيترائي ڏهاڙا سمنڊ ۾ بيٺو رهيو ۽ آخر جهاز منجھان مٺي پاڻي جو ذخيرو به ختم ٿيڻ لڳو. اهڙي حالت ۾ به مسافر پنهنجي هوڏ ۽ ضد تي اٽل رهيا جنهن ڪري ڪئناڊآ سرڪار طاقت ڪتب آڻڻ جي ڌمڪي ڏني. ان کانپوءِ ڪئناڊآ جي فوج جهاز کي وڪوڙي وئي ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن هو (مسافر) جهاز سوڌا نه ورندا ته کين گولين جي زور تي موٽايو ويندو.
    ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ هندوستانين ٻاويھه هزار ڊالر جهاز جي مسافرن جي بچاءَ ۽ رهيل ڀاڙي ادا ڪرڻ لاءِ گڏ ڪيا ۽ ان کانسواءِ جلسا ۽ جلوس جهاز جي مسافرن جي حمايت ۾ ڪڍيا ويا ۽ ڪئناڊا ۾ ته طاقت استعمال ڪرڻ جي مڪمل تياري ڪئي وئي. انهيءَ ويل ته هندوستاني لوڪ ماڳهين آپي کان ٻاهر نڪري ويا جڏهن کين ڄاڻ پئي ته جيڪڏهن جهاز پٺتي نه موٽيو ته جهاز تي گولين جو مينهن وسايو ويندو. ان کان پوءِ هڪدم وئنڪور جي گردواري ۾ چار هزار هندوستاني گڏ ٿيا ۽ يڪراءِ فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن ڪوما گاٽامارو تي بارود جي طاقت آزمائي وئي ته سڄي شهر کي باھه ڏني ويندي- جڏهن ڪئناڊا سرڪار کي انهي فيصلي جي سڻس پئي ته سندن ڍڍر ڍرا ٿي ويا.
    هوڏانهن جهاز جي مسافرن جي حالت پاڻي ء۽ کاڌي جي کوٽ سبب رحم جوڳي بڻجي چڪي هئي جنهن ڪري مسافرن پنهنجي جدوجهد کي مستقل رکڻ ۾ مونجھارو ٿيڻ لڳو. نيٺ 23 جولاءِ تي جهاز وارن کي سخت بيوسي ۽ لاچاري جي حالت ۾ موٽڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ڪئناڊا سرڪار سڀني مسافرن جي ڀاڙي ۽ هلڪي سلڪي خرچ جو ذمو پاڻ تي کنيو.
    انهي موٽندڙ ڪوما گاٽامورو جي حالت اُن جهاز وانگر هئي جنهن ۾ مسافرن جي اڳيان باھه ۽ پويان پاڻي هجي، ڇو ته جهاز ۾ سوار مسافرن جو ڪوبه آئندو ڪونه هيو. ان سبب مسافرن ۾ سخت تاءُ ۽ ڌڪار هئي ڇوته انهي ويڌن ۽ جُٺِ جو ڪارڻ برطانوي سامراج هيو ۽ ان منجھان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جو آخري دڳ هيو ته برطانوي سامراج کي ختم ڪجي. انهي جوش ۽ جولان جي اڳواڻي نوجوان گرمگ سنگھ ڪري رهيو هيو.
    غدر پارٽي جهاز جي ڏتڙيل مسافرن لاءِ هَڙان وڙان وَس آهر سڀ ڪجھ ڪيو پر تڏهن به سندن دل ۾ پنهنجي ديس واسين سان ٿيل غير انساني سلوڪ جي ڪري سخت ناراضپو هيو ۽ سندن دلين ۾ ورهين کان سانڀيل نفرت جو لاوا پچي راس ٿي چڪو هيو. سندن راءِ موجب انهي سرڪار کي ڪنهن به حالت ۾ رهڻ جو حق ڪو نه هئو جنهن سندن هيڏي بي عزتي ڪرائي هئي.


    وطن ڏانهن ورڻ

    غدر پارٽي هندوستانين کي ڏيساور ۾ اڃان چڱي ريت منظم ڪونه ڪيو هيو پر تڏهن به وس آهر گھڻو ڪم ڪيو هيو. تمام ٿوري عرصي ۾ آزاديءَ جي ڇڪ انهن ڏيھه کان ڏور ماڻهن ۾ وڏي جاڳرتا آڻي ڇڏي جو ساڙ، ڪينو، ڪروڌ ۽ هڪ ٻئي تي چڙهت جي عمل جي ابتڙ منجھن ايڪتا جو احساس پيدا ٿيو ۽ پاڻ کي هڪ برادريءَ جو سمجھي هڪ سوچ لاءِ وکون وڌائڻ لڳا. هڪ ٻئي جي گلا غيبت ڪرڻ ۽ هڙتالون ناڪام ڪرائڻ جي برعڪس مزدور سڀائون ٺاهڻ لڳا. جيڪي هندوستاني لوڪ اڳ ۾ نشو واپرائي وحشي ۽ اڙٻنگ ڍڳن ڍورن وانگر وڙهندا هئا، سي انهن براين کان پاسو ڪرڻ لڳا، ۽ اهڙن بيهودگي جي ڪم ڪارين کي هاڻي قومي بي عزتي سمجھڻ لڳا. هاڻي هو چند ڊالرن ڪمائڻ جي پويان ڪونه هئا پر پنهنجي وطن لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ لاءِ آتا هئا، جنهن ڪري آمريڪي به کين عزت ۽ مانَ ڀرين نظرن سان ڏسندا هئا. ٽي آمريڪي جن ۾ هڪ عورت به هئي هندوستان ۾ آزاديءَ جي ويڙھه ۾ ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿيڻ به آيا هئا، پر برطانيه سرڪار کين ڪنهن هيلي بهاني سان گرفتار ڪري موٽائي موڪليو. آمريڪي سرمايه دار جيڪي هندوستاني لوڪن کي رڍن ۽ ٻڪرين کان وڌيڪ اهميت ڪونه ڏيندا هئا، سي به کين هاڻي اچرج ڀرين نظرن سان ڏسندا هئا.
    هونئن به 1913ع جي اڳياڙي ۽ غدر پارٽي جو ٽه رڪني جٿو هندوستان ۾ برطانوي سامراج خلاف پرچار ڪرڻ لاءِ پهچي چڪا هئا. غدر پارٽيءَ کي اها چڱي ريت ڄاڻ هئي ته برطانيه خلاف سندن تيارين کي آمريڪا کان ئي پيڇو ڪيو پيو ويو. پر هن ڪوما گاٽا واري حادثي ته مورڳو ئي باھه تي گاسليٽ جو ڪم ڪيو ۽ هندوستاني لوڪن جي دلين ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا ڀڀڙ ڀڙڪڻ لڳا. ان کان پوءِ ته لڙائيءَ جي سانباهي کي وڌيڪ تکو ڪيو ويو ۽ آمريڪا ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪيون ويون جنهن ۾ هزارين ماڻهن رضاڪارانه طور سڄي ذميواري ۾ هٿ ونڊائڻ جي آڇ ڪئي.
    بابا سوهن سنگھ بکنا ته ڪوما گاٽامارو جي مسافرن سان رلجي پوئتي موٽيو. ٻيو جٿو جنهن ۾ مکيه شخص ڪرتار سنگھ سرڀا، پرٿوي سنگھ، ڪرمسنگھ چيما، جوالا سنگھ، اوڙ سنگھ ۽ ٻيا هئا، سي پهرين مهاڀاري لڙائي ڇڙڻ کان پوءِ هڪدم وطن پهتا. پارٽي وارن جي ويچار موجب ته هاڻي اهو سمو اچي ويجھو پهتو آهي جنهن لاءِ هي سڄي نسبت ڪئي وئي هئي ۽ ان ڪري سڀني ساٿين کي حڪم مليو ته هڪدم وطن ڏانهن موٽي اچن.
    پنهنجن گھرن ڏانهن لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. هزارين همراھه پنهنجيون ڪمائتون نوڪريون، ڌنڌا ڌاڙي ۽ لکين ڊالرن جون ملڪيتون جيڪي هنن ورهين جي محنت ۽ مشقت کان پوءِ ٺاهيون هيون انهن تان هٿ کڻي ورتو. جيڪڏهن ڪجھ سامان ساڻ کنيائون ته اهي رڳو هٿيار هئا جيڪي سندن قيمتي سرمايو هئا.
    موٽندڙن کي هندوستاني صورحال جي پوري ڄاڻ ڪونه هئي، پر سندن ذهن ۾ هڪ خيال ويٺل هيو ته هي قيمتي وقت پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ وري ڪونه ايندو. اسان کي مرڻو ته ضرور آهي پر مرڻ کان اڳ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو وڏو ڌماڪو ڪرڻ ضروري آهي.
    جپان ۾ مولوي برڪت الله، شانگھائيءَ ۾ مٿرا سنگھ ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڀڳوان سنگھ هئا، جن غدر پارٽيءَ جو آفيسون کوليون هيون پر هاڻي سڀ ڪو ڏيساور ۾ رهندڙ هندوستاني، وطن ڏانهن واپس ورڻ لڳو ۽ رستي ۾ هرهڪ هندوستاني ديس واسين کي پوئتي موٽڻ لاءِ چئي رهيو هيو ۽ کين خوشخبري ٻڌائي پئي ته ستت ئي هٿياربند جدوجهد وسيلي اسين پنهنجو مول مقصد ماڻڻ وارا آهيون. انهي پرچار ڪرڻ ۾ وڏو هٿ گوجر سنگھ ۽ سچا سنگھ جو هيو.
    واپس موٽندي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل انڊيمان ٻيٽن وٽان لنگھندي برطانوي سامراج جي دهشت گردي جي يادگار کي به ڏسندا پئي ويا. اتان لنگھندي خيالن ۾ ڏسڻ لڳا ته انهن قبر جهڙي ٻاٽ اونداهين ۾ وطن جا جوڌا ٻيڙيون ۽ هٿ ڪڙيون پايو ويٺا آهن. اهو ويچار ڪندي سندن اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ پوءِ به سندن اندر جي آس هئي ته اي غلام وطن جا رهواسيو اسين اچي ويا آهيون ۽ ڄاڻ اهي غلامي جا زنجير ٽٽي پوندا:
    اَڄ ڄاڻ ٽٽي زنجير پيا، پوءِ زندان جو ڇا ٿيندو؟
    جن مظلومن تي وار ڪيا، تن شيطانن جو ڇا ٿيندو؟
    ”دوست“
    انهن سڀني منجھان ڪن ٿورن همراهن کي ذهن ۾ چٽي ريت ويٺل هيو ته جيڪڏهن پنهنجي جدوجهد ۾ ماڳ ماڻي نه سگھياسون ته شايد اسين به انهن دهشت ۽ ڏهڪاءَ وارن بُهرن (Cells) ۾ موٽي اچون.


    گولين سان آڌرڀاءُ

    برطانيه سرڪار انقلاب جو سنيهو کڻي ايندڙن مان گھڻو تڻو سڀني کان واقف هئي. سرڪاري جاسوس ۽ چغل به غدر پارٽيءَ ۾ چڱو خاصو اثر رسوخ رکندڙ هئا. انهن منجھان رامچندر به هڪ هيو. پارٽيءَ وارن به گھڻو ڪري پنهنجي مول متن ۽ هلچل کي مخفي ڪونه رکيو هيو. ٻيو ڪارڻ هيو ته سخت جوش ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري همراھه ملڪ موٽڻ واري اصل فيصلي کي لڪائي نه سگھيا. ان کان سواءِ سرڪاري چغلن به سٽاءَ سان انقلابين جو پيرو هانگ ڪانگ کان کڻڻ شروع ڪيو هيو. ڪلڪتي ۾ کين فوج ۽ پوليس جي پهري هيٺ بيهاريل ريل گاڏين ۾ بنان ڪنهن تهمت جي سٿيو ويو.
    ڪوما گاٽامارو 27 سيپٽمبر تي هگلي ندي ۾ پهتو ۽ 29 سيٽمبر تي صبح جو يارهين وڳي بَج بَج جي بندرگاھه تي لنگر لاٿو. انهي جهاز جي مسافرن کي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ به لهڻ نه ڏنو ويو. بهرحال جڏهن مسافرن کي جهاز منجھان لهي ريل گاڏين ۾ سوار ٿيڻ لاءِ چيو ته هو پِڙُ ڪڍي بيهي رهيا. جنهن ڪري اتي ئي پوليس ۽ مسافرن جي وچ ۾ جھڙپ ٿي ۽ ارڙنهن ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا، 31 ڄڻن کي ريل گاڏي ۾ سٿيو ويو ۽ ٽيهارو کن گرودت سنگھ جي اڳواڻي هيٺ گھيرو ڀڃي نڪري ويا.
    بَج بَج جي بندرگاه تي ريٽي رت جو ٻليدان ڏيڻ وارن شهيدن جي مَانَ ۾ قومي گيت ٺهي سڄي هندوستان ۾ پکڙجي ويا.
    ٻيا هندوستاني جيڪي اڃان تائين پوئتي شنگھائي، هانگ ڪانگ، بينڪاڪ ۽ رنگون ۾ ترسيل هئا تن کي جڏهن اهڙي وحشيائپ ۽ ڏاڍ جي خبر پئي ته ماڳهين هو آپي کان ٻاهر نڪري ويا ۽ سندن دلين ۾ به پلاند وٺڻ جي آنڌ مانڌ اڳ کان به وڌيڪ ڀڙڪا ڏيڻ لڳي. پر ساڳئي وقت احتياط سان ڪم ڪرڻ لاءِ سوچ ۽ ويچار به ڪيو ويو. چين جي انقلابين سان به پارٽيءَ وارن جا ناتا هئا انهن به کين اٻهرائپ ۾ ڪنهن به قدم کڻڻ کان منع ڪئي، تنهن ڪري هندوستانين وٽ جيڪي به هٿيار هئا، سي مصلحت خاطر چين جي انقلابين کي ڏئي ڇڏيائون. آخرڪار فيصلو ٿيو ته برما کان ننڍن جٿن جي صورت ۾ هو هندوستان ۾ داخل ٿين ۽ پوءِ سرڪاري ڪارندن کي گوهيون ڏئي نڪري وڃي پنهنجي ڪم ڪار سان لڳن.
    پر ان احتياط ڪرڻ ۾ به کين چرڪُو (دير) ٿي وئي هئي ڇاڪاڻ ته سوهن سنگھ بکنا جي پڪڙجڻ کان پوءِ ته سرڪار سڀني رستن ۽ چوواٽن تي چوڪسي مضبوط ڪري ڇڏي. انهي کان سواءِ ٽوسامارو(Tosa Maro) نالي هڪ ٻئي جهاز ۾ سوار ٿيل 173 مسافرن کي زمين تي پير لڳڻ کان اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو.
    انهي پوئين کيپ ۾ گھڻو ڪري پارٽي جا مکيه ڪارڪن هئا جنهن ڪري 73 ڄڻن کي اٻوجھ ۽ اياڻو سمجھي ڇڏيو، باقي ٻين کي منٽگمري (موجوده ساهيوال) ۽ ملتان جي مکيه جيلن ڏانهن اماڻيو ويو.*
    وطن واپس ورندڙن منجھان 3125 ڄڻن کي پوليس جي پڇا ڳاڇا مان لنگھڻو پيو، جن مان هڪ هزار ڄڻا يا ته جلاوطن ڪيا ويا يا جيلن ۾ موڪليا ويا. ٻن ورهين جي مدي ۾ اٽڪل اٺ هزار انقلابي هندوستان موٽي آيا ۽ پارٽي جي ميمبرن جو انگ يارنهن هزارن تائين وڃي رسيو هيو. انهن منجھان به 400 ڄڻن کي جيل ياترا لاءِ موڪليو ويو ۽ 2500 ڄڻن کي جلاوطن ڪيو ويو.
    --------------------------------------------------------------------------------------------------
    *هڪڙي ڀيري ملتان جي جيل ۾، جليانه والا باغ ۾ هندوستان وارن جو قهري ڪوس ڪرائيندڙ پنجاب جو گورنر مائيڪل ڊائر آيو، جڏهن جنرل ڊائر قيد ۾ پيل انقلابين جي آڏو آيو ته هٺ ۽ وڏائي سان ڪنڌ تاڻي چوڻ لڳو، ”توهان پنجاب کي آزاد ڪرائڻ گھرو ٿا ۽ سمجھو ٿا ته پنجاب اوهان جو آهي.“ تنهن تي هڪ انقلابي وراڻيس ته ”نه رڳو پنجاب پر سڄو هندوستان آزاد ڪرائينداسون ۽ عوامي راڄ قائم ڪنداسون. پنهنجي ڪتاب ”هندوستان کي جيئن مان ڄاڻان“ ۾ جنرل ڊائر لکي ٿو ته اهڙي سوچ ويچار جيڪڏهن وڏي پئماني تي پکڙجي وئي ته پوءِ اسان جو اقتدار به گھڻو وقت جالي نه سگھندو.
    انهن سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هندوستاني سرڪار پاڻ کي خاص اختيارن سان هٿياربند ڪيو هيو ۽ انهن اختيارن کي تمام بي رحمي ۽ ڪٺورتا سان انقلابين کي چيڀاٽڻ لاءِ ڪتب آندو ويو. انهي ڏاڍ ۽ جبر واري ورتاءَ کان پوءِ سرڪار کي سورنهن آنا خاطري ٿي وئي ته وري ڪابه اهڙي اُٿَــلَ ڪَرُ کڻي نه سگھندي.


    هٿياربند انقلاب لاءِ سانباهو

    ايڏي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ واري صورتحال کان پوءِ به ڏيساور منجھان ڇھه هزار کن هندوستاني پهچي ويا هئا ۽ چين مان اڌ جيترن جو پوليس پيڇو به نه ڪري سگھي. هتان جي حالتن کي ڏسي پسي ڳاڻيٽي جيترا ساٿي ٿڌا ٿانهرا ٿي ويهي رهيا، پر گھڻائي وري به انقلاب ۽ آزاديءَ جي ڪم کي لڳي. ڪرتار سنگھ سرڀا، پنگلي، ڪانشي رام، جڳت سنگھ ۽ ٻين ڪيترن همراهن جو پوليس پاڇو به نه لهي سگھي. پنڊت جڳت رام پوليس جي اکين ۾ سرمون پائي کسڪي ويو ۽ پرٿوي سنگھ راولپنڊي ۾ قيدين جي گاڏي منجھان لهي الوپ ٿي ويو. گرمگ سنگھ جي گھر تي سرڪار سخت چوڪسي رکي پر پوءِ به هو ڪنهن نموني گوهيون ڏئي اچي ساٿين سان مليو. ڪرم سنگھ چيما پڻ وڏي سختي هوندي به ساٿين جي لڪ ڇپ ۾ سهائتا پيو ڪندو هيو. ايڏي وڏي حادثي ٿيڻ کان پوءِ سڄي تحريڪ ڇڙو ڇڙ ٿي وئي، پر تڏهن به انهن مڙس مٿيرن دل نه لاٿي ۽ نئين سر پنهنجا لڳ لاڳاپا سڌارڻ ۽ ساٿين ۾ نئين سر صف بندي ڪرڻ ۾ جنبي ويا.
    انقلابين جي ذهن ۾ هڪ ويچار گھر ڪري ويو ته برطانوي راڄ جو انت آڻڻو آهي ته فوج ۾ انقلاب لاءِ راءِ هموار ڪرڻ گھرجي ۽ فوج کي محاذ آرائي لاءِ تيار ڪجي. انهي طريقي آزمائڻ جو وڏو ڪارڻ هيو ته فوج ۾ به هارين، نارين ۽ ڪڙمين ڪاسبين جو اولاد گھڻي ڀاڱي ڀرتي ٿيل هيو، جن مان ڳچ جيترا ته سندن ويجھا مائٽ هئا. انهيءَ کان سواءِ فوج ۾ اندروني طور سرڪار لاءِ سخت حقارت ۽ ڦوٽ هئي. جو ڪيترن ڏيهي سپاهين کي ملڪ کان ٻاهر عراق، فرانس ۽ ڏيساور ۾ برطانوي سرڪار جي بچاءَ لاءِ مقابلي لاءِ موڪليو پئي ويو، جنهن ڪري جڏهن ڪي انقلابي فوج وارن جي ويجھو آيا ته کين وڏو سهڪار مليو.
    پراڻن انقلابين سان به غدر پارٽي وارن ڏيٺ ويٺ وڌائي، ۽ اهي سندن مشهور اڳواڻ سچيندرناٿ سنيال، وي جي پنگلي ۽ راش بهاري بوس هئا. انهن گروهن کي سازش وسيلي ڪم ڪرڻ جو چڱو خاصو تجربو هيو ۽ يا ته تعليمي ادارن ۽ وچولي درجي جي نوجوانن ۾ ڪم ڪرڻ جو ڍنگ هيو. انهيءَ لحاظ کان ڏٺو وڃي ته غدر پارٽي ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ پهريان جدوجهد ڪندڙ سورهيه سرواڻ آهن، جيڪي پنهنجي ڏانءَ ۽ ڏات لاءِ ڪم جو مدار ڪڙمي ڪاسبي ۽ فوج کي سمجھڻ لڳا.
    غدر انقلابي ستت ئي پنهنجا پير پختا ڪري ويا ۽ 4- 5 جا گوريلن جا گروھه ٺاهيائون. سندن لکڻيون ۽ ننڍا ڪتابڙا ماڻهو ڏاڍي چاھه سان پڙهڻ لڳا. ننڍا گردوارا، انقلابين جي پناھه ۽ مکيه چرپر جو ڪم ڏيڻ لڳا. ڪيترن ڳوٺن ۾ هاري پوليس سان منهن اٽڪائڻ لڳا ۽ انقلابين کي پناھه ڏيڻ لڳا.
    فوج ۾ جنهن نوجوان سڀ کان وڌيڪ جاکوڙ ڪئي، سو 19 ورهين جو ڪرتارسنگھ سرڀا هيو جنهن پنهنجي منزل ۽ ماڳ ماڻڻ لاءِ پاڻ کي ڏينهن رات انقلابي ڪارج لاءِ ارپي ڇڏيو هيو. هي نوجوان روِن شا ڪاليج اوڙيسا ۾ پڙهي چڪو هيو. هن همراھه سوين ميل سفر سائيڪل تي ڪيو ۽ انقلاب جي دونهين دکائڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو. بنون کان بنارس تائين ڪابه اهڙي فوجي ڇانوڻي ڪونه رهيل هئي جنهن ۾ هن نوجوان انقلابين جا مرڪز نه ٺاهيا هئا. ڪرتارسنگھ حد درجي جو ذهين، دليري ۽ ساڃھ سان وقتائتو قدم کڻندو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته فوجي آفيسرن جي وردي پائي وڃي ماتحتن جي مٿان بيهندو هيو. ان کان پوءِ ساڻن ڳالهائيندي مطلب جي ڳالھه تي اچي کين چوندو هيو، ”اوهين جيڪڏهن مُٺِ رپين جي لاءِ ظالمن جي جھنڊي جو بچاءُ ڪري، مظلومن جو ناحق رت ٿا وهايو ته پنهنجي ديس جي بچاءَ لاءِ ڇو نه ٿا وڙهو؟“ ڪڏهن ته ڪچهريءَ ۾ ائين به چوندو هيو، ”پرڏيھ ۾ وڃي اتان جي ماڻهن جو قتل عام ڪرڻ ۾ اسان جي عزت ۽ نالي ۾ ڪهڙو واڏارو آڻي ٿو؟“ آخر انهن فتنن ۽ مامرن هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ پارٽي وارن کي فيروزپور، راولپنڊي ۽ لاهور جي ڇانوڻين منجھان مڪمل پٺڀرائي ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو. اها انقلاب، ميرٺ، ڪانپور، لکنو، فيض آباد، الھ آباد، جبلپور ۽ ڊاڪا جي ڇانوڻين ۾ به وڃي رسي. ان کان سواءِ ملڪ کان ٻاهر ملايا ۽ برما ۾ غدر پارٽيءَ وارن انقلاب لاءِ مڪمل سانباهو ڪري ڇڏيو هيو ۽ مکيه آفيس رنگون جي 16 ڊفرن گھٽي ۾ قائم ڪئي وئي.
    انهي ويل سڄو وايو منڊل ظاهري طرح انقلابين جي فائدي ۾ پئي نظر آيو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي فوج ۾ سخت ناراضپو ۽ تاءُ هيو، ٻئي پاسي ڏکڻ اولھه پنجاب جي مسلمان هارين منجھ به سرڪار جي ٻه اکيائي واري ورتاءَ جي ڪري سخت ڪاوڙ ۽ ڪروڌ هيو.
    آخرڪار توري تڪي، سوچي سمجھي 21 فيبروري تي سڌي قدم جو فيصلو ڪيو ويو. هونئن ته ڊسمبر جي اوائل ۾ ئي انقلابين جي جٿن فوج ۽ پوليس جي چوڪين تي حملا شروع ڪري ڏٺا. ان کان سواءِ خزاني، مال گاڏين ۽ ريلوي اسٽيشنن جي ڦر عام جام ٿي وئي هئي ته جيئن فيبروري واري انقلاب لاءِ ڏوڪڙ ۽ هٿيار گڏ ڪري سگھجن. عام ماڻهن کي گرفتار ڪيو پئي ويو، پر سرڪار حالتن کي ضابطي ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ۽ انهن ناڪامين سرڪار کي ماڳهين ڇتو ڪري وڏو. ان ڪري پنجاب سرڪار، مرڪزي سرڪار کي 9 ڊسمبر تي درخواست ڪئي ته کين خاص اختيارات ڏنا وڃن جنهن تحت ھهڙي ڳنڀير ۽ خوفتائتي صورتحال کي منهن ڏئي سگھجي، ۽ هن ويل ڪنهن به قيدي (انقلابي) تي هلدڙ ڪاروائي کي غير ضروري اينگھائڻ يا کين اپيل ٽپيل جا موقعا فراهم ڪرڻ سرڪار لاءِ سخت هاڃيڪار ٿيندو، ڇا ڪاڻ ته ٿي سگھي ٿو ته قيدي، وڪيل يا پنهنجي چالاڪيءَ سان ڪورٽن منجھان جان بچائي آزاد ٿي وڃن.
    انقلابين رٿيل سٽاءَ کي چڱي ريت جانچيو ۽ جڏهن کين پڪ ٿي وئي ته سندن تياري ۾ هاڻي ڪابه ڪسر نه رهي آهي ته آخري وار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هونئن سندن رٿا ۾ هيو ته رات جي ٻاٽ اونڌاهين ۾ سڀني فوجي ڇاوڻين ۽ شهرن ۾ حملو ڪري بارودخانن ۽ هٿيارن جي گودامن تي قبضو ڪيو ويندو. انهي ڪارج ۾ کين ڇاوڻين جي حمائتي فوج به هٿ ونڊائيندي. ان کان پوءِ قيدين کي آزاد ڪرائي، خزاني ۽ بينڪن کي خالي ڪري سڀئي انقلابي اچي پنجاب ۾ گڏ ٿيندا. ايستائين انقلابين جي قوت ايڏي ته مضبوط ٿي ويندي جو دشمن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ وٽن پئسو ۽ هٿيار جام هوندا، ۽ اهڙي ريت سڄو سال به ويڙهاند ڪري سگھبي. انقلابين جو خيال هيو ته جيڪڏهن سندن پير هڪ پرڳڻي ۾ پختا ٿي ويندا ته سڄي ملڪ ۾ آزادي جي جھنڊي جھولائڻ ۾ ويرم ڪانه لڳندي.
    سٽاءَ موجب لاهور کي سڄي چر پر جو مرڪز بڻايو ويو ۽ سڄي منصوبي جو ڄار ملڪ جي ڏورانهن حصن ۾ به پکيڙيو ويو هو. امرتسر ۾ ڇاپخانو اڳ ۾ ئي قائم ڪيو ويو هيو. بمن جون فيڪٽريون ۽ هٿيارن جا ذخيرا لوهاٽي آباد ۽ جيڀوال ۾ رکيا ويا. جڳت رام کي ڪابل ۽ پرمانند کي بنگال اماڻيو ويو ته اتي رهندڙ انقلابين سان لھ وچڙ ۾ اچن. انقلابين لاءِ هڪ چار رنگو جھنڊو ۽ وردي به مقرر ڪئي وئي. هن مهل تائين صورتحال انقلابين جي فائدي ۾ پئي وئي ڇو ته سرڪاري فوج جو ڳچ حصو ملڪ کان ٻاهر لڙائيءَ ۾ رڌل هيو ۽ باقي حصو به سرڪاري نيتيءَ کان ناراض هو. ملڪ ۾ مهاڀاري لڙائي جا اثر به ظاهر ٿيڻ لڳا هئا جو مهانگائي ۽ ڏُڪر نگھوسار ڪري وڌو هو جنهن ڪري عام ماڻهو به سرڪار کان بيزار هو. سڄي ديس ۾ افواهن ۽ سس پس جي بازار به گرم هئي. ۽ اهو به مشهور ٿي ويو هو ته هماليه جبل تي هڪ يوگي شري مهاپرڀو جڳ بنڌو رهي ٿو. انهي يوگي 13 ورهيه هڪ غار ۾ ويهي چلا ڪڍيا آهن ۽ اڳڪٿي ڪئي آهي ته 13 ورهيه پوري ٿيڻ سان هندوستان سُوتنترتار آزادي ماڻيندو. پنجاب جي بگڙجندڙ حالتن کي ڏسي هر ڪوئي ائين سمجھي رهيو هيو ته ڪو ممڻ مچڻ وارو آهي.
    اهڙي ريت 21- فيبروري تي اوچتو پنجاب جي شهرن ۽ فوجي ڇاوڻين ۾ چو طرف ڪا اجھل اٿل اچڻ واري هئي. ۽ ائين پئي وسهڻ ۾ آيو ته 1857ع جي جنگ آزادي واري ويڙھه کان هيءَ وڌيڪ ڪارائتي ۽ اثرائتي ويڙهاند ٿيڻ واري هئي.


    رٿا جو پٽ پوڻ

    سڄي رٿا پنهنجي مڪمل تياريءَ ۾ هئي ۽ هر ڪنهن وطن دوست جون اکيون پنجاب جي پالوٽ ۾ کتل هيون ته حالتن اوچتو ڦيرو کائڻ شروع ڪيو.
    18فيبروري جو رات جي پيٽ ۾ گورن ۽ ديسي سپاهين جا ڪٽڪ اچي شهرن ۾ لٿا. اوچتو ئي شهر جي مکيه مرڪزن تي پهرو سخت ٿي ويو ۽ گھٽين ۽ شاهراهن تي گشت شروع ٿي ويا. اڻ ڄاڻ لوڪ ته سخت هراسجي پيا ته پنجاب ۾ ڪهڙي آپدا اچي لٿي آهي جو جنگ وجدل جهڙيون حالتون پيدا ٿي پيون آهن.
    19فيبروريءَ جو ڀنڀرڪي ڌاري ڪرتارسنگھ سرپا، فيروزپور ۾ پنجاھه ساٿين سان پهتو ته اتان جي صورتحال ڏسي وائسي سندس پيرن هيٺان زمين ڇڏائجي وئي. جنهن ڪري نراسائي ۽ نااميدي جي ڪري في الحال ته هن جي سوچ ويچار جي شڪتي موڪلائي وئي ڇو ته ڇانوڻيءَ ۾ چوڌاري گورا سپاهي گشت ڪري رهيا هئا ۽ ديسي سپاهي زاروقطار روئي رهيا هئا. ڪرتارسنگھ کي پنهنجا هڙئي سٽاءَ واريءَ جا ڪوٽ نظر پئي آيا ۽ ورهين جا ڪشالا ۽ ڪشٽ خاڪ ۾ ملندي لڳا. ائين ئي سندن اکين منجهان ڳوڙهن جي ٻنڌ ڀڄي پيئي ۽ اهڙي آدمي جون اکيون وهي پيون، جنهن ڪڏهن هارڻ جو نالو به ڪونه ٻڌو هيو.
    هاڻي پنجاب جي ڌرتي سندس رهواسين لاءِ جيئن پوءِ تيئن سوڙهي ٿيندي پئي وئي ۽ ڏٺو وائٺو اٻوجھ انسانن جو شڪار ڪيو پئي ويو. گھڻو ڪري سڀ همراھه سوگھا ٿي ويا جن ۾ ٻه سو کن ته مُک ۽ ڪارائتا قابو ٿي پيا ۽ ڪي ڳاڻيٽي جيترا جان بچائي فرار ٿي ويا. ڪرتار کي ڪجھ ساٿين صلاح ڏني ته تون کسڪي وڃ ته سختيءَ سان وراڻيائين” منهنجا مڙئي ساٿي جيل جي اونداهن بُهرن ۾ وڃي بند ٿيا آهن ۽ مان پُڇُ پائي ڀڄي وڃان، ائين ڪونه ٿيندو.“ نيٺ، وزير آاباد ۾ ديسي سپاھين سان گڏ گرفتار ٿيو.
    ٻئي پاسي پنگلي، 12- ڪيولري جي سپاهين سان ميرٺ ۾ هٿيڪو ٿيو ۽ جنرل ڊائر جي چوڻ مطابق ته وٽائنس، بارود جو ايترو ته ذخيرو هٿ آيو هيو جو جنهن سان سڄي هڪ رجيمينٽ کي فنا ڪري سگھجي ٿو.
    جڳت رام کي پشاور ۾ گرفتار ڪيو ويو.
    هن سڄي منصوبي جي ناڪام ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ هيو ته ڪرپال سنگھ نالي هڪ جاسوس سرڪار کي سڄي سٽاءَ کان واقف ڪيو. جڏهن سرڪار کي اهڙي اٿل جي ڄاڻ پئي ته سندس طاق ئي لڳي ويا. هوڏانهن انقلابين وس آهر ڪوشش ڪئي ته سندن رٿا وقت کان اڳ ظاھر نه ٿئي پر سرڪار کي سيگھ ۾ ئي سڻس پئجي وئي.
    سرڪار جٿي ڪٿي پنهنجا پير ڄمائي وئي هئي پر پوءِ به هلڪيون سلڪيون جهڙپون سيپٽمبر 1915 جي پوياڙيءَ تائين هلنديون آيون.


    بادشاھه سلامت خلاف جنگ

    ائين پئي سمجھ ۾ آيو ته گرفتار ٿيل هڙيئي کليل ڪورٽ روبرو ڪيا ويندا، پر سرڪار کليل عدالت ۾ ڪاروائي هلائڻ لاءِ تيار ڪونه هئي. ان ڪري تڙ تڪڙ ۾ ” هندوستان جي بچاءَ واري قاعدي هيٺ بادشاھه سلامت جي دستوري اداري“ کان موڪل وٺي خاص ٽربينول قائم ڪري هڙني انقلابين تي اُتي مقدمو هلائڻ جو بندوبست ڪيو ويو. ان ٽربيونل جي مٿان ڪنهن به مٿاهين ڪورٽ کي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جي اجازت ڪونه هئي ۽ نه وري قيدي اپيل ڪري پئي سگھيا. خاص ٽربيونل جي شاخ پنجاب جي پرڳڻي جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ کولي وئي جنهن ۾ هڪ ديسي ميمبر شوِ نارائڻ شرما هيو.
    27 مارچ 1915ع تي پهريون ” لاهور سازش ڪيس“ خاص ٽربيونل لاهور ۾ هلايو. سينٽرل جيل جي بيرڪ نمبر 16 ۾ ڪاروائي هلائڻ جو بندوبست ڪيو ويو. سامراجي ذهنيت جي ڏيک لاءِ پليٽ فارم عام رواجي فرش کان مٿي ٺاهيو ويو، جيئن صاحب لوڪن جي وڏ ماڻهپي ۽ معتبريءَ ۾ گھٽتائي نه اچي. عدالت جي ساڄي پاسي سرڪاري وڪيل پِٽِ مين (Pit Man) پنهنجي ساٿين ۽ سي- آءِ - جي وڏي اٽالي سميت اچي ويٺو ته کاٻي پاسي هٿ ڪڙيون پاتل 65 ڄڻن کي حاضر ڪيو ويو. مٿن تهمت مڙهي وئي ته جوابدارن هڪ خطرناڪ سازش وسيلي بادشاھه سلامت خلاف جنگ جوٽڻ جو سٽاءُ ڪيو ھو.
    انهن جوابدارن ۾ ڪجھ اهڙا به هئا جن هندوستان جي ڌرتيءَ تي جيئن ئي پير ڌريو هيو تيئن کين گرفتار ڪيو ويو هيو. سوهن سنگھ بکنا به انهن منجھان هڪ هيو جنهن کي ڪلڪتي ۾ لهندي شرط سوگھو ڪيو ويو هو. انهن باندين کي وڏا لوڀ ۽ لالچون ڏئي پنهنجن ٻين ساٿين مٿي سرڪاري شاهد ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي پر سڀني انهي آڇ کي سختيءَ سان ٿڏي ڇڏيو. ڪيترن همراهن کي هلچل هلندي گرفتار ڪيو ويو هو پر ڪي ته اهڙا به هئا جيڪي ڏيساور منجھان موٽيا ئي ڪونه ھئا ته به سندن گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا. اهڙي نراسائي جھڙين حالتن کي ڏسندي به ڪيترائي ڀان سنگھ، ناٿن سنگھ ۽ ڪيهر سنگھ جهڙا پوڙها ۽ پرٿوي سنگھ ۽ گرمگ سنگھ جهڙا ڇوڪراٽ به ٻيهر وري وڃي وطن جي آزادي لاءِ جدوجهد ۾ لڳا.
    هوڏانهن جوابدارن کي منڍ کان وٺي ويساھه هيو ته ڪاروائي صرف هڪ قسم جو نماءُ هيو جنهن ڪري پنهنجي بچاءَ ڪرڻ جو خاص اُلڪو نه پئي ڪيائون. جوابدار ان راءِ جا هئا ته جنهن سرڪار جو پڻ بنياد ئي انياءَ تي رکيل هجي ته پوءِ انهي منجھان نياءَ جي ڪهڙي آس رکي سگھبي؟
    هونئن، سرڪار ٻاهرين طرح پنهنجي ڪارپت رکڻ لاءِ جوابدارن کي نوَ وڪيل مهيا ڪري ڏنا. پر قيدين لاءِ وڪيلن ۽ سرڪاري شاهدن جي وچ ۾ ڪو خاص تفاوت ڪونه هيو. جوابدارن منجھان گھڻن کي ته انگريزيءَ ۾ هلندڙ ڪاروائي سمجھ ۾ ئي ڪونه پئي آئي، باقي جن کي ٿوري تڪي سمجھ ۾ پئي آئي ته انهن کي به هن ناٽڪ سان ڪوبه اُنس ۽ لڳاءُ ڪونه هو.
    ڪيس جي ڪاروائي ۾ سرڪاري ڌُر حاوي رهندي پئي آئي. هٿرادو شاهد جوابدارن مٿان بيان ڏيندا پئي ويا، جنهن تي جوالا سنگھ انهي ڪوڙي رچيل سانگ کي ختم ڪرڻ لاءِ عدالت کي زور ڀريو ۽ موٽ ۾ جيل سپرنڊنٽ کيس سرڪاري ڪاروائيءَ ۾ مداخلت ڪرڻ تي ٽيھه ڦٽڪا هڻايا. ان هوندي هڪ سرڪاري شاهد آڏي پڇا ۾ منجھي پيو ۽ ٻوڙ هاري ويٺو ته اسان کي ته جيئن صوبيدار آلاسنگھ سيکاري پيو سو پيا هتي ڳالهايون باقي ٻي ته اسان کي سڌ سماءُ ڪونهي. عدالت ۾ سڄو رينگٽ سرڪار جي مرضي ۽ منشا مطابق هلي رهيو هيو. هڪ بچاءَ جي وڪيل رگھوناٿ جڏهن پنهنجي هلائي رهيو هيو ته ڪيسرسنگھ وچ ۾ چيو ته مون تي ڪابه تھمت مڙھي نه ٿي سگھجي جو مون کي جهاز تان گرفتار ڪيو ويو هو. انهيءَ تي بچاءَ جي وڪيل چيس ته ”تون ڪهڙن خوابن جي ڪاڪ محل ۾ رهين ٿو؟“ ۽ اڃا به بچاءَ جي وڪيل ڪيسرسنگھ کي سنئون سڌو چيو ته ”تون گھڻ ڳالهائو ۽ واتوڙو آهين تنهن ڪري تون ڦاهيءَ لاءِ تيار ٿي وڃ.“
    ڳچ مهينا انهيءَ ڪاروائيءَ کي گذري ويا ۽ جوابدار شنواين تي رڳو چرچا ۽ کل ڀوڳ ڪري هليا ويندا هئا. هيل تائين سرڪاري شاهدن جو انگ 44 کان مٿي چڙهي ويو هيو ۽ ٽربيونل جا ميمبر رڳو گھنٽي وڄائي مقدمي کي ڏٻو سٻو پيا گھل گھلان ڪندا رهيا.
    ڪيس جي ڪاروائي اچي پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ست ڄڻا مکيه جوابدار آهن ۽ سندن بيانن منجھان پڌرو آهي، انهن کي سزا ڏيڻ گھرجي. پر سرڪار کي شڪ هيو ته ٿي سگھي ٿو ته اهي ست ڄڻا پنهنجن ٻين ساٿين کي بچائڻ لاءِ سڄي ذميواري پنهنجي مٿان کڻندا هجن. ان ڪري سرڪار حرفت ۽ مڪاري سان هر هڪ جوابدار کان انفرادي طور برطانيا سرڪار لاءِ سنئون سڌو پڇا ڳاڇا شروع ڪئي.
    نوجوان ڪرتارسنگھ پرپا ٺھ پھ جواب ڏنو: ”اسان تي جيڪا به تهمت مڙهي وئي آهي سا غلط آهي.“ انهي وراڻي تي سرڪاري ڌر جا ڪن کڙا ٿي ويا.ڪرتار اڳتي چيو، ”اسانجي جدوجهد ڪابه ڳجھي سازش ڪونهي، اها کُلم کلا جدوجهد آ انهن شڪتين خلاف جيڪي اسان جي ڌرتيءَ تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ وسيلي قابض آهن ۽ اسان جي ديس کي وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي ويون آهن.“ هن صاف صاف لفظن ۾ ٻڌايو ته بک، بيروزگاري ۽ غلاميءَ جي ڪري هندوستاني عوام ۾ اڻ کٽ بربادي ۽ تباهي حالي ٿي آهي، ۽ اڃان به هِنََ سورهيه پنهنجي تقرير کي اڳتي وڌائيندي ڪوما گاٽامارو واري قهري واقعي، غدر پارٽيءَ جي بنياد ۽ انقلابي هلچل جي ڄم ۽ اوسر بابت تمام اثرائتي ۽ پيرائتي نموني ڳالهايو. ان کان پوءِ به ڪرتار بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ ۽ رک جي سرڪار کي تنبيھ ڪندي چيو، ”اوهين ڇا به ڪيو پر آزادي جي مشعال کي اوهين اُجھائي نه سگھندؤ.“
    ڪرتار ۽ سندس ساٿي ڪورٽ ۾ وڏي واڪي ان لاءِ ڳالهائيندا هئا ته نه رڳو مٿي نياءَ جي ڪرسين تي ٿاڦيل همراھه ٻڌن پر سندن ٻين ساٿين جي هيئنڙن کي به ڏڍ ملي. انهي سڄي ڪاروائي کي سرڪار مخفي رکڻ لاءِ وسان ڪونه گھٽايو. اوستائين جو ڪورٽ ۾ ڪنهن به اوپري آدمي کي ته ڇڏيو پر مِٽن مائٽن کي به ملڻ جي اجازت ڪونه هئي، جيڪڏهن ڪابه خبر اخبار ۾ ڇپبي هئي ته سرڪاري چڪاس منجھان گھڙجي نڪرندي هئي. پر ان هوندي به انقلابين کي پڪو ويساھه هيو ته ڪوڙ ۽ ڪپت جي هن رچايل سانگ جي ديس جي واسين کي نيٺ ته سڌ پوندي پوءِ اسين جيئرا هجون يا نه!
    نوجوان سرڀا جي من موهيندڙ تقرير کي نياءَ دان بت بڻيا ڏاڍي غور سان سڻندا رهيا پر جڏهن ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيا ته پڇيائون ”تون پنهنجي اِنَ ڇوڪراڻي تقرير جو نتيجو سمجھين ٿو ته ڇا ٿيندو؟“ ڪرتار تمام گنڀيرتا سان وراڻيو، ”هائو موت ۽ رڳو موت!“ ججن سمجھيو ته جوش ۽ جذبي جي وهڪري ۾ لڙهندي هي نوجوان الائي ڇا جو ڇا چئي وڃي پار پيو آهي. تنهنڪري کيس سوچ ويچار ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، ان سبب سندس بيان سڀاڻي قلمبند ٿيندو. سڀاڻي تي به ڪرتار جو ساڳيو بيان ۽ وَرَ وَرَ ڪري چوڻ لڳو ته ” مون ڪوبه پاپ نه ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن غلام جو موروثي حق آهي ته مٿس ٿيندڙ ڏاڍ ڏهڪاءُ، دهشت گردي ۽ پرماريت خلاف سينو تاڻي جدوجهد ڪري جيستائين آزاديءَ جو ماڳ نه ماڻي.“ آخرڪار هُن جو بيان قلمبند ڪيو ويو ۽ سندس ساٿين به صحيح ڪئي.
    نياءَ دانن، آخري فتويٰ ڏيڻ لاءِ ڪورٽ جي شنوائي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هينئر انقلابين کي بنديخاني ۾ آرهڙ جي تتل ڏينهن ۾ هٿڪڙيون ۽ ڏنڍا ٻيڙي هڻي بند ڪيو ويندو هيو. اها ويڌن لڳاتار ٻه مهينا هلندي رهي.
    نيٺ 13 سيپٽمبر تي مڙني کي آخري ڀيرو بيرڪ 16- ۾ آندو ويو ۽ خاص ٽربيونل اتي پنهنجي فتويٰ ٻڌائي: 24 ڄڻن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي ۽ سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو ويو. ڦاسي پائيندڙن ۾ هئا: ڪرتار سنگھ سرڀا (لڌيانه)، جڳت سنگھ (لاهور)، هرنام سنگھ (سيالڪوٽ)، پنگلي (مهارشٽر)، بخشيش سنگھ (امرتسر)، سورن سنگھ (امرتسر)، ۽ ٻيوبه هڪ سوررن سنگھ هيو. ان کان سواءِ سورن سنگھ بکنا (امرتسر)، ڪيسر سنگھ (امرتسر)، ناٿن سنگھ فيروزپور)، پرمانند (جھانسي)، جڳت رام (هوشيار پور)، هرنام سنگھ (هوشيار پور)، پرٿوي سنگھ (انبالا)، نند سنگھ (لڌيانه)، شير سنگھ (لڌيانه) ۽ ٻيا ساڳئي سزا ۾ شامل هئا.
    26- ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ۽ سندن مال ملڪيت جي ضبطي ڪئي، سي هئا: جوالا سنگھ (امرتسر)، واسکه سنگھ (امرتسر)، اوڙسنگھ (فيروز پور)، اڌام سنگھ (امرتسر)، ۽ ان کان سواءِ هيٺين همراهن کي ڪابل ۾ ماريو ويو: گرمگ سنگھ (لڌيانه)، شير سنگھ (امرتسر) ۽ مدن سنگھ گاگا (لاهور).
    ڇهن ڄڻن کي مختلف سزائون ڏنيون ويون ۽ باقي جيڪي آزاد ٿيا تن کي ٿڏي تي ئي گرفتار ڪيو ويو. ٻيھر گرفتار ٿيلن کي وري سزائون ڏنيون ويون پر بابا گوجر سنگھ کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي.

    پندرھن اھڙن نردوشن (بي گناھن) کي سُوليءَ لٽڪايو ويو جن کي وطن جي ڌرتيءَ تي پير رکندي پڪڙيو ويو ھيو. انھن منجھان ٽن ڄڻن کي ھڪ سپاھيءَ جي قتل ۾ جوابدار بڻايو ويو ھو.
    انھيءَ فيصلي خلاف ڪنھن به عدالت ۾ اپيل ڪرڻ جو حق ڪونه ھيو ۽ رڳو رحم جي عرضداشت ڪرڻ جي اجازت ھئي جيڪا ٽن ڄڻن ڪئي.
    جنھن ڏينھن انقلابين کي سوريءَ سينگار ڪرڻ جو ڏھاڙو مقرر ٿيو ته سندن کولين ( (Cells آڏو پاڻي ڀريل بالٽيون رکيون ويون. انقلابي وھنجي سھنجي، اڇا اجرا ڪپڙا پھري ڌڻيءَ در دعاگو ٿيا ۽ ھر ھڪ جي مرضي ھئي ته کين اڳ ۾ ڦاھي لٽڪايو وڃي. ھن مھل تائين جيڪي به مِٽ مائٽ ۽ دوست ساڻن آخري ملاقات لاءِ آيا ھئا تن کي چوندا رھيا، ”اھو آدمي ڪيڏو نه اُتم ۽ اعليٰ آھي جيڪو ديس مٿان پاڻ کي گھور ڪري ٿو.“ اھي سورما، اڄ انھي ٻليدان ڏيڻ لاءِ ٺھي ٺڪي آيا ھئا.
    پر سندن سھڻ سنبرڻ اَڌورو رھجي ويو ڇالاءِ ته ڀنڀرڪي ڌاري جيل سپرنٽينڊنٽ اچي ٻڌايو ته ھينئر کين سوريءَ تي چاڙھڻ جو عمل ملتوي ڪيو ويو آھي.
    ھونئن به انھن ڏھاڙن ۾ پنجاب جو ڪرتا ڌرتا جنرل ڊائر جھڙو پاپي ۽ بي رحم انسان ھيو ته، ٻئي پاسي پڇ لٽڪائو به پنھنجي ديس واسين خلاف ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ ۾ سرڪار سان ڀاڱي ڀائيوار ھئا. انھن ديس دروھين ۾ سر سندر سنگھ، سردار بھادر گجن سنگھ جھڙن ھمراھن ته سرڪار جي خوشامد ۾ انقلابين لاءِ ائين چوڻ کان به ڪين ڪيٻايو ته ”ھنن باغين ته سِک برادريءَ جي سرڪار نامدار سان شڪ شبھي کان به مٿڀري وفاداري کي ھاڃيڪار ڇيھو رسايو آھي ۽ ان لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته اھڙن آدمين کي ڀائپيءَ منجھان ئي نيڪالي ڏيڻ گھرجي، ڇو ته اھڙن باغين کي سِک سڏيندي اسان کي شرم لڳي ٿو.“ پر ديس جي عام رھواسيءَ انھيءَ ظلم ۽ ڏاڍائيءَ واري ھلت کي نه رڳو سختيءَ سان ننديو پر طلب ڪئي ته سڀني قيدين تي پڌري عدالتن ۾ ڪاروائي ھلائي وڃي جيئن ھر ھڪ شھري آزاديءَ سان ڏسي ۽ سُڻي سگھي. سرڪار انھيءَ گھُر کان سخت ھراسجي پئي ۽ تڙ تڪڙ ۾ 17- ڄڻن جي ڦاسيءَ جي سزا گھٽائي جنم ٽيپ بحال ڪئي.
    ان ھوندي به سينٽرل جيل لاھور مٿان ڏُک ۽ غم جي ڇانيل گھٽنا ۾ گھٽتائي ڪانه آئي، ڇو ته جنھن ڏينھن ڪرتار سنگھ سرڀا کي سوليءَ سينگار بڻايو ويو، اھو ڏھاڙو جيل جي عام قيديءَ به ڳوڙھا ڳاڙيندي گذاريو.
    19- نومبر 1915ع تي ساجھر سويل، ڪرتار سنگھ ۽ سندس ساٿين کي آخري ماڳ تي رسائڻ لاءِ آندو پئي ويو ته سڀني جي مھانڊن تي ھڪ ڄاتل سڃاتل مرڪ ھئي جنھن مان چٽو پئي لڳو ته سچو ڪرانتـڪاري (انقلابي) ڪھڙي به اوکي ويل تي ڪيئن نه ھيڄ سان اُڪري پار پوي ٿو.
    انهي گھڙي به سرڪاري ٽوڊين ڪرتار کي اچي پاسو ڏنو ۽ چيو ته ڇو ٿو تون پاڻ سان گڏ ٻين جا سِر به وڃائين؟ جيڪڏهن تون رحم جي درخواست لکندين ته ٻيا به بچي ويندا.“ ان سمي ڪرتار وراڻيس”ائين ته مون کي جيئڻ لاءِ هيءَ حياتي هڪ ڀيرو ملي، پر جيڪڏهن مان کي ڪيترا به جيئدان مليا ته به پنهنجو پاڻ هن ديس مٿان ٻلهار ڪندس.“
    پنڊت رام پوءِ سدائين پيو جھونگاريندو ھيو: ”غدر پارٽيءَ جي سورمن کي ڦاھيون ۽ ڦندا پنھنجي اٽل ارادن کان روڪي نه سگھندا. سوين سلام آھن توتي اي شھيد ڪرتار، جڏھن به ھتان جا انقلابي ويڙھه ڪندا ته تنھنجي سورھيائپ کي سدائين ياد ڪندا.“
    انقلابين جي مٿان نَو مقدما خاص ٽريبونل ۾ ”ھندوستان جي بچاءَ واري قانون“ هيٺ هلايا ويا، پنجاب، يو- پي، بنگال ۽ برما ۾ 28 انقلابين کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو ۽ ڳچ همراهن کي جنم ٽيپ جي سزا ڏني وئي. ڊاڪٽر هرنام سنگھ ۽ سوهن لال پاٺڪ کي ٻين چئن ساٿين سان گڏ مانڊلي سازش(Mondaly Conspiracy Case) ۾ سوليءَ سينگار ڪيو ويو. ان کانسواءِ هردت سنگھ، ڪپور سنگھ ۽ کوڙ جيترن همراهن کي عمر قيد ڪاٽڻ جو فيصلو سڻايو ويو. سوهن لال کي ڳچيءَ ۾ رسو وجھندي به چيو ويو ته هو رحم جي اپيل ڪري ته وراڻيائين”ظلم، ڏاڍ، انياءُ ۽ انڌير سڀئي اوهان جا پڳ مٽ يار آهن، ان لاءِ چڱو ائين ٿيندو ته توهان جهڙا پاپي اسان جي اڳيان سيس نِمائين.“
    فوجي ۽ غير فوجي عدالتن منجھ ڏيکاءَ واسطي تڙ تڪڙ ۾ ڪاروايون اُڪلائي انقلابي گوريلن کي ڦاهين جي ڌم لڳائي وئي. اهڙي ريت سينٽرل جيل لاهور ۾ ٽيهارو ڄڻن کي هڪ ٻئي پٺيان ستت ئي ڦاهيون ڏنيون ويون ۽ سندن لاش به وارثن جي حوالي ڪونه ڪيا ويا. انهن ڦاهي چڙهندڙن ۾ ڪانشي رام به هڪ هئو.
    غدر پارٽي ڪئناڊا جي اڳواڻ بلونت سنگھ گرنٿيءَ کي سينگاپور ۾ ڦاهي ڏني وئي ۽ ڊاڪٽر مٿرا سنگھ کي مشهد (ايران) جي برطانوي سفارتخاني ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو.
    سرمائيڪل اوڊائر پنهنجي ڪتاب ”هندوستان جيئن مون ڏٺو آھه“ ۾ لکي ٿو: ”175 جوابدارن کي خاص ٽربيونل ۾ سازش ڪرڻ جي تهمت هڻي آندو ويو ۽ پوءِ به مٿن ڪيترائي ڏوھه مڙهيا ويا. 38 ڄڻن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي. (پوءِ 18 ڄڻن جي سزا جنم ٽيپ ۾ ڦيرائي وئي)، 58 ڄڻن کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي ۽ ٻين 58 همراهن کي ننڍيون سزائون يا جلاوطن ڪيو ويو.“
    130- بلوچ رجمنٽ جنوريءَ جي پوياڙيءَ ۾ بغاوت ڪئي پر سرڪار کي اڳ ۾ ئي کڙڪ پئجي وئي جنهن ڪري حرفت سان قبضو ڪري وئي. وري فيبروري 1915ع ۾ جيئن اٿل جو اعلان ٿيو ته 5- انفنٽري وارن سينگاپور جي قلعي تي قبضو کڻي ڪيو جنهن کي انگريزن جپانين ۽ روسين جي مدد سان مس مس وڃي خالي ڪرايو. انهيءَ ويڙهاند ۾ سوين ماڻهو گولين جو کاڄ ٿيا.
    سرڪار پنهنجي ڀرم ۽ شرم جي لڪائڻ واسطي مڙيئي عدالتي ڪارواين ۽ ڪورٽ مارشل وسيلي، ڪيترن کي سپاهين ميرٺ ۾ گوليون هڻي مارايو ۽ 7 راجپوت رجمينٽ جي ڪيترن نوجوانن کي دهليءَ ۾ ڦاسي ڏني وئي. ان کانسواءِ 23 رسالي جا ٻارنهن سپاهي حولدار لڇمڻ سنگھ سان گڏ امبالا ۾ ڦاسي چاڙهيا ويا. ساڳئي رسالي جي نوجوانن ۾ هڪ مسلمان سپاهي عبدالله به هو. سرڪاري ڇاڙتن کيس پاسيرو ڪري چيو ته تون پنهنجن ڪافر ساٿين تي سلطاني گواھه ٿي ته تنهنجي جند ازاد ٿيندي، پر هن عظيم محب وطن وراڻيو: آءٌ اهڙي ڪڌي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيور ٿيڻ کان مرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندس، ۽ پنهنجن ساٿين ڏي اشارو ڪري چيائين ته، هي انمول انسان آهن جن سان گڏجي موت جي چاڙهي پار پوڻ کان پوءِ مون لاءِ بهشت جا دروازا کلي پوندا.“*
    ------------------------------------------------------------------------------------------
    * 1916ع ۾ ٻيا ھمراھه به ڦاسيءَ تي چاڙھيا وياھئا: نرجڻ سنگھ، پهلارام ۽ پال سنگھ.
    ٻارنهن ڄڻا 23 رسالي جا امبالا جيل ۾ ڦاسيءَ چاڙهيا ويا: (1)عبدالله (2) لڇمڻ سنگھ (3) ٻوٽا سنگھ (4) اندر سنگھ (5) ٻڍا سنگھ (6) اندر سنگھ بيوبه (7) موتيا سنگھ (8) ڀڳت سنگھ (9) گوجر سنگھ ( 10) ڄيٺا سنگھ (11) تارا سنگھ (12 )واڌوا سنگھ. اهي هڙيئي همراھه گھڻو تڻو لاهور ۽ امرتسر جا رهواسي هئا.
    28 ڄڻن جو هيٺيون جٿو لاهور ۾ ڦاهيءَ چاڙهيو ويو: (1) بلونت سنگھ (2) ويرم سنگھ (3) ارجن سنگھ (4) آتم سنگھ (5) ايسر سنگھ (6) رانگا سنگھ (7) اروڙ سنگھ (8) ڌيان سنگھ (9) چندا سنگھ(10) جوان سنگھ (11) ڌيان سنگھ (12) جڳت سنگھ (13) جوان سنگھ (14) راڙ سنگھ (15) آتما سنگھ (16) بنتا سنگھ (17) هرنام سنگھ (18)ڪالا سنگھ (19) چندن سنگھ (20) پريم سنگھ (21) مولوي عبدالله (22) سيد رحمت علي (23) گانڌا سنگھ (24) اندر سنگھ (25) ٻوٽا سنگھ (26) جيوڻ سنگھ (27) رام راکا (28) ٻوٽا سنگھ.
    ھيٺين انقلابين کي پھرئين ڦاسيءَ جي سزا ڏئي پوءِ جنم ٽيپ بحال ڪئي وئي: (1) هردي سنگھ (2) رام سرن (ڪپورٿله) (3) آليا سنگھ (لڌيانه) (4) خوشحال سنگھ (5) واسوا سنگھ (6) ڪالا سنگھ (هڙيئي امرتسر جا رهواسي هئا) ۽ (7) ساوڻ سنگھ (8) بلونت سنگھ (9)ڀائي پرمانند.
    ان کان سواءِ هيٺين کي عمر قيد جي سزا ڏني وئي: (1) اندر سنگھ (2) ڀيشڻ سنگھ (3) هزارا سنگھ (4) منگل سنگھ (5) ڀيشڻ سنگھ (6) چوهڙ سنگھ (7) ڀان سنگھ (8) روڙا سنگھ (9) اندر سنگھ (10) ڪالا سنگھ (11) گردت سنگھ (12) پيارا سنگھ (13) ديوان سنگھ (14) ڪرپال سنگھ (15) کڙڪ سنگھ (16) اندر سنگھ (17) لال سنگھ (18) ڪيهر سنگھ (19) جوان سنگھ.
    اھو انقلاب عارضي طور ماڳ ماڻي نه سگھيو جنھن جي نتيجي ۾ پنجاب جو وڏو حصو رت جي درياھه ۾ وھنتو پئي. ڳاڻاٽي کان مٿي ماڻھو ڦاسيءَ چاڙھيا ويا ۽ گولين جو بکُ بڻايا ويا. انھن گھوٽن اڻ موٽن سورھيه سورمن وانگر سر ٻليدان ڪيا پر انھن کي ياد ڪرڻ وارا نالي ماتر ملندا. جڏھن ته ھندوستان جا قومي اڳواڻ ”انگريز جي پاڇي ھيٺ ھٿ وسيڪي سرڪار“ جي گھُر ڪري رھيا ھئا ته اُن سمي اھي غدر پارٽيءَ جا سُورما ھئا جن مڪمل سوراج (آزادي) جو نعرو ھنيو ھو.
    جيتوڻيڪ اها هلچل رت جي درياھه ۾ ٻڏي وئي پر انقلابين جي دکايل دونهين اڃان دکي پئي ۽ ائين پيو وسهڻ ۾ اچي اڄ به اسان جا اهي سورما ڦاسي گھاٽن جي چوڌاري طواف پيا ڪن ۽ انگريزي شاعر بائرن جي لفظن ۾ ڄڻ جھونگارين پيا:
    ”آزاديءَ جو جھنڊو ڦاٽڻ کان پوءِ به ڦڙڪي پيو، درياءَ جي موج مستي ماڳهين هوا جي رنڊڪ سان وڌندي آ.“


    انڊيمان

    10- ڊسمبر 1915ع ۾، 18 ڄڻن جي ٽولي کي هٿن پيرن ۾ هٿڪڙيون هڻي ”مهاراجه“ نالي هڪ جهاز رستي انڊيمان جي ٻيٽ ڏانهن اماڻيو ويو. انهن قيدين ۾ گھڻو انگ اهڙڻ قيدين جو هيو جيڪي 20 کان 60 ورهين جي پيٽي ۾ هئا. هونئن قانون موجب چاليھه ورهيه يا ان کان مٿي ڄمار وارا قيدي جلاوطن ڪري نه ٿا سگھجن پر چوڻي آهي ”نڌڻڪا گھوڙا ۽ غيباڻه هسوار“ سو ساڳئي ريت لاهور سازش ڪيس وارن جو به ڪو اوهي واهي ڪونه هيو ۽ انهن قيدين جي ڪارڊ تي ”خطرناڪ“ جو لفظ به درج ڪيو ويو.
    جيل جي دروازي وٽ کين ڀليڪار چوڻ لاءِ اڳ ۾ ئي هڪيو تڪيو بيٺو هيو. جيلر ان اٻوجھه قيدين کي چتائي ڏسي رهيو هيو جيڪي وٽس ويھه ورهيه رهڻا هئا. نيٺ جيلر هيٺ کان مثي ڏسندي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو: ”راج والا لوگ ! راج مانگتا هي ؟ راج نهين ڪولو دي گا !“ (”راڄ ڪرڻ وارو ! راڄ ڪرڻ وارو ! راڄ ڪرڻ گھرو ٿا ؟ راڄ نه پر گھاڻي ۾ گھمائيندو سَانوَ “) ٿَڪل ۽ بيزار قيدي پهريائين جيلر کي مُرڪِي تڪڻ لڳا ۽ پوءِ اجھل ٽهڪن ۾ ڇٽي پيا ننڍي ٻيٽ جو بي تاج بادشاھه جيلر بيري (Barry) پنهنجي هيئن هتڪ ٿيندو ڏسي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ سندس منهن ٽامڻي هڻي ويو. ۽ دل ۾ ويچار ڪرڻ لڳو ته هند سرڪار هنن خطرناڪ قيدين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ ۾ حق جانب آهي. مان به هت هڪ هڪ قيديءَ کي سخت سيکت ڏيندم.
    انڊيمان جي ٽه ماڙ جيل جي 7 بلاڪن جي 740 کولين ۾ قيدين جي ورهاست ڪئي وئي. قيدين کي هونئن چڱي ريت پروڙ هئي ته انڊيمان جو ٻيو نالو جيئرو دوزخ اهي ان ڪري پاڻ ۾ اقرار ڪيائون ته پوئتي ورڻ لاءِ جدوجهد به ڪرڻ گھرجي ۽ هنن حالتن جو مڙس ٿي ماڻهو ٿي مقابلو ڪبو.
    پهرئين ڏهاڙي اُٿندي ئي ڪنهن به گھاڻي ۾ ڪم ڪرڻ کان سختيءَ سان انڪار ڪيو. جيلر مرڪندي چيو ته ” پوءِ سولو ڪم ڪيو.“ ۽ کين سوا پاءُ ناريل جو کاٻر ڏئي حڪم ڪيو اُن جا ڌاڳا ڌار ڪيو. جيلر کي چڱي ريت ڄاڻ هئي ته هي هٺيلا قيدي اهو ڪم ڪونه ڪري سگھندا. ۽ ٿيو به ائين، جنهن ڪري جھانسي جي پرمانند کي پڇا ڳاڇا لاءِ گھرايو ويو. جڏهن جيلر کانئس ڪم نه ڪرڻ جو سبب پڇيو ته موٽ ۾ رڳو مرڪندو رهيو. انهيءَ مرڪ جيلر کي ماڳهين آپي کان ڪڍي ڇڏيو ۽ اڳيان بيٺل پرمانند کي ڀَرُ ڪري لت وهائي ڪڍي، هوڏانهن پرمانند لت جو ڌڪ پچائي وٽ کائي جيلر کي زوم سان لت هڻي ڪڍي پوءِ ته جيل جي ٻئي عملي مٿس حملو ڪيو ۽ رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيائونس ۽ مرڻينگ حالت ۾ پرمانند کي جيل جي اسپتال ۾ وڃي ڦٽو ڪيائونس.
    ٻئي ڏينهن جڏهن ساٿي قيدي پرمانند کي ڏسڻ ويا ته هو سڄو رت ۾ وهتو پيو هيو. ائين اوچتو سپاهين جو اٽالو اچي لٿو ۽ پرمانند کي مارڪٽ ڪئي، ۽ انهيءَ سڄي ڪاروائي پويان جيل جي سپرنڊنٽ مري (Murry) جو هٿ هئو ته جيئڻ قيدين کي سڌاري سنئون سڌو ڪجي.
    اهڙي ڏاڍائيءَ جي ڪري پرمانند جي سڀني ساٿين ڪنهن حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ وچ ۾ انڊيمان جو چيف ڪمشنر دورو ڪرڻ آيو جنهن انقلابين کي ڌمڪي ته جيڪڏهن توهان ”جيل جي قاعدن“ جي ڀڃڪڙي ڪئي ته توهان جا هڏ گڏ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏينداسون. ارڏن ۽ اربيلن قيدين ته ماڳهين آيل ڪاموري کي کنگھيو به ڪونه جنهن ڪري هو هر هڪ جي رڪارڊ تي لکي ويو ”ڇھه مهينا اڪيلائيءَ جو قيد، هڪ ويلو ماني بند ۽ هڪ هفو هٿڪڙيون هڻي اُڀ ڪپرو بيهاريو وڃي“ انهي نئين حڪم جي وري نئين سر جنگ جو آرنڀ ٿي ويو.
    اهي قهري ڪاروايون هليون پئي ته وري غدر پارٽيءَ جا ٻيا جٿا به انڊيمان پهچڻ لڳا ۽ ساٿين جي جدوجهد ۾ شامل ٿيندا پئي ويا. هيئنر هڪ پاسي جيڪڏهن جيلر بيري ۽ سپرنڊنٽ ظلم ۽ تشدد جو انت ڪري چڪا هئا ته ٻئي پاسي انقلابين به سيس نمائڻ کان نابري واري ويٺا آخر قيدين کاڌو واپرائڻ بند ڪيو، بيمارن تپاس ۽ علاج کان جواب ڏنو ۽ ڪيترن قيدين ته پاڻي پيئڻ کان به انڪار ڪيو واسکا سنگھ جنهن کي پنهنجا ساٿي سادو ۽ سنت سمجھندا هئا ان به ههڙي ڏهڪاءَ ۽ ڏاڍ ۾ تنگ ٿي هڪ ڏينهن ٽي جلاد جي نالي سان شعر ٺاهي ورتو. هاڻي ته هندوستان ۾ انقلابين جي مڙسان مڙسيءَ واري مهاڏي اٽڪائڻ جو خبرون به وڃي رسيون جنهن جنتا ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي اٿل آڻي ڇڏي.
    سرڪاري صاحبن کي جڏهن دهليءَ ۾ پنهنجن گُرگن بيري ۽ مري جي ڪڌن ڪرتوتن جي سڻس پئي ته انقلابين کي”بگھڙن جو ٽولو“ چئي هنبوڇيون هڻڻ لڳا 7 هيڏي ساري مامري کي لئه مٽي ڪري ڇڏيائون.
    انڊيمان ۾ قهري ڪاروايون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون هيون. آچر ڏينهن موڪل هئڻ بجاءِ به قيدين کان زوري ڪم ورتو ويندو هيو. ۽ انڪار ڪرڻ تي سخت سزا ڏني ويندي هئي. جيڪڏهن ڪوبه قيدي ڪنهن به ملازم جي شڪايت ڪندو هيو ته ان تهمت کي بنياد سمجھي قيديءَ جي کل لاهڻ ۾ به ڪوتاهي نه ڪئي ويندي هئي. صفائي ۽ سٿرائيءَ لاءِ ديسي شين ڪتب آڻڻ کي به قانون جي ڀڃڪڙي ۾ شمار ڪيو ويندو هيو. هر ڪنهن هٿ ٺوڪئي ڏوھه لاءِ ڌار ڌار سزائون رکيل هيون. جهڙوڪ: هٿ ڪڙيون، بيل ڪڙيون، ڳوڻين جا ڪپڙا، اڪيلائيءَ جو قيد ۽ ڪڏهن ته مورڳو ئي ڀتو (ماني) پاڻي به بند ڪيو ويندو هيو. اتي ئي هڪ قيدي اشوتا لاهري به سخت پورهيو نه ڪري سگھيو جنهن ڪري کيس هڪ ڪوٺي ۾ پوري ايترو ته ماريو يو جو هو مرڻ جي ڪنڌي تي اچي پهتو. پوءِ به انهيءَ دوزخ جي ڄَرَ ۾ هر هڪ انقلابي مقابلي لاءِ اٽل بيٺو هيو.
    آخر ڪار هھڙي ظلم جو پهريون شڪار 60 سالن جو پوڙهو ڀان سنگھ ٿيو جنهن کي لڳاتار ٻه ڏينهن ماريو ويو. ڪيترائي گھوٽ اڻ موٽ ان جبر ۽ ڏاڍ جو بکُ ٿي ويا. آزاديءَ جي انهيءَ راھه ۾ مارجي ويندڙن ۾ ٻڍا سنگھ، رام رکن، راليا سنگھ، نند سنگھ، ڪيهر سنگھ، ناٿا سنگھ ۽ راڙ سنگھ شامل هئا. اڄ جا نوجوان شايد انهن سورمن کي وساري ويٺا آهن جن جي پٺ ڀٺ ڏانهن سينو ظلم جي سامهون هيو.
    اھڙين حالتن ۾ چار ورهيه لنگھي ويا. ٻه ٽي گھمرا سوهن سنگھ بکنا به بک هڙتال ڪئي، پرٿوي سنگھ به 155 ڏهاڙا بک هڙتال ڪئي ۽ موٽ ۾ کيس ويھه مهينا اڪيلائيءَ جي قيد جي سزا ڀوڳڻي پئي. جوالا سنگھ سڄو سمو هڪ پکيءَ جيان پڃري ۾ واڙيو ويو. اروڙ سنگھ کي ڪيترائي ڏهارا هٿڪڙيون هڻي پيرن ڀر بيهاريو ويو. ان کان سواءِ نوجوان گرمگ سنگھ جي بت تي ايترا ته ڏنڀ ڏنا ويا جو سندس جسم چٽڪمرو ٿي ويو ۽ پوءِ به هن همراھه سِرُ نه جھڪايو. هر هڪ قيديءَ سان هيل تائين جيڪي به عقوبتون ڪيون ويون هيون انهن منجھان ڪيتريون ته ڳجھ ۾ آهن، بهرحال هيڏي ساري مصيبت ۾ ظلم انهن انقلابين جي حوصلن کي لوڏي ته نه سگھيو پر هو انهيءَ باھه جي آڙاھه ۾ ڪندن جيان جرڪي رهيا هئا ۽ سندن مضبوط حوصلن ۾ اڃان به واڌارو ٿي رهيو هيو.
    انڊيمان ۾ ٻيا قيدي اهو قهر ۽ ڪلور اکين سان ڏسندا هئا ۽ کين اچرج لڳندو هيو ته هي مٺ جيترا پسون ڪيئن نه دهشت گردي ۽ جبر جو اٽل ارادن سان نه رڳو مقابلو ڪري رهيا آهن پر هتان جي ڪاسائي صفت ڪامورن جو نڪ ۾ دم ڪيو اٿن.
    آخر پرھه ڦٽي ۽ پرڀاٿ ٿي- ۽ ٿيو هيئن جو ڪجھ پنجابي سپاهين وسيلي هندوستان ۾ هن قهري روئداد جي خبر وڃي پهتي، پوءِ ته ڪاوڙ ڪروڌ جو هڪ لاوا اُڙهي پيو ۽ نيٺ عوامي دٻاءَ هيٺ انگريز سرڪار کي انڊيمان جو ڪارو جيل بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
    جولاءِ 1921 ۾ ساڻيھه کان ڏور سانگيئڙا پنهنجي ڏيھه واپس وڃڻ لڳا. انقلابي قيدي- جهاز ۾ چڙهڻ کان پوءِ ور ڏئي گرکن (سوراخن) منجھان وطن کي ڏسڻ لاءِ پيا واجھائيندا هئا. ۽ ڪڏهن ته ساڻيھه جي سڪ ۽ حب وچان انقلابين جي اکين منجھان اَجھل لڙڪ وهي پوندا هئا. هر ويل ويچار ۾ پئجي ويندا هئا ته اهو ڀاڳيرو ڏهاڙو ڪڏهن ايندو جڏهن هو وطن جي پوتر ڌرتيءَ کي وڃي مِٺيون ڏيندا- رهيل کهيل قيدي ته انڊيمان ڇڏي وطن وري رهيا هيا پر انهيءَ موٽ ۾ ٻليدان طور پنهنجن اٺن ساٿين جي رک انڊيمان ۾ ڇڏيو پئي آيا.


    انقلابي ڪڏهن به جھور نه ٿيندو آهي.

    قيدين کي موٽائي هندوستان آندو ويو پر سرڪار سڀني کي هڪ جاءِ تي رکڻ ۾ ڊڄي رهي هئي، ان ڪري انقلابين کي هزاري باغ، ياردا، ناگپور، ويلورِ ۽ ڪئمٽور جي قيدخانن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري رکيو ويو.
    هڪ جيل کان ٻي جيل ڏانهن اماڻڻ جي وچ ۾ پرٿوي سنگھ ۽ گرمگ سنگھ هلندڙ ريل گاڏيءَ منجھان ٽپو ڏئي کسڪي ويا. ان کان سواءِ واسکا سنگھ سان پندرنهن ڄڻن ٻين کي مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ عام معافي جي ڏنل رعايت ۾ آزاد ڪيو ويو.
    تڏهن به هندوستان جي جيلن ۾ انقلابين جي هلچل ختم ڪانه ٿي هئي. ڪئمبٽور جي جيل ۾ موپلن کي ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هيو جو لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا. روزانو لسڙاٽ ۽ ڳڀرن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويندو هيو. ۽ ڪيترا معصوم ۽ ابهم ماني ڳڀي لاءِ به جيل ۾ ليلائيندا هئا. اهو نياءُ ڏسي اکين ۾ پاڻيءَ بدران ڄڻ رت وهندو هيو. ائين هڪ بابا جوالا سنگھ پنهنجي راشن جو ڪجھ حصو انهن بکايلن کي ڏيندو هيو ۽ ڪنهن چغل ڪامورن کي خبر ڏني ۽ کيس سزا طور 30 ڦٽڪا هنيا ويا.
    يارادا جي جيلن ۾ انقلابين گھُر ڪئي ته جيڪي سِک آهن انهن کي پڳڙيون پائڻ جي اجازت ڏني وڃي، ۽ سرڪار جي انڪار تي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. آخر انهي ضد جي ڪري بابا سوهن سنگھ بکنا 1929ع واري جڳ مشهور بک هڙتال جو لاهور جيل ۾ اعلان ڪيو ساڳئي جيل ۾ ڀڳت سنگھ (اسيمبليءَ ۾ بم رکڻ وارو انقلابي) به هيو جنهن بابا سوهن سنگھ بکنا کي چيو ”توهان پوڙها ۽ نٻل ٿي ويا آهيو ان ڪري بک هڙتال نه ڪيو.“ سوهن سنگھ کيس وراڻيو ”انقلابي جسماني طور جھور ٿي سگھي ٿو پر ذهني طور جھور ٿي نه سگھندو.“ انهي اٽل ارادي سان هن لڳاتار پنجيتاليھه ڏهاڙا بک هڙتال ڪئي.
    ڪيترائي ورهيه ڏسندي وائسندي لنگھي ويا ۽ انقلابين جي سزا به پوري ٿي وئي پر سرڪار کين ازاد ڪرڻ کان پڙ ڪڍي بيٺي، ڇو ته سرڪاري راءِ موجب انهن قيدين منجھان اڃان تائين اڙٻنگ ۽ اڻ سڌريل هئا. پر سوهن سنگھ بکنا ڪنڌ جھڪائڻ ۽ منٿ ڪرڻ جي ابتڙ وڏي واڪي چيو ”هاڻي مان هنن اونداهين ڪوٺين ۾ بنان ڪنهن سبب جي هڪ پل به نه گھاريندس.“ انهي ويل مرڻ وَرت رکيائين. ٽي مهينا گذرڻ کان پوءِ نيٺ هٺ ۽ وڏائيءَ جو ڳاٽو ڀڳو ۽ سرڪار کيس بنان ڪنهن شرط شروط جي 1930ع ۾ آزاد ڪيو.
    سوهن سنگھ ٻاهر اچڻ کان پوءِ ڪانگريس جي هلچل ۾ شامل ٿيو ۽ وري جيل حوالي ٿيو، ۽ جيئن کيس جيل مان ڇوٽڪارو مليو ته پنهنجن پراڻڻ ساٿين ۽ سڀني سياسي قيدين جي آزاديءَ لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪرڻ لڳو. ساڳئي وقت جيل ۾ نند سنگھ ۽ چوهڙ سنگھ به مرڻ وَرت رکيو ۽ نيٺ سندن محنتون صاب پيون.
    پر چوهڙ سنگھ آزاد ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي گذاري ويو. هي سورهيه سورما 20 ورهين جي عذاب ڪاٽڻ کان پوءِ آزاد ٿيا پر اونداهي ڪوٺين ۾ لڳاتار گھاريندي سندن تندرستي کي اڏوهي لڳي وئي هئي. ان هوندي به سڀني انقلابين جا حوصلا هميشه جيان جوان هئا.
    پر هڙيئي انقلابي جنهن نئين جڳت (سنسار) ۾ پير پائن وارا هئا ان جا طور طريقا ۽ رستا ۽ رند نوان هئا. هي اهو جڳ هيو جنهن سول نافرمانيءَ جي تحريڪ زور ورتو ٻئي پاسي اڪالي هلچل ۽ ڪميونسٽ پارٽي به اثر ڏيکارڻ لڳي. اهو سمو ساڳئي وقت ڪانپور ۽ ميرٽ سازش ڪيسن جو ۽ ڪرتي ڪسان پارٽيءَ جو هيو. اهو حقيقت ۾ ٻي وڏي سول نافرماني جو دور هيو جنهن پورهيتن، ڪڙمين، شاگردن سياسي ڪارڪنن ۾ وڏي جاڳرتا آندي.
    روس ۾ پورهيت انقلاب اچڻ کان پوءِ ماسڪو ڄڻ ته سڄي سنسار جي انقلابين لاءءِ زيارتگاھه بڻجي ويو. آمريڪا جي غدر پارٽيءَ وارن به پنهنجو خاطو (نمائندو) پورهيتن جي راڄ ڏانهن اماڻيو. انهي شانائتي سماج وادي انقلاب هڪ نئين ۽ جوان جماڻ سڀيتا جو ڄڻ ته پيڙھه پٿر رکيو هيو ۽ آمريڪي طرز جي سرمايه دار جمھوريت کي ڄڻ واچوڙو ويڙهي ويو آهي.
    آمريڪا مان هڪ اڻ ٿڪجندڙ انقلابي سنتوش سنگھ به واپس ورويو هيو. جهن پنجاب ۾ پورهيتن لاءِ ”ڪرتي“ نالي اخبار ڇپائي پڌري ڪئي. اها اخبار سنتوش سنگھ جي تپ دق وسيلي مرتيي (1928ع) تائين هلندي آئي. انهي وچ ۾ هندوستان جو چـڱو خاصو انگ ماسڪو جي ”اوڀر يونيورسٽي“ مان تعليم پرائي پنهنجي ديس پهچڻ لڳو. هاڻي اهي نوجوان ۽ غدر پارٽيءَ جا ڪارڪن هن نئين وايو منڊل ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ لاءِ ڏاڍا آتا هئا.


    جدوجهد لاءِ موٽ

    هي نئون زمانو هيو جنهن ۾ سڀئي انقلابي آزاد ٿيا هئا. انهن ۾ گھڻي ڀاڱي ننڍي ۽ وچولي ڄمارن وارا جيلن ۾ ويا هئا ۽ هاڻي سندن پوڙهن جسمن تي اڻ کٽندڙ جدوجهد جا دائمي نشان چٽا ڏسڻ ۾ اچن پيا. انهن همراهن منجھان ڳچ جيترن ته ورهين جا ورهيه جيلن ۾ گھاريا ۽ سور سختيون مرڪندي سهندا هئا. ۽ انڊيمان جي ٻاٽ اونداهين ۾ به موت سان مُنهان منهن ٿيندي ڪونه ڊنا هئا. هينئر سندن جسم ته ڏٻرا ٿي ويا هئا پر حياتيءَ جو رهيل کُهيل عرصو سانتيڪو ٿي ويهڻ کين اوکو پئي لڳو.
    بابا سوهن سنگھ بکنا ته گھر ڏانهن ويندڙ رستي کي ڄڻ وساري ويٺو هيو، ڇو ته هن چڱي ريت ڄاتو پئي ته گھر ۾ ٿڌو ٿانهرو ٿي ويهڻ سان ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيندي پر انقلاب آڻڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد جو نيٺ لاڀ ملندو. ان کان اڳ جو بابا سوهن سنگھ ۽ سندس ساٿي نئين سر هلچل هلائڻ جو سعيو ڪن، سڀني ويهي ڳوڙهو ويچار ڪيو ته روس ۾ پورهيت انقلاب ڪامياب ٿيو ۽ اپکنڊ ۾ هيل تائين ماڳ ماڻي نه سگھيا آهيون سو ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. سندن ذهن ۾ اهو به چٽو هيو ته انقلابي ڪڏهن به جھور نه ٿيندو آهي ان ڪري عوامي انقلاب آڻڻ ۽ مصيبتن جي ماريلن جو ڇوٽڪارو ڳاڙهي جھنڊي هيٺ گڏ ٿي جدوجهد ڪرڻ ۾ حاصل ٿي سگھندو.
    انهن سڀني انقلابين نه رڳو پنهنجن ساٿين ۾ نئين صف بندي ڪئي پر نوجوان ساٿين سان به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌڻ لاءِ راھه هموار ڪرڻ لڳا.
    بابا سوهن سنگھ بکنا پنهنجي تڪ ۾ ڪانگريس جو بنياد رکندي ئي علاقائي ڪاميٽيءَ کي منظم ڪيو ان کان سواءِ پيرين پيادل ميلن جا ميل پنڌ جھاڳي ڪسان سڀا (هاري پارٽي) کي ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ ۽ وستيءَ ۾ نئين سر مظبوط ڪيو. انهي هلچل ۾ امرتسر جي 1938ع واري لٺبازيءَ ۾ کيس ڏاڍا ڌڪ لڳا پر پوءِ به هيءُ همراھه پنهنجي ڪارج کي ذميواريءَ سان نڀائيندو آيو. آخر اڳتي هلي سوهن سنگھ بکنا هندوستان جي ڪسان سڀا جو مُک چونڊيو ويو.
    بابا جوالا سنگھ ٻئي پاسي نيل بار جهڙي پٺتي پيل علائقن ۾ هارين ۽ پورهيتن کي آزادي ۽ انقلاب جو سنيھو پهچايو، ۽ انهي جدوجهد ۾ پنهنجا پساھه پورا ڪيائين. اڄ بابا جوالا سنگھ سڄي پنجاب جي هاري هلچل ۾ وهائو تاري جي حيثيت رکي ٿو.
    بابا اروڙ سنگھ به بنان ساهي کڻڻ جي پيو پنڌ ڪندو هيو، ۽ اهڙي ريت فيروزپور ۽ ڀر پاسي وارين رياستن ۾ هارين جي جوڙجڪ ۽ سندن سماجي حالتن سڌارڻ ۾ جفاڪشيءَ سان ڪم ڪيو. اڳتي هلي تعلقي موگا منجھان پنجاب اسيمبليءَ جو بنان مقابلي ميمبر چونڊجي ويو.
    ساڳئي ريت بابا ڪيسر سنگھ هڪ سورهيه وانگي شير سنگھ سان گڏ شهنشاهيت خلاف، هر هڪ يُڌ (ويڙھه) ۾ سڀني کان اڳڀرو رهيو ۽ سندس ڪوشش هئي ته ”ڪِرتي“ کي پنجاب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائجي. اڄ تائين به ٽيهارو ورهيه جيل ۾ گھارڻ کان پوءِ به ڪيسر سنگھ جوان جماڻ کان به اڳڀرو آهي.
    بابا واسکا سنگھ، وري ديش ڀڳت پريوار ساهت ڪاميٽي (جيل ۾ پيل محب وطن جي ڪٽنبن جي پرگھور لاءِ ڪاميٽي) ڍاهي، ۽ انهي ڪاميٽي وسيلي 1921ع کان وٺي سياسي قيدين ۽ سندن ڪٽنبن لاءِ وڙهندو پيو اچي. ان ڪري کيس سک هارين ۾ تمام مانائتي نظر سان ڏٺو ويندو آهي.
    بابا گرمگ سنگھ، ڪوما گاٽا مارو وارو سورمو ۽ انڊيمان ۾ جدوجهد ڪندڙن منجھان، آزاد ٿيڻ کان پوءِ افغانستان ۾ ڪانگريس جو مکيه اڳواڻ ٿيو. جتي کيس پرٿوي سنگھ سان گڏ سرڪاري چُرچ تي جيل اماڻيو ويو. پر ڪجھ عرصو رهڻ کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو ۽ پوءِ هي همراھه روس منجھان گھمندو ڦرندو هندوستان موٽي آيو. هينئر بابا گرمگ سنگھ هتي ملڪي سياست ۾ هاري تحريڪ ۾ وڏي اتساھه ۽ جاکوڙ سان ڪم ڪري رهيو آهي. پرٿوي سنگھ به انديمان واري هلچل کان چڱي ريت ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ هيل تائين فرضي نالن سان هاري هلچل۽ آزادي لاءِ هندوستان جي ڳپل حصي تائين ڪم ڪيو آهي.
    بابا شير سنگھ، هرنام سنگھ ۽ لال سنگھ وارا جيڪي هن مهل تائين ڳاڻيٽي کان مٿي لڙاين ۾ حصو وٺي چڪا آهن. اهي اڄ به مڙسان مڙسيءَ ۽ جوان مرديءَ سان جدوجهد ۾ لڳا پيا آهن، ۽ سندن همٿ ۽ حوصلي جوانن کي به شرمائي ڇڏيو آهي.
    بابا گوجر سنگھ، ڪسان سڀا جو مکيه ورڪر، بابا هرنام سنگھ ڪوما گاٽا، بابا هردت سنگھ وارا وڏي ڄمار جا هوندي به اڄ تائين آزاديءَ لاءِ هڪ عام آدميءَ وانگر وڙهي رهيا آهن ۽ پنهنجن علائقن ۾ سچار ۽ بهادر سياسي اڳواڻن جي حيثيت سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا.
    انهن انقلابين سان هلچل ۾ ٻيا به ساٿي آهن جن کي غدر پارٽيءَ جي پيڙھه پٿر رکڻ وارن منجھ ليکي سگھجي ٿو. اهي همراھه اهڙي آپداويل به ٻاهر پنهنجن ذميوارين کي نڀائي رهيا هئا جڏهن گھڻي قدر ساٿي 14- 1915ع واري اٿل ۾ سوگھا ٿي چڪا هئا. انهن ويڙهاڪن ۾ ڪرم سنگھ به هڪ آهي جيڪو ٻي اڪالي تحريڪ (1925ع) جو هڪ سورمو آهي ۽ پهرين انقلابي اخبار ”ديش شيوڪ“ جو پايو وجھندڙ به آهي. ڪيترا ڀيرا ڪانگريس هلچل ۾ جيل ياترا به ڪئي اٿس ۽ ان کان سواءِ ”ڪرتي ڪسان هلچل“ جي ٺاهيندڙن منجھان پڻ هڪ آهي. هڪ ٻيو انقلابي ڀاڳ سنگھ جڳ مشهور اڪالي تحريڪ جو اڳواڻ جنهن 1930ع تائين دوآٻيءَ ۾ هاري هلچل کي مظبوط ڪرڻ ۾ ڪارائتي هٿي ڏني سو به وسارڻ جهڙو ڪونهي. ٻيو بابا ڀڳوان سنگھ ”شهيدن جي جٿي“ جو سورهيه جنهن 1905 ع ۾ سڄي ملڪ جو دورو ڪري هندو مسلم ايڪتا لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن انقلابي همراھه جنهن مردانگيءَ سان سوراج (آزادي) حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي ان کيس هندوستان جي وطن دوست حلقي ۾ ڏاڍي عزت ۽ مان ڏنو. ۽ مورڳو ئي پنڊت نهرو به سندس آجيان ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گھٽايو. ٻيو ساٿي سنت سنگھ جنهن اڳتي هلي سماج واد تحريڪ لاءِ پڻ وڏو ڪم ڪيو.
    اهڙي ريت سنتوش سنگھ ۽ جوالا سنگھ کان سواءِ ايسر سنگھ، ناٿن سنگھ ڇُڳا، ڪرم سنگھ دتا، مدن سنگھ گاگا، ڪپور سنگھ موهي ۽ اندر سنگھ، سريش سنگھ هڙنئي ساٿين جي صحت جيتوڻيڪ صفا جواب ڏيو بيٺي آهي پوءِ به ساٿين سان صفن ۾ بيٺا آهن. ڇاڪاڻ ته کين احساس آهي ته جنهن آزاديءَ جي جوت کي سندن ساٿين رت جو ريج ڏئي جلايو آهي ان کي وسامڻ نه گھرجي . اڄ به اهي سڀئي انقلابي اسان جي تحريڪن ۾ ديس سان پيار ۽ پاڻ بليدان ڪرڻ جي ڪارج ۾ رڌل آهن ۽ سڄي سنسار ۾ هلندڙ آزاديءَ جي هلچل ۾ انهن اڳواڻن جي آدرشن تي سچ پچ تي اسان کي فخر آهي.


    ساميه واد ڏانهن

    ٻي مهاڀاري لڙائي سيپٽمبر 1939ع ۾ لڳي. انقلابي اڳ ۾ ئي سرڪار جي نظر ۾ کٽڪندا هئا جن اڃان ٽي چار ورهيه جيل کان ٻاهر مس گذاريا هئا، انهن هڙنئي کي پهرين ٺڪا ٺوڪيءَ ۾ قابو ڪيو ويو. آڪٽوبر ڌاري کين ٻين هاري اڳواڻ سان گڏ ديوليءَ ڪئمپ ۾ موڪليو ويو جتي ساڻن سامياواد پارٽيءَ (ڪميونسٽ پارٽي) جا ورڪر به رکيا ويا.
    انقلابي هونئن ته گھڻي ڀاڱي سماج واد (سوشلزم) جا حامي هئا. ان هوندي به هي پهريون ڀيرو هئو جو سڀ روشن خيال ۽ ترقي پسند قيدي هڪ جاءِ گڏ ٿيا هئا. ان ڪري سڀئي همراھه سڄي سنسار ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن کان واقف ٿيڻ ۽ عقلي ۽ منطقي بنيادن تي پنهنجي ناڪاميءَ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ويٺا. جڏهن کين سڄي مونجھاري جي چڱيءَ ريت خبر پئي ته هڙيئي همراھه اڳي کان اڳرا پئي لڳا، ۽ سڄي حالتن جي ڇيد ڪندي انهيءَ نتيجي تي پهتا ته انقلابين جا ذهني طور سجاڳ ۽ سچيت جٿا جڏهن تيار ٿيندا ته اهي پاڻ هڪ انقلابي لشڪر جي شڪل اختيار ڪندا.
    غلاميءَ جهڙي شرمناڪ طوق منجھان جان ڇڏائڻ لاءِ سڀني انقلابين منجھ اڳ کان به وڌيڪ اڪير ۽ اتساھه نسري پيو هيو. اهڙي ريت سويت يونين منجھان پڙهي آيل نوجوانن جي مدد سان هاري هلچل کي 1930 ڌاري پنجاب ۾ مضبوط ڪرڻ ۾ وڏي هٿي ملي هئي. جڏهن انقلابين محسوس ڪيو ته هُو پنهنجي سڄي ڄمار انقلاب لاءِ ارپي ويٺا آهن ته هنن ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ اچڻ جي نيند کي هڪدم قبول ڪيو. ڇو ته اها اڪيلي پارٽي هئي جيڪا سڀني انقلابين لاءِ، ڀائيچاريءَ جو اتم ۽ اعليٰ سنيهو هئي. انهيءَ پارٽيءَ جو مکيه پيغام هيو ته ”اچو ته گڏجي آزاديءَ ۽ ڏتڙيل انسان ذات لاءِ ڪم ڪيون.“ ”اهو هونئن به اسان جو مکيه مول ۽ مقصد آهي“ بابا سوھن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندي چيو.
    نيٺ ديوليءَ جي ڪئمپ ۾ مرڻ گھڙيءَ تائين بک هڙتال شروع ڪئي وئي پر انقلابين کي ٻين ساٿين ايڏي جوکائتي قدم کڻڻ کان روڪيو. پوءِ به سڀني ساٿين پاڻي وٺڻ کان انڪار ڪيو. انهن انقلابين جي گھر هئي ته انهيءَ خوني ڪئمپ کي هڪدم بند ڪيو وڃي آخرڪار اها بدنام ڪئي وئي پر بد نيت ڪامورا شاهيءَ کين ڇڏڻ کان نابري واري ويٺي. نيٺ هوريان هوريان انقلابين کي آزاد ڪيو ويو. اروڙ سنگھ ته آڪٽوبر 1945ع ۾ رها ڪيو ويو.
    پرٿوي سنگھ به ڪيترا ورهيه زير زمين تحريڪن ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ 1939ع ۾ مهاتما گانڌيءَ جي چوڻ تي پيش پيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪيترا مهينا مهاتما گانڌيءَ وٽ آشرم ۾ رهيو ۽ وري کيس 1942ع ۾ سوگھو ڪيو ويو. آخرڪار 1943ع ۾ ٻاهر نڪتو ۽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
    اڄ به ساٿين ۾ جيڪو انقلابي سڀني کان ٻه قدم اڳڀرو آهي سو بابا گرمگ سنگھ آهي. پاڻ روس ۾ مارڪسواد جي چڱي خاصي ڄاڻ حاصل ڪئي اَٿائين ۽ آمريڪا ۾ نئين سر غدر پارٽي ٺاهيائين. هندوستان ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ به ڳجھي نموني انقلابي دونهين کي دکائيندو رهيو جيستائين 1936ع ۾ گرفتار نه ٿيو. هن همراھه کي لاهور قلعي جهڙي دشت نگر ۾ سخت ايذاءَ عذاب ڏنا ويا پر سندس حوصلا اڄ به هماليه کان وڌيڪ مٿاهان آهن. بابا گرمگ سنگھ کي سورن ۽ سختين ايڏو ارڏو ۽ اڙٻنگ بنائي ڇڏيو آهي جو هاڻي کائنس آڏي پڇا نه ڪئي ويندي آهي.
    پر پوءِ به هٺيلي سرڪار پنهنجي خيال موجب گرمگ سنگھ جي من مستي مارڻ لاءِ کيس انڊيمان موڪلڻ جو پڪو پھه ڪيو. ڇا ڪاڻ ته سرڪار مٿس کليل عدالت ۾ ڪاروائي هلائڻ کان پاسو پئي ڪيو، ان لاءِ جو هڪ ته سرڪار خلاف ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڌي وڻ ٿي پوي ها ۽ ٻيو ته برطانيه سرڪار جي به سڄي دنيا ۾ انهيءَ ڏاڍائي ڪارڻ مٽي پليت ٿئي ها.
    انڊيمان ۾ پهچڻ شرط گرمگ سنگھ مرڻ ورت رکيو جنهن ڪري کيس هڪدم موٽايو ويو. ان کان پوءِ پنجاب جي ڌار ڌار جيلن ۾ گرمگ سنگھ کي رلايو پئي ويو.جيل جي اختياريءَ وارن هيل تائين ساڻس عقوبتون ۽ تشدد ڪرڻ ۾ وسان ڪونه گھٽايو آهي. هن مهل تائين هي همراھه 17 ورهيه جيل ۾ رهي چڪو پر يونينسٽ سرڪار ۾ ايتري جرئت ڪانهي جو سندس بند خُلاصا ڪن. گرمگ سنگھ جو ٻيو ساٿي سچا سنگھ هزاري باغ ۾ 19 ورهيه قيد ڀوڳي چڪو آهي.
    هي اسان جي غدر پارٽي جي سورمن جي جدوجهد جو سونهري باب آهي، جيڪي شهيد ڪرتار سنگھ سرڀا جا ساٿي آهن ۽ جن هاري هلچل ۾ وڏو ساھه ڦوڪيو آهي، اسان جي حڪمرانن جيڪي ڪارا ڪوٽ ٺاهيا آهن تنهن ۾ هنن سورمن 20 کان 33 ورهيه جيل ياترا ڪئي آهي. اهي جوڌا اسان جي ديس واسين لاءِ آزاديءَ جي ڦٽندڙ باک جو سنيهو آهن. هي اهي گھوٽ اڻ موٽ آهن جن تي هر ديس واسي ڳاٽ اوچو ڪري آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري پيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267677
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387991
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ