ڪتاب جو نالو: آلا نيڻ آڪاش جا
مصنف: وسيم آڪاش سيتائي
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 17 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 541 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 214 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
. هي ڪتاب ”آلا نيڻ آڪاش جا“ نئين ٽهي جي خوبصورت شاعر وسيم آڪاش سيتائيءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي. ان کان اڳ سندس شاعريءَ جي پهرين مجموعي’’هوائن ڇير ڇمڪائي‘‘ جي ادبي حلقن ۾ خوبصورت پذيرائي ٿي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران:
  • مُهاڳ
  • تاثر: املي ڊڪنسن جي اُميدن جهڙو شاعر
  • احساسن جا وهڪرا
  • پنهنجي پاران:
  • آلا نيڻ آڪاش جا
  • شاعري

  • زندگي پنهنجي فنا، ڪير ڪري،
  • مون کان پري نه ٿيءُ، حياتي آ بي بقا،
  • هٿَ مقدر ڪَٽي ڇڏيا آهن،
  • باک جنءِ رات مان ڦُٽي نڪتي،
  • روشنيءَ جو بدن
  • جاڳي اُماس دُکَ جي جيون جي هنج ۾،
  • زندگاني زوال جي بستي،
  • ڄڻ تِکي تلوار تان گذران پيو،
  • گيت
  • گُھٽَ جو گَھر تي ڪڙو آھي چڙھيل،
  • نڙيءَ وانگر سُري ٿو من،
  • حسرتن جو ڇُڳو،
  • ماٺ
  • بيقراريءَ جي راحت مقدر رهي،
  • چانڊوڪيءَ جي رات هُجي، ۽ يار هُجي،
  • گيت
  • زندگي تلخُ حقيقت آهي،
  • ڪنهن ڪئينءَ به ڪئي پاڻ عداوت نه ڪئي آ،
  • بي ڌيان هُئا، بدحال هُئا،
  • گيت
  • وقت تي اعتبار ناهي پرين،
  • گيت
  • ماڻهو ماڻهوءَ کي مانُ ٿو گھُرجي،
  • دردَ جا پٿر
  • وقت سان گڏ ورڻ سِکون ٿا پِيا،
  • زندگي زندان آهي،
  • درد کي ڳوھي وٺان،
  • يار اڄ جي پيار تي،
  • ڪونهي ڪو غمگسار موٽي آ،
  • پنجڪڙا
  • تلخُ ٿورو مزاج آ منهنجو،
  • ترائيل
  • پيار پيڙائن جي ماري،
  • تاريخ
  • مقدر جون اکيون
  • سِرَ سان نه سَلڻ واريون، ڪنهن سان نه ڪجانءِ ڳالهيون،
  • صدين جا اوجاڳا آھن اکڙين ۾،
  • روز جيئي ۽ مري ٿو ڪوئي،
  • ’’ايتري بي واجبي ڇو ٿا ڪيو!‘‘
  • تاريخ جون سُرخ اکيون
  • الفتن جو امام آهيان مان،
  • گيت
  • نفاست ۽ نزاڪت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو،
  • مفلسيءَ جو بدن رهيو گهائل،
  • ٽيڙو
  • نيڻ ڄڻ ڪا ندي خواب نيرڳ هئا،
  • ڪنھن قضا جي وقت کان ٿورو اڳي،
  • احساس ڪمتري
  • سندر سپنن جا،
  • غلامي
  • ڪا ندي يا سُڪار آهيان مان،
  • تنهنجو ڀاڪر هيو صرف سنسار ۾،
  • ڏيڍ سٽا
  • هر لَهر رقصان چاندنيءَ ۾،
  • واپسي
  • مفلسي
  • اضطرابن جي انتها آهي،
  • خود خُوديءَ ۾ خدا، ڪٿان آڻيان،
  • ڪوئي اجڙي ويل چمن آهيان،
  • مذهب
  • پورَ اُسري ويا،
  • کنوڻيون کجيون رات،
  • خيال ۾ خيال آ،
  • مايا
  • نا اُميديءَ جون وسعتون لٽجن،
  • هڪڙو ماڻهو موتيءَ داڻو،
  • دهشت جو ڏهڪاءُ،
  • دشمن جو هر داءُ وسيم
  • زندگيءَ جو ٽيون حصو سج
  • حالتن کان فرار ٿي ڏسجي،
  • پڇتاءَ جي دز
  • دوستَ ئي راھَ ۾ رکي پٿرَ،
  • ظلم جي آڪاس کي ڪاڏي ڪيان،
  • عقيدت ۾ مزو ناهي،
  • ٽيڙو
  • جنت جي جستجو
  • سورَ پنهنجا سليون رات ڀر،
  • يادگيرين جو ماسُ ڪوريان ٿو،
  • سونهنَ سان سرشار منهنجي شاعري،
  • ماڻهو ماڻهن جهڙا کوڙ،
  • بيت
  • جيون ۾ اُداسين جا انبار ڪٿان آيا،
  • اکڙين کي اوجاڳن سان هموار ڪري ويو ڪو،
  • ڇا تون ڄاڻين ٿو،
  • فطرتي حُسن جي اطاعت آ،
  • ترائيل
  • پنهنجا ڇني ڇڏيا هن،
  • غلامي جي بوءِ
  • ٿيو بحث علم عاقل سان ڳپل هُيو،
  • هُن پار زندگيءَ جي اُڪري وڃان متان مان،
  • پورن ۾ آ پاھُ،
  • ڪا هيرَ هُئي جهرمر،
  • هي سوچ روا ناهي،
  • دل جي هر ڌڙڪن،
  • درد ڀي خود هُئي، طبيب هُئي،
  • سُڏڪن جا پڙڏا
  • کڻڻ سان ئي ڪِري عينڪ،
  • درد جو در ڏئي ڇڏيو آهي،
  • سچ
  • منهنجي تدفينَ ٿي، هليا ويا هو،
  • نه جنهن ۾ تازگي آهي.
  • برسات جي مند
  • حيات جي تلاش ۾ خوديءَ کان لاپتا هُيس،
  • دل لڳي وسري وئي آ،
  • آسمان
  • اکيون
  • هڪ نظر ۾ وڻي ويو ڪوئي،
  • چوسٽا
  • مون کي توسان جي پيار ٿي ويندو،
  • انتها پسندي
  • ساهن ۾ سڏڪن جا پاڇا،
  • دلبريءَ جي دانهنَ مان ڪنهن کي ڏيان،
  • گُلَ چوٽيءَ ۾ هڻي،
  • تنها ڪري وئين ڇو،
  • پل جو مهمان ٿي پيو آهيان،
  • گهري ساگر ۾،
  • ٽُٽا جئينءَ تياڳ جا سپنا،
  • ترائيل
  • پنجڪڙا
  • اداسيءَ جو مقتل
  • پريُن پيارن لاءِ،

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    BOOK NO: (167)

    • آلا نيڻ آڪاش جا • Aala nean Aakas ja
    (شاعري) (Poetry)
    • وسيم ’’آڪاش‘‘ سيتائي Waseem Akhas setie•
    ڇاپو پهريـون:مارچ 2016ع FIRST EDITION 2016
    ڪمپوزنگ@ٽائيـٽل: ڪنول گروپ With All Rights Reserved
    ڪنول © KANWAL
    پبليڪيـشن قنبر Publication Kamber







    مُلهه: 200 روپيـا








    ڪـتـابـن مـلـڻ جـا هـنـڌ:

    - ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد. - فڪشن هائوس، حيدرآباد -
    ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد
    سمبارا پبليڪيشن هائوس، سيد آرڪيڊ، حيدرآباد
    - رابيل ڪتاب گـﮬـر، لاڙڪاڻو - مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو-
    وسيم ڪتاب گـﮬـر، شڪارپور - سنڌيڪا ڪتاب گـﮬـر، سکر-
    تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس – الفقراء ڪتاب گـﮬـر، سانگـﮬـڙ
    الفتح نيوز ايجنسي، سکر – سراج بڪ اسٽور، قنبر


    ارپنا

    منهنجي وجود سان وابسته
    منهنجن پنهنجن،
    ڏاڏو محمد صديق ميمڻ،
    ڏاڏي حاڪم زادي،
    چاچا گل محمد ميمڻ،
    بابا سائين ممتاز علي ميمڻ،
    پُڦي حميده ميمڻ،
    چاچا فضل محمد ميمڻ،
    چاچا الطاف حسين ميمڻ،
    چاچا آفتاب احمد ميمڻ،
    ۽ ماما بخشل ميمڻ
    جي نانءِ.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (167) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”آلا نيڻ آڪاش جا“ نئين ٽهي جي خوبصورت شاعر وسيم آڪاش سيتائيءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي. ان کان اڳ سندس شاعريءَ جي پهرين مجموعي’’هوائن ڇير ڇمڪائي‘‘ جي ادبي حلقن ۾ خوبصورت پذيرائي ٿي.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون وسيم آڪاش جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني. ٿورا سعيد سومري جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران:

    وسيم آڪاش سيتائي، نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي رهيو. سندس پهريون مجموعو ’’هوائن ڇير ڇمڪائي‘‘ جي ادبي حلقن ۾ خوبصورت پذيرائي کان پوءِ سندس ٻيو ڪتاب ’’آلا نيڻ آڪاش جا‘‘ پڻ اُن ئي تسلسل جي سڳنڌ سان ٽٻٽار آهي.
    وسيم آڪاش نئين عهد جي آواز کي پنهنجي فن ۽ فڪر جي سجاوٽ سان هڪ اهڙي دلفريب انداز ڏيڻ لاءِ وکون سهيڙي پيو، جيڪو انداز نئين وقت جي هر روح کي پنهنجو محسوس ٿيئي. هُن وٽ نه رڳو خيال کي نواڻ سان پيش ڪرڻ جو ساهس آهي پر فني تجربن ۾ نمايان اڳڀرائپ جو جوهر به آهي. جنهن سبب چئي سگهجي پيو ته هُو شاعريءَ ڏانهن هڪ ذميوار شاعر جي اک رکندي نه صرف شعري جهانَ لاءِ پر ايندڙ ٽهيءَ جي تاريخ لاءِ پڻ فخر جوڳو نانءُ رهندو.
    سندس هن نئين ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي صنفون شامل آهن، جيڪي پڻ سندس فني پهچ جو معراج آهي، پر سندس غزل ۾ جيڪا خيال جي جدت آهي، اُها سندس غزل کي اڳيان کڻي هلي ٿي. منجهس پراڻن احساسن کي به نئين ڍنگ سان لفظي پينٽ ڪرڻ جو گُــر آهي. جنهن سبب هُو نئين ٽهيءَ ۾ نشانبر ڪويسر سڏجي پيو.
    سوشل ميڊيا کان وٺي ادبي پروگرامن تائين ذاتي شرڪت، سندس روح جي علمي ۽ عملي ڪرت جي خوبصورت نشاندهي آهي. هن نفسانفسي جي نامهربان زماني ۾، جتي ’’ٿورو‘‘ به ’’گهڻو ڪجهه‘‘ سڏجي پيو، وسيم آڪاش جي شخصيت جا اِهي روپ سروپ ۽ شاعريءَ ڏانهن عاشقيءَ واري سچائي، سندس ادبي سفر کي آسان ڪندي، کيس اڳتي وٺي وڃي پيئي. ضرور ، اِهو سفر مسلسل جاکوڙ جو طالب آهي. جنهن جستجو جي ’آڪاش‘ مان وڏي اميد برقرار آهي.

    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsoomro4@yahoo.com


    مُهاڳ

    ڇيت آڪاش کي لڳي دل ۾

    رابرٽ فراسٽ (1874_1963ع) چيو هو، ’’ڪهاڻي لکڻ وقت جيڪڏهن ليکڪ جي اکين ۾ ڳوڙها نه آهن ته پڙهڻ واري جي اکين ۾ به ڪو نه هوندا‘‘، اها ساڳي ڳالهه نه رڳو ڪهاڻيڪار سان بلڪه هڪ شاعر سان به لاڳو آهي، جيڪڏهن ڪنهن شاعر اکين ۾ آب آڻي سٽون نه سرجيون آهن ته پوءِ هُو پڙهندڙ جي به اکين ۾ ڳوڙها نه آڻي سگهندو،
    شاعر زندگيءَ جا سمورا دُک درد ڀوڳي ٿو، هڪ عام انسان وانگر هو به ان ئي معاشري جو فرد آهي، جيڪو انسان سوز ۽ اذيت ناڪ آهي، ان ڪري لازمن هُــو هڪ درد ۽ ڪرب جي ڪيفيت مان گذري ٿو، پنهنجو مُشاهدو ۽ تجربو بيان ڪري ٿو، زماني جي سفاڪين کي سامهون آڻي ٿو، لکڻ وقت به هُن جي حساس دل خون جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي، هُن کي جو زماني ڏنو آهي، اُهو ئي لفظن جي روپ ۾ موٽائي ٿو، ان ڳالهه کي ساحر لڌيانوي هن سٽن ۾ سميٽيو آهي،
    دنيا نے تجربات و حوادث کي شکل ميں،
    جو کچھ مجھ ديا ہے وه لوٹا رها هوں میں۔
    اها ساڳي ڳالهه هڪ فارسي شاعر به ساڳي انداز سان بيان ڪئي آهي،
    ازبرون لب ندانم چه شود، ليک آگهم،
    کزتهه دل تالبم افسانه درخون مي رود.

    جنهنجو مطلب اهو آهي ته ’’جو به سخن منهنجي چپڙن کان ٻاهر اچي ٿو، ان لاءِ نه ٿو ڄاڻان ته ڇاهي، فقط ايتري خبر پوي ٿي ته دِل جي عميق گهرائين مان منهنجي چپڙن تائين جيڪا ماجرا اچي ٿي، سا منهنجو ڪليجو چيري رت سان رڱجي ٻاهر نڪري ٿي.‘‘
    شاعر شعر چوڻ وقت جنهن پيڙا مان گذري ٿو، ان ڪيفيت کي مٿئين شعر بلڪل چٽو ۽ واضح ڪري بيهاريو آهي، شاعر معاشري جي عام ماڻهو کان وڌيڪ حساس فرد آهي، ان جي حساسيت ئي ان جي ڀوڳنا جو سبب آهي ته هُو پنهنجي دُک درد سان گڏ پراوا دُک درد به ڀوڳي ٿو، پراوا ڳوڙها به پنهنجي ڳلي تي کڻي ٿو، شاعر جي ذهن ۾ جيسين تجربن ۽ مشاهدن جا طوفان نه ٿا اُڀرن جيسين پورن ۽ پيڙائن، غمن ۽ گوندرن جون آنڌيون نه ٿيون گُهلن، تيسين هُو درد ناڪ ۽ دلين کي جهوريندڙ گيت، غزل جوڙي نه ٿو سگهي، بقول شيخ اياز جي ته،


    جنهن وقت گَهٽا ڪا گرجي ٿي،
    ان وقت ئي موتي سپجن ٿا.


    شاعر حالتن کان متاثر ٿي سوچن جا صليب کڻي مفهوم ۽ فحزون بڻجي تڙپي تڙپي پنهنجي اندر جي ڳالهه ڳوڙهن جي ڇانءَ ۾ ڪري ٿو، تڏهن ته ان جي لفظن ۾ جان پوي ٿي ۽ متاثر ڪندڙ هجن ٿا،
    وسيم آڪاش پاڻ به چوي ٿو ته،


    گيت سرجن ٿا رت ولوڙڻ سان،
    شاعريءَ لئه گيان ٿو گُهرجي.

    شاعر کان جيڪڏهن سموريون شيون کَسي، کيس هر ڳالهه کان محروم، بيوس، بيڪس ۽ لاچار ڪيو وڃي ته هڪ شيءِ هُن وٽ باقي رهجي وڃي ٿي، اُها آهي ’’آئينو‘‘ جيڪو عام آئيني کان بنهه عجيب ۽ مختلف آهي، ان آئيني ۾ موجوده معاشري جا سمورا جهول، اوگڻ، اوڻائيون، بدصورتيون ۽ بي اعتداليون هجن ٿيون، آئيني ۾ اُهو نظر ايندڙ معاشرو، ڪيترو انسان سوز، اذيت ناڪ، پورهيت دشمن هجي ٿو، ۽ عام انسانن جي حقن جو غاصب آهي، سڄو سارو بي نقاب ٿي سامهون بيهي ٿو، ان معاشري ۾ ڪيتري وحشت ۽ بربريت آهي، ان معاشري کي قائم رکندڙ قوتون ڪيتريون بي رحم ۽ بي درد آهن، انسانذات جي دُکن دردن پيڙائن ۾ اضافو آڻڻ ۾ ڪيتريون اڳ کان اڳڀريون بڻيون بيٺيون آهن، سو سڀ چٽي طرح نظر اچي ٿو.
    وسيم آڪاش سيتائي وٽ به اهو آئينو آهي جنهن ۾ سماج جو سڄو سارو بدنما چهرو ظاهر نظر اچي ٿو، هو ڪيترو سفاڪين سان ڀريل آهي، وسيم آڪاش وٽ جو تخليقي ’’ آئينو‘‘ آهي، ان ۾ اسان جي معاشري جو هڪ زاويو ته مٿئين نظم ۾ جيڪو هُن ’’روشنيءَ جو بدن‘‘ جي عنوان سان لکيو آهي، اچي ٿو وڃي، پر سندس آئيني ۾ اهڙا کوڙ سارا زاويا ۽ اولڙا آهن، هن پنهنجي آس پاس جي حالتن کي تمام ويجهو ٿي وڃي ڏٺو آهي، معاشري جا سمورا ڀيانڪ ۽ بڇڙا روپ هن پنهنجي تخليقي آئيني ۾ عڪس بند ڪيا آهن، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هُن شاعري کي فقط قافيه رديف جي راند ناهي سمجهيو، مگر هڪ حقيقت پسند ٿي پنهنجي اندر جي سموري محسوسات کي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي، هي به هُن جي جذبي، جاکوڙ، ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ ذهني ولوڙ جي ترجماني ڪندڙ سٽون آهن، جيڪي پڙهندڙن کي سمجهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون. غزلن مان چند سٽون:

    ڄڻ پيو قتل گاھَ ۾ گهاريان،
    امن جو ڪو نشان ٿو گُهرجي.
    پيار انسانيت سان آ پنهنجو،
    ڪو وڏيرو نه خان ٿو گُهرجي.
    _
    چاهتن جا گُلاب بستيءَ مان،
    وقتَ پاڙئون پَٽي ڇڏيا آهن.
    بيوسين حوصلا حياتيءَ جا،
    باز وانگر جَهٽي ڇڏيا آهن.
    _
    نه جنهن ۾ تازگي آهي،
    اُها ڇا زندگي آهي.
    ٽنگي سڀ ٽياس تي جذبا،
    ڪئي مون خودڪشي آهي.
    _
    گُهٽ جو گهر تي ڪڙو آهي چڙهيل،
    موت جو ٿر تي ڪڙو آهي چڙهيل.
    ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي پڙلاءَ جو،
    امن جي تر تي ڪڙو آهي چڙهيل.
    _
    چچري ويو تمدن جو وجود ڪو،
    تهذيب جو به سِر، ڌڙ کان لٿل هُيو.
    ڇاڇا عذاب ڀوڳي ڀونءِ ٿي پئي،
    ڇالاءِ سنڌڙيءَ جو تر تتل هُيو.
    _
    لفظ تڙپن ٿا سوچ جي رڻ ۾،
    شاعريءَ جو بدن رهيو گهائل.
    ٽياس تي هون ٽنگيل تمنائون،
    زندگيءَ جو بدن رهيو گهائل.
    ڇيت آڪاش کي لڳي دل ۾،
    عاشقيءَ جو بدن رهيو گهائل.
    _
    وسيم آڪاش سيتائي طبعن حساس ۽ انسان دوست آهي، ان ڪري اُن جي شاعري مختلف شعري حالتن ۽ صنفن ۾ اندروني احساسن، زماني جي تلخين ۽ دُکن جي ترجمان آهي، سندس انداز بيان به خوبصورت، نرالو، منفرد، پرسوز ۽ دلنشين آهي، وٽس ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءُ آهي، سندس ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وارا خيال به ڌرتيءَ سان سچي محبت واري جذبي ۽ رنگ ۾ رنگيل آهن، وسيم آڪاش پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت تشبيهن ۽ ترڪيبن کان به ڪم ورتو آهي، جئين بحرمخفف_ خفيف ( فاعلاتن مفاعلن فعلن ) ۾ چيل غزلن جون هي معنيٰ خيز سٽون؛
    دوست ئي راھَ ۾ رکي پٿر،
    تهمتن جا هڻي ويا نشتر.
    _
    منهنجي تدفين ٿي، هليا وِيا هو،
    قل پڙهي، گُل رکي. هليا وِيا هو.
    _
    ڇو نصيبن جي ريگذارن ۾،
    پنهنجي رولاڪين کي روليان ٿو.
    _
    زندگاني خزان جي موسم آ،
    عمر سان گڏ ڇڻي ويو ڪوئي.
    _
    پنهنجي وجداني ڪيفيت اندر،
    مون خدا کي ڏسي ڇڏيو آهي.
    _
    شاعريءَ جي نفيس چولي تي،
    ڀرت فڪري ڀرڻ سِکون ٿا پيا.
    _
    ماڻهپي کي ڪُهي ويا ماڻهو،
    شهر ويران ٿي پيوآهيان.

    ’’تهمتن جا نشتر‘‘، ’’نصيبن جا ريگذار‘‘، ’’عمر سان گڏ ڇڻڻ‘‘، ’’شاعريءَ جو نفيس چولو‘‘، ’’فڪري ڀرت ڀرڻ‘‘، ’’ماڻهپي کي ڪهڻ‘‘ جهڙا تشبيهي ۽ ترڪيبي اجزا هن جي شاعريءَ ۾ هر هنڌ پکڙيل آهن،
    سيتاروڊ جي هن سهڻي، سيبتي، شانائتي، مانائتي شاعر جو ڪلاکيتر ۾ پنهنجي پهرين پورهئي ’’هوائن ڇير ڇمڪائي‘‘ کان پوءِ ٻيو پورهيو ’’آلا نيڻ آڪاش جا‘‘ نهايت ئي نيڪ فال ۽ سڀاويڪ آهي.
    شاعر جو ايترو تيزيءَ سان لکڻ سان پنهنجو پاڻ تي اڻ سُهائيندڙ اثر ضرور پوندو آهي، ۽ ساڳي وقت هو غير معياري ۽ عاميانه شاعري جو شڪار ٿيندو ويندو آهي، پر مون کي ائين نه ٿو لڳي ته ڪٿي وسيم آڪاش جي شاعري ڌَڪي آهي يا مُڏي ٿي آهي، سندس هي مجموعو به معياري تخليق جو ئي غماز آهي.
    لازمن سندس آس پاس جا شاعر وسيم تي رشڪ کائيندا ته هو ادب ۾ ايتريون تيز ٻرانگهون ڪئين ۽ ڇو ٿو پائي، پر اهو سڀ وسيم جي پنهنجي محنت، مشق آزمائي، فهم ۽ ادراڪ تي ٻَـڌل آهي، جنهن تي اُنهن کي ايترو سوچڻ نه کپي، وسيم آڪاش جي شاعري شعريت، غزليت، معنويت سان گڏ موسيقيت جي مٺاس سان همڪنار آهي، عين ممڪن آهي ته هو پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان پنهنجي انفراديت ضرور اُجاگر ڪري وٺندو، ڇو ته هُن ۾ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان گڏ عصري تقاضائن ۽ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جو ڀرپور شعور آهي، سندس بي چين ڪيفيت ۽ سيمابي طبيعت، عاشقانه انداز فڪر واري صلاحيت کيس گهڻو ڪجهه ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ اُتساهيندي ۽ اُڀاريندي رهي ٿي.

    عشق تعمير ٿو شعور ڪري،
    عشق رهبر ۽ رهنما آهي.
    اڻ ڳڻين آزمائشن جي حد،
    وقت جيڏي اڃا ڊگهي آهي.

    فصيح ۽ سليس زبان، عاشقانه سوز و گداز ۽ جذبي جي شدت هن کي پنهنجي معاصر شاعرن ۾ منفرد مقام ڏيڻ جي ضامن آهي، لفظن جي شيريني، خوبصورتي، فڪري بيباڪي کيس مانوارو مقام بخشي رهي آهي، وسيم پاڻ کي قابل، مهربان، مانائتن ۽ صاحب طرز شاعرن جي درميان رکي وٽانئن هميشه پرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان کان علاوه هو پنهنجن همعصر دوست شاعرن جيڪي پڻ نئين فڪر ۽ اسلوب سان واڳيل آهن، جي محفلن جو روح روان آهي، جن جي صحبت سندس قلم ۽ ڪلا کي متحرڪ رکندي پئي اچي.
    فن ۽ فڪر جا ڇيڙا ملائيندڙ هي باذوق ۽ بافهم شاعر پامردي سان تخليقي سفر طئه ڪري رهيو آهي، شاعريءَ جي نون روايتن جو بغور مطالعو ڪندڙ ۽ حالتن جو گَهرو مشاهدو ڪندڙ پنهنجي هن ڳوٺائي شاعر سان منهنجون ڪي ئي اُميدون ۽ نيڪ خواهشون وابسته آهن. ’’سيتا‘‘ جي مٽيءَ جو خمير هونءِ به عالماڻو ۽ شاعراڻو آهي، ان ڪري وسيم آڪاش سيتائي هڪ ڏينهن ضرور سنڌي شاعريءَ جو آڪاش ٿي ڏيکاريندو.

    بشير سيتائي
    15.06.2015


    تاثر: املي ڊڪنسن جي اُميدن جهڙو شاعر

    خوبصورت شاعريءَ جي هڪ خاصيت هيءَ به هوندي آهي ته اُها مختصر لفظن ۽ دُرست ٻوليءَ ۾ هوندي آهي، خوبصورت شاعريءَ جو هيءُ ماهيتي ۽ اَفادي پهلو آهي ته اُها پڙهندڙ کي رَواجي سطحي خيالن مان ڇوٽڪارو ڏيندي آهي ۽ پڙهندڙ کي روشن حقيقتن illumining realities ڏانهن وَٺي ايندي آهي، خوبصورت شاعريءَ جو رازُWilliam blake جي شاعريءَ مان ڳولي سگهجي ٿو، هُن جي ٻولي نه صرف مختصر ۽ دُرست آهي، پر هُو مختصر لفظن جي چونڊ ۾ پڙهندڙ کي پنهنجي وين وسيلي سطحي خيالن مان آزادي بخشي، عظمت ڀَري تخيل ڏانهن وٺي اچي ٿو، هُو واريءَ جي ذرن جي مختصر ڪمپوزنگ مان دائمي فڪر جي دعوت ڏئي ٿو:
    To see a world in a grain of sand,
    And a heaven in a wild flower,
    Hold infnity in the palm of your hand,
    And eternity in an hour. (William blake)
    وسيم آڪاش سيتائي به هڪ اهڙو نوجوان شاعر آهي، جنهن مختصر لفظن جي ترتيب ۾ روشن حقيقتن illumining reality ڏانهن وڌڻ جي هڪ ڪاوش ڪئي آهي، هُو به وليم بليڪ جيان سَطحي خيالن مان آزادي چاهي ٿو، ٻنهي ۾ هڪ فرق هي به آهي ته هُو وليم بليڪ جيان ابدي سچ universal truth کي نه ٿو ڇُهي، پر اُن جي جاءِ تي هن وٽ مختصر لفظن ۾ مزاحمت ۽ داخليت resistance and subjectivism احساس آهن:
    گهُٽ جو گهر تي ڪَڙو آهي چڙهيل،
    موت جو ٿر تي ڪڙو آهي چڙهيل.
    ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي پڙلاءَ جو،
    امن جي تر تي ڪڙو آهي چڙهيل.
    Emily Dickinson چيو آهي ته،:
    If I read a book and it makes my body so cold no fire ever can warm me, I know that is poetry.
    املي ڊڪنسن وٽ شاعري درد جي انتها جو نالو آهي، پُرمسرت ۽ خوشي ڏيندڙ سامان آهي، هُن جي خيال موجب شاعري اُها ناهي، جيڪا ڪنهن بحث_دليل Argument جي صورت ۾ پاڻ مڃرائي، پر هُن جي نزديڪ شاعري اُها آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پنهنجي طاقت جي وسيلي، پاڻ مڃائي، املي ڊڪنسن، ڪيٽس جيان شاعريءَ کي a thing of beauty is a joy forever سمجهي ورتو آهي، هن جو نظم hope is the thing with feathers ڪافي مشهور آهي:
    Hope is the thing with feathers,
    That perches in the soul,
    And sings the tune without the words,
    And never stops at all. (Emily Dickinson)
    وسيم آڪاش جي شاعري املي ڊڪنسن جيان دردن کي اهڙو فاتح ڪو نه ٿي قرار ڏئي، جيڪي فتح ڪرڻ کان پوءِ دلين جي قُبن تي ويهي رهن، پر هُن جي شاعري املي ڊڪنسن ۽ ڪيٽس جيان خوشيءَ جو سامان به مُيسر ڪري ٿي، وسيم آڪاش جي اُميد کي املي ڊڪنسن جي اُميدن جيان کنڀ ڀلي نه هجن، پر اُن جي اُميدن ۾ چنڊَ به ندين ۾ وهنجي پون ٿا ۽ هر لهر رقصان آهي:
    هر لَهر رقصان چاندنيءَ ۾،
    چنڊ وهنجي پيو نديءَ ۾.
    عشق آ مهربان ٿي پيو،
    مان ته ماپان نه ٿو خوشيءَ ۾.
    اُهو چيو ويندو آهي ته poet is born not made آهي، پر آئون ان ڳالهه سان متفق نه آهيان، w.carlos Williams اُهو صحيع چيو آهي ته شاعري اُها خوبصورت آهي، جيڪا پڙهندڙ ۽ شاعر جي وچ ۾ ڪو فاصلو رهڻ نه ڏئي ۽ منهنجي خيال ۾ اهڙي شاعريءَ لاءِ ضروري آهي ته اُها ماڻهوءَ جي inner feelings کي نرم ڇُهاءُ بخشي، پر اُهو تيسيتائين نه ٿي سگهندو، جيسيتائين شاعريءَ ۾ زندگيءَ جو اعليٰ شعور ۽ جوهر divine essence of life) شامل نه ٿو ٿئي، وسيم آڪاش جي شاعري ساڳي طرح divine essence of life ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ sri chinmoy جي روحاني تجربن جيان آهي:
    Love is not a thing to understand,
    Love is not a thing to feel,
    Love is not a thing to give and receive,
    Love is a thing only to become and enternally be!
    (sri chinmoy)
    وسيم آڪاش وٽ به پيار مقدر جي راحت آهي ۽ پنهنجي روحاني تجربي ۾ هُو پنهنجي عاشقي جي پاڻ امامت ڪرڻ جي قابل آهي:
    بيقراريءَ جي راحت مقدر رهي،
    زندگيءَ جي مُسافت مقدر رهي،
    حسن آڏو رُڪوع ۾ رهياسين سدا،
    عاشقيءَ جي امامت مقدر رهي.

    وسيم آڪاش جي هن ڪتاب ’’آلا نيڻ آڪاش جا‘‘ جي ڪجهه شاعري مون وٽ پهتي آهي، جنهن جي بنياد تي آئون اِها راءِ قائم ڪريان ٿو ته مٿين خوبين کانسواءِ، سندس شاعريءَ ۾ فني سطحن تي ٻيون به ڪي خوبيون آهن هڪ ته هُو ٻوليءَ جون ترڪيبون ڏاڍيون خوبصورت جوڙي ٿو۽ ڪڏهن ڪڏهن سندس قافيي سان رديف ملي به ٻوليءَ جي ڪا خوبصورت ترڪيب جوڙن ٿا:

    جاڳي اُماس دُک جي جيون جي هنج ۾،
    تڙپي ٿو چين صدمن اُڌمن جي هنج ۾.
    ڪڏهن ڪڏهن هُو هڪ ئي لفظ کي استعارو بڻائي وٺي ٿو:

    هن سماجي گندگيءَ جي ڍير مان،
    مان ڪنول وانگي ڦُٽي اُسران پيو.
    وسيم آڪاش وٽ تجريديت واري مبهم پرستي ڪانهي، پر سندس شعر سنوان_ سِڌا پختو ابلاغ رکن ٿا ۽ پڙهندڙ تائين ڪميونيڪٽ ٿيڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن، ڇو ته سندس ٻولي ۽ لهجو سليس آهي، اُنهيءَ ڪري سندس پيغام ۾ هڪ صاف گوئي آهي:
    روز جيئي ۽ مري ٿو ڪوئي،
    ياد توکي ته ڪري ٿو ڪوئي.
    تانگهه جي تاءَ تپش ۾ اڪثر،
    باھ وانگر ئي ٻري ٿو ڪوئي.
    وسيم وٽ ادب جي نج پڻي جو تصور ڪونهي، پر هُو هڪ ئي وقت سياست ۽ ادب جي سنگم جي نظرئي جو شاعر آهي، سندس ٻه نظم ’’تاريخ جون سُرخ اکيون‘‘ ۽’’روشنيءَ جو بدن‘‘ اُنهيءَ نڪتهءَ نظر جا منطقي دليل آهن، ائين سندس هڪ ٻيو نظم بعنوان ’’غلامي‘‘ به قومي ٽرئجڊيءَ جي عڪاسي ڪندڙ نظم آهي، هن کنڊ جي پيار ۾ جيڪو درد اُوتيل آهي، اُنهيءَ کان وسيم آڪاش به روحاني طرح دامن بچائي نه سگهيون آهي، پر سندس موضوعن جي ويرائٽي سماجيات جي ادراڪ ۾ وڌيڪ چٽي ٿي بيٺي آهي، هُن جي غزلن ۾ سماجي ويڳاڻپ ۽ خود پرستيءَ جي خلاف احتجاج آهي، هو رومانس جي برعڪس سماجي جاڳرتا ۽ ماڻهپي جو داعي شاعر بڻجي سامهون اچي ٿو، اُهو اجتماعي شعور جو ساک ڀريندڙ مظهر آهي:
    ماڻهپو ماڻهو ڳهي ويا،
    آدمي حيوان آهي.
    پاڻ هرڪو پنهنجي من جو،
    پاڻ ئي سلطان آهي.
    وسيم آڪاش جون وايون غزل_ نما وايون آهن، جن ۾ ڳوٺاڻي تهذيب ۽ ڳوٺاڻي نفسيات جون ڪي خوبصورت عڪس بنديون آهن، جيڪي پڙهندڙ کي رَسُ چَسُ عطا ڪن ٿيون، ڪِن واين ۾ سندس نئين ڪردار سازي واري هنر مندي من موهيندڙ آهي، سندس وايون روايت ۽ جدت جي وچ تي بيٺل اهڙيون وايون آهن، جن جي تخيل ۾ ڪڏهن ڪڏهن جماليات پنهنجا پرڙا کُولي ٿي:
    گُلَ چوٽيءَ ۾ هڻي،
    چيلهه تي گهاگهر کڻي،
    کوھ تي سوچي پئي.
    وسيم آڪاش وزن بحر جو هڪ سٺو شاعر آهي، جنهنجي ڪري هن جي شاعريءَ ۾ پنهنجي ڪيترن ئي همعصر شاعرن کان وڌيڪ رواني ۽ ردم آهي، توڙي جو وسيم آڪاش قافين جي مروج فائدن مان فيض به ورتو آهي ۽ توڙي جو هُن غير معمولي خوبصورت رديفن جي کڻت سان گڏوگڏ ’’رائج عصري رديفن‘‘ جو پڻ سُک ماڻي ورتو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ’’دستوري فني فائدن‘‘ مان هُن فيضياب ٿيندي، شدَ ڏئي به وزن پُورو ڪيو آهي، پر پوءِ به هن فني سطح تي پنهنجي نئين ٽهي جي ڪيترن ئي نوجوان شاعرن کان گوءِ کَٽي ورتي آهي، وزن جي ڪافي پورائيءَ کانپوءِ هن نيون تشبيهون، نوان استعارا ۽ نوان محاڪات پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ مدعو ڪري ورتا آهن:
    حوصلا همتون پيو ماريان،
    پنهنجي من تي ڏڪار آهيان مان.
    وسيم آڪاش جي واين ۾ ڪلاسڪ ڪردارن مان دل جي ڪيفيت جي رونمائي ٿئي ٿي:
    نوري ڄام جئان،
    مون کي ڪينجهر ۾،
    ننڊ اچي ويندي.
    وسيم آڪاش هڪ اهڙو نوجوان شاعر آهي، جنهن مان اِملي ڊڪنسن جي اُميدن جي کنڀن جهڙي اُميد رکي سگهجي ٿي ۽ وليم بليڪ جي “ابديت واري سوچ” جي نئين نويد ڦُٽي سگهي ٿي، پر شرط هيءُ آهي ته وسيم آڪاش Wordsworth جيان spontaneous overflow of the powerful feelings سمجهي وٺي.
    گيت سرجن ٿا رتُ ولوڙڻ سان،
    شاعريءَ لئه گيان ٿو گُهرجي.

    خليق ٻگهيو
    مورو
    Cell: 0333 7083523


    احساسن جا وهڪرا

    احساسن جا وهڪرا خيالن جي تيز ڌارائن ۾ شامل ٿي، جڏهن اظهار جي خوبصورت سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا، ته جهومانيندڙ رچنائن جا موتي، لفظن جي صورت اختيار ڪري ، ڪاغذي اڀ تي خوبصورت پکين ۽ پوپٽن جيئن اڏامندا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن. لکڻين جا اهڙا نقش نگار ئي معياري تخليق جي ضمانت هجن ٿا. تخيل جي پيوند ڪاريءَ لاءِ گهربل ادبي احساس منجهان ڦٽي نڪتل، اسم ئي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ سونهن توڙي سوڀيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. بي ڊولي تخليق ٻوليءَ جي خدمت نه بلڪه ٻوليءَ سان دشمنيءَ جي مترادف آهي. ننگن احساسن کي تخليقي ۽ ادبي لباس اوڍائڻ جو نالو ئي ادب آهي. جذبن جي اٿاهه ساگر کي ڪنهن اصولي سٽاءُ ۾ پابند ڪرڻ کي ئي شاعراڻي ڪاريگري ۽ فن جو ڪمال چئبو آهي . نه ته هوند ڍڳ ڪتابن جا غير معياري تحريرن سان ڀريا پيا آهن. پر انهن جو ڪو به تخليقي، ادبي ۽ سماجي ڪارج سامهون نه اچي سگهيو آهي. روح جي پاتال منجهان نڪتل لفظ ، جڏهن فني ۽ فڪري اوچائين کي ڇهڻ لڳندا آهن ، ته ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب انهن تخليقن تي ناز ڪرڻ لڳندو آهي. ۽ پوءِ اهي فطري احساس پنهنجي جڳهه پاڻ ٺاهيندا آهن. انهن احساسن کي مڃتا جي ڌارائن ۾ شموليت اختيار ڪرڻ کان ڪوبه روڪي ڪونه سگهندو آهي. هر اها تخليق جيڪا معياري مواد ۽ مٿڀرو تخيل نه ٿي آڇي، سا پاڻمرادو ئي پنهنجي انت ڏانهن ڪهي ٿي وڃي. هر اهو سٽاءُ جيڪو اصولي گهاڙيٽن جي لتاڙ جو مرتڪب بڻجي ٿو ، سو گهڻي دير جيئرو نه ٿو رهي سگهي. سدا حيات تخيل لاءِ سدا حيات اصولي گهاڙيٽن جي پوئواري تمام ضروري آهي.
    منهنجي ان ذاتي راءِ سان ڀلي ڪو سهمت نه به هجي ، پر منهنجي نظر ۾ سٺو شاعر فقط اهو ئي آهي جيڪو فڪر کي فن جي سراڻ تي چاڙهڻ جو ڏانءُ ڄاڻڻ کان وٺي ، مختلف هيئيتي تجربن تائين پنهنجي داخلي ڦهلاءُ منجهان، تخليق جون نت نئيون ڪائناتون جوڙڻ جو ، فني ڍنگ به بخوبي ڄاڻندو هجي. ان جا ليک سماجي ۽ علائقائي بناوتن جي حدبنديءَ کان ٻاهر ۽ بنهه اوپرا به نه هجن . فڪر پنهنجي ئي مٽيءَ منجهان ، اهڙو ته ڳوهجي جو سموري دنيا ان کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪري .
    سيتا نگريءَ جو نوجوان سرجڻهار وسيم آڪاش سيتائي به سنڌ جي ادبي حلقن ۾ پنهنجي نانءُ ۽ پنهنجي مخصوص تخليق سان سڃاتو ويندڙ اهو شاعر آهي ، جنهن پنهنجي چنڊ نما تحريرن ، فڪر ۽ فن ذريعي سنڌي شاعريءَ جي وسيع ڪئنواس تي گهري ڇاپ ڇڏي آهي . علم عروض جو هي بهترين ڄاڻو شاعر غزل ، وائي ، نظم ، بيت ۽ ٻين ڪيترين ئي ، معروف توڙي غير معروف صنفن جي بنيادي گهرجن کان بخوبي واقف آهي ، عروض جي بنيادي معلومات کان ويندي ، ان جي مڪمل رچاءُ تائين پهچ رکندڙ هن صاحبِ ادراڪ تخليقڪار وٽ آوازن جي ادائگي جو علم ، وزن ، بحر ، تقطيع ، جزياتي ترڪيبون ، مستعمل ۽ غير مستعمل بحر جي تفريق ، زحاف ۽ ان جا اصول ، قافيا ، قافين جا شرط ۽ قافين جا عيب ، رديف جو جاندار استعمال ۽ ان سان نڀاءَ جون علمي حجتون ، مطلب ته شاعريءَ جي علم سان لاڳاپيل گونان گون معلومات تعريف جي حد تائين ججهي مقدار ۾ آهي .
    وسيم آڪاش انهن ٿورن شاعرن منجهان هڪ آهي ، جيڪي ڪنهن به بحر ۾ رهِي ان کي مترنم انداز سان ڀرپور نموني نڀائي ڄاڻن . هر بحر جا ڪيترائي اوزان اهڙا آهن جن کان اڄ جو تخليقڪار ايئن ووُن وڃي ٿو جيئن ڪانءُ ڪمان کان ، پر وسيم آڪاش اهي اهنجا وزن کڻي ، انهن تي ڀرپور طبع آزمائي ڪري ، فني پختگيءَ جي حوالي سان پڻ ، پاڻ کي لاتعداد شاعرن کان الڳ ڪري ورتو آهي . مرضيءَ جو وزن کڻي ان ۾ بيپناهه ترنم ۽ رواني پيدا ڪرڻ وسيم آڪاش جي شاعراڻي هنر ۽ ڪمال جا خوبصورت مثال آهن . جيئن هيٺ هُن بحر مضارع (مسدس) جي وزن : مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن تي ڪيڏي نه ڪمال جي مترنم خيال آرائي ڪئي آهي .
    مون کان پري نه ٿيءُ، حياتي آ بي بقا،
    وکريل وجود ڪير سهيڙيندو تو سوا.
    اهڙي طرح وسيم مشڪل کان مشڪل تر بحر ۽ وزن کڻي ، فني طور تي اڳتي وڌندو نظر اچي ٿو. فني طور تي هڪڙي هنڌ بيهي وڃڻ کي موت سمجهندي ، هُو منفرد سٽاءُ جي جستجو ۾ سرگردان رهي ٿو . ۽ پوءِ بحر رمل ( مسدس) جي اهڙي ڏکيي وزن : فاعلاتن فعِلاتن فعلن تي به هيٺيون خوبصورت غزل سرجي ٿو وٺي.
    زندگي پنهنجي فنا ڪير ڪري،
    عشق جو سجدو قضا ڪير ڪري.
    مختلف بحر ۽ وزن تي آڌاريل اهڙيون ڪيتريون ئي لکڻيون وسيم آڪاش جي هن خوبصورت مجموعي توڙي هن کان اڳ ۾ ڇپيل شاعريءَ جي ڪتاب ”هوائن ڇيرڇمڪائي“ ۾ پڙهي سگهجن ٿيون . وسيم آڪاش توري تڪي لکندڙ هڪ با شعور سرجڻهار آهي . اختصار مان ڪم وٺندي هتي رڳو وسيم آڪاش جي ٻن اسمن کي فني پختگيءَ جي مثال طور کنيو آهي . نه ته هوند وسيم آڪاش جي سموري شاعريءَ جو جيڪڏهن مفصل فني تجزيو ڪبو ته وسيم آڪاش هلندڙ ٽهيءَ جو نمائنده شاعر ٿي سامهون ايندو ۽ بلاشبه وسيم آڪاش هلندڙ وقت جي ڏات ڌڻين ۾ هڪ سٺي ادبي ساک رکندڙ ۽ تمام گهڻو سگهارو شاعر آهي .

    تاريخ جي پنن تي هئا داغ خون جا،
    جيئن رات ڪا اماس جي ، ايئن سنڌ جي ڪٿا.

    سنڌ ڌرتيءَ سان لاڳاپيل اذيتن جي طويل ڪٿا کي ، احساساتي انداز سان شعر جي محدود ايراضيءَ ۾ وسعتن سان اوتڻ ، سواءِ حب الوطنيءَ ۽ قومي شعور سان گهري وابستگيءَ جي ناممڪن آهي . ديس سان ٿيندڙ انياءُ جا پيرا هر دور انديش ڪويءَ پنهنجي پنهنجي انداز سان کنيا آهن . جيڪي فطري طور تي جذباتيت تي ئي آڌاريل آهن . پر اهي اظهار جن ۾ اتهاسي هڳاءُ ۽ اتساهڪ حقيقت نگاريءَ جا جز شامل رهيا آهن ، سي پويان ايندڙن لاءِ مشعلِ راهه جي حيثيت رکندڙ رهيا آهن . وسيم آڪاش به اهڙا اتهاسي شعر تخليق ڪري جهڙوڪر ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جو قومي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي هجي .
    عربن جي دؤر شور لتاڙيو جو ديس کي،
    ڏاهر جي پاڪ سنڌ جا اڊڙي بَکيا وَيا.
    تاريخ جي حساس ترين واقعن کي منظوم انداز سان پيش ڪرڻ تمام ڏکيو عمل هجي ٿو ، ان لاءِ تحقيقي اک ڌارڻي ٿي پوي ۽ ان دؤر جي معروضيت ۾ اوناهين تائين گهڙڻو ٿو پوي ، مطالعاتي ۽ مشاهداتي طرز سان ڳالهه کي بيان ڪرڻو ٿو پوي ، وسيم آڪاش ماضيءَ جي حقائق ۾ لهِي ، جنهن فهم ۽ ادراڪ سان قومي وحدت مٿان ٿيندڙ تاريخي هلان کي چٽيو آهي ، ان لاءِ وسيم آڪاش جس لهڻي . هر باشعور فرد مٿان مادرِ وطن جون عائد ٿيندڙ قومي ذميواريون ان کي اکيون ٻوٽي آرامي ٿيڻ نه ٿيون ڏين . ايئن وسيم آڪاش به پاڻ مٿان لاڳو ٿيندڙ قومي ذميوارين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي .
    دل چاهي ٿي ته وسيم آڪاش سيتائي جي هر تخليقي پهلوءَ تي دل کولي ڳالهائجي ، ان جي فڪري اڏام تي الڳ سان روشنيءَ وجهجي ، ان جي تخليقي روش ۽ اسلوب کان ويندي ، مبهم ۽ غير مبهم فني لوازمات تي خوب لکجي ، پر تاثراتي صفحن جي گنجائش موجب ايترو ئي ممڪن آهي . ڇاڪاڻ ته وسيم آڪاش جو خوبصورت تخيل رڳو مٿي ڏنل مختصر جائزن تائين محدود ناهي . هن جي خيالن ۾ فڪري همه گيريت جا ڪيترائي عڪس موجود آهن .


    جميل سومرو
    ڏهرڪي


    پنهنجي پاران:

    ’’ هي منهنجو ٻيو جنم آهي‘‘

    مون کي سڀ کان وڌيڪ مشڪل ڪم پنهنجي لاءِ ٻه اکر لکڻ لڳندا آهن، مان هميشه پنهنجو پاڻ سان مخاطب ٿيندي ئي مُنجهي پوندو آهيان، مون پاڻ سان پنهنجي عمر جو سمورو وقت گڏ گذاريو آهي، ۽ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته مان پاڻ کي پاڻ ئي درد ڏيندو آهيان، گهاءَ ڏيندو آهيان ۽ پاڻ ئي پنهنجو مَسيحا هوندو آهيان، جڏهن به مون تي دردن ۽ پيڙائن جي رات لهندي آهي ته، اڪيلائي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري اذيتن جي تيز ڌار ڇُريءَ سان منهنجي روح کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ منهنجو وجود لَهو لَهو ٿي پوندو آهي، تڏهن مان ڏاڍو اداس ٿي ويندو آهيان، پريشان ٿي ويندو آهيان، ۽ ائين ئي پنهنجي حصي جي ڀوڳنائن جا بَرَ جهاڳيندو رهندو آهيان.
    شاعريءَ جي پناھَ منهنجي نراس من جي چپن تي مُرڪون پکيڙيون آهن، شاعريءَ منهنجن بي نانءُ اُڌمن ۽ احساسن کي نانءُ ڏنو آهي، شاعريءَ منهنجي دل، جسم، روح ۽ وجود جي زخمن تي آٿتن جا پَها رکيا آهن، ۽ شاعريءَ ئي مون کي پنهنجي لوازمات مان ڄڻيو آهي، هي منهنجو ٻيو جنم آهي، ۽ منهنجي نئين جنم کي فطرت جيڪا به ڏات ڏني آهي، سا مون به اُن کان اکين سان ورتي آهي،
    منهنجو پهريون شاعري مجموعو ’’هوائن ڇير ڇمڪائي‘‘ سال 2014ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن کانپوءِ سيتاروڊ جي سرجڻهارن جو گڏيل شاعري جو مجموعو ’’ڏهر منجهه ڏيئا‘‘ مرتب ڪيو، جيڪو سال 2015ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، ۽ هاڻي سال 2016ع ۾ منهنجن ڪچن ڦڪن شعرن جو جھڳٽو ’’آلا نيڻ آڪاش جا‘‘ اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي، منهنجا خيال، احساس، جذبا، اُڌما، ۽ منهنجون ڀوڳنائون اوهان جي نظر آهن.
    شاعري سڄي عمر جي رياضت آهي، ۽ منهنجي شاعري منهنجو ’’مافي الضمير‘‘ آهي. منهنجي هن وقت تائين جيڪا به شاعري فن ۽ فڪر جو امتزاج ٿي ادبي کيتر ۾ اُسري آئي آهي، سا ڪيتري لاڀائتي آهي؟ اهو اوهان سُخن شناس پڙهندڙن، ادب ذوق، اديب، شاعر ۽ نقاد دوستن تي ڇڏيان ٿو.
    منهنجي هن ڪتاب جو مُهاڳ بشير سيتائي صاحب لکيو آهي، جيڪو هن وقت اسان کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو آهي، سندس وفات کان ٻه ٽي ڏينهنَ اڳ جڏهن منهنجي سائين سان فون تي ڳالهه ٿي هُئي، تڏهن به چيائين پئي ته ’’وسيم! ڪتاب ڇپائڻ ۾ ڏاڍي دير لڳائي اٿئي!‘‘ مون چيو:’’ها سائين، بس هاڻي مهيني اڌ ۾ ڇپجي ويندو‘‘، ۽ جڏهن هڪ هفتي کان پوءِ اڄ هن ڪتاب ۾ ’’پنهنجي پاران‘‘ ۾ لکندي سائين بشير سيتائي جا ٿورا مڃي رهيو آهيان، ته منهنجون اکيون آليون ٿي ويون آهن، ۽ منهنجي هن شاعري مجموعي جو نانءُ ’’آلا نيڻ آڪاش جا‘‘ به بشير سيتائي صاحب ڏنو، ’’ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.‘‘
    مان محترم خليق ٻگهيو ۽ جميل سومرو جو به نهايت ٿورائتو آهيان، جن منهنجي ڪتاب تي محبتن جي اظهار جهڙا تاثر لکيا، مون کي پنهنجو پيار ڏنائون، ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکندڙ مانوارن سائين ع.غ تبسم، محمد دين راڄڙي، معصوم بخاري ۽ وشال جي پيار جو پڻ ٿورائتو آهيان. پنهنجي پياري دوست غلام مصطفيٰ گهائل ۽ ربنواز سولنگي جو به ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجو پيار به مون تي واريو. سعيد سومرو جو به ٿورائتو آهيان جنهن خوبصورت ٽائيٽل کان وٺي ڇپائي تائين ساٿ ڏنو.
    ۽ مون کي هر وک تي اُتساهيندڙ، مون کي پنهنجو پيار ڏيندڙ ساس سيتاروڊ جا دوست قادر بخش ’’قلندڙ‘‘، ’’مجبور‘‘ ميمڻ سيتائي، منصور سيتائي، ’’مشهور‘‘ ميمڻ، قمر ڀان، احمد نواز سولنگي، ’’غريب گل‘‘ سيتائي، سليمان سومرو، آصف خاصخلي سيتائي، منظور سيتائي، عزيز سيتائي، شاڪر عزيز سيتائي، ذاڪر سيتائي، فياض منصور، منور ملاح سيتائي، نويد سخيراڻي، عاجز فهيم سيتائي، راشد سومرو ۽ امجد علي ميمڻ، سعيد ميمڻ، (ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻجن) مان سڀني پريُن پيارن سڄڻن ساٿين جو دل جي گهراين سان شُڪر گذار آهيان.
    وسيم آڪاش سيتائي
    Cell; 03334511338
    سيتاروڊ_سنڌ 10.02.2016


    آلا نيڻ آڪاش جا

    وسيم آڪاش سيتائيءَ سان مون زندگيءَ جو ڪجهه حصو گڏ گذاريو آهي، وسيم نيڪ دل، سچو، کَرو، بااخلاق ۽ پُرخلوص انسان آهي، وسيم آڪاش جي شاعريءَ ۾ فطرت جي حَسين وادين جا ڪيترا ئي حَسين ڏيکَ آهن، جيڪي دل جي تارن کي ڇيڙي ڇڏيندڙ آهن، سندس شاعريءَ ۾ بيوس ۽ لاچار ماڻهن جي اُڀ ڏاريندڙ صدا آهي، عشق جو اظهار، اقرار، خمار آهي، ڏکڻ جي ٿڌڙي هيرَ ۽ جون جي جهولي جهڙي گرم هوا آهي، ڪويل جي ڪوڪَ به آهي ته موهن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي پيرن جي ڇيرن جي ڇمڪار به، ڌرتي لاءِ بي پناھَ محبت به آهي، سندس شاعريءَ ۾ ڌرتي ڌڻين جا درد، پيڙا ۽ نه کُٽندڙ ڀوڳنائون به ڪَر کنيون بيٺيون آهن، ظالم سامراج خلاف اللاعلان بغاوت آهي، ۽ سندس ڪوتائن ۾ سماجي گندگيءَ جو بدنما چهرو به فني مهارت سان چٽيل آهي، اِها سڀ وسيم جي پنهنجي محنت آهي، مسلسل شاعراڻي مشق آهي، جنهن وسيم کي انڊلٺي رنگن سان رنڱي ڇڏيو آهي، نوان خيال، نوان موضوع، ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعارا وسيم آڪاش جي شاعريءَ ۾ هر هنڌ پکڙيل آهن، وسيم آڪاش نئين دؤر جو نئون آواز آهي.
    غلام مصطفيٰ گهائل
    ***********************************************************

    هينئر تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ شاعريءَ کي چئن وڏن دؤر ن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ پهرين دؤر واري شاعريءَ کي لوڪ شاعري ڪوٺيو ويو آهي جنهن ۾ ڀاڳُو ڀان سميت چارڻ فقيرن ۽ ڀٽ فقيرن وغيره جي شاعري اچي وڃي ٿي، ٻئي دؤر واري شاعريءَ کي ڪلاسيڪل شاعري ڪوٺيو وڃي ٿو جنهن ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، مِيَنِ عنايت رضوي، شاهه لطيف ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، ٽئين دؤر کي روايتي دؤر ڪوٺيو وڃي ٿو جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ، فيض بخشا پوري جهڙن شاعرن جي هڪ ڊگهي قطار اچي وڃي ٿي، چوٿين دؤر کي جديد شاعري وارو دؤر چئجي ٿو جيڪو دؤر 1947ع کانپوءِ شروع ٿئي ٿو جنهن دؤر جي شروعاتي شاعريءَ ۾ ڪشنچند “بيوس”، نارائڻ شيام، شيخ اياز وغيره اچن ٿا هينئر تائين جديد دؤر ۾ ٿيندڙ شاعريءَ ۾ چوٿين پيڙهي ( جنريشن ) پنهنجا پير پختا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ وسيم “ آڪاش ” سيتائيءَ جو به شمار ٿئي ٿو.
    وسيم شاعريءَ جي شروعات 2003ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ جو سفر ڀلي کڻي ڪو گهڻو پراڻو ناهي پر سندس شاعريءَ مان سنڌي شاعريءَ جي چئني دؤر ن جي مهڪ اچي ٿي.
    وسيم “ آڪاش ” سيتائيءَ جي شاعريءَ ۾ خوبصورت منظر نگاري، گهري سوچ، مظلومن جو پيڙاءُ، اڪيلائپ، اوجاڳا ۽ ڌرتيءَ سان بي انتها محبت ملي ٿي. سندس لکڻيءَ جو اسلوب ۽ ڍنگ نرالو آهي، فني ۽ فڪري لوازمات جي لحاظ کان سندس شاعري سندس همعصرن جي ڀيٽ ۾ الڳ ٿلڳ ۽ نمايان نظر پئي اچي. وسيم “ آڪاش ” سيتائي تمام ٿورڙي عرصي ۾ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي تمام مهارت سان طبع آزمائي ڪئي آهي جنهن ۾ بيت، غزل، گيت، وايون، نظم، نثري نظم، ٽيڙو، ترائيل ۽ هائيڪا شامل آهن. فطري حسناڪين، رومانس، نفيس احساس، اندر جي اُڌمن ۽ تصوف جي رنگن سان رڱيل هي خوبصورت رنگ برنگي گلدستو “ آلا نيڻ آڪاش جا ” اسان جي هٿن ۾ آهي. اسان جون نيڪ تمنائون وسيم “ آڪاش ” سيتائيءَ سان گڏ آهن، اميد ته هو ايندڙ وقت ۾ پنهنجي بهترين صلاحيتن کي استعمال ڪندي نه صرف شاعريءَ جي آڪاش تي چمڪندو پر پنهنجي وشال خيالن جي اُڏام سان مڃتا جو معراج به ماڻيندو.
    ربنواز سولنگي


    شاعري

    زندگي پنهنجي فنا، ڪير ڪري،

    زندگي پنهنجي فنا، ڪير ڪري،
    عشق جو سجدو، قضا ڪير ڪري.

    عمر جا گھاوَ ڀرڻ آيو جو،
    تنهن مسيحا جي دوا، ڪير ڪري.

    پورَ کي پيرَ ڪڙيون پايون پر،
    يادگيريُن سان دغا، ڪير ڪري.

    مطلبي اڄ جي زماني ۾ اينءِ،
    پاڻ سان ڀي ٿو وفا، ڪير ڪري.

    سنڌ جي فرض جا قرضي آهيون،
    فرض جو قرض ادا، ڪير ڪري.

    عرشُ ’آڪاش‘ وجهي لُوڏي جا،
    وقت جي اهڙي صدا، ڪيرُ ڪري!


    مون کان پري نه ٿيءُ، حياتي آ بي بقا،

    مون کان پري نه ٿيءُ، حياتي آ بي بقا،
    وکريل وجود ڪير سهيڙيندو تو سوا.

    ديبل جي دانهن دردُ هان، مڪليءَ جي ماٺ يا،
    موهن دڙي جي روح جي آهيان دٻيل صدا.

    جهاڳيان پيو جهان جو جهنجهٽ اڃا پرين،
    فطرت جو ڀانءِ ڀيد، ازل منهنجي ابتدا.

    توبن خزان جي زرد پتن وانگيان ڇڻيل،
    گمنام ڪنهن ته راھَ جو رهگير هان مٺا.

    عربن جي دؤر شور لتاڙيو جو ديس کي،
    ڏاهر جي پاڪ سنڌ جا اُڊڙي بکيا ويا.

    تاريخ جي پنن تي هُئا داغ خون جا،
    جنءِ رات ڪا اُماس جي، انءِ سنڌ جي ڪٿا.


    هٿَ مقدر ڪَٽي ڇڏيا آهن،

    هٿَ مقدر ڪَٽي ڇڏيا آهن،
    خواب نيڻن لَٽي ڇڏيا آهن.

    شوخ تنهنجي به جي طبعيت آ،
    مون به رستا مٽي ڇڏيا آهن.

    واڻ وانگر اسان به اي جيون!
    پنهنجا جذبا وَٽي ڇڏيا آهن.

    پاڻ سارين جئان لُڻي آخر،
    سورَ پنهنجا سٽي ڇڏيا آهن.

    چاهتن جا گلاب بستيءَ مان،
    وقتَ پاڙئون پَٽي ڇڏيا آهن.

    بيوسين حوصلا حياتيءَ جا،
    باز وانگر جهٽي ڇڏيا آهن.

    هاءِ! ’’آڪاش‘‘ عشق جي راهن،
    پيرَ دل جا ڦٽي ڇڏيا آهن.


    باک جنءِ رات مان ڦُٽي نڪتي،

    باک جنءِ رات مان ڦُٽي نڪتي،
    جيت انءِ مات مان ڦُٽي نڪتي.

    هُن سهيڙيو وجود منهنجي کي،
    عمر سڪرات مان ڦُٽي نڪتي.

    دل ۾ آهي جا درد جو تلخي،
    وقت حالات مان ڦٽي نڪتي.

    فاصلن جي وشال صحرا ۾،
    تانگھه هُئي تات مان ڦُٽي نڪتي.

    يار جي انتظار جي اذيت،
    من جي محلات مان ڦُٽي نڪتي.

    منهنجي فن جي سموري حسناڪي،
    منهنجي فڪرات مان ڦٽي نڪتي.

    ڏانءُ آڪاش جي هُيو وَسُ پر،
    شاعري ڏات مان ڦُٽي نڪتي.


    روشنيءَ جو بدن

    ديپ جي جوت کي،
    هٿ سان جهيڻو ڪري،
    پوري ماحول جو، گندو چهرو ڪري،
    روشنيءَ جو بدن آهي چچريو ويو،
    سنڌ جي سونهنَ کي،
    باز وانگر جَهٽي،
    ڇيهون ڇيهون ڪري ٿو بگاڙيو وڃي،
    ڀونءِ جو بخملي ۽ ڀلارو بدن،
    بي ڌڙڪ هرڪو راڪاس رهڙي پيو،
    ماسُ منهنجي مهربان ماتا سندو،
    هي بگهڙ گڏجي روڙي ٿا کائن پيا،
    گل مروڙيا وڃن باغ ڀيليا وڃن،
    چاهتن جا چٽا، رنگ ميرا ڪري،
    موسمن جا هتي،
    سِرَ ٿا لاٿا وڃن،
    ظلم ناحق سندا،
    تيز خنجر هڻي،
    آجپي جون اکيون ڀي ڪڍيون ٿيون وڃن،
    هيروشيما جئان، ناگاساڪيءَ جئان،
    سنڌ مسلسل اِهي گهاءَ سهندي رهي،
    سنڌ ٻرندي رهي،
    سنڌ سڙندي رهي،
    سامراجي جٿا، ڄڻ ڇتا ڪي ڪُتا،
    روز انسانيت کي،
    ڇيڇاڙن پيا،
    منهنجا ڌرتي ڌڻي، ڳاڙها ڳڀرو جوان،
    روز وحشين هٿان،
    پنهنجن گهرڙن اڳيان،
    بس کنڀيا ٿا وڃن،
    گُم ڪيا ٿا وڃن،
    ڪنهن نه ڪنهن ماڳ تي،
    در جي چائنٺ اڳيان،
    پُر تشدد ٿيل،
    جسم ٻيرا ٿيل،
    تيز ڌارا سان هڙئي ڪپيل ۽ وڍيل،
    لاش جي صورتن ۾،
    ڏنا ٿا وڃن،
    حق جو آواز اينءِ ٿو دٻايو وڃي،
    داٻي دهشت جو دوزخ مچايو وڃي،
    قومي تحريڪ جا رستا روڪي هڙئي،
    قوم کي ٿو جبر سان ڪَنبايو وڃي.


    جاڳي اُماس دُکَ جي جيون جي هنج ۾،

    جاڳي اُماس دُکَ جي جيون جي هنج ۾،
    تڙپي ٿو چين صدمن، اُڌمن جي هنج ۾.

    ساڀيا جي رڻ ۾ ڀٽڪي سپنا رُلي ويا،
    ويرانيون رَڙن پِيون نيڻن جي هنج ۾.

    نرمل نزاڪتن جون تندون ڇڳيون قضا،
    سِڪَ سُڏڪندي رهي ٿي ساهن جي هنج ۾.

    معصوم حسرتن جون آليون اکيون ڪري،
    دل دردَ هن نپايا ڌڙڪن جي هنج ۾.

    طوفان نفرتن جو آيو هَليو وَيو،
    احساسَ پَر مَري وِيا رشتن جي هنج ۾.

    آزادگيءَ کي اوتي مون لفظ لفظ ۾،
    جنميون بغاوتون هن گيتن جي هنج ۾.

    قنديل ۾ ٻَري وِيون آڪاش وسعتون،
    جرڪي نه جوت ڪائي جذبن جي هنج ۾.


    زندگاني زوال جي بستي،

    زندگاني زوال جي بستي،
    پو به آهي ڪمال جي بستي.

    عشق مون کي شعور ارپيو آ،
    عشق ارپي خيال جي بستي.

    منهنجي دنيا رهي ٿي مون ۾ ئي،
    مئڪدو آ ڪلال جي بستي.

    درد جا ديپ ٿا ٻرن دل ۾،
    ۽ بدن آ پلال جي بستي.

    روح منهنجو ۽ ٿر جو ساڳيو آ،
    ساڳي ماضي ۽ حال جي بستي.

    ياد آڪاش جي ڪيان ڪاڏي،
    ڪنءِ وساريان وصال جي بستي.


    ڄڻ تِکي تلوار تان گذران پيو،

    ڄڻ تِکي تلوار تان گذران پيو،
    بيوسيءَ جي باھ ۾ پڄران پيو.

    هن سماجي گندگيءَ جي ڍير مان،
    مان ڪنول وانگي ڦُٽي اُسران پيو.

    وَئيِ حياتيءَ کي حياتي آ مِلي،
    ڪنهن نگاھِ ناز مان نسران پيو.

    مان غُلاميءَ جي اُماوس رات ۾،
    آجپي جو سجُ ٿي اُڀران پيو.

    تيز تر طوفان ۾ آڪاش تي،
    عزم جو شهباز ٿي اُڏران پيو.


    گيت

    ولوڙجي پيو ٿو دم،
    سدا رهن ٿا نيڻ نم،
    رڳو آ ڪم رڳو آ غم،
    ڪٿي پُڄي ڪٿي پُڄان.

    خُوديءَ جي ڀَڃُ ڊاھَ ۾،
    ڪجي انا جو سِرُ قلم،
    رڳو آ ڪم رڳو آ غم،
    ڪٿي پُڄي ڪٿي پُڄان.

    خيالَ جي پَرارَ تي،
    اڪيلتا جو آ عالم،
    رڳو آ ڪم رڳو آ غم،
    ڪٿي پُڄي ڪٿي پُڄان.

    ملي حيات مختصر،
    هُيو انهيءَ ۾ درد ضم،
    رڳو آ ڪم رڳو آ غم،
    ڪٿي پُڄي ڪٿي پُڄان


    رکيون اڃا اچان پيو،
    وصال هجر جو ڀرم،
    رڳو آ ڪم رڳو آ غم،
    ڪٿي پُڄي ڪٿي پُڄان.

    ڪيان ته مان ڪيان به ڇا،
    لکان ته ڇا لکان عدم،
    رڳو آ ڪم رڳو آ غم،
    ڪٿي پُڄي ڪٿي پُڄان.

    نديءَ جي وهڪرن جئان،
    رهيو سدا رَوان رڌم،
    رڳو آ ڪم رڳو آ غم،
    ڪٿي پُڄي ڪٿي پُڄان.

    وسيم مان “آڪاشُ” ٿي،
    کنيوسين قوم لئه قلم،
    رڳو آ ڪم رڳو آ غم،
    ڪٿي پُڄي ڪٿي پُڄان.


    گُھٽَ جو گَھر تي ڪڙو آھي چڙھيل،

    گُھٽَ جو گَھر تي ڪڙو آھي چڙھيل،
    موت جو ٿَر تي ڪڙو آھي چڙھيل.

    لوڻ جھڙي پاڻياري زھر جو،
    شھر جي جَر تي ڪڙو آھي چڙھيل.

    مان رھان ٿو عشق جي ايوان ۾،
    عقل جي دَر تي ڪڙو آھي چڙھيل.

    سار "سِڪَ ۽ سوز" جي سھڪار سان،
    درد جي ڄَر تي ڪڙو آھي چڙھيل.

    ڏاڍ ۽ ڏھڪاءَ جي پڙلاءَ جو،
    امن جي تَر تي ڪڙو آھي چڙھيل.

    ذھن جي آڪاش تي ٻوسٽ سبب،
    سوچ جي پَر تي ڪڙو آھي چڙھيل.


    نڙيءَ وانگر سُري ٿو من،

    نڙيءَ وانگر سُري ٿو من،
    اڪيلائي گھُري ٿو من.

    خُوديءَ جي ساهمي بڻجي،
    خوديءَ ۾ ئي تُري ٿو من.

    قضا جي دار تي لڙڪيل،
    جواني جو جُهري ٿو من.

    سماجي وارتائن جي،
    ڪهاڻين جو ڪُري ٿو من.

    مٽي آڪاشُ ٿو ڇاڻي،
    هوا جو يا ڀُري ٿو من.


    حسرتن جو ڇُڳو،

    حسرتن جو ڇُڳو،
    ڇرڪَ ۾ اوچتو،
    مون کان گُم ٿي ويو.

    نينهَن جي ناوَ ۾،
    پاڻ تي ضابطو،
    مون کان گُم ٿي ويو.

    سچَ ۽ سونهنَ جو،
    سرمدي سلسلو،
    مون کان گُم ٿي ويو.

    ڪربَ جي شهر ۾،
    زندگيءَ جو سِڪو،
    مون کان گُم ٿي ويو.

    خيالُ آڪاش جو،
    اڻ ڇُهيو _ اڻ ڏٺو،
    مون کان گُم ٿي ويو.


    ماٺ

    مون ۾ موهن جي دڙي جي،
    مٽيءَ جي خوشبو آهي،
    موهن مون ۾ ساھ کڻندو آهي،
    ۽ مان موهن جي دڙي ۾،
    مان اروڙ جي عزت آبرو،
    ڏاهر جو ننگُ آهيان،
    جنهن کي بغداد ۾ لُٽيو ويو،
    رَني ڪوٽ جي قلعي جي،
    ڊگهين ديوارن جو بنياد آهيان،
    ڪاهوءَ جي دڙي ۾ دفن ٿيل،
    چنڊ جو بيباڪ اولڙو آهيان،
    مان درياھ جو بدن آهيان،
    ۽ ڪيترا ئي ڀيرا وقت،
    مون کي اُگهاڙو ڪيو آهي،
    مڪليءَ جو قبرستان،
    مون ۾ رهي ٿو،
    منهنجي رتو ڇاڻ ڪٿا،
    مون ۾ ئي دفن ٿيل آهي،
    ۽ ماٺ،
    مون کي ڏنگي وئي آهي.


    بيقراريءَ جي راحت مقدر رهي،

    بيقراريءَ جي راحت مقدر رهي،
    زندگيءَ جي مُسافت مقدر رهي.

    خواب ساڀيا جي نيڻن ۾ ڪُرندا رهيا،
    من جي اڻپوري چاهت مقدر رهي.

    حُسن آڏو رُڪوع ۾ رهياسين سدا،
    عاشقيءَ جي امامت مقدر رهي.

    ڪجھه نه ماڻي به حاصل ڪيوسين گھڻو،
    سونهن تنهنجي سخاوت مقدر رهي.

    بيوسيءَ همتن کي ڪيو جهونڙو،
    حوصلن جي ملامت مقدر رهي.

    نرڙ تي هو غُلاميءَ جو ڪارو ٽِڪو،
    گار جهڙي غلاظت مقدر رهي.

    ديسُ آزادُ آڪاشَ اکڙيون ڏسن،
    آجپي لئه بغاوت مقدر رهي.


    چانڊوڪيءَ جي رات هُجي، ۽ يار هُجي،

    چانڊوڪيءَ جي رات هُجي، ۽ يار هُجي،
    ڪويل جي ڀي لات هُجي، ۽ يار هُجي.

    مٽيءَ جي خوشبو سان فطرت مهڪي پئي،
    سانوڻ جي برسات هُجي، ۽ يار هُجي.

    ظاهر ۽ باطن جو راز پروڙڻ لئه،
    مُتلاشي فڪرات هُجي، ۽ يار هُجي.

    موتُ پٽي جي پاڙون جُهريل جيون جون،
    ساهَن کي سڪرات هُجي، ۽ يار هُجي.

    سامهون آڳ هُجي ۽ پويان پاڻي جي،
    گردش ۾ حالات هُجي، ۽ يار هُجي.

    شعرن مان آڪاش جڏهن ڀي شعر ڦُٽن،
    رقصان منهنجي ڏات هُجي، ۽ يار هُجي.


    گيت

    سِڪَ لڳي آ گهڻي،
    آءُ دل جا ڌڻي،
    مان اڪيلي ڄڻي،
    ڪيئنءَ جيئان ڀلا.

    پرھَ جي نرڙ تي،
    تلڪُ ڪارو هڻي،
    مان اَڪيلي ڄڻي،
    ڪيئنءَ جيئان ڀلا.

    من ۾ تنهنجا پُڳا،
    پورَ پيرا کڻي،
    مان اڪيلي ڄڻي،
    ڪيئنءَ جيئان ڀلا.

    مون کي ساهڙ سوا،
    ڪين دنيا وڻي،
    مان اڪيلي ڄڻي،
    ڪيئنءَ جيئان ڀلا.

    تنهنجي آڪاش هان،
    پيرڙن جي پَڻي.
    مان اڪيلي ڄڻي،
    ڪيئن جيئان ڀلا.


    زندگي تلخُ حقيقت آهي،

    زندگي تلخُ حقيقت آهي،
    پوءِ به هُن ساڻ محبت آهي.

    موت ماري ٿو اچي هڪ ڀيرو،
    پر حياتي ته اذّيت آهي.

    دردَ! بيدردُ نه ٿي ايڏو تون،
    منهنجي معصوم طبيعت آهي.

    جي به آيا سي لُٽيندا آيا،
    سنڌ ڄڻ مالِ غنيمت آهي.

    حقّ لئه ڏاڍ سان اٽڪي پئجانءِ،
    توکي آڪاش نصيحت آهي.


    ڪنهن ڪئينءَ به ڪئي پاڻ عداوت نه ڪئي آ،

    ڪنهن ڪئينءَ به ڪئي پاڻ عداوت نه ڪئي آ،
    ڪنهن سان به ڪڏهن ڪنهنجي شڪايت نه ڪئي آ.

    مون پاڻ کي ڳولي به لڌو پاڻ اڳي کان،
    تو پاڻ ڪڏهن پنهنجي امامت نه ڪئي آ.

    ٿو ڳالهه ڪيان حقّ جي، ۽ حقّ ٿو گُهرجي،
    غاصب ۽ غدارن جي وڪالت نه ڪئي آ.

    ڪنهن ڏيههَ جي ڇاتيءَ ۾ هنيا خوف جا خنجر،
    ڪنهن ڀونءِ جي زخمن جي عيادت نه ڪئي آ.

    جا ڏانُ ڏڪاريل تي اُٺي ڏات جي ڪڻ ڪڻ،
    سا منهنجي مٿان عشق عنايت نه ڪئي آ.؟

    هت ڪوڙ جي ڪاراڻ ۾ چانڊاڻ کي اوتي،
    ڪنهن سچَ جي آڪاش سخاوت نه ڪئي آ.


    بي ڌيان هُئا، بدحال هُئا،

    بي ڌيان هُئا، بدحال هُئا،
    سرمستن جهڙا حال هُئا.

    حد کان منهنجا لاحد تائين،
    ڄڻ هرڻيءَ وارا ڇال هُئا.

    جن ٻوليءَ کي هن موڙ ٻڌا،
    مرجان هُئا سي لال هُئا.

    پهر! مَهينن وانگر گذريا،
    ۽ ڏينهنَ به توبن سال هُئا.

    پيڙائن جون پاپي نظرون،
    ڄڻ بندوقن جا نال هُئا.

    ڌرتي مان، آڪاش ٿئين تون،
    سڀ تقديرن جا تال هُئا.


    گيت

    گيت

    خيالن ۾ گُم سُم،
    هيڪل گهاري ٿي،
    توکي ساري ٿي،
    دلڙي ويچاري.

    ٻُڪَ مان چانڊوڪي،
    فطرت هاري ٿي،
    توکي ساري ٿي،
    دلڙي ويچاري.

    ماٺ پنهوارن جي،
    مون کي ماري ٿي،
    توکي ساري ٿي،
    دلڙي ويچاري.

    ويڇن جا ويٺي،
    ڏونگر ڏاري ٿي،
    توکي ساري ٿي،
    دلڙي ويچاري.

    تنهنجي سانول سِڪَ،
    ٻارڻ ٻاري ٿي،
    توکي ساري ٿي،
    دلڙي ويچاري.

    آڪاشَ جُدائي،
    جوڀن ڳاري ٿي،
    توکي ساري ٿي،
    دلڙي ويچاري.


    وقت تي اعتبار ناهي پرين،

    وقت تي اعتبار ناهي پرين،
    وقتُ ڪنهنجو به يار ناهي پرين.

    عشق جا منفرد هُيا زاوِيا،
    عشق ڪو دين دار ناهي پرين.

    دل جون بيباڪيون ويون واسجي،
    نينهنَ کان وڌ نکار ناهي پرين.

    تنهنجي چپڙن جي سُرڪَ هڪڙي ملي،
    سو لَٿو ئي خُمار ناهي پرين.

    ٻاٽَ جو ريگذار جاڳي پيو،
    لاٽَ جو ڪو دُوار ناهي پرين.

    زندگيءَ جي سفاڪين جي مٿان،
    سُرت ڀريو سُڪار ناهي پرين.

    جڳ ئي آڪاش ٿو پريشان رهي،
    ڇا ٿِيو جي قرار ناهي پرين.


    گيت

    جلندي جلندي دير سوير،
    رات وهامي ويندي نيٺ.

    چنڊ جي ويهي ننڊ ڦٽايون،
    پورَ اچو! ڇمڪايون ڇير.
    جلندي جلندي دير سوير،
    رات وهامي ويندي نيٺ.

    تاريخن جي ماٿي تان اڄ،
    صدين جي لاهيندي مير،
    جلندي جلندي دير سوير،
    رات وهامي ويندي نيٺ.

    روشن ٿينديون راهون پنهنجون،
    باقي آهي ٿوري دير،
    جلندي جلندي دير سوير،
    رات وهامي ويندي نيٺ.

    آڪاش اجائي تڙپڻ جي،
    ڪهڙي توکي پئي آ هير،
    جلندي جلندي دير سوير،
    رات وهامي ويندي نيٺ.


    ماڻهو ماڻهوءَ کي مانُ ٿو گھُرجي،

    ماڻهو ماڻهوءَ کي مانُ ٿو گھُرجي،
    آجو سارو جهانُ ٿو گھُرجي.

    پنهنجي ڌرتيءَ جا دنگَ سڀ پنهنجا،
    پنهنجو ئي آسمانُ ٿو گھُرجي.

    سونهنَ کي جئينءَ مانُ ٿو گھُرجي،
    سچَ کي انءِ ئي شانُ ٿو گھُرجي.

    ڄڻ پيو قتل گاھَ ۾ گهاريان،
    امن جو ڪو نشانُ ٿو گھُرجي.

    دل ته بي سمجهه ٻار وانگي آ،
    دل کي تنهنجو ڌيانُ ٿو گھُرجي.

    پيار انسانيت سان آ پنهنجو،
    ڪو وڏيرو نه خانُ ٿو گھُرجي.

    گيت سرجن ٿا رتُ ولوڙڻ سان،
    شاعري لئه گيانُ ٿو گھُرجي.


    دردَ جا پٿر

    اکيون مَهٽي ڀڃي آرس،
    اُداسي ننڊ مان جاڳي،
    سُتل سڀ يادگيرين جا،
    اُٿي طوفان ٿي آڻي،
    وهيءَ جو ٻورُ ٿي ڇاڻي،
    اکين جو نورُ ٿي ڇاڻي.!
    شفق جي سُرخ رنگيني،
    ڪري ڳاڙها سڀئي منظر،
    هوا جا چاڪَ ٿي کولي،
    سزا جا تاڪَ ٿي کولي.!
    تَصورَ دردَ جا پٿر،
    هڻن ٿا روح کي اُڇلي،
    سدا پيڙا ۽ پورن جا،
    وڄن ٿا ساھَ ۾ گهنگهرو،
    مُقدر بدنصيبي جا،
    سمورا طوق ڀي لاهي،
    وجهي دل جي ڳچيءَ ۾ ٿو.!
    پُڇي اتهاس جي ڄرَ کان،
    لتاڙي ڪربَ جون واٽون،
    کڻي پيرا نراسائي،
    نيون ٿي اذيتون آڇي،
    تمنائون شرارن جئان،
    دعا جي آڳ ۾ ٻاري،
    نزاڪت جا چمن ساڙي،
    ڳهي ٿو وقت سوچن کي،
    فنا جا ترورا آڻي،
    ڇٽيندو تازگيءَ تي پيو،
    انوکيون چاهتون ٻوڙي،
    سموريون خواهشون ٻوڙي،
    حياتي موت پائيندو.!
    اکين ۾ جي نپايا هن،
    سمورا سُرمئي سپنا،
    مٽيءَ ۾ خاڪ ٿي ويندا،
    نشانيون حسرتن جون سڀ،
    ٻري وينديون،سڙي وينديون،
    تواريخي قصا سڀئي،
    ڪهاڻيون سڀ مري وينديون،
    نه غم جو نانءُ رهندو ڪو،
    نه ئي نيشان رهندو ڪو،
    نه ئي ٽُٽندا ڪڏهن تارا،
    نه ٿيندو چنڊ گرهڻ ڪو.!
    اُڃاري تات جا پاڇا،
    نپوڙي ڏات جا پاڇا،
    وجهي آڪاش جي بُت تي،
    خَموشين جا لَٽا ڪارا،
    ٿَڪل هن زندگيءَ جو سج،
    سمندر ۾ ٻُڏي ويندو.!
    سمندر ۾ ٻڏي ويندو.!


    وقت سان گڏ ورڻ سِکون ٿا پِيا،

    وقت سان گڏ ورڻ سِکون ٿا پِيا،
    ٺاھُ خود سان ڪرڻ سِکون ٿا پِيا.

    ڏات وهندڙ نديءَ جئان آهي،
    تار تنهن ۾ ترڻ سِکون ٿا پِيا.

    عشق ٻارڻ بدن ۾ ٻاريو آ،
    پاڻ اُن ۾ ٻرڻ سِکون ٿا پِيا،

    ماٺِ موڳو ڪري ڇڏي ٿي پر،
    ماٺِ ۾ ئي مرڻ سِکون ٿا پِيا.

    شاعريءَ جي نفيس چولي تي،
    ڀرت فڪري ڀرڻ سِکون ٿا پِيا.

    سِڪَ جي آڪاش آبياريءَ ۾،
    ڳار وانگر ڳرڻ سِکون ٿا پِيا.


    زندگي زندان آهي،

    زندگي زندان آهي،
    جنگ جو ميدان آهي.

    ماڻهپو ماڻهو ڳهي ويا،
    آدمي حيوان آهي.

    سوچ ڄڻ ڪا لاٽ آهي،
    روح روشن دان آهي.

    رات ڪاريءَ مان اڪيلو،
    راههَ ڀي سُنسان آهي.

    پاڻ هرڪو پنهنجي من جو،
    پاڻ ئي سلطان آهي.

    بيوسيءَ ۽ بي حسيءَ جو،
    روح ۾ طوفان آهي.

    مرتبو ۽ مانُ منهنجو،
    سنڌ ئي ايمان آهي.

    مذهبي ’’آڪاش‘‘ ڄَر جو،
    کاڄُ ٿيو انسان آهي.


    درد کي ڳوھي وٺان،

    درد کي ڳوھي وٺان،
    پوءِ ٿو دل کي ڏسان.

    عشق جي آھنگَ ۾،
    مان پيو پڄران، پچان.

    عمر جي آڱر وٺي،
    وقت سان گڏ ٿو ھلان.

    مان ڪَلا جي کيتَ ۾،
    ھاڻي ٿو ڦولارجان.

    وقت جون آلودگيون،
    روح تي آھن اڃان.

    ساڀيا جي سٿَ سان،
    خواب ٿو پنھنجا لُڻان.

    پيو رُلي آڪاش تي،
    چنڊ تنھا مون جيان.


    يار اڄ جي پيار تي،

    يار اڄ جي پيار تي،
    پيار جي اظهار تي،
    درد ٿو جاڳي پوي.

    ٿالھهَ جي ڪنهن تال تي،
    ڇير جي ڇمڪار تي،
    درد ٿو جاڳي پوي.

    دل ڪَکائين آ جُهڳي،
    سار جي وسڪار تي،
    درد ٿو جاڳي پوي.

    روشنين جي شهر ۾،
    انڌ جي آثار تي،
    درد ٿو جاڳي پوي.

    حسرتون چڙهنديون رهيون،
    مفلسيءَ جي دار تي،
    درد ٿو جاڳي پوي.

    روز ائين آڪاش ڇو،
    زندگيءَ جي ٽار تي،
    درد ٿو جاڳي پوي.


    ڪونهي ڪو غمگسار موٽي آ،

    ڪونهي ڪو غمگسار موٽي آ،
    ساھ آ سوڳوار موٽي آ.

    ربط جا مئڪدا به پيتا پر،
    ڪو نه آيو قرار موٽي آ.

    عشق آهي جبل تصور جو،
    حُسن آ آبشار موٽي آ.

    تون ته آن پرھَ جي پهر جهڙو،
    منهنجي نيڻن جا ٺار موٽي آ.

    موت جو مختصر حياتي لئه،
    دار آهي تيار موٽي آ.

    تيرَ تاڻيان ٿو پاڻ تي بيهي،
    پنهنجو آهيان شڪار موٽي آ.

    تو ته آڪاش کي وساريو پر،
    منهنجو پڄري ٿو پيار موٽي آ.


    پنجڪڙا

    هوا جي بدن تي ها ٻوسٽ جا وڍ،
    هوا جي بدن کي ڪيو قيد ڪنهن،
    اسان جي وطن کي ڪيو قيد ڪنهن،
    ڇو لاٽن جي پويان هُئي ٻاٽ ڪڍ،
    هوا جي بدن تي ها ٻوسٽ جا وڍ.


    سنڌ جي آبرو دانُ گھُرندي رهي،
    شهر جي چوڪَ تي ٻار هنج ۾ کڻي،
    وقت جي باب تي داغ ڪارو هڻي،
    پل ۾ جيئندي رهي، پل ۾ مرندي رهي،
    سنڌ جي آبرو دانُ گھُرندي رهي.


    پاڻ کي پاڻ ۾ ڪيترو روڪجي،
    حادثا حوصلن جا هَڏا ٿا ڀڃن،
    سوچ معزور منهنجي ڪيون ٿا وڃن،
    قيد جيون جي باري ۾ ڇا سوچجي،
    پاڻ کي پاڻ ۾ ڪيترو روڪجي.


    تلخُ ٿورو مزاج آ منهنجو،

    تلخُ ٿورو مزاج آ منهنجو،
    پيار ۾ امتزاج آ منهنجو.

    ظلم، بيهودگيون، ڪڌيون رسمون،
    گند سارو سماج آ منهنجو.

    گُل خوشبوءِ وتان وکيريندو،
    پيار ورڇڻ رواج آ منهنجو.

    دانهنَ نڪري نه ٿي نڙيءَ مان ڪا،
    ماٺ ئي احتجاج آ منهنجو.

    تون ئي آن مهربان، مسيحا تون،
    تنهنجو درشن علاج آ منهنجو.

    وارَ مون تي ڪيا پو “بن قاسم”،
    پهريون قاتل “حجاج” آ منهنجو.


    ترائيل

    سوچن ۽ ساهن ۾ ويري پئجي وئي،
    گھر جي آڳر کي چيريو ويو ڪوڏر سان،
    رت وارن رشتن ۾ ويري پئجي وئي،
    سوچن ۽ ساهن ۾ ويري پئجي وئي.

    پاڻ ٿُڏيا ويا سڀ پنهنجي ئي ٺوڪر سان،
    من جي احساسن ۾ ويري پئجي وئي،
    گهر جي آڳر کي چيريو ويو ڪوڏر سان،
    رت وارن رشتن ۾ ويري پئجي وئي.



    درد دل ۾ شديد ٿيندو،
    نانءُ تنهنجو جڏهن به کڄندو،
    گهاءُ گهرو مزيد ٿيندو،
    درد دل ۾ شديد ٿيندو.

    يادگيرين جو هانءُ ڇڄندو،
    وقت اهڙو يزيد ٿيندو،
    نانءُ تنهنجو جڏهن به کڄندو،
    گهاءُ گهرو مزيد ٿيندو.


    پيار پيڙائن جي ماري،

    پيار پيڙائن جي ماري،
    زندگي آهي اُڃاري.

    ڇو پُنهوءَ پيري پُٺيان ٿي،
    دربدر سسئي ويچاري.

    سانوڻيءَ جي مند جهڙي،
    تنهنجي منهنجي يار ياري.

    شهر جي هر چوڪَ تي ڇو،
    موت جو آ رقص جاري.

    ڪوڙ جي ڏهڪاءَ آڏو،
    سچَ آهي باھ ٻاري.

    ڇا چوان آڪاشَ توبن،
    ڪنءِ حياتي آهي گهاري.


    تاريخ

    اذيتن منهنجي وجود کي،
    ڀاڱا ڀاڱا ڪري،
    مون مان منهنجو روح،
    ائين نپوڙي،
    ڪڍي ڇڏيو آهي،
    جئين هن دؤر جي آمر،
    ڪنهن سورمي کي،
    تاريخ جي ورقن مان،
    ڪڍي ڇڏيو آهي.


    مقدر جون اکيون

    نصيبن جي رحم ڪرم هيٺان،
    پلجندڙ زندگيءَ کان بهتر آهي،
    ته بدنصيبيءَ جو سينو،
    چيري ڦاڙي،
    مقدر جون اکيون ڪڍي ڇڏجن.


    سِرَ سان نه سَلڻ واريون، ڪنهن سان نه ڪجانءِ ڳالهيون،

    سِرَ سان نه سَلڻ واريون، ڪنهن سان نه ڪجانءِ ڳالهيون،
    ڪئن پاڻ پيا گھاريون، ڪنهن سان نه ڪجانءَ ڳالهيون.

    احساسَ اندر جا ڄڻ ڪو ڪاٺُ جلائو هن،
    ٻارڻ کي جڏهن ٻاريون، ڪنهن سان نه ڪجانءَ ڳالهيون.

    تعبير جي پنبڻين ۾ سپنن جا سُڪل ڳوڙها،
    اکڙين مان ڪڏهن هاريون، ڪنهن سان نه ڪجانءَ ڳالهيون.

    سوچن جو مها ساگر ڇوليون جي هڻي من ۾،
    لاحد جون حدون واريون، ڪنهن سان نه ڪجانءَ ڳالهيون.

    تقدير سان جهيڙيندي ۽ پاڻ کي ڳوليندي،
    پنهنجا نه وچن پاريون، ڪنهن سان نه ڪجانءَ ڳالهيون.

    ڌرتيءَ جي محبت ۾ ڪو دارُ قبوليندي،
    توکي نه سڄڻ ساريون، ڪنهن سان نه ڪجانءَ ڳالهيون.

    آڪاش جي وسعت کي ورتاءُ حياتيءَ جو،
    بي موت وڃي ماريون، ڪنهن سان نه ڪجانءَ ڳالهيون.


    صدين جا اوجاڳا آھن اکڙين ۾،

    صدين جا اوجاڳا آھن اکڙين ۾،
    سپنا ڄڻ ويڳاڻا آھن اکڙين ۾.

    دردن ۽ پيڙائن جي آ رات لٿي،
    ڳوڙھا ڀي نيرانا آھن اکڙين ۾.

    روز ورايان زندانن جا در ٿو پر،
    قھر اڃا ڀي برپا آھن اکڙين ۾.

    اکڙين جي رستي سان محبت ٿيندي آ،
    دلڙين جا دروازا آھن اکڙين ۾.

    تنھنجي تانگهه تڙپ ۽ تنھنجون ساروڻيون،
    ڄڻ ڪي بڙڇون ڀالا آھن اکڙين ۾.

    رقص ڪري پئي فطرت ڄڻ ڇيرون پائي،
    سندرتا جا سپنا آھن اکڙين ۾.

    تاريخن مان جي به مليا آڪاش اُھي،
    گھاوَ اڃا سي تازا آھن اکڙين ۾.


    روز جيئي ۽ مري ٿو ڪوئي،

    روز جيئي ۽ مري ٿو ڪوئي،
    ياد توکي ته ڪري ٿو ڪوئي.

    تانگهه جي تاءَ تپش ۾ اڪثر،
    باھ وانگر ئي ٻري ٿو ڪوئي.

    عشق جو سوز گُداز عجب آ،
    ميڻ ٿي من ۾ ڳري ٿو ڪوئي.

    قرب سان ڪو ته وڍي ٿو ويهي،
    زخم دل جا به ڀري ٿو ڪوئي.

    موت جي پار ويا آهن جي،
    تن مان ڪڏهين نه وري ٿو ڪوئي.

    عمر ڀر سُڌري نه ٿو سو آڪاشَ!
    هڪڙو ڀيرو جو کَري ٿو ڪوئي.


    ’’ايتري بي واجبي ڇو ٿا ڪيو!‘‘

    ’’ايتري بي واجبي ڇو ٿا ڪيو!‘‘
    دوستن سان دشمني ڇو ٿا ڪيو.

    پيار ۽ پاٻوھ جا پُرزا ڪري،
    پاپين جي پيروي ڇو ٿا ڪيو.

    روپ هڪ ٻهروپ ٻيو ڌاري ڀلا،
    بي مُروت بندگي ڇو ٿا ڪيو.

    مذهبن جي آڙ ۾ مهراڻ کي،
    رتَ جي ريٽي ندي ڇو ٿا ڪيو.

    جنءِ ڪري ٿو چنڊ اُڀ تي رات ڀر،
    خوابو! انءِ آوارگي ڇو ٿا ڪيو.

    ضبط جي ڳوڙهن سان ڳوهيان ياد ٿو،
    شهر جر ۾ تشنگي ڇو ٿا ڪيو.

    ساھ سان گڏ ساڙ جا سوري سڳا،
    پنهنجي من ۾ گندگي ڇو ٿا ڪيو.


    تاريخ جون سُرخ اکيون

    سج جا ٻه پاڇا،
    منهنجي وجود کي به،
    ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيندا آهن،
    اندر جي آتش فشان مان،
    نڪرندڙ خوف،
    ننڊ ۾ به خلل وجهي،
    روح ڇرڪائي وجهندو آهي،
    ۽ ڇرڪَ،
    خزان مثل آهن،
    جيڪي سپنن جي تازگيءَ کي،
    چٻاڙي چڏيندا آهن،
    شعور جي جارن تي،
    لاشعوريءَ جو ڄارو چڙهيل آهي،
    علم ۽ عقل تي،
    انا قابض ٿي،
    جهالت جنميندي آهي،

    ظلم جا بُکايل باز،
    امن جو ماسُ پَٽي رهيا آهن،
    قومي تحريڪ جي ڳچيءَ ۾،
    بيوسيءَ جا ڳَٽَ،
    ۽ پيرن ۾،
    غلاظت جا گهنگهرو آهن،
    جيڪي تحرڪ جي،
    اُصولن ۽ ضابطن جي،
    ڀڃَ ڊاھَ جا موجد آهن،
    وقت جي هٿن ۾،
    اونداهيءَ جو عالم آهي،
    آزاد فضائن جي چيلھه،
    چٻي ٿي پئي آهي،
    ۽ تاريخ جون سُرخ اکيون،
    هن دؤر جي آئيني کي،
    حيرت مان ڏسي رهيون آهن.


    الفتن جو امام آهيان مان،

    الفتن جو امام آهيان مان،
    پنهنجي راڌا جو شيام آهيان مان.

    امن جي شاخ تي ٽڙيل گُل هان،
    محبتن جو نظام آهيان مان.

    حسنِ ادراڪُ ٿو چوي مون کي،
    مُروتن جو قيام آهيان مان.

    زنده جاويد ٿي ويس ڇو جو،
    تنهنجي در جو غلام آهيان مان.

    ڳول مون کي وفا جي کنڊرن مان،
    عبرتن جو مقام آهيان مان.


    گيت

    احساسن جا کنڊڙيل موتي پوئڻ مان هاڻي ڇا ورندئي،
    روئڻ مان هاڻي ڇا ورندئي.

    سسئي سهڻي وانگر تو ڀي چين ڦُرائي سور پرايا،
    دردن هاڻيِ دلڙي پنهنجي ڌوئڻ مان هاڻي ڇا ورندئي،
    روئڻ مان هاڻي ڇا ورندئي.

    تنهائيءَ جو صحرا ارپي ڏور پَراهان وڃڻا ها ويا،
    سڏڪن کي ساهن مان ويهي سوئڻ مان هاڻي ڇا ورندئي،
    روئڻ مان هاڻي ڇا ورندئي.

    جُهريل جيون جوڳيئڙو ٿي جهاڳي آيو نيٺ جهان،
    رولاڪين جي تاريڪين کي لوئڻ مان هاڻي ڇا ورندئي،
    روئڻ مان هاڻي ڇا ورندئي.


    نفاست ۽ نزاڪت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو،

    نفاست ۽ نزاڪت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو،
    ها! فطرت جي عنايت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    صدين کان دانھَن ڌرتيءَ جي ڪنن ۾ پئي ٻُري ٿي پر،
    غُلاميءَ جي غلاظت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    ڳڀي لئه ڪو سِڪي ٿو پيو، ڪٿي هن طعام سينواريل،
    سخيءَ جي ان سخاوت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    گھڙيءَ تي ڀروسو ناهي گھڙيءَ کان پوءِ ڇا ٿيندو،
    حياتيءَ جي ڳجهارت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    مليا مرڪي مگر ماڻهو پُٺيءَ ۾ تير کوڙي ويا،
    زماني جي عداوت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    ويو آ وياج جهڙي مرض ۾ ٿي مبتلا ماڻهو،
    ندامت جهڙي لعٰنت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.

    ٽڙڻ جي مند ۾ ڪومائجي وِيا هن شعوري گل،
    بهارن جي بغاوت کي نه تو سمجهو نه مون سمجهو.


    مفلسيءَ جو بدن رهيو گهائل،

    مفلسيءَ جو بدن رهيو گهائل،
    مخلصيءَ جو بدن رهيو گهائل.

    ٽياس تي هون ٽنگيل تمنائون،
    زندگيءَ جو بدن رهيو گهائل.

    هر نئون سج اُماس جو قيدي،
    روشنيءَ جو بدن رهيو گهائل.

    نفرتن جي لباس ميري ۾،
    بندگيءَ جو بدن رهيو گهائل.

    گونچ ساڙيا ويا گلابن جا،
    تازگيءَ جو بدن رهيو گهائل.

    لفظ تڙپن ٿا سوچ جي رڻ ۾،
    شاعريءَ جو بدن رهيو گهائل.

    ڇيت آڪاش کي لڳي دل ۾،
    عاشقيءَ جو بدن رهيو گهائل.


    ٽيڙو

    تون سُر ۽ تون ساز،
    تون ترنم تون راڳڻي،
    مٺڙو ٿئي آواز.

    آيا ڪي ئي دؤر ،
    سنڌو تنهنجي ڪُکِ مان،
    ڄاوا ڪي ئي مورَ.

    اڄ بي چين صدائن،
    توڏي ايندي مون تي،
    تاڻيا تيرَ هوائن.

    اهڙي تنهنجي ڇِڪَ،
    توکي ڏسندي واٽ تي،
    بيٺو آهيان ٽِڪَ.





    ٽيڙو

    من ۾ تنهنجي مير،
    صدين کان آهي رکيو،
    سنڌوءَ سان تو وير.

    اُڌمن جو آ ويل،
    دنيا ڦاسي گهاٽ آ،
    جيون آهي جيل.

    سانجهيءَ جي اڄ ويل،
    هڪڙي ننڍڙي ٻار کي،
    چيڀاٽي وئي ريل.

    جڏهن ايندو موتُ،
    ملندي مون کي زندگي،
    سامهون هوندو هوتُ.


    نيڻ ڄڻ ڪا ندي خواب نيرڳ هئا،

    نيڻ ڄڻ ڪا ندي خواب نيرڳ هئا،
    ۽ مُقدر شڪاري جي بندوق آ.

    دؤر بدذوق ماڻهن جو پاسو وٺي،
    ذوق جي جسم تي گهاءَ آهن ڏنا.

    دل جو ديبل لُٽيندا رهن پيا اڃا،
    دردَ آهن قزاقن جا ڄڻ قافلا.

    مون جي انسان کي رب جو پاڇو سڏيو،
    ڪُفر جا مون تي الزام عائد ٿيا.

    بي سُڪوني جو عالم هيو ننڊ ۾،
    جاڳ اڻ کُٽ عذابن جي آ انتها.

    ڪي ئي آڪاش اسلام جي آڙ ۾،
    منهنجي ڌرتيءَ جي سيني ۾ خنجر لڳا.


    ڪنھن قضا جي وقت کان ٿورو اڳي،

    ڪنھن قضا جي وقت کان ٿورو اڳي،
    زندگي آ، انت کان ٿورو اڳي.

    عشق جو پنھنجو انوکو ماڳ آ،
    دار واري تخت کان ٿورو اڳي.

    درد جا آھن ذخيرا جيءَ ۾،
    پر بظاھر ضبط کان ٿورو اڳي.

    ساڀيا ٿي وَئيِ خدا جي خواب جي،
    يوسفاڻي بخت کان ٿورو اڳي.

    انتظاريءَ ۾ ھُيون آسانيون،
    آزمائش سخت کان ٿورو اڳي.

    روح آ رھڙيو ويو آڪاش جو،
    راھَ داريِ ربط کان ٿورو اڳي.


    احساس ڪمتري

    هر روز شام جو،
    اُجالن مٿان،
    آهستي آهستي،
    اونداهي پَرَ پکيڙيندي آهي،
    سورج مُکين جا ڪنڌ جُهڪي پوندا آهن،
    پکي پنهنجن واهيرن ڏانهن،
    واپس ورندا آهن،
    پوري ڪائنات پنهنجي بدن تي،
    ماٺ جو لباس اوڍيندي آهي،
    ۽ مان الائي ته ڇو،
    احساس ڪمتريءَ ۾،
    مبتلا ٿي ويندو آهيان،
    دل شڪسته ٿي پوندو آهيان،
    ان لاءِ جو
    اونداهين مون کي هميشه ڏنڀ ڏنا آهن.


    سندر سپنن جا،

    سندر سپنن جا،
    ڇوري جوڀن جا،
    ڏيئا ٿي ٻاري.

    آشائون ٽاڪي،
    دل ۾ دردن جا،
    ڏيئا ٿي ٻاري.

    نيريُن ندين ۾،
    پنهنجن لڙڪن جا،
    ڏيئا ٿي ٻاري.

    تيز هوائن ۾،
    جُهريل جذبن جا،
    ڏيئا ٿي ٻاري.

    تنهائيءَ ۾ ڪا،
    ساڻن ساهن جا،
    ڏيئا ٿي ٻاري.

    اوندھ بستيءَ ۾،
    روشن نغمن جا،
    ڏيئا ٿي ٻاري.

    ساحل تي “آڪاش”،
    واريءَ گهرڙن جا،
    ڏيئا ٿي ٻاري.


    غلامي

    عيد جي پرھَ،
    ننڊ مان اُٿي،
    شبنمي لباس پهري،
    فطرتي رنگن سان،
    پاڻ سنواري آئي آ،
    پوري ماحول جي طبيعت،
    ننڍڙي ٻار جئان ٿي پئي آهي،
    خوش مزاج، کيچلي،
    ۽ مُرڪن سان مهڪندڙ،
    پر مون ۾،
    منهنجي سنڌ جي،
    غلاميءَ جو احساس،
    تڙپي رهيو آهي.


    ڪا ندي يا سُڪار آهيان مان،

    ڪا ندي يا سُڪار آهيان مان،
    ٻُڏتر جو شڪار آهيان مان.

    روز ايذائي روح کي ٿي پئي،
    ڄڻ حياتيءَ تي بار آهيان مان.

    حوصلا همتون پيو ماريان،
    پنهنجي من تي ڏڪار آهيان مان.

    پاڻ ڊاهي وري پيو ٺاهيان،
    اهڙو بي سمجھه ٻار آهيان مان.

    پاڻ کي پاڻ ئي ٿو ڦاسايان،
    ڪو مقدر جو ڄار آهيان مان.

    ڀونءِ ۽ ڀٽ ڌڻي عزيز اٿم،
    سنڌ جو جانثار آهيان مان.

    ائينءَ نظرون نه ڦير او ساٿي،
    تنهنجي ڳِچيءَ جو هار آهيان مان.

    پيار ۽ امن جو هان پرچاري،
    نينهنَ جو پڻ نکار آهيان مان.

    آجو آڪاش ديسُ ٿو گُهرجي،
    آجپي جو اُڀار آهيان مان.


    تنهنجو ڀاڪر هيو صرف سنسار ۾،

    تنهنجو ڀاڪر هيو صرف سنسار ۾،
    مون ته عقبيٰ پَسيِ آ تنهنجي پيار ۾.

    شاھ دارا به سِرڙو جُهڪائي ويا،
    جي به آيا ويا عشق درٻار ۾.

    ڪنهنجي نظرن ڪِريو جنءِ مري ٿو وڃي،
    مات اهڙي نه آ موت جي مار ۾.

    مان ته چاهيان پيو اي منهنجي زندگي!،
    ’’جيت تنهنجي سدا، مان سدا هار ۾‘‘.

    گيت شاعر بغاوت جا ڏي قوم کي،
    ڇا رکيو آ حَسينن جي رخسار ۾.

    سنڌ آڪاش صدين کان ڦٽجي پئي،
    روز يلغار آهي ڪا يلغار ۾.


    ڏيڍ سٽا

    دستور نرالو آ،
    هت پيار جي دنيا جو، منشور نرالو آ.

    جا مُرڪَ ملي آهي،
    ڄڻ ڏات سمندر مان، ڪا سُرڪَ ملي آهي.

    هيءَ راند هُئي منهنجي،
    پنهنجي ئي حياتيءَ سان، ويڙهاند هُئي منهنجي.

    تهذيب اُجهامي ٿي،
    هر روز هتي ناري، زرڪاڻ وڪامي ٿي.

    بنواس پئي ڪاٽي،
    جيون جي بدن تي ڄڻ، ڪا دردُ پئي ٽاڪي.

    ڇاڪاڻ ستائي ٿي،
    ڪا ياد اچي من ۾، مانڌاڻ مچائي ٿي.

    آڪاش هيو زخمي،
    صدين جي ڪٿائن جو، اتهاس هيو زخمي.


    هر لَهر رقصان چاندنيءَ ۾،

    هر لَهر رقصان چاندنيءَ ۾،
    چنڊ وهنجي پيو نديءَ ۾.

    عشق آ مهربان ٿي پيو،
    مان ته ماپان نه ٿو خوشيءَ ۾.

    روح ۾ ضم ٿي درد جنمي،
    رات جي سانت زندگيءَ ۾،

    ٻاٽ کائي ٿي لاٽ کي پئي،
    جوت ڪانهي ڪا روشنيءَ ۾.

    مان اڪيلو اُٻاڻڪو هان،
    ساٿ ڏي راھَ اڻ ڏٺيءَ ۾.

    ڄڻ ته آڙاھَ ۾ ٿو پڄران،
    خودڪشيءَ جهڙي زندگيءَ ۾.

    ڇا ته آهي سُرور سائنڻ!
    تنهنجي نيڻن جي مئڪشيءَ ۾.

    مون کان آڪاشُ ڏور هوندي،
    ساڻ آهي ڏُکيءَ سُکيءَ ۾.


    واپسي

    وڇوڙي جي طويل،
    عرصي کان پوءِ،
    اڄ وري تنهنجي واپسيءَ،
    اُداسي واري ماحول ۾،
    مُرڪون پکيڙي ڇڏيون آهن.


    مفلسي

    حسرتن جي نڙيءَ تي،
    ننهنُ ڏئي،
    مفلسيءَ،
    خواهشن کي،
    ڪُکِ ۾،
    ڪاتي هنئي آهي.


    اضطرابن جي انتها آهي،

    اضطرابن جي انتها آهي،
    تو سوا زندگي به ڇا آهي.

    حُسنڪاري اڳيان جُهڪي پيارا،
    سِرُ نوائي ڇڏڻ روا آهي.

    عشق تعمير ٿو شعور ڪري،
    عشق رهبر ۽ رهنما آهي.

    اڻ ڳڻين آزمائشن جي حد،
    وقت جيڏي ڊگهي اڃا آهي.

    حسرتن جي وفات کان پوءِ دل،
    درد سان هاڻ آشنا آهي.

    پاڻ آڪاش باوفا هوندي،
    پنهنجي تقدير بي وفا آهي.


    خود خُوديءَ ۾ خدا، ڪٿان آڻيان،

    خود خُوديءَ ۾ خدا، ڪٿان آڻيان،
    ابد جهڙي بقا، ڪٿان آڻيان.

    بي بقا پنڌ جو هان پانڌيئڙو،
    ماڳ مان لافنا، ڪٿان آڻيان.

    مان ته موسيٰ هان، طور سينا هان،
    نيڻ جلوه نما، ڪٿان آڻيان.

    واٽ تي رهبري به رولي پو،
    راھَ ۾ رهنما، ڪٿان آڻيان.

    تون به ناهين، نه ڪا مسيحائي،
    درد دل جي دوا، ڪٿان آڻيان.

    پورو ماحول جا ڪري خوشبو،
    توکي ڇُهندڙ هوا، ڪٿان آڻيان.

    هر قدم، هم قدم هلي همدم،
    دوستُ سو با وفا، ڪٿان آڻيان.

    مان به آڪاش سان وڃي گڏجان،
    پَرَ مگر باز جا، ڪٿان آڻيان.


    ڪوئي اجڙي ويل چمن آهيان،

    ڪوئي اجڙي ويل چمن آهيان،
    سنڌ جي روح جو بدن آهيان.

    ساھ مون ۾ کڻي ٿو ’’اسٽوپا‘‘،
    آئون موهن اندر دفن آهيان.

    وقت بي واجبي ڪئي مون سان،
    ميرو تاريخ جو ڪفن آهيان.

    حقّ غاصب غصب ڪري ٿو پيو،
    ڄڻ وطن ۾ جلاوطن آهيان.

    ڪنهن شعوري اکيون ڪڍيون “آڪاش”،
    مان رَتو رت ٿيل گگن آهيان.


    مذهب

    اکين تي مذهب جي،
    ڪاري پَٽي ٻَڌي،
    انسان جي عظمت کي لتاڙيندڙ!
    جنت جي لالچ،
    دوزخ جي ڊپ،
    وهم ۽ وسوسن جي ور چڙهي،
    پنهنجي ادراڪ تي،
    ڪٽ چڙهڻ نه ڏي،
    ڇو ته،
    سچل جهڙو سهڻو شاعر،
    توکي اڳ ئي چئي ويو آهي،
    ’’مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو مُنجهايا‘‘


    پورَ اُسري ويا،

    پورَ اُسري ويا،
    سورَ نسري ويا.

    برھَ جي بَرَ مٿان،
    دردَ اُڀري ويا.

    مون کي ٻُڏندو ڇڏي،
    پاڻ اُڪري ويا.

    وقت جي باب جا،
    گهاءَ وسري ويا.

    ننڊ جي واٽ ۾،
    خواب وکري ويا.

    سونهنَ جا قافلا،
    ڀَر مان گذري ويا.

    اُڀَ کان ڀي مٿي،
    هو ته اُڏري ويا.


    کنوڻيون کجيون رات،

    کنوڻيون کجيون رات،
    برسي پئي برسات،
    يادون تازيون ٿي پيون.

    تنهنجن سارن جي ڦُٽي،
    ساهن ۾ سوغات،
    يادون تازيون ٿي پيون.

    خوشبو مٽيءَ جي اُٿي،
    تڙپايو تئين تات،
    يادون تازيون ٿي پيون.

    سانوڻ جي گجگوڙ سان،
    جاڳي پئيِ جذبات،
    يادون تازيون ٿي پيون.

    من کي ٻيهر جنءِ ملي،
    مينهوڳيءَ ۾ مات،
    يادون تازيون ٿي پيون.

    اُڌمن سان آڪاش جي،
    جرڪي پئي محلات.
    يادون تازيون ٿي پيون.


    خيال ۾ خيال آ،

    خيال ۾ خيال آ،
    خيال لازوال آ.

    اکين جو جام ڏي پيان،
    اکين جي مئه حلال آ.

    حَسين هر شباب ۾،
    جلال جو جمال آ.

    نه پيار جا اُجهاءِ ڏيئا،
    اڳي ئي من ملال آ.

    پرينءَ جي ڳالھه ڇا ڪجي،
    پرين ته بي مثال آ.

    سڀاءُ سادگيءَ سندي،
    ڪا ديد باڪمال آ.


    مايا

    مايا،
    اکين کان خواب،
    چپن کان مُرڪون کَسي،
    احساسن جو رتُ وهائي،
    ۽ رشتن جو روح،
    قبض ڪري سگهي ٿي،
    پر دلين جي سلطنت،
    ڪڏهن به فتح نه ٿي ڪري سگهي.


    نا اُميديءَ جون وسعتون لٽجن،

    نا اُميديءَ جون وسعتون لٽجن،
    پنهنجون مايوسيون ڪٿي مٽجن.

    وقت ٿو حرمتون لتاڙي پيو،
    حوصلن جون اکيون نه ٿيون پٽجن.

    موت جهڙي حيات آ پو ڀي،
    زندگانيءَ جا غم نه ٿا گهٽجن.

    تيرَ پنهنجي ڪِروڌ تي تاڻي،
    ڪئينءَ احساس واڻجن، وٽجن.

    من جي اونداهين سندا ڳيرا،
    جوت جو باز ٿي اچي جهٽجن.

    پنهنجا آڪاش درد سان هاڻي،
    ڪهڙا ناتا ۽ رابطا ڪٽجن.


    هڪڙو ماڻهو موتيءَ داڻو،

    هڪڙو ماڻهو موتيءَ داڻو،
    منهنجي دل جو آهي راڻو.

    عشق اسان جو مذهب آهي،
    مُلان، پنڊت پاڻ ۾ ڄاڻو.

    پاڻ خوديءَ کي پيڙيون پيا ٿا،
    جيون پنهنجو آهي گهاڻو.

    پيڙائن جي پاپ نگر ۾،
    دل جو ديبل ٿي پيو ساڻو.

    آس کڻي آيا هون مئه جي،
    ساقي ٿورو ڪرڪو ٽاڻو.

    رئيس وڏيري جي لئه هر جاءِ،
    ’’ڪڃريءَ جو ڪوٺو‘‘ آ ٿاڻو.


    دهشت جو ڏهڪاءُ،

    دهشت جو ڏهڪاءُ،
    ڌرتيءَ سان انياءُ،
    وڌندو آيو وقت سان.

    تاريخن جي روح ۾،
    تاريڪيءَ جو گهاءُ،
    ڌرتيءَ سان انياءُ،
    وڌندو آيو وقت سان.

    صدين جي تهذيب ۽،
    تمدن جو ڪُرلاءُ،
    ڌرتيءَ سان انياءُ،
    وڌندو آيو وقت سان.


    بيوس، بيحس قوم جو،
    سورن سان سرچاءُ،
    ڌرتيءَ سان انياءُ،
    وڌندو آيو وقت سان.

    اُڀَ کي ڏاري ٿو پيو،
    ٻُرندڙ ڪو پڙلاءُ،
    ڌرتيءَ سان انياءُ،
    وڌندو آيو وقت سان.

    ڌارين جي يلغار جو،
    تن ساڙيندڙ تاءُ،
    ڌرتيءَ سان انياءُ،
    وڌندو آيو وقت سان.

    جهُرڻو ٿي آڪاشُ پيو،
    جهُرڻو هيءُ سوداءُ،
    ڌرتيءَ سان انياءُ،
    وڌندو آيو وقت سان.


    دشمن جو هر داءُ وسيم

    دشمن جو هر داءُ وسيم
    گهرو ڏَئيِ وِيو گهاءُ وسيم

    پورَن کي پرچائي ڪر تون،
    سورَن سان سرچاءُ وسيم

    سَپنن جي ساهَن کي آهي،
    ساڀيا جو سوداءُ وسيم

    احساسَن جو رِڻ وِيو ٻاري،
    تنهائيءَ جو تاءُ وسيم

    عمر سڄي پنهنجن غلطين جو،
    پيڙيندو پڇتاءُ وسيم

    ڪا نه ڪڏھن ڪَنَ تي پِيو ڪنھنجي،
    سنڌڙي جو ڪُرلاءُ وسيم

    نيٺ کڻي ورندو سرهاڻ،
    آزاديءَ جو واءُ وسيم


    زندگيءَ جو ٽيون حصو سج

    اڪيلائيءَ جي رڻ ۾،
    مان پاڻ کي ڪٿي،
    وڃائي آيو آهيان،
    اکين جي جَرَ تان،
    خوابن جا پکي،
    اُڏامي ويا آهن،
    اُميدن جي وڻن جو ٻورُ،
    سُڪي ڇڻي ويو آهي،
    فصاحت ۽ بلاغت کي،

    غلاظت ڳهي رهي آهي،
    ۽ مقدر بدنصيبيءَ جو،
    بي ڪفن لاش ٿو اوڳاڇي،
    غلامي مُئل ڍور نما آهي،
    جنهن جي بدبوءِ،
    پوئين صديءَ جي پيري سان،
    هن صديءَ ۾ پهتي آهي،
    قومي ڌارا ۾،
    ڌڙن جي لڳل سُرنگهه،
    رهبرن جي مُفادن جي ٿوهرن جي،
    جنم ڀومي آهي،
    ڪاري رات،
    سوچن جي لاٽن جا،
    ڪنڌ لاهي رهي آهي،
    روح جسم جي قيد ڀوڳيندي،
    هاڻي ٿڪجي پوڙهو ٿي پيو آهي،
    ۽ مان عمر جي پرھَ پوئتي ڇڏي،
    شام جي جزيري تي پهتو آهيان،
    جتي زندگيءَ جو ٽيون حصو سج،
    لَهي ويو آهي.


    حالتن کان فرار ٿي ڏسجي،

    حالتن کان فرار ٿي ڏسجي،
    زندگي، بي قرار ٿي ڏسجي.

    ربط جي شور جا ڇني گُهنگهرو،
    ماٺ جو ريگذار ٿي ڏسجي.

    خواب ۽ خواهشون سڀئي ساڙي،
    خاڪ ۾ خاڪسار ٿي ڏسجي.

    خود وڃائي ڪري خودي پنهنجي،
    بيخوديءَ جو شڪار ٿي ڏسجي.

    ناخدا جي اڳيان جُهڪائي سِرُ،
    بتڪدن ۾ شمار ٿي ڏسجي.

    هاڻي آڪاشَ ڇا بچو تو وٽ،
    ڇو اڃا اشڪبار ٿي ڏسجي.


    پڇتاءَ جي دز

    طبيعت جي تيزي،
    رڳن ۾ شامل ٿي،
    مون ۾ رَتَ وانگر،
    ڊوڙندي رهندي آهي،
    لهجن ۾ تلخين جا،
    ڪنڊا ڦُٽي پوندا آهن،
    نه چاهيندي به،
    ڪيترين ئي دِلين جا،
    ڪوٽَ، قلعا ڊاهي،
    پَٽُ ڪري ڇڏيندو آهيان،
    جنهن کان پوءِ،
    منهنجو خمير مون کي،
    پڇتاءَ جي دز ۾ دفن ڪري،
    روح کي لوئيندو رهندو آهي.


    دوستَ ئي راھَ ۾ رکي پٿرَ،

    دوستَ ئي راھَ ۾ رکي پٿرَ،
    تھمتن جا ھڻي ويا نشترَ.

    ڪنھن مسيحا اچي ھنيا آھن،
    اذيتن جا وجود ۾ خنجرَ.

    روح شمشان، جسم هو ميت،
    زندگي دردَ جي هُئي ڪا ڄَرَ.

    ظلم ڪڏهين نه سنڌ ۾ ٿئي هان،
    سَنڌَ اتحاد جا سُڪل ھا پَرَ.

    فڪر آڪاش جو پروڻ ھيو،
    سُرخ آھن سڀيئي پَسمنظرَ.


    ظلم جي آڪاس کي ڪاڏي ڪيان،

    ظلم جي آڪاس کي ڪاڏي ڪيان،
    سنڌ جي اتهاس کي ڪاڏي ڪيان.

    حسرتن جو دم نه ٿو نڪري اڃا،
    زندگيءَ جي ٽياس کي ڪاڏي ڪيان.

    ڪنءِ ڇڏايان پاڻ پنهنجو پاڻ کان،
    عمر جي بنواس کي ڪاڏي ڪيان.

    مان وڃي سُکَ ۾ پوان پر ناخدا،
    آس کي، احساس کي ڪاڏي ڪيان.

    درد ٿا آڪاش تي رقصان رهن،
    ياد جي انگاس کي ڪاڏي ڪيان.


    عقيدت ۾ مزو ناهي،

    عقيدت ۾ مزو ناهي،
    اذيت ۾ مزو ناهي.

    سفر جي آ ٿڪاوٽ ۽،
    طبيعت ۾ مزو ناهي.

    عمل سان علم ايندو آ،
    نصيحت ۾ مزو ناهي.

    حياتي موت جهڙي آ،
    مُصيبت ۾ مزو ناهي.

    بظاهر ٿو پيو مهڪان،
    حقيقت ۾ مزو ناهي.


    ٽيڙو

    جيون جو هي جهول،
    خالي خالي ٿو لڳي،
    پينوءَ جو ڪشڪول.

    سُپرين جي ڄڻ سارَ،
    لٽڪي پئي آ ڪنڌ تي،
    تيز تکي تلوارَ.

    ڪنڊا ڪنڊا راھَ،
    هاري ۽ مزدور جو،
    مستقبل اونداھَ.

    منهنجي زارو زار،
    پيرَ سنڀالي کڻ مٺا،
    ماڻهو ٿئي گِرنار.


    جنت جي جستجو

    اڙي او بي سمجهه مُلان،
    مان تو وانگر،
    جنت جي جستجو ۾،
    فرقيواريت جي گندگيءَ ۾،
    لهڻ نه ٿو چاهيان،
    جنهن ۾ انسانيت جي،
    بي حُرمتي ڪئي وڃي،
    بندگيءَ جي روح کي مسخ ڪيو وڃي،
    اهڙن ڪُڌن عملن عيوض،
    حاصل ٿيندڙ جنت،
    توکي مبارڪ.


    سورَ پنهنجا سليون رات ڀر،

    سورَ پنهنجا سليون رات ڀر،
    روح ڪنهن سان رَليون رات ڀر.

    جاڳَ جا پنڌ جهاڳن پيون،
    هي اکيون بي پليون رات ڀر.

    ٽهڪَ تنهنجا ها ٻُرندا جتي،
    بن هُيون سي ڳليون رات ڀر.

    آڱرين ۾ ڏئي آڱريون،
    هيڪلايون هَليون رات ڀر.

    پورَ تنهنجا پيا، دل جَليِ،
    ڪائناتون جَليون رات ڀر.

    منَ کي آڪاش ويڙهي ويون،
    درد غم جون وَليون رات ڀر.


    يادگيرين جو ماسُ ڪوريان ٿو،

    يادگيرين جو ماسُ ڪوريان ٿو،
    مدتن کان عذاب ڀوڳيان ٿو.

    نفرتن جي زمين کي کيڙي،
    قربتن جا گلاب پوکيان ٿو.

    ڇو نصيبن جي ريگذارن ۾،
    پنهنجي رولاڪين کي روليان ٿو.

    ڳَٽَ ڳچيءَ ۾ وجهي غلامي جا،
    لوڙ آزادگيءَ جي لوڙيان ٿو.

    هاڻ ڏسڻو رڳو اهو آهي،
    ڪيسيتائين خوديءَ کي ڳولهيان ٿو.

    اڄ ته آڪاش هان، اڳي ڇا هُيس،
    ۽ سڀاڻي نشان، سوچيان ٿو.


    سونهنَ سان سرشار منهنجي شاعري،

    سونهنَ سان سرشار منهنجي شاعري،
    سنڌ جو سينگار منهنجي شاعري.

    دوستن جي لئه گُلن جو هار آ،
    دشمنن تي وار منهنجي شاعري.

    منهنجو هر هڪ شعر ضامن حقّ جو،
    سچَ سان ٽمٽار منهنجي شاعري.

    عشق جي آميزشين جي شرف سان،
    ٿي وئي شهڪار منهنجي شاعري.

    جذبا ڀي رقصان خيالن ۾ هُئا،
    نينهنَ ۾ نروار منهنجي شاعري.

    کير ٿر جيڏا رکي ٿي حوصلا،
    عزم سان ٽٻٽار منهنجي شاعري.

    زندگيءَ جي راھَ تي مون سان رهي،
    هر قدم هموار منهنجي شاعري.


    ماڻهو ماڻهن جهڙا کوڙ،

    ماڻهو ماڻهن جهڙا کوڙ،
    ساهڙ جي آ مون کي لوڙ.

    ڄاڻ بخيا جيون جا اُڊڙيا،
    دردن جي آ دل ۾ ڊوڙ.

    اکڙين جي ساگر ۾ آهن،
    ڳوڙهن جي نديُن جا ڇوڙ.

    ڏکڙن جي بازارن ۾ هت،
    خوشين جي مان ڏيان ٿو ووڙ.

    منهنجي ٿر جو ساھُ اُڃو آ،
    ڪئينءَ ٻڌان گهوٽن کي موڙ.

    ڪاٽيندڙ خود ڪٽجي ويندا،
    پنهنجا رهندا جوڙان جوڙ.


    بيت

    ڪا نه رهي محفوظ آ، ڪنهنجي لڄ لوئي،
    ڇا ٻڌندو ڪوئي، ’’دانهون منهنجي ديس جون‘‘.

    ’’دانهون منهنجي ديس جون‘‘، تلوارن جا تاءَ،
    گهرا آهن گهاءَ، صدين جي تاريخ جا.

    صدين جي تاريخ جا، ريٽا آهن رنگَ،
    ڌرتيءَ جا اڄ دنگَ، اوڏهي کائي ٿي پئي.

    اوڏهي کائي ٿي پئي، سنڌڙي جو سوداءُ،
    جيجل منهنجي ماءُ، سورن ۾ آ ساٿيو.

    سورن ۾ آ ساٿيو، ڪو به نه آ آگاھُ،
    ساڻو منهنجو ساھُ، ٿر جي ڌرتيءَ وانگيان.

    ٿر جي ڌرتيءَ وانگيان، هيسيل آهي هانءُ،
    جيئڻ جو ئي ڏانءُ، وسري ويو آڪاش کان.


    جيون ۾ اُداسين جا انبار ڪٿان آيا،

    جيون ۾ اُداسين جا انبار ڪٿان آيا،
    مون گُلَ ھيا پوکيا، ھي خار ڪٿان آيا.

    ساھن جي جھروڪن ۾ جذبن ۽ جوالن جا،
    موهن جي ڪٿا وانگي شھڪار ڪٿان آيا.

    ھڪ گھور وجھي گھائي ڄڻ ساھ وئي پائي،
    سرتيءَ جي نگاھن ۾ انوار ڪٿان آيا.

    عاشورِ اڪيلائي، دردن جي عزاداري،
    بي لوث محبت ۾ آزار ڪٿان آيا.

    سوچن کي ولوڙڻ جي جنھن سگهه ڏني آھي،
    تنھن ڏات جا الھامي اسرار ڪٿان آيا.

    پوپٽ جي پرن جھڙي رنگين مقدر ۾،
    آڪاش اُماوس جا آثار ڪٿان آيا.


    اکڙين کي اوجاڳن سان هموار ڪري ويو ڪو،

    اکڙين کي اوجاڳن سان هموار ڪري ويو ڪو،
    شيشن جا هُيا سپنا، سنگسار ڪري ويو ڪو.

    احساس نهوڙي ۽ دلين جا ڇِني ناتا،
    دردن سان حياتيءَ کي سرشار ڪري ويو ڪو.

    ڏئي روح جزيري کي تنهائي جي سرگوشي،
    جيون کي اُداسين سان ٽٻٽار ڪري ويو ڪو.

    هن عشق مجازي ۾ الهام کي اوتيندي،
    ويراڳ جي وستيءَ تي وسڪار ڪري ويو ڪو.

    تاريخ جي ورثن کي پيرن ۾ لتاڙيندي،
    تهذيب تمدن تي اڄ وار ڪري ويو ڪو.


    ڇا تون ڄاڻين ٿو،

    ڇا تون ڄاڻين ٿو،
    تنــهائي ڇـــاهـــي،
    مقتل جنءِ آهي.

    سيج ڪنڊن جي دل،
    ڪنولن جي ناهي.
    مقتل جنءِ آهي،

    من جو ڪچّو گهر،
    درد پيو ڊاهي،
    مقتل جنءِ آهي.

    ســـڏ جـــــو ورنائي،
    ڪير هتي آهي؟
    مقتل جنءِ آهي.

    جيون کي ٻيهر،
    ڪير وري ٺاهي،
    مقتل جنءِ آهي.

    پيڙا جو آيس،
    لابارو لاهي،
    مقتل جنءِ آهي.


    فطرتي حُسن جي اطاعت آ،

    فطرتي حُسن جي اطاعت آ،
    مون ڪئي عشق جي عبادت آ.

    ناخدا ۾ خدا ڏسي ويٺا،
    جنهن ڪئي بي پناھ چاهت آ.

    جو به ڪرڻو هجي ڪري وٺجي،
    زندگي موت جي امانت آ.

    نيڻ واهڙ جئان وهي آيا،
    درد جي ٻوڏ جي علامت آ.

    مان به ڳڻجان پيو ٿو ماڻهن ۾،
    وقت اهڙي ڏني ندامت آ.

    منهنجي آوارگيءَ جي نيڻن ۾،
    نينهنَ جنمي اچي نفاست آ.

    ذات منهنجي ۾ روحڙو ڦوڪي،
    ڏات مون تي ڪئي عنايت آ.

    مان وڃائي پو هوش ويهندو هان،
    تنهنجو مرڪي ڏسڻ قيامت آ،

    تنهنجون آڪاش روز جون ديريون،
    روز توکان اها شڪايت آ.


    ترائيل

    مينهنُ من جي اُٺو ٿر مٿان،
    ديد دل جي ٺري آ پئي،
    مور ويٺو اچي گهر مٿان،
    مينهنُ من جي اُٺو ٿر مٿان.

    باغ ۾ ٿي بهاري وئي،
    ڪي ئي نکريا ڪنول جر مٿان،
    ديد دل جي ٺري آ پئي،
    مور ويٺو اچي گهر مٿان.
    _


    ساھَ جي تند جي ٽُٽي پوندي،
    زندگيءَ جو مَحل ڊهي ويندو،
    دردَ مان جند ئي ڇُٽي پوندي،
    ساھَ جي تند جي ٽُٽي پوندي.

    آشنائيءَ جو سج لهي ويندو،
    چين جي لاٽَ پو ڦُٽي پوندي،
    زندگيءَ جو مَحل ڊهي ويندو،
    دردَ مان جند ئي ڇُٽي پوندي.


    پنهنجا ڇني ڇڏيا هن،

    پنهنجا ڇني ڇڏيا هن،
    رشتا ڇني ڇڏيا هن.

    ڄڻ پاڻ کان ئي پنهنجا،
    پاڇا ڇني ڇڏيا هن.

    هڪ هڪ ڪري اُڻيا جي،
    سپنا ڇني ڇڏيا هن.

    هجرِ فراق دل جا،
    ڌاڳا ڇني ڇڏيا هن.

    بي ضبط جيءَ کان سڀ،
    جذبا ڇني ڇڏيا هن.

    ذهني سُڪون سان ڀي،
    ناتا ڇني ڇڏيا هن.

    احساسِ برتريءَ جا،
    ڪـتـبا ڇني ڇڏيا هن.

    آڪاش جا اکين سان،
    ٽاڪا ڇني ڇڏيا هن.


    غلامي جي بوءِ

    مان اُهو مُسافر پکي آهيان،
    جنهن جا پَرَ،
    وقت جي جلادن،
    ڪنهن تيز ڌار ڇُري سان،
    ڪٽي وڌا آهن،
    مون کان آڪاش جي بلندين تي،

    پرواز ڪرڻ جا،
    حق کَسي ورتا آهن،
    مون کان جيئڻ جي آسَ ئي،
    کَسي ورتي آهي،
    هاڻي منهنجو دم ٿو گُهٽجي!،
    جيئڻ جون خواهشون،
    ڀُري ڀورَ ڀورَ ٿي ويون آهن،
    هڪڙي پل جي خوشي به،
    اذيت بڻيو ٿي پوي،
    ڪو نه کپي!،
    ڪو نه کپي اهڙي روشني،
    جنهن ۾ پنهنجا ئي عڪس،
    پاڻ مٿان ٽوڪَ چٿرون ڪن،
    ڪو نه کپي اهڙي بندگي،
    جنهن جي موٽَ ۾.
    ڌڪارت ئي ڌڪارت ملي،
    ڪو نه کپي اهڙي زندگي،
    جنهن مان غلامي جي بوءِ اچي.


    ٿيو بحث علم عاقل سان ڳپل هُيو،

    ٿيو بحث علم عاقل سان ڳپل هُيو،
    پر عشق ڳالهه پنهنجيءَ تي اٽل هُيو.

    هر وِکَ حادثن جو ٿي شڪار آ،
    هيءَ زندگيءَ هُئي، يا ڪو اجل هُيو.

    هڪ عمر جي مُسافت ئي ڪٿي هُئي،
    هي روح ازل جي بَرَ جو ٿڪل هُيو.

    چچري ويو تمدن جو وجود ڪو،
    تهذيب جو به سِرُ ڌڙ کان لٿل هُيو.

    ڇاڇا عذاب ڀوڳي ڀونءِ ٿي پئي،
    ڇالاءِ سنڌڙيءَ جو تَرُ تتل هُيو.

    جاڳي به ڪنءِ ڀلا رهبر جي رهبري،
    خود ننڊ نيستيءَ ۾ جو وتل هُيو.

    آڪاش جو تخيل سنڌ جي مٽي،
    پر يارُ پيارُ ڀي منهنجو غزل هُيو.


    هُن پار زندگيءَ جي اُڪري وڃان متان مان،

    هُن پار زندگيءَ جي اُڪري وڃان متان مان،
    گڏ وقت ساڻ توکان وسري وڃان متان مان.

    واپس جتان ورڻ جي ڪا واٽ ئي نه ڏسجي،
    اُن کان گهڻو ئي اڳتي نڪري وڃان متان مان.

    پارس وجود تنهنجو، مان لوھ ڪو ڪٽيل هان،
    تنهنجي ڇُهڻ سان سائنڻ نکري وڃان متان مان.

    ڏاتر نزول ڪندو جي ڏات جا صحيفا،
    جڳ ۾ ڪنول جئان پو اُسري وڃان متان مان.

    انڌي سماج کان هي آڪاش آهي باغي،
    باغين کي ڀر ۾ آڻيو، وکري وڃان متان مان.


    پورن ۾ آ پاھُ،

    پورن ۾ آ پاھُ،
    ساڻو ساڻو ساھُ،
    ٿر جي ڌرتيءَ وانگيان.

    تڙپي ۽ ڦٿڪي پيو،
    اڻپورو اُتساھُ،
    ٿر جي ڌرتيءَ وانگيان.

    يادن جو برسات ۾،
    وڌندو آ ويساھُ،
    ٿر جي ڌرتيءَ وانگيان.

    نِٽهڻ آهي زندگي،
    ڪوسو ڪوسو چاھُ،
    ٿر جي ڌرتيءَ وانگيان.

    ڏسجي پيو ٿو ڀونءِ جو،
    آئيندو اونداھُ،
    ٿر جي ڌرتيءَ وانگيان.

    اونداهين جي راڄَ سان،
    ناهي پنهنجو ٺاھُ،
    ٿر جي ڌرتيءَ وانگيان.


    ڪا هيرَ هُئي جهرمر،

    ڪا هيرَ هُئي جهرمر،
    تاسيرَ هُئي جهرمر.

    جي خواب ڏٺا تن جي،
    تعبيرَ هُئي جهرمر.

    جاتي به پُڳيون نظرون،
    سا ويرَ هُئي جهرمر.

    جا عمر سهيڙي سا،
    تحريرَ هُئي جهرمر.

    مون عڪس چٽيا ها پر،
    تصويرَ هُئي جهرمر.

    مان ٿي نه سگهيس تنهنجو،
    تقديرَ هُئي جهرمر.

    خاموش غلاميءَ جي،
    زنجيرَ هُئي جهرمر.


    هي سوچ روا ناهي،

    هي سوچ روا ناهي،
    آزاد فضا ناهي.

    ڇو سنڌ وطن پنهنجو،
    آزاد خدا ناهي.

    ڪڏهين به عقيدت جو،
    سجدو ٿيو قضا ناهي.

    مَڪار مُنافق وٽ،
    تعظيمِ وفا ناهي.

    جذبن کي جُهڪائي جا،
    اهڙي ڪا سزا ناهي.

    هوءَ ائينءَ سلهاڙيل آ،
    جنءِ ساھُ جدا ناهي.

    منصور حقيقت آ،
    ڪا ڏند ڪٿا ناهي.

    آڪاش جي ويڙهي ۾،
    ٿوري به هوا ناهي.


    دل جي هر ڌڙڪن،

    دل جي هر ڌڙڪن،
    پياسو آ تن من،
    وارياسو جيون.

    ’’هيڪل ۽ وياڪل‘‘،
    جذبن جــــو جوڀن،
    وارياسو جيون.

    منهنجون ٿيون مون ۾،
    تــنهـــايون تـــڙپــن،
    وارياسو جيون.

    ساهـــڙ جي سِڪَ ۾،
    سُڏڪيو آ ساهــن،
    وارياسو جيون.

    ٿوهَـــــر ٿو ارپـــــي،
    احساسن جو بن،
    وارياسو جيون.

    آڪاشُ سمورو،
    ڀايان ٿــــو توبن،
    وارياسو جيون.


    درد ڀي خود هُئي، طبيب هُئي،

    درد ڀي خود هُئي، طبيب هُئي،
    زندگي دوستو عجيب هُئي.

    هُن کي هُن جي حصي مليا ڳوڙها،
    مون جئان هوءَ به بدنصيب هُئي.

    سنڌ وانگي امير هوندي ڀي،
    دل ته ڏاڍي سندم غريب هُئي.

    ربط جنميو آ مُشڪلاتن کي،
    هيڪلائيءَ منهنجي حبيب هُئي.

    سارَ آڪاش جي سدا سُرهي،
    ساھَ کان ڀي گهڻي قريب هُئي.


    سُڏڪن جا پڙڏا

    شهر جي شورَ،
    زندگيءَ جي ڪَنن جا،
    پردا ڦاڙي ڇڏيا آهن،
    روح ۾ بي سُڪونيءَ جو،
    عالم برپا آهي،
    ماڻهن جي ريگذارن ۾ هلندي،
    احساسن جا پيرَ،
    ڦٽجي پيا آهن،
    نفرتن پنهنجائپ جون،
    نخون ويڙهي ڇڏيون آهن،
    ۽ دلين جا پڌرا پَٽَ،
    انائن جي اُسُن ۾،
    سڙي رهيا آهن،
    چاهتن جي ڳچيءَ ۾،
    مجبورين جا ڳَٽَ،
    ۽ حسرتن جي پيرن ۾،
    مفلسيءَ جا زنجيرَ آهن،
    زمين کان عرش تائين،

    جنم وٺندڙ انيڪ،
    وارتائن جون وُسعتون کڻي،
    مان ازل ۽ ابد جي،
    وچ واري صليب تي،
    ٽنگيو پيو آهيان،
    سماج جي چهري تي،
    ذلتن جي آميزشين جو،
    نقاب چڙهيل آهي،
    هوا جي نَڪَ ۾،
    ناڪيلي آهي،
    حقن جي سُرٻاٽن تي،
    ڪرفيو چڙهيل آهي،
    سدا بهار آدرش،
    بُکَ جي باھَ ۾،
    سڙي خاڪ ٿي ويا آهن،
    حوصلا مايوسي جي مونن ۾،
    مُنهن هنيو ويٺا آهن،
    ۽ منهنجن ساهن ۾ مسلسل،
    سُڏڪن جا پڙاڏا،
    ٻُرندا رهن ٿا.


    کڻڻ سان ئي ڪِري عينڪ،

    کڻڻ سان ئي ڪِري عينڪ،
    ڀڃي دل جي پئي عينڪ.

    اکين تي وقت پاتي آ،
    قضا جي ڌُنڌلي عينڪ.

    مُقدر جي هُئي ٽڙڪيل،
    ملي جا عمر جي عينڪ.

    تڪي ٿو حُرمتن کي پيو،
    ڪو اڌ نَڪَ تي رکي عينڪ.

    نظر کي وُسعتون ارپي،
    ڏِئي ٿي تازگي عينڪ.

    قلم ۽ شاعريءَ وانگي،
    رکي آ دوستي عينڪ.


    درد جو در ڏئي ڇڏيو آهي،

    درد جو در ڏئي ڇڏيو آهي،
    دل تي پٿر رکي ڇڏيو آهي.

    پنهنجي وجداني ڪيفيت اندر،
    مون خدا کي ڏسي ڇڏيو آهي.

    اذيتن جو جهانُ جهاڳيو آ،
    ٿَڪَ، بدن کي ڀڃي ڇڏيو آهي.

    زهر سُقراط جي پيالي مان،
    ٿورڙو مون به پي ڇڏيو آهي.

    موتُ ڀيليندو زندگي، تنهن کان،
    حسرتن کي لُڻي ڇڏيو آهي.

    وقتَ آڪاشَ آشنائن سان،
    رابطو ئي ڇني ڇڏيو آهي.


    سچ

    جنءِ تون سچ آهين،
    تنءِ تنهنجي فطرت به،
    ماڪَ جي ڦُڙن جئان،
    اُجري آهي،
    پاڪ، صاف، شفق جهڙي،
    ۽ اهڙيون،
    ٻيون ڪيتريون ئي،
    تنهنجون ڏنل،
    تو جهڙيون نشانيون،
    منهنجي پنهنجي بي ڌيانيءَ سبب،
    مون کان گُم ٿي ويون آهن.


    منهنجي تدفينَ ٿي، هليا ويا هو،

    منهنجي تدفينَ ٿي، هليا ويا هو،
    قُل پڙهي، گُل رکي، هليا ويا هو.

    وُسعتن جي وشالتا جيڏي،
    هيڪلائي ڏئي، هليا ويا هو،

    آزمائش جي واٽ تي آڻي،
    ڪي وِکون گڏ هلي، هليا ويا هو.

    مون کي ساري، ٻه ٽي ڏئي سُڏڪا،
    مينهنَ وانگر وسِي، هليا ويا هو.

    مون کي آڪاشَ ماٺ جو بن ڏئي،
    پنهنجو پيرو کَڻي، هليا ويا هو.


    نه جنهن ۾ تازگي آهي.

    نه جنهن ۾ تازگي آهي.
    اُها ڇا زندگي آهي.

    دلين جي درسگاهن ۾،
    انوکي دلڪشي آهي.

    ڇِڙيا هن آجپي جا سُرَ،
    هوا ۾ نغمگي آهي.

    وفا جي آبشارن تي،
    لٿي ڄڻ تازگي آهي.

    ٽنگي مون ٽياس تي جذبا،
    ڪئي ڄڻ خودڪشي آهي.

    صدين کان ٿر جئان من جي،
    اُڃاري مخلصي آهي.

    منهنجي آڪاش جيون ۾،
    فقط تنهنجي ڪمي آهي.


    برسات جي مند

    جئينءَ جئينءَ،
    برسات جون ڪَڻيون،
    تنهنجي جسم تي،
    پونديون پئي ويون،
    تئينءَ تئينءَ،
    تنهنجو لباس،
    تنهنجي بدن سان،
    چنبڙندو پئي ويو،
    ۽ تون،
    ڪنهن حَسين واديءَ جو،
    ڪو حَسين ڏيک ڏئي رهي هُئينءَ،
    ۽ اڄ مون کي وري،
    اُنهيءَ برسات جي مند جو،
    بي صبريءَ سان انتظار آهي.


    حيات جي تلاش ۾ خوديءَ کان لاپتا هُيس،

    حيات جي تلاش ۾ خوديءَ کان لاپتا هُيس،
    مان عمر ڀر عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا هُيس.

    اکين جا خواب زرد ٿي اکين منجهان ڇڻي ويا،
    نصيب جي بهار ۾ خزان جي ڄڻ هوا هُيس.

    خوشين ڪيو نه پنهنجو ۽ غمن به آ ٿُڏي ڇڏيو،
    مان خار دار تار يا، اڻ ڪيل خطا هُيس.

    اُماس جي لباس آ وجود جو بدن ڍڪيو،
    مِياڻ ۾ مري ويل تکي ترار ڪا هُيس.

    چُري پُري نه ٿو سگهان، ڪُڇي به ڪجھه نه ٿو سگهان،
    مٽيءَ جئان ڀُران پيو، ڪنهن ڏوھَ جي سزا هُيس.


    دل لڳي وسري وئي آ،

    دل لڳي وسري وئي آ،
    دلبري وسري وئي آ.

    زندگيءَ جي وٺ وَٺان ۾،
    عاشقي وسري وئي آ.

    اڌ دَڳن ۾ دوستن کان،
    دوستي وسري وئي آ.




    دار جي ديوانگي آ،
    زندگي وسري وئي آ.

    پيار جو سُر ڇيڙ ساٿي،
    راڳڻي وسري وئي آ.

    مفلسيءَ جي موسمن ۾،
    تازگي وسري وئي آ.

    عمر جي آلاپ کان ڄڻ،
    هر خوشي وسري وئي آ.

    قوم کان موهن دڙي جي،
    ناچڻي وسري وئي آ.

    مئڪدا ناراض آهن،
    مئڪشي وسري وئي آ.

    ڏات وئي آ ڏانءَ سان گڏ،
    شاعري وسري وئي آ.


    آسمان

    بيحسيءَ جي بدذوق علامت،
    اسان جي ڪُلهن تي،
    چڙهي ويهي رهي آهي،
    ۽ يڪجهتيءَ جي پيرن ۾،
    تضادن جون پيرَ ڪڙيون ڏسي،
    آسمان وات ڦاڙي،
    وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي رهيو آهي.


    اکيون

    خوابن جا ڦُڙا،
    نيڻن جي ٻُڪ مان،
    هارجي پيا آهن،
    ۽ اوجاڳي جون اکيون،
    اُٿي پيون آهن.


    هڪ نظر ۾ وڻي ويو ڪوئي،

    هڪ نظر ۾ وڻي ويو ڪوئي،
    دل جو بڻجي ڌڻي ويو ڪوئي.

    قربتن جا ڪنول ڏئي مون کي،
    درد ميڙي کڻي ويو ڪوئي.

    منهنجي تهذيب ۽ تمدن کي،
    ڪانُ ڪُکِ ۾ هڻي ويو ڪوئي.

    زندگاني خزان جي موسم آ،
    عمر سان گڏ ڇڻي ويو ڪوئي.

    گهوٽ بڻجي ڪو آيو پاڙي ۾،
    ۽ ڇني ’’پدمڻي‘‘ ويو ڪوئي.


    چوسٽا

    درد جي ڪا لام ٿيندي ٿي وڃي،
    زندگيءَ جي شام ٿيندي ٿي وڃي،
    هيءَ حياتي اي خدا تو وانگيان،
    ڪا انوکي مام ٿيندي ٿي وڃي.



    مٺن کان مٺا ماٺ ڇو ٿو ڪرين،
    حقيقت ٻُڌا، ماٺ ڇو ٿو ڪرين،
    مُٺي ماٺ آخر چون ٿا مٺا،
    ڏيندي مات آ، ماٺ ڇو ٿو ڪرين.



    پنهنجو ميل ختم ٿي وِيو،
    جيءَ جو جيل ختم ٿي وِيو،
    جيون آ سو پڄري پيو،
    دل جو کيل ختم ٿي وِيو.




    انوکي روڳ ۾ آهين،
    تون ڪهڙي سوڳ ۾ آهين،
    سڏي ٿي سنڌ پئي توکي،
    وهيءَ جي ڀوڳ ۾ آهين.



    سالن کان هن سال به ساڳيا،
    هيڻا پنهنجا حال به ساڳيا،
    بُکَ، بدحالي، دهشتگردي،
    مارن لئه جنجال به ساڳيا.



    ڪَرمِ نگاھَ گُهرجي،
    مون کي پناھَ گُهرجي،
    دل چين جت پرائي،
    سا درسگاھَ گُهرجي.


    مون کي توسان جي پيار ٿي ويندو،

    مون کي توسان جي پيار ٿي ويندو،
    ساھُ سِڪَ جو شڪار ٿي ويندو.

    محبتون جي مري ويون جيءَ ۾،
    من اُڃو ريگذار ٿي ويندو.

    درسُ جنهن ڀي سِکيو نفاست جو،
    شخص سو باوقار ٿي ويندو.

    خيال کي عمر جي بشارت ڏئي،
    هي بدن خاڪسار ٿي ويندو.

    ساھ ٻوساٽبو جي يادن جو،
    جيئڙو بيقرار ٿي ويندو.

    عڪس آڪاش جا چٽيندي جي،
    درد جو آبشار ٿي ويندو.


    انتها پسندي

    سنڌ جي فطري سونهنَ کي،
    داغ دار ڪري،
    تهذيب ۽ تمدن کي،
    روڊن رستن تي ٿو گهليو وڃي،
    هَزارين سال پُراڻي،
    تاريخ جي مُنهنَ تي رانڀوٽا هڻي،
    اُن کي رَتو رت ڪري،
    ڪوڙيون فتوائون ڏئي،
    حق کي باطل،
    ۽ باطل کي حق قرار ڏئي،
    اُجالن کي اونداهين ۾،
    تبديل ڪيو ٿو وڃي،
    مذهبي انتها پسنديءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل،
    پنهنجي ڀونءِ ڏانهن،
    هڪ نظر کڻي نهار ڀٽائي.


    ساهن ۾ سڏڪن جا پاڇا،

    ساهن ۾ سڏڪن جا پاڇا،
    سانڍياسين صدمن جا پاڇا.

    سامونڊين جي ساروڻين ۾،
    تڙپن ٿا ساھن جا پاڇا.

    اولاد جئان مون پاليا هن،
    دلڙيءَ ۾ دردن جا پاڇا.

    چاهت جهڙي چانڊوڪيءَ ۾،
    جرڪي پيا جيون جا پاڇا.

    رتَ جي رشتن کي ول وانگر،
    ويڙهي وِيا ويڇن جا پاڇا.

    ساڀيا پويان ڊوڙي ڊوڙي،
    سهڪي پيا سپنن جا پاڇا.

    تنهنجي سِڪَ ۾ سِڪندي سرتا،
    جهور ٿيا جوڀن جا پاڇا.

    وقت لتاڙيندو آيو آ،
    صدين جي ورثن جا پاڇا.

    آڪاش اُداسين جي بن ۾،
    ڀٽڪي پيا خيالن جا پاڇا.


    دلبريءَ جي دانهنَ مان ڪنهن کي ڏيان،

    دلبريءَ جي دانهنَ مان ڪنهن کي ڏيان،
    دل اُڃيءَ جي دانهنَ مان ڪنهن کي ڏيان.

    خواهشن جو خون ڳاڙيندي رهي،
    مفلسيءَ جي دانهنَ مان ڪنهن کي ڏيان.

    زندگيءَ جا ڦول وِيا مُرجهائجي،
    تازگيءَ جي دانهنَ مان ڪنهن کي ڏيان.

    هر قدم تي اذيتن جو دار آ،
    زندگيءَ جي دانهنَ مان ڪنهن کي ڏيان.

    بيوسيءَ جو نانگُ ويو آهي ڪَکي،
    بيحسيءَ جي دانهنَ مان ڪنهن کي ڏيان.

    رهنمائيءَ راھَ ۾ رولي ڇڏيو،
    رهبريءَ جي دانھَن مان ڪنهن کي ڏيان.


    گُلَ چوٽيءَ ۾ هڻي،

    گُلَ چوٽيءَ ۾ هڻي،
    چيلهه تي گهاگهر کڻي،
    کوھَ تي سوچي پئي.

    چاھَ مان پالي پئي،
    دردَ کي هڪڙي ڄڻي،
    کوھَ تي سوچي پئي.

    زندگيءَ جي بن مٿان،
    مينهنَ جي ڄڻ هو ڪڻي،
    کوھَ تي سوچي پئي.

    يار منهنجو ساھُ آ،
    يار دل جو آ ڌڻي،
    کوھَ تي سوچي پئي.

    هو اچي مون کي ڏسي،
    مان وڻان هُن کي گهڻي،
    کوھَ تي سوچي پئي.

    او پرين تنهنجي بنا،
    ڪا خوشي ناهي وڻي،
    کوھَ تي سوچي پئي.

    پنهنجي مان آڪاش جي،
    پيرڙن جي هان پڻي،
    کوھَ تي سوچي پئي.


    تنها ڪري وئين ڇو،

    تنها ڪري وئين ڇو،
    مون کي ڇڏي وئين ڇو.

    جيئڻ جي آسَ جيءَ کان،
    جانب کَسي وئين ڇو.

    پيڙا جي ٽياسَ تي منَ،
    مُرڪي ٽنگي وئين ڇو.

    جذبن جو بي ڪفن مڙھ،
    رِڻَ ۾ لَٽي وئين ڇو.

    جنهن پل هُيم ضرورت،
    اُن ئي سَمي وئين ڇو.

    سُڏڪن جي تپسِيا ڏَئيِ،
    آڪاش کي وئين ڇو.


    پل جو مهمان ٿي پيو آهيان،

    پل جو مهمان ٿي پيو آهيان،
    مان پريشان ٿي پيو آهيان.

    نينهنَ جي نانگَ سان لَهي لائون،
    آئون انسان ٿي پيو آهيان.

    دل جي زخمن مٿان رکي مرهم،
    پنهنجو درمان ٿي پيو آهيان.

    ساھَ ۾ سارَ جو هيو مقتل،
    ڪوئي زندان ٿي پيو آهيان.

    ماڻهپي کي ڪُهي ويا ماڻهو،
    شهر ويران ٿي پيو آهيان.

    ماٺ مون کي ڏنگي وئي آهي،
    وقت جو ذيان ٿي پيو آهيان.

    منهنجا آڪاش تو پُڄاڻان مان،
    سارو سنسان ٿي پيو آهيان.


    گهري ساگر ۾،

    گهري ساگر ۾،
    تنهنجي ڀاڪر ۾،
    ننڊ اچي ويندي.

    تنهنجن جلون جي،
    هر پسمنظر ۾،
    ننڊ اچي ويندي.

    دردَ وهاڻي تي،
    دل جي آڳر ۾،
    ننڊ اچي ويندي.

    نوريءَ ڄام جئان،
    مون کي ڪينجهر ۾،
    ننڊ اچي ويندي.

    ڇَر ئي ڇَر آ پر،
    ميري منڇر ۾،
    ننڊ اچي ويندي.

    لوچي ۽ لوڙي،
    لالڻ آخر ۾،
    ننڊ اچي ويندي.

    تنها اي آڪاش،
    مٽيءَ جي گَهر ۾،
    ننڊ اچي ويندي.


    ٽُٽا جئينءَ تياڳ جا سپنا،

    ٽُٽا جئينءَ تياڳ جا سپنا،
    مري وِيا ڀاڳ جا سپنا.

    نهوڙن نيڻ پيا منهنجا،
    جُڳن کان جاڳ جا سپنا.

    سَراپا سورَ ۽ سختيون،
    جَهان جي جهاڳ جا سپنا.

    تمنا آجپي جي آ،
    ڏٺا هن ماڳ جا سپنا.

    رُسيون جنءِ راڳڻيون آهن،
    رُلي وِيا راڳ جا سپنا.

    مُقدر جا ورهاست ۾،
    مليا ويراڳ جا سپنا.


    ترائيل

    نه آيو چين من کي ۽ نه ٿيو دل جو سهارو ڪو،
    نه سپنن کي ملي ساڀيا نه جيون ماڳ ماڻيندو،
    دعا جي ريگذارن ۾ پيو ڀٽڪي اُڃارو ڪو،
    نه آيو چين من کي ۽ نه ٿيو دل جو سهارو ڪو،

    بتيلو بي سُڪونيءَ جو الئه ڪاٿي اُڪاريندو،
    اُداسين جي سمندر جو نه ٿو ڏسجي ڪنارو ڪو،
    نه سپنن کي ملي ساڀيا نه جيون ماڳ ماڻيندو،
    دعا جي ريگذارن ۾ پيو ڀٽڪي اُڃارو ڪو.


    پنجڪڙا

    وقت ڄڻ درياھ آ، اتهاس کي پائي پيو،
    حُسن وارن جون ادائون، صاحبن جي صاحبي،
    بادشاهيون، موت گاهون، حاڪمن جي حاڪمي،
    هن فنا جي ماڳ جي بنواس کي پائي پيو.
    وقت ڄڻ درياھ آ، اتهاس کي پائي پيو.


    اداسيءَ جو مقتل

    بشير سيتائي جي وڇوڙي تي لکيل.

    وڻن جون لامون،
    لامن تي ويٺل پکي سوڳ ۾ آھن،
    ھوا وکون نه ٿي کڻي سگھي،
    موسم جا ھڙئي رنگ،
    ھيڊا ٿي ويا آھن،
    فطرت جو منھن مونن ۾ آھي،
    وقت چُرڻ پُرڻ ڇڏي ڏنو آھي،
    تنھنجي غير موجودگيءَ،
    اداسيءَ جو مقتل،
    برپا ڪري ڇڏيو آھي،
    تنھنجن ڪچھرين جي،
    عالماڻن فلسفن جا پڙاڏا،
    منھنجن ڪنن ۾ ٻُري رھيا آھن، 1981
    ۾، مولوي عبدالغفور سيتائيءَ کان،
    "ايوارڊ آف ريڪگنيشن" وٺندي،
    سندس قول،
    "سچ لکو ۽ اوچي ڳاٽ جيئو"
    جو مانُ، تو وڏي شان سان رکيو آھي،
    مُئل ڍور جھڙي بدبودار،
    ڪوڙھ ورتل سماج،
    ۽ اُن جي ڪِرڀَ ڏياريندڙ،
    روايتن، رسمن، رواجن،
    ۽ انڌن عقيدن سان تنھنجي جنگ،
    ڀلي کڻي بنا نتيجي ختم ٿي وئي ھجي،
    پر آخري پَساھَ تائين،
    تنھنجن اصولن ۽ آدرشن جي،
    ثابت قدمي،
    توکي امرتا بخشڻ جي ضامن آھي،
    ادب جي کيتيءَ منجهه،
    تنھنجي فڪري ڦلواڙيءَ جي،
    سندرتا ۽ سُڳنڌ،
    ٻوليءَ جي وشال آڪاش کي،
    سنواري ۽ واسي ڇڏيو آھي،
    توتي آخري نظر وجھندي،
    توکان موڪلائيندي،
    مون وانگي،
    ڪوِتا نگر جي ھر قلمڪار سان گڏ،
    "عمر خيام" جي رُباعين جي اکين مان،
    ڳوڙھا ڳڙي رھيا آھن،
    "سيتا" جي ڏند ڪٿا جا،
    اوائلي ڪردار،
    "ديوڪي" ۽ "ساکرو" به روئي رھيا آھن،
    ۽ تنھنجي سيتا جي گھٽين جون اکيون،
    توکي ڳولي رھيون آھن.


    پريُن پيارن لاءِ،

    پريُن پيارن لاءِ،
    ڌرتيءَ وارن لاءِ،
    آلا نيڻ آڪاش جا.

    تحريڪون متضاد ۽،
    قومي ڌارن لاءِ،
    آلا نيڻ آڪاش جا.



    اوٿر اُٿيو شام جئنءِ،
    ٿيا وڻجارن لاءِ،
    آلا نيڻ آڪاش جا.

    ساهن کان ڀي ويجهڙن،
    پنهنجن يارن لاءِ،
    آلا نيڻ آڪاش جا.

    پورنماسي رات ۽،
    روشن تارن لاءِ،
    آلا نيڻ آڪاش جا.

    آزاديءَ جي ماڳ ڏانهن،
    ويندڙ چارن لاءِ،
    آلا نيڻ آڪاش جا.

    ساڀيائن جي ديسَ ۾،
    خوابَ اُڃارن لاءِ،
    آلا نيڻ آڪاش جا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428659
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ