ڪتاب جو نالو: دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي
مصنف: رشيد ڪليري
ڇپائيندڙ: مرحوم حاجي دلاور حسين ڪليري اڪيڊمي، گهوٽڪي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 14 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 1681 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 481 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
رشيد ڪليريءَ جي شاعري گهڻ موضوعاتي آهي، پر عشق و محبت، سڪ ۽ چاهت پيار ۽ انتظار ۽ اهڙا ٻيا موضوع وڌيڪ ڇانيل ۽ حاوي آهن. ظاهر آهي شاعري انسان جي اندر جي احساسن جي اظهار جو نالو آهي، جنهن ماڻهوءَ وٽ جيڪو وکر هوندو، اهوئي پنهنجي دڪان تي رکندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري طرفان
  • مُهاڳ
  • ڪوڙي دنيا جو سچو مسافر- رشيد ڪليري
  • محبت ۽ زندگيءَ جو شاعر- رشيد ڪليري
  • رشيد ڪليري- سٺو شاعر
  • گل آهن يا خار اکين تي
  • محبتي ۽ محنتي انسان
  • محبتن جو متلاشي شاعر- رشيد ڪليري
  • مُحبتي ماڻهو
  • اسانجو رشيد ڪليري
  • نئين ٽهيءَ جو ناميارو شاعر
  • رشيد ڪليري- هڪ عوامي شاعر
  • ارڏو ۽ انقلابي شاعر
  • رشيد ڪليري: سنڌ جو مٺڙو شاعر
  • پنهنجي پاران
  • شاعري

  • حمد
  • نعت
  • منقبت
  • غزل
  • ڪافيون
  • گيت
  • نظم
  • وايون
  • ڏوهيڙا، بيت ۽ چوسٽا
  • وطن جو نغمو

  • ارپنا

    جيجل امڙ جي نانءِ
    جيڪو منهنجو پهريون مڪتب ۽ دعا جو در آهي، جنهن ڄڻي هي ڏيهه ڏيکاريو
    ۽
    اُنهن پيارن جي نانءِ جيڪي مون سان بي لوث پيار ڪن ٿا.


    رشيد ڪليري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (168) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي“ شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو تخليقڪار رشيد ڪليري صاحب آهي.
    هي ڪتاب مرحوم حاجي دلاور حسين ڪليري اڪيڊمي، گهوٽڪي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ايف ايم ڪشمور جي دوست معظم بلوچ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري طرفان

    شاعري ادب جي بهترين صنف آهي، شاعري ذريعي شاعر پنهنجا سهڻا خيال ۽ اندر جي ڳالهه ٺاهي جوڙي اهڙي ريت سٺن لفظن ۾، وزن ۽ بحر ۾ قافيو جوڙي استعمال ڪري ٿو، جو انهن لفظن ۾ وڏو اثر پيدا ٿئي ٿو. سٺي شاعري ادب ۾ اها آهي، جنهن وسيلي سماج جون اوڻايون، خاميون، حالتون، گڻ اوگڻ ۽ تضادن جي نه رڳو اپٽار ڪئي وڃي بلڪه انهن کي ڇنڊي صاف ڪري مفيد ۽ غير مفيد، فائديمند ۽ نقصانڪار ۽ چڱي مَٺي جي پڻ وضاحت ٿيل هجي.
    شاعر، سماج جو حساس ترين فرد هوندو آهي، سندس دل جون ڳالهيون آڱر جي هِلائڻ سان وڄڻ لڳنديون آهن، ”دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي“ ۾ ادب جي مکيه صنف شاعري کي سانڍيو ويو آهي. ڪتاب ڇپرائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ڪتاب جي ڇپائي ۾ رولڙن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جي انهي سفر جا پانڌيئڙا آهن، سيئي سمجهن ٿا، ايترو چونداسين ته ”دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي“ کي اوهان تائين رَسائڻ ۾ ڏيڍ سال لڳي ويو آهي.
    مرحوم حاجي دلاور حسين ڪليري اڪيڊمي جو مقصد علمي ادبي مواد شايع ڪرڻ آهي. هن اداري جو هي پهريون ڪم آهي، جيڪڏهن علم دوست ۽ ادب نواز حضرات جو سهڪار جاري رهيو ته انشاءَ الله اسين اڳي کان اڳرا هونداسين.

    مرحوم حاجي دلاور حسين ڪليري اڪيڊمي
    گهوٽڪي


    مُهاڳ

    گهوٽڪي ضلعو جيڪو اڳ ۾ سکر ضلعي جو حصو هوندو هو، سنڌ جي ٻين ضلعن ۽ علائقن وانگر علم ادب ۽ فن سان مالامال خطو رهيو آهي. گهوٽڪي جيڪو سنڌ جي ادب ۽ فن جي انتهائي سگهاري شخصيت سائين اظهر گيلانيءَ جو شهر آهي، توڙي جو گيلاني صاحب کي اسان کان جدا ٿئي ورهيه ٿي ويا آهن، پر پوءِ به مان جڏهن به گهوٽڪيءَ ويندو آهيان يا اتان گذر ٿيندو آهي ته مونکي اتان سائين اظهر گيلانيءَ جي شاعريءَ ۽ شخصيت جي خوشبوءِ محسوس ٿيندي آهي. ان گهوٽڪيءَ جي بلڪل ڀرسان هڪ ننڍڙي واهه جي ڪپ تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، نيڪ محمد ڪليري، اتان جو نوجوان شاعر ۽ اسان جو دوست رشيد ڪليري، جيڪو انيڪ خوبين، ڀوڳائي چرچائي، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ هر ڪنهن کي ڪم ايندڙ ماڻهو رشيد ڪليريءَ جي شخصيت جي خوبين ۾ هڪ خوبي اِها به آهي ته هو هڪ سٺو ڪمپيئر ۽ انائونسر به آهي. فن دوست به آهي. رڳو ايترو ئي نه پر پاڻ هڪ سٺو شاعر به آهي، جنهن جو پهريون شعري مجموعو ”دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي“ هينئر اوهان جي زير مطالعه آهي. پر جڏهن به کيس اياز ميمڻ ۽ مان سوڙهو ڪيون ته اهو چئي جان ڇڏائي وڃي ته ’ڇا رکيو آهي منهنجي شاعريءَ ۾ جو ڪتاب ڇپرايان؟‘ حالانڪه کيس اها ڄاڻ هئڻ جي باوجود ته شاعري ڪيتري سگهاري آهي؟ ان جو فيصلو شاعر خود نه پر پڙهندڙ ڪندا آهن. نيٺ رشيد ڪليري مجموعو ڇپرائي اسان اوهان جي هٿن تائين آندو آهي. جڏهن به شاعريءَ جي ميدان ۾ ڪو شعري مجموعو ايندو آهي ته مونکي ائين لڳندو آهي، ڄڻ گلن جي باغيچن ۾ هڪ نئون گل ٽڙيو آهي، جنهن جو رنگ به پنهنجو آهي ته خوشبوءِ به نرالي.
    رشيد احمد ولد حاجي دلاور حسين ڪليري ڪيمسٽريءَ ۾ ايم ايس سي ڪيل آهي، جڏهن به مان ٻڌندو ۽ ڏسندو آهيان ته ٺوس سائنسي مضمون جيڪي بلڪل خشڪ هوندا آهن، ان سان لاڳاپيل ڪو دوست اديب ۽ شاعر آهي ته مون کي خوشي به ٿيندي آهي تعجب به. هونئن ادبي کيتر مٿان نظر ٿا ڊوڙايون ته ڪيترائي ليکڪ اهڙا نظر ٿا اچن، جن جي ادبي پذيرائي ۽ شعري آبياريءَ ۾ ريڊيو پاڪستان جو وڏو ۽ اهم ڪردار رهيو آهي، جن ۾ رشيد ڪليري به شامل آهي، جنهن کي 1986ع ڌاري خيرپور ۽ حيدرآباد ريڊيو جا پروگرام ٻڌي، انهن ۾ تحريرن طور شرڪت ڪري ۽ حصو وٺڻ واري شوق کيس شاعر بڻائي ڇڏيو. حالانڪه هن ته پائلٽ بڻجي، جهاز ٿي اڏارڻ چاهيو، پر خود خوابن ۽ خيالن تي پرواز ڪرڻ ۾ لڳي ويو. مون جيئن شروع ۾ عرض ڪيو ته گهوٽڪي وارو خطو سائين اظهر گيلانيءَ جي ذ ڪر کان سواءِ اڻ پورو ۽ اڌورو آهي. رشيد ڪليريءَ جي شعري سکيا ۾ سائين اظهر گيلانيءَ جي رهنمائي ۽ رهبري به شامل رهي آهي. سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي استاد جي ڪيتري خوشبوءِ ۽ کستوري سمايل آهي، ان جو فيصلو ۽ اندازو ته پڙهندڙ ئي لڳائي سگهندا. رشيد ڪليريءَ، سائين اظهر جي وفات کانپوءِ عبدالشڪور سولنگيءَ کان پنهنجي شاعريءَ جي اصلاح ڪرائي.

    رشيد ڪليريءَ جي شاعري گهڻ موضوعاتي آهي، پر عشق و محبت، سڪ ۽ چاهت پيار ۽ انتظار ۽ اهڙا ٻيا موضوع وڌيڪ ڇانيل ۽ حاوي آهن. ظاهر آهي شاعري انسان جي اندر جي احساسن جي اظهار جو نالو آهي، جنهن ماڻهوءَ وٽ جيڪو وکر هوندو، اهوئي پنهنجي دڪان تي رکندو. شاعر هونئن ئي ڏاڍو حساس هوندو آهي ۽ پيار جا پرچارڪ ۽ ٻوڄاري. رشيد ڪليريءَ جي شاعري رسالن ۽ اخبارن ۾ باقاعده ته ڪو نه ڇچجي رهي آهي، پر سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي، جيڪي ڪيسٽن ۽ مخلتف چينلز تي نشر ٿيندي رهي ٿي.
    ڪنهن به شاعر جي شخصيت جو اولڙو ۽ عڪس اُن جي شاعريءَ مٿان ضرور پوندو آهي. مون جيئن اڳ ۾ لکيو ته هي هڪ يار ويس انسان آهي، رشيد ڪليري هڪ هنڌ چيو آهي ته:

    يارن سان آ ڪهڙو ليکو
    ڳالهه ته سچي آ سمجهي جيڪو
    ڪس ۽ ڪسر ۾ هلڻو آ
    اک ٿي ڦري هو اچڻو آ..


    واقعي ليکو چوکو واپار ۾ هلندو آهي. محبت، ياري، دوستي تجارت ناهي هوندي، جنهن ليکو ڪيو اهو دوست وري ڪهڙو.

    چوندا آهن ته ”فاصلي، فاصلي بڙهاتي هين“ انسان جو ناتو رشتو هڪ پوک مثل آهي ۽ ان پوک کي پاڻي نه ملندو ته هو نيٺ سڙي سڪي ويندي اهڙيءَ طرح رشتن ۽ تعلقات ۾ رابطا تمام ضروري هوندا آهن. رابطا ختم ٿي وڃڻ سان انسان جو انسان سان تعلق متاثر ٿي پوي ٿو اهڙي ڳالهه هڪ شاعر جي حيثيت ۾ رشيد ڪليري به ڪري ٿو ۽ چوي ٿو:

    محبت اچڻ ۽ وڃڻ سان وڌي ٿي،
    ڏسڻ سان وڌي ٿي ملڻ سان وڌي ٿي.

    رشيد ڪليري شاعريءَ جي قافلي ۾ هڪ نئون مسافر آهي کيس اها به خبر آهي ته شاعريءَ جو سفر نهايت اڻانگهو آهي. ان ۾ گل گهٽ ۽ پٿر وڌيڪ لڳندا آهن، حوصلي ۽ همٿ جي ڳالهه آهي. رشيد کي شاعرن جي صف ۾ ڪهڙيءَ جڳهه تي بيهاري سگهجي ٿو، ان جو فيصلو پڙهندڙ ڪندا. مان کيس هڪ صلاح ڏيندس ته هو رسالن ۾ پنهنجي شاعري ضرور موڪلي ۽ شعري مجموعن جو مطالعو وڌائي. مشاعرن ۾ شرڪت ڪري، اُن سان سندس تخليق ۾ وڌيڪ پختگي ايندي. دعا آهي ته رشيد ڪليري لکندو رهي ۽ لکڻ ۾ ڪڏهن به نه ٿڪجي.

    ڪوثر ٻرڙو
    اسٽيشن ڊائريڪٽر
    ريڊيو پاڪستان، ڪراچي
    28 ڊسمبر 2015ع


    ڪوڙي دنيا جو سچو مسافر- رشيد ڪليري

    دنيا مڇر جو پَرُ آهي، دَلبي جو ديس آهي ۽ ڪُوڙ جو جهان آ، خواب به ڪوڙا، ساڀيائون به ڪوڙيون پر پوءِ به شاعر مست مگن، سندن آس جا ڏيئا هميشه روشن آهن. انٽرنيٽ جي دؤر ۾ جڏهن ڪتاب صرف شيلف جي زينت لاءِ خريد ڪيا ويندا هجن، ان دؤر ۾ پنهنجو ڪارائتو وقت صرف ڪري شاعري ڪرڻ سچ پچ جنون ۽ عشق جو پرتوو آ ۽ انهن نور نچوئيندڙن مان هڪڙو باوقار نالو رشيد ڪليري جو به آهي. جيڪو مُڇن جي ساول کان ئي شعر و سخن جي سندر ول ۾ وچڙي پيو، جيڪا خوبصورت ۽ سندرتا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اها سندرتا اوهين سندس شاعريءَ مان محسوس ضرور ڪري وٺندؤ، پر گڏوگڏ سرنهن ڦولار جو هڳاءُ به سندس شاعريءَ ۾ مشڪ ۽ عنبر جي خوشبوءِ ڏانهن سفر ڪندو محسوس ڪندؤ.
    نئين ٽهي جي شاعرن جي شاعري ۾ ڪَميون ڪوتاهيون برابر هونديون آهن، پر انهن کي وڌائي چڙهائي جڏهن ڪو مهان ڪوي پنهنجي مهانتا کي نکارڻ لاءِ پيش ڪندو آهي ته نئين ٽهي جي شاعرن جو شاعريءَ تان ارواح ئي کڄي ويندو آهي، پر ثابت قدمي ۽ عشق ڪجهه شاعرن جو ڀرجهلو ٿي، کين آٿت ڏئي جڏهن پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي سگهه ڏيندو آهي ته اهي شاعر ”بادِ مخالف“ کي سينو ڏئي مٿي چڙهندا ويندا آهن ۽ رشيد ڪليري جيان پنهنجو نانءُ تاريخ ۾ نشانبر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. رشيد ڪليري جي ڪافي، غزل، بيت ۽ گيت ڀلي کڻي وزن بحر جي آڪيڙن ۾ اُلجهيل هجن، پر فڪري پرواز ۾ اُڏام جي ڀرپور ڪوشش آهن. شاعري وارو ڪم ڪندڙ ڪاريگر اڄڪلهه پنهنجي ڪاريگري جو نقش سيکڙاٽ شاعرن جي شاعري تي چاڙهڻ پنهنجو فرض شمار ڪرڻ لڳا آهن، پر تنهن هوندي به ڪجهه شاعر انهن جي وڪڙ ۾ نه ٿا اچن ۽ اصلاح جي بهاني پنهنجي ڪلام کي سندن هيڊ جي تڙڪي کان بچائيندڙ شاعرن ۾ رشيد ڪليري جو شمار ان ڪري اسين ڪري سگهون ٿا، جو سندس شاعري نرالي رنگ ۽ سادي ٻوليءَ ۾ اوهان ۽ اسان جي سامهان موجود آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سموري صنفن تي طبع آزمائي هڪ ڏينهن سندس نالو مهان شاعرن جي مٿانهين لسٽ ۾ شامل ڪرائيندي. دعا آهي ته رشيد ساڳي ئي اٽل ارادي ۽ سٿري سوچ سان شاعري ڪندو رهي ۽ اندر جي احساسن کي لفظن جو روپ ڏئي داد ماڻي.

    سيد اختر شاهه بخاري
    محقق، شاعر، دانشور ۽ چيف ايڊيٽر
    پرهه ڦٽي گهوٽڪي
    26 ڊسمبر 2015ع


    محبت ۽ زندگيءَ جو شاعر- رشيد ڪليري

    شاعريءَ جون وصفون هونئن ته ڪيترن ئي شاعرن، اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن مختلف وقتن تي مختلف بيان ڪيون آهن ۽ اهي وصفون ۽ تشريحون بلڪل درست به آهن. ظاهر آهي جيڪا شاعري پنهنجي وجود ۾ لاتعداد اظهارَ، راز ۽ احساس رکي ٿي ته ان لاءِ هر ڪنهن جي راءِ به الڳ الڳ ئي هوندي نه...
    شاعري پيار ڪندڙ هڪ شاعر جي زبان به آهي ته پيار ڪندڙ هڪ عام ماڻهوءَ جي به زبان آهي. شاعريءَ ۾ هر قسم جي اظهار کي اظهاري سگهجي ٿو. شاعريءَ ۾ پيار جا جذبا به بيان ڪبا آهن ته نفرت جا احساس به- هر وڻندڙ ۽ اڻوڻندڙ ڳالهه جو اظهار به ڪبو آهي. اهڙي قسم جا احساس آهن اَسانجي پياري دوست ۽ محبوب شاعر رشيد ڪليريءَ جي شاعريءَ ۾ جيڪو اڄ پنهنجو شعري مجموعو ”دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي“ نالي سان اوهانجي آڏو پيش ڪري رهيو آهي.
    جهڙيءَ طرح عشق، پيار، محبت ۽ زندگي ۾ ڏک، سک، غم ۽ خوشيءَ جهڙا احساس ۽ لمحا گڏ گڏ هلن ٿا، اهڙي طرح شاعريءَ ۾ به اهي احساسَ گڏ گڏ هلن ٿا. محبت ۽ زندگيءَ جيان شاعري به هڪ ئي وقت اگر گلن جو هار به آهي ته ڪنڊن جي سيج به. هن شاعريءَ جي سفر ۾ ڪٿي گلن جا هارَ به ملندا آهن ته ڪٿي ڪنڊن جهڙا چُڀندڙ ۽ ايذائيندڙ رويا ۽ جملا به ملندا آهن. رشيد ڪليري محبت ۽ زندگيءَ جو شاعر آهي. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙن جذبن کي به اظهاري ٿو:
    گلن جو هارُ محبت آ، ڪنڊن جي سيج محبت آ،
    ايئن ڏک سک پيا سهندا، مٺا ماڻهو زماني ۾.
    رشيد ڪليري پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ پيار، محبت، وڇوڙي، ميلاپ، درد ۽ ڏک جا قصا ته بيان ڪيا ئي آهن، پر اُن سان گڏ هن محبوب سان اٿاهه پيار جو اظهار به ڪيو آهي. ڪٿي شڪوه شڪايتون به ڪيون آهن ته سڄڻ جون ساراهون به بيان ڪيون آهن. مطلب ته رشيد ڪليري جهڙي جهڙي ڪيفيت مان گذريو آهي، اُن جو اظهار ڀرپور نموني ۾ شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. دردَ ۽ وڇوڙي جي ڪيفيت مان جڏهن رشيد گذري ٿو ته هن جي تڙپَ جو انوکو اظهار هن جي شاعريءَ ۾ هن طرح ملي ٿو:
    نيڻ ٿڪي پيا روئي روئي،
    دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي.
    جنهنکي ساههَ سهارو سمجهيم،
    سورَ ڏئي ويو ساههَ کي سوئي.
    پٿر دل محبوبُ ڪيئي ڇو،
    دِل هاڻي تون تڙپ اُڪوئي.
    ڪر نه ڪليري پيار تون ڪنهن سان،
    روڪيو ”رشيد“ گهڻن گهڻو ئي.

    هتي بنا رديف جي غزل پڙهي مون کي نارائڻ شيام ياد اَچي ويو. رشيد جي هن غزل ۾ قافيي طور ٻن لفظن ”اُڪوئي“ ۽ ”گهڻوئي“ جو استعمال ڏاڍو وڻندڙ ۽ دل لڀائيندڙ آهي. مون سنڌيِ شاعريءَ ۾ انهن لفظن خاص طور ”اُڪوئي“ جو استعمال پهريون ڀيرو رشيد جي شاعريءَ ۾ پڙهيو آهي. واه واه!
    وڇوڙي جي ورلاپ ۾ ورتل هڪ ٻيو رشيد جو غزل آهي:
    هُو ڌارَ ڪري ويو آ،
    آزارُ ڪري وَيو آ.
    هي سُڃَ سڄو مون لئه،
    سنسار ڪري ويو آ.
    مون پيارُ آڇيو ۽ هُو،
    انڪار ڪري ويو آ.
    هُو غير جي محفل ۾،
    سينگار ڪري ويو آ.
    محبوب پاڻُ کان ڌارَ ڪري اهو وڏو الميو آهي. هڪ عاشق ۽ هڪ شاعر لاءِ اُن کان وڏو الميو اهو آهي، جو محبوب ڪنهن غير ڏي وَڃي سوبه سينگار ڪري وڃي. اهو وڏو عذاب آهي، هڪ شاعراڻي دل جي لاءِ مان ته چوان ٿو اهڙو عذاب دوزخ کان بلڪل گهٽ ناهي. استاد بخاري صاحب چيو هو نه ته:
    ڪِيس ڪيڏا ڪيهءِ حسنَ جي انڌَ تي،
    باهه ٻاري وڌئي هانءَ جي هنڌَ تي،
    غيرَ جي پنڌ تي پيرَ تنهنجا ڏٺم.
    چوٽ ڏاڍي رسيم.
    ۽ استاد بخاري ائين به چيو هو ته:
    جَهل ته نه جهلجي، پَلِ ته نه پلجي،
    جهڙي مُٺِ ۾ واري، بيقدري جي ياري.
    ڪائنات ۾ ڏک، درد، پريشانيون ۽ مسئلا صدين کان وَٺي ساڳيا هلندا پيا اَچن ۽ شاعر به ساڳين احساسن کي ورجائيندا پيا اَچن پر ڳالهه آهي احساسن کي پنهنجن پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ۽ انداز جي. اهڙن احساسن کي رشيد به پنهنجي انداز سان بيان ڪيو آهي.
    بيقدرن سان ياري ڪهڙي؟
    جهلجي مُٺِ ۾ واري ڪهڙي؟
    توکي قسم ڏيان ڪنهنجو، پرچين،
    توکي شيءِ آ پياري ڪهڙي.
    تون ئي ٻڌاءِ مون سهڻا سائين،
    تنهنجي ڳالهه آ ٽاري ڪهڙي.
    رِڻ ۾ ڇڏيو ٿي”رشيد“ کي رولي،
    دل تو ”ڪليري“ ڌاري ڪهڙي.

    رشيد ڪليريءَ جو هڪ ٻيو خوبصورت غزل آهي، جنهن ۾ رشيد محبوب کي کلڻ لاءِ آزيون ڪري رهيو آهي:
    ڪهڙي خطا آ ’کل ته سهي مَنَ‘،
    تنهنجي عطا آ، کل ته سهي مَن!
    چئن ڪتابن ۾ چڙ ڪانهي،
    تنهنجي مرڪَ خوشي ٿي بخشي،
    غم جي دوا آ، کِل ته سهي مَن!
    چڙ نه روا آ کل ته سهي مَن!
    پنهنجن کان آ پردو ڪهڙو،
    ڇا جو حيا آ، کل ته سهي مَن!

    واقعي محبوب جي مرڪَ ۽ کل هر غم ۽ دردَ جي دوا آهي
    چڙ، ڪاوڙ غصو نه رڳو اسلام ۾ هر مذهب ۾ جائز ناهي.
    فقير حسين بخش ”خادم“ چيو هو ته:
    چئني دفترن ۾ ڪاوڙ حرام آهي،
    ڪاوڙ حلال جنهن ۾ سو آهي ڪتاب ڪهڙو؟
    باقي اڄڪلهه مٺا ماڻهو ته پردو ئي پنهنجن سان ٿا ڪن. اَسان وٽ موجود گل فقير ڊکڻ سومرو شاعر هوندو هيو، اهو چوندو هو ته محبوبَ ٻين سان خوش پر گل فقير سان ٽانڊو.
    بهرحال رشيد ڪليري صاحب جي شاعري ۽ زندگيءَ جي ڪاميابين لاءِ هر وقت دعاگو آهيان ۽ رهندس.

    مشتاق بخاري
    P.O ڊکڻ، ضلعو شڪاپور
    13- مارچ 2015ع


    رشيد ڪليري- سٺو شاعر

    ڏات ڌڻين جي ڏيهه ۾ اهي ئي شاعر ۽ ليکڪ مڃتا ماڻين ٿا، جن تي ڏات جي ديوي مهربان هجي. مون کوڙ اهڙا شاعر ۽ ليکاري ڏٺا آهن، جيڪي شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي کي پنهنجو شغل بنائي پنهنجي زندگيءَ واري لطيفي تي ماڻهن ۾ مرڪون ورهائيندا وتندا آهن. پنهنجي پَرِ ۾ اِهو ڪم به گهٽ ناهي، پر شعر ۾ حقيقي شِيري ۽ ميٺاج تڏهن محسوس ٿيندو آ، جڏهن مَن محبت ۾ مستان هجي ۽ دل دلبر لئه پريشان هجي. ڏات جي ديوي پنهنجا پَر پکيڙي اُنس آڇيندي هجي ۽ محبوب وَلهار ٿي گُفتن ۾ گم ٿي وڃي ته لفظن جي قطار پاڻ ئي شعر بڻجي پوندي آهي. ننڍپڻ کان ادب سان لڳاءَ واري رشيد ڪليري تي ڏات جي ديوي جي مهرباني اڪثر ٿيندي رهي آهي ۽ جوانيءَ جا کوڙ سارا سال سيد اظهر گيلاني، استاد بخاري، شيخ اياز، امير بخاري، ڪوثر ٻرڙو، احمد خان مدهوش، سرڪش سنڌي ۽ ٻين ناليوارن شاعرن جي صحبت رشيد جي قلم جي نوڪ کي سنئون ڪرڻ ۾ سندس مددگار رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪلام کوڙ سارن راڳين پنهنجي سرن ۾ آلاپي داد ماڻيو آهي. غزل، ڪافي، وائي ۽ بيتن ۾ رشيد ڪليري کوڙ ساري نالي واري شاعرن کي دڳ لائي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ هي رشيد ڪليريءَ جو پهريون شعري مجموعو آهي. پر رشيد ڪليريءَ جا کوڙ سارا بيت، گيت، غزل ۽ وايون رشيد ان ۾ شامل ان ڪري ناهن ڪيا، جو سندس چوڻ آهي ته ڳايل گيت غزل ريڪارڊ ۾ اڳ ئي موجود آهن ۽ هو پنهنجو اڻڇپيل مواد کي ئي هن ڪتاب ۾ شامل ڪري رهيو آهي.
    دوستن جو دوست يارن جو يار رشيد ڪليري شاعريءَ سان گڏ نثر نگاري ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ريڊيو ڪمپيئرز کي ادبي مواد ڪٺو ڪري ڏيندي ڏيندي رشيد ڪليري ڪمپيئرنگ واري ڪم سان به لڳل آهي، صاف آواز ۽ بهترين تلفظ ڪري ٻڌندڙن جو چڱو خاصو حلقو سندس مداح آهي. اخبارن جي سينن تي رشيد جا مضمون سماجي براين کي روڪڻ لاءِ مزاحمتي ادب ڏانهن سندس لاڙو ۽ وڌندڙ اخلاقي پَستي کي روڪڻ لاءِ لکيل سندس ڪافيون، وايون، بيت، وزن بحر سان گڏوگڏ رڌم تي به فٽ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پنهنجي علم و دانش جي آڌار هن جيڪي به لکيو آهي، سو سندس پائي جي شاعرن جي ڀيٽ ۾ تمام سٺو آهي، ادبي لڏي کي منجهانئس اڃا به گهڻي تمام گهڻي جستجو جي آس آهي ۽ پڪ آهي ته رشيد انهن جي انهيءَ اميد تي پورو لهندي پنهنجي انهي ادبي سفر کي جاري رکندو. اسان جون نيڪ تمنائون ساڻس گڏ هونديون.

    غضنفر بخاري
    اسسٽنٽ مئنيجر
    انڊس ريڊيو ايف ايم 91، گهوٽڪي


    گل آهن يا خار اکين تي

    رشيد ڪليري ڀلي هيئن چوي ته: ”دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي“ پر اسين رشيد جي دلي درد کي چڱي طرح ڄاڻون ۽ سڃاڻون ٿا.
    جسم جي اندرئين حصي جو جڏهن فوٽوگرافر (X- Ray) ڪڍندو آهي، ته اُن فوٽو کي ڏسي صرف ڊاڪٽر ئي درد کي محسوس ڪندو آهي. ليڪن شاعر دل جي درد جي جيڪا تخليقي تصوير ڪڍندو آهي، ان جي ذريعي نه صرف ڊاڪٽر ئي بلڪه هر عام و خاص ماڻهو شاعر جي سور کي سولائي سان سمجهي سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته اُن مان پيڙا پڌري نظر ايندي آهي. اُهو درد محبت ئي آهي، جيڪو رشيد ڪليري کان هيئن لکرائي ٿو ته:
    تنهنجا هي آزار اکين تي،
    سور سڀئي سرڪار اکين تي.
    چاهت ۾ هي ناهي ڏسبو،
    گل آهن يا خار اکين تي.

    محبت خاطر خار اکين تي رکندڙ رشيد ڪليري پيار جي پنڌ ۾ پُرعزم ۽ اڻٿڪ نظر اچي ٿو، هر انسان کي دنيا جي هر مال و اسباب کان جان ۽ ساهه وڌيڪ عزيز ۽ پيارو هوندو آهي، پر رشيد هن راهه ۾ ساهه جو به سانگو نٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته:
    ساهه به تولاءِ حاضر آهي،
    ٻيو تو لاءِ مٺا ڀلا ڇا ڪريان؟

    رشيد جون، هيٺ ڏنل سٽون مون کي ائين پياريون ۽ خوبصورت لڳن ٿيون، جيئن گلاب جي گل تي ويٺل رنگين پوپٽ سُهڻو ۽ من مهڻو لڳندو آهي يا وري ڪينجهر ڍنڍ تي جيئن چانهه پکي اُڏامندي عجيب لڳندو آهي:
    ٿورو ٿورو چهرو ظاهر،
    ريشمي زلفن منجهان،
    جيئن جهاتي پائيندو آ،
    چنڊ، ڪجهه ڪڪرن منجهان.
    يا وري هي سٽون ڏسو:
    اوهان جو چهرو گلاب وانگي،
    سٺي ۽ سهڻي ڪتاب وانگي،
    ملڻ اوهان جو آ عيد جهڙو،
    اوهان جو وڇڙڻ عذاب وانگي.
    محبوب جي چهري کي ڪتاب سان ڀيٽا ڏيڻ شاعر جي ادبي ذوق جو ثبوت آهي، يعني شاعر ڪتاب کي به محبوب جهڙو سهڻو سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو رشيد جي ذاتي لائبريري ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ڪتاب موجود آهن ۽ اهو مڃڻو پوندو ته رشيد ڪتابن پڙهڻ جو به ڪوڏيو آهي. رشيد ڪليري جا ٻيا به محبوب مشغلا رهيا آهن، هو بهترين ”ريڊيو انائونسر“ به آهي، چوندا آهن ته شوق کي مفاصلا به مات نه ٿا ڏئي سگهن. گهوٽڪيءَ کان خيرپور ڪهي اچي، پنهنجي لسنرز کي ٽائيم ڏيڻ به سندس شوق جو هڪ شاندار ثبوت آهي. هن فيلڊ ۾ پاڻ پتوڙڻ جي ڪري سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ طرفان کيس ”بهترين انائونسر“ جو سرٽيفڪيٽ به ملي چڪو آهي. جڏهن ته ”لوچين سي لهن“ فورم ڦلجي اسٽيشن طرفان به کيس ايوارڊ ملي چڪو آهي. سنڌ جي بلند پايه شاعر ۽ اديب اظهر گيلاني جو صحبتي رشيد هڪ مُحبتي ماڻهو، سندس اوطاق توڙي دڪان تي به محبتي ماڻهن جا ميڙا هوندا آهن، دعا آهي ته اهڙو محبتي ماڻهو جُگ جُگ جيئندو رهي ۽ سنڌي ادب جي کيتر ۾ خوشبودار گل پوکيندو رهي، ڪليري جو هي ڪتاب منزل طرف پهريون قدم آهي. مان اميد ڪريان ٿو ته رشيد جي هن پهرين وک جي واکاڻ ٿيندي.

    عبدالرحيم عزمي
    پنو عاقل
    23 مارچ 2015ع


    محبتي ۽ محنتي انسان

    رشيد ڪليري ريڊيو پاڪستان خيرپور جو پُراڻو انائونسر ۽ ڪمپيئر آهي. ريڊيو پاڪستان سان سندس محبت جو اِهو عالم آهي جو هُن ڪيترن ئي سالن کان، ريڊيو خيرپور تي پنهنجي ذميداري نباهڻ لاءِ مسلسل، گهوٽڪيءَ کان خيرپور جا ڊگها پنڌ پئي ڪيا آهن. رشيد ڪليريءَ جي اندر ۾ وري هڪُِ شاعرُ به موجود پئي رهيو آهي. شاعريءَ جي حوالي سان سنڌ ۾ اَڻ ڳڻيا آواز موجود آهن، رشيد ڪليري ءَ به پنهنجو آواز انهن آوازن ۾ شامل ڪيو آهي. مُحبت ۽ ان سان لاڳاپيل ڪيفيتن جا جذبا، هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ موجود هوندا آهن ۽ هرڪوئي ان جو اظهار چاهيندو آهي. رشيد به اهڙو ئي اظهار چاهيو آهي ۽ اظهار هڪَ ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي، جيڪا ڳالهه سندس لاءِ خوشين جا ڪيئي گُلدستا کڻي ايندي. ڪتابُ ڇپجڻ کان پوءِ پڙهندڙ ۽ نقاد ان جو ڪهڙو مُلهه ٿا ڪَٿين. پاڻ ان سوال کي اڳتي لاءِ باقي ٿا رکئون. ننڍين ننڍين سٽن کي به سنڀالڻ ۽ محفوظ رکڻ جي جذبي جي آڌار، رشيد ڪليريءَ به پنهنجا جَذبا ۽ احساسَ هِنَ ڪتاب ۾ محفوظ ڪيا آهن، جنهن لاءِ مان کيس مبارڪ ڏيان ٿو.

    امر اقبال
    7 آڪٽوبر 2015ع
    خيرپورميرس


    محبتن جو متلاشي شاعر- رشيد ڪليري

    پنهنجي داخلي پيڙا ۽ اندر جي واردات کي لفظن جو روپ ڏئي پنهنجي جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو ڏانءُ جهڙي ريت منهنجي پياري دوست رشيد ڪليري ۾ آهي، اُهو ڪنهن ڪنهن ۾ هوندو. پيار، پريت، پنهنجائپ، پاٻوهه، اُڪير، اوسيئڙي ۽ انتظار جي ڪيفيت ۾ ويڙهيل سندس خيال سندس اندروني اُڃ ۽ عشق جو ڏس پتو ڏين ٿا.
    مان ٿَر آهيان پياسو، مان بَرُ آهيان تاسو،
    اَچُ رمندو اچ مونڏي، بڻجي تون ڪڪر سهڻا.
    اهنسا، امن ۽ عشق جو متلاشي رشيد ڪليري جي نيڻن ۾ محبوب جو عڪس سدا ترندو رهي ٿو ۽ سندس دل ۾ جذبات جو سمنڊ موجزن رهي ٿو:
    هو ڪلهه به هيو هتڙي ۽ هاڻ نظر ايندو،
    پل پل آ اُن جو مظهر جو پاڻ نظر ايندو،
    جنهن به ڪيو آ سهڻا صورت جو سير آهي.
    تصوف جي رنگ ۾ رنڱيل رشيد ڪليري جي فڪر ۽ فهم ۾ اول پاڻ سڃاڻڻ آهي. لطيف سرڪار جي پاڻ سڃاڻڻ وارو دڳ وٺي رشيد ڪليري ساهت جي دنيا ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. مون کي فخر آهي ته رشيد ڪليري شعر و ادب جي بادشاهه شاعر اهلبيت سيد اظهر گيلاني جو لائق شاگرد آهي، جنهن جو مان پڻ شاگرد آهيان. مون کي يقين آهي ته رشيد ڪليري پنهنجي فن ۽ ڪردار سان سنڌي ادب ۽ شعر جا جهول پنهنجي نادر ۽ ناياب تخليقن سان ڀريندو رهندو.

    خالد امير بخاري المعروف شاهه خالد
    سرپرست امير بخاري اڪيڊمي، بخارا ٻيرڙي شريف، گهوٽڪي
    21 ڊسمبر 2015ع


    مُحبتي ماڻهو

    ماٺيڻي طبيعت جي مالڪ محبتي ماڻهو رشيد ڪليري سان واقفيت 2009ع ۾ تڏهن ٿي، جڏهن مون کي گهوٽڪي ريڊيو FM تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هر ملاقات مهل مُرڪندڙ مُک سان حُجت مان ”حاجي صاحب“ چئي مخاطب ٿيندڙ رشيد ڪليري سان ٿوري عرصي ۾ گهرو لاڳاپو ٿيڻ جو سبب بيشڪ سندس سادگي پسندي ۽ سهڻو سڀاءُ ئي آهي.
    ادب جي دنيا سان رشيد جو واسطو تمام پراڻو آهي. شروعاتي طور خيرپور ريڊيو تي بحيثيت لسنر خط و ڪتابت ڪندڙ رشيد کي بطور انائونسر به ساڳي اسٽيشن تي خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو مليو. هينئر ريڊيو گهوٽڪي تي سندس الڳ انداز ۽ رُعبدار آواز کان مون سميت کوڙ سارا ماڻهو متاثر آهن. رشيد جي لِکڻين توڙي شاعري منجهان سندس خيالي پُختگي جي خبر پوي ٿي.
    پنهنجي ذاتي لائبريري ۾ هزارن جي تعداد ۾ هر موضوع تي ڪتاب سهيڙيندڙ رشيد ڪليري جي ادب سان لڳاءُ جو احساس ملي ٿو. سندس شاعري جي مجموعي ’دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي‘ لاءِ مون ناچيز جون نيڪ تمنائون ۽ دعائون اهي ئي آهن ته شل قلم ۽ ڪاغذ سان سندس سنگت سدائين قائم ۽ دائم رهي.
    ڪا لٺ، ڪوئي بندوق يا ڏاٽو ڪوئي ناهي،
    هٿيار قلم جهڙو مگر ٻيو ڪوئي ناهي،
    لِک سچ پيو شاعر تون آن ڏاڍن کان به ڏاڍو،
    ها سمنڊ گڏاڻي هوندو ماٺو ڪوئي ناهي.

    نجم گڏاڻي
    R.J انڊس ريڊيو ايف. ايم 91، گهوٽڪي
    6 ڊسمبر 2015ع


    اسانجو رشيد ڪليري

    اسان جو هونهار شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس ۽ انهن جو اداڪار، هدايتڪار ۽ ريڊيو ڪمپيئر، انائونسر رشيد ڪليري سان منهنجي پهرين ملاقات والد گرامي قبله سيد اظهر گيلاني جي توسط سان حيدري منزل گهوٽڪيءَ ۾ ٿي. رشيد ڪليري کي شاعري جي شوق ڏکڻ ايشيا جي هڪ عظيم ۽ عاليشان علمي مڪتب تائين پهچايو، جنهن جو نام نامي اسم گرامي سيد اظهر گيلاني آهي، جنهن جي علمي بصيرت مان لکين ماڻهو فيضياب ٿيا. هي به انهن علم دوستن مان هڪ آهي.
    سندس شاعري تي مبني ڇپيل ڪتاب تي ضرور سفندان ۽ سخن فهم پنهنجي قيمتي مشورن ۽ راين کان راقم المعروف جا مصنف سان برادرانه ۽ دوستانه تعلقات آهن، هن کي پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڪيئن ڏٺو ۽ ڇا ڏٺو جي باري ۾ ڪتاب جي قارئين کي ڪجهه گوش گذار ڪندس.
    رشيد ڪليري رلڻو، ملڻو، محبتي ۽ مجلس دوکي دولاب کان پري، راڳ رنگ جي محفلن جو شيدائي، پاڙي اوڙي سان سٺو ورتاءُ ڪندڙ انسان جي عظمت جو قائل، دوستي ڏي مائل، خوش پوش، خوش نوش ۽ باذوق انسان آهي. والد گرامي کان شروعاتي دور ۾ شاعري ۾ اصلاح وٺندڙ هو ۽ ان جي علمي، ادبي، موسيقي جو نشين ۾ نهايت ذوق شوق سان بهرو ورتائين.
    ڪيترو پرايائين؟ ڇا حاصل ڪيائين؟ ان جو قارئين جي راءِ ۽ مشوري تي ڇڏجي ٿو. اسان جي علم ادب جي سفر جي پانڌيئڙي هي ڪتاب ”دل جو درد ڄاڻي نه ڪوئي“ ڇپائي سنڌي ٻولي، سنڌي ادب جي سنڌي شاعري خدمتگارن ۾ پنهنجو نالو لکائي، پاڻ ملهايو اَٿائين.
    سنڌ جا شاعر اديب، اهل علم ۽ اهل قلم سندس حوصلو ۽ همت وڌائين ته جيئن هو لطافت جا موتي کنڊيري ۽ سندس شاعري اڃا وڌيڪ پراوان چڙهي. آخر ۾ دعا ٿي ڪجي ته اسان جو رشيد ڪليري سدا خوش ۽ خوشحال رهي، سندس محبتون علمي ادبي سفر جاري و ساري رهي.
    سالڪن جي صحبت سنگت ۾ رهي ۽ نومولود شاعرن اديبن جي پنهنجي وس ۽ وت آهر رهنمائي ڪندو رهي.
    رشيد جي شاعري پسند پوي ته خير جي دعا ۾ ياد ڪجو ناپسند پوي ته تڏهن به خير جي دعا ۾ ياد رکجو. يار زنده صحبت باقي.

    سيد واجد گيلاني
    مڪتب قصرالادب گهوٽڪي


    نئين ٽهيءَ جو ناميارو شاعر

    دؤرِ حاضر ۾ بيشمار تخليقات سامهون اچن پيون، ڪتابن کان لاتعلقي گهڻي ٿي وئي آهي، مگر هن دؤر ۾ به ڪتابن سان محبت ڪندڙ بيشمار ماڻهو آهن، اُن هوندي به هر مهيني هر سال هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب شايع ٿين پيا ۽ شائقين وڏي شوق سان ڪتاب خريد ڪري پڙهن ٿا ۽ اُنهن اديبن جي پورهئي مان فيضياب ٿين ٿا. نئين ٽهيءَ جو ناميارو شاعر رشيد ڪليري انهن انمول هيرن مان هڪ هيرو آهي، جنهن لفظن جا جواهر پنهنجي تازي ”دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي“ ڪتاب جي صورت ۾ سنڌ واسين لاءِ تحفي طور پيش ڪيا آهن، ۽ جيڪي اِلاهي اوجاڳن ۽ اڻ ٿڪ محنت ۽ وڏين پيڙائن کان پوءِ اسان تائين پهچايا آهن. آءٌ اِن محنت محبت ۽ خلوص ڀري ڪاوش تي رشيد ڪليري صاحب کي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو ۽ ٻنهي هٿن سان سلام ڪريان ٿو.

    معظم بلوچ
    آر. جي، 104، ڪشمور
    27 ڊسمبر 2015ع


    رشيد ڪليري- هڪ عوامي شاعر

    رشيد ڪليري شروع ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جو لسنر هو جيڪو مختلف ادبي، ثقافتي، اصلاحي ۽ معلوماتي پروگرامن ۾ خطن وسيلي حصو وٺي پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو هو، اڳتي هلي پنهنجي ڪوشش ۽ محنت جي ذريعي ريڊيو جو انائونسر ٿيو. هن وقت هو گهوٽڪي ريڊيو ايف ايم تي ڪمپئرنگ ڪري رهيو آهي، رشيد ڪليري پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي آڌار ڀلوڙ شاعر آهي. سندس اڪثر شاعري رومانوي آهي ۽ شاعريءَ ۾ سڌاسنوان عام ٻهراڙيءَ ۾ ڳالهائڻ وارا لفظ استعمال ٿيل آهن، جنهن کي هر ماڻهو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.
    اِها عوامي شاعر هجڻ جي نشاني آهي. سندس شاعريءَ جو هي پهريون ڪتاب آهي، اُميد ته هن ادبي پورهئي کي پڙهندڙن طرفان ڀرپور موٽ ملندي. رشيد ڪليري هڪ سٺو دوست خوش طبع ۽ سخي مزاج ماڻهو آهي، رشيد عشقيه شاعر ته اڳ ۾ ئي هُيو. ليڪن هن منهنجي صلاح ۽ چوڻ تي حمديه ۽ نعتيه شاعري لکڻ شروع ڪئي جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ڌڻيءَ در دعا آهي ته رشيد اڃا به وڌيڪ حمديه، نعتيه ۽ اصلاحي شاعري لکڻ جي سعادت حاصل ڪري پاڻ ملهائيندو رهي ۽ ڪاميابي ماڻيندو رهي. آمين.

    گلزار چنا
    باغ چنا، گهوٽڪي
    26 نومبر 2015ع


    ارڏو ۽ انقلابي شاعر

    سنڌ جي هن وڌندڙ افراتفريءَ واري دؤر ۾ اڃا به ڪيترائي ارڏا جوان جيوت آهن، جيڪي پنهنجيءَ سوچ ۽ لوچ، غور و فڪر ۽ تحريرن ذريعي هن ڌرتيءَ ماءُ جي رهواسين جي سوچ بدلائي، نفرتن جي سرءُ کي ختم ڪري، مُحبتن جي بهار آڻي خُوشين کي پنهنجي ماتر ڀُوميءَ تي ڪنهن بِن بادل برسات وانگي وسندي ڏسڻ جا سُندر سپنا پيا ڏسن ۽ فقط اُهي سپنا نه پيا ڏسن، پر پنهنجن سپنن کي ساڀيان بنائڻ لاءِ راتو ڏينهان، هٿ ۾ ڪاغذ قلم کڻي، ڪنهن نئين ڳالهه، ڪنهن نئين خيال کي تحريري رُوپ ڏيئي، پنهنجي پاران هر مُمڪن ڪوشش پڻ ڪري رهيا آهن. مان اهڙن پيارن ماڻهن لاءِ الله سائين کان اها دُعا ٿو گهُران ته شل، سندن اهڙين ڪاوشن عيوض، کين اُها موٽ به ضرور ملي، جيڪا سندن يقيني حق آهي. (آمين)
    سنڌ جو سهڻو شاعر جناب رشيد ڪليري صاحب به اُنهن انقلابيءَ ۽ ارڏين شخصيتن منجهان هڪ آهي. مان سائينجن جو بيحد مشڪور آهيان، جو سائينجن شاعريءَ جو خوبصورت گُلدستو ”دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي“ سنڌ واسين کي ارپي ڇڏيو. مان اُميد ٿو ڪريان ته هيءَ ڪتاب سمورن پڙهندڙن لاءِ لاڀائتو ٿيندو. هيءُ ڪتاب، جيڪو هن وقت توهان جي هٿن ۾ آهي، اِن جو پاڻ به دل کولي مطالعو ڪندا ۽ پنهنجي پيارن، دل وارن کي هيءُ ڪِتاب سُوکڙيءَ طور به ضرور پيش ڪندا.

    غلام حُسين المعروف
    هدايت الله سولنگي
    ڳوٺ ٻوڙي، اوٻاوڙو
    03003831215


    رشيد ڪليري: سنڌ جو مٺڙو شاعر

    نوجوان شاعر، ڪمپيئر ۽ صحافي رشيد ڪليري ولد حاجي دلاور حسين ڪليري، ڳوٺ حاجي نيڪ محمد ڪليري تعلقه گهوٽڪيءَ ۾ 2- آگسٽ 1970ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٽوٻا مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ ڊي.سي هاءِ اسڪول گهوٽڪيءَ مان 1986ع ۾ پاس ڪيائين. 1990ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي. ايس. سي پاس ڪئي ۽ ايم. ايس. سي 1993ع ۾ ڪيمسٽري ۾ ساڳيءَ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين. 1998ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ شروع ۾ ٻارڙن جي رسالي گل ڦل ۾ لکڻ شروع ڪيائين، 1996ع کان فن جي دنيا ۾ بطور انائونسر ريڊيو پاڪستان خيرپور تان خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو. 2002ع ۾ شاعري جي شروعات ڪيائين، سندس ادبي تربيت ۾ نامياري شاعر سيد اظهر گيلاني جو وڏو هٿ رهيو ۽ هن وقت شاعر ڊاڪٽر عبدالشڪور سولنگي کان شاعري ۾ اصلاح ڪرائي ٿو، سندس شاعريءَ کي کوڙ سارن سٺن سٺن فنڪارن ڳايو اٿس، جنهن ۾ انور حسين وسطڙو، ربنواز مهيسر، غلام شبير شاهاڻي، عاشق علي نظاماڻي، عبدالرحيم ميراڻي، نجب علي وسطڙو ۽ ٻين کوڙ سارن فنڪارن به ڳايو آهي. اُن کان علاوه سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ۽ ايڊوائيزر به رهيو آهي، رشيد جي شاعري ۾ سادگي، نفاست ۽ حساسيت جو خوبصورت امتزاج ملي ٿو، اها فني ۽ فڪري طرح پختي آهي، جنهن ۾ پيار جي ذڪر سان گڏ سماج جي فرسوده روايتن جي نندا شامل آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانوي ۽ سماجي شعور موجود آهي. سن 2007ع کان روزانه سنڌ اخبار جو نمائندو مقرر ٿيو، انهيءَ ۾ مختلف موضوعن تي سندس ڪالم ڇپيا. ان کان علاوه سال 2008ع کان گهوٽڪي 91 ريڊيو ايف. ايم تي ڪمپيئرنگ جا فرض سرانجام ڏيئي رهيو آهي. 2013ع ۾ يونين آف جرنلسٽ تعلقي گهوٽڪيءَ جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو. رشيد سٺو شاعر، مضمون نگار ۽ صحافي آهي. سندس ٻه ڪتاب لکيل آهن، مالي وسيلا گهٽ هجڻ ڪري ڇپجي ناهن سگهيا، جن ۾ ڪتاب ”اک ٿي ڦري“ ۽ ”اڻپورا خواب“ آهن، کيس هڪ پنهنجو ذاتي وڏو ڪتب خانو موجود اٿس، هن وقت سندس لائبريري ۾ مختلف موضوعن تي 1000 ڪتاب موجود آهن. اخلاقي، تاريخي، سماجي، اقتصادي، عام معلومات، شاعري، اسلامي ۽ ٻين موضوعن تي لائبريري جي زينت بڻيل آهن. ان کان سواءِ ريڊيو جي مختلف ڪمرشل پروگرامن ۾ ايوارڊ مليا. ڦلجي اسٽيشن ۾ پروگرام ”لوچين سي لهن“ جي سالگرهه جي فورم طرفان ايوارڊ سان نوازيو ويو، ان کان پوءِ سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ طرفان خيرپور ۾ ڪرايل سال 2013ع ۾ Dates Exhibition@Seminar Khairpur طرفان بهترين انائونسر طور سرٽيفڪيٽ مليو. کيس سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌيڪا اڪيڊمي ۽ ٻين ادارن ۽ مختلف تنظيمن طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ مليا ۽ ٻين مختلف تنظيمن ڪيترائي ايوارڊ ۽ سندون ڏنيون، عملي زندگي ۾ هن وقت پاڻ پنهنجو ڪاروبار ڪري رهيو آهي ۽ ادب سان گهڻو لڳاءُ اٿس ۽ ادبي سرگرمين ۾ سرگرم آهي.

    - عبدالحئي ڀٽو
    ماٿيلو مومل جي ماڙي
    28 ڊسمبر 2015ع


    پنهنجي پاران

    سڀئي ساراهون ۽ تعريفون، الله تعاليٰٰٰٰٰٰٰٰ لاءِ آهن، جيڪو سڀني جو خلقڻهار آهي ۽ هن ڪائنات جو مالڪ ۽ مهربان آهي. هن ڪوڙي دنيا ۽ آخرت جو بيپرواهه بادشاهه آهي. انسان کي اشرف المخلوقات بڻايو، ليڪن الله تعاليٰ جي قدرتن جو شمار انسانن جي علم کان بُلند آهي هر مخلوق ۾ الله سائين وسي ٿو. حقيقت ۾ منهنجو ادبي پورهيو گهڻو ٽِڙيل، پکڙيل آهي، وقت جي ڪمي ڪري اُن کي مان سانڍي ناهيان سگهيو. هي ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ دوستن منهنجي همت افزائي ڪئي ته تنهنجو هڪڙو شاعري جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچڻ گهرجي. سو آهستي آهستي ٽڙيل پکڙيل پنن کي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ آندو آهي، جڏهن انسان ۾ قدرت جي طرفان تخليق ۾ سگهه ايندي آهي، ته اُن جي منزل آسان ٿي پوندي آهي. الله سائين مون کي اِها همت ڏني ته مون ادب جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لکيو آهي. گهڻي مصروفيات جي ڪري ادبي رهاڻين ۾ شموليت گهٽ رهي آهي. دعا ڪيو ته الله سائين اڳتي همت ڏي.
    آخر ۾ آئون انهن دوستن جو ذڪر ڪندس جن دوستن هن ادبي سفر ۾ منهنجي مدد ڪئي. جناب ڪوثر ٻرڙو، جنهن هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو، سٺي دوست ۽ شاعر عبدالرحيم عزمي جو به بيحد احسانمند آهيان، جنهن هن ادبي پورهئي کي هٿ ۾ کڻي، ڪتابي صورت ۾ آڻي اوهان جي هٿن تائين پهچايو آهي. ڊاڪٽر عبدالشڪور سولنگي جو به ٿورائتو آهيان، جو هو قدم قدم ۽ وِک وِک تي اصلاح ڪندو رهيو. غلام حسين المعروف هدايت الله سولنگي جا به قرب شامل آهن، جنهن تاثرات لکي موڪليا. ان کان علاوه عبدالحئي ڀٽي جي به رهنمائي شامل آهي. آءٌ بهترين ڪمپيئر ۽ سٺي دوست سيد غضنفر شاهه بخاريءَ جو به احسانمند آهيان، جو ان به ادبي پورهئي ۾ مدد ڪئي.


    رشيد ڪليري
    26 ڊسمبر 2015ع، گهوٽڪي

    03009317537


    شاعري

    حمد


    ڪوجهي ڪِني ۽ سهڻن تي،
    ٻاجهه ڪريم ڪري ٿو سڀن تي.

    اُلفت ٿيو، عالمَ پيدا،
    پيار ڪيو ويو فرض دلين تي.

    پل به پري هو ناهي ڪنهن کان،
    نظر رکي ٿو، مؤلا بندن تي.

    ”رشيد“ فاني، دُنيا آهي،
    يڪو بهار نه رهندي چمن تي.
    




    تعريف تنهنجي ساراهه، لاالله الاالله،
    تو ئي خلقيا گاهه ۽ ماهه، لاالله الاالله.

    سِج، چنڊ، تارا ۽ ڪتيون حڪم تنهنجي سان هلڻ،
    وڻ ٽڻ سارا منهنجا سائين توکي ٿا سجدا ڪن،
    هر دل توکان آ آگاهه، لاالله الاالله.

    مارين جيارين تون، ساري توکي طاقت آ،
    ساري جڳ جي مٿان مالڪ تنهنجي رحمت آ،
    تون آن باري بيپرواهه، لاالله الاالله.

    حال اسان جا هيڻا ٿئي، ٻاجهارا پنهنجي ٻاجَهه ڪجانءِ،
    ميرن مندن تي نظر ڪَرَم جي واجهه ڪجانءِ،
    توکان سواءِ ٻي ناهي واهه، لاالله الاالله.

    ”رشيد ڪليري“ تي مؤلا قرب ڪروڙين توئي ڪيا،
    پيارو مديني وارو مليو ڀاڳ اسان جا کُليا،
    ڏِنئي سهڻو رسولُ گواهه، لاالله الاالله.
    


    نعت

    نعت

    ٻڌائي ڪو مون کي مديني جون ڳالهيون،
    مٺي محب دل جي نگيني جون ڳالهيون.

    ڏسان سَبز گُنبد، او، دلڙيءَ کي ٺاريان،
    سائينءَ جن جي سِڪَ ۾ هَنجون ويٺو هاريان،
    وَڻن ٿيون نوراني خزيني جون ڳالهيون.

    هر سال حاجي سڳورا وڃن ٿا،
    مديني شهر کي ڏوري ڏسن ٿا،
    ڪن ٿا سفر ۽ سَفيني جون ڳالهيون.

    مديني جي خوشبوءَ مُعطر ڪري ٿي،
    محبت مديني جي مؤثر ڪري ٿي،
    وڻن ٿيون پرين جي پَسيني جون ڳالهيون.

    ”ڪليري رشيد“ کي ڪيو سڀ دعائون،
    مؤلا پَسائي، روضي جون ڇَانئون،
    آهن ربَ کي معلوم، سيني جون ڳالهيون.
    ***

    مُلڪ مُحمد پاڪَ جو مؤلا،
    پَروَرَ مون کي تون پَساءِ،
    روضي رسول الله جي سامهون،
    مالڪ سائين مون کي پُڄاءِ.

    هِتڙي سِڪان ٿو سنڌ ۾،
    سهڻي جي سِڪَ آهي جِند ۾،
    واڳ منهنجي مؤلا سائين،
    جلد مديني پاڪ وَراءِ.

    خاڪِ مديني جي چُمان،
    سُرمو اکڙين جو ڪيان،
    گبند خِضرا جو تون،
    اکڙين سان ديدار ڪراءِ.

    مسجد نبوي ۾ وڃان،
    رياضُ الجنت ۾ نفل پڙهان،
    عيبن هاڻي هن بندي جون،
    سموريون دعائون اَگهاءِ.

    ”رشيد ڪليري“ کي تون مؤلا،
    جلد مديني پاڪ رساءِ،
    حُب حبيب جي آهي دل ۾،
    سنڌ ۾ مالڪ ڪِين سِڪاءِ.
    ***

    نعتيه مولود


    ڀلو مهمان آيو آ، ماههِ رمضان آيو آ،
    سڀئي مومن ٿيو خوش اڄ، خدا وارو وَرايو آ.

    ڪئي رَب پاڪَ رحمت آ، پنهنجي سهڻي ٿي قسمت آ،
    ڀلو مهمان آيو آ، ماههِ رمضان آيو آ،
    سڀئي مومن ٿيو خوش اڄ، خدا وارو وَرايو آ.

    ٽيهئي روزا سنڀاري رک، بيهي قرآن سهڻو ٻڌ،
    ڀلو مهمان آيو آ، ماههِ رمضان آيو آ،
    سڀئي مومن ٿيو خوش اڄ، خدا وارو وَرايو آ.

    ذڪر اَذڪار جو مهينو، آهي هُٻڪار جو مهينو،
    ڀلو مهمان آيو آ، ماههِ رمضان آيو آ
    سڀئي مومن ٿيو خوش اڄ، خدا وارو وَرايو آ.

    ويو ٿي قيد شيطان آ، ٿيو اڄ راضي رحمان آ،
    ڀلو مهمان آيو آ، ماهه رمضان آيو آ،
    سڀئي مومن ٿيو خوش اڄ، خدا وارو وَرايو آ.

    کُليا دروازا جنت جا، ۽ بند دَر ٿي ويا دوزخ جا،
    ڀلو مهمان آيو آ، ماههِ رمضان آيو آ،
    سڀئي مومن ٿيو خوش اڄ، خدا وارو وَرايو آ.

    ”ڪليري“ خوب خوشيون ڪر، ”رَشيد“ سارا روزا رک،
    ڀلو مهمان آيو آ، ماهه رمضان آيو آ،
    سڀئي مومن ٿيو خوش اڄ، خدا وارو وَرايو آ.
    ***



    هي دنيا جنهن جي ڪري ته ٺهي آ،
    سو نبي آ، نبي، منهنجو سهڻو نبي آ.

    عرش ۽ فرش تي جنهن جي حڪومت
    نبوت آ، اُن جي، ختمِ نبوت،
    غلام جنهن جي دَرَ جو وحي آ.

    نمازون ۽ روزا جنهن کي مليا هِن،
    قرآن جا سيپارا ٽيهه ئي لٿا هِن،
    قرآن مان ئي ساري خبر پئي آ.

    مدينو شهر ته سهڻي جو گهر آ،
    ساري دنيا کان بهتر شهر آ،
    اُٺو نورِ رحمت جو جِت هَر گهڙي آ.

    ”رشيد ڪليري“ جن روضو ڏٺو آ،
    مَرڻ تائين تِن کان نه وِسري سگهيو آ،
    مُحمد سان جنهن به محبت رکي آ.


    منقبت

    ڪُل ڪائنات مڃي ٿِي دل سان، علي اسان جو امام آهي،
    هر هڪ مؤمن ساري دنيا جو، عليءَ جي دَرَ جو غلام آهي.

    علي آ حيدر علي بهادر، شير خدا علي علي آ،
    مظلوم بيواهه يتيم هر هڪ، علي جي در تي سام آهي.

    سخا، شجاعت، عِلم ۽ حڪمت، علي سائين تي دنگ آهي،
    فيض علم عالم ساري تي، علي سائين ڪيو عام آهي.

    منقبت پڙهي دل ٺري ٿي، ذڪرِ عليءَ ۾ سڪون آهي،
    حبدار حيدر کي دم بدم، ٻنهي هٿن سان سلام آهي.

    علي آ مرشد علي آ رهبر، علي جو اَدنيٰ غلام آهيان،
    ”رشيد ڪليري“ حُب اِنهيءَ ۾، زندگي ٿِيڻي تمام آهي.
    ***


    غزل

    چوري ڪري دل منهنجي کلندو وتين ٿو تون،
    مجبور مٺا مون کي ڏسي، کلندو وتين ٿو تون.

    ناز ڪرين ٿو حُسن تي، پرواهه نٿي ڪنهن جي،
    تو ۾ ڏسان ٿو مَڳي، کلندو وتين ٿو تون.

    پيار ۾ جهيڙو، نه ڪر تون، ڦير نه مون کان نظر تون،
    وئي توسان آ دل لڳي، کلندو وتين ٿو تون.

    ”رشيد ڪليري“ قرب ٿو چاهي، دُنيا دولت گُهرندو ناهي،
    ڏس مون ڏي مٺا تون کِلي، کلندو وَتين ٿو تون.
    ***


    بندا ڪر نه وڏائي موت اچڻ وارو ٿي،
    نوڙت ۾ آ سچائي، ساهه وڃڻ وارو ٿي.

    فاني جهان آ، فنا ٿيندو سڀ ڪجهه،
    باقي نالو رَب جو هتي رهڻ وارو ٿي.

    اِها تَڏ، تڪبر ڪندين، اڳتي ڪنهن سان،
    قبر جو انڌارو هاڻي اَچڻ وارو ٿي.

    اَبو، امڙ، ڀائر نه ڪي گهر جا ڀاتي،
    مرڻ کان پوءِ هَرڪو اِهو ڇڏڻ وارو ٿي.

    ”ڪليري“ تون توبه مَرڻ کان اڳي ڪر،
    خدا پاڪ معافي مٺا ڏيڻ وارو ٿي.
    ***



    توکي ڪهڙي خبر او جانيئڙا!، مون کي توتي ڪيڏو ناز آهي،
    تنهنجي هر ادا، آهي من مُهڻي، تنهنجو مصري جهڙو آواز آهي.

    توسان نظر ملي هوش ڀُلجي ويا، اَلاَءِ مون تي ڪهڙا تو جادو ڪيا،
    هڪ پل ۾ مِٺا ٿي تنهنجو ويس، تنهنجي ڏسڻ ۾ اهڙو راز آهي.

    نه آئينو ڏس متان نظر لڳيئي،پنهنجو پاڻ سان ٿي متان پيار وڃيئي،
    منهنجا سائين سَراپا سون آهين، تنهنجو پيارو پرين انداز آهي.

    ڇڏي دنيا ساري مون کي پنهنجو ڪَيُئِه، ڪري قرب ”ڪليري“ کي پيار ڏنئي،
    رب ڄاڻي”رشيد“، خريد ٿي ويو، منهنجو توکي سَلامُ نيازُ آهي.
    ***


    سڄڻ سائين وئي ڪاڏي اُها تُنهنجي وفاداري،
    اُهي قسمون اُهي واعدا مٺا تنهنجي وفاداري.

    ڏنئي صدما محبت ۾ صنم توکي ته شابس آ،
    ڏنا تو پيار ۾ ڏکڙا، واهه وا تنهنجي وفاداري.

    دنيا وارا کِليا مون تي ڏسي تنها هر جاءِ تي،
    پچر هي جابجا ٿي وئي، گلا تنهنجي وفاداري.

    اوسيئڙو آ اڃان تائين ”رشيد“ راهون نهاريان ٿو،
    ”ڪليري“ هاڻي سمجهيم هئي دغا تنهنجي وفاداري.
    ***


    ڏک ۾ ساٿ نه ڇڏبو آ، مٺڙا مُنهن نه مَٽبو آ،
    ڇا به چئي ڀل هي دنيا، چوڻ نه ٻين جو مڃبو آ.

    غير ته جوڙ ڦٽائيندا، گِلائون ڪري به ٻڌائيندا،
    ٻين جي چئي تي مٺڙا ماڻهو، هروڀرو نه رُسبو آ.

    ساهه منهنجي ۾ آهين، سمايل دل کان پري ناهين هڪ پل،
    پيار ڪرڻ وارن کان پيارا، ائين پري نه رهبو آ.

    ”رشيد ڪليري“ قربَ ڪُٺو، دور گذارڻ ناهه سٺو،
    روز ملڻ جي ٿي نه سگهي، ڪڏهن ڪڏهن ته ملبو آ.
    ***


    نينهن نازڪ ڌاڳو آ، ڇنڻ جي ڪوشش نه ڪر،
    عشق ڏاڍو اڙانگو آ، ڇنڻ جي ڪوشش نه ڪر.

    اَزل کان توسان آ، منهنجو ناتو، اڃا تائين مون کي تو نه سڃاتو،
    ٻيو پيار مهانگو آ، ڇنڻ جي ڪوشش نه ڪر.

    روح جو تون ئي آهين راڻو، مان مسڪين آهيان اَياڻو،
    توسان ساهه جو سانگو آ، ڇنڻ جي ڪوشش نه ڪر.

    ”رشيد ڪليري“ رهندو تنهنجو، قرب پرين ڪَرِهاڻي پنهنجو،
    هي سودو سهانگو آ، ڇنڻ جي ڪوشش نه ڪر.
    ***


    مان تنهنجو آهيان سرڪار، ڪجهه رحم ته دل ۾ ڌارِ،
    کڻي نيڻ تون مون ڏي نهار، ڪجهه رحم ته دل ۾ ڌار.

    توکي حسن تي آهي وڏائي، چڱي ناهي ڪنهن سان اُچائي،
    ڏينهن آه جواني چار، ڪجهه رحم ته دل ۾ ڌار.

    جي سور تون ڏيندين سَهندس، آهيان نوڪر، نوڪر رهندس،
    ڇڏي در نه ويندس ٻي وار، ڪجهه رحم ته دل ۾ ڌار.

    ڇو ويٺو آهين وساري، اچ توکي ”ڪليري“ ساري،
    مڃ عرض منهنجو سرڪار، ڪجهه رحم ته دل ۾ ڌار.
    ***


    سوا تنهنجي سهڻا نڪو ٻيو صنم آ،
    مڃين نه مڃين تون رب جو قسم آ.

    توکي سنڀاريان تولئه پڪاريان،
    ڪندو ياد هر هر توکي هي دم آ.

    تنهنجي انتظاري، تنهنجي بيقراري،
    تنهنجو فڪر، تنهنجو ئي غم آ.

    ايڏو ڇو آزارين، ايڏو ڇو ٿو ڳارين،
    ”ڪليري“ سان ايڏو ڇو تو ڪيو ستم آ؟
    ***


    يار جو ديدار ٿيو، ديدار تان صدقي وڃان،
    هار تان صدقي وڃان، سينگار تان صدقي وڃان.

    يار جا ٿورا نه ٿورا، ڪهڙا ڳائي ڳائجن؟
    پاڻ آيو گهر هلي، دلدار تان صدقي وڃان.

    سِرُ ويو ڇا ٿي پيو، رُتبو شهادت جو مليو،
    تُنهنجي ابرو جي تکي، تلوار تان صدقي وڃان.

    مُلڪ دل جو ويو ڦُري آ، بنجي ڦورو زور سان،
    اي ”ڪليري“ حُسن جي سرڪار تان صدقي وڃان.
    ***



    مُنهن مٽيو تو شهر کي ڇڏڻو پيو،
    بڻجي مجنون رڻ ۾ آ رهڻو پيو.

    حسن جي خيرات خاطر ٿي فقير،
    تنهنجي در تي دلربا اچڻو پيو.

    عشق، عاشق کان وٺي ٿو امتحان،
    عشق ۾ هر هڪ ستم سهڻو پيو.

    يار ڏي سهڻي نموني اي ”رشيد“،
    حال دل جو شعر ۾ لکڻو پيو.
    ***



    دلبر توکي رُسڻ نه ڏيندس،
    ڳالهه صفا ڪر وڃڻ نه ڏيندس.

    پنهنجي پيار جو پيچ آ پُختو،
    سڪ جي سڳي کي ڇنڻ نه ڏيندس.

    تو جو مُڪو آ ڇلو نشاني،
    ڪنهن کي ڀي مان ڏسڻ نه ڏيندس.

    منهنجي دل جي رت سان هٿ رڱ،
    ميندي توکي هڻڻ نه ڏيندس.

    دل ته ”رشيد“ جي تنهنجو گهر آ،
    دل ۾ ٻي کي رهڻ نه ڏيندس.
    ***


    وڇوڙي ڪرائي آ ياري کان توبه،
    حياتي سڄي انتظاري کان توبه.

    سڄي رات تارن ۾ تارا رهن ٿا،
    ڪٿي دل انهيءَ بيقراري کان توبه.

    اچي چنڊ منهنجو ڪري اڱڻ اُجرو،
    جدائي جي آ رات ڪاري کان توبه.

    جي گاري ۾ گهرجي، نه ڦهنگن کان ڊڄجي،
    جي عشق آ اندر ۾، ڇو خواري کان توبه.

    ٿيو عشق تنهنجي ۾ رُسوا ”رشيد“ آ،
    هنئير ڇو ڪري آه وَ زاري کان توبه.
    ***

    پهريون پيار ڏئي، پنهنجو ڪرڻ، پوءِ چڙڻ کپڻ ته ٺهي نٿو،
    هجي ڏوهه ڪو ته چئي ڏجي، ڏک ڏمر ڪرڻ ته ٺهي نٿو.

    تون ته غير سان گڏجي گهارين ٿو، مون ڏي ڀُلجي ڪين نهارين ٿو،
    مون کي چوڻ ته ايندو آهي پر، توکي ڪجهه چوڻ ته ٺهي نٿو.

    جي نه لائجي ته، نه لائجي، ياري لائجي ته نڀائجي،
    سڳو سڪ جو، سڪ سان ساهي، ڏئي ڇِڪ ساڻ ڇِنڻ ته ٺهي نٿو.

    تنهنجي واسطي ان ڏک ڏٺا، سوين سور ۽ صدما سٺا،
    تنهنجي در جي ٻانهي ”رشيد“ کي پنهنجي در تان تڙڻ ته ٺهي نٿو.
    ***



    مثِل پٿر ٿي برابر، نه سزا پيدا ڪجي،
    دل جي عيوض دل ڏئي نينهن صفا پيدا ڪجي.

    يار جي ڪونهي خوشي، رڳو غم ئي غم آ،
    سُرمو ۽ سينگار، ڪيئن دلبر سوا پيدا ڪجي.

    حيف ان جي پار کي، جنهن نه سڃاتو يار کي،
    وقت چاهي ٿو ته واعدن ۾، وفا پيدا ڪجي.

    منهنجي درد جي دوا نه دلدار آهي”ڪليري“،
    يار جي ديدار ريءَ، ڪهڙي دوا پيدا ڪجي.
    ***

    اڃا ڇو نه آيو، هلي يار پيارو،
    ڏسندي ويو آ، لهي سج سارو.

    سڄڻ کي سنڀاريان، اڱڻ کي ٻهاريان،
    ٿو راهون نهاريان، هڻايان ٿو ڍارو.

    نڪي پاڻ آيو، نڪي اُن چوايو،
    ڀورل ڇو ڀُلايو، اهو آ من مونجهارو.

    ڪري قرب هيڪر، ”ڪليري“ آيو دلبر،
    ٿيو بخت بهتر، وريو آهي وارو.

    ***


    رُسين ڇو ٿو، رُسڻ ڪنهن کان سکيو آهين؟
    چڙين ڇا کان، چڙڻ ڪنهن کان سکيو آهين؟

    لڳن ٿا تير پنبڙين جا سڌا دل ۾،
    کڻي اکڙيون ڏسڻ ڪنهن کان سکيو آهين.

    جي مُشڪين رات جو ٿي روشني ويندي،
    ڪِرن ٿا گل کِلڻ ڪنهن کان سکيو آهين.

    ”ڪليري“ سان ڪري وعدو نه پهچين ٿو،
    ڏٽا اهڙا ڏيڻ ڪنهن کان سکيو آهين.

    ***



    سڄي سنسار ۾ ڳولهي ڪبو هڪ يار ته آهي،
    ڪري واعدا وفا جا پوءِ، ڪبو پيار ته آهي.

    سِر جو سودو ڏکيو آهي، سمجهي ڪو اچي ڪاهي،
    ڀلي لنوَ پوءِ اَچي لائي، ڪنهن کي انڪار ته ناهي.

    سودو سِر جو نه سهانگوآ، ملي مشڪل مهانگو آ،
    لاهبو سِر جو سانگو آ، ڏکيو وهنوار ته آهي.

    پيار ۾ نه آ ڪڇڻو، ڪسر ڪس کي ناهي ڏسڻو،
    ڇا جو روئڻ وري ڏسڻو، ڪبو انڪار ته ناهي.

    ”رشيد“ ناتو نڀائڻو آ، اصل پير نه هٽائڻو آ،
    ڪڏهن پيار ۾ نه سهائڻو آ، سڪ جو واپار ته آهي.
    ***



    سوا تنهنجي سهڻا نه ٻيو ڪو صنم آ،
    خدا ٿو ڏسي ۽ خدا جو قسم آ.

    تو اقرار ڪيڏا ڪيا، پر تون نه آئين،
    انهيءَ جهوري جهوريو، هي دل کي غم آ.

    مليو مون کي خط جو جواب آهي مس مس،
    اها ڀي عنايت، اهو ڀي ڪرم آ.

    جي سامهون اچين ٿو، وڃين منهن مٽائي،
    ”رشيد“ سان نه ايڏو جائز ستم آ.
    ***



    اکين ۾ اڄ مِٺو رهندو، سڄڻ منهنجي اڱڻ ايندو،
    وڇوڙو ٿي ختم ويندو، سڄڻ منهنجي اڱڻ ايندو.

    صبح کان هُن جي راهن ۾، ويٺو آهيان چرين وانگي،
    ڪڏهن بادل جيان وَسندو، سڄڻ منهنجي اڱڻ ايندو.

    روئاريو مون کي هُن آهي، کلائڻ جو ڪري واعدو،
    ڪڏهن هي لُڙڪ اچي اُگهندو، سڄڻ منهنجي اڱڻ ايندو.

    ”ڪليري“ ڪنهن کي دانهون ڏي، رَنجايو آ ”رَشيد“ کي هُن،
    مگر پوءِ ڀي مؤلا ٻُڌندو، سڄڻ منهنجي اڱڻ ايندو.
    ***



    پيار مون توسان ڪيو ڪيڏي خطا آ ٿي وئي،
    مون ڪئي توسان وفا، مون سان جفا آ ٿي وئي.

    اي صنم سُک چَين مون کي سِڪائي تو ڇڏيو،
    تنهنجي ياري ڄڻ مصيبت ڪا بلا آ ٿي وئي.

    مون ٿي سمجهو منهنجو ٿيندين پر پَرائو ٿي وئين،
    ڇو اسان کان يار تنهنجي دل خفا آ ٿي وئي.

    ”ڪليري“ ڪنهن به نه ماڻهوءَ ۾ تون رک وفائي جي اميد،
    دوستيءَ ۾ اي ”رشيد“ ڏس دغا آ ٿي وئي.
    ***



    دل کسايم جنهن هٿان اڄ تائين وسريو ڪونه آ،
    نه ٿو لهي هُو دل مٿان اڄ تائين وِسريو ڪونه آ.

    ڇا ته اکڙيون ڇا ته اَبرو، ڇا ته هن جا زُلف ها،
    ڪارو تِر هُيس ڳل مٿان اڄ تائين وِسريو ڪو نه آ.

    ٽور هُن جي کي ڏسي مور پيا صدقي وڃن،
    قربان ڇا گل کِل مٿان اڄ تائين وِسريو ڪو نه آ.

    ”رشيد“ دل جو راڻو ڪيم ”ڪليري“ اُن جو ٿي ويم،
    مُوهجي پيس هل چل مٿان اڄ تائين وسريو ڪو نه آ.
    ***



    نيڻ ٿڪي پيا روئي روئي،
    دل جو درد نه ڄاڻي ڪوئي.

    جنهن کي ساهه سهارو سمجهيم،
    سُورُ ڏئي ويو ساهه کي سو ئي.

    پٿر دل محبوب ڪيئي ڇو؟
    دل هاڻي تون تڙپ اُڪوئي.

    ڪر نه ”ڪليري“ پيار تون ڪنهن سان،
    روڪيو ”رشيد“ گهڻن، گهڻوئي.
    ***



    هُو ڌار ڪري ويو آ،
    آزار ڪري ويو آ.

    هي سُڃ سڄو مون ،
    سنسار ڪري ويو آ.

    مون پيار آڇيو ۽ هُو،
    انڪار ڪري ويو آ.

    هُو غير جي محفل ۾،
    اظهار ڪري ويو آ.

    چُهنڊيءَ جي شرارت تي،
    تڪرار ڪري ويو آ.

    جيئڻ ”رشيد“ جو هُو،
    دُشوار ڪري ويو آ.
    ***



    تون پيار کان ٿو انڪار ڪرين، افسوس آ تنهنجي رويي تي
    پنهنجو جيئڻ ٿو بيڪار ڪرين، افسوس آ تنهنجي رويي تي.

    هي پيار ته آهي او پيارا! جو ماڻهوءَ کي ماڻهو ٿو ڪري،
    جي ڪنهن سان ته ٿو تون پيار ڪرين، افسوس آ تنهنجي رويي تي.

    نه دِل ڏين ٿو، نه دل ٿو وٺين، جذبات نه ٿو سمجهين ڪنهنجا،
    نه ٿو ٻانهون ڳچيءَ جو هار ڪرين، افسوس آ تنهنجي رويي تي.

    اکڙين جي جهڙپ ۽ دل جي تڙپ، جيئڻ ۾ مزو پيدا ٿي ڪري،
    نه ٿو ڪنهن جو جي انتظار ڪرين، افسوس آ تنهنجي رويي تي.

    اچ راڳ”رشيد“ سان ڳاءِ وري، ۽ پيچ ”ڪليري“ پاءِ وري،
    جي اڄ ڀي ٿو اِنڪار ڪرين، افسوس آ تنهنجي رويي تي.
    ***


    رَڳ رَڳ ۾ ڄڻ پيار ڀري ٿو،
    مُرڪي ٿو ته هنيانءُ ٺري ٿو.

    ڪيئن مان ڀُليل هُن کي ڀانئيان،
    شام جي ويلي مون ڏي وري ٿو.

    سُورَ سَڄا مُون کي آ ڏيندو،
    ايڏو مونسان پيار ڪري ٿو.

    هُنَ کي اَچڻ ۾ دير ٿئي ٿي،
    منهنجو هتڙي ڳَچُ ڳري ٿو.

    هُن کي ”رشيد“ نه آهي خبر ڪا،
    ڪيڏو ”ڪليري“ هُن تي مري ٿو.
    ***



    ڪهڙي خطا آ کل ته سهي مَنَ!
    گهربي عطا آ کل ته سهي مَنَ!

    چئن ڪتابن ۾ چڙ ڪانهي!
    چڙ نه روا آ، کل ته سهي مَنَ!

    تنهنجي مُرڪ خوشي ٿي بخشي،
    غم جي دَوا آ، کل ته سهي من!

    پنهنجن سان آ پردو ڪهڙو،
    هي ته جفا آ، کل ته سهي من!

    قرب ڪليري سان ٿي هڪ،
    ڪرڻي وفا آ، کل ته سهي من!
    ***



    خواب ۾ دلبر ملي، ايندو مزو،
    زور سان ڀاڪر وجهي ايندو مزو.

    خواب ٿيندا، ڪيترا آهن سچا،
    جي اڱڻ تي هو اچي ايندو مزو.

    منهنجي دعوت تي اچي، ڪاوڙ ڇڏي،
    کٽ تي ويهي گڏ کلي ايندو مزو.

    دشمنن جي هنيانءَ تي مان مڱ ڏريان،
    باغ ۾ گڏجي گهمي ايندو مزو.

    مون کي جُهوريو آ جدائي اي ”رشيد“،
    وقت ڪجهه گڏجي رهي ايندو مزو.
    ***



    وفا ناهي زماني ۾، وفا جي ڳالهه ڪَرِ نه تون،
    ڏين ٿا دردَ دل وارا، دوا جي ڳالهه ڪَر نه تون.

    زخم ڏيئي هٿن سان پو مٿان وري لوڻ ٿا ٻُرڪن،
    رحم ناهي رهيو ڪنهن ۾، سخا جي ڳالهه ڪر نه تون.

    هر ماڻهوءَ آ مطلب جو بنا مطلب نه ياري آ،
    ڪجي ڪهڙي شڪايت بس، گلا جي ڳالهه ڪَر نه تون.

    ”رشيد“ مون محبت ۾ ” ڪليري“ جان به ڪئي حاضر،
    ملي هر موڙ تي مون کي دغا جي ڳالهه ڪَر نه تون.
    ***



    گل جي موسم آهين سهڻا،
    سِرَ منهنجي جو سائين سهڻا.

    تُنهنجي اچڻ سان بهار اچي ٿي،
    گل ٽڙن ڳالهائين سهڻا.

    هر هر اچ تون منهنجي اڱڻ تي،
    ڇو ٿو ڏينهن لڳائين سهڻا.

    ”رشيد“ لاءِ ڏينهن رات به تون آن،
    ”ڪليري“ کي نه سِڪائين سهڻا.
    ***



    گردش زماني جي ڀُلائي، نه وجهئي،
    ٺهيل مرتبو هيءُ ڊاهي نه وجهئي.

    عقل هوش ساڻ کڻ تون قدمڙا،
    ڀُلَ تِرَ جيتري رُلائي نه وجهئي.

    ڪِير ڪنهنجو ناهي اهو سمجهه سادا،
    کل اُبتي ڪوئي لاهي نه وجهئي.

    ”رشيد“ رنگ هزار ڏيکاري زمانو،
    ”ڪليري“ ڪوئي ڪٿي ڦُرائي نه وجهئي.
    ***



    پاڙون پَٽَ تون وڇوڙي جون، پيارن سان مِلان مؤلا،
    عجيبن کي اڱڻ پنهنجي، اکڙين سان ڏسان مؤلا.

    سِڪي هي ساهه جن لاءِ ٿو، سڄڻ ساٿي پري آهن،
    اُتي هو ٿا سِڪن مون هِتي تِن سِڪان مؤلا.

    گُهليو ڪو واءُ آ اَهڙو، جدا جوڙي ٿي وئي آ،
    سُتت ڪوئي ٺهي جلدي، پرين سان گڏ هُجان مؤلا.

    ”رشيد“ جون سڄيون راتيون، اوجاڳن ۾ پَيون گذرن،
    ”ڪليري“ قرب جا ڏينهڙا، اچن خوش ٿي کِلان مؤلا.
    ***


    سڏين ڇو ٿو هاڻي، ورڻ جهڙو ناهيان،
    وري هاڻي توسان، ملڻ جهڙو ناهيان.

    هُجي پيار جِتِ، مان اُتي ڏيان غُلامي،
    بنا پيار جي مان رهڻ جهڙو ناهيان.

    تو غيرن سان گڏجي ڪيا وار دِل تي،
    مان سور سنگدل، سَهڻ جهڙو ناهيان.

    ”رَشيد ڪليري“، ڇڏيئي رِڻَ ۾ رولي،
    دلاسن ۾ هاڻي رَهڻ جهڙو ناهيان.
    ***



    خبر شل خير جي آڻي، ويو ڪانگل پرينءَ ڏي آ،
    جسم آهي رڳو هِتڙي، ۽ منهنجي دِل پرينءَ ڏي آ.

    نه ٿو هو خط لکي مون ڏي، نه ڪوئي فون ۽ نياپو،
    اسان جو خيال بس هاڻي، سدا هر پل پرينءَ ڏي آ.

    وَسي هُن جي اڱڻ تي ۽ اُتي ٿڌڪارڙو ٿي پئي،
    اسان جي شهر جو يارو، ويو بادل پرينءَ ڏي آ.

    ”رَشيد“ راههَ ۾ آهن، ”ڪليري“ مُنهنجون هي اکڙيون،
    هي مُنهنجو ساههُ ڀي هاڻي، صفا پهتل پرينءَ ڏي آ.
    ***



    دلبر توکي ڏسڻ عبادت آ،
    اهڙي توسان منهنجي محبت آ.

    اِهو ته هر ڪوئي ڄاڻي ساجن،
    محبت ۾ ڪيڏي راحت آ.

    جسم ٻه روح ته هڪڙو آ،
    انهيءَ کي ته چئبو چاهت آ.

    پري توکان ”رشيد ڪليري“ ڪيئن رهي،
    توسان روزِ اَزل کان الفت آ.
    ***

    مليو تُنهنجي طرفان ڪو پيغام ناهي،
    خُدا جو قسم دِل کي آرام ناهي.

    صبح سانجهي ساريان اوهان کي مان پيارا،
    اوهان کان جُدا ڪا مُنهنجي شام ناهي.

    پرين تُنهنجون يادون نشيليون ته آهِن،
    ٻيو مُنهنجي هٿن ۾ ڪوئي جام ناهي.

    اَچڻ جي ڪيو يا ڪو قاصد اُماڻيو،
    ”رشيد ڪليريءَ“ کي ڪو آرام ناهي.
    ***



    اَسان جي دِل وَٺي ماڻا ڪيا دلدار تو آهِن،
    اَسان جا حال اجڙي ويا، ڪيا سينگارَ تو آهِن.

    اوهان جي اَسان گُلڙا سدائين راههَ ۾ پوکيا،
    جَهليِ جَنهن پَل اسان جهوليِ، ڏنا بس خار تو آهن.

    ڏِسي مونکي نقابن ۾ لِڪيو آهين سڄڻ سائين،
    ۽ غيرن کي هميشه ئي ڏنا ديدار تو آهِن.

    ”ڪليري“ دِل خُدا جو گهر”رشيد“ هوندو آهي بلڪل،
    اُنهيءَ دِل تي اَلاءِ ڇو، ڪيا بس وار تو آهِن.
    ***



    آهي دلدار جي خوشبو، هوائن ۾، هوائن ۾،
    ڪري ٿو ياد هُو شايد، دُعائن ۾، دُعائن ۾.

    نه چَپَ چُرِيا، نه ڳالهيون ٿيون، اشارا ڀي نه ڪَم آيا،
    اوهان مُنهنجي ڦُري دلڙي، نگاهُن ۾ نگاهُن ۾.

    نه ٻيو ڪو نانءُ آ لب تي، تون دل ۾، تون ئي ڌڙڪن ۾،
    پُڪاريو يار توکي آ، صدائن ۾، صدائن ۾.

    ”ڪليري“ قُرَبَ جو قائِل، ”رَشيد“ آ تنهنجي در سائل،
    مَزو آهي سڄَڻ تنهنجي، اَدائنُ ۾، اَدائُن ۾.
    ***



    دِل شيشي کان نازڪ، تون هڻ نه پٿر سُهڻا!
    مظلومن سان ايڏو، تُون ظلم نه ڪر سُهڻا!

    مان ٿر آهيان پياسو، مان بر آهيان تاسو،
    اچ رَمندو اچ مون ڏي، بڻجي تون ڪڪر سُهڻا.

    آ محبت مزدوري، هي پيار به پورهيو آ،
    گل ڦل کان اُوچو آ، چاهت جو پگهر سُهڻا!

    ڪر قُرب ”ڪليريءَ“ سان، سِڪَ پوري”رشيد“ جي ڪر،
    جيون جو گذاريون هِي، اچ گڏجي سفر سُهڻا!
    ***




    توهان جو چهرو گُلاب وانگي،
    سُٺي ۽ سُهڻي ڪتاب وانگي.

    مِلڻ اوهان جو، آ عيد وانگي،
    اوهانجو وڇڙڻ، عذاب وانگي.

    اسان به جُهومڻ ٿا چاهيون سائين!
    اوهان به آهيو شراب وانگي.

    جي ڪنهن کي چاهڻ ڪو ڏوههُ آهي،
    ته ڏوههُ آ، هِي ثواب وانگي.

    خوشي ”ڪليري رشيد“ مون کان،
    ڪندَي آ پاسو جناب وانگي.
    ***



    تُنهنجا هي آزار اکين تي،
    سُور سڀئي سرڪار اکين تي.

    چاهت ۾ هِي ناهي ڏسبو،
    گُل آهِن يا خار، اکين تي.

    محبوبن سان ڪهڙا ليکا؟
    گهمندا وتن ڀل يار اکين تي.

    کڻندس آنءُ ”رشيد ڪليري“
    سڄڻن جا سڀ بار، اکين تي.
    ***


    مُونسان پرچي نه ٿو، ڀَلا ڇا ڪِيان؟
    ٿو وساري مُنهنجي وفا، ڇا ڪِيان؟

    ساههُ تولاءِ مُنهنجو حاضر آ،
    ٻيو مان تو ڀَلا، مِٺا! ڇا ڪِيان؟

    جنهن سوا، واهه ٻي نه آهي ڪا،
    دُور آ سو، مان اي خدا! ڇا ڪِيان؟

    ٿيا ”ڪليري“ اکين جا لُڙڪَ ختم،
    مان اِنهيءَ کان وڏي سخا، ڇا ڪِيان؟
    ***


    تون پاڻ سُٺو پيارا، هر ڳالهه سُٺي تُنهنجي،
    مون پنهنجي اکين تي آ، هر ڳالهه رَکي تُنهنجي.

    اَڄ دُنيا هي مُون کي، جنت ٿيِ لڳي سائين!
    سالن جي پُڄاڻان اڄ، مِليِ آهي چِٺيِ تُنهنجي.

    هڏڪي ته لڳي هوندئي، نالو به کنيو هوندئي،
    بس آهي پچر مون کي، سالن کان وٺي تنهنجي.

    ڪري قُرب”ڪليريءَ“ سان، اچ يار ڪچهري ڪر،
    هِنَ روح ”رشيد“ جي کي، سِڪَ آهي لڳي تُنهنجي.
    ***



    جهوري جان جدائي آ کلي ساري خدائي آ،
    تڪليف ڏيڻ ڪنهن کي هيءَ ڪهڙي چگائي آ.

    پَلُ سال برابر آ، جنجال برابر آ،
    ڇڏيا وڻ ئي وڄائي تو دل درد دُکائي آ.

    توکي خيال نه آيو آ، پرديس وسايو آ،
    ايڏو وقت پرين توکي منهنجي ياد نه آئي آ.

    ”رشيد ڪليري“ جون اکيون راهه نهارن ٿيون،
    ڇڏ ريت رسڻ واري ڪاوڙ هي اجائي آ.
    ***



    هِڪُ ڀيرو ملي مونسان، اِهو نياپو پرينءَ کي ڏيو،
    ڇو دوري آ ايڏي، ناهي مِليو سالُ آ ٿيو.

    سيني تي سُمهڻ وارو، هر روز، ملڻ وارو،
    آهي سمجهه کان ڳالهه مَٿي، ڪيئن ايڏو پڪو ٿي ويو.

    جنهن واعدا ڪيا مونسان، گڏ جيئڻ مَرڻ وارا،
    چئجوس اُهِي واعدا هاڻي، ڇا وساري پيو؟

    هي عرض ”رَشيد“ جو آ، چئجوس ”ڪليريءَ“ کي،
    جِيان ڪنهن جي سهاري مان، ناهي منهنجو سڄڻ ڪو ٻيو.
    ***


    دل ٿي چاهي ته اڄ ملڻ گهرجي،
    لطف موسم جو ڪو وٺڻ گهرجي.

    چڙ ته اسلام ۾ حرام آهي،
    چڙ جي نزديڪ ڇو وڃڻ گهرجي.

    ايندي ويندي ئي پيار وڌندو آ،
    پيار خاطر اچڻ وڃڻ گهرجي.

    ڪس ڪسر ٿيندي آ محبت ۾،
    کائي ڪس حال تي هلڻ گهرجي.

    هي حياتي، ”ڪليري“ ٿوري آ،
    نالو نيڪي جو هت ڇڏڻ گهرجي.
    ***

    بيقدرن سان ياري ڪهڙي؟
    جَهلجي مُٺ ۾ وارِي ڪهڙي؟

    توکي قسم ڏيان ڪنهن جو، پَرچين،
    توکي شيءِ آ پياري ڪهڙي؟

    تون ئي ٻڌاءِ مُون سُهڻا سائين!
    تُنهنجي ڳالهه آ ٽاري ڪهڙي؟

    رِڻ ۾ ڇڏيو ٿي ”رَشيد“ رولي،
    دِل تو ڪليري! ڌاري ڪهڙي؟
    ***


    شامَ توبِن اُداس آ سائين!
    ڇو نه آئين ڀَلا اَڃان تائين؟

    واٽ ويندن کي يار! ماريندين،
    ويس ڳاڙهو اگر جي تون پائين.

    مون سوا ڌار ٿو گُذارين تون،
    چَئُه ڀَلا ڪيئن ٿو پيو ڀانئين؟

    اِئين نه ڇڏجان ”رشيد“ کي رولي،
    جي ”ڪليريءَ“ سان نينهن تون لائين.
    ***


    هاڻ اَچي ڪا سارَ لهي وڃ،
    ڇڏ ڪاوڙ کي يار! ٺهي وڃ.

    دل جون ڳالهيون توکي ٻُڌايان،
    مون وٽ هِڪڙِي رات رَهِي وڃ.

    جيڪو توڏي روز اچي ٿو،
    تنهن وٽ هِڪڙو ڀيرو ڪَهِي وڃ.

    راههَ ڏِسي ٿو ”رشيد ڪليري“،
    قُربُ ڪري سرڪار مِلي وڃ.
    ***


    بِسم الله ڪيان يار توکي بسم الله،
    تو لڌي آ سار، توکي بسم الله.

    تو سوا ويران هو مُنهنجو اڱڻ،
    تو ڪيو گلزار، توکي بِسم الله..

    تو قدم آهن گُهمايا قُرب جا،
    دلربا، دلدار، توکي بسم الله.

    مان ”ڪليري“ قرب جا توکي ”رَشيد“،
    اچ پارايان هار، توکي بسم الله.
    ***


    وري آ، وري آ، او جاني وري آ،
    ديواني آ دلڙي تنهنجي چَري آ.

    رُڳو هِڪڙو ڀيرو پرين پاءِ جهاتي،
    مون کولي تُنهنجي لاءِ دِل جِي دَري آ.

    سوا تُنهنجي ساجن نه گُذري گهڙي ٿي،
    سڄو سال تُنهنجي مٺا ڪيئن سَري آ.

    ورائي ويون سارون ”رَشيد“ کي تُنهنجون،
    اچي باهه دل ۾ ”ڪليري“ ٻَري آ.
    ***



    لک جي ڳالهه ڪَيئِه، اڱڻ ٿو يار اَچين،
    رَستا سَجايان، گلڙا ڇَٽايان، مونسان ملڻ ٿو يار اچين.

    وڏا پرينءَ تُنهنجا ٿورا، ارمان ٿيا اڄ پورا،
    رهيل هئا جي اَڌورا، رات رهڻ ٿو يار اَچين.

    هوا ۾ ٿو مان اُڏامان، ڪپڙن ۾ نٿو ماپان،
    اڄ ايڏو ته خوش آهيان، مون کي ڏسڻ ٿو يار اَچين.

    ”رشيد ڪليري“ جي عيد آ، ٿيڻ واري تنهنجي دِيدَ آ،
    مون کي ڪيو تو خريد آ، مون ڏي مکڻ ٿو يار اَچين.
    ***



    اَلَهڙ جواني آ، جاني تنهنجي سهڻا نه ڪر سينگار تون،
    بي نقاب نه آ، بي حجاب نه آ، مُنهن نه ڪنهن کي ڏيکار تون.

    نرم ۽ نازڪ هٿڙا تنهنجا، گل گلابي لبڙا تنهنجا،
    ميندي مُساڳ جي لُوڙ نه توکي قدرت جو شاهڪار تون.

    ڏائڻ ماڻهو ڏنڀي وجهندءِ، ساڙ سڙيا اِهي نظرون هڻندءِ،
    ساهه منهنجو ته تو ۾ آهي، تڏهن ڏيانءِ ٿو پارَ تون.

    ”رشيد ڪليري“ جو چوڻ مَڃ تون، اِئين اڪيلو نه گهمڻ وڃ تون،
    تنهنجو فڪر مون کي هردم آهي، منهنجو آهين هڪ يار تون.
    ***


    اسان جي پيار جون ڳالهيون ڪندا، ماڻهو زماني ۾،
    مثال جوڙ پنهنجي جا ڏيندا، ماڻهو زماني ۾.

    خوشبو ڌار گل کان نه، ڪڏهن به ٿي سگهندي آ،
    ڪيئي ويندا ۽ ٻيا ايندا سدا، ماڻهو زماني ۾

    گلن جو هار محبت آ، ڪنڊن جي سيج محبت ۾،
    ائين ڏک سک پيا سهندا مٺا، ماڻهو زماني ۾.

    ”ڪليري“ قرب وارن جو رَهندو نالو قيامت تائين،
    ”رشيد“ هر جاءِ تي ٻڌندا پيا، ماڻهو زماني ۾.
    ***


    ڪافيون

    ايڏي ڪاوڙ ڪين ٺهي ٿي،
    ڇا جي ڪاوڙ ڏس اي جاني.

    گهڙي گهڙي ڪِٿُ رُسڻ روا آ،
    اِها ته هڪڙي نئين ادا آ،
    دلڙي ڏاڍا سُور سَهِي ٿي.

    اچ ته گذاريون گڏجي راتيون،
    پيار ڀريون ٿين پنهنجون باتيون،
    وِٿي ملڻ ۾ ڪين ٺهي ٿي.

    قرب ”ڪليريءَ“ تي ڪر جاني،
    دنيا آهي ”رشيد“ فاني،
    اندر ۾ اُڻ تُڻ خوب رهي ٿي.
    ***


    ڏاڍو ظلم زور آور يار ڪيئِه،
    ڏئي فرقت مونکي بيمار ڪيئِه.

    ڇڏي ديس، وئين پرديس هليو،
    توکي ويندي وقت نه ڪنهن به جهليو،
    اهو منهنجي ڪري آزار ڪيئِه؟

    ڏس مون کان پئي آ، ڪهڙي خطا؟
    جنهن جي مون کي ملي هي سخت سزا،
    گڏ گهاريوسين ڇو ڌار ڪيئِه؟

    پنهنجي ٻول کي مٺڙا پاڻي ڏي،
    شل قول نه مرد جو ڪوڙو ٿي،
    ڪين آئين ڇو اقرار ڪيئِه؟

    ڇڏ پنهنجي ضد کي يار ضدي،
    وڃ رات ”ڪليري“ وٽ تون رهي،
    ايڏي ڪاوڙ ڇو اختيار ڪيئهِ!؟
    ***


    وڇوڙي کان مؤلا مون کي بچاءِ تون،
    منهنجو جاني مونسان هاڻي مِلاءِ تون.

    واٽون اُن جون ويٺو ڏسان مان،
    هتڙي اڪيلو ڪيئن رهان مان،
    اچي پرين مون ڏي عرض هي اگهاءِ تون.

    ڪهڙي ڪم جي آ منهنجي حياتي،
    مون کان پري آ منهنجو سڄڻ ساٿي،
    مؤلا! سڄڻ سامهون مون کي رساءِ تون.

    ”رشيد“ تي روز ماڻهو کِلن ٿا،
    ”ڪليريءَ“ تي سڀئي ٽوڪون ڪرن ٿا،
    صنم لاءِ مون کي هاڻي، نهَ سِڪاءِ تون.
    ***


    يار جي در تي وڃڻ آهي ڏکيو،
    پنهنجي سر تان هٿڙو کڻڻ آهي ڏکيو.

    اُن جي پرپٺ ٿو رِٿون ڪيئي رِٿيان،
    هو جي ملندو، هيئن چوان، يا هونءَ چوان،
    منهن تي پَرَ ان کي چوڻ آهي ڏکيو.

    ڏينهن جو مان ڪيئن وڃان هرڪو ڏسي،
    رات جو، پهري جو پِٽڪو ٿو رهي،
    ڇا ڪريان ان سان ملڻ آهي ڏکيو.

    دل چوي ٿي هو هجي منهنجي اڳيان،
    اَي ”ڪليري“ ان کي مان ڏسندو رهان،
    يار کان پاسي رهڻ آهي ڏکيو.
    ***


    سنڀاري ٿڪس من ڪڏهن يار ايندو،
    اڱڻ تي اچي منهنجو مهمان ٿيندو.

    تون همدرد آهين، سندس حال ڀائي،
    سوا تنهنجي اُن کي نه ٻي واه وائي،
    اندر جا سڄڻ سور توسان سَليندو.

    مُحبت اچڻ ۽ وڃڻ سان وڌي ٿي،
    ڏسڻ سان وڌي ٿي، ملڻ سان وڌي ٿي،
    مخالف ته توکي اچڻ کان جهليندو.

    ڏکن ۾ ڏهاڙا ”ڪليري“ گذاري،
    اوهان جي اچڻ جون ٿو راهون نهاري،
    اچڻ تي مبارڪ سڄو لوڪ ڏيندو.
    ***

    سِڪڙي تنهنجي لڳي آ، بس يار جو غم آهي،
    سِڪ تنهنجي لڳي آهي، ويهه نه ڀلائي.

    واعدا ڪيا جنهن، نڀائڻ جا هر هر،
    نڀائڻ جا هر هر، کِلائڻ جا هر هر،
    واعدا نه ٿو نڀائي، بس يار جو غم آهي.

    هِت حال هيڻا، مُنهنجا سدائين،
    خوش آ خوشين ۾، هُو سُهڻو سائين،
    ڪا پرواهه ناهي، بس يار جو غم آهي.

    ”رشيدُ ڪليري“، ڪري ٿو پُڪارون،
    ساههَ کي ٿيون ساڙن، سُهڻل جون سارون،
    ٿيندو ڇا اَلائي، بس يار جو غم آهي.
    ***


    تُنهنجي نازن مون کي نوايو،
    تنهنجي گهورن آهي گهايو.

    عيد تي سڀ سان يار ملين ٿو،
    عيد مبارڪ مُنهن سان چئين ٿو،
    مونسان تو آ هٿ نه ملايو.

    موسم آئي ملڻ جي آهي،
    توسان ملڻ هي دل ٿي چاهي،
    اڄ هي منهنجو عرض اگهايو.

    قرب ڪليريءَ سان ٿي سائين،
    دير ملڻ ۾ ڇو ٿو لائين،
    پاڻ مِلو يا مون کي گُهرايو.
    ***


    گهڻا ڏينهن گذريا نظر ناهين ايندو،
    پڪو پاڻ ٿيو آن، ڪو ٻيو ٿي جهليندو.

    قاصد هي خطڙو، سهڻل کي ڏيئي آ،
    سُڌ ته سهڻل جي، ساري لهي آ،
    تُنهنجو ته مون تي، احسان ٿيندو.

    پڙهي خط سهڻل کي سارو ٻڌائجانءِ،
    ٻڌي هٿ ادب جا، تنهن کي هيئن چئجان،
    ڪهڙي سبب تون وڃين پاڻ پليندو.

    ڏکن جا ٿو ڏينهڙا ”ڪليري“ گذاري،
    دم دم ۾ دلبر توکي سنڀاري،
    الائي ڪڏهن يار ديدار ڏيندو.
    ***


    سِڪ لڳي تنهنجي آهي، ويهه نه ڀلائي ننڊ ڦٽي آهي،
    قرب ڪري اچ جانيئڙا.
    سال سڄو مِٺا، منهن نه ڏيکاريُئه،
    ڇا جي ڪري مون کان، دؤر گذاريُئه،
    ايندين ڪڏهن تون اَلاَئي، ويهه نه ڀُلائي.
    درد ڏنا ٿي، دل تو کولي کولي،
    مون کي ڇڏيو ٿي، راهه ۾ رولي،
    اچ يا مون کي گهراءِ، ويهه نه ڀُلائي.
    روز ”رشيد“ ٿو، راهون نهاري،
    ويٺو ”ڪليري“، توکي سنڀاري،
    مؤلا توسان مِلائي، ويهه نه ڀُلائي.
    ***




    مُنهن تنهنجو ڏسڻ، ثواب آهي،
    چنڊ چهرو تنهنجو گلاب آهي.

    هر روز صبح جو توکي ڏسان، ڏسي توکي مان بسم الله چوان،
    پوءِ دنيا جا ڪم ڪار ڪيان، ڪبو پيار ۾ نه ڪو حساب آهي.

    سڪ تنهنجي مون کي سمهڻ نه ڏي، ڪيئن مٺڙا وڃان در تنهنجو ڇڏي،
    اچان هر هر ٿو مان تنهنجي تڏي، رکيو مون کان ڇو تو حجاب آهي!؟

    هي ”رشيد ڪليري“ چاهي ٿو، اڄ صاف هي ٻڌائي ٿو،
    ڳالهيون دل جون ڪين لڪائي ٿو، اڄ کوليو دل جو ڪتاب آهي.
    ***



    ڪَر نه ڪَر مونسان وفا، پوءِ به آ منهنجي دُعا،
    رَبّ ڪري ڏک نه ڏسين، شال خوش پيو تون وسين.

    واعدا وفا جا جي ڪيئي، پاڻيءَ تي ڄڻ ليڪا هئا،
    پوءِ به آ منهنجي دعا، رَبّ ڪري ڏک نه ڏسين.

    پيارُ آ واپارُ ناهي، ڪَسُ ڪَسَر ڏسبي نه آ،
    پوءِ به آ منهنجي دعا، رَبّ ڪري ڏک نه ڏسين.

    ”رشيد ڪليري“ ڪيئن ڪري، توسان ڀلا دلبر دغا،
    پوءِ به آ منهنجي دعا، رَبّ ڪري ڏک نه ڏسين.
    ***


    تنهنجو مُنهنجو پيار سلامت،
    مؤلا رکي ديدار سلامت.

    شل نه لڳي ڪا، نظر او سائين،
    مؤلا ڪري شل قيامت تائين،
    پنهنجو رَهي سهڪار سلامت.

    توکي ڏسي دِل ٺرندي آهي،
    تو دُعا هِي گُهرندي آهي،
    تُنهنجو رهي سينگار سلامت.

    ”رَشيد ڪليري“ ساڻ ئي هَلبو،
    ساٿ نه ڪڏهن پيارا ڇڏبو،
    هوندي سدا سِڪَ سار سلامت.
    ***


    چڱو دُعائن ۾ ياد، اسان هَلي پياسي،
    اسان هَلي پياسي، پرديسي ٿياسي.

    مڃون ٿا ته ماڻهو، گهر آ خطا جو،
    مگر يار دلڙي، گهر آ خُدا جو،
    گهر ٽُٽندي سُهڻا توکان ڏِٺاسي.

    اسان جهيڙي جهڙا، سَڄڻ ناهيون ناهيون،
    ڪهڙو توهان سان، ڀَلا سينو ساهيون؟
    اَسان پاڻ پنهنجا، ڳوڙها اُگهياسي.

    ”رشيدُ“ خراب هو، تُنهنجي نظر ۾،
    ڪليريءَ کي هاڻي، نه ڏسندين شهر ۾،
    اچبو نه موٽي، وياسي ته وياسي.
    ***


    مُرڪي مرڪي نظر کڻين ٿو، ماڻهو ڪيئي چريا ڪرين ٿو،
    هڪ وارَ کليل ٻيو اک ۾ ڪجل، واهه مؤلا تنهنجي صورت ٺاهي.

    دهل وڄڻ ٿا لعلَ جي دَرَ تي، مست ڌمالون ٿا پائن، هند سنڌ کان هتي ڪيئي ماڻهو ايندا آهن،
    وڇڙيا ڪيئي ملن، ڏک ڏور ٿا ٿين، جتي رحمت وسي ٿي الاهي.

    آهي ”ڪليري“ تي قرب اَهڙا ڪندو ڪَرِ، ”رشيد“ کان پَل نه پري ٿيندو ڪر،
    هٿن ۾ هٿ پنهنجا هُجن، دنيا وارا ڏسندا رهن، دل جي دعا به اِهائي
    ***


    آخر ٿي وَئين ڌار، آخر ٿي وَئين ڌار،
    وعدا وفا جا ويٺين وِساري، آخر ٿي وَئين ڌار.

    ڌارين وانگر دُور هليو وَئين،
    لڌئي وري نه سار، آخر ٿي وَئين ڌار.

    جبل جيڏا درد ڏنا ٿئي،
    اَڃا ڏئين پيو آزار، آخر ٿي وَئين ڌار.

    ”رشيد ڪليري“ ڪير نه ڪنهنجو،
    اڄ پيار آهي واپار، آخر ٿي وَئين ڌار.
    ***


    گيت

    اَڃان تائين، اَسان سائين اوهان جا ٿا سڏايون پيا،
    اَوهان سُهڻا هو من مُهڻا، اوهان کي ٿا پَڏايون پيا.

    خبر ناهي، الئه ڪنهن کي، اوهان ساٿي بَڻايو آ،
    اسان پر پاڻ کي پيارا نه ڪنهن کي ڀي وڻايو آ،
    ڦِٽا سينگار ڪياسي ۽ اکئين ڳوڙها وَهايون پيا.

    سدا آ غم، مِٺا دم دم، ٿو گذُري بيقراريٰءَ ۾،
    صبح کان شام تائين نيڻ آهِن انتظاريءَ ۾،
    ڏِيئن بدران نِماڻي دل، اسان جاني جَلايون پيا.

    ”رشيد“ آهي اندر آتو، ٿئي ديدار دلبر جو،
    اجهو هيڪر هلي ايندو، ڏيان ڪيئن مان ڪڙو در جو،
    اوهان جي راهه ۾ سائين، ڪتيون تارا سجايون پيا.
    ***


    ڏِس نه ڏِسُ مون ڏي صنم، پر مان نهاريندُس پيو،
    سارَ لهه يا ڪِين لهه، توکي سنڀاريندُس پيو.

    هر گهڙي، آهي رڙي، دِلڙي ديواني تُنهنجي ،
    مون وِڇائي، آ سجائي، سيجَ سُهاني تُنهنجي لئه،
    تون اَچين يا نه اَچين، رَستا ٻُهاريندُس پيو.

    ڀَل جفا ڪر يا دغا ڪر، مان دُعا ڏيندُس سدا،
    اُٿندي ويهندي، گهمندي ڦِرندي اي مِٺا! ڏيندس سدا،
    هر پهر تو دُعائن ۾ گذاريندُس پيو.

    قياسُ ۽ احساسُ ٿيندئي، مون کي آ پَڪَ اِها،
    هِن ”رشيد“ جي عِيد ٿيندي، ايندين تون ماههِ لقا،
    قُربَ ۾ هر هر ”ڪليري“ مان پُڪاريندُس پيو.
    ***



    وَسي پئو تون بادل پرين وڃي نه سگهي،
    اِنهيءَ بهاني سان رهي، مون وٽ اڄ پئي.

    موسم پياري خوشبوءَ چوڌاري ختم ٿي وئي اڄ بيقراري،
    ڪيون ڪچهريون ته دل کي سڪون ڪو ملي.

    قرب ڪري اڄ آيو اڱڻ تي صدقي ٿيان مان سهڻي سڄڻ تي،
    اَهڙو ڏينهن سڀاڳو شل روز پيو اچي.

    رات ”رشيد“ وٽ هُو رهندو، ڪيڏو ڀلو مُنهنجو ڀاڳ ٿيندو،
    گيت خوشيءَ جا ”ڪليري“ روز ٺاهي پيو لکي.
    ***


    ڪينجهر ڪناري آ ته توکي ڏسندو رهان،
    پيارا پيارا گيت، مان توکي ڏسي پيو لکان.

    گل ڪنول آ، چهرو تُنهنجو، وار هي بادل ڪارا،
    مُرڪ آ ماکي لار، او مٺڙا ناز انداز ڀي پيارا،
    دل گهري ٿي پيارا توسان گڏ هُجان.

    شاهڪار حُسن جو آهين تون، توسان دل آ ڦاٿي،
    دنيا مون کي ڪانه کپي ٿي، تون آن منهنجو ساٿي،
    بڻجي ڪڪر مان تو مٿان، ڇانوَ ڪيان.

    ”ڪليري“ قسمت سان ملي ٿي، محبت ڪنهن ماڻهوءَ کي،
    رَب راضي ”رشيد“ آ سمجهو، ملي پيار ٿو جنهن ماڻهوءَ کي،
    تون ئي ٻڌاءِ توکان پري پَلَ ڪيئن ٿيِان.
    ***


    نوڪر مان، تون آن سائين،
    او مِٺا ماڻهو پَري نه ڪر پاڻ کان.

    طعنا تُنڪا پيو مان سهندُم،
    ڀل ڏي دڙڪا، دُور نه رهندُم،
    ڀانئين مون کي نه ڀانئين، او مٺا ماڻهو...

    ڇا ڪيان توسان دِل ڦاٿل آ،
    تو ديواني ۽ پاڳل آ،
    توکي سڏي ٿي سدائين، او مِٺا ماڻهو...

    ڇو ٿو ”رشيد“ جو روحُ رنجائين،
    آهي ”ڪليري“ تنهنجو سدائين،
    سُهڻا قيامت تائين، او مِٺا ماڻهو....
    ***


    ويندي نه ڪر باغ ۾، گل شرمائن ٿا،
    روپ ڏسي تنهنجو هو سِر کي جُهڪائن ٿا.

    سسئي، سهڻي، هير کان سهڻي آهين،
    مصور جي تصوير کان سهڻي آهين،
    راڻي آهين روپ نگر جي نيڻ ٻڌائن ٿا.

    تون منهنجو نصيب منهنجو تون بخت آهين،
    ڄڻ ته صبح جو ڀاڳن ڀريو وقت آهين،
    تنهنجو حُسن ٿو گيت لکائي، گائڪ ڳائن ٿا.

    روز ”رشيد“ تنهنجو مان ديدار ڪيان،
    ڪڏهن ”ڪليري“ توکان پل نه دُور ٿيان،
    تنهنجا ناز نيارا آهن هوش ڀُلائن ٿا.
    ***



    هيل به ڪونه تون آئين جاني، سانوڻ جي برسات ۾،
    توبن چنڊ اُداس لڳي ٿو، چوڏهين واري رات ۾.
    سانوڻ جي برسات ۾.

    سِڪ ستايو تنهنجي آهي، دير نه ڪر ملاقات ۾،
    سانوڻ جي برسات ۾.

    هير ٿڌي ۽ مينگهه ملهارون، ساريان توکي پرڀات ۾،
    سانوڻ جي برسات ۾.

    ”رشيد ڪليري“ ڏي آءُ هلي تون، آهيان ڏاڍو فڪرات ۾،
    سانوڻ جي برسات ۾.
    ***


    مارو رهن خوشحال- اَلاَ،
    ڏوٿي منهنجا، ڏک نه ڏسن شل.

    ٿر وَسي ته، بهاري ٿئي،
    مارو ڇوڙن مال- اَلاَ.

    ڇيلا ڇانگون، ولر وسن شل،
    هڻن ڌنار ڌمال- اَلاَ.

    پَلر پين ۽ شال جيئن پيا،
    لڄ رکي لڄپال- اَلاَ.

    ”رشيد“ مارو ملائي مؤلا،
    سائينءَ کي آ سوال- اَلاَ.
    ***


    نظم

    ڇو ايڏي آهي ڪاوڙ، ڇو دِل ۾ غيرُ آهي،
    ڇا آهي ماڻهو پيارا، مِٽِيءَ جو ڍيرُ آهي.

    اِنسان سان محبت، انسان جو ئي ڪم آ،
    نفرت، ڌِڪار، ڪاوڙ، شيطان جو ئي ڪم آ،
    ڪنهن لاءِ يار رکبو، مَنَ ۾ نه ميرُ آهي.

    هُو ڪَلهه به هُيو هتڙي، ۽ هاڻ نظر ايندو،
    پل پل آ ان جو مظهر، هُو پاڻ نظر ايندو،
    جنهن ڀي ڪيو او سُهڻا، صُورتَ جو سيرُ آهي.

    دِل ڪر ”رشيد“ راضي، آ ويههُ ويجهو جاني،
    ناهي بقا ”ڪليري“، سنسار آهي فاني،
    بس پيار رهندو هتڙِي، باقي ٻيو خيرُ آهي.
    ***


    ڪوئي سمجهائي وڃي منهنجي يار کي،
    هاڻي ڇڏي تڪرار کي.

    ڪهڙا ڪهڙا قول ڪيا ٿي، ڀُلجي وئين،
    ڪر ياد اقرار کي.

    ويڄن وس ڪيا هن ڏاڍا، فائدو ڪٿ؟
    ڏسڻ اچ بيمار کي.

    تنهنجي ديد ”رشيد“ کي گهرجي، دير نه ڪر،
    ڏينهن ٿيا ديدار کي.
    ***



    ٿورو ٿورو چهرو ظاهر، ريشمي ذلفن منجهان،
    جيئن جهاتي پائيندو آ، چنڊُ ڪو ڪڪرن منجهان،
    من ته چئي ٿو پَرَ پرينءَ جا وارَ آءُ ٺاهيان ڪيئن.

    آءُ پيرانديءَ کان بيٺو انتظاريءَ ۾ آهيان،
    جاڳي ڪنهن پَلَ حال وٺندو بيقراريءَ ۾ آهيان،
    دل چوي ٿي پر وڏي آواز سان ڳالهايان ڪيئن.

    اڄ ”رشيد“ اِئين نه وَڃبو حال دل جا اورَبا،
    ڪم ”ڪليري“ ٿيندا پيا، سِڪَ جا سڳڙا سُوربا،
    ديدَ رُخ روشن ۾ آهي، سا مان هٽايان ڪيئن.
    ***


    اُٿندي ۽ ويهندي آ، رُڳو نانءُ تُنهنجو،
    رُڳو نانءُ تُنهنجو، ٺري هانءُ مُنهنجو.

    ساري جڳ کان مون کي پيارو،
    دلبر آهين تون دِل وارو.

    تُنهنجو شل ديدارُ ٿي پئي،
    هلڪو دِل تان بارُ ٿي پئي.

    آءُ ”رشيد“ ڏي هڪڙو ڀيرو،
    ڪرڪو ”ڪليريءَ“ ڏي تون ڦيرو.
    ***


    ڪڏهن ساٿي شيطان جو يار آهي،
    ٿيو خدائيءَ جو دعويدار آهي،
    دولت جي نشي ۾ چُور آهي،
    انسان ڏاڍو مغرور آهي.

    ماڻهو خاڪ مٽيءَ جي مُٺ آهي،
    ڪندو سوچون اندر اَڻ کُٽ آهي،
    وڏي حرص اندر وَهَلوُر آهي،
    انسان ڏاڍو مغرور آهي.

    اَبي امڙ کي پُٽ ٿو دڙڪا ڏي،
    پوڙها روئن ٿا هيءَ خوش ٿو ٿئي،
    ڪيڏو اَدب تميز کان دُور آهي،
    انسان ڏاڍو مغرور آهي.

    مظلوم تي ڪنهن کي رحم ناهي،
    لڳي واءَ ماڻهن کي ڪهڙي آهي،
    ماڻهو ماڻهوءَ کي ڏيندو سُور آهي،
    انسان ڏاڍو مغرور آهي.

    هٿ پير سلامت ڪنهن ٿي ڏنا،
    انمول صحت ۽ انگ عضوا،
    ڏنو رَب سائين اکين جو نور آهي،
    انسان ڏاڍو مغرور آهي.

    ”رشيد ڪليري“ وڏائي نه ڪر،
    پائي جهاتي اندر ۾، ڌيان ته ڌر،
    ماڻهو بيوس، ۽ مجبور آهي،
    انسان ڏاڍو مغرور آهي.
    ***


    سهڻا سائين ڪر ويچار،
    ايڏو ويڇو وجهڻ نه گهرجي.

    يارن سان ڪٿ ٺهن ٿا ليکا،
    ڪس ڪسر ۾ ڇڏڻ نه گهرجي.

    ڪچي تندُ محبت جي آ،
    ڇڪ ڏئي ان کي ڇنڻ نه گهرجي.

    نوڪر تنهجي در جو ”رشيد“ آ،
    اُن سان توکي رُسڻ نه گهرجي.
    ***


    ذڪر ڪَر خدا جو، دنيا آهي فاني،
    آهي چار ڏينهن هي جوڀن جواني.

    حياتيءَ جا ڏينهڙا، سمجهه تون غنيمت،
    ڇڏ ننڊ نڀاڳي جاڳ منهنجا جاني.

    ڪَر ڪم تون اَهڙا رکيئي ياد دنيا،
    ڪري نيڪي ڪائي اڳي ڪر رواني.

    ”رشيد ڪليري“ روئي ڪَر تون توبھ،
    ضايع ڪَرِ نه هرگز پنهنجي زندگاني.
    ***



    تون ٻين جي چوڻ تي يار،
    مون کان اڄ رُٺو ٿو وڃي.

    ڇا اِهو هو تنهنجو پيار،
    مرڻ جيئڻ جا واعده ڪيا تو.

    تو مون کي نه ڇڏڻ جا قسم کنيا تو،
    اڄ ڪيون ٿو وڃي تون ڌار.

    ڌارين جو ڏک ته ڪڏهن نه ڪبو آ،
    پيارن جو ڏک ته، جهوري وجهندو آ.

    ڪهڙا پنهنجا هيا تڪرار،
    ”ڪليري رشيد“ سادو ماڻهو آهي،

    هيراڦيري ڪنهن سان ڪندو ناهي،
    تون ته منهنجو آهين دلدار.
    ***


    اَکِ ٿي ڦَري هو اچڻو آهي،
    قسمت جاڳي ملڻو آهي.

    يارن سان آ ڪهڙو ليکو،
    ڳالهه سچي آ سمجهي جيڪو،
    ڪس ۽ ڪسر هلڻو آهي.

    ڀڳو نه ڳنڍجي ڳالهه ڳري آ،
    رُٺو نه پرچي ڳالهه ڳري آ،
    ڪيترو رُسبو ٺهڻو آهي.

    سودو دل جو دل تي ٿيو آ،
    پختو پيچ ”ڪليري“ پيو آ،
    نينهن جو ناٽڪ ڏسڻو آهي.
    ***


    هردم ويٺو ڦالون پايان، ڪوٺي تان ٿو ڪانگ اُڏايان،
    عامل کان تعويذ لکايان، ڪوٺي تان ٿو ڪانگ اُڏاريان.

    پيرن تي پنڌ آهن جاري، درگاهن جي ڏيان ٻهاري،
    درويش کان دعا گهرايان، ڪوٺي تان ٿو ڪانگ اُڏايان.

    در تي وڃي خيرات گهران ٿو، ڪوشش هوندي ڪين ملان ٿو،
    واٽ اچڻ جي ٿو واجهايان، ڪوٺي تان ٿو ڪانگ اُڏايان.

    صبح سان ساڄي اک ڦري ٿي، منهنجي قسمت ترت وري ٿي،
    اُٿي”ڪليري“ سيج وڇايان، ڪوٺي تان ٿو ڪانگ اُڏايان.
    ***

    نظم

    گهڙي گهڙي، دل ٽوڙي ڇڏين،
    مونتي ڪهڙي ڀلا توکي خار آ،
    ڪاوڙ مان مون ڏي ڏسندو آهين،
    ماڻهو سڀئي پيو مونتي کِلائين،
    مون ڪهڙي خطا ڪئي يار آ.

    توسان ملڻ لاءِ سڪندو آهيان،
    توکي ڏسڻ سان ٺرندو آهيان،
    توسان چاههُ آهي بچپن جو،
    گل تون آهين دل جي چمن جو،
    تُنهنجي ئي دم سان بهار آ.

    ماڻا ڀلي ڪر مونسان مِٺا پر،
    مُنهنجي اڱڻ تي ايندو تون ڪر،
    شام صبح تنهنجون ڏسان ويٺو راهون،
    تنهنجي اچڻ لاءِ گُهران مان دعائون،
    مون کي ته تنهنجو انتظار آ.

    يارن سان ليکا ڪين ڪبا هن،
    پيارن تان سِر گهوري ڏبا هن،
    روز ”رشيد“ توڏي ايندو،
    ڪونه ”ڪليري“ توکي ڇڏيندو،
    توسان پرين منهنجو پيار آ.
    ***


    دل کي صاف رکجي هردم،
    نيت نيٺ، آڏو ايندي.

    مال مَڏي نه، ساڻ هلندئي،
    چڱائي توکي تاري ڇڏيندي.

    هيٺاهين هميشه، اوچو رکندي،
    هِتڙِي هُتڙي هيءَ ڪم ڏيندي.

    ”رشيد“ راضي، رَهه تون رضا تي،
    قسمت تنهنجو، ساٿ به ڏيندي.
    ***


    صبح شام او سائين، آهي ياد تنهنجي،
    آهي ياد تنهنجي، ڦٽي ننڊ آ منهنجي.

    ساري جڳ کان مون کي، تون پيارو آهين،
    منهنجي دل جو دلبر، دل وارو آهين.

    ڏسي توکي جاني، دلڙي کي ٺاريان،
    جِند جان پنهنجي، توتان مان واريان.

    ”رشيد ڪليري“ بُکيو قرب جو آ،
    آڻِي اڱڻ تي، توکي شال مؤلا.
    ***


    وايون

    ليکا نه ڪر پرديسين ساڻ،
    ويههُ ڪريون ڪا رُوح رهاڻ.

    آءُ گهڙي کن دِل وندرايون،
    ايڏي تڪڙ ڇو ۽ ڇاڪاڻ؟
    ويهُه ڪريون ڪا رُوح رهاڻ

    تون ته نه آئين يار اڱڻ تي،
    پنڌ پياسين تولاءِ پاڻ.
    ويهُه ڪريون ڪا رُوح رهاڻ.

    ڪاوڙ ايڏي ٺيڪ نه آهي،
    مُرڪ مِٺا ڪا مُکَ تي آڻ،
    ويههُ ڪريون ڪا رُوحَ رِهاڻ.

    توسان روح ”رشيد“ جو آهي،
    ٻئي جي ”ڪليري“ ڪڍبي نه ڪاڻ،
    ويههُ ڪريون ڪا روح رهاڻ.
    ***


    تون وَڃي ويٺين يَڪو، دل کي ڪيو مون ڀي پَڪو،
    اَچ نه اچ هاڻِ ڀلي.

    لوڪ چيو هو واقعي تو، پيار ڏئي آهين ٿَڪو،
    اَچ نه اچ هاڻِ ڀلي.

    مون ڏي اَچڻ ۽ يار مِلڻ کان، ٿي پيو آهين جَهڪو،
    اَچ نه اچ هاڻِ ڀلي.

    توسان ”ڪليري رشيد“ هو سچو، قدر ڪيئِه منهنجو نه ڪو،
    اَچ نه اچ هاڻِ ڀلي.
    ***


    جانيئڙا وسري نٿي ملاقات،
    هير ٿڌي ۽ سانوڻ جي برسات.

    چنڊ جي چوڏهين تون ۽ مان،
    تارن ڀري سا رات،
    جانيئڙا وسري نٿي ملاقات.

    محبوب مٺا، منهنجا مور مکڻ،
    تنهنجي آ فڪرات،
    جانئيڙا وسري نٿي ملاقات.

    ”رشيد ڪليري“ رَب ٿو ڄاڻي،
    وائي آ تنهنجي وات،
    جانيئيڙا وسري نٿي ملاقات.
    ***



    ڪلمو پڙهه تون قلب ساڻ،
    رب سدائين آ توساڻ.

    ذات آهي بي نياز خدا جي،
    ڪڍي نه ڪنهن جي ڪاڻ.

    هيڻن تي ڪر نه اک تون ڪَرڙي،
    اڳ ۾ پنهنجو پاڻ سُڃاڻ.

    هستي پنهنجي ويسلا نه وِسار،
    ايترو نه ٿي تون اَڻ ڄاڻ.

    ”ڪليري“ سدا ڪر شڪرانو،
    ملڪيت مٿي ڪر نه تون ماڻُ.
    ***


    ڏوهيڙا، بيت ۽ چوسٽا

    ماڻهو طلبن دنيا، مون کي گهرجي ديد،
    ”رشيد“ ٿيندي عيد، ايندين جي اڱڻ تي.

    ***

    سڏائڻ سولو، اوکي آهي ياري،
    ياري نڀائڻ واسطي، بار پون ٿا باري،
    چاهت چوڌاري، رکڻي آهي روح ۾.

    ***

    موبائل جو دؤر آ، محبت وئي گهٽجي،
    ميسجن تي ماڻهون، ڪن ٿا گذارو،
    رشيد رِهاڻيون، ۽ رغبت وئي گهٽجي.

    ***

    دلبر رُسي ٿيو ڌار آ، مان ڇا ڪِيان؟
    بند ٿي ويو ديدار آ، مان ڇا ڪِيان؟

    ***

    ڇڏ ريت رُسڻ جي سهڻا، تون وڃ نه،
    يار رُسي ”ڪليري رشيد“ کي ڏسي،
    مُنهن نه مٽ محبوب تون.

    ***

    ڇڏ رُسڻ جي سهڻا ڪر قربائتي بات،
    ناههِ ننڊ نيڻن کي، توڙي ڏينهن يا رات،
    ”رشيد“ کي آ تات، تو مٺي محبوب جي.

    ***

    سمجهي وڃ تون سنڌي ۾، ٿي ساجن سياڻو،
    ٺهي ڪِٿ ماڻو، ”ڪليري“ سان قرب ۾.

    ***

    ٿڪو آهيان يار جون واٽون نهاري،
    توکي دل ملڻ ساريو ٿي ساري،
    هي اڱڻ اُجاري، ”ڪليري“ تي قرب ڪر.

    ***

    نوخيز عمر ۾ جانيئڙا، تون گهم نه سر بازار،
    هر پَلَ مون کي خوف آهي، ڪو نظر نه هڻئي يار،
    تون سهڻو سراپا سون آهين، تون قدرت جو شاهڪار،
    تون منهنجو آهين يار، ”ڪليري“ چئي قسم سان.

    ***

    آڪڙ نه ڪر انسان ايڏي، رَب قادر ۽ قهار اَٿئي،
    بادشاهن کي ٿو فقير ڪري، اهو مرضيءَ جو مختيار اَٿئي،
    دولت جي نشي ۾ چُور نه ٿي، اها دولت ڏينهڙا چار اَٿئي،
    ”رشيد ڪليري“ صلاح تون مڃ، مغروري چڱي نه يار اَٿئي.

    ***

    سِڪَ لڳي آ سهڻا تنهنجي، تون ويهه نه مون کي وساري،
    پَلَ پَلَ ڏينهن رات، منهنجي دل ٿي توکي ساري،
    وئي ننڊ ڦٽي ويو چين منهنجو، راهون تنهنجون نهاري،
    وڃ مٺڙا مُنهن ڏيکاري، ڪري قرب پنهنجي ڪليريءَ تي.

    ***

    نٿو وسري تون محبوب مٺا ۽ ياد تون صبح و شام،
    سِڪ ۾ ويٺو سِڪان مان ڪيو وڇڙي تنگ تمام،
    نٿو لهي پنهنجي لبن تان، نازڪ تنهنجو نام،
    ڪر اچڻ جو انجام، قرب وارا ”ڪليري“ ڏي.

    ***

    چوسٽا

    شاعريءَ سان منهنجي، محبت ٿي وئي آ،
    لفظن سان پنهنجي، چاهت ٿي وئي آ،
    اَي رشيد ڪليري، ڇڏيان ڪيئن هِن کي،
    منهنجي زندگيءَ جي، ضرورت ٿي وئي آ.

    ***

    جنهن جي ڪري مون، زمانو ڇڏيو آ،
    ڪري اُن مون کي، بيگانو ڇڏيو آ،
    رشيد اسان ڀل، رهون نه رهون پر،
    زماني لاءِ پنهنجو، فسانو ڇڏيو آ.

    ***

    محفل سجايم، سڄڻن جي خاطر،
    دوست گهرايم، سڄڻن جي خاطر،
    ڪيم ڪاڄ جيڪا، آهي منهنجي حيثيت،
    رشيد اڄ ڳايم، سڄڻن جي خاطر.

    ***

    ڪري پنڌڙا پيارا توڏي اچان ٿو،
    ڪشالا ڪري مان تو وٽ پُڄان ٿو،
    ڪري اِهڙيون ڳالهيون اندر ٿو ساڙين،
    ڪُڇان ڪين مان بس! روئي ڏيان ٿو.

    ***

    ”ڪليري“ کي محبت جو نقطو ٿو گهرجي،
    نه ملڪيت نه دولت ۾ حصو ٿو گهرجي،
    سڪ سان ٻه لفظ اسان سان ڳالهايو،
    اوهان جو کِلندڙ چهرو ٿو گهرجي.

    ***

    اوهان جون گلائون، اسان کان نه ٿينديون،
    دلبر سان دغائون، اسان کان نه ٿينديون،
    اسان اوهان ڀل، ڪجهه ڀي چئو پر،
    ”رشيد“ جفائون، اسان کان نه ٿينديون.

    ***

    نازڪ نماڻين، نگاهن تان صدقي،
    عجيبن جي سڀني، اَدائن تان صدقي،
    ”رشيد ڪليري“ آهيان ڀاڳ وارو،
    رَب جي اهِڙين، عطائن تان صدقي.

    ***

    اسان کان چڱا هِن، زماني جا ماڻهو،
    سياڻا ٿي ويا هِن، زماني جا ماڻهو،
    ”ڪليري“ اسان ته، سادا ئي رهياسين،
    تبديل ٿيا هِن، زماني جا ماڻهو.
    ***


    وطن جو نغمو

    مٺيون ماکي کان مٺيون، هن ديس جون ٻوليون،
    ڪيڏي رَب جي رحمت آهي منهنجو وطن.

    ماڻهو قرب وارا منهنجي ملڪ جا سارا،
    ڏيندو روح کي راحت آهي منهنجو وطن.

    هي آزادي آ عيد، او ”ڪليري رشيد“،
    منهنجو پيار محبت آهي، منهنجو وطن.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267769
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 388002
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ