ڪتاب جو نالو: شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ
مصنف: مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي)
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 30 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 548 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 302 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • بابن جي ترتيب

  • باب 1. رسول الله ﷺ جي صورت ۽ شڪل جي باري ۾
  • باب 2. (مُهر نبوت جي باري
  • باب 3. حضرت رسول الله ﷺ جي وارن جي بيان ۾
  • باب 4. رسول الله ﷺ جي ڦڻي ڏيڻ جي باري
  • باب 5. حضور جن جي سفيد وارن جي باري ۾
  • باب 6. حضور جن ﷺجي وارن جي رنگ ڪرڻ ۾
  • باب 7. حضور جن جي سرمه پائڻ جي باري ۾
  • باب 8. حضور جن جي پوشاڪ جي باري ۾
  • باب 9. رسول الله ﷺ جي گذران جي باري ۾
  • باب 10. رسول الله ﷺ جي موزي ڍڪڻ جي باري ۾
  • باب 11. رسول الله ﷺ جي جُتي مبارڪ ۾
  • باب 12. رسول الله ﷺ جي منڊي مبارڪ جي باري ۾
  • باب 13. حضور ﷺ منڊي سڄي هٿ ۾ رکندا هوا
  • باب 14. رسول الله ﷺ جي تلوارجي باري ۾
  • باب 15. رسول الله ﷺ جي زرهه جي باري ۾
  • باب 16. حضور ﷺ جي هول (لوهي ٽوپ) جي باري ۾
  • باب 17. رسول الله ﷺ جي دستار مبارڪ جي باري ۾
  • باب 18. انهن حديثن جي بيان ۾ جي گوڏجي ساراهه ۾ آيون
  • باب 19. رسول الله ﷺ جي گهمڻ (ٽور هلڻ) باري ۾
  • باب 20. حضور ﷺ جي پڳ هيٺان رومال ڏيڻ ۾
  • باب 21. حضور ﷺ جي ويهڻ جي باري ۾
  • باب 22. رسول الله ﷺ جي ٽيڪ ڏيئي ويهڻ جي باري ۾
  • باب 23. حضور ﷺ جي ٽيڪ ۾ آڌر ڏيئي هلڻ جي باري ۾
  • 24. حضور ﷺجي کائڻ جي باري ۾
  • 25. حضور جن جي ماني جي باري ۾
  • 26. باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي ٻوڙ جي ساراهه ۾ آيون آهن.
  • 27. باب انهن حديثن ۾ جي حضورﷺ جي کائڻ جي موقعي تي وضو ڪرڻ ۾ آيون آهن.
  • 28. باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي کاڌي کائڻ کان اڳ ۽ ان کان واندي ٿيڻ کانپوءِ جيڪي لفظ چوڻ فرمايا
  • 29. باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي پيالي مبارڪ جي باري ۾ آيون آهن.
  • 30 ـ باب ما جاء في صفة فاكهة رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 31 ـ باب ما جاء في صفة شراب رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 32 ـ باب ما جاء في شرب رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 33 ـ باب ما جاء في تعطررسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 34 ـ باب كيف كان كلام رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 35 ـ باب ما جاء في ضحك رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 37 ـ باب ما جاء في صفة كلام رسول الله صلى الله عليه وسلم في الشعر .
  • 38 ـ باب ما جاء في كلام رسول الله صلی اللہ علیہ وسلم في السمر
  • 39 ـ باب ما جآء في صفة نوم رسول الله علیہ وسلم
  • 40 ـ باب ما جاء في عبادة رسول صلی اللہ علیہ وسلم
  • 41ـ باب صلاة الضحى
  • 42 ـ باب صلاة التطوع في البيت
  • 43ـ باب ماجاء في صوم رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 44ـ باب ماجاء في قراءة رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 45ـ باب ماجاء في بكاء رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 46ـ باب ماجاء في فراش رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 47ـ باب ماجاء في تواضع رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 48ـ باب ماجاء في خلق رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 49ـ باب ماجاء في حياء رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 50ـ باب ماجاء في حجامة رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 51ـ باب ماجاء في اسماء رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 52ـ باب ماجاء في عيش رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 53ـ باب ماجاء في سن رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 54ـ باب ماجاء في وفاة رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 55ـ باب ماجاء في ميراث رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • 56ـ باب ماجاء في رؤية رسول الله صلى الله عليه وسلم
  • خاتمو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ايڪٽيهون (31) نمبر ڪتاب شمائل ترمذي عرف صفات النبي ﷺ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو مولف ۽ مترجم مولانا قاضي محمد عثمان (مرحوم) حال ٿريچاڻي (سانگي) صاحب آهن.

    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    بابن جي ترتيب

    باب 1. رسول الله ﷺ جي صورت ۽ شڪل جي باري ۾

    - باب ما جاء في خلق رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن جي بيان ۾ جي رسول الله ﷺ جي صورت ۽ شڪل جي
    باري ۾ آيون آهن.
    أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ ، لَيْسَ بِالطَّوِيلِ الْبَائِنِ ، وَلاَ بِالْقَصِيرِ ، وَلاَ بِالأَبْيَضِ الأَمْهَقِ ، وَلاَ بِالآدَمِ ، وَلاَ بِالْجَعْدِ الْقَطَطِ ، وَلاَ بِالسَّبْطِ ، بَعَثَهُ اللَّهُ تَعَالَى عَلَى رَأْسِ أَرْبَعِينَ سَنَةً ، فَأَقَامَ بِمَكَّةَ عَشْرَ سِنِينَ ، وَبِالْمَدِينَةِ عَشْرَ سِنِينَ ، وَتَوَفَّاهُ اللَّهُ تَعَالَى عَلَى رَأْسِ سِتِّينَ سَنَةً ، وَلَيْسَ فِي رَأْسِهِ وَلِحْيَتِهِ عِشْرُونَ شَعَرَةً بَيْضَائَ
    ترجمو: حضرت انس بن مالڪ﷦ جي ته نه هوا رسول الله ﷺ تمام ڊگها. ۽ نه تمام منڌرا يعني درميانه قد ڪجهه ڊگها هوا ۽ نه نهايت سفيد رنگ لالهن کان سواءِ.۽ نه ڪڻڪ رنگا سانورائي تي مائل هوا.۽ سندن وار تمام گهنڊيدار هوا ۽ نه بلڪل سڌا هوا( يعني ڪجهه گهنڊيدار هوا ۽ الله تعاليٰ (سندن عمر) چاليهن ورهن ٿيڻ کان پوءِ کين نبي ڪيو ان کان پوءِ ڏهه ورهه مڪه ۾ رهيا ۽ پوءِ مدينه ۾ ڏهه سال رهيا. سٺ سال جي عمر کانپوءِ ڌڻي تعاليٰ کين وفات ڪرائي ۽ مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ويهه اڇا وار مَس هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ رَبْعَةً ، لَيْسَ بِالطَّوِيلِ وَلا بِالْقَصِيرِ ، حَسَنَ الْجِسْمِ ، وَكَانَ شَعَرُهُ لَيْسَ بِجَعْدٍ ، وَلا سَبْطٍ أَسْمَرَ اللَّوْنِ ، إِذَا مَشَى يَتَكَفَّأُ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ جي فرمايو ته رسول الله ﷺدرميانه قد هوا نه نهايت ڊگها ۽ نه تمام منڌرا ۽ نهايت خوبصورت هوا ۽ سندن وار مبارڪ نه تمام گهنڊيدار ۽ نه بلڪل سِڌا هوا ۽ ( سندن رنگ مبارڪ ڪجهه لالهن سان) ڪڻڪ رنگو هو ۽ جڏهن هلندا هوا ته اڳتي اهل ڪندا هوا.
    عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، قَالَ : سَمِعْتُ الْبَرَاءَ بْنَ عَازِبٍ ، يَقُولُ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، رَجُلا مَرْبُوعًا ، بَعِيدَ مَا بَيْنَ الْمَنْكِبَيْنِ ، عَظِيمَ الْجُمَّةِ إِلَى شَحْمَةِ أُذُنَيْهِ الْيُسْرَى ، عَلَيْهِ حُلَّةٌ حَمْرَاءُ ، مَا رَأَيْتُ شَيْئًا قَطُّ أَحْسَنَ مِنْهُ
    ترجمو: حضرت ابو اسحاق ﷦ فرمايو ته براء پٽ عازب ﷦ جي کان ٻڌم چوندو هو ته رسول الله ﷺ درميانه قد مرد هو ۽ سندن ڪلهن جو وچ وڏو يعني سينو ڪشادو هو سندن وار مبارڪ گهاٽا ڪنن جي پاپڙين تائين هوا سندن جان مبارڪ تي ڳاڙهي پوشاڪن يعني ٻه چادران لِيڪن واريون هيون مان ان کان وڌيڪ ڪا شيءِ خوبصورت نه ڏٺي.
    عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ ، قَالَ : مَا رَأَيْتُ مِنْ ذِي لِمَّةٍ فِي حُلَّةٍ حَمْرَاءَ أَحْسَنَ مِنْ رَسُولِ اللهِ ﷺ ، لَهُ شَعَرٌ يَضْرِبُ مَنْكِبَيْهِ ، بَعِيدُ مَا بَيْنَ الْمَنْكِبَيْنِ ، لَمْ يَكُنْ بِالْقَصِيرِ ، وَلا بِالطَّوِيلِ
    ترجمو: حضرت براءُ پٽ غارب﷦ جي فرمايو ته مان رسول اللهﷺ کان وڌيڪ ڳاڙهي پوشاڪ ۽ سهڻن وارن وارو ڪوئي نه ڏٺم.سندن وار مبارڪ ڪلهن تي لڳندا هوا. ۽ سندن ڪلها مبارڪ ويڪرا هوا.يعني سندن سينو مبارڪ ڪشادو هو. ۽ پاڻ سڳورا نه منڌرا هوا ۽ نه بلڪل ڊگها.
    عَنْ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَ : لَمْ يَكُنِ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم بِالطَّوِيلِ ، وَلا بِالْقَصِيرِ ، شَثْنُ الْكَفَّيْنِ وَالْقَدَمَيْنِ ، ضَخْمُ الرَّأْسِ ، ضَخْمُ الْكَرَادِيسِ ، طَوِيلُ الْمَسْرُبَةِ ، إِذَا مَشَى تَكَفَّأَ تَكَفُّؤًا ، كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ مِنْ صَبَبٍ ، لَمْ أَرَ قَبْلَهُ ، وَلا بَعْدَهُ مِثْلَهُ ، صلى الله عليه وسلم
    ترجمو: حضرت علي پٽ ابو طالب ﷦ جي فرمايو ته نبي ڪريمﷺ نه بلڪل ڊگها هوا ۽ نه تمام منڌرا ۽ سندن تريون هٿن جون گوشت ڀريل هيون.۽ سندن پير مبارڪ به گوشت ڀريل هوا. ۽ سندن مٿو مبارڪ وڏو يعني سندن پيشاني ڪشادي هئي ۽ سندن سيني کان دن تائين وارن جي سنهي ليڪ هئي ۽ جڏهن هلندا هوا ته اڳتي اهل ڪندا هوا. ڄڻڪ مٿاهين کان هيٺ لهن ٿا. مان رسول اللهﷺ جهڙو رسول الله کان اڳ يا پوءِ نه ڏٺم.
    إِبْرَاهِيمُ بْنُ مُحَمَّدٍ مِنْ وَلَدِ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَ : كَانَ عَلِيٌّ إِذَا وَصَفَ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : لَمْ يَكُنْ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم بِالطَّوِيلِ الْمُمَّغِطِ ، وَلا بِالْقَصِيرِ الْمُتَرَدِّدِ ، وَكَانَ رَبْعَةً مِنَ الْقَوْمِ ، لَمْ يَكُنْ بِالْجَعْدِ الْقَطَطِ ، وَلا بِالسَّبْطِ ، كَانَ جَعْدًا رَجِلا ، وَلَمْ يَكُنْ بِالْمُطَهَّمِ ، وَلا بِالْمُكَلْثَمِ ، وَكَانَ فِي وَجْهِهِ تَدْوِيرٌ ، أَبْيَضُ مُشَرَبٌ ، أَدْعَجُ الْعَيْنَيْنِ ، أَهْدَبُ الأَشْفَارِ ، جَلِيلُ الْمُشَاشِ وَالْكَتَدِ ، أَجْرَدُ ، ذُو مَسْرُبَةٍ ، شَثْنُ الْكَفَّيْنِ وَالْقَدَمَيْنِ ، إِذَا مَشَى كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ فِي صَبَبٍ ، وَإِذَا الْتَفَتَ الْتَفَتَ مَعًا ، بَيْنَ كَتِفَيْهِ خَاتَمُ النُّبُوَّةِ ، وَهُوَ خَاتَمُ النَّبِيِّينَ ، أَجْوَدُ النَّاسِ صَدْرًا ، وَأَصْدَقُ النَّاسِ لَهْجَةً ، وَأَلْيَنُهُمْ عَرِيكَةً ، وَأَكْرَمُهُمْ عِشْرَةً ، مَنْ رَآهُ بَدِيهَةً هَابَهُ ، وَمَنْ خَالَطَهُ مَعْرِفَةً أَحَبَّهُ ، يَقُولُ نَاعِتُهُ : لَمْ أَرَ قَبْلَهُ ، وَلا بَعْدَهُ مِثْلَهُ صلى الله عليه وسلم
    ترجمو: حضرت ابراهيم پٽ محمد جي کان جو حضرت علي ﷦ جي اولاد مان آهي فرمايائين ته جڏهن حضرت علي رسول الله ﷺ جي سڃاڻ بيان ڪندا هوا ته چوندا هوا ته رسول الله ﷺ نه بلڪل ڊگها هوا ۽ نه تمام منڌرا. بلڪه درميانه قد پنهنجي ٽولي مان هوا ۽ نه سندن وار تمام گهنڊي دار هوا ۽ نه بلڪل سِڌا بلڪه ڪجهه گهنڊيدار سڌا هوا ۽ نه سندن جان ڀريل هئي ۽ نه منهن مبارڪ سندن بلڪل گول هو بلڪه سندن منهن مبارڪ ۾ ٿوري گولائي هئي ۽ سندن منهن مبارڪ سفيد سرخي تي مائل ۽ اکيون تمام ڪاريون سرميليون هيون ۽ پنبڻيون ڊگهيون سٻر عضوين ۽ ڪلها سندن به سٻر هوا. سندن بدن مبارڪ تي وار نه هوا مگر هڪ ليڪ سيني کان دن تائين هئي ۽ سندن هٿ مبارڪ ۽ پير مبارڪ گوشت ساهن ڀريل هوا ۽ جڏهن هلندا هوا ته پير زور سان کڻندا هوا ڄڻڪ ڍوري ۾ لهن ٿا ۽ جڏهن ڏسندا هوا ته پوري طرح ڦري ڏسندا هوا ۽ سندن ٻن ڦڻين جي وچ ۾ ختم نبوت هئي ۽ پاڻ خاتم النبيين هوا ۽ دل جا سخي هوا ۽ زبان جا نهايت سچا طبيعت مبارڪ سندن نهايت نرم ۽ شريف خانداني وارا هوا جو کين اوچتو ڏسندو هو ته دهلجي ويندو هو ۽ جيڪو ساڻن ملندو هو ته محبت ڪندو هو. سندن ساراهه ڪندڙ چوي ٿو ته مان حضور جن جهڙو کانئن اڳ ۽ پوءِ نه ڏٺم.
    عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ ، قَالَ سَأَلْتُ خَالِي هِنْدَ بْنَ أَبِي هَالَةَ ، وَكَانَ وَصَّافًا ، عَنْ حِلْيَةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَأَنَا أَشْتَهِي أَنْ يَصِفَ لِي مِنْهَا شَيْئًا أَتَعَلَّقُ بِهِ ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَخْمًا مُفَخَّمًا ، يَتَلأْلأُ وَجْهُهُ ، تَلأْلُؤَ الْقَمَرِ لَيْلَةَ الْبَدْرِ ، أَطْوَلُ مِنَ الْمَرْبُوعِ ، وَأَقْصَرُ مِنَ الْمُشَذَّبِ ، عَظِيمُ الْهَامَةِ ، رَجِلُ الشَّعْرِ ، إِنِ انْفَرَقَتْ عَقِيقَتُهُ فَرَّقَهَا ، وَإِلا فَلا يُجَاوِزُ شَعَرُهُ شَحْمَةَ أُذُنَيْهِ ، إِذَا هُوَ وَفَّرَهُ ، أَزْهَرُ اللَّوْنِ ، وَاسِعُ الْجَبِينِ ، أَزَجُّ الْحَوَاجِبِ ، سَوَابِغَ فِي غَيْرِ قَرَنٍ ، بَيْنَهُمَا عِرْقٌ ، يُدِرُّهُ الْغَضَبُ ، أَقْنَى الْعِرْنَيْنِ ، لَهُ نُورٌ يَعْلُوهُ ، يَحْسَبُهُ مَنْ لَمْ يَتَأَمَّلْهُ أَشَمَّ ، كَثُّ اللِّحْيَةِ ، سَهْلُ الْخدَّيْنِ ، ضَلِيعُ الْفَمِ ، مُفْلَجُ الأَسْنَانِ ، دَقِيقُ الْمَسْرُبَةِ ، كَأَنَّ عُنُقَهُ جِيدُ دُمْيَةٍ ، فِي صَفَاءِ الْفِضَّةِ ، مُعْتَدِلُ الْخَلْقِ ، بَادِنٌ مُتَمَاسِكٌ ، سَوَاءُ الْبَطْنِ وَالصَّدْرِ ، عَرِيضُ الصَّدْرِ ، بَعِيدُ مَا بَيْنَ الْمَنْكِبَيْنِ ، ضَخْمُ الْكَرَادِيسِ ، أَنْوَرُ الْمُتَجَرَّدِ ، مَوْصُولُ مَا بَيْنَ اللَّبَّةِ وَالسُّرَّةِ بِشَعَرٍ يَجْرِي كَالْخَطِّ ، عَارِي الثَّدْيَيْنِ وَالْبَطْنِ مِمَّا سِوَى ذَلِكَ ، أَشْعَرُ الذِّرَاعَيْنِ ، وَالْمَنْكِبَيْنِ ، وَأَعَالِي الصَّدْرِ ، طَوِيلُ الزَّنْدَيْنِ ، رَحْبُ الرَّاحَةِ ، شَثْنُ الْكَفَّيْنِ وَالْقَدَمَيْنِ ، سَائِلُ الأَطْرَافِ أَوْ قَالَ : شَائِلُ الأَطْرَافِ خَمْصَانُ الأَخْمَصَيْنِ ، مَسِيحُ الْقَدَمَيْنِ ، يَنْبُو عَنْهُمَا الْمَاءُ ، إِذَا زَالَ ، زَالَ قَلِعًا ، يَخْطُو تَكَفِّيًا ، وَيَمْشِي هَوْنًا ، ذَرِيعُ الْمِشْيَةِ ، إِذَا مَشَى كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ مِنْ صَبَبٍ ، وَإِذَا الْتَفَتَ الْتَفَتَ جَمِيعًا ، خَافِضُ الطَّرْفِ ، نَظَرُهُ إِلَى الأَرْضِ ، أَطْوَلُ مِنْ نَظَرِهِ إِلَى السَّمَاءِ ، جُلُّ نَظَرِهِ الْمُلاحَظَةُ ، يَسُوقُ أَصْحَابَهُ ، وَيَبْدَأُ مَنْ لَقِيَ بِالسَّلامِ
    ترجمو: امام حسن پٽ علي ﷦ کان روايت آهي فرمايائين ته پنهنجي مامي هند پٽ ابو هاله کان پڇيم جو سندن حليه مبارڪ پورو بيان ڪندو هو مون به گهرندو هوس ته مونکي به ڪجهه بيان ڪري ته ياد رکان.پوءِ فرمايائين ته حضور حضور جن نهايت شاندار ۽ عزت وارا هوا ۽ سندن منهن مبارڪ چوڏهين ءَ جي چنڊ وانگر تجلا ڏيندو هو. درميانه قد وارن کان ڪجهه ڊگها ۽ تمام ڊگهي کان منڌرا هوا. جيڪڏهن سينڌ پاڻ نه نڪرندي هئي ته سڌاري ڇڏيندا هوا ٻيءَ صورت ۾ وار سنوان ڪبا هوا ته ڪنن جي پاپڙيءَ کان هيٺ نه ٿيندا هوا. رنگ مبارڪ سندن تجليون هڻندو هو پيشاني مبارڪ ڪشادي ۽ پنبڙيون سندن خمدار گهاٽيون يعني جاڙيون ۽ انهن جي وچ ۾ رڳ هئي جا ڪاوڙجي وقت رت سان ڀرجي ويندي هئي ۽ سندن نڪ مبارڪ نهايت سهڻي وضع تي هو ان جي مٿان نور چمڪندڙ هو جيڪو تمام غور سان ڏسندو هو ته کين ڊگهي نڪ وارو سمجهندو هو ۽ سندن ڏاڙهي مبارڪ گهاٽي هئي ۽ سهڻي منهن وارو ڪشادي واتِ هو ۽ ڇڊي ڏندين ۽ سيني مبارڪ کان دن تائين صفائي چاندي وانگر سندن جان مبارڪ جي بيهڪ سهڻي هئي ۽ گوشت سان ڀريل مضبوط لڪدار ۽ فراخ سيني ۽ ڪلها سندن موڪرا ۽ سٻر عضوين ۽ جيڪي عضوا پوشاڪ کان خالي هواسي چمڪندڙ هوا سيني کان دن تائين ڪاري ليڪ وارن جي. ببا ۽ پيٽ وارن کان خالي هو ٻانهن ۾ ڪلهن تائين حصي سيني جي تي ٿورا وار هوا سندن ٻانهون ڊگهيون ۽ هٿ موڪرا ۽ هٿ ۽ پير گوشت سان ڀريل هوا ۽ هٿن پيرن جون آڱريون مناسب طرح ڊگهيون هيون يا راويءَ چيو ته تمام سهڻيون ڊگهيون هيون پيرن جي ترين ۾ ڪجهه لڪ هو ۽ پير بلڪل سنوان سهڻا سِڌا هوا پاڻي هڪدم مٿان ِ تِرڪي ويندو هو ۽ جڏهن ڪو هنڌ ڇڏيندا هوا ته زور سان گام کڻندا هوا ۽ قدم مبارڪ نرمي سان رکندا هوا ۽ زور سان کڻندا هوا ۽ دٻيل پيرين ۽ ڪشاده قدم هلندا هوا ۽ جڏهن هلندا هوا ته اڳتي اهل ڪندا هوا ڄڻ ته ڍوري ۾ لهن ٿا جڏهن ڪنهن طرف ڏسندا هوا ته چڱي طرح ڦري تڪيندا هوا ۽ زمين تي سندن ديد مبارڪ مٿي تڪڻ کان هيٺ زمين تي گهڻي هوندي هئي.گهڻو ڪري چشم گوشه سان نه ڏسندا هوا. هلڻ ۾ اصحابن کي اڳي ڪندا هوا ۽ جنهن سان ملندا هوا ته ان کي پهريائين پاڻ سلام ڪندا هوا.
    عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ جَابِرَ بْنَ سَمُرَةَ ، يَقُولُ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ضَلِيعَ الْفَمِ ، أَشْكَلَ الْعَيْنِ ، مَنْهُوسَ الْعَقِبِ
    ترجمو: حضرت سماڪ پٽ حرب کان روايت آهي ته حضرت جابر پٽ سمرة کان ٻڌم چوي پيو ته رسول الله ﷺ ڪشاده واتِ ۽ فراخ اکين ۽ هلڪين کڙين وارا هوا.
    عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فِي لَيْلَةٍ إِضْحِيَانٍ ، وَعَلَيْهِ حُلَّةٌ حَمْرَاءُ ، فَجَعَلْتُ أَنْظُرُ إِلَيْهِ وَإِلَى الْقَمَرِ ، فَلَهُوَ عِنْدِي أَحْسَنُ مِنَ الْقَمَرِ
    ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة کان روايت آهي چيائين ته مان رسول الله ﷺ کي ڳاڙهي يمني چادران ڍڪيندي چانڊوڪي رات ۾ ڏٺم پوءِ مان حضور جن ڏانهن ۽ چنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳس ته يقينًا حضور جن مونکي چنڊ کان سهڻا نظر آيا.
    عَنْ أَبِي إِسْحَاقَ ، قَالَ : سَأَلَ رَجُلٌ الْبَرَاءَ بْنَ عَازِبٍ أَكَانَ وَجْهُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِثْلَ السَّيْفِ ، قَالَ : لَا ، بَلْ مِثْلَ الْقَمَرِ
    ترجمو: حضرت ابو اسحاق کان روايت آهي ته هڪ مرد حضرت براء پٽ عازب ﷦ کان پڇيو ته حضور جن جو منهن مبارڪ جهلڪ ۾ تلوار جهڙو هو؟ چيائين ته نه. بلڪ چنڊ وانگر.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ أَبْيَضَ كَأَنَّمَا صِيغَ مِنْ فِضَّةٍ،رَجِلَ الشَّعْرِ
    ترجمو: حضرت ابو هريره ﷦ کان روايت آهي حضوررسول الله ﷺ ڀُرا هوا ڄڻڪه چاندي مان جڙيل هوا سندن وار مبارڪ سِڌا ڪجهه گهنڊي سان هوا.
    عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : عُرِضَ عَلَيَّ الأَنْبِيَاءُ ، فَإِذَا مُوسَى عَلَيْهِ السَّلامُ ، ضَرْبٌ مِنَ الرِّجَالِ ، كَأَنَّهُ مِنْ رِجَالِ شَنُوءَةَ ، وَرَأَيْتُ عِيسَى بْنَ مَرْيَمَ عَلَيْهِ السَّلامُ ، فَإِذَا أَقْرَبُ مَنْ رَأَيْتُ بِهِ شَبَهًا عُرْوَةُ بْنُ مَسْعُودٍ ، وَرَأَيْتُ إِبْرَاهِيمَ عَلَيْهِ السَّلامُ ، فَإِذَا أَقْرَبُ مَنْ رَأَيْتُ بِهِ شَبَهًا صَاحِبُكُمْ ، يَعْنِي نَفْسَهُ ، وَرَأَيْتُ جِبْرِيلَ عَلَيْهِ السَّلامُ ، فَإِذَا أَقْرَبُ مَنْ رَأَيْتُ بِهِ شَبَهًا دِحْيَةُ
    ترجمو: حضرت جابر پٽ عبدالله ﷦ کان روايت آهي ته بيشڪ رسول الله ﷺ فرمايو ته انبياء عليهم السلام منهنجي اڳيان پيش ڪيا ويا ته مردن مان حضرت موسيٰ عليه السلام هڪ سهڻو نظر آيو گويا قبيله شفوة جي مردن وانگر (درميانه قد) هو ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام پٽ مريم کي ڏٺم جو منهنجي ڏٺلن ماڻهن مان عروة بن مسعود وانگر هو ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام کي ڏٺم جو منهنجي ڏٺلن مان توهان جو رفيق يعني رسول الله ﷺ ان جهڙو آهي. ۽ جبرئيل عليه السلام کي ڏٺم جو منهنجي ڏٺلن مان دحيته ﷦ جهڙو هو.
    عَنْ سَعِيدٍ الْجُرَيْرِيِّ ، قَالَ : سَمِعْتُ أَبَا الطُّفَيْلِ ، يَقُولُ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم وَمَا بَقِيَ عَلَى وَجْهِ الأَرْضِ أَحَدٌ رَآهُ غَيْرِي ، قُلْتُ : صِفْهُ لِي ، قَالَ : كَانَ أَبْيَضَ ، مَلِيحًا ، مُقَصَّدًا
    ترجمو: حضرت سعيد جريري کان روايت آهي ته ابو طفيل کان ٻڌم چوي پيو ته مان رسول الله ﷺ کي ڏٺو جو سندن زيارت ڪندڙن مان مون کان سواءِ ڪوبه زمين تي نه رهيو. هي راوي چوي ٿو ته مان عرض ڪيم ته مونکي سندن حليه مبارڪ بيان ڪر. فرمايائين ته پاڻ ڀورا خوبصورت درميانه قد هوا.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلی اللہ علیہ وسلم أَفْلَجَ الثَّنِيَّتَيْنِ ،إِذَا تَكَلَّمَ رُئِيَ كَالنُّورِ يَخْرُجُ مِنْ بَيْنِ ثَنَايَاهُ
    ترجمو: حضرت ابن عباس ﷦ کان روايت آهي فرمايائين ته رسول الله ﷺ جن جا ڏند مبارڪ ڇڊا هوا ۽ جڏهن ڳالهائيندا هوا ته اڳين ڏندن مان نور وانگر تجلي نڪرندي هئي.


    باب 2. (مُهر نبوت جي باري

    باب ما جاء في خاتم النبوة
    انهن روايتن ۾ جي مُهر نبوت جي باري ۾ آيون آهن
    عَنِ الْجَعْدِ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمَنِ ، قَالَ : سَمِعْتُ السَّائِبَ بْنَ يَزِيدَ ، يَقُولُ : ذَهَبَتْ بِي خَالَتِي إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَتْ : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِنَّ ابْنَ أُخْتِي وَجِعٌ فَمَسَحَ رَأْسِي وَدَعَا لِي بِالْبَرَكَةِ ، وَتَوَضَّأَ ، فَشَرِبْتُ مِنْ وَضُوئِهِ ، وَقُمْتُ خَلْفَ ظَهْرِهِ ، فَنَظَرْتُ إِلَى الْخَاتَمِ بَيْنَ كَتِفَيْهِ ، فَإِذَا هُوَ مِثْلُ زِرِّ الْحَجَلَةِ
    ترجمو: حضرت جعد پٽ عبدالرحمان کان روايت آهي چيائين ته حضرت سائب پٽ يزيد کان ٻڌم چوي پيو ته منهنجي ماسيءَ مونکي رسول الله ﷺجي خدمت ۾ نيو. ۽ عرض ڪيائين ته اي رسول الله ﷺ منهنجو ڀاڻيجو بيمار آهي رسول الله ﷺ مان سائب جي مٿي تي هٿ ڦيرايو ۽ مون لاءِ برڪت جي دعا ڪئي پوءِ وضو ڪيائون ۽ مان سندن وضوءَ جي پاڻيءَ مان پيتم. ۽ سندن پٺيان بيٺم.مُهر نبوت سندن ٻنهين ڪلهن جي وچ ۾ هئي. اها ڏوليءَ جي بٽڻ وانگر هئي.
    عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ : رَأَيْتُ الْخَاتَمَ بَيْنَ كَتِفَيْ رَسُولِ اللهِ صلی اللہ علیہ وسلم ، غُدَّةً حَمْرَاءَ ، مِثْلَ بَيْضَةِ الْحَمَامَةِ
    ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة کان روايت آهي چيائين ته مُهر نبوت رسول الله ﷺ جي ٻن ڪلهن جي وچ ۾ ڏٺم.
    عَنْ عَاصِمِ بْنِ عُمَرَ بْنِ قَتَادَةَ ، عَنْ جَدَّتِهِ رُمَيْثَةَ ، قَالَتْ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلَوْ أَشَاءُ أَنْ أُقَبِّلَ الْخَاتَمَ الَّذِي بَيْنَ كَتِفَيْهِ مِنْ قُرْبِهِ لَفَعَلْتُ ، يَقُولُ لِسَعْدِ بْنِ مُعَاذٍ يَوْمَ مَاتَ : اهْتَزَّ لَهُ عَرْشُ الرَّحْمَنِ
    ترجمو: حضرت عاصم پٽ عمر پٽ فتادة جو پنهنجي ڏاڏيءَ حضرت رميشة کان روايت ٿو ڪري چيائين ته رسول الله ﷺ کان ريجهائي جي حالت ۾ جو جيڪر گهران ها ته سندن مُهر نبوت کي جا ٻن ڪلهن جي وچ ۾ هئي چمي ڏئي سگهان ها ٻڌم جو حضرت سعد پٽ معاذ جي باري ۾ جنهن ڏينهن فوت ٿيو عرش خداوندي ڏڪي ويو.
    عَنۡ إِبْرَاهِيمُ بْنُ مُحَمَّدٍ مِنْ وَلَدِ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَ : كَانَ عَلِيٌّ ، إِذَا وَصَفَ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَذَكَرَ الْحَدِيثَ بِطُولِهِ ، وَقَالَ : بَيْنَ كَتِفَيْهِ خَاتَمُ النُّبُوَّةِ ، وَهُوَ خَاتَمُ النَّبِيِّينَ
    ترجمو: حضرت ابراهيم پٽ محمد کان روايت آهي جو حضرت علي پٽ ابو طالب ﷦ جي اولاد مان آهي چيائين ته جڏهن حضرت عليؓ حضور جن جي صفت بيان ڪندو هو ته ڊگهي حديث بيان ڪندي فرمائيندو هو ته سندن ٻنهين ڪلهن جي وچ ۾ مُهر نبوت هئي ۽ پاڻ نبين جا پورا ڪندڙ هوا.کانئن پوءِ ڪو نبي نه ٿيندو.
    عَنۡ عَمْرُو بْنُ أَخْطَبَ الأَنْصَارِيُّ ، قَالَ : قَالَ لِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : يَا أَبَا زَيْدٍ ، ادْنُ مِنِّي فَامْسَحْ ظَهْرِي ، فَمَسَحْتُ ظَهْرَهُ ، فَوَقَعَتْ أَصَابِعِي عَلَى الْخَاتَمِ قُلْتُ وَمَا الْخَاتَمُ ، قَالَ شَعَرَاتٌ مُجْتَمِعَاتٌ
    ترجمو: حضرت عمر پٽ اخطب انصاري ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ مونکي فرمايو ته اي ابو زيد منهنجي ويجهو ٿيءُ پوءِ منهنجي پٺي ٺپيائون مان به سندن پٺيءَ تي هٿ گهمايا منهنجون آڱريون مهر نبوت کي لڳيون عمر جي شاگرد پڇيس ته مهر ڇا هئي؟ چيائين ته اڀريل وارن جي ڇڳي هئي.
    عَنۡ عَبْدُ اللهِ بْنُ بُرَيْدَةَ ، قَالَ : سَمِعْتُ أَبِي بُرَيْدَةَ ، يَقُولُ : جَاءَ سَلْمَانُ الْفَارِسِيُّ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حِينَ قَدِمَ الْمَدِينَةَ بِمَائِدَةٍ عَلَيْهَا رُطَبٌ ، فَوَضَعَهَا بَيْنَ يَدَيْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : يَا سَلْمَانُ مَا هَذَا ؟ فَقَالَ : صَدَقَةٌ عَلَيْكَ ، وَعَلَى أَصْحَابِكَ ، فَقَالَ : ارْفَعْهَا ، فَإِنَّا لا نَأْكُلُ الصَّدَقَةَ ، قَالَ : فَرَفَعَهَا ، فَجَاءَ الْغَدَ بِمِثْلِهِ ، فَوَضَعَهُ بَيْنَ يَدَيْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : مَا هَذَا يَا سَلْمَانُ فَقَالَ : هَدِيَّةٌ لَكَ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم لأَصْحَابِهِ : ابْسُطُوا ثُمَّ نَظَرَ إِلَى الْخَاتَمِ عَلَى ظَهْرِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَآمَنَ بِهِ ، وَكَانَ لِلْيَهُودِ فَاشْتَرَاهُ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، بِكَذَا وَكَذَا دِرْهَمًا عَلَى أَنْ يَغْرِسَ لَهُمْ نَخْلا ، فَيَعْمَلَ سَلْمَانُ فِيهِ ، حَتَّى تُطْعِمَ ، فَغَرَسَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، النَّخلَ إِلا نَخْلَةً وَاحِدَةً ، غَرَسَهَا عُمَرُ فَحَمَلَتِ النَّخْلُ مِنْ عَامِهَا ، وَلَمْ تَحْمِلْ نَخْلَةٌ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَا شَأْنُ هَذِهِ النَّخْلَةِ فَقَالَ عُمَرُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَنَا غَرَسْتُهَا ، فَنَزَعَهَا رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَغَرَسَهَا فَحَمَلَتْ مِنْ عَامِهَا
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ بريدة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته مان پنهنجي پيءُ بريدة کان ٻڌم چوي پيو ته حضرت سلمان فارسي جڏهن رسول الله ﷺ جي مدينه تشريف فرما ٿيا ته هڪ خونچه جنهن تي تازيون کارڪون به رکيل هيون. سندن اڳيان رکيون جنهن تي حضور جن فرمايو ته سلمان هي ڇا آهي؟ عرض ڪيائين ته هي توهان لاءِ ۽ توهان جي اصحابن لاءِ صدقو آهي. حضور جن فرمايو ته اهو کڻ. جو اسان صدقه نه کائندا آهيون پوءِ حضرت سلمان اهو خونچو کڻي ويو. وري ٻئي صبح جوساڳي طرح خونچو آندائين جنهن تي حضور جن فرمايو ته سلمان هي ڇا آهي؟ عرض ڪيائين ته هي حضور جن لاءِ سوکڙي آهي. پوءِ رسول الله ﷺ اصحابن کي فرمايو ته اڳي ٿي هٿ ڊگهو ڪريو. حضرت سلمان حضور جن جي پٺيءَ تي مهر نبوت ڏٺي ايمان آندائين ۽ ان وقت يهودين جو ٻانهو هو. پوءِ رسول الله ﷺ ان کي ڪجهه درهم ڏيئي هن لاءِ خريد ڪيو ته اسان جون کجيون پوکي پوءِ حضرت سلمان کجين جي سنڀار ۽ سڌار ڪندو رهيو جيسيتائين ڦر ڪرڻ لڳيون پوءِ پاڻ حضور جن سموريون کجيون پوکيون مگر هڪ کجي حضرت عمر ﷦ پوکي پوءِ سڀني کجين انهي سال ڦر ڪيو مگر کجي نه ڦَري حضور جن فرمايو ته هن کجيءَ ڦر ڇو نه ڪيو آهي حضرت عمر ﷦ عرض ڪيو ته اها کجي مون پوکي آهي. پوءِ حضور جن عليه السلام ان کي پٽي وري پوکيو ته انهي کجيءَ انهيءَ سال ۾ ئي ڦر ڪيو.
    عَنْ أَبِي نَضْرَةَ الْعَوَقِيِّ ، قَالَ : سَأَلْتُ أَبَا سَعِيدٍ الْخُدْرِيَّ ، عَنْ خَاتَمِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَعْنِي خَاتَمَ النُّبُوَّةِ ، فَقَالَ : كَانَ فِي ظَهْرِهِ بَضْعَةٌ نَاشِزَةٌ
    ترجمو: حضرت ابو نضرة﷦ کان روايت آهي چيائين ته ابو سعيد خدري﷦ کان رسول الله ﷺ جي مُهر نبوت جي پڇا ڪيم جنهن چيو ته مهر نبوت هڪ گوشت ٽڪرا ٿيل سندن پنيءَ ۾ هو.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ سَرْجِسَ ، قَالَ : أَتَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم وَهُوَ فِي نَاسٍ مِنْ أَصْحَابِهِ ، فَدُرْتُ هَكَذَا مِنْ خَلْفِهِ ، فَعَرَفَ الَّذِي أُرِيدُ ، فَأَلْقَى الرِّدَاءَ عَنْ ظَهْرِهِ ، فَرَأَيْتُ مَوْضِعَ الْخَاتَمِ عَلَى كَتِفَيْهِ ، مِثْلَ الْجُمْعِ حَوْلَهَا خِيلانٌ ، كَأَنَّهَا ثَآلِيلُ ، فَرَجَعْتُ حَتَّى اسْتَقْبَلْتُهُ ، فَقُلْتُ : غَفَرَ اللَّهُ لَكَ يَا رَسُولَ اللهِ ، فَقَالَ : وَلَكَ فَقَالَ الْقَوْمُ : أَسْتَغْفَرَ لَكَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَقَالَ : نَعَمْ ، وَلَكُمْ ، ثُمَّ تَلا هَذِهِ الآيَةَ ﴿وَاسْتَغْفِرْ لِذَنْبِكَ وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ﴾.
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ سرجس ﷦ کان روايت آهي چيائين ته مان حضور جن جي خذمت ۾ آيس پاڻ سنگت ۾ رُڌا ويٺا هوا مان سندن پٺيءَ مبارڪ ڏي ڦريس. حضور جن منهنجي ارادي کي سمجهيو ۽ پنهنجي پٺيءَ تان چادر لاٿائون مان مهر نبوت جي جاءِ کي ٻن ڪلهن جي وچ ۾ چڱي طرح ڏٺم جو هٿ جي مُٺ وانگر گوشت اڀريل هو ان جي چوڌاري تر هوا ڄڻ ته هڪ غدود اقيل هو پوءِ مان ڦري سامهون سندن خذمت ۾ ويٺم مان کين دعا ڪئي ته خدا توهان کي معافي ڏي پاڻ فرمايائون ته توکي به معافي ڏئي. سندن سنگت چيوته رسول الله ﷺمعافي گهري مون چيو ته هائو. ۽ توهان لاءِ به معافي گهريائين پوءِ هيءَ آيت پڙهيائين ته تون معافي گهر پنهنجي ڏوهه لاءِ. ۽ ايماندار مردن ۽ عورتن لاءِ.


    باب 3. حضرت رسول الله ﷺ جي وارن جي بيان ۾

    3- باب ما جاء في شعر رسول الله صلى الله عليه وسلم
    انهن حديثن جي بيان ۾ جي حضرت رسول الله ﷺ جي
    وارن جي بيان ۾ آيون آهن.
    عَنْ أنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ شَعَرُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِلَى نِصْفِ أُذُنَيْهِ
    ترجمو: حضرت اَنَس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي جو چيائين ته رسول الله ﷺ جا وار مبارڪ اڌ ڪنن تائين هوا.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ كُنْتُ أَغْتَسِلُ أَنَا وَرَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنْ إِنَاءٍ وَاحِدٍ ، وَكَانَ لَهُ شَعَرٌ فَوْقَ الْجُمَّةِ ، وَدُونَ الْوَفْرَةِ
    ترجمو:حضرت عائشه ؓ چيو ته مان ۽ رسول اللهﷺهڪ ٿانوَ مان تڙ ڪندا هواسون سندن وار مبارڪ ڪلهن کان مٿي هوندا هوا۽ڪڏهن ڪلهن تي پهچندا هوا.
    عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مَرْبُوعًا ، بَعِيدَ مَا بَيْنَ الْمِنْكَبَيْنِ ، وَكَانَتْ جُمَّتُهُ تَضْرِبُ شَحْمَةَ أُذُنَيْهِ
    ترجمو: حضرت براءَ پٽ عازب ﷦ چيو ته حضور جن عليه السلام درميانه قد هوا ۽ موڪري سيني هوا ۽ سندن وار مبارڪ ڪلهن ۾ پاپڙين تائين هوندا هوا.
    عَنْ قَتَادَةَ ، قَالَ : قُلْتُ لأَنَسٍ : كَيْفَ كَانَ شَعَرُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَ : لَمْ يَكُنْ بِالْجَعْدِ ، وَلا بِالسَّبْطِ ، كَانَ يَبْلُغُ شَعَرُهُ شَحْمَةَ أُذُنَيْهِ
    ترجمو: حضرت قتادة ﷦ چيو ته مون حضرت انس ﷦ کي عرض ڪيو ته حضور جن جا وار ڪيئن هوا؟ چيائين ته سندن وار مبارڪ نه تمام گهنجڙي دار هوا ۽ نه تمام سڌا هوا. ۽ سندن وار مبارڪ ڪنن جي پاپڙين تائين پهچندا هوا.
    عَنْ أُمِّ هَانِئٍ بِنْتِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَتْ : قَدِمَ رَسُولُ اللهِ ﷺ مَكَّةَ قَدْمَةً ، وَلَهُ أَرْبَعُ غَدَائِرَ
    ترجمو: حضرت ام هاني رضي الله عنها ابو طالب جي نياڻي چيو ته اسان وٽ رسول الله ﷺ هڪ دفعه مڪه ۾ آيو ته سندن وار چار حصا هوا.
    عَنْ أنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ شَعَرُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِلَى نِصْفِ أُذُنَيْهِ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي جو چيائين ته رسول اللهﷺ جا وار مبارڪ اڌ ڪنن تائين هوا.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ رضی اللہ عنھما أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم كَانَ يُسْدِلُ شَعَرَهُ ، حَدَّثَنَا عَبْدُ اللهِ بْنُ الْمُبَارَكِ ، عَنْ يُونُسَ بْنِ يَزِيدَ ، عَنِ الزُّهْرِيِّ ، قَالَ حَدَّثَنَا عُبَيْدُ اللهِ بْوَكَانَ الْمُشْرِكُونَ يَفْرِقُونَ رُؤُوسَهُمْ ، وَكَانَ أَهْلُ الْكِتَابِ يُسْدِلُونَ رُؤُوسَهُمْ ، وَكَانَ يُحِبُّ مُوَافَقَةَ أَهْلِ الْكِتَابِ فِيمَا لَمْ يُؤْمَرْ فِيهِ بِشَيْءٍ ، ثُمَّ فَرَقَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم رَأْسَهُ
    ترجمو: حضرت عباس رضي الله عنهما چيو ته رسول الله ﷺ پنهنجن وارن کي ڇڏي ڏيندا هوا ۽ مشرڪ مٿي ۾ سينڌ ڪڍندا هوا. ۽ اهل ڪتاب بغير سينڌ جي ڇڏي ڏيندا هوا ۽ حصور جن اهل ڪتاب جي موافقت کي پيارو گهرندا هوا. انهن ڳالهين ۾ جن ۾ خدا طرفان ڪو حڪم آيل نه هوندو هو ان کان پوءِ حضور جن مٿي جي وپارن جي سينڌ ڪڍندا هوا.
    عَنْ أُمِّ هَانِئٍ ، قَالَتْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ذَا ضَفَائِرَ أَرْبَعٍ
    ترجمو: حضرت ام هاني رضي عنها چيو ته مان حضور جن جا وار چار حصا ٿيل ڏٺم.


    باب 4. رسول الله ﷺ جي ڦڻي ڏيڻ جي باري

    4- باب ماجآء فی ترجل رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن روايتن ۾جي رسول الله ﷺ جي ڦڻي ڏيڻ
    جي باري ۾ آيون آهن
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كُنْتُ أُرَجِّلُ رَأْسَ رَسُولِ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم وَأَنَا حَائِضٌ
    ترجمو: حضرت عائشه رضي الله تعالي عنها چيو ته مان حضور جن جي مٿي مبارڪ کي حيض جي حالت ۾ ڦڻي ڏيندي هيس.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يُكْثِرُ دَهْنَ رَأْسِهِ وَتَسْرِيحَ لِحْيَتِهِ ، وَيُكْثِرُ الْقِنَاعَ حَتَّى كَأَنَّ ثَوْبَهُ ، ثَوْبُ زَيَّاتٍ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ چيو ته حضور جن پنهنجي مٿي ۾ تيل گهڻو هڻندا هوا ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ڦڻي به گهڻي ڏيندا هوا ۽ پنهنجي پڳ هيٺان رومال به رکندا هوا ڄڻ ته سندن ڪپڙا مبارڪ چاڪيءَ وانگر هوا.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : إِنْ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم لَيُحِبُّ التَّيَمُّنَ فِي طُهُورِهِ إِذَا تَطَهَّرَ ، وَفِي تَرَجُّلِهِ إِذَا تَرَجَّلَ ، وَفِي انْتِعَالِهِ إِذَا انْتَعَلَ
    حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها چيو ته حضور جن عليه السلام پاڪائي ڪرڻ ۾ ۽ ڦڻي ڏيڻ ۾ ۽ جُتي پائڻ ۾ سڄي پاسي کان شروع ڪرڻ پسند ڪندا هوا.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مُغَفَّلٍ ، قَالَ : نَهَى رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم عنِ التَّرَجُّلِ ، إِلا غِبًّا
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ مغفل چيو ته رسول الله ﷺ (روزانه) ڦڻي ڏيڻ کان م،نع ڪئي مگر ٻئي ڏينهن تي ڦڻي ڏيو.
    عَنْ رَجُلٍ مِنْ أَصْحَابِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يَتَرَجَّلُ غِبًّا
    ترجمو: اصحاب نبي مان هڪ مرد چيو ته رسول اللهﷺ هڪ نه ٻئي ڏينهن ڦڻي ڏيندا هوا.


    باب 5. حضور جن جي سفيد وارن جي باري ۾

    5- باب ما جاء في شيب رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن روايتن جي حضور جن جي سفيد وارن
    جي باري ۾ آيون آهن
    عَنْ قَتَادَةَ ، قَالَ : قُلْتُ لأَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : هَلْ خَضَبَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَ : لَمْ يَبْلُغْ ذَلِكَ ، إِنَّمَا كَانَ شَيْبًا فِي صُدْغَيْهِ وَلَكِنْ أَبُو بَكْرٍ ، خَضَبَ بِالْحِنَّاءِ وَالْكَتَمِ
    ترجمو: حضرت قتاده چيو ته مان حضرت انس پٽ مالڪ کي چيو ته حضور هن وارن کي رنگ ڪيوهو چيائين ته پاڻ رنگ جي حد کي نه پهتا هوا. رڳو ٿورا اڇا وار لوندڙين مبارڪن ۾ هوا پر حضرت ابوبڪر ﷦ مينديءَ ۽ ڪيس سان رنگ ڪيو هو.
    عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : مَا عَدَدْتُ فِي رَأْسِ رَسُولِ اللهِ ﷺ وَلِحْيَتِهِ ، إِلا أَرْبَعَ عَشْرَةَ شَعَرَةً بَيْضَاءَ
    ترجمو: حضرتانس ﷦ چيوته مان حضور جن عليه السلام جي مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ رڳو چوڏنهن وار اڇا ڳڻيا هوا.
    عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ جَابِرَ بْنَ سَمُرَةَ ، وَقَدْ سُئِلَ عَنْ شَيْبِ رَسُولِ اللهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّم ، فَقَالَ : كَانَ إِذَا دَهَنَ رَأْسَهُ لَمْ يُرَ مِنْهُ شَيْبٌ ، وَإِذَا لَمْ يَدْهِنْ رُئِيَ مِنْهُ شَيْءٌ
    ترجمو: حضرت سماڪ پٽ حرب فرمايو ته مان حضرت جابر پٽ سمرة کان ٻڌم جو حضور جن جي اڇن وارن بابت ڪيو پيو وڃي.چيائين ته جڏهن پاڻ تيل هڻندا هوا ته به اڇا ڏسڻ ۾ نه ايندا هوا ۽ جڏهن اڻڀا هوندا هوا ته ڪجهه ٿورڙا ڏسڻ ۾ ايندا هوا.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ عُمَرَ ، قَالَ : إِنَّمَا كَانَ شَيْبُ رَسُولِ اللهِ ﷺ نَحْوًا مِنْ عِشْرِينَ شَعَرَةً بَيْضَاءَ
    ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ چيو ته رسول الله ﷺ جا اڇا وار مبارڪ رڳو ويهن جيترا وار اڇا هوا.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : قَالَ أَبُو بَكْرٍ : يَا رَسُولَ اللهِ ، قَدْ شِبْتَ ، قَالَ : شَيَّبَتْنِي هُودٌ ، وَالْوَاقِعَةُ ، وَالْمُرْسَلاتُ ، وَعَمَّ يَتَسَاءَلُونَ ، وَإِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ
    حضرت ابن عباس ﷦ کان روايت آهي چيائين ته عرض ڪيو حضرت ابوبڪر ﷦ ته اي رسول الله! سچ پچ توهان پوڙها ٿيا آهيو؟ فرمايائون ته سوره هود،واقعة، عم يتساءلون ۽ اذا الشمس ڪُورت پوڙهو ڪيو آهي.
    عَنْ أَبِي جُحَيْفَةَ ، قَالَ : قَالُوا : يَا رَسُولَ اللهِ ، نَرَاكَ قَدْ شِبْتَ ، قَالَ : قَدْ شَيَّبَتْنِي هُودٌ وَأَخَوَاتُهَا
    ترجمو: حضرت ابو جحيفة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته صحابن عرض ڪيو ته يا رسول الله ! اسان توهان کي پوڙهو ٿا ڏسون فرمايائون سوره هود ۽ ان جهڙين سورتن مونکي پوڙهو ڪيو آهي.
    عَنْ أَبِي رِمْثَةَ التَّيْمِيِّ ، تَيْمِ الرَّبَابِ ، قَالَ : أَتَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، وَمَعِي ابْنٌ لِي ، قَالَ : فَأَرَيْتُهُ ، فَقُلْتُ لَمَّا رَأَيْتُهُ : هَذَا نَبِيُّ اللهِ صلى الله عليه وسلم وَعَلَيْهِ ثَوْبَانِ أَخْضَرَانِ ، وَلَهُ شَعَرٌ قَدْ عَلاهُ الشَّيْبُ ، وَشَيْبُهُ أَحْمَرُ
    ترجمو: حضرت ابو رمشة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته مان حضور جن جي خدمت ۾ پٽ سوڌو آيس.پوءِ مونکي رسول الله ﷺڏيکاريو ويو.جڏهن کين ڏٺم ته چيم ته الله جو نبي هيءُ آهي ۽ مٿن ٻه ساوا ڪپڙا هوا سندن وارن تي سفيدي ظاهر هئي. ۽ ٻڍاپڻ سرخ هو.
    عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، قَالَ : قِيلَ لِجَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ : أَكَانَ فِي رَأْسِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم شَيْبٌ ، قَالَ : لَمْ يَكُنْ فِي رَأْسِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، شَيْبٌ إِلا شَعَرَاتٌ فِي مَفْرِقِ رَأْسِهِ ، إِذَا ادَّهَنَ وَارَاهُنَّ الدُّهْنُ
    ترجمو: حضرت سماڪ بن حرب کان روايت آهي چيائين ته جابر پٽ سمرة کي چيو ويو ته رسول الله ﷺ جي مٿي جي وارن ۾ اڇاڻ هئي چيائين ته رسول الله ﷺ جي مٿي ۾ سفيدي نه هئي مگر سندن سينڌ ۾ ڪي وار اڇا هوا. ۽ جڏهن تيل لڳائيندا هوا ته انهن کي تيل لڪائي ڇڏيندو هو.


    باب 6. حضور جن ﷺجي وارن جي رنگ ڪرڻ ۾

    6 - باب ما جاء في خضاب رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور جن ﷺجي وارن
    جي رنگ ڪرڻ ۾ آيون آهن.
    عَنۡ أَبُی رِمْثَةَ ، قَالَ : أَتَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم مَعَ ابْنٍ لِي ، فَقَالَ : ابْنُكَ هٰذَا فَقُلۡتُ نَعَمۡ، أَشْهَدُ بِهٖ قَالَ : لا يَجْنِي عَلَيْكَ ، وَلا تَجْنِي عَلَيْهِ ، قَالَ : وَرَأَيْتُ الشَّيْبَ أَحْمَرُ۔
    ترجمو: حضرت ابو رمشة کان روايت آهي ته مان حضور جن جي خذمت ۾ پٽ سوڌو آيس فرمايائون ته هي تنهنجو پٽ آهي؟ چيم ته هائو. توهان ان جا شاهد هجو. فرمايائون ان جي ڏوهه جو وبال توتي نه آهي ۽ نه تنهنجو ان تي راويءَ فرمايو ته سندن پوڙهاپو ڪڪاهينءَ تي ڏٺم.
    عَنْ عُثْمَانَ بْنِ مَوْهَبٍ ، قَالَ : سُئِلَ أَبُو هُرَيْرَةَ : هَلْ خَضَبَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ،
    قَالَ : نَعَمْ
    ترجمو: حضرت عثمان پٽ مرهب کان روايت آهي حضرت ابو هريره﷦ کان پڇيو ويو ته حضور جن وارن کي رنگ ڪيو هو ڇا؟ چيائين ته هائو.
    عَنِ الْجَهْدَمَةِ ، امْرَأَةِ بِشْرِ ابْنِ الْخَصَاصِيَّةِ ، قَالَتْ : أَنَا رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَخْرُجُ مِنْ بَيْتِهِ يَنْفُضُ رَأْسَهُ وَقَدِ اغْتَسَلَ ، وَبِرَأْسِهِ رَدْعٌ مِنْ حِنَّاءٍ أَوْ قَالَ : رَدْغٌ شَكَّ فِي هَذَا الشَّيْخُ
    ترجمو: حضرت جهد مة بشير پٽ خصاصية جي گهرواريءَ روايت ڪندي فرمايو ته رسول الله ﷺ کي پنهنجي گهر کان نڪرندي مون مٿو ڇنڊيندو ڏٺم جو غسل ڪيو هوائون ۽ سندن مٿي ۾ ڪجهه خوشبو جو اثر هو يا مينديءَ جو. انهن ٻنهين ڳالهين ۾ استاد شڪ ڪيو.
    عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ رَأَيْتُ شَعَرَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مَخْضُوبًا قَالَ : حَمَّادُ وَاَخۡبَرۡنَا عَبۡدُ اللہِ بِنۡ مُحَمّدِبۡنِ عَقِیۡلٍ قَالَ : رَأَيْتُ شَعَرَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مَخْضُوبًا عِنۡدَ اَنَسِ بِنۡ مَالِکٍ مَخۡضُوۡبًا
    حضرت انس ﷦ کان روايت آهي ته مان رسول الله ﷺ جا وار مبارڪ رڱي لڏٺم حماد چيو ۽ اسان کي عبدالله پٽ محمد پٽ عقيل خبر ڏني.چيائين رسول الله ﷺ جا وار مبارڪ انس بن مالڪ وٽ رڱيل ڌٺم.


    باب 7. حضور جن جي سرمه پائڻ جي باري ۾

    7- باب ما جاء في ڪڪکحل رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور جن جي سرمه پائڻ
    جي باري ۾ آيون آهن.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : اكْتَحِلُوا بِالإِثْمِدِ ، فَإِنَّهُ يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ وَزَعَمَ أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَتْ لَهُ مُكْحُلَةٌ يَكْتَحِلُ مِنْهَا كُلَّ لَيْلَةٍ ، ثَلاثَةً فِي هَذِهِ ، وَثَلاثَةً فِي هَذِهِ
    حضرت ابن عباس ﷦ چيو ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته سرمه پائيندا ڪريو جو هو اکين ۾ روشني پيدا ڪندو آهي ۽ پنبڙين جا وار گهاٽا ڄمائيندو آهي. ۽ هيئن به فرمايائون ته حضور جن وٽ هڪ سرميداني هئي جو هر رات ٽي سرايون هِن اک ۾ ۽ ٽي سرايون هُن اک ۾.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَّ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَكْتَحِلُ قَبْلَ أَنْ يَنَامَ بِالإِثْمِدِ ، ثَلاثًا فِي كُلِّ عَيْنٍ ، وَقَالَ يَزِيدُ بْنُ هَارُونَ ، فِي حَدِيثِهِ : إِنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَتْ لَهُ مُكْحُلَةٌ يَكْتَحِلُ مِنْهَا عِنْدَ النَّوْمِ ، ثَلاثًا فِي كُلِّ عَيْنٍ
    ترجمو: حضرت ابن عباس ﷦ چيو ته حضور جن ﷺ ننڊ کان اڳ ٽي ٽي سرايون هر هڪ اک ۾ پائيندا هوا. ۽ يزيد پٽ هارون پنهنجي حديث ۾ چيو ته حضور جن ﷺ جن وٽ سرميداني هئي جو ننڊ ڪرڻ مهل هر هڪ اک ۾ ٽي ٽي سرايون وجهندا هوا.
    عَنْ جَابِرٍ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : عَلَيْكُمْ بِالإِثْمِدِ عِنْدَ النَّوْمِ ، فَإِنَّهُ يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ
    ترجمو: حضرت جابر ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ننڊ وقت سرمو ضرور پائيندا ڪريو جو هو اکين جي روشنائي ۽ پنبڙين جا وار ڄمائيندو آهي.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ خَيْرَ أَكْحَالِكُمُ الإِثْمِدُ ، يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ
    ترجمو: حضرت ابن عباس ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته بهتر سرمه اوهان لاءِ ڪارو آهي جو هو اکين ۾ روشني ۽ پنبڙين جا گهاٽا وار ڄمائيندو آهي.
    عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : عَلَيْكُمْ بِالإِثْمِدِ ، فَإِنَّهُ يَجْلُو الْبَصَرَ ، وَيُنْبِتُ الشَّعْرَ
    ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول اللهﷺ فرمايو ته ڪارو سرمه پائيندا ڪريو جو هو اکين جي روشنائي ۽ پنبڙين جا گهاٽا وار ڄمائيندو آهي.


    باب 8. حضور جن جي پوشاڪ جي باري ۾

    8ـ باب ما جاء في لباس رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور جن جي پوشاڪ
    جي باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : كَانَ أَحَبَّ الثِّيَابِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم الْقَمِيصُ
    ترجمو: حضرت ام سلمة رضي الله عنها کان روايت آهي چيائين ته حضورجنﷺ جن کي پيارو ڪپڙو قميص هئي.
    عَنۡھَا قَالَتْ : كَانَ أَحَبَّ الثِّيَابِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَلْبَسُهُ ، الْقَمِيصُ
    ۽ ان کان ٻي روايت ۾ آهي ته پيارو ڪپڙو جو ڍڪيندا هوا ته اها قميص هئي.
    عَنْ أَسْمَاءَ بِنْتِ يَزِيدَ ، قَالَتْ : كَانَ كُمُّ قَمِيصِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِلَى الرُّسْغِ
    ترجمو: حضرت اسماء ڌي يزيد کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ جي قميص جون ٻانهون ڪرائين تائين هيون.
    عَنْ مُعَاوِيَةَ بْنِ قُرَّةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ أَتَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلىﷺ فِي رَهْطٍ مِنْ مُزَيْنَةَ لِنُبَايِعَهُ ، وَإِنَّ قَمِيصَهُ لَمُطْلَقٌ ، أَوْ قَالَ : زِرُّ قَمِيصِهِ مُطْلَقٌ قَالَ : فَأَدْخَلْتُ يَدِي فِي جَيْبِ قَمِيصِهِ ، فَمَسَسْتُ الْخَاتَمَ
    ترجمو: حضرت معاويه پٽ قرة کان روايت آهي چيائين ته رسول اللهﷺ وٽ قبيله مزينة جي هڪ جماعت سان بيعت ڪرڻ لاءِ آيس جو سندن قميص ڪپيل هئي يا چيائين ته مون سندن قميص جا بٽڻ کليل هوا پوءِ چيائين ته مون سندن قميص جي گريبان مان هٿ وجهي سندن مهر نبوت کي هٿ لاتو.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم خَرَجَ وَهُوَ يَتَّكِئُ عَلَى أُسَامَةَ بْنِ زَيْدٍ عَلَيْهِ ثَوْبٌ قِطْرِيٌّ ، قَدْ تَوَشَّحَ بِهِ ، فَصَلَّى بِهِمْ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته حضور جن عليه السلام نڪتا ته حضرت امامة پٽ يزيد تي ٽيڪ ڪري، جو مٿن يمني چادر ڇنڀيل هئي ۽ سندن ڪلهن تي ويڙهيل هئي ۽ انهن ڪپڙن سان جماعت کي نماز پڙهايائون.
    عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، إِذَا اسْتَجَدَّ ثَوْبًا سَمَّاهُ بِاسْمِهِ عِمَامَةً أَوْ قَمِيصًا أَوْ رِدَاءً ، ثُمَّ يَقُولُ : اللَّهُمَّ لَكَ الْحَمْدُ كَمَا كَسَوْتَنِيهِ ، أَسْأَلُكَ خَيْرَهُ وَخَيْرَ مَا صُنِعَ لَهُ ، وَأَعُوذُ بِكَ مِنْ شَرِّهِ وَشَرِّ مَا صُنِعَ لَهُ
    ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور جن جڏهن نئون ڪپڙو ڍڪيندا هوا ته ان جو خاص نالو وٺي پٽڪو يا قميص يا چادر ته پوءِ فرمائيندا هوا ته اي الله تعاليٰ توکي لائق آهن سموريون تعريفون . هن ڪپڙي جي ڍڪائڻ تي.توکان ئي ان جي بهتري گهران ٿو ۽ بهتري ان جي جنهن لاءِ تيار ڪيل آهي ۽ توکان ئي ان جي برائي کان پناهه گهران ٿو ۽ برائي ان معامله جي جنهن لاءِ ٺاهيل آهي.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ أَحَبَّ الثِّيَابِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَلْبَسُهُ الْحِبَرَةُ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ﷦ کان روايت آهي ته حضورﷺ جيڪي ڪپڙا ڍڪيندا هوا تن مان يمني چادرن کي پسند فرمائيندا هوا.
    عَنْ عَوْنِ بْنِ أَبِي جُحَيْفَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، وَعَلَيْهِ حُلَّةٌ حَمْرَاءُ ، كَأَنِّي أَنْظُرُ إِلَى بَرِيقِ سَاقَيْهِ قَالَ سُفْيَانُ : أُرَاهَا حِبَرَةً
    ترجمو: حضرت عون پٽ ابي جحيفة پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري ته مون حضور جن کي ڳاڙهي پوشاڪ ۾ ڏٺو يعني يمن جي ڇنڀيلن ڳاڙهين چادرن ۾ ڄڻ ته سندن پنن مبارڪن جي چمڪارن کي ڏسان ٿو.حضرت سفيان وٽ حلة حمراء يعني ڇنڀيل چادرون.
    عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ ، قَالَ : مَا رَأَيْتُ أَحَدًا مِنَ النَّاسِ أَحْسَنَ فِي حُلَّةٍ حَمْرَاءَ ، مِنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، إِنْ كَانَتْ جُمَّتُهُ لَتَضْرِبُ قَرِيبًا مِنْ مَنْكِبَيْهِ
    ترجمو: حضرت براء پٽ عازب ﷦ کان روايت آهي چيائين ته مون حضورﷺ کان وڌيڪ يمني چادرن ۾ ڪو خوبصورت نه ڏٺو. هن ۾ شڪ نه آهي ۽ سندن وار مبارڪ سندن ڪلهن مبارڪن کي ويجها ٿيندا هوا.
    عَنْ أَبِي رِمْثَةَ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، وَعَلَيْهِ بُرْدَانِ أَخْضَرَانِ
    ترجمو: حضرت ابو رمشہ ﷦ کان روايت آهي ته مان حضور ﷺ کي ڏٺو ته کين ٻه سايون چادران ڍڪيل هيون.
    عَنْ قَيْلَةَ بِنْتِ مَخْرَمَةَ ، قَالَتْ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم وَعَلَيْهِ أَسْمَالُ مُلَيَّتَيْنِ ، كَانَتَا بِزَعْفَرَانٍ ، وَقَدْ نَفَضَتْهُ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ طَوِيلَةٌ
    ترجمو: حضرت قيلة ڌي مخزمة کان روايت آهي چيائين ته مون حضورﷺ کي ٻن پرانين چادرن زعفران سان رڱيلن ۾ ڏٺو. انهن جو رنگ لهي ويو هو. هن حديث ۾ قصو ڊگهو آهي( جو مصنف ڪتاب ۾ داخل نه ڪيو آهي)
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : عَلَيْكُمْ بِالْبَيَاضِ مِنَ الثِّيَابِ ، لِيَلْبِسْهَا أَحْيَاؤُكُمْ ، وَكَفِّنُوا فِيهَا مَوْتَاكُمْ ، فَإِنَّهَا مِنْ خِيَارِ ثِيَابِكُمْ
    حضرت ابن عباس رضي الله عنهما کان روايت آهي چيائين ته رسول اللهﷺ فرمايو ته توهان اڇا ڪپڙا ڍڪيندا ڪريو توهان مان جيئرا به اهي ڍڪن ۽ پنهنجن مئن کي به انهن ۾ ڪفن ڏيو. هن ڪري جو اڇو ڪپڙو تمام سٺو ڪپڙو آهي.
    عَنْ سَمُرَةَ بْنِ جُنْدُبٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : الْبَسُوا الْبَيَاضَ ، فَإِنَّهَا أَطْهَرُ وَأَطْيَبُ ، وَكَفِّنُوا فِيهَا مَوْتَاكُمْ
    ترجمو: حضرت سمرة پٽ جندب ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور جن ﷺ فرمايو ته توهان اڇا ڪپڙا ڍڪيو. ڇو ته اهي نهايت پاڪ ۽ سٺا آهن ۽ پنهنجن سينن کي به انهن مان ڪفن ڍڪايو.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : خَرَجَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ذَاتَ غَدَاةٍ ، وَعَلَيْهِ مِرْطٌ مِنْ شَعَرٍ أَسْودَ
    ترجمو: حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي ته حضور ﷺ هڪ ڏينهن صبح جو ٻاهر نڪتا ته مٿن ڪارن وارن (ڏاس يا ان) جي چادر هئي.
    عَنْ عُرْوَةَ بْنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ شُعْبَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، لَبِسَ جُبَّةً رُومِيَّةً ، ضَيِّقَةَ الْكُمَّيْنِ
    ترجمو: حضرت عروة پٽ مغيرة پٽ شعبة پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي آهي ته رسول الله ﷺ رومي جبو ڍڪيو جنهن جون ٻانهون سوڙهيون هيون.


    باب 9. رسول الله ﷺ جي گذران جي باري ۾

    9ـ باب ماجاء في عيش رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي گذران
    جي باري ۾ آيون آهن.
    عن محمد بن سيرين ، قال كُنَّا عِنْدَ أَبِى هُرَيْرَةَ رضي الله عنه وَعَلَيْهِ ثَوْبَانِ مُمَشَّقَانِ مِنْ كَتَّان فَتَمَخَّطَ في أحدهما . فَقَالَ أَبُو هُرَيْرَةَ : بَخْ بَخْ يَتَمَخَّطُ أَبُو هُرَيْرَةَ فِى الْكَتَّانِ . لَقَدْ رَأَيْتُنِي وَإِنِّى لأَخِرُّ فِيمَا بَيْنَ مِنْبَرِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم وحُجْرَةِ عَائِشَةَ رضي الله عنها مَغْشِيًّا عَلَيَّّ ، فَيَجِىءُ الْجَانِى فَيَضَعُ رِجْلَهُ عَلَى عُنُقِى ، يُرَى أَنّ بِي جْنُونٌا ، وَمَا بِي جُنُونٍ ، ومَا هو إِلاَّ الْجُوعُ
    ترجمو:حضرت محمد پٽ سيرين کان روايت آهي چيائين ته اسين حضرت ابو هريره ﷦ وٽ هواسون ته مٿن ٻه ڪپڙا سلڪ جا رڱيل هوا ان ۾ پنهنجو نڪ صاف ڪيائون پوءِ فرمايائون ته افسوس جو ابو هريره﷦ (هن وقت) سلڪ ۾پنهنجو نڪ صاف ڪري ٿو (فرمايائين) ضرور ڏٺ مان پاڻ کي جو سچ پچ مان رسول الله ﷺ جي حجري ۽ حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها جي حجري جي وچ ۾ بيهوش ڪريو پيو هوندو هوس پوءِ مون تان لانگهائو لنگهيندي خيال ڪندا هوا ته مونکي چريائي آهي ۽ منهنجي ڪنڌ تي پير رکندا هوا ۽ حالانڪه مان چريو ڪون هوس مونکي رڳو بک چريو ڪندي هئي.
    عن مالك بن دينار قال مَا شَبِعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنْ خُبْزٍ قَط ، وَلَحم إِلاَّ عَلى ضفَفَ قال مالك بن دينار سألت رجلا من أهل البادية : ما الضفف ؟ فقال: أن يتناول مع الناس
    ترجمو: حضرت مالڪ بن دينار کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ ماني مان ڪڏهن به ڍؤ ڪري نه کاڌو ۽ نه گوشت سان مگر ضعف جي حالت ۾. مالڪ چيو ته ٻاهراڙيءَ جي هڪ مرد کان پڇيم ته ضعف جي معنيٰ ڇا آهي چيائين ته ماڻهن سان ڇڏجي کائڻ.


    باب 10. رسول الله ﷺ جي موزي ڍڪڻ جي باري ۾

    10 ـ باب ما جاء في خف رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي موزي ڍڪڻ
    جي باري ۾ آيون آهن.
    عَنِ اَبِیۡ بُرَيْدَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، أَنَّ النَّجَاشِيَّ أَهْدَى لِلنَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، خُفَّيْنِ ، أَسْوَدَيْنِ ، سَاذَجَيْنِ ، فَلَبِسَهُمَا ثُمَّ تَوَضَّأَ وَمَسَحَ عَلَيْهِمَا
    ترجمو: حضرت ابو بريده پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته نجاشي ( حبش جي بادشاهه) نبي ﷺ لاءِ ٻه ڪارا موزا موڪليا.پوءِ پاڻ ڍڪيائون تنهن کان پوءِ وضو ڪيائون ۽ موزن تي مسح يعني مَکُ ڪيائون.
    عَنِ الْمُغِيرَةُ بْنُ شُعْبَةَ : أَهْدَى دِحْيَةُ لِلنَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم خُفَّيْنِ ، فَلَبِسَهُمَا وَقَالَ إِسْرَائِيلُ : عَنْ جَابِرٍ ، عَنْ عَامِرٍ ، وَجُبَّةً فَلَبِسَهُمَا حَتَّى تَخَرَّقَا لا يَدْرِي النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، أَذِكًى هُمَا أَمْ لا
    ترجمو:حضرت مغيرة پٽ شعبة ﷦ کان روايت آهي حضرت دحية ﷦ حضور ﷺ کي ٻه موزا سوکڙي ڏنا حضرت اسرائين حضرت جابر کان ۽ حضرت جابر حضرت عامر کان روايت ڪئي ته هڪ جبو به هو پاڻ ٻنهين کي ڍڪيندا هوا تان جو پراڻا ٿي ويا. ٻنهين فرمايو ته هو ذبح ڪيل جانور جا آهن يا نه.


    باب 11. رسول الله ﷺ جي جُتي مبارڪ ۾

    11ـ باب ماجاء في نعل رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي جُتي مبارڪ
    ۾ آيون آهن.
    عَنۡ قَتَادَۃَ قُلْتُ لأَنَسِ بْنِ مَالِكٍ كَيْفَ كَانَ نَعْلُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَ : لَهُمَا قِبَالانِ
    ترجمو: حضرت قتادة﷦ کان روايت آهي ته مون حضرت انس پٽ مالڪ کي چيو ته حضور جن جا ڇٻا مبارڪ ڪيئن هوا؟ چيائين ته ان کي ٻه تسما لڳل هوا.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ لِنَعْلِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم قِبَالانِ ، مَثْنِيٌّ شِرَاكَهُمَا
    ترجمو: حضرت ابن عباس ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي ڇٻن مبارڪن کي اڳيان ٻه دوال يا تسما هوا جي ٻٽا هوا.
    عَنۡ عِيسَى بْنُ طَهْمَانَ ، قَالَ : أَخْرَجَ إِلَيْنَا أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ نَعْلَيْنِ جَرْدَاوَيْنِ ، لَهُمَا قِبَالانِ فقَالَ : فَحَدَّثَنِي ثَابِتٌ بَعْدُ عَنْ أَنَسُ ، أَنَّهُمَا كَانَتَا نَعْلَيِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم
    ترجمو: حضرت عيسيٰ پٽ طهمان کان روايت آهي ته حضرت انس پٽ مالڪ اسان وٽ اچي نڪتو جو کيس ٻه ڇٻا رڱيل چم جا هوا جو انهن کي ٻه دوال هوا. راوي چوي ٿو ته حصرت ثابت ان کان پوءِ حضرت انس کان پوءِ حضرت انس کان مونکي روايت ڪئي ته پڪ آهي ته ٻئي ڇٻا حضور ﷺ جا هوا.
    عَنْ عُبَيْدِ بْنِ جُرَيْجٍ ، أَنَّهُ قَالَ لابْنِ عُمَرَ : رَأَيْتُكَ تَلْبَسُ النِّعَالَ السِّبْتِيَّةَ ، قَالَ : إِنِّي رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَلْبَسُ النِّعَالَ الَّتِي لَيْسَ فِيهَا شَعَرٌ ، وَيَتَوَضَّأُ فِيهَا ، فَأَنَا أُحِبُّ أَنْ أَلْبَسَهَا
    ترجمو: حضرت عبيد پٽ جُريح کان روايت آهي چيائين ته مان حضرت ابن عمر ﷦ کي عرض ڪيو ته مون توکي رڱيل کل جو ڇٻو ڍڪيندو ڏسان ٿو. چيائين ته مون رسول الله ﷺ کي ڇٻو ڍڪيندو ڏٺو. جنهن تي ڪو وار نه هو ان ۾ وضو به ڪندا هوا. تنهنڪري دل گهرندي آهي ته اهو ڍڪيان.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ لِنَعْلِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم قِبَالانِ
    ترجمو: حضرت ابو هريره﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي ڇٻن مبارڪن کي اڳيان ٻه دوال هوندا هوا.
    عَنۡ عَمْرَو بْنَ حُرَيْثٍ ، يَقُولُ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُصَلِّي فِي نَعْلَيْنِ مَخْصُوفَتَيْنِ
    ترجمو: حضرت عمرو پٽ حريث ﷦ کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ کي چَتِيءَ لڳل جتيءَ ۾ نماز پڙهندو ڏٺو.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : لا يَمْشِيَنَّ أَحَدُكُمْ فِي نَعْلٍ وَاحِدَةٍ ، لِيُنْعِلْهُمَا جَمِيعًا ، أَوْ لِيُحْفِهِمَا جَمِيعًا
    ترجمو: حضرت ابو هريره ﷦ کان روايت آهي ته حضور جن ﷺ فرمايو ته ڪوبه هڪ پادر سان نه گهمي. بلڪ ٻئي پادر ڪري گهمي يا ٻئي لاهي گهمي.
    عَنْ جَابِرٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم نَهَى أَنْ يَأْكُلَ ، يَعْنِي الرَّجُلَ ، بِشِمَالِهِ ، أَوْ يَمْشِيَ فِي نَعْلٍ وَاحِدَةٍ
    ترجمو: حضرت جابر ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ کٻي هٿ سان کائڻ کان منع ڪندا هوا. ۽ هڪ پير ۾ جتي پائڻ کان به.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : إِذَا انْتَعَلَ أَحَدُكُمْ فَلْيَبْدَأْ بِالْيَمِينِ ، وَإِذَا نَزَعَ فَلْيَبْدَأْ بِالشِّمَالِ ، فَلْتَكُنِ الْيَمِينُ أَوَّلَهُمَا تُنْعَلُ ، وَآخِرَهُمَا تُنْزَعُ
    ترجمو: حضرتابو هريره ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته ضرور سڄي کان شروع ڪري ۽ جڏهن جتي لاهي ته کٻي پير کي ڪڍي پوءِ ضرور سڄو پير پهريائين جتي ۾ وجهي ۽ کٻو پهريائين ڪڍجي.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ يُحِبُّ التَّيَمُّنَ مَا اسْتَطَاعَ فِي تَرَجُّلِهِ ، وَتَنَعُّلِهِ وَطُهُورِهِ
    ترجمو: حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت چيائين ته حضورﷺ ڦڻي ڏيڻ، جتي پائڻ ۽ پاڪائي ڪرڻ ۾ سڄي پاسي کان شروع ڪرڻ پسند ڪندا هوا.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ لِنَعْلِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم قِبَالانِ وَأَبِي بَكْرٍ وَعُمَرَ ، وَأَوَّلُ مَنْ عَقَدَ عَقْدًا وَاحِدًا عُثْمَانُ رضي الله عنه.
    ترجمو: حضرت ابو هريره ﷦ کان روايت چيائين ته حضور ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر ﷦ ۽ حضرت عمر ﷦ جي ڇٻن مبارڪن کي ٻه ٻه دوال هوندا هوا. ۽ پهريائين جنهن هڪ دوال شروع ڪيو سو حضرت عثمان ﷦ هو.


    باب 12. رسول الله ﷺ جي منڊي مبارڪ جي باري ۾

    12ـ باب ما جاء في ذكر خاتم رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾جي رسول الله ﷺ جي منڊي مبارڪ
    جي باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ خَاتَمُ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم مِنْ وَرِقٍ ، وَكَانَ فَصُّهُ حَبَشِيًّا
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ روايت ٿو ڪري ته حضور ﷺ جي منڊي مبارڪ چانديءَ جي هئي ۽ سندس ٽِڪ حبش ملڪ جي هئي.
    عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم اتَّخَذَ خَاتَمًا مِنْ فِضَّةٍ ، فَكَانَ يَخْتِمُ بِهِ وَلا يَلْبَسُهُ
    ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ مُهر جي منڊي چانديءَ مان ٺهرائي هئي ان سان مُهر هڻندا هوا. هٿ مبارڪ ۾ نه پائيندا هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : لَمَّا أَرَادَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم أَنْ يَكْتُبَ إِلَى الْعَجَمِ قِيلَ لَهُ إِنَّ الْعَجَمَ لا يَقْبَلُونَ إِلا كِتَابًا عَلَيْهِ خَاتَمٌ ، فَاصْطَنَعَ خَاتَمًا ، فَكَأَنِّي أَنْظُرُ إِلَى بَيَاضِهِ فِي كَفِّهِ
    ترجمو: حضرت انس بن مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته جڏهن حضور ﷺ عجمي بادشاهن ڏي خط لکڻ جو ارادو ڪيو ته کين عرض ڪيو ويو ته عجمي مهر کان سواءِ خط قبول نه ڪندا آهن جنهنڪري مهر ٺهرايائون.ڄڻ ته آءٌ ان منڊيءَ جي اڇڻ جي جهلڪ سندن هٿ مبارڪ ۾ ڏسان ٿو.
    وَعَنۡہُ قَالَ : كَانَ نَقْشُ خَاتَمِ رَسُولِ اللهِ ﷺ : مُحَمَّدٌ سَطْرٌ ، وَرَسُولٌ سَطْرٌ ، وَاللَّهُ سَطْرٌ
    ترجمو: ۽ حضرت انس ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جي مُهر ۾ ﷴ هڪ سٽ هئي ۽ رسول ٻي سٽ هئي ۽ الله ٽين سِٽ.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَتَبَ إِلَى كِسْرَى وَقَيْصَرَ وَالنَّجَاشِيِّ ، فَقِيلَ لَهُ : إِنَّهُمْ لا يَقْبَلُونَ كِتَابًا ، إِلا بِخَاتَمٍ ، فَصَاغَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، خَاتَمًا حَلْقَتُهُ فِضَّةٌ ، وَنُقِشَ فِيهِ : مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللهِ
    ترجمو:حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ چيو ته نبي ﷺ ڪسريٰ قيصر ۽ نجاشي ڏي خط لکيو کين عرض ڪيو ويو اهي مهر کان سواءِ خط قبول نه ڪندا آهن جنهن ڪري حضور ﷺ چانديءَ جي منڊي ٺهرائي ۽ ان ۾ محمد رسول الله لکارايو.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ إِذَا دَخَلَ الْخَلاءَ نَزَعَ خَاتَمَهُ
    حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ پاخانه ۾ ويندا هوا ته منڊي مبارڪ پاڻ سان نه نيندا هوا.
    عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : اتَّخَذَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، خَاتَمًا مِنْ وَرِقٍ ، فَكَانَ فِي يَدِهِ ثُمَّ كَانَ فِي يَدِ أَبِي بَكْرٍ ، وَيَدِ عُمَرَ ، ثُمَّ كَانَ فِي يَدِ عُثْمَانَ ، حَتَّى وَقَعَ فِي بِئْرِ أَرِيسٍ ، نَقْشُهُ : مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللهِ
    ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ چانديءَ جي مهر ٺهرائي ۽ سندن هٿ ۾هوندي هئي ان کان پوءِ حضرت ابوبڪر ﷦ جي هٿ ۾، ان کان پوءِ حضرت عمر ﷦ جي هٿ ۾، انکانپوءِ حضرت عثمان ﷦ جي هٿ ۾.تان جو اريس جي کوهه ۾ ڪري پئي ان ۾ ”محمد رسول الله“ لکيل هو.


    باب 13. حضور ﷺ منڊي سڄي هٿ ۾ رکندا هوا

    13ـ ما جآء فی ان النبی صلی اللہ علیہ وسلم کان یتختم فی یمینہٖ
    باب انهن حديثن ۾ته حضور ﷺ منڊي سڄي هٿ ۾ رکندا هوا
    عَنْ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ يَلْبَسُ خَاتَمَهُ فِي يَمِينِهٖ
    ترجمو: حضرت علي وٽ ابو طالب ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ منڊي مبارڪ سڄي هٿ ۾ پائيندا هوا.
    عن حماد بن سلمة ، قَالَ رأيت ابن أبي رافع يتختم في يَمِينِهِ وقَالَ عَبْدِ اللهِ بن جعفر : كان رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يتختم فِي يَمِينِهٖ
    حضرت حماد بن سلمة کان روايت آهي ته چيائين ته ابو رافع جي پٽ کي ڏٺم جو سڄي هٿ ۾ منڊي پائيندو هو ان بابت پڇيومانس چيائين ته مون عبدالله پٽ جعفر کي سڄي هٿ ۾ منڊي پائيندوڏٺم.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ جَعْفَرٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ جعفر ﷦ کان روايت آهي ته چيائين ته نبي ﷺ مهر جي منڊي سڄي هٿ ۾ ڪندا هوا.
    عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللهِ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ
    ترجمو: حضرت جابر پٽ عبدالله﷦ کان روايت آهي ته نبي ﷺ مهر سچي هٿ ۾ ڪندا هوا.
    عَنِ اَبِی الصَّلتِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : كَانَ ابْنُ عَبَّاسٍ ، يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ ، وَلا إِخَالُهُ إِلا قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ
    ترجمو: حضرت ابو الصلت پٽ عبدالله ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضرت ابن عباس ﷦ مهر واري منڊي سڄي هٿ ۾ ڪندو هو. ۽ منهنجو رڳو هي گمان آهي ته هن چيو ته حضور ﷺ مهر جي منڊي سڄي هٿ ۾ ڪندا هوا.
    عَنِ ابْنِ عُمَرَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم اتَّخَذَ خَاتَمًا مِنْ فِضَّةٍ ، وَجَعَلَ فَصَّهُ مِمَّا يَلِي كَفَّهُ ، وَنَقَشَ فِيهِ مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللهِ ، وَنَهَى أَنْ يَنْقُشَ أَحَدٌ عَلَيْهِ وَهُوَ الَّذِي سَقَطَ مِنْ مُعَيْقِيبٍ فِي بِئْرِ أَرِيسٍ
    ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺچانديءَ جي منڊي ٺهرائي سندس ٽڪ جو طرف هٿ جي تريءَ طرف هو ان ۾ ” محمد رسول الله“ لکيل هو ۽ ان جي ٻي مهر ڪرائڻ کان منع فرمايائون ۽ هيءَ اها مهر هئي جا حضرت معيقيب (حضرت عثمان ﷦جي خادم) کان اريس جي کوهه ۾ ڪري پئي.
    جَعْفَرٍ بۡنِ محمدٍعَنۡ اَبِیۡہِ قَالَ کَانَ الۡحَسَنُ وَالۡحُسَیۡنُ یَتَخَتَّمَانِ فِی یَسَارِھِمَا
    ترجمو: حضرت جعفر پٽ محمد پنهنجي والد کان روايت ڪئي چيائين حضرت امام حسن ۽ امام حسين مهر جي منڊي کٻي هٿ ۾ ڪندا هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّهُ صلى الله عليه وسلم كَانَ يَتَخَتَّمُ فِي يَمِينِهِ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ مهر جي منڊي سڄي هٿ ۾ رکندا هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ اَنِّ النَّبِیَّ صلی اللہ علیہ وسلم تَخَتَّمَ فِی یَسَارِہٖ وَھُوَ حَدِیۡثُ لَا یَصِحۡ اَیۡضًا
    ترجمو: حضرت انس ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ مهر جي منڊي کٻي هٿ ۾ رکندا هوا. (امام ترمذي فرمائي ٿو ته) هيءَ حديث صحيح نه آهي)
    عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : اتَّخَذَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم خَاتَمًا مِنْ ذَهَبٍ ، فَكَانَ يَلْبَسُهُ فِي يَمِينِهِ ، فَاتَّخَذَ النَّاسُ خَوَاتِيمَ مِنْ ذَهَبٍ فَطَرَحَهُ صلى الله عليه وسلم ، وَقَالَ لا أَلْبَسُهُ أَبدًا فَطَرَحَ النَّاسُ خَوَاتِيمَهُمْ
    ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ سوني منڊي ٺهرائي هئي ۽ هن کي سڄي هٿ ۾ رکندا هوا جنهن تي ماڻهو به سونيون منڊيون پائڻ لڳا حضورجن ﷺ ان منڊي کي ڦٽو ڪري ڇڏيو.فرمايائون ته آءٌ ان کي ڪڏهن به هٿ نه ڪندس پوءِ ماڻهن به سونيون منڊيون پائڻ ڇڏي ڏنيون.


    باب 14. رسول الله ﷺ جي تلوارجي باري ۾

    14ـ باب ماجاء في صفة سَيْفِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي تلوارجي
    باري ۾ آيون آهن
    عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : كَانَ قَبِيعَةُ سَيْفِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنْ فِضَّةٍ
    ترجمو: حضر انس ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي تلوار جو ڪرڙيو يعني مٺيو چانديءَ جو هو.
    عَنْ سَعِيدِ بْنِ أَبِي الْحَسَنِ ، قَالَ : كَانَتْ قَبِيعَةُ سَيْفِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنْ فِضَّةٍ
    ترجمو:حضرت سعيد پٽ ابوالحسن ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي تلوار جو ڪرڙيوچانديءَ جو هو.
    عَنْ هُودٍ وَهُوَ ابْنُ عَبْدِ اللهِ بْنِ سَعْدٍ ، عَنْ جَدِّهِ ، قَالَ : دَخَلَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مَكَّةَ يَوْمَ الْفَتْحِ وَعَلَى سَيْفِهِ ذَهَبٌ ، وَفِضَّةٌ ، قَالَ طَالِبٌ : فَسَأَلْتُهُ عَنِ الْفِضَّةِ ، فَقَالَ : كَانَتْ قَبِيعَةُ السَّيْفِ فِضَّةً
    ترجمو: حضرت هود پٽ عبدالله پٽ سعد ﷦ پنهنجي ڏاڏي کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺفتح مڪه جي ڏينهن مڪه ۾ داخل ٿيا ته سندن تلوار تي سون ۽ چاندي هئي. طالب راويءَ چيوته مون چانديءَ بابت پڇيو چيائين ته ترار جو ڪرڙيو چانديءَ جو هو.
    عَنِ ابۡنِ سِیۡرِینَ قَالَ صَنَعۡتُ سَیلِی عَلیٰ سَیۡفِ سَمۡرَۃَ بنِ جُنۡدُبٍ وَ زَعَمَ سَمۡرَۃُ اَنَّہٗ صُنِعَ سَیۡفُہٗ عَلیٰ سَیۡفِ رَسُوۡلِ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم وَ کَانَ حَنَفِیًّا
    ترجمو: حضرت ابن سيرين کان روايت آهي ته مون پنهنجي ترار سمرة پٽ جندب جي ترار جهڙي ٺهرائي ۽ سمرة چيو ته مون پنهنجي ترار حضور ﷺ جي ترار جهڙي ٺهرائي هئي ۽ اها ترار بنو حنيف قبيله جي ٺهيل هئي.


    باب 15. رسول الله ﷺ جي زرهه جي باري ۾

    15ـ باب ماجاء في صفة درع رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي زرهه جي
    باري ۾ آيون آهن
    عَنِ الزُّبَيْرِ بْنِ الْعَوَّامِ ، قَالَ : كَانَ عَلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ أُحُدٍ دِرْعَانِ ، فَنَهَضَ إِلَى الصَّخْرَةِ فَلَمْ يَسْتَطِعْ ، فَأَقْعَدَ طَلْحَةَ تَحْتَهُ ، وَصَعِدَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم حَتَّى اسْتَوَى عَلَى الصَّخْرَةِ ، قَالَ : سَمِعْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُ : أَوْجَبَ طَلْحَةُ
    ترجمو: حضرت زبير پٽ عوام کان روايت آهي چيائين رسول الله ﷺ جي بدن تي اُحد جي ڏينهن ٻه زرهون هيون پوءِ هڪ وڏي جبل تي چڙهڻ لڳا پر چڙهي نه سگهيا.پوءِ حضرت طلحة کي پنهنجي هيٺان ويهاري پاڻ مٿس چڙهي جبل تي چڙهي ويا راويءَ چيو ته حضور ﷺ کان ٻڌو جو فرمايائون ته طلحہ ﷦ پنهنجي لاءِ بهشت کٽيو.
    عَنِ السَّائِب بْنِ يَزِيدَ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ ﷺ ، كَانَ عَلَيْهِ يَوْمَ أُحُدٍ دِرْعَانِ ، قَدْ ظَاهَرَ بَيْنَهُمَا
    ترجمو: حضرت سائب پٽ يزيد کان روايت آهي ته حضور رسول اللهﷺ جي بدن مبارڪ تي اُحد جي ڏينهن ٻه زرهون هڪ ٻئي تي چڙهيل هيون.


    باب 16. حضور ﷺ جي هول (لوهي ٽوپ) جي باري ۾

    16 ـ باب ما جاء في صفة مغفر رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي هول (لوهي ٽوپ) جي
    باري ۾ آيون آهن
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم دَخَلَ مَكَّةَ وَعَلَيْهِ مِغْفَرٌ ، فَقِيلَ لَهُ : هَذَا ابْنُ خَطَلٍ مُتَعَلِّقٌ بِأَسْتَارِ الْكَعْبَةِ ، فَقَالَ : اقْتُلُوهُ وَ عَنۡہُ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، دَخَلَ مَكَّةَ عَامَ الْفَتْحِ ، وَعَلَى رَأْسِهِ الْمِغْفَرُ ، قَالَ : فَلَمَّا نَزَعَهُ جَاءَهُ رَجُلٌ ، فَقَالَ لَهُ : ابْنُ خَطَلٍ مُتَعَلِّقٌ بِأَسْتَارِ الْكَعْبَةِ ، فَقَالَ : اقْتُلُوهُ ، قَالَ ابْنُ شِهَابٍ : وَبَلَغَنِي أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لَمْ يَكُنْ يَوْمَئِذٍ مُحْرِمًا
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته نبي ﷺ فتح مڪه جي ڏينهن مڪه ۾ آيا ۽ مٿن هول هو.کين عرض ڪيو ويوته هي ابن خطل (مرتد) ڪعبه جي غلاف کي چنبڙيو پيو آهي فرمايائون ته قتل ڪريوس ۽ انس کان هيءَ به روايت آهي ته حضور جن فتح مڪه جي سال هول ڍڪي مڪه ۾ آيا راوي چيو ته جڏهن هول لاٿائون ته هڪ ماڻهوءَ کين ٻڌايو ته خطل جو پٽ (مرتد) ڪعبه جي غلاف کي چنبڙيو پيو آهي فرمايائون ته ڪُهي ڇڏيوس.ابن شهاب ﷦ چيو ته مونکي خبر پئي ته ان ڏينهن رسول الله ﷺ کي احرام نه هو.


    باب 17. رسول الله ﷺ جي دستار مبارڪ جي باري ۾

    17 ـ باب ما جاء في عمامة رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جيڪي رسول الله ﷺ جي دستار مبارڪ جي
    باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ جَابِرٍ ، قَالَ : دَخَلَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، مَكَّةَ يَوْمَ الْفَتْحِ ، وَعَلَيْهِ عِمَامَةٌ سَوْدَاءُ
    ترجمو:حضرت جابر ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ فتح مڪه جي ڏينهن ڪاري پڳ مبارڪ سان مڪه ۾ گِهڙيا.
    عَنْ جَعْفَرِ بْنِ عَمْرِو بْنِ حُرَيْثٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم عِمَامَةٌ سَوْدَاءُ وَ عَنۡہُ أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، خَطَبَ النَّاسَ ، وَعَلَيْهِ عِمَامَةٌ سَوْدَاءُ
    ترجمو: حضرت جعفر پٽ عمرو پٽ حريث پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺ جي مٿي مبارڪ تي ڪاري پڳ مبارڪ ڏٺم. ۽ ان کان روايت آهي ته حضور جن ماڻهن کي خطبه ٻڌايو ۽ سندن مٿان ڪاري پڳ هئي.
    عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، إِذَا اعْتَمَّ ، سَدَلَ عِمَامَتَهُ بَيْنَ كَتِفَيْهِ . قَالَ نَافِعٌ : وَكَانَ ابْنُ عُمَرَ ، يَفْعَلُ ذَلِكَ .قَالَ عُبَيْدُ اللهِ : وَرَأَيْتُ الْقَاسِمَ بْنَ مُحَمَّدٍ ، وَسَالِمًا يَفْعَلانِ ذَلِكَ
    ترجمو: حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ جڏهن پڳ ٻڌندا هوا ته طرو مبارڪ ٻنهين ڪلهن جي وچ ۾ لڙڪائي ڇڏيندا هوا نافع راوي چيو ته حضرت ابن عمر به ائين ڪندو هو ۽ عبيدالله چيو ته قاسم پٽ محمد ۽ سالم کي ڏٺم ته اهي به ائين ڪندا هوا.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ﷦ أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم خَطَبَ النَّاسَ ، وَعَلَيْهِ عِصَابَةٌ دَسْمَاءُ
    ترجمو: حضرت ابن عباس ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ ماڻهن کي خطبه ٻڌايو ته سندن مٿي مبارڪ کي تيل سان سڻڀي پڳ مبارڪ هئي.


    باب 18. انهن حديثن جي بيان ۾ جي گوڏجي ساراهه ۾ آيون

    18 ـ باب ما جاء في صفة إزار رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن جي بيان ۾ جي گوڏجي ساراهه
    ۾ آيون آهن.
    عَنْ أَبِي بُرْدَةَ ، قَالَ : أَخْرَجَتْ إِلَيْنَا عَائِشَةُ ، كِسَاءً مُلَبَّدًا ، وَإِزَارًا غَلِيظًا ، فَقَالَتْ : قُبِضَ رُوحُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فِي هَذَيْنِ
    ترجمو: حضرت ابوبردة کان روايت آهي ته حضرت عائشه رضي الله عنها هڪ اڳڙين واري چادر ۽ ٻي ٿلهي گوڏ مبارڪ ڪڍي آئي. فرمايائين ته حضور جن عليه الصلواة والسلام جو روح مبارڪ هنن ٻن ڪپڙن ۾ قبض ڪيو ويو هو.
    عَنِ الأَشْعَثِ بْنِ سُلَيْمٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ عَمَّتِي ، تُحَدِّثُ عَنْ عَمِّهَا ، قَالَ : بَيْنَا أَنَا أَمشِي بِالْمَدِينَةِ ، إِذَا إِنْسَانٌ خَلْفِي يَقُولُ : ارْفَعْ إِزَارَكَ ، فَإِنَّهُ أَتْقَى وَأَبْقَى فَإِذَا هُوَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ إِنَّمَا هِيَ بُرْدَةٌ مَلْحَاءُ ، قَالَ : أَمَا لَكَ فِيَّ أُسْوَةٌ ؟ فَنَظَرْتُ فَإِذَا إِزَارُهُ إِلَى نِصْفِ سَاقَيْهِ
    ترجمو:حضرت اشعث پٽ سُليم کان روايت آهي ته پنهنجي پڦيءَ کان ٻڌم جنهن پنهنجي چاچي کان روايت ڪئي چيائين ته مدينه ۾ گهمي رهيو هوس اوچتو ٻڌم ته ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان چوي پيو ته گوڏ مٿي ڪر جو اها پرهيزگاري آهي ۽ ڪپڙي جو جٽاءُ به آهي نهاريم ته پاڻ حضور جن آهن. عرض ڪيم ته يا رسول الله! هيءَ سادي سودي چادر آهي.پاڻ فرمايائون ته ڇا توکي منهنجي پيروي ڪرڻي نه آهي؟ پوءِ ڏٺم ته سندن گوڏ مبارڪ سندن پنين مبارڪن جي اڌ تائين هئي.
    عَنِ إِيَاسِ بْنِ سَلَمَةَ بْنِ الأَكْوَعِ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : كَانَ عُثْمَانُ بْنُ عَفَّانَ ، يَأْتَزِرُ إِلَى أَنْصَافِ سَاقَيْهِ ، وَقَالَ : هَكَذَا كَانَتْ إِزْرَةُ صَاحِبِي ، يَعْنِي النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم
    ترجمو: حضرت اياس پٽ سلمة پٽ اڪوع پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته حضرت عثمان پنهنجي پنين جي اڌ تي گوڏ ٻنڌندو هو ۽ چيائين ته منهنجي پياري نبي ﷺ جن جو به اهو ئي طريقو هو.
    عَنْ حُذَيْفَةَ بْنِ الْيَمَانِ ، قَالَ : أَخَذَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، بِعَضَلَةِ سَاقِي أَوْ سَاقِهِ ، فَقَالَ : هَذَا مَوْضِعُ الإِزَارِ ، فَإِنْ أَبَيْتَ فَأَسْفَلَ ، فَإِنْ أَبَيْتَ فَلا حَقَّ لِلإِزَارِ فِي الْكَعْبَيْنِ
    ترجمو: حضرت حذيفة پٽ يمان ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور رسول اللهﷺ منهنجي پنيءَ جي ڏيڏر يا پنهنجي پنيءَ جي ڏيڏر کي وٺي فرمايو ته گوڏ جي حد هيءَ آهي جيڪڏهن نه مڙين ته ڪجهه هيٺ، اڃا به نه مڙين ته پوءِ گوڏ کي ڀيڏين تي لڙڪائڻ جوحق ڪونهي.


    باب 19. رسول الله ﷺ جي گهمڻ (ٽور هلڻ) باري ۾

    19 ـ باب ما جاء في مشية رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي گهمڻ (ٽور هلڻ)
    باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : وَلا رَأَيْتُ شَيْئًا أَحْسَنَ مِنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم كَأَنَّ الشَّمْسَ تَجْرِي فِي وَجْهِهِ ، وَمَا رَأَيْتُ أَحَدًا أَسْرَعَ فِي مِشْيَتِهِ مِنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم كَأَنَّمَا الأَرْضُ تُطْوَى لَهُ إِنَّا لَنُجْهِدُ أَنْفُسَنَا وَإِنَّهُ لَغَيْرُ مُكْتَرِثٍ
    ترجمو:حضرت ابوهريره﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ کان سهڻو ڪنهن کي به نه ڏٺم ڄڻ ته سندن منهن مبارڪ ۾ سج چمڪندڙ هو حضورﷺ کان پنهنجي ٽور ۾ تکو به ڪنهن کي نه ڏٺم ڄڻڪ سندن لاءِ زمين پيڙهبي ٿي وڃي. پڪاسين ته کين ڊوڙي پڄندا هواسون ۽ پاڻ مزي سان هلندا هوا.
    عَنۡ إِبْرَاهِيمُ بْنُ مُحَمَّدٍ مِنْ وَلَدِ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَ : كَانَ عَلِيٌّ إِذَا وَصَفَ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : كَانَ إِذَا مَشَى تَقَلَّعَ كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ مِنْ صَبَبٍ
    ترجمو: حضرت علي﷦ جي اولاد مان حضرت محمد پٽ ابراهيم کان روايت آهي چيائين ته جڏهن حضرت عليؓ حضور ﷺ جي ساراهه ڪندو هو ته چوندو هو ته جڏهن پاڻ سڳورا گهمندا هوا ته پير مبارڪ زور سان کڻندا هوا ڄڻ ته ڪنهن لاهيءَ ۾ ٿا لهن.
    عَنْ عَلِيِّ بْنِ أَبِي طَالِبٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم إِذَا مَشَى ، تَكَفَّأَ تَكَفُّؤًا ، كَأَنَّمَا يَنْحَطُّ مِنْ صَبَبٍ
    ترجمو: حضرت علي پٽ ابوطالب ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ جڏهن هلندا هوا ته اڳتي اهل ڪري هلندا هوا. ڄڻ لاهيءَ ۾ ٿا لهن.


    باب 20. حضور ﷺ جي پڳ هيٺان رومال ڏيڻ ۾

    20 ـ باب ما جاء في تقنع رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي پڳ هيٺان رومال ڏيڻ
    ۾ آيون آهن.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يُكْثِرُ الْقِنَاعَ ، كَأَنَّ ثَوْبَهُ ثَوْبُ زَيَّاتٍ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ گهڻو ڪري قناع پڳ هيٺان رومال ڏيندا هوا ڄڻ ته سندن اهو ڪپڙو ڪنهن چاڪيءَ جو ڪپڙو آهي.


    باب 21. حضور ﷺ جي ويهڻ جي باري ۾

    21 ـ باب ما جاء في جلسته صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي ويهڻ ۾ آيون آهن
    عَنْ قَيْلَةَ بِنْتِ مَخْرَمَةَ ، أَنَّهَا رَأَتْ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي الْمَسْجِدِ ، وَهُوَ قَاعِدٌ الْقُرْفُصَاءَ ، قَالَتْ : فَلَمَّا رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، الْمُتَخَشِّعَ فِي الْجِلْسَةِ ، أُرْعِدْتُ مِنَ الْفَرَقِ
    ترجمو: حضرت قيلة ڌيءَ مخزمة کان روايت آهي ته حضورﷺ کي مسجد ۾ اوڪڙو ٻنهين گوڏن ۾ جُهڪي هٿ مبارڪ ڪڇن مبارڪن ۾ ڏيئي ويٺل ڏٺم چيائين ته جڏهن رسول الله ﷺ کي نماڻو ويٺو ڏٺم ته خوف کان ڏڪي ويس.
    عَنْ عَبَّادِ بْنِ تَمِيمٍ ، عَنْ عَمِّهِ ، أَنَّهُ رَأَى النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم مُسْتَلْقِيًا فِي الْمَسْجِدِ وَاضِعًا إِحْدَى رِجْلَيْهِ عَلَى الأُخْرَى
    ترجمو: حضرت عباد پٽ تميم پنهنجي چاچي کان روايت ڪئي ته مون حضور ﷺ کي مسجد شريف ۾ سنئون سنئون پير پير تي چاڙهيون ستل ڏٺم.
    عَنْ رُبَيْحِ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ أَبِي سَعِيدٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ جَدِّهِ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ ،قَالَ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِذَا جَلَسَ فِي الْمَسْجِدِ ، احْتَبَى بِيَدَيْهِ
    ترجمو: حضرت ربيح پنهنجي والد عبدالرحمان ۽ عبدالرحمان پنهنجي پيءُ ابو سعيد خدري کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺ جڏهن مسجد ۾ ويهندا هوا ته ٻنهين هٿن سان ڪانڀ ڪڍندا هوا.


    باب 22. رسول الله ﷺ جي ٽيڪ ڏيئي ويهڻ جي باري ۾

    22 ـ باب ما جاء في تكأة رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي
    ٽيڪ ڏيئي ويهڻ ۾ آيون آهن.
    عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، مُتَّكِئًا عَلَى وِسَادَةٍ عَلَى يَسَارِهِ
    ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حصور ﷺ کي وهاڻي تي پنهنجي کٻي پاسي تي تيڪ ڏيندو ڏٺم.
    عَنْ عَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ أَبِي بَكْرَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : أَلا أُحَدِّثُكُمْ بِأَكْبَرِ الْكَبَائِرِ ؟ قَالُوا : بَلَى يَا رَسُولَ اللهِ قَالَ : الإِشْرَاكُ بِاللَّهِ ، وَعُقُوقُ الْوَالِدَيْنِ قَالَ : وَجَلَسَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَكَانَ مُتَّكِئًا ، قَالَ : وَشَهَادَةُ الزُّورِ ، أَوْ قَوْلُ الزُّورِ ، قَالَ : فَمَا زَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُهَا حَتَّى قُلْنَا : لَيْتَهُ سَكَتَ
    حضرت عبدالرحمان پٽ ابوبڪر ﷦ کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته اوهان کي وڏن گناهن بابت نه ٻڌايان ڇا؟ صحابن چيو ته هائو ٻڌايو يا رسول الله.فرمايائون ته الله تعاليٰ سان شرڪ ڪرڻ ، پيءُ ماءُ جو نافرمان ٿيڻ، راويءَ چيو ته حضور ﷺ وري ٽيڪ ڏيئي ويٺا. فرمايائون ڪوڙي شاهدي يا ڪوڙ ڳالهائڻ وڏا گناهه آهن.راوي چيو ته حضور ﷺ وري وري پئي فرمايو اسان چيو مَنَ ماٺ ڪن ۽ وري وري چوڻ جي تڪليف نه ڪن (پاڻ سڳورا ڪوڙ کان بچڻ لاءِ تاڪيد پيا ڪن).
    عَنْ أَبِي جُحَيْفَةَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : أَمَّا أَنَا ، فَلا آكُلُ مُتَّكِئًا
    ترجمو: حضرت ابو جحيفة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ فرمايو ته مان ٽيڪ ڏيئي ڪونه کائيندو آهيان.
    عَنْ عَلِيِّ بْنِ الأَقْمَرِ ، قَالَ : سَمِعْتُ أَبَا جُحَيْفَةَ ، يَقُولُ : قَالَ رَسُولُ اللهِ ﷺ : لَاٰ آكُلُ مُتَّكِئًا
    ترجمو: حضرت علي پٽ اقمر کان روايت آهي چيائين ته ابو جحيفة کان ٻڌم ته حضور ﷺ فرمايو ته آءٌ ٽيڪ ڏيئي نه کائندو آهيان.
    عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم مُتَّكِئًا عَلَى وِسَادَةٍ
    ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ کي هڪ وهاڻي تي ٽيڪ هنيل ڏٺم.


    باب 23. حضور ﷺ جي ٽيڪ ۾ آڌر ڏيئي هلڻ جي باري ۾

    23 ـ باب ما جاء في اتكاء رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي ٽيڪ ۾ آڌر ڏيئي هلڻ جي
    باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ أَنَسٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ ﷺكَانَ شَاكِيًا ، فَخَرَجَ يَتَوَكَّأُ عَلَى أُسَامَةَ بْنِ زَيْدٍ وَعَلَيْهِ ثَوْبٌ قِطْرِيٌّ ، قَدْ تَوَشَّحَ بِهِ فَصَلَّى بِهِمْ
    ترجمو: حضرت انس کان روايت آهي ته نبي ﷺ بيماريءَ جي هالت ۾ حضرت اسامة جي آڌر تي باهر نڪتا سندن ڪلهن مبارڪن تي يمني ڇنڀيل چادر ويڙهيل هئي پوءِ پاڻ نماز پڙهايائون.
    عَنِ الْفَضْلِ بْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى رَسُولِ اللهِ صلی اللہ علیہ وسلم ، فِي مَرَضِهِ الَّذِي تُوُفِّيَ فِيهِ ، وَعَلَى رَأْسِهِ عِصَابَةٌ صَفْرَاءُ ، فَسَلَّمْتُ عَلَيْهِ ، فَقَالَ يَا فَضْلُ قُلْتُ : لَبَّيْكَ يَا رَسُولَ اللهِ ، قَالَ اشْدُدْ بِهَذِهِ الْعِصَابَةِ رَأْسِي قَالَ فَفَعَلْتُ ، ثُمَّ قَعَدَ فَوَضَعَ كَفَّهُ عَلَى مَنْكِبِي ، ثُمَّ قَامَ فَدَخَلَ فِي الْمَسْجِدِ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ
    ترجمو: حضرت فضل پٽ عباس﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ وٽ سندن پوئين بيماري جنهن ۾ فوت ٿيا آيس. ڏٺم ته سندن مٿي مبارڪ تي هيڊي پٽي ويڙهيل هئي سلام چيم فرمايائون اي فضل! چيم ته حاضر آهيان يا رسول الله! فرمايائون ته منهنجي مٿي کي هن پٽيءَ سان ڇڪي ٻنڌ. مون ائين ڪيو پوءِ پاڻ اٿي ويٺا. پوءِ پنهنجي هٿ مبارڪ کي منهنجي ڪلهي تي رکي اٿيا ۽ مسجد شريف ۾ آيا. حديث ۾ اهو قصو آهي


    24. حضور ﷺجي کائڻ جي باري ۾

    24 ـ باب ما جاء في صفۃ أكل رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺجي کائڻ جي
    باري ۾ آيون آهن.
    عَنِ ابْنٍ لِكَعْبِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ يَلْعَقُ أَصَابِعَهُ ثَلاثًا
    ترجمو: حضرت ڪعب بن مالڪ﷦ جي پٽن مان ڪنهن پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته حضورﷺ ٽي ڀيرا آڱريون چَٽيندا هوا.
    عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم إِذَا أَكَلَ طَعَامًا لَعِقَ أَصَابِعَهُ الثَّلاثَ
    ترجمو: حضرت انس ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جڏهن طعام کائيندا هوا ته پنهنجن ٽنهين آڱرين کي چٽيندا هوا.
    عَنِ ابْنٍ لِكَعْبِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَأْكُلُ بِأَصَابِعِهِ ، الثَّلاثِ وَيَلْعَقُهُنَّ
    ترجمو: حضرت ڪعب پٽ مالڪ جي پٽن مان ڪنهن روايت ڪئي ته حضور ﷺ ٽن آڱرين سان کائيندا هوا ۽ کين چٽيندا هوا.
    أَنَسَ بْنَ مَالِكٍ ، قَالَ: أُتِيَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم بِتَمْرٍ فَرَأَيْتُهُ يَأْكُلُ وَهُوَ مُقْعٍ مِنَ الْجُوعِ
    ترجمو:حضرت انس ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ وٽ سڪيون کارڪون آنديون ويون ڏٺم ته بک جي ڪري پٺيءَ ڀر ويهي کاڌائون.


    25. حضور جن جي ماني جي باري ۾

    25 ـ باب ما جاء في صفة خبز رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور جن جي ماني جي
    باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّهَا قَالَتْ : مَا شَبِعَ آلُ مُحَمَّدٍ صلى الله عليه وسلم مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ يَوْمَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ حَتَّى قُبِضَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم
    ترجمو: حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ جي ڪٽنب جَون جون ماني ٻه ڏينهن لاڳيتا ڍؤ ڪري نه کاڌي تانجو پاڻ سڳورا هن دنيا مان لڏيا ويا.( انا لله و انا اليہ راجعون)
    عَنْ سُلَيْمِ بْنِ عَامِرٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ أَبَا أُمَامَةَ الْبَاهِلِيَّ ، يَقُولُ : مَا كَانَ يَفْضُلُ عَنِ أَهْلِ بَيْتِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم خُبْزُ الشَّعِيرِ
    ترجمو: حضرت سُليم پٽ عام کان روايت آهي چيائين ته امامة باهلي کان ٻڌم ته حضور ﷺ کان ٻڌم ته حضور ﷺ جي ڪٽنب کان جَون جي ماني به نه بچندي هئي.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَبِيتُ اللَّيَالِيَ الْمُتَتَابِعَةَ طَاوِيًا هُوَ وَأَهْلُهُ ، لا يَجِدُونُ عِشَاءً وَكَانَ أَكْثَرُ خُبْزِهِمْ ، خُبْزَ الشَّعِيرِ
    ترجمو: حضرت ابن عباس ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ ڪيئي لاڳيتون راتيون بکيا رهندا هوا پاڻ ۽ سندن ڪٽنب رات جي ماني نه ڏسندا هوا. هوڏانهن سندن ماني به گهڻو ڪري جَون جي هوندي هئي.
    عَنْ سَهْلِ بْنِ سَعْدٍ ، أَنَّهُ قِيلَ لَهُ : أَكَلَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم النَّقِيَّ يَعْنِي الْحُوَّارَى فَقَالَ سَهْلٌ : مَا رَأَى رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم النَّقِيَّ حَتَّى لَقِيَ اللَّهَ عَزَّ وَجَلَّ تَعَالَى ، فَقِيلَ لَهُ هَلْ كَانَتْ لَكُمْ مَنَاخِلُ عَلَى عَهْدِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ،قَالَ : مَا كَانَتْ لَنَا مَنَاخِلُ قِيلَ كَيْفَ كُنْتُمْ تَصْنَعُونَ بِالشَّعِيرِ ،قَالَ : كُنَّا نَنْفُخُهُ فَيَطِيرُ مِنْهُ مَا طَارَ ، ثُمَّ نَعْجِنُهُ
    ترجمو: حضرت سهل پٽ سعد کان پڇيو ويو ته حضور ﷺ اڇي ميدي جي ماني کاڌي آهي؟ پوءِچيائين ته حضور ﷺ ميدي جي ماني خدا سان ملڻ تائين نه ڏٺي. پوءِ پڇيو ويو ته ڀلا حضور ﷺ جي وقت ۾ پروڻ هوا؟ چيائين ته نه پوءِ پڇيو ويو ته ڀلا جَون جي اتي کي ڪئن صفا ڪندا هيو؟ چيائين ته ان کي ڦوڪيندا هواسون پوءِ اڏامندو هو جيڪي اڏرندو هو. پوءِ ڳوهيندا هواسون.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ :مَا أَكَلَ نَبِيُّ اللهِ عَلَى خِوَانٍ ، وَلا فِي سُكُرَّجَةٍ ، وَلا خُبِزَ لَهُ مُرَقَّقٌ قَالَ : فَقُلْتُ لِقَتَادَةَ : فَعَلامَ كَانُوا يَأْكُلُونَ ، قَالَ : عَلَى هَذِهِ السُّفَرِ .
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ نه ميز تي رکي کاڌو نڪي پيالن ۽ بسين ۾، نه سندن لاءِ ڊڳريون پچايون ويون. راوي چيو ته حضرت قتاده ﷦ کان پڇيم ته ڀلا ڇا تي رکي کائيندا هوا؟ چيائين ته چمڙي جي سادن دستر خوانن تي.
    عَنْ مَسْرُوقٍ ، قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى عَائِشَةَ ، فَدَعَتْ لِي بِطَعَامٍ وَقَالَتْ : مَا أَشْبَعُ مِنْ طَعَامٍ فَأَشَاءُ أَنْ أَبْكِيَ إِلا بَكِيتُ قَالَ : قُلْتُ لِمَ ، قَالَتْ : أَذْكُرُ الْحَالَ الَّتِي فَارَقَ عَلَيْهَا رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم الدُّنْيَا ، وَاللَّهِ مَا شَبِعَ مِنْ خُبْزٍ وَلَحْمٍ مَرَّتَيْنِ فِي يَوْمٍ وَاحِدٍ
    ترجمو: حضرت مسروق ﷦ کان روايت آهي ته حضرت عائشه وٽ ويس ته منهنجي لاءِ کاڌو گهرايائين چيائين ته جڏهن پيٽ ڀري کائيندي آهيان ته روئندي آهيان پڇيومانس ته ڇو؟ چيائين ته ان حال کي ياد ٿي ڪريان جنهن تي رسول الله ﷺ دنيا کي ڇڏيو. قسم خدا جو ته پاڻ سڳورن هڪ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا پيٽ ڀري نه کاڌو مانيءَ سان ۽ گوشت سان.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ :مَا شَبِعَ رَسُولُ اللهِ صلی اللہ علیہ وسلم مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ يَوْمَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ حَتَّى قُبِضَ
    ترجمو:حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي حضورﷺ لاڳيتا ٻه ڏينهن جَون جي ماني به دنيا ڇڏڻ تائين ڍؤ ڪري نه کاڌي.
    عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : مَا أَكَلَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم عَلَى خِوَانٍ ، وَلا أَكَلَ خُبْزًا مُرَقَّقًا حَتَّى مَاتَ
    ترجمو: حضرت انس ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ ڪنهن ميز تي نه کاڌو نه ڊڳڙيون کاڌائون جيسيتائين مري ويا.


    26. باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي ٻوڙ جي ساراهه ۾ آيون آهن.

    26 ـ ما جاء في صفۃ إدام رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي ٻوڙ جي ساراهه
    ۾ آيون آهن.
    عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : نِعْمَ الإِدَامُ الْخَلُّ ، قَالَ عَبْدُ اللهِ بْنُ عَبْدِ الرَّحْمَنِ ، فِي حَدِيثِهِ : نِعْمَ الإِدَامُ أَوِ الأُدْمُ الْخَلُّ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضورﷺ فرمايو ته ٻوڙن ۾ سٺو ٻوڙ سِرڪو آهي.عبدالله پٽ عبدالرحمان پنهنجي روايت ۾ چيو ته سٺو ٻوڙ سرڪو آهي.
    عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ النُّعْمَانَ بْنَ بَشِيرٍ ، يَقُولُ : أَلَسْتُمْ فِي طَعَامٍ وَشَرَابٍ مَا شِئِتُمْ ، لَقَدْ رَأَيْتُ نَبِيَّكُمْ صلى الله عليه وسلم ، وَمَا يَجِدُ مِنَ الدَّقَلِ مَا يَمْلأُ بَطْنَهُ
    ترجمو: حضرت سماڪ پٽ حرب ﷦ چيو ته نعمان پٽ بشير کان چوندي ٻڌم ته ڇا توهان وٽ اهو کاڌو پيتو آهي جو دل گهريوَ. پڪ توهان جي نبي ﷺ کي ڏٺم ته پيٽ ڀرڻ جيتريون سڪل کارڪون به موجود نه هيون.
    عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : نِعْمَ الإِدَامُ الأُدْمُ : الْخَلُّ
    ترجمو: حضرت جابر ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته سٺو ٻوڙ سِرڪو آهي.
    عَنْ زَهْدَمٍ الْجَرْمِيِّ ، قَالَ : كُنَّا عِنْدَ أَبِي مُوسَى الأَشْعَرِيِّ ، فَأُتِيَ بِلَحْمِ دَجَاجٍ فَتَنَحَّى رَجُلٌ مِنَ الْقَوْمِ ، فَقَالَ : مَا لَكَ ، فَقَالَ : إِنِّي رَأَيْتُهَا تَأْكُلُ شَيْئًا فَحَلَفْتُ أَنْ لا آكُلَهَا قَالَ : ادْنُ ، فَإِنِّي رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَأْكُلُ لَحْمَ دَجَاجٍ
    ترجمو: حضرت زهدم جرمي کان روايت آهي ته اسين ابو موسيٰ وٽ هواسون ته ڪڪڙ جو ٻوڙ آندو ويو تنهن تي هڪ مڙس پاسو ڪرڻ لڳو ابو موسيٰ چيو توکي ڇا ٿيو؟ چيائين ته ڪنيون شيون کائندي ڏٺومانس پوءِ قسم کنيم ته نه کائندومانس. پوءِ ابو موسيٰ چيس ته اڳي ٿيءُ. مون حضور جن ﷺ کي ڪڪڙ کائندو ڏٺو آهي.
    عَنِ إِبْرَاهِيمَ بْنِ عُمَرَ بْنِ سَفِينَةَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ جَدِّهِ ، قَالَ : أَكَلْتُ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم لَحْمَ حُبَارَى
    ترجمو: حضرت ابراهيم پٽ عمرپنهنجي پيءُ عمر کان ۽ ان پنهنجي سفينة کان روايت ڪئي ته حضور ﷺ سان گڏجي تلور جو گوشت کاڌم.
    عَنْ زَهْدَمٍ الْجَرْمِيِّ ، قَالَ : كُنَّا عِنْدَ أَبِي مُوسَى الأَشْعَرِيِّ ، قَالَ : فَقَدَّمَ طَعَامَهُ وَقَدَّمَ فِي طَعَامِهِ لَحْمَ دَجَاجٍ وَفِي الْقَوْمِ رَجُلٌ مِنْ بَنِي تَيْمِ اللهِ أَحْمَرُ كَأَنَّهُ مَوْلًى ، قَالَ : فَلَمْ يَدْنُ فَقَالَ لَهُ أَبُو مُوسَى : ادْنُ ، فَإِنِّي قَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم أَكَلَ مِنْهُ ، فَقَالَ : إِنِّي رَأَيْتُهُ يَأْكُلُ شَيْئًا ، فَقَذِرْتُهُ فَحَلَفْتُ أَنْ لا أَطْعَمَهُ أَبَدًا
    ترجمو: حضرت زهدم جرمي چيو ته اسين حضرت ابو موسيٰ وٽ هواسون ته سندس کاڌو آندو ويو ان ۾ ڪڪڙ جو گوشت هو ۽ مجلس ۾ هڪ ماڻهو رنگ جو ڳاڙهو رومي غلامن جهڙو بني تيم الله جي قبيلي مان ويٺو هو. راويءَ چيو ته طعام کي ويجهو نه ٿيو پوءِ ابو موسيٰ چيس ته اڳي ٿيءُ. مون حضرت نبي ڪريم ﷺ کي ڏٺو ته ڪڪڙ جي گوشت مان کاڌائون چيائين ته مون ڪا شيءِ کائندي ڏٺومانس تنهنڪري مڪروهه ڀانيم ۽ قسم کنيم ته هرگز نه کائندس.
    عَنْ أَبِي أَسِيدٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ ﷺ : كُلُوا الزَّيْتَ ، وَادَّهِنُوا بِهِ ، فَإِنَّهُ مِنْ شَجَرَةٍ مُبَارَكَةٍ
    ترجمو: حضرت ابو اسيد کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ فرمايو ته زيتون جو تيل کائو ۽ مکيو به ڇو ته اهو برڪت واري وڻ مان ٿو نڪري.
    عَنْ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : كُلُوا الزَّيْتَ وَادَّهِنُوا بِهِ ، فَإِنَّهُ مِنْ شَجَرَةٍ مُبَارَكَةٍ
    ترجمو: حضرت عمر پٽ خطاب ﷦ کان روايت چيائين ته حضور ﷺ فرمايو ته زيتون جو تيل کائو ۽ مکيو ڇو ته اهو سڳوري وڻ مان نڪري ٿو.
    عَنْ زَيْدِ بْنِ أَسْلَمَ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم نَحْوَهُ ، وَلَمْ يَذْكُرْ فِيهِ عَنْ عُمَرَ
    ترجمو: حضرت زيد پٽ اسلم پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته حضور ﷺ ائين ئي فرمايو پر حضرت عمر ﷦ کي انهي حديث ۾ ڪونه آندائين.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُعْجِبُهُ الدُّبَّاءُ فَأُتِيَ بِطَعَامٍ ، أَوْ دُعِيَ لَهُ فَجَعَلْتُ أَتَتَبَّعُهُ ، فَأَضَعُهُ بَيْنَ يَدَيْهِ لِمَا أَعْلَمُ أَنَّهُ يُحِبُّهُ
    حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ کي ايرائون ڏاڍو وڻندو هو. پوءِ ياد نه آهي ته کاڌو آندو ويو يا کاڌي لاءِ سڏيا ويا پوءِ مان به ساڻن گڏجي ويس پوءِ سندن اڳيان رکيم جنهن ۾ ڪدو پيل هو ڄاتم ته وڻين ٿو.
    عَنْ حَكِيمِ بْنِ جَابِرٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَرَأَيْتُ عِنْدَهُ دُبَّاءً يُقَطَّعُ ، فَقُلْتُ : مَا هَذَا ، قَالَ : نُكَثِّرُ بِهِ طَعَامَنَا
    حضرت حڪيم پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري ته حضور جن وٽ ويس وٽن ايرائون ڏٺم ته پيا وڍين.چيم ته هي ڇا لاءِ آهي فرمايائون ته هن سان پنهنجو ٻوڙ وڌائنداسون.
    عَنِ عَبْدِ اللهِ بْنِ أَبِي طَلْحَةَ ، أَنَّهُ سَمِعَ أَنَسَ بْنَ مَالِكٍ ، يَقُولُ : إِنَّ خَيَّاطًا دَعَا رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لِطَعَامٍ صَنَعَهُ ، قَالَ أَنَسٌ : فَذَهَبْتُ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، إِلَى ذَلِكَ الطَّعَامِ ، فَقَرَّبَ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم خُبْزًا مِنْ شَعِيرٍ ، وَمَرَقًا فِيهِ دُبَّاءٌ وَقَدِيدٌ ، قَالَ أَنَسُ : فَرَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم يَتَتَبَّعُ الدُّبَّاءَ حَوَالَيِ الْقَصْعَةِ فَلَمْ أَزَلْ أُحِبُّ الدُّبَّاءَ مِنْ يَوْمِئِذٍ
    ترجمو: حضرت پٽ ابو طلحہؓ حضرت انس پٽ مالڪؓ جي کي چوندي ٻڌو ته هڪ درزي حضور جن ﷺ کي دعوت ڏيئي گهرايو حضرت انس ﷦ چيو ته مان به حضور جن ﷺ سان گڏجي ويس. پوءِ درزيءَ حضور جن ﷺ جي اڳيان جَون جي ماني ۽ ٻوڙ جنهن ۾ ايرائون ۽ سڪل گوشت پيل هو آڻي رکيو حضرت انس ﷦ چيو ته حضور ﷺ کي ڏٺم ته پيالي ۾ پيل ايرائون چوڌاري ڳولي پيا لهن. هاڻي ان کان پوءِ مون به ايرائون کي پيارو گهرندو آهيان.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُحِبُّ الْحَلْوَاءَ وَالْعَسَلَ
    ترجمو: حضرت عائشه ﷦ کان روايت آهي ته حضور عليه اسلام مٺاڻ ۽ ماکيءَ کي پيارو گهرندا هوا.
    عَنۡ أُمَّ سَلَمَةَ أَخْبَرَتْهُ ، أَنَّهَا قَرَّبَتْ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، جَنْبًا مَشْوِيًّا ، فَأَكَلَ مِنْهُ ، ثُمَّ قَامَ إِلَى الصَّلاةِ ، وَمَا تَوَضَّأَ
    ترجمو: حضرت ام سلمة کان روايت آهي ته ان حضور ﷺ جي اڳيان ڀُڳل پاسو آڻي رکيو، پوءِ ان مان ڪجهه کائي نماز لاءِ اٿيا ۽ وضو ڪونه ڪيائون.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ الْحَارِثِ ، قَالَ : أَكَلْنَا مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم شِوَاءً فِي الْمَسْجِدِ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ حارث کان روايت آهي چيائين ته اسان رسول الله ﷺ سان گڏجي مسجد ۾ ڀُڳل گوشت کاڌو.
    عَنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، عَنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ شُعْبَةَ ، قَالَ : ضِفْتُ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ذَاتَ لَيْلَةٍ ، فَأُتِيَ بِجَنْبٍ مَشْوِيٍّ ، ثُمَّ أَخَذَ الشَّفْرَةَ فَجَعَلَ يَحُزُّ ، فَحَزَّ لِي بِهَا مِنْهُ ، قَالَ : فَجَاءَ بِلالٌ يُؤْذِنُهُ بِالصَّلاةِ فَأَلْقَى الشَّفْرَةَ ، فَقَالَ : مَا لَهُ تَرِبَتْ يَدَاهُ ، قَالَ : وَكَانَ شَارِبُهُ قَدْ وَفَى ، فَقَالَ لَهُ : أَقُصُّهُ لَكَ عَلَى سِوَاكٍ أَوْ قُصُّهُ عَلَى سِوَاكٍ
    ترجمو: حضرت مغيرة پٽ شعبة کان روايت آهي چيائين ته هڪ رات حضور ﷺ سان گڏ مهمان ٿيس. پوءِ ڀڳل پاسو آندو ويو. پاڻ سڳورا ڇري کڻي ان پاسي مان منهنجي لاءِ وڍڻ لڳا راوي چيو ته ايتري ۾ حضرت بلال اچي بانگ چئي. تنهن تي پاڻ سڳورن ڇري ڦٽي ڪري فرمايو ته ڇا ٿيس هٿ مٽي هاب ٿينس راوي چيو ته سندن مڇون وڌيل هيون. پاڻ سڳورن فرمايس ته ڇا ڏندڻ رکي ڪتري ڪڍانِ يا پاڻ ڏندڻ رکي ڪتريندين.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : أُتِيَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم بِلَحْمٍ ، فَرُفِعَ إِلَيْهِ الذِّرَاعُ ، وَكَانَتْ تُعْجِبُهُ ، فَنَهَسَ مِنْهَا
    ترجمو: حضرت ابو هريرة﷦ چيو ته حضور جن وٽ گوشت آندو ويو سندن اڳيان ڦڻو رکيو ويو جو کين ڏاڍو وڻندو هو پوءِ ان مان چڪن سان پئي پٽيائون.
    عَنِ ابْنِ مَسْعُودٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُعْجِبُهُ الذِّرَاعُ ، قَالَ : وَسُمَّ فِي الذِّرَاعِ ، وَكَانَ يَرَى أَنَّ الْيَهُودَ سَمُّوهُ
    ترجمو: حضرت ابن مسعود ﷦ کان روايت آهي ته حضور جن کي هنجهي وڻندي هئي راوي چيو ته زهر به هنجهي جي گوشت ۾ ڏٺو ويو هو. حضرت ابن مسعود ﷦ گمان ڪندو هو ته حضور عليه السلام کي زهر يهودين ڏنو هو.
    عَنْ أَبِي عُبَيْدَةَ ، قَالَ طَبَخْتُ لِلنَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قِدْرًا ، وَقَدْ كَانَ يُعْجِبُهُ الذِّرَاعُ ، فَنَاوَلْتُهُ الذِّرَاعَ ، ثُمَّ قَالَ : نَاوِلْنِي الذِّرَاعَ ، فَنَاوَلْتُهُ ، ثُمَّ قَالَ : نَاوِلْنِي الذِّرَاعَ ، فَقُلْتُ: يَا رَسُولَ اللهِ ، وَكَمْ لِلشَّاةِ مِنْ ذِرَاعٍ ، فَقَالَ وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ لَوْ سَكَتَّ لَنَاوَلْتَنِي الذِّرَاعَ مَا دَعَوْتُ
    ترجمو: حضرت ابو عبيد ﷦ کان روايت آهي ته حضور جن لاءِ ڪُني رڌم ۽ کين هنجهي جو گوشت وڻندو هو پوءِ هڪ هنجهي ڏني مانِ وري چيائون ڏيم هنجهي. وري ڏٺي مانِ. وري فرمايائون ته ڏيم هنجهي. پوءِ چيو مانِ ته يا رسول الله! ٻڪريءَ کي گهڻيون هنجهيون ٿينديون آهن فرمايائون ته انهيءَ ذات پاڪ جو قسم آهي جنهن جي قدرت جي هٿ ۾ منهنجو ساهه آهي جي چُپ ڪري پيو ڏئينم ها ته ضرور هنجهيون پيو ڏئين ها جيسيتائين پيو گهران ها.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا كَانَتِ الذِّرَاعُ أَحَبَّ اللَّحْمِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلَكِنَّهُ كَانَ لا يَجِدُ اللَّحْمَ إِلا غِبًّا ، وَكَانَ يَعْجَلُ إِلَيْهَا ، لأَنَّهَا أَعْجَلُهَا نُضْجًا
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ کي هنجهيءَ جو گوشت پيارو ڪونه هو پر گوشت دير سان هٿ ايندو هونِ تنهنڪري پاڻ اڳي وڃي هنجهيءَ جو گوشت وٺندا هوا. ڇو ته اهو جلد ڳري پوندو آهي.
    عَنۡ عَبْدَ اللهِ بْنَ جَعْفَرٍ ، يَقُولُ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللهِ ﷺ ، يَقُولُ : إِنَّ أَطْيَبَ اللَّحْمِ لَحْمُ الظَّهْرِ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ جعفر﷦کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ کان ٻڌم ته گوشت ۾ گوشت سٺو ڪندِ جو گوشت آهي
    عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : نِعْمَ الإِدَامُ الْخَلُّ
    ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته نبي ﷺ فرمايو ته سرڪو سٺو ٻوڙ آهي.
    عَنْ أُمِّ هَانِئِ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : أَعِنْدَكِ شَيْءٌ ، فَقُلْتُ : لا ، إِلا خُبْزٌ يَابِسٌ ، وَخَلٌّ فَقَالَ : هَاتِي ، مَا أَقْفَرَ بَيْتٌ مِنْ أُدُمٍ فِيهِ خَلُّ
    ترجمو: حضرت ام هانيؓ کان روايت آهي نبي عليه السلام مون وٽ آيا فرمايائون ته کائڻ لاءِ ڪجهه اٿئي چيم ته نه. مگر سڪل ماني ۽ سرڪو آهي پاڻ سڳورن فرمايو ته کڻي آءُ. جنهن گهر ۾ سرڪو آهي اهو گهر ٻوڙ کان خالي نه آهي.
    عَنْ أَبِي مُوسَى الأَشْعَرِيِّ ، عَنِ النَّبِيِّ ﷺ ، قَالَ فَضْلُ عَائِشَةَ عَلَى النِّسَاءِ كَفَضْلِ الثَّرِيدِ عَلَى سَائِرِ الطَّعَامِ
    ترجمو: حضرت ابو موسيٰ اشعريؓ حضور ﷺ کان روايت ٿو ڪري ته حضرت عائشه صديقهؓ (پنهنجي وقت جي زالن کان) ايترو وڌيڪ آهي جيترو ڪُٽي ٻين کاڌن کان. معلوم ٿيو ته ڪُٽي سٺو کاڌو آهي.
    عَنۡ أَنَسَ بْنَ مَالِكٍ ، يَقُولُ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : فَضْلُ عَائِشَةَ عَلَى النِّسَاءِ كَفَضْلِ الثَّرِيدِ عَلَى سَائِرِ الطَّعَامِ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ فرمايو ته حضرت عائشهؓ زالن کان فضيلت ۾ ايترو وڌيڪ آهي جيترو ڪُٽي( شورو ۽ ماني گڏيل) ٻين طعامن کان.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّهُ رَأَى رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، تَوَضَّأَ مِنْ أَكْلِ ثَوْرِ أَقِطٍ ، ثُمَّ رَآهُ أَكَلَ مِنْ كَتِفِ شَاةٍ ، ثُمَّ صَلَّى ، وَلَمْ يَتَوَضَّأْ
    ترجمو: حضرت ابو هريره﷦ چيو ته حضور ﷺ کي ڏٺم ته پنير جو سڪل لسي ٽڪر کائي وضو ڪيائون وري ڏٺومانِ ته ٻڪريءَ جي هنجهي کاڌائون ۽ وضو نه ڪيائون.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : أَوْلَمَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم عَلَى صَفِيَّةَ بِتَمْرٍ وَسَوِيقٍ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ﷦ چيو ته حضورﷺ حضرت صفيهؓ سان شادي ڪرڻ تي کارڪون ۽ ستون ورهائي وليمه (ڪاج) ڪيو.
    عَنۡ عُبَيْدُ اللهِ بْنُ عَلِيٍّ ، عَنْ جَدَّتِهِ سَلْمَى ، أَنَّ الْحَسَنَ بْنَ عَلِيٍّ ، وَابْنَ عَبَّاسٍ ، وَابْنَ جَعْفَرٍ أَتَوْهَا فَقَالُوا لَهَا : اصْنَعِي لَنَا طَعَامًا مِمَّا كَانَ يُعْجِبُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَيُحْسِنُ أَكْلَهُ فَقَالَتْ : يَا بُنَيَّ لا تَشْتَهِيهِ الْيَوْمَ ، قَالَ : بَلَى اصْنَعِيهِ لَنَا قَالَ : فَقَامَتْ فَأَخَذَتْ مِنْ شَعِيرٍ فَطَحَنَتْهُ ، ثُمَّ جَعَلَتْهُ فِي قِدْرٍ ، وَصَبَّتْ عَلَيْهِ شَيْئًا مِنْ زَيْتٍ ، وَدَقَّتِ الْفُلْفُلَ ، وَالتَّوَابِلَ ، فَقَرَّبَتْهُ إِلَيْهِمْ ، فَقَالَتْ : هَذَا مِمَّا كَانَ يُعْجِبُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَيُحْسِنُ أَكْلَهُ
    ترجمو: حضرت عبيدالله پٽ عليؓ پنهنجي ڏاڏيءَ سلميٰ کان روايت ڪئي ته حضرت امام حسن پٽ عليؓ ۽ ابن عباسؓ ۽ ابن جعفرؓ اچي چيائونس ته اسان لاءِ اهو کاڌو ٺاهه جيڪو حضور ﷺ کي وڻندو هو. ۽ کيس چاهه سان کائندا هوا.تنهن تي چوڻ لڳي ته پٽڙا! اهو توهان اڄ هن زماني ۾ نه کائندو.چيائون ڇو نه کائنداسون اسان لاءِ ضرور تيار ڪر. پوءِ اٿي ڪجهه کڻي پنهنجي ڪُنيءَ ۾ وجهي مٿانس زيتون جو تيل وڌائين ۽ ڪارا مرچ ۽ ٻيا ويڳر ڪُٽي سَٽي ان ۾ وجهي کڻي اڳيان رکيائين. پوءِ چوڻ لڳي ته هي اهو کاڌو آهي جو حضور ﷺ کي ڏاڍو وڻندو هو.
    عَنْ جَابِرِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : أَتَانَا النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، فِي مَنْزِلِنَا ، فَذَبَحْنَا لَهُ شَاةً ، فَقَالَ : كَأَنَّهُمْ عَلِمُوا أَنَّا نُحِبُّ اللَّحْمَ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ
    ترجمو: حضرت جابر پٽ عبدالله﷦ چيو ته حضور ﷺ اسان جي گهر آيا اسان سندن لاءِٻڪري ڪٺي پاڻ سڳورن فرمايو ته ڄڻ هنن سمجهيو ته آءٌ گوشت کي پسند ڪندو آهيان.
    عَنْ جَابِرٍ ، قَالَ : خَرَجَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَأَنَا مَعَهُ فَدَخَلَ عَلَى امْرَأَةٍ مِنَ الأَنْصَارِ ، فذَبَحَتْ لَهُ شَاةً ، فَأَكَلَ مِنْهَا ، وَأَتَتْهُ بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ ، فَأَكَلَ مِنْهُ ، ثُمَّ تَوَضَّأَ لِلظُّهْرِ ، وَصَلَّى ، صلى الله عليه وسلم ، ثُمَّ انْصَرَفَ ، فَأَتَتْهُ بِعُلالَةٍ مِنْ عُلالَةِ الشَّاةِ ، فَأَكَلَ ثُمَّ صَلَّى الْعَصْرَ ، وَلَمْ يَتَوَضَّأْ
    ترجمو: حضرت جابر﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ ٻاهر نڪتا مان به ساڻن گڏجي هليس. پوءِ انصاري عورت وٽ آيا جنهن سندن لاءِ ٻڪري ڪُٺي پاڻ سڳورن ان مان ڪجهه کاڌو پوءِ کارڪن جي ڇلي کڻي آئي پاڻ ان مان کاڌائون.پوءِ ٻپهريءَ لاءِ وضو ڪيائون نماز پڙهي موٽيا ته بچل گوشت کڻي آئي پوءِ کائي ٽپهري نماز پڙهيائون وضو نه ڪيائون.
    عَنْ أُمِّ الْمُنْذِرِ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَمَعَهُ عَلِيٌّ ، وَلَنَا دَوَالٍ مُعَلَّقَةٌ ، قَالَتْ : فَجَعَلَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَأْكُلُ وَعَلِيٌّ مَعَهُ يَأْكُلُ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لِعَلِيٍّ : مَهْ يَا عَلِيُّ ، فَإِنَّكَ نَاقَةٌ ، قَالَتْ : فَجَلَسَ عَلِيٌّ ، وَالنَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَأْكُلُ ، قَالَتْ : فَجَعَلْتُ لَهُمْ سِلْقًا وَشَعِيرًا ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم لِعَلِيٍّ : مِنْ هَذَا فَأَصِبْ فَإِنَّ هَذَا أَوْفَقُ لَكَ
    ترجمو: حضرت ام منذر﷦کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ مون وٽ آيا ۽ حضرت عليؓ به ساڻن هو. اسان وٽ کارڪن جا گوشا پئي لڙڪيا پاڻ کائڻ لڳا ته سيدنا علي به کائڻ لڳو. پاڻ فرمايائون ته اي علي﷦تون اڃا هيڻو آهين.حضرت ام منذرؓ چيو ته پوءِ حضرت عليؓ ويهي رهيو ۽ پاڻ سڳورا کائندا رهيا. حضرت ام منذرؓ چيو ته پوءِ سندن لاءِ جَون جو ڀت ٺاهيم. پوءِ حضور ﷺ حضرت علي﷦کي فرمايو ته هن مان کاءُ جو توکي موافق آهي.
    عَنْ عَائِشَةَ ، أُمِّ الْمُؤْمِنِينَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَأْتِينِي فَيَقُولُ : أَعِنْدَكِ غَدَاءٌ ، فَأَقُولُ : لا قَالَتْ : فَيَقُولُ : إِنِّي صَائِمٌ قَالَتْ : فَأَتَانِي يَوْمًا ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِنَّهُ أُهْدِيَتْ لَنَا هَدِيَّةٌ ، قَالَ : وَمَا هِيَ ، قُلْتُ : حَيْسٌ ، قَالَ : أَمَا إِنِّي أَصْبَحْتُ صَائِمًا ، قَالَتْ : ثُمَّ أَكَلَ
    ترجمو: حضرت ام المؤمنين عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ مون وٽ اچي فرمايو ته ڪجهه کاڌو آهي؟ عرض ڪيم ته نه. فرمايائون نه مان روزائت آهيان. حضرت عائشهؓ چيو ته هڪ ڏينهن پاڻ آيا چيم ته يا رسول الله! اسان کي سوکڙي آئي آهي فرمايائون ته ڇا آهي؟ چيم ته ”حيس“(کارڪن جو حلوو) فرمايائون ته مون ساجهر روزه جي نيت ڪئي آهي حضرت عائشهؓ چيو ته پوءِ کاڌائون (نفلي روزه ڀڃڻ جائز آهي پر قضا ڪبو).
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ سَلامٍ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم أَخَذَ كِسْرَةً مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ فَوَضَعَ عَلَيْهَا تَمْرَةً وَقَالَ : هَذِهِ إِدَامُ هَذِهِ ، وأكل
    ترجمو:حضرت عبدالله بن سلام﷦ کان روايت آهي چيائين حضور ﷺ کي ڏٺم ته جَون جي مانيءَ جو ٽڪر کڻي آيا مٿانس کارڪون رکيل هيون فرمايائون ته هي کارڪون هن جَون جي ماني جو ٻوڙ آهي پوءِکاڌائون.
    عَنْ أَنَسٍ بِنۡ مَالِکٍۡ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم كَانَ يُعْجِبُهُ الثُّفْلُ ، قَالَ عَبْدُ اللهِ : يَعْنِي مَا بَقِيَ مِنَ الطَّعَامِ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته حضرت رسول الله ﷺ کي کُرڙ وڻندي هئي. عبدالله چيو ته جيڪي طعام مان بچي.


    27. باب انهن حديثن ۾ جي حضورﷺ جي کائڻ جي موقعي تي وضو ڪرڻ ۾ آيون آهن.

    27 ـ باب ما جاء في صفة وضوء رسول الله صلى الله عليه وسلم عند الطعام
    باب انهن حديثن ۾ جي حضورﷺ جي کائڻ جي موقعي تي وضو ڪرڻ
    ۾ آيون آهن.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم خَرَجَ مِنَ الْخَلاءِ ، فَقُرِّبَ إِلَيْهِ الطَّعَامُ ، فَقَالُوا : أَلا نَأْتِيكَ بِوَضُوءٍ ؟ قَالَ : إِنَّمَا أُمِرْتُ بِالْوُضُوءِ ، إِذَا قُمْتُ إِلَى الصَّلاةِ
    ترجمو: حضرت ابن عباس﷦ کان روايت آهي ته حضور جن پاخانه مان نڪتا ته سندن اڳيان کاڌو آندو ويو صحابن عرض ڪيو ته وضوءَ جو پاڻي ڻه آڻيون ڇا؟ پاڻ سڳورن فرمايو ته وضوءَ جو حڪم تڌهن ڪيل اٿم جڏهن نماز لاءِ اٿان.
    وَ عَنۡہُ قَالَ : خَرَجَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنَ الْغَائِطِ فَأُتِيَ بِطَعَامٍ ، فَقِيلَ لَهُ : أَلا تَتَوَضَّأُ ؟ فَقَالَ : أَأُصَلِّي ، فَأَتَوَضَّأُ
    ترجمو:۽ ان کان روايت آهي ته حضور ﷺ پاخانه مان نڪتا ته کاڌو آندو ويوکين ويو ته وضو نه ڪندؤ ڇا؟ فرمايائون ته نماز ٿو پڙهان ڇاجو وضو ڪريان؟
    عَنْ سَلْمَانَ ، قَالَ : قَرَأْتُ فِي التَّوْرَاةِ ، أَنَّ بَرَكَةَ الطَّعَامِ الْوُضُوءُ بَعْدَهُ ، فَذَكَرْتُ ذَلِكَ لِلنَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، وَأَخْبَرْتُهُ بِمَا قَرَأْتُ فِي التَّوْرَاةِ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : بَرَكَةُ الطَّعَامِ الْوُضُوءُ قَبْلَهُ ، وَالْوُضُوءُ بَعْدَهُ
    ترجمو: حضرت سلمان ﷦ کان روايت آهي ته مان توريت م پڙهيو ته کاڌي کائڻ پٺيان وضو ڪرڻ برڪت آهي پوءِ اهو حضور ﷺ وٽ ياد ڪيم ۽ جيڪي توريت ۾ پڙهيو هو سو ٻڌايومانِ تنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو ته کاڌي جي اڳيان ۽ پويان وضو ڪرڻ برڪت آهي.


    28. باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي کاڌي کائڻ کان اڳ ۽ ان کان واندي ٿيڻ کانپوءِ جيڪي لفظ چوڻ فرمايا

    28 ـ باب ما جاء في قول رسول الله صلى الله عليه وسلم قبل الطعام
    وعند الفراغ منه
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي کاڌي کائڻ کان اڳ ۽
    ان کان واندي ٿيڻ کانپوءِ جيڪي لفظ چوڻ فرمايا
    عَنْ أَبِي أَيُّوبَ الأَنْصَارِيِّ ، قَالَ : كُنَّا عِنْدَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، يَوْمًا ، فَقَرَّبَ طَعَامًا ، فَلَمْ أَرَ طَعَامًا كَانَ أَعْظَمَ بَرَكَةً مِنْهُ ، أَوَّلَ مَا أَكَلْنَا ، وَلا أَقَلَّ بَرَكَةً فِي آخِرِهِ ، قُلْنَا : يَا رَسُولَ اللهِ ، كَيْفَ هَذَا ؟ قَالَ : إِنَّا ذَكَرْنَا اسْمَ اللهِ حِينَ أَكَلْنَا ، ثُمَّ قَعَدَ مَنْ أَكَلَ وَلَمْ يُسَمِّ اللَّهَ تَعَالَى فَأَكَلَ مَعَهُ الشَّيْطَانُ
    ترجمو: حضرت ابو ايوب انصاري﷦ کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن حضور جن خذمت ۾ هواسون ته سندن اڳيان کاڌو آندو ويو پوءِ شروع ڪرڻ وقت ان کاڌي کان وڌيڪ برڪت وارو کاڌو نه ڏٺم. پوءِ حضور جن کي عرض ڪيوسون ته هي ڇا؟ فرمايائون ته جڏهن اسان کائڻ شروع ڪيو ته بسم الله الرحمان الرحيم پڙهي سون ٻئي ڪنهن سواءِ بسم الله پڙهڻ جي کاڌو ته ساڻس شيطان به کاڌو. جو کاڌو کُٽي پيو.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِذَا أَكَلَ أَحَدُكُمْ ، فَنَسِيَ أَنْ يَذْكُرَ اللَّهَ تَعَالَى عَلَى طَعَامِهِ ، فَلْيَقُلْ : بِسْمِ اللهِ أَوَّلَهُ وَآخِرَهُ
    ترجمو:حضرت عائشهؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جڏهن توهان مان ڪنهن کاڌو کاڌو ۽ پنهنجي کاڌي تي بسم الله نه پڙهيائين ته پوءِ بسم الله اولہ و آخرہ پڙهي.
    عَنْ عُمَرَ بْنِ أَبِي سَلَمَةَ ، أَنَّهُ دَخَلَ عَلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَعِنْدَهُ طَعَامٌ ، فَقَالَ : ادْنُ يَا بُنَيَّ ، فَسَمِّ اللَّهَ تَعَالَى ، وَكُلْ بِيَمِينِكَ ، وَكُلْ مِمَّا يَلِيكَ
    ترجمو: حضرت عمر پٽ ابو سلمة حضور ﷺ وٽ آيو ته سندن اڳيان کاڌو حاضر هو. فرمايائون ته پٽڙا اڳي ٿيءُ ۽ بسم الله پڙهي سچي هٿ سان پنهنجي پاسي ڏانهن کاءُ.
    عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِذَا فَرَغَ مِنْ طَعَامِهِ ، قَالَ : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَجَعَلَنَا مُسْلِمِينَ
    ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ جڏهن کائي واندا ٿيندا هوا ته چوندا هوا اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَجَعَلَنَا مُسْلِمِينَ
    عَنْ أَبِي أُمَامَةَ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِذَا رُفِعَتِ الْمَائِدَةُ مِنْ بَيْنِ يَدَيْهِ ، يَقُولُ : الْحَمْدُ لِلَّهِ حَمْدًا كَثِيرًا طَيِّبًا مُبَارَكًا فِيهِ ، غَيْرَ مُودَعٍ ، وَلا مُسْتَغْنًى عَنْهُ رَبَّنَا
    ترجمو:حضرت ابو امامةؓ کان روايت آهي ته جڏهن حضور ﷺ جي اڳيان دسترخوان کڻبو هو ته اَلْحَمْدُ لِلَّهِ حَمْدًا كَثِيرًا طَيِّبًا مُبَارَكًا فِيهِ ، غَيْرَ مُودَعٍ چوڻ فرمائيندا هوا.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَأْكُلُ الطَّعَامَ فِي سِتَّةٍ مِنْ أَصْحَابِهِ ، فَجَاءَ أَعْرَابِيٌّ ، فَأَكَلَهُ بِلُقْمَتَيْنِ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : لَوْ سَمَّى لَكَفَاكُمْ
    ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته نبي ﷺ پنهنجن ڇهن يارن سان گڏ پئي کاڌو ته هڪ ٻهراڙيءَ جوماڻهو آيو سو ٻه گرهه ڪري کائي ويو. تنهن تي حضور ﷺ فرمايو ته جيڪڏهن بسم الله چئي ها ته توهان سڀني کي پورو ٿئي ها..
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ اللَّهَ لَيَرْضَى عَنِ الْعَبْدِ أَنْ يَأْكُلَ الأَكْلَةَ ، أَوْ يَشْرَبَ الشَّرْبَةَ فَيَحْمَدَهُ عَلَيْهَا
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ فرمايو ته خدا ان ٻانهي کان راضي ٿئي ٿو جو مانيءَ جو گرهه کائي يا پاڻي ڍڪ پئي الحمد لله پڙهي ٿو.


    29. باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي پيالي مبارڪ جي باري ۾ آيون آهن.

    عَنْ ثَابِتٍ ، قَالَ : أَخَرَجَ إِلَيْنَا أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ ، قَدَحَ خَشَبٍ ، غَلِيظًا ، مُضَبَّبًا بِحَدِيدٍ ، فَقَالَ : يَا ثَابِتُ ، هَذَا قَدَحُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم
    ترجمو:حضرت ثابت﷦ کان روايت آهي ته چيائين ته انس پٽ مالڪؓ جو اسان کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ ڪاٺيءَ جو ٿلهو پيالو لوهيءَ چتي لڳل کڻي آيو چيائين ته هيءُ حضور ﷺ جو پيالو آهي.
    عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : لَقَدْ سَقَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، بِهَذَا الْقَدَحِ الشَّرَابَ كُلَّهُ ، الْمَاءَ ، وَالنَّبِيذَ ، وَالْعَسَلَ ، وَاللَّبَنَ
    ترجمو: حضرت انس﷦ چيو ته حضورﷺ کي نبيذ (کارڪن جو پاڻي) ۽ ماکي ۽ کير هن پيالي ۾ پياريندو هوس.


    30 ـ باب ما جاء في صفة فاكهة رسول الله صلى الله عليه وسلم

    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي ميون کائڻ جي
    باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بِنۡ جَعۡفَرٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يَأْكُلُ الْقِثَّاءَ بِالرُّطَبِ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ جعفر﷦ چيو ته حضور ﷺ کي ڏٺم ته کارڪون ۽ گدرو گڏي کائندا هوا.
    عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يَأْكُلُ الْبِطِّيخَ بِالرُّطَبِ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ گدرو کارڪن سان کائندا هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَجْمَعُ بَيْنَ الْخِرْبِزِ وَالرُّطَبِ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي چيائين ته مان نبي ﷺ کي ڏٺو جو هنداڻو ۽ تازي کارڪ گڏي کائندا هوا.
    عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم أَكَلَ الْبِطِّيخَ بِالرُّطَبِ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته نبي ﷺ گدرو کارڪن سان کاڌو.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ النَّاسُ إِذَا رَأَوْا أَوَّلَ الثَّمَرِ جَاءُوا بِهِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَإِذَا أَخَذَهُ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِي ثِمَارِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي مَدِينَتِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي صَاعِنَا وَفِي مُدِّنَا ، اللَّهُمَّ إِنَّ إِبْرَاهِيمَ عَبْدُكَ وَخَلِيلُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنِّي عَبْدُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنَّهُ دَعَاكَ لِمَكَّةَ ، وَإِنِّي أَدْعُوكَ لِلْمَدِينَةِ ، بِمِثْلِ مَا دَعَاكَ بِهِ لِمَكَّةَ وَمِثْلِهِ مَعَهُ ، قَالَ : ثُمَّ يَدْعُو أَصْغَرَ وَلِيدٍ يَرَاهُ ، فَيُعْطِيهِ ذَلِكَ الثَّمَرَ
    ترجمو: حضرت ابوهريره﷦ کان روايت آهي ته ماڻهو جڏهن ڪو نئون ميوو ڏسندا هوا ته حضور ﷺ وٽ آڻيندا هوا ۽ جڏهن پاڻ اهو وٺندا هوا ته هي الفاظ فرمائيندا هوا.”اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِي ثِمَارِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي مَدِينَتِنَا ، وَبَارِكْ لَنَا فِي صَاعِنَا وَفِي مُدِّنَا ، اللَّهُمَّ إِنَّ إِبْرَاهِيمَ عَبْدُكَ وَخَلِيلُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنِّي عَبْدُكَ وَنَبِيُّكَ ، وَإِنَّهُ دَعَاكَ لِمَكَّةَ ، وَإِنِّي أَدْعُوكَ لِلْمَدِينَةِ ، بِمِثْلِ مَا دَعَاكَ بِهِ لِمَكَّةَ وَمِثْلِهِ مَعَهُ “ راوي چيو ته پوءِ جنهن به ننڍي ٻار کي ڏسندا هوا ته ان کي سڏي اهو ميوو کيس ڏيئي ڇڏيندا هوا.
    عَنِ الرُّبَيِّعِ بِنْتِ مُعَوِّذِ بْنِ عَفْرَاءَ ، قَالَتْ : بَعَثَنِي مُعَاذُ بْنُ عَفْرَاءَ بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ وَعَلَيْهِ أَجْرٌ مِنْ قِثَّاءِ زُغْبٍ وَكَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُحِبُّ الْقِثَّاءَ ، فَأَتَيْتُهُ بِهِ وَعِنْدَهُ حِلْيَةٌ قَدْ قَدِمَتْ عَلَيْهِ مِنَ الْبَحْرَيْنِ ، فَمَلأَ يَدَهُ مِنْهَا فَأَعْطَانِيهِ وَ عَنۡہَا قَالَتْ : أَتيتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ ، وَأَجْرِ زُغْبٍ ، فَأَعْطَانِي مِلْءَ كَفِّهِ حُلِيًّا أَوْ قَالَتْ : ذَهَبًا
    ترجمو: عفراء پٽ معوذ جي ڌيءَ حضرت ربيعؓ چيو ته معاذ پٽ عفراءَ کارڪن جو ٽوڪرو جنهن تي ٻُراول سان ڪنوريون پاٻيون به رکيل هيون ڏياري موڪليو ڇو ته حضور ﷺ پاٻين کي پيارو گهرندا هوا. مان سندن خذمت ۾ کڻي آيس. ڏسان ته سندن اڳيان ڳهه رکيا آهن جي بحرين کان آيا هوا پوءِ حضور جن انهن مان مُٺ ڀري مونکي ڏني۽ ان کان روايت آهي ته حضور جن وٽ کارڪن جو ٽوڪرو جنهن تي ننڍيون ٻراول سان ونگيون به هيون آندم ته پاڻ مونکي ڳهن مان مٺ ڀري ڏنائون يا چيائين ته سون مان


    31 ـ باب ما جاء في صفة شراب رسول الله صلى الله عليه وسلم

    31 ـ باب ما جاء في صفة شراب رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول اللهﷺ جي پيئڻ جي شين
    ۾ آيون آهن.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ أَحَبَّ الشَّرَابِ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، الْحُلْوُ الْبَارِدُ
    ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺکي مٺو ٿڌو شربت وڻندو هو.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : دَخَلْتُ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَنَا ، وَخَالِدُ بْنُ الْوَلِيدِ عَلَى مَيْمُونَةَ ، فَجَاءَتْنَا بِإِنَاءٍ مِنْ لَبَنٍ ، فَشَرِبَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَأَنَا عَلَى يَمِينِهِ ، وَخَالِدٌ عَلَى شِمَالِهِ ، فَقَالَ لِي : الشَّرْبَةُ لَكَ ، فَإِنْ شِئِتَ آثَرْتَ بِهَا خَالِدًا ، فَقُلْتُ : مَا كُنْتُ لأُوثِرَ عَلَى سُؤْرِكَ أَحدًا ، ثُمَّ قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَنْ أَطْعَمَهُ اللَّهُ طَعَامًا ، فَلْيَقُلِ : اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ ، وَأَطْعِمْنَا خَيْرًا مِنْهُ ، وَمَنْ سَقَاهُ اللَّهُ عَزَّ وَجَلَّ لَبَنًا ، فَلْيَقُلِ : اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ ، وَزِدْنَا مِنْهُ ثُمَّ قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : لَيْسَ شَيْءٌ يُجْزِئُ مَكَانَ الطَّعَامِ وَالشَّرَابِ ، غَيْرُ اللَّبَنِ
    ترجمو: حضرت ابن عباسؓ کان روايت آهي چيائين ته مون ۽ خالد پٽ وليدؓ جو حضور ﷺ سان گڏجي حضرت بيبي ميمونةؓ جي گهر وياسون ته بيبي صاحبه کير جو ٿانؤ کڻي آئي. حضور ﷺ اهو پيتو مون سڄي پاسي هوس ۽ خالد کٻي پاسي. پوءِ حضور جن فرمايو ته پيئڻ جو وارو حق تنهنجو آهي. جيڪڏهن گهرين ته اهو خالد لاءِ قبول ڪرين، تنهن تي عرض ڪيم ته اوهانجي اوبر مبارڪ ڏيڻ ڪنهن کي به قبول نٿو ڪريان. پوءِ فرمائڻ لڳا ته جنهنکي خدا تعاليٰ کارائي ته ”: اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ ، وَأَطْعِمْنَا خَيْرًا مِنْهُ “ ۽ جنهن کي الله تعاليٰ کير پياري ته چوي ” اللَّهُمَّ بَارِكْ لَنَا فِيهِ ، وَزِدْنَا مِنْهُ “ پوءِ حضور جن فرمايو ته کير کان سواءِ ٻي اهڙي ڪا شيءَ ڪانهي جا کائڻ ۽ پيئڻ ٻنهين جو ڪم ڏئي.


    32 ـ باب ما جاء في شرب رسول الله صلى الله عليه وسلم

    32 ـ باب ما جاء في شرب رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي پيئڻ جي طرز
    ۾ آيون آهن.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، شَرِبَ مِنْ زَمْزَمَ ، وَهُوَ قَائِمٌ
    ترجمو: حضرت ابن عباس﷦ کان روايت آهي ته نبي ﷺ زمزم جو پاڻي بيهي پيتو.
    عَنْ عَمْرِو بْنِ شُعَيْبٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، عَنْ جَدِّهِ ، قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَشْرَبُ قَائِمًا ، وَقَاعِدًا
    ترجمو: حضرت عمرو پٽ شعيبؓ پنهنجي پيءُ جي ذريعي پنهنجي ڏاڏي کان روايت ڪئي ته حضور ﷺ بيهي ۽ ويهي پاڻي پيئندا هوا.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : سَقَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، مِنْ زَمْزَمَ ، فَشَرِبَ ، وَهُوَ قَائِمٌ
    ترجمو:حضرت ابن عباسؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ کي زمزم پياريم ته پاڻ سڳورا بيٺا هوا.
    عَنِ النَّزَّالِ بْنِ سَبْرَةَ ، قَالَ : أَتَى عَلِيٌّ ، بِكُوزٍ مِنْ مَاءٍ ، وَهُوَ فِي الرَّحْبَةِ ، فَأَخَذَ مِنْهُ كَفًّا ، فَغَسَلَ يَدَيْهِ ، وَمَضْمَضَ ، وَاسْتَنْشَقَ ، وَمَسَحَ وَجْهَهُ وَذِرَاعَيْهِ وَرَأْسَهُ ، ثُمَّ شَرِبَ وَهُوَ قَائِمٌ ، ثُمَّ قَالَ : هَذَا وُضُوءُ مَنْ لَمْ يُحْدِثْ ، هَكَذَا رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَعَلَ
    ترجمو: حضرت نزال پٽ سبرة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضرت علي ڪرم الله وجه دارالقضا ۾ ويٺو هو وٽس پاڻيءَ جوڪؤنرو آندو ويو. پوءِ لپ ڀري ٻئي هٿ ڌوئي گرڙيون ڪري ۽ نڪ کي پاڻي ڏيئي منهن ۽ ٻانهن ۽ مٿي کي مکي پوءِ باقي پاڻي بيهي پيتائون.پوءِ فرمائڻ لڳا ته هي ان ماڻهوءَ جو وضو آهي جنهن جو وضو نه ڀڳو هجي. ۽ ائين ڪندو حضور ﷺکي ڏٺم.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم : كَانَ يَتَنَفَّسُ فِي الإِنَاءِ ثَلاثًا إِذَا شَرِبَ ، وَيَقُولُ : هُوَ أَمْرَأُ ، وَأَرْوَى
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته نبي ﷺ جڏهن ڪجهه پيئندا هوا ته ٽي ڀيرا وات ڪڍي ٿانوَ ۾ ساهه کڻندا هوا ۽ فرمائيندا هوا ته هي هاضمه وڌائي ٿو ۽ ڍؤ ڪرائي ٿو.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ إِذَا شَرِبَ ، تَنَفَّسَ مَرَّتَيْنِ
    ترجمو: حضرت ابن عباس﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ ڪجهه پيئندا هوا ته ڪڏهن ٻه ڀيرا ساهه کڻندا هوا.
    عَنْ عَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ أَبِي عَمْرَةَ ، عَنْ جَدَّتِهِ كَبْشَةِ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم فَشَرِبَ مِنْ قِرْبَةٍ مُعَلَّقَةٍ قَائِمًا ، فَقُمْتُ إِلَى فِيهَا فَقَطَعْتُهُ
    ترجمو: حضرت عبدالرحمان پٽ ابو عمرةؓ پنهنجي ڏاڏي ڪبشہ کان روايت ڪئي ته حضور ﷺ وٽس تشريف فرما ٿيا پوءِ بيهي ٽنگيل کليءَ جي منهن مان پاڻي پيتائون پوءِ مان اٿي کليءَ جي منهن کي (برڪت لاءِ) ڪپي رکيم.
    عَنْ ثُمَامَةَ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : كَانَ أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ ، يَتَنَفَّسُ فِي الإِنَاءِ ثَلاثًا ، وَزَعَمَ أَنَسٌ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يَتَنَفَّسُ فِي الإِنَاءِ ثَلاثًا
    ترجمو: حضرت ثمامة پٽ عبداللهؓ کان روايت آهي چيائين ته حضرت انس پٽ مالڪؓ جو ٽي ڀيرا ٿانوَ ۾ ساهه کڻندو هو حضرت انس کي پڪ هئي ته حضور ﷺ ٿانءُ وات کان پري ڪري ٽي ڀيرا ساهه کڻندا هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، دَخَلَ عَلَى أُمِّ سُلَيْمٍ ، وَقِرْبَةٌ مُعَلَّقَةٌ ، فَشَرِبَ مِنْ فَمِ الْقِرْبَةِ وَهُوَ قَائِمٌ ، فَقَامَتْ أُمُّ سُلَيْمٍ إِلَى رَأْسِ الْقِرْبَةِ فَقَطَعَتْهَا
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ﷦ کان روايت آهي ته حضورﷺ حضرت ام سليم وٽ تشريف فرما ٿيا اتي هڪ کلي ٽنگيل هئي پاڻ ان کليءَ جو منهن کولي بيٺڙ پيتائون. پوءِ ام سليم (برڪت لاءِ) کليءَ جو منهن ڪپي رکيو.
    عَنْ عَائِشَةَ بِنْتِ سَعْدِ بْنِ أَبِي وَقَّاصٍ ، عَنِ أَبِيهَا ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يَشْرَبُ قَائِمًا .
    ترجمو: حضرت عائشهؓ پنهنجي پيءُ سعد بن ابي وقاصؓ کان روايت ڪئي ته حضورﷺ بعضي بيهي پيئندا هوا.


    33 ـ باب ما جاء في تعطررسول الله صلى الله عليه وسلم

    33 ـ باب ما جاء في تعطررسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي سرهاڻ
    ڪرڻ ۾ آيون آهن
    عَنْ مُوسَى بْنِ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : كَانَ لِرَسُولِ اللهِ ﷺ سُكَّةٌ يَتَطَيَّبُ مِنْهَا
    ترجمو: حضرت موسيٰ پنهنجي پيءُ انس بن مالڪؓ کان روايت ڪئي ته حضورﷺ وٽ خوشبوءِ رکيل هئي جنهن مان سرهاڻ مکيندا هوا.
    عَنْ ثُمَامَةَ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : كَانَ أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ ، لا يَرُدُّ الطِّيبَ ، وَقَالَ أَنَسٌ : إِنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ لا يَرُدُّ الطِّيبَ
    حضرت ثمامة پٽ عبدالله کان روايت آهي چيائين ته حضرت انس پٽ مالڪ ؓ جو سرهاڻ نه موٽائيندو هو. ۽ چوندو هو ته حضورﷺ به سرهي شيءِ نه موٽائيندا هوا.
    عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ ﷺ : ثَلاثٌ لا تُرَدُّ : الْوَسَائِدُ ، وَالدُّهْنُ ، وَاللَّبَنُ
    ترجمو: حضرت ابن عمرؓ کان روايت آهي.چيائين ته حضور ﷺ فرمايو ته ٽي شيون نه موٽائجن 1. وهاڻو 2. سرهو تيل 3. کير
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : طِيبُ الرِّجَالِ مَا ظَهَرَ رِيحُهُ ، وَخَفِيَ لَوْنُهُ ، وَطِيبُ النِّسَاءِ مَا ظَهَرَ لَوْنُهُ وَخَفِيَ رِيحُهُ
    ترجمو: حضرت ابو هريره﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته مڙسن لاءِ سرهاڻ اها آهي جنهن مان هٻڪار اٿي ۽ رنگ نه هجيس ۽ زالن لاءِ جنهن جو رنگ ڏيکارجي ۽بانس نه هجي. (جيئن ميندي مساڳ)
    عَنْ أَبِي عُثْمَانَ النَّهْدِيِّ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِذَا أُعْطِيَ أَحَدُكُمُ الرَّيْحَانَ فَلا يَرُدُّهُ ، فَإِنَّهُ خَرَجَ مِنَ الْجَنَّةِ
    ترجمو: حضرت ابو عثمان نهدي چيو ته رسول الله ﷺ فرمايو ته توهان مان ڪنهن کي نازبوءِ ( يا ٻي ڪا سُرهي شيءِ) ملي ته نه موٽائي. ڇو ته اها بهشت مان آئي آهي.
    عن جرير بن عبد الله قَالَ :عرضت بين يدى عمر بن الخطاب ، فألقى جرير رداءه ، ومشى في إزار ، فقال له : خذ رداءك ، فقال للقوم : ما رأيت رجلاً أحسن صورة من جرير ، إلا ما بلغنا من صورة يوسف عليه السلام .
    ترجمو: حضرت جرير پٽ عبدالله ﷦ چيو ته مونکي حضرت عمرپٽ خطاب ﷦ جي اڳيان آندو ويو.راويصءَ چيو ته حضرت جرير چادر ڇڏي گوڏ ۾ هليو. حضرت عمر چيس ته پنهنجي چادر وٺ. پوءِ حضرت عمر ڪچهري وارن کي چيو ته جرير کان سهڻو ڪونه ڏٺم مگر جو قرآن شريف ۾ حضرت يوسف عليه السلام جي سونهن جي خبر ملي اٿون.


    34 ـ باب كيف كان كلام رسول الله صلى الله عليه وسلم

    34 ـ باب كيف كان كلام رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ ته رسول الله ﷺ جو ڳالهائڻ ڪيئن هو
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَسْرُدُ سرْدَكُمْ هَذَا ، وَلَكِنَّهُ كَانَ يَتَكَلَّمُ بِكَلامٍ بَيِّنٍ فَصْلٍ ، يَحْفَظُهُ مَنْ جَلَسَ إِلَيْهِ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ توهان وانگر تڪڙو ۽ ڳنڍيل نه ڳالهائيندا هوا پر پڌرو ظاهر جدا جدا لفظ ڳالهائيندا هواجيئن اڳيان ويٺل جهٽ ياد ڪري.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُعِيدُ الْكَلِمَةَ ثَلاثًا لِتُعْقَلَ عَنْهُ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ چيو ته حضور ﷺ هر هڪ لفظ ٽي ڀيرا موٽائي چوڻ فرمائيندا هوا ته ڳالهه چڱي طرح سمجهي وڃي.
    عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ ، قَالَ : سَأَلْتُ خَالِي هِنْدُ بْنُ أَبِي هَالَةَ ، وَكَانَ وَصَّافًا ، فَقُلْتُ : صِفْ لِي مَنْطِقَ رَسُولِ اللهِ ﷺ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ مُتَوَاصِلَ الأَحْزَانِ ، دَائِمَ الْفِكْرَةِ ، لَيْسَتْ لَهُ رَاحَةٌ ، طَوِيلُ السَّكْتِ ، لا يَتَكَلَّمُ فِي غَيْرِ حَاجَةٍ ، يَفْتَتِحُ الْكَلامَ ، وَيَخْتِمُهُ بِاسْمِ اللهِ تَعَالَى ، وَيَتَكَلَّمُ بِجَوَامِعِ الْكَلِمِ ، كَلامُهُ فَصْلٌ ، لا فُضُولَ ، وَلا تَقْصِيرَ ، لَيْسَ بِالْجَافِي ، وَلا الْمُهِينِ ، يُعَظِّمُ النِّعْمَةَ وَإِنْ دَقَّتْ لا يَذُمُّ مِنْهَا شَيْئًا ، غَيْرَ أَنَّهُ لَمْ يَكُنْ يَذُمُّ ذَوَّاقًا وَلا يَمْدَحُهُ ، وَلا تُغْضِبُهُ الدُّنْيَا ، وَلا مَا كَانَ لَهَا ، فَإِذَا تُعُدِّيَ الْحَقُّ ، لَمْ يَقُمْ لِغَضَبِهِ شَيْءٌ ، حَتَّى يَنْتَصِرَ لَهُ ، وَلا يَغْضَبُ لِنَفْسِهِ ، وَلا يَنْتَصِرُ لَهَا ، إِذَا أَشَارَ بِكَفِّهِ كُلِّهَا ، وَإِذَا تَعَجَّبَ قَلَبَهَا ، وَإِذَا تَحَدَّثَ اتَّصَلَ بِهَا ، وَضَرَبَ بِرَاحَتِهِ الْيُمْنَى بَطْنَ إِبْهَامِهِ الْيُسْرَى ، وَإِذَا غَضِبَ أَعْرَضَ وَأَشَاحَ ، وَإِذَا فَرِحَ غَضَّ طَرْفَهُ ، جُلُّ ضَحِكِهِ التَّبَسُّمُ ، يَفْتَرُّ عَنْ مِثْلِ حَبِّ الْغَمَامِ
    ترجمو:حضرت حسن پٽ عليؓ چيو ته مان پنهنجي مامي هند پٽ ابو هالة کان جو ساراهه ڪندڙ هو پڇيم ته حضورﷺجي ڳالهائڻ جي ساراهه ٻڌاءِ. چيائين ته حضور جن هميشه آخرت جي غم ۽ فڪر ۾ هوندا هوا خوشي ڪانه هين. ماٺيڻا رهندا هوا گهڻو مطلب ٿورن لفظن ۾ ٻڌائيندا هوا ضرورت کان سواءِ نه ڳالهائيندا هوا منڍ کان آخر تائين هڪ جهڙو ڳالهائيندا هوا سندن ڳالهائڻ اکر اکر جدا هوندو هو. ڊيگهه نه ڪندا هوا نڪي اڻپورو ڳالهائيند اهوا نه ڪنهن کي جهڻڪيندا هوا نه خوار ڪندا هوا خدا جي نعمت کي وڏو ڀائيندو هوا توڙي ٿوري هجي ته به برو نه سمجهندا هوا بي مزي کاڌي جي نه شڪايت ڪندا هوا نه تعريف، دنيا جي ڪا شيءِ نه ملڻ ڪري کين ڪاوڙائيندي نه هئي. جڏهن ڪو حد لنگهي ويندو هو ته حضور ﷺ جي ڪاوڙ اڳيان مقابلي لاءِ اٿي نه سگهندو هو. جيسيتائين حق جي مدد ڪندا هوا. پنهنجي نفس لاءِ نه ڪاوڙيا هوا ۽ نه وير وٺندا هوا. جڏهن ڳالهائڻ ۾ اشارو ڪندا هوا ته سموري هٿ سان ڪندا هوا ۽ جي اچرج ۾ پوندا هوا ته هٿ ڦيرائيندا هوا ۽ جي ڳالهائيندا هوا ته هٿ ملائيندا هوا سڄي هٿ جي تري کٻي هٿ جي آڱوٺي جي اندرئين پاسي تي هڻندا هوا. ڪاوڙبا هوا ته منهن مبارڪ ڦيريندا هوا خوش ٿيندا هوا ته پنهنجي اک مبارڪ ٻوٽيندا هوا سندن کِل اڪثر مرڪڻ هو ڄڻ ته ڳڙن جا داڻا ٿا کولين.


    35 ـ باب ما جاء في ضحك رسول الله صلى الله عليه وسلم

    35 ـ باب ما جاء في ضحك رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺجي کِلڻ جي
    باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ : كَانَ فِي سَاقَيْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حُمُوشَةٌ ، وَكَانَ لا يَضْحَكُ إِلا تَبَسُّمًا ، فَكُنْتُ إِذَا نَظَرْتُ إِلَيْهِ ، قُلْتُ : أَكْحَلُ الْعَيْنَيْنِ ، وَلَيْسَ بِأَكْحَلَ
    ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ جون پنيون مبارڪ سنهيون هيون ۽ مرڪڻ کان سواءِ نه کلندا هوا. جڏهن ڏانهنِ ڏسندو هوس ته کين سرمو پيل ڀائيندو هوس پر سرمو پاتلَ نه هوندا هوا.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ الْحَارِثِ بْنِ جَزْءٍ ، أقَالَ مَا رَأَيْتُ أَحَدًا أَكْثَرَ تَبَسُّمًا مِنْ رَسُولِ اللهِ ﷺ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ حارث پٽ جزء روايت ڪئي چيائين ته مان حضورﷺ کان گهڻو مرڪڻو ڪنهن کي نه ڏٺم.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ الْحَارِثِ ، قَالَ : مَا كَانَ ضَحِكُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِلا تَبَسُّمًا .
    ترجمو:حضرت عبدالله پٽ حارثؓ کان روايت آهي ته حضورﷺ کي مرڪڻ کانسواءِ کِل نه هئي.
    عَنْ أَبِي ذَرٍّ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنِّي لأَعْلَمُ أَوَّلَ رَجُلٍ يَدْخُلُ الْجَنَّةَ ، وَآخَرَ رَجُلٍ يَخْرُجُ مِنَ النَّارِ ، يُؤْتَى بِالرَّجُلِ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ، فَيُقَالُ : اعْرِضُوا عَلَيْهِ صِغَارَ ذُنُوبِهِ وَيُخَبَّأُ عَنْهُ كِبَارُهَا ، فَيُقَالُ لَهُ : عَمِلْتَ يَوْمَ كَذَا وَكَذَا ، كَذَا ، وَهُوَ مُقِرٌّ ، لا يُنْكِرُ ، وَهُوَ مُشْفِقٌ مِنْ كِبَارِهَا ، فَيُقَالُ : أَعْطُوهُ مَكَانَ كُلِّ سَيِّئَةٍ عَمِلَهَا حَسَنَةً ، فَيَقُولُ : إِنَّ لِي ذُنُوبًا مَا أَرَاهَا هَاهُنَا .قَالَ أَبُو ذَرٍّ : فَلَقَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، ضَحِكَ حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ
    ترجمو: حضرت ابوذر﷦ چيو ته حضور ﷺ فرمايو ته پهريون مرد جو بهشت ۾ ويندو ۽ پويون مرد جو جهنم مان نڪرندو مان پڪيءَ طرح ڄاڻان ٿو. پوءِ قيامت ۾ آڻبو.پوءِ ملائڪن کي حڪم ٿيندو ته سندس ننڍاگناهه اڳيان آڻيوس ۽ سندس وڏا گناهه ڇپايو. پوءِ چئوس ته تو هن ڏينهن هي هي گناهه ڪيا هوا. اهو انڪار نه ڪندو ۽ پنهنجن وڏن گناهن کان پيو ڊڄندو پوءِ هر هڪ برائي مڃيندو جا ڪيائين ۽ ان جي بجاءِ چڱائي ڏيوس پوءِ چوندو ته منهنجا گناهه ٻيا به آهن جي هتي نٿو ڏسان. حضرت ابوذرؓ چيو ته ان تي حضور ﷺ ايترو کليا جو ڏٺم ته سندن هوڙون مبارڪ به پڌريون ٿيون.
    عَنْ جَرِيرِ بْنِ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : مَا حَجَبَنِي رَسُولُ اللهِ ﷺ مُنْذُ أَسْلَمْتُ ، وَلا رَآنِي إِلا ضَحِكَ .
    ترجمو: حضرت جرير پٽ عبدالله﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ مونکي گهر ۾ حاضر ٿيڻ کان نه جهليو جاڪون مسلمان ٿيو آهيان ۽ کلڻ کان سواءِ نه ڏٺائونم.
    عَنْ جَرِيرٍ ، قَالَ : مَا حَجَبَنِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلا رَآنِي مُنْذُ أَسْلَمْتُ إِلا تَبَسَّمَ
    ترجمو: حضرت جريرؓ چيو ته حضور ﷺ مونکي (گهر ۾ اچڻ کان) نه جهليو جاڪون مسلمان ٿيو آهيان ۽ مونکي مرڪڻ کانسواءِ به نه ڏٺائون.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مَسْعُودٍ ، قَالَ قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنِّي لأَعْرفُ آخِرَ أَهْلِ النَّارِ خُرُوجًا ، رَجُلٌ يَخْرُجُ مِنْهَا زَحْفًا ، فَيُقَالُ لَهُ : انْطَلِقْ فَادْخُلِ الْجَنَّةَ ، قَالَ : فَيَذْهَبُ لِيَدْخُلَ الْجَنَّةَ ، فَيَجِدُ النَّاسَ قَدْ أَخَذُوا الْمَنَازِلَ ، فَيَرْجِعُ فَيَقُولُ : يَا رَبِّ ، قَدْ أَخَذَ النَّاسُ الْمَنَازِلَ ، فَيُقَالُ لَهُ : أَتَذْكُرُ الزَّمَانَ الَّذِي كُنْتَ فِيهِ ، فَيَقُولُ : نَعَمْ ، قَالَ : فَيُقَالُ لَهُ : تَمَنَّ ، قَالَ : فَيَتَمَنَّى ، فَيُقَالُ لَهُ : فَإِنَّ لَكَ الَّذِي تَمَنَّيْتَ وَعَشَرَةَ أَضْعَافِ الدُّنْيَا ، قَالَ : فَيَقُولُ : تَسْخَرُ بِي وَأَنْتَ الْمَلِكُ قَالَ : فَلَقَدْ رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، ضَحِكَ ، حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ مسعود﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته پڪ مان پوئين(دوزخي جي دوزخ مان) نڪرڻ کي ڄاڻان ٿو جو دوزخ مان بانبڙو يا ريڙهيون ڏيئي نڪرندو چيو ويندس ته وڃ وڃي بهشت ۾ رهه. حضور جن فرمايو ته بهشت ۾ وڃڻ لاءِ هلندو. ماڻهن کي ڏسندو ته جايون والاري ويا آهن پوءِ موٽي اچي چوندو ته اي رب! ماڻهو جايون والاري ويا آهن. پوءِ کيس چيو ويندو ته اهو زمانو ياد اٿئي جنهن ۾ تو گذاريو؟ چوندوته هائو. پوءِ چيو ويندس ته گُهر جيڪي گهرين ڏهوڻ دنيا جي تنهنجي ملڪيت آهي. پوءِ چوندو تون بادشاهه ٿي به مون سان چرچا ٿو ڪرين. راوي ٿو چوي ته حضور ﷺ کي ڏٺم ته ايترو کليا جو سندن هوڙون مبارڪ به پڌريون ٿيون.
    عَنْ عَلِيِّ بْنِ رَبِيعَةَ ، قَالَ : شَهِدْتُ عَلِيًّا ، أُتِيَ بِدَابَّةٍ لِيَرْكَبَهَا فَلَمَّا وَضَعَ رِجْلَهُ فِي الرِّكَابِ ، قَالَ : بِسْمِ اللهِ ، فَلَمَّا اسْتَوَى عَلَى ظَهْرِهَا ، قَالَ : الْحَمْدُ لِلَّهِ ، ثُمَّ قَالَ : سُبْحَانَ الَّذِي سَخَّرَ لَنَا هَذَا وَمَا كُنَّا لَهُ مُقْرِنِينَ وَإِنَّا إِلَى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُونَ ، ثُمَّ قَالَ : الْحَمْدُ لِلَّهِ ثَلاثًا ، وَاللَّهُ أَكْبَرُ ثَلاثًا ، سُبْحَانَكَ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي ، فَاغْفِرْ لِي فَإِنَّهُ لا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلا أَنْتَ ، ثُمَّ ضَحِكَ فَقُلْتُ : مِنْ أَيِّ شَيْءٍ ضَحِكْتَ يَا أَمِيرَ الْمُؤْمِنِينَ ؟ قَالَ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم صَنَعَ كَمَا صَنَعْتُ ثُمَّ ضَحِكَ ، فَقُلْتُ : مِنْ أَيِّ شَيْءٍ ضَحِكْتَ يَا رَسُولَ اللهِ ؟ قَالَ : إِنَّ رَبَّكَ لَيَعْجَبُ مِنْ عَبْدِهِ ، إِذَا قَالَ : رَبِّ اغْفِرْ لِي ذُنُوبِي ، إِنَّهُ لا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ غَيْرُكَ .
    ترجمو: حضرت علي پٽ ربيعةؓ کان روايت آهي چيائين ته مان حضرت عليؓ وٽ هڪ وهٽ آندو ته ان تي چڙهي. جڏهن پنهنجو پير رڪاب ۾ رکيائين ته بسم الله پڙهيائين جڏهن سندس پٺيءَ تي سنئون ٿي ويٺو ته الحمد لله چيائين وري چيائين ته سُبْحَانَ الَّذِي سَخَّرَ لَنَا هَذَا وَمَا كُنَّا لَهُ مُقْرِنِينَ وَإِنَّا إِلَى رَبِّنَا لَمُنْقَلِبُونَ وري چيائين ٽي ڀيرا الحمد لله ۽ ٽي ڀيرا الله اڪبر ۽ .سُبْحَانَكَ إِنِّي ظَلَمْتُ نَفْسِي ، فَاغْفِرْ لِي فَإِنَّهُ لا يَغْفِرُ الذُّنُوبَ إِلا أَنْتَ پوءِ کليو. پوءِ چيم ته اي امير المؤمنين! ڇو کليئو؟ فرميائين ته حضور ﷺکي ائين ڪندو ڏٺم جيئن مون ڪيو.جڏهن کليا ته پڇيومانِ ته يا رسول الله ڇو کليئو؟ فرمايائون ته تنهنجو رب(پاليندڙ)پنهنجي ٻانهي کان خوش ٿو ٿئي جڏهن هوچوي ٿو ته رَبِّ اغْفِرْ لِي ذُنُوبِي ۽ هي ڄاڻي ٿو ته مون کان سواءِ ڪوبه گناهه بخشي نٿو سگهي.
    عَنْ عَامِرِ بْنِ سَعْدٍ ، قَالَ : قَالَ سَعْدٌ : لَقَدْ رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، ضَحِكَ يَوْمَ الْخَنْدَقِ حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ قَالَ : قُلْتُ : كَيْفَ كَانَ ؟ قَالَ : كَانَ رَجُلٌ مَعَهُ تُرْسٌ ، وَكَانَ سَعْدٌ رَامِيًا ، وَكَانَ يَقُولُ كَذَا وَكَذَا بِالتُّرْسِ يُغَطِّي جَبْهَتَهُ ، فَنَزَعَ لَهُ سَعْدٌ بِسَهْمٍ ، فَلَمَّا رَفَعَ رَأْسَهُ رَمَاهُ فَلَمْ يُخْطِئْ هَذِهِ مِنْهُ يَعْنِي جَبْهَتَهُ وَانْقَلَبَ الرَّجُلُ ، وَشَالَ بِرِجْلِهِ : فَضَحِكَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم حَتَّى بَدَتْ نَوَاجِذُهُ قَالَ : قُلْتُ : مِنْ أَيِّ شَيْءٍ ضَحِكَ ؟ قَالَ : مِنْ فِعْلِهِ بِالرَّجُلِ
    ترجمو:حضرت عامر پٽ سعد ﷦ کان روايت آهي چيائين ته سعدؓ چيو ته حضور ﷺ کي ڏٺم جو خندق ڏينهن ايترو کليا جو سندن هوڙون مبارڪ به پڌريون ٿي پيون وري عامر چيو ته سعد کان پڇيم ته ڇو کليا چيائين ته هڪ ڪافر هو جنهن وٽ ڍال هئي ۽ سعد تيرانداز هو ۽ اهو ڪافر ڍال کي هيڏي هوڏي ڪري پنهنجو منهن پيو لڪائي. پوءِ سعد هڪ تير ڪڍيو. پوءِ جڏهن مٿو مٿي ڪيائين ته چُٽيائينس ته اهو تير سندن منهن کان نه گٿو ۽ اونڌو ٿيو ۽ سندس ڄنگهه کڄي وئي تنهن تي حضور ﷺ کليا جو هوڙون مبارڪ ظاهر ٿيون پوءِ پڇيم ته ڇو کليا؟ چيائين ته سعد جي (بهادرانه) ڪم کان. جو ڪافر سان ڪيائين.
    36 ـ باب ما جاء في صفة مزاح رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي خوش طبعي
    ڪرڻ ۾ آيون آهن.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : إِنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ لَهُ : يَا ذَا الأُذُنَيْنِ ، قَالَ مَحْمُودٌ : قَالَ أَبُو أُسَامَةَ : يَعْنِي يُمَازِحُهُ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ مونکي ڪَنِتُ ڪري سڏيو. محمود راوي چيو ته حضرت ابو اسامةؓ چيو ته حضور جن انس سان خوش طبعي ڪندا هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : إِنْ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لَيُخَالِطُنَا حَتَّى يَقُولَ لأَخٍ لِي صَغِيرٍ : يَا أَبَا عُمَيْرٍ ، مَا فَعَلَ النُّغَيْرُ ؟ .
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪؓ چيو ته حضورﷺاسان سان ميل ميلاپ گهڻو رکندا هوا جو منهنجي ننڍي ڀاءُ فرمائيندا هوا ته اڙي عُمير جا پيءُ! چنڊولڙي پکيءَ ڇا ڪيو؟ڪاڏي ويو؟
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : قَالُوا : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِنَّكَ تُدَاعِبُنَا ، قَالَ : إِنِّي لا أَقُولُ إِلا حَقًّا تُدَاعِبۡنَا یعنی تُمَازِحۡنَا
    ترجمو: حضرت ابو هريرة﷦ کان روايت آهي چيائين ته اصحابن عرض ڪيو ته يا رسول الله! اوهان به اسان سان چرچا ٿا ڪريو. فرمايائون ته مان سچ کان سواءِ نه چوندو آهيان. راويءَ چيوته ”تُداعبنا “ چرچا ڪرڻ.”تمازحنا“ کل ڀوڳ ڪرڻ.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَجُلا اسْتَحْمَلَ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : إِنِّي حَامِلُكَ عَلَى وَلَدِ نَاقَةٍ ، فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللهِ ، مَا أَصْنَعُ بِوَلَدِ النَّاقَةِ ؟ فَقَالَ صلى الله عليه وسلم : وَهَلْ تَلِدُ الإِبِلَ إِلا النُّوقُ ؟ وَ عَنۡہُ أَنَّ رَجُلا مِنْ أَهْلِ الْبَادِيَةِ كَانَ اسْمُهُ زَاهِرًا ، وَكَانَ يُهْدِي إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، هَدِيَّةً مِنَ الْبَادِيَةِ ، فَيُجَهِّزُهُ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، إِذَا أَرَادَ أَنْ يَخْرُجَ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ زَاهِرًا بَادِيَتُنَا وَنَحْنُ حَاضِرُوهُ وَكَانَ صلى الله عليه وسلم يُحِبُّهُ وَكَانَ رَجُلا دَمِيمًا ، فَأَتَاهُ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يَوْمًا وَهُوَ يَبِيعُ مَتَاعَهُ وَاحْتَضَنَهُ مِنْ خَلْفِهِ وَهُوَ لا يُبْصِرُهُ ، فَقَالَ : مَنْ هَذَا ؟ أَرْسِلْنِي فَالْتَفَتَ فَعَرَفَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم فَجَعَلَ لا يَأْلُو مَا أَلْصَقَ ظَهْرَهُ بِصَدْرِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم حِينَ عَرَفَهُ ، فَجَعَلَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُ : مَنْ يَشْتَرِي هَذَا الْعَبْدَ ، فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِذًا وَاللَّهِ تَجِدُنِي كَاسِدًا ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : لَكِنْ عِنْدَ اللهِ لَسْتَ بِكَاسِدٍ أَوْ قَالَ : أَنتَ عِنْدَ اللهِ غَالٍ .
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان ﷦ کان روايت آهي ته هڪ مڙس رسول الله ﷺ کان سواري لاءِ وهٽ گهريو پاڻ سڳورن فرمايو ته توکي ڏاڍيءَ جي ڦر تي سوار ڪندس. هن چيو ته يا رسول الله!ڏاچيءَ جي ڦر کي ڇا ڪندس؟ تنهن تي حضور ﷺ فرمايو ته ڇا اُٺ کي ڏاچي نه ڄڻيندي آهي؟
    ۽ ان کان روايت آهي ته هڪ ٻهراڙيءَ جو مڙس زاهر نالي حضور ﷺ لاءِ ٻاهراڙي مان سوکڙي آڻيندو هو جڏهن وڃڻ جو ارادو ڪندو هو ته حضور جن کيس گهڻو ئي سامان ڏيندا هوا ۽ فرمائيندا هوا ته زاهر اسان لاءِ واهڻائي آهي ۽ اسين ان لاءِ شهري آهيون.حضور جن ﷺ کيس پيار ڪندا هوا. زاهر شڪل سو سهڻو نه هو. هڪ ڏينهن حضور ﷺ وٽس ويا هو پنهنجو سامان پيو وڪڻي. حضور جن پٺيان ڀاڪر وڌس هو حضور جن کي نه پيو ڏسي پوءِ چيائين ته هي ڪير آهي؟ مونکي ڇڏ. پوءِ ڪنڌ ڦيريائين پوءِ سڃاتائين ته نبي ﷺ آهن. پوءِ پوئتي ٽيڪ ڏيئي پنهنجي پٺي حضور ﷺ جي سيني مبارڪ سان پيو ملائي. تنهن تي حضور ﷺ فرمائڻ لڳا ته هي ٻانهو ڪو وٺندو؟ تنهن تي ان چيو ته اي الله جا رسول! اگهه ڪونه ڪندس. تنهن تي حضور ﷺ چيس ته ڌڻي تعاليٰ اڳيان اگهه وارو آهين. يا فرمايائون ته تنهنجو مرتبو الله تعاليٰ وٽ وڏو آهي.
    عَنِ الْحَسَنِ ، قَالَ : أَتَتْ عَجُوزٌ إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَتْ : يَا رَسُولَ اللهِ ، ادْعُ اللَّهَ أَنْ يُدْخِلَنِي الْجَنَّةَ ، فَقَالَ : يَا أُمَّ فُلانٍ ، إِنَّ الْجَنَّةَ لا تَدْخُلُهَا عَجُوزٌ ، قَالَ : فَوَلَّتْ تَبْكِي ، فَقَالَ : أَخْبِرُوهَا أَنَّهَا لا تَدْخُلُهَا وَهِيَ عَجُوزٌ إِنَّ اللَّهَ تَعَالَى ، يَقُولُ : إِنَّا أَنْشَأْنَاهُنَّ إِنْشَاءً ، فَجَعَلْنَاهُنَّ أَبْكَارًا ، عُرُبًا أَتْرَابًا
    ترجمو: حضرت حسن بصري کان روايت آهي ته حضور ﷺ وٽ هڪ ڪراڙي آئي عرض ڪيائين ته يا رسول الله! دعا گهرو ته خدا بهشت ۾ داخل ڪري حضور جن فرمايو ته فلاڻي جي ماءُ! بهشت ۾ ڪراڙي ڪانه ويندي. راوي چيو ته پوءِ مائي موٽي ۽ روئڻ لڳي حضور جن فرمايو ته وڃي خبر ڏيوس ته ڪراڙپ جي حالت ۾. بهشت ۾ نه ويندئين ڇو ته خدا چوي ٿو ته اسان انهن کي ڪنواريون ڪري پيدا ڪنداسون.


    37 ـ باب ما جاء في صفة كلام رسول الله صلى الله عليه وسلم في الشعر .

    37 ـ باب ما جاء في صفة كلام رسول الله صلى الله عليه وسلم في الشعر .
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي ڪلام شعر
    جي باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : قِيلَ لَهَا : هَلْ كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يَتَمَثَّلُ بِشَيْءٍ مِنَ الشِّعْرِ ؟ قَالَتْ : كَانَ يَتَمَثَّلُ بِشِعْرِ ابْنِ رَوَاحَةَ ، وَيَتَمَثَّلُ بِقَوْلِهِ : يَأْتِيكَ بِالأَخْبَارِ مَنْ لَمْ تُزَوَّدِ
    ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته مون کان پڇيو ويو ته ڇا حضور ﷺ ڪو شعر پڙهندا هوا؟ جوابًا چيم ته هائو. حضرت ابن رواحة صحابيؓ جو شعر آواز سان پڙهندا هوا ۽ ڪڏهن ( طوفه بن عبد جو) هي مصرعه چوندا هوا. وَيَأْتِيكَ بِالأَخْبَارِ مَنْ لَمْ تُزَوَّدِ
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ أَصْدَقَ كَلِمَةٍ قَالَهَا الشَّاعِرُ ، كَلِمَةُ لَبِيدٍ : أَلا كُلُّ شَيْءٍ مَا خَلا اللَّهَ بَاطِلٌ ، وَكَادَ أُمَيَّةُ بْنُ أَبِي الصَّلْتِ أَنْ يُسْلِمَ
    ترجمو: حضرت ابو هريرة﷦ کان روايت آهي چيائين ته حصور جن فرمايو ته سچو حملو جو ڪنهن شاعر چيو هجي ته لبيد جو ئي ڪلمه آهي.أَلا كُلُّ شَيْءٍ مَا خَلا اللَّهَ بَاطِلٌ خبردار! جيڪي به خدا کان سواءِ آهي سو سڀ باطل آهي (هي به فرمايائون ته) امية بن ابي صلت جي اسلام آڻڻ ۾ دير ڪانهي.
    عَنْ جُنْدُبِ بْنِ سُفْيَانَ الْبَجَلِيِّ ، قَالَ : أَصَابَ حَجَرٌ أُصْبُعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَدَمِيَتْ ، فَقَالَ : هَلْ أَنْتِ إِلا أُصْبُعٌ دَمِيتِ وَفِي سَبِيلِ اللهِ مَا لَقِيتِ
    ترجمو: حضرت جندب پٽ سفيان ؓ کان روايت آهي ته (احد جي ڏينهن) هڪ پٿر حضور جن جي آڱر مبارڪ کي لڳو ۽ رت وهڻ لڳو تنهن تي پاڻ شعر جي ارادي کان سواءِ فرمايائون
    نه آهين تون مگر آڱر رتورت
    خدا جي راهه ۾ ٿي آهين رتورت

    عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ ، قَالَ : قَالَ لَهُ رَجُلٌ : أَفَرَرْتُمْ عَنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَا أَبَا عُمَارَةَ ؟ فَقَالَ : لا وَاللَّهِ مَا وَلَّى رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلَكِنْ وَلَّى سَرَعَانُ النَّاسِ ، تَلَقَّتْهُمْ هَوَازِنُ بِالنَّبْلِ ، وَرَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، عَلَى بَغْلَتِهِ ، وَأَبُو سُفْيَانَ بْنُ الْحَارِثِ بْنِ عَبْدِ الْمُطَّلِبِ آخِذٌ بِلِجَامِهَا ، وَرَسُولُ اللهِ يَقُولُ : أَنَا النَّبِيُّ لا كَذِبْ أَنَا ابْنُ عَبْدِ الْمُطَّلِبْ
    ترجمو: حضرت براءپٽ عازب کان روايت آهي. چيائين ته کانئس ڪنهن ماڻهو پڇيو ته اي ابو عمارة! توهان رسول الله ﷺ کان ڀڄي ويا هوا ڇا؟ تنهن تي چيائين ته نه. خدا جوقسم ته حضور ﷺ نه هٽيا هوا. پر هوازن جي قوم ڪن ٿرڙ ماڻهن کي پيش آئي. ۽ پاڻ سڳورا پنهنجي خچر تي هوا. ۽ ابو سفيان پٽ حارث پٽ عبدالمطلب خچر جي لگام کان وپرتو هو ۽ حضور جن فرمائي رهيا هوا أَنَا النَّبِيُّ لا كَذِبْ أَنَا ابْنُ عَبْدِ الْمُطَّلِبْ مان نه آهيان ڪوڙو نبي، عبدالمطلب جو پٽ.
    عَنْ أَنَسٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم دَخَلَ مَكَّةَ فِي عُمْرَةِ الْقَضَاءِ ، وَابْنُ رَوَاحَةَ يَمْشِي بَيْنَ يَدَيْهِ ، وَهُوَ يَقُولُ : خَلُّوا بَنِي الْكُفَّارِ عَنْ سَبِيلِهِ الْيَوْمَ نَضْرِبُكُمْ عَلَى تَنْزِيلِهِ ضَرْبًا يُزِيلُ الْهَامَ عَنْ مَقِيلِهِ وَيُذْهِلُ الْخَلِيلَ عَنْ خَلِيلِهِ فَقَالَ لَهُ عُمَرُ : يَا ابْنَ رَوَاحَةَ ، بَيْنَ يَدِي رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَفِي حَرَمِ اللهِ تَقُولُ الشِّعْرَ ، فَقَالَ صلى الله عليه وسلم : خَلِّ عَنْهُ يَا عُمَرُ ، فَلَهِيَ أَسْرَعُ فِيهِمْ ، مِنْ نَضْحِ النَّبْلِ
    ترجمو: حضرت انسؓ کان روايت آهي ته حضور عمرة القضاء جي سال مڪه ۾ گهڙيا. سندن اڳيان هي شعر چئي رهيو هو. اي جافرن جا پٽو سندس رستو خالي ڪريو نه ته وڙهنداسون توهان سان اڄ آهه قرآن جو سبق. ويڙهه ۾ ٿيندو ڌڙن کا سر جدا. جو نه رهندو ياد ڪنهن سڄڻ سڃاڻڻ جو سبق. حضرت عمر فاروق﷦ چيس ته اي ابن رواحة تون رسول الله ﷺ جي اڳيان ۽ خدا جي حرم ۾ شعر ٿو چوين. تنهن تي حضورﷺ فرمايو ته اي عمر! ڇڏيس. ڇو ته اهي شعر انهن ڪافرن کي تير وسائڻ کان وڌيڪ تکا ٿا لڳن.
    عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ ، قَالَ : جَالَسْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، أَكْثَرَ مِنْ مِائَةِ مَرَّةٍ ، وَكَانَ أَصْحَابُهُ يَتَنَاشَدُونَ الشِّعْرَ ، وَيَتَذَاكَرُونَ أَشْيَاءَ مِنْ أَمْرِ الْجَاهِلِيَّةِ ، وَهُوَ سَاكِتٌ وَرُبَّمَا تَبَسَّمَ مَعَهُمْ
    ترجمو: حضرت جابر پٽ سمرة﷦ چيو ته مون حصور جن جي خذمت ۾ سوکان وڌيڪ ويٺو آهيان. سندن اصحاب شعر پڙهندا هوا ۽ جاهليت جون ڳالهيون به ڪندا هوا (1) ۽ پاڻ سڳورا چپ ڪري ويٺا رهندا هوا ۽ بعضي ساڻن گڏجي مُرڪندا هوا.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : أَشْعَرُ كَلِمَةٍ تَكَلَّمَتْ بِهَا الْعَرَبُ كَلِمَةُ لَبِيدٍ أَلا كُلُّ شَيْءٍ مَا خَلا اللَّهَ بَاطِلٌ
    ترجمو: حضرت ابو هريرة﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ فرمايو ته عرب جي شعرن مان سٺو شعر لبيد جو آهي أَلا كُلُّ شَيْءٍ مَا خَلا اللَّهَ بَاطِلٌ يعني خبردار! جيڪي به خدا کا سواءِ معبود آهي سڀ ڪوڙ ۽ باطل آهي.
    عَنْ عَمْرِو بْنِ الشَّرِيدِ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : كُنْتُ رِدْفَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَأَنْشَدْتُهُ مِائَةَ قَافِيَةٍ مِنْ قَوْلِ أُمَيَّةَ بْنِ أَبِي الصَّلْتِ الثَّقَفِيِّ ، كُلَّمَا أَنْشَدْتُهُ بَيْتًا ، قَالَ لِيَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : هِيهْ حَتَّى أَنْشَدْتُهُ مِائَةً يَعْنِي بَيْتًا ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : إِنْ كَادَ لَيُسْلِمُ
    ترجمو: حضرت عَمرو پٽ شريد پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري ته مون حضورﷺ سان ٻيلهه هوس ۽ اميّه پٽ ابو صلت جي سَؤ بيتن مان ٻڌايو ماننِ ٿي. جڏهن هڪ بيت چئي پيو بيهان ته مونکي فرمائن پيا ته هِيہِ يعني اڳتي چئه تان جو سَؤ ئي ٻڌايامانِ. تنهن تي حضور ﷺ فرمائڻ لڳا ته امية بن ابي الصلت مسلمان ٿيڻ کي ويجهو آهي.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَضَعُ لِحَسَّانَ بْنِ ثَابِتٍ مِنْبَرًا فِي الْمَسْجِدِ يَقُومُ عَلَيْهِ قَائِمًا يُفَاخِرُ عَنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم أَوْ قَالَ : يُنَافِحُ عَنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم وَيَقُولُ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ اللَّهَ يُؤَيِّدُ حَسَّانَ بِرُوحِ الْقُدُسِ ، مَا يُنَافِحُ أَوْ يُفَاخِرُ عَنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم
    ترجمو: حضرت عائشهؓ چيو ته حضور ﷺ حضرت حسان پٽ ثابت لاءِ مسجد ۾ منبر رکائيندا هوا جنهن تي اٿي بيهي حضور جن جي تعريف ڪندو هو. راوي چيو ته حضور ﷺ جن جي ساراهه ۽ ڪافرن جي ڪُڌن ڪرتوتن جو جواب ڏيندو هو. حضور جن فرمائن ٿا ته الله تعاليٰ حسان جي مدد جبرئيل سان ڪندو آهي جيسيتائين ڪافرن کي حضور ﷺ جي طرفان جواب ڏيندو رهندو آهي.


    38 ـ باب ما جاء في كلام رسول الله صلی اللہ علیہ وسلم في السمر

    38 ـ باب ما جاء في كلام رسول الله صلی اللہ علیہ وسلم في السمر
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي ڳالهين
    ۾ آيون آهن.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : حَدَّثَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، ذَاتَ لَيْلَةٍ نِسَاءَهُ حَدِيثًا ، فَقَالَتِ امْرَأَةٌ مِنْهُنَّ : كَأَنَّ الْحَدِيثَ حَدِيثُ خُرَافَةَ ، فَقَالَ : أَتَدْرُونَ مَا خُرَافَةُ ؟ إِنَّ خُرَافَةَ كَانَ رَجُلا مِنْ عُذْرَةَ ، أَسَرَتْهُ الْجِنُّ فِي الْجَاهِلِيَّةِ ، فَمَكَثَ فِيهِمْ دَهْرًا ، ثُمَّ رَدُّوهُ إِلَى الإِنْسِ ، فَكَانَ يُحَدِّثُ النَّاسَ بِمَا رَأَى فِيهِمْ مِنَ الأَعَاجِيبِ ، فَقَالَ النَّاسُ : حَدِيثُ خُرَافَةَ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته هڪ رات حضورﷺ پنهنجي بيبين کي ڳالهه ٻڌائي تنهن تي منجهائن هڪ بيبي فرمائڻ لڳي ته ڄڻ خرافه جي ڳالهه آهي تنهن تي پاڻ سڳورا فرمائڻ لڳا ته خبر اٿو ته خرافه ڇا آهي؟ خرافه عذرة جي پاڙي مان هڪ مڙس هو جاهليت جي زماني ۾ هن کي جِنُ کڻي ويو ڪجهه وقت جنن ۾ ٽڪائي وري ماڻهن ۾ ڇڏي ويس پوءِ اهو ماڻهن کي ڳالهيون ٻڌائيندو هو جيڪي اچرج جهڙيون ڳالهيون جنن ۾ ڏسي آيو هو. تنهن تي ماڻهو سڀ ڪنهن عجيب ڳالهه لاءِ چوندا هوا ته اها خرافه جي ڳالهه آهي.
    حديث ام زرع : ام زرع جي ڳالهه
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : جَلَسَتْ إِحْدَى عَشْرَةَ امْرَأَةً فَتَعَاهَدْنَ وَتَعَاقَدْنَ أَنْ لا يَكْتُمْنَ مِنْ أَخْبَارِ أَزْوَاجِهِنَّ شَيْئًا : فَقَالَتِ الأُولَى : زَوْجِي لَحْمُ جَمَلٍ غَثٍّ عَلَى رَأْسِ جَبَلٍ وَعْرٍ ، لا سَهْلٌ فَيُرْتَقَى ، وَلا سَمِينٌ فَيُنْتَقَلُ قَالَتِ الثَّانِيَةُ : زَوْجِي لا أَبُثُّ خَبَرَهُ ، إِنِّي أَخَافُ أَنْ لا أَذَرَهُ ، إِنْ أَذْكُرْهُ أَذْكُرْ عُجَرَهُ ، وَبُجَرَهُ قَالَتِ الثَّالِثَةُ : زَوْجِي الْعَشَنَّقُ ، إِنْ أَنْطِقْ أُطَلَّقْ ، وَإِنْ أَسْكُتْ أُعَلَّقْ قَالَتِ الرَّابِعَةُ : زَوْجِي كَلَيْلِ تِهَامَةَ ، لا حَرٌّ ، وَلا قُرٌّ ، وَلا مَخَافَةَ ، وَلا سَآمَةَ قَالَتِ الْخَامِسَةُ : زَوْجِي إِنْ دَخَلَ فَهِدَ ، وَإِنْ خَرَجَ أَسِدَ ، وَلا يَسْأَلُ عَمَّا عَهِدَ قَالَتِ السَّادِسَةُ : زَوْجِي إِنْ أَكَلَ لَفَّ ، وَإِنْ شَرِبَ اشْتَفَّ ، وَإِنِ اضْطَجَعَ الْتَفَّ ، وَلا يُولِجُ الْكَفَّ ، لِيَعْلَمَ الْبَثَّ قَالَتِ السَّابِعَةُ : زَوْجِي عَيَايَاءُ ، أَوْ غَيَايَاءُ طَبَاقَاءُ ، كُلُّ دَاءٍ لَهُ دَاءٌ ، شَجَّكِ ، أَوْ فَلَّكِ ، أَوْ جَمَعَ كُلا لَكِ قَالَتِ الثَّامِنَةُ : زَوْجِي الْمَسُّ ، مَسُّ أَرْنَبٍ وَالرِّيحُ ، رِيحُ زَرْنَبٍ قَالَتِ التَّاسِعَةُ : زَوْجِي رَفِيعُ الْعِمَادِ ، طَوِيلُ النِّجَادِ عَظِيمُ الرَّمَادِ ، قَرِيبُ الْبَيْتِ مِنَ النَّادِ قَالَتِ الْعَاشِرَةُ : زَوْجِي مَالِكٌ ، وَمَا مَالِكٌ مَالِكٌ خَيْرٌ مِنْ ذَلِكِ ، لَهُ إِبِلٌ كَثِيرَاتُ الْمَبَارِكِ ، قَلِيلاتُ الْمَسَارِحِ ، إِذَا سَمِعْنَ صَوْتَ الْمِزْهَرِ ، أَيْقَنَّ أَنَّهُنَّ هَوَالِكُ قَالَتِ الْحَادِيَةَ عَشْرَةَ : زَوْجِي أَبُو زَرْعٍ وَمَا أَبُو زَرْعٍ ؟ أَنَاسَ مِنْ حُلِيٍّ أُذُنَيَّ ، وَمَلأَ مِنْ شَحْمٍ عَضُدَيَّ ، وَبَجَّحَنِي ، فَبَجَحَتْ إِلَيَّ نَفْسِي ، وَجَدَنِي فِي أَهْلِ غُنَيْمَةٍ بِشَقٍّ فَجَعَلَنِي فِي أَهْلِ صَهِيلٍ ، وَأَطِيطٍ وَدَائِسٍ وَمُنَقٍّ ، فَعِنْدَهُ أَقُولُ ، فَلا أُقَبَّحُ ، وَأَرْقُدُ ، فَأَتَصَبَّحُ ، وَأَشْرَبُ ، فَأَتَقَمَّحُ ، أُمُّ أَبِي زَرْعٍ فَمَا أُمُّ أَبِي زَرْعٍ ، عُكُومُهَا رَدَاحٌ ، وَبَيْتُهَا فَسَاحٌ ، ابْنُ أَبِي زَرْعٍ ، فَمَا ابْنُ أَبِي زَرْعٍ ، مَضْجَعُهُ كَمَسَلِّ شَطْبَةٍ ، وَتُشْبِعُهُ ذِرَاعُ الْجَفْرَةِ ، بِنْتُ أَبِي زَرْعٍ ، فَمَا بِنْتُ أَبِي زَرْعٍ ، طَوْعُ أَبِيهَا وَطَوْعُ أُمِّهَا ، مِلْءُ كِسَائِهَا ، وَغَيْظُ جَارَتِهَا ، جَارِيَةُ أَبِي زَرْعٍ ، فَمَا جَارِيَةُ أَبِي زَرْعٍ ، لا تَبُثُّ حَدِيثَنَا تَبْثِيثًا ، وَلا تُنَقِّثُ مِيرَتَنَا تَنْقِيثًا ، وَلا تَمْلأُ بَيْتَنَا تَعْشِيشًا ، قَالَتْ : خَرَجَ أَبُو زَرْعٍ ، وَالأَوْطَابُ تُمْخَضُ ، فَلَقِيَ امْرَأَةً مَعَهَا وَلَدَانِ لَهَا ، كَالْفَهْدَيْنِ ، يَلْعَبَانِ مِنْ تَحْتِ خَصْرِهَا بِرُمَّانَتَيْنِ ، فَطَلَّقَنِي وَنَكَحَهَا ، فَنَكَحْتُ بَعْدَهُ رَجُلا سَرِيًّا ، رَكِبَ شَرِيًّا ، وَأَخَذَ خَطِّيًّا ، وَأَرَاحَ عَلَيَّ نَعَمًا ثَرِيًّا ، وَأَعْطَانِي مِنْ كُلِّ رَائِحَةٍ زَوْجًا ، وَقَالَ : كُلِي أُمَّ زَرْعٍ ، وَمِيرِي أَهْلَكِ ، فَلَوْ جَمَعْتُ كُلَّ شَيْءٍ أَعْطَانِيهِ ، مَا بَلَغَ أَصْغَرَ آنِيَةِ أَبِي زَرْعٍ قَالَتْ عَائِشَةُ : فَقَالَ لِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : كُنْتُ لَكِ كَأَبِي زَرْعٍ لأُمِّ زَرْعٍ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته يارهن زالون هيون تن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪري انجام ڪيو ته هڪ ٻئيکي پنهنجي مڙس جون ڳالهيون ٻڌائينديون. پهرينءَ چيو ته منهنجو مڙس ڪراڙي اٺ جي گوشت جهڙو آهي جو جبل جي ڏکيءَ چوٽيءَ تي رکيو هجي نه اهو ٽڪر سولو هجي جو چڙهي سگهجي نه گوشت ئيڪو چڱو هجي جو تڪليف ڪري الهي اچجي. ٻيءَ چيو ته منهنجو مڙس اهڙو آهي جو سندس ڳالهه ئي پکيڙي نٿي سگهان سندن ڇڏڻ يعني طلاق جي ڊپ کان ڊڄان ٿي جي ڳالهه ڪندس ته سندس عيب اوڻايون ڪي هونديون. ٽينءَ چيو ته منهنجو مڙس اڳ پوءِ ڏسي ئي ڪونه جي ڳالهائيندس ته طلاق ڏيندو. جي چپ رهنديس ته ٽنگبس چوٿينءَ چيو ته منهنجو مڙس مڪه جي رات وانگر آهي نه ٿڌو نه ڪوسو نه سک نه ڏک. پنجينءَ چيو ته منهنجو مڙس گهر اچي ته چيٽو جي ٻاهر نڪري ته شينهن باقي گهرو ڪم لاءِ ڪير ڪڇي. ڇهينءَ چيو ته منهنجو مڙس جي کائي ته ڇٻيءَ ۾ ڀورو نه ڇڏي جي پيئي ته ڍڪ نه بچائي جي سمهي ته ويڙهجي وڃي ۽ هٿ ڊگهو ڪري به نه ڏسي ته مان ڪهڙي دنگ ۾ آيان. ستينءَ چيو ته منهنجو مڙس ڍرو (نامرد) اڍنگو پيٽوڙي ۽ کيس سڀ بيماريون اهڙي بيماري جو توکي ڦٽي رکي يا هڏ ئي ڀڃي رکئي يا ٻنهين (ڦٽڻ ۽ هڏن ڀڃڻ) کي گڏي ڇڏئي. اٺينءَ چيو ته منهنجو مڙس ڇهڻ ۾ ته سيهڙ ۽ سنگهڻ ۾ ڪيسر نائينءَ چيو ته منهنجو مڙس وڏن ٿنڀن وارو ۽ گهڻي ڪيريءَ وارو(ڏاڍو سخي) آهي ۽ بت جو ڊگهو آهي ۽ گهر اوطاق جي ويجهو اٿس. ڏهينءَ چيو ته منهنجي مڙس جو نالو مالڪ آهي جو ان کان چڱو آهي جنهن کي اٺن جا گهڻا وڳ واڙن ۾ گهر هجن ۽ جهنگ ۾ ٿورا. جڏهن مهمانن جي خوش آمد جو لڙ ٻڌن ته رڙن کو ته سمجهن ٿا ته اجهو ٿا ڪُسون.يارهينءَ چيو ته منهنجو مڙس ابوزرع آهي جنهن منهنجا ڪن ڳهن سان ڇني رکيا آهن. سڻڀ کارائي ڏورا ٿلها ڪري ڇڏيا اٿس مونکي ڏاڍو خوش ڪيو اٿس مونکي ٻڪرارن ۾ ڏکيو ڏنائين پوءِ منوکي اتي وٺي آيو جتي گهوڙن جون هڻڪارون ۽ اٺن جا ڏاڪڙ ۽ ڳاهه ڳاهيندڙ ڏاند ۽ ان وائريندڙ ڪڙمي هوا منهنجو سهراڻ سکيو آهياڳيانس جيڪي چوندي آهيان ته برو نه سمجهندو آهي سمهان ته پرهه ڦٽيءَ اٿان (رات جو ڪابه ڏکيائي ڪانهي) پيان ٿي ته بچايان ٿي مونکي سس آهي جنهن جا ٿانو وڏا آهن ۽ سندس گهر وڏو ۽ ويڪرو آهي ۽ ابوزرع جو پٽ کجي جي ڇليل ڇڙيءَ جهڙو (سنهڙو) آهي کيس ننڍڙي ڇيلڙيءَ جي ڄنگهه ئي ڍاپائي ڇڏي ۽ ابوزرع جي ڌيءَ پنهنجي پيءُ ماءُ جي فرمانبردار آهي پنهنجن ڪپڙن کي ڀري ٿي جا پنهجي ساريل پاڙيچي (سوٽِ) کي ساڙي ٿي ۽ ابوزرع جي ٻانهي اسان جي راز جون ڳالهيون ڪنهن کي نه ٻڌائيندي آهي نه اسان جو ان چورائيندي آهي اسان جو گهر گند ڪري نه ڇڏيندي آهي. هڪ ڀيري ابوزرع ٻاهر نڪتو ۽ کير جون چاڏيون ولوڙي رهيون هيون صبح جو هڪ زال مليس جنهن جا ٻه پٽ سندس پاسي ۾ چيٽي جي ٻچن وانگر ڏاڙهن سان پي کيڏيا تنهن تي مونکي طلاق ڏيئي ساڻس پرڻيو. پوءِ مان هڪ سردار مڙس سان پرڻيس جو تکي گهوڙي تي چڙهي هٿ ۾ خطي ملڪ جو نيزو کڻندو هو ۽ مون وٽ گهڻا ڍور آڻيندو هو ۽ مونکي هر هڪ قسم مان جوڙو ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته زرع جي ماءُ کاءُ ۽ پنهنجن مائٽن کي ان ڏيندي ڪر پوءِ به جي گڏيندي هيس جيڪي ڏيندو هو ته به ابو زرع (اڳئين مڙس) جي ننڍي ٿانو کي نه پهچندو هو حضرت عائشهؓ چيو ته انهي ڳالهه ٻڌڻ سان حضور جن فرمايو ته نه نه. آءٌ پڻ تنهنجي لاءِ ابو زرع ، ام زرع جي مڙس وانگر آهيان.


    39 ـ باب ما جآء في صفة نوم رسول الله علیہ وسلم

    39 ـ باب ما جآء في صفة نوم رسول الله علیہ وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي ننڊ
    جي باري ۾ آيون آهن
    عَنِ الْبَرَاءِ بْنِ عَازِبٍ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ إِذَا أَخَذَ مَضْجَعَهُ وَضَعَ كَفَّهُ الْيُمْنَى تَحْتَ خَدِّهِ الأَيْمَنِ ، وَقَالَ : رَبِّ قِنِي عَذَابَكَ يَوْمَ تَبْعَثُ عِبَادَكَ
    ترجمو: حضرت براء پٽ عازب﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جڏهن پنهنجو هنڌ وٺندا هوا ته پنهنجو سڄو هٿ مبارڪ سڄي ڳل هيٺان رکي چوندا هوا ته
    رَبِّ قِنِي عَذَابَكَ يَوْمَ تَبْعَثُ عِبَادَكَ
    يعني اي رب منهنجا پنهنجي عزاب کان بچاءِ جنهن ڏينهن پنهنجا ٻانها اٿاريندين.
    عَنْ حُذَيْفَةَ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم إِذَا أَوَى إِلَى فِرَاشِهِ ، قَالَ : اللَّهُمَّ بِاسْمِكَ أَمُوتُ وَأَحْيَا ، وَإِذَا اسْتَيْقَظَ ، قَالَ : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَحْيَانًا بَعْدَمَا أَمَاتَنَا وَإِلَيْهِ النُّشُورُ
    ترجمو: حضرت حذيفة ﷦ چيو ته حضور ﷺ جڏهن پنهنجي هنڌ ڏانهن ورندا هوا ته چوندا هوا : اللَّهُمَّ بِاسْمِكَ أَمُوتُ وَأَحْيَا ۽ جڏهن جاڳندا هوا ته چوندا هوا : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَحْيَانًا بَعْدَمَا أَمَاتَنَا وَإِلَيْهِ النُّشُورُ
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، إِذَا أَوَى إِلَى فِرَاشِهِ كُلَّ لَيْلَةٍ جَمَعَ كَفَّيْهِ فَنَفَثَ فِيهِمَا ، وَقَرَأَ فِيهِمَا : قُلْ هُوَ اللَّهُ أَحَدٌ وَ قُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ وَ قُلْ أَعُوذُ بِرَبِّ النَّاسِ ، ثُمَّ مَسَحَ بِهِمَا مَا اسْتَطَاعَ مِنْ جَسَدِهِ ، يَبْدَأُ بِهِمَا رَأْسَهُ وَوَجْهَهُ وَمَا أَقْبَلَ مِنْ جَسَدِهِ ، يَصْنَعُ ذَلِكَ ثَلاثَ مَرَّاتٍ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ چيو ته حضور ﷺ هر رات جڏهن پنهنجي هنڌ تي ايندا هوا ته ٻئيهٿ گڏي منجهن قل هوا الله احد ۽ قل اعوذ برب الفلق ۽ قل اعوذ برب الناس پڙهي شوڪراي پنهنجي بدن مبارڪ تي جيتري ۾ پڄي سگهندا هوا ته مکيندا هوا. مٿي منهن ۽ اڳ کان شروع ڪندا هوا ۽ ائين ٽي ڀيرا ڪرڻ فرمائيندا هوا.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ : أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، نَامَ حَتَّى نَفَخَ ، وَكَانَ إِذَا نَامَ نَفَخَ ، فَأَتَاهُ بِلالٌ فَآذَنَهُ بِالصَّلاةِ ، فَقَامَ وَصَلَّى وَلَمْ يَتَوَضَّأْ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ
    ترجمو: حضرت ابن عباس﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ سمهندا هوا ته کوگهرو هڻڻ لڳندا هوا ۽ جڏهن سمهندا هوا ته کوگهرا شروع ٿيندا هوا ته وٽن بلال اچي نماز جي خبر ڏيندو هو پوءِ اٿي وڃي نماز پڙهندا هوا۽ وضو نه ڪندا هوا. حديث ۾ ٻيو قصو به آهي.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ إِذَا أَوَى إِلَى فِرَاشِهِ ، قَالَ : الْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَكَفَانَا وَآوَانَا ، فَكَمْ مِمَّنْ لا كَافِيَ لَهُ وَلا مُؤْوِي
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جڏهن هنڌ تي ايندا هوا ته چوندا هوا : اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي أَطْعَمَنَا وَسَقَانَا وَكَفَانَا وَآوَانَا ، فَكَمْ مِمَّنْ لا كَافِيَ لَهُ وَلا مُؤْوِي يعني الله جي تعريف جنهن کارايو پياريو ۽ اسان جي پورت ڪئي ڪي اهڙا ماڻهو به آهن جن جي پورت ڪندڙ جاءِ ڏيندڙ ڪونهي.
    عَنْ أَبِي قَتَادَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ إِذَا عَرَّسَ بِلَيْلٍ اضْطَجَعَ عَلَى شِقِّهِ الأَيْمَنِ ، وَإِذَا عَرَّسَ قُبَيْلَ الصُّبْحِ نَصَبَ ذِرَاعَهُ ، وَوَضَعَ رَأْسَهُ عَلَى كَفِّهِ
    ترجمو: حضرت ابو قتادة﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جڏهن (پنڌ ۾) رات جو لهي ٽڪندا هوا ته پنهنجي سڄي اپسي تي سمهندا هوا ۽ جڏهن پرهه ڦٽيءَ کان اڳڀرو لهندا هوا ته پنهنجي ٻانهن مبارڪ اڀي ڪري تري مبارڪ تي پنهنجو مٿو مبارڪ رکندا هوا.


    40 ـ باب ما جاء في عبادة رسول صلی اللہ علیہ وسلم

    40 ـ باب ما جاء في عبادة رسول صلی اللہ علیہ وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي عبادت
    ۾ آيون آهن
    عَنِ الْمُغِيرَةِ بْنِ شُعْبَةَ ، قَالَ : صَلَّى رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حَتَّى انْتَفَخَتْ قَدَمَاهُ ، فَقِيلَ لَهُ : أَتَتَكَلَّفُ هَذَا ، وَقَدْ غَفَرَ اللَّهُ لَكَ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ ؟ قَالَ : أَفَلا أَكُونُ عَبْدًا شَكُورًا
    ترجمو: حضرت مغيرة پٽ شعبة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول اللهﷺ نماز تهجد (ايتري ڊگهي) پڙهندا هواته سندن پير مبارڪ سُڄي پوندا هوا. کين عرض ڪيوويو ته اوهان اهڙي تڪليف ڪريو ٿا هن حالت هوندي جو الله تعاليٰ اوهان جا اڳيان ۽ پويان ڏوهه معاف ڪيا آهن (جنهن تي) فرمايائون ته ڇا آءٌ شڪر گذار ٻانهن مان نه هجان؟
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُصَلِّي حَتَّى تَرِمَ قَدَمَاهُ ، قَالَ : فَقِيلَ لَهُ : أَتَفْعَلُ هَذَا وَقَدْ جَاءَكَ أَنَّ اللَّهَ تَعَالَى قَدْ غَفَرَ لَكَ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ ؟
    قَالَ : أَفَلا أَكُونُ عَبْدًا شَكُورًا
    ترجمو: حضرت ابو هريره﷦ کان روايت آهي ته حضورﷺ (تهجد نماز ايتري ڊگهي) ڪندا هوا جو سندن پير مبارڪ سُڄي پوندا هوا کين عرض ڪيو ويندو هو ته توهان ائين ڪريو ٿا هن حالت ۾ جو الله تعاليٰ اوهان جا اڳيا پويان گناهه معاف ڪيا آهن. جواب ۾ فرمايائون ته مان شڪر گذار ٻانهو نه ٿيان ڇا؟
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ يَقُومُ يُصَلِّي حَتَّى تَنْتَفِخَ قَدَمَاهُ فَيُقَالُ لَهُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، تَفْعَلُ هَذَا وَقَدْ غَفَرَ اللَّهُ لَكَ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ ؟ ، قَالَ : أَفَلا أَكُونُ عَبْدًا شَكُورًا
    ترجمو: حضرت ابو هريره﷦کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ تهجد نماز ۾ ايترو بيهندا هوا جو سندن پير مبارڪ سُڄي پوندا هوا ۽ کين عرض ڪيو ويندو هو ته اي الله جا رسول! توهان ايتري تڪليف ڪريو ٿا هن حالت ۾ جو الله تعاليٰ اوهان جا اڳيان پويان گناهه معاف ڪيا آهن فرمايائون ته شڪر گذار ٻانهو نه ٿيان ڇا؟
    عَنِ الأَسْوَدِ بْنِ يَزِيدَ ، قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صَلاةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم بِاللَّيْلِ ؟ فَقَالَتْ : كَانَ يَنَامُ أَوَّلَ اللَّيْلِ ثُمَّ يَقُومُ ، فَإِذَا كَانَ مِنَ السَّحَرِ أَوْتَرَ ، ثُمَّ أَتَى فِرَاشَهُ ، فَإِذَا كَانَ لَهُ حَاجَةٌ أَلَمَّ بِأَهْلِهِ ، فَإِذَا سَمِعَ الأَذَانَ وَثَبَ ، فَإِنْ كَانَ جُنُبًا أَفَاضَ عَلَيْهِ مِنَ الْمَاءِ ، وَإِلا تَوَضَّأَ وَخَرَجَ إِلَى الصَّلاةِ
    ترجمو: حضرت اسود پٽ يزيد﷦ کان روايت آهي چيائين ته مون حضرت عائشهؓ کان حضور جن جي رات جي نماز بابت پڇيم چيائين ته پهرين رات ننڊ ڪندا هوا پوءِ اٿندا هوا جڏهن صبح ويجهو ٿيندو هو ته وتر به وڙهندا هوا ان کانپوءِ پنهنجي هنڌ تي ايندا هوا. ۽ جي کين (صحبت جي) هوندي هئي ته پنهنجي اهليه وٽ ايندا هوا. پوءِ جڏهن ٻانگ ٻڌندا هوا ته تڪڙو اٿندا هوا ۽ غسل ڪرڻو هوندو هونِ ته پاڻ تي پاڻي پلٽيندا هوا نه ته رڳو وضو ڪري نماز لاءِ نڪرندا هوا.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، أَنَّهُ أَخْبَرَهُ ، أَنَّهُ بَاتَ عِنْدَ مَيْمُونَةَ وَهِيَ خَالَتُهُ ، قَالَ فَاضْطَجَعْتُ فِي عَرْضِ الْوِسَادَةِ ، وَاضْطَجَعَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي طُولِهَا ، فَنَامَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حَتَّى إِذَا انْتَصَفَ اللَّيْلُ أَوْ قَبْلَهُ بِقَلِيلٍ أَوْ بَعْدَهُ بِقَلِيلٍ ، فَاسْتَيْقَظَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَجَعَلَ يَمْسَحُ النَّوْمَ عَنْ وَجْهِهِ ، ثُمَّ قَرَأَ الْعَشْرَ الآيَاتِ الْخَوَاتِيمَ مِنْ سُورَةِ آلِ عِمْرَانَ ، ثُمَّ قَامَ إِلَى شَنٍّ مُعَلَّقٍ فَتَوَضَّأَ مِنْهَا ، فَأَحْسَنَ الْوُضُوءَ ، ثُمَّ قَامَ يُصَلِّي ، قَالَ عَبْدُ اللهِ بْنُ عَبَّاسٍ : فَقُمْتُ إِلَى جَنْبِهِ فَوَضَعَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَدَهُ الْيُمْنَى عَلَى رَأْسِي ثُمَّ أَخَذَ بِأُذُنِي الْيُمْنَى ، فَفَتَلَهَا فَصَلَّى رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، ثُمَّ رَكْعَتَيْنِ ، قَالَ مَعْنٌ : سِتَّ مَرَّاتٍ ثُمَّ أَوْتَرَ ، ثُمَّ اضْطَجَعَ حَتَّى جَاءَهُ الْمُؤَذِّنُ ، فَقَامَ فَصَلَّى رَكْعَتَيْنِ خَفِيفَتَيْنِ ، ثُمَّ خَرَجَ فَصَلَّى الصُّبْحَ
    ترجمو: حضرت ابن عباس ﷦کان روايت آهي ته هن پنهنجي شاگرد ابو ڪريب کي خبر ڏني ته مان هڪ رات حضرت ميمونه وٽ رهيس جا منهنجي ماسي هئي پوءِ مان بستري جي منڍي ۾ سمهي پيس ۽ ڊيگهه رسول الله ﷺ اڌ رات تائين يا ٿورو پوءِ تائين ننڊ ڪري جاڳيا ۽ منهن مبارڪ مهٽي ننڊ لاهڻ لڳا ۽ آل عمران سورة جون پويون ڏهه آيتون پڙهيائون تنهن کانپوءِ لڙڪيل کلئي ڏي منجهانس سهڻي نمونه ۾ وضو ڪري بيهي نماز پڙهڻ لڳا.حضرت عبدالله پٽ عباس﷦ چيو ته مان سندن کٻي پاسي ۾ بيٺو هوس ته حضورﷺ سڄي هٿ مبارڪ سان منهنجي سڄي ڪن کي وٺي مروڙيو يعني ڦيرائي سڄي پاسي ڪري بيهاريو ۽ ٻه رڪعتون پڙهيائون وري ٻه رڪعتون ٻيون . وري ٻه رڪعتون ٻيون وري ٻه رڪعتون ٻيون وري ٻه رڪعتون وري ٻه رڪعتون. حضرت معن (حديث جو راوي)چيو ته ڇهه ڀيرا پڙهيائون پوءِ وتر پڙهيائون پوءِ سمهي پيا. پوءِ وٽن بانگو آيو تنهن تي اٿي ٻه رڪعتون هلڪڙيون پڙهيائون نڪري (مسجد ۾ اچي) صبح جي نماز پڙهيائون.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُصَلِّي مِنَ اللَّيْلِ ثَلاثَ عَشْرَةَ رَكْعَةً
    ترجمو: حضرت ابن عباسؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ رات جو تيرهن رڪعتون نماز پڙهندا هوا. (ٻه رڪعتون تحية الوضو کان سواءِ).
    عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ إِذَا لَمْ يُصَلِّ بِاللَّيْلِ ، مَنَعَهُ مِنْ ذَلِكَ النَّوْمُ ، أَوْ غَلَبَتْهُ عَيْنَاهُ ، صَلَّى مِنَ النَّهَارِ ثِنْتَيْ عَشْرَةَ رَكْعَةً
    ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جڏهن تهجد رات جو نه پڙهندا هوا جو کين ان کان ننڊ روڪيندي هئي يا مٿن اکيون ( ڪنهن سبب ڪري) غالب ٿينديون هيون ته ڏينهن جو ٻارهن رڪعتون پڙهندا هوا.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ إِذَا قَامَ أَحَدُكُمْ مِنَ اللَّيْلِ فَلْيَفْتَتِحْ صَلاتَهُ بِرَكْعَتَيْنِ خَفِيفَتَيْنِ
    ترجمو: حضرت ابوهريرة ﷦ کان روايت آهي پاڻ سڳورن فرمايو ته جڏهن اوهان مان ڪوبه رات جو اٿي ته ان کي گهرجي ته پهريائين ٻه رڪعتون هلڪيون پڙهي.
    عَنْ زَيْدِ بْنِ خَالِدٍ الْجُهَنِيِّ ، أَنَّهُ قَالَ : لأَرْمُقَنَّ صَلاةَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَتَوَسَّدْتُ عَتَبَتَهُ ، أَوْ فُسْطَاطَهُ فَصَلَّى رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، رَكْعَتَيْنِ خَفِيفَتَيْنِ ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ طَوِيلَتَيْنِ ، طَوِيلَتَيْنِ ، طَوِيلَتَيْنِ ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دَونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دُونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دُونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ وَهُمَا دُونَ اللَّتَيْنِ قَبْلَهُمَا ، ثُمَّ أَوْتَرَ فَذَلِكَ ثَلاثَ عَشْرَةَ رَكْعَةً
    ترجمو: حضرت زيد پٽ خالدؓ جهني کان روايت آهي چيائين ته مون پنهنجي دل ۾ چيو ته حضور ﷺ جي نماز تهجد ضرور ڏسان پوءِ سندن گهر مبارڪ جي چائٺ يا تنبوءَ جي چائٺ تي سمهي پيس (پاڻ اٿيا) ۽ نماز ۾ پهريون ٻه رڪعتون هلڪيون ۽ پوءِ ٻه رڪعتون ڊگهيون ڊگهيون ڊگهيون. ٻه پوءِ ٻه رڪعتون جو اهي ٻه رڪعتون اڳين کان هلڪيون هيون. وري ٻه رڪعتون جي اڳين ٻن کان هلڪيون هيون پوءِ وتر پڙهيائون.پوءِ اهي تيرهن رڪعتون ٿيون. (جو ٻن رڪعتن تحية الوضوءَ سان گڏجي پندرهن ٿينديون)
    عَنْ أَبِي سَلَمَةَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمَنِ ، أَنَّهُ أَخْبَرَهُ أَنَّهُ سَأَلَ عَائِشَةَ ، كَيْفَ كَانَتْ صَلاةُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي رَمَضَانَ ؟ فَقَالَتْ : مَا كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم لِيَزِيدَ فِي رَمَضَانَ وَلا فِي غَيْرِهِ عَلَى إِحْدَى عَشْرَةَ رَكْعَةً ، يُصَلِّي أَرْبَعًا ، لا تَسْأَلْ عَنْ حُسْنِهِنَّ ، وَطُولِهِنَّ ، ثُمَّ يُصَلِّي أَرْبَعًا لا تَسْأَلْ عَنْ حُسْنِهِنَّ وَطُولِهِنَّ ، ثُمَّ يُصَلِّي ثَلاثًا ، قَالَتْ عَائِشَةُ : قُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَتَنَامُ قَبْلَ أَنْ تُوتِرَ ؟ فَقَالَ : يَا عَائِشَةُ ، إِنَّ عَيْنَيَّ تَنَامَانِ ، وَلا يَنَامُ قَلْبِي
    ترجمو: حضرت ابو سلمة پٽ عبدالرحمان پنهنجي شاگرد کي چيو ته مون حضرت عائشهؓ کان پڇيو ته سندن نماز رمضان ۾ ڪهڙي ريت هوندي هئي چيائين ته حضورﷺ رمضان يا ٻئي ڪنهن مهيني ۾ يارهن رڪعتن کان نه وڌائيندا هوا جو چار رڪعتون پڙهندا هوا جن جي ڊيگهه ۽ سونهن پڇ ئي نه. وري چار ٻيون پڙهندا هوا جن جي سونهن ۽ ڊيگهه پڇ ئي نه. پوءِ ٽي رڪعتون وتر پڙهندا هوا. حضرت عائشهؓ چيو ته مون سندن خذمت ۾ عرض ڪيو ته يا رسول اللهﷺ وتر کان اڳ ننڊ ڪريوٿا؟ پاڻ فرمايائون ته اي عائشهؓ! بيشڪ منهنجون اکيون ننڊ ڪنديون آهن ۽ منهنجي دل ننڊ نه ڪندي آهي.
    عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يُصَلِّي مِنَ اللَّيْلِ إِحْدَى عَشْرَةَ رَكْعَةً ، يُوتِرُ مِنْهَا بِوَاحِدَةٍ ، فَإِذَا فَرَغَ مِنْهَا ، اضْطَجَعَ عَلَى شِقِّهِ الأَيْمَنِ
    وَ عَنۡھَا قَالَتۡ: كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُصَلِّي مِنَ اللَّيْلِ تِسْعَ رَكَعَاتٍ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ چيو ته رسول الله ﷺ رات جي نماز يارهن رڪعتون پڙهندا هوا. پوءِ جڏهن فارغ ٿيندا هوا ته سڄي پاسي تي سمهي پوندا هوا
    ۽ ان کان ٻي روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ رات جو نو(9) رڪعتون پڙهندا هوا.
    عَنْ حُذَيْفَةَ بْنِ الْيَمَانِ ، أَنَّهُ صَلَّى مَعَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم مِنَ اللَّيْلِ ، قَالَ : فَلَمَّا دَخَلَ فِي الصَّلاةِ ، قَالَ : اللَّهُ أَكْبَرُ ذُو الْمَلَكُوتِ وَالْجَبَرُوتِ ، وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ، قَالَ : ثُمَّ قَرَأَ الْبَقَرَةَ ، ثُمَّ رَكَعَ رُكُوعَهُ نَحْوًا مِنْ قِيَامِهِ ، وَكَانَ يَقُولُ : سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيمِ ، سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيمِ ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَكَانَ قِيَامُهُ نَحْوًا مِنْ رُكُوعِهِ ، وَكَانَ يَقُولُ : لِرَبِّيَ الْحَمْدُ ، لِرَبِّيَ الْحَمْدُ ثُمَّ سَجَدَ ، فَكَانَ سُجُودُهُ نَحْوًا مِنْ قِيَامِهِ ، وَكَانَ يَقُولُ : سُبْحَانَ رَبِّيَ الأَعْلَى ، سُبْحَانَ رَبِّيَ الأَعْلَى ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَكَانَ مَا بَيْنَ السَّجْدَتَيْنِ نَحْوًا مِنَ السُّجُودِ ، وَكَانَ يَقُولُ : رَبِّ اغْفِرْ لِي ، رَبِّ اغْفِرْ لِي حَتَّى قَرَأَ الْبَقَرَةَ ، وَآلَ عِمْرَانَ ، وَالنِّسَاءَ ، وَالْمَائِدَةَ ، أَوِ الأَنْعَامَ ، شُعْبَةُ الَّذِي شَكَّ فِي الْمَائِدَةِ ، وَالأَنْعَامِ
    ترجمو: حضرت حذيفة پٽ يمانؓ کان روايت آهي ته مون رسول الله ﷺ سان رات جي نماز پڙهي(هن طرح) جڏهن نماز ۾ داخل ٿيا ته اللَّهُ أَكْبَرُ ذُو الْمَلَكُوتِ وَالْجَبَرُوتِ ، وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ۽ چيائون. تنهن کانپوءِ الحمد کان پوءِ ) سوره البقره (سموري) پڙهيائون پوءِ رڪوع ڪيائون جو سندن رڪوع قيام جهڙو هو ۽ سبحان ربي العظيم پي چيائون پوءِ مٿو مبارڪ کنيائون ۽ قومه ڪيائون ۽ سندن قومه رڪوع جهڙو هو. ۽ (قومه ۾ ) لربي الحمد پي چيائون. پوءِ سجدو ڪيائون ۽ سندن سجدو به قومه جهڙو هو ۽ سجده ۾ سبحان ربي الاعليٰ چيائون پوءِ مٿو مبارڪ کنيائون ۽ جلسه ۾ ويٺا. جو ٻن سجدن جي وچ ۾ به سجدي جيترو ويٺا ۽ رب اغفرلي پي چيائون ( اهڙي نمونه سان چئن رڪعتن ۾) سوره البقره ۽ آل عمران ۽ نساء ۽ مائده يا انعام پوريون ڪيائون. (حديث جي راوي) شعبة کي شڪ پيل آهي ته انهن مان هڪ پڙهيائون.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : قَامَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم بِآيَةٍ مِنَ الْقُرْآنِ لَيْلَةً
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ قرآن جي هڪ آيت سان رات جو بيٺا هوندا هوا.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مَسْعُودٍ ، قَالَ : صَلَّيْتُ لَيْلَةً مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَلَمْ يَزَلْ قَائِمًا حَتَّى هَمَمْتُ بِأَمْرِ سُوءٍ قِيلَ لَهُ : وَمَا هَمَمْتَ بِهِ ؟ قَالَ : هَمَمْتُ أَنْ أَقْعُدَ وَأَدَعَ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم
    ترجمو: حضرت عبدالله ﷦ کان روايت آهي ته هڪ رات مان رسول اللهﷺسان نماز پڙهيم يڪا بيٺا رهيا تان جو خراب ڪم جو ارادو ڪيم کانئس پڇيو ويو ته ڇا ارادو ڪئي چيائين ته ويهي رهان. ۽ حضور ﷺ کي (اڪيلو نماز پڙهندو) ڇڏي ڏيان.
    عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم كَانَ يُصَلِّي جَالِسًا ، فَيَقْرَأُ وَهُوَ جَالِسٌ ، فَإِذَا بَقِيَ مِنْ قِرَاءَتِهِ قَدْرُ مَا يَكُونُ ثَلاثِينَ أَوْ أَرْبَعِينَ آيَةً ، قَامَ فَقَرَأَ وَهُوَ قَائِمٌ ، ثُمَّ رَكَعَ وَسَجَدَ ، ثُمَّ صَنَعَ فِي الرَّكْعَةِ الثَّانِيَةِ مِثْلَ ذَلِكَ
    حضرت عائشه رضي الله تعاليٰ عنها کان روايت آهي ته حضورﷺ بعضي نماز ويهي پڙهندا هوا پوءِ قراة به ويٺي ئي پڙهندا هوا پوءِ جڏهن ٿورڙي قرات ٽيهن چاليهن آيتن جي قدر رهندي هئيته پوءِ اٿي باقي قرات بيهي پوري ڪري رڪوع ۽ سجدو ڪندا هوا ۽ ٻي رڪعت ۾ به ائين ڪندا هوا.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ شَقِيقٍ ، قَالَ سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صَلاةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، عَنْ تَطَوُّعِهِ ، فَقَالَتْ : كَانَ يُصَلِّي لَيْلا طَوِيلا قَائِمًا ، وَلَيْلا طَوِيلا قَاعِدًا ، فَإِذَا قَرَأَ وَهُوَ قَائِمٌ رَكَعَ وَسَجَدَ وَهُوَ قَائِمٌ ، وَإِذَا قَرَأَ وَهُوَ جَالِسٌ رَكَعَ وَسَجَدَ وَهُوَ جَالِسٌ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ شفيق ﷦ کان روايت آهي ته مون حضرت عائشهؓ کانرسول الله الله ﷺ جي نفلي نماز لاءِ پڇيو چيائين ته گهڻي رات بيهي نماز پڙهندا هوا ۽ گهڻي رات ويهي. ۽ جيڪڏهن قرات بيٺڙ پڙهندا هوا ته رڪوع ۽ سجدو به بيهي ڪندا هوا.۽ جي قرات ويهي پڙهندا هوا ته رڪوع ۽ سجدو به ويهي ڪندا هوا.
    عَنْ حَفْصَةَ ، زَوْجِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَتْ : كَانَ رَسُولُ اللهِ يُصَلِّي فِي سُبْحَتِهِ قَاعِدًا ، وَيَقْرَأُ بِالسُّورَةِ وَيُرَتِّلُهَا ، حَتَّى تَكُونَ أَطْوَلَ مِنْ أَطْوَلَ مِنْهَا
    ترجمو: حضرت حفصة رضي الله عنها حضورﷺ جي حرم پاڪ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ نفل ويهي پڙهندا هوا ۽ سورة کي ٺاهي ٺاهي پڙهندا هوا. ايترو جو ڊگهي کان ڊگهي ٿي ويندي هئي.
    عَنۡ عَائِشَةَ أَخْبَرَتْهُ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، لَمْ يَمُتْ ، حَتَّى كَانَ أَكْثَرُ صَلاتِهِ وَهُوَ جَالِسٌ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ جي نفلي نماز سندن سموري حياتي مبارڪ ۾ گهڻو ڪري ويٺڙ هوندي هئي.
    عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ صَلَّيْتُ مَعَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، رَكْعَتَيْنِ قَبْلَ الظُّهْرِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَهَا ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْمَغْرِبِ فِي بَيْتِهِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْعِشَاءِ فِي بَيْتِهِ
    ترجمو: حضرت ابن عمرؓ کان روايت آهي چيائين ته مان حضور ﷺ سان ٻه رڪعتون ظهر کان اڳ ۽ ٻه رڪعتون ظهر کان بعد ۽ ٻه رڪعتون مغرب کان بعد ۽ ٻه رڪعتون عشا کان بعد سندن گهر ۾ پڙهيون.
    عَنۡ حَفْصَةُ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يُصَلِّي رَكْعَتَيْنِ حِينَ يَطْلُعُ الْفَجْرُ وَيُنَادِي الْمُنَادِي ، قَالَ أَيُّوبُ وَأُرَاهُ ، قَالَ خَفِيفَتَيْنِ
    ترجمو: حضرت حفصة ؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ پرهه ڦٽڻ کانپوءِ جڏهن بانگو بانگ چوندو هو ٻه رڪعتون پڙهندا هوا(حضرت ايوب چيو ته حضرت حفصة چيوته اهي ٻه رڪعتون هلڪيون هيون).
    عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، قَالَ : حَفِظْتُ مِنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، ثَمَانِيَ رَكَعَاتٍ : رَكْعَتَيْنِ قَبْلَ الظُّهْرِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَهَا ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْمَغْرِبِ ، وَرَكْعَتَيْنِ بَعْدَ الْعِشَاءِ ، قَالَ ابْنُ عُمَرَ : وَحَدَّثَتْنِي حَفْصَةُ بِرَكْعَتَيِ الْغَدَاةِ ، وَلَمْ أَكُنْ أَرَاهُمَا مِنَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم
    ترجمو:حضرت ابن عمر ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺسان اٺ رڪعتون ٻه ظهر کان اڳ ۽ ٻه ان کانپوءِ. ۽ ٻه مغرب کان پوءِ. ۽ ٻه عشا کان بعد مونکي پوري طرح ياد آهن ته پڙهيم.حضرت ابن عمرؓ چيو ته حضرت حفصةؓ صبح جي ٻن رڪعتن جي به روايت ڪئي. مگر کين ڪونه ڏٺو.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ شَقِيقٍ ، قَالَ : سَأَلتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صَلاةِ النَّبِيِّ ﷺ ، قَالَتْ : كَانَ يُصَلِّي قَبْلَ الظُّهْرِ رَكْعَتَيْنِ وَبَعْدَهَا رَكْعَتَيْنِ ، وَبَعْدَ الْمَغْرِبِ رَكْعَتَيْنِ ، وَبَعْدَ الْعِشَاءِ رَكْعَتَيْنِ ، وَقَبْلَ الْفَجْرِ ثِنْتَيْنِ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ شفيقؓ کان روايت آهي چيائين ته حضرت عائشهؓ کان رسول اللهﷺجي نماز بابت پڇيم چيائين ته ظهر کان اڳ ٻه رڪعتون بعد ۾ ٻه رڪعتون.مغرب کان بعد ٻه رڪعتون. عشا کان بعد ٻه. ۽ ٻه رڪعتون فجر کان اڳ ۾ پڙهندا هوا.
    عَنۡ عَاصِمَ بْنَ ضَمْرَةَ ، يَقُولُ : سَأَلْنَا عَلِيًّا ، عَنْ صَلاةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنَ النَّهَارِ ، فَقَالَ : إِنَّكُمْ لا تُطِيقُونَ ذَلِكَ ، قَالَ : فَقُلْنَا مِنْ أَطَاقَ ذَلِكَ مِنَّا صَلَّى ، فَقَالَ : كَانَ إِذَا كَانَتِ الشَّمْسُ مِنْ هَهُنَا كَهَيْئَتِهَا مِنْ هَهُنَا عِنْدَ الْعَصْرِ صَلَّى رَكْعَتَيْنِ ، وَإِذَا كَانَتِ الشَّمْسُ مِنْ هَهُنَا ، كَهَيْئَتِهَا مِنْ هَهُنَا عِنْدَ الظُّهْرِ صَلَّى أَرْبَعًا ، وَيُصَلِّي قَبْلَ الظُّهْرِ أَرْبَعًا ، وَبَعْدَهَا رَكْعَتَيْنِ ، وَقَبْلَ الْعَصْرِ أَرْبَعًا ، يَفْصِلُ بَيْنَ كُلِّ رَكْعَتَيْنِ بِالتَّسْلِيمِ عَلَى الْمَلائِكَةِ الْمُقَرَّبِينَ وَالنَّبِيِّينَ ، وَمَنْ تَبِعَهُمْ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُسْلِمِينَ
    ترجمو: حضرت عاصم پٽ ضمرة ﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضرت عليؓ کان حضور ﷺ جي ڏينهن جي نماز بابت پڇيوسون. چيائين ته توهين ڪڏهن به ان جي طاقت نه رکندؤ.وري عرض ڪيوسون ته اسان مان جنهن کي طاقت هوندي سو پڙهندو پوءِ چيائين ته جڏهن سج هن طرف يعني اوڀر کان پنهنجي پوري روشنائي ڪندو هو ۽ هن طرف يعني اولهه کان عصر جي وقت ۾ لڙندو آهي ته ٻه رڪعتون پڙهندا هوا ۽ جڏهن سج هن طرف يعني اوڀر ڏانهن هيترو چڙهندو هو ته چار رڪعتون ظهر کان اڳ ۾ ۽ بعد ۾ ٻه رڪعتون پڙهندا هوا ۽ عصر کان اڳ ۾ چار رڪعتون پڙهندا هوا سڀ ڪنهن ٻن رڪعتن جي پٺيان ملائڪن مقربين ۽ نبين ۽ سندن تابعن مومنن ۽ مسلمانن تي سلام چوڻ سان نکيڙ ڪندا هوا.


    41ـ باب صلاة الضحى

    41ـ باب صلاة الضحى
    باب انهن حديثن ۾ جن ۾ ضحيٰ نماز جو بيان آهي
    عَنْ يَزِيدَ الرِّشْكِ ، قَالَ : سَمِعْتُ مُعَاذَةَ ، قَالَتْ : قُلْتُ لِعَائِشَةَ : أَكَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يُصَلِّي الضُّحَى؟ قَالَتْ : نَعَمْ ، أَرْبَعَ رَكَعَاتٍ ، وَيَزِيدُ مَا شَاءَ اللَّهُ عَزَّ وَجَلَّ
    ترجمو: حضرت يزيد پٽ رشڪ کان روايت آهي چيائين ته حضرت معاذة کان ٻڌم چيائين ته مون حضرت عائشه ؓ کان پڇيو ته حضور ﷺ ضحيٰ نماز پڙهندا هوا. چيائين ته هائو. چار. پر جي ڌڻي گهري ته وڌيڪ به پڙهندا هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يُصَلِّي الضُّحَى سِتَّ رَكَعَاتٍ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي ته حضور ﷺ ضحيٰ جي نماز ڇهه رڪعتون پڙهندا هوا.
    عَنْ عَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ أَبِي لَيْلَى ، قَالَ : مَا أَخْبَرَنِي أَحَدٌ ، أَنَّهُ رَأَى النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم يُصَلِّي الضُّحَى إِلا أُمُّ هَانِئٍ ، فَإِنَّهَا حَدَّثَتْ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، دَخَلَ بَيْتَهَا يَوْمَ فَتْحِ مَكَّةَ فَاغْتَسَلَ فَسَبَّحَ ثَمَانِيَ رَكَعَاتٍ مَا رَأَيْتُهُ صلى الله عليه وسلم ، صَلَّى صَلاةً قَطُّ أَخَفَّ مِنْهَا ، غَيْرَ أَنَّهُ كَانَ يُتِمُّ الرُّكُوعَ وَالسُّجُودَ
    ترجمو: حضرت عبدالرحمان پٽ ابو ليليٰ کان روايت آهي چيائين ته مونکي ڪنهن ماڻهوءَ خبر ڏني ته حضرت اما هانيؓ حضور ﷺکي ضحيٰ نماز پڙهندي ڏٺو جنهن بيان ڪيو ته حضور ﷺ فتح مڪه جي ڏينهن منهنجي گهر آيا پوءِ تڙ ڪيائون ۽ اٺ رڪعتون پڙهيائون جو مان ڪڏهن به اهڙي هلڪي نماز پڙهندي نه ڏٺو.هن کان سواءِ جو رڪوع ۽ سجدو پوري طرح (جهلي جهلي) پئي ڪيائون.
    عن عبد الله بن شقيق قال قلت لعائشة : أكان النبي صلى الله عليه وسلم يصلي الضحى ؟ قالت :لا إلا يجىء من مغيبه
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ شفيق کان روايت آهي چيائين ته حضرت عائشه ؓ کان پڇيم ته حضور ﷺ ضحيٰ نماز پڙهندا هوا. چيائين ته نه. مگر جڏهن سفر کان ايندا هوا.
    عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يُصَلِّي الضُّحَى حَتَّى نَقُولَ : لا يَدَعُهَا ، وَيَدَعُهَا حَتَّى نَقُولَ : لا يُصَلِّيهَا
    ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ بعضي سانده ضحيٰ پڙهندا هوا جو چوندا هواسون ته انکي نه ڇڏيندا بعضي ڇڏي ڏيندا هوا ته چوندا هواسون ته ان کي نه پڙهندا.
    عَنْ أَبِي أَيُّوبَ الأَنْصَارِيِّ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يُدْمِنُ أَرْبَعَ رَكَعَاتٍ عِنْدَ زَوَالِ الشَّمْسِ ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِنَّكَ تُدْمِنُ هَذِهِ الأَرْبَعَ رَكَعَاتٍ عِنْدَ زَوَالِ الشَّمْسِ ، فَقَالَ : إِنَّ أَبْوَابَ السَّمَاءِ تُفْتَحُ عِنْدَ زَوَالِ الشَّمْسِ فَلا تُرْتَجُ حَتَّى تُصَلَّى الظُّهْرُ ، فَأُحِبُّ أَنْ يَصْعَدَ لِي فِي تِلْكَ السَّاعَةِ خَيْرٌ ، قُلْتُ : أَفِي كُلِّهِنَّ قِرَاءَةٌ ؟ قَالَ : نَعَمْ قُلْتُ : هَلْ فِيهِنَّ تَسْلِيمٌ فَاصِلٌ ؟ قَالَ : لا
    ترجمو: حضرت ابو ايوب انصاريؓ کان روايت آهي ته حضورﷺسج لڙڻ وقت چار رڪعتون پڙهندا هوا. مون عرض ڪيو ته يا رسول الله! توهان هن تي هميشگي ڪندا آهيو فرمايائون ته سج لڙڻ وقت آسمان جا دروازا پڪ کلي ويندا آهن. پوءِ بند نه ٿينداآهن جيسيتائين ظهر جي نماز پڙهجي. جنهن تي منهنجي دل گهرندي آهي ته ان وقت ۾ منهنجي وڏي نيڪي چڙهي يعني ڌڻيءَ جي حضور ۾ وڃي. وري عرض ڪيم ته سندن هر هڪ رڪعت ۾ قراة پڙهبي آهي. فرمايائون ته هائو. عرض ڪيم ته ٻن ٻن رڪعتن تي سلام سنڌو ڪبو ڇا؟ فرمايائون ته نه.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ السَّائِبِ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم كَانَ يُصَلِّي أَرْبَعًا بَعْدَ أَنْ تَزُولَ الشَّمْسُ قَبْلَ الظُّهْرِ وَقَالَ : إِنَّهَا سَاعَةٌ تُفْتَحُ فِيهَا أَبْوَابُ السَّمَاءِ ، فَأُحِبُّ أَنْ يَصْعَدَ لِي فِيهَا عَمَلٌ صَالِحٌ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ سائب کان روايت آهي ته حضور ﷺ ظهر نماز کان اڳ سج لڙڻ کانپوءِ چار رڪعتون نماز پڙهندا هوا ۽ فرمايائون ته پڪ انهي گهڙي ۾ آسمان جا دروازا کوليا ويندا پوءِ دل گهرندي اٿم ته منهنجو ڪو صالح عمل ان گهڙيءَ ۾ منهنجي لاءِ چڙهي ڌڻيءَ جي درٻار ۾ وڃي.
    عَنْ عَلِيٍّ ، أَنَّهُ كَانَ يُصَلِّي قَبْلَ الظُّهْرِ أَرْبَعًا ، وَذَكَرَ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم كَانَ يُصَلِّيهَا عِنْدَ الزَّوَالِ وَيَمُدُّ فِيهَا
    ترجمو: حضرت علي﷦ کان روايت آهي ته هو پاڻ چار رڪعتون ظهر کان اڳ پڙهندو هو ۽ چيائين ته حضورﷺزوال وقت اها نماز پڙهندا هوا ۽ ان کي گهڻو ڊگهو ڪندا هوا.


    42 ـ باب صلاة التطوع في البيت

    42 ـ باب صلاة التطوع في البيت
    باب انهن حديثن ۾ جن ۾ نفلي نماز گهر ۾ پڙهڻ
    جو بيان آهي
    عَنْ عَمِّهِ عَبْدِ اللهِ بْنِ سَعْدٍ ، قَالَ : سَأَلْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم عَنِ الصَّلاةِ فِي بَيْتِي وَالصَّلاةِ فِي الْمَسْجِدِ ، قَالَ : قَدْ تَرَى مَا أَقْرَبَ بَيْتِي مِنَ الْمَسْجِدِ ، فَلأَنْ أُصَلِّيَ فِي بَيْتِي أَحَبُّ إِلَيَّ مِنْ أَنْ أُصَلِّيَ فِي الْمَسْجِدِ ، إِلا أَنْ تَكُونَ صَلاةً مَكْتُوبَةً
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ سعد ﷦ کان روايت آهي چيائين ته مون رسول اللهﷺ کان گهر ۽ مسجد ۾ نماز پڙهڻ بابت پڇيم. فرمايائون ته منهنجو گهر ڏسين ٿو ته مسجد کي ويجهو آهي تنهنڪري به مونکي مسجد ۾ نفل نماز پڙهڻ کان گهر ۾ پڙهڻ گهڻو پسند آهي فرض کان سواءِ. (فرض نماز مسجد ۾ جماعت سان پڙهڻ ضروري آهي.


    43ـ باب ماجاء في صوم رسول الله صلى الله عليه وسلم

    43ـ باب ماجاء في صوم رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي روزه رکڻ
    جي باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ شَقِيقٍ ، قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ صِيَامِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَتْ كَانَ يَصُومُ حَتَّى نَقُولَ قَدْ صَامَ ، وَيُفْطِرُ حَتَّى نَقُولَ قَدْ أَفْطَرَ قَالَتْ وَمَا صَامَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، شَهْرًا كَامِلا مُنْذُ قَدِمَ الْمَدِينَةَ إِلا رَمَضَانَ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ شفيقؓ کان روايت آهي چيائين حضورﷺ جي روزه بابت حضرت عائشه ؓ کان پڇيم چيائين ته روزا يڪا رکندا هوا جو اسان سمجهندا هواسون ته هاڻي روزا ئي رکندا رهندا ۽ وري روزو ڇڏيندا هوا ته اسان ڀائيندا هواسون ته هاڻي وري نه رکندا. پورو مهينو حضور جن لاڳيتو روزانه رکيا جڏهن کان مدينه ۾ آيا رمضان مهيني کان سواءِ.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّهُ سُئِلَ عَنْ صَوْمِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : كَانَ يَصُومُ مِنَ الشَّهْرِ حَتَّى نَرَى أَنْ لا يُرِيدَ أَنْ يُفْطِرَ مِنْهُ ، وَيُفْطِرُ مِنْهُ حَتَّى نَرَى أَنْ لا يُرِيدَ أَنْ يَصُومَ مِنْهُ شَيْئًا وَكُنْتَ لا تَشَاءُ أَنْ تَرَاهُ مِنَ اللَّيْلِ مُصَلِّيًا إِلا رَأَيْتَهُ مُصَلِّيًا ، وَلا نَائِمًا إِلا رَأَيْتَهُ نَائِمًا
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ﷦ کان روايت آهي ان کان حضورﷺ جي روزه بابت پڇيو ويو.چيائين ته مهيني ۾ لاڳيتو روزا رکندا هوا جو اسان سمجهندا هواسون ته کين ڇوڙڻ جو ارادو ئي ڪونهي.وري ڇوڙيندا هوا ته اسان خيال ڪندا هواسون ته وري رکڻ جو هن مهيني ۾ ارادو ئي ڪونهي. جي گهرندا هواسون ته حصور جن کي رات جو نماز پڙهندو ڏسون ته ائين ڏسندا هواسون ۽ جي ننڊ ڪندو ڏسڻ گهرندا هواسون ته کين ننڊ ڪندو ڏسندا هواسون.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ حَتَّى نَقُولَ مَا يُرِيدُ أَنْ يُفْطِرَ مِنْهُ ، وَيُفْطِرُ حَتَّى نَقُولَ مَا يُرِيدُ أَنْ يَصُومَ مِنْهُ ، وَمَا صَامَ شَهْرًا كَامِلا مُنْذُ قَدِمَ الْمَدِينَةَ إِلا رَمَضَانَ
    ترجمو: حضرت ابن عباس ؓ کان روايت آهي ته حضور جن روزا لاڳيتا رکندا هوا ته سمجهندا هواسون ته روزي ڇوڙڻ جو ارادو ئي نه آهي. وري جي روزو نه رکندا هوا ته سمجهندا هواسون ته رکڻ جو ارادو ئي نه آهي جڏهن کان مدينه آيا ته رمضان کانسواءِ پورو مهينو لاڳيتا روزانه رکيائون.
    عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : مَا رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ شَهْرَيْنِ مُتَتَابِعَيْنِ إِلا شَعْبَانَ
    ترجمو: حضرت ام سلمةؓ کان روايت آهي ته مون حضورﷺ کي ٻه مهينا لاڳيتا شعبان ۽ رمضان روزا رکندو نه ڏٺو (شايد ڪنهن وقت حضور جن ائين ڪيو هجي)
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : لَمْ أَرَ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَصُومُ فِي شَهْرٍ أَكْثَرَ مِنْ صِيَامِهِ لِلَّهِ فِي شَعْبَانَ ، كَانَ يَصُومُ شَعْبَانَ إِلا قَلِيلا ، بَلْ كَانَ يَصُومُهُ كُلَّهُ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ کي مون شعبان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن مهيني ۾روزو رکندو نه ڏٺو جو شعبان سمورو روزا رکندا هوا مگر ٿورو بلڪ گهڻو ڪري سمورو روزا رکندا هوا.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَصُومُ مِنْ غُرَّةِ كُلِّ شَهْرٍ ثَلاثَةَ أَيَامٍ ، وَقَلَّمَا كَانَ يُفْطِرُ يَوْمَ الْجُمُعَةِ
    ترجمو: حضرت عبدالله ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ هر مهيني جي شروع ۾ ٽي ڏينهن روزو رکندا هوا ۽ جمعه ڏينهن تمام ٿورو روزو ڇڏيندا هوا.
    عَنۡ مُعَاذَةَ ، قَالَتْ : قُلْتُ لِعَائِشَةَ أَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَصُومُ ثَلاثَةَ أَيَّامٍ مِنْ كُلِّ شَهْرٍ ؟ قَالَتْ نَعَمْ قُلْتُ مِنْ أَيِّهِ كَانَ يَصُومُ ؟ قَالَتْ : كَانَ لا يُبَالِي مِنْ أَيِّهِ صَامَ
    ترجمو: حضرت معاذةؓ کان روايت آهي چيائين ته مان حضرتب عائشهؓ ڱي چيم ته رسول الله ﷺ هر مهيني جي شروع ۾ ٽي ڏينهن روزورکندا هوا ڇا؟ چيائين هائو.وري پڇيم ته ڪهڙن ڏينهن ۾. چيائين ته روزو رکڻ ۾ تاريخ مقرر ڪرڻ جي پرواهه نه ڪندا هوا.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَتَحَرَّى صَوْمَ الاثْنَيْنِ وَالْخَمِيسِ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضورﷺ خيال ڪري سومر ۽ خميس تي روزو رکندا هوا.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ فِي شَهْرٍ أَكْثَرَ مِنْ صِيَامِهِ فِي شَعْبَانَ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ شعبان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن مهيني ۾ روزا نه رکندا هوا.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : تُعْرَضُ الأَعْمَالُ يَوْمَ الاثْنَيْنِ وَالْخَمِيسِ ، فَأُحِبُّ أَنْ يُعْرَضَ عَمَلِي وَأَنَا صَائِمٌ
    ترجمو: حضرت ابو هريرة وايت آهي ته حضور ﷺ فرمايو ته سومر ۽ خميس ڏينهن ڌڻي جي درٻار ۾ اعمال پيش ڪيا ويندا آهن تنهنڪري گهران ٿو ته روزه جي حالت ۾ عمل پيش ڪيا وڃن.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ مِنَ الشَّهْرِ السَّبْتَ وَالأَحَدَ وَالاثْنَيْنَ ، وَمِنَ الشَّهْرِ الآخَرِ الثُّلاثَاءَ وَالأَرْبَعَاءَ وَالْخَمِيسَ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت چيائين ته رسول اللهﷺ هڪ مهيني ۾ ڇنڇر، آچر ۽ سومر روزو رکندا هوا ته ٻئي مهيني ۾ اڱارو اربعا ۽ خميس.
    وَ عَنۡھَا قَالَتْ : كَانَ عَاشُورَاءُ يَوْمًا تَصُومُهُ قُرَيْشٌ فِي الْجَاهِلِيَّةِ ، وَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَصُومُهُ ، فَلَمَّا قَدِمَ الْمَدِينَةَ صَامَهُ وَأَمَرَ بِصِيَامِهِ ، فَلَمَّا افْتُرِضَ رَمَضَانُ كَانَ رَمَضَانُ هُوَ الْفَرِيضَةُ وَتُرِكَ عَاشُورَاءُ ، فَمَنْ شَاءَ صَامَهُ وَمَنْ شَاءَ تَرَكَهُ
    ترجمو: ۽ ان کان ٻي روايت آهي چيائين ته جاهليت جي زماني ۾ عاشوري ڏينهن روزو رکندا هوا ۽ حضور ﷺ به روزو رکندا هوا پوءِ جڏهن مدينه ۾ آيا ته عاشوره جو روزو رکيائون ۽ ٻين کي به رکڻ جو حڪم ڪيائون پوءِ جڏهن رمضان جا روزا فرض ٿيا ته عاشوري جو ڇڏيو ويو. پوءِ جنهن کي وڻندو هو ته روزو رکندو هو ۽ جنهن کي وڻندو هو ته ڇڏي ڏيندو هو.
    عَنْ عَلْقَمَةَ ، قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، أَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَخُصُّ مِنَ الأَيَامِ شَيْئًا ؟ قَالَتْ : كَانَ عَمَلُهُ دِيمَةً ، وَأَيُّكُمْ يُطِيقُ مَا كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُطِيقُ
    ترجمو: حضرت علقمة ؓ کان روايت آهي ته مون حضرت عائشهؓ کان پڇيو ته حضور جن نفلي عبادت لاءِ ڪو خاص ڏينهن مقرر ڪندا هوا. چيائين ته سندن عمل دائمي هو جيئن حضور ﷺ هميشه ڪرڻ جي طاقت رکندا هوا.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : دَخَلَ عَلَيَّ رَسُولُ اللهِ ﷺ وَعِنْدِي امْرَأَةٌ ، فَقَالَ : مَنْ هَذِهِ ؟ قُلْتُ : فُلانَةُ لا تَنَامُ اللَّيْلَ ، فَقَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : عَلَيْكُمْ مِنَ الأَعْمَالِ مَا تُطِيقُونَ ، فَوَاللَّهِ لا يَمَلُّ اللَّهُ حَتَّى تَمَلُّوا ، وَكَانَ أَحَبَّ ذَلِكَ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم الَّذِي يَدُومُ عَلَيْهِ صَاحِبُهُ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ مون وٽ آيا مون وٽ هڪ زال ويٺي هئي فرمائون ته هيءَ ڪير آهي؟ عرض ڪيم ته فلاڻي آهي جا رات جو ننڊ نه ڪندي آهي. حضورﷺفرمايو ته اوهان ايترا عمل اختيار ڪريو جيترا ٿي سگهن مونکي ڌڻيءَ جو قسم آهي ته الله تعاليٰ ثواب ڏيڻ ۾ تنگ نه ٿيندو آهي جيسيتائين اوهين عمل ڪرڻ ۾ تنگ نه ٿيو. حضور ﷺ کي عملن مان عمل هميشگي وارو وڻڻدو هو.
    عَنْ أَبِي صَالِحٍ ، قَالَ : سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، وَأُمَّ سَلَمَةَ ، أَيُّ الْعَمَلِ كَانَ أَحَبَّ إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَتَا : مَا دِيمَ عَلَيْهِ ، وَإِنْ قَلَّ
    ترجمو: حضرت ابو صالحؓ کان روايت آهي چيائين ته مون حضرت عائشهؓ ۽ حضرت ام سلمہؓ کان پڇيو ته حضور ﷺ کي ڪهڙو ڪم پسند هو. چيائون ته جنهن تي عمل ڪندڙ هميشگي ڪري توڙي کڻي ٿورو ئي هجي.
    عَوْفَ بْنَ مَالِكٍ ، يَقُولُ : كُنْتُ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لَيْلَةً فَاسْتَاكَ ، ثُمَّ تَوَضَّأَ ، ثُمَّ قَامَ يُصَلِّي ، فَقُمْتُ مَعَهُ فَبَدَأَ فَاسْتَفْتَحَ الْبَقَرَةَ ، فَلا يَمُرُّ بِآيَةِ رَحْمَةٍ ، إِلا وَقَفَ فَسَأَلَ ، وَلا يَمُرُّ بِآيَةِ عَذَابٍ ، إِلا وَقَفَ فَتَعَوَّذَ ، ثُمَّ رَكَعَ فَمَكَثَ رَاكِعًا بِقَدْرِ قِيَامِهِ ، وَيَقُولُ فِي رُكُوعِهِ : سُبْحَانَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ ، وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ، ثُمَّ سَجَدَ بِقَدْرِ رُكُوعِهِ ، وَيَقُولُ فِي سُجُودِهِ : سُبْحَانَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ ، وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ ثُمَّ قَرَأَ آلَ عِمْرَانَ ثُمَّ سُورَةً ، يَفْعَلُ مِثْلَ ذَلِكَ في كل ركعة
    ترجمو: حضرت عوف پٽ مالڪ ﷦ کان روايت چيائين ته مون هڪ رات رسول الله ﷺ جي خذمت ۾ هوس. پاڻ ڏندڻ ڪيائون پوءِ وضو ڪيائون پوءِ نماز پڙهڻ لڳا. مان به ساڻن نماز ۾ شريڪ ٿيس.پهريائين فاتحه شروع ڪري پوءِ سورة البقرة شروع ڪيائون پوءِ ڪا رحمت جي آيت نه پڙهندا هوا مگر اتي بيهي رحمت جي دعا گهرندا هوا ۽ ڪا عذاب جي آيت نه پڙهندا هوا مگر اتي بيهي عذاب کان پناهه گهرندا هوا پوءِ دير تائين رڪوع ڪيائون قيام جي قدر جيترو ۽ رڪوع ۾ هيئن چيائون سُبْحَانَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ پوءِ رڪوع جي قدر سجدو ڪيائون ۽ سجده ۾ سُبْحَانَ ذِي الْجَبَرُوتِ وَالْمَلَكُوتِ وَالْكِبْرِيَاءِ وَالْعَظَمَةِ پوءِ آل عمران پوءِ سوره سوره ( هر هڪ رڪعت ۾) پڙهي رڪعت ساڳي طرح پڙهيائون.


    44ـ باب ماجاء في قراءة رسول الله صلى الله عليه وسلم

    44ـ باب ماجاء في قراءة رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي حضور ﷺ جي قراءة
    جي باري ۾ آيون آهن
    عَنْ يَعَلَى بْنِ مَمْلَكٍ ، أَنَّهُ سَأَلَ أُمَّ سَلَمَةَ ، عَنْ قِرَاءَةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَإِذَا هِيَ تَنْعَتُ قِرَاءَةً مُفَسَّرَةً حَرْفًا حَرْفًا
    ترجمو: حضرت يعليٰ پٽ مملڪؓ کان روايت آهي ته هن حضورﷺ جي قراءة بابت حضرت ام سلمةؓ کان پڇيو. ان چيو ته قراءة صاف صاف ۽ جدا جدا حرف ڪري عجيب نمونه سان پڙهندا هوا.
    عَنْ قَتَادَةَ ، قَالَ : قُلْتُ لأَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : كَيْفَ كَانَتْ قِرَاءَةُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ فَقَالَ : مَدًّا
    ترجمو: حضرت قتادة ﷦ کا روايت آهي چيائين ته مان انس پٽ مالڪؓ کان حضورﷺ جي قراءة جي باري ۾ پڇيو.چيائين ته ڊيگهه سان پڙهندا هوا.
    عَنْ أُمِّ سَلَمَةَ ، قَالَتْ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يَقْطَعُ قِرَاءَتَهُ ، يَقُولُ : الْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ ثُمَّ يَقِفُ ، ثُمَّ يَقُولُ : الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ ثُمَّ يَقِفُ ، وَكَانَ يَقْرَأُ مَلِكِ يَوْمِ الدِّينِ
    ترجمو: حضرت ام سلمة ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ قراءة کي ڇنِي ڇنِي پڙهندا هوا. پهريائين الحمد لله رب العالمين چئي چپ ڪندا هوا. پوءِ مالک يوم الدين پڙهندا هوا.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ أَبِي قَيْسٍ قَالَ سَأَلْتُ عَائِشَةَ ، عَنْ قِرَاءَةِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم أَكَانَ يُسِرُّ بِالْقِرَاءَةِ أَمْ يَجْهَرُ قَالَتْ : كُلُّ ذَلِكَ قَدْ كَانَ يَفْعَلُ قَدْ كَانَ رُبَّمَا أَسَرَّ وَرُبَّمَا جَهَرَ فَقُلْتُ : الْحَمْدُ لِلَّهِ ، الَّذِي جَعَلَ فِي الأَمْرِ سَعَةً
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ قيسؓ کان روايت آهي چيائين ته مون حضور ﷺ جي قراة بابت حضرت عائشهؓ کان پڇيم ته پاڻ قرات آهسته پڙهندا هوا يا ڏاڍيان؟ چيائين ته سمورو اهو ڪندا هوا يعني هوريان پڙهندا هوا ۽ ڏاڍيان به. پوءِ چيم ته الحمد لله الذي جعل في الامر سعة ان خدا جي ساراهه جنهن ان ڪم ۾ تنگي نه ڪئي.
    عَنْ أُمِّ هَانِئٍ ، قَالَتْ : كُنْتُ أَسْمَعُ قِرَاءَةَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، بِاللَّيْلِ وَأَنَا عَلَى عَرِيشِي
    ترجمو: حضرت ام هانيؓ کان روايت آهي چيائين ته مان ڇت جي مٿان رات جو حضور ﷺ جي قرات ٻڌندي هيس.
    عَنۡ عَبْدَ اللهِ بْنَ مُغَفَّلٍ ، يَقُولُ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، عَلَى نَاقَتِهِ يَوْمَ الْفَتْحِ ، وَهُوَ يَقْرَأُ : إِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُبِينًا لِيَغْفِرَ لَكَ اللَّهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ ، قَالَ : فَقَرَأَ وَرَجَّعَ ، قَالَ : وَقَالَ مُعَاوِيَةُ بْنُ قُرَّةَ : لَوْلا أَنْ يَجْتَمِعَ النَّاسُ عَلَيَّ لأَخَذْتُ لَكُمْ فِي ذَلِكَ الصَّوْتِ أَوْ قَالَ : اللَّحْنِ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ مغفلؓ کان روايت آهي چيائين ته مڪي جي فتح ڏينهن مون رسول الله ﷺ کي ڏاچيءَ تي ڏٺم جو إِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُبِينًا لِيَغْفِرَ لَكَ اللَّهُ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِكَ وَمَا تَأَخَّرَ نهايت سهڻي سُر ۾ پئي پڙهيائون.راوي ٿوچوي ته منهنجي استاد حضرت معاويہ پٽ قرة چيو ته جي ماڻهن جي سخت انبوهه جو خوف نه ڪريان ته مان اوهان کي اهو سُر به ڪري ٻڌايان.
    عَنْ قَتَادَةَ ، قَالَ : مَا بَعَثَ اللَّهُ نَبِيًّا إِلا حَسَنَ الْوَجْهِ ، حَسَنَ الصَّوْتِ ، وَكَانَ نَبِيُّكُمْ صلى الله عليه وسلم حَسَنَ الْوَجْهِ ، حَسَنَ الصَّوْتِ ، وَكَانَ لا يُرَجِّعُ
    ترجمو: حضرت قتادةؓ کان روايت آهي چيائين ته الله تعاليٰ ڪنهن نبي کي نه موڪليو آهي مگر سهڻي منهن ۽ سهڻي آواز وارو ڪري. اوهان جو نبي ﷺ به سهڻي منهن ۽ سهڻي آواز وارو هو ۽ پلٽا نه هڻندا هوا.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَتْ قِرَاءَةُ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، رُبَّمَا يَسْمَعُهَا مَنْ فِي الْحُجْرَةِ وَهُوَ فِي الْبَيْتِ
    ترجمو: حضرت ابن عباس ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ قرات گهڻا وقت اندر گهر ۾ ڪندا هوا ته ورانڊي وارا ٻڌندا هوا.


    45ـ باب ماجاء في بكاء رسول الله صلى الله عليه وسلم

    45ـ باب ماجاء في بكاء رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جن ۾ خدا جي خوف کان حضور ﷺٖ
    جي روئڻ جو بيان آهي
    عَنْ مُطَرِّفٍ وَهُوَ ابْنُ عَبْدِ اللهِ بْنِ الشِّخِّيرِ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : أَتَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم وَهُوَ يُصَلِّي ، وَلِجَوْفِهِ أَزِيزٌ كَأَزِيزِ الْمِرْجَلِ مِنَ الْبُكَاءِ
    ترجمو: حضرت مطرف پٽ شخيرؓ پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري ته مان حضور ﷺ وٽ آيس ته نماز ۾ سندن سيني مبارڪ مان ڪُني جي ٽهڪڻ وانگر جوشيلي روئڻ جو آواز پئي ايو.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مَسْعُودٍ ، قَالَ : قَالَ لِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : اقْرَأْ عَلَيَّ فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَقَرَأُ عَلَيْكَ وَعَلَيْكَ أُنْزِلَ ، قَالَ : إِنِّي أُحِبُّ أَنْ أَسْمَعَهُ مِنْ غَيْرِي ، فَقَرَأْتُ سُورَةَ النِّسَاءِ ، حَتَّى بَلَغْتُ وَجِئِنَا بِكَ عَلَى هَؤُلاءِ شَهِيدًا ، قَالَ : فَرَأَيْتُ عَيْنَيْ رَسُولِ اللهِ تَهْمِلانِ
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ مسعود ؓ کان روايت آهي چيائين ته مونکي رسول الله ﷺ فرمايو ته مونکي ڪجهه قرآن پڙهي ٻڌاءِ عرض ڪيم ته مان پڙهي ٻڌايان جو قرآن اوهان تي ئي لٿو آهي فرمايائون ته مونکي وڻندو آهي جو ٻيو قرآن پڙهي ۽ مان ٻڌان پوءِ سوره النسآء پڙهيم تانجو اتي پهتس وَجِئِنَا بِكَ عَلَى هَؤُلاءِ شَهِيدًا يعني توکي هن امت تي شاهد ڪري آڻينداسون راوي چيو ته پوءِ ڏٺم ته سندن اکيون مبارڪ ڳوڙها وهائي رهيون هيون.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ عَمْرٍو ، قَالَ : انْكسفَتِ الشَّمْسُ يَوْمًا عَلَى عَهْدِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَامَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يُصَلِّي ، حَتَّى لَمْ يَكَدْ يَرْكَعُ ثُمَّ رَكَعَ ، فَلَمْ يَكَدْ يَرْفَعُ رَأْسَهُ ، ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَسْجُدَ ، ثُمَّ سَجَدَ فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَرْفَعَ رَأْسَهُ ، ثُمَّ رَفَعَ رَأْسَهُ ، فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَسْجُدَ ، ثُمَّ سَجَدَ فَلَمْ يَكَدْ أَنْ يَرْفَعَ رَأْسَهُ ، فَجَعَلَ يَنْفُخُ وَيَبْكِي ، وَيَقُولُ : رَبِّ أَلَمْ تَعِدْنِي أَنْ لا تُعَذِّبَهُمْ وَأَنَا فِيهِمْ ؟ رَبِّ أَلَمْ تَعِدْنِي أَنْ لا تُعَذِّبَهُمْ وَهُمْ يَسْتَغْفِرُونَ ؟ وَنَحْنُ نَسْتَغْفِرُكَ فَلَمَّا صَلَّى رَكْعَتَيْنِ انْجَلَتِ الشَّمْسُ ، فَقَامَ فَحَمِدَ اللَّهَ تَعَالَى ، وَأَثْنَى عَلَيْهِ ، ثُمَّ قَالَ : إِنَّ الشَّمْسَ وَالْقَمَرَ آيَتَانِ مِنْ آيَاتِ اللهِ لا يَنْكَسِفَانِ لِمَوْتِ أَحَدٍ وَلا لِحَيَاتِهِ ، فَإِذَا انْكَسَفَا ، فَافْزَعُوا إِلَى ذِكْرِ اللهِ تَعَالَى
    ترجمو: حضرت عبدالله پٽ عمرو﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ جي زماني ۾ هڪ ڏينهن سج ورتو ته رسول الله ﷺ اٿيا ۽ نماز پڙهڻ لڳا تانجو اسان خيال ڪيو ته رڪوع نه ڪندا پوءِ رڪوع ڪيائون.اسان خيال ڪيو تهرڪوع مان مٿو نه کڻندا پوءِ رڪوع مان مٿوکنيائون.گمان ڪيوسون ته سجدو نه ڪندا پوءِ سجدو ڪيائون.گمان ڪيوسون ته مٿو نه کڻندا.پوءِ آهه آهه ڪري روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اي اسان جا رب! تو مون سان وعدو نه ڪيو ها ڇا ته انهن کي عذاب نه ڪندس جيسيتائين مان انهن ۾ هوندس. اي منهنجا رب! تو مون سان وعدو نه ڪيو هو ڇا ته انهن کي مان عذاب نه ڪندس جي اهي مون کان معافي گهرندا. اسين توکان معافي ٿا گهرون پوءِ جڏهن ٻه رڪعتونن پڙهيائون ته سج روشن ٿيو ته اٿيا ۽ خدا جي ساراهه ۽ تعريف ڪيائون ۽ چيائون ته سج ۽ چنڊ خدا جون ٻه نشانيون آهن جڏهن وٺجي ته خدا جي ذڪر ڏي پناهه وٺو.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : أَخَذَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ابْنَةً لَهُ تَقْضِي فَاحْتَضَنَهَا فَوَضَعَهَا بَيْنَ يَدَيْهِ ، فَمَاتَتْ وَهِيَ بَيْنَ يَدَيْهِ وَصَاحَتْ أُمُّ أَيْمَنَ ، فَقَالَ يَعْنِي صلى الله عليه وسلم : أَتَبْكِينَ عِنْدَ رَسُولِ اللهِ ؟ فَقَالَتْ َلَسْتُ أَرَاكَ تَبْكِي ؟ قَالَ : إِنِّي لَسْتُ أَبْكِي ، إِنَّمَا هِيَ رَحْمَةٌ ، إِنَّ الْمُؤْمِنَ بِكُلِّ خَيْرٍ عَلَى كُلِّ حَالٍ ، إِنَّ نَفْسَهُ تُنْزَعُ مِنْ بَيْنِ جَنْبَيْهِ ، وَهُوَ يَحْمَدُ اللَّهَ تعالى
    ترجمو: حضرت ابن عباسؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ پنهنجي نياڻيءَ کي جا قريب المرگ هئي پنهنجي جهوليءَ ۾ ڪيو پوءِ کيس سامهون رکيو. پوءِ سندن اڳيان مري وئي ۽ حضرت ام ايمن ؓ دانهن ڪئي پوءِ حضور ﷺ فرمايو ته رسول الله وٽ رئين ٿي. حضرت ام ايمنؓ چيو ته مان توهان کي رئندو نٿي ڏسان ڇا؟ فرمايائون ته مان نٿورئان. (رڳو ڳوڙها ڳاڙڻ) اها ته رحمت آهي ڇو ته مومن هر حال ۾ نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ ۾ آهي جيتوڻيڪ ٻن پاسرين جي وچان ان جو ساهه ڪڍيو ويندو آهي ته ان حالت ۾ به خدا جو حمد ۽ ساراهه ڪندو آهي.
    عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَبَّلَ عُثْمَانَ بْنَ مَظْعُونٍ وَهُوَ مَيِّتٌ وَهُوَ يَبْكِي أَوْ قَالَ : عَيْنَاهُ تَهْرَاقَانِ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضورﷺ حضرت عثمان بن مظعون کي چمي ڏني جو ميت هو ۽ پاڻ رنا پئي. يا چيائين ته سندن اکيون ڳوڙها پيون وهائن.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : شَهِدْنَا ابْنَةً لِرَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَرَسُولُ اللهِ جَالِسٌ عَلَى الْقَبْرِ ، فَرَأَيْتُ عَيْيَنْهِ تَدمَعَانِ ، فَقَالَ : أَفِيكُمْ رَجُلٌ لَمْ يُقَارِفِ اللَّيْلَةَ ؟ ، قَالَ أَبُو طَلْحَةَ : أَنَا ، قَالَ : انْزِلْ فَنَزَلَ فِي قَبْرِهَا
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جي هڪ نياڻي جي جنازي تي حاضر ٿياسون ته حضور جن قبر تي ويٺاهوا پوءِ ڏٺم ته سندن اکيون ڳوڙها پيون وهائن. پوءِ پاڻ پڇيائون ته اوهان ۾ ڪو اهڙو مڙس آهي جنهن گهر سان صحبت نه ڪئي هجي. ابو طلحهؓ چيو ته مان. فرمايائون ته تون لهه.پوءِ ان جي قبر ۾ لٿو.


    46ـ باب ماجاء في فراش رسول الله صلى الله عليه وسلم

    46ـ باب ماجاء في فراش رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جن ۾ رسول الله ﷺ جي بستري
    بابت بيان آهي
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتۡ : إِنَّمَا كَانَ فِرَاشُ رَسُولِ اللهِ ﷺ ، الَّذِي يَنَامُ عَلَيْهِ مِنْ أَدَمٍ ، حَشْوُهُ لِيفٌ
    ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ جي پٿرڻي جنهن تي سمهندا هوا چَم جي هئي منجهس پُور کاٻر جوهو.
    عَنۡ جَعْفَرُ بْنُ مُحَمَّدٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : سُئِلَتْ عَائِشَةُ ، مَا کَانَ فِرَاشُ رَسُوۡلِ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم فِیۡ بَیۡتِکَ قَالَتۡ مِنۡ اٰدَمٍ حَشُوۡھٗ لِیۡفٌ وَسُئِلَتْ حَفْصَةُ ، مَا كَانَ فِرَاشُ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي بَيْتِكِ ؟ قَالَتْ : مِسْحًا نَثْنِيهِ ثَنِيَّتَيْنِ فَيَنَامُ عَلَيْهِ ، فَلَمَّا كَانَ ذَاتَ لَيْلَةٍ ، قُلْتُ : لَوْ ثَنَيْتَهُ أَرْبَعَ ثَنْيَاتٍ ، لَكَانَ أَوْطَأَ لَهُ ، فَثَنَيْنَاهُ لَهُ بِأَرْبَعِ ثَنْيَاتٍ ، فَلَمَّا أَصْبَحَ ، قَالَ : مَا فَرشْتُمْ لِيَ اللَّيْلَةَ قَالَتْ : قُلْنَا : هُوَ فِرَاشُكَ ، إِلا أَنَّا ثَنَيْنَاهُ بِأَرْبَعِ ثَنْيَاتٍ ، قُلْنَا هُوَ أَوْطَأُ لَكَ ، قَالَ : رُدُّوهُ لِحَالَتِهِ الأُولَى ، فَإِنَّهُ مَنَعَتْنِي وَطَاءَتُهُ صَلاتيَ اللَّيْلَةَ
    ترجمو: حضرت جعفر پٽ محمد پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري چيائين ته حضرت عائشه ؓ کان پڇيو ويو ته رسول الله ﷺ جي پٿرڻي تنهنجي گهر ۾ ڇا جي هئي. چيائين ته چمڙي جي پُور انجو کاٻر هو. حضرت حفصهؓ کان پڇيو ويو ته رسول الله ﷺ جي فراشي تنهنجي گهر ۾ ڇا جي هئي؟ چيائين ته کٿوهو جو ٻيڻو ڪري وڇائيندا هواسون پوءِ ان تي ننڊ ڪندا هوا. جڏهن هڪ رات دل ۾ چيم ته چوڻو ڪريان ته نرم ٿئي پوءِ چوڻو ڪيم.پوءِ جڏهن صبح ٿيو ته فرمايائون ته اڄ رات مون لاءِ ڪهڙي وڇائي هيؤ عرض ڪيوسون ته توهان جو بسترو هو مگر اسان ان کي چوڻو ڪيو هو ته هو توهان لاءِ نرم ٿئي. پاڻ فرمايائون ته هن کي ائين حالت تي رکو جو ان جي نرمائي اڄ رات مون کي رات جي نماز کان روڪيو آهي.


    47ـ باب ماجاء في تواضع رسول الله صلى الله عليه وسلم

    47ـ باب ماجاء في تواضع رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي نوڙت
    بابت آيون آهن.
    عَنْ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : لا تُطْرُونِي كَمَا أَطْرَتِ النَّصَارَى ابْنَ مَرْيَمَ ، إِنَّمَا أَنَا عَبْدٌ ، فَقُولُوا : عَبْدُ اللهِ وَرَسُولُهُ
    ترجمو: حضرت عمر پٽ خطاب﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته مونکي حد کان نه وڌايو.جئن نصارن حضرت عيسيٰ پٽ مريم کي وڌايو مان رڳو الله جو ٻانهو آهيان توهان مونکي الله جو ٻانهو ۽ سندس رسول چئو.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ امْرَأَةً جَاءَتْ إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَتْ لَهُ : إِنَّ لِي إِلَيْكَ حَاجَةً ، فَقَالَ : اجْلِسِي فِي أَيِّ طَرِيقِ الْمَدِينَةِ شِئْتِ ، أَجْلِسْ إِلَيْكِ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ کان روايت آهي ته هڪ عورت حضور ﷺ وٽ آئي ته مان توهان کي اڪيلائي ۾ ڪجهه چونديس تنهن تي پاڻ فريائون ته مدينه جي جنهن به گهٽي ۾ گهرين هلي ويهه ته مان به تو وٽ اچي ويهان ٿو.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَعُودُ الْمَرِيضَ ، وَيَشْهَدُ الْجَنَائِزَ ، وَيَرْكَبُ الْحِمَارَ ، وَيُجِيبُ دَعْوَةَ الْعَبْدِ ، وَكَانَ يَوْمَ بَنِي قُرَيْظَةَ عَلَى حِمَارٍ مَخْطُومٍ بَحَبْلٍ مِنْ لِيفٍ ، وَعَلَيْهِ إِكَافٌ مِنْ لِيفٍ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ بيمار کان پڇندا هوا جنازه ۾ شريڪ ٿيندا هوا ۽ گڏهه جي سواري ڪندا هوا. ٻانهي جي مهماني قبول ڪندا هوا ۽ پاڻ بني قريظه جي لڙائي ۾ گڏهه تي سوار هوا. ان جي واڳ ۽ پلاڻ کاٻر جا هوا.
    وَ عَنۡہُ قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، يُدْعَى إِلَى خُبْزِ الشَّعِيرِ ، وَالإِهَالَةِ السَّنِخَةِ ، فَيُجِيبُ وَلَقَدْ كَانَ لَهُ دِرْعٌ عِنْدَ يَهُودِيٍّ ، فَمَا وَجَدَ مَا يَفُكُّهَا حَتَّى مَاتَ
    ترجمو: ۽ ان کان ٻي روايت آهي ته رسول الله ﷺ جَوَن جي ماني ۽ سڪي ماني جي مهماني به قبول ڪندا هوا سندن زرهه هڪ يهوديءَ وٽ ڳهه پئي هئي ان جي ڇڏائڻ جي شيءِ نه لڌائون جو ڇڏائڻ تانجو رحلت ڪري ويا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : حَجَّ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، عَلَى رَحْلٍ رَثٍّ ، وَعَلَيْهِ قَطِيفَةٌ ، لا تُسَاوِي أَرْبَعَةَ دَرَاهِمَ ، فَقَالَ : اللَّهُمَّ اجْعَلْهُ حَجًّا ، لا رِيَاءَ فِيهِ ، وَلا سُمْعَةَ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺپراڻي پاکڙي تي حج ڪيو مٿس اهڙو کٿو هو جو چئن درهمن جو به نه هو پوءِ دعا گهريائون ته اي الله! تون هن حج کي اهڙو ڪر جنهن ۾ ڏيکاءُ ۽ شهرت نه هجي.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : لَمْ يَكُنْ شَخْصٌ أَحَبَّ إِلَيْهِمْ مِنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : وَكَانُوا إِذَا رَأَوْهُ لَمْ يَقُومُوا ، لِمَا يَعْلَمُونَ مِنْ كَرَاهَتِهِ لِذَلِكَ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪؓ کان روايت آهي چيائين ته صحابن کي رسول الله ﷺ کان وڌيڪ پيارو ڪونه هو چيائين ته حضور جن جي آمدني ڏسندا هوا ته نه اٿندا هوا. جو ڄاڻندا هوا ته پاڻ ان کي پسند نه ڪندا آهن.
    عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ ، قَالَ سَأَلْتُ خَالِي هِنْدَ بْنَ أَبِي هَالَةَ ، وَكَانَ وَصَّافًا عَنْ حِلْيَةِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَأَنَا أَشْتَهِي أَنْ يَصِفَ لِي مِنْهَا شَيْئًا ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، : قَالَ : فَسَأَلْتُهُ عَنْ مَخْرَجِهِ كَيْفَ يَصْنَعُ فِيهِ ؟ قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَخْرِنُ لِسَانُهُ إِلا فِيمَا يَعْنِيهِ ، وَيُؤَلِّفُهُمْ وَلا يُنَفِّرُهُمْ ، وَيُكْرِمُ كَرَيمَ كُلِّ قَوْمٍ وَيُوَلِّيهِ عَلَيْهِمْ ، وَيُحَذِّرُ النَّاسَ وَيَحْتَرِسُ مِنْهُمْ مِنْ غَيْرِ أَنْ يَطْوِيَ عَنْ أَحَدٍ مِنْهُمْ بِشْرَهُ وَخُلُقَهُ ، وَيَتَفَقَّدُ أَصْحَابَهُ ، وَيَسْأَلُ النَّاسَ عَمَّا فِي النَّاسِ ، وَيُحَسِّنُ الْحَسَنَ وَيُقَوِّيهِ ، وَيُقَبِّحُ الْقَبِيحَ وَيُوَهِّيهِ ، مُعْتَدِلُ الأَمْرِ غَيْرُ مُخْتَلِفٍ ، لا يَغْفُلُ مَخَافَةَ أَنْ يَغْفُلُوا أَوْ يَمِيلُوا ، لِكُلِّ حَالٍ عِنْدَهُ عَتَادٌ ، لا يُقَصِّرُ عَنِ الْحَقِّ وَلا يُجَاوِزُهُ الَّذِينَ يَلُونَهُ مِنَ النَّاسِ خِيَارُهُمْ ، أَفْضَلُهُمْ عِنْدَهُ أَعَمُّهُمْ نَصِيحَةً ، وَأَعْظَمُهُمْ عِنْدَهُ مَنْزِلَةً أَحْسَنُهُمْ مُوَاسَاةً وَمُؤَازَرَةً قَالَ : فَسَأَلْتُهُ عَنْ مَجْلِسِهِ ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم لا يَقُومُ وَلا يَجَلِسُ ، إِلا عَلَى ذِكْرٍ ، وَإِذَا انْتَهَى إِلَى قَوْمٍ ، جَلَسَ حَيْثُ يَنْتَهِي بِهِ الْمَجْلِسُ ، وَيَأْمُرُ بِذَلِكَ ، يُعْطِي كُلَّ جُلَسَائِهِ بِنَصِيبِهِ ، لا يَحْسَبُ جَلِيسُهُ أَنَّ أَحَدًا أَكْرَمُ عَلَيْهِ مِنْهُ ، مَنْ جَالَسَهُ أَوْ فَاوَضَهُ فِي حَاجَةٍ ، صَابَرَهُ حَتَّى يَكُونَ هُوَ الْمُنْصَرِفُ عَنْهُ ، وَمَنْ سَأَلَهُ حَاجَةً لَمْ يَرُدَّهُ إِلا بِهَا ، أَوْ بِمَيْسُورٍ مِنَ الْقَوْلِ ، قَدْ وَسِعَ النَّاسَ بَسْطُهُ وَخُلُقُهُ ، فَصَارَ لَهُمْ أَبًا وَصَارُوا عِنْدَهُ فِي الْحَقِّ سَوَاءً ، مَجْلِسُهُ مَجْلِسُ عِلْمٍ وَحِلْمٍ وَحَيَاءٍ وَأَمَانَةٍ وَصَبْرٍ ، لا تُرْفَعُ فِيهِ الأَصْوَاتُ ، وَلا تُؤْبَنُ فِيهِ الْحُرَمُ ، وَلا تُثَنَّى فَلَتَاتُهُ ، مُتَعَادِلِينَ ، بَلْ كَانُوا يَتَفَاضَلُونَ فِيهِ بِالتَّقْوَى ، مُتَوَاضِعِينَ يُوقِّرُونَ فِيهِ الْكَبِيرَ ، وَيَرْحَمُونَ فِيهِ الصَّغِيرَ ، وَيُؤْثِرُونَ ذَا الْحَاجَةِ ، وَيَحْفَظُونَ الْغَرِيبَ
    ترجمو: حضرت امام حسن پٽ علي ﷦ کان روايت آهي ته مون پنهنجي مامي هندپٽ ابو هاله کان جو سندن حليه مبارڪ جو نهايت واقف ڪار هو منهنجو خيال ٿيو ته رسول الله ﷺ وڏي سان ۽ عزت وارا هوا. سندن منهن مبارڪ چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪندو هو پوءِ ڊگهي حديث بيان ڪيائين حضرت حسن ﷦ ڇيو ته مون ان حديث کي گهڻو وقت پنهنجي ڀاءُ حسين﷦ کان ڇپايو.پوءِ ان کي بيان ڪيم جنهن مان معلوم ٿيو ته منهنجي مامي هند کان تحقيات ڪري چڪا آهن. جا ڳالهه مون انهن کان پڇي هئي ۽ مونکي هئي ۽ هيءُ به معلوم ٿيو ته اسان جي پيءُ کان به تحقيق ڪري چڪا آهن جو پنهنجي گهر اچڻ ۽ گهر کان نڪرڻ۽ ان جو نمونو تنهن مان ڪجهه به نه ڇڏيو هوائين. حضرت حسين﷦ چيو ته حضور ﷺ جي گهر وڃڻ بابت مون پنهنجي پيءُ حضرت علي﷦ کان پڇيو جنهن تي چيائين ته جڏهن پنهنجي گهر ويندا هوا ته گهر رهڻ جي وقت کي ٽي ڀاڱا ڪندا هوا. هڪ حصه خدا جي عبادت لاءِ ٻيو گهر وارن جي حقن لاءِ ٽيون پنهنجي ڪاروبار لاءِ هوندو هو. پوءِ پنهنجي حصه کي وري ذاتي ڪمن ۽ عام جي فائده لاءِ ورهائيندا هوا ۽ ڪا شيءِ صحابن کان نه جهليندا هوا ۽ سندن عادت هئي جو علم ۽ فضيلت وارن کي سندن قدر موافق عزت ڏيندا هوا. جو انهن مان ڪي هڪ ڪم وارا ڪي ٻن ڪمن وارا ۽ ڪي گهڻن ڪمن وارا هوندا هوا پوءِ پاڻ انهن جي ڪمن ۾ مشغول ٿيندا هوا ۽ انهن کي اهڙن ڪمن ۾ رجهائي ڇڏيندا هوا جن ۾ سندن ۽ ٻين مسلمانن جو فائدو هوندو هو يعني پنهنجي سڌاري جو حضور جن کان سوال ڪرڻ ۽ حضور جن جو کين مناسب ڪمن کان واقف ڪرڻ ۽ فرمائيندا هوا ته اوهان مان جي حاضر آهن سي غير حاضرن کي واقف ڪن ۽ جي شرعي ضرورتون مون وٽ پهچائي نٿا سگهن سي پهچائي بيان ڪندا ڪريو ڇو ته جيڪو ماڻهو ڪنهن حاڪم وٽ پهچ وارو آهي سو ڪنهن اڻ پهچ واري مسڪين جو احتياج پهچائيندو ته خدا ان جا قدم پصراط تي ثابت رکندو ۽ وٽن اهڙن ڪمن کان سواءِ ذڪر نه ٿيندو هو ۽ نه ان جي برخلاف پاڻ ڪو ڪم قبول فرمائيندا هوا وٽن طالب علم ايندا هوا. ۽ جهل کان سواءِ نه وساريندا هوا خير ۽ نيڪيءَ جا هادي ٿي نڪرندا هوا حضرت حسينؓ چيو ته مون پنهنجي پيءُ حضرت عليؓ کان حضور جن جي حليه بابت پڇيم چيائين ته حضور جن بي فائده ڳالهائڻ کان زبان بند رکندا هوا رڳو ديني ڳالهيون بيان فرمائيندا هوا صحابن پاڻ ۾ دوستي ڪندا هوا جدائي نه ڪندا هواقوم جي معزز ماڻهن جي عزت ڪندا هوا. کين انهن تي حاڪم ڪندا هوا، ماڻهن کي خدا کان ڊيڄاريندا هوا ان ۾ سندن خوش روئي ۽ خوش خلقي ڪنهن کان روڪيل نه هئي پنهنجي سنگت جو احوال پڇندا هوا عام ماڻهن جي معاملات جي به پڇا ڪندا هواچڱي کي چڱو سمجهندا هواان جي تائيد ڪندا هوا بڇڙي کي بڇڙو ۽ ان جي توهين ڪندا هوا ان کي ڪمزور ڪندا هوا درميانه روش هلندا هوا هڪ نمونو ان جي حال کان عافل نه هوا جو متان اهي غافل تنگدل ۽ سست ٿي وڃن. ڪر حالت ۾ حضور جن وٽ سامان پورو تيار هوندو هو حق ۾ قصور نه ڪندا هوا نه حد کان ٻاهر ويندا هوا سندن سنگت وارا نهايت ڀلارا هوا ماڻهن مان گهڻي نصيحت ڪندڙ کين پيارو هو. وٽن وڏي مرتبه وارو جنهن احسان ماڻهن سان ۽ چڱي روش هوندي هئي امام حسين چيو ته مان پنهنجي پيءُ کان حضور جن جي اٿڻ ويهڻ بابت پڇيوچيائين ته حضور جن اُٿي ويٺي خدا جو ذڪر ڪندا هوا. جڏهن ڪنهن قوم ۾ پهچندا هوا ۽ جتي مجلس پوري ٿيندي هئي اتي ويهي رهندا هوا. اهڙو حڪم پنهنجي امت ۽ هر هڪ صحبتي کي ڪندا هوا. هر هڪ صحبتي کي سندس حق ڏيندا هوا. سندس گڏ ويهندڙ سمجهندو هو ته مون کان وڌيڪ پيارو ان کي ڪونهي. وٽن ڪو اچي ويهندو هو يا پنهنجي ضرورت جي ڳالهه ڪندو هو ته آرام سان ٻڌندا هوا تان جو هو پاڻ موٽي وڃي. وٽن ڪو ڪم ايندو هو ته پورو ڪندا هوا. يا نرمي سان جواب ڏيندا هوا. سندن شفقت ۽ خُلق ماڻهن تي عام هو ڄڻ ته سندن پيءُ هوا حقن ۾ سڀ وٽن برابر هوا سندن مجلس علم حياء صبر ۽ امانت جي مجلس هئي ان ۾ وڏو آواز نه هوندو هو نه ان ۾ ڪنهن جي عزت تي عيب ورتو ويندو هو نه ڪنهن مجلس جي غلطي ۽ لغزش مشهور ڪئي ويندي هئي. مجلس وارا پاڻ ۾ برابر هوندا هوا. فخر نه ڪندا هوا. هڪ ٻئي تي جا فضيلت هئي سا رڳو پرهيزگاريءَ ۾، مجلس ۾ وڏن جي تعظيم نوڙت سان ڪندا هوا ننڍن تي رحم ڪندا هوا. گهرج وارن جي گهرج پوري ڪندا هوامسافرن جي حقن جي نگاهه رکندا هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : لوْ أُهْدِيَ إِلَيَّ كُرَاعٌ لَقَبِلتُ ، وَلوْ دُعِيتُ عَلَيْهِ لأَجَبْتُ
    ترجمو: حضرت انس ﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جي مونکي ٻڪريءَ جا پاوا ڏنا وڃن ته به قبول ڪريان. ۽ جي انهن سان منهنجي مهماني ڪجي ته به قبول ڪريان
    عَنْ جَابِرٍ ، قَالَ : جَاءَنِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم لَيْسَ برَاكِبِ بَغْلٍ وَلا بِرْذَوْنٍ
    ترجمو: حضرت جابر﷦ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ مون وٽ تشريف آندي نه خچر تي سوار هوا نه ترڪي گهوڙي تي (بلڪ پا پيادا هوا).
    عَنۡ يُوسُفَ بْنَ عَبْدِ اللهِ بْنِ سَلامٍ ، قَالَ : سَمَّانِي رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يُوسُفَ ، وَأَقْعَدَنِي فِي حِجْرِهِ ، وَمَسَحَ عَلَى رَأْسِي
    ترجمو: حضرت يوسف پٽ عبدالله پٽ سلامؓ کان روايت آهي ته حضورﷺ منهنجو نالو يوسف رکيو ۽ مونکي پنهنجي جهوليءَ ۾ ويهاريو ۽ منهنجي مٿي تي هٿ گهمايو.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حَجَّ عَلَى رَحْلٍ رَثٍّ وَقَطِيفَةٍ ، كُنَّا نَرَى ثَمَنَهَا أَرْبَعَةَ دَرَاهِمَ ، فَلَمَّا اسْتَوَتْ بِهِ رَاحِلَتُهُ ، قَالَ : لَبَّيْكَ بِحَجَّةٍ لا سُمْعَةَ فِيهَا وَلا رِيَاءَ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ حج ڪيو هڪ پراڻي پاکڙي ۽ کٿيءَ تي. اسان ان جي بها چار درهم خيال ڪندا هواسون جڏهن سندن ڏاچي اٿي بيٺي ته پاڻ فرمايائون ته اي ڌڻي! مان اهڙي حج لاءِ حاضر ٿيو آهيان جنهن ۾ نه شهرت آهي نه رياءُ.
    وَ عَنۡہُ أَنَّ رَجُلا خَيَّاطًا دَعَا رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَرَّبَ مِنْهُ ثَرِيدًا عَلَيْهِ دُبَّاءُ ، قَالَ : فَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَأْخُذُ الدُّبَّاءَ ، وَكَانَ يُحِبُّ الدُّبَّاءَ ، قَالَ ثَابِتٌ : فَسَمِعْتُ أَنَسًا ، يَقُولُ : فَمَا صُنِعَ لِي طَعَامٌ ، أَقْدَرُ عَلَى أَنْ يُصْنَعَ فِيهِ دُبَّاءُ ، إِلا صُنِعَ
    ترجمو: ۽ ان کان ٻي روايت آهي ته هڪ درزي مڙس رسول الله ﷺ جي دعوت ڪئي پوءِ سندن لاءِ شوربي سان ڄهيل ڪُٽي کڻي آيو جنهن تي ايرائون جا ڳترا رکيل هوا. پوءِ رسول الله ﷺ ايرائون کاڌو. جو ايرائون کي پسند ڪندا هوا. ثابت راوي چيو ته حضرت انس کان چوندي ٻڌم ته ان ڏينهن کانپوءِ اهڙو طعام نه ٺهيو جنهن ۾ وس پڄندي ايرائون پيل نه هجي.
    عَنْ عَمْرَةَ ، قَالَتْ : قِيلَ لِعَائِشَةَ : مَاذَا كَانَ يَعْمَلُ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي بَيْتِهِ ؟ قَالَتْ كَانَ بَشَرًا مِنَ الْبَشَرِ ، يَفْلِي ثَوْبَهُ ، وَيَحْلُبُ شَاتَهُ ، وَيَخْدُمُ نَفْسَهُ
    ترجمو: حضرت عمرة ؓ سائڻ کان روايت آهي چيائين ته حضرت عائشه ؓ کان پڇيو ويو ته رسول الله ﷺ (اندر) پنهنجي گهر ۾ ڪهڙو ڪم ڪندا هوا. چيائين ته پاڻ سڳورا ته ماڻهن مان ماڻهو هوا. پنهنجي ڪپڙي ۾ پاڻ جوئون ڏسندا هوا. پنهنجي ٻڪري ڏهندا هوا پنهنجو ڪم پاڻ ڪندا هوا.


    48ـ باب ماجاء في خلق رسول الله صلى الله عليه وسلم

    48ـ باب ماجاء في خلق رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جن ۾ رسول الله ﷺ جون عادتون شريف
    بيان ٿيل آهن.
    عَنْ خَارِجَةَ بْنِ زَيْدِ بْنِ ثَابِتٍ ، قَالَ : دَخَلَ نَفَرٌ عَلَى زَيْدِ بْنِ ثَابِتٍ ، فَقَالُوا لَهُ : حَدِّثْنَا أَحَادِيثَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : مَاذَا أُحَدِّثُكُمْ ؟ كُنْتُ جَارَهُ فَكَانَ إِذَا نَزَلَ عَلَيْهِ الْوَحْيُ بَعَثَ إِلَيَّ فَكَتَبْتُهُ لَهُ ، فَكُنَّا إِذَا ذَكَرْنَا الدُّنْيَا ذَكَرَهَا مَعَنَا ، وَإِذَا ذَكَرْنَا الآخِرَةَ ذَكَرَهَا مَعَنَا ، وَإِذَا ذَكَرْنَا الطَّعَامَ ذَكَرَهُ مَعَنَا ، فَكُلُّ هَذَا أُحَدِّثُكُمْ عَنِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم
    ترجمو: حضرت خارجة پٽ زيد پٽ ثابت ؓ کان روايت آهي ته منهنجي پيءُ وٽ ماڻهن جو ٽولو آيو چيائونس ته اسان کي رسول خدا ﷺ جون ڳالهيون ٻڌاءِ. چيائين ته ڪهڙيون ڳالهيون ٻڌايانوَ. مان سندن پاڙيچو هوس. پوءِ جڏهن مٿن وحي لهندو هو ته مون ڏي ماڻهو موڪليندا هوا. پوءِ مان کين اهو وحي لهندو هو ته مون ڏي ماڻهو موڪليندا هوا. پوءِ مان کين اهو وحي لکي ڏيندو هوس. جڏهن اسان دنيا جون ڳالهيون ڪندا هواسون ته پاڻ به اهي ڳالهيون ڪندا هوا ۽ جڏهن آخرت جون ڳالهيون ڪندا هواسون ته پاڻ به اهي ڳالهيون ڪندا هوا ۽ جي کاڌي جون ڳالهيون ڪنداهواسون ته پاڻ به اسان سان اهي ڳالهيون ڪندا هوا اهي سڀ ڳالهيون نبي سڳوري جي طرفان ٿو ٻڌايانوَ.
    عَنْ عَمْرِو بْنِ الْعَاصِ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يُقْبِلُ بِوَجْهِهِ وَحَدِيثِهِ عَلَى أَشَرِّ الْقَوْمِ ، يَتَأَلَّفُهُمْ بِذَلِكَ فَكَانَ يُقْبِلُ بِوَجْهِهِ وَحَدِيثِهِ عَلَيَّ ، حَتَّى ظَنَنْتُ أَنِّي خَيْرُ الْقَوْمِ ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَنَا خَيْرٌ أَوْ أَبُو بَكْرٍ ؟ فَقَالَ : أَبُو بَكْرٍ ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَنَا خَيْرٌ أَوْ عُمَرُ ؟ فَقَالَ : عُمَرُ ، فَقُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَنَا خَيْرٌ أَوْ عُثْمَانُ ؟ فَقَالَ : عُثْمَانُ ، فَلَمَّا سَأَلْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَصَدَقَنِي فَلَوَدِدْتُ أَنِّي لَمْ أَكُنْ سَأَلْتُهُ
    ترجمو: حضرتعمرو پٽ عاص﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ شريرن سان به منهن ڏيئي ڳالهائيندا هوا تان جو ڀانئڻ لڳس ته آءٌ ڀلوماڻهو آهيان پوءِ عرض ڪيم ته يا رسول الله! آءٌ چڱو ماڻهو آهيان يا ابوبڪرؓ فرمايائون ته ابوبڪر.وري پڇيم ته مان ڀلو آهيان يا عمرؓ فرمايائون ته عمر فاروقؓ ڀلو آهي. وري پڇيم ته ڀلا مون چڱو يا حضرت عثمانؓ ذوالنورين فرمايائون ته عثمان ﷦ پوءِ جڏهگن رسول الله ﷺ کان پڇيم ته پاڻ سڳورن مونکي چئي ڏنو. پوءِ هاءِ! هاءِ! جيڪر کانئن نه پڇان ها.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : خَدَمْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم عَشْرَ سِنِينَ ، فَمَا قَالَ لِي أُفٍّ قَطُّ ، وَمَا قَالَ لِشَيْءٍ صَنَعْتُهُ ، لِمَ صَنَعْتَهُ ، وَلا لِشَيْءٍ تَرَكْتُهُ ، لِمَ تَرَكْتَهُ ؟ وَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، مِنْ أَحْسَنِ النَّاسِ خُلُقًا ، وَلا مَسَسْتُ خَزًّا وَلا حَرِيرًا ، وَلا شَيْئًا كَانَ أَلْيَنَ مِنْ كَفِّ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلا شَمَمْتُ مِسْكًا قَطُّ ، وَلا عِطْرًا كَانَ أَطْيَبَ مِنْ عَرَقِ رسول الله صلى الله عليه وسلم
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي چيائين ته ڏهه سال رسول الله ﷺ جي خذمت ڪيمته ايتري مدت ۾ رڳو اف به نه ڪيائون ۽ نه ڪنهن ڪم تي (جو ڪيم) ڇو ڪيئي فرمايائون. نڪي ڪنهن ڪم تي (جو نه ڪيم) ڇو ڇڏيئي فرمايائون. رسول الله ﷺ خُلق ۽ عادتن ۾ ٻين کان وڌيڪ سهڻا هوا. نه ڪنهن پٽ ۽ ريشم ۽ ٻي شيءِ کي هٿ لاتم جو رسول الله ﷺ جي تريءَ مبارڪ کان وڌيڪ نرم هئي. نه ڪو مشڪ ۽ عطر سنگهيو اٿم جو حضور پر نور حضرت رسول الله ﷺ جي پگهر پاڪ کان وڌيڪ خوشبودار ۽ سڳنڌ هجي.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، عَنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَنَّهُ كَانَ عِنْدَهُ رَجُلٌ بِهِ أَثَرُ صُفْرَةٍ ، قَالَ : وَكَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، لا يكَادُ يُواجِهُ أَحَدًا بِشَيْءٍ يَكْرَهُهُ ، فَلَمَّا قَامَ ، قَالَ لِلْقَوْمِ : لَوْ قُلْتُمْ لَهُ يَدَعُ هَذِهِ الصُّفْرَةَ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ رسول ڪريم ﷺ کان روايت ٿو ڪري ته سندن اڳيان هڪ مرد ويٺو هو جنهن جي ڪپڙن تي ڪجهه ڪيسر جو رنگ هو. راوي چيو ته حضور جن ڪنهن کي مهانيون نه چوندا هوا جو ڪا شيءِ مڪروه لڳين جڏهن اٿي ويو ته پاڻ سڳورن ٻين ماڻهن کي چيو ته جيڪر اوهان چئوس ته اها هيڊاڻ ڇڏي ڏئي.
    عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّهَا قَالَتْ لَمْ يَكُنْ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَاحِشًا ، وَلا مُتَفَحِّشًا وَلا صَخَّابًا فِي الأَسْوَاقِ ، وَلا يَجْزِئُ بِالسَّيِّئَةِ السَّيِّئَةَ ، وَلَكِنْ يَعْفُو وَيَصْفَحُ
    حضرت عائشه ؓچيو ته رسول خدا ﷺ نه طبعًا گندو ڳالهائيندڙ هوا ۽ نه وري ڪسبًا ئي گندو ڳالهائيندڙ هوا نڪي بازارين ۾ لُڙ ڪندڙ هوا.نه برائي جو بدلو برائي سان ڏيندا هوا بلڪ معافي ڏيندا هوا.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا ضَرَبَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، بِيَدِهِ شَيْئًا قَطُّ ، إِلا أَنْ يُجَاهِدَ فِي سَبِيلِ اللهِ ، وَلا ضَرَبَ خَادِمًا َوِلا امْرَأَةً
    ترجمو: حضرت عائشه ؓکان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ هٿ سان ڪنهن شيءِ کي نه ماريو.مگر خدا جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ وقت. ۽ نه خادمن کي ۽ نڪي پنهنجن حرمن کي.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم مُنْتَصِرًا مِنْ مَظْلَمَةٍ ظُلِمَهَا قَطُّ ، مَا لَمْ يُنْتَهَكْ مِنْ مَحَارِمِ اللهِ تَعَالَى شَيْءٌ ، فَإِذَا انْتُهِكَ مِنْ مَحَارِمِ اللهِ شَيْءٌ كَانَ مِنْ أَشَدِّهِمْ فِي ذَلِكَ غَضَبًا ، وَمَا خُيِّرَ بَيْنَ أَمْرَيْنِ ، إِلا اخْتَارَ أَيْسَرَهُمَا ، مَا لَمْ يَكُنْ مَأْثَمًا
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته مان ڪڏهن رسول الله ﷺ کي ڪنهن مظلوم جو بدلو وٺندو نه ڏٺو جيسيتائين الله تعاليٰ جي دين جي بيعزتي نه ٿيندي هئي. پوءِ جڏهن الله جي دين جي بيعزتي ٿيندي هئي ته ان تي نهايت ڪاوڙيل هوندا هوا. ۽ جڏهن ڪنهن ڪم ۾ مختار ڇڏبا هوا ته ان ۾ آسان اختيار ڪندا هوا مگر اها آساني گناهه جي درجه نه پهچي.
    350ـ حَدَّثَنَا ابْنُ أَبِي عُمَرَ ، قَالَ : حَدَّثَنَا سُفْيَانُ ، عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ الْمُنْكَدِرِ ، عَنْ عُرْوَةَ ، عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتِ : اسْتَأْذَنَ رَجُلٌ عَلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَأَنَا عِنْدَهُ ، فَقَالَ : بِئْسَ ابْنُ الْعَشِيرَةِ أَوْ أَخُو الْعَشِيرَةِ ، ثُمَّ أَذِنَ لَهُ ، فَأَلانَ لَهُ الْقَوْلَ ، فَلَمَّا خَرَجَ ، قُلْتُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، قُلْتَ مَا قُلْتَ ثُمَّ أَلَنْتَ لَهُ الْقَوْلَ ؟ فَقَالَ : يَا عَائِشَةُ ، إِنَّ مِنْ شَرِّ النَّاسِ مَنْ تَرَكَهُ النَّاسُ أَوْ وَدَعَهُ النَّاسُ اتِّقَاءَ فُحْشِهِ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ کان هڪ مرد خذمت ۾ حاضر ٿيڻ جي اجازت گهري مان وٽن هُيَس. فرمايائون ته هي پنهنجي قبيله بڇڙي اولاد يابڇڙو ڀاءُ آهي پوءِ کيس اچڻ جي موڪل ڏنائون.پوءِ آيو ته نرم ڳالهايائونس. جڏهن ويو ته چيم ته يا رسول الله چَيُوَ سو چَيُوَ پر ڳالهائڻ ۾ ته نرم ٿي ويؤ.فرمايائون ته عائشه! پڪ ڄاڻ ته بڇڙو ماڻهو اهو آهي جنهن کي سندس ڪِني وات کان بچڻ لاءِ ماڻهو ڇڏي وڃن.
    عَنِ الْحَسَنِ بْنِ عَلِيٍّ ، قَالَ : قَالَ الْحُسَيْنُ : سَأَلْتُ أَبي عَنْ سِيرَةِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فِي جُلَسَائِهِ ، فَقَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، دَائِمَ الْبِشْرِ ، سَهْلَ الْخُلُقِ ، لَيِّنَ الْجَانِبِ ، لَيْسَ بِفَظٍّ وَلا غَلِيظٍ ، وَلا صَخَّابٍ وَلا فَحَّاشٍ ، وَلا عَيَّابٍ وَلا مُشَاحٍ ، يَتَغَافَلُ عَمَّا لا يَشْتَهِي ، وَلا يُؤْيِسُ مِنْهُ رَاجِيهِ وَلا يُخَيَّبُ فِيهِ ، قَدْ تَرَكَ نَفْسَهُ مِنْ ثَلاثٍ : الْمِرَاءِ ، وَالإِكْثَارِ ، وَمَا لا يَعْنِيهِ ، وَتَرَكَ النَّاسَ مِنْ ثَلاثٍ : كَانَ لا يَذُمُّ أَحَدًا ، وَلا يَعِيبُهُ ، وَلا يَطْلُبُ عَوْرتَهُ ، وَلا يَتَكَلَّمُ إِلا فِيمَا رَجَا ثَوَابَهُ ، وَإِذَا تَكَلَّمَ أَطْرَقَ جُلَسَاؤُهُ ، كَأَنَّمَا عَلَى رُؤُوسِهِمُ الطَّيْرُ ، فَإِذَا سَكَتَ تَكَلَّمُوا لا يَتَنَازَعُونَ عِنْدَهُ الْحَدِيثَ ، وَمَنْ تَكَلَّمَ عِنْدَهُ أَنْصَتُوا لَهُ حَتَّى يَفْرُغَ ، حَدِيثُهُمْ عِنْدَهُ حَدِيثُ أَوَّلِهِمْ ، يَضْحَكُ مِمَّا يَضْحَكُونَ مِنْهُ ، وَيَتَعَجَّبُ مِمَّا يَتَعَجَّبُونَ مِنْهُ ، وَيَصْبِرُ لِلْغَرِيبِ عَلَى الْجَفْوَةِ فِي مَنْطِقِهِ وَمَسْأَلَتِهِ ، حَتَّى إِنْ كَانَ أَصْحَابُهُ ، وَيَقُولُ : إِذَا رَأَيْتُمْ طَالِبَ حَاجَةٍ يِطْلُبُهَا فَأَرْفِدُوهُ ، وَلا يَقْبَلُ الثَّنَاءَ إِلا مِنْ مُكَافِئٍ وَلا يَقْطَعُ عَلَى أَحَدٍ حَدِيثَهُ حَتَّى يَجُوزَ فَيَقْطَعُهُ بِنَهْيٍ أَوْ قِيَامٍ
    ترجمو: حضرت امام حسن پٽ حضرت علي ﷦ کان روايت آهي ته منهنجي ڀاءُ حضرت حسين چيو ته مون پنهنجي پيءُ کان حضور ﷺ جون عادتون پنهنجي سنگت ۾ پڇيم ڇيائين ته حضور ﷺ هميشه کل مک نرم عادت نرم مزاج هوندا هوا. نه بد عادت نه سخت دل ۽ گوڙ ڪندڙ. نه بد زبان نه عيب جوئي ڪندڙ ۽ نه ڪنجوس هوا ۽ جيڪي نه وڻندو هونِ ته ان کان بي توجهي ڪندا هوا ٻئي کي به ان کان مايوس نه ڪندا هوا ان جي دعوت قبول نه ڪندا هوا پڪ ڄاڻ ته توکي ٽن شين جهيڙي وڏائي ۾ بيفائده ڳالهائڻ کان بچايائون ۽ ماڻهن کي به انهن ٽن کان بچايائين نه ڪنهن کي بڇڙو چوندا هوا نه ڪنهن جو عيب ڳوليندا هوا نه ڪنهن کي اگهاڙو ڪرڻ گهرندا هوا. ڳالهه اها ڳالهائيندا هوا. جنهن ۾ ثواب جي اميد هوندي هين ۽ جڏهن ڳالهائيندا هوا ته حاضر مجلس مٿو نِوائي چپ ويهندا هوا. ڄڻ ته سندن مٿن تي پکي ويٺا آهن پاڻ چپ ڪندا هوا ته پوءِ اهي ڳالهائيندا هوا سندن اڳيان ڪنهن به ڳالهه ۾ نه وڙهندا هوا. سندن اڳيان ڪنهن به ڳالهايو ته تو ان لاءِ چپ ٿي ٻڌندا هوا. تانجو پنهنجي ڳالهائڻ کان فارغ ٿئي. سڀني جي گفتگو (ڌيان سان ٻڌڻ ۾) اهڙي هئي جهڙي پهرئين جِي، جي ٻياکلندا هوا ته پاڻ به کلندا هوا. جي ٻيا عجب کائندا هوا ته پاڻ به عجب کائنمدا هوا. پرديسي جي ڳالهائڻ ۾ بي سمجهڻ ۽ پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۽ بي پرواهي تي تحمل ڪندا هوا تانجو سندن اصحاب پرديسين کي وٽن وٺي ايندا هوا ۽ پاڻ فرمائيندا هوا ته ڪنهن حاجتمند کي ڏسو ته ان جي مدد ڪريو پنهنجي تعريف پسند نه ڪندا هوا. احسان جي عوض تعريف ڪندڙ کان سواءِ ڪنهن جي ڳالهه کي نه ڪپيندا هواجيسيتائين حد کان ٽپي وڃي. پوءِ منع ڪرڻ سان اٿي وڃڻ سان ڳالهه ڪپيندا هوا.
    عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ الْمُنْكَدِرِ ، قَالَ سَمِعْتُ جَابِرَ بْنَ عَبْدِ اللهِ ، يَقُولُ : مَا سُئِلَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، شَيْئًا قَطُّ فَقَالَ : لا
    ترجمو: حضرت محمد پٽ منڪدرکان روايت آهي چيائين ته حضرت جابر پٽ عبداللهؓ کان چوندي ٻڌم ته جڏهن به حضور ﷺ کان سوال ٿيو ته ”لَا“ يعني نه نه فرمايائون.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَجْوَدَ النَّاسِ بِالْخَيْرِ ، وَكَانَ أَجْوَدَ مَا يَكُونُ فِي شَهْرِ رَمَضَانَ ، حَتَّى يَنْسَلِخَ ، فَيَأْتِيهِ جِبْرِيلُ ، فَيَعْرِضُ عَلَيْهِ الْقُرْآنَ ، فَإِذَا لَقِيَهُ جِبْرِيلُ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَجْوَدَ بِالْخَيْرِ مِنَ الرِّيحِ الْمُرْسَلَةِ
    ترجمو: حضرت ابن عباس﷦ کان روايت آهي ته رسول اللهﷺ هر قسم جي چڱائي ڪرڻ ۾ بين ماڻهن کان وڌيڪ سخي هوا. وٽن جبرئيل ايندو هو ته کين اچي ٻڌائيندو هو. پوءِ جڏهن جبرئيل سان ملاقات ٿيندي هين ته رسول الله ﷺ ڇوهي ۽ واچوڙي کان وڌ سخي هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم ، لا يَدَّخِرُ شَيْئًا لِغَدٍ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ﷦ کان روايت آهي چيائين ته نبيﷺ ڪابه شيءِ ٻئي ڏينهن لاءِ سمر ڪري نه رکندا هوا.
    عَنْ عُمَرَ بْنِ الْخَطَّابِ ، أَنَّ رَجُلا جَاءَ إِلَى النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، فَسَأَلَهُ أَنْ يُعْطِيَهُ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : مَا عِنْدِي شَيْءٌ ، وَلَكِنِ ابْتَعْ عَلَيَّ ، فَإِذَا جَاءَنِي شَيْءٌ قَضَيْتُهُ فَقَالَ عُمَرُ : يَا رَسُولَ اللهِ ، قَدْ أَعْطَيْتُهُ فَمَّا كَلَّفَكَ اللَّهُ مَا لا تَقْدِرُ عَلَيْهِ ، فَكَرِهَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم قَوْلَ عُمَرَ ، فَقَالَ رَجُلٌ مِنَ الأَنْصَارِ : يَا رَسُولَ اللهِ ، أَنْفِقْ وَلا تَخَفْ مِنْ ذِي الْعَرْشِ إِقْلالا ، فَتَبَسَّمَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم وَعُرِفَ فِي وَجْهِهِ الْبِشْرَ لِقَوْلِ الأَنْصَارِيِّ ، ثُمَّ قَالَ : بِهَذَا أُمِرْتُ
    ترجمو: حضرت عمر پٽ خطاب﷦ کان روايت آهي ته هڪ ماڻهو حضورﷺ وٽ اچي ڪجهه گهريو ته ڏيو؟ پاڻ سڳورن فرمايو ته هينئر مون وٽ ڪابه شيءِ نه آهي. پر منهنجي نالي تي وڃي قرض کڻ. جڏهن مون وٽ ڪجهه آيو ته ادا ڪندس. تنهن تي حضرت عمر ؓ چيو ته يا رسول الله ﷺ هڪ ڀيرو ته هن کي ڏيئي چڪا آهيو پوءِ الله تعاليٰ ان جي تڪليف ته نه ڏني آهي جنهن جي طاقت هجيوَ نبي ڪريمؐ حضرت عمر ؓ جي چوڻ کان ناخوش ٿيو پوءِ هڪ انصاري مرد چيو ته يا رسول الله! خرچِ. ۽ عرش جي مالڪ وٽان کوٽ کان نه ڊڄ پوءِ حضور جن ﷺ مرڪڻ لڳا. ۽ سندن منهن مبارڪ ۾ انصاري جي چوڻ ڪري خوشي ڏسڻ ۾ آئي. پوءِ پاڻ سڳورن فرمايو ته انهيءَ جو ئي حڪم ڪيل آهيان.
    عَنِ الرُّبَيِّعِ بِنْتِ مُعَوِّذِ بْنِ عَفْرَاءَ ، قَالَتْ : أَتَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، بِقِنَاعٍ مِنْ رُطَبٍ وَأَجْرٍ زُغْبٍ ، فَأَعْطَانِي مِلْءَ كَفِّهِ حُلِيًّا وَذَهَبًا
    ترجمو: حضرت ربيع ڌيءَ معوذ کان روايت آهي ته مون حضورﷺ جي خذمت ۾ تازين کارڪن ۽ ڪونئرين پاپين جي ٽوڪري آندي ته پاڻ سڳورن ڳهن ۽ سون جي مٺ ڀري ڏني.
    عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، كَانَ يَقْبَلُ الْهَدِيَّةَ ، وَيُثِيبُ عَلَيْهَا
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ سوکڙيون پاکڙيون قبول ڪندا هوا ۽ ان جو عوض ڏيئي ڇڏيندا هوا.


    49ـ باب ماجاء في حياء رسول الله صلى الله عليه وسلم

    49ـ باب ماجاء في حياء رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي حياء
    جي باري ۾ بيان ٿيل آهن.
    عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ ، قَالَ كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم أَشدَّ حَيَاءً مِنَ الْعَذرَاءِ فِي خِدْرِهَا ، وَكَانَ إِذَا كَرِهَ شَيْئًا عَرَفْنَاهُ فِي وَجْهِهِ
    ترجمو: حضرت ابو سعيد خدري﷦ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ حياءَ ۾ ڪنواري ڇوڪريءَ کان به وڌيڪ حيادار هوا. ۽ جڏهن ڪنهن شيءِ کي مڪروهه ڀائيندا هواسون ته سندن منهن ۾ سڃاڻينداهواسون.
    عَنْ مَوْلًى لِعَائِشَةَ ، قَالَ قَالَتْ عَائِشَةُ :مَا نَظَرْتُ إِلَى فَرْجِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم أَوْ قَالَتْ : مَا رَأَيْتُ فَرْجَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم قَطُّ
    ترجمو: حضرت عائشهؓ جي ڪنهن ٻانهي کان روايت آهي چيائين ته حضرت عائشهؓ چيو ته مان حضور ﷺ جي اگهڙ ڏي نه ڏٺو يا چيائين ته مان حضور جن جي اگهڙ ڪڏهن به نه ڏٺم.


    50ـ باب ماجاء في حجامة رسول الله صلى الله عليه وسلم

    50ـ باب ماجاء في حجامة رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ ، جن ۾ حضور ﷺ جي سِڱين هڻائڻ جو بيان آهي.
    عَنْ حُمَيْدٍ ، قَالَ : سُئِلَ أَنَسُ بْنُ مَالِكٍ عَنْ كَسْبِ الْحَجَّامِ ، فَقَالَ احْتَجَمَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، حَجَمَهُ أَبُو طَيْبَةَ ، فَأَمَرَ لَهُ بِصَاعَيْنِ مِنْ طَعَامٍ ، وَكَلَّمَ أَهْلَهُ فَوَضَعُوا عَنْهُ مِنْ خَرَاجِهِ ، وَقَالَ : إِنَّ أَفْضَلَ مَا تَدَاوَيْتَمْ بِهِ الْحِجَامَةُ ، أَوْ إِنَّ مِنْ أَمْثَلِ دَوَائِكُمُ الْحِجَامَةَ
    ترجمو: حضرت حُميد کان روايت چيائين ته انس پٽ مالڪؓ کان سِڱين هڻائڻ جي ڪمائي ۽ مزدوري بابت پڇيو ويو چيائين ته رسول خدا سڱيون هڻايون ۽ کين ابو طيبه سڱيون هنيون پوءِ ان لاءِ اٺن سيرن انُ ڏيڻ جو حڪم ڪيائون. سندس مالڪن کي سفارش ڪيائون ته ان تان ڪجهه ٽيڪس معاف ڪيائون ( جو ٻانهو هو) فرمايائون ته دوا کان سڱي وڌيڪ آهي يا فرمايائون ته سڱي هڻائڻ دوائن مان سٺي دوا آهي.
    عَنْ عَلِيٍّ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، احْتَجَمَ وَأَمَرَنِي فَأَعْطَيْتُ الْحَجَّامَ أَجْرَهُ
    ترجمو: حضرت علي ﷦ کان روايت آهي ته حضور جن سڱي هڻائي پوءِ مون کي حڪم ڪيائون جو مان سڱي هڻندڙ کي مزدوري ڏني.
    عَنِ الشَّعْبِيِّ ، عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : إِنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم احْتَجَمَ فِي الأَخْدَعَيْنِ ، وَبَيْنَ الْكَتِفَيْنِ ، وَأَعْطَى الْحَجَّامَ أَجْرَهُ ، وَلَوْ كَانَ حَرَامًا لَمْ يُعْطِهِ
    ترجمو: حضرت شعبي ؓ حضرت ابن عباس ؓ کان روايت ٿو ڪري گمان آهي ته حضرت ابن عباس ؓ چيوته حضور جن ڪنڌ جي ٻنهين طرفن ٻن رڳن پٺاڙن جي وچ۾ سڱيون هڻايوم حجام کي مزوري به ڏنائون جي حرام هجي ها ته کيس نه ڏين ها.
    عَنِ ابْنِ عُمَرَ ، أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، دَعَا حَجَّامًا فَحَجَمَهُ وَسَأَلَهُ كَمْ خَرَاجُكَ ؟ فَقَالَ : ثَلاثَةُ آصُعٍ ، فَوَضَعَ عَنْهُ صَاعًا وَأَعْطَاهُ أَجْرَهُ
    ترجمو: حضرت ابن عمر ؓ کان روايت آهي ته حضور جن سکين هڻندڙ کي گهرايو جنهن حضور جن کي سڱيوپن هنيون ۽ کانئس پڇيو ته تنهنجي مزوري ڇا آهي؟ چيائين ته ٽي صاع هڪ صاع ڇڏيائين باقي حضور جن هن کي مزدوري ڏني.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَحْتَجِمُ فِي الأَخْدَعَيْنِ وَالْكَاهِلِ ، وَكَانَ يَحْتَجِمُ لِسَبْعَ عَشْرَةَ ، وَتِسْعَ عَشْرَةَ ، وَإِحْدَى وَعِشْرِينَ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ مُکَنِ جون سڱيون لارائيندا هوا ۽ پٺاڙن تي به. گهڻو ڪري تاريخ 17، 19 ۽ 21 سڱيون لارائيندا هوا.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم احْتَجَمَ وَهُوَ مُحْرِمٌ بَمَلَلٍ عَلَى ظَهْرِ الْقَدَمِ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ پير جي پٺيءَ تي مِلل (جاءِ) ۾ اِحرام جي حالت ۾ سڱيون هڻايون.


    51ـ باب ماجاء في اسماء رسول الله صلى الله عليه وسلم

    51ـ باب ماجاء في اسماء رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسولِ خدا جي نالن ۽ لقبن
    ۾ آيون آهن
    عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ جُبَيْرِ بْنِ مُطْعِمٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ لِي أَسْمَاءً ، أَنَا مُحَمَّدٌ ، وَأَنَا أَحْمَدُ ، وَأَنَا الْمَاحِي الَّذِي يَمْحُو اللَّهُ بِيَ الْكُفْرَ ، وَأَنَا الْحَاشِرُ الَّذِي يُحْشَرُ النَّاسُ عَلَى قَدَمِي ، وَأَنَا الْعَاقِبُ الَّذِي لَيْسَ بَعْدَهُ نَبِيٌّ
    ترجمو: حضرت محمد پٽ جبير پٽ مطعمؓ پنهنجي پيءُ کان روايت ڪئي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته منهنجو نالو ﷴ آهي ۽ احمد به. منهنجو لقب ماحِي يعني مٽائيندڙ آهي. جو الله تعاليٰ مون سان ڪفر کي مِٽائيندو ۽ منهنجو لقب حاشر يعني گڏ ڪندڙ به آهي جو حشر ڏينهن ماڻهو منهنجي قدمن تي اٿاريا ويندا. منهنجو لقب عاقب يعني سڀ کان پويون آهي جنهن کانپوءِ نبي نه آهي.
    عَنْ حُذَيْفَةَ ، قَالَ : لَقِيتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، فِي بَعْضِ طُرُقِ الْمَدِينَةِ ، فَقَالَ : أَنَا مُحَمَّدٌ ، وَأَنَا أَحْمَدُ ، وَأَنَا نَبِيُّ الرَّحْمَةِ ، وَنَبِيُّ التَّوْبَةِ ، وَأَنَا الْمُقَفَّى ، وَأَنَا الْحَاشِرُ ، وَنَبِيُّ الْمَلاحِمِ
    ترجمو: حضرت حُذيفة ؓ کان روايت آهي چيائين ته حضور ﷺ سان مدينه جي ڪنهن رستي ۾ مليس پوءِ فرمايائون ته آءٌ ﷴ آهيان ۽ احمد به. ۽ نبيءِ رحمت به. ۽ نبي توبه جو به.۽ مان سڀ نبي نبين کان پوءِ ايندڙ ۽ گڏ ڪندڙ ۽ خدا جي واٽ ۾ جهاد ڪندڙ به آهيان.


    52ـ باب ماجاء في عيش رسول الله صلى الله عليه وسلم

    52ـ باب ماجاء في عيش رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾، جي رسول خدا جي گذران
    جي باري ۾ آيون آهن
    عَنْ سِمَاكِ بْنِ حَرْبٍ ، قَالَ : سَمِعْتُ النُّعْمَانَ بْنَ بَشِيرٍ ، يَقُولُ : أَلَسْتُمْ فِي طَعَامٍ وَشَرَابٍ مَا شِئِتُمْ ؟ لَقَدْ رَأَيْتُ نَبِيَّكُمْ صلى الله عليه وسلم ، وَمَا يَجِدُ مِنَ الدَّقَلِ ، مَا يَمْلأُ بَطْنَهُ
    ترجمو: حضرت سماڪ پٽ حرب کان روايت آهي چيائين ته مان نعمان پٽ بشير ؓ کان ٻڌو جو چوي پيو ته ڇا توهان کاڌي پيتي ۾ جيڪي گهرو ٿا سو نٿا لهو؟ مان نبي ﷺ کي ڏٺو جو پاڻ کائڻ لاءِ ردي کارڪون پيٽ ڀري کائڻ جيتريون نه لهندا هوا.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : إِنْ كُنَّا آلَ مُحَمَّدٍ نَمكُثُ شَهْرًا مَا نَسْتَوْقِدُ بِنَارٍ ، إِنْ هُوَ إِلا التَّمْرُ وَالْمَاءُ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته اسان حضور ﷺ جا اهل بيت مهينو مهينو چلهه ۾ باهه نه ٻارينداهواسون. اها مدت اسان جي خوراڪ هئي کارڪون ۽ پاڻي.
    عَنْ أَنَسٍ ، عَنْ أَبِي طَلْحَةَ ، قَالَ : شَكَوْنَا إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، الْجُوعَ وَرَفَعْنَا عَنْ بُطُونِنَا عَنْ حَجَرٍ ، فَرَفَعَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، عَنْ بَطْنِهِ عَنْ حَجَرَيْنِ قَالَ أَبُو عِيسَى هَذَا حَدِيثٌ غَرِيبٌ مِنْ حَدِيثِ أَبِي طَلْحَةَ لا نَعْرِفُهُ إِلا مِنْ هَذَا الْوَجْهِ ، وَمَعْنَى قَوْلِهِ : وَرَفَعْنَا عَنْ بُطُونِنَا عَنْ حَجَرٍ حَجَرٍ ، كَانَ أَحَدُهُمْ يَشُدُّ فِي بَطْنِهِ الْحَجَرَ مِنَ الْجُهْدِ وَالضَّعْفِ الَّذِي بِهِ مِنَ الْجُوعِ
    ترجمو: حضرت انس ؓ، حضرت طلحهؓ کان روايت ڪئي ته اسان حضور ﷺ وٽ بک جي شڪايت ڪئي ۽ پنهنجن پيٽن تان ڪپڙو لاهي هڪ هڪ پٿر جو پيٽ تي ٻڌل هوسو ڏيکاريو. تنهن تي رسول الله ﷺ پنهنجي پيٽ تان ڪپڙو کنيو ته ٻه پٿر ٻڌل هوا.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : خَرَجَ رَسُولُ اللهِ ﷺ ، فِي سَاعَةٍ لا يَخْرُجُ فِيهَا ، وَلا يَلْقَاهُ فِيهَا أَحَدٌ ، فَأَتَاهُ أَبُو بَكْرٍ ، فَقَالَ : مَا جَاءَ بِكَ يَا أَبَا بَكْرٍ ؟ ، قَالَ : خَرَجْتُ أَلْقَى رَسُولَ اللهِ ﷺ وَأَنْظُرُ فِي وَجْهِهِ ، وَالتَّسْلِيمَ عَلَيْهِ ، فَلَمْ يَلْبَثْ أَنْ جَاءَ عُمَرُ ، فَقَالَ : مَا جَاءَ بِكَ يَا عُمَرُ ؟ ، قَالَ : الْجُوعُ يَا رَسُولَ اللهِ ، قَالَ صلى الله عليه وسلم : وَأَنَا قَدْ وَجَدْتُ بَعْضَ ذَلِكَ ، فَانْطَلَقُوا إِلَى مَنْزِلِ أَبِي الْهَيْثَمِ بْنِ التَّيْهَانِ الأَنْصَارِيِّ ، وَكَانَ رَجُلا كَثِيرَ النَّخْلِ وَالشَّاءِ ، وَلَمْ يَكُنْ لَهُ خَدَمٌ ، فَلَمْ يَجِدُوهُ ، فَقَالُوا لامْرَأَتِهِ : أَيْنَ صَاحِبُكِ ؟ فَقَالَتِ : انْطَلَقَ يَسْتَعْذِبُ لَنَا الْمَاءَ ، فَلَمْ يَلْبَثُوا أَنْ جَاءَ أَبُو الْهَيْثَمِ بِقِرْبَةٍ يَزْعَبُهَا ، فَوَضَعَهَا ثُمَّ جَاءَ يَلْتَزِمُ النَّبِيَّ ﷺ وَيُفَدِّيهِ بِأَبِيهِ وَأُمِّهِ ، ثُمَّ انْطَلَقَ بِهِمْ إِلَى حَدِيقَتِهِ فَبَسَطَ لَهُمْ بِسَاطًا ، ثُمَّ انْطَلَقَ إِلَى نَخْلَةٍ فَجَاءَ بِقِنْوٍ فَوَضَعَهُ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : أَفَلا تَنَقَّيْتَ لَنَا مِنْ رُطَبِهِ ؟ فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللهِ ، إِنِّي أَرَدْتُ أَنْ تَخْتَارُوا ، أَوْ تَخَيَّرُوا مِنْ رُطَبِهِ وَبُسْرِهِ ، فَأَكَلُوا وَشَرِبُوا مِنْ ذَلِكَ الْمَاءِ فَقَالَ ﷺ : هَذَا وَالَّذِي نَفْسِي بِيَدِهِ مِنِ النَّعِيمِ الَّذِي تُسْأَلُونَ عَنْهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ظِلٌّ بَارِدٌ ، وَرُطَبٌ طَيِّبٌ ، وَمَاءٌ بَارِدٌ فَانْطَلَقَ أَبُو الْهَيْثَمِ لِيَصْنَعَ لَهُمْ طَعَامًا فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : لا تَذْبَحَنَّ ذَاتَ دَرٍّ ، فَذَبَحَ لَهُمْ عَنَاقًا أَوْ جَدْيًا ، فَأَتَاهُمْ بِهَا فَأَكَلُوا ، فَقَالَ صلى الله عليه وسلم : هَلْ لَكَ خَادِمٌ ؟ ، قَالَ : لا ، قَالَ : فَإِذَا أَتَانَا ، سَبْيٌ ، فَأْتِنَا فَأُتِيَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم بِرَأْسَيْنِ لَيْسَ مَعَهُمَا ثَالِثٌ ، فَأَتَاهُ أَبُو الْهَيْثَمِ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : اخْتَرْ مِنْهُمَا فَقَالَ : يَا رَسُولَ اللهِ ، اخْتَرْ لِي فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ الْمُسْتَشَارَ مُؤْتَمَنٌ ، خُذْ هَذَا ، فَإِنِّي رَأَيْتُهُ يُصَلِّي ، وَاسْتَوْصِ بِهِ مَعْرُوفًا فَانْطَلَقَ أَبُو الْهَيْثَمِ إِلَى امْرَأَتِهِ ، فَأَخْبَرَهَا بِقَوْلِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَتِ امْرَأَتُهُ : مَا أَنْتَ بِبَالِغٍ حَقَّ مَا ، قَالَ فِيهِ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم إِلا بِأَنْ تَعْتِقَهُ ، قَالَ : فَهُوَ عَتِيقٌ ، فَقَالَ صلى الله عليه وسلم : إِنَّ اللَّهَ لَمْ يَبْعَثْ نَبِيًّا وَلا خَلِيفَةً إِلا وَلَهُ بِطَانَتَانِ : بِطَانَةٌ تَأْمُرُهُ بِالْمَعْرُوفِ وَتَنْهَاهُ عَنِ الْمُنْكَرِ ، وَبِطَانَةٌ لا تَأْلُوهُ خَبَالا ، وَمَنْ يُوقَ بِطَانَةَ السُّوءِ فَقَدْ وُقِيَ
    ترجمو: حضرت ابوهريرة﷦ کان روايت آهي چيائين ته نبي ﷺ هڪ اهڙي وقت ٻاهر نڪتا جو ان وقت نه نڪرندا هوا ساڻن ان وقت ڪوبه نه ملندو هو پوءِ حضرت ابوبڪر وٽن آيو پاڻ فرمايائون ته اي ابوبڪر! تون ڇو آيو آهين؟ حضرت ابوبڪرؓ چيو هن لاءِ ته اوهان سان ملاقات ڪريان ۽ توهان جو منهن مبارڪ ڏسان ۽ توهان جو سلام ڪريان. ٿوري نه گذري ته حضرت عمرؓ آيو فرمايائون ته ڇو آيو آهين؟ چيائين ته مونکي بک آندو آهي فرمايائون ته مان به ڪجهه بک معلوم پيو ڪريان پوءِ ٽِئي سڳورا ابوا لهيشم پٽ تيهان انصاري جي جاءِ ڏي هليا. هو مڙس گهڻين کجورن ۽ وڻن ۽ ٻڪرين وارو هو. ان کي سندس جاءِ ۾ نه ڏٺائون. پوءِ سندس بيبي کان پڇيائون ته تنهنجو مڙس ڪٿي آهي؟ چيائين ته اسان لاءِ مٺو پاڻي ڀرڻ ويو آهي. پوءِ ٿوري دير نه گذري ته ابوالهيشم مشڪ سوڌو آيو جا نهايت مشڪل سان کڻي اچي رکيائون پوءِ نبي ﷺ کي چنبڙيو ۽ چوڻ لڳو ته مون ۽ منهنجو پيءُ ماءُ قربان هجي پوءِ انهن سڳورن کي پنهنجي باغ ۾ وٺي ويو ۽ سڳورن لاءِ وڇاڻو وڇيائين. پوءِ هڪ کجيءَ ڏي وڃي هڪ گوشو کڻي آيو ۽ حضور جن جي اڳيان رکيائين. پوءِ حضور جن فرمايو ته اسان لاءِ پڪيون پڪيون کارڪون چونڊي ڇو نه کڻي آئين؟ عرض ڪيائين ته يا رسول الله! سچ ته مون گهريو ته توهان پاڻ پڪيون کارڪون ۽ ڏنگ چونڊيو. پوءِ کاڌائون ۽ مٺو پاڻي پيتائون. جنهن تي حضور جن فرمايو ته مونکي ان ذات جو قسم آهي جنهن جي قدرت جي قبضي ۾ منهنجو ساهه آهي ته هي نعمتون انهن مان آهن جن بابت قيامت ڏينهن پڇيا ويندو. ڇانو ٿڌي سٺيون کارڪون ٿڌو پاڻي پوءِ ابوالهيشم اٿي هليو ته انهن لاءِ کاڌو تيار ڪري جنهن تي نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته اسان لاءِ کير واري ٻڪري هرگز ذبح نه ڪجانءِ. پوءِ سڳورن لاءِ ڇيلو ڪٺائين يا ڇيلي. پوءِ سڳورن وٽ کاڌو کڻي آيو جوسڳورن کاڌو.پاڻ فرمايائون ته تو وٽ ڪو خادم آهي چيائين ته نه. فرمايائون ته جڏهن اسان وٽ قيدي اچن ته تون به اچج. پوءِ حضور جن وٽ ٻه ٻانها آندا ويا انهن سان ٽيون نه هو. اهو ٻڌي ابوالهيشم حضور جن وٽ آيو پاڻ فرمايائون ته انهن ٻنهين مان چونڊي کڻ. چيائين ته يا نبي الله! منهنجي لاءِ توهان چونڊيو. فرمايائون ته جنهن کان صلاح مشوره پڇبو آهي اهو امين آهي تنهنڪري تون هي وٺ جو مون هن کي نماز پڙهندو ڏٺو آهي منهنجي نصيحت ياد رک هن سان چڱي روش هلج. پوءِ ابوالهيشم پنهنجي زال وٽ ويو. ۽ ان کي حضور جن جي ڳالهه ٻڌايائين زال چيس ته حضور جن توکي جيڪا وقيت ڪئي آهي سا پوري ڪري نه سگهندين تنهنڪري تون ان کي آزاد ڪري ڇڏ. تنهن تي چيائين ته مون ان کي آزاد ڪيو تنهن تي حضور جن فرمايو ته الله تعاليٰ ڪوئي نبي يا خليفونه موڪليندو آهي مگر ان لاءِ ٻه باطني مشير هوندا آهن هڪ باطني مشير نيڪي جو حڪ ڪندو آهي ۽ برائي کان روڪيندو آهي ۽ جيڪو باطني بڇڙي مشير کان بچيو سو تباهي کان بچيو.
    عَنۡ قيس بن حازم ، قال : سمعت سعد بن أبي وقاص يقول : إني لأَوْل رَجل أَهْرَقَ دَمًا فِي سَبِيلِ اللهِ , وَإِنْي لأَوْل رَجلٍ رَمَى بِسَهْمٍ فِى سَبِيلِ اللهِ َلقَدْ رَأَيْتُنِي أغزوا فِي الْعِصَابَةَ مِنْ أَصْحَابِ مُحَمْدٍ صلى الله عليه وسلم مَا نَأكُلْ إلاَّ وَرَقَ الشَجَرِ وَالْحُبْلَةَ حَتَّى تَقَرَحَتْ أَشْدَاقُنَا وَإِنْ أَحَدُنَا لَيَضَعُ كَمَا تَضَعُ الشَّاةُ وَالبَعِير وَأَصْبَحَتْ بَنُو أَسَدٍ يَعَزِّرُونَنِى فِي الدِّينِ , لَقَدْ خِبْتُ إذَنْ وَخَسِرْت وَضَلَ عَمَلِي .
    ترجمو: حضرت قيس پٽ ابو حازم کان روايت آهي چيائين ته سعد پٽ ابي وقاصؓ کان ٻڌم جو چوي پيو ته بيشڪ پهريون مڙس هن امت ۾ مان آهيان جنهن ڪنهن مشرڪ جي رت خدا جي راهه ۾ وهائي. مان بيشڪ پهريون مڙس آهيان جنهن خدا جي راهه ۾ ڪافرن تي تير هلايو. بيشڪمان پاڻ کي رسول اللهﷺ جي اصهابن جي جماعت سان جهاد ڪندو ڏٺو. اسان وڻن جي پنن ۽ ڪنڊن وارن وڻن جي ميون کان سواءِ نه کائندا هواسون تانجو اسان جون مهارون پچي پيون ۽ اسان مان هر هڪ ٻڪريءَ ۽ اٺ وانگر ڦونگڻيون ۽ ليڏڻا لاهيندو هو. انهيءَ ڪرتي بنو اسد قبيله وارا مونکي دين ۾ ٽوڪين ٿا. تڏهن مان بيشڪ بيڪار ٿيو آهيان ۽ منهنجا عمل ضايع ٿيا. ائين نه آهي.
    خَالِدِ بْنِ عُمَيْرٍ ، وَشُوَيسٍ ،أبِی الرَّقَادِ قَالَا بَعَثَ عُمَرُبۡن ُۡالخَطَّابِ، عُتْبَةُ بْنُ غَزْوَانَ وقَالَ انۡطَلِقۡ أنۡتَ وَمَنۡ مَعَكَ ،حَتّٰى إذَا كُنۡتُم في أقۡصٰى أرۡضِ الۡعَرَبِ ،وَأدۡنٰى بِلَادِ أرۡضِ الۡعَجَمِ ، فَأقۡبَلُوا حَتّٰى إذَا كَانُوا بِالۡمَرۡبَدِ وَجَدُوا هٰذَا الۡکَذَّانَ ، فَقَالُوا : مَا هذهٖ ؟قَالُوۡا هٰذِهٖ الۡبَصۡرَةُ . فَسَارُواحَتّٰى إذَا بَلَغُوا حِيَالَ الۡجَسۡرِ لصَّغِيۡرِ ، فَقَالُوا : هَاهُنَا أمِرۡتُمۡ ، فَنَزَلُوا فَذَكَرُوا الۡحَدِيۡثَ بِطُولِهٖ قَالَ فَقَالَ عتبة بن غزوان : لَقَدْ رَأَيْتُنِي وَإِنِّي لسَابِعَ سَبْعَةٍ مَعَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم مَا لَنَا طَعَامٌ إِلاَّ وَرَقُ الشَّجَرِ حَتَّى تَقَرِحَتْ أَشْدَاقُنَا فالْتَقَطْتُ بُرْدَةً فََقسمتهَا بَيْنِي وَبَيْنَ سَعْدٍ بن أبي وقاص فَمَا مِنَّا من أُولَئِكَ السَبْعَة أَحَد إِلاَّ وَهُوَ أَمِيرَ مِصْرٍ مِنَ الأَمْصَارِ وَسَتَجُرُبونَ الأُمَرَاءَ بَعْدَنَا
    ترجمو: حضرت خالد پٽ عمير ۽ شويس ابولارقاء کان روايت آهي چيائونم ته حضرت عمر پٽ خطاب ﷦ عتبه پٽ غزوان کي لشڪر جو سردار ڪري موڪليو ۽ چيائين تون ۽ تنهنجا سنگتي روانا ٿي وڃو. جڏهن انتها زمين عرب ۽ زمين عجم ۾ پهچو ته اتي وڃي رهو. ان تي سڀ روانا ٿي ويا جڏهن مربد ( بصره جي ٻاهرين آبادي) وٽ وهتا ته هڪ نرم سفيد پٿر لڌائون پڇيائون ته هيءُ ڇا آهي؟ چيائون هن پٿر جو نالو بصرة آهي پوءِ اڳتي هليرا. تانجو دجله جي ننڍي پل تي پهتا چيائون ته لهڻ جو حڪم هتي آهي پوءِ اڳيون سارو ڊگهو بيان ڪيائين پوءِ عتبه پٽ غزوان چيو بيشڪ مون پاڻ کي رسول الله ﷺ سان ستن مان ستون ڏٺو اسان لاءِ وڻن جي پنن کانسواءِ کاڌو نه هو تان جو اسان جون مهارون ڦٽجي پيون. مان هڪ چادر لڌي اڌ پاڻ لاءِ رکيم اڌ سعد کي ڏنم. انهن ستن مان ڪوبه اهڙو نه هو جو ڪنهن وڏي شهر جوحاڪم نه هجي. ۽ توهان اسان جي پوئتان ايندڙن حاڪمن جو تجربو ڪندؤ.
    عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : لَقَدْ أُخِفْتُ فِي اللهِ وَمَا يَخَافُ أَحَدٌ ، وَلَقَدْ أُوذِيتُ فِي اللهِ وَمَا يُؤْذَى أَحَدٌ ، وَلَقَدْ أَتَتْ عَلَيَّ ثَلاثُونَ مِنْ بَيْنِ لَيْلَةٍ وَيَوْمٍ ، وَمَا لِي وَلِبِلالٍ طَعَامٌ يَأْكُلُهُ ذُو كَبِدٍ ، إِلا شَيْءٌ يُوَارَيِهِ إِبِطُ بِلالٍ
    ترجمو: حضرت انسؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ فرمايو ته مان الله جي راهه ۾ ايتري قدر ڊيڄاريو ويو آهيان جو ڪوبه نه ڊيڄاريو ويو. ۽ مان ايتري قدر خدا جي راهه ۾ ايذايو ويو آهيان جو ڪوبه نه ايذايو ويو. تحقيق هڪ دفعه 30 راتيون ۽ ڏينهن هن حالت ۾ لنگهي وپيا جو منهنجي ۽ بلال جي لاءِ ڪا کاڌي جي شيءِ نه هئي جو بلال بغل ۾ ڇپائي سگهي.
    أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، لَمْ يَجْتَمِعْ عِنْدَهُ غَدَاءٌ وَلا عَشَاءٌ مِنْ خُبْزٍ وَلَحْمٍ ، إِلا عَلَى ضَفَفٍ قَالَ عَبْدُ اللهِ : ، قَالَ بَعْضُهُمْ : هُوَ كَثْرَةُ الأَيْدِي
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ ؓ کان روايت آهي ته حضور ﷺ کي صبح ۽ سام جي کاڌي ۾ گوشت ۽ ،ماني ڪڏهن به گڏ نه هوندو هو مگر ڪنهن ميڙ ۾ حضرت عبدالله چيو ته ضفف جي معنيٰ آهي هٿن جي گهڻائي يعني ميڙجي گهڻن هٿن وقت گوشت ۽ ماني گڏ ٿيندو هو.
    عَنْ نَوْفَلِ بْنِ إِيَاسٍ الْهُذَلِيِّ ، قَال كَانَ عَبْدُ الرَّحْمَنِ بْنُ عَوْفٍ لَنَا جَلِيسًا ، وَكَانَ نِعْمَ الْجَلِيسُ ، وَإِنَّهُ انْقَلَبَ بِنَا ذَاتَ يَوْمٍ ، حَتَّى إِذَا دَخَلْنَا بَيْتَهُ وَدَخَلَ فَاغْتَسَلَ ، ثُمَّ خَرَجَ وَأُتَيْنَا بِصَحْفَةٍ فِيهَا خُبْزٌ وَلَحْمٌ ، فَلَمَّا وُضِعَتْ بَكَى عَبْدُ الرَّحْمَنِ ، فَقُلْتُ لَهُ : يَا أَبَا مُحَمَّدٍ ، مَا يُبْكِيكَ ؟ فَقَالَ : هَلكَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَلَمْ يَشْبَعْ هُوَ وَأَهْلُ بَيْتِهِ مِنْ خُبْزِ الشَّعِيرِ فَلا أَرَانَا أُخِّرْنَا لِمَا هُوَ خَيْرٌ لَنَا
    ترجمو: حضرت نوفل پٽ اياس هزلي کان روايت آهي چيائين ته حضرت عبدالرحمان پٽ عوف اسانجو سنگتي هو ۽ چڱو سنگتي هو. هڪ ڏينهن اسان کي ساڻ وٺي ويوتانجو جڏهن سندس گهر آياسون ته اندر گهر وڃي تڙڪيائين پوءِ نڪري آيو ۽ هڪ ٿالهه جنهن ۾ ماني ۽ گوشت رکيل هو کڻي آيو. جڏهن رکيو ويو ته حضرت عبدالرحمان روئڻ لڳو تنهن تي پڇيومانس ته اي ابو محمد ڇو ٿوروئين؟ چيائين ته حضور ﷺ هن حالت ۾ وفات ڪري ويا جو ماني به ڍؤ ڪري نه کاڌائون. پوءِ آءُ خيال نٿو ڪريان ته اسان هن خوشحاليءَ ۾ پوئتي ڇڏيل آهيون سو اسان جي بهتري لاءِ آهي.


    53ـ باب ماجاء في سن رسول الله صلى الله عليه وسلم

    53ـ باب ماجاء في سن رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جي رسول الله ﷺ جي عمر مبارڪ
    بابت آيون آهن.
    عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : مَكَثَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم بِمَكَّةَ ثَلاثَ عَشْرَةَ سَنَةً يُوحَى إِلَيْهِ ، وَ بِالْمَدِينَةِ عَشْرًا ، وَتُوُفِّيَ وَهُوَ ابْنُ ثَلاثٍ وَسِتِّينَ
    ترجمو: حضرت ابن عباس ؓ کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ مڪه شريف ۾تيرهن ورهه رهيا جن ۾ ڏانهنِ وحي ايندو هو. ۽ ڏهه ورهه مدينه منوره ۾ رهيا. پاڻ ٽيهٺ ورهن جا هوا ته وفات ڪيائون.
    عَنْ جَرِيرٍ ، عَنْ مُعَاوِيَةَ ، أَنَّهُ سَمِعَهُ يَخْطُبُ ، قَالَ مَاتَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم وَهُوَ ابْنُ ثَلاثٍ وَسِتِّينَ وَأَبُو بَكْرٍ وَعُمَرُ ، وَأَنَا ابْنُ ثَلاثٍ وَسِتِّينَ سنة
    ترجمو: حضرت جريرؓ حضرت معاويهؓ کان خطبه ۾ چوندي ٻڌو ته حضرترسول الله ﷺ ٽيهٺ ورهن جا هوا ته وفات ڪري ويا ۽ ابوبڪرؓ ۽ عمرؓ به ٽيهٺ ورهن ۾ وفات ڪئي ۽ مان هاڻي ٽيهٺ ورهين جو آهيان.
    عَنْ عَائِشَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، مَاتَ وَهُوَ ابْنُ ثَلاثٍ وَسِتِّينَ سَنَةً
    ترجمو:حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضورﷺ ٽيهٺ ورهن جا هوا ته وفات ڪري ويا.
    عَنِ ابۡنِ عَبَّاسٍ ، يَقُولُ : تُوُفِّيَ رَسُولُ اللَّه ِصلى الله عليه وسلم ، وَهُوَ ابْنُ خَمْسٍ وَسِتِّينَ
    ترجمو: حضرت ابن عباسؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ پنجهٺ ورهنجا هوا جو وفات ڪيائون.
    عَنْ دَغْفَلِ بْنِ حَنْظَلَةَ : أَنَّ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، قُبِضَ وَهُوَ ابْنُ خَمْسٍ وَسِتِّينَ ، قَالَ أَبُو عِيسَى : وَدَغْفَلُ ، لا نَعْرِفُ لَهُ سَمَاعًا مِنَ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، وَكَانَ فِي زَمَنِ النَّبِيِّ ﷺ
    ترجمو: حضرت دغفل پٽ حڻظلة کان روايت آهي ته نبي ﷺ پنهٺ ورهن جا هوا ته وفات ڪيائون.
    عَنْ رَبِيعَةَ بْنِ أَبِي عَبْدِ الرَّحْمَنِ ، عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، أَنَّهُ سَمِعَهُ ، يَقُولُ : كَانَ رَسُولُ اللهِ ﷺ ، لَيْسَ بِالطَّوِيلِ الْبَائِنِ ، وَلا بِالْقَصِيرِ ، وَلا بِالأَبْيَضِ الأَمْهَقِ ، وَلا بِالآدَمِ ، وَلا بِالْجَعْدِ الْقَطَطِ ، وَلا بِالسَّبْطِ ، بَعَثَهُ اللَّهُ تَعَالَى عَلَى رَأْسِ أَرْبَعِينَ سَنَةً ، فَأَقَامَ بِمَكَّةَ عَشْرَ سِنِينَ ، وَبِالْمَدِينَةِ عَشْرَ سِنِينَ ، وَتَوَفَّاهُ اللَّهُ عَلَى رَأْسِ سِتِّينَ سَنَةً ، وَلَيْسَ فِي رَأْسِهِ وَلِحْيَتِهِ عِشْرُونَ شَعَرَةً بَيْضَاءَ
    ترجمو: حضرت ربيعة پٽ ابو عبدالرحمان حضرت انس پٽ مالڪؓ کان چوندي ٻڌو ته رسول الله ﷺ جن نه ڏاڍو ڊگهو نه بندو نه سخت ڀورا هوا نه سخت تيلاٽيا، نه وار سخت گهنڊيون هين نه صفا سِڌا. الله تعاليٰ کين چاليهن ورهن جي پهچڻ تي نبي ڪري موڪليوپوءِ مڪه شريف ۾ ڏهه ورهه رهيا ۽ مدينه منوره ۾ به ڏهه ورهه. پوءِ الله تعاليٰ کين سٺ ورهن جي عمر ۾ وفات ڪرائي ۽ سندن مٿي مبارڪ ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ ويهه وار به اڇا ڪونه هوا.


    54ـ باب ماجاء في وفاة رسول الله صلى الله عليه وسلم

    54ـ باب ماجاء في وفاة رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جن ۾ رسول الله ﷺ جي وفات
    بابت آيون آهن.
    عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : آخِرُ نَظْرَةٍ نَظَرْتُهَا إِلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، كَشْفُ السِّتَارَةِ يَوْمَ الاثْنَيْنِ ، فَنَظَرْتُ إِلَى وَجْهِهِ كَأَنَّهُ وَرَقَةُ مُصْحَفٍ ، وَالنَّاسُ خَلْفَ أَبِي بَكْرٍ ، فَكَادَ النَّاسُ أَنْ يَضْطَربُوا ، فَأَشَارَ إِلَى النَّاسِ أَنِ اثْبُتُوا ، وَأَبُو بَكْرٍ يَؤُمُّهُمْ وَأَلْقَى السِّجْفَ ، وَتُوُفِّيَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم مِنْ آخِرِ ذَلِكَ الْيَوْمِ
    ترجمو: حضرت انس پٽ مالڪ﷦کان رپوايت آهي چيائين ته پوئين نظر سان رسول الله ڏانهن نهاريم جڏهن پاڻ سڳورن سومر ڏينهن پنهنجي حجره جي دريءَ تان پردو هٽيو ته مون سندن منهن مبارڪ ڏسي ورتم ڄڻ ته مصحف جو هڪ سهڻو ورق هو. ماڻهو حضرت ابوبڪرؓ جي پٺيان نماز پيا پڙهن پاڻ اشارو ڪيائون ته ائين قائم رهو ۽ ابوبڪرؓ کين پئي امامت ڪرائي. ۽ پردو ڏيئي ڇڏيائون ۽ انهيءَ ڏينهن شام جو وفات ڪيائون.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ كُنْتُ مُسْنِدَةً النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم ، إِلَى صَدْرِي أَوْ قَالَتْ : إِلَى حِجْرِي فَدَعَا بِطَسْتٍ لِيَبُولَ فِيهِ ، ثُمَّ بِالَ ، فَمَاتَ ﷺ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته مان حضور ﷺ کي پنهنجي سيني تي ٽيڪ ڏياريندي هيس يا جهوليءَ ۾. چيائين پوءِ پاڻ سڳون ٿالهي گهرائي ته منجهس پيشاب ڪرڻ فرمائن. پوءِ پيشاب ڪري وفات ڪيائون.
    عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّهَا قَالَتْ : رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَهُوَ بِالْمَوْتِ وَعِنْدَهُ قَدَحٌ فِيهِ مَاءٌ ، وَهُوَ يُدْخِلُ يَدَهُ فِي الْقَدَحِ ، ثُمَّ يَمْسَحُ وَجْهَهُ بِالْمَاءِ ، ثُمَّ يَقُولُ : اللَّهُمَّ أَعِنِّي عَلَى مُنْكَرَاتِ أَوْ قَالَ : عَلَى سَكَرَاتِ الْمَوْتِ
    ترجمو:حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته ڏٺم ته رسول الله ﷺ کي وقت سڪرات ڏٺم ته سندن اڳيان پيالو رکيل هو ان ۾ پاڻي هو ۽ پنهنجو هٿ پاڻي ۾ وجهي پنهنجي مبارڪ کي مَکي چون پيا ته اي ڌڻي!موت جي ڏکن تي منهنجي مدد ڪر.يا سڪرات (موت جي بيهوشي) تي مدد ڪر.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ لا أَغْبِطُ أَحَدًا بَهَوْنِ مَوْتٍ بَعْدَ الَّذِي رَأَيْتُ مِنْ شِدَّةِ مَوْتِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم
    ترجمو:حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته مون ڪنهن جي به آسان موت تي رِيس نه ڪندي آهيان ڇاڪاڻ مون حضور جن جي موت جي سختي ڏٺي آهي.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : لَمَّا قُبِضَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، اخْتَلَفُوا فِي دَفْنِهِ ، فَقَالَ أَبُو بَكْرٍ : سَمِعْتُ مِنْ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، شَيْئًا مَا نَسِيتُهُ ، قَالَ : مَا قَبَضَ اللَّهُ نَبِيًّا إِلا فِي الْمَوْضِعِ الَّذِي يُحِبُّ أَنْ يُدْفَنَ فِيهِ ، ادْفِنُوهُ فِي مَوْضِعِ فِرَاشِهٖ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ جو روح جڏهن قبض ڪيو ويو ته دفن جي جاءِ ۾ اختلاف ڪيائون.، حضرت ابوبڪرؓ چيو ته م،ان حضور جن کان ٻڌو آهي ان کي نه وساريو اٿم جو حضورﷺفرمايو ته الله تعاليٰ ڪنهن به نبيءَ کي قبض نه ڪيو مگر ان جاءِ ۾ جنهن ۾ ان نبي کي دفن ڪرڻ وڻندو اٿس. هن نبي کي بستري جي جاءِ تي دفن ڪريو.
    عَنِ ابۡنِ عَبَأسٍ وَ عَائِشَۃ رضی اللہ عنھما اَنَّ اَبَابَکَرٍقَبَّلَ النَّبِیَّ صلی اللہ علیہ وسلم بَعۡدَ مَامَاتَ
    ترجمو: حضرت ابن عباسؓ ۽ حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته حضرت ابوبڪرؓ حضور ﷺ کي موت کان پوءِ چمي ڏني.
    عَنۡ عَائِشَۃ اَنَّ اَبَابَکَرٍ دَخَلَ عَلَی النَّبِیِّ صلی اللہ علیہ وسلم بَعۡدَ وَفَاتِہٖ فَوَضَعَ نَمَہٌ بَیۡنَ عَیۡنَیۡہِ وَوَ ضَعَ یَدَیۡہِ عَلیٰ سَاعِدَیہ وَ قَالَ وَ اَنۡبِیَّہُ وَ ااَصۡفِیَّاہُ وَا خَلِیۡلَاہُ
    ترجمو: حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي ته حضرت ابوبڪر حضور ﷺ جي وفات کانپوءِ مٿانس آيو ۽ پنهنجو وات سندن اکين جي وچ تي رکي ۽ پنهنجن هٿن کي سندن ڪرائين تي رکي چيائين ته هاءِ! اسان جا نبي! هاءِ اسان جا چونڊيل! هاءِ اسان جا دوست!
    عَنْ أَنَسٍ ، قَالَ : لَمَّا كَانَ الْيَوْمُ الَّذِي دَخَلَ فِيهِ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم الْمَدِينَةَ أَضَاءَ مِنْهَا كُلُّ شَيْءٍ ، فَلَمَّا كَانَ الْيَوْمُ الَّذِي مَاتَ فِيهِ أَظْلَمَ مِنْهَا كُلُّ شَيْءٍ ، وَمَا نَفَضْنَا أَيْدِيَنَا مِنَ التُّرَابِ ، وَإِنَا لَفِي دَفْنِهِ صلى الله عليه وسلم ، حَتَّى أَنْكَرْنَا قُلُوبَنَا
    ترجمو: حضرت انس ؓ کان روايت آهي چيائين ته جڏهن اهو ڏينهن ٿيو جو حضور ﷺ مدينه ۾ آيا ته هر هڪ شيءِ چمڪڻ لڳي. وري جڏهن اهو9 ڏينهن ٿيو جو ان ۾ وفات ڪري ويا ته مدينه ۾ هر ڪا شيءِ ڪاراٽجي وئي. اسان به اڃا سندن قبر مبارڪ جي مٽيءَ ۾ هٿ ئي نه ڇنڊيا هوا بلڪ دفن ڪرڻ جي ڪم ۾ رڌل هواسون ته اسان جون دليون ڦري پريشان ٿي ويون.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : تُوُفِّيَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ الاثْنَيْنِ
    ترجمو:حضرت عائشه ؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول اللهﷺسومر ڏينهن رحلت ڪئي.
    عَنْ جَعْفَرِ بْنِ مُحَمَّدٍ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : قُبِضَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ الاثْنَيْنِ فَمَكَثَ ذَلِكَ الْيَوْمَ وَلَيْلَةَ الثُّلاثَاءِ ، وَدُفِنَ مِنَ اللَّيْلِ ، وَقَالَ سُفْيَانُ : وَقَالَ غَيْرُهُ : يُسْمَعُ صَوْتُ الْمَسَاحِي مِنْ آخِرِ اللَّيْلِ
    ترجمو: حضرت امام جعفر پٽ محمد پنهنجي پيءُ امام باقر کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺ سومر ڏينهن وفات ڪئي پوءِ اهو ڏينهن رهيا ۽ اڱاري جي رات به. ۽ اربع رات دفن ڪيا ويا. سفيان چيو ته امام جعفر کان سواءِ ٻئي ڪنهن چيو ته رات جي پوئين وقت تائين ڪوڏارين جو ٺهڪو ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
    عَنْ أَبِي سَلَمَةَ بْنِ عَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ عَوْفٍ ، قَالَ : تُوُفِّيَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ الاثْنَيْنِ ، وَدُفِنَ يَوْمَ الثُّلاثَاءِ
    ترجمو: حضرت ابو سلمة پٽ عبدالرحمان پٽ عوف کان روايت ڪئي چيائين ته رسول الله ﷺ سومر ڏينهن وفات ڪئي ۽ اڱاري ڏينهن دفن ٿيا.
    عَنْ سَالِمِ بْنِ عُبَيْدٍ ، وَكَانَتْ لَهُ صُحْبَةٌ ، قَالَ : أُغْمِيَ عَلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فِي مَرَضِهِ فَأَفَاقَ ، فَقَالَ : حَضَرَتِ الصَّلاةُ ؟ فَقَالُوا : نَعَمْ فَقَالَ : مُرُوا بِلالا فَلْيُؤَذِّنْ ، وَمُرُوا أَبَا بَكْرٍ أَنْ يُصَلِّيَ للنَّاسِ أَوْ قَالَ : بِالنَّاسِ ، قَالَ : ثُمَّ أُغْمِيَ عَلَيْهِ ، فَأَفَاقَ ، فَقَالَ : حَضَرَتِ الصَّلاةُ ؟ فَقَالُوا : نَعَمْ فَقَالَ : مُرُوا بِلالا فَلْيُؤَذِّنْ ، وَمُرُوا أَبَا بَكْرٍ فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ ، فَقَالَتْ عَائِشَةُ : إِنَّ أَبِي رَجُلٌ أَسِيفٌ ، إِذَا قَامَ ذَلِكَ الْمَقَامَ بَكَى فَلا يَسْتَطِيعُ ، فَلَوْ أَمَرْتَ غَيْرَهُ ، قَالَ : ثُمَّ أُغْمِيَ عَلَيْهِ فَأَفَاقَ فَقَالَ : مُرُوا بِلالا فَلْيُؤَذِّنْ ، وَمُرُوا أَبَا بَكْرٍ فَلْيُصَلِّ بِالنَّاسِ ، فَإِنَّكُنَّ صَوَاحِبُ أَوْ صَوَاحِبَاتُ يُوسُفَ ، قَالَ : فَأُمِرَ بِلالٌ فَأَذَّنَ ، وَأُمِرَ أَبُو بَكْرٍ فَصَلَّى بِالنَّاسِ ، ثُمَّ إِنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، وَجَدَ خِفَّةً ، فَقَالَ : انْظُرُوا لِي مَنْ أَتَّكِئِ عَلَيْهِ ، فَجَاءَتْ بَرِيرَةُ ، وَرَجُلٌ آخَرُ ، فَاتَّكَأَ عَلَيْهِمَا فَلَمَّا رَآهُ أَبُو بَكْرٍ ذَهَبَ لِينْكُصَ فَأَوْمَأَ إِلَيْهِ أَنْ يَثْبُتَ مَكَانَهُ ، حَتَّى قَضَى أَبُو بَكْرٍ صَلاتَهُ .
    ثُمَّ إِنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم قُبِضَ ، فَقَالَ عُمَرُ : وَاللَّهِ لا أَسْمَعُ أَحَدًا يَذْكُرُ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قُبِضَ إِلا ضَرَبْتُهُ بِسَيْفِي هَذَا ، قَالَ : وَكَانَ النَّاسُ أُمِّيِّينَ لَمْ يَكُنْ فِيهِمْ نَبِيٌّ قَبْلَهُ ، فَأَمْسَكَ النَّاسُ ، فَقَالُوا : يَا سَالِمُ ، انْطَلِقْ إِلَى صَاحِبِ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم فَادْعُهُ ، فَأَتَيْتُ أَبَا بَكْرٍ وَهُوَ فِي الْمَسْجِدِ فَأَتَيْتُهُ أَبْكِي دَهِشًا ، فَلَمَّا رَآنِي ، قَالَ : أَقُبِضَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قُلْتُ : إِنَّ عُمَرَ ، يَقُولُ : لا أَسْمَعُ أَحَدًا يَذْكُرُ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم قُبِضَ إِلا ضَرَبْتُهُ بِسَيْفِي هَذَا ، فَقَالَ لِي : انْطَلِقْ ، فَانْطَلَقْتُ مَعَهُ ، فَجَاءَ هُوَ وَالنَّاسُ قَدْ دَخَلُوا عَلَى رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، فَقَالَ : يَا أَيُّهَا النَّاسُ ، أَفْرِجُوا لِي ، فَأَفْرَجُوا لَهُ فَجَاءَ حَتَّى أَكَبَّ عَلَيْهِ وَمَسَّهُ ، فَقَالَ : إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُمْ مَيِّتُونَ ، ثُمَّ قَالُوا : يَا صَاحِبَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَقُبِضَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَ : نَعَمْ ، فَعَلِمُوا أَنْ قَدْ صَدَقَ ، قَالُوا : يَا صَاحِبَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَيُصَلَّى عَلَى رَسُولِ اللهِ ؟ قَالَ : نَعَمْ ، قَالُوا : وَكَيْفَ ؟ قَالَ : يَدْخُلُ قَوْمٌ فَيُكَبِّرُونَ وَيُصَلُّونَ ، وَيَدْعُونَ ، ثُمَّ يَخْرُجُونَ ، ثُمَّ يَدْخُلُ قَوْمٌ فَيُكَبِّرُونَ وَيُصَلُّونَ وَيَدْعُونَ ، ثُمَّ يَخْرُجُونَ ، حَتَّى يَدْخُلَ النَّاسُ ، قَالُوا : يَا صَاحِبَ رَسُولِ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، أَيُدْفَنُ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ؟ قَالَ : نَعَمْ ، قَالُوا : أَينَ ؟ قَالَ : فِي الْمكَانِ الَّذِي قَبَضَ اللَّهُ فِيهِ رُوحَهُ ، فَإِنَّ اللَّهَ لَمْ يَقْبِضْ رُوحَهُ إِلا فِي مَكَانٍ طَيِّبٍ فَعَلِمُوا أَنْ قَدْ صَدَقَ ، ثُمَّ أَمَرَهُمْ أَنْ يَغْسِلَهُ بَنُو أَبِيهِ ، وَاجْتَمَعَ الْمُهَاجِرُونَ يَتَشَاوَرُونَ ، فَقَالُوا : انْطَلِقْ بِنَا إِلَى إِخْوانِنَا مِنَ الأَنْصَارِ نُدْخِلُهُمْ مَعَنَا فِي هَذَا الأَمْرِ ، فَقَالَتِ الأَنْصَارُ مِنَّا أَمِيرٌ وَمِنْكُمْ أَمِيرٌ ، فَقَالَ عُمَرُ بْنُ الْخَطَّابِ مَنْ لَهُ مِثْلُ هَذِهِ الثَّلاثِ ثَانِيَ اثْنَيْنِ إِذْ هُمَا فِي الْغَارِ إِذْ يَقُولُ لِصَاحِبِهِ لا تَحْزَنْ إِنَّ اللَّهَ مَعَنَا مَنْ هُمَا ؟ قَالَ : ثُمَّ بَسَطَ يَدَهُ فَبَايَعَهُ وَبَايَعَهُ النَّاسُ بَيْعَةً حَسَنَةً جَمِيلَةً
    ترجمو: حضرت سالم پٽ عبيد جنهن کي حضور جن جي صحبت حاصل آهي چيو ته رسول الله ﷺ بيماري ۾ بيهوش ٿيا ته سڌير ٿيا. پڇيائون ته نماز جو وقت ٿيو آهي چيائون ته هائو. فرمايائون ته بلال کي چئو ته بانگ چوي ۽ حضرت ابوبڪر ؓ کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي. وري بيهوش ٿي ويا. وري سڌير ٿيا ته فرمايائون ته نماز جو وقت ٿيو آهي؟ چيائون ته هائو.فرمايائون ته بلال کي چئو ته بانگ چوي ۽ ابوبڪر کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي. تنهن تي عائشه ؓ چيو ته منهنجو پيءُ نرم دل آهي. جڏهن ان جاءِ تي بيهندو ته روئندو. نماز نه پڙهائي سگهندو تنهنڪري ڪنهن ٻئي کي حڪم ڪريو. راوي چيو ته وري بيهوش ٿي ويا وري سڌير ٿيا ته فرمايائون بلال کي چئو ته بانگ چوي ۽ ابوبڪرؓ کي چئو ته ماڻهن کي نماز پڙهائي. توهان ته يوسف عيله السلام جي سنگتياڻين وانگر آهيو. راوي چيو ته پوءِ بلال کي حڪم ٿيو ته بانگ چيائين ۽ ابوبڪرؓ کي چيو ويوته ان به نماز پڙهائي پوءِ حضور ﷺ کي ڪجهه هلڪائي معلوم ٿي ته فرمايائون ته اهڙو ڪو جنهن تي آءٌ ٽيڪ ڏيئي مسجد ڏي وڃان پوءِ عائشهؓ جو آزاد ٿيل ٻانهو بريرة ۽ هڪ ٻيو مڙس آيو. پوءِ انهن تي ٽيڪ ڏيئي هليا. جڏهن ابوبڪرؓ کين ايندو ڏٺو ته هٽڻ لڳو. تنهن تي کيس نهنجي جاءِ تي بيهڻ جو اشارو ڪيو پوءِ ابوبڪرؓ نماز پوري ڪئي تنهن کانپوءِ رسول الله ﷺ وفات ڪئي. پوءِ حضرت عمر﷦ چيو ته خدا جو قسم آهي جيڪو رسول الله ﷺ جي مرڻ جي ڳالهه ڪندو ته ان کي مان پنهنجي ترار هڻندس. راوي چيو ته ماڻهو اڻ ڄاڻ هوا ۽ منجهن نبي عليه السلام به ڪون هو تنهنڪري ماڻهو جھلجي پيا پوءِ سالم کي چيائون ته رسول الله ﷺ جي سنگتي (ابوبڪرؓ) کي سڏي اچ. مان ان ڏي آيس جو مسجد ۾ ويٺو هو. وٽس پريشاني ڪري روئندو آيس. جڏهن مونکي ڏٺائين ته پڇيائين ته رسول الله ﷺ رضا ڪري ويا ڇا؟ چيم ته عمر فاروق ٿو چوي ته ڪنهن کي به حضور جن جي وفات جي ڳالهه ڪندي ٻڌم ته ان کي هن ترار سان ماريندس. پوءِ چيائين ته هل پوءِ ساڻس گڏيو آيس. پوءِ آيو ته ماڻهو رسول الله ﷺ وٽ وڃي پهتا هوا. چيائين ته اي ماڻهو! منهنجي لاءِ دڳ ڇڏيو پوءِ دڳ ڏنائون. پوءِ آيو. ۽ مٿن جھُڪي پيو ۽ سندن بدن مبارڪ کي هٿ پيو لائي پوءِ چيائين ته تون پڪ مري ويل آهين ۽ اهي اڳيان نبي به مئل آهن. ماڻهن پڇيس ته اي رسول الله جا سنگتي! رسول الله ﷺ مري ويو ڇا؟ س چيائين ته هائو. پوءِ ڄاتائون ته سچ چيائين. چيائون ته اي رسول الله ﷺ جا سنگتي! رسول الله ﷺ تي نماز جنازه پڙهون ڇا؟ چيائين ته هائو! چيائون ته سوڙهي جاءِ ۾ ڪيئن پڙهون. چيائين ته هڪ جماعت اندر وڃي. تڪبيران چون دعائون گهرن ۽ صلواة پڙهن. پوءِ نڪري اچن. پوءِ ٻي جماعت اندر وڃي. تڪبيرون چون صلواة پڙهن دعائون گهرن پوءِ ٻاهر نڪرن. تانجو ائين سڀ ماڻهو اندر وڃن. وري چيائون ته اي رسول الله ﷺ جا سنگتي! رسول الله ﷺ کي دفن ڪبو ڇا؟ چيائين ته هائو چيائون ته ڪٿي؟ چيائين ته جنهن جاءِ ۾ سندن روح مبارڪ قبض ٿيل آهي. ڇو ته الله تعاليٰ سندن روح مبارڪ کي نه قبض ڪيو آهي مگر چڱي جاءِ ۾.پوءِ ڄاتائون ته پڪ سچ چيائين. پوءِ حڪم ڪيائين ته ڏاڏي پوٽا تڙ ڏين هوڏانهن خلافت جي باري ۾ مهاجر گڏ ٿي مشوره ڪرڻ لڳا پوءِ چيائون ته اسان سان خلافت جي ڪم ۾ انصارن ڀائرن ڏانهن هل ته انهن کي به خلافت جي ڪم ۾ پاڻ سان گڏيون. پوءِ انصارن چيو ته هڪ امير اسان مان ۽ هڪ امير توهان مان. حضريت عمرؓ چيو ته هن آيت جون ٽي ڪماليتون ڪنهن کي آهن. ٻن ۾ ٻيو هو.غار ثور ۾ ٻئي گڏ هوا. جڏهن حضور جن پنهنجي سنگتي کي چيو ته غم نه ڪر خدا اسان سان آهي. پڇيائين ته اهي ٻه ڪير هوا راوي چيو ته پوءِ هٿ ڊگهيري بيعت ڪيائين ٻين به سندس بيعت ڪئي جا جهيڙي بنا چڱي ۽ سهڻي ٿي چڪي.
    397عَنْ أَنَسِ بْنِ مَالِكٍ ، قَالَ : لَمَّا وَجَدَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، مِنْ كُرَبِ الْمَوْتِ مَا وَجَدَ ، قَالَتْ فَاطِمَةُ : وَاكَرْبَاهُ ، فَقَالَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم : لا كَرْبَ عَلَى أَبِيكِ بَعْدَ الْيَوْمِ ، إِنَّهُ قَدْ حَضَرَ مِنْ أَبِيكِ مَا لَيْسَ بِتَارِكٍ مِنْهُ أَحَدًا الْمُوافَاةُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ
    ترجمو:حضرت انس پٽ مالڪؓ کان روايت آهي ته جڏهن رسول الله کي موت جي سخت تڪليف ٿي ته حضرت فاطمةؓ چيو ته هاءِ تڪليف! تنهن تي نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته اڄ کان پوءِ تنهنجي پيءُ يعني مون تي ڪابه تڪليف اچڻي نه آهي.پڪ تنهنجي پيءُ يعني مون تي اها شيءِ اچي وئي آهي جا ڪنهن کي ب نه ڇڏيندي. هاڻي قيامت ۾ پيا ملنداسون.
    عَنِ ابْنَ عَبَّاسٍ أَنَّهُ سَمِعَ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُ : مَنْ كَانَ لَهُ فَرَطَانِ مِنْ أُمَّتِي أَدْخَلَهُ اللَّهُ تَعَالَى بِهِمَا الْجَنَّةَ ، فَقَالَتْ عَائِشَةُ : فَمَنْ كَانَ لَهُ فَرَطٌ مِنْ أُمَّتِكَ ؟ قَالَ : وَمَنْ كَانَ لَهُ فَرَطٌ يَا مُوَفَّقَةُ قَالَتْ : فَمَنْ لَمْ يَكُنْ لَهُ فَرَطٌ مِنْ أُمَّتِكَ ؟ قَالَ : فَأَنَا فَرَطٌ لأُمَّتِي ، لَنْ يُصَابُوا بِمِثْلِي
    ترجمو: حضرت ابن عباسؓ کان روايت آهي ته هن حضور ﷺ کان چوندي ٻڌو ته جنهن کي منهنجي امت مان ٻه فرط( نابالغ مئل ٻار) هجن ته ان کي الله تعاليٰ بهشت ۾ داخل ڪندو. تنهن تي عائشهؓ چيو ته تنهنجي امت مان جنهن کي هڪ فرط هجي ته. فرمايائون ته اي سنگتياڻي! هڪ فرط واري کي به. چيائين ته جنهن کي تنهنجي امت مان هڪ فرط به نه هجي. فرمايائون ته پنهنجي امت جو فرط آءُ آهيان ڇو ته کين مون جهڙي پياري جهڙي تي مصيبت نه پهچندي.


    55ـ باب ماجاء في ميراث رسول الله صلى الله عليه وسلم

    55ـ باب ماجاء في ميراث رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾، جن ۾ رسول الله ﷺ جي ميراث
    جي باري ۾ آيون آهن.
    عَنْ عَمْرِو بْنِ الْحَارِثِ ، أَخِي جُوَيْرِيَةَ لَهُ صُحْبَةٌ ، قَالَ : مَا تَرَكَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم إِلا سِلاحَهُ ، وَبَغْلَتَهُ ، وَأَرْضًا جَعَلَهَا صَدَقَةً
    ترجمو: حضرت عمرو پٽ حارث، حضرت جويرية جي ڀاءُ جنهن کي حضور جن جي صحبت حاصل آهي ان کان روايت آهي ته حضور جن پنهنجن هٿيارن خچرن ۽ زمين جي ٽڪر کي وقف ڪري ويا. وفات بعد ڪا شيءِ نه ڇڏيائون.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : جَاءَتْ فَاطِمَةُ إِلَى أَبِي بَكْرٍ ، فَقَالَتْ مَنْ يَرِثُكَ ؟ فَقَالَ : أَهْلِي وَوَلَدِي ، فَقَالَتْ : مَا لِي لا أَرِثُ أَبِي ؟ فَقَالَ أَبُو بَكْرٍ : سَمِعْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُ : لا نُورَثُ ، وَلَكِنِّي أَعُولُ مَنْ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَعُولُهُ ، وَأُنْفِقُ عَلَى مَنْ كَانَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم يُنْفِقُ عَلَيْهِ
    ترجمو: حضرت ابو هريرهؓ کان روايت آهي ته حضرت فاطمةؓ حضرت ابوبڪرؓ وٽ آئي چيائين ته تنهنجا وارث ڪير ٿيندا؟ چيائين ته منهنجا گهروارا ۽ اولاد. بيبي چيو ته مان پنهنجي جي وارث نه آهيان ڇا؟ ابوبڪرؓ چيو ته رسول الله ﷺ کان فرمائيندي ٻڌم ته اسان نبين (جي مال) جو وارث ڪونه ٿيندو آهي.(تنهنڪري توکي ڪجهه به ڏئي نٿو سگهان) مگر انهن جي سار سنڀال لهندس جن جي حضور عليه السلام لهندا هوا. ۽ انهن تي خرچ ڪندس جن تي پاڻ خرچ ڪندا هوا.
    عَنْ أَبِي الْبَخْتَرِيِّ ، أَنَّ الْعَبَّاسَ ، وَعَلِيًّا ، جَاءَا إِلَى عُمَرَ يَخْتَصِمَانِ ، يَقُولُ كُلُّ وَاحِدٍ مِنْهُمَا لِصَاحِبِهِ : أَنْتَ كَذَا ، أَنْتَ كَذَا ، فَقَالَ عُمَرُ ، لِطَلْحَةَ ، وَالزُّبَيْرِ ، وَعَبْدِ الرَّحْمَنِ بْنِ عَوْفٍ ، وَسَعْدٍ : أَنْشُدُكُمْ بِاللَّهِ أَسَمِعْتُمْ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، يَقُولُ : كُلُّ مَالِ نَبِيٍّ صَدَقَةٌ ، إِلا مَا أَطْعَمَهُ ، إِنَّا لا نُورَثُ ؟ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ
    ترجمو: حضرت ابوالبختري کان روايت آهي ته حضرت عباسؓ ۽ حضرت عليؓ پاڻ ۾ جهيڙو تڪرار ڪندي حضرت عمر فاروقؓ وٽ آيا هر هڪ ٻنهين مان پنهنجي سنگتي کي پيو چوي ته تون ههڙو آهين تون ههڙو، تنهن تي حضرت عمرؓ حضرت طلحهؓ ۽ حضرت زبيرؓ ۽ حضرت عبدالرحمان پٽ عوف ۽ حضرت سعد کي چيو ته الله جو قسم ٿو ڏيانوَ ته ڇا اوهان رسول الله ﷺ کي نه ٻڌو ته نبين جو مال سڀ خدا تعاليٰ جو آهي يعني خيرات. مگر جيڪي کارايائين ۽ پياريائين. نبين جو وارث ئي ڪونهي. حديث ۾ ٻيو بيان به آهي.
    عَنْ عَائِشَةَ ، أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : لا نُورَثُ مَا تَرَكْنَا فَهُوَ صَدَقَةٌ
    ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته اسان نبين جي ميراث نه ورهائبي آهي جيڪي به ڇڏيندا آهيون سو صدقه هوندو آهي.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، عَنِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : لا يَقْسِمُ وَرَثَتِي دِينَارًا وَلا دِرْهَمًا ، مَا تَرَكْتُ بَعْدَ نَفَقَةِ نِسَائِي وَمُؤْنَةِ عَامِلِي فَهُوَ صَدَقَةٌ
    ترجمو: حضرت ابو هريره﷦ حضور ﷺ کان روايت ٿو ڪري پاڻ فرمايائون ته منهنجا وارث نه دينار ورهائيندا نه درهم.جيڪي ڇڏيندس سو منهنجي بيبين تي خرچ ٿيڻ ۽ منهنجي ڪم ڪار ڪندڙن (خليفن) جي ضروري خرچ کان سواءِ خيرات آهي.
    عَنْ مَالِكِ بْنِ أَوْسِ بْنِ الْحَدَثَانِ ، قَالَ : دَخَلْتُ عَلَى عُمَرَ فَدَخَلَ عَلَيْهِ عَبْدُ الرَّحْمَنِ بْنُ عَوْفٍ ، وَطَلْحَةُ ، وَسَعْدٌ ، وَجَاءَ عَلِيٌّ ، وَالْعَبَّاسُ ، يَخْتَصِمَانِ ، فَقَالَ لَهُمْ عُمَرُ : أَنْشُدُكُمْ بِالَّذِي بِإِذْنِهِ تَقُومُ السَّمَاءُ وَالأَرْضُ ، أَتَعْلَمُونَ أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : لا نُورَثُ ، مَا تَرَكْنَاهُ صَدَقَةٌ ، فَقَالُوا : اللَّهُمَّ نَعَمْ وَفِي الْحَدِيثِ قِصَّةٌ طَوِيلَةٌ
    ترجمو: حضرت مالڪ پٽ اوس پٽ حدثان کان روايت آهي چيائين ته مان حضرت عمرؓ وٽ ويس پوءِ عبدالرحمان پٽ عوفؓ ۽ طلحهؓ ۽ سعدؓ به آيا. پوءِ حضرت عليؓ ۽ حضرت عباسؓ پاڻ ۾ وڙهندا اچي پهتا. حضرت عمر عبدالرحمان ۽ طلحه ۽ سعد کي چيو ته ان ذات جو قسم اٿوَجنهن جي حڪم سان آسمان ۽ زمين بيٺا آهن ته توهان کي ڇا خبر آهي. بيشڪ حضور جن فرمايو ته نبين جي ملڪيت جو وارث ڪونهي جيڪي ڇڏيندا آهيون سو صدقو آهي تنهن تي چيائون ته هائو. اي الله (شاهد هج) هن حديث ۾ ڊگهو قصو آهي.
    عَنْ عَائِشَةَ ، قَالَتْ : مَا تَرَكَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم دِينَارًا وَلا دِرْهَمًا وَلا شَاةً وَلا بَعِيرًا ، قَالَ : وَأَشُكُّ فِي الْعَبْدِ وَالأَمَةِ
    ترجمو: حضرت عائشهؓ کان روايت آهي چيائين ته رسول الله ﷺ نه دينار ڇڏيو نه درهم. نه ٻڪري نه اٺ. راوي چيو ته باقي غلام ۽ ٻانهي ۾ شڪ ٿو ڪريان.


    56ـ باب ماجاء في رؤية رسول الله صلى الله عليه وسلم

    56ـ باب ماجاء في رؤية رسول الله صلى الله عليه وسلم
    باب انهن حديثن ۾ جن ۾ رسول الله ﷺ کي ننڊ ۾ ڏسڻ
    جو بيان آهي.
    عَنْ عَبْدِ اللهِ بْنِ مَسْعُودٍ ، عَنِ النَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لا يَتَمَثَّلُ بِي
    ترجمو:حضرت عبدالله پٽ مسعودؓ رسول الله ﷺکان روايت ٿو ڪري ته جنهن مونکي ننڊ ۾ ڏٺو ته پڪ مونکي ڏٺائين ڇو ته شيطان منهنجي شڪل ۾ ٿي نٿو سگهي.
    عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي ، فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لا يَتَصَوَّرُ أَوْ قَالَ : لا يَتَشَبَّهُ بِي
    ترجمو: حضرت ابوهريرة﷦ کان روايت آهي چيائينته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنهن مونکي ننڊ ۾ ڏٺو ته پڪ مونکي ڏڍائين ڇو ته شيطان منهنجي شڪل وٺي نٿو سگهي يا راوي چيو ته منهنجي مشابهه نٿو ٿي سگهي.
    عَنْ أَبِي مَالِكٍ الأَشْجَعِيِّ ، عَنْ أَبِيهِ ، قَالَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي
    ترجمو: حضرت ابومالڪ اشجعي پنهنجي پيءُ کان روايت ٿو ڪري ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنهن مونکي ننڊ ۾ ڏٺو تنهن پڪ مونکي ڏٺو.
    عَنْ عَاصِمِ بْنِ كُلَيْبٍ ، قَالَ : حَدَّثَنِي أَبِي ، أَنَّهُ سَمِعَ أَبَا هُرَيْرَةَ ، يَقُولُ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي ، فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لا يَتَمَثَّلُنِي ، قَالَ أَبِي : فَحَدَّثْتُ بِهِ ابْنَ عَبَّاسٍ ، فَقُلْتُ : قَدْ رَأَيْتُهُ ، فَذَكَرْتُ الْحَسَنَ بْنَ عَلِيٍّ ، فَقُلْتُ : شَبَّهْتُهُ بِهِ ، فَقَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ : إِنَّهُ كَانَ يُشْبِهُهُ
    ترجمو:حضرت عاصم پٽ ڪليب کان روايت آهي چيائين ته مون کي ابي ڳالهه ڪئي جنهن حضرت ابو هريرةؓ کي چوندي ٻڌو ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنهن مونکي ننڊ ۾ ڏٺو تنهن پڪ مونکي ڏٺو ڇو ته شيطان مون وانگر نه ٿي سگهندو.ابي چيو ته اها ڳالهه ابن عباسؓ سان ڪيم ۽ چيومانس ته پڪ مون حضور جن کي ننڊ ۾ ڏٺو. پوءِ امام حسن پٽ حضرت عليؓ کي ياد ڪيم ۽ چيم ته حضور جن کي امام حسن جي مشابهه ڏٺم.ابن عباسؓ چيو ته حضور جن ڄڻ ته امام حسنؓ جي مشابهه هوا.
    عَنْ يَزِيدَ الْفَارِسِيِّ وَكَانَ يَكْتُبُ الْمَصَاحِفَ ، قَالَ : رَأَيْتُ النَّبِيَّ صلى الله عليه وسلم فِي الْمَنَامِ زَمَنَ ابْنِ عَبَّاسٍ ، قَالَ : فَقُلْتُ لابْنِ عَبَّاسٍ : إِنِّي رَأَيْتُ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم فِي النَّوْمِ ، فَقَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ : إِنَّ رَسُولَ اللهِ كَانَ ، يَقُولُ : إِنَّ الشَّيْطَانَ لا يَسْتَطِيعُ أَنْ يَتَشَبَّهَ بِي ، فَمَنْ رَآنِي فِي النَّوْمِ فَقَدْ رَآنِي ، هَلْ تَسْتَطِيعُ أَنْ تَنْعَتَ هَذَا الرَّجُلَ الَّذِي رَأَيْتَهُ فِي النَّوْمِ ؟ قَالَ : نَعَمْ ، أَنْعَتُ لَكَ رَجُلا بَيْنَ الرَّجُلَيْنِ ، جِسْمُهُ وَلَحْمُهُ أَسْمَرُ إِلَى الْبَيَاضِ ، أَكْحَلُ الْعَيْنَيْنِ ، حَسَنُ الضَّحِكِ ، جَمِيلُ دَوَائِرِ الْوَجْهِ ، مَلأَتْ لِحْيَتُهُ مَا بَيْنَ هَذِهِ إِلَى هَذِهِ ، قَدْ مَلأَتْ نَحْرَهُ ، قَالَ عَوْفٌ : وَلا أَدْرِي مَا كَانَ مَعَ هَذَا النَّعْتِ ، فَقَالَ ابْنُ عَبَّاسٍ : لَوْ رَأَيْتَهُ فِي الْيَقَظَةِ مَا اسْتَطَعْتَ أَنْ تَنْعَتَهُ فَوْقَ هَذَا
    ترجمو: حضرت يزيد فارسي کان روايت آهي جو مصحف لکندو هو ته حضرت ابن عباس جي وقت ۾ حضور ﷺ کي ننڊ ۾ ڏٺم. پوءِ ابن عباس کي چيم ته مون رسول الله ﷺ کي ننڊ ۾ ڏٺو آهي. ابن عباس چيو ته پڪ رسول الله ﷺ فرمائيندا هوا ته شيطان منهنجي شبيهه نه ڪري سگهندو آهي. پوءِ جنهن به مون کي ننڊ ۾ ڏٺو ته بيشڪ مونکي ڏٺائين (پوءِ ابن عباس فرمايو ته) انهيءَ خواب واري مڙس جو بيان ڪري سگهندين؟چيم ته هائو. توکي بيان ڪري ٻڌايان ٿو. اهو هڪ مڙس هو ٻن مڙسن ٿلهي ۽ سنهي جي وچ ۾. سندس جسم ۽ گوشت ڪڻڪ رنگو اَڇَپائو اکيون سرميليون سندس ڳل وڻندڙ منهن گول سهڻو ڏاڙهي ٻنهين پاپڙين جو وچ ڀريو هو ۽ سندس سيني کي به ڀريو هو. عوف راوي چيو ته مونکي ته انهن وصفن کانسواءِ ٻي وصف سُجهي ئي ڪانه. تنهن تي ابن عباس چيو ته جي تون رسول الله ﷺ کي جاڳ ۾ ڏسين ها ته به انهيءَ کان وڌيڪ پار ڏيئي نه سگهين ها.
    عَنِ ابْنِ شِهَابٍ الزُّهْرِيُّ ، عَنْ عَمِّهِ ، قَالَ : قَالَ أَبُو سَلَمَةَ : قَالَ أَبُو قَتَادَةَ : قَالَ رَسُولُ اللهِ صلى الله عليه وسلم : مَنْ رَآنِي ، يَعْنِي فِي النَّوْمِ ، فَقَدْ رَأَى الْحَقَّ.
    ترجمو: حضرت ابن شهاب زهري پنهنجي چاچي کان روايت ڪئي ته ابو سلمه چيو ته ابو قتادة بيان ڪيو ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنهن مونکي ڏٺو يعني خواب ۾ ته ان سچ پچ مونکي ئي ڏٺو.
    عَنْ أَنَسٍ : أَنَّ رَسُولَ اللهِ صلى الله عليه وسلم ، قَالَ : مَنْ رَآنِي فِي الْمَنَامِ فَقَدْ رَآنِي ، فَإِنَّ الشَّيْطَانَ لا يَتَخَيَّلُ بِي وَقَالَ : وَرُؤْيَا الْمُؤْمِنِ جُزْءٌ مِنْ سِتَّةٍ وَأَرْبَعِينَ جُزْءًا مِنَ النُّبُوَّةِ
    ترجمو: حضرت انس ﷦ کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو ته جنهن مونکي ننڊ ۾ ڏٺو تنهن پڪ مونکي ڏٺو ڇو ته شيطان مون سان مشابهه نه ٿيندو.۽ هي به فرمايائون ته مومن جو خواب نبوت جي ڀاڱن مان ڇائيتاليهون ڀاڱو آهي.

    عَنۡ محمد بۡنِ عَلِیٍ قَالَ سَمِعۡتُ اَبِی یَقُوۡلُ قَالَ عَبۡدُ اللہِ بۡنُ الۡمُبَارَکِ اِذَا ابۡتُلِیۡتَ بِالۡقَضَآءِ فَعَلَیۡکَ بِالۡاَثَرِ
    ترجمو:حضرت محمد پٽ حضرت علي ﷦ کان روايت آهي چيائين ته مون پنهنجي پيءُ کان چوندي ٻڌو ته عبدالله پٽ مبارڪ چيوته جڏهن تون قاضي بنايو وڃين ته حديثن جي پيروي ڪر.
    عَنِ ابۡنِ سِیۡرِیۡن قَالَ ھٰذَا الۡحَدِیۡثُ دِیۡنٗ فَانۡظُرُوۡا عَمَّنۡ تَاخُذُونَ دِیۡنَکُمۡ
    ترجمو:حضرت ابن سيرين چيو ته دين حديثون آهن پوءِ ڏسو ته دين ڪنهن کان ٿا وٺو. (دين ۽ مذهب ديندار کان وٺو)


    خاتمو

    الحمد لله هيءُ پاڪ ڪتاب شمائل ترمذي شريف سنڌي ترجمون نالي صفات النبي ﷺ الله جي فضل و ڪرم سان 7 مئي 1946ع مطابق 5جمادي الآخر 1365هه جي (عربي مدرسه چڪ ۾) لکي پورو ڪيم.
    الله تعالي! منهنجي هن تاليف کي قبول فرمائي، نام نمود، شهرت جو اصلًا خيال نه آهي. فقط مسلمانن کي حضور صلعم جي حديث کان واقف ڪرڻ جو ارادو آهي.
    الله تعاليٰ منهنجي دل گهري دوست حڪيم عبدالحق کي طاقت ۽ سندس رزق ۾ برڪت ڏئي ته هو هي پاڪ ڪتاب ( الله سائين) چپرائي مسلمان ڀائرن تائين پهچائي اسان مسلمانن کي ۽ منهنجي دوستن کي هدايت ۽ نيڪي جي توفيق عطا فرمائي. آمين
    محمد عثمان (مدني) حال ٿريچاڻي
    تعلقو پنو عاقل ضلع سکر
    10 مارچ 1963ع.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399886
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ