ڪتاب جو نالو: نسيم کرل جون ڪھاڻيون
مصنف: نسيم کرل
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2007
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 24 جون 2016 ع
پڙهيو ويو: 2068 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 508 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ سندس ڪهاڻين جي ٽن مشهور ڪتابن شبنم شبنم ڪنول ڪنول، چوٽيهون در ۽ ڊمي جو گڏيل مجموعو آهي.
نسيم Objective ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • ٽي رايا

  • وڏيرو نسيم کرل : عبدالقادر جوڻيجو
  • نسيم جي سوچ ۽ تخيل : ولي رام ولڀ
  • وڏيرو، وڏيري جي نظر ۾ : نجم عباسي
  • ڪهاڻيون

  • مڪسڊ گرل
  • پھرين مراد
  • مجاور
  • آٿت
  • ڪرنٽ
  • اٽالو پڊنگ
  • اسلام عليڪم
  • دار الفلاح
  • پارٽنر
  • چوٽيهون در
  • پهرين پهر
  • ڪافر
  • شبنم شبنم، ڪنول ڪنول
  • زماني جي گردش
  • گٽس
  • ڪچو رنگ
  • گذريل واردات
  • زر ۽ زور
  • ڳڻ
  • ڪني آڱر
  • ڀت
  • ڊمي
  • منڌ ٻوڙيو مهراڻ
  • مساوات
  • ڪوڙڪيون
  • خاڪي پنهنجي فطرت ۾
  • تنهنجي خوديءَ جو ڀرم
  • ننگر
  • منجهيل سٽ
  • استاد ۽ شاگرد
  • سوکڙيون
  • لهرين جا لوڏا

  • ارپنا

    طارق اشرف جي يادگيري

    (امرجليل جي لفظن ۾)

    طارق اشرف اٽل ارادن سان زندھھ رھيو ۽ اٽل ارادن سان موت
    سان مرڪي مليو. ڇا تھ جاني شخص ھيو!


    ٽي رايا

    وڏيرو نسيم کرل : عبدالقادر جوڻيجو

    نسيم کرل جون ڪهاڻيون


    طارق اشرف جي يادگيري
    (امرجليل جي لفظن ۾)
    طارق اشرف اٽل ارادن سان زندھھ رھيو ۽ اٽل ارادن سان موت
    سان مرڪي مليو. ڇا تھ جاني شخص ھيو!

    عبدالقادر جوڻيجو

    ھيءَ انھيءَ وقت جي ڳالھھ آھي، جڏھن اسان جا ڪٽ ڦريل پيا ھئا. جاڳ ۾ گھٽ، ننڊ ۾ گھڻو ھلندا ھئاسين. ڪچڙي گئونچ جھڙي ڪچڙي ڪچڙي عمر ھئي، خوابن ۾ سائو ڪچ ڀريل ھو. ڇپرن جي ھيٺان اکين جي ديوارن تي جواڻ جماڻ سهڻن مھانڊن جون تصويرون ٽنگيل ھونديون ھيون ۽ دل جي ديوارن تي پورن جو دونھون Abstract art وانگر ڇانيل ھوندو ھو. اھا خبر ڪانھ پوندي ھئي تھ ٻي وک ڪٿي ٿي پوي ۽ پھرين وک ڪٿي ھئي؟ انڌا ٿي ھلندا ھئاسون.
    پڙھڻ جا نوان نوان شونق گئونچ ڪري نڪتا ھئا، نيون ڍليون لڳل ھيون. ڪو ڪتاب، رسالو ور چڙھندو ھوسون تھ ڦاٽي جند ڇڏائيندو ھو. جھڙو تھڙو وائڙو شونق ڪونھ ھو.
    انھن ڏينھن ۾ سنڌي ادب جي ماءُ ”ابراھيم جويي“ جي پارکو ھٿن مان سنوارجي سينگارجي نڪرندڙ رسالو ”مھراڻ“ سندس ھٿن مان ڇڏائجي روح ۾ رلي ويو. ”روح رھاڻ“ اڃا پيٽ ۾ ستين مھين ۾ ھئي، آڪي آ، سندس جنم ٿيڻ وارو ھو. مرحوم حفيظ، شيخ اياز، جمال ابڙو ۽ رباني اڀ سان پيا ڳالھيون ڪندا ھئا. ادب جي پڙ ۾ مڙسن جي لانگ پيئي لڳندي ھئي. چوڌاري ”بلي بلي“ پئي پوندي ھئي. ان وقت فقط ”نئين زندگي“ اھڙو رسالو ھو، جنھن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا ڀلي ڪھاڻي، ڪو ڀلو شعر ڇپجندو ھو تھ ان کي پڙھي اسان خوشبوئن جي ڪڪرن ۾ ويڙھجي ويندا ھئاسين.
    انھن ڏينھن ۾ پھريون ڀيرو نسيم جي ڪھاڻي (عنوان ياد نھ اٿم) پڙھيم. نھ رڳو نالو زنانو ڏٺم، پر ڪھاڻيءَ جي لکڻي بھ زناني ٿي ڏٺاڻي. ان ڪري پڙھڻ سان پھرين سٽِ ساڻس عشق ٿي ويو ۽ اکين جي ديوارن تي نئون اڻ ڄاتل، اڻ سڃاتل، منڌل منڌل مھانڊو تري آيو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جي خواھش پوري زور و شور سان دل ۾ اڀري آئي. مون کي ڪئين فلمون ۽ بادشاھن جون آکاڻيون ياد اچي ويون، جنھن ۾ ناممڪن ممڪن ٿيندي ؟؟؟ ڪونھ ڪندو ھو. ڪئين ھٿ جون ڪھاڻيون جوڙيم، جن جي ؟؟؟ نسيم سان شادي ھئي. سڄو ذھن ڪھاڻي ڪھاڻي ٿي ويو. اسان کي ڪنھن ٻڌايو بھ تھ اھا ڪا مِس نھ آھي، پر مسٽر آھي. پر اسان کي ڪٿي ٿو اعتبار اچي، سندس ڪھاڻيون ئي زنانيون ھيون. ھلڪيون ھلڪيون، مٺيون مٺيون، خوشبودار، جھڙو گلن جو ڇھاءُ.
    پر سائين الله ڏاڍو آھي، بندي جي من ۾ ھڪڙي الله جي من ۾ ٻي، ٿئي نھ جو روح رھاڻ جو جشن. مون کي بھ ٿي کٽي کڻي ۽ وڃان ٿو جشن ۾ ۽ ڏسان نسيم کرل کي تھ مھنجيون ھيٺيون ھيٺ ۽ مٿيون مٿي رھجي ويون. ذري گھٽ رڙ نڪتي ھئي. منھنجو تھ ڏيھھ (ديھھ) ڏڪي ويو. ننڍپڻ جي مصيبتن کي ٽارڻ لاءِ ياد ڪيل سڀ دعائون ياد اچي ويم، ڪو وقت تھ کيس يڪ ٽڪ ڏسندو رھيس. ”منھنجا موليٰ! پناھ ڏج ھن بلا کان......“ منھنجي خوابن جا شيشا نسيم جي دئوس لتن ھيٺان اچي ڀور ڀور ٿي ويا، ٽڪر نھ گڏيو ٽڪر کي. ٻيھر ائين پر پٺ الله ڪارڻ دل جي دٻن تي لڳي، عشق کئون توبنھھ ڪئي سين، گيسي ڪئي سين، ڪنن تي ھٿ رکياسين.
    انھيءَ دل ڏاريندڙ ملاقات کان پوءِ ڪي سال گذري ويا، نسيم جي ڪھاڻين مان زنانيون نزاڪتون نڪري ويون. جھڙو مڙس پاڻ ڳرو آھي، اھڙيون ڳريون ڳريون، سچائيءَ جي سخت پٿرن سان ڀريل ڪھاڻيون لکڻ لڳو. سندس فن آھستي آھستي وک وک ۾ ڏيئي اوچاين تي چڙھڻ لڳو. اڄڪلھھ سندس مٿين ڄاڙي اڀ سان ۽ ھيٺئين ڄاڙي زمين سان لڳل آھي. ساڻس منھنجي ٻي ملاقات بھ ڏاڍي دلچسپ ٿي.
    ٻھ اڍائي مھينا ٿيا ھوندا جو آءٌ ڪنھن ڪم سانگي ڪراچيءَ ويو ھوس. مشتاق شورو مون سان گڏ ھو. مشتاق ڪا ڪھاڻي لکي ھئي، جيڪا تاج بلوچ کي سوجھري لاءِ ڏيڻي ڪئي ھئي، سو ٻئي ڄڻا گڏجي سوجھري جي آفيس ۾ وياسين تھ ڇا ٿا ڏسون تھ نسيم ھڪڙيءَ ڪرسيءَ تي قبضو ڪريو، سڄي آفيس کي ڏڪايو، ڏاڍي رعب سان ويٺو آھي ۽ تاج کي ست سريون پيو ٻڌائي، ڄڻ سڄي بلڊنگ سندس ھجي ۽ ٻيا سڀ نوڪر ھجن. اسان گھرڻ سان ڏڪي وياسين. ٻئي مڙس پاڏا، جي ھلندي ٿا اٽڪن تھ ڪير ڇڏائين، آءٌ تھ ڊٻ جھلي وڃان، پر مشتاق ويچاري جي جسم ۾.
    مشتاق ڪھاڻي کڻي تاج اڳيان رکي تھ نسيم ھڪدم ڪھاڻي ٻنھين جي ھٿن مان جھٽ ھڻي ڦري ورتي ۽ زور زور سان اکيون ڇنڀيندي چيائين: ”ھي ڇا آھي؟ ڇا آھي؟“
    ”ڪھاڻي آھي.“ مشتاق چونچٽ ڪيو ۽ تاج ڪھاڻي وٺڻ لاءِ ھٿ وڌايو.
    ”ڪھاڻيءَ جا پئسا ھت رک روڪڙا، ڄٽ ڦريا اٿئي؟“
    ”پر ڪھاڻي تھ ڏي.“ تاج چيو.
    ”ڪھاڻي ٻھاڻي مون وٽ ڪونھي. ھت پئسا رک، نھ تھ مون کان ٻيو بڇڙو نھ ڏسندين.“
    تاج گھڻي آنا ڪاني ڪئي، ھيڏانھن ھوڏانھن نٽايائين، جند ڇڏي، ڀوت ڇڏي، نسيم نھ ڇڏي، ھونئن بھ تاج ماشاءَ الله وھڙو لڳو پيو ھو، ٻروچ بھ آھي، گھڻ ڳالھائو بھ آھي، نسيم سان ڏاڍو ھجائتو بھ آھي، پر سائين نسيم جھڙي بلا سان منھن يا ھٿ اٽڪائي ڪير ٿو پورو پئي. نيٺ پورا پنجاھ رپيا مشتاق کي مليا، تڏھن تاج جي بھ جان ڇٽي تھ مشتاق ۾ بھ ساھ پيو. بعد ۾ نسيم اديب جي معاوضي جي حق تي اڌ ڪلاڪ ليڪچر ڏنو. مون اھو محسوس ڪيو تھ نسيم حق جي ڳالھھ تي مٿو ڦاڙائيندي بھ ڪونھ گسندو، پر ڪنھن کي ٿي کٽي کڻي جيڪو نسيم جو مٿو ڦاڙي! پري کان ڪو سروٽو اڇلائي ھڻي تھ ٻي ڳالھھ آھي.
    نسيم سان ٽئين ملاقات ”سھڻي“ جي آفيس ۾ ٿي. مون کي نسيم تي مضمون لکڻ جو ارادو ھو، سو سوچيم تھ طارق کان وڃي پڇان تھ ڪجھھ وقت ھجي تھ آءٌ بھ ٻھ ٽي اکر رھڙي شھيدن جي قطار ۾ شامل ٿي وڃان. اسان کي ويٺي اڃا ٿورو وقت مس گذريو ھوندو تھ نسيم اچي ڦھڪو ڪيو. ايندي ساڻ صوفي تي ويھي ٻئي پير جتين سوڌا کڻي سامھون پيل ننڍڙي ٽيبل تي رکيائين. ڪجھھ چرڙاٽ ٿيا، پوءِ اھي الائي ٽيبل مان نڪتا يا طارق جي روح مان يا ٻنھين مان، سا تھ خبر ڪانھ پيم، پر ٽيبل ۽ طارق جي حالت خراب ٿي ويئي. ھڪڙو تھ طارق مسڪين ماڻھو پنجاھ سؤ جي چٽي ٿي پيس. ماڪوڙي لاءِ ٽڪ جي ڏنڀ کوڙ. ٻيو وري طارق جي طبيعت اھڙي آھي جو پرائو ھٿ پنھنجي ڪلھي تي ڪونھ سھي ۽ ڪو ماڻھو سندس دادلي ٽيبل تي ھاٿين جي پيرن جھڙا پير جتين سوڌا رکي ويھي تھ ڀانيو ٿا تھ سندس دل مان ڇا ورندو ھوندو. ڪجھھ وقت ويھي آءٌ تھ ھليو آيس، پر پويان نسيم الائي ڪيتري دير طارق جي ڇاتيءَ تي مڱ ڏريا ھوندا. الله بچائي نسيم کان.
    مڙس ۽ گھوڙي جي پرک ھڪڙيءَ ڀرتو نگاھ جي گھوري آھي، پھرئين تڪ ۾ سڃاپو ٿيو وڃن. مون تھ نسيم سان ٽي ملاقاتون ڪيون آھن.
    نسيم جتي قد بت جو وڏو آھي، ڪھاڻيڪار وڏو آھي، اتي زميندار بھ وڏو آھي. جيتوڻيڪ پاڻ پڙھيل ڪيل، رليل گھميل، ٺھيل ٺڪيل، وڏيرو آھي. راڄن جا راڄ، ڪتابن جا ڪتاب اکين مان ڪڍيا اٿس، پر پنھنجي اندر ۾ ويٺل نج ڄٽ ڳوٺاڻي وڏيري کي نھ لڪايو اٿس. جھڙو اندران آھي، اھڙو ٻاھران ڏيکاءُ ڏيندو، ٻھ چپو ماڻھو نھ آھي. پڙھيل مھذب ٽائيپ ماڻھن وانگر ڊپلوميسي ۽ ٻين اھڙين حرامپاين مان ڪونھ ڄاڻي، جن جي اندر ۾ تھ لنڊيون پيون وٽ کائينديون، پر ٻاھران منھن تي اھڙو رڪ ٻڌندا، ڄڻ سامھين جا سڳا پٽ ھجن، دليپ ڪمار جي کٽي آھي، جو ساڻن ايڪٽنگ ۾ پڄي. نسيم انھيءَ قسم جي ماڻھن کان قطعي مختلف آھي، بلڪھ متضاد آھي. جيڪا ڳالھھ دل تان ٿڙي منھن ۾ آيس، سا پڙ تي ڦھڪائيندي ڪونھ گسندو. ڪو يار ڪاوڙجي پئي تھ ڀلي ست پچائي وڃي کائي، نسيم جون جيڪي آلوڙيون سوئائون ڪاھراڻيون ھجنس تھ وڃي ڪاھرائي، پر نسيم سچ چوڻ کان ڪونھ مڙندو. نسم خالي پيلي ڦڪو ڦڪو، لوڻ مرچ کان آجو سچ ڪونھ چوي، سچ سان گڏ گار ۽ ڀونڊي جي بھ رئي پيئي پوندس. وڏيرو ماڻھو آھي، پنھنجي لئھ وارو آھي، ڪنھن جي گھران ڪونھ ٿو کائي، اسان وانگر پرائو بزگير ڪونھي، جيڪو چپ سبيو ويٺو ھجي يا ڪنھن جي ڪا غرض ڪڍي.
    ھيءَ دنياداري آھي، ھڪڙي جو ٻئي ۾ ڪم پوي ٿو، ڏک سک ۾ ھڪ ٻئي وٽ ڊوڙي وڃڻو پوي ٿو، ھڪ ٻئي سان ڪلھو وھڻو ٿو پوي، پر پڙ تي وھي وڃڻ اڄڪلھھ ڏاڍو ڏکيو آھي. ڇا آھي جو اڄڪلھھ ماڻھن جو ڦرڪو ڦري ويو آھي، ماڻھن کي لالچون، خود غرضيون ۽ ماٺار کائي ويئي آھي. ھڻ ھڻان لڳي پيئي آھي، ھرڪو پنھنجيءَ ۾ پورو آھي. ھروڀرو ڪو ڪنھن ڏانھن ڌيان ڪونھ ٿو ڏئي. پر نسيم اھڙو ماڻھو آھي، جيڪو پڙ تي ڪم ايندو آھي. جيڪا بھ وٽانس پڄندي سان ڪندو، ڊڪندو، ڊوڙندو، پنھنجي ڪم کي ٻانھن پٺن اڇلائي بھ ٻئي جي ڪم اچي ويندو. نسيم ان لحاظ کان بلڪل ڪلاسيڪل سنڌي آھي. اھو مڙس ڪھڙو، جيڪو وقت تي ڪم نھ اچي، نسيم کڙھھ تي کير پيارڻ وارو ميھار آھي.
    گھڻا ماڻھو اھڙا ٿيندا آھن، جو سدائين وٽيا سٽيا پيا ھلندا آھن، ڪٿي ويٺا تھ بُت کي اھڙو سڪ جھليندا ڄڻ پٿر ھجن. ڇِڪ ايندين تھ يڪدم ڏاڍيءَ نزاڪت سان رومال کيسي مان ڪڍي منھن تي رکو ھلڪو چيچٽ ڪندا، ذر ذر پيا ڪپڙا ڇنڊيندا ۽ پنھنجو پاڻ ڏانھن نھاريندا تھ ڪٿي ڪا ڪنڊ پاسو خراب تھ ڪونھ ٿو ٿئي. ڪريز تھ خراب ڪانھ ٿي! ڳالھائڻ وقت جاندار لفظن جي بدران تھذيب ۽ ايٽيڪيٽ جي ابن ڏاڏن کان سکيل ريڊي ميڊ بي جان لفظن کي ڪم وٺندا. سندن ڳالھين ۾ روح گھٽ ۽ اسٽائل وڌيڪ ھوندي آھي، پر نسيم انھن وانگر پتلي نھ آھي. ڳالھائيندي، اٿندي، ويھندي جيئري ماڻھوءَ جو ڏيکاءُ ھوندو، سندس ڳالھين ۾ بناوٽ بدران روح آھي.
    نسيم، بقول ڪرشن چندر جي بصر نھ آھي، جنھن جي ھڪ کل لاھ تھ ٻي کل ھوندي، ٻي کل لاھبي تھ ٽئين ايندي، مطلب تھ مڙس کلون ئي کلون ھوندو، کل ھيٺان کل ٻيو ڪجھھ بھ نظر نھ ايندو. نسيم تھ بلڪل بيضو آھي، ھڪڙي ٺونگي ساڻ منجھانئس سفيدي ۽ پيلاڻ نڪري ايندي.
    نسيم کي، نسيم سندس ڪھاڻي ڪيو آھي، نھ تھ سنڌ ۾ ھن ڪنڊ کان ھن ڪنڊ تائين وڏيري وڏيري جي ذات پيئي آھي، پٽڪي جي ور جو ڇيھھ ئي ڪونھي.
    سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ جيڪي بھ سٺي ۾ سٺيون ڪھاڻيون لکيون ويون آھن، انھن ۾ گھڻو حصو نسيم کرل جو آھي. آءٌ ڀانيان ٿو تھ ڪوبھ پارکو ان ڳالھھ کان انڪار ڪونھ ڪندو. ھيءُ ھمراھ ٻين وانگر ھڪدم وڏو ٽپ ڏئي چوٽ تي ڪونھ چڙھيو آھي، پر وک وک ۾ ڏيئي، پنھنجي محنت، لاڳيتي لوچ ٻوچ ۽ سوچ سان پنھنجيءَ موجوده حيثيت تائين پھتو آھي. جيڪي ڄمندي ڄام ھوندا آھن، سي مرڻ ۾ بھ ڄام ھوندا آھن، دير ئي ڪانھ ٿيندي اٿن. ھيڏانھن اڀرا، ھوڏانھن لٿا، الا الا خير صلا، مطالعو پورو، مشاھدو پورو ۽ مڙس بھ پورو يعني قبر جي حوالي. نسيم جو فن رچيل، پڪل ۽ رسدار ۽ چوٽيءَ تي پھتل آھي. پال تڪڙ جي پٽڪل نھ آھي، پر مدي تي ڪڍيل آھي. سندس فن جي ڪابھ ڪنڊ پاسو لانئون يا گٿل ڪونھي. اڻت ۾ ھڪڙي ڳنڍ بھ ھيڏانھن ھوڏانھن ٿيل نھ ھوندي. پلاٽ، ڪردار، لفظن جي چونڊ، Climax مڪالما، جزئيات، مطلب تھ ڪھاڻيءَ کي جن بھ شين جي ضرورت ھوندي آھي، انھن مان ڪنھن جو بھ ڪو ھڪڙو حصو بھ وائڙو نھ ھوندو آھي. ان ڪري تھ شوڪت شوري لکيو آھي تھ: ”نسيم جي ڪھاڻين مان ڪو ھڪڙو لفط يا ھڪڙو جملو ڪڍي ڇڏجي تھ سڄي ڪھاڻي ختم ٿي ويندي“ تھ ان ڳالھھ ۾ ڪوبھ شڪ نھ آھي. سندس ڪھاڻي بلڪل ھڪ اھڙي ايڪي وانگر آھي، جنھن مان ذرو بھ ڪڍجي يا وڌائجي تھ سڄي ڪھاڻي پرزا پرزا ٿي ويندي، جيئن سندس بدن ماس سان ڳتيل آھي، تيئن سندس ڪھاڻي فني ذرن سان ڳتيل آھي.
    جيئن آغا سليم پاڻ جھڙيون خوبصورت ڪھاڻيون لکندو آھي، مشتاق شورو پاڻ جھڙيون منجھيل ڪھاڻيون لکندو آھي يا شمشير الحيدري پاڻ جھڙا جاندار شعر لکندو آھي، تيئن کرل پاڻ جھڙيون ڳريون، رعبدار ۽ سچيون ڪھاڻيون لکندو آھي. جھڙي نموني کرل جھڙو ٿلھو ۽ مضبوط ماڻھو پوري زور سان ڪنھن اڀري ۽ سڪل ماڻھوءَ مٿان ڪري پوي ۽ ھٿ پير ھلائڻ جي باوجود بھ پري ھٽي نھ سگھي، تيئن سندس ڪھاڻي بھ روح مٿان ڪري پوندي آھي، طاقت لڳائڻ جي باوجود پري نھ ھٽندي آھي. ڏينھن جا ڏينھن پيڙا جو احساس رھندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو نسيم جي ڪھاڻي وسارئي نٿي وسري.
    اردوءَ جي مشھور نقاد پروفيسر ممتاز حسن ڪنھن ھنڌ لکيو آھي تھ: ”سچ کي وڌائي، ان کي وڌيڪ روشنيون بخشي پيش ڪرڻ کي ڪلا چئبو آھي.“ درحقيقت ڪلا سچ جو تيز ۽ روشن روپ آھي. ڪھاڻيءَ ۾ سچي پچي زندگيءَ جي اٿاھ مان ڪو ٽڪر کڻي فن ۾ ويڙھي پڙھندڙ اڳيان پيش ڪبو آھي تھ جيئن پڙھندڙ ان مان ڪجھھ رنگ جھٽي پنھنجي اندر جي رنگن ۾ ملائي ڇڏي. زندگي جيتري اندر آھي، اوتري ٻاھر بھ آھي ۽ نسيم زندگيءَ جي نس نس ۽ پور پور کان واقف آھي. سندس نگاھ جا تيز ڪرڻا زندگيءَ جي سخت پٿر کي ٽڪي عجيب سچايون ڳولھي لھندا آھن ۽ ھو انھن عجيب سچاين کي پوريءَ پوريءَ ايمانداريءَ ۽ رعب سان ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪندو آھي. سندس نگاھ سطحي نھ آھي، جيڪا مٿان مٿان ترڪي وڃي پٽ تي ڪرندي آھي ۽ فقط مٿيون جرڪو جھٽي وٺندي آھي.
    نسيم وٽ ٺلھو سچ نھ آھي، پر جامع بھ ڏاڍو آھي، جيڪو سڄيءَ سنڌ کي پني وانگر ويڙھي وٺندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو پاڻ جيتوڻيڪ سنڌ جي سيرانديءَ کان ويٺو آھي ۽ آءٌ پيراندن وٽ، پر سندس ڪھاڻين ”پھرين مراد“، ”ڪافر“، ”چوٽيھون در“ ۽ ”گذريل واردات“ جا ڪردار، انھن جو اٿڻ ويھڻ، ڳالھائڻ واقعن جي اڻت وغيرھ اھڙيون آھن، جو اھي ڪھاڻيون مون کي پنھنجي تر جون ڪھاڻيون لڳنديون آھن. ائين محسوس ٿيندو اٿم تھ اھي ڪھاڻيون نسيم نھ، پر مامي رمونءَ لکيون آھن، جيڪو ھن تر جي عام زندگيءَ جي نس نس کان واقف آھي، رڳو مان ڪڍي آءٌ ھڻڻ جي دير آھي.
    جذباتي طور تي مون کي آغا سليم جون ڪھاڻيون گھڻيون وڻنديون آھن. اھو ئي ڪھاڻيڪار آھي، جنھن کي ٻھ ٽي ڀيرا پڙھڻ تي دل چوندي آھي. ان ڪري منھنجي ذھن ۾ اھا ڳالھھ ويھي رھي تھ ڪھاڻي نثر ۾ چيل شعر آھي ۽ گھڻن پارکن جي بھ اھا راءِ آھي، پر کرل جي ڪھاڻي پڙھڻ کان پوءِ اھو احساس ٿيندو آھي تھ ڪھاڻي ھرو ڀرو شعر نھ آھي. سندس ڪھاڻين ۾ شعريت نھ آھي. سندس ڪنھن بھ ڪھاڻيءَ کي مٺڙو گيت نٿا چئي سگھون، بلڪھ حقيقت جو جاندار ۽ سخت روپ چونداسون. نسيم، ڪھاڻيڪار شاعر نھ آھي، پر ڏاڍو سخت قسم جو ڀرپور ڪھاڻيڪار آھي. نگاھن ۾ سچائيءَ جو ِلم ڀريل اٿس. وقتي وقتي کانئس ڊپ بھ ڏاڍو ٿيندو آھي، سندس جسم ڏسي نھ، پر ڪھاڻيون پڙھي، ڇو تھ ھو انسان جي ڪمزورين کي منٽن ۾ ڳٿڙ مان جھلي وٺندو آھي. ”گذريل واردات“ ان جو ھڪڙو مثال آھي.
    نسيم پنھنجي ھڪ مضمون ۾ امر کي ”جليل“ بدران ”ذليل“
    چئي ڇڏيو، تيئن آءٌ کيس ”کرل“ بدران ”کريل“ چوندس، ڇو جو چئن چڱن جي وچ ۾ ويھي، کين منھن تي سچ ڦھڪائي ڏئي تھ اھو ”کريل“ نھ ٿيو تھ ٻيو ڇا ٿيو؟

    عبدالقادر جوڻيجو


    نسيم جي سوچ ۽ تخيل : ولي رام ولڀ

    اسان ازلي مرده - پرست آھيون. پنھنجي دل گھرئي فنڪارن ۽ من – پسند ليکڪن ۽ شاعرن جي قدر شناسي سندن مئي پڄاڻان ڪندا آھيون. سندن لاشن کي سنواريندا سينگاريندا آھيون، مٿن سنگ مرمر جا مقبرا ۽ سماڌيون جوڙيندا آھيون، چراغان ڪندا آھيون، نياز ورھائيندا آھيون، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان سندن فن کي عظيم ھئڻ جي ليبل لڳائيندا آھيون، اخبارن ۽ رسالن ۾ سندن سوڳ ۾ سياھ حاشيا ڇاپيندا آھيون ۽ پوءِ ھر سال ورسيون ملھائي، جلسا ڪوٺائي، اخبارن رسالن جا خاص نمبر ڪڍي، ريڊيو ٽيليويزن تان خاص پروگرام جي تحت کين خراجِ عقيدت پيش ڪندا آھيون، شرڌا انجليون ڏيندا آھيون. اسان انھن جي جيئري سندن موت جو ڏاڍو انتظار ڪندا آھيون، جيئن جلد از جلد پنھنجو فرض ادا ڪري ثواب جا حقدار ٿي سگھون. اسان وڏا قدردان آھيون. اسان آدجڳاد کان پنھنجا فرض نباھيندا اچون. اھا اسان جي عظيم روايت آھي، اسان جو عظيم ورثو آھي، جو زمانن کان پنھنجي سپنن ۾ سانڍيو اچون. اسان ھميسھ سندن ”مؤت جي ڏينھن“ تي سندن جنم ڏينھن ملھائيندا آھيون، پوءِ ھي طارق اشرف وري ڪير آھي جو جيئرن جا ٿو نمبر ڪڍي. ھن اڳ بھ ”جليل نمبر“ ڪڍيو ھو ۽ اسان جي ورھين پراڻي رسم ڀڳي ھئي. نسيم ۽ امر تھ اڃا جيئرا آھن، طارق سندن نمبر ڪڍي اسان جي روايتن کان بغاوت ڪئي آھي ۽ اسان جي عظيم ورثي کي للڪاريو آھي. پاڻ کي الائجي ڇا ٿو سمجھي؟ اسان انھن سڀني کي ڏسي رھنداسين ۽ پڄي وٺنداسين.
    سھڻيءَ جي ”جليل نمبر“ شايع ٿيڻ کان پوءِ جڏھن ”نسيم کرل نمبر“ جو اعلان ٿيو ھو، تڏھن کان ڪجھھ مٿئين قسم جي چؤٻول جا پڙاڏا منھنجي ڪنن ۾ ٻري رھيا آھن. وچ ۾ طارق اشرف جڏھن جيل روانو ٿيو ھو، تڏھن پڙاڏن ۾ ٽھڪ بھ گونجيا ھئا. ھن ۾ انتقامي خوشيءَ جو اظھار ھو ۽ مون کي ”نسيم نمبر“ نڪرڻ جي ذري بھ اميد نظر نٿي آئي، پر طارق اشرف واپس ورندي ئي تِٿ تاريخ جو اعلان بھ ڪري ڇڏيو ۽ مون کي چيائين تھ: ”نمبر ضرور نڪرندو ۽ تون بھ نسيم تي ضرور لک.“ کيس ھر وقت اھو فڪر لڳو پيو آھي تھ نمبر نڪري تھ مڪمل ۽ جامع قسم جو نڪري، پر آءٌ انھيءَ ٻڏ تر ۾ آھيان تھ لکان تھ ڇا لکان؟ ڀلا نسيم اڳيان منھنجي ڪا حيثيت آھي؟ ڪٿي راجا ڀوڄ ۽ ڪٿي گنگو تيلي. ھن يغادري رائيٽر اڳيان منھنجي ڪا مجال آھي. گھڻو ئي نٽايم، بھانا ڪيم، ڪوڙا آسرا بھ ڏنم پر دال نھ ڳري. جولاءِ جي پرچي ۾ نسيم نمبر ڪڍڻ جي اعلان ۾ نسيم تي لکندڙن ۾ منھنجو نالو بھ شامل ھو ۽ پوءِ تھ طارق اشرف ھر ملاقات ۾ مضمون جي گھر کلم کلا شروع ڪري ڏني تھ ”ھاڻي نالو بھ اچي ويو اٿئي ۽ پڙھندڙن کي Miss guide ڪرڻو ناھي. مٿان خود نسيم اچي وارد ٿيو. ساڻس اڳ ۾ ٻھ ٽي مختصر رسمي ملاقاتون ٿيل ھيون. مون کي چيائين تھ: ”ڀاءَ! ڇا جي دير آھي؟ لکي وٺ، ھاڻي دير نھ جڳائي.“ ھن يڪساھي، ھٿن جي اشارن سان زوردار نموني پئي چيو. نسيم جي جسم جي اڏاوت ڏٺي اٿو؟ ديو جيڏو مڙس آھي. سندس اڳيان پنھنجي پاڻ کي جيتامڙو محسوس ڪيو ھئم ۽ ناڪار ڪري نھ سگھيس. قد بت بابت اعتبار نھ اچيو تھ روبرو کڻو ڏسجوس، پنھنجو پاڻ جادو جي چراغ واري علاوالدين جي جن اڳيان بيٺل محسوس نھ ڪريو تھ مون کي کڻي چئجو.
    نسيم بابت سندس نمبر لاءِ ھي جو ڪجھھ لکيو اٿم، فرمائش تي لکيو اٿم. فرمائش تي لکيو اٿم يا ائين کڻي چئجي تھ خنجر جي نوڪ تي لکيو اٿم، پر نسيم جون ڪھاڻيون ڪنھن جي فرمائش يا خنجر جي نوڪ تي نھ، پر پنھنجي پسند تي پڙھيون اٿم. نسيم جون ڪھاڻيون مون کي پسند اينديون آھن، تنھن ڪري پڙھندو آھيان. جڏھن ڪنھن رائيٽر جي لکڻي پسند ايندي آھي، تڏھن سندس Close Study ڪبي آھي ۽ انھيءَ رائيٽر جي ھر لکڻي گڏ ڪري سانڍي سنڀالي رکبي آھي ۽ پوءِ ٻي لکڻيءَ جو انتظار ۽ تلاش جاري رکبي آھي، جيئن واٽ ويندي ڪا سونھن پري نظر چڙھي وڃي تھ نگاھون سندس پيڇو تيستائين ڪنديون آھن، جيستائين اھا اکين کان اوجھل ٿي نھ وڃي ۽ پوءِ ھن جو عڪس ۽ اثر ذھن ۾ قائم ٿي ويندو آھي.
    سنڌي ادب جي باب ۾ جڏھن نسيم پير ڌريو ھو، تڏھن ڪھاڻيءَ جي افق تي جمال ابڙو، شيخ حفيظ ۽ غلام رباني وارن جي جماعت ڇانيل ھئي. پر نسيم پنھنجي انفرادي اسٽائيل ڪري آغا سليم ۽ امر جليل سان گڏ، انھن جي جاءِ والاريو بيٺو آھي. نسيم سنڌ جو ڄائو آھي، سندس ڪھاڻين مان سنڌ ڌرتيءَ جي سڳند اچي ٿي. سنڌي ماڻھو ۽ ماحول، واقعا ۽ وارداتون پنھنجي فطري انگ ۽ رنگ سان پسجن پيا.
    مون کي ياد آھي تھ مون نسيم جي پھرين ڪھاڻي ڪھڙي پڙھي ھئي، پر جڏھن ”ڪافر“ پڙھي ھئم، تڏھن ڏاڍو متاثر ٿيو ھوس ۽ محسوس ڪيو ھئم تھ سندس ڪھاڻي ۾ سندس گھري مشاھدي، اونھي مطالعي ۽ وسيع تجربيڪاري جي ڪارفرمائي آھي. ھو روزمره جي زندگي ۽ ان جي ماحول کي فطري ڍنگ سان يڪجا ڪري سموئڻ جي شعوري ڪوشش ڪري ٿو. ماحول جي سچائي سان اڻت ڪري، ڪردارن ۽ واقعات کي سندن اصلي شڪل ۾ بنا ڪنھن تصنع ۽ بناوٽ جي، قالين مان ڪڍيو ٻاھر ڪري، جنھن ڪري اھي پاڻيھي حقيقي ۽ فطري بنجي اڀريو اچن.
    نسيم Objective ڪھاڻيڪار آھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ ڪچو مال پنھنجي ارد گرد، عام ماڻھن مان حاصل ڪري ٿو. کيس ماحول ۽ ماڻھن جي وسيع ڄاڻ آھي، جنھن جي بيان ڪرڻ ۾ ھو ڪا ڪسر نٿو ڇڏي. حقيقتون بيان ڪرڻ ۾، ڪردارن کي پيش ڪرڻ مھل ھو حالتن ۽ وارداتن کي چٽائيءَ ۽ باريڪ بينيءَ سان استعمال ڪري ٿو، پر پنھنجي شخصيت جو ذرو بھ دخل ڏيڻ کان سواءِ، ھو مڙيو ئي ھردم پنھنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو رھندو آھي. جيڪڏھن پڙھندڙ ڪھاڻي پڙھندي کلي ٿو ويھي تھ اتي نسيم بھ کلي ٿو، روئڻ مھل ھو توھان سان گڏ روئندو ۽ ھراس يا ھيسجي وڃڻ مھل ھو ھيسيل نظر ايندو. ھو پنھنجي ڪھاڻين ۾ اھو ظاھر نٿو ڪري تھ سندس ھمدردي ڪٿي لڪل آھي يا ڪھڙي ڪردار سان آھي؟ پر پڙھندڙ ٿورو سوچڻ سان اھو راز ھڪرم پروڙي وٺي. وٽس لکڻ جو اھو ڏانءُ اھي، جنھن جي وسيلي جو پنھنجي Objectivision سان ويجھائپ محسوس ڪرائيندو رھندو آھي ۽ اھڙيءَ طرح ھو پنھنجي ڪھاڻين ۾ لطيف پيدا ڪندو آھي.
    نسم ڪھاڻيون لکي، ھڪ طرف پنھنجي فطري تخليقي اساٽ کي مطمئن ڪرڻ ٿو چاھي تھ ٻئي طرف معاشري جي ناسورن ۽ انساني بيچيني ۽ ٽڪراءُ جي اظھار ۾ نشتر زني بھ ڪري ٿو، انھيءَ ڪري سندس ڪھاڻين جا موضوع خيالي، مدي خارج سا فرسوده ناھن، پر انھن جي چونڊ موجوده ماحول ۽ سماج مان، وڏي سوچ ۽ فڪر کان پوءِ ڪري ٿو. عام ماڻھو سماجي مسئلن ۾ جڪڙيل ماڻھوءَ جي بيچيني کي ڏسيو بي دليو رد عمل تھ اظھار ڪندو آھي، پر متاثر نٿو ٿئي. پر رائيٽر بنيادي طور تي حساس ھجڻ ڪري ڪڏھين بھ حقيقتن کان چشم پوشي نٿو ڪري، بلڪھ حقيقتن تان پردو کڻي اگھاڙو ڪيو ڇڏي. نسيم پيدائشي طور تي سنڌي وڏيرو ۽ زميندار ھئن جي باوجود پنھنجي ڪھاڻين ۾ نرالو ۽ يگانو آھي. ڪھاڻين ۾ سندس لڪل شخصيت موجود رھي ٿي، جنھن مان سندس ٻھ گڻ ظاھر ٿين ٿا. پھريون تھ ھن زندگي جي دنياوي ضرورتن کي چڱيءَ ريت پروڙيو ۽ پرکيو آھي ۽ ٻي سندس فطري بيچيني آھي جا ھر اندر اجڙيل ماڻھو ۾ ڪوڙ، جبر ۽ ناحق خلاف آواز اٿارڻ جي ھوندي آھي، تنھن ڪري انھيءَ لحاظ کان سندس اھي صفتون Positive آھن.
    نسيم پنھنجي ڪھاڻين ۾ زوال پذير سنڌي وڏيرڪي ذھنيت ۽ نئين اڀرندڙ ٽھيءَ جي سوچ جي تصوير ڏاڍي ذھانيت، فطري بيساختگي ۽ بي باڪيءَ سان عڪس ٿو ڪري. ھن سنڌ جي وڏيري، سردار، ڪاموري، مذھبي، جنوني ھارين، فرسٽيٽڊ جوانن، وڏي سوسائٽي جي فردن جي نفسيات کي جنھن ڍنگ سان پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيو آھي، انھيءَ جو مثال نٿو ملي. ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ شھري ماحول کي ھڪ جھڙي قابليت سان پيش ڪرڻ جو ڍنگ فقط نسيم کرل کي ئي اچي ٿو.
    نسيم جون ڪھاڻيون بيشڪ ننڍيون آھن، پر منجھن گھٽائڻ وڌائڻ جي گنجائش اصل نھ ھوندي آھي. اھي پوريون ڪوريل ڪٽيل ۽ مڪمل ھونديون آھن، جن ۾ يگ رنگي يا Repetition اصل نٿي ملي ۽ واقعات يا ڪردارن جي لحاظ کان ڪنھن بھ ڪھاڻي ۾ ھڪجھڙائي ناھي. ھو پنھنجي ڪھاڻين جا ڪردار چٽا ۽ نرالا، پر مڪمل شخصيت سان پيش ڪري ٿو. کيس پنھنجي ڪردارن بابت پوري ڄاڻ آھي تھ اھي ڪھڙي ماحول مان اسريا آھن، ڪھڙي ماحول ۾ اٿن ويھن ٿا؟ سندن دلين جي ڪيفيت ڪيئن آھي ۽ پنھنجو رد عمل ڪيئن ٿا ظاھر ڪن؟ سندس ڪردارن کي، نسيم جي من ڇيد جي ڪاڻ ڪڍڻي نٿي پوي.
    نسيم جي ڪھاڻين ۾ مون محسوس ڪيو آھي تھ ھو پنھنجي ڪردارن کي جيڪا ٻولي ڏي ٿو، اھا سندن ماحول سان ٺھڪندڙ ۽ فطري آھي، جا حقيقت ۾ ڳالھائي ويندي آھي. انھيءَ ڪري سندس ڪردار فطري ۽ ساڌارڻ لڳن ٿا. سندن ٻولي اڌاري نٿي لڳي. سندن ذھن اڌارو ڪونھي، کانئن مصنوعي بناوٽ واري ٻولي نٿي ٻڌجي. ڪو ٽانگي وارو فيلسوفاڻو مڪالمو ڪونھ ٿو ٻولي ۽ نڪي وري ڪو ھاري پنھنجي سوچ جي دائري کان وڏي ڳالھھ ڪندو ڏسجي ٿو. انھيءَ کان سواءِ سندس ڪھاڻيءَ جو ڪو ڪردار نعريباز ناھي، پر ماحول مطابق آھي. ھو ڪٿي بھ ڪھاڻيءَ ۾ نعريبازيءَ کي پنھنجي مقبوليت جو ھٿيو ڪري استعمال نٿو ڪري ۽ مروج لاڙن کان پرڀرو ٿي شھرت حاصل ڪرڻ جو آسان فارمولو ڪم نٿو آڻي. سندس ڪھاڻين ۾ آکاڻي جي عنصر کي وڏي اھميت آھي. شايد انھيءَ ڪري سندس ڪھاڻين جون آکاڻيون گھڻي ڀاڱي ياد رھن ٿيون.
    نسيم ڪھاڻيون تخليق نٿو ڪري، پر زنده حقيقت تان پردو پري ڪري، اصلي صورت ٿو ڏيکاري، ڄڻ وٽس ڪو اھڙو خاص اوزار آھي، جنھن سان ھو ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو، جن جي ٻين کي ٻيٽ بھ نٿي پوي ۽ جڏھن انھن تان ڍڪ پاسيرو ڪري ٿو، تڏھن کين خبر پوي ٿي تھ اھي غير حقيقي ناھن، ھٿرادو يا بناوٽي ناھن، پر زندگي جي ڄاتل سڃاتل حقيقتن جھڙا آھن. يا وري ائين لڳو ٿو، ڄڻ اسان جي آس پاس بيشمار ماڻھن مان ڪن کي اسان لاءِ جدا ڪري، پنھنجي ذھن جي ڪئميرا سان Close up جي صورت ۾ ڏيکاري ٿو، جن جون ڌنڌليون شڪليون چٽيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
    اڄڪلھھ اڪثر ڪري ادب کي جنسي لذت جو ذريعو بنائڻ جو لاڙو زور وٺندو پيو وڃي، پر نسيم انھيءَ ڏس ۾ پنھنجي سوچ ۽ تخيل جا نوان رستا ڳوليا آھن، انھيءَ جو بھترين مثال سندس ڪھاڻي ”ڪرنٽ“ (پيار جو ڇھاءُ) آھي.
    نسيم برابر ڪھاڻي لکڻ لاءِ جگر جو رت ولوڙي ٿو، پيڙا ڀوڳي ٿو، جيئن ڪا ماءُ نون مھينن تائين پيٽ ۾ ٻار کي پالي جنم ڏيڻ کان پوءِ اوچو ڳاٽ ڪري فخر محسوس ڪندي آھي ۽ ٻئي کي پنھنجو جيس نھ سمجھندي آھي. شايد اھا سندس فطري ڪمزوري ھوندي آھي.

    ولي رام ولڀ


    وڏيرو، وڏيري جي نظر ۾ : نجم عباسي

    سائين طارق اشرف مون کي سنڌيءَ جي برک ليکڪن سان پئي ملايو آھي. ڊسمبر 1973ع جي ھڪ سرد ڏينھن تي، ھن سان گڏجي، سائين نسيم احمد کرل سان ملڻ نڪتس.
    مون کي نسيم جي ذات سان لفظ ”وڏو“ جي گھاٽي نسبت نظر آھي.
    ھو شھر جي ”وڏي“ ھوٽل ۾ رھيل ھو. ھن جو ورتل ڪمرو ھڪڙي ڄڻي جي لحاظ کان ”وڏو“ ھو، ھن جو پلنگ بھ ھڪڙي ڄڻي جي خيال کان ”وڏو“ ھو. ھو رڪارڊ پليئر تي جيڪي رڪارڊ وڄائي رھيو ھو، سي پڻ ”وڏا“ لانگ پلي رڪارڊ ھئا. طارق اشرف ڏيٺ ويٺ ڪرائيندي اھو ٻڌايو تھ نسيم تمام ”وڏو“ زميندار آھي ۽ اھا خبر مون کي بھ ھئي تھ ھو ھڪ ”وڏو“ ڪھاڻيڪار آھي.
    جڏھن ھن جي باري ۾ ليک لکڻ جو خيال ٿيو، تڏھن سوچيم تھ ھن جي ڪھاڻين ۾ آيل وڏن ماڻھن جي ڪردارن جي چڪاس ڪريان. ٻين لفظن ۾ اھو ڏسڻ جو ارادو ڪيو تھ ھن وڏن سياستدانن، وڏن ڪامورن، وڏن سرمائيدارن ۽ وڏن زميندارن بابت ڪھڙا ويچار پڌرا ڪيا آھن ۽ انھن تي ڪھڙي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آھي؟
    ان خيال کان ھن جي ڪھاڻين جي ٻنھي ڪتابن جو نئين سر اڀياس ڪيم.
    اھڙي ڪا ڪھاڻي ڪانھ ھئي، جنھن جو خاص ڪردار وڏو سياستدان ھجي. وڏن ڪامورن جي باري ۾ ٻھ ڪھاڻيون نظر آيون، خاص وڏي سرمائيدار جي ڪردار واري ڪھاڻي فقط ھڪڙي ڏٺم. باقي وڏن زميندارن جي باري ۾ ڪافي ڪھاڻيون ھيون.
    وڏن ڪامورن جي باري ۾ ٻھ ڪھاڻيون آھن: ”گذريل واردات“ ۽ ”مجاور“.
    گذريل واردات: ھيءَ ھڪ پوليس انسپيڪٽر جي ڪھاڻي آھي. ھي عھدي جي لحاظ کان نھ، پر ڏھڪاءُ جي لحاظ کان وڏو عملدار ٿئي ٿو.
    ڪامورن جي عزت، دولت ۽ دٻدٻو سندس عھدي ۽ ڪرسيءَ ڪري ئي آھي ۽ نھ سندن ذاتي خصلتن ۽ خوبين ڪري. اھڙي قسم جو احساس پوليس انسپيڪٽر غوث بخش شاھ کي تڏھن ٿئي ٿو، جڏھن ھو اٻھرائي ڪري وقت کان اڳ پينشين تي لھي ٿو.
    ان ڪري وري ڪامورڪي ڪرسي ھٿ ڪرڻ لاءِ ڏاڍا حيلا ھلائي ٿو.
    ساڳئي وقت اھو بھ اثر ملي ٿو تھ انسان جون ڪي خوبيون ۽ قوتون، تڏھن پڌريون ٿين ٿيون، جڏھن ھن کي طاقت ۽ اختيار ملي ٿو.
    مجاور: ھن ڪھاڻيءَ ۾ وڏن عملڪدارن جي ٻٽي من – ورتي وائکي ڪئي وئي آھي. ھڪڙو ڊپٽي ڪمشنر، موالين جي ميڙي تي ان ڪري بندش وجھي ٿو، جو ان ۾ راڳ روپ ۽ ناچ گاني ڪري گوڙ گھمسان ٿئي ٿو، لوفر پائيون ٿين ٿيون، اوڙي پاڙي وارن شريفن واسطي آزار مچي ٿو ۽ ھل ھنگامي ڪري آس پاس وارن جي ننڊ ۽ آرام ڦٽي ٿو.
    ٿورن ڏينھن کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر، ساڳئي شھر ۾ ساڳي جاءِ تي جشن ڪرائي ٿو، جنھن ۾ ساڳئي نموني راڳ ۽ رقص ٿين ٿا ۽ ساڳيون ڳائڻيون ڀاڳ وٺن ٿيون.
    ان وقت صاحب کي اھو خيال ئي ڪونھ ٿو ٿئي تھ ان جو ماڻھن جي اخلاق تي برو اثر پوندو، لوفر پائيون ٿينديون ۽ ھل ھنگامي ڪري آس پاس وارن شريفن جو سک آرام ڦٽندو. اھو ڪم ان ڪري مباح ٿي وڃي ٿو جو ان تي ڪلچرل يا ثقافتي جشن جو نالو رکيو ويو آھي.
    ھڪڙي وڏي سيٺ بابت جا ڪھاڻي آھي، سا آھي دار الفلاح.
    دارالفلاح: ھڪڙو وڏو سخي ۽ سماجي ڪارڪن سيٺ آھي. ھن ھڪ دارالفلاح کوليو آھي، جنھن ۾ بيواھ ۽ سماج جون ستايل ڇوڪريون ۽ ضاعفون اچي پناھ وٺنديون ھيون، جيئن ھنن جو ست قائم رھي، گناھ جي زندگيءَ کان بچن، حريصن ۽ بدمعاشن جي چنبي کان پري رھن.
    ھڪڙي ڪسبياڻي نينگري، چڪلي جي گناھ واري حياتيءَ کان محفوظ رھڻ خاطر ڀڄي اچي ٿي ھن دارالفلاح ۾ پناھ وٺي. ھتي داخل ٿيڻ کان پوءِ جڏھن ھوءَ ان دارالفلاح جي ھلائيندڙ سيٺ آڏو اچي ٿي، تڏھن ھوءَ ڏسي ٿي تھ ھي اھو ئي عياش سيٺ آھي، جنھن چڪلي ۾ اچي پھرين پھرين سندس عصمت جو سودو ڪيو ھو ۽ پنج ھزار ڏئي ھن جي بولي لاٿي ھئي. دارالفلاح جي ڪراڙي نوڪرياڻي اول ئي ھن نينگريءَ کي اشارو ڏئي چڪي ھئي تھ جي ھوءَ ھن جڳھھ ۾ رھڻ چاھي ٿي ۽ سکيو رھڻ چاھي ٿي تھ پوءِ ھن کي ان جي ھلائيندڙ سيٺ کي راضي رکڻو پوندو.
    اھا آھي ھنن وڏن سيٺن جي خير جي ڪمن جي حقيقت ۽ اصليت ۽ ھن جي ڪردار جي ھڪڙي جھلڪ.
    وڏيري جي ڪردار بابت پنج ڪھاڻيون آھن:
    زماني جي گردش: ٻھ وڏيرا ھڪ ٻئي جي ريس ۾، ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ خاطر، ھڪ ٻئي کي ھيٺاھون ڏيکارڻ لاءِ، پنھنجي وڏ ماڻھپي ۽ برتري ثابت ڪرڻ لاءِ، پنھنجو ڪوڙو ڏيک ويک قائم رکڻ واسطي، پنھنجو پاڻ لٽائي ٿا ويھن، پنھنجو پاڻ کي تباھ ٿا ڪن، پنھنجيون ملڪيتون تين وال ٿا ڪن، ھڪ ٻئي جي رت جا پياسي ٿا ٿين ۽ پڇاڙيءَ ۾ پنڻ جھڙا ٿا ٿين.
    ھنن ٻنھي وڏيرن جي ھيءَ سڄي ريس، رقابت، دشمني، چٽاڀيٽي ۽ تباھي، ھڪڙي ”ناچڻي نينگري“ جي پٺيان آھي. ھنن وٽ ھي عياشيون ۽ فضول خرچيون ڪرڻ لاءِ اڻ ميو ڌن اچي ٿو، ٻين جي پورھئي مان ۽ ورثي ۾ مليل ملڪيت مان.
    برباد ٿيڻ کان پوءِ ھو محنت مزدوري ڪري پيٽ پالڻ بدران پناھ وٺڻ ۽ سھائتا حاصل ڪرڻ لاءِ پنھنجي طبقي وارن يعني ٻين زميندارن وٽ وڃن ٿا. ائين سمجھو تھ زمينداري طبقي جي وجود جي لازمي ھجڻ جو اثر ڏنو وڃي ٿو، جيئن ھو ڏتڙيل زميندارن جي مدد ڪري سگھن. اھا تنبيھھ بھ آھي تھ وڏيرا ايتري قدر ڪوڙي شان مان ۽ فضول خرچين ۾ پنھنجو پيسو برباد نھ ڪن، جيئن سندن زمينداري قائم رھي ۽ جي ڪو زميندار زماني جي گردش ڪري ترين ڀر ڪري تھ ٻيا زميندار ھن جي واھر ڪن.
    گٽس: ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آھي تھ سنڌ جا پڙھيل ڳڙھيل نوجوان وڏيرا، شھرن کي پنھنجي عياشيءَ جو مرڪز بنائن ٿا. اتي جي اوچي سوسائٽي ۽ ڪلبن ۾ گل گل جو واس وٺن ٿا، پر ڪٿي ٽڪي ڪونھ ٿا ويھن.
    ھي شھري ڇوڪريون نھ رڳو ڇوڪريون، پر سندن مائرون پڻ (جيڪي نالن مان غير سنڌي لڳن ٿيون) ھنن سنڌي وڏيرن کي سندن دولت ۽ ملڪيت ڪري، پنھنجي دامن ۾ ڦاسائڻ چاھن ٿيون ۽ انھيءَ لالچ ۾ سڀ ڪجھھ ھنن جي حوالي ڪن ٿيون. پر وڏيري کي نڪاح جي نوڙيءَ ۾ ڦاسائڻ ۾ ڪامياب اھا ڇوڪري ٿئي ٿي، جا ٻاھريون ٻنو رکي اٽڪل کان ڪم وٺي، وڏيري کي تڙڦائي، پوءِ پيار جو ڍونگ رچائي بيوقوف بنائي سگھي ٿي.
    ڪي شھري ڇوڪريون ۽ ضاعفون، جا وڏي ۾ وڏي خوبي وڏيري ۾ ڏسن ٿيون، يا جنھن چيز کان گھڻي کان گھڻو متاثر ٿين ٿيون، سا اھا آھي جو ھو پاڻيءَ وانگر پيسو خرچ ڪري ٿو.
    ڪچو رنگ: جن چيزن جي چوڌاري زميندار جي زندگيءَ جو محور ڦري ٿو، انھن مان ٻھ مکيھ آھن: ھڪ ملڪيت جي واڌ ۽ سلامتي ۽ ٻي ڪامورن جي خوشنودي.
    ھن ڪھاڻيءَ وارو زميندار بھ پٽ تي ان ڪري ايترو نٿو ڪاوڙجي تھ ھن سندس اجازت کان سواءِ شادي ڪئي آھي، يا شھري ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. پر ھن کي اصل غصو ان تي آيو آھي تھ رسم خان جي نياڻيءَ سان پٽس جي لائون نھ لھڻ ڪري ان جي ملڪيت سندس خاندان ۾ اچڻ کان رھجي وئي.
    وري جڏھن پتو پويس ٿو تھ پٽس جو سھرو ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) آھي تھ ساري ڪاوڙ ڪافور ٿي وڃيس ٿي. ھي وڏيرا تھ ھلڪي سلڪي آفيسر جي سنگتي ھجڻ تي بھ فخر ڪندا آھن. جيڪڏھن ڪو چڱو آفيسر رڳو عنايت جي نظر ڪندو اٿن يا کلي ڳالھائيندو اٿن تھ راڄن ۾ پيا ٻٽاڪون ھڻندا آھن. ھتي تھ ڊپٽي ڪمشنر جھڙي وڏي ڪاموري سان ھن مائٽي ڳنڍي ھئي، ان ڪري کڳيون ھڻڻ لاءِ ھن کي ھرڪو سبب ھو.
    اھو ان ڪري بھ جو اھڙو وڏو ڪامورو سندس موجود ملڪيت محفوظ رکي سگھي ٿو. تنھن کان سواءِ ايڏو وڏو ڪامورو، سندس سيڻ ٿيڻ ڪري، ھن جو تر ۾ رعب تاب ٿيندو. ان فونڊ ۾ ھو ان ڳالھھ کي بھ ڪا اھميت نھ ٿو ڏئي تھ سندس نھن پردو ڪرڻ واري نھ آھي ۽ اھڙو لباس پائي ٿي، جنھن سان جسم جي اڌ اوگھڙ ٿئي ٿي. حالانڪ اھو ساڳيو شخص پنھنجي گھر جي ضاعفن جي غير مرد تي اتفاقي نظر پوڻ تي ھن جون اکيون ڪڍرائڻ کان نھ مڙي ۽ سندس حويليءَ ۾ ڪنھن نر پکيءَ کي بھ اچڻ جي طاقت نھ ھئي.
    پٽ جي خاندان کي ٽِڪو لڳائڻ واري ڳالھھ ۽ ھن کي ملڪيت کان محروم ڪرڻ جا ارادا، واريءَ سندا ڪوٽ ثابت ٿين ٿا.
    اھي آھن زميندارن جي اخلاقيات جا ماپا، عزت ۽ شان جا پيمانا.
    زر ۽ زور: ھن ڪھاڻيءَ ۾ بھ وڏيرن لاءِ اھو ڏيکاريل آھي تھ ھنن جي دشمنين، سازشن ۽ خونريزين جا مکيھ ڪارڻ آھن ٻئي جي زمين ڦٻائڻ جي ھوس ۽ سريتن جي ڪري رقابت.
    وڏيري جي لاڏاڻي تي ھن جي خاندان ۾ نھ رڳو ورثي جي ورھاڱي ڪري ڏاڙھي پٽ ٿئي ٿي، پر سريتون ۽ بي نڪاحيون زالون ۽ سندس اولاد بھ جھڳڙن، ڇڪتاڻ ۽ بدناميءَ جو باعث بنجن ٿا.
    ھڪ سھڻي ڇوڪري، ٻنھي ڀائرن جي سريت آھي. رقابت وچان، ھڪ ڀاءُ ٻئي ڀاءَ کي قتل ڪري ٿو. ان نموني ھو سموري ملڪيت جو اڪيلو مالڪ پڻ بنجي ٿو.
    آٿت: ھتي وڏيري کي ”ستايل“ جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آھي ۽ ھتي ستم ڪندڙ آھن سرڪاري ڪامورا ۽ پنجابي ڪامورا. ون يونٽ جي زماني ۾ وڏيرو پنھنجي ڪلراٺي زمين تي سارين جي فصل ڪرڻ جي منظوري وٺڻ واسطي لاھور وڃي ٿو، پر اتي جا پنجابي ڪامورا ھن جو عوض واجبي ۽ قاعدي پٽاندر هوندي بھ قبول نٿا ڪن. ھٿان ھن کي گھٽ وڌ ڳالھائن ٿا، ڇڙٻون ڏين ٿا، لوڌي ٻاھر ڪڍن ٿا ۽ گاريون ڏئي بي عزتو ڪن ٿا.
    لاھور جا ڪامورا، سنڌي وڏيرن جھڙو ”مرغو“ ائين ڪونھ موٽائيندا ھئا. جو ھو ٻين وٽان ايتري رشوت ڪڍي نٿي سگھيا. پر ھتي سوال ھو پنھنجي چوڌري جو. چوڌري چنن الدين وٽان کڻي ھنن کي ايتري رقم حاصل نھ ٿي ھوندي، پر جيئن تھ مقابلو وڏيري ۽ چوڌري جو ھو، ان ڪري ڪس کائي بھ ھنن ڪم پنھنجي چوڌريءَ جو ڪيو.
    وڏيرو پنھنجي ان بيعزتيءَ جي باھ ٺارڻ ۽ بدلو وٺڻ خاطر ھڪ انوکو طريقو اختيار ڪري ٿو. ھو ھوٽل ۾ ھڪ رات لاءِ ھڪڙي پنجابڻ جو جسم خريد ڪري ٿو ۽ پنھنجي اندر جي آگ اجھائي ٿو.
    اسان ٻڌو تھ ٻي طرح بھ ھو. ون يونٽ جي زماني ۾ سنڌ جا وڏيرا اسيمبليءَ جي اجلاس وقت يا شخصي ڪمن ڪارين جي بھاني لاھور ويندا ھئا ۽ سنڌ جي دولت اتي پاڻيءَ وانگر ھاري پنھنجي باھ ٺاريندا ھئا. ڪھاڻيءَ واري وڏيري جو آفيس ۾ ڪم ٿئي ھا تھ بھ ھو خوشيءَ ۾ ھوٽل ۾ پنھنجي باھ ٺاري ھا. بھرحال! جيئن ڪھاڻيءَ جي عنوان ”آٿت“ مان پڌرو آھي تھ ان وقت وڏيري پنھنجي ذھنيت ۽ سمجھھ موجب ان ڳالھھ ۾ پنھنجو آٿت سمجھيو، اھا ئي سنڌ جي وڏيري جي ذھنيت جي حقيقي تصوير آھي.
    اسين اھو چوندا آھيون ۽ جا آھي بھ حقيقت تھ ٻين پرڳڻن وارا سنڌ مان پيسو ڪمائي، پنھنجن پرڳڻن ۾ کنيو وڃن. پر اھا بھ حقيقت آھي تھ ھتي جا وڏيرا تفريح لاءِ لاھور، مري، نٿيا گلي، سوات، ڪوئيٽا ۽ زيارت وڃيو سنڌ جا پئسا اتي لٽائين ٿا.
    ھنن ڪھاڻين ۾ ھڪڙي ئي طبقي جي اپٽار آھي، ھڪڙي ئي طبقي جي نمائندگي آھي، ھڪڙي ئي طبقي جي اندروني ڇڪتاڻ جو احوال آھي، ھڪڙي ئي طبقي جي مسئلن جو ذڪر آھي، ھڪڙي ئي طبقي جي خير خواھيءَ خاطر ان جي اوڻاين طرف اشارو آھي. ھڪ طبقي جي بچاءَ ۽ بقاءَ واسطي، ان جا نقص سڌارن جو سبق آھي، اھو آھي وڏيرڪو طبقو.
    ڪٿي بھ طبقاتي ڪشمڪش ڪانھ ڏيکاري وئي آھي، ڪٿي بھ طبقاتي مسئلو ڪونھ اٿاريو ويو آھي. ڄڻ اھو مسئلو آھي ئي ڪونھ. ڪٿي بھ ھاريءَ کي سامھون نھ آندو ويو آھي، ڄڻ تھ ھن جو وجود ئي ڪونھي. ھنن ڪھاڻين ۾ ڪٿي بھ ھاريءَ جو وجود ڪونھي. سندس مجموعن ۾ ڪٿي بھ ھاريءَ جو وجود ڪونھي.

    نجم عباسي


    ڪهاڻيون

    مڪسڊ گرل

    ٿڌڙي ٿڌڙي ھير پئي گھلي، اسين ٻئي ڄڻا ھوٽل جي بالڪنيءَ ۾ ويٺا پي رھيا ھئاسين. ھيٺ ڊاڪا گراس جي وڏي لان ۾ ٺھيل سوئمنگ پول ۾ ڀوريون ڀوريون جوانڙيون ائين پئي تريون، جيئن ڪي جل پريون. ٿورو پرتي ڪمپائونڊ وال جي چوڌاري پام جي وڻن جا پاڇا گھرا ٿي ويا ھئا ۽ ڪارن ڪارن ديون جيان پئي ڏک ڏنائون. مان اڃا ٽيون جام پئي سپ ڪيو تھ ھن پنج پورا ڪري ڇھون پئي اوتيو ۽ ھر ڍڪ چکڻ سان ھيٺ ترندڙ جل پرين کي تڪيندي، مرحبا مرحبا جا پئي نعرا ھنيائين. ھو ٽئين جام پيئڻ سان ئي وٺجي ويو ھو ۽ مون کي چيو ھئائين: ”آءُ ڪاڪٽيل پيون.“
    مان بيري کي سڏڻ لاءِ بندر ڏانھن ھٿ وڌايو ھو تھ ھن منھنجي ھٿ کي جھليندي چيو ھو: ”اھا ڪاڪٽيل ٿوري ٿو چوان!“
    ”ٻي ڪھڙي، يا شيخ؟“
    ”ھن پول مان دنگ ڀرائي وٺ تھ ڍؤ ڪري پيون.“ ھن سوئمنگ پول جي پاڻيءَ ڏانھن اشارو ڪيو.
    مان کلڻ لڳس تھ ھو بھ کلي چوڻ لڳو: ”بيرو جيڪا ڪاڪٽيل آڻيندو، ان ۾ ٻھ شراب ھوندا. ھتي ھن پاڻيءَ ۾ تھ الائي ڪيترا شراب مليل آھن، ھينئر بھ تھ پوريون ڇھھ ڄڻيون پيون ترن!“
    چوٿين پنجين پيگ پيئڻ وقت مون ھن جي اکين ۾ ڏٺو تھ انھن جو رنگ مٽيو پئي ويو. ان کان اڳ جو ھو ڇھون پورو ڪري ۽ سندس اکين جو رنگ سندس منڊيءَ جيان ياقوتي ٿي وڃي، ٻئي ڄڻا ڊائنگ ھال جي ڪنڊ ۾ وڃي ويٺاسون. ڀرسان رکيل مينو ڪارڊ تي سرسري نظر وجھندي ھن چيو: ”منھنجي لاءِ صرف لنڊن ھائوس مڪسڊ گرل.“
    ”اوھان تڪلف ٿا ڪريو، يا شيخ.“ مون ڏک ظاھر ڪيو.
    ”والله، مان رات جو ماني گھٽ کائيندو آھيان. رات صرف کائڻ لاءِ ناھي، يا سيدي!“ ھن اک ڀڃيندي چيو.
    مون کان زور سان ٽھڪ نڪري ويو، ”مان سيد ناھيان، يا شيخ! انا عبدالسيد.“
    ھو وائڙو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”اسين تھ ھر معزز کي السيد ڪري سڏيندا آھيون، جيئن توھين ڪنھن کي مسٽر يا آنربل سڏيو.“
    ”آھستي ڳالھاءِ، يا شيخ! متان ڪو سنڌ جو سيد ٻڌي وٺي ۽ پِٽي جھڳو ئي مسيت ڪري ڇڏي.“
    ھو کلڻ لڳو تھ مون وري کيس سمجھايو: ”اسين سنڌي، سيدن کي مرشد ڪري، ٻارھين مھيني ڏن ڏيندا آھيون ۽ ھو ان جي بدلي بھشت جي ڪنجي ڏيندا آھن.“
    ”ڪو ڪنھن جي قيامت نھ ڇڏائيندو، ھر ڪنھن کي اعمال ڇڏائيندا.“
    ”نھ نھ، سيد ميرو تھ بھ پنج سيرو، يا شيخ! اسان کي ايمان مان نھ ڪڍ.“
    ”چڱو، جي توکي اھو نالو نٿو وڻي تھ توکي ٻيو ٿو سڏيان يا ابن سنڌ!“
    ”بس بس اھو ٺيڪ آ.“
    ”جيئن تنھنجي مرضي.“ ھن ٻئي ھٿ سيني تي رکي جھڪندي چيو.
    اتي مون کي ياد آيو تھ مون کي مٿي ڪمرن ڏانھن بھ ماني موڪلڻي ھئي، جتي سندس ٻھ حرم ھئا. مون سڀني جي ماني موڪلائي ھئي. مون کيس چيو: ”يا شيخ! ھرمن جي ماني.“
    ”نھ نھ، تون انھن جو فڪر نھ ڪر، انھن کائي ڇڏي ھوندي.“
    ”يا شيخ! انھن ڪيئن کاڌي ھوندي؟ مون تھ کين بھ عرض ڪيو ھو تھ رات جي ماني مون وٽان ايندي.“
    ”چئبو تھ تون حساب ٿو ڪرڻ گھرين.“
    ”ماني مولا جي آ، يا شيخ! اوھان سڀني کاڌي تھ ھن غريب جي ميزبان جي دل خوش ڪندؤ.“
    ”پوءِ مٿي موڪلين، ھتي اينديون تھ اسان ٻنھي کي گونگو ٿيڻو پوندو. ھونءَ نھ تھ مزي جون ڳالھيون ٿيون ھلن.“
    ”بلڪل صحيح آ، يا شيخ!“
    مون بيري کي اشارو ڪيو ۽ کيس شيخ لاءِ ۽ پنھنجي لاءِ آرڊر ڏنو. کيس اھو بھ سمجھايم تھ مٿي حرمن جي مرضيءَ تي ماني موڪلي ۽ ڪابھ ڪفايت نھ ڪري.
    ”مٿي ماني پوري ساري موڪلجانءِ، يا ابو شوارب!“
    مون اھا ڳالھھ نٽائيندي، کلندي شيخ کان پڇيو: ”شوارب ڇا کي چوندا آھن، يا شيخ؟“
    ”شوارب انھن تو وارين مڇن کي چوندا آھن، جي پورا يارھن وڄي پنج منٽ ٿيون وڄائين.“
    مون کان بي اختيار ٽھڪ نڪري ويو. ”اوھان وٽ مڇون آھن يا نھ؟“
    ”آھن، پر ست لڳي پنجويھھ منٽ واريون.“
    ”ڀلا ڏاڙھي؟“
    ”گھڻو ڪري ڪلين شيو يا ڪا فرينچ ڪٽ.“
    ”يا شيخ! جي تون سنڌ ھلين تھ اھڙيون اھڙيون ڏاڙھيون ڏيکاريانءِ، جو تون حيران ٿي وڃين.“ مون ھٿ سان اشارو ڪري اندازي سان ڊيگھھ ٻڌائي.
    ”والله!“ ھو کلڻ لڳو.
    ”مان ڪوڙ نٿو ڳالھايان، ھلو تھ اکين سان ڏيکاريانو.“
    ”سنڌ ۾ ٻيو ڇا ڏيکاريندين؟“
    ”مديني پاڪ جي کارڪن جون ککڙيون، جي اسين ادب سان سنڀالي رکندا آھيون.“
    ”گھر جو پير چلھھ جو مارنگ. اوھان کي ڪھڙو قدر. تون اتي ھلين تھ توکي پير ڪري پوڄين ۽ سڀ مولود چون، ”مولا منھنجون واڳون وار، وڃان ڀلي پار، شھر مديني جو پاڻي مون کي پيار.“
    ”مون پاڻ اتي ڏٺو آھي تھ سنڌ جا ماڻھو اتي جام ايندا آھن ۽ معاف ڪجانءِ يا ابن سنڌ! اھي پِني بھ حج ڪندا آھن، جڏھن تھ انھن تي فرض ڪونھي!“
    ”ھا، بلڪل سچ ٿا چئو. اوھان گھڻا حج ڪيا آھن، يا شيخ؟“
    ”ڇو، مان اڃا ڪراڙو تھ نھ ٿيو ھان!“
    ”چوندا آھن تھ جوانيءَ جو ھڪ سجدو ڪراڙپ جي سؤ سجدن جي برابر آھي.“
    ”مان ڪراڙپ ۾ کڻي سؤ سجدا ڪندس.“ شيخ کلندي چيو.
    اوچتو مون کي ياد آيو تھ سويٽ لاءِ ڪو آرڊر نھ ڏنل ھو. مون شيخ کان پڇيو:
    ”اوھان سويٽ ۾ ڇا وٺندؤ يا شيخ؟“
    ”ھتي ڪھڙي سويٽ ملندي؟“
    ”سڀ ڪجھھ ملندو، يا شيخ! گيتوالا محمود، ليمن صوفلي، ايپل پاءِ.“
    ”نھ، ان کان وڌيڪ مٺي؟“
    ”ڀلا آئيس ڪريم؟“
    ”اھا بھ تھ ٿڌي شي! ڪا گرم گرم مٺي شيءِ ٻڌاءِ.“
    ”اوھين ئي نالو کڻو.“
    ”دنيا ۾ سڀ کان مٺي شيءِ ڪھڙي آھي؟“
    مان سوچڻ لڳس تھ ھو مون کي منجھيل ڏسي ٽھڪ ڏئي چوڻ لڳو: ”تون سويٽ جو فڪر نھ ڪر. عاتڪه ۽ ام ڪلثوم جي چپن کان مٺي ڪھڙي سويٽ ٿي سگھي ٿي؟“
    مان کلڻ لڳس تھ ھو وري پڇڻ لڳو: “ٻڌاءِ تھ آھي چپن کان وڌيڪ ڪا مٺي شيءِ؟“
    ”نھ، بلڪل نھ.“ مون مشڪندي چيو.
    ”پوءِ تون مون کي ھي سويٽ ڪيئن ٿو کارائين؟“
    ”مان تھ کاوان.“
    ”بلاشڪ.“
    بيرو آيو. سلاد، چٽڻيون رکي پليٽون ٺاھڻ لڳو. مون کيس پنھنجي لاءِ سويٽ جو بھ آرڊر ڏئي ڇڏيو.
    ”توکي گھڻا حرم آھن يا حبيبي؟“
    ”يا شيخ! صرف ھڪ.“
    ”ڇو؟ آھين تھ تڪڙو جوان!“
    ”يا شيخ! اھا ھڪ ئي لکان دي مٽ آھي. ان مان بھ ڪڪ ٿيندو آھيان تھ ٻھ ٽي ڏينھن ھتي ڀڄي اچي آرام ڪندو آھيان ۽ وري سڪ لڳندي اٿم تھ واپس ڀڄندو آھيان. اوھان کي اھي ٻھ حرم آھن يا اڃا بھ وڌيڪ؟“
    ”باقاعدي نڪاح تھ انھن ٻن سان اٿم، پر چوان ٿو تھ ٽين بھ تنھنجي ملڪ مان ڪيان. تون صلاح ڏي تھ ڪٿان ڪيان؟“
    ”يا شيخ! جي تون ٽيون حرم ڪرين تھ لاھور مان ڪر، تنھنجو ڌڪ اھي جھلينديون. لاھور جو حسن بھ واه واه آھي. اوھين لاھور تھ ويا ھوندؤ؟“
    ”مان ٻھ ڀيرا لاھور ويو آھيان. لاھور جو حسن، جزاڪ الله!“
    ”يا شيخ! اسان سنڌين جي بھ اتان جي حسن تي گگ ڳڙي پوندي آھي ۽ بنا ڪم ڪار جي پيا لاھور ۾ نوس نوس ڪندا آھيون.“
    ”تون بھ لاھور مان ٻيو حرم ڪر.“ شيخ مون کي صلاح ڏني.
    ”نھ، يا شيخ! ٻن حرمن کان پوءِ جيڪا مڙس جي ڏاڙھي پٽ ٿئي ٿي، مان ان کان پناھ ٿو گھران، الامان والحفيظ!“ ڪنن جي پاپڙين کي جھلي توبنھھ توبنھھ ڪندي چيم.
    ”ڇو ٿيون وڙھن؟“
    ”اوھان جا حرم پاڻ ۾ نھ اٽڪندا آھن ڇا؟“
    ”ڇو اٽڪنديون؟ اسان وٽ تيل کان پوءِ پئسو جام آھي. ھر ھڪ کي ھڪ جھڙيون ڪنيزون آھن، ٻنھي کي جيب خرچي بھ جام ڏيندو آھيان، مان ٻاھر نڪرندو آھيان تھ ٻنھي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو آھيان، يا ابن سنڌ! ھونءَ بھ اسان عرب، گھوڙا ۽ حرم ھميشھ ران سان رکندا آھيون.“ ھن سٿر تي ھٿ ھڻي چيو.
    ”اھي ڳالھيون تھ ڏينھن جو ٻڌايو ۽ يا شيخ! رات جو؟“ مون کي بھ نشن بيباڪ ڪري ڇڏيو ھو.
    ”رات جي ٿو ڳالھھ پڇين تھ ڪي ڏينھن مان ٻنھي کي پاڻ سان ساڳئي بيڊ تي سمھاريندو ھوس. ھڪ ساڄي پاسي ھوندي ھئي تھ ٻي کاٻي پاسي، اڃا جي اڳتي ٿو پڇين تھ مان گھڻو ڪري ھڪ ئي وقت ساڳئي بيڊ تي.........“
    ”بس بس، يا شيخ!“ مون کلندي چيو. منھنجيون لوندڙيون ٺڪاءَ ڇڏڻ لڳيون – ماڻھو ھو يا ڪو سرڪاري گھوڙو!
    منھنجي عجب ۾ پوڻ تي ھو کلندي سمجھائڻ لڳو: ”ان ۾ ڪھڙي عجب جي ڳالھھ؟ ٻئي منھنجيون محرم آھن، ٻئي حال ڀائي آھن، ٻنھي سان ساڳيو رشتو آھي. مان اڃا تڪڙو جوان بھ آھيان.“ ھن ڏوري تي ھٿ ھڻندي چيو.
    بيرو گرم گرم کاڌو کڻي آيو. اسان ٻنھي ڪانٽا ڇريون کنيون. ھن پنھنجي پليٽ مان جيري جو ٽڪر ڪانٽي سان کڻندي چيو: ”تون ڇا ٿو کائين، يا ابن سنڌ؟“
    ”چڪن الاڪنگ، يا شيخ!“
    ”ان ۾ ڪھڙو مزو؟ مون وانگر مڪسڊ گرل گھرائين ھا تھ ھڪ ئي وقت مختلف ذائقا چکين ھا، جيئن مان ھڪ ئي وقت چڪن بھ ٿو کاوان تھ مٽن بھ.“
    ”يا شيخ! منھنجو ھاضمو اھا دٻ جھلي نھ سگھندو.“
    ”تھ پوءِ تون ٻھ حرم ڪر، پاڻھي ھري ويندين. ٻئي حرم گڏ ماڻيئي تھ ڄڻ مڪسڊ گرل کاڌئي.“ ھن نئپڪن سان چپ اگھندي چيو.
    مان پليٽ تي ٽپ رکي بل تي صحيح ڪئي. ٻئي ڄڻا لفٽ ۾ چڙھي ڇھين فلور تي آياسين، جتي ھڪ ئي قطار ۾ چار ڪمرا ھئا. ٽي ڪمرا ھن جي بلي ھئا ۽ چوٿين ۾ ما رھيل ھوس. ڪاريڊور ۾ ڪمرن ڏانھن ھلندي ھو پڇڻ لڳو: ”سڀاڻي ڪاڏي گھمائيندين، يا رفيقي؟“
    ”جاڏي چوندؤ، يا شيخ! سئڊزپٽ ھاڪس بي......“
    ”توکي تڪليف ڏيندي شرم ٿو اچي، پر تو کان سواءِ گھمڻ ۾ نھ مون کي ٿو مزو اچي ۽ نھ ام ڪلثوم کي.“
    ”مان حاضر آھيان، يا شيخ.“
    ھو ڪمري جو در کولڻ لڳو تھ مان سندس ڪن ۾ ڀٽڪيو ڪيو: ”ڪھڙو پروگرام آ، يا شيخ؟“
    ”بدستور مڪسڊ گرل، يا حبيبي!“ ھن اک ڀڃي جوابي ڀڻڪو ڪيو.
    مان ڪمري ۾ اچي سليپنگ سوٽ پائي ڊھي ٿو پوان. مون کي لڇندي پاسا ورائيندي ڪي ڪلاڪ ٿا گذري وڃن. مان ڪمري جو بئڪ ڊور کولي بالڪنيءَ ۾ ٿو بيھان ۽ ريلنگ کي ٽيڪ ڏئي ھيٺ ٿو ڏسان. پري کان سوئمنگ پول جو اجرو پاڻي ائين پيو لڳي، جيئن منڊيءَ ۾ ڪا ٽِڪ. اوچتو ان ٿڌڙيءَ ھير ۾ محسوس ڪيان ٿو ھڪ گرم جھولو. ڏسان ٿو تھ سنھڙيءَ عبا ۾ ٻرندڙ جسم، اکين بجاءِ ٻھ ٽانڊاڻا ۽ پٻن تي مون ڏانھن آيل – ام ڪلثوم.

    [1] Mixed Grill ھڪ اھڙي ڊش جو نالو آھي، جنھن ۾ گوشت، چوزا، ھيرا ۽ بڪيون سڀئي شامل ھوندا آھن


    پھرين مراد

    عنايت ڏانداريءَ سان چڪون لٽيندي، پنھنجي پٽ ماڻڪ کي چوڻ لڳو: ”توکي تھ ٽيون سال پاڪي کنئي ٿيو آھي. مان تھ اڃا پاڪي بھ پوري نھ کنئي ھئي جو راوي چناھ جون مينھون ھتي لوڙھي آڻيندو ھوس. اسان جي پِڙ تان سدائين ويھھ، پنجويھھ آلوڙيون ۽ ويھھ، پنجويھھ ڍڪيون ڇڙنديون ھيون، مينھون بھ ذاتيون، سڄڻ لاءِ ھنيانءَ جو ٺار تھ دشمن تي داغ.“
    ”ابا، مشڪ کان بھ ڀليون؟“ ماڻڪ ڀاڻ جي ٽوڪري ھاريندي چيو.
    ”اڙي مشڪ جھڙين کي تھ ڪلي سان بھ نھ ٻڌندا ھئاسين ۽ ٻيون گور چرنديون ھيون. پير سوريندو ھوس تھ ڪنھن مھانڊي جي سٽ ۾ اچي وڃي تھ ويڳ ۾ ڀلوڙ ڇنان.“
    ”ابا، مشڪ ۾ ڪھڙي گھٽ آ؟ ستون پيٽ ويائي آھي تھ بھ ڪينگر ٿي ڏھائي.“
    ”تو چرئي کي ڪھڙي کيرن جي خبر؟ وڃي ماءُ کان گلزار ۽ ملڪان جو پڇ، جي مان سانگھڙ مان آنديون ھيون. ماڻھين ٻھ ٿڻ بھ ڪونھ ڇڏائي سگھندي ھئي. کير بھ مصريءَ جيان مٺو. منو منو پاءُ مکڻ تھ ماڻھين کير مان اتاري ڪڍندي ھئي. ھن مشڪ ۾ ڇا رکيو آ؟ پانڌا سو چڱا اٿس جو سڄو ڏينھن بندر تي ٿي جل چري، باقي وڙ وجھھ ۾ ٽڪو نھ لھي. جي جھنگ چرڻ ٿي وڃي تھ پورن سان گٽِ جي اوسي پاسي جون ليون ڀڃي. اڙي ماڻڪ! ھنن مينھن جا پور نھ ڏيار، دل – ھول ٿو ٿئي. ڇا تھ ھنن جو وڙ ھو، ڇا تھ وجھھ ھو. ھيءَ منھنجي ھٿ جي چيچ پورن ۾ نھ پوندي ھئي. ڪونج جھڙيون ڊگھيون ڳچيون ۽ ريشم جھڙيون کلون!“
    ماڻڪ چپڙي ڪري بيٺو رھيو. پيءُ کي بھ وڌيڪ پئي چوريائين تھ ککر ۾ پئي کڙو ھنيائين. پر عنايت کي جيڪي اڳلا پور پيا ھئا، تن کيس ائين ڪئين پئي ماٺ ڪرڻ ڏني؟ ھن وري ڀڙڪو کاڌو: ”اعتبار نھ اچئي تھ وڃي نئين ديري منھنجا پراڻا کنڌا کولاءِ. چوٿين ڏينھن ٽين گيھھ جو ٿيندو ھو. ھينئر تھ مانيءَ جو مک بھ پورو نٿو ٿئي. ڪو دل گھريو مزمان ٿو اچي تھ ڳنڌڻ لاءِ مکڻ ٿو پنڻو پئي. ان ڏينھن سنجر ڪمالاڻيءَ منھنجا اھي وڍيا جو اھا جاءِ نھ پئي لڌي، جتي وڃي ڦاھو کاوان.“
    ”ڇو ابا! ڇا چيائين؟“
    ”ڇا نھ چيائين؟ اصل ڪتن سان گڏ کارايائين.“ عنايت ٿڌو شوڪارو ڀري چيو.
    ”نيٺ ابا، ٻڌاءِ تھ سھين.“
    ”ڇا ٻڌايانءِ؟ ڪھڙي ڌوڙ پايان؟ تو جھڙي پٽ کان تھ اوندھھ چڱي ھئي. يار مھڻا تھ نھ ڏين ھا.“
    ماڻڪ ڪجھھ نھ ڪڇيو.
    عنايت کي وري ججڪي اچي وئي: ”ان ڏينھن تون جوئڙيءَ کي پيڪا گھمائڻ وٺي ويو ھئين جو سنجر ڏھاڪو کن مھانڊا وٺي اچي مزمان ٿيو. مان ست بسملاھيون ڪري مزمانن جي آجيان ڪئي. ڪونرو کڻي مزمانن جا ھٿ پير ڌوئاريم. ساڻن حالي احوالي ٿيم. ٻيون تھ لک خذمتان ٿيون، پر کير جي پاڻ وٽ ٻاڙائي، سو ڪٿان پوري ڪيان؟ خير مان ويھارو کن ڍنگ مانين جا پچرائي، ان مشڪ جو سمورو کير کڻي وڃي سندن اڳيان رکيو. پر ان کير تھ ھمراھن جو وات بھ آلو نھ ڪيو. اڳيان سنجر بھ اگھاڙي ترار، سو گرڙي ڪري چوڻ لڳو: ”ادا عنايت! چئبو تھ پٽھن بھ ڪونھ ٿيو!“ مان جيسين ڪو جباب ڪڍان تھ ٻئي ٻروچ وارو ھنيو: ”سنجر، چاچي عنايت کي نھ چئھ، ماني کاواري نھ کاواري، پر محبت جون تھ لانڍيون اٿس.“ پر سنجر اڃا نھ مڙيو، رھندو ٽوڪ ڪيائين: ”اھڙين محبت جي لانڍين کي باھ ڏئي ساڙيو ادي عنايت کي کير جي گھٽتائي ھئي تھ پراڻيءَ سنگت کي تھ آزمائي ھا. سنگت کان ھڪ ھڪ ٽڪ پني ھا تھ ٽلو ڪري اچي ھا. کر ڦاٽوڙي لاءِ ڪير جباب ڏئيس ھا.“
    ”پر ابا، تو بھ ڪمال ڪيو. پياريءَ جو کير ڇو نھ کڻي وئين؟“
    ”پياري بھ ڪانگھاري، ان ۾ وري ڪھڙا گھڙا کير جا ھئا؟ ان کير ۾ ماڻھين سيبتيءَ وري سباڻ ملائي ڇڏيو ھو.“
    ”ٻروچ ڇڏيو بھ ماري. پوءِ تو ڪھڙو جواب ڏنس؟“
    ”مان تھ پنھنجو اگھاڙو پيٽ ڍڪڻ لاءِ گھڻيون اوڀاريو لھواريون ڳالھيون ڪيون. چيومانس تھ ٻيون مينھون اٺين پھر آھن، پر اڳيؤن سنجر بھ شير شاھ جو ڀيريون وڄايو ويٺو ھو، سو ھن اھي گوھيون ڪٿي پئي ڪرڻ ڏنيو. مرڪي چيائين: ”ادا عنايت، سنجھا مھل اھڙا ڪوڙ نھ ڳالھاءِ. تو وٽ جيڪي سانڀرن سان گھنجان ٿيون ڇڙن، سي بھ ڪونھ لڪنديون. ٽِڪي مڃ، نھ تھ ھن مئل کي واڙو ڏسي خوار خراب ڪندوسان!“
    ”ائين تھ جود ۾ مان بھ وٺ ڪونھ ڏنو. کيس ٻڌايم تھ سرءُ ۾ ڏھاڪو کن آلوڙيون ڀري پيون، پوءِ پاڻ پڙھايم. تڏھن ڪو خير ٿيو.“
    ”ابا، اھا تھ وائي نھ ڪڍين ھا. ڪا مھل ڪھڙي ڪا ڪھڙي.“ ماڻڪ کي ڪيسڪاٽ اچي ويو.
    ”نھ تھ گامون سچار بڻجي پتا پڌرا ڪيان ھا تھ ماڻڪ جي نڀاڳ اچي چوٽي ڪئي آ؟“ عنايت خار مان چيو.
    ”پوءِ سنجر ويسھھ ڪيو يا......“
    ”ھون، سنجر ٿو اھڙين ڳالھين تي ويسھھ ڪري. چيائين: ”ادا عنايت! اھڙي بيماري تھ اسان ڪانھ ٻڌي!“
    مان کڻي چپ ڪئي تھ ھن وري بادشاھ پير جو پلو ڏئي پڇيو: ”گھڻيون ٽڪون ٿي ڪل ھو؟ بادشاھ پير جي قسم کان پوءِ مان بھ ڪوڙ نھ ڳالھايو. ننڍي وڏي ڳڻي اٺ ڪن ٻڌايم.“
    ”چاچي جون پنج بھ ڇو نھ پئي ڳڻايئي؟“
    ”انھن ۾ اسان جي ربيع يا خريف؟“
    ”ڍڪ تھ ڍڪجي وڃي ھا.“
    ”جھڙيون اٺ، تھڙيون تيرھن. سنجر تھ منھنجيون سٺِ سٺِ مينھون ڇڙندي ڏٺيون.“
    ”پوءِ؟“
    ”پوءِ ڇا، بس کلن جا ڪوڪرا ھئا. سنجر وري مون کي قسم ڏنو ۽ پڇيائين تھ اھي ٽڪون اڳليون، يا پٽھين بھ گڏيون؟ مان ٻڌايومانس تھ سڀ اڳليون، ابي اڃا خير سان پھرين مراد بھ ڪانھ آندي آ. سڀني جا تاڪ لڳي ويا. گھڻيءَ گھڻيءَ دير کان پوءِ سنجر مون کي ھوريان چيو: ”ادا عنايت! پوءِ مڃ ني تھ پٽھن ڪونھ ٿيو.“
    ماڻڪ کي باھ وٺي وئي. ھن پيءُ کان پڇيو: ”ابا! تون مون کي ڪھڙي ڏينھن موڪل ڏني جو مان نھ ويس؟“
    ”ابا، ٽنگ ڀڳي کان ويل نھ ويندي، پر تون ھئين اصل کان دل ڀڳوڙو، سو تون ڪھڙا لالڻ ڪرين ھا. پھريان ماڻھين کاري خراب ڪيئي جو پنھنجي گوڏي کان توکي پري نھ ڪيائين. وري پر پرڻايومانءِ تھ جوءِ جي ڪڇ نھ ڇڏيئي. ڪڏھن ٿو پيڪا گھمائينس تھ ڪڏھن ٿو ناناڻا گھمائينس. ٻڌي – ڇوڙي دل ڪندي آھي، تو ۾ اھي دليون ڪٿي!“
    ”ھا ابا، تو ۾ سو دلين جا پانور آھن. تون بھ وڃي پرايو ٽڪان ٻڌيون. ڪن تو ڪي واھران پليون يا مقابلا ڪيا.“ ماڻڪ پيءُ کي مھائين ھنئي.
    عنايت پٽ جو اھو مھڻو ٻڌي صفا ليڪو لنگھي ويو. سٽ ڏئي پنھنجو پٽڪو لاھي، مٿي وارو ڇٽل نشان پٽ کي ڏيکاريندي چيائين: ”ھي مٿي وارو چير ڪھاڙي آ يا ماڻھين جو ........ آھي؟“
    ”الائي، توکي خبر؟“
    ”ڀاڙي شھرن جو ٿو مھڻو ڏئي! اسان مڙس ماڻھو ھئاسين، ڪن تو وانگر سڄو ڏينھن پئي رنن سان لاڏ ڪياسين.“
    ”ابا، ڪھڙا ٿو لاڏ ڪيان؟“ ماڻڪ ھيٺاھين ورتي.
    ”ڀاڙيا، اھي لاڏ ناھن تھ ٻيو ڇاھن؟ اسان ٻھ زالون پرڻيون ۽ ڪمايون. رات جو سو ساڻن کلي ڳالھايوسيون، پر ڪم لٿي کان پوءِ کلي جو زيپٽ ھوندو ھو. ڪن تو وانگر سڄو ڏينھن ٽھھ ٽھھ!“
    ”پوءِ ابا، پرڻايئي ڇو؟ زور تھ ڪونھ ڪيو ھومانءِ.“
    ”پرڻايومانءِ ان ڪري تھ اتر – اوڀر ويندي پراوا ننگ نھ تڪين ۽ نڪ کي مر نھ لائين. جنھن مھانڊي پراوا ننگ تڪيا، تنھن جو بھ ڪم لٿو. جي اڳلا مڙس ماڻھو ھوندا تھ پل نھ مڙندس، سر نيندس. پر جي اصل ڀانن جا ڀڙوا ھوندا تھ وري سمورو وڻج واپار پنھنجي گھر ٻڌي، پنھنجا گھر ڀريندا. ڪاٽڪوءَ جو ٻنھي ڳالھن ۾ سر ويو ۽ ماڻس پئي اباڻين مينھن مان ليکا لاھيندي ۽ ڀرڻا ڀريندي.“
    ماڻڪ کان ڪو جواب نھ پڳو. ڪن چٻا ڪري بيھي رھيو.
    عنايت لوھ کي گرم ڏسي، وري تاڙي ڌڪ ھنيو: ”اڙي ماڻڪ! ڏاھو ٿي، ٻيلي! ھن اڇيءَ ڏاڙھيءَ ۾ يار نھ کلاءِ. طيھان پنھنجي وھي تھ ڏس.“
    ”پوءِ ابا، مان وڃان تھ ڪيڏانھن وڃان؟“
    ”ابا، ملڪ مولا جو کٽو آ، مان سڀ ڪنھن جا ھٿ ڌوئاريا آھن، ھر ڪو مون کي سڃاڻي. جنھن بھ مھانڊي وٽ لنگھي ويندين تھ جيءَ ۾ جايون ڏيندءِ، ھٿ ڏس ڪندءِ، اوکيءَ ۾ اڳتي ٽپائيندءِ، ڀلا اوڀر ويندين يا ھيٺ؟“
    ”ويندس تھ اوڀر.“
    ”پوءِ اوڀر ۾ چاچھن سنجر اٿئي. ٿورو اڳتي پھلوان، وري لعل کروس ۽ گاجيءَ رند وارا. سڀ منھنجا دلي يار اٿئي. انھن وٽ لڪي سندس ھٿ ڏس سان سٽ ھڻي ايندين تھ لڪ بھ ٿيندءِ.“
    ماڻڪ ڪي گھڙيون سوچ ۾ پئجي ويو. سوچي سوچي، پيءُ کان پڇيائين: ”ابا! ڳالھھ تھ ٻڌاءِ، سنجر ۽ لعل وارا پاڻ ۾ وڙھيل يا ٺھيل؟“
    ”اصل تارون تار آھن، پر تنھن ۾ اسان جو ڇا؟ منھنجون ٻنھي سان وکون کنيل آھن ۽ ھنن بھ پويون پير ڪڏھن بھ نھ ڏنو آھي. سنجر وٽ وڃين تھ اھا ئي ھتي ملڻ واري نشاني ڏجانس. باقي لعل وٽ وڃين تھ کيس منھنجي نشاني ڏجانءِ تھ ٽيون مھينو ٿيو جو مان درياھھ تي مينھون پئي چاريون، پاڻ سانداريءَ تي لڙھيو پئي ويو، پري کان ھڪ ٻئي کي کيڪاريوسون، کيس ويلي جي صلاح ڪئي ھيم، پاڻ چيو ھئائين تھ: ”پلؤ ڪري ٿو موٽان، ڪچو آھيان، تو جھڙي دلگھرئي يار وٽ ڏينھن ڏٺي جو ويلو نھ ڪبو، متان ڪو بار پئجي وڃئي.“ اھا نشاني ڏئي چئجانس تھ پھرينءَ مراد لاءِ پٽ ٿو موڪليان، سندس پارت ھجئي. کيس اھو بھ چئجانءِ تھ ورھين جو سنگتي آھين، ايڏي ٻاجھھ تي ڪانگھاري نھ ڪر، پيو منھن تھ ڏيکار.“
    ”چڱو تھ ڀلا دعا ڪجانءَ.“
    ”الله جي دعا ھوندءِ، ھاڻي ٿي.....“
    ”ٻيو نھ تھ وري، جھڙو اڄ وڃڻو تھڙو سڀاڻ وڃڻو. تو بھ پوءِ لاءِ ڇا ڇڏيو آ.“ ماڻڪ مشڪندي پيءُ کي چيو.
    ”ابا، اھڙي کٽي کل تھ تنھنجي ناناڻن مان ڪنھن جي ڪانھي. انھن تھ سڄي عمر ھرڙو ڪاھي ٿڪ ٿنڀڻ جي پئي ڊڳڙي کاڌي آھي.“ عنايت بھ ڀوڳ ۾ ڀوڳ ڪيو ۽ سابھان جي سابھان.
    ”مٽ تھ تنھنجي جي پيدائش آھيان.“
    ”بيشڪ، پر ناناڻي رڳ بھ اٿئي.“
    ”اھا رڳ اڄ ماري ڇڏييءِ.“
    ”پڪ؟“
    ”پوءِ الله توھار، ھيڏي آءُ تھ ڀاڪر پايانءِ.“
    پيءُ پٽ ڀاڪر پائي موڪلائڻ لڳا تھ پريان گھر جي اڱڻ تان جو ماڻڪ ماءُ ٻنھي کي موڪلائيندي ڏٺو، سو ھلندي ھلندي اچي پھتي. پٽ کي سنبريل ڏسي پڇيائين: ”ڪاڏي ٿو وڃين، ابا؟“
    ”رن، تنھن ۾ تنھنجو ڇا؟“ عنايت کيس ڇڙٻي ڏني.
    ماڻڪ ماءُ سڄي عمر اھي دڙڪا سٺا ھئا ۽ اھي ڪمائي وئي ھئي. مڙس جي دڙڪي جي پرواھ نھ ڪڍندي، ھن وري پٽ کان پڇيو: ”ھان ابا، ڪاڏي ٿو موڪلئي پڻھين؟“
    ماڻڪ ويچار ۾ پئجي ويو تھ ماءُ کي ڇا ٻڌائي؟ تھ وري بھ عنايت وارو ھنيو: ”موڪليانس ٿو تنھنجي پيڪين تھ ڪا ننڍي نيٽي کڻي اچي!“
    ”منھنجن پيڪن ۾ اھڙيون وانديون ڪينھن، پنھنجي ڏاڏنگ ۾ ڏس تھ کوڙ جڙي وھڙيءَ جيان ڇال ٿيون ڏينئي.“ ماڻڪ ماءُ بھ سور نھ سٺو.
    ماڻڪ بھ ڏٺو تھ ھينئر ڳالھھ دنگ ڪندي ويندي تھ ھن بھ ماءُ کي رھڙ ڏني: ”کوڳ، وات نھ ھڻ، موٽ پوئتي، ڏيانءِ تھ مگز واري لٺ.“
    ماڻڪ ماءُ سڄي عمر مڙس جا دڙڪا سٺا ھئا ۽ پادر کاڌا ھئا، پر سندس پٽ سامائي کان پوءِ بھ ڪڏھن اگھاڙي وات نھ ڳالھايو ھو. مڙسھنس کيس ڪڏھن ٿڪ چنبا ھڻندو ھو تھ ماڻڪ بھ پنھنجيءَ ماءُ جي گوڏي ۾ لڪي پيو ماءُ کي پرچائيندو ھو. ھينئر ان ساڳئي پٽ کي پيءُ سان شامل ڏسي لٺ اولاريندو ڏٺائين تھ ماڻڪ ماءُ کي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا. ميسڻون منھن ڪري، گھر ڏانھن موٽي. عنايت جي بھ پٽ جي ان وراڻ تي ڏاڍي دل سرھي ٿي. ھن جو منھن ٻھھ – ٻھھ ڪرڻ لڳو. وڏي پيار سان مٿس گھور گھور ٿيندي چيائين: ”ابا ماڻڪ، الله کي پرتين. پر ٻيلي، مڙسيءَ سان، پختائيءَ سان! پھرين مراد اٿئي، متان بسم الله ئي برغلط ڪرين.“
    اٺين ڏينھن اسر اسر ھو جو واڙي ۾ ستل عنايت پنھنجي لوڙھي ٻاھران مينھن جي ڪڻڪ ٻڌي ۽ ان سان گڏ ھن مڙس جي پيرن جو بھ دٻڪو ٻڌو. ھن کي رسو ڦٽي ڪئي ڪي ورھيھ ٿيا ھئا، ان ڪرت جون واٽون موٽون سندس ھيانءَ تي منھن جي داغن وانگر اڪريل ھيون. ٻئي ڪنھن اوپري ڪاٽڪوءَ جي سندس پڙ ڀرسان لنگھڻ يا سندس پڙ تي الي اڇلڻ جي اھا مھل ڪانھ ھئي جو ھٿ ھٿ کي پئي ڏٺو. ھن کي پڪ پئجي ويو تھ اھو دٻڪي وارو مڙس ماڻڪ ھو. عنايت ان سوچ ۾ ھو جو ٻاھران ڳليءَ جا ڍنگھر لھڻ لڳا ۽ ماڻڪ ماھيو ڍور ڪاھي اچي اندر واڙي ۾ بندر سان ٻڌو.
    ”آئين، ابا!“ عنايت کانئس پڇيو. اھا کيس کيڪر بھ ھئي تھ شابس بھ ھئي.
    ”آيس ابا!“
    ”خير سان.“
    ”ٻيلي بک لڳي ھجئي تھ تنھنجي لاءِ ماني سانڀيو ويٺو آن.“
    ”ڳڀو کائبو، پر ابا مينھن کي ڪو گاھ چنبو وجھان.“
    ”ٻيلي، گاھ مھانگو آ، پھرين سوجھرو ڪر تھ مينھن ڏسان تھ گاھ سجايو ٿو ڪرين يا اجايو.“
    ”ماڻڪ ڪنڌي مان ڪک ۽ چوچا ڪڍي، ارانبي ٻاري، مينھن ڀرسان جھلي. عنايت اٿي مينھن جا آڳا پيڇا. وڙ وجھھ ڏٺو. پٺيءَ تي ھٿ گھمائي ملائيءَ جھڙي کل ڏٺي. وري ارانبي ھيٺ ڪري مينھن جو اوھ ڏٺو، جتي بھ وڏو مٽ ٽنگيل ھو.“
    ”ٻٽر گھنج آ، سڱ لڏنس ٿا.“
    ”ھا ابا، لڏنس ٿا.“ وري بھ ماڻڪ پيءُ کي مينھن جا ٻئي ننڍڙا سڱ لوڏي ڏيکاريا.
    ”ابا، مبارڪ ھجئي. دل جا سڀ سور لاھي ڇڏيئي.“ عنايت کي مينھن دل ۾ کپي وئي ھئي.
    ”خير مبارڪ، توکي بھ مبارڪ ھجي.“
    ”ھتي حلالي آ؟“
    ”آھي تھ پري جي. پر ابا، تنھنجي آ ياري ڊگھي، ھتي ڪانھ بيھاربي.“
    ”چڱو ٿيو، اھو مال جو مرڪ آھي. ھن مينھن تي ٽي مينھون چونڊان تھ واھ جون ملنديون.“
    ”ابا، متان نھ مڃين! تو بھ راوي چناھ جون مينھون آنديون ھيون، ھيءَ بھ ڪا سوکڙي اٿئي.“
    ”بيشڪ ملوڪ آ.“
    ”گھر – ڌڻين کي بھ اھڙي پياري ھئي جو جھنگ نھ ڇڙندي ھئي. سڄو ڏينھن ڪلي تي پئي راتب کائيندي ھئي ۽ رات جو کٽ جي پائي سان ٻڌل ھوندي ھئي.
    ”آھي بھ گھر ۾ ٻڌڻ جھڙي. ڪلي تان ڇوڙيئي؟“
    ”ھئو، ابا.“
    ”مڙسي ڪئي اٿئي. پر ٻيلي، پيرن جو دٻڪو مار. منھنجي اک تنھنجي دٻڪي تي ئي کلي.“
    ”لوڙھي جي ٻاھران بوٽ ڇنڊيو ھوم، اھو دٻڪو ٻڌو ھوندءِ.“
    ”ڀلا، وئين خير سان، لڪ ۾؟“
    ”اصل لڪ ۾. رات جو پنڌ ڪيم، ڏينھن جو ٿم ۾.“
    ”ڀلا، واٽ تي پير وڃايئي يا رندوٺيو آئين؟“
    ”ٻن – ٽن جاين تي اھڙيون بُلٽيون ڏنيون اٿم جو ڀاڳيا پاڻ انصاف ڪندا.“
    ”ٻيلي، اوڀر جا ڀاڳيا بھ پنھنجي نالي سان اٿئي. وسئون ڪونھ گھٽائيندا. تون بھ ماڻھو ماري آيو آھين!“
    ”ھائو ابا، ھن مينھن جو سور سڄي عمر پيو ننڊ ۾ ڇرڪ ڀرائيندن.“
    ”چڱو ٿين. اسان جا بھ گھڻن کير کارايا. تون ننڍڙو ھئين جو چور منھنجي ھير مينھن ڪڍي ويا. آھوڙون ڏنم، گھٽ ورتم، پر ڪانھ لڌي. ٻارھين مھيني منھنجي ڪنھن يار چڱائي ڪئي. چورن وڏن حيلن سان مينھن مڃي. ساڳي ڪانھ ڏنائون، ٻھ ويڳيون ڇنائون. مينھن ڀرجي ملي، پر ھير جو سور اڄ بھ ڪونھ ٿو وسريم. مينھون امڙيون آھن، ابا!“
    ”ھائو ابا، سور ڪيئن نھ ٿيندو.“
    ”ابا، مينھن جو ڀاڳيو ڪير آ؟“
    ”ابا، اھي ڳالھيون پڇبيون آھن؟“ ماڻڪ پيءُ کي ميار ڏني.
    ”پيءُ پٽ جو ڪھڙو ليکو؟“
    ”ھن ڳالھھ ۾ ليکو آ. ھيءَ پھرين مراد آ، جو توکي ڏيکاريم. اڳتي اھڙو تھڙو ڍور توکي نھ ڏيکاربو.“
    ”ابا، تون سچ ٿو چئين. پر دل گھريو تھ جيڪر ان ذوقين جو نالو ٻڌان، جنھن ھھڙيءَ مينھن کي پئي پاليو.“
    ”ھاڻي تھ اھو ذوقين تون آن، تو وٽ جو بيٺي آ.“ ماڻڪ نٽائي ويو.
    ”ابا، ڀاڳيو نٿو ٻڌائين تھ طرف ٻڌاءِ.“
    ”طرف اوڀر.“
    ”اوڀر ۾ تھ وڏو ملڪ اچي ويو. پير جي ڪيٽي بھ اوڀر تھ فيضل بھ، ٻنڊو بھ اوڀر، ڳڙھي بھ اوڀر تھ رستم بھ اوڀر، اوڀر ۾ ڪھڙي جوءِ، ڪھڙو ڳوٺ؟“
    ”بس ابا، اوڀر!“ ماڻڪ کلندي چيو.
    عنايت پٽ جي رخ مان سھي ڪري ويو تھ ھن کي ڪابھ جز ڪانھ ڏيندو. حقيقت ۾ تھ کيس پٽ جي اھا پڪائي دل ئي دل ۾ ڏاڍي وڻي، جنھن پنھنجي پيءُ کي انت نھ ڏنو، سو پرائي پيءُ کي ڪھڙي سلڪ ٻڌرائيندو. ھو بھ چپ ٿي ويو.
    ماڻڪ ڪر موڙي اٿيو ۽ چيائين: ”ابا، مينھن بُکي آ. ان کي گاھ چنبو وجھان تھ پوءِ ٿا وري ڳالھايون.“
    ”نھ، تون گاھ وجھي وڃي اھل. سڄي رات پنڌ ھنيو اٿئي. وري سڀان رات بھ مينھن کي اڳتي ڌڪيندين نھ.“
    ٻپھري ٻپھري ھئي، ماڻڪ سڄيءَ رات جي اوجاڳي جو سٽيل، الوٽ ننڊ ۾ پيو ھو جو عنايت ننڊ پئي کي ٻئي بجا گھروڙي اچي ٻوٿ ۾ ڏنا. ماڻڪ ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ پڇڻ لڳو: ”ڇو ابا ڇو؟“
    ”لخ لعنت تنھنجي ڄمندي گھڙيءَ تي! ھو ڏاڏا اوطاق ۾ ويٺا اٿئي.“
    ماڻڪ سن ۾ پئجي ويو ۽ ڪجھھ نھ ڪڇيو. عنايت وري نھ ھم ڪئي نھ تم، ٻئي تريون مٽيءَ ھاڻي پٽ تان ڀري، زور سان سندس ٻوٿ ۾ ٺڪاءُ ڪيون ۽ کيس چوڻ لڳو: ”اڙي، ان چوريءَ کئون ٻڏين ھا تھ ھھڙو خوار خراب نھ ٿئين ھا. اڙي، توکي ان سڄي اوڀر ۾ مينھن بھ لڌي تھ سنجر جي! سنجر منھنجو يار، ڀائن جھڙو ڀاءُ!“
    ماڻڪ سھي ڪري ويو تھ ڳالھھ ۾ ڪو لڪ نھ رھيو ھو. ھن پيءُ کان ھيسجڻ بدران، سنجر کي ٻٽي گاريون سرڙي ڪڍيون ۽ چوڻ لڳو: ”سنجر ڪھڙيءَ رن جو پٽ جو ھتي ٺڳ ڪري اچي اسان تي چٿرون ڪري!“
    ”اڙي لونڊا، ھن تھ اھي حجتان پئي ڪيون.“
    ”ھون، اھڙيون حجتان جو سندس اٽو ٿا کائون! ابا، ھونئن تون منھنجو سائين آ، ڪعبو قبلو آن، پر جي ھن مينھن جي ھائو ڪندين تھ لٺ کڻي ھڪ لوندڙيءَ واري ڏيندوسانءِ.“ ماڻڪ سچي پچي تانگھھ مان لٺ ڪڍي ھٿ ۾ ڪئي.
    عنايت پٽ جون اھي اکيون ڏسي دھلجي ويو. اھڙيون اکيون ھن کي اڳ خدا نھ ڏيکاريون ھيون. ھن وارو اڳيون ماڻڪ، جيڪو ھن جا موچڙا کائي چپ چاپ سھي ويندو ھو، سو الائي ڪھڙيءَ جوءِ ۾ گم ٿي ويو ھو. ان جي بجاءِ ھينئر وري ٻيو ماڻڪ سامايو ھو، جيڪو ھڪ اڙٻنگ جوان ھو، جنھن کي سندس ڪا شناس ڪانھ رھي ھئي. عنايت پٽ جي ڳاڙھين، ٽانڊاڻن جھڙين اکين ۾ نھاريو. اتي بھ کيس ڪا ديد نظر ڪانھ آئي. ھن سياڻپ ڪري ھيٺاھين ورتي: ”اڙي، مان تنھنجي چڱائيءَ ۾ آھيان. ٻروچ چوڌاري ڪڙو ھنيو ويٺا آھن، اھا مينھن ڦٻائي سگھندين؟“
    ”تنھن ۾ تنھنجو ڇا؟ مان پھرين مراد ڪانھ باسيندس.“
    عنايت پنھنجي سر بھ پراڻو ڪاٽڪو ھو ۽ کيس ڪاٽڪاڻي جي جملي اصولن جي تير پتير خبر ھئي. ھن کان اھا ڳالھھ بھ لڪل ڪانھ ھئي تھ پھرين مراد باسڻ سونسو ٿيندو آ، جو اھو ڪاٽڪو سڄي عمر اگھاڙو ٿي پوندو آھي ۽ کيس يا عمر پرائي شي نھ ڦٻندي آھي. پر ماڻڪ کي بھ پاڻ کٽيءَ کنيو ھو جو پھرين مراد ۾ ئي واڳن سان وچڙيو ھو ۽ ھن پنھنجي بسم الله پاڻ برغلط ڪئي ھئي. عنايت لاءِ ھينئر ٻئي ڳالھيون ڳوريون ھيون. ھن سوچي سوچي پٽ کي چيو: ”اڙي، پوءِ منھن بھ پاڻ ڏي. ھتي ڇو پوتي پائي سمھيو پيو آن!“
    ”ھا ھا، مان پاڻ ٿو وڃان، تون ڇٽل آن.“
    ”ماڻڪ منھن تي ٻھ ٽي پاڻيءَ جا ڇنڊا ھڻي، ٻھ – پٽائين لٺ ڪڇ ۾ کڻي، وڏيءَ لوڏ سان ھلندو وڃي ڪچھريءَ کي سلام ڏنو. سڀني کي ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي ۽ وڏي قرب سان خوش خير عافيتان ڪري، سنجر کي چيائين: ”چاچا سنجر، ٻيا تھ سڀ خير خيراني؟“
    ”ڀائيٽا، خير وري ڪھڙا. اربيلي ڏي تھ ڪا ڳالھھ وڻي.“
    ”چاچا سنجر، تنھنجي مينھن ستين مڙھبين سوئر! توسان بابي جي پڳ مٽ ياري. الله اڃا ديد ڏني آھي، مون ڏي ست خير اٿئي.“
    ”ماڻڪ، اھي چاچي سان ھاٺون نھ ڪر. منھنجي مينھن تو وٽ ڪانھي تھ پوءِ ٻڌي بھ ڪانھي. ڪيئن سنگت؟“ سنجر ڪانڀ ڪڍي، پنھنجيءَ واھر کان پڇيو.
    ”بيشڪ، پوءِ ٻڌي بھ ڪانھي.“
    ”چاچا سنجر، گھڻا ھر ٻنيءَ کي ڏبا آھن. تنھنجي مينھن جي نھ جن نھ ڪن، وڌيڪ جيئن تنھنجي دل ٺري.“
    ”ساک ڏيندين؟“
    ”ڪنھن کان وٺندين؟“
    ”جنھن تي دل بيٺي.“
    ”اسين ٻئي پيءُ پٽ حاضر.“ ماڻڪ سنجر کي ٻانھون ٻڌي چيو.
    اتي ٻين چئن مھانڊن، جي سڀني کان اڳ پيرا ٽڪي اچي پھتا ھئا ۽ چوڌاري آھوڙون ڏيئي وس ڪري بيٺا ھئا، سنجر کي چيو: ”سنجر، ھن ھوندي مينھن جي ساک نھ ڏٻي. ڄاموٽ اڄ رڍ ٻڪريءَ تي تھ پيا ساکون کڻن. اسان اربيليءَ جا پيرا عنايت جي پڙ ۾ آندا آھن. مينھن پڙ کان ٻاھر ڪانھي. جھاڙو ڏينداسون.“
    ”رئيس، زبان سنڀال، بنا ثابتيءَ جي قرآني نھ ڪر. باقي جھاڙو وٺڻي اٿو تھ اھا بھ حاضر ڏيون.“
    ”اھا واٽ، پوءِ اسين ڪجھھ بھ نھ لھڻون.“
    ”چاچا سنجر، پوءِ گھراءِ پاڙي جا ٻھ امين.“
    ”ڪھڙا گھرايون؟“
    ”جيڪي توکي وڻن. باقي ٻھ ڳالھيون اٿئي.“
    ”ڪھڙيون؟“
    ”پھرين تھ ڀڙ ۾ مينھن نھ لڌي تھ پوءِ عزت جو پلو. ٻي تھ کر کر ۾ تون ٻڌل رھندين.“
    ”آھي ڇا ڀِڙ ۾ اھڙو ڪو ڍور؟“
    ”پيٽ لاءِ ڪير نٿو ڄنگھان ھڻي.“
    ”ڀائٽيا، مان ٻڌل.“
    ”تھ پوءِ ڀلي گھراءِ.“
    سنجر ٻن ڄڻن کي اٿاريو. کين چيائين: ”اڙي اٿو، وٺي اچو گلو ۽ پياري کوکرن کي جود ۾. ڪڙي وارن کي بھ سجاڳ ڪيون وڃجو تھ تر نھ چرن، متان ماڻڪ ملھھ ڪري مينھن نھ ڪڍيو وڃي.“
    ماڻڪ گھر موٽڻ سان ڪاتي لاتي ۽ ڪوڏر سان وڏو پوڻ کوٽڻ لڳو.
    ٺپھريءَ مھل گلو کوکر، پيارو کوکر ۽ سنجر پاڻ، سڄو پڙ ٿڦولي بيٺا تھ ڪاريءَ وارا ڪک ھئا. واڙي ۾ مشڪ جو سو ٻوٿ ٻڌيو پيو ھو، باقي سنجر واري مينھن ڄڻ تھ زمين ڳھي ويئي ھئي. سنجر دل تي جھاڙو ڏئي عنايت کي ڀاڪر پائي، موڪلائيندي چيو: ”ادا عنايت، اربيلي مري وئي تھ پرتي رب کي، جي جيئري ھوندي تھ پاڻيھي ڀاڳين لھندس. توکي سو ماڻڪ ڄائي جون مبارڪان ھجن!“


    مجاور

    شهر جي ماڻهن جو وفد ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر ميان عبدالواحد جي قيادت ۾ ڊي سي صاحب سان مليو ۽ کيس هر سومر تي شهر ۾ ٿيندر راڳ روپ جي کچ جي شڪايت ڪيائون. ڊي – سي صاحب وفد جي ڳالهين کي غور ۽ همدردي سان ٻڌو ۽ کائن پڇيو: ”ڪير ٿو ڪرائي اهو راڳ روپ؟“
    ”سائين، هڪ موالي آهي محمد شاه نالي، جنهن کي نه ڪو ڪم آهي نه ڪار، اهو کڻي گذران ٺاهيو اٿائين.“ ميان عبدالواحد کيس ٻڌايو.
    ”صاحب، اتي جوا جي به ٽڪري آهي، اتان به نال اڳاڙيندو آ.“ وفد جي ٻئي ساٿيءَ چيو.
    ”ڪيترو وقت هلندو آ اهو ناچ گانو؟“
    ”ائين ڪو وقت ئي مقرر ڪونهي. جنهن وقت وڻين، تنهن وقت شروع ڪن، جنهن وقت وڻين، تنهن وقت بند ڪن.“
    ”گهڻو ڪري ته اهو ڌمالو سڄي رات به پيو هلندو آ.“
    ”ٻيو اتي ڇا ٿيندو آهي؟“ ڊي سي کانئن وڌيڪ پڇا ڪئي.
    ”سائين، ڇا نه ڪندا آهن. جوا اتي هلي، ڀنگون اتي گهوٽجن، چرسن جا دوگاڙا اتي لڳن.“
    ”صاحب، بس ڳالهه ڪرڻ کان زور آهي.“
    ”ويري بئڊ...... ويري بئڊ.“
    ”صاحب، ماڻهو حلال جون ڪمايو ٿا حرام تي وڃائن. مجاور به پيٽ ڀريون پيو پور جا مال کائي.“ ميان عبدالواحد، صاحب کي ٻڌايو.
    ”صاحب، اسان به ننگن وارا آهيون، پاڙي ۾ اهڙي کشٽ ڪيئن سهون، ننڊ آرام ڦٽل آهي.“
    ”فوجدار کي دانهن ڏني اٿو؟“ ڊي سي کائن پڇيو.
    ”ڪئين ڀيرا سائين، پر فوجدار کي اتان منٿليون ٿيون ملن، سو اهو روزگار ڪيئن وڃائي؟“
    ”هون.“ صاحب ڀڻڪي چپ ڀڪوڙيا.
    ”صاحب ان راڳ مان وڏي کشٽ ٿي مچي. شهر جا نامي گرامي شودا ٿا اچي رونشي تي مڙن ۽ پوءِ رات جو موٽندي ڪونه ڪو ڏوه ڪيو ٿا وڃن.“
    ”تازو ته راڳ ۾ جهيڙو به ٿيو هو ۽ ذري گهٽ خونا ريزي ٿي هئي.“ وفد جي هڪ همراه ڳاله کي ٽيڪ ڏني.
    ”ڇو ٿيو هو اهو جهيڙو؟“
    ”صاحب انهن شيطاني ڪمن مان وري ٻي ڪهڙي سرهي ٿيندي؟“ ميان عبدالواحد ڳالهه کڻندي چيو.
    ”چڱو مان ان ڳالهه کي پاڻهي ٿو ڏسان.“ صاحب کين دلجاءِ ڏني.
    وفد اٿيو ته ميان عبدالواحد اٿندي اٿندي به ڊي سي صاحب کي چيو: ”صاحب هاڻي ته صوبائي حڪومت به راڳن روپن بند ڪرڻ جو حڪم ڪڍيو آهي، اوهان به مهرباني ڪجو.“
    پوءِ جنهن ڏينهن ڊي سي صاحب ان راڳ روپ کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ان ڏينهن ميان عبدالواحد ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. آرڊر جي جنسي ڪاپي پئي ايندي ويندي کي ڏيکاريائين ۽ کين چيائين: ”ميان، جي هي ڊي سي هتي آهي ته بدعتن جون پاڙون پٽيل ڏسندؤ. پورو مسلمان آ مسلمان.“
    ٻئي سومر تي مڪان ۾ اها بهاري ئي ڪونه هئي. اهي ماڻهن جا ميڙ، اهي ماڻهن جا انبوه الائي ڪاڏي گم ٿي ويا هئا. مڪان ۾ جتي هزارن ماڻهن جي رونق هوندي هئي، اتي هينئر ٻسائيءَ پئي واڪا ڪيا. مڪان ۾ ڪل پنج ڇهه ڄڻا ويٺا هئا، جن مان ٽي چار ته مڪان جا مجاور هئا، جي ماڻهن جي اڳ – پوءِ ۽ ٽانڊو ٽوپي ڪندا هئا. ڀرسان ٻن مجاورن ڀنگ پئي گهوٽي. پر انهن گهوٽن وارين ٻانهن ۾ اهو ست ئي ڪونه هو. ڇڙا ٻه ٽي ڏنڊا اونڌا پاسيرا رهڙي کڻي پاڻي وڌائون. وڏو مجاور محمد شاه به متومٺي تي چاڙهيو فوڪيو ويٺو هو. ڪنهن آئي وئي کانئس ڪجهه پڇيو پئي ته کيس ڇتي ڪتي وانگر پئي چهڙون پاتائين. سڀ چپ ۾ هئا ۽ ڪنهن اکر ڪونه پئي ڪڇيو. پوءِ به محمد شاه پاڻ کليو جو ٽوڪ مان ويٺلن کي چيائين: ”اڙي اهڙا منبر (ميمبر) اٿو ته ان کان به بدحال ٿيندؤ. اڄ محفل بند ٿي، سڀان چوندو ته مڪان ئي پٽي وڃو.“
    ”فقير انهن خارزين مان وري ٻي ڪهڙي سرهي ٿيندي؟“ ٻئي مجاور چيو.
    ”پر انهن کي گوگائي مرچ ڇو ٿا لڳن؟ جي بدعتي آهيون ته اسان آهيون، جي پڇاڻو ٿيندو ته اسان کان ٿيندو.“ محمد شاه خار مان چيو.
    ”مرشد، حڪم حيدر سان، انهن کان اڳ بشت ۾ هونداسين. هي اسان جي رئي به ڪونه ڏسندا.“
    ”آمين.“ مجاورن هڪ آواز ٿي چيو.
    ”پر سائين ڊي سي به ته ڪئي حد آ، مڪانن ۾ هميشه محفلون ٿينديون آهن، ڪو واعظ ڪونه ٿيندا آهن.“ هڪ مجاور وري ڳالهه کي چوريو.
    ”ميان ڊي سي به ڪو ٺاٺ ملو هوندو؟“ جيسين محمد شاه جواب ڏي، تيسين ٻئي مجاور ڳوٽ ڀڳي.
    ”نه يار، آهي ته عين الپٽي.“
    ”پوءِ اهڙو نونڌ ڇو ڪيائين؟“
    ”بابا، اڄڪلهه حڪومت جي واڳ منبرن کي آهي، جيئن ٿا چون، تيئن ٿو ٿئي.“
    ”يار، ڪيڏي نه ورونهه لڳي پئي هئي، چار صورتون ڏسندا هئاسين ته زماني جا سور وسري ويندا هئا. اڄ ته هيءَ جاءِ کائڻ ٿي اچي.“ هڪ مجاور ٿڌو شوڪارو ڀري چيو.
    هن سومر تي اڃا به وڏي بهاري ٿئي ها. سائينءَ وسائيءَ ۽ بيگم کي به گهرايو هو.“
    ”شمشاد ۾ وري ڪا گهٽ هئي!“
    ”شمشاد کي ڪير گهٽ چئي، راڻو هن تي ختم آ.“
    ٿورڙيءَ دير لاءِ چپ ٿي وئي. کين شايد شمشاد جا پور اچي ويا. ڳپل مهل کان پوءِ هڪ مجاور صلاح ڪڍي: ”اچو ته يار اسان به ڊي سي ڏي ميل ڪري هلون.“
    وڏو مجاور محمد شاه جو هن وقت تائين چپ ڪري ويٺو هو، سو اهو گفتو ٻڌي مڇرجي ويو ۽ ان مجاور کي چيائين: ”مان نوڙ وٽي آيس جو تون به وڃي وٽيندين.“
    ”سائين، تون ڊي سي ڏي ويو هئين ڇا؟“
    ”ها ميان، ويو هوس.“
    ”ٻڌايئي به ڪونه!“
    ”ڪهڙي تار ڪشي ٻڌايائين، جو ڊاڙ هڻان.“
    ”نيٺ ڇا چيائين؟“
    ”پورو ٻڌائين به ڪونه، ائين ئي ٺشائي ڇڏيائين.“
    ”پر سائين، تون به ته مڙڻ جو ناهين، تو به ته ڳالهايو هوندو.“
    ”مان ته گهڻا ئي دام وڌا، پر جواب اهو ڏنائين ته: ”ڀنگون ٿا پيو، جوا ٿا کيڏو، اجازت ڪونه ملندي.“
    ”پوءِ سائين ڇا چيوسين؟“
    ”هڪ دل ته فقير چيو ته ٽسريون ٻڌايانس ۽ چوانس ته صاحب شراب مان چڪو ڏيندو ڪر، ڀنگ نه پيئنداسين، رمي جي موڪل ڏي ته گهوڙي نه کيڏنداسين، پر بيءَ دل چيو ته ڇڏ محمد شاه.“
    ”يار، سيد جو به مان نه ڪيائين!“ هڪ مجاور عجب مان چيو.
    ”هون ميان، هو ٽڪي سسي لڻائڻ وارو آهي.“
    ”پوءِ يار، هي ميخانو ائين ويران ٿي ويندو.“
    ان گفتي تي سڀني جا ڪنڌ ڍرڪي پيا. هرڪو ڏک ۾ پئجي ويو. ڪنهن به ڪونه ڪڇيو. ڪنهن هائو به نه ڪئي، ته ڪنهن نهنڪر به ڪونه ڪئي. اتي هڪ مجاور بُت ڇنڊي اٿيو ۽ زور سان چوڻ لڳو: ”علي علي بول، غم نه هونءِ ڪول.“
    ان صدا سڀني مجاورن کي آٿت ڏيئي ڇڏيو. سندن دلين مان بيچيني دور ٿي وئي. سڀني گڏجي وٺي هڪ دنبهو هنيو. پوءِ ڏنڊا ڪونڊا ساوا ٿيا ۽ وري گهرڙ گهوٽ شروع ٿي وئي.
    ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي هڪ هنگامي ميٽنگ ۾ جڏهن ڊي سي صاحب شهر ۾ ترقي وٺائڻ جي خيال سان اها رٿ پيش ڪئي ته هر سال هن شهر ۾ جشن ملهايو وڃي، تڏهن ميمبرن کان ته بي اختيار واه واه نڪري وئي. گهڻن ميمبرن ته اٿي صاحب جي بيدار مغز جي تعريف ڪئي ۽ شهر جي ترقي لاءِ سندس اني جو شڪريو ادا ڪيو. اها رٿ بحال ٿي وئي.
    ان کان پوءِ اي – ڊي – ايم اٿي اها رٿ پيش ڪئي ته ڊي سي جي زير نظر جشن ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جا جشن جو سمورو انتظام ڪري ۽ جمع خرچ جو حساب ڪتاب رکي.
    ”بحال.... بحال.“ ميمبرن اها رٿ به بحال ڪئي.
    ان کان پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر اٿي رٿ پيش ڪئي ته ان جشن لاءِ شهر ۾ هڪ وڏو ميدان مقرر ڪجي ۽ ان ۾ پڪي طرح اسٽال ۽ هال ٺهرايا وڃن. ان رٿ تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڊپٽي ڪليڪٽر مختلف پٽ ڏسي، هڪ سائيٽ مقرر ڪري.
    ان کان پوءِ هڪ غير سرڪاري ميمبر رئيس الاهي بخش خان اها رٿ پيش ڪئي ته ان جشن جو نالو هر دلعزيز ڊي سي جي اسم مبارڪ پٺيان مقرر ڪيو وڃي. ميمبرن ته يڪراءِ اها رٿ بحال ڪئي، پر ڊي سي ميمبرن کي گذارش ڪئي ته هيءُ هڪ عوامي جشن آهي ۽ ان جو نالو انتظامي خواه اخلاقي طور سندس نالي پٺيان مقرر ڪرڻ مناسب نه آهي. هن رٿ پيش ڪئي ته جيئن ته اهو جشن بهار ۾ ٿيڻو آهي، ان ڪري ان جو نالو ”جشن بهاران“ رکيو وڃي. گهڻا ميمبر ته ان مسئلي کي ووٽنگ ذريعي حل ڪرڻ لاءِ آتا هئا، پر ڊي سي جي چوڻ موجب کين اها ڳالهه قبول ڪرڻي پئجي وئي ۽ ان جشن جو نالو ”جشن بهاران“ مقرر ٿي ويو.
    ان کان پوءِ اڏاوتن تي خرچ ٿيندڙ رقمن لاءِ سوچ ويچار ڪيو ويو ۽ في الحال ان ڪم کي شروع ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل فنڊ مان هڪ لک روپيا منظور ڪيا ويا.
    اٿندي اٿندي، ڊي سي پنهنجي اي ڊي ايم کي چيو: ”قريشي، جشن بهاران ڪاميٽي جي لسٽ ٺاهي، مون کان اپروو ڪرائجانءِ.“
    “يس سر.“
    ”ان ڪاميٽي ۾ جملي ڏه ميمبر هجن ۽ ان مان گهٽ ۾ گهٽ پنج ڄڻا عوامي نمائندا هجن.“
    ”رائيٽ سر.“
    اوچتو ڊي سي کي هڪ ڳالهه ٻي به ياد آئي جو کيس چيائين: ”ون ٿنگ مور قريشي، توکي ان جشن لاءِ ٽڪيٽون به ڇپرائڻيون پونديون، جي مختيارڪارن ۽ ميمبرن کي هلائڻ لاءِ ڏينداسون.“
    ”يس سر، آئي ول ڊو اٽ.“
    ڊي سي صاحب وڃي چيمبر ۾ ويٺو ته ٻيا ميمبر به اٿيا ۽ هال کان ٻاهر نڪتا. ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر ميان عبدالواحد به وڃي ڊپٽي ڪليٽر جو پاسو ورتو ۽ کيس چيائين: ”صاحب هڪ سائيٽ منهنجي نظر ۾ به اٿو.“
    ”ڏسندؤ ته مقرر ئي اها ڪندؤ، شهر جو شهر ۾، ميدان به ڪشادو.“
    ”گهرجي به اهڙي.“
    ”پر صاحب مون کي به نه وسارجو ۽ جشن ڪاميٽي تي منهنجي به سفارش ڪجو.“ ميان عبدالواحد وارو هڻي ڇڏيو.
    پوءِ هر ڪنهن ڏٺو ته محمد شاه جي ميخاني ۽ ان جي ڀر ۾ پيل سرڪاري پلاٽ کي بلڊوزرن سان سڌو ڪيو ويو. ان ميدان جي چوڌاري سهڻي ڀت نڪتي، ان ڀت جي اندر بازار نموني چئن پنجن قطارن ۾ اسٽال ٺهيا ۽ وچ ۾ هڪ وڏو شاهي هال ٺهيو. اڏاوتون ٿي ويون ته جشن ڪاميٽي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو. الائي ڪاٿؤن ڪاٿؤن جون خلقون مڙي آيون. اسٽالن ۾ مال پيا ۽ ٻاهرين رونق لاءِ ڀتين ۽ دوڪانن کي لائيٽون لڳيون. شهر جي شوقين ماڻهن کي به هڪ مشغلو ملي ويو ۽ هرڪو سانجهيءَ ٽاڻي ٽڪيٽ، بتين ۽ لائيٽن جي جهرمر ڏسڻ لاءِ اتي اچڻ لڳا. اتي هرڪا ورونهه هئي. چانهه جا هوٽل هئا، شئن جا دڪان هئا ۽ پان ٻيڙيءَ جون پڙيون هيون. راند جي شوقينن لاءِ به سرڪسون هيون ۽ ڪارنيوال هئا. ان کان سواءِ مختلف رانديون هيون. تنبولا هو ته گولو به هو، جتي هرڻ، هاٿي ۽ گهوڙي تي رپيو رکي پئي اٺ ڪمايا.
    پوءِ وري ڪلچرل شو جون تياريون ٿي ويو. عوام ۾ ٽڪيٽون وڪامڻ لڳيون. سڀ کان وڏي ٽڪيٽ پنجاه هئي. ان کان پوءِ پنجويهه هئي ۽ آخر ۾ غريب غربي لاءِ رعايت طور پنج روپيا هئي. شهر ۾ چؤ طرف ان شو جا پڙها اچڻ لڳا ۽ هر هنڌ ان جي چؤپچو ٿيڻ لڳي. عام ماڻهن اهڙو ڳورو نالو اڳ ڪونه ٻڌو هو، سو هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا.
    ”ميان اهو ڪلچرل شو آهي ڇا؟“
    ”ڪلچرل شو معنيٰ ثقافتي شو.“
    ”اها وري ثقافت ڇا آهي؟“
    ”پاڻ کي خبر ڪونهي، مڙئي ڪا چڱي ڳالهه هوندي.“
    ”ها هوندي ضرور چڱي ڳالهه، تڏهن پڙها ڏنا اٿن؟“
    ”ميان هن ڊي سي ته وڻ وڄائي ڇڏيا آهن.“
    ”ها يار، ههڙو ڊي سي ته تاعمر هت هجي.“
    ”ڏسو نه شهر کي ڪيڏي نه ٽاٽائي وٺائي اٿائين.“
    ان ڪلچرل شو واري ڏينهن ته ماڻهن جا ميلا مچي ويا. سڄو پنڊال ڀرجي ويو، ته به ماڻهن جي پيهه پيهان هئي. عام ماڻهن لاءِ ڪرسيون ئي ڪونه بچيون. انهن ڪرسين تي ڪامورا لائين ويٺي هئي. عام ماڻهو به پوئتي ڪونه موٽيا. پر اڀين پير بيٺا رهيا ۽ هر ڪنهن جون نظرون اسٽيج ڏانهن هيون، جنهن کي وڏو ريشمي پردو لڳل هو.
    ڪرسين کان گهڻو گهڻو پوئتي بيٺل ماڻهن مان مڪان جي اڳوڻي مجاور محمد شاه، شمشاد کي ڳائيندو ڏسي زور سان ٽهڪ ڏنو ۽ ڀرسان بيٺل ٻئي مجاور کي ٺونٺ هڻي چيائين: ”فقير، ڏسين ٿو رنگيءَ جا رنگ!“
    ”ها مرشد، ساڳي شمشاد، ساڳيو ڪلام..... پر اسان ڪهڙي غناهي ڪئي هئي؟“
    ”ميان پينو پينو کي نه سهندو، مجاور مجاور کي ڪونه. هل ته هلي ڪا ٻي ڪار ڪريون.“


    آٿت

    سارين جي منظوري وٺڻ لاءِ، چوڏهن ڪلاڪن جي ڊگهي مسافري ڪاٽي، جنهن وقت رئيس لاهور پهتو ته ان وقت شهر جون روشنيون ٻري ويون هيون ۽ چوڏس چانڊاڻ لڳي پئي هئي. مال روڊ تي ته اڃا وڌيڪ بهاري هئي. اتي وري روشنين پاڻ ۾ اک ٻوٽ راند پئي ڪئي. رئيس اهو نظارو ڏسي پوئين سيٽ تي ويٺل ڪمدار کان پڇيو: ”ڪمدار ڇا ٿو ڀائين، ڏينهن آ ڪن رات؟“ ڪمدار جا ته وائيسر ئي ڦري ويا هئا ۽ مٿو چرخ ٿي ويو هو. هن بي اختيار داد ڏيندي چيو: ”سائين ڪهڙو شبخور هن کي رات چوندو. ڪول ٿي چري ته اها به ٿي ڏيکارجي.“
    ”ڀلا هن طرف جو به ته ديدار ڪجانءِ.“ رئيس ٻئي طرف اشارو ڪيو. ڪمدار اوڏانهن نظر ڦيرائي ته جوانڙين جي ٽولن تي نظر پيس، جي هيڏانهن هوڏانهن پسار ڪري رهيون هيون ۽ هزار هزار پاور جي بلبن کي ڦڪو ڪري رهيون هيون. سندن ڊگهيون ڊگهيون ڳچيون، ڀورا ڳاڙها رنگ ۽ رنگبرنگي ڪپڙا ڏسي ڪمدار ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ چيائين: ”ابول، سونهن ته ڪا هتي آه. جهڙيون آڙيون، جهڙيون هنجران. بيشڪ جهڙو لهور ٻڌوسون، تهڙو ڏٺوسون.“
    ”ميان نيٺ ته گاديءَ جو هنڌ آ.“
    ”بيشڪ سائين، واه واه.“
    ڪمدار جي واڇ گودو ڏسي، رئيس کي ياد آيو ته ڪيئن پهريون ڪمدار اچڻ کان نابري پئي واري ۽ بهانا ڪيا ته ”سائين هي ڪم آهي، هو ڪم آهي.“ رئيس مشڪندي ڪمدار کي چيو: ”اڃا ته نه پئي آئين، مکڻ پئي مٿو ٿي سڙيئي.“
    ”سائين ڪم ڪاريون به ته آهن. مان پئي چيو ته هڪ ته ڳوٺ ۾ هجي.“
    ”ڪمدار، ڪم ڪاريون پيا ٿيندا آهن. هي به ته دنيا جو سير آ، روز روز ٿوروئي اچڻ ٿيندو. وري سانگو به ته هو نه.“
    ”هائو سائين، چڱو ٿيو جو آيس. ههڙيون حوران يا ته هتي يا وري بشت ۾ هونديون. بشت ۾ ڏسڻ آ نصيب جي بازي، هتي ته ڏٺيونسين.“
    ٽانگو پنهنجي پوري پني رفتار سان هلندو رهيو. رئيس ۽ ڪمدار هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا رهيا. نيٺ ڪمدار ڏسي ڏسي ٿڪجي پيو ته رئيس کان پڇڻ لڳو: ”سائين پورا ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن ٽانگي ۾ رلندي، اڃا ته شهر کٽي ئي ڪونه ٿو.“
    ”ڇڙن ٻن ڪلاڪن جي ٿو ڳالهه ڪرين. هتي سڄو ڏينهن ڦرندين ته به انت ڪونه لهندين، ميان ڏوڪري ڪانهي، لاهور آ لاهور.“
    ”هائو سائين، اڌ جهان آ. مون کي ته ڀؤ آهي ته سڀاڻي سارين واري صاحب جي آفيس به شل لڀي.“
    ”هون، انڌن به ملتان لڌو هو، پاڻ ته سڄا آهيون. آفيس جي ائڊريس به ته آهي پاڻ وٽ.“
    ”سائين ائين چئجانءِ، جي ائڊريس به نه هجي ها ته ڪڙمين جي به ڀيڻ خوش هئي ته اجازت ملندي ۽ ساريون ٿينديون. جيستائين اسان آفيس لهون ها، تيستائين پوکيل ٻج ئي ڳري وڃن ها.“
    رئيس ڪمدار جي ان سادگيءَ تي کلڻ لڳو. ويچاري هيڏا وڏا شهر ڪاٿي ڏٺا هئا. هو ڪمدار کي سمجهائڻ لڳو: ”ڪمدار، هرو ڀرو ائين ڪونه. ٻه ٽي ڏينهن رهندين ته پاڻهين ٺهي ويندين.“
    ”نه سائين، پاڻ کان زور آهي شهر. مان ته هڪ وک به اڪيلو ٻاهر نه نڪران.“
    ايتري ۾ ٽانگي واري بيهاري رئيس کان پڇيو: ”بڊيرا، هن هوٽل ۾ لهندؤ يا اڳتي هلان؟“
    ”ڪمدار، هن ۾ رهون يا اڳتي هلون، ڪنهن سٺي هوٽل ۾؟“ رئيس وري ڪمدار کان پڇيو.
    ڪمدار ڪنڌ ڪڍي هوٽل ڏانهن نهاريو ۽ ان جون ماڙيون ڳڻڻ لڳو. کيس دروازن تي لڳل ڳاڙهي لائيٽ به ڏاڍي وڻي. هن رئيس کي چيو: ”هن هوٽل ۾ ڪهڙي خامي آهي؟ ههڙو هوٽل ته سکر ۾ به ڪونهي.“
    ”خامي جي ڳالهه ڪونهي، پر مان پئي چيو ته ڪنهن وڏيءَ هوٽل ۾ هلون ها، هتي ته هڪ ٻئي کان اور هوٽل آهن.“
    ”نه سائين، اجايا خرچ. لهو ته هتي رهون.“
    رئيس ٽانگي واري کي ڀاڙو ڏئي هيٺ لٿو ۽ ڪمدار کان بئگ کڻائي اچي ڪائونٽر وٽ بيٺو. ڪائونٽر واري کانئس نالو پڇيو ۽ هو نالو لکائڻ لڳو.
    ”لک علي محمد خان.“
    ”ولد؟“ ڪائونٽر واري اڳتي پڇيو.
    ”رئيس حاجي مير محمد خان.“
    ”قوميت؟“
    ”سنڌي.“
    ”پاڪستاني؟“ ڪائونٽر واري ڏاڍيان چيو.
    ”ها يار، پاڪستاني.“
    ”ڪيئن آيا آهيو؟“
    ”ڪم ڪار آهي سرڪاري آفيس ۾.“
    ڪمدار جيڪو رئيس جي پويان بيٺو هو، تنهن کي جواب نه وڻيو. هن کي خيال آيو ته متان سارين وارو صاحب هن جو واقف هجي ۽ سندس سفارش سان ڪم جلد ٿي وڃي، ان ڪري هن پيرائتي ڳالهه ٻڌائيندي چيو: ”ميان زمين ڪلر ٿي وئي آهي، سو سارين جي منظوري وٺڻ آيا آهيون.“
    پر ڪائونٽر واري سندس ڳالهه ڏانهن ڪو ڌيان ڪونه ڏنو ۽ اچڻ جي سبب واري ڪالم ۾ خانگي ڪم لکي، بورڊ مان ٻه چاٻيون ڪڍي ڀرسان بيٺل ڇوڪراٽ بيري کي وزني گار ڏيندي چيائين: ”ڪمرا نمبر بائيس، تيئيس.“
    ڪمدار کي ڪائونٽر واري تي ڪاوڙ هئي جو هن کيس ڪو گوش ته ڪونه ڏنو هو ۽ نه کيس ڪو جواب ڏنو هئائين. هن ڪمري ڏانهن هلندي رئيس کي ڀڻڪو ڪيو: ”هتي ته گونگن ۾ ڦاٿا آهيون، ڪنهن ٻئي هوٽل ۾ هلون ها.“
    رئيس وارا پاڻ ڳوٺاڻين جاين تي هريل، جن جا اڱڻ ڪشادا ٿين، جتي سج پهريون ڪرڻو نڪرڻ سان اڱڻ ۾ ٺڪاءُ ڪري ۽ سمهيل کي ڏنگ هڻي. شهر ۾ ته هڪ ٻئي سان گڏيل اوچيون جايون، اونداها ڪمرا ۽ وري درن ۽ درين جي مٿان ٿلها پڙدا، جتي ڏينهن جو به بتيون ٻرن، اتي رئيس جي اک ڪيئن پئي کلي. مس مس ڏهين بجي رئيس جي اک کلي ته اها ئي اوندهه ڏٺائين. وري اکيون ٻوٽڻ جي ڪيائين پر اکيون به نه ٻوٽجن. ڀرسان سيرانديءَ وٽان واچ کڻي جو ڏٺائين ته ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ ڀر واري ڪمري ۾ وڃي ڪمدار کي زور سان سڏيائين، جنهن جي اڃا ڦوڪ پِئي پئي. رئيس جي سڏ تي ڪمدار به اکيون مهٽي ڪلمو پڙهڻ لڳو. رئيس ڪمدار کي ٽوڪيندي چيو: ”ميان! واه جو ٿو اٿارين، منجهند ڪري ڇڏيئي.“
    ”ڀوڳ نه ڪيو، اڃا ته باک به ڪونه ڦٽي آ.“
    ”چڱو در ته کولي ڏس.“
    ڪمدار در کولي ٻاهر ڏٺو ته اکين تي تروار اچي ويس. پوري ڪچڙي منجهند اچي ٿي هئي. موٽي رئيس کي چيائين: ”سائين تڪڙ ڪري تڙ ڪري وٺو ته مان ڪپڙن ۾ آڳٺ وجهان ته هلون.
    ”ميان نيرن ته ڪيون.“
    ”نيرن پيا پوءِ ڪنداسون. پهرين جنهن ڪم سان آيا آهيون، اهو ته سجايو ڪيون.“
    رئيس تڪڙ ۾ وهتو، ڪمدار کيس ڪپڙا پارايا. ٻئي ڏاڪڻ لهي روڊ تي اچي پهتا. ٻنهي فيصلو ڪيو ته ٽانگو الائي ڪيتري دير لائي، ان ڪري ٽيڪسيءَ تي هلڻ گهرجي. رئيس هڪ ٽئڪسي روڪي ۽ ڊرائيور کي ايڊريس ڪڍي سمجهايائين: ”ڌرم پور هل، اتي ريڪلميشن کاتي جي آفيس آ، اتي هلڻو آ.“
    ٽيڪسيءَ واري کي جو هي سادا سودا ماڻهو هٿ اچي ويا ته هن کين رلائي رلائي، مس ڪلاڪ کان پوءِ اچي ان آفيس اڳيان ڪڍيو ۽ کائن ڏهه روپيا ڀاڙي جا ڪڍي ورتا. ٽئڪسيءَ واري مان جند ڇڏائي رئيس آفيس ڏانهن هليو ۽ سامهون ورانڊي ۾ ويٺل پٽيوالي کان پڇيائين: ”چوڌري، ريڪلميشن کاتي جي هيءَ آفيس آ؟“
    ”آهوجي.“ پٽيوالي ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
    ”شڪر ٿي منهنجا رب.“ پويان بيٺل ڪمدار ڀڻڪو ڪيو.
    ”چوڌري اسان جي سارين جي لک پڙهه هت آيل آهي، ڪنهن سان ملون؟“
    ”چوڌري اڪرم سان.“
    ”اهو ڪاٿي ويهندو آ؟ مهرباني ڪري ساڻس هلي ملاءِ.“
    پٽيوالو ورانڊو لتاڙي هڪ ڪمري ڏانهن وٺي هليو. اتي هڪ ڪلارڪ ڏانهن اشارو ڪيائين. رئيس ان کي به ساڳي ڳالهه ڪئي ته سندس سارين جي لکپڙهه هيٺان منظوري لاءِ آيل آهي. ان ڪلارڪ کين مٿي کان پير تائين نهاري پڇيو: ”ڪهڙي ضلعي جي لکپڙه آ؟“
    ”سکر جي.“
    ”ڪهڙي موگا تي آ تنهنجي زمين؟“
    ”موگا ڇا؟“ رئيس منجهي پيو.
    ”واٽر ڪورس.“ ڪلارڪ موگا جي معنيٰ سمجهائي.
    ”ها، تيرهون – آر غرڪڻو.“
    ”اها لکپڙه اڃا ڪونه پهتي هوندي.“
    رئيس جا تاڪ لڳي ويا، پر وري کيس ياد آيو ته ان مونجهاري کان هن سکر واري آفيس مان به روانگي نمبر ورتو هو ۽ جو سندس کيسي ۾ پيو هو. هن اها نمبر واري سلپ ڪڍي ڪلارڪ کي ڏيکاري، پر ڪلارڪ ان سلپ کي به ڪونه پڙهيو. چيائين: ”جي لکپڙه آئي به هوندي ته اڄوڪي ڏينهن ڪيئن لڀندي؟“
    ”چوڌري مان به پري کان آيو آهيان، منهنجي پنڌ جو قدر ڪر.“
    ”نه ميان، اڄ ڪون لڀندي.“ ڪلارڪ کتو جواب ڏنو.
    رئيس جي هڪ دل چيو ته جيڪر هن سان مٿو هڻڻ بدران سڌو وڃي وڏي صاحب سان ملي، پر ٻيءَ دل کيس ابن ڏاڏن جي پڙهايل سبق کان ابتڙ وڃڻ تي منع ڪئي. ابن ڏاڏن جو کيس سبق پڙهايل هو ته جيئن ڏاڪڻ تي هيٺئين ڏاڪي کان چڙهبو آهي، تيئن سرڪاري ڪمن ۾ پٽيوالي ۽ ڪلارڪ کان ٿي، پوءِ مٿي هلبو آهي. وڏا صاحب به انهن ڪلارڪن جي ئي کيسن ۾ هوندا آهن، اهي ٻئي پاسا سوچي هن چيو: ”چوڌري صاحب ڀلا سڀاڻ اچان؟“
    ”ها، سڀاڻي اچ ته پوءِ ڏٺو ويندو. الائي لکپڙهه هتي هوندي يا رڪارڊ آفيس ۾.“
    رئيس آفيس مان ٻاهر نڪري ڪمدار کي چيو: ”ميان سڀاڻي آفيس کلڻ کان اڳ هتي پهچون ته ڪو ڪم ٺهي.“
    ”ڀلا ڪم ٿيندو نه سائين؟“
    ”رک خدا تي، ڇو نه ڪم ٿيندو. چوڌري چنن الدين کي به اسان جي لڳو لڳ منظوري ملي آ.“
    ”ها سائين، منظوري ضروري ملي. اسان جي زمينن ۾ وڏو خارابو آهي. سارين ۾ پاڻي جل وهندو ته پوءِ ئي اهو ڏنگ ٺرندو، ڏنگ ۾ ساري وئي، ڄڻ مهتي پيڪين وئي.“
    ”مهتيءَ وارو مثال ڪيئن ڏنئي؟“ رئيس کلڻ لڳو.
    ”سائين، مهتي پيڪين ويندي آهي ته مان لهندي آهي ۽ موٽندي آهي ته ٽپڙڻ ٽاڙين سان مڙس جو گهر ڀري ڇڏيندي آهي. تئن ڏنگ جو بابو به ساريون آهن.“
    ٻئي ڏينهن اڃا پوري آفيس به ڪونه کلي هئي ۽ پٽيوالن ڪمرا پئي ڇنڊيا جو رئيس وارا اچي پهتا. رئيس ڪلهوڪي پٽيوالي کي چيو: ”متان تو وارو چوڌري اڪرام ته اسان سان ٺهي ئي ڪونه ٿو. جي ڪم ڪرائي ڏين ته وڏي مهرباني. ڪنهن جو حق رکڻ وارا به ناهيون.“
    ”ڀلا پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهايو اٿو؟“
    ”نه اڃا ڪونه.“
    ”چڱو، اچي ته مان ٿو ڳالهايانس. ڀلا گهڻو چوانس؟“
    ”جيڪو چوندو سو ڏينداسونس، رڳو ڪم ڪري ڏي.“
    ”ٺيڪ آ، قصي کي ٺاهيون ٿا.“
    واسطيدار ڪلارڪ آيو ته پٽيوالو سندس ڪمري ۾ هليو ويو ۽ ڳپل دير کان پوءِ موٽي کين ٻڌايائين ته سندن لکپڙه رد ٿي واپس موٽي وئي.
    ”اهو وري ڪهڙو غضب؟“ رئيس گوڏن تي هٿ هنيا.
    ”توهان دير سان پهتا آهيو. لکپڙه سان گڏ اچو ها ته ائين ڇو ٿئي ها؟“
    ”ڪهڙي دير ڪئي سين چوڌري، هفتو کن ته ٿيو آ لکپڙه کي آئي!“
    ”هفتو ٿورو آ، اوهان جي پاسي جو هڪڙو چوڌري ته ڪاغذن سان گڏيو آيو هو ۽ پنهنجو ڪم ٺهرائي ويو.“
    ”چوڌري چنن الدين ته ڪونه هو، ان سان گڏ ته منهنجا ڪاغذ به هئا.“
    ”نالو ته مون کي به نٿو اچي. قد جو ڊگهو ۽ ڳاڙهي ڏاڙهي هئس.“
    ”ها ها چنن الدين، پر ان جي زمين ته مون واري واٽر تي آهي. ان کي اجازت ملي، باقي مون ڪهڙو گناه ڪيو آ؟“
    ”تنهنجي لکپڙه ۾ ضرور ڪا گهٽتائي هوندي.“
    ”نه ميان، سڀ هيٺيان ڪاغذ پورا هئا.“
    رئيس ڪمدار کي ٻاهر ڪڍي، ان نئين صورتحال بابت صلاح ثواب ڪيو. سندس زمين ڪلراٺي هئي ۽ ٻيو ڪو فصل ڪونه ٿيندو هو. اهڙين زمينن کي سڌارڻ لاءِ ئي هي کاتو کليو هو. گهڻن کي منظوري ملي هئي. چوڌري چنن الدين کي به ملي هئي. سندس لکپڙه کي رد ڪرڻ جو به ڪو سبب ڪونه هو. رئيس جون سڀ ڳالهيون هنڊائي، ڪمدار ٿڌو شوڪارو ڀري چيو: ”سڀ ڳالهيون برابر آهن، پر دير سان نه اچون ها ته ائين ڇو ٿئي ها؟“
    ”ڪمدار، ڪهڙي دير ڪئي سين. لکپڙه کي اتان هلئي اٺ ڏينهن ٿيا آهن. ٽي چار ڏينهن ته دڳ ۾ کاڌا هوندائين. باقي بچيا ڏينهن چار سو هن آفيس جا منشي اهڙا حلالي ٿي ويا جو چئن ڏينهن ۾ ئي لکپڙه ٺاهي صاحب ڏي موڪليائون. پورو مهينو ته ڇڙو نمبر هڻڻ ۾ وٺندا آهن.“
    ”پوءِ ڪهڙو نونڌ ٿيو؟“
    ”نونڌ ته ٿيو آ نه، لکپڙهه ويرين جي ور چڙهي وئي.“
    ”ڪهڙا ويري آهن پنهنجا؟“
    ”اهو ظاهر ۾ ملان اندر ۾ ابليس، چوڌري چنن الدين. پنهنجي لکپڙه ڪرايون اسان جي کي لت هڻايون ويو.“
    ”ڇو.......؟“
    ”اسان واري پيچ تي آ نه. جي اسان کي منظوري ملي ها ته پنهنجيون ساريون ڪاڏهون پچائي ها. پيچ جي ڳن ۾ ته اسان آهيون نه.“
    ”هاڻي اسان جو پاڻي وهندو جو بابهنس جي بادشاهي آ. پنهنجو وارو وهي.“
    ”نه ته تون ڇا ڪندين. پاڻيءَ کي ڳنڍ ٻڌي گهر رکندين ڇا. پاڻي واندو هوندو ته پيو وهندو. اسان کي منظوري ملي ها ته اهڙا عدل ڪٿون ڪري ها.“
    ”ها سائين، هڪي ڀيري، اسان جي هاريءَ ڪرمونءَ کي به چيو هئائين ته: ڇو ٿو ڪيڻون وهائي ڏاند مارين؟ اجازت به مليو الائي نه.“
    ”مان ته هيٺين سکر واري آفيس ۾ به اها لڙي وائڙي خبر ٻڌي هئي ته چوڌريءَ جي مرضي آهي ته منهنجي لکپڙه رد ٿئي، پر مان اها خبر هڪ ڪن سان ٻڌي، ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي هئي. مان سوچيو هو ته اجايو ٿا منشي پاڻ ۾ ويڙهائين.“
    ”سائين خارزي آهي.“
    ”پوءِ هاڻي ڇا ڪيون؟“
    ”سائين، هنن هيٺين مان ته ڪا گذار ڪونه ٿيندي. تون وڏي صاحب سان ته ملي ڏس، آخر تون به چوٿون پائو آهين، پنهنجي تعلقي جو.“
    ”اهو به هيٺين جي هٿ هوندو. جيئن چوندا، تيئن ڪندو.“
    ”تون ملينس ته مولا جو نالو سنڀالي، کڻي کڻي عمر به مارئي نيندو، ٿر ته ڪونه ڀيليندو.“
    ”ها، اها ڳالهه ته برابر ٿو چئين، پر چوڌري چنن به ته مفت ۾ ڪم ڪونه ڪڍي ويو هوندو، هن به ضرور سڻڀي هڏي اڇلي هوندي.“
    ”ها سائين، پر ته به ملڻو ضرور آ، پوءِ نه ته اهڙا ته هونداسين.“
    رئيس موٽي اچي پٽيوالي کي چٽيءَ تي نالو لکي ڏنو. کيس ٻه ٽي روپيا به ڏنائين ۽ ڏاڙهيءَ ۾ هٿ به وڌائين ته کين جلد ملاءِ. پٽيوالو چٺي کڻي اندر ويو ۽ ٿوري دير ۾ کيس اندر وڃڻ جو اشارو ڪيائين. رئيس اندر ويو ته سامهون هڪ ڪرڙوڍ آفيسر ويٺو هو. رئيس ٿورو جهڪي کيس سلام ڪيو. آفيسر سلام جو جواب ڏئي کانئس اچڻ جو سبب پڇيو. رئيس کيس سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي ته سندس زمين سکر ضلعي ۾ غرڪڻي واه تي آهي. اها ڪلر ٿي وئي آهي، ان ۾ ڪا خسڪ آبادي نٿي ٿئي. سندس گذارش آهي ته کيس سارين جي منظوري ملي.“
    ”هيٺيان ڪاغذ آيا آهن؟“ صاحب پڇيو.
    ”ها سائين.“
    ”انجنيئر سفارش ڪئي آ؟“
    ”ها سائين.“
    ”چڱون تون ٻاهر هلي ويهه ته مان لکپڙه گهرايان.“
    ”مهرباني سائين جن جي.“ رئيس سلام ڪري ٻاهر نڪتو.
    ان وچ ۾ صاحب گهنٽي هنئي. پٽيوالو اندر ويو. اتان موٽي واسطيدار ڪلارڪ وٽ ويو ۽ ان کي ڪاغذن سوڌو وٺي آيو. ڳپل دير صاحب ڪاغذ پڙهيا ۽ پوءِ رئيس کي گهرائي چيائين: ”بڊيرا، تنهنجا ڪاغذ پورا ڪونه هئا، سو واپس سکر ويا آهن.“
    ”پر صاحب، اڄ رونبي جي ڇتي مند آ، اهي ڪاغذ ڪڏهن موٽندا جو اجازت ملندي؟“
    ”هن سال ته مشڪل آ.“
    ”صاحب، چوڌري چنن الدين به مون سان گڏ ڪاغذ ٺهرايا هئا. ان جي زمين به مون واري واٽر تي آهي. ان کي اجازت ملي، باقي مان ڪهڙو گناه ڪيو؟“
    اتي صاحب کي ٿورو چڙ آئي ۽ منهن ۾ گهنڊ وجهي چيائين: ”هن جا ڪاغذ پورا هوندا، تنهنجا ڪونهن.“
    ”پر صاحب، مان سارين جي آسري ۾ ڪيڻون ڪهرايون اٿم، ٻج پوکرايا آهن، ائين ڪيئن ٿا ڪيو.“
    ”مان توکي ٻج پوکڻ لاءِ چيو هو؟“ صاحب ٿورو شوطائيءَ سان پڇيو.
    ”اوهان ته ڪونه، پر اوهان جي سکر واري زيردست ته چيو هو.“
    ”اهو وڃي ان سان ڄاڻ، کيس وڃي ڦاهو ڏي.“
    ”صاحب، اوهان منهنجي پنڌ جو ته قدر ڪيو. پورا ڇهه سؤ ميل لتاڙي اوهان وٽ آيو آهيان.“ رئيس نيازيءَ مان چيو.
    ”هن سال ڪونه ٿي سگهندو.“ صاحب جو اهو ئي کتو جواب.
    ”صاحب، مون سان جيڪو غضب ٿيو آ سو خدا کي نه وڻندو.“
    ”چڱو ٻاهر هل.“ صاحب ڏاڍيان چيو. کيس ڄڻ ته گوگائي مرچ پئجي ويا.
    ”مان ته صاحب هلان ٿو، پر مان مٿي پوڪاريندس. هروڀرو اوهان جي بادشاهي ڪانهي.“
    ”نه ته بابهين جي بادشاهي آهي. نڪر ٻاهر، پٽيوالا.......“ صاحب پٽيوالي کي سڏ ڪيو.
    ”صاحب گاريون ته نه ڏيو. ڀلي منظوري نه ڏيو پر ڏکويو ته نه.“
    ”نڪر ٻاهر، مون کي دڙڪا ٿو ڏئين؟“
    رئيس سمجهي ويو ته ڪو کڙتيل ڪونه نڪرڻو هو. رهندو وڌيڪ ترسڻ سان پٽڪي لهڻ جو امڪان هو. هو ٻاهر نڪتو. پويان کيس صاحب جو لڙ ٻڌڻ ۾ آيو، جو هينئر کيس ڪچيون گاريون ڏئي رهيو هو. رئيس کي اڳي خار هئي، رهندو گاريون ٻڌي سندس رت ٽهڪڻ لڳو. رئيس واپس موٽي صاحب سان تڏي تي پلؤ ڪرڻ ۾ هو جو ڪمدار کيس ٻانهن کان گهليون ٻاهر وٺي ويو ۽ کيس ٺارڻ لاءِ چيائين: ”سائين، سارين جي منظوري نه ملي ته ڪهڙي ڳالهه، سائون پوکينداسين. اهو به ڏنگ ٺاريندو آ.“
    ”ڪمدار، زمين پئي پاڻهي ٺرندي. مون کي ڇڙو اندر ٺارڻ ڏي. هنن پنجابين کي گهڻيون مذاقون ڦٻيون آهن. رهندو هيءَ ڦٻين ته آڪرا ٿي ويندا. هنن کي خبر ته پوي ته سنڌي به پنهنجي نالي سان آهن.“
    ”سائين، وقت وقت جو لحاظ رکبو هو. هي وقت ڪونهي.“
    هوٽل ۾ پهچي رئيس هنڌ تي ليٽي پيو ۽ سوچڻ لڳو. هن کي پهريون پنهنجيون زمينون ياد آيون، جي ڪلر ڪري اڇا اڇا دڙڳ ڪري ويون هيون ۽ جن ۾ پوک جو تيلو ئي ڪونه ٿيندو هو. وري کيس ڪڙمي ڪاري ياد آيا، جن چيو هو ته ساريون ٿين ته زمينون ٺرن. وري کيس پنهنجي ڀڄ ڊڪ ياد ائي، جا هن ان لکپڙه لاءِ ڪئي هئي. پهريون انجنيئر وٽ ويو هو. ان کي سرزمين ڏيکاري هئائين. وري ايس – اي وٽ ويو هو. ان کان ڪاغذ مٿي ڪڍرايا هئائين. وري ايل – آر – او وٽ ويو هو. اتي به ساڳي گيهه ٿي هئي ۽ پوءِ مس مس کيس آسرو ٿيو هو. وري کيس سارين جا ٻج ياد آيا، جي هن منظوريءَ جي آسري ۾ پوکايا هئا ۽ رونبي لاءِ تيار بيٺا هئا. وري کيس چوڏهن ڪلاڪن جي ڊگهي مسافري ياد آئي، جا هن گرم ڏينهن ۾ ڪئي هئي. وري کيس لاهور جي آفيس ۾ رلڻ ياد آيو، جتي هڪ ڏينهن به ويو هو ته ٻئي ڏينهن به ويو هو. وري کيس چوڌري چنن الدين ياد آيو، جيڪو پنهنجي لکپڙهه منظور ڪرايون، هن جي رد ڪرايون ويو هو. وري کيس چوڌري اڪرام ڪلارڪ ياد آيو، جنهن کيس تريون ئي ٽي هنيون هيون. وري کيس وڏو چوڌري صاحب ياد آيو، جو سڀني جو گرو هو، جنهن هن جي تڪليفن، پنڌن، ايلازن ۽ منٿن کي به وزن ۾ ڪونه آندو هو. کيس ڪجهه ڏنو ته ڪونه هئائين، رهندو ڏکويو هئائين. وري کيس چوڌريءَ وڏي جون ڏنل ڪچيون گاريون ياد آيون، جي هن پنهنجي ڪنن سان ٻڌيون هيون ۽ جن سندس اندر ساڙي ڇڏيو هو. هو سوچڻ لڳو ته هو ڇا ڪري؟ ڪنهن کي دانهن ڏئي، ڪنهن کان داد گهري؟ هو وقت جو ته حاڪم به ڪونه هو، جو انهن سڀني کي ديس نيڪالي ڏئي، جن کيس ايذايو هو. هن جي ته ڪو ٻڌڻ وارو به ڪونه هو. مار ڪرڻ وارو ڪو هتي ڪونه هو. سڀ ڌاڙ ڪرڻ وارا هئا. رئيس جي خار ۽ بيوسيءَ ۾ لونءِ لونءِ ڪانڊارجي ويا. سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن جون لوندڙيون ٺڪاءَ ڇڏڻ لڳيون. هو سوچيندو رهيو، سوچيندو رهيو.
    ؟؟ رئيس جي نرڙ تان فڪرن جا گهنج لهي ويا. هو ٿورو مشڪيو ۽ اتي گهنٽيءَ جو بٽڻ دٻايائين. بيرو آيو ته کانئس مشڪندي پڇيائين: ”هن هوٽل ۾ دل وندرائڻ جو به ڪو انتظام آهي يا ائين ڇڙو؟“
    ”بادشاهو، حڪم جي دير آ. مان ته ڪلهه به اوهان جي حڪم جو پئي انتظار ڪيو.“
    ”جنهن وقت بک لڳندي، تنهن وقت ئي گهربو آهي.“ بيرو جنهن جو گذران ئي ان ڳالهه تي هو، تنهن جو پنهنجي مطلب جو گراهڪ ڏٺو، سو ٽڙي پيو. طوطي وانگر ٻوليندي چيائين: ”ڪير هجي، بنگالڻ، ڪرسچن يا پنجابڻ؟“
    ”بنگالڻ گهرجي ها ته بنگال وڃان ها. ڪاريون ڪرسچن ته پاڻ کي وڻن ڪونه، پنجابڻ گهرجي.“
    پوءِ يارهين بجي بيرو هڪ پنجابڻ کي وٺي آيو. ڪونج جهڙي ڳچي، پٿر جهڙو سوٽ جسم، ڀورو ڳاڙهو رنگ، جهڙي آڙي، جهڙي هنجر. رئيس بيري سان ڳالهين ۾ ٺهي در بند ڪيو ۽ ڏانهس ائين تڪڻ لڳو، جيئن چيتو هرڻيءَ کي تڪيندو آهي. تڪي تڪي، کيس ٻک هڻي ائين ٻانهن ۾ وڪوڙيائين، جيئن ڪوڙيل بلا پنهنجي شڪار کي ويڙهيندي آهي.
    رئيس سڄي رات کيس اک ڇنڀڻ به ڪونه ڏني. باک مهل هوءَ ٿيڙ کائيندي موٽي وئي ته رئيس جو اندر به ٺري پيو هو ته زمينون به ٺري پيون هيون.


    ڪرنٽ

    مان هن سان ڪاوڙجي اچي ڊرائنگ ۾ ديوان تي سمهيو آهيان. منهنجو سمورو جسم اگهاڙو آهي، پر اهو هن وره پاري ۾ به کوري جيان پيو ٻري ۽ سموري جان مان پگهر پيو ٽمي. هنن وڏين فرانسيسي درين مان ايندڙ ٿڌي هوا جا جهوٽا به منهنجي جان کي ڪونه ٿا ٺارين، پر رهندو اندر جي باه کي پيا ڀڙڪائن. ههڙيون ٿڌيون راتيون ديوان تي اڪيلي سمهڻ لاءِ ڪونه آهن. ههڙين راتين ۾ ته ڪو وڪٽورين ٽائيپ ڊبل بيڊ هجي، جنهن ۾ ٻه جوان گرم جسم هجن ۽ جن جون دليون هڪ سر هڪ تال ۾ پيون ڌڙڪن. منهنجي ڪمري ۾ اهڙو وڪٽورين بيڊ به آهي ۽ ان ۾ هڪ جوان جسم به آهي، پر مان هن سان ڪاوڙجي اچي ديوان تي سمهيو آهيان.
    مان هن جي اگهاڙين پيرن اچڻ جو آواز ٿو ٻڌان. هوءَ مون کي پرچائڻ پئي اچي. مان ڏانهنس ڪونه ٿو نهاريان، ائين ئي ٻانهن ۾ منهن لڪايو پيو آهيان. هوءَ ديوان جي ويجهو اچي هٿ سان منهنجي اگهاڙي پٺيءَ کي ڇهي ٿي. مان سندس هٿ خار ۾ پري ٿو سٽيان. هوءَ مون کي وري ٻانهن کان وٺي چوي ٿي: ”اٿي اندر هلي سمهو.“
    ”ڪائي ضرورت ڪونهي، مان هتي چڱو هان.“
    ”هتي ڏاڍي ٿڌ آ.“
    ”توسان گڏ وري ڪهڙي گرمي آ؟ اتي به ته ساڳي ٿڌ آ.“
    هوءَ ڪو جواب ڪونه ٿي ڏئي. مان وري خار ۾ کيس چوان ٿو: ”تو مون کي سک ڪهڙو ڏنو آ، جو اندر هلي سمهان.“
    ”اٿو اندر ته هلو.“
    ”ساڳيو شرط آ.“
    ”ڪهڙو؟“
    ”بتي ٻرندي ۽ تنهنجي بت تي ليڙ به ڪونه هوندي.“
    ”مون کان اهڙي بيحيائي ڪون پڄندي.“
    ”پوءِ مون ڏي آئينءَ ڇو، جي اها قبول نه هئيءِ؟“
    ”شرم حيا به ڪا شيءِ آ آخر.“
    ”ڪنهن سان شرم ۽ ڪنهن سان حياءُ؟ مان تنهنجو هسبنڊ آهيان مئڊم.“
    ”مان به توهان جي وائيف آهيان، مون کي به وائيف ڪري سمجهو.“
    ”نه ته مان توکي ڇا ٿو سمجهان؟“
    هوءَ چپ.
    ”ٻڌاءِ نه؟“ مان وري کائنس ٿو پڇان.
    ”توهان چاهيو ٿا ته مان توهان سان ڪيپ جيان ٽپان ڪڏان، اهو مون کان ڪونه ٿيندو، ڀلي پيا ڪاوڙجو.“
    ”مئڊم، توکي اها خبر آهي ته ماڻهو وائيف هوندي ڪيپ ڇو رکندا آهن“
    ”مون کي ڪهڙي خبر.“
    ”مان توکي ٻڌايان، ٻڌندينءِ؟“
    ”ٻڌايو.“
    ”جڏهن اهي تو جهڙين بيگمات جي پڙ پئجي ويندا آهن، جي حقيقت ۾ عورتون نه هونديون آهن.“
    ”چئبو ته مان به عورت ناهيان.“
    ”نه تون به عورت ناهين.“
    ”پوءِ ڇاهيان؟“ هوءَ خار مان پڇي ٿي.
    ”تون فلڪو جو فرج آهين، ٻاهران سهڻي اندران يخ.“
    مان سندس موٽڻ جو آواز ٿو ٻڌام. هوءَ خار ۾ پير سٽيندي ٿي وڃي.
    منهنجي وائيف جي تند تند، نس نس پيار سان واندڪائي ۾ ٺهيل آهي. هن جو جسم وينس جي بت جيان هر لحاظ کان مڪمل آهي ۽ ان ۾ ڪٿي به فالتو ماس ڪونهي. سندس وهسڪي جهڙي سونهري چمڙي، ساتن جهڙي ترڪڻي آهي. سندس ڄنگهون شئمپن باٽل جهڙيون متناسب آهن ۽ سندن ڇاتيون فرانسيسي ڪانچ جا ٻه شفاف گول شئمپن پيگ آهن. سندس اکيون سدائين خماريل هونديون آهن ۽ سندس چپن مان مون کي وائين جو مزو ايندو آهي. مون کي ساڻس شادي ڪئي ٻارهن مهينا ٿيا آهن، پر هر ڀيري مون کي هوءَ هماليه جبل جي ڪا اڻ سر ٿيل چوٽي لڳندي آهي. مون پهريون ڀيرو کيس ميلاد جي فنڪشن ۾ ڏٺو هو، جيڪو ممي نئين گهر جي خوشيءَ ۾ ۽ پاڙي وارن لاءِ ڪيو هو، ته مون جيڪو اٺ سال عرصو يورپ ۾ گذاريو هو، سو محض ڌوڙ پاتي هيم. مان کيس حاصل ڪرڻ لاءَ پنهنجي پئرنٽس سان رسيو هوس. کين ايلاز ڪيا هيم ۽ واپس يورپ وڃڻ جا دڙڪا ڏنا هئم. ممي مون کي ٻه ٽي ڀيرا سمجهايو هو ته اها فئملي لوئر مڊل ڪلاس جي هئي ۽ ان جو ساڻن ڳنڍجڻ تمام مشڪل هو. مميءَ مون کي آفر ڪيو هو ته مان پنهنجي ڪزن شازيءَ کي پروپوز ڪيان، جا ڪانوينٽ ۾ پڙهي هئي ۽ هر لحاظ کان ڪلچرڊ هئي. مون مميءَ کي صاف ٻڌايو هو ته جي منهنجي شادي ٿيندي ته ان سان، نه ته بنهه ڪونه. مميءَ مون کي خار ۾ چيو هو: ”واءِ ڊونٽ يو انڊر اسٽئنڊ. هوءَ تمام آرٿوڊڪس فئملي جي آهي ۽ سندس فادر باءِ فيس ۽ باءِ نيچر مولانا ٽائيپ آهي. هو اسان سان رشتو ڳنڍڻ نه چاهيندو.“
    ”ممي تون ٽراءِ ته ڪر، آخر هن کي ڪهڙو آبجيڪشن ٿي سگهي ٿو؟ آخر اسان به ته مسلمس آهيون.“
    ”ڊونٽ بي سلي پپو، تو هن جي فادر کي نه ڏٺو آ.“
    ”هو اسان سان مڪس – اپ ٿيڻ نه چاهي ها ته پنهنجي فئملي اسان جي گهر ڇو موڪلي ها؟“
    ”فئملي موڪلڻ ۾ ڇا آهي؟ آخر ته نيٺ اسان جو پاڙيسري آهي.“
    ”ڀلا ٽراءِ ڪرڻ ۾ ڇاهي، واٽ از دي هارم؟“
    ”انڪار جو ڪن ته ڪهڙو سمال فيل ڪنداسين؟“
    ”انڪار نه ڪندا، آءِ ول آل سو ٽراءِ آن ماءِ سائيڊ.“
    ”پر ڇوڪريءَ جي نالي جي خبر اٿئي؟“
    ”نو آءِ ڊونٽ.“
    ”خديجا، واٽ اي فني نيم.“
    ”ان نالي ۾ ڇاهي. آءِ لائيڪ دي نيم. اڄڪلهه ته اهڙن نالن جو فيشن آ.“
    ”پر تون ان نالي مان ٿو سمجهين ته هو ڪهڙا نه رليجس مائينڊيڊ آهن. جڏهن ته تون هڪ دفعو به پريئر آفر نه ڪندو آهين.“
    ”ڇو ممي، مان هن عيد تي آفر نه ڪئي هئي.“
    ”ونس ان اي ييئر ۾ ڇا ٿو ٿئي. اها فئملي ته پنج ئي وقت پڙهندي آهي.“
    ”مان به پنج ئي وقت پڙهندس.“
    ممي منهنجو ضد ڏسي هنن جي گهر وئي هئي ۽ خديجا جي مڌر کي چيو هئائين ته مان اٺ سال يورپ ۾ رهڻ جي باوجود مذهبي خيالن جو آهيان ۽ پنهنجي مائٽن ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ سهڻين ڇوڪرين هوندي به خديجا کي پسند ڪيو آهي. هنن سوچ ويچار لاءِ ٿورو وقت گهريو هو، پر نيٺ ڳالهه پڪي ڪئي هئائون. هن جي فادر ان لا ٻٽي ڪڙا شرط به وڌا هئا ته شادي بلڪل اسلامڪ طريقي سان ٿيندي. شادي ۾ ڪو ڊانس ۽ ميوزڪ ڪنسرٽ نه ٿيندو ۽ ڇوڪري نڪاح وقت اسٽيج تي ڪونه ايندي. اسان اهي سڀ شرط خوشيءَ سان قبول ڪيا هئا. اسان جي نيٺ شادي ٿي وئي. سهاڳ رات هوءَ ويڊنگ ڪاسٽيوم ۾ بلڪل هڪ ايسٽرن پرنسيز پئي لڳي. مون سندس گهونگهٽ کوليو هو ته هوءَ شرم کان بلڪل بلڊ ريڊ ٿي وئي هئي. مان کيس پاڻ سان فري ڪرڻ لاءِ اهي سڀ تڪليفون ٻڌايون هيون، جي مون کيس حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيون هيون. مون کيس اهو ٻڌايو هو ته سندس فادر جي ڪانفيڊنس گين ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي ”جمعا“ ساڳيءَ مسجد ۾ پريئرز آفر ڪيون هيون ۽ هر ڀيري ڪوشش ڪئي هيم ته هن جي ليفٽ يا رائيٽ تي بيهان، جيئن مون کي سڃاڻندو رهي. ان ڳالهه ٻڌڻ تي هوءَ ٿورو ٿورو مشڪي هئي ته مون سندس هٿ کي چمندي چيو هو:
    ”ڊارلنگ آءِ لو يو فرام دي ويري ڊي آءِ سا يو.“
    هن شرم کان منهن وري گوڏي ۾ لڪايو هو ته مان سندس اڃا به ويجهو ٿي کيس ڀاڪر ۾ وڌو هو ۽ کيس پهرين ڪس ڪئي هيم. ان کان پوءِ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي هئم ته مون کي تيستائين ڪجهه نصيب نه ٿيو هو، جيستائين مون ڪمري جون سڀ بتيون، باٿ روم جي لائٽ ۽ درين جا پردا لاهي بلڪل اونداه نه ڪئي هئي. مون سمجهيو هو ته اهو سمورو منهنجي وائف جو پهريون روايتي شرم هو. پر مهينا گذرڻ کان پوءِ به اها ساڳي ڳالهه هئي ته مون کي عجب ٿيو هو. يورپ ۾ ۽ پنهنجي ڪنٽري ۾ منهنجا جيڪي افيئرس ٿيا هئا، انهن ۾ اها ساڳي ڳالهه ڪڏهن ڪونه ٿي هئي. انهن افيئرس ۾ اهي ڇوڪريون باقاعدي روشني ۾ پنهنجي نمائش ڪنديون هيون ۽ ان لائيف ۾ پرفيڪٽ لطف ايندو هو. مان پنهنجي وائيف کي ٻٽي ڀيرا سمجهايو به هو ۽ کيس ٻڌايو هو ته ان ۾ ڪو لطف ڪونه هو، پر هوءَ هر ڀيري چوندي هئي: ”نه اهو گناه آهي، مرد نه ڏسي.“
    ”ڪيئن گناه آ، ڪٿي پڙهيو اٿئي؟“
    ”بهشتي زيور ۾.“
    ”واٽ نان سينس.“
    ڪڏهن ڪڏهن مان ضد ڪري سندس وينس جهڙو مڪمل جسم ڏسڻ لاءِ بيڊ ليمپ ٻاريندو هوس ته هوءَ هڪدم بيڊ ڪور سان لڪائي ڇڏيندي هئي – مون کي پنهنجي مميءَ جو چيو ياد ايندو هو ته هوءَ بلڪل رليجس مائينڊيڊ آهي ۽ اها ڳالهه ٽيريبل حد تائين برابر هئي. مون سندس خيالن ۾ چينج آڻڻ لاءِ کيس سيڪس تي ڪتاب به پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا، پر مون ڏٺو هو ته انهن ڪتابن به رتيءَ جيترو فائدو ڪونه ڪيو هو. ڏينهن جو ته ان پاسي ڪو خيال ڪرڻ به گناه هو، پر رات جو اها گهڙي ايندي هئي ته هوءَ پئي نٽائيندي هئي ۽ چوندي هئي: ”توهان منهنجون نمازون ٿا وڃايو.“
    ”پوءِ ڇاهي ڊارلنگ، تون اسر سان شاور ڪندي ڪر.“
    ”روز شاور ڪندي به شرم ٿو اچي. ممي ڇا چوندي.“
    ”واٽ نان سينس.“ مون کي خار ايندا هئا.
    مان چڙي، منهن سڄائي وهندو هوس ته هوءَ وري مون کي اچي پرچائيندي هئي. مان هڪدم پرچي کيس پاڻ ڏي ڇڪيندو هوس ته هوءَ چوندي هئي: ”توهان کي هڪ نه ٻئي ڏينهن ان ڳالهه ۾ ڪهڙو ٿو مزو اچي؟“
    ”ڊارلنگ، لائف ۾ ڪهڙو مزو آ باقي.“
    ”مون کي ته روز روز ڪونه ٿو وڻي.“
    مان وري منهن سڄائي پٺي ڏئي سمهندو هوس ته هوءَ لاچار ٿي چوندي هئي: ”چڱو هڪ شرط تي، سڀ لائيٽ آف ڪريو.“
    مان هڪدم سندس ان حڪم جي تعميل ڪري ان اونداه ۾ سندس شرٽ جي زپ ۾ هٿ وجهندو هوس ته هوءَ کلي چوندي: ”اونهون، اها نه لهندي.“
    شادي کان پوءِ انهن ٻارهن مهينن جي عرصي ۾، انهن راتين ۾، جي لائيٽ آف ٿيڻ ۽ پردن ٺيڪ ڪرڻ سبب، گهگهه اونداهيون ٿي وينديون هيون، مان سندس ريشم جهڙي کل محسوس ڪئي هئي، سندس سوٽ جسم محسوس ڪيو هئم، سندس شئمپن جي باٽل جهڙين سهڻين ڄنگهن کي ڇهيو هوم، پر مون هڪ ڀيرو به جسم کي ڍو سان ڪونه ڏٺو هو. انهن ٻارهن مهينن جي سيڪس لائيف ۾ مون محسوس ڪيو هو ته هن کان وڌيڪ سرور مون کي ان نيگرو ڇوڪري ۾ آيو هو، جيڪا ويٽ سڪسٽي نائن جي بوتل جيان ڪاري ۽ بي ڊولي هئي، جنهن جا چپ هيبتناڪ حد تائين ٿلها هئا، جنهن جون ناسون تمام وڏيون هيون، پر جيڪا مون کي ڄور جيان چنبڙي پئي هئي ۽ منهنجي سڄي بدن کي پيار مان ڪتي جيان چٽيو هئائين.
    مان ديوان تي پاسو ورائي سڌو ٿي ٿو سمهان. منهنجا ڪن سندس اچڻ جو آواز ٻڌڻ لاءِ آتا آهن. مان ڪافي دير سندس اچڻ جو انتظار ٿيو ڪيان، پر هن جي اچڻ جو ڪوبه کڙڪو نٿو ٻڌان. سندس انتظار ڪري مان ڪڪ ٿو ٿيان ته پوءِ مان ئي اٿي بيڊ روم ۾ ٿو وڃان. هوءَ ڊبل بيڊ تي ليٽي پئي آهي. مان کيس پرچائڻ لاءِ سندس ڳلن کي چمان ٿو ته مون کي اتي آلاڻ ٿي محسوس ٿئي. هوءَ سڏڪن ۾ ٿي پئجي وڃي. مان کيس ڀاڪر وجهي پرچايان ٿو ۽ کيس چوان ٿو: ”ڊارلنگ! مون کي معاف ڪر.“
    هوءَ اڃا زور سان ٿي سڏڪا ڀري.
    ”ڊارلنگ، هاڻي ڇڏ به روئڻ.“ مون سندس هٿڙن کي چمي ڏني. سندس پير ٿو چمان ته هوءَ مون کي ٻانهن کان پڪڙي ٿي ۽ چوي ٿي: ”منهنجي پيرن کي نه چمندا ڪريو، مون کي گنهگار ٿا ڪريو.“
    ”ڪهڙو گناه آ ڊارلنگ؟“
    ”بس گناه آ توهان جي لاءِ.“
    ”جي اهو گناه آ ته جيڪر روز پيو ڪيان.“ هوءَ مشڪي ٿي.
    مان پلنگ تي ويهي سندس ڳچيءَ کي ٿو چمان ۽ کانئس پڇان ٿو: ”تون مون سان ناراض آهين ڊارلنگ؟“
    هوءَ ڪنڌ لوڏي ٿي.
    ”ان ٿوريءَ ڳالهه تي؟“
    ”اها ڳالهه ٿوري ڪانهي. توهان مون کي صفا ليڪي مان ٿا ڪڍڻ گهرو، سو مون کان ڪونه پڄندو، کڻي ڀلي روز ڪاوڙجو.“
    ”ڊارلنگ، باقي شادي ڇو ڪبي آ؟“
    ”شادي ان لاءِ ته هروڀرو.......“
    ”نه ته ڇا لاءِ، ڇا پڙهيو اٿئي پنهنجي بهشتي زيور ۾؟“ هوءَ چپ.
    ”ٻڌاءِ، جواب ڏي نه!“
    ”اولاد لاءِ جيئن نسل وڌي.“
    سندس جواب ٻڌي اوچتو مون کي ڪو خيال ٿو اچي وڃي. مان کانئس ٺهه پهه ٿو پڇان: ”پوءِ ڪٿي آ پاڻ کي اولاد؟ ٻارهن مهينا ٿي ويا آهن.“
    ”نيٺ ته ٿيندو.“
    ”اهي افعال آهن ته ڌوڙ ٿيندو.“
    ”خير ته گهرو.“
    ”خير ڇا گهران، ڳالهه صاف لڳي پيئي آهي. سيڪس تي جيڪي ڪتاب لکيل آهن، سي ڪوڙا ته ڪونهن.“
    ”پر ان ڳالهه جو بتين ٻارڻ ۽ ٻين بيحيائين سان ڪهڙو واسطو آهي؟“
    ”گهڻو ئي واسطو آهي. تون ڪتاب پڙهين ته سمجهين. تنهنجو ته وس پڄي ته جيڪر مون سان ساڳي ڪمري ۾ گڏ به نه سمهين.“
    ”نه نه مون کي اوهان جي ڳالهين تي اعتبار ڪونه ٿو اچي. اوهان چرچا ٿا ڪريو.“
    ”چڱو جي تون اهي چرچا ٿي سمجهين ته آئينده توکي زور نه ڀريندس. جيئن تنهنجي مرضي آهي، تيئن پيو ٿيندو. ممي کي به چوندس ته ٻٽي سال گرئنڊ سن جو آسرو ڇڏي ڏي.“
    ”ممي پڇي پئي ڇا؟“
    ”نه ته وري، هن جون اکيون سدائين تنهنجي پيٽ ڏانهن هونديون آهن. هر مهيني پڇندي آ: ”پپو! ننڍڙو مهمان ڪڏهن ٿو اچي؟“ - ڪلهه ته مون کي چيائين ته: ”تنهنجو علاج ڪرايان ته پوءِ من ٻار ٿئي.“ مان کيس ڇا ٻڌايان؟ مون ته کڻي چپ ڪئي.“
    ”ڪوڙ نسورو ڪوڙ.“
    مان رسي ڀت ڏي منهن ٿو ڪيان. هوءَ مون کي پرچائڻ جي ڪوشس نٿي ڪري، شايد هوءَ ڪنهن سوچ ۾ آهي. مان سندس پرچائڻ جو انتظار ڪندي ڪندي اکيون ٿو ٻوٽيان ۽ مون کي ننڊ ٿي کڻي وڃي.
    اوچتو ڪنهن پياري پياري ڇهاءُ تي منهنجي ننڊ ٽٽي ٿي وڃي. منهنجيون اکيون کلن ٿيون. ڪمري جون چارئي وال لائيٽس وچين شئڊليئر سوڌو روشن آهن. هوءَ وينس جي بت جيان صفا نيوڊ آهي ۽ مون کي ڄور جيان چنبڙي پيئي آهي.


    اٽالو پڊنگ

    هوءَ اوچتو ڪچن مان نڪري اچي منهنجي سامهون بيهي ٿي. مان ڏانهس نهاريان ٿو. هن جو منهن اداس اداس آهي. هن جا چپ مرڪڻ بجاءِ ڀيڪوڙيل آهن. هينئر سندس هيٺيون چپ وري ڦرڪڻ ٿو شروع ڪري. جنهن وقت سندس هيٺيون چپ ڦڙڪندو آهي ته هوءَ ان وقت روئڻ شروع ڪندي آهي. مان سندس اکين ۾ ٿو نهاريان، جن جي ڪنڊن مان هينئر رم جهم شروع ٿيڻ تي آهي. مان پيار مان کيس ڳڙاٽڙي پائي پرچائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان، پر هوءَ منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀرڻ بجاءِ منهنجي وڌايل هٿ کي پري ٿي ڪري ڇڏي. مان کانئس پڇان ٿو: ”وري ڇاتي ڊارلنگ!“
    ”تو مون کي سک ڪهڙا ڏنا آهن؟“ ٻرندڙ جبل ڦاٽ ٿو کائي.
    ”مان توکي ڏک ڪهڙا ڏنا آهن؟“
    ”هي ڏک ناهي ته وري ڪو سک آهي؟ ناشتو ٿي پچايان ته وري لنچ، لنچ ٿي پچايان ته وري ڊنر. سڄو ڏينهن رڌ – پچاءُ!“
    مان چپ، کيس ڇا ياد ڏياريان.
    ”روز ديڳڙا لاهيندي هٿ ٿا سڙن. ان ڏينهن ته منهنجي رئي کي به باه لڳي هئي.
    ”او ڊارلنگ، اهي نائلون جا ته روا نه پائيندي ڪر.“
    ”گهر ۾ ٻيا ڪهڙا پايان؟“
    مان ڇا چوان.
    ”منهنجي شڪل ڏسين ٿو، روز باه تي ڪاراٽبي ٿي وڃي!“
    ”نه ڊارلنگ، تون ته روز اڳري کان اڳري ٿيندي ٿي وڃين.“
    ”نه نه، مون کي نٿي گهرجي اهڙي سونهن!“
    ”چڱو ڀلا، هيئن ٿا ڪريون ناشتو ۽ ڊنر تون پچائيندي ڪر، لنچ پيا شيزان مان کائينداسين.“
    ”ائين خرچ وڌي ويندو. بجٽ خراب ٿيندي.“
    ”بجٽ کي ڌوڙ وجهه، تون ته سکي ٿيندينءَ.“
    ”بجٽ کي ڪيئن وساربو.“
    ”پوءَ ڀلا ڇا ڪجي؟“
    ”مون کي هڪ مائي رکي ڏي جا رڌ – پچاءُ به ڪري ۽ مون کي ڪمپني به ڏئي.“
    ڊارلنگ، مائي جي مانيءَ مان ڪهڙو مزو ايندو؟ خانسامان ڇو نه رکون؟“
    ”هون هون، خانسامان گدلا ٿيندا آهن ۽ پهرين نمبر جا بئمان ٿيندا آهن.“
    ”مائين جي معتبرائپ جي به مون کي خبر آ. اهي به پورا هٿ ئي ڪونه ڌوئينديون آهن، ٿانون ڌوئڻ جي ڳالهه ته پري رهي.“
    ”سڀ اهڙيون ٿورو هونديون آهن. وري مان ڇاڪاڻ آهيان؟ کيس پاڻهي چيڪ ڪنديس.“
    منهنجي زال پاڻ به سهڻي آهي ۽ کيس هر سهڻيءَ ۽ نفيس شيءِ سان محبت آهي. اسين جنهن فليٽ ۾ رهون ٿا، اهو به منهنجي زال ئي پسند ڪيو آ ۽ ان کي وڏيءَ محنت سان سينگاريو آ. اسان جي بيڊ – روم ۾ ”امين“ جو پيلو ڪارپيٽ وڇايل آهي. وچ ۾ ڪاري رنگ جو ڊبل – بيڊ آهي. ان تي ”جي – ايم – بي، جي ميٽرس آهي. پاسي ۾ ٽيڪ جو ڪاري رنگ جو ”چيسٽ آف ڊراز“ پيو آهي. ٻي ڪنڊ ۾ ساڳئي رنگ جي ڊريسنگ ٽيبل آهي، جنهن ۾ بليجيم جا ئي شيشا لڳل آهن. اسان جو ڊرائنگ روم به نهايت سهڻو آهي. ان ۾ هڪ وڏو ايراني قالين وڇايل آهي. ٻه فوم جا صوفا سيٽ پيا آهن. هڪ پاسي کان ”سيٽي“ آهي ۽ ٻئي پاسي کان گرونڊڪ جو ريڊيو پيو آهي. ڊرائنگ روم جي ڀتين تي گهڻين تصويرن بجاءِ صرف صادقين جي هڪ وڏي پينٽنگ لڳل آهي، جنهن ۾ هڪ ڍنڍ جو نظارو ڏيکاريل آهي. ڍنڍ ۾ ڪنول جا گل جهڳٽا هنيو بيٺا ڏيکاريل آهي. ڍنڍ ۾ سهڻا پکي نيرڳ ۽ هنجرون، ميڙ ڪريو ويٺا آهن ۽ ڪي ٻيءَ جاءِ تي لهڻ لاءِ اڏامن ٿا. ڊرائنگ روم جي هڪ ڪنڊ ۾ سهڻو شيشي جو شوڪيس پيو آهي، جنهن ۾ ڊيڪوريشن پيسز پيا آهن. انهن جي وچ ۾ گوتم ٻڌ سچ جي ڳولا ۾ گم آهي. پاسي ۾ وينس آهي ۽ هڪ ٻه نيوڊ آهن. اسان جو باٿ روم به هڪ مڪمل باٿ روم آهي، جنهن جو نمونو به منهنجي زال انگريزي رسالن تان ڳولي ڳولي ڪڍيو آهي. سڄو باٿ بلو رنگ جي ٽائلن ۽ ساڳئي رنگ جي واش – بيسن ٽب سان ٺهيل آهي. اسان جو ڪچن به سڄو ”فارميڪا“ جو ٺهيل آهي. ان ۾ سئي گيس جو ڪڪر آهي، چينيءَ جو واش – بيسن آهي، جنهن ۾ ڊشز ڌوئڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي آهي. منهنجي زال سڄي گهر جو ڪم ڪار پاڻ ڪندي آهي، ان لاءِ هوءَ روز صبح جو ساجهر اٿندي آهي. ڪمرا صاف ڪري، ٽپڙ ٽاڙي ڇنڊي، ڪچن ۾ ويندي آهي ۽ ناشتو تيار ڪندي آهي. ناشتو ڪري اسين ٻئي پنهنجي پنهنجي سروس تي ويندا آهيون. اتان واپس موٽندا آهيون ته پوءِ هوءَ منجهند لاءِ ڪا هلڪي ڊش تيار ڪندي آهي. ان کان پوءِ شام جي چانهن ۽ ڊنر تيار ڪندي آهي. ڊنر کائي واندا ٿيندا آهيون ته پوءِ هو ڊش ڌوئيندي آهي، هن ۾ مان به سندس ٿوري هيلپ ڪندو آهيان. هوءَ سڄو ڏينهن ڪم ڪري ڏاڍي ٿڪجي پوندي آهي. مان کيس ٻه ٽي ڀيرا خانسامان رکڻ جي صلاح به ڏني آهي. هوءَ منهنجي نه ٻڌندي آهي ۽ چوندي آهي: ”خانسامان ههڙي ڪچن جو خانو خراب ڪري ڇڏيندا.“
    ”ڇو خانو خراب ڪندا؟“
    ”هنن کي ماڊرن ڪچن جو ڪهڙو قدر؟ هو ڏاڍا گدلا ٿيندا آهن.“
    ”بٽ ڊارلنگ، اٽ از اي ٽيريبل جاب.“
    ”ناٽ فار ليڊيز!“ هوءَ مشڪندي جواب ڏيندي آهي.
    ”تون ڏاڍي ٿڪجي ٿي پوين.“
    ”پوءِ تون به ڪم ڪندو ڪر نه!“
    ”مان به وس آهر ته ڪندو آهيان، پر گهڻو ڪم ته مون کان نه ٿو پڄي.“
    ”توکان جيترو پڄي سو ڪندو ڪر، باقي مان ڪنديس.“
    انهن ڳالهين ۾ منهنجي پوري نه پوندي آهي ته وري کيس ٻئي نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ کيس چوندو آهيان: ”ڊارلنگ، سوشل اسٽيٽس جي خيال کان به خانسامان ضروري آهي.“
    ”فارين ۾ جو هرڪو پنهنجو ڪم پاڻ ڪندو آهي، انهن جو سوشل اسٽيٽس ڪو گهٽ ته ڪونهي.“
    ”اتان جي تهذيب ٻي آ، اتان جو ماحول ٻيو آ، ڊارلنگ!“
    ”اسين اهو ماحول هت به پيدا ڪري سگهون ٿا.“
    ”آئڊيا ته تمام سٺو آهي، پر مون کي صرف تنهنجو خيال ٿو ٿئي.“
    ”سويٽ آف يو!“
    ”پوئي ڊارلنگ!“ مان مٺي ڏنيمانس.
    ”ان کان سواءِ اسان کي پئسو گهرجي، اسان کي ڪار به وٺڻي آهي!“
    ”ها ڊارلنگ، ٽئڪسيون اڌ پگهار کڻي ٿيون وڃن، ڪار ضروري آ، پر ڪهڙي وٺنداسون؟“
    ”تون ٻڌاءِ.“
    ”مون کي ته ”مورس“ وڻندي آ.“
    ”اون هون، ان ڪار کي ڪا شيپ ئي ڪانهي. اسان کي اها نه گهرجي.“
    ”ووڪس ويگن؟“
    ”اها به نه. ان جون سيٽون آرام واريون ڪينهن.“
    ”پوءِ ڪهڙي؟“
    ”ٽويوٽا يا مزدا 1500، ننڍين ڪارين ۾ اهي ئي نفيس ۽ سهڻيون آهن.“
    ”واقعي مون کي انهن جو خيال ئي ڪونه آيو.“
    ”پوءِ ڏس ته، اسين خانسامان ڪيئن ٿا افورڊ ڪري سگهون، جڏهن ته اسان کي اڃا ڪار به ڪانهي.“
    سندس اهي ڳالهيون ٻڌي مان پوءِ کيس چوڻ ڇڏي ڏنو آهي. هوءَ سڄو ڏينهن پئي گهر جو ڪم ڪار ڪندي آهي ۽ رات جو ٿڪجي اچي هنڌ ۾ ڪرندي آهي. اسين هن وقت تائين چڱي سيونگ ڪري ويا آهيون ۽ ڪار جي رقم ۾ ڪي باقي ٿورا پيسا رهيا آهن، جو هوءَ ڪچن مان نڪري اچي منهنجي سامهون بيهي ٿي. هن جو منهن اداس اداس آهي، هن جا چپ مرڪڻ بجاءِ ڀڪوڙيل آهن........ مان کيس ڳراٽڙي پائي پرچائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ته منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀرڻ بجاءِ منهنجي وڌايل هٿ کي پري ٿي ڪري ڇڏي.
    مان پنهنجي سر به ڪوشس ٿو ڪريان ۽ دوستن کي به ٿو چوان ته اسان کي هڪ مائي گهرجي، جا لکنوءَ جي نوابن جا کڻي کاڌا نه پچائي، پر صاف سٿري هجي ۽ سادو وڻندڙ کاڌو پچائي سگهي.
    ”مون کي هڪ مائي سجهي ٿي.“ منهنجو ڪليگ حسن چئي ٿو.
    ”سچي حسن!“ مان خوشيءَ مان کانئس پڇان ٿو.
    ”رئيلي پر ڀاڀي شايد ان کي نه بيهاري.“
    ”ڇو نه بيهاريندس؟“
    ”ڇاڪاڻ ته اها مائي خاصي وڻندڙ عورت آ.“
    ”دين واٽ! اسان کي ته اهڙي گهرجي.“
    ”عورتون خوبصورت مائين کي پسند نه ڪنديون آهن. منهنجيءَ وائيف به اهڙيءَ کي نه بيهاريو هو.“
    مون کان ٽهڪ نڪري ٿو وڃي. کلندي کلندي کانئس پڇان ٿو: ”چئبو ته ڀاڀي تنگ نظر آ؟“
    ”سڀ بيگمات تنگ نظر هونديون آهن، منهنجا ڀاءُ!“
    ”نه نه ڀُلو آهين، ماءِ وائيف از ابئو ديز ٿينگز.“
    ”امپاسيبل!“
    ”ڏس نه، اسين ٻئي پڙهيل ڳڙهيل آهيون؛ اسان ٻنهي کي هڪ ٻئي سان پيار آهي ۽ هڪ ٻئي تي اعتبار آهي.“ مان کيس سمجهايان ٿو.
    ”هون، ڪتابي ڳالهيون.“
    ”چڱو، پاڻ ڏسندين. مون کي ڇڙو اها مائي هٿ ڪري ڏي.“
    ”شام جو اچج ته کيس لوڪيٽ ڪنداسون.“
    مان شام جو ان مائيءَ کي گهر وٺي ٿو اچان. مائي برابر شڪل صورت جي چڱي آ، پر تنهن ۾ منهنجو ڇا؟ مائيءَ سان مان ڇڙي پگهار ڳالهائي آهي. هن اسي رپيو مهينو وٺڻو ڪيو آ، جو هن مهانگي شهر جي لحاظ کان تمام مناسب آهي. هن کي عام طرح پاڪستاني کاڌا تيار ڪرڻ ايندا آهن ۽ خاص طرح هوءَ برياني، قورمو، شامي ڪباب، ڪوفتا سٺي طرح پچائي سگهي ٿي ۽ ٻيون ڊشز به هڪ دفعو ڏسڻ سان پچائي سگهندي. مائيءَ مهيني ۾ ٻه ٽي ڏينهن موڪل به گهري آهي، جا به مان کيس ڏيڻي ڪئي آهي. اهي ٻه ڏينهن پاڻ پچائينداسون يا هوٽل ۾ کائينداسون.
    بيگم ڊرائينگ ۽ سٽنگ ۾ ڪانهي. هوءَ باٿ ۾ آهي، جنهن جو دروازو بند آهي. اندران شاور جو ۽ هن جي جهونگارڻ جو آواز ٿو اچي. مان دروازي کي ناڪ ٿو ڪيان.
    ”ويٽ ڊيئر!“ اندران هوءَ چوي ٿي.
    ”تمام ضروري ڳالهه آ.“
    ”دين شوٽ اٽ.“
    ”هڪ مائي آندي اٿم جا ماني پچائيندي.“
    ”ريئلي!“ هوءَ عجب ۽ خوشيءَ مان رڙ ٿي ڪري چوي.
    ”ها، سچي! ۽ توکي وڻندي. پگهار به تمام مناسب صرف اسي روپيا مهينو.“ مان پگهار واري ڳالهه هوريان ٿو چوان، متان ورانڊي ۾ ويٺل مائي ٻڌي وٺي.
    مون کي هن جي ٽب مان ٻاهر نڪرڻ جو آواز ٿو اچي ۽ سندس تڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا پائڻ جا سرڙات ٿا اچن. هوءَ در کولي ٻاهر ٿي نڪري. هن جو منهن خوشيءَ کان ٻهڪي ٿو. هوءَ مون کان پڇي ٿي: ”ڪٿي آ مائي؟“
    ”ان دي ورانڊا، ماءِ ڊارلنگ!“
    ”هل ته کيس ڪم سمجهايون.“
    ”ديٽس يوئر جاب! مون کي شاور ڪري ڪلاڪ ٻن لاءِ ٻاهر وڃڻو آهي.“
    هوءَ تڪڙي تڪڙي ورانڊي ڏانهن وڃي ٿي. مان سندس خوشيءَ تي خوش ٿيندو، اندر باٿ ۾ ٿو وڃان، جنهن ۾ سندس بدن جي سڳنڌ پکڙيل آهي. مان آرام سان شاور ڪري، ڪپڙا بدلائي، گهر کان ٻاهر ٿو نڪران. پورن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ڊنر جي ٽائيم تي واپس ٿو موٽان ته وري به کيس ڪچن ۾ ڪم ڪندو ٿو ڏسان! مان هن کي ٻانهن کان پڪڙي اٿاريان ٿو ۽ چوان ٿو: ”ڇڏ، ڊارلنگ، مائيءَ کي پچائڻ ڏي.“
    ”مائي هلي وئي. مان هن کي ڪونه بيهاريو.“ هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري چوي ٿي.
    ”واٽ؟“
    ”مان هن کي ڪونه بيهاريو!“ هوءَ وري ٻڌائي ٿي.
    ”بٽ واءِ؟“ مان ٿورو چڙ مان کانئس پڇان ٿو.
    هوءَ پهرين ٿورو هٻڪي ٿي. پر ان دم ئي منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي چوي ٿي: ”ڊارلنگ! هن کي ته اٽالو پڊنگ ئي ڪانه پئي ٺاهڻ آهي، کيس ڪيئن بيهاريان!“


    اسلام عليڪم

    هاسٽل جو شيخائون در لنگهي اندر ٿيس. ڏسان ته جهل جهوٽا، ڇوڪرا منهنجي ڪمري اڳيان ميڙ ڪيو بيٺا هئا. پنهنجا سنگتي به نظر پئي آيا. ناريجو پنهنجي مڇن کي، جيڪي هن تازو پرنسپال شاه صاحب جي ٺهندڙ شهپرن کي ڏسي ريس تي رکيون هيون، موڙي رهيو هو. ٺٽي جو محمد خان پنهنجي سائي سوٽ جي کيسي ۾، جنهن جو رنگ هوبهو مولوي..... جي دستار جهڙو آهي، کٻو هٿ وجهي جنهن ۾ ويچاري کي پنجن جي بجاءِ ڇهه آڱريون آهن، سگريٽ مان دونهان ڪڍي رهيو هو. عبدالرحمان به چشمي پٺيان اکيون پئي مٽڪايون. مان ايترو ميڙ ڏسي انومان ڪڍيو ته پڪ سپريڊنٽ کي منهنجي پارٽنر جي مهمان جي خبر پئجي ويئي آهي ۽ کانئس ٽپڙ ٿو کڻائي. منهنجي منهن تي مشڪ اچي وئي. ڪيو به پارٽنر ڪڪ هو. اهو سڀاڳو ڏينهن گٿل ئي ڪونه هو، جڏهن سندس ڪو مهمان نه آيو هجي. روز شام جو هن جي ڪنهن ڀاءُ، سوٽ، ماسات سان ملاقات ٿيندي هئي. تعارف وقت پارٽنر منهنجي ڏاڍي ساراهه ڪندو هو، جنهن جو روحاني راز يعني ڳجهو مطلب اهو هوندو هو ته پنهنجي کٽ بستري سوڌو سندس مهمان جي حوالي ڪري پاڻ وڃي شيخ سان سمهان. مان ٿلهو ماڻهو سڄي کٽ ته پاڻ والاري ويندو هوس ۽ ويچاري شيخ کي سڄي رات ٻانهيءَ تي سمهڻو پوندو آهي. ”آخر هاسٽل آ ڪن ويرومل جو آشرم.“ صبوح جو شيخ لال پيليون اکيون ڪري مون کي چوندو هو. مان به ڇا ڪيان؟ مان ته پاڻ وڏا پڳڙ ۽ وڏيون وڏيون شلوارون ڏسي ڪڪ ٿي پيو هوس. مهمان وري ته اهڙا سريلا ايندا هئاس، جن کي اها به خبر ڪانه هئي ته پرائو ڏندڻ استعمال نه ڪبو آهي. تنهن ڏهاڙي جي ڳالهه کي ئي وٺو. مامهنس آيو هو، سڳو الائي ويڳو. صبح جو ننڊ مان اٿيو ته ڇوڪرن کي ڳاڙها، پيلا، نيرا ٽٿ برش هڻندو ڏسي، هن کي به شوق جاڳيو. منهنجي خاني ۾ ڪو ڏٺو هئائين. بس نه پڇا نه ڳاڇا، بسم الله ڪري پنهنجي پيلن پيلن ڏندن کي صاف ڪرڻ لڳو. مان ٻئي ڪمري ۾ سمهيل هوس. جيستائين اچان، تيستائين همراه ڏند اڇا ڪري گرڙي پئي ڪئي. باهه وٺي وئي. اهو برش پارٽنر کي ڏنم ته پنهنجي مامي کي ڏي ته کيس ڳوٺ ڪم ايندو. اهڙا ته کوڙ واقعا، ڪهڙا ڳڻي ڪهڙا ڳڻجن؟ گذريل ڳالهين کي ياد ڪرڻ به ٺيڪ ڪونهي. ”اڄ پٽ جي خبر پوندي.“ مان اهو سوچي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳس. جيئن روم جي ويجهو ٿيندو ويس، تيئن منهنجون واڇون ٽڙنديون ويون.
    ”اڃا ٿو کلين کرل!“ ناريجو مون کي ايندو ڏسي مون ڏي وڌي آيو هئو. ”ڇو ڇاهي؟“ ناريجي جي منهن تي گنڀيرتا ڏسي منهنجا مشڪندڙ چپ ڀيڪوڙجي ويا.
    ”توکي منهنجو نياپو ڪونه پهتو ڇا؟“
    ”نه“ مون کي پريشاني وٺي وئي.
    ”تنهنجي ڪمري ۾ ڪاٿي خون ٿي پيو هو.“ ڄڻ ڪنهن مون کي ٻه هٿڙو سوٽو هڻي ڪڍيو. صفا ڍڪر اچي ويا. اوچتو مون کي پارٽنر جي انهن غنڊن دوستن جو خيال آيو، جي اسان جي ڪمري تي قدم رنج فرمائي اسان جي وڏن تي احسان ڪندا هئا. اشرافي نموني ۾ ته ڳالهائڻ ڪونه ايندو هو. گار جو زيپٽ، ڀونڊي جو ٽڙڪو پيو پوندو هو. ”ڀڙوا ڀانن جا“، ”ٿڪ لعنت جا پهاڪا ٻڌانءِ“ منهنجو تڪيو ڪلام هو. مان ڪيترا ڀيرا پارٽنر کي انهن کي نه آڻڻ لاءِ چيو هو، پر هو چوندو هو: ”تون آهين ٻار، اهڙن سان چڱي آهي. دنيا ۾ دوست به آهن دشمن به. ڪنهن آئي ويل مدد ڏيندا.“
    ”پڪ پاڻ ۾ جهڳڙو ٿيو هوندن. جهيڙي کان پوءِ چاقن ۽ ڇرن نڪرندي ڪا دير ٿيندي؟ ٽڙڪ، چاڪو سڌو ٿي ويندو. ٺپ ٺپ، پوءِ رت جا ريلا.“ مان سوچيو.
    ”ڪنهن کي چاقو لڳو؟“ مان ٿوري ويرم رکي ناريجي کان پڇيو. ان ويرم ۾ انهن غنڊن مان هڪ ڪاري حبشي غنڊي کي تڪيو. صلاتون پڙهڻ لڳس، الله ڪري ان کي چاقو لڳا هجن. هو مون کي سڀني جو پيءُ نظر ايندو هو. سندس ڳاڙهيون اکيون اهڙيون ته خوفناڪ ۽ بڇڙيون هونديون هيون جو دل چوندي هئي ته سندس نڙگهٽ تي ننهن ڏيئي سندس اکيون ڪڍي ڇڏيان.
    ”اسلام عليڪم کي.“ ناريجي جي منهن مان غم جي صاف جهلڪ ظاهر هئي.
    ”هان!“ منهنجو عجب ۾ وات ڦاٽي ويو. ”ان کي وري ڪيئن ڌڪ لڳا؟“
    ”مٿئين بلاڪ وارو قلندر پٽيوالو ڏٺو اٿئي نه؟“
    ”ها“ مون آهستي جواب ڏنو.
    ”ان کي چوري جي عادت آهي. ڀرسان ڪنهن کي موجود نه ڏسي تنهنجي ڪمري جو ڪلف کولي اندر گهڙي ويو. تنهنجي پيتيءَ جي ڪلف کي سٽ سان ڀڃي ڏوڪڙ ڪڍيائين.“ ايترو چئي ناريجو مون ڏي ڪرڙي نظر سان نهارڻ لڳو. هن کي هميشه مون کان شڪايت هوندي هئي ته مان ميس جي مئنيجري جي لائق نه آهيان، جو مان وڏ – ماڻهپو ڏيکاري ايترا سارا پئسا اتي ڪمري ۾ رکندو آهيان ۽ ڪلف به ٽڪي ٽين پئسي وارا هڻندو آهيان. ”کرل! ياد رکجانءِ منهنجو چوڻ، جيڪڏهن ڪنهن همراه کي وارو اچي ويو ته ٽڪو به نه بچائيندءِ، جو ڀڳڙا ويهي ڦڪين.“ هو هميشه مون کي چوندو هو ۽ ان خونين نگاهن سان نهاري مون کي پنهنجا چيل لفظ ياد ڏياري رهيو هو.
    ”ٻيلي الله جو نالو اٿئي اڳتي ٻڌاءِ.“ منهنجو بدن پگهر سان شل ٿي ويو. پراون پئسن جي ڳڻتي اچي لڳي.
    ”اڳتي ڇا ٻڌايانءِ؟“ ناريجو اندر چيريندڙ لفظ استعمال ڪري رهيو هئو. ”انڌو به سمجهي سگهي ٿو. ظاهر آهي ته هن چوري پئي ڪئي هوندي، جو هن دستور مطابق تنهنجي ڪمري ۾ جهاتي پاتي هوندي، کيس چوري ڪندي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي هوندائين ۽ هن بچاءُ ۾ کيس چاقو هنيا هوندا.“
    ”قلندر پڪڙيو؟“ دراصل مان اهو پئي پڇڻ گهريو ته پئسا ته ڪونه ويا، مگر ان سوال جو پاڻ ۾ ست نه سمجهي مان هي پڇي ويٺس.
    ”تون خالي هٿين هجين ۽ ٻئي کي ستن انچن جو ڇرو هجي ته پڪڙي سگهندين؟“ ناريجي خار مان پڇيو.
    منهنجو منهن پيلو ٿي ويو. قلندر ڀڄي ويو، معنيٰ ته پئسا به ويا. مون کي ان ٽوٽ جي فڪر اچي ورايو. ناريجو منهنجي فڪر کي سمجهي ويو. منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيائين:
    ”پئسا کانئس ويڙهه ۾ ڪري پيا. اهو به شڪر ڪر نه ته ڪيڏي چٽي ڀرڻي پوي ها.“
    پئسن جي بچاءَ جو ٻڌي منهنجي منهن تي رت وري آيو. دل کتي قدري فرحت آئي. ڪا ڳالهه ياد ڪري کيس چوڻ لڳس:
    ”پر يار قلندر ته هن جو مائٽ هئو نه؟“
    ”مائٽ هئس ته ڪهڙي ڳالهه، ڪيائين ته چوري پئي.“ ناريجو وري تيز ٿي ويو.
    منهنجي ڏندن ۾ آڱريون اچي ويون. ڪو ائين نه ڪري. ڀلا مان هن جو ڪير ٿيندو هوس جو هن پنهنجي مائٽ کي چوري ڪندي نه سٺو. پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي به کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر مان ته کيس ليکيندو به نه هئس. هڪ قسم جي ساڻس نفرت ڪندو هوس، هن قلندر کي چوري ڪندي ڏٺو هو. کانئس ڏوڪڙن جو ڳپل حصو وصول ڪري ٿي سگهيو. ڪنهن کي خبر پئي ها؟ ناريجي جو چيل جملو منهنجي دماغ ۾ ڦرڻ لڳو: ”مائٽ هئو ته ڪهڙي ڳالهه، ڪيائين ته چوري پئي.“ ايتري ۾ ناريجي منهنجو هٿ پڪڙي چيو: ”ڇڏ سوچ کي، هلي پئسا سنڀال ۽ اندر انسپيڪٽر به ويٺو آهي، شايد توکان بيان وٺي.“
    اندر ڪمري ۾ اچي مان پئسا سنڀاليا. بلڪل پورا نڪتا. انسپيڪٽر به اهڙي قسم جو بيان وٺي هليو ويو. ناريجي کان وڌيڪ پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هن کي چاقو جا ٻي ٽي گهرا ڌڪ لڳا آهن، ان ڪري کيس اسپتال اماڻيو اٿن.
    چوندا آهن ته جي ڪنهن مشهور ماڻهوءَ جو نالو ڪنهن ٻئي تي رکبو اهي ته ان جي خوبين جو گهٽ ۾ گهٽ ڏهون حصو ان نالي جي ڪري منجهس پيدا ٿي ويندو آهي. هن جي مائٽن به شايد ان ڪري سندس نالو ”رانجهو“ رکيو هو ته پٽ وڏي هوندي هير جي رانجهي وانگر عشق ڪمائيندو، ڪو وارث شاهه ان تي گيت لکندو ۽ ماڻهو اهي گيت سوچ سان جهونگاريندا. هير جي رانجهي بابت ته ٻڌو اٿئون ته ڏاڍو سهڻو هئو، پر هي رانجهو؟ توبه الله جي در. اهڙو ته بدشڪل هئو، جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي. قد گوگڙو، ڏاڙهي ٻچي، جنهن کي ڪيس لائيندو هو ته ڪاري، جي ميندي هڻندو هو ته ڳاڙهي ڳٽول نظر ايندي هئي. اک ۾ پائيءَ جيترو ڦلو، جنهن لاءِ ويچارو هميشه ڇوڪرن کي اعتبار ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته کيس ان ۾ به ديد آهي. ڇوڪرن ئي ڏٽا ڏيئي اٺ کي مسيت تي چاڙهيو هو. سو هن کان سڄي اک بند ڪرائي کيس بجو ڏئي پڇندا هئا. چوڪيدار گهڻيون ”آڱريون آهن؟“ هڪ مٽ سڄيل ٻئي ۾ کٻ. اهو کٻ به ڏندن ڀڃڻ ڪري ٿيو هوس. ڏندن ڀڃڻ جو قصو به ليلا مجنون، عمر مارئي جي قصي وانگر هاسٽل ۾ پشت به پشت هلندو آيو. ڳالهه ٿي هئين ته سپريڊنٽ جي ڇوڪرن راند پئي کيڏي. راند به ٻي ڪا ڪانه اها نڀاڳي ڪرڪيٽ پئي کيڏيائون. ڪرڪيٽ جو بال جهڙو پٿر. هن کي جو کٽي کڻي ته ڀرسان وڃي ٿو بيهي. ”آءُ گداڙي ٻن ۾“ ٺڪاءُ جو بال لڳس ڏياڙي ۾ ست ڏند اتي جو اتي ڪري پيس. اٺون ڏند وري ڊاڪٽر شريف هاسڪار ڪڍيو هوس، جو هن جي مرضي هئي ته سپريڊنٽ تي ڪيس ڪري کانئس ڏندن جي رقم وٺي. ڊاڪٽر شريف جو ته سپريدنٽ سان ساڙ هو، جو پٽهنس کي هاسٽل ۾ داخلا نه ڏني هئائين، پر هن ته سپريڊنٽ جو نمڪ پئي کاڌو. نمڪ حرامي ڪرڻ تي ڪتي جو به وڙ ڪونهي. ماٺ ڪري ويهي رهيو.
    هن جا جڏهن به پئسا کٽندا هئا ته هر هڪ ڇوڪري جي ڪمري تي اچي در کولي منڍي اندر ڪري ڪڙڪيدار آواز ۾ ”اسلام عليڪم“ چوندو هو. ان ”اسلام عليڪم“ ڪيترن ڇوڪرن کان ڇرڪ ڪڍيو هئو. پنهنجي خرچي وٺڻ وقت اها خبر نه پوندي هيس ته روم ۾ رهندڙ ڇوڪرو جاڳي ٿو يا ننڊ پيو آهي؟ هن کي رڳو ”اسلام عليڪم“ چئي خرچي جا ڏوڪڙ وٺڻا هئا. ڄڻ ڪي منجهس لهڻا هئا. ڇوڪرا دل ۾ کيس گاريون ڏئي به خرچي ڏيندا هئا. هن سان سدائين جو ڪم هئو، کيس خرچي نه ڏين ته ڪير جو ٻارهين بجي رات کان پوءِ کين هاسٽل ۾ اچڻ لاءِ گيٽ کولي؟ ڪير کين سؤ سؤ جي پاور جا بلب ٻاريندا ڏسي سهي ۽ سپريڊنٽ کي خبر نه ڏئي. ڪنهن جو مهمان ايندو هئو ته ساڻس رسائي ڪرڻي پوندي هئي. پير علي نواز کيس خرچي نه ڏني ۽ مهمان رهايو ته ان دم سپريڊنٽ کي خبر پئجي وئي. باهه ٿي آيو هڪدم پير کي ٽپڙ کڻڻ لاءِ چيائين. پر پير هو ڪارساز ماڻهو، سو ڀڳو هاسٽل جي سيڪريٽري ڏي. کانئس سفارشي چٺي آندائين ته به کيس ويهه روپيا ڏنڊ ڀرڻو پيو. جي چوڪيدار کي چار آنا کن خرچي ڏئي ها ته ايڏي انداز تي ڳالهه نه پهچي ها.
    هو خرچي وٺي، پنهنجي ڀڳل ڏندن جو ديدار ڪرائي اتان نڪري وري ڀر واري ڪمري ۾ ويندو هو. ”اها ئي اسلام عليڪم“ ٻڌبي، ٿوري دير چپ، تيستائين ڇوڪرو شايد هن لاءِ ڏوڪڙ ڪڍندو هو. وري ”اسلام عليڪم“ ۽ تنهن بعد هن جو ڇڳل بوٽ جو گيهو. اهي گشت تيستائين پيا هلندا، جيستائين کيس يقين ٿي ويندو هو ته وٽس هفتي کن جي چرس ۽ آفيم جا پئسا گڏ ٿيا آهن. جيڪي ڇوڪرا کيس خرچي ڏيندا هئا، تن کي سو گيٽ کان اندر ايندي يا ٻاهر ويندي سلام ڪندو هو. باقي ٻين کي آڱوٺو. هڪڙن کي سلام ڪري ٻين کي نه، اها به بي عزتي، ان ڪري هن کي خرچي نه ڏيڻ وارا ڇوڪرا به گهڻو ڪري خرچي ڏيڻ شروع ڪندا هئا، جيئن هو کين به سلام ڪري ۽ پئنٽ جي کيسي مان هٿ ڪڍڻ جي تڪليف نه ڪن، پر اتي جو اتي وڏائي سان ڪنڌ ڌوڻين. چون ٿا ته عمر جاگيراڻي به کيس ان ڪري خرچي ڏيڻ شروع ڪئي هئي. هن جي هر وقت ”اسلام عليڪم“ کيس ”اسلام عليڪم“ جي نالي سان مشهور ڪيو ۽ سندس اصلي نالي ”رانجهي“ کي هرڪو وساري ويٺو. ”ڪهڙو پٽيوالو؟“ ”اسلام عليڪم“. ”رات ڪنهن در کوليهءِ؟“ ”ڪئنٽين تان چانهن ڪنهن کان گهرايهءِ؟“ ”اسلام عليڪم آندي.“ ڇوڪرن جي اهڙن قسمن جي گفتن ۾ هن جو نالو مشهور ٿي ويو، تانجو هاسٽل جا ٽي پتيون ڇوڪرا کيس ”اسلام عليڪم“ سان سڃاڻڻ لڳا.
    ڪي ڇوڪرا اهڙا به هئا، جن کي هن کان سخت نفرت هئي. پنهنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيندا هئا، جيئن اندر نه اچي. هو دروازو کڙڪائي کڙڪائي پنهنجو بنڊ ڪڍندو هئو، پر مجال جو اڳيان به دروازو کلي. مان به انهن مان هئس. پهريون ته مان به کيس جام خرچيون ڏنيون، پر هن جي هڪ نه ٻئي ڏينهن جي اچڻ ۽ اويل سويل کان لاپرواهيءَ مون کي به دروازو بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو. خرچي ڏيڻ جو به ڪهڙو ضرور؟ ڀلي دروازو نه کولي، پوئين شو تي کڻي پڪچر نه ڏسبي. نه مهمان ٽڪائيندو هوس ۽ نه وري اهڙو ڪو ڪم ڪندو هوس، جو هن کان ڊڄجي. هن جي ”اسلام عليڪم“ به مون کي ڪانه گهربي هئي. ڪنن ۾ آڱريون وجهي وجهي مان ٿڪجي پيو هوس.
    ٽي چار ڏينهن ٿيا، جو هو اسپتال مان چاق ٿي موٽي آيو آهي. ايترا ڏينهن خاموش هئڻ ڪري منهن گهڻو لهي ويو اٿس. هن جي ڳٽي جو کٻ اڳي کان وڌيڪ نمايان ٿي پيو آهي. ان کي واقعي ڇڳل بوٽ جي گيهي وانگر هرڪو سڃاڻي ٿو. هو ٽيون ڏينهن مون وٽ آيو هو، وري اڄ اچڻ جو وارو اٿس. هي وقت هن جي اچڻ جو آهي. شايد ته هو اچي ٿو. هن جي لٺ جو کڙڪو، هن جي بوٽ جو گيهو مان ٻڌان ٿو. هو هن وقت چاليهين نمبر ڪمري وٽ آهي. اتان ايڪيتاليهين ۾ ايندو ۽ پوءِ مون وٽ. منهنجي ڪمري جو در کليل آهي. مان ان کي اڳي وانگر بند نٿو ڪيان ۽ نه ڪنن ۾ آڱريون وجهڻ لاءِ تيار ٿو ٿيان، پر خاني ڏانهن هٿ وڌائي، هن جي لاءِ اڳيئي روڪڙ ڪڍي مٺ ۾ ٿيو جهليان. مان ائين ٿو سمجهان ڄڻ مون کي هن جي لالچ، هن جي ”اسلام عليڪم“ سان محبت ٿي وئي هجي. مان هن جو قدر سڃاتو آهي. شايد ته هر ڪنهن سڃاتو هجي.


    دار الفلاح

    صبوح جو ساجهر، جڏهن سڀ اڃا سمهيا پيا هئا، تڏهن هوءَ گهر مان نڪتي هئي ۽ ڪورٽ کي گذارش ڪئي هئائين ته هو يتيم ۽ لاوارث آهي، کيس دارالفلاح ۾ امان ڏني وڃي. ماجسٽريٽ کانئس دستوري بيان وٺي دارالفلاح اماڻيو هو.
    ست مهينا اڳ جڏهن اڃا کيس سامائي مهينو ڏيڍ ٿيو هو ۽ هڪ اهڙي انب جيان هئي، جو پيلاڻ باوجود ڪچو هوندو آهي ۽ ذائقي ۾ کٽڙو هوندو آهي، سندس ماءُ هڪ وڏو جشن ڪيو هو. ڪوٺي جي هيٺان پڌر ۾ وڏو شاميانو هڻايو هئائين، جنهن ۾ قالين ۽ چاندنيون وڇائجي ويون هيون، برادريءَ جون سڀ چونڊ چونڊ ڳائڻيون ڪوٺيون هئائين، جن سڄي رات مجرو ڪيو هو. وڏي اسر مهل کيس هڪ سيٺ جي حوالي ڪيو ويو هو، جنهن سندس جوڀن جي قيمت پنج هزار روپيا ڏني هئي. سيٺ کي وٽس برابر پندرهن ڏينهن رهڻو هو، پر هن پهرين رات جي ئي بچت، ٽن چئن ڪلاڪن ۾ کيس اهڙي طرح ڇيڇاڙيو هو، جو سندس ڪاري رنگ جي ڪاراڻ هن جي سون جهڙي رنگ ۾ ملي هن جي ڳلن ۽ سيني تي ڪارا ڪارا دٻڪ ڇڏي وئي هئي ۽ ڪا مهل کيس داغيل انب جيان ڪري ڇڏيو هئائين. پوءِ کڻي ٿوري دير بعد جوانيءَ جي رت انهن ڪارن ڪارن دٻڪن کي پنهنجي تيز وهڪري ۾ گم ڪري ڇڏيو هو، پر ته به ماڻس کي اها ڳالهه ڪانه وڻي هئي ۽ سيٺ کي پنهنجي منهن ڇنڊ ڪڍي هئائين. عام حالتون هجن ها ته ماڻس کي هرو ڀرو ايتري تڪڙ ڪرڻ جو ڪو ضرور ڪونه هو. هن کي مس مس سِڪي سِڪي اها ڌيءُ ڄائي هئي ۽ کيس پنهنجي ڪراڙپ جو توشو سمجهي وڏي ناز انداز سان پاليو هئائين. هوءَ پنهنجي گل جهڙي نازڪ ۽ سهڻي ڌيءَ ڪنهن جي حوالي ڪرڻ کان اڳ ڏهه ڀيرا سوچي ها ۽ خريدار کي روڪ روپئي وانگر وڄائي وڄائي پوءِ ئي ماڻڻ ڏئي ها، پر ان حالت ۾ کيس وڌيڪ ترسڻو ڪونه هو. هن کي حڪومت جي ان بندش واري قانون جي خبر پئجي وئي هئي، جنهن جون ڪاروايون مولوين جي فتوائن سان گڏ اخبارن ۾ اينديون هيون ۽ جن سڄي برادريءَ ۾ چوٻول وجهي ڇڏيو هو. منڍ ۾ ته هن ان قانون جي ڪا خاص پرواه ڪونه ڪڍي هئي. رڳو ڊني ڀؤ کان ايترو ڪيو هئائين جو ٽائيپ واري کان پندرهن ويهه درخواستون ڪڍرائي مٿي موڪلي ڇڏيون هئائين. پهرين ته برادري وارين به ان قدم سان اتفاق ڪري چندو ڏنو هو ۽ درخواستن تي صحيحون ڪيون هيون، پر پوءِ هو به ڍريون ٿي ويون هيون ۽ ان قانون کي روڪڻ جي ڪوشش ۾ وقت وڃائڻ بدران سمورو وقت ڌنڌي جي بلي ڪري ڇڏيو هئائون. اڳي رات جا ٽي چار ڪلاڪ ڌنڌو ڪري ٻانهن سيراندي ڪيون، سمهي پونديون هيون ۽ صبوح جو دير سان اٿي هار سينگار ڪري ٽولا ٺاهي بازار جا چڪر هڻنديون وتنديون هيون، پر پوءِ هر ڪنهن کان ننڊ آرام وسري ويو هو ۽ ان بچت واري عرصي ۾ گهڻي کان گهڻو ڪمائڻ خاطر پنهنجي ڌنڌي جو وقت به وڌائي ڇڏيو هئائون ۽ ريٽ به گهٽائي ڇڏيا هئائون. پر هن کي تڏهن به پنهنجي درخواست تي وڏو ڀروسو هو ۽ پنهنجو نيم ڪونه مٽيو هئائين. پوءِ هڪ ڏينهن وٽس رمضان دلال آيو هو ۽ کيس ان گهري ننڊ تي ڇينڀيو هئائين. تڏهن به اها ڳالهه وزن ۾ ڪونه آندي هئائين ۽ وڏي مگر سان چيو هئائين: ”هون، اهڙا قانون به ڪڏهن پاس ٿيا آهن. رمجو اڳي انگريزن جي وقت ۾ جو ملن اهڙا بيان ڏنا هئا ته پوءِ ڇا ٿيو هو؟“
    ”ان وقت ڪرستانن جي حڪومت هئي شمشو ٻائي، هاڻي مسلمانن جي آهي.“
    ”هون، ڄڻ ته مسلمان سڀني کي بندش ۾ پاڪ ڪري ڇڏيندا.“
    رمجو کي شمشاد ٻائي جي ان انڌي عقل تي جک آيا هئا. هن جو عقل کاڄي ويو هو. هوءَ پنهنجو به ٽِڀو اونڌو ڪري رهي هئي ته سندس دلالي به وڃائي رهي هئي. هن لاچار واپس موٽڻ جو ارادو ڪيو هو ته اوچتو کيس کيسي ۾ پيل اخبار ياد آئي هئي، جا هن خبر پڙهي خار ۾ مروڙي سروڙي کيسي ۾ وڌي هئي. هن سٽ ڏئي اخبار ڪڍي هئي ۽ کيس قانون جي ٽين پڙهڻي جي خبر ٻڌائي هئائين.
    ”اها وري ڇاهي“ شمشو ٻائي کانئس پڇيو هو.
    ”بس چون ٿا ته ان ٽين پڙهڻي کان پوءِ قانون پاس ٿي ويندو.“
    ”ته حڪم مولا سان اها مئي ٽين پڙهڻي ئي ڪانه پڙهبي. منهنجون رجسٽر درخواستون به وڃي پهتيون هونديون.“
    رمجو مايوس ٿي اخبار وري کيسي ۾ وجهڻ تي هو جو شمشاد ٻائي جي نظر ان خبر جي وچ ۾ ڇپيل فوٽي تي پئجي وئي هئي. اهو ڦوٽو ايمبلي جي اسپيڪر جو هو هو، جو مولانا ٽائيپ هو ۽ کيس باشريعت سونهاري هئي. شمشو ٻائي فوٽو ڏسي بڇڙو ٻوٿ ڪيو هو ۽ رمجو کان پڇيو هئائين: ”هي ماريو ڪير آ، رمجو؟“
    ”اسيمبلي جو اسپيڪر آ، جيڪو قانون پاس ڪندو.“
    اهو ٻڌي شمشو ٻائي جي منهن مان رت ڇڏي ويو هو، هوءَ روئڻهارڪي ٿي وئي هئي ۽ ذري گهٽ روئندي رمجو کي چيو هئائين:
    ”رمجو...... رمجو، جي هي ماريو ملو اسپيڪر آ ته قانون پڪ پاس ڪندو.“
    ”مان به ته ان ڪري ئي پئي رڙيون ڪيون.“
    ”پوءِ ڇا ڪيون رمجو؟“
    ”ٻيو ڇا ڪندينءَ شمشو ٻائي؟ ڪو نيلم جو بلو ڪر.“
    ”پر رمجو، هوءَ ته اڃا ننڍي آهي.“
    ”تنهنجي مرضي، پر پوءِ هٿ هڻندينءَ.“
    ”مون کي ته ڪجهه ئي سمجهه ۾ نٿو اچي، جيڪي توکي وڻي سو وڃي ڪر.“
    رمجو اهو ڪيو هو جو ٽن چئن ڏينهن ۾ ڊڪي ڊوڙي سيٺ ڪريم کي هٿ ڪيو هئائين، جو اهڙين ڳالهين جو شوقين هو. شمشو ٻائي به ٻڏي ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون سمجهي پنهنجي سهڻي ڌيءُ کي سيٺ جي حوالي ڪيو هو. سيٺ به هر حال ۾ راضي هو. انب ڪچڙو هو ته به انب هو ۽ سٺيءَ جنس مان هو. هونئن به ڪچو انب ٿڌو ٿيندو آهي ۽ خيال سان کائجي ته مٺو ته ٿيندو آهي. مربا ۽ چٽڻيون به ڪچن انبن مان ٺهنديون آهن. هو عادي بنيادي واپاري هو ۽ سڄي عمر عقل ۽ ٽپڻي جي مدد سان لکين روپيا ڪمايا هئائين. هن کي ٽن سالن اڳ جي ڳالهه ياد هئي، جو کنڊ ۽ لوڻ تي ڪنٽرول لڳو هو ته بازار مان مال بلڪل غائب ٿي ويو هو ۽ پوءِ جي چور بازار مان ملندو هو ته واپاري ٽيڻن چوڻن اگهن کان سواءِ مال ڏيکاريندا به ڪونه هئا. هن جنس تي به ڪنٽرول پوڻ وارو هو. هو نيلم کي ڏسڻ شرط صحيح ڪري ويو هو ته هن سودي مان گهاٽي جي بجائي نفعو ئي نفعو هو. هن هڪدم سودو کرو ڪيو هو ۽ سوٿي جي رقم ڪڍي ڏني هئائين.
    نيلم به کڻي ٿوري ڪچي هئي، پر هروڀرو ايتري اڻ ڄاڻ ڪونه هئي. هن کي اها خبر هئي ته هن سان به اها ئي ڪار ڪئي ويندي، جا برادريءَ جي ٻين ڪنوارين ڇوڪرين سان ٿيندي هئي، جن جي نڪن ۾ سونيون بولڙيون پيون هونديون هيون. هنن جو نڪاح به اهو هو ته لائون به اهي هيون. پر هن جي ذهن ۾ يا ته ڪاليج جو ڪو ڀورو ڳاڙهو ڇوڪرو هو يا ڪنهن فلم جو هيرو، جو هيروئن جي هٿ ۾ هٿ ڏئي نچندو ڪڏندو گانا ڳائيندو وتندو هو. هن جو انهن جي بجاءِ هڪ ڪاري رم بدصورت واپاري کي ڏٺو، جنهن کيس ائين اٿلايو پٿلايو ۽ مروڙيو سروڙيو جيئن هر جنسن ڏسڻ وقت ان کي هٿ ۾ زور سان مهٽي، ڏرائي، چڱي ۽ چٻاڙي ڏسندو هو ته هن کي ان واپاري مان رتي جيترو مزو اچڻ بدران مورڳو نفرت ٿي وئي هئي. پر جيئن ته پندرهن ڏينهن جو ڪاٻارو لکيل هو، ان ڪري هن کي لاچار اکيون ٻوٽي اهي ڏينهن گذارڻا هئا، پر ان مدت گذارڻ کان پوءِ به ماڻس کيس ڪا مهلت ڪونه ڏني هئي ۽ باقي بچيل ٿورن ڏينهن ۾ گهڻي کان گهڻو ڪمائڻ خاطر کيس بنا ساهيءَ جي خوب وهايو هئائين. پوءِ سندس جند مس مس تڏهن ڇٽي هئي، جڏهن قانون پاس ٿي ويو هو ۽ سڄي بازار ۾ پوليس بيهجي وئي هئي. ان ڏينهن هوءَ ته ڏاڍو خوش ٿي هئي، پر ماڻس جا ته کنڊ جا جهاز ٻڏي ويا هئا ۽ ٻئي ڏينهن مٿو ٻڌيون هنڌ ۾ پئي هئي.
    پوءِ به اها ساڳي بازار هئي، اهي ئي ساڳيا ڪوٺا هئا، اهي ئي ساڳيا شرابن ڪبابن جا دوڪان هئا ۽ اهي ئي ساڳيون سؤ پاور جي بلبن جون تيز روشنيون هيون، پر تنهن هوندي به ڳالهه ٻي ٿي ويئي هئي. اڳي هر ڪنهن ڪوٺي جا در پندرهن منٽن يا اڌ ڪلاڪ کان پوءِ پيا کلندا ۽ بند ٿيندا هئا، بتيون ٻرنديون وسامنديون ۽ وري ٻرنديون هيون، ماڻهو ماڪوڙن وانگر سوڙهين سوڙهين ڏاڪڻين تي پيا چڙهندا ۽ لهندا هئا ۽ ڪا روڪ ٽوڪ ڪانه هوندي هئي، پر پوءِ ڏهه ٻارهن سپاهي سرنهن جو تيل پيتل لٺيون ۽ ڏنڊا کنيون پيا رائونڊ هڻندا هئا. ڪنهن ڪوٺي ۾ ٿورو شڪ پوندو هون ته هڪدم ڇاپو هڻندا هئا. جي ٻنهي ڌرين کي شڪي حالت ۾ ڏسندا هئا ته پوءِ بي عزتيون ٿينديون هيون، گرفتاريون ٿينديون هيون ۽ سزائون ملنديون هيون. پر جي ڪنهن کي ايلازن منٿن تي ڇڏيندا هئا، ايترو ته ڦريندا هئا جو ٻئي ڌريون ان عيش ۽ ڪمائيءَ کان توبهه ڪري وينديون هيون. هوريان هوريان سڄي بازار خالي ٿيندي پيئي ويئي ۽ باقي اهي بچيون هيون، جن جي آواز ۾ جادو هو ۽ جن جي پيرن ۾ پيل گهنگهرن ۾ مستي هئي. شمشو ٻائي به پهريون سازندا گڏ ڪري ان قسم جي ڪاروبار جي شروعات ڪئي هئي، پر سندس بدنصيبي جو ڌيڻس ۾ سونهن ته هئي، پر سر ڪونه هو. هونئن ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سندس آواز اهڙو هو جو ڄڻ ڪنهن ستار کي آڱرين سان ٿورو ڇيڙي ڇڏيو هجي، پر ڳائڻ ۾ اهو ئي آواز بدلجي ڪنهن تارن ڇڳل ستار وانگر بي سرو ٿي پئي ويو. ماڻهو ته مفت ۾ ريڊين ۽ فونن جي سريلن آوازن تي هريل هئا، تن پئسا ڏئي ڪيئن پئي اهڙو بي سرو راڳ ٻڌو. ماڻهن اچڻ بند ڪيو ته سازندا بک مرڻ لڳا ۽ هوريان هوريان پنهنجا طبلا ۽ هارمونيون ويڙهي جو گهر ويا ته وري موٽ ڪونه ڪيائون. شمشو ٻائي انهن ڏينهن ۾ وري مٿو ٻڌي هنڌ ۾ ڪرڻ تي هئي جو هڪ ڏينهن سندس ساهيڙي سروري ڌيءُ سوڌو وٽن آئي هئي. سروري جي ڌيءَ مٿي کان پيرن تائين سون ۾ ڳتي پئي هئي. شمشو ٻائي سندس اهي ٺٺ ڏسي حيران ٿي پئي هئي. اهڙا ٺٺ ته سروري وارين انهن ڏينهن ۾ به نه ڪيا هئا، جڏهن ڌنڌو چالو هو، بازار ۾ رهنديون هيون. ٻئي گهريون ساهيڙيون هيون. ٻنهي راز نياز ۽ ڪن ڳالهيون ڪيون هيون، جن جو نتيجو اهو نڪتو هو جو جان سروري واريون کائن موڪلائي ويون ته شمشو ٻائي سامان ۾ هٿ وڌا ۽ ٽن ڏينهن ۾ سوسائٽي جي هڪ اهڙي بنگلي ۾ لڏ لاٿي هئائين، جنهن جي ٻاهران سلائي جي اسڪول جو بورڊ لڳل هو. نيلم جنهن سڄي عمر ننڍڙي سوڙهي ڪوٺي ۾ گذاري هئي، تنهن ايڏو ڪشادو بنگلو ڏسي خوشيءَ مان ماءُ کان پڇيو هو:
    ”امان اسان هاڻي هتي رهنداسين؟“
    ”ها، توکي وڻي ٿو نه هي گهر.“
    ”ڪنهن کي نه وڻندو – ڪيتري مسواڙ آ هن جي؟“
    ”چار سؤ روپيا مهينو.“
    ”ايترا پئسا ڏئي سگهندينءِ؟“
    ”روزي وارو پاڻهي ڏيندو – تون جو ويٺي آن.“
    پر نيلم تنهن هوندي به اها ڳالهه ڪونه سمجهي هئي. هن ليکي ته ماڻس وري ناچ گاني جو ڌنڌو شروع ڪندي. هن کي ته ان ڳالهه جو خيال خواب به ڪونه هو ته ماڻس ان بندش واري قانون کان پوءِ به کانئس ڌنڌو ڪرائيندي. هن کي ته تڏهن خبر پيئي هئي جڏهن هڪ سومهڻي جو ڀاڻس منظور، کيس پنهنجي ڪمري مان اٿاري گول ڪمري ۾ وٺي آيو هو، جتي هڪ نوجوان پنهنجي هوسناڪ اکين سان سندس انگ انگ کي تڪي رهيو هو. هن جون ڳاڙهيون اکيون ان ڪسوٽي وانگر هيون، جن تي سون، سون ٿيندو آهي ۽ ڪچ ڪچ ٿيندو آهي. هن جون اکيون نيلم ۾ ئي کتيون رهيون هيون ۽ زبان منظور سان ڳالهائڻ لڳي هئي: ”گهڻو وٺندين رات جو؟“
    ”هتي رهندؤ يا وٺي ويندؤ؟“
    پر سيٺ جي اڌ ڄمار ان شوق ۾ گذري هئي. پرائي ۽ پنهنجي گهر ۾ وڏو تفاوت آهي. پنهنجو گهر نيٺ پنهنجو گهر آهي. هونئن به هي داڻو ته وري اهڙي هنڌ وٺي وڃڻ جهڙو هو، جتي ٻئي ڄڻا اڪيلا هجن ۽ ڪوهن ۾ ڪو ڪونه هجي. پوءِ ڪا ٽين شيءِ هجي ته پراڻي شراب جي بوتلن جي ڀريل ٽوڪري هجي. هن چيو هو: ”پنهنجي گهر وٺي ويندو سانس.“
    ”ڇڙو ٽي سؤ روپيا صاب.“
    اها سموري بازي ٻڌي نيلم لاءِ وڌيڪ ويهڻ مجال هو. هن کي پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ تي جڪ آيا هئا. هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ هنڌ تي اچي ڪري هئي ۽ پنهنجي بيوسي تي روئڻ لڳي هئي. ٿوري دير کان پوءِ ماڻس سندس ڪمري ۾ اچي کيس تيار ٿيڻ لاءِ چيو هو ته هن تکائي سان چيو هو: ”نه، مان ڪونه ويندس.“
    شمشو ٻائي سمجهو ته شايد نيلم ٻاهر اڪيلو وڃڻ کان گهٻرائي ٿي. هن کي ڌيءَ سان رهندو همدردي ٿي هئي، جو اڳي برابر ائين ڪونه ٿيندو هو. بازار ۾ ته ڪوٺي ۾ ئي رهڻو پوندو هو ۽ ٻاهر وڃڻو نه پوندو هو، پر بنگلن ۾ اهڙو ئي رواج هو. نيلم کي سمجهائيندي چيو هئائين: ”من، جهڙو ديس تهڙو ويس. پر توکي مان اڪيلو نه موڪليندس، ڀاڻين گڏيو هلندءِ.“
    ”تون سمجهين ئي ڪونه ٿي – مان ڌنڌو ئي نه ڪنديس.“
    ”هان!“ شمشو ٻائي جي پيرن هيٺان زمين، مٿان ڇت ڦرڻ لوي.
    ”ها، مان هي ڌنڌو نه ڪنديس.“ نيلم انهيءَ پختي ارادي سان چيو هو.
    ”اهو وري ڪيئن؟“ شمشو ٻائي اکيون ڪرڙيون ڪيون هيون.
    ”ڪنو ڪم آهي.“
    ”ماڻهين ۽ نانهين ڇا ڪنديون هيون؟“
    ”انهن سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ مون کي نٿو وڻي.“
    ”وڻڻ سا نه وڻڻ جو ڪهڙو سوال آ ڇوري – اسان کي ته ڪرڻو آهي، ڌنڌو جو ٿيو.“
    ”حڪومت جي بندش آ.“ نيلم کي ٻيو سريلو جواب سجهيو هو.

    ”پوءِ هتي ڌنڌي ڪرڻ جي موڪل پڻهين ڏني آ ڇا؟ پورا پنج سؤ منٿلي ٻولائي آ، اٿ حرامزادي، ڇڏ نخرا.“
    ”نه مان ڪونه وينديس.“
    اتي شمشو ٻائي کي چوچڙي وٺي وئي. اهڙو ضد ۽ هٺ ته اهي ڇوڪريون به نه ڪنديون هيون، جي دلال گهر مان زوري ڀڄائي کڻي ايندا هئا ۽ بازار ۾ وڪڻندا هئا. اهي پهريون پهريون ٿورو گوٿ ڪنديون هيون ته شمشو ٻائي جي هڪ ئي هڪل ڪافي هوندي هئي. شمشو ٻائي خار ۾ نيلم کي چوٽيءَ کان جهلي ٻه ٽي ٿڦوڙا هنيا هئا. هٿ سور ڪرڻ لڳا هئس ته وري چمپل کنئي هئائين، پر نيلم کي ان مار به ڪو اثر ڪونه ڪيو هو. لاچار شمشو ٻائي کيس ڇڏي منظور کي سڏيو هو. هو اها ڳالهه ٻڌي گرم ٿي ويو هو ۽ ٻانهون کنجيندي چيو هئائين: ”امان مون کي ڇڏ ته هن کي ٺاهيان.“
    شمشو ٻائي سياڻي هئي ۽ سڄي عمر ان ڌنڌي ۾ آندي هئائين. هن سمجهو هو ته مارڻ ڪٽڻ مان ڪو فائدو نه پوندو. سو پٽ کي ٻاهر گهلي هوريان سمجهايو هئائين:
    ”منظور، ٽنگ ڀڳي مان ويل ڪونه ويندي، پر دل ڀڳي کي مار مان به ڪجهه ڪونه ورندو. مان اڳ ۾ ئي کيس گڏهه وانگيان ڪٽيو آهي، رهندو تون ماريندينس ته ڦاسو کائي مرندي.“
    ”پوءِ؟“ منظور ڳالهه هنڊائيندي پڇيو هو.
    ”تون گراهڪ کي ڪو بهانو ڏيئي موٽاءِ - مان هن کي پاڻهين گهيتاري گهيتاري راهه تي آڻيندس.“
    هن جو لڱ لڱ سنڌ سنڌ سور ۾ ٻريو پيو هو ته به هن کي پرواه نه هئي. هوءَ يڪو ان سوچ ۾ هئي. هن کي ان ڌنڌي سان سخت نفرت هئي. پهريون پهريون بازار ۾ ان ڌنڌي جي عام اجازت هئي ته هن کي ان مان نڪرڻ جي ڪا واٽ ڪونه هئي. پوءِ هن کي ان بندش واري قانون جي خبر پئي هئي ته هن دل ئي دل ۾ وقت جي حڪومت کي لکين دعائون ڪيون هيون. هوءَا گراهڪن سان منهن ڏيندي به ان مبارڪ ڏينهن جو انتظار ڪندي هئي، جڏهن اهو ڌنڌو قانوني طور بند ٿيڻو هو. پر هن کي ان ازل جي ته خبر ئي ڪانه هئي ته وري ماڻس پوليس سان بندوبست ڪري کانئس ڌنڌو ڪرائيندي. جي پهريون ئي کيس اها خبر هجي ها ته هوءَ ان وقت ئي گهر ڇڏي ڀڄي وڃي ها. پر کيس ڪو هڏ – ڏوکي مائٽ به ته ڪونه هو. هن جو پيءُ ته الاجي ڪهڙي ڪاپار ۾ لڪل هو. الائي جيئرو به هو يا نه. ٻيو ته ڪير ئي ڪونه هو – جي ماما هئا ته به اهو ئي ڌنڌو ڪندا هئا ۽ جي ماسيون هيون ته به اهو ئي ڌنڌو ڪنديون هيون. هن لاءِ هتان ڀڄڻ به ڏکيو هو ته هتي رهي، ڌنڌو ڪرڻ به ڏکيو هو. ماڻس ته اڃا زال ذات هئي، پر سندس ڀاءُ منظور ته وڏو ظالم هو. هن مان ته ڪنهن به رحم جي ڪا اميد ڪونه هئي. هوءَ پنهنجي بيوسي ۽ لاچاريءَ تي روئڻ لڳي هئي. پوءِ اوچتو اوچتو ان ڪاري ٻاٽ مان کيس باک ڦٽندي نظر آئي هئي. هن کي ان اداري جي يادگيري اچي وئي هئي، جنهن جو ذڪر اڪثر اخبارن ۾ ايندو هو، جتي يتيم لاوارث ڇوڪريون رهنديون هيون. اتي کين امان ڏني ويندي هئي، پڙهايو ويندو هو ۽ هنر سيکاريا ويندا هئا. صبح جو ساجهر جڏهن گهر جا ڀاتي اڃا سمهيا پيا هئا، تڏهن هوءَ گهر مان نڪري هئي ۽ ڪورٽ کي گذارش ڪئي هئائين ته هوءَ يتيم ۽ لاوارث آهي، کيس دارالفلاح ۾ امان ڏني وڃي. ماجسٽريٽ کانئس دستوري بيان وٺي دارالفلاح اماڻيو هو.
    ٽين رات جو سومهڻي مهل هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ سمهڻ جي خيال سان ليٽي پئي هئي جو ماسي شادان وٽس لنگهي آئي هئي. هن گهر ۾ جيڪي عورتون ڇوڪرين جي سار سنڀال لاءِ رهنديون هيون، سي سڪ ۽ قرب ۾ ماسيون سڏبيون هيون، پر انهن سڀني ۾ ماسي شادان وڌيڪ سرڪردي ۽ معتبر هئي. ڇوڪريون هن جو لحاظ به رکنديون هيون ته ڪنبنديون به هيون. هن جي اداري جي صدر وٽ سڌي پهچ هئي ۽ ڇوڪرين جي چال چلت جي رپورٽن جو ڪم به مٿس رکيل هو. هوءَ ڪنهن ڇوڪري مان ناراض ٿيندي هئي ته ان کي وڌيڪ هڪ منٽ به رهائڻ بدران هڪدم ڪڍيو ويندو هو. ان ڪري سڀئي ڇوڪريون کيس راضي رکڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. هن اچڻ سان نيلم کي چيو: ”نيلم، توکي صاحب ٿو سڏي.“
    ”ڪهڙو صاحب ماسي؟“
    ”هتي هڪڙو ئي ته صاحب آ ڇوڪري، هن اداري جو صدر.“
    ”ڇو ٿو سڏي؟“
    ”توکان وارثن جي پڇا ڳاڇا ڪندو، پوءِ انهن جي ڳولا ڪندا.“
    ”پر ماسي، مون کي ته ڪو مٽ مائٽ ڪونهي.“
    ”اهو به پاڻ هلي ٻڌائينس نه.“
    نيلم کٽ تان اٿي، شلوار جي ورن کي ٺاهي، رئي جو پلئه مٿي ۽ پيرن تي ٺاهيائين ۽ ماسي جي ڪڍ لڳي ورانڊو ۽ اڱڻ لتاڙي، جڏهن هو صاحب جي آفيس ٻاهران پهتيون ته ماسي شادان کيس هوريان سمجهائيندي چيو:
    ”نيلم منهنجو چوڻ وٺندينءَ ته هتي سکي رهندينءَ، ٻي صورت ۾ توکي سڀاڻي ڪڍي ڇڏيندا.“
    ”ها ماسي، جيڪي چوين.“
    ”بس ته صاحب جو لحاظ رکجانءِ. فضيلت سان ڳالهائي سندس دل وٺندينءَ ته توکي پڙهائي سٺي نوڪري وٺرائي ڏيندو.“
    ”ها ماسي مان چري ٿورو ئي آهيان.“
    ”ها آهين ته سياڻي پر چيم متان به..... چڱو تون هتي ترس ته ڏسان ته واندو ويٺو آ يا نه.“
    ”پر ماسي منهنجي پارت هجئي، منهنجي سفارش ڪجانس.“
    شادان کيس دلجاءِ ڏيندي دروازي مان اندر هلي وئي هئي. ٿوري دير کان پوءِ اندران هڪ ٿلهو ڳورو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو شادان کان پڇي رهيو هو:
    ”شادان، نئين آيل ڇوڪري آندي اٿئي؟“
    ”ها صاحب.“
    ”آهي ڪنهن ڪم ڪار جي؟“
    ”ها صاحب، ڏاڍي سٺي ڇوڪري آهي. کيس هتان نه ڪڍجو.“ ماسي شادان ڏاڍيان چيو.
    نيلم در جي ٻاهران ماسي شادان جي سفارش ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي ويئي. ماسيءَ جيڪا پرپٺ گهڻگهتائي ڪئي هئي، سا وسارڻ جوڳي ڪانه هئي. هن دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته واپس موٽڻ سان ئي ماسيءَ جو اهو ٿورو لاهي ڇڏيندس ۽ پنهنجن ٽن چئن جوڙن مان هڪ جوڙو کيس ڏئي ڇڏيندس. هن کي دل ئي دل ۾ انهن ڇوڪرين تي عجب پئي ٿيو، جي ههڙي مهربان ماسيءَ کان ڊڄنديون هيون. هوءَ انهن ئي خيالن ۾ هئي جو ماسي شادان در تي اچي کيس اندر اچڻ جو اشارو ڪيو.
    نيلم رئي جو پلئه مٿي ۽ سيني تي ٺاهيو ۽ ماسي شادان پٺيان ڪمري ۾ داخل ٿي. ٻي گهڙي هن پنهنجيون جهڪيل اکيون مٿي کنيو. هن ڏٺو ته سامهون ٻيو ڪوئي ڪونه، پر سندس پهريون خريدار سيٺ ڪريم ويٺو هو.


    پارٽنر

    در جي کڙڪي تي منهنجي اک کلي پئي. ڏٺم ته هو وهتو پئي آيو. سرديءَ ڪري هن جي ٿلهي ۽ ڦيڦي بدن جي ٻوٽي ٻوٽي پئي ڦرڪي. سندس تئي جهڙو ڪارو رنگ هفتن کان پوءِ وهنجڻ ڪري ڳاڙهيرو پئي لڳو. در زور سان بند ڪرڻ جي ڪني عادت، هن کي اصل کان هئي. هو ڪمري کان ٻاهر يا اندر ايندي ويندي اهڙو ته در جو تاڪ ڇڏيندو هو، جو روم ۾ ويٺلن کان ڇرڪ نڪري ويندو هو. ٻه ٽي ڀيرا در جا شيشا به ڀڄي پيا هئا، جنهن تي وارڊن کيس گهرائي چڱي دٻ ڪڍي هئي، پر اهو ڏينهن گذريو ته وري ساڳي ڪار. مان به هوريان هوريان سندس ان عادت تي هرندو ويس ۽ کيس ٽوڪڻ ڇڏي ڏنم، پر اسر سان ننڊ ڦٽڻ ڪري مون کي ڏاڍا جڪ آيا، پر اهو سوچي ته ڪهڙو ويٺو صبوح مرداني سان ڪر ڪر ڪيان، چپ ڪيو هنڌ تي پاسا بدلائيندو رهيس. هو دريءَ ڏانهن وڌيو. ڪنڊ ۾ رکيل پنهنجي ڪڙي تيل جي شيشيءَ کي هڪ نظر ڏسي؛ منهنجي ميز ڏانهن وڌيو ۽ پنهنجي ”برل ڪريم“ مان ٻڪ ڪڍي پنهنجي ڀنڊولن کي هڻڻ لڳو. پنهنجي ڪريم جو اهو حشر ڏسي مون کي ڏاڍي خار آئي. در زور سان بند ڪرڻ جو بهانو ته مون کي هو، سو رهڙ ڏئي کيس چيم:
    ”پارٽنر، جڏهن در بند ڪرين ته ٻين جي ننڊ جو ته خيال ڪندو ڪر!“
    پر هن ڄڻ ته منهنجو ڳالهائڻ ٻڌو ئي ڪونه. ماٺ ڪري ڦڻي کڻي، پنهنجي وارن کي پوئتي بيهارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن جي جواب نه ڏيڻ تي ويتر مون کي خار آئي. پنهنجي پاڻ کي پٽڻ لڳم ته ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو هو، جو هن جزا کي پاڻ سان رهايم، هن سان رهڻ کان انڪار ڪيان ها ته وارڊن پاڻهي کيس ٻئي ڪمري ڏي اماڻي ها. دل ۾ پاڻ کي چيم ته ”پٽ، هاڻي ڀوڳ.“
    مان جڏهن وهنجي موٽي آيم ته ڏٺم ته هو ڌوٻيءَ کان رڱايل چاڪليٽي سوٽ پائي ڪرسيءَ تي ويٺو هو. هميشه جي خلاف سندس ڪوٽ جي کيسي مان اڇي رومال جي ڪنڊ به ظاهر پئي ٿي. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته اڄ آچر هوندي به ايترو ساجهر ڇو اٿيو آهي ۽ اهڙو ٺٺ ٺانگر ڇو ڪيو اٿئين؟ ان عجب ۾ منهنجي ساجهر واري ڪاوڙ به لهي وئي. ڪجهه کولڻ جي ارادي سان پڇيومانس:
    ”پارٽنر، خير ته آهي، ڪاڏي پيو وڃين؟“
    ”کرل صاحب! ڪئين ٿو لڳان؟“ هو منهنجي سوال جو جواب کائي ويو. هن کي پنهنجي سونهن جي ڳڻتي لڳي.
    ”ڪافي سمارٽ پيو لڳين.“ مون سندس دل رکڻ لاءِ چيومانس، نه ته ڪارو ماڻهو ۽ چاڪليٽي رنگ!
    ”سچ!“ هن جون واڇون خوشيءَ ۾ ٽڙي ويون.
    “You know seldom I steak to alien.”
    ”ٿئنڪ يو.“ هو پاڻ کي آئيني ۾ ڏسڻ لڳو.
    ”پر پارٽنر، وڃين ڪاڏي پيو؟“ مون وري پنهنجو سوال دهرايو.
    ”پوءِ ٻڌائيندوسانءِ، پهرين هڪ انجام ڪر.“
    ”چئه.“
    ”هڪ ٽاءِ ڏي پر ٻڌندين به، پاڻ کي ته ٻڌڻ به ڪانه ايندي آهي.“
    ”قبول“ مون ”ٽوٽل“ جي هڪ اڌ وراڻي ڏئي، ٽاءِ پيتيءَ مان ڪڍي کيس ٻڌي. ڪو خيال ڪري ٽاءِ پن به هڻي ڇڏي مانس.
    ”ٿئنڪ يو ويري مچ.“ هو سنهري پن جي زنجيريءَ کي هٿ لائڻ لڳو.
    ”هاڻي ٻڌائيندين به، ڪن ڪونه.“
    ”ٻڌايانءِ ٿو.“ هن پنهنجي هنڌ هيٺان ٻه لفافا ڪڍي، مون ڏي وڏائيءَ سان اڇليا ۽ پاڻ کي نيپولين بونا پارٽ وانگر ٻئي هٿ پوئتي، ڪنڌ سيني سان هڻي ٽنگون ٽيڙي بيهي رهيو.
    ٻئي لفافا کليل هئا. هڪڙي مان مون خط ڪڍيو. خط واقعي هن لاءِ خوشين جو پيغام هو. خط جو مضمون هن طرح هو:
    محترمي ومڪرمي!
    اشتهار بعد ٻئي ڏينهن توهان جو خط مليو. مون کي پنهنجي ڌيءَ نور چشمي سعيده خانم سلمها جي شادي جلدي ڪرڻي آهي، جو ان بعد ڪعبة الله شريف ۽ ڪربلا معليٰ وڃڻ جو ارادو اٿم. اوهان براه ڪرم 14 تاريخ اٺين بجي هيٺين ائڊريس تي ايندا. الله ڪندو ته ڀلي ٿي پوندي، وغيره وغيره.
    ٻيو ڀاڻس جو خط هو. لکيو هئائينس ته هن لاءِ ٻانهن ڳولي وئي آهي. جي شادي ڪرڻي هجيس ته جلد اچي.
    هان ته هيءَ ڳالهه آهي جنهن پارٽنر کي صبح جو ساجهر ٺٺ ٺانگر ڪرايو آهي. مون دل ۾ سوچيو ۽ ٽهڪ ڏنو.
    ”پارٽنر، ڊبل مبارڪون هجني – پر ڪاٿئون شادي ڪندين؟“
    ”شادي ته ڳوٺان ڪندم، پر دل ٿي چئيم ته هيڏانهن به سٽ هڻي اچان.“
    ”هائو سائين، ڀلي وڃ. موجون ڪر. منهنجي لاءِ به دعائون گهرج.“
    ”تنهنجي شاديءَ ۾ هڪ منٽ جي به دير نه ٿئي، پر تون پنهنجي مائٽن ڏي نٿو لکين. چڱو يار! دير ٿي ٿئي.“
    “O.K” هو روم مان ٻاهر نڪري ويو. مان به ٻاهر نڪري کيس ويندو ڏسڻ لڳس. هن هڪ هٿ سوٽ جي کيسي ۾ وڌو هو. هن جي چال ۾ هڪ نئين لوڏ هئي. مان روم ۾ واپس اچي بي اختيار کلڻ لڳس.
    هن جو نالو ته ٻيو هو، پر سندس طبيعت ۽ ڍنگ جي مطابق اسان کيس ”مومن“ سڏيندا هئاسين. صفا سادو هو. هر روم ۾ هو ڀوڪ ۽ چريي جي نالن سان ياد ڪيو ويندو هو. شاديءَ جي چيڙ ته مٿس مقدم هئي. پنهنجي روم مان جان نڪرندو هو ته ڇوڪرا مٿس کلندا ۽ ٽوڪون ڪندا هئا.
    ”اچو مومن صاحب“ هڪ چوندو.
    ”شاديءَ جو ڪڏهن خيال اٿو؟“
    ”هاڻي هي ويچارو ڇا شادي ڪندو؟ ڪنوارو رهي سڙي ويو آهي.“ ٽيون چوندو ۽ پوءِ ڪو هن جو چڙڻ ڏسي. کين ڳالهائيندو، رعب ڏيکاريندو.
    ”توهان بد تهذيب آهيو. توهان جو ٻين جي پرائيويٽ معاملن ۾ ڇا وڃي؟“
    هاڻي هن کي ڪير سمجهائي ته ”اڙي چريا، جي اهي تنهنجا ”پرائيويٽ“ معاملا آهن ته ٻين کي ٻڌائين ڇو ٿو؟“ هن جي اها عادت هئي ته جي ڪو ڇوڪرو ساڻس ٿورو گهرو ٿيندو هو ته ان کي پنهنجا گهرو معاملا، پنهنجا ناڪام عشق ۽ ٻيون حرڪتون مطلب ته ”الف“ کان ”ي“ تائين ٻڌائيندو هو، جنهن ۾ اهو به سور سليندو هو ته سندس عمر پنجٽيهه ورهيه کن ٿي آهي، پر شادي ڪانه ٿي ٿئي. هاسٽل جي ڇوڪرن کان الله امان ڏي. اهڙيون ڳالهيون ڪٿي ٿا رکن، ان وقت ئي مرچ مصالا گڏي پيا هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا. تانجو سڀني ڇوڪرن کي خبر پئجي ويندي هئي. هن کي چيڙائڻ جو هڪ ٻيو به سبب هو. اهو هو سندس مهانڊو. خدا ”مومن“ جي صورت ٺاهڻ ۾ انتهائي ڪنجوسي ڪئي هئي. قد بندرو، نڪ چنر (بينو) مٿو لوٽيءَ وانگر، وات ننڍو، پر چپ ٿلها، رنگ جي وري ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڪارا ماڻهو به گهڻا، پر ”مومن“ جهڙو به ڪو پئدا ٿئي. منهنجو سنگتي شيخ صاحب مون وٽ آيو. مون موهن جي دڙي بابت هڪ مضمون لکيو هو. کيس ڏنم ته پڙهي. هو اڃا پڙهي رهيو هو ته ”مومن“ آفيس کان واپس آيو. ڪمري ۾ اچي ڪپڙا بدلائي کٽ تي ويٺو. هن کي مضمون پڙهندي ڏسي پڇيائين: ”پارٽنر، ڇا پيو پڙهين؟“
    ”کرل صاحب جو لکيل مضمون پيو پڙهان.“
    ”عنوان ڇا اٿس؟“ مومن ٿورو رعب سان پڇيو.
    ”موهن جو دڙو.“
    ”پارٽنر ”موهن جي دڙي“ جي تهذيب ۾ ڪا ساڳي ڳالهه آهي؟“ هن کي اچي بحث جو شوق جاڳيو.
    هائو گهڻيئي ڳالهيون ساڳيون نه آهن.“
    ”مثلا“ مومن مغروريءَ مان ڪنڌ مٿي کنيو.
    ”هڪ سائنسدان موهن جي دڙي جي لڌل هڏائن پڃرن مان اندازو ٿو لڳائي ته اهي ماڻهو رنگ جا ڪارا، نڪ جا بينا ۽ بدصورت هئا.“
    ”ته پوءِ؟“ مومن اڃا نه سمجهيو.
    ”تون به انهن جهڙو ئي آهين.“ شيخ صاحب کلندي چيو. ”مومن“ صفا چڙي ويو. جهلڻ ۾ نه پي آيو، رڙ ڪري چوڻ لڳو:
    ”موهن جي دڙي جا ماڻهو ڪافر هئا، انهن سان منهنجي ڀيٽ ٿو ڪرين، پارٽنر توکي شرم نٿو اچي.“
    مان وچ ۾ پيس ۽ مس مس ”مومن“ کي ٺاريم. ڀؤ پي ٿيم ته متان وارڊن کي دانهن نه ڏي. اهڙي قسم جون جهڙپون ڪڏهن ڪڏهن اسان ٻنهي ۾ به ٿينديون هيون. هڪ دفعي ته هن مون سان ٻه ڏينهن نه ڳالهايو. هن کي گهڻو ڪري سيريئس انگريزي فلمون وڻنديون هيون، جن جو ترجمو سنڌي اخبارن ۾ ”پيرس جي مستاني“، ”خوبصورت پريون“ يا اهڙي قسم جا ٻيا نالا ٿيندو آهي. هڪ دفعي هو اهڙي قسم جي فلم ڏسي آيو. اچي روم ۾ تعريف شروع ڪيائين. مون کي چيائين ته: ”پارٽنر، ڏسي آءُ، نه ته هلي وئي ته پڇتائيندين.“ مان به فلم ڏسڻ جو شوقين آهيان، سو منهنجي دل به هرکي. مان ڏسڻ هليو ويس. عريان ناچ، عريان جسم ٽيرو مٽيرو، ڏاڍو بور ٿيس. روم ۾ پير رکيم ته مومن پڪچر بابت پڇيو، مان ته ڀريو آيو هوس، سو کيس ٽوڪيندي چيم:
    ”پارٽنر، اهڙي پڪچر ڏسڻ لاءِ صلاح ڏئي ٻين کي اهو ڇو ٿو جتائين ته توکي شاديءَ جي ضرورت آهي.“
    ”ڪنهن کي آ شادي جي ضرورت؟“
    ”اهو جيڪو وهي وهانوي جا ناول پڙهندو آهي.“
    صفا باه ٿي ويو. مون ”وهي وهانوي“ جي ناولن جو ذڪر ڪري مٿس ڄڻ ٽهڪندڙ تيل وڌو.
    ”پارٽنر، تو بنا اجازت منهنجي ٽيبل تان ڇو ڪتاب کنيو؟ توکي ڪهڙو حق آهي؟“
    مون کيس ڪو جواب نه ڏنو. ٻه ٽي ڏينهن منهن سڄايو ويٺو رهيو، ٽئين ڏينهن هن کي منهنجي هڪ ڪتاب جي ضرورت پئي، مجبورن گهرڻو پيس. مون به ڏنومانس. ان ڏي وٺ کان پوءِ وري اڳي جيان ٿي وياسين، ڄڻ جهيڙو ئي ڪونه ٿيو هو.
    هو منهنجو ڪلاسي هو ته به هن سان ايتري واقفيت ڪانه هئي، جو هو نوڪريءَ ۾ هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاليج ايندو هو. هڪ ٻئي جي نالي جي خبر به انٽر آرٽس جي امتحان جي ويري ۾ پئي. منهنجو سيٽ نمبر ناظم آباد لڳو هو، سو روز صبوح جو ساجهر بس تي وڃڻو پوندو هوم. هڪ ڏينهن مون جيئن بس ۾ قدم رکيو ته ڏٺم ته هو به اتي ويٺو هو. سندس ڀرسان سيٽ خالي هئي، ان ڪري مان اتي وڃي ويٺس. ڪنڊيڪٽر آيو. جيسين مان پئسا ڪڍان، تنهن کان اڳ هن ٻن ٽڪيٽن جا پيسا ڪڍيا ۽ منهنجي به ٽڪيٽ ورتي. رستي ۾ هڪ ٻئي جي نالن جي خبر به پئجي وئي. وڌيڪ خير سلا. ان واقفيت کان هن هاسٽل ۾ داخلا وٺڻ جي وقت دوستيءَ جو روپ ڏنو. جڏهن هن هاسٽل ۾ داخلا ورتي ته وارڊن کانئس پڇيو ته جي ڪو سندس دوست هن هاسٽل ۾ رهندڙ هجي ته ان جي ڪمري ۾ کيس جاءِ ڏئي. هن کي منهنجي هت رهڻ جي ڪا خبر هئي، سو هن جهٽ منهنجو نالو ڏنو. ”الاٽمنٽ چٽ“ وٺي مون وٽ آيو، ڏاڍي بيتڪلفيءَ سان ڀاڪر پائي خوشخبري ٻڌايائين ته هو مون سان گڏ رهندو. ڏٽيون ملائڻ لڳو ته گڏ رهي بي – اي جي تياري ڪنداسين. منهنجو اندر سڙي ويو، پر ساڻس انڪار نه ڪري سگهيس. شام جو ئي هو پنهنجو سامان کڻي آيو. ٻه پراڻيون ٽرنڪون، نوڙيءَ سان ٻڌل ميرو بسترو، هڪ ڇلي جنهن ۾ ڪونرو، گلاس، پراڻيون شيشيون جن ۾ الاجي ڇا جو ڇا پيل هو، ٻه جوڙيون کٿل بوٽ ۽ پلاسٽڪ جو پراڻو ٿيلهو، جنهن جون وڍيون ڇڄڻ بعد نوڙيءَ سان ڳنڍيون ويون هيون ۽ ان ۾ ڌوٻيءَ وٽ وڃڻ وقت ڪپڙا ۽ ڪاليج وڃڻ وقت ڪتاب، نوٽ بڪ ۽ ڦڻي وجهندو هو. ڦڻيءَ جا ٻٽي ڏندا ڀڳل هئا، پر تڏهن به نهايت پابندي ۽ آب تاب سان ڇوڪرين جي ڪامن روم جي اڳيان لنگهڻ وقت وارن کي ڏني ويندي هئي.
    مان اڃا گهل ۾ هوس ته دروازي بند ٿيڻ جو آواز آيو، بتي ٻري. مون اکيون کوليون ته هو بيٺو هو. سندس حالت ڏسي مان ڊڄي ويس. اکيون ڳاڙهيون، وار منهن تي ڪريل، ڪپڙن جي استري چٽ. مون ڏي ڀرپور نگاهن سان نهاري، هن پاڻ کي پنهنجي کٽ تي اڇلايو.
    ”آئين پارٽنر.“ مون دل جهلي کانئس پڇيو.
    هن ڪو جواب ڪونه ڏنو. چپ ڪيو ليٽيو رهيو. مان سمجهي ويس ته کيس جواب ڏنو ويو آهي.
    ”پارٽنر – پرواهه ڇو ٿو ڪرين؟ هنن سڱ نه ڏنو ته وڃي ڌوڙ پائين. تنهنجي ڀاءَ تنهنجي شاديءَ جو بندوبست ڪري رکيو آهي. هڪ ڏينهن ويندين ته ٻئي ڏينهن تنهنجي شادي ٿيندي.“
    ”ڪير ٿو چوي ته انڪار ڪيو آهي؟“ هن رڙ ڪري چيو.
    ”پر تو اهڙا حال ڇو ڪيا آهن؟“
    ”ٻڌايانءِ!“ هن آهستي چيو، ”مان هن سان هن هفتي شادي ٿو ڪيان.“
    ”ٺيڪ ڪيئي، ان ۾ ڏک ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
    ”هوءَ پنگلي آهي.“ هن جي لهجي ۾ ٿوري مايوسي هئي.
    ”هان“ مون کان رڙ نڪري وئي. من کان وڌيڪ هڪ اکر به نه نڪتو. ٿورو سانت ۾ رهي ان بعد هن آهستي مون کي سڏ ڪيو. ”پارٽنر“
    ”هون“ مان اڃا پنهنجي حالت سڌاري نه سگهيو هوس.
    ”هڪ ڳالهه پڇانءِ.“
    ”پڇ“ مون آهستي جواب ڏنو.
    ”تون جو منهنجي جاءِ تي هجين ها ته ڇا ڪرين ها؟“
    مان سندس سوال ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويس. جواب ظاهر هو، پر مون ۾ ايتري همت ڪانه هئي جو کيس جواب ڏيان، گهڻي دير کان پوءِ کانئس پڇيم:
    ”پر توکي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو آهي، جو ان سان شادي ٿو ڪرين؟“ مون رڙ ڪري ڏاڍيان چيو، ڄڻ منهنجي پنهنجي شادي ان پنگليءَ سان ٿيندي هجي.
    ”ڪاوڙ نه ڪر پارٽنر، ٻڌ! خيال ڪر ته هو پنگلي آهي، هن جا مائٽ به ايترا شاهوڪار ڪونهن جو کيس جهجهو ڏاج ڏئي کيس ڪنهن شاهوڪار سان پرڻائين ۽ ان حالت ۾ جي مون جهڙو بدصورت ماڻهو به کيس قبول نه ڪري ته ٻيو ڪير ساڻس شادي ڪندو؟ تون نه ڪندين ته ٻيو ڪو ڪندو؟“
    سندس جواب ٻڌڻ کان بعد مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ منهنجا عضوا چرڻ پرڻ کان بيڪار ٿي ويا آهن، منهنجي زبان تارونءَ سان چنبڙي پئي هجي. مون کان هڪ اکر به نه اڪليو.
    هن ساهي کڻي مون ڏي منهن ڪري چيو:
    ”پارٽنر، تون سڀاڻي ڪاليج نه وڃج.“
    ”ڇو؟“ مون هن ڏي نهاريو.
    ”سڀاڻي ٻئي ڪنهن سستي فليٽ جي جانچ ڪنداسين ۽ تنهن کان سواءِ هن موقعي لاءِ مون ٻٽي ڏوڪڙ به جمع ڪيا آهن. ڪجهه خريداري به ڪيون. هن لاءِ پنهنجو لٽو ڪپڙو به خريد ڪرڻو آهي. گهر لاءِ ضروري شيون مثلا اسٽو (Stove)، ڇو ته چلهه تي ماني وغيره پچائڻ ۾ کيس تڪليف ٿيندي.“
    مان هن فرشتي کي تڪيندو رهيس. هن ڳالهه جو سلسلو جاري رکيو: ”پارٽنر، تون منهنجو دوست به آهين، ڀاءُ به آهين، ڄاڃي به تون ئي آهي، منهنجو Bestman به تون ئي ٿيندين.“ ڪو خيال ڪري هن پڇيو: ”پارٽنر، توهان ۾ انر جي رسم آهي ڪن نه؟“
    ”آهي“
    ”ته ٺيڪ، پوءِ تون اسان وٽ رهج. آچر جي شام جو ته ضرور پيو اچجانءِ. اسان ٻئي رات جي مانيءَ تي تنهنجو انتظار پيا ڪنداسين. آچر جي رات جو ته هت ماني بند هوندي آهي نه، تون هوٽل تي ماني کائيندو آهين، پر منهنجي شاديءَ بعد تون مون وٽ ماني کائيندين.“ هن کلندي چيو. هن جي کل ۾ هزار سور هزار درد لڪيل هئا. مون کيس ڪو جواب نه ڏنو. هن بوٽ لاهي پنهنجا ڪارا ۽ ميرا پير کٽ تي سڌا ڪيا، هو ڇت کي تڪڻ لڳو. ان وقت الاجي ڇو منهنجي دل چاهيو ته انهن ڇوڪرن کي جيڪي مٿس چٿرون ۽ ٽوڪون ڪندا هئا، تن کي ڳچيءَ کان پڪڙي سندس قدمن ۾ ڪيري کانئس معافي پنان.


    چوٽيهون در

    باک مهل پاڻيءَ جي ماپ وٺندي، هن جي اوچتي نظر وڃي هڪ لاش تي پئي، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو هو. لاش جي ڳچي آروپار ڪپيل هئي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ سان ڳنڍيل هئي. لاش ڏسي هو هراسجي ويو ۽ ڪي گهڙيون ڀت کي هٿ وجهيون چپ چاپ بيٺو رهيو. ڳپل مهل کان پوءِ هن تان ٿورو هراس لٿو ته وري لاش کي غور سان ڏسڻ لڳو. لاش ڪنهن زائفان جو هو، جنهن کي ڳاڙهو گهگهو پيل هو، جنهن جا ڊگها وار پاڻيءَ ۾ لڙهڻ ڪري کلي پيا هئا ۽ جنهن جو ڀورو باهه جهڙو رنگ ان لڙئي پاڻيءَ ۾ به ڪوڏ جيان پئي جرڪيو. هن جي هڪ دل گهريو ته جيڪر ان ڦڏي ۾ ئي نه پوي ۽ در کولي لاش کي هيٺ لوڙهي ڇڏي، پر وري ٻيءَ دل هن کي ائين ڪرڻ کان جهليو ۽ کيس رب جي ڏاڍي سرڪار ياد ڏياري، جا اهڙين ڳالهين ۾ راضي ڪانه هئي. هن دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته هو پاڻ وڃي ٿاڻي تي فريادي ٿيندو ۽ صوبيدار کان ڪرڙي جانچ ڪرائي، خونين کي سوگهو ڪرائيندو. اهو ارادو ڪري پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ آيو ۽ ڪلف کڻي در بند ڪرڻ لڳو. در بند ڪري اوچتو هن کي پور پيو ته جيڪر پنهنجي ترتي عملدار، سروير کي اهو سمورو مذڪور ٻڌائيندو وڃي. ان پور تي هن وڃي سروير جو ڪوارٽر جو ڪڙو کڙڪايو. پر سروير جو سڄي رات سکر گهمي ۽ فلم ڏسي اسر موٽيو هو، سو ڪيئن پيو اهي اٺين ٻارهين آنين وارا کڙڪا ٻڌي. پر هن در کي ايستائين نه ڇڏيو، جيستائين سروير اچي در نه کوليو. اکيون مهٽيندي کانئس پڇيائين: ”ڇو ڙي ڪو کنڊ پيو آ ڇا؟“
    ”نه سائين، کنڊ ڪونهي پيو، پر هڪ لاش اچي در ۾ ڦاٿو آ.“
    ”پوءِ مون کي ڇو جاڳايئه، مان ڪو صوبيدار آهيان؟“
    ”سائين، ٿاڻي تي وڃان ٿو، پر توکي اطلاع ڏيڻ آيم جو متان دير ٿي وڃي.“
    ”دير، شام تائين موٽي آئين ڄڻ لک کٽيئه. پوءِ ته روز حاضريون کارائيندءِ.“
    ”ها سائين، مٿئون جو اچي پئي، منهن ته ڏبو نه.“
    ”ڀلي وڃي منهن ڏي، پر ٻي ڳالهه ٻڌ، متان فرياد ۾ منهنجو به نالو شاهدي ۾ لکائين.“
    ”نه سائين، تنهنجو نالو ڪونه ايندو. چوندس ته لاش ڏسي، سڌو ٿاڻي تي آيو آهيان.“
    ”ٺيڪ آ، ائين چئجانءِ.“ سروير در بند ڪيو.
    هو وري بئراج تي آيو ۽ سکر طرف هلڻ لڳو. هن اڃا سڏ کن پنڌ ڪيو هو جو پوئتان کيس ٽرڪ جون بتيون نظر آيون. ٽرڪ ڊرائيورن جي وڏائيءَ جي کيس چڱيءَ طرح خبر هئي. هو ههڙي تهڙي کي ته سگنل به ڪونه ڏيندا آهن، پر هن کي به سکر جو پنڌ سجهيو ته هن به کڻي هٿ ڏنو. ڊرائيور به ڪو اشراف جو پٽ هو، جو کڻي ٽرڪ جهليائين. هو خوشيءَ ۾ پر ٿي ويو ۽ دل ئي دل ۾ ڊرائيور جو ٿورو مڃڻ لڳو، جنهن ٽرڪ جهلي کيس ڄنگهن هڻڻ کان بچايو هو. ان ٽرڪ کي بيهارڻ ۽ کيس پنڌ کان بچائڻ ۾ مرضي به مولا جي هئي، جو سندس ان ڪم ۾ راضي هو. ٿاڻي جي دير کان ٿورو پرتي هو ٽرڪ جهلائي لٿو ۽ گيٽ اندر ٿيو. سامهون بيٺل سپاهيءَ کان صوبيدار جي پڇا ڪيائين.
    ”صاحب جانچ ۾ ويل آ.“ سپاهي کيس ڪياڙيءَ سان ورندي ڏني.
    ”جمعدار، مون کي صوبيدار وڏي سان ضرور ملڻو آهي. اهي ڳالهيون ڇڏ ميان!“
    ”ڇو، ڪا فرياد آ ڇا؟“
    ”ها ميان، فرياد آ.“
    ”هينئر فرياد داخل نه ٿيندو. ٻه ٽي ڏينهن رکي پوءِ اچجانءِ، سال جي پڇاڙي آهي، ڏوهه اڳ ۾ ئي وڌيل آهن.“
    ”ميان، ڪا چوريءَ کاٽ جي ڳالهه ٿوري آهي. خون ٿيل آ خون!“
    ”تون ڪيو آ ڇا خون؟ ڪٿي آهن هٿيار؟“
    ”هٿيار صوبيدار ئي وٺندو، مون کي ڇڙو ساڻس ملاءِ.“
    ”اهي سنها ڪم به صوبيدار وڏو ڪندو ته باقي مان هي مڇون اس ۾ اڇيون ڪيون آهن؟ جلد پيروي ٻڌاءِ.“
    ”جمعدار، تڪڙ گهٽ ڪر، مان به ڌڻڪو آهيان ۽ تو جهڙو ئي سرڪاري ملازم آهيان.“
    ”کڻي آسمان تان اڏري لٿو هجين، توکي حقيقت ٻڌائڻي ئي پوندي.“
    ”جمعدار، هروڀرو ٿو ضد ڪرين. صوبيدار وٽ تون به ٻڌجانءِ.“
    سپاهي هن مان ڪو چاڙهو نه ڏٺو ته لاچار کيس صوبيدار جي ڪوارٽر ڏانهن وٺي هليو. صوبيدار به هينئر تازو اٿيو هو ۽ چانهه پئي پيتائين. سپاهيءَ سلوٽ هڻي صوبيدار کي چيو: ”سائين، هي فريادي آيو آ.“
    صوبيدار ڪرڙي اک کڻي پنهنجي سپاهيءَ ڏي ڏٺو ۽ خار مان کانئس پڇيائين: ”اڙي عقل جا دشمن، ٿاڻي تي منهنجي آمد آهي جو مون ڏي وٺي آئينس!“
    ”سائين، مان ته هن کي ٻڌايو ته صاحب گناه نمبر 224 جي جاچ ۾ مصروف آهي، پر هن جو ڳوري ڳالهه ٻڌائي ته لاچار کيس وٺي آيس. پاڻ به سرڪاري ملازم آ.“
    ”ڇا ٿو ٻڌائي؟“
    ”سائين، چئي ٿو ته خون ٿيل آ.“
    ”خون، چڪلي ۾ ڇا؟ پر اتي ته سڄي رات رائونڊ ۾ هوس.“
    ”نه سائين، مون کي ته جاءِ واردات جي خبر ڪانهي، اوهان کي پاڻ ٻڌائيندو. اڙي ميان، ويجهو اچي صاحب کي سموري حقيقت ٻڌاءِ. ڊڄ ڊپ نه، سچ ٻڌائيندين ته فائدو پوندءِ.“ سپاهيءَ هن کي سڏي چيو.
    هو اڳتي وڌي صوبيدار جي ڀرسان آيو ته صوبيدار کائنس پڇيو: ”ميان، تون ڪهڙي کاتي ۾ آهين؟“
    ”سائين مان گيج ريڊر آهيان سکر بئراج تي.“
    ”ها، حقيقت ڪر.“
    ”سائين، مان صبوح جو دستور موجب پاڻيءَ جي ماپ پئي ورتي ته هڪ لاش ڏٺم، جو بئراج جي در ۾ ڦاٿو پيو هو. لاش جي ڳچي آروپار ڪيل آهي ۽ سسي باقي وڃي کل جي ٽڪريءَ سان ڳنڍيل آ.“
    ”لاش مرد جو آ يا عورت جو؟“
    ”عورت جو.“
    ”لاش پڪ مڇيون کائي ويون هونديون ۽ شناخت کان زور هوندو.“
    ”نه سائين، اڃا سلامت آ.“
    ”هون، ڪا خبر چار؟ ڪو آيو، ڪو ويو؟“
    ”نه سائين، اسان وٽ ته ڪو ڪونه آيو.“
    ”ڪوڙا خان، ٿاڻي تي ته ڪو وارث وصي ڪونه آيو؟“ صوبيدار پنهنجي سپاهيءَ کان پڇيو.
    ”نه سائين، هتي به نه جن نه ڪن.“
    صوبيدار وري ڏانهنس ڪنڌ ڦيرايو: ”ها ميان، ڪهڙيءَ مهل لاش ڏٺئه؟“
    ”سائين، باک پي ڦٽي.“
    ”اتي ٻيو ڪير هو؟“
    ”ڪوئي ڪونه، مان اڪيلو هوس.“
    ”پوءِ ڪنهن کي ٻڌائيه؟“
    ”ڪنهن کي ڪونه، سڌو ٿاڻي تي آيو آهيان.“
    ”تون پاڻ ڪٿي رهندو آهين؟“
    ”سائين، سکر بئراج تي ڪوارٽر مليل آ.“
    ”اڪيلو رهندو آهين يا ٻارين ٻچين؟“
    ”سائين اڪيلو.“
    ”ها ميان، اڪيلو ڇو نه رهندي، مڙس به شوقين ٿو ڏسجين!“
    ”شوقين ڪيئن سائين؟“
    ”ميان لبِ مهراڻ تي روز هڪ ٻئي کان اور ٿيون اچي گڏ ٿين، تو به هڪ کن ته تاڙي هوندي.“
    ”نه سائين، مان انهن ڳالهين کان پري آهيان.“
    ”انهن ڳالهين کان پري هجين ها ته خون ڇو ٿئي ها، لاش ڇو لڀي ها!“
    ”سائين مان نه سمجهيو.“ گيج ريڊر کي پگهر اچي ويا.
    ”برابر، تون هاڻي ائين سمجهندين به ڪونه، پر اها مهل آئي ته پاڻهي طوطي وانگر ٻوليندين.“
    ”سائين، توهين مون ۾ اجايو شڪ ٿا رکو. مان اهڙو ڪم ڪيان ها ته لاش هيٺ نه لوڙهي ڇڏيان ها. آخر مون کي ڪنهن پئي ڏٺو؟“
    ”ها، اها ڳالهه تنهنجي فائدي ۾ آهي، ان کي ضرور خيال ۾ رکبو. چڱو لاش جو حليو ته ٻڌاءِ.“
    ”سائين، مان هيٺ لهي ته ڪونه ڏٺو جو هراس پئي ٿيو. باقي فوتڻ رنگ جي ڀوري، ڊگهن ڪارن وارن سان، ڳاڙهو گهگهو ڀرت سان......“
    ”وئي، وئي!“ صوبيدار ڳوٽ ڀڳي.
    ”ڪئين وئي سائين؟“
    ”پڪ ڪنهن گهگهيلي ڪاري ماري، پنهنجو منهن ڌوتو.“
    گيج ريڊر اڃا اهو گفتو نه سمجهيو، سو صوبيدار کان پڇيائين: ”سائين، ڪنهن منهن ڌوتو؟“
    ”ميان، تون ڄٽ ماڻهو، توکي انهن ڳالهين جي ڪهڙي خبر؟ اهي غيرتون گهگهيلن کي، جو ڪو مهڻو ڏئين ته ان تي ئي آءُ ڪن.“
    گيج ريڊر هينئر اها ڳالهه سمجهي ويو، سو صوبيدار کي چيائين: ”سائين، اهي ڪهڙي قرآن ڪتاب ۾ جائز آهن؟“
    ”ٻروچ هن قانون کي ڇا ٿا سمجهن، اهڙا خون ته هنن لاءِ جائز آهن.“
    ”پر سائين، قانون ۾ ته ڏوهي آهن.“
    ”ها ميان، قانون ۾ ته سڌو سنئون 302 آهي، پر ڪير فريادي ٿئي ۽ ڪير باڪو ٿئي؟ ان ڪاريءَ جو ڀاءُ ۽ پيءُ به جوڻي نه کڻندا. ٻيا مائٽ ته پري ٻڌ.“
    ”پر سائين، اوهان اکيون وجهون ته اهي ڏوهه ڪيئن ٿا لڪي سگهن؟“
    ”ها، جي ڊگهي جاچ ڪبي ته اٽي مان وار به ڪڍي ڇڏبو. مون کي ته اهڙو آزمودو آهي، جو ڪو خونيءَ کي کڻي گلاب جي عرق ۾ وهنجاري سؤ ماڻهن سان گڏ بيهاري، ته به مان هڪ پل ۾ ڪن کان وٺي ٻاهر ڪڍندوسانس ته پٽ ماءُ جا، هتي ٿي بيهه!“
    ”واه سائين واه، اهو وري ڪيئن؟“
    ”خون جي ڌپ! خوني مان ڪا رت جي ڌپ ويندي؟“
    ”پوءِ ته سائين وارو ڪيو.“
    ”ميان، هن ڪاريءَ جي ڪيس ۾ ڪنهن کي پڪڙي ڪنهن کي پڪڙيان؟ جنهن ٻروچ ۾ هٿ پوندو تنهن مان خون جي ڌپ ايندي!“
    ”پر سائين، اهو به ته ٿي سگهي ٿو ته فوتڻ ڪاري نه هجي ۽ واٽ ويندي، پاڻي ڀريندي، ڪنهن شڪاريءَ کي هٿ اچي وئي هجي ۽ ان پوءِ ڀئو کان ماري کيس لوڙهي ڇڏيو هجي.“
    ”ها، ائين به ٿي سگهي ٿو، پر اهڙو امڪان اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.“
    ”سائين، هڪ ڀيرو جانچ شروع ٿي ته پاڻهي دڳ ٿيندو ويندو. خون ۽ کٿوريون ٿورو لڪنديون آهن.“
    ”ميان، ههڙي خون جي مولا نه جاچ ڪرائي. هيءَ جاچ ته رهندو گهر جا ٽپڙ به گهليندي.“
    ”ڪيئن، سائين؟“
    ”بابا، لاوارث لاشن جون جاچون ڪي سوليون آهن. پهريون لاش ڪڍائڻ تي مزوري، پوسٽ مارٽم جو خرچ، فوٽو گرافر، جيپن جا ڀاڙا ڪرايا، لاش جو دفن ڪفن، ان کان پوءِ بالا آفيسرن جا سهما، روز پيا پڇائون ڪندا، جيستائين ٻه ڏوڪڙ سندن منهن ۾ نه هڻبا. ميان، در کولي، لاش لوڙهي ڇو نه پئي ڇڏيئي؟“
    ”سائين، اهڙو پاپ مون کان ڪئين پئي پڳو. مولا الائي ڪهڙين ڳالهين ۾ راضي، شل حقؤن به رکي ناحقؤن به.“
    ”پر هاڻي تو گناه ڪيو يا مان، جو ٻئي پيا رولڙا پسون. ميان، خون جو فرياد ڪا چرچي جي ڳالهه ڪانهي. روز روز حاضريون کائي ٿڪين ته پاڻهي بان ڪندي.“
    ”سائين، مون کي اهي حاضريون چڱيون آهن، پر اهڙو ڪڌو ڪم مون کان نه ٿيندو، منهنجي فرياد وٺ.“
    ”ها ميان، تو مان جند ڪانه ڇٽيندي. ننڍي هوندي مائٽن ڪو گڏهه جو کير پياريو هيئي الائي ڇا.“
    ”سائين، جيئن سمجهين.“
    ”ڪوڙا خان، منشيءَ وڏي کي سڏ ڪر ته هي فرياد وٺون.“ صوبيدار پنهنجي سپاهيءَ کي چيو.
    منشي وڏو پنا، ڪاربان، رول، پينسلون کڻي آيو ۽ اچي صوبيدار جي ڀرسان موڙي تي ويهي، رول سان پني تي ليڪا ڪڍي، صوبيدار کان پڇيائين: ”سائين، پهريون ڪچي پني تي ٺاهيون ته پوءِ ٿا 154 تي آڻيون.“
    ”وڏا، مڙيئي ڌوڙ وجهينس، يا جيئن وڻئي تيئن ڪر، ڀلي پهريون ڪچي ٺاهه.“
    منشي وڏي بنا ڪاربان ٺاهي پينسل هٿ ۾ کڻي، صوبيدار ڏانهن ڏٺو.
    ”وڏا لک فرياديءَ جو نالو، ڇا ٿي نالو؟“
    ”سائين، غلام محمد پٽ نور محمد.“
    ”وڏا، لک – فريادي غلام محمد پٽ نور محمد، گيج ريڊر سکر بئراج، ڏوهه قلم 302 وقت اطلاع صبوح جو ڇهه بجي، وقت رپورٽ...... وڏا، بيهه ته، روزنامچو ڪيستائين لکيو اٿئي؟ هينئر ته ڏهه ٿيا آهن.“
    ”روزنامچو رات کان بند آ، هينئر وڃي لکندس.“
    ”ٺيڪ آ ته پوءِ لک – وقت رپورٽ داخلا جو سوا ڇهه بجا، وقت جانچ جو، بروقت پوليس طرفان ڪا دير ڪونه. ها بابا، لاش ڪٿي ڦاٿل آ؟“
    ”سائين، سکر بئراج جي چوٽيهين در ۾.“
    ”وڏا، وارو ڪر، ڏس ته اسان جي ٿاڻي جي حد ڪهڙي در تائين آهي؟“
    منشي وڏو تڪڙو ڪوٺيءَ ۾ ويو ۽ پري کان رجسٽر کنيون ٻهڪندو آيو ۽ چوڻ لڳو: ”سائين، اسان جي ٿاڻي جي حد ڪانهي.“
    ”واه قلندر! ميان، وڃ روهڙي ٿاڻي. ان حد ۾ نه اسان جو اڌ نه ٽهائي.“ صوبيدار مرڪندي چيو.
    ”سائين، ائين ڪيئن ٿا ڪيو؟“
    ”ميان، اعتبار نٿو اچئي ته کڻي پاڻ رجسٽر ڏس.“
    ”سائين، فرق ته رڳو هڪ در جو آهي.“
    ”بادشاه، هڪ در جو فرق ته وڏي ڳالهه آ، پر هڪ تِر جو هجئي ته به وک نه هلانءِ. مان آخر پرائو سور پنهنجي مٿي ۾ ڇو وجهان؟“
    ”مڙئي سائين مهر ڪر.“
    ”اڙي ڪو چريو چئبين. ليلهڙاٽ ته ائين ٿو ڪرين، ڄڻ ڪا پنهنجي سڳي هجئي. ميان، تنهنجو ڇا؟“
    ”پوءِ سائين، مان ڇا ڪيان؟“
    ”بابا، تون روهڙي ٿاڻي تي وڃ، اتي وڃي اها رپورٽ ڏي.“
    ”اهو جو رپورٽ نه وٺي؟“
    ”ڪيئن نه وٺندو؟ سندس حد آ.“
    گيج ريڊر وري روهڙيءَ ڏانهن کڙي ڪئي ۽ ذري گهٽ منجهند اچي ٿاڻي تي پهتو. ڪلاڪ ڏيڍ جي انتظار کان پوءِ مس مس صوبيدار سان ملاقات ڪيائين ۽ کيس خون ٿيل لاش جي لڙهي اچڻ جي خبر ٻڌايائين.
    ”لاش ڪٿي ڦاٿل آ؟“
    ”سائين، سکر بئراج جي چوٽيهين در ۾.“
    ”منشي وڏا، اهو چوٽيهون در اسان جي حد آ يا سکر جي؟“
    ”اسان جي.“ منشيءَ وڏي منهن ڀيلو ڪري ٻڌايو.
    ”ڪهڙيءَ مهل لاش ڏٺو هيئي؟“
    ”سائين، باک مهل.“
    ”پوءِ ايتري دير ڪاٿي هئين؟ هينئر ته ذري گهٽ منجهند اچي ٿي آهي!“
    گيج ريڊر چپ.
    ”ميان، جواب ڏي نه ته اها دير توکي ڏکي پوندي.“
    اتي گيج ريڊر ڦاٽ کاڌو، پرائيءَ عزت کان نيٺ پنهنجي عزت پياري هئي. ”سائين، مان ته پنهنجي سر ڪا دير ڪانه ڪئي. مان ته ان مهل ئي سکر ٿاڻي تي ويو هوس، پر ان صوبيدار مون کي ويهاري ويهاري نيٺ پوءِ جواب ڏنو.“
    ”ڇو جواب ڏنائين؟“
    ”چيائين ته منهنجي حد ڪانهي.“
    ”هن جي حد هجي يا منهنجي هجي. جهڙو هو گورنمينٽ جو نوڪر، تهڙو مان نوڪر. هن کي پهريون خون جي خبر پئي هئي. قانون مطابق هن کي رپورٽ وٺڻي هئي ۽ مشير نامو ٺاهي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلڻو هو. ان کان پوءِ مون ڏي ڪاغذ موڪلڻا هئس.“
    ها سائين، مان ته کيس گهڻا ئي ايلاز ڪيا، پر اصل ڪونه مڙيو.“
    ”ڇا پئي چيائين؟“
    ”سائين، چيائين پئي ته ههڙي جاچ ڪير ڪري. هيءَ جاچ ته رهندو گهر جا ٽپڙ گهليندي.“
    ”ها، پر جي مٺو کائبو آ ته ڦڪو به کائبو آ. جي ان لاش جا وارث پئدا ٿين ٿا ته پوءِ اهو لاش کيس ڏاڍو مٺو لڳي ها. پوءِ انهن حدن ٻدن جو خيال ئي ڪونه اچيس ها.“
    ”الائي، سائين.“
    ”الائي وري ڇو؟ توکي اها خبر نٿي پوي؟“
    گيج ريڊر ڇا ڪڇي.
    ”چڱو ڀلا، هاڻي هي ٻڌاءِ ته توکي ڪيئن خبر پئي ته لاش چوٽيهين در ۾ آ؟“
    ”مان پاڻ ڏٺو هو.“
    ”تو لاش ڏٺو هو يا در ڳڻيا هيئي؟“
    ”در ڳڻڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي سائين، درن جا نمبر ته منهنجي دل تي لکيل پيا آهن.“
    ”پر ميان، ڀل چڪ ته ٿي سگهي ٿي.“
    ”نه سائين، اهڙو انڌو مان به ڪونهيان.“
    ”ڀلا، هينئر جو هن ٿاڻي تي آئين ته وري لاش ڏٺئي؟“
    ”هن ڀيري ته اهو رستو آيس ئي ڪونه. مان ته سڌو اچي روهڙي واري پل ٽپيس.“
    ”اوڏانهن اچين ها ته گهٽ ۾ گهٽ پڪ ته ٿئي ها. الائي وري لاش لڙهي ڪنهن ٻئي در ۾ ته نه ڦاٿو.“
    ”اها الله کي خبر، پر ائين وري ڪيئن ٿيندو؟“
    ”چڱو، اها وري ٿا کڻي جاچ رکون...... وڏا، او منشي وڏا!“
    ”جي سائين!“ منشيءَ وڏي جواب ڏنو ۽ اچي صوبيدار جي سامهون بيٺو.
    ”يار، لاوارث لاش جي فرياد آهي ته ڏکي، پر هن مڙس کي هروڀرو ڪونه رلائبو. تون هن کان فرياد وٺڻ جي تياري ڪر. پر ان وچ ۾ پنهنجو ڪو ماڻهو موڪلي اها ته خاطري ڪر، متان لاش اسان جي حد ۾ ئي نه هجي ۽ اسين ويٺا اجايا خفا ڪيون.“
    ”اهي خفا اجايا ٿا ڪيو سائين، لاش چوٽيهين در ۾ آ.“ گيج ريڊر صوبيدار کي وري پڪ ڏني.
    ”ميان، اسان کي پڪ ته ڪرڻ ڏي. متان درياهه جي وهڪري تي لاش لڙهي ڪنهن ٻئي در ۾ نه ڦاٿو هجي.“
    ”ڀلي سائين.“
    ”منشي وڏا، تو به ڳالهه سمجهي نه؟“
    ”ها سائين، خاطري ڪيو.“
    ”پر ڪنهن بني بشر کي خبر نه پوي! مهاڻي کي به جهلجانءِ ته ان ڳالهه جو پڙهو نه ڏي، رڳو ماٺ ميٺ ۾ لاش ڏسي، در ڳڻي اچي.“
    ”ها سائين، بس نه؟“
    ”بس، پر هن همراهه کي پاڻ سان ورتيون وڃو. هن ويچاري ماني به کاڌي آهي الائي ڪونه.“
    ”سائين، مون کي طلب ڪانهي.“
    ”ميان حجاب نه ڪر، ماني مولا جي آ. وڏا، منهنجي کنڌي هوٽل مان گهرائي کارائينس. هي مڙس ماڻهو اٿئي، پرائي خون تي ڪنهن ڀاڙي ڀتي کي ڪهڪاءُ ڪونه ايندو آ. وڏا، ههڙن مڙسن جو شل ڪال نه پوي.“
    ”بيشڪ سائين، مڙساڻا اکر اٿس. هل ادا، اٿي ڪو ڳڀو کاءُ.“
    صوبيدار ۽ وڏي منشي جي ان تعريف گيج ريڊر جا مڙئي ٿڪ لاهي ڇڏيا. هن کي سکر واري صوبيدار تي وڏي خار هئي، جنهن کيس اجايو رلايو هو ۽ ساڻس خوديءَ سان ڳالهايو هئائين. جو منشي وڏي جي ڪوٺيءَ ۾ آيو ۽ ماني کائي، ڄنگهون ڊگهيون ڪيائين ته کيس ننڊ کڻي وئي. ٽپهريءَ مهل منشيءَ وڏي ٽنگ لوڏي جاڳايس ۽ صوبيدار وٽ هلڻ لاءِ چيائينس. هو صوبيدار جي ڪوٺيءَ ۾ گهڙيو ته صوبيدار کيس چيو: ”ميان، لاش ته ٽيٽيهين در ۾ آ، اها اسان جي حد ڪانهي.“
    ”اهو وري ڪيئن سائين؟ مان پاڻ چوٽيهين در ۾ ڏٺو هو!“
    ”ميان، يا ته تون ڀُلو آن يا لاش پوءِ وري لڙهي وڃي ٻئي در ۾ ڦاٿو ا.“
    ”سائين، مان ته رُلي مري ويس!“ گيج ريڊر کي رلڻ جو جيڪو خيال هو، سو ته کڻي ڇڏيو، پر کيس سکر واري صوبيدار جا سور به پئي سجهيا.“
    ”ميان، پرائيءَ حد ۾ مان ڪيئن دخل ڏيندس؟“
    ”پر سائين، در ۾ ڦاٿل لاش ڪئين وري لڙهندو. منهنجو ته مغز ئي نٿو ڪم ڪري.“
    ”ميان، پر تون وري کڻي بئراج ڏانهن ٿيندو وڃ. چڱيءَ طرح در ڳڻجانءِ. جي چوٽيهون در هجي ته مون کي کڻي نياپو موڪليندين ته مان اچي ٺهڪو ڪندس.“
    گيج ريڊر آگ قبولي، وري سکر طرف هليو ۽ سڌو رستو ڇڏي سکر بئراج ڏانهن ڦريو. هن ڀيري هن پڪو پهه ڪيو ته لاش چڱيءَ طرح خاطري سان ڏسي، پوءِ سکر واري صوبيدار سان ملندو. هو هلندو هلندو چوٽيهين در وٽ پهتو ته ڏٺائين ته ڪاريءَ وارا ڪک هئا ۽ وري اڳتي وڌي ٽيٽيهين در ۾ جهاتي پاتائين ته اتي لاش برابر ڦاٿل هو. اها خاطري ڪري هو سکر ٿاڻي پهتو ته صوبيدار پري کان کيس ڏسي پڇيو: ”پٽيا خدا جا، وري ڇو آيو آهين؟“
    ”سائين، لاش ٽيٽيهين در ۾ آ، اها اوهان جي حد آ.“
    ”اڙي، اهو وري ڪيئن؟“
    ”سائين، صوبيدار روهڙي واري جو لاش ڏسڻ لاءِ مهاڻو موڪليو ته اهو ٽيٽيهين در ۾ ڦاٿو پيو هو، سو توهان ڏي موڪليائون.“
    ”هتي ويهه گيج ريڊر جا پٽ.“ صوبيدار گجگوڙ ڪندي چيو: ”تنهنجي حد ۾، تنهنجي ڊيوٽي ۾ خون جو ڏوهه ٿيل آهي. ان کان پوءِ تون لاش کي هڪ جاءِ تان ٿيڙائي وري ٻي جاءِ واردات ٺاهي آهي. اهو ڏوهه به خون جيترو ئي آهي. وڏا، ڏيکارينس ان ڏوهه جو قلم.“
    ”هيڏي آ ميان ته قلم ڏيکاريانءِ.“ منشي وڏي کيس سڏ ڪيو.
    ”ڇڏ منشي وڏا، مان برابر گناهي آهيان.“ گيج ريڊر روئڻهارڪو ٿي ويو.
    ”بلڪل تون گناهي آهين. ان کان سواءِ تون ٻن ٿاڻن، ٻن عملدارن کي ٿو پاڻ ۾ ويڙهائين. ان ويڙهه ۾ تون ائين پيسجي ويندين جيئن ان سان گڏ گهڻو.“
    ”سائين، اعتبار ڪر. مان توهان کي ڪونه ٿو ويڙهايان ۽ نه مون ڪو لاش ئي ٿيڙيو آهي.“
    ”پوءِ لاش ٽيٽيهين در ۾ ڪيئن آيو؟“
    ”سائين، خدا جو قسم، مون کي ڪا خبر ڪانهي. منهنجون ته پاڻ وايون بتال ٿي ويون آهن. صبوح جو مان هن گنهگار اکين سان لاش چوٽيهين در ۾ ڏٺو هو، پر وري روهڙي کان موٽندي ڏٺم ته ٽيٽيهين در ۾ پيو هو.“
    ”پوءِ لاش جن ٿيڙيو ڀوت ٿيڙيو؟“
    ”سائين، روهڙي واري صوبيدار ته چيو پئي ته لاش درياه شاه ٿيڙيو آهي.“
    صوبيدار سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ڪي گهڙيون ٽٻيءَ ۾ پئجي، ڪنڌ مٿي کنيائين: ”ها اها ڳالهه ٿي سگهي ٿي، درياه بادشاه آهي.“
    ”ڀلا سائين، هاڻي رپورٽ وٺو، دير ٿي ٿئي.“
    ”ضرور وٺبي، پر هينئر ته سانجهي ٿي وئي آهي. هن مهل لاشو ڪير ڪڍندو؟“
    ”پوءِ ڇا ڪيان؟“
    ”تون ساجهر اچجانءِ، رپورٽ مان رات ئي ٺاهي ڇڏيندس. صبوح جو ڇڙي تنهنجي صحي پوندي.“
    ”پر سائين، لاش کي ٻي به رات پوندي ته شناخت کان زور ٿي ويندو.“
    ”ميان، رات ۾ ڪجهه ڪونه ٿيندس. تون باک مهل اچي پهچجانءِ.“
    رات جو ته نه، البته باک مهل هو وري سکر ڏانهن پئي آيو ته ٽيٽيهين در جي سامهون پهچي، هن کي دل ۾ خيال آيو ته جيڪر هو لاش کي وري هڪ نظر ڏسندو وڃي. هن کي پڪ هئي ته لاش شناخت کان زور ٿي ويو هوندو. هن ڀت کي هٿ وجهي جو هيٺ نهاريو ته هن جي اکين ۾ ترورا اچي ويا. لاش ٽيٽيهين در ۾ ڪونه هو. هن وري ڊڪي وڃي چوٽيهين در ۾ جهاتي پاتي ته لاش اتي ڦاٿو پيو هو.
    هو ڪي گهڙيون فٽ – پاٿ تي بيهي رهيو. هن نه سکر طرف قدم وڌايو ۽ نه روهڙي طرف موٽ کاڌي. ٻئي پاسا ڳورا هئا. اڳيان باهه هئي ته پٺيان پاڻي هو. ڪا مهل سوچي سوچي هن هيڏي هوڏي نهاريو، پرتي اورتي ڪوئي ڪونه هو. هن ڀت تي چڙهي در جي چاٻيءَ ۾ وڃي هٿ وڌو.
    نيرن مهل گيج ريڊر پنهنجي ڪوٺيءَ ڏانهن پئي ويو ته سروير کانئس پڇيو: ”غلامو، لاش ڪهڙي صوبيدار جي حوالي ڪيئي؟“
    ”بابل، ٻنهي صوبيدارن لاوارث لاش ڪونه ورتو، سو ان کي ان بادشاهه جي حوالي ڪيم، جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن. هيڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ.“


    پهرين پهر

    ستين بجي ميلاد هو ۽ هن اڃا ڊريسنگ ٽيبل جي پچر ئي ڪونه ڇڏي هئي. ٽيبل جو سمورو ٽاپ شيشون ئي شيشون هو. سندس ٻنهي ڌيئن فريال ۽ زوفيءَ ته ڪڏهوڪو پنهنجي بيل باٽم سوٽ پائي تياري ڪري ڇڏي هئي ۽ هر هر سندس ڪمري ۾ پئي جهاتيون پاتائون ۽ ڦيريون ڏنائون. هنن رکي رکي کيس ايلاز به پئي ڪيا: ”امي پليز هاڻي اٿ به نه!“ هن ميڪ – اپ ڪندي ڪڏهن ته کين چهڙون پئي پاتيون ۽ ڪڏهن ته کين آسرا پئي ڏنائين، ”بس باقي پنج منٽ.“
    هڪ دفعي ته زوفيءَ دل ٻڌي کيس چئي به ڏنو: ”امي! تنهنجا اهي پنج منٽ ته کٽن به ڪونه ٿا.“ هن جو جواب ۾، زوفيءَ ڏانهن خار ۾ گهورڻ ئي ڪافي هو ۽ هو پڇ پائي وٺي ڀڳي هئي ۽ وري ڪي گهڙيون پاڻ اچڻ بدران فريال کي پئي موڪليائين.
    اهي آسرا، اهي چهڙون شام جو چئين بجي کان پئي هليون، جڏهن هوءَ ائپرن پائي اچي ميڪ – اپ کي لڳي هئي. پهريون فائونڊيشن ڪريم، وري فيس پائوڊر، وري روج، مسڪارا، آءِ لائينر مڙئي شيشن مٿان شيشون پئي کليون وري بند ٿيون ۽ وري پئي کليون.
    هن ان ميلاد جي تياري حقيقت ۾ ته ان ڏينهن کان شروع ڪري ڏني هئي، جنهن ڏينهن هوءَ اوپا جي ميٽنگ ۾ پنهنجي طرفان ڀرپور تياريون ڪري وئي هئي ۽ تڏهن به بيگم ملڪ اڳيان سندس دال نه ڳري سگهي هئي. ان وچ ۾ هوءَ ڪونه ڪو سانگو ڪري ڪراچيءَ جو چڪر به هڻي آئي هئي ۽ اتي هن پنهنجا وار به نئين طرح سيٽ ڪرايا هئا ۽ بيوٽي پارلر جي مسز بيگ جي صلاح سان ميڪ – اپ ۾ روش شيڊ ڇڏي روز ريشل شيڊ جو انتخاب ڪيو هئائين، جيڪو هن جي رنگ تي ٺهڪندڙ به هو. هن ٻٽي ڏينهن سانده بيوٽي پارلر ۾ وڃي – ميڪ اپ به سکيو هو. هن محبوب بخش وارن وٽان ڳولي ڳولي ٻٽي فارين ڪپڙي جا سوٽ به ورتا هئا ۽ پيور پرنٽيڊ شيفون جي ساڙهيءَ جي ڳولا ۾ سپر هاءِ وي وارين جهڳين ۾ به ٿاٻا کاڌا هئا. جنهن وقت اها کيس ملي هئي، هن محسوس ڪيو هو ته ڄڻ سارو جهان کيس ملي ويو هجي. ان کان پوءِ پورا ٻه ڏينهن ته انهن ڪپڙن جي ڊزائن ڳولڻ ۾ صرف ڪيا هئائين ۽ سبڻ کان پوءِ به ٻٽي ڀيرا پائي فل مرر ۾ آڳا پيڇا ڏسي، خاطري ڪئي هئائين. هن هڪ ٻن جوڙن تي شوز ۽ پرس به ورتا هئا. جيولري لاءِ ته هن سمورا دوڪان ڏٺا هئا، پر پرس خالي هئڻ سبب هو ڪو ڳرو جڙائو سيٽ وٺي نه سگهي هئي. تنهن هوندي به اوڌر سوڌر ڪري هڪ هلڪڙو لاڪيٽ، منڊي ۽ ٽاپس جو نورتن سيٽ ورتو هو. موٽڻ کان پوءِ هن ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ جو انتظار شروع ڪري ڏنو هو ۽ ان لاءَ کيس گهڻو ترسڻو نه پيو ۽ جلد ئي کيس بيگم بشير ميلاد جو سڏ ڏنو هو. شام جي چئين بجي کان هن ميڪ اپ شروع ڪري ڏنو هو ٽيبل جو سمورو ٽاپ، شيشون ئي شيشون هو، جي ڪڏهن کليون پئي ته ڪڏهن بند پئي ٿيون.
    هن ميڪ – اپ ختم ڪري کليل شيشون بند ڪيون ۽ پوءِ ڊريسنگ گلاس جي ڪڏهن ويجهو وڃي، ڪڏهن پري بيهي اکيون ڦوٽاري، ڪڏهن چنجهيون ڪري، چپ ڀڪوڙي وري کولي پنهنجو اوور آل جائزو ورتو هو. مطمئن ٿي هن پرس کنيو ته فون جي گهنٽي وڳي ۽ زوفيءَ کيس سڏ ڪيو، ”امي بيگم حسين جو فون.“
    ”ڪمنگ!“ هن سر سان جواب ڏنو ۽ لوڏ سان فون ڏانهن هلڻ لڳي.
    بيگم حسين هن جي حجائتي ساهيڙي هئي. عمر ۾ ٿوري هن کان وڏي، پر تجربي ۾ آڙيڪاپ. شاديون، براتيون ۽ پارٽيون هن کان سواءِ نامڪمل هيون. ڪنوارين جا سينگار، سيجون، سندن گوڏي سان گوڏو ڀڃي ويهڻ، کين ڪن ۾ ڳالهيون ڪري کلائڻ، آخر ۾ گهوٽ کي پارتن ۽ صبوح جون خبرون چارون وٺڻ، سندس بلي هوندو هو. هن رسيور کنيو ته بيگم حسين اچي کيس انگن تي کنيو: ”من ڪيترو تڙپائيندينءَ؟ ساڍا ست اچي ٿيا آهن!.“
    ”بس آيس پئي، ٻيون آيون آهن؟“
    ”ٻين سان منهنجو ڇا، منهنجو ته تو لاءِ هنيانءُ ٿو ڦاٽي.“
    ”مسٽر حسين لاءِ هيانءُ ڦاٽندو هوندءِ!“
    ”ان لاءِ رات جو، هن وقت تو لاءِ.“
    ”بس بس گهڻو ٿيو.“ هن شرمائجي چيو. بيگم حسين سان سندس پڄڻ جي ڀيڻي ڪونه هئي.
    گاڏيءَ ۾ چڙهندي هن کي دل ئي دل ۾ اچي بيگم ملڪ جي هورا کورا لڳي، جا هر پارٽيءَ ۾ کانئس گوءِ کڻي ويندي هئي. شڪل شبيهه، روپ ۾ ته هيءَ به کانئس گهٽ ڪونه هئي، پر بيگم ملڪ به پنهنجي نالي سان هئي. هوءَ هر ڀيري ڪو نه ڪو جدت وارو لباس يا نئون سيٽ پائي، نانگن وانگيان موڙا ڏيندي، ترندي ترڪندي ايندي هئي ته هر ڪنهن جون اکيون وڃي منجهس کپنديون هيون ۽ کيس پيرن کان چوٽي تائين تڪي وري منڍ کان تڪڻ شروع ڪنديون هيون. سڀ، ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سندس چوڌاري ڀونئرن وانگر پيون ڦرنديون هيون. ان وقت هيءَ پنهنجي گروپ سان ٽهڪڙا ڏيندي به اڪيلائي محسوس ڪندي هئي ۽ هن کي پنهنجي ٽهڪ کوکلا لڳندا هئا.
    بيگم بشير جو گهر اچي ويو ته اندر گهڙڻ کان اڳ، هن وري به پنهنجو جائزو ورتو. پاڻ ۾ خود اعتمادي پئدا ڪندي وڏي بي نيازيءَ سان موڙا ڏيندي لڏندي لچڪندي، مشڪندي اچي ڊرائينگ روم ۾ پهتي. ميلاد اڃا شروع نه ٿيو هو ۽ پڙهڻ واريون هينئر پئي مسند تي ويٺيون. پنهنجي ويهڻ لاءِ نظرن ئي نظرن ۾ جاءِ ڳوليندي، هن جي نظر اوچتو ئي اوچتو وڃي بيگم ملڪ تي پئي، جنهن کيس ايندو ڏسي، گهڙيءَ لاءِ هن ڏي نهاريو، پر ساڳئي پل ۾ وڏي بي پرواهي سان ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي، ڀرسان ويٺل بيگم لطيف سان ڳالهائڻ لڳي. هن بيگم ملڪ جي اها روش بريءَ طرح محسوس ڪئي ۽ پنهنجيءَ پر به، اهڙي بي پروائي ڏيکارڻ جي ڪئي، پر اوسي پاسي ٻين بيگمات کي وش ڪندي ۽ ماحول جو جائزو وٺندي، قضا تي جو هن ٽيڏي اک سان بيگم ملڪ ڏي ديد ڪئي ته ڪي گهڙيون سندس اکيون منجهس اٽڪي بيهي رهيون. بيگم ملڪ کي پيل ماربل جو سوٽ ته خير ڪجهه به ڪونه هو، جو اهڙو ئي ٻي رنگ جو وٽس به هو. پر سندس سچي جيڊ جو ڳوڙو جڙائو سيٽ ڪا شيءِ هئي! ان سيٽ کي ڏسي هن کي پنهنجي ڳچي وارو لاڪيٽ ڪنهن ميري سٽ جو ٺهيل ڌاڳو لڳو.
    هوءَ پوءِ سمورو وقت ان ويسوري ۾ ويٺي رهي. الائي ڪهڙي وقت نعتون پڙهيون ۽ روايتون بيان ٿيون، هن کي ته پنهنجي رئي جي پلو جي به خبر ڪونه هئي، جو هيٺ سرڪي ويو هو. سلام وقت جڏهن سڀ بيگمات اٿيون ته هوءَ پوءِ لاچار سنڌن جي سور جي مريض وانگر مس مس اٿي. ٻيون بيگمات دستور موجب سلام ۾ پنهنجو به سر وٺائڻ لڳيون، پر هن جي وات ۾ ته ڄڻ مڱ پيا هئا. هن کان ته پنهنجي حصي جو تبرڪ وٺڻ به وسري ويو.
    ٻاهر ورانڊي پڌر ۾ چانهه ۾ سنيڪس جو انتظام هو. هوءَ به ٻين جي پويان لاچار رڙهندي هلي. بيگم حسين، جا سمورو وقت ٻيءَ ڪنڊ ۾ ويٺي هئي ۽ ميلاد جي ادب کان پنهنجي جاءِ ڇڏي، هن ڏانهن نه پئي آئي، تنهن هينئر واند ڏسي کيس اچي کنڀيو. پر بيگم حسين جا چرچا گهٻا به کيس نه وندرائي سگهيا. ظاهر ۾ ته هوءَ مشڪندي به رهي ته کلندي به رهي، پر تنهن هوندي به هن جا ٽهڪ کوکلا هئا ۽ هن جي مرڪ انهن مريضن وانگر، جي ڪنهن ڪنهن مهل ٻٽي منٽ اکيون پٽي مٿان بيٺل عزيزن کي ڏسي مرڪن. بيگم حسين کيس ائين بي خيالو ڏسي رگهو هنيو: ”من ڪنهن جا پور پيا اٿئي؟“
    ”توکي ته سدائين مسخري سجهي.“ هن ٿورڙي چڙ مان چيو.
    ”نيٺ هاڻي کڻي ڦاٽ به کاءُ. مون کان ڪيترو الندينءِ!“
    ”الا! ڪجهه به ڪونهي.“
    ان وقت ته ڪجهه ڪونه ڪڇيائين، پر ميلاد پوري ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي گهر پهتي ته هوءَ پاڻ جهلي نه سگهي ۽ فون تي بيگم حسين کي چيائين: ”بيگم ملڪ جو جڙائو سيٺ ڏٺئي؟“
    ”ها، ڪيڏو نه سهڻو هو. ستين اٺين هزارين جو ته واه جو هوندو!“
    ”نه ته وري! مان ان کان تمام هلڪو چڪايو هو ته ان جي قيمت به پنج هزار هئي.“
    ”پوءِ اهو سيٽ ڇو نه ورتئي؟“
    ”اهڙا ڪٿي نصيب. مون وٽ جيولري وري ڪهڙي آهي. هڪ ٽوپس وارو سيٽ ۽ هڪ هي نورتن، جو هينئر ورتو اٿم.“
    ”پوءِ ڇو نه ٿي مڙس سان انگل ڪرين!“
    ”نه مائي! اسان کي ته وڏي ڪروڌ کان پوءِ ئي هزار پنجين سوين جي شيءِ ٿي ملي – هي بيگم ملڪ واريون الائي ڪيئن ٿيون مڙسن کي مرضيءَ تي نچائن.“
    ”مڙس کي نچائڻ نه آيئي ته پوءِ تون ڪهڙي ڪم جي. گهمڻ گهتڻ ۽ پائڻ جي به هيءَ مند اٿئي، يا پوءِ نئين سامائبينءِ!“
    ”اسان کي ته نٿو اچي.“
    ”مان سيکاريانءِ!“
    ”سيکار.“ هن به کلندي جواب ڏنو.
    ”استادي مڃ ته پوءِ!“
    ”ڪڏهن نه مڃي اٿم، جو اڄ ٿي نئين بيعت ڪرائين.“
    ”ڀلا تو ڪڏهن ڪن تي هنيو اٿس؟“
    ”کوڙا ڀيرا – کلندو، ٽائيندو چوندو ته سون کي ڪهڙو سون ٺهندو.“
    ”منهنجي هڪ ڳالهه ڌيان تي رکي ڇڏ. اها ذات اٿئي، ڏينهن جا شينهن، رات جو جهڙي ٻلي. هو پهاڪو ڪونه ٻڌو اٿئي ته ڏينهن پرائو، رات پنهنجي. سمجهي وئينءَ يا اڃا ڪتاب اڳتي پٽيان.“
    هوءَ شرمائجي وئي ۽ ڪو جواب نه ڏنائين.
    ”من ڪاڏي وئينءَ؟“ بيگم حسين ڪا ورندي نه ٻڌي کانئس پڇيو.
    ”اتي ئي آهيان، مڙئي پئي تنهنجيون بي حيائيءَ جون ڳالهيون ٻڌان.“
    ”ڪم به اهڙي بي حيائي ايندئي. شرافت جو زمانو اصل ڪونهئي. متان رلهي ٿي پئين.“
    ”بس بس ٻڌم، ڏاڍي ڪا تِرڪ تالڻ آهين.“ هن فون بند ڪري ڇڏيو.
    جنهن ڏينهن مڙسهنس پهتو، ان ڏينهن آسمان تي بادل ڇانيل هئا ۽ ٿڌيون هيرون پئي گهليون. هن به ٻٽي ڪلاڪ پاڻ کي باٿ روم ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ اتان نڪتي ته ڄڻ بنا ڦيٽ جي سچو سون. جتان پئي لنگهي، اتي ڪي گهڙيون هٻڪار ئي هٻڪار هئي. چپن تي نيچرل رنگ جي لپ اسٽڪ، بيل باٽم پاجامو، سوڙهي قميص، رئو بنهه ڪونه. مڙسهنس هونءَ ئي مٿس اڪن ڇڪن هو ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ هوندي به مٿس ائين جهرندو هو، ڄڻ اڳ نه ڏٺي هجيس. هن کي پنهنجي اڳيان ڪبوتري جيان هلندو ۽ ترندو ڏسي هن جي ڪڍ ڪڍ ڪبوتر جيان ڳٽڪندو رهيو. هوءَ دل ئي دل ۾ خوش خوش ٻاهران ڦوڪيل. هوءَ اڳ اڳ ۾ هو پويان پويان. بيڊ روم ۾، بورچي خاني ۾، ورانڊي ۾ پر ڪٿي وٺ ئي نه. مڙسهنس جون ڳچيون پئي لڳيون ۽ هن جون ڪنتريون. مڙسهنس انت ۾ ٿڪجي سج کي تڪڻ لڳو، جيڪو ڪي پهر هڪ ئي هنڌ بيهي رهيو هو. مڙسهنس کي جڪ باهيون ۽ اها هورا کورا ته اهو ڪا ڪنڊ لڪائي ته هو پنهنجي جبل جي برفاني چوٽي سر ڪري.
    اڃا ٻارن کي پوري پڪي ننڊ به نه آئي هئي، جو مڙسهنس باز وانگر جهپڙ هڻي کيس ٻانهن ۾ کنيو ۽ کيس چمندو چشڪندو اچي ٻيءَ ڪنڊ ۾ پيل کٽ تي ليٽايو. سڄي ڏينهن جو ٻاڙيل کانئس پڇڻ لڳو: ”اڄ ڪهڙو نخرو آ، جو سگنل ئي نٿي ڏئين؟“
    ”الا! اڄ طبيعت خوش ڪونهي.“
    مڙسهنس کي اهي لفظ ٻڌي پريشاني وٺي وئي. ابتا سبتا هٿ هڻي ڏٺائين ته سڀ خير هو ۽ ڪا ڳڻتي جهڙي ڳالهه ڪونه هئي. هو چوڻ لڳو: ”آهي ته خير، توکي باقي ڇا ٿيو؟“
    ”نه ڊارلنگ، اڄ معافي ٿا گهرون.“
    ڏهن ڏينهن کان پوءِ آيل مهمان کي اهي لفظ گولي جيان سيني ۾ لنگهي ويا. هن ذري گهٽ روئڻهارڪو ٿي ٿڌو ساه ڀري چيو: ”ڇو؟“
    ”ٽيون ڏينهن کان طبيعت خراب آ، موڊ ئي آف آهي.“
    مڙسهنس کوري جيان پئي ٻريو. هن سندس موڊ آن ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ سندس مٿان مهرون هڻڻ شروع ڪري ڏنائين، پر اڳيان ڄڻ ته بي جان رٻڙ جي گڏي هئي يا برف جو سنگ. هو چوسيندو رهيو، اها ئي ٿڌاڻ. لاچار هن پڇيو: ”ٽيون ڏينهن نيٺ ٿيو ڇا؟“
    هن پهريون ڪو جواب نه ڏنو. نيٺ چپ چپ ٿي سانوڻ مينهن وانگر اٿلي پئي: ”ٽيون ڏينهن مون کي پائڻ لاءِ ڪجهه ئي ڪونه هو. مان ميلاد ۾ اهڙو سمال فيل ڪيو، جو ڪهڙي ڳالهه ڪيان. جڏهن بيگم ملڪ کي سچي جيڊ جو ڳورو جڙائو سيٽ پيل هو!.“
    ”بيگم ملڪ آهي به ته مل اونر جي گهر واري، مان ڪهڙي مل هنئي آهي!“
    ”پاڻ کي به جو هيتريون ساريون زمينون آهن، اهي به ته ڪو گهٽ ڪونهن.“
    مڙسهنس جي هڪ دل چيو ته کيس نسريون ٻڌائي، پر ٻي دل کيس سمجهايو ته ائين ڪرڻ سان ڪجهه ڪونه ورڻو هو ۽ رهندو رات خراب ڪرڻي هئي. هن کيس ڀاڪر ۾ ڪري چيو: ”جان! سونهن کي سون جي ڪهڙي ضرورت؟ تون منهنجي لاءِ ائين ئي هيرو آن.“
    هن به جيئن جو تيئن سندس ويجهو پوندي کيس هر کائيندي چيو: ”پر نيٺ زماني سان به ته منهن ڏيڻو آهي. آيو ويو ته چوندو ته مڙس جو راز ڪونهيس، تڏهن ته ٻسي گهمي.“
    مڙسهنس اتي سندس ڳچي ۽ ڪن جي پاڙن کي چمندي چيو: ”پنهنجي حال جي ته خبر اٿئي ته ڏٿ ڏهاڙي سومرا لڳي پئي آ. فارم جي به پاڻ ٿو سنڀال ڪيان ته پوءِ ٿو پيٽ گذران ٿئي. هفتي ڏهن ڏينهن ۾ ڄاڻ فصل لٿو، پهريون تون ۽ پوءِ مان.“
    ”سچ ٿو چوين يا ڏٽو ٿو هڻين؟“
    ”جاني تنهنجي سر جو قسم، توکان سواءِ مون کي ڪير پيارو آ.“ مڙسهنس سندس بدن جي ورن وڪڙن ۾ گم ٿيندي چيو.
    هوءَ مڙس جون اهي ڳالهيون ٻڌي کيري ٿي پئي. ٻئي ڀريل بادلن وانگيان وسي پيا ۽ وسندا رهيا.
    صبوح جو دير سان هوءَ اٿي – انگ انگ ۾ مٺڙو سور، پر بدن هلڪو هلڪو، اهڙن بادلن جيان جي سڄي رات مينهن وسائي صبوح جو هلڪا ٿي آسمان ۾ ترندا هلندا رهندا آهن. هوءَ وارن مان ڪانٽا ڪڍي، هوريان هوريان چوٽي کولڻ لڳي. اوچتو فون جي گهنٽي وڳي. رسيور کنيائين ته بيگم حسين جو آواز ڪن تي پيس. هن پڇيس: ”من ڪٿي هئينءَ، ٻٽي ڀيرا فون ڪيم.“
    ”اک ئي هينئر کلي.“ هن جواب ڏنو.
    ”ڇو ڪو اوجاڳو ڪيئي ڇا؟“
    هن شرم کان ڪجهه نه ڪڇيو. اها ڳالهه نٽائيندي ۽ ڪجهه ٻڌائڻ جي خيال سان چيائين: ”ٻي ڳالهه ٻڌ، رات جو وعدو ڪيو اٿئين ته ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ جڙائو سيٽ وٺي ڏيندو.“
    ”ڪهڙيءَ مهل وعدو ڪيائين، اڳ يا پوءِ؟“
    هوءَ چپ، شرم کان منهن ڳاڙهو.
    جڏهن ڪي گهڙيون بيگم حسين کي جواب نه مليو ته هن زور سان ٽهڪ ڏيندي چيو: ”من جي اڳ ۾ وعدو ڪيو اٿئين ته پوءِ تو به اهو سيٽ پاتو....... ٻڌو نه اٿئي ته ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو.“


    ڪافر

    جنهن ڏينهن سيتل، اوڏ ۽ سندس گهر واريءَ کي مسلمان ڪرڻو هو، ان ڏينهن مسيت ۾ نماز تي ايترا ته جماعتي آيا جو قبائين ڪوٺي ته ڀرجي وئي، پر ٻاهر پڌر ۾ ٻه ٽي صفون بيهجي ويون. هن کان اڳ ايتري جماعت يا ته عيدن تي ٿيندي هئي، يا جڏهن ڪو سرندڙ ماڻهو پنهنجي مئل پيءُ يا ڀاءُ کي ثواب ڏيارڻ خاطر ختمي جي ديڳ لاهيندو هو. ڳوٺ واري مسيت جي پيش امام مولوي اميد عليءَ به ان ڳالهه جي چڱي مشهوري ڪئي هئي ۽ اوطاق ۾، قرآن شريف ۽ حديث جي روشنيءَ ۾، هن موقعي جو عيدن کان به وڌيڪ مبارڪ هجڻ ثابت ڪيو هئائين. ڳوٺ جا ماڻهو به هرو ڀرو ايترا بي دين ڪونه هئا ۽ جنهن مڙس پڳ جو ور ورايو هو، سو اچي حاضر ٿيو هو. مولوي صاحب پان به هن موقعي تي چڱي شان مان سان آيو هو. مٿي تي موڱي سائي دستار، بدن تي هرک جا ڪورا ڪپڙا، پيرن ۾ سيم جي نئين جتي ۽ هٿن ۾ جنڊيءَ جي عصا، جنهن جي هيٺين ڇيڙي ۾ لوهي ڪلي لڳل هئي ۽ جا محراب جي ڀرسان ڪچي فرش ۾ ائين کوڙي هئائين، جيئن دين جو جهنڊو کوڙيو هجيس. ان ڏينهن هن جيڪو خطبي جو ڪتاب آندو هو، سو به نئون هو. هو جڏهن آيتون پڙهي سنڌي ابيات جي ان حصي تي پهتو، جتي چئن اصحابن سڳورن جي ثنا هئي:
    پهريون يار هو صديق اڪبر
    ڀلارو ڀرجهلو صديق اڪبر
    رفيق غار هو صديق اڪبر
    تنهن جي صفت ڪهڙي ڪريان
    ٻيو يار عادل عمر هو
    سدائين ڪفار جو قاتل عمر هو
    شجاعت ۾ قوي ڪامل عمر هو
    تنهن جي صفت ڪهڙي ڪريان
    نبي جو دادلو عثمان اعليٰ
    جمع قرآن ڪيو عثمان اعليٰ
    سخاوت جو صاحب عثمان اعليٰ
    تنهن جي صفت ڪهڙي ڪريان
    جياريو دين ۽ ايمان حيدر
    پيغمبر تان سدا قربان حيدر
    خدا واکاڻيو هر آن حيدر
    تنهن جي صفت ڪهڙي ڪريان
    – ته جماعتين جون اکيون اهڙا سريلا ابيات ٻڌي ٻوٽجي ويون ۽ هر ڪنهن جي دل گهرڻ لڳي ته اهو خطبو هلندو رهي. فرض ۾ به مولوي صاحب ننڍين آيتن بجاءِ سورت الرحمان شروع ڪئي، جنهن ۾ ”فباي آلاءِ ربکما تکذبان“ جي تڪرار نماز ۾ وڌيڪ سواد پيدا ڪري ڇڏيو. نماز کان پوءِ مولوي صاحب ٿوري تقرير ڪئي ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کي اهڙي مبارڪ موقعي ۾ شريڪ ٿيڻ جي مبارڪ ڏنائين. پوءِ هڪ پنج – وقتي نمازيءَ کي موڪلي سيتل ۽ سندس گهر واريءَ کي گهرايائين، جي غسل ڪرڻ کان پوءِ نون نڪورن ڪپڙن ۾ اوطاق ۾ ويهاريا ويا هئا. جڏهن سيتل مسيت ۾ ويٺو، تڏهن مولوي صاحب بلند آواز ۾ سيتل کان پڇيو: ”بابا، تون ۽ مائي تلي دين محمدي قبول ڪرڻ گهرو ٿا؟“
    ”ها مولبي صاحب.“
    ”پنهنجي رضا خوشي سان يا زور زبردستيءَ سان؟“
    ”پنهنجي رجا سان، سائين.“
    ”تون به مائي ٽلي؟“
    ”ها سائين.“ هڪ نويڪليءَ ڪنڊ ۾ ويٺل مائي ٽليءَ جواب ڏنو. مولوي صاحب اهو ٻڌي ڏاڍيان جماعتين کان پڇيو: ”ٻڌو ٿا برادران؟“
    ”ها ٻڌون ٿا.“ گهڻن جماعتين جواب ڏنو.
    مولوي صاحب اشهد آڱر ڇت ڏانهن کنئي ۽ ٽي ڀيرا بلند آواز سان چيائين: ”اي الله! تون شاهد هججانءِ، اي الله! تون شاهد هججانءِ، اي الله! تون شاهد هججانءِ.“ ائين چئي مولوي صاحب وري سيتل کان پڇيو: ”روزا به رکندين ۽ نماز به پنج وقت باجماعت پڙهندين؟“
    ”ها سائين، روجا به رکندس ۽ نماز به پڙهندس.“
    ”سونهاري به شرعي حد تائين رکائيندين.“
    ”رکائيندس.“ سيتل صدق سان چيو.
    اوچتو مولوي صاحب جي نظر سيتل جي ڪنن تي پئي، جن ۾ سونيون ڪيوٽيون پيون هيون. مولوي صاحب هڪدم کيس چيو: ”اهي سونيون ڪيوٽيون لاهي مائي کي ڏي. اسلام ۾ مردن کي سون پائڻ حرام آهي.“
    سيتل تڙ تڪڙ ۾ ڪيوٽيون لاهي مائي کي ڏنيو، جنهن اهي وٺي رئي جي پلاند ۾ ٻڌيون. مولوي صاحب اڳلو سوال پڇيو:
    ”جوا نه کيڏندين، دارون نه پيئندين؟“
    ”نه سائين.“
    ”مسلمانن وانگر ختنو به ڪرائيندين؟“
    ”ها سائين.“ سيتل انهيءَ صدق سان چيو.
    ”جزاڪ الله، جزاڪ الله!“ مولوي صاحب کيس شابس ڏني. وڌيڪ ٻين سوالن پڇڻ جي به ضرورت نه سمجهيائين ۽ کيس چيائين: ”ٿورو سري منهنجي ويجهو اچي ويهه.“
    سيتل رڙهي وڃي سندس ڀرسان ويٺو ته مولوي صاحب کيس چيو: ”چؤ لا الــــٰـه.“
    سيتل چڱيءَ طرح چئي نه سگهيو ۽ چيائين: ”لائيلا.“
    ”ائين نه، چؤ لا – الاه.“ مولوي لفظ لفظ هوريان هوريان ائين چيو، جيئن کتابين کي پڙهائيندو هو.
    ”لا – اِلاه.“ سيتل چيو، هن ڀيري برابر.
    ”اِ – لل – لاه.“ مولوي صاحب اڳتي وڌيو.
    ”اِ – لل – لاه.“
    ”م – حم – در.“
    ”م – حم – در.“
    ”رسول الله.“
    ”رسول الله.“
    هاڻي چڱيءَ طرح سڄو ڪلمو ائين پڙه، جيئن مان پڙهان.“
    ”ها سائين.“
    چؤ: ”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“
    ”لا الـــٰـه الا الله محمد الرسول الله.“ سيتل چڱيءَ طرح چئي ويو. سڀ جماعتي هڪ بي دين کي الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيندو ڏسي خوشيءَ ۾ پر ٿي ويا ۽ مولوي صاحب کي مبارڪ ڏئي وري سيتل کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. هڪ ديندار ته تڪبير جو نعرو هنيو، جنهن جو جواب جماعتين ايترو ته زور سان ڏنو، جي ڪي گهڙيون مسيت جي قبائين ڇت ۽ ڀتيون، اهي اکر ورجائينديون رهيون. ان کان پوءِ مائي ٽليءَ کان به ساڳيءَ ريت ڪلمو پڙهايو ويو. ان کي به مبارڪون مليون. پوءِ مولوي صاحب سيتل ڏانهن منهن ڪري چيو:
    ”اڄ کان تنهنجو اسلامي نالو عبدالله ٿا رکون.“
    ”ها سائين.“
    وري مولوي صاحب ٽليءَ ڏانهن منهن ڪري چيو: ”۽ مائي، تنهنجو نالو فاطمه.“
    ”ها سائين.“
    ڪي جماعتي اٿڻ لڳا ته مولوي صاحب کين هٿ جي اشاري سان جهليو ۽ چيائين: ”ترسو، اڃا هنن جو نڪاح پڙهڻو آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي هرڪو پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو. مولوي صاحب ٻنهي کان رضا پڇي، آمنت بالله پڙهڻ شروع ڪئي.
    هوڏانهن ڳوٺ جي ٻاهران اڏيل اوڏن جي پکن ۾ باگهيارو متل هو. زائفن زنين جدا ٽولو ٺاهي پئي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاڙا گهوڙا ڪئي ته مرد وري پنهنجي مکيءَ ڦڳڻ مل جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ هئا. مکيءَ ڦڳڻ مل به ڪڏهن ڪڏهن خار ۾ سٿرن تي زور سان هٿ هڻي پئي ان ڳالهه جو ارمان ڪيو. هن کي پهرين پهرين اها خبر پئي هئي ته هن سيتل کي ايلاز منٿون ڪيون هيون، گيتا جا واسطا وڌا هئا ۽ آخر ۾ سڄي پنچائت جي سامهون پنهنجي مکيائپ جو ڪيسري رنگ جو پٽڪو به سندس پيرن تي رکيو هو، پر سيتل کيس کلي ڀلو جواب ڏنو هو ۽ چيو هو: ”مکي، تون کڻي ڇا به ڪرين، مان مذهب ضرور مٽائيندس.“
    ”پر تون مذهب ڇو ٿو مٽائين؟“
    ”منهنجي مرضي.“
    ”نيٺ به؟“
    اتي مس مس سيتل کليو هو ۽ چيو هئائين: ”مون کي پنهنجو مذهب نٿو وڻي.“
    ”گهوڙياري، توکي ڇو نٿو وڻي پنهنجو مذهب؟“
    ”چڱو مکي، ٻڌاءِ اسين ڪير آهيون؟“
    ”اسين هندو آهيان.“
    ”ڀلا هندو لاش چتا تي چاڙهيندا آهن، اسين ڇو پوريندا آهيون؟“
    ”اها اسان جي رشم آهي.“
    ”چڱو اسان ڇيلو ڇو حلال ڪري کائيندا آهيون؟“
    ”اها به اسان جي رشم آهي – ابن ڏاڏن کان.“
    ”پر اهي ته مسلمانن جون رشمون آهن.“
    ”انهن جون به آهن ته اسان جون به آهن.“
    ”پوءِ ڪيئن ٿو چئين ته اسين هندو آهيون؟“
    ”نه ته ڇا هيون ڙي؟“
    ”اڌ هندو اڌ مسلمان. ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري.“
    مکي ڦڳڻ مل ان سوال ۾ لاجواب ٿي ويو، پر هن ڳالهه بدلائي چيو: ”کڻي ڇا به هجون پر مذهب ڇو بدلايون؟“
    ”مون کي مسلمانڪو مذهب وڻي ٿو.“
    ”اسان جو مذهب ڪوڙو آ؟“
    ”ها ڪوڙو آ.“ سيتل دليريءَ سان چيو هو.
    ان ڳالهه تي پنچايت ۾ ويٺل اوڏن جي رت ڦري وئي. موتي ۽ ٻيا ٻٽي ڄڻا ته کيس ٿڪ چنبي هڻڻ لاءِ اڳتي وڌيا، پر مکيءَ هٿ ٻڌي کين جهليو ۽ چيائين: ”پئنچو مارڻ ڪٽڻ مان ڪجهه نه ورندو. هن کي مسلن تاويج پياريا آهن.“
    اها ڳالهه سندن دل ۾ ائين کپي وئي، جيئن سندن تکي ڪوڏر آلي زمين ۾ کپي ويندي هئي. مولوي برابر تعويذن لکڻ ۾ مشهور هو ۽ پري پري کان سوالي پنڌ ڪري کانئس تعويذ لکرائي ويندا هئا. اٿي بيٺل اوڏ پنهنجن پنهنجن جاين تي ويهي رهيا ۽ اها ڪاوڙ حقي مان زور سان وزم هڻي لاهڻ لڳا. مکي سڀني کي ماٺ ۾ ڏسي وري سيتل ڏانهن منهن ڪيو ۽ کانئس پڇيو: ”توکي مسلمانڪو مذهب ڇو ٿو وڻي؟“
    ”مسلمان پاڻ ۾ ڀائرن وانگر گڏجي کائن ٿا. اسان هندن ۾ ڪي اوڏ ته ڪي اوت، ڪي برهمڻ ته ڪي کتري.“ مکيءَ کي ڪو جواب نه سجهيو. اها ڳالهه ته برابر هئي ته برهمڻ اڇوتن ۽ اوڏن کي پنهنجي ويجهو به اچڻ نه ڏيندا آهن، هڪ ٿالهي ۾ کارائڻ ته پري رهيو. مسلمان ته اهڙو ڪو ويڇو ئي نه ڪن. اتي مکيءَ ٻي طرح ڍارو اڇليو:
    ”سيتل، تون مسلو ٿيندين ته پوءِ اسان سان ڪو واسطو ڪونه رهندءِ!“
    ”ڀلي نه رهي.“
    ”اسين توکي پاڻ وٽ اچڻ به ڪونه ڏينداسين، ولر وٽ به ڪونه!“
    مکيءَ سيتل کي دڙڪو ڏنو. ولر جي گهر واري سيتل جي سڳي ڀيڻ هئي.
    ”ڀلي نه اچڻ ڏجو. مان مسلمان ڀائرن سان اٿندس ويهندس. ڀيڻ به مئي سهايم.“
    هن مهل تائين مکيءَ ٿڌو پئي ڳالهايو. هن کي پڪ هئي ته سيتل ڪٿي نه ڪٿي کٽي پوندو ۽ سندس دام ۾ ڦاسي پوندو، پر هن جو ڪنهن به ڳالهه کي چخي نه ڪئي ۽ ڀيڻ کي به جيئري ماري ڇڏيائين ته مکيءَ کي جڪ اچي ويا. ٿورو گرم ٿي چيائين: ”ياد ڪجانءِ سيتل، گڏهن کي کڻي پنج سنجيون پارائي گهوڙن سان بيهاربو ته به گڏه ئي هوندا، گهوڙا ڪونه ٿيندا.“ پئنچايت جي اٿڻ کان پوءِ مکيءَ ولر کي سمجهايو هو ته سيتل کي پنهنجي منهن پٽڪا ميڙيون ڪري سمجهائيندو رهي، پر سيتل، ولر ۽ ڀيڻ جي ايلازن تي به ڪونه مڙيو ۽ مولوي اميد علي سان ٻڌل موقع موجب، جمع جي ڀلاري ڏينهن، گهر واريءَ کي وٺي سڌو مسيت ۾ ويو ۽ ڪلمو پڙهيائين. پوئتان اوڏن ۾ باگهيارو متل هو. زائفن زنبن جدا ٽولو ٺاهي پنهنجي ٻولي ۾ پئي ڌاڙا گهوڙا ڪئي ته مرد پنهنجي مکيءَ جي کٽ جي چوڌاري وڏي بحث مباحثي ۾ هئا. مکي ڦڳڻ مل به ڪڏهن ڪڏهن خار ۾ ٻئي هٿ زور سان سٿرن تي هڻي پئي ان ڳالهه جو ارمان ڪيو.
    مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سيتل هڪدم بدلجي ويو. اڳي ٻئي ٽئين ڏينهن ڏاڙهي ڪونه ڪوڙائيندو هو ته آرام ئي ڪونه ايندو هوس، پر پوءِ باقاعدي سونهاري ڇڏي ڏنائين، جا روز بروز وڌندي سندس منهن جي نور کي جرڪائيندي پئي وئي. نماز ۾ ايندو ته مولوي کان به اڳ هو، پر جي دير ٿيندي هيس ته به ايتري جو مولوي بانگ ڏئي اڃا دڪيءَ تان لهندو هو ته سندس هڪ پير مسيت جي در جي چائٺ ٽپندو هو. مسيت جي سيوا، ٻهاري، نکن ويڙهڻ ۽ مٽين ڀرڻ ۾ به سڀني جماعتين کان اڳرو هو. قرآن شريف پڙهڻ ۾ اهڙو شوق رکيائين جو مهيني ڏيڍ ۾ باب نامو پڄائي وڃي سيپارو شروع ڪيائين. پنهنجي گهر ۾ اسر جو ۽ سومهڻي جو وڏي سر سان پيو ذڪر ڪندو هو. مطلب ته خدا کيس اهڙي هدايت ڏني هئي، جو شل ساري جڳ جهان کي ڏئي. مولوي صاحب کي به اڳ ڪنهن بي دين کي مسلمان ڪرڻ جي سعادت نصيب ڪانه ٿي هئي، ان ڪري کيس پنهنجي آخرت جو توشو سمجهي ڏسي ڏسي پيو ٺرندو هو ۽ آئي وئي سان هن جي تعريف ڪندو هو. ”ابا، هي اسان جو عبدالله ڪنهن ڊگهي منزل نه رسي ته مون کي ڏٺي نه کيڪارجو!“
    ڪڏهن ڪڏهن مولوي صاحب ڪن بي نمازين کي خدا، رسول ۽ آخرت جا ڀو ڏيندو هو ۽ هن جو مثال ڏئي کين چوندو هو: ”اڙي نماز پڙهو، دور ڪيو، نه ته قيامت جي ڏينهن هي اوڏ توهان کي شڪي ڪندو.“ عبدالله جو نماز، صلوات ۽ درود ۾ شوق ڏسي مولوي صاحب کيس دلداري ڏيندو هو ۽ چوندو هو: ”عبدالله، نه گهٻرائجانءِ. رب سائين تنهنجا سڀ گناه معاف ڪندو. ڀلو ڀلو ڀاڻ ايندو آهي ته ڀلو نه چئبو آهي.“
    عبدالله وري ان ڳالهه تي عاجزي سان مولوي صاحب کي عرض ڪندو هو ته هو خدا جي پيارن ٻانهن مان آهي، ان ڪري خدا جي درٻار ۾ عرض ڪري ته سندس اڳيان گناه معاف ٿين، قبر جي عذاب ۾ آساني ٿئي ۽ قيامت موچاري ٿئي. مولوي صاحب هڪدم هٿ کڻي دعا گهرندو هو ۽ پهرين صلوات شريف ۽ ٻٽي آيتون پڙهي وڏي سر ۽ عاجزيءَ سان هيءَ دعا پڙهندو هو:
    عرض سڻ عاصين اسان جو مصطفيٰ جي واسطي
    هٿ کڻڻ آهي شرم پر وس نه توريءَ واه ٻي
    سوال سڻ صديق اڪبر دل صفا جي واسطي
    سخت آ سرڪار تنهنجي اسان ڏوهي ٿا ڏڪون
    فضل ڪر فاروق اعظم بي ريا جي واسطي
    نفس واري جنگ ۾ تون اسان کي فتح بخش
    حل ڪر مشڪل اسان جي مشڪل ڪشا جي واسطي
    ان وچ ۾ عبدالله هڪ هڪ بند کان پوءِ آمين چوندو ويندو هو ۽ سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي ڳڙي سندس سونهاري ۾ جذب ٿيندا ويندا هئا.
    هڪ ڏينهن ٽپهري جي نماز کان ٿورو اڳ ولر جو پٽ ٻاٻيهو وٽس ڀڄي اچي پهتو ۽ پنهنجي ماءُ جي بيماريءَ ۾ کيس ياد ڪرڻ جو ٻڌايائين. عبدالله کي اڳ ۾ هن هن جي واتان اها خبر پئي هئي، پر مکيءَ ڦڳڻ مل سان ڪيل فيصلي موجب هو ڪونه ويو هو. ڀيڻ جي بيماريءَ جو ٻڌي هن کي جهٻو ته گهڻو آيو، پر ٻاٻيهي کي چيائين: ”مان اوڏانهن ڪونه هلندس، مکي ڪاوڙ ڪندو. تون گاڏي تي هيڏي کڻائي اچينس.“ ٻاٻيهي مامي جو اهو عذر ٻڌي کيس چيو: ”ماما، تون ان ڳالهه جي ڳڻتي نه ڪر. بابي مکي جي پيرن تي پٽڪو رکي تنهنجي ٿوري گهڙي کن لاءِ موڪل ورتي آهي.“
    ان موڪل ملڻ کان پوءِ عبدالله کي ٻيو ڪهڙو اعتراض هو. هو ٻاٻيهي سان گڏجي اوڏانهن هليو ويو.
    ٽپهريءَ جي نماز تي جو مولوي صاحب عبدالله کي نه ڏٺو ته حيران ٿي ويو ۽ جماعتين کان پڇيائين. هڪ جماعتي جنهن پري کان عبدالله کي ٻاٻيهي سان گڏ ويندي ڏٺو هو، تنهن اها ڳالهه مولوي صاحب کي ٻڌائي. مولوي صاحب پريشان ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”کيس وڃڻ نه گهربو هو. جيتري دير ڪافرن جي صحبت ۾ ويهندو، سندس ايمان ۾ ڪتر پوندي. ڪو وڃي کيس وٺي اچي.“
    مولوي صاحب جو حڪم ٻڌي فتح ناريجو اٿيو ۽ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي وڃي اوڏن جي پکن وٽ پهتو. اتي لوڙهي جي ٻاهران بيهي سڏ ڪيائين: ”عبدالله، او عبدالله!“
    مکي ڦڳڻ مل جو پکو لوڙهي جي ڀرسان هو. هن ان وقت ٻاهران آيل مزمانن سان چوپڙ راند پئي ڪئي. هو سڏ ٻڌي اٿيو ۽ پکي کان ٻاهر نڪري فتح کان پڇيائين: ”ڇا هي فتح؟“ ”اسان جو عبدالله توهان وٽ آيو آهي، ان کي مولوي ٿو سڏائي.“ مکيءَ کي ان ڳالهه تي ٿوري چڙ آئي. عبدالله جو سندن هڏ، رت، پت مان هو ۽ جو سندن بکن ۾ ڄائو نپنو هو، سو وري فتح وارن جو ٿي ويو هو؛ پنهنجي بيمار ڀيڻ کي ڏسڻ آيو هو ته پوئتان ماڻهو ڀڳو آيو. مکيءَ شوخائيءَ سان پڇيو: ”عبدالله توهان جو آ فتح؟“
    ”ها، اسان جو آ.“
    ”توهان هن جا وارث آهيو؟“
    ”ها، اسان جو مسلمان ڀاءُ آهي، اسين هن جا وارث آهيون.“
    ان وچ ۾ عبدالله کي به ڪنهن سڏ جو ٻڌايو ۽ هو ڀيڻ جي پکي مان نڪري اچي وٽن بيهي رهيو. مکيءَ فتح کان پڇيو: ”چڱو فتح، هڪ ڳالهه ٻڌاءِ. سڀان جو هي مري وڃي ته جوڻس کي ته لوڌي ڪڍندؤ نه؟“
    ”ڇو لوڌي ڪڍنداسونس.“
    ”توهين مسلمان ساڻس نڪاح ڪندؤ.“
    ”جي مالڪياڻي راضي هوندي ته ان ۾ ڪو عيب ڪونهي.“
    ”گريان نه ايندو؟“
    ”ڇو ايندي گريان مسلمان کان!“
    عبدالله مکيءَ کي سوالن جوابن ۾ مئل ڏسي مشڪڻ لڳو. مکي ڦڳڻ مل کيس پاڻ تي کلندو ڏسي، پنهنجي دماغ کي ائين تڦوليو جيئن هو راند ۾ ڪنهن جي ڳوٽ مارڻ لاءِ ڍاري کي گهڻي دير تائين کڙڪائي کڙڪائي گهربل داءُ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اوچتو هن پڇيو: ”چڱو فتح، جي جوڻس مري وڃي ته کيس پاڻ وٽان پرڻائيندؤ؟“
    مکيءَ جو سوال ٻڌي فتح جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. سندس اکيون لال ٿي ويون. هڪ خسيس اوڏ کيس گار ڏني هئي، حالانڪ اوڏ کي خبر هئي ته ٻهراڙي ۾ ڪو پنهنجي ذات کان ٻاهر سنڱ نه ڏيندو آهي. ناريجا ناريجن ۾ ڏيندا آهن ته ڪلهوڙا ڪلهوڙن ۾ ڏيندا آهن. فتح ڪاوڙ مان مکيءَ کي دڙڪو ڏيندي چيو: ”مکي، زبان سڀال. اڳتي حرف نه ڪڇجانءِ نه ته.....“ پر مکي هيسجڻ بجاءِ رهندو مرڪڻ لڳو ۽ فتح کي چيائين: ”اهو ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي جو توهان وٺندؤ باقي ڏيندؤ ڪونه. توهان جي مذهب ۾ ته سڀ مسلمان ڀائر آهن ۽ ڪو ويڇو ئي ڪونهي.“
    ”اها اسان جي رسم آهي، ابن ڏاڏن کان.“ فتح ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو.
    مکي ڦڳڻ مل پنهنجو گهربل داءُ وٺي مرڪيو. عبدالله جي منهن مان رت ڇڏي ويو. هن جا چپ ڏڪڻ لڳا. اکين جي الائي ڪهڙين ڪنڊن مان ڳوڙها نڪتا، جن سندس ماڻڪيون آليون ڪري ڇڏيون. جيسين اهي ڳوڙها ڇپرن ۽ پنبڻين جو بند ڀڃي ڳلن ڏانهن وڌن، هو مکي جي چنبي ۾ چنبو ڏيئي، مسيت ڏانهن وڃڻ بجاءِ پنهنجي اباڻن پکن ڏي موٽيو.
    ٻئي ڏينهن عبدالله پئنچايت ۾ ڏنڊ ڀري رکيل ڏاڙهي ڪوڙائي ۽ سونيون ڪيوٽيون ڪنن ۾ پائي، سائو گهاري ۾ وهنجي، پاڻ کي اوڏن جي رسم موجب ”پاڪ“ ڪيو ته هوڏانهن ڳوٺ واري مسيت ۾ ٽپهري جي نماز کان پوءِ، هڪ جماعتيءَ مولوي صاحب کي چيو: ”مولوي صاحب، ڪتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.“
    ٻئي چيو: ”سائين گڏه کي پنج سنجيون پارائي گهوڙن سان بيهاريو ته ڪو گهوڙا ڪونه ٿي پوندا!“
    آخر ۾ مولوي اميد علي پنهنجي سونهاري کي هٿ سان سنواريندي چيو: ”ها ابا! سچ ٿا چئو، ڪافر نيٺ ڪافر!“


    شبنم شبنم، ڪنول ڪنول

    هن اسپتال جي هر شيءِ من موهيندڙ آهي. ڪمپائونڊ اندر وڏا وڏا، ساوا ساوا، اکين جي جوت وڌائيندڙ لان، وچ ۾ اسپتال جي ڳاڙهي اوچي عمارت، ٻنهي پاسن کان مٿي وڃڻ لاءِ ريلنگ واريون ڏاڪڻيون، جن جي مٿان ٻه شاندار قباوان برج، اندر ڀتيون کير جهڙيون اڇيون ۽ پيلي ميوزڪ جا ترڪڻا ۽ ڇلڪڻا فرش، ڊگها ڊگها، ٿڌا ٿڌا ڪاريڊور ۽ روشن روشن ڪمرا، وڏيون وڏيون فرينچ ڪٽ دريون ۽ جن جي فلاوربيڊز ۾ ٽڙيل ڳاڙها پيلا گل. ان سهڻي ماحول جي سونهن منهنجي ساهيڙي سسٽر پال آهي، جنهن جو رنگ گلاب جهڙو، جنهن جون اکيون سهڻي ڍنڍ جهڙيون، جنهن جا چپ نارنگي جي ڦار جهڙا آهن ۽ سفيد يونيفارم ۾ سفيد ڪلفدار رومال جي تاج ۾ برفاني ڍنڍ ۾ ٽڙيل ڪنول جيان لڳندي آهي. اڇين جتين ۾ سندس ڀورا پير ان ترڪڻن فرشن تي هلڻ لڳندا آهن ته ڪنهن آرڪيسٽرا جون مڌم مڌم ڌنون معلوم ٿينديون آهن. بي خوابي جا مريض، سندس آڱرين جي ڇهاءُ سان ئي اگهور ننڊ ۾ پئجي ويندا آهن ۽ سندس هٿان زهر جهڙيون ڪوڙيون دوائون پي، ائين مرڪڻ لڳندا آهن، جيئن هنن ڪو مٺو شراب پيتو هجي. هوءَ هن اسپتال ۾ مقرر ٿي هئي ته جواڻ جماڻ ڊاڪٽر مريضن جون دليون تپاسيندي تپاسيندي، پنهنجيون دليون به تپاسڻ لڳا هئا، جي سندس موجودگي ۾ نارمل کان ٽپي وينديون هيون. ڊاڪٽر آفتاب ته هڪ ڀيري وجهه وٺي پنهنجي دل جي ڌڙڪن کيس به ٻڌائڻ گهري هئي، پر هن اکيون ڪرڙيون ڪري، منهن ۾ سونڊ وجهي کيس چيو هو:
    ”سر، مان اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ نه آئي آهيان، پر وارڊ فورڊ جي امپروومينٽ ٻڌائڻ آئي آهيان.“
    ڊاڪٽر آفتاب منڍ ۾ اهڙن جوابن ٻڌڻ تي هريل هو. پهرين سٽ سان ڪو جهول ۾ نه ڪرندو آهي. هن همٿ ٻڌي وري کيس چيو هو: ”في الحال انهن ڳالهين کي ڇڏ پال، منهنجي ڳالهه جو جواب ڏي.“
    ”جي اوهان هن وقت موڊ ۾ نه آهيو ته وڏي ڊاڪٽر کان پڇان؟“ پال جو اهو جواب ٻڌي، ڊاڪٽر آفتاب کي مجبورن پيار جون ڳالهيون ڇڏي بيمار جون ڪرڻيون پيون. هن سياڻپ ڪري هيٺائين وٺي چيو: ”چڱو مئڊم، تون ئي ٻڌاءِ ڪيترو بخار آ کيس؟“
    ”نارمل سر.“
    ”ته پوءِ ڊسچارج ڪري ڇڏيوس.“
    ”اهو ڪيئن سر، هن کي ته پيشاب جي به تڪليف آهي. پورو پاس ئي نه ٿو ٿئي.“
    ”ڏيکار ڪيس.“
    سسٽر پال کيس وارڊ نمبر فور جو فائل ڏيکاريو. سڄي ڏينهن جي ڪوانٽٽي، ڇهه سؤ سي سي هئي ۽ ٽيسٽ ورتي وئي هئي ته ڇهه سؤ سي سي بليڊر ۾ به رهيو پي. ڊاڪٽر فائل تي اڌ اکري ۾ لکندي کيس چيو: ”يوريدو نال پياريوس ڏينهن ۾ ٽي دفعا.“
    ”بليڊر جو ايڪس ري نه ڪڍرايونس سر؟“
    ”ڪهڙي تڪڙ آ؟ سڀاڻي امپرومينٽ ٻڌائجانءِ، پوءِ ڏسنداسون.“ ڊاڪٽر وٽان موٽي، ڊيوٽي روم ۾ آئي هئي ته سڄي ڳالهه ٻڌائي هئائين. مان کيس خبردار ڪندي چيو هو: ”پال، پري ڀڄجانءِ، وڏو فلرٽ اٿئي.“
    ”ها! اڳيون رڪارڊ ڇا اٿس؟“
    ”رڪارڊ ٽوڙيل اٿس سمورا. هن وقت به ٻن سان ناتا اٿس. زرينه مئٽرنٽي واري ۽ پاڻ واري روزي مهيني، ٻئي پيو ماڊل مٽائيندو آهي.“
    ”ائون هو ڊاڪٽر عسڪري؟“
    ”سڀ نور آهن، ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايانءِ.“
    ”ڪجهه ته ٻڌاءِ، خبر ته پوي.“
    ”اهو ڊاڪٽر عسڪري وري اهڙو اٿئي جو ڏينهن ڏٺي جو به نٿو مڙي. هڪ ڀيري جو اوچتو سندس آفيس ۾ وڃان ته پارٽيشن پويان سسٽر رضيه جي چپن جي حرارت پيو معلوم ڪري.“
    ”پوءِ.“
    ”پوءِ ڇا، مان ته وٺي پوئتي ڀڳس، پر ٿوري دير کان پوءِ گهرائي ليلهائي چيائين سسٽر پليز! ڪنهن کي خبر نه پوي.“
    ”اها رضيه وري ڪهڙي آ؟“
    ”ڪانه ڏٺي اٿئي؟ سانوري، عينڪ سان. اڄ ڪلهه نائيٽ ڊيوٽي تي آ.“
    ”ها، ها.“ پال ياد ڪري چيو.
    ”بس اها ڳالهه نه پڇ ته هتي ڇا ٿيندو آ؟ سڀ ڊاڪٽر ڪنهن نه ڪنهن نرس پويان اٿئي.“
    ”پوءِ اها خبر وڏي ڊاڪٽر کي نٿي پوي؟“
    ”هون، سڀ خبرون هوندس. ڪو اهي ڳالهيون لڪن ٿيون.“
    ”چئبو ته اهڙا ڪيس جام آهن هتي.“
    ”ڪيس؟ موسٽ ڪامپليڪيٽيڊ ڪيس چئو.“
    ”ويري سئڊ.“ پال افسوس ڪندي چيو. ٿوري دير ماٺ ۾ رهي، پوءِ مون کان مشڪندي پڇيائين: ”تنهنجو ڪهڙو حال آ؟“
    ”مان؟“ مون کان ٽهڪ نڪري ويو. ”مون کي نه رنگ نه روپ، مان ته تو جهڙين سهڻين ڇوڪرين لاءِ بچاءُ آهيان، پر ڪو بچاءُ گهري ته.“
    ”اهو وري ڪيئن؟“
    ”ڪو ڊاڪٽر جهلڻ تي نه مڙئي ۽ ڊيگهه ڪرئي ته مون کي ٻڌائجان، ائين ڪنٽرول ۾ اچي ويندو، جيئن انسولين کان پوءِ شگر.“
    ”هان؟“
    ”ها، توسان گڏ هونديس ته ڪا نظر نه لڳندءِ، مون کي ائين سمجهه، جيئن سهڻي ٻار کي نظر کان نرڙ يا ڳل تي ڪارنهن جو داغ.“
    ”توکي ڪير ڪارو چوي، تون ته اندر ۾ کير کان به اڇي آهين.“
    ”اندر کي ڇڏ، ٻاهر جي ڳالهه ڪر.“
    ”ٻاهر کي ڇڏ، اندر جي ڳالهه ڪر.“
    ”خير ان بحث کي ڇڏ، ڇڙي اها ڳالهه ياد ڪجانءِ ته منهنجيون خدمتون تنهنجي بلي آهن.“
    ”اڳي به تنهنجيون خدمتون ڪنهن جي ڪتب آيون آهن؟“ پال کلندي پڇيو.
    ”گهڻو ڪري نه. يا ته مون جهڙيون هيون، جن کي خدمتن جي ضرورت ئي ڪانه هئي، يا وري تو جهڙيون سهڻيون هيون، جن کي وري ڊاڪٽرن جي خدمت جي ضرورت هئي.“ مان به کلندي چيو.
    ڏهن ٻارهن ڏينهن کان پوءِ مون کي پاسي تي گهلي چوڻ لڳي: ”هاڻي مان ڇا ڪيان؟“
    ”ڇو ڪا اهڙي ڳالهه آ ڇا؟“
    ”نه ته توکي ڇو چوان ها.“
    ”ڪيس هسٽري ٻڌاءِ.“
    ”هن ڪيس جي هسٽري هيءَ آهي ته ڊاڪٽر آفتاب منهنجي پچر نٿو ڇڏي. مان جنهن وقت وٽس وڃان ٿي ته مون کي گهوري ٿو ۽ ائين ٿو گهوري جو سندس نظرون هن ٿلهي يونيفارم کان به ٽپي اندر ٿيون نهارن.“
    ”اکيون ڏسڻ لاءِ ئي آهن مئڊم، زبان جي ڳالهه ڪر.“
    .ان ۾ به گهٽ ڪانهي، اها به هر وقت پيار جا ٻول ٿي ٻولي.“
    ”چئبو ته ڪيس سيريس آهي.“
    ”نه ته وري ڇا، هو مون کي سسٽر بجاءِ مادام ٿو سڏي.“ پال معصوميت سان چيو.
    بي اختيار مون کان کل نڪري وئي. مس مس کل روڪي چيم: ”ڪهڙو بدذوق تو جهڙيءَ کي سسٽر سڏيندو. اهو لفظ ته مون جهڙين ڪارين ڪوجهين لاءِ آهي.“
    ”وڏي ذلالت آهي!“ پال خار ۽ ڏک جي گڏيل لهجي ۾ چيو. ”ڀلا، هن پرابلم کي ڪيئن حل ڪجي؟“ مان ڳالهه بدلائيندي پڇيو. ”تو ئي ڊاڙ هنئي هئي، تون ئي ٻڌاءِ.“ هوءِ وري چيهي وانگر چهڪڻ لڳي.
    ”ڇا پڇڻو اٿئي کانئس؟“
    ”وارڊ اٺين بابت پڇڻو هو. هن کي بلڊ پريشر آهي ۽ ڏينهن ۾ کيس ٽي دفعا سرياسل ڏيندي آهيان، پر اڳهون جو ٽمپريچر ڏسانس ته 103 ڊگريون بخار اٿس. هينئر ڊوز گهٽايان يا اهو ئي ڏيندي رهان؟“
    ”نسخو ڏيانءِ، يا مان وڃان تنهنجي بدر؟“
    ”تون وڃ، مان ڪونه وينديس.“
    مان سڌو ڊاڪٽر آفتاب وٽ هلي ويس. کيس سڄي حقيقت ٻڌائي هدايت پڇڻ لڳس، پر ڊاڪٽر منهنجي ڳالهه کي ڪو وزن نه ڏنو. رهندو مان کان پڇڻ لڳو: ”اهو ڪيس ته پال جي چارج ۾ آهي، تون ڪيئن آئينءَ سسٽر؟“
    ”سر، مون کي پال رڪيسٽ ڪيو ته توهان کان پڇان.“
    ”هوءَ پاڻ ڇو نه آئي؟“
    انهن اجاين سوالن تي مون کي خار اچي وئي. اشراف هجي ته ماٺ ڪري چوي ها: ”هينءَ ڪر يا هونءَ ڪر.“ پر هن ته پاڻ کي پاڻ خوار ڪرڻ پئي گهريو، مون کي ڪهڙي ضرورت هئي کيس ڍڪڻ جي، مان به رکڻي ڪانه رکي. ”سچ ٻڌايانو سر؟“
    ”ها ها.“
    ”هن کي اوهان مان وڏي شڪايت آهي.“ مون ڦٽاڪي کي باه ڏيندي چيو.
    ڊاڪٽر آفتاب ڇرڪ ڀري ڪرسيءَ تان ائين کڙو ٿي ويو، جيئن ڪنهن اوچتو هن جي بٽڪس ۾ پهرئين نمبر جي سئي هنئي هجي. هو وائڙو ٿي ويو ۽ هٻڪي چوڻ لڳو:
    ”....... مون مان؟ سسٽر اوهان کي غلط فهمي آهي.“
    ”مون کي ڪانهي، پر پال کي آهي سر. هن ته مٿي شڪايت ڪرڻ پئي گهري، پر مون کيس سمجهايو.“
    ڊاڪٽر چپ ڀڪوڙي ماٺ ڪري ويٺو رهيو. مون وري کيس چيو: ”سر، هوءَ اهڙي قسم جي ڇوڪري ڪانهي.“
    پر ڊاڪٽر ڪو جواب ڪونه ڏنو وري به مان ئي کانئس پڇيو: ”ڇا چوانس، ڊوز گهٽائي يا نه گهٽائي؟“
    اتي ڊاڪٽر ۾ مس مس چرپر ٿي ۽ هڪ مرزيل آواز نڪتو: ”ڏينهن ۾ صرف هڪ گوري ڏيوس، وڌيڪ سڀاڻ رائونڊ کان پوءِ.“ مان خوشيءَ ۾ ٻهڪندي ٻاهر نڪتيس ۽ يڪو سوچيندي آيس ته من جا ميرا ڪيڏا نه ڊڄڻا ٿيندا آهن. ڪو سچو پريمي هجي ها ته هيانءُ ڦاڙي چوي ها: ”ها برابر مان ساڻس پريم ٿو ڪيان ۽ اهو پريم سڀني ڳالهين کان اتم آهي، ان کي بالا عملدار جو به خوف ختم نٿو ڪري سگهي ۽ نه نوڪري مان نڪرڻ جو خيال. وڃي کيس چؤ ته ڀلي جنهن کي وڻيس تنهن کي دانهن ڏئي.“ مان انهن خيالن ۾ ڪنڌ هيٺ ڪيو پال کان به ٽپي ويس جو هن تاڙي وڄائيندي چيو: ”او مئڊم..... او مئڊم!“
    ”اڙي“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
    مان کيس سڄي حقيقت ٻڌائي ۽ يقين ڏياريم ته يا عمر ڪونه، ته به في الحال ڪي ڏينهن ته ڇٽينءَ. هوءَ خوش ٿي چوڻ لڳي: ”ويل ڊن، چڱيون ٻڌايون سين.“
    ٻئي ٽئين ڏينهن پال مون کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر آفتاب ان ٿوري ڊوز ۾ ئي ٺيڪ ٿي ويو هو. هوءَ ڪنهن ڪم سان وٽس وئي ٿي ته اڳي وانگر ڊيگهه ڪرڻ بجاءِ، صرف مطلب جي ڳالهه ڪري، جند پئي ڇڏايائين. سندس گفتگو مان به اها ئي نرمي غائب ٿي وئي هئي ۽ ساڻس ائين پئي ڳالهايائين، جيئن ڪو باس پنهنجي زيردست سان ڳالهائيندو آهي. پر پال کي اڃا هڪڙي شڪايت هئي جو هن چيو: ”باقي هڪڙي ڳالهه.“
    ”ڪهڙي ڳالهه؟“
    ”هو مون کي اڃا سسٽر نٿو سڏي.“
    ”اهو سرطان وانگر لاعلاج مرض آهي، جنهن جو هن ملڪ ۾ ڪو علاج ڪونهي.“ مان کلندي چيو.
    ”پر ڏس ته، سسٽر ڪيڏو نه پيارو لفظ آهي ۽ ڪيڏي نه وڏي مقصد ڪري اسان لاءِ چونڊيو ويو آهي.“
    ”ويري ساري، ويري ساري.“
    ”خير!“ پال قناعت ڪندي چيو: ”نه سڏي ته وڃي ڌوڙ پائي.“
    ”ٺيڪ آ، وڃي ڌوڙ پائي.“ مان به ٽيڪو ڏيندي چيو.
    هن اسپتال ۾ مريضن کي رهائڻ لاءِ کوڙئي ڪمرا آهن، جن ۾ بي داغ سفيد بسترا وڇايل هوندا آهن. اهڙي سهڻي ماحول ۾ ئي مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي ۽ خوش چڱا ڀلا ٿي نڪرندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن مريض کي اسپتال ۾ داخل ٿئي گهڻا ڏينهن ٿي ويندا آهن ته ڪي نه ڪي نرسون يا وارڊ بوائز هڏ ڏوکي ٿي، کين خانگي علاج جي صلاح ڏيندا آهن. خانگي ڊاڪٽر شوق سان به علاج ڪندا آهن ۽ پئسو به گهٽ وٺندا آهن. هيوميوپيٿ ۾ ته آپريشن جي به ضرورت نه پوندي آهي ۽ ٻن ٽن گورين ۾ ئي مريض نوبنو ٿي ويندو آهي. مريض کي يقين ڏيارڻ لاءِ ٻن ٽن مريضن جا مثال به ڏبا آهن. مريض اها سهڻي صلاح مڃي، پنهنجو بيڊ ٻين مريضن لاءِ خالي ڪري ويندو آهي. پوءِ پنهنجي گهر مرندو آهي ته سڪون سان مرندو آهي ۽ ٻين مريضن تي به ڪو اثر نه پوندو آهي. اهڙي طرح هن اسپتال ۾ هزارين مريض علاج ڪرائيندا آهن ۽ جيئرا جاڳندا ڊسچارج ٿيندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪي مريض پنهنجي ڊاڪٽرن ۽ نرسن سان به ائين ڌوڪو ڪري ويندا آهن، جيئن وارڊ ڏهين جي مريض ڪيو هو. ان رات سسٽر رضيه جي ڊيوٽي هئي. هوءَ نائين بجي وارو رائونڊ به هڻي آئي. هو خوش، چڱو ڀلو ستو پيو هو. نبض ٺيڪ، بخار ڪونه. ان رائونڊ کان پوءِ هن وچ ۾ ٻيو ڪو رائونڊ نه هنيو. صبح جو پال ڊيوٽي سنڀالي ته مريض بنڊ جيان پيو هو. اهڙو بيگانو موت ڏسي پال جون نيريون اکيون نير ڇڏڻ لڳيون.
    سڄي ڳالهه ٻڌائي وري سڏڪن ۾ پئجي وئي. مان کيس سمجهايو: ”پال، ايترين ڳالهين تي روئيندينءَ ته سڄي عمر پئي ڳوڙها ڳاڙيندينءَ، موت تي ميار ته ڪونهي.“
    ”پر سسٽر ههڙو موت جو مرڻ وقت ڪو اکيون نه وٺي ڪو عضوو نه ٺاهي، ڪو قرآن نه پڙهي، ڪو بائبل نه بخشائي. او خداوند! تون رحم ڪر.“ ائين چئي هوءَ نرڙ ۽ ٻنهي ڪلهن کي جهلي صليب ٺاهڻ لڳي.
    ”رضيه ڪاڏي وئي هئي؟“
    ”هن ته الائي ڪاٿي پئي ڌوڙ پاتي، پر ڪنهن ٻيءَ به رائونڊ نه هنيو!“
    ”ٻي پرائي وارڊ جو ڇو هڻي؟“
    ”پر هتي ائين ڇو آهي؟“
    ”اهو ضروري آهي، فرض کي چڱيءَ طرح نباهڻ لاءِ.“ مون کيس سمجهايو.
    ”ڀلا رضيه تي ڪو ائڪشن کڻندا؟“
    ”ڇو، هن ڪا غلط دوا ڏني؟“
    ”پر کين رحم ئي ڪونه ايندو اهڙي موت تي؟“
    مون سمجهيو ته هوءَ هانءِ جي ڏاڍي ڪونئري هئي ۽ کيس باقاعدي سمجهائڻ جي ضرورت هئي. مان پال کي ڳراٽڙي پائي چيو: ”پال، سياڻي ٿي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. هتي گهڻا مريض شفاياب ٿين ٿا ته ڪجهه مري به وڃن ٿا. هڪ هڪ مردي تي ويهي روئون ته ڪو ڪم ٺهندو؟“
    هن ڪو جواب ڏيڻ گهريو، پر مان کيس اشاري سان روڪي وري پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي: ”ڪاسائي روز ٿا جانور ڪهن ۽ ماس وڍين ٽڪين، پر هنن کي سيسراٽي ڪانه ايندي آهي، ڇو ته اهو هنن جو ڌنڌو آهي ۽ موت ۽ حيات هنن لاءِ نارمل ڳالهه آهي.“
    مان مثال ڏنو پر پڇتايم پوءِ، جو هن منهنجي مثال جي پڪڙ ڪئي ۽ چيو: ”چئبو ته ڊاڪٽر ۽ ڪاسائي هڪڙي ڳالهه آهن؟“
    ”مان ته ڇڙو مثال ڏنو، ان کي هروڀرو ڇڪ ته نه!“
    پر منهنجي ڳالهه جو مٿس ڪو اثر نه پيو. ڏٺم ته سندس اکيون، سانوڻ جي مند ۾ نديءَ وانگر اٿلي پيون ۽ ڳوڙها جهر جهر ڪري وهڻ لڳا.
    هن اسپتال ۾ ڪي مريض اهڙا به داخل ٿيندا آهن، جن پيار جي ڇانو ۾ ڪي گهڙيون ڪونه گهاريون آهن ۽ ڪي اهڙا به ايندا آهن، جي ڪنهن ناڪام پيار جي چوٽ کاڌل هوندا آهن. هن اسپتال ۾ ٻه ٽي ڏينهن رهڻ کان پوءِ کين ڪا نه ڪا ڀوري، سانوري ۽ بانوري نرس وڻڻ لڳندي آهي. هو سندس انتظار ۾ اکيون وڇايو ويٺا هوندا آهن ۽ سندن ڪن پنهنجي نرس جي سهڻن پيرن جي کڙڪي ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا آهن. هو اندر ايندي آهي، سندن ويڻي کي پنهنجي سنهين آڱرين ۾ جهلي پلس ڏسندي آهي، سندن ميرا ڪپڙا بدلائي اڇا اجرا ڪپڙا پارائيندي آهي، سندن مر لڳل جسمن کي گرم پاڻي سان ڌوئي، اجرو ڪندي آهي. ان وچ ۾ هوءَ ساڻن ڳالهيون به ڪندي آهي ۽ رکي رکي هلڪا هلڪا ٽهڪڙا به ڏيندي آهي. پوءِ ان ٿوري گهڻي گهاٽائپ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن مريض کي سندس جدائي ڏکي لڳندي آهي ۽ هو ساڻس پيار ڪرڻ لڳندو آهي. هو ڪو موقعو تاڙي پنهنجيون بيمار ۽ اداس اکيون ڏانهس کڻي، سڪل چپن کي زبان سان آلو ڪري، پنهنجي پيار جو اظهار به ڪندو آهي. وارڊ نمبر 12 ۾ رهندڙ هڪ دل جي مريض به پال کي ڏسي، پنهنجي سرءُ جهڙي پيلي رنگ ۾ بهار جا جهوٽا محسوس ڪيا هئا. هڪڙي ڏينهن جڏهن پال کيس شيو ڪري، اسفنج هڻي، اڇو اجرو ڪيو هو، تڏهن هن کيس چيو هو: ”نرس، تون ڏاڍي سهڻي ۽ مهربان آهين.“
    ”ٿئنڪس مسٽر نذير.“ پال ان قدرداني تي مرڪي چوڻ لڳي.
    ”پال، تنهنجي ڪيتري ڊيوٽي آ روز؟“
    ”اٺ ڪلاڪ.“
    ”تون ايندي آهين ته مان خوشيءَ سان دوا پيئندو آهيان، پر تون ڪونه هوندي آهين ته دل چوندي آهي ته گوريون وٺڻ بدران لڪائي رکندو وڃان ۽ جڏهن تون اچين ته سڀ تنهنجي هٿن سان وٺان.“
    ”ائين ته فائدي بدران الٽو نقصان پهچندو.“ پال گهٻراهٽ ڏيکاري چيو.
    ”واقعي ائين ته مان مري ويندس ۽ مان هاڻي مرڻ نٿو گهران.“
    وري هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ شيشي جي ننڍڙي گلاس ۾ هڪ اڇي دوا کڻي کيس پيارڻ وئي ته نذير منهن گهنڊائي چيو:
    ”اڇاڻ، اڇاڻ! اڇا بسترا، اڇيون گوريون، اڇي دوا ۽ اڇي يونيفارم ڏسي مان ڪڪ ٿي پيو آهيان. تون هن يونيفارم کان سواءِ ٻيو لباس به پائيندي آهين؟“
    ”ها نذير، مان ساڙهي به پائيندي آهيان.“
    ”رنگين ساڙهيون؟“
    ”ها رنگين ساڙهيون – پنڪ، آرينج، ليمن، سڀ رنگ.“ پال ڏانهس دوا جو گلاس وڌائيندي چيو.
    ”پليز، ڪڏهن ته ڪا رنگين ساڙهي پائي اچ.“ هن هڪ ڳيت ۾ دوا پي چيو.
    ”ڊيوٽيءَ واري وقت ته ڏاڍو مشڪل آ.“ پال نٽائڻ چاهيو.
    ”ڀلي ڊيوٽيءَ کان پوءِ ئي، پر مون کي ساڙهي پائي ضرور ڏيکار.“
    ”ڪوشش ڪنديس، پر پرامز نٿي ڪري سگهان.“
    ”نه پرامز ڪر.“
    ”چڱو ڀلا پرامز.“
    ستت ئي هڪ شام جو ليمن جارجٽ جي ساڙهي پائي ۽ وڏو ڪارو پرس ٻانهن ۾ وجهي، وڃي سندس سامهون بيٺي. هو کيس ٻئي لباس ۾ ڏسي خوش ٿي ويو ۽ کيس چڱيءَ طرح ڏسڻ لڳو: ”پال، گاڊ ابئو. توکي هي ڪپڙا ڏاڍا ٺهن ٿا. تنهنجي سونهن نکري پئي آهي. توکي هر رنگ ٺهندو.“
    ”هون!“ پال ائين عجب کائڻ لڳي ڄڻ کيس خبر ئي ڪانه هجي.
    ”ها ها، توکي هر لباس، هر رنگ ٺهندو.“
    ”پوءِ ته مان رنگين ڪپڙا پائينديس.“
    نذير ڪنڌ هيٺ ڪري ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو ۽ جهٽ کن رکي، چوڻ لڳو: ”پال، هڪ ڳالهه ٻڌايانءِ؟“
    ”ٻڌاءِ.“
    ”پال، مان ڀانيان ٿو ته توسان پيار ٿي ويو اٿم ۽ پيار به روز بروز وڌون وڌ.“
    پال ٿورو گهٻرائجي وئي پر يڪدم پاڻ تي قابو پائي چوڻ لڳي:
    ”ريئلي؟“
    ”ها پال، اهو ڪوڙ نه اٿئي.“
    ”اها ته منهنجي خوش قسمتي آهي نذير.“ پال ٿورو سوچي چيو.
    ”سچ؟“
    ”سچ.“
    نذير اهو جواب ٻڌي وڏو ساه کنيو، ڄڻ سندس سيني مان ڪو وڏو بار لهي ويو. هن پال کي پيار سان نهاريندي چيو: ”تون ۽ مان شادي ڪنداسون.“
    ”ممي جو اعتراض ڪري ته؟“
    ”مان پاڻهي ممي کي راضي ڪندس. کيس ايلاز به ڪندس ۽ پيرين به پوندس. هوءَ اهڙي نامهربان نه ٿيندي.“
    ”پوءِ ته ٺيڪ آ، پر هاڻي تون آرام ڪر.“
    ”نه ته مون کي ننڊ ڪانه ايندي.“ نذير ضد ڪرڻ لڳو.
    ”تون ننڊ نه ڪندين ته مان توسان عمر نه ڳالهائينديس.“
    ”چڱو مان ننڊ ڪيان ٿو پر پهريون مون کي ڪس ڪر.“
    پال ان خواهش تي گهٻرائجي وئي. پر جلد ئي هن پاڻ سنڀالي نذير جي پيشاني تي پنهنجا چپ رکيا. سندس چپن جي ڇهاءُ سان ئي نذير جون اکيون ٻوٽجي ويون ۽ هن ننڊاکڙي آواز ۾ چيو: ”تون هاڻي ڀلي وڃ، مون کي ننڊ ٿي اچي.“
    پال مون کي اهي احوال ڏنا ته مان حيران ٿي ويس. هوءَ مون کي سمجهائيندي چوڻ لڳي: ”ڏس نه، اسان کي مريضن جي ڪيڏي نه خدمت ڪرڻي ٿي پوي. کين ڌوئاريون ٿا، وهنجاريون ٿا، پر سندن فضول وار به صاف ٿا ڪيون. اتي جي دل رکڻ لاءِ کين ڪس به ڏيون ته ڪهڙو عيب، مقصد ته ساڳيو آهي.“
    مون ڪجهه ڪين ڪڇيو، مون کي ماٺ ۾ ڏسي چيائين: ”توکي ڳالهه نه وڻي ڇا؟“
    مان کيس ڳراٽڙي پائي چيو: ”نه نه، تون بلڪل ٺيڪ ڪيو، پر جي کيس حد کان ٽپندو ڏسين ته مون کي ٻڌائجانءِ.“
    ”گهڻو ڪري ته تنهنجي ضرورت ڪانه پوندي.“ پال مشڪندي چيو.
    هن اسپتال ۾ نرسن جون ٽي شفٽون آهن ۽ پيون بدلبيون آهن. جيڪي نرسون صبح جو ڊيوٽي ڏينديون آهن، سي وري منجهند جو ڏينديون آهن. منجهند واريون ڦري وري رات جو ڏينديون آهن. ڊاڪٽرن جون ڊيوٽيون به ائين پيون ڦرنديون آهن. ڊاڪٽر سڄي رات ڪونه ويهندا آهن، پر ٿورڙي گهڙي ويهي هليا ويندا آهن. گهڻو ڪري سندن ضرورت ڪانه پوندي آهي، پر جي ضرورت پوندي آهي ته کين گهرائي وٺندا آهيون. ان رات جڏهن ڊاڪٽر ناصر مون کي ٻڌائي پڪچر ڏسڻ هليو ويو، تڏهن ڪا غير معمولي ڳالهه ڪانه هئي. سڀ مريض فرنا ستا پيا هئا، پر پال تڏهن به چڙي ويئي ۽ مون کي چيائين: ”تو اهو ڪم چڱو نه ڪيو.“
    ”پر اها نئين ڳالهه ته ڪونهي. مان کيس ڪهڙو جواب ڏيان ها؟“
    ”پر جي ڪجهه ٿي پئي ته اسان ٻه ڄڻيون ڇا ڪري سگهنديون سين؟“
    ”ڪجهه ڪونه ٿيندو، اڍائي ڪلاڪن جي ته ڳالهه آهي.“
    ”اڍائي ڪلاڪ ته وڏا آهن، هتي ته منٽن ۾ به ڪجهه ٿي سگهي ٿو.“
    ”اها ته وائي نه ڪڍ، خدا سڀني جو نگهبان آهي.“
    خدا جو نالو ٻڌي کيس آٿت اچي ويو ۽ چوڻ لڳي: ”بيشڪ هو سڀني جو نگهبان آهي.“
    ”چڱو تون هاڻي رائونڊ هڻي آءُ ته مان تنهنجي لاءِ فرسٽ ڪلاس چانهه ٺاهيان، پوءِ گڏجي پيئنداسون.“
    ”او گڊ!“ هوءَ خوش خوش رائونڊ تي ويئي.
    روم کان ٻاهر نڪتي ته ڊگهي ڪاريڊور ۾ سندس هلڻ جو سريلو آواز منهنجي ڪنن ۾ وڄندو رهيو. مان ٻن ڪوپن جو پاڻي اسٽوو تي رکيو، ڪوپ ڌوئي ٽيبل تي رکيم. ڪٽليءَ ۾ پاڻي اٻرڻ لڳو ته ان کي لاهي اڃا رکيو هوم جو ڪاريڊور ۾ اگهاڙي پيرين ڀڄڻ جو آواز آيو. مان ٻاهر نهارڻ لاءِ وڌيس جو هوءَ در وٽ اچي پهتي. کڙڪيءَ کان ٻئي پادر لاهي هٿ ۾ جهليا هئائين، سهڪندي چوڻ لڳي: ”جنهن ڳالهه جو ڀؤ هو، سا نيٺ ٿي.“
    ”هاڻ خير آهي؟“ منهنجيون وايون بتال ٿي ويون.
    ”خير وري ڪهڙو، نذير وارڊ ٻارهين وارو......“
    مون کيس ڳالهه ئي پوري ڪرڻ ڪانه ڏني ۽ تڪڙي وڃي روم ٻارهين وٽ پهتس. ڏٺم ته نذير موت ۽ حيات جي ٻواٽي تي، دم پهر لاءِ بيٺو هو. هن دم جي مريضن وانگر وڏي تڪليف سان پئي ساه کنيو. مان سندس هٿ پير ڇهيا ته برف جهڙا ٿڌا، نبض ڏٺم ته ٻه ڌڪ هڻي ٽيون ڌڪ نه هڻڻ جهڙو پئي هنيائين ۽ اهڙي سست پئي هلي ڄڻ اجهو بيٺي اجهو بيٺي. مون ڪوريمن جي شيشي کڻي ٻٽي ڦڙا مريض جي وات ۾ وڌا ۽ پال کي چيم: ”ڊاڪٽر ضرور اچڻ گهرجي.“
    ”فون ڪيونس، ڪهڙي سئنيما ۾ هوندو؟“
    ”الائي.“
    ”پوءِ...... پوءِ........؟“ هوءَ گهٻرائجي هٻڪڻ لڳي.
    ”هاڻي ماٺ ڪري ويهي ره.“
    ”يعني ته.....؟“
    ”منهنجو مطلب آهي ته ڊاڪٽر ناصر ڄاڻ آيو.“
    ”ان جي اچڻ ۾ ته اڃا ڏيڍ ڪلاڪ کن آهي، او گاڊ! ائين ڪين ٿيندو!“
    هوءَ روئڻهارڪي ٿي ويئي.
    مون ڪو جواب ڪونه ڏنو، هن وري روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو:
    ”ڊاڪٽر آفتاب کي ڇو نه ٿي سڏين؟ هو به ڪمپائونڊ اندر رهندو آهي!“
    ”هو اچي الائي نه، هن جي ڊيوٽي ڪونهي.“
    ”ڊيوٽي، ڊيوٽي! واٽ اي نان سنس!“ هن ڪاوڙجي چيو، پر وري منهنجي کاڏي کي جهلي ايلاز ڪري چيائين: ”تون فون ته ڪرينس.“
    ”مون کي فون ڪرڻ ۾ ڇاهي، پر پال، هو ڪونه ايندو.“
    ان سمجهائڻ باوجود هوءَ مون کي ٻانهن کان وٺي ڊيوٽي روم ڏانهن گهلي وئي. مون ڊاڪٽر جو نمبر ڊائل ڪيو. گهنٽي ڳپل مهل وڄندي رهي ۽ پوءِ رسيور کڄيو. مون آواز سڃاڻي چيو: ”ڊاڪٽر، سر، مان ليلا ٿي ڳالهايان ڊيوٽي روم مان. هڪ مريض کي هارٽ اٽئڪ ٿيو آهي، اوهان مهرباني ڪري اچي سگهندؤ؟“
    ”پر اڄ ته منهنجي ڊيوٽي ڪونهي، ڊاڪٽر ناصر ڪونهي ڇا؟“
    ”سر، هو پندرهن منٽ اڳ ته هتي هو پر هينئر ته شايد هيٺ لهي ويو آهي، اوهان ئي مهرباني ڪيو.“
    ”اتي ئي هوندو، کيس ڳولي وٺ.“ هن خار ۾ ٺپ ڪري رسيور رکيو.
    مان رسيور رکي پال ڏي منهن ڪري چيو: ”ڏٺئي، اجايو مون کي خراب ڪيئي.“
    ”پر هن کي ته ضرور اچڻ گهرجي، هتي ڪنهن جي حياتي جو سوال آهي.“
    ”مان ته کيس وس ڪيو، ٻيو ڇا ڪيان؟“
    ”پوءِ مان ٿي پاڻ وڃانس.“
    ”نه نه، تون نه وڃينس، تو سان چڙيل آ.“
    ”مان ويندس ۽ کيس ضروري وٺي ايندس.“
    هوءَ ڀڄندي هلي وئي. مون سندس لهڻ جو آواز ٻڌو. هن هڪ هڪ وک ۾ ٻه ٻه ڏاڪا پئي ٽپيا، تانجو آخري ڏاڪي ٽپڻ جو وري سنئين سڌي فرش تي ڀڄڻ جو آواز آيو. مان مريض وٽ اچي سندس نبض ڏٺم ته اها ٿوري سڌري هلي هئي. مان وري ڊيوٽي روم ۾ اچي ضروري انجيڪشن، سرنج، بلڊ پريشر انسٽرويومينٽ، اسٽيٿسڪوپ کڻي ٽيبل تي رکيا ۽ وري ڪاريڊور جي پرين ڇيڙي تي پيل آڪسيجن پلانٽ گهلڻ شروع ڪيم. پلانٽ ڪافي ڳورو هو ۽ رهندو ان جي اسٽينڊ جو هڪ ڦيٿو ڀڳل هو، سو مشڪل سان پئي رڙهيو. ان کي مس مس گهلي اچي روم جي ٻاهران بيهاريم. ٿڪ پٽي واچ ڏانهن نهاريم ته پنجويهه منٽ گذري ويا هئا. ڊاڪٽر جو ڪوارٽر ڪمپائونڊ اندر هو ۽ وڌ ۾ وڌ پنجن ڇهن منٽن جو مفاصلو هو. ان حساب سان ته ڳپل وقت گذري ويو هو، پر پهريون ته ڊاڪٽر در ئي نه کوليو هوندو، مس مس کوليو هوندائين، اچڻ کان انڪار ڪيو هوندائين، پر وري سندس ايلازن تي مس مس مڃيو هوندائين. منهن تي پاڻي جو ڇنڊو هڻندو، ڪپڙا بدلائيندو ۽ اتي ته ڳپل دير ٿيڻ لازمي هئي. البته جي هو اچڻ واري نه ڪري ها ته پال جيڪر موٽي به اچي ها. اهي ئي ڳالهيون پئي سوچيم ته فون جي گهنٽي وڳي. رسيور کنيم ته ڊاڪٽر آفتاب جو آواز سڃاتم؛ هن پڇيو: ”مريض جي پلس ڪيئن آ؟“
    ”هينئر ٿوري سڌريل آ سر.“
    ”گڊ، چڱو تون کيس سئي هڻ ۽ آڪسيجن ڏي. مان منٽن ۾ ٿو پهچان.“ مان سرنج ڀري مريض کي سئي هنئي ۽ وري آڪسيجن پلانٽ کي چيڪ ڪري، ان جي رٻڙ جي ٽيوب مريض جي نڪ ۾ لنگهائي، ان کي پلاسٽر سان قابو ڪيم. ان ڪم مان واندي ٿي واچ ڏانهن نهاريم ته پال کي وئي پورو ڪلاڪ ٿي ويو هو ۽ اڃا ڊاڪٽر ڪونه آيو هو. مان ڪمري کان ٻاهر نڪري ڪنايو. ڪاريڊور ۾ ڪو آواز ڪونه هو ۽ ڏاڪڻ ۾ اچڻ جو کڙڪو ڪونه هو. ٿوري دير اتي انتظار ڪري، اڳتي وڃي ورانڊي مان ڪمپائونڊ ڏانهن نهاريم ته ڏٺم ڊاڪٽر آفتاب بئگ لوڏيندي، سيٽيون وڄائيندو اچي رهيو هو. سندس پويان ٿورو پرتي ٻيو به پاڇو هو، جو شايد پال جو هو. ڊاڪٽر اچڻ سان مريض جي دل نبض تپاسي ۽ خوش ٿي مون کي شابس ڏيندي چيائين: ”گڊ ورڪ سسٽر.“
    پنهنجي ڪم جي تعريف ٻڌي مون کي خوشي ٿي ۽ مان آڪسيجن پلانٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
    ”آڪسيجن به چيڪ ڪيو نه سر؟“
    ”بلڪل ٺيڪ آ، هاڻي بتي وسائي ڇڏ.“
    ”آڪسيجن سڄي رات هلي سر؟“
    ”نه نه ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ ڪڍي ڇڏجانءِ.“
    ڊاڪٽر کي ڏاڪڻ وٽ ڇڏي پوئتي موٽيس ته اوچتو منهنجي نظر پال تي پئجي وئي. هوءَ وارڊ نمبر ٻارهين وٽ ڀت کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي. هن جو منهن پيلو پيلو هو، چپ سڪل سڪل ڄڻ رت هجيس ئي ڪونه – الائي ڇو هوءَ مون کي ان ڪنول جيان لڳي، جنهن جي هيٺان بيٺل سيتل ڍنڍ جو پاڻي سڪي وڃي ۽ اهو لوساٽجي ويو هجي. جيئن کيس ويجهو ڏٺم، تيئن منهنجون اکيون ڪنهن خوف کان ڦوٽارجي ويون. مون کي پاڻ ڏانهن گهوريندو ڏسي پڇڻ لڳي: ”ليلا، نذير بچندو نه؟“ مان محسوس ڪيو ته هن اهو سوال منهنجي ڌيان ڦيرائڻ لاءِ ڪيو هو. مان کيس ان ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏنو، رهندو کيس ڌونڌاڙي پڇيم: ”ڪر خبر پال، ايتري دير ڇو ڪيئي؟“
    هوءَ ٿورو کلي، پر هڪ ڦڪي کل. ذري گهٽ روئڻ جهڙي ۽ چيائين: ”شي شي، ڪنواريون ڇوڪريون اهڙيون ڳالهيون نه پڇنديون آهن.“
    ”پر تون وئينءَ ڇو؟ تون وئينءَ ڇو؟“ کار ۽ ڏک ۾ پڇيم.
    ”منهنجي وڃڻ مان ته فائدو پيو نه، اڳتي جنهن وقت فون ڪنداسونس تنهن وقت هليو ايندو. جي اعتبار نه اچئي ته کڻي هاڻي جو هاڻي فون ڪري، ڏس اچي ٿو نه!.“


    زماني جي گردش

    جڏهن رئيس قيصر خان نئين آيل مهمان کان، جنهن جا ڪپڙا ميرا ۽ اڌوراڻا هئا، جنهن جو منهن جهولي ۾ مسافريءَ سبب ڪاراٽجي ويو هو، جنهن جي پٽڪي جي ڀير، هلت چلت ۽ ڪٺ ڪميت گهوڙي جي شان اوغان مان سندس معتبرائپ ظاهر هئي، خلاصا احوال ورتا، تڏهن هن فهميدن لفظن ۾ چيو: ”رئيس، مان به توهان جهڙو ئي زميندار هوس، پر زماني جي گردش ۾ سبب اچي هي حال ٿيا آهن. توهان جي در تي لنگهي آيو آهيان ته پنهنجي شان تي جيڪي سري سگهو – سو ڏيوم، ٻيو توهان جي سر بخت جو خير.“
    ”توهان جو نالو؟“ رئيس کانئس پڇيو.
    ”منهنجو نالو؟“ هو ٿوري دير سوچ ۾ پئجي ويو، پر جلد ئي هن اکيون هيٺ ڪري چيو: ”منهنجو نالو واحد بخش آهي.“ رئيس ته ڪجهه ڪونه ڪڇيو، پر سندس ڀرسان ويٺل ڪمدار حاجي غلام علي ڇرڪ ڀري منجيءَ تان ائين کڙو ٿي ويو، جيئن ڪنهن ڪانڌاري ڏينڀوءَ سندس ويهڪ واري جاءِ تي ڏنگ هنيو هجي. هن تڪڙ ۾ پڇيو: ”واحد بخش خان مرزا پور وارو؟“ آيل مهمان واتان اکر ڪونه ڪڇيو، صرف ڪنڌ لوڏي هائو ڪيائين. ڪمدار حاجي ٿڌو ساه ڀري پنهنجيون پوڙيون اکيون کڻي رئيس ڏانهن نهارڻ لڳو. هن جون اکيون رئيس کي ايلاز ڪري چوڻ لڳيون: رئيس ههڙي مڙس جي مدد ڪرڻ مرڪ آهي. رئيس به ڪمدار جي اکين جو نياپو سهي ڪري، کيسي مان سؤ جو نوٽ ڪڍيو ۽ ڪمدار کي ڏنو، جنهن وري اهو وٺي واحد بخش خان جي کٽ تي رکيو. واحد بخش خان موڪلائي اٿي ويو ته رئيس ڪمدار کي چيو: ”حاجي، پڪ اٿئي ته واحد بخش هو؟“
    ”سائين، خدا خدا ڪر. ڄٽ ۽ امير ڪوهن کان پڌرو. مون سندس ديهه به ڏٺي آهي، هينئر هڪ چوڌريءَ جي هٿ ۾ آهي. اسان جهڙيون ٻه ديهون ٿين هن جي ديهه مان.“
    ”پوءِ اها حال ڪيئن ٿيس؟“
    ”ٻڌو نه، زماني جي گردش.“
    پر رئيس جنهن جو مٿو خوءِ سان ڀريل هو. تنهن کي اهڙي ڳالهه تي ڪٿي ٿو اعتبار اچي. هن عجب ۾ پئجي چيو: ”حاجي هن جي ملڪيت اسان جي ملڪيت کان به ٻيڻي هئي ته کٽي ڪيئن؟ مان ئي کڻي ٻنهي هٿن سان لٽيان ته به منهنجي کٽائڻ جي ته ناهي.“ رئيس پنهنجي خوشامدڙين وانگر چيو، جي ٿوري گهڻي ڳالهه تي کيس چوندا هئا: ”رئيس، وڏو رئيس تنهنجي لاءِ ايترو ته ڇڏي ويو آهي جو تنهنجون ست پيڙهيون ٻيون اڏارن ته به جوکو ناهي.“
    حاجي غلام علي جيڪو پراڻي جڳ جو ماڻهو هو، تنهن کي اها لاڦ نه وڻي. هن فقط ايترو ئي چيو: ”شخر ڪر رئيس، شخر ڪر.“
    رئيس قيصر خان جي پيءَ هن دنيا مان وصال ڪيو ته اها ڪهڙي شيءِ هئي، جنهن جي وٽس کوٽي هئي. چار پنج سؤ ايڪڙ ڀوري لٽاشي زمين جنهن ۾ ووڻ، وڻن جيترا ڊگها ٿيندا هئا ۽ ڪڻڪ چوسري پچندي هئي، جو ڊگهو ماڻهو هٿ اڀو ڪري ته اهو به ڏسڻ ۾ نه اچي. وري ڪڙهه ۾ نظر وجهبي ته الاجي ڪهڙن ڪهڙن والايتن جا سرخا، ڪميت ۽ سمنڊ پيا اوبرين تي داڻا کائيندا ۽ ٿالهن تي هاهرون ڪندا، سڀ گهوڙا تصوير جهڙا جو لانگ ورائبي ته دونالي بندوق جي نرين جهڙيون سنهيون ڄنگهون ڪنن تان پيون ورنديون ۽ شاختون سر ٿي وينديون. وري مال جي واڙي ۾ نظر وجهبي ته اڀي لمي جون ريشمي کلن واريون گوبران مينهون ۽ ڳئون، ڪي ڪنڍيون ته ڪي گهنجون. مطلب ته هر جنس جا خدا پئدا ڪئي آهي، سا واڙي ۾ ضرور لڀندي. ڏوڪڙ پئسي جي به ڪمي ڪانه، هڪڙا کٽن ئي ڪونه ته ٻيو فصل تيار ٿي وڃي ۽ وري ڍڳ پئسا پيا اچن. ڪڙمي ڪاري، ڪمدار ڪاراوا، نوڪر چاڪر غريب ايماندار همت ڀريا. مطلب ته سڄي راند رتل هلٽ ٺهيڪ ٺڪيل، فقط خيال سان هلائڻ جي دير هئي. وڏي رئيس به مرڻ وقت ننڍي رئيس کي چيو هو: ”پٽ، سڄو ڍينگو ٺهيل ٺڪيل ٿو ڏئي وڃانءِ، رڳو پيو کنگهڪر ڪندي ته اولو ئي ڪونهيءَ پاڻي پيو رينگدو.“ رئيس قيصر خان پيءُ جي ختمن جماڻن بعد جڏهن چؤ طرف اکيون ڦيرايون ته کيس محسوس ٿيو ته سندس زمينداري جيتوڻيڪ وڏي هئي، ته به ڏکو ڪونه هوس. پاڙي جا ننڍا وڏا زميندار کائن گوءِ کٽي ويا هئا. حالانڪه سندس پڙ ڏاڏي ۽ ڏاڏي جي وقت ۾ سڀ زميندار کين ئي سلام ڀريندا هئا ۽ سندن اهم معاملا ۽ فيصلا وٽن ئي طئي ٿيندا هئا. ان لحاظ سان چؤ طرفي جو مرڪز ئي هو هئا ۽ وڏائپ جو بار مٿن هو. پر جڏهن سندس پيءُ پڳ ٻڌي ته پڻس فقيري طبع ۽ ڪنهن جي ٻن ٽن ۾ نه وڃڻ ڪري سندس اهو ڌاڪو ختم ٿي ويو هو. هرڪو پنهنجي خانيءَ خان ٿي ويو هو. ان عرصي ۾ زماني ترقي ڪئي ته سڀ زماني آهر پنهنجو قدم وڌائيندا رهيا، پر سندس پيءُ پنهنجي اباڻي ڏاڏاڻي چال ڪانه ڇڏي. ٻين وٽ مهيني ماسي مختيارڪار، ڊپٽي ۽ ٻيا ڪامورا شڪارن ۽ دعوتن تي پيا ايندا ويندا هئا ۽ انهن ڪامورن سان رسم راه ڪري سندن وڏي هلندي پڄندي هئي، پر سندس پيءُ وٽ ڇٽي ڇماهي تپيدار ۽ ڪوٽوار کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڪاموري جي آمد ڪانه هئي. قيصر خان پيءُ جو ان طرف ڌيان ڇڪائيندو هو، پر پڻس چوندو هو: ”بابا، اسان جو ڪهڙو ڪم جو ويٺا ڪامورن جون ٽنڊواليون ڪيون. کين ڪاني سان سلام ڪبو ته سکيو گذاربو.“
    پر قيصر خان جنهن جي رڳن ۾ جوانيءَ جو رت هو، ان کي اهي ڳالهيون نه اڳ وڻيون هيون ۽ نه هينئر پي وڻيون. هن جي مرضي هئي ته هڪ ڀيرو اهڙو ڦرڪڻو ڦيرائي جو سندن زمينداري وري سڀني جو مرڪز ٿي وڃي ۽ سڀ معاملا سندس سر تي پئنچي ۾ پيا فيصل ٿين. اها ڳالهه ڳڻي هن پيءُ وانگر پئسي پئسي تي ڳت ڏيڻ بدران زماني آڌار ڏيک ويک تي خرچ ڪرڻ شروع ڪيو. ڪمدار حاجي جڏهن رئيس جي نئين جيپ ۾ چڙهي ٻٽي چڪر ڏنا ۽ رئيس سان گڏ وڏن وڏن ڪامورن کي روبرو دعوتون ڏنيون ته هو خوش ته گهڻو ٿيو، پر تڏهن به هو مهيني ماسي پيو رئيس کي چوندو هو: ”رئيس! تون ڀلي اهي شوق ڪر، پر پير هميشه چادر آهر ڊگها ڪجانءِ. ائين نه ٿئي جو سڀان هٿ چيو نه ڪرئي ۽ دشمن کلن. هرڪو چوندو ته پيءُ جي قدمن تي نه هليو، سڄي دنيا ڦوڪي ڇڏيائين.“ ڪڏهن ڪڏهن ته رئيس ماٺ ڪري ويندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن ته رهڙ به ڏئي وٺندو هوس. ”حاجي توتي ڪهڙي ميار، تون آهين ٻاهتر ۾. دنيا سک لاءِ آ يا رکڻ لاءِ. ڀلا ڪهڙو ابتو خرچ ڪيو اٿم؟“
    ”سائين جيپ ورتئي پندرهن هزارن ۾. روز ٿي ڊهي، روز ٿو خرچ ٿئي.“
    ”ته تنهنجي مرضي آهي گهوڙن تي چڙهي چٽا ڪرايان.“ رئيس چڙي پيو.
    ”ڀلا رئيس وڏو به ته هو.“ ڪمدار حاجي، رئيس وڏي جو زمانو ڏٺو هو، سو ڪنهن جو مثال ڏي.
    ”اهو زمانو ٻيو هو، هي زمانو ٻيو آ. زماني آهر نه هلبو ته ڪو ليکندو ئي ڪونه.“ رئيس کيس سمجهائيندو هو.
    ڪمدار حاجي، نوڪر ماڻهو، سيني ساهڻ بدران اهي دليل ٻڌي چپ ٿي ويندو هو. پر ٻيا نوان نوڪر، جي وڏي رئيس جي فوتي کان پوءِ هن رکيا هئا، اهي ڳالهيون ٻڌي رئيس کي چوندا هئا: ”سائين، انگريز چريا ڪونه هئا جو ڪراڙپ ۾ ماڻهن کي پنشن ڏيندا هئا. مڙئي اڇي ڏاڙهي اٽو خراب. تون اڃا پنهنجي گهرون درؤن پيو خرچ ڪري، ڪنهن کان اڌارو ڪونه ورتو اٿئي جو کيس فڪر ٿئي.“
    سندس خاص نوڪر رجب، جو ساڻس سفر ۾ گڏ هوندو هو ۽ ڳوٺ ۾ به اٿيءَ ويٺيءَ جو خيال ڪندو هو، سو وري چوندو هو: ”رئيس دنيا اهڙي بي پيري اٿئي ته جيترو چاهيندينس اوترو حرام ٿيندي، پري ڀڄندي. جيترو اڇليندينس اوترو مڙندي ويندءِ. سالڪن چيو ناهي ته سخي ۽ شوم جو ٻارهين مهيني ليکو پورو.“ ائين پئي گاڏو گڙڪندو آيو.
    پهريون سيارو هجي، ڏينهن جو اونهاري جي پوئين ڏاڏر ۽ راتين جو سياري جون مٺيون مٺيون ٿڌيون. ڪڙمي ڪاري ربيع جي هرن کان فارغ ۽ خريف جي فصل کڻڻ ۾ به ٻه مهينا دير. زميندار ته پڪيءَ جا مالڪ، انهن کي ته مولا جي ذات ڪو فڪر ڏنو ئي ڪونه آهي. اها ئي موسم ٿيندي آهي، ٻهراڙيءَ ۾ وهانون ۽ شادين جي. گهوٽ ۽ ڪنوار به راضي، ڪاڄ وارن کي به تڪليف ڪانه ۽ ماڻهو به واندا. هرڪو پيو پري وڃي. انهن ئي ڏينهن ۾ رئيس کي نينڍ آئي هڪ وهانءُ جي، جنهن زميندار وهانءُ پئي ڪيو، سو رئيس جو دلي دوست هو ۽ رئيس جي شادي ۽ وڏي رئيس جي فوتي تي سٺو پير ڀري ويو هو. رئيس کي به اها اڌاري ڀاڄي لاهڻي هئي، ان ڪري پنهنجي نوڪرن چاڪرن سميت تيار ٿي مقرر ڏينهن تي وڃي پهتو. ساڏي زمينداربه ڪونه گهٽايو هو ۽ سٺو انتظام ڪيو هئائين. اميرن معتبرن لاءِ جدا نويڪليون جايون، وڏن ۽ عام خاص راڄ لاءِ جدا لانڍيون ٺهرايون هيائين. راڳ جي محفل لاءِ به هيرا منڊيءَ جون چونڊ ڳائڻيون گهرايون هئائين. رئيس ماني کائي ٿانيڪو ٿيو، پر جڏهن بتين ٻرڻ وقت چؤطرف چانڊاڻ ٿي وئي ته کيس نياپو اچي پهتو ته راڳ شروع ٿيڻ ۾ ڪا جهٽ پلڪ کن دير هئي. رئيس به ٽپو ڏئي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي ٽوليءَ سميت اتي پهتو. اها جاءِ هڪ وڏي لانڍي هئي، جنهن جي فرش تي اوچا گرم غاليچا وڇايل هئا. چؤ طرف کوڙ ئي زميندار ويٺل هئا ۽ انهن ۾ سندس دنگئي زميندار فتح خان به ڪانڀ ڪڍيون ويٺو هو. ٻنهي جي هڪ ٻئي سان ڪانه پوندي هئي. ٻني ٻاري، هاري ناري ۽ ٻڌيءَ ڇوڙيءَ تي سندن جهيڙا پيا هلندا هئا. ٻنهي جا ڪمدار ڪاراوا به جهيڙي ٽارڻ بدران پنهنجي مالڪن کي ڪا نه ڪا شڪايت ڪري ٻرندڙ باه ۾ چوچيڙي وجهي پيا ڀڀڙ مچائيندا هئا. حقيقت ۾ پهريون پهريون سندن منهن ٿلها ان ڪري ئي ٿيا هئا، جو قيصر خان پنهنجو وڃايل اقتدار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جو سندس پڙ – ڏاڏي ۽ ڏاڏي کان پوءِ فتح خان وارن کي حاصل هو. ٻنهي ٻاهرين ٻني قائم رکڻ لاءِ هڪ ٻئي سان کيڪر ته ڪئي، پر اهي قربائتا ۽ مٺا لفظ اهڙي طرح ادا ٿيا جو ڄڻ زهر مان – جو ٻنهي جي دلين ۾ هو – ٻڏي نڪتا. ٻئي کيڪر ڪري پنهنجي پنهنجي ٻاري ٺاهي جدا ويهي رهيا. ماڻهن جي انبوه سبب چوٻول متو هو. ڪنهن ڪهڙي ڳالهه پئي ڪئي ته ڪنهن ڪهڙي ڳالهه، اوچتو سڀ سسڪا پسڪا بند ٿي ويا. رئيس، جنهن پاسي ۾ ويٺل هڪ زميندار کي تازي شڪار جو احوال پئي ٻڌايو، تنهن اهڙي چپ ڏسي ڪنڌ جو مٿ کنيو ته هڪ ٻانهين ڳائڻيون اچي ويٺيون هيون ۽ سندن استادن ڪپڙن ۾ ٻڌل هارمونيون ۽ ٻيا ساز پئي کوليا. سڀ سدا ملوڪان انگ انگ ٻهڪندڙ پر هڪ ڪنڊ ۾ هلڪي پيلي ساٽن جي سوٽ ۾، انهن سڀني جو نڪ ويٺي هئي ۽ انهن سڀني جي قد بت، رنگ روپ جي لحاظ کان اهڙي پئي ڏک ڏنائين، جيئن عام ڪڻڪ جي ٻاري ۾ ڪونج ڪڻڪ جو سلو. مڪائي جهڙو سونهري رنگ، ڊگهي ڊگهي ڳچي، سنهڙو نڪ ۽ اڻ پيل سوني بولڙي، جنهن ۾ سچو موتي جرڪيو پئي. رئيس قيصر خان ته ڏسندي ئي سُڪ ٿي ويو ۽ سندس ڪاري ڀونئر جهڙي مٿي کان ڀورن باه جهڙن پيرن تائين ڍو سان ڏسي وري پئي منڍ کان شروع ڪيائين. سندس اکيون اوستائين نه هٽيون، جيستائين هن کيس جوه پائيندو ڏسي ڪنڌ ڦيرايو ۽ ٻئي سان ڳالهائڻ لڳي. رئيس لاچار ڪنڌ ڦيرايو ته فتح خان به ساڳيءَ ۾ جوه وجهيون ويٺو هو. رئيس جي منهن ۾ سونڊ پئجي ويو ۽ اهو سونڊ تڏهن لٿو، جڏهن ڌوڪڙين وڄت شروع ڪئي ۽ سازن آواز ڪڍيا. پهرين هڪڙيءَ ڳايو، سڀني پئسا ڏنا. اها ڳائي وڃي ويٺي ته ٻي اٿي. ان به پنهنجو پاڻ چڱيءَ طرح موکيو. ان بس ڪئي ته پوءِ ”هن“ ۾ چرپر ٿي ۽ هوءَ آرس ڀڃندي، رئي کي سيني تي ٺاهيندي، اٿي کڙي ٿي. چؤ طرف سانت ٿي ويئي. هرڪو تڪڻ لڳو ته ان بلور جهڙي شفاف ڳچي ۽ سهڻن چپن مان ڪهڙو ٿو آواز نڪري؟ رئيس کي ان وچ ۾ وري وارو اچي ويو ۽ هو کيس نئين سر جاچڻ لڳو. سندس سوڙهي سوڙهي قميص ۾ ڦاٿل سيني کي، سندس سنهي چيلهه کي ۽ سندس موڪرن موڪرن ٻوندڻن کي، ننڍن ننڍن ڀورن پيرن کي ۽ انهن جي رنگ لڳل ننهن کي جي ڀوراڻ کي وڌيڪ جرڪائي رهيا هئا. هن ظالم به آلاپ ڪري رئيس واري ٻانهين ڏانهن منهن ڪري جو سرائڪي ڪافي ”ڪهڙا حال سڻاوان دل دا، ڪوئي محرم راز نه ملدا“ شروع ڪئي ته رئيس ته رهندو لوهن ڪڙن ۾ قابو ٿي ويو ۽ ڏانهس اکين ڇنڀڻ بنان يڪ ٽڪ نهارڻ لڳو. هڪ مصرع ٿيو، ٻيو مصرع ٿيو، پر رئيس ڏانهس فقط نهاريندو ئي رهيو. اوچتو فتح خان پنهنجي ٻانهين کان رڙ ڪئي: ”ڪهڙن بي قدرن جي پاسي پئي ڳائين ٻائي، هيڏي آءُ ته تنهنجي هڪ هڪ مصرع تي نوٽ گهوريان.“ ائين چئي فتح خان ڏهين ڏهين جا پنج نوٽ تاس جي پتن وانگر جهليا. چؤ طرف ٽهڪڙو مچي ويو. هوءَ به ڦيرو پائي وڃي فتح خان اڳيان گوڏو ڀڃي ويٺي ۽ دستور موجب کيس مصرع ٻڌائڻ لڳي. رئيس قيصر خان جي منهن ۾ سڄي بدن جو رت وري ويو ۽ هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو. هن ڪرڙي اک سان پويان ويٺل پنهنجي نوڪر رجب ڏانهن نهاريو، جنهن پاڻ اهو مذڪور ڏسي ڏند پئي ڪرٽيا. هن رئيس کي چيو: ”فتح خان ملهه هڻي ويو رئيس.“
    ”هون، پوءِ؟“ رئيس خار ۾ ڀڻڪيو.
    ”پوءِ ڇا، رکيو نالو پٽ جو به چڱو ناهي.“
    ”گهڻا ڏوڪڙ آهن ٻٽون ۾؟“
    ”ٻه هزار ته خوشي سان ٿيندا.“ ائين چئي رجب چمڙي جو ٻٽون کڻي اڳيان رکيو.
    ”انهن مان ڪهڙي پورت پوندي، اڏام وڃي پئسا کڻي آءُ جيپ تي.“
    هوڏانهن فتح خان پنجاهه ڪڍيون ويٺو هو ته رئيس سو جو نوٽ ڪڍيو. هوءَ مشڪندي اچي وٽس ويٺي. ٻنهي طرفن کان نوٽن جا سرڙاٽ ٿيڻ لڳا. ٻنهي کي اچي پنهنجي عزت جي لڳي، جيڪو گهٽ ٿئي سو لوڪ لڄا کڻي ۽ راڄن ۾ بدنام ٿئي. مصرع مصرع تي رقم وڌندي رهي. جڏهن رئيس جو نوڪر پئسا کڻي موٽيو ته مصرع مصرع تي ٻه سؤ روپيا ٿي ويا هئا. رجب وٽس پهچي چيو: ”نه گهٻرائجانءِ، کوڙ پئسا آندا اٿم.“
    ”گهڻا آهن؟“
    ”پنج هزار.“
    ”هاڻي ٺيڪ آ.“ رئيس بالم ٿي ويهي رهيو ۽ پوءِ ته اکيون ٻوٽي ڏيڻ لڳو. ڳائڻيءَ به سنڌ جي رئيس جي هاٺ ڏسي، اوستائين بس نه ڪئي، جيستائين سندس نڙي پڙ نه ڪڍي بيٺي. پوءِ جڏهن سندس وس نه هليو، تڏهن نوڙندي ناز ڪندي وڃي پنهنجي جاءِ تي ويٺي. رجب رئيس اڳيان پيل پئسا سنڀاليا ته ڪو هزار ڏيڍ وڃي بچيو هو، ٻيو ڪل پيران دا خير. اڌ رات مهل جڏهن هرڪو نويڪلي جاءِ ۾ آرامي ٿيو ته رئيس رجب کي چيو: ”رجب، منهنجو ڪو بلو ڪر، نه ته مرانءَ ٿو.“
    ”ڇو، خير ته آ سائين؟“
    ”اڃا خير ٿو پڇين!“ رئيس ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. رئيس جي ڳالهه سمجهي، رجب ڏند ٽيڙي کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو: ”پرائو وهانءُ، هتي ڪا ڳالهه ٺهندي! باقي صبر ڪر. هڪوار سندس جهوليءَ ۾ ننڊ نه ڪرائيمانءِ ته منهنجو نالو ڦيرائي پاڻ واري ڪاري ڪتي تي رکجانءِ.“
    رئيس، جنهن کي رجب جي قابليت تي ڀروسو هو، سو اها دلجاءِ ٻڌي ٿوري دير ۾ کونگهرا هڻڻ لڳو. ٺپ – ٺپ – ٺپ رجب جي زورن تي رئيس اکيون کوليون ته ڏينهن مٿي چڙهي آيو هو. ٿوري دير هيڏانهن هوڏانهن پاسا ورائي رئيس آرس ڀڃي اٿي کڙو ٿيو. ٿڪ اڇلي رجب کان پڇيائين:
    ”ڪهڙو حال آ؟“
    ”سڀ خير آ.“
    ”هوڏانهن ويو هئين؟“
    ”اٿڻ سان ويو هوس. هاڻي موٽيو هان.“
    ”ڇا چيائون؟“
    ”چون ڇا، پهريون ته اهي بهانا ۽ نمونا ته اسان اهو ڪم نه ڪندا آهيون، پر مان جو ٻڌايون مان ٽسريون ته اوهان واقعي تاڃي پيٽي پٽ آهيو ۽ مصلي تي نماز پڙهندا آهيو ته شڪي ٿي چوڻ لڳا: رئيس جي دل ڪنهن تي آهي؟“
    ”پوءِ ڇا چيوني؟“
    ”چيومان ته ڪمال ٿا ڪريو، سڄي رات ڪوهياري ٻڌو، وري ٿا چئو ڪوهياري ٻڌاءِ. اوهان وٽ الماس بولڙي واريءَ کان سواءِ ڪهڙي آهي رئيس جي هنڊائڻ جهڙي.“
    رئيس کلڻ لڳو ۽ رجب کي شابس ڏيندي چيائين: ”واه ڙي رجب واه!“
    ”سائين الماس جو ذڪر ٻڌي ڇرڪي ويا. چيائون: هوءَ اڃا ننڍي آهي ۽ سندس نٿ به ڪانهي لٿل.“
    ”مان چيومان ته رئيس نٿ لاهيندس.“ رجب ايترو چئي وري چوڻ لڳو: ”سائين ٻي ڳالهه ته ٻڌ.“
    ”ٻڌاءِ.“
    ”الماس اڃا ڪنواري اٿئي، جڏهن ڪو جوان ماڻيندس، تڏهن اها نٿ لهندس.“
    ”هان!“ رئيس عجب ۾ پئجي ويو ۽ وري تصور ڪري مشڪڻ لڳو.
    رجب وري ڇڏيل ڳالهه کي اتان ئي شروع ڪيو: ”سائين هو تيار ته آهن، پر چون ٿا ته پهريون رئيس کي نٿ لاهڻ جي رقم ڏيڻي پوندي. گهٽ ۾ گهٽ ويهه هزار، پوءِ ماهوار خرچ، بنگلو، ساز سامان، نوڪر چاڪر سڀ ڏيڻا پوندس، جي دل جهلي ته هليو اچي لاهور.“
    رئيس اهي ڳاٽي ڀڳا خرچ ٻڌي سسي ويو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري سوچڻ لڳو. اتي رجب ٻيو جم ڇوڙيو: ”سائين، هن حرامي فتح خان به پنهنجو چاري ڇڏيو آهي.“
    ”هان!“ رئيس کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”ها سائين، صبح جو وڃان ته قادو پيو ڌوڪڙين سان ٽهڪڙا ڏئي ۽ سسڪا پسڪا ڪري. مون کي ڏسي هليو ته ويو، پر جڏهن ڳالهائي موٽيس ته وري مليو. مڇون وٽيندي چيائين: بابا ملهه جي شيءِ آهي، اتي واڪ هلندا.“
    رئيس جو ڪنڌ سيني سان لڳي ويو. رجب ٿوري دير ڏانهس تڪي چوڻ لڳو: ”منهنجي ڳالهه مڃين رئيس ته ان ڳالهه کان پاسو ڪري لنگهه. انهن ماڻهن کي محبت جو ڪهڙو قدر، کين ته رڳو روڪڙ جام گهرجي، ڀلي فتح خان جو ئي ڀت گهاٽو ٿئي.“
    رجب کيس نيڪ صلاح ڏني. رئيس، جيڪو فتح خان جو نالو ٻڌي سڙي ويو هو، تنهن اها ڳالهه ڪٿي پئي مڃي. هن ڪڙڪيدار آواز ۾ رجب کي چيو: ”وڃي کين چؤ ته اسين ان ڳالهه ۾ ٻڌل آهيون ۽ هڪ هفتي اندر وٽن پهچي وينداسون.“
    لاهور جي تياري ڪندي رئيس گهر سنڀاليو ته روڪ پئسو ته نالي ڪاڻ ڪونه بچيو هو. وڏي رئيس جي فوتيءَ بعد خرچ وڌي ويا هئا ۽ هن هن ۾ پيو خرچ ٿيندو هو. شڪار، دعوتون، جيپون، اليڪشن ۽ پئٽرول ته سڀ اتان نڪتا هئا، پر ٽن راتين جي راڳ به کيس چڱي چوٽ ڏني هئي. ان مسئلي بابت ڪمدار حاجيءَ سان ته صلاح ڪرڻي ڪانه هئي، جو هو ڌاڙ گهوڙا ڪندي چوي ها: ”ڏٺئي رئيس، چوندو هومانءِ ته چادر آهر پير ڊگها ڪجانءِ.“ سو رجب کان وڌيڪ ڪير هڏ ڏوکي هو. رجب کي گهرائي سڄي ڳالهه سمجهايائين. رجب ٻه ٽي منٽ سوچي چيو: ”سائين ڦٽين جو فصل لهڻ تي آهي. سيٺ سان اڳواٽ ٻول ڪبي ته ڏوڪڙ جام ٿي پوندا. باقي اگهه ٿورو گهٽ مليو ته ڪهڙي ڳالهه، شيءِ پنهنجي آهي.“
    ”ائين ته کڻي ڪيون، پر پورت ڪيئن پوندي؟“ رئيس دل ۾ حساب ڪندي چيو.
    رجب وري ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو ۽ ڳپل مهل کان پوءِ چيائين: ”سائين اوهان کي هاڻي خير سان جيپ آهي، هينئر ايترن گهوڙن جي ڪهڙي ضرورت آ؟ چڙهو به ڇٽي ڇماهي ٿا، بيٺي بيٺي پير کاري ويندا. هزار ڏيڍ ۾ ته هڪ هڪ وهٽ ويندو گهٽ ۾ گهٽ.“ ايترو چئي رجب، رئيس ڏانهن نهاريو. هن رئيس جو ردعمل پئي جاچڻ گهريو. رئيس کي غور سان ٻڌندي ڏسي، هن وري چيو: ”مينهون به کوڙ بيٺيون آهن. پورو سايو به ڪونه ٿو ٿئي، کير لاءِ چار ڪافي آهن.“
    رئيس رجب جي صلاح ٻڌي ٻهڪڻ لڳو ۽ ڪمدار حاجيءَ کي گهرائي اهو حڪم ڏنائين. هو اهو حڪم ٻڌي وائڙو ٿي ويو: ”رئيس وهٽ ۽ مال ته زميندارن جو ڀاڳ آهن، پنهنجو ڀاڳ ٿو وڃائين!“
    رئيس تڪڙو پوڻ بجاءِ کيس ٿڌي سيني سان سمجهائڻ لڳو: ”حاجي، گهوڙن تي چڙهان ڪونه، بيٺي بيٺي پير کاري ويندا. مينهون به اجايو کوڙ بيٺيون آهن.“
    پر ڪمدار حاجي، جو ننڍي رئيس جي هڪ هڪ وک کي وڏي رئيس جي ڳالهه سان ڀيٽيندو هو، تنهن کي اها ڳالهه وڏي رئيس جي ”سنت“ کان ابتڙ لڳي، سو هو چوڻ لڳو: ”رئيس وڏو به پڇاڙيءَ ۾ اٺن تي چڙهندو هو، پر دل ۾ اهو خيال به نه آندائين ته ڪو فلاڻو يا فلاڻو وهٽ وڪڻي ڇڏيو. رهندو ڇٽي ڇماهي پيو چوندو هو: ڪمدار، جو ڀلو گهوڙو نظر ۾ هجي ته ٻڌائجانءِ.“ رئيس حاجي جي ڳالهه ٻڌي تپي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”توکي سؤ ڀيرا سمجهايو اٿم ته اهو زمانو ٻيو هو، هي زمانو ٻيو آ.“
    ڪمدار حاجي دڙڪو ٻڌي ماٺ ڪري ڏانهس نهارڻ لڳو. رئيس وري حڪم دهرايو:
    ”سواءِ سمنڊ جي ٻيا سڀ وهٽ وڪڻي ڇڏ. مينهون به ڇڙيون چار جهل، ٻيون تين واڪ ڪر.“ ائين چئي رئيس ٻئي طرف نهارڻ لڳو.
    جڏهن رئيس سڀ سامان موجود ڪري لاهور پهتو ته الماس جو واڪ چڙهي ويو هو. استاد بندو خان، جنهن رجب سان ڳالهايو هو ۽ پڪ پڪان ڪئي هئي، تنهن پنهنجي لاچاري سمجهائيندي چيو: ”مان ڇا ڪيان، ٽيون ڏينهن هتي فتح خان اچي پهتو هو. هن چيو ته مان رئيس کان پنج هزار مٿي ڏيندس ۽ بنگلو به مسواڙ تي وٺڻ بدران خريد ڪري الماس کي لکي ڏيندس. الماس جي ماءُ جي ته گگ ڳڙي پئي، پر شابس آهي الماس کي، جنهن ماءُ کي صاف جواب ڏنو. ماڻس کيس گهڻو سمجهايو ته رئيس، فتح خان کان وڌيڪ پئسا ڪونه ڏيندو، پر هن ماءُ کي پڪ ڏني ته جي وڌيڪ نه ڏيندو ته گهٽ به نه ڏيندو. رئيس جا پهريون ته ڇهه ڇڄي پيا، پر الماس جي قرباني ٻڌي ٺري پيو. وڌيل واڪ جي کيس گهڻي ڳڻتي ڪانه ٿي. گپ ۾ گهڙڻ کان پوءِ ڦهنگن کان ڪهڙو ڊڄڻ. رئيس استاد کي چيو: ”ٺيڪ آ، مون کي سڀ شرط منظور آهن. باقي اها ڳالهه کليل اٿو ته مان کيس ڌنڌو ڪرڻ نه ڏيندس.“
    ”ها، اها ڳالهه ته ظاهر آ، اوهان جهڙا خاندان ڪٿي سهندا.“
    ”نه، پهريون ڳالهائڻ ٺيڪ آ، پوءِ ڪو ڪروڌ نه پوي.“
    ”بس اوهان بنگلو خريد ڪيو ته پوءِ دير ڪانهي.“ ستت ئي ٻن ٽن ڏينهن ۾ بنگلو خريد ٿيو ته الماس به سينگاري رئيس جي حوالي ڪئي وئي. رئيس خوشيءَ ۾ پر ٿي ويو، جو هن به هن وقت تائين ڳوٺاڻيون ساديون سوديون، ميريون، گدليون زائفون ڏٺيون هيون، جي هٿ وجهڻ تي کجيءَ جي تڏي وانگر وڇائجي وينديون هيون، پر ان جي بدران جڏهن هن الماس جي ڳاڙهن ڳلن، ڊگهين ڊگهين پلڪن ۽ هرڻيءَ جهڙي اکين کي ڏٺو ته هو بهار بهار ٿي ويو. ويتر جڏهن الماس پنهنجي گهنگهرن جهڙي آواز ۾ کيس پنهنجي محبت جو يقين ڏياريو ۽ کيس وعدو ڏنو ته ڇهن اٺن مهينن کان پوءِ هوءَ ساڻس ڳوٺ هلي رهندي ته رئيس کي پنهنجا سمورا خرچ سجايا لڳا. صبح جو جڏهن رجب مشڪندي کانئس احوال ورتو ته رئيس ٿڌا ساه ڀريندي چيو: ”رجب، مان الائي ڪيئن ٻاهر آيو آهيان، نه ته دل نٿي گهري ته ڪو ٻاهر اچان، مون کي ته چريو ڪري ڇڏيو اٿائين.“
    مهيني ڏيڍ کان پوءِ رئيس، رجب کي حڪم ڏنو ته ڪيئن به ڪري، موديءَ کان پئسا وٺي اچي. رجب حيران ٿي پڇيو: ”ڇو، ڇا ڪندؤ سائين؟“
    ”رجب، کيس ٻٽي زيور ٺهرائي ڏيڻا آهن. زيورن کان سواءِ ٻسي آهي.“
    ”پر توهان جو ڪهڙو ڪم!“
    ”ڇا ڪيان رجب، کيس انڪار ڪندس ته روئي روئي منهن سڄائيندي، پرچاڻيءَ ۾ وري وڌيڪ ڏيڻو پوندو.“
    ”پر سائين، ايترو خرچ ته ٺيڪ ڪونهي.“
    ”پر جتي درياه ٽپي ويا آهيون، اتي اڏ تي ڪهڙو بيهون. گهٻراءِ نه. سڀ خرچ سجايا ٿيندا.“ رئيس الماس واري واعدي ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
    رجب حڪم جو بندو، انهيءَ ڏينهن هليو ويو ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ پئسن آڻڻ بدران خود سيٺ خدا بخش ميمڻ کي وٺي اچي نڪتو. سيٺ هٿ ٻڌي چيو: ”سائين، مان اوهان جو نيمڪ خوار آهيان، پر اهڙو تونگر ڪونه آهيان، جو لک پيا هجن. ووڻن وارا پئسا به پٽ سٽ ڪري ڏنا هئم، رهندو ووڻ به مليا گهٽ. اليڪشن وارا به پندرهن هزار اڃا بيٺا آهن.“
    ”ڪيئن سيٺ، حساب ڪر.“
    سيٺ بندي کولي: ”سائين هي ڏسو، پنجاهه هزار ورتو، ٻه هزار مڻ ٻوليو، پنجويهن جي اگهه سان، ڏنو هڪ هزار مڻ. اگهه هينئر ووڻ لهن چاليهه روپيا، چاليهه هزار ٿيا نه. اوهان ڏانهن اليڪشن وارا پندرهن گڏيو ته ٿيندا پنجونجاهه هزار.“
    حاضر سيٺ ڏينداسين، پر هينئر ته ڏهاڪو هزار کن ڏيار.“ ”سائين ڪاڏهون ڏيان؟ جي بينڪ مان ٿو وٺي ڏيان ته وياج ڳاٽي ڀڳو پوندو. ايتري رقم ڪڻڪ مان ڪٿي لهندي، نر فصل ته اهو ووڻن جو هو.“
    ”پوءِ ائين ڪنداسين ته جيڪي پئسا ڪڻڪ ۾ لٿا، نه ته وري آئيندي واري ووڻن ۾.“
    ”نه سائين، اتي منهنجي پوري ڪين پوندي.“
    اتي رجب، رئيس کي ٻاهر ڪڍي سمجهايو ته سيٺ خدا بخش ته پئسن ڏيڻ لاءِ تيار هو، پر کيس پڪ ڪانه ٿي هئي. لاشڪ ته ڀؤ اٿس ته پئسا نه مارجي وڃن. رئيس رجب جي ڳالهه دل سان هنڊائي ته برابر لڳي. هن رجب کان صلاح گهري: ”پوءِ ڇا ڪيون؟“
    ”بس سيٺ کي پڪ لاءِ ڪو دستاويز لکي ڏيو.“ رجب کيس سمجهائيندي چيو.
    رئيس ڳالهه سوچي سيٺ کي چيو: ”سيٺ هاڻي واٽ ٿو ڏيانءِ. تون ٽوٽل رقم جو جوڙ ٺاهي مون کان شرطي وڪري جو دستاويز لکي وٺ، جي ان مدت ۾ پئسا نه ڏنامانءِ ته منهنجي زمين ڇٽي، بس نه.“
    ”سدائين، خدا خدا ڪر. زمين الله اوهان کي اڃا به سرس ڏئي جو تنهنجي پگهر مان پيا کائون. اسان واپارين جو زمين سان ڪهڙو واسطو، اسين رڳو موڙيءَ جي سلامتي ڏسندا آهيون. جي اوهان دستاويز لکي ڏيندؤ ته مان به پٽ سٽ ڪري اوهان جو ڳهو چاڙهيندس، پر سائين شرطي ٽڪرن جي پئدا ڪير کڻندو؟“
    ”مان، تنهنجو ڪم پئسن سان.“
    ”سائين، اتي منهنجي پوري ڪيئن پوندي؟ گهر مان سڀ پئسا ڪڍي ڏيان ته منهنجو واپار وڙو ڪيئن هلندو، ڌنڌو، ڪارپت ڪيئن وڃائيندس؟“
    رئيس سن ۾ پئجي ويو. پر ٿوري دير ۾ هن ڳالهه ڳڻي ته جي فصل لهڻ کان اڳ هن بئنڪ مان يا سرڪار مان تقاوي وٺي سيٺ کي پئسا واپس ڪيا ته پوءِ سيٺ جو فصل تي ڪو حق نه رهندو، جو اهو شرطي وڪري جو دستور هو. هن سيٺ کي چيو: ”چڱو سيٺ، تنهنجو ئي ڀت گهاٽو. انهن ٽڪرن جي پئدائش تون ئي کڻجانءِ، پر جنهن مهل توکي پئسا مليا، ان مهل تنهنجي حقداري ڇٽي.“
    ”ها سائين، پر منهنجا پئسا نه مارجو.“ سيٺ رئيس جي پيرن تي ڪري پيو.
    ”نه سيٺ، تون دلجاءِ ڪر، توسان ورهن جو وهنوار آ.“
    سيٺ حساب ڪتاب ٺاهي رئيس کي ڏنو. رئيس ڏانهن ڪل رقم ٿي پنجهٺ هزار. رئيس ٻه سؤ ايڪڙ شرطي وڪرو ڪري سيٺ کي ڏني، پر سيٺ کي ويندي چيائين: ”سيٺ، هن ڳالهه جي خبر ڪنهن کي نه پوي، نه ته پوءِ ڪونه ٺهنداسون.“ رئيس کي اچي پنهنجي عزت جو فڪر ورايو.
    ”ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين سائين، اسان واپارين جي دل ته کوهن جهڙي اونهي ٿيندي آهي.“
    رئيس کي ڳوٺ ڇڏي ڇهه مهينا گذريا ويا، ان وچ ۾ هن پويان جي ڪا سار سنڀال ڪانه لڌي، وچ واڙيءَ ڳوٺان خط پئي آيا. هڪڙي خط ۾ ڪمدار حاجيءَ فصلن جي گهٽ ٿيڻ جو لکيو هو ته پندرهن ڏينهن کان پوءِ ٻئي خط ۾ خود ڪمدار حاجي جي وفات جو ذڪر هو. رئيس ويو ڪونه، باقي ڪمدار جو کيس ڏک ٿيو. سڄو ڏينهن پئي رجب سان ڪمدار جون ڳالهيون ڪيائين: ”رجب، حاجي مڙس ڀلوڙ هو. اسان سان چڱا ڳن ڏنائين.“
    ”ها سائين، اهڙا خيرخواه ڪٿي لڀندا.“ رجب به ها ۾ ها ملائيندي چيو.
    رجب کي ته حاجيءَ جو ڏک ٿيو هو يا نه ٿيو هو، پر ڳوٺ کان ايترا ڏينهن پري رهي ڪڪ ٿي پيو هو، ان ڪري رئيس کي چيائين: ”سائين، هن موقعي تي هلڻو ضرور آهي.“
    پر رئيس ڳالهه نٽائي ويو ۽ چوڻ لڳو: ”هينئر هلي ڇا ڪيون، هلجي ها ته بروقت. هتي به الماس کي اڪيلو ڪيئن ڇڏي هلبو. گهوڙا ۽ زالون ران سان نه هونديون ته ڪو سڌو هلنديون.“ اتي ته رجب ماٺ ڪئي، پر هڪ ڏينهن رئيس کي زال جي بيماريءَ جو خط پهتو ته ڳوٺ جي تياريءَ کان سواءِ ڪو چارو نه هو. ڳوٺان لکيو هئائونس ته جي زال جو منهن ڏسڻو هجيس ته خط کي تار سمجهي. رئيس به نه وڃي ته لوڪ ڇا چوندو. زال سڳي سوٽ، جنهن سان هن شوقون لائون ڏنيون هيون، جا پوئتان سندس منڊل کي ٺاهيو ٺڪيو ويٺي هئي. الماس به اهو ٻڌي کيس چيو: ”توکي ضرور وڃڻ گهرجي، هي وقت دير جو ناهي.“
    ”تون ڪڏهن هلندينءَ؟ وعدو پاڙ نه!“
    ”تون موٽي آ ته هلنداسين.“ الماس کيس پڪ ڏني. پر رئيس اڄ سڀان تياريون ڪندي جڏهن ڳوٺ پهتو ته جوڻس قبرستان ۾ پورجي چڪي هئي ۽ پوئتان سندس ڳالهيون هيون ته ڪيئن هن آخري وقت تائين سندس انتظار ڪيو ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي دم ڏنائين. رئيس ماٺ ميٺ ۾ زال جا ختما جماڻ ڪري، پوک پلاه ۽ راڄ ڀاڳ ڏانهن نظر ڦيرائي ڏٺائين ته پوئتان اونده ٿي وئي هئي. ڪمدار حاجي کان پوءِ هرڪو مڇ ٿي ويو هو. جنهن کي جتان پئي وارو لڳو، تنهن اتان پئي کاڌو. پنهنجي سمجهه آهر مناسب انتظام ڪري جڏهن هن وري لاهور جي تياري ڪئي ته جيئن الماس کي پاڻ سان وٺيو اچي، ته سندس نوڪر حيات، جنهن کي الماس جي سار سنڀال لاءِ ڇڏي آيو هو، ڦيلهڙو منهن ڪري اچي واپس نڪتو. رئيس کي چيائين:
    ”اوڏانهن هلڻ جو ڪو ضرور ڪونهي رئيس!“
    ”ڇو ڙي؟“
    اتي هيڏيون اکيون ڦوٽاريو ويٺا آهن. چون ٿا ته: ”ڪو رئيس الماس کي خريد ته نه ڪيو آهي.“
    ”باقي اهو بنگلو، ٽپڙ ٽاڙي، ڏاڏانهن جا آهن!“
    ”هو – هو چون ٿا، بنگلو اسان جو، ٽپڙ اسان جا. رئيس ٻن ٽن ڏينهن جو مهمان هو، هاڻي ٻيو در جاچي.“
    ”ائين ٿيندو جو پڻهين جي بادشاهي آ.“
    پر جڏهن رئيس اتي پهتو ته ڏٺائين ته واقعي حيات جي ڳالهه سورنهن آنا سچي هئي. استاد بندو ۽ ٻيا سازندا، جيڪي سندس پيرن تي پيا هوندا هئا، سي شينهن بڻيا ويٺا هئا. الماس جي ماءُ ته ٻري پئي. پيڪدان ۾ پڪ اڇلي هن هٿ نچائيندي چيو: ”رئيس، اڄ نڪاح ٻڌين تي وس نٿو هلي، هتي ته قرب جو معاملو هو. اشراف ٿئين ته واپس موٽي وڃ.“
    ”واپس ڪيئن ويندس؟ هتي سر جون سٽون آهن يا توهان هوندؤ يا مان.“ رئيس ڏاڏر ڪئي.
    ”هل هل، اهڙا رعب ڳوٺ ۾ هارين تي ڏيکاريا اٿئي. جي اشرافت سان نڪرندين ته پوءِ.....“ الماس جي ماءُ ٻن ٿلهن متارن مڪرانين ڏانهن اشارو ڪيو، جي ماڙن سانن وانگر پئي گهميا.“
    ”چڱو ڀلا، مون کي هڪ ڀيرو الماس سان ٻه منٽ ڳالهراءِ، پوءِ مان هليو ويندس.“ رئيس هيٺائين ڪئي. هن جي خيال ۾ الماس ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ بند پئي هوندي ۽ هن لاءِ روئي روئي اکيون سڄائي ڇڏيون هوندائين. کيس ڏسي هوءَ چنبڙي پوندي ۽ اتان ڪڍي هلڻ لاءِ ايلاز ڪندي. هن کوڙ اهڙا مامرا هٿن مان ڪڍيا هئا ته جنهن پاسي زائفان هوندي هئي، اهو پاسو چڙهتو هوندو هو، پر الماس جي ماءُ رئيس جي دل جي ڀير تي زور سان ڏونڪو هڻندي چيو: ”اها هتي ڪانهي، رئيس فتح خان سان گهمڻ وئي آهي.“
    رئيس جون اکيون اهو ٻڌي رت ڇڏڻ لڳيون. سندس سمورو بت ڏڪڻ لڳو. هن جو هڪ هٿ چيلهه ۾ ٻڌل ريوالور ڏانهن ويو، پر رجب کيس هٿ کان گهليندو ٻاهر وٺي ويو. کيس ٻانهون ٻڌي چيائين: ”ايترو اٻهرو نه ٿي رئيس.“
    ”اڃا اٻهرو نه ٿيان. هنن پوءِ ڪاڻ ڇڏي آهي؟“
    ”هنن جو ڪهڙو قصور، هي ته پئسي جا پٽ آهن. مون کي باهه هن حرامي فتح خان تي آهي، جنهن کي شرم ٿيو نه حياءُ، پرائي چڪاڻل مڇي به ڪانه وٺبي آهي، هي ته زائفان ماڻهو هو.“ رجب کيس سمجهائيندي چيو.
    ڳوٺ موٽندي رئيس کان ننڊ آرام وسري ويو. سڄي واٽ اها پئي ڳالهه سوچيائين. فتح خان منڍ کان وٺي کيس اچايو هو. پهريون پهريون ساڻس اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو هئائين. اتي رئيس وڏي دنيا خرچ ڪري هارايو هو ته وري ساڙ کان سندس هارين نارين جون چوريون چڪاريون شروع ڪرايون هئائين. مٿس ڪا فلڪ ڪونه آڻيندو هو ۽ رهندو چوندو وتندو هو، ”ڪلهوڪو ڇوڪرو ٿو مون سان سينو ساهي، ٽڪرن سان ٿو مٿو هڻي!“ راڳ جي محفل ۾ به هن اچاٽ ڪئي هئي ۽ کيس طعنو هڻي ڦرايو هئائين، نه ته هو رڳو پير ڀرڻ خاطر آيو هو ۽ پنجاه سؤ روپيا ڏئي وڃي ننڊ ڪري ها. وري جڏهن هن الماس کي ساهيو هو ته ماڻهو بڇي واڪ وڌايا هئائين. اتي به ڪامياب نه ٿيو ته هي وار وري ان وقت ڪيو هئائين، جڏهن هو الماس پٺيان پنهنجيون ٻنيون، مال متاع، زيور زاڙي دڦ ڪري پنهنجو پاڻ کي تباه ڪري چڪو. الماس، الماس جي ماءُ ۽ استاد بندو خان وارا پئي جا پٽ هئا، جو اهو انهن جو ڌنڌو هو، پر سندس اصل مدعي ته فتح خان هو.
    رئيس جڏهن پنهنجي ڳوٺ واري اسٽيشن تي لٿو ته هو هر طرح سوچي فيصلو ڪري چڪو هو. هن اچڻ سان پنهنجي ٽولي کي گهرايو ۽ کين مهڻو ڏيندي چيائين: ”اڙي شير آهيو ڪن لوغان؟“ مهڻو ٻڌي همراهه مري ويا. ٽولي جي اڳواڻ محرم پنهنجي اڇي ڪهاڙيءَ جي ڪهوءَ جي ڳن کي سنڀاليندي چيو: ”رئيس، تو اصل کان آزمايو آ ته شير آهيون.“
    ”ته پوءِ فتو جنهن ڏينهن موٽي اچي ته ٻيو ڏينهن کين نه ڏسي!“
    ”ائين ئي ٿيندو رئيس، پر پوءِ جون پارتون اٿئي.“ محرم دليري سان چيو.
    ”صوبيدار پنهنجو يار آهي، سون ۾ توري ڇڏيندوسانو.“ رئيس کين دلجاءِ ڏني.
    فتح خان جي به قضا پڄي آئي جو بٽئين سانگي ڳوٺ موٽي آيو. همراه اڳ ۾ ئي کيس تاڙيو ويٺا هئا. چئن ئي ڪهاڙين ۾ کيس سمهاري ڇڏيائون.
    فتح خان جهڙي نامياري زميندار جي خون تي اڀ ڏري پيو. ضلعي جي سڄي پوليس اچي ڪڙڪي. راڄن ۾ ٻاڪر ڪٽا وجهي ڇڏيائون. آخر اها ڳالهه پوليس کان ڪيئن ٿي لڪي ته فتح خان ساڻ ڪنهن جو مدائپو هو. ٿوري ڳالهه کلي ته اڊڙندي وئي. آخر اهو ڏينهن اچي پهتو، جو رئيس جو دوست صوبيدار هزار خان وڏي عملي سميت اچي رئيس جي ڳوٺ پهتو. رئيس کي چيائين: ”رئيس، توتي فتح خان جي خون ڪرائڻ جو الزام ثابت آهي. توسان گڏ ان ڏوهه ۾ محرم، صفر، آدم ۽ دلاور آهن.“
    رئيس ته پهريون گهڻي پڪائي ڪئي، پر پوءِ جڏهن ٻي ڳالهه ڪانه سجهيس ته صوبيدار کي پٽڪا ميڙيون ڪري، دوستيءَ جا واسطا وجهڻ لڳو. پر ڦڦڙ نه گوشت، ڪامورو نه دوست، صوبيدار کي اهڙو وارو وري ڪيئن پئي مليو. هو چوڻ لڳو: ”نه رئيس، مون کان هيءَ ڳالهه زور آهي. هتي ته عرش ڦاٽل آهي.“
    ”تون سڀني ڳالهين جو مالڪ آهين، ٻيا ڪامورا توکان ٻاهر ڪونه ويندا.“ رئيس کيس ايلاز ڪندي چيو.
    ”چڱو مان وڏي صاحب سان ڳالهايان ٿو، باقي پئسا گهڻا لڳندا.“
    ”جيڪو انگ چوندو اهو ڏيندس. باقي هيءَ مهر هڻ.“
    ”چاليهارو هزار ته اوس لڳندءِ. مون کي ته توکان پئسو وٺڻ حرام آ، باقي سپاهي کان وٺي ايس پي تائين پيٽ ڀرڻو آهي.“ صوبيدار دستور موجب چيو.
    اتي رئيس رجب کي ٻاهر ڪڍي صلاح ڪئي: ”ڇا ڪيون رجب؟“
    ”سائين، خون جو الزام آ، ڪو چرچو ڪونهي. ڏنو پٽ ڇٽي جو.“
    ”صوبيدار ته وڏو چڪ هنيو آهي، ڪٿان ايندا ايترا پئسا؟“
    ”سائين عزت کان مٿي پئسو ڪونهي. تون صوبيدار کان مهلت وٺ، ڏوڪڙ ڪري وٺنداسون.“ رجب کيس دلجاءِ ڏني.
    صوبيدار کان ٻٽي ڏينهن مهلت وٺي، رئيس هيڏانهن هوڏانهن مدد لاءِ واجهايو ته هرڪو پري بيٺو هو. سڀني کي ڪا نه ڪا لاچاري هئي. آخر ٻيو ڪهڙو رستو هو، سواءِ سيٺ خدا بخش جي گهرائڻ جي. رئيس کيس نيازي سان چيو: ”سيٺ، مهلون مڙسن تي اينديون آهن، ڪو ڀاڙين تي ڪونه، اڄ ڪا واهر ڪر.“
    ”رئيس، حج واري جو قسم، ڪلهه فتح خان جي ڀاءُ ڪمدار هٿ نياپو موڪليو هو ته جي رئيس کي پئسا ڏنئي ته ڳانو ئي توکي ٻڌنداسين ۽ خون ئي توکان اڳاڙبو.“
    خدا بخش کي پوتي ڪڍرائيندو ڏسي رئيس کيس ليلهڙاٽ ڪيا: ”خدا بخش ائين ليئن ڪندين؟ توکان سواءِ ڪهڙو آسرو آ!“ ”نه رئيس، مون کي معافي ڏي. مان ان باه ۾ ٽپو ڪونه ڏيندس.“ پر رئيس جڏهن کيس ٻيا ٻه سؤ ايڪڙ ٿوري مدي تي شرطي وڪرو ڪري ڏنا ته سيٺ جو مس مس ڀؤ لٿو ۽ ڊڪي ڊوڙي پئسا پورا ڪري ڏنائين.
    رئيس صوبيدار کي پئسا ڏئي پنهنجي ته جان ڇڏائي، پر جي محرم وارن جي ڪورٽ ۾ پيروي نه پئي ڪرايائين ته کيس وري لوڏو هو. هنن ملاقاتين جي معرفت کيس نياپو به موڪليو هو ۽ چورايو هئائونس ته: ”رئيس، اسان تنهنجي ونگار اڙها هئاسين، نه ته فتح خان سان اسان جو ڪو مدئپو ڪونه هو. هينئر اهي سڀ هرج خرچ توتي آهن. اسان جو تدارڪ ڪر، نه ته پاڻ قبولدار ٿي توتي بيان ڏينداسون.“
    رئيس اهڙو اڻ ڄاڻ ڪونه هو جو وساڻل باهه کي وري چوچڙي ڏئي ڀڀڙ ڪري. هن کين دلجاءِ موڪلي. سيٺ کان ٻيا پئسا وٺي اهڙو وڪيل ڪيو، جنهن لاءِ مشهور هو ته هن ڪيترن ڏوهين کي ڪورٽ ۾ ته ڇا، پر ڦاسي گهاٽ تان به ڳچي مان ڦاهو ڪڍرائي آزاد ڪرايو هو.
    آخر هڪ سج اهڙو به اڀريو جو سيٺ خدا بخش، جنهن رئيس جو نمڪ کاڌو هو ۽ سندن واپار وڙي مان وڌيو هو، وڏي شان ۽ ٺٺ سان تعلقي مختيارڪار سان گڏ رئيس جي ڳوٺ آيو. مختيارڪار رئيس کي چيو: ”رئيس، تنهنجي لکي ڏنل دستاويزن موجب هيءَ سموري زمين، وڻن، اڏن، ڪسين سميت سيٺ خدا بخش جي آهي ۽ تنهنجي ڪابه حجت نه آهي.“
    رئيس پهريون ته مختيارڪار سان گهڻو گوڙ ڪيو، پر مختيارڪار سندس هڪ به ڳالهه وزن تي نه آندي ۽ کيس چيائين ته هو بالا آفيسر جي حڪم موجب سيٺ کي سرڪاري طرح قابض ڪرڻ آيو آهي ۽ جي هن ڪو گوڙ وغيره ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کي گهرائي کيس بي دخل ڪندو.
    رئيس وڌيڪ ڇا پئي ڪري سگهيو. سڄي ڳالهه سندس پنهنجي هٿ جي وڍيل هئي. هن مختيارڪار کان مهلت گهري:
    ”بس اڄوڪا ٽي پهر ترسو. مان رات جي پيٽ ۾ هليو ويندس.“ ان رات جي پوئين اسر جڏهن ڪڪڙن ٻانگون ڏنيون، تڏهن رئيس پنهنجي سمنڊ جي پٺي ٺپي مٿس سنج وڌا ۽ آلين اکين سان پنهنجي ڳوٺ ۽ ٻنين ڏانهن نهاريندي، سڙڪ ورتائين.
    پوءِ گهڻا گهڻا ڏينهن پوءِ، جڏهن سندس ڪپڙا ميرا مٽيءَ جهڙا ٿي ويا هئا ۽ سندس منهن جهولي ۾ مسافري سبب ڪاراٽجي ويو هو، هو هڪ اهڙي ڳوٺ کان لانگهائو ٿيو جو سهڻي نموني ٻڌل هو. ڳوٺ جي چوڌاري ڀوريون لٽاشيون ٻنيون هيون، جن ۾ ووڻ ۽ جواريون ڏکڻ جي هير تي پئي جهوٽيون ۽ وچ ۾ اوڏڪيون ڀتيون، ڇناوان گهر، قبائين مسجد، شاهي ڪوٽ ۽ ان جي وچ ۾ پڪ – سري حويلي ڳوٺ کي کنيو بيٺي هئي. رئيس ڳوٺ جي ٻاهران هڪ بيٺل هڪ ماڻهو کان بي اختيار پڇي ورتو: ”ادا! ڪنهن جو ڳوٺ آ؟“
    ”وڏيري غلام عمر خان جو.“ ان ماڻهوءَ کيس جواب ڏنو. الائي رئيس گهوڙي جي پاڻ واڳ موڙي يا ويچاري سمنڊ ٿڪ سبب پاڻ ڳوٺ ڏانهن رخ رکيو ۽ شاهي گهٽي لتاڙي اچي اوطاق جي وڏي در تي بيٺو. رئيس گهوڙي تان لهي ان کي آهر سان ٻڌو ۽ اڱڻ ڏانهن نهاريو، جتي ڳوٺ جو وڏيرو کٽ تي ليٽيو پيو هو. سندس چوڌاري هيٺ تڏن ۽ منجين تي نوڪر چاڪر، ڪڙمي ڪاراوا ويٺا هئا. رئيس اهو نظارو ڏسي زمين ۾ کپي ويو. سندس قدم اڳتي وڌڻ کان پِڙ ڪڍي بيٺا. پر جڏهن کيس سڄي ڏينهن جو لنگهڻ ۽ خالي کيسو ياد پيو، ته هو هٽڪندو هٽڪندو، بيهندو بيهندو اڳتي وڌيو ۽ وڃي اتي پهتو هو، جتي ڪچهري لڳي پئي هئي. پوءِ جڏهن وڏيري غلام عمر خان ٻيا سڀ ماڻهو اٿاري کيس جيءُ ڪئي، تڏهن هن ڪنڌ هيٺ ڪري اکيون ٻوٽي چيو: ”خان، مان به تو جهڙو ئي زميندار هوس، پر زماني جي گردش سبب هي حال اچي ٿيا آهن. تو وٽ لنگهي آيو آهيان ته پنهنجي شان تي جيڪي سري سگهين سو ڏئينم ته گذر سفر ڪري وڃي ڪي وڻ ڏسان. ٻيو تنهنجي سربخت جو خير.“


    گٽس

    گهڻن ڏينهن جي غير حاضري بعد، هو جڏهن پنهنجي نئين ڳاڙهي شيو کي ڪراچي ڪلب جي پورچ ۾ بيهاري، اندر بار ڏانهن وڃڻ لڳو ته سامهون ڪنهن کي ڊيل وانگر ٽلندو ٻاهر ايندو ڏٺائين. هن جا قدم اڳتي وڌڻ کان انڪار ڪري ويا. هوءَ پنهنجي ساڙهي جي پلو کي هر هر ادا سان ٻانهن تي ٺاهيندي لڏندي لمندي، سندس ڀرسان لنگهي ته نه چاهيندي به هن کان بي اختيار سينڍ نڪري وئي. هن نرڙ ۾ گهنج وجهي ڏانهس گهوريو ۽ هن شڪي ٿي منهن ڦيرائي ڇڏيو. پر جڏهن ”ڪورٽ شو“ جي سريلي پياري پياري ڪٽ ڪٽ اڳتي وڌي وئي، تڏهن هن منهن ڦيرائي ڏٺو ته هوءَ انهيءَ انداز سان اوچو ڳاٽ ڪيو ائين وڃي رهي هئي، جيئن ڪنهن تي فلڪ ڪانه هجيس. هو ٿڌو ساه ڀري اڳتي وڌيو ۽ بار ۾ ويٺل ميمبرن کي سلام ڪندو پنهنجي سنگت واري مخصوص ڪنڊ ڏانهن هليو ته ڏٺائين ته سموري چنڊال چوڪڙي ويٺي هئي. کيس ڏسندي ئي سڀ خوشيءَ مان رڙيون ڪري هن کي چنبڙي ويا.
    ”اڙي، تون ڪٿي هئين ايترا ڏانهن؟“ پروفيسر جيلاني کيس ڀاڪر پائي چيو.
    ”ڳوٺ ويو هوس، هارويسٽ جي سيزن هئي نه.“ هر ڪنهن کي سندس وڏي زمينداري جي خبر هئي، پر تنهن هوندي به هن وري کين ٻڌائڻ مناسب سمجهيو.
    ”پوءِ اڄ ڪلهه ته کيسا پر هوندا؟“ ڪئپٽن مسعود چيو.
    ”بلڪل“
    ”تون ته بنا موڪلائي هليو وئين، پر هتي ته گهڻا ماڻهو تنهنجي ڪاڻ سڪيا پئي.“ ڊاڪٽر سليم لفظ ”ماڻهو“ تي خاص زور ڏيندي چيو. هن ڊاڪٽر ڏانهن نهاريو، جنهن جي منهن تي شرارتي مشڪ هئي. اهو اشارو شاهده برني ڏانهن هو، جنهن سان هن جو ”افيئر“ هو ۽ جا اوچتو ئي اوچتو سندس ڳلي پئجي وئي هئي ۽ هن کي شادي جو زور ڀريو هئائين. هن ڊاڪٽر سليم سان صلاح ڪئي هئي، جنهن وري کيس ٻه ٽي ڏينهن گسائي وڃڻ جي صلاح ڏني هئي. هو پنهنجي نيٽو ٽائون هليو ويو هو.
    ”اڄ ڪلهه ماڻهو ڪٿي آهن؟“ هن مشڪندي ڊاڪٽر سليم کان پڇيو.
    ”اتيئي، اوسي پاسي.“
    هن نموني سان ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو ته پرڀرو ”هوءَ“ هڪ ڪنڊ ۾ اڪيلي ويٺي هئي ۽ ڏانهس گهور ڪري پئي نهاريائين.
    ”اڄ ڪلهه هتي وڏي لئي ٿي وئي آهي. ڪافي نوان ميمبر ٿيا آهن. خاص ڪري.......“ پروفيسر جيلاني مشڪندي چيو.
    ”ڪير آ هوءَ؟ پوري واقفيت ڪراءِ.“ هن جو شوق جاڳي پيو.
    ”مان ٿو ٻڌايانءِ.“ ڊاڪٽر سليم چوڻ لڳو: ”نالو اٿس پارس نياز احمد، هتان جي نئين ڪليڪٽر جي ڌيءُ، انٽروڊيوس ڪرايانءِ.“
    ”اها به پڇڻ جي ڳالهه آ پيارا.“
    ”پر اٿئي انگور کٽا.“ پروفيسر جيلاني، حميد ۽ ناصر ڏانهن نهاريندي چيو، جي شڪي ٿيڻ لڳا.
    ”جڏهن مان به پڄان تڏهن چئجو، وارو ڪيو، واقفيت ڪرايو.“ شاهده برني جي افيئر کان پوءِ هن کي پاڻ ۾ وڏو ڀروسو ٿي پيو هو.
    ڊاڪٽر سليم هال ۾ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو: ”يار، اڳهون هتي ويٺي هئي. شايد هينئر بليئرڊ روم ۾ هجي، اٿ ته اوڏانهن هلون.“
    الائي ڇو هن جي دل ۾ ککي ويو ته پارس اها ئي هئي، جنهن سان هو اچڻ وقت ٻاهر دوبدو ٿيو هو ۽ جنهن منهن ۾ سونڍ وجهي ڏانهس گهوريو هو. هو چوڻ لڳو: ”ڀلا انهيءَ لاءِ ته نٿو چوين، جنهن کي اڄ آرينج بنارسي ساڙهي پئي هئي، جنهن جي ڳچي ۾ جيڊ جو وڏو هار پيو هو ۽ جنهن کي ڪارو ڪوٽ شو......“
    ڊاڪٽر هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽي کيس گهوريندي چوڻ لڳو: ”اڙي اهائي، اهائي، ڪاٿي ملينس؟“
    هن ڪوبه جواب نه ڏنو، پر اکيون ڦرڙائي سينڍ وڄائڻ لڳو.
    ٻئي ڏينهن، هن ڊاڪٽر سليم کان پيرائتي پڇا ڳاڇا ڪئي ته هن سان ڪنهن جو ”افيئر“ ته ڪونه هليو هو ۽ ڪلب ۾ سندس گهڻو اٿڻ ويهڻ ۽ گهمڻ گهتڻ ڪنهن سان هو. پر ڊاڪٽر کيس ٻڌايو ته خاص طرح ڪنهن سان ڪونه.
    ”اهڙي مغرور آ ڇا؟“ هن پڇيو.
    ”يار خبي ئي ڪانه ٿي پوي. هر ڪنهن سان ڳالهائي به فضيلت سان ٿي. پر ڪو ڊيگهه رکڻ جي ٿو ڪري ته ونءُ ٿي وڃي.“ اهي ڳالهيون پئي ٿيون ته هوءَ بار ۾ لنگهي آئي ۽ ڪنڊ ۾ خالي ميز تي ويهي رهي. هن ڊاڪٽر سليم کي انٽروڊيوس ڪرائڻ لاءِ ٺونٺ هنئي ۽ ڊاڪٽر سليم هن کي هٿ کان وٺي ان ڪنڊ ڏانهن وڌيو ۽ ويجهو پهچي چوڻ لڳو: ”مس نياز احمد، ليٽ مي انٽروڊيوس، ماءِ ٿڪ فرينڊ مسٽر ذوالفقار علي خان.“
    هوءَ اخلاقن اٿي بيٺي ۽ مشڪندي لانڍ سان چيائين: ”پليز...... زڊ ٽو ميٽ يو.“
    ”پر اسان سنگت ۾ کيس ان ڊگهي نالي بجاءِ زلفي سڏيندا آهيون.“ ڊاڪٽر وري چيو.
    ڊاڪٽر سليم ٿوري دير ويهي، بهانو ڪري هليو ويو ته هن کانئس پڇيو: ”ڪجهه پيئندؤ، مس نياز احمد.“
    ”ڪا خاص ضرورت ته ڪانه آهي.“ هوءَ نٽائڻ لڳي. ”ڪڏهن ڪڏهن ضرورت کان سواءِ به ٻئي جي دل خوش ڪرڻ لاءِ هائو ڪبي آهي.“ هن ڏانهس ٿورو جهڪي مشڪندي چيو. اهي سڀ گر کيس ياد هئا.
    ”چڱو، مان شيري پيئنديس.“ پارس ڄڻ ته مجبور ٿي چيو.
    هن خوش ٿي ويٽر کي اشارو ڪري شيري ۽ سڪسٽي نائين آڻن لاءِ چيو. بيري ٻئي گلاس آڻي اڳيان جهليا ته هن پاڻ وارو جام ٿورو مٿي کڻي چيو: ”ٽو اور فرينڊشپ.“
    پارس عجيب بي نيازيءَ سان گلاس کڻي سپ ڪندي چيو: ”ٽو اور اڪوئنٽنس.“ هو ڌڪ پچائي وڏا وڏا ڍڪ ڀرڻ لڳو. هن محسوس ڪيو ته پارس سندس ڳالهه کي رد ڏئي، ڪلهوڪي سينڍ جو پلؤ ورتو هو. هن کي ياد آيو ته شاهده برني مشڪندي ٻه ٽي قدم اڳتي ٽپي وئي هئي ۽ کيس گهرين نگاهن سان ڏسندي چيو هئائين: ”ٽو اور لو زلفي.“
    هڪ ڏينهن هو ڪلب ۾ دير سان پهتو. بار ۾ بليئرڊ روم خالي پيون هيون. هو هڪدم بالر روم ڏانهن ويو. اتي ڏٺائين ته هوءَ ويٺي هئي. سندس ڀرسان ڪو مرد ڪونه ويٺل هو. پر جي ڪو ويٺل هجي ها ته به ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي. هن تازو ڊانسنگ اسڪول مان سکيا وٺندي وقت اهي جملي آداب چڱي طرح سکيا هئا. رڳو ويجهو وڃي اخلاق سان چوڻو پئي ها: ”مس نياز احمد سان ڊانس ڪرڻ جي اجازت آهي جناب؟“
    ”آف ڪورس سر.“ هو مشڪندي اجازت ڏئي ها. اهي بار روم جا آداب هئا.
    هو کيس اتي ويٺو ڏسي خوشي ۾ پر ٿي ويو. ڪنهن سان ڊيگهه وڏائڻ ۾ ڊانس هڪ وڏي مددگار هئي. هن سوچي ڇڏيو ته پهرين رائونڊ ۾ ڊانس ڪندي پري رهندو، پر ٻن ٽن رائونڊن کان پوءِ هو چڱيءَ طرح گهاٽا ٿي ويندا ته هن کي قدري ڇڪي پنهنجي ويجهو ڪندو ۽ سندس هٿ جو گهيريو ٿورڙو ٿورڙو تنگ ٿيندو ويندو، تان جو هوءَ سندس سيني تي ڪنڌ رکي ڊانس ڪرڻ لڳندي.
    آرڪيسٽرا وڄڻ لڳو ۽ جوڙا ڊانس ڪرڻ لاءِ اٿيا ته هن تڪڙو وڃي ٻئي ٻانهون نوڙائي کيس چيو “May I”.
    پر هن سندس وڌايل هٿن جي ڪا پرواه نه ڪندي وڏائيءَ سان چيو: ”پر مان ته اهڙي سٺي ڊانس نه ڄاڻان.“
    ”ههڙي سٺي ميوزڪ ۾ پاڻهي سکي ويندؤ.“ هن مشڪندي چيو. ”نه نه، مون کي معافي ڏيو ته بهتر. مان اوهان جهڙي هوشيار ڊانسر سان ڪونه هلي سگهندس. ماڻهو ڪونهن کلائڻا.“ پارس صاف نٽائيندي چيو.
    هو مجبور ٿي پوئتي هٽيو ۽ شاهده برني سان ڊانس ڪرڻ لڳو. شاهده کيس حيرت سان تڪي رهي هئي. منڍ ۾ هن پاڻ آفر ڪيو هو ته هو بهانو ڪري نٽائي ويو هو ۽ هينئر هوءَ ٻئي ڪنهن سان ڊانس ڪرڻ لاءِ تيار هئي ته پاڻ مرادو کيس ڊانسنگ فلور تي وٺي آيو هو. بهرحال! هوءَ خوش هئي جو ذوالفقار کي وري سندس خيال ٿيڻ لڳو هو. هوءَ سندس ويجهو پوندي، هن جي سيني ۾ منهن لڪائي، کيس چوڻ لڳي: ”آءِ اسٽل لو يو زلفي.“
    هو کيس کتو جواب ڏيڻ ۾ هو ته سندس نظر ڀر واري جوڙي تي پئجي وئي. اهي پارس ۽ ميجر اصغر هئا. هن کي باهه وٺي وئي ۽ سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. هن جا اسٽيپ بگڙي ويا.
    ”آر يو آل رائٽ زلفي؟“ مس برني کيس بي دليو ڏسي چيو.
    ”نه مان خوش نه آهيان، منهنجو مٿو سور کان ڦاٽي ٿو.“ هن روئڻهارڪو ٿي چيو.
    ”ته پوءِ تون ريسٽ ڪر.“ هو کانئس معافي وٺي ٻاهر نڪرڻ لڳو ته هن ڏٺو ته پارس، ميجر اصغر سان ڊانس ڪندي، ٽيڏي اک سان ڏانهنس نهاري کيس چيڙائي رهي هئي.
    هن جيڪو پاڻ کي ”سمال“ فيل ڪيو هو، ان جي لنوائي وسارڻ جو طريقو اهو هو ته هو سندس منهن بلڪل نه چڙهي، ان ڪري هو پنهنجو شامون ڪلب وڃڻ بدران ڪلفٽن يا سئنيما هائوس ۾ گذارڻ لڳو. پر هڪ ڏينهن ڪلفٽن تان موٽندي سندي ڪار، پنهنجو پاڻ ائين اچي ڪراچي ڪلب ۾ بيٺي، ڄڻ ان جو اسٽيرنگ سندس هٿ ۾ ڪونه هو. هن ڏٺو ته سموريون ڪرسيون ۽ ميزون لان ۾ پيون هيون ۽ جملي ميمبرن جي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ سبب وڏو گوڙ لڳو پيو هو. هو سمجهي ويو ته اهو تمبولا جو پروگرام هو، ان راند ۾ هن کي ڪا دلچسپي ڪانه هوندي هئي، جو خسيس هائوزي لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ هنڌ سڪي ويهڻو پوندو هو ۽ هر وقت ڪن ڦاڙي انائونسر ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو هو ته متان هو ڪو نمبر چوي ۽ اهو نمبر مس ٿي وڃي. پر اندر بار ۾ اڪيلي ويهڻ کان ٻاهر ويهي کيڏندڙن جي خسيس هائوزي لاءِ هٻڇ ۽ نمبر اچڻ تي هسٽريا جي مريضن وانگر رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ جو مزو ڏسڻ زياده دلچسپ هو. ان ڪري هو هڪ ڪرسي ڏانهن وڌيو ۽ ان تي ويهڻ وارو هو ته کيس پويان ڪنهن سڏ ڪيو. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته پارس کيس سڏي رهي هئي. هن جي دل ٿي ته جيڪر ڏانهس نه وڃي ۽ سندس سڏ کي ڪو گوش نه ڏئي. ماٺ ڪري ويهي رهي، پر ڄڻ ڪو کيس هٿ کان وٺي گهلڻ لڳو ۽ هو ڏانهس گهلبو ويو.
    ”مس نياز احمد، اوهان مون کي سڏيو ڇا؟“ هن ويجهو وڃي کانئس پڇيو.
    ”اوهان نٿا کيڏو؟“ هوءَ مشڪندي کانئس پڇڻ لڳي.
    ”نه، مون کي هيءَ راند نٿي وڻي.“ ائين چئي هو پوئتي موٽڻ لڳو ته پارس هڪدم چيو: ”ته ڀلا مون کي هيلپ ڪيو نه.“
    هو سندس ڀرسان ويهي رهيو ۽ کيس سمجهائڻ لڳو ته ڪيئن نمبر ڪٽبا وڃبا آهن ۽ ڪڏهن ڪائوزي پوري ٿيندي. ايتري ۾ انائونسر مائيڪ تي اعلان ڪري دٻو کڙڪائي نمبر ڪڍڻ لڳو:
    هٽ اينڊ رن سيون اينڊ ون.....
    ايٽ سيون ماءِ وائفس ايج.....
    هن پارس ڏانهن ڏٺو جا ڪارڊ ۾ اکيون وجهي نمبر ۾ مشغول هئي. هو ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي ڏانهس نهارڻ لڳو. کيس ڍو سان ڏسڻ جو اهڙو ڪڏهن موقعو نه مليو. هن ڀرپور نظرن سان سندس وڏن وڏن وارن کي ڏٺو، جي جوڙي جي شڪل ۾ ڇڪي ٻڌل هئا ۽ سندس ڪياڙي تي بچيل سنهڙا سنهڙا وار، جي جڙي ۾ نه اچي سگهيا هئا، پيارا پيارا پئي لڳا. لوڪٽ بلائوز ڪري پٺي، اڳ ۽ پيٽ جو گهڻو حصو جارجٽ جي ساڙهي سان ڍڪيل هئڻ جي باوجود جرڪيو پئي. هن جا گلابي اڌ کليل چپ ۽ برمي چمپل جي ٻن پٽين ۾ سهڻا صحتمند پير، هن جي چپل کي ڏڪائڻ لڳا.
    انائونسر دستور موجب نمبر ڪڍي رهيو هو.
    پنجو پنجو ففٽي فائيو....
    لٽل لالي نمبر ٿري.
    هن پنهنجي لٽل لالي جي ڪارڊ تي اوچتو نظر وڌي، جنهن ۾ اهو نمبر هو، پر ڪٽيل نه هو. هن جهڪي ميز تي رکيل ڪارڊ ۾ اڻ ڪٽيل نمبر ٿري تي آڱر رکيس ۽ هو سندس اشارو سمجهي ان کي ڪٽن لاءِ هيٺ جهڪي ته هن جي نظر ڳچي کان ترڪندي سندس سيني تي پئجي وئي، جو بلائوز جي قيد کي ڦاڙي ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتو هو. اوچتو پارس جي نظر کيس گهوريندي پڪڙي ورتو ۽ مشڪندي چوڻ لڳي: ”اوهان سمورو وقت منهنجي تپاس پئي ڪئي آهي. نظر هڻندؤ ڇا؟“ ائين چئي هوءَ وري ڪارڊ ڏانهن ڏسڻ لڳي.
    هو ٿورو مشڪيو ۽ وري ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو. سوچيندي سوچيندي هن فيصلو ڪري ورتو ته هوءَ اها ئي هئي، جنهن جي انتظار ۾ هن شاهده برني ۽ صوفيه احمد جهڙين پيارين ڇوڪرين کي به، جن هن جي هر جائز ناجائز گهر به پوري ڪئي هئي، پنهنجو نه ڪيو هو. هنن کي منزل تائين پهچڻ لاءِ فقط آرام ۽ ٿڪ ڀڃڻ کان وڌيڪ اهميت ڪانه ڏني هئي. لاشڪ ته هن جي انتظار ۾ هن پنهنجي مڱيندي سان به لائون ڪونه ڏنيون هيون، جا سندس اوسيئڙي ۾ ڳوٺ ويٺي هئي. هن محسوس ڪيو ته پارس بنا زندگي گذارڻ هڪ عذاب هو، جو هو ڪنهن به حالت ۾ سهڻ لاءِ تيار نه هو. هن ٿورڙيون اکيون ٻوٽي همت سان چيو: ”پارس، منهنجي هڪ ڳالهه ٻڌ.“
    پارس جا ڊگها ڊگها ايرينگ لڏيا ۽ ڏانهس ڏسڻ لڳي.
    ”پارس آءِ لو يو ........ آءِ لو يو مور دين ايني ٿنگ ان دي ورلڊ.“ هن ڪنڌ هيٺ ڪري چيو. پارس ڪو جواب نه ڏنو. هو وري دل ٻڌي کيس چوڻ لڳو: ”پارس، ان ڏينهن مان پهريون ڀيرو توکي ڏٺو ته ائين محسوس ڪيم ته تون ئي اها هستي آهين، جنهن جو مان ورهين کان انتظار ڪري رهيو آهيان ۽ انتظار ۾.......“
    ”مسٽر ذوالفقار، ائين جيئن مان هن نمبر سيون جو ڪيتري وقت کان انتظار ڪري رهي آهيان.“ هن کلندي پنهنجي ڪارڊ ۾ رهيل نمبر سيون تي آڱر رکي، جو ڇڙو ڪٽجڻ کان رهجي ويو هو.
    هو پنهنجي پيار جو مذاق سهي نه سگهيو، هن جون اکيون آليون ٿي پيون. هن چوڻ لڳو: ”مان توکي ٻانهون ٿو ٻڌان پارس، تون سيريس ٿي، هيءُ منهنجي زندگي ۽ موت جو معاملو آهي.“
    ”اوهان ۽ پيار؟“ هوءَ طنز سان چوڻ لڳي: ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو، اهي اوهان جون ٻانهون ٻڌي پيار جو يقين ڏيارڻ، سڀ بوگس آهي.“ ائين چئي پارس اتان اٿي وڃي پري رضيه سلطان علي سان ويٺي. هو اکين جي ڪنڊن ۾ آيل ڳوڙهن کي ضبط ڪري اٿي ٻاهر وڃڻ لڳو ته شاهده برني پري کان تڪڙي وٽس آئي ۽ کيس چوڻ لڳي: ”مون کي لفٽ ڏيندين زلفي.“
    ”نه، مون کي ٻئي پاسي وڃڻو آهي.“ هو کيس رکو جواب ڏئي اچي ڪار ۾ ويٺو.
    ان بعد هن ڪلب وڃڻ صفا بند ڪري ڇڏيو. سمورو وقت پنهنجي گهر ۾ اڪيلو ويٺو هوندو هو. سندس سنگتي ساٿي فون ڪندا هئا ته کين بِزي هجڻ جو بهانو ڪري ٽاري ڇڏيندو هو، پر ڪيترا ڏينهن؟ هڪ ڏينهن سندس دوست اچي ڪڙڪيا. کيس عجيب حالت ۾ ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. ”ڇا حال آ ڊان زوان.“
    ”ٺيڪ آهيان.“ هن ڦڪي کل کلندي چيو.
    ٺيڪ وري ڪٿي آن، يه پيلي پيلي سي رنگت......“ ڊاڪٽر سليم چوڻ لڳو.
    ”ڪائي ڳالهه ڪانهي.“ هن کين يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”پوءِ هيءَ حالت ڇو؟“ پروفيسر جيلاني هن جي وڌيل شيو ۽ ميرن ڪپڙن ڏانهن ڏسي چوڻ لڳو.
    ”دراصل مون کي ٻن ٽن ڏينهن کان بخار هو. ائين جو ائين هنڌ ۾ پيو هوس.“
    ٻيا اٿي ويا ته سليم هن کان سموري ڳالهه آهستي آهستي ڪڍي ورتي ۽ چوڻ لڳو: ”مان هن سان صفن صفا ڳالهايان؟“
    ”جيئن وڻيئي تيئن ڪر، پر مان مران ٿو.“
    پر ٻئي ڏينهن هو آيو ته اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪري چوڻ لڳو:
    ”يار هوءَ فلرٽ آهي، توکي نظر ثاني ڪرڻي پوندي.“
    هن سليم جي ان ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏنو، وري کانئس پڇيائين: ”تو ساڻس ڳالهايو؟“
    ”ها، پر سندس چم ۾ ئي ڳالهه ڪانه ويٺي.“
    ”ڇا چيائين؟“
    ”ڇا چوندي، چيائين ته ڪو کلڻ ڳالهائڻ کي غلطي ۾ پيار سمجهي ته اها ٽوٽ مٿس ته ڪانه پئي. مطلب ته هن صاف جواب ڏنو.“ سليم مجبور ٿي کولي ٻڌايو.
    ”هوءَ سچ ٿي چئي.“ هو هوريان چوڻ لڳو: ”ڪنهن وقت شاهده برني کي به مان اهڙو ئي جواب ڏنو هو.“
    ”آچر جي صبح جو کيس ڊاڪٽر سليم فون ڪيو ۽ چيو: ”ريس تي هلندين؟“
    ”نه يار.“ هن نٽائيندي چيو.
    ”اڙي سڄي سنگت ٿي هلي.“
    ”چڱو.“
    ”ته جلدي تيار ٿي، اسان توڏي اچون ٿا.“
    ”ڪجهه پئسا کڻان اچان ڇا؟“
    ”ڀلي جي شوق هجيئي.“
    ريس ڪورس تي هر عمر جي مردن ۽ زائفن جو هجوم هو. هٿ ۾ فلاسڪ، ڳچين ۾ بائنيڪيولرس – زور شور سان ڳالهائڻ ۽ بحث مباحثا. هر ڪنهن کي هيڪوڻ مان چئوڻ ۽ اٺوڻ جي لالچ. ان گوڙ کي رهندو وڌائڻ وارن هاڪرس جون رڙيون ۽ هوڪا: ”لڪي پورس، لڪي سڪندر، لڪي رستم.“
    ”ڪهڙي گهوڙي تي شرط رکندين؟“ سليم کانئس پڇيو. ”جنهن تي چوين.“
    ”تون اڄوڪي اخبار ۾ ريس جو صفحو ڪونه پڙهيو آ ڇا؟“
    ”اون هون.“ هن نهڪر ڪئي.
    ”ته ڀلا هي پڙهه، هن ۾ ڪجهه ٽپ به ڏنل آهن.“
    هن سليم کان اخبار وٺي ان ڏينهن ڊڪندڙ گهوڙن جا نالا پڙهيا. هڪ نالو پڙهندي ئي هن اخبار سليم کي واپس ڏني ۽ چيو: ”مان چوٿون نمبر گهوڙي پسند ڪئي آهي.“
    ”نالو ٻڌاءِ.“ سليم اخبار ڏسندي چيو.
    ”پارس.“
    سليم هڪدم ڇرڪ ڀري ڏانهس نهاريو ۽ سامهون بيٺل گهوڙن مان چوٿين نمبر گهوڙيءَ ڏانهن ڏسندي چيائين: ”تون هاڻي ڇتو ٿيندين. ٽڪي جي گهوڙيءَ تي شرط رکندين، جو ان جو نالو پارس آهي.“
    ”توکي گهوڙن جي ڪهڙي خبر، اسان ان معاملي ۾ بنيادي آهيون. نه ته به اسان وٽ پنجاه گهوڙا آهن طنبيلي ۾.“ هن سليم کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”اڙي اها گهوڙي اڄ ته ڪانه ٿي ڊڪي جو ان جي قابليت لڪل هجي. اهڙيون مرزيل گهوڙيون ڪي ريس کٽنديون.“
    ”مون کي اها ئي وڻي ٿي.“
    ”چڱو گهڻا پئسا ٿو رکين؟“
    ”جيترا کيسي ۾ هوندا.“
    ”ڪيترا پئسا آهن تنهنجي کيسي ۾؟“
    ”پنج هزار.“
    سليم خار ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پرتي بيٺل پروفيسر جيلاني ۽ ڪئپٽن مسعود کي سڏي چيائين: ”هي، هن سنڌ جي مجنوءَ جي ڳالهه ٻڌو؟“
    ”ڇو ڇاهي؟“ هو پڇڻ لڳو.
    ”هي خان صاحب چوٿين نمبر گهوڙي تي پنج هزار ٿو شرط رکي، ان جو نالو پارس آهي.“
    ”ڪمال ٿو ڪرين.“ هو کيس چوڻ لڳا.
    ”توهان کي ڇو ٿو سور ٿئي؟ پئسا توهان جا آهن ڪن منهنجا؟“ هن کي خار اچي وئي ۽ هڪدم ونڊو تي پيسا ڏئي ڪوپن وٺي آيو.
    جڏهن گهوڙا اسٽارٽنگ پوائنٽ تي بيٺا هئا، جڏهن ريفري ٺڪاءُ ڪڍي ريس شروع ڪئي هئي، جڏهن هرڪو پنهنجي گهوڙي ڏانهن ڏسندي رڙيون ڪري رهيو هو، تڏهن هو سرندو ٻاهر پارڪنگ لاٽ وٽ اچي پهتو هو. هن کي ڄڻ ڪا دلچسپي ڪانه هئي، ڄڻ هو ائين ئي آيو هو. هن هٿ ۾ مروٽيل ڪوپن هيٺ اڇلي گاڏي اسٽارٽ ڪئي ۽ پارڪنگ لاٽ مان ڪڍي گهر هليو آيو.
    ريس ڪورس تان موٽڻ بعد، هو هيڏانهن هوڏانهن رلي شام جو گهر موٽيو هو ته سندس زبان خشڪيءَ ۾ تارونءَ سان چنبڙي پئي هئي. هو دروازا ٻيڪڙي پنهنجي اساٽ ختم ڪرڻ لڳو. جيئن اونده پئي ٿيندي وئي، تيئن هن جي اڃ وڌندي پئي وئي. اوچتو اوچتو ڪنهن جي ”ڪورٽ شو“ جي ڪٽ ڪٽ هن جا کيپ کڙا ڪري ڇڏيا. هن اکيون ڦوٽاري ڏٺو ته ڪو ٿورو پرڀرو بيٺو هو.
    ”ڪير آن تون.....؟“ هن رڙ ڪري اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس ڄنگهن ۾ ڪو ست ڪونه هو.“
    اونده ۾ بيٺل پاڇولي ڪو جواب نه ڏنو.
    ”مان، مان ٿو چوان ڪير آن تون؟“ هن رهندو ڏاڍيان رڙ ڪري چيو.
    ”رڙيون نه ڪر.“ ڪوٽ شو جي ڪٽ ڪٽ سندس ويجهو اچي پهتي ۽ ڪنهن ڏڪندڙ آواز ۾ چيو. ”مان.... مان پارس آهيان.“ هن جي دل کي ڄڻ ڪنهن زور سان مٺ ۾ جهلي قابو ڪيو. هن جو ساه اڊڙڻ لڳو. هن ڪو جواب نه ڏنو.
    پارس وڌي اچي سندس سيني ۾ منهن لڪايو ۽ چوڻ لڳي: ”زلفي مان تنهنجي آهيان، هميشه لاءِ تنهنجي آهيان.“
    هوءَ جواب ٻڌڻ لاءِ ٿورو چپ ٿي وئي، پر کيس ڪو جواب نه ڏيندو ڏسي، هن ڀاڪر پائي سڏڪا ڀريندي چيو: ”تنهنجيون کوڙ ڳالهيون ٻڌيون هئم. چون پيا ته تنهنجو پيار ڇڙو ٻه ڏينهن هلندو آهي. هڪ ڏينهن هڪ سان ته ٻئي ڏينهن ٻئي سان. مون کي به تو مان ڀؤ ٿيندو هو ته متان انهن وانگر مون سان به......؟“
    هن کان الائي ڇو وري به اکر نه نڪتو. هوءَ وري کيس چوڻ لڳي: ”پر اڄ ڪنهن انجام سوچڻ بنا تو ڏي هلي آئي آهيان. وڻئي ته هميشه لاءِ پنهنجو ڪرين، يا وڻئي ته شاهده برني ۽ صوفيه وانگر...... جيئن تنهنجي مرضي.“
    پوءِ ان وقت زلفي جي اکين جا جهرڻا وهي پيا ۽ کيس زور سان ڀاڪر پائي چوڻ لڳو: ”پارس....... ڊارلنگ، مان توسان شادي ڪندس هن هفتي ۾ ئي.“
    ڪراچي ڪلب جي رسيپشن هال ۾، جيڪو رنگ برنگي بتين سان جرڪيو پئي، گهوٽ ۽ ڪنوار پهتا ته ان موقعي تي آيل بيگمات، جي پنهنجي ڌين کي نئين ماڊل جون ڪاريون ڏيئي سوسائٽي جي وڏي سمنڊ ۾ ڪنڍيءَ وانگر اڇلي ڇڏينديون آهن ۽ پاڻ فشنگ راڊ کي قابو جهلي ويهنديون آهن، گهوٽ کي ڏسي چپ پئي چٽيا ۽ پنهنجن ڪنوارين نياڻين جي بجاءِ ڪنهن ٻيءَ کي ڪنوار جي حيثيت ۾ ڏسي افسوس جا هٿ پئي مليائون. بيگم برني اسپورٽنگ اسپرٽ ڏيکاريندي، بيگم نياز کي چيو: ”ڪانگريچوليشنس بيگم نياز.“
    ”ٿئنڪ يو بيگم برني.“ بيگم نياز پنهنجو وڏو وڏو پرس لوڏيندي چوڻ لڳي. ”پر اهو سڄو ڪريڊٽ پارس جو اٿئي.“
    ”اوهان کي ته وڏو ڏاج نه ڏيڻو پيو هوندو؟“ بيگم برني رشد سان پڇيو. هن کي خبر هئي ته تڙ تڪڙ جي شادين ۽ لو مئريجن ۾ ڪجهه نه ڏيڻو پوندو آهي.
    ”نه بيگم برني، اهو به خدا جو شڪر آهي، نه ته اڄڪلهه اهڙا ڇوڪرا ته لکن ۾ به نٿا ملن.“ بيگم نياز خوش ٿي گهوٽ ڏانهن نهاريو، جو پنهنجي ڪنوار ڏانهن هر هر اکيون ٽمڪائي ڏسي رهيو هو.
    ”ٻڌون ٿا ته وڏو امير ماڻهو آهي؟“
    ”ويري رچ بيگم برني، پنج ڏه هزار ته هن لاءِ ڪائي ڳالهه ڪونهن.“
    پوءِ جڏهن بيگم نياز ٻين بيگمات سان ڳالهائڻ لڳي ته بيگم برني پنهنجي ڌيءَ شاهده برني کي، جا ٻن مهينن کان پنهنجي ”پيريڊ“ کسڻ تي پريشان هئي، وڏيءَ خار ۽ ڏک مان چيو: ”پر افسوس نيلي ڊارلنگ جو تو ۾ اهڙا گٽس ڪونهن.“


    ڪچو رنگ

    هڪ پوياڙيءَ جو جڏهن رئيس شاهنواز خان پنهنجي بنگلي جي ڪشادي اڱڻ ۾ کٽ تي ليٽيو بلگاري حق مان ڳڙ ۽ تماڪ جون ٿڌيون ۽ مٺيون ڦوڪون ڀريندي، ڪمدار ڪاراون کان سڄي ڏينهن جي ڪارگذارين بابت پڇا ڳاڇا ڪري رهيو هو، تڏهن منشي احمد علي جو تازو ذوالفقار علي خان ڏانهن هڪ وڏي رقم چيلهه سان ٻڌي ويو هو، سو سهڪندي اچي واپس وريو. هن رئيس کان پيرن تي هٿ رکي، جيڪا سندس ڪن ۾ ڦوڪ ڏني، تنهن ڀنڀور کي باه ڏئي ڇڏي. رئيس جا وار ئي کڙا ٿي ويا. سندس گهاٽيون جاڙيون ڀروون پنهنجي جاءِ بدلائي هيٺ مٿي ٿي ويون، حقي جو نڙ چپن سان ملڻ جي انتظار ۾ ڪا مهل سندس آڱرين ۾ ڦرندو رهيو. گهڻي گهڻي مهل کان پوءِ رئيس هڪ بي دلي ڦوڪ ڀري ۽ نڙ کي ناري ڏانهن اڇلي اٿي کڙو ٿيو ۽ چڱيءَ طرح بوٽ پائڻ کان سواءِ بوٽ کي گهليندو، حويلي ڏانهن ڀڳو. اندر گهرواريءَ کي ڏسڻ شرط ئي پري کان چيائين: ”هي ٻڌءِ زائفان.“
    ”ڇو خير ته آهي؟“ وڏيري جيڪا تازو ننڊ مان اٿي هئي، تنهن پورو سارو گوش ڏيندي چيو. هوءَ روز پيون اهڙيون ڳالهيون ٻڌندي هئي. ڪنهن نه ڪنهن ڪڙميءَ جي ڪنواري ڌيءَ جو ڀڄڻ، ڪو خون ڌاڙو، مڙئي اهڙي قسم جون ڳالهيون هونديون هيون رئيس کي ٻڌائڻ لاءِ.
    ”خبر وري ڪهڙي، ڇوري ڪاري ڪري ڇڏي.“
    وڏيري پٽ جو ذڪر ٻڌي سمجهي وئي ته رئيس جو اڄوڪو اچڻ خيري ڪونه هو ۽ ڳالهه اهميت واري هئي. ان ڪري هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رئيس کان پڇيائين: ”ڇو ڇا ڪيو اٿئين؟“
    ”ڪراچيءَ ۾ منڊم سان نڪاح پڙهيو اٿئين.“
    ”هي مٺيس.“ وڏيريءَ زور سان گوڏن تي ٻئي هٿ هنيا. هونئن ته وڏيري پٽ جي شادي جو ٻڌي خوش ٿئي ها، جو هوءَ سالن کان ان انتظار ۾ هئي ته سندس پيٽ ڄائو ڪنهن ٻئي پئدائش جي قابل ٿئي، پر هتي ته معاملو ئي ابتو هو. هڪ ڀاڻس جي ڌيءُ سندس پٽ جي مڱ هئي ۽ ٻيو ته منڊمون هن کي ڀانءِ ئي ڪونه پونديون هيون. ڪيترا دفعا جڏهن رئيس صاحبلوڪن ۽ منڊمن کي شڪار جون دعوتون ڏنيون هيون، تڏهن هن ماڙيءَ تي چڙهي جافرين وارين درين مان منڊمن کي اوطاق ۾ ٽلندو گهمندو ڏسي، عجب ۾ پئجي وئي هئي. سندن ننڍيون ننڍيون قميصون، سوڙهيون پتلونون، مٿن تي رنگ برنگيون ٽوپيون ۽ انهن جي هيٺان کڙين تي جتيون، ڊگهن وارن بدران ڇوڪراڻا وار ۽ مردن سان گهمڻ گهتڻ ۽ کلڻ ڳالهائڻ، کيس پسند ڪونه آيو هو. هڪ وار رئيس ٻن منڊمن کي اندر حويليءَ ۾ وٺي آيو هو ته هن مس مس وڃي کين منهن ڏيکاريو هو. هن کي اهڙو شرم پئي آيو، جو ڄڻ هو هن جهڙيون زائفون ڪونه هيون، پر ڪنهن مخالف جنس مان هيون. اهڙي ننهن جو خيال ايندي ئي هن کي باهه وٺي ويئي، پر هن فقط ايترو ئي چيو: ”نه نه، اها ڳالهه ڪوڙي هوندي.“
    ”ڪوڙي وري ڪيئن، منشي پاڻ ڏسي آيو. ويو هو نه کيس پئسا ڏيڻ.“ رئيس ڏاڍيان ڪڙڪي سان چيو.
    وڏيريءَ کي ته اها ڳالهه سورهن آنا دل ۾ چڀي وئي، جو برابر منشي پئسا کڻي ويو هو، پر تڏهن به نڪاح واري ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻي ڳالهه گهربي هئي. سندس خاندان ۾ آخر ڪير ستو جتو هو. مڙسس شاهنواز خان، سهرس قيصر خان ۽ ان جي پيءُ سنجر خان جون ڳالهيون ڪنهن کان ڳجهيون هيون. ماڻيون ته برابر سوٽيون ۽ ماساتيون ئي هيائون، پر شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ ڇا نه ڪيو هئائون. ذوالفقار علي به سندن ئي اولاد هو، جاءِ هميشه پيڙه تي ئي ويندي آهي. موڪلن ۾ ڳوٺ هوندو هو ته حويلي ۾ ڪم ڪار ڪندڙ جوان ٻانهين سان کيچل ڪا کانئس ڳجهي ڪانه هوندي هئي. اها ڳالهه اڻ ٿيڻي ڪانه هئي، جو هو شهر ۾ نڪاح پڙهڻ کان سواءِ ئي شادي وارا مزا وٺي سگهي. منشي برابر اکين سان ڏسي آيو هو، پر اکين ڏٺي ڳالهه تي به ويچار ڪرڻ لازمي هو. ان ڪري وڏيريءَ رئي جو پلئه مٿي تي ٺاهيندي، اکيون هيٺ ڪري چيو: ”نڪاح ڪونه ڪيو هوندائين، ائين مڙيئي.......“ زائفان ماڻهو وڌيڪ ڇا پئي چئي سگهي.
    رئيس به وڏيريءَ جي مڙيئي کي سمجهي ويو، سو ڪنڌ لوڏي چوڻ لڳو: ”ائين ٻئين ڪانه آهي. خود منشي سان پاڻ سڄي ڳالهه مڃي کيس ايلاز ڪيائين ته مون کي اها ڳالهه نه ٻڌائي، پر منهنجو منشي مون کان اهڙيون خون جهڙيون ڳالهيون لڪائيندو؟“ رئيس ٺهه پهه وڏيريءَ جي ٿوري گهڻي شڪ کي دور ڪندي چيو ۽ پوءِ ڏانهس ائين تڪڻ لڳو، ڄڻ کيس چوندو هجيم ائين ٻئين هجي ها ته ڪا ايڏي فڪر جي ڳالهه هئي؟“
    وڏيري ڳالهه تي اعتبار ڪري سن ۾ پئجي وئي. ويچاريءَ کي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي جا مهڻا ياد اچڻ لڳا. هوءَ پريشان ٿي وئي ۽ مڙس ڏانهن ڪنڌ کڻي پڇيائين: ”پوءِ؟“
    ”پوءِ ڇا؟ بس ائين سمجهه ڄڻ ذوالفقار ڄائو ئي ڪونه هو.“
    ٻاهر نوڪر چاڪر منشي احمد علي کي جهار وانگر وٺي ويا هئا. هرڪو ان راز جي معنيٰ ڳولڻ لاءِ بيچين هو، جنهن رئيس کي ڪچهري مان اٿي گهر ڀڄڻ تي مجبور ڪيو هو، پر منشي احمد علي ڪنهن کي ترين تيل لائڻ نه پئي ڏنو. هر ڪنهن کي پئي جواب ڏنائين: ”ٻڌائڻ جو امر ڪونهي، رئيس کان پاڻ پڇجو.“
    ڪمدار بيگ محمد، جنهن کان رئيس تِر جيتري ڳالهه به ڪانه رکندو هو، تنهن کي منشي جي ٽيڳر تي ڏاڍي خار پئي آئي ۽ هن مهڻو ڏيندي کيس چيو: ”چڱو منشي تون نه ٻڌاءِ، باقي رئيس اچڻ سان ڳالهه ڪندو.“
    انهن ئي ڳالهين ۾ هئا، جو رئيس موٽي آيو ۽ ٻاهر اڱڻ ۾ بيهڻ بدران ڪوٺيءَ ۾ وڃي ويٺو. منشي ۽ ڪمدار بيگ محمد به سندس ڪڍ لڳا ويا. کٽ تي ويهندي ئي رئيس ڪمدار ڏانهن نهاريندي چيو: ”چڱو ٿيو ڪمدار جو تون آيو آهين، منشي جو احوال ٻڌءِ؟“
    ”نه سائين.“ ڪمدار منشيءَ ڏانهن وڏائي سان ڏسندي چيو، ڄڻ کيس چوندو هجي: ”ڏٺئي، تو اجايو پئي منهنجو مان وڃايو.“
    ”چڱو منشي، تون پيرائتو احوال ٻڌاءِ.“ رئيس منشي کي چيو.
    منشي دستور موجب منڍ کان احوال شروع ڪيو ته ڪيئن هن سڄي رات گاڏيءَ ۾ اک به ڪونه ٻوٽي هئي، متان ڪو بشني چيلهه سان ٻڌل رقم ڇوڙي کيس ٺلهو نه ڪري وڃي. ڪيئن صبح جو هو ننڍي رئيس جي بنگلي تي پهتو ته کيس اڪيلو ڏسڻ بجاءِ هڪ منڊم صاحب کي به ڏٺو هئائين، جنهن جي هٿن تان اڃا مينديءَ جو رنگ به ڪونه لٿو هو. ڪيئن سندس پڇڻ تي ننڍي رئيس جو منهن ون ون ڪري ويو هو ۽ کيس ايلاز ڪيا هئائين ته اها ڳالهه ڪنهن کي نه ٻڌائي. ايتري ڳالهه ٻڌائي منشي احمد علي، ڪمدار ڏانهن داد طلب نگاهن سان ڏسندي چيو: ”ادا ڪمدار، ڏس ته هيءَ ڳالهه گندڙي جو ٽنگ ته ڪانه هئي، جو ليڙو ڏيانس ته بند ٿي وڃي. هتي ته ٻنڀ ڦاٽل هو، سو مان ڪيئن پئي لڪايو.“
    ڪمدار بيگ محمد، جنهن ننڍي رئيس کي ڪلهن تي گهمايو هو ۽ جيڪو ننڍي رئيس کي ڏاڍو ڀائيندو هو، تنهن کي منشي جي ان تڪڙي ڳالهه تي خار آئي. هن کي جي اها ڳالهه ڪن پئي ها ته شايد ان تي ڪک به رکي ها، پر رئيس جي سامهون هو منشي کي ڇا پئي چئي سگهيو؟ هن فقط ايترو ئي چيو: ”ها ادا منشي، بابي سان ڪهڙا ڪوڙ.“
    رئيس جنهن کي اهي ڊگهيون ڳالهيون نه پئي وڻيون، تنهن منشي کان پڇيو: ”تو ذوالفقار کي اهو ڪونه چيو ته مون کي اها ڳالهه ڪانه وڻندي.“
    ”سائين مان ڇا چوانس، پاڻ کي نه پئي سجهيس.“ منشيءَ جواب ڏنو.
    رئيس ماٺ ڪري سوچ ۾ پئجي ويو. ٿوري دير کان پوءِ ڪمدار بيگ محمد منشيءَ کي چيو، حقيقت ۾ هن ڳالهه رئيس جي ڪن تي هڻڻ پئي گهري. ”ادا منشي، ننڍڙو رئيس به سياڻو آهي، جي هٿ هنيو هوندائين ته ڏسي وائيسي ڪنهن خاندان گهراڻي ۾.“ ائين چئي ڪمدار رئيس ڏانهن نهاريو، جنهن کي اهو گفتو نه ڏڻيو. نرڙ تي گهنج وجهي، هن رهڙ ڏيندي ڪمدار کي چيو: ”ڪهڙا خانداني آهن وڏن شهرن وارا ڪمدار، تون هروڀرو ذوالفقار جي ڀر وٺندو آهين. هاڻي تنهنجي خير خواهي اها آهي جو تون صلاح ٿو ڏئين ته کيس ان ڳالهه تي ڪجهه به نه چئجي.“
    ”سائين، ڀلا هاڻي هٿن وڍي ڳالهه، ڇا ڪري سگهبو؟“
    ”اڙي، ته تنهنجي مرضي آهي ته ان ڇوڪريءَ کي گهر ۾ آڻيان، جنهن کي چادري ته ڇا پر رئو پوتي به مٿي تي ڪونهي.“ رئيس جون اکيون ٽانڊاڻي وانگر الا ڇڏڻ لڳيون.
    ڪمدار دٻ کائي ماٺ ٿي ويو، پر رمز سهي ڪري ويو ته جي هن هڪ اکر به ننڍي رئيس جي ڀر ڳالهايو ته پوءِ عزت جو خير ڪونهي. هونئن به هي معاملو وڌيڪ ڳالهائڻ کان چڙهي ويو هو. هو رئيس کي اها صلاح ڪونه ڏئي ها ته ان حويلي ۾، جتي نر پکيءَ جو به حڪم ڪونه هو، هڪ اهڙي ڇوڪريءَ کي آڻي جا منهن اگهاڙي هئي. هو چپ ڪيو ويٺو هو. جهٽ پلڪ کان پوءِ رئيس ٿڌو ٿيو ته وري به پاڻ اهو گفتو ڪيائين: ”ڪمدار، هاڻي صلاح ڪر ته ڇا ڪيون؟ رستم خان جو پنهنجي ڌيءُ کي گار ڏني آهي، ان جو ڇا ٿيندو؟“
    ڪمدار رئيس جي سوال پڇڻ سان سهي ڪري ويو ته رئيس کي گار جو ته فڪر کڻي هو، پر گهڻي ڳڻتي ان ملڪيت جي هئس، جنهن جي وارث رستم خان جي نياڻي هئي ۽ جنهن ڪري ئي هن پنهنجي پٽ جو مڱڻو، گهر ۾ ڀائيٽيءَ هوندي به رستم خان جي نياڻيءَ سان ڪيو هو. ڪمدار رئيس جي ڳڻتي لاهڻ لاءِ چيو: ”سائين، ان جو فڪر نه ڪريو. اها ٿوري ڇڏيندو.“
    پر رئيس کي ان ڄٽڪي عقل تي ڏاڍي خار آئي. هن ڪرڙيون اکيون کڻي ڪمدار کي چيو: ”اڙي ڪيئن ڪري سگهندو ٻي شادي، اها پڙهيل ڳڙهيل کيس صحيح ڏيندي؟ وجهائيندي سڀني کي ڪاٺ ۾.“
    ڪمدار بيگ محمد جواب ٻڌي چپ ڪري ويو. رئيس جي ڳالهه پوري هئي. حڪومت ٻي شادي تي بندش وڌي هئي. ڪمدار ويچاري ڄٽڪي عقل موجب هڪ صلاح ڪڍي ڦهڪائي هئي ۽ جا ثاب نه پئي هئي. زمين جي ڪس پڪائي، فصلن جون ڪٿون، ڪاٽڪاڻا فيصلا هجن ها ته هو اهڙي صلاح ڏئي ها، جيئن منڊي تي ٽِڪ، پر هتي ته معاملو کانئس چڙهيل هو. هو عقل جون ڊوڙون هلائي هلائي ٿڪو هو، سو ماٺ ڪري رئيس ڏانهن ائين تڪڻ لڳو، جيئن کيس چوندو هجي: ”سائين، اسان جون ڄٽڪون صلاحون ڪهڙيون بيهنديون. تون ئي پنهنجي وڏي مغز کان ڪم وٺي ڪا صلاح ڪڍ.“
    رئيس جيڪو يڪو سوچ ۾ پئجي ويو هو، سو منشي ۽ ڪمدار کي ماٺ ۾ ڏسي سمجهي ويو ته سندس فيصلي جي انتظار ۾ هئا. هن بنا دير جي ڪمدار کي چيو: ”ڪمدار، تون ذوالفقار ڏي وڃ ۽ کيس چئو ته شرا جا ٽي ڀتر ڏئي هڪدم هيڏي هليو اچي. ٻي صورت ۾ اسان ائين سمجهنداسين ته هو اسان لاءِ مري ويو.“
    ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ڪمدار بيگ محمد واپس آيو ته حوالن وٺڻ کان اڳ ئي سندس منهن جي رونق مان ظاهر هو ته کيس ڪهڙو جواب پلئه پيو هو. هن اشراف به بنا لڪ لڪاءَ جي مختصر لفظن ۾ کولي ٻڌايو: ”سائين، ننڍي رئيس جواب ڏنو ته: ”ونين تان سر جون سٽون ڏبيون آهن، کين ڇڏي نه ڏبو آهي.“ وڌيڪ هن خط به لکيو اٿو.“ ائين چئي ڪمدار صدريءَ جي اندرين کيسي مان لفافو ڪڍي، رئيس کي ڏنو، جنهن ۾ لکيل هو:
    ”بعد پيرن چمڻ جي عرض ته ڪمدار اوهان جو نياپو ڏنو. جيڪڏهن اوهان حڪم ڏيو ها ته پاڻ کي ماري ڇڏيان، ته اها منهنجي لاءِ ڏکي ڳالهه ڪانه هئي. پارس منهنجي حياتي آهي، ان کان سواءِ جيئڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. زياده حد ادب.“
    اوهان جي خاڪپاءِ
    ذوالفقار
    رئيس خط پڙهي خار ۾ ڳارهو ٿي ويو ۽ خط کي چيهاڙون ڪري اڇلي ڇڏيائين. ٿوري دير کان پوءِ اندر حويلي ڏانهن ويو ته گهر واري کي چيائين: ”ٻڌءِ ذوالفقار جو جواب؟“
    ”ڇا ٿو چئي؟“
    ”چئي ٿو ته پارس کي ڪونه ڇڏيندس، جيستائين سريءَ ۾ ساه آهي.“
    ”پارس ڇا؟“ وڏيري نه سمجهي سگهي.
    ”پارس آهي ننهڻين جو نالو.“
    وڏيري ننهن جو نالو ٻڌي عجب ۾ پئجي وئي. سندس خاندان ۾ پهريون سنڌي سلي ۾ نالا هئا. هدايت خاتون، فاطمه، حاجران ۽ جنت پارا جي گذاري ويل وڏڙين، ڪراڙين، نانين ماسين جا ڦيرائي آسيس طور ڄمندڙ ڇوڪرين تي رکبا هئا. ان کان پوءِ ٿوري ترقي مثال طور: زبيده، زيب النساءِ، پر ههڙو نالو نه هنن ڪڏهن ٻڌو هو نه رکيو هو. وڏيريءَ کي پڪ پئجي وئي ته سندس پٽ ڪنهن واڻياڻيءَ سان نڪاح ڪيو آهي. ان ڪري هن گهٻرائجي رئيس کان پڇيو: ”ماريئي، ڪنهن واڻياڻي سان شادي ڪئي آهي ڇا؟“
    رئيس کي ته پارس جي معنيٰ جي خبر هئي، جو هن ٻڌو هو ته پارس پاهڻ ڏورانهين جبلن ۾ ڪن ڀاڳ وارن کي ملندو آهي، جنهن جو تاثير اهڙو ٿيندو آهي، جو ڪنهن لوه کي گسائجي ته اهو به سون ٿي پوندو. هو ڪڻڪ جي گوئدن ۾ آيل ڪونجن کي ماريندو هو ته انهن جون گجيون پاڻ کولي هڪ هڪ پٿر جي ذري کي آزمائيندو هو، جو هن ٻڌو هو ته فلاڻي ڪن فلاڻي زميندار کي ڪونج جي گجيءَ مان پارس هٿ آيو هو. رئيس کي پارس نالي ٻڌڻ سان ڪو گهڻو عجب ڪونه لڳو هو، جو هن کان به اور نالا ٻڌا هئا، پر جيئن ته هن کي ذوالفقار تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي، ان ڪري هن وڏيريءَ کي برغلائڻ پئي گهريو. هن فقط ايترو جواب ڏنو: ”ٻيو نه ته پنج وقت نمازڻ سان شادي ڪئي اٿئين؟“
    وڏيري اهو جواب ٻڌي سوچ ۾ پئجي وئي. منٽ کن کان پوءِ پڇيائين: ”هاڻي ڇا ٿيندو؟“
    ”ٿيندو وري ڇا؟ مان سڀاڻ ئي وڃي ٿو سڄي ملڪيت انور علي جي نالي داخل ڪرايان. باقي رهيو رستم خان، ان ڏي تون ۽ مان ڳچي ۾ ڪپڙو پائي هلي معافي وٺنداسون.“ رئيس ٺهه پهه جواب ڏنو.
    وڏيريءَ جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. انور علي به برابر سندس پيٽ ڄائو هو، پر تنهن هوندي به ذوالفقار علي سندس پهريتي پٽ جي ڪٿي پئي جاءِ ڀري سگهيو. برابر ٻئي سندس اکين جو نور هئا، جي ذوالفقار سڄي اک ته انور کٻي اک ۽ انور سڄي اک ته ذوالفقار کٻي اک، پر هڪ اک جي سونهن ٻئي اک سان ئي آهي. وڏيريءَ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ هن روئڻهارڪو ٿي چيو: ”خدا خدا ڪر، ائين ڪيئن ڪندين؟“
    رئيس جنهن کي پنهنجي پٽ تي ڏاڍي خار هئي، تنهن گهر واريءَ کي رهڙ ڏئي جواب ڏنو: ”خدا جو قسم، هتي هجي ها ته گولي هڻانس ها. مان اها ڳالهه ڪيئن سهندس ته ابن ڏاڏن جي گڏ ڪيل ملڪيت ۾ سڀاڻ منڊم جو پٽ حصيدار ٿئي؟ اهو به الائي ڪنهن جو؟ ڪو سڄو ڏينهن ذوالفقار زال تي پهرو ڏيندو؟“
    وڏيريءَ ان وقت ته ڪجهه ڪونه ڪڇيو، پر رئيس سمهي رهيو ته هڪ ٻانهيءَ کي گهرائي سمجهايائين ته وڃي ڪمدار بيگ محمد کي چئي ته جي سڄي عمر جو نيمڪ هڪ گهڙيءَ ۾ ملهائڻو هجيس ته ڪيئن به ڪري رئيس کي ان انڌ جي گهوڙيءَ تان لاهي. ٻئي ڏينهن صبوح جو رئيس پنهنجي ڪاغذن جون دستيون کڻائي، تعلقي ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿي ٻاهر نڪتو ته ڪمدار بيگ محمد کيس جيپ ۾ ويهڻ وقت هٿ ٻڌي چيو: ”سائين، جوانيءَ ۾ گهوڙا ۽ پٽ ارڏا ئي سونهندا آهن. گهوڙن جي ارڏائي وڃائي راه تي آڻڻ سوارن جو ڪم آهي ۽ پٽ کي ڳراٽڙي پائي ٿڌي سيني سان سمجهائڻ پيءُ جو ڪم آهي.“
    ”ڪهڙو مطلب آ تنهنجو؟“ رئيس منهن ۾ گهنڊ وجهي چيو.
    ”قربان ٿيانءِ، منهنجو مطلب آهي ته هڪوار پاڻ کيس ٿڌي سيني سمجهايوس، جي نه سمجهي ته پوءِ هوءَ گوءِ، هو ميدان. کاتو به ڀڳو نٿو وڃي پوءِ به ڦيرائي سگهبو.“
    رئيس جيستائين سوچي جواب ڏي، تيستائين ڪمدار ٽِپ ڏئي جيپ جي پوئين سيٽ تي ويهي رهيو ۽ رڙ ڪري منشي کي چيائين: ”منشي! هي ڪاغذن جون دستيون هٿيڪيون ڪري اندر موڪل. رئيس ۽ مان ننڍي رئيس ڏي هڪ هڪاڻي لاءِ ٿا وڃون.“
    رئيس شاهنواز ”پارس ڪوٽ“ جي ڪمپائونڊ اندر قدم رکيو ته سندس مٿو ئي چرخ ٿي ويو. حالانڪ هن اها جاءِ اونهاري جي سک لاءِ پاڻ خريد ڪئي هئي، پر هينئر اندر نئين ڊزائين جي رکيل گل ٻوٽن، وڏي لان، ڪوٺي جي نئين رنگ روغن ۽ ان جي مٿان ڪارن اکرن ۾ لکيل نالي ”پارس“ سڄو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو هو. ڪمدار بيگ محمد جو هي سڀ ڪجهه اڳ ۾ ڏسي ويو هو، تنهن رئيس کي ٺارڻ لاءِ چيو: ”سائين، جاءِ هميشه وسونءَ گهرندي آهي. هينئر ڏسو، ڪيڏا نه قمام ٿي يا آهن.“
    رئيس کي دل ۾ ته اهي قمام ڏاڍا وڻيا، پر ڪمدار کي ڪو جواب نه ڏنائين. انٽرنس گيٽ تي پهچي هن بٽڻ دٻايو ۽ جنهن دروازو کوليو، سو ذوالفقار ئي هو. پيءُ جي رعبدار چهري ۽ ٽانڊاڻن جهڙين اکين کي ڏسي هن جا تاڪ نڪري ويا، پر هن پاڻ سنڀالي پيرن تي هٿ رکي سندس آجيان ڪئي ۽ اچي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو. رئيس ڀت تي ٽنگيل وڏين وڏين تصويرن ۽ فرش تي وڇايل غاليچن کي ڏسندي ذوالفقار کي چيو: ”ذوالفقار، مان تنهنجا هي ٺٺ ڏسڻ ڪونه آيو آهيان، پر تو سان آخري دفعو ڳالهائڻو اٿم.“
    ذوالفقار پيءُ جي رعبدار منهن ڏانهن نهاري ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو. هن جواب ڏيڻ چاهيو، پر کانئس هڪ اکر به ڪونه اڪليو. وري به رئيس چيو: ”جوڻي کي سمجهاءِ ته مون سان ملڻ نه اچي، نه ته ٽڪو ملهه ڪندوسانس. بهتر ته ائين ٿيندو ته کيس چؤ ته ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ پيڪين هلي وڃي، جو متان مان تکو مٺو ڳالهايان.“
    ذوالفقار دل جهلي جواب ڏنو: ”اوهان بابا بلاشڪ کلي ڳالهايو، هوءَ صبوح کان پيڪين وئي آهي.“
    ننهن جي غير حاضري ٻڌي رئيس جي پهريون دل ته ٿي ته جيڪر پٽ کي چئي: ”پيڪين وئي آهي يا ٻي پاسي؟“ پر پوءِ هن سوچيو ته ننگ ڀولن کي به پيارا آهن، هتي ته سندس اڳيان ذوالفقار هو. ان ڪري هن فقط ايترو ئي چيو: ”چڱو ٿيو جو منهنجين اکين ئي ڪانه ڏٺي.“
    ٿوري دير چپ ٿي وئي. رئيس سوچڻ لڳو ته مطلب واري ڳالهه کي ڪهڙي نموني شروع ڪري ۽ ڪٿان شروع ڪري؟ پر جڏهن رئيس کي خيال آيو ته اڳلو سندس پٽ ئي ته هو، جنهن سان ڪنهن تمهيد جي ضرورت ڪانه هئي، تڏهن هن کي جلالي اچي وئي، ”اڙي ڪهڙو فيصلو ڪيو اٿئي؟“
    ”مان ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو سگهان، بابا!“
    ”نيٺ ڪجهه ته بَڪ.“
    ”مان پارس کي ڪونه ڇڏيندس.“
    ”پوءِ ان جي نتيجي جي خبر اٿئي؟“ رئيس خارن مان پڇيو.
    ”ها، ڪمدار ٻڌايو.“
    ”نه، توکي پوري خبر ڪانهي. توکي مان ملڪيت مان ٽڪو به ڪونه ڏيندس. هي بنگلو به منهنجو آهي، اهو به خالي ڪرڻو پوندءِ.“ رئيس کولي ٻڌايو.
    ”جيئن حڪم ڪندؤ، تيئن ڪندس.“
    رئيس ڪجهه چوڻ ۾ هو ته ايتري ۾ بيري اچي ذوالفقار کي ٻڌايو ته ڪليڪٽر صاحب کيس فون تي سڏي رهيو هو. ڪليڪٽر جو نالو ٻڌندي ئي رئيس جو ٽنگ تي ٽنگ چاڙهيون ويٺو هو، سو کڙو ٿي ويهي رهيو. رئيس بنيادي زميندار ۽ وڏي حيثيت وارو هو. ضلعي جي مختيارڪار ۽ ڊپٽين سان سندس يارويسي هوندي هئي، پر ڪليڪٽر هميشه اگرا هوندا هئا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائي، پوءِ باريابي جو حڪم ڏيندا هئا ۽ وري ٻن منٽن ۾ ٺشڪائي ڇڏيندا هئا. پڳ ٻڌڻ کان پوءِ رئيس جو گهڻن ئي ڪليڪٽرن سان واسطو پيو هو. ڪيترن جا نالا به کيس ياد هئا. هڪڙو ٽاٽن هو، ٻيو سليدو هو، ٽئين جو نالو هيليفاڪس هو ۽ وري هوٿ هو، جنهن کي سڀ ڀوت سڏيندا هئا. پوءِ ٻه ٽي ديسي به آيا هئا، پر سڀ ڄڻ هڪ ئي سريگر جي هڪ ئي قالب جا نڪتل هئا. سڀني کي اها ئي رکائي، اها ئي وڏائي هئي. کين ان رکائي ۽ وڏائي ڪرڻ جو سبب به هو. ڪنهن زميندار کي منٽن ۾ وڏو زميندار يا فقير به ڪري سگهندا هئا. حڪومت جو سندن لکيو مڃيندي هئي ته هرڪو کانئن ڪنبندو هو. ابتو ڪن يا سبتو ڪن، سندن ڪٺي حلال هئي ۽ سندن ڪاتي کي مڻيو هو. رئيس وڏو، پٽ کي هڪ اهڙي ڪليڪٽر سان فون تي ڳالهائڻ لاءِ ويندو ڏسي دل ۾ گهڻو خوش ٿيو. هڪ اهڙي ڪليڪٽر کيس روبرو گهرائڻ بدران فون تي پئي ساڻس ڳالهايو. رئيس سمجهي ويو ته اهو ڦل فقط ان ڪري مليو هو، جو سندس پٽ اعليٰ تعليم يافته هو. پر جي هو پڙهيل نه هجي ها، ته هو به صاحب سان ٻه منٽ ملڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪري ها ۽ پوءِ مس مس کيس باريابي جو حڪم ملي ها.
    ذوالفقار علي ڪليڪٽر صاحب سان فون تي ڳالهائي موٽي آيو ته رئيس کانئس پڇيو: ”ڪهڙي ڪليڪٽر جو فون هو؟“ رئيس جي پڇڻ جو مطلب هو ته نالو معلوم ڪري وڃي ڳوٺ ۾ هلائي ته فلاڻي ڪن فلاڻي ڪليڪٽر سان سندس پٽ جي دوستي آهي. اوسي پاسي جي زميندارن ۾ وڏو اثر پئي ها.
    ”پارس جي پيءُ جو.“ ذوالفقار ته جواب ڏئي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو، پر رئيس جي زبان سو تارونءَ سان چنبڙي وئي. هن جون اکيون ڦوٽارجي ويون. هن غور سان ذوالفقار ڏانهن ڏٺو، جنهن جو سهرو ڪليڪٽر هو ۽ جيڪو سندس اڳيان ڪنڌ جهڪائي، هٿ ٻڌيو ادب سان ويٺو هو.
    ايتري ۾ رئيس جي پويان ڪنهن زناني کڙيءَ جي ڪٽ ڪٽ جو آواز آيو. هن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هڪ بنا برقعي، بنا پوتي رئي، وارن ڪٽيل سهڻي ڇوڪري بيٺي هئي. هن وري ذوالفقار ڏانهن ڏٺو، جو اهو مذڪور ڏسي گهٻرائجي ويو هو. رئيس شاهنواز خان سمجهي ويو ته اها ڇوڪري ٻي ڪا نه، پر سندس ننهن پارس هئي. هو ٽپ ڏئي اٿي کڙو ٿيو ۽ کيسي مان پنجن پنجن سون جا ٻه نوٽ ڪڍي پارس جي هٿ تي ائين رکيائين، جيئن هو پنهنجي ضلع آفيسرن جي ٻارن کي خرچيون ڏيندو هو ۽ پوءِ پارس جي مٿي کي چمندي چيائين: ”پٽ، مون کي هن قصي جي خبر ڪانه هئي، نه ته ائين هٿين خالي نه اچان ها.“
    پارس نئين ڪنوار وانگر شرمائي ننهن کي ڏندن سان ڪترڻ لڳي ته رئيس آئيندي ڏانهن ڊگهي نظر ڪري وري چيو: ”پٽ، بيشڪ تون پارس آهين؟“
    پارس ساڙهيءَ جي پلئه کي انداز سان هر هر ڪلهي تي ٺاهيندي، لڏندي لمندي سهري لاءِ چانهن جو انتظام ڪرڻ وئي ته رئيس ذوالفقار ڏانهن پيار ۽ محبت سان نهاريندي چيو: ”پٽ، مون کي اڄ ئي ڪليڪٽر صاحب سان ملائجانءِ.“
    پوءِ جڏهن رئيس ۽ ڪمدار واپس ڳوٺ لاءِ اسهيا، تڏهن ڪمدار بيگ محمد جنهن سمورو عرصو سرونٽ ڪوارٽر ۾ گذاريو هو ۽ جنهن کي ان سڄي قصي جي خبر ڪانه پئي هئي، تنهن رئيس کان پڇيو: ”ڇا ٿيو سائين؟“
    پر رئيس ان ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏئي، رهندو ڪمدار کان پڇيو: ”خبر اٿئي ڪمدار ته منهنجو سيڻ ڪير آ؟“
    ”نه سائين، مون کي ڪهڙي خبر!“
    ”هتان جو ڪليڪٽر نياز محمد سي.ايس.پي.“
    جيستائين ڪمدار بيگ محمد سي.ايس.پي لفظ کي سمجهي، پوءِ ڪو اظهار ڪري ته رئيس وري چيو: ”سندس بدلي جو حڪم نڪتو آهي. گهڻو ڪري ٻن ٽن مهينن ۾ پنهنجي ضلعي جي چارج وٺندو.“


    گذريل واردات

    جڏهن انسپيڪٽر درياشاڻيءَ کي واردات تي لٿي چار پنج ڏينهن گذري ويا ۽ سندس جاچ مان ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو ۽ جڏهن هو پوليسي دستور موجب ايس پي صاحب جي ميسيج جو بهانو ڪندي منزل پٽڻ لڳو، تڏهن ڀر واري لانڍي ۾ ويٺل وڏيرن مان سرائي رازق ڏني کان بي اختيار دانهن نڪري وئي: ”هائوڙي انسپيٽر گونث بشڪ شاه.“
    وڏيرو آچر جيڪو سرائي جي ڀڙ م ويٺو هو، سو به ڄڻ سڙيو پيو هو. ”ٻيهر به چئجانءِ، سرائي، هي برٽش وارا ڪو پنهنجي رياست سان پڄي سگهندا.“
    ”هينئر ڪٿي آ شاه صاحب؟“ وڏيري عمر حقو پاڻ ڏانهن سوريندي پڇيو.
    ”هاڻي ته خير ”پنشن“ تي آهي، پر اڄ به لنڊو ٻهڙن تي سندس ڪنٽول آهي.“ رازق ڏني جواب ڏنو.
    هونءَ ته خيرپور رياست جي پوليس کاتي جا سڀ عملدار برجستا ۽ همت وارا هئا، پر جيئن اسپيڪٽر گونث بخش شاه پنهنجو وارو وڄائي ويو، تيئن شل ڪو ٿئي. سنهن ڏوهن جون ته فريادون به داخل نه ڪبيون هيون، پر ڇڙو دهمان لاءِ پنهنجو دفعدار ۽ اردلي منزل ٺهرائڻ لاءِ موڪلبا هئا ته چورن کي ڦڦڙي وٺي ويندي هئي. چؤطرف چوٻول ٿي ويندو هو. جن کي چوريءَ جي جن ڪن به ڪانه هوندي هئي، سي به پٽڪا ميڙ ڪيو پيا چورن کي ستائيندا هئا: ”اڙي انسپيٽر گونث بشڪ شاه ٿو اچي. سڪن سان آلا به ٻري ويندا. اڙي ڏير به ڀاڄائن سان لڀي پوندا آهن، هيءَ ته ٽڪي جي چوري آهي، ڪو ڪهندو ڪونه. هي کٻو هٿ ڏاڙهيءَ تي، تنهنجو نالو به ڪونه کڻبو.“
    اهڙي طرح فريادي جي هڪدم حق رسي ٿي ويندي هئي ۽ انسپيڪٽر صاحب کي به هيد ڪوارٽر ۾ ئي مبارڪ ملي ويندي هئي. فريادي پاڻ ٻانهون ٻڌي اچي کيس چوندو هو: ”بس سائين تنهنجي مهرباني.“
    کيس جاچن ڪرڻ جو ڪو ڏانءُ هو. اهي اهي ڏوهه، جيڪي حد جا صوبيدار ۽ انسپيڪٽر وڃائي وهندا هئا ۽ جن جي 173 به نڪري ويندي هئي، سي به شاهه، ان حد تي بدلي ٿي اچڻ بعد، منٽن ۾ لهندو هو. واردات تي لهندو هو ته جملي چورن کي پنهنجي اڳيان قطار ۾ بيهاري زيرن زبرن سان گاريون ڏيندو کين چوندو هو: ”اڙي منهنجو نالو ٻڌو اٿو؟“
    سڀ ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪندا هئا. هو ڪنهن کان ڳجهو هو ڀلا!
    ”پوءِ هڪدم چوري ڏيو. مان ڪڏهن خالي ڪونه موٽيو آهيان ۽ نه ڪڏهن رڪاٽ تي بار وڌو اٿم ۽ هو شهپرن کي وٽيندي چوندو هو. ”ڏسو، جي ساڳي چوري نه ملندي ته به اوهان جا مال ماري ٻيڻي چوڻي چوري ڀرائبي. اوهان جي ننگن جي جيڪا بي عزتي ٿيندي، سا تنهن کان الڳ. ان ڪري اشراف ٿيو، چوري ڏيو. هاڻي وڃو صبوح جو اچي جواب ڏجو.“
    صبوح جو چوري سئي سڳي سان اچي سندس اڳيان حاضر ٿيندي هئي ۽ چور انجام مطابق سهندڙ هرج خرچ ڀري ٻانهن لوڏيندا ويندا هئا. پوءِ کڻي بالا عملدارن جو ڪيترو ئي زور پوي، اهي چور چالان نه ڪبا هئا، هروڀرو ڪو بالا عملدار ٽڻ مڻ ڪندو هو ته کيس کتو جواب ڏبو هو ته وڃو، جيڪو باسي تنهن کي ڀلي چالان ڪيو. هڪ ڀيري ڪنهن وڏيري وڏڌڻيءَ جي چوريءَ ۾ ناظم پاڻ مٿس زور رکيو: ”شاه جوابدار چالان ڪر.“
    ”ڪير چالان ڪيان سائين؟“
    ”چوريءَ جا چور – جن چوري ڪئي.“
    ”سائين، ائين کڻي سمجهو ته مان ئي چوري ڪئي هئي.“
    قدر شناس ناظم سندس اهو جواب ٻڌي ماٺ ڪري ويو هو. اڳين جڳ جا حاڪم پنهنجن لائق زيردستن جا انگل سهندا هئا. پر جيڪڏهن ڪنهن چور کي مالي مٺي لڳندي هئي ۽ ساڻس ڪونه باسيندو هو ۽ خدا به خير ڪري، اها چوري مٿس ڦاٽي پوندي هئي ته ان جي کل به کري ويندي هئي. جيترا ڏينهن انسپيڪٽر شاه ان حد تي هوندو هو ته ان چور کي گهر جي ماني کائڻ ڪونه ڏني هئي. جي هڪ ڏوه مان ڇٽندو هو ته جيل جي دروازي کان ٻاهر نڪرندو مس هو ته سندس سوار وري ان کي گهلي اچي ٿاڻي ۾ هڻندا هئا ۽ ان رات ئي رسي ۽ رنبي سان 109 ۾ چالان ٿي ويندو هو. اها انهن لاءِ ڪتي گوري هئي. هڪڙي چور ته فتويٰ وقت ماجسٽريٽ کي هٿ ٻڌي عرض ڪيو هو: ”سائين، مان ڏوه جو قبولدار آهيان، مون کي ڳپل سزا ڏجو.“
    ”اڙي ڇو ٿو وڌيڪ سزا گهرين؟“ جج مشڪندي پڇيو هو.
    ”ان ڪري سائين، جو هتان ڇٽندس ته انسپيڪٽر شاه ڪنهن نه ڪنهن ڏوه ۾ ناحقي چالان ڪندو ۽ اجائي گيهه ٿيندي، تنهن کان جيل ۾ چڱو آهيان.“
    پر جڏهن ملڪ جو ڦرڪو ڦريو ۽ سمورو ملڪ ون يونٽ ٿي ويو ته هڪ نئون ايس پي بدلي ٿي آيو. سندس ٿلهي بدن کي ڏسي چيائين: ”تون پڪ رشوت ٿو کائين. ان ڪري رٽائر ڪر، متان ڪو جوکو رسئي.“ هي مڙس اهڙو لڪڻ سهڻ وارو ڪٿي هو ۽ هن به اتي جو اتي درخواست اڇلي ڏني ۽ چيو: ”صاحب، پوليس کاتي ۾ مصلي تي نماز نه تون ئي پڙهندو آهين ۽ نه مان جو ڊاڙ هڻان، اهڙا جي پاڪ دامن لڀني ته ڀلي ٻيا ڳول.“
    هن تڙ تڪڙ ۾ پنشن ته ورتي، پر کيس ان وقت اهو خيال ڪونه آيو ته نوڪريءَ تان لهڻ بعد ڇا ٿو ٿئي؟ هن سمجهيو هو ته رٽائر ڪرڻ کان پوءِ سندس وقت عزت جو گذرندو، چار ماڻهو سلامي هوندا ۽ جي ڏوهن جون جاچون ڪري نه سگهندو ته به جاچ عملدار ۽ ٻيا زميندار زنب ڏوهن جي پيداواري جي طريقن تي صلاحون ڪرڻ لاءِ پيا وٽس ايندا، مڙيئي وٽس ڪچهريون لڳيون پيون هونديون، پر جڏهن هن ڏٺو ته جن ماڻهن جي وٽس گيگهه پئي پوندي هئي، تن کيس ٻه آڱريون نرڙ تي رکي سلام ڪرڻ جي ضرورت به نٿي سمجهي، ته هن جو هيانءُ کاڄي ويو. سندس وڏي اوطاق، جنهن کي هن اهڙي ڪچهرين لاءِ وڏي شوق سان ٺهرايو هو ۽ جنهن ۾ پنهنجي لاءِ هڪ وڏي آرام ڪرسي ۽ ملاقاتين لاءِ ٻه ڊزن کن موڙا پيا هوندا هئا، سا گهڻو ڪري خالي پئي هوندي هئي. هو روز شام جو گهران نڪري، اوطاق ۾ اچي، پنهنجي وڏي آرام ڪرسيءَ تي ويهندو هو ته سامهون ڇڙو سندس پراڻو اردلي ئي ويٺل هوندو هو. سڄو وقت چپ ڀيڪوڙي ماٺ ڪري ويهڻ به هڪ ڏکي ڳالهه هئي، ان ڪري وقت ڪاٽڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون پيون ٿينديون هيون، جي ڦرندي گهرندي پراڻي وقت جي لڌل ڏوهن ۽ جاچن تي وڃي بيهنديون هيون.
    ”ڪينئن ڪوڙا خان، هو واطڻن وارو ڌاڙو ڪينءَ لڌو هئوسون!“ ”ڪوڙا خان، ناريجن واري خون ۾ جوابدارن کي گهڻي سزا آئي هئي؟“
    سندس اردلي ڪوڙو خان، جو پيتيءَ ۾ تهه ٿيل سندس يونيفارم ۽ ڪاري اسٽڪ وانگر، سندس رعب تاب جي زماني جي آخري بچيل نشاني هو ۽ جنهن جو ان زماني ۾ ڪم پنهنجي صاحب جي خدمت ڪرڻ ۽ ننڍن زيردست عملدارن جي ورتل رقمن جي جاسوسي ڪرڻ سان گڏ، جاچن ۾ جوابدارن جون گوڏيون لهرائي سندن پير ڪٽائڻ ۽ ٻه ٽي موچڙا هڻائي، جهل جهل ڪري جوابدار کي ٻاهر ڪڍي ڏوه باسائڻ هوندو هو، سو به اهڙين ڳالهين جي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو شوقين هو. شاه صاحب جي رٽائر ڪرڻ کان پوءِ هن جي لئي به ختم ٿي وئي هئي. نوڪري جي زماني ۾ خاص اردلي هئڻ سبب سندس هٿن مان هزار ترڪندا هئا ۽ ڪو خاص حساب ڪتاب ڏيڻو نه پوندو هو، پر هينئر ان ڏيڍيءَ وارن جي رپئي ڏيڍ جي حساب تي روزاني ڪر ڪر کيس پسند ڪانه هئي. ان کان سواءِ نوڪريءَ واري زماني ۾ کيس هر موسم ۾ پوليسي ڊريسون، نوان بوٽ ۽ چمپلون به ملنديون رهنديون هيون ۽ هينئر واقف سپاهين سڙن کان چوڙيل ڪپڙا ۽ بوٽ وٺڻ لاءِ به کيس سوين نخرا ۽ مهڻا سهڻا پوندا هئا. ان ڪري هن کي شاه جي پينشن تي لهڻ ڪري، وڏو ڏک هو ۽ هو هميشه پنهنجي دوستن کي چوندو وتندو هو: ”اڙي ٻڌو! ايس پي صاحب سائينءَ کي گهرايو هو. کيس چيائين ته ڏوه وڌي ويا آهن، پيداواري ڪانه ٿي ٿئي، تون وري اچڻ قبول ڪر ته گورنمنٽ سان لکپڙه ڪيان، پر سائين انڪار ڪري آيو.“
    شاه صاحب جڏهن ڏوهن ۽ جاچن جون ڳالهيون ساڻس ڪندو هو، تڏهن ائين محسوس ڪندو هو ڄڻ سندس صاحب ان ساڳي نوڪريءَ ۾ آهي ۽ هن جي هٿن مان ائين ئي ٿا هزار ترڪن. اهي ڳالهيون ٿوري پر سکيي وقت ڪاٽڻ جو هڪ آسان مشغلو هو ۽ ٻنهي کي پسند هو. ڪوڙي خان ڳالهين ڳالهين ۾ ٻٽي ڀيرا کيس صلاح ڏني هئي ۽ شاه صاحب به سندس صلاح مڃي لڪ ڇپ ۾ ٻيهر نوڪري تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن پنهنجي هٿن سان پينشن جي درخواست لکي ڄڻ ته پاڻ قبولداري ڏني هئي، جنهن کي ڪو ٽاڪو لڳڻ ممڪن ڪونه هو. شهر وارن تي اثر وجهڻ لاءِ هن پنهنجي واقف صوبيدارن ۽ انسپيڪٽرن ڏانهن سفارشي چٺيون به لکيون هيون، پر اهي چٺيون ڪنهن وٽ پاس نه پيون. سندس رهيل کهيل کي ليپو تڏهن آيو، جڏهن سندس اردلي ڪوڙي خان ٽڪي جي ڪاسائي کان گاريون کائي مٿي ۾ ڌڌڙ وجهائي اچي کيس دانهن ڏني. شاه صاحب ڀڙڪو ڏنو:
    ”اڙي، منهنجو به ڀؤ نه ٿيو ڀان ....... کي؟“
    ”هون، توهان جو ڀؤ هاڻي ڇو ٿيندس! مان سوئر جي پٽ کي چيو ته شاه صاحب ابتو ٽنگرائي ڇڏيندءِ، پوءِ خبر اٿو! ڇا چيائين؟“
    ”ڇا چيائين؟“
    ”چيائين بس ايمڻان مٽندي سو تيل ٿي پوندو.“ ڪوڙي خان به رکڻي ڪانه رکي.
    ”وڃ هڪدم ٿاڻي تي فرياد ڪر، 107 ڪ. پ. ڪ ۾ - مان بيان ٺاهي ٿو ڏيانءِ.“
    ”اتان به ٿي آيو آهيان.“ ڪوڙو خان ڌنڪ سان چوڻ لڳو. ”صوبيدار کي ڪهڙي پرواه، چيائين ته تون وڃ جاچ ڪنداسون. پڇيومانس ته ڪڏهن اچان؟ چيائين ته اچڻ جو ڪو ضرور ڪونهي.“
    فرياد به ڪونه ورتائين 154 ۾؟“
    ”روزنامچي ۾ ئي داخلا نه رکيائين، 154 ته پري رهيو.“
    شاه صاحب چپ ڀڪوڙي ماٺ ٿي ويو. هو سياڻو هو ۽ سمجهي ويو ته هينئر چپ چاپ زندگي گذارڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه هو. اها ڪرسي، جنهن کي هرڪو نوڙي سلام ڪندو هو، سا کانئس کسڪي نڪري وئي هئي. ڪوڙو خان جنهن کي گارين جو وڏو سور هو ۽ جو مارڪيٽ ۾ پنهنجي دوستن دڙن اڳيان وڏي ڊاڙ هڻي آيو هو، تنهن کي ان چپ تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ هو خار ۾ چوڻ لڳو: ”ڪجهه ته مزو ڏيکاريو ڪتي جي پٽ کي.“
    ”ڇا ڪيون، ڪوڙا خان!“
    ”تون انسپيٽر آهين، توکي سڀ پانور آهن.“
    ”آهيان نه چؤ ڪوڙا خان، هوس.“ شاه صاحب کيس فرق سمجهايو، پر ڪوڙو خان جنهن کي اٺ وانگر پتو ئي ڪونه هو، سو اهي فرق ڪٿي ٿو سمجهي؟ هو وري چوڻ لڳو: ”پنشن تي آهين ته ڪهڙي ڳالهه آهي، آهين ته انسپيڪٽر!“
    شاه ٿڏي تي ڪو جواب ڪونه ڏنو، پر ٿوري دير ڪنڌ سيني سان هڻي سوچيندو رهيو ۽ ڳپل دير کان پوءِ سوچي سوچي هن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ چيو: ”چڱو منهنجي هڪ ڳالهه ٻڌ ۽ ان جو جواب ڏي.“
    ڪوڙو خان ماٺ ڪري ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ شاه صاحب کيس ڳالهه سمجهائڻ لڳو: ”ڏس، فرياد داخل ڪندا هئاسون ته چورن کي ڦرڪڻي هوندي هئي، پر جڏهن واردات گذري ويندي هئي ته پوءِ ڪنهن کي ڀؤ هوندو هو؟“
    ”پوءِ ڀؤ ڇو ٿيندن سائين؟“
    ”بس ائين سمجهه ته مان به هڪ گذريل واردات آهيان، جنهن جو ڪنهن کي ڀؤ ڪونهي.“
    ڪوڙو خان اهي اکر ٻڌي مپ هڻي ماٺ ڪري بيٺو رهيو.
    شاه صاحب کيس ڪجهه نه ڪڇندو ڏسي چڙي ويو، ”اڙي تون جو چوين ٿو ته مون کي سڀ پاور آهن؛ اهي پاور آهن ڪاٿي؟“
    ڪوڙي خان وري به حرام جو اکر ڪڇيو ۽ چپ ڪري بيٺو رهيو، ڄڻ سڪي ويو هجي. شاه صاحب ڏانهس تڪيندي ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ آهستي، پيار سان کيس سڏ ڪيائين: ”ڪوڙا خان!“
    ”جي سائين.“
    ”جي ڪنهن ڏوهاري خلاف فرسٽ رپورٽ داخل ڪندا هئاسون ته ڇا ڪندو هو؟“
    ”سائين، هو يا ته اسان سان منهن ڏئي جان ڇڏائيندو هو يا روپوش ٿي ويندو هو.“
    ”پاڻ کي به منهن ڏيڻ جي ڪا طاقت ڪانهي ڪوڙا خان، اچ ته تون ۽ مان روپوش ٿي وڃون.“
    ستت ئي اوڙي پاڙي جي ننڍن ڇوڪرن سندس عجيب هلت تي کچڪو ڪري هوريان دٻيل آواز ۾ مٿس چٿرون به ڪيون ته به هو ائين لنوائي ويو، جيئن هو پنهنجي زماني ۾ ڪنهن ”اڻ ٻڌڻ جوڳي ڏوه“ جي فرياد داخلا کان لنوائيندو هو. ڪوڙي خان، جنهن اهو سمورو لقاءُ ڏٺو پئي، تنهن کان اهو مقرر ڪيل فيصلو وسري ويو ۽ هو خار ۾ چوڻ لڳو: ”چئبو ته هاڻي اسان کي آڱوٺي جيترا ڇورا به چيڙائيندا. ائين ڪونه ٿيندو.“ ائين چوندي هو هليو ويو ۽ هڪدم اهي جملي ڇوڪرا گهلي اچي سندس اڳيان ائين بيهاريائين، جيئن ڪنهن زماني ۾ سندس اڳيان جوابدار بيهاريندو هو. شاه صاحب ڪوڙي خان کي ٺارڻ لاءِ ڇوڪرن کي گارين سان رنڌي ڇڏيو. ”مادر...... ڀان...... توهان سمجهو ٿا ته مان رٽائر ڪيو آهي ته مري ويو آهيان. اڙي اڄ به اوهان جي پين ڏاڏن جون ڏاڙهيون پٽي تري ڪرڻ جا پاور مون کي آهن. اڙي ڪيو اٿ ويهه.“
    ڪوڙي خان جنهن کي اهڙا جوش ڏٺي ڏينهن ٿي ويا هئا، تنهن جي مٿان ڄڻ ڪوري دلي جو ٿڌو پاڻي پئجي ويو ۽ هڪدم پراڻي جوڻ ۾ اچي هٿ ٻڌڻ لڳو: ”سائين، جوابدار قبولدار آهن. اڄ معافي ڏيون، آئينده ائين نه ڪندا.“
    ”نه نه، هنن کي ائين معافي نه ملندي. کڻي آ نيٽي لڪڻ ته پهريون سندن کل لاهيان، پوءِ هڻين لاڪب ۾.“
    ”نه سائين، هنن کي معافي ڏيو، مان سندن ضامن آهيان.“
    ”اڙي تون ضامن ٿو پئين؟“
    ”ها سائين، مان ضامن آهيان. آئينده چال سڌاريندا.“ ائين چئي ڪوڙي خان ڪن گوڇي ڪندڙ ڇوڪرن کان پڇيو: ”اڙي ضامن کي ته نه مارائيندؤ نه؟“
    ڇوڪرا، جي اهڙيون مخرج سان گاريون ٻڌي هيسجي ويا هئا، تن ميسڻو منهن ڪري کيس ضامن پوڻ لاءِ ايلاز ڪيا.
    ”چڱو وڃو مادر.... اڄ توهان کي معافي آهي، پر جي آئينده ڪا بدمعاشي ڪيو ته پوءِ سر جو خير نه گهرجو.“ شاه صاحب گجگوڙ ڪندي چيو.
    ٻئي ڏينهن صبوح جو هو هوا خوري لاءِ نڪتو ته روڊ تي کيس ٿاڻي احمد پور جي حد جو وڏيرو سرائي رازق ڏنو مليو. هو ان ٿاڻي تي ايترو ته گهڻو وقت رهيو هو، جو هن کان ان حد جي ڪا ڳجهائي ڪانه هئي. سرائي رازق ڏني سان ته وري سندس گهڻي ڊيگهه هئي، جو هو سندس هر ڪيس جي مشيريءَ ۾ ئي هوندو ئي هوندو هو. ان ڪري سلام جو جواب ڏيئي اڳتي وڌڻ هن لاءِ ڏکي ڳالهه هئي. هن سرائي کان پڇيو: ”ڪيئن سرائي، خوش آن نه؟“
    ”ها سائين، مڙيئي رب جون مهربانيون، اوهان جون دعائون.“
    ”ڪيئن آيو آهين هتي؟“
    ”سائين، هڪ غريب هاريءَ جي چوري ٿي وئي آهي، ان جو فرياد داخل ڪرائڻ آيو آهيان.“
    ”اڄ ڪلهه اوهان وٽ ڪير آ؟“
    ”سائين دريشاڻي انعام الله.“
    ”اڙي هو مون وارو جمعدار!“
    ”مڙيئي سائين، رب جو جوڙ! ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس، اوهان ته سائين خوش آهيو نه؟“
    ”پيا تڳون، سرائي.“ شاه صاحب ڀنل دل سان جواب ڏنو. هن جي مرضي هئي ته جيڪر سرائي سان زماني جي ناقدريءَ جي شڪايت ڪري.
    ”واه سائين، اوهان ته ائين ڳالهايو ڄڻ ڪو توهان کي نٿو ليکي.“
    ”ليکڻ جي ڳالهه ڪانهي سرائي، ڪراڙو ٿي ويو آهيان.“ شاه صاحب ڳالهه بدلائي ويو.
    ”سائين، شينهن ڪي ڪراڙا ٿيندا آهن؟ مان ڪلهه اوهان جي پاڙي مان جو لنگهيس ته اوهان جي گارين جي ڳئي پئي پئي. وهيءَ جون سڪون پئي لاٿو، مان ته کڙين تي زور ڏنو. ڪير هئا اهي سائين؟“
    شاه صاحب سرائي رزق ڏني ڏانهن غور سان ڏٺو، جيڪو ان وقت به ائين مرعوب پئي نظر آيو، جيئن سندس نوڪريءَ واري زماني ۾.
    ”ڪلهه صبوح، سرائي؟“ شاه صاحب ڪنڌ هيٺ ڪري ائين چيو، ڄڻ هو ياد ڪندو هجي ۽ ٿوري دير کان پوءِ هن ڳاٽ مٿي ڪري چيو: ”ها، اهي ٻٽي هسٽري شيٽر هئا. سڄو شهر تاراج ڪري ڇڏيو اٿائون. سرائي، پينشن تي آهيون ته ڪهڙي ڳالهه لنڊو ٻهڙن تي ڪنٽرول رکڻو ٿو پوي.“ شاه صاحب ائين چئي شهپر وٽڻ لڳو.
    ”بيشڪ سائين، بيشڪ، اوهان جو دٻدٻو قائم آهي.“ سرائي ڪنڌ لوڏي چوڻ لڳو.
    پوءِ جڏهن سرائي کان موڪلائي شاه واپس گهر ڏانهن اچڻ لڳو، تڏهن سندس ڄنگهون، جي اڳ گهلبيون اينديون هيون، سي ڦڙت ٿي ويون، سندس ڪاري ڏنڊڪي پراڻي دستور موجب بغل هيٺان اچي وئي ۽ سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو. هن اچڻ سان پنهنجي اردليءَ کي چيو: ”حوالدار ڪوڙا خان، انهن وات ڳاڙهن ڇورن جو دماغ تيستائين نه سڌرندو، جيستائين ساڻن روز ڪارروائي نه ٿيندي. انهن کي روز گهلي وٺي ايندو ڪر.“
    ڪوڙو خان، حوالدار جو لفظ ٻڌندي ئي پراڻي جوڻ ۾ اچي ويو ۽ هڪدم کڙو ٿي ايس پي صاحب جي اردلي کان ايلاز ڪري ورتل ”ڇڳل لانگ بوٽ“ جي کڙين کي زور سان ملائي، پراڻي دستور موجب سيلوٽ هنيو.


    زر ۽ زور

    جيڪڏهن منشي کنياتي مل اسپيشل اوورسيئر جي جوڙيل نقشي سال 1906ع تي نظر وجهبي ته ديهه سنجر خان ۽ چانڊڪيءَ جي ڀرسان ڪيٽي نورپور تي نظر پوندي. ان ڪيٽيءَ جي ايراضي ايتري ته وڏي آهي جو سڄو ڏينهن ڀلو وهٽ ڊوڙائجي، ته به رات اڌ ۾ پوي. ٻين ڪيٽين وانگر ان جي آبادي به درياه شاه تي ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ درياه شاه مان ڪيترا واهڙا وهي پڪي ڀر کي آباد ڪن ٿا، تنهن هوندي به سانوڻ ۾ مهراڻ کي موج ايندي آهي ته چؤ طرف اٿل ڪري اڇ ٿي ويندي آهي. اهي ٻٽي ڏينهن ته ماڻهو ڏک سک ۾ ڪاٽين، پر جڏهن پاڻي لهي وڃي ته زمينون ڦنڊي ڪپهه جهڙيون اڇيون ٿيون پون، جو ماڻهو پوکجي اهو به ڄميو پوي. پڪيءَ ڀر جون زمينون سالن کان دوبارن فصلن ٿيڻ ڪري ٿڪجي پون ۽ منجهن پوک ليلهائي نڪري، پر ڪچي ۾ هڪ ڪاٺوڙي هر سان رائي جهڙو ڪچو فصل به مهيني کن ۾ اهڙو ٿي پوي، جو خون ڪري کڻي اڇل، حرام جو ڪنهن کي پتو پوي. ڪڏهن ڪڏهن قسمت سان ڪيٽي نه ٻڏي ۽ ارءُ ٿي پوي ته پوءِ ماڻهو نار چاڙهين. اس کاڌل زمين ۾ جوئر جو فصل اهڙو ڀلو ٿئي، جو زميندار جون به ٽسميءَ ۾ به پليون ڀرجي وڃن ۽ ٻانهن جهڙن ٿلهن ڪانن جا کرا تنهن کان الڳ.
    اها ڪيٽي ٽرانسفر وقت ايتري ته ننڍي هئي، جو سروي وارن ان کي ڀر واري ٻي ڪيٽيءَ سان ملائڻ جي سفارش ڪئي هئي، پر درياه جي پائيندڙ سبب ان ڪيٽي جي دنگ ۽ دڙيون پائجي ويون ته ان جو مالڪ جو اچي وارو وريو. مڙس پڙهيل ڳڙهيل ۽ لهه لحاظ وارو هو. آفيسرن سان رسايون ڪرڻ سبب اهڙو ڦرڪو ڦري ويو، جو سندس ڪيٽي اڳي کان چئوڻي پنجوڻي ٿي ويئي. جيئن لشڪر کان سواءِ سلطان ٿيڻ به هڪ مشڪل ڳالهه هئي، ان ڪري ڪس ڪسرون کائي ڪارائتا راڄ ورهايائين؛ ايتري قدر جو هڪ لڱا ضلع انگريز حاڪم وٽس شڪار تي آيو هو ته شاهي بند کان پنهنجي ڳوٺ تائين ڀريا پنج ميل ڪکائين سڙڪ جي ٻنهي طرفن کان ماڻهو ماڻهوءَ ۾ بيهاريو هئائين. اهي سلاميون وٺندو، جڏهن صاحب سندس اوطاق تي پهتو هو، تڏهن جيپ مان لهندي ئي سون ماڻهن جي سامهون کيس چيو هئائين: ”ويل ڊن خان صاحب؛ ڊادو خوش ٿيو آهي.“
    ان مهل ئي صاحب جي ان قدر شناسيءَ جي خبر چؤراڄي ۾ پئجي وئي هئي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ، هو خانصاحب سڏجڻ لڳو هو.
    گذريل رات خان صاحب ڪچهري ڪرڻ بعد گهر موٽيو هو ته سندس قدم اڙيا ٿڙيا پئي پيا. سندس وڏي گهر واري، عبدالمجيد ماءُ جو هن جي اهڙي حالت ڏٺي ته هن ڊڪي وڃي کيس ٽيڪ ڏني ۽ آهستي آهستي اچي کيس هنڌ تي سمهاريائين. وڏي اسر جو هوءَ وري اٿي ته وڏيري پويان پساه پئي کنيا. سندس رڙين تي گهر جا سمورا ڀاتي ڀڳا آيا ۽ هينئر سندس کٽ چوڌاري ٻنهي زالن کان سواءِ ٻئي جوان جماڻ پٽ عبدالمجيد ۽ عبدالهادي به ويٺا هئا، جن جون اکيون پنهنجي پيءُ جي سڪرات ۾ ڦڙڪندڙ چپن کي ڏسڻ بعد هڪ ٻئي سان پئي مليون ته انهن ۾ نفرت، ڪيني ۽ ساڙ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو.
    حويلي ۽ ان جي شاهي ڪوٽ جي پرڀرو ٽي لئي اوطاق ۾ جيڪا سانوڻ ۾ ڪانڊيرن جي ڦوهارن ۽ هر وقت جي ڇڻڪار سبب ٿڌي بهشت ۽ سياري ۾ کٽن جي وچ ۾ وڏي مچ سبب گرم لڳي پئي هوندي هئي ۽ جنهن ۾ وڏيري جي بلگاري حقي مان نڪتل ٿڌو دونهون ڇانيل هوندو هو، ماٺ لڳي پئي هئي. رکي رکي ڪمدار غلام محمد جيڪو پٽ تي کٽ جي سيرانديءَ کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو، تنهن پئي وڏيري جي حياتيءَ جون دعائون گهريون. ڪمدار غلام محمد وڏيري جو ننڍي هوندي جو سنگتي هو ۽ ڏکن سکن ۽ جهيڙن جهٽن ۾ ساڻس گڏ گذاريو هئائين. وڏيري کي به سندس خدمتن جو قدر هو ۽ سندس ڪا ڳالهه ڪونه موٽائيندو هو. جي هڪ ڳالهه موٽائي به هيائين ته کيس ان جو احساس هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿڌو شوڪارو ڀري چوندو هو: ”ڪمدار، تون سچو هئين، پر ان وقت عشق انڌو ڪري ڇڏيو هو. سوچيو هوم ته لوڙها ٽپڻ واري بدناميءَ کان ٻه ٻول پڙهائي پاڻ تي حلال ڪري ڇڏيان.“
    ”ها سائين، لڳي پروان آ، ڪئيءَ ڳالهه کي جوان ئي نڀائيندا آهن.“ ڪمدار به کيس دلداري ڏيندو هو. ڪمدار جي اڳيان پيل حقو ٺري ويو. هن کي رکي رکي راتوڪي ڳالهه ياد پئي آئي، جنهن جي ٻڌڻ کان پوءِ وڏيري جو ڦرڪو ڦري ويو هو. هن اها ڳالهه ڪيترن ڏينهن کان سانڍي رکي هئي پر رات ڳالهين ۾ کانئس نڪري وئي هئي. ٻئي ڄڻا اڪيلا ويٺا هئا ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
    ”ڪمدار، وهي وئي.“ وڏيري ٿڌو ساه ڀريو هو.
    ”ها سائين، ڪماليت کي نيٺ زواليت آ.“
    ”بيشڪ، يار، هاڻي ته پاڻ کان هوترو پنڌ به گهوڙي سواري نٿي پڄي، لڱ ائين ٿا ساڻا ٿي وڃن جو سڄو ڏينهن ڪا ڪوڏر هنئي هجيم.“ وڏيري ٿڪل آواز ۾ چيو هو.
    ”بس سائين، هاڻي هڪ ڳالهه ڪر. واندڪائيءَ ۾ پنهنجي جيئري ئي ڪانو کڻي ورهاست ڪري ڏيون.“
    ”پاڻ ۾ چڱا نٿا هلن ڇا؟“
    ”الئي سائين، پرائي دل پرديس آ.“
    ”ڪمدار، ڪا ڳالهه آ ڇا؟“ وڏيري کي وسوسو ٿي پيو هو.
    ”ڳالهه ته ڪا ڪانهي سائين، ائين تنهنجي آرام لاءِ چيم.“
    ”ڪمدار، توکي سؤ ڀيرا چيو اٿم ته مون کان ڪا ڳالهه نه رکندو ڪر.“
    ”ابا، توکان ڳالهه رکڻ حرام آ.“ پوءِ هن کان مهينن جي سانڍيل ڳالهه نڪري وئي هئي: ”ڳالهه هينءَ آهي ته عبدالمجيد خان جي سريت نوران آهي نه، ان سان عبدالهادي به ٺهڪي ويو آهي.“
    ”گهوڙا! ناحق ٻي شادي ڪيم. ڪمدار، هيءَ ڳالهه ته مڙسن جا ڪنڌ ڪپائيندي.“ وڏيري ٽپ ڏيندي چيو.
    ”سائين، خير جي ته وائي ڪڍ. الله تنهنجو سر سلامت رکي، ڪجهه ڪونه ٿيندو.“
    ”اڙي اڃا ٿو چئين ڪجهه ڪونه ٿيندو.“ وڏيري رڙ ڪري چيو.
    ”سائين، آهستي ته ڳالهاءِ، ڪو ٻڌي نه وٺي.“
    وڏيرو ڳالهه جي نزاڪت کي سهي ڪري ماٺ ڪري ويو. گهڻي دير کان پوءِ هن آهستي آهستي ڪنڌ مٿي کنيو ۽ هوريان چيائين: ”ڪمدار، جوانيءَ ۾ تون گلو ماڇيءَ جي گهر مندو هئين نه؟“
    ”ها سائين، وهيءَ ۾ مڙئي هر ڪنهن ٽپ ڏنا.“
    ”ان ساڳي جاءِ تي منهنجي دل به هرکي هئي. نياپو موڪلڻ تي هوس ته ڪنهن تنهنجي ڳالهه ٻڌائي. پوءِ جيتوڻيڪ تون منهنجو ڪمدار هئين، ته به مان پاسو ڪري ويس. هي ته سڳا ڀائر آهن.“
    ”اهو زمانو ٻيو هو، هي زمانو ٻيو آ سائين.“
    ”بس ڪمدار، زمانو زهير ٿي ويو.“ وڏيري پيرن ۾ بوٽ پائيندي چيو هو. سندس آواز روئڻهارڪو هو.
    وڏيري کي حويليءَ جي وڏي در تي ڇڏي، ڪمدار پنهنجي گهر موٽيو هو ته پاڻ کي اها ڳالهه نه سانڍڻ ڪري ڏاڍي ملامت ڪئي هيائين. اڌ رات تائين کيس فڪر ۾ ننڊ نه آئي هئي. اسر جي مهل پنڪي ۾ هو ته وڏيرڪي نوڪر ٺربي جي سڏ تي سندس حياتي ڇڏائجي وئي هئي ۽ ان وقت کان اوطاق ۾ کٽ جي سيراندي کي ٽيڪ ڏيو، ٻئي هٿ مٿي تي رکيو پئي وڏيري جي حياتيءَ جون دعائون گهريائين. هن سان گڏ ٻيا ڪڙمي ڪڙا به ويٺا هئا. اوچتو سڀني جا ڪن حويليءَ ڏانهن کڙا ٿي ويا، جتان روڄ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جيستائين ڪمدار ڪو ماڻهو ڀڄائي، تيستائين حويليءَ مان ٻانهي ڀڄندي آئي، جنهن جي ڌوڙ لڳل اگهاڙي مٿي ۽ چيهاڙيون ٿيل چولي سڄو داستان ٻڌائي ڇڏيو.
    صبح ڪو ساجهر حويليءَ جي شاهي اڱڻ ۾ هشام زائفن جا بيٺا هئا. پڌر جي وچ ۾ وڏي کٽ پيل هئي، جنهن تي ريشمي ۽ سوٽي اوڇڻن هيٺان وڏيرو ابدي ننڊ سمهيو پيو هو. ڳوٺ جو ملان حاجي ڪبير روپيو في قرآن جي حساب سان، خوش الحاني ۽ تڪڙائيءَ سان قرآن بخشي رهيو هو.
    هي قرآن شريف ڪريم تنهنجو،
    خاص مڪي محمد تي،
    وسيلو ٻنهي جهانن جو،
    واسطي آسان جي ٿيڻ عذاب سوڙه قبر جي،
    واسطي سوال جواب منڪر نڪير جي،
    هن ميت کي ٿو بخشايان،
    تون بخشينس.
    جڏهن سج مٿي چڙهيو، تڏهن ميت کي ٻاهر آندو ويو، جتي به قرآن بخشائڻ کان پوءِ وڏي پٽ عبدالمجيد خان کان اجازت وٺڻ بعد جنازي نماز پڙهي هئي. لحد ۾ لاهڻ کان اڳ ملان آخري ڀيرو ڪفن سوري منهن ڏيکاريو ته هر ڪنهن ڏٺو ته شمع وانگر ٻري رهيو هو.
    پوءِ جڏهن مٽيءَ جي شيءَ مٽيءَ ۾ رلجي وئي، جڏهن ڪانڌي خالي کٽ ۽ خالي اوڇڻن جي ڳنڍ ٻڌي واپس موٽي آيا، جڏهن سڄو راڄ ڀاڳ رضا الله ۽ پڳ ٻڌائڻ لاءِ عبدالمجيد خان اڳيان ويٺو هو، تڏهن ڪمدار جو عبدالهادي خان کي وٺڻ ويو هو، سو واپس موٽي آيو ۽ راڄ ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو:
    ”ههڙو انڌير، عبدالهادي خان ٿو چوي ته مان راڄ کان عذر پنهنجي اوطاق ۾ جدا وٺندس.“
    ”هتي نٿو اچي؟“ عبدالمجيد خان ڪمدار کان پڇيو، جو ڀاءُ جي انتظار ۾ ويٺو هو ۽ عذر ڪونه ورتو هئائين.
    ”نه سائين.“
    ”ڇو؟“
    ”چئي ٿو ته دشمن وٽ عذر ڪونه وٺبا آهن.“ ڪمدار ٻڌايو.
    ”وڃي ڌوڙ پائي، پڙهو قل.“ عبدالمجيد خان کي خار اچي وئي.
    ”پر سائين، اڄ ئي اهڙي وڇوٽي ڪيو ته اڳتي الائي ڇا ٿيندو.“ ڪمدار سوچيندي چيو.
    اها وڇوٽي تڏهن هيڪاري وڌي وئي، جڏهن پورن پندرهن ڏينهن بعد هڪ شام جو حد جي ڪوٽوار، اڱڻ مختيارڪار صاحب جو نوٽيس ڏئي عبدالمجيد خان کان صحي ورتي. پڙهندي ئي کيس پيرن کان چوٽيءَ تائين باه وٺي وئي. نوٽيس ۾ لکيل هو:
    ”مانوارو وڏيرو عبدالمجيد خان ولد خان صاحب نور محمد خان زميندار ڪيٽي نورپور تعلقه شڪارپور.
    جيئن ته مهربان عبدالهادي خان ولد مرحوم خان صاحب نور محمد سان زميندار ڪيٽي نورپور اسان کي تاريخ 10-4-54ع تي درخواست ڪئي آهي ته فوتي خان صاحب نور محمد خان جي ڇڏيل ملڪيت ۾ اڌ حصي جو وارث آهي ۽ کيس ٠-٨-٠ آنين جي ورهاست ٿي ملي.
    ان ڪري اوهان کي هدايت ٿي ڪجي ته تاريخ 20-4-54ع تي پنهنجي ڪيٽيءَ ۾ حاضر رهندا، ٻي صورت ۾ يڪ طرفو فيصلو ڪيو ويندو ۽ پوءِ ڪو عذر ٻڌڻ ۾ نه ايندو. هي اوهان جي سڌ لاءِ لکيو ويو.
    بحڪم مختيار ڪار صاحب تعلقو لب درياه.“
    ڪمدار غلام محمد جو ڀرسان ويٺو هو، سو نوٽيس پڙهڻ وقت سندس نرڙ تي پوندڙ گهنجن مان سهي ڪري ويو ته ڳالهه ڪا مڙيئي ڳري هئي. موڙي سيريندي ويجهو اچي کانئس پڇيائين: ”ڇا جو نوٽيس آ بابا؟“
    ”مختيارڪار نوٽيس ڏنو آهي ته ويهين تاريخ عبدالهادي جي حصي جي ورهاست ڪندو.“ عبدالمجيد خان آهستي چيو.
    ”چڱو ٿيو، ڀلي اچي.“
    ”چڱو ٿيو؟“ عبدالمجيد خان رڙ ڪري چيو.
    ڪمدار جو ٻوٿ ئي سڪي ويو ۽ ماٺ ڪري ويهي رهيو. ٿوري دير کان پوءِ عبدالمجيد خان ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ڪمدار کي چيو: ”مان مختيارڪار کي چوندس ته هو بي نڪاحو آهي، سندس ڪو حق ڪونهي، ڀلي ڏئي ڪوئي سندس فائدي ۾ بيان.“
    ”ٿوري ملڪيت لاءِ پنهنجي مرحيات پيءُ تي ايڏو گلا جو گهانگهو ڏيندين، نينگر!“ ڪمدار پهريون کيس نرمائيءَ سان سمجهايو، پر پوءِ کيس اوچتو جهجڪي اچي وئي: ”ائين ڪونه ٿيندو، مان بيان ڏيندس.“
    پوءِ عبدالمجيد خان کي پنهنجي فوتي پيءُ جي عزت جو خيال آيو يا پنهنجي ڪمدار جي راڄن ۾ اڪثريت ياد آئي، هو ان ڳالهه تان لهي ويو، نرمائي سان ڪمدار کي چيائين: ”معاف ڪجانءِ ڪمدار، ائين خار ۾ چئي ويس. تون پاڻ ئي ٻڌاءِ ته هن وقت جڏهن بابي جي بُٺي به ڪانه سڪي آهي، کيس اها درخواست ڏيڻ واجب هئي؟“
    ”اهو برابر سندس ڏوه آهي، پر هاڻي جيئن ٿيو آهي، تيئن ئي ڪبو.“
    جيتوڻيڪ ويهين تاريخ مختيارڪار، عبدالهادي وٽ ئي منزل ڪئي، جو هو ان جي ئي درخواست تي آيو هو، پر جڏهن هو وٽس ويو، تڏهن مختيارڪار لانڍي کان ڏه پندرهن قدم ٻاهر نڪري سندس آجيان ڪئي. ورهاست وقت به سندس وڏائپ جو لحاظ رکندي کيس پڳ ۾ وڌيڪ حصو ڏنائين، پر جيتوڻيڪ هو زماني طور مختيارڪار سان کلي ڳالهائي رهيو هو، پر تنهن هوندي به سندس اندر ۾ باه ڀري بيٺي هئي. هڪ ڀيرو ته کيس خيال آيو ته مختيارڪار کي ڇنڊ ڪڍي ۽ زمين جي ورهاست کان انڪار ڪري، پر هن ڪمدار جو لحاظ رکيو، جنهن مختيارڪار جي اچڻ کان اڳ کيس سمجهايو هو: ”نينگر، حاڪم فيل مست آهي ۽ ساڻن مقابلو ڪرڻ ڪنهن به حالت ۾ چڱو ڪونه آهي.“
    جيڪڏهن عبدالمجيد خان نوران جي لڏڻ جا سانباها نه ٻڌي ها ته اهو ڳالهه مان ڳالهوڙو شايد نه ٿئي ها. لڏڻ واري ڳالهه به ڪمدار کيس ٻڌائڻ نه پئي گهري، پر سندس تيز مزاج جو خيال ڪندي صرف ايترو چيائين: ”سائين، صديق وارا لڏيا ٿا وڃن.“
    ”هان، ڪاڏي؟“ وڏيري کان ڇرڪ نڪري ويو.
    ”عبدالهادي خان پنهنجي ڪيٽي ۾ نئون ڳوٺ ٻڌايو آ نه، اتي.“
    ”وڃي جهلين.“ وڏيري تيزي سان چيو.
    ويچاري ڪمدار ان حڪم کان اڳ ئي پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو هو. هو ٻٽي ڀيرا نوران جي گهر ويو هو ۽ کيس ان فيصلي جو آڳو پيڇو سوچڻ لاءِ چيو هئائين، پر هن تري تيل لائڻ ڪونه ڏني هو. ان هوندي به وڏيري جي حڪم جي پوئواري خاطر هو وري نوران جي گهر ويو ۽ ويندي ئي کيس دڙڪو ڏنائين: ”نوران، وڏيري وڏي نياپو ڏنو اٿيئي ته تون نه لڏ.“
    ”چاچا، هاڻي ڪيئن مڙبو؟ صبح جو گاڏيون اينديون.“
    ڪمدار کي خار اچي وئي. هن کيس کولي ٻڌايو: ”نوران، تون عبدالمجيد کي ڇڏي وري عبدالهادي تي آٿر رکيا آهن، سا ڳالهه تنهنجي لڏڻ کان پوءِ ڪانه لڪندي، وڏو کلم ٿي پوندو.“
    ”ڪير ٿو ائين چوي؟“ نوران پهرين پڪائي ڪئي.
    ”مان ٿو چوان، ڪيانءِ اڇا پتا پڌرا؟“
    ”چڱو جي آهيان ته آهيان، ڪنهن جي پرواه ڪونهيم.“
    حالانڪه ڪمدار وري به وڏيري کي سموري حقيقت ڪونه ٻڌائي ۽ کيس صرف ايترو چيائين ته نٿا مڙن، پر تنهن هوندي به ان ڪوڙ جو ڪو خاص فائدو ڪونه پيو، جو ان ئي ڏينهن سومهڻيءَ جو جڏهن وڏيرو پنهنجي سر نوران کي پرچائڻ پئي ويو، تڏهن در جي چانئٺ ٽپڻ کان اڳ کيس عبدالهادي دوبدو ٿيو، جنهن جي ٽوڪ واري مشڪ کيس ٻي وک اندر کڻڻ ڪانه ڏني. هو اتان ئي واپس موٽيو ۽ ايندي ئي ڪمدار کي چيائين: ”صديق وارن کي چؤ ته هن مهل جو هن مهل ٽپڙ کڻن.“
    عبدالمجيد خان اهو تڙ تڪڙ ۾ حڪم ته ڏنو، پر پوءِ پورا پنج ڏينهن حويليءَ کان ٻاهر ڪونه نڪتو. هن نوران لاءِ ڇا پئي سوچيو، جنهن جو قد مانجهاندڙيءَ وانگر سڌو ۽ ڊگهو هو، جنهن جو رنگ جوئر جي اٽي وانگر ڀورو ۽ ڳاڙهو هو، جنهن جون اکيون ڪجل بنا به ڪاريون هيون، جنهن جا چپ لاليءَ بنا به ڳاڙها هئا، جنهن جون ڇاتيون چوليءَ جي ٽيڪ کان سواءِ به ڪنهن جبل ٽڪر جون ٻه جاڙيون چوٽيون هيون ۽ جنهن جو آواز اهڙو مٺو ۽ سريلو هو، ڄڻ وڏي اسر مهل ڪنهن نار ۾ ٻڌل ڏاند جون ٽليون پيون وڄن.
    منڍ منڍ ۾ هن کيس لابارو ڪندي ڏٺو هو ته سندس قدم اڳتي وڌڻ کان پڙ ڪڍي بيٺا هئا. هن محسوس ڪيو ته ڪڻڪ جون تيليون جن کي مٺ ۾ جهلي، هن ڏاٽو پئي وهايو، سي ڪسڻ لاءِ پاڻ نوڙي سندس هٿن ۾ پئي آيون. ٻنيءَ تي بيٺي کيس ڳپل مهل ٿي وئي هئي ۽ اوسي پاسي لابارو ڪندڙ کيس عجب ۽ حيرت سان نهارڻ لڳا هئا ته هو لاچار اڳتي وڌيو هو ۽ پويان ايندڙ عرضي ڪارائي کي چيو هئائين: ”اهو ماڻهو ڪيئن ٿو ڀائين عرضي؟“
    ”واه سائين، اهڙين جو بجو به ڀلو.“
    پوءِ جي خبر ڪراڙي لالان کي هئي، جنهن روا لاهي، منٿون ميڙون ڪري نوران جهڙي پٿر کي پاڻي ڪيو، نه ته پهرين دفعي ته هن تريون ئي ٽي هيون ۽ چيو هو: ”ماسي لالان، آهي به قادو ته ناهي به قادو. وڏيري کي چؤ ته مون کان پاسي ڪري لنگهي.“
    ”نڀاڳي، گدڙ جي لت کان هاٿيءَ جي لت چڱي اٿئي. گهر ڀري ڇڏيندئي.“ ڪراڙي لالان جا اهڙين ڳالهين ۾ ڀڙ هئي، تنهن کيس سمجهائيندي چيو هو.
    پوءِ جڏهن وڏيرو پهرين انجام سان هڪ اونداهي رات وٽس ويو هو ته هوءَ اڳ ۾ ئي سندس اوسيئڙي ۾ اڀي بيٺي هئي ۽ کيس ايندي ڏسي چيو هئائين: ”ايتريون دوريون ڪبيون آهن وڏيرا.“
    هينئر اها ئي نوران کانئس کسجي وئي هئي ۽ ساڻس اهڙي جٺ ٿي هئي، تنهن جي پلوء لاءِ هر ڳوري ڳالهه پوري هئي.
    اها هڪ اونداهي رات هئي، جڏهن سرخيءَ جهڙي اصل گهوڙي، عبدالهادي جهڙي شهسوار جو لاشو کڻي اچي ڳوٺ نڪتي. ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون جو عبدالهادي جهڙي سوار، جو جڙ گهوڙين کي هڪ ئي هتي ۾ ڪاهي سڌو ڪندو هو ۽ جو رڪيب مٿان رپيو رکي، اهڙو پختو ٿي ويهندو هو جو مجال کڻي روپيو ڪري، تنهنجو رڪيب ۾ ڦاسي ڪرڻ ۽ مڻڪو ڀڃائڻ اعتبار جوڳي ڳالهه ڪانه پئي لڳي. انهن شڪ ڪندڙن مان ٻن پتين جو ته شڪ ان وقت ئي لهي ويو، جڏهن عبدالمجيد خان ڀاءُ جي لاشي جو ٻڌي، پيرين مٿي اگهاڙو اچي ڀاءُ جي مٿان ڪريو ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳو. باقي ٽين پتي، جنهن جو مکيه عبدالهادي جو ڪمدار هو، سو شڪ گمان لاهڻ لاءِ صبح جو ساجهر گهوڙيءَ جا ابتا پير کڻائي واردات ڏسڻ ويو هو، پر کانئس اڳ ڪنهن شنباڻي ٻروچ جي رڍن ٻڪرين جي ڌڻ لنگهڻ سبب پيرائي ڊهي ويا هئا.
    البته عبدالهادي جي فوتي ٿيڻ کان ٻه ڏينهن پوءِ، جڏهن هرڪو اڃا پٿر تي ويٺو هو ۽ رواج موجب مٿي ڌوءَ به ڪانه ٿي هئي، تڏهن عبدالمجيد خان جي هڪ حڪم سندس پنهنجي ڪمدار جي دل ۾ انيڪ شڪ ۽ گمان وجهي ڇڏيا. هن حڪم موجب ڪيٽي نورپور جو ڇاپي نقشو کڻي سندس اڳيان ميز تي کولي رکيو ته سراسر اڌ کي ڳاڙهو رنگ آيل ڏسي، وڏيري ڪمدار کان پڇيو: ”هي پاسو ڇو ڳاڙهو آ؟“
    ”مختيارڪار جي ورهاست موجب هي پاسو اسان کي مليل آهي ۽ ان کي رنگ ڏنل آهي، بقايا اڇو پاسو عبدالهادي خان جو آهي.“ ڪمدار آڱر سان کيس نقشي جون ليڪون سمجهائيندي چيو.
    ”عبدالهادي جو نئون ڳوٺ ٻڌايو ۽ جتي صديق وارا وڃي ويٺا آهن، اها جاءِ ڪٿي آ؟“ وڏيري نقشي کي غور سان ڏسندي چيو.
    ”هيءَ چوڪڙي نئين ڳوٺ جي آهي. سنهن اکرن ۾ لانڍيون به لکيل اٿو.“ ڪمدار نقشي ۾ هڪ جاءِ تي آڱر رکي. ان جاءِ تي ڪو رنگ ڏنل ڪونه هو. ”پر هينئر ته سموري ڪيٽي پنهنجي ٿي نه. پوءِ ڇو نه سڄي نقشي کي رنگ ڏئي ڳاڙهو ڪجي.“ ائين چوندي وڏيري سٽ ڏئي ڪوٽ مان ڳاڙهي پينسل ڪڍي ۽ پهريون ڳوٺ واري چوڪنڊي ٽڪر کي ڳاڙهو ڪرڻ لڳو. ڪمدار حيرت مان ڪنڌ مٿي کڻي وڏيري ڏانهن ڏٺو، جنهن جو منهن به خوشي ۾ پينسل جي ڳاڙهي رنگ وانگر ڳاڙهو ٿي ويو هو.


    ڳڻ

    جيتوڻيڪ اڄ سندس گهوڙي کي نوان زريءَ جا سنج پيل هئا ۽ سندس پشوري گاڏي تازو نڪل ٿيڻ سبب چلڪي پئي، پر تنهن هوندي به جڏهن هو پنهنجي پنج ڪلياڻ بور کي دڙڪي ڪاهيندو، اسٽان تي پهتو ته ڪنهن به اکر ڪونه ڪڇيو. هڪوار سڀني پنهنجو ڪنڌ مٿي ضرور کنيو، پر ان دم ئي سڀني پنهنجن ڪنڌن کي ائين ڍاري ڇڏيو، ڄڻ کين ديد ئي ڪانه هئي، حالانڪه هڪ هفتو کن اڳ هو ڇڙي هاٽيلي دمبچي وٺي آيو هو ته سڀ کيس ورائي ويا هئا.
    ”رئيسم هيءَ دمبچي ڪٿان ٺهرايئي؟“ امبلخ گهوڙي واري کانئس پڇيو هو.
    ”آهي سودو رئيس گهڻو اتر ڏيانءِ؟“ خميسي، جنهن جو ڌنڌو ئي سودا ڪرڻ هو، پنهنجي عادت کان مجبور ٿي کيس چيو.
    ”کلا ٿي خميسا، ههڙن بادشاهن وهٽن کي شيون پارائي ڪي کسبيون آهن!“ جيسين هو جواب ڏي، تيسين رسولي بور کي ٺپڪي هڻي، خميسي کي جواب ڏنو هو.
    گاڏي ٻڌڻ کان اڳ، هن پنهنجي واڙي ۾ گهوڙي کي کرکرو پئي هنيو ته نورو مڏيءَ وارو وٽس لنگهي آيو هو ۽ کيس ان ٻڌيءَ جي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي هئائين، پر هڪ ٽهڪ ڏيندي نوري کي چيو هو: ”نورا، جڏهن هي بور اسٽان تي پهچندو ته اهي ٽوٽل پاڻهي ڊهي پوندا.“
    ”خير ڏسجي، پر گهڻو ڪري ته ڪونه ڳالهائيندءِ. اها سڄي ڳالهه شهيد جي روضي ۾ قسما قسمي تي ٿيل آهي.“
    ”هن خارزيءَ واري ڌر تي برابر ڪونه ڳالهائيندي، پر ٻين جي گهرن ۾ ته ادا مان به ڪونه گهڙيو آهيان.“ هن کي ڪاوڙ اچي وئي هئي.
    گاڏي بيهاري، رينون ٽيڪ ۾ ٻڌي هن چؤ طرف نهاريو، سڀئي موجود هئا، سواءِ زوار ۽ هن خارزيءَ دينوءَ جي. هن محسوس ڪيو ته سڀ کانئس نٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سندس اچڻ کان پوءِ هرڪو ڪنهن نه ڪنهن ڪار کي لڳي ويو هو. ٻيا ته ٺهيو پر خيرو ۽ رسولو، جن يا عمر ۾ پنهنجي منهن تي به پاڻيءَ جو ڇنڊو نه هنيو هو، تن به پنهنجن گهوڙن جا منهن پئي ڌوتا. هو به چپ ڀڪوڙي گاڏيءَ تان لهي انگوڇي سان پکن ۽ پيرن کي اگهڻ لڳو. اگهندي اگهندي اوچتو هن رڙ ڪئي: ”آهي سودو خميسا جوٽ ئي جوٽ تي، ڳالهاءِ وڃي شاه سان.“
    خميسي ڇرڪ ڀري ڏانهس نهاريو، پر ڪڇائين اکر ڪونه. ان شاه به کيس ڪو جواب ڪونه ڏنو، جنهن کي سودي وقت امين مقرر ڪيو ويندو هو ۽ جو ٻنهي ڌرين سان انگوڇي هيٺان آڱرين ۾ ڳالهائي، گار وجهي تاڙو هڻندو هو. هو به پنهنجي منڊم ڇاپ کي اگهڻ ۾ مصروف هو. خميسي ۽ شاه جي وڏائي ڏسي هن کي باه وٺي وئي. هن کي پڪ هئي ته خميسو ته خميسو، پر سڀ ڀڳا ايندا. هو جڏهن به ڀوڳن ئي ڀوڳن ۾ بور کي وڪڻڻ جو خيال ڪندو هو، تڏهن سڀ وٽس ڀڳا ايندا هئا ۽ کيس چوندا هئا: ”رئيس، بور کي وڪڻڻ جا خيال دم ۾ به ڪندين ته الله ڪونه بخشيندءِ، ههڙا وهٽ دشمن تي داغ آهن.“
    هن خار ۾ ٻيڙي دکائي سوٽو ئي مس هنيو ته زوار به ڀر واري بئنڪ تي اچي سواري لاٿي. پاسينگر کان ڀاڙو وٺي هن گاڏي اچي سندس ڀرسان بيهاري.
    ”لڳئي ڪا چڱڙي سواري سوار؟“ هن زوار کان مرڪندي پڇيو. ٻين جي ڀيٽ ۾ زوار سان سندس گهاٽي سنگت هئي. هو ان ڌنڌي ۾ جهڙس ئي جهونو هو. پر زوار به پنهنجي وڏن شهپرن کي آنڱوٺي ۽ هٿ جي بڪيءَ سان مٿي ڪندي سندس سوال جو جواب ڏيڻ ضروري نه سمجهو. هونئن اهو ساڳيو زوار، پڇڻ کان سواءِ ئي سڄي ڏينهن جي ڪٿا کيس ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هو: ”يار رئيس، پاسينگرن وٽ به چلڪڻي شيءِ جو اگهه گهڻو اٿئي. سڄو ڏينهن رڙيون ڪندي نڙي ٿي سڪي وڃي ته مس ٿي ڪا سواري لڳي، وري ڀاڙو ڏيندءِ به ڪر ڪر سان.“
    ”نه ڪيو رزق جي خدمت ته اهڙا حال ڇو نه ٿيندو! سڄو ڏينهن بوراڪن کي وهائي وهائي وڃي مڪان ۾ جمنين تي ويهو. پوءِ وهٽن جو ڪير سماءُ ڪري؟“ هو پهريون سندس لاک لاهي، پوءِ وري کيس سمجهاڻيون ڏيندو: ”اڙي، ڪجهه گهوڙي جي خدمت ڪر. پنهنجي هٿن سان گاه پاڻي ڏيندينس ته مهيني کن ۾ مک پئي ترڪندس.“
    ”ها يار، چئين ته سچ ٿو، پر اڄ روپيو ٻه کن ته ڏياريجانءِ، مولا عليءَ جو قسم، رڳو ٻه ٺڪريون پيون آهن گيدي ۾.“ زوار ميسڻو منهن ڪري کيسي مان ٻه چانديءَ جا روپيا ڪڍي کيس ڏيکاريندو هو. پر اڄ اهو ئي زوار، پنهنجي پراڻي ٽانگي تي مپ هنيو، ائين سيٽيو ويٺو هو، ڄڻ هن ديڳ دنيا جي لڌي هئي. رئيس ”آخ“ ڪري سڀني ڏانهن نفرت سان نهاريندي، زور سان ”ٿو“ ڪري کانگهارو ڪڍيو. سندس منهن تي مرڪ اچي وئي، ڄڻ اهو کانگهارو سڀني جي منهن ۾ لڳو هجي ۽ پوءِ هودي ۾ لڳل گهنٽي کي پيرن سان وڄائڻ لڳو.
    ٽن ٽن، ٽڻن ٽڻن، گهنٽي جي آواز ۾ اهو زمانو ياد ڪرڻ لڳو، جن ڏينهن ۾ هن بگي گهوڙو وهائڻ شروع ڪيو هو. انهن ڏينهن شهر ۾ ڪل ٻه چار بگيون هيون. غريب غربو ته بگي تي پير به ڪونه رکندو هو. پوءِ جيئن شهر وڌندو ويو، تيئن بگيون به وڌنديون ويون. جيڪو به گهر کان پئي رٺو، تنهن پئي گاڏي گهوڙو ورتو. ان زماني ۾ ڪيترا وات ڳاڙها ڇوڪرا جنهن کي رينن جهلڻ جي به ٻيٽ ڪانه هئي، بگيون وهائڻ لڳا. جاتي گڏ ٿين، تاتي کل ٺٺوليون ۽ ڪچا ڀوڳ. هن کي اهي ڳالهيون ناپسند هيون، ان ڪري هو سدائين کين سمجهائيندو هو. پر هڪ ڏينهن اهو سمجهائڻ سندس پنهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. ان ڏينهن هو گاڏي اسٽان تي ڇڏي ڀر واري هوٽل ۾ چانهه جو ڪوپ پيئڻ ويو هو. جڏهن واپس موٽي آيو ته ڏسي سندس سيٽ تي ڪو ساوا ساوا متيرا رکي، ساڻس جٺ ڪري ويو هو. هو يڪدم گاڏيءَ تان لهي، رکڻ وارن جي ڀيڻ ماءُ کي گاريون ڏيڻ، پر اهي سڀ رهندو ڏند ڪڍي کلڻ لڳا. جيئن ته منڍ کان وٺي هن جا گهوڙا گاڏيون ۽ ٻيا ٽپڙ ٽاڙي چڱيءَ سينهريءَ سان هوندا هئا، ان ڪري هن جو سڀني تي ڪنٽرول هوندو هو ۽ ڪنهن کي اهڙي ڀوڳ ڪرڻ جي حسرت ڪانه ٿيندي هئي. اهڙي جٺ تي ماٺ ڪري ويهڻ ڄڻ ٻين کي به هاسڪار رستو ڏيکارڻو هو، ان ڪري ان آڱوٺي جيترن ڇوڪرن جو هٺ مارڻ لاءِ، هن نيٽي لڪڻ کڻي ان پارٽيءَ جي مکيه دينوءَ کي چيو هو: ”دينو، اهي چرچا ڀوڳ انهن سان ڪر، جيڪو تنهنجا سهي. مون کي خار آئي ته رت ڪڍي ڇڏيندوسانءِ.“
    ”ڪهڙا چرچا چاچا؟“ دينو مرڪڻ لڳو.
    ”ائون، هو پنهنجا بابا جو رکييءَ منهنجي سيٽ تي.“ هن کان خار ۾ گف وهڻ لڳي.
    ”اهي متيرا آهن. چاچا، تون متيري تي چڙهندو آن ڇا؟“ دينوءَ کي رهندي مزو پئي آيو.
    ”بس ڪر لنڊا، وري اها ٽڻ ٽڻ. آئينده اهو ڀوڳ ٿيو ته سر جو خير گهرجانءِ.“ هو پنهنجي گاڏي ڏانهن موٽندي شاه کي چوڻ لڳو: ”شاه، هنن کي سمجهاءِ، متان پوءِ پڇتائين.“
    ”مان ڇا کين سمجهايان. تون به جيترو چڙندين، اوترو چيڙائيندءِ.“ شاه به مرڪڻ لڳو.
    ”نه نه، مون سان ڪو کيچل نه ڪري. منهنجي رت ڦرندي دير ڪانه ٿيندي.“ هن خار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو.
    پر پوءِ ته رهندو سندن ٻيگهي مچي وئي. نه مهل نه موقعو، جاتي ملن تاتي چيڙ. اسٽيشن کان ايندي يا ويندي، جڏهن بگين جون قطارون پاسينگرن سان ڀريون هڪ ٻئي جي ڪڍ اينديون هيون، تڏهن لنگهندي هر ڪو کيس چيڙائيندو هو. اها ڳالهه برابر هئي ته هو به سندن ڀيڻ ماءُ ڪونه ڇڏيندو هو، پر تنهن هوندي به دل ۾ اها ڳالهه کيس خراب لڳندي هئي جو ان جو اثر خراب پوڻ لڳو هو. هن محسوس ڪيو ته ڪيترا معتبر پاسينگر جي اڳ سندس بگيءَ تي ئي چڙهندا هئا، هينئر کانئس پاسو ڪرڻ لڳا هئا. ڪيترا رونشي لوڏيا پاسينگر وري ٻڌ سڌ تي بگيءَ وارن وانگر کيس چيڙائڻ به لڳا هئا. ان ڏهاڙي هڪ وسڻي وائسڻي معتبر کي کنيو شهر پئي آيو. رستي کي ڪشادو ۽ خالي ڏسي هن به بور کي ڍر ڏني هئي ۽ اکين مان جنسي پاڻي پئي وهيو ته اوچتو اهو پاسينگر کانئس پڇي ويٺو: ”رئيس، تون متيري تي ڇو چڙندو آهين؟“ رئيس کي ڄڻ چوچڙي اچي وئي. هن خار ۾ ڏانهس ائين گهريو ڄڻ کيس ڪچو کائي ڇڏيندو. سندس دل گهريو ته جيڪر هن کي به اهي ٽِسريون زيرن زبرن سان ٻڌائي، پر ڪو خيال ڪري هن يشي ڏيئي کيس جواب ڏنو: ”ارمان آ صاحب، تون به لوٺين وارا سوال ٿو پڇين.“
    هن ٻٽي ڀيرا دينو ۽ سندس سنگت کي ٿڌي سيني سان سمجهائڻ جي ڪوشس ڪئي هئي، پر حرام جو هو مڙيا. جيئن پوءِ تيئن پيا کين پاسو وٺائڻ لڳا. پوءِ تنهن ڏينهن سندس وس کان ڳالهه نڪري وئي ۽ هو ڌو فوجداري ۾ هليو ويو. ان ڏينهن صبوح کان سندس مٿو ڦريل هو. هو روز صبوح جو گهوڙي کي کرکرو هڻي تيار ڪرڻ بعد، نيرن پاڻي ڪري پوءِ گاڏي ٻڌندو هو. ان ڏينهن گهوڙي کي جوٽڻ لاءِ تيار ڪري گهر آيو ته جوڻس اڃا ان وقت اٽو پئي ڳوهيو. خار ۾ ويچاري کي ٻٽي چنبا هڻي لنگهڻ تي گاڏي ٻڌي ٻاهر نڪتو ته کيس سواري ملي وئي. ڀريا ٻه ڪلاڪ پاسينگر کي هيڏي هوڏي گهمائڻ کان بعد جو کيس روپيو مليو ته مٿي کان پيرن تائين سڙي ويو. باه ۾ پئسا روڊ تي اڇلي هو اسٽان تي آيو ۽ اڃا پگهر به نه سڪايو هئائين ته هن پارٽيءَ پنهنجا ڀوڳ وري شروع ڪري ڏنا هئا.
    ”يار دينو، منهنجو ته بک ۾ ساه ٿو نڪري. هل ته ٻٽي گره کائي اچون.“ مرڪندي دينو کي چيو.
    ”تون ير ڀلي کائي آءُ. مان ته جهٽ کن ٿي متيرن جي ڀاڄي سان ڍؤ ڪري آيو آهيان.“ دينوءَ رئيس ڏانهن نهاريندي کلندي جواب ڏنو.
    سڄي سنگت ۾ ڪوڪرو مچي ويو. رئيس کي باه وٺي وئي ۽ هن رڙ ڪري چيو: ”ڪتا بڪ بند ڪر.“
    ”چاچا، مان توسان ڪو ڳالهايان ٿو.“ دينو ائين کلندي جواب ڏنو.
    ”تنهنجي اڄوڪي سج ۾ لاک نه لاهرايم ته مان ٻروچ مون ناهيان، پر تنهنجو تخم آهيان.“ ائين چئي رئيس گهوڙي کي چابڪ هڻي، گاڏي کي اسٽان مان ڪڍي فوجداري ڏانهن هليو ويو. هن در وٽ پهچندي ئي مٿي تان انگوڇو لاهي فوجدار جي پيرن ۾ اڇليو هو.
    ”فوجدار، تون به ٻروچ آهين ۽ مان به ٻروچ آهيان. من ٻروچڪيءَ تي نظر ڪري منهنجو داد ڪرين. دينو ڪهڙي رن جو پٽ آهي جو هڪ ٻروچ کي ”نناون“ جو نالو کڻي چيڙائي.“ هن روئڻهارڪو ٿي چيو هو ۽ فوجدار هڪدم دينو کي گهرائي کيس گڏه وانگر ڪٽي، بيگر ۾ سندس بگي ماري، جاچ ۾ هليو ويو هو. پوءِ جڏهن شام جو دير سان دينو موٽي آيو هو ۽ سڀني کي پاڻ سان ٿيل واردات جو ٻڌايو هئائين، تڏهن سڀني شهيد جي روضي ۾ قسما قسمي تي اها ٻڌي ڪئي هئي. ٻيا ته ٺهيو، پر زوار به وٺڻ جو نه هو. چي:
    ”رئيس دينوءَ کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيندو هو ته به اسان ڪجهه ڪونه ڪڇيو. هينئر رئيس ايڏي ”مگر“ وارو ٿي ويو، جو پنهنجي ڪرت واري کي فوجداري ۾ مارائي ۽ بيگر وهرائي!“
    ”رئيس لقمان هلندين؟.“ هڪ پاسينگر ويجهو اچي سندس خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو.
    ”ها بابل ڇو نه هلبو.“ رئيس سڀني ڏانهن نفرت سان نهاريندي بگي اسٽان مان ٻاهر ڪڍي ۽ پاسينگر کي ويهاري رينن کي ساه ڏني ته گهوڙو ڪنن وٽان ڌوڙ ورائڻ لڳو.
    ٻئي ڏينهن به ٽانگو ورائيندي صبح کان شام تائين کيس ڪو نه ڪو بگي وارو مليو، پر نه ڪنهن هن سان ڳالهايو ۽ نه ڪنهن ڪو گٿو لفظ ڪڍيو. ٻيا ته ٺهيو، خود دينو سڄي ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا دوبدو ٿيو هو، پر کيس ڏسندي ئي پري کان بگي روڊ تان لاهي پئي ڇڏيائين. هن کان اڳ هو عام طور ان جاءِ تان بيهڻ کان لهرائيندو هو، جتي دينو يا سندس سنگت بيٺل هوندي هئي، پر ٻئي ڏينهن هو هاسڪار ٻٽي ڀيرا سندن وچ ۾ بيٺو هو. هن موقعو پئي تاڙيو ته ڀلي ٻيو ڪو ساڻس ڀوڳ ڪري ته هو فوجدار کي دانهن ڏئي ان کي به رنڌ ڏياري، پر کيس اهڙو وجهه ڪونه مليو. سڀني جا وات سڪي ويا هئا. شام جو گهوڙي کولڻ وقت نورو وٽس آيو ته هن وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي نوري کي چيو:
    ”نورا، سگهڙن سچ چيو اٿئي ته سنڌ کلي سان ٻڌل آهي. ڏس ڪيئن نه ٻن موچڙن ۾ گز ڪري ڇڏيا اٿم.“
    ”اها ڳالهه ته برابر آ، پر رئيس توکي به سڄو ڏينهن ڪنهن سان ڳالهائڻ کان سواءِ مزو اچي ٿو؟“
    البته ٽئين ڏينهن جي شام جو جڏهن ”ايڪسپريس“ جون سواريون لاهي سڀ اسٽان تي بيٺا هئا ۽ ائين چپ چاپ لڳي پئي هئي، تڏهن رئيس جي ڪنن تي صاحبزادي ٽرئفڪ جي سپاهي جو آواز پيو. هو دينو کي چئي رهيو هو: ”هل دينو، توکي فوجدار صاحب گهرايو آهي.“
    رئيس ٽيڏي اک سان دينو ڏانهن نهاريو، جو ميسڻو منهن ڪري بگي اسٽان مان ڪڍي رهيو هو. چپ چاپ هئا. هر ڪنهن کي خبر هئي ته هن وقت دينوءَ کي بيگر کان سواءِ ٻيو ڇا جو سڏ هو.
    اوچتو رئيس پنهنجي ڏور کي زور سان سٽڪو ڏنو ۽ رڙ ڪري چيو: ”صاحبزادا! وڃي پنهنجي بابي فوجدار کي چؤ ته دين محمد ڪونه ايندو. کيس اهو به سمجهائي ڇڏ ته اسان بگيءَ وارا پاڻ ۾ وڙهون يا پرچون، تنهن ۾ هن جي ربيع يا خريف؟“
    صاحبزادو ٽرئفڪ جو سپاهي، عجب ۽ خار مان ڏانهس گهوريندي پوئتي وريو ۽ رئيس سڀني ڏانهن پيار سان نهاريندي، هودي ۾ لڳل گهنٽي وڄائڻ لڳو.


    ڪني آڱر

    وڏيري نور محمد خان جي ڌيءَ رات اوچتو بيمار ٿي پيئي هئي، سو ڳوٺ جون زائفون پڇڻ آيون هيس. نينگري سوڙ ۾ ويڙهي سيڙهي سمهي پئي هئي. ڪي زائفون مٿن کان، ڪي پيرانديءَ کان ويٺيون هيس ۽ ڪن کيس زور پئي ڏنا ته ايتري ۾ پڦي نوران لمڪا ڏيندي اچي نڪتي. چيلهه تي هٿ رکي، زائفن ڏي منهن ڪري چيائين: ”ٻيو ٻڌو!“
    ”ڇا؟“ ٻن ٽن زائفن جي وات مان نڪتو.
    ”زينب کي پوليس ٻڌي ويئي!“
    ”هان!“ زائفن جا وات ڦاٽي ويا. پيلا پيلا ڏند ڏيکاريون ڏيڻ لڳا.
    وڏيري جي ڌيءَ جا اڳي ئي پيلي ٿي پئي هئي، تنهن جو ويتر رت ڇڏي ويو. ويچاريءَ سوڙ کي ڇڪي کڻي مٿان وڌو. ان کان اڳ ته ڪا زائفان پڦيءَ نوران کان ان جو سبب پڇي، نانيءَ حاجل ناس جي دٻلي ور مان ڪڍي ان کي آڱر سان ٺهڪائيندي پڇيو: ”ڇو؟“ ان ”ڇو“ تي سڀني پنهنجيون اکيون کڻي پڦي نوران ۾ کپايون. وڏيري جي ڌيءَ به سوڙ ۾ چر پر ڪئي. هن کي به شايد سبب ٻڌڻ لاءِ آنڌ مانڌ هئي.
    ”حرامي ٻار ڄائو هوس. ڪوڏر سان کڏ کڻي پوريائين پئي ته ڪنهن مڙسالي ڏسي ورتس ۽ وڃي ٿاڻي ۾ رپورٽ ڪيائين.“
    ائين چپ ٿي ويئي، ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو. وڏيري جي ڌيءَ به چرڻ پرڻ ڇڏي ڏنو، صفا پنڊ پهڻ ٿي ويئي. وري به شابس نانيءَ حاجل کي، جنهن ناس جي چپٽي کن نڪ کي ڏيئي، پنهنجي هوش کي جاءِ ڪيو. کٽ تي سري جاءِ ڪيائين: ”آءُ نوران، هت ويهه. سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌاءِ.“
    ”نه ماسي، ويهڻ جي واند ڪانهي، گاه تي ٿي وڃان.“ پڦيءَ نوران وڏائي ڪئي.
    ”گهڙي ته ويهه، ڇوري!“ ملياڻيءَ پنهنجي عينڪ جا ڏاڍا ٺاهيا. پڦيءَ نوران به هاڻي ڳالهه کي چڱيءَ طرح ٻڌائڻ کان سواءِ وڃڻ واجب نه سمجهيو، سو ويهي رهي.
    ”ڇا ٻڌايانءِ ماسي.“ پڦيءَ نوران ڳالهه کي لانڍ سان شروع ڪيو. ”جماندار اهڙي مار ڏنيس، جو منهنجي توبهه.... ڄنڊا ئي ڄنڊا پٽيائينس!“
    ”ڇو نه ماريندس جماندار، اهڙو ڪم ته ڪسبياڻين کان به نه پڄي!“ صفوران اندر جو ساڙ ڪڍيو.
    ”پر مائي اها به بدنامي، اوڙي پاڙا وارا ٻڌي ڇا چوندا!“ ناني حاجل چيو.
    ”ڀلا اڳي گهٽ بدنامي هئي ڇا؟ ڪاٿي رهي نصرپور، ڪاٿي رهي خميسي جي وانڍ. ڪنهن کان ڳجها آهن هن جا پرڪار.“ ملياڻيءَ ڳالهه کي ٽيڪ ڏني.
    ملياڻيءَ جي ڳالهه سورهن آنا سچ هئي. تر ۾ گهڻو ڪري سڀني کي سندس افعالن جي ڄاڻ هئي. ڀلا ڳوٺ جو ڪهڙو ڳڀرو جوان هن کان بچيل هو. هن جنهن سان به هڪ حرف ڳالهايو، يا ڇڙي اک ملائي ته چندر جي رڪارڊ مصداق ان جي منٽن ۾ صفائي ٿي ويندي هئي ۽ پوءِ اهو همراه پنهنجن مائٽن کان ميلي جي بهاني ڳچ ڏوڪڙ وٺي يا پيءَ کان چوريءَ پنهنجي ان جي ٻار مان ڪجهه حصو کلومل جي حوالي ڪري، پر جي ائين به نه پڳو ته ڀر واري ڳوٺ مان ڪنهن جي وڇير ڍڳي ٻڌي مهاديءَ واري کي اڌ قيمت ۾ ڏيئي، شهر ۾ هن لاءِ شبن ململ جا گهگهرا ۽ ملائي جون سٿڻون سبرائيندو نظر ايندو هو. اهي سوکڙيون عطر ۾ ٻٽل سائي ڳاڙهي ريشمي رومال ۾ ٻڌي، زينب ڏي موڪلبيون هيون ۽ ان جي جواب ۾ ”چنڊ لٿي“ يا ڪڪڙن جي پهرئين دس وقت ملڻ جو انجام ايندو هو. جيستائين ان همراه جي پيءُ کي پنهنجي ٻار ۾ کوٽ نظر نه ايندي هئي، يا ان ڍڳي وڇير جو مالڪ ڍور سڌو ڪري باڪو وٺي گمراه جي گهر جو در نه اچي جهليندو هو، زينب جي مئي پيءُ ماءُ کي شد مد سان گاريون ڏيئي، اها چٽي ڀربي هئي. ان همراه جي، جي شادي ٿيل هوندي هئي ته جوڻس جا مهڻا ئي کيس هميشه لاءِ توبهه ڪرائي ڇڏيندا هئا، نه ته ٻيءَ حالت ۾ پير مٺل شاه سائين کي ميڙ ڪري ان همراه لاءِ برادر مان سنڱ وٺبو هو. ٻن ٽن هفتن اندر ان گهر مان شادي جا لاڏا ٻڌجڻ ۾ ايندا هئا. همراه نئينءَ ننڍيءَ ڪنوار کي هٿ ڪري خوش ٿي ويندو هو ۽ زينب ان کان آسرو پلي، ڪنهن ٻئي ڳڀرو جوان کي پاڻ ڏي ساهيندي هئي. ائين تعداد وڌندو رهيو. وڏيري جي وڏي ڪمدار ايوب ته هڪ ڏينهن ”نور مٺي“ جو قسم کڻي چيو ته هو ڳوٺ ۾ ٻن ٽن گهرن کان سواءِ ڪو اهڙو گهر بچيل ڪونه هو جو زينب جي مرڻ بعد سندس جنازي کي ڪلهو ڏيئي سگهي. اها ڳالهه ٻڌي زينب کي جيڪو شرم آيو، اهو ته خير، رهندو پنهنجي ساهيڙيءَ ڪريمت کي، جا ٿورين گهڻين پارين پاڻ جهڙي هيس، ڏند ٽيڙي چيو هئائين: ”اميد آ الله ۾ ته اهي ٻه ٽي گهر به نه ڇڏيندس.“ سندس بدچاليءَ ڪري ڳوٺ جي ڪنوارين ۽ جوان زائفن کي سندس گهر وڃڻ ته وري رهيو، پر ساڻس ڳالهائڻ جي به منع ڪيل هئي. جي اتفاق سان گاه ڪندي يا پلي پٽيندي ڪنهن ڇوڪريءَ جو روح سٽ ڏيندو هو، ساڻس ٻه حرف ڳالهائيندي هئي ۽ خدا به ڪري خير، جي اها خبر ان ڇوڪريءَ جي ڪنهن وڏي ڀاتيءَ کي پوندي هئي ته گهڙي کن ان گهر ۾ ٻرڙاٽ ٻڌبو هو ۽ ڇوڪري گيسون ڪري توبهه ڪندي هئي. ويچارا مائٽ به ايترو خيال ڇو نه ڪن؟ ڪريمت جو مثال سندن اڳيان هو. زينب سان ساهيڙپ رکڻ کان اڳ هوءَ ڏاڍي شريف ڇوڪري هئي، مجال جو ڪنهن مرد ماڻهوءَ سان اک کڻي ڳالهائي، پر جڏهن کان زينب جي صحبت ۾ آئي ته کري خراب ٿي پيئي. اهڙي ڳالهه کان پوءِ، ڳوٺ جي پرين مڙسن کي نانگ ته ڪونه کاڌو هو جو پنهنجين جواڻ جماڻ زائفن کي زينب ڏانهن وڃڻ ڏين!
    زينب عمر جي اڌ، رنگ جي سانوري هئي. سندس چپ مساڳ هڻڻ ڪري هميشه ڳاڙها نظر ايندا هئا. پنجن ٻارن جي ماءُ هئي. چار ته پنهنجن نالن سڏبا هئا، پر پنجون ”منڊو منڊو“ ڪري سڏبو هو. ان ويچاري کي به الله منڊو ڪيو، پر زينب ڪيو. ڳالهه ٿي هيئن ته راند کيڏندي پٽهنس هڪ يتيم ڇوڪري کي مار ڏني. اهو ڇوڪر روئندو وٽس آيو ۽ کيس دانهن ڏنائين. ٻارن جي فطرت، گهڙيءَ ۾ رسڻ ته گهڙيءَ ۾ پرچڻ، سو ان ۾ ڀلا ڪهڙو قياس ٿو ٺهي؟ پر هن پنهنجي کي اچي ڏنڊن سان ورتو. ڪي ڌڪ رحماني ڪي ڌڪ شيطاني؛ وري ٻار جو به ڪهڙو قوت.... لڳي جو ڇوري کي اولو ڌڪ ته ڄنگهه سڄي هت ٿي وئي. ڪنڀر ڏاڍيون لپريون ٻڌيون، پر ڄنگهه ڪانه ٺهي، ڇوڪر هميشه لاءِ منڊو ٿي ويو. سندس ٻارن جا رنگ به عجڪيب هئي. ڪي ڀورا باه جهڙا ته ڪي ڪارا ٺڪر. انهن ٻارن جي نسل بابت ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ڪريمت کي ٻڌائيندي هئي. مثال طور، جڏهن کيس پريل ڄائو هو ۽ ڪريمت کانئس پڇڻ آئي هئي ته ڇوڪري کي ڏسي چيو هئائين: ”ڇوري، پٽ ته واه جو ڄڻيو اٿئي.“
    زينب کلندي جواب ڏنو هو: ”ڇو نه سهڻو هوندو، پڻس به ته سهڻو آهي!“ ۽ پوءِ ڪريمت کي ڪن ۾ ٻڌايو هئائين ته صديق سان رستي رکڻ بعد مهيني اندر ئي کيس پيٽ ٿيو هو. ڪريمت کي اها ڳالهه دل سان لڳي هئي، جو صديق ڳوٺ جي ٺاهوڪن جوانن مان هڪ هو. اهڙي طرح کيس فريد ڄائو ته هن ڪريمت کي چيو هو: ”مڙئي ليک لکيل هو، ادي ڪريمت، نه ته امين ڪو منهنجي هيسي جيسي هو! هي ڇورو به ته ان تي ويو آهي.“ وري منهن بڇڙو ڪري، ڀر ۾ سمهيل فريد کي ڏسي چيو هئائين: ”رنگ ته ڇڏ، جو مان به ساوري آهيان، پر منهن جي تختي ۽ چنجهين اکين کي تڪي ڏسينس ته سود امين آهي!“ ڪريمت ٿوري دير ڇوڪري کي تڪي چيو هو: ”هائو ڙي، برابر تر به مارئي امين مان نه لاٿو اٿس!“ ڪريمت جو جواب ٻڌي زينب پچڪ ڪري زمين تي ٿڪ اڇلائي هئي. ڪريمت کي خبر هئي ته زينب اها ٿڪ زمين تي نه، پر حقيقت ۾ امين جي زال صفوران جي منهن تي اڇلائي آهي، جو هوءَ ان وقت زينب سان گڏ هئي، جڏهن صفوران زينب کي پنهنجي کوهيءَ تان پاڻي ڀريندي گاريون ڏنيون هيون ۽ زينب ماٺڙي ڪري بادشاه پير دستگير جو قسم کڻي، ڪريمت کي چيو هو ته هوءَ صفوريءَ کان انهن گارين جو ضرور پلئه وٺندي..... تان جو زينب امين جهڙي ڪاري رم سان رستو رکي کيس اهڙي ته مار ڏياري هئي، جو ڪيترا ڏينهن هوءَ کٽ تي پئي هئي.
    زينب جو مڙس خدا بخش ويچارو جيستائين جيئرو هو، تيستائين هن پنهنجيءَ زال کي سمجهائڻ کان نه گهٽايو. هن گهڻا ئي ڀيرا زال کي انهن افعالن تان ماريو هو. هڪ ڏينهن ته ڪهاڙي سان کيس صفا خون پئي ڪيائين، پر زينب جي رڙين تي همراهن اچي کانئس ڪهاڙي کسي. مٽن مائٽن جي صلاحن جي باوجود هن زال کي طلاق نه ڏني. ڳالهه اصل هيئن هئي ته زينب جي نالي سرڪاري رڪارڊ ۾ ڏهه جريب زمين هئي، جا خدا بخش آباد ڪندو هو. جي زال کي طلاق پئي ڏنائين ته اها زمين به پئي هٿن مان ويس. مڙئي دڙڪي داٻ ۾ ڪم ٽپائيندو پئي آيو – تان جو وڃي پنهنجي ڏيهه پهتو. مڙس جي فوت تي وڃڻ بعد زينب کي ويتر ڇوٽ ملي وئي. اهي ئي حال، اهي ئي افعال، البته اولاد جي خواهش سو ڇڏي ڏنائين. ڪجهه دائين جي صلاح، ڪجهه دوائن جي مدد – مڙيئي ڪم ٽپندو پئي آيو.
    ”پر پڦي نوران، ادي خدا بخش کي گذري به ٻه ٽي سال ٿيا. تنهن بعد هوءَ هميشه ان ڳالهه جو خيال رکندي هئي. ايترن سالن ۾ کيس ڪجهه نه ٿيو ۽ هاڻي اهو وري ڪيئن؟“
    ”مون کي ته ڪا ٻي ڳالهه ٿي نظر اچي.“ هڪ زائفان عقل ويڙهايو.
    وڏيري جي ڌيءَ سوڙ مان منهن ڪڍيو. سڄي پگهر ۾ وٺجي ويئي هئي.
    ”مائي، اهو قدرت جو ليک آهي، جنهن کي نه دايون ٽاري سگهنديون، نه دوائون.“ ناني حاجل مولوي ڪهاڙي جي انداز ۾ چيو.
    ”پر، ماسي پاڻ به سچي ڪئي اٿس ته ٻار سندس آهي!“ پڦي نوران چيو.
    وڏيري جي ڌيءَ اهو جملو ٻڌي ٿڌو اونهو شوڪارو ڀريو – ائين ڄڻ هن جي سيني تان ڪو بار لهي ويو هجي، پر سندس اکيون ڪنهن عجيب احساس جو اظهار ڪرڻ لڳيون ڄڻ هن جي ڪا املهه شيءِ وڃائجي ويئي هجي – ڪا اهڙي شيءِ، جا هن جي پنهنجي وجود جو حصو هجي.
    گهڙي کن ماٺ ڪري، پڦيءَ نوران وري ڳالهه کي چوٽ چاڙهيو: ”هڪڙي سپاهيءَ پئي چيو ته ست سال ٽيپ ملينديس.“
    ”ست سال!“ هڪ زائفان کان چيٽ نڪري ويئي. وڏيري جي ڌيءَ جون اکيون به اهو ٻڌي ڀرجي آيون. وري گهڙي کن سانت ٿي وئي.
    ”هڪ ڳالهه ۾ ته اهو چڱو ٿيو، ناني ملياڻي!“ هڪ زائفان چيو.
    ”ڪهڙيءَ ڳالهه ۾؟“
    ”زينب کان جند ته ڇٽي!“
    ”ها، اها ڳالهه چئه، هونئن به ڪني آڱر وڍي ڀلي!“
    وڏيري جي ڌيءُ شور مان ملياڻيءَ کي ڏٺو. سندس ذهن ۾ ور ور ڪري ڪني آڱر جا لفظ ڦرڻ لڳا. هن سوڙ ڇڪي کڻي پنهنجي مٿان وڌي. هن جي اکين مان شڪر گذاريءَ جا ڳوڙها وهي، وهاڻي کي پسائڻ لڳا. هن جي چپن ڀڻڪيو: ”زينب، ماسي زينب.......!“


    ڀت

    هن پهريون اٿي ڪوٺيءَ جو دروازو بند ڪيو، جيئن ڀر واري ڪوٺيءَ ۾ سمهيل ڀاڻس ڳالهائڻ تي اٿي نه اچي. پوءِ الماري کولي، ان مان هڪ ڳاڙهو چلڪڻو پئڪيٽ ڪڍيو. پئڪيٽ صاف هو، مٿس مٽيءَ جي دز به ڪانه هئي، پر ان جي باوجود بوٽن جي دوڪان وانگر اشد آڱر سان ٺڪ ٺڪ ڪري هن رومال سان اگهڻ مناسب سمجهيو. ان وچ ۾ مان ننڍڙي ٻار جيان وات ڦاڙيو ڏانهس ڏسندو رهيس.
    ”ڏس ير.“ هن وڏائيءَ سان مون ڏي نهاريو. ”هن پئڪيٽ ۾ توکي هتان جي انهن سڀني سهڻين ڇوڪرين جا فوٽا لڀندا، جن جو هن وقت تائين مون سان لاڳاپو رهيو آهي. گهڻو ڪري سڀئي وڏ گهراڻيون آهن. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو توکي ئي پيو ڏيکاريان، کڻ قرآن جو قسم ته ڪنهن کي ڪونه ٻڌائيندين؟“
    ”ها.“ مان الائي ڇو ”ها“ کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيس.
    ”ڇڙي ها مان ڪجهه ڪونه ملندو، اول ڪو ڀلو سائين به وچ ۾ هجي.“
    ننڍي هوندي ڪو ڪن ڦاڙ جوڳي نانگ کڻي ايندو هو ته ويڙهي جا سڀ ٻار سندس چوڌاري ميڙ ٺاهي بيهندا هئاسين. نانگ ڏيکارڻ کان اڳ، جي هو مرلي وڄائڻ يا ٻڌائڻ ۾ ته هن اهو نانگ ڪٿان پڪڙيو ۽ ڪيترو مدو پيل آهي، گيسر ڪندو هو ته اسان کي جڪ پيا ايندا هئا. اسان جي دل رڳو چوندي هئي ته هو سڀ ڳالهيون پوءِ تي رکي، پنهنجي ڪانن واريءَ ڇٻيءَ جو ڍڪ مٿي ڪري ته ڏسون ڪاريهر آهي يا ڪنڀارو – سندس ان اجائيءَ گيسر تي به اوتري ئي خار آئي، پر ماٺڙي ڪري تڙ تڪڙ ۾ قسم کنيم، جيئن وڌيڪ ڪا دير نه ڪري. جيئن ڪو پاڪ ڪتاب کولبو آهي، تيئن هن آهستي پئڪيٽ کولي، ان مان هڪ فوٽو ڪڍيو. هن عجيب نظرن سان فوٽو کي ڏسندي، ٿڌو شوڪارو ڀريندي فوٽو مون کي ڏنو ۽ چيو: ”اها چمپا اٿئي“ – مان چمپا کي ڏسڻ لڳا. فوٽو تڪڙ ۾ ڪڍيل پئي نظر آيو. سندس کاٻي هٿ ۾ ڪتاب هئا، جن کي سيني سان لايو شايد اسڪول ڏانهن پئي وئي. ڪپڙن لٽن مان ڊيسنٽ واڻياڻي پئي لڳي. مان سندس سهڻن مهانڊن کي ڏسڻ لڳس ۽ هو مون کي هن بابت ٻڌائڻ لڳو: ”گڙنگ سيٺ جي ڌيءَ هئي. لڪ ۽ واڻڪي اسڪول ۾ پڙهندي هئي. هڪ ڏينهن کيس اسڪول ويندي ڏٺم، دل کي الائي ڇا ٿي ويو – کيس ڏسڻ بنان آرام ئي ڪونه ايندو هو. پوءِ اهو نيم ڪري ڇڏيم ته جڏهن هوءَ ڪتاب کڻي اسڪول ويندي هئي ته مان به سندس ڪڍ لڳندو هوس. کيس سندس اسڪول ڇڏي، پوءِ پنهنجي ڪلاس ۾ اچي ويهندو هوس. ائين ڪندي مهينو کن گذري ويو. هڪ ڏينهن کٽي ٿي کڻي – ڇا ٿو ڪيان جو هڪ وڏو خط لکي سندس اسڪول جي ائڊريس تي روانو ڪري ڇڏيم. بيوقوفي سببان پنهنجي سموري ائڊريس به لکي ڇڏيم، جيئن جواب ڏيڻ ۾ کيس ڪا تڪليف نه اچي. ان ڏينهن هوءَ اسڪول ۾ نه آئي ۽ سندس خط ماسترياڻيءَ کوليو. پوءِ ته يار، ممڻ مچي ويو. ماسترياڻي اهو خط سڌو اسان جي پرنسپال ڏانهن موڪليو. پرنسپال به هو هندو، تنهن کي اچي ڌرم جي لڳي. ٻي ڏينهن اسان ڪلاس ۾ جاميٽري پئي ڪئي، جو پٽيوالو مون کي سڏڻ آيو. آفيس ۾ لنگهيم ته نيٽي لڪڻ سان وڍي ويو. منٽن ۾ بت تي اينگلون ۽ ٽرينگلون ٺاهي ڇڏيائين. هڪ جو نشان ته اڃان پٺيءَ تي هوندو.“ هن قميص مٿي ڪري پنهنجي پٺي مون ڏي ڪئي، مان سندس ڪاريءَ پٺيءَ کي چڱي طرح جاچي، کيس ٻڌايو ته هينئر اتي نشان ڪونه هو.
    ”خير ڊهي ويو هوندو. ڏينهن به ڳپل ٿيا اٿس.“
    ”پوءِ“، ٿوري دير کانپوءِ مان کانئس پڇيو.
    ”پوءِ ڇا، ويئي امام دي فوج نال ڳنڍجي.“
    ”اهو ڪيئن؟“ منهنجو عجب ۾ وات ڦاٽي ويو.
    ”ڪيئن وري ڪيئن ! پوءِ ته ڳالهه رهندو سهنجي ٿي پئي. هڪ ڏينهن جيئن اسڪول پئي وئي تيئن اشارو ڪري اندر وٺي آيومانس. کيس اڳي ئي ان ڳالهه جي ٿوري خبر پئجي چڪي هئي، ويتر جو کيس ڏنا ڏيکاريم ته جنسي روئي پئي. پنهنجو ٿاڪ مچي ويو. اسڪول ايندي ويندي، ڪلاڪ کن مون وٽ اچي ويهندي هئي، ڏاڍا قرب ونڊي کيس موڪل ڏيندو هوس. ٻه ٽي مهينا کن ايئن قصو هليو. ٿورو ڪڪ ٿيڻ لڳو هوم ته هي ورهاڱو ٿي ويو ۽ هو هندستان هليا ويا.“
    ٿوري دير ماٺ ۾ رهي هن وري چيو، ”ڏاڍي ٺاهوڪي هئي، مان سندس بُت کي هٿ لائيندو هوس ته ايئن سمجهندو هوس ته انساني چمڙي تي نه پر اصلي جاپاني پٽ تي هٿڙا گهمائي رهيو آهيان. هاءِ هاءِ ... “ هن پئڪيٽ مان ٻيو فوٽو ڪڍي مون کي ڏنو، مان فوٽي کي ڏسڻ لڳس. هڪ گهريلو قسم جي ڇوڪري نماڻائيءَ سان ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي، وصفن ۾ واهه جو نمه هئس. مان دل ۾ کيس ساراهڻ لڳس ۽ هن پنههنجو بيان، جاري ڪيو ”هن جو نالو ”ممتاز“ هو. هن جي خاندان سان اسان جا گهرا تعلقات هئا. ٻارين ٻچين اچڻ وڃڻ هوندو هو. مون کي به اچڻ وڃڻ کان ڪا روڪ ڪانه هوندي هئي. اها ڳالهه ٻي هئي ته ”چمپا“ جي وڃڻ کان اڳ مان سندس گهر ٿورو ويندو هوم ۽ پوءِ گهڙيءَ گهڙيءَ سڪ لڳندي هئي. انهن ڏينهن ۾ دماغ شريف ۾ به عقل ذرو آندو هوم. پنهنجي جهوپڙيءَ هيٺان صاف پاڻي هوندي پري ٻئي هنڌ وڃي اڃ لاهڻ به سياڻپ ڪانه هئي. تنهنڪري ”اول خويش ۽ پوءِ درويش“ جي قول کي ياد ڪندي، ٻيا پاسا ڪجهه وقت لاءِ ڇڏي پنهنجي ممتاز ۾ ئي نطرون کپايم. روز صبوح شام جو وٽس وڃڻ لڳس، ڪڏهن ڪنهن حيلي ته ڪڏهن ڪنهن بهاني. گهريلو ڇوڪري معنا گونگو پاڻي، جيئن ڪو ڀئو ڪري تيئن ٻڏي، سو هڪ ڏينهن همٿ ڪري کيس سڀ ڪجهه چئي ڏنم. دل ۾ پوڻا سورنهن آنا پڪ هيم ته جواب سريلو ملندم. ٿيو به ائين، ٻٽي ڏينهن ئي نه گذريا هئا ته نيري لفافي اچي ٺڪاءُ ڪيو. دل کي بهاري اچي وئي. ان وقت ئي سندس مهرباني مڃڻ لاءي ڏانهنس ويم. مونکي ڏسي سندس سهڻيون اکيون هيٺ جهڪي ويون ۽ سندس مکڙي تي حياءُ کان لالاڻ اچي وئي. پر پاڻ کي ائين خالي خولي عشق ڀانءِ نه پوندو آهي ۽ وجهه تاڙڻ لڳس. هڪ ڏينهن جڏهن سندس گهر جا ڀاتي ٻاهر ويل هئا ته مان وٽس پهچي ويم ۽ ان ڏينهن ئي کيس ”سوٽ“ بنائي ڇڏيم.
    ”هينئر ڪٿي آ؟“ مان کانئس پڇيو.
    ”اتي ڀرسان ئي، پر اڄڪلهه وٽس ڪونه وڃان.“
    ”ڇو؟“
    ”پاڻ کي پاروٿا مال نه وڻن، اسان تازن مالن جا شوقين آهيون.“ هو کلڻ لڳو ۽ مان به ڏند ٽيڙي کلڻ لڳس.
    هن ٽيون فوٽو ڪڍي مونکي ڏنو. ڏسي بت مان سيراٽيون نڪري ويون. حسن جي راڻي، سائڪي به هن کان سهڻي، ڪپڙن هوندي به ڪنهن عظيم سنگتراش جو اگهاڙو بت پئي لڳي، سندس سهڻا سهڻا نقش ڏسي قدرت جي ڪاريگري جي ڪمال کي مڃڻو پئي پيو.
    “ڪير آ هيءَ“ مان ڌڙڪندڙ دل سان کانئس پڇيو.
    ”هن بابت نه پڇ“ هو مشڪڻ لڳو. سندس نگاهن ۾ اهڙي چمڪ هئي جا صرف وڏائي ۽ مغروري وقت پيدا ٿيندي آهي.
    ”نيٺ به ؟“
    ”خانصاحب نور حسين خان جي ڌيءُ آهي. نالو اٿس نوري.“
    ”آهي به نور“
    مان کيس ماٺ ڏسي ڏانهنس ڏٺو ۽ اکين ۾ ايلاز ڪيا. هن ڪنڌ ڌوڻي نوري جي ڳالهه شروع ڪئي.
    ”انهن ڏينهن ۾ مان بي. اي جي ٽئين سال ۾ پڙهندو هوس جو هوءَ به ڪاليج ۾ داخل ٿي. مان ته کيس ڏسندي ئي چريو ٿي پيس. پنهنجو ڪلاس ڇڏي سڄو ڏينهن هن جي ڪلاس جا چڪر پيو هڻندو هوس. پنهنجي ڪلاس ۾ هجي ها ته ڳالهائڻ جو موقعو به ملي ها، پر هوءَ ته مون کان هڪ سال هيٺ هئي. دل ۾ سوچيم ته فلاڻا، جي هن گل جو واس وٺڻو اٿئي ته فيل ٿي، هڪ سال. اهو سال امتحان ۾ نه ويٺس ۽ ٻي سال هو به اچي پاڻ سان گڏ ٿي. پوءِ ته نوٽس ۽ ڪتابن جي بهاني هڪٻئي سان ڳالهائڻ پيو ٿيندو هو. ڪاليج ۾ مان مکيه شاگردن مان هڪ هئس، ڇا راندين ۾، ڇا ٻين ڳالهين ۾. منهنجي انهن قابليتن کي ڏسي روز بروز منهنجي ويجهو پوندي ويئي، هڪ ڏينهن، خالي پيرڊ ۾ ٻئي لان ۾ گهمي رهيا هئاسين ته ڳالهين ڳالهين ۾ هن ٻڌايو ته، شايد هن سال کانپوءِ هو نه پڙهي. سندس اها ڳالهه ٻڌي مان کيس ڪو جواب نه ڏنو ۽ ڀرسان پيل بئينچ تي ڪنڌ جهڪائي ماٺ ڪري ويهي رهيس.
    ”ڇو ماٺ ڪري وئين؟“ هوءَ به ڀرسان اچي ويهي رهي.
    ”ائين ئي“ مان کيس ڪجهه نه ٻڌايو، خيال ڪيم ته ڀلي ڪجهه زور ڀري.
    ”ٻڌاءِ نه؟“ هن ڪجهه اهڙي نموني پڇيو ڄڻ هن کي منهنجي هر ڳالهه تي هڪ قسم جو حق هو.
    اهڙو وارو ته ملي. هڪدم پنهنجي پيار جو اظهار ڪيومانس. اڳئين سال امتحان ۾ نه ويهڻ جي به حقيقت ٻڌائي مانس. ڏٺم ته سندس اکيون آليون ٿي ويون ۽ هن ٿوري دير سوچي منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي چيو ”مان تنهنجي آهيان.“ پوءِ پنهنجي رات ٿي وئي. ڪاليج مان گسائي هت ايندا هئاسين. نوڪر ٻاهرين دروازي کي ڪلف ڏئي هليو ويندو هو، ۽ هوءَ هوندي هئي ۽ مان هوندو هوم. ڪڏهن ڪڏهن پور پوندو هوس ته اڌ رات جو به ڀاءُ جا ڪپڙا پائي هت اچي ٺهڪو ڪندي هئي. سڄي رات رهاڻيون ڪري پوءِ موڪل ڏيندو هومانس. جلد ئي مائٽن تڙ تڪڙ ۾ هن جي شادي ڪرائي ڇڏي، هينئر پٽ ڄائو اٿس، ”بس ڪهري ڳالهه ٻڌايانءِ رنگ سو ڀورو اٿس، باقي هن کي لڪائي مون کي ڪڍ.“ ٿوري دير ماٺ ۾ رهي هن وري چيو ”يار، ڏاڍو کارايائين، پاڻ ته حرام جو آنڪ به مٿس خرچ ڪئيسين.“ هن ٻيا به فوٽا ڏيکارڻ گهريا، پر منهنجو موڊ آف ٿي ويو هو. پنهنجي سڄي عمر ڇوڪرين پٺيان جتيون گسائيندي گذري هئي پر هڪ ڇوڪري به مٺڙي مرڪ سان پاڻ ڏي ڪونه نهاريو هو. حالانڪه مان لک ڀيرا کانئس شڪل ۾ چڱو هوس، سندس ڪارو ٿلهو بدن ۽ ڪدوءَ جهڙو نڪ ته الٽيءَ جهڙو هو اندر جي سور کان، نه چاهيندي به ان ڳالهه جو سبب پڇي ويٺس.
    ”ادا شڪل تي ڪونهيءَ“ هو مشڪندي جواب ڏيڻ لڳو. ”رڳو ساعت جي ڳالهه آهي، تون سهڻو آهين پر ساعت ڪانهيءَ. مان شڪل جو سادو آهيان ته به پرين کي نوائي سگهان ٿو.“
    اٿڻ کان اڳ فوٽا کيس موٽائي ڏنم. پاڪيٽ ۾ واپس رکڻ کان اڳ هو بکين وانگر فوٽن ڏي نهارڻ لڳو. الاجي ڇو مون کي هو بکين مان ڏسڻ ۾ آيو، جيڪي بک جي باوجود، گهربل شيءِ کي ڪنهن سبب کان نه کائي سگهندا هجن.
    پنجن ڇهن ڏينهن کانپوءِ هڪ شام جو وٽس ڪچهريءَ لاءِ ويس. اڱڻ لتاڙي ڪوٺيءَ جي ٻيڪڙيل دروازي وٽ پهتس ته، اندران سندس آواز ٻڌم. هو ڪنهن کي چئي رهيو هو.
    ”ڏس ير، هن پئڪيٽ ۾ توکي هتان جي انهن سڀني سهڻين ڇوڪرين جا فوٽا لڀندا جن جو هن وقت تائين مونسان لاڳاپو رهيو آهي. گهڻو ڪري سڀئي وڏ گهراڻيون آهن. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو توکي پيو ڏيکاريان. کڻ قرآن جو قسم ته ڪنهن کي ڪونه ٻڌائيندس.“
    جيستائين ٻڌندڙ قسم کڻي، مان در کي ڌڪو ڏئي اندر ٿيس. ڏٺم ته سندس هٿ ۾ اهي ئي ٽي فوٽا هئا. مونکي ڏسي سندس منهن جو پنو ايئن لهي ويو، ڄڻ بند چالون کيڏيندي ڪنهن سندس ”کول“ ڪرائي هجي ۽ هو رڳو ”ڀُت“ نڪتو هجي.


    ڊمي

    مسز ۽ ميان امين الدين وارن وٽان موڪلايوسون ته سندس مکڙي تي اها ئي ”پئٽنٽ“ مرڪ هئي، جنهن سان چپن تي لڳل ”گالا“ جي سرخي به نه بگڙندي آهي ۽ ماڪوڙي کاڌل بي سرا ڏند به نظر نه ايندا آهن. موٽ تي به هوءَ ماٺ ۾ هئي، پر سندس رنگ ائين پئي ڪاراٽبو ويو، جيئن نيرو آسمان آنڌاري اچڻ کان اڳ پنهنجي نيراڻ مٽائي ميرانجهڙو ٿيندو ويندو آهي. گاڏي پنهنجي گهر جو گيٽ ٽپي اڃا مس بيٺي ته پوءِ هوءَ پاڻ جهلي نه سگهي ۽ ڊرايئور جو انتظار ڪرڻ بدران پاڻ ئي ”ڊور“ کولي تڪڙي تڪڙي فرش لتاڙيندي اندر هلي وئي. اندر گهڙيم ته سندس ولائتي سويڊ وارو پرس ٽيبل تي سٽيو پيو هو ۽ پاڻ سيٽي تي ائين ڦان ٿي پئي هئي، جيئن ”ارمس“ جي ڪا ”ڊمي“. مون کي ڏسي هن ڪجهه ڪونه ڪڇيو، پر جان رابرٽس جي ٺهيل سئنڊل کي پيرن جي لوڏي سان ڪنڊ ۾ اڇلايائين، جن مان هڪ پادر ته جيٽ جهاز جي تيزيءَ سان ٽي وي اسڪرين کان ذري گهٽ پاسو ڪري وڃي ڪئبينٽ سان ”ڪرئش“ ڪيو ۽ اونڌو پئجي رهيو.
    مون هڪ نظر سندس سئنڊل تي وڌي، جي مون لنڊن ۾ رهندڙ دوست کي پنهنجي پراڻي دوستيءَ جا واسطا وجهي، ويهه پائونڊ ڀري گهرايا هئا ۽ ٻي نظر هن جي منهن تي وڌم، جو امپورٽيڊ ميڪ – اپ جي باوجود ڪنهن ديسي ڌوتل ۽ ڦٽل ڪپڙي جيان ٿي ويو هو. مان گهڙي کن ته اتي ئي هڪ جاءِ تي بيٺو رهيس، پر پوءِ کيس پرچائڻ لاءِ سندس ڪلهي تي هٿ رکي ٺاريندي چيم: ”ڇو، ڇاهي من؟“ ”ڪجهه ڪونهي.“ هن رکو جواب ڏنو، پر ڳالهائڻ جو انداز اهڙو، جو گهڻو ئي ڪجهه هو.
    ”نيٺ به؟“
    ”چيومانءِ نه ته ڪجهه ڪونهي.“ هن ڀيري آنڌاريءَ جون پهريون سٽون.
    مون سندس ان رهڙ تي کلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجي سڪل نڙيءَ مان اهو آواز اهڙو نڪتو، جهڙو سڪرات واري حالت ۾ ئي نڪرندو آهي. مان تنهن هوندي به ناس پِتو پڪو ڪري هن جي ڀرسان وڃي ويٺس. هوءِ سنئي سڌي سمهي پئي هئي. سندس بلائوز ٿورو مٿي ڇڪجي ويو هو ۽ سندس ساڙهي هيٺ ڍاڪن تي کسڪي وئي هئي. ساڙهيءَ جو پلئه، جو پيٽ جا سمورا عيب ثواب ڍڪي ڇڏيندو آهي، سو هيڏي هوڏي ٿي ويو هو ۽ سندس پيٽ جا ڊٻڙ ۽ ”سيزرين“ (سيزرين = آپريشن جا نشان) جو نشان ظاهر ڪري ڇڏيو هئائين. مون پيار سان سندس پلئه ٺاهيو ته اهو ساڳيو ئي پيٽ نيري شفاف پلئه مان ائين جهلڪا ڏيڻ لڳو، جيئن ڪو چوڏهينءَ جو چنڊ. هن تنهن هوندي به ڪي ڪونه ڳالهايو ۽ خالي خولي ڇت کي تڪيندي رهي، ڄڻ ته سندس وت ۾ اها تربوزي رنگ جي زبان ئي ڪونه هجي، جنهن کان ٻارن جا ته ڇا، پر منهنجا به ڏوه ڏڪندا آهن. گهڻي گهڻي دير کان پوءِ هن ٿڌو شوڪارو ڀريو جو منهنجي منهن تي ائين لڳو، جيئن ڪو برفاني هوا جو زوڪاٽ. پوءِ هن نماڻيون اکيون کڻي مون کي چيو: ”هڪ ڳالهه مڃيندين؟“
    منهنجي دل گهريو ته کانئس جيڪر پڇان ته انهن پندرهن سالن جي عرصي ۾ مون سندس ڪهڙي ڳالهه موٽائي هئي ۽ جي مون کي ڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي اختلاف رهيو به هجي ته اهو هن هميشه واچوڙي جيان پهرين يا ٻي سٽ ۾ ڪک پن وانگر ٻهاري اڏائي ڇڏيو هو. پر جنهن وقت مون پنهنجي نظر هن جي منهن تي وڌي، جو هينئر روپ وٺڻ لڳو هو ته ان مٿي آسمان تي چوٽ چڙهي ويل آنڌاريءَ کي وري هيٺ لاهڻ ۽ ان جون سٽون سهڻ جو پاڻ ۾ ڀوتو نه ڀانيم. مون تڙ تڪڙ ۾ چيو: ”جيڪي چوين.“
    ”هل ته واپس هليا هلون.“
    جون مهيني جي شروعات هئي. لڪون، ٻتون ۽ جهولا زوران زور هئا، پر اهي جهولا مون کي ٿڌي هير جيان پئي لڳا، ڇو ته انهن تي ئي پنهنجو روزگار هو. اهي جهولا ۽ ٻٽون نه پون ته ديرن ۾ پيل وليون ڪيئن ڳاهجن ۽ پيوندي باغ ۾ چونسي ۽ بيگن پالي جي وڻن ۾ ٽنگيل دليون ڪيئن ڪڪورجن. انهن ڏينهن مون سانده پندرهن ڏهاڙا زمين تان لڪون ۽ جهولا سهي سندس گهاٽن وارن جي ڇانو ۾ آس وٺڻ ۽ جيستائين هو فصلي چونسا پچن، سندس چونسي جي ڦار جهڙي زبان مان اهو ساڳيو ئي سواد وٺڻ پنهنجي گهر آيو هوس. ٻار گهڙي کن ٿي هئي جو وڃي ستا هئا. هوءَ به هئو مئو ٽاري اچي ڀرسان ليٽي هئي. مون سندس پٺيءَ تان هٿ ڦيرائي، چيلهه واري مٿاٿريءَ کان پسار ڪندو هيٺين حصي بئڪ تي پئي آندو، جو حصو ان ذات جي سونهن هوندو آهي ۽ جنهن جو سنڌيءَ ۾ اهڙو سريلو نالو ڪونهي. اهو بت جو حصو ڪپڙي بنا ڪنهن استاد گويي جي ستار جي هيٺين پالش ٿيل حصي جيان لڳندو آهي ۽ جنهن کي هو نهائين سان لائي، پوءِ ئي ڪا وقت جي راڳڻي ڇيڙيندو آهي، اهو ساڳيو حصو ڪنهن سوڙهي ڇڪي ٻڌل ساڙهيءَ ۾ ته وري ان کان به اڳرو لڳندو آهي. هو جنهن وقت ماربل يا موزي جي لسن فرشن تي ساڙهي جا پلئه ٺاهينديون، چيلهه کي موڙا ڏينديون اڳيان اڳيان ترنديون هلنديون آهن ته پويان ايندڙ مردن جي دوڏن مان نڪتل تارن جي گرميءَ تي اهو بت جو حصو مخصوص تال ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿڙڪندو آهي ۽ پويان ايندڙن جي دلين کي به ان ساڳيءَ تال ۾ ٿڙڪائي فنا ڪري ڇڏيندو آهي. مردن جون دليون هڪ ڀيرو ابتي تال ۾ ڌڙڪي هميسه لاءِ اهو روڳ حاصل ڪري وٺنديون آهن ۽ دل جي بيماري جي شروعات ان گهڙي کان ٿيندي آهي. ها ته مون ڳالهه پئي ڪئي ته منهنجو هٿ ان وقت دنيا جهان جي ان خوبصورت چاڙهيءَ تي پئي چڙهيو ۽ مون به رات جي راڳڻي ڳائڻ لاءِ سوڙا پئي ملايا ته هن مون واري هٿ کي عرش تان لاهي فرش تي سٽيندي چيو: ”هٿ ته پري ڪر، توبهه گرمي ته ڏس.“
    ”هينئر اچي ڀيڄ ڀني آ. ڪاٿي آ اها گرمي؟“ مون وات ۾ گڏ ٿيل گگ لاچار ڳهندي چيو.
    ”نسورو ناحق آ، دوزخ به ههڙو ڇا هوندو!“
    مون ڪجهه ڪونه ڪڇيو. هونئن مان انهن ها ۾ ها ڪرڻ وارن مان هوس، جي ڏينهن جو تارا ڏسڻ تي به آمنا صدقنا ڪندا آهن، پر ان وقت مان ڪيئن پئي سندس ڳالهه کي ٽيڪو ڏنو. البته دوزخ جهڙا ڀنڀٽ منهنجي دل ۾ سو ٻرڻ لڳا. هن ٿوري دير منهنجي جواب جو انتظار ڪيو. کيس ڪو جواب نه مليو ته ٿڌو ڇنڊو هڻڻ لاءِ چوڻ لڳي: ”سيارو ڪهڙو نه سٺو آ ان ڳالهه ۾.“
    ”سياري جو قدر به ته هي اونهارو ڪرائيندو آهي. جي اونهارو نه هجي ته سيارو ڪو وڻي.“
    ”ٻڌان ٿي ته اڄ ڪلهه حيدرآباد جي موسم ڏاڍي سٺي آهي. هل ته مهينو کن اتي هلي رهون.“ هن ٿورو منهنجي ويجهو ايندي چيو.
    ”ڏسين ٿي ته مٿي کنهڻ جي به فرصت ڪونهي.“ مون سندس چپن تي چپ چنبڙائيندي چيو.
    ”هن جهان جا ته ڪم ئي ڪونه کٽندا.“
    ”ڇا ڪجي، مڙئي جيئن تيئن گذارڻو.“
    ”ڏس نه ٻارن کي به گرميءَ جون موڪلون آهن. آخر هنن ويچارن ڪهڙو گناه ڪيو جو ٻارهين مهيني به کين تفريح نه ملي.“
    مون ان ڳالهه جو جواب پچائڻ لاءِ پنهنجا چپ وڌايا ته هن وري چپ ڀڪوڙيندي چيو: ”ٿورو ترس، ساه ته کڻان ڪن دم منجهائي ماريندين.“
    مان حڪم جو بندو ترسيس ته هن ساڳيو الاپ ڪيو. ”جواب ڇو نه ٿو ڏئين، وات ۾ مڱ پيل ته ڪونه اٿيئي.“
    ”ڇا جو جواب ڏيان؟“
    ”مان تو سان ڇا ڳالهايو؟“
    ”الائي، توکي خبر آهي ته توسان هوندو هان ته پوءِ ڪا ڪل خبر ڪانه پوندي اٿم.“
    هوءَ دل ئي دل ۾ گهڻو خوش ٿي ۽ مون واري نه ٻڌڻ واري گناه جي ڪا سزا نه ڏنائين، پر ٻيهر ڳالهه کي ساڄو ڪندي چوڻ لڳي: ”چيم پي ته ٻارن کي به موڪلون آهن ۽ توکي به ريسٽ ملي پوندي.“
    ”مان هر حال ۾ مست آهيان، پنهنجي ڳالهه ڪر.“ مون کلندي چئي ڏنو.
    ”ڀلا مون کي به نيٺ گهمائڻو ڦيرائڻو اٿئي. هن ننڍي شهر ۾ ته دم ئي ٻوساٽجي ويو آهي.“
    مون کي اها خبر هئي ته اهو سمورو پيٽ جو سور هن کي پنهنجو هو. مون کي ۽ ٻارن کي ريسٽ ڏيڻ جون ڳالهيون ته رڳو ڀرڻيون هيون، جن سان هن پنهنجو ميدان پئي ٺاهيو. عورتون مٿي کان پيرن تائين نمائشي هونديون آهن ۽ هن ۾ اها ستي ته رهندو سرس هئي. مون کيس پِٽائڻ لاءِ چيو: ”خيرپور هروڀرو ننڍو شهر ته ڪونهي. تنهن کان سواءِ ساهيڙيون به کوڙ اٿئي. اپوا جون ميٽنگون ۽ مينا بازاريون به ٻارهوئي پيون ٿين.“
    ”ان ۾ ڇا ٿو ٿئي. هتي نه ڪپڙي پائڻ جو مزو ۽ نه ڏسڻ جو مزو.“
    ”ڇو، هتي ته ڊريس شو ٿيندا آهن!“
    ”ڌوڙ ٿيندا آهن.“ هن جڪ کائيندي چيو.
    ”باقي اهي ميلاد ٻيلاد ڇا آهن.“
    ”ميلاد لاءِ ته خدا لڳ ائين نه چؤ، مسلماني کان ٿو وڃين.“
    ”توهان عورتن واريءَ مسلمانيءَ جي به مون کي خبر آ. اوهان جو مذهب آ چلڪو.“
    هن کي مون واري ڳالهه لڳي ته دل سان، پر شرم پرچائڻ لاءِ هوءَ ٽهڪڙو هڻي نٽائڻ لڳي. لاچار ٻيو ڪو چارو نه ڏسي آڳ قبوليندي چيائين: ”هتي سوسائٽي آهي ڪهڙي؟ روز ساڳيا ماڻهو، جن کي ماڊرن فيشن جي خبر ڪانه. تنهنجي منهنجي ريس ته ڪپڙو گهرائين سبائين ته فيشن نڪري وڃي. ڀلا اهڙين ساهيڙين مان مون کي ڪهڙو مزو ايندو؟“
    ”من، بيگم خان ۽ بيگم ڪوڪب به ته هتان جون آهن.“
    ”بيگم خان کي ڪهڙي فيشن جي خبر، هوءَ ته سدائين مون تي ريس ڪندي آهي. ٻٽي ڀيرا مون وٽان ڪيٽلاگ گهرايائين.“
    ”باقي ويچاري بيگم ڪوڪب ته هينئر ڌوپجي وئي آهي ۽ سمورو ڪلف نڪري ويو اٿس.“
    ”ڇو، ڇو؟“
    ”آخر پنجون ٻار ڄڻيون اٿائين. من، ٻار ڄڻڻ به سئي جي پاکڙي مان هاٿي لنگهائڻو آهي. توبهه منهنجا رب توبهه.“ هن کي دل ئي دل ۾ ايترن ٻارن ڄڻڻ تي افسوس هوندو هو ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني اهو اندر جو سور ٺاريندي هئي.
    ”تون ته پنجن ٻارن ۾ به من لڳي پئي آهين.“ مان سندس چپن تي مهر هڻي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي.
    ”ها، پر هر ڪنهن جي هاٺيءَ تي مدار آهي. هن ويچاريءَ سان ته ٻارهين مهيني ٻار جي تعدي آهي. هڪ اڃا ڄائو ناهي ته ٻيو ان جي ڪڍ.“
    ”ٻيو به سبب آهي.“
    ”ڪهڙو؟“
    ”تون سدائين ٻار کي مٿيون کير پيارين.“
    هن کي شايد مون واري ڳالهه مان ٿوري ٽوڪ نظر آئي يا دل ئي دل ۾ کيس پاڻ ککيو، جو پاڻ واري ننڍي ڪاڪي ٻاهرين کير تي هئي ۽ ان ۾ اها سگهه ڪونه هئي. ان ڪري هن ان ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳي: ”ان ڏينهن ڏاڍو مزو ٿيو.“
    ”ڇا ٿيو؟“
    ”بيگم ڊي سي وٽ اپوا جي ميٽنگ هئي. مان اڳ ساڻس ڪونه ملي هيس. تازو بدلي ٿي آيا آهن نه.“
    ”ها، هي پاڻ وارو ڊي – سي.“
    ”سو مان جو ويم ته کيس ”وش“ ڪري وڃي ٻئي صوفي تي ويٺس. پر آصف هر هر جو نظر ڦيرايان ته بيگم ڊي.سي جي مون ۾ جوهه. اها ڳالهه ٻٽي ڀيرا مارڪ ڪيم. موٽندي بيگم انصاري ٻڌايو ته هن ڪو وقت مون لاءِ پئي پڇيو ۽ کيس اعتبار ئي نه پئي آيو ته مان ڪو ٻارن جي به ماءُ آهيان.“
    ”ها، اها ڳالهه تون اڳ ۾ به ٻڌائي آهي ته عام ڪري ناواقف ڀلجنديون آهن.“
    ”ها، کوڙ ڀيرا ائين ٿيو آ. الائي ڇو؟“
    ”من جي انصاف ڪرين ته اهو اٿئي منهنجو ڪريڊٽ. توکي رکيو به اٿم پام جي ٻوٽي جيان سائو چهچ، سنئون سڌو.“
    ”پر هينئر پوئين ٻار کان پوءِ پيٽ ٿورو وڌيل ٿو لڳيم.“
    مون ان بهاني سموري بدني بناوٽ جو ڀرپور جائزو ورتو ۽ کيس دلجاءِ ڏيندي چيم: ”توکي اجايو احساس آهي. هي ڪو پيٽ آ؟ وري هو لنڊن مان جو ”ڪورسيٽ“ گهرايو هيئي؟“
    ”اهو ته پائيندي آهيان؟“
    ”پوءِ باقي ڇا جو ڳاراڻو؟“ مون سندس چيلهه ۾ هٿ ورائيندي چيو.
    ”ٻي ڪا ڳڻتي ڪونهي پر هتي سخت بور ٿي پئي آهيان.“
    ”ويجهه ۾ ڪو فنڪشن ڪونهي ڇا.“
    ”هجي ته ڇا، نه هجي ته ڇا. مان هن سوسائٽي ۾ ائين ويڳاڻي گهمندي آهيان، جيئن........ جيئن.“ هوءَ تشبيهه ڳولڻ لڳي.
    ”جيئن برفاني ملڪن جو نيرڳ هتان جي پولاهين ۾.“ مون کلي جملو پورو ڪيو.
    ”نه نه، هروڀرو اهو مطلب نه هو منهنجو.“ هن ظاهر ۾ نهنڪر ڪندي چيو.
    ”ڀلا ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج.“
    ”ها ائين کڻي چئه.“
    ”پوءِ ان ۾ ڪهڙو فرق؟ ساڳي ته ڳالهه ٿي.“
    ”توسان پڄڻ جي ڪا ڀيڻي ڪونهي. ڀلا حيدرآباد ڪڏهن ٿو گهمائين؟“
    ”توکي آبي ۾ بهشت ٿو گهمايان، ٿورو ڇڙو ويجهو اچ.“
    ”چرچن ۾ ڳالهه نه ٽار. ها ڪر يا ننهن.“
    مون ان مهل ڪجهه به پئي ڪڇيو ته ڪم خراب پئي ٿيو، ان ڪري ان ڳالهه کي وري نٽائيندي کيس چيم: ”هن مهل ته اهي بي سريون ڳالهيون نه ڪر. هي وقت آ ڪو انهن ڳالهين جو؟“
    ”باقي ڇا جو آ؟“ سمجهندي به هوءَ وري پڇڻ لڳي.
    ”سولي سنڌيءَ ۾ ٻڌايانءِ يا فارسيءَ ۾؟“
    پر هن پوءِ به شرم کان ڪو جواب نه ڏنو. مون هن کي پاڻ ڏي ڇڪيو ته منهنجي سيني سان ائين چنبڙي وئي، جيئن ساڳ جي ڪاٺيءَ ۾ اکڙوت جو ڪو پيوند. ڪپڙن جو سرڙاٽ ٿيو، پوءِ مون کي ته هن جهان جي خبر پئي نه هن جهان جي.
    صبوح جو اٿيس ته پکين جي لاتين سان گڏ ٻارن ۾ به چوٻول متل هو. سوٽ ڪيسن ۽ ٽرنڪن ۾ ڪپڙن ۽ زيورن جي سٿ سٿان هئي. مان انهن يڪ طرفي تيارين تي گهڻو ئي ٻوٿ سڄايو، پر پوءِ ڪنهن ننڍي توڙي وڏي چخي ئي ڪونه ڪئي. اها ڳالهه برابر هئي ته پوءِ مون به ڏنو ڪنو نه ڪيو ۽ حيدرآباد پهچڻ تائين اڳ اڳ ۾ هوس ۽ مون واري بيگم فوج سوڌو پٺيان هئي. پر جنهن ماڻهو اٺ کي ڏٺو هوندو، سو عجب نه کائيندو – اٺ جو ناڪيلي ۾ هٿ پوندو اٿس ته هڪ ئي سٽ سان ايڏي ساري جبل جيڏي جا وڃي گوڏا کپندا آهن. پوءِ جت جي هوندي اٿس مٿس سٿ سٿان، پر حرام جو پوءِ ڪو ڪڻڪي. منهنجا گوڏا ته وري منڍ کان ان جاءِ تي کتل آهن ۽ رهندو لائن واري رات منهنجي سالين سس اهڙا ساٺ سڳڻ ڪيا؟ جو جيڪي ٿوري گهڻي رڏي هيم سا الائي ڪاڏي غائب ٿي وئي. رهندو جو چکي چريو ٿيس ته قصو حاتم طائي وانگر. هڪ ڀيرو ڏسڻ جي تمنا اٿم. ان تمنا ۾ مون واري نڪ ۾ جيڪا ناڪيلي آهي، سا اڃا دائم قائم آهي ۽ هڪ ڀيري جو هيٺائين ٻولي، اٺ وانگر پنهنجي مٽ ۾ پاڻ ترڪيو آهيان ته پيو ترڪان. حيدرآباد ۾ وري سوٽ جو گهر اٿم، جو به ساڳي وڻ جي ٻي لام يعني منهنجي ساليءَ سان پرڻيل آهي. سو اتي جڏهن پهتاسون ته ڄڻ پنهنجي گهر آياسون. ٻنهي ڀينرن جو پاڻ ۾ تارون مليل هيون ۽ اسان ٻنهي سوٽن کي رڳو تيار ٿيل پروگرام مليو، جنهن ۾ صبوح جو ڪوٽڙي گهمائڻي هئي ته شام جو المنظر، رات جو سيڪنڊ شو کان پوءِ مون کي سو ”ٿرڊ شو“ جي اجازت هئي، پر سڄو ڏينهن ڄنگهون هڻڻ بعد اهو شو مون کي ائين لڳندو هو، جيئن ڪو ”چئريٽي شو“ جنهن ۾ ٻئي ڌريون ڇڙو بيگر لاهينديون آهن. پوءِ جڏهن حيدرآباد جون سموريون فلمون ڏسجي چڪيون ۽ نوان ڪپڙا سبجي چڪا، تڏهن هڪ رات ٿڌي هير ۾ ساڳيو ئي ويراڳ هليو. هوءَ منهنجي انهن سمورين ڳالهين تي تئو گهمائيندي چوڻ لڳي: ”گهمائيندين ڦيرائيندين يا ائين ٻڌي ٻوٿ واپس موٽائيندين؟“
    ”۽ هن وقت تائين ڇا هو؟“ مان جڪ کائيندي ٻرندي پڇندي چيو.
    ”ان کي گهمڻ ڦرڻ ٿورو چئبو آ.“
    ”باقي ڇا کي چئبو آ؟“
    ”هتان جي فئمليز سان ته دعا سلام ڪيون نه......“
    ”ته ڪيتري پاڻي ۾ آهن؟“ مون جملو پورو ڪندي چيو.
    ”تون ته هر ڳالهه مان پنهنجو مطلب ٿو ڪڍين. حيدرآباد جي هوائن مٿو ڦيري ڇڏيو اٿئي.“ هن منهن ۾ سونڊ وجهي چيو.
    سندس اوچتو پسرجڻ تي مون کان اهو سچ چوڻ وارو دورو وسري ويو. مون ان جي اگرن نتيجن تي سوچيو ته منهنجي هٿن مان ڀولي به ڇڏائجي وئي. مون دستور موجب ٺاه ڏانهن قدم وڌائيندي چيو: ”جاني، ڪجهه ڀوڳ مان ”انجواءِ“ ڪرڻ ته سک.“
    ”نه نه، مون کي اهڙا ڀوڳ نه وڻندا آهن.“
    ”ڀلا ڪنهن جي گهر هلندينءَ؟“ مون سنئين سڌي پٽڙي ورتي.
    ”توکي خبر، هيترا سارا دوست اٿئي.“ هن به ڪانٽو بدلايو.
    ”نادر ڏي هلون جنگشاهي؟“ مون کي ڀاڄائيءَ جي پلي جو پلاءُ ياد اچي ويو ۽ سندس سڪ مان سگهري اچڻ جون دعوتون.
    ”گهڻو پنڌ آ هتان جنگشاهي؟“
    ”اهو سؤ سوا ميل اوٽ موٽ.“
    ”جنگشاهيءَ ۾ ڇا رکيو آهي؟ آهي ته ننڍو واهڻ.“
    ”اتي ڀرسان نوري ڄام تماچي واري ڍنڍ آهي، ڪينجهر.“
    ”ڍنڍ کي ڇا ڪنداسون؟“
    ”بوٽنگ به ڪنداسون ته ڍنڍ ڪناري پسار به ڪنداسون.“
    ”نڪو“ هن ٻوٿ چٻو ڪيو.
    ”پوءِ ڪاڏي؟“
    ”هتي به ته کوڙ دوست هوندءِ، اتي ته ڊاڙ هڻندو آهين.“
    ”ڀلا شارق مشرف؟“
    ”اهو جنهن جي گهر کي ڪبوترن جي کڏ سان ڀيٽايو هيئي؟“
    ”اهي ته مان ڀوڳ ڪيا هئا، پر تون قرب ته ڏس. شارق جي ماءُ جيءَ ۾ جايون ڏيندءِ.“
    ”مسز شارق ڪونهي ڇا؟“
    ”نه پيڪين ويل آهي.“
    ”پوءِ ان کان سواءِ ڪهڙو مزو.“
    ”ڀلا غلام علي موهل؟“
    ”ڪٿي رهندا آهن.“
    ”گهر جو پورو پتو ڪونهي، پر گهڻو ڪري ريشم گلي ڀرسان.“
    ”نه بابا نه.“
    ”توکي ته ڪو گهر وڻي ئي ڪونه ٿو.“ مون ڪڪ ٿيندي چيو.
    ”لطيف آباد يا جي آر ڪالونيءَ ۾ ڪو دوست اٿئي؟“
    ايندي ويندي ٻنهي ڪالونين جا سهڻا بنگلا ڏٺا هئائين.
    ”هڪ نظر حسن آهي، پر ان کي ڀاڀي مريءَ کنڀي کڻي وئي آهي.“
    ”ها ڏس نه ان کي چئبو گهمائڻ ڦيرائڻ. توکي ته حيدرآباد تائين پئي ٻرو چڙهيو.“
    دل گهريو ته نظر حسن بابت ٻڌايانس ته سندس گهر واريءَ کيس به ائين حرام ڪري ڇڏيو آهي، جو نه ڪنجهي ٿو ۽ نه ڪڻڪي ٿو. پيو ڀولي وانگر ڪڍ گهمي. پر مون کي خبر هئي ته هوءَ ان ڳالهه کي هڪدم پاڻ ڏانهن اشارو سمجهندي. ان ڪري مون ان ڳالهه جو ڪو جواب نه ڏنو. فقط ايترو چيم: ”ڀلا فيصلو ڪر نه.“
    ”فيصلي لاءِ ڇڏيو ڇا اٿئي؟“
    ”هيترا گهر ٻڌايامانءِ.“
    ”سڀ ڪنگلا، ڪنهن گهر ۾ ڊرائنگ روم به ڪونه.“
    ”ڇو خدا جو ڏنو سڀ ڪجهه اٿن. ڊرائنگ روم نه هوندن ته ڪو پٽ تي ٿورو ويهاريندءِ.“
    ”اهڙو خدا جو ڏنو شل دشمن کي به نه ڏي. ويچارين جي ته حياتي ئي زهر هوندي.“ هن کي مون وارن يارن جي گهر وارن جي اچي ڳڻتي لڳي.
    اوچتو مون کي ڪوه نور ملز وارو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ميان امين الدين ياد اچي ويو، جنهن سان منهنجي سٺي سلام دعا هئا. مان حيدراباد ايندو هوس ته ڪڏهن ڪڏهن وٽس ويندو هوس. پاڻ ميان صاحب ۽ بيگم صاحبه هر ڀيري ڊنر کارائڻ کان سواءِ ڪونه ڇڏيندا هئا. وڏي شاهي ڊائننگ ٽيبل جي ٽاپ تي براس جي چمڪندر ڪئنڊل اسٽئنڊس ۾ وڏيون موم بتيون هيون. الائي ڪيترا ڪورس سرو ٿيندا هئا ۽ هر ڪورس بعد انگلش ايماسڊ پليٽ بدلبي هئي. ان جي بجاءِ ٻي رکبي هئي. اها دعوت ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندي هئي. ميان ۽ بيگم صاحب وڏا مانائتا هئا ۽ مان ڏئي ۽ وٺي ڄاڻندا هئا. ميان ۽ بيگم صاحبه کي يورپ ۾ به ڪاروبار هو ۽ سال مان ڇهه مهينا ٻاهر ولايتن ۾ پيا گهمندا آهن. ميان صاحب جو يادگيرو ايندي منهنجي مٿان پيل ڇپ ڇيتيون ڇيتيون ٿي پئي ۽ مون سک جو ساه ڀريندي کيس چيو: ”ها هڪ جاءِ سجهي ٿي، تنهنجي ئي مطلب جي. سڀاڻي اوڏانهن هلنداسون.“
    ”مون کي به ته ٻڌاءِ.“
    ”مسٽر ۽ مسز امين الدين ڪوه نور ملز وارا.“
    ”ها، ايڏانهن هل نه. باقي اڳهون ڪهڙيون ڍونڍون ڍورا کنيا هيئي.“
    ”مون کي هينئر ياد آيو.“ مون ڏند ٽيڙي خطا مڃي.“
    ”پوءِ ڪڏهن؟“
    ”ڪنهن به وقت، صرف چوڻ جي دير آهي.“
    ”پوءِ ڪرين ڇو نه ٿو ٽيليفون؟“
    هوءَ تيستائين منهنجي ڪڍ ڪڍ هئي، جيستائين مون ميان صاحب سان ڳالهائي ”ڪنفرم“ نه ڪيو هو. ميان صاحب ته ان کي پنهنجي عزت افزائي سمجهي اسان کي ڊنر يا لنچ لاءِ چيو هو، پر مون ٻئي هنڌ هجڻ جو بهانو ڏئي صرف چانهه جي ڪوپ جي استدعا ڪئي هئي. ان ئي ڏينهن شام جو هڪ وڏو لفافو نارمل دعوت نامي سان اچي پهتو هو.
    ٻئي ڏينهن اٿڻ سان هن شام لاءِ تياري شروع ڪئي. سڀ کان وڌيڪ اونو کيس پنهنجن هٿن، پيرن ۽ منهن جو هئو. هونءَ به هوءَ روز سيارو هجي توڙي اونهارو، اٿڻ مهل ۽ سمهڻ مهل پاڻ کي الائي ڪهڙين ڪريمن سان مهٽ مهٽان ڪندي هئي. وري جڏهن کان ملڪ ۾ خواتين ڊائجسٽ شروع ٿيا هئا ته سبزي مارڪيٽ مان ايندڙ سلاد جا پن، ونگا ۽ ليما ته هن جي بلي هوندا هئا ۽ منهنجي گنهگار اکين ڪڏهن مانيءَ جي ٽيبل تي ڪونه ڏٺا هئا. وري منهنجو هڪ دوست لنڊن پهتو هو ته هن اتان ٻه عورتن جا پرچا ”وومن“ ۽ ”ومنز اون“ جاري ڪرايا هئا، جن جي پڙهڻ کان پوءِ ته کيس ڪابه لوڪل شيءِ نه وڻڻ لڳي هئي ۽ سندس جتين کان وٺي پرسن ۽ ڪريمن تائين سڀ شيون اتان اچڻ لڳيون هيون. پر اهو صبوح ته سڀني صبوحن کان وڌيڪ پيارو هو ۽ اهڙي شام روز روز نه اچڻي هئي. ان ڪري هن نئين سر منڍ کان وٺي شروعات ڪئي هئي. ان مهٽ مهٽان جي مرحلن کان واندي ٿي، هن باٿنگ سالٽ جي سموري شيشي ٽب ۾ اوتي. هن هڪ وڏو غسل ورتو هو ۽ جڏهن اهي سڀ خوشبويون سندس جسم جي خوشبوءِ سان رلي ملي هڪ ٿي ويون، تڏهن هوءَ اهي سموريون سرهاڻيون کڻي مون وٽ آئي ۽ مون کان پڇڻ لڳي: ”هاڻي ٻڌاءِ ته شام پايان ڇا؟“
    ”اهو پرابلم تنهنجو آ.“ مون ڪتاب ٺپيندي جواب ڏنو. مون کي خبر هئي ته ڪتاب پڙهندي کيس جواب ڏنم ته چيهاڙيون چيهاڙيون هوندو.
    ”مطلب ته ساڙهي پايان يا ڪو بيل باٽم سوٽ؟“
    ”لازما ساڙهي.“ مون ٺهه پهه چيو. هڪ ته ساڙهي هن کي پسند هئي، ٻيو ته شام جو سندس پويان هلڻ وقت پنهنجي به چاندي ئي چاندي هئي.
    ”ساڙهي تي ته منهنجي به مرضي هئي، پر پايان ڪهڙي؟“
    ”هاڻي اها صلاح پاڻ ۾ ڀينر ڪيو.“
    ”تون به صلاح ڏي نه.“
    ”پيازي ليس واري ساڙهي پاءِ.“
    ”اها هڪ ٻه ڀيرو پاتي آ، هينئر ڪڪ ٿي پئي آهيان.“
    ”ڀلا بنارسي ”موف“ ڪلر واري.“
    ”اونهون، بنارسي ته هر ايرو غيرو ٿو پائي.“
    ”پوءِ؟“ مون ڪڪ ٿيندي چيو. پائيندي اها جا سندس دل ۾ هوندي.“
    ”بلو شفان واري ساڙهي لاءِ ڪهڙو خيال اٿئي؟“
    ”ڪهڙي؟“
    ”اها جنهن تي سيڪونس جو ڪم ٿيل آهي، جا مهينو ٿيو ٻارهين سوين ورتي هئي.“
    ”اڙي ها، اها ته مون کان وسري وئي.“
    ”آهي به ماڊرن فيشن ۽ ان تي ولائتي جتيون ۽ پرس به اٿم.“
    ”ٻيو ڇا کپي، خدا خير ڪري.“
    شام جو جڏهن هوءَ چار ڪلاڪ اڳ تيار ٿيڻ شروع ٿي، تڏهن ئي ڪو وقت تي وڃي سندس ميڪ – اپ پورو ٿيو. ميزبانن جي شاهي محلات جهڙي بنگلي ۾ هلي اسان جي گاڏي بيٺي ته بيگم ۽ ميان اسان کي پورچ جي ڏاڪڻ وٽ گريٽ ڪيو. هوءَ خوش خوش بيگم صاحبه سان گڏ اندر ڊرائينگ روم ڏانهن هلي وئي. مان ۽ ميان صاحب ٽيرس تي ڪرسيون وجهائي چيس راند ۾ لڳي وياسين. اندران ڊرائينگ روم مان ڪڏهن ڊنر بيل جهڙين گهنٽين جهڙا ٽهڪڙا پئي ٻڌڻ ۾ آيا، جن منهنجي ڪنن جو سمورو گوش پئي ان پاسي ڪيو. منهنجيون ويڳاڻيون اکيون به نور وڌائڻ لاءِ پئي هيڏانهن هوڏانهن ڦريون ۽ ڪو ساڙهيءَ جو جهلڪو يا سٺي صورت ڏسي پي ٺريون. راند ۾ منهنجو ڌيان پورو سارو هو، سو پهرين راند هارائي، ٻي لاءِ پئي ڳوٽون ويهاريوسين ته اندران واپس هلڻ جو پيغام آيو.
    مسٽر ۽ مسز امين الدين کان موڪلايوسون ته سندس مکڙي تي اها ئي ”پئنٽنٽ“ مرڪ هئي، جنهن سان چپن تي لڳل ”گلا“ جي سرخي به نه بگڙندي آهي ۽ ماڪوڙي کاڌل بي سرا ڏند به نظر نه ايندا آهن....... پر سندس رنگ ائين پئي ڪاراٽبو ويو، جيئن نيرو آسمان آنڌاري اچڻ کان اڳ، پنهنجي نيراڻ مٽائي ميرانجهڙو ٿيندو ويندو آهي..... اندر گهڙيم ته ڏٺم ته هوءَ سيٽي تي ائين ڦان ٿي پئي هئي، جيئن آرمس جي ڪا سينگاريل ڊمي...... گهڻي دير کان پوءِ هن اهڙو ٿڌو شوڪارو ڀريو جو منهنجي منهن تي ائين لڳو جيئن ڪو برفاني هوا جو زوڪاٽ...... پوءِ هن نماڻيون اکيون کڻي مون کي چيو: ”هل ته واپس هليا هلون.“
    ”ڇو من، اڃا ته هفتو کن ٿيو آ آئي.“
    ”پويان سمورو گهر رلي ويو هوندو.“
    ”پر پوئتي گهر ۾ آهي ڪير؟ سڀ ڀاتي ته هتي آهيون.“ مون کيس ياد ڏياريو.
    ”نيٺ گهر ته آهي. پويان نوڪر جيڪي ڇنڊ ڦوڪ ڪندا هوندا سا خبر اٿئي.“
    ”من خيرپور ۾ ته اڃا ڇتي گرمي هوندي.“
    ”پنهنجي گهر ۾ گرمي به سون.“
    هن جڏهن ڪا جاءِ نه ڏني ته مون پوءِ کانئس سڌو سوال ڪيو: ”تون شايد ”امينز“ وٽ انجواءِ نه ڪيو.“
    ”نه خاص ڳالهه ته ڪونهي.“ هوءَ هيٺائين ڪيئن ٻولي.
    ”مسز امين ۽ سسٽرس ڪيئن هيون؟“ مون ٻيو رستو ورتو ان راز ڳولڻ لاءِ.
    ”مڙئي ماڻهن جهڙا ماڻهو.“
    ”نه من، مسز امين ته پنهنجي نالي ساڻ آهي.“
    ”اوهان مردن کي هروڀرو پراڻو چلڪو وڻندو آهي.“
    ”مان هن کي توسان ڀيٽايان ته ڪونه ٿو، پر.......“
    ”ها چمڙي سو مون کان ”فيئر“ اٿس.“ هن مس ڪا ڳالهه مڃي.
    ”۽ فگر؟“
    اتي هوءَ سور نه سانڍي سگهي ۽ ڀريل غباري وانگر گهڻو ئي دم جهليائين. پر نيٺ ڦاٽي پئي. ”آصف خبر اٿئي ته ستن ٻارن جي ماءُ اٿئي.“
    ”تون ڏس.“
    ”پڪ ئي پڪ ”هارمونز“ وٺندي هوندي، تڏهن ته جوان لڳي پئي آهي.“
    ”تون به ته پنجن ٻارن ۾ من لڳي پئي آهين.“ مون کيس آٿت ڏنو.
    ”نه آصف، هن اڳيان ته ڪجهه ناهيان.“ هن کان ٿڌو ساه نڪري ويو.
    ”سندس ڪپڙا ڏٺئي؟“
    ”الا! ڪپڙن تي ته نظر ئي نه پئي بيٺي.“
    ”ڀلا تنهنجو ڇو موڊ آف ٿي ويو؟“
    ”آصف نه پڇ، اندر ئي سڙيو پيو آ.“
    ”هن ڪي سوسڙيون ساڙيون ڇا؟“
    ”نه نه، هوءَ ته ڏاڍي عزت سان ملي. سندس نڻانن به ڏاڍو قرب ڏنو.“
    ”باقي ڇا ٿيو؟“
    ”اهو ٿيو جو دل پئي گهريو ته زمين جاءِ ڏي ته پيهي وڃان.“
    ”ڀلا ٻڌائين ڇو نٿي؟“
    ”ڇا ٻڌايانءِ؟ دل ٿي چوي ته هن ساڙهيءَ کي تيلي ڏئي باه ۾ ساڙيان.“
    ”ڪمال ٿي ڪرين. ههڙي پياري ساڙهي کي ساڙيندينءَ؟“
    هن ڪو جواب نه ڏنو. ڏٺم ته سندس اکين جا ڪٽورا پهرين آبجي ويا ۽ پوءِ شفاف ڳوڙها سندس پنبڻين تي ائين اٽڪي پيا، جيئن ساري سارهيءَ تي ڪو موتين جو ڪم. اتان اهي موتي ٽٽا ته هوءَ به پاڻ جهلي نه سگهي ۽ سڏڪا ڀريندي چوڻ لڳي: ”اعتبار ڪندين ته اسان جي ويهڻ سان بيگم امين جي نوڪرياڻي جو ٽرالي گيڙي آئي ته هن کي هوبهو ساڳي ساڙهي پئي هئي..... اهو ئي ”سيڪونس“ جو ڪم ۽ ساڳيو ئي رنگ.“


    منڌ ٻوڙيو مهراڻ

    مان ڪورٽ جا ڪپڙا بدلائي، منهن تي ٿڌي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي اڃا ويهڻ جي ٿو ڪيان ته ورانڊي ۾ پنهنجي مومل جي هلڻ جو گيهو ٿو ٻڌان. اهو گيهو ۽ سهڪو هلندي هلندي مون واري ڪمري تائين پهچي ٿو ۽ ان دم هوءَ اچي منڍي ڪڍي ٿي. اچڻ سان پنهنجو لٽڪندڙ اڳٺ ابداڻي ۾ ٽنبيندي ماکيءَ کان به مٺي آواز ۾ مون کان پڇي ٿي: ”اچي وئين؟“
    ”ها“ مان کٽ تي آهلندي جواب ٿو ڏيان. دل ۾ سوچان ٿو ته کيس چوان ته لاچار کي آچار ڪونهي.
    ”ايترو جلدي؟“
    ”ڪم جو ٿورو هو.“
    هوءَ ٿوري دير چپ ٿي وڃي ٿي. لاشڪ ته ڪو ڪم اٿس مون ۾. مان ڇت ۾ هلندڙ پکي کي پيو واجهايان ۽ ٻڙڪ نٿو ٻوليان. مون کي سورنهن آنا خاطري آهي ته سندس ٿلهي پيٽ ۾ ڪا ڳالهه ترسڻي ڪونهي، هوءَ به دير ئي نٿي ڪري ۽ ان دم ڦاٽ کائي ٿي: ”زينو آئي آهي توڏي.“
    مان نالو ٻڌي ذري گهٽ اجهڪو ٿو کاوان ۽ اٿڻ جي ٿو ڪيان، پر لڱن ۾ ڄڻ ته اهو ست ئي ڪونهي. مان ڌڙڪندڙ دل سان پاڻ کي پيو پرڀايان ته هن جڳ ۾ هڪ اها ئي زينو ته ڪونهي، سوين هزارين زينو آهن. هيءَ ڪهڙي زينو، اها سهڻي من موهڻي زينو، الائي ڪا ٻي، منهنجي دل ۾ ته ڳالهه وسي وئي آهي، پر تنهن هوندي به مان پڪائي ڪندي پڇان ٿو: ”زينو، ڪهڙي زينو؟“
    ”هڪ ئي ته زينو آ پنهنجي ڳوٺ ۾، دادن واري زال.“
    منهنجي زور سان ڌڙڪندڙ دل ڄڻ ته بيهي ٿي رهي ۽ هيانءُ مٺ ۾ اچي وسامڻ ٿو لڳي. ورهين جا ڇٽل ڦٽ وري نئين سر اڊڙي ٿا پون ۽ انهن مان رت سيمو ڪري پيو نڪري. هيءَ زينو ته اها ئي آهي، جا منهنجي رڳ رڳ، پور پور ۾ سمايل آهي. مون کي سندس جهلڪ ڏٺي ستون ورهيه ٿيو، پر دل تي اڪريل چٽ ڪٿي ٿا ڊهن. هوءَ ان وقت وڌي وڻ پئي ٿي ۽ سندس وهيءَ ٻور پئي جهليو. مون به ان ڦر کي پنهنجي جهولي ۾ ميڙڻ ۽ هيانءَ ۾ ساڍڻ لاءِ توري تڪي ڇاپڙ هنئي، جا موٽي مون کي اچي هنيانءَ ۾ ڪان جيان ٽنبجي پئي. مان ان وچ ۾ رنس رڙيس ۽ چور گهوڙي پنهنجي حيلا هلايم، پر زور جي ميندي ڪونه لڳي. پوءِ مون هنن ئي ڪنن سان سندس وهانءَ جون شرنايون ٻڌيون ۽ هنن ئي اکين سان کيس لائون لهندي ڏٺم. هن جو وهانءُ پنهنجي مڱيندي دادن سان ٿيو ۽ هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ درياه وهي ويو. اها زينو ته پوءِ به مان پل نه وساري ۽ مان اٿندي وهندي، ننڊ ۾ ۽ جاڳ ۾ کيس پئي پسيو. مان پنهنجي گونگي گانءِ ڏي ڏسي سوچيان ٿو ته کيس ڪهڙي لڪ ۾ رکان، پر نه چاهيندي به چئي ٿو ويهان: ”مان شڪل مان ته نه سڃاڻان، باقي نالو سو ٻڌل ٿو لڳيم.“
    ”ها تون ڳوٺ ۾ رهين به ڪيترو وقت، سدائين ته ٻاهر پئي پڙهايون ڪيئي.“
    مان دل ئي دل ۾ کيس چوان ٿو ته موڳي مينهن، توکي ڪهڙيون خبرون منهنجي پڙهائيءَ جون. مان ته اهو سمورو وقت ٻاهر هوندي به ڳوٺ هئس، منهنجي دل جو اتي هئي. مان سدائين پيو آڱرين تي ڏينهن ڳڻيندو هوس ته ڳوٺ موٽان، پر مون نه ان ڳالهه جي کيس هائو ڪئي ۽ نه ننهڪر، کانئس پڇان ٿو: ”ڇو آئي آهي؟“
    ”ڏير ننڍڙو پٽ ٿڻن تي کسيو اٿس، سو واهر ٿي گهري.“
    ”باقي دادن ڇا پيو ڪري؟“ مان ڄاڻي واڻي هي سوال ٿو پڇان. دادن کي گذري ٻارهون مهينو به ٿي ويو. مون ته ان کان پوءِ کيس نئين سر نينهن جو نياپو پهچايو، پر هن ورندي ئي ڪونه ڏني، هن جي اکين مان سو سانوڻي جو درياه اٿلي پيو.
    ”اهو ته ڪڏهوڪو پنهنجي ڏيهه ويو، تون ته ڪو صفا چٽ آهين، باقي وڪالت ڪيئن پيو ڪرين؟“
    مان دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو ته ڪهڙيون وڪالتون، ڇا جون وڪالتون؟ اها ئي وڪالت آ ته ڇڙو ڳوٺ کان پري رهڻ جو بهانو، مڙيل ڦٽن کي وري نه اڊيڙڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش. مان ڄڻ ته يادگيريو ڪندو چوان ٿو: ”ها، ها.“
    ”پوءِ ڪرينس نه ڪا واهر.“
    ”ڪهڙي واهر ڪجيس، ٻار جا ته نيٺ ڏاڏاڻا وارث آهن.“
    مان به پنهنجي پر ۾ زينوءَ جي هيانءَ کي مٺ ۾ قابو ٿو جهليان ته ڀلي کيس به ڪا ڪل پوي.
    ”ايتري ننڍي آبهم جا؟“
    ”ڳوٺاڻي رسم جو اها آهي ته پوءِ مان ڇا ڪيان؟“
    ”ٻن پوي اهڙي رسم، نسورو ناحق آ.“
    مان من ئي من ۾ کيس چوان ٿو ته اهي ريتون رسمون نه هجن ها ته توسان هيءَ جبل جيڏي جندڙي ڪيئن گهاريان ها؟ اهي ريتون رسمون ئي ته هيون، جن زينوءَ ۽ منهنجي وچ ۾ لوها ڪوٽ ڪڍي ڇڏيا. مان اهي لوها ڪوٽ ڀڃڻ گهريا، پر هٿن ست ئي ڇڏي ڏنو. مون زينو لاءِ دادن کان وڌائي واڪ ڏنا، پر هڪ ڀيرو چڪاڻل وري مون نه چڪائي سگهي. راڄوڻي رسم ۾ مان ڳوٺ جو ابو امان هوس ۽ پنهنجي ننگ کان سواءِ هر ڪا منهنجي نياڻي ۽ امڙ هئي. مان جي ڳوٺاڻيون رسمون ٽوڙيان ها ته پهريون اها رسم ٽوڙيان ها، جنهن مون کي زينوءَ کان پري بيهاري ڇڏيو هو. مان دل ئي دل ۾ هزارين ڳالهيون سوچيان ٿو، پر هن کي ڇڙو اهو ٿو چوان: ”وڏن جو اها رسم ٺاهي، ضرور برابر هوندي.“
    ”پر قانون به ته آ.“
    ”ٻهراڙيءَ جو اهو ئي قانون آ.“
    ”هوءَ ته ويچاري حال کين بيحال آ، سندس ڇاتيون سور کان ڦاٽن ٿيون.“
    ”ڇو، ڇو؟“
    ”ٻار ببن تي اٿس، ٽن ڏينهن کان ٻار جو نه ڌاتو هوندس ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ ويچاري جو ته چولو ئي پسي پسي کوئنر ٿي پيو آهي.“
    مون کي بي اختيار زينوءَ جا لسي وٽي جيترا اره ياد ٿا اچن، جن جون جهلڪيون مون سندس چڪني ۽ وائل جي چولن مان پئي پسيون هيون. اهي ته ان وقت مکڙي جيان هئا، پر هينئر ته ٽڙي گل ٿي پيا هوندا. هن وقت ته رهندو ٻار جي ٿڻن تي اٿس، سو اهي ته حال کان بيحال هوندا. سندس شربتي کل مان اڇو کيس پسبو هوندو. مان زينوءَ جي ارهن کي ياد ڪري پنهنجي مومل جي سيني ڏانهن ٿو نهاريان، جي ٿنبن ۽ ٿوڻين جي ٽيڪن کان پوءِ به ائين ٿا لڙڪن، جيئن پاڻ واري ويائل اليسشن سوزيءَ جا ٿڻ. مان دل ئي دل ۾ سوچيان ٿو ته جيڪر پنهنجي مومل کي چوان ته زينوءَ جي انهن ئي ڇاتين ته مون کي حال کان بيحال ڪري ڇڏيو هو، پر ان وقت ته زينوءَ کي ڪو ڪهڪاءُ نه آيو. پر هينئر ٽن ڏينهن جي وڇوڙي تي پئي ٻار لاءِ ماندي ٿئي. پر اهي ڳالهيون سوچي سگهجن ٿيون، پر چئجن ڪين. مان ڪڇان ٿو ته ڇڙو اهو ئي: ”زينو جو ڏير اهڙو ته ڪونهي، آهي ڇاتي گوڙ؟“
    ”ڏيرنهس جي مرضي ساڻس لکيي ڪرڻ تي آهي، پر هيءَ نٿي هائو ڪري.“
    ”ڇو نه ٿي ڪري، گهر ۾ گهر؟“ مان ڌڙڪندڙ دل سان پڇان ٿو، شايد ته زينو مون ڏانهن وراڻ ڪئي هجي.
    ”هوءَ ٻيو پرڻو نه ڪندي، مڙس جي ڇانو نٿي ڇڏي.“
    ”پر ڇو، اڃا ته جوان جماڻ آ.“
    ”دادن مئي کان پوءِ هن جي دل جو گل ئي مئل آ، هئا به ته ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي تان گهور.“ مون واري مومل مون ڏانهن ميار ڏيندڙ اکيون کپائي چوي ٿي. هن جون اکيون مون کي چون ٿيون ته تو ۾ اهي ڳالهيون ڪٿي،. مان دادن....... دادن جو راڳ ٻڌي سڙي ڪوئلو ٿي ٿو وڃان. دادن جيئري ته مون کي ملهه ماري هئي، پر هينئر جڏهن سندس هڏيون به ڳري ويون آهن، تڏهن به مون کان سرسيءَ ۾ هو. زينوءَ جي وات تي اڃا ساڳيو نالو هو ۽ مون جهڙا ته ڪنهن قطار م ئي ڪونه هئا. مان خار ۾ زال کي چوان ٿو: ”ڪمال ٿي ڪرين، زينوءَ کي ڪيئن ويهاربو؟“
    ”سندس مرضي بنهه ڪونهي، باقي چوي ٿي ته هيٺ مٿي ٻڌو ته ڀلي ڪاري چور سان پرڻايو.“
    مان اهو جملو ٻڌي باه ٿي ٿو وڃان. انهن ڪارن چورن مان ته هڪ مان به آهيان. ڳوٺ جو چڱو مڙس، مجيري ۽ وڪيل، پر هن کي ته ڪنهن تي فلڪ ڪونهي. هن لاءِ ته دادن اڃان جيئرو جاڳندو آ. مان دل ئي دل ۾ دادن کي پٽيان ٿو. شل رب دادن ڪين ڪريئي، ڀيڻا مئي کان پوءِ به زينوءَ تي واسينگ نانگ وانگيان پهرو پيو ڏين. مان باه ۾ زال کان پڇان ٿو: ”پاڻ آهي ڪٿي؟“
    ”مون واري ڪمري ۾ ويٺي آ.“
    ”اتي ڇو ويهاريوس ٿئي؟“
    ”مڙئي هن ويچاريءَ سان ڏک سور به پئي اوريم ۽ سيرون به پئي ڏياريم.“
    منهنجي اکين اڳيان زينوءَ جو ڪارو ڀنڀور وارن وارو چوٽو ڦري ٿو اچي ۽ ٻي نظر پنهنجي مومل جي من موسڙي واري اکيري ڏانهن ٿو وجهان. دل چوي ٿي ته کيس چوان: تون پنهنجي کٿل کنڀن کي سيرون ڏيارڻ بدران سندس ڪارن ڪڪرن کي کولين ها، پر کيس ائين ڪيئن ٿو چئي سگهان. هن کي چوان ٿو: ”زينوءَ کي موڪل ته پاڻ ڳالهائي، تو هروڀرو سندس ٺيڪو ته نه کنيو آ.“
    مون واري مومل به سوال جواب ڪري لاشڪ ٿڪي آ، سو هوءَ واپس ٿي موٽ کائي. ورانڊي ۾ ئي هن جو آواز ڪن تي ٿيو پئيم ۽ هوءَ زينوءَ کي چوي پئي: ”مائي پاڻ به ته صاحب سان ڳالهاءِ. هتي پنهنجي وڪيل سان نٿي ڳالهائي سگهين ته اڳتي ڪورٽ ۾ ڪهڙا سوال جواب ڪندينءَ؟“
    ٿوري دير چپ ٿي وڃي ٿي. مان سمجهان ٿو ته هوءَ ايندي يا ته هٻڪندي هوندي، يا رئو ٺاهيندي هوندي. منهنجي سامهون اچڻ لاءِ، دل من هڻندي هوندي ۽ ڳالهائڻ لاءِ لفظ توريندي تڪيندي هوندي. ان دم ئي دل ۾ خيال ٿو ورائي ته متان مون واري مومل به وري ساڻس ڳنڍي نه اچي، سو اتان ئي کيس ڪن تي ٿو هڻان: ”هاڻي مهرباني ڪري تون وڪالت ڇڏ، مون لاءِ ماني پچائي آءُ.“
    مان ڪن ٿو ڏيان ته پنهنجي مومل جو گيهو بورچي خاني ڏانهن ٿو ٻڌان ۽ زينوءَ جي اچڻ جو آواز دل ۾ پيو محسوس ڪيان. هوءَ سرندي، سرڪندي، بيهندي، هلندي ڪائين ڪال در ۾ ائين ٿي منهن ڪڍي، جيئن پندرهينءَ جو چنڊ ڪي گهڙيون لڪ ڪري پوءِ اڀرندو آهي. هوءَ در جي تاڪ کي جهلي پير جي ننهن سان ڌرتي کوٽڻ لڳي ٿي. مان هن جي چنڊ جهڙي منهن کي ڏسان ٿو، جو حجاب کان ڳاڙهسرو ٿي ويو آهي ۽ پوءِ سندس ڊگهي هاٺي، موڪري سيني، چيتڻ جهڙي چيلهه ۽ ڀرپور ڍاڪن کي ٿو تڪيان، جيڪي هينئر مون کان هزار ڪوهن تي آهن. مون ان مفاصلي کي گهٽائڻ لاءِ پنهنجا پير پٿون ڪيا آهن، پر اهو اڻانگو پنڌ کٽيي نٿو کٽي. مان ڳالهائڻ ٿو چاهيان، پر ڳالهائي نٿو سگهان. زبان ڄڻ ته تارون سان ٺهڪي وئي آهي. مس مس ڳيتون ڏئي مان ڏک ۽ ميار مان ذري گهٽ روئڻهارڪو ٿي ڀڻڪان ٿو: ”آئين آن زينو؟“
    هوءَ جواب ۾ ڪي ڪڇڻ بدران پنهنجيون چيرويون اکيون کڻي مون مئل کي رهندو ماري ٿي.
    ”منهنجي ڳالهائڻ تي ڏک ضرور ٿيو هوندءِ، پر زينو اهڙا ڏک ته تو به ڏنا هئا.“
    هوءَ ائين ئي چپ.
    ”ياد اٿئي تو لاءِ مون ڦارون پئي پاتيون. تون رکو جواب نه ڏين ها ته ههڙا ڏونگر ڪٿي ڏسان ها.“
    هوءَ اڀرندڙ چنڊ جيان آهستي آهستي ڪنڌ مٿي کڻي مون کي چوي ٿي: ”قرب ڪرين ته ڏکيءَ کي نه ڏکوءِ، مون بي وڙيءَ تي وڙ ڪر“
    ”توکي ڪهڙا ڏک ٿو ڏيان زينو؟“
    ”اهي ڏک ناهن ته ٻيو ڇاهي؟“
    ”زينو تون سمجهين ڇو نه ٿي؟ توکي پنهنجا ڏک ته ياد پون ٿا، پر منهنجا وساري ويهين ٿي. مان اڄ به تولاءِ ٻاٿون پيو کاوان.“
    هوءَ ڪو جواب نٿي ڏئي، پر سندس اکيون ۽ منهن شوڪجي ٿو وڃي ۽ مون واري ڳالهه کي لياني ٿي ڪري ڇڏي. مان وري وار ٿو هڻان: ”زينو مئن لاءِ ايترا ماتم ڪونه ٿا ٺهن.“
    ”تو لاءِ مئل هوندو، مون لاءِ ته جيئرو جاڳندو آهي.“
    پوءِ مون کي پنهنجو پاڻ تي خار ٿي اچي. مان ته ڪيڏو خسيس ٿي پاڻ کي پيو سندس پيرن ۾ اڇلايان ۽ هوءَ اها وڏائي ۽ هٺ ڪونه پئي ڇڏي. مان ڪانٽو بدلائي کيس چوان ٿو: ”توکي خبر آهي نه ته مان وڪيل آهيان؟“
    ”ها.“
    ”آندي اٿئي روڪڙ؟“
    ”ڪيتري آ تنهنجي فهي؟“
    ”هزار، ٻه هزار، ٽي هزار، ڪيس تي مدار آ.“
    هوءَ رقم ٻڌي دهلجي ٿي وڃي. ڪي گهڙيون سوچي سوچي مون ڏي نهاري چوي ٿي: ”هينئر ته ڪي ڪينهيم. باقي اوڌر ڪرين ته چاڪري ڪري به وهي ڏينديس.“
    ”مان ته اڳواٽ روپيو روپئي تي وڄائي وٺندو آهيان.“ مان خار ۾ چوان ٿو.
    ”پوءِ ڇا ڪيان؟“ هوءَ بيوس ٿي پڇي ٿي.
    ”پٽ وٺڻو اٿئي زينو؟“
    ”ها.“
    ”پئسو به ڪونهئي؟“
    ”نه“
    مان زينو ڏانهن ڏسان ٿو. هوءَ هينئر بيواهي آهي ۽ کيس ڪا واه ڪونهي. مان ورهين جا ورهيه هن لاءِ ڪوڙڪيون اڏيون، پر هينئر اچي ڦاٿي آهي. مان کيس ڦاٿل ڏسي مهل تي ڌڪ ٿو هڻان: ”زينو جي روڪڙي في نٿي ڏئين ته پوءِ اها ئي في وٺندوسانءِ، توکي مان سان نڀائڻو پوندو.“
    ”خدا جي قهر کان نٿو ڊڄين؟“ هن جون اکيون ذري گهٽ لال ٿي وڃن ٿيون.
    ”ان کان ڊنس تڏهن ته توکي زوري به نه کنيم، نه ته تون دادن سان ڪيئن لائون لهين ها. پر هينئر ڪنهن کان به نه ٿو ڊڄان.“
    ”تون ته ڪو صفا لانگڙ لاه آن.“ هوءَ رهندو مون واري جواب تي باه ٿي ٿئي.
    ”تون ئي ائين ڪيو آ.“
    ”مان؟“
    ”ها تون.“
    هوءَ چپ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪي گهڙيون دل من پڇي مون ڏانهن چوي ٿي: ”تنهنجي مدد جي گهرج ڪونهي، مان پاڻهي ٻار وٺنديس.“
    ”مليئي ٻار.“ مان ٽوڪ ڪيان ٿو.
    ”ڇو نه ملندو؟“
    ”زينو تون جي اهو ٻار وٺي وئينءَ ته توکي پيرين اچي پوندس.“
    ”ڪال ئي تنهنجو پيل هوندو ته پوءِ ڪيئن ملندو؟“
    ”مس مس سمجهيو اٿئي.“
    هن جي منهن جو پنو ئي لهي ٿو وڃي. هوءَ مون واري رمز مان ئي سهي ڪري وئي آهي ته مان ضد تي بيٺو آهيان ۽ کيس ٻار ڪائين ڪال نه ملندو. هوءَ ليلهائي ٿي: ”ان انڌ جي گهوڙي تان ڪنهن حيلي لهندين؟“
    ”نه“ مان صفا پڙ ٿو ڪڍي بيهان. ”ڪهڙو رحم بيرحمن سان.“
    هوءَ مون ڏانهن ڪي گهڙيون نهاري منهنجي اکين ۾ ديد لهڻ جي ٿي ڪوشش ڪري، پر انهن اکين تي ڇلر چڙهيل ڏسي لاچار چوي ٿي: ”چڱو جي نٿو مڙين ته پهريون ٻار وٺي ڏي، پوءِ اها ئي فهي ڏيندم. ڪڏهن وٺي ڏيندين؟“
    ”سڀاڻي شام کان اڳ، رات اتي ئي رهبي تنهنجي بلي.“
    ”مان به پهرين رات ٻڌل آهيان، پوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مٽ.“
    ”پوءِ مان ٻڌل، تون ڇٽل.“
    ”ته پوءِ ڪا اميد نه رکجانءِ.“
    ”ٺيڪ، سڀاڻي لاءِ ٻڌل آهين نه؟“
    ”ها، سڀاڻي لاءِ ٻڌل.“
    ”انجام ڏي، متان پوءِ ڪو ڏٽو پوزين ڪرين.“
    ”هيءَ منهنجي سينڌ.“ هوءَ سينڌ تي رکي چوي ٿي.
    اتي مون کي پنهنجي مومل جو گيهو ڪن تي پوي ٿو. هوءَ سهڪندي سهڪندي مون لاءِ ماني جو تشت کڻي اچي ٿي. ماني ٽيبل تي رکي پاڻ ڪرسيءَ ۾ ائين ڦان ٿي ڪري ٿي پوي، جيئن دٻي ۾ ڪا ٿڪل مينهن. گهڻي مهل کان پوءِ مس مس سامت ۾ اچي، مون کان پڇي ٿي: ”زينوءَ جي ڪم جو ڇا ٿيو؟“
    ”سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن راڄوڻي ڪبي، نه ته پوءِ لاچار ڪورٽ ۾ ڪيس وجهندس.“
    ”ها، ننهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجهجي. پهريون ميار لاه، پوءِ ڪيس به نٿو ڀڳو وڃي.“
    ”ائين ئي ٿيندو سائڻ، جيئن تنهنجو حڪم.“ مان مٿس ٿورو ٿو ٿڦيان.
    منهنجي جيپ ڳوٺ ڏانهن اڏامندي ٿي هلي ۽ جيٽ جهاز جون پئي سڪون لاهي. مان هونءَ به گهڻو ڪري مهيني ماسي ڇنڇر تي ڳوٺ ويندو آهيان. ان ڳوٺ ۾ ئي منهنجا ٻني ٻارا، ڪڙمي ڪاري ۽ رام راڄ آهن. اهو ڳوٺ مون کي سدائين کائڻ ايندو آهي ۽ مان هر ڀيري پهر پاڇو گذاري پوئتي موٽ ڪندو آهيان. پر هن ڀيري مان ڏاڍو خوش آهيان ۽ ساجهر پهچڻ لاءِ ڊرائيور کي جيئن پوءِ تيئن تيز هلائڻ لاءِ زور ٿو ڀريان. مان اباڻي ڳوٺ جون ٻيريون ۽ ٻيا وڻ ٿو ڏسان. انهن وڻن هيٺان ئي زينو آهي، جا ڪو وقت مون لاءِ ڊگهو اچو وڻ هئي، جتي مون لاءِ پڄڻ محال هو، پر هينئر اهو وڻ پنهنجي پڪل ڦر سوڌو سمورو پاڻ مون ڏانهن نمي آيو آهي ۽ مان ڪي گهڙيون اهو ڦر پنهنجي هٿن سان روڙي چکي چٻاڙي سگهندس.
    منهنجي جيپ سڙڪ ڇڏي ڳوٺ جي گهٽيءَ ۾ ڦري پنهنجي بنگلي وٽ بيهي ٿي. جيپ جي گهرڪي تي مون وارا ڪمدار ڪاراوا ڀڳا ٿا اچن. هرڪو منهنجي خدمت لاءِ بيقرار آهي. ڪو جيپ مان ٽپڙ ٿو ڪڍي ته ڪو مون کي منهن کان پيرن تائين ڇنڊي ٿو. مان بنگلي ۾ پهچي ڪرسيءَ تي پوءِ ٿو ويهان، پهرين ڪمدار کي ڪرڙي آواز ۾ چوان ٿو: ”هن غلامو ڪتي جي پٽ کي گهراءِ ته سندس ڇنڇري لاهيان.“
    ”ڇو سائين، خير؟“
    ”پنهنجي ڀاڄائي کان ابهم ٻار کسيو اٿئين، ان کان وڌيڪ ڪهڙو ڏوه ٿيندو آ ڪمدار؟“ مان ڪمدار سان انهيءَ خار ۾ ٿو ڳالهايان. مون کي خبر آ ته مون واري اها ٿان شوخائي ڪم ڏيندي. ڪمدار مون واري رمز سهي ڪري ڪارائي کي ٻه رتيون سرس پاڻي ڏيندو ۽ مينهن واءُ هڪ ڪيون غلاموءَ کي چؤ کنڀو کنيو ايندو. مون وٽ پهچڻ کان اڳ سندس پير پٽيل هوندا، هن جون وايون بتال هونديون ۽ مون وارو هڪ ئي لوهارڪو ڌڪ هن کي موڙي ميڻ ڪري ڇڏيندو ۽ ڪا ڊه ئي نه جهليندو.
    ڪمدار جو ڳوٺاڻين ريتن، رسمن، ڇيڙين نبرين جو ماهر آهي ۽ مون سان حجائتو آهي، سو نئين ڳالهه ٻڌي چوي ٿو: ”پر سائين ٻار ته نيٺ ڏاڏنگ لهڻو، جي مائي ان ساڳي گهر ۾ ئي ڇانو ڪري ويهي رهي ها ته غلامو ڇو ٻار کسي ها.“
    ”ڪمدار، زوري پرڻائينديس ڇا؟“
    ”سائين اڳي ته اهو رواج هو، خانصاحب واري زماني ۾.“
    ”ميان نئون زمانو آ. اها ٻار جي ماءُ جي مٿي دانهين ها ته غلاموءَ جي نه رن بچي ها نه روڳڙي. شڪر ڪر جو مون وٽ ئي پهتي. راڄوڻي ڪم جون چاٻيون پنهنجي هٿ ۾ آهن، جيئن ڦيرايون تيئن پيو ٺهي.“
    ”سائين، غلامو به اهو ڪم تنهنجي طاقت تي ڪيو، نه ته هن کي ٻي ڪهڙي واه.“
    ”نه نه ميان، قانون بڇڙي بلا آهي.“
    ڪمدار مون کي بئنش تي ڏسي، آئي مڃي مون کان پڇي ٿو: ”پوءِ سائين جيئن حڪم ڪيو.“
    ”هينئر جو هينئر غلامو ٻار سوڌو پهچي.“
    ڪمدار منهنجو حڪم ٻڌي وڄ وانگر وڃي ٿو ڪارائي تي ڪرڪي. ڪمدار جي آواز ۾ وري مون کان به وڌيڪ گجگوڙ آهي. هو ڪارائي کي باه جو ڌاڻي ڏئي حڪم ٿو ڪري: هينئر جو هينئر بنا دير ٻار مائي جي جي حوالي ڪري اچي سهڻي ورندي ڏي. ٻيو ٻڌ، غلاموءَ کي منهنجو نياپو ڏجانءِ ته مهينو کن صاحب جي منهن تي نه چڙهي، نه ته کل کاري وجهندس.“
    مان جيسين ٻنيون ٻارا گهمي واپس بنگلي تي پهچان ۽ تڙ ڪري ڪپڙا لٽا بدلائي بالم ٿي ويهان ٿو ته اهو ڪارائو اچي خبر ٿو ڏئي ته ٻار مالڪين پهچي ويو ۽ هرڪو هينئر ريان کنيان آهي. مان به ٻانهن سيراندي ڪري ليٽي ٿو پوان.
    اڳهون ڪڪڙيون دس هنيو، گهڻو ڪري اڌ رات پئي لڙي. چؤ ڀرف چپ چپات ۽ سانت لڳي پئي آهي. ڳوٺ جا ڪتا جي مالڪن کان به وڌ عاشقن جا ويري ٿين، سي به ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي پئجي رهيا آهن. ان سڄي جهان ۾ مان ئي تارا پٽي پيو عجيبن لاءِ اڱڻ ٻهاريان ۽ واٽون نهاريان. مٿي نيري آسمان ۾ تارا پيا ٽمڪن. مان هر هڪ تاري کي چتائي پيو نهاريان ته ان ۾ زينوءَ جو منهن پيو پسان. آسمان ۾ انهن تارين جي پاسي کان اڇو پٽو جرڪي پيو ۽ مان ان پٽي ڏي ٿو نهاريان، جو اهو رستو اهو ئي گس وٺي زينو مون ڏي اچڻي آهي.
    ڪن تي ٿورو دٻڪو ٿو پئيم. مان ڪر کڻي ان طرف پيو واجهايان، پهريون ڪاري ٻاٽ، پوءِ پاڇولو ۽ پوءِ ڪپڙن جو سرڙاٽ. هوريان هوريان پدمڙا پير پير ۾ کڻندي کڙڪو ماريندي – هائو ٻيلي اچي ٿي. سندس جوان جماڻ جسم جي کٿوري پهريون ئي ٿي پڄي. ايتري کٿوري ته مون کي پاڻ واري مومل مان به نه ايندي آهي، جا الائي ڪيتريون شيشين مٿان شيشيون پاڻ تي ڀٽيندي آهي. مان اکيون ٻوٽي نڪ مان ڊگهو ساه کڻي زينوءَ جي بدن جي سرهاڻ هڪ ئي وار ٿو جهٽيان. هو تيستائين منهنجي کٽ وٽ پهچي وڃي ٿي. مان هوريان ڀڻڪو ٿو ڪيان: ”ڏاڍو اوجاڳو ڪرايئي؟“ هوءَ کٽ جي پيرانديءَ تي ويهي مون کي چوي ٿي: ”ڇا ڪيان، ڇوڪر کي ڍه پئجي وئي آهي. اڃا سمهاري اٿان ته ٻرڙاٽ شروع ٿو ڪري. لاچار کيس کڻي آيس ته متان خواري نه ڪري.“
    مان ڇرڪ ڀري کٽ تي ويهي ٿو رهان ۽ کانئس پڇان ٿو: ”ننڍڙو کڻي آئينءَ ڇا، ڪاٿي آ؟“
    ”اجهو هي اٿئي ڍولو، ڏس نه هوبهو جهڙو دادن.“ هوءَ ٻار تان رئو لاهي مون کي ڏيکاري ٿي.
    ”دادن جهڙو ته ڪونهي.“ مان ٻار کي گهوري گهوري چوان ٿو.
    ”ننڍڙو آ نه، توکي خبر نٿي پوي. وڏو ٿيندو ته تِر به دادن کان نه مٽيندو. ان آسري تي ته پئي جيئان.“ هوءَ ٿڌو شوڪارو ڀري ٿي.
    ”هاڻي ته چپ ۾ آ.“
    ”ها، هاڻي ته ننڊ ۾ به کلي ٿو، پر چوڙ تان ٿي لاهيانس ته چپ ٿو چِٻا ڪري. دادن جو به مون تي اهڙو ئي آر هوندو هو. جهٽ پلڪ هيڏي هوڏي ٿيندي هيس ته من مارئيي جيان ئي ٻوٿ بڇڙو ڪندو هو.“
    ”زينو.“ مان کيس هوريان سڏيان ٿو، ڄڻ ڪنهن اونداهين انهي ڦٽل کوه مان.
    ”جيءُ.“
    ”دادن ڏاڍو پيارو هيئي؟“
    ”ڏاڍو، روح رليل هئا نه صاحب.“
    مان ماٺ ميٺ ۾ آسمان کي ٿو تڪيان. تارا ۽ گس جيئن پوءِ تيئن مون کان پري ٿيندا پيا وڃن. هوءَ ڪي گهڙيون منهنجي ڳالهائڻ جو انتظار ڪري چوي ٿي: ”تون وري ڪهڙن پورن ۾ پئجي وئين؟ تون وڪيل ماڻهو، توکي پنهنجي فهي سان ڪم. ٿورو سر ته ٻار کي ليٽايان، ڄاڻ باک ڦٽي.“
    هوءَ ٻار کي هيٺ سمهارڻ لاءِ نوڙي ٿي. مون کان بي اختيار درهڙي ٿي نڪري وڃي. مان هوريان رڙ ڪري هن کي جهليندي ٿو چوان: ”نه زينو، ٻار کي چوڙ تان نه لاهجانءِ، ٻار روئي پوندو. مان هن کي سدائين کلندو ڏسڻ ٿو چاهيان.“


    مساوات

    ايس – پي هاءِ ڪمانڊ ميٽنگ جو حال احوال ۽ ان ۾ ٿيل فيصلي جو ذڪر پورو ڪيو ته ڪي گهڙيون بنهه سانت ٿي وئي. ان وقت ايئر ڪنڊيشن جي ڀؤن ڀؤن هئي يا ٻنهي ڄڻن جي ساه کڻڻ جا آواز. ايس – پي اهو لڪ اڳ ۾ ئي لنگهي آيو هو، پر ايس . ايڇ . او بهار علي، جنهن اهو احوال پهرين ڀيري ڪنين ٻڌو هو، تنهن جي ڪنن تي تاڙيون چڙهي ويون هيون. سندس منهن جو پنو ڪوري هرک جهڙو ٿي ويو هو. سندس تيل پيتل شهپر، جي ٻن ڦولن پائڻ کان پوءِ اوکين کان اوکين مهلن ۾ به هميشه اڀا هوندا هئا، سي به الائي ڪهڙي مهل ڍڍر ڍاري هيٺ ڪري پيا هئا. پوءِ به ايس – پي پاڻ سنڀالي، پنهنجي چاندي جي مٺيي واري ننڍڙي اسٽڪ آڱرين ۾ ڦيرائيندي چيو: ”بس، اهي ٿي حال احوال.“
    ايس – ايڇ – او جو ڳڻتين ۾ گم هو ۽ اڃا پوري هوش ۾ ڪونه آيو هو، سو ڪنڌ مٿي کڻي پنهنجي صاحب ڏانهن نهارڻ لڳو. ڳالهائڻ گهريائين، پر زبان ئي ڪونه اٿليس. مئل سئل آواز ۾ ڇڙو اهو پڇيائين: ”پوءِ سائين؟“
    ”بس بابا، حڪم جا بنده آهيون.“
    ”پر سائين، اوهان هيڏو اٺ جيڏو بار ڪيئن پئي کنيو؟“ ايس – ايڇ – او ليلهايو.
    ”بابا، بار بارين تي آهي، هتي ڪنهنجي ڪڇڻ جي جاءِ آهي، اتي ته وات تي به هٿ هو ته هيٺ به.“
    ايس – ايڇ – او کي دل ئي دل ۾ ڪتڙيون چڙهي ويون. هن کي پنهنجا اڳيان ايس – پي صاحب ياد آيا، جي سڌائي سڌا ڪميشن مان چونڊجي ايندا هئا، پر دلين جا پاور هوندا هئن. ههڙي تهڙي کي ته سگنل ئي ڪونه ڏيندا هئا. وقت جو بادشاه به کين ابتو ڪم چئي نه سگهندو هو، پر هينئر ته اهي مور مري ويا هئا ۽ هينئر هنن رئنڪرس سان نڀائڻو هو، جي پنهنجين ڪرسين کي سلامت رکڻ لاءِ نه اڳ ڏسندا هئا نه پٺ. سروس جو مزو به انهن ڏينهن ۾ هو. هينئر ته چاڪري هئي.
    ايس – پي پنهنجي صوبيدار کي، جو هن جي هر مرض لاءِ آخري پڙي هوندو هو، ايڏي وڏي سوچ ۾ ڏسي پڇڻ لڳو: ”بهار علي، ڇا پيو سوچين؟“
    ”سائين، پنهنجو حشر پيو سوچيان.“
    ”ڪمال آ، ايتري ڀاڙيائپ!“
    ايس – ايڇ او جي ڪپڙن کي باه لڳي وئي. کيس چوڻ لڳو: ”سائين! اوهان ان جا آڳا پيڇا سوچيا آهن.“
    ”سوچڻ اسان جو ڪم ڪونهي، ان ڪم لاءِ مٿي ويٺا آهن.“
    ”سائين، اهي ته ڪڏهن جيل ۾ هوندا، ڪڏهن ريل ۾. پاڻ اهڙيون ستون.......“
    ”ٿڌو ٿي ٿڌو، توکي ته نوڪري پياري ڪونهي. مان بابا ٻچڙيوال آهيان.“ ايس – پي سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي ڇرڪندي ڇرڪندي چيو.
    ”پر سائين، ڳالهه به ته اهڙي تهڙي ڪونهي، نيٺ ته مصلحت ڪبي.“
    ”پاڻ کي ڪهڙي مصلحت ڪرڻي آ، حڪم آ حاڪم.“
    ”ڪير ذميواري کڻندو؟“
    ”ڪوبه ڪونه، باقي مان سو توسان ٻڌل آهيان.“
    ايس – ايڇ او کي هن واري ٽيڪ جي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي. هو کيس ڏاڪڻ تي چاڙهي هيٺان پير ڪڍڻ وارو هو ته کيس ان ٻوهي ۾ ڦاسائي پاڻ اوچتو اوچتو ڪو نه ڪو دورو ڪڍي ويندو ۽ ان ڏينهن سندس آمد ئي ڪونه هوندي. پاڻ پنجاه ميلن تي پيو ڏسائيندو. هو اهو سوچي صفا پِڙ ڪڍي بيٺو: نه سائين، مون کان اهو ڪم نه ٿيندو.“
    اهو جواب ٻڌي، ايس – پي کي ڍڪر وٺي ويا. هن جي ڪنفرميشن جو دارومدار سمورو ان ڳالهه تي هو. ڪلهوڪو ڏينهن هو جو سب انسپيڪٽر هو، مس مس ڊي – ايس – پي ٿيو، ان رئنڪ ۾ به هو جونيئر ۾ جونيئر هو، جو ٺڪي ٺوڪي ڳالهائي ٻولهائي عارضي ترقي ڏئي، کيس ضلعي جي چارج ڏني وئي. اتي سندس چاندي ئي چاندي هئي. مس مس هن ۾ پهريون ڪم پيو هو ۽ هو سيني تي هٿ هڻي هائو ڪري آيو هو. هينئر سندس زيردست سندس ٽڀوئي اونڌو ڪري رهيو هو. هن جي هڪ دل چيو ته جيڪر پنهنجيءَ تي اچي کيس ٻٽي رهڙون چاڙهي، پر ڪم جي نزاڪت کي ڏسي، هن سور پي، هيٺائين کي نه ڇڏيو. هن ايس – ايڇ – او کي ماکيءَ کان به مٺي آواز ۾ پيار سان چيو: ”بابا، پاڻ کي هر ڪم ضرور ڪرڻو پوندو.“
    ”سائين، پهريون ٿڌي دماغ سان ويهي سوچيو.“
    ”ڇا سوچيون؟“
    ”ائين ڪرڻ سان رهندو باه نه ڀڙڪي پوي.“
    ”باه وسامي ڪٿي آ؟“ ايس – پي پڇيو.
    ”گهٽ ۾ گهٽ رفتارين کان پوءِ چپ چپاتي ته آهي.“
    ”ميان اها ماٺ نه سمجهه. سيني جي اندر ۾ پيا کورا ٻرن، رڳو پيا ٻئي ڏينهن واجهائين ته گرفتار ٿيل ڇٽن. تو لاءِ ۽ مون لاءِ به سدائين جنجال آ، روز لا ائنڊ آرڊر جو پرابلم. ان ڏينهن هاسٽلن ۾ ڇا ڏٺئي؟“
    ”ها سائين، ڌرتي ٽامون هئي.“
    ”ڀيڻسان ٻارهن ئي مهينا پڙهائي بند. ڪمرن ۾ ڪتابن بدران اسٽين گنون، رائفلون. روز جلسو جلوس ۽ پوليس سان ڏاڙهي پٽ ۽ رت جون ناليون، آخر ڪيترو وقت انهن ڳالهين کي سهبو؟“
    ”سائين، نئين رت آ. ان کي جوڙ گهڻو هوندو آ، هنن جا ڪجهه نه ڪجهه ڊيمانڊ قبول ڪيو، پاڻهي چپ ٿي ويندي.“
    ”ميان مطالبا به جائز قبول ٿيندا، ناجائز ڪير قبول ڪندو؟ توکي خبر آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ ته هن يونيورسٽي جي ڊگرين کي ٿڪ ئي نه هڻن.“
    ايس – ايڇ – او بهار علي نه ٻاهريان ملڪ ڏٺا هئا ۽ نه هن کي ڪا ڄاڻ هئي. هن سموري سروس ۾ يا ته پنهنجا ٿاڻا ۽ آئوٽ پوسٽون ڏٺيون هيون يا ڪورٽون ۽ بالا آفيسون، جتي ميڙيءَ چونڊيءَ جي ورهاست ٿي، باقي هن لاءِ وڃي ڪو پائڻ پاڇو رهندو هو – هو چپ ۾ رهيو.
    ايس – پي واٽ تي ڏسي کيس سمجهائڻ لڳو: ”ميان، هنن وات ڳاڙهن ڇورن کي ڪيستائين ڍر ڏبي؟ پاڻ کي قانون جي بالادستي هر حالت ۾ قائم ڪرڻي آ. ڏسين نٿو ته ڪيترن ڏينهن کان پيا گهر کائون.“
    اها گهر کائڻ واري ڳالهه صوبيدار کي اندر ۾ ائين ٺهڪي ويئي، جيئن سچ پتري کان پوءِ جوابدار جو ڪنفيشن. هن جزائن ۾ ڦاسائڻ کان پوءِ، ٻيون سڀ فريادون، درخواستون، سموريون ڳاڙهين پوتين واري دفتر واري دفتري ۾ بند پيون هيون ۽ انهن کي کولڻ جي ڪا واندڪائي ڪونه هئي. روز ڪونه ڪو جلوس، اسٽرائيڪ هئي. هن کي پاڻ اهي سکيا ستابا ڏينهن پسند هئا، جڏهن هٿ چوري ڪجهه نه ڪرڻو پوندو هو، پر تنهن هوندي به انهن سڻاون ڏينهن آڻڻ جي ان نئين مٿان آيل طريقي مان راضي نه هو. هن چيو: ”سائين! امن امان قائم رکڻ جا ٻيا به طريقا آهن، هروڀرو هي ڪونهي.“
    ”سڀ رستا وتاسي. ڇوڪرن جي مائٽن کي چيوسين ته پنهنجي کي قابو ڪن. هنن چيو ته: ”پاڻ کان زور آهن. وري ڇورن کي سم ۾ اچي پيمانو ڪيوسين، پر اهڙي جا اهڙا. مٿن هلڪي لاٺي چارج ڪئيسين ۽ ٽيئر گيس اڇلياسين، پر ساڳي ڪتي جي پڇ واري ڪار. وري کين لٺ به ڏيکاريسين ته چٺ به، ته به ڪو مڙيا؟“
    صوبيدار بهار علي ڍرو پئجي ويو هو، پر هن همت ٻڌي چيو: ”اهي سڀ ڳالهيون برابر آهن، پر معتبر ٿي جيري لاءِ ٻڪري کي ئي سير ڏيڻ به سياڻپ ڪونهي.“
    ”ميان، ڪني آڱر هميشه وڍي ڀلي. ڪني مڇي کاري مان ڪڍي نه اڇلبي ته کارو ئي گونهن ٿي ويندو.“
    ”پر سائين، تاريخ......“ ايس ايڇ او بهار علي چوڻ گهريو.
    ”توکي ڪهڙي تاريخ جي خبر بابا، مون اسلامڪ هسٽري پڙهي آهي. اها مون کان پڇ. جڏهن ڪوفي ۾ شرارتون وڌي ويون هيون ته پوءِ حجاج گورنر مقرر ٿيو هو، جنهن جي زبان ۽ تلوار ٻئي آبدار هيون ۽ هڪ ٻئي کان ڪسر هيون. خبر اٿئي ان ڇا ڪيو هو؟“
    ”نه سائين، مون کي خبر ڪونهي.“
    ”هن پهرين مسجد ۾ تقرير ڪئي هئي. شرارتي ماڻهن هير موجب مٿس چٿرون ڪيون هيون ۽ پٿريون هيون هيون ته هن اتي جو اتي ڪوس ڪرايو هو. ان کان پوءِ اهڙي ٺاپر ٿي وئي، جو سڀڪو کيس دعائون ڪرڻ لڳو. اهو حجاج ساڳيو پاڻ وارو اٿئي، جنهن سنڌ ۾ به ڀائٽيو موڪلي ڏاهر کي مارايو هو.“
    ايس – ايڇ – او بهار علي پنهنجي صاحب جي علمي قابليت تي گهور گهور ٿيڻ لڳو. هن جي هڪ دل گهريو ته جيڪر موقعي مان فائدو وٺي حجاج ۽ ڀائٽهينس جا ڪارناما ۽ سندس دين ۽ ايمان سان پڄاڻي معلوم ڪري، پنهنجي ڪاري ٻاٽ جهڙي سيني کي روشن ڪر. پر ٻيءَ دل هن کي پنهنجو ڪرمنل پروسيڊر ڪوڊ وارو ڪتابن ياد ڏياريو، جيڪو هن کي برزبان ياد هو ۽ جو هن کي تاريخ ته ڇا، پر دنيا جي مڙئي ڪتابن کان وڌيل پيارو هو. هو هن کي سدائين پوتيءَ ۾ ويڙهي تاڪ تي رکي ڇڏيندو هو. هن کي پنهنجي ان ڪ – پ – ڪ جا سڀئي قلم ياد هئا ۽ کيس ڪنهن ٻي تاريخ جي علم جي ڪا ضرور ڪونه هئي. هو دل ئي دل ۾ پنهنجا قلم ياد ڪري سرور ۾ پئجي ويو.
    ايس – پي کيس ماٺ ۾ ڏسي پنهنجي ڦرندڙ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيندي چيو: ”بابا، قدرت جو قانون آ، ڏاهرين جو علاج حجاج ئي آهي ۽ اهو ئي انهن جو دارون آ.“
    صوبيدار بهار علي جي کل تمام ٿلهي هئي، پر لڳاتار ڪوششن ۾ نيٺ اهي ڳالهيون سندن چم ۾ گهرنديون پئي ويون. جن ڳالهين پهريون کيس ڏنڀ پئي ڏنا سي هوريان هوريان پچائيندو ۽ سهائيندو پئي ويو. باقي وڃي ڪي انڌا ڪاڻا اعتراض رهيا هئا. هن پنهنجي صاحب کي چيو، ”سائين، اهي کٿوريون نيٺ وڃي ڦاٽنديون پوءِ زمانو.....“
    ”ميان، زماني جا بهانا نه ڏي. زمانو ڄاڻي ٿو ته تون ۽ مان ڇڙيون پتليون آهيون ۽ اسان جا ڌاڳا ٻئي هٿ ۾ آهن. جيئن چوريندو، تيئن چرنداسين، جيڪو ناٽڪ چوندا، سو ڪري ڏيکارينداسين.“
    ”پر سائين، پوءِ ذميواري ڇو نٿا کڻن؟“
    ”وري ساڳي ذميواري جي ڳالهه. بابا، لکت ۾ ڪو ذميواري نه کڻندو، باقي پاڻ سان هر حالت ۾ ٻٽ آهن.“
    ”ڀؤ ته اهو ٿو ٿئي ته پهريون چٽ ٻڌي، پوءِ ڪنڌ نه ڀڃن.“
    ايس – پي به نرمائيءَ سان ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي پيو هو ۽ سندس نڙي ۽ وات پڻ ڪؤڙو ٿي ويو هو. تتل لوه تي هنڌائتو ڌڪ هڻي، سام ۾ چيائين: ”ميان، تنهنجي ڪنڌ ڀڃڻ لاءِ هنن وٽ ٻيو ئي مسالو گهڻو آهي. هي روز بروز جو تنهنجي ٿاڻي جي حد ۾ ناڪا بندي ۾ ڌاڙيل پڪڙجن ۽ هر مهيني ماسي پيا انڪائونٽر ٿين، سا ڳالهه هنن کان ڳجهي ڪونهي. هنن کان ان سچ ڪوڙ جي رتيءَ جيتري به ڳالهه لڪل ڪونهي.“
    ”ها، اهي ڳالهيون ته پيون ٿين، پر سائين، اهي ڌارن کاٽن جا ڏوهاري......“ صوبيدار ذري گهٽ ڪنبندي چيو.
    ”اهي چور، ڌاڙيل ڪنهن هڪ گهر، هڪ ماڻهو جا ڏوهاري آهن. هي جزائون ته سڄي ملڪ جي پيڙه کي پيا کاٽ هڻن، اهو نه وسار ته اهو ملڪ اسان ڪيتريون قربانيون ڏئي ورتو هو.“
    ”مان انهن ڏينهن ۾ ننڍو هوس، پر چؤ طرف فساد ياد اٿم. ريل گاڏيون رت سان رنڱيون اينديون هيون، نفسا نفسي هئي.“
    ”بابا، ان ملڪ جي ئي صدقي مان هن ڪرسيءَ ۾ آهيان ۽ تون چونڊ ٿاڻا پيو هلائين.“
    صوبيدار بهار علي ڪن چٻا ڪري ويهي رهيو.
    ”آهن ڪل گهڻا ڄڻا، لسٽ اٿئي؟“
    ”ڪل ٻارهن ڄڻا آهن.“ ائين چوندي ايس – ايڇ – او قميص جي اڳئين کيسي مان لسٽ ڪڍي.
    ”نالا پڙه، پر پهريون اهي جي وڌيڪ خطرناڪ هجن.“
    ”انهن ۾ چار مکيه آهن: يعقوب لغاري نواب شاه، ٻيو محمود دراني حيدرآباد، ٽيون حسين کٽياڻ سکر، چوٿون ديدار جتوئي شڪارپور.“
    ”پهريون ۽ چوٿون، تنهنجي ڪهڙي صلاح آ؟“
    صوبيدار بهار علي به ها ۾ ها ڪرڻ وارو هو، جو هن کي اوچتو يادگيري اچي وئي. هن کي پنهنجي ويهن سالن جي سروس جو تجربو ڪم اچي ويو. هو چوڻ لڳو:
    ”صاحب، جي منهنجي صلاح مڃيو ته هنن چئني سان نه کؤنسو. هنن جون قومون تمام ڏکيون آهن. سڄي عمر گهاٽ بيهاريون ته به وارو ڪري ويندا. ڏسي وائسي اڪ جو کير اک ۾ ڏهائڻ به ٺيڪ ڪونهي.“
    ايس – پي کي پنهنجي زيردست جي ڳالهه دل – من سان لڳي. اهي قومون ڏکيون هيون.
    هن چيو: ”ڀلا اڳتي پڙه.“
    ”ستار بگٽي جيڪب آباد، سائين اهو به ککر ۾ کڙو.“
    ”اڳتي پڙه، اڳٽي پڙه.“ ايس – پي اهو نالو ٻڌي تڙ تڪڙ ۾ چيو.
    ”مير محمد ڀيو، ٿر پارڪر.“
    ”اهو ڪير آ؟“
    ”ان جي وڌيڪ خبر مون کي ڪونهي، باقي ان جي اوهان پارت ڪئي هئي.“
    ”اڙي ها ها، نه بابا، اهو پنهنجو آ.“
    “عزيز شيخ، نور نبي ميمڻ ٽنڊو آدم.“ ايس – ايڇ – او ٻه نالا وڌيڪ پڙهيا.
    ”اهي آهن ڪيئن؟“
    ”ڪا خاص شڪايت ڪونهي، سائين، ذات به ته ڏسون.“ ايس – ايڇ – او کلي چوڻ لڳو.
    ”چڱو، انهن کي ڍر ڏي. جي ٻيا نه لڌا ته پوءِ لاچار اهي ئي. اڳتي پڙه.“
    ”سائين، ختم گهڻا ڪرڻا آهن؟“
    ”چيل ته ٽن جو هو، پوءِ ٻه ئي هجن، مڙئي ڪم سان ڪم.“
    ايس – ايڇ – او بهار علي نالا پڙهڻ لاءِ ڪنڌ ڍاري لسٽ ڏانهن ڏٺو. ان دم ئي هن خوشيءَ مان پنهنجي صاحب ڏي ڏٺو. هن جون اکيون چمڪڻ ۽ مڇيون ڦرڪڻ لڳيون. هن جي منهن تي رونق اچي وئي ۽ هن ذري گهٽ رڙ ڪندي چيو: ”بس سائين، بس. ڪم ٿي ويو.“
    ”وارو ڪر، نالا پڙه.“
    ”نالا ڪهڙا ٻڌايانو. مڙئي مزي جو مزو، پئنچن تي به ٿورو ۽ پويان ماڻهو ته ڇا، پر ڪتي به نه ڀؤڪندي.“
    ”ٻڌاءِ ته سهين.“
    ”گوپال داس ۽ آنند نارائڻ.“
    ”واه واه، بهار علي واه واه، بيشڪ تون سياڻو آن.“
    ٻئي ڏينهن اسر کان پوليس جون جيپون تڪڙيون تڪڙيون هيڏانهن هوڏانهن زوڪاٽ ڪنديون رهيون. ٿوري دير ۾ اها ڳالهه هوهوا ٿي وئي ته تازو گرفتار ٿيل شاگردن مان ٻه خطرناڪ ڏوهاري گوپال ۽ آنند رات جي لپيٽ ۾ ڀڄي نڪتا آهن ۽ پوليس سندس مٽن مائٽن، دوستن کان پئي ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ پڇا ڳاڇا ڪري. بارڊر پوليس کي به ناڪابندي ڪرڻ لاءِ خبردار ڪيو ويو آهي ته متان بارڊر ٽپي وڃن. ٻاهريان اسٽرائيڪ ۾ شريڪ شاگرد پوليس جي عملي کي حيران پريشان ڏسي دل ئي دل ۾ پهريون کڳيون هڻڻ لڳا، پر پوءِ اوچتو ئي اوچتو سڀ ڇوڪرا هراسجي ويا. ڪئمپس ۾ جتي اسٽرائيڪ وارن ڏينهن ۾ به ميڙا لڳا پيا هوندا هئا، سو خالي ڀان ڀان ڪرڻ لڳو، ڄڻ ته راڪاس گهمي ويو هو.
    هفتو کن پوءِ، هڪ شام جو ايس – پي پنهنجي بنگلي جي لان ۾ بيگم سوڌو چانهه پي رهيو هو. ٻنهي زال مڙس پاڻ ۾ اوڀاريون لهواريون ڳالهيون پئي ڪيون، ٽهڪڙا پئي ڏنا. ڀرسان سندن ٻارهن سالو نينگر به ڪنهن ڪتاب ۾ منهن وجهيو ويٺو هو. اوچتو پڙهندي پڙهندي پيءُ کان پڇڻ لڳو: ”بابا، ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳورو ڪيئن هوندو آ؟“
    ايس – پي صاحب کان ذري گهٽ ڪوپ ڇڏائجي ويو ۽ چانهن هارجي سندس ڪپڙن تي وڃي پئي. ڪپڙا ڇنڊيندي، پٽ کان شوڪجي پڇيائين: ”ڇا پيو پڙهين؟“
    ”بابا، پهاڪن جو ڪتاب آ گل شڪر.“ پٽهس روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو.
    ”ڪنهن جو لکيل آ؟“
    ”ديوان آڏواڻي جو.“
    ايس – پي ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ وري پٽ ڏانهن ڏٺو، جو معصوميت ۾ ڏانهنس ڏسي رهيو هو. هن ڪي گهٽيل دم ٻاهر ڪڍي سک جو ساه ڀريندي چيو:
    ”پٽ اهو پهاڪو واڻين پنهنجي مطلب تي ٺاهيو هو، هينئر ته مولا جي مهرباني سان مساوات آ.“


    ڪوڙڪيون

    پوءِ حورن جهڙي حوران، ڏتي ڪڍ ائين لڳي ويئي جيئن ڪا ڌالي وڇ پنهنجي ڌنار جي پٺيان.
    ڏه سال اڳ ڄڻ ته ڪالهوڪي ڳالهه: شاهي بندر جي ڀر هڪ پنجاهي ساٺيڪو گهرن جو ڳوٺڙو نالو آباد. ڪچا پچا ڪکاوان گهر، وچ ۾ ڪنگرن واري ڪوٽ ۾ اڏيل پيراڻي حويلي، جنهن جو مالڪ ڳوٺ جو وڏيرو به ته مرشد به ۽ وڏڙن کان وٺي دين ۽ دنيا تي پورو قابض. گهٽي جي منڍ ۾ دڪانڙا، جن ۾ سودو اهو ئي لوڻ مرچ کان وڏف وارو. ڳوٺاڻا سڀ هڪ ئي وڻ جا، پر لامون جدا جدا. ڪي سوني جو اولاد سوناڻي ته ڪي گولي جو اولاد گولاڻي، هر ڪنهن پاڙي جو جدا جدا ويڙهو ٻڌل، ڪانو ڪانڳون سان ته ڳيرا ڳيرن سان. پير جي محرابن واري اوطاق ڀرسان ٿورو پٽ، پوءِ پرائمري اسڪول ۽ ان جي ڀرسان بنيادي جمهوريت وارن جي پيلين سرن سان اڏيل ٽن ڪوٺين جي ڊسپينسري. هڪ ڪوٺيءَ ۾ منهنجا ٽپڙ ٽاڙي، ٻي ڪوٺيءَ ۾ تاڪن تي پيل خالي شيشا ۽ برنيون، جن مان ڪي اڌو گابريون ڀريل ۽ انهن ۾ هر مرض تي پوندڙ پوٽيشم پرمئگنيٽ ۽ ٽنڪچر آيوڊين پاريون دوائون، گوريون ڇڙيون ڪونين، ٻيو مٺو نالو رب جو. ٽين ڪوٺيءَ ۾ ڪنهن اوستي ڊکڻ جو آڏ رکي دل کي بهاري ڏيڻ لاءِ آپريشن روم ٺاهيل. شفا ته ان رب جي ذات جي، پر جت وڻ نه اتي ڪانڊيرو به درخت، سو انڌن ۾ ڪو ڪاڻو مان به هوس ۽ ٻن ٽن هفتن ۾ ئي بُند تار وسيلي مون واري هٿ شفا جي چؤطرف هاڪ مچيل هئي. صبوح جي پهر ۾ پري اوري کان ايندڙ اڻ مکيل بيل گاڏيون رينگٽ ڪري اسپتال جي اڱڻ ۾ اينديون هيون ته چڱو ملاکڙو مچي ويندو هو ۽ لڙي منجهند تائين ڇڙو ڏاندن جون ٽاڏيون ۽ وهٽن جون هاهرون پيون ٻڌبيون هيون. ڳوٺ آباد ۾ يا سڏ پنڌ تي، چڱي مٺي کي ڏسڻ لاءِ، عزت شرافت ۽ شرم حياءُ سان اچڻ وڃڻ به ٿيندو هو ۽ گذر گذران ڀلو پيو ٿيندو هو. ڳوٺ جون ڪراڙيون سراڙيون به هڪ ٻه ڀيرو ملاقات ڪري نانيون ماسيون بڻجي چڪيون هيون ۽ مهل ماسي وٽ وڻڇ جي ڀاڄي به آڻينديون نينديون هيون.
    ڪجهه ٽاڪ منجهند جو سڀ مريض اڪلائي کٽ تي آهليل هجان، جو انهن قربائتين ڪراڙين مان ماسي مرادان پنهنجي ڇڳل ٽِگلي جتيءَ کي لف لف ڪرائيندي اچي ٺهڪو ڪيو. منهن ون ون، رنگ ڪاراٽيل. سندس دوڏن ۾ پيٺل اکيون، جي مون کي ٿر جي ڪن جاڙن کوهن جيان ڏک ڏينديون هيون، سي پئي سميون ۽ انهن اکين وارڻ بوڪن مان ميرا ڳوڙها لار ڪري دوڏن جي پاڙڇن تي پئي ڪريا ۽ اتان گهنجن واري نيسر وٺي کاڏيءَ کان هيٺ ميري گج کي پئي رجايائون. ماسي مرادان جو اهو حال کان بيحال ڏسي مان ٽپ ڏئي اٿيس. ايندي ئي چيائين: ”ڏاڪدر ابا، ڀيڻين جا هر هر هٿ پير ٺري پارو ٿا ٿي وڃن، ڪا دوا ته ڏي.“
    ”ڇو ماسي، آهي ته خير؟“
    ”خير وري ڪهڙو ابا، هن پاڻ واري پير ڪال وڌو آهي. سمو رب ڪين ڪندس.“ ماسي پلؤ کڻي پير کي ٿي پٽين جي آهوڙ ٻڌي.
    ”ڇا ٿو ڪري؟“
    ”ڇا ٻڌايانءِ ابا، جنسي انڌ ٿو ڪري.“
    ”نيٺ ٻڌاءِ ته سهين.“
    ”حوران جو زور سان پرڻو ٿو ڪري.“
    ”ڪهڙي حوران؟“
    ”حوران مون واري ڏوهٽي، ان ڏينهن جو ڪک ڏناسين.“
    ”اها جنهن کي واري جو تپ هو؟“
    ”ها اها ئي ڄائي ڄم کان چنڊي، ان تپ ۾ ئي مري ها ته هي ڏجها ته ڪونه ڏسان ها.“ ائين چئي ماسي مرادان ٻئي چنبا پنهنجي ٻوٿ ۾ زور سان وهائي ڪڍيا. جنگ نار جو ٿورو بيهجي ويو هو سو وري – گڙڪڻ لڳو.
    ”ماسي ڇو ٿي ويچاريءَ کي پٽين.“ مون کي ڪهڪاءُ اچي ويو.
    ”ابا، سچ ٿي چوان، اصل کان نصيب ئي کوٽو اٿس. ماڻس کي سور ٿيا ته چنڊ سمورو وتل هو. ويم ڪيائين ته پوءِ مس مس وڃي ڪو ڇٽو. ڇوري سو کرڻ کان الائي ڪيئن بچي وئي.“
    مون دل ۾ سوچيو ته جيڪر کيس چوان ته ڳهيلي ماسي، تون ته ڪا وڏي ڀليل آهين. حورن جهڙي حوران کي ته جوڙيندي قدرت پاڻ تي پوءِ لاءِ ڪو لعنتاڻو ڪونه رکيو هو. سنڌوءَ جي انهيءَ سير مان، جتان هينئر ٿو اکين وارن انڌن کي سون لڀي، ان ٽوٻي پاڻ ٽٻيون هڻي، اها سون گاڏڙ ڀوري لٽاشي مٽي ڪڍي هئي ۽ پوءِ ان ۾ ماکيءَ کان مٺي کير واري ڪچي جي پلورڙ اربيليءَ جو کير وجهي، انهن چاڻن مان ڪاريگر سندس بوتو ٺاهيو هو. پوءِ پورا نو مهينا راتين ۽ ڏينهن جا پاڻ ويهي ٽڪ ڪئي هئائين. جڏهن کيس جوڙي راس ڪيائين ته پهريون کيس ڏاڻ ڏسي ئي آٺرجي ويو. ملائڪن هٿن پيرن جون تريون مهٽي سندس هوءِ جاءِ ۾ ڪيو ته پوءِ پياري ماسي جيئن تون پنهنجي وهيءَ جي ٺاهيل ڀلي ٽڪ واري رلهي گهر گهر ڏيکارڻ لاءِ پنهنجو هنيانءُ ٺاريندي آهين، تيئن هن قادر به پنهنجي هنر ڏيکارڻ لاءِ کيس ڪڪرن جي ڪوئنٽي ۾ کڻي ستن ئي آسمانن جو سير ڪرايو. چنڊ ته کيس ڏسندي ئي ڪاراٽجي ويو ۽ تو چواڻي ڪي پهر وتل رهيو. تارا شرم کان منهن لڪائي هڪ هڪ، ٻه ٻه ٿي بر منهن ڪندا رهيا ۽ باقي ڪي وڃي داڻا بچيا. پوءِ هن سمورو ڍينگو ڍيري ٿيندو ڏسي، اهو ڳڙو آسمان تان لاهي، شاهي بند جي ڀر ۾، زمين جي هن ٽڪر تي، جنهن کي هينئر آباد ٿا چون، تنهن کي برباد ڪرڻ لاءِ پنهنجي هٿن سان پاڻ وڌو ۽ پاڻ اهو ناٽڪ پٿيري پيو تماشو ڏسي. پر مون اهي ڳالهيون دل ۾ ته گهڻيون سوچيون، پر اهڙو اکر به ڪونه اڪليم. چيم ته ڇڙو ايترو ئي: ”ماسي، ڌيون نيٺ پرايو ڌن آهن، نه موت مهڻو نه شادي طعنو.“
    ”پر اها خبر اٿئي ته ڪهڙو سدا ملوڪ ٿو موڙ ٻڌي؟“ ماسي اڳيان ڳوڙها دوڏن مان اگهي ٻين لاءِ واه ڪئي.
    .نه مون کي ڪهڙي خبر؟“
    ”کک ڪراڙو، مون کان به ڏه طور وڏو.“
    ”تون نالو ته کڻ.“
    ”هو ڏتو ڏٺو ٿئي، ان سان.“
    مان ڏتي کي ياد ڪرڻ لاءِ مٿو ويڙهائڻ لڳس، پر مون کي ياد نه آيو. آخر ڏينهن به ڪيترا ٿيا هئا ان ڳوٺڙي ۾، ڇڙا ٻه مهينا. وري ڏتا ۽ ڏنا نالا ته گهر گهر ۾، سو منهنجي دل تي ئي نه پئي چڙهيو. مون لاچار ڏتي مان هٿ ڪڍي ماسيءَ کي چيو: ”خير هوندو ڪو اڌڙوٽ، مون کي ته ياد نٿو پوي.“
    ماسيءَ کي ڄڻ ته چوچڙي وٺي ويئي ۽ مڇريل ککر جيان مون کي وٺي وئي. ذري گهٽ رهڙ ڏيندي چيائين: ”اڌڙوٽ هجي ها ته هي روئڻان ڇو روئان ها؟ هو ته آ پورو سٺ، ڪٽن جي چٺ.“
    ”نه ماسي، ائين ڪيئن هوندو!“
    ”نور مٺي جو قسم، اڃا به سال ٻه ماريو وڏو هوندو. ڀلا تون پاڻ حساب ڪر نه، جڏهن هوءَ وڏي بيماريءَ پوي.“
    ”ڪهڙي بيماري؟ هن ملڪ ۾ ته هڪ کان ٻي وڏي بيماري پئي آهي.“
    ”او جڏهن گهر گهر ماڻهو عام مرن، ڪانڌي هڪ پوري موٽن ته وري ٻيو ڍوئن.“
    ”ها ها، ڪالرا سال ٽيهن ۾ ٿا ٻڌون.“
    ”سن جون توکي خبرون، باقي مان ان وقت چڱي ڏڪري آهيان، جو گهڙو پاڻي جو ٿي کڻان ۽ اهو مردار ڏتو ڏاڙهي مڇن سان آهي ۽ لاشا ٿو ڍوئي. هاڻي حساب ڪر.“
    ”اهو ته ماسي ڏاڏي آدم جو سن چئبو.“ مون حساب ڪري چيو.
    ”نه ته وري مان ڪو ڪوڙ پئي ڳالهايو.“
    ”پوءِ لک لعنت آ ان گهوٽ تي، جيل جيل ٿو ڪري.“
    ”ڪٿي آ ابا هن ملڪ ۾ راڻي راڻو.“
    ”پر ماسي، ڪهڙي ملان کي ساه آ جو زوريءَ نڪاح پڙهندو. تون حوران کي ڪن ۾ ڦوڪ ڏجانءِ ته ڌاڙ ڌاڙ ڪري.“
    ”ابا، اهو نپٽو آئٽو ملان موسو ئي وٺ جو نه هوندو.“ مان ماسي جو جواب ٻڌي ماٺ ٿي ويس. ڀلا ڳوٺ جي ملان کي ڪهڙو ساه جو پير سان سينو ساهي. ڏينهڪ ئي ٿڙا ٻڌائيس ۽ ٺهيو ٺڪيو پن جو ٽڪر وڃائي ويهي.
    ماسي مون کي ماٺ ۾ ڏسي ايلاز ڪرڻ لڳي: ”ابا، تون جيڪر ان پير کي نه سمجهائين، آخر ته ڪامورو آهين، من تنهنجو هو چوڻ وٺي.“
    ”ماسي، مان ڊاڪٽر ماڻهو، مون کي ڇو ليکيندو. منهنجي هٿن ۾ ڏنڊو ڪي ڪهاڙو.“
    ”ابا، گلو ته سيتارامي سون آ، پر اها پٽيل پوليس هن تي ڪونه پوندي. سڄو ڏينهن ٿي هن جا ڇيلا ڪڪڙ کائي، هن بيواهي جي ڪير ٻڌندو.“
    ”ماسي تون پاڻ وڃي ڇو نٿي ڀير ٻه پاڻي ڪرين.“
    ”نه ابا، مون سان ته اصل چانڊين مگسين وارو وير اٿس.“
    ”ڇو، تون ته حاويليءَ ۾ ٿانو ٻهاري به ڪندي آهين!“
    ”ان حوران جي ڳالهه تي ئي ته چپ آ. هن جي مرضي هئي ته اگنا لاءِ حوران به حاويلي ۾ پئي ٿانو ٽپو ڪري، پر مان ائين نه ڪيو. آخر ته ڪنوارو وياءُ هو.“
    ”تون بلڪل ٺيڪ ڪيو.“
    ”بس اهو ڏينهن اهو شينهن، ڏتي کي بڇون ڏيڻ شروع ڪيائين.“
    ”پر ماسي، ان ڏتي کي ڇو ٿي کٽي کڻي، هن جو لهڻو ڪي ليکو؟“
    ”بس، اٺين پيڙهي اٺ جو ماڪوڙو ماسات، ڏتو وارثي ٿو ڄاڻائي.“
    ”ڪهڙي مٽي آ ڏتي جي حوران سان؟“
    ”پڻس جو سوٽي سوٽ ٿئي.“
    ”وارث ته برابر ٿيو.“
    ”ڌوڙ جو وارث آ. اڄ جي وارثي آ قرب جي. هن ڪو مرحيات جو منهن ماني ڪيو يا ڪو ختمو صلات ڪڍائي، هن ته رهندو بوتا وجهايا.“
    ”نه ماسي اهو ڪوڙا ٿئي، مڙئي ماڻهن جا ٺاه.“
    ”ابا ان ملان موسي ئي ڪتاب پٽيو هو.“
    ”مڙئي کاڌي جي جاءِ ٺاهيائين.“ مون ماسيءَ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”نه ابا، وري ڀوپي به ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ته مقام مان بوتو به ڪڍي ڏيکاريو. هوبهو مرحيات جهڙو، سوين سيون ٽنبيل.“ ائين چئي ماسي جي اکين جا ٻوڪا وري ڀرجي ويا ۽ هوءَ ڏتي کي پٽڻ لڳي:
    ”اڙي ڏتا، شل رب تنهنجو موت به ائين ڪندو ۽ رڳ رڳ ۾ سيون ٽنبيل هوندءِ.“
    ”پر ڏتي کي ان شاديءَ مان ورندو ڇا؟“ ماسيءَ جي پِٽن کي بند ڪرڻ لاءِ مون وري ڳالهه کنئي.
    ”تون پاڻ ڏس نه ابا، حوران ڪلهوڪي ڇوڪري، اڃا مس ٻارهن مهينا به نه ٿيا اٿس سامائي ۽ هي ڏتو چنڊيءَ واڙ جو پڻس کان به وڏو. شادي به جوڙ جنس سان ٺهندي آهي.“
    ”هو سياڻا جو ڳجهارت چئي ويا آهن ته ”ولايت ۾ گاه ڙي ته من ۾ ساءُ ڙي.“ ته ڪو ڪوڙ نه ٺاهيو اٿئون. سن کان سواءِ شاديءَ ۾ ڪهڙو ساءُ ابا؟“ پيراڻي زماني جي سپورنج زائفان هيڏي وڏي ڳالهه مام ۾ سمجهائي وئي ۽ اها ئي ڳالهه اسان اڄوڪي ٽهي وارا چوڻ گهرون ٿا ته جيستائين ٻٽي ڀيرا جهان ڦهان نه ڪيون، تيستائين اهو پوري طرح مطلب نه سمجهائي سگهون.
    مون ماسيءَ مرادان جي ڳالهه کي ووٽ ڏيندي چيو: ”ماسي، ڳالهه ڪئي اٿئي رپئي جا سورهن آنا.“
    ”وري ابا ڇڙو هڪ سور هجي ته کڻي هڪ ڀيرو سهجي. هتي ته سور مٿان سور ايندا. تنهن کان ٻٽي ڪي گوريون ڏي ته پان به کاوان ته هن چنڊيءَ کي به ڏيان. روز روز جي موت کان اهو هڪ ئي موت چڱو اٿس.“ ماسي وري ڍرڪڻ لڳي.
    ”ماسي، الله وسايو اٿئي. نادر به نادر آ ته قادر به قادر آ.“
    ”ابا، الله کان هي الهڙيون زور آهن.“ ڏجهن جي ڏڌل ماسيءَ مون کي سمجهاڻي ڏني.
    ”نه ماسي، غم نه ڪر. تون الله تي رک.“
    ”ته ابا تون ڪو هٿ پير هڻ، تون به ته پنهنجو ٻچو آهين.“
    مون کي اتي ماسي مرادان ۽ حوران تي قياس اچي ويو ۽ ان ڏٺي وائٺي انڌ تي باه وٺي وئي. مان به آخر وقت جي حڪومت جو ننڍي ڪو وڏو ڪامورو هوس ۽ مون تي فرص هو ته هر بيمار جي دوا دارون ڪيان. شرع شريعت ۾ به اهو پرڻو بي واجبي هو. ڳوٺ جا ملان مولوي ۽ راڄ وارا ته پير جا ٽوڪريل هئا، يا سندس ڪڙتين تي ويٺا هئا، پر مان ته نه هن جو ڪڙمي هئس نه ڪاسبي. اها ته منهنجي هيٺائين هئي جو ڳوٺ جي هڪ ڪنڊ ۾ زبان ۽ ڪنن کي هٿ ڏيو گونگو ٻوڙو بڻيو ماٺ ۾ ويٺو هوس، نه ته ڪٿي ڪامورو ۽ ڪٿي ڏاڏن پڙڏاڏن جو کٽيو کائيندڙ پير، جو الائي پاڻ ڪيترن گونهن ۾ گتل هو. ڇڙو پلو کڻڻ جي دير هئي، پير ڳوليو نه لڀندو. مون ۾ الائي ڪيئن همت اچي وئي ۽ ان اوڙاه ۾ پاڻ ٽپو ڏيندي چيم: ”ماسي، تون هاڻي هڪ ته ڪم ڪجانءِ.“
    ”ڪهڙو؟“
    ”ڇڙو حوران هائو نه ڪري ۽ زور سان ڌاڙ ڌاڙ ڪندي رهي، باقي پير جو مان پاڻ پاڻهي هيانءُ ٿو کاوان.“
    ”پوءِ جو نه مڙن ۽ ڏاڍا ڏاڍ ڪن.“ ماسي مرادان جي اکين مان سيمو پنهنجو پاڻ بند ٿي ويو.
    ”پوءِ به حوران تنهنجي ٿيندي نه شاهدي اوگاهي ۾.“ مون ماسيءَ کان پڇيو.
    ”قرآن تي، حرام جو گهٽ ڪري.“
    ”الائي متان ڏاڪڻ تي چاڙهي ڦرڪو ڪڍي؟“
    ”ابا ڪمال ٿو ڪرين، ڇوري روئي روئي ڪن ڪيا آهن. ٻه دفعا سرايون وجهي ڏندڻ ڀڳامانس.“
    ”ماسي، متان سرائي سان ڏند نه ڀڃي وجهينس. رڳو ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻيس ۽ هٿ پير مهٽينس.“
    ”ها، اهي ته جهد پئي ڪيانس. هاڻي ته رهندو دلجاءِ ڏيندي مانس ته ڀائڙو گهٽ نه ڪندس.“
    ڀاءُ ڀيڻ جي ناتي جو رهندو مون تي وڏو بار پئجي ويو. مون ماسيءَ کان پڇيو: ”اهو ته ٻڌائجانءِ ته نڪاح آهي ڪڏهن؟“
    ”سڀاڻ شام. ماريو ڪاڄ ٿو ڪري، سو پٽ سٽ ۾ لڳو پيو آهي.“
    ”بس تون مولا تي رک، پاڻهي سولي ڪندو.“
    ماسي مرادان ته خوش خوش هلي وئي، مون کي سو ڇڏي هلي وئي ڳڻتين ۾. دل ۾ سو هڪ قسم جي راحت هئي، ڪنهن وڏڙيءَ جي لٺ ٿيڻ جي ۽ ڪنهن ڀيڻ جي ڀاءُ ٿيڻ جي.
    اهو ئي ڏينهن، شام جو وقت مان ٻاهر پڌر ۾ ويٺو هجان. ٿورو پرتي مون وارو ڪمپائونڊر خيرو ماني پچائڻ ۾. ڀت جي ٻاهران ڪنهن جو خيري کي سڏ. خيرو ماني تئي تان لاهي در تي ويو ۽ ڪي گهڙيون ٻاهر ڳالهائي ڳالهائي ڪنهن کي ڏاڍيان پيو چوي: ”هل تون ملينس نه، ڊاڪٽر آ مکڻ ماڻهو.“
    ”ڇاهي خيرا؟“ مون ويٺي ويٺي خيري کان پڇيو.
    اتي خيرو جواب ڏيڻ بدران ان ماڻهوءَ کي ٻانهن کان وٺيو اندر آيو ۽ مون کي سفارش ڪندي چيائين: ”سائين هي سوناڻي پاڙي جو چڱو مڙس آ الهڏتو خان. سڀاڻي پنهنجو پرڻو ٿو ڪري، سو سڏ ڏيڻ آيو آ.“
    نالو ٻڌندي ئي مون هڪدم همراه ڏانهن ڏٺو، جنهن رضا خوشيءَ سان پئي واڳن ۾ وات وڌو. ڏاڙهي اڇي، پر نئون ڪيس لڳل، عمر کري ساٺيڪو سال، ڪنڌ في الحال ڏڪندڙ نه، پر سال ٻن کان پوءِ جو حشر آنهري جيان اکين آڏو. کيس ڏسندي ئي مون کي الائي ڇو ٿڏي تي ئي هن ئي جهڙي ڪراڙي تي، سچي الائي ڪوڙي مڙهيل ڳالهه ياد اچي وئي، جنهن کي سالن پڄاڻان هڪ اسر جو رڳڙيءَ ۾ ڪو انڌو ڪاڻو ساه پيو. هن تڙ تڪڙ ۾ وڃي جوئڙي جو پاسو ورتو. ورهين جي ٻاڙيل جوڻس ويچاري اهڙي مهر ڏسي ٻه عيدون ڪيون ۽ سندس سڏ ۾ سڏ ڏيڻ جو ڪيائين. ان دم ئي ملان اسر جي بانگ ڏني. زائفان ويچاري پنج وقت نمازڻ، سو حياءَ سببان پوڙهي کي ٿورو ترسڻ لاءِ چيائين. بانگ پوري ٿي ته ڪلمون ورائي زال مڙس کي آءُ ڪئي ته مڙس پاڻ ۾ وڻ تي چڙهڻ جو ڀوتو نه سمجهي مٿان رلهي پائيندي چيو: ”پردو ٿيئي، هاڻي وڃ ان بانگ واري سان سمهه.“ اها ڳالهه ياد ايندي ئي دل ۾ خارون به آيون ته کلون به، ڇو جو ڏتو ان ڪراڙي کان جيڪي سي ٻه رتيون ڪسر ۾ هو، تنهن هوندي به موڙن ٻڌڻ لاءِ حيران پريشان هو. ڪاوڙ پي کانئس پڇيم: ”ڪڏهن ٿو ڪرين وهانءُ؟“
    ”سڀاڻ شام.“
    ”ڪٿان ٿو ڪرين؟“ هاسيڪار سوال ڪيم ته ڏسان ته ڪهڙو ٿو جواب ڏي؟
    ”مڙئي پنهنجي ئي آهي، ساڳيو ٻوڙو ساڳيو ڪانو.“
    ”پر ميان، اسان ته آهيون پرديسي ماڻهو.“
    ”ڊاڪٽر صاحب، پوءِ جي ڪنهن تي ميار ڪونهي. باقي چار ڏينهن جيڪي گڏ آهيون، تن ۾ ته اٿڻو ويهڻو پوندو. مرشد جو به اهو ئي امر آهي.“
    ”چڱو ڀلا جيئن پير صاحب چيو.“ مون به پير سان ڳالهائڻ جو بهانو ڳوليو. ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي ته رومالي ڌڪ هڻي ڇڏبو.
    الهڏتي ويندي ويندي وري ڪمپائونڊر سان ڦسڪو هنيو ۽ هوريان هوريان ٻاهر وڃڻ لڳو. خيري ڪمپائونڊر کيس در کان ٻاهر ٽپيل ڏسي مون کي هوريان چيو: ”ڏتي کي طاقت جا ڪک ٿا کپن. ڏوڪڙ به دل گهريا ڏيندو.“
    ”ڇو؟“
    خيرو ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳو ۽ اک ڀڃندي چيائين:
    ”گهوڙو جو نه ڪم ڪندو هوندس. وري شادي به پيرزادي سان ٿو ڪري، ڀل ته پهر ڪو پاڇو دير وٺي.“
    ”پوءِ ڪنهن زور ڪيو اٿس، ان بي منديءَ شاديءَ تي؟“ مان تکائي سان پڇيو.
    ”سائين، مڙئي جهانگيلو ماڻهو.“
    ”نه نه، مون وٽ ڪونهي ڪو ڪک ٻک.“
    ”سائين ڪشتو ڪيئن نه هوندو، مڙئي هڪ ٻه وزن ئي ڏيوس.“
    ”اڙي ماڻهو آن ڪن مس – چٽو، مان ڪو يوناني حڪيم آهيان.“
    خيري پڇ پائي وٺي کڙي ڪئي ۽ مان ڏتي کي پهرين ملهه ماري، پير سائين پوئين ڪرڻ لاءِ پيرن ۾ بوٽ پاتو. اوطاق جو در ٽپيس ته ڏٺم ته پير کٽ تي آهليو پيو هو. ڪچهري باهڙجي وئي هئي ۽ باقي ڪو پاڇو ٻاروچو ئي پيڙهن ۽ منجين تي ويٺو هو. مون کي ڏسي ڪنهن ڪرسين ۾ هٿ وڌو ته ڪنهن موڙي ۾. هٿ ڏناسون، خوشان خوشي ٿي پير وري آهلي پيو. هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون ۽ نيٺ ڏتي جي وهانو تي اچي بيٺيون. مان به اڪيلائي ڏسي ڳالهه کڻي چوري: ”پير صاحب، اڳهون الهڏتو سڏ ڏئي ويو.“
    ”چڱو ٿيو، تون به اسان جو ڀاءُ آهين. سڀان سڄو ڏينهن وهانءُ هلندو. سدا گلاب چانور ۽ ڦنڊرون، پاڻ لاءِ ته حلواڻ ڪسندو.“
    ”پر سائين، اسان پرديسي ماڻهو اڄ ڪٿي، سڀان ڪٿي.“
    ”توتي مبارڪي ڏيڻ جو هروڀرو زور ڪونهي، باقي ان خوشي ۾ ته ضرور اچڻو پوندءِ.“
    ”خوشي وري ڌوڙ جي. ڪارو اٿس منهن، نيرا اٿس پير. جيڪو ماڻهو هن وقت ئي ٿو ڪشتا گهري، سو مهل تي ڪهڙي غذا ڪندو.“ مان ڏتي جو ڀانڊو ڀڃي وڌو.
    پير منهنجي ڳالهه تي ٻڌو ٽهڪ ڏنو ۽ ڪي گهڙيون کلي کلي کيرو ٿي پيو. گهڻي دير کان پوءِ سامت ۾ آيو ته مون ۾ ذري گهٽ جوهه وجهي پڇڻ لڳو: ”پوءِ ڏنوس ڊاڪٽر؟“
    ”مان اهڙا ڪم ئي نه ڪيان.“
    چڱو ٿيو، تون اشراف ماڻهو، انهن ڪمن مان تون ڇا ڄاڻين؟“ پير مون کي شابس ڏني. سندس منهن جي سهڻي تختي رهندو ٻهه ٻهه ڪرڻ لڳي.
    مان به ڦونڊ ۾ ڀرجي ويس ۽ کيس ٻڌايم: ”ڪک ٺاهڻ ۾ ته ڪا فارسي ڪونهي، پر اهي ٿنڀا ٿوڻيون به آخر ڪيستائين؟“
    ”پر ڇڏيو تو ڄٽ کي ڪلهه ماري.“ پير کلندي چوڻ لڳو.
    ”منهنجو ڪهڙو ڏوه. هيءَ ڪا شادي جي مند اٿس. وري پرڻجي به ٿو ٻارهن ورهين جي ٻالڪي سان.“
    ”ميان چوزو آ چوزو، ڏتي جي منهن تي ته پوي ئي ڪانه ٿي.“ پير ذري گهٽ گگ ٺاڙيندي چيو.“
    ”پر سائين، اوهان جهڙي داناءَ هوندي جو اهڙا پرڻا ٿين، آهي ته وڏي ارمان جي ڳالهه.“ مون پير کي پٻي ڏني.
    ”ميان، هي جهنگ جا ڄٽ، ڪو مڙڻ جا آهن. کين جي سمجهايون ته وري سيٽجي چون ته پنهنجي پراون ۾ ڏئي، پوءِ ڇو ٻيا اٽا ڍويون.“
    ”پر سائين، ڳالهه ته غلط آهي.“
    ”غلط به آهي ته وري هڪ لحاظ کان لاچار به اٿن. ڀلا اها جو ٻاهر اٿارن ته ڏتي کي وري ڪٿان سڱ ملي؟“
    ”ها اهڙي نڌڻڪي ڪٿان ملندس. پر مزو ته تڏهن آ جو اها ڪنوار ئي ٿي انڪار ڪري.“
    پير کي مون واري ڳالهه شايد ته نه وڻي، جو مون پئي رنگ ۾ ڀنگ وڌي ۽ ڀت ڪنو ڪيو. هو اٿي ويهي رهيو ۽ ذري گهٽ رهڙ ڏيڻ تي هو، پر پوءِ پاڻ سنڀالي رومالي ڌڪ هڻندي چيائين: ”ڊاڪٽر، اهي لعنتاڻا شهرين تي اٿئي. هتي ته ٻهراڙيءَ ۾ جيڪو چڱي مڙس ڏنو سو کين قبول.“
    پر ڪنوار جو نڪاح وقت قبوليت نه ڪري ته پوءِ نڪاح وري ڪيئن ٿيندو؟“ مون ڌڪ پچائي نڪ پڪو ڪري چيو.
    ”پر ڪا انڪار به ڪري نه. هتي ته ابن ڏاڏن کان ڪنهن نهنڪر نه ڪئي آ. ٿوري ٽڻ مڻ ڪندي ته پوءِ موچڙي ۾ هٿ، ملان جو ڪم به آنڱوٺي سان، سو کيس لڳي ملندو.“
    ”نه سائين، هروڀرو موچڙي تي ڪونهي.“
    ”ميان، موچڙو آ ڇٽيهه لکڻو. اهو ئي ڦڏن کي سڌو ڪندو. ڊاڪٽر، مان ته صلاح ڏيانءِ ته انهن ننگاوتي ڳالهين جي وچ ۾ نه پوندو ڪر. اهي ڳالهيون ڏاڍيون ڏکيون آهن ميان.“ پير مون کي دڙڪي جو دڙڪو به ڏنو ته صلاح جي صلاح به.
    ”نه سائين، منهنجو ڇا؟ مون ته چڱائي پئي چئي.“ مون کيس خاطري ڏني.
    پير کي ڪنهن ماڻهپي ۾ نه ڏسي مون موڪلايو ۽ اچي پنهنجي اسپتال ڀيڙو ٿيس. پير مان سو ڪنهن چڱي ڳالهه جي اميد رکڻ ڀل هئي، باقي مون کي ڀروسو هو ماسي مرادان تي، جنهن کي مون ٻٽي ڦوهارا ڏئي ڇڏيا هئا ۽ کيس سمجهايو هئم ته ڪنوار ڪائين ڪال هائو نه ڪري، پر ڌاڙ ڌاڙ ڪندي رهي. پوءِ ڏسون ته ڪيئن پير هٿ وٺي ٿو اڪ سان چتڙ کنهي.
    ٻي ڏينهن پوياڙي جو پاڇا لڙيا ته مڱڻهارن پيلا ڳاڙها پٽڪا ٽنڊ تي رکي اچي منهن ڪڍيو ۽ مٽان ڦوڪي واڄو شروع ڪيائون. دم ته اصل ڪونه پئي منجهين ۽ ڪا انڌي ڪاڻي ساهي جهڙي کڻي وري پئي رينگٽ ڪيائون. مان اهو سمورو وقت هڪ ڪن ڪيو ويٺو هوس. مون کي الائي ڇو دل ۾ اها اميد هئي ته ماسي مرادان ۽ حوران جي ڌاڙ ڌاڙ ٻڌي پير جو هنيانءُ کاڄي ويندو ۽ پاڻهي اهي ساز بند ڪرائيندو. پوءِ اهي مڱڻهار ٻوٿ ڀيلو ڪري کٿا ويڙهي پنهنجي ٽٽن کي ٽيٻڪ ٽيٻڪ ڪرائي وڃي جوئن کي سلام ڏيندا، پر ائين ڪونه ٿيو. شرنايون جيئن پوءِ تيئن وڌنديون رهيون. ها، ائين ضرور ٿيو ته انهن شرناين ۾، جن جي نالي تي ڇڙن جون دليون ٻڌا ٽپا ڏينديون آهن ۽ سندن وهيءَ جو شهزور ارڏو گهوڙو جنسي ٻن پيرن تي اڀو هوندو آهي، اهو تاثير ٽڪي جو نه رهيو. پر اهي ڄڻ ته ڪنهن معذور ٻليءَ جيان ميڪنديون رهيون. سچي ته رحمت، ڪوڙي تي لعنت، مون ته هنن ئي ڪنن سان انهن شرناين ۾ حوران جا سڏڪا ٻڌا ۽ جنهن وقت ملان ڪوڙو ڪي سچي نڪاح پڙهيو ته پوءِ اهي ريهون ڪرڻ لڳيون. سومهڻي جو گهوٽ لاون لهڻ لاءِ ويو ته پوءِ انهن ساڳين شرناين پار ڪڍڻ شروع ڪيا ۽ صبوح جو نکيٽي مهل ته پوءِ اهي رهندو اونائڻ لڳيون. شرناين جو اهو روڄ راڙو ته مڱڻهارن جي وڃڻ کان پوءِ به پهر پاڇو منهنجي ڪنن ۾ ٻرندو رهيو ۽ ورندو سارو ڏينهنجي منهنجي دل جو گل مئل رهيو.
    ڪنوار ستاوڙي تي ڏينهن اڌ لاءِ پيڪين موٽي ته ماسي مرادان به واندڪائي ڪڍي مون وٽ اچي پهتي. رنگ ڪوري بافتي جهڙو، رت بنهه ڪونه. روئي روئي اکين مان نيمڪ نڪري ويو هوس، باقي خالي ميراڻ ڄن جنگ نار وهي وهي خالي ٿي وڃن ۽ تري ۾ ڇڙي ميري گپ هجي. مون وٽ روئڻ جي ڪيائين، پر سکڻين اکين مان لاچار ڪو هڪ اڌ ڳوڙهو ٿي نڪتو. ٿڌا شوڪارا ڀريندي چيائين: ”ڏاڪدر ابا، ڏٺئي هي ڪوفي وارو ڪيس. ڇوريءَ حوران ڌاڙ ڌاڙ ڪئي، نڪاح وقت ريهون ڪيائين ۽ اهي پار ڪڍيائين جو روئي روئي کڻي دٻا ڀريائين. نکيٽي مهل ته اباڻي گهر جي ٿوڻيءَ کي ڀاڪر وجهي جو چنبڙي ته اصل هٿ ڪونه پٽيائين ۽ پوءِ چئن ڏنڊن ڏوٽن سندس هٿ پٽي ٽنگا ٽولي ڪري وڃي ڏتي جي گهر سٽيس.“
    ”ها ماسي، مون حوران جا سڏڪا به ٻڌا ته ريهون به.“
    ”پوءِ ابا ٿيندو ڪو داد فرياد؟“
    ”تو ۾ ۽ حوران ۾ ڪا ٿوم هوندي ته سڀ ڪاٺ ڪاٺ ٿا ڪن.“
    ”ابا، تون حوران جي خاطري ڪري ڇڏ. هن کي هن هڏن جي مٺ مان ڇا هٿ ايندو؟ جهڙي وئي هئي، تهڙي ئي موٽي آئي. مئي ۾ آهي به ڇا.“
    ”اها ڳالهه ته رهندو ڀلؤون ڀلي. هيڪاري ڪيس مضبوط ٿيندو.“
    ”پر تون به ته ڪو هٿ پير هڻ.“
    ”تون ماسي رڳو چپ ڪري ويهه، ڏس ڪيئن نه ٿو ممڻ مچي.“
    ”الله اهو ڏينهن ڏيکاري.“ ماسي ٻئي اشهد آڱريون کڻي مولا کي ٻاڏايو.
    ٻن ٽن ڏينهن ۾ مان ڳوٺ جي ملان، شاهدن، وڪيلن ۽ پير تي گونگين درخواستن جي باه ٻاري ڏني ۽ هڪڙيون اڃا مس مٿي پئي پهتيون ته وري ٻيون پئي ٺوڪيم. سڀني درخواستن ۾ اها ئي ڌاڙا گهوڙا ته ڪيئن ان انقلابي دور ۾ به انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو قصو لڳو پيو هو ۽ زور زبردستي جا نڪاح پئي ٿيا. مهيني ماسي کان پوءِ هڪ اڌ درخواست جي حد واري ٿاڻي تي ڦاٽي، پير اها پهرين ئي لپي ۾ لپي ڇڏي. پر پوءِ ستت ئي ٿهو درخواستن جو مارشل لا هيڊ ڪوارٽر ۾ وڃي پهتو ۽ ان جاچ ۾ مليٽري پوليس جون جيپون ڌوڙ ڌڪاءُ ڪنديون اچي آباد ۾ پهتيون. اڻ ڏٺل وائٺل اٽالو ڏسي پير پهريون ته هارجي ويو، پر ڌڪ سنڀالي بنا دير حوران پيش ڪرائي ڏنائين. ڪوڙو نڪاح پڙهندڙ ملان موسو ۽ شاهد وڪيل به هڪ هڪ ٿي ميڙجي چونڊجي اچي پهتا. ماسي مرادان لاءِ مون گهڻيون ئي ڦارون پاتيون، پر هوءَ ڪو اندر ٻاهر هئي سو ڪين اچي سگهي. شاهدن اوگاهن مان ته ڪجهه ڪونه ٿيڻو هو، پر حوران جو بيان ٿيو ته ان به ترائي ڪڍي ڇڏيا. هوءَ رضا خوشيءَ سان مون وارين درخواستن تي ڪارو ڪنو مليندي ڏتي جي ڪڍ ائين لڳي پئي، جيئن ڪا ڌالي وڇ ڌنار پٺيان.
    پير جي ڦرڪندڙ شهپرن، پاريهر جهڙين ڳاڙهين ڳٽول اکين ۽ سڙه جي ڪنڊن جيان ڪانڊاريل لونءَ لونءَ ڏسي مون ترت فيصلو ڪري ڇڏيو ته ڳوٺ آباد ۾ منهنجو داڻو پاڻي پورو ٿي چڪو هو. مون اسپتال پهچي ڊگهيءَ موڪل جي درخواست لکي پنهنجي ٽپڙ پي سهيڙيا ته خيرو ڪمپائونڊر به اچي پهتو. منهن سڄيل، مٽان ڦوڪيل ۽ اکين ۾ ميارن جون ڀريون جو مون کيس ڪو انديو ڪونه ڏنو هو. پرچائڻ لاءِ سندس ڪلهي تي هٿ رکي موڪلاڻي ڪيم ته ڏٺم ته سندس رسامون الائي ڪهڙي ڪاپار هليو ويو. هن شوڪارو ڀري ڀنل دل مان چيو: ”يار ڊاڪٽر توکي ڇڏيندي دل ته ڪانه ٿي چوي، پر تو ڪئي آ پاڻ سان پاڻ.“
    ”ير هاڻي اهي سکڻيون سيون ته نه هڻ.“
    ”بس مڙئي قياس کان، نه ته منهنجو ڇا؟“
    خيري ڪي گهڙيون ٻڙڪ نه ٻولي، لاشڪ ته مون واري ڳالهه دل جي تارازيءَ ۾ توري پوءِ اکيون کڻي مون ڏانهن ڏٺائين ته ڏٺم ته شڪن گمانن جا پاڇولا ڪک پن ٿيل هئا ۽ وشواس ۾ اعتبار جا ڀانڊا ڀرپور هئا. مون تان ان جبل جيڏي ڇپ جو بار لهي ويو ته سک جو ساه ڀري کانئس پڇي ورتم:
    ”ڪر ته خبر خيرا، حوران ڏتي جي ڪڍ ڇو لڳي، جو نه ڏهڻ جو نه ڪهڻ جو؟“
    ”پير ته ڏهڻ ڪهڻ جو آهي نه ڊاڪٽر!“
    ”هان!“ منهنجا وائيسر ئي ڦري ويا. جهٽ پلڪ سن کائي ڳالهه جو دل ۾ هنڊايم ته رپئي جا چوڏهن آنا هنيانءُ ٺري ويو. رڳو آنو ٻٽو اڻ تڻ رهي ۽ اها لاهڻ لاءِ وري پڇيومانس: ”پوءِ ڏتي کي ڇو پئي پرڻايائين؟“
    خيري ڏند ڪڍي ٽهه ٽهه ڪري جواب ڏنو: ”يار تون ته ڪو صفا چٽ آهين. ميان مائي مرادان جو ڪنهن ڦيڻي ڌاڳي ۾ نه آئي ته پوءِ پير اڏي اها ڏتي واري ڪوڙڪي – اها جو تو جهڙي ڪنهن ڏنڊي ڏوٽي سان پرڻجي وڃي ها ته پير ڪيئن ڦٻي ها؟“


    خاڪي پنهنجي فطرت ۾

    سانوڻ جي ٽاڪ منجهند جو ٻيرن جي ٿڌيءَ ڇانو هيٺان تاس پئي کيڏيسين ته هو آيو. مون کي نوڙي کيڪارڻ بعد، هڪ همراه کي پاسي ڪري پاڻ کيڏڻ ويهي رهيو. سڀني کي ڄڻ واسينگ نانگ سنگهي ويو. ڪنهن جي منهن مان ٻڙڪ نه پئي نڪتي. ٻيا ته ڇڏيو پر علو، جيڪو ڳوٺ ۾ پنهنجيءَ لٻاڙ ۽ بڪوات ڪري مشهور هو، سو به ڪن چٻا ڪري ماٺ ڪري ويٺو هو. حرام جو سندس اچڻ بعد هڪ حرف به ڳالهايو هئائين. جڏهن شام جا پاڇا لڙي آيا ۽ راند بند ڪئيسين ته اوطاق ڏانهن ويندي مون علوءَ کان پڇيو:
    ”اهو هو ماهي؟“ آئون رخ مان ئي کيس سهي ڪري ويو هوس.
    ”ها، سائين.“ علوءَ ميسڻو منهن ڪري جواب ڏنو.
    ”شڪل ۾ ته ڀيڻسان سکو ٿو ڏيکارجي.“
    آئون ڪوڙ نٿو ڳالهايان، هو واقعي سک پئي لڳو. سندس چيلهه تي پوندڙ ڊگها وار ۽ لڻيءَ تي ڀڳل ڏاڙهي سکن وانگر هئي. اوئين ئي سکن وانگر وات تي پوندڙ وڏا وڏا شهپر هئي. فرق رڳو اهو هو جو سک هميشه پاڻ سان ڪرپان کڻندا آهن ۽ هن کي ڪلهي تي وڏي ڪهاڙي هئي، جنهن جي ڦر تي ڪيترا ڪارا ڪارا داغ هئا، جي علوءَ جي چوڻ مطابق انساني رت جا هئا.
    ”آدم سر الاهي آهي ۽ ان جي رت جي داغن کي ڪيتري به واري هڻين، ڪونه لهندا.“ علوءَ مون کي سمجهائيندي چيو هو.
    هو ڪير هو، ڪٿان آيو هو؟ ڪن ٿورن کي خبر هئي. هونئن ته جيترا وات هئا، اوتريون ئي ڳالهيون هيون. ڪن جي خيال ۾ هو مشهور ڌاڙيل عبدالرحمان بروهيءَ جو ساڄو هٿ هو ته ڪي وري سندس دليري ڏسي کيس تازو واردات تي مئل ليمي ڪوش جو ساٿي سمجهندا هئا، جنهن کان سرڪاري ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم وقت ٻه هيانءَ ڪڍيا هئا. هو هن ڳوٺ ۾ به لڙيءَ سومهڻيءَ آيو هو. ڪنهن ڏورانهين زميندار جو خط آندو هئائين. اچڻ سان ئي وڏيري وڏي سان ملڻ جي طلب ڪئي هئائين، ڪو سندس ٻڌي هڪدم ٻاهر آيو هو. وڏيري وڏي خط پڙهي چشمن تي رکيو هو ۽ کيس چيو هو: ”ابا، تون بي فلڪو ٿي ره، هتي تنهنجي وار کي به ايذاءُ نه ايندو.“ ان بعد هو هتي رهڻ لڳو هو. پر حرام جون مانيون هن کي به نه وڻنديون هيون. ويسند پئي ڏٺائين ته ڪڏهن وڏيري سان ذڪر ڪڍي موڪل گهري. آخر هڪ ڏينهن وڏيري وڏي پنهنجن همراهن جون ٻانهون ڏيئي کيس چرڻ پرڻ جي موڪل ڏني هئي. کيس رڳو ايترو چيو هو: ”ابا، جي ڌڪي ٿئين، ڦٽي ٿئين ته رڳو رات جي پهر ۾ پاڻ هتي کڻائي اچج، پوءِ اولو ئي ڪونهي.“ وڏيرو وڏو زماني جو ماڻهو هو. اوکيءَ ويل لاءِ ٻه چار اڻ گس مڙس وٽس هوندا ئي هئا. بس، اشاري جي دير هئي، خان خانان جي سريءَ لاهڻ کان به ڪونه ڊڄندا هئا. ڪنهن ڳالهه جو فڪر ڪونه هو. ضلعي جي ڪل ڪامورن ۾ سندس رسائي پهچندي هئي. ڪو ڪامورو بدلي ٿي ايندو هو ته ان وٽ پهرئين ئي ڏينهن تي پهچبو هو. کيس موسم مطابق ڏالي ڏبي هئي. پر جي ڪامورو ڪرڙو هوندو هو ۽ انهيءَ قسم جي ڏي وٺ پسند نه ڪندو هو ته کيس شڪار جي دعوت ڏبي هئي. ڪامورو خوش ٿي ويندو هو ۽ پوين کي به وڏيري جون پارتون ڪري ويندو هو. ڪيترن ڪامورن ته کيس سونن اکرن ۾ لکيل پروانا ۽ آفرين ناما به ڏنا هئا، جي سڀ وٽس سنڀالي رکيل هئا. قصو کٽائڻو مڙس امير هو ۽ سندس ساراه مان ڪو ڍاپندو ڪونه هو. سندس دليريءَ جي ڌاڪ پهرئين ڌاڙي ۾ ڄمي ويئي هئي. هن واهوجن ۾ ڌاڙو هنيو هو، ڀاڳيو هلنديءَ وارو هو، ڌاڙي کان ٻه ڏينهن اڳ روپين جا پنج هزار آڻي گهر رکيا هئائين. اهي سڀ ڳالهيون هن هڪ جاچوس معرفت جاچي پوءِ قدم کنيو هو. هو پاڻ به چوندو هو: ”مان ڪو لوسي چور نه آهيان، جو سؤ ڏيڍ جو ٻڌي ڀڳو وڃان. ڌاڙو هڻجي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪي ڏينهن ويهي کائجي. ڪو زور پوي ته اڳين کي به ڪجهه منهن ۾ هڻي جان ڇڏائجي.“ ڌاڙي کان اڳ ۾ هن همراهن کي سمجهاڻيون ڏنيون هيون: ”ڀاڳئي کي اسين لهڻون ڪونه جو پاڻ گهر ڦري ڏيندو. مڙسان مڙسيءَ جون ڳالهيون ٿينديون. ڀاڳيو مرڻ مارڻ جي ڪونه ڪندو، جي ڀڄڻو اٿو ته هاڻي ئي وک ڏيکاريو. پوءِ ڀڄندو ته پهرين توهان سان پڄي کائيندس، ٻيون ڳالهيون پوءِ ٿينديون.“ ڌاڙي جي اصولن تي هن چيو هو: ”جي ڀاڳيو مقابلو ڪري ته ان سان هڪ هنڌ بيهي مقابلو نه ڪجي، پر هڪ ڌڪ اڳيان هڻجي ته ڊڪي هڪ ڌڪ پٺيان به هڻي وٺجي، مگر ڌڪ اهڙا هڻجن جو ٻرڙوٽ نه ٿئي، ڪا گهڙي هڪ جاءِ تي سيڪاٽيو پيو هجي. گهڻو روڄ راڙو به مارائيندو آهي.“ جڏهن ڌاڙو هڻي ٻاهر نڪتا ته ٽن ڳوٺن جي واهر اچي پهتي هئي. سندس ساٿي ٽپڙ ڇڏي کڙين تي زور ڏيڻ ۾ هئا ته هن رڙ ڪري همراهن کي چيو هو: ”کلا شڪاري، متان ڀڳا آهيو.“ ان بعد پنهنجن همراهن کي اڳ ۾ ڪري سڄي واهر پلي، پوءِ ٻاهر نڪتا هئا. حرام جو ڪا چيڙه دڳ تي ڇڏي هئائون. اها ڳالهه ٻڌي وڏيري سندس پٺي ٺپي هئي ۽ انعام ۾ پنهنجي پتيءَ مان به ڪجهه کيس ڏنو هئائين. جڏهن ڀاڳئي کان ڪنهن جوٺي وٺي کيس ڌاڙي جي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي ته هو ميل ڪري وڏيري وٽ آيو هو. وڏيري وڏي سندس منهن تي ماهيءَ کان پڇيو به هو، مگر هن انڪاري جواب ڏنو هو. پر جڏهن ڀاڳئي پنهنجي ڏاڏر ڏيکاري ته هن زمين تي آڱر سان ٻه ليڪا ڪڍي چيو هو: ”جي صوبيدار ڏي وڃين ته هيءَ سڙنڪ ٿئي، پر جي سڌو شهر وڃي ناظم کي دانهين ته هيءَ سڌي سڙنڪ وٺيو وڃ، جيئن جلد پهچين!“
    سڄي ڪچهري سن ۾ هئي. وڏيرو وڏو به اونهي فڪر ۾ هو. سڀني پئي وڏيري جي منهن کي تڪيو ته ڪهڙو ٿو حڪم نڪري؟ گهڻيءَ دير کان پوءِ وڏيري وڏي، ماهيءَ کي سڏ ڪيو. سندس آواز ۾ ڪاوڙ ۽ رعب هو.
    ”جيءُ سائين!“ ماهيءَ هڪدم جواب ڏنو.
    ”رن پٽ جي سري آڻي ڏين ته پوءِ مڃانءَ!“ وڏيرو خار ۾ ڏڪي رهيو هو.
    ”حاضر سائين!“ ماهيءَ پنهنجن همراهن ڏي نهاريندي جواب ڏنو.
    ”اڄ ئي وڃ.“ وڏيري کيس چيو.
    ڳالهه ڳري هئي، ڪنهن کي مجال جو وڏيري وڏي جي باري ۾ گٿا لفظ ڪڍي. وڏيرو فتح محمد جي پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس ۽ ڊنگ زميندار هو، ته به پنهنجي ڪاڻ. وڏيري وڏي ساڻس ڪهڙو اچايو هو جو هن هشام ماڻهن جي اڳيان پوليس جي ناظم کي سندس شڪايت ڪئي هئي ۽ گٿا لفظ ڳالهايا هئا. چي، ”چوريون ٿو ڪرائي، ڌاڙا ٿو هڻائي!“ وڏيري وڏي جا ته مٿس ڪيترا ئي لائق هئا. ڪيترا ڀيرا سندس پنڌ کي سجايو ڪري مال به موٽائي ڏنو هئائين. اها ڳالهه ٻي هئي ته ناظم وڏيري وڏي سان ٺهيل هو ۽ اها ڳالهه کيس پاڻ ٻڌائي هئائين، پر هو ته پنهنجو وارو ڪري بيٺو هو ۽ ان جي سزا کيس لوڙڻي هئي.
    ساڳين ٻيرين هيٺان راند پئي کيڏيسين. چهچٽو لڳو پيو هو. علوءَ ۽ مان ٻيءَ ڌر کي سلام ڏنو، تن ڏنڊ ۾ ڪن – گوڇي پئي ڪئي ته خميسو ڀڄندو آيو.
    ”سائين، وڏيري وڏي ماهيءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“
    سڀني جي منهن تي مرڪ اچي ويئي، ماهيءَ کان هرڪو ڊڄندو هو.
    ”ڇو؟“ مون کانئس پڇيو.
    ”وڏيري وڏي کيس موڪليو هو نه ڪلهه هوڏي؟“ خميسو اشارن ۾ سمجهائڻ لڳو. هونئن به اها ڳالهه هن ئي اسان کي ٻڌائي هئي.
    ”ها.“
    ”اتان خالي هٿين موٽي آيو. چيائين ته وڏيرو فتح محمد اندر ڪوٺيءَ ۾ ڀڄي ويو....... هو سندس پٺيان پيا ته سندس نياڻي قرآن کڻي اچي سندن اڳيان بيٺي..... ۽ هو همراهن کي جهلي، قرآن ۽ نياڻيءَ کي موٽ ڏيئي، ٻانهن لوڏيندو واپس موٽي آيو.“ خميسي ٽوڪ جي نموني ۾ چيو.
    سڀيئي پنڊ پهڻ ٿي ويا، ڄن ڪنهن جادوگر مٿن جادوءَ جي ڇڙي گهمائي هئي. ٻيا ته ڇڏيو، پر علو جيڪو ڳوٺ ۾ پنهنجي بڪوات ۽ لٻاڙ ڪري مشهور هو ۽ ماهيءَ جو سڀني کان وڌيڪ دشمن هو، سو به ڏسان ته ڪن چٻا ڪري ويٺو هو.


    تنهنجي خوديءَ جو ڀرم

    اڄ جڏهن تنهنجي هڪ سنگتي ٻڌايو ته تون وري پنهنجي سيٺيي ڀاءُ سان گڏ ٿيو آهين ته مان هي سڀڪجهه لکڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان.
    مان سمجهان ٿو ته هي تنهنجو خانگي معاملو آهي ۽ مون کي ان ۾ ٽپي ڏيڻ جو ڪو حق ڪونهي. اهو به سمجهان ٿو ته تون هي پڙهي خوش نه ٿيندين، پر اٽلو گاريون ڏيندين. هونئن به ظاهر ۾ ڀاءُ کان جدا ٿي وري گڏ ٿيڻ، هڪ ٻڌائڻ جوڳي ڳالهه نٿي لڳي. پوءِ جڏهن مان انهن ڳالهين کي ياد ٿو ڪريان، جن ڪري تون پنهنجي ڀاءُ کان جدا ٿي ويو هئين ته پوءِ دل ٿي چوي ته جيڪر تنهنجيون ڳالهيون توکي ٻڌايان.
    مون کي جيترو ياد آهي ته مان توکي پهريون ڀيرو پنهنجي ڪلاس ۾ ڏٺو هو. تون ۽ مان گڏ پڙهندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ تون اڇو اجرو رهندو هئين. توکي سٺا قيمتي ڪپڙا پاتل هوندا هئا ۽ تنهنجي نرم ريشمي وارن کي ڦڻي ڏنل هوندي هئي. تنهنجو دماغ عرش تي هوندو هو ۽ اسان جهڙن ڏانهن ته نهاريندين به ڪونه هئين، پر سال کن کان پوءِ تو گدلو رهڻ لڳو هئين. تنهنجا وار اڻڀا هئڻ ڪري ڪڪا لڳندا هئا. انهن ڏينهن ۾ تون ۽ مان هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيندا وياسين. مون کي تنهنجي حالت جي تبديلي جو عجب لڳندو هو ۽ مان سڄو ڏينهن پيو سوچيندو هوس ته تو سان ڪهڙي ويڌن ٿي وئي هئي؟ هڪ ڏينهن مان توکان ان جو سبب پڇيو هو ۽ تون هڪ اداس مرڪ مرڪي مون کي ان جو سبب ٻڌايو هو. تون ڇورو ڇنو ٿي ويو هئين، تنهنجي قيمتي ڪپڙن خريد ڪرڻ وارو پيءُ گذاري ويو هو ۽ تنهنجي کاڏيءَ کي جهلي پيار سان ڦڻي ڏيڻ واري ماءُ به سامي ۾ پورجي چڪي هئي. انهن ڏينهن ۾ تون پنهنجي پئيتي ڀاءُ جي نظرداريءَ ۾ پئي ڏينهن ڪاٽيا، جنهن کي توکان وڌيڪ پنهنجو اولاد مٺو هو. پنهنجي اولاد جي ڳالهه ته پري رهي، پر هو توکي پنهنجي ڪتي جيترو به نه ليکيندو هو. معاف ڪجانءِ، هيءَ ڳالهه مان پنهنجي طرفان نٿو ٺاهيان. ڪجهه تنهنجي واتان ٻڌي هئيم ۽ ڪجهه پاڻ به ڏٺو هوم. ان ڏينهن مان توسان تنهنجي گهر جي ٻاهران بيٺو هوس. توکان ڪي ڪتاب وٺڻا هئا، يا شايد ڪا ٻي ڳالهه هئي. تنهنجو ڀاءُ اندران پنهنجي ڀوري ناسي السيشن ڪتي سان ٻاهر نڪتو هو. ڪتي ساڻس مستيون پئي ڪيون ۽ سندس ڪپڙا پئي خراب ڪيا، پر تنهنجي ڀاءُ ان هوندي به مٿس پيار جهڙا هٿڙا پئي گهمايا ۽ اتي ئي تو آهستي مون سان اهو ڏک ڪڍيو هو ته جيڪر تنهنجو ڀاءُ توکي پنهنجي ان ڪتي جيترو به پيار ڏئي ها ته به تنهنجي لاءِ وڏي ڳالهه هئي.
    ان زماني ۾ توکي پنهنجي ڀاءُ ۽ سندس خاندان سان نفرت پيدا ٿي ويئي هئي ۽ تون ڪلاس ۾ جاميٽري جي ڪاپي تي رائيٽ اينگل ڪڍڻ سان گڏوگڏ دل ۾ پنهنجي مستقبل جي رائيٽ اينگل ڪڍڻ جي به ڪوشش ڪندو هئين. ان ڳالهه جو پتو مون کي ان ڏينهن پيو هو، جنهن ڏينهن تون ڪلاس ۾ ڪونه آيو هئين. تو سڄي عمر ڪڏهن ڪونه گسايو هو، ان ڪري مون کي تنهنجي چنتا لڳي هئي. مان تنهنجي گهر پڇا ڪرڻ ويو هوس. تنهنجو ڀاءُ ڦل سوٽ هنيو ٻاهر بيٺو هو. ان کان ڊڄي ڊڄي تنهنجي لاءِ پڇيو هوم.
    ”ڪير آن ڙي تون؟“ تنهنجي ڀاءُ تيشي ڏيئي مون کان پڇيو هو.
    ”سائين مان – مان هن جو دوست آهيان.“ مان هٻڪندي کيس ٻڌايو هو.
    ”ها، تو جهڙا رولو جو سندس دوست هوندا ته گهر کان ڪيئن نه ڀڄندو.“ هن خار ۾ مون کي گهوري چيو هو، پوءِ ڀرسان ٻٽي ڪارا برقعا ڏيندي ڏسي هو ”منڊا تيرا، ميري مهاندرا او ڊنڊي ڊنڊي چلئي والي ني“ ڳائڻ لڳو هو ۽ مون تان بلا ٽري وئي هئي.
    تنهنجي ڀاءُ جي منهن ۾ تنهنجي لاءِ ڳڻتي نه ڏسي مون کي ڏک ٿيو هو ۽ دل ۾ دعائون گهريون هيم ته تون ان گهر ۾ يا عمر واپس نه اچين. پر جڏهن تون ٻٽي ڏينهن رلي پني واپس موٽي آيو هئين ته مون کي ان کان به وڌيڪ ڏک ٿيو هو.
    ڀڄي وڃڻ کان پوءِ تون جڏهن پهريون دفعو ڪلاس ۾ آيو هئين ته ان ڏينهن پنهنجو استاد ڪونه آيو هو ۽ اسان کي ٻيو استاد، جنهن کي سندس ڊگهي قد ۽ چوڙيدار پاجامي ڪري استاد ڪنگ اسٽارڪ سڏيندا هئاسين، پڙهائڻ لاءِ آيو هو. ان ڏينهن سندس موڊ پڙهائڻ تي ڪونه هو، ان ڪري اسان سڀني ڇوڪرن کي پنهنجو پنهنجو سبق ياد ڪرڻ لاءِ چئي لت ڏيئي ڪرسي تي سمهي پيو هو. تون ۽ مان ان ڳالهه جو فائدو وٺي پوئين بئنچن تي هلي ويٺا هئاسون. مون کي توکان پيرائي ڳالهه پڇڻ جو ڏاڍو شوق هو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن توکان تنهنجي ڀڄي وڃڻ جو آئڊيا چڱيءَ طرح سمجهيو هوم. تو چيو هو ته: ”پر مون کي ڪهڙي خبر هئي ته ڪو ڀڄي وڃڻ ڪري مون سان هيءَ حالت ٿيندي. مان ته سمجهيو هو ته ادي جو هيانءُ ڪونئرو ٿي پوندو ۽ اڳنا لاءِ منهنجو خيال رکندو. مون سان ته هينئر جنسي ويل آ.“
    ”ڀلا آئين ته ڪا مار ته ڪونه مليئي نه؟“ مان توکان پڇيو هو.
    ”ڇڙي هڪ مار لاءِ ٿو پڇين؟ هتي ته اٿندي ويهندي پادر آ. منهنجي پٺيءَ تي جي ڏنا ڏسين ته جيڪر تون به روئي ويهين. جيڪڏهن وس پڄي ته سڄو ڏينهن هت اسڪول ۾ ويٺو رهان، پر اسڪول به نڀاڳو ڏيڍ بجي ٿو بند ٿئي.“ تو روئڻهارڪو ٿي چيو هو.
    ”پر ادا، هاڻي نه ڀڄجانءِ.“ مان توکي ايلاز ڪيو هو. مون کان تنهنجو ڏک نه پئي سٺو.
    ”نه في الحال ته توبهه ڪيم، پر وقت اچڻ ڏي.“ ۽ ان ڏينهن ئي شايد تون ڦڪي کل کلندي چيو هو ته تنهنجي ڪنسٽرڪشن غلط نڪري پئي هئي ۽ تون ”رائٽ اينگل“ ڪونه ٺاهي سگهيو هئين.
    ائين ئي قصو هلندو رهيو، تان جو تون ۽ مان گڏ مئٽرڪ پاس ڪئي. مان ڪاليج ۾ داخلو ورتو، پر تون ڪونه آئين – پر تون پوءِ ٻئي ٽرم کان ٿورو اڳ ۾ اچي داخلا ورتي هئي. تون پاڻ ئي مون کي ٻڌايو هو ته تنهنجي ڀاءُ جي توکي وڌيڪ پڙهائڻ تي مرضي ڪانه هئي. سندس پٽ مئٽرڪ به پاس ڪري نه سگهيو هو ۽ هن نه پئي چاهيو ته ڪو تون سندس پٽ کان مٿي پڙهين. پر پوءِ پنهنجي سنگتين ساٿين جي چوڻ تي، جن کي شايد وري تو ايلاز ڪيا هئا، توکي ڪاليج ۾ موڪليو هئائين. تنهنجي ڀاءُ توکي ڪاليج ۾ موڪلڻ وقت توکي کولي ٻڌايو هو ته جي تون هڪ دفعو به امتحان ۾ ناپاس ٿيندين ته هو توکي وڌيڪ ڪونه پڙهائيندو.
    مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪاليج جي زماني ۾ توکي پورا پئسا به ڪونه ملندا هئا. کاڌي جو خرچ ۽ ڪاليج جي في ڪڍڻ بعد تو وٽ رڳو ڪي روپيا وڃي بچندا هئا. تنهنجي چانهه پاڻي جو خرچ پنهنجي سڄي سنگت تي هو. تون هڪ ڀيرو نوڪري ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، پر تنهنجي ڀاءُ توکي دڙڪا ڏنا هئا، جو ان ۾ سندس بدنامي هئي.
    ننڍپڻ کان وٺي تو ڏک ڏٺا هئا. تنهنجي اندر ۾ بغاوت جي باه دکندي رهي هئي، تان جو ان هڪ ڏينهن ڀڙڪو کاڌو هو. ڀڙڪو به شايد انهن ڳالهين تي کاڌو هئائين جو تون اکين ۾ پاڻي آڻي مون کي ٻڌايو هيو ۽ جن منهنجي اکين کي به آلو ڪري ڇڏيو هو. تون شام جو منهنجي ڪمري ۾ آيو هئين ۽ اچڻ سان هنڌ تي ڪري سڏڪندي چيو هيئي:
    ”پر، هي ڀاءُ آ؟“
    ”وري ڇاهي؟“ مان توکان پڇيو هو.
    ”اهي مٿي سورن جون ڳالهيون ٻيو ڇاهي ادا.“ تنهنجي اکين مان جهر جهر ڳوڙها پئي وهيا.
    ”ٻڌاءِ نه.“ مان توکان ڳراٽڙي پائي پڇيو هو.
    ”ولايت ويو هو الائي ڪيترا لک کڻي؟ پٽ لاءِ موٽر آندائين، زال لاءِ زيور وٺي آيو ۽ پوٽين لاءِ قيمتي ڪپڙا، پر منهنجي لاءِ ڪجهه به ڪونه. ڄڻ مان سندس ڪجهه ڪونه ٿيان؟ آسيس لاءِ هڪ روپي جو قلم ڏئي ها ته به مان ڪيترو خوش ٿيان ها، پر ان ڳالهه کي به کڻي ڇڏ.“ تون سڌو ٿي ويهي رهيو هئين. توکي جوش چڙهي ويو هو. ”ڪجهه نه ڏئي ها، پر کلي ته ڳالهائي ها. ڪن اچڻ سان دڙڪا ڏبا آهن؟“
    ”دڙڪا ڏنائين؟“ جنسي باه وٺي ويئي هئي.
    ”ها.“
    ”ڇو؟“
    ”مان سندس پوٽيءَ کي اڄ چماٽ هنئي هئي. ٻڌ نه، منهنجي ڀاءَ جي پوٽي منهنجي به پوٽي ٿئي ۽ اها جو اڌ نالي سان سڏي ته گڏي نه ڇڏجيس. مان ته رڳو کيس ڇڙي چماٽ هنئي هئي.“
    ان ئي رات تون پنهنجي ڀاءُ ڏي پنهنجي جدا ٿيڻ جو خط لکيو هو ۽ کانئس پنهنجي ملڪيت جي حصي جي به گهر ڪئي هئي. تنهنجي ڀاءُ تنهنجي جدا ٿيڻ تي خوشي ڪئي هئي، پر ملڪيت لاءِ توکي ٽي تريون هڻي ڪڍيون هئائين. هن توکي جواب ڏنو هو ته سڄي ملڪيت هن جي پنهنجي ٺاهيل هئي ۽ پنهنجي پيءُ ڪجهه به ڪونه ڇڏيو هو. پنهنجي ڀاءُ وٽان کلي جواب ملڻ بعد به تو همٿ ڪونه هاري هئي ۽ جلدي پيٽ گذران لاءِ هڪ چڱيءَ پگهار واري نوڪري هٿ ڪئي. مون کي اهو ڏينهن چڱيءَ طرح ياد آهي، جنهن ڏينهن توکي پنهنجي پورهئي جي پهرين پگهار ملي هئي. تون ان ڏينهن اسان سڀني دوستن کي ڪيفي جارج ۾ چانهه پياري هئي. تون ان ڏينهن خوشيءَ ۾ مست هئين. ان ڏينهن ڀوڳن ۾ توکي ڪنهن دوست صلاح ڏني هئي ته جي تون پنهنجي ڀاءَ وٽ وڃي فلم آواره جي ڪورٽ سين ۾ راجڪپور وانگر ميڻون منهن ٺاهي ڏانهس نهارين ته هو توتي رحم کائي توکي چڱي رقم ڏيندو. سڀ دوست ان ڳالهه تي ڏاڍا کليا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي شڪل بلڪل اهڙي لڳندي هئي. ان ڳالهه جو جيڪو تون جواب ڏنو هو، سو به اڄ تائين مون کي ياد آهي. تون چيو هو:
    ”ادا، مان غريب آهيان، پر خودي وارو آهيان. منهنجو وٽس وڃڻ ته پري رهيو، پر هو پاڻ اچي مون کي ايلاز ڪري ته به ساڻس گڏ ڪونه ويندس. لکن جا ٽپڙ هن کي آيا، مان پنهنجي پگهار مان بلڪل خوش آهيان.“
    قسم سان، مان تنهنجو اهو جواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو هوس ۽ سمجهيو هوم ته تون پنهنجي مستقبل جي ”رائيٽ اينگل“ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين.
    پر اڄ تنهنجي هڪ سنگتي ٻڌايو ته تون وري پنهنجي سيٺيي ڀاءُ سان گڏ ٿيو آهين ته آئون اهو سڀ ڪجهه لکڻ تي مجبور ٿي ويو آهيان. تنهنجي سنگتي اهو به ٻڌايو ته هينئر منهن تي اداس مرڪن بدران خوشي جون مرڪون آهن ۽ تنهنجي وارن ۾ اڻڀائپ ڪانه آهي، پر سليقي سان ڦڻي ڏنل هوندي آهي……. پر تڏهن به الاجي ڇو مون کي سندس ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي. تون ويجهو هجين ها ته تنهنجي وارن جي پاڙن کي ڏسان ها، متان اهي اندران اڳي وانگر اڻڀيون نه هجن، تنهنجي خوشيءَ جون مرڪون چتائي ڏسان ها ته متان ان ۾ ڪي اداس مرڪون به لڪل هجن. اهو سڀ…… اهو سڀ ان ڪري ڪيان ها ته متان تون ڪنسٽرڪشن غلط ڪڍي هجي ۽ تون ”رائيٽ اينگل“ نه ٺاهي سگهيو هجين.


    ننگر

    پير سائين مراقبي مان اٿيو، پنهنجي ڪپهه جهڙي سفيد ڏاڙهي کي خلال ڪندي، خليفي وڏي کي سڏ ڪيائين: ”ٻانها! او ٻانها!“
    سڏ سان خليفو ڊڪندو آيو. ادب سان جهڪي پڇيائين: ”قربان ٿيان، حڪم؟“
    ”ابا، ننگر جو ڪهڙو بلو ڪيو اٿئي؟“
    ”قبلا سڀ ڪجهه ڪيو اٿم، جيڪي پڇو“ – ٻانهي فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي چيو. ”وڏيري واري موڪليل ڦنڊر جو ڇا ڪيئي؟“
    ”ڪاسائي کي ڏئي ڇڏيم. هن اڄ ڪهي به ڇڏي هوندي.“ ٻانهو ڀڻڪيو.
    ”گهڻو ڪيائين؟“
    ”ڏهن گهٽ ٻه سؤ.“ ٻانهي وراڻيو.
    ”ٻي ننگر لاءِ ڦنڊر گهڻي ورتئي؟“
    ”ڇڙي چاليهن. باقي پئسا حويليءَ ڏي موڪليا اٿم.“
    ”چڱو ڪيئي.“ پير خوشيءَ ۾ ٻهڪندي چيو.
    بانهي جون واڇون به پير صاحب کي خوشيءَ ۾ ڏسي ٽڙي ويون. ٿوري ويرم بعد پير سائين وري چيو:
    ”ابا، چاليهن ۾ ته ڪراڙي ملي هوندءِ.“
    ”اهڙي ڪراڙي ته نه هئي، پر ٿورڙو بيمار هئي. پر قبلا ديڳ ۾ پوڻ کان پوءِ ڪير ٿو سڃاڻي ته وڏيري واري وڇ آهي يا ڪا ٻي ڦنڊر. رڍون سڀيئي ٻوٿ ڪاريون.“ ٻانهي جواب ڏنو.
    ”مرچ مصالحا جام وجهندينس ته ڪنهن کي لکائي ڪانه پوندي. پر ابا، منهنجي لاءِ ڇيلي جو گوشت گهرائج.“ پير سائينءَ کي پنهنجو فڪر لڳو.
    ”قبلا، اهڙو ڄٽ ته نه سمجهه. آخر تو جهڙن اميرن جا هٿ ڌورايا اٿم، ايترو به نه سمجهندم. توهان جي لاءِ اٿندي سان ئي ڇيلي جو گوشت گهرايو آهي، اندر تيار پيو اٿئي.“
    ”آهين ته سياڻو پر ٻيلي متان به…… چڱو ابا هاڻي تون ڀل وڃ. جڏهن ماني تيار ٿئي، تڏهن اچج. تيسين مان به اشراق پڙهي وٺان.“ ٻانهو هليو ويو.
    گادي نشين ته گهڻا، پر پير رضا سائين ڪونه سڏائي. ڪا ماءُ اهڙو ٻچو نه ڄڻيندي. سدائين لوڙهي ۾ رهندو هو. صوم صلواة جو پابند. علم فقهه، علم حديث جو گوهر. مجال جو ڪو عالم هن جيان ڪو شرعي فيصلو ڪري. زهد ۽ تقويٰ ۾ ته پنهنجي ڏاڏي سائين حضرت پير تقي شاه کان ئي گوءِ کڻي ويو هو. سندس ڏاڏي جا مريد ئي کيس مڃيندا هئا. وڏيرو ڪرم ڏنو، جو ڏاڏهنس جو خاص مريد هو، سو ئي چوندو هو ته: ”تقي شاه به تقي شاه هو، پر هن سان پڄڻ جي ڀيڻي ڪانهي. هن سان خدا جو ڪو ٻيو قرب آهي.“ واقعي وڏيري واري ڳالهه سچي هئي. هن پير صاحب وٽ وري هڪ ٻي مڻ هئي. ماڻهو سندس ڪرامتون ٻڌائي ٿڪبا ڪين هئا. خليفي ٻانهي سان جو رنگ ڪيائين، سو ڪنهن کان لڪل ڪين هو. خليفو ڪڏهن پاڻ اکين ۾ آب آڻي چوندو هو: ”ادا مون ۾ پنج ئي شرعي عيب هئا، پر اهو سڀ ڪجهه خدا ڇڏايو. هڪ ڏينهن جان درگاه ۾ ننگر کائڻ آيس ته پير سائين جن جي مون گنهگار تي نظر پئجي وئي. مشڪل ڪشا جو قسم، سندن اکين ۾ اهڙو ته نوراني جلال هو، جو مان ان وقت ئي سڀني گناهن کان توبهه تائب ٿيس.“
    خير، سندس گنهگار هجڻ يا نه هجڻ جي ته ڪنهن کي خبر ڪانه هئي، جو هو پري ويٺل هو. البته ايتري سڌ هر ڪنهن کي هئي ته ٻانهو هاڻي پنج ئي وقت نماز پڙهندو هو. تنهن ڪري هر ڪنهن کي سندس ڳالهه تي اعتبار اچي ويو هو. تنهن بعد پير صاحب جي ٻي ڪرامت، جا ٻانهي حج تان موٽڻ بعد ڪن خاص ماڻهن کي ٻڌائي هئي، سا ته ملڪان ملڪ پکڙجي وئي هئي. هر ڪنهن کي اعتبار اچي ويو هو. اها ڳالهه هيئن هئي ته پير صاحب ٻانهي تي قرب ڪري، کيس پنهنجي خرچ تي حج لاءِ موڪليو هو. ٻانهي جي وات جي ڳالهه ته جڏهن هو بيت الله جي زيارت لاءِ ويو ته ڏسي ته پير رضا سائين اڳ ۾ ئي اتي بيٺو هو. ٻانهو اچرج ۾ پئجي ويو ته ”پير صاحب کي ته مان پوئتي ڇڏي آيس، هن جو ڪو حج تي اچڻ جو خيال به ڪونه هو. پر هيءَ ڳالهه ڪيئن؟“ پر جيئن ٻانهو پير صاحب ڏانهن پيرين پوڻ لاءِ وڌيو ته ڏسي ته ڪاري وارا ڪک – ڪوئي ڪونه هو. اهڙي نموني سان وري کيس عرفات جي ميدان تي ڏٺائين، پر جان جو ٻانهو ڏانهس وڌيو ته وري گم. پوءِ ٻانهو سمجهي ويو ۽ شڪرانه جا سجدا ڪيائين جو کين اهڙو ڪامل مرشد نصيب ٿيو هو. پر پير صاحب کي جڏهن اها خبر پئي ته ٻانهي سندس روحاني حج جي ڳالهه پڌري ڪئي آهي ته ڏاڍو ڪاوڙيا ۽ ٻه ٽي ڏينهن حجري مان ٻاهر ئي ڪونه نڪتا. بقول ٻانهو ٻه ٽي ويلا ماني به ڪونه کاڌي هئائون. ان ڳالهه کان پوءِ پير سائين ٻانهي جو رتبو وڌيو ۽ هو هاڻي ”خليفي وڏي“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. مريدن جي تحفن ۽ نذرانن ۾ به اضافو ٿيندو ويو، پر پير صاحب پنهنجو نيم نه مٽيو. هو پنهنجي درويش طبع ڪري اهي نذرانا مشڪل سان ئي قبول ڪندا هئا. پر ٻانهو ائين ڪنهن مريد کي مايوس ٿيڻ نه ڏيندو هو ۽ پنهنجي ڪامل مرشد جي خدمت ۾ هٿ ٻڌي عرض ڪندو هو: ”مرشد، هنن جون دليون نه رنجايو، بسم الله ڪري قبول ڪيو.“ ۽ پوءِ لاچار پير صاحب جن ٻانهي کي حڪم ڏيندا هئا ته اهي نذراني جون رقمون ننگر جي پيتيءَ ۾ وجهي، پر ان مان هڪ پائي به ذاتي استعمال لاءِ ڪم نه آڻي، جو اهو حرام آهي.
    پير نماز پڙهي تسبيه پڙهڻ ۾ مشغول هو ته خليفو وڏو داخل ٿيو. کيس ڏسي پير تسبيح مصلي تي رکي.
    ”ابا هلون!“ پير کانئس پڇيو.
    ”هائو قبلا، ماني تيار آهي، ماڻهو به اوهان جو انتظار پيا ڪن.“
    پير سائين حجره عام ڏي رخ ڪيو. خلق کيس ڏسي اٿي کڙي ٿي. گهڻا ڏانهس وڌيا ۽ سندس قدم چمڻ لڳا. پير هر هڪ کي مرحبا ڪرڻ لڳو. مس مس اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺو. پير ٻانهي ڏي ڪنڌ ڦيرائي کيس چيو:
    ”خليفا، وضو ساري ماني ديڳن مان ڪڍ.“
    خليفو هليو ويو. ماني هر هڪ اڳيان رکجي وئي. پير ۽ سندس ننڍڙي نينگر جي اڳيان به ٻه ڍاڪون رکيائون.
    پير سڀني کي بسم الله ڪرڻ لاءِ چيو. ماڻهو ماني کائڻ ۾ شروع ٿي ويا. جلدي ئي اوڪارن جو آواز آيو. پير ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو ته ٻن ماڻهن الٽي پئي ڪئي.
    پير منهن تي ٿوري مرڪ آڻي ڏاڍيان کين چيو:
    ”ابا آهستي آهستي چٻاڙي کائو.“
    ”قبلا، دل ڪچي ٿي ٿئي. ڦنڊر شايد ڪراڙي هئي.“ انهن مان هڪڙي چيو.
    ”واه ابا واه، کائڻ اچي ڪونه ۽ ڏوه ڦنڊر تي. اسان به ته اهو ڪجهه ٿا کائون، جيڪو توهان کي مليو آهي. اسان جي اڳيان ڪو ڇيلو ته ڪونهي.“ پير صاحب ترشي سان چيو. پير جي اٺ ساله نينگر اهو ٻڌي ڪنڌ مٿي کنيو. پير سائين جي هٿ ۾ کنيل گره، جنهن ۾ ڇيلي جي بڪي هئي، کي ڏسي سوچيندو رهيو ته اها بڪي ڪاٿون آئي؟ ڇو ته خليفي وڏي سندس منهن تي ڦنڊر جا جيرا ۽ بڪيون سڄي پوڻ ڪري اڇلي ڇڏيون هيون. هن چاهيو ته جيڪر پنهنجي پيءُ کان ان مسئلي بابت پڇي، مگر پنهنجي پيءُ جي منهن تي هڪ نوراني جلال ڏسي کيس اهڙي سوال پڇڻ جي همت ڪانه ٿي.


    منجهيل سٽ

    پئراڊائز سئنما ٽپي جڏهن هو ”چارلي هيئر ڪٽنگ سئلون“ اڳيان لنگهيو ته ان جو هٿ بي اختيار پنهنجي ڪياڙيءَ ڏي کڄي ويو. هن جا وار وڌي ويا هئا. ٺهرائڻ جي خيال سان هو دوڪان ۾ داخل ٿيو. ڪي ٿوريون ئي ڪرسيون خالي پيون هيون. ڪاريگر پنهنجي ڪم ۾ مصروف هئا. ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ ڪئنچي جي ”ٽڙڪ ٽڙڪ“ بند ڪري پاڻ ۾ سنها ڀوڳ به پي ڪيائون. هو هڪ ڪرسي تي ويهي رهيو. هڪ ڪاريگر اڇو اجرو ڪپڙو کڻي ڏانهس وڌي آيو.
    ”مان نمبر اٺين کان وار ٺهرائيندو آهيان.“ هن آيل ڪاريگر کي مايوس ڪيو. هونئن به نمبر اٺين سان هن جي هڪ قسم جي سنگت ٿي ويئي هئي. هو سدائين اڇو اجرو رهندو هو، سڀ کان وڏي ڳالهه ته وارن ٺاهڻ سان گڏوگڏ هن جا قصا به پيا هلندا هئا. اهي عادتون هن کي پسند هيون.
    ”هو واندو ڪونهي، مٿي هڪ ليڊي جا وار ”ڪرل“ پيو ڪري.“ ڪاريگر نوڙي چيو.
    ”مان هن لاءِ ترسندس.“ هن آيل ڪاريگر جو اندر ساڙي ڇڏيو هو منهن گهنجائي هليو ويو. هن دل ۾ خوشي محسوس ڪئي ته سندس ڪاريگر ايڏو هوشيار آهي، جو هڪ ليڊي جي وارن کي ڪرل ڪرڻ لاءِ هن جون خدمات ورتيون ويون آهن ۽ تنهن کان سواءِ هن جي من ۾ ڪتڪاڙيون ٿيڻ لڳيون ته اهو ڪاريگر هڪ حسينه جي سهڻين زلفن کي هٿ لائي پوءِ هن جي ڪم کي لڳندو. هو سوچڻ لڳو ته هو نمبر اٺين کان ان حسينه بابت ٻٽي سوال به پڇندو. مثال طور ته هوءَ ڪاٿي ويٺي آهي؟ هميشه هن دوڪان تان وار ”ڪرل“ ڪرائيندي آهي يا ٻين کان به؟ ٽپ گهڻو ڏنائين ۽ اهڙي قسم جا ٻٽي ٻيا به سوال. ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ هن مئگزين کنئي. هو تصويرون ڏسڻ لڳو. اها ڏسي بيٺو ته وري هن ٻي کنئي ڏاڪڻ تان لهڻ جو آواز آيو. هو کڙڪيءَ مان ئي سڃاڻي ويو ته حسينه کي ڊگهيءَ کڙيءَ واري سينڊل پئي آهي. هن ڪنڌ موڙي ڏسن مناسب نه سمجهيو. شيشي ۾ گهور ڪري نهارڻ لڳو. پهريون ڪاري سئنڊل ۾ ننڍڙا ننڍڙا سهڻا پير ظاهر ٿيا. ڪاري سئنڊل ۾ ڀورن ڀورن سهڻن پيرن کي ڏسي هن جا چپ مرڪڻ لڳا، پر ان خواهش کي ناممڪن سمجهي، هن پنهنجو پاڻ سنڀالي ورتو. هو اکيون ڦاڙي ڏسڻ لڳو. پوءِ خوبصورت گداز جسم ۽ نيٺ سهڻو منهن ظاهر ٿيو. هو پهريون ٿورو شڪيو، پر تنهن بعد کيس سڃاڻي ويو. هوءَ زرينه هئي، سندس دوست خالد جي ڀيڻ. هن جا چيلهه تي پوندڙ ڪارا وار ”ڪرل“ ٿي وڃي ڪلهن تي بيٺا هئا. هوءَ ڏاڍي خوش پئي نظر آئي. هن مئگزين کي منهن سامهون جهليو، جيئن هوءَ کيس ڏسي نه سگهي. جڏهن هوءَ سندس ڪرسي جي ڀرسان لنگهي وئي ته هو مئگزين مان منهن ڪڍي کيس ويندي ڏسڻ لڳو. هن جي چال ۾ اڄ هڪ نئين قسم جي نزاڪت هئي. آخر هن کي پنهنجي وارن ”ڪرل“ ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت پئي؟ هن جا وار ته اڳي ئي سٺا هئا. پنج سال اڳ جي ڳالهه سندس اڳيان اچي بيٺي.
    هو شام جو چانهه پي رهيو هو ته خالد وٽس آيو هو، زرينه جو ڀاءُ.
    ”هڪ ڪم ته ڪر مسعود.“ هن ايلاز ڪيو هو.
    ”ڪهڙو؟“ هن چانهه جو ڪپ ڏانهس سيريندي چيو هو.
    ”اهو ئي.“ خالد کيس اکي هنئي هئي.
    ”هون – ڪير آ؟“
    ”مس روز.“ خالد خوشيءَ ۾ گد گد پئي ٿيو. مس روز ڪلب جي حسين ترين ميمبر هئي. نوجوان ساڻس ڳالهائڻ لاءِ سڪندا هئا. هو ۽ خالد به انهن مان هئا. هن کي ته لفٽ ڪانه ملي هئي، البته خالد ۽ روز جي متعلق هن ٻين ميمبرن کان گهڻا ئي افواه ٻڌا هئا، پر هن کي اعتبار ڪونه آيو هو. روزي جي گهنڊيدار وارن کي ڏسي، هن کي ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ اهي ڪرل ئي انهيءَ لاءِ ڪرايا ويا آهن ته جيئن روز ڊهندا رهن ۽ وري ڪرل ٿيندا رهن.
    ”آل رائٽ.“ هن ٿڌو ساه کڻندي چيو هو.
    ”ٿئنڪ يو.“
    اٽڪل نائين وڳي هو آيا. روزي ڏاڍي سهڻي لڳي پئي. هن هر هر انداز سان پنهنجي ڪرل ٿيل وارن کي پٺتي پئي ڪيو. کين ڏسي هو هيٺ لهي ويو……. ڪلاڪ کن کان پوءِ هو موٽي آيو. خالد ڊرائنگ روم ۾ ڪوچ تي ويهي فروٽ کائي رهيو هو ۽ روز ڊريسنگ ٽيبل اڳيان پنهنجي وارن کي برش ڪري رهي هئي. سندس گهنڊيدار وار ائين کلي وڏا ٿي ويا هئا، جيئن ڪنهن منجهيل سٽ جي تند تند ويهي سلجهائي هجي. خالد کيس ڏسي معنيٰ خير مرڪ مرڪندي چيو: ”اچ ويهه، فروٽ کاءُ.“
    هو ويٺو ۽ خالد جي ڀرسان وڃي ڀڻڪيائين: ”ٻيو ته ٺهيو پر ويچاريءَ جا وار به خراب ڪري ڇڏيئي. جڏهن سؤ روپي جي نوٽ تان هٿ کڻي، تڏهن ئي اهڙا ٺهرائي.“
    ”هون.“ خالد ٽهڪ ڏيندي کيس چيو هو: ”تون چريو آهين. اهي ڇوڪريون پنهنجا وار ان لاءِ ته ڪرل ڪرائينديون آهن.“
    …… ۽ اڄ خود ڀيڻس پنهنجا وار ڪرل ڪرايا هئا. هن جي دل ۾ هڪ ڏاڍو عجيب قسم جو خيال آيو، پر هن دوست جي ڀيڻ جو خيال ڪندي ڪنڌ ڌوڻي ان خيال کي جهٽڪي ڇڏيو. نمبر اٺون اڇو اجرو ڪپڙو کڻي هن جي ڳچيءَ اڳيان رکيو ۽ کيس آهستي چوڻ لڳو: ”اڄ مون وٽ هڪ پريءَ جو ٻچو آيو هو، پر ڏيکارجي ”فلرٽ“ پيو.“


    استاد ۽ شاگرد

    ”ادو آن ني.“ هن کيس ايلاز ڪيو.
    ”نه مان ڪونه.“ ننڍڙي ڇوڪر منهن سڄائيندي نهنڪر ڪئي.
    ”ڀائو ناهين منهنجو؟“
    ”آهيان.“
    ”پو هي ڏينس ته وڃي.“ هن نيرو لفافو سندس معصوم هٿن ۾ ڏنو.
    ”مون کي ماريندي.“ ننڍڙي ڇوڪر کي ڀؤ ورايو.
    ”خدا جو قسم ڪونه ماريندي، اٽلو خوش ٿيندي. تون رڳو وڃي هٿ ۾ ڏجانس.“
    ”نجمه کي ڇو نه ٿو ڏئين ته وڃي ڏئي اچي.“ ننڍڙي عقل ويڙهايو.
    ”نجمه کي ايترو عقل ڪٿي، تون ته عقلمند آهين نه.“ هن ننڍڙي ڇوڪري کي ”مسڪو“ هنيو. هونئن نه ته سندس سوال تي کيس ڏاڍي خار آئي هئي. پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ کان اهڙو خط پهچرائڻ هن کي ڏاڍو ڏکيو پي لڳو.
    ”ڀلا ڇا لکيو اٿئي هن خط ۾؟“ ننڍڙي ڇوڪر وڃڻ کان اڳ پڇيو.
    ”سڀ ڪجهه.“ هن جون اکيون سرور ۾ بند ٿي ويون. ”وڏو ٿيندين ته پاڻهيئي ڄاڻ پوندءِ.“ هن کان بي اختيار ٿڌو ساه نڪري ويو.
    ننڍڙي قاصد خط پنهنجي ڀيڻ کي پهچايو. سندس ڀيڻ خوشيءَ ۾ ائين ڪر موڙيا، ڄڻ هوءَ لوڪ ڪهاڻين جي انهن شهزادين مان هڪ هئي، جي سالن کان لوهي ڪوٽن ۾ قابو ستل هونديون آهن ۽ ڪنهن بهادر شهزادي جو انتظار ڪنديون آهن، جو اهو طلسم ٽوڙي ان گهري ننڊ مان جاڳائي کين پنهنجو ڪندو آهي. ننڍڙو قاصد صبوح شام چٺيون کڻي ٻنهي پاسن ڏي پهچائڻ لڳو – ائين چٺيون پهچائيندي پهچائيندي جوان ٿي ويو. سندس بکايل اکيون هيڏي هوڏي واجهائي پنهنجي ”استاد“ جي انهيءَ ڀيڻ نجمه ۾ وڃي کتيون جا به گهري ننڊ ۾ ستي، ڪنهن شهزادي جو انتظار ڪري رهي هئي. هڪ ڏينهن هن به سورن جو خط لکي نجمه جي ننڍي ڀاءُ کي ڏئي ساڳيا ايلاز ڪرڻ لڳو.
    ”ادو آن ني.“ هن کيس ايلاز ڪيو.
    …………………
    ”ڀائو ناهين منهنجو؟“
    …………………
    ”خدا جو قسم ڪونه ماريندي، اٽلو خوش ٿيندي.“
    …………………
    ”سڀ ڪجهه.“ هن جون اکيون سرور ۾ بند ٿي ويون. ”وڏو ٿيندين ته پاڻهيئي ڄاڻ پوندءِ.“
    هي ننڍڙو قاصد به پنهنجي معصوم هٿن سان ٽپالون ڍوئيندي، پنهنجي وڏي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن کيس به خبر پوي ته اهڙن خطن ۾، جي نيرن لفافن ۾ بند ڪري، ٿڌا ساه ڀري ايلازن سان ڏبا آهن، ڇا هوندو آهي؟


    سوکڙيون

    نور محمد منهنجو سنگتي آهي. ٻٽي سان گڏ گذاريو اٿئون. شڪل ڪا خاص ڪونهيس. ٿنڀ جهڙو بت ۽ ڊگهو قد اٿس. رنگ ٽيٽهڙو اٿس، يعني ته ڪنهن وقت مشڪي ڏسبو آهي ته ڪنهن وقت ناسي. وار روز بروز کسندا ٿا وڃنس. تيل هڻندي جڏهن مٺ کن وارن جي ڇڻندا اٿس ته ڪمرو گهٽ، خميسي حجم جو دوڪان وڌ لڳندو آهي. هينئر سندس لوٽي ٽڪڻ تي وار ڪبوتريءَ جي نئين ڄاول ٻچي جي پرن کان ڪنهن به حالت ۾ زياده نه ٿيندا. دنيا جي دستور مطابق هن به پنهنجي دل ڪنهن جي قدمن ۾ ڀيٽا رکي آهي. سندس محبوب دنيا جي محبوبن کان وڌيڪ سهڻو سٻاجهڙو آهي. ايترو ته معصوم آهي جو کيکراٽن بعد ٻولي به ڇا هوندي. کڙين تائين ڊگها وار اٿس، گهاٽا جيئن ٻٻرن جو ڪوشو، ڪارا جيئن ”چتون ڇاپ“ ڪاري پالش. انهن وارن جي ڇانو ۾ ئي کيس سڪون ملندو آهي……… مون سندس محبوب ڪونه ڏٺو آهي. ان سان منهنجو ڪو واسطو به ڪونهي. مان رڳو نور محمد سان ٻڌل آهيان. سندس ها ۾ ها ۽ نه ۾ نه ڪندو آهيان. ان ڳالهه ٻڌائڻ جو ڪو ضرور ڪونهي ته في ۽ ماني جي خرچ کان سواءِ منهنجو ٻيو ڪو خرچ نه ٿيندو آهي. ٻيا سڀ بار هن تي آهن. ان جي بدلي ۾ کيس ”سائين سائين“ چوڻو پوندو آهي ۽ وقت بيوقت سندس ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون آهن، جي سندس چوڻ مطابق محبوب وانگر ئي سهڻيون ۽ سڪون بخش آهن.
    سندس ڳالهين جو گهڻو ڀاڱو پنهنجي محبوب متعلق هوندو آهي. جڏهن به ججڪي ايندي اٿس ته سندس شان ۾ قصيدا بيان ڪندو آهي ۽ مان پنهنجي ضروري ڪم کي به ڇڏي، سڄو ڌيان ڏانهنس ڪندو آهيان ۽ موزون موقعو ڏسي، سندس پريت جي تعريف به ڪندو آهيان. مون اڳ ۾ ٻڌايو آهي ته ائين ڪرڻ سان مون کي اقتصادي فائدو پهچندو آهي، جنهن کي ڪو نظر انداز نٿو ڪري سگهي. مثال طور هڪ ڀيري جڏهن مان افسانو لکي رهيو هوس ته هن سوهڙي ڇوڙي ته سندس محبوب کي به ادب سان دلچسپي آهي. مون معمول مطابق هڪدم ڪن کڙا ڪري سڄو ڌيان ڏانهنس ڪيو. پر جڏهن هن ان دلچسپيءَ جي تشريح ڪئي ته دل گهريو ته جيڪر ٻئي ٻڪ ڌوڙ جا مٿي ۾ پائي ماتم ڪيان. هو فخر سان ٻڌائي رهيو هو ته سندس محبوب سيف الملوڪ جا مڪالما ۽ امير حمزه جا ”اصل وڏا قصا“ چڱيءَ طرح پڙهيل آهي ۽ اهي بيتن سميت کيس ياد آهن. جڏهن به سندس موڊ آف ٿيندو آهي ته هو سندس دل کي وندرائڻ لاءِ انهن مان ڪا نه ڪا پهيلي کيس ٻڌائيندي آهي. ٻئي ڪڏهن ڪڏهن انهن قصن تي تنقيد به ڪندا آهن. مثال طور: جان عالم جو طوطو ٽاڪرو هو يا سنڌي؟ امير حمزه ۽ سيف الملوڪ مان ڪنهن گهڻن ديون کي پهريون ”ماما، مام، ڪري پوءِ حرفت سان ماريو. سيف الملوڪ جي ڍنڍ ۾ پلو هو يا نه؟ جي هو ته اهو تري کائيندا هئا يا سيڪي……… وغيره وغيره…… اهڙي قسم جون ٻيون به ادب سان گهرو تعلق رکندڙ ڳالهيون سندن بحث جو موضوع بڻبيون آهن.
    هو هر آچر ۽ اربع تي وٽس ايندو آهي. اهي ڏينهن هن ڪڏهن ڪونه گسايا آهن. مان انهن ڏينهن تي سڄو وقت ڪمري ۾ گزاريندو آهيان. اڄ صبح جو به اٿڻ سان هن تياري شروع ڪري ڏني. لڪس جي اڌ چڪي کپائڻ بعد جڏهن هو ڪمري ۾ آيو ته سندس رنگ ڳاڙهو ناسي ٿي چڪو هو. منهن کي وينشنگ ڪريم جو ليپو ڏيڻ بعد جڏهن هو پائوڊر جي اسٽيج تي پهتو ته هن کي ڪا ڳالهه ياد آئي. پڇڻ لڳو: ”ٻئي ڏهاڙي عيد آهي نه؟“
    ”ها“…… هن هميشه وانگر مسڪيني لهجي ۾ جواب ڏنو.
    ”ته اٿي ته صدر هلون!“ …… هن ٽوال سان هٿ اگهيو.
    ”ڇو؟“ مون خوشي کي قدري دٻائيندي پڇيو.
    ”هن لاءِ ڪجهه سوکڙيون وٺڻيون آهن.“
    اهڙا ته موقعا مون کي گهربا هئا…… آءٌ هڪدم ڪپڙا پائي تيار ٿيس. ڪمري کي بند ڪري ٻاهر نڪتاسين. دڳ تي هن خواجه خضر وانگر مون سان معاهدو ڪيو ته سوکڙين جي خريداري سندس مرضي مطابق ٿيندي. آءٌ وچ ۾ ڪو ٽپو نه ڏيندس، جو مون کي اهڙين ڳالهين جي خبر نه آهي. مان رڳو سندس خريد ڪيل شين کي کڻي، سندس پويان ڦرندو وتندس. مون اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي. سڀ کان پهريون دڪان، جنهن کي اسان شرف بخشيو، سو ”انگلش بوٽ هائوس“ هو. هن جي خيال ۾ سڀ کان سٺي سوکڙي هڪ سهڻيءَ نازڪ جتيءَ جي خريداري آهي. آءٌ سندس ٻوٿ کي تڪڻ لڳس ۽ هو سيلس مين کي هدايتون ڏيڻ لڳو. ضاعفن جو عام نمبر چوٿون ۽ پنجون، پر هن پهرين سٽ سان ئي کيس ستون نمبر آڻڻ لاءِ چيو. سيلس مين ڏاڪڻ تي چڙهي مس مس هڪ جوڙو لڌو ۽ ڇنڊي ڦوڪي اچي کيس ڏنو. هن پادر کي جهلي گرانٺ هنئي ۽ منهنجي ڪن ۾ ڀڻڪاٽ ڪيو: ”يار هي ته کيس پورو ڪونه ايندو.“
    ”ڪمال ٿو ڪرين! هي ته تنهنجو پير آهي، عورت ذات کي ڪيئن نه پورو ايندو؟“
    ”نه يار، هن جو پير وڏو آهي. منهنجو بوٽ کيس پورو ڪونه ايندو آهي.“ هن جي لهجي ۾ شرمندگي هئي، جا مون کان سواءِ ڪو محسوس نه ڪري سگهي ها.
    ”ته پوءِ کيس اٺين نمبر لاءِ چئو“……… مون مزي خاطر کيس صلاح ڏني.
    نور محمد زخمي نگاهن سان سيلس مين کي ڏسي کيس اٺين نمبر آڻڻ لاءِ چيو، مگر سيلس مين مجبوري ڏيکاري ۽ چيو ته سينڊل ته ڇا پر اٺين نمبر جو زنانو قالب به هنن وٽ ڪونه آهي. پڇاڙيءَ ۾ لهندي وقت ٽوڪ به ڪري ورتائين: ”اسان ضاعفن لاءِ جتيون رکندا آهيون، ڏاچين لاءِ ڪونه.“
    …… نور محمد اهي لفظ ٻڌي ڏاڍو شڪي ٿيو. مون کي به ڏاڍي کل پئي آئي، پر پاڻ روڪيو پئي آيم جو کائڻ پيئڻ جو پروگرام اڃا پرڀرو هو…… ”انگلش بوٽ هائوس“ تان لهڻ بعد نور محمد رستي تي ويندڙ سهڻين ضائفن کي تڪيندي اعلان ڪيو ته هن جتي وٺڻ جو پروگرام ختم ڪيو آهي، جو هڪ ته اٺون نمبر جتي ملڻ مشڪل هئي ۽ جي ڪنهن دوڪان تان ملي به ته ايڏي وڏي نمبر جي زناني جتي وٺڻ هڪ غير روحاني ۽ پاڻ تي کلائيندڙ ڪم هو. مون سندس سياڻپ جي تعريف ڪئي. هو وري اوچي ڳاٽ سان تڪڙا قدم کڻي ”غلام محمد برادرس“ ڏانهن هلڻ لڳو، جتان هن کي يوڊي ڪولن ۽ رومال خريد ڪرڻا هئا.
    ڪائونٽر وٽ بيهڻ سان ئي هن شوڪيس ۾ پيل هڪ شيشي ڏانهن اشارو ڪيو ۽ سيلس مئن ڦڙتائي سان اها شيءِ کڻي آيو. مون ڏٺو ته اها يوڊي ڪولن نه پر ڊيٽول جي هڪ وڏي شيشي هئي. مون کيس ٻڌائڻ گهريو، مگر هن رهڙ ڏني: ”توکي ڪهڙي خبر، تو ڪڏهن هاءِ سوسائٽي ۾ موو ڪيو آهي؟“…… مون کڻي ماٺ ڪئي. هن تنهن کان پوءِ سيلس مين کي زنانا رومال آڻڻ لاءِ چيو. هو ٻٽي پئڪيٽ کڻي آيو. رومال ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ هئا. هن تي جهرڪيون ڇاپيل هيون ته ڪن تي ڇڙا گل هئا. آءٌ به پنهنجي دل ۾ انهن کي خريد ڪرڻ جو خيال ڪرڻ لڳس. مون سندس مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ ڏانهس ڏٺو. هو هڪ رومال کي کولي ڪجهه سوچي رهيو هو. جلدي ئي هن سيلس مئن کي مردانا رومال آڻڻ لاءِ چيو. آءٌ اها فلاسافي سمجهي نه سگهيس. کانئس ان جو سبب پڇيم. پهريون ته هو ٽارڻ لڳو، مگر منهنجن گهڻن ايلازن تي هن ٻڌايو ته ليڊيز رومال ننڍا آهن ۽ اهي ”هن“ جي نڪ جي پگهر اگهڻ سان ئي آلا ٿي پوندا.“ ان ڪري هن مرداڻا رومال ورتا.
    ايتري خريداري ڪري ٿڪا هئاسين. فاروق هوٽل ۾ ٿڪ لاهڻ لازمي هو. هن آئسڪريم کاڌي ۽ منهنجي لاءِ پلين جيلي گهرائي. هو مون کي وهاري پاڻ اٿي ويو. ويهن منٽن ۾ موٽي آيو. سندس هٿ ۾ هڪ پئڪيٽ هو. مون اهو ڏسڻ گهريو، مگر هن ڏسڻ نه ڏنو ۽ چيو ته ان ۾ منهنجي ڪم جي شيءِ ڪانهي. مون ته پئڪيٽ جي اڀار ۽ لاهيءَ سان ان شيءِ جو اندازو لهي ورتو. مون کي ان جو نالو ڪونه ايندو آهي، البته ان جا پار پتا ٻڌائي سگهان ٿو. اهڙي ئي نموني جي شيءِ مون نار ۾ ٻڌل ڏاند جي اکين تي ڏٺي آهي. فرق رڳو هي آهي ته اها شيءِ کجيءَ جي ٻوٽن جي ٺهيل هوندي آهي ۽ هيءَ جا نور محمد خريد ڪئي، ڪپڙي جي ٺهيل هئي.
    هو صدر مان ٿي ٽئي شيون ڳاڙهي لغڙي پني ۾ ويڙهي پنهنجي پرينءَ ڏي کڻي ويو آهي ۽ مان سهڪندو اچي پنهنجي ڪمري ۾ پهتو آهيان. هن مهل آءٌ ڪنڌ گوڏن ۾ هڻي خيال ٿو پچايان ته هن سان ڪهڙي حالت ٿيندي؟ مون ته هاءِ سوسائٽي ۾ موو نه ڪيو آهي، ڇا توهان ٻڌائيندا؟


    لهرين جا لوڏا

    هو دريءَ مان منهن ڪڍي هاسٽل جي گيٽ ڏي نهاري رهيو هو. ڪي ڇوڪرا اندر پئي آيا ته ڪي ٻاهر پئي نڪتا. ڇوڪرا به هڪ ٻئي کان مختلف…… ڪي سهڻا ته ڪي وري ڪوجها، ڪن کي اوچا سوٽ اوڍيل ته ڪن کي گوڏن وٽان کٿل خاڪي زين جون پتلونون. سهڻن ۽ امير ڇوڪرن کي ڏسي هن جون اکيون ئي ڦوٽارجي پئي ويون. جيئن هو کين پنهنجي اکين ۾ سمائڻ چاهيندو هجي، پر انهن جي سونهن به سندس ڪهڙي ڪم جي؟ هو وٽس ڀڳا ته ڪونه ايندا…… هن کان بي اختيار ٿڌو شوڪارو نڪري ويو.
    رات گرميءَ ڪري جوڻس کي ننڊ نه پئي آئي ته سڀاڳيءَ ساڙ کان کيس اٿاري، ان موضوع کي ڇيڙيو هو، جنهن کانئس سموريون تفريحون کسي ورتيون هيون. ٻين تفريحن کي ڇڏيو، پر ”هارون جيمخانه جي تفريح“ جنهن ۾ هو هر آچر سومر تي تمبولا کيڏڻ ويندو هو، سا به کانئس کسجي وئي هئي. حرام جو هو ويجهڙ ۾ ويو هجي! مسز سوزي جيڪب جا هميشه سندس پئسن تي کيڏندي هئي ۽ جنهن جو سندس هر کٽيل رقم ۾ ڀائيچارو هوندو هو، ٽي چار ڏهاڙا اڳ ڪيئن نه فون تي کيس ايلاز ڪيا هئائين: ”ڊارلنگ، تون ڪونه هلندين ته مان ڪونه وينديس. تو کان سواءِ کيڏڻ ۾ مزو ئي ڪونه ٿو اچي.“ وري ليلائيندي کانئس پڇيو هئائين: ”اڄ ايندين ني؟ توکي منهنجو قسم، ضرور اچج.“
    مسز سوزي جيڪب جو هن تي پکو هو. يا ائين کڻي چئجي ته سندس واڳون هن جي هٿ ۾ هيون. ان ڪرستانڻ مٿس الائي ڪهڙو جادو ڪري ڇڏيو هو، جو هو سندس ڪا ڳالهه موٽائي نه سگهندو هو. هاسٽل جي ڇوڪرن کي به اها خبر هئي ته جي سپرنٽنڊنٽ کين هاسٽل ۾ داخلا نه ڏئي يا ڪاوڙجي کين هاسٽل مان ڪڍي ڇڏي ته اتي ڪنهن جا ٻه اکر ڪم ايندا؟ ۽ هو پاڻ به اها ڳالهه، پنهنجي دوستن اڳيان قبول ڪندو هو ۽ چوندو هو: ”هي ته خسيس ڳالهيون آهن. پر جي سوزي مون کي ائين چوي: آءٌ توکي ڪاتيءَ سان ڪهان ته جيڪو مڙي سو……“
    مگر ان ڏينهن هن جي قسم وجهڻ جي باوجود هن ناڪار ڪئي ۽ چيو هئائين: ”جاني، ٻٽي ڏينهن اڃا ترس!“ پوءِ اها جدا ڳالهه هئي ته سوزي کي اهو جواب ڏيڻ بعد هن جي اکين مان ڳوڙها جهر جهر ڪري وهڻ لڳا هئا.
    هو به آخر ڇا ڪري؟ …… جي وڃي ته ڪير سندس بدران جوڻس جا مهڻا جهلي؟ ”پهريون پنهنجي جوان جماڻ ڌيءَ جي ڳڻ ڪر، پوءِ پيو اهي سير ڪجانءِ.“ هوءَ ڪتي جهڙو ٻوٿ ڪري کيس چوندي هئي. هن پنهنجي ڌيءَ لاءِ آخر ڇا نه ڪيو هو؟ ڪهڙي پاسي کان هن گهٽتائي ڪئي هئي؟ جي دوستن کي وٺو ته هن ڪهڙي دوست کي پنهنجي ان ڳڻتيءَ، ان بار کان واقف نه ڪيو هو؟ هاسٽل جا ڇوڪرا وات ڳاڙها ٿيندا آهن. انهن کي اهڙي آڇ ڪرڻ معنيٰ بورد جي ميمبرن کي پنهنجي هٿن سان پاڻ پنهنجي ڪرتوتن جي چٺي لکڻي هئي، مگر تنهن هوندي به هن ڪيترن کي اشارن ۾ ان بابت چيو هو. پوءِ اها ته ڌيڻس جي بدقسمتي هئي جو هر ڪنهن ناڪار ڪئي هئي ۽ عجيب عجيب بهانا ڏنا هئا. ڪو پرڻيل هو ته ڪو مڱيل هو ۽ ڪنهن کي وري وڏيءَ نوڪريءَ تي چڙهڻ بعد ئي شادي ڪرڻي هئي.
    هن ٻٽي ڀيرا پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ پنهنجي زال کي سمجهايو به هو ته جي ڌيڻس جو بندوبست ٿئي به ته خرچ پکو يا ٻئي ڏاج ڏيوڻ جو بندوبست ڪٿان ٿيندو؟ مگر جوڻس ته ڄڻ هن جي سپرنٽينڊنٽي کي هڪ کاڻ سمجهيو هو. هميشه کيس چوندي هئي: ”ان جو فڪر نه ڪر. تو وٽ ڇوڪرن جون فيون گهڻيئي گڏ ٿينديون آهن ۽ ان جو حساب ڪتاب به ٻارهين مهيني ٿيندو آهي. في الحال اتان ئي ڪجهه رقم ڪري وٺجانءِ.“ زال جي ان جواب تي هن چوڻ گهريو هو ته جي هن سال اڳ ئي حساب وٺن ته پوءِ؟ مگر هن کي پڪ هئي ته جوڻس کيس دڙڪو ڏيئي چوي ها ته: ”ائين ڪڏهن نه ٿيو آهي“ ۽ تنهن کان سواءِ کيس يادگيريون ڏياري ها ته ڪيئن نه ٻه سال کن اڳ کيس ٻن هزارن جي ضرورت پئي هئي ۽ هن انهن فين مان پئسا کپائي، ڪم ٽپايو هو. تنهن کان هن ماٺ ۾ رهڻ مناسب ڄاتو.
    ان بعد هو واقعي سچي دل سان ڪوشش ڪرڻ لڳو هو. ان سوداءَ ۽ ڳڻتيءَ ۾ هن کان سڀ ڳالهيون وسري ويون هيون. هو سدائين خيالي دنيا ۾ پهه پچائيندو هو. ايتري قدر جو هڪ ڀيري هن ڪاليج ۾ پرشن جي ڪلاس ۾ سياست تي ليڪچر شروع ڪري ڏنو هو، جنهن تي پرنسپال سڄي اسٽاف جي سامهون کيس ٺاهوڪي دٻ ڪڍي هئي …… پرنسپال جا دڙڪا ياد ڪري کيس پيشانيءَ تي پگهر جا ڦڙا چمڪڻ لڳا ۽ هو ايتري سرديءَ ۾ اڃ محسوس ڪرڻ لڳو. هن زال کان پاڻي گهريو ۽ اهو پي وري دريءَ کان ٻاهر نهارڻ لڳو.
    هينئر به ڇوڪرا کيس ايندي ويندي نظر پئي آيا. هڪ شڪل جي ڪوجهي ڇوڪري کي ڏسي کيس پنهنجي زال تي سخت خار آئي. جوڻس جا نخرا به عجيب هئا. کيس اهڙو ناٺي گهربو هو، جو سڀني ڳالهين کان ٺيڪ هجي. سهڻو به هجي ته امير به هجي، نه ته هن کي کوڙ اهڙا ڇوڪرا سجهندا هئا، جي سندس ڌيءَ جو سڱ خوشيءَ سان قبول ڪن ها. هو سوچڻ لڳو ته جي هينئر به جوڻس اها ڳالهه قبول ڪري ته جيڪر منٽن ۾ ڪم لهي سگهي ٿو. مگر جوڻس کي به ته اٺ جو پتو آهي. پنهنجي هٺ تان ڪڏهن به نه لهندي.
    سوچيندي سوچيندي هن ڪنڌ مٿي کڻي گيٽ ڏانهن نهاريو. هن جي نگاه هڪ سهڻي ڇوڪري تي پئي جو وڏين وڏين ٻرانگهن سان اندر اچي رهيو هو. هي هڪدم دريءَ جي اوٽ ٿي بيٺو. ان ڇوڪري جي ڌيڻس سان محبت هئي. هن پاڻ ڪيترا ڀيرا کين اشارا ڪندي پڪڙيو هو. ڇوڪري کي ته خواريءَ سببان ڪجهه نه چئي سگهيو، پر البته پنهنجي ڌيءُ کي سو چڱي کنج ڪڍي هئائين. ان بعد اهو ڇوڪرو وٽس ٻه دفعا سڱ لاءِ به آيو هو، مگر هن کيس دڙڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو هو. جوڻس وري الائي ڇو هن جي سفارش ڪندي هئي: ”ڏس ڇا ۾ گهٽ آهي؟ سونهن ۾ ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي. لٽن ڪپڙن مان به سکيي گهر جو ٿو ڏيکارجي.“ مگر هن زال جي اها ڳالهه ڪڏهن نه قبولي هئي. کيس چوندو هو: ”ان کي پنهنجي ڌيءُ ڏيون، تنهن کان کيس پاڻ گهٽو ڏيئي ڇو نه ماريونس؟“ هن کي ان ڇوڪري کان نفرت ٿي وئي هئي. کيس ڏسي سندس رت ٽهڪندو هو …… مگر اڄ اها نفرت محبت ۾ بدلجي وئي. هو پيار جي نظرن سان کيس ويندي ڏسڻ لڳو.
    هن ميز تان سلپ کڻي، ان تي ڪجهه لکيو ۽ پٽيوالي کي سڏ ڪري، رشيد کي ڏئي، جواب وٺي اچڻ لاءِ چيو. ٿوري دير ۾ پٽيوالو جواب کڻي آيو. پهرين سٽ کي پڙهڻ سان ئي هن جو هيانءُ ٻوساٽجڻ لڳو. رشيد لکيو هو: ”مان مجبور آهيان. منهنجي شادي مهينو کن اڳ پنهنجي ماسات سان ٿي وئي آهي.“ هو اڳتي ڪجهه نه پڙهي سگهيو. هن خط کي مروڙي کيسي ۾ وڌو. ايتري ۾ جوڻس هن وٽ آئي ۽ کيس چوڻ لڳي: ”ڏس مان توکي رئو لاهي پيرن تي ٿي وجهان، رشيد جو رشتو قبول ڪر.“ هن ڪنڌ ڦيرائي زال ڏانهن نهاريو ۽ کيس رهڙ ڏني: ”مون هزار دفعا توکي چيو آهي ته ان لوفر کي پنهنجي ڌيءُ نه ڏينداسون. مگر تون هر ڀيري هن جي سفارش ٿي ڪرين، تون صفا بي غيرت آهين زرينه!“ ايترو چئي هو وري دري کان ٻاهر نهارڻ لڳو ۽ ان وقت هن جي اکين مان ڳوڙها برسات وانگر ٽمڻ لڳا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340637
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ