ڪتاب جو نالو: اچو ته نماز سکون
مصنف: غلام محمد ميمڻ / مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 15 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 2128 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 569 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب جو ليکڪ ابو الليث غلام محمد ميمڻ آهي جڏهن ته تصحيح فقيه السنڌ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب مدير “ماهوار شريعت” سکر جن ڪئي آهي.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • تقريظ
  • تقريظ 2
  • پيش لفظ
  • اسلام جا ارڪان
  • نماز
  • نماز جا شرط
  • پليتيءَ جو بيان
  • پاڪائيءَ جو بيان (وضوءَ جو بيان)
  • پاڪائيءَ جو بيان (غسل ڪرڻ جو بيان)
  • تيمم جو بيان
  • موزن تي ۽ پٽي کي مک ڪرڻ جو بيان
  • نماز جو ٻيو شرط ڪپڙن جو پاڪ هجڻ
  • نماز جو ٽيون شرط آهي جاءِ جو پاڪ هجڻ
  • نماز جو چوٿون شرط اگهڙ ڍڪيل هجڻ
  • فرض نماز
  • فرض جا قسم
  • سنت جا قسم
  • حرام ۽ مڪروه تحريمي ۽ مڪروه تنزيهي جي تعريف
  • مباح جي تعريف
  • ستون شرط نماز جي نيت
  • اذان جو بيان
  • نماز جا رڪن يعني اندريان فرض
  • نماز جو پهريون اندريون فرض
  • نماز جو ٻيون اندريون فرض
  • ٽيون اند ريون فرض
  • چوٿون اندريون فرض
  • پنجون اندريون فرض
  • نماز جو ڇهون اندريون فرض پويون قعده
  • نماز جي واجب جو بيان
  • نماز ۾ سنتن جو بيان
  • نماز ۾ مستحب جو بيان
  • نماز جو پنجون شرط وقت جو هجڻ
  • ڇهون شرط قبلي ڏانهن منهن ڪرڻ
  • نماز جي مڪروهن جو بيان
  • جن ڪمن سان نماز ڀڄي پوي ٿي ۽ جن سان نٿي ڀڄي
  • نماز پڙهڻ جو پورو طريقو
  • عورتن جي نماز ۾ فرق
  • نماز جا مڪروهه وقت
  • پنج وقتي نمازن جي رڪعتن جو بيان
  • صفت نماز
  • سهو جي سجدي جو بيان
  • نماز ۾ شڪ پوڻ جو بيان
  • بيمار جي نماز جو بيان
  • قضا نماز پڙهڻ جو بيان
  • امامت جو بيان
  • صفن جو بيان
  • جماعت جو بيان
  • مسبوق جو جماعت سان ملڻ
  • تلاوت جي سجدي جو بيان
  • مسافر جي نماز جو بيان
  • نماز جمعة المبارڪ
  • عيد نماز جو بيان
  • عيد جي ڏينهن جا سنت جا عمل
  • ايام تشريق جو بيان
  • نماز تراويح
  • جنازي نماز جو بيان
  • نفلي نمازن جو بيان نماز تحيةالوضوءِ
  • نماز تحية المسجد
  • اشراق جي نماز
  • چاشت جي نماز
  • صلواة الاوابين
  • تهجد جي نماز
  • سج گرهڻ جي نماز
  • چنڊ گرهڻ جي نماز
  • نماز باران
  • صلاةالتسبيح
  • صلاةالحاجة
  • صلاةالاستخاره
  • صلاة التوبة

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........
    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو چوٽيهون (34) ڪتاب اچو ته نماز سکون حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ابو الليث غلام محمد ميمڻ آهي جڏهن ته تصحيح فقيه السنڌ مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب مدير “ماهوار شريعت” سکر جن ڪئي آهي.

    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com


    تقريظ

    حضرت مولانا مفتي عبداوهاب چاچڙ مدظلہ عالي
    مدير ماهوار ”شريعت“ جامعہ دارالعلوم شرعيہ روهڙي

    الحمد الله العظيم و نصلي علي رسوله الڪريم
    اما بعد.فقه، اسلامي علوم مان اهڙو علم آهي جنهن جي ذريعي دنيا جي ڪاميابي۽آۡخرت جي نجات حاصل ٿئي ٿي سنڌ سونهاري جيڪا وڏي عرصي تائين علم جو بين الاقوامي مرڪز رهي آهي انهيءَ سهڻي ڌرتيءَ جي عالمن شاندار تدريسي ۽ علمي اشاعتي خدمتون سر انجام ڏنيون آهن ۽ مختلف ديني شعبن ۾ بيشمار تصنيفن ڪرڻ سان گڏ فقه تي انهن جو خصوصي توجه رهيو آهي.سنڌي فقهين فقه جي صرف هڪڙي ڪتاب در مختار جا پنج شرح لکيا آهن. انهن شارحن ۾ مخدوم محدث ابو الطيب سنڌي،محدث ابوالحسن صغير سنڌي نعمان ثاني مخدوم عبدالواحدسيوستاني مخدوم عابدانصاري سيوستاني شيخ حمزه سنڌي ۽ محمد اڪرم هالائي شامل آهن.عابد سنڌيءَ وارو شرح طوالع الانوار ڦل سائيز جي تقريبا سترهن هزار صفحن تي مشتمل ضخيم آهي. پر افسوس آهي جو سنڌي قوم جي بي حسي ۽ بي قدري جي ڪري اهي ڇپجي نه سگهيا آهن.
    باباءِ سنڌ فتح محمد سنڌي جو ڪتاب مفتاح الصلواة وڏي عرصي بر صغير جو معتبر ترين ڪتاب رهيو آهي ۽ ان جا مختلف ٻولين ۾ ترجما به ٿيا آهن.
    سنڌي ٻولي جي لکڻ لاءِ سنڌ ۾ چار سو کن رسم الخط هئا. جڏهن مخدوم ابو الحسن ٺٽوي سنڌي ٻولي جي لاءِ عربي طرز جي رسم الخط جو ايجاد ڪيو ته پوءِ سنڌي گهڻو ڪري انهيءَ رسم الخط ۾ لکجڻ شروع ٿي. سڀ کان پهريون ابو الحسن پاڻ مقدمة الصلواة يا ابو الحسن جي سنڌي رسالو انهيءَ رسم الخط ۾ لکيو ۽ اهو رسالووڏن عالمن جي مطالعي ۽ بحث ۾ رهيو آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ مقدمة الصلواة جي ڪن مسئلن سان اتفاق نه ڪندي ان تي اصلاح مقدمة الصلواة منظوم لکيو. نوجوان ذهين عالم علامه قائم سنڌي مخدوم محمد هاشم جي اصلاح کي رد ڪيو. مخدوم محمد هاشم انهيءَ رد جو رد لکيو. مخدوم قائم سنڌي جواب ڏي ها پر ڦوهه جواني ۾ فوت ٿي ويو. ابو الحسن کان پوءِ مخدوم ضياء الدين ۽ ٻين عالمن نماز جي مسئلن تي پنهنجيون سنڌيون لکيون. فقه تي ۽ خاص ڪري نماز جي مسئلن تي سنڌي عالمن گهڻو ڪجهه لکيو آهي. مخدوم جعفر بوبڪائي،مخدوم محمد هاشم ٺٽوي،مخدوم قائم سنڌي،مخدوم عابد سنڌي ۽ مخدوم عبدالواحدٺٽويءَ ته فقه جي هر شعبي تي ٽن ٻولين ۾ ڪتاب لکيا عربي ۾ پارسي ۾ ۽ سنڌيءَ ۾. هيءُ رسالو ”اچو ته نماز سکون“ انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. مولانا غلام محمد ميمڻ جنهن جو هيءُ رسالو لکيل آهي اهو لکڻ جي طرز،ذوق۽سليقي ۾ نرالي حيثيت جو مالڪ آهي انهيءڪري ته مولانا جا لکيل ڪتاب ۽ رسالا چڱي مقبوليت ماڻي چڪا آهن.
    هيءُ رسالو نماز جي مسئلن بابت جامع ڪتاب آهي. جنهن کي اول کان آخر تائين مون پنهنجي نظر مان ڪڍيو آهي ۽ ان ۾ مناسب اصلاح به ڪيا آهن.مولانا جن ڏاڍو آسان،وسيع ۽ مفيد ڪتاب لکيو آهي.الله تعاليٰ کان دعا آهي ته ان کي مقبول عام ۽ مفيد عام بڻائي ۽ مصنف کي اجر عظيم ۽ مزيد توفيق عطا فرمائي.
    والسلام
    حضرت مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ صاحب
    خاد م شريعت
    جامعه دارالعلوم شرعيه روهڙي ضلعو سکر


    تقريظ 2

    مغفور مرحوم الحاج عبدالرحمٰن ميمڻ پريالوءِ صالح ۽ ديني علم سان واسطو رکندڙ شخص هو جنهن جي وفات کان بعد سندس وارثن ان جي پيٽيءَ مان هڪ نماز جي مسئلن تي لکيل بوڪ لڌو جيڪو سوال،جواب جي صورتن ۾ هيو ان جي وارثن ان جي ڇپائي جو خيال رکي مولانا غلام محمد ميمڻ جي جيڪو مرحوم ،مغفور جو داماد ۽ صالح عالم آهي ان جي حوالي ڪيو مولانا موصوف ان ۾ گهڻو اضِافو ڪيو بعد ۾ان کي تقريظ لاءِ مون وٽ کڻي آيو چونڪه مون دماغي بيمار آهيان تنهن ڪري مون ان کي مختلف مختصر جاين کي ڏٺم مون ان کي عام مسلمانن لاءِ مختصر طور تي بي حد مفيد لڌم،نماز دين جي ارڪان ۾ تمام اهم رڪن آهي جيڪڏهن مسلمان ان کي پڙهندا ته کين وڏو فائدو پوندو ۽ نماز صحيح پڙهڻ حاصل ڪندا آخر ۾ دعا آهي ته الله تعاليٰ ان وچ ۾ مغفور مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس عطا فرمائي ۽ مغفور جي وارثن کي الله تعاليٰ ان بوڪ جي ڇپائي کي قبول فرمائي. آمين
    و صلي الله عليٰ سيد المرسلين محمد و اٰله اجمعين
    فقط

    بنده شبير احمد غفرله
    مدرسه تعليم الهديٰ حماديه الرا
    10 محرم الحرام سنه 1430 هه


    پيش لفظ

    شوال سنه تاريخ 2000ع پريالوءِ شهر جي هر دلعزيز،فرشته صفت شخصيت،حلم ۽ سهپ جود۽ سخا جو صاحب،ذاڪر ۽ شاڪر بندو هر ڪنهن سان مرڪي ملندڙ حاجي عبد الرحمان ميمڻ اجل جي داعي کي لبيڪ چوندي هن فاني جهان مان راهي ٿي ويو. مرحوم آخري وقت ۾ به پنهنجي سخا واري صفت کان پوئتي ڪين رهيو دل جي شديد درد جي بي چيني ۾ پنهنجي باغ مان ڪجهه حصو مدرسه لاءِ وصيت ڪيون ويو. اهڙي ريت پنهنجي زندگيءَ جي آخري رات معمول واري عبادت، نماز ، تلاوت ۽ ذڪر سان گڏ سخا واري عمل کي اعمالنامي ۾ داخل ڪرايون ويو. شال رب سائين جون مٿس بيشمار رحمتون هجن ۽ الله تعاليٰ سندس عملن کي قبول فرمائي مرحوم عالم فاضل ته ڪونه هو پر علم جو پانڌيئڙو ضرور هو .وڏي عمر ۾ به وقتا فوقتا هٿ ۾ ڪتاب کڻي عالمن سڳورن جي خدمت ۾ حاضر ٿي سکڻ واري حرص جو اظهار ڪندو هو ان کان سواءِ ذڪر فڪرِصلاة،درود،تلاوت ۽ عبادت،رياضت ۾ پابند رهندو هو. زير نظر ڪتاب به سندس سکڻ واري فڪر جي هڪ ڪڙي آهي. سندس وفات کان ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن سندس ذاتي سامان جو جائزو ورتو ويو ته دنيا جي مختصر سامان سان گڏ هڪ بڪ نظر آيو جنهن ۾ طهارت ۽ نماز جا ڪجهه مسائل سوال جواب جي طرز تي خوشخطي ۾ لکيل هئا سندس فرزند ارجمند عبدالسميع صاحب هي بڪ مون وٽ کڻي آيو .هن بڪ ۾ مختصر مسائل کانسواءِ ٻيو ڪجهه به لکيل ڪونه هيو جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ته هي لکت ڪنهن جي آهي ۽ ڪڏهن جي آهي. ڪاغذجي شڪل ۽ لکت جي ڍنگ مان ايئن معلوم ٿئي پيو ته اهو بڪ چاليهه سال کن پراڻو لکيل آهي .
    محترم عبد السميع صاحب جو خيال ٿيو ته جيڪر هن کي ڇپرائي هن جو ثواب والد مرحوم ڏانهن منسوب ڪجي اها راءِ مناسب لڳي پر لکيل مسائل نهايت ٿورا هئا. مشورو ڪيوسون ته ڪجهه اڃان به اضافو ڪري پوءِ ڇپرائجي.لهذا ساڳي سوال جواب واري ترتيب سان ڪجهه وڌيڪ مسائل لکي اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون مان پنهنجي هن لکت واري ثواب کي سندس اعمال نامي ۾ داخل ڪرڻ لاءِ الله رب العزت جي حضور ۾ دست بدعا آهيان شال قبول فرمائي.
    اللّهم آمين يا رب العالمين .
    ابو الليث غلام محمد ميمڻ
    پريالوءِ


    اسلام جا ارڪان

    سوال: اسلام جا فرض يا رڪن گهڻا آهن؟
    جواب: پنج آهن(1) توحيد جو عقيدو رکڻ ۽ انهيءَ عقيدي سان ساري حياتيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو زبان سان ڪلمه پڙهڻ (2) نماز پڙهڻ ( 3) روزه رکڻ (4) زڪوات ڏيڻ (5)حج ڪرڻ


    نماز

    سوال: نماز ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: نماز الله تعاليٰ جي عبادت ۽ بندگي ڪرڻ جو هڪ خاص طريقو آهي جو الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول الله ﷺسيکاريو آهي.
    سوال:نماز جا گهڻا فرض آهن ؟
    جواب: چوڏهن (14) آهن ۽ اهي وري ٻه قسم آهن (1) ٻاهريان يعني جيڪي نماز کان ٻاهر يا اڳ ۾ ڪرڻا ٿا پون انهن کي شرط به چوندا آهن. (2) اندريان يعني جيڪي نماز ۾ اندر ڪرڻا ٿا پون ۽ انهن کي رڪن به چوندا آهن.


    نماز جا شرط

    سوال: شرط گهڻا آهن؟
    جواب: (7) ست آهن (1) پليتيءَ حقيقيءَ يا حڪميءَ کان بدن پاڪ هجڻ (2) ڪپڙا پاڪ رکڻ (3) جاءِ پاڪ رکڻ (4) اوگهڙ ڍڪڻ (5) وقت سڃاڻڻ (6) قبله ڏانهن منهن ڪرڻ (7) نيت (دل جو ارادو) ڪرڻ پر هي شرط عام طور تي ذڪر نه ڪيو ويندو آهي


    پليتيءَ جو بيان

    سوال: پليتي حقيقي ڇا کي چئبو آهي؟
    جواب پليتي حقيقي اها آهي جنهن جو وجود ڏسڻ ۾ اچي رت ،پيشاب ، پائخانه
    سوال: پليتي حڪمي ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: پليتي حڪمي ان کي چئبو آهي جو جنهن جو وجود ڏسڻ ۾ نه اچي پر شريعت جي طرف کان حڪم هجي ته هي پليتي آهي ته انکي پليتي شمار ڪبو جيئن وضوءَ جو نه هجڻ يا تڙ جو لازم هجڻ (1)
    (1) بي وضو هجڻ کي حد ث اصغر ۽ تڙ واجب هجڻ کي حدث ا ڪبر چئبو آهي. ابو اليث
    پليتيءَ جا قسم
    سوال: پليتي گهڻا قسم آهي؟
    جواب :حقيقي پليتي ٻه قسم آهن
    (1) غليظ يعني سخت پليتي.
    (2) خفيف يعني هلڪي پليتي.
    سوال: غليظ پليتي ڇا آهي ؟
    جواب: جيڪا پليتي انسان مان نڪري (2) ۽جيڪا حرام جانورن مان نڪري ۽ ڪڪڙ ۽ بدڪ جي وٺ ۽ ان پکي جي وٺ جنهن جي وٺ ۾ بدبوءِ ڪڪڙ جي وٺ جهڙي هجي ۽ شراب،سوئر،رت، مردار (بنا ذبح جي مري ويل جانور وغيره ) جو گوشت اهي سڀ غليظ آهن انهيء مان جيڪڏهن مان جيڪڏهن ماڻهوَ جي ڪپڙي يا بدن کي درهم جي انداز جيتري لڳي ته معاف آهي. (1)
    (1) يعني اها گندگي جيڪا انسان جي جسم مان نڪري وضو ٿيڻ يا تڙ جي واجب ٿيڻ جوحڪم لڳائيندي ته اهاا غليظ پليتي آهي. باقي جنهن سان حڪمي پليتي جو حڪم نه ٿو لڳي جيئن پگهڙ،بلغم،ٿڪ،۽ اک جو عام نڪرندڙ پاڻي سو پليت نه آهي.ابو الليث
    غير پاڻياٺ ۾ درهم جي تور3 ماسا جو انداز معاف آهي ۽ پاڻياٺ ۾ درهم جي ماپ يعني هٿ جي تريءَ جي وچين لهوار جيترو معاف آهي معاف جي معنيٰ مڪروه نماز به ٿي ويندي.مفتي عبد الوهاب چاچڙ.
    سوال: خفيف پليتي ڪهڙي آهي ؟
    جواب: حلال جانورن جو پيشاب ۽ پائخانو (يعني ڦوسو،لڏ، ڦوليڙيون) ۽ حرام پکين جي وِٺِ خفيف پليتي آهي.
    سوال: خفيف پليتيءَ جو ڪيترو انداز معاف آهي؟
    جواب: ڪپڙي جو چوٿون حصو. مختلف حصن تي مشتمل ڪپڙي جي حصي جو چوٿون حصو. قميص جي ٻانهن جدا ڪپڙو آهي ۽ اڳ جدا ڪپڙو آهي ۽ پُٺِ جدا ڪپڙو آهي.


    پاڪائيءَ جو بيان (وضوءَ جو بيان)

    سوال: وضوءَ جا فرض گهڻا آهن؟
    جواب: چار فرض آهن (1) پيشانيءَ جي وارن کان کاڏيءَ جي هيٺين حصي تائين ۽ ڪن جي پاپڙيءَ کان ڪن جي ٻئي پاپڙيءَ تائين منهن ڌوئڻ( 2) ٺوٺين سميت هٿ ڌوئڻ.(3)سڄي مٿي جي چوٿين حصي جو مک ڪرڻ(4) ڀيڏين سوڌو پير ڌوئڻ پر ڌوئڻ واري وقت شرط آهي ته پاڻي هيٺ ٽمي،جيڪڏهن نه ٽميو ته انکي ڌوئڻ نه چئبو بلڪ اهو مک آهي.

    وضوءَ جون سنتون
    سوال: وضوءَ جون سنتون گهڻيون آهن؟
    جواب: وضوءَ جون سنتون (17) آهن
    (1) نيت ڪرڻ (2) بسم الله پڙهڻ (3) ڏندڻ ڏيڻ (4)ويڻين تائين هٿ ڌوئڻ (5)گرڙيون ڪرڻ (6) نڪ کي پاڻي ڏيڻ (7) ترتيب وار عضون کي ڌوئڻ. (8) پهريائين سڄو عضوو ڌوئڻ پوءِ کٻو ڌوئڻ (9) هٿن ۽ پيرن جي آڱرين جو خلال ڪرڻ (10) لڳو لڳ عضوا ڌوئڻ (11) ٽي ٽي ڀيرا عضوا ڌوئڻ (12)سڄي مٿي جومک ڪرڻ (13)ڪنڌ جو مک ڪرڻ (14)ڪنن جومک ڪرڻ (15) ڏاڙهي جوخلال ڪرڻ (16) ڌوئڻ وقت عضون کي مهٽڻ (17) پيرن ڌوئڻ ۾ آڱرين کان شروعات ڪرڻ.
    سوال: جيڪڏهن وضوءَ ۾ نيت نه ڪيائين ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن وضوءَ جي نيت نه ڪيائين مثلا درياءَ ۾ يا واهه ۾ ٽٻي هنيائين يا ڪري پيويامينهن ۾ ڀڄي ويو۽ وضوءَ واراسمورا عضوا پاڻيءَ ۾ آلا ٿي ويا جو پاڻيعضون تان ٽمڻ لڳو ته وضو ٿي ويندو يعني ان وضوءَ سان نماز پڙهڻ جائز آهي پر وضوءَ جو ثواب نه ملندو.
    سوال: وضوءَ جي نيت ڪهڙي طرح ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: نيت جي معني آهي ارادو ڪرڻ جڏهن وضو ڪرڻ لڳي ته هي ارادو ڪري ته ناپاڪي پري ڪرڻ ۽ پاڪائي حاصل ڪرڻ واسطي وضو ڪيان ٿو بس دل ۾ اهو ارادو ۽ خيال ڪرڻ نيت آهي.
    سوال: نيت زبان سان چوڻ ضروري آهي يا نه؟
    جواب :زبان سان چوڻ ضروري نه آهي جيڪڏهن چيائين ته به ٺيڪ آهي.
    سوال: وضو هجڻ جي حالت ۾ وري نئون وضو ڪري ته ڪهڙي نيت ڪري؟
    جواب: صرف هي نيت ڪري ته وضو جي فضيلت ۽ ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ وضو ڪري رهيو آهيان.
    سوال: وضوءَ ۾ بسم الله سڄي پڙهڻ گهرجي يا نه؟
    جواب:بسم الله پوري پڙهڻ يا بسم الله العلي العظيم والحمدلله علي دين الاسلام يا بسم الله والحمد لله ٽئي پڙهڻ جائز آهن.
    سوال: ڏندڻ ڪرڻ ڇا آهي ۽ ان جو ڪهڙو نمونو آهي؟
    جواب:ڏندڻ ڪرڻ سنت مو ڪده آهي ۽ان جوڏاڍو گهڻو ثواب آهي. ۽ ان ۾ گهڻا فائدا آهن ڏندڻ ڪنهن وڻ جي پاڙ يا ڪاٺيءَ جو هجي جيئن ورنهن جي پاڙ يا نم جو ڏندڻ ۽هڪ گرانٺ کان وڏو نه هجي ڌوئي هڻي ۽ ڌوئي رکي پهريائين سڄي طرف جي ڏندن کي هڻي پوءِ کٻي طرف جي ڏندن کي هڻي ٽي ڀيرا ڪري ۽ هر هڪ ڀيري سان نئون پاڻي استعمال ڪرڻ گهرجي.
    سوال: نڪ ۾ پاڻي ڏيڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    جواب: سڄي هٿ سان نڪ ۾ پاڻي وجهجي کٻي هٿ سان صاف ڪرڻ گهرجي
    سوال: ڏاڙهيءَ جي ڪهڙي حصي جو خلال سنت آهي؟
    جواب: ڏاڙهي جي هيٺين ۽ اندر جي وارن جو خلال ڪرڻ سنت آهي ۽ جيڪي وار سامهون کل تي آهن انهن جو ڌوئڻ فرض آهي.
    سوال: آڱرين جو خلال ڪهڙي طرح ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: هٿن جي آڱرين جون خلال هن طرح ڪري جو هڪ هٿ جون آڱريون ٻئي هٿ جي آڱرين ۾ وجهي هلائي ۽ پيرن جي آڱرين جو خلال هن طرح ڪري ته کٻي هٿ جي چيچ سڄي پير جي چيچ ۾ وجهي هلائڻ شروع ڪري تان ته کٻي پيرجي چيچ تي ختم ڪري.
    سوال: سڄي مٿي جي مک ڪهڙي طرح ڪري؟
    جواب: ٻئي هٿ پاڻيءَ سان آلا ڪري مٿي جي ٻنهي پاسن کان پيشانيءَجي وارن جي جاءِتي رکي هٿن کي آڱرين سوڌو ڪياڙيءَ ڏانهن ڇڪي وڃي ۽ وري ترين کي لونڌڙين تي رکي پيشانيءَ ڏانهن ڇڪي ته سڄي مٿي جي مک ٿي ويندي.
    سوال: ڪنن جي مک لاءِ نئون پاڻي کڻڻ گهرجي يا نه ؟
    جواب: نئين پاڻيءَ جي ضرورت نه آهي مٿي جي مک وارو پاڻي ڪافي آهي.اشهد آڱر ڪنن جي سوراخ ۾ وجهي ۽ ٻاهريان آڱوٺا ڦيرائي.
    وضوءَ جا مستحب يا آداب
    سوال: وضوءَ جا آداب گھڻا آهن؟
    جواب: وضوءَجا آداب (13) آهن (1) مٿانهين جاءِ تي ويهڻ (2) قبله ڏانهن منهن ڪري ويهڻ (3) ٻئي کان مدد نه وٺڻ (4) دنياوي ڪلام نه ڪرڻ(5)دل جي ارادي سان زبان کي ملائڻ (6)ٻڌايل دعائون پڙهڻ اهي هي آهن پهريائين بِسۡمِ اللهِ والۡحمۡدُللهِ پڙهي هٿ ڌوئي۽ هٿن ڌوئڻ واري وقت ٰۡ اللّٰھم اغفرلی ذنبی ووسع لی فی دارک وبارک لی فی رزقی یا سبحانک اللّٰھم وبحمدک لاالٰہ الا انت وحدک لا شریک لک استغفرک واتوب الیہ پڙهي. ۽ نڪ کي پاڻي ڏيڻ وقت اللّٰھم ارحنی رائحۃ الجنۃولاترحمنی رائحۃ النار ۽گرڙي ڪرڻ وقت اللّٰھم اعنی علیٰ ذکرک وشکرک وعلیٰ حسن عبادتک۽ منهن ڌوئڻ وقت اللّٰھم بیض وجھی یوم تبیض وجوہ وتسود وجوہ ۽ سڄي ٻانهن ڌوئڻ وقت اللّٰھم اعطنی کتابی فی یمنی وحاسبنی حساباً یسیراً ۽ کٻي ٻانهن ڌوئڻ وقت اللّٰھم لاتعطنی کتابی بشمالی ولامن وراءِ ظھری ۽ مٿي جي مسح ڪرڻ وقت اللّٰھم اظلنی تحت ظل عرشک یوم لا ضل الا ظلہ ۽ڪنڌ جي مسح ڪرڻ وقت اللّٰھم اعتق رقبتی من النار ۽ ڪنن جي مسح وقت اللّٰھم اجعلنی من الذین یستمعون القول فیتبعون احسنہ ۽ سڄي پير ڌوئڻ وقت اللّٰھم ثبت قدمی علی الصراط یوم تزل الاقدام ۽ کٻي پير ڌوئڻ وقت اللّٰھم اجعل ذنبی مغفورا وسعی مشکوراوتجارتی لن تبورا ۽ بعد ۾ سورت انا انزلنا الخ پڙهي (7) نڪ جي سوراخ ۾ چيچ وجهي نڪ صاف ڪرڻ (8)ڪشاديءَ منڊيءَ کي چورڻ (9)سڄي هٿ سان گرڙيون ڪرڻ ۽ نڪ کي پاڻي ڏيڻ (10)کٻي هٿ سان نڪ صاف ڪرڻ (11)وقت کان اڳ وضو ڪرڻ جيڪڏهن عذر وارو نه آهي ته (12)وضوءَ کان بعد ڪلمه شهادت پڙهڻ (13) وضوءَ جو بچت پاڻي بيهي پيئڻ ۽ هيءَ دعا پڙهڻ.اللّٰھم اجعلنی من التوابین واجعلنی من المطتھرین واجعلنی من عبادک الصالحین واجعلنی من الذینلاخوف علیھم ولاھم یحزنون
    سوال:وضوءَ جا مڪروه گهڻا آهن؟
    جواب:وضوءَ جا (7)مڪروه آهن (1) دنياوي ڪلام ڪرڻ (2)منهن کي زور سان پاڻي هڻڻ (3)کٻي هٿ سان گرڙيون ڪرڻ (4)کٻي هٿ سان نڪ کي پاڻي ڏيڻ (5)سڄي هٿ سان نڪ صاف ڪرڻ (6) ضرورت کان وڌيڪ پاڻي کپائڻ (7) ٻئي کان مدد وٺڻ (1)
    جن شين سان وضو ڀڄي پوي ٿو
    سوال:وضوءَ جا ڀڄندڙ ڪهڙا آهن؟
    جواب:وضوءَ جا ڀڄندڙ (13) آهن (1) پيشاب (2) پائخانه (3) پٺئين رستي کان هوا جو نڪرڻ (4) مذي (5) ودي (6) رت يا پونءِ جو وهي هلڻ (7) الٽي جڏهن وات ڀريل اچي (8) نشو(9) بيهوشيءَ(10) چريائي (11) رڪوع ۽ سجدي واري نماز ۾ بالغ جو ٽهڪ ڏيڻ (12) ٻن اوگهڙن جوڪپڙي کانسواءِ ملڻ (13) ڪنهن شيءِ تي ٽيڪ ڏنل ننڊ، جيڪڏنهن اها ٽيڪ ڪڍي وڃي ته جيڪر ڪري پوي.
    جن شين سان وضو نٿو ڀڄي
    سوال:گهڻيون شيون وضوءَ کي نه ڀڄنديون آهن؟
    جواب:(9) شيون آهن جيڪي وضوءَ کي نه ڀڄنديون آهن
    (1) رڳو رت جو ظاهر ٿيڻ وهي نه هلڻ (2)رت جي وهڻ کانسواءِ گوشت جا ٽڪرا ٿي ڪري پوڻ جيئن ڪنهن بيماريءَ ۾ ٿيندو آهي(3)ڪيئن(جيتن) جو ڦٽ يا ڪن يا نڪ مان نڪرڻ (4) اگهڙکي هٿ لائڻ (۽ڏسڻ) (5) عورت کي هٿ لائڻ (6) الٽي ڪرڻ جڏهن ته وات ڀريل نه هجي(7)بلغم جي الٽي ڪرڻ توڙي وات ڀريل هجي (8) ننڊڪندڙ جو لڙي پوڻ ۽ مقعد کڄڻ کان پهريائين جاڳي پوڻ (9) نمازيءَ جو نماز ۾ ننڊ ڪرڻ،توڙي نماز رڪوع ۽ سجده واري هجي پر نماز سنت طريقه تي هجي.
    سوال:وضو گهڻا قسم آهي؟
    جواب:وضو3 قسم آهي (1) فرض (2) واجب (3) مستحب.
    انهن شين جوبيان جن ۾وضوڪرڻ فرض ياواجب يامستحب آهي.
    سوال: وضو گهڻين شين واسطي فرض آهي؟
    جواب: وضو(4) شين واسطي فرض آهي (1) نمازواسطي پوءِ اها نماز فرض هجي يا سنت هجي خواه نفل هجي(2)جنازه نماز لاءِ(3)تلاوت جي سجده لاءِ (4) قرآن شريف کي هٿ لائڻ واسطي توڙي هڪ آيت هجي.
    سوال:گهڻين شين واسطي وضو ڪرڻ واجب آهي؟
    جواب:هڪ شيءِ واسطي وضو ڪرڻ واجب آهي،ڪعبته الله شريف جي طواف ڪرڻ واسطي.
    سوال:ڪهڙين شين واسطي وضو ڪرڻ مستحب آهي؟
    جواب:هيٺين شين واسطي وضو ڪرڻ مستحب آهي.(1) وضو ڪري ننڊ ڪرڻ(2)ننڊ مان اٿي ڪري وضو ڪرڻ (3) هميشه وضوءَ سان رهڻ (4)وضوءَ مٿان وضوڪرڻ (i) (5)گلا کان بعد ۾ وضو ڪرڻ (6) ڪوڙ کان بعد وضو ڪرڻ(7)چغليءَ کان بعد وضو ڪرڻ (8) هر گناه کان بعد ۾ وضو ڪرڻ (9)شعرچوڻ کانپوءِ وضو ڪرڻ(ii) (10)ٽهڪ ڏئي کلڻ کان بعد وضو ڪرڻ (11)ميت کي تڙ ڏيڻ کان پوءِ وضو ڪرڻ(12)وقت جي هر نماز لاءِ وضو ڪرڻ(13)جنابت کان اڳ۾ وضو ڪرڻ (14) تڙ واري کي کائڻ ۽ پيئڻ کان اڳ ۾،ننڊ ڪرڻ کان اڳ۾ ۽ ٻي وطيءَ کان اڳ۾ وضو ڪرڻ (15) ڪاوڙ واري وقت ۾ وضو ڪرڻ (16) ياد قرآن شريف پڙهڻ وقت وضو ڪرڻ (17)حديث پڙهڻ وقت وضو ڪرڻ (18) علم پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وقت وضو ڪرڻ(19)ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ وضو ڪرڻ (20) خطبه واري وقت وضوءَ سان رهڻ(21) نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جي روزي اطهر جي زيارت ڪرڻ کان اڳ۾ وضو ڪرڻ(22)عرفات ۾ بيهڻ وقت وضوءَسان رهڻ (23) صفا۽مروه جي درميان ڊوڙڻ کان اڳ۾ وضو ڪرڻ.


    پاڪائيءَ جو بيان (غسل ڪرڻ جو بيان)

    سوال: تڙ جا فرض گهڻا آهن؟
    جواب:تڙ جا فرض ٽي آهن (1) چڱي ريت گرڙا ڪرڻ (2) نڪ کي نرم هڏي تائين پاڻي ڏيڻ (3) سڄي بدن تي احتياط سان هڪ ڀيرو پاڻي هارڻ.
    سوال:تڙ جون سنتون گهڻيون آهن؟
    جواب:تڙجون سنتون (11)آهن (1) بدن کان پليتي پري ڪرڻ (2) وضو ڪرڻ (3) ٽي دفعا جان تي پاڻي هارڻ. جيڪڏهن عورت جا وار ڳتل آهن (1) ته فقط وارن جي پاڙ تائين پاڻي پهچائڻ.باقي وارن کي کولڻ جي ضرورت نه آهي پوءِ جيڪڏهن چوٽيءَ جي وارن مان ڪو به حصو سڪل رهجي ويو ته حرج نه آهي ( 4) بسم الله پڙهڻ (5) نيت ڪرڻ (6)ڪاراين تائين هٿ ڌوئڻ (7) اگهڙ ڌوئڻ (8) پهريائين مٿي جي ساڄي پاسي تي پاڻي هاري پوءِ کٻي پاسي تي پوءِ ساري مٿي تي (9) پهريائين سڄي ڪلهي تي پوءِ کٻي ڪلهي تي پاڻي هارڻ (10) بدن کي مهٽڻ (11) لڳولڳ ڌوئڻ.
    سوال:تڙ جا آداب گهڻا آهن؟
    جواب:تڙ وارا آداب وضو وارا آهن مگر قبلي ڏانهن منهن نه ڪري ڇو ته اگهڙ کلڻ جو خطرو هوندو آهي (2)
    ڪهڙين شين سان غسل فرض ٿئي ٿو
    سوال:ڪهڙين شين سان غسل ڪرڻ فرض ٿئي ٿو؟
    جواب:تڙ جي فرض ٿيڻ جون چند صورتون آهن.
    ننڊ ۾ منيءَ جو وهي نڪرڻ (2) جاڳ ۾ جوش ۽ لذت سان منيءَ جو
    ڪرڻ (3) هڪ ماڻهوءَ جي طهر واري جاءِ ٻي ماڻهوءَ جي اگهڙ ۾ داخل ٿيڻ سان (4) عورت جو حيض کان فارغ ٿيڻ سان (5) عورت جو نفاس کان فارغ ٿيڻ سان.
    سوال:جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو ننڊ ۾ بروخواب ڏسي ۽ لذت به محسوس ڪري پر ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ پنهنجي جسم يا ڪپڙن تي مني نه ٿو ڏسي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب:اهڙي ماڻهو تي تڙ واجب نه آهي.
    سوال:جيڪڏهن ڪنهن شخص ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ پنهنجي جسم يا ڪپڙن تي مني ڏٺي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب:اهڙي ماڻهو تي غسل ڪرڻ فرض آهي يعني ننڊ ۾ برو خواب ڏسي يا نه ڏسي پر ڪپڙن يا بدن تي مني ڏٺائين ته مٿس تڙ ڪرڻ فرض ٿيندو.
    سوال:حيض ڇا آهي؟
    جواب :عورت کي هر مهيني جيڪو اڳين رستي کان خون ايندو آهي انکي حيض چوندا آهن.
    سوال:نفاس ڇا آهي؟
    جواب:عورت کي ٻار ڄڻڻ کانپوءِ جيڪو اڳين رستي کان خون ايندو آهي،انکي نفاس چوندا آهن.
    ڪهڙين شين لاءِ تڙ ڪرڻ سنت آهي
    سوال:گهڻين شين واسطي تڙ ڪرڻ سنت آهي؟
    جواب:چئن شين واسطي تڙ ڪرڻ سنت آهي. (1) جمعه نماز لاءِ (2) عيدن جي نماز لاءِ (3) احرام لاءِ (4) عرفات ۾ منجهند کان پوءِ حاجين لاءِ
    سوال:ڪهڙين حالتن کانپوءِ تڙ ڪرڻ مستحب آهي؟
    جواب:ڪيترن ئي شين کانپوءِ تڙ ڪرڻ مستحب آهي انهن مان (7) هيٺ ذڪر ڪجن ٿيون.(1) پندرهين شعبان جي رات لاءِ غسل ڪرڻ (2) ليلة القدر ۾ غسل ڪرڻ (3) سج گرهڻ يا چند گرهڻ جي نماز لاءِ (4) استسقاءِ نماز لاءِ تڙ ڪرڻ (5) مڪه مڪرمه يا مدينه منوره ۾ داخل ٿيڻ وقت تڙ ڪرڻ (6) ڪافر جو اسلام آڻڻ کانپوءِ تڙ ڪرڻ (7) ميت کي تڙ ڏيارڻ کانپوءِ تڙ ڪرڻ.
    غسل جا مڪروه
    سوال:غسل ۾ مڪروه گهڻا آهن؟
    جواب:غسل ۾ (3) مڪروه آهن (1) زياده پاڻي هارڻ (2) اگهاڙو هجڻ جي حالت ۾ ڪلام ڪرڻ يا قبله ڏي منهن ڪرڻ يا پٺي ڪرڻ (3)سنت جي برخلاف تڙ ڪرڻ.


    تيمم جو بيان

    سوال:تيمم ڇا کي چوندا آهن؟
    جواب:پاڪ مٽيءَ يا اهڙي شيءِ جيڪا مٽيءَجي حڪم ۾ هجي جيئن چونو،واري،پٿر وغيره ان سان بدن جي نجاست حڪميءَ کي پري ڪرڻ کي تيمم چوندا آهن.
    سوال:تيمم ڪڏهن جائز هوندو آهي؟
    جواب:جڏهن پاڻي نه ملي يا پاڻيءَ استعمال ڪرڻ سان بيمار ٿيڻ جو خطرو هجي ته تيمم ڪرڻ جائز ٿيندو آهي.
    سوال:بيمار ٿيڻ جو خوف ڪڏهن معتبر آهي؟
    جوابجڏهن پنهنجي تجربه سان غالب گمان ٿئي يا پڪي حڪيم جي چوڻ سان معلوم ٿئي ته پاڻيءَ جي استعمال ڪرڻ سان بيمار ٿيندو ته تيمم درست آهي.
    سوال:پاڻي نه ملڻ جو مطلب ڇا آهي؟
    جواب:هڪ ميل جي پنڌ کان پري هجي يا ويجهڙ ۾ پاڻي ته آهي پر معمول جي رقم کان وڌيڪ مهانگو ملي ٿو.
    سوال:تيمم ۾ گهڻا فرض آهن؟
    جواب:تيمم ۾ (3) فرض آهن (1) نيت ڪرڻ (2) ٻئي هٿ مٽيءَ تي هڻي منهن تي گهمائڻ (3) ٻئي هٿ مٽيءَ تي هڻي هٿن کي ٺوٺين سميت مهٽڻ.
    سوال:وضوءَ۽ غسل ٻنهي لاءِ تيمم جائز آهي يا ڇڙو وضوءَ لاءِ؟
    جواب:ٻنهي لاءِ تيمم جائز آهي ۽ٻنهيءَ لاءِ تيمم جو طريقو ساڳيو آهي.
    سوال:جيڪڏهن ڪنهن کي غسل ۽ وضوءَ جي حاجت آهي،پر وضو ڪري سگهي ٿو۽ غسل نه ٿو ڪري سگهي يا غسل جيترو پاڻي نه ٿو مليس ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب:اهو ماڻهو وضو ڪري ۽ غسل کان تيمم ڪري.
    سوال:ڪهڙين شين تي تيمم ڪرڻ جائز هوندو آهي؟
    جواب:پاڪ مٽي،واري،پٿر،چونو۽ مٽي جي ڪچي يا پڪي ٿانو جنهن تي تيل لڳل نه هجي ۽ مٽيءَ جي پڪين يا ڪچين سرن تي ۽ مٽي يا سرن يا پٿر جي ڀت تي تيمم ڪرڻ جائز آهي
    سوال:ڪهڙين شين تي تيمم ڪرڻ ناجائز آهي؟
    جواب:ڪاٺي،لوهه،سون،چاندي،ٽامو،پتل،شيشه،جست،قلعي،ڪڻڪ جَوَ ۽ساري اناج،ڪپڙي،رک (ڪيري) انهن سمورين شين سان تيمم ناجائز آهي مطلب ته جيڪي شيون باهه ۾ رجن يا سڙي رک ٿين ته انهن تي تيمم ڪرڻ ناجائز آهي.
    سوال:پٿر يا چوني يا سرن جي ڀت تي غبار نه هجي ته تيمم جائز آهي يا نه؟
    جواب:جن شين تي اسان تيمم ڪرڻ جائز ٻڌايوسين انهن تي غبار هجڻ شرط نه آهي.پٿر يا مٽيءَ جي ڌوتل ٿانو تي به تيمم جائز آهي.
    سوال:جن شين تي تيمم ناجائز آهي جيڪڏهن انهن تي غبار هجي ته تيمم ٿيندو يا نه؟
    جواب:هائو جڏهن ايترو غبار هجي جو هٿ هڻڻ سان اڏرڻ لڳي يا هٿ رکڻ سان نشان ٿي پوي ته تيمم ڪرڻ جائز آهي.
    سوال:جيڪڏهن قرآن پاڪ پڙهڻ يا هٿ لائڻ يا مسجد ۾ داخل ٿيڻ يا ٻانگ واسطي تيمم ڪيائين ته ان تيمم سان نماز جائز آهي يا نه؟
    جواب:جائز نه آهي
    .سوال:جيڪڏهن نماز جنازه يا سجده تلاوت لاءِ تيمم ڪيائين ته ان سان نماز جائز آهي يا نه؟
    جواب:هائو جائز آهي.
    سوال:تيمم ڪهڙين شين سان ڀڄندو آهي؟
    جواب:جن شين سان وضو ڀڄندو آهي.انهن سان تيمم به ڀڄي پوندو آهي.۽ جيڪڏهن پاڻي نه ملڻ جي ڪري تيمم ڪيو اٿائين ته اهو تيمم پاڻيءَ حاصل ٿيڻ سان به ڀڄي پوندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن عذر مثلا بيماري وغيره جي ڪري تيمم ڪيو اٿائين ته ان عذر جي ختم ٿيڻ سان تيمم ڀڄي پوندو.
    سوال:جيڪڏهن هڪ وقت جي نماز لاءِ تيمم ڪيائين ته ٻئي وقت جي نماز ان سان جائز آهي يا نه؟
    جواب:هڪ تيمم سان جيستائين اهو نه ڀڳو آهي.جيترن وقتن جي نماز گهري ته پڙهي سگهي ٿو.اهڙيءَ طرح جيڪڏهن فرض نماز لاءِ تيمم ڪيائين ته ان سان فرض نماز لاءِتيمم ڪيائين ته ان سان فرض نماز۽ نفل نماز ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ۽ نماز جنازه ۽ سجده تلاوت ۽ سڀ عبادتون جائز آهن.
    سوال:تيمم جي مدت ڪيتري آهي؟
    جواب:جيستائين پاڻي نه ملي يا عذر باقي رهي جيڪڏهن انهيءَ حالت ۾ ڪيئي سال گذري ويا ته ڪا به پرواهه نه آهي.


    موزن تي ۽ پٽي کي مک ڪرڻ جو بيان

    سوال:موزن تي مسح (مک) ڪڏهن جائز آهي؟
    جواب:جڏهن وضو ڪري يا پير ڌوئي موزا پائي وري وضو ڀڃڻ جي حالت ۾ موزا پاتل هجن.(1)
    (1) ان وچ ۾ نه موزو ڀيڏين کان هيٺ تائين کوليو هجائين ۽ نڪي موزي ۾ اندر پاڻي ويو هجي.ابو الليث
    سوال:هڪ دفعي پاتل موزن تي ڪيترن ڏينهن تائين مسح ڪرڻ جائز آهي؟
    جواب:جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي گهر يا رهڻ واريءَ جاءِ تي هجي ته هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات موزن تي مَکَ ڪري ۽ سفر ۾ هجي ته ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين تائين مَکَ جائز آهي.
    سوال:وضو ۽ غسل ۾ موزن تي مسح ڪرڻ جائز آهي يا نه؟
    جواب:وضوءَ ۾ موزن تي مسح جائز آهي ۽ غسل ۾ نه.
    سوال:ڦاٽل موزي تي مسح جائز آهي يا نه؟
    جواب:جيڪڏهن موزو ايترو ڦاٽل آهي جو پير جي ٽن ننڍين .
    آڱرين برابر پير کلي وڃي يا هلڻ ۾ کلي ٿو ته ان تي مَکَ جائز نه آهي جيڪڏهن ان کان گهٽ ڦاٽل آهي ته جائز آهي.
    سوال:پَٽي يا پهي تي مسح ڪرڻ جو ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب :جيڪڏهن پَٽي کولڻ يا پهي پٽڻ سان نقصان ٿئي يا سخت تڪليف ٿئي ته پَٽي ۽ پهي تي مسح ڪري سگهجي ٿو.
    سوال:ڪيتري پٽي تي مسح ڪري؟
    جواب:ساريءَ پٽيءَ تي مسح ڪرڻ گهرجي توڙي ان جي هيٺيان ڦٽ هجي يا نه هجي.
    سوال:جيڪڏهن پٽي کولڻ سان نقصان يا تڪليف ٿئي ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    جواب:جيڪڏهن زخم کي پاڻيءَ سان ڌوئڻ جي ڪري نقصان نه ٿئي ته ڌوئڻ ضرور آهي.پر جيڪڏهن پاڻيءَ سان نقصان ڪري ۽ مسح سان نه ڪري ته مسح ڪرڻ واجب آهي.پر جيڪڏهن زخم تي مسح ڪرڻ به نقصان ڪري ته ان وقت پٽيءَ يا پهي تي مسح ڪرڻ جائز آهي.
    سوال:موزن ۾ مسح جي مدت ڪهڙي وقت کان حساب ڪبي؟
    جواب:جنهن وقت کان وضو ڀڳو آهي ان وقت کان وٺي هڪ ڏينهن هڪ رات يا ٽي ڏينهن ٽي راتيون مسح ڪرڻ جائز آهي.مثلا ڪنهن ماڻهو جمعه جي ڏينهن صبح جو وضو ڪري موزا پاتا ۽ ٻيپهري جي ختم ٿيڻ وقت ان جو وضو ڀڳو ته اهو ماڻهو ڇنڇر جي ظهر تائين مسح ڪري سگهي ٿو.
    سوال: مسح ڪهڙين ڪهڙين شين سان ڀڄندو آهي؟
    جواب:جن شين سان وضو ڀڄندو آهي ان سان مسح به ڀڄي پوندو آهي.۽ انهن کانسواءِ(1)مسح جي مدت ختم ٿيڻ (2) موزن لاهڻ يا ٽن آڱرين برابر موزن جي ڦاٽڻ سان به مسح ڀڄي پوندو آهي.
    سوال:جيڪڏهن وضو هجڻ جي حالت ۾ موزا لاٿائين يا وضو هجڻ جي حالت ۾ مسح جي مدت پوري ٿي وئي ته ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب:انهن ٻنهي صورتن ۾ پير ڌوئي موزا پائڻ ڪافي آهي ۽ پورو وضو ڪرڻ مستحب آهي.
    سوال:جيڪڏهن مسافر موزن تي مسح ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ڏينهن ۽ رات کانپوءِ گهر موٽي آيو ته ڇا ڪري؟
    جواب:موزا لاهي ۽ نئين سر مسح ڪرڻ شروع ڪري.


    نماز جو ٻيو شرط ڪپڙن جو پاڪ هجڻ

    سوال:ڪپڙن پاڪ هجڻ مان ڇا مطلب آهي؟
    جواب:جسم جا سموارا ڪپڙا پاڪ هجڻ شرط آهي (توڙي اهي ڪپڙا پهريل هجنس يا جسم تي رکيل هجنس )


    نماز جو ٽيون شرط آهي جاءِ جو پاڪ هجڻ

    سوال:پليت زمين يا فرش تي پاڪ ڪپڙو وڇائي نماز پڙهي ته ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب:جيڪڏهن ڪپڙي ۾ هيٺئينءَ پليتي جو رنگ يا بوءِ ظاهر نه ٿي ته نماز جائز آهي.
    سوال:جيڪڏهن ڪپڙو ٻٽو هجي ۽ مٿيون پاڪ ۽ هيٺيون پليت هجي ته ان ۾ ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب:جيڪڏهن اهي ٻئي پاڻ ۾ مليل نه آهن ۽ مٿيون ايترو ٿلهو آهي جو هيٺئين جي پليتي جي بوءِ يا رنگ معلوم نه ٿو ٿئي ته نماز جائز آهي ۽ جيڪڏهن ٻئي تهه ڪپڙي جا سبيل آهن ته ان تي نماز نه پڙهي.(نماز نه ٿيندي)
    سوال:جيڪڏهن نماز جي جاءِ پاڪ آهي پر ڪٿي آس پاس پليتي آهي.ان جي بوءِ نماز ۾ اچي ٿي ته نماز ٿيندي يا نه؟
    جواب:نماز ٿيندي پر ڄاڻي واڻي اهڙيءَ جاءِ تي نماز پڙهڻ ڀلو ناهي


    نماز جو چوٿون شرط اگهڙ ڍڪيل هجڻ

    سوال:جيڪڏهن اگهڙ جو ڪوئي حصو ارادي کانسواءِ کلي وڃي ته ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب:جيڪڏهن چوٿون حصو عضوي جو کلي وڃي ۽ ايتري دير کليل رهي جيتري دير ۾ ٽي دفعا سبحان ربي العظيم چئي سگهجي ته نماز ڀڄي پوندي ۽ جيڪڏهن ڪپڙي کلندي ئي جلدي ڍڪي ورتائين ته نماز صحيح ٿيندي.
    سوال:جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو اوندهه ۾ اگهاڙو نماز پڙهي ته ان جو ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب:جيڪڏهن ڪپڙن هوندي اگهاڙي بدن نماز پڙهيائين پوءِ اوندهه ۾ هجي چاهي سوجهري ۾ نماز نه ٿيندي.
    سوال:جيڪڏهن ڄاڻي واڻي چوٿون حصو عضوي جو کوليائين ته ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب:ڄاڻي واڻي کولڻ سان نماز ڀڄي پوندي.
    سوال:جيڪڏهن ڪنهن وٽ بلڪل ڪپڙو نه هجي ته ڇا ڪري؟
    جواب:جيڪڏهن ڪنهن قسم جو ڪپڙو نه هجي ته ڪنهن ٻئي شيءِ سان بدن ڍڪي مثلا وڻ جا پن وغيره ۽ جيڪڏهن اگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڪجهه به نه ملي ته اگهاڙو ڀي نماز پڙهي پر اهڙيءَ حا لت ۾ نماز ويهي پڙهي ۽ رڪوع ۽ سجده اشاره سان ڪرڻ بهتر آهي.


    فرض نماز

    سوال:نمازگهڻا وقت فرض آهي؟
    جواب:ڏينهن ۽ رات ۾ نماز پنج وقت فرض آهي انهيءَ کانسواءِ هڪ نماز وتر واجب آهي.
    سوال:فرض واجب سنت نفل ڇاکي چوندا آهن ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    جواب:فرض:انهيءَ کي چوندا آهن جو قطعي پڪي دليل سان ثابت هجي يعني ان جي ثبوت ۾ ڪوئي شبهو نه هجي.ان جي فرضيت جو انڪار ڪندڙ ڪافر ٿي پوندو آهي.۽ بنا عذر ڇڏيندڙ فاسق ۽ عذاب جو حقدار ٿي پوندو آهي.
    واجب:اهو آهي جوظني دليل سان ثابت هجي انجوانڪارڪندڙ ڪافر نه ٿيندو آهي بلڪه گمراهه ليکيو ويندو ۽ بنا عذر جي ڇڏيندڙ فاسق ۽ عذاب جو حقدار ٿيندو.
    سنت:ان ڪم کي چوندا آهن جنهن کي رسول الله ﷺ يا صحابه ڪرام ڪيو هجي يا ڪرڻ جو حڪم فرما يو هجي.
    نفل:انهن ڪمن کي چئبو آهي جنهن جي فضيلت شريعت ۾ ثابت هجي ان جي ڪرڻ ۾ ثواب هجي ۽ نه ڪرڻ ۾ عذاب نه هجي ان کي تطوع چوندا آهن.


    فرض جا قسم

    سوال:فرض گهڻا قسم آهن؟
    جواب: (2) قسم آهي (1) فرض عين (2) فرض ڪفايه (1) فرض عين ان کي چوندا آهن جنهن جو ادا ڪرڻ هر شخص تي ضروري هجي ۽ بنا عذر ڇڏيندڙ فاسق ۽ گنهگار ٿئي.(2) فرض ڪفايه اهو فرض آهي جو ڪجهه ماڻهن جي ادا ڪرڻ سان سڀني تان (بار) ذمو لهي وڃي ۽ جيڪڏهن ڪوئي به ادا نه ڪري ته سڀ گنهگار ٿين.


    سنت جا قسم

    سوال:سنت جا گهڻا قسم آهن؟
    جواب: ٻه (2) قسم آهن (1)سنت موڪده (2) غير موڪده
    (1) سنت موڪده ان ڪم کي چوندا آهن جنهن کي حضورﷺ جن هميشه ڪيوهجي يا ڪرڻ واسطي حڪم فرمايو هجي.اهڙين سنتن کي بنا عذر جي ڇڏڻ چڱو نه آهي.۽ ڇڏڻ جي عادت بنائڻ گناهه آهي.
    (2) سنت غير موڪده ان کي چوندا آهن جنهن کي حضورﷺ جن ڪيو هجي پرڪڏهن ڪنهن کانسواءِ عذرڇڏي ڏنو هجي انهن سنتن کي ادا ڪرڻ ۾ مستحب کان وڌيڪ ثواب آهي ۽ ڇڏڻ ۾ گناهه نه آهي.انهن سنتن کي سُنن زاوئد به چوندا آهن.


    حرام ۽ مڪروه تحريمي ۽ مڪروه تنزيهي جي تعريف

    سوال:حرام،مڪروه تحريمي ۽ مڪروه تنزيهيءَ مان ڇا مراد آهي؟
    جواب:حرام ان کي چوندا آهن جنهن جي ممانعت قطعي دليل سان ثابت هجي، ان جو ڪندڙ فاسق ۽ عذاب جو حقدار ٿيندو ۽ ان جو منڪر ڪافر ٿيندو.
    مڪروه تحريمي ان ڪم کي چوندا آهن جنهن جي ممانعت دليل ظنيءَ سان ثابت هجي ان جو منڪر ڪافر نه آهي پر انجو ڪندڙ (مرتڪب)گنهگار ٿيندو.
    مڪروه تنزيهي ان ڪم کي چوندا آهن جنهن جي ڇڏڻ ۾ ثواب هجي ۽ ڪرڻ ۾ عذاب ته نه آهي پر هڪ قسم جي برائي آهي.


    مباح جي تعريف

    سوال:مباح ڇا کي چوندا آهن؟
    جواب:مباح ان ڪم کي چوندا آهن جنهن جي ڪرڻ ۾ ثواب نه هجي ۽ نه ڪرڻ ۾ گناهه ۽ عذاب نه هجي.


    ستون شرط نماز جي نيت

    سوال:نيت ڇا کي چوندا آهن؟
    جواب:نيت دل جي ارادي ڪرڻ کي چئبو آهي.
    سوال:نيت ۾ ڪهڙيءَ شيءِ جو ارادو ڪري؟
    جواب:نيت ۾ خاص انهيءَ فرض نماز جوارادوڪرڻ ضروري آهي جوپڙهڻ گهري ٿومثلا صبح جي نماز پڙهڻي آهي ته ارادو ڪري ته اڄ جي فجر نماز پڙهان ٿويا قضا نماز هجي ته هيئن نيت ڪري ته فلاڻي ڏينهن جي فجر (قضا)پڙهان ٿوجيڪڏهن امام جي پٺيان پڙهندو هجي ته ان جي نيت به ڪرڻ ضروري آهي.
    سوال:نيت زبان سان چوڻ ڪيئن آهي؟
    جواب:مستحب آهي جيڪڏهن زبان سان نه چوي ته نماز ۾ ڪو به نقصان نه آهي ۽ چوي ته سٺو آهي.
    سوال:نفل نماز جي نيت ڪهڙي طرح ڪرڻ گهرجي؟
    جواب:نفل نماز جي نيت ايتري ڪافي آهي ته نماز نفل پڙهان ٿو نماز سنت تراويحن لاءِ به ايتري ئي نيت ڪافي آهي.


    اذان جو بيان

    سوال:اذان فرض آهي يا سنت؟
    جواب:اذان سنت آهي پر جيئن ته اذان سان اسلام جو خاص شان ظاهر ٿيندو آهي انهيءَ ڪري انهيءَ جو تاڪيد آهي.
    سوال:اذان ڪهڙين نمازين واسطي سنت آهي؟
    جواب:پنجن نمازن ۽ جمعه نماز واسطي اذان سنت آهي.انهيءَ کانسواءِ ٻيءَ ڪنهن نماز لاءِ فرض يا سنت نه آهي.
    سوال:اذان ڪهڙي وقت چوڻ گهرجي؟
    جواب:هر نماز فرض جي اذان انهيءَ جي وقت ۾ چوڻ گهرجي جيڪڏهن وقت کان اڳ۾ چيائين ته وقت اچڻ سان ٻيهر چئي ويندي.
    سوال:اذان جو مستحب طريقو ڪهڙو آهي؟
    جواب:اذان ۾ ست (7)ڳالهيون مستحب آهن.(1) قبلي جي طرف منهن ڪري بيهڻ. (2) اذان جا ڪلمه آهسته آهسته چوڻ يعني تڪڙ نه ڪرڻ.(3) اذان چوڻ وقت ٻئي شهادت جون آڱريون ڪنن ۾ رکڻ.(4) مٿين جاءِ تي اذان چوڻ. (5) وڏي آواز سان اذان چوڻ.(6) حي علي الصلواة چوڻ وقت سڄي طرف ۽ حي علي الفلاح چوڻ وقت کٻي طرف منهن ڦيرڻ (7) صبح جي اذان ۾ حي علي الفلاح کانپوءِ الصلواةخير من النوم ٻه ڀيرا چوڻ.
    سوال:اقامت چوڻ ڪيئن آهي؟
    جواب:اقامت به اذان وانگر فرض نمازن لاءِ سنت آهي فرض نماز کانسواءِ ڪنهن نماز لاءِ مسنون نه آهي.
    سوال:ڇا اذان ۽ اقامت مردن ۽ عورتن ٻنهي لاءِ سنت آهي؟
    جواب:نه بلڪه ڇڙو مردن لاءِ سنت آهي.
    سوال:بنا وضو اذان ۽ اقامت چوڻ ڪيئن آهي؟
    جواب:بنا وضو اذان چوڻ جائز آهي پر ان جي عادت بنائڻ خراب آهي.۽ بنا وضو اقامت چوڻ مڪروه آهي.
    سوال:جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪوئي شخص پنهنجي گهر ۾ فرض نماز پڙهي ته اذان ۽ اقامت چوي يا نه؟
    جواب:محلي جي مسجد جي اذان ۽ اقامت ڪافي آهي پر جيڪڏهن چوي ته سٺوآهي پر جيڪڏهن اذان ڇڏي فقط اقامت تي اڪتفا ڪري ته چڱو آهي.
    سوال:مسافر سفر جي حالت ۾ اذان اقامت چوي يا نه آهي؟
    جواب:هائو سفر جي حالت ۾ جيڪڏهن آباديءَ کان ٻاهر هجي ته اذان ۽ اقامت چوڻ گهرجن پر جيڪڏهن اذان نه چوي صرف اقامت چوي ته به ڪا خرابي نه آهي پر ٻنهي جو ڇڏڻ مڪروه آهي.
    سوال:اذان هڪ ماڻهو چوي ۽ اقامت ٻيو چوي ته جائز آهي يا نه؟
    جواب:جيڪڏهن اذان چوندڙ موجود نه هجي يا موجود هجي مگر ٻئي شخص جي اقامت چوڻ سببان ناراض ٿيندو هجي ته چڱو نه آهي.
    سوال:اذان ۽ اقامت جو جواب ڪيئن چئجي ۽ ان جو ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب:اذان ۽ اقامت ٻنهي جو جواب مستحب آهي ۽ جواب مان مراد هيءَ آهي ته ٻڌندڙ به اهي ڪلما چوندو وڃي جيڪي موذن يا مڪبر چوي مگر حي علي الصلواة ۽ حي علي الفلاح ٻڌي لاحول ولا قوت الا بالله چوڻ گهرجي ۽ صبح جي اذان ۾ الصلواة خير من النوم ٻڌي صدقت وبررة چوڻ گهرجي ۽ تڪبير ۾ قد قامة الصلواة ٻڌي اقا مهاالله وادامها چوڻ گهرجي.
    سوال:اذان کان بعد ڪهڙي دعا پڙهڻ گهرجي؟
    جواب:اذان کان بعد هيءَ دعا پڙهڻ گهرجي.
    اللّٰھم رب ھذہ الدعوۃ والصلواۃ القائمۃاٰۃ محمد الوسیلۃوالفضیلۃ وابعث مقاما محمودا الذی وعدتہ انک لا تخلف المیعاد
    سوال:رڪن ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب:رڪن،نماز جي ان شيءِ کي چئبو آهي جيڪو نماز ۾ فرض هجي.


    نماز جا رڪن يعني اندريان فرض

    سوال:نماز ۾ گهڻا فرض آهن؟
    جواب:(7) ست فرض آهن (1) تڪبير تحريمه چوڻ (2) قيام يعني بيهڻ (3) قرآت يعني قرآن مجيد پڙهڻ (4) رڪوع ڪرڻ (5) ٻه سجدا ڪرڻ(6)نماز جي پڇاڙيءَ ۾ التحيات پڙهڻ جيتري دير ويهڻ (7) نماز پوري ڪري سلام وغيره سان فارغ ٿيڻ.


    نماز جو پهريون اندريون فرض

    سوال: تڪبير تحريمه مان مراد ڇا آهي؟
    جواب: نيت ڪرڻ وقت الله اڪبر چئبو آهي.انهيءَ تڪبير جي چوڻ سان نماز شروع ٿي ويندي آهي.۽ جيڪي ڳالهيون نماز جي خلاف آهن اهي حرام ٿي وينديون آهن انهيءَ ڪري هن کي تڪبير تحريمه چوندا آهن.


    نماز جو ٻيون اندريون فرض

    سوال: قيام مان ڇا مراد آهي؟
    جواب: قيام بيهڻ کي چوندا آهن ۽ بيهڻ مان اهڙو سڌو بيهڻ مراد آهي. جو گوڏن تائين هٿ نه پهچن.
    سوال: قيام ڪيترو ۽ ڪهڙي نماز ۾ فرض آهي؟
    جواب: فرض ۽ واجب نمازن ۾ ايترو بيهڻ فرض آهي جنهن ۾ فرض جي انداز جيتري قرآت پڙهي سگهجي.
    سوال: جيڪڏهن بيهڻ جي طاقت نه هجي ته ڇا ڪري؟
    جواب: بيماري يا ڦٽ يا دشمن جي ڀو يا اهڙي ڪنهن قوي عذر جي ڪري بيهي نه سگهجي ته فرض ۽ واجب نمازون ويهي پڙهڻ جائز آهن.
    سوال: نفل نماز ۾ قيام جو ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب: نفل نماز ۾ قيام فرض نه آهي عذر کانسواءِ به ويهي نفل پڙهڻ جائز آهي.پر عذر کانسواءِ نفل نماز ويهي پڙهڻ ۾ اڌ ثواب آهي.


    ٽيون اند ريون فرض

    سوال: قرات مان ڇا مراد آهي؟
    جواب: قرات قرآن شريف جي پڙهڻ کي چوندا آهن.
    سوال: نماز ۾ ڪيترو قرآن شريف پڙهڻ ضروري آهي؟
    جواب: گهٽ ۾ گهٽ هڪ آيت پڙهڻ فرض آهي.۽ سورت فاتحه پڙهڻ واجب آهي ۽ فرض جي پهرين ٻن رڪعتن ۽ وتر ۽ سنت ۽ نفل جي سمورين رڪعتن ۾ سورت فاتحه کان بعد ڪا ٻي سورت يا وڏي هڪ آيت يا ننڍيون ٽي آيتون پڙهڻ به واجب آهي.
    سوال: ڇا سورت فاتحه سمورين نمازن جي هررڪعت ۾ پڙهڻ واجب آهي؟
    جواب: فرض نماز جي ٽين ۽ چوٿين رڪعت کانسواءِ هر نماز جي هر رڪعت ۾ سورت فاتحه پڙهڻ واجب آهي خواه اها نماز فرض هجي يا واجب هجي يا نفل هجي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن کي هڪ به آيت ياد نه هجي ته ڇاڪري؟
    جواب: سبحان الله يا الحمد الله پڙهي ۽ جلدي ئي قرآن مجيد ياد ڪري ڇو ته قرآن مجيد فرض جي انداز جيترو ياد ڪرڻ ان تي فرض آهي ۽ واجب جي انداز جيترو ياد ڪرڻ واجب آهي. جيڪڏهن ياد نه ڪندو ته گنهگار ٿيندو.
    سوال: قرآن مجيد ڪهڙين نمازين ۾ زور (بلند آواز) سان پڙهڻ گهرجي؟
    جواب: امام تي واجب آهي ته مغرب ۽عشاءِ جي نمازن جي پهرين ٻن رڪعتن ۾ ۽ صبح،جمعه۽ عيدن جي نماز۾۽رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ تراويحن ۽ وتر جي نمازن ۾ بلند آواز سان پڙهي.
    سوال: ڪهڙين نمازن ۾ قرات آهسته ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: ٻيپهري ۽ ٽيپهري نمازن ۾ امام ۽ منفرد سڀني کي ۽ نماز وتر ۾ جڏهن اڪيلو پڙهيو وڃي ته قرأت آهسته ڪرڻ گهرجي.
    سوال: زور سان پڙهڻ جو انداز ڪهڙو آهي؟
    جواب: زور سان گهٽ انداز اهو آهي. جو پنهنجو آواز ڀر وارو ماڻهو ٻڌي سگهي ۽ آهسته پڙهڻ جو گهٽ انداز هي آهي جو پنهنجو آواز پنهنجي ڪن ۾ پهچي سگهي (1)
    (1)آهستي پڙهڻ جي اها حد قاضي حان رحه وغيره اختيار ڪئي آهي۽ ڪرخي رحه جو چوڻ آهي ته وا ت مان حرفن جي درست بڙهڻ جيتري ادائگي ڪافي آهي .پنهنجو ٻڌڻ شرط نه آهي. عموم بلويٰ جي ڪري ان قول کي ئي اختيار ڪرڻ بهتر آهي. حضرت مفتي عبد الوهاب چاچڙ صاحب
    سوال: جن نمازن ۾ زور سان قرات ڪبي آهي انکي ڇا چونداآهن؟
    جواب: انهن کي جهري نمازون چوندا آهن.
    سوال: جيڪڏهن ڪو شخص زبان سان لفظ نه چوي ڇڙو خيال ۾ پڙهي ته جائز آهي يا نه؟
    جواب:ڇڙو خيال ڊڪائڻ سان نماز نه ٿيندي بلڪ زبان سان پڙهڻ ضروري آهي.


    چوٿون اندريون فرض

    سوال: رڪوع جو گهٽ ۾ گهٽ انداز ڪيترو آهي؟
    جواب:رڪوع جو گهٽ ۾ گهٽ انداز ايتري قدر جهڪڻ آهي جو هٿ گوڏن تائين پهچي وڃن.
    سوال: رڪوع جو مسنون طريقو ڪهڙو آهي؟
    جواب: ايتري قدر جهڪڻ جو مٿو ۽ چيلهه برابر رهن ۽ هٿ پاسيرين کان جدا رهن ۽ گوڏن کي ٻنهي هٿن سان پڪڙيو وڃي.
    سوال: جيڪڏهن ڪراڙپ جي ڪري ايتري قدر چيلهه جهڪي وڃي يا ايترو ڪٻڙو هجي جو رڪوع جي شڪل ٿي وڃي ته رڪوع ڪهڙي طرح ڪري؟
    جواب: مٿي سان اشاره ڪري يعني ڇڙو مٿي جي جهڪائڻ سان ان جو رڪوع ٿي ويندو.


    پنجون اندريون فرض

    سوال: سجدي مان ڪهڙي مراد آهي؟
    جواب: زمين تي پيشانيءَ رکڻ کي سجدو چوندا آهن.
    سوال:جيڪڏهن ڇڙو نڪ يا پيشاني تي سجدو ڪيائين ته سجدو ٿيندو يا نه؟
    جواب: جيڪڏهن ڪنهن عذر سان ڪيائين ته جائز آهي.۽ بنا عذر جي ڇڙو پيشانيءَ تي سجدو ڪيائين ته سجدو ٿي ويندو پر مڪروه آهي.۽ جيڪڏهن سواءِ عذر جي ڇڙو نڪ تي سجدو ڪيائين ته سجدو ادا نه ٿيندو.
    سوال: هر رڪعت ۾ هڪ سجدو فرض آهي يا ٻئي؟
    جواب: ٻئي سجده فرض آهن.
    سوال: جيڪڏهن پيشانيءَ يا نڪ تي زخم هجي ته ڇا ڪجي؟
    جواب: اهڙي شخص واسطي سجدي جو مٿي سان اشارو ڪرڻ ڪافي آهي.
    سوال:پهرين سجدي کانپوءِ ڪيترو اندازو ويهي پوءِ ٻيو سجدو ڪري؟
    جواب:چڱيءَ طرح ويهي رهي ان کانپوءِ ٻيو سجدو ڪري.


    نماز جو ڇهون اندريون فرض پويون قعده

    سوال: پوئين قعده ۾ ڪيترو انداز فرض آهي؟
    جواب: التحيات جي پوئين لفظ عبده ورسوله تائين پڙهڻ جو اندازويهڻ فرض آهي.
    سوال: پويون قعده ڪهڙين ڪهڙين نمازن ۾ فرض آهي؟
    جواب: سمورين نمازن ۾ خواه فرض هجن يا واجب سنتون هجن يا نفل پويون قعده فرض آهي.


    نماز جي واجب جو بيان

    سوال: نماز جي واجبن مان ڪهڙي مراد آهي؟
    جواب: نماز جا واجب انهن شين کي چوندا آهن جن جو نماز ۾ ادا ڪرڻ ضروري آهي.جيڪڏهن ان مان ڪابه شيءِ ويسر جي ڪري ڇڏائجي وڃي ته سجده سهو ڪرڻ سان نماز صحيح ٿي ويندي آهي.۽ ڀل سان سجده سهو نه ڪيو ويو يا ڄاڻي واڻي ڪائي شيءِ ڇڏيائين ته وقت جي اندر نماز جو موٽائڻ واجب ٿيندو.
    سوال: نماز ۾ گهڻا واجب آهن؟
    جواب: نماز ۾ واجب(14) آهن.
    (1) فرض نمازن جي پهرين ٻن رڪعتن کي قرات لاءِ مقرر ڪرڻ (2) فرض نماز جي ٽين ۽ چوٿين رڪعت کانسواءِ باقي سمورين نمازن جي هر رڪعت ۾ سورت فاتحه پڙهڻ (3) فرض نماز جي پهرين ٻن رڪعتن ۽ سنتن ۽ واجب ۽ نفل جي هر رڪعت ۾ سورت فاتحه کان بعد ڪائي سورت يا وڏي آيت يا ننڍيون ٽي آيتون پڙهڻ.(4) نماز جي سڀني رڪعنن ۾ ترتيب رکڻ.(5) سورت فاتحه کي سورت کا اڳ۾ پڙهڻ. (6) قومه ڪرڻ يعني رڪوع مان اٿي سڌو بيهڻ. (7) جلسه يعني ٻنهي سجده جي درميان سڌو ٿي ويهڻ (8) تعديل ارڪان يعني رڪوع ۽ سجده وغيره کي آرام سان ادا ڪرڻ (1)
    (9) قعده اوليٰ يعني ٽن ۽ چار رڪعتن واري نماز ۾ ٻن رڪعتن کان بعد تشهد جيترو انداز ويهڻ. (10) ٻنهي قعدن ۾ تشهد پڙهڻ (2)
    (1) تعديل ارڪان جو مطلب آهي ته هر رڪن کي ادا ڪرڻ وقت هر عضوي کي آرام سان پنهنجي حالت ۾ ڇڏڻ مثال بيهڻ ۾ ايئن بيهجي جنهن بيهڻ ۾ تڪليف نه ٿئي بلڪه آرام اچي،ايئن رڪوع ۽ سجده وغيره ۾. (2) بعض علماءِ پهرين قعده ۾ تشهد پڙهڻ يعني التحيات پڙهڻ کي سنت چيو آهي. (3)عيد نماز جي هر رڪعت ۾ قيام دوران ٽي ٽي واڌاريون تڪبيريون چئبيون آهن.انهن کي زائد تڪبيرات چئجي ٿو،اهي واجب آهن.ابوالليث.
    (11) امام کي صبح، مغرب، عشاءِ،جمعه،عيدين، تراويح ۽ رمضان شريف جي وتر ۾ بلند آواز سان قرآت ڪرڻ ۽ ظهر،عصر نمازن ۾ آهسته پڙهڻ.(12) لفظ سلام سان نماز کان جدا ٿيڻ (13) وتر ۾ قنوت واسطي تڪبير چوڻ ۽ دعا قنوت پڙهڻ(14) ٻنهي عيدن جي نماز ۾ زائد تڪبيرات چوڻ (3)


    نماز ۾ سنتن جو بيان

    سوال: سنتن مان ڇا مراد آهي؟
    جواب: جيڪي شيون نماز ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم کان ثابت ٿيون هجن پر انهن جو تاڪيد فرض ۽ واجب جي برابر ثابت نه ٿيو هجي انکي سنت چوندا آهن انهن شين مان جيڪڏهن ڪابه شيءِ ڀُلَ يعني ويسر ۾ ڇڏائجي وئي ته نمازنه ڀڄندي۽ نڪي سهو جو سجدو لازم ٿيندو نه وري گناهه ئي ٿيندو.باقي جيڪڏهن ڄاڻي واڻي ڇڏيائين ته نماز ڪو نه ڀڄندي نه وري سجده سهو جو لازم ٿيندو پر ملامت جو حقدار ضرور ٿيندو.
    سوال: نماز ۾ ڪيتريون سنتون آهن؟
    جواب: نماز ۾ (21)سنتون آهن (1)تڪبير تحريمه چوڻ کان اڳ ۾ ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻڻ (2) ٻنهي هٿن جون آڱريون پنهنجي حال تي کليل ڇڏڻ ۽ قبله ڏانهن آڱرين جو رخ رکڻ (3) تڪبير چوڻ وقت مٿي کي هيٺ نه ڪرڻ(4) امام کي تڪبير تحريمه يا باقي تڪبيريون ضرورت آهر بلند آواز سان چوڻ.(5)سڄي هٿ کي کٻي هٿ تي دن جي هيٺيان رکڻ (6) ثنا پڙهڻ(7) تعوذ پڙهڻ (1) (8)بسم الله سموري پڙهڻ (9) فرض نماز جي ٽين،چوٿينءَ رڪعت ۾ ڇڙو سورت فاتحه پڙهڻ.(10)آمين چوڻ (11) ثنا،تعوذ،بسم الله ۽ آمين آهسته پڙهڻ.(12)سنت جي موافق قرآت ڪرڻ يعني جنهن جنهن نماز ۾ جنهن قدر قرآن مجيد پڙهڻ سنت آهي.ان موافق قرآن مجيد پڙهڻ(2) (13) رڪوع ۽ سجده ۾ ٽي ٽي ڀيرا تسبيح پڙهڻ (14) رڪوع ۾ مٿي ۽ پٺيءَ کي پاڻ ۾ برابر سڌو رکڻ ۽ ٻنهي هٿن جي آڱرين کي کولي آڱرين سان گوڏن کي پڪرڻ (15) قومه ۾ امام کي سميع الله لمن حمده چوڻ ۽ مقتديءَ کي ربنا لڪ الحمد چوڻ ۽ اڪيلي کي ٻئي چوڻ (16)سجده ۾ وڃڻ وقت پهريائين ٻئي گوڏا پوءِ ٻئي هٿ پوءِ منهن رکڻ (17) جلسه ۽ قعده ۾ کٻي پير کي وڇائي ان تي ويهڻ ۽ سڄي پير کي اهڙيءَ طرح اڀو رکڻ جو پير جي آڱرين جا مٿا قبله جي طرف رهن ۽ ٻئي هٿ رانن تي رکڻ (18) تشهد ۾ اشهد ان لا اله وقت آڱر کي مٿي کڻڻ ۽ الا الله وقت هيٺ رکڻ(3) (19)پوئين قعده ۾ التحيات کان بعد درود پڙهڻ.(20)درود شريف کانپوءِ دعائون پڙهڻ(4) (21) پهريائين سڄي طرف پوءِ کٻي طرف سلام ڦيرڻ.
    تعوذ يعني اعوذ بالله من الشيطان الرحيم پڙهڻ (2) فجر ۽ظهر جي نماز ۾ طوال مفصل مان پڙهڻ ۽ عصر ۽عشاءِ ۾ اوساط مفصل مان پڙهڻ ۽مغرب ۾ قصار مفصل مان پڙهڻ سورت حجراة کان سورت البروج تائين طوال مفصل آهي.سورت البروج کان سورت القدر تائين اوساط مفصل آهي.سورت القدر کان آخر قرآن تائين قصارمفصل آهي. (3)چيچ ۽ ٻاچ کي تريءَ سان ملائڻ ۽ آڱوٺي کي وچين سان ملائي حلقو يعني گول ٺاهڻ گهرجي.ابوالليث
    (4) قرآن مجيد ۾ ذڪر ٿيل دعائن جو پڙهڻ افضل آهي.ابوالليث


    نماز ۾ مستحب جو بيان

    سوال: نماز ۾ مستحب ڪيترا آهن؟
    جواب: نماز ۾ پنج (5) شيون مستحب آهن.
    (1) تڪبير تحريمه چوڻ ٻانهولين مان هٿ ٻاهر ڪڍڻ (2) رڪوع ۽ سجده ۾ اڪيلي کي ٽن ڀيرن کان زياده تسبيح چوڻ (1)
    (1) اڪيلي سر نماز پڙهڻ وقت رڪوع ۽ سجدي ۾ ست ست دفعا تسبيحات پڙهڻ مستحب آهي.ابو الليث
    (3) قيام جي حالت ۾ سجده جي جاءِ تي رڪوع ۾ پيرن جي پٺيءَ تي جلسه ۽ قعده ۾ پنهنجي جهول تي ۽ سلام وقت پنهنجن ڪلهن تي نظر رکڻ (4) کنگهه کي پنهنجي طاقت آهر روڪڻ(5) اوٻاسيءَ وقت وات بند رکڻ پر جيڪڏهن کلي وڃي ته قيام واريءَ حالت ۾ سڄي هٿ ۽ باقي حالتن ۾ کٻي هٿ جي پٺيءَ سان وات ڍڪڻ.


    نماز جو پنجون شرط وقت جو هجڻ

    سوال:فرض نماز جا ڪيترا وقت آهن؟
    جواب: فرض نماز ڏينهن رات ۾ پنج وقت پڙهبي آهي.
    سوال: اهي ڪهڙا وقت آهن؟
    جواب: 1.فجر2.ظهر3.عصر4.مغرب 5.عشاءِ
    سوال: فجر ڇا کي چئبو آهي؟
    جواب:فجر صبح کي چئبو آهي يعني پرهه ڦٽيءَ کان سج اڀرڻ تائين. ان سموري وقت ۾ صبح جي نماز پڙهي سگهجي ٿي پر سج اڀرڻ کان ٿورو اڳ۾ پڙهڻ افضل آهي.جڏهن چٽو صبح ٿيندو آهي.
    سوال: ظهر ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: ظهر ٻيپهري جي وقت کي چوندا آهن يعني سج لڙڻ وقت جڏهن سج صفا وچ تي ايندو آهي ته ان وقت هر شيءِ جو پاڇو اتر طرف وڌڻ کان رڪجي ان جي پاڙ ۾ بيهندو آهي ان کي اصلي پاڇو چوندا آهن.جڏهن اهو اوڀر طرف ٿورو به وڌندو ته ظهر جو وقت شروع ٿيندو.
    سوال: ظهر جي نماز لاءِ مستحب وقت ڪهڙو آهي؟
    جواب: سج لڙڻ کان پوءِ سياري ۾ ستت ئي نماز پڙهڻ مستحب ۽ اونهاري ۾ ڪجهه دير ڪري ڏينهن ٺاري پڙهڻ مستحب آهي.
    سوال: عصر جو وقت ڪهڙو آهي؟
    جواب: جڏهن هر شيءِ جو پاڇو پنهنجي اصلي پاڇي کان وڌي ٻيڻو ٿي وڃي ته ان وقت ظهر جو وقت ختم ٿي وڃي ٿو ۽ عصر (ٽيپهري)جو وقت شروع ٿي وڃي ٿو.اهو سج لٿي تائين آهي.
    سوال: ٽيپهري جو مستحب ڪهڙو وقت آهي؟
    جواب: ٽيپهري به ڪجهه دير ڀرو پڙهڻ مستحب آهي پر سج جي هيڊي ۽ ڳاڙهي ٿيڻ کان اڳي پڙهڻ گهرجي.
    سوال: مغرب يعني سانجهيءَ جو وقت ٻڌايو؟
    جواب: سانجهيءَ (مغرب) جو وقت سج لٿي کان وٺي شفق جي لهڻ تائين آهي.
    سوال: شفق ڇا آهي؟
    جواب: سج لهڻ کان پوءِ اولهه طرف آسمان جي ڪناري ۾ جيڪا ڳاڙهاڻ نظر ايندي آهي انکي شفق احمر چوندا آهن.انهيءَ کانپوءِ وري اڇاڻ ٿيندي آهي. انکي شفق ابيض چوندا آهن شفق ابيض جي لهڻ سان مغرب جو وقت ختم ٿئي ٿو.
    سوال: سانجهيءَ جو مستحب وقت ٻڌايو؟
    جواب: سانجهيءَ جي نماز هميشه جلديءَ ۾ پڙهڻ مستحب آهي.يعني تارن جي. چٽائي ٿيڻ کان اڳي.
    سوال:عشاءِ يعني سومهڻيءَ جو وقت ڪهڙو آهي؟
    جواب: سومهڻيءَ جو وقت شفق ابيض لهي وڃڻ کان وٺي پڙهه ڦٽڻ تائين آهي.
    سوال: سومهڻيءَ جو مستحب وقت ڪهڙو آهي؟
    جواب: رات جي پهرين ٽين حصي جي آخر ۾ پڙهڻ مستحب آهي.
    سوال: وِتُر نماز جو ڪهڙو وقت آهي؟
    جواب: وِتُر نماز جو وقت ساڳيو عشاءِ وارو آهي پر شرط هي آهي ته وتر پڙهڻ کان اڳي عشاءِ جو فرض پڙهي چڪو هجي.
    سوال: وتر جو مستحب وقت ڪهڙو آهي؟
    جواب: جيڪو ماڻهو اسر جو تهجد لاءِ اٿندو هجي ان لاءِ مستحب آهي ته تهجد کانپوءِ وتر پڙهي.
    نوٽ: اڄڪلهه هر علائقي ۾ دائمي جنتريءَ ۾ گهڙي جي وقت سان نماز جي وقتن کي شمار ڪيو ويو آهي.تنهنڪري وقتن جي سڃاڻپ ۾ جنتري کان مدد وٺڻ آسان عمل آهي.


    ڇهون شرط قبلي ڏانهن منهن ڪرڻ

    سوال: قبلي ڏانهن منهن ڪرڻ مان ڇا مطلب آهي؟
    جواب: قبلي ڏانهن منهن ڪرڻ مان مطلب آهي ته ڪعبة الله،ڏانهن منهن ڪرڻ يعني اسانجي علائقي ۾ اولهه طرف ڏانهن منهن ۽ سينو ڪري بيهڻ.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن کي خبر نه پوي ته قبلو ڪهڙي طرف آهي ته اهو ڇا ڪري؟
    جواب: اهو اتي وارن ماڻهن کان پڇي پر جيڪڏهن ڪو به ٻڌائڻ وارو نه هجي ته دل ۽ دماغ سان چڱيءَ طرح سوچ فڪر ڪري پوءِ جنهن طرف سندس پڪو خيال ٿئي ان طرف منهن ڪري نماز پڙهي.
    سوال: جيڪڏهن نماز کان پوءِ خبر مليس ته ايڏانهن قبلو نه آهي ته ڇا ڪري؟
    جواب: جيڪڏهن چڱيءِ ريت سوچ ڪرڻ کان پوءِ به غلطي ٿي ويئي ته نماز موٽائڻ ضروري نه آهي پر جيڪڏهن منڍ ۾ سوچ ئي نه ڪئي هئائين بلڪه ڌڪي تي پڙهيائين ته پوءِ ڄاڻ ملڻ کانپوءِ نماز موٽائيندو.
    سوال: جيڪڏهن نماز پڙهندي وچ نماز ۾ معلوم ٿيس ته قبلو ٻي طرف آهي ته ڇا ڪري؟
    جواب: وچ نماز ۾ ئي پاڻ ڦيري قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي نماز پوري ڪري پهريون واريون رڪعتون به نه موٽائيندو.


    نماز جي مڪروهن جو بيان

    سوال: نماز ۾ ڪهڙا ڪم مڪروه آهن؟
    جواب: نماز ۾ گهڻا ئي ڪم مڪروه آهن. ڪجهه هن ريت آهن.
    (1) آڱرين مان ٺڪاءَ ڪڍڻ .
    (2) پنهنجي بدن يا ڪپڙن سان کيڏڻ.
    (3) سجدي ۾ وڃڻ وقت ڪپڙن ۽ بدن جي بچاءَ خاطر هٿ سان صفائي ڪرڻ.
    (4) ڄاڻي واڻي مٿي اگهاڙو نماز پڙهڻ.
    (5) سٺن،ڀلن ڪپڙن هوندي بيڪار ۽ گندن ڪپڙن ۾ نماز پڙهڻ.
    (6) ڪنهن ساهدار جو فوٽو سامهون يا پاسن کان يا مٿان کان هجڻ پر جيڪڏهن پيرن هيٺيان يا پٺيان يا کيسي ۾ اٿس ته نماز مڪروه نه ٿيندي.
    (7) جيڪڏهن ڪپڙن تي ساهدار جا فوٽو ڇپيل آهن ته به نماز مڪروه ٿيندي.
    (8) قيام ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهڻ.
    (9) ٻانهون ڪنجڻ يا چولي جي مٿان سندرو ٻڌڻ.
    (10) سجدي ۾ ٻانهون وڇائي ڇڏڻ.
    (11) سجدي ۾ هڪ پير مٿي کڻڻ
    (12) پيشاب يا ڪاڪوس جو زور هجڻ ۽ ريح جو سخت زور هجڻ جڏهن ته نماز قضا ٿيڻ جو خطرو نه هجي.
    (14) هيڏي هوڏي ڪنڌ سان واجهائڻ
    (15) نماز ۾ اکيون ٻُوٽڻ
    (16) امام جو محراب ۾ اندر بيهڻ.
    (17) رومال يا چادر مٿي يا ڪلهن تي رکي ٻئي پاسا لڙڪائڻ.
    (18) بنا عذر جي نرڙ کي پٽڪي يا رومال يا ٽوپي سان ڍڪي نماز پڙهڻ.
    (19) منهن کي ٻٽ هڻي نماز پڙهڻ.
    (20) نماز ۾ ڪپڙا ڪنجڻ.


    جن ڪمن سان نماز ڀڄي پوي ٿي ۽ جن سان نٿي ڀڄي

    سوال: نماز ڪهڙين شين سان ڀڄي پوي ٿي؟
    جواب: نماز جا ڀڃيندڙ ڪيترا ئي آهن.ڪجهه بيان ڪجن ٿا.
    (1) نماز ۾ کل اچڻ جنهن سان ڏند ظاهر ٿين پر جيڪڏهن آواز ايترو نڪري وڃي جو ڀر وارو به ٻڌي يعني ٽهڪ نڪري وڃي ته پوءِ وضو به ڀڄي پوندو.
    (2) ڄاڻي واڻي يا ڀل ۾ ڳالهائڻ پوءِ ڀلي ٿورو ئي هجي.
    (3) ڄاڻي واڻي يا ڀل ۾ زبان سان سلام جو جواب ڏيڻ.
    (4) نماز ۾ اهڙي دعا گهرڻ جو اهڙا لفظ ڪنهن ماڻهو کي چئي سگهجن مثال نوڪري ڏي،زال ڏي،باغ جي عنايت ڪر وغيره.
    (5) نماز ۾ خوشيءَ جي ڳالهه ٻڌي الحمدالله چوڻ سان به نماز ڀڄي پوندي.
    (6) نماز ۾ ڪنهن جي موت جي خبر ٻڌي انا لله وانا اليه راجعون پڙهڻ سان به نماز ڀڄي پوندي.
    (7) نماز ۾ ڪا عجيب خبر ٻڌي سبحان الله چوڻ سان به نماز ڀڄي پوندي.
    (8) نماز ۾ قرآن ڪريم کولي پڙهڻ سان به نماز ڀڄي پوندي.
    (9) نماز ۾ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي وات ۾ ڪاشيءِ پيل هيس جيڪا چڻي جيتري هئي يا ان کان وڏي هئي سا اڳري ويو ته نماز ڀڄي پوندي پرجيڪڏهن پوءِ توڙي ٿوري هجي ،تر جيتري هجي ٻاهران کڻي وات ۾ وڌائين ۽ کائي ويو ته نماز ڀڄي پونديس.
    (10) عمل ڪثير يعني گهڻو ڪم ڪرڻ سان نماز ڀڄي پوندي آهي.
    سوال: عمل ڪثير ڇاآهي؟
    جواب: نماز ۾ ايتري چر پر ڪرڻ جو پري کان ڏسندڙ ايئن سمجهي ته اهو نماز ۾ نه آهي ته اهو عمل ڪثير يعني گهڻو ڪم آهي ان سان نماز ڀڄي پوندي آهي. اهڙي ريت ٻنهي هٿن سان ڪپڙن کي ٺاهڻ يا کنهڻ وغيره کي به عمل ڪثير ۾ شمار ڪيو ويو آهي ان سان به نماز ڀڄي پوندي.
    سوال: ڇا نماز ۾ روئڻ سان نماز ڀڄي پوندي؟
    جواب: ها نماز ۾ روئڻ سان ۽ ڪنجهڻ ۽ ڇوڪارن ڀرڻ سان ڪي لفظ ٺهي پون جيئن هو،اوهه،ايهه وغيره ته نماز ڀڄي پوندي.البت روئڻ جيڪڏهن جهنم جي ڀؤ کان آهي يا جنت جي محبت ۾ يا خوشي وچان روئڻ آهي ته نماز نه ڀڄندي.
    سوال: تڪليف جي شدت جي ڪري ڪنجهڻ کي جهلي نٿو سگهجي ته ڇا نماز ڀڄي پوندي؟
    جواب: جڏهن ته ڄاڻي واڻي نه ٿو ڪري بلڪ بي اختيار ٿي وڃي ٿو ته پوءِ معاف اٿس ۽ نماز درست آهي.
    سوال: نماز ۾ کنگهڻ سان نماز ڀڄي پوندي يا نه؟
    جواب: جيڪڏهن کنگهڻ سان ڪي اکر ٺهي پيا ته نماز ڀڄي پوندس پر جيڪڏهن عذر اٿس ۽ ڄاڻي واڻي اجايو نه ٿو کنگهي يا قرآت کي صاف پڙهڻ لاءِ کنگهي ٿو ته نماز نه ڀڄندي.
    سوال: اوڳرائي يا اوٻاسي ڏيڻ سان حرف ٺهي پون ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: اوڳرائي يا اوٻاسي ڏيڻ سان اکر ٺهي پيا ته نماز ڀڄي پوندي تنهن ڪري اوڳرائي يا اوٻاسي وقت وات بند رکڻ جي ڪو شش ڪري ۽ آهستي ڪري.
    سوال: نماز ۾ ڇڪ اچي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ڇڪ اچڻ سان نماز ڪونه ڀڄندي توڙي اکر ٺهي پون.
    سوال: جيڪڏهن ڇڪ ڏيندڙ کي يرحمڪ الله چيائين ته ڇا نماز ڀڄي پوندي؟
    جواب: ها جيڪڏهن نماز ۾ڇڪ ڏيندڙ کي الحمد الله جي جواب ۾ يرحمڪ الله چيائين ته نماز ڀڄي پوندس.
    سوال: جيڪڏهن نمازيءَ جي سامهون ڪو اشتهار هجي ۽ ان جي اکرن کي زبان سان نه پڙهيائين پر ڌيان سان ڏسڻ جي ڪري ان جي مفهوم کي سمجهي ويو ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ان صورت ۾ نماز ڪو نه ڀڄندس پر جيڪڏهن ٿورو به زبان سان پڙهيائين ته نماز ڀڄي پوندس.


    نماز پڙهڻ جو پورو طريقو

    سوال: نماز پڙهڻ جو پورو سنت طريقو ڪهڙو آهي؟ بيان ڪريو!
    جواب: نمازي سڀ کان پهريان نماز جا ٻاهريان فرض يعني شرط پورا ڪري نيت ڪري ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻي جو آڳوٺا ڪنن جي پاپڙين جي برابر ٿين ۽ هٿن جون تريون قبلي ڏانهن ٿين پوءِ الله اڪبر چئي ٻئي هٿ دن کان هيٺ ٻڌي جو کاٻي هٿ جي پٺي تي ساڄي هٿ جي تري رکي کاٻي هٿ جي ويڻيءَ کي ساڄي هٿ جي چيچ ۽ آڱوٺي سان حلقو ٺاهي پڪڙي پوءِ ثنا پڙهي.
    ثنا
    سبحانک اللّٰھم وبحمدک وتبارک اسمک وتعالیٰ جدک ولاالٰہ غیرک
    ترجمو: اي الله تون پاڪ آهين تنهنجي ساراهه آهي ۽ تنهنجو نالو برڪت ڀريو آهي ۽ تنهنجي بزرگي بلند آهي ۽ تو کان سواءِ ڪو به معبود ڪو نه آهي. ان کانپوءِ تعوذ ۽ تسميه پڙهي.
    تعوذ هي آهي
    اعوذ بالله من الشيطٰن الرجيم
    ترجمو: مان الله جي پناهه گهران ٿو شيطان تڙيل کان
    تسميه هي آهي
    بسم الله الرحمٰن الرحيم
    ترجمو: الله جي نالي سان شروعات ڪريان ٿو جيڪو وڏو مهربان نهايت ٻاجهارو آهي.
    ان کانپوءِ سورت فاتحه پڙهي آمين چوي پوءِ ڪا به وڏي،ننڍي سورت يا گهٽ ۾ گهٽ ٽي آيتون،يا هڪ آيت ننڍين ٽن آيتن جيتري پڙهي.هي حڪم امام ۽ اڪيلي سر نماز پڙهڻ واري لاءِ آهي پر جيڪڏهن مقتدي يعني جماعتي آهي ته تعوذ ۽ تسميه ۽ قرآت نه ڪندو پوءِ الله اڪبر چئي رڪوع ڪري جو سندس پٺي ۽ ڪنڌ برابر هجن يعني هيٺ مٿي نه ٿين ۽ ٻانهون به سندس پاسن سان نه ملن ۽ نه وري گهڻيون ٻاهر ڪڍي جو جيڪڏهن ڪو ڀر ۾ ماڻهو هجي ته ان کي ايذاءُ اچي ۽ هٿن جي کليل آڱرين سان ٻنهي گوڏن کي پڪڙي پوءِ ٽن کان ستن تائين ۽امام ٽن کان پنجن دفعن تائين چوي.
    سبحان ربي العظيم
    ترجمو: پاڪ آهي منهنجو پالڻهارجيڪو عظيم (وڏو) آهي.
    جيڪڏهن امام آهي ته پوءِ
    سمع الله لمن حمده
    چوندي سڌو ٿي بيهي ۽ هٿ ڇڏي ڏي پر جيڪڏهن مقتدي آهي ته چوي ربنالڪ الحمد ۽ جيڪڏهن اڪيلي سر نماز پڙهي رهيو آهي ته ٻئي جملا چوي پوءِ الله اڪبر چئي سجدي لاءِ هيٺ جهڪندي پهريان ٻئي گوڏا رکي پوءِ ٻنهي هٿن جون تريون اهڙيءَ ريت رکي جو هٿن جون آڱريون مليل هجن ۽ قبلي رخ ٿين.۽ سندس منهن ٻنهي هٿن جي وچ ۾ ٿئي پر منهن رکڻ وقت پهريائين نڪ رکي پوءِ نرڙ رکي ۽ ٻانهون نه ڌرتيءَ تي وڇائي ۽ نڪي اندر پيٽ ۽ رانن سان ملائي نڪي گهڻيون ٻاهر ڪڍي جو ڀر واري کي تڪليف ٿئي.البت صف ۾ سوڙهه هجڻ جي صورت ۾ ٻانهون اندر ڪرڻ بهتر آهي.پوءِ سجدي ۾ ٽن يا ستن دفعن تائين ، امام ٽن کان پنجن دفعن تائين چوي.
    سبحان ربي الاعليٰ
    ترجمو: پاڪ آهي منهنجو پالڻهار جيڪو بلند آهي.
    پوءِ الله اڪبر چئي پهريائين نڪ کڻي پوءِ نرڙ کڻي اٿي قرار سان ويهي ان ويهڻ کي جلسه چئبو آهي.۽ ائين ويهبو جيئن التحيات ۾ ويهبو آهي بهتر آهي ته 3 دفعا سبحان ربي الاعليٰ چوڻ جيتري دير ويهي پوءِ الله اڪبر چئي ساڳيءَ ريت سجدو ڪري پوءِ الله اڪبر چئي سجدي مان اٿڻ وقت پهريان نرڙ پوءِ نڪ کڻي پوءِ هٿ گوڏن تي رکي پيرن جي پٻن تي زور ڏئي اٿي قيام لاءِ بيهي.اهڙي طرح ٻي رڪعت پڙهي پر ٻي رڪعت ۾ ثنا ۽ تعوذ نه پڙهندو ثنا ۽تعوذ فقط پهرين رڪعت ۾ پڙهبو آهي .ٻي رڪعت پوري ڪرڻ کان پوءِ کاٻي پير تي ويهي ساڄو پير اڀو ڪري جو پيرن جون آڱريون قبلي رخ ٿين ۽ هٿ رانن تي رکي جو هٿن جون آڱريون گوڏن ٿي ٿين ۽ هٿن جي آڱرين کي ڀڪوڙي بند نه ڪري ۽ نه ڪي ڄاڻي واڻي کنڊيري ڇڏي بلڪ ايئن ئي ڇڏي ڏي پوءِ تشهد پڙهي.
    التحيات لله والصلوات و الطيبات السلام عليڪ ايها النبي ورحمت الله وبرڪاته السلام علينا و عليٰ عبادالله الصالحين اشهد ان لا الٰه الله و اشهد ان محمد عبده ورسوله.
    ترجمو: سموريون زباني ۽ جسماني ۽ مالي عبادتون الله تعاليٰ جي لاءِ آهن اي پيغمبر تو تي سلام هجي ۽ الله جي رحمت ۽ برڪت پڻ اسان تي ۽ الله جي نيڪ ٻانهن تي سلام هجي مان شاهدي ڏيان ٿو ته الله کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. ۽ پڻ شاهدي ڏيان ٿو ته بيشڪ محمد رسول ﷺ سندس ٻانهو ۽ رسول آهي.
    پوءِ ڏسبو ته جيڪڏهن نماز ٻن رڪعتن واري آهي ته درود۽دعا پڙهي ساڄي ۽ کاٻي پاسي سلام ڦيرائي پر جيڪڏهن ٽن يا چئن رڪعتن واري نماز آهي ته فقط التحيات پڙهي ۽ آخري قعدي ۾ التحيات ۽ درود ابراهيمي ۽ دعا پڙهي سلام ڦيرائي سلام ڦيرائڻ ۾ نظر پنهنجن ڪلهن تي ڪري .
    درود ابراهيمي هي آهي
    اللهم صل عليٰ محمد و عليٰ اٰل محمد ڪما صليت عليٰ ابراهيم و عليٰ ابراهيم انڪ حميد مجيد. اللهم بارڪ عليٰ محمد و عليٰ اٰل محمد ڪما بارڪت علي ابرهيم و عليٰ اٰل ابراهيم انڪ حميد مجيد.
    ترجمو: اي الله! تون محمد ۽ سندس آل تي رحمت فرماءِ جيئن تون ابراهيم ۽ ان جي آل تي رحمت نازل فرمائي بيشڪ تون ساراهيل ۽ بزرگي وارو آهين. اي الله! تون محمد ۽ سندس آل تي برڪت نازل فرماءِ جيئن تون ابراهيم ۽ ان جي اٰل تي برڪت نازل فرمائي.بيشڪ تون ساراهيل بزرگيءَ وارو آهين.
    درود کان پوءِ دعا پڙهي
    رب اجعلني مقيمي الصلوات و من ذريتي ربنا وتقبل دعاءَ ربنا اغفرلي ولوالدي وللمومنين يوم يقوم الحساب.
    ترجمو: اي پالڻهار! مونکي نماز قائم ڪندڙ بڻاءِ ۽ پڻ منهنجي اولاد کي. اي اسانجا پالڻهار دعا قبول فرماءِ. اي اسان جا پالڻهار مونکي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ کي ۽ سمورن مومنن کي بخش جنهن ڏينهن حساب ڪتاب ٿيندو.


    عورتن جي نماز ۾ فرق

    سوال: عورتن جي نماز پڙهڻ جو سنت طريقو ڪهڙو آهي؟
    جواب: (1)عورت تڪبير تحريمه وقت پنهنجي ٻنهي هٿن کي فقط ڪلهن تائين مٿي کڻندي. (2) ٻئي هٿ پنهنجي ڇاتيءَ تي ٻڌندي.۽ سڄي هٿ جي تري کٻي هٿ جي پٺيءَ تي رکندي،حلقو نه ٻڌندي. (3) هر نماز ۾ قرآت آهستي پڙهندي.(4) رڪوع ۾ فقط هٿ گوڏن تي رکندي باقي گوڏن کي پڪڙيندي نه.۽ نڪي هٿن جون آڱريون کوليندي. (5) سجدي ۾ بغل نه کوليندي،يعني سڀ عضوا ملائيندي ۽ پنهنجا هٿ ۽ ٻانهون به زمين تي رکندي.(6) التحيات ۾هٿن جون آڱريون مليل رکندي (7) جلسه يا قعده ۾ ويهڻ وقت کاٻي ٻنڊڻ تي ويهندي،ٻئي پير ساڄي پاسي ڪڍندي باقي ٻيا نماز جا ڪم مرد جي نماز وانگر ادا ڪندي.
    سوال: نماز وقت عورتن جو لباس ڪهڙيءَ ريت هئڻ گهرجي؟
    جواب: عورتن لاءِ چڱيءَ ريت ڍڪيل هجڻ ضروري آهي.ٿلهو ۽ ويڪرو لباس پائن. (1) نقاب اهڙيءَ ريت ويڙهن جو سندن منهن جي دائري کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏيکارجي. ۽ مٿي جا وار به بلڪل نه ڏيکارجن. (2) ٻانهون به چڱيءَ ريت ڍڪيل هجن فقط هٿ ويڻن تائين کليل رواآهن (3) شلوارايڏي ڊگهي هجي جو ڀيڏيون ڍڪجي وڃن.باقي پيرن جي کليل هجڻ ۾ ڪو حرج نه آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن عورت جا ڪپڙا اهڙا سنها هجن جنهن مان بدن نظر اچي ته ڇا نماز ٿيندي؟
    جواب: اهڙي عورت جي نماز نه ٿيندي پرجيڪڏهن فقط رئو سنهو اٿس جنهن مان وار نظر اچن ٿا ته به نماز نه ٿيندي.
    سوال: جيڪڏهن نماز دوران ٻانهن مان چوڙين واري جاءِ يا ڀيڏيون يا پنيون ظاهر ٿي پون ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن انهن عضون مان ڪو به عضوو ٽي دفعا سبحان الله چوڻ جيتري دير کليل رهيو ته نماز ڀڄي پوندس.
    نوٽ:عورتون گهڻو ڪري فرض نمازبه ويهي پڙهنديون آهن.سومعلوم هئڻ گهرجي ته فرض يا واجب نماز بغير عذر جي ويهي پڙهڻ جائز ڪونه آهي.
    فائدو:(1) ٽاڪ منجهند يعني جڏهن سج بلڪل وچ تي اچي ان کي استوا چئبو آهي.(2) استوا وقت هر شيءِ جو پاڇو اتر طرف ان شيءِجي پاڙ ۾ ٿي ويندو آهي. ان کي في زوال يا اصلي پاڇو چئبو آهي.(3) وري جڏهن پاڇو اوڀر طرف وڌڻ لڳي ته ان وقت کي زوال چئبو آهي.


    نماز جا مڪروهه وقت

    سوال: ڪهڙن وقتن ۾ نماز پڙهڻ مڪروهه آهي؟
    جواب:(1) سج اڀرڻ وقت جيستائين اڀري مٿي ٻن ڪانن جيترو چڙهي اچي. (2) سج لهڻ وقت جيستائين لهي وڃي (3) ٽاڪ منجهند جو جڏهن سج بلڪل وچ تي اچي. انهن وقتن ۾ هر قسم جي نماز پڙهڻ مڪروهه تحريمي يعني حرام آهي گناهه ٿيندو. تلاوت جو سجدو به نٿو ڏئي سگهجي. پر جيڪڏهن سجدي واري آيت ان وقت تلاوت ڪيائين ته پوءِ اهو سجدو ڏئي سگهجي ٿو.
    نوٽ: ڪي ماڻهو انهن وقتن ۾ قرآن ڪريم جي تلاوت به مڪروهه سمجهندا آهن سو اهو بلڪل غلط آهي.تلاوت ڪرڻ ۾ ڪوبه حرج نه آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کان ٽيپهريءَ جي نماز ۾ دير ٿي وئي ته ڇا اهو سج لهندي وقت پڙهي سگهي ٿو؟
    جواب: ايتري دير ڪرڻ گناهه آهي پر تنهن هوندي به ضرور پڙهي.
    سوال: ڪهڙن وقتن ۾ نفل نماز پڙهڻ مڪروهه آهي؟
    جواب: هنن وقتن ۾ سنت يا نفل پڙهڻ مڪروهه آهي.
    (1) پڙهه ڦٽڻ کانپوءِ سواءِ فجر جي سنت جي.
    (2) فجر جي فرض کانپوءِ سج اڀرڻ کان اڳي.
    (3) ٽيپهريءَ جي فرض پڙهڻ کانپوءِ مغرب تائين.
    (4) سج لهڻ کانپوءِ مغرب جي فرض کان اڳ.
    (5) جمعي جي خطبي پڙهڻ وقت. (6) جمعه جي نماز شروع ٿيڻ وقت.
    (7) مرد توڙي عورتون عيد نماز کان اڳ۾ گهر۾ توڙي مسجد ۽ عيد گاهه ۾ اشراق سميت ڪو به نفل نه پڙهن. البت عيد نماز کان پوءِ عيد گاهه کان سواءِ ٻي جاءِ تي اشراق پڙهڻ مستحب آهي.
    سوال:ڇا ڪوئي ماڻهو ٽيپهڙيءَ جي نماز کانپوءِ قضا نماز پڙهي سگهي ٿو؟
    جواب: ها قضا پڙهي سگهي ٿو پر سج اڃان روشن هجي يعني اڃان هيڊو نه ٿيو هجي.
    سوال: ڇا ڪوئي ماڻهو پرهه ڦٽڻ کانپوءِ فجر جي فرض کان اڳ يا فجر جي فرض پڙهڻ کان پوءِ سج اڀرڻ کان اڳ ٻيو ڪو به فرض يا وترپڙهي سگهي ٿو؟
    جواب: ها فرض يا واجب قضا پڙهي سگهي ٿو.


    پنج وقتي نمازن جي رڪعتن جو بيان

    سوال: فجر جي نماز ۾ ڪيتريون رڪعتون آهن؟
    جواب: فجر ۾4 رڪعتون آهن. پهريان 2 رڪعتون سنت پڙهبي ،پوءِ 2 رڪعتون فرض پڙهبو.
    سوال: ظهر ۾ ڪيتريون رڪعتون آهن؟
    جواب: ظهرڪل 12 رڪعتون آهن. پهريان 4 رڪعتون سنت پوءِ 4 رڪعتون فرض پوءِ 2 رڪعتون سنت پوءِ 2 رڪعتون نفل.
    سوال: عصر ۾ ڪيتريون رڪعتون آهن؟
    جواب: عصر ۾ ڪل 8 رڪعتون آهن. پهريان 4 رڪعتون نفل ان کي سنت غير موڪده به چوندا آهن پوءِ 4 رڪعتون فرض.
    سوال: مغرب ۾ ڪيتريون رڪعتون آهن؟
    جواب: مغرب ۾ ڪل 7 رڪعتون آهن پهريان 3 رڪعتون فرض پوءِ رڪعتون 2 سنت پوءِ 2رڪعتون نفل
    سوال: عشاءِ ۾ ڪيتريون رڪعتون آهن؟
    جواب: عشاءِ ۾ ڪل 17 رڪعتون آهن پهريان 4 رڪعتون سنت پوءِ 4 رڪعتون فرض پوءِ 2 رڪعتون سنت پوءِ 2 رڪعتون نفل پوءِ 3 رڪعتون وتر واجب پوءِ 2رڪعتون نفل .
    سوال: سنت موڪده ۽ غير موڪده ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    جواب: جنهن سنت جي ادائگيءَ جو تاڪيد ڪيل آهي ان کي سنت موڪده چئجي ٿو. يعني ان سنت لاءِ پاڻ سڳورن جي هميشگي ٿيل هوندي.۽غير مؤڪده جو مطلب آهي ته اها جنهن جو تاڪيد ٿيل نه هجي انکي نفل يا مستحب به چئ سگهجي ٿو.


    صفت نماز

    1 قيام: لفظي معنيٰ آهي بيهڻ ، نماز جي اصطلاح ۾ ان رڪن کي چئبو آهي جنهن ۾ قرآت ڪبي آهي.
    2 رڪوع: نماز ۾ هٿ گوڏن تي رکي جهڪڻ کي رڪوع چئبو آهي.
    3 قومه: رڪوع مان اٿي بيهڻ کي قومه چئبو آهي.
    4 سجدو: نرڙ ۽ نڪ ۽ هٿن کي ڌرتي تي رکي جهڪڻ کي سجدو چئبو آهي.
    5 جلسه: ٻنهي سجدن جي وچ۾ ويهڻ کي جلسه چئبو آهي.
    6 قعده: التحيات لاءِ ويهڻ کي قعده چئبو آهي.
    7 سهو: نماز ۾ ٿيل غلطيءَ کي سهو چئبو آهي.
    8 تشهد: قعده ۾ ويهي التحيات پڙهڻ کي تشهد چئبو آهي.
    9.مقتدي: پٺيان صفن ۾ بيهندڙ جماعتي کي چئبو آهي.
    10.منفرد: اڪيلي سر نماز پڙهڻ واري ماڻهوءَ کي چئبو آهي.
    11.جهر: نماز ۾ بلند آواز سان قرآت ڪرڻ کي چئبو آهي ۽ انهي نماز کي جهري نماز چئبو آهي.
    12.سِرّ: نماز ۾ آهستي قرآت ڪرڻ کي چئبو آهي. ۽ انهي نماز کي سرِّي نماز چئبو آهي.
    13.مسبوق:ان مقتديءَ کي چئبو آهي جنهن کان جماعت سان ڪجهه رڪعتون رهجي ويون هجن يعني ڪجهه رڪعتون امام سان ۽ ڪجهه رڪعتون اڪيلي سر پڙهڻ واري کي مسبوق چئبو آهي
    14.لاحق: ان مقتدي کي چئبو آهي جيڪو منڍ نماز کان آخر تائين امام سان گڏ هجي پر وچ۾ يا آخر ۾ ڪنهن به سبب جي ڪري امام سان گڏ نماز پڙهڻ کان رهجي ويو هجي.
    15.مدرڪ: جيڪو مقتدي منڍ نماز کان آخر تائين امام سان سموري نماز پڙهي پوري ڪري.


    سهو جي سجدي جو بيان

    سوال: سهو جو سجدو ڇا آهي؟
    جواب: نماز ۾ ڪنهن واجب جي ڇڏجي وڃڻ يا فرض جي ترتيب ۾ غلطي ٿي وڃڻ يا فرض جي ادائگي ۾ دير ٿي وڃڻ جي ڪري سهو جو سجدو واجب ٿيندو آهي.
    سوال: سهو جو سجدو ڪيئن ڏبو آهي؟
    جواب: نماز جي آخري قعده ۾ التحيات پڙهڻ کانپوءِ ساڄي پاسي سلام ڦيرائي پوءِ ٻه سجدا ڏي،۽ وري تشهد پڙهي ۽ ان کان پوءِ درود ۽ دعا پڙهي ٻنهي طرفن ڏي سلام ڦيرائي نماز پوري ڪري.
    سوال: جيڪڏهن سهو جو سجدوڏيڻ وسري وڃي ۽ ٻنهي طرفن ڏي سلام ڦيري ڇڏي ته ڇا ڪجي؟
    جواب: اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن اهڙو لفظ نه ڳالهايو اٿس ۽ اهڙو ڪم نه ڪيو اٿائين جنهن سان نماز ڀڄي پوندي آهي ۽ سينو به قبلي کان نه ڦريو اٿس ۽ جلديءَ ۾ ياد اچي ويس ته پوءِ ٻه سجدا ڏئي تشهد پڙهي درود ۽ دعا پڙهي سلام ڦيرائي.
    سوال: قرآت جي ڪهڙين غلطين ۾ سجدو سهو جو واجب ٿيندو آهي؟
    جواب: (1) فرض جي پهرين ٻن رڪعتن مان ڪنهن رڪعت ۾ الحمد ڇڏجي وڃڻ يا سنت ،نفل ۽ وتر جي ڪنهن به رڪعت ۾ الحمد ڇڏجي وڃڻ. (2) فرض جي پهرين ٻن رڪعتن مان ڪنهن به رڪعت ۾ سورت ملائڻ رهجي وڃڻ يا سنت نفل ۽ وتر جي ڪنهن رڪعت ۾ سورت ملائڻ رهجي وڃڻ. (3) قرآت جي جاءِ تي التحيات پڙهڻ (4) لاڳيتو ٻه دفعا الحمد پڙهڻ. (5) فرض جي پهرين ٻن رڪعتن ۾ قرآت ڪرڻ بجاءِ پوين ٻن رڪعتن ۾ قرآت ڪرڻ سان انهن سڀني صورتن ۾ سجدوسهو جو واجب آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن کان پهريون قعده وسري وڃي ته ڇا ڪري؟
    جواب: جيڪڏهن ويهڻ کي ويجهو آهي ته ويهي رهي ۽ آخر ۾ سهو جو سجدو نه ڏي پر جيڪڏهن بيهڻ کي ويجهو آهي ته بيهي رهي ۽ اهو قعده ڇڏي ڏي ۽ آخر ۾ سهو جو سجدو ڏي.
    سوال: پهرين قعده ۾ جيڪڏهن درود شريف پڙهي وڃي ته ڇا سهو جو سجدو واجب ٿي ويندو؟
    جواب: ها، جيڪڏهن رڳو اللهم صل عليٰ محمد جيترو درود پڙهيائين ته به مٿس سهو جو سجدو لازم آهي باقي ان کان گهٽ ۾ واجب نه آهي يا ٽن تسبيحات پڙهڻ جيترو وقت سوچ ويچار ڪيائين ته پوءِ به سجدو سهو لازم ٿيندس.
    سوال: جيڪڏهن ڪوئي قعده ۾ قرآن ڪريم پڙهي وڃي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن تشهد پڙهڻ کان اڳ ۾ ٽي قرآت ڪئي اٿائين ته سهو جو سجدو لازم ٿيندس پر جيڪڏهن قعده ۾ تشهد پڙهڻ کان پوءِ پڙهي اٿائين ته ڪجهه نه آهي.
    سوال: جماعت سان سجدي سهو جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جماعت سان نماز پڙهندي جيڪڏهن امام کي سهو پئي ته امام سجدو سهو جو ڏيندو ۽ مقتدي به سجدو ڏيندا ۽ مسبوق به ڏيندو پر سلام نه ڦيرائيندو جيڪڏهن مسبوق ڄاڻي واڻي سلام ڦيرايو ته نماز ڀڄي پوندس،باقي جيڪڏهن مقتدين کي سهو پئجي وڃي ته نه امام سهو جو سجدو ڏيندو نڪي مقتدي.
    سوال: جيڪڏهن مسبوق غلطي سان امام سان گڏ سلام ڦيرائي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب:جيڪڏهن غلطي سان امام سان گڏ يا امام کان پهريائين سلام ڦيرايائين ته ڪو حرج نه آهي. پر جيڪڏهن امام جي سلام ڦيرائڻ کان پوءِ ڦيرايائين يا ٻي طرف به ڦيرايائين ته مٿس سهو لازم ٿيندي.
    سوال: وتر ۾ دعا قنوت وسري وڃي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: وتر ۾ دعا قنوت وسري وڃي يا دعا قنوت واري تڪبير وسري وڃي ته سهو جو سجدو واجب ٿيندو.
    سوال: جمعه يا عيدن جي نماز ۾ امام کي سهو پئجي وڃي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: انهن نمازن ۾ سهو جو سجدو معاف آهي. تنهنڪري سهو جو سجدو نه ڪبو.
    سوال: جيڪڏهن امام جهري نماز ۾ آهستي قرآت ڪري يا سري نماز ۾ جهر يعني بلند آواز سان قرأت ڪري ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: انهن صورتن ۾ سهو جو سجدو لازم ٿيندو جڏهن ته ننڍين ٽن آيتن يا هڪ وڏي آيت جيترو پڙهيو هجائين.
    سوال:جيڪڏهن هڪ ئي نماز ۾ ٻه يا ٽي دفعا سهو پئجي وئي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب:ڪيتريون به سهوَ پوَن هر حالت ۾ آخر ۾ التحيات پڙهي سلام ڦيرائي ٻه سجدا ڏبا.
    سوال: جيڪڏهن چوٿين رڪعت وارو قعدو وسري ويس نه ويٺو ۽ پنجين رڪعت لاءِ اٿي ويو ته ڇا ڪري؟
    جواب: جيستائين پنجين رڪعت جو سجدو نه ڏنو اٿائين ۽ ياد اچي ويس ته واپس موٽي قعده ۾ ويهي ۽ سهو جو سجدو ڏي. پر جيڪڏهن پنجين رڪعت جو سجدو ڪري چڪو آهي ته ڇهين رڪعت ملائي نماز پوري ڪري انهيءَ ۾ سجدو سهو به ادا ڪري پوءِ اها نماز سندس نفل ٿي ويندي ۽ مٿس فرض ٻيهر پڙهڻ لازم آهي.
    فائدو: (1) نماز ۾ ڪنهن به رڪن يعني فرض کي ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏي يا ويسر ۽ غلطي سان رهجي وڃي ته هر حالت ۾ نماز موٽائي پڙهڻي پوندس ۽ سهو ڪارگر نه ٿيندس.
    (2) نماز ۾ ڪنهن فرض جي ترتيب اڳتي پوئتي ٿي وڃي يا هڪ فرض کان ٻئي فرض جي ادائگي ۾ دير ٿي وڃي يا ڪو واجب رهجي وڃي ته سهو جي سجدي ڏيڻ سان نماز (پوري) درست ٿي ويندي. پر جيڪڏهن مذڪوره غلطيون ڄاڻي واڻي ڪيائين ته پوءِ نماز مڪروه تحريمي آهي ۽ مٿس نماز موٽائڻ لازم آهي.
    (3) نماز ۾ ڪنهن به مستحب جي رهجي وڃڻ سان نماز ۾ ڪا به ڪمي نه ايندي ۽ نماز ڪونه موٽائبي.
    (4)جنهن نماز ۾ سهو جو سجدو واجب ٿيو ۽ اهو سجدو ڏيڻ وسري ويس ته مٿس نماز موٽائي پڙهڻ واجب آهي.پر جيڪڏهن انهي نماز وارو وقت گذري چڪو هجي پوءِ ياد آيس ته ڪونه موٽائبي.


    نماز ۾ شڪ پوڻ جو بيان

    سوال: جيڪڏهن ماڻهو نماز ۾ ڀلجي پوي ته الائي ڪيتريون رڪعتون پڙهيم ته ڇا ڪري؟
    جواب: جيڪڏهن بالغ ٿيڻ کان هن وقت تائين نماز ۾ ڪڏهن به نه ڀليو آهي ۽ اڄ پهريون ڀيرو شڪ پيو اٿس ته ان کي نماز موٽائي ٻيهر پڙهڻ گهرجي.پر جيڪڏهن اڳي به شڪ پيو اٿس ته هاڻي ويچار ڪرڻ گهرجيس پوءِ جيڪڏهن نه ٿي دل قرار وٺيس ته گهٽ رڪعتن کان وٺي هلي.
    سوال: جيڪڏهن ٽين ۽ چوٿين رڪعت جي باري ۾ شڪ پويس ته ڪيئن ڪري؟
    جواب: ٽين رڪعت شمار ڪري چوٿين ملائي پر التحيات لاءِ ٽين رڪعت کان پوءِ به ويهي ۽ چوٿين کان پوءِ به ويهي ۽ آخر ۾ سهو جو سجدو به ادا ڪري.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن کي وتر ۾ شڪ پوي ته الائي ٻي رڪعت آهي الائي ٽين ته ڇا ڪري؟
    جواب: ٻي رڪعت سمجهي ۽ انهيءَ ۾ دعا قنوت به پڙهي ۽ التحيات ۾ به ويهي ۽ وري ٽين رڪعت ۾ وري به دعا قنوت پڙهي ۽ التحيات ۾ ويهي ۽ آخر ۾ سجدو سهو جو ادا ڪري.


    بيمار جي نماز جو بيان

    سوال: بيمار جيڪڏهن قيام نه ڪري سگهي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: بيمار جيڪڏهن بيهي نٿو سگهي ۽ بيهڻ سان سندس تڪليف وڌي ٿي يا برداشت نٿو ڪري سگهي ته ويهي نماز پڙهي پر جيڪڏهن ويهي نه سگهي ٿو پر رڪوع ۽ سجدي ڪرڻ ۾ تڪليف وڌڻ جو امڪان اٿس يا رڪوع ۽سجدو ڪري ئي نٿو سگهي ته پوءِ ويهي اشارن سان پڙهي پر سجدي جو اشارو رڪوع جي اشاري کان ڪجهه وڌيڪ هيٺ ڪبو.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن کي ويهڻ جي سگهه به نه هجي ته اهو ڪيئن ڪري؟
    جواب: اهو ماڻهو ساڄي پاسي تي ليٽي سمهڻ ئي اشارن سان نماز پڙهي يا پٺيءَ ڀر سمهي پير قبلي ڏانهن ڪري مٿي هيٺيان ايڏو وڏو وهاڻو رکي جيئن سندس منهن قبلي ڏي ٿي پوي ۽ مٿي ڇت ڏانهن نه ٿئي، پوءِ اشارن سان نماز پڙهي.سمهڻ واري نماز ۾ به سجدي جو اشارو رڪوع جي اشاري کان وڌيڪ جهڪو ڪبو.
    سوال: جيڪڏهن ڪو ماڻهو اشارن سان به نماز نه پڙهي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جنهن ماڻهو جي عضون جي چرپر ايتري ختم ٿي وڃي جو هو اشارو به نه ڪري سگهي يا کيس ڊاڪٽر اشارن ڪرڻ کان به روڪين يعني مٿي ۽ هٿن جي اشارن ڪرڻ کان به لاچار ٿيو آهي ته پوءِ ڀرون يا اکين جي اشاري کي اعتبار نه آهي.اهڙو ماڻهو نماز نه پڙهندو ۽ بعد ۾يعني تندرست ٿيڻ کانپوءِ قضا ڪندو.
    سوال: جيڪڏهن اهڙو عذر نماز جي پنجن وقتن کان به وڌيڪ رهي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن اهڙي حالت ۾ ڇهه يا ڇهن وقتن کان وڌيڪ رهيو جو مٿي سان اشارو به نه ٿو ڪري سگهي ته ان کان نماز معاف آهي. (عالمگيري صلاة المريض).
    سوال: جيڪڏهن ڪوئي بيهوش ٿي وڃي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ڪوئي ڇهن وقتن کان گهٽ بيهوش رهيو ته نماز قضا ڪندو.پر جيڪڏهن ڇهه يا ڇهن وقتن کان وڌيڪ بيهوش رهيو ته ان کان نماز معاف آهي.


    قضا نماز پڙهڻ جو بيان

    سوال: صاحب الترتيب ڪهڙي ماڻهوءَ کي چئبو آهي؟
    جواب: جنهن ماڻهو کان ڇهه نمازون رهجي نه ويون هجن يعني ڇهن نمازن جي قضا مٿس واجب نه هجي ته ان کي صاحب الترتيب چئبو آهي.
    سوال: صاحب الترتيب ماڻهو کان ڪا نماز قضا ٿي وڃي ته اهو ڪيئن قضا پڙهي؟
    جواب: اهو ماڻهو وقتي نماز پڙهڻ کان اڳ ۾ قضا نماز ضرور پڙهي.
    سوال: جيڪڏهن صاحب الترتيب ماڻهو ترتيب جو خيال نه رکيو ۽ وقتي نماز پڙهي پوءِ قضا نماز پڙهيائين ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ان جي وقتي نماز فاسد ٿي پوندي يعني ڀڄي پوندي تنهنڪري اها وقتي نماز ٻيهر موٽائي پڙهڻي پوندس.
    سوال: جيڪڏهن صاحب الترتيب ڄاڻي واڻي وقتي نماز پڙهي ڇڏي ته قضا نماز ڪڏهن پڙهي جو سندس وقتي نماز به درست رهجي وڃي؟
    جواب: ان کي گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ وقتي پنجن نمازن کانپوءِ قضا ڪري ته ان جي قضا ۽ وقتي سڀئي نمازون درست ٿي وينديون.
    سوال: صاحب الترتيب ڪهڙين صورتن ۾ صاحب الترتيب نه ٿو رهي؟
    جواب: ٽن صورتن ۾ مٿس ترتيب لازم نه ٿي ٿئي .انهن صورتن ۾ ڀلي وقتي نماز پڙهي،پوءِ قضا پڙهي.
    (1) قضا نماز وسري وڃيس
    (2) وقتي نماز ۾ ايتري دير ٿي وئي اٿس جو جيڪڏهن هاڻي پهريائين قضا پڙهي ٿو ته هيءَ وقتي به قضا ٿي ويندس.
    (3) ڪجهه نمازون گسايائين جو مٿس گهٽ ۾گهٽ ڇهن نمازن جي قضا لازم ٿي وئي اٿس يا ان کان به وڌيڪ صبح جي قضا ظهر اڳي ته سنت به قضا ڪري.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن صاحب الترتيب کي وقتي نماز جي وچ۾ قضا نماز ياد اچي وڃي ته ڇا ڪري؟
    جواب: اها وقتي نماز پوري ڪري ڏينهن انهيءَ نماز کانپوءِ رهيل نماز قضا ڪري يا وقتي نماز کي اڌ ۾ نفل ڪري پورو ڪري پوءِ قضا پڙهي پوءِ وقتي نماز پڙهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي ذمي ڪجهه مهينن يا سالن جون نمازون هجن ته اهو ڪيئن ڪري؟
    جواب: ان لاءِ بهتر آهي هر وقتي نماز سان هڪ يا ٻه ان وقت جون نمازون قضا پڙهندو رهي ۽ ان حساب سان پنهنجون قضا نمازون ڳڻي پوريون ڪري.
    سوال: نمازن ۾ ڇا ڇا قضا ڪبو؟
    جواب: قضا نمازن پڙهڻ وقت فقط فرض قضاپڙهبا ۽ وتر به قضا پڙهبو باقي سنتون ڇڏي ڏبيون جيڪڏهن ڪوئي سنتون به پڙهندو ته نفل جو ثواب ملندس.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن زندگيءَ ۾ قضا نمازون نه پڙهيون ۽ مري ويو ته ان لاءِ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ان جا وارث هن جي طرفان هڪ هڪ نماز جي حساب سان هڪ ڪلو اٺ سو گرام ڪڻڪ يا اٽو فديه ۾ ڏين.
    سوال: ڇا وتر نماز کي عشاء جي نماز جي فديه ۾ شمار ڪبو؟
    جواب: نه ، بلڪ وتر لاءِ ايتروئي الڳ فديه ڏبو.
    سوال: ڇا اهو فديه وارثن تي لازم آهي؟
    جواب: نه ، پر جيڪڏهن مري ويندڙ مري وڃڻ کان اڳ نمازن جي فديه جي وصيت ڪري ويو هو ته پوءِ وارثن تي سندس مال جي ٽين حصي مان فديه ڏيڻ واجب آهي. ۽ وڌيڪ وارثن جي اختيار تي آهي


    امامت جو بيان

    سوال: امام بڻجڻ ڪنهن جو حق آهي؟
    جواب: سڀ کان پهريان امامت جو حق عالم جو آهي ان کان پوءِ قاري ان کانپوءِ ڪو به نيڪ پرهيزگار جيڪو ڪجهه قرآن ڪريم ڄاڻندو هجي ۽ پڻ نماز جا مسئلا ڄاڻندوهجي.
    سوال: ڪهڙين ماڻهن جي امامت مڪروه آهي؟
    جواب:(1) اهڙو نابين جيڪو پاڪائيءَ جو چڱيءَ ريت خيال نه رکي سگهندو هجي.
    (2) جنهن جو ڪو ڪبيرو گناهه عام هجي يعني ماڻهن کي معلوم هجي.
    3 .بدعتي هجي يعني اهڙو بدعتي جنهن جا عقيدا شرڪ ۽ ڪفر تي پهتل نه هجن نه ته نماز نه ٿيندي.
    سوال: ڪهڙن ماڻهن جي پٺيان نماز درست نه ٿيندي؟
    جواب:(1) جنهن ماڻهوءَ کي ڪو عذر هجي ته ان جي پٺيان بنا عذر وارن جي نماز نه ٿيندي (عذر جو بيان انشاءَ الله اڳتي ايندو)
    (2) جيڪو قرآن ڪريم بلڪل نه ڄاڻي ته ان جي پٺيان قرآن ڄاڻندڙ جي نماز نه ٿيندي.
    سوال: ڇا تيمم ڪندڙ ۽ مک ڪندڙ جي پٺيان نماز درست آهي؟
    جواب: ها تيمم ڪندڙ جي امامت ۽ موزن تي مک ڪندڙ يا زخمن ۽ پٽيءَ تي مک ڪندڙ ماڻهوءَ جي پٺيان نماز پڙهڻ درست آهي.
    سوال: ويهي نماز پڙهندڙ جي امامت ڪيئن آهي؟
    جواب: جيڪڏهن بيهي نٿو سگهي ۽ ويهي رڪوع ۽ سجدا ڪري سگهي ٿو ته ان جي امامت درست آهي.مقتدي بيهي پڙهندا.
    سوال: عورتن جي امامت جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: عورت کي امام بڻجڻ مڪروه آهي. تنهن هوندي به جيڪڏهن امامت ڪرائي ته عورتن جي امام ٿي سگهي ٿي پر بيهندي وچ صف ۾ .مردن وانگر اڳي ٿي مصلي تي نه بيهندي ۽ پڻ مردن جي نماز عورت جي امامت ۾ نه ٿيندي.


    صفن جو بيان

    سوال: صفن جي ترتيب ڪيئن ڏني وڃي؟
    جواب: سڀ کان پهريان مردن جون صفون ٻڌبيون پوءِ عورتن جون،پوءِ نابالغ ڇوڪرن جون.
    نوٽ: اڄڪلهه عورتن جو ٻاهر نڪرڻ فتني کان خالي نه آهي انهيءَ ڪري عورتن کي مسجد ۾ اچڻ کان منع جي فتويٰ ڏني وئي آهي. جيڪڏهن ڪي ماڻهون پنهنجي گهر ۾ اتفاق سان جماعت ڪرين ته پوءِ صفن جي ترتيب مٿي بيان ڪيل طريقي سان ڏبي.
    سوال: جيڪڏهن امام سان گڏ هڪ مقتدي هجي ته ڪيئن ڪجي؟
    جواب: امام کاٻي پاسي بيهندو ۽ مقتدي ساڄي پاسي کان امام کان ٿورو پوئتي هٽي بيهندو.
    سوال: هڪ مقتدي هجڻ واري صف ۾ جيڪڏهن بعد ۾ ٻيو اچي شامل ٿئي ته ڪيئن ڪري؟
    جواب: نئون مقتدي پنهنجي نماز شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ پهرين مقتديءَ کي پوئتي ٿيڻ جو اشارو ڏي .پر جيڪڏهن پوئتي جاءِ نه هجي ته امام کي اڳتي ٿيڻ جو اشارو ڪري. پر جيڪڏهن امام کي به اڳتي وڌڻ جي جاءِ نه هجي ته پوءِ امام جي کاٻي پاسي کان بيهي رهي.
    سوال: جيڪڏهن صغير ٻار جماعت هڪ آهي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: اهو ٻار وڏن جي صف ۾ شامل ٿيندو.
    سوال: جيڪڏهن جماعت ۾ عورت اڪيلي آهي ته ڇا اڪيلي صف بڻائيندي؟
    جواب: ها اڪيلي صف بڻائيندي.


    جماعت جو بيان

    سوال: جماعت سان گڏ نماز پڙهڻ جي ڪري ڪهڙي حيثيت آهي؟
    جواب: جمعي جي نماز جماعت سان پڙهڻ فرض آهي ۽ پنج وقتي ۽ نماز تراويح جماعت سان پڙهڻ سنت مؤڪده آهي ۽ رمضان المبارڪ ۾ وتر جماعت سان پڙهڻ مستحب آهي. ۽ عيدن جي نماز جماعت سان پڙهڻ واجب آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن کان جمعي يا عيد جي نماز جماعت سان پڙهڻ کان رهجي وڃي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ان کي پنهنجي سستي ۽ غفلت تي استغفار پڙهڻ گهرجي انهن نمازن جي قضا ڪونه ٿيندي آهي ۽ نڪي اڪيلي سر اهي نمازون پڙهبيون آهن.البت جمعي نماز جي جاءِ تي چار رڪعتون ظهر جي نماز پڙهڻ مٿس فرض آهي.
    سوال: ڪهڙين حالتن ۾ جماعت ڇڏڻ جائز آهي؟
    جواب: (1) سخت بيمار هجڻ،جو مسجد ڏانهن اچي وڃي نه سگهي.
    (2).جيل ۾ هجڻ جڏهن اتي به جماعت جو ڪو انتظام نه ٿي سگهندو هجي.
    (3) دشمن کان خطرو هجڻ.
    (4) پيشاب ۽ پائخاني جي زور ڀرڻ.
    (5) سخت گرمي هجڻ.
    (6) سخت سردي هجڻ.
    (7) سخت اوندهه هجڻ.
    (8) سخت آندهي هجڻ.
    (9) سخت مينهن وسڻ. جڏهن ته انهن حالتن ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ ۾ نقصان پهچڻ جو قوي انديشو هجي جماعت سان نماز پڙهڻ جي حالت .
    (10) سفر ۾ سنگت کان ٽٽي وڃڻ يا ريل يا جهاز جو نڪري وڃڻ.
    (11) اڍائي توله چاندي جي ماليت جيترو مال ضايع ٿيڻ.
    انهن صورتن ۾ جماعت کي ڇڏي سگهجي ٿو.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن شخص تڪڙ ڪري فرض شروع ڪيو اڃا هڪ رڪعت پڙهيائين ته ان فرض جي جماعت شروع ٿي ۽ تڪبير يعني اقامة لڳي ته هاڻي ڇا ڪري؟
    جواب: ان کي گهرجي ته ڏسي ته جيڪڏهن فرض چار رڪعتي نه آهي ته نماز ڀڃي جماعت ۾ شامل ٿئي پر جيڪڏهن فرض چار رڪعتي آهي ته ٻه رڪعتون پوريون ڪري سلام ڦيرائي پوءِ جماعت ۾ شريڪ ٿئي پوءِ اهي ٻه رڪعتون سندس نفل ٿينديون پر جيڪڏهن ٽئين رڪعت جو سجدو ڏئي چڪو آهي پوءِ جماعت شروع ٿي ته ان کي اڪيلي سر فرض پورو ڪرڻ گهرجي.
    سوال: اڪيلي سر فرض پوري ڪرڻ کانپوءِ جماعت سان شريڪ ٿي سگهي ٿو يا نه؟
    جواب: اڪيلي سر فرض نماز پڙهڻ کانپوءِ مٿس فرض باقي نه رهندو پوءِ به جيڪڏهن امام سان شريڪ ٿيڻ گهري ته صرف ظهر ۽ عشاء جي نمازن ۾ شريڪ ٿي سگهندو ۽ اها نماز سندس نفل ٿيندي.
    سوال: جيڪڏهن ڪوئي نفل يا سنت پڙهي رهيو هو ته جماعت شروع ٿي ويئي ته هاڻي ڇا ڪري؟
    جواب: جلديءَ ۾ ٻه رڪعتون پوريون ڪري فرض جماعت سان شامل ٿي وڃي.جيڪڏهن چار رڪعتون سنت ظهر جون هيس ته فرض کانپوءِ چار رڪعتون سنت ٻيهر پڙهي.
    سوال: جيڪڏهن فجر جوفرض جماعت شروع هجي ته مقتدي سنت پڙهي يا جماعت سان شريڪ ٿئي؟
    جواب: فجر جي سنت پڙهڻ جي باوجود جماعت سان ڪنهن نه ڪنهن رڪعت ۾ شامل ٿي وڃڻ جو يقين هجيس ته سنت اهڙيءَ جاءِ تي وڃي پڙهي جتي امام جي حالت به نه ڏسي سگهي ۽ نڪي امام جي قرأت ٻڌي سگهي.


    مسبوق جو جماعت سان ملڻ

    سوال: جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو امام سان پهرين رڪعت جي رڪوع ۾ شريڪ ٿي وڃي ته ڇا ان کي مسبوق چئبو؟
    جواب: نه، بلڪه اهو مدرڪ آهي. اهو امام سان گڏ سلام ڦيرائيندو.
    سوال: جيڪڏهن ڪوئي پهرين رڪعت ۾ امام سان رڪوع ۾ نه ملي سگهي ته ڇا اهو امام جي ٻي رڪعت ۾ اچڻ جو انتظار ڪري؟
    جواب: نه ، بلڪ جنهن به حالت ۾ امام کي ڏسي ملي وڃي ، باقي اها رڪعت شمار نه ڪندو.
    سوال: جيڪو ماڻهو امام سان ٻي رڪعت ۾ ملي وڃي ته ڇا ڪري؟
    جواب: امام سان ٻي رڪعت جي قيام يا رڪوع ۾ ملي وڃي ته امام سان آخري قعده تائين شريڪ رهي ۽ امام جي سلام ڦيرائڻ کانپوءِ اٿي قيام ۾ قرات ڪري هڪ رڪعت پوري ڪري قعده ۾ تشهد ۽ درود ۽ دعا پڙهي سلام ڦيري.
    سوال: ٻه رڪعتي نماز ۾ امام سان قعده ۾ ملي ته ڇا ڪري؟
    جواب: ٻنهي رڪعتن ۾ فاتحه سان گڏ ڪا سورت ملائي قعده ۾ تشهد، درود ۽ دعا پڙهي نماز پوري ڪري.
    سوال: چار رڪعتي نماز ۾ ٽين رڪعت ۾ شامل ٿئي ته ڪيئن ڪري؟
    جواب: امام جي سلام ڦيرائڻ کانپوءِ پنهنجي ٻنهي رڪعتن ۾ قرأت ڪري فاتحه سان گڏ سورة ملائي نماز پوري ڪري.
    سوال: چار رڪعتي نماز ۾ چوٿين رڪعت ۾ شامل ٿئي ته ڪيئن ڪري؟
    جواب: امام جي سلام ڦيرائڻ کانپوءِ اٿي قيام ڪري ان ۾ فاتحه ۽ سورة ملائي رڪعت پوري ڪري قعده ۾ ويهي فقط تشهد پڙهي پوءِ قيام لاءِ اٿي،هاڻي ان رڪعت ۾ فاتحه ۽ سورة ملائي رڪعت پوري ڪري،قعده ۾ نه ويهي بلڪ چوٿين رڪعت جي قيام لاءِ اٿي ۽ فقط سورة فاتحه پڙهي رڪعت پوري ڪري قعده ۾ تشهد،درود ، ۽ دعا پڙهي سلام ڦيرائي.
    سوال: ٽي رڪعتي نماز ۾ ٻي رڪعت ۾ امام سان گڏ شامل ٿئي ته ڪيئن ڪري؟
    جواب: امام جي سلام ڦيرائڻ کانپوءِ هڪ رڪعت پوري ڪري جنهن ۾ فاتحه سان گڏ سورة ملائي ۽ آخر ۾ قعده ۾ تشهد ،درود ۽ دعا پڙهي سلام ڦيرائي.
    سوال: ٽي رڪعتي نماز ۾ ٽين رڪعت ۾ شامل ٿئي ته ڪيئن ڪري؟
    جواب: امام جي سلام ڦيرڻ کانپوءِ قيام لاءِ اٿي فاتحه پڙهي سورة ملائي رڪعت پوري ڪري قعده ۾ ويهي فقط تشهد پڙهي پوءِ وري قيام لاءِ اٿي فاتحه ۽ سورت ملائي رڪعت پوري قعده ۾ تشهد ۽ درود دعا پڙهي سلام ڏئي نماز پوري ڪري.
    سوال: مسبوق ثناء ڪهڙي وقت پڙهندو؟
    جواب: مسبوق جڏهن پنهنجي رهيل نماز مان پهرين رڪعت پڙهندو ته ان وقت پهريان ثناء پڙهي پوءِ قرات ڪندو.


    تلاوت جي سجدي جو بيان

    سوال: تلاوت جو سجدو ڇا آهي؟
    جواب: قرآن ڪريم ۾ ڪجهه آيتون اهڙيون آهن جن جي پڙهڻ يا ٻڌڻ سان الله جي حضور ۾ سجدو ڪرڻ واجب ٿي ويندو آهي.
    سوال: اهي آيتون گهڻيون آهن ۽ڪهڙين سورتن ۾ آهن؟
    جواب: سموري قرآن ڪريم ۾ ڪل چوڏهن سجدا آهن.۽ انهن سورتن جا نالا هن ريت آهن.
    (1) سورة اعراف جي آخر ۾ (2) سورة رعد (3) سورة نحل (4) سورة بني اسرائيل (5) سورة مريم (6) سورة حج جو پهريون سجدو (7) سورة فرقان (8) سورة نمل (9) سورة حٰم سجده (10) سورة ص (11) سورة حٰم فصلت (12) سورة نجم 1(13) سورة انشقاق (14) سورة علق
    سوال: تلاوت جو سجدو ڪيئن ڏبو آهي؟
    جواب: تلاوت جي سجدي لاءِ نه قيام آهي نه تڪبير لاءِ هٿ مٿي کڻبا نڪي قعده ڪبو رڳو سجدي ڪرڻ لاءِ وضوءَ سان قبلي رخ ٿي سجدي جي نيت ڪندي زبان سان الله اڪبر چئي سجدي ۾ وڃبو پوءِ ٽي دفعا سبحان ربي الاعليٰ چئي الله اڪبر چئي سجدي مان اٿبو ۽ سلام ڦيرائڻ جي به ضرورت نه آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو هڪ ئي جاءِ تي ويهي سجدي واري آيت جو تڪرار ڪري ٿو يا ٻڌندڙ هڪ ئي جاءِ تي ويٺي ساڳي آيت جو تڪرار ٻڌي ٿو ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: اهڙي پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ يعني هڪ مجلس واري تي هڪ هڪ سجدو واجب ٿيندو.
    سوال: ڪوئي ماڻهو سجدي واري آيت جو دور ڪري ٿو ۽ ٻڌندڙ ڪنهن ڪم سانگي هر هر اچي وڃي ٿو ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ٻڌندڙ جيترا دفعا ٻڌندو اوترا دفعا مٿس سجدو لازم ٿيندو ۽ ويهندڙ جي مجلس نه مٽي آهي تنهنڪري مٿس فقط هڪ سجدو لازم آهي.
    سوال: مجلس مٽجڻ جون ڪي صورتون ٻڌائيندا؟
    جواب: تڪرار دوران کائڻ يا پيئڻ سان يا اٿي وڃي ٻيهر موٽي اچڻ
    سان يا ڪنهن سان ڳالهائڻ سان،يا ڪافي دير تلاوت ۾ فاصلي ڪرڻ سان مجلس مٽجي وڃي ٿي اهڙيءَ صورت ۾ سجدي واري آيت جي ٻيهر تلاوت تي ٻي سجدي جو حڪم لازم ٿيندو.
    سوال: ڇا تلاوت واري سجدي جي لازم ٿيڻ سان يڪدم سجدو ڪرڻ ضروري آهي؟
    جواب: بهتر آهي ته جلدي سجدو ڏي اجايو دير ڪرڻ چڱي ڳالهه نه آهي.
    سوال: ڇا ڪيترائي سجدا هڪ ئي مهل ڏئي سگهجن ٿا؟
    جواب: ها ،ڏئي سگهجن ٿا پر هر سجدي ڪرڻ وقت ،هر سجدي جي نيت جدا ڪرڻ لازم ٿيندي.
    سوال:جيڪڏهن نماز ۾ سجدي واري آيت تلاوت ڪري ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: سجدي واري آيت پوري ڪرڻ شرط جلدي ۾ سجدو ڪري ۽ باقي قرات ۽ نماز بعد ۾ پوري ڪري.
    سوال: جيڪڏهن نماز ۾ سجدو تلاوت جو بروقت ڏيڻ وسري وڃي ته ڇا ڪري؟
    جواب: نماز ۾ جنهن وقت جنهن حالت ۾ ياد اچيس ته ان وقت سجدو ڏي ڇو ته نماز ۾ تلاوت وارو واجب ٿيل سجدو نماز کان ٻاهر ادا نه ٿيندو.
    سوال: نماز ۾ سجدي واري آيت پڙهڻ کانپوءِ رڪوع ۾ وڃي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: رڪوع ۾ وڃڻ وقت رڪوع ۽ تلاوت واري سجدي جي به نيت ڪري ته ٻئي ادا ٿي ويندا.
    سوال: ريڊيو.ٽي.وي ۽ٽيپ رڪارڊ مان جيڪڏهن سجدي واري آيت ٻڌي وڃي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ٽيپ رڪارڊ مان ٻڌل آيت سان سجدو واجب ڪونه ٿيندو اهڙيءَ طرح ريڊيو ۽ ٽي .ويءَ جي نشريات به جيڪڏهن اڳ جي رڪارڊ ڪيل آهي ته سجدو واجب نه ٿيندو پر جيڪڏهن ريڊيو ۽ ٽي .ويءَ جي نشريات سڌي ٻڌائي وڃي ٿي ته سجدو واجب ٿيندو.
    سوال: امام سان جماعت ۾شامل ٿيڻ کان اڳ ۾ سجدي واري آيت ٻڌي ته ڇا ڪري؟
    جواب: جيڪڏهن کيس امام سان شامل ٿيڻو آهي ته جلدي شامل ٿي امام سان گڏ تلاوت جو سجدو ادا ڪري پر جيڪڏهن امام تلاوت جو سجدو ادا ڪري ويو ۽هي پوءِ اچي امام سان مليو ته به هن کان سجدو ادا ٿي ويندو.کيس ٻيهر سجدو ڏيڻو نه آهي.(الجوهرة النيره)
    سوال: مٿين صورت ۾ جيڪڏهن جماعت ۾ شامل نه ٿي سگهي ته ڇا ڪري؟
    جواب: کيس سجدو ڏيڻ لازم ٿيندو بنا نماز جي ايئن ئي سجدو ڏئي ڇڏي.(جوهرة النيره)
    سوال: ڪڏهن نمازيءَ،غير نمازيءَ کان تلاوت واري آيت ٻڌي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: نماز پوري ڪري پوءِ سجدو ڏي. (جوهرة النيره)
    سوال: استاد شاگرد کي تلاوت واري آيت جو سبق ڏي ٿو ۽ ان آيت کي بار بار ورجائين ٿا ته مٿن هڪ سجدو واجب ٿيندو يا ٻه؟
    جواب: هڪ آيت تلاوت جي سجدي واري هڪ مجلس ۾ باربار پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان هڪ سجدو واجب ٿيندو. (احسن الفتاويٰ ج 4 )
    فائدو:
    مسافر: مسافر جي لفظي معنيٰ آهي سفر ڪندڙ فقهي اصطلاح ۾ ان ماڻهوءَ کي چئبو آهي.جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 48 ميلن يعني سوا ستهتر ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي وڃڻ جو ارادو رکي گهر کان ٻاهر نڪري.
    مقيم: مقيم لفظي معنيٰ آهي ٽڪندڙ فقهي اصطلاح ۾ ان ماڻهوءَ کي چئبو آهي،جيڪو مسافر نه هجي يعني وطن اصلي ۾ رهندڙ هجي. يا 48 ميلن پنڌ تي يا ان کان پري ڪنهن وسنديءَ ۾ عارضي طور پندرنهن ڏينهن يا ان کان وڌيڪ رهڻ جو ارادو رکندو هجي.
    وطن اصلي: وطن اصلي ان جاءِ کي چئبو آهي. جتي ان ماڻهوءَ جو اصلي گهر ۽ مال،ملڪيت هجي.۽ ان کي آئنده لاءِ اتي ئي رهڻ جو ارادو هجي.
    وطن اقامت: ان جاءِ کي چئبو آهي جتي ڪجهه وقت يا سالن جي رهڻ جو ارادو رکي ٽڪندڙ هجي ۽ پنهنجي اصلي وطن ڏانهن ورڻ جو ارادو هجيس.
    قصر: چورڪعتي نماز کي ٻه رڪعتون ڪري پڙهڻ کي قصر چئبو آهي ٽه رڪعتي يا ٻه رڪعتي نماز ۾ قصر نه ٿيندو آهي.يعني مغرب ۽ فجر ۾ قصر نه ٿيندو آهي.
    حضر: شرعي سفر واري حالت جي ضد کي حضر چئجي ٿو.


    مسافر جي نماز جو بيان

    سوال: مسافر ماڻهوءَ جي نماز بابت ڇاحڪم آهي؟
    جواب: مسافر ماڻهوءَ پنهنجي سفر جي دوران چار رڪعتي فرض کي ٻه رڪعتي فرض ڪري پڙهندو.باقي سنتون ۽ وتر سڀ پوريون رڪعتون پڙهبيون . البت جيڪڏهن سفر جي تڪليف يا تڪڙ هجي ته پوءِ سنتون ڇڏي سگهجن ٿيون تنهن هوندي به صبح جي سنت ضرور پڙهجي.
    سوال: مسافر 48 ميل يا ان کان به وڌيڪ سفر ڪري ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ ترسي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن پندرنهن ڏينهن کان گهٽ رهڻ جو ارادو اٿس ته مسافر ئي چئبو. جيڪڏهن ڪنهن مسافر جي پٺيان اقتدا ڪندو يا اڪيلي نماز پڙهندو ته کيس قصر ڪرڻو اٿس.
    سوال: ان ڳوٺ ۾ جيڪڏهن پندرنهن ڏينهن ترسڻ جو ارادو ڪري ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: پندرنهن يا پندرنهن ڏينهن کان وڌيڪ ترسڻ جي ارادي ڪرڻ سان مقيم شمار ٿيندو هاڻي مسافريءَ وارا احڪام ادا نه ڪندو.
    سوال: مسافر جيڪڏهن ڪنهن مقيم جي پٺيان نماز پڙهي ڇا حڪم آهي؟
    جواب: مقيم امام جي پٺيان مسافر کي قصر ناهي ڪرڻو يعني پوريون چار رڪعتون پڙهڻيون اٿس .
    سوال: جيڪڏهن ڪو مسافر،مقيم امام سان ڪجهه رڪعتون پڙهجي وڃڻ کان پوءِ اچي مليو ته ان جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ان مسافر کي رهيل رڪعتون پڙهي چار رڪعتون پوريون ڪرڻيون آهن.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن مسافر ڄاڻي واڻي چار رڪعتون پڙهيون ته ان جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن پهرين قعده ۾ به ويٺو ۽ پوءِ چار رڪعتون پوريون ڪيائين ته سندس نماز ٻه رڪعتون فرض ۽ ٻه رڪعتون نفل ٿيندي.پر گنهگار ٿيندو تنهن ڪري نماز موٽائي ٻيهر قصر ڪري پڙهڻ گهرجيس.
    سوال: جيڪڏهن مسافر فرض چار رڪعتون پڙهيون ۽ پهرين قعده ۾ ويهڻ وسري ويس ته ڇا سجدو وسهو ڏيڻ سان نماز درست ٿي ويندي؟
    جواب: نه، سجده سهو ڏيڻ سان به نماز درست نه ٿيندي ڇو ته مسافر جي حق ۾ پهريون قعده ئي فرض آهي تنهنڪري کيس نماز موٽائي پڙهڻي پوندي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن مسافر کان سفر دوران ڪا نماز قضا ٿي ويئي ته ان لاءِ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: مسافريءَ ۾ رهجي ويل نماز مسافريءَ دوران قضا پڙهي يا مقيم ٿيڻ کان پوءِ پڙهي هر حالت ۾ قصر پڙهندو.
    سوال: ڪنهن شخص کان مقيم هجڻ دوران نماز رهجي وڃي ۽ ان کي سفر دوران قضا ڪري ته ڪيئن ڪري؟
    جواب: حضر ۾ قضا ٿيل نماز ، سفر ۾ به پوري پڙهي، يعني قصر نه ڪبي.
    سوال: جيڪڏهن مسافر امامت ڪرائي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: مسافر جي امامت درست آهي کيس قصري نمازن ۾ ٻن رڪعتن کان پوءِ سلام ڦيرائڻو آهي.پٺيان جيڪڏهن مقتدي به مسافر آهن ته اهي به ٻن رڪعتن تي سلام ڦيرائيندا.پر جيڪڏهن مقتدي مقيم آهن ته اهي سلام نه ڦيرائيندا ،بلڪ اڪيلي ٽين ۽ چوٿين رڪعت پڙهي آخري قعده پورو ڪري سلام ڦيرائيندا.
    سوال: مسافر امام جي پٺيان مقيم مقتدي ٽين ۽ چوٿين رڪعت ۾ قرآت ڪندا يا نه ؟
    جواب: ٽين ۽ چوٿين رڪعت ۾ قرآت نه ڪندا ڇو ته اهي اڪيلي هجڻ جي باوجود امام جي پٺيان هجڻ جي حڪم ۾ آهن.
    سوال: مسافر ڪنهن شهر يا ڳوٺ پهچڻ کان پوءِ ٻن ڏينهن رهڻ جو ارادو ڪيو پر ڪنهن سبب جي ڪري وري ٻن ڏينهن رهڻ جو ارادو ڪيائين ان کان پوءِ وري ارادو ڪيائين ته سڀاڻي واپس ٿيندس، وري ارادو ڪيائين ته سڀاڻي واپس ٿيندس،وري ارادو ڪيائين ته سڀاڻي واپس ويندس ايئن کيس پندرنهن ڏينهن گذري ويا ته ان جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: اهو مسافر قصر ئي پڙهندو رهندو اهڙي پڪي ارادي سان توڙي سال گذري وڃي ته به مسافر چئبو.
    سوال: ڪنهن کي 48 ميلن تائين سفر ڪرڻ جو ارادو ڪو نه هيو پر هلندي هلندي 48 ميل سفر ڪري ويو ته ان لاءِ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيستائين 48 ميلن تائين سفر ڪرڻ جو ارادو نه هيس تيستائين رستي ۾ نماز پوري پڙهندو پر جيڪڏهن نيت سفر دوران 48 ميلن تائين وڃڻ جي ٿيس يا عملا ايترو پنڌ ڪري آيو ته پوءِ مسافر چئبو.
    سوال: جيڪي ڊرائيور روزانه سکر کان ڪراچي وغيره ڏانهن اچ وڃ ڪرين ٿا انهن لاءِ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: اهي به مسافر چئبا جيستائين اقامت جي نيت نه ڪندا تيسيتائين سفر پڙهندا رهندا(احسن الفتاويٰ ج 4 باب المسافر)
    سوال: جيڪڏهن ڪوئي جهنگ يا رڻ پٽ يا درياءُ جي ڪناري تي جتي ڪو به ڳوٺ وغيره نه هجي اتي پندرنهن ڏينهن رهڻ جو ارادو ڪري ترسي پوي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: اهو مقيم نه چئبو کيس قصر ڪرڻو پوندو.
    سوال: ريل يا بس ۾ نماز پڙهڻ جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ريل يا بس مان لهي هيٺ نماز پڙهجي .پر جيڪڏهن ريل يا بس هلندڙ آهي ۽ لهي نماز پڙهڻ جي گنجائش نه ملي سگهي ته پوءِ قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي نماز پڙهڻ لازم آهي. پر جيڪڏهن بيهڻ ۾ ڪرڻ جو خطرو هجي ته ڪنهن شيءِ ۾ هٿ وجهي بيهجي پر جيڪڏهن بيهي به نه سگهي ته ويهي پڙهڻ گهرجي.
    سوال: وچ نماز ۾ ريل قبلي کان ڦري وڃي ته ڇا ڪجي؟
    جواب:وچ نماز ۾ قبلي کان ريل جي ڦري وڃڻ سان ئي نمازيءَ کي قبلي ڏانهن ڦرڻ گهرجي.
    سوال: بس يا ريل ۾ تمام گهڻي رش هجڻ ڪري بيهي يا قبلي رخ ٿي نماز نه پڙهي سگهجي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: اهڙي حالت ۾ جيئن به ٿي سگهيس نماز پڙهي پر اها موٽائي پڙهڻ به لازم اٿس.(احسن الفتاويٰ ج 4)
    سوال: هوائي جهاز ۾ نماز پڙهڻ جو ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب: جيئن ريل ۾ نماز پڙهڻ جو حڪم آهي ايئن ئي هوائي جهاز ۾ نماز جو حڪم آهي.
    سوال: سامونڊي جهاز يا ٻيڙيءَ ۾ نماز جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: هلندڙ سامونڊي جهاز يا ٻيڙيءَ ۾ بيهي قبلي رخ ٿي نماز پڙهجي پر جيڪڏهن بيهڻ ۾ مٿي کي چڪر اچي ۽ بيهي نه سگهي ته ويهي پڙهجي نماز دوران ٻيڙي قبلي کان ڦري وڃي ته نمازيءَ کي به مخالف طرف ڏانهن ڦري قبلي رخ ٿيڻ گهرجي.
    سوال: بيٺل سامونڊي جهاز يا ٻيڙيءَ ۾ نماز پڙهڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ٻيڙي يا جهاز ڪناري تي بيٺل آهي ته هر حالت ۾ لهي ڌرتيءَ تي نماز پڙهجي پر جيڪڏهن لهڻ جي اجازت نه ملي ته جهاز يا ٻيڙيءَ ۾ اندر ئي نماز پڙهجي پر اها نماز موٽائي ٻيهر پڙهڻ واجب آهي.


    نماز جمعة المبارڪ

    سوال: نماز جمعة ڇا آهي؟
    جواب: نماز جمعة، جمعه جي ڏينهن ظهر جي وقت ۾ ظهر جي جاءِ تي پهريان خطبه پڙهي پوءِ ٻه رڪعتون فرض پڙهيو ويندو آهي.
    سوال: ڪهڙن ماڻهن تي جمعه جي نماز فرض نه آهي؟
    جواب: قيدي ۽ مسافر،عورت ۽ اهڙي مريض تي جيڪو جمعه ۾ شريڪ ٿيڻ کان عاجز هجي ۽ نابين تي جمعه نماز فرض نه آهي.
    سوال: اهي ماڻهون جمعه نه پڙهن ته ڇا پڙهن؟
    جواب: اهي ماڻهون ظهر جي نماز پڙهن.
    سوال: جيڪڏهن اهي جمعه پڙهڻ لاءِ اچي مسجد ۾ حاضر ٿين ۽ جمعه پڙهن ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن جمعه نماز پڙهندا ته جمعه جي نماز درست ٿي ويندي ۽ پوءِ ظهر نه پڙهندا.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن کان نماز جمعه رهجي وڃي ته ڇا اهو اڪيلي سِر جمعه نماز پڙهي سگهي ٿو؟
    جواب: جمعه جي نماز هميشه جماعت سان پڙهبي آهي.اڪيلي سر جمعه جي نماز پڙهڻ درست نه آهي.
    سوال: جن ماڻهن تي جمعه نماز فرض نه آهي سي جمعه جي ڏينهن ظهر جي نماز جماعت سان پڙهي سگهن ٿا يا نه؟
    جواب: انهن کي ظهر جي نماز اڪيلي سر پڙهڻي آهي.کين جماعت ڪرڻ مڪروه آهي.پر جن ڳوٺن ۾ جمعه جي نماز ٿيندڙ نه آهي ته اتي ظهر جي نماز جماعت سان پڙهڻ گهرجي.
    سوال: جيڪڏهن ڪوئي جمعه نماز ۾ ٻي رڪعت ۾ يا التحيات ۾ اچي امام سان مليو ته ان لاءِ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جمعه نماز جي نيت سان امام سان ملڻ گهرجيس ۽ پوءِ جمعه جون رهيل رڪعتون پوريون ڪري.
    سوال: جمعه نماز ۾ امام قرآت بلند آواز سان ڪري يا آهسته؟
    جواب: جمعه نماز ۾ امام کي قرات بلند آواز ڪرڻ واجب آهي.
    سوال: جمعه نماز ۾ جيڪڏهن امام کي سهو پئجي وڃي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جمعه نماز ۾ جيڪڏهن امام کي سهو پئجي وڃي ته امام سهو جو سجدو نه ڏياريندو ۽ نماز به ٿي ويندي.
    سوال: جمعه نماز ۾ فرض ۽ سنت رڪعتن جو تفصيل ٻڌايو؟
    جواب: جمعه جي نماز ۾ پهريان چار رڪعتون سنت موڪده پوءِ ٻه رڪعتون فرض پوءِ چار رڪعتون سنت موڪده پوءِ ٻه رڪعتون سنت موڪده پوءِ ٻه رڪعتون نفل،چار رڪعتون سنت ۽ ٻه رڪعتون سنت.امام يوسف جو قول آهي اصحاب وٽفتويٰ به انهيءَ قول تي آهي(نهرالفائق باب اوتر والنوافل)
    سوال: اذانِ جمعه جي ڪهڙي حيثيت رکي ٿي؟
    جواب: جمعه جي ڏينهن جمعه جي پهرين آذان کان بعد نماز جي تياريءَ کانسواءِ هر قسم جي مصروفيت ناجائز آهي.
    سوال: جمعه جي تياريءَ مان ڇا مراد آهي؟
    جواب: جمعه جي تياريءَ جو مطلب آهي وضوءَ يا غسل ڪرڻ ۽ ڪپڙا مٽائڻ ۽ خوشبوءِ هڻڻ ۽ مسجد ڏانهن وڃڻ اذان جمعه کان بعد انهن ڪمن کانسواءِ ٻيو هر عمل ناجائز آهي.
    سوال: جمعه ڏينهن غسل ڪرڻ جي ڇا حيثيت آهي؟
    جواب: جمعه ڏينهن غسل ڪرڻ ۽ ڌوتل صاف ڪپڙا پهرڻ ۽ خوشبوءِ هڻڻ مستحب آهي.
    سوال: جمعه جي ٻي اذان ڪهڙي وقت ڏني ويندي آهي؟
    جواب: جڏهن امام منبر خطبي لاءِ ويهي ته ٻي اذان ڏني وڃي.
    سوال: جمعه جي خطبه جي ڪهڙي حيثيت آهي؟
    جواب: جمعه جي فرض کان پهريان خطبو پڙهڻ شرط آهي خطبي کان بغير جمع نماز نه ٿيندي ۽ سنت آهي ته امام لٺ هٿ ۾ وٺي بيهي خطبو پڙهي.
    سوال: ٻن خطبن جي وچ۾ ويهڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: ٻن خطبن جي وچ۾ ويهڻ سنت آهي.
    سوال: جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو جمعه جو خطبو پڙهي ۽ ٻيو نماز پڙهائي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جائز آهي پر بهتر آهي ته خطبي پڙهڻ ۽ نماز پڙهائڻ وارو ساڳيو ماڻهو هجي.
    سوال: ڪي ماڻهو خطبي جي دوران پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن يا سنت پڙهندا آهن ان باري ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: خطبي جي دوران ڳالهائڻ يا سنت پڙهڻ يا سلام چوڻ يا سلام سلام چوندڙ کي سلام جو جواب ڏيڻ سڀ ڪجهه منع آهي.خطبو نهايت خاموشيءَ ۽ ڌيان سان ٻڌڻ ضروري آهي. ايستائين جو خطبي دوران ڪنهن ڳالهائيندڙ کي خاموش ڪرائڻ لاءِ ڳالهائڻ به منع آهي.البت اشاري سان خاموش ڪرائڻ گهرجي.
    سوال: ڪنهن ماڻهوءَ سنت پڙهڻ شروع ڪئي ۽ اڃا سنت ۾ ئي آهي ته هيڏانهن امام خطبو شروع ڪيو ته هاڻي ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن چار رڪعت سنت جي نيت ڪئي اٿائين ۽ اڃان ٻه رڪعتون پوريون ڪونه ڪيائين ته خطبو شروع ٿي ويو ته جلديءَ ۾ ٻه رڪعتون پوريون ڪري سلام ڦيرائي ۽ سنت چار رڪعتون،فرض جمعه کان پوءِ پڙهي پر جيڪڏهن ٽين يا چوٿين رڪعت ۾ هيو ته امام خطبو شروع ڪيو ته هاڻي چار رڪعتون پوريون ڪري.
    سوال: خطبي دوران نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو نالو ٻڌڻ سان يا صلوات واري آيت ٻڌڻ سان درود شريف پڙهي سگهي ٿو يا نه؟
    جواب: زبان سان ڏاڍيان ڳالهائڻ يا ڪجهه پڙهڻ جي بلڪل اجازت نه آهي البت دل ۾ درود پڙهي سگهي ٿو (جوهرة النيره)
    سوال: خطبي جو آواز جيڪڏهن ٻڌندڙن تائين نه پهچي سگهي ته ڇا ته به خاموش رهن؟
    جواب: ها! ته به خاموش رهن توڙي آواز نه ٻڌن يا مطلب ۽ مفهوم نه سمجهن.
    سوال: خطبي دوران جماعتي ڪيئن ويهن؟
    جواب: خطبي دوران شريعت پاڪ ويهڻ جو ڪو به طريقو معين ۽ مقرر نه ڪيو آهي، البته ادب جو لحاظ رکي ويهجي جيئن ڌيان ۽ احترام ظاهر ٿئي.


    عيد نماز جو بيان

    سوال:عيد نماز ڪڏهن پڙهبي آهي؟
    جواب: عيد نماز سال ۾ ٻه دفعا پڙهبي آهي هڪ شوال جي پهرين تاريخ ۽ ٻي ذوالحج جي ڏهين تاريخ.
    سوال: عيد نماز ڪنهن تي لازم آهي؟
    جواب: عيد نماز انهن تي واجب آهي جن تي جمعه جي نماز فرض آهي.يعني مسافر،لاچار،بيمار،اهڙي معذور تي جيڪو نماز لاءِ نه نڪري سگهي ۽ عورت تي واجب نه آهي.
    سوال: عيد نماز ۾ گهڻيون رڪعتون پڙهبيون آهن؟
    جواب: ٻنهي عيدن جي نماز ۾ ٻه ٻه رڪعتون پڙهبيون آهن.پر ڇهه تڪبيرون واڌاريون هڻبيون آهن،جيڪي پڻ واجب آهن.
    سوال: عيد نماز جي ترتيب بيان ڪريو؟
    جواب: عيد نماز لاءِ ڪابه اذان وغيره نه چئبي آهي.نيت ۾ ڇهن واڌارين تڪبيرن جو ارادو ڪبو،سڀ کان پهريان تڪبير تحريمه چئي هٿ مٿي ڪري ڪنن تائين کڻي هٿ ٻڌبا ،پوءِ ثنا پڙهبي پوءِ هٿ مٿي ڪنن تائين کڻي الله اڪبر چئي هٿ ڇڏبا،وري هٿ ڪنن تائين کڻي الله اڪبر چئي هٿ ڇڏبا،وري ٽيون ڀيرو هٿ ڪنن تائين کڻي الله اڪبر چئي هٿ ٻڌبا، پوءِ امام (1)
    (1)آهسته آواز سان اعوذ بالله ۽ بسم الله پڙهندو.
    وڏي آواز سان قرآت ڪندو ان کانپوءِ رڪوع ڪبو پوءِ ٻه سجدا ڪبا. پوءِ ٻي رڪعت لاءِ اٿي قيام ڪبو هاڻي پهريان امام وڏي آواز سان قرآت ڪندو پوءِ هٿ ڪنن تائين کڻي امام سان گڏ تڪبير چئبي۽هٿ ڇڏبا،اهڙي طرح ٽي تڪبيرون پوريون ڪبيون،چوٿين تڪبير سان هٿ مٿي نه کڻبا بلڪ رڪوع ۾ وڃبو ۽ معمول مطابق نماز پوري ڪبي،واڌارين تڪبيرن ۾ هر تڪبير کانپوءِ ٻي تڪبير چوڻ تائين ٽي دفعا سبحان الله چوڻ جيتري دير ڪرڻ مستحب آهي(جوهرة النيره).
    سوال:جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو امام سان رڪوع ۾ اچي ملي ته اهو ڪيئن ڪري؟
    جواب: ڪوئي ماڻهو امام کي رڪوع ۾ اچي ملي ته جلديءَ ۾
    (1)آهسته آواز سان اعوذ بالله ۽ بسم الله پڙهندو.تڪبير تحريمه چئي جلدي ٽي تڪبيرون چئي هر تڪبير سان هٿ مٿي کڻي ڇڏي ۽ جلدي ۾ رڪوع ۾ امام سان ملي پر جيڪڏهن سمجهي ٿو ته ايتري ۾ امام رڪوع پورو ڪري اٿي بيهندو ته تڪبير تحريمه کانپوءِ رڪوع ۾ هليو وڃي ۽ بنا هٿن کڻڻ جي ٽي دفعا الله اڪبر چئي پوءِ جيڪڏهن اڃا امام رڪوع ۾ هجي ته تسبيح پڙهي وٺي،نه ته رڪوع ڇڏي امام سان گڏ اٿي بيهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن کان پهرين رڪعت رهجي وڃي ته ڪيئن ڪري؟
    جواب: ٻي رڪعت امام سان پوري ڪري ۽ امام جي سلام ڦيرائڻ کان پوءِ قيام ڪبو جنهن ۾ پهريان ثنا پڙهبي پوءِ ٽي دفعا الله اڪبر چئبو هر تڪبير سان هٿ مٿي ڪنن تائين کڻي ڇڏبا ٽين تڪبير کان بعد قرأت ڪبي پوءِ معمول مطابق نماز پوري ڪبي.
    سوال: جيڪڏهن ڪوئي ٻي رڪعت ۾ امام سان رڪوع ٿي وڃڻ کان پوءِ مليو ته اهو ڪيئن نماز پوري ڪري؟
    جواب: اهو امام جي سلام ڦيرائڻ کان پوءِ ٻئي رڪعتون مٿي ذڪر ڪيل طريقي مطابق پڙهندو.
    سوال:جنهن ماڻهوءَ کان عيد نماز جماعت سان پڙهڻ رهجي وڃي ته ڇا ڪري؟
    جواب: عيد نماز هميشه جماعت سان پڙهبي آهي،اڪيلي نماز نه پڙهندو کيس پنهنجي سستي ۽ غفلت تي الله تعاليٰ جي حضور ۾ توبه پڙهڻ گهرجي ۽ پنهنجي قصور جي معافي وٺڻ گهرجيس.
    سوال: جيڪڏهن گهڻن ماڻهن کان عيد نماز رهجي وڃي ته هو ڇا ڪرين؟
    جواب: گهڻي تعداد ۾ ماڻهون رهجي وڃن ته ٻي جاءِ تي ٻي جماعت ڪري سگهن ٿا.
    سوال: جيڪڏهن امام کان تڪبيرون چوڻ وسري وڃن ته ڇا نماز موٽائي ٻيهر پڙهي؟
    جواب: نماز ٿي ويندي ،ٻيهر نه موٽائبي.
    سوال: جيڪڏهن عيد نماز ۾ امام صاحب کي سهو پئجي وڃي ته ڇا ڪري؟
    جواب: سهو پئجي وڃڻ سان سهو جو سجدو واجب ٿيندو آهي پر جيئن ته عيد نماز ۾ جماعت گهڻي هئڻ سبب سهو جي سجدي ڏيڻ ۾ حرج ٿيندو آهي. تنهنڪري شريعت ۾ اهڙي حالت ۾ سهو جو سجدو معاف آهي.
    سوال: عيد ڏينهن اشراق پڙهڻ جو ڪهڙو حڪم آهي؟
    جواب: عيد ڏينهن نماز کان پهريان ڪو به نفل،مسجد يا گهر يا عيد گاه ۾ پڙهڻ جائز نه آهي.البت عيد نماز کان پوءِ گهر ۾ يا مسجد ۾ ٻه نفل پڙهڻ مستحب آهن،پر جيڪڏهن عيد نماز مسجد ۾ پڙهي اٿائون ته اتي به عيد نماز کان پوءِ نفل پڙهڻ ممنوع آهي.
    سوال:عيد نماز پڙهڻ جو ڪهڙو وقت آهي؟
    جواب: سج اڀرڻ کان پوءِ ٻن ڪانن برابر سج مٿي چڙهڻ يعني سج اڀرڻ کان تقريبا 15 يا 20 منٽ بعد کان وٺي استواء ٿيڻ تائين عيد نماز پڙهڻ جو وقت آهي.(استواء جي تشريح پهريان ڪري آيا آهيون)
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن عذر جي ڪري پهرين شوال تي عيد نماز پڙهي نه سگهجي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ڪو عذر پيش ٿي پيو جيئن مينهن وسڻ يا چنڊ ڏسڻ جي وقت تي شاهدي نه ملڻ ته عيد نماز ٻئي ڏينهن پڙهي سگهجي ٿي.پر جيڪڏهن بنا عذر جي پهرين ڏينهن نه پڙهي ويئي ته ٻئي ڏينهن به نه پڙهبي. (الجوهرة النيره)
    سوال: عيد الاضحيٰ جي نماز جيڪڏهن پهرين ڏينهن يعني ڏهين ذوالحج جي ڏينهن نه پڙهي سگهجي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: عيد الاضحيٰ جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري ڏهين ذوالحج تي نه پڙهي سگهجي ته يارنهين تاريخ تي پڙهي سگهجي ٿي پر جيڪڏهن يارنهين تاريخ به نه پڙهجي سگهجي ته ٻارنهين تاريخ تي پڙهي سگهجي ٿي ان کانپوءِ نٿي پڙهي سگهجي.(قدوري)
    سوال: عيد جي خطبي جي ڪهڙي حيثيت آهي؟
    جواب: عيد ڏينهن عيد نماز کان پوءِ ٻه خطبا پڙهڻ سنت آهن ۽ وري خطبه شروع ٿيڻ کانپوءِ خاموشيءَ سان خطبا ٻڌڻ واجب آهن.


    عيد جي ڏينهن جا سنت جا عمل

    سوال: عيد الفطر جي ڏينهن ڇاڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪهڙا عمل سنت آهن؟
    جواب: عيد الفطر واري ڏينهن هي ڪم سنت آهن.
    (1) صبح سوير اٿي غسل ڪجي ، ڏندڻ هڻجي
    (2) پنهنجي سگهه سارو سٺا ڪپڙا پائجن.
    (3) خوشبوءِ لڳائجي.
    (4) عيد گاهه ڏانهن وڃڻ کان پهريان ڪا مٺي شيءِ کائجي.
    (5) مٺي شيءِ ۾ کارڪون کائڻ.
    (6) کارڪون اِڪي تي کائڻ.
    (7) ٿي سگهي ته عيد گاهه ڏانهن هڪ رستي کان وڃڻ ۽ ٻي رستي کان واپس ٿيڻ
    (8) عذر نه هجي ته عيد گاهه ڏانهن پنڌ وڃڻ
    (9) عيدگاهه ڏانهن ويندي۽ واپس ايندي آهسته آواز سان تڪبيرات پڙهڻ
    (10) عيد گاهه کان واپس اچڻ بعد ٻه نفل پڙهڻ
    سوال: عيد ڏينهن فطري جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: فطرو هر صاحب نصاب تي واجب آهي.عيد ڏينهن عيد نماز کان پهريان فطرو ادا ڪرڻ چڱو ۽ سنت عمل آهي.پر جيڪڏهن ڪنهن کان رهجي وڃي ته عيد نماز کانپوءِ به مٿس لازم آهي ته ادا ڪري.
    سوال: عيد الاضحيٰ جي ڏينهن ڪهڙا عمل سنت آهن؟
    جواب: عيد الاضحيٰ جي ڏينهن به ساڳيا عيد الفطر وارا ڪم سنت آهن.پر ٻن ڪمن ۾ فرق آهي.
    (1) عيد نماز کان پهريان ڪابه شيءِ نه کائڻ مستحب آهي.
    (2) عيد گاهه ڏانهن ايندي ۽ ويندي تڪبيرات بلند آواز سان پڙهڻ مستحب آهي.
    سوال: عيد الاضحيٰ جي ڏينهن ڪي ماڻهو سوا پهر جو روزو چوندا آهن ان جي حقيقت ڇا آهي؟
    جواب: عيد الاضحيٰ جي ڏينهن سوا پهر جو روزو ،روزو نه آهي ۽ ان کي روزو تصور ڪرڻ به فضول ۽ لغو،بلڪه غلط رسم آهي.عيد نماز تائين نه کائڻ ۽ عيد نماز کان پوءِ کائڻ يا پنهنجي ڪيل قربانيءَ جي گوشت مان کائڻ مستحب عمل آهي.پر جيڪڏهن ڪوئي ان تي عمل نه ڪري ۽ عيد نماز کان اڳ ئي کائي پيئي ته ڪو به گناهه نه آهي.


    ايام تشريق جو بيان

    سوال: ايام تشريق ڪهڙا آهن؟
    جواب: ذوالحج جي نائين،ڏهين،يارهين،ٻارهين ۽ تيرهين تاريخ جا تشريق ڏينهن آهن.
    سوال: تڪبيرات تشريق ڪهڙيون آهن؟
    جواب: تڪبيرات تشريق هي آهن.
    اللہ اکبر اللہ اکبر لاالٰہ الا اللہ واللہ اکبر اللہ اکبر وللہ حمد
    سوال: تڪبيرات تشريق جي شروعات ۽ پڄاڻيءَ جا وقت ڪهڙا آهن؟
    جواب: نائين ذوالحج جي فجر جي نماز کان تيرنهن ذوالحج جي عصر جي نماز تائين يعني ٽوٽل ٽيويهن نمازن ۾ تڪبيرون چئبيون.
    سوال: ڇا اهي تڪبيريون فرض نماز کان پوءِ چئبيون آهن؟
    جواب: ها! فرض نمازجي سلام ڦيرائڻ کانپوءِ جلدي وڏي آواز سان اهي تڪبيريون چئبيون آهن.جيڪڏهن امام کان وسري وڃن ته به مقتدي چون.
    سوال: ڇا جمعه ۽ عيدن ۽ وتر ۽ جنازه نماز کان پوءِ تڪبيريون چئبيون؟
    جواب: جمعه نماز کانپوءِ تڪبيريون چئبيون باقي جنازه نماز ۽ عيدن ۽ وتر کانپوءِ نه چئبيون.
    سوال: ڇا اهي تڪبيريون مسافر ۽ عورت تي به واجب آهن؟
    جواب: مسافر ۽ عورت تي به واجب آهن جڏهن جو هو مقيم امام جي ڪڍ نماز پڙهن.
    سوال: اهي تڪبيريون گهڻا دفعا چوڻ واجب آهن؟
    جواب: هڪ دفعو واجب آهن ۽ 3 دفعا چوڻ مستحب آهن.
    سوال: مقيم مرد جي بابت تڪبيرون جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: مقيم مرد جماعت سان نماز پڙهي يا اڪيلي پڙهي هر حالت ۾ مٿس تڪبيريون هڻڻ واجب آهي.
    سوال: ڇا قضا نماز ۾ به تڪبيرات تشريق چوڻ لازم آهن؟
    جواب: جيڪڏهن ايام تشريق جون قضا ٿيل نمازون ايام تشريق ۾ پڙهي ٿو ته تڪبيرون چوڻ واجب اٿس باقي ٻي حالت ۾ واجب نه آهي.
    سوال: ڇا مسبوق کي به تڪبيرات تشريق چوڻ لازم آهن؟
    جواب: ها! مسبوق به پنهنجيون رهيل رڪعتون پوريون ڪري آخر ۾ تڪبيريون پڙهي.


    نماز تراويح

    سوال:نماز تراويح ڇا آهي؟
    جواب: نماز تراويح سنت مؤڪده آهي جيڪا رڳو رمضان المبارڪ ۾ پڙهي ويندي آهي.
    سوال: نماز تراويح ڪنهن جي لاءِ سنت موڪده آهي؟
    جواب:هر مسلمان عاقل بالغ مرد ۽ عورت لاءِ.
    سوال: نماز تراويح ۾ ڪيتريون رڪعتون پڙهبيون آهن؟
    جواب: نماز تراويح ۾ ويهه رڪعتون آهن ٻه ٻه رڪعتون ڪري پڙهڻ افضل آهي.پر هڪ سلام سان چار رڪعتون به پڙهي سگهجن ٿيون ۽ هر چئن رڪعتن کانپوءِ ٿوري دير ذڪر يا تسبيح ۽ دعا لاءِ ترسڻ مستحب آهي.
    سوال: هن نماز پڙهڻ جو ڪهڙو وقت آهي؟
    جواب: عشاءِ جي نماز پڙهڻ کانپوءِ صبح صادق تائين پڙهي سگهجي ٿي.
    سوال: هن نماز ۾ جماعت جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: هي نماز جماعت سان پڙهڻ سنت موڪده آهي ۽ پڻ تراويحن کانپوءِ وتر نماز به جماعت سان پڙهڻ افضل آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪوئي شخص وتر تراويح کان اڳ ۾ پڙهي ڇڏي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جائز آهي وتر کانپوءِ به تراويح پڙهي سگهجن ٿيون.
    سوال: ڪنهن شخص کان تراويح نماز جون ڪجهه رڪعتون رهجي وڃن ته ڇا ڪري؟
    جواب: جماعت سان وتر نماز پوري ڪرڻ کانپوءِ تراويح جون رهيل رڪعتون پوريون ڪري.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن عذر جي ڪري يا سستيءَ جي ڪري ڪنهن کان تراويح نماز رهجي وڃي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ڪنهن عذر جي ڪري يا سستيءَ سبب ڪنهن کان تراويح نماز رهجي وڃي ته انهيءَ صورت ۾ اڪيلي ئي سِر پڙهڻ گهرجنس. پر جيڪڏهن ان رات صبح صادق ٿي وڃڻ تائين نه پڙهيائين ته ڏينهن جو يا ٻي رات جو قضا ڪو نه پڙهبيون.
    سوال: هر چئن رڪعتن کانپوءِ ڪهڙي دعا پڙهجي؟
    جواب: هي دعا پڙهجي.
    سبحان ذی الملک والملکوت سبحان ذی العزت والعظمت والھیبت والقدرۃ والکبریاءوالجبروت،سبحان ذی الملک الحی الذی لا ینام ولا یموت سبوح قدوس ربنا ورب الملائکۃ والروح اللّٰھم اجرنا من النار یا مجیر یا مجیر


    جنازي نماز جو بيان

    سوال: مري ويل جي جنازي نماز ڪيئن پڙهبي آهي؟
    جواب: ميت کي قبلي رخ تي رکي ان جي سيني جي سامهون امام بيهي ۽ پٺيان جماعتي صفون ٻڌي بيهندا. پوءِ امام هٿ ڪنن تائين کڻي تڪبير تحريمه هڻندو ۽ جماعتي به هٿ ڪنن تائين کڻي تڪبير چوندا پوءِ هٿ ٻڌي ثنا پڙهبي پوءِ امام وري تڪبير چوندو۽مقتدي به تڪبير چوندا۽نبي ڪريمﷺتي درود ابراهيمي پڙهبو .پوءِ وري تڪبير چئبي ۽ ميت جي لاءِ دعا پڙهبي پوءِ چوٿين تڪبير چئبي ۽ جلديءَ ۾ ٻنهي پاسن ڏانهن سلام ڦيرائبو. تڪبير تحريمه کانسواءِ باقي ٽنهي تڪبيرن ۾ هٿ مٿي نه کڻبا.
    سوال: جنازي نماز جي ڇا حيثيت آهي؟
    جواب: جنازي جي نماز فرض ڪفايه آهي.يعني جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن ميت تي نماز جنازه پڙهي ته سڀني تان بار لهي ويندو نه ته سڀئي ماڻهون فرض ڇڏڻ جا گناهگار ٿيندا.
    سوال: جنازي نماز لاءِ ڪهڙا شرط آهن؟
    جواب: جنازي نماز لاءِ اهي شرط آهن جيڪي عام نمازن لاءِ شرط آهن. پر هن نماز ۾ هڪ شرط وڌيڪ هي آهي ته جنازو سامهون هجي.
    سوال: جنازي نماز ۾گهڻا ۽ ڪهڙا فرض آهن؟
    جواب: جنازي نماز ۾ ٻه فرض آهن.
    (1) هڪ قيام ڪرڻ يعني بيهڻ.
    (2) ٻيو چار تڪبيريون هڻڻ.
    سوال: جنازي نماز ۾ گهڻيون سنتون آهن؟
    جواب: ٽي سنتون آهن
    (1) ثنا پڙهڻ (2) درود شريف پڙهڻ (3) ميت لاءِ دعا پڙهڻ.
    سوال:ٽين تڪبيرکان بعد ميت لاءِ ڪهڙي دعا پڙهبي آهي؟
    جواب: اها دعا ٽي قسم آهي هڪ بالغ ميت لاءِ پوءِ مرد هجي توڙي عورت. ٻي نابالغ ڇوڪر لاءِ ۽ ٽين نابالغ ڇوڪريءَ لاءِ جيڪي هن ريت آهن.
    بالغ ميت لاءِ
    اللّٰھم اغفرلحیتنا ومیتنا وشاھناوغائبناوصغیرنا وکبیرنا وذکرنا وانثانا اللّٰھم من احییتہ منا فاحیہ علی الاسلام ومن توفیتہ منا فتوفہ علی الایمان
    نابالغ ڇوڪر لاءِ
    اللّٰھم اجعلھا لنا فرطنا اجعلھا لنا اجرا واخرا واجعلھا لنا شافعا ومشفعا
    نابالغ ڇوڪريءَ لاءِ
    اللّٰھم اجعلھا لنا فرطنا واجعلھا لنا واخرا واجعلھا لنا شافعۃ ومشفعۃ
    سوال: جيڪڏهن جنازي نماز شروع ٿي چڪي هجي ته ڇا ڪجي؟
    جواب: جنازي جي نماز شروع ٿي چڪي هجي ته امام جي ٻي تڪبير جو انتظار ڪجي پوءِ جيئن ئي امام تڪبير چوي ،تيئن مقتدي به تڪبير هڻي امام سان شامل ٿي وڃي پوءِ باقي تڪبيرون امام سان گڏ هڻي ۽ رهيل تڪبيريون جنازي کڄڻ کان پهريان جلدي جلدي هڻي سلام ڦيرائي.
    سوال: جنازي جي نماز ڪهڙي جاءِ تي پڙهي سگهجي ٿي؟
    جواب: جنازي جي نماز جنازي گاهه ۾ يا ڪنهن به ميدان ۾ پڙهي سگهجي ٿي.
    سوال: جنازي جي نماز ۾ چپل يا بوٽ لاهڻ جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: چپل يا بوٽ لاهڻ نماز جي آداب مان آهي،تنهنڪري جنازي نماز ۾ به لاهڻ گهرجي پر جيڪڏهن نماز ۾ بيهڻ واري جاءِ تي ڪا نجاست وغيره آهي ته پوءِ چپل يا بوٽ مان پير ڪڍي چپل يا بوٽ جي مٿان پير رکي بيهي سگهجي ٿو جڏهن ته بوٽ جي مٿان پليتي نه هجي.
    سوال: مسجد ۾ جنازي نماز پڙهڻ جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن جنازو مسجد کان ٻاهر آهي ۽ امام ۽ مقتدي مسجد ۾ آهن ته مڪروه تنزيهي آهي.پر جيڪڏهن جنازو به مسجد ۾ رکيو وڃي ته مڪروه تحريمي آهي تنهن ڪري ايئن نه ڪجي.


    نفلي نمازن جو بيان نماز تحيةالوضوءِ

    سوال: تحية الوضوءِ جي نماز ڇا آهي؟
    جواب: وضو ڪرڻ کانپوءِ ٻه رڪعتون نفل پڙهڻ کي تحية الوضوء چئجي ٿو.نماز جي وقت وضوءَ کان پوءِ ڪنهن سنت پڙهڻ سان به نماز تحية الوضوء ادا ٿي ويندي آهي جڏهن ته کيس دل ۾ تحية الوضوء جو ارادو هجي.
    سوال: هن نماز جي فضيلت ۾ ڇا ٻڌايو ويو آهي؟
    جواب: هڪ حديث شريف جو مفهوم آهي ته جيڪو ماڻهو چڱيءَ ريت وضو ڪري اهڙي خلوص سان الله جي حضور ۾ نفل پڙهي ٿو ،جو کيس ڪو به وسوسو نه ٿو اچي ته ان جا سمورا گناه معاف ڪيا وڃن ٿا.


    نماز تحية المسجد

    سوال: تحية المسجد ڇا کي ٿو چئجي ؟
    جواب: مسجد ۾ داخل ٿيڻ وقت مسجد جي آداب کي سامهون رکندي،ويهڻ کان اڳ ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهڻ گهرجي ان کي تحية المسجد چئبو آهي پر جيڪڏهن ڪنهن سنت ۾ شروع ٿي وڃي ٿو ان سان به تحيةالمسجد ادا ٿي ويندي جڏهن ته کيس دل تحية المسجد جو ارادو به هجي.
    سوال: ڇا تحية المسجد يا تحية الوضوء جا نفل مڪروه اوقات ۾ به پڙهي سگهجن ٿا يا نه؟
    جواب: جن وقتن ۾ نفل پڙهڻ مڪروه آهن انهن وقتن ۾ تحية المسجد يا تحية الوضوء به نه ٿا پڙهي سگهجن.


    اشراق جي نماز

    سوال: اشراق جي نماز ڇا آهي؟
    جواب: اشراق جي معنيٰ آهي اڀرڻ مطلب آهي ته سج جي اڀرڻ کان بعد واري نماز.
    سوال: هي نماز سج اڀرڻ کان ڪيترو وقت پوءِ پڙهبي آهي؟
    جواب: سج اڀرڻ کان تقريبا 15 يا 20 منٽ بعد هن نماز جو وقت شروع ٿئي ٿو.
    سوال: هن نماز پڙهڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    جواب: صبح جي نماز پڙهڻ کان پوءِ ساڳي جاءِ تي دور تلاوت يا ورد وظيفي ۾ مشغول رهجي ان کانپوءِ جڏهن اشراق جو وقت ٿئي ته ٻه نفل يعني چار رڪعتون اشراق جي نيت سان پڙهي.
    سوال:جيڪڏهن ڪوئي ماڻهو فجر جي نماز کانپوءِ ساڳي جاءِ تي نه ويهي۽ڪم ڪار ۾مشغول ٿي وڃي،دير سان اشراق پڙهي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب:اهڙي ماڻهو جو اشراق پڙهڻ درست آهي پر ثواب ۽ فضيلت ۾ گهٽتائي ايندي.
    سوال: هن نماز جي ڇا فضيلت آهي؟
    جواب: حديث ۾ اشراق پڙهندڙ لاءِ هڪ ڪامل حج ۽ هڪ ڪامل عمره جو ثواب ٻڌايو ويو آهي.
    سوال: ڇا عورتون به مٿي ذڪر ڪيل نفلي نمازون پڙهي سگهن ٿيون؟
    جواب: ها! عورتون به اهي نمازون پڙهي سگهن ٿيون کين گهرجي ته اهي به اهڙيون فضيلتون حاصل ڪرين.


    چاشت جي نماز

    سوال: چاشت جي نماز ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: هن کي عربيءَ ۾ صلاة الضحيٰ چئبو آهي.جيئن ته هن نماز کي صبح جو سج جي تيز ٿيڻ جي وقت کان وٺي استواء ٿيڻ کان اڳ تائين پڙهيو ويندو آهي. ۽ ان وقت کي عربيءَ ۾ ضحوة چئبو آهي تنهن ڪري نماز جو نالو صلاة الضحيٰ ٿي ويو.
    سوال: هن نماز ۾ ڪيتريون رڪعتون پڙهيون وينديون آهن؟
    جواب: هي نماز گهٽ ۾ گهٽ ٻه رڪعتون يعني هڪ نفل پڙهي سگهجي ٿي. وڌيڪ ٻارنهن رڪعتون به پڙهي سگهجن ٿيون.
    سوال: هن نماز جي ڪهڙي فضيلت آهي؟
    جواب: حديث شريف ۾ هن نماز جي فضيلت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان ماڻهوءَ جا سڀ (صغيرا) گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا.توڙي جو سمنڊ جي جهڳ،کان به گهڻا هجن.ٻي روايت ۾ آهي ته ان ماڻهوءَ لاءِ جنت ۾ سوني ماڙي جوڙي وڃي ٿي ۽ هڪ روايت جو مفهوم آهي ته انسان جي جسم ۾ ٽي سو سٺ سَنڌَ(جوڙ ) آهن،جنهن تي انساني ڍانچي جي جوڙجڪ قائم آهي تنهن ڪري روزانو الله جي حضور ۾ ماڻهوءَ کي انهن جوڙن جو صدقو ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان صدقي جي پورائي لاءِ نماز چاشت ڪافي آهي.


    صلواة الاوابين

    سوال: صلواة الاوابين ڇاکي ٿو چئجي؟
    جواب: سانجهيءَ جي فرض کانپوءِ نفلن پڙهڻ کي صلاةالاوابين چئجي ٿو.
    سوال: صلواة الاوابين جا نفل ڪيترا آهن؟
    جواب: صلواة الاوابين ۾ ڇهه رڪعتون پڙهبيون آهن ٻه سنت موڪده جي نيت سان ۽ چار نفل جي نيت سان ان جو ثواب ٻارنهن سالن جي عبادت جي برابر بڌايو وڃي ٿو پر هڪ حديث ۾ ۾ ويهه رڪعتون به آيو ن آهن ۽ ان جو ثواب جنت ۾ هڪ بنگلو جڙڻ ٻڌايو ويو آهي.


    تهجد جي نماز

    سوال: تهجد جي نماز ڇاکي ٿو چئجي؟
    جواب: رات جو اسر جو اٿي الله جي حضور ۾ ڪجهه نفل پڙهڻ کي تهجد جي نماز چوندا آهن.
    سوال: تهجد جي نماز جي ڇا فضيلت آهي؟
    جواب: تهجد جي نماز جي فضيلت تمام گهڻي آهي .هتي فقط هڪ حديث جو مفهوم بيان ڪجي ٿو ته هر رات جو جڏهن رات جون ٻه ٽهائيون گذري وينديون آهن ته الله رب العزت جي رحمت هن آسمان ڏانهن متوجه ٿيندي آهي پوءِ الله سائين فرمائيندو آهي ته آهي ڪوئي جيڪو مونکي سڏي ته مان ان جي دعا قبول ڪريان آهي ڪوئي جيڪو مون کان گهري ته مان ان کي ڏيان،آهي ڪوئي جيڪو مون کان معافي گهري ته بخشي ڇڏيانس.
    تنهن ڪري هر مومن کي گهرجي ته رات جو اٿي تهجد پڙهي الله سائين جي رضا ۽ تقرب کي حاصل ڪري ۽ نهايت عجز ۽ انڪساريءَ سان رب سائين کي ٻاڏائي بخشش جون دعائون گهري ۽ دنيا ۽ آخرت جي ڀلائيءَ جون دعائون گهري.
    سوال: تهجد جي نماز ۾ ڪيتريون رڪعتون پڙهبيون آهن؟
    جواب: تهجد جي نماز ۾ اٺ رڪعتون پڙهبيو آهن ڪي بزرگ ان کانسواءِ ٻه رڪعتون تحيت الوضوء ۽ ٻه رڪعتون شڪراني جو نفل به پڙهندا آهن.
    سوال: جيڪڏهن ڪوئي اٺ رڪعتون نه پڙهي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: سنت اٺ رڪعتون آهن پر جيڪڏهن گهٽ پڙهندو،بلڪ صرف ٻه رڪعتون پڙهندو ته به تهجد ۾ شمار ٿي ويندس.
    سوال: تهجد پڙهڻ جو ڪهڙو وقت آهي؟
    جواب: تهجد جي نماز پڙهڻ جو بهترين وقت رات جي پوئين ٽهائيءَ جو وچ آهي پر جيڪڏهن ڪوئي ان کان دير يا سوير بلڪ سمهڻ وقت به تهجد جي نيت سان نفل پڙهي سمهندو ته به درست آهي.پرچڱو آهي ته سمهڻ وقت پڙهڻ وارو عمل مستقل نه هجيس.يعني عادت ته اسر اٿڻ جي هجيس پر ڪڏهن ڪڏهن سمهڻ وقت پڙهي سمهي.


    سج گرهڻ جي نماز

    سوال: سج گرهڻ جي نماز کي ڇا چئبو آهي؟
    جواب: ان کي صلاةالڪسوف چئبو آهي.
    سوال: صلاة الڪسوف ڪيئن پڙهبي آهي؟
    جواب: جڏهن سج گرهڻ ڇئي ته سڀئي ماڻهو مسجد ۾ اچي گڏ ٿين پوءِ امام ٻه رڪعتان نفل پڙهائيندو جنهن ۾ تمام گهڻي ڊگهي قرأت آهستي آواز پڙهندو ۽ نماز کانپوءِ ڏسبو جيڪڏهن اڃا سج چڱيءَ ريت نه کليو هجي ته دعا به ڊگهي ڪرائيندو.
    سوال: صلاة الڪسوف جي امامت ڪير ڪرائي؟
    جواب: هن نماز ۾ امامت جو حق ان ماڻهوءَ کي آهي جيڪو جمعه جي نماز جو امام هجي.
    سوال: جيڪڏهن سج گرهڻ اهڙن وقتن ۾ ٿئي جن ۾ نفل مڪروه ٻڌايو ويو آهي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: مڪروه اوقات ۾ صلاة الڪسوف نه پڙهبي.پر ڊگهيون دعائون گهربيون.(جوهرت النيره)
    سوال: ڇا صلاة الڪسوف جي لاءِ اذان چئي سگهجي ٿي؟
    جواب: نه اذان چئي ويندي ۽ نڪي اقامت چئي ويندي.


    چنڊ گرهڻ جي نماز

    سوال: چنڊ گرهڻ جي نمازکي ڇا چئبو آهي؟
    جواب: ان کي صلاة الخسوف چئبو آهي.
    سوال: صلاة الخسوف پڙهڻ جو ڇا طريقو آهي؟
    جواب: هي نماز به صلاة الڪسوف وانگر نفلي پڙهي ويندي آهي. فرق ايترو آهي ته هي نماز اڪيلي سر پڙهي ويندي يعني جماعت نه ڪبي ۽ اذان ۽ اقامت به نه ٿيندي.
    سوال: هي نمازون ڇو پڙهيون وينديون آهن؟
    جواب: نبي اڪرم ﷺ جن جو فرمان آهي.اذا رايتم شيئا من هٰذه الاهوال فافزعوا الي الله بالصلوة.(جوهرت النيره)
    يعني جڏهن توهان اهڙي قسم جون دل ڏڪائيندڙ حالتون ڏسو ته پوءِ نماز جي ذريعي پنهنجي گهٻراهٺ کي الله جي حضور ۾ پيش ڪريو.تنهنڪري آنڌي،طوفان،ٻوڏ،لاڳيتي برسات پوڻ،جنگ ۽ ٻين دل ڏهڪائيندڙ حالتن ۾ الله تعاليٰ جي حضور ۾ جهڪي ڪجهه رڪعتون نماز پڙهجي.


    نماز باران

    سوال: نماز باران کي ڇا چئبو آهي؟
    جواب: ان کي صلاة الاستسقاء چئبو آهي.
    سوال: صلاة الاستسقاء ڇو پڙهبي آهي؟
    جواب: جڏهن ڪنهن علائقي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي پوندي آهي.۽ کوهه،واهه ۽ درياءَ سڪي ويندا آهن.۽ ڏڪر جهڙي حالت ٿي پوندي آهي.ته ان وقت الله تعاليٰ جي حضور ۾ نهايت عاجزيءَ جو اظهار ڪندي،هن نماز جي ذريعي مينهن جي وسڻ ۽ پاڻيءَ جي واڌاري لاءِ دعا گهربي آهي.
    سوال: هي نماز ڪيئن پڙهبي آهي؟
    جواب: هي نماز نفل جي نيت سان ٻه رڪعتون جماعت سان پڙهبي آهي.هن نماز ۾ امام قرأت بلند آواز سان ڪندو ۽ ان کانپوءِ اجتماعي دعا گهرائيندو جنهن ۾ پنهنجن گناهن جي اعتراف سان گڏ الله سائين کان بخشش جي گهر ڪبي ۽ برسات وسڻ لاءِ ۽سڪر سڻائي ٿيڻ جي دعا گهربي آهي.
    سوال: هي نماز ڪٿي پڙهڻ گهرجي؟
    جواب:عجز ۽ انڪساريءَ سان شهر کان ٻاهر نڪري ڪنهن جاءِ تي هي نماز ادا ڪرڻ گهرجي ۽ نڪرڻ وقت خير خيرات ڪري نڪرڻ چڱو آهي.


    صلاةالتسبيح

    سوال: صلاة التسبيح ڇا آهي؟
    جواب: صلاة التسبيح نفلي نماز آهي.جيڪا نفل يا سنت جي نيت سان چار رڪعتون پڙهي ويندي آهي.هن ۾ ڪجهه تسبيحات پڙهيون وينديون آهن انڪري هن کي صلاة التسبيح چيو ويندو آهي.
    سوال:هن نماز جي فضيلت ڇا آهي؟
    جواب: هن نماز جي وڏي فضيلت آهي جو حديث شريف ۾ آهي ته هن نماز سان الله تعاليٰ ٻانهي جا اڳيان پويان صغيره ۽ ڪبيره ظاهري ۽ باطني سڀ گناهه معاف فرمائي ڇڏي ٿو.پاڻ سڳورن ﷺهي نماز پنهنجي چاچي حضرت عباس﷦کي سيکاري هئي ۽ کيس فرمايائون ته جيڪڏهن ٿي سگهئي ته هي نماز روزانو پڙهه نه ته هر جمعي تي ۽ جيڪڏهن هر جمعي تي به نه پڙهي سگهين ته پوءِ هر سال ۾ ۽ جيڪڏهن ايئن به نه ڪري سگهين ته پوءِ پنهنجي پوري عمر ۾ هڪ دفعو پڙهه.
    سوال: هن نماز پڙهڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    جواب: هي نماز اڪيلي سر پڙهي ويندي آهي ۽ هن ريت پڙهي ويندي آهي جو هر رڪعت ۾ 75 ڀيرا سبحان الله والحمد لله ولا اله الا الله والله اڪبر پڙهجي .جنهن جو تفصيل هن ريت آهي ثنا کان بعد قرآت کان پهريان 15 دفعا الحمد ۽ سورت کانپوءِ 10 دفعا پڙهجي.رڪوع ۾ سبحان ربي العظيم پڙهڻ کانپوءِ 10 دفعا پڙهجي.قومه يعني رڪوع مان اٿي بيهڻ وقت هٿ ڇڏي 10 دفعا پڙهجي.سجدي ۾ سبحان ربي الاعليٰ پڙهڻ کانپوءِ 10 دفعا پڙهجي.جلسه يعني ٻن سجدن جي وچ۾ ويهڻ وقت 10 دفعا پڙهجي ٻي سجدي ۾ ساڳيءَ ريت 10 دفعا پڙهجي .پوءِ ٻي رڪعت جي قيام لاءِ اٿي ۽ ساڳيءَ ريت انهيءَ ڪلمي کي پڙهي.اهڙيءَ ريت چئن رڪعتن ۾ اهو ڪلمو ٽي سو دفعا ٿيندو.
    سوال: هي نماز ڪهڙي وقت ۾ پڙهجي؟
    جواب: هي نماز ره وقت پڙهي سگهجي ٿي پر جنهن وقت نفل پڙهڻ مڪروه آهي ان وقت نه ٿي پڙهي سگهجي.


    صلاةالحاجة

    سوال: صلاة الحاجة ڇا آهي؟
    جواب: يعني ڪنهن مراد ماڻڻ لاءِ نفل پڙهي الله سائين کان دعا گهرڻ.
    سوال: صلاة الحاجة ڪيئن پڙهبي آهي؟
    جواب: پاڻ ڪريم ﷺ جن هن نماز جو طريقو هن ريت سيکاريو آهي.جو سڀ کان پهريان چڱيءَ ريت وضو ڪري پوءِ ٻه رڪعتون نفل پڙهي.ان کان پوءِ جيترو ٿي سگهيس الله جي ساراه ۽ تسبيح وارا ڪلما پڙهي پوءِ جيترو ٿي سگهيس نبي اڪرم صلي عليه وسلم تي درود پڙهي ان کانپوءِ هي دعا گهري.
    لاالٰہ الا اللہ الحلیم الکریم سبحان اللہ رب العرش العرش العظیم۔الحمدللہ رب العالمین اسالک موجبات رحمتک وعزائم مغفرتک والغنیمۃ من کل بر والسلامۃ من کل اثم لاتدع لی دنیا الا غفرتہ وال ھما الا فرجتہ والا حاجۃ ھی لک رضا الا قضیتھا یا ارحم الراحمین
    سوال: هن نماز پڙهڻ جو وقت ڪهڙو آهي؟
    جواب: جن وقتن ۾ نفل پڙهڻ مڪروه آهي انهن کان سواءِ هر وقت پڙهي سگهجي ٿي.
    نوٽ: هي نماز جائزحاجت لاءِ ڪافي عرصو پڙهڻ گهرجي.


    صلاةالاستخاره

    سوال: استخاره جي نماز ڇا آهي ۽ ڇو پڙهي ويندي آهي؟
    جواب: استخاره جي معنيٰ آهي ڀلائيءَ جي طلب ڪرڻ جيئن ته ڪنهن ڪم جي سٺن ۽ برن نتيجن کان انسان واقف نه آهي. تنهنڪري هن نماز جي ذريعي ٻانهو پنهنجي مالڪ رب سائين کان ڀلائيءَ جي گهر ڪندو آهي ته رب سائين جنهن ڪم ۾ منهنجي لاءِ ڀلائي آهي.اهو منهنجي لاءِ آسان فرماءِ ۽ جيڪڏهن منهنجي لاءِ برائي ۽ نقصان آهي ته ان کي مون کان ٽار ۽ مونکي ان کان بچاءِ ۽ جنهن ۾ تنهنجي رضا آهي ان تي مون کي راضي رهڻ جي توفيق ڏي.
    سوال: نماز استخاره پڙهڻ جو طريقو ٻڌائيندا؟
    جواب: سڀ کان پهريان چڱيءَ ريت وضو ڪري پوءِ ٻه رڪعتون نفل پڙهجي پوءِ الله سائين کان هي دعا گهري.
    اللّٰھم انی استخیرک بعلمک واستقدرک بقدرتک واسئلک من فضلک العظیم فانک تقدر والا قدر وتعلم والا اعلم وانت علام الغیوب۔اللّٰھم ان کنت تعلم ان ھٰذا الامر خیر لی فی دینع ومعاشی وعاقبۃ امری فاقدرہ لی ویسرہ لی ثم بارک لی فیہ وان کنت تعلم ان ھٰذا الامر شرلی فی دینی ومعاشی وعاقبۃ امری فاصرفہ عنی واصرف نی عنہ واقدرلی الخیر حیث کان ثم ارضنی بہ

    جڏهن ان ھذاالامراکر تي پهچي ته پنهنجي ڪم جو خيال آڻي.
    سوال: هن نماز پڙهڻ کانپوءِ ڪيئن خبر پوي ته هاڻي هن ڪم ۾ ڀلائي آهي؟
    جواب: ڪن بزرگن جو چوڻ آهي ته هن عمل کان پوءِ باوضو ٿي سنت طريقي سان پاڪ بستري تي سمهي پوي.جاڳڻ کانپوءِ دل ۾ جيڪو پڪو خيال بيهيس تنهن ۾ ڀلائي سمجهي.پر حقيقت هي آهي ته هن عمل کان پوءِ جنهن ۾ سندس لاءِ ڀلائي هوندي ان ڪم جي کيس سولائي ٿيندي۽ توفيق ملندي.بلڪ ان ڪم جا سبب ٺهندا ويندا.تنهن ڪري جيڪڏهن ضرورت محسوس ڪري ته هي نماز ستن ڏينهن تائين پڙهي.


    صلاة التوبة

    سوال: صلاة التوبه ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: صلاة التوبه جو مطلب هي آهي جو ڪوئي ماڻهو پنهنجي گناهن تي پيشيمان ٿي الله جي حضور ۾ ٻه رڪعتون نفل پڙهي پنهنجي گناهن ۽ قصورن جو اعتراف ڪري الله سائينءَ کان بخشش ۽ معافي گهرندو آهي.
    سوال: توبه يا معافيءَ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون ضروري آهن؟
    جواب: (1) توبه پڙهڻ لاءِ سڀ کان پهريان ضروري آهي ته فوري طور تي ان گناهه کي ڇڏي ڏي.
    (2)ان گناهه جي ڪرڻ تي پشيمان ٿئي ۽ افسوس ڪري ته مان اهو گناهه جو ڪم ڇو ڪيو، مان الله جي نافرماني ڇو ڪئي؟ افسوس جيڪر مان گناهه جو ڪم نه ڪيان ها!
    (3)آئنده جي لاءِ پڪو ارادو ڪري ته اهو وري گناهه جو ڪم نه ڪندس، رب سائينءَ جي نافرماني نه ڪندس.
    (4)جيڪڏهن ان گناهه جو تعلق ڪنهن ٻئي فرد سان آهي ته ان کان به معاف ڪرائڻ يا ڀري ڏيڻ لازمي آهي.جيئن ڪنهن سان ظلم ڪيو هجائين يا ڪنهن جي چوري ڪئي هجائين يا ڪنهن کي ڌڪ،چنبو.گار وغيره ڏني هجائين.
    سوال: ڇا توبه پڙهڻ لاءِ ٻه رڪعتون نفل پڙهڻ ضروري آهي؟
    جواب: نه، نفل پڙهڻ چڱو آهي،باقي مٿي ذڪر ڪيل چئن ڳالهين کي اپنائڻ شرط آهي.
    سوال: ڇا هنن نفلي نمازن کي هر وقت پڙهي سگهجي ٿو؟
    جواب: هنن نمازن جو ڪو به مقر وقت نه آهي.هر وقت پڙهي سگهجن ٿيون،البت جن وقتن ۾ نفل نماز پڙهڻ جي ممانعت ذڪر ٿيل آهي.انهن وقتن ۾ هي نمازون نه ٿيون پڙهي سگهجن.

    {پورو ٿيو}


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259857
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386726
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ